ڪتاب جو نالو: پھاڪن جي پاٻوهه
مصنف: تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي
ڇپائيندڙ: المنعم لائبرري لاڙڪاڻو
ڪيٽيگري: لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
شايع ٿيڻ جو سال: 1973
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 12 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1455 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 380 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي. هي ڪتاب ۱۹۷۳ع ڌاري، مؤلف طرفان ھندستان مان ڇپيو ھيو.هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ڇپيل نسخي بابت ڄاڻ
  • ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  • متن

  • ( آ )
  • ( الف )
  • ( ب )
  • ( ٻ )
  • ( ڀ )
  • ( ت )
  • (ٿ )
  • ( ٺ )
  • ( پ )
  • ( ج )
  • ( ڄ )
  • ( جهه )
  • ( چ )
  • ( ڇ )
  • ( خ )
  • ( ڌ )
  • ( ڏ )
  • ( ڊ )
  • ( ڍ )
  • ( ذ )
  • ( ر )
  • ( ز )
  • ( س )
  • ( ش )
  • ( ص )
  • ( ض )
  • ( ظ )
  • (ع )
  • ( غ )
  • ( ڦ )
  • ( ق )
  • ( ڪ )
  • (ک)
  • ( گ )
  • (ڳ)
  • ( گهه )
  • ( ل )
  • ( م )
  • ( ن )
  • ( و )
  • ( هه )
  • ( ي )
  • مدد ورتل:
  • وينتي:

  • ترتيب

    ڇپيل نسخي بابت ڄاڻ

    ڇاپو: پھريون
    سال: ۱۹۷۳ع
    ڪاپيون: ۱۰۰۰
    Title: Pahakan ji Paboha
    Compiler: Tirathdas Pessumal Hathiramani
    Printer: Pitamberdas Sahijram.
    Press: Kothari Printer Works
    Place of Publication: Bombay.
    Year of Publication: 1973
    Edition: 1st
    Pages: 236
    Price: Rs. 4-00
    Series: Literature
    Subject: Proverbs.
    Total Pages: 240
    اي ڇاپو؛ جولاءِ ۲۰۱۶ع
    المنعم لائبرري لاڙڪاڻو 


    ارپنا

    تڇ ڀيٽ
    سونھارن
    سنڌين کي
    جن کي ڏسي
    منھنجا نيڻ
    ھميشه پيا
    ٺرن.


      سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو ڪتاب نمبر (226) ”پهاڪن جي پاٻوهه“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي ۽ سهيڙيندڙ انجنيئر عبد الوهاب سهتو آهي. هي ڪتاب ۱۹۷۳ع ڌاري، مؤلف طرفان ھندستان مان ڇپيو ھيو.

    هي ڪتاب المنعم لائبرري لاڙڪاڻي پاران اي بوڪ ايڊيشن ۾ سندس ويب سائيٽ تي آندو ويو آهي. ٿورائتا آهيون سائين عبد الوهاب سهتي جا جنهن سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    پھڪان ۽ چوڻين جي ڪتابن جي ڳولا ۽ تانگھ اسيءَ جي ڏھاڪي ۾ شروع ڪئي ھيم. ڪجھ ڪتاب اصل حالت ۾ مليا، ڪي ته ڪو نه پئي ملي سگھيا. ھن ڪتاب بابت مون کي ڄاڻ به محترم ڊاڪٽر انور فگار ھڪڙو صاحب جن ۱۹۹۳ ڌاري ڏني ۽ ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به پاڻ ئي ڏنائين. هي ڪتاب ۱۹۷۳ع ڌاري، مؤلف طرفان ھندستان مان ڇپيو ھيو. ھتي ھاڻي ناپيد آھي. راقم وٽ ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي آھي، جنھن تان ھيءُ ڪتاب سنواري سڌاري،، ڪمپوز ڪري المنعم لائبرري لاڙڪاڻو طرفان نيٽ جي نذر ڪجي ٿو.
    اصل ڪتاب اڄ تائين دستياب نه ٿي سگھيو آھي. اول ته اصل مسودي کي پڙھڻ ۽ سمجھڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. جڏھن ان موضوع تي ڪافي ڪتاب ڪٺا ٿيا ۽ نظر مان گذريا ته پوءِ ڪن ڪتابن جي لکڻ ڏانھن ڌيان ويو.
    ان کان علاوھ ڪن اوائلي ڪتابن ۾ اڄ جي لحاظ کان سنوار سڌار جي پڻ ضرورت محسوس ٿي. جن ۾ گل شڪر ۾ پھرين ھٿ وڌو. ان کي سنواري سڌاري، ڇپايو. پھاڪن جي پيڙھ، الله بخش ٽالپر صاحب وارو نسخو پڻ سنواري سڌاري نيٽ تي رکيو. پھاڪن جي پاڙ، ڀيرومل صاحب وارو نسخو ھٿ ۾ آھي. ان دوران ھن ڪتاب جي نسخي جي سنوار سڌار جو ڪم به ھٿ ۾ کنيو، جيڪو رب جي مھربانيءَ سان ڪنھن حد تائين مڪمل ڪري ڇڏيو آھي.
    ھن ڪتاب جي اصل مسودي اندر، پھاڪا، چوڻيون، اصطلاح، ورجيسون، گفتارون ۽ ورجيسي جملا، بلا امتياز پھاڪن جي نالي ۾ ئي داخل ڪيل ھيا. لغت واري ترتيب پڻ ڏنل نه ھئي. الف وارا پھاڪا الف وارن سان، ب وارا ب وارن سان رکيل ھيا. ڪن داخلائن ۾ صورتختيءَ جون پڻ چڪون ھيون، ڪن ۾ معنائن جون پڻ غلطيون ٿيل ھيون. اھي سموريون اوڻايون پوڻايون ھن مسودي اندر دور ڪيون ويون آھن ته جيئن ڪتاب اڄ جي پڙھندڙ يا محقق لاءِ دلچسپ، ڪارائتو ۽ لاڀائتو ٿي سگھي.
    صورتختيءَ جي تصحيح کان پوءِ، لغت واري ترتيب ھيٺ، داخلا جي جتي جاءِ بيھي پئي، ان کي اتي درج ڪيو ويو آھي. جتي ڪن پھاڪن جي تشريح جي ضرورت ھئي يا سھيڙيندڙ جي ڏنل معنيٰ يا تشريح سان اختلاف نظر آيو پئي، سو پڻ فوٽ نوٽ ۾ واضح ڪيو ويو آھي. ان کان علاوھ، جيڪي پھاڪا يا چوڻيون، سھيڙيندڙ مطلب ظاھر ڪرڻ جي لحاظ کان، چڱي نموني واضح نه ڪري سگھيو آھي، تن جي تشريح سنواريندڙ طرفان فوٽ نوٽ ۾ ڏني وئي آھي.
    سھيڙيندڙ / مؤلف جي اصل احوال بابت گھڻي جاکوڙ ڪئي، پر حال احوال وڌيڪ نه ملي سگھيو. جڏھن ته ڪتاب جي آخر ۾ ڇپائيندڙ يا پرنٽر بابت ھيٺين ڄاڻ ڏني وئي آھي.
    Printed by: Pitamberdas Sahijram, at Kothari Printing Works, Sambara Chambers, Sir Phirozshah Mehta Road, Fort, Bombay-I. Tele: 265325-263988-582725 and Published by: Shri Tirahdas Pessumal Hathiramani, 141, Main Street, Colombo (Celoon).
    البته انھن ڪتابن يا مضمونن منجھ، جن منجھ پھاڪن ۽ چوڻين جي ڪتابن بابت ڄاڻ ڏنل آھي، موصوف بابت ايترو لکيل آھي ته؛ ”پھاڪن جي پاٻوھ نالي ڪتاب لکيائين جنھن ۾ ۱۸۰۰ کن پھاڪا ڪٺا ڪري الفا بيٽ ترتيب تي رکيائين. ان کان علاوھ ھزارين پھاڪا ۽ چوڻيون پڻ ڪٺا ڪيائين جيڪي ڇپجي نه سگھيا آھن.“
    واضح رھي ته اصل مسودي ۾ داخلائن جو ڳاڻيٽو ٿيل/ ڏنل ناھي. ڪنھن به داخلا کي ڪو به نمبر ڏنل ناھي. ھتي/ ھن مسودي اندر، ھر اکر جي پھاڪن کي، نمبر پڻ ڏنا ويا آھن. فھرست جوڙي، منجھس پڙھندڙن لاءِ، سھوليت خاطر، ھر اکر سان شروع ٿيندڙ پھاڪن جو تعداد ۽ صفحو نمبر پڻ درج ڪيو ويو آھي. جنھن جي حساب سان ھاڻي مڙني داخلائن جو تعداد ۲۳۳۱ بيھي ٿو.
    اميد ٿي ڪجي ته لوڪ ادب جي پارکوئن کي ھن مسودي منجھان لاڀ حاصل ٿيندو ۽ وٽانئن چڱي موٽ ملندي.

    انجنيئر عبدالوھاب سھتو 


    متن

    ( آ )

    1. آپ سکي، ته جڳ سکي. (چوڻي)
    2. آپ ڪري، سو ڪام. (چوڻي)
    آپ (پاڻ) جيڪو ڪم ڪجي ٿو، سو ئي ڪم آهي. ۲. ٻين تي ڀاڙڻ مان ڇا ورندو؟
    3. آپ گهاتي، مها پاپي. (چوڻي)
    آپ گهات (پاڻ کي پاڻيهي مارڻ)، مها (وڏو) پاپ آهي.
    4. آپ مريئي، سرڳ نه جاءِ. (پھاڪو)
    پاڻ کي مارڻ (من کي ماري قابو ڪرڻ) کانسواءِ سرڳ ۾ وڃي ڪو نه سگهبو.
    5. آپ نه پالي، پالي ڏون، ڇوڪر ڄائو، ڏکان ڏون. (پھاڪو)
    آپ: پاڻ کي. ڏون: ٻئي کي.
    6. آپ-چي خور-چي، ٻئي کي چوي؛ مونکي کاءُ. (ورجيس)
    پاڻ کاڄ کائي وڃي، پر ٻئي کي ٿو چوي ته مون کي کاءُ؟
    7. آپڻي گهوٽ، ته نشا ٿيوئي. (پھاڪو)
    پنھنجي هٿن سان جيڪو ڪم تيار ڪبو آهي، تنھن جي وڌيڪ خوشي ٿيندي آهي.
    8. آج نه ديکيا لعل، تو ڪل ديکونگا. (ورجيسي جملو)
    ڪل: سڀاڻي. لعل: لعل شهباز. ۲. اَڄ لعل شهباز جو ميلو نه ڏسي سگهيا آهيون ته سڀاڻي ڏسنداسون.
    9. آج همان، سڀان تما. (پھاڪو)
    هما: مون سان. تما: تو سان.
    10. آدمي آدمي انتر، ڪو ئي هيرا، ڪو ئي ڪنڪـر. (چوڻي)
    انتر: ڳجهارت. ڪنڪر: پٿر. ۲. ماڻھوءَ ماڻھوءَ جي ڳجهارت، ڪو هيرو نڪريو پوي ته ڪو پٿر نڪريو پوي.
    11. آڌيلو نه ڏئي، پر آڌيو ڏئي. (ورجيس)
    آڌيلو: اَڌ پئسو. آڌيو: اَڌ رپيو. ۲. ڪيترا ماڻھو پڪائي ڪندا آهن ته جو اِهو حال آهي. ساڳي معنى سان ٻيو پھاڪو به آهي. ”گاديلو نه ڏئي، پر گادي ڏئي.“
    12. آزمائي کي آزمائي، سو ڇائي منهن ۾ پائي، جو ديکي نه پتيجائو، ڌوڙ تنهن جي منھن ۾. (پھاڪو)
    پتيجائو : خراب نتيجو. ۲. جيڪو خراب نتيجو نه ڏسي، وري اهو ڪم ڪري، ڌوڙ تنھن جي منھن ۾.
    13. آگم جي خبر، اگم کي! (پھاڪو)
    غئب جي خبر غيب کي. ۲. جتي اِنسان جي نظر نه پھچي سگهي سا غئب کي خبر هوندي.
    14. آگي طعام، پيڇي ڪام. (چوڻي)
    طعام: کاڌو. ڪام: ڪم.
    15. آڱر رکڻ ڏينس ته سڄو ئي لنگهائي وڃي: (ورجيس)
    ڪيترن ماڻھن جي اها عادت هوندي آهي ته جو ڪير اڳلو ڪجهه ڀلائي ڪندو آهي ته انھيءَ جو سڄو سِرُ کائي ويندا آهن.
    16. آڱريءَ ننهن ڄائو، لوڪ تماشي آيو. (پھاڪو)
    آڱر کي ننهن ڄمڻ، هڪ رواجي ڳالهه آهي. پر ڪي تماشبين ٿيندا آهن، جي ڪنھن رواجي ڳالهه تي به تماشو لڳائي ڏيندا آهن.
    17. آمون، ڏهه گامون. (چوڻي)
    آمون: اَنب. گامون: وکون، قدم. ۲. انب جو وڻ ويجهو ويجهو پوکبو آهي ته سوڙهه جي ڪري ڦر ٿورو ڪندو. تنھنڪري صلاح ملندي آهي ته؛ ڏهه وکون پريان، ٻيو وڻ پوکڻ گهرجي.
    18. آنا انبن ۾، ته ٻچا ٻٻرن ۾. (ورجيس)
    دربدر ٿيل اِنسان، ڪي ڪٿي ته ڪي ڪٿي.
    19. آندِ جا به موچڙا، ته ماندِ جا به موچڙا. (ورجيس)
    آند؛ ايندڙ ۽ ماند؛ ويندڙ واسطي چيل آهي. ايندڙن جا به موچڙا ته ويندڙن جا به موچڙا. مطلب ته ٻنھي پاسي جٺ آهي.
    20. آنڊو، ڪتي ٻلي کي به پيارو آهي. (چوڻي)
    21. آنڊي ۾، ٽانڊو. (چوڻي)
    آنڊو: ويجها مٽ مائٽ، اولاد. ٽانڊو: باهه. ۲. گهڻو ڪري ڏٺو ويو آهي ته پنھنج-پائيءَ ۾ ئي ڪلفت ۽ جهيڙا جهٽا ٿيندا رهن ٿا.
    22. آنڌ به ڪاڻي، مانڌ به ڪاڻي، ڪاڻي اسان جي ڍڳي، وڃي چؤ ابي کي ته آءٌ به گهڻن گڏي. (پھاڪو)
    هيءُ هڪ چرچي جو پھاڪو آهي. ۲. مائٽن کي هڪ ڪاڻي ڌيءَ هئي جنھن جي اڪلائڻ جو کين تمام گهڻو خيال هو. آخر اِها ڌيءُ پرڻائي ڇڏيائون پر کين هر دم اِها ڳڻتي هئي ته الائي ڇوڪريءَ جو ساهرن ۾ ڪھڙو حال ٿيو. ڇوڪري ساهرن ۾ پرڻجي آئي ته ڏٺائين ته سس به ڪاڻي آهي ۽ سھرو به ڪاڻو آهي. ويندي گهر ۾ جيڪا ڍڳي هئي سا به ڪاڻي هئي. تنھن تي مائٽن کي مٿئين نموني ۾ چوائي موڪليائين. ۲. جتي ننڍو وڏو بي عقل هوندو آهي تڏهن به ائين پھاڪو ڪتب آندو ويندو آهي. ۳. آنڌ ۽ مانڌ شايد سس ۽ سھري ڏانھن اشارو ڪيل آهي.
    23. آڻ مڃي، جڳهڙا ڇوٽا. (چوڻي)
    24. آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا. (چوڻي)
    ڏٿ: جهن کي اَن. ۲. اي سومرا، اسين اَن روز آڻيون ۽ چاڙهي رڌي کائون.
    25. آهاري، وهنواري، لڄا ڪري، ته هاري. (چوڻي)
    آهار: کاڌو. وهنوار: ڏيڻ وٺڻ. ۲. کاڌي کائڻ ۽ ڏيڻ وٺڻ ۾ جيڪو لڄ ڪندو سو هارائيندو.
    26. آهر جي آسري، جهنگ نه چنائون، ساوا گاهه پٽن ۾، بيٺي ڏٺائون. (پھاڪو)
    آهر: ڍڳن ۽ مينھن جو گاڏو جو سندن هڪليندڙ ٺاهي رات لاءِ رکندو آهي. چنائون: چرڻ. ۲. وهٽ جهنگ وڃن پر آهر جي آسري هئڻ ڪري، جهنگ ۾ ساوا گاهه ڏسي به ڪو نه کائين.
    27. آهر جي وڏائي، ڪني پاٽ اُتي آئي. (پھاڪو)
    ڄٽن وٽ رواجي زالن لاءِ بعضي ’رنون‘ ڪري سڏيو ويندو آهي. تهڙي نموني رواجي مردن کي وري ’آهِرُ‘ سڏيو ويندو آهي. اهڙن ماڻھن لاءِ چيو ٿو وڃي ته سندن وڏائي (مان) فقط ڪني پاٽ (ٺڪر جو باسڻ) تي اچي پھچي ٿي.
    28. آهر کٽي اوبڻي، رن وڃائي رنبو، ماريو وڃي ڪاٺين کي، ٻاريو رکيس ٿنبو. (چوڻي)
    آهر: مرد. اوبڻي: لوهه جو ننڍو ٽڪر. رن: زال.
    29. آههِ غريبان، قھر خدائي. (چوڻي)
    30. آهوُجا کائين، ماهوُجا پيٽ سوُرَ مرن. (ورجيس)
    آهوُجا ۽ ماهوُجا ڪن ذاتين جا نالا آهن. هڪڙا کائين ته ٻيا حسد وچان پيٽ سوُر مرن!
    31. آهي ته به دک، نه آهي ته به دک. (چوڻي)
    32. آهي ته به ڪاڍو، نه آهي ته به ڪاڍو. (ورجيس)
    33. آهي ته عيد، نه ته روزو. (چوڻي)
    عيد: مسلمان روزن پوري ٿيڻ کانپوءِ جشن ڪن. روزو: بک ڪڍڻ.
    34. آهي سوَڙ، ته آهي سيءُ. (پھاڪو)
    35. آهي وڏ گهراڻي، پر ڏندڻ پاڻيءَ سان واهپو گهٽ اٿس. (ورجيس)
    جن کي پنھنجي بدن جي پوري صفائي نه هوندي، تن کي طعني طور چيو ويندو آهي.
    36. آءُ ته ڀيڻ ڪرهن ڪريوُن! (ورجيسي جملو)
    ڪرهن: جهيڙو. ۲. ڪيترا ماڻھو آهن جن جي عادت ٿيندي آهي ته هٿ وٺي جهيڙو ڪندا آهن. اهڙن جهيڙائُن لاءِ، ائين چيو ويندو آهي.
    37. آءٌ به وينديس پيڪي، مون به لهندي سڪ. (پھاڪو)
    پيڪي: پيڪو گهر، مائٽن جو گهر. ۲. مان به مائٽن وٽ وينديس، پاڻيهي سڪ (اڪير) لهي ويندي. ۳. ڪنھن کي چيو ويندو آهي ته ڀلي اِها ڳالهه ڪري وٺ، پاڻيهي سڪ لهي ويندءِ. ۴. جيستائين ڪا ڳالهه نه ڪري ڏٺي آهي، تيستائين انهيءَ ڳالهه لاءِ دل پيئي ٿيندي آهي.
    38. آءٌ ۽ ڪانءُ، ٽيون ڌڻيءَ جو نانءُ. (ورجيس)
    39. آئي ته روزي، گئي ته بلا: (ورجيس)
    روزي: کاڌو. ۲. ڪنھن ڳالهه جي هروڀرو پڪ ڪا نه هوندي آهي. تڏهن دل کي راضي ڪرڻ لاءِ ائين چيو ويندو آهي. ۳. آيو ته کاڌو مليو، جي نه ته بلا ٽري.
    40. آئي ٽانڊي کي، بورچاڻي ٿي ويٺي. (ورجيس)
    بورچاڻي: رڌڻ واري. ۲. ڌاري مائي آئي چلهه مان ٽانڊو کڻڻ، پر اَجوڳ فائدو وٺي ماڳھين گهر پنھنجو ڪري ويٺي.
    41. آئي سوُد کي، پر بودُ به وڃائي ويئي. (ورجيس)
    42. آئي کي آدر، وئي کي جيءُ. (چوڻي)
    فضيلت اِها ئي گهُرَ ٿي ڪري ته آئي (ايندڙ) کي آدر (مان) ڏجي ۽ ويندڙ کي جيءُ چئجي.
    43. آيا باز، ڀڳيون سرڻيون. (پھاڪو)
    44. آيا مير، ڀڳا پير. (پھاڪو)
    جڏهن وڏا (مائٽ) حاڪم يا ڏاڍا مڙس اچن، تڏهن ننڍا (ٻار، زيردست يا هيڻا) ٽري وڃن. هئن به چون؛ آيا باز، ڀڳيون سرڻيون.
    45. آيو بابا ولي، ته ختيجا کنئي ڇلي. (پھاڪو)
    46. آيو ته جوڻس جو، ويو ته ڀيڻس جو! (پھاڪو)
    47. آيو رمضان، ڀڳو شيطان. (پھاڪو)
    مسلمان رمضان ۾ روزا رکندا آهن. اِنھيءَ ڪري کين خراب خيال ڪو نه ايندا آهن.
    48. آيو مڙس رانجهو، ته هر ڪو ٿيو لانجهو. (پھاڪو)
    لانجهو: بي همٿ. ۲. ڪو طاقت وارو اچي ته ٻيا بي همت ٿيو پون.
    49. آيو ميان شير، ته سڀني ڪڍايو پير. (پھاڪو)
    50. آيو يار، کليو روزگار. (چوڻي)
    يار (ايشور) آيو، روزگار کليو. ۲. ايشور مھر ڪري ته سڀ ڪجهه ٿئي.


