ڪتاب جو نالو: آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس
مصنف: ارم فاروق جمالي
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 11 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1064 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 643 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ” آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس “ ايم اي ۾ لکيل مونوگراف آهي. هي تحقيق محترمه ارم فاروق جمالي پاران ڪيل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • مونوگراف
  • ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران :
  • پنهنجي پاران
  • باب پهريون

  • سوانح عمري
  • باب ٻيو

  • آغا سليم جي تخليقن جو تعارف
  • سندس ڪي ٻيون تصنيفون:
  • نيٺ بهار ايندو:
  • چنڊ جا تمنائي:
  • اونداهي ڌرتي روشن هٿ:
  • اڻ پورو انسان:
  • اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، روشني جي تلاش
  • هم اوست
  • حوالا:
  • باب ٽيون

  • شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جو اڀياس
  • نتيجا
  • چونڊ شعر
  • ببليوگرافي
  • رسالا/ اخبارون:
  • سرڪاري ۽ ذاتي لائبريريون:

  • ترتيب

    مونوگراف

    آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس

    ايم - اي (سنڌي) فائنل ۾ لکيل مونوگراف


    ليکڪه :
    ارم فاروق جمالي


    نگران:
    پروفيسر ڊاڪٽر انور “فگار” هَڪڙو
    ( چيئرمين)


    سنڌي شعبو
    سنڌ يونيورسٽي، ڄامشورو
    سال 2015 ع

    ڊجيٽل ايڊيشن:
    سنڌ سلامت ڪتاب گهر


    ارپنا

    پنهنجي پياري
    والد
    مرحوم فاروق احمد جمالي
    جي
    نانءِ
    *****



    ارم فاروق جمالي


      سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (224) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” آغا سليم پاران ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس “ ايم ايم ۾ لکيل مونوگراف آهي. هي تحقيق محترمه ارم فاروق جمالي پاران ڪيل آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پنهنجي پاران

    پنهنجي پاران

    منهنجي لاءِ اها ڳالهه خوشي جو باعث آهي ته مون پنهنجي ايم اي فائنل ۾ “ آغا سليم جي ڪيل شاهه جي رسالي جي ترجمن جو اڀياس” جي عنوان سان مونوگراف مڪمل ڪيو آهي. بيشڪ پڙهڻ ۽ لکڻ ڏاڍو ڏکيو عمل آهي جنهن جي سکيا لاءِ وڏي رياضت جي ضرورت آهي، مون جڏهن اهو سوچيو ته ايم اي فائنل ۾ مونوگراف لکڻو اٿم تڏهن کان من ۾ اها ئي اٿل پٿل هيم ۽ مون پنهنجو ڪم تمام سنجيدگي ۽ دلچسپي سان شروع ڪيو جيڪو تمام گھڻي جاکوڙ ۽ ڏينهن رات هڪ ڪري ڳُوڙهي مطالعي کانپوءِ اڄ جڏهن تڪميل تي پهتو آهي تڏهن دل باغ بهار ٿي پئي آهي، ۽ اهو پڻ يقين ٿئي ٿو ته محنت ۽ سکيا منزل تي رسڻ جا پڪا اسباب آهن.
    آغا سليم سنڌي ادب ۾ اعليٰ مقام رکندڙ اديب آهي. هن حياتي جو گھڻو حصو علم ادب کي ڏيئي ناماچار حاصل ڪيو آهي. آغا سليم جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون سدا حيات آهن. آغا سليم نثر توڙي نظم ۾ قلم آزمائي ڪئي آهي، ان کان علاوه ڪلاسيڪي شاعري جي بهترين ترجمي نگار جي حيثيت سان پاڻ مڃرايو آهي. آغا سليم شاهه لطيف جي ڪلام کي انگريزي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي. انهن ترجمن جوئي اڀياس مون هتي پيش ڪيو آهي، ۽ اميد ٿي ڪريان ته ڪيترين ئي ڪمين ۽ ڪوتاهين جي باوجود به منهنجي هي ڪوشش پڙهندڙن وٽ ثاب پوندي.
    آغا سليم پنهنجي سر ته سنڌي ادب کي ڪيترائي انمول ڪتاب ڏنا آهن، پر سندس بلند پايه هستيءَ تي تمام گھٽ لکيو ويو آهي، ان جو سبب شايد اهوئي ٿي سگهي ٿو ته اسان جو ادب ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ڏانهن رويو دُرست نه آهي. ۽ نه ئي سندس فن جي معيار تائين رسائي حاصل ڪري، ان متعلق راءِ قائم ڪرڻ جي جرئت ئي آهي! اسان کي کپي ته پنهنجي صلاحيتن موجب پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريون. مون به پنهنجي صلاحيتن مطابق اڀياس ڪري نتيجا اخذ ڪري انهن جي آڌار تي راءِ جو اظهار ڪيو آهي. منهنجي قائم ڪيل راءِ ڪنهن لاءِ دُرست هوندي ته ڪنهن لاءِ غلط به هوندي. آئون اميد ٿي ڪريان ته منهنجو هي مونوگراف آغا سليم جي ذاتي زندگي توڙي سندس لکڻين بابت اهم معلومات مهيا ڪندو.
    هن مونوگراف ٿيسز دوران منهنجي رهنمائي سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي جي چيئرمين سائين ڊاڪٽر انور فگار هَڪڙو صاحب ڪئي. جنهن جي آئون تمام گھڻي ٿورائتي آهيان. ان کان علاوه پنهنجي ڪلاس جي سي - آر گل شير ٽڳڙ جي پڻ ٿورائتي آهيان جيڪو هن مونوگراف جي شروعات کان وٺي تڪميل تائين منهنجو ٻانهن ٻيلي رهيو. ان سان گڏوگڏ انهن همدردن جي پڻ ٿورائتي آهيان جن مونوگراف لکڻ دوران منهنجي حوصلا افزائي ڪئي.

    ارم فاروق جمالي
    30 جنوري 2016
    ٽنڊوڄام ضلعو حيدرآباد


    باب پهريون

    سوانح عمري

    آغا سليم ولد آغا عبدالڪريم خان جو اصل نالو آغا خالد سليم آهي. سندس تعلق شڪارپور جي پاڙي ڪڙي عطا محمد سان آهي. آغا سليم ستين اپريل 1935ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪيائين ۽ 1948ع ۾ حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري ميٽرڪ حيدرآباد مان ۽ انٽر ميڊئيٽ لاهور مان ۽ بي- اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. پاڪستان براڊڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ مختلف شهرن جي ريڊيو اسٽيشنن ۾ پنهنجي صلاحيتن سان فرائض سر انجام ڏيندو رهيو، پروگرام مينيجر کان ترقي ڪندو اسٽيشن ڊاريڪٽر جي عهدي تان رٽائرڊ ٿيو.
    آغا سليم جي شخصيت ۽ مزاج بابت عبدالقادر جوڻيجو صاحب آغا تي لکيل خاڪي ۾ لکي ٿو ته:
    “اهو هڪڙو سنگت جو اڻ لکيو دستور آهي ته چوياريءَ ۾ ڪڏهن “الف” جي هلندي آهي ته ڪڏهن “ب” جي پر آغا جي سنگت ۾ “الف - ب ” ته ڇا پر پورا لشڪر (ان ڪري آغا لشڪر سان سنگت ناهي رکندو) هجن ته به مرضي آغا جي هلندي، ڇو ته آغا جو پهريون حرف الف آهي، الف اڳيان ٻي ڪُت خلق پويان، هونئن به ڳالهائڻ تي ايندو آهي ته ٻئي کي الف ڪندي ڪونه گسندو. آغا ٽاڪئون ڪاٺ آهي، مڙندو ڪونه، پر ڀڄي پوندو، پوءِ اها دوستن جي مرضي آهي ته ٻه ٽُڪر ڪنس يا ٽي ٽُڪر، ۽ آغا جڏهن ٽُڪر ٽُڪر ٿيندو آهي ته سڄو سور پنهنجي قلم مان ڪڍندو آهي. جتي قلم جي پڄت نه هوندي اٿس اُتي زبان کي روهيءَ تي لائي تکو ڪندو آهي.
    انهن ارڪانن جي ڪري آغا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سنگتي ساٿي جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي هو لفظن جون چُونگون ڏيئي پنهنجو اندر ٺاري سگھي. سندس اهڙن يارن ۾ ڪئپسٽن سگريٽ کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪو اندر ٺارڻ سان گڏوگڏ اندر ساڙيندو به اٿس” (1)
    “ آغا جي دل جي اوطاق ۾ عورتن لاءِ ڪيئي ڪوچ ڪرسيون رکيل آهن، هي ٻانهن ڀڳل ڪرسي اديبه ڀيڻ لاءِ آهي، هي ڪوچ ڀاڄائي وڏي لاءِ آهي، هت صرف محبوبه ويهي سگھي ٿي، ان معاملي ۾ آغا صفا رُڄ ڳوٺاڻو آهي. پنهنجائي ۾ ته ڪک به ڪونه سهندو، ٻيو سنگت به ست ڪوهه ٽپي رکندو، ياري به شڪل سان ڪونه رکي، “عقل” سان پيچ ڳنڊيندي دير ڪونه ڪندو، عقل کي ڏسي ڏيل ٽڙي پوندا اٿس” (2)
    آغا سليم منفرد مزاج وارو انسان آهي خود انتظامي ۽ پنهنجي پروگرامن کي اهميت ڏيئي اڄ جو ڪم سڀاڻ ته نه ڇڏڻ جي خوبين هئڻ ڪري نهايت ڪامياب زندگي گذاري آهي. تصوف جي مطالعي ۽ ٻين علمن جي اڀياس سبب هو ظاهري ۽ باطني مشاهدن سان مالا مال آهي. سندس پڙهڻ ۽ لکڻ کان علاوه اٿڻ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ ٺيٺ شڪارپوري آهي. انساني حسن ۽ ڪائناتي جمال سندس جيءَ ۾ نين روشنين سان جيڪو سوجھرو پيدا ڪيو آهي، سو آغا جھڙوئي سهڻو ۽ سهائو آهي. ان سونهن ڀري سوجھري جي چمڪ ڌمڪ هر تخليق ۽ تصنيف جو حسن حيران ڪُن ڪري ڇڏيو آهي.
    حوالا:
    1. جوڻيجو عبدالقادر: ٿوهر جي ماکي آغا سليم” خاڪو” رسالو مهراڻ 1977ع: ص 163
    2. ايضاً ص: 164























    باب ٻيو

    آغا سليم جي تخليقن جو تعارف

    آغا صاحب شڪارپور جي لکيل پڙهيل خاندان سان تعلق رکندڙ آهن. هن مخصوص ۽ منفرد نثر نويس جي حيثيت ۾ پاڻ کي سنڌي علم ادب ۾ متعارف ڪرايو ۽ مڃايو آهي. پاڻ مختلف صنفن ۾ شعر به چيو اٿس. هائي اسڪول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ دوران ادب ڏانهن متوجھ ٿيو ۽ پنهنجي پر ۾ محنت ڪندي پختي قلم جو ڌڻي ٿي ويو. آغا صاحب جي علم ادب ڏانهن لاڙي بابت ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو پنهنجي پي- ايڇ- ڊي جي ٿيسز “شڪارپور شهر جو علم ادب ۾ حصو” ۾ لکي ٿو ته: “ آغا سليم سنڌي ٻولي جي ادب جو مهان نالو آهي، جنهن ادب کي پنهنجي بهترين فني، فڪري ڪاوشن ۽ تخليقن سان سرشار بڻايو آهي. هو هڪ ئي وقت بهترين ڪهاڻيڪار، ناول نويس، ڊرامانگار، شاعر، اديب ۽ ترجمان آهي، هو جنهن به صنف ۾ پنهنجي احساسن جذبن ۽ خيالن جو اظهار ڪرڻ ٿو چاهي انکي آسانيءَ سان اپنائي ٿو سگهي. آغا صاحب ڪهاڻين ۽ ناولن کانسواءِ ڪوين جي قطار ۾ به نظر اچي ٿو، ٻيءَ ڳالهه ته سندس افسانا ۽ ناول سندس ڪويتائن تي حاوي محسوس ٿين ٿا، اُهي به آغا جي افسانن ۽ ناولن جيان اهم آهن، ڇو ته انهن سڀني جو سرجڻهار آغا سليم آهي. آغا سليم جي هر هڪ تخليق پنهنجي وجود ۾ وڏا ولولا ۽ فڪر آڻي ٿي. جيڪي ادب ۽ سماج لاءِ سون آهن.” (1)
    آغا سليم جن جي علم ادب جي لاڙي بابت يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب“ سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ۾ لکي ٿو ته: “ آغا سليم جي وڏي ڀاءُ کي لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو هو، هو ڪتاب وٺي ايندو هو ۽ آغا صاحب جي لاءِ ٻاراڻا ڪتاب به وٺي ايندو هو، جيڪي آغا صاحب پڙهندو هو. انهن جا ٽائيٽل ڪو معنيٰ خيز هوندا هئا. انهيءَ سان آغا صاحب جو تعليم ڏانهن لاڙو وڌندو ويو. آغا صاحب پهرين آغا شاهين جي نالي سان لکندو هو، سندس پهرين تخليق“ لذتِ گناهه” جي نالي سان پهريون افسانن جو مجموعو شايع ٿيو. آغا صاحب سنڌي ۽ اردو ٻنهي ٻولين ۾ لکندو رهيو آهي.” (2)
    آغا صاحب جو نظريو آهي ته هي زندگي پنهنجين تمام اوڻاين ۽ اڻ سهڻاين جي هوندي به رهڻ جي لائق آهي، جنهن ۾ پيار کي ازلي چڱائي جو مرتبو مليل آهي. آغا صاحب جن ماهوار پرک کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ادب ۾ پير پائڻ بابت ڪجھ هن طرح ٻڌائي ٿو ته “ اها شڪارپور جي زماني جي ڳالهه آهي، مان سوچيو هو مان دنيا گھمندس مان ڏاڍا ڪتاب پڙهندس جيئن ٿورو شعور ٿيو ته ڪتابن جي دنيا ۾ شامل ٿيس، شڪارپور ۾ هڪ مشهور پبليشر هوندو هو “پوڪرداس” ان جو هڪ بازار ۾ دڪان هوندو هو، مونکي جيڪا به خرچي ملندي هئي ان جا ڪتاب خريد ڪندو هيس، پوءِ جڏهن آئون حيدرآباد آيس تڏهن به ڪتابن پڙهڻ جو سلسلو جاري رکيم، انهن ڏينهن ۾ آئون ڪرشن چندر کان تمام گھڻو متاثر هيس ان وقت مونکي خبر نه هئي ته ترقي پسندي ڇا آهي، باقي جيڪي ترقي پسند رائيٽر هئا، جن ۾ ڪرشن چندر هو. ابراهيم جيلس جنهن جو ڪتاب “چاليس ڪروڙ بکاري” هو. ان وقت سڄي هندستان جي آبادي چاليهه ڪروڙ هئي. ڪرشن چندر مونکي ڏاڍو وڻندو هو، جنهن انقلاب کي ڏاڍو رومانٽڪ ڪيو. ادب سان منهنجو شوق هو اديب مون لاءِ ڏاڍيون پُراسرا شخصيتون هوندا هئا.” (3)
    تنهن کانپوءِ تنوير ۽ سراج سان بطور ڪاليج فيلو ملاقات ۽ دوستي ٿيس. انهن جي رنگن ۾ رنڱجي هن 1952ع ۾ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. پهرين ڪهاڻي جيڪا هن لکي تنهن جو نالو “ آهه! اي ظالم سماج” هو، جيڪا هالا مان نڪرندڙ “فردوس رسالي” ۾ ڇپي.
    آغا صاحب هڪ ئي وقت ۾ ادب جي گھڻن صنفن ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي جھڙوڪ: ناول، ڊرامه، فلمون، ڪهاڻيون، شاعري، سفرنامو، ۽ ترجما. انهن سڀني صنفن ۾ آغا صاحب هڪ ئي وقت عبور حاصل ڪيو آهي. ان کانسواءِ آغا صاحب تحقيق ۽ صحافتي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو آهي، اُهوئي سبب آهي جو يوسف سنڌي پنهنجي ڪتاب سنڌي ادب ۾ چوي ٿو ته“ آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر به چئي سگھجي ٿو” (4)
    آغا سليم هيٺين عنوانن سان سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي لکيو. عنوانن جا نالا صنفن سان گڏ ڏجن ٿا.
    سڀ کان پهرين آغا سليم ڪهاڻي وسيلي ادب جي وسيع ميدان ۾ لٿو، پهرين ڪهاڻي 1952ع ۾“ آهه! اي ظالم سماج” جي عنوان سان هئي. اها سندس پهرين ڪهاڻي ليکي وڃي ٿي. ان کان پوءِ سندس ٻيون ڪهاڻيون آهن:
    1. چنڊ جا تمنائي: هي سندس ڪهاڻين جو مجموعو آهي جنهن ۾ هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون آهن.

