ڪتاب جو نالو: سنڌ گُهري ٿي آزادي
مصنف: ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 08 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1017 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 418 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • ابتدائي شاعري
  • اداري پاران
  • مهاڳ: هُو سڀ جو آواز هو
  • قوم تحريڪ جو عوامي اُڀار
  • تاريخ جو آواز
  • آزادي مارچ
  • سڄڻ ڏٺو جن
  • پنهنجي پاران
  • سنڌ گُهري ٿي آزادي : 7 نومبر 2009ع:
  • سنڌ گُهري ٿي آزادي : 1 فيبروري 2012ع
  • بشير خان قريشيءَ جو تاريخي ۽ آخري خطاب

  • حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب جو نالو: سنڌ گهُري ٿي آزادي
    موضوع : سياست
    ليکڪ : ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
    ڇاپو پهريون : 17جنوري 2013ع
    لي آئوٽ : مور ساگر
    (ساحل پرنٽرز رابعه اسڪوائر حيدرآباد. 03332634650)
    ڇپائيندڙ : سپ پبليڪيشن نواب شاهه، سنڌ.
    قيمت : -/400 روپيه

    SINDH GHURY THI AAZADI by: Dr. Niaz Kalani
    Published by: Sipp Publication Nawabshah, Sindh, Pakistan Edition First, 17, January 2013.


    ارپنا

    شهيدِ سنڌو ديش محترم بشير خان قريشي جي
    والد صاحب مرحوم غلام مرتضيٰ قريشي
    منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) والد صاحب
    ارباب علي ڀٽي
    سليمان جتوئي جي والد صاحب
    مرحوم ڪسارو خان جتوئي
    حفيظ سولنگي جي ڀاءُ، ڊاڪٽر عبدالله سولنگي
    ڊاڪٽر ممتاز شيخ جي ڀاءُ مرحوم غلام محمد شيخ
    جي معرفت اُنهن سڀني قومي ڪارڪنن جي والدين ۽ ڀائرن جي نانءُ جن پنهنجي اولاد کي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ان نيت سان موڪليو هو ته اُتان تعليم حاصل ڪري سندن ۽ پنهنجي زندگي سنواريندا پر اُهي قومي ڪارڪن سنڌ جي سينڌ سنواريندي وڏڙن لاءِ جيل، سچو پترن ۽ تڪليفن جو سبب بڻيا ۽ وڏڙن انهن تڪليفن تي ڪڏهن اُف به نه ڪئي.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (223) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” سنڌ گهري ٿي آزادي “ (7 نومبر 2009ع ۽ 23 مارچ 2012ع جي آزادي مارچ جو احوال آهي) . هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آهي.

    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون بخشل باغيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ابتدائي شاعري

    آزاديءَ جي واٽ تي، هلو سڀ هَلون،
    اچو اُوندهه ٻاٽ ۾، گڏجي سڀ جَلون،
    بڻجي مشعَلون، ڌرتيءَ کي روشن ڪَيون.
    (بخشل باغي)


    اداري پاران

    رومانس ۽ مزاحمت زندگيءَ جون ٻه اهڙيون ته ڀرپور وٿون آهن جن جي آڌار تي شعور جي پالنا جو سفر پنهنجي مَنطقي نتيجي ڏانهن وڌندو رهندو آهي ۽ جڏهن اُن سفر جي پيرن ۾ خوداعتمادي ۽ پُختگي پيدا ٿيندي آهي ته پوءِ ڀٽائيءَ جي شعور جون لاٽون تصور جي راسين کي پنهنجي سُهائيءَ سان روشن ڪري ڇڏينديون آهن ۽ پوءِ سڄڻ ۽ ساڻيهه جي سنگم جي سگهاري سوچ سورج جي باکن جيان اُڀري ايندي آهي،
    جيئن رومانس روح جي غذا آهي بلڪل ايئن مزاحمت به روح جو نرواڻ آهي، مٽيءَ جي جسم ۾ بيقرار ۽ ڀٽڪندڙ روح لاءِ. مزاحمت جي معنيٰ ئي اها آهي ته اُها هر منفي ۽ ناانصافيءَ تي ٻڌل عمل خلاف هيڻن روحن مان جنمجي پوندي آهي، ۽ پوءِ مختلف روپ ۽ رنگ وٺندي دلين ۽ دماغن کي سيراب ڪندي ويندي آهي.
    دنيا جي مزاحمتي ادب جي تاريخ به رت جي ڳاڙهن لفظن سان تحرير ڪئي وئي آهي. جيڪا اڄ جي پوري دنيا جي غلام، مظلوم ۽ محڪوم قومن جي لاءِ هڪ وڏو اُتساهه ۽ حوصلو بڻجندي رهي ٿي. دنيا ۾ آيل وڏا انقلاب هجن يا مارچ، اُهي ڌرتي جي سياست ڪندڙن لاءِ نيون نيون راهون هموار ڪندا آهن. فرينچ انقلاب، روس انقلاب، چين، ويٽام، ڪيوبا وغيره جا انقلاب. مائو ۽ گانڌيءَ جا مارچ پڻ آزادي پسند ملڪن يا قومن لاءِ جدوجهد جي ڊگهي ۽ تپندڙ سفر ۾ گهاٽي ڇانوَ، همت ۽ حوصلي جو سبب پي بڻيا آهن، دنيا جي هن وسيع تر گولي تي مختلف ڌرتين تي غلام ۽ محڪوم قومن جي هلندڙ مزاحمت، جدوجهد جي تاريخ ۾ جتي مزاحمتي هلچل ۽ اُن جي ردِعمل ۾ تحرير ٿيندڙ ادب تخليق ٿيو آهي، اُن ۾ سنڌ جي ڌرتي لاءِ هلندڙ آزادي جي هلچل ۽ اُن لاءِ لکنجندڙ مزاحمتي ادب پڻ اُن جو ڀرپور ۽ اهم حصو آهي، جتي سنڌي ادب ۾ رومانوي ادب جي اهميت محسوس ڪئي وڃي ٿي، بلڪل ايئن ئي مزاحمتي ادب جي به انتهائي گهڻي ضرورت ۽ اهميت آهي.
    تازو 2012ع وارو آزادي مارچ يا اُن کان اڳ 2009 ع وارو آزادي مارچ ۽ ٻي هلچل,سنڌ جي غلام قوم لاءِ غلامي کان نفرت جو احساس پئي پيدا ڪندا رهيا آهن. اِن سموري سنڌ جي آزادي لاءِ هلندڙ جدوجهد جو ابو ۽ خالق سائين جي ايم سيد ته آهي ئي پر مختلف دورن ۾ دشمنن سان وڙهندي، وڙهندي شهيد ٿيندڙن ۾ شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي اڄوڪي قومپرست سياست جو عملي روح روان هو. جنهن سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هن رياست کي پنهنجي عملي سياسي جدجهد سان وائڙو ۽ خطا ڪري وِڌو هو. سموري سنڌ جي انچ، انچ جو هي محافظ، سالارُ بڻجي ڏينهن توڙي رات، آڌي توڙي مانجهي، هر پل، هر وقت سنڌ وطن جي نگهباني پيو ڪندو هو. مختلف احتجاجن، ڌرڻن، بک هڙتالن کان ويندي، هن وڌي آزدي مارچ جهڙو انتهائي قدم، ڀرپور نموني سان کڻي سنڌ جي دل ڪراچي ۾ سڄي سنڌ کي ڪٺو ڪري هن رياست جي مصنوئي جنم ڏينهن تي اُن جي وجود کان انڪار ڪندي، پنهنجي ڌرتيءَ جي آزادي جي گُهر ڪري دُنيا کي نيٺ ٻُڌائي ڇڏيو ته ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“. 2009ع وارو آزادي مارچ بشير خان قريشي واري عملي جدوجهد جو اهڙو ته مٿڀرو قدم هو، جنهن ڪراچي جهڙي شهر ۾ سنڌي ماڻهو کي ڳاٽ اوچو کڻي هلڻ لائق بڻايو، پر 2012ع واري آزادي مارچ ته سنڌي قوم کي ايترو ته سُجاڳ ڪري وِڌو جو اُن سُجاڳيءَ جي ڀرپور عمل، ظالم قوتن کي پنهنجي وجود ۾ ڏڪڻي وجهي ڇڏي ۽ پوءِ سڄي دُنيا منصور جي آواز کي ڪَن ڏيئي ٻُڌو ۽ اُن جي وراڻي به ڏني، اُن وراڻي هن رياست جي دوکي بازن جي پٿر دلين کي ڏهڪائي ڇڏيو، جنهن جي ردِ عمل ۾ هن نڪمي رياست انتهائي ڪِريل حرڪتي سازش ڪري سنڌ جي ابوجهاد ۽ آزادي مارچ جي خالق شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي کي ڇنڇر 7 اپريل 2012ع تي راتاهو هڻي، کيس زهر ڏيئي شهيد ڪري ڇڏيو. جنهن جي ردِ عمل ۾ سموري سنڌ ۽ اُن جو هر ذرو سوڳ وار بڻجي روئي پيو هو. اُن آزادي مارچ کان اڳ آزادي مارچ لاءِ ڪيل شهيد بشير خان قريشي ۽ اُن جي سموري سٿ جي جدوجهد جي ڪهاڻي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پنهنجي ڊائري ۾ ڊيلي ڊائري جي روپ ۾ سهيڙي ورتي هئي، جنهن کي اڄ ڪتابي صورت ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي قلم بند ڪري هڪ اهڙي تاريخ کي تحرير ڪري ورتو آهي جيڪا مزاحمتي ادب جي لاءِ لازوال ۽ دنيا توڙي سنڌ جي هر مظلوم ۽ محڪوم قوم لاءِ هڪ اُتساهه ۽ سبق طور ياد رکي ويندي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي شهيدِ سنڌوديش بشير خان قريشي جو اهو ٻانهن ٻيلي ۽ هن آزادي مارچ جو هڪ اهڙو بهادر ۽ عملي جدوجهد تي يقين رکندڙ ڪردار آهي جنهن پڻ پنهنجي زندگي جا سون ورنا ڏينهن جيلن، روپوشين، عقوبتن ۽ سنڌ دشمنن سان وڙهندي گذاريا آهن.
    ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي آزادي مارچ واري لکيل ڪتاب ۾ خوبصورت ۽ دلچسپ انداز سان سمورا واقعا ۽ روز مرهه جي جدوجهد کي تحرير ڪيو آهي. جو هو جڏهن آزادي مارچ ڊائري جي شروعات ٿو ڪري ته اُها پنهنجي سموري تاريخي پسمنظر ۾ خوبصورت حوالن سان تاريخي معلومات به فراهم ڪندي هلي ٿي ته ٻي طرف پڙهندڙ مطالعو ڪندي ايئن ٿو محسوس ڪري ڄڻ هُو به هن آزادي مارچ ۾ آزادي جي سرواڻ بشير خان قريشي سان سڄي سنڌ پيرين پنڌ هلندي ڏسندو پيو وڃي. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تحرير ڪيل اهڙي خوبصورت ۽ مزاحمتي تاريخي ڪتاب ”آزادي مارچ“ کي سِپ پبليڪيشن پاران ڇپائيندي دلي طور تي آئون ڏاڍي سرهائي ٿو محسوس ڪيان ۽ اُن سان گڏ پنهنجي محترم نظرياتي ساٿي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بُڙدي ۽ پنهنجي پياري دوست ستار سُندر جو به ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب جي مختلف ڪمن ۾ مون سان هٿ ونڊائي هن سنڌ جي اَمانت کي آڻڻ ۾ مون سان ڀرپور سهڪار ڪيو آهي.

    بخشل باغي
    خميس 3 جنوري 2013ع


    مهاڳ: هُو سڀ جو آواز هو

    ساگر حنيف بُڙدي

    عظيم ماڻهو پنهنجي دور جي مجموعي ڪردار لاءِ هڪ احساس ۽ تربيت جو ڪردار ادا ڪندا آهن. عظيم ماڻهن جي معرفت ئي عوام ۾ سماجي، سياسي ۽ فڪري احساس پيدا ٿيندا آهن. ڪنهن به جدوجهد لاءِ تحرڪ جو دارومدار انهن شخصن تي هوندو آهي جيڪي جدوجهد جو احساس پيدا ڪرڻ چاهيندا آهن. ڪوبه ماڻهو غلاميءَ جي اُونداهيءَ کڏ مان آزاديءَ جا ستارا تيستائين نه ٿو پسي سگهي جيستائين شعور جي روشني کي ڏاڪڻ نه ٿو بڻائي. آزاديءَ جو احساس يا شعور ئي آزاديءَ جي حصول لاءِ جذبي ۽ تحرڪ کي جنم ڏيندو آهي. عظيم قومي اڳواڻ به اهي ٿي سگهندا آهن. جيڪي آزاديءَ جو احساس ۽ شعور پيدا ڪرڻ جو هُنر ڄاڻيندا آهن. تخليقي صلاحيتن سان ڀرپور چاچي حفيظ قريشي هڪ جاءِ تي چيو هو ته، اُٺ ڪتابن جا پڙهڻ جي باوجود به منهنجو ان پاسي ڌيان نه هو ته ڌرتي به ڌُر هوندي آهي، يا ڌرتي جي بنياد تي به سياست ۽ جدوجهد ٿيندي آهي! سائين جي ايم سيد سان ملڻ کانپوءِ احساس ٿيو ۽ شعور جاڳيو ته جنهن سياست ۽ جدوجهد جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ ناهن،ان سياست جي وڻ مان ميوو نه ٿو ملي سگهي. انڪري اِهو طئه آهي ته سنڌ جو قومي رهبر، سائين جي ايم سيد ئي آهي، جنهن آزاديءَ جو احساس ۽ شعور ڏنو آهي. سائين جي ايم سيد کانپوءِ ئي سنڌين کي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته عاليشان ماضي رکندڙ سنڌ جي ترقيءَ ۾ رُڪاوٽ سنڌ جي غلامي آهي ۽ سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعوري ڏياٽين مان جنم وٺندڙ بشير خان قريشي پنهنجي سياسي انداز، طريقيڪار ۽ حڪمت عمليءَ سان سنڌي ماڻهن جي شعور جون تاڪيون اهڙيون کوليون جتان ماڻهن سنڌ کي زنجيرن ۾ وڪوڙيل ڏٺو، بشير خان قريشي جي شخصيت، ڪردار ۽ جدوجهد مان اهو ثابت ٿيو آهي ته اُهي عظيم فرد ۽ شخصيتون ئي آهن جن وسيلي سماجي تاريخ جُڙي ٿي. هونءَ ڏٺو وڃي ته مجموعي انساني تهذيب جي جيڪا تاريخ آهي اها قومي ثقافتن جو تسلسل آهي. جنهن ۾ هر قوم سموري انسانذات جي ڪاميابين لاءِ پنهنجو خاص ۽ وقتائتو حصو وٺي ٿي. ان کان اڳ قومن جي تشڪيل ۽ تڪميل ضروري هوندي آهي ۽ ان ۾ وري منظم ۽ متحرڪ پارٽين جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ پارٽين جي تنظيم ۽ تحريڪ ۾ وري فردن ۽ شخصيتن جو اهم ڪردار هوندو آهي ۽ هيءَ ڳالهه به سمجهڻ جهڙي آهي ته قوم هڪ يونٽ جي حيثيت ۾ منظم نه ٿيندي ته قوم ۾ قومي ڏاهپ، فن ۽ اخلاقيات جنم وٺي نه سگهندا ۽ جڏهن به قوم شعور سان مالا مال ٿي منظم ٿيندي تڏهن اها قوم پنهنجي رياست جي بحاليءَ جو مطالبو ڪندي ۽ هي به طئي آهي ته آزاد قومي رياست ئي نه رڳو قومي ترقيءَ جي ضامن هوندي آهي پر مجموعي انساني ترقي، عالمي امن لاءِ پنهنجو مُثبت ۽ ڀرپور ڪردار به ادا ڪندي آهي. سائين جي ايم سيد چيو ته، مشرق علم جو گهوارو آهي ۽ مغرب عمل جو ميدان آهي ۽ ان علم ۽ عمل جي ڳانڍاپي لاءِ سنڌ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اڄ جيڪڏهن مشرق ۽ مغرب ۾ وڏيون وٿيون آهن ۽ ان ۾ سنڌ جي ڪردار نه هجڻ جو سبب اهو آهي ته سنڌقومي رياست جي حيثيت سان بحال ناهي نه ته روحاني ۽ مادي ميلاپ ۽ ترقيءَ جو فارمولو صرف سنڌ وٽ ئي آهي. سائين جي ايم سيد کانپوءِ بشير خان قريشي اُهو شخص هيو جنهن سنڌ جي قومي ۽ سماجي تاريخ کي پير ڏنا ۽ بشير خان قريشي سنڌ جي قومي تشڪيل ۽ تڪميل ڪري آزاد سنڌوديش جي لاءِ ان ڪري ڪوششون ۽ جدوجهدون پئي ڪيون ته جيئن سنڌ سموري انسانذات جي ترقي ۽ امن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي. ان مفهوم ۾ شهيد بشير خان قريشي علاقائي نه پر عالمي شخصيت آهي. شهيد بشير خان قريشيءَ سنڌ جي سونهن، سائين جي ايم سيد جي اکين سان ڏٺي ۽ ان حُسن کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڪ جا سبق به هن اُتان ئي ورتا.
    جان ته سڪڻ سک، جان پس سڪنديئن،
    پاسي تنين مَ لڪ، نينهن نه سڃاڻن جي.
    جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف سنڌ جي سُورهه ۽ ڏاتارن کي دل کولي داد ڏنو آهي. سورهه ۽ ڏاتار جو وڇوڙو لطيف سائين کي جهوري وجهندو هو. هڪ جاءِ تي دعا گهرندي چوي ٿو ته:
    الله! ٻه نه مرن، هڪ سورهه ٻيو ڏاتار،
    هو ڪُڏي پوي ڪَٽَڪَ ۾، هو اڙين جو آڌار،
    توڙي مٿن بار، ته به ٻانهون ڏين ٻُڏن کي.
    شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو اهو سورهه ۽ ڏاتار هيو جنهن جي وڇوڙي تي سموري سنڌ، لطيف ٿي پئي هئي. شهيد بشير خان قريشي جيئن ئي شعوري اکيون کوليون هيون ته سندس اکين سنڌ جي نقشي ۾ سائين جي ايم سيد کي ڏٺو هيو ۽ پوءِ سموري زندگي سيد جي رهبريءَ ۾ منزلِ سنڌ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو.
    هڪڙو نقشو سنڌ جو- ٻيو آهين تون،
    جنهن جي لاءِ مون- جيئڻ جا جتن ڪيا.
    انٽرويو ڪندڙ جڏهن شهيد کان پڇندا هئا ته سنڌ سان اوهان کي لنئون ڪڏهن لڳو؟ تڏهن پنهنجي رهبر وانگر هي عاشق سنڌ جي به مرشد لطيف جي واتان هي چوندو هيو ته:
    جڏهن ڪر ٿيام- ساڃاهه سپرين جي،
    تڏهن ڪر تر جيترو- ويل نه وسريام،
    اندر روح رهيام- سڄڻ اوطاقتون ڪري.
    جڏهن کان شهيد بشير خان قريشيءَ کي سنڌ جي سڪ جي ول وڪوڙيو، هي جوان نينهن ۾ نروار رهيو ۽ ان عشق ۾ وڏي کان وڏي جوکي کڻڻ کان به ڪونه ڪيٻايائين ۽ چوندو رهندو هيو ته:
    سڪڻ ايءُ نه حد، جيئن لڪيو لياڪا پائين،
    پئي پريان جي نه ٿئين، مٿي اڱڻ اڌ،
    اي پڻ ڪوڙي سڌ، جيئن کليو، کايو، سُمهين.
    ماڻهو بشير خان قريشيءَ جي وجود ۾ سنڌ ڏسندا هئا. هن ڄڻ سنڌ جي مجموعي حُسن مان جنم ورتو هو. هن جي هلڻ مان بهادري بکندي هئي، هن جي ڳالهائڻ مان ٻوليءَ جي سونهن ليئاڪا پائڻ لڳندي هئي، هن جي اُٿڻ، ويهڻ ۽ ملڻ مان سنڌ جي ثقافت نروار ٿيندي هئي. هن جي جدوجهد مان سنڌ جي تاريخ ڳالهائڻ لڳندي هئي.
    جوڳي تي جڙاءُ- نسورو ئي نينهن جو،
    پتنگ جيئن پيدا ٿيو- سامي سج وڙاءُ،
    آيو ڪاڪ تڙاءُ- ڪنوارين ڪڪوريو.
    بشير خان جي عشق جي چانگي کي ڏانوڻ وجهڻ لاءِ سنڌ دشمن قوتن ڇا ڇا نه ڪيو. وک وک تي پنجوڙ هنيا ويا پر هن شينهن جي گجگوڙ ڪڏهن به ماٺي نه ٿي، ۽ وڏي واڪ چيائين ته:
    جي لوڻ لڱين لائين- چيري چيري چم،
    مون ڪُر اڳي نه ڪيو- اهڙو ڪوجهو ڪم،
    جان جان دعوا دم- تان تان پرت پنهوار سين.
    ته ٻي طرف وري لالچ جي اها حد هئي جو ڪڏهن بنگلن جي آڇ ته ڪڏهن ڪروڙن جي ڪيش، نه رڳو ايترو پُرلذتن جي گهوڙن کي بي لغام ڪرڻ جا به وڏا وس ڪيا ويا، پر هي اُهو لال لاهوتي هيو جو سڀني امتحان مان پار پيو.
    ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي- موهيا ڪنهن نه مال،
    سوڍيون سجهائي ويا- ههڙا جنين حال،
    جتي ڇورين ڏنا ڇال- ته به لاهوتي لنگهي ويا.
    سردي هجي يا گرمي- ڏينهن هجي يا رات، ڏک هجي يا سک، سڃائي هجي يا آسودگي، هن جو هوت ڏي هلڻ مسلسل هوندو هيو. ماڻهو ائين چوندا هئا ته سنڌ سان عشق ڪجي ته بشير خان قريشيءَ جهڙو ڪجي:
    سياري سهه رات جو- جا گهڙي وسندي مينهن،
    هلو ته پُڇئون سهڻي- جا ڪري ڄاڻي نينهن،
    جنهن کي راتو ڏينهن- ميهار ئي من ۾.
    هو ڏينهن جو ته شينهن هيو ئي پر رات جو به راڻو هيو. هن جيڪا منزل چونڊي هئي ان بابت کيس خبر هئي ته اوجاڳن کي ڀاڪر پائڻا پوندا آهن ۽ واقعي به جڏهن عام ماڻهو ننڊ سان ٻکجي، خوابن جي دنيا وسائڻ لڳندا هئا تڏهن هن جي اڏام شروع ٿيندي هئي.
    جيهر لوڪ جهپ ڪري- اوهير اڏامن،
    پٿون جي پاتار جون- چيتا ڪيو چڻن،
    ڪوهه ڪندا کي تن، پاريهيڙي پهه ڪري.
    جيتوڻيڪ هن جو ٽڪر وحشي رت پياڪ رياست پاڪستان عرف پنجاپستان سان هيو پر هن پنهنجي لاءِ ڪڏهن به احتياطي تدبيرن تي غور نه ڪيو. هن جو سدائين توڪل تي ترهو هوندو هيو. هو سدائين هجومن ۾ هوندو هيو، پر ڪڏهن اڪيلو به نڪري پوڻ جي باوجود به پاڻ کي اڪيلو نه سمجهندو هيو،
    هيڪليائي هيل، پوريندس پرين ڏي،
    آڏو ڏونگر، لڪيون، سوريون سجهن سيلهه،
    ته ڪر ٻيلي آهن ٻيلهه، جي سور پريان جا ساڻ مون.
    کيس يقين هوندو هيو ته سنڌي ڪڏهن به هن جا دشمن نه ٿا ٿي سگهن پر جيڪڏهن پڄي آئي ته:
    قضا جا ڪريم جي، تنهن کان ڪنڌ ڪڍبو ڪيئن.
    شهيد بشير خان قريشيءَ کي ساهه کان وڌيڪ سنڌ پياري هوندي هئي ۽ چوندو هيو ته ساهه ڏئي به سنڌ ضرور وٺنداسين اِهو ئي سبب هو جو هو سنڌلاءِ نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ کان به ڪونه ڊڄندو هيو،
    ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي،
    اڃان ان کي جيئڻ جو، آسانگو آهي،
    سورهه جو چائي، سو رڳو ئي رڻ گُهري.
    هو سدائين پُراميد هوندو هو. هر ڏينهن هن جي ويساهه ۾ پختگي آڻيندو هو. سنڌ جي آزادي ۾ هن جو ايترو يقين ۽ ايمان هيو جيترو کيس سڀاڻي جي سج اڀرڻ ۾، آزادي جي راهه ۾ هو ڪڏهن به وهم ۽ وسوسا ڪونه ڪندو هو، هن جي عزم، اعتماد ۽ يقين جي ڪري سنڌ هن کي سورهه ۽ ڏاتار جي قطار لاءِ چونڊي ڇڏيو هيو.
    سورهه مرين سوڀ کي، دل جا وهم وسار،
    هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏو ڍال مَ ڍار،
    مٿان تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين.
    شهيد بشير خان قريشيءَ جي دور جا ٻيا به ڪيترائي جدوجهد جي ميدان جا سياسي سوار هئا، ڪي علم جا اقابر سڏبا هئا ته ڪن وٽ مال جا خرار، پر جڏهن بشير خان جو ذڪر نڪرندو هو ته ٻيا سڀ عام رواجي محسوس ٿيندا هئا.
    جکرو جس کرو، ٻيا سڀ انيراء،
    جتي جڙيو جکرو، تيائين نه ٻيا،
    مٽي ان ماڳان، اصل هئي ايتري.
    شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي جنهن به ڳوٺ ۾ ويندو هو، ڳوٺ وارا شهيد کي نه رڳو گهر جو ڀاتي پر ڳوٺ جو وڏو به محسوس ڪندا هئا ۽ ڪيترائي ماڻهو هن سان ڳُجها گهرو مسئلا به شيئر ڪندا هئا ۽ هن وٽان هرڪو مطمئن ٿي موٽندو هو.
    سما! تو سر ڇٽ، نه ته پاڳارا پُرس گهڻا،
    ڳنهڻ تنهنجي ڳنڃڙي، اچي جال جڳٽ،
    جنهن جهڙو پٽ، تنهن تهڙي بِکيا.
    هن وٽ ڪو محبت جو چقمق هيو، جيڪو هر ڪنهن کي ڇڪي وٺندو هو. مُلو هجي يا موالي. وڏيرو هجي يا ننڍيرو، روپوش هجي يا ريهندو، ٻڍو هجي يا ٻار ملڻ کانپوءِ هر ڪو ائين چوندو هو ته،
    ساهڙ مون جيئن سرتيون! جي ڏسو سڀيئي،
    سُمهو ڪين سُک ٿي، ور پاسو ڏيئي،
    مون هان اڳيئي، گِهڙو سڀ گَهڙا کڻي.
    هن جي صحبت ۾ زمان ۽ مڪان اهميت وڃائي ويهندا هئا، هن جي محبت ۾ ٻيا سڀ ڪم وسري ويندا هئا.
    صحبت سپرين جي، وڏي ڀانئج هاج،
    قضا ڪج نماز، وقت ورائڻ وترو.
    شهيد بشير خان قريشيءَ جي دوستي، عزت، غيرت ۽ شان، مانُ جي ساکي هوندي هئي. هن جي ساٿ ۽ دوستيءَ کي اهي ئي سمجهي سگهن ٿا جيڪي هن سان گڏ هليا ۽ رهيا. ان جي اهميت به اهي سمجهي سگهن ٿا.
    سڄڻ ڏٺو جن، تن ڳچي سرڳهه ڪيو،
    ٻيون ڪوهه ٻجهن، قدر ڪيميا ان جو.
    شهيد نه رڳو پاڻ سهڻو هو پر هو سڀني جي سونهن هو. هن جي ڏسڻ، ملڻ ۽ ڪچهرين سان وهم ويچار، غم پريشانيون ختم ٿي وينديون هيون.
    روءِ راڻي جي ناهه ڪا، سوڍو سڀن سونهن،
    لاٿائين لطيف چئي، مٿان دلين دونهه،
    ڪانهي ٻي ورونهه، ٿيو مڙو ئي مينڌرو.
    سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ لوڪ ادب ۾ بهادر ۽ مانجهي مڙس مٿيرن لاءِ جيڪي به نشانيون ۽ وصفون ٻڌايل آهن. اهي سڀ شهيد بشير خان قريشي ۾ هيون. هو دشمن تي وار به ڪندو هو ته قافلي کي اڳتي به وٺي ويندو هو. هن کي اها به سار هوندي هئي ته ڪير پوئتي رهجي ويو آهي نه رڳو ايترو پر ڏکئي ۽ خطرناڪ مرحلن ۾ گهٻراهٽ هن جي ويجهو به ڪونه ايندي هئي.
    هڻڻ هڪلڻ ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مَرڪ،
    وجهن تان نه فرق، رُڪ وهندي راند ۾.
    هو گهران اڪيلو نڪرندو هو ته ڏسندي ئي ڏسندي قافلو جُڙي پوندو هو، هو جلوس ۾ پهچندو هو ته جلسا ٿي پوندا هئا ۽ هن جون علامتي بک هڙتالون ڌرڻن ۾ تبديل ٿي وينديون هيون.
    هن ڪراچيءَ کي سياست جو مرڪز بنايو هو، ڪراچي جيڪا انٽرنيشنل حيثيت رکي ٿي، شهيد بشير خان ڪراچيءَ جي معرفت سموري دنيا کي سنڌ جو آواز ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. هُو سنڌ جي هر شهر، هر ڳوٺ ويو، سنڌين کي آزاديءَ جو احساس ڏياري ڪراچيءَ جي دعوت ڏنائين ۽ سنڌ سميت سموري دنيا ڏٺو ته شهيد جي محنت ۽ جدوجهد ڇا هئي؟ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جنهن کي شهيد بشير خان قريشي پنهنجو ڪُلهو سمجهندو هو. مان يقين سان چوان ٿو ته ڪو هڪ به اهڙو سياسي فيصلو شهيد نه ڪيو هوندو جنهن ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي شامل نه هجي. ايئن چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌ جو هي گانڌي، بشير خان قريشي، سنڌ جي هن نهرو، نياز ڪالاڻي کانسواءِ اڌورو هوندو هو. 23 مارچ وارو ڪراچيءَ ۾ فريڊم مارچ سنڌ جي قومي تاريخ ۾ اهم ڪارنامو آهي ۽ ان ڪارنامي ۾ هونءَ ته سموري سٿ، جنهن ۾ خاص ڪري آڪاش ملاح، سائين منير حيدر شاهه، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، نجف لغاري، آصف بالادي، سرفراز ميمڻ ۽ ٻين جو به اهم ڪردار هو پر ان سموري جدوجهد ۾ تحرڪ کان تقرير تائين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، شهيد بشير خان قريشيءَ سان هم قدم رهيو. ڊاڪٽر نياز ڪڏهن به پرين پياري بشير خان کي اڪيلو ڪونه ڇڏيو. پر بشير خان کانپوءِ ڊاڪٽر نياز ڪيترو اڪيلو ٿيو آهي اهو درد ڪهن سان سلي. الا! ”هيڪر جي گڏجن ته چوان“. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي طرفان شهيد بشير خان قريشيءَ سان گڏجي، 23 مارچ 2012ع لاءِ جيڪو سنڌ جو دورو ڪيو هو، ان کي جنهن انداز سان قلمبند ڪيو آهي، اهو نه رڳو سموري سنڌ جي تصوير آهي پر شهيد سنڌ جي يادگيرين جو به خوبصوت البم آهي. هي ڪتاب اهڙو ته سفر نامو آهي. جنهن ۾ نه رڳو هر ڪارڪن پر تقريباً سمورا سنڌي پاڻ کي موجود محسوس ڪندا. ڪتاب شروع کان آخر تائين پڙهندي ايئن محسوس ٿو ٿئي ڄڻ شهيد بشير خان قريشيءَ سان قافلي ۾ موجود هجئون ۽ اهو قافلو جاري هجي. جتي سنڌ جي مختلف نظارن سان گڏ، سنڌ جي اهم شخصيتن سان ملاقات ۽ نظرياتي پرچار به ڪندا هجون. هي ڪتاب ڄڻ آڊيو به آهي ته وڊيو به. هي ڪتاب ساز به محسوس ٿئي ٿو ته راڳ به.


    قوم تحريڪ جو عوامي اُڀار

    آصف بالادي

    23 مارچ 2012ع سنڌ جي سياسي تاريخ جو نهايت ئي اهم ڏينهن آهي. خاص طور تي قومي تحريڪ ۾ هڪ فيصله ڪُن موڙ آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن کان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد پنهنجي دُورانديشي ۽ گهري غور ۽ فڪر کان پوءِ ”سنڌو ديش“ جي آزادي جو پروگرام ڏنو، تڏهن کان ان سفر جو آغاز ٿيو ۽ اُن جو گهڻو تڻو اثر ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ظاهر ٿيو، ان کان پوءِ مُسلسل جدوجهد جو هڪ اڻ کُٽ سلسلو ۽ داستان آهي، جنهن ۾ تمام گهڻو ڪجهه اچي وڃي ٿو ۽ اها تاريخ لکڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ۽ تحقيق جي ضرورت آهي. اُنهيءَ سڄي پس منظر ۽ تاريخ جي تسلسل طور قومي جدوجهد ۾ 23 مارچ وارو ڏينهن هڪ اهڙو عروج آهي، جنهن کان پوءِ ٻه نتيجا لازمي طرح اڻ ٽر ٿي وڃن ٿا.
    1. اهڙي چاڙهه، عُروج ۽ اُڀار کان پوءِ اهڙي تحريڪ هڪ تاريخي ارتقا جي نتيجي طور يا ته ايڏي وڏي مقدار کان پوءِ بدلجي هڪ اعليٰ معيار جي شڪل ۽ صورت اختيار ڪري وڌيڪ منظم، سگهاري پارٽيءَ جي صورت اختيار ڪري. پنهنجي قوم جي عوامي سگهه ۽ قومي ٻڌيءَ وسيلي پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ اڳتي وڌي.
    يا
    2. ٻيو امڪاني نتيجو هي ٿي سگهي ٿو ته ايڏي وڏي اُڀار ۽ قومي سگهه ۽ ٻڌيءَ جي اُڀار کانپوءِ اُها دشمن جي سازشن جو شڪار ٿي مُنتشر ٿيڻ لڳي.
    23 مارچ 2012 جي ان تاريخي ڏاينهن جو ڪريڊٽ ظاهر ڳالهه آهي ته اُن انسان ڏانهن ئي منسوب ٿئي ٿو جنهن جي ليڊرشپ ۾ اِهڙو تاريخي ڪارنامو جنم وٺي ٿو ۽ تاريخ ان کي شهيد سنڌوديش بشير خان قريشي جي نالي سان نهايت ئي مانُ ۽ شان سان قبول ڪري ٿي، سنڌ جي جديد قومي تاريخ ۾ سنڌ جو هي سورهيه پُٽ هڪ سداحيات قومي سرواڻ ۽ لازوال هيري طور سدائين جرڪندو رهندو ۽ هن جي مزار تان آزاديءَ جا علم کڻي ڪئي قافلا پنهنجي منزل مقصود ڏانهن روان دوان رهندا.
    هاڻي جيڪڏهن 23 مارچ جي ان تاريخي ڏينهن جي تفصيل ۾ وڃبو ته اهو ڏينهن ڪو ايئن ئي اوچتو ظاهر ڪونه ٿي پيو هو، ان جي پس منظر ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪري نظرئي جا تاريخي بنياد، نظرياتي سگهه ۽ طاقت ڀريل هئي، شهيد جي بااعتماد ساٿين جي پُرجوش، ڪارڪنن جي محنت ۽ جدوجهد شامل هئي. تنهن ڪري ان تاريخي ڏينهن جي نتيجي ۾ جيڪو مانُ مرتبو، قومي ليڊر ۽ سرواڻ طور شهيد بشير خان قريشي جي حصي ۾ اچي ٿو، ان کانپوءِ ان مانُ، مرتبي جا حقدار شهيد جا اُهي سڀ ساٿي پڻ ٿين ٿا، جن رات ڏينهن هڪ ڪري پنهنجي عظيم ليڊر جي اڳواڻيءَ ۾ شهر، ڳوٺ، واهڻ، وستي، جهرجهنگ ۾ ”سنڌ گهري ٿي آزادي“ جي واضع ۽ چٽي پروگرام سان ڪاهي پيو، جنهن ۾ اسان جي ان وقت جي مرڪزي قيادت جا سڀ ساٿي ۽ جيئميسٽ ڪائونسل جا معزز ميمبرز ۽ سڄي سنڌ جا مُخلص ڪارڪن اچي وڃن ٿا.
    خاص طور تي شهيد سان نظرياتي ۽ سياسي صلاح مشورن ۾ ان وقت ۾ پارٽيءَ جو سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئميسٽ ڪائونسل جو ميمبر ۽ سينيئر ساٿي سرفراز ميمڻ ۽ آئون پڻ شامل هوس. ڊاڪٽر صاحب ۽ مون کي شهيد جي هدايتن ۽ صلاح مشورن جي روشنيءَ ۾ اهو فرض سونپيل هو ته اسان چٽي ۽ واضع نموني سان رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪري ۽ نظرياتي بنيادن ۽ اُصولن تي ٻڌل تاريخي مواد گڏ ڪري هڪ اهڙي تقرير تيار ڪريون جنهن ۾ فڪر سيد جو روح ڀريل هجي ۽ پارٽي چيئرمين پنهنجي رهبر جي آزاديءَ واري پيغام کي پنهنجي عشق ۽ عقيدت سان بيان ڪري، سنڌي قوم تائين سيد جي فڪري پيغام کي هڪ امانت وانگر پهچائي، سنڌ سان گڏوگڏ عالمي سطح تائين سيد جي فڪر ۽ نظرئي جو پڙاڏو گونجي. اُن پورهئي ۾ گهڻو حصو ۽ محنت هن ڪتاب جي ليکڪ منهنجي سينيئر ساٿي محترم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ جو آهي. خاص طور تي 23 مارچ 2012ع جي تاريخ چونڊڻ ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جو عنوان رکڻ ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪتابن مان مواد سهيڙڻ ۾ ڊاڪٽر صاحب جي محنت جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.
    23 مارچ 2013ع جي سلسلي ۾ هن قافلي جي شروعات ڄام شوري ضلعي مان ٿي ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي درگاهه تي دُعا گُهري هي ڪاروان باقاعدي سڄي سنڌ جي سفر تي نڪري پيو، ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌ پنهنجي حال آهر يوسف جي خريدارن ۾ هي فقير به شامل رهيو، بحرحال عجيب سلسلو هو، اُتساهه ۽ اعتماد جي ماحول ۾ هڪ انتهائي مُتحرڪ ۽ پُرڪشش اڳواڻ ۽ ليڊر طور شهيد بشير خان قريشي جون لڪل صلاحيتون نئين رنگ ۽ ڍنگ ۾ پنهنجو اظهار ڪرڻ لڳيون، سنڌ ۽ سيد جو هي سچو عاشق سراسري طور پنهنجي تقريرن ۾ هي سٽون ورجائيندو رهيو ته ”سنڌ جا وارثو! اوهان سان وچن ٿو ڪريان ته هاڻي سنڌ وٺندس يا ساهه ڏيندس ۽ ايئن ئي ٿيو. هن پنهنجي عشق کي نڀايو ۽ سنڌ جي آزاديءَ واري سفر ۾ ساهه ڏيئي ويساهه قائم ڪيائين.
    23 مارچ 2012ع تي قوم ۽ اڳواڻ ۾ هڪ تاريخي رشتو جُڙي چُڪو هو ۽ جسقم هڪ قومي پارٽيءَ طور عوامي شڪل ۽ صورت اختيار ڪري ورتي هئي. سيد جي فڪر ۽ نظرئي جي حقيقت جو ميلاپ عوام سان ڀرپور نموني سان ٿي چُڪو هو ۽ شهيد پنهنجي ساٿين ۽ پارٽي ڪارڪنن وسيلي سنڌي قوم ۽ سيد جي فڪري پروگرام جي وچ ۾ هڪ پُل وارو ڪردار بنجي چُڪو هو. آخري ڏينهن ۾ ڪراچيءَ جي دوري دوران به مون پنهنجي عظيم ليڊر ۽ مهان انسان جا ڪيئي روپ ۽ رنگ ڏٺا، اڻ ٿڪ، اَجهل، اڻموٽ. سچ پچ ته وڏي حوصلي، همت وارو اڳواڻ هو، ڪڏهن به نااُميدي واري ڳالهه ئي نه ڪيائين. سدائين پُرجوش، پُراُميد، وفا جي راهن جو هي مسافر هلندو رهيو.
    23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جي واضع ۽ چٽي گُهر ڪندي.سنڌ جو هي ارڏو پٽ للڪاري رهيو هو. هن جي گُونجار ۽ للڪار ۾ سندس روح ڀريل هو، سِر جو سانگهو لاهي، پنهنجي عظيم رهبر سان ڪيل وچن ۽ واعدي کي پاڻي ڏئي رهيو هو. ”Report To Greeko“ وانگر ڄڻ ته پنهنجي رهبر ۽ وطن کي پنهنجي ڪيل وفائن جي رپورٽ ڏئي رهيو هو. اُن ڏينهن سنڌ جو پنهنجي هن سرواڻ تي اعتماد اڃان به گهڻو وڌي چُڪو هو ۽ موٽ ۾ اڳواڻ طور سنڌ مٿان سندس اعتماد پڪي ويساهه ۾ تبديل ٿي چُڪو هو.
    اياز چواڻي، ڄڻ ته ڌرتيءَ کي هن عاشق جي چُمي اَڌ ۾ رهجي وئي. هن ته ساقيءَ جي چپن جي چُمي وٺڻ ٿي چاهي پر سمورا شراب خانا سندس خلاف ٿي ويا.
    هڪ گهري ۽ سوچيل سمجهيل سازش وسيلي سنڌ جي آزاديءَ جي قافلي جو هي روح روان، اڳواڻ ۽ سپهه سالار سنڌ کان جدا ڪيو ويو. اسان درد، ڪرب ۽ ڏُک جي سمنڊ حوالي ٿي وياسين، نه مئخانو رهيو نه ساقي رهيو ۽ نه ئي رقصِ رندي رهيو، بهارن کي نظر لڳي وئي. هڪ گهات لڳو، ڌاڙو لڳو، دغا ٿي، دوکو ٿيو ۽ اسان جو قافلو راهه ويندي لُٽجي ڦُرجي ويو.


    تاريخ جو آواز

    سرفراز ميمڻ

    23 مارچ 2012ع تي سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن کي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اعلان ڪرڻو هو ته: هنن 1940ع واري وفاق، پاڪستان جي معاهدي ۾ شامل ٿي، جيڪا غلطي ڪئي هئي، ان کان هو بيزار ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي 1843ع کان اڳ واري حيثيت ۾ بحالي چاهين ٿا.
    اهڙو اظهار جڏهن شهيد سنڌوديش بشير خان قريشي سن کان سنڌو درياءُ جو پتڻ ٽپي سڪرنڊ شهر جي پريس ڪلب ۾ ڪيو ته في الحال سنڌ جي مختلف خيال پارٽين ته ٺهيو، پر پنهنجي پارٽي جي ڪافي ماڻهن ۾ چيمگويون شروع ٿي ويون ته ڇا سنڌي ماڻهو هنن حالتن ۾ جڏهن ڪراچي انارڪي جو ڳڙهه بڻيل آهي، سنڌ جو ماڻهو توڙي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي شهر جو سنڌي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي هڪ قومي وحدت جي شڪل ۾ اهڙو اعلان ڪري پنجاپ سامراج ۽ دنيا جي عالمي ضمير تائين پنهنجو آواز پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟! ان جو ڪنهن وٽ جواب ڪونه هو، سواءِ شهيد بشير خان قريشي ۽ ان سان گڏ چند سندس ساٿ ۾ هلندڙ قومي تحريڪ جي انهن اڳواڻن جي، جيڪي بشير خان قريشي سان تمام ڊگهي عرصي کان ڪُلهوڪلهي ۾ ملائي سندس سياست ۽ قيادت جي خوبين ۽ خامين کي چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا ۽ فڪر جي ايم سيد جي هماگير طاقت ۽ انقلاب کي سمجهندا هئا! انهن جو جواب ها هو!
    ۽ پوءِ بشير خان هميشه وانگر سنڌ جي شهيد وزيراعظم دولهه دريا خان جي روايتن جو امين بڻجي انهن دوستن کي کڻي سنڌي قوم وٽ دردر، وستي وستي، واهڻ واهڻ، شهر شهر رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي فڪر، آزاديءَ سنڌوديش جي سين بڻجي، سندن دلين جو آواز بڻجي ويو. شيڊول ٺهيو ۽ ڄامشورو ضلعي کان رهبر جي حضور ۾ مٿو ٽيڪي جڏهن منهنجو ليڊر پنهنجي سهڻي سٿ سان گڏ اٿيو ته تمام گهڻو خوش هو. ڄڻ کيس ڪاميابي جي بشارت ملي چڪي هئي.
    مون کي چڱي طرح ياد ناهي پر مان سمجهان ٿو اها 3 يا 4 فيبروري جي رات هئي. فون آيو ڏٺم ته بشير خان جو نمبر هو، آواز آيو، جيئي سنڌوديش، سدا جيئي سنڌوديش! ۽ پوءِ وڏي آواز ۾ چيائين ته ويهه ويهه، پنجويهه پنجويهه جلسا ٿو ڪيانءِ، صبح جو نڪران ٿو، رات جو 4، 4 ٿي ٿا وڃن، پوءِ به سنڌي ماڻهو، روڊن توڙي ڳوٺن ۾ انتظار ۾ بيٺا ٿئي! مون چيو مانس ته بابا! ماڻهو توهان جي واتان سيد ۽ سنڌ جو پيغام ٻڌڻ پسند ڪري ٿو! ۽ تنهنجي سڏ ۾ سڏ ڏيندو! اسان کي پڪ آهي ته توهان ڪاميابي ماڻيندؤ ۽ پوءِ ڪجهه ڳالهين کان پوءِ چيائين ته. چڱو ماڻهو بيٺا آهن، پوءِ وري حالي احوالي ٿينداسين! ٻن ڏينهن کان پوءِ وري فون آيو، چيائين! ڪٿي آهين؟ اچي ڏس ته سهي نه! نوابشاهه ويٺو ڇا ٿو ڪرين!؟
    مون چيو بابا! منهنجي دل پڻ هن دفعي توسان گڏ هجڻ لاءِ پئي چئي پر ڇاڪيان جڏا ٿي پيا آهيون! جواب آيو ڇو جڏا آهيون رکو الله تي ”بادشاهه! تو جهڙا سهڻا ته اسان سان گڏ هجن نه! بس تيار ٿي، صبح جو گاڏي موڪليانءِ ٿو، پوءِ پهچي وڃ- اچي ڏس نه رنگ.
    ۽ پوءِ غلام محي الدين مگسي جو فون آيو. چيائين ته سائين توهان صبحاڻي تيار رهجو، وڏي چيو آهي ته سائين! کي پهچايو، سو هلنداسين. مان ڏاڍو خوش ٿيس، صبح جو تياري ڪيم، پورو ٻن مهينن جو دورو هو. گهروارن کي بيگ تيار ڪرڻ لاءِ چيم، پهريون ڀيرو هو جو گهر وارن به خوشيءَ سان روانو ڪيو هو!
    ڇهين تاريخ هئي يا ستين جو علام محي الدين مگسي، جاويد مگسي، عامر مگسي ۽ محمد علي سان گاڏيءَ ۾ روانو ٿيس، رات جو لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ ۾ جلسو هو، جلسي هلندي وڃي پهتاسين. مونکي اسٽيج تي سڏ ٿيو، وڏي وارن ۽ ٻين دوستن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگرحنيف، فقير امداد، ڪيهر انصاري ۽ آڪاش ملاح وارن سان مليس. مون کي به اتي تقرير لاءِ سڏ ٿيو. اهڙي طرح 23 مارچ تائين پنهنجي محبوب ليڊر سان گڏجي سڄي سنڌ گهميس.
    ان سڄي دوري دوران تمام گهڻو ڪجهه ڏٺوسين. دوستن کان ويندي عام ماڻهو تائين، سفر ۾ ڪافي ڪجهه سکڻ لاءِ هو. مختلف ضلعن ۾ ڪٿي ٻن ڏينهن، ڪٿي ٽن ڏينهن ته ڪٿي هڪ ڏينهن جو شيڊول به هو. صبح جو تقريباً 12 بجي کان شيڊول شروع پئي ٿيو ته رات جو ڪو ٽائيم ڪونه هو. اهو ئي 30.20 جي وچ ۾ ڪارنر گڏجاڻيون، جلسا، عذر خواهيون ۽ تقريبون روزانو اٽينڊ ڪرڻيون پئي پيون. بشير خان کي ٻڌڻ لاءِ ماڻهو گڏ پئي ٿيا. ان ڪري هر جلسي توڙي ڪارنر گڏجاڻي ۾ ان جو ڳالهائڻ ضروري هو، باقي واري سان 2 يا 3 دوست ڳالهائين پيا. تقريرن دوران ڪٿي ڪٿي، دوستن ۾ اڳ پوءِ يا واري تي ڪجهه ناراضگين جو اظهار به ڏٺم. جو اڳتي هلي بشير خان چيو ته هاڻي هينئن ٿا ڪيون ته ڪٿي ڪير ڳالهائي؟ ان لاءِ نالا چاچو سرفراز ڏيندو؟
    مون ڏٺو ته هي بشير خان پنهنجون پتو صاف ڪري مون ڏانهن پيو اڇلي پر پوءِ ان ۾ حڪمت سمجهي نڀايوسين، دوستن سان پاڻ ۾ صلاح سان واري تي ڳالهرايوسين پئي!
    تقريرن ۾ بشير خان کان پوءِ خاص طور تي ٽن دوستن جن ڪافي قدر ماڻهن کي متاثر ڪيو پئي، اهي هئا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جنهن جي تقرير ۾ مونکي چاچي حفيظ واري جهلڪ نظر آئي. سندس تقرير مڪمل طور تي سياسي، عوامي ۽ دليلن ۽ انگن اکرن سان عام ماڻهوءَ کي سمجهائڻ واري عوامي انداز جي هئي. جنهن ماڻهن کي پاڻ ڏانهن گهڻو متوجهه پئي ڪيو ۽ سندس تقرير ۾ مختلف هنڌن، موضوع ۽ انداز جي حوالي سان هروڀرو جي ورجاءُ کان به آجي هئي. جنهن ڪري ماڻهن ان انداز مان گهڻو پرايو پئي، جيئن ڏسڻ ۾ آيو پئي.
    ٻيو مقرر هو، ساگر حنيف بڙدي، جنهن جي تقريرجو انداز ته هڪ سٺي مقرر جهڙو ته هو ئي پر هن جيڪا لطيف جي بيتن کي کڻي، سنڌ جي پيغام غلامي ۽ آزاديءَ جي فرق کي پنهنجي سريلي آواز ۾ ماڻهن آڏو پيش پئي ڪيو ته واهه، واهه پئي ٿي ۽ ماڻهن جي ذهنن جا تاڪ کليو پئي ويا نه. ٽيون جنهن جي تقرير کي يا شخصيت کي ماڻهن گهڻي موٽ پئي ڏني اهو هو آڪاش ملاح، سندس انداز بيان انقلابي هو ۽ ماڻهن کي دنيا ۽ سنڌ جي انقلابن بابت ڄاڻ ڏيڻ تي ٻڌل هئي، جنهن کي جڏهن هن جذباتي انداز سان پيش پئي ڪيو ته ماڻهن مٺي موٽ پئي ڏني. هن تقريباً ڪافي هنڌن تي تقريرن ۾ منهنجي بغاوت ڪيس ۾ 164 ڪرڻ واري واقعي کي پڻ بيان پئي ڪيو جنهن لاءِ سندس مهرباني. جڏهن ته ڪيهر انصاري ۽ فقير امداد پڻ ڪافي جاين تي بهتر تقريرون ڪيون، بهرحال اهڙي طرح سڄي سنڌ گهمياسين. منهنجي يادگيري ڪچي هجڻ ڪري اهو هن وقت نٿو ٻڌائي سگهان ته ڪهڙا دوست لڳاتار هليا دوري ۾ ۽ ڪهڙن دوستن وچ ۾ گهتون هنيون پر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف، آڪاش ملاح، ڪيهر انصاري، صفدر تنيو مسلسل گڏ هئا، هن دوري دوران ماڻهن ۾ سجاڳي جي جيڪا لهر پيدا ٿي پئي ان جو اندازو اخبارن ۽ مختلف چينلن جي رپورٽنگ ڏسڻ ۽ ٻڌڻ مان پتو پئي پيو، ٻيو جيڪو هن دوري دوران خاص طور تي جسقم ميڊيا سيل پاران زوهيب قريشي ڪُرار ادا ڪيو. اهو پڻ ساراهه جوڳو آهي. هن مسلسل هر دوري جي تصويرن ۽ وڊيوز کي سوشل ميڊيا يعني فيس بوڪ ۽ يوٽيوب ذريعي روز رات جو ڦوٽو لوڊ ڪري دنيا توڙي سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن تائين اسان جي قافلي جي ڪارڪردگي پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو وڏو اثر ٿيو.
    اڄ مان سمجهان ٿو ته قومي تحريڪ جو هي پهريون سڄي سنڌ جو دورو هو، جنهن جو پورو رڪارڊ موجود آهي. ٻئي طرف ڊاڪٽر نياز پاران روزانه جيترن به ڳوٺن جو دوروڪيوسين پئي، ان بابت نوٽس وٺڻ ۽ وري هاڻي انکي ڪتاب جي صورت ۾ ڏيڻ سان هي سڄو ٻن مهينن جو دورو ۽ 23 مارچ وارو عظيم الشان سنڌي قوم جو اجتماع ۽ ان جي ذريعي دنيا تائين سنڌي ماڻهن جو هڪ قوم جي حيثيت ۾ پهتل تاريخي پيغام، تاريخ جو حصو بڻجي ويندو، جيڪا شهيد جي منشا به هئي، جنهن لاءِ ڊاڪٽر صاحب جس لهڻي.
    مختلف ضلعن جي دوري کان پوءِ جڏهن ڪراچي ڊويزن ۾ پهتاسين، ته ڪراچي جي امن ۽ تنظيمي صورتحال کي ڏسي پهريان ته سمجهه ۾ نه پئي آيو، ته ڪراچي ۾ اسان جو هي پروگرام آهي، ان ۾ ڪراچي جا ماڻهو به شرڪت ڪندا!؟ هڪ سوال هو جيڪو اسان سڀني جي ذهنن ۾ ڪجهه دير لاءِ اٿيو، پر اسان ان وقت سڀ پريشان ٿي وياسين. جڏهن بشير خان، رهبر جو نالو وٺي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ ڪاهي پيو ته سمجهه ۾ نه پئي آيو ته هي هيترا ماڻهو ڪراچي ۾ رهن ٿا!؟ بشير خان وٽ ڪراچي جي هر ڳوٺ جو رستو ۽ چڱن ماڻهن جا رابطا هئا. جتي جتي به وياسين، سنڌي ماڻهن وڏين ريلين ذريعي استقبال ڪيا ۽ چڱن مڙسن بنا ڪنهن پارٽي فرق جي بشير خان تي اعتماد جو اظهار ڪندي ڀرپور شرڪت جو يقين پئي ڏياريو.
    ان دوران سڄي سنڌ مان فونون اچڻ شروع ٿي ويون ته ضلعن ۾ ڪارڪن ۽ عوام ته وڏي تعداد ۾ تيار آهن. هاڻي ان لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻو آهي. بشير خان سڀني ضلعن جي عهديدارن کي مون سان رابطو ڪرڻ لاءِ چيو ۽ کين چيو ته هر ضلعو، پنهنجي پنهنجي ضلعي اندر سرندي وارن سنڌي ماڻهن جا رابطا سرفراز ميمڻ وٽ لکرائي. اسان انهن سان رابطو ڪري ٽرانسپورٽ جا انتظام ڪري ضلعن حوالي ڪنداسين. اهڙي طرح سڄي سنڌ مان مون کي فون نمبر لکرايا ويا. ڪراچي ڊويزن جي دوري دوران صبح جو جڏهن ڳوٺن جي دوري تي نڪرئون پيا ته آئون بشير خان کي عرض رکان پيو ته سائين هي نمبر مليا آهن. هنن ماڻهن کي فون ڪيو ته ضلعن کي چئون ته وڃي هنن سان ملي ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪن. اهڙي طرح بشير خان جنهن به ماڻهو کي فون لڳايو ٿي، اهو چاهي وڏيرو هجي، ڪامورو هجي، يا ڪهڙي به پارٽي سان واسطو رکندڙ هجي، ڪنهن به بشير خان کي انڪار نه ڪيو پر انتهائي سرهائيءَ ۽ خوشيءَ سان هنن ذمو کنيو پئي ۽ پوءِ ضلعن کي چيوسين ته انهن سان رابطو ڪيو، اهڙي طرح اهو مسئلو حل ڪيوسين. ڪراچيءَ جي دوري دوران ئي ڪي ٽي اين KTN تي بشير خان جو لائيوَ پروگرام رکيل هو. جيڪو ڳوٺن جي دوري ڪري بشير خان، ڊاڪٽر نياز ۽ مون کي چيو ته وڃي اٽينڊ ڪيو. هن اداري وارن سان ڳالهايو ته مان نه ٿو اچي سگهان، منهنجي ريپريزينٽيشن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڪندو. اسان وياسين، ڊاڪٽر صاحب واٽ تي پڇيو ته سرفراز صاحب! ڇا ڪجي؟ مون چيو مانس، ڊاڪٽر صاحب! ڇڪي رکجوس ۽ پوءِ ڊاڪٽر صاحب اهو جيڪو انٽرويو ڏنو ته ان لائيوَ انٽرويو ۾ پنهنجي سنڌوديش ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه صفا چٽي ۽ واضح نموني سان رکي آيو. جو اينڪر پرسن ٻاهر نڪري چيو ته ڊاڪٽر صاحب جو KTN تي پهريون لائيوَ پروگرام هو پر هو پنهنجي ڳالهه اهڙي نموني سان رکي ويو آهي جو اسان ان کي چاهڻ جي باوجود به ايڊٽ نه ڪري سگهياسين ۽ پوءِ ان پروگرام جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه جي ڪافي دوستن ساراهه ڪئي.
    لياري جا حالات تمام خراب هئا، ان وقت اتي ڪڇي برادري جو چڱو مڙس رشيد ڪڇي کي ماريو ويو هو. ضلعي عهديدارن دورو ملتوي ڪري ڇڏيو، پر بشير خان اوچتو اسان کي چيو ته هلو ته هلئون، لياري هلبو ۽ پوءِ نڪري پياسين. لياري پهتاسين ته سنسان لڳي پئي هئي. رشيد ڪڇي جي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت کان پوءِ بشير خان هر قبيلي جي جماعت خانن تي هلي دعوت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. جماعت خانن تي پهتاسين ته لياري واسي بشير خان جو ٻڌي جماعت خانن جي ٻاهران جمع ٿي پئي ويا. اهڙي طرح لياري واسين پڻ ڀرپور شرڪت جو واعدو ڪيو. ان سڄي هڻ هڻان کان پوءِ اسان کي سمجهه ۾ آيو ته هاڻي واقعي هي عظيم الشان اجتماع ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي. هاڻي باقي هڪڙو ڪم رهيل هو. جنهن لاءِ شايد بشير خان، پارٽي جي جنرل سيڪريٽري آصف بالادي صاحب کي مقرر ڪيو هو. جيڪو تقريباً ڪراچي کانسواءِ باقي ضلعن جي دوري ۾ ڪونه هليو هو. اهو ڪم هو، ان تقرير جي تياري جو!؟
    بالادي صاحب ان لاءِ ڪافي اديبن ۽ دانشورن جون 2، 3 ويهڪون به ڪرايون پرشايد انهن کان اهو ڪم سرانجام نه ٿي سگهيو. آخري هفتي ۾ بشير خان آخر ڊاڪٽر نياز صاحب کي ٻه ڏينهن موڪل ڏني ۽ کيس تقرير جي تياري لاءِ چيو. ٻن ڏينهن کان پوءِ ڊاڪٽر صاحب تقرير جو متن ٺاهي کڻي آيو. جيڪو بشير خان سان گڏ ويهي پڙهيو ويو ۽ ان ۾ جيڪي جهول ۽ ترميمون هيون اهي چيئرمين صاحب ڪرايون ۽ پوءِ تقرير جي نئين سري سان ايڊيٽنگ ڪري ان کي آخري شڪل ڏني وئي ۽ پوءِ ان جو انگريزي ۽ اردو ترجمو پڻ ڪرايو ويو.
    آخر ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪٽرانڪس ۽ اخباري ميڊيا جي آفيس جو تفصيلي دورو ڪيو ويو، جنهن جي ڪري اليڪٽرانڪس ميڊيا خاص طور تي سنڌي ميڊيا ان سڄي پروگرام کي صبح کان وٺي رات تائين لائيوَ ڏيکارڻ ممڪن ٿي سگهيو. ان لاءِ سنڌي ميڊيا جي حوصلي کي خاص طور تي ساراهي سگهجي ٿو.
    هن سڄي عرصي دوران سرڪار طرفان ڪنهن به قسم جو انتظامن جي حوالي سان ڪوبه رابطو نه ڪيو ويو. جنهن ڪري ڪجهه خدشا جنم وٺن پيا. ٻيو ته ڪجهه دوستن جي حلقن پاران اهڙي ڳالهه ٻڌائي وئي، جنهن جي مونکي گهٽ ۾ گهٽ تصديق نه ملي سگهي آهي ته شايد تقرير جي حوالي سان رياستي ادارن پاران بشير خان سان ڪن ذريعن سان رابطو ڪيو ويو ته ان کي هلڪو رکي ۽ ان لاءِ ڪا وڏي ڊيل جي آفر به ڪئي وئي، جنهن کي بشير خان يڪسر رد ڪيو. هونئن به هن سڄي عرصي دوران، هڪ جملو جيڪو خاص طورتي بشير خان جي هر تقرير ۾ مون اڪثر ٻڌو، اهو هو ته يا سنڌ وٺبي يا سر ڏبو!
    آخري ٻن ڏينهن ۾ اسٽيج، ڊيڪوريشن ۽ ڪارڪنن جي حوالي سان جيڪي سڄي سنڌ مان پڄڻا هئا. انهن جي ماني لاءِ انتظامن جي حوالي سان خرچ جو ذڪر نڪتو. مون بشير خان کي چيو ته هي هتي الائي ڪيترا ڪامريڊ پنهنجا پنهنجا کانچا ٺاهيو ويٺا آهن، انهن کي حڪم ڪر نه؟! چيائين ته چڱي ڪم لاءِ وري انهن کي چوان؟ ڪونه چوندس! پاڻهي پوري ڪندس. صبح جو هڪ وفد آيو آواز ٽي وي وارن جو وڏي ساڻ ملڻ. هنن چيو ته هي پروگرام ڪراچي ۾ ٿئي پيو. هي هتي ڪراچي ۾ رهندڙ سڀني سنڌين لاءِ اتساهه جو سبب ٿيندو، اسان جا ڌنڌا ڌاڙي به ڪراچي ۾آهن. ان ڪري اسان جو چينل ته سڀاڻي اوهان جي حوالي هوندوئي، پر هي ڪجهه رقم آهي جيڪا اسان جي پاران قبول ڪيو، بشير خان اهو لفافو وٺي رکيو! هنن کي چانهن وغيره پياري روانو ڪيائين. پوءِ مون ڏي نهاري چيائين ته ڏٺئي! چيومانءِ نه ته پاڻهي پوري ڪندس. هن جي دوري دوران خرچ ۾ پهرين ڏينهن ۾ جڏهن هالاڻي ڀاءُ در محمد سيال جي هوٽل تي چانهن پيئڻ لاءِ بشير خان سان گڏ ترسياسين ته اتي در محمد سيال هڪ لفافو 50000 روپيه بشير خان کي ڏنو ته سائين هي سنڌ جو سڏ آهي. ان لاءِ منهنجي پاران هي حقير نظرانو قبول پوي. ٻيو ته بشير خان پنهنجي هڪ گاڏي به کپائي. ان مان جيڪا رقم ملي اها پڻ اتي ئي خرچ ٿي. باقي ٻين دوستن ڪنهن ڪيترو ونڊ ڪرايو ان جي مون کي ڄاڻ ڪانه آهي.
    ڪارڪن جيڪي سڄي سنڌ مان آيا پئي ان لاءِ چيئرمين صاحب پهريائين سائين جيئندل شاهه کي 100 ديڳيون چڻن ۾ برياني ٿيار ڪرڻ لاءِ چيو. وري جو گهر ويو ته اتي اها ڳالهه ڪيائين ته امڙ چيس ته ڇو ڪارڪن وري روز روز ٿا اچن ڇا؟ جو انهن کي چڻن ۾ برياني کارائيندين ۽ مرغي ۾ برياني ٺهراءِ، ٻاهر آيو مشڪي پيو. چيائين گهران دڙڪا مليا آهن. جيئندل شاهه کي فون ڪري چيائين ته يار برياني مرغي ۾ ڪرائجان.
    اهڙي طرح انهن سڀني خفن مان واندو ٿي، بشير خان تقرير پڙهڻ جي تياري ڪئي. سڀني کي پڙهي ٻڌايائين ۽ ان ۾ لهجي ۽ انداز جي باري ۾ راءِ ورتائين. صبح ٿيو سڄي سنڌ مان قافلا گلشن حديد پهچڻ جو سلسلو رات کان ئي جاري هو. بشير خان سڀني دوستن کان راءِ ورتي ته اسٽيج تي ڪير ڪير هلي. سڀني دوستن راءِ رکي ته گهڻا ماڻهو هلندا ته بدنظمي ٿيندي ان لاءِ صرف مرڪزي عهديدار هلندا.
    ته بشير خان چيو ته اهو صحيح آهي پر منهنجي راءِ آهي ته مرڪزي عهديدار ۽ انهن سان گڏ ٻه ڄڻا (1) سائين منير حيدر شاهه، (2) چاچو سرفراز ميمڻ. جيئن ته اسان سان سڄي دوري ۾ گڏ هئا، اهي اسٽيج تي هلندا، سڀني چيو ته ٺيڪ آ، پوءِ اسان سڀ قافلي سان گڏ وقار لغاري سان هڪ وڏي گاڏي ۾ تبت سينٽر ڏانهن روانا ٿياسين.


    آزادي مارچ

    منير حيدر شاهه

    منهنجي ننڍي لاڪون وٺي. شهيد سنڌوديش محترم بشير خان قريشي سان لاڳاپو ۽ محبت رهي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته شهيد سنڌو ديش مونکي موٽ ۾ ڏهوڻ تي محبت ۽ عزت ڏني ۽ تقريبن هر اهم قومي گڏجاڻي ۾ مونکي پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو.
    2011ع ۾ شهيد سنڌو ديش محترم بشير قريشي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ جي لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو ۽ مونکي ان لانگ مارچ جي دعوت ڏيڻ لاءِ مرڪزي باڊي سان گڏ هلڻ لاءِ چيائين، منهنجو شهيد ۽ مرڪزي باڊي سان گڏ دعوت ڏيڻ جو سلسلو مانجهند کان شروع ٿيو. جتي مانجهند جي قومي ڪارڪنن پروگرام لائبريري ٻاهران رکيو. جلسي دوران شهيد ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي ان لائبريري متعلق ڳالهائيندي ٻُڌم ته مونکي حيرت ٿي. ڇو ته مانجهند منهنجي تر ۾ موجود آهي، پر هنن جي ڪچهري مان ائين لڳو پئي جيئن هو پاڻ مانجهند جا رهواسي هجن. جڏهن اسين ڳوٺ محمد عارف شاهاڻي ۾ رئيس محمد موسيٰ شاهاڻي جي چانهه جي دعوت تي پهتاسين ته موسيٰ شاهاڻي شهيد کي چيو ته، وڏا! اسين ٻروچ چانهه مان ڇا ڄاڻون اسان کي ماني جو بندوبست ڪرڻ جي اجازت ڏيو ها. شهيد مُسڪرائي جواب ڏنو ته هن تر اندر مون سائين جي ايم سيد جي راڄ جي تقريبن سڀن جي ماني کاڌي آهي، ۽ شهيد رئيس موسيٰ شاهاڻي ۽ ٻين معتبر ميزبانن جي وڏن جا نالا وٺي ٻڌايو ته رهبر اسان قومي سپاهن کي توهانجي وڏن جي حوالي ڪندي اسان جو خيال رکڻ جي پارت ڪندو هو. ان کان پوءِ اسان سن پهتاسين ته سن جي ذميوار قومي ڪارڪن مظهر ميمڻ، سن اسٽاپ تي تمام وڏي گڏجاڻي جو احتمام ڪيو. جنهن کي ڏسي ائين لڳو پئي جيئن عيد جو ميلو.
    گڏجاڻي دوران سن جي ڀرسان هڪ اين جي اوز جون ڪجهه نياڻيون ترسيل هيون. جڏهن هنن ٻڌو ته سنڌ گُهري ٿي آزاديءَ جي دعوت کڻي شهيد سنڌوديش سن ۾ هڪ گڏجاڻي ۾ موجود آهي ته هنن نياڻين بغير ڪنهن شيءِ جي پرواهه ڪندي سن اسٽاپ تي هزارين ماڻهن جي وچ ۾ اچي شهيد بشير خان کي چيائون ته، هُو جسقم ۾ شموليت ڪرڻ چاهين ٿيون، جنهن تي وڏي پنهنجون اجرڪون ڪلهي تان لاهي هن نياڻين جي مٿن تي اوڍايائون.
    سن کان پوءِ ننڍن وڏن ڳوٺن مان ٿيندي آخري گڏجاڻي سيوهڻ ۾ ٿي. جيڪا گڏجاڻي ڪري اسين رات واپس سن آياسين. جتي ماني کائي صبح جو 4 بجي تائين ڪچهري ڪئي سين. مونکي حيرت ان ڳالهه تي ٿي ته صبح جو ڏهين وڳي ڌاري جيڏي مهل آئون پنهنجي اوطاق ۾ آيس ته سڄي مرڪزي باڊي تيار منهنجي انتظار ۾ ويٺي هئي.
    اسين سن مان نڪري دادو ضلعي ڏانهن دعوتن لاءِ نڪتاسين،آئون پاڻ هڪ اڌ ضلعي ۾ دعوتون ڏيئي رات تائين واپس سن موٽي آيس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وڏي فون ڪئي ته سڪرنڊ ۾ گڏجاڻي آهي، توهان اتي اچو. شام ڇهين وڳي ٻيڙي ذريعي پتڻ ٽپي سڪرنڊ پهچي، گڏجاڻي ۾ شامل ٿي وري رات يارهين وڳي ڌاري پتڻ ذريعي واپس سن پهتس.
    22 مارچ تائين اهو طئي ٿيو هو ته سن واري رستي تان جيڪي به دوست گُذر ڪندا اهي منهنجي قافلي سان گڏ ويندا.
    23 مارچ تي جڏهن آئون نڪتس ته منهنجي اڳيان ۽ پويان سوين گاڏيون ۽ بسون موجود هيون. ڄامشوري ۾ هڪ جاءِ تي لٿس ته هڪ يونيورسٽي جي بس ۾ ڪجهه هٿيار بندن کي ڏٺم ته مون ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي فون ڪري آگاهه ڪيو. ۽ هن شهيد سنڌوديش سان ڳالهائڻ کان پوءِ مونکي اها هدايت ڏني ته قافلي کي هٿياربندن واري بس کان پري رکان. سپر هاءِوي تي پهتس ته خبر ئي ڪانه پئي ٿي ته ڪهڙي گاڏي مون سان آهي ۽ ڪهڙي ٻئي ڪنهن قافلي سان، ڇو ته هر گاڏي تي رهبر جي ڪهاڙي واري فڪر جو جهنڊو لڳل هو. واٽ تي مرڪزي باڊي سان مڪمل طور تي رابطي ۾ هيس. ڪا ٺوڙ پار ڪيم ته شهيد پاڻ فون ڪري جلدي اچڻ لاءِ چيو. پر جڏهن حديد پهتس ته هزارين بسن جي قافلي ۾ گم ٿي ويس. ۽ مون لاءِ اهو ممڪن نه هو ته آئون وڏي جي گهر پهچي سگهان. جنهن تي محترم آصف بالادي چيو ته سائين وڏو چوي ٿو ته توهان ڀلي اڳيان هلو، اسين پويان اچون پيا. رستي ۾ اڳيان ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي کي شهيد جو انتظار ڪندي ڏٺم ته آئون به ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سان گڏ بيهي ويس. ڪجهه دير کان پوءِ شهيد جو قافلو گذريو ته آئون به هلڻ لڳس. شاهه فيصل کان ٿيندي آغا اسپتال واري رستي تان ٿيندي دائود ڪاليج پار ڪندي، گُهتون هڻندي نماش چورنگي کان ٿورو پوئتي وڃي بيٺس. اتي دوستن سان گڏ تبت سينٽر ڏانهن هلڻ شروع ڪيوسون. رستو اڃا مس ٿيو هو ته آئون ٿڪجي پيس پر ان جي باوجود به هلندا وياسين اوچتو وڏي کي ڏٺم ته سڀ ٿڪ ختم ٿي ويا ۽ وڃي وڏي سان پنڌ ڪرڻ شروع ڪيم. اسٽيج ويجهو پهتاسين ته وڏي مرڪزي باڊي سان گڏ منهنجو نالو به کنيو ۽ چيائين ته رڳو اهي اسٽيج تي ايندا، اسٽيج تي جڏهن پهتس ته لکين ماڻهن جو نظارو ڏسي اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. شهيد مونکي پنهنجي پاسي ۾ بيهاري تقرير شروع ڪئي ۽ پوءِ سنڌ جي تاريخ جي عظيم آزاديءَ مارچ جي شروعات ٿي وئي.