    ( الف )

    ( الف )
    1. ابا ابا ادي سهڻي! چي؛ ڪا اسان لاءِ؟ (پھاڪو)
    2. اَب جو ڏنو ڪھڙي ڪم جو، جاسين رب نه ڏئي. (چوڻي)
    اب: اَبو، پيءُ. رب: ايشور. ۲. پيءُ جو ڏنل پئسو، ڪھڙي ڪم جو؟ جيسين ايشور پنھنجي زبان ۾ برڪت وجهي نه ڏنو آهي.
    3. اَب جو ڏنو نه ڀري، رب جو ڏنو ڀري. (چوڻي)
    4. ابو امان مري، شل ڄائو نه مري. (چوڻي)
    5. ابو به ڍائو، اَدو به ڍائو، اڌ ڪيم هيٺ، اڌ ڪيم مٿي. (چوڻي)
    پيءُ کي به ڍءُ ڪرايم، ڀاءُ کي به ڍءُ ڪرايم، مون به هيٺ مٿي لاچار ڍءُ ڪيو. ڪمائي پوري پني، ٻيو ڇا ڪبو؟
    6. اَبو گسي، ڌيءَ وسي. (چوڻي)
    پيءُ ويچارو ڌيءَ پرڻائي، محنت ڪري. پاڻ کي گسائي، تڏهن ڌيءَ وَسي.
    7. ابو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا. (پھاڪو)
    گهر مان هڪڙو ويو، ٻيو آيو. گهر جا ڀاتي، وري اوتري جا اوترا.
    8. ابي چاڙهي، ادي چاڙهي، مون نه چاڙهي، ته ڪنھن نه چاڙهي. (چوڻي)
    پيءُ به ديڳ چاڙهي، ڀاءُ به ديڳ چاڙهي. جيڪڏهن مون نه چاڙهي، ته اهي ديڳيون جھڙيون چڙهيون تھڙيون نه چڙهيون.
    9. اُڀرندي تاءُ جنھن نه ڪيو، سو اُلھندي ڇا ڪندو؟ (پھاڪو)
    تاءُ: گرمائش. ۲. سج اُڀرڻ وقت، گرمائش نه ڪندو، سو لھڻ وقت ڪيئن ڪندو؟
    10. اُڀ ڦاٽي کي به، ڪڏهن اڳڙي پوي؟ (پھاڪو)
    اُڀ هئن ئي کليو پيو آهي، تنھن کي ننڍڙي اڳڙي وجهي سگهبي؟
    11. اُڀ ۾ ٿُڪَ اُڇلائي، سو منھن ۾ پائي. (پھاڪو)
    آسمان مٿي آهي. اُنھيءَ کي ٿڪون هڻبيون، سڀاويڪ منھن ۾ موٽي اَچي پونديون.
    12. اُڀ ۾ جن جون اکڙيون، پلئه تن کي ککڙيون. (چوڻي)
    جيڪي رڳو وڏين ڳالھين ۾ اکيون پائي ويھندا آهن، آخر اُنھيءَ جو نتيجو اِهو وڃي نڪرندو آهي، جو کين ککڙيون (ميوي جي اندران خالي داڻا) پراپت ٿينديون آهن.
    13. اُڀ ۾ جو ٿڪ اُڇلي، سو پنھنجي منھن ۾ پاءِ. (پھاڪو)
    14. اُتم کيتي، وڌندڙ واپار، نيچ نوڪري، پنڻ بيڪار. (چوڻي)
    کيتي ڪرڻ، اتم ڪم آهي، واپار هميشه وڌائي ٿو. نيچ آهي، نوڪري ڪرڻ.
    15. اِتي ڪر، اِتي ئي لوڙ. (چوڻي)
    16. اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو، ناڻي بنا، نر ويڳاڻو. (چوڻي)
    نر: مرد ماڻھو، ويڳاڻو: موڳو. ۲. جيڏانھن وڃ، ڪي ڪجهه ڪر، تنھن ۾ ناڻي جي گهرج پوي ٿي. ناڻي کان سواءِ موڳائي وٺيو وڃي.
    17. اُٿي پاڻ نه سگهي، لک لعنت ڏئي گوڏن کي. (ورجيس)
    لک لعنت: ڦٽڪار. پاڻ ڪجهه ڪم ڪري ڪو نه سگهي، پر ڏوهه ڏئي گوڏن کي.
    18. اَٽو ٻڌل هوندو، ته مانيءَ جو اونو نه رهندو. (پھاڪو)
    19. اٽو! چي؛ گهوٻاٽو. (ورجيس)
    گهوٻاٽو: ڏنڊو. ۲. گهُرَ پيئي ڪجي اَٽي جي، ته ڏنڊو پيو ملي. هڪ جو مطلب ٻيو پيو سمجهيو وڃي.
    20. اٽو کاڌو ڪُئي، مار پيئي گابي تي. (پھاڪو)
    ڏوهه ڪري هڪڙو، ته مار ٻيو پيو کائي. سچو ڏوهي ڇٽيو وڃي.
    21. اَٽي تي اَٽو؛ نه کارو، نه کٽو. (پھاڪو)
    اَٽي ۾ اَٽو پيو پوندو ته؛ نه کارو ٿيندو، نه کٽو.
    22. اَٽي جو ڏيئو؛ اندر ته کائين ڪئا، ٻاهر ته کائين ڪانگ. (پھاڪو)
    اٽي جي ڏيئي (گيدي ماڻھو) کي گهر جي اندر رکجي ته ڪئا کائي وڃن، ٻاهر رکجي ته ڪانگ کائي وڃن.
    23. اَٽي ۾ لوڻ ڪري کائجي. (ورجيسي جملو)
    اٽي ۾ ٿورو لوڻ گڏبو ته سواد ڏيندو. گهڻو لوڻ گڏبو ته کارو ٿيندو.
    24. اُٺ الائي ڪھڙي پاسي ليٽي؟ (پھاڪو)
    25. اَٺان مينھان دا، ڪيھا ميلا؟ اوهه چرن گاھ، ته اوهه چرن ٻيلا. (پھاڪو)
    اُٺ هميشه ميدانن ۽ پٽن ۾ چرندا آهن ۽ مينھون ٻيلن ۾ چرنديون آهن. ۲. اِنهن ٻنهي جو ميلاپ ڪئن ٿي سگهندو؟
    26. اُٺ ٻڍو ته به، ٻه ڪنواٽ لهي. (پھاڪو)
    ڪنواٽ: ننڍو اُٺ. ٻڍو: پوڙهو. ۲. اُٺ ٻڍو ٿي ويندو ته به ننڍن ٻن اُٺن جي برابر آهي. اهڙي نموني ۾ پير مرد سمجهه ته ٻن نوجوانن جي برابر آهن. ڇاڪاڻ ته کيس دنيوي آزمودو آهي. پوڙهي لفظ جي معنى به آزمودگار آهي.
    27. اُٺ ٻڏندو، پڇ ڏانھن تري. (چوڻي)
    28. اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اُٺ ٿيو هلڪو. (پھاڪو)
    گهڻي بار مان، ٿورو گهٽ ٿيندو آهي ته به هلڪائي ٿيندي آهي.
    29. اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي. (چوڻي)
    رڙي: رڙيون ڪرڻ. ۲. اُٺ تي بار هجي يا نه هجي، پر پنھنجي سڀاءَ موجب، هميشه پيو رڙندو آهي. ۲. ڪيترا انسان به، پنھنجي سڀاءَ موجب، هميشه پيا ڪرڪندا ۽ ڪنجهندا آهن.
    30. اُٺ پتڻ تي مار کائي. (ورجيس)
    اُٺ پتڻ تي مار کائڻ کانسواءِ، ٻيڙيءَ ۾ ڪو نه چڙهي.
    31. اُٺ پٺيان گهنڊڻي. (ورجيس)
    اُٺن کي بعضي گهنڊڻي ٻڌي ويندي آهي، سڀاويڪ جيڏانھن اٺ ويندو ته گهنڊڻي به اوڏانھن ويندي. ۲. مائٽ ڪيڏانھن ٻاهر ويندو آهي ته ٻار به ساڻس گهنڊڻيءَ وانگر ڪاهي پوندو آهي.
    32. اُٺ پنھنجي مُٽَ ۾ ترڪي. (پھاڪو)
    اٺ جا پير ترڪڻا ھئڻ ڪري، پنھنجي مٽ (پيشاب) ۾ ترڪندو آهي.
    33. اُٺ پوڙهو ٿيو، ته به مُٽڻ نه سکيو. (پھاڪو)
    سڀڪو جانور، پيشاب اڳتي ڪري. پر رڳو اُٺ، اُبتڙ ڪري.
    34. اُٺ جا بار، به ڪي گڏهه کڻن؟ (پھاڪو)
    گڏهه ڪيئن اُٺ جو بار کڻي سگهندو؟
    35. اُٺ جي چاڙهيءَ کي به لعنت، ته لاهيءَ کي به لعنت: (چوڻي)
    اٺ جيڏيءَ مهل، ڪنھن چاڙهيءَ تي چڙهندو يا ان تان لهندو آهي، تنھن وقت سوار کي تڪليف ٿيندي آهي.
    36. اُٺ جي چوري، پَکي ۾ ڇا لڪندي؟ (پھاڪو)
    اٺ چوري ڪري، ڪکن جي جهوپڙيءَ ۾ لڪائبو ته لڪي ڪو نه سگهندو.
    37. اُٺ جي وات ۾ زيرو. (چوڻي)
    زيرو: جِيرو، هڪ تمام سنهڙو داڻو. ۲. هيڏي ساري اُٺ جي وات ۾ زيرو وجهبو ته ڪئن ٿيندو. هو چٻي به ڪو نه سگهندو. ڪنھن کي سندس لائق کاڌو ڏيڻ گهرجي.
    38. اُٺ جي وات ۾؛ لوڻ وجهه ته به رڙي، ڳڙ وجهه ته به رڙي: (پھاڪو)
    مطلب لاءِ ڏسو؛ ’اُٺ ڀريو به رڙي، سکڻو به رڙي.‘
    39. اُٺ جي وات ۾، هميشه ڄار جي بانس. (پھاڪو)
    گهڻو ڪري اُٺ کي ڄار (سندس کاڌو) چٻاڙيندو ڏسبو آهي. اِنھيءَ ڪري، سندس وات مان ڄار جي بانس ايندي آهي. نيچ ماڻھوءَ ۾ هميشه، نيچ لڇڻ هوندا آهن.
    40. اُٺ چڙهئي به، ڪڏهن نانگ کائي. (پھاڪو)
    نانگ هميشه پٽ ۾ هلندو آهي. اُٺ تي چڙهيل کي، نانگ ڪيئن چڪ پائيندو؟
    41. اُٺ ڪڍن سسئي، پٽهڙوُن پائي. (پھاڪو)
    42. اُٺ کي لاڻو، گهوڙي کي داڻو، مرد کي ناڻو، محبوب کي ماڻو. (چوڻي)
    لاڻو: اُٺ لاءِ جهنگلي گاهه. ماڻو: نخرو، ناز.
    43. اُٺ ماڪوڙيءَ جو سالو. (ورجيس)
    زور ڪري ڪنھن سان مائٽي ڳنڍجي ته ائين چون.
    44. اُٺ نه پڄي، ٻورن هڻي لتون. (ورجيس)
    اٺن جا هلائيندڙ جت، اُٺن تي مال جا ٻورا رکي، مٿان پاڻ ويھي، اُٺ هلائيندا آهن. اُٺ کي هڪلڻ مھل، اٺ تائين پھچي ڪو نه سگهندا آهن. پوءِ وري ٻورن کي لتون هڻندا آھن.
    45. اُٺ نه رٺا، ٻورا رُٺا، مينهن مٿان ڇپر اُٺا، ڀونڪن چور ته ڪتا ٽٺا، ٽن شين جا اُبتا پٺا، ڪتيم ٽي پاءَ، ته پنج پاءَ کٽا. (چوڻي)
    (وضاحت لاءِ ڏسو، پھاڪن جي پاڙ، سنديلو-سنڌ.)
    46. اٺوءَ جي آڪهه ئي هڪڙي! (ورجيس)
    اولاد، گهڻو ڪري مائٽن جي اڍ ڇڪيندو آهي. انھيءَ ڪري چيو ويندو آهي؛ ته سڄي آڪهه ئي هڪڙي.
    47. اُٺ هميشه، مڪي ڏانھن وري. (پھاڪو)
    48. اُٺي، بُههُ چٺي. (پھاڪو)
    برسات پيئي، بُهَه چهي ويو.
    49. اٺين آني جي پڳڙي، رپيو ٻڌاڻي، ڪري پوي جي کوهه ۾، ته ٻه رپيا ڪڍاڻي. (پھاڪو)
    50. اٺين پيڙهيءَ، اُٺ ماڪوڙو ماسات. (پھاڪو)
    ماسات: ماسيءَ جو پٽ. ۲. اَٺين پيڙهيءَ موجب اُٺ ۽ ماڪوڙو به ماسات نڪري پوندا آهن. ڪنھن جي ڏورانهين مائٽيءَ جي ڇڪ ڪئي ويندي آهي ته ائين چوندا آهن.
    51. اپنا عرض، ڏونهان دي چغلي! (چوڻي)
    عرض منھنجو، پر پاڻ الٽو مون تي چغلي.
    52. اَپنا مال هئي، روئسان به کائسان. (چوڻي)
    پنھنجو مال، روئي به کائبو ته کلي به کائبو.
    53. اَپڻي توڙ نباهه، اِسڪي اوھ جاني: (چوڻي)
    ڀلو ماڻھو پنھنجي ڀلائي ڪري توڙ نباهي، اڳلي جي جيڪا نيت.
    54. اڃا خرار مان چوٿائي مس پيٺي آهي. (ورجيس)
    چوٿائي: هڪ پاءُ. خرار: چويهه مڻ. ۲. وڏي شاهي ڪم مان فقط ٿورو ڪم ٿيو هجي ته ائين چيو ويندو آهي.
    55. اڃا دهلي دور آهي. (ورجيس)
    56. اڃا مينهون جهنگ ۾، ڌوئي ڌريائون رڇ. (ورجيسي جملو)
    رڇ: باسڻ. ۲. اَڃا مينهون جهنگ ۾ آهن، ته ميهار اَجائي تڪڙ ڪري، باسڻ ڌوئي پيو رکي.
    57. اُڃياري پيئندي، ڇڪياري ڪين پيئندي. (پھاڪو)
    ڪنھن کي به اُڃ هوندي ته پيئڻ جي ڪوشش ڪندو پر ڪنھن کي زوريءَ ڇڪي، بنا اُڃ جي، پيارڻ جي ڪوشش ڪبي ته ڪو نه پيئندو.
    58. اڄاڻ کي؛ جھڙي مصري، تھڙي ڦٽڪي. (پھاڪو)
    59. اڄ وَهيون، سڀاڻي ولهو. (چوڻي)
    وَهيون: حساب ڪتاب رکڻ جون بنديون (ڪتاب). ولهو: غريب-سچو. ۲. اڄ شاهوڪار آهي ۽ ناڻي جا حساب ڪتاب پيو رکي، سڀاڻي غريب ٿيو وڃي. شاهوڪاريءَ کي ڪھڙو بقاءُ آهي.
    60. اڄڪلهه داڻو ڪو نه ٿو چٻجي، پر ناڻو ٿو چٻجي. (ورجيسي جملو)
    61. اَڄوڪا جوان، ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌڪو ڏين هڪڙن کي، ڪري پون پاڻ. (گفتار)
    62. اچي ڌيئاڻو، وڃي پيئاڻو. (چوڻي)
    سنڌين جي اصل کان وٺي اِها ريت رهندي پي آئي آهي ته ڌيءَ وٽان آيل، ڪجهه به واپرائڻ نه گهرجي. ۲. اهو اصول اڳيان رکي، اَڃا سوڌو به ڪيتريون ماتائون، نياڻيءَ جي در جو پاڻيءَ ڦڙو به ڪو نه واپرائين. پھاڪي واري کليو لکيو آهي ته؛ ڌيءَ وٽان ايندو، پيءُ وٽان ويندو.
    63. اڇا ڪپڙا کيسا خالي، ماڻھن جي ليکي ملڪ جو والي! (ورجيس)
    ڪيترا ماڻهو ڪوڙو ڀڀڪو رکي، ڏيک ويک ڪندا آهن.
    64. اڇو الله، ڳاڙهو رسول. (ورجيس)
    پنھنجي پاڻ کي ساکائتو ڪرڻ وقت مسلمانڪي هڪ چوڻي.
    65. اَڇو ڏجي، اڇو وٺجي. (پھاڪو)
    صفا ڳالهه ڏجي، صفا ڳالهه وٺجي. اندر ۾ کوٽ نه رکجي.
    66. اڇي پڳ مَ پس، اندر مڙيئي اڳڙيون. (پھاڪو)
    پڳ: مٿي تي پائڻ جي پڳڙي. اڳڙيون: ڪپڙو. ۲. ٻاهران رڳو اڇي پڳ کي نه ڏسڻ گهرجي.
    67. اڇي ڏاڙهي، اٽو خراب! (ورجيس)
    پيريءَ ۾ شادي ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ.
    68. اڇي ڏاڙهي، نانءُ دلبر. (ورجيس)
    ڏاڙهي اَڇي ٿي ويئي اٿس پر انڌو شوقين، پنھنجو نالو وري دلبر پيو رکائي.
    69. احمد جي پڳڙي، محمد جي مٿي تي. (ورجيس)
    حق هڪڙي جو ته اضافو ٻئي کي پيو ملي!
    70. ادب آهي ڇٽ، صاحب سنديءَ ٻاجهه جو. (چوڻي)
    ادب: نمرتا، شرڌا. ڇٽ: ايشور جو مٿان هٿ. ۲. نمرتا ۽ شرڌا، ايشور جي ٻاجهه جو، پنھنجي مٿان هٿ سمجهڻ گهرجي.
    71. اُدم کانسواءِ، ڀاڳ به منڊو. (چوڻي)
    72. اُدم کي، پر آھن. (چوڻي)
    اُدم ڪرڻ سان ڪٿي جو ڪٿي پھچي سگهجي ٿو. انھيءَ ڪري ائين چيو وڃي ٿو.
    73. اَڌ کي ڇڏي جو سڄيءَ لاءِ ڏوئي، سو اَڌ ته وڃائي، پر سڄيءَ لاءِ روئي. (پھاڪو)
    ڏوئي: ڳولهي.
    74. اُڌارو ڏجي تنھن کي، جنھن کان گهرجي نه، اُڌارو وٺجي تنھن کان، جو گهري نه. (چوڻي)
    75. اُڌاري جي ماءُ، ڪا نه مئي آهي. (چوڻي)
    اڌارو وڏيڻ ۽ وٺڻ، دنيا جي ريت آهي.
    76. اُڌي کاڻي، رات وهاڻي. (پھاڪو)
    رات آهي ته ڏينهن جو ڪونهي.
    77. اَڏ به نه ٽپي يا ته ڪوٺو به ٽپي وڃي. (ورجيس)
    يا ته ڪنھن ڳالهه تان اَڏ تي ئي بيهندو پر جيڪڏهن پور پيس ته ڪوٺو (چوٽ) به ٽپي ويندو.
    78. اڏي ڪاٺ، پڏي ٽوُئو، وچ واري کي، لڳي سوُئو. (چوڻي)
    اَڏي ڪاٺ ٿو، وچ ۾ ٽوُئو (پکو) پڏي ۽ خوشيون ٿو ڪري پر جيڪي وچ وارا حاسد ٻين کي ڏسي ڪو نه سهن تن کي سئا ئي پيا لڳن.
    79. اڏيندي ڏينهن لڳن، ڊاهيندي ويرم نه لڳي. (پھاڪو)
    80. اسان ڀانيو هار، پر سڳو ئي سورن جو. (ورجيس)
    81. اسباب ۾ اسباب؛ هڪ چَنگُ، هڪ رباب. (ورجيس)
    چنگ: سرندي وانگر وڄائڻ جو ننڍو اوزار. رباب: ڌڪڙن جو هڪ قسم. ۲. ٻھراڙيءَ ۾ رهندڙن جي هيءَ چوڻي آهي ته سٺي ۾ سٺو وڄائڻ جي شيءِ چنگ ۽ رباب آهي. اِهو چنگ هو جنھن جي وڄڻ تي راءِ ڏياچ به پنھنجو سر لاهي ڏنو.
    82. استاد جي جاءِ، جتي ڪٿي خالي آهي. (چوڻي)
    استاد: پڙهيل، هنر وارو ماڻھو. ۲. پڙهيل ۽ هنر وارو جتي ڪٿي مان پائي سگهي ٿو.
    83. اُستاد جي مار، ڇوڪر جي سنوار. (چوڻي)
    84. اسي، مَتِ کسي. (چوڻي)
    85. اَسي ويئي گسي، سؤ ناهي ڀؤ. (چوڻي)
    اَجايا سجايا خرچ ڪري اسي ۸۰ ته ائين ئي خلاص ٿي ويا باقي ٻين پئسن وڃڻ ۾ به ڪھڙو ڊپ آهي؟
    86. اَڪڀر جو مڪڀر. (ورجيس)
    اَڪ-ڀر: اڪ جي ٻوٽي ڀر يعني پاسو. سڪ-ڀر: کٻر جي وڻ جو ڦر جو پاسو. مطلب ته هڪ ڀر جو ٻيءَ ڀر. سوال هڪڙو ڪجي ته جواب ماڳھين ٻيو ملي.
    87. اڪ جي ماکي نه آهي جا لاهي وٺبي. (ورجيس)
    اڪ جي ماکي ته جلد لاهي سگهبي آهي.
    88. اِڪنا مت الله ڏئي، اڪنا سک لئي، اِڪ سکندي به نا سکي، جئسي پٿر بوند پئي. (چوڻي)
    ڪن کي مت خدائي ملي، ڪي پوءِ سکن، ڪي سکندي به ڪو نه سکن.
    89. اڪن کان ٿو آما گهري! (ورجيس)
    اڪ: هڪ زهردار ٻوٽو. آما: انب. ۲. اَڪن کان اَنبن جي اميد ڪئن رکبي؟ لچ ماڻھوءَ مان چڱائيءَ جي اميد ڪئن رکبي؟
    90. اک اٿڻ، زال ويامڻ ۾ ڪھڙي دير؟ (چوڻي)
    اک ڪيڏي مھل به اُٿي سگهي ٿي، زال ڪيڏي مھل به ويم ڪري سگهي ٿي.
    91. اک ٺھي ئي ڪا نه، چي؛ کٻڙ خان! ڪو چنڊ ڏٺئه؟ (پھاڪو)
    کٻڙ خان کي اک آهي ڪا نه، تنھن کان پڇيو پيو وڃي ته چنڊ ڏٺائين؟
    92. اکر آهن، اڌ علم. (چوڻي)
    عمل ڪرڻ آهي، سڄو علم.
    93. اکر نه کٽي، مڪر کٽي. (چوڻي)
    اکر: علم. مڪر: حرفت.
    94. اکرين ۾ مٿا وجهن، سي مهرين کان نه ڊڄن. (پھاڪو)
    95. اک-ڦٽ، ٻڌڻ، ليس-تپ، لنگهڻ. (چوڻي)
    اک اٿي يا ڦٽ ٿئي، تنهن کي ته لنگهڻ يعني کاڌو پائڻ بند ڪبو ته جلد لهندو.
    96. اک ڪڍڻ سولي، پر وجهڻ اولي. (پھاڪو)
    ڪو به خراب ڪم ڪرڻ سولو آهي پر وري انھيءَ کي سنوارڻ سڌارڻ ڏکيو آهي.
    97. اک نه ڏسي مڇ کي، مڇ نه ڏسي اک کي. (ورجيس)
    اوندهه ۾ ۽ نشئي ماڻھوءَ واسطي، اشارو.
    98. اک ۾ ڪَکُ، ته ڦوڪ ڪن ۾ پيئي ملي. (ورجيس)
    درد هڪ هنڌ ته علاج ٻئي هنڌ ڪيو پيو وڃي. ۲. ساڳي معنى سان ٻيو پھاڪو به ڪتب آندو ويندو آهي. ’ڪنڊو لڳو آهي پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو.‘
    99. اک ۾ گهاڻو، ته به مٺو جڳاڻو. (چوڻي)
    اک جھڙي نازڪ عضوي ۾ تيل پيڙيندڙ گهاڻو هوندو يعني ماڻھو ڪھڙيون به ڳريون پيڙائون پيو ڏسندو ته به جڳاڻو يعني جڳت يا جهان (جھان ۾ جيئڻ) مٺو پيو لڳندس.
    100. اکين تي پنبڻين جو بار، ڪو نه ٿئي. (پھاڪو)
    101. اکين ۽ ڪنن جي وچ ۾، چار آڱر وٿي. (پھاڪو)
    وٿي: وٿ، وڇوٽي. اکين ۽ ڪنن جي وچ ۾ چئن آڱرين جي وڇوٽي آهي. تھڙي نموني اکين سان ڏٺل ڳالهه ۽ ڪنن سان ٻڌل ڳالهه ۾ تفاوت سمجهڻ گهرجي.
    102. اکيون اکين جھڙيون، ويندا لڙ لهي. (چوڻي)
    جهيڙا، نيٺ نبري ئي ويندا آھن. اکيون وري به اکين جھڙيون ٿي وينديون.
    103. اکيون، اکين کي شرمائين. (چوڻي)
    104. اکيون روئي ٿڪيون، هاڻ روئن ٿيون پنبڻيون. (چوڻي)
    105. اکيون ملي ٿين چار، دل ۾ اچي پيار، اکيون ٿين اوٽ، دل ۾ اچي کوٽ. (چوڻي)
    106. اکيين لونگ لڳا، جافر ويا وسري. (پھاڪو)
    لونگ ۽ جافر: مصالحن جا نالا. ۲. ڪي ماڻهو نوان دوست هٿ ڪن ۽ جهونن دوستن کي وساري ڇڏين، تن کي ڏوراپو ائين ڏيندا آهن.
    107. اُگهاڙي ڪُني، ڪانوَن جو کاڄ. (پھاڪو)
    کاڌي جو ٿانءُ اگهاڙو، بنا ڪنھن ڍڪ جي رکبو ته ڪانون جو کاڄ ٿيندو.
    108. اگهائي ته ڪچ، نه ته ماڻڪن موٽ ڪري. (چوڻي)
    ڪچ: ڪوڏ، ستيئڙا. ماڻڪ: هيرا جواهر. ۲. ايشور اهڙو مھربان آهي، جو قبول ڪري (اَگهائي) ته ڪوڏيون به قبول ڪري، نه ڪري ته ماڻڪ به موٽايو ڇڏي.