    • نيٺ بهار ايندو
    • خوابن جا سوداگر
    • سڄڻ نت سوجھرو
    • ڊڄڻي
    • ماريس پنهنجي پرين کي
    • جُڳن جا جُڳ
    • ٽهڪ
    • خوني


    سندس ڪي ٻيون تصنيفون:

    سندس ڪي ٻيون تصنيفون:

    • اڻ کٽ فاصلا (ڪهاڻي)
    • ڌرتي روشن آهي (ڪهاڻي)
    • رت ورنو روءِ (ڪهاڻي)
    • مان ئي وار وجود جو ( ڪهاڻي)
    • شبنم شبنم ڪنول ڪنول جو اڀياس (مضمون)
    • سنڌي ڪهاڻي تي هڪ نظر ( مقالو)
    • جھولي لال (سفرنامو)
    • برف پنکڙيون ۽ چنڊ (سفرنامو)
    • پن ڇڻ ۽ چنڊ ( شاعري)
    • پٺاڻ ( تاريخ تي لکيل ڪتاب)
    • سچل سارو سچ (سچل تي لکيل)
    • صدين جي صدا (شيخ اياز تي لکيل)
    • سندهي ڊرامي ڪي تاريخ (اردو ڪتاب)
    • سنده مين موسيقي ( اردو ڪتاب)
    • اونداهي ڌرتي روشن هٿ (ناول)
    • هم اوست (ناول)
    • روشني جي تلاش ( ناول)
    • اڻ پورو انسان ( ناول)
    • گل ڇنو گرنار جو ( ٽي وي ڊرامو)
    • دودو چنيسر (ٽي وي ڊرامو)
    • گلن جھڙا گھاءُ (ٽي وي ڊرامو)
    • روپ ٻهروپ (ٽي وي ڊرامو)
    • خواب جو سورج (ٽي وي ڊرامو)
    • واپسي (ٽي وي ڊرامو)
    • پاڳل خانو (ٽي وي ڊرامو)
    • تماشو (ٽي وي ڊرامو)
    • ٽيليفون ( ٽي وي ڊرامو)
    • پرهه جا مسافر ( ٽي وي ڊرامو)
    • چانڊوڪي جو زهر ( ٽي وي ڊرامو)
    • پاس ناپاس ( ٽي وي ڊرامو)
    • سک جي وستي ( ٽي وي ڊرامو)
    • پوياري جا پاڇا ( ٽي وي ڊرامو)
    • درد جي روشني ( ٽي وي ڊرامو)
    • دولهه دريا خان ( ٽي وي ڊرامو)
    • چانڊوڪي (سنڌي فلم1969ع)
    • محبوب مٺا (سنڌي فلم1971ع)
    • رت جا رشتا (سنڌي فلم1975ع)
    • بابا فريد جا دوها ( ترجمو)
    • ڍولا مارو-
    • لات جا لطيف جي ( لطيفيات)
    • سُر سارنگ، سُر ڪلياڻ، سُر سورٺ، سُر مومل راڻوجو ترجمو (لطيفيات)
    • لالن لال لطيف ڪهي
    (شاه جي رسالي جو مڪمل اردو ترجمو)



    آغا سليم جي سڀني لکڻين ۾ شعور جو وهڪرو stream of consciousness نظر اچي ٿو. انڪري هو سنڌي ٻولي جو اهم تخليقڪار سمجھو وڃي ٿو.
    سنڌي ٻولي جو اهم فنڪار آهي، آغا صاحب پهريون تخليقڪار آهي جنهن ڪهاڻي سان گڏوگڏ ساڳئي وقت ناول تي به قلم آزمائي ڪئي آهي. آغا سليم سنڌي ادب جو پُرجلال ۽ پُرجمال چهرو آهي، پاڻ شاهه ڀٽائي، سچل سرمست ۽ سامي جو انگريزي مترجم ۽ موسيقي جو پارکو آهي. سندس تخليقي لکڻين ۾ رومانس، تصوف ۽ انقلاب کي پنهنجو فڪر بڻايو اٿس. افسانوي ادب کي رومانيت واري رنگ ۾ رنڱي پنهنجي فڪر جي اُپٽار ڪئي اٿس. آغا سليم اهڙو نثر نويس آهي، جنهن سنڌي ٻولي ۾ افساني، ناول ۽ ڊرامي کي تاريخي، فلسفيانه، وطن پرستي، ۽ ڪلاسيڪي انداز سان پيش ڪيو آهي. نصير مرزا آغا سليم بابت لکن ٿا ته “ آغا صاحب سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل اثاثي کي اردو ۽ انگريزي ۾ متعارف ڪرايو. آغا صاحب جو ٻيو اهم ڪارنامو آهي، بابا فريد گنج شڪر جا دوها پڻ پهريون ڀيرو هندي ۽ پنجابي مان سنڌي ۾ آندا آهن، ۽ گڏوگڏ بابا گرونانڪ جي ٻاڻين ڪبيرداس جي دوهن، ميران ٻائي جي ڀڄنن، خان خانان جي ڪلام ۽ ننڍي کنڊ جي اهڙي ٻئي تخليقي اثاثي ورثي کي سنڌي ۾ شيئر ڪيو. ۽ صرف ايترو ئي نه، پر هن جديد ڪلاسيڪل ۽ سنڌ جي مائل اسٽون شاعر شيخ اياز کي پڻ نئين رُخ سان دريافت ڪيو ۽ جيئن شاهه بابت “لات جا لطيف جي” لکيو ائين ئي شيخ اياز بابت “صدين جي صدا” لکيائين. اِهي ٻئي ڪتاب آغا جي قلم جا نوان ڪرشما آهن.” (5)
    آغا صاحب اهو جديد ليکڪ آهي جنهن ادب جي سڀني لاڙن کي منفرد انداز سان پيش ڪيو آهي، جنهن ڪلاسيڪيت کي جديديت ۽ رومانيت جي رنگ ۾ رنڱي ادب ۾ چار چنڊ لڳايا آهن.
    آغا صاحب پنهنجي لکيل ۽ ترجموڪيل ڊرامن ۾ سماج جي هر هڪ پهلو جي عڪاسي ڪئي آهي، سندس هر ڊرامو، ڪهاڻي توڙي ناول پنهنجي فن تي پورو لهي ٿو. سندس لکيل ڊرامي “دودو چينسر” ۾ آغا صاحب داستان جي خوبصورت پيشڪش سان گڏوگڏ ڪمال جي منظرنگاري چٽي آهي، لکي ٿو ته:
    “سارو محل ڪنوار وانگر سينگاريل آهي، شمعدانن جي جھڪي روشني ۾ اگر بتين جو هلڪو هلڪو دونهون ماحول کي ننڊاکڙو ٿو بڻائي، ٻن درين جي وچ ۾ هنڌ تي سينگاريل سيج تي ڪوئل ڪنوار ٿي ويٺي آهي، پسمنظر ۾ شهنائي جا ويڳاڻا ۽ ڏوکيل سُر گونجن ٿا. ننگر اندر اچي ٿو هن جي مٿي تي موڙ آهن، ڪوئل ننگر کي ڏسي هوريان هوريان سيج تان اُٿي ٿي ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندي ننگر جي ويجھو اچي ٿي. اڄ اسانجي سُهاڳ رات آهي، هيڏانهن شرنايون پيون وڄن ۽ هوڏانهن جنگ جو نگارو، گھوٽ وڃ ۽ جنگ جي ميدان ۾ ڳاڙهو گھوٽ ٿي”
    ننگر: شل ديس لاءِ مران، وري وري جيئان ۽ وري مران، ائين مري وري جيئندو ۽ جي وري مرندو رهان، هن جي منهن تان موڙ ڪري ٿا پون.
    ڪوئل (جھڪي موڙ کڻي ٿي) ڪنوارون گھوٽن جي حياتي لاءِ دعائون گھرنديون آهن، پر جڏهن ڌرتي ماءُ جي لڄ لتاڙي ويندي آهي، تڏهن ڪنوارون به گھوٽن لاءِ دُعا گُھرنديون آهن ته شل هنن گلن جھڙا گھاءُ لڳنئي شل هنن ميندي رتل هٿن جيان ريٽو ٿئين.
    ننگر: شل پنهنجي رت سان پنهنجي ديس جي ڌرتي جا اُهي گھاءُ ڌوئان جيڪي ڌارين گھوڙن جي سنبن هن کي ڏنا آهن.
    ڪوئل: شل سڀئي گھاءُ سيني ۾ لڳنئي ۽ ڪو گھاءُ پٺيءَ ۾نه لڳنئي (نغارو وڄي ٿو) وڃ ڪانڌ وڃ گھوڙو چڙهه ۽ ويرين کي وڍيندو ۽ سُرهو ٿي سيج ماڻ” (6)
    آغا صاحب تاريخي داستانن کي رومانيت واري انداز ۾ لفظن جي اهڙي ته دلڪشي سان پيش ڪيو آهي جو پڙهندڙ ان مان معلومات وٺڻ سان گڏوگڏ لطف اندوز پڻ ٿئي ٿو. ساڳئي طرح آغا صاحب “ گل ڇنو گرنار جو” ۾ سورٺ راءِ ڏياچ جي تاريخي قصي کي نئين انداز ۾ بهترين مقالمن جي صورت ۾ پيش ڪيو آهي. ڊائلاگ پڙهڻ سان ئي آغا جا پيش ڪيل ڪردار ڄڻ ته اکين آڏو ڦرڻ لڳن ٿا ۽ ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ ته اهو منظر پڙهندڙ پاڻ پنهجي اکين سان حقيقت ۾ ويٺو ڏسي. ٻيجل جي سِر گُھرڻ ۽ ڏياچ جي سِر ڏيڻ واري واقعي کي پيش ڪرڻ لاءِ آغا صاحب لفظن جا اهڙا ته بهترين قالب گھڙيا آهن جو پڙهندڙ کي ائين محسوس ٿو ٿئي ته ڄڻ هو ٻيجل ۽ ڏياچ جي وچ ۾ ٿيندڙ گفتگو سامهون ويٺو ٻڌي. “ گل ڇنو گرنار جو” ۾ آغا صاحب ٻيجل ۽ ڏياچ جي گفتگو بيان ڪندي لکي ٿو ته:
    ٻيجل: منهنجي سُرندي جي ساراهه ئي مون لاءِ سڀ کان وڏو دان آهي مهاراج.
    ڏياچ: ٻيجل تون اسان کان ڪو دان نٿو گھرين، پر تنهنجو سُرندو اسان کان ڪجھ گُھري ٿو، تنهنجي ساز ۾ ڪو راز آهي، تنهنجي من ۾ ڪا مام آهي، جيڪا اسان پروڙي نٿا سگھون، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجو سُرندو اسان کان ڇا ٿو گُهري؟
    ٻيجل: اوهانجي پيرن ۾ پناهه ٿو گُهري مهاراج.
    ڏياچ: نه ٻيجل تنهنجو سُرندو پنهنجي الستي آواز سان اسان کان ڪجھ گھري رهيو آهي، تنهنجي ساز ۾ ڪو راز آهي، جيڪو اسان سمجھي نٿا سگھون، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجي سُرندي جي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟
    ٻيجل: منهنجي سُرندي جي من ۾ اوهان جي ڇٽ جي ڇانَو ۾ رهڻ جي مڱ آهي.
    ڏياچ: اسان جو ڇٽ! اسان جو سِر ۽ ساهه تنهنجي تند آڏو تڇ آهي، تنهنجي تند اسانجي جند کي ڌوڻي ڇڏيو آهي، ۽ اسانجو سرير ذريون ذريون ٿي اڪ جي ڦلڙين جيان آڪاش ۾ ٿو اُڏامي تنهنجي آواز اسانجي اندر ۾ اهڙي اُڃ اٿاري آهي جو تنهنجي آواز کانسواءِ هي سارو سنسار رُڃ ٿو لڳي وري تند تنوار، وري آتما جي اُڃ اُٿار.
    (ٻيجل سُرندو سوري ڳائي ٿو)
    تو در آيس راجا، ههڙو وٺي حال
    اونائيج عليل جو، سٻاجها سوال
    اڱڻ مٿي اُن جي، ڪهي ڪي ڪوال
    ڀلا! ڪري ڀال، امن ڏيو ان کي
    ڏياچ: ٻيجل تون اسانجي اڱڻ ڪهڙو سوال کڻي آيو آهين؟
    ٻيجل: ٻيا در ڏيئي ٻن، آيس تنهنجي در
    سونهارا سورٺ ور، ڪا منهنجي ڪر
    ڀلا ڀير ڀر، پالهو پاند پينار جو
    ڏياچ: (بي چين ٿي) اسان تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون ٻيجل؟
    اسان آڪاش مان سج چنڊ آڻي تنهنجي جھول ۾ وجھون پر انهن جي جوت تنهنجي راڳ جي روشني اڳيان جَھڪي ٿي ويندي، اسان انڊلٺ جو هار تنهنجي ڳچي پايون پر انڊلٺ جا ست رنگ تنهنجن ستن سُرن آڏو بي رنگ ٿي ويندا، اسان توکي ستن آڪاسن جي اوچائي تي ويهاريون، پر ڀڳوان پاڻ آڪاسن جي اوچائي تان لهي تنهنجي سُرندي ۾ ساهه ٿو کڻي، ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجو پالهو پاند ڇا سان ڀريون؟
    ٻيجل: مهاراج هڪڙي معمولي مڱ من ۾ آهي جيڪا............
    ڏياچ: (هن جي ڳالهه ڪٽيندي ۽ اُتساهه سان) ٻڌاءِ ٻيجل تنهنجي من ۾ ڪهڙي مڱ آهي؟ اسان تنهنجي مڱ پوري ڪرڻ لاءِ ماندا آهيون، اسان توسان وچن ٿا ڪريون ته هن جنسار مان جيڪو گُھرندي تنهن مان تنهنجو پالهو پاند ڀرينداسين.
    ٻيجل: وچن ٿا ڏيو مهاراج؟
    ڏياچ: ها ٻيجل توکي مهراجن وارو وچن ٿا ڏيون.
    ٻيجل: مهاراج مونکي........... مون کي...........
    ڏياچ: هٻڪين ڇو ٿو ٻيجل؟ گُهر جيڪي گُھرڻو اٿئي.
    ٻيجل: (يڪدم چئي ٿو) مونکي اوهانجو سِر گُھرجي.
    ڏياچ: ٻيجل........!(ڏياچ جي دانهن سان سُرندي ۽ ستار جي گڏيل موسيقيءَ جو چمڪاٽ ٿئي ٿو ۽ پوءِ سُرندو هلڪن سُرن ۾ پس منظر ۾ وڄندو رهي ٿو.” (7)
    هتي آغا صاحب جي ڊرامي جا ڪي مقالما پيش ڪرڻ جو مقصد فقط آغا صاحب way of asceticism جي مثال ڏيڻ آهي. هنن مثالن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته آغا صاحب ڪيڏي نه موهيندڙ انداز ۾ مڪالما لکيا آهن جن سان پيش ڪيل منظر بي ساخته نظر اچن ٿا. آغا صاحب پنهنجي هر لکڻي ۾ چٽي منظرنگاري ڪري سماج جي هر پهلو تي نظر وڌي آهي.
    آغا صاحب ڊرامي کان علاوه ڪهاڻي لکڻ جي فن ۾ پڻ پاڻ مڃرايو آهي. آغا صاحب پنهنجي ڪهاڻين ۾ سماج جي هر پهلو کي بنا رک رکاءُ جي کليل انداز ۾ بيان ڪيو آهي. ادب جيئن ته آهي ئي سماج جي عڪاسي ڪرڻ لاءِ ان لاءِ ان ۾ رک رکاءُ جو لحاظ نه رکڻ گھرجي.
    آغا سليم سندس ڪهاڻين جي مجموعي“ ڌرتي روشن آهي” ۾ بهترين انداز ۾ پنهنجي ڪهاڻين کي رومانيت جو رنگ ڏيئي هڪ نئين اسٽائيل کي متعارف ڪرايو آهي. آغا صاحب جو هي مجموعو ستن ڪهاڻين تي مشتمل آهي. جن جا عنوان هي آهن.