    سڄڻ ڏٺو جن

    فقير امداد منگي

    23 مارچ 2012ع واري آزادي مارچ لاءِ سڄي سنڌ جي دوري کان پوءِ ڪامياب آزادي مارچ لاءِ ڪراچيءَ شهر ۾ لکين سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ جي قومي آزاديءَ لئه وچن ورجايو ويو هو. ان ساري (سموري) سرگذشت کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صاحب جيڪو قلم بند ڪيو آهي، ان لاءِ ٻه اکر لکڻ لاءِ اسان کي به شرف حاصل ٿيو آهي. هي منهنجو پنهنجو ذاتي تجربو آهي. ڇو ته مان گذريل ڏهن سالن کان جسقم جي مرڪزي عهديدار رهڻ جي ڪري شهيد سنڌوديش بشير خان قريشي جي سياست، ڪردار ۽ جدوجهد تي تمام ويجهو کان ڏسڻ جي دعويٰ ڪريان ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو. ۽ شهيد بشير خان جي توسط سان ئي مون سڄي سنڌ جو بار بار طواف ڪيو آهي ۽ بشير خان کي سنڌ جي هڪ سچي عاشق ۽ پوڄاري واري رنگ ۾ ڏٺو آهي. شايد آئون ايئن سنڌ نه ڏسي سگهان ها جيئن مون کي هن شخص سان گڏ رهڻ ڪري سنڌ پنهنجو جلوو پسايو ۽ مانُ ڏنو.
    ان پيغام آزادي مارچ، جيڪو سکر کان ڪراچي تائين پنهنجي پيرن سان پنڌ ڪري سنڌ جي واهڻ واهڻ، وستي وستي، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر مان پير پٿون ڪندي سنڌ ۽ سيد جو پيغام پهچايو ۽ پهريون دفعو ڪراچي شهر، جيڪو ڌرتي ڌڻين لئه ڄڻ ته نوگو ايريا بنجي چڪو هو اُتي لکن جي تعداد ۾ وطن جي آزادي جي نعري جي گونجار ۾ سنڌي ماڻهن جو سمنڊ گڏ ڪري ان خوف ۽ ڀوَ جي ديوَ جي منڍي مروڙي ڇڏي.
    ڇا ڪنهن کان وسري سگهي ٿو 7 نومبر 2012ع وارو فريڊم مارچ جنهن ۾ به سڄي سنڌ مسلسل هڪ مهينو بنا وقفي جي، جنهن جي هر ڏينهن جو اکين ڏٺو گواهه آهيان ته هڪ ڏينهن جي اندر 23، 20، 19 پروگرام، گڏجاڻيون جلسا ڪندي ڪاري رات مان اڇو صبح اُڀري ايندو هو، هڪ ڏينهن ٺٽي ضلعي جي دوري تي هياسين، ايتريون ته گڏجاڻيون هيون جو جتي رات جي ماني جو بندوبست هو اتي صبح جو 30-6 وڳي وڃي ماني نصيب ٿي. ايئن ان دوري ۾ ميرپور خاص ضلع جو پروگرام ۽ صبح جو عثمان شاهه جي هُڙيءَ ۾ ٽنڊوالهيار پهتاسين، جتي به ميزبانن سڄي رات پئي اوڄاڳو ۽ انتظار ڪيو. يادگار واقعا آهن، اهڙي ريت نتيجي ۾ 7 نومبر وارو فريڊم مارچ سنڌ جي آزاديءَ واري ڪيس کي عالمي سطح تي کڻي ويو.
    هي وڏيون ڪاميابيون، وڏيون محنتون، قربانيون ۽ جدوجهدون گُهرندڙ هونديون آهن، جيڪي سڀ وصفون منهنجي هن عظيم شهيد چيئرمين بشير خان قريشي ۾ موجود هيون. هو جڏهن ارادو ڪندو هو ته پوءِ ”ٽڪر ٽرن هي ٽري نه ڄاڻي“ واري ڪار تي ڪاربند هوندو هو، هو عاشق هيو منصور جو آواز بنجڻ هن کي ايندو هو، هو سرمد به بنجي ويندو هو ته ڏاهر، دودو، دولهه، دريا خان، مخدوم بلاول ۽ شاهه عنايت شهيد به.
    شهيد بشير خان قريشي 23 مارچ 2012ع لئه پنهنجي ساٿين کي ساڻ کڻي ٻه مهينا سُجاڳي مهُم لاءِ سڄي سنڌ ۾ نڪري پيو ۽ در، در وڃي سنڌي قوم کي اها ڳالهه ٻڌائِي جيڪا ڳالهه سائين جي ايم سيد کيس سمجهائي ۽ ٻڌائي ويو هو. ۽ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏيندو رهيو ۽ ان سڄي سموري سرگذشت کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صاحب پنهنجي قلم ذريعي قابو ۾ آندو آهي. ڊاڪٽر نياز صاحب اسان جي سنڌ ڌرتيءَ ۽ قومي تحريڪ جي اهڙن فردن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو جن جي ثابت قدمي ۽ فڪري ڪمٽمينٽ لازوال رهي آهي ۽ هو شهيد بشير خان جي با اعتماد ساٿين ۾ شمار رهيو آهي. اسان وٽ به سندن لاءِ الاهي گهڻو ادب ۽ احترام آهي. ڊاڪٽر صاحب جو هي قلمي پورهيو سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ جو هي سنڌ جي هڪ سچي تاريخ آهي.


    پنهنجي پاران

    5 اپريل تي هميشه جيان ڄاتل سُڃاتل نمبر تان رنگ آئي، فون اٽينڊ ڪرڻ کانپوءِ آواز آيو. هلين ٿو، جواب ڏنم ڪاڏي با؟، ڇو توکي عطا وسطڙي جي شادي جو سڏ نه آهي ڇا؟ آهي، پر مون جيڪي 23 مارچ جي سلسلي ۾ ڊائريون لکيون هيون اُهي فيئر ٿو ڪيان ته جيئن اهي ڪوشش ڪري سائين جي ايم سيد جي ورسي تي ڇپائي ڪتابي صورت ڏئي سگهان. ها بس پوءِ تون نه هل، اهي فيئر ڪري جلدي لکي وٺ ته ڇپائي مان ٿو ڏيانءِ ۽ توکان سواءِ اسانجي جدوجهد سان ڪير انصاف ڪندو ۽ مان تنهنجي طرفان تنهنجي مبارڪي به لکرائي ٿو ڇڏيان. ٺيڪ آ سائين!.
    مونکي شهيدِ سنڌو ديش آخري حڪمن مان اهو به هڪ حڪم ڪيو هو. جنهن کي تنظيمي ذميوارين کان ڪجهه فارغ ٿيڻ کانپوءِ مڪمل ڪري اوهانجي هٿن تائين ڪتابي صورت ۾ پهچايو اٿم. ان دوري ۾ شامل هر هڪ دوست جو پنهنجو پنهنجو ڪردار هو. زوهيب قريشي ڪلهي ۾ ڪليشنڪوف ۽ هٿ ۾ ڪئيمرا کڻي هر پروگرام جا فوٽو ڪڍي رات جو ليپ ٽاپ تي فيڊ ڪندو هو. جنهن کي وسارڻ پڻ زيادتي ٿيندي. غفار شيخ جيڪو شهيد سنڌو ديش بشير خان قريشي جو ڊرائيور هو. جنهن کي مان مُشڪي نالي سان سڏي کيس ڀوڳ چرچا ڪندو هئس، اهو هميشه جيان قومي قافلي ۾ گڏ هو.
    7 اپريل جا پهريان پهر رات جا 12:35 ٿين ٿا. فون اچي ٿي جيڪا مون ڏي شهيدِ سنڌوديش جي آخري فون ثابت ٿي. 7 اپريل تي رکيل جيئسميٽ ڪائونسل ۽ ٻين مسئلن تي تقريباَ َ 20،25 منٽ ڳالهيون ٿيون. فون رکڻ کان پوءِ ڪجهه وقت ۾ اها فون ٿي. جنهن مان ايئن چوڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ٿو ڪيان ته اهو واقعو ڄڻ سنڌ جي ڪربلا، جهڙو ٿي ويو. ها مان چاهيان ٿو ته 24 مارچ کان وٺي 9 سيپٽمبر 2012ع تائين هڪ هڪ جيڪو واقعو ٿي گذريو آهي. ڪيئن شهيدِ سنڌو ديش اهي پَل گذاريا آهن. رتيديري ۽ خاص طور تي لاڙڪاڻي ۾ ڪيئن ٻين ڪارڪنن کي پري ڪري شهيدِ سنڌو ديش کي پيسٽريون ۽ چانهه پياري وئي. زندگي ملي ته ”سنڌ جي ڪربلا“ نالي اهو ڪتاب پڻ لکبو. هن ڪتاب ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن واقعي يا ڪارڪن جو ذڪر رهجي ويو هجي. جيڪو مان ڪنهن به صورت ۾ ڄاڻي واڻي نه ڪيو آهي. منهنجي حوالي سان ٻه ٽي ڪم هيا، پنهنجي گاڏي جي ڊرائيونگ به ڪري رهيو هئس. ڊائري به لکندو پئي ويس ۽ تقريرن جو مواد پڻ تيار ڪندو پئي ويس.
    بحرحال هي ڪتاب، جنهن ۾ سياسي ورڪ ڏيکاريل آهي، اها خاص طور تي شهيدِ سنڌو ديش بشير خان قريشي جي حڪم تي لکي ڇپائي رهيو آهيان. هن ڪتاب کي ڇپائڻ ۾ مونکي ٻين به گهڻن قومي ڪارڪنن اُتساهيو. جن ۾ سرفراز ميمڻ صاحب به آهي جيڪو عهديدار نه هئڻ جي باوجود به لاڙڪاڻي کان دوري ۾ شريڪ ٿيو ۽ هڪڙو پَلَ به شهيد سنڌو ديش کان جُدا نه ٿيو. هي ڪتاب ساگر حنيف بڙدي، بخشل باغي، ستار سُندر ۽ اخلاق جوکيي جي محنتن ۽ ڪاوشن کان سواءِ ڇپجي نه سگهي ها. ڪمپيوٽر ۾ تصويرون ڪڍي ڏيڻ لاءِ پنهنجي پٽ هيمون ڪالاڻي ۽ ڌيءَ ڪائنات ڪالاڻي جو پڻ ٿورائتو آهيان. جن مونکي شهيدِ ديش جو حُڪم پورو ڪرڻ ۾ مدد ڪئي.
    ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي
    3 جنوري 2013ع
    حيدرآباد، سنڌ.


    سنڌ گُهري ٿي آزادي : 7 نومبر 2009ع:

    مونکي سموري سنڌ آرٽ محسوس ٿيندي آهي. سائنس جي اهميت ڀلي ڪيتري بهه جي ۽ هر وڏي سائنسي ڪارنامو جڏهن سنڌ ۾ پهچندو ته سنڌي ان کي آرٽ جي اک سان ڏسندا آهن. سائنس جي ترقي کان انڪار ڪونهي، سنڌ کان سوين ميل پري فلسطين ۾ وڙهندڙ قومي سپاهيءَ جي جسم ۾ لڳل گولي کانپوءِ ان سپاهي جو زمين تي ڪرڻ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ٿورن سان ڏسي سگهجي ٿو، پر ان زخمي قومي سپاهيءَ تي ان وقت جيڪا ڪيفيت هوندي آهي ان کي محسوس ڪرائڻ سائنس جو نه پر ادب ۽ آرٽ جو ڪمال آهي، ٻي پاسي جٿي ڪٿي يونيورسٽين ۾ پوليٽڪل سائنس ڊپارٽمينٽ، سائنس فيڪلٽي ۾ هوندو آهي، پر مادر علمي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پولٽيڪل سائنس شعبو آرٽ فيڪلٽي ۾ ڏسي، مون کي حيراني ٿي هئي. ان معاملي تي يونيورسٽيءَ جي ڪجهه استادن ۽ سياستدانن سان بحث به ٿيو هو پر جڏهن سنڌ يونيورسٽيءَ جو شجرو ڏٺوسين ته علامه آءِ آءِ قاضي،ميران محمد شاه ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد تي نظر پئي، سمجهه ۾ آيو ته سياست جي سائنسي انداز جي ڀلي ڪيڏي به اهميت ڇو نه هجي پر سنڌ سياست کي به آرٽ جي اک سان ٿي ڏسي. ان سموري صورتحال کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ جي سياسي افق تي ”پوليٽڪل آرٽسٽ“ هو، جيئن آرٽ ماڻهن کي موهي وجهندي آهي، تيئن شهيد بشر خان قريشي جو هر عمل ماڻهن کي موهي وجهندو هو. مسئلن کي سمجهڻ ۽ ٻين کي سمجهائڻ جو هن وٽ وڏو آرٽ هو. سنڌ ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي مسئلن کي، سائنسي سوچ رکندڙ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن، سنڌي ماڻهن اڳيان سائنسي انداز سان پيش ڪيو پر ماڻهن انهن ڏي سوچڻ ته پري جي ڳالهه ڏسڻ به گوارا نه ڪيو پر جڏهن شهيد بشير خان، ڳالهائيندو هو ته سنڌ ۽ مسئلا وجود ۽ تصوير جي شڪل ۾ ماڻهو ڏسندا ۽ محسوس ڪندا هئا. ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته سائين جي ايم سيد، سنڌ ٻُڌائي ۽ شيهد بشير خان قريشي، سنڌ ماڻهن کي ڏيکاري. ڪيترائي اهڙا ماڻهو جيڪي سنڌ کان لاتعلق هوندا هئا، پر بشير خان قريشي جي چهري ۾ سنڌ ڏسي، سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري پوندا هئا. بقول مرشد لطيف جي ته:
    مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪا، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
    اهو آرٽ ان وٽ ئي هو جو ڏکيا مسئلا کڻندو هو ته ماڻهو ان کي سولو سمجهندا هئا، هو ڏکين، اڙانگين منزلن جي ڳالهه ڪندو هو ته ماڻهو اُن کي سهنجو سک ۽ خوشيءَ جو پنڌ محسوس ڪندا هئا، هن جي پيرن ۾ پارس هو، جتي به ويندو هو مُلڪ سونُ ڪري ايندو هو. ڪجهه دوست ۽ مخالف شهيد بشير خان تي تنقيد ڪندا هئا ته هو اشو پالٽيڪس ٿو ڪري پر شهيد ته انڊيا جي لوڻ واري تحريڪ ۽ پوءِ نان ڪوآپريشن ۽ آخر ۾ ڪئويٽ انڊيا واري جدوجهد ۽ ڄڻ دنيا جي مرحلي وار جدوجهدن جو ادراڪ رکندو هو ۽ انهن پر متڙين دوستن ۽ نا سمجهه مخالفن کي چوندو هو ته، سنڌ جو هر اشو جيتوڻيڪ سنڌلاءِ موت ۽ زندگيءَ جو معاملو هوندو آهي، پر اُهو ڪهڙو جلوس، جلسو، ريلي ۽ ڌرڻو آهي، جتي سنڌي ماڻهن کي، شهيد بشير خان، غلام سنڌ جو چهرو نه ڏيکاريو هجي. جدوجهد ڀلي اشوز تي هلندي هئي پر ڳالهه ۽ نعرو سنڌوديش جي آزادي وارو ئي هلندو. شهيد هڪ حاذق حڪيم وانگر، ڪمزور ۽ ضعيف مريض کي لائيٽ ڊوز ذريعي هاءِ ڊوز هضم ڪرڻ لاءِ تيار ڪري صحتمند ڪرڻ چاهيندو هو ۽ بابنڙا پائيندڙ ٻار کي ڊوڙون پارائڻ لاءِ پهرين چيچ کان جهلي هلڻ سيکاريندو هو ۽ دنيا ڏٺو، اهي سنڌي، ماڻهو جيڪي نه رڳو سياست کان لاتعلق هئا پر سنڌ کان ته صفا لاپرواهه هئا، انهن سنڌين کي، صرف سنڌ جي آزادي لاءِ، لکن جي تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪيئن گڏڪيائين. ۽ڪراچي جنهن لاءِ پاڪستاني رياست اهو تاثر عام ڪيو آهي ته جيڪو ڪراچي ويندو اهو يا ته مُردو ٿي موٽندو يا ان جو لاش ٻوريءَ ۾ بند ڪٿي گهٽيءَ ۾ پيو هوندو، پر 7 نومبر تي دنيا ڏٺو ته لکين سنڌي سر جو سانگو لاهي، سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيئن ڪراچي پهتا هئا. 7 نومبر 2009ع واري شاندار اجتماع نه رڳو سنڌ دشمن قوتن پاران ڪراچيءَ بابت ڪيل خدشن کي ختم ڪري ڇڏيو هيو پر آزادي ۾ ايمان وڌائڻ سان گڏ سنڌ جي طاقت کان به واقف ٿيا هئا. سنڌ جو تختگاهه ڪراچي جيڪو انٽرنيشنل شهر به آهي، اُتي لکين ماڻهو گڏ ڪرڻ ڪو ننڍو چئلينج هيو ڇا؟ اهو چئلينج قومي تحريڪ جي قوت حيثيت، اهميت جو سوال به هو ۽ ٻي طرف اسان جي گودڙين ۾ گلن کانسواءِ ٻيو ڇا هو، پر جڏهن شهيد جي اڳواڻيءَ ۾ قافلو نڪتو ته صوفين جي بقول ته فقير ئي بادشاهه هوندا آهن. فيصلو ٿيو ته 7 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ عاليشان پروگرام لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ مهينو مسلسل محنت جي ضرورت آهي. 7 آڪٽوبر کان هي فقيرن جو سُنگ، سنڌ جي سڳنڌ سان واسجي، گلشن حديد کان روانو ٿيو. گلشن حديد وارو علائقو ضيا الحق طرفان اسٽيل مل جي پنجابي آفيسرن ۽ ملازمن جي رهائش لاءِ منتخب ڪيو هو ۽ اها حقيقت آهي ته گلشن حديد ۾ جيستائين بشير خان نه آيو هو، تيستائين گلشن حديد ”ننڍو پنجاب“ محسوس ٿيندو هو. حقيقت ۾ قافلي جي ابتدا، بشير خان قريشي، مڪلي، جتي سنڌ جي تاريخ جون ڪيتريون ئي اڻ لکيل ڪهاڻيون دفن آهن، اُتي، سنڌ جي قومي نمائندگي ڪندڙ ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائڻ سان ڪئي ڄڻ ته ڄام نظام ۽ دولهه دريا خان کي قافلي جون واڳون ڏئي اڳتي وڌيا.
    سجاول ۾ محمد رفيق نوحاڻي جي والد جي دعا کانپوءِ ڳوٺ محمد عارف لغاري ۾، هر ڳالهه مُنهن تي چوڻ واري قومي ڪارڪن نظير لغاري جي چانهه پي، اجرڪن جا تحفا وصول ڪري، ڳوٺ گونگڙي ۾ به گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي ڪراچيءَ پهچڻ جي دعوت ڏيندي ڳوٺ نبي بخش کوسو ۾ پڻ ڪارنر گڏجاڻي ڪئي، سدا واهه جي ڪپ تي پڻ ڳوٺاڻن سان سائين رب ڏنوشاهه ۽ ٻين سان قومي ڪچهري ڪري نڪتاسين، اڳيان روڊ موري تي ڪارڪنن ۽ عام ڳوٺاڻن قافلي جو وڏو گرم جوشيءَ سان استقبال ڪيو، جتان اوٺا قبيلي جي سردار محمد اشرف اوٺو جي ڳوٺ منجهند جي ماني رکيل هئي، اوٺا قبيلي جي وڏن سردارن لاءِ مشهور آهي ته حق جا فيصلا ڪرڻ ۾مشهور آهن. اسان جي قافلي کي به مانائتو مان ڏنو ويو هيو. اتان ڳوٺ مير محمد جتوئي ۾ پهتاسين، جتي غلام جتوئي ۽ ٻين کي قومي دعوت ڏئي، اجرڪ جا تحفا وصول ڪري چوهڙ جمالي وڏي استقبال کانپوءِ پهتاسين. چوهڙجمالي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي سنڌ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ دعوت ڏئي، جاتي شهر ۾ وڏو جلسو هو جتي پڻ تقريباً سمورن اڳواڻن تقريرون ڪيون. ائين فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، محمد راهمون، حبيب ڀٽو، غلام نبي کٽي، جمال ناصر، نظير لغاري، اڪبر قريشي، منير جمالي، اياز آخوند ۽ ٻيا بشير خان قريشيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ جاتيءَ ۾ سائين رسول بخش قريشي درگاهه جي خليفي وٽان چانهه جو ڊوز هڻي، جاتي پريس ڪلب ۾ صحافي دوستن سان ڳالهه ٻولهه ڪري، اچي سجاول ۾ ماڻهن کي دعوت عشق ڏني سين، ائين رات اچي گجو شهر ۾ ميمڻ برادري طرفان رکيل سموري سنگت لاءِ ڪيل ماني کائي، واپس گلشن حديد پتاسين، جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
    8 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ڪراچيءَ جي ضلعي ملير جي لاءِ ٻن ڏينهن جو دورو رکيل هو، اڄ ان خدائي خدمتگار قافلي ۾ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ نورالدين جمالي به ڳوٺ پير سرهندي کان اچي گڏيا. رزاق آباد ۾ سموري ڪراچيءَ جي چپي چپي کان واقف، سنڌي لوڪ ادب جي ڄاڻو سائين خدا ڏنو شاهه کي قومي ڪاڄ جي دعوت ڏئي، اجرڪ ڪلهن تي پائي، ڳوٺ پير سرهنديءَ ۾، پير منصور سان دعا، سلام ۽ دعوت ڏئي اچي شيدي ڳوٺ ۾ وڏي ڪارنر گڏجاڻيءَ ۾ پهتاسين. هتي بشير خان قريشي ۽ ڊاڪٽر صفدر سرڪي تقريرون ڪيون، اتان ئي، اچي ڳوٺ در محمد بلوچ پهتاسين جتي پيپلز پارٽيءَ جي کلڻي ملڻي ايم پي اي حڪيم بلوچ وٽ پهچي، ڪچهري ڪري 7 نومبر جي دعوت ڏئي ڳوٺ مزار خان جوکئي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ گڏ ٿيل سنڌين سان مخاطب ٿي قومي ڪاڄ جي دعوت ڏئي اچي درسائو ڇنو پهتاسين. چيو وڃي ٿو ته هتي تعليم جو آکارو هوندو هو. هتي ڇنو اڏي درس ڏنو ويندو هو، ان ڪري ان کي درساڻو ڇنو چيو ويندو هو. اُتي به هتان جي اڳوڻي ناظم مجاهد جوکيي سموري سنگت جي روايتي آئو ڀڳت ڪئي ۽ ڳوٺاڻن سميت 7 نومبر تي پروگرام ۾ پهچڻ جو يقين ڏياريو. اڳتي هلي ميمڻ ڳوٺ ۾ رفيق خاصخيليءَ جي اوطاق تي ڪارنر ڪچهري ٿي. ان کانپوءِ ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ۾ جلسو جتي اڳواڻن کي اجرڪن سان سينگاريو ويو. هتان جو معزز امير بخش خاصخيلي به گڏ هو. ايئن اڄ جو آخري پروگرام کوکرا پار ۾ شهيد حڪيم نوتيار ۽ شاهد نوتيار جي ڀاءُ جاويد نوتيار جي وفات تي دعا جا هٿ کڻي اچي گلشن حديد ۾ ماني کاڌي سين، اڄوڪو ٽوئر ان علائقي جو جيڪو سڏجي ته ڪراچي ٿو پر انهن علائقن ۾ اسان کي ڪراچي ڪٿي به نظر ڪونه آئي، سنڌي آبادي ۽ قديم آبادي هجڻ جي باوجود ڪا به ترقي نظر نه آئي.
    9 آڪٽوبر 2009ع: اڄ اسان کي گهوٽڪي پهچڻو هو ۽ هاڻي اتان کان ئي ضلعن جو دورو ڪرڻو هو، سموري سنگت گلشن حديد کان، فقير امداد منگي، ساگر بڙدي، آصف بالادي، نعيم منڌرو، زوهيب قريشي، حبيب ڀٽو، نعيم ڦل ۽ ٻيا نڪتاسين. حيدرآباد ۾ سائين عابد شاهه ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي هڪ انوکي گمنام ڪردار فيض جکري جي ڀاءُ پريل جکري سان ملاقات ٿي، فيض جکري جهڙو بهادر ڪو ورلي ملندو، هو بشير خان قريشي يا سنڌ لاءِ هر ڏکئي معاملي ۾ ڪُڏي پوندو هو. هو لاکي ڦلاڻي جون سڪون لاهيندو هو.
    جکري جهڙو جوان، ڏسان ڪونه ڏيهه ۾.
    اڳتي هلندي هنڱورجا ۾ انتهائي نرم دل، سخي مرد سائين ڪاظم شاهه وٽ ماني جا ٻه گرهن هڻي هر فن مولا اوٺي صاحب کان موڪلائي اڳتي وڌياسين، رستي ۾ ٺيڙهي وٽ امجد مهيسر، لالڻ ويسر، مير حسن بوزدار گڏيا، ۽ سکر باءِ پاس وٽ جسقم ضلعي سکر جو صدر غلام مصطفيٰ ڦلپوٽو سنگت سميت بيٺو هو. بشير خان قريشي عهديدارن کي هدايتون ڏيندو اڳتي پئي وڌيو. پنو عاقل جتي تمام وڏي فوجي ڇانوڻي آهي ۽ انهن ڍول سپاهين جي معرفت سنڌ جي غلاميءَ جي زنجيرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جڏهن هتي فوجي ڇانوڻي ٺاهي پئي وئي ته سنڌين جي زمينن تي به قبضو ڪيو ويو ۽ ڳوٺن جا ڳوٺ فوجي بلڊوزرن هيٺ آيا هئا. پنو عاقل ۾ حمير علي ماڪو وٽ تعزيت ۽ عرفان بلو وٽ چانهه پي، گهوٽڪي روانا ٿياسين.اُها گهوٽڪي جيڪا سنڌ جي هڪ پراڻي قبيلي گهوٽا سان منسوب آهي، اها گهوٽڪي پيداوار جي حوالي سان سنڌ خوشحال ڪري سگهي ٿي پر اتان نڪرندڙ تيل-گئس ۽ ڀاڻ جي فيڪٽرين ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر به ڪونهن. سنڌ جا وڏا قبيلا ۽ انهن جا سردار هن ضلعي ۾ آهن، جيڪي پاڻ ۾ قبيلائي دشمنيون پاڙڻ ۾ پورا آهن. مهر سردارن وٽ پنجاب جو ڀنگي ته هنن سان گڏ ويهي سگهي ٿو پر ڪوبه معزز مهر برداريءَ جو هنن سان گڏ کٽ يا ڪرسي تي وهي نه ٿو سگهي. چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ وڏن جاگيردارن ۾ مهر پهرين قطار ۾ آهن. پر ان گهوٽڪيءَ جي اڇي ڪاري جا مالڪ فوجي يا پنجاب وارا آهن. جس آهي مهر برادري جي نوجوانن کي، جيڪي قبيلائي زنجيرون ٽوڙي سنڌ سان ناتو جوڙيو ويٺا آهن. گهوٽڪيءَ ۾ وڏو جلسو ٿيو. جتي اڳواڻن خوبصورت تقريرون ڪري سامعين کي سنڌ جي چهري جا تاثر ڏيکاريا. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڳوٺ مسو ڪلوڙ ڀرسان محمد رفيق ڌاريجو ۾ ننگر ڪيوسين ۽ ڳوٺاڻن کي قومي ڪيس کان واقف ڪيوسين.
    10 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي خيرپور ميرن واري جو دورو رکيل هو. ان ڪري رات دير سان اچي ضلعي صدر امجد مهيسر جي ڳوٺ وڏا مهيسر اچي پهتا هئاسين. صبح جو نيرن ڪري، ڳوٺ وڏا مهيسر ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي ۽ پوءِ اتان اڳتي وڌياسين. ٽنڊو مستي اسٽاپ جي ڀروارن قائم خان مري ۽ شاهه لطيف يونيورسٽي جي پُرجوش نوجوانن استقبال ڪيو ۽ پوءِ ڊرٻ مهر شاهه ۾ جلسي ۾ پهتاسين، جتان ٿي گمبٽ ۾ ڪارنر ڪچهري ڪري، گمبٽ ۾ ميڊيا سينٽر جو افتتاح ڪري، پريس جي سنگت سان ڳالهه ٻولهه ڪري اڳتي روانا ٿياسين. راڻيپور ۾ وڏو استقبال ٿيو ۽ اچي سوڀو ديري ۾ جلسي ۾ پهتاسين ۽ پوءِ، ڳليان پريم نگر ديان. حضرت عشق گهايم، جي شاعري کي آواز ڏيندڙ سهراب فقير جي علائقي ٽالپر وڏا اچي ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب هڻي، بوزدار وڏا آياسين جتي به جلسو رکيل هو. اڳواڻن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا، جلسي کي بشير خان قريشي، ساگر حنيف بڙدي، آصف بالادي، صفدر تنيي، امجد مهيسر، منير حسن بوزدار، وقار پنهيار تقريرون ڪيون. رات جي ماني پياري شفيق پنهيار جي ڳوٺ بگودڙو ۾ کاڌيسين. اتي به ڪيترائي ڳوٺاڻا گڏ ٿيل هئا، جن کي قومي دعوت ڏئي رات رهڻ لاءِ مديجي ۾ گدا حسين سهتي وٽ گڏجي پهتاسين. اتي هڪ سگهڙ ڳجهارت ڏني هئي، سنڌ جا سگهڙ به هر شيءِ تي نظر رکندا آهن. سگهڙ نه رڳو سٺا گهڙيندڙ هوندا آهن پر هنن کي سئوگهڙ ۽ سونهن گهڙ به چئي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ سگهڙ گهڻو ڪري اڻ پڙهيل هوندا آهن پر هنن وٽ ڪمال جو علم هوندو آهي. سگهڙ سنڌ جي لوڪ ادب جو سينگار آهن ۽ لوڪ ادب سنڌ جي مستند قومي تاريخ لاءِ بنيادي ڪم ڏئي سگهي ٿو. سنڌ جي قومي تاريخ، جيڪا اڃان تائين لکي ئي ڪونه وئي آهي. سنڌ جون جيڪي تاريخون لکيل آهن انهن مان اڪثر انهن مورخن لکيون آهن جيڪي درٻار جي اوبر تي پلجندڙ هئا. مديجي ۾ هڪ سگهڙ جي ڳجهارت هئي ته:
    شهر نه آءُ، شهر آءُ، نالو ٿي ته نالو لڳين.
    ڀڃڻي: شهر. مديجي، شهر- گڏيجي- نالو- مٺو- نالو پيارو. سڄي ڳجهارت: مديجي (خراب خيال)سان نه اچ پر گڏيجي (گڏيل يا سٺي خيال) سان اچ. مٺو ٿي ته پيارو لڳين.
    11 آڪٽوبر 2009ع: نيرن گداحسين سهتي وٽان ڪري، صحافي ساٿين سان حالي حوالي ٿي، ساٿ سرواڻ بشير خان قريشي، آڪاش ملاح، فقير امداد منگي، ساگر بڙدي، نعيم منڌرو، آصف بالادي، اختر موجائي، امام بخش عمراڻي، زوهيب قريشي، حبيب ڀٽو، صفدر تنيو، بيوس سنڌي، نعيم ڦل، گدا حسين سهتو، غفار شيخ (پائليٽ) گڏجي سنڌ جي ساهتي ضلعي نوشهروفيروز جي دوري لاءِ روانا ٿياسين، گڏيجي مان نڪرندي اتي ئي همت خان سهتي وٽ دعا گهري سين، جسقم ضلعي خيرپور وارن جي اها خصوصيت آهي ته جڏهن ڪو اڳواڻ ۽ خاص ڪري بشير خان قريشي ضلعي ۾ پهچندو آهي ته هنن کي مرحيات گهڻو ياد اچي ويندا آهن، پوءِ ايتريون ته دعائون گهرائيندا آهن جو اسان مرحومن مان بيزار، مرحيات اسان مان تنگ ٿي پوندا آهن. دعائون گُهري گهري اڌ حافظ ٿي پوندا آهيون. هڪ ڀيري جيئن ئي بشير خان سان گڏخيرپور ضلعي ۾ پهتاسين ته صبح کان اچي جو دعائون گُهرڻ شروع ٿياسين جو اڌرات ٿي وئي، مُردا ختم ئي نه ٿين. جڏهن رات دير سان دعائن مان واندا ٿياسين تڏهن بشير خان، ضلعي صدر امجد مهيسر کي مذاق ڪندي چيو ته ابا اڃان راضي نه ٿيو هجين ته هي رپيٽر کڻي ڪو ماري اچ ته ان جي به دعا گهرون. هنڱورجا اسٽاپ تي ڪارڪنن استقبال ڪيو ۽ پريس ڪانفرنس ٿي. ائين ئي رسول آباد ۾ قومي ڪارڪنن استقبال ڪيو. شهيد فهيم ميمڻ جي شهر رسول آباد ۾ ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائي بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن کي دعوت ڏني، ضلعي نوشهروفيروز جي قومي ڪارڪنن ضلعي جي حد ڪوٽڙي ڪبير کان قومي سرواڻن جو استقبال ڪيو ۽ ڀرسان ڳوٺ مولا بخش ٻوهيو ۾ جلسو رکيل هو. جتي نذير ٻوهيو. آصف مهدي شاهه، امام بخش عمراڻي، ساگر حنيف بڙدي، آصف بالادي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي، پنهنجي پنهنجي انداز سان خوبصورت تقريرون ڪيون. اتان ٿي ڳوٺ ڏيوڻا موري (شاخ) تي به ڪارنر ڪچهري ٿي ۽ پوءِ سنڌجي يگاني ۽ سچار ليکڪ ڊاڪٽر نجم عباسي جي شهر، خونواهڻ پهتاسين، نجم عباسي قومي اڳواڻن سان اختلاف رکڻ جي باوجود آزادي پرست ماڻهو هو، هن پنهنجي وصيت ۾ چيو هو ته سنڌجي آزادي کانپوءِ قبر تي ڏيئا ٻارجو. خانواهڻ ۾ سڪندر سومري وٽ دعا گُهري، ڳوٺ پير وتيو پهتاسين. هن ڳوٺ جو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ اهم نالو آهي، هتان جا دوست روشن نانگور، ساجن نانگور، ذوالفقار نانگور سنڌ، سيد ۽ بشير خان جا عاشق آهن. هي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته جڏهن ته ڪالا باغ ڊئم خلاف جسقم طرفان ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو هو ته سرڪار وڏي ڪوشش ڪئي هئي ته اهو ڌرڻو ناڪام ٿئي. پوءِ ڌرڻي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن ڪوشش ڪئي هئي. هزارين پوليس جا سپاهي گڏ ٿيا هئا، دادو، مورو، نوشهروفيروز کان سکر تائين روڊن جي ٻنهي طرفن کان پوليس جون قطارون لڳايون ويون هيون، اُهو ڏينهن ڄڻ پوليس ۽ آزادي پسندن لاءِ امتحان هو. هزارين گولين جا رائونڊ فائر ٿيا هئا، آنسو گئس جا به هزارين شيل ڇوڙيا ويا هئا ته ٻي طرف جيئن ته هٿيارن لاءِ سختي سان منع ٿيل هئي پر هر قومي ڪارڪن وٽ ديسي هٿيار گوليلي ۽ ڏنڊو موجود هو. ان تي قافلي ۾ اسان جو هڪ دوست عبدالحق ميراڻي شهيد ٿي ويو هو. ان واقعي تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو پر مختصر ته ان واقعي ۾، ساگر حنيف بڙدي، حفيظ هڪڙو، سرمد ميراڻي، بخشل سومرو، خادم راڄپر، مشتاق بڙدي، وهاب پلهه، سميت 300 ٽي سو ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا هئا. جيڪي ڇهه مهينا، سکر جيل ڊسٽرڪٽ سکر جيل، خيروپور ميرن واري سينٽرل جيلن ۾ رکيا ويا هئا ۽ ان گرفتار ٿيلن ۾ جيڪو ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو ٻار گرفتار ٿيو هو، اهو هن ڳوٺ جو ننڍرو ساجن نانگور هو. اهو ڪيس بشير خان، ڊاڪر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين تي به هو پر اهو اتفاق هو يا سوچي سمجهي ڪيو ويو هو ان ڪيس ۾ مک جوابدار ننڍڙي ساجن نانگور کي ڪيو ويو هو. ڪورٽ ۾ وڏي آواز سان ننڍڙي نانگور ساجن کي سڏ ٿيندو هو ۽ بشير خان سميت سڀ جوابدار پوءِ جج وٽ پيش ٿيندا هئا. ڳوٺ پيروتيو کان ٿيندا هالاڻي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي، هالاڻي جو دُر محمد سيال قومي ڪارڪنن لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. بشير خان جو هي عاشق دُر محمد سيال هالاڻي ۾ ايندڙ ويندڙ ڪارڪنن لاءِ دسترخوان هر وقت حاضر رکندو آهي. ان کانپوءِ ڪنڊيارو ۾ جلسو ٿيو. جتي محبوب ابڙو، ساگر بڙدي، آصف بالادي، فقير امداد منگي ۽ بشير خان قريشي تقريرن جا جوهر ڏيکاريا، ڪنڊيارو ۾ نثار سومري وٽ دعا گهري ڳوٺ پير بخش اُڄڻ ۾، جيڪو قومي ڪارڪنن جو مورچو آهي، ڪارڪنن جي استقبال کانپوءِ منور اڄڻ، حنيف اڄڻ ۽ قومي ڪارڪنن جي جٿي سان گڏجي ٺارو شاهه پهتاسين، ڪنهن وقت ٺارو شاهه جو مائو مشهور هوندو هو ۽ شهر جي چؤنڪن تي هوڪا هوندا هئا ته ٺارو شاهه جو مائو، هروڀرو به کائو، هتي جلسو ٿيو. ٺارو شاهه مان ٿيندا اچي ڀريا روڊ پهتاسين. ڀريا روڊ، محراب پور ۽ پڊ عيدن ۾ پنجابي سيٽلر، جن کي علائقي جي سنڌي وڏيرن جو ساٿ آهي، اُهي شهرن کي ڄڻ پنجاب جا شهر ڪيو ويٺا آهن. ڀريا روڊ ۾ نظام ڪيريو وٽ دعا گُهري، امتياز تاج جي چانهه پي ڪارنر گڏجاڻي ڪئي ۽ جهنڊو ڦڙڪايو ۽ اتان ٿيندا اچي پڊ عيدن پهتاسين. بشير خان قريشيءَ جو حُر سڏائيندڙ شبير مبيجو، زاهد مري، ذوالفقار سومرو، انعام گل مري، وهاب پلهه، مسعود پلهه ۽ ٻيا دوست استقبال لاءِ آتا هئا. پڊ عيدن ۾ جلسو ٿيو. رات جي ماني شبير مبيجو وٽ هئي، وڏيرو قائم الدين مبيجو سميت سمورا ڳوٺ وارا بشير خان تان قربان پيا ٿيندا آهن. رات اچي پڊ عيدن شهر ۾ ڊاڪٽر قبال انصاري وٽ رهياسين.
    12 آڪٽوبر 2009ع: پڊ عيدن مان ناشتوڪري، ساٿ سرواڻ بشير خان جي اڳواڻيءَ ۾ آڪاش ملاح، فقير امداد منگي، ساگر بڙدي، نعيم منڌرو، حبيب ڀٽو، عطا وسطڙو، صفدر تنيو، زوهيب قريشي، آصف بالادي، ڪيهر انصاري، سرفراز ميمڻ، اسماعيل ڏاهري، امداد لغاري، گُل ڏاهري، بيوس سنڌي، ضلعي نوابشاهه جي دوري لاءِ روانا ٿياسين.
    منهڙو ڀرسان ڳوٺ رئيس غلام محمد جمالي وٽ ڪچهري ٿي، ماني کاڌي سين، جمالي رئيسن ڪراچيءَ لاءِ ٻه بسون ڏيڻ جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ دوڙ ويجهو ساٿي شڪور جمالي وٽ قومي دعوت ڏيڻ لاءِ پهتاسين. اتي مهمانن کي ٽوپيون.اجرڪون ۽ ٽُڪ جون رليون تحفي ۾ ڏنيون ويون. سيٺر اسٽاپ تي به وڏو استقبال ٿيو، اڳتي نوابشاهه جي قومي نظرياتي ڪارڪن مسعود خاصخيلي جي ڳوٺ دريا خان جلباڻي ڀرسان، وڏو استقبال ٿيو. ڳوٺ جي ڪيترين نياڻين،مسعود خاصخيلي جي گهرواري ادي مهه جبين خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ قومي اڳواڻن جو استقبال ڪيو. گُلن جي ورکا ڪئي وئي ۽ دعائون ڏنيون. ان کانپوءِ دوڙ پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڪچهري ٿي. دوڙ شهر ۾ جلسو ٿيو. ڳوٺ محمد ابراهيم ديناري ۾ قومي ڪارڪن احمد ديناري وٽ دعا گهري وئي ۽ ڳوٺاڻن کي قومي دعوت ڏني وئي، اڳتي بلاول خان ڪيريو سان ڳوٺ ۾ دعا ۽ دعوت جي رسم ٿي. قاضي اسٽاپ کان استقبالين سان ملي، قومي ورڪر ۽ جاکوڙي ڪارڪن شعبان ماٽي جي ڳوٺ پهچي. دعا گهري، کين قومي دعوت پيش ڪئي وئي، رستي ۾ ڳوٺ حاجي خان مري ۾ ڳوٺاڻن جو استقبال ۽سٺ ميل ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ جلسو ٿيو، سٺ ميل ڀرسان ڄام ڏاتار جي درگاهه آهي جتي ٻارهوئي ميلو لڳو پيو هوندو آهي، چوڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ڄام ڏاتار سنڌ جو شهيد اول راجه ڏاهر ئي آهي، ان تي تحقيق جي ضرورت آهي. ان کانپوءِ پي پي اڳواڻ ۽ وڪيل عنايت رند جي ڳوٺ قربان علي رند ۾، سندس والده جي دعا گهري وئي. ڳوٺ جان محمد خاصخيلي ۾ ڪارنر ڪچهري ڪئي وئي. ۽ پوءِ نواب شاهه ۾ پراڻي قومي ورڪر فدا چانڊئي جي گهر، (فدا چانڊيو جيڪو هاڻي صحافت جي ميدان تان قومي جنگ وڙهي رهيو آهي) اتي صحافين سان سنڌجا سور سليا ويا. ائين ريگل چوڪ تي استقبال، رفيق ملاح جي ڀاءُ جي دعا گهرندي. پراڻي قومي ورڪر ساجن مغيري سان عيادت ڪندي اچي سيٺ منظور (عظيم ٽرانسپورٽ) کي 7 نومبر جي قومي ڪاڄ جي دعوت ڏني سين. سيٺ منظور به سنگت کي اجرڪ ٽوپيون پارايون ۽ ايئن قافلو قائدعوام يونيورسٽيءَ پهتو جتي وڏو جلسو رکيل هو. يونيورسٽيءَ جي شاگردن جو جوش جذبو ڏسڻ وٽان هو. آصف بالادي، نعيم مينڌرو، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ ساٿ سرواڻ بشير خان قريشي تقريرون ڪيون، ساٿي تسليم خاصخيلي قومي گيت ٻڌائي جذبن کي وڌيڪ گرمي ڏني. ان کان پوءِ ڳوٺ شهمير راهو ۾ عمران راهو کي قومي دعوت پيش ڪري، ڳوٺ قيصر خان چانڊيو ۾ ساٿي پرويز چانڊيو کي دعوت ڏني وئي. هي ڳوٺ به تاريخي ڳوٺ آهي. جتي 1983ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هتان ڪيترائي ڳوٺاڻا، وحشي پنجابي فوجين هٿان شهيد ٿي ويا هئا، هن ڳوٺ جي ڀرسان ڳوٺ ۾ اسان جو پياري دوست ۽ جساف جو مرڪزي عهديدار ممتاز چانڊيي جوبه ڳوٺ آهي، ممتاز چانڊيو مڪمل طور انقلابي ۽ بهادر هو. هو پڙهيل لکيل نوجوان هو، هن کي حيدرآباد ۾ فريد جان سرهندي، پوليس مقابلو ڄاڻائي شهيد ڪيو هو، هن جي هڪ ليڊي پوليس واري سنگتياڻي هئي جيڪا هن جو لاش ڏسي، ورديءَ ۾ هجڻ جي باوجود بي هوش ٿي وئي هئي. ڳوٺ قيصر چانڊيو مان ٿي رات اچي نظام الدين انڙ وٽ رات ترسياسين.
    13 آڪٽوبر 2009ع: صبح نظام انڙ وٽان نيرن ڪري اڳتي وڌياسين. انڙ قبيلو سماٽ جو سربراهه آ، انڙ وڏو سخي به ٿي گذريو آهي. هن جي سخاوت جو اِهو طريقو هوندو هو جو صبح سويل هيرا، موتي يا سون ۽ چاندي جا ٽڪرا يا ٿيلهيون، ڏيندو هيون پر ڏيڻ جو طريقو اِهو هوندو هو جو زور سان اڇلائي هڻندو هو. سوالي اڪثر ڪري زخمي ٿي پوندا هئا. مرشد لطيف به چيو آهي ته،
    ”انڙ ۾ آس گهڻي، تنهان گهڻيرو ڊپ“
    قافلو دڙي مگسي ۾ جساف جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ شبير مگسي جي اوطاق تي پهتو. دڙي مگسي سڄو ڳوٺ قومي تحريڪ جو آهي.
    هاڻي اچي ڳوٺ دڙي مگسي پهتاسين. ڳوٺ وارن جون دوستيون ڀلي ٻين سان به هجن پر فيصلي واري گهڙي ۾ هو قومي تحريڪ سان بيهندا آهن. سائين جي ايم سيد کان وٺي شهيد بشير خان هن ڳوٺ کي پنهنجو گهر سمجهندا هئا، غلام محي الدين مگسي، آصف مگسي، نعيم مگسي، جاويد ۽ شاهد مگسي، ڊاڪٽر سڄڻ هجي يا انوکو ڪردار ڪمال الدين مگسي. مطلب ته ننڍا هجن يا وڏا، قومي تحريڪ جا سپاهي آهن. جوڳي اڳتي رميا ۽ اچي سعيدآباد پهچي استقبالي ساٿين سان ملي ڪارنر گڏجاڻيءَ کي خطاب ڪري، هالا باءِ پاس کان ٿيندا، هالا پريس ڪلب ۾ ميٽ دي پريس اڳيان پيش پيا. اتي بشير خان سميت استاد محمد راهمون، آڪاش ملاح، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، فقير امداد منگي، نعيم ميندرو، ساگر حنيف بڙدي، عطا وسطڙو،آصف بالادي، صفدر تنيو، رشيد ڏيٿو به موجود هئا. هالا ڀرسان لياقت ڏاهري وٽ دعا گهري مرشد لطيف جي درگاهه تي اچي مٿو ٽيڪيوسين.
    ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو،
    ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،
    ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي.
    بشير خان،درگاهه اندر وڏي آواز سان ڀٽائي جي بيتن ۾ دعا گُهري ۽ ٻاهر گڏ ٿيل ماڻهن سان مخاطب ٿيو، اتان ٿيندا، ملان مکڻ لڳ ٽنڊو آدم،وٽ وڏو استقبال هو. اجرڪ اوڍايا ويا، هاڻي سنڌجي ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي ڳوٺ سندس وڏي پٽ محمد خان جوڻيجي وٽ پهتاسين، شاهنواز جوڻيجو ڏکيا فيصلا ڪرڻ جو ماهر هو، اجرڪ جو پٽڪو ٻڌي جڏهن گهوڙي سواري ڪندو هو ته سنڌمرڪڻ لڳندي هئي. شاهنواز جوڻيجو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ جڏهن هو تڏهن ساگر حنيف بڙدي، سنڌ يونيورسٽيءَ مان گرفتار ٿي جيل آيو هو ۽ استاد محمد راهمون نياز ڪرناڻي ۽ ٻيا ساٿي جهوڪ شگر مل شاهه مراد وٽان گرفتار ٿي جيل ۾ پهتل هئا، بقول ساگر جي ته، هر روز جيل ۾ شاهنواز جوڻيجي سان ڪچهري ٿيندي هئي، هُو وڏو روايتي ماڻهو هو. سنڌ جي اهم ماڻهن شهرن، روايتن، ڪلچر تي جڏهن ڳالهائيندو ته ڪلاڪ گذري ويندا هئا، ساگر حنيف بڙدي جا ٻه مضمون، هڪ شاهنواز جوڻيجو جيل مان سائين جي ايم سيد کي ساري ٿو ۽ شاهنواز جوڻيجو جيل مان ڄام صادق کي ساري ٿو لکيا هئا. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ جڏهن جيل جي دوستن سان ملڻ آيو هو تڏهن ساگر حنيف بڙدي کي مذاق ۾ ميار ڏيندي چيو هئائين ته ٻيو سڀ ٺيڪ مضمونن ۾ لکيو اٿئي باقي هڪ ڳالهه نه لکين ها جو ان جو وقت ناهي، اها ڳالهه هيءَ هئي ته شاهنواز جوڻيجو جيڪو ڄام صادق جو دوست به رهيو ۽ ان جي عتاب ۾ به رهيو، شاهنواز چوي پيو ته ڄام جڏهن ڪرسي تي هوندو هو ته شينهن کان وڌيڪ طاقتور ۽ بهادر هوندو هو ۽ ڪرسي تان لهڻ کان پوءِ ڪُئي کان به ڊڄندو هو ۽ مون (شاهنواز) هن جا ٻئي دور ڏٺا. ان کانسواءِ هي ڳالهه به اهم آهي ته شاهنواز صاحب جيل ۾ ڪتاب به ڏاڍا پڙهندو هو. هڪ ڀيري مون ساگر حنيف بڙدي استاد محمد راهمون جي روبرو کانئس پڇيو ته سائين هي اردو جا ايڏا وڏا ڪتاب، ننڍن اکرن وارا ڪيئن ٿا پڙهي سگهو، شاهنواز چيو ته آئون هيڏي عمر ۾ به چشمون ڪونه پائيندو آهيان، ان جو سبب هي آهي ته صبح جو سوير اٿي ورزش ڪندو آهيان، اکين جي روشني وڌائڻ لاءِ صبح جو ٽنگون مٿي ڪري، رت جو دورو وڌائڻ لاءِ ايڪسرسائيز ڪندو آهيان. ٿُلهن شيشن واري عينڪ پائيندڙ استاد محمد راهمون جڏهن اهو ٻڌو تڏهن صبح جو اهو به ٽنگون مٿي ڪندو هو پر هر هر ڪري پوندو هو نيٺ چيائين ته ان ورزش کان انڌا چڱا آهيون. محمد خان جوڻيجي جي دعوت کائي، اجرڪ اوڍي ٽنڊو آدم ۾ رکيل جلسي ۾ شريڪ ٿياسين. پنهور پاڙي ۾ محمد خان پنهور سنگت جي وڏي خدمت ڪئي. شهر ۾ انور مري سان دعا سلام ڪري، ممتاز چاڪراڻي وٽ چانهن پي، قومي دعوت ڏئي اڳتي روانا ٿياسين. احمد ٻرڙا اسٽاپ وٽ جهنڊو ڦڙڪائي، گڏ ٿيل ماڻهن کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏئي ڳوٺ جلال مري ۾ غلام مصطفيٰ شاهه سان ڏيٺ ويٺ ڪري ڀڳڙو اسٽاپ تي استقبالي ساٿين سان ملي. شهداد پور شير ٽالاڻي وٽ دعا جا هٿ کنياسين. سنڌ جو ڪلاسيڪل داستان، سهڻي ميهار جا ڪردار به هن شهر شهدادپور سان واسطو ٿا رکن، هي شهر شهداد خان ٽالپر جي نالي سان آهي، هن شهر کي ٻڌرايو. ميهار جي قبر شهر اندر ۽ سهڻيءَ جي مزار شهر کان ٿورو ٻاهر آهي. اڳ ۾ اتان هاڪڙو درياهه وهندو هو. سهڻي ميهار کي پنجاب سان ڳنڍيو ويندوآهي پر هي سنڌجو ۽ خاص ڪري شهدادپور جي آسپاس جو قصو آهي، ميهار جو نالو ساهڙ ۽ ذات نڱامڙو هو. شهدادپور ۾ وڏو جلسو ٿيو. شريف ڪلهوڙو اسٽيج سيڪريٽري ۽ آجياڻو اڪبر مري ڏنو هو. مختيار چاڪراڻي ۽ تسليم خاصخيلي قومي گيت ٻڌايا هئا. مرڪزي باڊي تقريرون ڪيون هيون، رات جو ميرپور خاص ۾ نجف لغاري وٽ رات رهيا هئاسون.
    14 آڪٽوبر 2009ع: نجف لغاري وٽ صبح جو ناشتو پاڻي ڪري ميرپور خاص ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ انيس قائمخاني جي امڙ جي وفات تي دعا گهري سامارو ۾ شمشير شاهه وٽ چانهه بسڪيٽ جي سلسلي کانپوءِ پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي سين. سامارو جي وڏي چؤڪ تي وڏو جلسو ٿيو. سامارو شهر لاءِ به ڪي روايتون آهن ته هتي اڳ ۾ وڏو ٻيلو، جهنگ هوندو هو. جڏهن دودي سومري تي علا الدين خلجي ڪاهي آيو هو ته دودي سومري ڪجهه عورتون، ابڙي وٽ سامون ڪري موڪليون هيون، ۽ ڪجهه عورتون ته وري ابڙي ڏي وڃڻ بجاءِ گهران نڪري اچي هن وڏي ٻيلي ۾ لڪيون هيون. ان ٻيلي انهن سومرين کي سام طور پناهه ڏني هئي. ان ڪري اهو ٻيلو (سام+وارو) سام وارو مشهور ٿيو، اهو سام وارو ٻيلو هاڻي سامارو آهي. لياقت رستي اسٽاپ تي بيٺل استقبالي دوستن سان ملي اچي ڪنري شهر ۾ ڪارنر ۾ موجود ساٿين سان حالي احوالي ٿياسين. ڪُنري ۾ عبدالحسين ڪپري وٽ دعا جا هٿ کڻي، محمود آباد اسٽاپ وٽ دوستن سان ملي اچي امرڪوٽ لڳ روحل واءِ تي سائين جي ايم سيد جي اتساهه کي خوشبو بخشيندڙ جمن دربدر ۽ سنڌ جي نوجوانن جي دلين جي ترجماني ۽ انقلابي جذبي جي آبياري ڪندڙ حليم باغي ۽ ڪونڀٽ ٽارين تي ٽڙيل گلن جهڙي شاعر حاجي ساند جي ڳوٺ پهتاسين، ڪنڊڙي واري روحل فقير جي ڳوٺ، سنگت کي قومي دعوت ڏئي، اجرڪ، لنگيون، لويون تحفن ۾ وصول ڪري، اچي صوفي فقير ۾ صوفي عبد علي وٽ دعا ۽ دعوت ڏني سين. صوفي فقير شهر، جيڪو صوفي صادق سومري جي نالي سان منصوب آهي. صوفي صادق سنڌجو وڏو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. شاهه جي رسالي جيان صوفي صادق جو رسالو ”راڳنامو“ جي نالي سان مشهور آهي، صوفي صادق، جهوڪ شريف جي صوفين وٽان رڱيل آهي. چيو وڃي ٿو ته اڳ ۾ ڌاڙيل هو پر جڏهن کيس فيض مليو ته لوهه مان سون ٿي پيو. سندس هڪ بيت آهي ته:
    الله اوراهون ڇڏي، پراهون پنڌ پيا،
    بنا نالي سپرين، اڃان ڪي ٻيا،
    واڪيندا ويا، صادق ٻڌي سندرا.
    صوفي صادق سومري جي خاندان مان وڏا نالي وارا ماڻهو ٿي گذريا آهن، صوفي قلندر بخش جو ذڪر سائين جي ايم سيد به پنهنجا ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ ڪيو آهي، صوفي فتح علي اڃان حيات آهي ۽ هي به جيئري جاڳندي تاريخ آهي. صوفي فقير مان اٿي اچي ڳوٺ پنهون راڄڙ ۾ عبدالڪريم راڄڙ وٽ ريفريشمينٽ ڪري اجرڪن جا تحفا وصول ڪيا ويا، بشير خان قريشيءَ کي پٽڪو ٻڌرايو ويو. ائين غازي سمون سان سندس ڳوٺ ۾ ملاقات ڪري قومي دعوت پيش ڪئي وئي. ان کانپوءِ ڳوٺ هوندو آريسر ۾ جلسو ٿيو جتي بشير خان قريشي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، آصف بالادي، ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪيو، مجيب آريسر آجياڻو ڏنو جڏهن ته قومي ۽ مزاحمتي راڳي جمن دربدر ۽ ٻيجل سنڌي گيت ٻڌايا. رات اتي رهياسين. اِتي جلسي ۾ بشير خان قريشي جي ساٿ ۾، فقير امداد منگي، نعيم مينڌرو، ساگر بڙدي، آصف بالادي، عطا وسطڙو، زوهيب قريشي، قاري گهانگهرو، هارون ڪلهوڙو، اقبال هاليپوٽو، عبدالحق ملاح، قربان جروار، منصور لغاري ۽ ٻيا موجود هئا. هي ڳالهه به لکندو هلان ته بشير خان قريشيءَ جو پائليٽ غفار شيخ اسان جي قافلي ۾ ڊرائيور جي حيثيت ۾ نه پر دوست، ساٿي. قومي ورڪر ۽ تجزيانگار جي حيثيت ۾ قافلي ۾ گڏ هلندو هو. غفار شيخ ڪير سڏائي، سموري سنڌ جو هرگس ۽ پيچرو هن لاءِ اوپرو نه هوندو هو، هي بشير خان جي گاڏي جو ڊرائيور ۽ بشير خان جو محافط به هوندو هو. بشير خان جون منزلون ڏسي ٻيو ڪو ڊرائيور هجي ها ته ڊرائيوري ته ڇڏي ڀڄي ها پر رتيديري مان ئي لڏي وڃي ها.
    15 آڪٽوبر 2009ع: صبح جو مجيب آريسر وٽان ناشتو ڪري، وڏو بشير خان قريشي، محمد راهمون، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، فقير امداد منگي، ساگر بڙدي، نجف لغاري، نعيم مينڌرو، آصف بالادي، عطا وسطڙو، زوهيب قريشي، جميل ڌونڪائي، منظور ميمڻ، ضلعي ٽنڊوالهيار جي دوري لاءِ روانا ٿياسين. قافلو کيسانو اسٽاپ تي انتظار ۾ بيٺل استقبالي دوستن سان ملي اچي نصرپور ۾ جلسي ۾ پهتو. نصرپور جو نالو وٺڻ سان به دل ڌڙڪي پوندي آهي. چون ٿا ته شهيد مخدوم بلاول جي خلاف سرڪاري عالمن نصرپور ۾ گڏجي فتويٰ تيار ڪئي هئي، نصرپور جو هڪ ٻيو اهم ڪردار عبدالحق رباني به يگانو ماڻهو هو. هاري تحريڪ جو اڳواڻ، مولانا عبيدالله سنڌي جو عاشق، سنڌ پرست ماڻهو هو. چون ٿا ته مولانا عبدالحق رباني ڪنهن ”مير“ جي وفات تي علائقي جي ڪري جنازي نماز لاءِ پهتو، جڏهن ڏٺائين ته ميت کي پاڪستاني جهندو ويڙهيل هو ته، اتي دوستن کي چيائين ته مير تان اِهو جهنڊو لاهيو نه ته هي جهان ته هن کان ويو پر هن جهان جو به نه رهندو، پر جڏهن مرحوم جي مائٽن جهنڊو نه لاٿو ته هي سنڌ جو عاشق هي لفظ جنازي جي نماز پڙهڻ کانسواءِ هليو ويو ڌوڙ وڃي پائن. نصرپور ۾ صوفي بزرگ مصري شاهه جي گادي نشين سيد مريد علي شاهه سان ملاقات ڪري 7 نومبر واري قومي ڪاڄ جي دعوت ڏئي اٿياسين، جتي سائين مريد علي شاهه، مصري شاهه جي شاعري جو ڪتاب تحفي طور ڏنو. اتي نصرپور ۾ بئنڪ مئنجر، قومي ڪارڪن غلام مصطفيٰ پانڌياڻي وٽ اجرڪن جا تحفا حاصل ڪري، چانهه جون سُرڪيون ڀري، اڳتي ماڇي هوٽل وٽ سوين ماڻهن جي استقبال کي مُنهن ڏئي قُبو اسٽاپ وٽ سوين ماڻهن سان ملي اُتي جهنڊو ڦڙڪائي، الله بخش مگسي ۽ لاشاري برادري جي ماڻهن سان ملاقات ڪري، ڪراچيءَ جي دعوت ڏني وئي، هي قبو اسٽاپ جتي سنڌ جي وڏي عالم، لوڪ روايتن جي امين وتائي فقير جي مزار آهي، وتايو تمام علم ۽ دانش جون ڳالهيون ۽ سمجهاڻيون، کل ڀوڳ جي انداز ۾ پيش ڪندو هو، مثال هڪ ڀيري سندس ماءُ چيو ته رڌ بچاءَ لاءِ ڪو ٽانڊو يا باهه کڻي اچ، وتائي وراڻيو ته ڪٿان باهه آڻيان، ماءُ ڪاوڙ ۾ چيس ته دوزخ مان ئي کڻي اچ ته سنڌ جي هن ڏاهي وتائي وراڻيو ته امان دوزخ ۾ ڪا به باهه ڪونهي، اُتي هرڪو پاڻ سان گڏ باهه کنيو ويندو آهي. پير پٿورو (اڪڙي) ۾ جلسو ٿيو جتي ڳواڻن خطاب ڪيو ۽ پٿوري ۾ مڪيش جيسواڻي جي ڏاڏي جي دعا لاءِ پهتاسين.
    16 آڪٽوبر 2009ع: صبح جو سائين خدا ڏنو شاهه وٽان ناشتو ڪري تيار ٿياسين، واضح هجي ته خدا ڏنو شاهه اهو شخص آهي جنهن جو مامون حسن شاهه جنهن پهرين سنڌي فلم عمر مارئي ۽ پرديسي ۽ اردو فلمون آگ ڪا دريا ۽ استادون کان استاد ٺاهيون هيون. ٽنڊو الهيار ۾ سيد شوڪت علي شاهه وٽ ڪارنر گڏجاڻي ٿي ۽ پوءِ پريس ڪلب ٽنڊو الهيار ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي، عبرت جي جهوني نمائندي راجا اقبال وٽ قومي ڪچهري ڪري، بٺو اسٽاپ تي استقبالي دوستن هٿان گلن جي ورکا کانپوءِ اُتي جهنڊو ڦڙڪائي، بابو درس سان ملي ڳوٺ وريام سولنگي ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪائي، گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي 7 نومبر واري پروگرام جي دعوت ڏئي چمبڙ شهر ۾ رکيل جلسي کي مخاطب ٿياسين، ۽ اتان کان رات ڪراچي گلشن حديد پهتاسين.
    17 آڪٽوبر 2009ع: ذهن تي پٿريلو ۽ سنسان علائقو، رت ۾ ريٽا لاش، فوجي ورديون، جي ٿريون ۽ لانگ بوٽ، ڪوڙهيا چهرا، نظرن اڳيان ڦري اچن ٿا. هن ئي تاريخ تي سنڌ جي نوجوانن تي گولين جي بوڇاڙ ڪئي وئي هئي، سبب صرف اِهو هو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ خاص ڪري ڄامشوري جي وڏن تعليمي ادارن ۾ وڌندڙ قومي تحريڪ کي ٻُنجو ڏجي، ساگر حنيف بڙدي هڪ نثري نظم لکيو هو ته:
    هي ڪهڙي ڀلا آ ڪربلا،
    لرزي پيو ٿو آسمان،
    ۽ ڌرتي سڄي سڏڪي پئي،
    ٺوڙهي جي پٿريلي پَٽَ تي،
    اوپرن دڙڪن جي دهشت،
    اوچتو ئي اوچتو،
    جِي ٿريون ڇڙواڳ ٿيون،
    گولين جي گمسان ۾،
    دانهون سڀ دٻجي ويون،
    آزاديءَ جي متوالن جا،
    سينا، ڳل ڳاڙها ٿيا،
    مٽي ماٿي لائڻ وارا،
    ڌرتيءَ سان ڇاتي مليا،
    روايتي تاريخ کي تالو لڳو،
    شهيدن قلم کي رت آڇيو،
    ۽ هاشيه ڀرجي ويا،
    هئا لُت پُت رت ۾،
    تن جي رت جو، هر ڦڙو،
    طوفان ڄڻ بڻجي اٿيا،
    ڪنهن وڏي ويڙهاند لاءِ،
    سنڌي سڀ مڇري اٿيا،
    آزادي اعلان اسان جو،
    نعرو هڻي اڳتي وڌيا.
    گلشن حديد مان ٺوڙهي ڦاٽڪ جي امر شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ لاءِ بشير خان جي سرواڻيءَ ۾، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو، عطا وسطڙو، زوهيب قريشي، هارون ڪلهوڙو، قاري گهانگهرو نڪتاسين، گهگهر ڦاٽڪ وٽ ڊاڪٽر صفدر سرڪي به اچي گڏيو ۽ سمورا ساٿي، سنڌ جي سينڌ کي رت جي سنڌور ڏيڻ وارن مجاهدن کي قومي سلام پيش ڪرڻ لاءِ قافلو اڳتي وڌيو. هر طرف سنڌ ۾ شهيدن جي رت جا گلاب ٽڙيل هئا، قافلي ۾ موجود ساٿين جي زبان تي هي گيت هو ته:
    هِن لال لهوءَ تي او لالڻ، ڪي ڀاڳ ڀلارا بڻجي ويا،
    ير ٺوڙهيءَ وارن جي دم سان، وارا به نيارا بڻجي ويا.
    سائين جي ايم سيد جڏهن ڪارڪنن جي شهيد ٿي وڃڻ جي خبر ٻڌي ته گهران ڪنهن نياڻي جي ڪاري پوتي گُهرائي، ان کي ڦاڙي ٻانهن تي ڪاري پٽي ٻڌي هئي. داٻيجي، گهارو ۾ دوست انتظار ۾ بيٺا هئا. انهن کي قافلي ۾ شامل ڪري ٺٽو باءِ باس کان ٿيندا پير پٺو ۾ شهيد مالڪ خشڪ جي حاضري ڀريسين، ور شهر ۾ جهنڊو ڦڙڪائي رٿيل جلسي کي مخاطب ٿياسين، علي محمد سمون ڳوٺ ۾ ڪارنر ڪچهري ڪئي وئي. ٻيلو شهر ۾ محمد عمر ميمڻ سان دعا جا هٿ کڻي، ڪراچي پروگرام جي دعوت ڏئي، دڙو شهر ۾ ٺوڙهي ڦاٽڪ جي شهيد، شهيد ذڪريا ميمڻ جي مزار تان قومي ترانو پڙهي، ڳوٺ هاجي عبدالله ڪانڌڙو ۾ حاجي مير محمد ڪانڌڙو سان دعا گُهري. ڄامشوري ۾ شهيد مٺو بليدي کي قومي سلام پيش ڪرڻ لاءِ روانا ٿياسين ۽ پوءِ مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ 17 آڪٽوبر جي شهيدن جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪي ۾ پهتاسين، جتي بشير خان قريشي، محمد راهمون، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، عطا وسطڙو، ظفر ڪوريجو، ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد، نعيم منڌرو، ديدار شام، قربان مهر شهيدن کي ڀيٽا ڏني. جلسي کانپوءِ رات حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وٽ ترسياسون.
    18 آڪٽوبر 2009ع: اڄ حيدرآباد ضلعي جي دوري لاءِ نڪتاسون، چينل موري تي ڪارڪن استقبال لاءِ بيٺا هئا. ٽنڊو حيدر، ٽنڊو غلام محمد ۾ به سوين ماڻهو گلن جي ورکا لاءِ آتا هئا، سنڌ ۾ ”ٽنڊا“ ميرن جي اوطاق کي چيو ويندو آهي، سواءِ ٽنڊو آدم جي، جيڪو آدم خان مري جي نالي سان منسوب آهي، باقي اڪثر ٽنڊا ميرن جا آهن ۽ چيو وڃي ٿو ته، مريم ذات جي مري هئي ۽ الهيار ٽالپر هو ۽ انهن جو جيتوڻيڪ عشق هو پر انهن جو ملڻ مشڪل هو پوءِ اهو پهاڪو ٺهيو ته، ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي ٽنڊو الهيار. اڳتي هلي جسقم جي اڳواڻ مسرور ٿيٻي جي ڳوٺ موري منگر ۾ رکيل جلسي ۾ تقريرون ڪري، اڳتي جهڻ موري تي استقبال ڪندن سان ملي، اڳتي جلسي کي خطاب ڪندا، ڳوٺ چُکي ۾ مير مشتاق ٽالپر وٽ منجهند جي ماني کائي، شيخ ڀرڪيو ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪئي وئي، ان کانپوءِ سائين نادر شاهه وٽ اچي کيس قومي پروگرام ڏئي، ڳوٺ سيد تاج محمد شاهه ۾ امير حيدر شاهه کي ڪراچي ۾ 7 نومبر تي ٿيندڙ قومي ڪاڄ جي دعوت ڏئي، ٽنڊو ڄام ۾ جلسي پهچي، اجرڪن جا تحفا وٺي، موجود ماڻهن سان سنڌ جا سور سلي، ٽنڊو ڄام ۾ خيرالدين تنيي وٽ فاتح گهري، حبيب ڀٽو ۽ هدايت الله ويسر جي چانهه پي رات حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي جڳهه تي ترسڻ لاءِ آياسين.
    19 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ٽنڊو محمد خان جو دورو آهي، بشير خان قريشي، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو، عطا وسطڙو، زوهيب قريشي، قاري گهانگهرو، هارون ڪلهوڙو ۽ ٻيا ڊاڪٽر نياز جي جڳهه تي پهتا، جڏهن ته محمد راهمون ۽ آڪاش ملاح ٽنڊو محمد خان ۾ گڏيا، شهر ۾ جسقم ميڊيا سينٽر تي چانهه پي، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪري، ظهور هاليپوٽي جي چانهه پي ڳوٺ هيرڻ جاگير ۾ جلسو ٿيو. جسقم جي مرڪزي اڳواڻن کانسواءِ منير احمد ۽ ذوالفقار سومري تقريرون ڪيون، ٻيجل سنڌي قومي گيت ٻڌايا. ڳوٺ جهنگ ڪاتيار ۾ ستار ڪاتيار وٽ چانهه پارٽي ۾ حاضر ٿي اجرڪ ۽ تحفا وصول ڪري، نائون ميل اسٽاپ تي جهنڊو ڦڙڪائي جلسي کي خطاب ڪندي موجود ماڻهن کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏئي، رات ٽنڊو محمد خان ۾ وڏي جلسي لاءِ نڪتا سين. جلسي مان ٿي شريف سٺيو وٽ چانهه پي ڳوٺاڻن سان قومي ڪچهري ڪري ستار ڪاتيار وٽ رات ترياسين.
    20 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي بدين جو دورو آهي، ڄمون باغ وٽ ڳوٺاڻي جوش جذبي سان مليا. اڳتي هلي ماتلي باءِ پاس تي به وڏو استقبال ٿيو. ماتلي شهر ۾ جلسو ٿيو. بشير خان، ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد ۽ حيدرشاهه تقريرون ڪيون. ماتلي جو نه رڳو جلاب مشهور آهي، پر هي شهر باباءِ ثقافت جو لقب ماڻيندڙ ۽ ڪيئي ڪتاب جو ليکڪ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي جو به شهر آهي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سائين جي ايم سيد جو انتهائي حُجائتو ۽ اعتماد وارو ماڻهو هو. هي واحد ماڻهو هوندو هو جيڪو سائين جي ايم سيد جي اڳيان رکيل ٽيبل تي به شراب پيئندو هو. ماتلي کان ٿيندي تلهار ۾ جلسي کي خطاب ٿيو. حاجي سانوڻ شهر ۾ استقبال ۽ جلسو ٿيو. ٽنڊو غلام علي ۾ آزاد جمالي وٽ منجهند جي ماني کائي، ماڻهن سان حالي احوالي ٿي، شهر ۾ سرور کوسو جي دعا گُهري، ڇهون واٽر تي، عبدالحق نظاماڻي وٽ چانهه پيتي سين. عبدالحق نظاماڻي، قومي تحريڪ جو گهڻ گهرو آهي، جيل به ان کاتي ۾ ڀوڳيا اٿس. ان وٽان ٿي نئون دمبالو ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي مخاطب ٿي جسقم جي اڳواڻ زوار بوزردار جي ڳوٺ علي محمد بوزدار ۾ جلسو ڪري ڊگهڙي شوگر مل اسٽاپ تي ڪيترائي ڳوٺاڻا گلن جا هار هٿن ۾ جهلي استقبال لاءِ بيٺا هئا، انهن سان ملي امن آباد ۾ جلسي لاءِ روانا ٿياسين، اتي تمام وڏو جلسو هو. امن آباد جا تقريباً سمورا نوجوان، خاص ڪري جروار برادري قومي تحريڪ سان لاڳاپيل آهن. جلسي کي بشير خان قريشي، محمد راهمون، ڊاڪٽر صفدر سرڪي، فقير امداد منگي، نجف لغاري، ساگر بڙدي، نعيم منڌرو، عطا وسطڙو، عبدالقادر جروار، نديم ڀرڳڙي، حيدر شاهه ۽ ٻين خطاب ڪيو. ٻيجل سنڌي قومي گيت ٻڌايا، جلسي کانپوءِ ڳوٺ سانگي ڦرهو ۾ عبدالله ميمڻ جي دعا گهري. رات صوفي بزرگ سمن سرڪار ڀرسان ڳوٺ پير محمد شاهه ۾ سائين عابد شاهه وٽ رهياسين، سائين عابد شاهه قومي ڪارڪنن جي تمام گهڻي عزت ۽ خدمت ڪندو آهي.
    21 آڪٽوبر 2009ع: صبح ناشتو ڪري ملڪاڻي شريف ۾ ڪارنر گڏجاڻي ڪري امتياز ملڪاڻي جي چانهه پي، پنگريو شهر ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ سنڌي ماڻهن کي سنڌ ڪيس ٻڌائي پنگريو ۾ صحافي ۽ تجزيا نگار ماستر نور محمد سمون جي دعا گهري کيس قومي پروگرام جي دعوت ڏئي، ٽنڊو باگي ۾ جلسو ٿيو. جتي ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد منگي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ بشير خان قريشي، تقريرون ڪيون، ٽنڊو باگو ۾ سينئر قومي ڪارڪن نصرالله جروار جي چانهه جون سرڪيون ڀري، بدين شهر ۾ وڏي جلسي ۾ شريڪ ٿياسين، بدين جي صحافي دوستن پاران پريس ڪلب ۾ چانهه جي دعوت اٽينڊ ڪري کين قومي دعوت ڏئي، بدين ۾ جسقم يونٽ شهيد دودو سومرو ۾ جلسي کي خطاب ڪيوسين. اتان سنگت کان موڪلائي، لنواري شريف پهتاسين، سنڌجو وڏو شاعر ۽ بزرگ محمد زمان جي درگاهه به اتي آهي. هي بزرگ تمام وڏو عالم هو. شاهه لطيف به هن سان مليو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته شاهه لطيف هن بزرگ کان گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ محمد زمان لنواري واري کي ڏسي هي چيو هائين ته:
    مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي،
    تنين سندي ڪاء، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.
    پراڻي دور ۾ جڏهن سنڌ مان ڪيترائي قافلا حج ڪرڻ لاءِ لنواري شريف کان گذرندا هئا ته لنواري ۾ ترسڻ کانپوءِ هو حج ڪرڻ لاءِ مڪي وڃڻ جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيندا هئا، پوءِ مشهور اِهو ٿيو ته لنواري ۾ حج جون رسمون ٿيون ٿين، انهي صورتحال تي مولوين ۾ ڪافي ڪاوڙ اڀري، سنڌ جي هڪ ٻي وڏي عالم شاعر، حاجي احمد ملاح جنهن وٽ لفظن جو ايڏو ته ذخيرو هيو جو هن سموري قرآن شريف جو شاعري ۾ ترجمو ڪيو، ان حاجي احمد ملاح جي اڳواڻيءَ ۾، لنواري ۾ ٿيندڙ حج جي بدعتن خلاف وڏي جدوجهد ٿي ۽ پوءِ گادي نشيني تان به اتي ڪيترائي قتل ٿي چڪا آهن، قاضي احمد شهر وارن قاضين سميت غلام مصطفيٰ جتوئي وارا به لنواري جا مريد آهن، لنواري ۾ ايڏي ته ڪشيدگي آهي جو حج وارن ڏينهن ۾ اڃان تائين ڪرفيو لڳايو ويندو آهي. مسجدن کي به تالا لڳايا ويندا آهن. گادي نشينيءَ تان اهو اختلاف اڃان تائين موجود آهي، هاڻي ڪڍڻ شهر ۾ جلسو ٿيو. جتي عبدالخالق چانديو، غفور چانڊيو، ساگر حنيف بڙدي، عبدالرحمان چانڊيو، بشير خان قريشي خطاب ڪيو. رئيس الهه ڏنو جمالي ۾ عذرخواهي ڪري ڳوٺاڻن کي 7 نومبر تي سنڌ گُهري ٿي آزادي، پروگرام جي دعوت ڏئي، رات ترسڻ لاءِ استاد محمد راهمون وٽ ڪڙيو گهنور ۾ ماني کائي ڪڙيو گهنور ۾ پير نظاماڻي وٽ رات ترسياسين.
    22 آڪٽوبر 2009ع: پير نظاماڻي وٽان نيرن ڪري، ڳوٺ ترائي ۾ جهنڊو ڦڙڪائي وڏي جلسي ۾، ماڻهن کي سنڌ جي غلاميءَ بابت احوال ڏيئي، ڳوٺ بادل چانڊيو ۾ تقريرون ڪري، سجاول ۾ پُل تي چاڪنگ ڪندڙ ڪارڪنن وٽ بيٺاسين، بشير خان قريشي، چاڪنگ ڪندڙ سمورن ڪارڪنن کي اجرڪ اوڍايا، اتان ٿي ٺٽي ۾ شهيد مشتاق خاصخيليءَ کي قومي سلام پيش ڪري ڪراچيءَ ۾ شهيد حڪيم نوتيار جي ڀاءُ جاويد نوتيار جيڪو انڊيا ۾ گذاري ويو هو ۽ ان جي ميت ڪراچي پهتي هئي، ان جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ کوکرا پار پهتاسين. رات گلشن حديد ۾ ترسياسين.
    23 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي ٺٽي جو دورو رکيل آهي، ٺٽو باءِ پاس تي ڪارڪنن جي حجوم سان ملاقات ڪري، رئيس شاهنواز لغاري ڳوٺ ۾ ڪارنر ڪچهري ڪئي وئي. انکانپوءِ دڙي موري اسٽاپ تي استقبالين جا هار ۽ اجرڪ وصول ڪري ميرپور بٺورو ۾ جلسو ٿيو. جلسي کانپوءِ نوازخان زنئور جي ڳوٺ عثمان زنئور ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿي، ڳوٺ حاجي زنئور ۾ منجهند جي ماني جيڪا رات 8 وڳي نصيب ٿي. ڪارنر گڏجاڻي ۾ احمد خان زنئور، فقير امداد ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. حاجي عبدالله ڪانڌڙي ۾ به ڪيترن ڳوٺاڻن سان قومي ڪچهري ڪري دڙو شهر ۾ وڏي جلسي کي ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. اتان ٿي ڳوٺ رٽا ۾ گڏجاڻي ٿي، بشير خان ڳوٺاڻن کي ڪراچي پروگرام تي اچڻ لاءِ وچن ورتو. ڳوٺ لائق پور، ڳوٺ بچل گگو، ڳوٺ ڊبو موري ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ٿيون. جڏهن ته ٻنون شهر ۾ وڏو جلسو رکيل هو جتي ڊاڪٽر سليمان پليجو، ساگر بڙدي ۽ بشير خان قريشيءَ جلسي کي خطاب ڪيو. ان کانسواءِ ڳوٺ ابڙال، ڳوٺ حاجي عبدالله ڀنڀرو ۾ ڳوٺاڻيون ڪچهريون ٿيون، ڳوٺ خدابخش جلالاڻي يونٽ جهوڪ شريف ۾ جلسو ٿيو جتي فنڪار الهڏنو خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ محبوب خاصخيلي راڳ جي محفل مچائي، پراڻي ڪارڪن، علي حسن جلالاڻي سموري قيادت کي اجرڪ پارايا. جهوڪ شريف ۾ جلسو ٿيو، رات ٺٽي ۾ سرور خشڪ وٽ ماني کائي اتي رات رهي پياسين.
    24 آڪٽوبر 2009ع: صبح جو منظور خشڪ جي جاءِ تي نيرن ڪري، چئرمين، بشير خان قريشي جي سرواڻيءَ ۾ آڪاش ملاح، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو، حبيب ڀٽو، صفدر تنيو، غلام نبي کٽي، بابو خشڪ، سرور خشڪ، عطا محمد ڀٽي، هارون ڪلهوڙو، قاري گهانگهرو ٺٽي مان روانا ٿياسين، جڏهن ته ڊاڪٽر صفدر سرڪي جهمپير ۾ قافلي ۾ شامل ٿيو. مڪلي ۾ بخاري اسٽاپ تي ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪائي، ڪارنر گڏجاڻي ٿي، عبدالرحمان خشڪ، ساگر بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. جهمپير ۾ جلسو ٿيو، جهمپير جيڪو سنڌجي وڏي شاعر راڳ جي ڄاڻو سائين رسول بخش درس جو گهر آهي، جهمپير ۾ شام جو نظارو دل موهيندڙ هوندو آهي ته جيئن ڪنهن شاعر چيو آهي ته:
    ٻئي خماريل نيڻ پوڙهي پياڪ جا،
    شام ڄڻ آهي لٿي، جهمپير ۾.
    قومي ڪارڪن اسد گوپانگ وٽ منجهند جي رکيل ماني شام 7 وڳي کاڌيسين. جمهپير ۾ ديوان رميش ڪمار وٽ چانهه پي، ڳوٺ حاجي سومار ڇُٽو ۾ دعا گُهري سين. ڳوٺ ڪچي آبادي سولنگي ڳوٺ ۾ جلسو ٿيو ان کانپوءِ گڊو مڇارو وٽ دعا گهريسين.
    103 موري وٽ ڳوٺاڻن جو استقبال، گيل موري وٽ استقبال ۽ ڳوٺ احمد خشڪ ۾ عذر خواهي ڪئي وئي، گيل موريءَ ۾ جلسو ٿيو، جتي نور محمد خشڪ، صفدر تنيو، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو ۽ جلسي ۾ موجود ماڻهن کي 7 نومبر تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ گُهري ٿي آزادي پروگرام ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي، شرڪت جو واعدو ورتو. رات جي ماني عبدالرحمان خشڪ وٽ کائي، گلشن حديد واپس ٿياسين.
    25 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي ٺٽي جي تعلقي ساڪري جو دورو رٿيل آهي. گلشن حديد مان قافلي نڪري داٻيجي ۾ استقبالي دوستن سان ملڻ کانپوءِ اتي قومي جهنڊو ڦڙڪايو ۽ جلسو ڪيو. ان کان پوءِ غريب آباد مارڪيٽ (ملز ايريا) مان ڪيترائي ماڻهو قومي قافلي جي آجيان لاءِ گلن جي ورکا لاءِ بيٺا هئا، ڳوٺ حاجي ڪرم علي جوکيو ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي. ڳوٺ حاجي عبدالله مير بحر، ڳوٺ پير علي بخش شاهه جيلاني، ۾ گلزار شاهه وٽ منجهند جي رکيل ماني شام 7 وڳي کاڌي، ڳوٺ علي محمد ڪاتيار ۾ ڳوٺاڻن ڀليڪار ڪئي، ڳوٺ مگهن سالاريو، ڳوٺ عارب جوکيو، شهر گجو ۾ استقبال ٿيا، تقريرون ٿيون، ڳوٺاڻن کي ڪراچيءَ ۾ اچڻ جو واعدو ورتو ويو. ليٽ اسٽاپ، لڌيا اسٽاپ وٽ به ڪيترائي سنڌي ماڻهو سنڌ جي عشق ۾ بيٺل هئا. جن کي بشير خان قريشي سنڌ گُهري ٿي آزادي مارچ ۾ شرڪت جي سڀني کي دعوت ڏني. ساڪري ۾ جلسو رکيل هو. واڍا ڳوٺ ۾ ڀرپور استقبال، ٻهارا شهر ۾ جلسو ٿيو. داٻيجي ۾ سي اين جي پمپ جي سڀني ملازمن کي بشير خان قريشي اجرڪ پارايا، نديم ميمڻ هوٽل جي سڀني ملازمن کي بشير خان قريشي اجرڪون اوڍايون. سسئي ٽول پلازا جي سڀني ملازمن کي بشير خان قريشي اجرڪ پارايا. جيڪي ڏاڍا خوش ٿيا. رات اچي گلشن حديد ۾ رهياسين.
    26 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ڪراچيءَ جي ضلعي ڏکڻ جو دورو رکيل آهي. يوسف ڳوٺ ۾ قومي قافلي جو آڌر ڀاءُ ٿيو ۽ ڪارنر گڏجاڻي ٿي. مواڇ ڳوٺ ۾ پڻ ڳوٺاڻي ڪچهري ٿي. ڪاڇيلو ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي. ڪياماڙي ڪڇي مسلم سيانا جماعت جي جماعت خاني ۾ رکيل ڪارنر گڏجاڻي ٿي. دائود اسماعيل نهڙي، قافلي کي اجرڪ پارايا. جکو ئي جماعت پاران ڪارنر جلسو ٿيو. ڪڇي سنگهار جماعت خاني ۾ کڏا مارڪيٽ ۾ پروگرام ٿيو. انجمن مسلم آزاد سنڌي جماعت خاني. نئون آباد پاران قومي ڪچهري رکي وئي. لوهار واڍا جماعت خاني ۾ دعوت هئي. ڪڇي سومرا سوشل ويلفيئر جي دفتر ڪلري ۾ ڪارنر گڏجاڻي. ڪڇي مسلم بقالي جماعت ۽ سنڌ ابڙا جماعت به ڪارنر گڏجاڻي رکي هئي. سنگهار برادري جي جماعت خاني ۾ ۽ ڪڇي رابطه ڪاميٽي جهونا مسجد ۾ بشير خان قريشي سڀني کي 7 نومبر جي قومي پروگرام جي دعوت عرض رکي. رحيم آباد ۾ راهمون جماعت خاني ۾ دعوت رکيل هئي. انجمن مسلم آزاد سنڌي جي جماعت خاني ۾ رات جي ماني کاڌي وئي، رات واپس گلشن حديد موٽي اچي آرام ڪيوسين.
    27 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي اولهه تي چڙهائي هئي. جمالي پُل وٽ پنهل لاڙڪ جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن استقبال ڪيو. منگهو پير ۾ آصف سومري جي والد جي عذر خواهي ٿي ۽ گل محمد ڪاڇيلو هالا ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي. ڳوٺ عمر مري ۾ مري بلوچن سان ڪينجهر ۾ عيد ڏينهن ٻڏي مري ويندڙ ٽن ڇوڪرن جي دعا گهري وئي. ڳوٺ گرم چشما ۾ جلسو ٿيو. اڳواڻن کي اجرڪ ۽ گلن جا هار پارايا ويا. خميسا ڳوٺ ۾ وڏو جلسو هيو. جتي مختيار شاهه، اصغر بروهي، پنهل لاڙڪ، حبيب ڀٽو، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو، فقير امداد منگي، صفدر سرڪي، محمد راهمون ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيا ۽ اتي خميسا ڳوٺ ۾ رات جي ماني کائي واپس گلشن حديد ۾ آرام ڪيوسين.
    28 آڪٽوبر 2009ع: ڪراچي ضلعي اوڀر جي دوري لاءِ ناشتو ڪري نڪتاسين. ڳوٺ اسماعيل پنهور ۾ ادريس پنهور جي دعا گهري سين. ابراهيم پنهور ۾ ڪارنر گڏجاڻي ۽ چڪرا ڳوٺ ۾ جلسو هيو جتي منظور جانوري، حبيب ڀٽو، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪيون. ڪورنگي ڪراسنگ وٽ ڪارنر ڪچهري رکيل هئي. بلاول ڪالونيءَ ۾ جلسو هو. ماڊل ڪالوني ۾ زاهد حسين جانوري جي چاچي جي عذر خواهي ڪئي وئي. محمد حمير جوکيو ۾ دعا ۽ ڪچهري ٿي، نثار بلوچ سان دعا گهري وئي. نور خان جوکيو سان عذر خواهي. غلام حيدر جوکئي سان قومي ڪچهري. نعيم جوکئي وٽ به دعا گهري وئي ۽ گڏ ٿيل ماڻهن کي قومي پروگرام جي دعوت ڏني وئي، ماڊل ڪالوني ۾ ڪاتيار گرائونڊ ۾ جلسو ٿيو. مير ظهور جان سرهندي وٽ سندس امڙ جي دعا ٿي ۽ دعوت ڏني وئي. بچل ڳوٺ کوکرا پار ۾ وڏو جلسو ٿيو. جتي رمضان بروهي، محمد خان شيخ، بابو خاصخيلي، الاهي بخش بڪڪ، حبيب ڀٽو ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. ڳوٺ سومار ڪنڊاڻي ۾ رفيق خاصخيلي سان دعا گهري وئي. رات گلشن حديد ۾ صحافي طارق پٺاڻ وٽ ماني هئي ۽ رات اچي گلشن حديد ۾ بشير خان جي جڳهه تي آرامي ٿياسين.
    29 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي ملير جي لاءِ رابطه مهم جي سلسلي ۾ نڪتاسين. جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
    ساٿ ڌڻي بشير خان قريشي، فقير امداد منگي، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو نجف لغاري، حبيب ڀٽو، زوهيب قريشي، روحيل لغاري، فهد سومرو، خورشيد ٻگهيو، صفدر تنيو، اويس ڏهر، ضمير حاجاڻو ۽ٻين سان گڏجي نڪتاسين ته ابراهيم حيدري ۾ سنڌجي گهڻ گهري شفيع محمد ڄاموٽ وٽ ڊاڪٽر صفدر سرڪي پهتو. ملير پريس ڪلب اڳيان شهيد جمن گٽڪو جي قاتلن جي گرفتاري خلاف بک هڙتالي ڪئمپ لڳل آهي، اُتي حاضري ڀري، قاتلن جي مذمت ڪندي، جسقم يونٽ شهيد قيوم منگي عبدالله ڳوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي، منجهند جي ماني شفيع محمد ڄاموٽ وٽ رکيل هئي، هن روايتي شخص شفيع محمد ڄاموٽ اڳواڻن کي لويون پارايون، سمنڊ بابت ڪئي روايتون ٻڌايون، ۽ سمنڊ جي ماضي ۽ حال جا احوال به ڏنا ته ڪراچيءَ جي باري ۾ به وڏيون اهم ڳالهيون ٻڌايون ۽ سنڌ جي هر قومي جدوجهد ۾ گڏ هجڻ جو يقين ڏياريو. ابراهيم حيدري ۾ مُکي اُڌامل وٽ پهچي کيس 7 نومبر جي آزادي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. فشر فوڪ فورم طرفان سچل سيڪريٽريٽ هال ۾ ڪارنر ڪچهري رکيل هئي، جتي آيل ماڻهن کي قومي ڪيس کان آگاهي ڏني وئي. ڳوٺ جمع ڪلمتي ۾ جلسو ٿيو. جتي ساگر حنيف بڙدي، صفدر سرڪي ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪيون. عمر جت وٽ به ريڙهي ڳوٺ ۾ دعوت ڏني وئي، ليبر اسڪوائر ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي چوڪ تي ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايو ويو. مري بلوچ ڪالوني، ليبر اسڪوائر ۾ ميرجان مري وٽ دعوت عرض رکي وئي، اُتي ڪچهريءَ ۾ مري برادري جي ماڻهن وڏي گرم جوشي ڏيکاري، نواب خير بخش مري ڪچهريءَ جو گهڻو موضوع رهيو، خير بخش مري جي سموري زندگي پاڪستان کان بغاوت ۾ گذري، هن جو هڪ تاريخي جملو آهي ته: مون کي پاڪستاني سڏڻ، ماءُ تي گار ڏيڻ برابر آهي، جمعا حمايتي ڳوٺ ۾ جلسو ٿيو جتي ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيا. ڳوٺ يوسف عارباڻي ۾ فاتح پڙهي وئي. سنڌي مسلم سوسائٽي جوڳي موڙ وٽ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جتي مجيد ميمڻ سنگت کي اجرڪ پارايا، ڳوٺ عمر مارئي ۾ جلسي کي خطاب ٿيو. رات جي ماني گلشن حديد ۾ بشير خان وٽ کائي، آرامي ٿياسين.
    30 آڪٽوبر 2009ع: اڄ ضلعي سن (ڄامشورو) جو دورو هيو. صبح سويل قافلو تيار ٿي نيرن پاڻي ڪري، نڪتاسين، حيدر پالاري سان نوري آباد ۾ دعا گهري وئي، ميزبان مهمانن کي اجرڪ پارايا. اتان ٿي پرينءَ جي شهر ڄامشورو ۾ پهتاسين، سنڌيونيورسٽي ڪالوني ۾ ساقي عالم ابڙي سان سندس پٽ جي دعا گهريسين. ڳوٺ علي آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائي ڪارنر گڏجاڻي ۾ حاضر ٿي، منظور آباد اسٽاپ تي قومي استقبال ٿيو. بشير خان قريشي موجود ماڻهن کي قومي دعوت ڏني. سنگهار ڳوٺ ۾ به ڀرپور استقبال ڪيو ويو. انکانپوءِ سنڌ جو تاريخي شهر مانجهند آيو جتي ٻاهرين اسٽاپ تي جهنڊو چاڙهيو ويو. مانجهند جو شهر تمام خوشحال ۽ صاف سٿرو شهر رهيو آهي، پاڪستان کان اڳ هن شهر جا واڻيا ڏاڍا خوشحال هئا. پنهنجي ڪاروبار ۾ اڳرا هئا، سنڌ ۾ هڪ پهاڪو عام آهي ته: ”اهو چوئٿ ئي مري ويو جيڪو چڻا وڪڻندو هو.“ مانجهند شهر ۾ هڪ واڻيو چوئٿ رام تمام لذيذ ڇولا وڪڻندو هو. آهستي آهستي هو ترقي ڪندو وڏو واپاري ٿي ويو هن چڻا وڪڻڻ ڇڏي ڏنا ۽ پوءِ جڏهن به ڪو ماڻهو ڪٿان چڻا کائڻ لاءِ وٺندو هو ته ۽ کيس لذيذ نه لڳندا هئا ته چوندو هو ته ”اهو چوئٿ ئي مري ويو جيڪو چڻا وڪڻندو هو“ هن شهر ۾ تاريخي مندر به آهي. ڀرسان سنڌو درياهه ٿو وهي ۽ ڀرسان ٻيلو آهي. هن شهر جا قومي ڪارڪن، رفيق ميمڻ پراڻو ڪارڪن آهي. پونئرن ۾ فيصل ميمڻ، عرفان ميمڻ به قومي رنگ ۾ آهن. مانجهند ۾ محمد علي ”مجرم“ برهماڻي وٽ دعا گهري سين. اڪرم کوسو، فرحان ميمڻ، لاهوتي، شاهه عنايت برهماڻي ۽ ٻين ڪارڪنن جو جوش جذبو داد ڏيڻ جهڙو هو. ڳوٺ ملاڻي کوسو ۾ نياز محمد کوسو وٽ رئيس الهداد ملواڻي سان دعا جا هٿ کنياسين ۽ دعوت ڏني سين. لاکا يونٽ ۾ جلسو ٿيو جتي ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. سنڌ جي قومي ڪعبي سن ۾ ڀرپور استقبال ٿيو، رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي بُٺيءَ تي قومي ترانيءَ جي صورت ۾ دعا گهري وئي، سائين امير حيدر شاهه وٽ رات جي ماني کاڌيسين، سائين امير حيدر شاهه جيڪو سائين جي ايم سيد جو پڳدار پٽ آهي، جسقم جو ميمبر به آهي، ان کان دعا وٺي، آمري پهتاسين جتي پرجوش استقبال ڪيو ويو. لڪي شاهه صدر وٽ وڏو تاريخي جلسو ٿيو، ان جلسي ۾ موجود ماڻهن کي قومي دعوت ڏئي، سيوهڻ شريف پهتاسين. لال قلندر جي حاضري ڀري، درگاهه اڳيان جلسو ٿيو، جتي ديدار شام، صفدر تنيو، نعيم منڌرو، نجف لغاري، ساگر بڙدي، فقير امداد، ظفر ڪوريجو ۽ بشيرخان تقريرون ڪيون. هتي اڪبر ملاح، شهمير بڙدي، محبوب اوٺو، نثار سولنگي، گلڻ بڙدي ۽ ٻين جي محنت ۽ جذبي کي سلام پيش ڪرڻ کان رهي نه ٿو سگهجي، رات موٽي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي جڳهه تي رات رهياسين.
    31 آڪٽوبر 2009ع: مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) وٽ نيرن پاڻي ڪري، بشير خان قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ فقير امدد منگي، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري، غفار شيخ، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، زوهيب قريشي، نويد قمر مگسي، فتح ڏاهاڻي، ظفر هڪڙو، وحيد لاکو، رفيق ملاح ۽ ٻيا 7 نومبر واري آزادي مارچ لاءِ رابطه مهم جي سلسلي ۾ روانا ٿياسين. مهراڻ ٽي وي آفيس جو دورو ڪرڻ کانپوءِ واڻڪي وستي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي، واڻڪي وستي ۾ به پڙهيل لکيل ماڻهو آهن. سڀني سياسي پارٽين جا ماڻهو جيڪي اڪثر نظرياتي آهن، يعني اڪثر سياسي بحث مباحثو هوندو آهي. الله بچايو لغاري وٽ دعا جا هٿ کڻي ڳوٺ عمر دل ۾ ڳوٺاڻن کي سنڌ گُهري ٿي آزادي پروگرام جي دعوت ڏئي جتوئي ڳوٺ نيو سٽي حيدرآباد ۾ جلسي کي خطاب ڪري، ٽنڊو ٺوڙهو ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، ٽنڊو آغا ۾ قومي ڪارڪن ۽ عام ماڻهو استقبال لاءِ آتا هئا. جتي جلسو به ٿيو. گلشن خير محمد ۾ به جلسو رکيل هو. جتي اڳواڻن سنڌ جي صورتحال کان ماڻهن کي واقف ڪيو. انڙ ميراڻي ڳوٺ ۾ جلسو ٿيو. سبزي منڊي چوڪ تي ڪارنر ڪچهري ٿي، جنهن کانپوءِ حسين آباد گدو چوڪ تي وڏو جلسو رکيل هو جتي غفار چانڊيو، ساگر بڙدي ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪيون. غريب اباد يونٽ پٺاڻ ڪالوني ۾ جلسو ٿيو. اڳواڻن کي اجرڪ پارايا ويا. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، فقير امداد منگي. ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان خطاب ڪيو. رات جي ماني حسين آباد ۾ راجا تنيو وٽ کائي ڪراچي گلشن حديد پهتاسين.
    1 نومبر 2009ع: اڄ ضلعي ٺٽي وڃڻو هو، اسان جي ڪوشش هئي ته ڪراچي جي پسگردائي خاص ڪري ٺٽو، حيدرآباد ڪوٽڙي تي گهڻو زور ڏجي ڇو ته اتان گهڻا ماڻهو آسانيءَ سان اچي سگهيا پئي، ڳوٺ آچار سالار جوکيو ۾ قومي ڪارڪن، مقصود جوکئي جي شادي ۾ شرڪت ڪري، ڳوٺ امام ڏنو شاهه ۾، جيڪو جسقم ضلعي اڳواڻ عادل شاهه جو ڳوٺ آهي، ڳوٺاڻن کي دعوت ڏني وئي. ڳوٺ مولوي علي محمد ٻاٻڙو ۾ دعا جا هٿ کنياسين، غلام الله شهر ۾ جهنڊو ڦڙڪائي، جلسو ڪيوسين، جلسي کانپوءِ ٺٽو پريس ڪلب ۾ جسقم اڳواڻ آڪاش ملاح جي گمشدگي بابت پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. ڳوٺ ڇتو چنڊ ۾ ڪهاڙيءَ وارو جهندو ڦڙڪائي ڪينجهر ۾ جلسو ڪيوسين، ساگر حنيف بڙدي، لطيف سائين جي سُر ڪاموڏ مان، نوري ڄام تماچي بابت بيت ٻڌائي، قومي ڪيس ٻڌايو. اختر ترڪ ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. ٺٽو شهر ۾ وڏو جلسو ٿيو جتي غلام نبي کٽي، بابو خشڪ، عطا محمد ڀٽي، صفدر تنيو، فقير امداد منگي، ساگر بڙدي ۽ بشير خان قريشيءَ خطاب ڪيو. رات ڪڙيو گهنور ۾ پير نظاماڻي وٽ رهياسين.
    2 نومبر 2009ع: گولاڙچي جو دورو رکيل آهي، مٺو مهيري جي ڳوٺ سندس امڙ جي وفات تي دعا گهرڻ پهتاسين، مٺو مهيري به وڏو سالڪ ماڻهو آهي. سندس حافظو ڏاڍو صحتمند آهي، قومي ورڪر آهي، شهيد فاضل راهو جو پيارو دوست آهي. قومي گيت کيس تمام گهڻا ياد اٿس، فقير ماڻهو آهي، اسان جڏهن سندس ماءُ جي دعا تي آياسين ته قومي ڪچهري شروع ٿي وئي ۽ ڪچهري ڪندي، قومي گيت ٻڌايائين. مزاح جو به ماهر آهي، هن جا جملا تڪيل توريل آهن، جيل به ڪٽيا اٿس، ابراهيم منشي ۽ مٺو مهيري گڏجي گيت ڳائيندا هئا ته ڀاڙي ماڻهوءَ کي به دلير ڪري وجهندا هئا. مٺو مهيري کان موڪلائي کورواهه ۾ جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ پهتاسين. حيدر شاهه، حميد مهيري، ساگر حنيف بڙدي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. ڳوٺ حاجي سلطان پنهور ۾ ڊاڪٽر حسن پنهور وٽ دعا جا هٿ کنياسين، ڊاڪٽر حسن پنهور پراڻو قومي ورڪر آهي، اڃان تائين قومي ايمان سلامت اٿس، ڊاڪٽر حسن جو پٽ مير حسن پنهور به قومي ڪارڪن آهي. گولاڙچي ۾ جلسو ٿيو جتي محمد اسماعيل نوتڪاڻي، حيدرشاهه، فقير امداد منگي، ڊاڪٽر صفدر سرڪي ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪري سنڌ جي صورتحال کان ماڻهن کي واقف ڪيو. ڪڙيو گهنور ۾ به وڏو جلسو ٿيو جتي قادر نظاماڻي، حبيب ڀٽو، ساگر حنيف بڙدي، نعيم منڌرو، فقير امداد منگي، پير نظاماڻي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. هاڻي ان ڳوٺ ۾ آياسين جتي، هڪ اهم ڪردار، مزاحمتي شاعر، حافظ محمد نظاماڻي رهي ٿو.
    حافظ هزار ڀيرا پنهنجو گلاس گهرندو،
    تنهنجي چوڻ تي چريا! منهنجي نه چَپ تان چُرندو،
    جنهن وٽ ترازو آهي، ان وٽ ئي ڏوهه تُرندو،
    ناحق ڊڄان ڇو مان، ٻي ڪنهن نواب کان،
    مونکي نه روڪ منهنجي تون واعظِ شراب کان.
    هن ڳوٺ جو هڪ ٻيو قومي ڪارڪن نيڪ محمد نظاماڻي به لک لهي. رات اچي گلشن حديد ۾ آرامي ٿياسين.
    3 نومبر 2009ع: صبح نان سنان ڪري ضلعي اوڀر ڪراچي جي دوري لاءِ نڪتاسين. بشير خان قريشي، ساگر حنيف، فقير امداد منگي، نعيم منڌرو، محمد خان شيخ، مرتضيٰ شاهاڻي، رمضان بروهي، ڀاءُ مقصود قريشي ۽ ٻيا سفر تي نڪتاسين. صفوران چورنگي تي ڪئمپ جو دورو ڪري، شهيد مشتاق خاصخيلي چوڪ تي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. چيپل سن سٽي ۾ ڳاڙهو جهنڊو ڦڙڪايوسين. سچل ڳوٺ ۾ وڏو جلسو ٿيو جتي نورالدين جمالي، آتش پنهيار، ساگر بڙدي، آصف بالادي ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪيون، سيتا نگر ۾ قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، بلاول يونٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائي ڪارنر گڏجاڻي ٿي. ڌڻي بخش ڳوٺ ڪئمپ جيڪا، پروگرام جي تياري لاءِ لڳائي وئي هئي، ان جو دورو ڪيو ويو. ڀٽائي آباد ۾ مٺل ابڙي جي والده جي دعا گهري وئي. ڀٽائي آباد ۾ جلسو ٿيو جتي عثمان ناريجو نورالدين جمالي، آصف بالادي، ساگر بڙدي، نعيم منڌرو، مسعود ڪانڌڙو، فقير امداد منگي، تقريرون ڪيون، هي اعزاز فقير امداد منگي کي آهي جو هن پوري مهيني جي رابطه مهم جي پهرين ڏينهن به فقير امداد منگي جي تقرير هئي، ۽ هتي اڄ رابطه مهم جي آخري جلسي جي به صدارتي تقرير فقير امداد منگي کان ڪرائي وئي. رات اچي جساف جي مرڪزي عهديدار وقاص ميمڻ وٽ سماما تي ماني کائي گلشن حديد پهتاسين.
    4 نومبر 2009ع: اڄ جسقم ڪراچي ڊويزن جو اجلاس ٿيو، رات مرڪزي باڊيءَ جي گڏجاڻي ڪئي وئي ۽ سيڪيورٽي، انتظامن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
    5 نومبر 2009ع: مرڪزي باڊي کي ساڻ ڪري جسقم چئرمين بشير خان قريشي ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ مارچ جي حوالي سان ملير پريس ڪلب پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ صحافين کي جلسي جي باري ۾ تفصيل ٻڌايا.
    6 نومبر 2009ع: مرڪزي باڊي ۽ ڪجهه سينيئر دوستن طرفان رابطه مهم انتظام، سيڪيورٽي، پريس ڪوريج ۽ ٻين اهم پاسن جو جائزو ورتو ويو.
    7 نومبر 2009ع: اڄ صبح سويل سنگت تيار ٿي، سويل کان قافلا اچڻ شروع ٿي ويا ۽ اهي نعرا گونجڻ شروع ٿيا ته :
    ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“.
    ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“.
    ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“.