    109. اگهه ڪنھن وڌو؟ چي؛ جنھن جي نه سري. (چوڻي)
    ڪا شيءِ ضروري گهربل هوندي آهي، جنھن جي ڪري ان کان سواءِ سري ڪا نه سگهندي آهي. تنھنڪري اگهه مهانگو ڏيئي، خريد ڪبي آهي. ائين خريد ڪرڻ سان، اهو اگهه مقرر ٿي ويندو آهي.
    110. اگهه کٽيو کائجي، وٽ کٽيو نه کائجي. (چوڻي)
    ڪيترا واپاري کليو کلايو مهانگو اگهه ٻڌائي، شيون وڪڻندا آهن. پر ڪي وري وٽن ۾ (تور ماپ ۾) کائيندا آهن. مٿيون پھاڪو ائين ڪرڻ سان منع ٿو ڪري.
    111. اگهه ۽ ڳڀ جي سڌ، الله کي. (چوڻي)
    اگهن جي لهڻ چڙهڻ جي ۽ ڳڀ (گرڀ) جي نسرڻ اسرڻ يا ڪرڻ جي خبر، خاوند کي ئي آهي.
    112. اگهه مُٺي ڪي، الله مُٺي. (ورجيس)
    ڪا شيءِ مھانگي وٺي اچجي ۽ وري انھيءَ مان ڪجهه هارجي پوي ۽ نقصان ٿئي ته ائين چوڻ ۾ ايندو. ڪجهه مهانگو مليو، ڪجهه قدرت نقصان ڪيو.
    113. اڱر ڄاڻن، لُـهُـرُ ڄاڻي. (پھاڪو)
    لهر: لوهار. ۲. لوهار کي ئي اڱرن جي خبر رهي.
    114. اڱر ڪوسا ته هٿ ساڙين، جي ٿڌا ته هٿ ڪارا ڪن. (پھاڪو)
    115. اڱرن پيٺي، هٿ ڪارا. (پھاڪو)
    اڱرن پيهڻ سان، هٿ ضرور ڪارا ٿيندا.
    116. اڳ به اَن ھيو، پوءِ به ٿيو اَنُ، ڪانو ۽ پنُ، ويو وچان ئي نڪري. (چوڻي)
    زمين مان پئدا ٿيل اَن کائجي ٿو، جو وري ڀاڻ بنجي زمين ۾ وڃي ٿو. جنھن مان وري ان پئدا ٿئي ٿو. وچ مان ڪانو ۽ پن، غائب ٿيو وڃي. پرڪرتيءَ جو عجيب نيم آهي.
    117. اڳ ڪـَشيا نه ڪشيا، پوءِ به ڪوڪون ڪن. (چوڻي)
    118. اڳياڙي تڏهن سرهي، جڏهن پڇاڙي سرهي. (چوڻي)
    119. اڳي اڳي، گورک جاڳي. (چوڻي)
    اڳيان هلي وري ڪو (گورک) نئون مونجهارو پئدا ٿئي.
    120. اڳيان باهه، پٺيان پاڻي. (ورجيس)
    اڳيان به جٺ، پٺيان به جٺ. ۲. ساڳيءَ معنى وارو؛ ’اڳيان کوهه، پٺيان کاهي.‘
    121. اڳيان ڀائي ڀائي! پٺيان ڇائي ڇائي! (ورجيس)
    ڪيترا ماڻھو آهن جو ماڻھوءَ جي اڳيان ڀائي ڀائي ڪري خوشامد ڪندا آهن. پر پٺ وري گلا، ڇائي ڇائي ڪندا آهن.
    122. اڳيان چڪ، پٺيان ڌِڪَ! (ورجيس)
    123. اڳيان کوهه، پٺيان کاهي. (ورجيس)
    124. اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري. (ورجيس)
    125. اڳين پاڻي، پوين چڪ. (ورجيس)
    تلاءَ ۾ پاڻي پيئڻ لاءِ ٿورو هوندو ته پهرين جيڪي وهٽ ويندا سي پاڻي پيئندا ويندا پوءِ جيڪي ويندا سي وري چڪ (گپ) وڃي چٽيندا.
    126. اُلٽا چور، ڪوٽوال ڪو ڊانٽي. (ورجيس)
    سپاهيءَ جو ڏنڊو، ڪوڙي چور تي!
    127. اللہ به سڃاڻي سڱ ڏئي ٿو. (چوڻي)
    ايشور سڀني (جانورن) کي سڱ ڪو نه ٿو ڏئي. پر جن جانورن لاءِ سڱ ضروري آهن، تن کي ڏئي ٿو.
    128. الله تنھنجو ٿورو، مڙس ڏجام ڇورو. (چوڻي)
    129. الله ٿئي راضي، ته هڪ مان ٻه، جي ٿئي ناراض، ته ٻن مان ٽي. (چوڻي)
    130. الله ڏئي، بندو سهي. (چوڻي)
    131. الله رسي، مت کسي. (چوڻي)
    ايشور جڏهن ناراض ٿئي، تڏهن اِنسان جي به مت کسي وٺي.
    132. اماس سان ملهه وڙهي ڪا نه سگهبي. (پھاڪو)
    اماس: چنڊ نڪرڻ کان اڳ وارو ڏينھن، جيڪو اونداهو هوندو آهي. ۲. تڪليف واري (اونداهين) وقت سان ڪير رڙهي سگهندو؟
    133. امان! منھنجي ساهري گهر ٻيا ته مون سان وڙهن، منھنجي ساهري چانئٺ به مون سان وڙهي! (ورجيسي جملو)
    134. امانت ۾ خيانت نه ڪجي. (چوڻي)
    135. اَمل ماڻڪ هجي پيٽ ۾ ته بَکي منھن ۾. (پھاڪو)
    ڪنھن جو به ڪو گڻ هوندو آهي، لڪي ڪو نه سگهندو آهي ۽ جلد ظاهر ٿي پوندو آهي.
    136. امڻا، نه گمڻا. (ورجيس)
    امان، نه گمان. ۲. بنا ڪنھن شڪ ۽ گمان جي.
    137. ان آهي، ايمان آهي. (چوڻي)
    پيٽ ڀريل آهي ته ايمانداري آهي.
    138. ان ٿورو، تُهه گهڻا! (ورجيس)
    139. انبان ٻُور، ڪلالان لاها. (پھاڪو)
    اَنبان: انبن منجھ. ٻُور: ڦل جو ڦٽڻ. ڪلال: شراب وڪڻندڙ، گتيوال. ۲. اَنب جڏهن ٻُوربا آهن، تڏهن سندن وِرُ گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پر اَنب پڪا ڪي فقط ٿورا، نڪرندا آهن. گتيوال جو فائدو به پھرين گهڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر پوءِ اوڌر وغيره نه ملڻ ڪري، صافي فائدو تمام ٿورو وڃي بيھندو آهي.
    140. انبن جون سڪون، انبڙين مان نه لھن. (پھاڪو)
    هئن به چون؛ انبن سندو ساءُ، ڪٿان اَچي اڪ-ٽٽڙن مان.
    141. انبن سندو ساءُ، ڪٿان اَچي اڪ-ٽٽڙن مان. (پھاڪو)
    142. ان پلي، ذات ڀلي. (چوڻي)
    پلي: ان رکڻ لاءِ ٽوئن ۽ پڃرن مان ٺھيل جاءِ. اڳئين زماني ۾ جن وٽ ان هوندو هو، تنھن کي شاهوڪار ڪري ليکيو ويندو هو ۽ سندس ذات ڀلي سمجهي ويندي هئي.
    143. اُن جو منھن، جنڊ ڏانهن. (پھاڪو)
    اَن جو رخ، جنڊ ڏانھن ئي رهندو.
    144. اَن جو واپار؛ هس مان ڇلو، ڇلي مان هَسُ ڪري. (چوڻي)
    هس: ڳچيءَ ۾ پائڻ جو ڳري وزن وارو مڻيو. ڇلو: هلڪي وزن وارو ڳهه، جو آڱر ۾ پائبو آهي. ۲. اَن جو واپار اهڙو آهي جو وقت تي گهڻو فائدو ڪري، جنھن مان وزندار مڻيا پائي سگهجن پر وري ڪڏهن اهڙو گهاٽو ڪري جو هلڪو ڳهه پائڻو پوي. واپار ڪڏهن ڪئن ته ڪڏهن ڪئن هوندو آهي.
    145. اَن جي پلي، گهر ۾ ڀلي. (چوڻي)
    پلي: اَن جي رکڻ جي جڳهه. ۲. ان رکڻ جي جڳهه پنھنجي گهر ۾ ئي ٺيڪ آهي. مڇي به پاڻيءَ ۾ ٺيڪ آهي.
    146. اندر اڇو نه ڪري، ڌوئي ٿو ڌاڳا! (ورجيس)
    ڌاڳا: وٽيل سڳا نوڙين جھڙا، جي اڪثر فقير مٿي کي ويڙهيندا آهن. اندر صفا ڪو نه ڪيو اٿس پر ڌاڳا ٿو مٿي تي پائي.
    147. اندر ٻڌي ڪين، ٻاهر ٻڌي زين! (ورجيس)
    پنھنجو اندر ٻڌو ڪو نه اٿس. ٻاهر اچي گهوڙي کي زين (سنج) پيو ٻڌي!
    148. اندر ٻڏ ٻهوُن، ٻاهر آٽڻ ان جو: (ورجيس)
    ٻڏ: هڪ گاهه جي پاڙ. ٻهوُن: گهڻو. آٽڻ: سڪل اٽو. ۲. اندر گاهه وجهي، ٻاهر آٽڻ وجهي، ٻاهران اٽي جو ڏيک ڪيو ويو آهي. اندر هڪڙو، ٻاهر ٻيو!
    149. انڌا ٻانڀڻ، ٻه ٻارسيون. (پھاڪو)
    ٻارس: چنڊ کان پوءِ ۱۲ ڏينھن.
    150. انڌا روزا رکن، ته ڏينھن به وڏا ٿين. (پھاڪو)
    انڌا جڏهن روزا رکندا آهن، تڏهن پاڻ وقت نه ڏسي سگهڻ ڪري، کين ڏينھن وڏو پيو لڳندو آهي.
    151. انڌن آندو، ڪتن کاڌو. (پھاڪو)
    انڌو ڪجهه کاڌي جي شيءِ آڻيندو آهي ته ڪتا چٽي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته هو ڏسي ڪو نه سگهندو آهي. ۲. هيئن به چون؛ انڌي پيھين، ڪتي چٽي.
    152. اَنڌن جو وهانءُ؛ منڊا نچن، ٽنڊا پائن ڦيريون. (پھاڪو)
    اَنڌن جي شادين تي سڀاويڪ ٽنڊا ۽ منڊا به اچي شريڪ ٿيندا. سڀڪو پنھنجو ثاني شريڪ ڳولهي لهندو.
    153. انڌن وڃي ملتان لڌو. (پھاڪو)
    ملتان شھر جو حيدرآباد جي ڦليلي کان سڌو رستو وٺي وڃبو ته اچي نڪرندو ۽ ڪنھن به منجهڻ جو سبب ڪو نه ٿيندو جو رستو سڌو آهي. ڪھڙو اَنڌو به ملتان ڳولهي سگهندو.
    154. انڌن ۾ ڪاڻو، راجا. (چوڻي)
    جتي سڀ انڌا هوندا، اتي ضرور ڪاڻي جو مان ٿيندو.
    155. انڌو، بي ايمان. (چوڻي)
    انڌي تي ايمان (ڀروسو) رکي ڪو نه سگهبو جو هو ڏسي ڪو نه ٿو سگهي.
    156. انڌ وَٺ، منڊ وَٺ، پر ننڍ وَٺُ. (چوڻي)
    انڌو (وهٽ) به وٺو، منڊو به وٺو، پر ننڍو وٺو.
    157. انڌو گهري الله کان هڪ اک، پر کيس ٻه پيئون ملن. (پھاڪو)
    158. انڌو مڱڻهار؛ نه ڏسي، نه عارُ ڪري. (پھاڪو)
    159. انڌو هاٿي، لشڪر جو زيان. (پھاڪو)
    انڌو هاٿي، لشڪر ۾ آڻبو ته فائدي بجاءِ نقصان ڪندو.
    160. انڌو ويھي کڏ تي، چي؛ مونکي ڪير ڏسي ئي ڪو نه ٿو. (پھاڪو)
    161. انڌو ۽ اڻ سونھون؛ ٻئي هڪ آچار. (پھاڪو)
    سونھون: رستو ڏيکاريندڙ. ۲. انڌو ۽ جنھن کي رستي جي خبر ڪانھي، سي ٻئي هڪ سمان سمجهڻ گهرجن. انڌو انڌي کي ڪيئن واٽ ڏيکاريندو.
    162. انڌي اک کان، ڪاڻي اک چڱي. (چوڻي)
    163. انڌي اڳيان آهري، ڪر تئو ٽنگيو پيو آهه. (پھاڪو)
    آهري: آرسي. ڪر: ڄڻڪ.
    164. انڌي ٻلي، مئل ڪئا جهلي. (پھاڪو)
    165. انڌي؛ جھڙي پيڪي، تھڙي ساهري. (پھاڪو)
    166. انڌي جي جوءِ جو واهي، الله. (چوڻي)
    جنھن زال جو مرد، اکين کان انڌو ھجي، سا ايشور جي بلي سمجهڻ گهرجي. جنھن مرد جون اکيون پوريل ھجن، زال تنھن سان جئن هلي، تئن سولي!
    167. انڌير نگري، چرٻٽ راجا، ٽڪي سير ڀاڄي، ٽڪي سير کاڄا. (ورجيس)
    اِهو نياءُ وارو شھر نه سمجهڻ گهرجي، جتي سڀ شيون هڪ اگهه ۾ وڪامن.
    168. انڌي کي؛ جھڙو ڏينھن، تھڙي رات. (پھاڪو)
    ساڳي معنى وارو پھاڪو هن ريت آهي، انڌي؛ جھڙي پيڪي، تھڙي ساهري.
    169. انڌي گهوڙي ڪل ۾. (ورجيس)
    ڪل: گپ، پَنِ، ڏِيرِ. ۲. گهوڙي انڌي هوندي ته ڪڏهن نه ڪڏهن گپ ۾ ڦاسائيندي. اڻ آزمودگار جو به سھارو وٺبو ته ضرور کڏ ۾ ڪيرائيندو.
    170. انڌيون اڻنديون، سي وري مھمان ڍڪيندا! (پھاڪو)
    171. انڌيون ٻه، چٻڪا چار! (پھاڪو)
    172. انڌي ۽ جنڊ، واري ۽ پنڌ. (چوڻي)
    173. ان ڏيوتا، ڏڪندو اچي. (چوڻي)
    ان ويچارو به ڏڪي ته متان جتي وڃان اُتي آدر نه ملي.
    174. ان کي آب ڏي، پيٽ ڦاٽي ته ڦاٽڻ ڏي. (چوڻي)
    175. ان وڌائي اوجهري، گيهه وڌائي کوپري. (چوڻي)
    176. اِنسان، اونڌي ڪوپري آهي. (چوڻي)
    ڪوپري؛ ڪيپراٽي، ڪاپار. ۲. جئن اونڌي ڪوپري ڀرجي ڪا نه سگهجندي آهي، تھڙيءَ طرح انسان جو ڍءُ ٿي ڪو نه سگهندو.
    177. اِنسان اهو، جو پنءَ مان پروڙي. (چوڻي)
    سياڻي لاءِ، هڪ اکر بس آهي.
    178. انسان، ته نسيان. (چوڻي)
    نسيان: غفلت.
    179. اِنسان جو ناماچار، وڻ جي پاڇي سمان. (چوڻي)
    جئن سج ڦرندو رهندو آهي، تئن پاڇو به ڦرندو رهندو آهي. انسان جو ناماچار به ائين آهي.
    180. انسان، خطا جو گهر آهي. (چوڻي)
    خطا: ڀل. اِنسان کان ئي ڀلون ٿي سگهن ٿيون.
    181. انگ ازلي آهي لکيو قادر، ٿو پري ۽ نا ٽري. (چوڻي)
    ازلي: قسمت.
    182. انگ اڙيو، ڇوڪر کريو. (گفتار)
    183. انگ اگهاڙو، پيٽ بکيو. (ورجيس)
    184. اڻ پڙهيا، پڙهين اڳيان، ڀريون ڍوئيندا. (چوڻي)
    185. اڻ پڙيتيءَ پڙو پاتو، ڇنڊيندئي ڏينهن ويو. (پھاڪو)
    جنھن زال پھريون دفعو پڙو (پيشگير) پاتو، تنھن گهڙي گهڙي پڙي کي ڇنڊي ڏينھن وڃايو.
    186. اڻاسيءَ لاءِ عيد، سجاري لاءِ صرفو. (چوڻي)
    اَڻاسو: بي شرم. سجارو: عقل وارو. ۲. بي شرم ماڻھوءَ لاءِ هميشه عيد ۽ خوشيون آهن. عقل وارو صرفو ڪري رقم بچائي. ڪيوٽ ڪري، هلي ٿو.
    187. اُڻاڻي به ويئي، تڻاڻي به ويئي، وري ڪپهه جي ڪپهه. (ورجيس)
    ’گل شڪر‘ ۾ لکيل آهي ته؛ هڪ نشئيءَ کي رستي جي پاسي ۾ پيشاب ڪندي پنڪي اچي ويئي. اُتان ڪو ٻيو لانگهائو ٿيو. تنھن سندس مٿي تان پڳ لاهي، انھيءَ بدران ڪپھ جي پوڻي رکي ڇڏي. جڏهن نشئي سجاڳ ٿيو، تڏهن پوڻي ڏسي وائڙو ٿيو ۽ مٿيون پھاڪو ڏنائين. ڪپهه ڪتجي سٽ ٿيو ۽ سٽ اُڄي ڪپڙو ٿيو، سو جو موٽي سٽ ٿيو ته لاشڪ سڀ محنت اَجائي ويئي. جھڙي ڪپهه اڳي هئي، ساڳي ٿي پيئي. سڀ محنت برباد.
    188. اُڻٽيهه راتيون چور جون، ٽيهين رات ساڌ جي. (پھاڪو)
    189. اڻ سرنديءَ، پهاڄ پيڪي. (پھاڪو)
    اڻ سرنديءَ: لاچار. پھاڄ: مرد جي اڳين زال. ۲. اڪثر ڪري زال ته دل و جان سان نه چاهيندي آهي ته پھاڄ جي پيڪي وڃجي پر لاچاري حالتن هيٺ زالن کي ائين ڪرڻو پوندو آهي. سياڻن جو چوڻ آهي ته لاچار کي اَچار ڪونهي، وڻي يا نه وڻي اهو ڪم ڪرڻو پوي ٿو.
    190. اڻ سرنديءَ سڀڪو ٽري، کرو ڪو سرنديءَ ٽري. (چوڻي)
    اڻ سرنديءَ: اڻ پڄندي. سرندي: پڄندي. ۲. پڄي نه سگهڻ ڪري، سڀڪو ٽاري سگهي ٿو. پر شاباس انھيءَ کي آهي جو پڄي سگهڻ جي حالت ۾، من کي ماري، ماٺ ويھي ٿو.
    191. اڻ گهريو ماءُ به ٻار کي نه ڌارائي. (پھاڪو)
    اڻ گهريو: گهرڻ کانسواءِ. ڌارائڻ: کاڌو ڏيڻ.
    192. اُڻندو اُها ئي، جا ڪوريءَ جي من ۾. (پھاڪو)
    ڪوري: ڪپڙو ٺاهيندڙ. ۲. ڪپڙو ٺاهيندڙ (ايشور) کي، جئن من ۾ ايندو، تئن ئي ڪندو.
    193. اڻ وهندا ڏاند، به ڪڏهن وهيا؟ (پھاڪو)
    194. اڻ هوند کان، هوند چڱي. (چوڻي)
    195. اڻ هيريا نه هير، متان هرني، هيريا نه ڦير، متان وڙهني. (چوڻي)
    اڻ سيکڙاٽ مان به ڪڏهن ڪم ٿيو؟
    196. اُڻي هڪ هٿ، ٻُڌائي جوڙي. (ورجيس)
    جوڙي؛ هٿن جي. ڪم ٿورو ڪري، دعوى گهڻي جي ڪري. اُڻڻ لاءِ هڪ هٿ، ٻڌائڻ لاءِ ٻه هٿ گهرجن.
    197. اوٺي، اوٺيءَ کي سٺو نه ڪندي. (پھاڪو)
    198. اوٽ پڙي موٽ ۾، ڪنوار پڙي گهوٽ ۾. (چوڻي)
    199. اول پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ. (ورجيس)
    ٻين جو اونو نه رکي، رڳو پنھنجو پيٽ ڀرڻ.
    200. اونڌيون پاٽيون پاسيرا ٽويا، ته به وکري ساڄا، ماڻهو ٺوهيا. (چوڻي)
    201. اُها زبان اُس ۾ وهاري، اُها زبان ڇانءَ ۾ وهاري. (چوڻي)
    بنا ڍنگ جي ڳالهائڻ ڪري، ماڻھو بي مانو ٿئي ٿو. ۲. ٻيو پھاڪو هن ريت آهي؛ اها ئي زبان پالڪيون گهمائي، اها ئي زبان سر قتل ڪرائي.
    202. اها ساهه ئي گهوري، جا سر تڪي. (پھاڪو)
    ساهه: مڻيا، مڻين جو ھار. سر: جند.
    203. اُها ڪڪڙ مري ويئي، جا سونا آنا ڏيندي هئي. (پھاڪو)
    هڪ ڪڪڙ، روز سونو آنو ڏيندي هئي. ڌڻيءَ کي دل ۾ خيال آيو ته؛ ڇو نه کيس ڪھي، اندر مان سڀ آنا ڪڍان؟ ائين ڪرڻ سان، جيڪي آنا ملندا هئس، سي به بند ٿي ويس. ۲. لالچ جو نتيجو، خراب.
    204. اها ئي زبان پالڪيون گهمائي، اها ئي زبان سر قتل ڪرائي. (چوڻي)
    205. اهڙو ڪم ڪجي، جو لعل به لڀي پريت به رهجي اچي. (چوڻي)
    ڪو به اهڙو معاملو ٿئي ته سياڻي جو ڪم آهي ته اهڙو نمونو هلي جو ڪم به ٿئي ۽ اڳين پريت به رهجي اچي. ڪيترا ماڻھو آهن، سي اگر معاملو نبيريندا آهن پر پريت اڳئين نموني نه رهندي آهي.
    206. اِهو سوار ئي ڪونهي، جو گهوڙي تان نه ڪريو هجي. (پھاڪو)
    207. اُهو سون ئي گهوريو، جو ڪن ڇني. (پھاڪو)
    سون، زالون ڪنن ۾ پائينديون آهن. سندن ڪن پچي پوندا آهن. سياڻن اِنھيءَ ڪري ائين چيو آهي. ۲. هيئن به چون؛ اها ساهه ئي گهوري، جا سر تڪي.
    208. اُهو ڪي ڪجي، جو مينھن وسندي ڪم اچي. (چوڻي)
    209. اُهو وڻ ئي ڪونھي، جو واءَ نه لوڏيو آهي. (پھاڪو)
    هر هڪ وڻ کي هوا ضرور لوڏيو هوندو.
    210. اُهو ئي هٿ کير ۾، اُهو ئي هٿ نير ۾. (ورجيس)
    211. اُهي ٻيلا ئي ٻيا جن ۾ ڪاٺيون ڪم جون. (ورجيس)
    اهي ڪم ڪندڙ ماڻھو ئي ٻيا، جيڪي ڪم ڪري سگهن.
    212. اِهي تنيا ئي مري ويا، جي گهٽا ڏيندا هئا. (پھاڪو)
    ڪجهه وقت اڳي، سنڌ ۾ تنيا فقيرن جو اِهو رواج هوندو هو جو پنھنجن مريدن کان گهٽو وٺي، پيرين پنڌ، (ملتان ۾) پنھنجي مرشد جي درگاهه شريف ويندا هئا. هن وقت اِهو رواج بند آهي، تنھن ڪري ائين چيو ويندو آهي.
    213. اهي سيون، اُهي ئي سڳا. (ورجيس)
    214. اهي لالڻ ئي لڏي ويا. (چوڻي)
    215. اهي وڻ به ويا، ته واهيرا به ويا. (ورجيس)
    واهيرو: آکيرو.
    216. اُهي هٿ روٽيءَ ۾، اُهي هٿ چوٽيءَ ۾. (ورجيس)
    هن ريت به چيو ويندو آهي: اُهو ئي هٿ کير ۾، اُهو ئي هٿ نير ۾.
    217. اُهي ئي ڪاٺ، اُهي ئي ڪهاڙا. (ورجيس)
    218. اهي ئي لاٽون، اُهي ئي چگهه. (ورجيس)
    219. اياڻو چوي، سياڻو ويڃائي. (پھاڪو)
    اياڻو: ڪم عقل. سياڻو: سمجهو. ويڃائي: خيال ڪري، پنھنجي سمجهه هلائي. ۲. ڪم عقل ماڻهو، جيڪي ايندس سو ويندو وات مان ڪڍندو پر سمجهو ماڻھوءَ کي انھيءَ تي خيال ڪرڻ گهرجي.
    220. ايرازي آندي، ڳور نهاري ڳوٺ ۾! (پھاڪو)
    ايرازي: قسمت. ڳور: قبر.
    221. ايشور ڏئي، ته ڇپر ڦاڙي ڏئي. (چوڻي)
    222. ايڪ تندرستي، هزار نعمت. (چوڻي)
    هڪ تندرستيءَ ۾، هزارين نعمتون/ خاصيتون آهن.
    223. ايڪ پنٿ، دو ڪاج. (ورجيس)
    224. ايندو سڀڪو ڏسي، ويندو ڏسي ئي ڪو ڪو نه: (چوڻي)
    ايندڙ ڪمائي سڀڪو ڏسي، پر ويندڙ (خرچ) ڪير ڪو نه ڏسي.
    _______________________