    1-ڌرتي روشن آهي.
    2- کڙندا کٽڻهار
    3- درد جو شهر
    4- شڪست جو آواز
    5- پل پکيئڙا
    6- درد جا رشتا
    7- اکيون آرسيون

    آغا سليم جي ڪهاڻين جو ٻيو مجموعو“چنڊ جا تمنائي” آهي، هن ۾ نَو ڪهاڻيون آهن.
    ادب ۾ بهترين لکڻي اها آهي جنهن ۾ لکندڙ جو پنهنجو عڪس پڻ پڙهندڙ جي ذهن ۾ ٺهي پوي. آغا صاحب جي هر ڪهاڻي ۾ سندس نفسيات ۽ شخصيت بلڪل نمايان ظاهر ٿئي ٿي. آغا سليم جي سڀني افسانن ۾ “نفسياتي رُخ” ۽ “شعور رو” کي اهميت ڏني وئي آهي. آغا صاحب جي هن مجموعي ۾ هيٺين عنوانن سان ڪهاڻيون ملن ٿيون.

    1- نيٺ بهار ايندو
    2- خوابن جا سوداگر
    3- سڄڻ نِت سوجھرو
    4- ڊڄڻي
    5- ماريم پنهنجي پرين کي
    6- جُڳن جا جُڳ ٿيا
    7- ٽهڪ
    8- خوني
    9- چنڊ جا تمنائي.


    نيٺ بهار ايندو:

    نيٺ بهار ايندو:
    هي هن مجموعي جي پهرين ڪهاڻي آهي هن ۾ آغا صاحب سماجي ۽ طبقاتي سسٽم کي پنهنجي ذاتي مشاهدي طور بيان ڪيوآهي، هن ۾ آغا ٻن ڪردارن کي ڪهاڻي جو مرڪز بڻائي پيش ڪري ٿو، هڪ اهو جيڪو معاشي طرح سُکيو ستابو آهي ۽ ٻيو معاشي طرح ڪمزور ۽ هيڻو آهي، جيڪو پنهنجي اصلي خوشي کان محروم رهي ٿو، پر سندس زندگي خواهشات جي تابع آهي، هن کي ڪڏهن نه ڪڏهن بهار جي اچڻ جو انتظار رهي ٿو.


    چنڊ جا تمنائي:

    چنڊ جا تمنائي:
    آغا صاحب جو مجموعو هن ئي عنوان سان آهي، هي هن مجموعي جي مکيه ۽ مرڪزي ڪهاڻي آهي. هن ۾ آغا صاحب انسان جي انا کي آٿت اچڻ واري جذبي جي اُپٽار ڪئي آهي، هو راجڪمار رام جي تمثيل پيش ڪري چوي ٿو ته “اسين سڀ ننڍڙا راجڪمار رام آهيون ۽ چند جا تمنائي آهيون. اسين چنڊ جي چاهه ۾ روئيندا ۽ رڙندا آهيون، پر پوءِ ان چنڊ جي اولڙي کي ڏسي لڙڪ بند ٿي ويندا آهن. مطلب ته انسان کي گھرج ڪهڙي به کڻي هجي پر وقت سر جنهن به شيءَ مان آٿت اچيو وڃيس هن لاءِ سائي سڀ ڪجهه آهي. (8)
    مطلب آغا صاحب جي لکڻين ۾ نداريت جو عنصر پڻ ملي ٿو.
    آغا سليم جي ڊرامن ۽ ڪهاڻين جي مجموعن کان علاوه ناول صنف تي پڻ لکيو آهي. سنڌي ادب جي بي بها خزاني ۾ هيل تائين اسانکي آغا سليم جا چار ناول ملن ٿا، جيڪي تمام گھڻا مقبول ويا آهن. آغا سليم “روشني جي تلاش” “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” “هم اوست” ۽ “اڻ پورو انسان” جي عنوانن سان ناول لکيا آهن. آغا جي انهن ناولن پڙهڻ سان تهذيبي قدرن جو شعور، ڪجھ وڃائڻ ۽ پائڻ جو احساس ۽ فرد جي ابديت ۽ شرافت ۾ ڪجھ ايمان جاڳي ٿو. آغا سليم جي تخليق ڪهڙي به فني قالب ۾ ڇو نه هجي، ليڪن سندس تخليق جي مجموعي مطالعي مان پڙهندڙ جو احساس ساڳئي ادراڪ جي راهن تان گذرندو سندس وجداني ڪيفيت ۾ لهندو محسوس ٿيندو. آغا جي چئن ئي ناولن ۾ هو تاريخي واقعن کي رومانيت واري انداز ۾ پيش ڪري ٿو.


    اونداهي ڌرتي روشن هٿ:

    اونداهي ڌرتي روشن هٿ:
    هن ناول ۾ آغا صاحب تاريخي ڪردارن ۽ واقعن کي نئين روپ ۾ پيش ڪيوآهي. آغا جي فني طرز شعور جو وهڪرو stream of consciousness خاص طور تي ورجينيا وولف ۽ قرت العين حيدر جي ناول “آگ ڪا درياه” تان متاثر ٿيل معلوم ٿئي ٿو، مگر هن ۾ ٽيڪنيڪ جو استعمال آغا جي پنهنجي ڪاوشن ۽ originality محسوس ٿئي ٿي. هن ناول ۾ انساني تهذيب ۽ تاريخ جي شعور جذبات ۽ احساسات جي ترجماني، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخيل جي بخته ڪاري، ڪردارنگاري ۾ بلوغت ۽ اسلوب جي شگفتگي آغا جي هن لکڻي کي ڪمال بخشيو آهي.


    اڻ پورو انسان:

    اڻ پورو انسان:
    آغا سليم هن ناول ۾ اپر ڪلاس سوسائٽي جي فردن جي زندگي کي کولي بيان ڪيو آهي. هن ناول ۾ هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ جسماني عيش و آرام، لذت، دولت ۽ اختيار هر طرح موجود آهن، ان هوندي به سندس اندر سڪون ۽ آسودگيءَ لاءِ تڙپي رهيو آهي. هن ڪنهن به عورت سان روح جي سچائيءَ سان پيار نه ڪيو، هن جو شوق صرف جسماني لذت تائين هوندو هو. هن ناول ۾ آغا صاحب مُک ڪردار جي نفسيات کي بيان ڪيو آهي. هن ناول ۾ اسلوب جي رنگيني ۽ دلڪشي، ڪيفيات جي عڪاسي، هڪ فضا جي تعمير ۽ زندگي جي حُسن ۽ زندگي جي غم جو ڪوهيڙي وانگر ڇانيل احساس آهي. جيڪي فنڪار جي فن جون خصوصيتون آهن.
    آغا سليم جو ٻيو ناول “روشني جي تلاش” آهي. هن ناول ۾ به آغا سليم اهڙا ڪردار چٽيا آهن جن جو واسطو سڌو سنئون سماج سان آهي. آغا جي هن ناول ۾ به ٽيڪنيڪ جي جدت آهي. آغا سليم جي هن ناول ۾ حقيقي دنيا جون سان تعلق رکندڙ اُگريون ڳالهيون بيان ڪيل آهن، جيڪي سماج جي مسئلن جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن ناوليٽ ۾ آغا جو هر ڪردار رومانوي ۽ Idealist آهي. ڪردار ڄڻ ته بُت بڻيل هئا، جن کي آغا سليم کڻي تراشيو آهي، تاهم ليکڪ جو اسلوب نهايت دلڪش آهي، جنهن ۾ احساسات جي گھرائي ۽ نفسياتي پيچيدگين جو اظهار ٿيل آهي.


    اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، روشني جي تلاش

    اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان، روشني جي تلاش
    هنن ٽنهي ناولن ۾ تلازم خيالات، زندگي بابت ويچار ۽ تشبيهن ۾ ڪن ڪن هنڌن تي مشابهت پاتي وڃي ٿي. آغا جي ٽنهي ناولن ۾ فن جي ارتقا، دراصل سندس ذهن جي ارتقا جي عڪاسي ڪري ٿي. هن انساني زندگي، تاريخ ۽ تهذيب جي شعور کي تخليقي فن ۾ اظهار ڪيو آهي. ان ڪري ئي آغا سليم هڪ منفرد ليکڪ جو درجو ماڻيو آهي. هن زندگي جي مقصديت ان مان پيدا ٿيندڙ بيزاري، فرد جي تنهائي جي محرومي جي شديد احساس کي افسانوي روپ ۾ پيش ڪيو آهي.
    هنن ٽنهي ناولن کانپوءِ آغا سليم جو چوٿون ناول “ هم اوست” 1985ع ۾ڇپيو. آغا سليم جي ٻين ناولن جي نسبت ۾ هي ناول منفرد لکيل آهي. هن ۾ آغا صاحب صوفي ازم واري نقطي کي بيان ڪيو آهي، هن ۾ آغا سليم سوچ جي تبديلي واري لاڙي کي بيان ڪيو آهي. هي ناول تاريخ جي جھروڪن مان صوفيانه نُڪتن جي اُپٽار جو بيان آهي. هن ۾ تقريباً مغلن واري زوال واري دور کي بيان هيٺ آندو ويو آهي. مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن ۾ سياسي ڪشمڪش دوران صوفين تي ٿيل ڏاڍ ڏمر ۽ ڏهڪاءُ جي دل ڏاريندڙ داستانن کي کولي بيان ڪيو ويو آهي. هن دور ۾ مذهبي نظرين جي ڇڪتاڻ هئي، مجدد الف ثاني ۽ محي الدين ابن العربي جن جي وحدت الوجود ۽ وحدت الشهود جي فلسفن جو ٽڪر هو. ناول نگار شاه لطيف ۽ شاه عنايت جي دورن جي تحريڪن ۽ سندن شاعري جي پس منظر کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي،ان سان گڏوگڏ شاهه عنايت جي شهادت جو پس منظر به پيش ڪيو آهي.
    ناول جي آخر ۾ شاه عنايت جي شهادت جو بيان آهي. سندس درس و تدريس جي مرڪز جھوڪ ۾ هو جتي سڄي سنڌ مان ڪافلن جا ڪافلا ڪهي اچي شامل ٿيندا هئا.
    آغا صاحب جي هن ناول بابت پروين موسيٰ ميمڻ چئي ٿي ته “ ليکڪ مطابق ڪامل شاهه عنايت صوفي جي پيغام کي عام ڪرڻ ۽ نيڪ و صالح قوتن جو ساٿ ڏيڻ لاءِ نيڪي کا وڏي واڪي ٻڌائڻو آهي ته هيڏي وڏي سماج ۾ مان موجود آهيان.” (9)
    آغا سليم جا ناول سچائي ۽ سونهن جا شاهڪار آهن، منجهن لفظن جو خوبصورت جڙاءُ آهي. هو تاريخ جي اوٽ ۾ ماضي کي حال ۾ ائين بيان ڪري ٿو جو ماضي جي واقعا هوبهو اکين اڳيان اڀريو اچن. شاه عنايت شهيد جي شهادت کي اثر انگيز نموني سان پيش ڪندي ناول نگار تاريخي لحاظ کان مغلن جي دور جي اهم واقعن جي عڪاسي ڪئي آهي. هي ناول بهترين تاريخي ناول طور مڃتا ماڻي چڪو آهي.