    سنڌ گُهري ٿي آزادي : 1 فيبروري 2012ع

    ڪجهه ڏينهن اڳ جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي باڊي اهو فيصلو ڪري شيڊيول طئي ڪيو هو ته 1 فيبروري کان 23 مارچ تي رٿيل آزادي مارچ کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ جي دوري جي شروعات ڪبي. 15 ڊسمبر تي سن ۾ شهيد مستاني جي ورسي واري پروگرام کانپوءِ مرڪزي باڊي جي ميٽنگ ۾ ايجنڊا سامهون آئي ته جڏهن سنڌ ۾ هر سياسي ڌُر پنهنجي تنظيمي طاقت ڏيکاري سنڌين کي مرعوب ڪري رهي آهي، تڏهن اسان کي ان مهل ڇا ڪرڻ گهرجي؟. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ميٽنگ ۾ اها رٿ رکي ته 2010ع ۾ سنڌ ۾ ٻوڏن، 2011ع جو سنڌ ۾ برساتن ڪري خاص طور تي لاڙ ۾ آيل تباهي ڪري اسين ڪراچي ۾ رٿيل آزادي مارچ نه ڪري سگهيا آهيون ان ڪري 23 مارچ جي ڏينهن تي ڪراچيءَ ۾ هڪ عظيم الشان آزادي مارچ ڪري اتي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪبي ۽ اهو ڏينهن ان ڪري ٿا چونڊيون ته ان ڏينهن تي 1940ع ۾ هڪ رٿ پاس ڪري اتر-اولهه وارن مسلم اڪثريتي علائقن ۾ خودمختيار حڪومتون قائم ڪرڻ جي گُهر ڪئي وئي هئي، جنهنجي سنڌ حمايت ڪندي ان ۾ هڪ خودمختيار اسٽيٽ جي حيثيت ۾ شرڪت جي حامي ڀري هئي. جنهن ڏينهن کي اڄ ’قرارداد پاڪستان‘ طور ملهايو ويندو آهي. ان ڏينهن سنڌي گڏ ٿي ان قرار داد يا گُهر کان لا تعلقي ڪري چِٽِي ۽ واضح نموني دنيا آڏو سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪريون.
    منهنجي ان رٿ کي سڀني دوستن ساراهيو ۽ منظور ڪندي اهو طئي ٿيو ته سڀاڻي جسقم چيئرمين اهڙي قسم جي پريس ڪانفرنس ڪري، ان جو اعلان ڪري. محترم بشير خان قريشي 16 ڊسمبر تي سڪرنڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪري 23 مارچ ڪراچي ۾ سنڌ گُهري ٿي آزادي نالي آزادي مارچ جو اعلان ڪيو، جيڪو تقريباً سڀني اخبارن ۾ اچي چڪو هو.
    پهرين فيبروري کان دورو، سن (ڄامشورو) ضلعي کان شروع ٿيو.
    اسان مرڪزي باڊي ۾ شامل دوست ۽ سن ضلعي جا عهديدار ڄامشورو ڦاٽڪ ڪراس ڪري اڳتي وڌياسين (ان کي اسين قومي قافلو) جو نالو ڏيون ٿا. اهو جڏهن منظور آباد پهتو ته اتي مين روڊ تي بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪندي، قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي تي گل نڇاور ڪيا. جتي مختصر خطاب ڪندي بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي ٻڌايو ته، اڄ اسين پنهنجي دوري جي شروعات ڪري سنڌ جي ماڻهن کي اها دعوت ڏيڻ آيا آهيون ته سنڌ اسان جو وطن آهي ۽ اسان سنڌي هڪ قوم آهيون. ان ناتي آزادي اسان جو فطري ۽ ابدي حق آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي ته جيئن ڪراچي ۾ گڏ ٿي لکن جي تعداد ۾ آزادي جي گُهر ڪريون ان ۾ هر هڪ سنڌي کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها دعوت جيڪڏهن اوهان کي قبول آهي ته قومي قافلي کي هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته اوهان ان ڏينهن ڪراچي ۾ آزادي مارچ ۾ ضرور شرڪت ڪندا. بيٺل ماڻهن جي ميڙ هٿ مٿي ڪري بشير خان سميت سڄي قومي قافلي کي يقين ڏياريو ته هو ضرور آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيندا. منظور آباد ۾ بيٺل ان ميڙ جي سرواڻي آصف ۽ رزاق کوسو ڪري رهيا هئا. قومي قافلو جوش ۽ جذبي سان اڳتي وڌيو. قومي قافلي ۾ شريڪ هر هڪ دوست جي ذهن ۾ مختلف خيال، ڳالهيون ڦرنديون رهيون. مون سان گاڏي ۾ حنيف ساگر بُڙدي هو. منظور آباد کان هلندي ساڄي پاسي ڏٺم ته ڳوٺ ۽ مين روڊ جي وچ ۾ جابلو ٽڪري هئي، جتي ڪاڪو علڻ ٿيٻو دفن ٿيل آهي. ڪاڪو علڻ ٿيٻو. سائين جي ايم سيد جي خاص رفيقن مان هڪ هو. سندس وفات تي آئون، عبدالواحد آريسر ۽ قاسم پٿر گڏ آيا هئا سين. اسان سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ (سنڌ ڳالهائي ٿي) نالي ڪتاب. جيڪو سائين جي ايم سيد عدالت ۾ بيان پيش ڪرڻ لاءِ لکيو هو. ان جي ترتيب لاءِ رهياسين جتان اسان منظور آباد آيا هئاسين. ڪاڪو علڻ ٿيٻو بابت مونکي ياد آهي ته سائين جي ايم وٽ ويٺا هئاسين ته سائين جي ايم سيد جو هڪ پوٽو به اتي ويٺل هو جنهن ڪاڪي علڻ ٿيٻو بابت ڪجهه شڪايتي جملا چيا ته سائين جي ايم سيد کيس چڙٻ ڏيندي منع ڪيو ته هو ڪاڪي علڻ ٿيٻو متعلق نه ڳالهائي، ڇاڪاڻ جو ان بابت هڪ ته کيس (پوٽي کي) گهڻي خبر نه هئي ۽ ٻيو ته هو غلط بياني ٿو ڪري. ان ڪري سائين جي ايم کيس چيو ته يا ته چُپ ڪري ويهي يا ڀلي اٿي وڃي پر ڪاڪي علڻ ٿيٻو بابت نه ڳالهائي. سائين جي ايم سيد پنهنجي رفيقن جي ايتري عزت ڪندو هو، ان بابت منهنجي روبرو اها ڳالهه ٿي هئي. ڪاڪي علڻ ٿيٻي کي دلي ۽ ذهني عقيدت پيش ڪندي اڳتي وڌندي سنڌ ڌرتي جي هن پٿريلي علائقي بابت پڙهيل ڳالهيون ذهن ۾ ڦرڻ لڳيون. عبدالواحد آريسر ”سَرَ ۾ سانجهيءَ وير“ نالي ڪتاب ۾ انهن سڀني ماڻهن تي لکيو آهي. جن ارغونن، تُرخانن ۽ مُغلن جي خلاف ويڙهه ڪئي هئي ۽ کين هڪ ڏينهن به سنڌ کي سک سان ڦُرڻ نه ڏنو هو. جن کي يوسف مِيرڪ پنهنجي شاهجهان نامه نالي ڪتاب ۾ ڌاڙيل ڄاڻايو هو. يوسف مِيرڪ انهن ليکڪن جي قطار ۾ سرفهرست آهي جن سنڌ جي آزادي لاءِ وڙهندڙن کي ڌاڙيل ۽ ڦورو ڄاڻائڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. اڳيان خاصائي ڳوٺ اچي ٿو جنهن کي ان ارغونن، ترخانن، مغلن واري دور ۾ آزادي جي ويڙهه ۾ مکيه مورچي جي حيثيت حاصل هئي، جنهن کي ڪيترائي دفعا ڌارين ميساري ڇڏيو هو. پر هر دفعي ميسارجڻ کان پوءِ واري نئون ڳوٺ سنڌين اتي ئي ٿي اڏيو. جيئن باغين جا سر ڪٽجڻ کان پوءِ به نوَن سِرن جون قطارون ٺهنديون وينديون آهن، تيئن اهو ڳوٺ به ڪڏهن مڪمل تباهه ٿي نه سگهيو.
    خاصائي کان ٿورو اڳتي هلندي روڊ جي وڪڙ تي سامهون سڄي هٿ کان ڊٺل جڳهه پئي نظر آئي، جيڪا آزاد سنڌ ۾ دولهه دريا خان جي اوطاق طور ڪتب ايندي هئي. ٿورو اڳتي وڌياسين ته ٽوڙهي ڦاٽڪ نظر آيو. جنهن جي مٿان اڄڪلهه پُل ٺهيل آهي. ان ڦاٽڪ تي 17 آڪٽوبر 1984ع ۾ ڄامشورو سان چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ويندڙ قومي تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي فوجي درندن انڌا ڌُنڌ فائرنگ ڪئي هئي. جنهن ۾ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان لاڳاپيل 4 شاگرد شهيد امان الله وسطڙو، شهيد انور عباسي، شهيد مالڪ خشڪ ۽ شهيد ذڪريا ميمڻ شهيد ٿيا هئا. ۽ هڪ يونيورسٽي ملازم شهيد، مٺو بليدي شهيد ٿيو هو. ۽ سوين ڪارڪن ان وقت جي قومي اڳواڻن محترم گل محمد جکراڻي، نذير تنيو، اقبال تنيو، ستار مورچو، سڪندر ميراڻي، دودو مهيري، سليمان جتوئي، عمرالدين زرداري سميت گرفتار ڪيا ويا هئا.
    مانجهند اسٽاپ وٽ نعرن جي گونج ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو بشير خان جي سرواڻي ۾ مانجهند شهر طرف وڌڻ لڳو. شهر ٻاهران تعقلي اسپتال سامهون سوَن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهن گلن جي ورکا ڪري دُهلن، شرنانين سان آجيان ڪندي محترم بشير خان کي گاڏي ۾ لهڻ جو عرض ڪري کيس جلوس جي صرورت ۾ شهر طرف وڌڻ لڳا. سڄو شهر گڏ ٿي ويو، دڪانن ۾ ويٺل ماڻهو دڪانن مان ٻاهر نڪري هٿ لوڏي همت افزائي ڪندا رهيا ۽ جلوس جلسي گاهه ۾ پهتو. جيڪو حيدر علي لغاري لائبريري ۽ ڪمپيوٽر سينٽر ڀرسان ٺاهيو ويو هو. رفيق ميمڻ، فرحان ميمڻ، اڪرم کوسو، مانجهند، سن ۾ ڪيل جلسي جا روح روان هيا. جن قومي قافلي کي اجرڪون اوڍايون ۽ان کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي جلسي کي مخاطب ٿيندي، چيو ته سنڌ هڪ الڳ ملڪ جي حيثيتن ۾ پاڪستان ۾ هڪ معاهدي تحت شامل ٿي هئي. جنهن ۾ سنڌ کي هڪ خومختيار حيثيت حاصل هئي، پر پنجاب ان معاهدي کي طاقت جي زور تي ٽوڙي پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي زبان کي مٽائي ان جي جڳهه تي ڌاري ٻولي کي سنڌ سميت سڄي پاڪستان تي مڙهيو ويو. سنڌ جون زرعي زمينون ۽ جڳهيون ڪليمن جي نالي ۾ ڌارين حوالي ڪيون ويون. سنڌ جون نوڪريون، ڪارخانا ڌارين جي قبضي هيٺ اچي ويا. سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس اسلام ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي ڪيا ويا. هاڻي سنڌ جا شهر سنڌين جا نه رهيا آهن اتي ڌاريا ڪثرت ۾ آباد ڪري انهن حوالي ڪيا ويا آهن. ان سڄي ظلم جو سبب پاڪستان آهي. ان ڪري اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پاڪستان کان سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين، جنهن ۾ اوهان کي شريڪ ٿي، ٻڌي جو نمونو اختيار ڪري طاقت ۾ تبديل ۽ اضافي جو سبب ٿي سنڌ جي گُهر کي وزنائتو ۽ پُرزور بنايو. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن ننڍن ٻارن، پوڙهن، نوجوانن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو 23 تاريخ جلسي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا.
    جلسي گاهه جي پُٺ ۾ مون کي هڪ خوبصورت مينار ٺهيل نظر آيو. جيڪو گلابي رنگ مائل هو. ڀرسان ويهي ان تي اڪريل اکر پڙهيم. جنهن تي لکيل هو ته سيرومل پٽ چانڊومل پهنجي زال موهني ٻائي جي ياد ۾ هي مينار ٺهرايو هو. ڏاڍي دل خوش ٿي ته هڪ سنڌي هندو شهر کي خوبصورت ڪرڻ ۽ پنهنجي زال جي ياد لاءِ ڪهڙو خوبصورت ۽ وڻندڙ مينار تيار ڪرايو آهي. پر هاڻي ان جي چوڌاري گند جا ڍير ۽ ڪانڊيرا پيا هئا. ائين محسوس ٿيو ته سنڌي هندن جي وڃڻ کان پوءِ ڄڻ سنڌ ۾ گند جا ڍير ۽ ڪانڊيرا گڏ ٿي ويا هجن. لاکا بس اسٽاپ طرف وڌندي مون ساگر حنيف بڙدي کي ٻڌايو ته مانجهند شهر ٻاهران ٺهيل بچاءَ بند جي پاسي ۾ هڪ شِوَ جو مندر به آهي. جيڪو هاڻي زبنون ٿي ويو آهي، اتي ڪڏهن وڏو ميلو لڳندو هو، مون اهو مندر پنهنجي شهدادڪوٽي دوست سيٺ ڀاونداس سان گڏ گُهمي ڏٺو هو. جنهن ان جي مرمت ڪرائڻ جو به خيال ڏيکاريو هو. پري کان روڊ هلندي مون حنيف ساگر کي اهو مندر ڏيکاريو. لاکا اسٽاپ پهتاسين ته سوين ماڻهو اصغر خاصخيلي، مير محمد کوسو، يار محمد کوسو، امين کوسو، روشن کوسو جي اڳواڻي ۾ بيٺل هئا. جن گلن جي ورکا ڪري، استقبال ڪري روڊ کان کٻي طرف ٺهيل جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي قومي قافلي جي سرواڻ سميت قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي اجرڪون اواڍيون ويون. بشير خان قريشي مختصر خطاب ڪري کين ٻڌايو ته اسين پاڪستان ۾ برابري جي بنياد تي شامل ٿيا هئاسين پر پنجاب طاقت جي زور تي اسلام جو نالو کڻي اسان جي سڀني پيداواري ذريعن تي قابض ٿي اسان کي بُک، بدحالي ۽ مُفلسي ۾ مُبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اسان کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪري انهن کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي اسان جي وسيلن تي آساني سان قابض ٿي سگهن. ان ڪري اسان وٽ پُرامن واهه اها آهي ته اسين سنڌي هڪ هنڌ، ڪنهن وڏي شهر ۾، جيئن ڪراچي آهي اتي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ته جيئن سنڌ کي غلامي جي زنجيرن کان آزاد ڪرائي سگهون. تقريرن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو ته سولنگي اسٽاپ وٽ سوين ڳوٺاڻن استقبال ڪري گلن جي ورکا ڪئي. بشير خان قومي جهنڊو، (ڳاڙهو، ڪهاڙي جي نشان وارو جنهن کي سنڌ يونيورسٽي جي انٽرنيشنل هاسٽل جي17نمبر ڪمري ۾ اقبال ترين ۽ سندن دوستن پهريون دفعو ڊزائن ڪيو هو) ڦڙڪايو. اتي بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. قومي قافلو ڪوٽائي چانڊيا ڳوٺ پهتو. جتي انور شاهه طرفان ڀليڪار ڪئي وئي. اجرڪون اوڍائڻ کان پوءِ بشير خان گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي مختصر خطاب ڪندي اهو ٻڌايو ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ سان مسلسل بي انصافيون ٿي رهيون آهن. انهن ٿيل بي انصافين مان ڇوٽڪارو گهر ويٺي نه ملندو پر سائين جي ايم سيد جي فڪر تي عمل ڪرڻ سان سنڌ آزاد ٿي خوشحالي ماڻي سگهي ٿي. بشير خان سان ڳوٺاڻن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي اچي آزادي مارچ ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. تنهن کانپوءِ قومي قافلو موسيٰ شاهاڻي ڳوٺ طرف روانو ٿيو. مين روڊ تي ڳوٺ طرف ويندڙ رستي تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلي سان گڏجي ڳوٺ طرف روانا ٿيا. اتي پنڊال ۾ حبيب الله شاهاڻي ۽ عبدالرحمان شاهاڻي آجيان ڪري اجرڪون اوڍايون. آصف بالادي مختصر خطاب ڪندي چيو ته هي قافلو تبديلي پسند، ترقي پسند، جمهوريت پسند، پاڪستان پسند نه پر وطن جي آزادي پسند ڪارڪنن جو قافلو آهي، جيڪو سنڌ جي ڳچي مان غلامي جو ڳٽ لاهڻ لاءِ سنڌين کي گڏ ڪري آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ گُهرجائو آهي. بشير خان قريشي پڻ مختصر خطاب ڪري ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌائيندي چيو ته پُر امن آزادي جي گُهر سنڌ جي ضرورت آهي ان لاءِ فقط گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سن طرف روانو ٿيو. سن اندر سوزوڪي اسٽاپ تي قومي قافلي جي آجيان ٿي، تنهن کان پوءِ قومي قافلي سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿي قومي ترانو چيو. جيڪو شيخ اياز جو چيل آهي. سائين جي ايم سيد ان قومي تراني کي ڪجهه وقت لاءِ ان ڪري معطل يا مهمل ڪيو هو، جو شيخ اياز هڪ مضمون ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسي واري حالت ۽ مخدوم بلاول جي گهاڻي پيڙهجڻ واري پيڙا کي ڀيٽيو هو. بهرحال پوءِ ڪجهه وقت کان پوءِ سائين جي ايم سيد ان کي وري بحال ڪيو هو. تنهن کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان سنڌ جي آزاديءَ ۽ خوشحالي ۽ دنيا ۾ امن اتحاد ۽ ترقي بني آدم لاءِ دعا گُهري.
    سن ۾ بس اسٽاپ تي گڏ ٿيل هزارين ماڻهن کي آصف بالادي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. بشير خان پنهنجي خطاب ۾ سنڌ جي شاندار ماضي کي ياد ڪندي، هزارين ماڻهن جي مجموعي کي ٻڌايو ته آزاد سنڌ ماضي ۾ نهايت خوشحال ملڪ رهيو آهي. جنهن جي تهذيب ۽ تمدن مصر ۽ عراق جي تهذيبن کان به سُڌريل هئي. سنڌ، ماضي ۾ به هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ رهي آهي ۽ جڏهن انگريزن سنڌ کي 1843ع ۾ فتح ڪيو هو ته تڏهن به سنڌ هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو. انگريزن جڏهن محسوس ڪيو ته هو هاڻي برصغير هندستان کي گهڻو وقت غلام نٿا رکي سگهن تڏهن هنن برصغير کي آزادي ڏيڻ جو سوچيو پر هنن اها ڳالهه ذهن ۾ رکي ته آئنده هلي هن خطي ۾ اهڙي ڌُر طاقتور رهي جيڪا سندن جديد بيٺڪيتي نظام ۾ رهڻ خوشي محسوس ڪري، انهن، ”مسلمان الڳ قوم آهن“ جو نعرو ۽ نظريو ايجاد ڪري پنهنجن خريد ٿيل ماڻهن ذريعي ان کي ڦهلايو ۽ پنجاب کي اهومحسوس ڪندي ته، هو ٻن عظيم جنگين ۾ سندن ٻانهه ٻيلي انگريزن جو نمڪ حلالي وارو ڪردار ادا ڪري چڪو آهي ۽ انگريزن جي غلامي ۾ هو ڪعبته الله شريف تي به گوليون هلائڻ کان نه هٻڪيو آهي، تڏهن انگريزن پنجاب کي چوڌري ڪري پاڪستان جو مالڪ بنايو. بشير خان وڌيڪ اهو ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد جڏهن اهو ڏٺو ته پاڪستان ٺهي رهيو آهي، تڏهن سائين جي ايم سيد ان ٺهندڙ پاڪستان کي هڪ معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. جنهن تحت پاڪستان ۾ گڏ ٿيندڙ قومون ۽ ملڪ، آزاد ۽ خودمختيار هوندا. پر پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي ۽ پارلياماني ڪاميٽي دهلي ۾ گڏ ٿي ان معاهدي، جنهن کي قرارداد پاڪستان طور 23 مارچ تي ملهايو ويندو آهي. ان کي ٽوڙي پاڪستان کي هڪ اسٽيٽ طور ڄاڻائي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ شرط سڀ کان اڳ هن سڄي خطي سان ۽ خاص طور تي سنڌ سان ظلم اهو ڪيو ويو ته هزارين سالن کان وجود رکندڙ اسان جي شاندار ٻولي کي پوئتي ڪري ڌاري ٻولي اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو. تنهن کان پوءِ سنڌ ۾ فساد ڪرائي سنڌي هندن کي زوري لڏرائي انهن جي 25 لک ايڪڙ زمين ڌارين جي حوالي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج هئڻ ڪري 10 لک ايڪڙ زمين فوجين ۽ پنجابين ۾ ڀڳڙن مُٺ ورهائي وئي، اهڙي طرح سان گڊو بئراج ٺهڻ کان پوءِ پڻ لکين ايڪڙ سنڌجي زمين ڌارين حوالي ڪري کين سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو ۽ ون يونٽ ٺاهي سنڌ جا سڀ پيداواري ذريعا پنجاب حوالي ڪيا ويا.
    نوڪريون پنجابين حوالي، گئس، تيل پنجاب حوالي، درياهه جي پاڻي تي بند ٻڌائي سنڌو درياهه جو پاڻي چورائي، سيني زوري پنجاب حوالي ڪيو ويو. 1973ع جو آئين ٺاهي سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو. روڊ، رستا پيداوار ۽ ذريعا وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿي ويا. ٻاهرين صوبن خاص طور تي پنجاب ۽ پٺاڻن کي کلي اجازت ڏني وئي ته هو سنڌ ۾ داخل ٿي سنڌ جي پيداوار جي ذريعن تي قابض ٿين، ٻين 29 ملڪن کان لکين پرڏيهي سنڌ ۾ داخل ٿي ويهي رهيا ۽ ائين سنڌ جا وڏا شهر ڌارين جي حوالي ٿي ويا. هاڻي ته مورڳو سنڌ جي شهرن جي مالڪي جي دعويٰ ڪري رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ واسيو ڇا ڪجي! بشير خان مجموعي طرف هٿ کڻي چيو ته 65 سال ووٽ به ڏناسين پر سنڌ جي تقدير تبديل نه ٿي سگهي. ان ڪري هاڻي فقط هڪ رستو بچيو آهي ته سنڌي سڀ گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪيون ۽ اهو فقط تڏهن اثرائتو ٿي سگهندو جڏهن تمام گهڻي تعداد ۾ لکن ۾، ڪروڙن ۾ سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان قريشي هزارن جي مجموعي کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪڏهن سنڌ جي آزادي چاهيو ٿا، جيڪڏهن پنهنجن ٻچن جو مستقبل محفوظ چاهيو ٿا ته پوءِ هٿ مٿي ڪري قومي قافلي کي يقين ڏياريو ته اوهان سڀ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ضرور گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪندا. جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته هُو جسقم جي سڏ تي بشير خان جي سڏ تي 23 مارچ تي ڪراچي ضرور اچي آزادي مارچ ۾ شريڪ ٿيندا.
    جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي قافلو شالماڻي طرف وڌيو. جتي مين روڊ تي اسٽاپ وٽ بيٺل ڪيترن ئي ماڻهن استقبال ڪري گل نڇاور ڪيا. قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ويون. ساگر حنيف بڙدي ۽ محترم بشير خان قريشي مختصرن خطاب ڪري گڏ ٿلين کي 23 مارچ ۾شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. گڏ ٿيل مجموعي جي اڳواڻي علي بخش کوسو، لکاڏنو کوسو ۽ غلام قادر کوسو جن ڪري رهيا هئا. قومي قافلو اڳتي روانو ٿيو ته ٿورو اڳيان مين روڊ تي غلام علي گائنچي ۽ حضور بخش گائنچي جي اڳواڻي ۾ استقبال ڪندڙ ماڻهن جو هجوم بيٺل هيو، جن آڌرڀاءُ ڪري اتي هوٽل تي رکايل کٽن تي ويهاريو، جتي قومي قافلي کي چانهه پياري وئي. محترم بشير خان قريشي ڳوٺاڻي طرز تي حال احوال ڏيندي کين قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد سمجهايو ۽ کين دعوت ڏني ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ اسان سنڌي گهڻي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر سنڌين سان لاڳو مصيبتن جو حل ان ۾ آهي ته اسان گڏ ٿي پنهنجو وطن آزاد ڪرايون. سڀني ويٺلن بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور اچي سنڌ جي آزادي جي گُهر ۾ شريڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ حضور بخش گائنچي سڀني قافلي جي اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون. حضور بخش گائنچو سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ عمر قيد جي سزا ڪاٽي آزاد ٿي آيو آهي ۽ اسان سان جيلن ۾ گڏ رهيو آهي. تنهن کانپوءِ قافلو ڇڇر ڳوٺ طرف روانو ٿيو. جتي قومي قافلي ۾ شريڪ ساٿين کي گلن جا هار پارايا ويا، وڏيري علي مراد طرفان، تنهن کانپوءِ وڏيري شير محمد گائنچي بشير خان قريشي کي بوسڪي جو پٽڪو پارايو. سائين منير حيدر شاهه کي ٽوپي ۽ ٻين اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ويون، تنهن کان پوءِ مولوي حسن لاکي آجياڻي تقرير ڪندي بشير خان قريشي سميت سڀني قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيلن کي مرحبا ڪئي ۽ ڳوٺ واسين طرفان يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ جسقم جي ريلي ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. تنهن کان پوءِ سن ضلعي جي اڳواڻ عاشق کوسو تقرير ڪندي کين سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهي ڏني. ڪيهر انصاري کي پڻ تقرير جو وارو ڏنو ويو ۽ پوءِ آخر ۾ بشير خان قريشي، قومي قافلي جو ڳوٺ ۾ اچڻ جو موقف ٻڌائيندي کين چيو ته سائين جي ايم سيد پنهنجي ڊگهي سياسي ۽ عملي تجربي جي آڌار تي اها حقيقت اسان سڀني سنڌين آڏو رکي ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي کانسواءِ ٻيو حل ممڪن نه آهي جيڪو پُرامن طريقي سان گڏ ٿي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ان لاءِ جسقم اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ۽ دنيا کي ٻڌايون ته پاڪستان اندر هاڻي سنڌي رهڻ لاءِ تيار نه آهن. ڇاڪاڻ ته هتي جمهوريت معنيٰ پنجاب جي اڪثريت جي تابع رهڻ آهي. جنهن ذريعي نه فقط اسان جي الڳ قومي وجود جي تشخص کي خطرو آهي پر سڀ پيداواري ذريعا پڻ پنجاب حوالي ٿيل آهن، ان ڪري سنڌ جو مسئلو ڪنهن نظام حڪومت ذريعي حل ٿيڻ ممڪن نه آهي پر وطن سنڌ جي آزادي ۾ ئي ممڪن آهي. بشير خان قريشي جي خطاب کان پوءِ قومي قافلو وڏا ڇڇر پهتو، جتي رات جا 10.20 منٽ ٿي چڪا هئا. ٿڌ پنهنجو زور وٺي رهي هئي. پر ان هوندي به سوين ڳوٺاڻا قومي قافلي جي انتظار ۾ ويٺل هيا. ڪريم بخش ڇڇر اڳواڻن کي اجرڪون اوڍايون ۽ ڪريم بخش مختصر خطاب ڪندي قومي قافلي کي ڀليڪار چوندي سڀني ڳوٺاڻن طرفان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ شريڪ ٿيڻ جي يقين دهاني ڏياري. تنهن کانپوءِ نجف لغاري پڻ مختصر خطاب ڪندي قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌايو. آخر ۾ بشير خان قريشي قومي قافلي جي سربراهي ڪندي کين مخاطب ٿيو ته ڇڇر جي ماڻهن ٿڌ پوڻ جي باوجود به جنهن محبت ۽ سڪ مان اسانجو انتظار ڪيو آهي ته اسان جي دلين ۽ دماغن کي اها پڪ ٿي وئي آهي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان پنهنجي وطن ۾ مڪمل آزاد هونداسين ۽ آزاد هوندي پنهنجي وطن جي ماروئڙن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت خوشحالي طرف وٺي وڃي سڄي دنيا ۾ امن- اتحاد ۽ محبت پيدا ڪرڻ جو سبب پيدا ٿي ترقي بني آدم حاصل ڪري وٺنداسين، ان ڪري اچو ته ان جي شروعات 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ڳوٺاڻن کان موڪلائي اڳئين منزل طرف وڌيو. رات جا 11.30 هين روڊ کان اندر لڪي شاهه ويندڙ رستي تي پهتاسين. جتي تنوير شاهه ۽ غلام قادر جويي جي اڳواڻي ۾ دوست قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺل هيا. قومي قافلو لڪي شاهه صدر ۾ داخل ٿي لڳل شامياني وٽ پهتو ته اتي ويٺل ماڻهن والهانه استقبال ڪيو. غلام قادر جويي آجياڻو ڏيندي چيو ته شام کان سخت ٿڌ جي باوجود سوين ماڻهو انتظار ۾ بيٺل هيا ۽ هاڻي رات جا نوَ ٿيڻ وارا آهن ان جي باوجود به ماڻهو آتا آهن ته قومي قافلي جي سرواڻن کي ٻڌون. تنهن کان پوءِ سائين منير حيدرشاهه کي خطاب لاءِ سڏيو ويو. جنهن هن سڄي علائقي جي تاريخ ٻڌائيندي چيو ته ڄامشوري کان وٺي باغبان تائين ۽ پرتي غيبي ديري تائين هي اها ٽڪري ۽ علائقو آهي جنهن ڌارين حاڪمن جي ڪڏهن به غلامي قبول نه ڪئي آهي. ۽ سدائين حملي آور حاڪمن جي خلاف جدوجهد پئي ڪئي آهي. هن ئي علائقي ۾ مخدوم بلاول، دولهه دريا خان پنهنجي پٽن محمود ۽ موٽڻ سميت وطن تان قربان ٿيا ته حيدر شاهه سنائي کان وٺي سر يمڻ چانڊئي تائين هي علائقو اهڙن جوڌن سان ٽمڪندو هو. جيڪي وطن سنڌ جي آزادي سڀني کان وڌيڪ مقدم سمجهندا هيا. سائين منير حيدر شاهه جي مختصر خطاب کان پوءِ قومي قافلي جو سرواڻ بشيرخان مختصر خطاب ڪرڻ اٿيو. سامعين کي بشير خان، سائين جي ايم سيد جي اتر سنڌ جي دوري جو احوال ٻڌائيندي کين ٻڌايو ته شهداد ڪوٽ ۾ سائين جي ايم سيد دوري دوران خطاب ڪندي چيو هو ته عمر جي هن وهي ۾ دورا ڪرڻ ڇا ڪجي جو محبت وڌو آ مامري نه ته ڪير ڪشالا ڪري. سنڌ جي محبت جي ستي جيڪا اسان کي سائين جي ايم سيد پياري هئي اها اسان کي به پنهنجي رهبر سائين جي ايم وانگي ويهڻ نه ٿي ڏئي. اهڙي مهل جتي ڳالهائڻ مهل وات مان ٿڌ ڪري دونهان نڪرن ان مهل توهان به ويٺا هجو اسان جي انتظار ۾، توهان جي ان محبت جو قسم آئون توهان کي يقين ٿو ڏياريان ٿو يا ته هڪ ڏينهن سنڌ آزاد ڪرائينداسين يا ان راهه ۾ سر ڏينداسين. تقرير ڪرڻ کان پوءِ بشير خان قريشي سميت قومي قافلو لڪي شاهه وارن کان موڪلائي اڳتي روانو ٿيو. رات جي 12.30 وڳي سيوهڻ ٻاهران اٽڪ پيٽرول پمپ وٽ بيٺل دوستن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو، جو قلندر جي درگاهه ٻاهران عَلَمَ وٽ دعا کانپوءِ جلسو شروع ٿيو. اڪبر ملاح آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي رات گهڻي ٿيڻ ۽ ٿڌ جو زور وٺڻ ڪري مختصر هڪ ٻه شاهه لطيف جا بيت ٻڌائي تقرير مختصر ڪئي. تنهن کان پوءِ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي جلسي ۾ شريڪ ٿيلن کي ٻڌايو ته ملڪ يا ڌرتيءَ جا مالڪ جيڪڏهن پنهنجي وطن کان ويڳاڻا ۽ لاتعلق ٿي ويهي رهندا ته پوءِ سندن وطن مڪمل طور ڌارين حوالي ٿي ويندو آهي ۽ اڄ سنڌ سان به اها حالت آهي. پر سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ پنهنجي وطن جي مالڪي ۽ آزاديءَ جي گُهر ڪرڻ لاءِ سڄي سنڌ اندر نڪري پيا آهن ته پنهنجي وطن سنڌ جي گادي واري هنڌ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي ۽ مالڪي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان توهان وٽ آيا آهيون ته 23 مارچ تي جسقم جي سنڌ گُهري ٿي آزاد ۾ گڏ ٿيو ته جيئن زوردار نموني پنهنجي جائز ۽ قانوني گُهر ڪري سگهون. اتي ويٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري زوردار نموني يڪراءِ ٿي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
    تقريرن جي خاتمي کان پوءِ قومي قافلو رات جو 1.30 وڳي ڌاري سن ۾ آرام ڪرڻ لاءِ سيوهڻ کان روانو ٿيو. سن پهتاسين ته خبر پئي ته حيدرآباد مان ڪجهه دوست آيا هئا. جنهن ۾ بابو درس، سليم ڪابورو، جميل سيال، سردار واحد بخش شيخ ۽ ارشاد خاصيلي شامل هئا. جيڪي گهڻو وقت ويهڻ کانپوءِ دير ٿيڻ ڪري موٽي ويا هئا. بهرحال اڄوڪي ڏينهن جو دورو سن واپس پهچڻ کانپوءِ ختم ٿيو. رات جي ماني سائين منير حيدر شاهه نهايت ذائقيدار ۽ عاليشان ٺهرائي هئي ۽ اهڙي ٿي هئي جيڪا رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي ڪيئي ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد جي دسترخوان جو ذڪر ڪندي لکي آهي. اڄوڪي دوري ۾ مرڪزي باڊي مان بشير خان قريشي، مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، آڪاش ملاح، آصف بالادي، ڪيهر انصاري، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري، جساف جو اشرف ڪلهوڙو جن هئا ۽ سائين منير حيدر شاهه پڻ گڏوگڏ هئا. ان کان علاوه ضلعي عهديدارن مان عاشق کوسو، قربان سومرو، عالم ٻگهيو ۽ علي بخش ڪابورو هئا. رات جو آرام ڪري وري صبح جو شيڊيول مطابق دادو ضلعي جي دوري لاءِ نڪرڻو هو.
    2 فيبروري 2012ع: صبح جو پُر تڪلف ناشتوڪري دادو ضلعي طرف روانا ٿياسين، دادو جسقم جو ضلع صدر مصطفيٰ جانوري رابطي ۾ هو. ڀان سعيدآباد ٻاهران سِم شاخ تي دوستن استقبال ڪري قومي قافلي کي شهر طرف نعرن جي گونج سان وٺي هلندا رهيا. ڀان سعيدآباد هونئن ته ڄامشوري ضلعي ۾ آهي. پر تنظيمي طرح ڀان ضلع دادو ۾ ڳنڍيل آهي. شهر جي وچ چوڪ تي اسٽيج ٺاهي وئي هئي. جتي جلسو ٿيو. سوين ماڻهو گڏ ٿي اڳواڻن جو خطاب ٻڌڻ لڳا. اتي سڀ کان پهريائين ڪاڪ لغاري آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي گڏ ٿيل ماڻهن کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ مخاطب ٿيندي ٻڌايو ته مرشد لطيف سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسي وسري ۾ ٻڌائي ٿو ته دوست، ساٿي، سڄڻ ۽ پنهنجو علائقو ڪنهن بي نڪي ماڻهو کان ئي وسرندو آهي پر مرشد لطيف ٿوچئي ته حيف تنين کي هوءِ، جن وطن وساريو. لعنت آهي انهن تي جيڪي پنهنجي وطن کان لاتعلق ٿي ويهي رهيا آهن. ان ڪري اڄ وطن سنڌ غلام آهي ۽ سنڌ وطن کي ڌاريا غلام ڪري ان جا وسيلا لُٽي ۽ ڦُري رهيا آهن، اسان جي زبان کي ختم ڪيو ٿو وڃي، اهڙي صورت ۾ پاڻ وطن کي وساري ويهون ته پوءِ نه فقط مرشد لطيف لعنت ٿو وجهي پر سڄي دنيا اهڙي قوم کي عزت ۽ احترام ڏيڻ لاءِ ڪيئن تيار ٿيندي؟ ان ڪري اچو ته 23 تاريخ ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلي جي سرواڻ ۽ جسقم چيئرمين بشير خان قريشي خطاب ڪندي ڀان واسين کي ٻڌايو ته هي سنڌ هزارين سالن کان اسان، توهان سنڌين جو وطن آهي. پر اڄ اسان پنهنجي وطن سنڌ کان لاتعلق بڻيل آهيون ۽ ڌاريا ماڻهو اهي دعوائون پيا ڪن ته سنڌ جو فلاڻو شهر سندن آهي. پٺاڻ اها دعويٰ ٿا ڪن ته سڄي ايشيا ۾ وڌ کان وڌ پٺاڻ آبادي جو شهر ڪراچي آهي. پشاور جو ڪابل ۽ قنڌار جو ذڪر نٿا ڪن. پر دعويٰ ڪندي چون ٿا ته انهن شهرن کان وڌيڪ پٺاڻ ڪراچي ۾ آباد آهي. تنهنڪري انهن جو حق تسليم ڪندي ڪراچي سندن حوالي ڪيو وڃي. عمران خان جيڪڏهن ڪاوڙجي ته ڪراچي ۾ جلسو ڪندي دعويٰ ڪري ته ڪراچي سڀني پاڪستانين جو آهي. اتي سنڌي پنهنجي شهرن ۾ اوپرو بڻجي ويهي رهي. اهو اسان کي قبول نه آهي. سنڌ جا شهر ڌارين حوالي ٿيڻ جو وڏو سبب اهو آهي ته حڪمران چون ٿا ته سنڌي ان ڳالهه ۾ خوش آهن. ان ڪري اچو ته 23 مارچ ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ٿي نه فقط پنهنجي شهرن جي مالڪي ڪريون پر سڄي دنيا کي اهو چٽو ۽ واضع لفظن ۾ ٻڌايون ته سنڌين کي هاڻي پاڪستان ۾ ڪنهن به نظام حڪومت سان دلچسپي نه آهي. اسين 1940ع جي قرارداد، جنهن کي توهان (حڪمران) پاڻ ئي ڪيترا دفعا رد ڪري چڪا آهيو کي نه ٿا قبوليون. ان کي چٽي ۽ واضح نموني دنيا کي ٻڌايون ته ”سنڌ گُهري ٿي آزادي“ تنهن تي اتي بيٺل مجموعي ۾ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي ۽ بشير خان پوءِ کانئن اهو عهد ورتو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا ۽ اتي سڀني بيٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان سان واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
    ڀانن کان پوءِ قومي قافلو جوهي طرف وڌڻ لڳو، جوهي طرف ويندي 2010ع ۾ آيل ٻوڏ ۽ جوهي واسين جي همت ياد پئي ٿي ته ڪيئن نه جوهي واسين سرڪار جي مدد کانسواءِ پنهنجي شهر کي ٻُڏڻ کان بچايو هو، ٻه سال گذري ويا آهن، تباهه ٿيل روڊ نه ٺهي نه ٺهيا. زمينون اڃان پاڻي ۾ ٻڏل، ماڻهو بيحال. پر پوءِ به اڃان ماڻهن ۾ ڪاوڙ جي شدت ايتري ناهي آئي جو ماڻهن جو سمنڊ بنجي هن مصيبت يعني پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن. خيال ايندا رهيا ۽ رستو جهاڪن باوجود کٽندو رهيو، جوهي ٻاهران استقبال ٿيو ۽ جوهي جي ڪار اسٽينڊ تي جلسو ٿيو. جتي وهاب سومري آجياڻو ڏنو، حاجن بروهي تقرير ڪئي ۽ حنيف ساگر، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، سائين منير حيدر شاهه تقريرون ڪري گڏ ٿيل جوهي واسين کي اڄ جوهي اچڻ جو سبب ٻڌايو ۽ پنهنجي پنهنجي انداز سان سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي قومي هيرن ۽ سنڌ مان ٿيندڙ ڦرلٽ بابت آگاهه ڪيو. آخر ۾ بشير خان قريشي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ جوهي واسين کي ٻڌايو ته سنڌ جو جابلو علائقو 5000 هزار چورس ميلن تي پکڙيل آهي جيڪو شهداد ڪوٽ کان وٺي ڪراچي تائين ۽ ٺٽي جي ٽڪرين کان پير پٺي تائين ۽ سکر کان وٺي شادي شهيد ۽ ٿر ۾ ڪارونجهر جي 12 ميل هم چورس جابلو علائقي ٿي مشتمل آهي. اهو سڄو جابلو علائقو بظاهر ته سُڪل پٿر نظر ٿو اچي پر انهن جي هيٺان قدرتي خزانا آهن. جيڪي تيل، گيس، يورينيم سان مالا مال آهن. جوهي ۽ جهانگارا باجارا جي وچ تي ڀت جبل وٽان گئس نڪتي آهي. جنهن جو افتتاح ڪجهه وقت ان وقت جي گورنر محمد ميان سومري ڪيو هو، جنهن جو مقدار 42 ٽرلين آهي. بلوچستان ۾ سُئي واري هنڌ وٽان نڪتل گئس جو مقدار 14 ٽرلين آهي. ڀت جبل وٽان نڪتل گئس 10 سالن ۾ 27 هزار ڪروڙ پيداوار ڏيندي ۽ سنڌ کي، جوهي واسين کي فقط 10 ڪروڙ ملندا. بشير خان تقرير ڪندي وڌيڪ ٻڌايو ته دادو، جوهي روڊ تي BHP نالي هڪ گئس ڪمپني گئس ڪڍي رهي آهي. هڪ ته اها گئس ڪمپني زمينن جي مالڪن کي پورو معاوضو نه ٿي ڏئي. جنهن جو مثال جوهي جو رهاڪو خميسو خان آهي ۽ ٻيو ته BHP وٽان نڪرندڙ گئس سڄي پاڪستان مان نڪرندڙ گئس جو 15 سيڪڙو گئس پيدا ڪري ٿي، پوءِ به جوهي وارا نه فقط انهن گئس فيلڊن ۾ نوڪرين کان محروم آهن پر اتان نڪرندڙ اربين روپين جي گئس مان کين ٽڪو به نٿو ملي ان جو سبب اهو آهي ته سنڌ، پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلام آهي ۽ اسان سنڌي هاڻي اچو ته ان غلامي کان بيزاري جو اظهار ڪريون ۽ پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اتي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون ۽ توهان هتي گڏ ٿيل واعدو ڪيو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ هر صورت ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪندؤ. تنهن تي اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هُو، ڪراچي اچي پنهنجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪندا.
    جلسي کان پوءِ قربان کوکر، حاجن بروهي، قومي شاعري ڪندڙ هارون پنهور سان سندن عزيزن جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ قافلو دادو طرف روانو ٿيو. BHP جي مين گيٽ سامهون قومي قافلي جو دهلن ۽ شرنانين سان بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو دادو طرف وڌندو رهيو. دادو شهر ٻاهران بيٺل سوين ماڻهن آجيان ڪئي ۽ سوين اسڪوٽرن جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو دادو شهر طرف وڌڻ لڳو، جتي وچ شهر ۾ مين روڊ تي جلسي جو انتظام ٿيل هو. اجرڪن پائڻ جي رسم کان پوءِ تقريرن جو دؤر شروع ٿيو. غلام حسين لنڊ آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کانپوءِ مرڪزي عهديدارن نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ منير حيدرشاهه تقريرون ڪري عوام کي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيل ويساهه گهاتين، ظلم ۽ زيادتين کان پرجوش نموني آگاهه ڪيو ۽ آخر ۾ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي دادو واسين کي اهو ٻڌايو ته پاڪستان، انگريزن طرفان پنجاپين کي ٻن مهاڀاري لڙاين ۾ خدمتن جي عيوض تحفي ۾ مليو هو. انگريزن ڏٺو ته ڪانگريس پارٽي وارا سندن پٺو ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا ته هنن پنجابين کي، جيڪي سدائين انگريزن جا جي حضوري ۾ رهيا آهن نوازڻ لاءِ ۽ آئنده هن خطي ۾ انگريز سامراج جي وفادار خطي طور کين پاڪستان ٺاهي ڏيڻ جو پروگرام رٿيو. تڏهن سائين جي ايم سيد ان ٺهندڙ پاڪستان کي قومن جي وچ ۾ معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. جنهن کي 1940ع جو معاهدو سڏجي ٿو. جنهن تحت پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ قومن کي جدا رياستن جو درجو ڏنو ويو، ان کان پوءِ پنجابين وڏي مڪاري ۽ فوجي طاقت جي زور تي ان معاهدي کي ختم ڪري سنڌ کي ڪالوني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. 1947ع کان پوءِ 10 لک سنڌي هندو سنڌ ڇڏي هندستان ويا. جن جون ٺهيل عاليشان جڳهون ۽ 25 لک زرعي زمين ٻاهران آيل ماڻهن کي ڏئي سنڌ سان ظلمن جي شروعات ڪئي وئي. تنهنڪري اسان چاهيون ٿا ته ان ساڳي ڏينهن يعني 23 مارچ تي وري لکن جي تعداد ۾ سنڌي گڏ ٿي دنيا کي ٻڌايون ته اسان کي 1940ع جي قرار داد قبول ناهي، هاڻي سنڌي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن ٿا. ان لاءِ توهان وٽ آيا آهيون ته ان ڏينهن ڪراچي اچو ته جيئن دوست، دشمن کي ٻڌائي سگهون ته اسان سنڌي ڪهڙي ڳالهه جي گُهر ٿا ڪريون. ان تي جلسي ۾ ويٺل ماڻهن نعرن سان چيو ته آزادي، آزادي، آزادي، تنهن کان پوءِ حسب معمول بشير خان هٿ مٿي کڻائي کانئن 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو واعدو ورتو. جلسو رات جو 10.30 بجي ختم ٿيو. تنهن کانپوءِ سمهڻ لاءِ جسقم ضلعي دادو طرفان مقرر ٿيل جڳهه تي پهچي ماني کائي، ٿورو اڄوڪي ڏينهن تي تبصرو ڪندي سُمهي پياسين.
    3 فيبروري 2012ع: صبح سان اٿي تياري ڪري ڦلجي طرف هلڻ جو چيو ويو. باٿ رومن ۾ گرم پاڻي جي سهولت نه هئي تنهنڪري ڪارڪنن ٽين جي دٻن ۾ پاڻي گرم ڪري پئي ڏنو ۽ قومي قافلي ۾شريڪ دوست واري واري سان وهنجي تيار ٿيڻ لڳا. ڦلجي طرف ويندي هيتم جتوئي وٽ ڦاٽڪ جي اورئين پاسي بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ريلوي لائين سان ٺهيل روڊ وٺي ڦلجي طرف وڌڻ لڳو. ڦلجي ۾ وچ چوڪ تي سوين ماڻهو بيٺل هئا. جتي لالا ظهير آجياڻي تقرير ڪئي تنهن کان پوءِ ساگر حنيف بڙدي پنهنجي مخصوص انداز ۾ تقرير ڪئي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ”پاڪستان ڪري، سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو ذڪر ڪندي سنڌي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿين. جيئن گڏجي سنڌ وطن کي آزاد ڪرڻ جي گُهر ڪري انهن ظلمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون، تنهن کان پوءِ قومي قافلو پيارو ڳوٺ روانو ٿيو. واٽ تي ڪوٽ مري وٽ بشير خان قريشي قومي جهنڊو ڦڙڪايو. پيارو ڳوٺ وٽ استقبال ٿيو. بشير خان سميت سڀني اڳواڻن کي اجرڪون پارايون ويون. تنهن کان پوءِ نجيب پنهور ۽ عقيل پنهور سان سندن والد جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. نجيب پنهور ٻڌايو ته پيارو سندن ڏاڏي جو نالو هو. جنهن تان هن ڳوٺ جو پيارو ڳوٺ نالو پيو. پيارو اسٽيشن تي شگر مل اڳيان جلسو ٿيو. جلسي جي شروعات ۾ قومي قافلي جي اڳواڻن کي اجرڪون پارايون ويون.
    سنڌ ۾ هن وقت تقريباً 29 شگر ملون آهن. ان جي باوجود به، نه کنڊ سستي ٿئي ٿي ۽ نه ئي وري مل مالڪ ڪمند جو صحيح ۽ مناسب اگهه آبادگارن کي ڏين ٿا. چون ٿا ته پيارو شگر مل آصف زرداري صاحب جي آهي. جيڪو هن مهل پاڪستان جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو ڪرتاڌرتا آهي. ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته نئون ديرو شگر مل جو مالڪ به آصف زرداري آهي. ٽنڊو الهيار شگر مل جو مالڪ به چون ٿا ته هاڻي آصف زرداري آهي. اها مل عبدالستار بچاڻي جي ڊاڪٽر ڀاءُ کي اغوا ڪرائي پوءِ بچاڻي ڀائرن کان ورتي وئي هئي. سيري شگر مل، مرزا شگر مل، لاڙ شگر مل، قاضي احمد شگر مل پڻ چون ٿا ته آصف زرداري جون آهن، سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب سنڌوديش ڇو ۽ ڇا لاءِ جي صفحي 240 تي سنڌ جي آزاديءَ بعد ملندڙ فائدن ۾ لکي ٿو ته ڪمند جي وسيع تر پوکي ڪئي ويندي ۽ شگر ملن جو تعداد وڌائي 20 تائين ڪيو ويندو ته جيئن عوام کي سستي کنڊ ۽ آبادگارن کي بهتر اگهه ملي سگهن. اهو اُهو فائدو هو جيڪو سائين ڄاڻايو آهي ۽ هاڻي ته 29 شگر ملون آهن پر پوءِ به نه کنڊ سستي ٿي آهي ۽ نه ئي وري آبادگارن کي بهتر اگهه مليا آهن. اهو ان ڪري آهي ته سائين جي ايم سيد کيو آهي ته وڏا ڪارخانا پبلڪ سيڪٽر تحت قائم ڪيا ويندا ۽ پرايويٽ ڪارخانا فقط اهي قائم ڪرڻ ڏبا جنهن ۾ 10 مزدور ڪم ڪندا هجن. بهرحال جلسو شروع ٿيو. منهنجا خيالات ڦِٽا. اجرڪن اوڍائڻ جي ڪارروائي کانپوءِ هڪ راڳي هي گيت ڳايو ته:
    سنڌ جي ڪري مون کي ڪفن منظور آ،
    سنڌ جي ڪري ڪيو دفن مون کي منظور آ،
    هڪڙي پاسي جند هجي ۽ ٻي پاسي سنڌ هجي،
    منهنجي جند وٺي مون کي سنڌ آزاد ڏيو، مون کي منظور آ.
    پوءِ جبل سنڌي آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ جلسي کي حنيف ساگر بڙدي خطاب ڪندي چيو ته، جنهن سياسي زبان ۾، ڳالهه ۾، سنڌ جو مفاد ناهي، سنڌ ناهي. ان ۾ سنڌ جو فائدو ناهي، تنهن کان پوءِ آڪاش ملاح تقرير ڪندي ٻڌايو ته سڪندراعظم سنڌ فتح ڪرڻ مهل سنڌ ۾ ريشم جو ڪيڙو ڏسي حيران ٿي ويو هو، سنڌ ماضي ۾ ايتري خوشحال ۽ سر سبز هئي اهو فقط سنڌ جي آزادي ڪري هو، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته: اسان سنڌ جي ماڻهن وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ نه پر سندن دلين ۾ سنڌ جي محبت جاڳائي سنڌ جو مالڪ هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ جو عهد وٺڻ آيا آهيون. سنڌ ۾ بک، بدحالي، مفلسي، غربت خدا جي ڏمر ڪري نه پر پنجاب طرفان ٿيندڙ سنڌ جي ڦرلٽ ڪري آهي.
    23 مارچ 1940ع تي لاهور ۾ ماڻهن جي هجوم گڏ ٿي هڪ عهدنامو ظاهر ڪيو هو. جنهن جي سائين جي ايم سيد 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ ذريعي حمايت ڪئي هئي. پر پنجاب فوج ۽ نوڪر شاهي جي قوت ۽ طاقت جي آڌار تي ان عهدنامي کي لتاڙي ڦاڙي ڇڏيو. هاڻي 23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ لکين، ڪروڙين سنڌي ماڻهو گڏ ٿي اها گُهر ڪندا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ان ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ هڙان وڙان خرچ ڪري ڪراچي پُهچو. جلسي ۾ بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هُو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سيتا روانو ٿيو. تڳيا ڳوٺ ۾ سوين ماڻهو بيٺل هئا جن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ اتي بشير خان قومي جهنڊو پڻ ڦڙڪايو. پوءِ اڳتي وڌندي لونگ راهوجا ڳوٺ وٽ جيئي سنڌ جا جهنڊا کڻي قومي قافلي جي نوجوانن طرفان آجيان ٿي، سيتا شهر ۾ هڪ تمام وڏو جلسو ٿيو. جتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شريڪ ٿيا. جتي ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، ساگر حنيف بڙي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ماڻهن کي سنڌ ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي اهو چيو ته سنڌي ماڻهون تاريخ جي هر دؤر ۾ بهادر ۽ پنهنجي وطن سان پيار ڪندڙ رهيا آهن، انهن لاءِ، هنن پنهنجي سِرن جي ڪڏهن به پرواهه نه ڪئي آهي. سڪندراعظم جڏهن سنڌ کي ڦُرڻ، لُٽڻ لاءِ ڪاهه ڪئي هئي ته سنڌو درياهه جي ڪنڌي تي رهندڙ ماڇي قبيلي کيس اهڙا ته ٽوٽا چٻايا جو هو حيران ۽ پريشان ٿي ويو ۽ انهي قبيلي طرفان لڳل تير کيس اهڙو ته مُنجهايو جو هو سمنڊ ڪنارو ڏيئي بابل روانو ٿيو ۽ اتي لڳل تير جي زخم ڪري مري ويو. ان ڪري اسان پنهنجن بهادر ماڻهن وٽ آيا آهيون ته سنڌ هن مهل اسان کي پڪاري ٿي، جيڪا مصيبت ۾ آهي. سنڌ وطن ۾ سنڌي قوم جو قومي وجود خطري ۾ آهي. سندس سڀ وسيلا ڌارين جي حوالي آهن ان ڪري اچو ته دنيا کي ٻڌايون ته اسان سنڌي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪندي دنيا کي اپيل ٿا ڪيون ته ان ۾ هو اسان جي مدد ڪن. آخر ۾ بشير خان حسب دستور کانئن 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو. تنهن کان پوءِ اعجاز انڙ وٽ ڪارخاني تي چانهه پارٽي ٿي. جتي بشير خان اعجاز انڙ جي والد صاحب کي جلسي جي دعوت ڏيندي کيس مدد جي پڻ اپيل ڪئي، تنهن کان پوءِ استادن جي هڪ وفد طرفان مليل چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿيڻ کان پوءِ خيرپور ناٿن شاهه طرف روانا ٿياسين. واٽ تي گاڏهين جي ڳوٺ وٽ ۽ هڪ شاخ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. قومي قافلو خيرپورناٿن شاهه ۾ سيتا واري طرف کان باءِ پاس کان ٿي شهيدن جي چوڪ کان شهر طرف روانا ٿيو. ٿورو اڳيان ماڻهن جي زور ڀرڻ تي بشير خان گاڏي مان لهي پنڌ ڪندي هلڻ لڳو. شهر ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان، دوڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري بشير خان جو استقبال ڪندا رهيا ۽ ماڻهن طرفان بشير خان ۽ سندس قافلي کي شاندار موٽ ملي. قومي قافلو ميهڙ اسٽاپ وٽ منعقد ٿيل جلسي ۾ پهتو. جتي اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ علي حسن گاڏهي آجياڻو ڏنو. تنهن کان پوءِ نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي ۽ آخر ۾ بشير خان جلسي کي سنڌ، سائين جي ايم سيد، سندس فڪر ۽ خيالن کان آگاهه ڪيو. ۽ ان جي ڪاميابي لاءِ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. ماڻهن موٽ ۾ هٿ مٿي ڪري پهچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کان پوءِ مراد گاڏهي ڳوٺ ۾ علي حسن گاڏهي وٽ منجهند جي ماني رات 9 وڳي کائڻ نصيب ٿي، تنهن کان پوءِ ميهڙ طرف قومي قافلو روانو ٿيو. ڪولاچي پُل وٽ پهتاسين ته رات جا 10.15 ٿيا هئا، ٿڌ گهڻي هجڻ باوجود به ماڻهو تمام گهڻي دير کان بيٺل هيا. جن قومي قافلي ۽ ان جي سربراهه بشير خان قريشي جو والهانه استقبال ڪيو ۽ پوءِ ڪيترن ئي اسڪوٽرن تي آيل همراهه اسڪواڊ جي صورت ۾ ميهڙ شهر طرف وڌڻ لڳا. جتي گهنٽا گهر چوڪ تي جلسي جو انتظام ٿيل هو. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کان پوءِ اجرڪون اوڍايون ويون اعجاز کوکر آجياڻو ڏنو ۽ پوءِ نجف لغاري، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي) پنهنجي پنهنجي علم ۽ سمجهه مطابق جلسي گاهه کي پنهنجي پارٽي جي موقف کان آگاهه ڪيو. ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي سامعين کي مخاطب ٿيندي چيو ته دوستو، ڀائرو! آخر ڪهڙو سبب آهي جو سائين جي ايم سيد ۽ جسقم جا ڪارڪن اهو چاهين ٿا کين پاڪستان نه کپي. ان ڪري ڀائرو! پاڪستان جي ٺهڻ جو مقصد، پاڪستان ۾ هر هڪ جي قومي وجود جي سلامتي جي ضمانت مليل هئي. هڪ معاهدو هو. جنهن تحت پاڪستان هڪ رياست نه پر رياستون هوندو. هر هڪ رياست کي پنهنجي زبان، ڪلچر، کي وڌائڻ ويجهائڻ ۽ پيداواري ذريعن تي پنهنجو حق حاصل هوندو پر پاڪستان 1947ع ۾ ٺهيو ته هتي سنڌ ۾ هٿ سان فساد ڪرائي 10 لک سنڌي هندن کي ڀڄائي ڇڏيائون انهن جون ڇڏيل ملڪيتون، جايون ۽ 25 لک زرعي زمين ٻاهران آيل ماڻهن جي حوالي ڪيون ويون. سنڌي زبان کي ختم ڪري اردو ٻولي. جيڪا پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ ڪنهن به خطي جي ٻولي نه هئي کي قومي زبان ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ون يونٽ ٺاهي سنڌ کي ”سابق سنڌ“ سڏيو ويو. ڪوٽڙي بئراج ۽ گڊو بئراج ٺاهي 35 لک ايڪڙ زرعي زمين 50 روپيه ايڪڙ قيمت مقرر ڪري ان جو چوٿون حصو يعني ساڍا ٻارنهن روپيه جي حساب سان فوجين، پنجابين کي ڏنيون ويون. سنڌ ۾ ڪارخانا لڳائڻ لاءِ غير سنڌين کي حڪومتي قرض ڏئي انهن ڪارخانن ۾ ڌارين کي ڀرتي ڪيو ويو. ٻاهرين ملڪن سان واپار ڪرڻ جون سهولتون ڌارين ماڻهن حوالي ڪيون ويون. سنڌ جون سرحدون کولي ڌارين جي لوڌ کي ڇيڪ ڇڏيو ويو ته هو اچي ڀلي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ماڪڙ وانگر ٽُٽي پون ۽ کين آباد ٿيڻ جون سڀ سهوليتون ڏئي وڏا شهر ڌارين حوالي ڪيا ويا. سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس، قيمتي پٿر ۽ ٻين معدني وسيلن تي مڪمل طور تي پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو. 1973ع جو آئين ٺاهي سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪيو ويو. ڇا پوءِ به ڪو غيرتمند سنڌي اهو چاهيندو ته کيس پاڪستان کپي، نه ڪوبه پنهنجي وطن سنڌ سان پيار ڪندڙ ماڻهو ائين نه چاهيندو ته هو پنهنجي وطن ۾، اقليت ۾ تبديل ٿي غلامي جي زندگي گذاري، ان ڪري سنڌ واسيو! اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي اهو اعلان ڪريون ته پاڪستان جو هاڻي معاهدو قبول ناهي ۽ سنڌ گُهرجي ٿي آزاد. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي دوران اسان جي دوست صحافي انور ڪانڌڙي، جوهر بروهي جو ڪتاب”ڪاڇي پئي ڪُوڪَ“ قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني دوستن کي ڏنو، جلسي ختم ٿيڻ کانپوءِ رات دوست اعجاز چانڊيو وٽ آرام ڪرڻ لاءِ سُمهي پياسين، سمهڻ کان اڳ زوهيب قريشي جيڪو انٽرنيٽ جي فيس بوڪ تي روزانه نڪتل فوٽو موڪليندو هو ، ان اهو ڪم ڪيو ۽ ٻيا دوست گپ شپ ڪري ليٽي پيا.
    4 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي ناشتو ڪري ميهڙ کان نصيرآباد طرف روانا ٿياسين. اعجاز چانڊئي جي اوطاق کان هلندي پُراڻي قومي ڪارڪن اقبال مهيسر سان سندس امڙ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي سين. اقبال مهيسر اهو قومي ڪارڪن آهي جيڪو جڏهن جساف سان لاڳاپيل هو ۽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ پڙهندو هو تڏهن سائين جي ايم سيد جي سالگره تي ويندي نصيرآباد ڀرسان فوجين سڀني شاگردن کي بس مان لاهي پاڻي جي دُٻي ۾ ليٽائي مٿن تشدد ڪري ڇڏي ڏنو هو. ان کان پوءِ اِهي شاگرد سڌو سن سائين جي ايم سيد وٽ جڏهن پهتا ۽ اها حقيقت جڏهن سائين جي ايم سيد کي پئي ته شاگردن کي فوجين ماريو آهي ۽ اقبال مهيسر جي پٺي تي مار جي ڪري ڏنا ٺهي بيٺا آهن تڏهن سائين جي ايم سيد کانئس قميص لهرائي اهي ڌڪن جا نشان ڏٺا ۽ ان کان پوءِ سائين جي ايم سيد اقبال مهيسر جي جسم تي ٺهيل نشانن کي چُمي ڏني هئي ۽ پڪ سان اقبال مهيسر جي بدن کي ڏنل اها سائين جي ايم سيد جي چُمي دنيا جي سڀني اعزازن کان مٿانهين هئي.
    عذر خواهي ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ قومي قافلو نصيرآباد طرف روانو ٿيو. ڌامراهه واهه تي سوين بيٺل ڪارڪن استقبال ڪري قومي قافلي کي نصيرآباد طرف وٺي هليا. شهر جي وچ چوڪ تي جلسي جو بندوبست ٿيل هو، جتي آجياڻي تقرير شاهد کوکر ڪئي. تنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي تقرير ڪندي چيو ته سنڌي ماڻهن جو بک، بدحالي، غريبي ۽ مفلسي مان ڇوٽڪاري جو رستو فقط سنڌ جي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ آهي، تنهن کان پوءِ ڪيهر انصاري خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ محترم بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اڄ پنهنجي سڄي تاريخي دؤر ۾ سڀ کان وڏي دؤر مان گذري رهي آهي. سنڌي پنهنجي قومي وجود کي سلامت رکڻ واري چيلينج کي منهن ڏئي رهيا آهن. اڄ سنڌي ٻولي جي بقا جو مسئلو درپيش آهي. سنڌ جي الڳ ملڪي حيثيت ختم ٿيل آهي ۽ سنڌين جي هزارها سال شاندار ڪلچر کي ختم ڪرڻ جا جتن ڪيا وڃن ٿا. سنڌ جا سڀ وسيلا پنجاب حوالي ٿيل آهن، ان غلامي مان نجات جو فقط هڪ رستو آهي اُهو اِهو آهي ته سنڌي گڏ ٿي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪن. ان لاءِ اسان جسقم وارن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اتي سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪيون. ان تي جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
    جلسي کانپوءِ شهر جي معزز ماڻهن، استادن، ڊاڪٽرن، وڪيلن، واپارين کي نصيرآباد جي دوستن چانهه پارٽي تي گڏڪيو هو. جتي ساڻن ملي محترم بشير خان قريشي کين نه فقط دعوت ڏني پر کين اها به گذارش ڪيائين ته رضاڪارانه طور 23 مارچ تي ڪراچي ۾ نه فقط پاڻ اچو پر مدد به ڪيو. تنهن کانپوءِ پريس ڪلب نصيرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي. محترم اختر مينگل جو ان ڏينهن اخبارن ۾ بيان ڇپيو هو جنهن ۾ هن سنڌين کي ڏراپو ڏنو هو ته سنڌين برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي جي قتل تي ردعمل جو اظهار نه ڪيو آهي. ياد رهي ته برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي ڪجهه ڏينهن اڳ سادن ڪپڙن ۾ ملبوث ايجنسين ڪراچي ۾ فائرنگ ڪري ماري ڇڏيو هو. ان سلسلي ۾ محترم بشير خان قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي صحافين کي چيو ته اسين ايجنسين جي ان بزدلانه ۽ ڪريل حرڪت کي ننديون ٿا ۽ 6 فيبروري تي ان وحشي عمل جي مذمت ڪندي ان خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيون ٿا، پريس ڪانفرنس کانپوءِ وارهه شهر طرف روانا ٿيا سين، نصيرآباد، وارهه روڊ تي مختلف هنڌن تي ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪندي گل نڇاور ڪيا. وارهه شهر ٻاهران، ڪامريڊ نصرت چانڊئي وٽ ماني جو بندوبست ٿيل هو، جتي ماني کائڻ کانپوءِ وارهه شهر ۾ وچ چوڪ تي جلسو ٿيو، چوڪ تي فاضل راهو چوڪ نالو لکيل هو. آجياڻي تقرير وحيد لاشاري ڪئي، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن، ويساهه گهاتين بابت ٻڌائيندي ڇوٽڪاري جو حل سائين جي ايم سيد جي فڪر جي رستي ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته پُرامن جدوجهد ڪمزوري جي علامت نه آهي پر اها سڀ کان وڏي بهادري آهي ته انسان پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ مستقل مجازي سان جدوجهد ڪندي سڀ تڪليفون برداشت ڪندي به ڏوراپا نه ڏي ۽ ساهه گهورڻ ۾ هٻڪ به محسوس نه ڪري، ان لاءِ بشير خان قريشي، سائين جي ايم سيد جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته اتر سنڌجي دوري ۾ ڪنڌڪوٽ شهر ۾ جڏهن نوجوانن تمام گهڻي فائرنگ ڪئي هئي تڏهن سائين جي ايم سيد ناراضگيءَ جو اظهار ڪندي پنهنجي تقرير اڌ ۾ بند ڪئي هئي. نوجوانن حفيظ قريشي صاحب کي ايلاز ڪيا ته هو وڃي سائين جي ايم سيد کي پرچائي. تڏهن حفيظ قريشي، سائين جي ايم سيد کي چيو هو ته آزادي جي ويڙهه ۾ گوليون ته هلنديون آهن، تنهن تي سائين جي ايم سيد وراڻيو هو ته سنڌ ۾ هڪ به گولي نه هلندي. شرط اهو آهي ته سنڌي ماڻهو آزاديءَ جي گُهر ڪن. آئون کين پڪ ٿو ڏيان ته گولين هلائڻ بنا آزادي ملي ويندي. سو اها آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته اچو ته گڏ ٿي پُرامن نموني پنهنجي وطن سنڌجي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي.
    جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ شهر ۾ هندو برادري طرفان قومي قافلي کي پئنچائت هال ۾ آجياڻو ڏنو ويو. جتي بشير خان هندو برادري کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ جلسي ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. هندو برادري وٽان سُڪو ميوو، چانهه، ٿڌو وغيره پيئڻ کانپوءِ جوناڻي شهر ۾ قريشي برادري سان سندن وڏي جي وفات تي عذر خواهي لاءِ بشير خان اوڏانهن هليو. اتي عذرخواهي ڪرڻ کان پوءِ وارهه شهر ۾ ارشاد ٻگهيو سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ قومي قافلو وڳڻ طرف روانو ٿيو. لالو رائنڪ شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ شهر ٻاهران رائيس مل ۾ واپارين طرفان آجياڻو ڏنو ويو. جتي بشير خان کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني ۽ کين عرض ڪيو ته هو راضي خوشي سان دوستن جي مدد پڻ ڪن، اتي سرمد آڪاش، ابراهيم منشي جو گيت او سنڌ امان او سنڌامان ڳائي ماحول کي جهومائي ۽ گرمائي ڇڏيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو، رستي تي صديق فيول سروس وٽ بيٺل ماڻهن تمام گهڻو اسرار ڪيو ته ٻه منٽ ويهي چانهه پيئو. بشير خان قريشي سندن چوڻ تي F/S Siddique تي ڪجهه وقت ويٺو ۽ چانهه پيئڻ کان پوءِ قومي قافلو وري بشير خان جي اڳواڻي ۾ اڳتي وڌيو. رستي ۾ مغيري ڳوٺ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلو اڳيان وڌي وڳڻ شهر پهتو. گهڻي دير ٿيڻ ڪري فقط بشير خان قريشي وڳڻ ۾ وچ چوڪ تي بينچ تي بيهي ماڻهن کي مخاطب ٿيو ۽ کين چيو ته 23 مارچ وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪرڻ جو ڏينهن آهي. اها گُهر اسان کي غلامي جي زنجيرن ٽوڙڻ لاءِ وڏو اتساهه ٿيندي ۽ سنڌ وطن پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ واري منزل طرف وڌيڪ ويجهو ٿيندو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو وڳڻ کان قمبر طرف روانو ٿيو. جتي قمبر شهر ٻاهران استقبال ٿيڻ کان پوءِ قومي قافلو جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. جلسي گاهه ۾ قومي قافلو پهتو ته جلسو شروع ڪيو ويو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر الياس تونيي ادا ڪيا، ممتاز لاکي آجياڻي تقرير ڪئي. تنهن کان پوءِ نجف لغاري، عبدالله سومرو، حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، تقريرون ڪري ماڻهن کي اڄوڪي جلسي ۾ اچڻ کان آگاهه ڪيو، تنهن کان پوءِ آخري تقرير بشير خان قريشي ڪندي چيو ته سنڌ، قدرتي وسيلن سان مالا مال هئڻ جي باوجود به سنڌ جا ماڻهو بک ۽ مفلسي ۾ گذارڻ تي مجبور آهن، قمبر شهر جي اولهه طرف کير ٿر جي قطار ۾ نه فقط تمام گهڻي تعداد ۾ تيل ۽ گيس نڪتي آهي پر اتي قيمتي ۾ قيمتي ڌاتو يعني يورينيم پڻ مليو آهي، جنهن تي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو آهي، جتاب اربين روپيه ساليانه پيدا ٿين ٿا پر سنڌ کي ڪجهه به نه ٿو ملي. پاڪستان سنڌ لاءِ سورن سندو سڳڙو ثابت ٿيو آهي. سنڌ جا مسئلا پاڪستان ۾ رهندي حل ٿي ئي نه ٿا سگهن. ان ڪري اچو ته سڀ سنڌي گڏجي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. ان ڳالهه تي سڀني شريڪ ٿيل ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. رات جو 10.30 بجي جلسو ختم ٿيو. ان مهل ٿڌ جو اثر پڻ تمام گهڻو ٿي چڪو هو. رات جو شهداد ڪوٽ پهچي آرام ڪيوسين.
    5 فيبروري 2012ع: صبح جي ناشتي کانپوءِ شهدادڪوٽ ۾ اناج منڊي ۾ گڏ ٿيل دوستن کي خطاب ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ ٿيل جلسي کي ڏسي شهيد سرائي قربان کهاوڙ شدت سان ياد اچي ويو. جنهن جڏهن ان ساڳي اناج منڊي ۾ ڪيهر انصاري کي جيل مان آزاد ٿيڻ تي آجياڻو ڏنو هو ته هزارين ماڻهو ان جلسي ۾ شريڪ ٿيا هئا، شهيد سرائي قربان کهاوڙ کي سندس ساٿين نورالله تُنيو، روپلو چولياڻي ۽ نادر بگٽي سان گڏ سانگهڙ شهر ٻاهران باکوڙي موري وٽ گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کان پوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو هو. جن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ آئون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ حنيف ساگر بڙدي سانگهڙ ويا هئاسين ۽ ايجنسين جي تمام گهڻي دٻاءُ باوجود به سندس لاش وصول ڪيا هئاسين. شهدادڪوٽ ۾ جلسي کي ذوالفقار مگسي آجياڻو ڏنو. آڪاش ملاح تقرير ڪئي ۽ پوءِ بشير خان تقرير ڪندي بيٺلن کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌايو ۽ کين اتي اچڻ جي اپيل ڪئي. جلسي کانپوءِ وحيد کوکر سان سندس ڀاءُ جي وفات تي تعزيت ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو قُبو سعيد خان طرف روانو ٿيو.
    2010ع ۾ آيل ٻوڏ ڪري روڊ کي گهڻن هنڌن تان ڪَٽَ آيل هئا. جيڪي پوءِ مٽيءَ سان ڀريا ويا هئا. پتُوجا شاخ وٽ استقبال ڪيو ويو جتي بيٺل سوين ماڻهن جي اڳواڻي امتياز بروهي، نثار کوسو، طارق ڀٽي جن ڪري رهيا هئا. قومي قافلو اڳتي وڌندو رهيو. قُبي شهر ٻاهران پڻ سَوَن جي تعداد ۾ ننڍا ٻار، وڏا ماڻهو رئيس ڦوٽو خان مگسي جي اڳواڻي ۾ بيٺل هيا. تنهن کان پوءِ قومي قافلو وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي واري هنڌ پهتو. جلسو ان هنڌ تي رٿيل هيو جتي قُبي شهر مان وهندڙ شاخ تي پُل ٺهيل هئي. جڏهن آئون ننڍڙو هيس ته ان هنڌ کي نئين پُل جي نالي سان سڏيندا هئاسين. ڇاڪاڻ ته قُبي جي ڳوٺ استاد باقر خان بروهي ۾ منهنجو جنم ٿيو هو جتي منهنجا ناناڻا رهندا هئا. ان ڪري اتي تمام گهڻو اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. ان پُل تي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيا بيٺا هئا. جن کي نجف لغاري، ڪيهر انصاري، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي ڏکن کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي. سنڌ پاڪستان کان اڳ خوشحال ملڪ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ مشهور هيو. جتي اناج، مکڻ، ماکي ۽ کاڌ خوراڪ جي ڪڏهن به گهٽتائي نه ٿيندي هئي، جتي قدرتي آفتون اينديون هيون ته خوشحالي ڪري ماڻهو پنهنجو پاڻ کي جلد سنڀالي وٺندا هيا. پر هاڻي پنجاب پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي سڀني پيداواري ذريعن تي قابض ٿي سنڌ کي مصيبتن ۾ ڌڪيو آهي. سڄي سنڌ خوشحال ۽ معدنيات سان مالا مال آهي. ٻٽيهه هزار بيرل تيل روزانه جوهي مان نڪري ٿو، جنهن جي ماليت 30 ڪروڙ روپيه روزانه آهي جنهن مان سنڌ کي ڪجهه نه ٿو ملي، چوڏهن هزار چورس ميلن ۾ سنڌ کي وارياسو ٿر آهي جتان 185 ارب ٽن ڪوئلي ملڻ جا امڪان آهن، جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي موجوده بجيٽ سان ان ڪوئلي جي آمدني جو تقابلي جائزو وٺجي ته ان ڪوئلي مان ملندڙ رقم مان موجوده ساليانه سنڌ حڪومت جي بجيٽ 1600 سالن تائين حاصل ڪري سگهجي ٿي. اڃان به ان کي سولو ڪري سمجهائجي ته جيڪڏهن سنڌ جي 6 ڪروڙ آدمشماري ڄاڻائجي ته هر هڪ انسان کي هڪ ڪروڙ 25 لک روپيه فقط ان ڪوئلي مان ملي سگهن ٿا. ان ماليت تي به پنجاب جو قبضو آهي. سنڌ ماضي ۾ ايڏي خوشحال هئي جو پيٽ پالڻ خاطر هن کي ڪڏهن به ڀرواري ملڪ يا خوشحال علائقي تي حملي ڪرڻ جي ضرورت نه پئي. اهي امن پسند، روادار ۽ خوش اخلاق هوندا هئا جنهن سبب ڪري حضور ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم جن سدائين سنڌ ڏانهن مُنهن ڪري ويهندا هئا، پُڇڻ تي کين جواب ڏيندا هئا ته مونکي سنڌ ڏانهن ٿڌڙي هير لڳندي آهي.
    ان سنڌ کي اڄ نڌڻڪو ڪري بي يارو مددگار ڪيو ويو آهي جو جڏهن ٻوڏ ٿي اچي ته ڪو سار سنڀال لهڻ وارو نه ملندو آهي، ڪجهه ماڻهن جو فائدو ٿيندو آهي، اهي سرڪار کان ڪڻڪ جون ٻوريون وٺي رڳو پنهنجو ڀِڀ ڀريندا آهن پر عام ماڻهو اهو ئي سورن ۾، تنهنڪري ڀائرو! اچو ته پنهنجي سنڌ وطن جا پاڻ مالڪ بنجون. ان لاءِ سنڌ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي نه فقط سڄي دنيا کي اهو ٻڌايون ته ڪراچي سنڌين جو شهر آهي پر اها پڻ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي گُهر ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. اسان اوهان سڀني کي اهو چئون ٿا ته اسان پنهنجي امڙ سنڌ جي ٿڃ ملهائي وينداسين پر اوهان کي به ڪجهه ڪرڻ گُهرجي.
    مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس،
    تون سڏنه ڏيندين ته ڇا ٿيندو؟!
    ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ،
    تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو؟!