    ( ب )

    ( ب )
    1. بابا ڄيٺا؛ جھڙا اُٿيا، تھڙا ٻيٺا. (چوڻي)
    2. بابل گهر گهوڙي، ته ڪا مون هِڻِ هِڻ؟ (پھاڪو)
    ڪنھن جي بابي جي گهر گهوڙي هوندي ته اُنهيءَ جي هڻڪار، ڌيءَ لاءِ ٿي ڇا؟
    3. باپ جي کٽئي ۽ آپ جي کٽئي، وڏو سنڌو. (چوڻي)
    سنڌو: تفاوت، فرق، وٿي.
    4. بادشاهين پوندين معاملي، ڄٽي ڪير ويچاري؟ (پھاڪو)
    وڏين ڳالھين ۾، ننڍيون ڳالھيون ڪير ويچاري.
    5. باز جي ريس ڪري اَڏاڻي چڙي، چڻو هوس چنھنب ۾، سو به پيس ڪري. (پھاڪو)
    6. بازار مصطفى، خريدار خدا. (ورجيس)
    7. باشو ڊوڙيو تتر ڏانھن، مٿان پيس عقاب، مڇي ڳولهي ڳاهه کي، ڪُسي ٿي ڪباب. (پھاڪو)
    8. باندر ۽ بيوقوف، ڇا ڄاڻي سُنڍُ جي سواد مان؟ (پھاڪو)
    9. باهه لڳڻ مھل، کوهه کوٽڻ. (ورجيس)
    10. بتي ٻري، متي کري. (پھاڪو)
    11. بختاورن جا ڍڳا به ويامن. (پھاڪو)
    12. بخشش سوَ سوَ ڪجي، حساب ٿوري ٿوري جو به وٺجي. (چوڻي)
    13. بدن ۾ دم نه ٺھي، نالو زوراور خان. (ورجيس)
    ۽ هئن به چون: لهي لوڻ به نه، چي؛ منھنجو نالو سون ٻائي.
    14. بڊو پُنو، ڪانون رُنو. (چوڻي)
    15. بس، الله جي وس. (گفتار)
    ڪوشش ڪري بس ڪرڻ کانپوءِ، آهي ايشور جي هٿ ۾.
    16. بسم الله بر غلط. (ورجيس)
    ايشور جي نالي ۾ غلط ڳالهيون به صحيح!
    17. بسياري، خواري. (چوڻي)
    بسياري: گهڻي، گھڻائي، جھجھائي. خواري: بدنامي، بدناموسي.
    18. بصر ڀڄڻ کانسواءِ، بانس ڪا نه نڪرندي. (پھاڪو)
    19. بک بڇڙو ٽول، دانهه به ديوانا ڪري. (چوڻي)
    دانھ؛ داناھ، داناءَ. ۽ هئن به چون: بک بڇڙي بلا، چڱن کي چريو ڪري.
    20. بک بڇڙي بلا، چڱن کي چريو ڪري. (چوڻي)
    21. بک ۾ بصر به مٺا. (چوڻي)
    22. بک وچان اوگهڙ، ياد نه آهي. (چوڻي)
    23. بکئي جون اکيون، چلهه ۾. (چوڻي)
    24. بکئي کي، بٺ به ڏور. (چوڻي)
    25. بکئي کي بصر سان، روٽي رکيائي، سيري کان سواد ۾، ڏيڍي سوائي. (چوڻي)
    26. بکيا ويا سڃن وٽ، چي؛ عيد ڪنداسون. (چوڻي)
    27. بکيو گدڙ، شينھن سان گڏ کائي. (پھاڪو)
    28. بگهڙ؛ کائي ته به وات ڳاڙهو، نه کائي ته به وات ڳاڙهو. (چوڻي)
    29. بن ڪمائي نانڪا، مون کي ساڌن جھڙو ڪر. (چوڻي)
    30. بندرو ٻڌي سندرو، ته ڪير به نه پڄي. (چوڻي)
    ننڍي قد واري تي ٽوڪ بازي.
    31. بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي. (چوڻي)
    32. بڻي ته بڻي، نه ته دال روٽي گهڻي. (چوڻي)
    33. بهڻ؛ هيٺ ته گهڻ، مٿي ته پهڻ. (چوڻي)
    34. بهي وچ بازار ۾، پئسي ۾ چريا چار ڏجن، جي خريدار ڪرڪن، ته ڏهه ڏيئي ڇڏجن. (چوڻي)
    35. بي ادب بي نصيب، با اَدب با نصيب. (چوڻي)
    36. بيبي دلي، ڍڪي ڀلي. (چوڻي)
    ڪني زال، ڍڪي چڱي آهي.
    37. بي بي نيڪ بخت، ته پائيءَ جي دال ٽي وقت، بي بي بد بخت، ته مھيني جي پگهار هڪ وقت. (چوڻي)
    38. بي تالي رن؛ ڌڪڙن جو نقصان. (چوڻي)
    39. بيٺل ته لک جو، ڪريو ته ڪک جو. (ورجيس)
    40. بي حيائي، ته بادشاهي. (چوڻي)
    بيشرمن لاءِ، بادشاهي آهي.
    41. بي خبري، خوشخبري. (چوڻي)
    42. بيعقل بازار ۾، سنگتي نه کڻجي ساڻ، اول ڪٽائي پاڻ، پوءِ سمر ڏئي ساٿين کي. (چوڻي)
    بيعقل کي پاڻ سان ڪڏهن به نه کڻجي. پھرين هو خوار ڪرائيندو پاڻ کي، پوءِ ڪرائيندو سنگتين کي.
    43. بيعقل دوست کان، داناهه دشمن چڱو. (چوڻي)
    44. بيعقل کان، بي ڏاڙهيو چڱو. (چوڻي)
    45. بيڪار کان، بيگار ڀلي. (چوڻي)
    بيڪار: ڪم کانسواءِ. بيگار: زوري ڪم وٺڻ.
    46. بيوقوف دوست کان، داناهه دشمن چڱو. (چوڻي)
    ____________


    ( ٻ )

    ( ٻ )
    1. ٻاٻل آچاري، پر ڪو مڃي. (چوڻي)
    ٻاٻل: بابل، بابو، ڪاڪو، پريو مڙس، مکي، چوڌري. آچاري: نياءُ ڪندڙ. ۲. پنھنجي گهر ۾ يا پاڙي ۾ ڪو نياءُ ڪندڙ هوندو ته به کيس مڃڻ لاءِ ڪو ماڻهو تيار ڪو نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته پاڙي ۾ آهي.
    2. ٻار اک کان ٻاهر ٿيو، ته کريو. (چوڻي)
    3. ٻار، ٻاروتن ۾ پڌرو. (چوڻي)
    ٻاروتا: ٻاراڻا ڪپڙا. هيئن به چون: پٽ، ڪپٽ؛ پينگهي ۾ ئي پڌرو.
    4. ٻار چُريو، گهر ڦُريو. (چوڻي)
    ننڍڙو ٻار چرڻ پرڻ لڳندو آھي ته سڀني شين ۾ هٿ وجهي نقصان ڪندو آهي.
    5. ٻارنھن گدرا، تيرنھن لاڳدرا. (ورجيس)
    گدرا آهن ٻارنھن ته حصو پتي ڇڪيندڙ آهن تيرنھن.
    6. ٻارڻ ٻهوُن ڪجن، ته به رڙا رجهن ڪين ڪي. (پھاڪو)
    ٻارڻ: باهه جو ٻارڻ. ٻهون: گهڻا. رڙو: سخت اَناج جو داڻو. مڱ يا مٽر جو کريل داڻو، جو مشڪل ڳرندو آهي.
    7. ٻارهين ڪوهين ٻولي ٻي. (چوڻي)
    ٻارهن ڪوهن کان پوءِ، ٻولي ڦريل ڏسڻ ۾ ايندي.
    8. ٻاليتو، نه ماليتو. (پھاڪو)
    ٻاليتو: ٻارن وارو. ماليتو: مال ملڪيت وارو. ۲. ڪٽنبي ماڻهو، مال ملڪيت وارو مشڪل ٿي سگهندو. سندس گهڻو خرچ، ٻارن جي پالنا ۾ ٿي ويندو هليو.
    9. ٻانڀڻ ۽ ٻڪري، پاڙي جي ڦڪڙي. (چوڻي)
    ڦڪڙي: ڪڪ ڪندڙ.
    10. ٻانڀڻ چاڙهيو ڪنو، ڪانگن ويهي رنو. (چوڻي)
    11. ٻانڀڻ چئي چُڪي، واڻيو وهي چُڪي. (چوڻي)
    12. ٻانهي ٿي ڪمائجي، بيبي ٿي کائجي. (چوڻي)
    13. ٻاهران جَپَ، اندر ڪَپَ. (ورجيس)
    هئن به چون: ٻاهران ماکي، اندر ۾ ڪاتي.
    14. ٻاهران چکي مکي، اندران بـُڙ بـُڙ دکي. (ورجيس)
    چکي مکي: ٻاهران ڏيکدار. بڙ بڙ: چلم مان اندران آواز نڪرندو آهي. ۲. ٻاهران ڏسڻ ۾ سٺي، پر اندران اِهو ڪنو آواز پيو نڪرندو.
    15. ٻاهران زيب زبان ۾، دل ۾ هچارو! (ورجيس)
    جنھن جي ٻاهران زبان مٺي هجي ۽ اندر ۾ ڪجهه ٻيو هجي، اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ائين چيو ويندو آهي.
    16. ٻاهران ماکي، اندر ۾ ڪاتي. (ورجيس)
    17. ٻاهران مِٺِ مِٺِ، اندر ۾ ڦِٺِ ڦِٺِ. (ورجيس)
    18. ٻاهر جي سڄيءَ کان گهر جو اڌ ڀلو، گهر جي دال ڀلي توڙي ٻاهر ملي پلو. (چوڻي)
    19. ٻاهر سڙندو سڀڪو ڏسي، اندر سڙندو ڪو نه ڏسي. (چوڻي)
    ٻاهر جي باهه، سڀ ڪنھن کي ڏسڻ ۾ اچي. پر اندر ۾ ٻرندڙ باهه، ڪنھن کي ڏسڻ ۾ ڪا نه اچي.
    20. ٻائي ٻير، اڍائي سير. (ورجيس)
    ٻير ٿا وڪامن، چي؛ ڪھڙو اگهه؟ پئسي جا اڍائي سير! پوءِ ضرور ڪنھن ڪم جا نه هوندا، جو ايڏا سستا ٿا وڪامن.
    21. ٻائيءَ جي ٻانهي، پکي سونهين پنھنجي. (پھاڪو)
    ٻائي: سانئڻ. ٻانهي: نوڪرياڻي. پکي: اجهي، گهر. ۲. سانئڻ پنھنجي گهر ۾ سونھندي، نوڪرياڻي پنھنجي گهر ۾ سونھندي.
    22. ٻه ته ٻارنھن. (چوڻي)
    23. ٻُٽي ٻڪري، در تي نه ٻڌجي. (چوڻي)
    24. ٻٽيھن ڏندن مان، شڀ ٻولجي. (چوڻي)
    25. ٻٽيهه منڊ منڊي ۾، اسيءَ ۾ ڪاڻو، اهڙو گنجو ساماڻو، جو سڀني کڻي ماٺ ڪئي. (چوڻي)
    26. ٻج خرابو، ته نج خرابو. (چوڻي)
    27. ٻڌل ڳالهه تي اعتبار نه ڪجي، ڏٺل تي ويچار ڪجي. (چوڻي)
    28. ٻڌي ٻڌي، انڌو به واٽ لھي. (چوڻي)
    29. ٻڏندڙ کي، ڪک جو به آسرو. (پھاڪو)
    30. ٻڏڻ ويو وسري، لڏڻ آيو ياد. (ورجيس)
    بيشرم ماڻھن کي، شرم بدران مزو ئي ايندو آهي.
    31. ٻڏو سھن، ڏنو نه سھن. (ورجيس)
    پاڻيءَ ۾ وجهي ٻوڙي ڇڏيائين، پر ڪنھن کي ڏيئي سڪيارٿ ڪو نه ڪندا.
    32. ٻڏو ماڻھو به، ٽئين ڏينھن لڀي. (پھاڪو)
    33. ٻڏيءَ ٻيڙيءَ جو، لوهه به چڱو. (پھاڪو)
    ڪي لوهه جي بدران، هريڙون يا تختو به چوندا آهن.
    34. ٻرڙي پوي نه ٻاجهه، ڀر ۾ ٿو ڀاءُ مري. (چوڻي)
    زالون پاڻ ۾ حجت پائي ٻڙي! ڪري ڳالھائينديون آهن. هڪ زال ٻئي زال کي مٿئين نموني ۾ ڏوراپو ٿي ڏئي.
    35. ٻري تيل، کامي وٽ، واهه ڙي ڏيئا واهه! (پھاڪو)
    کپي هڪ شيءِ، سڙي ٻي شيءِ، پر شاباس وري به ڏيئي يعني روشنيءَ کي پيئي ملي!
    36. ٻريل ماڻھو، ڪنجهڻ کان ڪو نه ويندو. (چوڻي)
    37. ٻڙيءَ کي ڪھڙو جوکو؟ (چوڻي)
    ٻڙيءَ کان پوءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي. جنھن کي ڪجهه به هـڙَ ۾ نه هوندو، تنھن کي جوکو وري ڇا جو؟
    38. ٻڪري جنھن وڻ سان ٻجهي، سو وڻ چري. (چوڻي)
    ٻجهي: ٻڌجي.
    39. ٻڪري کير ڏئي، ڦولهڙين گاڏڙ. (چوڻي)
    گاڏڙ: گڏ. ۲. ٻڪري ڏهڻ سان کير ڏئي. پر ساڳئي وقت ڦولهڙيون به لاهي.
    40. ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي. (چوڻي)
    41. ٻگهه کي صورت سهڻي ڏنائين، ڪوئل کي ڪيائين ڪاري. (چوڻي)
    42. ٻلي به پنھنجي گهر ۾ شينھن آهي. (چوڻي)
    43. ٻلي ست ڪئا کائي، حج چڙهي. (چوڻي)
    44. ٻلي کائيندي ڪين ساري، پر کنگهندي ساري. (چوڻي)
    ٻلي کاڌو کائيندي ڪو نه ڪڪ ڪري پر کنگهڻ لڳندي آهي ته ڪو نه وڻندي آهي.
    45. ٻلي مڇي کائي، پر پنھنجا پير ڪو نه پسائي!؟ (پھاڪو)
    ڪيترا ماڻهو پاڻ ڪِنُ ڪن، پر ٻاهران ائين ڏيکارين ته سندن هٿ ان ۾ ڪونھي.
    46. ٻليءَ شينھن پڙهايو، ڦر ٻليءَ نون کاوڻ آيو، چڱو ٿيو جو مين تيڪون چڙهڻ نه سيکاريو. (پھاڪو)
    47. ٻليءَ کي خواب ۾، به ڇڇڙ. (پھاڪو)
    ٻلي خواب ۾ به رڳو ڇڇڙ ڏسندي آهي. ڇاڪاڻ ته سندس من جي ورني ڇڇڙن ڏانھن ھوندي آهي.
    48. ٻليءَ نصيبين، ڇڪو ڇنو. (پھاڪو)
    اڳئين زماني ۾ ڇت ۾ ٺڪر جو ڇڪو ٽنگيو ويندو هو، جنھن ۾ کاڌي جون شيون ٽنگيون وينديون هيون. ڪنھن وقت، جيڪڏهن ڇڪو ڇڄي پٽ ۾ اَچي پوندو هو ته ٻليءَ جو نصيب لکيل سمجهو ويندو هو جو هوءَ کائي پيٽ ڀريندي هئي.
    49. ٻن ٻيڙين تي جو چڙهي، تنھنجون ڄنگهون ڦاٽن. (پھاڪو)
    50. ٻن پاڏن سان، هڪ شينھن به نه پڄي. (پھاڪو)
    51. ٻَنڌ ڀڄي، هيڻي هنڌان. (پھاڪو)
    ٻنڌُ: پاڻيءَ کي روڪڻ لاءِ بند. ۲. جنھن هنڌ پاسو هيڻو هوندو، اتان ئي بند ڀڄندو.
    52. ٻن زالن جو وَرُ، تنھن جو قبر ۾ گهر. (چوڻي)
    وَر: گهوٽ، مڙس.
    53. ٻن گهرن جو مھمان، بکون ڪڍي. (چوڻي)
    54. ٻني سائي جي سائي، گاهي بکئي جو بکيو. (پھاڪو)
    گاهي: گاهه ڪندڙ. ۲. گاهه ڪندڙ هميشه گاهه ڪپيندو ٿو رهي پر وري ٻني هميشه سائي رهي ٿي.
    55. ٻنيءَ تي ٻار هجي، ته پرديس جا پنڌ ڇو ڪجن؟ (چوڻي)
    56. ٻورا ٿي سبيا، ته گڏهن ٿي رنو. (پھاڪو)
    57. ٻوڙو ٻُڌي ٻه دفعا، ٽيڏو ڏسي ٽي دفعا. (چوڻي)
    58. ٻوڙو، کلي ٻه دفعا. (چوڻي)
    59. ٻول ۾ چول، نه ڪجي. (چوڻي)
    60. ٻه به ويئون، ته ڇهه به ويئون. (ورجيس)
    61. ٻه ٻروچ، ٻارنهن ڪتا، ته به ٻروچ تکا! (چوڻي)
    ٻروچ: بلوچ، بلوچستان جا رهاڪو.
    62. ٻه ڀائر، ٽيون ليکو. (چوڻي)
    ٻه ڀائر ڀلي ڪنھن ڪم ۾ ڀائيوار ٿين، پر ٽيون ليکو رکڻ تمام ضروري آهي. نه ته گهڻن غلط فھمين ٿيڻ جو امڪان آهي.
    63. ٻه تراريون، هڪ مياڻ ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
    64. ٻه شينھن، هڪ ٻيلي ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
    65. ٻه گدرا، هڪ مُٺ ۾ نه ماپن. (پھاڪو)
    66. ٻه گهر جوڙڻ سٿرا، پر هلائڻ ڏکيا. (پھاڪو)
    67. ٻئي تي ڀاڙڻ، بک سمهڻ. (چوڻي)
    68. ٻئي تي ڀت پيئي سهي، پاڻ تي ڪک پيو نه سَهي. (ورجيس)
    69. ٻئي ڳالهيون، هٿن مان ويون. (عام جملو)
    70. ٻيڙيءَ تي چاڙهي، ڪنھن جو ڦرهو نه ڪڍجي. (پھاڪو)
    ڦرهو: تختو.
    71. ٻي سڀڪا ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ. (پھاڪو)
    گانءِ، مينھن وغيره ويهي ڏهبي آهي. پر اُٺ ڏهڻ لاءِ، اٿي بيھڻو پوندو آهي.
    72. ٻين کي نه پِٽجي، نه پاڻ کي پٽائجي. (چوڻي)
    73. ٻيو سڀڪو هوريان هلي، ڍيڪـَڻ پائي ڊڪون. (پھاڪو)
    ڍيڪڻ: ڍيڪ ڇڏيندڙ، ڦڙ ٻاٽي.
    74. ٻيو سڀڪي ٿيو، باقي چنڻ وسري ويو. (ورجيس)
    75. ٻيو هر ڪو اچڻو وڃڻو، پمو ٿانائي! (پھاڪو)
    چيو وڃي ٿو ته پمن نالي، ساهتيءَ جو هڪ واڻيو هوندو هو، جو لڳڻي ٻيڙي هو. جيڪو ماڻھو ڪنھن هنڌ کپ کوڙي ويھي رهي، تنھن لاءِ مٿيون پھاڪو ڪتب آندو ويندو آهي.
    _______________


    ( ڀ )