    هم اوست

    هم اوست
    ناول بابت پروين موسيٰ ميمڻ لکي ٿي ته “ ناول هم اوست آغا صاحب جي بهترين ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن ناول جي ڪهاڻي، پلاٽ، منظرنگاري اعليٰ درجي جون آهن. ليکڪ شاه عنايت ۽ شاه لطيف جي دور جي مذهبي ۽ صوفيانه فلسفن کي سهڻي اسلوب سان بيان ڪيو آهي. ناول جا ڪجھ حصا ته ٻولي جي حسن جي لحاظ کان اعليٰ درجي جا شمار ڪري سگھجن ٿا، ڪيترن ئي هنڌن تي موقعي جي مطابق خوبصورت شعرن ۽ دوهن جو استعمال آهي.” (10)
    علم ادب ڏانهن لاڙي بابت آغا سليم ارم محبوب کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ چون ٿا ته “ مونکي ننڍي لاءِ کان ڪتاب پڙهڻ جو شوق هو، ان شوق قدرتي طور مون ۾ لکڻ جو شوق پيدا ڪيو. ۽ پوءِ مون ننڍپڻ کان ئي ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، ان وقت حالتون هاڻي کان بلڪل بدليل هيون، هندو هليا ويا ته سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو، سنڌي ڪتاب الائجي ڪيڏانهن گم ٿي ويا. رسالو به ڪو به ڪونه ٿي نڪتو. “نئين زندگي” رسالو هو به ته ان ۾ رڳو عورتن جون لکڻيون پيون ڇپجنديون هيون، ۽ ڪيترا ويچارا مرد ليکڪ ڪنهن عورت جي نالي سان “نئين زندگي” ۾ پنهنجون لکڻيون ڇپرائيندا هئا. ادب جي انهيءَ حالتن جيڪري منهنجو لاڙو علم ادب ڏي وڌيو.” (11)


    حوالا:

    حوالا:
    1. هڪڙو انور فگار: “شڪارپور شهر جو ادب ۾ حصو” ص 134-135 ڇ پهريون2009ع انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي.
    2. سنڌي يوسف: سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ڇ پهريون جولاءِ 2011ع پبليڪيشن سچائي اشاعت گھر، دڙو سنڌ حيدرآباد “ص 16.15”
    3. پرک ماهوار: جولاءِ آگسٽ 2001ع، آغا سليم جو انٽرويو.
    4. سنڌي يوسف: سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) ڇ پهريون جولاءِ 2011 پبليڪيشن سچائي اشاعت گھر، دڙو سنڌ حيدرآباد
    5. مرزا نصير، دنيا ڪاوش مئگزين پنجين اپريل2015ع
    6. سليم آغا: ڊرامه، سنڌي ادبي بورڊ، ڇ پهريون 2009ع ص 24،23.
    7. ايضاً ص 82-84
    8. سليم آغا، چنڊ جا تمنائي، ڇ پهريون، 1963 ادارا آواز ادب سنڌ، ص 29
    9. ميمڻ پروين موسيٰ، سنڌي نثر جي ڪن صنفن جو اڀياس، ڇ ٻيو2015ع، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ ، ص 295
    10. ايضاً ، ص 196
    11. محبوب ارم، آغا سليم سان ڳالهه ٻولهه. سهڻي رسالو ص 2


    باب ٽيون

    شاهه جي رسالي جي انگريزي ترجمي جو اڀياس

    هي منهنجي ٿيسز جو ٽيون باب آهي. منهنجي سڄي ٿيسز جو تاڃي پيٽو به هن باب تي بيٺل آهي. هن باب ۾ آئون آغا سليم جي ڪيل شاهه جي سُرن جي ترجمن جو اڀياس پيش ڪندس. منهنجو خاص مقصد تنقيدي اڀياس پيش ڪرڻ آهي. تنقيدي اڀياس مان مراد ته آغا جي شاهه جي سُرن جي ڪيل ترجمن ۾ ڇا آغا سليم شاهه جي شعرن جي اصل روح کي برقرار رکي سگھيو آهي؟ ڇا آغا جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن، اُهي اصل لفظن سان ٺهڪي بيهن ٿا يا نه؟ ڇا آغا سليم شاعري جي اصولن موجب ترجمو ڪيو آهي؟ يا فقط لفظي ترجمو ڪيو اٿس؟ هي باب اِنهن سڀني سوالن جي جوابن تي ئي مشتمل هوندو.
    ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ترجمي جي اهميت تخليق کان گھٽ ناهي هوندي، ترجمو تخليقي عمل کان گھٽ ناهي هوندو. هن ۾ پاڻ ٻيڻو تجربو گُھربل هوندو آهي. ترجمي ۾ مترجم کي ٻنهي ٻولين يعني جنهن ۾ ترجمو ڪري ۽ جنهن مان ترجمو ڪري ٻنهي ٻولين تي عبور حاصل هجڻ لازمي آهي. دراصل ترجمو ٻن قسمن جو ٿيندو آهي. هڪ آزاد ترجمو ۽ ٻيو لفظي ترجمو، آزاد ترجمو گھڻو ڪري لفظي ترجمي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معياري ليکيو ويندو آهي. پر ان ۾ به ليکڪ کي اصل لکڻيءَ جو روح برقرار رکڻ ضروري هوندو آهي.
    آغا سليم شاهه جي شاعريءَ جي ترجمي ۾ لفظي ترجمي جي قسم کي ڪم آندو آهي. آغا سليم وٽ vocabulary جو وڏو ذخيرو موجود ٿو لڳي، پر آغا سليم شاعري جي اصولن کي برقرار رکي ناهي سگھيو.
    سُر ڪلياڻ جو پهريون شعر جيڪو آغا سليم پنهنجي انداز ۾ هن طرح ترجمو ڪيو آهي:
    اول، الله، عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قدرت سين، قائم آهه قديم
    والي، واحد، وحده، رازق، رب رحيم
    سو ساراهه سچو ڌڻي، چئي حمد حڪيم
    ڪري پاڻ ڪريم، جوڙون جوڙ جھان جي،
    هاڻ آغا جو هن شعر جو انگريزي ترجمو پيش ڪيان ٿي:
    The very first is Allah, the
    Omniscient, the supreme, the
    Lord of the universe,
    The omnipotent is there since
    Infinity by his own omnipotence
    He is uncreated.
    The lord, the one, the sustainer,
    Fosterer, the benevolent
    Praise he true lord and compose a hymn of wisdom,
    The gracious grant wishes of all.
    آغا صاحب جو هي ترجمو شاهه سائين جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيل لفظن ۽ موسيقيت جي لحاظ سان بلڪل هٽيل آهي. آغا سليم قافين جي بيهڪ ۽ لفظن جي ساڳئي معنيٰ کي استعمال نه ڪري سگھيو آهي.
    پهرين سِٽ جو ترجمو “ اول الله” آغا هن ريت ڪيو آهي“ The very first is Allah” هن جي بدران اول الله لاءِ بهتر لفظ “foremost” آهي، جيڪو هڪ خاص صفت کي بيان ٿو ڪري. لفظ کي جملي ۾ نه پر جملي کي هڪ ئي لفظ ۾ بيان ڪرڻ وڏي ڏات آهي.
    شاهه جي شاعري فقط لفظن ذريعي ئي ڪيترا جملا سمجھائي ڇڏي ٿي، ۽ ان کي جملن ۾ نه پر هڪ ئي لفظ ۾ آڻڻ ئي بهتر آهي.
    Praise the true lord and compose a hymn of wisdom
    “سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم” آغا سليم لفظ “compose” هتي ڪم آندو آهي جيڪو “چوڻ” يا “چئي” جي معنيٰ سان بلڪل ٺهڪي نٿو بيهي. “compose” لفظ “ ٺاهڻ” يا “ٺهڻ” جي معنيٰ ٿو ڏيکاري. هڪ ٻيو لفظ “hymn” هي لفظ اڪثر (ڀَڄنِ) جي معنيٰ طور ڪم ايندو آهي. حمد لاءِ اڪثر“praise” لفظ استعمال ٿئي ٿو. آغا جي هن جملي ۾ تمام گھڻو جھول آهي. جنهن جو ترجمو هن طرح ٿي سگھي ٿو:
    “ چئي حمد حڪيم”
    ترجمو:
    “Compose the hymn of wisdom ” بدران “ His praise sing” ٿي ٿو سگھي. هن ساڳي شعر جو ترجمو امينا خميساڻي جيڪو ڪيو آهي، ان سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته جيئن جملن ۽ لفظن جي چٽائي ٿي سگھي.
    امينه خميساڻي جو ترجمو: “ Foremost omniscient and supreme is world lord”
    آغا سليم جو ترجمو:
    The very first is Allah, the
    Omniscient, the supreme the
    Lord of the universe
    هاڻ هتي لفظ “foremost” “ اول الله” جي معنيٰ سان هم آهنگ لڳي ٿو. پر آغا جو پورو جملو:‏
    “The very first is Allah” ان جي ابتڙ معنيٰ ٿو ڏي. اُهو ائين جو “The very first is Allah” جي معنيٰ “سڀ کان پهرين الله آهي” ٿي بيهي. جڏهن ته پورو جملو شاهه سائين پڻ هڪ لفظ “اول الله” ۾ سمجھايو آهي، جنهن لاءِ انگريزي لفظ “Foremost” بلڪل ساڳي معنيٰ ۽ مفهوم سان ٺهڪي ٿو بيهي.
    ان کان پوءِ امينه صاحبه شاهه جي ڪافين کي پڻ برقرار رکيو آهي. پر آغا صاحب جي ڪيل ترجمي ۾ شاهه جي ڪافيي کان بلڪل منهن موڙيل ٿو لڳي.
    امينه صاحبه:
    Foremost, omniscient and supreme is world’s lord
    Of his own might is existence
    Since a eons old
    Nightly creator, merciful, sustainer one and only
    His praise sign, he planned and perfected the universe
    امينه خميساڻي شاهه صاحب جيان قديم ۽ رحيم لفظن وانگر “Lord” ۽ “old” کي هم ڪافيه رکيو آهي.
    آغا صاحب جو ترجمو:
    The very first is Allah, the omniscient,
    The supreme, the lord of universe,
    The omnipotent is there since, infinity
    By his own omnipotent, he is uncreated,
    The lord the one, the sustainer, the fosterer, the benevolent,
    Praise the true lord and compose a hymn of wisdom,
    The gracious grants wishes of all,
    هاڻ آغا جي هن ترجمو ڪيل شعر ۾ ڪٿي به ڪا سٽ ڪوبه لفظ هم ڪافيه ناهي. آغا شاعري کي به نثري انداز ۾ ترجمو ڪيو آهي. اهو ساڳيو بيت آغا سليم اُردو ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي، ان کي شيخ اياز جي ترجمو ڪيل شاهه جي اردو بيت سان ڀيٽ ڪجي ٿو.
    شاهه جو بيت:
    اول، الله عليم، اعليٰ، عالم جو ڌڻي،
    قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم،
    والي واحد وحده، رازق رب رحيم،
    سو ساراهه سچو ڌڻي چئي حمد حڪيم،
    ڪري پاڻ ڪريم جوڙُون جوڙ جھان جي،
    آغا سليم جو هن بيت جو ڪيل اردو ترجمو:
    اول الله عليم اعليٰ عالم ڪا دهني،
    قادر اپني قدرت سڳ قائم اور قديم،
    والي واحد وحده، رازق رب رحيم
    مرحت ڪي اس سچي رب ڪي، ڪهه ڪڳ حمد حڪيم،
    وه والي وه ڪريم، وه جگ ڪهه ڪام سنواري.
    شيخ اياز جو هن بيت جو ڪيل اردو ترجمو:
    تيري هي ذات اول و آخر، تو هي قائم هڳ اور تو هي قديم
    تجھ سڳ وابسته هر تمنا هڳ، تيرا هي آسرا هڳ رب ڪريم
    ڪم ڪي جتني ڪريڻ تيري تو صيف، تو هي اعليٰ هڳ اور تو هي عظيم
    والي شش جھاڻ واحد ذات، رازق ڪائنات رب رحيم.
    ٿلهي ليکي آغا صاحب جي ترجمي جو مفهوم ته دُرست آهي، پر آغا صاحب هتي لفظ “دهني” جيڪو استعمال ڪيو آهي، اهو لفظ اُردو ٻولي جي لغت ۾ ملي ئي نٿو نه ئي وري عام مروج آهي. آغا صاحب هن ترجمي ۾ باقي سڄو بيت لڳ ڀڳ ساڳيو ئي رکيو آهي جيڪو سنڌي ۾ آهي. فقط ڪجھ لفظن جي ڦهير گھير سان آغا سليم ترجمو ڪيو آهي.
    آغا سليم شاهه جي بيتن کي لفظ به لفظ ترجمو ڪيو آهي، پر آغا صاحب انگريزي ترجمي ۾ Alliteration۽ Rhyme, Rhythm جو صحيح استعمال ناهي ڪيو. آغا صاحب معنيٰ ۽ مفهوم ته شاهه وارو ساڳيو رکيو آهي، پر ان ۾ شاعراڻو رنگ نه ڀري سگھيو آهي.
    شاهه سائين اگر ڪٿي پنهنجي شاعري ۾ ڪو سوال اُٿاريو آهي ته ان سوال جو جواب ٻي سِٽ ۾ ئي ڏنو اٿس. جيئن شاهه سائين جي هي سِٽ ڏسو:

    تان تون وڃيو ڪيئن، نايين سر ٻين کي،
    هاڻ هتي شاهه سائين هڪ پاسي سوال ٿو ڏي ته ٻي پاسي اُن جو جواب به ٻڌائي ٿو.
    هاڻ آغا جو ان سِٽ جوترجمو اردو ۾ ته ٿورو مفهوم ڏي ٿو چوي ٿو ته:
    پهر ڪيوڻ غيرڪهه دُوار، جا ڪر سر ڪو جُھڪائي
    پر آغا صاحب هن بيت جو انگريزي ۾ ترجمو ته بلڪل معنيٰ ۽ مفهوم کان هٽي ڪري ڪيو آهي چوي ٿو ته:
    How is that you bow before others?
    هي ترجمو آغا جي پنهنجي ڪيل اُردو ترجمي سان ته ٺهڪي ٿو بيهي، پر شاهه جي سِٽ جي معنيٰ سان بلڪل نٿو ٺهڪي. هتي آغا جو ترجمو فقط لفظي آهي، باقي مفهوم سان بلڪل به هم آهنگ ناهي.
    شاهه صاحب جي بيتن ۾ جيتري قدر مفهوم ۽ معنيٰ جي گھرائي آهي، اُوتروئي شاهه سائين جي لفظن ۾ سونهن سمايل آهي. شاهه سائين پنهنجي هر بيت ۾ تمام ڳُجھي ۽ لڪل ڳالهه سمجھائي آهي. شاهه سائين جيڪي لفظ استعمال ڪيا آهن، سي ظاهري طرح هڪ معنيٰ ٿا ڏيکارين مگر سندن اندروني معنيٰ ٻي آهي.
    شاهه سائين جي ڏنل هيٺين بيت ۾ جيتري قدر سونهن ۽ ڪمال آهي، اُوتروئي معنيٰ ۽ مفهوم ۾ پيچيده پڻ آهي. ان لاءِ هِن بيت کي ٻي ٻولي ۾ ساڳئي مفهوم ۾ ترجمو ڪرڻ ڪو گھٽ مشڪل ناهي:
    پڙاڏو سوئي سڏ، ور وائي جو جي لهين،
    هئا اڳئين گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.
    آغا سليم جو انگريزي ۾ ڪيل ترجمو:
    You ponder and will discern that,
    Echo is in fact that sound,
    They were one but is listening become
    آغا سليم جي ڪيل هن بيت جي ترجمي ۾ شاهه جي شعر جو مفهوم ئي نٿو ملي، آغا نه ته وري بيت جو ڪافيو برقرار رکي سگھيو آهي. آغا صاحب انگريزي لفظن کي به انهيءَ ساڳئي معنيٰ مطابق استعمال نه ڪيو آهي. آغا لفظ “sound” جو استعمال ڪيو آهي جيڪو “ آواز” جي معنيٰ ٿو ڏي. جڏهن ته شاهه سائين “ آواز” جو لفظ بيت ۾ استعمال نه ڪيو آهي. شاهه سائين “پڙاڏو ۽ سڏ” لفظ استعمال ۾ آندو آهي. جنهن لاءِ انگريزي لفظ “echo” ۽ “call” استعمال ٿي سگھي ٿو. آغا صاحب شاهه جي قافيي کي به انهيءَ انداز ۾ پيش نه ڪيو آهي. شاهه لطيف جي بيتن کي انهيءَ معنيٰ، مفهوم ۽ ترنم سان پيش ڪرڻ ڪو سَولو ڪم ناهي. آغا اگر انهن لفظن بدران هيٺ ڏنل لفظ ترجمي ڪرڻ وقت استعمال ڪري ها ته پوءِ مفهوم شاهه جي بيت سان ٺهڪي بيهي ها:
    Echo and call are close and near
    Formerly together, but separate to hear
    آغا جو هيٺ ڏنل جملو درحقيقت فقط هڪ عام رواجي جملو پيو لڳي جنهن ۾ شعريت نٿي ملي. چوي ٿو ته:
    Echo is infect the sound
    هن جي لفظي معنيٰ ۽ گراميٽيڪل معنيٰ هي ٿيندي “ پڙاڏو در حقيقت ۾ هڪ آواز آهي” جڏهن ته شاهه سائين سندس بيت ۾ ڪٿي به اهڙو مفهوم ٻڌايو ئي ناهي. ساڳئي بيت جو اردو ترجمو آغا صاحب هن طرح ڪيو آهي:
    ايڪ صدا ايڪ گونج، سنني ميڻ هيڻ دو،
    غور سڳ گر سُن لو، مخر ج ان ڪا ايڪ هي.
    هاڻ شاهه صاحب فقط ٻڌڻ يا ٻڌائڻ جي ڳالهه نٿو ڪري، پر هو پڙاڏي جو تصور ٿو سمجھائي. آغا سليم “پڙاڏو سو ئي سڏ” لاءِ لفظ “ ايڪ صدا ايڪ گونج” ته ٺيڪ لکيو آهي، پر آغا صاحب “مخرج” جو لفظ هروڀرو استعمال ڪيو آهي.
    “ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا” جو ترجمو “ مخر ج ان ڪا ايڪ هي” ڪجهه دل سان نٿو لڳي. ڇو ته سڏ ۾ پڙاڏو جو مخرج ساڳيو ڪونهي. پڙاڏو ته محض آواز جي موٽ آهي. ان لاءِ ترجمو ڪيل شعر ۾ شاعراڻي سونهن اڻ لڀ آهي.
    شاهه جو هڪ ٻيو بيت جنهن جي ظاهري معنيٰ ته هڪڙي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، مگر ان جي اندروني معنيٰ ٻي آهي. اُهو هي بيت آهي:
    ايڪ قصر، در لک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون
    جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون،
    هاڻ هتي شاهه سائين “در دروازن” جا لفظ ته استعمال ڪيا آهن. پر اُهي تمثيلي طور هن جھان کي بيان ٿا ڪن. شاهه سائين چوي ٿو ته هي جھان ڪيڏو نه وسيع آهي. پر منهنجي نظر جيڏانهن به وڃي ٿي تنهن پاسي مونکي پرين ٿو ڏسڻ ۾ اچي. آغا جو انگريزي ۾ ڪيل هن بيت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
    The palace is one, its doors and
    Windows are numerous
    Whenever I look, the lord is there
    هتي آغا صاحب لفظن ۽ جملن جي معنائن مطابق انگريزي لفظ ڪتب آندا آهن. آغا جواهو ترجموايلسا قاضي جي انگريزي ترجمي ۽ امينه خميساڻي جي انگريزي ترجمي سان هڪجھڙائي ٿو رکي. هي شعر ٽنهي مترجمن ساڳي انداز ۾ ترجمو ڪيو آهي. “در ۽ ڳڙکيون” لفظن لاءِ ٽنهي مترجمن انگريزي لفظ “doors and windows” لفظ ڪتب آندا آهن، جيڪي شاهه جي لفظن سان ٺهڪي ٿا بيهن، پر شاهه جي شعر جي اصل مفهوم جي چٽائي سهي نموني نه پيا ڪري سگھن. هتي لفظ “doors and windows” هڪ محدود دائري جي معنيٰ ڏانهن اشارو ٿا ڪن، جڏهن ته شاهه جو مفهوم انتهائي وسيع آهي.
    شاهه صاحب “در ۽ دريون” مان مراد بيحد اونهي معنيٰ مشرق ۽ مغرب جي ٿو ڏي، جيڪي لامحدود حدون آهن ۽ حقيقي محبوب لاءِ ۽ ان کي پرکڻ لاءِ ڪا حد نٿي ٿئي. حقيقي محبوب لامحدود حدن ۾ آهي. ۽ شاهه سائين حقيقي محبوب لاءِ ڪا به حد مقرر ناهي ڪئي. هتي شاهه سائين “در ۽ دريون” تمثيلي طور آندا آهن، جڏهن ته انهن لفظن جو مفهوم وسيع آهي.
    ساڳيو شعر آغا صاحب اُردو ۾ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
    ايڪ قصر در لاک، اور ڪروڙيڻ کڙڪياڻ
    جدهر اُٽڳ يه آنڪه، اُدهر هڳ سُندر روپ سجن ڪا.
    هتي آغا صاحب لفظن جو ته بهترين ترجمو ڪيو آهي، پر شاهه صاحب جي ڪن لفظن جي مفهوم ۽ معنائن کي نه سمجھيو اٿس. آغا سليم جي اُردو ترجمي کي اگر شيخ اياز جي ڪيل اُردو ترجمي سان ڀيٽ ڪجي ته ڪجھ وڌيڪ چٽائي ٿي سگھندي. شيخ اياز جو اردو ۾ ڪيل هن بيت جو ترجمو پيش ڪجي ٿو:
    ايڪ قصر هڳ اور در لاکوڻ، هر طرف بي شمار هين روزن،
    مجهه ڪو هر سمت سڳ نظر آيا، جلوه گر ايڪ هي رخِ روشن
    آغا سليم جو ڪيل اردو ۾ ترجمو پيش ڪجي ٿو:
    ايڪ قصر در لاک، اور ڪروڙوڻ کڙڪياڻ،
    جدهر اُٽهڳ يڳ آنک، اُدهر هڳ سُندر روپ سجن ڪا.
    هتي ٻنهي مترجمن بهترين ترجمو پيش ڪيو آهي. پر هتي به لفظ “ڪروڙين” شاهه صاحب وٽ ڪروڙين يا لکين جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيل ناهي. پر شاهه صاحب جو “ڪروڙين” مان مطلب “بيشمار، بي حساب” ٿو ٿئي. هتي آغا جو “ڪروڙين” لفظ ان مفهوم موجب سهي معنيٰ نٿو ڏي. بلڪ شيخ اياز جو “بيشمار روزن” ڪجھ هڪجھڙي معنيٰ ٿو ڏي. باقي آغا سليم جو“سندر روپ سجن ڪا” تمام خوبصورت فقرو آهي. پر هن شعر جو به لفظي ترجمو چوڻ ئي مناسب ٿيندو.
    شاهه لطيف پنهنجن بيتن ۾ تشبيهن، استعارن، لفظن ۽ جملن جو اهڙو ته شاندار استعمال ڪيو آهي جو انهن کي ترجمو ڪرڻ لاءِ ٻي ٻولي ۾ لفظن جي چونڊ انتهائي پيچيدو ڪم آهي.
    شاهه سائين جو هڪ ٻيو بيت آهي:
    کڻي نيڻ خمار مان، جان ڪيائون ناز نظر
    سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر
    تارا ڪتيون تائب ٿيا، ديکيندي دلبر
    جَھڪو ٿيو جوهر، جانب جي جمال سين.
    آغا صاحب هن بيت جو انگريزي ۾ هيئن ترجمو ڪيو آهي:
    Whenever my friend lifts eyes coquettishly
    Sun lows its rays, moon becomes Haggard
    The stars and Pleiades seeing the beloved raced
    Pearls lore their glean before luster of his beauty
    هتي آغا سليم جن ٿلهي ليکي مفهوم کي ته سهڻي نموني پيش ڪيو آهي. پر آغا صاحب لفظن جي چونڊ سهي ناهي ڪري سگھيو. آغا صاحب لفظ “خمار” لاءِ “Coquettishly” استعمال ڪيو آهي. پر اهو لفظ “خمار” جي معنيٰ نه پر “چنچل” جي معنيٰ ٿو ڏي. جڏهن ته خمار ۽ چنچل لفظن ۾ فرق آهي. لفظ “Coquettishly” جو مطلب آهي“چنچل” جڏهن ته شاهه صاحب “چنچل” لفظ شعر ۾ ڪٿي به استعمال ناهي ڪيو. جنهن لاءِ انگريزي لفظ “drowsiness” استعمال ٿيندو آهي. جيڪو آغا صاحب ڪم ناهي آندو. آغا صاحب کي“Coquettishly” بدران “drowsiness” ڪم آڻڻ کپي ها.
    شاهه سائين چوي ٿو ته:
    سورج شاخون جھڪيون، ڪوماڻو قمر
    آغا صاحب انگريزي ۾ ترجمو هيئن ٿو ڪري:
    Sun lowers its rays
    هاڻ “rays” لفظ شعاع لاءِ استعمال ٿئي ٿو. “rays” سج جي شعائن کي چئبو آهي. جڏهن ته شاهه صاحب لفظ “شعاع” نه بلڪ “شاخون” استعمال ڪيو آهي. جنهن لاءِ لفظ “rays” نه بلڪ “boughs/branches” استعمال ڪرڻ کپندو هو.
    ٻيو لفظ جيڪو شاهه صاحب “جھڪيون” استعمال ڪيو آهي، ان لاءِ به آغا صاحب جو“lowers” لفظ “جھڪيون” جي معنيٰ سان ٺهڪي نٿو بيهي. “lower” جو خاص مطلب آهي “هيٺيائون” يا “گھٽ” شاعري ۾ خاص طور تي “جَھڪڻ” جي معنيٰ لاءِ “lower” لفظ ٺهڪي نٿو بيهي. شاعري ۾ عام مروج لفظن کان ڳجھي معنيٰ وارا لفظ وڌيڪ استعمال ٿيندا آهن. هتي “جھڪڻ” لاءِ لفظ “notate” استعمال ٿيڻ کپي ها.
    “سورج شاخون جھڪيون” ان جملي جو ترجمو ڪجھ هن ريت مناسب ٿو لڳي:
    “Sun boughs/branches notates”
    يعني سورج شاخون جھڪيون. هاڻ “Sun lows its rays,” هن جي معنيٰ ٿي “سج پنهنجا شعاع ڪرايا” جڏهن ته اهڙي قسم جو مفهوم گھٽ مان گھٽ شاهه جي بيت مان نٿو نڪري. آغا صاحب ٻين بيتن جيان هن بيت جو ترجمو به فقط لفظي بيان ڪيو آهي، جنهن مان مفهوم جي چٽائي نٿي ٿي.
    شاهه جي شاعري ۾ خوبصورت منظرنگاري جو مظاهرو ٿيل آهي، ٻي طرف سندس ڪلام محاڪات، تشبيهن ۽ استعارن جو خوبصورت سنگم آهي. شاهه سائين سنڌ ڌرتي جي هر نظاري کي پنهنجي اک مان ڪڍيو، پوءِ انهن منظرن ۾ پکي پکڻ جي اُڏار، ٻولي، دريا جو خوبصورت منظر، ترندڙ ٻيڙيون، مهاڻن جي مڇي مارڻ ۽ کپائڻ جي ڪرت، هجي توڙي ڏتڙيل طبقي جي هر ڪردار کي ڀرپور انداز ۾ ۽ پنهنجي چِند سنڌي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي، ان لاءِ اهڙن لفظن کي ٻي ٻولي ۾ آڻڻ لاءِ به لفظن جي چونڊ ڄڻ ته ٿيو پُل صراط تان ٽپڻو. ڪنهن به لفظ جي چونڊ ۾ اگر اوڻيهه ويهه ٿئي ٿي ته پوءِ سڄي شعر جو مفهوم ئي بگڙيو وڃي.
    شاهه سائين جو شعر آهي:
    شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون،
    موٽ مران ٿي ميندرا، راڻا! ڪارڻ رب،
    تنهنجي تات طلب، ڪانگ اُڏايم ڪاڪ جا.
    هن شعر جو آغا صاحب انگريزي توڙي اُردو ٻنهي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي آغا صاحب اُردو ۾ ڪجھ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
    شمع جلاتڳ شب، پوپهٽي پرڀات،
    تيري ديد ڪو ترسڳ نيناڻ، رانا! آجا اب،
    تيري يار طلب، ڪاگ اُڙاواڻ ڪاڪ ڪڳ.
    آغا صاحب هتي اهڙا لفظ ڪم آندا آهن جيڪي اُردو ٻولي ۾ ڪٿي به نٿا ملن. هاڻ “ڪاگ” لفظ اُردو ۾ ڪنهن به معنيٰ ۾ نٿو ملي. پر هي لفظ هندي ٻولي ۾ موجود آهي، “ڪانگ” لفظ جڏهن آغا کي اردو مان ڪو بهتر لفظ نه مليو ته هن هندي ٻولي مان “ڪانگ” لفظ لاءِ متبادل لفظ “ڪاگ” ترجمي جي صورت ۾ استعمال ڪيو، ۽ اها ئي هڪ مترجم جي خوبي آهي ته هو ترجمي وقت ڪوشش ڪري وڌ کان وڌ مفهوم سان ٺهڪي ايندڙ لفظ استعمال ڪري. آغا سليم ۾ اها خوبي موجود آهي. ڇو ته “ڪانگ” لاءِ اردو ۾ لفظ “ڪوا” ملي ٿو مگر اهو لفظ اڻ سونهندڙ آهي ان جي بجاءِ لفظ “ڪاگ” ٺهڪي ٿو بيهي. هي شاهه سائين جو اهڙو بيت آهي، جنهن ۾ دل لُڀائيندڙ منظر نگاري ۽ عڪس چٽيل آهن، ۽ لفظ اهڙا ته نج سنڌي استعمال ٿيل آهن جو مترجم کي انهن لفظن جا متبادل لفظ اردو ٻولي ۾ ملي ناهن سگھيا.