    ان ڪري سنڌ واسيو! سنڌ جا وارثو! اچو ته پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريون، تنهن کان پوءِ بشير خان قُبي سعيد خان ۾ گڏ ٿيل جلسي ۾ هزارين ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي اهو واعدو ورتو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ضرور ايندا. تنهن کان پوءِ ڪمبوهه برادري سان سندن چڱي مڙس جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي، ان کانپوءِ علي حسن خان بروهي جي ڳوٺ عرضي خان بروهي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ نثار کوسي جي ڳوٺ ڪچي پُل طرف روانا ٿياسين. جتي پڻ وچ چوڪ تي بيهي ساگر حنيف بڙدي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ورتو. تنهن کان پوءِ نثار کوسي سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. تنهن کان پوءِ موٽندي قُبي سعيد خان جي ڀرسان مير ڪرم خان بروهي جي ڳوٺ ۾ ظهير بروهي طرفان ڏنل چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. ان کان پوءِ واپس شهداد ڪوٽ کان ٿيندي ميروخان پهتاسين. جتي رات جو 9.30 ٽائيم ٿي ويو. اتر سنڌ ۾ ان مهل ٿڌ جو زور به عُروج تي هوندو آهي. ٽِي پوسٽن پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جيئن مون ڏٺي“ ۾ لکيو آهي ته سياري جي ان مهيني ۾ اتر سنڌ ۾ پارو پڻ پوندو آهي. ان هوندي به تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻهو جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي ۽ سندس ساٿين جي انتظار ۾ وچ روڊ تي بيٺل هيا. مزدا تي چڙهي شعبان آجياڻو ڏنو ۽ اشرف ڪلهوڙو، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪندي مجموعي ۾ بيٺل ماڻهن کي چيو ته اسان دير سان پهچڻ تي معافي جا طلبگار آهيون. حقيقت ۾ اسان ڪٿي ٿڪ ڀڃڻ يا آرام ڪرڻ لاءِ نه پر مسلسل دوري ۾ ماڻهن وٽ وڃون ٿا تنهنڪري ٽائيم تي پهچڻ ۾ دير ٿيو وڃي، جنهن لاءِ معافي ٿا گُهرون. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان کين آگاهه ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ته هو ڊگهي تجربي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته سنڌ جي مسئلن جو حل سنڌ جي آزادي ۾ سمايل آهي ۽ ان کي حاصل ڪرڻ جو هن دؤر مطابق طريقو فقط عدم تشدد واري رستي ۾ آهي. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي سنڌين کي ڪراچي ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. اچو ته گهڻي تعداد ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. تنهن کان پوءِ قومي قافلو ميروخان کان عرضي ڀُٽي طرف روانو ٿيو جتي 10 بجي ڌاري پهتاسين. اتي جلسي گاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ عام ماڻهو ۽ ڪارڪن دانهون ڪرڻ لڳا ته اسان کي ٽائيم 2 وڳي منجهند جو ڏنل هو. ان ڪري آسپاس جي ڳوٺن جا هزارين ماڻهو بيهي بيهي هليا ويا. ان تي بشير خان دوستن سان معذرت ڪئي. جلسي جي شروعات ڪئي وئي جتي ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ بشير خان قريشي، قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. جلسي کانپوءِ چانهه جو بندوبست ٿيل هو جتي چانهه پيتي وئي. پوءِ قومي قافلو رات ترسڻ لاءِ رتو ديرو روانو ٿيو. رات جو ماني کائي بشير خان قريشي جي اوطاق تي سُمهي پياسين.
    6 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار تي رتوديرو کان قمبر روڊ وٺي سارنگ کهاوڙ ڳوٺ لڳ غازي خان کهاوڙ ۾ رٿيل جلسي ۾ شريڪ ٿياسين، غازي خان کهاوڙ ۾ تمام وڏو ڳوٺاڻي طرز تي ميان شاهل محمد ڪلهوڙي جي مزار ڀر سان جلسو ٿيو. ڪلهوڙن جي دور ۾ هي علائقو چانڊڪا پرڳڻي سان سڏبو هو. جنهن جا حڪمران ڪلهوڙا هوندا هئا. جنهن مان بهار شاهه ڪلهوڙو ۽ ميان شاهل محمد ڪلهوڙو سيد سالار هئا جن چانڊڪا پرڳڻي تي ٿيندڙ 99 ڪاهن کي ناڪام بڻايو هو. ڪلهوڙن جا وزير کهاوڙ هئا ۽ هاڻي به هي علائقو ڪلهوڙن ۽ کهاوڙن جو آهي. اهي ٻئي ايترا ته حڪومتي ڪار وهنوار هلائڻ ۾ ماهر هئا جو هنن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ 19 لک آدمشماري هئي ۽ هي درياهه مان بغير بئراج جي هٿرادو واهه کوٽي 21 لک ايڪڙ زمين آباد ڪندا هئا، اها ڳالهه ”سنڌ جي اقتصادي تاريخ“ ۾ نالي ڪتاب ۾ لکيل آهي جنهن کي شير محمد بلوچ (پاڻي منجهه پساهه) نالي ڪتاب ۾ لکيو آهي. جلسي ۾ اوسي پاسي کان سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. اُتي آجياڻو محسن ڪهاوڙ ڏنو ۽ آجياڻي تقرير کانپوءِ نجف لغاري ۽ ساگر حنيف بڙدي ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪيون، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان نالي ڪو ملڪ 1947ع کان اڳ هن ڌرتي جي گولي تي ڪونه هيو. سنڌ ازل کان وٺي هن ڌرتي تي هڪ ملڪ جي حيثيت ۾ قائم رهي آهي. مسلمان هڪ قوم آهن وارو نعرو دوکي ۽ فريب کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. ڇو ته سڄي دنيا ۾ 40 کن ملڪ مسلمان ملڪ آهن پر سڀ الڳ الڳ ملڪ ۽ قوم جي جدا حيثيت رکن ٿا. 11 کان وڌيڪ ته رڳو عرب ملڪ آهن جيتوڻيڪ سندن زبان، ڪلچر ۽ رسمون ساڳيون آهن پر ان هوندي به هر هڪ جدا جدا ملڪ ۽ قومون آهن. ڪنهن به مسلمان ملڪ جي ماڻهو کي اها اجازت نه آهي ته هو بغير ان ملڪ جي اجازت يعني ويزا جي وڃي سگهن. ڪوبه ديندار ۽ عالم سڳورو سنڌي جڏهن حج ڪرڻ ويندو تڏهن به کيس سعودي عرب جي ويزا وٺڻي پوندي آهي، تنهنڪري اها ڳالهه به غلط آهي ته مسلمان ڀائر آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اسان سنڌين ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ڪنهن نسوارخور پٺاڻ کي بغير ويزا جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ ڏيون. ڪو ڏونگهي مٿي وارو پنجابي گهران ڪاوڙجي ته حقو هٿ ۾ کڻي ٺڪاءُ اچي سنڌ ۾ ڪري، ڪوبه دنيا جو بدمعاش ڪاوڙجي ته بغير ويزا جي سنڌ ۾ اچي رهي ۽ هتي ووٽ ۽ شهريت جو حق حاصل ڪري ويهي رهي ۽ اسان ان کي ڪجهه نه چئي سگهون. اهو فقط رڳو ان ڪري آهي ته اسان پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جا غلام آهيون ۽ غلام قومن جي ملڪن جون سرحدون محفوظ نه هونديون آهن. اهڙي طرح نه فقط سنڌ ۾ ڌارين ماڻهن کي آڻي وڏي تعداد ۾ آباد ڪيو ويو آهي. پر انهن کي هتي مڪمل روزگار جون سهولتون پڻ ڏنيون ويون آهن، اڄ به 50 لک کان مٿي ڌاريا ماڻهو سنڌ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن ٿا. سنڌ جي سڀني وڏين نوڪرين تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه مان ماڻهو گهرائي رکيا وڃن ٿا. سڄي پاڪستان جي تيل ۽ گيس جي پيداوار جو 70 سيڪڙو سنڌ پيدا ڪري ٿو پر سنڌ انهي پيداوار جي فائدن کان محروم آهي. هي جيڪا جمهوريت، جمهوريت جو راڳ ڳائي اسان سنڌين کي بيوقوف ڪيو ٿو وڃي. اهو طريقو دراصل پنجابي اڪثريت کي پنهنجي مٿان قانوني حڪمراني ڪرڻ جو حق ڏيڻ برابر آهي، تنهنڪري سنڌ واسيو! اسان سنڌين 64 سال پاڪستان جي غلامي ۾ رهي ڏٺا آهن ۽ سنڌين کي سواءِ وڃائڻ جي ٻيو ڪجهه پلئه نه پيو آهي. جيڪڏهن واقعي توهان چاهيو ٿا ته اسان سڀ سنڌي هاڻي مفلسي، غريبي ۽ بيروزگاري ۾ نه رهون ته اسان کي سڌوسنئون پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪرڻي پوندي. ائين نه آهي ته ڪو اسين هٿين خالي آهيون، ڪمزور آهيون، نه ڪڏهن به نه. اسان ته سنڌي اهي بهادر قوم آهيون جنهن ڪڏهن به پنهنجي غلامي کي دل سان قبول نه ڪيو آهي نه ئي وطن جي ويڙهه کان لاپرواهه ٿي ويٺا هجون.
    اسان شڪستون ضرور کاڌيون آهن پر شڪست کي ڪڏهن به دل سان قبولي ماٺ ٿي نه ويٺا آهيون. اسان ته بهادر آهيون جو تاريخ (تازه نواءِ مارڪ) نالي ڪتاب ۾ منشي عطا محمد لکي ٿو ته ”ڪابل جي پٺاڻن جڏهن ميان نور محمد ڪلهوڙي کان ڏن گُهريو ته، هن جواب ڏنو ته، هاڻي مون وٽ ڪجهه نه آهي. ها مان ذات جو ڪلهوڙو آهيان ڪ، ڪڍي باقي جيڪو بچي سو تون ڀلي کڻي وڃ“. سو ڪمزور نه آهيون، ڊڄڻا نه آهيون پر ڇڙوڇڙ ۽ پنهنجي سنڌ کان لاتعلق لڳا ويٺا آهيون. ان ڪري اچو ته سڀ گڏ ٿي، هڪ آواز ٿي، لکن جي تعداد ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ پُرامن اها گُهر ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي ته ڏسون ته ڪيئن نه ان آواز کان غلامي جا زنجير ٽُٽي پون ٿا. پنجابين جا G3 کنيل هٿن ۾ ڏڪڻيون پئجي وڃن. ان ڪري منهنجي سڄي قافلي ۾ شريڪ ساٿين سان هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. تنهن تي هزارين ڳوٺاڻن هٿ مٿي کڻي اهو واعدو ڪيو ته هو ڪراچي ضرور ايندا. ان تي بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته مان به انهن کنيل هٿن جو قسم کڻي ٿو چوان ته جن هٿن اسان تي اعتماد ڪيو آهي ته ساهه ڏينداسين پر پوئتي نه هٽنداسين ۽ سنڌ وطن کي سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت آزادي ڏياري سنڌين کي مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. بشير خان قريشي جي تقرير کان پوءِ ڳوٺاڻن طرفان ڏنل چانهه پيتي سين. تنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ رٿيل مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوڏانهن روانگي ٿي. اڄ 6 تاريخ تي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو ان ڪري اعلان ڪيو ويو هو جو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ برهمداغ بگٽي جي ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي کي شهيد ڪيو ويو هو. ان ظلم کي نندڻ لاءِ بشير خان قريشي سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو اعلان ڪيو هو. لاڙڪاڻي ۾ هوشو پارڪ اڳيان بشير خان جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ان دوران پريس سان ڳالهائيندي بشير خان قريشي اهو واضح ڪيو ته سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ جسقم وارا بلوچستان جي قومپرست ليڊرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي بلوچستان ۾ ٿيندڙ آپريشن ۽ ظلمت کي جيڪو پنجاب طرفان ٿي رهيو آهي مڪمل طور ننديون ٿا. قومي قافلو پوءِ باقراڻي طرف روانو ٿيو. باقراڻي ٻاهران رياض حسين ابڙو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. باقراڻي وچ بازار ۾ هلندي قومي قافلي ۽ ان جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي جو ماڻهن والهانه استقبال ڪيو، دڪاندار دڪانن کان ٻاهر نڪري پرجوش نموني هٿ لوڏي آڌرڀاء ڪري رهيا هئا. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کانپوءِ حنيف ساگر بڙدي سنڌ جي حالتن کان ماڻهن کي واقف ڪيو ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏني. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تاريخي طور تي هڪ الڳ، آزاد ۽ خوشحال ملڪ رهيو آهي. موهن جو دڙو، باقراڻي کان ڪجهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. پنج هزار سال اڳ ۾ اتي ان شهر ۾ Under ground drainage system هو پر هاڻي 5000 هزار سال گذرڻ کان پوءِ غلام سنڌ جي باقراڻي شهر کي ڏسو سواءِ بجلي جي بلب جي هن شهر ۾ ڪهڙي ترقي ٿي آهي. ڇا هي شهر ٺهيل موهن جي شهر کان بهتر حالت ۾ آهي؟ قطعي نه. اسان جي غربت، مفلسي، بدحالي جو سبب سنڌ جي غلامي آهي. قومن جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز آزادي ۾ سمايل هوندو آهي. سنڌ واسيو! سنڌ کان لاتعقلي وارو رويو ختم ڪري پنهنجي وطن جي مالڪي ڪريو. سنڌ رڳو بشير خان قريشي جي نه پر سڀني غيرتمند سنڌ جي پٽن ۽ نياڻين جي آهي. ان ڪري سڀني تي اهو گڏيل فرض آهي ته پنهنجي سنڌ جي مالڪي ڪري ان جي آزادي جي گُهر ڪريون. جيڪڏهن اها ڳالهه توهان کي قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي ڪري اسان کي يقين ڏياريو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سنڌجي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ ضرور پهچندؤ. تنهن تي باقراڻي ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي آريجا شهر طرف وڌڻ لڳو، آريجا شهر وچ ۾ روڊ تي دوستن جلسي جو انتظام ڪيو هو، وقت گهٽ هجڻ ڪري فقط بشير خان قريشي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اهميت کان واقف ڪيو. بشير خان جي مختصر خطاب کان پوءِ قومي قافلو ڏوڪري طرف وڌڻ لڳو. جيئن جيئن وڪڙا ڳوٺ ويجهو اچڻ لڳو. تيئن تيئن سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل قومي ڪارڪن سارنگ ماڇي شدت سان ياد اچڻ لڳو. جيڪو ڪجهه وقت فالج جي بيماري سبب وفات ڪري ويو هو. سندس اوطاق تي ليڪچر پروگرام ٿيندا هئا. جتي بشير کٽي، عطا الله انڙ، باغي بجاراڻي، سڄڻ سنڌي، مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي)، گڏ ٿيندا هئاسين. آئون سڀني کان ننڍي عمر جو شاگرد هئس، جتي نظرياتي بحث مباحثا ڪري اسان کي سمجهڻ، سکڻ ۽ پڙهڻ جي تربيت ملندي هئي. انهن خيالن جو سلسلو نعرن ٽوڙي وِڌو. وڪڙا ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن بشير خان ۽ قومي قافلي جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ قومي قافلو آڌرڀاءُ کانپوءِ ڏوڪري طرف وڌندو رهيو. موهن جو دڙو ۽ ڏوڪري طرف ويندڙ رستن جي وچ ۾ بيٺل ماڻهن گلن ۽ نعرن سان استقبال ڪيو. قومي قافلو ڏوڪري شهر طرف هلندي شهر ٻاهران بئنڪ ۾ ويٺل فنڪار، حسين ساريو جي ڀاءُ سان حسين ساريو جي وفات تي عذر خواهي ڪئي. حسين ساريو، سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ ۽ قومي سوچ رکندڙ فنڪار هيو. جنهن کي بعد ۾ ڪافي عرصو اڳ جسقم جو مون ميمبر ڪيو هو. هو پوءِ فنڪار ۽ سنڌ پرست انسان هو. ڪينسر جي بيماري ۾ هوندي به روز سائين جي ايم سيد جا قول ۽ سندس ڪتاب مان ٽڪرا ڪڍي SMS ذريعي مون ڏي موڪلڻ ڄڻ سندس ڊيوٽي هئي. پر افسوس اهڙو انسان اسان کان، سنڌ کان، بيماري کسي ڇڏيو.
    ڏوڪري ۾ جلسي گاهه ۾ پهچي اسٽيج تي ويٺاسين، آجياڻو ارشاد ٻگهيي ڏنو، اسٽيج تي ادي فاطمه سولنگي پڻ پنهنجي پٽ سان گڏ اچي ويٺي، سندس اهو پٽ هاڻي ڪافي وڏو ٿي چڪو هو. اهو 6 مهينن جو هو ته ادي فاطمه کيس ڪراچي ۾ مرڻ گهڙي تائين ٻُک هڙتال تي ويٺل جسقم پاران دوستن وٽ کڻي آئي هئي ۽ اچي چيو هيائين ته يا ته بُک هڙتال ختم ڪريو يا آئون ٿڃ پياڪ هن ٻار کي کير نه پياريندس. بشير خان ۽ بک هڙتال تي ويٺل دوستن حنيف ساگر بڙدي، حفيظ هڪڙو جن کيس تمام گهڻين ڪوششن کان پوءِ مس مس وڃي کيس سمجهائي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته هو پنهنجي ٻار کي ٿڃ پياري اسان وقت آهر ان بک هڙتال لاءِ ڪو فيصلو ڪنداسين، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي ڏوڪري واسين کي مخاطب ٿي اهو ٻڌايو ته جمهوريت جا نعرا غلام سنڌ جي مسئلن جو حل نه آهن. پر اها ترغيب ڏني ٿي وڃي ته پنجاب جي اڪثريت کي ماٺ ميٺ ۾ قبول ڪري سنڌ جي الڳ قومي وجود کان هٿ کڻي ڇڏجي. ان جمهوريت جي نالي ۾ سنڌي پنهنجي ٻولي کي ويساري ويهن. ان جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي پيداوار جا سڀ ذريعا پنجاب حوالي ڪري سنڌين کي بک ۽ بيروگاري ۾ ڌڪي ذلت جي زندگي گذاريندي ڏسي ماٺ ڪري ويهن. پر سائين جي ايم سيد اسان کي اهو سمجهائي ويو آهي ته جمهوري نظام حڪومت بهتر آهي پر ان ۾ پنجاب جي اڪثريت جي تابع ٿي پنهنجي ملڪ سنڌ، قومي وجود ۽ وسيلن کان هٿ کڻڻ لاءِ اسان ڪڏهن به تيار نه آهيون. آزاد سنڌ ۾ جمهوري عمل لاڳو ڪنداسين ته جيئن ان جو ڦل سنڌين کي ملي سگهي ۽ آزادي گهر ويٺي ڪونه ملندي اها روڊن ۽ رستن تي گُهر ڪرڻ سان ملي سگهي ٿي ان لاءِ اسان ڪراچي ۾ 23 مارچ تي ميدان سجايو آهي ته اچي اتي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريو.
    بشير خان جي خطاب کانپوءِ ارشاد ٻگهيو جي ڀاءُ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي ۽ قومي قافلو پوءِ باڊهه طرف روانو ٿيو. باڊهه شهر ٻاهران ڦاٽڪ وٽ ٿڌ گهڻي هئڻ ڪري استقبال لاءِ بيٺل ماڻهو باهه جا مچ ٻاري بيٺا هئا. هاڻي ٿڌ عجيب نموني ٿي رهي هئي ڏينهن جو ڪجهه گرمي ۽ رات جو زور سان ٿڌ پئي پوي.
    باڊهه شهر ۾ رات جو 9.18 تي پهتاسين. وچ چوڪ تي سوين ماڻهو بيٺا هئا جن پرزور نموني سان استقبال ڪيو. تقريرون شروع ٿيون. ڪامريڊ عنايت ڦلپوٽي آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان قريشي تقريرون ڪري جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي سائين جي ايم سيد ۽ سندس فڪر، سنڌ جي تاريخ، شاهه لطيف جي بيتن، سنڌ جي ٿيندڙ اقتصادي ڦرلٽ ۽ ان کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي اپيل ڪئي. 11.15 منٽن تي جلسو ختم ٿيو. جلسي کانپوءِ لطف ساريو جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪري، رتوديرو طرف روانا ٿياسين. لاڙڪاڻي جي دوستن لاڙڪاڻي شهر ۾ موڪلايو. اسين 12.45 تي رتوديرو پهچي ماني کائي ٿوري گهڻي گپ شپ ڪري آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسين ته جيئن وري صبح جو اٿي اڳئين منزل طرف وڌون.
    7 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي ويٺاسين بشير خان گهران ماني ٺهرائي کڻي آيو. سڀني گڏجي ماني کاڌي ۽ پوءِ ڳوٺ حسن جتوئي طرف روانا ٿياسين. جتي مشتاق جتوئي جي والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻي هئي. اتي پهچي تعزيت ڪري وري واپس رتوديرو آياسين. ڇاڪاڻ ته اتي 23 مارچ جي سلسلي ۾ جلسو رکيل هو، رتوديرو ۾ سيد نياز حسين شاهه جي عَلَمَ ڀرسان جلسي جو بندوبست ٿيل هيو. بشير خان ۽ ٻي مرڪزي باڊي کي وچ بازار مان هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي اسٽيج تي پهچڻ کان پوءِ آجياڻي تقرير منظور گهانگهري ڪئي. مومن سمون، نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) پنهنجي پنهنجي سمجهه ۽ علم مطابق جلسي ۾ شريڪ ٿيل ماڻهن کي سنڌ ۽ ان سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو. آخر ۾ بشير خان قريشي تقرير ڪري ماڻهن کي هن جلسي ڪرڻ جو مقصد ٻڌايو. سنڌ سان ٿيل ظلمن جا تفصيل ٻڌائيندي سنڌي ماڻهن کي اهو رستو جيڪو سائين جي ايم سيد ٻڌائي ويو هو وري ياد ڏياريندي ٻڌايو ته سنڌ جي مالڪي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته گڏ ٿيڻ ۾ طاقت آهي. دنيا متوجهه ٿي سگهي ٿي جيئترا گهڻا هونداسين اوترو وڌيڪ دنيا اسان ڏانهن، سنڌ ڏانهن متوجهه ٿيندي. ان ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي سنڌ وطن جي وارثي ڪريون ۽ ان گڏ ٿيل سنڌي ماڻهن جي سمنڊ معرفت سڄي دنيا کي آگاهي ڏيون ته سنڌ اسان جو وطن آهي. مذهب ۽ نظرين جي بنياد تي قومن جو تصور جڙتو آهي اسان سنڌي هزارن سالن کان وٺي هڪ جدا، الڳ قوم ۽ ملڪ جي حيثيت رکون ٿا. ان ڪري اسين سڄي دنيا جي طاقتور ملڪن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي آزادي ۾ اسان جي مدد ڪن، حقيقت ۾ سڄي برصغير ۽ ڏکڻ ايشيا مان دهشتگردي جي پاڙ تڏهن پٽي سگهبي جڏهن پاڪستان، جنهن جو بنياد ڪوڙ ۽ ٺڳي تي آهي کي ڊهي سنڌوديش سميت هر قوم ۽ وطن کي الڳ الڳ آزاد ملڪ جي حيثيت ملي. بشير خان قريشي جي ان دليل، تقرير کانپوءِ جلسي ۾ ويٺل سڀني شريڪ ٿيلن هٿ اُڀا ڪري 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪجهه معزز ۽ وس وارن شهرين سان ملي بشير خان کين عرض ڪيو ته هو ڪراچي ماڻهن کي پهچائڻ ۾ مدد ڪن تنهن کانپوءِ قومي قافلو لاڙڪاڻي ۾ رٿيل جلسي طرف رُخ ڪيو. سابقه جناح پارڪ موجوده ۽ هوشو پارڪ ۾ جلسو رٿيل هو. اڄ صبح کان وٺي زور سان ٿڌي هوا هلي رهي هئي. جنهن ڪري اڄ سڄو ڏينهن ٿڌ رهي. ويتر جڏهن قومي قافلو هوشو پارڪ پهتو ته رات ٿي چڪي هئي ۽ ٿڌ ۾ زبردست اضافو ٿي چڪو هو. ان هوندي به تمام گهڻي تعداد ۾ جلسي ۾ ماڻهو ويٺل هيا. جلسو ٽالپر حڪمران گهراڻي جي حڪومت ۾ سنڌ جي وزيراعظم نواب ولي محمد لغاري جي قبر ڀرسان رکيو هو. نواب ولي محمد لغاري کي اتر سنڌ ۾ وفات ٿيڻ تي ڪجهه وقت امانت طور اتي رکيو ويو هو، جتي تقريباً سال کن کانپوءِ اتان کيس ڪڍي حيدرآباد پٺاڻ ڪالوني ۾ رکيو ويو هو. اها ڳالهه مونکي گهڻو وقت اڳ ڊاڪٽر اديب انقلابي ٻڌائي هئي، سنڌ جي تاريخ تي قومي اڳواڻن مان عبدالواحد آريسر ۽ اديب انقلابي وڏو عبور رکن ٿا.
    جلسي ۾ اطهر سومري آجياڻو ڏنو، مظفر سانداڻو، ساگر حنيف بڙدي، نجف لغاري ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح، ”سرفراز ميمڻ، فقير امداد منگي“، اهي ٻئي دوست قومي قافلي ۾ لاڙڪاڻي کان شريڪ ٿيا ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪيون. جنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي اهو چيو ته پاڪستان جو ٺهڻ ياد رکو. قومي ڪارڪنو! مان چوان ٿو ته پاڪستان ٺهيو آهي، آزاد نه ٿيو آهي، ڇاڪاڻ ته 1947ع کان اڳ پاڪستان نالي ڪنهن ملڪ جو وجود ئي نه هيو ته اهو آزاد ڪيئن ٿيو؟ بهرحال پاڪستان جو ٺهڻ سياسي سازش ۽ انگريزن جي مڪارانه چال جو نتيجو هو، پنجاب پهرين ۽ ٻي مهاڀاري عالمي جنگن ۾ انگريزن جو ساٿ ڏنو، ايتري قدر جو پهرين عالمي لڙائي ۾ پنجابين انگريزن جي حمايت ۾ تُرڪ خلافت خلاف وڙهندي ڪعبة الله شريف تي گوليون پڻ هلايون هيون ۽ جڏهن اتان ڪجهه مئل پنجابي فوجين جا لاش ڪراچي بندر تي آندا ويا هئا. تڏهن انهن جي جنازي نماز پڙهائڻ لاءِ انگريزن مولانا محمد صادق کڏي واري کي چيو هو. جڏهن ته مولانا محمد صادق انهن پنجابي فوجين جي اهو چئي جنازي نماز پڙهڻ کان جواب ڏنو هو ته انهن جي جنازي نماز جائز ناهي ۽ آئون اها نه پڙهائيندس ڇو ته هنن ڪعبةالله شريف تي گوليون هلايون آهن، ان انڪار جي عيوض مولانا صادق کي 3 سال جيل ڀوڳڻو پيو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ مصر ۾ جرمن سپهه سالار جنرل روميل جي پيش قدمي روڪڻ لاءِ پنجاب جا سک ۽ مسلمان سپاهي انگريزن طرفان وڙهيا هئا. ان مهل پنجاب جو وزيراعظم سر سڪندر حيات خان، پنجابي سپاهين جي همت افزائي لاءِ مصرو ويو هو. اتي برطانيه جي وزيراعظم چرچل پنجاب جي ان خدمت ڪارڻ سڪندر حيات کي چيو هو ته هو موٽي هندستان وڃي ته محمد علي جناح کي چئي ته هاڻي هو سڌو سنئون پاڪستان جي گُهر ڪري اسين برطانيه وارا ڪانگريس کي سبق سيکارينداسين. ڇوته ڪانگريس وارن ڏکئي وقت ۾ انگريزن جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ انگريزن لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، ان ڪري کين سبق سيکاربو. سڪندر حيات مصر کان سڌو ممبئي پهچي محمد علي جناح کي مٿين ڳالهه کان آگاهي ڏني ۽ محمد علي جناح کي اهو به نياپو مليو ته هو وائسراءِ سان ملي ان ڳالهه جي پڪ وٺي. تنهن تي محمد علي جناح وائسراءِ سان ملي ان ڳالهه جي پڪ ڪئي ۽ انگريزن جي چوڻ تي پاڪستان جي گُهر ڪرڻ لڳو. ان وقت سائين جي ايم سيد سياسي دانشمندي کان ڪم وٺندي پاڪستان کي قومن جي وچ ۾ هڪ عهدنامي طور پيش ڪيو، جنهن مطابق پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ علائقا جدا جدا اسٽيٽ هوندا. جنهن مطابق هر اسٽيٽ خودمختيار هوندي. پر پوءِ 1946ع ۾ دهلي ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان عهدنامي کي ختم ڪري پاڪستان کي هڪ رياست ڪرڻ جو چيو ويو. 1973ع ۾ بنگلا ديش جي آزادي کان پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي باقي بچيل قومن کي آئيني غلامي ۾ جڪڙي انهن جي الڳ وجود کان انڪار ڪندي انهن قومن جي وسيلن تي پنجاب جو قانوني قبضو ڪرائي ڇڏيو. دنيا هاڻي خبر ڄاڻڻ جي حوالي سان ڳنڍجي چڪي آهي، ان ڪري جيڪڏهن هاڻي اسان کي پنهنجو قومي وجود بچائڻو آهي، جيڪڏهن سنڌ جي وحدانيت کي محفوظ رکڻو آهي. جيڪڏهن پنهنجي وطن سنڌ کي آزادي ڏياري خوشحالي طرف وٺي وڃڻو آهي، ته پوءِ اسان کي ڪراچي ۾ 23 مارچ تي گڏ ٿي هڪ آواز ٿي اهو چوڻو آهي ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ته پوءِ آئون اوهان کي پڪ ٿو ڏيان ته سنڌ جي تقدير آزادي ۽ خوشحالي طرف تيزي سان وکون کڻڻ شروع ڪندي. جلسي جي اختتام کان پوءِ ماني کائي رتوديرو ۾ واپس رات رهڻ لاءِ روانا ٿياسين. جتي تقريباً 1.30 بجي ڌاري آرام ڪرڻ واري جڳهه تي پهتاسين. اتي آرام ڪرڻ کان ٿورو اڳ کل ڀوڳ، اڄوڪي ڏينهن تي ٽيڪا ٽپڻي، تنقيدي ۽ مثبت جائزو وٺي سمهي پياسين ته جيئن وري سڀاڻي تيار ٿي نئين منزل طرف روانو ٿجي.
    8 فيبروري 2012ع: صبح سان اخبارن جو مطالعو ڪري انهن ۾ آيل خبرن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري تيار ٿي مدئجي طرف قومي قافلو روانو ٿيو. ڊکڻ شهر ۾ جڏهن قومي قافلو پهتو ته انتظار ۾ بيٺل دوست، ساٿي، گلن جا هار کڻي سڪ ۽ قرب وچان ائين ڊڪندا آيا جيئن رگ ويد ۾ سنڌو درياهه جي تعريف ڪندي لکيو ويو آهي ته ڳئون پنهنجي ٻچڙي ڏي سڪ مان رانڀاٽ ڪري ڀڄندي آهي، ائين ئي دوست پنهنجي محبوب چيئرمين بشير خان قريشي ڏي ڀڄندا آيا. گلن جي ورکا کانپوءِ مديجي طرف قومي قافلو هلڻ لڳو. مدئجي شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ بشير خان کي ماڻهو جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليا. رستي جي ٻنهي پاسن کان قطارون ٺاهي دڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ هٿ لوڏي نعرا هڻندا رهيا ۽ گرمجوشي سان بشير خان جو استقبال ڪندا رهيا. جلسي گاهه ۾ پهچڻ کان پوءِ عاطف پٺاڻ، عبدالستار بروهي کي ڪارروائي هلائڻ جو چيو، ستار بروهي سميع بلالي کي آجياڻي لاءِ سڏ ڪيو. جنهن قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو. تنهن کانپوءِ نجف لغاري ۽ ساگر حنيف بڙدي جلسي کي مخاطب ٿيا، تنهن کانپوءِ جلسي کي بشير خان قريشي خطاب ڪيو. جنهن پنهنجي تقرير ۾ ماڻهن کي ٻڌايو ته سنڌ اسان سنڌين جو ملڪ آهي، قدرت سنڌ جا وسيلا اسان سنڌين لاءِ خلقيا آهن پر پاڪستان اسلام ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌ جي سڀني وسيلن جو ڌڻي پنجاب ٿيو ويٺو آهيَ اسان پنهنجي وطن، کان لا تعلق ٿي پاڻ ۾ پاڻي جي واري تي پنهنجن جا ڳڀا ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار نظر ايندا آهيون پر پنجاب طرفان درياءَ تي ٿيل قبضي کي نظر ۾ ئي نه ٿا رکون. پاڻ ۾ صدين کان گڏ رهندڙ هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي نه آهيون. رينجرس ۽ انتظاميه ڪيتري به بيعزتي ڪري پر ڪڇندا نه آهيون. اربين روپيه روزانه سنڌ پيدا ڪري ٿي پر سنڌي سڌريل انساني زندگي کان محروم آهن، ان وقت اسان سائين جي ايم سيد جو پيغام کڻي اوهان وٽ آيا آهيون ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون، سنڌ اسان جو وطن آهي ۽ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون. ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون، تنهن تي جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي جي خاتمي کان پوءِ مدئجي جي پراڻي قومي ورڪر مقصود سان گڏجي چانهه پيتي سين. تنهن کان پوءِ لکي غلام شاهه طرف قومي قافلو روانو ٿيو. رُڪ اسٽيشن ڀرسان ڦاٽڪ وٽ دوست ۽ عام ماڻهو سوَن جي تعداد ۾ بيٺل هئا. جن بشير خان قريشي جو والهانه استقبال ڪيو. ڀرسان رُڪ اسٽيشن هئي جيڪا ويران ۽ ڀڙڀانگ لڳي پئي هئي، رُڪ اسٽيشن تي سنڌ جي پيار، محبت، رواداري جي امين راڳي ڀڳت ڪنور رام کي شهيد ڪيو ويو هو. جنهن جو ڪيتو سنڌ اڃان پئي لوڙي. تصور ئي تصور ۾ مان ڀڳت ڪنور کي قومي قافلي کي آشيرواد ڏيندي ڏسان ٿو ته هو چئي ٿو نالي الک جي ٻيڙو تار سنڌ جو، لکي غلام شاهه شهر ٻاهران پُرجوش استقبال کان پوءِ قومي قافلي کي قومي ڪارڪنن پنڌ هلڻ جو چيو ۽ بشير خان قريشي پنڌ هلندي ماڻهن جي استقباليه نعرن جا هٿ لوڏي جواب ڏيندي جلسي جي اسٽيج طرف وڌڻ شروع ڪيو. جلسي کي جبل سنڌي آجياڻو ڏنو، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪيو. لکي غلام شاهه ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ويٺل هئا جن نهايت دلچسپي سان اڳواڻن جون تقريرون ٻڌيون، ٻهراڙي جي ننڍي شهر ۾ جتي اڃان سردارن جي سرداري تمام گهڻي طاقتور روپ ۾ موجود هجي اتي هيڏا ماڻهو سائين جي ايم سيد جي فڪر سان لاڳاپيل قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان ۽ سندس ساٿين کي دلچسپي سان نه فقط ٻڌن پر عزت ۽ احترام به ڏين ته پڪ ۾ اضافو ٿيو ته سنڌي ماڻهو هڪ نه هڪ ڏينهن سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ کي آزاد ڪرائي وٺندا. لکي غلام شاهه جي شاندار جلسي کانپوءِ قومي قافلو چڪ شهر طرف روانو ٿيو. جهانيان وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو اسڪوٽرن، گاڏين جي ڊگهي قطار سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڀرڪڻ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ کيس گذارش ڪيايون ته ٻه اکر ڳالهائي. تنهن تي بشير خان بيٺل ماڻهن جي ميڙ کي پنهنجي دوري جي مقصد کان آگاهه ڪيو ۽ ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌائي کين اتي پهچڻ جي دعوت ڏني. اڳيان کاهي اسٽاپ وٽ پڻ سوين ماڻهو قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺا هئا. بشير خان انهن سان ملي کين جلدي ۾ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏئي اڳتي روانو ٿيو. چڪ شهر ۾ داخل ٿيندي موڙ تي بشير خان گاڏي مان لهي پيو. چڪ جي ماڻهن بشير خان جو دهلن، شرنانين ۽ ڏوڪن کي وڄائيندي آڌرڀاءُ ڪيو. بشير خان پنهنجي ساٿين سان پنڌ ڪندي جلسي گاهه طرف هلڻ لڳو. شهر ۾ ٻنهي طرفن کان چڪ واسي دڪانن کان ٻاهر نڪري آجيان ڪندي هٿ لوڏي استقبال ڪندا رهيا. چڪ شهر ۾ ماضي ۾ جواهر لعل نهرو ۽ سائين جي ايم سيد پڻ اچي چڪا آهن. اها ڳالهه پراڻي قومي ڪارڪن ۽ چترڪار هارون چني ٻڌائي. 2010ع ۾ ٻوڏن دوران پڻ چڪ جي بند تي محترم بشير خان قريشي سان اسان دورو ڪري چڪا هئاسين. جلسي ۾ اسٽيج تي ويهڻ کانپوءِ عبدالرؤف آجياڻو ڏنو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڪيهر انصاري تقريرون ڪيون. ڪيهر انصاري جي تقرير دوران بلب ڦاٽي پيو. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪري چڪ واسين کي سنڌ سان ٿيل ظلمن بابت آگاهي ڏيئي انهن کان ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي کين 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي اپيل ڪئي. جلسي کانپوءِ چڪ کان شڪارپور طرف روانا ٿياسين. شڪارپور شهر جنهن کي ياد ڪندي جواهر لعل نهرو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ بئنڪنگ جي نظام جو پايو وجهندڙ شهر جو حوالو ڏنو هو. جتي جي قلفي فالوده، کٽاڻ ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ مشهور آهي. هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد کي سندس نوڪر چيو ته سائين هڪ همراهه آيو آهي جنهن کي هٿ ۾ مٺائي ۽ آچار جا دٻا آهن، سائين جي ايم سيد جهٽ وراڻي ڏني ته اهو قيوم منگي هوندو. جنهن کي عبدالواحد آريسر صاحب سردار به سڏيندو هو. ڪراچي ۾ بشير خان قريشي تي ٿيل حملي ۾ قيوم منگي شديد زخمي ٿيڻ کان پوءِ شهيد ٿي ويو هو. جلسو پريس ڪلب وٽ رکيل هو. جتي ستار بروهي جلسي جي شروعات ڪندي سميع بلالي کي آجياڻي لاءِ سڏيو. حنيف ساگر بڙدي، فقير امداد منگي، سرفراز ميمڻ جن تقريرون ڪيون ۽ ان کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته پنجابين کي فقط پنهنجو مفاد عزيز آهي، نه فقط اهو پر هو محسن ڪش به رهيا آهن. سائين جي ايم سيد سڄي برصغير ۾ سڀ کان پهرئين پاڪستان ٺهڻ جي قرارداد سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي. موٽ ۾ ان شخص کي 32 سالن کان مٿي قيد ۽ نظر بند رکي ان جي وطن سنڌ سان انتهائي بيرحمانه سلوڪ ڪيو ويو ۽ سائين جي ايم سيد جي زندگي جون آخري گهڙيون به نظر بندي ۾ گذريون، محمد علي جناح، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان پاڪستان ٺهرايو، ان کي زندگي جي آخري گهڙين ۾ زهر ڏئي مارايو ويو ۽ جڏهن آخري سفر ۾ هو ڪراچي جي مسرور ايئربيس تي پهتو ته کيس اهڙي ايمبولينس ۾ ليٽايو ويو جيڪا ڊرگ روڊ تي خراب هجڻ ڪري ٻه ڪلاڪ بيٺي رهي. لياقت علي پاڪستان ٺهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو پر پوءِ کيس پنهنجي مفادن جي راهه ۾ ڪنڊو ڏسي راولپنڊي جي هڪ باغ ۾ اڪبر نالي همراهه کان مارائي ڇڏيو ۽ ان همراهه کي اتي ماري سڄي معاملي کي لئي مٽي ڪيو ويو. جڏهن سندس موت جي تحقيقات ٿيل دستاويز هڪ جهاز کڻي اچي رهيو هو ته ان جهاز کي تباهه ڪري ان باب کي سدائين لاءِ بند ڪيو ويو. ذوالفقار علي ڀٽي 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽڻ کانپوءِ پنجابي مفادن جي نگهباني ڪندي 90 هزار هندستان وٽ قيد ٿيل قيدي ڇڏايا نه فقط اهو پر 1973ع جو آئين ٺاهي باقي قومن جي قومي حيثيت کي ختم ڪري پنجابين کي اهو ڪم ڪري ڏنو جيڪو رنجيت سنگهه به پنجاب لاءِ نه ڪري سگهيو هو. 1973ع جي آئين بابت رسول بخش انڙ هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي، جنهن ۾ رسول بخش انڙ 1973ع جي آئين کي قانوني ون يونٽ قرار ڏيندي لکيو آهي ته ان آئين ۾ سنڌ کي مڪمل طرح ختم ڪري پنجاب حوالي ڪيو ويو آهي. ان ڀٽي صاحب پنجاب ۾ پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو مان چشمه جهلم لنڪ ڪئنال کوٽي ڏئي پنجاب جي سڪل درياهن کي آب سان ڀري ڇڏيو. ڪالا باغ ڊيم جو بنياد رکيو. پر پنجاب جي ايڏين خدمتن عيوض به کيس نه بخشيو ۽ آخر ۾ تارا مسيح کي 10 روپيه ڏئي ڦاسي ڏيارائي وئي. قدير خان پاڪستان کي ايٽم بم ٺاهي ڏنو اڳتي هلي پنجابين کيس گهر ۾ نظر بند ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڀيڻ جي وفات تي آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ نه ڏنو.
    پنجاب پاڪستان جي نالي ۾ عالمي دهشتگردي جو اڏو ٿي پيو آهي. پنجابي ۽ پٺاڻن پنهنجا ماڻهو سنڌ جي شهرن ۾ منتقل ڪري سنڌ جي وڏن شهرن جي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته اهي سندن جا آهن. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌي هڪ هنڌ تمام وڏي سنڌ جي شهر ڪراچي ۾ گڏ ٿي لکن ڪروڙن جي تعداد ۾ هڪ آواز ٿي اها گُهر ڪن ته سنڌ سنڌين جي آهي، سنڌ جا مالڪ اسان سنڌي آهيون ۽ هاڻي سنڌ کي ٻيو ڪجهه نه فقط سنڌ جي آزادي گُهرجي. ائين اسان سنڌي ڪري وياسين جيڪو يقينن ٿيندو ته پوءِ پاڪستان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ دنياوارا به مدد ۽ حمايت ڪندا. جلسي کان پوءِ شڪارپوري دوستن ماني کارائي ۽ پوءِ رات موٽي وري رتوديرو ۾ رهڻ لاءِ شڪارپور کان روانه ٿياسين ته واٽ تي بشير خان جي ذوالفقار علي ڀٽي بابت ڪيل تقرير تي سوچيم ته ڀٽي جا آخري ڏينهن نالي ڪتاب ۾ ڪرنل عارف بنگش لکيو آهي ته ڀُٽي ڦاسي گهاٽ ۾ رهڻ دوران آزاد ٿيڻ کان پوءِ سنڌوديش جي هلچل هلائڻ جو سوچيو هو. مون اها ڳالهه بشير خان قريشي ۽ ٻين دوستن جي موجودگي ۾ ميرپور ڀٽو ۾ ممتاز علي ڀٽي صاحب جي اوطاق تي کانئس پڇي هئي ته واقعي ذوالفقار علي ڀٽي آخر ۾ ائين سوچيو پئي ڇا؟ ته ممتاز ڀٽي صاحب سڀني جي سامهون وراڻي ڏني هئي ته ها. جڏهن مان ساڻس ڦاهي گهاٽ ۾ ملڻ ويو هئس ته اتي ڀٽي صاحب واش روم کان نڪرندي جنهن جي درتي کٿو ٽنگيل هيو مون کي ويٺل ڏسي اهو چيو هو ته پاڻ جيل کان ٻاهر نڪري تو واري ڳالهه سنڌ جي آزادي جي تحريڪ هلائينداسين. خيالن جو سلسلو رتوديرو ۾ بشير خان جي اوطاق تي پهچڻ کانپوءِ ٽُٽو. 12.30 بجي ڌاري رتوديرو اوطاق تي پهچي سمهي پياسين.
    9 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري، ناشتو ڪري، قومي قافلو جيڪب آباد ضلعي جي دوري لاءِ ڳڙهي خيرو روانو ٿيو، شهدادڪوٽ باءِ پاس وٽ اشفاق شيخ، جنهن کي سڀ دوست گُڏو شيخ به چوندا آهيون، فروٽ کڻي بيٺل هيو. ان کان فروٽ وٺي ڳڙهي خيري طرف روانا ٿياسين، ڏيڍ، ٻه سال ٿي چڪا آهن 2010ع ۾ ٽوڙهي بند ٽُٽو هو ته اهو پاڻي هن روڊ کي ٻوڙيندو شهدادڪوٽ جي وٽ ڏيئي اڳتي منڇر طرف وڌايو ويو هو. ان مهل ان ڳڙهي خيري واري روڊ کي هنڌان هنڌان ڪٽ ڏيئي پاڻي جي رُخ کي موڙيو ويو هو. ايترو وقت گذرڻ باوجود به ان روڊ جي ساڳي حالت هئي. اميد علي جوڻيجو (جنهن جي ڀرسان قديم ”ليمون جو دڙو“ جاکنڊر موجود آهن، جنهن جو ذڪر ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي پنهنجي تاريخي ڪتاب ”قديمي سنڌ“ ۾ پڻ ڪيو آهي) ۽ حاصل خان جمالي جو ڳوٺ ڪراس ڪري اڳتي پهتاسين ته جيڪب آباد ضلعي جو صدر بهرام لُهَر دوستن سان بيٺل هو. ساڻس ملي ٿورو اڳتي وڌياسين ته سوَن جي تعداد ۾ ڳڙهي خيري جا نوجوان استقبال لاءِ بيٺا هيا. ڪن کي هٿن ۾ ڪهاڙي وارا جهنڊا ته ڪن کي هٿيار هئا. انهن بشير خان ۽ سندس ساٿين جو شاندار استقبال ڪندي شهر طرف وڌڻ لڳا. قومي قافلو جڏهن شهر ۾ پهتو ته بشير خان کي دوستن پنڌ هلڻ لاءِ اسرار ڪيو، بشير خان جڏهن به جلسن جلوسن ۾ ويندو هو ته دوست کيس شهرن ۾ پنڌ هلڻ جو چوندا هئا پوءِ کڻي اتر سنڌ جي شديد گرمي جا ڏينهن هُجن يا سردي جا. بشير خان کي پنڌ ڪرڻ لاءِ گاڏي مان لهڻو پوندو هو. قومي قافلو جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. شهر ۾ روڊ جي ٻنهي پاسن کان شهري قطارون ٺاهي استقبال ڪري رهيا هئا. ۽ بشير خان مٿان گل نڇاور ڪري رهيا هئا. جلسي گاهه ۾ پهچي اسٽيج تي ويهڻ کانپوءِ اجرڪون اوڍايون ويون ۽ بهرام لُهر جلسي جي شروعات ڪندي آجياڻو ڏنو. ڳڙهي خيرو ۾ اڄ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيل هئا جنهن جو گهڻو تڻو سهرو به بهرام لُهر مٿان آهي. حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري سائين جي ايم سيد جي پروگرام کان ڳڙهي خيري وارن کي آگاهه ڪيو. بشير خان قريشي تقرير ڪندي ڳڙهي خيري واسين سان مخاطب ٿيندي کين چيو ته سنڌ هڪ ننڍو ملڪ آهي تنهنڪري هو آزادي نه وٺي سگهندو ۽ جيڪڏهن هن آزادي ورتي به ته خوشحالي ٿي نه سگهندي ۽ آزادي برقرار نه رکي سگهندو پر حقيقت اها آهي ته هن مهل 200 جي لڳ ڀڳ ملڪ اقوام متحده جا ميمبر آهن. انهن مان 100 جي لڳ ڀڳ اهڙا ملڪ آهن جيڪي سنڌ کان نه فقط ايراضي ۾ ننڍا آهن پر سنڌ جي آدمشماري ۽ پيداواري ذريعن ۾ پڻ گهٽ آهن پر اهي ملڪ نه فقط آزاد آهن پر خوشحالي طرف به وڌي رهيا آهن، تنهنڪري اها سراسر ڪوڙ تي ٻڌل پروپيگنڊه آهي ته سنڌ آزاد ٿي نه سگهندي. اسان سنڌي تاريخي طور تي نهايت بهادر ۽ پنهنجي وطن سان پيار ڪندڙ، سر قربان ڪرڻ واري قوم آهيون. هن مهل پنجاب طرفان پاڪستان، اسلام ۽ جمهوريت جي نالي ۾ سنڌين جي پيداواري ذريعن جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي. سنڌ جا ٻيا پيداواري ذريعا ته ڦرجن ئي ڦرجن ٿا پر روڊن رستن جي ڪمائي جيڪا ساليانا اربين روپيه ٿئي ٿي اها پڻ وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيو وڃي. تنهنڪري اسان سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ اوهان وٽ آيا آهيون ته اچو ته پنهنجي سنڌ امڙ جي مالڪي ڪريون. سنڌي ۾ هڪ بيت آهي ته:
    مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس تون سڏ نه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
    ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
    تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي هميشه جيان جلسي ۾ شريڪ هزارن ماڻهن کان 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو هٿ مٿي کڻي واعدو ورتو.
    جلسي کانپوءِ ڳڙهي خيري جي صحافين جي زور ڀرڻ تي بشير خان پريس ڪلب هليو جتي چانهه پيئڻ کانپوءِ صحافين کان موڪلائي بهرام لُهَر جي جڳهه تي ريفريشمينٽ ڪئي وئي، تنهن کانپوءِ عبدالجبار سان عذر خواهي ڪري دوداپور رستي جيڪب آباد روانا ٿياسين، ڳڙهي خيري ٻاهران ڀٽين جي ڳوٺ وٽ بيٺل ڳوٺاڻن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ جيڪب آباد طرف روانا ٿياسين. جيڪب آباد باءِ پاس وٽ استقبال ٿيڻ کانپوءِ جيل واري روڊ کان جيڪب آباد شهر طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. وک وک تي آجياڻا ٿيندا رهيا. حرمين هوٽل کان جناح روڊ پيادل هلندي قومي قافلو جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو. منان مهر جيڪو غفار مهر جو فرزند ۽ نهايت سرگرم قومي ورڪر آهي تنهن جلسي ۾ آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، امداد منگي، SUP جو صدر ذوالفقار سولنگي تقريرون ڪيون. تنهن کان پوءِ آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي جيڪب آباد واسين کي سنڌ جي موجوده حالتن کان واقف ڪندي پنجاب طرفان سنڌ مان ٿيل ظلمن جو تفصيل ٻڌايو ۽ کين اهو پڻ ٻڌايو ته پاڪستان جي 65 سالا عمر ۾ اسان سڀ نظام حڪومت آزمائي ڏٺا پر سڀ حڪمران اهي وردي وارا هجن يا سويلين پر پنجاب جا تابعدار ۽ سنڌجي ڦرلٽ ۾ پنجاب جا هٿ ٻڌا ٻانها ثابت پئي ٿيا آهن، ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي نه فقط قسمت، خوشحالي ۾ تبديل نه ٿي ٿئي پر ويتر قدرتي آفتن ۾ به کين نڌڻڪو ۽ بي يارومددگار ڇڏيو ٿو وڃي. اسان جي پاڙيسري ملڪ بلوچستان تي ڪيترائي دفعا آپريشن ڪري ڪيترائي بلوچ قومي ڪارڪن شهيد ڪيا ويا آهن پر اڄ بلوچستان جي قومي آزادي جي تحريڪ ميچوئر ٿي چڪي آهي ۽ هو آزادي جي منزل ماڻڻ جي ويجهو اچي پهتا آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اچو ته اسان به پنهنجي حالتن مطابق عدم تشدد جي واٽ تي هلندي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن چونڊيو آهي ته ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي اهو نعرو گڏجي هڻون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي، تنهن تي مجموعي ۾ بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان سان گڏ نعرا هنيا ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. جلسي جي خاتمي کانپوءِ استاد نثار احمد ڪٽو جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪري همايون رستي ٺُل طرف هلڻ لڳاسين. ميرپور ٻرڙو شهر کان ٻاهر شهيد عرض محمد ڀٽي اسٽاپ وٽ بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. ميرپور ٻرڙي ۾ وچ روڊ تي 9.30 رات جو ٿڌ ۾ ماڻهو گڏ ٿي بيٺل هئا. جتي ڪيهر انصاري ۽ بشير خان قريشي خطاب ڪري بيٺل ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽کين قومي قافلي جي اچڻ جو مقصد ٻڌائي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، تنهن کانپوءِ ٺُل طرف روانا ٿياسين، شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ قومي قافلو پنڌ هلندي جلسي گاهه پهتو ۾ جتي ساگر حنيف بڙدي، سرفراز ميمڻ، آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ماڻهن کي سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد ۽ پروگرام کان آگاهه ڪيو. تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ٺُل واسين کي چيو ته پاڪستان هوندي پنجابين کي اسان جي سنڌ جي رڳو ڦرلٽ سان دلچسپي آهي. امن امان جو مسئلو، سنڌي ڪهڙن سورن ۾ آهن خاص طور تي سنڌي هندن جون اغوائون روز جو معمول بڻيل آهن ان طرف پجاب ۽ سندس اتحادي حڪومتن ڪڏهن به سنجيده رويو اختيار نه ڪيو آهي.
    اڃان وڌيڪ تازو توهان ڏٺو هوندو ته ٺوڙهي بند کان درياهه ڀڳو ته اتر سنڌ ٻڏي وئي پر ٺُل شهر سميت هر ڪنهن پنهنجي مدد پئي ڪئي پر حڪومت ڪٿي به نظر نه آئي، جيتوڻيڪ سنڌ مان 950 ارب روپيه رڳو ٽيڪس جي صوصرت ۾ پنجاب ڦٻايو وڃي پر سنڌين جي واهر ڪرڻ لاءِ ڪڏهن تيار نه آهي. موجوده حڪمرانن کي سوات جي زلزلي متاثر وڌيڪ پيارا لڳندا آهن جو هو جڏهن ڪراچي پهتا هئا ته سنڌ جا سڀ وزير، مشير، پاڻي، گئس، تنبو کاڌ خوراڪ کنيو بيٺا هئا، پر ٺُل وارا ٻوڏ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ڪراچي پنهنجي سنڌ جي گادي واري هنڌ ٿا پهچن ته کين ڌڪن، ٿاٻن، ڌڙڪن کانسواءِ ٻيو ڪجهه پلئه نه ٿو پوي. ان ڪري سنڌ واسيو! موجوده حڪمران، جمهوريت جو ڍونگ رچائي سنڌ جا سڀ ٽپڙ پنجاب حوالي ڪري ڇڏيا اٿن، پر سنڌ جي واهر ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ان ڪري اچو ته سڌو ۽ چٽي نموني پنهنجي وطن سنڌجي مالڪي ڪندي سندس آزادي جي گُهر ڪيون، ان لاءِ اسان 23 مارچ جو ڏينهن چونڊيو آهي. ٻيا ڀلي ان ڏينهن کي پاڪستان جو ڏينهن ڪري ملهائين پر اسان ان ڏينهن کي پاڪستان کان ڇوٽڪارو گُهرڻ جو ڏينهن ملهائينداسين، جلسي م بيٺل هڪ گونگو رڙيون ڪري نعرا هڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قريشي برادري طرفان تيار ڪرايل ماني کائي سندن اوطاق تي سمهي پياسين اوطاق جا بادوانا کُليل هئا جتان ٿڌي هوا پئي آئي ان تي بشير خان سان کل ڀوڳ ڪندي سمهي پياسين.
    10 فيبروري 2012ع: صبح سوير اٿياسين ته سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل جهوني قومي ورڪر اضعر سهرياڻي فون ڪئي ان جي خلوص کي ڏسندي چانهه قريشي برادري وٽ پيئڻ کانپوءِ قومي قافلي جو هڪ حصو اصغر سهرياڻي ڏانهن ڪنڌڪوٽ روانو ٿيو اتي پهچي وهنجي تيار ٿياسين ته اصغر سهرياڻي بصريون، ڀڳل گوشت، انڊا، ماني گڏ کڻي آيو. ماني کائي ڪچهري ڪندي ڪجهه پراڻيون يادگيريون اورڻ لڳاسين. ماضي ۾ جيئي سنڌ اندر ٻه وڏا گروپ هئا هڪ عبدالواحد آريسر صاحب سان لاڳاپيل هو، ٻيو عطا الله انڙ سان لاڳاپيل. عطالله انڙ وارن جو جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن مان خاص طور گل محمد جکراڻي واري لڏي سان وڌيڪ گهرو رابطو هو. اصغر سهرياڻي به عطا الله وارن سان گڏ هوندو هو. هڪ دفعي عبدالواحد آريسر ۽ عطا الله وارن جون ڳالهيون رکيل هيون اتي عطا الله وارن پنهنجو نمائندو اصغر سهرياڻي کي ڪري موڪليو، ظاهر آهي عبدالواحد آريسر کي ڳالهين ۾ گاريون نصيب ٿيون هونديون. اتي ٻيو جهونو دوست باغي بجاراڻي به اچي پهتو جيڪو پڻ سائين جي ايم سيد جو پوئلڳ ۽ پراڻو قومي ڪارڪن آهي. 1983ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ جڏهن BSO سان لاڳاپيل ڪارڪنن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪن مير اشتياق ٽالپر کي شهيد ڪيو هو ۽ اديب انقلاب کي زخمي ڪري ڀڳا هئا ته اسان انهن جي ڪڍ لڳا هئاسين، باغي بجاراڻي بند تي ڀڄندڙ BSO جي ڪارڪن نجيب بگٽي جي پويان ڀڳو آئون ساڻس گڏ هوس ته اوچتو هڪ گهوڙي وارو اسان جي اڳيان پئي ويو. باغي ان کان گهوڙو کسي ان تي نجيب بگٽي جي پويان ڀڳو هو ۽ پوءِ کيس (نجيب) زخمي ٿيڻ کانپوءِ استپال پهچايو ويو هو. يادون ساريندي ايتري ۾ بشير خان قريشي به اچي پهتو اصغر سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کانپوءِ ڪنڌڪوٽ شهر طرف روانا ٿياسين. جلسو ڪنڌڪوٽ ۾ لائبريري واري روڊ تي رٿيو ويو هو. جتي چؤطرف مسجدون پڻ هيون. جمع جو ڏينهن هو. نماز جو ٽائيم هيو هر هڪ پنهنجي پنهنجي نقطه نظر موجب پئي واعظ ڪيو اسين به هزارين ماڻهن کي سنڌ جا سور ٻڌائڻ ۾ لڳي وياسين. ولي سهرياڻي آجياڻي تقرير ڪئي، ساگر بڙي آڪاش ملاح ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌ ۾ مذهبي متڀيد سڄي برصغير جي ڀيٽ ۾ نه هئڻ جي برابر هو، برطانيه جي هڪ انگريز 1810ع ۾ سنڌ گهمندي ۽ ان جي تاريخي ڪتابن جو مطالعو ڪندي لکيو آهي ته سنڌ ۾ هندن ۾ ذات پات وارو ويڇو نظر ئي ڪونه ايندو هو وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ ۾ هندن خلاف ڪا به نفرت نه آهي. پر پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اهو نفرت جو ٻج ٻاهرين ماڻهن سرڪاري سرپرستي ۾ اچي ان نيت سان رائج ڪيو ته جيئن هندن کي سنڌ مان لڏائي هتان پڙهيل ڳڙهيل طبقي کي ڪڍي ڇڏجي ۽ ٻيو ته انهن جي ملڪيتن تي ڪوڙن ڪليمن ذريعي قبضو ڪجي ۽ ٽيون سنڌي قوم کي بحيثيت هڪ قوم جي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. اهو ئي سبب آهي جو هندن جي وڃڻ کانپوءِ 25 لک انهن جي ڇڏيل زرعي زمين تي قبضو ڪيو ويو. ٺهيل ٺڪيل عاليشان پڪن گهرن تي قبضو ڪيو ويو ۽ 10 لک هندن کي ان وقت سنڌ مان تڙيو ويو. ان کان پوءِ نوڪرين، ٻاهرين واپار تي قبضو ڪري سنڌين کي بدحال بنائڻ جي شروعات ڪئي وئي. 1948ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌي زبان کي ختم ڪري ڌارين ٻولي کي سنڌ ۾ رائج ڪيو يو. 23 جولاءِ 1948ع تي ئي پير الاهي بخش جي معرفت ڪراچي کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو. سڄي ڪراچي مان هزارن جي تعداد ۾ سنڌي اسڪول بند ڪري اتي جي ٻولي جا اسڪول قائم ڪيا ويا. ڪراچي شهر جي روڊن رستن تي ٻاهرين ماڻهن جا نالا رکي ان جي اصل حيثيت کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اسان جي رهبر سائين جي ايم سيد جڏهن سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي ته کيس 32 سالن کان مٿي قيد و بند ۾ رکيو ويو. 1973ع جي آئين جي نالي ۾ سنڌ جا روڊ، پيداواري ذريعا، ڪارخانا، نوڪريون، واپار، ٽيڪس، سمنڊ، حتيٰ ڪه هر شيءِ وفاق جي حوالي ڪئي وئي. سنڌ جي ملڪيت ڦٻائڻ لاءِ مسلمان هڪ قوم آهن جو فرسوده ۽ غير حقيقي نعرو هنيو ٿو وڃي ان ڪري اسان سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشني ۾ اهو چٽو ٿا چئون ته هاڻي اسان 1940ع جي قرارداد سان ٻڌل نه آهيون. 1973ع جي آئين کي قبول ڪونه ٿا ڪريون ۽ اهو واضع ٿا ڪريون ته سنڌ هڪ ملڪ آهي. اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ آزادي اسان جو حق آهي ان لاءِ اسان سڀني سنڌ ڌرتي جي حلالي پٽن کي سڏ ٿا ڏيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. تنهن تي جلسي ۾ شريڪ ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کان پوءِ پراڻي دوست منير ملڪ هڪ شاندار پر تڪلف مانجهاندو ڏنو. اهو کائي صحافي دوست لياقت کوسو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ ڪشمور طرف روانا ٿياسين. بخشاپور ڪراس ڪندي گل محمد خان جکراڻي جون يادون 1980ع کان وٺي هيل تائين ذهن تي ڦرڻ لڳيون. سندس دؤر جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو يادگار دؤر هو. مارشل لا جي سختين کيس ڪونه منجهايو پر پوءِ سڀ لوڏا دوستن کان وٺي اقتداري مزن تائين نه پچائي سگهيو. سڄي واٽ ڪنڌڪوٽ کان ڪشمور تائين ننڍن وڏن اسٽاپن تي سون جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهو استقبال ڪندا رهيا. ۽ بشير خان قريشي انهن سان ملندو اڳتي وڌندو رهيو. ڪشمور شهر ٻاهران سوين ماڻهو استقبال ڪرڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد سنڌوديش ۽ بشير خان جا نعرا هڻندا، اسڪوٽرن، گاڏين جي قطار ۾ قومي قافلي کي وٺي، ڪشمور شهر طرف وڌڻ لڳا، شهر ۾ پراڻي نيشنل بئنڪ سامهون اسٽيج ٺاهيل هئي جتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا، نجف، حنيف ساگر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي تقريرون ڪري پنهنجي پنهنجي سمجهه آهر سنڌي ماڻهن اڳيان سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کي ظاهر ڪيو تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي ڪشمور واسين سان مخاطب ٿيندي چيو ته قرآن شريف به فرمائي ٿو ته: ”خدا ڪنهن قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين اهي خود پنهنجي حالت بدلائڻ لاءِ ڪوشش نه ٿا ڪن.“ تنهنڪري سنڌ واسيو! جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته سنڌ جا مالڪ فقط اوهان سنڌي هجو، سنڌ جي پيداوار جي ذريعن جا اوهين ئي حقدار هو ته اوهان کي پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ رهندي ڪهڙي به چڱي نظام تحت سنڌ پنهنجي مسئلن کي حل نه ٿي ڪري سگهي. جمهوريت فقط ظاهري ڏيکاءُ آهي، جنهن تحت اسان کي سدائين لاءِ پنجاب جي اڪثريت جو محڪوم ڪيو ويو آهي. ڪنڌڪوٽ، ڪشمور روڊ تي نڪرندڙ گئس ۽ تيل فيلڊن ۾ روزانه ڪروڙين رپيه آمدني هجڻ باوجود اصلي رهاڪن کي ڪجهه پلئه نه ٿو پئي ويتر سٺين نوڪرين تي پنجاب کان ماڻهو گهرائي کين لکين روپيه پگهارن تي رکيو ويو آهي. گڊو ۾ پيدا ٿيندڙ بجلي سنڌ لاءِ گهٽ ڪتب ٿي اچي ۽ اتي به ڪمپنين ۽ ٽرمل ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرن جو تعداد پنجابين جو سڀ کان وڌيڪ آهي، اهڙي صورتحال ۾ اسان کي هاڻي چٽي ۽ واضح نموني پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪرڻي پوندي ان لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ميدان سجايو آهي اوهان کي رڳو اتي اچي پرامن نموني پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪرڻي آهي. تنهن تي جلسي ۾ ويٺل هزارين ماڻهن هٿ اڀا ڪري وچن ڪيو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ سرڪاري اسپتال ڀرسان چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿي گڊو طرف وڌڻ لڳاسين وک وک تي آجياڻا ٿيندا رهيا. گڊو ڪالوني سامهون اسڪول ۾ رات جو جلسو ٿيو. ڏاڏو جکراڻي، ولي سهرياڻي، ساگر بڙدي، سرفراز ميمڻ صاحب نهايت جوشيليون تقريرون ڪيون. ان کان پوءِ ڪيهر انصاري پر مغز ۽ ڊگهي تقرير ڪئي. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪئي ۽ جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي 23 مارچ ڪراچي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني. جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ رات گڊو ٿرمل ڪالوني ۾ آرام ڪري، صبح جو گهوٽڪي ضلعي طرف وڃڻ جو ذهن ۾ رٿي، سمهي پياسين.
    11 فيبروري 2012ع: ٿرمل ڪالوني ۾ ناشتو احمد سومري وٽ ڪري روانا ٿياسين. گهوٽڪي ضلعي جو صدر نصرالله ڪالادي رات کان وٺي آيل هو جنهن صبح سان ساجهر کان ئي باهه ٻاري ڏني ته جلدي تيار ٿيو. ان ڪري روايت کان هٽي ڪري 10 بجي تائين سڄو قومي قافلو تيار ٿيو. ان ۾ ڏاڏي جکراڻي جو عمل به شامل هيو جو هن سهوليت خاطر قافلي ۾ شريڪ ساٿين کي مختلف ڪوارٽرن ۽ بنگلن ۾ رهايو هو ان ڪري آساني سان سوير تيار ٿي سگهياسين. گمبٽ کان گهوٽڪي طرف درياءَ جي پُل ڪراس ڪري اڳتي وڌڻ لڳاسين ٿورو اڳتي وڌياسين ته سوين نوجوان، پڪا پوڙها، ننڍا ٻار استقبال لاءِ بيٺا هئا، جيڪي پيار ۽ پاٻوهه مان بشير خان کي چنبڙي پيا ۽ کين هٿن تي چُميون ڏيڻ لڳا ۽ موٽ ۾ بشير خان طرفان به چُميون ۽ ڀاڪر نصيب ٿيندا رهيا. ڪچي واري پاسي مُڙڻ کان پوءِ گهوٽڪي ڪئنال ڪراس ڪري حيات خان مزاري ڳوٺ پهتاسين. جتي ڳوٺاڻي روايتن موجب حال احوال ٿيا ۽ تنهان پوءِ بشير خان مختصر خطاب ڪري ڳوٺاڻن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهي ڏني ۽ ڇوٽڪاري جو حل ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني. چانهه پيئڻ مهل محمد عزيز مزاري، عبدالخالق مزاري، بشير خان کي ٽوپي ۽ اجرڪون پارايون. تنهن کان پوءِ اتان واپسي ٿي ۽ مريد شاخ ۾ استقبال کانپوءِ هڪ خانگي اسڪول ۾ استاد محمد بخش گُهنڃو سان عذر خواهي کانپوءِ هن جي درخواست تي بشير خان قريشي قطار ٺاهي بيٺل سنڌ جي مستقبل کي خطاب ڪيو، جتي بشير خان کين اهو چيو ته تعليم ۾ من لڳائي دلچسپي رکي پڙهو ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي سنڌ وطن کان واقف ٿيڻ لاءِ سياسي تعليم به حاصل ڪريو ۽ جتي به هڪ ٻئي سان ملو ته جيئي سنڌ ڪري ملو ته جيئن قومي سوچ پختي ۽ مضبوط ٿئي. بشير خان جي خطاب کانپوءِ کنڀڙا ۾ ميراڻي قومي ڪارڪن اي ڊي عباسي سان سندس عزيز محترم جي وفات تي قومي قافلي جي اڳواڻن عذر خواهي ڪئي. تنهن کان پوءِ قومي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو. اٻاوڙو شهر ٻاهران استقبال کان پوءِ قومي قافلو شهر طرف وڌڻ لڳو. شهر جي وچ چوڪ تي جلسو ٿيو جتي به بشير خان مختصر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ وطن فقط سنڌين جو آهي جتان جي ذري ذري جو مالڪ فقط سنڌي آهي. ان ڪري اچو ته ان جي مالڪي ۽ وارثي کي ثابت ڪري سڄي دنيا کي 23 مارچ تي آگاهي ڏيون ته اسان کي ڪنهن به نالي ۾ غلامي قبول نه آهي. بشير خان جي مختصر خطاب کانپوءِ رفيق شر، بشير خان کي چيو ته سردار احمد يار شر سخت بيمار آهي. بشير خان بغير پروگرام جي قومي قافلي کي ريتي شهر طرف هلڻ جو حڪم ڏنو. جتي پهچي ساڻس عيادت ڪندي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي بشير خان کيس دعوت ڏني، جيڪا هن قبول ڪندي اهو چيو ته پاڻ کي کٽ تي کڻائي به 23 مارچ کي ضرور ڪراچي ايندس ۽ پنهنجي سڄي قبيلي کي صحافين معرفت سردار احمد يار شر ڪراچي ۾ شريڪ ٿيڻ جو حڪم ڏنو. سردار احمد يار شر ڪجهه وقت اڳ جسقم جي شهيد ٿيل ڪارڪن عزيز ڦل جي ڳوٺ کرڙي اچي اهو وارثن ۽ بشير خان کي عرض ڪيو هو ته شهيد عزيز ڦل جي قتل ۾ ملوث شر برادري جي ماڻهن سان فيصلو ڪيو. تنهن تي شهيد عزيز ڦل جي وارثن شريف ڦل جي صلاح سان بشير خان، سردار احمد يار شر کي شهيد عزيز ڦل جو خون معاف ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ اهو نهايت گهٽ ٿيندو آهي جو قتل ٿيل جا وارث بغير معاوضي جي خون معاف ڪن، ان تي سردار احمد يار شر نهايت ٿورائتو ٿيو هو. شهيد جي وارثن ۽ بشير خان ريتي کان موٽي ڏهرڪي ۾ مين روڊ تي گڏ ٿيل سوين ماڻهن جي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ، پاڪستان کان سواءِ رهي سگهي ٿي پر پنجاب پاڪستان ذريعي سنڌ جي ڦرلٽ جي آڌار تي پاڻ کي خوش رکيو ويٺو آهي، مذهب جي آڙ وٺي، غلط مذهبي پروپيگنڊا ڪري سنڌ جي الڳ قومي وجود کان انڪار ڪري زوري پاڪستاني قوم جو حصو بنايو ٿو وڃي. جنهن ڪري نه فقط ڌارين ماڻهن جي لوڌ سنڌ ۾ ۽ خاص طور تي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ ڪاهي پئي آهي، ان ڪري امن تباهه ٿي ويو آهي. روزگار جا ذريعا ڌارين حوالي ٿي ويا آهن. سنڌ مان رڳو هر مهيني 24 ارب رپيا پٺاڻ پنهنجي علائقن ڏانهن موڪلي ٿو. ان کان علاوه اسان جا وڏا ڪارخانا ۽ انهن جي ڪمائي ڌارين حوالي ٿيل آهي. ڏهرڪي ۾ اينگرو يوريا جو ڪارخانو ساليانو 6 ارب روپيه بچائي ٿو. ان ۾ ڪم ڪندڙ اڪثريت غير سنڌين جي آهي. ماڙي گئس فيلڊ مان سؤ کوهه گيس جا نڪتا آهن. هڪ سال ۾ 119 ارب روپيه ڪمائين ٿا پر اتي 123 انجينئرن مان رڳو 5 ڄڻا سنڌي آهن. اهڙي طرح قادرپور وٽ گئس جا 80 کوهه کوٽيل آهن. جتان روزانو 10 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي. خانپور مهر پريان هندستان جي سرحد لڳ تلو نالي گئس ڪمپني گئس ڪڍي ٿي. جتان روزانه 2 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي. اها سڄي ڪمائي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي حوالي آهي. نه فقط سنڌ پر گهوٽڪي ضلعي کي به ان ڪمائي مان ڪجهه نصيب نه ٿو ٿئي، ان ڪري اسين چاهيون ٿا ته دنيا جي عالمي قانون موجب ملڪ ۽ قوم کي آزاد ۽ الڳ رهڻ جو آفاقي حق حاصل آهي ته پوءِ سنڌ ان حق کان محروم ڇو؟ ان ڪري اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا آڏو سنڌ جي آزادي جو ڪيس رکنداسين. جنهن ۾ اوهان جي ساٿ جي ضرورت آهي، اتي بيٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کانپوءِ ڄام فتاح سميجو جي چانهه دعوت ۾ شريڪ ٿياسين. ميرپور ماٿيلي ويندي وِکَ وِکَ تي استقبال ٿيندا رهيا. ماٿيلي ۾ ان چوڪ تي، جتي ڪتابي صورت ۾ شاهه جو رسالو ۽ تنبورو ٺهيل آهن اتي جلسو ٿيو. ڪتاب تي سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار لکيل هو.
    جلسي کي حنيف ساگر بڙدي خطاب ڪندي چيو ته اسان جا رهبر امن پسند ۽ محب وطن هُيا جن هٿ ۾ تلوار بجاءِ تنبورو کڻي پنهنجي وطن جي محبت پيدا ڪئي ۽ ان ذريعي سڄي دنيا ۾ امن اتحاد ۽ ترقي جا خواهان هئا. اڄ وري هن تنبوري ۽ شاهه جي رسالي جي هيٺان بيهي اسان پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي سين هڻندي اوهان وٽ آيا آهيون ته پنهنجي وطن سنڌ جي گڏجي آزادي جي گُهر ڪريون.
    حنيف ساگر کان پوءِ بشير خان قريشي ماٿيلي واسين سان مخاطب ٿيو. جنهن چيو ته سنڌ هزارين، لکين سالن کان وجود ۾ آيل ملڪ آهي. سنڌ جو خالق خود خدا آهي ۽ سنڌ پنهنجي وجود لاءِ ڪنهن جناح ۽ اقبال جي محتاج نه آهي. سنڌ ڪيترن تاريخي دورن مان گذرندي رهي آهي، ڪڏهن سنڌ تي اهڙو به وقت آيل ٿو ڏسجي جو ان مهل سندس بخت جو ستارو ڄڻ محسوس ٿيندو هو ته هميشه لاءِ لهي ويندو پر سنڌين وري پاڻ سنڀالي پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪري سجاڳ ٿي. بيدار ٿي آزادي حاصل پئي ڪئي آهي. سنڌين ٻاهرين ماڻهن جون بهترين ڳالهيون حاصل ڪري پنهنجي ڪلچرلي مزاج ۾ رنگيتون سانڍيون اختيار ته ڪيون آهن پر پنهنجي الڳ قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به تيار نه ٿيا آهن. ان ڪري سنڌ واسيو! اڄ پاڪستان مذهبي انتها پسندي جو مرڪز نه فقط پنهنجي پر سڄي برصغير جي ملڪن ۽ سڄي دنيا لاءِ خطري جي علامت بنجي چڪو آهي. ان ڪري پاڪستان هڪ غير فطري ملڪ آهي. اسان سنڌي مذهب جي مقدس نالي ۾ پنجابين جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار نه آهيون، اسان در در، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي سنڌ جي ماڻهن ۾ سجاڳي جي ڳالهه ڪندي پنهنجي وطن سنڌ سان محبت جو عملي ثبوت ڏيڻ لاءِ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏيڻ آيا آهيون. سنڌي ۾ چوندا آهن ته:
    مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس، تون سڏنه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
    ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ تون ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
    سو ان ڪري اسان پنهنجو قومي فرض پورو ڪندي اوهان وٽ آيا آهيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. جيڪڏهن هاڻي اوهان کي اسان جي اها دعوت قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو ته اوهان 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. ان تي سڀني ماڻهن جيڪي هيٺ روڊن تي بيٺل هئا يا دڪان جي ڇتين تي ويٺل هئا انهن هٿ مٿي ڪري بشير خان کي چيو ته هو ڪراچي ضرور ايندا. تنهن تي بشير خان کين اهو چيو ته توهان جي انهن کنيل هٿن جو قسم جن اسان تي اعتماد ڪيو آهي. اسان سنڌ وطن جي آزادي لاءِ سر قربان ڪري ڇڏينداسين پر توهان جي اعتماد ۽ محبت کي ڪڏهن به ڌوڪو نه ڏينداسين. بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳو. گڻگي ۾ پهچڻ تي قومي قافلي جو نه فقط موليڏني ميراڻي جي سربراهي ۾ بيٺل سوين مردن ۽ ٻارن استقبال ڪيو پر انهن سان گڏ ڪيتريون ئي ادڙيون پڻ بيٺل هيون جن قومي قافلي جو والهانه استقبال ڪيو. اسڪول ۾ تقريب رٿيل هئي. اتي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جي پر زور اسرار تي بشير خان ٻه ٽي جملا تقرير جا چئي کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني. گڻگي ۾ دلچسپ واقعو ڏٺم. ميزبانن رش کان بچڻ لاءِ عام ماڻهن جي ماني جو بندوبست ٻي طرف ڪيو هو ۽ بار بار اهو اعلان ڪندا رهيا ته ماني فلاڻي طرف آهي، اوڏانهن هلو. تنهن تي ماڻهن ميزبانن کي ورندي ڏني ته بشير خان کي ڏسڻ لاءِ صبح کان وٺي بيٺل آهيون هاڻي وري انکي ڏسڻ ڇڏي ماني طرف وڃون ائين ڪيئن ٿيندو. بهرحال گڻگي کان نڪري گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳاسين نصرالله ڪالادي جي وٺ سٺ لڳي پئي هئي ته جلدي جلدي هلو گاڏيون تيز هلايو ڇو جو ڪالادي جو ٽارگيٽ اهو هو ته گهوٽڪي جلد پهچجي جتي هنن هڪ شاندار جلسي جو بندوبست ڪيو هو. جنهن لاءِ هنن شهر ۽ ان کان ٻاهر ڪچي پڪي ۾ ڳوٺن ۾ وڃي دعوتون پڻ ڏنيون هيون. سرحد شهر ٻاهران استقبال کانپوءِ پنڌ هلندي قومي قافلو رٿيل جلسي واري هنڌ پهتو. ٽائيم جي گهٽتائي ڪري فقط بشير خان کان تقرير ڪرائي وئي، بشير خان جلسي ۾ شامل ماڻهن کي چيو ته قومون مذهب جي بنياد تي نه ٺهنديون آهن ۽ نه ئي وري قومون ننڍيون يا وڏيون ٿينديون آهن، قوم اقوام متحده جي طئي ڪيل اصولن، وطن، زبان، ڪلچر، تاريخي روايت ۽ سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي هڪجهڙائي جي بنياد تي هونديون آهن. ان ڪري اسان سنڌي نه فقط اقوامِ متحده جي طئي ڪيل اصولن تحت هڪ قوم آهيون پر اسان کي هزارين سالن کان پنهنجو هڪ جدا وجود رکندڙ ملڪ نصيب رهيو آهي، اهو آهي سنڌ، جنهن جون ماضي ۾ جاگرافيائي حدون گهٽ وڌ ٿينديون رهيون آهن، پر موجوده حدن واري ملڪ کي اسان سنڌوديش چئون ٿا، ان ڪري آزادي اسان جو فطري ۽ عالمي حق آهي، پاڪستان ۾ رهندي اسان سدائين پنجاب جي اڪثريت جا غلام رهنداسين ۽ آهستي آهستي پنهنجي سڀني حقن کان محروم ٿيندا رهنداسين، ان ڪري اچو سنڌ واسيو! ته 23 مارچ تي گڏ ٿي پنهنجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان جي تقرير کان پوءِ قومي قافلو وري گهوٽڪي طرف وڌڻ لڳو. گهوٽڪي شهر ٻاهران استقبال ۽ گلن جي ورکا کانپوءِ قومي قافلو شهر طرف مين روڊ سان وڌڻ لڳو، پراڻي بس اسٽينڊ کان وڌندي نئين بس اسٽينڊ وٽ پهچي باءِ پاس وٺي شيلٽن هوٽل وٽ گڏ ٿيل ڪارڪنن ۽ ماڻهن سان ملي بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو وچ شهر طرف هلڻ لڳو. گهوٽڪي شهر ۾ جلسي واري جڳهه پهچي بشير خان قريشي سميت ٻيا عهديدار اسٽيج تي ويٺا. سيارو، ڦوهه جواني ۾ اچي ويو هو. تيز تيز ٿڌي هوا گهلڻ شروع ٿي هئي. ان جي باوجود به هزارين ماڻهو جلسي ۾ ويٺا ۽ پاسن کان بيٺا رهيا. سليم شاهه صاحب آجياڻو ڏنو. تنهن کانپوءِ نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) تقريرون ڪري ٿڌ ۾ گرمي پيدا ڪري ماڻهن ۾ نه فقط شاهه لطيف جي سٽن سان وطن جي محبت کي جاڳايو پر سنڌ جي تاريخ، ماضي ۽ حال جي خوشحالي کان آگاهه ڪندي سنڌ جي پنجاب طرفان ٿيندڙ ڦرلٽ پڻ ظاهر ڪئي. مٿين عهديدارن جي تقرير کان پوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي گهوٽڪي واسين کي چيو ته سنڌ ۾ جڏهن جڏهن به پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي ۽ان جي حفاظت لاءِ سرفروش اڳواڻن سنڌي قوم آڏو سرن جون صدائون هنيون آهن تڏهن تڏهن سنڌ جي سپوتن سنڌ امڙ تان سر پئي قربان ڪيا آهن ۽ ائين چوندي فخر محسوس ڪندا آيا آهن.