    ( ڀ )
    1. ڀاءُ آهي ڀاءُ، پر جي ٿئي دشمن ته ڪڍي ساهُه. (چوڻي)
    2. ڀاڙِ جو ترو، مور ٿو ٽِلي. (ورجيس)
    3. ڀاڙي ۽ مسواڙ جو، قحط ڪو نه آهي. (چوڻي)
    ڀاڙو ۽ مسواڙ، ڪڏهن به هڪ -يڪي ڪو نه آهي.
    4. ڀاڳ ڀڄي، ڀاڳ ڏي. (چوڻي)
    5. ڀاڳ ڏئي ڀيڙو، ته دال مان سيرو. (چوڻي)
    6. ڀاڳ نه ڀرائي ته، پيٺو به نڪري وڃي. (چوڻي)
    7. ڀاڳوءَ جُهڳلي واري وٽي! (ورجيس)
    ڳالهه ٿا ڪن ته ڪجهه وقت اڳي، ڀاڳوءَ نالي هڪ شخص حيدرآباد ۾ رهندو هو، جيڪو پاڻ سان هميشهه وٽو کڻي گهمندو هو. جنھن جي اِها عادت هوندي هئي جو ڪٿي به شادي مرادي ٿيندي هئي ته بنا ڪنھن حجاب جي لنگهي ويندو هو. اُتي ورهائپ ڪرڻ وارا کانئس پڇندا هئا ته؛ ”ڀاڳو! ڪجهه پلاءُ وغيره کپيئي؟“ پهرين ته ڀاڳو ناڪار ڪندو هو پر پوءِ کين چوندو هو ته؛ ”کڻي ٿورا گهڻا ڪڻا هن وٽيءَ ۾ وجهو.“ انھيءَ کانپوءِ مٿين چوڻي مشھور ٿي ويئي.
    8. ڀاڻ ته کيتي، نه ته ڪوري ريتي. (چوڻي)
    زمين جي پوک لاءِ، ڀاڻ وجهبو ته کيت ٿيندو نه ته جھڙي ڪوري ريتي.
    9. ڀاڻ، سدا جوان. (چوڻي)
    ڀاڻ وجهڻ سان، کيتي ٿيندي آهي، سا هميشه جوان آهي.
    10. ڀاويءَ جا ڀڳڙا به چڱا. (پھاڪو)
    ڪو سڪ مان ڀڳڙا کارائي ته اُهو وڌيڪ سٺو آهي. انھيءَ کان جو بنان سڪ جي مال مليدا کارائي.
    11. ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گهر جي سونھن، ويٺا ڪن ورونھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري. (چوڻي)
    ورونهن: وندر. ڏڄڻ: دشمن.
    12. ڀائر وڍيا به ويري نه چئجن. (چوڻي)
    13. ڀائي کائي ڇهه آنا، گهوڙو کائي ٻارنهن آنا. (ورجيس)
    14. ڀائيواريءَ جو ڀت به گهوريو. (چوڻي)
    15. ڀت پرائو ڏسي، پيٽ پرائو نه ڪجي. (چوڻي)
    16. ڀتر جو جواب؛ پٿر. (پھاڪو)
    17. ڀتين تان ٿو ڀت اڇلائي! (ورجيسي جملو)
    18. ڀتين کي به ڪن آهن. (پھاڪو)
    19. ڀڃ ته چٽيان. (ورجيس)
    هٿ-ڦاڙ يا وڏيون چٽيون وجھندڙ يا وڏو ٽوٽو/ نقصان وجھندڙ.
    20. ڀڄ چريا، چي؛ مست آيا آهن. (پھاڪو)
    21. ڀڄندڙن جي اڳ ۾، لڪندڙن جي پٺ ۾. (چوڻي)
    22. ڀرئي اٺ تان وڃڻي لٿي، ته به اُٺ ٿيو هلڪو. (پھاڪو)
    23. ڀرئي شھر مان، ڀاڳوءَ لڌا ڀڳڙا. (پھاڪو)
    سڄو شھر ڀريل هو پر ڀاڳوءَ پنھنجي عقل سارو رڳو پنھنجي لاءِ ڀڳڙا ڳولهي لڌا.
    24. ڀريا، ڀت تان ڪريا. (چوڻي)
    25. ڀري ماري، ڀيرو نه ماري. (چوڻي)
    26. ڀريءَ ٻير هيٺان ٿو بک مري! (ورجيس)
    مورک ماڻهو، ٻيرن ڀريل وڻ هيٺان ويهي به بک مري.
    27. ڀريءَ ٻيڙيءَ ۾، ڪاڻو ڳوُرو. (پھاڪو)
    28. ڀريءَ ڇنيءَ کان، ڀيري ڇنو چڱو. (پھاڪو)
    ڳورو ٻار هڪڙي ئي وقت کڻي، پنھنجو بدن ڇني جهورڻ کان وڌيڪ بھتر آهي ته ٿورو ٿورو کڻي، گهڻا ڀيرا ڪجن. ھيئن به چون؛ ڀري ماري، ڀيرو نه ماري.
    29. ڀڳڙن کاڌي، هٿ ڌوتا ئي پيا آهن. (پھاڪو)
    ڀڳڙن کائڻ سان، هٿن ميري ٿيڻ جو ڪو سبب ڪونھي، جو کڻي هٿ ڌوئجن. سڌي سنواٽي ڪم ڪرڻ ۾ ڊپ ڪھڙو؟
    30. ڀڳل ٻانهن جا ساهرا نه، نه ته پيڪا. (پھاڪو)
    31. ڀڳو گهڙو، ڍؤن ڍؤن ڪري. (پھاڪو)
    ڀڳل دلو کڙڪائبو آهي ته منجهانئس ’ڍؤن ڍؤن‘ جھڙو اڻ وڻندڙ آواز نڪرندو آهي. بيوقوف ۽ ڀڳل دلو، هڪ سمان سمجهڻ گهرجن. ٻنھي مان وڻندڙ ڳالهه ڪا نه ٿيڻي آهي.
    32. ڀڳي بانٺ، اُڏاڻا ڳيرا. (ورجيس)
    بانٺ: ليٽ، بيد جو وڻ. ۲. پکي وڻ تي اچي ويھن. وڻ ڀڄي پوي ته پکي به اڏامي وڃن.
    33. ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي. (پھاڪو)
    ڀڳي: ڀڳل، رتو: ڳاڙهو. ۲. جيستائين ڳاڙهو نئون ائٽ ٺهي راس ٿئي، تيسين ڀڳل سان ئي وقت نبيرڻ گهرجي.
    34. ڀل ۾ ٿيل ڪم جي، حرڪت ڪانهي. (چوڻي)
    35. ڀلان ڀليءَ جو، ڇيهه ئي ڪونهي. (پھاڪو)
    ڀلائي ڪرڻ جو ڇيهه (انت) ڪونهي.
    36. ڀلائي ڪر ڄٽ سان، ته ڄٽ ڦيري هڻئي پَٽَ سان. (چوڻي)
    37. ڀلن پيٽان ڍلا، ڍلن پيٽان ڀلا! (چوڻي)
    سٺن ماڻھن جو اولاد، ڪڏهن سٺو ڪو نه نڪري، خراب ماڻھن جو اولاد ورلي سٺو نڪري.
    38. ڀلو به ڏهجي، ته ڍلو به ڏهجي. (پھاڪو)
    39. ڀلو پير، ڪي ڀلو ويساهه؟ (پھاڪو)
    وڏي ڳالهه مدار رکي ٿي ويسهه تي. پوءِ پير کڻي ڪهڙو به هجي.
    40. ڀلئي واڻيي، گيهه ڳڙ کاڌو.
    41. ڀلئي کي، ڀولو ڪونهي. (چوڻي)
    ڀولو ڪونھي: حرڪت ڪانهي. ڊپ ڪونهي. ۲. ڪنھن ڀل مان ڪو ڪم ڪيو آهي ته خيال ڪونھي.
    42. ڀلي آيو، گانءِ جو ڄايو، جنھن سارو جڳ نپايو. (گفتار)
    43. ڀلي بک ڀرم جي، شال نه وڃي شان. (چوڻي)
    44. ڀُلي ڀاڻ آئي، سا به نه ڀُلي. (پھاڪو)
    ڀليل جانور ڀاڻ (وٿاڻ) ۾ اَچي ته کيس ڀليل نه سمجهڻ گهرجي.
    45. ڀلي تان، ڀلي پيئي آهي. (پھاڪو)
    ڀلن (هوشيارن) کان وڌيڪ ڀلا پيا آهن. ڀلي ھجڻ جو ڪو به انت ڪونهي.
    46. ڀنڀوران جي ڀڳيون، سي ڇُٽيون. (پھاڪو)
    47. ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪون. (پھاڪو)
    48. ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ، نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ. (پھاڪو)
    ڀنگڙي؛ ڀنگ پيئندڙ.
    49. ڀنگي ڀائر ٻه ڄڻا، صوفي ست هزار، ماري متهرن سان ڌڙ ڪيائون ڌار، پيئي لوڪ پچار ته پِڙُ ڀنگين کٽيو. (چوڻي)
    ڀنگي: ڀنگ پيئندڙ نشئي. صوفي: نشو نه واپرائيندڙ. متهرن: مترڪا لوهه جا. ۲. نشئين ۽ صوفين جي وچ ۾ خيالي لڙائي. ست هزار صوفين کان، ٻه نشئي به کٽيو وڃن!
    50. ڀولڙي کي به پنھنجي زال پياري آهي. (چوڻي)
    51. ڀيڻ نه ڪجي ڏيراني، ٿي پوندي ويراني. (چوڻي)
    _______________


    ( ت )

    ( ت )
    1. تار به گهوري، تانگهي به گهوري. (ورجيس)
    2. تار وڳي، سُرُ سمجهو ويو. (پھاڪو)
    3. تارو ئي، ٻڏندو آهي. (پھاڪو)
    4. تاڙي هڪ-هٿي ڪين وڄندي. (پھاڪو)
    تاڙيءَ جو آواز هٿن مان تڏهن نڪرندو، جڏهن ٻئي هٿ ڪم ڪندا. جهيڙو به تڏهن ٿيندو، جڏهن ٻئي ڌريون تيار ٿينديون. هڪ طرف ماٺ هوندي ته جهيڙي جو آواز ڪو نه نڪرندو.
    5. تپ دانگي ڇهه مھينا، کپ مھمان ٻارهن مھينا. (ورجيس)
    هڪ مھمان ڪنھن وٽ ويو. پر اڳلي جي مرضي نه هئي ته مزمان کي کارايان. سو اهڙي اٽڪل ٿي ڪيائين ته مزمان پاڻيهي ڀڄي وڃي. سو چلهي تي دانگي رکي، ويٺو چوڻ ته؛ ’تپ دانگي ڇهه مھينا.‘ مھمان به اڳيان مڇڏ ھو، سو چوڻ لڳو؛ ’کپ مھمان ٻارهن مھينا.‘
    6. تختم تاثير صحبت اثر. (چوڻي)
    بڻ جو اثر ٿيندو ته صحبت جو به اثر ٿيندو.
    7. تڏي آئي ۽ پٽ ڄائي تي ڪير اَرهو ٿيندو؟ (چوڻي)
    8. تڏي هوندي ته مڏي پاڻيهي پيئي پوندي. (چوڻي)
    9. ترار ٻڌڻ کان توبہ ڪيم، جيسين ربُ جياري. (ورجيس)
    10. ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي. (چوڻي)
    11. ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو. (چوڻي)
    12. ترت دان، مها پڃ. (چوڻي)
    13. تر جي گٿي، سؤ چوٽون کائي. (چوڻي)
    14. تَرَ کان اڳ برُ کائڻ. (ورجيس)
    15. ترهو به کڻجي، پاتڻيءَ کي به سڏ ڪجي. (پھاڪو)
    16. تري کُتي، مَلَههَ ڇُٽي. (پھاڪو)
    ملهه وڙهڻ جي راند ۾، اِهو قاعدو آهي ته جڏھن ٻئي ملھ، پاسي ڀر گڏجي ڪرندا آھن ته منجانئن ان کي ھارايل يا کاپي ويل چئبو، جنھن جي تري پٽ تي کُتي.
    17. تريو ته درياهه تري ويندو، نه ته اَڏ تي ئي بيھندو. (ورجيس)
    18. تُسي تُسي، شل نه رُسي. (ورجيس)
    رسڻ: راضي نه رهڻ. ۲. شل هميشه راضي هجي ۽ ڪڏهن به نه رسي.
    19. تقدير اڳيان، ڪھڙي تدبير؟ (چوڻي)
    اردوءَ واري پڻ چيو آھي؛ تقدير ڪي آگي تدبير ڪيا ڪري، حاڪم جب خفا هو، وزير ڪيا ڪري؟
    20. تڪڙ ڪم شيطان جو. (چوڻي)
    شيطان ئي تڪڙا ڪم ڪرائيندو آهي ۽ هئن به چون؛ تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي؟
    21. تڪڙ ۽ طمع ڇا لڳي. (چوڻي)
    22. تڪڙي ڪتي، انڌا گلر ڄڻي. (پھاڪو)
    ڪتي مدي کان اڳ ويم ڪندي ته انڌا گلر يا پونگڙا ڄڻيندي.
    23. تڪيا سڀي تڪيامِ، تو رِيءَ تڪيو ناهه ڪو. (چوڻي)
    تڪيو: آسرو. تڪيام: ڳولهيم. ۲. ايشور کان سواءِ ٻيو ڪو آسرو ڪونهي.
    24. تن سک ڏئي، من سک وٺجي. (چوڻي)
    25. تنھنجو سو منھنجو، منھنجي هٿ نه لاءِ، رسان مسان جي کڻي ته مونکي اچي پرچاءِ. (چوڻي)
    هئن به چون: تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هين هين!
    26. توڙي ڏجي پاڻ ته به پر پنھنجو نه ٿئي. (چوڻي)
    27. توڙي وڃي روم، ته به نصيبان اڳرو، ڍوڍي مٿان ٿوم، لکي لوح قلم ۾. (چوڻي)
    روم جھڙي ڏورانهين ملڪ ۾ به ڪير ويندو ته به نصيب ۾ ڍوڍو ۽ ٿوم لکيل هوندس ته اهو ئي ملندس.
    28. توفيق جو مالڪ الله آهي. (چوڻي)
    توفيق: طاقت.
    29. تؤڪل جا ٻيڙا، پار. (چوڻي)
    30. تون آهين سير ته مان آهيان سوا سير! (چوڻي)
    31. تون به راڻي، مان به راڻي؛ پوءِ ڪير ڀريندو پاڻي. (چوڻي)
    32. تون به رئيس، مان به رئيس پوءِ گڏهه ڪير هڪليندو؟ (چوڻي)
    33. تون ڀونڪ ته مئڪون ننڊ آوي. (ورجيس)
    34. تون ڪوٺ مونکي قاضي، مان ڪوٺيان تو کي نمازي. (ورجيس)
    35. تون ڪير؟ چي؛ سِکيو. (چوڻي)
    ڪنھن ڪم ڪندي مراد حاصل نه ٿئي ۽ ڪو انھيءَ واسطي پڇي ته چئبو ته آئينده لاءِ سکيس.
    36. تون گُهرُ منھنجي ڄائي کي، مان گهران تنھنجي کٽ جي پائي کي. (پھاڪو)
    تون مون کي پيار ڪر ته مان به تو کي پيار ڪريان.
    37. تَوَڻِ جو تڪرار سان، سڏ جنھن کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنھنکي وسري. (چوڻي)
    توڻ: کاڌي پيتي جو اونو. ۲. جنھن انسان کي رات ڏينھن، پنھنجي پيٽ جو اونو لڳو پيو آهي، تنھن کي پنھنجا ٻار ٻچا، استري به وسريو وڃي ۽ مٺي ڪا نه لڳي. ۲. هن نموني به چيو ويندو آهي؛ رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنھن کي وسري.
    38. تيڏا سو ميڏا، ميڏا سو هين هين. (چوڻي)
    39. تيرٿ موٽا، آدمي کوٽا. (پھاڪو)
    40. تيل ترن مان ئي نڪرندو. (پھاڪو)
    تيل هميشه ترن مان ئي نڪرندو.
    41. تيل سڙي ته ٿئي گيهه، گيهه سڙي ته ٿئي وِهُه. (چوڻي)
    42. تيل سھانگو هو ته گدڙن به هوند چوٽيون مکيون. (پھاڪو)
    ھن نموني ۾ به چيو ويندو آهي. پهڻ ڪونئرا هئا ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا.
    ________________


    (ٿ )

    (ٿ )
    1. ٿڌو ۽ ٿانئريو، ٻئي پٽ قرار جا. (چوڻي)
    2. ٿڌو گهڙو پاڻ کي پاڻيھي ڇانوَ ۾ وهاري. (پھاڪو)
    ٿڌي گهگهيءَ کي، سڀڪو ڇانوَ ۾ رکي ٿو.
    3. ٿر آهي ٿڻ تي، نه ڪي ڪڻ تي. (چوڻي)
    ٿر وارن جو گذران کير ڏڌ تي آھي، نه اَناج يا ڪڻڪ تي.
    4. ٿڪ پٽ تي وجهي، نه چٽجي. (پھاڪو)
    5. ٿڪ هڻجي ٿوم کي، اُڏامي وڃي بصر. (گفتار)
    6. ٿلهو کائجي، ٿلهو ڳالهائجي. (چوڻي)
    7. ٿلهي زال؛ سياري جي سَوَڙ. (چٿر)
    8. ٿورو ڏسي اَرهو نه ٿجي، گهڻو ڏسي سرهو نه ٿجي. (چوڻي)
    9. ٿورو مينھن وسندو، ٿوري زمين آلي ڪندو. (پھاڪو)
    10. ٿوري کٽئي، گهڻي برڪت. (چوڻي)
    11. ٿوري گرهين، گهڻو کائجي. (چوڻي)
    هٻڇ ڪري گهڻو کائبو ته بيمار ٿي پئبو. جيڪڏهن ٿورو ٿورو ڪري کائبو ته گهڻو وقت، تندرست رهي سگهبو. انھيءَ حساب سان گهڻو وقت جيئي سگھبو ۽ جيترو جيئرو رھبو اوترا ڏينھن وڌيڪ کائي سگهبو.
    _________________
    ( ٽ )
    1. ٽٻڻي ٽاڻي، هلي اَباڻي. (ورجيس)
    2. ٽٽوُنءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو. (پھاڪو)
    ٽٽوُن: ڍلو گهوڙو. ٽارو: چهو، لڪڻ. تازي: ڀلو گهوڙو. ۲. ڊِٺي گهوڙي کي، جڏهن لڪڻ هڻجن، تڏهن هلي. سٺو گهوڙو، اشاري ملڻ تي هلي. سياڻو ڪا ڳالهه اشاري ۾ سمجهندو. اياڻي کي، ڪيترو به چئبو تڏهن به مشڪل سمجهندو.
    3. ٽپڙ وڇاءِ ته غاليچو رکيو آهي. (ورجيس)
    4. ٽڪر کائي ٽاهوجن جا، رهي راهوجن ۾. (ورجيس)
    ٽاهوجا ۽ راهوجا: ڳوٺن جا نالا.
    5. ٽڪر مليو هڪڙو، ڳڻي ٿي چاليهه! (ورجيس)
    6. ٽڪريءَ کي سور ٿيا، ڄائي وري به ڪُئي. (پھاڪو)
    7. ٽن ٽنگن سان گڏهه، ٽي مڻ بار! (ورجيس)
    8. ٽن ۾ ٽاڪوڙو. (ورجيس)
    9. ٽوهه؛ ٻاهران من موهڻا، اندران من ڪُهڻا. (پھاڪو)
    ___________


    ( ٺ )

    ( ٺ )
    1. ٺاٺ وڃن، ٺڪر اچن. (ورجيس)
    2. ٺاٺارڪي ٻلي، ٺاٺاري جي ٺڪاون تي هميشه هريل آهي. (پھاڪو)
    3. ٺپ، کوهه ڪين کڄندا آهن. (پھاڪو)
    ٺپ: اُتي جو اُتي.
    4. ٺـڙ ڪجي، ٺڪاءُ ڪجي، اڳلو نه ڀڄي، ته پاڻ ڀڄجي. (چوڻي)
    جهيڙي کي ٽارڻ لاءِ ٺڙ ۽ ٺڪاءُ، دڙڪي ڏيڻ لاءِ ڪجي. پر ائين جهيڙو نه نبري ته پاڻ ڀڄي وڃجي.
    5. ٺڪر ڀڄي، هيڻي جي در تي. (پھاڪو)
    6. ٺڳ ٺڳي جڳ کي، سياڻو ٺڳي ٺڳ کي. (پھاڪو)
    7. ٺلها هليا ٺاڪر دواري، ٺلها ٺڪر کڻي. (پھاڪو)
    8. ٺلهو چڻو، وڄي گهڻو. (پھاڪو)
    9. ٺوڙهي به هلي آهي، ڳوٺ ٻڌڻ! (پھاڪو)
    ٺوڙهي: هٿ سکڻي.
    10. ٺونٺ لڳي، ساهيڙي ڀڳي. (چوڻي)
    _______________


    ( پ )