    ان کان علاوه آغا صاحب لفظ “پربهات” استعمال ڪيو آهي، جيڪو پڻ سنڌي جو پنهنجو اصلوڪو لفظ آهي، هاڻ هنن مثالن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته آغا صاحب ڪيترن ئي سنڌي لفظن جا اردو ٻولي ۾ متبادل لفظ ڏيئي ناهي سگھيو ان لاءِ ترجمي ۾ اهو رنگ ناهي رچي سگھيو جيڪو هجڻ کپي ها. شاعري ۾ فقط لفظن جو ترجمو ناهي ڪبو، پر انهن سان گڏوگڏ لفظن ۾سمايل انهن احساسن کي جيڪي شعر ۾ شاعر مخصوص ڪيفيتن جي ردِ عمل ۾ پوئيندو آهي انهن کي به ٻي ٻولي ۾ ڀرپور نموني ڏيڻ جي ڪوشش ڪبي آهي، جيتوڻيڪ احساس ترجمو ناهن ٿي سگھندا پر انهن جا متبادل لفظ ڳولي ٻي ٻولي ۾ به اهڙين ڪيفيتن جو اظهار ڪري سگھجي ٿو. مگر آغا سليم فقط لفظن جا ترجما ڏنا آهن، ان لاءِ سندس اردو ترجمي ۾ رُکائي محسوس پئي ٿي.
    ساڳي شعر کي آغا صاحب انگريزي ۾ پڻ ترجمو ڪيو آهي، جيڪو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    I kept the candle burning till the rays of sun appeared
    I am dying Come back Mandhro, for God‘s sauce
    Yearning and longing for you I follow the
    Crows of kaak
    هن شعر جي ترجمي ۾ آغا صاحب لفظي ترجمي تي زور ڏنو آهي، آغا شاهه جي بيت جي مفهوم کان بلڪل هٽي ويو آهي. ائين ٿو لڳي ته آغا صاحب شاهه جي بيت جو ترجمو ناهي ڪيو، مگر پاڻ پنهنجو ڪو انگريزي ۾ بيت سرجيو اٿس. شاهه سائين جي شعرن جي ترجمي ڪرڻ وقت اسان کي گرامر جي اصولن تي پڻ توجھ رکڻو آهي. شاهه سائين جا شعر اسان کي زمان مڪان جي ڄاڻ پڻ ڏين ٿا. دنيا جي هر ٻولي جو پنهنجو گرامر آهي، ۽ گرامر وسيلي ئي ٻولي جي بيهڪ جي خبر پوندي آهي. هتي شاهه سائين “شمع ٻاريندي شب، پرهه باکون ڪڍيون” هاڻ شاهه سائين هتي حال جي ڳالهه ٿو ڪري، نه ئي جاري جي. “ٻاريندي” لفظ لاءِ انگريزي ۾ “Burnt” لفظ استعمال ۾ اچي ها ته وڌيڪ بهتر هو. ڇو ته “burning” لفظ “ٻاري رهيو هئڻ” يا “ٻاري رهي هئڻ” لاءِ ڪم ٿو اچي. جيڪو شاهه صاحب لفظ ڪم نه آندو آهي. اڳتي آغا صاحب ترجمو ڪيو آهي:
    “Rays of sun appeared ” هي جملو اسان کي بلڪل الڳ معنيٰ پيو ڏي. آغا صاحب سج جي اڀرڻ جي ڳالهه ٿو ڪري ۽ شاهه صاحب پرهه ڦٽي جي ڳالهه ڪئي آهي. پرهه ڦٽي ۽ سج جي اڀرڻ ۾ وڏو فرق آهي. “پرهه باکون ڪڍيون” ان لاءِ “rays of sun appeared” جي بجاءِ “And set days first streak in the stay” لکڻ شاهه جي مفهوم جي وڌيڪ ويجھو آهي. آغا صاحب جو ڪيل ترجمو شاهه سائين جي مفهوم جي سهي چٽائي نٿو ڪري. سندس ترجمو مفهوم ئي ڪو الڳ ٿو بيان ڪري. ان کان علاوه آغا صاحب “موٽ مران ٿي ميندرا” هاڻ “ مران ٿي” لاءِ آغا صاحب “I am dying” استعمال ڪيو آهي. جڏهن ته شاهه سائين “مران ٿي” فقرو ڪم آندو آهي، نڪي “مري رهي آهيان” ڪتب آندو اٿس جو آغا صاحب “I am dying” لفظ استعمال ڪيو آهي. هتي “I am dying” بدران “I die” استعمال سهي هو جيڪو زمان حال ڏيکاري ٿو ۽ شاهه سائين جي شعر ۾ به گرامر موجب اهو فقرو زمان حال سان تعلق رکي ٿو.
    شاهه جي سُر برووسنڌي جو هي شعر:
    ڇا کي وڃيو ڇو، ٻيلي ٿئين ٻين جو؟
    وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، جڳ جو والي جو،
    سؤکو هوندو سو، جنهن جوعشق الله سين.
    آغا صاحب هن شعر جو اُردو توڙي انگريزي ٻنهي ٻولين ۾ ترجمو ڪيو آهي. آغا صاحب اُردو ٻولي ۾ هن شعر کي بهترين ترجمي جو ويس پهرايو آهي. ۽ اردو ۾ به هن شعر جو ساڳيو مفهوم ٺهڪي ٿو بيهي. سندس ڪيل اردو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    ڪس ڪارن تو غير ڪا، بنا هڳ يار! غلام؟
    جو هڳ والي جگ ڪا، اس ڪا دامن تهام،
    وه پائيڻ آرام، جن ڪا عشق الله سي.
    آغا صاحب شاهه جي اسلوب کي اردو ٻولي ۾ به ساڳي انداز ۾ ترجمو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هتي ٻولي جو مزاج بيت سان ٺهڪندڙ آهي. آغا اردو ترجمي ۾ ڪافين جو استعمال به نهايت خوبصورتي سان ڪيو آهي. هن کي بهترين ترجمو چئي سگھون ٿا بلڪ بهترين ترجمو آهي.
    هي ساڳيو شعر آغا صاحب انگريزي ۾ ڪجھ هن ريت ترجمو ڪيو آهي:
    Why and what for you be servant of others
    Hold stirrup of the gracious horse
    Who is the lord of the universe?
    He will surely comfortable, who loves only Allah.
    هن ترجمي کي پڙهي چئي سگھجي ٿو ته آغا صاحب ترجمي جي اصولن کي ڄڻ ته ننديو آهي، ڇو ته هتي آغا صاحب نه ته “rhyme” برقرار رکي سگھيو آهي نه وري “rhythm” کي ۽ نه وري هن ۾ “Alliteration” نه وري گرامر جو سهي استعمال ڪيو اٿس. آغا سليم جي هن شعر جي ڪيل انگريزي ترجمي کي جيڪڏهن لفظي ترجمو چئون تڏهن به غلط ٿيندو. ڇو ته هتي آغا صاحب لفظ به غلط ڪم آندا آهن. شاهه صاحب “ڇا کي وڃيو ڇو” استعمال ڪيو آهي. ۽ آغا صاحب وري انگريزي ۾“why and what you be servant of others” ترجمو ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪابه شعريت ڏسڻ ۾ نٿي اچي. هي ته پاڻ شاهه جي شعر کي ئي ابتو ڪري ٿو ٻڌائي. آغا جو ڪيل انگريزي ترجمو “ڇو کي وڃيو ڇا” جي معنيٰ پيو ڏي. ۽ آغا صاحب “what for you” هن جملي جو استعمال الائي ڇو ڪيو آهي. جڏهن ته گرامر جي حوالي سان “for what” جو استعمال ڪٿي به ناهي ٿيندو. اصولن هنن لفظن جو هتي استعمال غلط آهي. ۽ اهو جملو به شاهه صاحب جي مفهوم سان ٺهڪي ئي نٿو. آغا صاحب جي ڪيل هن ترجمي کي جيڪڏهن H.T.Sarley جي ڪيل انگريزي ترجمي سان ڀيٽ ڪجي ته آغا جو ڪيل ترجمو اصولن غلط ثابت ٿيندو. هتي ٻنهي مترجمن جا ڪيل ترجما پيش ڪجن ٿا:
    آغا سليم جو ترجمو:
    Why and what for you be servant of others
    Hold stirrup of the gracious horse
    Who is the lord of the universe?
    He will surely comfortable,
    Who loves only Allah?
    H.T.Sarley جو انگريزي ترجمو:
    After what go thou?
    Why doesn’t Thou remain, the servant of others?
    Stirrup-leather laid hold of the merciful one
    Even the lord of the worlds
    For certain that main will be Happy
    Whose love towards Allah is turned?
    هتي آغا صاحب ۽ ايڇ ٽي سارلي جي ترجمن ۾ فرق نمايان آهي. آغا صاحب ترجمو فقط لفظي ڪيو آهي، باقي مفهوم کي منتقل ڪرڻ ۾ بلڪل به ناڪام ويو آهي.
    ايڇ ٽي سارلي جي ترجمي ۾ مفهوم پڻ واضح آهي. آغا صاحب شاهه صاحب جي بيتن کي ترجمي ڪرڻ وقت انگريزي شاعري جي اصولن کي نظر انداز ڪيو آهي. انگريزي شاعري لکت ۾ نثر کان مختلف ايئن ايندي آهي جو ان ۾ Apostrophe جو استعمال گھڻو هجي ٿو. يعني اڌ لفظ لکيا وڃن ٿا. جيئن “even” کي “en‘E” have کيI’ve ڪري لکيو ٿو وڃي. آغا سليم جي ڪيل سڄي ترجمي ۾ ان جو ڪٿي به استعمال نٿو ملي. ٻيو انگريزي شاعري ۾ You جي بجاءِ thou, they يا thee استعمال ڪجي ٿو. جڏهن ته آغا سليم هر جڳهه تي فقط You جو استعمال ڪيو آهي.
    شاهه جي شاعري ۾ جيتري قدر وسعت آهي ۽ معنيٰ ۽ مفهوم ۾ گھرائي آهي، آغا صاحب اها گھرائي يا وسعت انگريزي ترجمي ۾ برقرار رکي ناهي سگھيو.
    شاهه سائين جو هڪ شعر آهي:
    دل جو دلبر هيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
    دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن،
    سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي.
    هن بيت جو آغا صاحب جو اردو ترجمو لفظي ترجمي جو ڏِک ٿو ڏي. ان ۾ هڪجھڙائي موجود آهي. سندس ڪيل اردو ترجمو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    دل ڪا دلبر ايڪ هو، اور نه هوڻ درڪار،
    دل تو ديڻ اُس ايڪ ڪو، ترسيڻ اور هزار
    جائيڻ جو هر دوار، وه تو هيڻ هرجائي.
    آغا جو هن بيت جو اردو ترجمو قافيي ۽ ترنم سان هم آهنگي ڏيکاري ٿو. پر آغا آخري سِٽ ۾ لفظ “هرجائي” جيڪو “چلولا ” لاءِ استعمال ڪيو آهي، اهو غير مناسب لفظ آهي. “هرجائي” لفظ جي معنيٰ آهي“ بيوفا يا دوکي باز” هاڻ جڏهن ته شاهه صاحب جي بيت ۾ لفظ “چلولا” استعمال ٿيل آهي. جيڪو اردو ۾“چلبهلا” چئبو آهي. پر اهو لفظ به هتي جملي ۾ ٺهڪي نه بيهندو. ڇو ته شاهه صاحب جي شاعري ۾ ڪي لفظ اهڙا ته چِند سنڌي استعمال ٿيل آهن جو انهن لفظن جا متبادل لفظ ٻي ٻولي ۾ ملڻ ئي مشڪل آهن. پر جيڪڏهن انهن لفظن لاءِ ٻيا لفظ استعمال ڪبا ته يقيناً معنيٰ ۽ مفهوم کي ڌڪ رسندو.
    ساڳيو شعر آغا صاحب انگريزي ۾ به ترجمو ڪيو آهي. اهو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    There should be one love, not numerous
    Heart be given to only one even
    As hundred long for it.
    They are flirts, who believe in many loves.
    سڀ کان پهرين آغا صاحب جي ڪيل ترجمي جي آخري سِٽ کي ڏسجي ته اها سندس اردو ترجمي سان هڪجھڙائي ٿي رکي، ۽ ٺهڪي به بيهي ٿي. پر شاهه سائين جي شعر جو مفهوم ڪٿي به نه پئي ڏي. آغا صاحب لکي ٿو ته:
    They are flirts, who believe in many loves.
    اردو ۾ وري:
    جائيڻ جو هر دوار، وه تو هيڻ هرجائي.
    آغا صاحب “flirts” جو لفظ ڪم آندو آهي، جيڪو “هرجائي” ۽“دوکي باز” جي معنيٰ ته ڏي پيو، پر اهو“چلولائي” جي معنيٰ نٿو ڏي. ڇو ته “چلولائي، چلولو يا چلولا” لاءِ انگريزي لفظ “Fickle” ۽ “fickleness” لفظ استعمال ٿيندا آهن. ان کان علاوه شاهه جي سِٽ:
    دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن
    هتي شاهه صاحب جي “سؤ سڪن” مان مراد آهي ته ڪيترائي. هتي سؤ مان مطلب لاتعداد جو ٿو ڏي. پر آغا صاحب هتي به فقط لفظي ترجمي جو مظاهرو ڪندي “سؤ” جي لفظ کي “hundred” لفظ سان ترجمو ڪيو اٿس. جيڪو مفهوم موجب بلڪل غلط ۽ مختلف آهي.
    آغا ٻي سِٽ کي هن ريت ترجمي جي شڪل ڏني آهي:
    Heart is given to only one even as hundred long for it.
    انگريزي ٻولي ۾ ڪيترائي اهڙا لفظ آهن جيڪي اصطلاحن طور ڪتب ايندا آهن. ۽ انهن لفظن ۾ ايتري وسعت هوندي آهي جو پنهنجي پاڻ ۾ پوري جملي جي معنيٰ کي سمائي ڇڏيندا آهن. هتي شاهه صاحب “ دل ڏجي تنهن هڪ کي” دل ڏيڻ جي مفهوم ۾ اصطلاح طور طور ڪتب آندو آهي. هاڻ “Heart be given to only one” بلڪل لفظي ۽ ٻاراڻو ترجمو ٿو لڳي. ان جي بدران جيڪڏهن “Heartstring” لفظ استعمال ڪجي ها ته مناسب ٿي ها. ڇو ته “Heartstring” “ دل ڏيڻ” جي معنيٰ لاءِ بهترين اصطلاح آهي.
    شاهه سائين جو شعر:
    دل جو دلبر هيڪڙو، گھڻا تان نه ڪجن،
    دل ڏجي تنهن هڪ کي توڻي سَو سِڪن،
    سي چلولا چئجن، جي در در لائين دوستي.
    هن شعر کي جيڪڏهن هن ريت ترجمو ڪجي ته پوءِ معنيٰ ۽ مفهوم ٻئي برقرار رهي سگھن ٿا:
    There be one beloved only
    Never made many,
    Heartstring one only
    Tantalize so many
    They will be called fickleness
    Who alliance many
    آغا صاحب جي انگريزي ترجمي ۾ ڪافيو اڻ لڀ آهي. شاهه جي شعرن کي ڪنهن به ٻولي ۾ ترجمي ڪرڻ وقت قافيي کي برقرار رکڻ انتهائي مشڪل ڪم آهي. ان لاءِ چئي سگھجي ٿو ته آغا سليم شاهه جي شعرن جو نثري انداز ۾ ترجمو ڪري اسان کي معنيٰ ۽ مفهوم سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر آغا سليم شاهه جي مفهوم کي چڱي ريت ترجمي ۾ منتقل ڪري ناهي سگھيو.