    هي سِرَ هيڪڙو ،آڇيندي لڄ مران،
    هجن سِرَ گهڻا، ته واري واري وڍيان.
    اڄ وري سنڌ غلامي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي ۽ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد آزادي جو دڳ ٻڌائي ويو آهي ته سنڌين کي گڏجي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي ۽ سنڌي رڳو پر امن نموني پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن ته سڄي دنيا ان گُهر ۾ مددگار ٿي پوندي. تنهن کانپوءِ بشير خان جلسي ۾ ويٺلن کان هٿ مٿي کڻائي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جو واعدو ورتو. جلسي کانپوءِ سليم شاهه جسقم ضلع گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کان پوءِ عادلپور طرف روانا ٿياسين. جتي عادل پور کان سڄي طرف مُڙي مهرن جي ڳوٺ شهيدن ۾ زبير مهر سان سندس والد جي وفات تي عذر ڪري، ماني کائي هڪ بجي رات حيدرآباد طرف واپس روانا ٿياسين. واپس موٽندي هالاڻي ۾ پنهنجي دوست ۽ قومي ورڪر دُر محمد سيال وٽ حسب معمول بشير خان ٿورو وقت ترسيو. جڏهن به نيشنل هاءِ وي سان اچبو يا وڃبو ته بشير خان قريشي، دُر محمد سيال وٽ ڪجهه وقت ضرور ترسندو هو. ڪڏهن ماني ته ڪڏهن چانهه پي پوءِ پنهنجي پروگرام موجب اوڏانهن وڃڻ ٿيندو هو. دُر محمد کي بشير خان دوري جا حال احوال ڏنا ۽ در محمد سيال چيو ته 1 لک کن هئنڊ بل ڇپرايو ۽ پوءِ در محمد سيال ڪٻٽ مان بشير خان قريشي کي 50000 پنجاهه هزار ڪڍي ڏنا ته سائين اهي ڪم آڻيو. بشير خان قريشي مونکي حڪم ڪيو ته تون ۽ آصف بالادي هئنڊ بل جو مواد تيار ڪيو.
    14 فيبروري 2012ع: جسقم ملير ضلعي جي ڪانگريس يوسف عارفاڻي ڳوٺ ۾ ٿي. جنهن جي صدارت بشير خان قريشي ڪئي. ميٽنگ ۾ 23 مارچ بابت ڪارڪنن کي آگاهي ڏيئي ضلعي جي دوري جو شيڊيول ٺاهيو ويو. ميٽنگ ۾ ضمير حاجاڻو، مشفق، حمزو پنهور، منظور لولائي پڻ شريڪ هئا.
    17 فيبروري 2012ع: جسقم ضلعي اوڀر ۾ مختلف هنڌن تي جلسن جو پروگرام رٿيل هيو. جمعي نماز کانپوءِ ڀٽائي آباد ۾ تمام وڏو جلسو ٿيو. جتي ضلعي اوڀر جي صدر بشير خاصخيلي جلسي ۾ آجياڻو ڏنو. آصف بالادي ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌين، ان لاءِ پاڪستان نه چاهيو هو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ کانئن شهرن کان وٺي هر شيءِ تان حق مالڪي کسي وڃي. پر سنڌين سان 1947ع کان وٺي اڄ تائين ايئن ٿي رهيو آهي. 75 لک ڌاريا ماڻهو ڪراچي ۾ نه رڳو آباد آهن پر هو شهري حق جا حقدار لڳا ويٺا آهن. سنڌ جي شهريت کان وٺي سنڌ جي اعليٰ اداري اسيملي تائين به ميمبر لڳا ويٺا آهن. پر سنڌ جي اصلي رهواسين ۽ مالڪن کي اهو حق نه آهي ته هو ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺي سگهن يا سرڪاري ادارن کان وٺي ڪارخانن تائين به نوڪرين جا دروازا سنڌ اصلي رهواسين لاءِ بند آهن. ڪراچي پورٽ جي اربين روپيه ڪمائي پنجاب حوالي. اتي نوڪريون ڌارين حوالي، بئنڪن کان وٺي ٻاهرين واپار جون سهوليتون سڀ ڌارين حوالي ٿي چڪا آهن. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ڪراچي جي ڪُل آدمشماري 3 لک هئي، جن مان ڌاريا فقط 2 سيڪڙو هئا. هاڻي ڪراچي شهر جي آدمشماري 2 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي ۽ ڌاريا هتي 1 ڪروڙ جي تعداد ۾ رهن ٿا. اهو سڀ ظلم رڳو ان ڪري آهي ته اسان پنهنجي وطن سنڌ کان لاتعلق ٿي ويهي رهيا آهيون. ان ڪري اسان کي چٽي ۽ واضح نموني سائين جي ايم سيد جي فڪر تحت سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي تڏهن ئي اسان پنهنجو قومي وجود بچائي آزاد ۽ خوشحال گذاري سگهنداسين. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ سڀني غيرتمند سنڌين کي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي ۽ اها ئي دعوت کڻي توهان وٽ به آيا آهيون، جيڪڏهن توهان کي اها دعوت قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو، جنهن تي هزارن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي تبت سينٽر وٽ گڏ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جنهن تي بشير خان کين چيو ته اسان به توهان سان واعدو ٿا ڪريون ته پنهنجي جان ڏينداسين پر هڪ ڏينهن ضرور سنڌ کي آزاد ڪرائينداسين. جلسي کانپوءِ قومي قافلو سچل ڳوٺ طرف هلڻ لڳو جتي ڪارنر گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو، جتي آجياڻو اوڀر ضلعي جي صدر بشير خاصخيلي ڏنو. تنهن کانپوءِ ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ آڪاش ملاح خطاب ڪيو. جن کان پوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن کي چيو ته پاڪستان جي ٺهڻ کانپوءِ خاص طور تي سنڌي ماڻهو نڌڻڪو ۽ لاوارث بنجي ويو آهي. دنيا جو ڪٿان به ڌرتي ڌڪاڻو ڪراچي پهچي ٿو ته ان کي سڀ سهولتون مليون وڃن. رهائش لاءِ جتي جهوپڙا هڻي ويهندو اتان جو مالڪ ٿيو وڃي. سوات ۾ زلزلو اچي ته اتان جي ماڻهن کي رهائش لاءِ ڪراچي ۾ سڀ سهولتن سميت مفت زمين مهيا ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن 2010ع ۾ اتر سنڌ ۾ ٻوڏون آيون ۽ ماڻهن پنهنجي وطن سنڌ جي گادي جي هنڌ جو رخ ڪيو ته هتي کين ڌڪا نصيب ٿيا. 2011ع ۾ لاڙ ۾ آيل برساتن کانپوءِ ڪراچي ۾ دربدر ٿيل هاري ناري پهتا ته کين واهر ڪرڻ وارو ڪوئي نه هو. سنڌ جا وارثو، سُستي ۽ غفلت ڇڏي پنهنجي وطن جي وارثي ڪيو. هتي هزارين ميل پري کان آيل پٺاڻ سنڌين سان بدمعاشي ٿو ڪندو وتي کين ڪير چوڻ لاءِ تيار نه آهي. ڌرتي کان لاتعلقي ماڻهن کي نڌڻڪو بنائي ڇڏيندي آهي، ان لاءِ هاڻي سڀ سنڌي گڏ ٿي پنهنجي هئڻ جو ثبوت ڏيون. 50 لک کان مٿي اسان سنڌي ڪراچي ۾ رهون ٿا پر اهي آهيون ڇڙوڇڙ. ان ڪري مِڙي هڪ مُٺ ٿيو ته وطن جي واهر ڪري سگهون. اهو ئي سائين جي ايم سيد جو سڏ ۽ پيغام آهي، جيڪو اوهان وٽ کڻي آيا آهيون. ڪارنر گڏجاڻي جي خاتمي کانپوءِ شانتي نگر ۾ رٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ قومي قافلو روانو ٿيو. شانتي نگر ۾ گل حسن وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ هڪ اسڪول ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي، جتي بشير خاصخيلي آجياڻو ڏنو، تنهن کان پوءِ آصف بالادي خطاب ڪيو ۽ ان کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي شانتي نگر واسين کي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي پر پاڪستان جي ڪري سنڌقومي غلامي ۾ جڪڙجي وئي آهي، جنهن ڪري سنڌ جا سڀ اختيار ۽ وسيلا ڌارين حوالي آهن. وفاق پرست پارٽيون سنڌ کي وطن نه پر ڪارڊ سمجهن ٿيون جيڪي ڌارين پنجابي آقاڻن جي آشيرواد سان وڏي حڪمت عملي سان ان ڪارڊ کي سنڌ جي خلاف استعمال ڪن ٿا ۽ اسان سنڌي نهايت سادگي سان پنهنجي وطن سنڌ جي سرزمين پنهنجي پيرن هيٺان کسڪڻ جي باوجود به ڪجهه ڪُڇي نه ٿا سگهون. ان ڪري اسين 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪري سگهون ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي انچ انچ جا وارث اسين سنڌي آهيون. ان کان پوءِ بشير خان ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ماڻهن کان 23 تاريخ تي تبت سينٽر ۾ گڏ ٿيڻ جي لاءِ هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو. شانتي نگر جي ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ اڄوڪو شيڊول پورو ٿيو.
    19 فيبروري 2012ع: ڪراچي جي جسقم ضلعي اولهه جي ڪارڪنن جي ميٽنگ فقيرا ڳوٺ ۾ ٿي. جنهن ۾ 300 ڪارڪنن جي لڳ ڀڳ شرڪت ٿي. جتي ضلعي صدر اصغر بروهي ۽ سيڪريٽري مختيار شاهه خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ ڪراچي جسقم DO الاهي بخش بڪڪ، آصف بالادي ۽ مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ڪارڪنن سان مخاطب ٿياسين ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي خطاب ڪندي جسقم جي ڪارڪنن کي هدايتون ڏيندي آگاهه ڪيو ته قومن جي ترجماني ٿورا پر قومي جذبي ۽ نظرئي سان سرشار ڪجهه منظم ماڻهو ڪندا آهن ۽ا هي ئي قومن کي اوج تي وٺي ويندا آهن نه رڳو اهو پر انهن قومي ڪارڪنن جي محنت ۽ قرباني ڪري قومون پنهنجو قومي وجود بچائي اڳتي وڌنديون آهن. ان ڪري موجوده دؤر ۾ جسقم جي ڪارڪن تي نهايت ڳري ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو قوم جي صحيح ترجماني به ڪري ۽ سڃاڻي، محنت ۽ قرباني وسيلي قوم کي غلامي جي ڌٻڻ مان ڪڍي سلامتي سان پار پڻ ڪري. ان لاءِ اسان کي پنهنجي راهه جو رهبر سائين جي ايم سيد کي سامهون رکڻو پوندو. ان جي فڪر کي سمجهڻو پوندو ۽ قوم کي اصل دوست ۽ قومي دشمن کان آگاهه ڪرڻو پوندو، جيستائين توهان قوم جون دليون نه ٿا کٽيو، جيستائين توهان قوم کي ذهني طور پاڻ ڏي مائل نه ٿا ڪيو. اوستائين توهان انقلاب نه آڻي سگهندا. انقلاب لاءِ عوام جو ساٿ بنيادي شرط آهي ۽ انهن وٽ وڃي انهن کي ٻڌائڻ ۽ انهن آڏو صاف سٿرو ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي مٿان قوم جو اعتماد ويهاري سگهو ٿا ۽ پوءِ توهان ڏسو ته سنڌ ڪيئن نه اوهان سان گڏ هلي ٿي پئي. بشير خان قريشي ڪارڪنن کي آخر ۾ 23 تاريخ جي تيارين ۽ ڪارنر گڏجاڻين بابت هدايتون ڏنيون ۽ پوءِ ميٽنگ ختم ٿي.
    22 فيبروري 2012ع: اڄ ضلعي سکر جو دورو رکيل هو. جنهن جو اڳواڻ ڦل پوٽو آهي. بشير خان رتيديري مان باگڙجي دوستن سميت پهتو مان (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) حيدرآباد مان صبح جو سوير سکر لاءِ نڪتس، واٽ تي مختيار چاڪراڻي ۽ غلام محي الدين به گڏ ٿيا. اسان وٽ هئنڊ بل هيا جيڪي ضلعي نوابشاهه، نوشهروفيروز ۽ خيرپور جي دوستن کي ڏيندا آياسين. هئنڊ بل جي ڇپائي لاءِ 50000 هزار دور محمد سيال ڏنا هيا. جنهن جو مواد لکڻ لاءِ بشير خان مونکي ۽ آصف بالادي کي حڪم ڪيو. مون آصف صاحب کي چيو ته توهان ڪجهه مواد لکي اچو حيدرآباد، اتي گڏجي ويهي ان کي آخري شڪل ڏينداسين، پر آصف صاحب لکي نه آيو. نيٺ حيدرآباد ۾ فراز ميمڻ جيڪو اسان جو بلڊر دوست آهي ان جي آفيس ۾ آصف بالادي کي مواد لکرايو ۽ پوءِ اهو ئي هئنڊ بل جي صورت ۾ ڇپرايو سين. مواد لکڻ مهل آصف بالادي سان گڏ سندس دوست به هيو.
    بحرحال سکر ضلعي جي دوري جي شروعات باگڙجي کان ڪئي وئي. جتي هڪ وڏو جلسو ٿيو. جنهن کي قمر گُهمري آجياڻو ڏنو ۽ ان کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي پنهنجي خطاب ۾ وطن جي حُب بابت شاهه جي بيتن معرفت سمجهايو. تنهن کانپوءِ بشير خان قريشي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌ امان سنڌين جو وطن آهي. موجوده وقت ۾ پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب سنڌ تي قبضو ڪري سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار ڪري رهيو آهي ته ٻي طرف اقتداري پارٽيون سادن سودن سنڌين اڳيان نموني سان مظلوم بنجي ووٽ وٺي سندن ئي ووٽ کي سنڌ خلاف استعمال ڪن ٿيون ۽ اسان سنڌي برادري، ذات، قبيلن ۾ ورهايا پيا آهيون، تنهنڪري سائين جي ايم سيد اسان سنڌين آڏو هڪ رستو واضح طور ٺاهي ڏنو آهي ته سنڌي هزارين سالن کان هڪ جدا قوم ۽ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا. سنڌي جيڪڏهن عزت ۽ وقار سان پنهنجي ڌرتي تي پنهنجو قومي وجود بچائڻ چاهين ٿا ته کين سنڌ جي آزادي جي پُرامن گُهر ڪرڻي پوندي، ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي اچڻ جي اپيل ڪئي آهي ته جيئن پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي ڪري سڄي دنيا آڏو آزادي جي گُهر ڪري سگهون. اها ئي دعوت توهان آڏو عرض رکجي ٿي جنهن تي اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ ويٺل سوين ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو. ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ حاجي يار محمد گُهمرو کي بشير خان سندس گهر وڃي 23 مارچ جي دعوت ڏني. تنهن کانپوءِ عادل گهمري جي قومي قافلي چانهه پيتي، چانهه پارٽي کانپوءِ ڪنڌرا طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. درياءَ جي پُل ٽپي ڪنڌرا طرف وڌڻ لڳاسين، نارا ڪئنال جي پُل تي سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اڳيان جانورين جي ڳوٺ پهتاسين. جانورين ۽ شيخن جو قبائلي جهيڙو هلندڙ آهي. جانورين سان عذر خواهي کانپوءِ ڳالهائيندي، بشير خان قبائلي جهيڙن جي نقصانن تي ڳالهائيندي کين ٻڌايو ته انهن جهيڙن ڪري اسان سڀ سنڌي پنهنجي قومي دشمن کان بيخبر ۽ لاتعلق بنجي رڳو پنهنجيون سسيون وڍڻ ۾ پورا آهيون ۽ بذات خود پنجاب به اهو ئي ٿو چاهي ته سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ختم ئي نه ٿين. تنهنڪري حڪمرانن انهن جهيڙن کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪڏهن سنجيده ڪردار ئي ادا ناهي ڪيو. جهيڙن ڪري زمينون ويران، اسڪولن ۾ ٻارن جي تعليم متاثر ۽ عام زندگي مفلوج ٿيو وڃي، ان ڪري اسان کي سهپ ۽ رواداري وارو رويو رکندي هڪ ٻئي سان ڳالهين ذريعي مسئلن کي حل ڪرڻ گهرجي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. اڳيان حاجي لشڪر علي شيخ جو ڳوٺ هو جتي پڻ شيخ برادري سان لاڳاپيل ماڻهن سان عذر خواهي کانپوءِ بشير خان انهن کي به قبائلي جهيڙن کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي ۽ کين عرض ڪيو ته قبائلي جهيڙا سنڌ لاءِ ناسور بنجي ويا آهن ان ڪري جيترو ٿي سگهي مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. قومي قافلو اڳيان وڌندو رهيو. عبدالعزيز گهانگهرو ڳوٺ ۽ روشن آبا د۾ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪئي. تنهن کان پوءِ ڪنڌرا پريس ڪلب ۾ صحافين سان سندن عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. ڪنڌرا ۾ وچ شهر جي بازار ۾ جلسو ٿيو. جتي هزارين ننڍا وڏا اچي شريڪ ٿيا. جلسي کي ڪيهر انصاري، ساگر بڙدي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي هزارين ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ کي قدرت تمام گهڻين نعمتن سان نوازيو آهي، سنڌ کي 2 ڪروڙ، 2 لک ايڪڙ آباد لائق زرعي زمين آهي. سنڌ آزاد ٿيڻ بعد ان ايراضي کي اڃان وڌائي سگهجي ٿو پر سنڌ هن مهل پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جي غلام آهي. ياد رهي ته سنڌ کي انگريزن 1843ع ۾ فتح ڪيو ۽ لڳ ڀڳ پنجاب ۾ ان عرصي دوران انگريزن جي قبضي هيٺ آيو هو. ان وقت سنڌ ۾ 10 لک ايڪڙ زمين آباد ٿيندي هئي، جڏهن ته سنڌ ۾ اڃان هڪ به بئراج نه ٺهيو هو. ان هوندي به سنڌي هٿرادو واهن ذريعي ايتري زمين آباد ڪندا هئا ۽ پنجاب ۾ 7 لک ايڪڙ زمين مس آباد ٿيندي هئي پر هاڻي پاڪستان ٺهڻ ڪري جيتوڻيڪ پنجاب پنهنجا 3 درياهه راوي، ستلج، بياس هندستان کي وڪڻي ڇڏيا آهن ۽ سنڌو درياءَ تي غير قانوني قبضي ڪري پنجاب هاڻي 4 ڪروڙ ايڪڙ زمين آباد ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ پاڻي جي گهٽتائي ڪري 1 ڪروڙ 10 لک ايڪڙ مس آباد ڪري رهي آهي، جڏهن ته پنجاب سنڌ کان فقط 2 هزار چورس ميل وڏو آهي پر اتي جابلو علائقا سنڌ کان گهڻا آهن. پر ڇاهي ته سنڌو جو پاڻي غير قانوني غير شرعي طرح پاڪستان جي ڪري پنجاب جي قبضي ۾ آهي ان ڪري ڏينهون ڏينهن سنڌ جون آباد زمينون تباهي طرف وڌي رهيون آهن ۽ پنجاب پنهنجا ويران علائقا آباد ڪري رهيو آهي، تنهنڪري اچو سنڌ واسيو! ته پنجاب جي غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪري پنهنجي سنڌ وطن کي آزاد ڪرايون، ان لاءِ اسان کي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي جنهن لاءِ جسقم 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪيو آهي. جنهن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان وٽ لنگهي آيا آهيون. جلسي دوران ڪنڌرا جي مُکي پاران بشير خان کي اجرڪ اوڍايو ويو. جلسي کان پوءِ، ڪنڌرا کان واهه ٻرڙا جي طرف کان صالح پٽ طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. رستي دوران نهايت وڻندڙ نظارا نظر اچڻ لڳا. پٿريلي ٽڪريون، ڪڻڪ جو بيٺل فصل، مٿان کجين جا وڻ، سنڌ کي قدرت نهايت ئي حسين ٺاهيو آهي پر سنڌ جي غلامي ڪاري داڳ جيان سندس سونهن کي تباهه ڪري رهي آهي. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌيو ته موسوي سيدن جي ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪري تي مسجد ٺهيل هئي جنهن کي نينهن جبل نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي. جيڪا ٽڪري پڻ وڻندڙ نظارو پيش ڪري رهي هئي. اروڙ پهتاسين ته روڊ جي پاسي ۾ هڪ نهايت عاليشان ڊٺل جڳهه نظر آئي جنهن ۾ ماڻهو اوطاق ٺاهيو ويٺا هئا، هي اهو شهر آهي جيڪو سنڌ جو نهايت قديم شهر ۽ گادي جو هنڌ رهيو آهي، جنهن کي وحشي عربن تباهه ڪري لُٽ مار ڪري برباد ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانپوءِ سنڌو درياهه به سندس ڪنڌيءَ کان وهڻ ڇڏي اولاهين پاسي وهڻ شروع ڪيو. تاريخدان چون ٿا ته اروڙ جي تباهه ٿيڻ کانپوءِ بکر شهر اروڙ جي ڊٺل، تباهه ٿيل جاين مان سرون ڪڍي اڏيو ويو هو. قومون جڏهن پنهنجي وطن تان حق حاڪميت وڃائي ويهنديون آهن، تڏهن انهن جي تهذيب، تمدن، ثقافت به پنهنجو اوج وڃائي ويهنديون آهن. صالح پٽ ۾ قومي قافلو پهتو، اوڀرين پاسي کان هن شهر ۾ واريءَ جا دڙا آهن. جنهن جي دامن ۾ جلسو ٿيو، جلسي کي سرفراز ميمڻ جيڪو لاڙڪاڻي کان دوري ۾ گڏ ٿيو ۽ هڪ ڏينهن به بشير خان کان پري نه ٿيو هو. ساگر حنيف بڙدي. آڪاش ملاح خطاب ڪيو، ساگر حنيف بڙدي حسب دستور (شاهه لطيف جنهن کي حنيف ساگر مرشد لطيف ڪري چوندو آهي جي) بيتن سان جلسي کي پنهنجي سحر ۾ وٺي ڇڏيو هو. آخر ۾ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جو ذرو ذرو قدرتي نعمتن سان مالا مال آهي. هي توهان جي سامهون واريءَ جون ڀٽون به ناڪاره ناهن، انهن جي هيٺان به قدرت سنڌ کي نوازيو آهي. جتان تيل، ڪوئلو ۽ ٻيا قيمتي پٿر نڪرن ٿا پر غلامي سبب انهن نعمتن جا پاڻ مالڪ نه رهيا آهيون، اها مالڪي واپس وٺڻ لاءِ پُرامن طور پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ اسان 23 مارچ تي سڀني غيرتمند سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. جلسي جي خاتمي کانپوءِ صالح پٽ جي مکي سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪري قومي قافلي پپو مهر وٽ چانهه پيتي. صالح پٽ کان پنو عاقل جو رستو ورتوسين. واريءَ جون ڀٽون ٿڌ جو اثر ڏيکاري رهيون هيون. دڙا ختم ٿيا. بئراجي زمين شروع ٿي. جتي ٻٽڙي نالي ڳوٺ وٽ قومي جهنڊو بشير خان قريشي ڦڙڪايو. تنهن کانپوءِ اتي مهرن وٽ پُلاءَ جا ٻه گرهه کائي پني عاقل طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. رات جو 11 بجي ڌاري پني عاقل پهتاسين. شعبان پٺاڻ وٽ عذرخواهي ڪري ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين، جتي شعبان پٺاڻ آجياڻو ڏنو. ٽائيم گهٽ هئن ڪري اتي رڳو بشير خان قريشي مختصر خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي ويٺلن کي دعوت ڏني. تنهن کانپوءِ مهرن وٽ ماني جا ٻه ٽي گرهه کائي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي ۽ پوءِ قومي قافلو وسيم جتوئي جي ڳوٺ پهتو جتي چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلي سکر جو رخ ڪيو، رات 2 وڳي سکر پهتاسين. سکر شهر ۾ پڻ ڪارنر گڏجاڻيون رکيل هيون پر تمام گهڻي دير ڪري اهي ملتوي ڪيون ويون. جتي رڳو ڪارڪنن سان ڪچهري ڪري کين 23 مارچ جي تياري جي سلسلي ۾ کين هدايتون ڏنيون ويون. اشفاق ڪمانگر سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪري سمهڻ واري هنڌ وڃي سمهي پياسين. بشير خان وارا رات ئي خيرپور ميرس هليا ويا.
    23 فيبروري 2012ع: صبح جو ناشتو فاروق مهر وٽ ڪري خيرپور ميرن واري طرف روانا ٿياسين. رات جنهن جڳهه تي بشير خان ترسيل هو. اتي پهچي بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو شاهه عبداللطيف يونيورسٽي طرف وڌڻ لڳو. مين شاهراهه تي قومي قافلو پهتو. واپڊا ڪالوني جي گيٽ تي هزارين شاگردن ۽ عوام بشير خان جو استقبال ڪيو جتي بشير خان ڪهاڙي وارو جهنڊو ڦڙڪايو جنهن کانپوءِ قومي قافلو شهر طرف هلڻ لڳو. پنج هٽي وٽ سوين ماڻهن قومي قافلي جو گلن جون پتيون نڇاور ڪرڻ سان آڌر ڀاءُ ڪيو، جتي بشير خان قريشي مختصر ڳالهائيندي پاڪستان کانپوءِ سنڌ کي پهتل نقصان ٻڌايا ۽ اتي جي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته، قومي غلامي جي خاتمي لاءِ 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گهُر ڪن. تنهن کانپوءِ قومي قافلو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ طرف وڌڻ لڳو. مريم توپ وٽ بيٺل سوين ماڻهن پڻ قومي قافلي جو استقبال ڪيو.
    سنڌ يونيورسٽي جي وي.سي کي هٽائڻ لاءِ جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن طرفان 72 ڪلاڪن لاءِ بک هڙتال تي ويٺل ڪارڪنن جا 72 ڪلاڪ پورا ٿيڻ تي بشير خان کين جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي. 10 جساف جا ڪارڪن بک هڙتال تي ويٺل هئا. ڊسٽرڪٽ بار ۾ وڪيلن طرفان ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪرڻ لاءِ بار روم طرف وياسين. جتي ڊسٽرڪٽ بار جي صدر منظور حسين انصاري آجياڻو ڏنو. بشير خان قريشي کي جيئي سنڌ لائرز فورم جي راجه الطاف شر اجرڪ پارائي، تنهن کان پوءِ بشير خان قريشي وڪيلن کي مخاطب ٿيندي چيو ته، تاريخ ان ڳالهه جي گواهه آهي ته سنڌ هزارين سالن کان هڪ جدا ۽ آزاد خود مختيار ملڪ جي حيثيت ۾ هن ڌرتي تي قائم دائم رهيو آهي. انگريزن جڏهن برصغير تي قبضو ڪيو هو تڏهن به سنڌ هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت رکندڙ هو. انگريزن ٻن مهاڀارين جنگين ۾ هن سڄي خطي ۾ اهو محسوس ڪري ورتو هو ته پنجاپي جيڪي مستقل سندن وفادار رهي سگهن ٿا ان ڪري انگريزن هڪ غير حقيقي نعرو ته مسلمان هڪ قوم آهن پنهنجن ڇاڙتن معرفت اها ڳالهه ڦهلائي ۽ ان بنياد تي پاڪستان کي وجود ۾ آڻايو ويو. جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هن مهل به 1940ع کان وڌيڪ ملڪ اسلامي مذهب رکندڙ آهن پر هر ملڪ پنهنجي قوميت جي بنياد تي الڳ حيثيت ۾ اقوام متحده جو ميمبر آهي ۽ اقوام متحده پڻ قوم جي لاءِ هڪ مذهب جو شرط لازمي نه ٺهرايو آهي. پر هڪ وطن هڪ زبان، ڪلچر، تاريخي روايات سياسي ۽ اقتصادي مفاد هڪجهڙا هجڻ جي بنياد تي قوم جي تصور کي قبول ڪري ٿو. ان بنياد تي اسان سنڌي هڪ قوم آهيون 1940ع جي قرارداد به اصل ۾ هڪ معاهدو هو. جنهن کي پنجاب پاڻ سوين دفعا ختم ڪري چڪو آهي. پاڪستان هجڻ ڪري سنڌ سان هر فيلڊ ۾ بي انصافيون ٿي رهيون آهن. سندس زبان جو تقدس ۽ اهميت کي ڏينهون ڏينهن ختم ڪيو ٿو وڃي. سنڌ جي قومي وجود کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هر ڌاريي ماڻهو کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ جو قانوني حق ڏنو ويو آهي. پيداواري ذريعن تي مڪمل طور تي ڌارين جي اجاره داري آهي، گئس سڄي پاڪستان ۾ 72 سيڪڙو سنڌ پيداوار ڪري ٿي پر ان جي پيداوار جو 20 سيڪڙو به سنڌ حوالي نه آهي، اتي ڪم ڪندڙ فيلڊ تي 10 سيڪڙو به سنڌي آفيسر مقرر ناهن. هزارين ارب ٽيڪس ڏيڻ جي باوجود به سنڌ ڏينهون ڏينهن غربت ۽ مفلسي ۾ ڌڪبي ٿي رهي. هتي جمهوريت معنيٰ پنجاب جي اڪثريت جي تابع رهڻ آهي. بنگال جڏهن گڏ هيو تڏهن پنجاب کي هڪ ماڻهو هڪ ووٽ جو شرط قبول ڪو نه هيو تنهن ڪري اسان وٽ هاڻي فقط هڪ رستو بچيو آهي ته اسان بين الاقوامي اصول تي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون ان لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جو ڏسيل گس اختيار ڪيو آهي، يعني عدم تشدد وارو رستو جنهن کي اڄ سڄي دنيا مسئلن جي حل لاءِ مفيد رستو سمجهي ٿي ان کي اختيار ڪندي ڪراچي ۾ 23 مارچ تي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي ته جيئن اسان دنيا آڏو اهو واضح ڪريون ته سنڌ جا مالڪ اسان سنڌي آهيون ڪنهن به نالي ۽ نعري ۾ اسان پنهنجي قومي وجود تان هٿ نه کڻنداسين. بار ۾ خطاب کانپوءِ ڊسڪٽرڪٽ ڪورٽ کان پنڌ هلندي ڦول باغ طرف پيادل قافلو روانو ٿيو، بشير خان قريشي اڳواڻي ڪندي اڳيان هلندو رهيو. گورنمينٽ لا ڪاليج سامهون قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، پنج گولي تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو، ڦول باغ طرف وڌندي هڪ بينر تي نظر پئي جنهن ۾ لکيل هو ته علي-معاويه ڀائي ڀائي. خبر ناهي ڪهڙي حوالي سان لکيل هو پر اها حقيقت آهي ته ٻئي عرب هئا ٻئي هڪ قوم جا هئا پر علي ۽ ان جو خاندان مظلوم هيو ۽ معاويه ۽ ان جو خاندان ظالم. سنڌ ۾ جيڪڏهن احمد علي ۽ پريم چند چئون ته ڀائر آهن ۽ هڪ قوم جا آهن ته مُلي کي اها ڳالهه نه وڻندي آهي. جيتوڻيڪ اهي ٻئي مظلوم به آهن ڪٽر ۽ انتها پسند مُلو فساد ۽ فتني جي جڙ رهيو آهي. ڦول باغ ۾ جلسو ٿيو جتي امجد مهيسر آجياڻو ڏنو، اتي گل حسن عباسي به آيل هو، جنهن عوامي آواز ۾ بشير خان قريشي جو اهو بيان پڙهيو جنهن ۾ بشير خان سنڌ واسين کي چيو هو ته سنڌ واسي هر گهر مان هڪ پٽ سنڌ خاطر جدوجهد لاءِ تيار ڪن ۽ ٻاهر ميدان ۾ ڪڍن کي موٽ ڏيندي پنهنجن 6 پتن کي سنڌ خاطر حوالي ڪرڻ آيو هو جن جا نالا هي هئا: ثاقب علي عباسي، عاقب علي عباسي، عاطف علي عباسي، باسط علي عباسي، حيدر علي حيدري، راهب علي حسيني. گل حسن عباسي جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته بشير خان هڪ پٽ لاءِ حڪم ڪيو هو مان 6 پٽ سنڌ خاطر وٺي آيو آهيان. تنهن کانپوءِ تمام وڏي جلسي کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پڻ مخاطب ٿيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي ڳالهائيندي چيو ته، حيرت ان ڳالهه تي آهي ته پ پ پ وارا ووٽ سنڌين کان وٺن ٿا انهن جي آسري اقتدار جي ڪرسي تي ويهي اربين روپيه ڪرپشن ۾ حصو پتو وٺي ڀڀ ڀرين ٿا پر سنڌ لاءِ ڪوبه بنيادي فائدي وارو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ نه ئي وري پ پ وارن سنڌ کي ڪڏهن پنهنجو وطن سمجهيو آهي هو فقط سنڌ کي هڪ ڪارڊ جي حيثيت ۾ ڏسن ٿا جيڪو سندن کيسي ۾ پيو آهي.
    خيرپور ميرس ۾ ناري تعلقي ۾ چونڊڪو ڀرسان سانوڻ گئس فيلڊ آهي جتان هر مهيني 10 ڪروڙ جي گئس پيدا ٿئي ٿي جنهن مان سنڌ کي نه ملڻ جهڙا پئسا ملن ٿا 547 مزدور ۽ آفيسر ڪم ڪن ٿا جن مان فقط 40 ڄڻا سنڌي آهن پ پ وارن ڪڏهن به اسيمبلي ۾ اڪثريت هئڻ جي باوجود اها قرار داد پاس نه ڪرائي آهي ته سنڌ مان نڪرندڙ گيس فيلڊ جا مالڪ سنڌي آهن، روزگار کان وٺي پيداوار تائين جا مالڪ سنڌي آهن. اها ڳالهه پ پ وارن کي ڪندي زبان سڙندي نظر ايندي. سنڌ واسيو اچو ته پنهنجي وطن سنڌ جي پاڻ مالڪي ڪريون ۽ 23 مارچ تي اها گهر ڪريون ته سنڌ گهري ٿي آزادي. بشير خان جو ائين چوڻ سان هزارين هٿ اڀا ٿي ويا جن هڪ آواز ٿي نعرو هنيو سنڌ گهري ٿي آزادي. آخر ۾ بشير خان گل حسن عباسي کي ساراهيندي چيو ته، سنڌ جي لاءِ اهڙا پيئر پيدا ٿين جيڪي پنهنجا ٻچا سنڌ خاطر قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجن ته مان پڪ ٿو ڏيان ته سنڌ گهڻو وقت غلام رهي نه سگهندي.
    بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو پير ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو، فيض واهه تي چانهه پارٽي کانپوءِ بشير خان گڏ ٿيل ماڻهن کي مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني تنهن کانپوءِ ڳاڙهي موري وٽ وچ روڊ تي جلسو ٿيو. اتي بشير خان کي نواز مهيسر بوسڪي جو ڀٽڪو پارايو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڪيهر انصاري جي تقرير کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو تنهن کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو ته ڪوٽ پل تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو جتي امجد مهيسر آجياڻو ڏيندي بشير خان تقرير ڪرڻ لاءِ سڏ ڪيو. بشير خان سنڌ جا مسئلا ٻڌائيندي ماڻهن کي چيو ته ان مسئلن جو حل جمهوريت يا ٻيو ڪو نظام حڪومت نه پر سنڌ جي آزادي آهي اچو ته سڀ سنڌي ٻڌي ڪري سنڌ جي آزادي جي 23 مارچ پر امن گهر ڪريون. رستي ۾ وڏا ماڇيون ۾ استقبال ٿيو اتي ساگر حنيف بڙدي خطاب ڪندي چيو ته دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ هر سنڌي ماڻهو فردي طرح سان ته رکي ٿو پر هاڻي بحيثيت هڪ قوم جي دوست ۽ دشمن سڃاڻڻو پوندو. پنجاب ۽ پٺاڻ ڪنهن به ريت دوست ثابت نه ٿيا آهن. پنجاب جا سڄڻ سنڌ جا سڄڻ ناهن. بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آهي يا ته وطن کي آزاد ڪري پنهنجي قومي سڃاڻپ بچائي ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌون يا پنهنجي ڌرتي تي بي اختيار ٿي غلامي واري زندگي گذاريون. اسان سنڌين کي آزاد وطن ۾ عزت ۽وقار سان زندگي گذارڻ جو سڏ ڏئي جدوجهد ۾ شامل ڪرڻ آيا آهيون. ڌاڙيل اعظم سڪندر مؤدوني کي سنڌ ۾ ماڇين اهڙا ته ٽوٽا چٻايا هئا جو هو سنڌ مان پڇ لٽڪائي وٺي ڀڳو ۽ سنڌ جي ماڇين جي لڳل زهريلي تير کان بچي نه سگهيو ۽ مصر ۾ ان تير جي زخم وگهي پيالو ڪري ويو تنهنڪري سنڌ واسيو بهادري ۾ ماضي کان وٺي حال تائين سنڌي قوم جو ڪو ثاني نه رهيو آهي اچو ته رڳو سجاڳ ٿي پنهنجي وطن جي واهر ڪريون سنڌ آزاد ٿي پوندي. قومي قافلو پير ڳوٺ طرف وڌڻ لڳو. ستون پير پاڳارو شاهه مردان شاهه سڪندر تازو وفات ڪري ويو هو. بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ اسان به سندس تدفين ۾ شريڪ ٿيا هئاسين جتي پير صاحب جا مريد ۽ عقيدتمد تمام گهڻي تعداد ۾ پهتل هئا جنازي نماز ۾ بظاهر جتان ڪٿان جون وڏيون شخصيتون پڻ پهتل هيون ستين پير پاڳاري جي تدفين ۽ جنازي نماز کان اڳ اٺون پير پاڳارو خليفن کي چونڊڻو هو. اتي هر ڪنهن پئي ويچار ونڊيا ته اٺون پير پاڳارو ڪنهن کي چونڊيندا. ظاهر ۾ پير صدرالدين شاهه راشدي جيڪو مرحوم پير پاڳاري جو ٽيون نمبر پٽ آهي. وڌيڪ طاقتور اميدوار پيو نظر اچي ان مسند تي ويهڻ لاءِ ڇاڪاڻ ته سياست کان وٺي ٻين معاملن ۾ پير صدرالدين شاهه وڌيڪ سرگرم هيو، پر خليفن دورانديشي کان ڪم وٺي راجه سائين صبغت الله شاهه راشدي کي اٺون پير پاڳارو منتخب ڪيو. پاڳارو چونڊڻ کان پوءِ اڳئين پير پاڳاري جي جنازي نماز پڙهائي وئي اتي موجوده پير پاڳاري سان بشير خان مليو جنهن بشير خان کي ڀاڪر پائي کيس چيو ته دعا ڪجو هي بار سنڀالي سگهان.
    23 فيبروري2012ع: خميس جي شام جو اسين قومي قافلي سان جيئن پير ڳوٺ پهتاسين ته موجوده پير پاڳاري جي ديدار ڪرڻ لاءِ هزارين مريد پير ڳوٺ پهتل هئا. وچ بازار ڪراس ڪندي جلسي واري هنڌ پهتاسين جيڪو بازار جي آخر ۾ هيو جلسي جي ڪارروائي اڪبر مڪول هلائي جيڪو اسٽيج سيڪريٽري ٿيڻ کانپوءِ پنهنجا پراوا شعر تمام گهڻا پڙهندو آهي. اتي آجياڻي تقرير امجد مهيسر ڪئي. قومي قافلي جي سربراهه بشير خان سميت سڀن کي اجرڪ اوڍايا ويا تنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي آزاديءَ کانپوءِ تحقيقات ڪري شهيد صبغت الله شاهه جو مڙهه کي ڳولي قومي شان ۽ مان سان آخري رسمون ادا ڪري پوءِ کيس دفنايو ويندو. آڪاش ملاح پڻ خطاب ڪيو. بشير خان خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي محاذ سان لاڳاپيل مرحوم مجتبيٰ شاهه راشدي کي تمام گهڻو ساراهيو جيڪو قومي تحريڪ جو سڄاڻ ۽ دورانديش اڳواڻ هو. بشير خان وڌيڪ چيو ته پاڳاري خاندان ۾ اهڙيون به شخصيتون پيدا ٿيون آهن جن سامراج دشمن ۽ سنڌ دشمن سان پنهنجي وطن سنڌ خاطر مهاڏو پئي اٽڪايو آهي. اميد ته موجوده پير پاڳارو پڻ سنڌ جي طرف ٿي بيهندو. تقريرن کان پوءِ قومي قافلو ڊرب ميهر شاهه طرف هلڻ لڳو. سج لهي چڪو هو ٿڌ تمام گهڻي ٿي چڪي هئي هڪ اڇي ڏاڙهي سان خيرپور جي پنج هٽي واري هنڌ کان اسڪوٽر تي قومي قافلي سان گڏوگڏ هلي رهيو هو جنهن کي بشير خان قريشي مان ڏيندي پير ڳوٺ ۾ اسٽيج تي سڏائي اجرڪ پارايو هئو. گاڏيون روڪي بشير خان کيس تمام گهڻو زوربار ڪيو ته هو موٽي وڃي ٿڌ تمام گهڻي آهي پر هن موٽڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوءِ بشير خان هڪ ڪارڪن کي چيو ته هو پوڙهي جو اسڪوٽر هلائي ۽ ان شخص کي ڪار ۾ ويهاريو ويو ان جو نالو رسول بخش شيخ هو. ڊرب ميهر شاهه پهچندي رات ڪافي ٿي چڪي هئي تنهنڪري اوس پاس کان آيل ماڻهو قبائلي جهيڙن ڪري پنهنجي پنهنجي ڳوٺن طرف موٽي ويا هئا ان جي باوجود به سوين ماڻهو جلسي ۾ بيٺل هئا جن کي فقير امداد منگي ۽ آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان مخاطب ٿيندي سنڌ سان پاڪستان ڪري پهتل نقصانن کان آگاهه ڪري وطن جي آزادي جي گهر ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي ۽ 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. تقريرن کانپوءِ قومي قافلو گمبٽ طرف هلڻ لڳو. گمبٽ ۾ پهچندي رات جا 10 وڄي چڪا هئا، رات تمام ٿڌي ٿي چُڪي هئي پر پوءِ به ماڻهو جلسي گاهه ۾ بيٺل هيا. جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي امجد مهيسر آجياڻو ڏنو، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، ادي ڊاڪٽر زرينه نوناري، سرفراز ميمڻ صاحب جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي گمبٽ واسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته پي پي وارا غدارن جي فيڪٽري جو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن، جيڪي ماڻهن کي شخصي لالچ ڏيئي وطن کي غلام ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ٿا ڪن سنڌ تاريخي طور هڪ آزاد ۽ الڳ ملڪ جي حيثيت ۾ رهندو آيو آهي هاڻي پاڪستان جي فرسوده نظريي نالي ۽ نعري ۾ سنڌين کي غلام رکي سنڌ جي وسيلن کي پنجاب حوالي ڪيو ويو آهي، ان ڪري جيسائين سنڌ جا ماڻهو پنهنجي دل مان پاڪستان کي ڪڍي سنڌ جي محبت نه ٿا اختيار ڪن اوستائين سنڌجي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيڻا نه آهن، ان ڪري اچو ته پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ۾ جسقم وارن جو ساٿ ڏيو جيڪي سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ ۽ سچا ديشي آهن، جيڪي وطن سنڌ لاءِ جان ڏيڻ پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهن ٿا، سڀئي سنڌي هڪ ڏينهن سيڙائي ڪراچي پهچو ته ڏسندا ته سنڌ وري نوَن رنگن سان جيڪي انقلابي هوندا. ديش ڀڳت هوندا جرڪي پوندي. بشير خان جي تقرير کانپوءِ 11.30 بجي رات جو جلسو ختم ٿيو رات سنڌ هائوس گمبٽ ۾ ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ سمهي پياسين.
    24 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪيوسين فقير امداد منگي جنهن ڏينهن پهنجو ڦوٽو ڏسندو آهي اخبارن ۾ ته پوءِ چوندو آهي ته اڄ اخبارن ۾ مزو آهي، جيڪڏهن فقير سائين جو فوٽو نه هوندو ته چوندو ته اڄ اخبارن ۾ مزو ئي نه آهي. قومي قافلو فقير آباد طرف روانو ٿيو، ان علائقي ۾ ڀٽي برداري جا ماڻهو اڪثريت ۾ رهن ٿا انهن مان ياد ڪرڻ جهڙي شخصيت مرحوم الله وسايو ڀٽي آهي جيڪو سنڌ جي ايريگيشن کاتي جو چيف انجنيئر ٿي رهيو، مرحوم هر هڪ جي ڪم اچڻ وارو انسان هو. فقير مل ۾ گڏ ٿيل هزارين ماڻهن پاران آجياڻو اسان جي ساٿي ايوب لاشاري ڏنو. جتي ساگر حنيف ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته دنيا جي هر قوم کي اهو حق حاصل آهي ته هو پنهنجي وطن مان پيدا ٿيل قدرتي نعمتن جو فائدو کڻي خوشحالي ماڻي پر پاڪستان هئڻ ڪري سنڌ جي سڀني وسيلن تي پنجاب قبضو ڪري خوشال سنڌ کي بدحالي ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي ايتري قدر جو 51 سيڪڙو سنڌي غربت جي طئي ڪيل لڪير کان هيٺ زندگي گذارين ٿا ۽ جيڪڏهن پاڪستان جي بجيٽ ۾ اڍائي سؤ ارب ترقياتي ڪمن لاءِ رکجن ٿا ته ان مان سنڌ کي فقط 11 ارب نصيب ٿين ٿا اهي سب نااهل حڪمران رکي رکي واپس ڪري ٿا ڇڏين. جلسي ۾ هزارين ماڻهن کان بشير خان حسب دستور هٿ مٿي کڻائي واعدو ورتو ته هو 23 مارچ ڪراچي ضرور ايندا. قومي قافلو فقير مل کانپوءِ ڪنب طرف روانو ٿيو جتي پڻ سئي گئس طرف کان ايندڙ رستي تي اسٽيج ٺاهي جلسي جو بندوبست ڪيو ويو هو. اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض مير حسن بوزدار ادا ڪيا، علي گلاب چانڊيو آجياڻو ڏنو وقت گهٽ هئڻ ڪري فقط بشير خان جلسي کي مخاطب ٿي سنڌ ۾ پاڪستان جي ڪري پيدا ٿيل مسئلن تي روشني وجهندي ان جو حل آزادي جي جدوجهد ۾ ٻڌائيندي ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿين ڪنب واري جلسي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ شريڪ ٿيو جنهن کي اسٽيج تي بشير خان سان گڏ ويهاريو ويو. قومي قافلي راڻيپور طرف رخ رکيو جتي شهر ۾ بس اسٽينڊ تي جلسو ٿيو. ثنا الله ميمڻ آجياڻو ڏنو ۽ نذير احمد ڄامڙو بشير خان کي اجرڪ اوڍايو ان کان پوءِ قومي قافلي ۾ شريڪ ٻين دوستن کي پڻ اجرڪ اوڍايا ويا. ڪيهر انصاري، آڪاش ملاح جي تقريرن کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ مهل انگريزن جي فوج ۾ سڀ کان وڌيڪ سپاهي پنجابي هئا اهو ان ڪري نه ته اهي بهادر هيا پر ان ڪري جو اهي انگريزن جا سڄي عمر پٺو ٿي رهيا ۽ انگريزن ڄاڻي واڻي اهڙا فاعدا ۽ قانون ٺاهيا هئا جو سنڌي فوج ۾ ڀرتي ٿي نه سگهن، ڇاڪاڻ ته انگريزن کي خبر هئي ته سنڌي پنهنجي وطن سان غداري نه ٿا ڪري سگهن، پنجابين جي انگريزن سان وفاداري جي سلسلي ۾ کين پاڪستان ٺاهي ڏنو ويو ته اڳتي هلي جيئن انگريزن جي مفادن جو بچاءَ ٿيندو رهي. راڻيپور ۾ جلسي کانپوءِ پريس ڪلب ۾ صحافين جي گهڻي اسرار تي بشير خان اوڏانهن وڃي چانهه پيتي. چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو سوڀو ديرو طرف روانو ٿيو. سوڀو ديرو سنڌ جي سرموڙ شاعرن تاجل بيوس ۽ تنوير عباسي جو ڳوٺ آهي، مرحوم تنوير عباسي پنهنجي پٽ سرمد ڪري اسلام آباد ۾ دفن آهي، سندس هڪ ڀاءُ الطاف عباسي به هيو جيڪو ڪهاڻيڪار هيو ۽ روڊ ايڪسڊنٽ ۾ مري ويو هو ۽ ٽيون ڀاء اي اين جي عباسي پاڻي جي معاملن جو ماهر رهيو آهي. شهر م داخل ٿيڻ کانپوءِ ور وڪڙ گهٽين کان ٿيندي مين بازار جي مُهڙ وٽ بشير خان قومي جهنڊو ڪهاڙي وارو ڦڙڪايو. جهنڊي ڦڙڪائڻ کانپوءِ دهلن ۽ شرنائين سان جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. بازار جي ٻنهي پاسن کان ماڻهو قومي قافلي جو استقبال ڪندا رهيا. جلسي گاهه ۾ پهتاسين ته قومي قافلي سان هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. جلسي کي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي عهديدار خادم سنڌي خطاب ڪيو. تنهن کان پوءِ فقير امداد منگي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪيو.
    مٿين اڳواڻن جي خطاب کانپوءِ بشير خان مخاطب ٿيندي سوڀي ديري واسين کي چيو ته توهان جي شهر جا ٻه بهترين شاعر سنڌي ٻولي جا ٿي گذريا آهن جن پنهنجي ٻولي ۾ شاعري ڪري پنهنجي ٻولي کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پر توهان ڪجهه سؤ روپين جي آمدنيءَ تي پنهنجي دڪانن مٿان سائن بورڊ به سنڌي ۾ نه ٿا لکرايو، اها نشاني آهي ته اسان سنڌي بحيثيت هڪ قوم جي تنزل طرف وڌندا پيا وڃون. دنيا ۾ جن قومن ترقي ڪئي آهي جهڙوڪ جپان، چين، مليشا، سنگاپور، انهن پنهنجي ٻولي ۾ ڳالهائڻ ۽ لکڻ کي عيب نه پر ترقي جو ذريعو بنايو آهي، ان ڪري اسان کي به شين جي ٺاهيندڙ ڪمپنين کي چوڻ گهرجي ته سائن بورڊ اهي پنهنجي دڪانن مٿان هڻنداسين جيڪي سنڌي ۾ لکيل هوندا، توهان ڏسو ته ڪيئن نه ڪمپنين وارا مجبور ٿي اهي بورڊ سنڌي ۾ لکرائي اوهان کي ڏئي ٿا وڃن.
    سنڌ سان اهڙي جند جُڙي جو ٻيا دل وارا وسري ويا،
    ڀورا سهڻا ڀينڊ هتان جا ڇا جي چاندي ڇا جو سون.
    سنڌ واسيو بشير خان وڌيڪ مخاطب ٿيندي سوڀي ديري وارن کي چيو ته پنهنجي وطن جي هر هڪ شيءِ جي واهر ڪريو ان لاءِ اسان ميدان مچايو آهي، اچو ته 23 مارچ ميدان ملهائي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. قومي قافلو جلسي کانپوءِ هنگورجا، طرف روانو ٿيو. رستي ۾ هڪ شاخ جي ڪَڙَ تي بيٺل ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ کيس گذارش ڪئي ته جهنڊو شاخ ڪناري کوڙيو، بشير خان قريشي جهنڊو ڦڙڪايو نه پر قومي جهنڊي کي کوڙيو. هنگورجا طرف تمام آهستي آهستي هلي رهيا هئاسين ڇاڪاڻ ته سڄي سنڌ جي رستن جيان هي رستو به انتهائي خراب ۽ ڀڳل ٽٽل هو. هنگورجا ۾ داخل ٿيندي ئي قومي قافلي جو دهلن ۽ شرناين سان استقبال ڪيو ويو. بشير خان سدائين جيان گاڏي مان لهي پنڌ هلندي ماڻهن کي هٿ لوڏيندي ڀاڪر پائيندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳو جتي اڳ ۾ ئي هزارن جي تعداد ۾ ٿڌ هئڻ جي باوجود به ماڻهو بيٺل هيا. جلسي کي امجد مهيسر، حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو. جنهن پاڪستان ٺهڻ جي واقعي ۽ سنڌ جو ان ۾ شامل ٿيڻ ۽ ان کانپوءِ سنڌ کي پهتل نقصانن بابت ڳالهائيندي سنڌي ماڻهن کي همٿايو ته هو ماضي ۾ بهادر ڪردار واري قوم رهيا آهن هاڻي همت ڪري پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪن. آخر ۾ هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو.
    هنگورجا ۾ جلسي کانپوءِ سيٺارجا پهتاسين. جتي ايوب جاگيراڻي پنهنجي پٽ محسن جاگيراڻي سميت سوين ماڻهن سان گڏ قومي قافلي جي آجيان لاءِ بيٺو هو. محسن جاگيراڻي ٻاراڻي دؤر کان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه توڙي ورسي تي ايندو رهيو آهي، ننڍي عمر هئڻ ڪري بشير خان کيس تقرير ڪرائيندو هو. اڄڪلهه کانئس وڏي ٿيڻ کانپوءِ اها سهوليت کسيل آهي. سيٺارجا ۾ استقبال کانپوءِ قومي قافلو ٺري ميرواهه طرف وڌيو. سئي گيس وٽ شريف ڦُل سوين ماڻهن سان قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان قريشي جو استقبال ڪرڻ لاءِ بيٺل هيو. استقبال کانپوءِ قومي قافلو ٺري ميرواهه طرف وڌڻ لڳو هنڊياري وٽ سوين ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن استقبال ڪيو. ٺري ميرواهه جلسي ۾ پهتاسين رات جا 10 ٿي چڪا هئا. رات ٿڌي ٿيڻ تي ٿي زور ڏنو ۽ ڪارڪنن نعرن تي زور پئي ڏنو. جلسو شروع ٿيو راجا الطاف آجياڻو ڏنو، سرفراز ميمڻ، ادي ڊاڪٽر زرينه نوناري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيو. بشير خان جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري، ان ڏينهن تي شريڪ ٿيڻ جو واعدو ڪيو، جلسي کانپوءِ عابد شر وٽ چانهه پارٽي رکيل هئي جتي قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪ اوڍايا ويا. چانهه پيئڻ کانپوءِ سمهڻ واري هنڌ کرڙي طرف 12.30 وڳي روانا ٿياسين رات شريف ڦُل ۽ عزيز ڦُل جي اوطاق تي آرام ڪيوسين. عزيز ڦل، شر برادري جي ماڻهن هٿان شهيد ٿي چڪو هو جنهن جو خون بشير خان ۽ سندس وارثن بغير ڪنهن عيوضي جي سردار احمد يار خان شر کي معاف ڪري ڇڏيو هو. شهيد عزيز ڦل جڏهن جلسي ۾ ڪمپئيرنگ ڪندو هو ته ڏاڍي رواني سان عبدالواحد آريسر صاحب جي ڪتابن جا ٽڪرا پڙهندو هو.
    25 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي نوشهروفيروز ضلعي طرف قومي قافلو نڪري پيو، هالاڻي پهچڻ کان اڳ مين روڊ تي قومي قافلي جو استقبال ٿيو. هالاڻي ۾ جلسو ٿيو جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. ذوالفقار نانگور آجياڻو ڏنو. ساگر حنيف بڙدي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته سنڌ جا ويري چئني طرفن کان سنڌ کي ختم ڪرڻ ۽ هضم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي چڪا آهن ۽ سنڌين جي ووٽ تي چونڊيل انهن جا ساٿاري ٿي بيٺا آهن. سنڌ انهن ماڻهن يعني پنجابين جي پاڪستان جي نالي ۾ غلام ٿي چڪي آهي، جن جو نه ئي ماضي شاندار رهيو آهي ۽ نه ئي وري هو ڪڏهن بهادر رهيا آهن. پر سڄي ماضي واري دؤر ۾ ڪرائي جا قاتل ۽ ٻاهرين حملي آورن جا ٻڌا ٻانها ٿي رهيا آهن، شورش ڪاشميري پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته ٻاهرين حملا آورن پنجابين کي اهڙو حڪم ڏنو هو ته سندن عورتون گوڏ پائين ته جيئن کين دير نه ٿئي. اڄ تائين پنجاب ان آرڊر کي بجا آوري ڪري رهيو آهي.
    سنڌ سڄي سون آهي ان هوندي به بک ۽ بدحالي جي وَرَ چڙهيل آهي ان جو سبب اسين پاڻ سنڌ کان لاتعقلي اختيار ڪري خاموش تماشائي جيان چپ ڪري ويٺا آهيون. سنڌ مان محبت کي پنهنجن دلين ۾ بيدار ڪري وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون.
    بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو خانواهڻ طرف روانو ٿيو. واٽ تي وِکَ وِکَ تي قومي قافلي جو استقبال ٿيندو رهيو. خانواهڻ ۾ پهچي وچ بازار مان گذري ڪري جلسي گاهه ۾ گڏ ٿياسين، جتي هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا. اتي جلسي ۾ بشير خان کي امام ضامن ٻڌايو ويو. فقير امداد منگي جي تقرير کانپوءِ بشير خان قرشي ڳالهائيندي چيو ته هاڻي چٽي ۽ واضح نموني سان سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي آزادي حاصل ڪري اسين ڊاڪٽر نجم عباسي جي آخري خواهش جلد پوري ڪنداسين جنهن چيو هو ته جڏهن سنڌ آزاد ٿئي ته ان ڏينهن منهنجي قبر تي ڏيئو ٻارجو. ياد رهي ته ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جو ڀلوڙ ڪهاڻيڪار ۽ آزادي پسند انسان هيو، جيڪو خانواهڻ ۾ دفن ٿيل آهي. بشير خان تقرير ۾ وڌيڪ چيو ته سنڌ جا حڪمران ڪيڏا به ڪمزور هوندا هئا تڏهن به قومي غيرت سندن للڪار مان ظاهر هوندي هئي. آخر ۾ بشير خان سڀني کي 23 مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته هو ضرور 23 مارچ تي ڪراچي ايندا. جلسي کانپوءِ ڪنهن ڪارڪن آڪاش ملاح کي به امام ضامن ٻڌو.
    قومي قافلو جلسي جي ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي ڪارڪن رفيق خشڪ جي والد صاحب جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪئي ۽ پوءِ ڪمال ديرو طرف قومي قافلو وڌڻ لڳو. ڪنڊياري پُهچندي بشير خان جيڪو قومي قافلي جو سرواڻ اڳواڻ هيو تنهن جو ٻن ٽن هنڌن تي شاندار استقبال ڪيو ويو، ڪمال ديري پهچڻ کان پهرين ٻاهران شاخ تي بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو. ماڻهو بشير خان کي گاڏي مان لاهي پاڻ سان گڏ پنڌ وٺي هليا. وچ شهر ۾ هزارين ماڻهن نعرا هڻندي بشير خان جو استقبال ڪيو. پنڊال ۾ پهتاسين. قاري گهانگهري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا جنهن جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري صفدر تنيو کي خطاب لاءِ سڏ ڪيو. صفدر تنيي ۽ ساگر بڙدي شاعرانه انداز ۾ تقرير ڪئي، جنهن کانپوءِ بشير خان ٺيٺ ٻهراڙي واري انداز سان ڪمال ديري واسين سان مخاطب ٿيو ۽ کين چيو ته بابا پنهنجي ملڪ سنڌ جي پاڻ کي وارثي ڪرڻي پوندي، ان ڪري 23 مارچ تي گهڻي تعداد ۾ ڪراچي ۾ گڏ ٿيو ته جيئن دنيا کي ٻڌائي سگهون ته سنڌ جا وارث ۽ مالڪ اسين سنڌي آهيون، تنهن کانپوءِ بشير خان اتي بيٺل سڀني ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي ڪراچي اچڻ جو واعدو ورتو. جلسي کانپوءِ وري واپس ڪنڊياري طرف قومي قافلو روان دوان ٿيو. جتي پريس ڪلب ڀرسان شهيد سليم ابڙو چؤڪ تي گڏ ٿيل ماڻهن جي جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ آڪاش ملاح کي سڏايو ويو. جنهن جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي ماڻهن کان سنڌ گُهري ٿي آزادي جا نعرا هڻايا. تنهن کان پوءِ بشير خان خطاب ڪندي ڪنڊياري واسين کي سائين جي ايم سيد جو پيغام ٻڌائيندي چيو ته اسان سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ سنڌ اسان جو ملڪ آهي ۽ آزادي اسان جو حق آهي جيڪا مڪمل طور تي ممڪن به آهي ته اسين ان کي عدم تشدد جي رستي تي هلندي حاصل به ڪري وٺنداسين، ان لاءِ سڀ کان پهريائين اسان جسقم وارن ميدان ملهائڻ لاءِ سنڌين کي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي جتي گڏ ٿي اسان پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اسان توهان وٽ به دعوت کڻي آيا آهيون ته ان سعادت ۾ توهان پنهنجو حصو ونڊايو. جنهن تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. ڪنڊياري ۾ جلسو ختم ٿيڻ کانپوءِ قومي قافلو ٺارو شاهه طرف وڌيو. واٽ تي حسين ڪلهوڙو نالي ڳوٺ ۾ وڃي گڏ ٿيل ماڻهن سان قومي ڪچهري ڪرڻي هئي جتي پهچڻ کانپوءِ تمام بهترين جلسو ٿي ويو. وقت جي گهٽتائي ڪري طئي ٿيو ته فقط بشير خان ماڻهن کي خطاب ڪري. شاهد سومري اسٽيج سيڪريٽري جا فرض سرانجام ڏنا جنهن بشير خان کي ماڻهن سان مخاطب ٿيڻ لاءِ سڏ ڪيو. بشير خان جلسي ۾ گڏٿيل ماڻهن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن بابت آگاهه ڪيو ۽ کين چيو ته ٻَڌي، جدوجهد ۽ همت ڪري پنهنجي سنڌ کي آزاد ڪرايون. جلسي کانپوءِ قومي قافلو ٺارو شاهه طرف روانو ٿيو. گهڻي وقت ٿيڻ ۽ ٿڌ هئڻ باوجود عوام ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ موجود هيو. جنهن کي شاهد سومرو، ڪيهر انصاري ۽ آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪيو. هر هڪ ساٿي ۽ اڳواڻ پنهنجي انداز ۽ رنگ سان ماڻهن کي سنڌ بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ علي شير ڪيريو سان سندس عزيز جي فوتگي تي عذر خواهي ڪئي وئي. ان کانپوءِ ممتاز ڪلهوڙي جي والده جي وفات تي ساڻس عذر خواهي ڪئي وئي. قومي قافلو ڀريا روڊ طرف وڌڻ لڳو. ڀريا ڀرسان پُهتاسين ته سوين ماڻهن دهلن ۽ شرنائين سان بشير خان جو استقبال ڪيو، بشير خان کي گاڏي مان لاهي سوين شهري ساڻس پنڌ هلڻ لڳا، ريلوي اسٽيشن ڀرسان پنڊال ۾ پهتاسين، رات جا 10.30 ٿي چڪا هئا. ان هوندي به پنڊال ماڻهن سان ڀريل هو. مختيار چاڪراڻي ۽ ڪجهه سنڌي فنڪارن قومي گيت چيا. قاري گهانگهري اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سرانجام ڏنا. ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري، ڊاڪٽر زرينه نوناري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان هزارن جي مجموعي کي خطاب ڪندي چيو ته قدرت فطري ورهاست ڪري ڇڏي آهي. پنجاب معنيٰ پنجن دريائن جو ملڪ، جيتوڻيڪ سنڌو درياءُ به پنجاب مان ڪراس ڪري سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿو پر پنجاب، ڇهه آب نه ٿي سگهيو ۽ سنڌو تان ئي سنڌ ملڪ جو نالو پيو. جيڪي ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم ٿي ويا. پاڪستان انگريز سامراج جي سياسي سازشن جو نتيجو هيو جنهن پنجاب کي هن سڄي خطي جو چوڌري ٺهرائي ڇڏيو ۽ پاڪستان نالي غير فطري ملڪ ٺهرائي اهو پنجاب حوالي ڪيو ويو ته جيئن پنجاب، سنڌ، بلوچستان ۽ بنگلاديش جو استحصال ڪري سگهي ۽ پاڪستان اصل ۾ پنجاب هن خطي ۾ انگريز سامراج جو پالتو چوڪيدار ٿي ڪتب اچڻ لڳو. پاڪستان موجوده وقت سنڌ جي الڳ قومي وجود کان نه فقط انڪار ٿو ڪري پر ان جي جدا قومي تشخص کي اقليت ۾ تبديلي طرف تيزي سان ڌڪي رهيو آهي. اسان جي مادري ٻولي جي حيثيت کي ثانوي درجو ڏنو ويو آهي. اسان جي پيداواري ذريعن تي قبضو ڪري انکي پنجاب جي فائدي لاءِ ڪتب آندو ٿو وڃي. سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ لاءِ پٺاڻ، پنجاب سميت ڪيتريون ئي ڌريون ميدانِ عمل ۾ سرگرم آهن. اهڙي صورتحال ۾ بچاءَ جو فقط هڪ ئي رستو آهي، ته 23 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ لکن، ڪروڙن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائڻ جو اعلان ڪريون. جنهن تي هزارين ماڻهن هٿ مٿي ڪري بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. جلسي کانپوءِ پڊعيدن روانا ٿياسين. جتي پياري ساٿي حنيف ساگر وٽ رات جي ماني کائي سمهي پياسين ته جيئن وري نئون صبح نئون ڏينهن تيار ٿي اڳتي لاءِ وڌجي.
    26 فيبروري 2012ع: صبح سان تيار ٿي، اخبارن جو مطالعو ڪري يا فقير امداد منگي چواڻي ته اخبارن ۾ مزو آهي يا نه ڏسي، صحافين سان حنيف ساگر جي اوطاق تي جيڪا سدا واهه جي ڪَڙَ تي آهي ڪچهري ڪئي سين. بشير خان ۽ ساگر حنيف بڙدي ۽ آئون سال ٻن کان اهو پروگرام ٺاهيندا پيا اچون ته سڄي سنڌ ۾ ڪنهن خاص وڻندڙ هنڌ تي ڪنهن شاخ تي وهنجي پڪنڪ ملهائجي ۽ ان ۾ فلاڻا فلاڻا دوست هجن پر افسوس اها آس به پوري ٿي نه سگهي. صحافين سان ڪچهري کانپوءِ قومي ڪارڪن محمد عالم راڄپر جي وفات تي سندس پٽن سان عذرخواهي ڪئي وئي، ان کان پوءِ سعيد اُڄڻ جي گهر واري جي وفات تي سعيد اُڄڻ سان عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ چيهو ڳوٺ ۾ شفيق راڄپر وٽ ناشتو ڪيوسين جتي بشير خان اوطاق ۾ آيل ماڻهن کي مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. نوشهروفيروز ڏانهن قومي قافلو هلندو رهيو، واٽ تي سرور آريجو سان سندس چاچي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي، نوشهروفيروز ويندي واٽ تي ڪلهوڙا ڳوٺ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان خطاب ڪندي سنڌ جي پنجاب طرفان ٿيندڙ ڦرلٽ کان آگاهه ڪيو ۽ ماڻهن کي اپيل ڪئي ته هو. 23 مارچ تي ڪراچي پهچن ته جيئن سنڌين جي ٻڌي کان دنيا کي آگاهه ڪجي. نوشهروفيروز ۾ پروگرام طئي نه هئڻ جي باوجود به وچ روڊ تي گڏ ٿيل دوستن سان بشير خان ٻه منٽ ڪچهري ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلي پوءِ مٺياڻي طرف رُخ رکيو. ابڙان شهر ۾ بشير خان جو شاندار استقبال ٿيو. مشوري برادري سان عذر خواهي کانپوءِ ابڙان شهر جي وچ چؤڪ تي پروگرام نه هئڻ جي باوجود تمام گهڻا ماڻهو گڏ ٿي ويا جن کي بشير خان سائين جي ايم سيد جو پروگرام ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد آڏو سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي خوشحالي ۽ آزادي سڀ کان وڌيڪ مقدم هئي ڇو ته آزادي کانسواءِ سنڌين جي خوشحالي ناممڪن آهي، ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. خطاب کانپوءِ مٺياڻي طرف روانا ٿياسين. ڳوٺ تڳيو خان ڇڄڙ وٽ تمام گهڻا ماڻهو استقبال لاءِ بيٺا هئا. گلن جي ورکا کانپوءِ قومي قافلو سوين ماڻهن سان گڏ مٺياڻي طرف وڌڻ لڳو. مٺياڻي ۾ وچ چؤڪ تي جلسي جو اهتمام ٿيل هو. جلسي کي آجياڻو فيصل مستوئي ڏنو. حنيف ساگر بڙدي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ، پنجاب جي غلامي هيٺ آهي، ان غلامي سبب هزارا سالا وجود رکندڙ سنڌي ٻولي کي ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. سنڌين جي الڳ قومي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ لکين، ڪروڙين ڌاريا ماڻهو آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آهن، جن کي روزگار ۽ رهائش جا سڀ وسيلا مهيا ڪري سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي سڀني پيداواري ذريعن جهڙوڪ ٽيڪس، تيل، گيس، ڪارخاني، نڪرندڙ قيمتي پٿر، ڪوئلي، روڊن مان ملندڙ ٽول ٽيڪس، واپار وغيره تي پنجاب جو قبضو ۽ ڪنٽرول آهي جنهن وسيلي سنڌ جا پيداواري وسيلا پنجاب لاءِ ڪتب اچي رهيا آهن. هاڻي ته حد اها ٿي وئي آهي ته ڌاريا مورڳو سنڌ جا وارث هئڻ جا دعويدار ٿي چڪا آهن، جيڪو ٿو ڌاريو ڪاوڙجي اهو يا ته سڄي سنڌ جو دعويدار هجڻ جي دعويٰ ڪري يا سنڌ جي ڪنهن حصي جو مالڪ بڻجڻ لاءِ وَرَ کُنجيو تيار ٿيو بيٺو آهي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌي جيڪو اصل سنڌ جو مالڪ آهي چُپ ٿي ويهي رهي. اسيمبلي ميمبرن جي آسري سنڌ سندن رحم ڪري تي ڇڏي ڏيون سو به اهڙن اسيمبلي ميمبرن جي آسري جيڪي ڪڏهن سنڌ جي مالڪي نه ڪري سگهيا آهن ۽ انهن جي آسري اسان ڪٿي سنڌي پنهنجن هٿن مان سنڌ نه وڃائي ويهون، ان ڪري اسان سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن جسقم جي ڪارڪنن اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪري اهو ثابت ڪريون ته سنڌ سنڌين جي آهي. اسان هڪ قوم ۽ جدا وطن جا مالڪ آهيون ۽ آزادي اسان جو حق ۽ ممڪن آهي جنهن ذريعي سنڌين کي خوشحالي ۽ باوقار زندگي گذارڻ جو موقعو ملندو.
    جلسي جي خاتمي کانپوءِ ڪيترن مهينن کان بک هڙتال تي ويٺل ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي طور تي بشير خان گڏ ويٺو. انهن ٻوڏ متاثرن وٽ ڪير به حڪومتي عملدار لڙي ڪونه آيو هو ته سندن تڪليفن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪا مدد ٿي سگهي. سرڪار جيڪا پ پ جي آهي اها پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پوري آهي جيڪا عام ماڻهن جي سار ڪٿي ٿي لهي. مٺياڻي کانپوءِ قومي قافلو نوان جتوئي طرف روانو ٿيو. نوان جتوئي شهر ٻاهران حبيب خاصخيلي پنهنجي پٽ رشيد خاصخيلي سميت سوين ماڻهن سان استقبال ڪرڻ لاءِ بيٺل هيو. بشير خان قريشي حسب روايت گاڏي مان لهي پيو ۽ بيٺل ماڻهو دهلن ۽ شرنانين سان، ساڻس گڏ هلندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳا. نوان جتوئي شهر جي وچ مان گذرندڙ روڊ تي جلسي جو بندوبست ڪيو ويو هو. قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان سميت قومي قافلي ۾ شريڪ سڀني ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا. آجياڻي کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي ۽ آڪاش ملاح جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي کي تقرير لاءِ سڏيو ويو جنهن تقرير ڪندي چيو ته سنڌ صوفين جي امن پسند ۽ مذهبي رواداري واري سرزمين آهي، جتان سدائين محبت جا گل ڦُٽندا آهن. هي نفرت جي سرزمين نه آهي. هتي ڪڏهن به مذهبي انتها پسندي نه رهي آهي پر پنجاب نه فقط پاڻ مذهبي ڪٽرپڻي ۾ مبتلا رهيو آهي پر پنجاب مان ئي مذهبي انتها پسند تيار ٿي سڄي دنيا جي امن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. ان ڪري جيترو وقت پاڪستان قائم رهندو اوترو وقت سنڌ ته عذاب ۾ رهندي ئي رهندي پر سڄي دنيا به پنجاب جي تيار ۽ پيدا ڪيل دهشتگردن کان محفوظ نه رهندي، ان ڪري پاڪستان جو خاتمو نه فقط سنڌلاءِ پر سڄي دنيا لاءِ مفيد ۽ فائدي وارو ٿيندو. ان لاءِ سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن، جسقم جي ڪارڪنن 23 مارچ جو ڏينهن مقرر ڪري سڄي دنيا آڏو اهو واضح ڪندا ته سنڌ کي آزادي ٿي گُهرجي جيڪا سڄي دنيا ۾ امن، اتحاد، ترقي جو پيش خيمو ثابت ٿيندو. بشير خان جي تقرير کانپوءِ قومي قافلو مورو شهر طرف وڌڻ لڳو. واٽ تي مناهي ڳوٺ وٽ آصف راهوجي جي اڳواڻي ۾ سوين ڳوٺاڻا روڊ تي استقبال لاءِ بيٺل هيا. جن گلن جي ورکا سان آجيان ڪئي ۽ بشير خان قريشي اتي بيٺل ماڻهن جي هجوم کي سنڌ سان پاڪستان هئڻ ڪري ٿيل ظلمن کان آگاهه ڪندي انهن کي 23 مارچ تي سنڌ جي آزادي جي گُهر ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دعوت ڏني ته اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. تقرير کانپوءِ قومي قافلي موري شهر طرف وڌڻ شروع ڪيو. مورو باءِ پاس تي سوين موٽر سائيڪل تي بيٺل نوجوانن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلي جي اڳيان هلندي جلسي گاهه طرف وڌڻ لڳا. روڊ جي مختلف هنڌن تي ماڻهو هٿن ۾ گل جهليو بيقرار بيٺا هئا ته بشير خان قريشي سندن سامهون اچي ته جيئن هو عقيدت جو اظهار ڪري سگهن. گلن جي پنکڙين جي برسات ۾ سنڌي ٻولي جي شهيد، شهيد عبدالرزاق سومري جي مزار ٻاهران جلسي واري هنڌ پهتاسين ته بشير خان قريشي پهريائين شهيد عبدالرزاق سومري جي مزار تي هليو. ياد رهي ته 1972ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ جڏهن ٻولي جو بل پيش ٿيو هو، جيڪو اڪثريت سان اسيمبلي مان پاس به ٿيو هو ته سنڌ جي واحد سرڪاري زبان سنڌي هوندي. جنهن تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ غير سنڌين گوڙ ڪيا هئا ۽ حيدرآباد ٽيڪنيڪل ڪاليج ۾ مقرر ليڪچرار عبدالرزاق سومري کي ان وقت غير سنڌي غنڊن شهيد ڪري ڇڏيو هو. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جيڪو سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر پڻ هو. تنهن آرڊيننس نافذ ڪري اسيمبلي مان اڪثريت سان پاس ٿيل بل کي رد ڪري سنڌ کي ٻن ٻولين جو صوبو قرار ڏئي ڇڏيو هو ۽ ان سان گڏ اردو دانن سان اهو طئي ڪيو هو ته گورنر اردو زبان وارن مان کنيو ويندو. ذوالفقار ڀٽي پوءِ مير رسول بخش ٽالپر کي گورنري تان هٽائي بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو هو.
    شهيد عبدالرزاق جي مزار تي قومي ترانو پڙهڻ کانپوءِ دعا گهري. جلسي گاهه ۾ بشير خان ساٿين سميت پهتو. جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي ته اڪرم چانڊيي کي آجياڻي لاءِ سڏيو ويو جنهن آجياڻو ڏنو. جنهن کانپوءِ اجرڪن اوڍائڻ جي رسم شروع ٿي. صفدر تنيي ساگر حنيف بڙدي، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقرير کان پوءِ بشير خان قريشي جلسي کي مخاطب ٿيندي چيو ته آزاد سنڌ دنيا کي سُڌريل تهذيب کان متعارف ڪرايو نه فقط اهو پر سڄي دنيا ۾ ترقي جو راز ۽ پهريون ڏاڪو ڦيٿو به سنڌين جو ايجاد ٿيل آهي. آزاد سنڌ ڪپڙي ٺاهڻ جي به خالق آهي ان سنڌ کي جيڪا نينوا ۽ ميسوپوٽيما تهذيبن کان وڌيڪ شاندار تهذيب رکندڙ رهي آهي کي مذهب جي نالي ۾ غلام رکي کيس پسماندگي ۾ ڌڪيو ويو آهي، ان غلامي جي لعنت کان نڪرڻ لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جي پروگرام تحت سڄي سنڌ ۾ گهر گهر وڃي سنڌ جي آزاد حيثيت بحال ڪرائڻ لاءِ ماڻهن کي پڪاري ۽ سڏي رهيا آهيون ته اچو نه فقط پنهنجو شاندار ماضي جياري وٺون پر پنهنجي حال ۽ مستقبل کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي وٺون. ان لاءِ جسقم 23 مارچ تي پُر امن طور ڪراچي ۾ سنڌين کي گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. اهو سڏ اوهان وٽ به کڻي آيا آهيون اسان کي پڪ آهي ته سنڌ جا حلالي پٽ پنهنجي وطن سنڌ جو سڏ ورنائڻ لاءِ ضرور گڏ ٿيندا. آخر ۾ بشير خان قريشي هي بيت پڙهي پنهنجي جڳهه ورتي ته:
    مان ٻاڪاري ٻاڪاري هليو ويندس، تون سڏ نه ڏيندين ته ڇا ٿيندو،
    ماءُ ته ٻنهي جي هڪڙي آ، جي ڀاءُ نه ٿيندين ته ڇا ٿيندو.
    قومي قافلو موري کان شاهپور جهانيان طرف روانو ٿيو، رات جا 11.30 ٿي چڪا هئا پر پوءِ به ڪارڪن شهر ٻاهران استقبال لاءِ بيٺل هيا. وچ شهر ۾ بشير خان کان قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو. خالد حسين آرائين ۽ نديم حسين آرائين جي پيٽرول پمپ تي چانهه جي دعوت ۾ شريڪ ٿياسين جتي نديم آرائين نهايت احترام سان چيو ته آئون آهيان ته پنجاب کان آيل پر سنڌ جون سڀ ريتون رسمون، ڪلچر، مذهبي رواداري، زبان ۽ سنڌ وطن جي مفاد کي سڀ کان وڌيڪ اوليت ڏيان ٿو. تنهن تي بشير خان کيس چيو ته اسان اهڙي شخص کي پنهنجو ڀاءَ تسليم ڪندي اهو چئون ٿا ته ان جو به سنڌ تي اهڙو حق آهي جهڙو ٻين سنڌين جو. نديم آرائين کان موڪلائي الله بخش ڏاهري جي ڏاڏي جي وفات تي تعزيت ڪري اتي ماني کائي سمهي پياسين. نوشهروفيروز ضلعي جي دوري ۾ محبوب ابڙو جيڪو جسقم ضلعي صدر آهي، مسلسل گڏ هيو، حد ختم ٿيڻ کانپوءِ هو موڪلائي هليو ويو.
    27 فيبروري 2012ع: صبح جو عام روز جيان تياري ڪري سنڌ نيشنل فرنٽ جي خادم انڙ سان سندس والد جي وفات تي عذر خواهي ڪري چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو دولت پور طرف روانو ٿيو. دولت پور باءِ پاس تي پهتاسين ته سوين موٽر سائيڪل تي بيٺل ماڻهن، ڪارڪنن استقبال ڪري اسڪواڊ طور قومي قافلي جي اڳيان هلڻ لڳا. وچ شهر مان ٿيندي ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين جلسو شروع ٿيو، امام بخش ڏاهري آجياڻو ڏنو، جنهن کانپوءِ فقير امداد منگي، آڪاش ملاح تقريرون ڪيون، آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي بيٺل ماڻهو کي ٻڌايو ته سنڌ صدين کان قائم آهي، ڪيترائي حملي آور آيا ۽ ويا پر سنڌ پنهنجو وجود بچائيندي آئي آهي، سنڌ جي ٻيڙي لڏندي ضرور پر ٻڏڻي هرگز ناهي ان ڪري اچو ته گڏجي پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي باوقار قومن ۽ ملڪن جي قطار ۾ شامل ٿيون.
    جلسي کانپوءِ عبدالله ڪٽپر وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ نيشنل هاءِ وي سان قومي قافلو اڳتي وڌڻ لڳو علي آباد اسٽاپ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي، سنڌ خاطر ماڻهن کي 23 مارچ ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني. قومي قافلو اڳيان هلندي نواب ولي محمد لغاري ۾ پهتو جتي روڊ تي ڪارنر گڏجاڻي رکيل هئي اتي الله رکيو ڪلهوڙي آجياڻو ڏنو، ڪيهر انصاري جي خطاب کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته جنهن روڊ تي اوهان بيٺا آهيو اهو روڊ به 1973ع جي آئين. پاڪستان ۽ وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيل آهي. فقط اهو روڊ سنڌ مان ساليانه اربين روپيه ڪمائي ٿو پر سنڌ ۾ روڊ هئڻ جي باوجود سنڌ روڊ جي ڪمائي کان محروم آهي تنهنڪري 1973ع جو آئين سنڌ جي مسئلن جو حل نه پر قانوني طور غلامي کي قبول ڪرڻ برابر آهي پاڪستان ۾ ڪهڙي به نظام حڪومت هجي پر ڦرجي سنڌ. ان ڪري اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪَنَ ڇني. اچو ته پاڪستان کي طلاق ڏيئي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. جلسي مهل 65 ماڻهن جسقم ۾ شموليت اختيار ڪئي، جلسي کانپوءِ محمد هاشم ٻگهيو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ کيس 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني وئي. محمد هاشم ٻگهي پيغام سنڌ مارچ ۾ نواب ولي محمد ۾ مارچ ۾ شامل ماڻهن کي پاڻ وٽ ترسائي وڏي خدمت چاڪري ڪئي هئي ۽ ان کانپوءِ راڳ رنگ ٻڌرائي پيرين پنڌ نڪتل قافلي ۾ نئون روح جوش ۽ ولولو پيدا ڪري ڇڏيو هو.
    اسان جا قومي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي زندگي ۾ جڏهن به سنڌ جو دورو ڪري موٽي سائين جي ايم سيد وٽ ايندا هئا ته سائين جي ايم سيد انهن کان حال احوال پڇڻ کانپوءِ ٿَڪ ڀڃڻ لاءِ صوفي فقير گهراڻي انهن کان راڳ رنگ ٻڌرائيندو هو ته جيئن قومي اڳواڻ موٽي وڃي وري جوش ۽ جزبي سان سنڌ جي آزادي جي پرچار ڪن. قومي قافلو قاضي احمد طرف روانو ٿيو. واٽ تي سرڪاري کوهه2 وٽ بيٺل ماڻهن گل نڇاور ڪري استقبال ڪيو اتي بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ وطن پنجاب جو مڪمل طور غلام ٿي چڪو آهي. زبان، قومي وجود، اقتصادي وسيلا سڀ پاڪستان جي ڪري سنڌ هٿن مان کسجي چڪا آهن، ان ڪري سنڌ جي آزادي ۽ وسيلا واپس وٺڻ لاءِ 23 مارچ ڪراچي پهچو. سرڪاري کوهه تي ڪريم بخش کورکاڻي، ڪرم علي ڪلوئي، غلام رسول کورکاڻي جي قيادت ۾ 10 دوستن جسقم ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. کوسا برادري جي نيڪ مرد رئيس محمد شريف کوسو قافلي سميت قومي قافلي ۾ شامل ٿي ويو. سرڪاري کوهه کانپوءِ قومي قافلو قاضي احمد طرف وڌيو واٽ تي ڪيترن ئي هنڌن تي قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قاضي احمد ۾ هڪ تمام وڏو جلسو ٿيو جتي ڏاڏي مهر آجياڻو ڏنو، جنهن کانپوءِ ساگر حنيف بڙدي آڪاش ملاح ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي خطاب ڪيو ۽ آخر ۾ بشير خان قريشي بيٺل ماڻهن کي چيو ته پاڪستان سنڌ لاءِ زهر قاتل بڻجي چڪو آهي، جيترو وڌيڪ وقت پاڪستان قائم رهندو سنڌ اوترو وڌيڪ مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ رهندي سنڌ پاڪستان هئڻ ڪري هزارها سالا وجود رکندڙ شاهوڪار ٻولي وڃائي ويهندي، قومي تشخص جيڪو هن وقت خطري ۾ آهي، سو ختم ٿي سگهي ٿو سنڌ جا وسيلا تيزي سان ڪڍي پنجاب جي ترقي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن. اُن ڪري اهي ختم ٿي رهيا آهن ان ڪري هاڻي هي وقت آهي ته 23 مارچ ڪراچي ۾ گڏ الڳ آزاد وطن سنڌوديش جي گهر ڪريون جلسي جي خاتمي کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. مشاخ قومي جهنڊو ڦڙڪائي اتي بيٺل ماڻهن کي بشير خان اپيل ڪئي ته اهي 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سڄي دنيا کي اهو ڌيان ڏيارين ته سنڌي آزادي گهرن ٿا. قومي قافلو وري قاضي احمد کان نوابشاهه ويندڙ روڊ تي پهچي اتي نيازي خان سيال وٽ بشير خان قومي جهنڊو ڦڙڪايو قومي ڪارڪنن ان جڳهه کي سنڌو نگر پئي سڏيو. بشير خان سميت قومي قافلي ۾ شريڪ ٻين ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا اتي بشير خان مختصر خطاب ڪندي چيو ته سنڌ 65 سال پاڪستان لاءِ ڪم ڪندڙ پارٽين کي ووٽ ڏئي ڏٺو آهي پر سنڌ سک ۽ خوشحالي جا ڏينهن نه ڏٺا هاڻي ووٽ ڏيڻ وٺڻ جو وقت نه آهي پر سنڌ سان محبت جو اعلان مظاهرو ڪندي سنڌ جي آزادي جي گهر ڪرڻ گهرجي ان لاءِ جسقم جا ڪارڪن ۽ عهديدار توهان وٽ اچي حاضر ٿيا آهيون ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گهر ۾ شريڪ ٿيون. اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي ڪري ڪراچي اچڻ جو واعدو ڪيو. تنهن کانپوءِ قومي قافلو سڪرنڊ طرف روانو ٿيو، سڪرنڊ ٻاهران هزارن جي تعداد ۾ بيٺل ماڻهو جيڪي اسڪوٽرن ۽ سوزوڪين تي ويٺل هئا تن پرڀور ۽ شاندار استقبال ڪري قومي قافلي کي هڪ وڏي جلوس جي صورت ۾ جلسي گاهه طرف وٺي هليو سڪرنڊ ۾ استقبال ڪندڙن جي اڳواڻي آصف مگسي ۽ غلام محي الدين مگسي ڪري رهيا هئا. اسٽيشن روڊ تي جلسي گاهه جو بندوبست ٿيل هو جتي اسٽيج تي ويهڻ کان پوءِ قومي قافلي ۾ شريڪ اڳواڻن کي اجرڪو اوڍايا ويا. بشير خان قريشي ۽ سائين منير حيدر شاهه کي (جيڪو اڄ وري اچي قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيو هو) کي ٽوپي ۽ بشير خان ۽ سائين منير حيدرشاهه کي هڪ ديوان سائين جي ايم سيد جي فوٽو سان پٽڪا پارايا. بشير خان کي سائين جي ايم سيد جو لڳل فوٽو سان پٽڪو نهايت پيارو پئي لڳو ۽ مون اتي پنهنجي موبائيل ڪئمرا ۾ سندس فوٽو ڪڍيو.
    جلسي ۾ آجياڻي تقرير غلام محي الدين ڪئي، ساجن مغيري، صفدر تنيو، علي رضا خاصخيلي، حنيف ساگر بڙدي، ڪيهر انصاري ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪئي. تقرير ۾ بشير خان تفصيلن اهو ذڪر ڪيو ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ڇا ڇا ٿيو آهي. آخر انهن مصيبتن کان ڇوٽڪارو جو حل ڇا آهي، جيڪو بشير خان کين ٻڌائيندي چيو ته سائين جي ايم سيد جو موقف ۽ ٻڌايل جدوجهد جو عدم تشدد وارو رستو اسان کي آزادي جي منزل تان پار پهچائيندو. جلسي کانپوءِ دليل ديرو ۾ ساگر ملاح سان سندس ناني جي وفات تي عذر خواهي ڪري قومي قافلي نوابشاهه جو جو رخ ڪيو. قاعد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي هاسٽلن ٻاهران مين روڊ تي سوين شاگرد رات 10 بجي کان انتظار ۾ بيٺل هيا. اتي قومي قافلو بشير خان جي اڳواڻي ۾ 11.30 بجي ڌاري پهتو ته شاگردن استقبال ڪري هاسٽل جي ڪامن روم ۾ بشير خان ۽ سندس ساٿين کي وٺي هليا. سڄو هال شاگردن سان ڀرجي ويو. ياسر مهر هڪ شاگرد قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو. صفدر تُنيو خطاب ڪري شاگردن سان درپيش مسئلن تي روشني وڌي. حنيف ساگر بڙدي شاگردن سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيستائين شاگرد سنڌ جي محبت دل ۾ نه ٿو سمائي اوستائين اهو ڪيڏو به وڏو آفيسر ٿي وڃي پر اهو سنڌ لاءِ ڪارگر ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن محبوب جو چاهه رکي زندگي گذاريو ٿا ته پوءِ سنڌ جهڙي محبوب کي ڇو ٿا وساريو. هاسٽل جي ڪمري ۾ بستري تي ليٽي جڏهن تنهائي ۾ پکي کي گهوريندي محبوب لاءِ ٿڌا ساهه ڀريو ٿا ته اتي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن تي به ٿورو سوچيو ۽ان جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.
    بشير خان قريشي شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته شاگرد سماج جو بيدار، سجاڳ، باخبر ۽ شعور رکندڙ حصو هوندا آهن، جيڪي پنهنجي قوم جي قسمت تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. دنيا جي جن ملڪن قومي آزادي ماڻي آهي يا ويندي جتي طبقاتي انقلاب ۽ آيو آهي اتي به شاگردن پنهنجي وطن جي آزادي ۽ طبقاتي اڻ برابري خلاف ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. غلام ملڪن جا شاگرد جڏهن پڙهڻ ٻاهرين ملڪن ويندا هئا ته کين احساس ٿيندو هو ته سندن ملڪ غلام آهي ته اتان گريجوئيشن ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي ملڪ موٽي آزادي جي تحريڪن ۾ نمايان حصو وٺندا هئا. سڄي دنيا جي انقلابي تحريڪن کي پڙهي ڏسبو شاگردن جو ڪردار هر اول دستي طور نمايان نظر ايندو پوءِ اهو الجزائر جو قومي انقلاب هجي يا گني بسائو جو قومي انقلاب. انگولا کان وٺي ويٽنام تائين شاگردن جو قومي تحريڪن ۾ نه وسرندڙ ڪردار نظر ايندو، ريٽا ۽ چين جي انقلاب ۾ به شاگردن جو سگهارو ڪردار رهيو آهي. سنڌ ماضي ۾ اهڙن تمام گهڻن شاگردن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي وطن جي آزادي ۾ مک ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ارغونن سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ ٺٽي جي مدرسن جيڪي ان وقت يونيورسٽين جو درجو رکنديون هيون ۾ فارسي تعليم کي زوري لاڳو ڪيو هو ته ان وقت شاگردن فارسي پڙهڻ کان انڪار ڪيو، جنهن تي قطارون ٺهرائي انڪار ڪندڙ شاگردن جون زبانون ڪٽيون ويون. اهي شاگرد اهڙي ظلم جي باوجود به ڌاري ٻولي کي قبول نه ڪيو. هيمون ڪالاڻي، پرچو ودرياٿي انگريزن خلاف ويڙهه ۾ شاگردن جي ڀرپور نمائندگي ڪئي. ون يونٽ خلاف جدوجهد جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد، حيدربخش جتوئي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ ڏاهن ماڻهن شروع ڪئي هئي پر ان تحريڪ کي وڌيڪ جلا ۽ قوت شاگردن بخشي هئي. 4 مارچ جو ڏهاڙو ان ڳالهه جو گواهه آهي. 1973ع جهڙو آئين جنهن ۾ هزارها سالا قومن جي وجود کان انڪار ٿيل آهي ته ان مهل نام نهاد قومي اسيمبلي ۾ رئيس عبدالحميد خان جتوئي، مير علي احمد ٽالپر، نواب خير بخش خان مري، عبدالحئي بلوچ انهي آئين تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ٻي طرف سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪارڪن اسماعيل وساڻ 1973ع جي آئين جي خالق عبدالحفيظ پيرزادي کي سنڌيونيورسٽي ۾ ٿڦ هڻي کيس ٻڌايو ته سنڌ جي غيرتمندن کي قومي وجود کان انڪاري آئين قبول ناهي. سنڌ جي هڪ نياڻي شيرين سومرو سان ميجر ڪفايت ڏاڍائي ڪئي ته سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن 2 آڪٽوبر تي سخت رد عمل ڏيکاريو هو ته ان پاداش ۾ ان وقت جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن ان لاڳاپيل ٻن شاگردن علي حيدر شاهه ۽ قادر بخش جتوئي کي ڦاسي جون سزائون ملٽري ڪورٽ ٻڌايون هيون. جيئن قومي تحريڪ شاگردن جي ڀرپور ڪردار ڪري مضبوط ٿيندي وئي، تيئن رياستي مشنري ۽ ان جي دلال شاگرد ونگ قومپرست شاگردن خلاف رڻ ٻاري ڏنو. 1983ع ۾ مهراڻ ۽ سنڌ يونيورسٽي تي پوليس جي وڏن اٽالن آپريشن ڪري شهيد احسان ميمڻ کي گوليون هڻي شهيد ڪري ڇڏيو ته ٻي سال يعني 1984ع ٺوڙهي ڦاٽڪ وٽ 17 آڪٽوبر جي ڏينهن ٻن بسن تي گوليون هلائي پنجن ڄڻن کي شيهد ڪري ڇڏيو جن ۾ شهيد امان الله وسطڙو، شهيد انور عباسي، شهيد عبدالمالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، ۽ شهيد مٺو بُليدي شامل هئا ۽ ان سان گڏ سوين شاگردن کي زخمي ڪري جيلن ۾ واڙي مسلسل 5 سالن تائين ٽارچر ڪيو ويو.
    اڄ سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد جو پيغام پهتو آهي ته ان ۾ ڀرپور ڪردار شاگردن جو ئي آهي، هن مهل به شاگرد پنهنجي ڪورس جي تعليم سان گڏ قومي سوچ اختيار ڪري قومي ادب ۽ سائين جي ايم سيد جا ڪتاب پڙهي قومي جدوجهد ۾ کين ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. موجوده وقت ۾ سنڌ پنهنجي تاريخ جي سڄي دؤر ۾ انتهائي ڏکي دور مان گذري رهي آهي. جتي سندس قومي وجود خطري ۾ آهي، سندس شاندار ٻولي جي خاتمي جون سازشون ٿي رهيون آهن. سنڌ جا وسيلا پنجاب لاءِ ڪتب اچي رها آهن. پاڪستان جي نالي ۾ غلامي سنڌ کي بک، بدحالي، ۽ بيوسي طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. اڄ صورتحال اها آهي ته سنڌ جي مالڪي جي دعويٰ ڌاريا اچي ڪري رهيا آهن. دنيا جديد سائنس جي ترقي ڪري هڪ ڳوٺ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، اڄ جيڪو مصر جي تحرير اسڪوائر ۾ ٿئي ٿو ته پنجن سيڪنڊن ۾ اها خبر TV يا انرنيٽ وسيلي سڄي دنيا کي پئجيو وڃي. ان ڪري ضروري آهي ته سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اسان سنڌي سائين جي ايم سيد جي پروگرام ۽ ڳاڙهي جهنڊي هيٺ 23 مارچ تي گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. جنهن مان سنڌ جي ڇوٽڪاري ۽ آزادي جي اميد پيدا ٿي پوندي، اسان کي يقين آهي ته سنڌ جا غيرتمند شاگرد ان جدوجهد ۽ سڏ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. بشير خان جي تقرير کانپوءِ هڪ ڪمري ۾ چانهه پيئڻ دوران سوين شاگردن بشير خان سان فوٽا ڪڍرايا. رات 2 وڳي آرام ڪرڻ لاءِ پياري عبدالنبي جمالي جي جڳهه تي آرام ڪرڻ لاءِ روانا ٿياسين.
    28 فيبروري 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ۽ انهن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري 1 فيبروري کان وٺي اڄ تائين ٿيل دوري جو جائزو ورتو ويو. ڪن دوستن جي راءِ هئي ته خيرپور ضلعو مجموعي طور تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري ته ڪن دوستن جو وري اهو رايو هو ته محبوب ابڙي جو ضلعو نوشهروفيروز بهتر رهيو. بهرحال انفرادي طرح ڪنهن هڪ شهر جي حوالي سان ان تي مُتفق ٿياسين ته هيستائين ٿيل دوري ۾ سڪرنڊ بهتر رهيو. نوابشاهه شهر ۾ اسٽيشن روڊ تي جلسي جو بندوبست هيو. قومي قافلو اوڏانهن روانو ٿيو. پراڻي ناڪي وٽ بيٺل سوين ڪارڪن هٿ ۾ قومي جهنڊا کڻي استقبال لاءِ بيٺل هيا. نئين ناڪي وٽ پهچندي بشير خان قريشي به پنڌ هلندڙن سان گڏجي جلسي گاهه طرف پنڌ هلڻ لڳو. ريگل چؤڪ تي قومي جهنڊو ڪهاڙي وارو ڦڙڪايو ويو، چڪرا چوڪ تي پهتاسين اتي جلسي جو انتظام ٿيل هو اڄ وري اوچتو اُس اونهاري جيان وٺڻ لڳي هئي اُن هوندي به سوين ماڻهو جلسي گاهه ۾ ۽ ان جي ٻنهي پاسن کان بيٺل هيا. مسعود خاصخيلي ڪمپيئرنگ ڪندي دوستن کي تقريرن لاءِ سڏائيندو پئي ويو. صادق لاکو، شعبان ماٽي، علي رضا خاصخيلي، انور چانڊيو، ساگر حنيف بڙدي، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي تقريرن کانپوءِ بشير خان قريشي تقرير ڪري جلسي ۾ شريڪ ماڻهن کي ٻڌايو ته مذهب جي بنياد تي قومون نه ٿينديون آهن، سنڌي هڪ جدا قوم آهي. جيڪي سدائين پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ سِرگهورڻ کي پنهنجو شان سمجهندا آهن. سنڌ جي آزادي نه فقط سنڌين لاءِ پر سڄي انسانذات لاءِ ڇوٽڪارو، امن، اتحاد ۽ ترقي جو سبب بڻبي. پ پ سنڌ جي نالي ۾ سدائين سنڌ دشمني جا ڪم پئي ڪيا آهن. سنڌ جا ماڻهو هاڻي ووٽ ذريعي پنهنجو پاڻ کي غلام رکڻ واري روش ترڪ ڪري پنهنجي وطن سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪن. ان لاءِ اسان سائين جي ايم سيد جي پوئلڳن ۽ جسقم جي ڪارڪنن اهو فيصلو ڪيو آهي ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ جي آزاديءَ جي گُهر ڪريون، جنهن جي دعوت اوهان کي ڏيڻ آيا آهيون. اُتي بيٺل هزارين ماڻهن هٿ مٿي کڻي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. جلسي کانپوءِ تاج ڪالوني وٽ قومي جهنڊو ڦڙڪائي پُراڻي قومي ڪارڪن ۽ موجوده وقت جي بيباڪ صحافي فدا چانڊيو وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو ڄام صاحب روانو ٿيو. قومي قافلي جو بيگناهه موري وٽ استقبال ٿيو. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌندي ڄام صاحب ڀرسان پهتو ته سوين ماڻهن بشير خان قريشي جو استقبال ڪيو. ڄام صاحب بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڄام سخي ڏاتار حقيقت ۾ راجا ڏاهر آهي. ابن بطوطه پنهنجي سفرنامي ۾ ڄام سخي ڏاتار بابت لکيو آهي ته واسڻي ڀِٽ جي اوڀر ۾ راجا ڏاهر دفن ٿيل آهي. اڄ به ڄام ڏاتار جو مقبرو واسڻي ڀِٽ جي اوڀر ۾ آهي. ٻيون به ڪي ڳالهيون ڄام صاحب بابت مشهور آهن ته ڄام سخي ڏاتار قبرستان ۾ ڪورائي ذات جي ماڻهن کي دفن ڪبو آهي ته اهو لاش ڌرتي اڇلي ڇڏيندي آهي ۽ ٻيو اهو ته شهر ۾ هڪ ماڙ کان وڌيڪ ماڙيون ٺاهبيون آهن ته اهي ڊهي پونديون آهن. جنهن جا ڪيئي مثال شهر ۾ رهندڙ ماڻهو ٻڌائين ٿا. MCB بئنڪ وٽ جلسي لاءِ اسٽيج گاهه ٺاهيل هئي. اسٽيج تي ويهڻ ۽ اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ حنيف ساگر ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي بيٺل ماڻهن کي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني.
    جلسي کانپوءِ قومي قافلو بشير خان جي اڳواڻي ۾ مٺي طرف روانو ٿيو ڇاڪاڻ ته اتي بشير خان جي نهايت پياري دوست ارباب احسان الله ٿر جي ڪوئلي تي ٿرواسين يا مقامي ماڻهن جي مالڪي ۽ روزگار جي حوالي سان 27 تاريخ کان 3 ڏينهن جو مارچ اسلام ڪوٽ کان مٺي تائين شروع ڪيو هو. جيڪو 29 تاريخ مٺي پهچڻو هو ۽ ارباب احسان سان بشير خان واعدو ڪيو هو ته سندس مارچ ۾ آخري ڏينهن تي ضرور شريڪ ٿينداسين. ڄام صاحب کان شاهپور چاڪر جو رستو ورتوسين. شاهپور چاڪر پهچي سندس گهٽين مان هلندي جڏهن سانگهڙ طرف هلڻ شروع ڪيوسين ته واٽ تي اوچتو ڏٺوسين ته 20-25 ماڻهو روڊ تي قومي جهندو کڻي بيٺا هئا، گاڏين مان لهي بشير خان سميت اسان سڀ ساڻن ملياسين ۽ کانئن پڇيوسين ته اوهان کي ڪنهن ٻڌايو ته اسين هتان گُذر ڪنداسين جنهن تي هنن ٻڌايو ته شاهپور چاڪر مان توهان کي ڪنهن ڏٺو هو جنهن کين فون تي ٻڌايو ته بشير خان وارا شايد سانگهڙ وڃن ٿا اهو ٻڌي ڳوٺ کان نڪري اچي روڊ تي بيٺاسين ته اوهان سان ملجي. بشير خان قريشي پنهنجي ساٿين سميت انهن سان سڪ سان مليو ۽ پوءِ کانئن موڪلائي اڳتي روانا ٿياسين ان ڳوٺ جو نالو نور احمد شر هو.
    سانگهڙ ضلعي ۾ ڪنڊياري وٽ هڪ تازو حادثو ٿيو هو جنهن ۾ مينگهواڙ برادري جا ننڍا وڏا 9 ڄڻا مٺڙائو ۾ چنگچي جي ڪلٽي ٿيڻ سبب مري ويا هئا، تن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انهن وٽ وياسين. بشير خان جيڪا ڌڻيءَ جي مرضي ڪرڻ کانپوءِ کين حال احوال وٺندي ۽ ڏيندي وراڻيو ته سانگهڙ ضلعي مان ٻوٻي آل فيلڊ ۽ سنجهورو مان OGDCL ذريعي اربين روپين جو تيل ٿو نڪري پر پوءِ به هتان جون حڪومتون واهن تي پُليون نه تعمير ڪن جن ذريعي ماڻهن جي اچ وڃ آساني سان ٿي سگهي. اتي بلاول پرهياڙ نالي ٽوٻو مليو جنهن ٻڌايو ته هن، ڪئنال مان اڄ تائين 150 ماڻهن کي ڪڍيو آهي. مينگهواڙن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪلوئي ذات سان لاڳاپيل ماڻهو پنهنجي خرچ پکي تي ٻڏل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سرگرم آهن. ڇا سنڌ ۾ مذهبي رواداري جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو مثال ٿي سگهي ٿو. ميرپور خاص پهچي جرواري وٽ بشير خان ساٿين کان پڇيو ته جليبيون کائيندؤ ته سڀني دوستن وهه واهه ڪئي. اتان جليبيون گرم ڪرائي وٺي کائيندا هلياسين. جهڏو وٽ سائين عابد شاهه پڻ سفر ۾ شريڪ ٿيو. رات 2 وڳي مٺي پهتاسين. ماني وغيره کائي ارباب احسان جي بنگلي تي سمهي پياسين ته جيئن صبح جو ارباب احسان سان گڏ پنڌ ڪري سگهجي.
    29 فيبروري 2012ع: اڄ فيبروري جي 29 تاريخ آهي. اها تاريخ هر چوٿين سال بعد ايندي آهي. هونئن فيبروري مهينو 28 ڏينهن جو هوندو آهي، وسوسن ۽ وهمي دنيا ۾ رهجي ته پوءِ ان مطابق هي سال ڳورو ثابت ٿيندو يا ٻيو ڪجهه. اهو سوچي رهيو هيس صبح سان تيار ٿيندي مهل. تياري وٺي اسلام ڪوٽ کان مٺي طرف ايندڙ رستي ڏانهن قومي قافلو نڪري پيو. ڊسمبر جي آخر ڌاري جڏهن اشتياق انصاري جي ڪتاب سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا ڀاڱو ٻيو نالي ڪتاب جي مهورت رني ڪوٽ ۾ ٿي هئي. جتي بشير خان ۽ اسان جي سنگت، بابو درس، شهزاد جوڻيجو، ۽ ٻيا دوست هئاسين. اتي ئي رني ڪوٽ جي ديوار وٽ علي محمد شاهه لڪياري ۽ ٻن شاعر دوستن، بخشل باغي ۽ ستار سُندر سان به ملاقات ٿي. اتي ارباب احسان کي رني ڪوٽ اندر ميري ڪوٽ گهمندي بشير خان کيس چيو هو ته توهان سان پنڌ ۾ ضرور گڏباسين. ان ڳالهه کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ارباب احسان جي اڳواڻي ۾ پيادل قافلي سان ڪجهه ميل پنڌ ڪرڻ لاءِ قومي قافلو نڪري پيو هو. مالڻهور جي نالي چيو ويندو آهي ته اها ٺاڪر عورت هئي. جيڪا کوهه تي ويهي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي پاڻ پاڻي پياريندي هئي ۽ نهايت سخي عورت هئي. اتان اهو قافلو مٺي طرف روانو ٿيو. بشير خان قريشي، ارباب احسان ۽ ٻيا ڪيترائي مقامي وڏيرا ۽ ترقي پسند پارٽي جو نند لعل مالهي، عوامي تحريڪ جو وسند ٿري، سرفراز ميمڻ، فقير امداد، حنيف ساگر، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ قومي قافلي ۾ شريڪ ٻيا دوست ان پنڌ ۾ گڏ هئاسين لانگ مارچ مالڻهور وڃڻ لاءِ 12 وڳي روانو ٿيو. واٽ تي جمن دربدر گيت ٻڌائيندو هليو. امان الله جهنجهي شاعري ٻڌائيندو هليو. حنيف ساگر اهڙي گهڙي ڪٿي تو چپ ڪري ويهي. اهو شاهه جا بيت ۽ وايون ٻڌائيندو هليو. آئون پنهنجن خيالن ۾ گم قافلي اڳيان سرفراز ميمڻ سان پنڌ ڪندو هلندو رهيس ۽ دنيا جا مشهور لانگ مارچ ذهن آڏو ڦرڻ لڳا. مهاتما گانڌي لوڻ جي ٽيڪس جي مسئلي تي هندستان ۾ مارچ شروع ڪيو هو جيڪو مڪمل عدم تشدد تي ڪاربند رهندي 79 ماڻهن سان شروع ٿيو ۽ سمنڊ تائين پهچندي لکن ۾ تبديل ٿي ويو هو. مائوزيتنگ 2 لک 70 هزار ماڻهن سان چين ۾ مارچ ڪيو هو، جنهن ۾ سندس 2 لکن کان وڌيڪ ڪامريڊ مارجي ويا هئا ۽ باقي ڪجهه هزارن ۾ سندس مارچ ختم ٿيو هو. بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ 18 مارچ 2007ع ۾ پيغام سنڌ مارچ سکر مان هيمون ڪالاڻي کي ڏنل ڦاهي واري هنڌ تي گلن جي ورکا ڪرڻ کانپوءِ شروع ٿيل سوَن جي تعداد ۾ هيو ۽ ڏسندي ڏسندي 26 ڏينهن ۾ سکر کان ڪراچي تائين روڊ رستا شهر ۽ واهڻ ڳاڙهن جهنڊن سان سينگارجي ويا ۽ وڻ ٽڻ پڻ اها ئي وائي پيا وات ڪن ته تنهنجو رهبر منهنجو سائين جي ايم سيد سائين جي ايم سيد تنهنجو ديش منهنجو ديش سنڌوديش، سنڌوديش. ۽ جڏهن اهو قافلو آخري ڏينهن جوڳي موڙ کان جيڪو لڳ ڀڳ لانڍي جيل ڀرسان آهي جيڪو گلشن حديد کان ٿيندو شاهراهه فيصل وارو رستو آهي نڪري پريس ڪلب ڪراچي طرف وڌڻ لڳو هو ته ڪراچي جي ماڻهن شايد پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪهاڙي وارا ڳاڙها جهنڊا هٿ ۾ کڻي ايڏي رش ڏٺي هجي سڄو شاهراهه فيصل 20 ميلن تائين ڳاڙهن جهنڊن ۽ سنڌي ٽوپي پاتل مٿن سان ڀريل هو. جنهن جي اڳواڻ بشير خان قريشي ڪري رهيو هو اوچتو خيالن جو سلسلو ٽٽو. جڏهن بشير خان ڪلهي کان ڌُونڌاڙي چيو ته هلندي هلندي ڪهڙن خيالن ۾ گم لڳو پيو آهين ائين چئي زور سان ڀاڪر پاتائين. اڳيان ترقي پسند وارن جي ڪئمپ لڳل هئي. جتي پيادل قافلي لاءِ پاڻي ۽ جوس جو بندوبست ٿيل هو. جوس، پاڻي وغيره پيئڻ کانپوءِ اهو قافلو مٺي شهر طرف پيادل هلڻ شروع ٿيو. ڪشمير چؤڪ تي پهچي اتي ڌرڻو هنيو ويو. ڪشمير چوڪ کي اڄڪلهه ارباب احسان صاحب بشير خان چوڪ نالي ياد ڪندو آهي. ٽيڪسي اسٽينڊ تي جلسي جو بندوبست ٿيل هو جتي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ويٺل ۽ بيٺل هيا جتي مختلف پارٽين جي اڳواڻن ۽ ارباب خاندان سان لاڳاپيل فردن تقريرون ڪيون. ارباب احسان تقرير ڪندي لانگ مارچ جو مقصد ٻڌايو ته ڪوئلو ٿر ۾ نڪتو آهي پر هتي زيادتي جي حد اها آهي ته ٿر جا بورچي ڪراچي کان وٺي ويندي (ڀوڳ واري انداز ۾) ارباب احسان وراڻيو ته آمريڪا جي صدر وٽ به ٿري بورچي آهي. پر هتي ڪوئلي واري هنڌ آفيس ۾ بورچي به پنجاب کان گهرايو ويو آهي، ان زيادتي ۽ ڏاڍ خلاف اسان ٿري نڪري پيا آهيون جنهن ۾ جيڪي به سياسي پارٽيون شريڪ ٿيون آهن تن جا ٿورائتا آهيون. خاص ڪري بشير خان قريشي جا، جيڪو پنهنجي ساٿين سميت نوابشاهه کان رات پيٽ ۾ مٺي پهچي اسان سان شريڪ ٿيو آهي. بشير خان قريشي تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جو ڪوئلو 185 ارب ٽن آهي جتان بجلي پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ سڄي ڏکڻ ايشيا کي هڪ هزار سال تائين بجلي مهيا ڪري سگهجي ٿي. سڄي سنڌ جي بجيٽ 6 سؤ ارب جي لڳ ڀڳ آهي. ٿر جي ڪوئلي مان ملندڙ آمدني مان 1600 سؤ سالن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي آدمشماري 6 ڪروڙ ٻڌائجي ته ان ڪوئلي جي ڪمائي مان سنڌ جي هر هڪ ماڻهو کي هڪ ڪروڙ 25 لک روپيه اچي سگهن ٿا. سنڌ جو ايڏو وڏو خزانو پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب حوالي ٿيل آهي ۽ سنڌي اتي بي اختيار نوڪرين لاءِ پريشان آهن ان ڪري ئي اسين سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب آهيون ته سنڌ ۽ سنڌين جي نجات پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي ۾ ئي آهي. باقي سڀ طريقا آزمائي چڪا آهيون ۽ ان ۾ هاڻي ٿڪا آهيون اچو ته اوهان سڀني کي 23 مارچ جي دعوت ٿو ڏيان جتي ڪراچي ۾ گڏجي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي کان پوءِ لڪشمي اسپتال ڀرسان ماني جو بندوبست هيو جتي برياني کائي، اسان ڀٽ گڊي گهمڻ وياسين گڊ ٿري ٻولي ۾ قلعي کي چئبو آهي، گڊي معنيٰ ڪوٽ يا ننڍو قلعو. ڀٽ گڊي هڪ نهايت اوچي واري جي ڀٽ تي ٺاهيو ويو هو جتي مٿي چڙهڻ کانپوءِ آسپاس جو نظارو نظر ايندو آهي، مٺي شهر جو وڻندڙ نظارو، آس پاس واري جون اوچون ڀٽون ۽ رات جو مٺي شهر جون ٻرندڙ بتيون انتهائي دلفريب ۽ دلڪش نظارو هيو، انهن نظارن مان لطف اندوز ٿي سنڌ تي قدرت جون مهربانيون ساراهيندي موٽي اچي ارباب احسان جي جڳهه تي پهتاسين. ارباب صاحب رات جو راڳ رنگ جو بندوبست پڻ ڪيو هو، راڳ رنگ ٻڌي محفل ختم ڪري سمهي پياسين.
    01 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي جميل ڌونڪائي جيڪو عمرڪوٽ ضلعي جو صدر پڻ آهي، سان گڏجي عمرڪوٽ، چيلهار واري رستي کان روانا ٿياسين. عمرڪوٽ شهر ٻاهران سومرن جي ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. ان کانپوءِ قومي راڳي جمن دربدر جنهن جي سٽ ”وٺي هر هر جنم وربو، مٺا مهراڻ ۾ ملبو“. سائين جي ايم سيد ٻڌي اکين مان لڙڪ هاري ويهندو هو، جي مامي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي سين. جتي راڳي فنڪار شفيع فقير پڻ ويٺل هو. عذر خواهي ڪري لال مالهي جي اوطاق تي ڪچهري ڪري ماني کاڌي سين جنهن نهايت ئي سڪ ۽ قرب مان سبزين جا مختلف قسم پچرايا هئا ۽ ان سان گڏوگڏ گوشت جا پڻ مقرر ۽ لذيذ ڊش تيار ڪرايا هئا. مور کوسو ۽ نور کوسو سان سندس ڀاءُ جي وفات تي عذر خواهي ڪري جسقم عمر ڪوٽ ضلعي جي ڪانگريس جو اجلاس ڪيو ويو. جنهن ۾ پارٽي معاملن بابت فيصلا ڪري 23 مارچ جي تيارين بابت سڄي عمرڪوٽ ضلعي جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن کي حڪمت عملي ٺاهڻ لاءِ پابند ڪيو ويو. اعجاز پلي جي وفات تي سندس عزيزن سان عذر خواهي کانپوءِ صوفي صادق ۾ صوفي عبدالعلي سان ڪچهري ڪئي وئي، جتي نواز بنگلاڻي پڻ موجود هيو. نواز بنگلاڻي شهيد رضا محمد بنگلاڻي جو ڀاءُ آهي، شهيد رضا محمد کي 1986ع ۾ ميرپورخاص ۾ پنجاپين شهيد ڪيو هو. ان جي بدلي ۾ ميرپورخاص ۾ پنجابين جي مک اڳواڻ ميرزمان کي بشير خان پنهنجن ساٿين فيض جکرو، امداد جکرو، منير شاهه، شهيد محمود سلطان چانڊيو، نواب لغاري، دودو کٽياڻ وارن سان گڏجي ماري پلئه ڪيو هو. ان وقت حڪومتي ڪارندن فيض جکري کي گرفتار ڪرڻ لاءِ فيض جکري جي ڀاڄاين ۽ ڀينرن کي گرفتار ڪيو هو، جنهن تي سائين جي ايم سيد، سائين امداد محمد شاهه کي حڪم ڪيو هو ته جيئن ته هو سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر آهي، اتي اسيمبلي ۾ ان عورتن جي گرفتاري تي احتجاج ڪري. سائين امداد محمد شاهه تازو باءِ پاس آپريشن ڪرائي آيو هو. ان جي باوجود به سائين امداد شاهه اسيمبلي جي ڏاڪڻين تي بک هڙتال تي ويٺو هو ۽ پوءِ غوث علي شاهه جيڪو ان وقت سنڌ جو وزيراعليٰ هو ان گرفتارين تي نوٽيس ورتو هو.
    بشير خان صوفي عبدالعلي کي عرض ڪيو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌ گُهري ٿي آزادي لاءِ بسون کپن ۽ اهي به ماڻهن سان ڀريل کپن، صوفي صاحب کلي بشير خان کي ٻانهون ٻڌي چيو ته حاضر سائين ائين ڪبو. صوفي صاحب بشير خان جو ذاتي دوست آهي ۽ بشير خان ۾ اها پڻ خاصيت آهي ته هو ذاتي دوستن کان به قومي ڪم ۾ ڪمال مهارت سان مدد وٺي ويندو آهي ۽ سندس ذاتي دوست به دل کولي مدد ڪندا اٿس. صوفي فقير کان پوءِ ميرپورخاص ۾ سيد حيات شاهه وٽ مچ ڪچهري جو بندوبست ٿيل هو جيڪو ذيشان لغاري ارينج ڪيو هو. جتي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جو خاصو تعداد موجود هيو. مختلف مسئلن تي هنن بشير خان سان سوال جواب ڪيا. ان ڪچهري کانپوءِ ماني کائي اتي ئي اوطاق تي سمهي يپاسين.
    2 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري قومي قافلو اڄوڪي دوري لاءِ نڪري پيو. ميرپور خاص ۾ هندو پئنچائت طرفان پئنچائت هال ۾ گڏجاڻي رکيل هئي، جتي لڇمڻ داس هندو پئنچائت جي صدر استقباليه ڏيندي ٻڌايو ته گذريل مهينن کان هندو برادري سان تمام گهڻيون ناجائزيون ۽ ظلم ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ اغوا کان وٺي ڦُرلٽ تائين جون وارداتون شامل آهن. ان ڏاڍ مڙسين کان تنگ ٿي گهڻا هندو سنڌ مان لڏيندا ٿا وڃن. لڇمڻ داس وڌيڪ چيو ته اسان وٽ ڪوئي به حڪومت جو ڪارندو ۽ پ پ اڳواڻ لڙي ڪونه آيو آهي. سواءِ جسقم اڳواڻن جي. لڇمڻ داس وڌيڪ چيو ته آئون بشيرخان ۽ سندس ساٿين جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جيڪي حال آهر اسان جي پرگهور لهن ٿا. بشير خان خطاب ڪندي چيو ته اسان سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ هندن کي اقليت نه ٿا سمجهون. پر هو سنڌ ۽ سنڌي قوم جو اڻٽٽ حصو آهن ۽ انهن جو به سنڌ تي اوتروئي حق آهي، جيترو ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن سنڌين جو. بشير خان کين وڌيڪ چيو ته ڊڄي ڀڄي وڃڻ جي ڪا ضرورت نه آهي. پنجاب اهڙي حڪمت عملي ٺاهي آهي، جو سنڌ جا وارث اصل مسئلي يعني قومي غلامي طرف سوچن ئي نه، فقط پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳنڍيا يعني وڙهيا پيا هجن. قبائلي جهيڙن کي نه فقط روڪڻ، پر انهن کي وڌائڻ ويجهائڻ ۾ حڪومتي ۽ ان جي ايجنسين جو ڪردار آهي، اهڙي ئي طريقي سان هندو برادري کي ڊپ ۾ مُبتلا ڪري کين سجاڳ، بيدار ۽ خوش برادري هئڻ جي باوجود ۽ قومي تحريڪ بابت سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت کان پري رکيو آهي ته جيئن قبيلائي جهيڙن ڪري سنڌي ڇڙوڇڙ ۽ پنهنجي ڄُنڊاپٽ ۾ مُبتلا هوندا ۽ هڪ ٿي وڌي ڪري پنجاب سان نه وڙهي سگهندا. ته ٻي طرف هندن جي ڀَوَ، ڊڄ ڪري اهي قومي تحريڪ کي نوان لاڙا ۽ مدد نه ڪري سگهندا. ان ڪري آئون هندو دوستن کي اپيل ٿو ڪيان ته ڊڄڻ ڇڏي ڏيو ۽ سنڌ جيڪا اسان جي جيجل ماءُ آهي، انکي ڇڏي نه وڃو. پر پنهنجي وطن سنڌ، سان محبت جو جذبو مضبوط ڪري پنهنجي ۽ ٻين سنڌين جي مستقبل کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان ذريعي ئي اسان سنڌ جي آزادي حاصل ڪري پنهنجو پاڻ کي بچائي سگهون ٿا.
    هندو پئنچائت سان ڪچهري کان پوءِ ارجن داس سان سندس مامي ۽ والد جي وفات تي عذرخواهي ڪئي سين. قومي قافلو ڪوٽ غلام محمد ڀرڳڙي طرف رُخ رکيو. مکڻ سمون ۾ وچ روڊ تي بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي آجيان ڪئي، اجرڪ پارايا ۽ بشير خان کي ٽوپي پارائي وئي. ميرواهه گورچاڻي واري لاڙي وٽ سوين بيٺل ماڻهو جيڪي اسڪوٽرن ۽ ڪارن تي هئا، استقبال ڪري قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيا. ڪوٽ غلام محمد ويندي ڏهون ميل ۾ قومي ڪارڪن ۽ اسان جي ساٿي نجف لغاري ۽ امر سنڌو جي والد صاحب قومي قافلي کي روڪي اجرڪ پارايا. هڪ تلقين ڪئي ته پرائمري تعليم تي تمام گهڻو ڌيان ڏيو ۽ ٻيو ته ڪارڪن تمام گهڻا پيدا ڪيو ۽ انهن کي پابند ڪيو ته هو اخلاق بهتر رکن. چاچي کان موڪلائي اڳتي وڌياسين ته روڊ تي ٺهيل ٻنهي پاسن کان دڪانن مان ماڻهو ٻاهر نڪري آيا ۽ بشير خان ۽ قومي قافلي کي هٿ لوڏي حمايت جو يقين ڏياريندا رهيا. لانڍيون وٽ پهتاسين ته سوين ماڻهو گهرن ۽ دڪانن کان ٻاهر نڪري قطارون ٺاهي قومي قافلي جي آجيان ڪرڻ لڳا. قومي قافلو جيئن جيئن ڪوٽ غلام محمد طرف وڌڻ لڳو تيئن تيئن اهو قومي قافلو وڌندو رهيو. ڪوٽ غلام محمد ڀُرڳڙي شهر ٻاهران پڻ سوين ماڻهن کي استقبال لاءِ بيٺل ڏٺوسين. ڪوٽ غلام محمد جو اڳي جيمس آباد نالو هو. غلام محمد ڀُرڳڙي سنڌ جو پهريون پڙهيل، ڳڙهيل بئريسٽر ۽ بمبئي اسيمبلي جو ميمبر هو. هُو قومپرست خيال رکندڙ شخص هو. سائين جي ايم سيد غلام محمد ڀُرڳڙي کي قومپرست سياست ۾ استاد ڪري سڏيندو هو. غلام محمد ڀُرڳڙي جو پٽ غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي، سائين جي ايم سيد سان هر وقت گڏ هوندو هو. غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي ون يونٽ خلاف ووٽ پڻ استعمال ڪيو هو. غلام مصطفيٰ ڀُرڳڙي جي هڪ مشهور چوڻي سائين جي ايم سيد ٻڌائيندو هو ته پاڪستان جو هر ايندڙ حڪمران، ويندڙ حڪمران کان وڌيڪ ڪرپٽ ۽ وڌيڪ خراب هوندو. جلسي گاهه ۾ بشير خان هميشه جيان شهر مان پيادل پنڌ ڪندي جلسي گاهه پهتو. جتي جلسي جي شروعات ڪندي نديم ڀُرڳڙي آجياڻو ڏنو. جميل ڌونڪائي، ذيشان لغاري، نجف لغاري، ساگر حنيف بڙدي ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ، پاڪستان جي غلامي ڪري اڄ چئن پاسن کان گهيري هيٺ آيل آهي. ووٽ وٺي نام نهاد سنڌ جا نمائنده سنڌين لاءِ ڦاهي جا ڦندا ثابت ٿيا آهن، اهي ڪرپٽ حڪمران اها پروپيگنڊا ٿا ڪن ته قومپرست عوام کي ورغلائين ٿا. ڀائرو! اوهان ٻڌايو حڪمران سمجهن ٿا ته هو ڀلي من مستيون ڪن. ڦرلٽ ڪن، سنڌ وڪڻن، سنڌ پنجاب حوالي ڪن پر اسان کين ڪجهه نه چئون. وات ۾ مڱ وجهي موڳا، گونگا لڳا چُپ ڪري ويٺا هجون، پر سنڌ واسيو! ائين ممڪن ناهي. هاڻي ظلم، زيادتيون ان انتها تي پهچي چڪيون آهن، جو هاڻي وطن جي آزادي جي گُهر ڪرڻ کانسواءِ ٻي بچاءَ جي واٽ ئي نه رهي آهي. ان ڪري 23 مارچ تي ڪراچي ۾ لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي لاءِ پُرامن طور جدوجهد جو آغاز ڪري سنڌ جا وارث، مالڪ بڻجي آزاد سنڌو ديش حاصل ڪريون. جلسي کانپوءِ حاجي نوشاد ڀُرڳڙي کي 23 مارچ جي دعوت ڏيئي بشير خان کين چيو ته هو نه فقط پاڻ دعوت قبول ڪري پر ان سلسلي ۾ مدد پڻ ڪري. حاجي نوشاد ورندي ڏيندي وراڻيو ته هڪ بس جو بندوبست ڪري دوستن کي ڏيندس.
    قومي قافلي تنهن کانپوءِ ٽنڊو جان محمد طرف رخ رکيو. جتي ڳوٺ خداداد ۾ تمام سٺو ۽ عاليشان جلسو ٿيو. جتي سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا. اتي سارنگ آجياڻو ڏنو. عبدالشڪور ابڙينگ، صابر علي ملڪاڻي، صفدر تنيو، حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري 23 مارچ جي ماڻهن کي دعوت ڏني.
    مسلسل اوجاڳن ۽ موسم جي ڦيرگهير، پاڻي جي مٽ سٽ ۽ کاڌن سبب بشير خان ۽ فقير امداد منگي جي طبيعت خراب ٿي پئي هئي. پر پوءِ به بشير خان هر جلسي ۾ نه فقط شريڪ هوندو هو، پر لازمي طرح تقرير ڪري ماڻهن کي پنهنجي پارٽي پروگرام کان واقف ڪري 23 مارچ جي دعوت پڻ ڏيندو هو. رات ڏهين وڳي ٽنڊي جان محمد لڳ ڳوٺ خداداد ۾ جلسو ختم ٿيو. حيدرآباد ۾ قمر مهر، زين مهر، عمران مهر جي ڀيڻ جي شادي رٿيل هئي. جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيڻو هو. اهي ٽئي ڀائر 36-37 سالن کان وٺي جيئي سنڌ ٻارڙا سنگت ۾ نهايت چست ڪردار ادا ڪندا پئي آيا آهن ۽ سائين جي ايم سيد جي فڪر سان مسلسل لاڳاپيل رهيا آهن، رات 1 بجي ڌاري حيدرآباد ۾ ڄامشورو روڊ تي شادي هال ۾ بشير خان سميت پهتاسين. مهر برادري وڏي چاهه سان بشير خان سان مليا ۽ پوءِ کيس ليڊيز هال ۾ به وٺي ويا جتي بشير خان اتي ادي ڪنوار کي مبارڪ ڏني. پوءِ سڀني گڏجي ماني کائي آرام ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي جڳهه تي پهتاسين ۽ اتي آرام ڪري وري صبح جو تيار ٿي نڪرڻو هيو.
    3 مارچ 2012ع: روزاني جيان صبح جو معاملن کان فارغ ٿي ٽنڊي الهيار ضلعي طرف قومي قافلو روانو ٿيو. قُبي اسٽاپ وٽ نادرشاهه، رفيق شاهه سميت سوين ڪارڪن استقبال لاءِ تيار بيٺا هئا. استقبال کانپوءِ ٽنڊي الهيار شهر مان ٿيندي پريس ڪلب ٻاهران رٿيل ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿياسين. نادرشاهه آجياڻو ڏنو. شهمير قومي گيت ٻڌايا. آصف بالادي تقرير ڪندي چيو ته جيئن چوڻي آهي ته All roads are going to rome تيئن 23 مارچ تي سڀني روڊن، رستن جو رُخ ڪراچي ڏانهن هوندو. آڪاش ملاح ۽ مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته هي اسان جو قومي قافلو سڄي سنڌ کي سجاڳ ڪندي. آگاهه ڪندي ڄاڻ ڏيندو پيو اچي ته پاڪستان پنجابين کي انگريزن پهرين ۽ ٻي مهاڀاري واري لڙائي ۾ خدمتن جي عيوض تحفي طور ڏنو هو، جنهن جي گواهي پاڪستان جي هڪ وزيراعظم فيروزخان نون (چشم ديد) نالي ڪتاب ۾ لکندي ڄاڻايو آهي ته ڇا جي مسلم ليگ؟ ڇا جي آزادي جي تحريڪ. پاڪستان پنجابين کي انگريزن ٻن مهاڀاري لڙائين ۾ خدمت جي عيوض طور ڏنو آهي ته جيئن پنجابي هن سڄي خطي ۾ انگريزن جو نمائندو ٿي راڄ ڪري. سو سنڌ کي پاڪستان ڪري سنڌي ٻولي کي ثانوي حيثيت ملي آهي ۽ قومي تشخص خطري ۾ آهي ۽ اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي آهي. 65 سال ڦُرلٽ ۽ ظلم سنڌين برداشت ڪيا آهن، هاڻي بک، بدحاليءَ سنڌ جي ماڻهن کي پاڪستان کان بيزار ڪري وڌو آهي ۽ سنڌ وطن جي آزادي لاءِ گُهر ڪرڻ ضرورت بنجي حقيقت جو روپ ڌارڻ لاءِ بيچين نظر ٿي اچي. ان لاءِ اسان سڀني سنڌين کي 23 مارچ تي لکن جي تعداد ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪنداسين، تنهن تي جلسي ۾ ويٺل ماڻهن هٿ مٿي کڻي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. قومي قافلو جلسي کان پوءِ عثمان شاهه جي هُڙي طرف روانو ٿيو، شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪيو. تنهن کان پوءِ جلسي گاهه ۾ پهتاسين. اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ ڊاڪٽر K-B ٽالپر آجياڻو ڏنو، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري امداد منگي، آصف بالادي ۽ بشير خان خطاب ڪري پنهنجي پنهنجي صلاحيت ۽ تدبر وسيلي ماڻهن کي آماده ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. پريس ڪلب ۾ چانهه پيئڻ کانپوءِ غلام حسين کوکر جي علائقي ۾ ذوالفقار کوکر سان تعزيت ڪئي وئي. ٽنڊي الهيار کان حيدرآباد طرف موٽندي ٽنڊي ڄام ۾ هدايت الله وسير جي چانهه پيئڻ کانپوءِ حيدرآباد ۾ قومي ڪارڪن زين ڳن جي شادي ۾ شرڪت ڪئي وئي. رات وري ساڳي جڳهه تي سمهڻ لاءِ پهتاسين.
    4 مارچ 2012ع: اڄ حيدرآباد ۾ قومي قافلي جي دوري جو شيڊول آهي. جسقم ميڊيا سينٽر تان قومي قافلو بشير خان قريشي جي سربراهي ۾ نڪري پيو. قاسم آباد ۾ سئي گيس آفيس ٻاهران ويٺل بک هڙتال تي ماڻهن سان يڪجهتي طور ڪجهه ويٺاسين. بک هڙتال تي ويٺلن جو مطالبو هو ته کين ڪافي عرصو ٿي چڪو آهي، پر انهن کي ملازمت ۾ پڪو نه ٿو ڪيو وڃي. بک هڙتالي ڪيمپ کانپوءِ قومي قافلو اڳتي وڌيو. گِدو چوڪ تي بيٺل ماڻهو، جن جي اڳواڻي مشتاق چانڊيو ۽ مرزا جسڪاڻي ڪري رهيا هُئا استقبال ڪيو. اتي بشير خان ٻه لفظ ڳالهائيندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلي حسين آباد چوڪ تي پهتو ته سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اتي به مختصر طور بشير خان ڳالهائيندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلو حسين آباد کان پٺاڻ ڳوٺ وارو روڊ وٺي سحرش نگر طرف وڌڻ لڳو. بشير خان پٺاڻ ڳوٺ ٽپڻ کانپوءِ هڪ گهٽي طرف اشارو ڪيو ۽ چيو ته ڊاڪٽر هي گهٽي اها آهي نه جنهن ۾ 17 جولاءِ 1988ع ۾ ميئر آفتاب تي ٿيل حملي کانپوءِ پوليس جي ناڪابندي ڪري گهٽي ۾ آيا هئاسين ۽ ڦاسي پيا. هئاسين. مان هائوڪار ڪندي ماضي کي ساريو ته 18 جون 1988ع ۾ حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ تي فوٽن جي مسئلن تي جڏهن گوڙ وڌيو ته پوءِ ڪراچي ۾ حيدر منزل تي هڪ دفعو گڏ ٿيا هئاسين. اتي بشير خان کي هڪ لسٽ ملي جنهن ۾ مئيرآفتاب شيخ (ايم ڪيو ايم اڳواڻ) ۽ ڊپٽي ميئر رشيد ڀيا ۽ ڪجهه ڪائونسلر جا مليا نالا هيا ٻي ڌُر جنهن جي نمائندگي غلام شاهه ڪري رهيو هو جنهن کي وصي مظهر ندوي ۽ ڪجهه ڪائونسلرن جي نالن جي لسٽ ملي هئي. بشير خان پنهنجي ٽيم سان 17 جولاءِ تي ٽارگيٽ تي حملو ڪيو. جنهن ۾ آفتاب شيخ زخمي ٿي پيو هو. مان يعني ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، بشير خان قريشي، مصطفيٰ جانوري هڪ اڇي F.X گاڏي ۾ سوار هياسين ۽ ٻي گاڏي ۾ فيض جکرو، منير شاهه، انيس پيرزادو ۽ لياقت ڪٽوهر جن هئا. فيض جکري جي گاڏي اسان کان نڪري وئي ۽ اسان ٽئي ڄڻا ان گهٽي ۾ ڪار ۾ ڦاسي پياسين. پويان تمام گهڻي پوليس هئي، اسان گاڏي جا شيشا ڀڃي نڪري پياسين. اڳيان پاڻي جي وڏي کڏ هئي مصطفيٰ جانوري ان ۾ مٿان گاهه ڏئي ويهي رهيو. اسان ۽ بشير خان وڙهندي اڳيان وڌي رهيا هئاسين. هڪ هنڌ ٻئي گڏ ويٺا هئاسين اسان جي طرفان ۽ پوليس جي طرفان هڪ ٻئي تي گوليون هلي رهيون هيون. ڪجهه وقت کانپوءِ مون بشير خان کي چيو ته سائين ائين ويٺي يا ته ٻئي ٻڌباسين يا وري ٻئي گڏمرنداسين ان ڪري ائين ڪجي ته هڪ نڪري پئي. پوليس يقيني طور تي ان جي پويان لڳندي ۽ ٻيو بچي سگهي ٿو. بشير خان مونکي چيو ته سگريٽن پيئڻ ڪري آئون هلي يا ڀڄي ڪونه ٿو سگهان، تون نڪر ۽ پوءِ مون کي چُمي ڏئي روانو ڪيائين. مان جيئن ٻاهر نڪتس ته پوليس سڄي منهنجي ڪڍ لڳي پئي ۽ بشير خان کي موقعو ملي ويو ۽ هو هڪ گهر ۾ هليو ويو، جتي هڪ عورت کيس پناهه ڏني ۽ مان پوليس کي ڪجهه وقت رلائيندو رهيس پر گرفتاري يقيني هئي ۽ مان گرفتار ٿي پيس. سحرش نگر ۾جلسي گاهه تي پهتاسين، خيالن جو سلسلو ٽُٽو. اڄ حيدرآباد جون هوائون پنهنجي اوج ۾ اچي ويون هيون، لائوڊ اسپيڪر ۾ آواز رڳو هوائن جو اچي رهيو هو. ان هوندي به ڪارنر گڏجاڻي جي تقريب شروع ٿي. فتح ڏاهاڻي آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر ۽ بشير خان اڄوڪي ڪارنر گڏجاڻي ڪرڻ جو مقصد ٻڌائيندي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. قافلي وري ڀٽائي ٽائون جو رخ رکيو. نسيم نگر کان اڳيان شيراز سهتو اسڪوٽر تي بيٺو هو جنهن ڪجهه وقت هڪ ڪچهري ۾ بشير خان کي گيت ٻڌايا هئا. نسيم نگر پُل کان ڀٽائي ٽائون تائين مختلف هنڌن تي استقبال ٿيندا رهيا. ڀٽائي ٽائون جي پارڪ ۾ جلسو ٿيو. جتي فقير امداد منگي. صفدر تنيو، آڪاش ملاح، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته قاسم آباد جي حالت سڄي سنڌ جي حالتن جيان آهي. قاسم آباد ڀر سان ڦلجي ڪئنال جي پاسي ۾ JJVL نالي هڪ گئس پوائنٽ آهي، جتان روزانه 500 سؤ ٽن گئس نڪري ٿي جنهن جي ڪمائي 5 ڪروڙ روپيه روزانه آهي. نوڪرين تي قاسم آباد واسي نه پر پنجاب مان آندل پنجابي آهن ۽ پئسا وفاق جي نالي ۾ پنجاب حوالي آهن. اهي پئسا هڪ سال قاسم آباد کي ملن ۽ اتي خرچ ٿين ته قاسم آباد پئرس کان وڌيڪ سهڻو ٿي سگهي ٿو. پر غلامي جيڪا پاڻ بدصورت آهي ان خوبصورت سنڌ کي به بدصورت بنائي ڇڏيو آهي. ان ڪري اچو ته ان غلامي جي طوق کي لاهي ڦٽو ڪيون ۽ پنهنجي وطن جي آزادي جي گهر ڪريون جنهن لاءِ اسان 23 مارچ تي ڪراچي ۾ پهچڻ جي توهان سڀني کي دعوت ڏيڻ آيا آهيون.
    بشير خان جي خطاب کانپوءِ قومي قافلو واڻڪي وسي طرف روانو ٿيو. اتي اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ مُحب لغاري آجياڻو ڏنو. حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري واڻڪي وسي وارن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. واڻڪي وسي کانپوءِ قومي قافلو ٽنڊي آغا طرف روانو ٿيو. ٽنڊو ٺوڙهو وٽ اقبال شاهي سوين ماڻهن سان گڏجي قومي قافلي جو استقبال ڪيو. ٽنڊو مير محمد ۾ ڪارنر گڏجاڻي رکيل هئي، اتي قومي قافلو پهتو جتي راجا ميمڻ آجياڻو ڏنو. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پ پ جا حڪمران چون ٿا ته اسين سنڌي ماڻهن کي نوڪريون ڏنيون آهن. تنهنڪري هو چُپ ٿي ويهي رهن. پاڪستان 73 جي آئين ۽ جمهوريت جي نالي ۾ غلامي قبول ڪري خاموش ٿي ويهي رهن. اسان کين ٻڌايون ٿا ته سڄي سنڌ ۾ جيڪي به نوڪرين ۾ آهن. انهن ماڻهن تي 6 ارب روپيه خرچ ايندو آهي 12 مهينن ۾. اهي 72 ارب ٿين ٿا جن تي پ پ وارا ايڏو ناز ڪن ٿا. کين چڱي طرح خبر آهي ته حيدرآباد مان نڪرندڙ تيل جي رڳو هڪڙي پوائنٽ ٽنڊو مير عالم مري مان سال ۾ اربين روپين جو تيل نڪري ٿو ٻي نڪرندڙ معدنيات ان کان علاوه آهي. اهي پ پ وارا 73 جي آئين جي نالي ۾ پنجاب حوالي ڪن ٿا. ان ڪري سنڌ واسيو! سنڌ جو هڪ ئي مسئلو آهي ۽ اهو آهي سنڌ جي غلامي، اچو ته ان غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪريون ۽ پنهنجي وطن سنڌ جي 23 مارچ تي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي کانپوءِ ٽنڊو طيب ۾ گڏ ٿيل ڪارڪنن جن جي اڳواڻي جنيد قاضي ۽ اطهر ٻرڙو ڪري رهيا هئا. تن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي 23 مارچ جي دعوت ڏني.
    قومي قافلي ڪانچ مل طرف رخ رکيو. مڪي شاهه وٽ عمران مهر جي اڳواڻي ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو ڪانچ مل پهتو ته اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ مصطفيٰ پنهور آجياڻو ڏنو. اجرڪن اوڍائڻ جي رسم کانپوءِ ساگر حنيف ۽ بشير خان خطاب ڪري جلسي ۾ ويٺلن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. رات دير سان قومي قافلو آرام ڪرڻ لاءِ سمهڻ واري هنڌ روانو ٿيو. اڄ سڄو ڏينهن فتاح مهيسر، مسرور ٿيٻو، مصطفيٰ پنهور، رحمان پيرزادو، نديم چنا، شيردل قريشي قومي قافلي سان گڏوگڏ هئا.
    5 مارچ 2012ع: اڄ معمول جيان صبح جو تيار ٿي حيدرآباد جي ٻهراڙي واري علائقي ڏي شيڊول مطابق وڃڻو هو ته 2 بجي ڌاري خبر پئي ته قومي شاعر ۽ جسقم جو مرڪزي اڳواڻ سرڪش سنڌي گذاري ويو آهي، ان ڪري اڄوڪو پروگرام ملتوي ڪري انتظار ۾ بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن کان معافي گُهرڻ ۽ کين آگاهه ڪرڻ لاءِ مسرور ٿيٻو ۽ سندس ٽيم کي اوڏانهن روانو ڪيو ويو.
    6 مارچ 2012ع: اسان سمجهيو هيوسين ته بشير خان قريشي 5 تاريخ منجهند جو لاڙڪاڻي سرڪش سنڌي جي تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ اڄ دير سان پهچندو پر حيرت ٿي ته بشير خان صبح سان فون ڪري چيو ته اچو ته رٿيل دوري تي نڪري هلون. ملڻ کانپوءِ بشير خان ٻڌايو ته 5 تاريخ تي 3 بجي حيدرآباد مان نڪتاسين 8 بجي لاڙڪاڻي پهتاسين رات 12 بجي ڌاري لاڙڪاڻي مان نڪتاسين صبح اچي حيدرآباد پهتاسين 2-3 ڪلاڪ آرام ڪري اوهان کي فون ڪري گهرايو اٿم ته جيئن شيڊول مطابق نڪري هلجي. قومي قافلو مٽياري طرف روانو ٿيو. مٽياري شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن ۽ ڪارڪنن قومي قافلي جو استقبال ڪيو. پريس ڪلب ٻاهر انتظار ۾ بيٺل سوين ماڻهن کي فقير امداد منگي جي تقرير کان اڳ رشيد ڏيٿي آجياڻو ڏنو، آڪاش ملاح پڻ تقرير ڪئي. بشير خان قريشي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شريڪ عوام کي ٻڌايو ته سنڌ جي سڀني مصيبتن جي جڙ فقط پاڪستان آهي. جيستائين ان مان جان نه ڇُٽندي اوستائين سنڌ جو ماڻهو سک جو ساهه کڻي نه سگهندو ان ڪري وطن سنڌ جي آزادي لاءِ 23 مارچ ڪراچي هلي سنڌ گهري ٿي آزادي جي لکين ڪروڙين ماڻهو گهر ڪندا، ان ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ اوهان کي پڻ دعوت ڏيڻ آيا آهيون، ڪارنر گڏجاڻي کانپوءِ علمدار شاهه وٽ چانهه پي کيس 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني وئي. غفور ميمڻ صاحب وٽ پڻ چانهه پي ان کي به 23 مارچ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي
    قومي قافلي اڏيري لعل اسٽيشن طرف رخ رکيو. خيبر کان پوءِ خاصخيلي ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري ۾ شريڪ ٿياسين. جتي اجرڪ اوڍائڻ کانپوءِ بشير خان گڏ ٿيل ڳوٺاڻن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ ان جو حل سنڌ جي آزادي ٻڌايو.
    قومي قافلي پنهنجي منزل طرف رخ رکيو. اڏيرو لعل شهر ۾ بيٺل سوين ماڻهن استقبال ڪيو. اڏيرو لعل سنڌ جي مذهبي رواداري جو چٽو مثال، مسجد ۽ مندر گڏوگڏ، اڏيرو لعل کي سنڌ جو قلندر پڻ چوندا آهن. اڏيرو لعل اسٽيشن پهتاسين شهر ٻاهران بيٺل ماڻهن استقبال ڪري قومي قافلي کي جلسي گاهه وٺي هليا. بجلي بند هجڻ باوجود به هزارين ماڻهو جلسي ۾ بيٺل هئا، جلسي کي آڪاش ملاح جي خطاب کانپوءِ جي يو آئي جي اڳواڻ مولانا اعظم جهانگيري خطاب ڪندي چيو ته جتي توهان سنڌوديش جي آزادي جا نعرا هڻندا اتي اسان به ان سان گڏوگڏ نعره تڪبير جا نعرا هڻندا توهان سان گڏ هونداسين. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي ماڻهن کي 23 مارچ جي ڏينهن ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. ماڻهن هٿ مٿي ڪري واعدو ڪيو ته اهي 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا. جلسي ۾ اجرڪ ڪافي تعداد ۾ اوڍايا ويا. جلسي ۾ مولانا اعظم جهانگيري صاحب جي چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿياسين جيتوڻيڪ شيڊول مطابق منعقد پوين جلسن ۾ دير ٿي رهي هئي ان هوندي به بشير خان سان گڏجي مولانا اعظم جي پُرخلوص دعوت کي قبول ڪري سندس چانهه پارٽي ۾ شريڪ ٿياسين. مولانا صاحب آدمشاري ۽ ٻين مسئلن تي سنڌ جي قومپرستن سان گڏوگڏ عمل ۾ شريڪ هوندو آهي ۽ بشير خان کي نهايت پيارو آهي. چانهه پيئڻ کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو. واٽ تي سائين شاهه نواز شاهه ماڻهن جي هجوم سان استقبال لاءِ بيٺل هيو. خدا بخش بلوچ ڳوٺ پهتاسين ته اتي بشير خان سميت سڀني ساٿين کي اجرڪ اوڍايا ويا اتي بشير خان جلسي کي جيتوڻيڪ اتي ڳوٺاڻي ڪچهري رکيل هئي پر اتي جلسو ٿي ويو اُن کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي حلالي پٽن کي هاڻي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جو چٽو ۽ واضح اعلان ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته سنڌ وطن جي آزادي سنڌي ماڻهن جي قومي وجود، زبان ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر ٿي چڪي آهي ۽ اڄ حالتون سنڌ جي آزادي جي حق ۾ آهن. هاڻي رڳو گڏجي گُهر ڪرڻي آهي. ان لاءِ اسين 23 مارچ تي ميدان سجايون پيا ان ميدان ۾ حصو وٺڻ لاءِ اوهان وٽ به آيا آهيون ته ان ۾ شريڪ ٿي جيجل امڙ جي ٿڃ ملهايو. ماڻهن هٿ مٿي کڻي اعلان ڪيو ته اهي ضرور ايندا. قومي قافلو جيئن اڳتي وڌيو ته طاهر هنگورو وارن جي پرزور اسرار تي چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو ڀٽ شاهه پهتو. جتي تنبوري وٽ ڪرسيون رکي عوام کي ويهارڻ جو بندوبست ٿيل هو. جتي رافع قريشي آجياڻو ڏنو تنهن کانپوءِ جي يو آءِ جو ۽ شاهه لطيف فائونڊيشن جي سليم سنڌي خطاب ڪيو. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) پڻ خطاب ڪيو. خاور شاهه جيڪو ڀٽ جي گادي نشين سيد نثار حسين شاهه جو فرزند آهي، تنهن خطاب ڪندي يقين ڏياريو ته ڪراچي ۾ 23 تاريخ ضرور اينداسين. آخر ۾ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته اڄ اسين ڀٽ ڌڻي جي اڱڻ ۾ بيهي ان جي پيغام کي پکيڙڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ لاءِ سنڌ جي آزادي جي جدوجهد هلائي رهيا آهيون. جيڪا اصل ۾ ڀٽ ڌڻي جي پيغام جو روح آهي. سنڌ جي آزادي معرفت سڄي دنيا ۾ امن اتحاد ۽ خوشحالي آڻي سگهجي ٿي ۽ شاهه لطيف جي ان بيت کي حقيقت جو روپ ڏئي سگهجي ٿو ته:
    سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.
    شاهه لطيف ڪنهن به پاڪستان جي قومي شاعرن جيان ڌارين جي لقبن ۽ پينشن جو محتاج نه رهيو هو. اقبال کي انگريزن سر جو خطاب ڏنو جنهن ڪڏهن ان کي واپس نه ڪيو ۽ آخرتائين انگريزن کان مراعتون وٺندو رهيو. شاهه لطيف مارئي ذريعي اسان کي پنهنجي وطن سان محبت جو سبق ڏيندي تلقين ٿو ڪري ته اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون. تي شاهه لطيف سسئي معرفت جدوجهد جو سبق ڏيندي فرمايو آهي ته:
    سڌائتي سڀڪا، بک نه باسي ڪا،
    جيهي تيهي ذات جي، جُنبش ناهي جاءِ،
    مون سان هلي سا، جا جيءَ مٺو نه ڪري.
    ان ڪري سنڌيو! اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، ان عمل سان يقيني طور تي اسان مرشد لطيف جي درگاهه ۾ سرخرو ٿينداسين. جلسي کانپوءِ ڀٽ شاهه تي حاضري ڀري اتي هلندڙ راڳ ٻڌو ويو. راڳ ٻڌندي مون دل ۾ خيال ڪيو ته جيڪڏهن الفاظ ڪڍڻ کي ٿورو سمجهه ۾ اچڻ جوڳو، وارو تلفظ ڪڍجي ته بهتر ٿيندو. ڇو ته جڏهن استاد منظور علي خان، علڻ فقير، محمد يوسف ۽ عابده پروين شاهه کي ڳائيندا آهن ته ڏاڍو سرور ۽ زهني آرام پڻ ملندو آهن. راڳ ٻڌي، رات پراڻا هالا ۾ نديم مهدي وٽ رهائش اختيار ڪئي سين. نديم مهدي، عرفان مهدي جو ڀاءَ آهي. عرفان مهدي 1991ع ۾ ڄامشورو پُل وٽ درياءُ ۾ ٽپو ڏنو هو. هُو نهايت خوبصورت، شاهه لطيف جي بيتن جو ڄاڻو، بهترين مقرر ۽ سائين جي ايم سيد جو پيارو ورڪر هو، افسوس جو هن زماني جي گردش ۾ اچي پنهنجو سفر پورو نه ڪري سگهيو، پراڻا هالا ۾ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل سائين جي ايم سيد جي ساٿي ۽ پيروڪار حفيظ قريشي جو پڻ ڳوٺ آهي. حفيظ قريشي قومپرست ۽ اعليٰ پائي جو مقرر هو. جنهن کي سائين جي ايم سيد سنڌ جو مولانا ابوالڪلام چوندو هو. هو جڏهن اسٽيج تي بيهي ڀائرو چوندو هو ته سڄو مجموعو سندس سحر ۾ وٺجي ويندو هو. پڪو پختو ديش ڀڳت انسان هو. ميئر ڪيس حيدرآباد ۾ اسان جو وڪيل به رهيو هُو. هن تي لکڻ لاءِ الڳ ڪتاب گهرجي. ايڏو وڏي پايي جو هو انسان هُو. سندس مرتئي تي ڪجهه مسئلو ٿي پيو هو. ڪجهه اڳواڻن جو خيال هو ته کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد ڀرسان دفن ڪجي پر سندس پوين ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اڄ جون حالتون ٻڌائين ٿيون ته سندس پوين جو اهو فصلو درست نه هيو.
    7 مارچ 2012ع: پراڻا هالا جي ماڻهن سان نديم مهدي جي جڳهه تي ڪارنر گڏجاڻي ٿي. جتي سرفراز ميمڻ ۽ بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ ڪراچي پهچڻ جون دعوتون ڏنيون. اتي ويٺائي هياسين ته يونيورسٽي ۾ جهيڙي جو اطلاع مليو. جنهن ۾ جسقم جي جساف سان لاڳاپيل ڪارڪن دين محمد دل جي شهيد ٿيڻ جو اطلاع مليو. ڀاڻوٺ طرف قومي قافلو هلڻ لڳو. واٽ تي جي ايم سيد ڪالوني عباس علمدار گيٽ تي ماڻهن استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلو ڀاڻوٺ طرف وڌڻ لڳو. جي ايم سيد ڪالوني ايريگيشن ۾ انجنيئر عباس لغاري صاحب ٺهرائي سائين جي ايم سيد کان افتتاح ڪرايو هو. ڀاڻوٺ ۾ ڪارنر گڏجاڻي کي رشيد ڏيٿي آجياڻو ڏنو. فقير امداد منگي تقرير ڪندي چيو ته غلامن جي نماز به قبول ناهي هوندي. مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي چيو ته خوشحال سنڌ، پاڪستان جي هئڻ ڪري بدحالي جو شڪار ٿي وئي آهي. پاڪستان جي ڪري سنڌ جي تاريخي حيثيت ختم ٿيندي پئي وڃي. ظلم جي انتها اها آهي ته پنجاب جي غلامي ڪري سنڌ جا اصل وارث ۽ مالڪ پنهنجن شهرن ۾ اوپرا ٿيندا پيا وڃن. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي دلين مان پاڪستان ڪڍي سنڌ جي محبت کي جڳهه ڏيڻي پوندي. نه فقط اهو پر چٽي ۽ واضح نموني سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. سنڌين جو بدحال رهڻ مقدر نه آهي پر غلامي ڪري اسان پنهنجو پاڻ وڃائي ويٺا آهيون. سائين جي ايم سيد هڪ ڀيري ڪچهري ڪندي ٻڌايو هو ته ڪنهن ٻهراڙي ۾ ٻڪرين جي واڙ هئي هڪ دفعي ڇوڪري پنهنجي پيءَ کي صبح جو اچي ٻڌايو ته بابا پنهنجي واڙ جي ٻاهران بگهڙن جا پيرا آهن تنهن تي ان پير مرد وراڻيو هو ته بابا بگهڙن کي ڪهڙو ڏوهه ڏيون پنهنجي گهر جا ڪتا ڀاڙيا ٿي پيا آهن، نه ته بگهڙن کي اها طاقت ئي ناهي جو اهي اسان جي واڙ جي ڀرسان به اچي سگهن. ان ڪري سنڌ واسيو! هاڻي اسيمبليون سنڌ جو مقدر بدلائي نه سگهنديون. هاڻي فقط سنڌ جي آزادي واري واٽ ئي سنڌ جي خوشحالي جي ضمانت ٿي سگهي ٿي. ان لاءِ اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي سنڌ وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون، ڀاڻوٺ جي جلسي کانپوءِ قومي قافلو نيو سعيد آباد طرف روانو ٿيو. واٽ تي مين روڊ تي ڪميجا شاخ وٽ بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جي اڳواڻ بشير خان جو استقبال ڪري کيس اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پارائي، بشير خان کين 23 مارچ تي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، قومي قافلو نيو سعيدآباد شهر ۾ اندر داخل ٿيو جتي شهر ۾ روڊ جي ٻنهي طرفن کان ماڻهو بيهي رهيا ۽ هٿ لوڏي آڌر ڀاءَ ڪندا رهيا. بشير خان ماڻهن سان ملندو رهيو ۽ ماڻهو هڪ وڏي جلسي ۾ تبديل ٿي ويا جتي بشير خان کين خطاب ڪندي ماڻهن کي سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ کين ٻڌايو ته پنجاب کان آزادي گُهرڻ جو وقت اچي ويو آهي، هاڻي پاڪستان ٽُڪرا ٽڪرا پيو ٿئي. سنڌين کي گُهرجي ته پنهنجي سنڌ کي بچائي سائين جي ايم سيد جي تخيل واري سنڌ کي آزاد ڪرايئن. رياست قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ ڪيترن ڪارڪنن کي کڻي کنڀي ڪم ڪندي رهي آهي. بشير خان وڌيڪ چيو ته اسين مير عالم مري کي رياستي ادارن هتان کڻي گم ڪرڻ جي مذمت ڪندي عبدالواحد آريسر طرفان ڏنل 12 تاريخ واري هڙتال جي حمايت ڪريون ٿا.
    بشير خان وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائڻ وارن جو مستقبل سنڌ سان لاڳو آهي جيڪڏهن هو چاهين ٿا ته هتي ڌرتي جا فرزند ٿي رهن ته پوءِ پنهنجو لاڳاپو پاڪستان ۽ پنجاب کان ڇني سنڌ ۽ ان جي آزادي سان ڳنڍڻو پوندن پر جيڪڏهن هنن کي مهاجر ئي رهڻو آهي ته پوءِ مهاجرن جي جڳهه وطن نه پر خيما هوندا آهن ۽ اڳي پوءِ خيمي وارن کي اها ڌرتي ڇڏڻي پوندي ۽ خيما پٽڻا پوندا. ان کان پوءِ بشير خان اتي بيٺل سمورن ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني ۽ ماڻهن هٿ مٿي ڪري اها دعوت قبول ڪئي. قومي قافلو نيو سعيدآباد کان بکر جمالي طرف روانو ٿيو. واٽ تي ڄام واهه ۽ علي محمد ڪاڪا ڳوٺ وٽ بيٺل سوين ماڻهن بشير خان جو والهانه استقبال ڪيو. قومي قافلو بکر جمالي جي وچ روڊ تي پهتو جتي اسٽيج ٺاهي جلسي جو هنڌ ٺاهيو ويو هو. ماڻهو سڄي روڊ تي، دڪانن جي ڇتين تي. وڻن تي ويٺل هيا. جاڏي نگاهه پئي وئي اوڏانهن رڳو ماڻهو ئي ماڻهو هئا. اجرڪ اوڍائڻ کانپوءِ جلسو شروع ٿيو. اسان سان گڏ جيلن ۾ رهندڙ پراڻي ساٿي عبدالغفور جمالي آجياڻو ڏنو. صفدر تنيو، فقير امداد منگي، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان ماڻهن کي نهايت دلفريب انداز ۾ سائين جي ايم سيد جي فڪر کان آگاهه ڪندي سنڌ سان ٿيل ظلمن جا تفصيل ٻڌائيندي همٿايو ته سنڌي قوم بهادر پٽن جي قوم آهي. اها رڳو هڪ دفعو گڏجي پوي ته سنڌ جي آزادي مشڪل نه آهي ۽ ان لاءِ اسان جسقم وارن 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سڏ ڏنو آهي. اتي بيٺل هزارين ماڻهن پنهنجا هٿ اُڀا ڪري بشير خان کي يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
    جلسي کانپوءِ رئيس حاجي ڪامل خان جمالي سان سندس گهر واريءَ جي وفات تي عذرخواهي ڪئي وئي. تنهن کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو، رواني ٿيڻ مهل يوسف جمالي سان سندس عزيز جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. ميوو ڇڇر نالي ڳوٺ ۾ عذر خواهي ڪري قومي قافلو اڏيرو لعل اسٽيشن طرف روانو ٿيو جتي سنڌ يونيورسٽي ۾ شهيد ٿيل شاگرد دين محمد دل جي وارثن وٽ پهچي انهن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو هو. اتي پهچي سندن عزيزن سان ملاقات ڪري FIR بابت ڄاڻ وٺي انتظاميه سان ڳالهايو ويو. سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ خاص طور تي پ پ سان لاڳاپيل سندن ذيلي تنظيم شروع کان وٺي غنڊه گردي ڪندي آئي آهي ۽ انهن غنڊن معرفت ڪيترائي شاگرد پنهنجي زندگي وڃائي ويٺا آهن.