    ( پ )
    1. پاپ جو گهڙو؛ ڀرجي ڀرجي نيٺ ڦاٽي. (چوڻي)
    2. پاپ جي مايا؛ پراڇت جاءِ. (چوڻي)
    پاپ جي مايا، پاپ (پراڇت) ۾ وڃي.
    3. پارسي، گهوڙي چاڙهسي. (چوڻي)
    4. پارو اڳ ۾ ئي نچڻو، باقي به آيس دٻ. (پھاڪو)
    5. پاڙو؛ ابو اما آهي. (چوڻي)
    6. پاڙيريا، ڌوترا، ڌڳريا. (چوڻي)
    پاڙيوارا آهن ڌوتا ۽ جهڳڙالو.
    7. پانچ پئنچ مل ڪر ڪيجئي ڪام، هار جيت نه آوي لاج. (چوڻي)
    پانچ؛ پنج.
    8. پاڻ پني، گهوڙا ڳنهي. (ورجيس)
    9. پاڻ کان مٿي جو ٻئي کي گهري، سو به ڏائڻ. (چوڻي)
    10. پاڻ مئي، ڪھڙا سيڻ؟ (چوڻي)
    11. پاڻ مئي کان پوءِ، مري ويئي دنيا. (چوڻي)
    12. پاڻ نه پالي، ڪتا پالي. (چوڻي)
    هئن به چيو ويندو آهي. پاڻ پني، گهوڙا ڳنهي.
    13. پاڻ نه پلي پوپري، لوڪان متيون ڏئي. (پھاڪو)
    14. پاڻي پي پوءِ ذات نه پڇجي. (چوڻي)
    پاڻي پي (ڪم ڪري) پوءِ ذات پڇڻ جو ڪھڙو ضرور.
    15. پاڻي ولوڙيندي، ڪو مکڻ نڪري؟ (پھاڪو)
    16. پاڻي وهندو ڀلو، فقير رمندو ڀلو. (چوڻي)
    17. پاڻيءَ کان اڳ، ڪپڙا نه لاهجن. (پھاڪو)
    18. پاڻيءَ ۾ لٺ هڻڻ سان، پاڻي جدا ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
    19. پاءِ پٽيتي، پٽ کي جڻيا! (پھاڪو)
    پٽ کي جڻيا پائبا آهن ته سڀاويڪ کٽراڳ ٿيندو آهي. ڪڏهن ڪير کٽراڳي ڪم شروع ڪندو آهي ته کيس چرچي طور ائين چيو ويندو آهي.
    20. پائجي ته وڏي ڍيران پائجي. (پھاڪو)
    ظاهري مطلب ته ڌوڙ پائجي ته وڏي ڍير تان پائجي. ڪنھن جو ٿڌو ٿورو ۽ مھرباني نه کڻجي پر جيڪڏهن ائين ڪرڻو پوي ته ڪنھن وڏي گهر يا ڪنھن مڙس ماڻھوءَ جو ٿورو کڻجي، جيئن ڪمهلو ڏوراپو نه ملي.
    21. پائي نهين پلي، ڇوڙي هار ڳنهان ڪ ڇلي! (پھاڪو)
    هڙ ۾ پائي به ڪا نه اٿس پر زال کان پيو پڇي ته هار خريد ڪريان يا رڳو آڱر ۾ پائڻ لاءِ ڇلو.
    22. پائيءَ تي پڪائي، نوٽن تي ناداني! (ورجيس)
    23. پَتِ؛ نَنهَن تي پاڻي آهي. (چوڻي)
    پت: ڪار-پت، عزت آبرو.
    24. پٺي مار، پيٽ نه مار. (چوڻي)
    25. پٺيون لوڌ ڪتن جي، نامرد نڙيءَ ڊگهو! (چوڻي)
    26. پٿر پرائو، پار پنھنجا. (پھاڪو)
    27. پٿر کان، سِرُ نرم. (پھاڪو)
    28. پٽ ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيهه لڇڻو. (چوڻي)
    29. پٽ تيستائين جيسين کيس جوءِ نه ملي آهي، ڌيءَ هميشه ڌيءَ آهي. (چوڻي)
    30. پٽ ٿئي مال ڀائي، ڌيءَ ٿئي حال ڀائي. (چوڻي)
    31. پٽ ٿي گذار ته سگهو ئي پيءُ ٿين. (چوڻي)
    32. پَٽُ ٿيو پراڻو ته به ڪو جنڊ جو نائو؟ (پھاڪو)
    پٽ: ريشم، ناڻو: جنڊ اُگهڻ جو ڪپڙو. ۲. جيڪڏهن ريشم پراڻو ٿيو ته ڪو جنڊ اُگهڻ لاءِ رکبو ڇا؟
    33. پٽ پرڻيو معنى پـَرَ نيو. (چوڻي)
    34. پٽ پيٽئون، ناٺي اکيئون. (چوڻي)
    پٽ پيٽ مان ٿو ڄڻجي ۽ ناٺي اکين جي پريت مان ٿو پئدا ٿئي. پٽ ۽ ناٺي، ٻئي هڪ سمان سمجهڻ گهرجن.
    35. پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو، ڌيءَ ڄائي ته تو ڄڻي. (پھاڪو)
    36. پٽ ڄائي کانپوءِ، پٺ پڌري ٿئي. (چوڻي)
    37. پٽ راڻي رسندي ته وٺي وٺي پنھنجو سهاڳ وٺندي، ڪنھن جو ڀاڳ ڪو نه وٺندي. (چوڻي)
    38. پٽ، ڪپٽ، سپٽ؛ پينگهي ۾ پڌرو. (چوڻي)
    39. پٽ کي مار سان، ڌيءَ کي پيار سان؛ سڌو ڪجي. (چوڻي)
    40. پٽ وڌي پيءُ جي ڪرمن جي ڪري، کيتي وڌي پنھنجي ڪرم ڪري. (چوڻي)
    41. پٽ وڌيو سون وڌيو، ڌيءَ وڌي سُئڙي لڳي. (چوڻي)
    پٽ جيئن وڏو ٿيندو آهي ته مائٽ خوش پيا ٿيندا آهن پر ڌيءَ وڌندي آهي ته کين ڄڻ ته سئا پيا لڳندا آهن.
    42. پٽ وڻي کٽيءَ وارو، ننهن وڻي لڌيءَ واري. (چوڻي)
    43. پٽيندي ئي پيٽ کي، ويو ڄمارو ڄٽ، هو جو مٿي کٽ، سو پڻ پٽي پيٽ کي. (چوڻي)
    ڄٽ غريب، تنھنجي سڄي ڄمار (عمر) به پيٽ کي پٽيندي ئي وڃي ٿي پر جو کٽ مٿان چڙهيو بالم ٿيو ويٺو آهي سو به پيو پيٽ کي پٽي.
    44. پڇاڙيءَ جي پٽ کان، اڳياڙيءَ جي ڌيءَ چڱي. (چوڻي)
    45. پڇاڙيءَ جي ناڪار کان، اڳياڙيءَ جي ناڪار سٺي. (چوڻي)
    46. پڇڻا، نه منجهڻا. (چوڻي)
    47. پراڻو کوهه وهي ته لک لهي، نئون کوهه وهي ته ڊهي پوي. (چوڻي)
    48. پراڻي ڳوٿري، بربلا ٽڪا. (ورجيس)
    بربلا ٽڪا: حرامي ناڻو ۲. پراڻي ڳوٿريءَ ۾ اهڙا ڳرا ٽڪا (ناڻا) پوندا ته ضرور ڦاٽندي.
    49. پرائو مال، بدهه شاهي. (چوڻي)
    50. پرائي آس، ڪني جي لاس. (چوڻي)
    آس: آشا. لاس: رس. هئن به چون؛ ڦٺ تنھنجي جيئڻ کي، جو رکي پرائي آس.
    51. پرائي آس، نت اَپراس. (چوڻي)
    52. پرائي امانت، ڌرتي به نه ڊوهي. (چوڻي)
    53. پرائي بودون، ڪاٺ ڪپهه کان ڪوُنئرو. (پھاڪو)
    پراون بودن (اُٺن) تي ڪاٺ به ڪپاهه جھڙو ڪوُنئرو ڪري ليکبو آهي.
    54. پرائي ٻڪريءَ کي گاه ڏيڻ، ڦولهڙين سان پنھنجو گهر ڀرڻ. (پھاڪو)
    55. پرائي پٿر، پِٽي سڀڪا پنھنجو. (پھاڪو)
    ڪو گذر ڪري ويندو آهي ته مِٽ مائٽ، اوري پاڙي وارا اُنھيءَ گهر سان اعزا پرسي ڪرڻ ايندا آهن ۽ رئڻ پٽڻ شروع ٿيندو آهي. ڪي زالون “پار” ڪڍي رئنديون آهن. انھيءَ کي زالون “پار” ڪري چونديون آهن. حقيقت ڪري انھيءَ وقت سڀني کي پنھنجا گذر ڪري ويل عزيز ياد پوندا آهن ۽ اِنھيءَ ڪري به رئڻ شروع ڪندا آهن. انهيءَ ڪري پهاڪي وارو مٿئين نموني ٿو چوي ته سڀڪو پنھنجن مائٽن کي ٿو روئي. ۲. هئن به چون؛ پٿر پرائو، پار پنھنجا.
    56. پرائي پٽ کي چمئي، گِگ ڀرجي وات. (چوڻي)
    پنھنجي پٽ کي چمڻ سان سواد ايندو ۽ نه پرائي پٽ کي چمڻ سان.
    57. پرائي پٽڻي رن، کوهيا ٻه ڪن. (پھاڪو)
    58. پرائي پلاهه کان، پنھنجي پِڇَ به چڱي. (چوڻي)
    پڇ: پيڄي، ڀت.
    59. پرائي دهلين، اَحمق نچي. (پھاڪو)
    احمق: بيوقوف.
    60. پرائي ڌيءَ تان، کارڪ به چڱي. (چوڻي)
    هڪڙو ماڻهو پاڙيسريءَ جي ڌيءَ جي شاديءَ تي ويو. اتان رڳو کيس هڪ کارڪ ملي. گهر ۾ خوش ٿي اچي مٿئين نموني ٻڌايائين. ڪي کارڪ بدران “ڌڪو” چون يعني مفت جو “ڌڪو” به چڱو. ڪي چرچي مان ائين به چون ته؛ ’مفت جو مٿي جو سور به چڱو.‘ مفت ۾ ڪھڙي ڳالهه به ٺيڪ آهي.
    61. پرائي ماڙي ڏسي، پنھنجو ڀونگو نه ڊاهجي. (پھاڪو)
    62. پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي. (ورجيس)
    63. پرائي مت؛ پرڻ ۾ پاڻي. (چوڻي)
    64. پرايون اکيون، ڪم نه اينديون. (پھاڪو)
    65. پر پنھنجو نه ٿئي، توڙي ڦوڪي ڏجي گهر. (چوڻي)
    66. پرديس جا ٻيڻا به ٻَنُ. (چوڻي)
    67. پرڻ چوي ڏوُنگهي کي؛ هل ڙي ٽه-ٽونگا. (ورجيس)
    پرڻ کي انيڪ ٽنگ هوندا آهن ۽ ڏوُنگهيءَ کي رڳو ٽي ٽنگ ۽ پرڻ جيڪڏهن پنھنجا ٽنگ (عيب) نه ڏسي ٻين (ڏونگهي) مان عيب ڪڍي ته عجب کائڻ جي ڳالهه آهي.
    68. پرڻي پڄاڻا، پڙهڻ ڏکيو. (چوڻي)
    69. پريا مڙس تئي چٽيندين؟ چي؛ ٻيو ڪھڙو ڪم اٿم! (پھاڪو)
    هي هڪڙو چرچو آهي جو ڪنھن غريب کي چئجي ته ابا تئي چٽيندين ته ضرور اِهو ئي جواب ملندو ته ٻيو ڪھڙو ڪم اٿم!
    70. پريت پراڻي نه ٿئي، جي ڳنڍيندڙ هوءِ. (چوڻي)
    71. پريو مڙس پئي نه ڪجي وڃائجي نه وهي، ڪڻڪن ۾ لابارا پوندا ماريو پوندو ڊهي. (چوڻي)
    پئي: مڙس.
    72. پڙو هلي، پڙو چلي، مجال نه آهي پتلون کي جو پڙي اڳيان ڪُڇي. (چوڻي)
    73. پڙهڻ، ترڻ، تير هڻن، چوٿين سواري، ننڍي هوندي جو نه سکيو وڏي هوندي خواري. (چوڻي)
    مٿيان چار ڪم، ننڍي هوندي سکڻ تمام سولا آهن. ننڍي هوندي جا سکيل ڪم، وڏي هوندي ڪتب ايندا ۽ ايترو جلد وسرندا ڪو نه.
    74. پڙهي پارسي، وڪڻي تيل؛ ڏسو هي قسمت جو کيل! (پھاڪو)
    75. پڙهي پاڻ نه ڄاڻي، ماري کٿابي. (پھاڪو)
    کٿابي: شاگرد، ڪتاب جو سبق وٺندڙ.
    76. پڙهي سڀڪو، پر ڪو ڪڙهي. (چوڻي)
    77. پسڻ واري جندڙي، هسڻ وارو لوڪ. (چوڻي)
    78. پڪل ماني ڇڏجي، پر سنگ نه ڇڏجي. (چوڻي)
    79. پڪي گهڙي، ڪنان ڪو نه پون. (پھاڪو)
    80. پڪيءَ ٻير ۾، سڀڪو ڀتر هڻندو. (پھاڪو)
    81. پکي ته آڙي، چانور ته لاڙي. (چوڻي)
    آڙي پاڻيءَ جو پکي آھي ۽ کائڻ ۾ ٻين آبي پکين کان سٺو ۽ سوادي آھي. لاڙ جو چانور، گھوگھاري جي سڳداسي چانورن وانگر کائڻ ۾ سٺو ۽ سوادي آھي.
    82. پڳ پائجي ٿي عزت لاءِ، نه مٿي ڍڪڻ لاءِ! (چوڻي)
    83. پڳ جو پيچ؛ جيڏاهن وراءِ تيڏانهن وري. (پھاڪو)
    84. پڳ کان، بتانو وڏو. (پھاڪو)
    بتانو: پڳڙيءَ جي اندران پوندڙ ڪپڙو.
    85. پلا ڇڏي ڪو پاپي، کٽل کڳا کائي. (پھاڪو)
    سٺي سوادي شيءِ ڇڏي، سادي شيءِ ڪير کائيندو.
    86. پلاهه جھڙي پدمڻي، جي هڪي حاضر هوءِ، بوسي وجهجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
    هٻڇين لاءِ اشارو. ھيٺئين ڪھاوت وانگر به چون.
    87. پلاهه رحمت الله عليہ، جي هڪيو حاضر هوءِ، ريڙهي هڻجي پيٽ ۾، مر پيٽ ڦاٽي پوءِ. (چوڻي)
    88. پلو، سيري کان به ڀلو، سيري ۾ نه ساءُ، پلو گوڏا کوڙي کاءُ. (چوڻي)
    89. پنج پنجوءَ جا، کٽا ئي پيا آهن. (پھاڪو)
    پنجو: ماڻھوءَ جو نالو. ۲. مطلب ته پنجوءَ کي هميشه کوٽ لڳي پيئي آهي.
    90. پنج ئي آڱريون، برابر نه آهن. (پھاڪو)
    91. پنڌ ڪندي، پنڌ ڇڄي، قرض ڏني، قرض ڇٽي. (چوڻي)
    92. پنڌ کان، ڪتي جي وات ۾ چڱو. (چوڻي)
    ٿڪل ماڻهو، پنڌ ڪرڻ کان ڪتي جھڙو وهٽ به پسند ڪندو.
    93. پنندڙن، وڏا ڀاڱا. (چوڻي)
    پنندڙن کي، پاڻ وڏو حصو ملي.
    94. پنڻ وچان، پڙهڻ ياد نه آهي. (چوڻي)
    جيڪو پنڻ (رلڻ) تي هوندو، سو ڪئن علم پڙهندو؟
    95. پنڻ ۽ پوڙهي مان، ڪنھن نه ٻڌا پَلَ، مانجهي اُهي مَلَ، هڙ جنهن جي هٿ ۾. (چوڻي)
    96. پنھنجن سان وير، پراون سان ميڙ. (چوڻي)
    97. پنھنجو جهڳڙو، پاڻ نبيرجي. (چوڻي)
    98. پنھنجو ديڳڙو، پنھنجي چلهه تي سٺو رڌجي. (پھاڪو)
    99. پنھنجو ڪري ڪَڇَ ۾، ٻئي جو ڪري هٿ ۾! (ورجيس)
    100. پنھنجو ڪيو، پنھنجي آڏو اَچي. (چوڻي)
    101. پنھنجو گهر، داتا جو در. (چوڻي)
    102. پنھنجو گهر، ڪن سان ڪري ڀر، پرائو گهر، ٿڪ اڇلي ڏر. (چوڻي)
    103. پنھنجو لک به سهي، ٻئي جو ڪک به نه سهي. (ورجيس)
    انسان جو سڀاءُ آهي جو پنھنجي هٿان آيل مصيبتون ڪيتريون به سهي ويندو پر ٻئي جي مٿان آيل ٿوري تڪليف کي به سهارڻ ڪو نه ڪندو.
    104. پنھنجو منھن، پنھنجو موچڙو. (ورجيس)
    105. پنھنجو منهن، پنهنجي هٿ سان ڌوئجي. (پھاڪو)
    106. پنھنجي پيٽ ڦاٽي کي، ڪير اڳڙيون وجهندو؟ (پھاڪو)
    107. پنھنجي پير تي، پاڻ ڪھاڙو هڻڻ. (ورجيس)
    ڪڌا ڪم ڪرڻ، پنھنجي پير تي پاڻيهي ڪھاڙو هڻڻ مثل آهن.
    108. پنھنجي ڌنئري کي، ڪير کٽو چوندو؟ (پھاڪو)
    109. پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن. (پھاڪو)
    110. پنھنجي، سنھنجي. (چوڻي)
    111. پنھنجي ڪکين، ڪو ئي نه لکي. (چوڻي)
    پنھنجي گهر ۾ ڪنھن جي ڪاڻ ۽ غرض نه ٿي رهي. پنھنجو کائجي، گوبند ڳائجي. ۲. پنھنجو کائي، ايشور جو ڀڄن ڪرڻ سٺو آهي.
    112. پنھنجي ڪئي جو؛ نڪو ويڄ، نڪو طبيب. (چوڻي)
    113. پنھنجي گهر جھڙي ڪا ٻي بادشاهي؟ (چوڻي)
    هئن به چون: پنھنجو گهر، داتا جو در. ۲. پنھنجو گهر ڪن سان ڪري ڀر، پرائو گهر، ٿڪ اڇلي ڏر.
    114. پنھنجي گهر ۾، ٻلي به شينھن. (پھاڪو)
    هئن به چون؛ پنھنجي ڏر تي، گدڙ به شينھن.
    115. پنھنجي گهوڙي جا پنڌ، پنھنجي گابي جا ڏند؛ سڀني کي ياد رهن. (چوڻي)
    116. پنھنجي لاهي جنھن هٿ ۾ ڪئي، تنھن کي ٻئي جي لاهڻ ۾ ڪھڙو ڊپ رهندو. (پھاڪو)
    117. پنهنجي هٿ کانسواءِ ٻي طاقت ڪانهي، برسات کانسواءِ ٻيو پاڻي ڪونهي. (چوڻي)
    118. پنھنجي وڍيءَ جو؛ نڪو ويڄ، نه طبيب: (پھاڪو)
    پنھنجي ڪيل ڀل لاءِ ڪنھن وٽ وڃبو؟ ۲. هئن به چون؛ هٿ جي ڦٽي؛ نڪو دارون، نڪو پٽي.
    119. پنھنجي گتيءَ، پئه گڏهه کي پيري. (پھاڪو)
    هن ريت به چون، ڀيٽيو؛ ”وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏهه کي چوي؛ ڪاڪا.“
    120. پنئين مڱئين گهر هلي، ته کِهُه اُڌاري واٽ. (چوڻي)
    پنڻ مڱڻ سان گهر هلي ته اڌارو وٺڻ به وڃي کهه پوي! ۲. هئن به چون: پنئي پوري نه پوي، پن جا در سائين به نه ڍھي (ڍئي)، پنڻا پندا ئي رهي.
    121. پني، پني منگل ڄائو، تنھن ۾ به اڌ پرائو. (پھاڪو)
    گهڻي تڪليف کان پوءِ ڪجهه ملي ته عجب تڏهن لڳي جڏهن ڏسجي ته انهيءَ ۾ به اڌ حصو ٻئي ڪنھن جو آهي.
    122. پوهه؛ هٿن کوههُ. (چوڻي)
    123. پوءِ ڍائي کان قرض نه کڻجي، توڙي لک لٽائي. (چوڻي)
    پوءِ ڍايل کان ڪڏهن به قرض نه کڻجي، کڻي هو لک به لٽائيندڙ هجي.
    124. پهرين به اَن، پوءِ به ٿيو اَن، ڪانو ۽ پن، وچان ئي ويو نڪري. (چوڻي)
    حقيقت اِها آهي ته پهرين اَن آهي پوءِ به وڃي اَن ٿئي، وچ ۾ ڪانو ۽ پن رڳو ٿوري وقت لاءِ کيل آهي.
    125. پھرين پيٽ پنجوءَ جو، ٻار ٻچا سڀ پوءِ. (چوڻي)
    126. پھرين خويش، پوءِ درويش. (چوڻي)
    خويش: خود، پاڻ. وڌيڪ مٿين چوڻي ڏسو.
    127. پھرين ڌيءَ؛ پٽ برابر. (چوڻي)
    128. پهريون پهر هر ڪو جاڳي، ٻيو پهر ڀوڳي، ٽيون پهر چور، چوٿون پهر جوڳي. (چوڻي)
    پهر: ٽن ڪلاڪن جي مدي کانپوءِ پهر چيو ويندو آهي.
    129. پھريون ملهه؛ خستوري. (چوڻي)
    ڪنھن به شيءِ جو اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي ته پھريون اگهه، سٺو هوندو آهي.
    130. پهڻ ڪنئرا هئا، ته هوند گدڙن کائي ڇڏيا. (پھاڪو)
    131. پهير چور ٿئي، ته واهي ڪيترو وهي. (پھاڪو)
    پهير: لوڙهو، ٻنيءَ جي بچاءَ لاءِ. ۲. دربان چور ٿئي، سنڀال ڪئن ٿيندي.
    132. پَهيرُ هميشه، هيڻي هنڌان ڀڄي. (پھاڪو)
    پهير: لوڙهو، ٻنيءَ کي بچاءَ لاءِ.
    133. پئسو جتان وڃي، اُتان واٽ. (چوڻي)
    134. پئسو نه آهي پاس، جيئڙو آهي اداس. (چوڻي)
    135. پئسي بنا پرساد، هرو ڏئي نه هٿ ۾. (چوڻي)
    136. پئسي پلو مهانگو، رپئي پلو سھانگو. (پھاڪو)
    کپ کانسواءِ ڪھڙي به شيءِ مھانگي آهي. کپ سان ساڳي شيءِ سھانگي ليکي ويندي آهي.
    137. پئنچا نالا ايڪا ڏسي. (چوڻي)
    هئن به چون؛ ۱. پئنچن ۾ پرميشور. ۲. جتي پئنچ، اتي پرميشور.
    138. پئنچن ۾، پرميشور. (چوڻي)
    139. پيٽ، بري بلا آهي. (چوڻي)
    140. پيٽ ٻه ٻانهين؛ چنتا ناهين. (چوڻي)
    جنھن ماڻھوءَ کي پيٽ ۽ ٻه ٻانهون سالم آهن، تنهن کي ڪهڙي چنتا آهي. چنتا تڏهن آهي جڏهن گهڻا پيٽ پالڻا پون ٿا.
    141. پيٽ ڀَرِ، پٺي لَڏ. (چوڻي)
    جانور جو پھرين پيٽ ڀرجي، پوءِ مٿانس بار وجهي کانئس پورهيو وٺجي. ۲. هئن به چيو ويندو آهي؛ پٺي مار، پيٽ نه مار.
    142. پيٽ ڀريو، ته منھن ڪارو سهي. (چوڻي)
    عزت کانسواءِ ماڻھو چوندو؛ پيٽ ته ڀريو. پوءِ منھن ڪارو يعني آبرو وڃڻ جو خيال ڪو نه ڪن.
    143. پيٽ، ڪتا به پيا پالين. (چوڻي)
    144. پيٽ ۾ بک، اُرَهَه ۾ آڪڙ! (ورجيس)
    ارهه: ڇاتي. آڪڙ: ٽيڏائي، اڀماني، وڏائي.
    145. پير ڀلي ترڪي، پر زبان نه ترڪي. (چوڻي)
    146. پير ڌوئندڙ، پڪين تي پوندڙ. (چوڻي)
    پڪين تي پوڻ؛ ٺھي ٺڪيءَ تي اچي ويهڻ.
    147. پير عيسى، پير موسى، بڙا پير پيسا! (چوڻي)
    148. پير کان، ويساهه وڏو. (چوڻي)
    149. پير کي ڪم ٺڪاءُ سان. (چوڻي)
    ڪنھن شخص سکا باسي هئي ته ڪم راس ٿيڻ تي اَچي ناريل ڀڃندو. جڏهن اِهو ڪم راس ٿيو ته پير وٽ اَچي ناريل بدران ڏوڏو ڀڳائين. تنھن تي ڪنھن اِهو ڏسي کانئس اِنھيءَ ڪرڻ جو سبب پڇيو. تنھن تي جواب ڏنائين ته پير جو ڪم آهي رڳو ٺڪاءُ ٻڌڻ، سندس لاءِ ڏوڏو يا ناريل ساڳي ڳالهه آهي.
    150. پير کي، مريد مشهور ڪن. (چوڻي)
    151. پير منھنجي پڄائج، ٻين جون گهارج گپ ۾. (پھاڪو)
    خود مطلبي جي گهر ڪرڻ.
    152. پيو پَـرُ، ويو گَهرُ. (چوڻي)
    پَرُ: پرائو. ۲. پرائو ماڻھو گهر ۾ آيو ته گهر هٿن مان ويو. ۳. ننهن گهر ۾ پرڻجي ايندي آهي ته گهوٽ کي هٿ ڪندي آهي ته سسون سورن مان ائين چونديون آهن.
    153. پيءُ بئٺا کاوي، ته پٽ بئٺا تڪي! (پھاڪو)
    154. پيءُ پرڻيو نه سنڀران، ڏاڏو کڻان هنج، پپر جي پاڙ مان، ٻيڙيون ڪڍان پنج! (گفتار)
    اعتبار نه ڪرڻ جوڳيون ڳالهيون!
    155. پيءُ جو ڀاڳ، پٽ کي نه ملي. (چوڻي)
    156. پيءُ ڏهه پٽ پالي سگهندو، پر نه ڏهه پٽ هڪ پيءُ کي. (چوڻي)
    157. پيءُ سندس پيهون ڪٽيون، ڏاڏي سندس ڌاڻا، اڳي پڇائون ٿي ذات نيات، هاڻي پڇن ٿا ناڻا! (چوڻي)
    آڳاٽي زماني ۾، مٽيون مائٽيون ڪرڻ وقت مائٽ، نيات ۽ ذات وغيره پڇا ڪري پوءِ سڱ ڳنڍيندا هئا. پر هينئر پئسا ڏسي، پيهون يا ڌاڻن ڪٽيندڙن کي پنھنجون ڌيئرون پيا ڏين.
    158. پيئيءَ ليئيءَ، ڌيءُ ڪم اَچي. (چوڻي)
    بيماريءَ سيماريءَ ۾ ڌيءَ ڪم اچي ٿي. ٻيءَ طرح به پٽن کان وڌيڪ نياڻين جو مائٽن ڏي هڏ ڪرڪي ٿو.
    ____________