    نتيجا

    نتيجا

    انهي ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته آغا سليم کي سنڌي ادب جو آل رائونڊر چيو ويندو آهي. آغا صاحب سنڌي ادب جي ميدان ۾ تقريباً هر هڪ صنف تي قلم آزمائي ڪئي آهي. ناول، ڪهاڻيون، ڊراما، فلمون، سفرناما، شاعري، ترجما توڙي لطيفيات تي بهترين انداز ۾ ڪم ڪري پاڻ مڃرايو آهي. آغا سليم نثر توڙي نظم ۾ ڪتاب لکي سنڌي ادب جي زرخيزي ۾ اضافو ڪيو آهي. انهيءَ تخليقي ڪم کانسواءِ آغا سليم ترجمي جي ميدان ۾ پڻ پاڻ ملهايو آهي. ترجمي جو ڪم تخليق کان وڌيڪ اڙهانگو هوندو آهي. آغا سليم جو ترجمي جي معاملي ۾ ڳُوڙهو مطالعو به ساراهه جوڳو آهي.
    ترجمي جي حوالي سان آغا سليم شاهه سائين جي ڪلام کي جيتري قدر پرکيو ۽ سمجھيو آهي، اوترو آئون ڀانيان ٿي ته ٻي ڪنهن نه پڙهيو نه سمجھو هوندو.
    آغا سليم شاهه جي ڪلام جي مفهوم کي ڪيئن گھرائي ۾ ڏٺو آهي ان جو وڏو مثال سندس ڪتاب “ لات جا لطيف جي” آهي جيڪو لطيفيات جي حوالي سان سنڌي ادب لاءِ انمول تحفو آهي.
    آغا سليم مختلف صنفن سان گڏوگڏ پنهنجي لکڻين ۾ موضوع به مختلف آندا آهن. آغا سليم جي لکڻين ادب ۾ نواڻ آندي آهي. آغا سليم جي ناولن توڙي ڊرامن ۾ شعور جي وهڪري “Stream of consciousness” ڏانهن رجحان گھڻو ٿو لڳي.
    آغا سليم جي نثر ۾ سڀ کان وڏي خوبي اها آهي ته پاڻ ڪلاسيڪيت کي رومانيت واري انداز ۾ پيش ڪرڻ جو ڏانءُ رکن ٿا. سندس ان خوبي هن کي الڳ ٿلڳ ڪيو آهي.
    آغا سليم شاهه جي ڪلام کي ترجمي جي صورت ۾ ٻين ٻولين (اردو انگريزي) ۾ آڻي بهترين ڪم سر انجام ڏنو آهي. جيئن ته ترجمي جو ڪم تخليق کان به اوکو آهي. آغا سليم جي محنت ۽ سندس مقصد قابلِ تعريف آهي. آغا صاحب ڪيترين ئي جاين تي شاهه صاحب وارو ساڳيو مفهوم برقرار رکڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آهي، ان جي باوجود به ڪٿي ڪٿي تشنگي محسوس ٿئي ٿي. ان جو اهو مطلب هر گز نه وٺبو ته ڪو آغا جي مطالعي ۾ ڪا ڪمي پيشي هوندي. آغا سليم جو مطالعو نهايت ڳُوڙهو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر اها ڳالهه شروع کان هلندي اچي ته شاعري کي ترجمو ڪري نٿو سگھجي اگر ڪبو تڏهن به سندس اصل مفهوم کي ٻي ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ نهايت ڏکيو هوندو، ڇو ته شاعري احساسن ۽ جذبن جي اظهار جو نالو آهي. ۽ احساسن کي منتقل ڪري نٿو سگھجي. هر شخص وٽ پنهنجا جذبا هوندا آهن، ۽ هر شخص انهن جذبن جي ردعمل ۾ ئي ڪا شيءَ تخليق ڪندو آهي، ان لاءِ ڪو ٻيو ماڻهو انهن احساسن کي واضع طريقي سان ٻي ٻولي ۾ بيان نٿو ڪري سگھي. اهو ئي سبب آهي جو آغا سليم شاهه سائين جي مفهوم کي ائين بيان ناهي ڪري سگھيو جھڙي طرح شاهه سائين پاڻ پنهنجي بيتن ۾ اظهار ڪيو آهي. شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ “universal truth” بيان ڪيا آهن، ۽ اهڙن ته نج سنڌي لفظن ۾ بيان ڪيا آهن، جو اُهي ٻي ٻولي ۾ آڻڻ سان انهن جو مفهوم ئي مٽجيو وڃي.
    شاهه سائين جي شاعري آفاقي آهي جيڪا ٻي ٻولي ۾ منتقل ڪرڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. انگريزي ٻولي ۾ شاعري لاءِ ڪي خاص اصول ڪم آڻبا آهن، جن جو استعمال آغا صاحب پنهجي قابليت موجب ڪيو آهي، جنهن سان اختلاف ڪري سگھجي ٿو. اُهو اِهو ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ سان گڏ لکڻ ۾ به وڏو فرق آهي. ائين انگريزي نثر ۾“Apostrophe” جو استعمال گھٽ ٿئي ٿو. نثر لکڻ ۾ گھڻي ڀاڱي پورا لفظ استعمال ڪيا ويندا آهن. اڌ اکر نثر ۾ لکڻ جي بجاءِ نظم ۾ وڌيڪ ڪم آڻبا آهن. جيئن Do not کيt ‘Don، I had کي d ‘I ۽ have کي ve‘h ڪري لکبو آهي. پر آغا سليم ترجمي وقت ڪٿي به ان اصول جو خيال ناهي ڪيو. ان کانسواءِ ٻي خاص ڳالهه شاعري جي انگريزي ۾ ترجمي لاءِ اها آهي جو انگريزي نثر ۾ You, Your, yours تون، تنهنجو، تو لاءِ اهي لفظ استعمال ٿيندا آهن، ۽ اهي لفظ شاعري ۾ You, Your, yours نه بلڪه “The, Thou, They” استعمال ڪبا آهن. ۽ شاعري جي پڙهڻي ۾ به نثر کان تبديلي ڏيکارين ٿا. جيئن لڳي ته اها شاعري آهي. جنهن ۾ ترنم ۽ موسيقت هجي. “ The, Thou, They” اهي لفظ شاعري ۾ “rhyme” ۽ “rhythm” کي برقرارا رکن ٿا. جڏهن ته آغا سليم هر شعر ۾ You جي جاءِ تي You تنهنجو کي Your ئي لکيو آهي. آغا سليم شاعري جي “rhyme” ۽ “rhythm” کي برقرار نه رکيو آهي.
    آغا صاحب شاهه صاحب جي مفهوم جي ڳُوڙهي مطالعي ڪرڻ جي باوجود به ترجمن ۾ شايد مفهوم قائم رکي سگھي سگھيو آهي. آغا صاحب لفظي ترجمي کي وڌيڪ ترجيح ڏني آهي. آغا سليم ڪٿي وري اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن جن لاءِ ماڻهو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگھي. ان جو وڏو مثال لفظ “ڪاگ” آهي، جيڪو آغا سليم هيٺين بيت جي اردو ترجمي ۾ استعمال ڪيو آهي:
    شمع جلاتڳ شب، پوپهٽي پرڀات،
    تيري ديد ڪو ترسڳ نينان، رانا! آجا اب،
    تيري يار طلب، ڪاگ اُڙاوان ڪاڪ ڪڳ.
    هونئن ته لفظ “ڪاگ” اصل هندي ٻولي جو لفظ آهي، جيڪو ڪبير به پنهنجي هڪ دوهي ۾ استعمال ڪيو آهي. ڪبير جو اُهو دوهو هيٺ پيش ڪجي ٿو:
    ڪاگا کهايو، تن من کهايو، چُن چُن کهايو ماس
    دونينان مت کهايو، جنين پيا ملن ڪي آس
    اردو جا ڪيترائي اديب لفظ “ڪاگ” کي اردو ٻولي ۾ استعمال ڪندا آهن هاڻ ته هي لفظ اردو ٻولي ۾ جھڙوڪر مروج ٿي ويو آهي. آغا سليم به هتي هندي لفظ “ڪاگ” کي ترجمي ۾ استعمال ڪيو آهي جيڪا سندس خوبي آهي، ڇو ته اردو ۾ “ڪانگ” کي “ڪوا” چئبو آهي، جيڪڏهن آغا سليم بيت ۾ لفظ “ڪوا” استعمال ڪري ها ته اهو ٺهڪي نه بيهي ها ان لاءِ لفظ “ڪوا” جو متبادل لفظ آغا سليم هندي ٻولي مان کڻي آيو جيڪي بيت ۾ ٺهڪي ٿو بيهي. مترجم جي اها ئي خوبي هوندي آهي ته هو پوري ڪوشش ڪري متبادل لفظ ڳولي استعمال ڪري جنهن سان اصل مفهوم جي چٺائي ٿي سگھي.
    ٻي هنڌ آغا صاحب اهڙا لفظ استعمال ڪيا آهن، جيڪي شاهه جي لفظن جي معنائن سان ٺهڪي نٿا بيهن. آغا سليم هڪ شعر ۾“هرجائي” لفظ استعمال ڪيو آهي، جيڪو شاهه جي استعمال ڪيل لفظ “چلولا” جي معنيٰ نٿو ڏي. ۽ انهيءَ لفظ لاءِ آغا صاحب انگريزي جو لفظ“flirts” ڪم آندو آهي جيڪو “چلولا” لفظ جي نه بلڪه “دوکي باز ۽ ٺڳ” لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اهو نه شاهه جي لفظ سان بلڪل به ٺهڪي نٿو بيهي. اهڙا ٻيا به ڪيترائي لفظ آهن جيڪي شاهه جي جملن سان ٺهڪي نٿا بيهن. تنهن هوندي به آغا صاحب جي سموري محنت جو ڪو مٽ ئي ناهي. آغا سليم سنڌي ادب جي دنيا ۾ پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. آغا سليم پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ بي حد خودار آهن، هر ڳالهه بنا حجاب جي چئي ڏيڻ سندس طبيعت جي اهم خصوصيت آهي.
    آغا سليم سندس لکڻ ۽ ادب ۾ پير پائڻ جو خاص سبب ڄاڻائيندي چون ٿا ته :
    “مون اڄ تائين جيڪو ڪجھ لکيو آهي اهو پنهنجي اندر جي رانجھي کي ريجھائڻ لاءِ لکيو آهي، مون پئسن لاءِ نه لکيو آهي، مون ته پنهنجي پاڻ کي خوش رکڻ لاءِ لکيو آهي، سڄي حياتي لکيو آهي. اڄ به لکان پيو” (1)
    آغا سليم کي ڪتاب لکڻ جو شوق هڪ انوکي انداز سان ٿيو. سندس وڏو ڀاءُ ڪتاب آڻيندو هو آغا انهن ڪتابن جي ٽائيٽل کي ڏسندو هو ته کيس اُتي پنهنجي تصوير هئڻ جو شوق ٿيندو هو ته پاڻ به ڪتابن پويان پنهنجي تصوير ڏسي ۽ اتان ئي سندس دل ۾ لکڻ جو اُتساهه پيدا ٿيو.
    حوالا:
    1. ڪاوش دنيا مئگزين ،24 جنوري 2016ع ص 8





    چونڊ شعر

    چونڊ شعر
    سنڌي:
    لائي جو ويا، سو مَنجھيِنِ مَچُ ٿو ٻَري،
    سو اُجھامي ڪئان، جنهن سوريِندَڙُ سُپريِن
    اردو:
    دل مين آگ جلائي تهي وه، اور بهڙڪتي جائڳ
    اس ڪو ڪون بجھائڳ، جس ڪو بهڙڪائي وه ساجن
    انگريزي:
    The fire that the beloved kindled is blazing inside,
    How can it be put out as its stoker is the beloved?
    )Sur rip (ص 13
    سنڌي:
    جاءِ نه سَڄو ڏيِنهنِ، هِنئڙو اُوٺي وڳَ جِئن،
    مون پريان سين نينهن، ڇِنڻ ڪارڻ نه ڪيو.
    اردو:
    ايڪ جگهه پر بيٽه نه پائڳ، جون اونٽون ڪا گله،
    توڙنڳ ڪارن ڪب جوڙا ٿا، پي سڳ درد کا رشته.
    انگريزي:
    Heart is restless like a camel herd,
    I did not tie the love knot with the beloved to serve it.
    (Sur rip (ص 16
    سنڌي:
    چيتاري چوندياس، ڳالهيون سڀوئي سڄڻين،
    جهه مقابل ٿياس، ته سڀِ وڃنم وسري.
    اردو:
    سوچا ٿا ڪه ڪرون گي باتين، ملڳ گا جب وه يار،
    .ملا وه دلدار، تو بهول گيا دل ساري باتين


    انگريزي:
    I plan to relate all to him
    But when I meet him, I forget all.
    (Sur rip (ص 20
    سنڌي:
    مون سي ڏٺا ماءِ، جنين ڏٺو پِرينءَ کي،
    ڪَري نه سگھان ڪاءِ، اُنين سندي ڳالَهڙي.
    اردو:
    مين نڳ ايسڳ سالڪ ديڪهڳ، جنهون نڳ ديکها ساجن،
    ڪهه نه سڪڳ ڪچهه برهن،ڪيا اوصاف هين ان ڪڳ.
    انگريزي:
    O mother, I saw them, who have seen the beloved,
    Telling anything of them is beyond me.
    (Sur Khhahori (ص 38
    سنڌي:
    کَرڪَڻا لاهي سُک نه سُتا ڪَڏَهيِن
    اوسِيڙو آهي، کاهوڙِيُن کي پنڌ جو.
    اردو:
    چين نهين هڳ پل بهر، ذرا نهين آرام
    ڪرتڳ نهين آرام، دور ديس هڳ جانا.

    انگريزي:
    They never sleep with their rope-footwear off,
    All the time they wait for the journey to get underway.
    (Sur Khhahori (ص 48




    سنڌي:
    اَچيِن جي هيڪارَ، مُون ساريندي سُپِرين!
    پيرين ڌَريان پنبڻيون هَنڌَ وِڇايان وار،
    ساڄَنَ! سَڀُ ڄمار هُوندَ گولي ٿي گذاريان.
    اردو:
    پل پل تيري ياد هڳ، گر، آئڳ تو اڪبار،
    پلڪين راه مين فرش ڪرون اور، سيج بچهاؤن بال،
    بن ڪڳ خدمت گار، قدموڻ مين بچهه جائون.
    انگريزي:
    If you only come once while I remember you, my love,
    I will put my eyelashes under your feet and spread my hair on bed,
    I will then be your bondswoman for whole of my life.
    (Sur Barvo (ص 71
    سنڌي:
    جَڏهانڪَرَ ٿِيامِ، ساڃاهِ سُپيرِيُن سين،
    تَڏَهانڪَرَ تِر جيترو، ويرَ نه وِسِرِيامِ،
    اَندَرِ رُوح رَهيامِ، سَڄَڻَ اوطاقُون ڪري.
    اردو:
    جب سڳ اس پريتم ڪي، هوگئي مين شيدائي،
    اس دم ساجن ڪو، ايڪ پل بهول نه پائي،
    جس ڪي هوڻ سودائي، رچا هڳ ميري روح ميڻ.
    انگريزي:
    Every since I came to know the beloved,
    He has not been out of my mind even for a movement,
    He is staying in my heart having made it his abode.
    (Sur Barvo (ص 77
    سنڌي:
    ڪَڙو مَنجھِ ڪڙي، جيئن لُهار لَپيٽيو،
    مُنهنجو جِيءُ جَڙي، سُپرِيان سوگھو ڪيو.
    اردو:
    ڪڙيوڻ ميڻ جو ڪڙيان مل ڪر، بن جائڳ زنجير،
    من سڳ من ڪو جوڙ ڪڳ پي نڳ، هم ڪو ڪيا اسير.

    انگريزي:
    As an ironsmith entwines rings of a chain,
    Likewise my beloved has entwined my heart.
    (Sur Barvo (ص 83
    سنڌي:
    ڪي سُمههُ ڪي جاڳُ، ننڊ نه ڪجي ايتِري
    اي مانجھاندي جو ماڳُ، جوتو ساڻيهه ڀانِئيو.
    اردو:
    آنک جهپڪ لڳ پل بهر، سو مت تُو اڳ ناداڻ
    جس ڪو منزل سمجھا هڳ وه، دو دن هڳ يڳ ٽهڪانا.
    انگريزي:
    Sometimes sleep, sometimes awake, one should not sleep so much,
    This is a noontime place, you take it for homeland.
    (Sur Dahar ص 383)
    سنڌي:
    سَتُرَ ڪَرِ ستَاَر! آئون اُگھاڙي آهيان،
    ڍَڪئين، ڍَڪَڻَهارَ، ڏيئي پاندُ پناهَ جو.
    اردو:
    ستر ڪر اي ستار! ميڻ هوڻ عريان ساري،
    ڊهانپ لڳ ڪلتار، پلُو ڊال پناه ڪا.
    انگريزي:
    O cover, cover me, I am all naked,
    Cover me coverer, with coverlet of protection.
    (Sur Dahar 378ص )

    سنڌي:
    جيڏو تُنهنجو نانءُ، ٻاجَهه به اوڏيائي مَڱانءِ،
    رِءَ ٿَنڀين، رِءَ ٿوڻيين، تُون ڇَپَرُ تون ڇانءِ،
    ڪُڄاڙو ڪَهانءِ، توکي مَعلوُمُ سَڀڪا.
    اردو:
    جيسا اونچا ناؤڻ، ڪرم بهي ايسا مانگوڻ،
    تو هي تو هڳ آس سهارا، تو ڇپر توڻ ڇاؤڻ،
    منه سڳ مانگ نه پاؤڻ، دل ڪا حال تو جانڳ.
    انگريزي:
    As great is your name so great is the mercy I beg for,
    You are shelter, shed sans pillar and beam,
    What can I tell you, you know all?