    9 مارچ 2012ع: اڄوڪي شيڊول ۾ قومي قافلي کي ٽنڊي محمد خان جو دورو ڪرڻو هيو. شام جو قومي قافلو ٽنڊي محمد خان ٻاهران پهتو ته هزارين ماڻهن سندن استقبال ڪيو ۽ قومي قافلو هزارين ماڻهن سان گڏجي جلسي گاهه پهتو. جلسي کي زاهد جسڪاڻي، منير نظاماڻي، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي، آڪاس ملاح جي تقريرن کان پوءِ بشير خان خطاب ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ويساهه گهاتين کان ماڻهن کي آگاهه ڪيو. بشير خان چيو ته ٽنڊي محمد خان ضلعي مان هر روز 20 ڪروڙ جو تيل نڪري ٿو ليڪن آئل فيلڊن تي نوڪريون پنجابين حوالي ۽ ڪمائي وفاق معرفت پڻ پنجاب حوالي ٿيل آهي، ان ڪري سنڌ جي مسئلن جو حل اهو نه آهي ته هڪڙي پارٽي کي ڇڏي ٻي پارٽي کي ووٽ ڏجن. سڌو ۽ واحد رستو اهو وڃي بچيو آهي ته پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون، اها گُهر تڏهن طاقتور ۽ اثرائتي ٿيندي جڏهن تمام گهڻي تعداد ۾ هڪ هنڌ گڏ ٿي واضع نموني سڀ گڏجي چئون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي، ان لاءِ اسان اهو ڏينهن مقرر ڪيو آهي جيڪو چيو ٿو وڃي ته ان ڏينهن سنڌين به پاڪستان ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي هئي يعني 23 مارچ. اسان اهو ڏينهن چونڊي، ان ڏينهن تي پاڪستان کان لاتعلقي ڏيکاري، پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ۽ اها ئي دعوت اوهان وٽ پڻ کڻي آيا آهيون جيڪڏهن اها دعوت توهان کي قبول آهي ته پوءِ هٿ مٿي کڻي منهنجي ساٿين کي يقين ڏياريو ته اوهين ان ڏينهن ضرور ايندا. ان تي جلسي ۾ بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي بشير خان کي يقين ڏياريو ۽ پوءِ بشير خان انهن هزارين ماڻهن کي آخر ۾ اهو چيو ته مان به توهان کي يقين ٿو ڏياريان ته ساهه ڏينداسين پر سنڌ ضرور آزاد ڪرائينداسين.
    جلسي کانپوءِ ابراهيم ڪاتيار وٽ ماني کائي شهر ۾ ميمڻن جي پاڙي ۽ ٻن ٻين مختلف هنڌن تي قومي جهنڊو ڦڙڪائي اڄوڪو دورو پورو ڪري حيدرآباد طرف روانا ٿياسين. رات آرام ڪري وري نئين سر شيڊول مطابق نڪرڻ جو سوچيو سين.
    10 مارچ 2012ع: اڄ صبح حيدرآباد ۾ سول سوسائٽي ۽ سينيئر صحافي دوستن سان ڪچهري رکيل هئي. جن مختلف موضوعن تي سوال پُڇيا ۽ بشير خان قريشي انهن جا تفصيلي جواب ڏنا ۽ ان سان گڏوگڏ 23 مارچ تي ٿيندڙ سنڌ گُهري ٿي آزادي جي اجتماع بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. تنهن کان پوءِ چانهه پارٽي ٿي. اتي ساگر حنيف بڙدي سول سوسائٽي وارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ڪهڙو باضمير ۽ باخبر انسان پنهنجي وطن جي غلامي برداشت ڪندو. ان ڪچهري کانپوءِ سول سوسائٽي جي فردن ۽ سينئر صحافين مليل جليل جذبن جو اظهار ڪيو. کين قومي تحريڪ سان لاڳاپيل قيادت خاص طور تي بشير خان ۽ ان سان لاڳاپيل دوستن بابت مختلف ڳالهيون ٻڌايل ۽ ڪنن ۾ پيل هيون. ڪچهري کان پوءِ انهن جي خيالن ۾ تبديلي محسوس ٿي.
    قومي قافلي ان ڪچهري کانپوءِ بدين طرف رخ رکيو. بدين ضلعي جي حد شروع ٿي ته حيدرشاهه جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪن استقبال لاءِ بيٺا هئا. استقبال کانپوءِ بشير خان جي اڳواڻي ۾ قومي قافلو ماتلي طرف روانو ٿيو. شهر جي مين روڊ تي اسٽيج ٺاهي وئي هئي جتي آڪاش ملاح جي تقرير کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي ماتلي واسين کي اهو ٻڌايو ته بدين ضلعو سنڌ ۾ قدرتي نعمتن سان مالا مال هئڻ جي باوجود به سڄي سنڌ ۾ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ضلعن ۾ سڀ کان پهرئين نمبر تي آهي. خاصخيلي آئل فيلڊ مان 1985ع کان تيل نڪرڻ شروع ٿيو آهي. روزانه 32 هزار بيرل تيل بدين مان نڪري ٿو. ان حوالي سان 27 سالن جي عرصي ۾ سڄي بدين ضلعي جي ڏهه لکن ماڻهن ۾ اها رقم ورهائجي ته هر هڪ ماڻهو کي 15 لک روپيه اچن ٿا. پر افسوس ان قدرتي نعمت تي به پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو قبضو آهي ۽ بدين ضلعو پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهي. انهن سڀني مصيبتن جي جڙ پاڪستان آهي. جيستائين سنڌي سڀ گڏجي سنڌ جي آزادي جي گُهر نه ڪندا اوستائين سنڌين جو تڪليفن مان ڇوٽڪارو ناممڪن آهي، ان لاءِ اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر ڪريون. بشير خان جي ائين چوڻ سان اتي بيٺل سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ضرور ايندا.
    قومي قافلي پوءِ حاجي سانوڻ خان طرف رخ رکيو، جتي استقبال کان پوءِ روڊ تي گڏ ٿيل ماڻهن ۽ ڪارڪنن کي بشير خان قريشي 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. دعوت ڏيڻ کانپوءِ قومي قافلو راڄو خاناڻي طرف روانو ٿيو. راڄو خاناڻي ٻاهران بيٺل ماڻهن جي هجوم بشير خان جو استقبال ڪري کين پاڻ سان گڏ پيادل جلسي گاهه طرف وٺي هليا. جتي حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري کين ٻڌايو ته ڪهڙي طريقي سان سنڌ سان ظلم ٿي رهيا آهن ۽ انهن جو حل ڪهڙي واٽ وٺڻ سان آهي. ان کان پوءِ بشير خان کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. جلسي کان پوءِ مير الله بخش ٽالپر سان سندس نياڻي جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. مير الله بخش ٽالپر ٻه دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي. قومي قافلو فاتح کان پوءِ تلهار طرف وڌڻ لڳو. دل پور جي موري وٽ استقبال ٿيو. قومي قافلو اڳيان وڌندي تلهار بدين روڊ تي جلسي ۾ تبديل ٿي ويو. جتي ڪيهر انصاري جي تقرير کان پوءِ بشير خان تقرير ڪندي کين اهو ٻڌايو ته پاڪستان ۾ جمهوريت جو مطلب پنجاب جي اڪثريت کي سنڌين مٿان قانوني طور قبضي هيٺ ڏيڻ آهي. جنهن نظام سان رڳو پنجاب کي فائدو ٿئي ٿو ته اهو کيس منظور هوندو آهي. سنڌ لاءِ ته پاڪستان ۾ رهندي ڪوبه نظام بهتر ناهي سواءِ آزادي حاصل ڪرڻ جي. جنهن لاءِ جسقم 23 مارچ تي ڪراچي ۾ سڀني سنڌين کي گڏ ڪرڻ جو سڏ ڏنو آهي. اها دعوت اوهان آڏو به عرض رکجي ٿي ته وطن سنڌ جي غيرتمند پٽن جيان ان ڏينهن ميدان ۾ نڪري اچو.
    تلهار کان پوءِ قومي قافلي پنگريو طرف رخ رکيو. جتي سمن سرڪار جي ڀرسان سائين عابد شاهه راشدي وٽ رات رهڻ جو بندوبست ٿيل هو. اڄ ڊاڪٽر مير عالم مري جي آزاد ٿيڻ جي خبر پئي. جنهن کي ڪجهه ڏينهن اڳ ايجنسين پاران کڻي گُم ڪيو ويو هو. پنگريو کان سمن سرڪار ويندي اهو منظر ياد آيو جڏهن 2011ع ۾ لاڙ ۾ برساتن سبب اهو سڄو علائقو پاڻي هيٺ هيو. ڪٿي 5 فوٽ ته ڪٿي 10 فوٽ پاڻي بيٺل هيو. عابد شاهه راشدي چواڻي ته تقريبن 30 ميلن اندر رڳو درياءَ جو نظارو هيو، ماڻهو ٻيڙين کانسواءِ اچي وڃي نه پئي سگهيا. چؤطرف درياهه ئي درياهه هو. ان مهل جسقم طرفان بشير خان قريشي سان گڏجي اسان سڀ سندس ساٿي ٻه ٽرڪون اٽو، چانور ۽ ٻيو سامان پنگريو کڻائي آيا هئاسين. جتي عام ماڻهن سان ڪچهري ۾ اها خبر پئي ته عام ماڻهو کي امداد نه ملڻ جهڙي ملي آهي. باقي خاص ماڻهن ڍؤ ڪيا آهن. هي حڪومت به آهي پيپلز جي پر اُن مان ڪڏهن به عام ماڻهو کي فائدو ناهي ٿيو. وڏن ماڻهن، خاص ماڻهن کي ٿورو گهڻو فائدو ٿيندو آهي نه ته بس. سنڌ جو ماڻهو اهو سڀ ڪجهه به قدرت ڏانهن سمجهي ٿو. حڪومتن ۽ پنجاب جي حاڪميت ۾ ٿيندڙ وسيلن جي ڦرلٽ جي کين نه نظر ٿي پوي ۽ نه ئي ان کان چڱي ريت آگاهه ٿي سگهيا آهن. سائين عابد شاهه راشدي وٽ ماني کائي سمهي پياسن.
    11 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي پنگريو طرف قومي قافلو روانو ٿيو. پنگريو هڪ شيدي جو نالو. هيو جنهن جي لاءِ چون ٿا ته سمن سرڪار چيو هو ته پنگريو دهلي ٿيندو. سيلمان پنهور ڳوٺ ۾ تعزيت ڪئي وئي، پريس ڪلب پنگريو ۾ صحافين سان ڪچهري ٿي. پنگريو کان ٽنڊو باگو ويندي ڳوٺ محمد عمر جوڻيجو ۾ ڳوٺاڻي ڪچهري ٿي. جتي محمد علي جوڻيجو وڏي تعداد ۾ ماڻهن سان گڏجي بشير خان جو استقبال ڪيو.
    KTN جي صحافي دوست دودي چانڊيي جي ڳوٺ وڃي سندس ڀاءُ جي وفات تي سندس ڀاءُ ۽ چاچي سان عذر خواهي ڪئي وئي، پوءِ قومي قافلو ٽنڊو باگو طرف وڌيو. جتي شهر ٻاهران استقبال ٿيو، مير باگو سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور رهيو آهي، سندس گهر واري سنڌ راڻي جي نالي سان مشهور هئي. شهر جي وچ روڊ تي جلسو ٿيو جنهن کي حيدرشاهه، فقير امداد منگي ۽ بشير خان خطاب ڪيو. قومي قافلو ٽنڊي باگي کان پوءِ بدين طرف روانو ٿيو. 3 مهينا اڳ ڳُجهن ادارن هٿان کنيل جيئي سنڌ متحده محاذ جي بشير آريسر سان بدين ۾ بشير خان ملاقات لاءِ هليو. جيڪو تازو آزاد ٿي آيو هو. ملاقات دوران بشير آريسر ٻڌايو ته گرفتار ٿيڻ مهل فوجين کيس بيدردي سان ماريو هو، جنهن ڪري سندس منهن جو اڳيون حصو گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪو هيو، ايتري کيس تڪليف ٿي هئي جو هو مرڻ ڪنڌي ويجهو پهچي چڪو هو. ساهه کڻڻ ۾ کيس تڪليف ٿيندي هئي، ان ڪري فوجين کيس اسپتال منتقل ڪيو هو. جتي هو مهينو مسلسل زير علاج هيو. ڇڏڻ مهل به آءِ ايس آءِ وارن کيس چيو ته تنهنجي علاج تي 5 لک خرچ اچي چڪو آهي. بشير آريسر سان گڏ ٻه ڄڻا ٻيا به کنيا ويا هئا، جن کي پڻ آزاد ڪيو ويو هو. بشير آريسر سان ڪچهري کانپوءِ قومي قافلو پنهنجي منزل طرف روانو ٿيو. سائين عابد شاهه راشدي موڪلايو جنهن رات ۽ صبح تمام سٺي خدمت ڪئي هئي. گولاڙچي ۾ پهچڻ مهل اوندهه ٿي چڪي هئي بجلي به بند هئي. جنريٽر جو انتظام پڻ ٿيل نه هيو ان هوندي به بشير خان بغير لائوڊ اسپيڪر جي گڏ ٿيل ماڻهن کي خطاب ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جي دعوت ڏني. تنهن کان پوءِ اڄوڪي طئي ٿيل شيڊول جو خاتمو ٿيو. قومي قافلو وري سڀاڻي لاءِ تيار ٿيڻ کان اڳ هر هڪ پنهنجي پنهنجي پسند مطابق رات رهڻ واري پاسي هليو ويو. رات جو موٽندي فون تي مير عالم مري سان ڪچهري پڻ ٿي ۽ کيس آزاد ٿيڻ تي مبارڪ ڏني.
    12 مارچ 2012ع: صبح جو گلشن حديد مان تيار ٿي ٺٽي ضلعي جي دوري لاءِ قومي قافلو بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ روانو ٿيو. داٻيجي ۾ هڪ عذر خواهي کانپوءِ داٻيجي مارڪيٽ ۾ جلسو ٿيو جنهن کي بشير خان خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ انڊسٽري ته قائم ٿي آهي پر انهن ڪارخانن جا مالڪ ۽ مزور ٻئي ڌاريا آهن جنهن جو سبب پاڪستان آهي، جيستائين ان پاڪستان مان جان نه ڇڏائبي اوستائين سنڌ سک جو ساهه نه کڻندي ان ڪري اچو ته 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن جي مالڪي به ڪيون ۽ دنيا آڏو اها پُرامن گُهر به ڪريون ته سنڌ گُهري ٿي آزادي.
    بشير خان جي خطاب کانپوءِ قومي قافلي گهارو طرف روانو ٿيو. جتي مين روڊ تي گڏ ٿيندڙ عوام کي سرور خشڪ، فقير امداد منگي ۽ بشير خان خطاب ڪري ماڻهن کي پاڪستان ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين کان آگاهه ڪيو ۽ ان کان ڇوٽڪاري جو حل سنڌ وطن جي آزادي ٻڌايو.
    قومي قافلو ميرپور ساڪري ڏانهن وڌيو جتي گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان خطاب ڪندي سائين جي ايم سيد جي فڪر بابت آگاهه ڏيندي کين چيو ته سنڌ هزارها سالن کان هڪ الڳ ۽ آزاد وطن طور ملڪ رهيو آهي، جيڪو هاڻي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب جو غلام آهي. ان ڪري اچو ته هن مهيني جي 23 تاريخ کي ڪراچي ۾ گڏ ٿي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. قومي قافلو غلام الله طرف روانو ٿيو. واٽ تي هڪ عام هوٽل ۾ چانهه پيئڻ جي نيت سان قومي قافلو رُڪيو ته سوين سنڌي ڳوٺاڻا اتي گڏ ٿي ويا. جن کي بشير خان مختصر خطاب ڪندي پنهنجي دوري جو مقصد ٻڌايو. غلام الله ۾ به سوين ماڻهو استقبال لاءِ بيٺا هيا. واپارين جي هڪ تنظيم قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان قريشي کي اجرڪ ۽ لنگيون پارايون. جتي سرفراز ميمڻ ۽ بشير خان خطاب ڪري پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ووٽ سنڌ جي قسمت تبديل نه ڪري سگهيو آهي، هاڻي سڌو سنئون سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻي پوندي. جنهن تي ماڻهن جي ميڙ هٿ مٿي ڪري 23 مارچ تي ڪراچي پهچڻ جو واعدو ڪيو. قومي قافلو گجي طرف روانو ٿيو. جتي جسقم جو قومي جهنڊو ڦڙڪايو ويو، سيٺ احمد ميمڻ اجرڪ ۽ لُنگي بشير خان کي پارائي اتي به بشير خان ماڻهن کي خطاب ڪندي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلو وڏا ٿهيم طرف روانو ٿيو جتي نويد ٿهيم جي والد جي وفات تي عذر خواهي ڪئي وئي. اتي تڏي تي سوين ڳوٺاڻا گڏ ٿي ويا جن جي اسرار تي بشير خان خطاب ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. اتي ماني کائي قومي قافلو وري گهاري پهتو، جتي عذر خواهي ڪئي وئي، اهڙي طريقي سان اڄوڪو دورو پورو ٿيو.
    13 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي قومي قافلو ٺٽي جو رهيل دورو پورو ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو. گجي وٽ ارباب احسان قومي قافلي ۾ شريڪ ٿيو. اتي احمد ميمڻ جي چانهه پيئڻ کانپوءِ ٺٽي طرف روانا ٿياسين. ٺٽي شهر ٻاهران باءِ پاس وٽ سوين ڪارڪنن، غلام نبي کٽي، بابو خشڪ ۽ سرور خشڪ جي اڳواڻي ۾ قومي قافلي جو استقبال ٿيو. قومي قافلو مڪلي کان ٿيندي ٺٽي شهر طرف روانو ٿيو. پريس ڪلب ٺٽو ٻاهران پنڊال ٺاهيو ويو هو. جتي پهچڻ کانپوءِ اجرڪون اوڍايون ويون. شرف الدين. اسحاق خشڪ، بابو خشڪ، سرور خشڪ، آڪاش ملاح ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي ٺٽي واسين کي چيو ته هي شهر خوشحال ۽ آزاد سنڌجي گادي جو هنڌ رهيو آهي. تاريخدان لکن ٿا ته هي شهر ايترو شاهڪار هيو جو جڏهن پرتگالين هن شهر تي حملو ڪيو هو تڏهن کين هتان جيڪو سون مليو هو اهو کين دنيا جي ٻي ڪنهن به شهر جي ڦُرلٽ مان نه ملي سگهيو هو. هن شهر ۾ هزارين ڪپڙن ٺاهڻ جا اُڏاڻا هوندا هئا جن جو ٺهيل ململ سڄي دنيا ۾ مشهور هوندو هو. هتي سنڌ آزاد هوندي مکڻ ۽ ماکي ڪوڏر جي لپن سان ڀري ڏيندا هئا، پر هاڻي جڏهن سنڌ غلام آهي ته هن شهر جو حال 13 صدي کان به خراب صورتحال ۾ آهي. ٺٽي ۾ جهمپير مان ساليانو 9 ارب روپين جو ڪوئلو نڪري ٿو جن جا مالڪ پنجاب وارا آهن. سونڊا مان قيمتي پٿر ڪڍي کپائين ٿا جن جي ماليت کان سنڌ محروم آهي. ان ڪري اسين سائين جي ايم سيد جا پوئلڳ سنڌ کي آزاد ۽ ڄام نظام الدين سمون دؤر واري خوشحال سنڌ ڏسڻ چاهيون ٿا.
    جلسي کان پوءِ قومي قافلو سجاول طرف روانو ٿيو. جتي سجاول شهر ٻاهران بشير خان جو استقبال ڪري سندس لاءِ سجاول ۾ وچ روڊ تي ڪارنر گڏجاڻي جو بندوبست ڪيو ويو هو. اتي جمن سنڌي ۽ ساگر حنيف جي تقريرن کانپوءِ بشير خان تقرير ڪري سجاول واسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته پنهنجي وطن سنڌ جي مالڪي اسان ۽ توهان کي پاڻ ئي ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن اسان ئي پنهنجي وطن جي مالڪي نه ڪئي ته پوءِ ڌاريا هڙپ ڪري ويندا. اچو ته پنهنجي وطن سنڌجي مالڪي ڪري ان کي آزاد ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي ۾ گڏ ٿيون. سجاول کانپوءِ چوهڙ جمالي طرف قومي قافلو روانو ٿيو، چوهڙ جمالي شهر کان پهريائين سردار اشرف اوٺو ڳوٺ واري لاڙي تي سوين بيٺل ماڻهن بشير خان جو استقبال ڪيو ۽ پوءِ قومي قافلي سان گڏ جي چوهڙ جمالي طرف هلڻ لڳا. چوهڙ جمالي شهر ٻاهران پڻ استقبال ٿيو. بشير خان سوين ماڻهن سان پنڌ ڪندي جلسي گاهه طرف وڌيو، جلسي ۾ ڪرسيون رکي ماڻهن جي ويهڻ جو بندوبست ڪيو ويو هو، اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ جلسي جي ڪارروائي شروع ٿي. اياز آخوند آجياڻي تقرير ڪئي، حنيف ساگر جي تقرير شروع ٿيڻ مهل ڪرسيون ماڻهن سان ڀرجي ويون هيون ۽ سوين ماڻهو اوسي پاسي کان بيهي کين ٻڌڻ لڳا. ساگر حنيف ماڻهن کي تقرير ڪندي چيو ته وطن سنڌ جي مالڪي ۽ حفاظت ڪرڻ اوهان، اسان سڀني سنڌين جو فرض آهي. بشير خان تقرير ڪندي چيو ته پاڪستان ٺهڻ ڪري اسان سنڌي سنڌواسين سان ظلم جي حد اها آهي ته چوهڙ جمالي شهر ٻاهران ٿيل ڪوسٽ گارڊ ۽ اتي ٺهيل مئرين هيڊ ڪوارٽر ۾ وڃي ڏسو ته گهڻا سنڌي، آهن ۽ گهڻا ڌاريا آهن ته توهان کي پاڻ ئي پڪ ٿي ويندي ته ڪيترو نه ظلم ٿيل آهي سنڌ سان. وڃي ڏسو مان اوهان کي ٻڌايان ٿو ته انهن ڪوسٽ گارڊن ۾ سنڌي اٽي ۾ لوڻ برابر به نه هوندا. جيتوڻيڪ سنڌ جا ملاح سمنڊ ۽ ان جي موسمي حالتن کان چڱي طرح باخبر آهن پر جن جي ابن ڏاڏن به سمنڊ نه ڏٺو هو اهي هاڻي سامونڊي فوج ۾ ڀرتي ٿي سنڌ تي ڌاڙا هڻي رهيا آهن. چوهڙ جمالي سمنڊ جي ويجهو هئڻ باوجود به ان جا نوجوان ڊگريون کڻي بيروزگار ڦرندا ٿا رهن ۽ ڌاريا هتي مزي سان ويٺي نوڪريون پيا ڪن، اهو سبب رڳو سنڌ جي غلامي ڪري آهي، ان ڪري اچو ته هاڻي غلامي کان بيزاري جو اعلان ڪندي 23 مارچ تي وطن سنڌ جي آزادي جي گهر ڪريون. قومي قافلو بشير خان جي تقرير کانپوءِ ميرپور بٺورو طرف روانو ٿيو، واٽ تي قومي قافلي کي روڊ تي ماڻهو بيٺل نظر آيا جن قومي قافلي جي سرواڻ بشير خان جي گاڏي آڏو اچي کيس سڪ سان لهڻ جو چيو. بشير خان گاڏي مان لهي سندن بيٺڪ تي ويو ۽ اتي ساڻن ڪنهن عزيز جي فوتگي تي عذرخواهي ڪرڻ کانپوءِ انهن ڳوٺ جو ٺهيل حلوو کارايو جيڪو نهايت ئي لذيذ هيو. ان ڳوٺ جو نالو حاجي احمد سومرو هو.
    قومي قافلو بٺورو طرف روانو ٿيو، جتي پهتاسين ته اتي وچ چوڪ تي جلسي جو اهتمام ٿيل هو. جسلي کي عباس پرهياڙ آجياڻو ڏنو، ڪيهر انصاري ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪري بٺوري واسين کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلو بٺوري کان پوءِ دڙو شهر جو رخ رکيو جتي ٽوڙهي ڦاٽڪ جو هڪ شهيد، ذڪريا ميمڻ دفن ٿيل آهي. رات جا 11.30 کان مٿي ٿي چڪا هئا پر پوءِ به سوين دوست ۽ عام ماڻهو استقبال لاءِ دهل ۽ شرنايون کڻي چاڪ چوبند بيٺا هئا مُخاطب جن دهل شرنايون وڄائي بشير خان ۽ سندس ساٿين جو استقبال ڪيو، جلسي ۾ آجياڻو علي حسن جلالاڻي ڏنو. فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان قريشي پنهنجي پنهنجي انداز سان بيٺل ماڻهن کي ٿي 23 مارچ جي دعوت ڏني. رات اتي ماني کائي پوءِ گلشن حديد روانا ٿياسين ته جيئن سڀاڻي وري ٻي ڪنهن ضلعي جو دورو ڪري سگهون.
    14 مارچ 2012ع: روز جي معمول جيان صبح جو تيار ٿي ڪراچي جي ملير ضلعي جي دوري تي قومي قافلو پنهنجي سرواڻ بشير خان قريشي جي اڳواڻي ۾ نڪري پيو. ڪراچي جي سنڌي آبادين ۾ سماجي ورڪر ۽ سنڌ دوست سائين خدا ڏنو شاهه وٽ رزاق آباد پهتاسين. جنهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏئي کيس ساڻ کڻي ابراهيم حيدري طرف روانا ٿياسين جتي شفيع محمد ڄاموٽ قافلي جي انتظار ۾ ويٺو هو. اتي پهچڻ بعد بشير خان سميت سڀني دوستن کي اجرڪون اوڍايون ويون. شفيع محمد ڄاموٽ صاحب قومي قافلي کي آجياڻو ڏيندي چيو ته اسان محسوس ڪيو آهي. ٻڌو به آهي ۽ ڏٺو به آهي ته بشير خان قريشي سنڌ جي حقن خاطر سدائين ميدان عمل ۾ رهيو آهي ۽ هاڻي بشير خان جيڪو سڏ ڏنو آهي ان ۾ اسان هر قسم سان سندس ساٿ ڏينداسين.
    آجياڻي کانپوءِ بشير خان قريشي اتي شفيع محمد ڄاموٽ وٽ گڏ ٿيل ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته گڏ ٿيڻ ۾ طاقت آهي، ان لاءِ جڏهن اسان خاص طور تي ڪراچي ۾ ڇڙوڇڙ آهيون جيڪو صدين کان سنڌ جو شهر ۽ سڃاڻپ آهي اتي هڪ ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري سنڌ سان ٿيندڙ ظلمن جو اصل سبب وائکو ڪرڻو آهي. ان لاءِ اسان ڏينهن به اهڙو چونڊيو آهي، جنهن ڏينهن لاءِ چيو ٿو وڃي ته سنڌين جي به مرضي هئي ته پاڪستان ٺهي. هاڻي ان ڏينهن يعني 23 مارچ تي سڄي دنيا کي ٻڌائينداسين ته اسان کي 1940ع جي قرارداد نه ٿي کپي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جنهن معاهدي تحت ٺاهيو ويو هو ان تي پاڻ پنجاب هڪ ڏينهن به عمل ناهي ڪيو. ان پاڪستان ٺاهڻ ڪري اسان کي زبان، ٻولي کي ثانوي حيثيت ڏني وئي آهي اسان جي ڪلچر کي ختم ڪرڻ جون سازشون ٿينديون رهيون آهن. ان سان گڏوگڏ اسان جي سڀني وڏن شهرن ۾ وڏي تعداد ۾ ڌاريا ماڻهو آڻي انهن کي آباد ڪرڻ جون سڀ سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. ائين ڪرڻ سان حقيقت ۾ اهي اسان جي قومي وجود ۽ الڳ تشخص کي ختم ڪرڻ جي پويان پيل آهن. ان کانسواءِ هاڻي ته حد ٿي وئي آهي جو اسان جي سنڌ امڙ جي وحدت بابت به سازشون ٿيڻ لڳيون آهن. ان ڪري ضروري آهي ته پاڪستان کان سنڌ کي آزاد ڪرائجي.
    هاڻي بين الاقوامي طور تي دنيا هڪ ٻئي سان نه فقط ڳنڍ جي چڪي آهي پر هزارين ميل پري ويٺل کي 5 سيڪنڊن ۾ خبر پئجيو وڃي ته دنيا جي ڪهڙي خطي ۾ ڇاٿو ٿئي. ان ڪري هاڻي اسان کي پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر کي زورائتي ۽ اثرائتي انداز سان دنيا آڏو پيش ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڏسو ته پوءِ دنيا ان جو ڪيئن نه ٿي نوٽيس وٺي، اسان کي هاڻي واضح نموني بيهڻو پوندو ان پاسي جنهن طرف اها گُهر هجي ته سنڌ گُهري ٿي آزادي. ان ۾ هر هڪ سنڌي کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اها ئي دعوت کڻي هتي پهتا آهيون. پنهنجن وٽ. اميد ته پنهنجي وطن جي آزادي جي گُهر لاءِ سڀ گڏ ٿي 23 مارچ تي ضرور شريڪ ٿيندا. قومي قافلو بعد ۾ ريڙهي مياڻ طرف موٽيو جتي يوسف جت سان ڪچهري ڪري کيس دعوت ڏني وئي ته هو 23 مارچ تي نه فقط پاڻ شريڪ ٿئي پر سڄي ڳوٺ سميت اتي اچي، يوسف جت دعوت جي موٽ ۾ ٻڌايو ته سائين ڪراچي ۾ ڌاريا ايترا ته گهڻا ٿي ويا آهن جو 5-10 سال اڳي پٺاڻ نالي ڪا قوم سامونڊي ڪناري تي نه هوندي هئي پر هاڻي نه فقط هوڙن ۽ ٻيڙين جا مالڪ پٺاڻ آهن، پر ٺيڪيدار به اهي آهن. هاڻي سنڌين کي فقط ٻيڙين تي مزدوري ڪرڻي آهي سو به ان ڪري جو سمنڊ کان ڌاريو واقف ناهي. لکن جي تعداد ۾ بهاري، برمي، بنگالي، هتي شناختي ڪارڊ ٺهرائي هتان جا شهري لڳا ويٺا آهن. پ پ حڪومت سنڌين جي ووٽ تي چونڊجي اچي ٿي پر سنڌ سان ٿيندڙ ايڏي وڏي ظلم جنهن ۾ سندن سنڌين جي قومي شناخت ختم ڪئي پئي وڃي، ان ۾ ڌارين سان گڏ بيٺي آهي. ان ڪري هاڻي خاص طور تي سنڌين کي پاڻ محنت ڪري پنهنجي وطن کي بچائڻو پوندو. يوسف آخر ۾ اها خاطري ڪرائي ته 20 کان 25 بسون ڀرائي توهان سان شريڪ ٿبو. سنڌ جي گادي واري هنڌ ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن رڳو اوپرائي اوپرا نظر پيا اچن ٿڌا شوڪارا ڀريندي اکين ۾ غم ۽ غصي کي سانڍيندي اڳئين منزل طرف روانا ٿياسين.
    ڳوٺ عمر مارئي ۾ گڏ ٿيل سوين سنڌين استقبال ڪيو ۽ رٿيل ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهتاسين. جتي صابر ڀريائي، سائين جهان شاهه، حنيف ساگر، آڪاش ملاح کان پوءِ بشير خان خطاب ڪري چيو ته اسان جي اکين آڏو ڪارخانا ته ٺهيا پيا آهن، پر انهن جا ملڪ ۽ مزدور ڌاريا آهن، توهان جي آڏو دوائن ٺاهڻ جو ABBOT نالي ڪارخانو آهي مان پڪ سان چوان ٿو ته ان ۾ مزدور رڳو ڌاريا هوندا. همت ڪيو، سستي ڇڏيو، لاپرواهه نه ٿيو پنهنجي وطن کان. اچو ته گڏجي پنهنجو پاڻ کي بچايون، پنهنجي وطن کي آزاد ڪرايون. قومي قافلو نيشنل هاءِ وي روڊ لڳ دائود شورو ڳوٺ ۾ رکيل جلسي ۾ شريڪ ٿيو. مين روڊ تي استقبال ٿيڻ کانپوءِ پنڊال ۾ پهتاسين جتي ڪيهر انصاري، منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) خطاب کانپوءِ بشير خان خطاب ڪندي چيو ته قدرت انسانن کي سڃاڻپ لاءِ قومن ۾ ورهايو آهي جنهن کي وطن زمان ۽ ڪلچر الڳ الڳ ڏنو آهي. ايران جا رهواسي ايراني ٿا سڏائين سندن ٻولي فارسي آهي. سعودي عرب جا رهواسي سعودي عرب جا مالڪ آهن. انهن جي مرضي ۽ منشا کانسواءِ ڪوبه بزرگ ان ملڪ ۾ حج جي نيت سان ئي سهي پر داخل ٿي نه سگهندو پر هتي سنڌ ۾ ڪنهن کي به اهو اختيار نه آهي ته ٻاهران ايندڙ ماڻهو کان اهو پڇي سگهي ته ڪنهن جي مرضي سان هتي آيا آهيو. اهو حق پاڪستان جي ڪري سنڌين کان کسجي چڪو آهي. پاڪستان جي ڪري اسان جي اقتصادي وسيلن جي ڦرلٽ ٿي ٿئي. هر مهيني رڳو ڪراچي مان 24 ارب روپيه ڪمائي پٺاڻ پنهنجي علائقي ڏانهن موڪلي ٿو، هاڻي ته مورڳو سنڌ اسان کان ڦري پئي وڃي. تنهنڪري اچو ته نه فقط سنڌ بچايون پر وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. گڏ ٿينداسين ته سنڌين جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيندو ۽ عزت ۽ مانُ شان سان پنهنجي وطن سنڌ جا مالڪ ٿي سگهنداسين ۽ سک سان جيءُ سگهنداسين. ان ڪري گڏ ٿيڻ جي تاريخ اسان مقرر ڪئي آهي جيڪا 23 مارچ آهي. محنت اسان ڪيون پيا توهان سستي ڇڏي ان ڏينهن تبت سينٽر اچو. قومي قافلو عبدالله ڳوٺ پهتو جتي دهلن ۽ شرناين سان استقبال ڪري بشير خان ۽ قومي قافلي کي پنڊال ۾ پهچايو ويو جتي هڪ همراهه لٺ تي دلو رکي ڪرتب به ڏيکاريا. رمضان ڀٽي اجرڪون اوڍايون. تنهن کان پوءِ فقير امداد منگي ۽ بشير خان قريشي جلسي ۾ آيل سوين سنڌين کي پنهنجي اچڻ جو مقصد ٻڌايو ۽ کين ٻڌايو ته 65 سالن کان ووٽ ڏيندا پيا اچون پر اسان سنڌي پنهنجي ڌرتي جا مالڪ ۽ وارث ٿيڻ بجاءِ تيزي سان اقليت ۾ تبديل پيا ٿيون. ان ڪري هاڻي ووٽ نه وطن سنڌ جي آزادي جو اعلان ڪرڻو آهي. اهو اچو ته سڀ گڏجي ڪريون ڏسون ته اها گُهر ڪيئن نه سنڌين کي غلامي کان ڇوٽڪارو ٿي ڏياري. قومي قافلو پپري طرف وڌيو. مين روڊ تي استقبال کانپوءِ جلسي گاهه طرف روانا ٿياسين. جيڪو پپري ۾ ٺهيل فوٽ بال گرائونڊ ۾ منعقد ڪيو ويو هو. اتي پهچڻ کانپوءِ معشوق پنهيار آجياڻو ڏنو. صفدر تنيي، نجف لغاري، حنيف ساگر، حبيب ڀٽي، ڪيهر انصاري، فقير امداد منگي، آڪاش ملاح ۽ بشير خان جلسي ۾ شريڪ سوين ماڻهن سان مخاطب ٿيندي سائين جي ايم سيد جي فڪر، سنڌ سان ٿيل ظلم زيادتين ۽ ويساهه گهاتين، سنڌ جي تاريخ، شاهه لطيف جي بيتن، جنهن ۾ همت ۽ اعتماد پيدا ٿئي، سائين جي ايم سيد جي شخصيت سميت مختلف پهلوئن تي ٻڌندڙ کي ٻڌائيندي کين آمادهه ڪيو ته هو 23 مارچ واري جلسي ۾ ضرور شريڪ ٿين. ايڏن گهڻن مقررن باوجود به ماڻهو تمام گهڻي سنيجدگي سان ڳالهيون ٻڌندا، هيئن سان هنڊائيندا رهيا ۽ آخر ۾ بشير خان کي هٿ اُڀا ڪري ڏيکاريندي يقين ڏنائون ته هو 23 مارچ تي ضرور ايندا.
    جلسي کان پوءِ گلشن حديد ۾ سنڌ جي ڀلوڙ فنڪار حنيف لاشاري سان سندس گهر واريءَ جي وفات تي سندس گهر وڃي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، رات آرام ڪرڻ لاءِ بشير خان جي جڳهه تي پهچي آرام ڪيو ويو.
    15 مارچ 2012ع: حسب معمول صبح جو تيار ٿي گهگهر ڦاٽڪ طرف روانگي ٿي. جتي استقبال کانپوءِ ڪارنر گڏجاڻي کي حنيف ساگر ۽ بشير خان خطاب ڪري 23 مارچ جون دعوتون ڏنيون. قومي قافلو ڊم لوٽي نمبر 8 ۾ پهتو. جتي يار محمد بلوچ کي 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. قومي قافلو درساڻو ڇنو پهتو. جتي مشفق سنڌي آجياڻو ڏنو، آجياڻي کانپوءِ الاهي بخش بڪڪ سامعين کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌين پنهنجا شهر ڌارين حوالي ڪري ڇڏيا. اسان جي جسم تي ڪيولي به چڪ نه پاتو، هوٽلن تي ويهي تاش راند کيڏڻ ۾ پورا لڳا پيا هئاسين. هاڻي ته گهٽي گهٽي ۾ ڌاريا ماڻهو ڪُت خلق جيان ڪاهي پيا آهن. جيئن ماڪڙ فصلن تي حملو ڪندي آهي، تيئن ڌاريا سنڌ تي ڪڙڪي پيا آهن ۽ سنڌ کي کائڻ شروع ڪيو اٿن. دوستو! اچو ته سنڌ بچايون. اچو ته سنڌ کي آزاد ڪرايون تنهن کان پوءِ حنيف ساگر خطاب ڪندي غلام سنڌ جا سور ٻڌائيندي کين همت، قوت، جوش ۽ جذبو ڏياريو ته جيئن اهي پنهنجي وطن سنڌ جي وارثي ۽ مالڪي ڪن. اتي اجرڪون به اوڍايون ويون. آخر ۾ بشير خان، ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ تاريخ جي انتهائي ڏکي دؤر مان گذري رهي آهي. تاريخ ۾ اهڙو ڏکيو دؤر سنڌ مٿان ڪڏهن به نه گذريو آهي. اسان پاڻ وسارڻ واري دؤر ۾ پيدا ٿيا آهيون. هاڻي جيڪڏهن اسان سُستي، لاپرواهي، ڪوتاهي ختم ڪري سنڌ جي بقا خاطر، سنڌ جي آزادي خاطر متحرڪ ۽ منظم نه ٿياسين ته هي سرزمين سنڌ ته هوندي پر ان جا مالڪ سنڌي نه هوندا. اسان ووٽ گُهرڻ نه آيا آهيون، اسان فقط اهو چاهيون ٿا ته توهان پنهنجو لاڳاپو سنڌ سان ڳنڍيو، قرباني جو وقت هي آهي، اڄ سجاڳ ٿياسين ته رڳو وقت جي قرباني ڏيڻي پوندي پر جيڪڏهن دير ٿي وئي ته سسيون قربان ڪنداسين تڏهن به ڪجهه نه ورندو. اسان وطن جي آزادي لاءِ جهول جهلي هٿ، هٿ ۾ ڏئي وچ ڪراچي ۾ بيهي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين ته پڪ سان سنڌ جُهومي اُٿندي. مُرڪي اُٿندي، جلسي دوران ڄنگهن کان معذور شخص سائيڪل تي ويهي جلسي گاهه ۾ پهتو ۽ هٿ مٿي کڻي اعلان پيو ڪري ته سنڌ وطن جي آزادي لاءِ مان هر وقت جان ڏيڻ لاءِ به حاضر آهيان. سندس ان جذبي کان سڀ متاثر ٿيا. جلسي کانپوءِ ماجد جوکيو، اعجاز جوکيو، وسند جوکيو جيڪي Leads نالي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ تنظيم هلائي رهيا آهن. جيڪي سڄو ڌيان ڳوٺن ۾ تعليم ڏانهن ڏين ٿا. سندن سينٽر ۾ 60 شاگرد ڪمپيوٽر ڪورسز ۾ زير تعليم آهن. ان سان گڏوگڏ Political awareness پيدا ڪرڻ لاءِ ڳوٺن ۾ ليڪچر ڏياريندا آهن انهن جي چانهه پيئڻ کانپوءِ سندن آفيس جو دورو پڻ ڪيو ويو.
    قومي قافلو اتان روانو ٿي ڳوٺ دُر محمد بلوچ پهتو. جتي عبدالحڪيم بلوچ جي چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. عبدالحڪيم بلوچ ٻڌايو ته سپر هاءِ وي تي لڪي سيمنٽ ڀرسان DHA ڊفينس هائوسنگ اسڪيم فيز 10-9 شروع ڪئي اٿن. جتي 27 هزار ايڪڙ زمين سرڪار پنهنجي قبضي ۾ ڪري، اتي ڌارين کي آباد ڪرڻ لاءِ اسڪيمون شروع ڪيون آهن، جنهن ۾ هڪ هزار ايڪڙ زمين انهن فوجين کي الاٽ ڪئي پئي وڃي جيڪي اتر وزيرستان ۾ مذهبي انتها پسندن سان وڙهندي امر ٿي ويا آهن. سنڌ جي پاڪستان ٺهڻ کان وٺي هيستائين لکين ايڪڙ زمين سنڌ حڪومت کان ڀڳڙن مُٺ عيوض فوجين کي وڪڻي وئي آهي. محمد ميان سومري پنهنجي دؤر ۾ 5 لک ايڪڙ زمين کين ڀڳڙن مُٺ وڪڻي هئي، ڪراچي، حيدرآباد ۾ هزارين ايڪڙ زمين فوجين حوالي آهي. قومي قافلو عبدالحڪيم بلوچ کان موڪلائي دنبا ڳوٺ ۾ پالارين وٽ عذرخواهي ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. قومي قافلو پوءِ سومار ڪُنڊاني پهتو. جتي جلسي کان پهريائين عبدالستار خاصخيلي جي وفات تي سندس پونئرن سان عذر خواهي ڪئي وئي. ڪارنر گڏجاڻي واري هنڌ پهچي قومي قافلي کي ضمير حاجاڻي آجياڻو ڏنو. اتي ڪارنر گڏجاڻي ۾ شهيد مشتاق خاصخيلي جو والد صاحب پڻ بشير خان سان گڏاسٽيج تي ويٺو. آصف بالادي گڏ ٿيل ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته حق جو آواز ڪڏهن به بند يا ختم ٿي نه سگهندو آهي، ٿورو يا گهڻو ان آواز جو پڙلاءُ وڌندو رهندو آ، اڄ سنڌ جي جهر جهنگ، ننڍن وڏن شهرن ۾ سنڌ گُهري ٿي آزاي جو نغارو وڄي چڪو آهي. هاڻي هر سنڌي جي هٿ ۾ جيئي سنڌ جو جهنڊو ۽ زبان تي سنڌ گُهري ٿي آزادي جو نعرو آهي. قومون ڪڏهن ڪڏهن اگهور ننڊ ۾ سمهي پنهنجي ڪيل ڪمائي چٽ ڪري ڇڏينديون آهن ۽ جڏهن اهي ستل قومون سجاڳ ٿينديون آهن، تڏهن صدين جا فاصلا سالن ۾ ۽ سالن جا پنڌ منٽن ۾ طئي ڪنديون آهن. منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي خطاب کانپوءِ بشير خان قريشي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هر ايندڙ ڏينهن، اسان لاءِ نوان سور ۽ مصبيتون کڻي ٿو اچي. روز سنڌ لاءِ نوان مسئلا سامهون ٿا اچن. صبح جو ننڊ مان اٿ ته نئون مسئلو تيار ٿيو بيٺو هوندو آهي. مسئلا پيدا ئي پاڪستان جي ڪري ٿين ٿا ان ڪري ان مسئلستان، پاڪستان مان جان ڇڏائي سنڌ وطن کي آزاد ڪرايون. پنجابين سميت سڀ ڌاريا فقط سنڌ ۽ ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ٿا چاهين. تنهنڪري هاڻي سنڌ جي مالڪي جيڪڏهن اوهين چاهيو ٿا ته سنڌين وٽ هجي ته پوءِ پنهنجي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائڻو پوندو. تنهن تي اتي ويٺل سڀني هٿ مٿي کڻي واعدو ڪيو ته هو سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 مارچ واري پروگرام ۾ ضرور شريڪ ٿيندا. اڄ سڄو ڏينهن غلام حسين جوکيو نالي 80 ساله جهونو شخص مشفق سنڌي سان گڏ اسڪوٽر تي ويهي دوري ۾ هلندو رهيو. ان جوکيي مونکي ٻڌايو ته سندس والد اڃان جيئرو آهي جيڪو 100 سالن جو آهي. قومي قافلو پروگرام ختم ٿيڻ کانپوءِ بشير خان قريشي جي جڳهه تي آرام ڪرڻ لاءِ روانو ٿيو.
    16 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي اخبارن جو مطالعو ڪري جسقم ضلع اولهه ڪراچي جي پاسي نڪري پياسين. سپر هاءِ وي، نيو سبزي منڊي جي ڀرسان چاڪر خان هوٽل وٽ ۽ عبدالله شاهه غازي ڳوٺ پاسي کان ايندڙ رستي تي سپر هاءِ وي تي ٺهيل پُل هيٺان. سوين ڪارڪن هٿن ۾ جهنڊا کڻي، اسڪوٽرن ۽ ڪارن تي تيار لڳا بيٺا هئا. بشير خان سان ملڻ کانپوءِ قومي قافلي خادم سولنگي ڳوٺ طرف رخ رکيو. جتي خادم سولنگي جيڪو ڳوٺ جو چڱو مڙس به آهي سان ملي کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي.
    قومي قافلو فقير ڳوٺ پهتو. اتي بشير خان، مومن خان ڊومڪي سان ملي کيس دعوت ڏني ته هو راڄ ڀاڳ سميت 23 تاريخ تي شريڪ ٿئي. جنهن ڀرپور مدد جو يقين ڏياريو. سنڌتحفظ ويلفيئر ايسوسيئيشن وارن سان ملياسين. جتي ڊاڪٽر عبدالحليم ميمڻ، جمال مگسي، بشير احمد، سان ملي کين 23 مارچ تي سنڌ گُهري ٿي آزادي جي ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي. قومي قافلو جمالي ڳوٺ طرف روانو ٿيو. جتي لقمان مزاري، شوڪت جاگيراڻي جيڪي ڳوٺ جا چڱا مڙس هئا تن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي اتي ڳوٺ وارا سڀ گڏ ٿيل هئا. تن سڀني يقين ڏياريو ته هو 23 مارچ واري جلسي ۾ ڀرپور استقبال ڪري بشير خان کي عرض ڪيو ته هتي پروگرام شيڊول مطابق نه آهي پر ان هوندي به ٻه پير ڀري هلو. جيڏانهن بشير خان ساٿين سميت هليو ۽ اتي ويٺل سڀني سنڌين کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. اتي ويٺل سڀني سنڌين دعوت کي قبول ڪيو.
    قومي قافلو اڳتي روانو ٿيو. مين روڊ تي استقبال کانپوءِ نور خان ڳوٺ طرف هلياسين جتي گڏ ٿيل ماڻهن جي ميڙ کي الاهي بخش بڪڪ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي حفاظت اسان توهان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. حنيف ساگر خطاب ڪندي ماڻهن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ سان تمام گهڻا ظلم ٿيا آهن، ان ڪري جيڪڏهن ظلمن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي ته پوءِ پاڪستان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سنڌ جي آزادي لاءِ ميدان ۾ لهي پئو. اصغر بروهي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض انجام ڏيندي بشير خان کي تقرير لاءِ سڏ ڪيو. جنهن اتي ويٺلن کي ٻڌايو ته پاڪستان نالو آهي، هڪ معاهدي جو. جنهن تحت ان ۾ شامل ٿيڻ ۾ برابر جا شريڪ آهن، پر پنجابي پنهنجي حڪمت عملي ذريعي سڄي پاڪستان تي قابض ٿي سنڌ جي وسيلن جا مالڪ لڳا ويٺا آهن. ان ڪري هاڻي ان پاڪستان کان ئي جان ڇڏايون ته جيئن پنهنجي سنڌ وطن جا پاڻ مالڪ ٿيون ۽ 23 مارچ تي لکين سنڌي گڏ ٿي هڪ ئي نعرو سنڌ گُهري ٿي آزادي هڻي وطن سنڌ کي آزاد ڪرائي وجهون. ماڻهن هٿ مٿي 23 تاريخ پهچڻ جو واعدو ڪيو، قومي قافلي بوزدار برادري وٽ چانهه پيئڻ کانپوءِ کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. لاسي ڳوٺ ۾ عذر خواهي ۽ ماني کائي عبدالستار بگٽي، نواز بگٽي کي 23 مارچ جي دعوت ڏني. سيف الله جتوئي وٽ عذر خواهي ڪرڻ کانپوءِ کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني. پوءِ تنيا، جتوئي ۽ هندو برادري وٽ وڃي کين 23 مارچ جي بشير خان دعوت ڏني. ايوب ڳوٺ ۾ راڄپر برادري وٽ وڃي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي. انهن سڀني برادرين وڏي پئماني تي 23 تاريخ پهچڻ جو يقين ڏياريو. ايوب ڳوٺ ۾ ئي حامد برفت جي وفات تي سندس پوين سان تعزيت ڪئي وئي، جتي غلام قادر برفت يقين ڏياريو ته سڄي ڳوٺ سميت 23 تاريخ اينداسين. خميسو بروهي ڳوٺ ۾ وک وک تي ماڻهن استقبال ڪري وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان اظهار ڪندي اطمينان ڏياريو ته هو هر صورت ۾ 23 تاريخ تبت سينٽر وٽ ايندا. اڄوڪي سڄي ڏينهن جو دؤرو اهو ڏيک پيو ڏئي ته قومي قافلي سان گڏ سوين موٽرسائڪلون، گاڏيون گڏجي هلن پيون ته ڄڻ قومي قافلو کُٽندي نظر ئي نه پيو اچي، جنهن سنڌي آبادي ۾ وڃڻ ٿئي پيو ته هر هڪ سنڌي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري جوش ۽ جذبي سان اهو اظهار پئي ڪيو ته هو 23 مارچ تي هر صورت ۾ گهڻي تعداد ۾ جسقم جي رٿيل جلسي ۾ تبت سينٽر وٽ ضرور ايندا. اڄوڪي دوري جي پڄاڻي ڪري وري بشير خان جي رهائش گاهه پهچي آرام ڪري وري سڀاڻي نئين سر قومي قافلي کي نڪرڻو هو.
    17 مارچ 2012ع: اڄ ڪراچي کي ڇڏي وري حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين. خصوصي طور تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه جي حوالي سان، سنڌ ٽي وي کي بشير خان انٽرويو ڏنو. تنهن کانپوءِ ڪاوش آفيس جو دورو ڪري اتي نياز پنهور سان ڪچهري ڪئي وئي ۽ بچيل سوالن جا بشير خان جواب ڏنا. اتي هڪ صحافي بشير خان کان پڇيو ته اوهان صفدر سرڪي جي 18 مارچ واري ڌرڻي بابت ڇا ٿا چئو. جنهن تي بشير خان کيس تفصيلي ٻڌائيندي چيو ته اخبارون ان ڳالهه جون گواهه آهن ته اسان گذريل ڊسمبر ۾ ئي 23 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو هو. تنهن کان پوءِ محترم ڊاڪٽر صفدر سرڪي 18 مارچ جي تاريخ جو اعلان ڪيو. اسان وري به آصف بالادي ۽ بشير خاصخيلي، محمد خان شيخ، اديب ۽ صحافي جهڙوڪ اعجاز منگي، ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ، همسفر گاڏهي، حميد سبزوئي وارن کي ڊاڪٽر صفدر ڏانهن موڪليو ثبوت کڻي ته اسان تاريخ جو اعلان اڳ ۾ ڪيو آهي. ان هوندي به ڊاڪٽر صفدر پنهنجي ڳالهه تي اڙيل رهيو. هاڻي سندس مرضي، باقي اسان هر صورت ۾ 23 مارچ جيڪو ان حوالي سان تاريخي ڏينهن آهي ته پنهنجي وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪنداسين. غازي ڳوٺ ۾ گڏ ٿيل ميڙ کي بشير خان خطاب ڪندي چيو ته ڌاريا جتي ويهي ٿا رهن ته اهي هنڌ کين الاٽ ڪري پڪا ٺاهي ڏنا ٿا وڃن پر سنڌي جڏهن پنهنجي ڌرتي تي ويهي ٿو ته بهانا ڪري کين زوري ٽپڙ اڇلايا ٿا وڃن ان بي انصافي خلاف به اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. چپل گارڊن ٻاهران گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خاصخيلي، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) ۽ بشير خان تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جا مالڪ توهان سنڌي آهيو، جيڪڏهن توهان پنهنجي مالڪي تان هٿ کڻي لاپرواه ۽ لاتعلق ٿي ويهي رهندا ته سنڌ مستقل غلامي هيٺ رهندي ۽ سنڌي ان صورت ۾ پنهنجو قومي وجود وڃائي ويهندا. ان ڪري اچو ته سنڌجي آزادي جي گُهر ڪري سڀني مسئلن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪريون. مخدوم بلاول سوسائٽي ۾ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جتي محبوب عباسي آجياڻو ڏنو. آڪاش ملاح، (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. جتي سڀني شريڪ ماڻهن هٿ مٿي کڻي شرڪت جو اعلان ڪيو. قومي قافلو شر ڳوٺ لياقت نگر ۾ پهتو، جتي بشير خان کين پڻ 23 تاريخ تي تبت سينٽر پهچڻ جي دعوت ڏني. سچل ڳوٺ ۾ تقريرون ڪري حنيف ساگر ۽ بشير خان ماڻهن کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني. خاصخيلي اتحاد طرفان چانهه پارٽي ڏني وئي جتي پڻ بشير خان کين 23 مارچ تي شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني. عوامي آواز جي حيدرآباد جي بيورو انچارج اقبال ملاح سان سندس آفيس ۾ ڪچهري ڪئي وئي. عبرت آفيس جو دورو ڪري اتي صحافين سان ڪچهري ڪري کين به دعوت ڏني وئي ته هو 23 مارچ تي ڪراچي ۾ شريڪ ٿين. مهراڻ ٽي وي چئنل تي وڃي ساڻن ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. سوڀ اخبار جي دفتر وڃي سندس بيورو چيف ۽ صحافين سان ڪچهري ڪئي وئي.
    18 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي ميرپور خاص طرف قومي قافلي رخ رکيو. جتي هندو مذهب سان لاڳاپيل دوستن طرفان مذهب جي بنياد تي ٿيندڙ ظلمن خلاف ميرپور خاص کان حيدرآباد تائين مارچ جوا اعلان ٿيل هو. تنهن ۾ شرڪت لاءِ اوڏانهن وڃڻ ٿيو. واٽ تي ٽنڊو ڄام، ميرڪالوني ۽ زرعي يونيورسٽي وٽ دوستن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ استقبال ڪيو ۽ گڏجي ميرپورخاص هليا. ميرپورخاص پريس ڪلب وٽ اهي هندو دوست ۽ ادڙيون تمام گهڻي تعداد ۾ بيٺل هيون. اتي انهن سان گڏ اُس ۾ روڊ تي ڌرڻو هڻڻ کانپوءِ ذيشان لغاري، حنيف ساگر، مون (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقرير کان پوءِ بشيرخان تقرير ڪندي کين پنهنجي پارٽي جو موقف ٻڌايو ته اسين سنڌ جي هندن کي اقليت نه ٿا سمجهون پر اسين انهن کي سنڌ جو اڻٽٽ حصو ۽ جسم جو عضوو سمجهون ٿا. ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ اهڙي قسم جون حرڪتون ٿي رهيون آهن جن جي پٺيان پنجاب جا ڳُجها ادارا ملوث رهيا آهن، جنهنڪري هندو پنهنجي وطن سنڌ کي لاچار ٿي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. اسان سڀني کي گُهرجي ته اهڙين سازشن جو ڄمي ۽ گڏ ٿي مقابلو ڪريون ۽ هندن کي به عرض ٿا ڪريون ته تڪليفن جي باوجود به هو سنڌ امڙ کي ڇڏڻ جو نه سوچين. تقريرن کانپوءِ ڪجهه وقت پيادل پنڌ انهن ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي ڪيو ويو. آخر ۾ بشير خان پيادل قافلي ۾ شريڪ ڀينرن کي اجرڪون پارايون. پيادل قافلي کي الوداع چئي قومي قافلو حيدرآباد طرف روانو ٿيو. ڄامشورو ۾ ڦاٽڪ تي بيٺل سوين ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن استقبال ڪري جلسي گاهه ڏي وٺي هليا. جتي قربان سومري آجياڻو ڏنو. بشير خان خطاب ڪري پنڊال ۾ ويٺل ماڻهن کي 23 مارچ جي مظاهري ۾ شريڪ ٿيڻ جو سڏ ڏنو. ان پنڊال ۾ اسان جو جهونو ساٿي ڊاڪٽر مولا بخش ٿيٻو ۽ ساجن پنهور وارا پڻ ويٺل هئا. قومي قافلو حيدرآباد باءِ پاس طرف وڌيو. جتي سوين اسڪوٽر ۽ گاڏين تي بيٺل تمام وڏي هجوم استقبال ڪيو ۽ وڏي ريلي جي صورت ۾ ڪوٽڙي طرف قومي قافلو وڌيو. قومي قافلو ڪوٽڙي جو چڪر لڳائيندي وچ شهر ۾ هر هنڌ گلن جي ورکا ٿيندي رهي. بشير خان کي اجرڪون اوڍايون پئي ويون، واٽ تي سنڌيونائيٽيڊ پارٽي جا 3 ڪارڪن پنهنجي پارٽي جا جهنڊا کڻي استقبال لاءِ بيٺا هيا جن گلن جا هار پارايا، بشير خان کي جلسي گاهه ۾ پهچندي قومي قافلي کي ڏيڍ ڪلاڪ استقبال ۾ لڳي ويو. جلسي ۾ هزارين ماڻهو شريڪ هئا. جتي آجياڻو عالم ٻگهي ڏنو. حنيف ساگر بڙدي، آڪاش ملاح، ۽ منهنجي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) جي تقريرن کانپوءِ بشير خان هزارن جي مجموعي کي خطاب ڪندي کين 23 مارچ تي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ جو سبب ٻڌايو ۽ اتي اچڻ جي اپيل ڪئي. تمام وڏي جلسي کانپوءِ سنڌيونيورسٽي جي استادن سان ملڻ لاءِ قومي قافلو سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرس هال پهتو. جتي پروفيسر جن ۾ عرفانه ملاح، امر سنڌو، اظهر شاهه ۽ ٻيا پڻ ڪيترائي هئا جن سان گڏ غلام رسول چانڊيو پڻ انتظار ۾ ويٺل هيو. اتي پروفيسرن سنڌيونيورسٽي سان لاڳاپيل مسئلن ۽ ان تي هلندڙ جدوجهد بابت آگاهي ڏني. قومي قافلو سنڌيونيورسٽي جي شاگردن سان هاسٽل تي ڪچهري لاءِ روانو ٿيو. جتي هوشو هاسٽل جي هال ۾ شاگرد گڏ ٿيل هئا. ذوالفقار ملاح حبيب ڀٽو، صفدر تنيو، حنيف ساگر، ڪيهر انصاري جي خطاب کانپوءِ بشير خان شاگردن کي مخاطب ٿيو. رات دير سان ڪڙيو گهنور وڃي نظاماڻين جي وڏي جي وفات تي بشير خان تڏي تي پهچي ساڻس دلي همدردي جو اظهار ڪري گلشن حديد طرف روانا ٿيا.
    19 مارچ 2012ع: ٻنپهرن جو تيار ٿي لياري ۾ قتل ٿيل رشيد ڪڇي جي جنازي نماز ۾ قومي قافلو پنهنجي اڳواڻ بشير خان جي قيادت ۾ پهتو. جتي ميوا شاهه قبرستان ۾ پهچي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي وئي. قومي قافلي کي آگرا تاج کان اسڪوٽرن جي قافلي ۾ قومي ڪارڪن گڏ وٺي هليا. رشيد ڪڇي، ڪڇي برادري جو سربراهه هيو. انهن چواڻي ته پيپلز امن ڪميٽي جي همراهن رشيد ڪڇي کي شهيد ڪيو هو. گهڻي وقت کان پيپلز امن ڪاميٽي لياري ۾ عام سنڌي ماڻهن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي. بشير خان مواڇ ڳوٺ ۾ مختلف برادرين وٽ وڃي انهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني، قومي قافلو مشرف ڪالوني پهتو جتي برسات کان متاثر ٿيلن جا ڪيمپ لڳل هئا، انهن وٽ وڃي کين 23 مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي. ماڙيپور ۾ سوين گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت محترم بشير خان کين ڏني. اجرڪون اوڍائڻ کانپوءِ اتي ويٺل جسڪاڻي اعلان ڪيو ته 10 گاڏيون ڏيون ٿا جيڪي ماڻهن سان ڀريل هونديون. نئين آباد ۾ سنگهار جماعت خاني ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. اتي بشير خان کين خطاب ڪري دعوت ڏني. جکوئي پاڙي ۾ وڃي ماڻهن کي دعوت ڏني وئي. لياري ۾ گُهمندي رشيد ڪڇي جي قتل ڪري سڄو شهر بند ۽ گهٽيون ويران نظر آيون. ڪڇي جماعت خاني ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي پڻ دعوتون ڏنيون ويون. سڀني برادرين 23 مارچ تي تبت سينٽر وٽ ريلي ۾ شرڪت جو واعدو ڪيو. رات جو مخدوم بلاول سوسائٽي ۾ مختلف اديبن سان ڪچهري ڪئي وئي.
    20 مارچ 2012ع: صبح جو تيار ٿي بلاول ڳوٺ طرف قومي قافلو روانو ٿيو. جتي ککراڻي برادري، شاهنواز ۽ ٻين برادرين کي دعوتون ڏيڻ کانپوءِ شهيد مرتضيٰ چوڪ ٿي سوين گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏيندي اهو ٻڌايو ته آخر اسان 23 مارچ جي ئي ڏينهن جي ڇو چونڊ ڪئي آهي. کين تفصيل سان بشير خان سمجهايو. قومي قافلو پوءِ چڪرا ڳوٺ روانو ٿيو. هي اهو ڳوٺ آهي جتي ڪجهه سال اڳ قومي ڪارڪن دلبر ميراڻي کي شهيد ڪيو ويو هو ۽ ڪجهه وقت اڳ دهشتگردن سڄي ڳوٺ تي حملو ڪري ڪيترن ئي سنڌين کي ڦٽي وڌو هو. انهن جون هلايل گوليون اڄ به ان ڳوٺ جي گهرن تي ائين داغ ڏنيون بيٺيون آهن جيئن سنڌ جي شهرن ۾ ڌاريا ماڻهو. اتي ٻن ٽن برادرين وٽ وڃي دعوت ڏيڻ کان پوءِ وچ چوڪ تي بيهي قومي قافلي جي سرواڻ محترم بشير خان قريشي کين چيو ته حملا ۽ دهشتگرديون اوستائين ٿينديون رهنديون جيستائين اسان منظم ۽ گڏ نٿا ٿيون. ان ڪري اچو ته 23 تاريخ تي گڏ ٿي سنڌ دشمنن ۽ ڌارين کي ٻڌايون ته سنڌي هاڻي پنهنجي شهرن ۽ وطن جي سار لهڻ لاءِ جاڳي پيا آهن. قومي قافلو چنيسر ڳوٺ طرف وڌيو، جيڪو ڪالا پُل ۽ نيشنل اسپتال ڀرسان آهي.
    بشير خان اتي گينگسٽرن طرفان قتل ٿيل ماڻهن جي وارثن سان عذرخواهيون ڪيون. سڄي چنيسر ڳوٺ ۾ سوين نوجوان، ننڍا، وڏا ڏونڪن ۽ دهلن تي نچندا، ڪڏندا جيئي سنڌ جيئي سنڌ، وارا جيئن احمد مغل گانو ڳايو آهي جيڪو سرمد مغل جو ڀاءُ آهي ان گاني تي نچندا سڄي ڳوٺ ۾ پيادل هلندي ماڻهن کي دعوتون ڏيندي هينڊبل، اسٽيڪر ڏيندا عيد جي سمان جيان ماحول ٺاهي درگاهه محمد شاهه بخاري وٽ پهتاسين. جتي اڳ ۾ ئي بقول سرفراز ميمڻ جي سڄي ڳوٺ جون مايون اتي هيون. انهن جي وڃڻ کانپوءِ قومي قافلي جو سرواڻ بشير خان درگاهه ۾ داخل ٿيو. اتي سنڌ جي آزادي لاءِ دعا گُهرڻ کانپوءِ ٻاهر نڪري قومي قافلو ماڊل ڪالوني روانو ٿيو. ماڊل ڪالوني ٻاهران بيٺل سوين ماڻهن قومي قافلي جو استقبال ڪري کين جلسي گاهه تائين پهچايو، جتي بشير خان تقرير ڪري کين 23 مارچ جي دعوت ڏني. کوکرا پار واري علائقي ۾ جيڪو شهيد حڪيم نوتيار جو علائقو آهي، اتي وڃي سومرا جماعت خانو ۾ قومي قافلي جي سرواڻ 23 مارچ جي دعوت ڏني. دعوت ڏيندي بشير خان کين آمادهه ڪيو ته سنڌ جي مسئلن جو حل عوامي طاقت ۽ سنڌين جي قومي سجاڳي ۾ ئي آهي. ان ڪري 23 تاريخ تبت سينٽر ضرور اچو ته جيئن نه فقط سنڌ بچايون پر آزادي به حاصل ڪرڻ طرف وڌون. راهمان جماعت خاني ۾ پڻ گڏ ٿيل ماڻهن کي بشير خان سنڌ جي صورتحال کان واقف ڪري کين آمادهه ڪيو ته هو به 23 تاريخ تي اچي گڏ ٿين ته جيئن گڏ ٿيل ماڻهو سمنڊ جو ڏيک ڏين. آدم هنڱورو جي سنڌي اسڪول ۾ پڻ ڪارنر گڏجاڻي ٿي جتي بشير خان تقرير ڪري ماڻهن جي حمايت ورتي، واگها برادري جي جماعت خاني ۾ وڃي پڻ اتي گڏ ٿيل ماڻهن کي 23 مارچ جي دعوت ڏني.
    قومي قافلو بچل ڳوٺ طرف روانو ٿيو جتي گڏ ٿيل ماڻهو جلسي جي صورت اختيار ڪري ويا. رمضان بروهي، ڪيهر انصاري، بشير خان تقريرون ڪري ماڻهن کي ٻڌايو ته اڄ سنڌ ۽ سنڌي قوم مڪمل طور ڌارين جي گهيري ۾ آهن. سنڌي ماڻهن سان آباد ڪراچي ۾ آباديون اڄ به کنڊر بڻيل آهن، پر اوهان ڏسندؤ ته ٻين آبادين سان لاڳاپيل ماڻهن وٽ زندگي جون سڀ سهولتون موجود آهن، سندن پاڙا ۽ محلا جديد سهولتن سان آراسته آهن. اهو فقط ان ڪري آهي جو سنڌ غلام آهي، پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ تي پنجاب جي حاڪميت آهي، ان ڪري اچو ته گڏ ٿي سنڌ جي آزادي جي گُهر ڪريون. جلسي ۾ شريڪ سڀني ماڻهن هٿ مٿي کڻي اعلان ڪيو ته هو 23 تاريخ تبت سينٽر ضرور ايندا. چنيسر ڳوٺ جي دوري کانپوءِ مونکي (ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي) حنيف ساگر ۽سرفراز ميمڻ کي بشير خان حڪم ڪيو ته هو KTN وڃن پئي انهن طرفان پروگرام ۾شريڪ ٿي پنهنجي پارٽي جو موقف رکن. جي طرف آصف بالادي ۽ الاهي بخش بڪڪ، جيو چينل، جنگ اخبار ARY TV، آواز چينل، عوام اخبار Online نيوز ايجنسي سان ڳالهه ٻولهه ڪري نه فقط پارٽي موقف کان آگاهه ڪيو پر کين 23 مارچ تي شريڪ ٿيڻ جي پڻ دعوت ڏني.
    21 مارچ 2012ع: اڄ ضلعي اوڀر طرف قومي قافلو روانو ٿيو جتان جو تنظيمي صدر بشير خاصخيلي آهي. ڀٽائي آباد ۾ خادم مگسي، ڪرم مگسي، ڌڻي بخش مگسي وارن کي بشير خان قريشي 23 مارچ جي دعوت ڏني. سهتا ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران آجياڻو ڏنو ويو. جن جي اڳواڻ جو واسطو SUP سان هو، اتي بشير خان مختصر خطاب ڪندي کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني، ڀٽائي آباد ۾ ئي محمد ابراهيم سومرو، عالم سومرو، رشيد سومرو جي سربراهي ۾ سومرا برادري کي 23 تاريخ جي دعوت ڏني وئي. ڀٽائي آباد ۾ شابراڻي برادري سچوا پاران آجيان ڏني وئي، جتي بشير خان کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني. قومي قافلي پوءِ جلباڻي برادري وارن وٽ وڃي کين 23 تاريخ جي دعوت ڏني، انهي برادري جي اڳواڻي طارق جلباڻي جو ڀاءُ ڪري رهيو هو. قومي قافلو گبول ڳوٺ طرف روانو ٿيو جتي وڏيري الله يار گبول جي فرزند لکمير گبول قيصراڻي سان ڪچهري ڪري کيس 23 مارچ جي دعوت ڏني وئي، جنهن دل سان يقين ڏياريو ته هو 23 تاريخ ساٿين سميت هر حال ۾ تبت سينٽر پهچندا. اتي صحافين سان پڻ ڪچهري ٿي جتي صحافين پاران پڇيل هڪ سوال جي جواب ۾ بشير خان قريشي کين وراڻي ڏني ته اسين چئون ٿا ته 23 تاريخ تبت سينٽر ۾ سنڌ گڏ ٿيندي باقي تعداد توهان ٻڌائجو. قومي قافلو شهيد ٿيل علي رضا گبول قاسماڻي جي تعزيت سندس والد سان ڪئي. اتي گڏ ٿيل سڄي برادري کي بشير خان 23 تاريخ تي سنڌ گُهري ٿي آزادي واري اجتماع جي دعوت ڏني: انهن کي بشير خان وڌيڪ ٻڌايو ته اوهان جنهن به ظلم جو پيرو ۽ نشان کڻندؤ ته اِهي پيرا ۽ نشان پاڪستان طرف ئي ويندا. ان ڪري هاڻي چٽي ۽ واضح نموني سان ان پاڪستان کان جان ڇڏائڻي پوندي، تنهنڪري اچو ته وطن سنڌ جي آزادي جي گُهر گڏ ٿي ڪريون. اتي هڪ جهوني ماڻهو بهرام گبول اٿي جذباتي انداز ۾ تقرير ڪندي چيو ته ساهه ڏينداسين. سسي ڪيرائينداسين پر سنڌ جي آزادي لاءِ هر صورت ۾ بشير خان تو سان گڏ هونداسين. قومي قافلو الياس گبول وٽ وڃي کيس به 23 تاريخ تي تبت سينٽر پهچڻ جي دعوت ڏني. الياس گبول سابق يو.سي ناظم پڻ آهي جنهن تمام گهڻي سٺي موٽ ڏني.
    قومي قافلو اڳتي وڌندو مين روڊ تي لڳايل ڪئمپ وٽ پهتو جتي ابوبڪر خاصخيلي ۽ عبدالغني آجيان ڪئي، تن کي پڻ 23 تاريخ جي دعوت ڏني وئي. ڪالم نگار اعجاز منگي سان سندس سس جي وفات تي بشير خان عذرخواهي ڪئي. سيتا ڳوٺ جي مين روڊ تي بشير خان خطاب ڪيو. سيتا ڳوٺ ۾ سومرا برادري آجياڻو ڏنو. بشير خان غلامي کان نفرت ڪرڻ جو ٻڌائي ماڻهن کي آزادي جي گُهر ڪرڻ لاءِ 23 تاريخ تي تبت سينٽر وٽ گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني. سيتا ڳوٺ ۾ ئي سولنگي برادري قومي قافلي کي آجياڻو ڏنو، جتي بشير خان خطاب ڪندي کين 23 مارچ جي دعوت ڏني، قومي قافلي پوءِ پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن جن جو واسطو تعليم ۽ صحت سان هيو تن سان ڪچهري ڪري کين دعوت ڏني ته هو به 23 تاريخ تي نوڪري هئڻ باوجود به پنهنجو قومي فرض نڀائيندي شريڪ ٿين جن پڻ خاطري ڪرائي ته هو ضرور ايندا. ائين اڄوڪو دورو پورو ڪري گُلشن حديد طرف روانا ٿياسين.
    22 مارچ 2012ع: اڄ مختلف ڪاميٽيون ٺاهي جلسي جي سڄي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. جن ۾ لائوڊ اسپيڪر کان وٺي سيڪيورٽي مسئلن لاءِ حبيب ڀٽي جي نگراني ۾ ڪاميٽي ٺاهي وئي. جن شام کان ئي تبت سينٽر وڃي ڪم شروع ڪيو اتي جلسي کي ڦٽائڻ لاءِ رات جو تبت سينٽر تي ٺهيل ڏاڪڻ ڀر سان هڪ ماڻهو کي ماري سندس لاش اڇلي ويا.
    23 مارچ 2012ع: صبح جو ساجهر ئي ننڊ پيا هئاسين ته دروازو زور زور سان وڄڻ لڳو. اٿيم ته سردار احمد يار شر ڪجهه نوجوانن سان بيٺو هو. سردار صاحب چيو ته مان تمام گهڻو بيمار آهيان پر پنهنجي اولاد آندي اٿم جيڪا اوهان سان گڏ هلندي. ڏينهن جو بشير خان قريشي جي گهر گلشن حديد وٽان قافلو تبت سينٽر روانو ٿيو سڄو شاهراهه فيصل وڻندڙ نظاري جو ڏيک ڏئي رهيو هو. قافلو ڪنگري هائوس کان ٿيندي آغا خان اسپتال ڪراس ڪري جناح جي مزار وٽان پنڌ تبت سينٽر هلڻ لڳو جنهن جي اڳواڻي بشير خان قريشي ڪري رهيو هو. ائين ڀٽائي، هي بيت انهن محبوبن ۽ ان جي اڳواڻ بشير خان لاءِ ڄڻ ٺاهي ڇڏيو هو ته:
    ناز منجهان نڪري جڏهن، پرين ڪري ٿو پنڌ،
    ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رند،
    سائين جو سوڳنڌ، ساجن سڀنؤ سهڻو.