    ( ج )

    ( ج )
    1. جا بندي کي بار، سا صاحب کي سُٿري. (چوڻي)
    جا انسان لاءِ تمام ڳري، سا ايشور لاءِ ڪجهه ڪونهي.
    2. جا ڇوري پن تي پري، سا مڙس ڇو ڪري؟ (پھاڪو)
    جيڪا پن تي هريل سا مڙس ڪري گهر ڇو رکي؟
    3. جا ساڌن جي، سا پئنچن جي. (چوڻي)
    4. جا گهڻن سنئين، سا وهانءَ سنئين. (چوڻي)
    5. جا مڙسي مڙسن ۾، سا مارئي ۾ ناهه. (ورجيس)
    6. جاءِ چوي جوڙائي ڏس، شادي چوي ڪري ڏس. (چوڻي)
    شادي ڪرڻ ۽ جڳهه جوڙائڻ لاءِ گهڻي دل ٿيندي آهي. پر هڪوار ڪرڻ کان پوءِ خبر پوندي آهي ته سٿري ڳالهه ڪا نه آهي.
    7. جات جو جوڙو، ڪُجات جو ٻوڙو. (ورجيس)
    8. جاجڪ! ڌمڻ وڄائج پر ڍَڪي ڍَڪي! (ورجيس)
    9. جاڏي پوي جهار، تاڏي ڳوڙهو نه هڻي. (ورجيس)
    جهار: پکين جو ميڙ. ڳوڙهو: گليلو، پکين کي ڀڄائڻ لاءِ ھنيل ڀتر. ۲. ابتو ڪم ڪرڻ. جتي پکي مڙيا ويٺا آهن اتي گليلو نه هڻي. ٻئي پاسي پيو هڻي! هاري گليلا هڻي، پکين کي ڀڄائيندا آهن ته متان سندن کيت پکي کائي نه وڃن.
    10. جاڏي قدم شريف؛ نه ربيع، نه خريف. (ورجيس)
    جيڏانھن قدم رک ته ڪم نه ٿئي.
    11. جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو. (پھاڪو)
    تانگهو: ٿوري پاڻيءَ وارو پاسو. ۲. واگهو: هميشه وڏي پاڻيءَ ۾ رهندو آهي. سو تانگهي ۾ رهي ڪو نه سگهندو. بدنصيب ماڻھو جيڏانھن وڃي، اُتي سڃ ڏسي.
    12. جاڙي جڳ سنئين. (پھاڪو)
    جا ٻئي ٻار سان ڄائي هوندي سا به جھان جي ٻين ماڻھن جھڙي.
    13. جاڳندن جون وَڇون، ستلن جا ڪونھان. (پھاڪو)
    14. جان پيو جيءُ، تان پيو سک. (چوڻي)
    ھيئن به چئجي؛ جان جيءُ، تان سک.
    15. جاڻ ته جواڻ. (چوڻي)
    16. جبل سان مٿو هنئي، نيٺ ڀڄي. (چوڻي)
    17. جُتي ۽ جوءِ، ٻئي اکر هيڪڙي، هن کي پائج پير ۾، هوءَ صورت جو سينگار. (چوڻي)
    جوءِ ۽ جتيءَ ۾، پھريون اکر ج ٿو اَچي. هڪڙي پير ۾ پائڻ جي آهي، ٻي سينگار آهي.
    18. جتي اُٺ ترندو، تتي پڇ به ترندو. (چوڻي)
    ھيئن به چون؛ جتي اُٺ ترندو، اُتي پڇ به ساڻس ترندو.
    19. جتي باهه ٻري، اُتي سيڪ اچي. (پھاڪو)
    20. جتي پاڙا، اُتي ڍيڍ وارا. (چوڻي)
    21. جتي پاڻي، اتي پاڻ. (چوڻي)
    22. جتي پڄڻ نه آهي پَهَت، اُتي ڀڄڻ ڪم ڀلن جو. (چوڻي)
    پهت: ايڪتا، صلح، ٺاهه، ساز، ميلاپ. ۲. جتي مِٺ محبت سان پھچي نه سگهجي، اتي چڱن ماڻھن جو ڪم آهي ڀڄي پاسو ڪرڻ. ۳. ڏسو ھيٺ ڏنل چوڻي.
    23. جتي پڄڻ نه آهي جاءِ، تتي ڀڄڻ ڪم وريام جو. (چوڻي)
    وريام: بھادر، سورهيه.
    24. جتي پئنچ، اتي پرميشور. (چوڻي)
    25. جتي جهڻ، اتي لوڻ. (چوڻي)
    26. جتي ڏسي ڀات، اُتي ڳائي سڄي رات. (ورجيس)
    27. جتي روشني ۽ هوا، تتي ڪانھي تانگهه طبيب جي. (طبي، چوڻي)
    28. جتي کير، اُتي کنڊ. (پھاڪو)
    29. جتي ڪُئو پوي، اتي سڀ ٻِرَ. (چوڻي)
    30. جتي گانءِ، اُتي گابو. (چوڻي)
    31. جتي گنج، اتي رنج. (چوڻي)
    32. جتي لهي سجڙو، اُتي پوي رات. (چوڻي)
    33. جتي لوڀي هجن، تتي ٺوڳي بک نه مرن. (چوڻي)
    34. جتي لوهه، اتي ڪٽ. (چوڻي)
    35. جتي ماکي، اتي مک. (چوڻي)
    36. جتي ماني، اُتي ماڳ. (چوڻي)
    37. جتي مڙهه، تتي مقام. (چوڻي)
    38. جتي نه پھچي روي، اُتي پھچي ڪوي. (چوڻي)
    39. جتي هر، تتي گهر. (پھاڪو)
    40. جتي وڻ نه آهي، تتي ڪانڊيرو به درخت. (پھاڪو)
    ڪانڊيرو: ڪنڊن جي ڪاٺي.
    41. جتي ويڙها، اُتي جهيڙا. (چوڻي)
    42. جڏا جيئاري، مرڪندا ماري. (چوڻي)
    43. جڏهن ٻورا ٿي سبيا، تڏھن گڏهن ٿي رُنو. (پھاڪو)
    44. جڏهن تڏهن سنڌ کي، قنڌار کان جوکو. (چوڻي)
    45. جڏهن ڏند هئا تڏهن حلوو نه هو، جڏهن حلوو آهي تڏهن ڏند ڪو نه آهن. (پھاڪو)
    46. جڏهوڪا مينھن، تڏهوڪيون چڪون. (پھاڪو)
    47. جر نئيس، جيڏي نه نئيس. (چوڻي)
    جر: جل، پاڻي. ۲. چيو وڃي ٿو ته ڪنھن زال، درياهه جي ڪناري تان مڇي لڌي. اتي ٻي ڪا زال بيٺي هئي تنھن چيس ته؛ اِها مڇي منھنجي آهي. هن ماڳيهي کڻي پاڻيءَ ۾ اُڇلي. پاڻيءَ کي ڏنائين پر ٻئي کي ڪو نه ڏنائين.
    48. جڙيءَ کي جس. (چوڻي)
    ڌڻيءَ جيڪي جوڙي، تنھن تي شڪر ڪجي.
    49. جسڪا جن، تسڪا پن. (چوڻي)
    50. جڳ مڙيوئي جوا بازي؛ ڪن کٽي، ڪن هاري. (چوڻي)
    51. جماعت ۾ ڪرامت، (چوڻي)
    52. جن آهرن ۾ کائي ڏٺو، سو توٻرن ۾ ڪئن کائين؟ (چوڻي)
    آهر: جنھن ۾ گهڻن جانورن جو کاڌو پوي. ۲. توٻرو: جيڪو جانورن لاءِ کاڌو وجهي سندس منھن ۾ ٻڌو ويندو آهي.
    53. جن پنھنجي ٻاري، تن سنجھيئي ڪني چاڙهي. (چوڻي)
    54. جن جا مٿا، تن جا کٿا. (چوڻي)
    55. جن جو هتي کپ، تن جو اُتي به کپ. (چوڻي)
    سٺن ماڻھن جي دنيا ۾ گهرج آهي ته ايشور وٽ به گهرج آهي.
    56. جن جي پلوءَ ۾ داڻا، سي چريا ئي سياڻا. (چوڻي)
    57. جن ڇڏي دعوى، سي سدا ٿيا ساوا. (چوڻي)
    58. جن کاڌا پلن جا پيٽارا، تن جا هينئڙا ويچارا. (چوڻي)
    پلي جو پيٽارو تمام نرم ۽ سوادي ٿيندو آهي. جن اهڙو سوادي مال کائي ڏٺو ۽ وري کين نه ملي ته ويچارن جون دليون ڍريون ٿيو وڃن.
    59. جن کان ڏري آهيان، تن جي پيش پڙي آهيان. (ورجيس)
    جنھن جي ڀر ڊڄجي پيو، قدرت سان اُنھيءَ جي پيش پيو پئجي.
    60. جن کي اڳي اچن مڇون، تن جي ڏاڙهي ڪنھن کان پڇون؟ (پھاڪو)
    61. جن کي ڏنيون ڄايون، تن سان ڪھڙيون باهيون؟ (چوڻي)
    جن سيڻن کي پنھنجون ڄايل ڌيئرون ڏجن تن سان باهيون ۽ ساڙ وير ڪھڙو رکبو؟ سيڻن سان هميشه غم ۾ ئي هلڻ گهرجي.
    62. جن هتان کڻي هتي رکيو، سي رسيا. (پھاڪو)
    63. جنڊ به وار، بَٺُ به وار. (پھاڪو)
    وار: وارو. بٺ: چلهو. ۲. جنڊ پيھڻ لاءِ به وارو ڏجي ۽ چلهه تي رڌڻ لاءِ به وارو ڏجي، ٻئي ڪم ڪجن.
    64. جنڊ کڻ ته جنڊ ڳوُرو، پڙ کڻ ته پڙ ڳورو. (ورجيس)
    ٻئي ڳالهيون ڳريون، ڪو به حصو هلڪو ڪونهي.
    65. جنھن ۾ ماڻ پيو، سا راهه رهندي ڪيترو؟ (چوڻي)
    66. جنهن اڀرندي تاءُ نه ڪيو، سو الھندي ڇا ڪندو؟ (پھاڪو)
    تاءُ: گرمائش.
    67. جنھن تن لڳي، سو تن ڄاڻي. (چوڻي)
    تن: بدن، شرير. ۲. هيئن به چون؛ جتي باهه ٻري، اُتي سيڪ اچي.
    68. جنھن جا ڪرم، تنھن جا ڌرم. (چوڻي)
    69. جنھن جو ڌن، تنھنجو تن. (چوڻي)
    70. جنھن جو رزق پريشان، تنھنجي دل پريشان. (چوڻي)
    71. جنھن جو کائجي، تنھنجو ڳائجي. (چوڻي)
    72. جنھن جو ڪم سو ئي ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري. (چوڻي)
    جنھن کي جنھن ڪم جي ڄاڻ هجي سو ڪري.
    73. جنھن جي ماني، تنھنجي ڪاني. (چوڻي)
    74. جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک به سھي سو ئي. (پھاڪو)
    75. جنھن جي هيڪار ڪيائين ڪوڙي ٿئي، تنھنجي ٻيھار، سچيءَ ساک نه وسهان. (چوڻي)
    جنھن جي هڪوار ڪوڙي ڳالهه ٿي، تنھنجي وري ساک ڪا نه ٿيندي.
    76. جنھن جي واٽ نه وڃجي، تنھنجو پنڌ به نه پڇجي. (چوڻي)
    جنھن ڳالهه جو ضرور نه هجي، سو ڪم نه ڪجي.
    77. جنھن جي وڃجي گهر، تنھنجي ڪجي پَرِ. (چوڻي)
    پَرِ: ريت، دستوري، عادت.
    78. جنھن جي ويلا، تنھنجي رکيا. (چوڻي)
    79. جنھن چيو، تنھن ڪيو. (چوڻي)
    80. جنھن درد جو دارون نه هجي، تنھن کي مٺو ڪري ڀوڳجي. (چوڻي)
    81. جنھن ساس ڏنو آهي، سو گراس به ڏيندو. (چوڻي)
    82. جنھن کاڌو ترو، تنھن کي سور نه ڪو ٻرو. (چوڻي)
    83. جنھن کي ايشور رکي، تنھن کي ڪير چکي. (چوڻي)
    84. جنھن کي نه آهي ماءُ ۽ نه ماءُ جو ڄائو، سو گهڻن پيءُ ماءُ وارن کان سائو. (چوڻي)
    85. جنھن کيپ کانڀاڻي ڇڏي، تنھنجو ريج پاڻيءَ سان ڇا؟ (پھاڪو)
    86. جنھن ڪاڻ اڳتي هلي بيھجي، تنھن سان گڏيو ڇو نه وڃجي. (چوڻي)
    87. جنهن ڪن کڙا ڪيا، اِهو ضرور هينگ ڪندو. (پھاڪو)
    88. جنھن لڌي مُهري، سا ٽنگ وني گهري، جنھن لڌي ڦڻي، سا اڳريائي وڻي. (چوڻي)
    هلڪي وزن وارو اڳ ۾ وڃي.
    89. جنھنجي شادي، تنھنجا لاڏا. (چوڻي)
    90. جنھنجي هٿ ۾ ڏوئي، تنھن جو مِٽُ هر ڪو ئي. (پھاڪو)
    ڏوئي: ڪاٺ مان ٺھيل ڪيوي. ۲. هن ريت به چون؛ جنھن جي هٿ ۾ ڏوئي، بک به سھي سو ئي.
    91. جنھين سندي مَنھين، تنھين سندو آچار. (چوڻي)
    منهين: اوتارو، اوطاق. آچار: نبيرو، فيصلو. ۲. جنھن جي اوطاق هوندي، سڀاويڪ فيصلو به سندس خيال پٽ-اندر ٿيندو.
    92. جني ڀؤ، تني ڍءُ. (چوڻي)
    93. جني خاطر ڪوڙ ڪمايم، ڪم نه ساڳيا سي ئي آيم. (چوڻي)
    94. جني ڏاند نه ٻج، تني سندءِ آسرو، اول رسائين انھن کي، پوءِ اُڀارين سج. (چوڻي)
    95. جني ڪاڻ ڪيم لائي چائي، سي نه ٿيم سورن ڀائي. (چوڻي)
    لائي چائي: چغليون لڳائڻ، گهر ويڙهائڻ. سورن ڀائي: دکن ۾ ڀائيوار. ۲. جن لاءِ کوٽا ڪم ڪيم سي وري منھنجي دکن ۾ مون سان همدرد ڪو نه ٿيا. ۳. جني خاطر ڪوڙ ڪمايم، ڪم نه ساڳيا سي ئي آيم. ۴. ھيٺ ڏنل چوڻي ڏسو.
    96. جني ڪاڻ مياس، سي ڪانڌي نه ٿيا. (چوڻي)
    97. جني مٿي مامرا، سي ڪيئن ننڊون ڪن؟ (چوڻي)
    مامرا: معاملا.
    98. جني منجهه مڻيا، سي لڪا وتن لوڪ ۾. (چوڻي)
    مڻيا: جوهر، چمڪو، سوجهرو.
    99. جو اوٽي، سو ارجن. (پھاڪو)
    100. جوا وڏو واپار، جي منجهس هار نه هجي. (چوڻي)
    101. جواني، مستاني.
    102. جواهر، پرکي جواهري. (پھاڪو)
    جواهر: زيور، رتن سڀ جواهري پرکي ۽ ملهه ڪٿي سگهندو.
    103. جو ٻن ٻيڙين وچ چڙهندو، تنھنجون ڄنگهون ڦاٽنديون. (پھاڪو)
    104. جو پنھنجي هلندو، سو سور وڏا ئي سھندو. (چوڻي)
    105. جوَ پوکي، ڪڻڪ ڪين لڻبي. (پھاڪو)
    106. جو ڊوڙندو، سو ٿڪجندو. (چوڻي)
    107. جوَ ڍيري، گڏهه رکپال. (پھاڪو)
    جوَن جي ڍيريءَ تي گڏهه رکپال رکبو ته ڇا ٿيندو؟
    108. جو سک اپني چؤباري، سو ناهي بلخ بخاري. (چوڻي)
    109. جو ڪڇي نه ڦاڙي، سو کاٻاڙي. (پھاڪو)
    پوريءَ طرح جيڪو جاچي ڪم نه ڪري سو نقصان سهي.
    110. جو ڪوري کڏ کڻندو، سو کڏ ۾ پوندو. (پھاڪو)
    111. جو کائي غم، تنھن کي کائي جم. (چوڻي)
    جيڪو غم کائي ڳڻتيون ڀوڳيندو تنھن کي جم (موت) جلد کائيندو.
    112. جو مڙيو، سو جڙيو. (چوڻي)
    113. جو نمي، سو ڳؤرو. (چوڻي)
    114. جو نه ڪڇي، سو گهڻو ڪڇي. (چوڻي)
    115. جو واءُ جبل اڏائي، تنھن اڳيان ڪپاهه ڇا ڪندي. (چوڻي)
    116. جوئاريءَ ميٺي هار. (چوڻي)
    جوئاري جيئن هارائيندو ويندو آهي تيئن جوئا کيس مٺي لڳندي ويندي آهي ۽ هميشه اِها ڪوشش ڪندو آهي ته جيڪي هارايو اٿم سو جوئا ڪندي کٽي وٺان.
    117. جوئاريءَ جي جوءِ؛ کن ۾ کلي، منٽ ۾ ميڪي! (چوڻي)
    جوئاريءَ جي زال جو مڙس جڏهن جوئا ۾ کٽي اَچي ته کلي خوشيون ڪري پر جوئاريءَ جي کٽ تي ڀروسو ڪونھي ۽ ڪڏهن هارائي ايندو ته رئڻ لڳندي.
    118. جوئا هارائڻ واري جو اڌ منھن ڪارو، کٽڻ واري جو سڄو منھن ڪارو. (چوڻي)
    جوئاري هارائيندو آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن پڇتاءُ ڪري، ماٺ ڪري ويھندو آهي. پر کٽڻ وارو جوش ۾ اچي هميشه وڌيڪ وڌيڪ جوئا ڪندو رهندو آهي. آخر ۾ پنھنجو سڄو منھن ڪارو ڪندو آهي يعني اگر تگر ناس ڪري ويھندو آهي. هارئي جو ھر هارو منھن ڪارو.
    119. جھڙا اڍائي، تھڙا ساڍا ٻه. (چوڻي)
    120. جھڙا خيال، تھڙا خواب. (چوڻي)
    121. جھڙا روح، تھڙا ختما. (چوڻي)
    122. جھڙا عاشق عيد ۾، تھڙا منجهه مقام. (چوڻي)
    123. جھڙا ڪانگ، تھڙا ٻچا. (چوڻي)
    124. جھڙا گڏهه، تھڙا آٿر. (چوڻي)
    125. جھڙو اَن، تھڙو من. (چوڻي)
    126. جھڙو ٻوٿ، تھڙي چماٽ. (چوڻي)
    127. جھڙو ڀاءُ، تھڙو ورتاءُ. (چوڻي)
    128. جھڙو پاڻي، تھڙي واڻي. (چوڻي)
    129. جھڙو چراغ، تھڙو جَرڪَ، ٻوليءَ ٻوليءَ فرق. (چوڻي)
    چراغ ۽ جرڪ جي معنى ساڳي آهي پر رڳو ٻوليءَ جو تفاوت آهي.
    130. جھڙو حال حبيبان، تھڙو پيش پريان. (چوڻي)
    حبيب: دوست، پرين پيارو. ۲. جھڙو حال هوندو، سو ئي دوستن اڳيان رکبو.
    131. جھڙو ديس، تھڙو ويس. (چوڻي)
    132. جھڙو راءُ، تھڙي رعيت. (چوڻي)
    راءُ؛ راجا.
    133. جھڙو راجا، تھڙي پرجا. (چوڻي)
    134. جھڙو سڀاءُ، تھڙي دنيا. (چوڻي)
    135. جھڙو سڏ، تھڙو جواب. (چوڻي)
    136. جھڙو سمر آپڻو، تھڙو مٽ نه ڪوءِ. (چوڻي)
    137. جھڙو سمو، تھڙي سامگري. (چوڻي)
    138. جھڙو سنت، تھڙي ڀيٽا. (چوڻي)
    139. جھڙو سنگ، تھڙو رنگ. (چوڻي)
    140. جھڙو گڏهه، تھڙي ٻني. (چوڻي)
    141. جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پٺ. (پھاڪو)
    جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پٺ، ٻيو مال سڀڪو ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ، جوئر جي اَٽي کي هٿ سان ڳوهجي، ڪڻڪ جي اٽي کي ڏجي مٺ، چڱي کي ڏجي عزت، بڇڙي سان ڪجي جٺ، وڇونءَ کي هڻجي پادر، نانگ کي هڻجي لٺ، جھڙيون آهن ٽي ويھون، تھڙا آهن سٺ. (جادو فقير جون چوڻيون.)
    142. جھڙو مرض، تھڙو علاج. (چوڻي)
    143. جھڙو منهن، تھڙو موچڙو. (چوڻي)
    144. جھڙو واءُ، تھڙي پٺ. (چوڻي)
    145. جھڙو ونو، تھڙي وني. (چوڻي)
    146. جھڙو وڻ، تھڙو ڦر. (چوڻي)
    147. جھڙي ڀت، تھڙو چٽ. (چوڻي)
    148. جھڙي پوک پوکبي، تھڙي لڻبي. (پھاڪو)
    چڱن ڪمن ڪرڻ سان چڱا نتيجا نڪرندا.
    149. جھڙي تاڃي، تھڙي پيٽي. (ورجيس)
    150. جھڙي ڇالي تھڙي پني، هن لاهي هن کي ڏني! (پھاڪو)
    151. جھڙي درشٽي، تھڙي سرشٽي. (چوڻي)
    152. جھڙي دل، تھڙي زبان. (چوڻي)
    153. جھڙي سٺ، تھڙيون ٽي ويھون. (چوڻي)
    ٽي ويھون؛ ٽي دفعا ويھ، سي سٺ ٿيا.
    154. جھڙي ڦسي فاطمه، تھڙو صابو لنڊ. (چوڻي)
    جھڙي زال، تھڙو مڙس.
    155. جھڙي ڪرڻي، تھڙي ڀرڻي. (چوڻي)
    156. جھڙي مائي، تھڙي ڄائي. (چوڻي)
    157. جھڙي نيت، تھڙي مراد. (چوڻي)
    158. جي ٻڏڻو هجي ته ڪھڙا ويٺا گهيڙ پڇجن؟ (چوڻي)
    159. جيترا باسڻ، اوترو کڙڪو. (پھاڪو)
    160. جيترا منھن، اوتريون ڳالهيون. (چوڻي)
    161. جيترا وياءَ، تيترا هيانءَ. (چوڻي)
    وياءَ: ويم. هيانءُ: دليون. ۲. استري جيترا ويم ڪري اوترا وري ٻار نپائي. ايتريون وريون سڀاويڪ دليون هونديون جو سڀني کي هڪجھڙو پيار ڪري.
    162. جيترو ڀؤ، تيترو ڍءُ. (چوڻي)
    163. جيترو پڇڻ، اوترو منجهڻ. (چوڻي)
    164. جيترو ڇاڻبو، اوترو ٻھر نڪرندو. (چوڻي)
    165. جيترو رليو، اوترو چڳيو. (چوڻي)
    166. جيترو قاعدو، تيتري فائدو. (چوڻي)
    167. جي جڏهن ڀڳا، سي تڏهن ڇٽا. (چوڻي)
    جيڪي ڪڌن ڪمن ڪرڻ کان ڀڳا، سي تڏهن کان وٺي ڇٽل سمجهڻ گهرجن.
    168. جي جڏهن چڙهيا، سي تڏهن سوار. (چوڻي)
    169. جي ڄڻين، سي نپائين. (چوڻي)
    170. جي چرين ڏنگ ونگڙا، ته تون ٽنگ ونگڙو ٿي بيهه، جي هو ڀتر ڪڍن ڀت مان، ته تون پٿر کڻي بيهه. (چوڻي)
    171. جي چلهه تي، سي دل تي. (پھاڪو)
    172. جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا: (پھاڪو)
    جيڏو اُٺ هوندو، لوڏو به اوڏو ئي هوندو.
    173. جيڏا باپ، تيڏا سنتاپ. (چوڻي)
    174. جيڏا ڀوڳ، تيڏا روڳ. (چوڻي)
    175. جيڏا ڏوتا، تيڏا ڀوُتا. (چوڻي)
    ڏوُتو: ڪمائي. ڀوُتو: خرچ. (ڏوُتو-ڀوُتو) ۲. جيڏيون وڏيون ڪمايون، خرچ به اوڏا ئي وڏا.
    176. جيڏانھن ڏسي ڍيري، تيڏانھن پائي ڦيري. (ورجيس)
    177. جيڏو پَٽُ، تيڏي بکيا. (چوڻي)
    پٽ: ناريل جي اڌ مان ٺھيل، جنھن ۾ فقير بکيا وٺندا آهن.
    178. جيڏو پيٽ، اوڏي اوجهري. (پھاڪو)
    179. جيڏي باهه، اوڏو تاءُ. (چوڻي)
    180. جيڏي رات، تيڏو سپنو. (پھاڪو)
    181. جيري لاءِ ٻڪري نه ڪھجي. (پھاڪو)
    پنھنجي ٿوري غرض لاءِ، ٻئي کي وڏي نقصان ۾ نه وجهڻ گهرجي.
    182. جيسي ڪو تئسا ملا، سن ري راجا ڀيم. (چوڻي)
    اي راجا ڀيم! جيڪي ماڻهو جهڙا آهن تن کي تهڙا ماڻهو مليا آهن.
    183. جيسين ڍائو ساهه کڻي، تيسين بکئي جو ساهه وڃي. (چوڻي)
    184. جيسين ڍائو مٿو کنهي، تيسين بکئي جو مٿي وڃي. (چوڻي)
    185. جيسين ساس، تيسين آس. (چوڻي)
    ساس: ساهه. آس: آشا. ۲. جيسين سرير ۾ ساهه آهي، تيسين آشائون آهن.
    186. جيسين لعلو کڻي لٺ، تيسين ڪرهه اُجهاڻي. (چوڻي)
    ڪرهه: جهيڙو. ۲. جيسين لعلچند لٺ کڻي معاملو نبيرڻ وڃي، تنھن کان اڳ باهه وسامي پيئي هوندي.
    187. جيڪا آئي پوءِ، سا ٺهي ويٺي جمع سندي جوءِ. (گفتار)
    جيڪو پوءِ آيو سو پاڻ سڀني کان اڳيان ٿي ويٺو.
    188. جيڪا پيهين پوءِ پَٽي، تنھنجو اَٽو ڪڏهن به نه کٽي. (چوڻي)
    189. جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنھن لمندا ڪن. (پھاڪو)
    جيڪا ٻڪري پالجي تنھن جا ڪن پيا لڏن يعني لپ لپ ڪن. جيڪو به نوڪر بيھارجي تنھن ۾ هڪڙو نه ٻيو عيب.
    190. جيڪا زال گهر نه ڪري، سا اڄ نه کري ته سڀان ضرور کري. (چوڻي)
    191. جيڪو اڳي، سو تڳي. (چوڻي)
    192. جيڪو روز مري، تنھن لاءِ ڪير رڙي؟ (چوڻي)
    193. جيڪو وهي، سو لهي. (چوڻي)
    194. جيڪو هٿ ڏاڙهيءَ تي رکجي، سو وري ڪياڙيءَ تي نه رکجي. (پھاڪو)
    ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، انجام ڪيو ويندو آهي. جڏهن خيال ڪبو آهي ته ڪياڙي کنهبي آهي. پھاڪي واري جو مطلب آهي ته انجام ڪري، وري خيال نه ڪجي.
    195. جيڪو هٿ کڻي وڏن ڏي، تنھن سان ههڙي ٿئي هاءِ. (چوڻي)
    196. جيڪي اتفاق ۾ آهي، سو نفاق ۾ نه آهي. (چوڻي)
    197. جيڪي اُکرين ۾ منھن وجهن، سي مهرين ڀر نه ڊڄن. (چوڻي)
    ھيئن به چئجي؛ جي اکرين ۾ مٿو وجھندا، سي مھرين ڀئه ڪين ڊڄندا.
    198. جيڪي ڀاڳ ۾، سو پاڳ ۾. (چوڻي)
    199. جيڪي پِٽيا، سي چِٽيا. (چوڻي)
    جن کي حسد وچان پٽين، سي پاڻ چڙهندا ويندا آهن.
    200. جيڪي پيٽ ۾ ماپيون، سي ڪنيءَ ۾ به ماپي وينديون. (پھاڪو)
    201. جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي مييءَ ته ڦاٽي مري. (چوڻي)
    مييءَ: ماڇي، مڇيون ڦاسائيندڙ. ۲. ماڇي، پاڻيءَ ۾ مڇيون ڦاسائڻ لاءِ ڄار وجهندو آهي. پھرين ڄار ۾ جهجهيون مڇيون ڦاسنديون آهن. پوءِ اَڌ تان ئي ڪيتريون نڪري وينديون آهن. اِها خبر رڳو ڄار کي ئي هوندي آهي ته ڪيتريون مڇيون ڦاٿيون. جيڪڏهن ماڇيءَ کي اِها خبر پوي ته جيڪر گهڻو ڏک ٿئيس.
    202. جيڪي ڪري گيهه؛ سو نه ڪري ماءُ، نه ڪري پيءُ. (چوڻي)
    سچو گيهه، اھا طاقت ڏيندڙ آهي، جا ماءُ ۽ پيءُ به ڪو نه ڏيئي سگهي.
    203. جيڪي ڪري ناڻو، سو نه ڪري راڻو. (چوڻي)
    راڻو: راجا.
    204. جيڪي ڪلهو ڏيندا، سي توڙ رسائيندا. (چوڻي)
    205. جيڪي ڪنيءَ ۾، سو پاٽ ۾. (پھاڪو)
    206. جيڪي کوهه ۾، سو آهه ۾. (پھاڪو)
    207. جيڪي گپ ۾ گهڙن، سي ڦينگهن کان نه ڊڄن. (پھاڪو)
    208. جيڪي وسي لوءِ، سو ٻڌ سويرا هوءِ، جيڪي وسي واس، سو اچي ٻُڌِ ۾. (چوڻي)
    209. جي گهڙندا سوڙهين، سيلهه به لڳندا تن. (پھاڪو)
    سيلهه: ڪنڊا. ۲. سيلهن ۾ جي هٿ وجهندا ته ڪنڊا به سهندا.
    210. جي ڳنڍيندڙ ڳنڍي، ته پريت پراڻي نه ٿئي. (چوڻي)
    211. جي نه وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي. (چوڻي)
    نينهن: پيار، محبت، قرب. ۲. جتي پاڻ وڃي قرب ڏيکاري نه سگهجي ته رڳو نياپن سان محبت ڏيکاري ڪا نه سگهبي. جيڪو روبرو وڃي پيار ونڊي سگهبو سو ٻين هٿان نياپن موڪلڻ سان ٿي ڪو نه سگهندو.
    212. جي وڙهندا، سي جهڙندا. (چوڻي)
    213. جي وسي چيٽ، ته اَن نه ماپي کيٽ. (چوڻي)
    214. جي هجيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو، جي نه هجيئي ناڻو ته وت ويڳاڻو. (چوڻي)
    لاڙڪاڻو شھر سنڌ ۾ شوقين شھر ڪري ليکيو ويندو هو. ناڻي سان ئي لاڙڪاڻو گهمي سگهبو، بنا ناڻي ويڳاڻو ٿي پيو گذاربو.
    215. جي هڻن، سي کڻن. (چوڻي)
    216. جيءُ چئه تن کي، جن تو کي جيءُ سيکاريو. (چوڻي)
    217. جيءُ خوش، ته جھان خوش. (چوڻي)
    218. جيئري ڪو نه سٽيائون، مئي دٻ دٻ ڪري پٽيائون. (ورجيس)
    219. جيئن چر، تيئن خير. (چوڻي)
    چر؛ چرڻ، ڍؤ تي کائڻ.
    220. جيئن ٿڌ، تيئن وڌ. (ورجيس)
    221. جيئڻ ڀلو اُنھيءَ جو، جو جيئي ٻين لاءِ، مرڻ ڀلو انھيءَ جو، جو جيئي پاڻ لاءِ. (چوڻي)
    222. جيئي مير غازي، جنھن گڏهه ڪيو نوازي. (گفتار)
    ___________________