    (Sur Dahar 377ص )
    سنڌي:
    صاحبِ تُنهنجي صاحِبي، عَجَبَ ڏِٺِي سوُن،
    پَنَ ٻوڙِين پاتال ۾، پَهَڻَ تارِين تون،
    جيڪر اَچيِن مون، ته ميرِيائي مانُ لَهان.
    اردو:
    هم نڳ ديڪهڳ، صاحب، تيرڳ ڪيسڳ ڪيسڳ رنگ،
    پات تو ڊوبيڻ تال مين سائيڻ، تير رهڳ هيڻ سنگ
    آئڳ، رهڳ ڪر سنگ، تو اجلي ميڻ هوجائوڻ.
    انگريزي:
    O master, we found your mastery to be wonder,
    You cause leaves to drown and stone to float,
    If you come to me, I will be honored in my shabbiness.
    (Sur Dahar 376ص )



    سنڌي:
    مَديني جا ميِرَ! سُڻُ مُنهنجا سَڏَڙا،
    سَرَڻ مُنهنجيءَ سيِر، تُون پارِ لنگھائيين پيڙا.
    اردو:
    اڳ يثرب ڪڳ مير، سُن لڳ ميري آهيڻ،
    جن ڪو تيري دهير، پار اُنهيڻ پهنچا دڳ.
    انگريزي:
    O lord of Madina, hear my humble calls,
    Those who are in your protection in midstream, steer them across.
    (Sur Dahar 369ص )
    سنڌي:
    مَتو آهيِن مَڇَ، ٿُلهو ٿو ٿوڻُا هَڻين،
    جا تو ڏِٺي اَڇَ، تنهِن پاڻيءَ پُنا ڏينهنڙا.
    اردو:
    پل ڪر طاقتور هوئڳ هو، نهنگ، تو زور دکائڳ،
    آج جو نديا زوروڻ پر هڳ، ڪل وه سوکه هي جائيڳ.
    انگريزي:
    You have fattened, o croc, and are butting with your blunted jaws,
    The white surf you saw, that water no more will be there.
    (Sur Dahar 366ص )
    سنڌي:
    توُن سَپَڙُ، آئُون سيڪڙوُ، تُون صاحِبُ آئُون سڳَ،
    پُڇي تُنهنجو پڳُ، ڪُلهي پاتُم ڪيِنرو.
    اردو:
    توڻ داتا اور ميڻ منگتا هوڻ، صاحب تو، ميڻ غلام،
    ساز رکا ڪاندهوڻ پر، سائيڻ، لڳ ڪر تيرا نام.
    انگريزي:
    You are sapper, I am supplicant, you are the lord, I am a dog,
    Asking for the way to you, I strange the fiddle upon my shoulder.
    (Sur Pirbhati 343ص )
    سنڌي:
    تُون سَپڙُ آئُون سيڪڙو، تُون ڏاتارُ، آئُون ڏَڏُ،
    سُڻي تُنهنجو سَڏُ، ڪُلهي پاتُم ڪينرو.
    اردو:
    تو داتار اور مين منگتا هوڻ، ڪهاڻ هين مجھه ميڻ گُن،
    ساز رکا ڪاندهوڻ پر ، سائيڻ، تيري صدا لي سن.
    انگريزي:
    You are sapper, I am supplicant, you are bestowed, I am ignorant,
    On hearing your call, I strung the fiddle upon my shoulder.
    (Sur Pirbhati 343ص )
    سنڌي:
    تُون سَپڙُ آئون سيڪڙو، تُون ڏاتار آئوُن ڏوهُ،
    توُن پارسِ، آئُون لوهُ، جي سڃيِين ته سونُ ٿِيان.
    اردو:
    توڻ داتا اور ميڻ منگتا، مين جرم گناه سراپا،
    چُهو ڪر ڪندن ڪر دهڳ، سائيڻ، تو پارس ميڻ لوها.
    انگريزي:
    You are sapper, I am supplicant, you are the bestowed, I am all faults
    You are Paaruss, I am iron, a touch of you would make me gold.
    (Sur Pirbhati 343ص )
    سنڌي:
    ڏات نه آهي ذات تي، جو وَهي سو لَهي،
    آريُون اَٻوجھنِ جوُن، سَپڙُ ڄامُ سهي،
    جو راءَ وَٽِ رات رهي، تنهن جُکي تان نه ٿئي.
    اردو:
    دات نهي۾ هڳ ذات پر، جو رياض ڪرڳ سو پائڳ،
    بڳ گن يا گنوان سنهي ڪڳ، داتا ناز اُٽهائڳ


    انگريزي:
    Talent is not by caste, whoever works hard achieves,
    Sapper jam bears all inane demands of the ignoramus,
    He, who passes night with the king, is never in trouble.
    (Sur Pirbhati 336ص )


    سنڌي:
    سَنها ڀانءِ مَ سَپَ وياءَ واسيِنگَن جا،
    جنيِن جي جھڙپ، هاٿِي هنڌان ئي نه چُري.
    اردو:
    نربل جاڻ نه ان ڪو، يه هيڻ ڪالڳ ناگ،
    پل ميڻ ڪريڻ هلاڪ، زهر سڳ بلوانوڻ ڪو.
    انگريزي:
    Do not regard young snakes as harmless because they are born
    Of cobras
    Struck by them even an elephant cannot move from where he
    Stands.
    (Sur karayal 320ص )
    سنڌي:
    ويا مورَ مَري، هنجُ نه رَهيو هيڪڙو
    وَطَنُ ٿيو وَري، ڪُوڙن ڪانِيرَن جو.
    اردو:
    هنس رها نه اب تو، مور بهي مر گئڳ سارڳ،
    پچهي طرح طرح ڪڳ اب هيڻ، گھيرڳ تال همارڳ.
    انگريزي:
    All peacocks are dead, not a single sawn is left,
    The homeland is occupied by false water-fowls.
    (Sur karayal 317ص )


    سنڌي:
    ڪَوَنَر پاڙُون پاتال ۾، ڀونَر ڀِري آڪاس،
    ٻِنينِ سندي ڳالهڙي، رازِق آندي راسِ
    تنهن عِشق کي شاباسِ، جنهن مُحبتِي ميڙيا.
    اردو:
    ڪنول کلا تالاب ميڻ، بهنورا اُڙڳ آڪاس
    مولا ڪڳ يه مهر هڳ، سائيڻ دونوڻ آگئڳ پاس،
    اُلفت آگئي راس، عشق ڪايه اعجاز هڳ.
    انگريزي:
    Lotus is rooted deep in the bottom, bumblebee flies sky high
    God had both their amour consummated,
    Glory is to love that has brought lovers together.
    (Sur karayal 314ص )
    سنڌي:
    اَڇو پاڻي لُڙُ ٿيو، ڪالوُريو ڪَنگنِ
    ايندي لَڄ مرنِ، تنهن سَرَ مَٿي هَنجڙا.
    اردو:
    ڪوڳ ميلا ڪر گئڳ، تال ڪا پاني آج،
    هنس ڪو آئڳ لاج، آئڳ نه ميلڳ تال پر.
    انگريزي:
    The herons have made the crystal water turbid,
    Swans are ashamed to come to that fount.
    (Sur karayal 307ص )
    سنڌي:
    مَٿي راهه روان ٿيا، پُورب پوُرِيائوُن،
    هي گَهر گھوريِائون، آڳانڍيائُون اڳيان.
    اردو:
    ويراڻ ڪر گئڳ آسن، چلڳ وه پورب پار،
    چهوڙ ڪڳ يڳ سنسار، ڊهونڊ رهڳ جگ دوجا.

    انگريزي:
    They set out on the path and proceeded to Eastward,
    They gave up their abodes here to build up there.
    (Sur Poorab 295ص )
    سنڌي:
    ڪَڍي ڪانگا، تو ڏِيان هينئون ساڻُ هَٿَنِ،
    وَڃي کاءُ وِلاتِ ۾، اَڳيان عَجيبن،
    پريِن مان چونِ، هئن قُربان ڪير ٿِئي.
    اردو:
    ڪاگا، دوڻ ميڻ نڪال ڪڳ، تجهه ڪو اپنا من،
    چُن چُن ، من ڪو کائيو، سجنا ڪي آنگن،
    ڪهڳ وه ميرا ساجن، “وار دي جاڻ برهن نڳ.”
    انگريزي:
    I pluck out my heart with my own hands and give it to you, crow,
    Go and eat it in beloved‘s presence,
    The beloved may possibly say” who would make such a sacrifice? “
    (Sur Poorab 82ص )
    سنڌي:
    پريِن جي پَرديس ۾، تِنِ جي ڪانگا، ڪَجِ خَبَرَ،
    ته سڀِ مڙهانيان سون سين، پَکي، تنهنجا پَرَ،
    گُهمي مٿان گھر، ڏِجِ پارانڀا پريِنءَ کي.
    اردو:
    پريتم هيڻ پرديس ميڻ، لڳ آ، ان ڪي جير خبر،
    پنک تيرڳ سونا جڙاواؤڻ، جهلمل هر اڪ پر،
    گهوم پيا ڪڳ گھر، آڪر دڳ سنديس پيا ڪا.



    انگريزي:
    Crow; give me some news of the beloved, who is abroad,
    I will bedeck with gold, o bird, all your feathers,
    Convey my message as you hover over his abode.
    (Sur Poorab 280ص )
    سنڌي:
    چائُت پائي چِتِ ۾، سنهو ڪِتيو جن،
    تِن جو صرافَنِ، دُڪو داخل نه ڪيو.
    اردو:
    من ميڻ رک ڪر ميل، ستهرا سوت بهي ڪاتيڻ،
    سوت ڪو پرکنڳ والڳ، سوت ڪو ٽهڪرا ديڻ.
    انگريزي:
    Whoso spun fine fiber with conceit and vanity?
    The connoisseurs did not accept even a thread of their fiber.
    (Sur Kaapaitti 261ص )
    سنڌي:
    مُحبت پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ،
    تِنِ جو صَرافَنِ، اَڻتورِيو ئي اَگھايو،
    اردو:
    من ميڻ رک ڪر پريت وه چاهڳ، جيسا سوت بهڳ ڪاتيڻ،
    تول بنا دين مول ڪرين نه، ٽهڪرانڳ ڪي باتيڻ.
    انگريزي:
    Whoso spun even rough fiber with love?
    The connoisseurs accepted without weighing it.
    (Sur Kaapaitti 261ص )
    سنڌي:
    تو جو ڏِيو ڀانئيو، سا سوُرجَ سَهائي،
    اَنڌَنِ اونداهي، جي رات وهامي ڏيِنهن ٿِيو.



    اردو:
    جس ڪو سمجھا ديپ هڳ، وه هڳ سورج جوتي،
    ڪيسڳ آنکيڻ اندهي، ديکيڻ چڙهتا سورج.
    انگريزي:
    What you took for candle, is in fact sunshine,
    For a blind it is still dark when night is over and sun arisen.
    (Sur Ramkali 233ص )


    سنڌي:
    اَڄُ نه اوطاقن ۾، طالِبِ تَنواريِنِ،
    آديسي اُٿي وِيا، مڙِهِيون مُن ماريِنِ،
    سي جيءَ کي جِيارِين، سي لاهوُتي لَڏي وِيا.
    اردو:
    آج نهيڻ هيڻ اُن حُجروڻ ميڻ ، ان ڪڳ ميٽهڳ بول،
    ديک ڪڳ ويراڻ ويراڻ آسن، من هڳ ڊانواڻ ڊول،
    لاد گئڳ انمول، جن ڪو ديک ڪڳ جيتڳ تهي تو.
    انگريزي:
    Today intonations of seekers are not heard in their chambers,
    Aadesis are gone; sight of their shrines is killing me,
    The Lahootis, revivers of life, have departed.
    (Sur Ramkali 216ص )

    حوالو:
    1. Saleem Aga, Melodies of shah Abdul lateef Bhitai, culture Tourism Department Government Of Sindh, ع2009






    ببليوگرافي

    ببليوگرافي

    1. سنڌي يوسف، سنڌي ادب (هڪ سؤ سنڌي اديبن جي سوانح ۽ ڪم جو جائزو) سچائي اشاعت گھر دوڙ سنڌ پاڪستان، 2011ع
    2. عرساڻي شمس الدين، آزادي کانپوءِ سنڌي افساني جي اوسر، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي 1982ع
    3. جوڻيجو عبدالجبار، سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو سنڌ 2006ع
    4. سليم آغا، چنڊ جا تمنائي، اداره آواز ادب حيدرآباد سنڌ، 1963ع
    5. سليم آغا، ڊراما، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ، 2009ع
    6. سليم آغا، لات جا لطيف جي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سنڌ 2008ع
    7. سليم آغا، سنڌي موسيقي جي روايت ۽ شاهه جي رسالي جا سُر، سنڌي اڪيڊمي ڪراچي 2011ع
    8. گوپانگ حيدر بخش عزيز، سنڌيڪا ڊڪشنري سنڌي - انگريزي، سنڌي اڪيڊمي ڪراچي، 2008ع
    9. سليم آغا، ڌرتي روشن آهي، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد سنڌ 1985ع
    10. سليم آغا، سُر سورٺ شاه عبدالطيف ڀٽائي، لوڪ ورثه اشاعت گھر پوسٽ باڪس نمبر1182 اسلام آباد
    11. Saleem Aga, Melodies of shah Abdul Lateef Bhitai, Sindhi Adabi Boad jamshoro ع2005
    12. Saleem Aga, Melody of peace, The voice culture forum, Karachi ع 2004
    13. Saleem Aga, Morning Melody, Sindhi Language Authority ع2002
    14. Saleem Aga, Melodies of shah Abdul Lateef Bhitai, Sindhica Acadmi Karachi ع2009
    15. Saleem Aga, Melodies of Shah Abdul Lateef Bhitai, Children‘s Publication Karachi ع2006
    16. Howe, D.H, Kirkpatriek English For Undergraduate, publication in Pakistan by Oxford university press ع1997
    17. Saleem Aga, Melodies of shah Abdul lateef Bhitai, culture Tourism, Department Government Of Sindh ع2009


    رسالا/ اخبارون:

    رسالا/ اخبارون:
    1. روزانو ڪاوش دنيا مئگزين، 5 اپريل 2015ع
    2. ٽماهي مهراڻ، 1960ع، 1964ع، 1961ع
    3. نئين زندگي، 1955ع ، 1968ع
    4. نئين زندگي جنوري 1964ع، اپريل 1964ع
    5. نئين زندگي مئي 1949ع
    6. ڪاوش دنيا مئگزين ، 24 جنوري 2016ع


    سرڪاري ۽ ذاتي لائبريريون:

    سرڪاري ۽ ذاتي لائبريريون:
    1. ريسرچ لائبريري انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
    2. علامه آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري، يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو
    3. پروفيسر محرم خان سيمينار لائبريري سنڌي شعبو يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو
    4. گل حسن ٽڳڙ لائبريري، پليجاڻي اسٽيشن مٽياري
    5. شهيد عابد ميمڻ لائبريري، ڄامشورو
    6. پروفيسر ڊاڪٽر محمد انور فگار هَڪڙي جي ذاتي لائبريري


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471405
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