    بشير خان قريشيءَ جو تاريخي ۽ آخري خطاب

    (23 مارچ 2012ع تي ڪراچي ۾ آزادي مارچ ۾ لکين سنڌ واسين کي بشير خان قريشيءَ جو تاريخي ۽ آخري خطاب.)

    ڀائرو، ڀينرو ۽ سنڌ جا وارثو!
    جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪهي آيل سنڌ جا وارثو، آئون توهان کي سنڌ جي تاريخي تخت گاهه ۽ سنڌ جي دل ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ تي ڀليڪار چوان ٿو.
    عمريست ڪه آواز منصور ڪهن شد
    من از سرنو جلوه دهم دارو رسن را
    (عرصو ٿيو آهي ته منصور جو آواز پراڻو ٿي ويو آهي، هڪ ڀيرو وري نئين سر دارو رسن کي سينگارڻ گهران ٿو.)
    فرزندان سنڌ!
    جيئي سنڌو ديش، جيئي سائين جي ايم سيد. تاريخ جي ڪنهن به آڳاٽي درو ۾ پاڪستان نالي ڪو به ملڪ رهيو ئي ناهي. جڏهن ته سنڌو ديش هن دنيا ۾ ڌرتي جي گولي جو اهو ملڪ آهي، جنهن کي قدرت هزارن ورهين کان زرخيز لائق آباد زمين ۽ سنڌو درياءَ جي اڪيچار پاڻي ۽ سمنڊ جي ڪناري سان پئي نوازيو آهي، جنهن ڪري هتي جي رهاڪن گهڻي وقت کان شهريت ۽ تهذيب جا درجا طئه ڪرڻ شروع ڪيا هئا. آثار قديمه جي کوٽائيءَ جي تاريخ مان پتو پوي ٿو ته پنجن هزارن ورهين کان سنڌو ديش ملڪ قديم تهذيب جهڙوڪ: مصر، سمير، اسيريا ۽ بابل وغيره ملڪن جي تهذيبن جي وقت کان وٺي تهذيب ۽ تمدن جون منزلون طئه ڪيون آهن، ۽ گهڻي حد تائين ان وقت پنهنجي انهن هم عمر تهذيبن کان وڌيڪ سڌريل تهذيب ۽ تمدن رکندڙ هڪ ملڪ هو.
    سنڌ واسيو!
    شروع کان سنڌو ديش جي رهاڪن هڪ طرف امن ۾ رهي زرعي آبادي ۽ واپار جي ذريعي ترقي جي راهه ۾ قدم پئي وڌايا ته ٻئي طرف سندن معاشري جي مسلسل ترقيءَ جي واڌ ۾ ڪيتريون رڪاوٽون پئي پيش آيون آهن. وقت بوقت ڌرتيءَ جو ڌٻڻ، سنڌو درياهه جي رُخ بدلائڻ، درياهه جي ٻوڏن ۽ چوماسي هوائن جي تبديليءَ جي ڪري هڪ طرف کين نقصان پئي پهچايو آهي، ته وري ٻئي طرف طاقتور ۽ جنگجو ڌارين سامراجي قوتن جي حملن ۾ سندن سياسي پست حالي، اقتصادي استحصال ۽ مٿن ذهني تسلط ذريعي انهن جي فطري ۽ آزادنه ارتقا جي راهه ۾ رڪاوٽ پئي وڌي وئي آهي.
    سنڌ واسيو!
    جي چتائي نظر ڪجي ته، سنڌو ديش ملڪ گهڻي وقت کان ڌارين سامراجي قوتن، ڦورن، لٽيرن ۽ هتان جي رهاڪن جي وچ ۾ ميدان جنگ رهيو آهي. ايراني شهنشاهيت سنڌ تي قبضو ڪري ڪابه ڪسر نه ڇڏي، پر جڏهن يونانين ايرانين کي شڪست ڏني تڏهن هنن (يونانين) سنڌو ديش جي خوشحالي جي هاڪ ٻُڌي، سنڌ کي به پنهجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. ڪجهه وقت کان پوءِ سنڌو ديش جي مقامي ماڻهن يونانين مان جان ڇڏائي پنهنجي ملڪ کي آزادي ڏياري پاڻ ڀرو ٿيڻ کي ويجهو ٿيا ته وري ايران جي ساساني شهنشاهن اچي قبضو ڪيو، ان کان آزاد ٿيڻ بعد سنڌو ديش جا رهواسي عرب سامراج جي غلاميءَ جو شڪار ٿيا، ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ وري سنڌو ديش جي رهاڪن آزادي حاصل ڪري ترقيءَ طرف وکون وڌائڻ شروع ڪيون، ته وري ارغونن ۽ ترخانن جي وحشيانا ۽ غاصبانا قبضي ۾ سنڌو ديش آزادي وڃائي غلاميءَ هيٺ اچي ويو، نيٺ دهليءَ جي مغل شهنشاهن سنڌو ديش تي قبضو ڪري پنهنجي سلطنت سان ملائي ڇڏيو. دهلي ۾ مغل حڪمرانن جي ڪمزور ٿيڻ ڪري سنڌي ماڻهن وري سنڌو ديش آزاد ڪرائي پنهنجي قومي حڪومت قائم ڪئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي دور ۾ سنڌين اڃان پوري طرح آزاد ۽ خودمختيار حڪومت بنائڻ جي شروعات ئي مس ڪئي هئي ته انگريزن سنڌ کي فتح ڪري پنهنجي انتظامي سهولتن لاءِ بمبئي پرڳڻي جو حصو بنائي ڇڏيو. 1936ع ۾ سنڌ جي قومي اڳواڻن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ٻين اڳواڻن بمبئي پرڳڻي خلاف تحريڪون هلائي سنڌ کي بمبئي کان جدا ڪرايو. ياد رهي ته! سنڌ جي زرخيزي ۽ خوشحالي جي ڪري ڌارين سامراجي قوتن کي سدائين حرص پئي رهيو آهي ته ان تي تسلط قائم ڪري ان جو استحصال ڪن.
    پيارا ڀائرو ۽ ڀينرو!
    سنڌ جي گذريل پنجن هزارن سالن جي تاريخ تي نظر پوندي ته معلوم ٿيندو ته ڌارين طاقتن جي تسلط ۽ قبضي جي ڪري هنن جي تهذيبي ۽ تمدني ترقيءَ جي راهه ۾ نه فقط رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون پئي پيدا ٿيون آهن پر اقتصادي طور پڻ بک ۽ بدحاليءَ واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿيندا رهيا آهن، پر وري جڏهن سجاڳ ٿي آزدي حاصل ڪئي اٿن، ته نه فقط تهذيبيءَ ۽ تمدني ترقي طرف وِکون وڌائڻ شروع ڪندا رهيا آهن، پر اقتصادي طور خوشحالي طرف موٽي پُر وقار ۽ پُر امن زندگي گذاريندا رهيا آهن.
    ڀائرو ۽ ڀينرو!
    قوي امڪان هو ته برطانيا، هندستان کي آزادي ڏيڻ وقت سنڌو ديش کي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ بحال ڪري ها. ڇاڪاڻ ته انگريزن سنڌو ديش کي هڪ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ فتح ڪيو هو. ان جي ابتڙ ٿيو ائين ته انگريزن پنهنجي وفادار پنجاب کي هن خطي جو چوڌري بنائي، پاڪستان جي نالي ۾ ملڪ ٺاهي، مالڪ بنائي، سنڌ کي ان جو حصو بنائي ڇڏيو. ان جي ثبوت طور آءٌ فقط هڪ حوالو، سائين جي ايم سيد جي ڪتاب ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ مان ڏيڻ چاهيان ٿو ته، سَرفيروز خان نُون پاڪستان جي وزيراعظم پنهنجي آتم ڪٿا ”چشم ديد“ نالي ڪتاب ۾ لکيوآهي ته، ڇا جي مسلم ليگ؟ ڇا جي ڪانگريس؟ پاڪستان پنجابين کي پهرين مهاڀاري ۽ ٻين مهاڀاري لڙائي ۾ انگريزن جي خدمت عيوض تحفي طور مليو آهي.
    سنڌ ڌرتي جا وارثو!
    سائين جي ايم سيد جي دور انديش اک ٺهندڙ ان امڪاني پاڪستان کي ڏسي ورتو هو، تنهنڪري هن نهايت دانشمندي سان انگريزن طرفان ٺهندڙ ان ملڪ کي قومن جي رضاڪارانه، آزادانه ۽ برابري واري معاهدي ۾ تبديل ڪرايو. ياد رهي ته 23. مارچ 1940ع ۾ لاهور ۾ اهڙي قسم جي گهر ڪندي اهو واضح ڪيو ويو ته اڪثريتي مسلمان علائقن ۾ جدا رياستون هونديون، ۽ جتي قومي حڪومتون برپا ڪيون وينديون. انهيءَ ڪري سائين جي ايم سيد 3 مارچ 1943ع ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جو ٺهراءُ پيش ڪندي پاڪستان جي گهر ڪئي هئي.
    سنڌ جا وارثو!
    جيتوڻيڪ اڄ تائين پاڪستان جا حڪمران ۽ پنجاب 23 مارچ 1940ع واري ساڳي قرارداد جو ڏينهن پڻ ملهائيندا آهن، پر ان قرارداد تي هنن ڪڏهن به عمل ناهي ڪيو. ويتر هنن پاڪستان ٺهڻ کان هڪ سال اڳ 1946ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽي جي دهليءَ واري اجلاس ۾ 1940ع واري قرارداد جي ابتڙ پاڪستان کي هڪ مذهبي قومي اسٽيٽ جو درجو ڏئي ڇڏيو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ جدا قومي حڪومتن جي تصور، خيال ۽ ٺهراءُ کي مڪمل رد ڪندي زوري ۽ ڏنڊي جي طاقت سان اسيمبلين ۾ اڪثريت جي باوجود سرحد ۽ سنڌ جي حڪومتن کي ختم ڪري انهن جي تاريخي ۽ قومي حيثيت کي مضبوط مرڪز جي نالي ۾ پنجاب جي تابع ڪيو ويو. ڇاڪاڻ ته انهن اسيمبلين پنهنجي، پنهنجي وطني ۽ قومي مفادن جو تحفظ ڪرڻ پئي گهريو، پر انهن کي برداشت نه ڪيو ويو، بلڪه هتان جي اصلوڪن، شاندار ۽ هزارها سالن جي وجود رکندڙ تاريخي ٻولين کي پوئتي ڌڪي ڌاري ٻوليءَ کي قومي ۽ سرڪاري زبان طور ٿاڦيو ويو. ياد رهي ته! سنڌو ديش جي اصلي رهاڪن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ مذهبي فساد ڪرائي، 13 لک سنڌي هندن کي زوري لڏائي، سندن ملڪيتن ۾ شاندار گهرن سميت 25 لک ايڪڙ سنڌ جي زرعي زمين ڪوڙن ڪليمن ذريعي حوالي ڪئي وئي، هتان جي نوڪرين تي ٻاهريان ماڻهو گهرائي رکيا ويا، اڳتي هلي 1954ع ۾ ون يونٽ نافذ ڪري، سنڌ کي سابق سنڌ سڏڻ سان گڏ سنڌ جي سڀني وسيلن تي پنجاب جو قبضو ڪرايو ويو.
    نون بئراجن، ڄامشورو ۽ گڊو بئراجن ٺهڻ کانپوءِ 35 لک ايڪڙ زمين پنجاب جي حوالي ڪئي وئي. نيٺ 1970ع جي اليڪشن کانپوءِ بنگالين جي اڪثريت کي تسليم نه ڪندي انهن تي فوجي آپريشن ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 1971ع ۾ بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ سان برِصغير ۾ مسلمان هڪ الڳ ۽ جدا قوم آهن جو فرسودا ۽ غيرفطري (ٻه قومي نظريو) پنهنجي موت پاڻ مري ويو، ليڪن سنڌ تمام وڏي اوڙاهه، قبضي ۽ شڪنجي ۾ ڦاسي پئي. ان قبضي ۽ استحصال کي بظاهر قانوني شڪل ڏيندي، 1973ع جو نام نهاد آئين ٺاهي، سنڌ جي الڳ وطني ۽ قومي وجود کان انڪار ڪندي پنجاب جي اڪثريت کي هميشه لاءِ سنڌ - بلوچستان ۽ پختونستان مٿان ٿاڦيو ويو ۽ سنڌ کي 21 سيڪڙو نمائندگي ڏئي هميشه لاءِ اقليتي حيثيت ۾ تبديل ڪري ۽ سنڌ جا سڀ پيداواري وسيلا پاڪستان جي حوالي ڪيا ويا.
    ڀائرو ۽ ڀينرو!
    دنيا وارن کي معلوم هجي ته پاڪستان جي وفاقي بجيٽ جو %80 سيڪڙو سنڌ ڏئي ٿي، جڏهن ته پاڪستان جو %69 سيڪڙو گيس ۽ %75 سيڪڙو تيل پڻ سنڌ پيدا ڪري ٿي. پاڪستان حڪومت طرفان کيس ۽ تيل ڪڍڻ لاءِ قائم ٿيل OGDCL جي هڪ جهلڪ سان آءٌ سنڌ ۽ دنيا وارن کي آگاهي ڏيندو هلان ته OGDCL ۾ ڪُل 13 ڊائريڪٽر آهن، جن مان هڪ به سنڌي ناهي، ڪل 12 جنرل مئنيجر آهن، جن مان هڪ به سنڌي ناهي، 10 مئنيجر آهن، جن مان فقط ٻه سنڌي آهن. ايڏي پيداوار جي باوجود موٽ ۾ سنڌ کي ڌارين ماڻهن جي لوڌ نصيب ٿي آهي، ۽ اڃان وڌيڪ ڌارين ماڻهن کي آباد ڪرڻ لاءِ ذوالفقار آباد جهڙا خطرناڪ منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي هميشه اقليت ۾ تبديل ڪري پنهنجي سرزمين سنڌ تان حق حاڪميت کسڻ گهرن ٿا. ۽ سنڌ جا وسيلا. جهڙوڪ، ٿر ۾ 185 ارب ٽن ڪوئلو ڦٻائڻ جي چڪر ۾ به آهن، جنهن جي ماليت سنڌ حڪومت جي ساليانه بجيٽ جيڪا 460 اربن جي لڳ ڀڳ آهي، ڪوئلي جي پيداوار مان 1600 سالن تائين سنڌ جي بجيٽ ٺاهي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن سنڌ جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ ڳڻائجي، تڏهن به هر هڪ فرد کي يا ماڻهوءَ کي الڳ الڳ هڪ ڪروڙ پنجويهه لک روپيا اچي سگهن ٿا. سنڌ جي اقتصادي وسيلن کي پاڪستان جي نالي ۾ پنجاب هڪ طرف ڦريندو ۽ لٽيندو رهيو آهي ته ٻئي طرف سنڌ کي پنجاب، رياستي ظلم ۽ جبر جو نشانو به بنائيندو رهيو آهي. رهبر سنڌ سائين جي - ايم سيد کي 32 سال قيد وَ بند ۾ رکيو ويو، سنڌ ۾ هلندڙ قومي ۽ جمهوري جدوجهد جي پاداش ۾ سنڌ جي ماڻهن تي گوليون ۽ بم وسائي هزارين ماڻهن کي ظلم جو نشانو بڻايو ويو. ٺوڙهي ڦاٽڪ واقعي ۾ سنڌ جي شاگردن کي گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، ۽ قومي آزادي لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن کي سانگهڙ ۾ باکوڙي وٽ گوليون هڻي بي دردي سان باهيون ڏئي شهيد ڪيو ويو ۽ قومي تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ خاص طور تي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ هزارين نوجوانن کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي ڪن کي جيلن ۾ واڙيو ويو، ڪن کي گم ڪيو ويو ته ڪن کي شهيد ڪيو ويو. قومي اڳواڻن کي راهه تان هٽائڻ لاءِ انهن تي حملا ڪري انهن کي مارڻ جي سازش ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ شهيد عبدالقيوم منگي ۽ مشتاق خاصخيلي کي شهيد ڪيو ويو، اهڙا ڪيترائي ظلم جيڪي پنجاب طرفان ڪيا ويا آهن، جن جو تفصيل ڏجي ته ظلمن جا داستان ٺهي ويندا.
    سنڌ واسيو!
    سنڌ جا رهاڪو بين الاقوامي اصولن موجب وطن، زبان، ڪلچر ۽ تاريخي روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفادن جي بنيادن تي هڪ جدا قوم آهن. ۽ عالمي طور مڃيل قومن جي حق آزادي واري اصول جي آڌار تي پنهنجا سياسي، اقتصادي، ڪلچرلي، خوشحالي ۽ ترقيءَ جا فيصلا ڪرڻ جا حقدار آهن، ٻي طرف تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ پاڪستان نالي سان نه ڪو ملڪ رهيو آهي نه اتي جي رهاڪن جي جديد قومي نظريي مطابق نه هڪ ٻولي رهي آهي نه ئي هتي جملي رهاڪن جو ڪلچر هڪ رهيو آهي، ۽ نه ئي سندن روايتون ساڳيون رهيون آهن، نه سندن سياسي اقتصادي مفادن ۾ هڪجهڙائي پيدا ٿي سگهي، تنهن ڪري پاڪستان کي هڪ ملڪ ۽ هتي جي رهاڪن کي هڪ قوم سڏڻ ۽ سمجهڻ ڌوڪي ۽ فريب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهي. جڏهن ته سنڌو ديش هزارين ورهين جي هڪ جداگانه جاگرافيائي حدن واري وطن ۽ تاريخي روايت جي آڌار تي هڪ جُدا قوم، جُدا ڪلچر، زبان، سياسي اقتصادي مفادن جو حامل سمجهي ان کي پاڪستان کان آزاد ڪرائڻ ضروري سمجهون ٿا. ساڳي طرح بلوچستان ۽ بلوچن کي به الڳ ملڪ ۽ قوم سمجهندي انهن جي آزادي لازم ۽ ضروري سمجهون ٿا. واضح هجي ته، پاڪستان مذهب جي غلط تشريح جي نالي ۾ نفرت ۽ نفاق جي وسيلي وجود ۾ آندو ويو آهي. جنهن ڪري هن جو وجود نه فقط سڄي دنيا لاءِ نفرت ۽ تباهيءَ جو سبب بڻجندو پيو وڃي پر پاڪستان جي هجڻ ڪري جنهن تي نه فقط اقتصادي طرح ڏيهي ۽ پرڏيهي پاليسي تي پڻ پنجاب جي هڪ هٽي قائم آهي، ان سبب ڪري مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي واري سوچ کي هٿي ۽ همٿ افزائي ڪئي وڃي ٿي، جنهن جو شڪارنه فقط سڄي دنيا ۽ انسانذات ٿي رهي آهي، پر سنڌ جيڪا صدين کان مختلف مذهبن کي سانڍڻ جي باوجود مذهبي رواداري وارو رويو برقرار رکيو اچي، ان جي ماڻهن ۾ مذهبي شدت پسندي جي سوچ وڌائڻ کي پنجاب طرفان پٺڀرائي ڪرائي وڃي ٿي، مثال طور بغير مذهب کان متاثر ٿيڻ جي شادي جو بنياد بنائي زوري سنڌي هندو نياڻين کي مسلمان بنائي انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙيا وڃن ٿا، نه فقط ايترو پر هتي جهيڙن ۽ جهڳڙن کي پڻ رياستي پٺڀرائي حاصل آهي، سنڌ جي هڪ يگاني شاعر چواڻي ته،
    ”ڪو آ رحمان جي پاسي
    ڪو آ ڀڳوان جي پاسي
    اسان جو سجدو اُنهيءَ کي آ
    جيڪو آ انسان جي پاسي“
    تنهنڪري پاڪستان جي وجود کي نه صرف سنڌ لاءِ پر جملي انسانذات لاءِ نقصانڪار سمجهندي ان جي جلد ختم ٿيڻ ۽ آزاد سنڌوديش جي قائم ٿيڻ کي سنڌين سميت پوري انسانذات لاءِ باعث نجات سمجهون ٿا.
    سنڌ جا غيرتمند فرزندو!
    هتي آءٌ هڪ ڳالهه جي به واضح، چٽي، صاف وضاحت ڪرڻ گهران ٿو ته ورهاڱي بعد سنڌ ۾ خاص طور تي ٻاهران آيل اردو ڳالهائيندڙن کي تاريخي حادثو سمجهندي انهن تي واضح ٿا ڪريون ته اسين انهن کي پنهنجو ڀاءُ ۽ سنڌي قوم جو حصو سمجهون ٿا، پر انهن کي به واضح ۽ چٽي طرح مسلم قوم جي ناڪاره ۽ دقيانوسي فلسفي ۽ ٻه قومي نظريي مان هٿ ڪڍي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو حصو بڻجڻو پوندو. واضح هجي ته، پاڪستان جي قائم رهڻ ڪري سنڌ جي موجوده جاگرافيائي حدن جو تقدس ۽ احترام به سلامت نه آهي، جيتوڻيڪ هن وقت به موجود جاگرافيائي حدون سنڌين جي اختيار ۾ ناهن، پر ان صورت ۾ به ڪا اهڙي روش، سازش، ڳالهه يا نيت هر گز برداشت نه ڪئي ويندي. جيڪا موجوده سنڌ جي جاگرافيائي قومي وحدت لاءِ نقصانڪار يا خلاف هجي. ان ڪري آءٌ خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي آگاهي ٿو ڏيان ته کين سنڌ جهڙي فراخ دل ماءُ جي صدوري سرزمين جي گود نصيب ٿي آهي، جنهن ڪري انهن تي فرض بڻجي ٿو ته سنڌي قوم جو حصو بڻجي ان جي آزادي جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏين ۽ کين خبردار ٿو ڪيان ته اهڙي ڪنهن به سازش جو حصو نه ٿين، جنهن سان سنڌ جي تاريخي قومي وحدت کي نقصان پوي، ڇو ته اردو ڳالهائيندڙن جو مستقبل پاڪستان سان نه پر سنڌين سان جڙيل آهي. دنيا جي عالمي طاقتن خاص ڪري پنجن وڏين طاقتن آمريڪا، برطانيا، روس، چين، ۽ فرانس کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي عدم تشدد واري آواز تي ڌيان ڏيئي سنڌ جي آزادي ۾ مدد ۽ سهڪار ڪيو وڃي، جيڪڏهن هن وقت دنيا جون عالمي طاقتون ۽ ڌريون دنيا توڙي هن خطي ۾ امن ڏسڻ چاهين ٿيون ته هو پاڪستان جو خاتمي ۽ سنڌو ديش جي آزادي جي حمايت ڪن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي علامت ٿي چڪو آهي ۽ جڏهن ته سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجي مزاج ۾ امن پسند مذهبي رواداري، باهمي سمجهوتي يعني جيو ۽ جيئڻ ڏيو واري اصول جي پاسداري ڪندڙ محبت ۽ امن جي ڌرتي رهي آهي.
    معزز صحافي ڀائرو،
    آءٌ هن تاريخي موقعي تي پنهنجي رهبر جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ سڄي دنيا ۽ اقوام عالم آڏو هيٺيون ڳالهيون رکڻ چاهيان ٿو.
    1. عالمي اصولن تحت اسان سنڌي هڪ قوم آهيون، جڏهن ته مذهب جي بيناد تي قوم جو نظريو دنيا جي ڪنهن عالمي اداري ۾ تسليم ٿيل ناهي، ان ڪري پاڪستان هڪ قوم ۽ ملڪ ناهي پر هتي جدا، تاريخي وجود رکندڙ قومون آهن، جن کي پاڪستان ۽ اسلام جي نالي ۾ زبردستي غلام رکيو ويو آهي، انهيءَ ڪري سنڌو ديش ۽ بلوچستان جي قومي حق آزادي تسليم ڪندي انهن کي آزاد ڪيو وڃي.
    2. پاڪستان مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي جي علامت بڻجي چڪو آهي، تنهن ڪري ان جو خاتمو ڪري برِصغير، ڏکڻ ايشيا ۽ سڄي دنيا ۾ عالمي امن اتحاد انساني ۽ ترقي بني آدم جون راهون کوليون وڃن.
    3. عالمي طور تي تشدد ۽ دهشتگردي وارو رويو ترڪ ڪري عدم تشدد واري سوچ، رويو ۽ رستو اختيار ڪيو وڃي.
    4. باهمي رواداري، سمجهوتي، تعاون براءِ ترقي، سيڪيولر سوچ (سنڌي سوچ) سهپ ۽ در گذر وارو رويو اختيار ڪندي عالمي مسئلن کي نبيريو وڃي.
    5. تشدد واري واٽ ۽ طريقي ۾ ايتري طاقت ناهي جيتري طاقت پُر امن عوام جي قومي ٻڌي، پُر امن جدوجهد ۽ آزادي جي چٽي ۽ واضح گهر ۾ آهي، انهيءَ ڪري هي سنڌ، هن عظيم الشان ميڙ، سنڌ جي ماڻهن جي قومي سمنڊ جي معرفت گهر ٿو ڪري ته اسان هڪ معاهدي تحت يعني 23 مارچ 1940ع ۾ پاڪستان ۾ رضاڪارانا طور شامل ٿيا هئاسين، پر ان معاهدي کي خود پنجاب 65 سالن ۾ 65 کان وڌيڪ دفعا رد ڪري ٽوڙي ۽ لتاڙي ختم ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري هاڻي پاڪستان جي رهڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ڪونهي، اسان سنڌي هاڻي 1940ع واري معاهدي کي الوداع چوندي سنڌ جي آزادي جي واضح ۽ چٽي گُهر ڪيون ٿا. اي دنيا جا آزاد انسانو، قومون، طاقتور ملڪو، اقوام متحده ۽ دنيا جا ٻيا عالمي ادارئو! هن پوري دنيا ۾ امن ۽ اتحاد ۽ ترقي جا خواهان ملڪو!
    ڏسو .... ڏسو .... ڏسو اڄ سنڌ ڇا ٿي گهري،
    سنڌ گهري ٿي آزادي، سنڌ گهري ٿي آزادي،
    سنڌ گهري ٿي آزادي.
    (آخر ۾ بشير خان قريشي ڪراچي جي لکين سنڌي ماڻهن جي شرڪت تي سلام پيش ڪندي قومي ٻڌي جي واکاڻ ڪندي ٿورا پڻ مڃيا.)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515404
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