    ( ڄ )

    ( ڄ )
    1. ڄاٽو ڌنئرو، مٺو. (چوڻي)
    پرائو مال، سڀڪنھن کي وڻي.
    2. ڄاڻي اکر به نه، نالو فاضل خان. (ورجيس)
    3. ڄاڻي وڇونءَ جو منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾. (ورجيس)
    منڊ: جهاڙ جي رستي، وڇونءَ جو ڏنگ لاهڻ.
    4. ڄاوا ٻه، کريا اڍائي! (ورجيس)
    5. ڄائو پٽ، لٿي سڪ، پرڻيو پٽ، پيئي ڀِڪَ. (چوڻي)
    ڀڪ: لوڌ.
    6. ڄائي جا نه هوندي، سا مرندي ڪٿان؟ (پھاڪو)
    7. ڄڀ جي ترڪڻ کان، پير جو ترڪڻ چڱو. (چوڻي)
    8. ڄڀڙي ڄڀڙي، سِرُ پرتو اَٿيئي. (پھاڪو)
    9. ڄڀ ننڍڙي نه ڄاڻ، آهي وهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
    10. ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لڳائي. (چوڻي)
    اڻ ڄاڻ بک لاهڻ لاءِ موري کائي پر موري وري گهڻي بک لڳائي.
    11. ڄٽ پڙهيو، لوڪ اڙيو. (چوڻي)
    12. ڄٽ جي ڄمار، اڍائي کٿا. (چوڻي)
    کٿو: مٿان اوڍڻ جو گرم اڻيل ڪپڙو. ۲. غريب ماڻھو ٿڌ جي بچاءَ لاءِ هڪڙو کٿو اڻي پائي. سالن جا سال اهو کٿو پائي وري لاهي. اهو کٿو خراب ٿئي تڏهن وري ٻيو اڻڻ شروع ڪري. تيتري ۾ سندس عمر به اچيو پوري ٿئي.
    13. ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات. (چوڻي)
    14. ڄٽ جي دمڙي، ڇني چمڙي، واڻيي جو سؤ، ڪونهي ڀؤ. (چوڻي)
    15. ڄٽ کي آدر ڏجي، ته جتيءَ سوڌو سيج تي! (چوڻي)
    16. ڄٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏئي جواري اٽي کي داغ. (چوڻي)
    17. ڄٽ ملوڪ، ته به گلم جو زيان. (چوڻي)
    ملوڪ: شوقين. گلم: سوٽي غاليچو.
    18. ڄٽ ۽ ڦٽ، ٻئي ٻڌا ڀلا آهن. (چوڻي)
    19. ڄٽيءَ سٽ پسايو، واڻيي وڌس وَٽي، ڄٽيءَ ليکي واڻيو مٺو، واڻيي ليکي ڄٽي، مٺي وري به ڄٽي. (پھاڪو)
    هڪ ڄٽيءَ ڪتيل سٽ، پاڻيءَ ۾ پُسائي واڻيي کي ٺڳڻ آئي. واڻيو به چالاڪ هيو. اھو سھي ڪري ويو. تنھن وري وٽ اهڙي نموني ڪري وڌا، جئن تور گهٽ پوي. ڄٽي خوش ته مون واڻيي کي ٺڳيو آهي. حقيقت ڪري ڄٽي پاڻ ٺڳجي ويئي.
    20. ڄڃ اَچي منھ بيٺي، ڪنوار ماءُ ڪتڻ ويٺي! (پھاڪو)
    21. ڄڃ ۾ ڪير سڃاڻي ئي ڪو نه، چي؛ آءٌ گهوٽ جي پڦي! (ورجيس)
    22. ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيو ئي هڪڙو! (پھاڪو)
    اگهه ۾ تفاوت نه هئڻ، عجب جي ڳالهه آهي.
    23. ڄمندي ڄام، پنهون پاڳارو ٿيو. (چوڻي)
    24. ڄمندي ڄام، ڪو نه ٿيندو آهي. (چوڻي)
    ڄام: سنڌ ۾ شھزادي جو لقب.
    25. ڄڻ کان، نيپاج وڏو. (چوڻي)
    26. ڄڻيندڙ ڇٽا، پرڻيندڙ مٺا. (چوڻي)
    خراب ڇوڪري پرڻجي گهر ۾ آئي.
    27. ڄڻيندي ويئي، ڍنگرن تي اُڇليندي ويئي. (ورجيس)
    گهڻن ٻارن ڄڻيندڙن لاءِ ٽوڪ.
    28. ڄيٺي مينھن، پهريٽي پٽ، نيري وهانءُ، ڪن سڀاڳن سامهون. (چوڻي)
    نيري وهانءُ؛ گهوٽ مائٽن جو هڪڙو ئي پٽ ۽ ڪنوار مائٽن جي هڪڙي ڌيءَ، تن ٻنھي جو پاڻ ۾ وهانءُ.
    _____________


    ( جهه )

    ( جهه )
    1. جھجهي هوند، جھجهو فڪر. (چوڻي)
    جھجھو/ جھجهي؛ گھڻو/ گھڻي، گھڻائي. هوند: شاهوڪاري. فڪر: ڳڻتي.
    2. جهل ٻُٽي، آئي کُٽي. (گفتار)
    ٻـُٽي: سکڻي، جنھن کي ڪجهه به نه هجي. ۲. او سکڻي! کٽي يعني مصيبت آئي اٿيئي. هڪڙي اڳيئي سکڻي، وري مٿان آئي اٿس مصيبت!
    3. جهنگ ۾ مينهون، ڪِلن تي وڇون، چي؛ ڌايون ڙي ڌايون. (ورجيس)
    وَڇون: وَڇڙا، گابا.
    4. جهنگ، پنھنجا رنگ. (چوڻي)
    5. جهوري جهنگ جي، مينھن مکڻ جي. (چوڻي)
    جهوري؛ گاهه.
    6. جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور؛ تسڪا ناڻا، لي گيا چور. (پھاڪو)
    جهونا ڪپڙا، ٻڍا ڍور، خريد ڪرڻ آهي، جھڙو چورن کي پئسا ڏيڻ.
    7. جهونو ٿيو جھاز، سٽ نه جهلي سڙهه جي. (پھاڪو)
    8. جهيڙاڪر کي، چار ڪن. (چوڻي)
    جهيڙاڪر: جهيڙاکور.
    9. جهيڙو؛ کُهِه پيو جهيڙو، جي جهيڙو ته گلي جو هار جهيڙو. (چوڻي)
    کهه: کڏ ۾. ۲. جهيڙو ڪرڻ خراب آهي ۽ کڏ ۾ وڃي پوي پر جيڪڏهن لاچار جهيڙو (مقابلو يا بحث) ڪرڻو پوي ته گلي ۾ هار ڪري سمجهجي ۽ مڙس ٿي مقابو ڪجي.
    10. جهيڙي ۾ لڏون ڪو نه ورهائبا، جو ماڻھو کائي به ايندا ۽ کڻي به ايندا.
    ____________


    ( چ )

    ( چ )
    1. چاچي به چوي، چھنڊڙي به پائي. (ورجيس)
    2. چاڏيءَ کي چِٽَ گهڻا، انڌا منڊا هٿ گهڻا. (پھاڪو)
    3. چار ڏينھن چاهه جا، پوءِ گهم ڪَنا واھ جا. (پھاڪو)
    4. چار ئي واهون چڪن، تڏهن سوڍا سيڻ ڪجن. (پھاڪو)
    واهون: رستا. چڪن: خالص ٿين. سوڍا: زبردست. ۲. جڏهن سڀ رستا بند ٿي وڃن تڏهن لاچار پاڻ ڏاڍن سان هٿ اٽڪائجي.
    5. چاڪ ٿيڻ کانپوءِ، وئد به ويري. (طبي، پھاڪو)
    6. چاڪر، چياڪر. (چوڻي)
    چاڪر/ نوڪر، اهو سٺو جيڪو چياڪر (چيو مڃيندڙ) هجي.
    7. چاڪريءَ چور، نوالي حاضر. (ورجيس)
    8. چاڪريءَ ۾، آڪري ڇا جي؟ (چوڻي)
    نوڪري ڪرڻي آهي ته پوءِ آڪڙ ڇو ڏيکارجي.
    9. چاڪي، ڦر ڦر گهاڻي آيا. (پھاڪو)
    10. چاڪيءَ جو ڏاند ۽ ڪاسائيءَ جو ڪتو، جتي بيٺو اُتي کتو. (چوڻي)
    چاڪي: چڪي پيھندڙ.
    11. چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري! (پھاڪو)
    چاڪي: چڪي پيھندڙ. گهاڻو: جتي چڪي پيسجندي آهي. ۲. چڪي پيھندڙ ڏاند وڃايو پر سستيءَ وچان رڳو اُتيئي پئي ڳولهيائين پر اُتي ڪيئن لڀندس. ٻاهر نڪري جڏهن ڳولهڻ شروع ڪندو تڏهن ڳولهي سگهندو.
    12. چانڊيا چور، شابڙاڻي شاهد. (چوڻي)
    چانڊيا ۽ شابڙاڻي، ٻن ذاتين جا نالا. ۲. ڪو چور چوري ڪري ۽ وري پنھنجي ذات ڀائيءَ کي شاهد ڪري بيھاري ته عجب نه کائجي ۽ هيئن به چون: چورن جا ڀائر، ڳنڍي-ڇوڙ.
    13. چِٻَ، مائي باپ آهي. (چوڻي)
    14. چٻڻو واڻيو، سمڻي دلي؛ ٻنهي کي ڀري اللهه. (چوڻي)
    15. چت تي چوتو، مدعي رد. (پھاڪو)
    16. چٽي پوي شهباز تي، ڀري وتايو! (پھاڪو)
    وتايو: فقير جو نالو.
    17. چٽي چنيجن جي، پُرڻ تي پيئي. (پھاڪو)
    18. چچن گهر چلا پڪا، چچا اُٿي نچڻ لڳا. (پھاڪو)
    چچ: مکيچوس، ڪنجوس.
    19. چرٻٽ راجا؛ نڪا ساهمي، نڪو وٽ، ڏئي به ٻُڪَ، وٺي به ٻڪ. (چوڻي)
    20. چرنديءَ تي چَم، ڪنڊيءَ تي رم. (ورجيس)
    21. چري آهي چڪي آهي، پنھنجي پهه تي پڪي آهي. (ورجيسي جملو)
    22. چري پاڻ، متيون ڏئي لوڪن کي. (ورجيس)
    23. چري چکي، وري به پيئي رکي. (پھاڪو)
    24. چري ڦٺ ۾ به خوش. (چوڻي)
    25. چري هري چشڪي تي، رکي آرتوار. (پھاڪو)
    26. چريءَ جا ٻار، جيئن ٿورا تيئن چڱا. (چوڻي)
    27. چريءَ چيڙايو باز کي، سا ثابت ويندي ڪيئن گهر. (چوڻي)
    28. چريءَ کي ڄائو پٽ، چمي چٽ ڪيائين. (چوڻي)
    29. چريءَ کي چوڙو؛ ڪڏهن ڄنگهه ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾! (چوڻي)
    30. چريا به ڪڏهن پنھنجي وس ڇڏبا ڇا؟. (چوڻي)
    31. چريا چرين گڏيا، چي؛ عيد مبارڪ. (پھاڪو)
    32. چريا ڏيئي چار، واڇان وٺجي هڪڙي. (پھاڪو)
    33. چريا ڪيئن؟ چي؛ ويران ويران وڌ. (چوڻي)
    34. چرين جا ٻار، به کريا. (چوڻي)
    35. چرين جا پور، مٿي جا سور. (چوڻي)
    36. چرين کي ڪي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟ (چوڻي)
    37. چرين ڪھڙا چت، مئن ڪھڙا مامرا. (چوڻي)
    مامرا؛ معاملا.
    38. چريو، ته به گهر ڏي وريو. (چوڻي)
    39. چريي کي چيڙائجي، چئن گارين کائڻ واسطي. (چوڻي)
    40. چريي ليکي، سڀ چريا. (پھاڪو)
    41. چڙهي ڪني به؛ يانصيب! (پھاڪو)
    42. چغلي؛ جهيڙي جي ماءُ. (چوڻي)
    43. چکيا کان، چنتا بري. (چوڻي)
    44. چڪ ڪري چوٽيءَ وري، ٺڪر اچي ٺوڙهيءَ تي، ڏوهه ڪري ڪنن واري، چٽي پوي ٻوڙيءَ تي. (چوڻي)
    45. چڪر سان پڄي، لتر. (پھاڪو)
    چڪ پائيندڙ کي وري لتون هڻندڙ هوندو ته پڄي سگهندو.
    46. چڪني گهڙي تي مينهن جو ڦڙو؛ جھڙو پيو، تھڙو نه پيو. (پھاڪو)
    چڪ: گپ. گهڙو: ٿانءُ.
    47. چڱا سي، جن جا پويان چڱا. (چوڻي)
    48. چڱائيءَ کي چار، ڳڻي هڻجن موچڙا: (چوڻي)
    ڪنھن سان ڀلائي ڪر ته چار پادر موٽ ۾ پيا لڳن!
    49. چڱائي ڪر ڄٽ سان، ڄٽ ڦيري هڻي پَٽَ سان. (چوڻي)
    50. چڱو ڀلو کائي اَن، ناچڱو کائي ڌن. (طبي، چوڻي)
    انسان صحت ۾ ٺيڪ آهي ته کاڌو کائيندو نه ته ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن پٺيان ڌن پيو لٽائيندو.
    51. چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن، توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان. (چوڻي)
    مندو: خراب، رڻ: بيابان. ۲. جن جي نصيب ۾ سٺو لکيل آهي سي خراب وقت ڪو نه ڏسن.
    52. چڱو چوائڻ ويئي، پر پٽ پٽائي آئي! (ورجيس)
    53. چڱو ڪر، ته چڱو ٿيئي. (چوڻي)
    54. چُلهه، اڱارين نه ڍاپي. (پھاڪو)
    چلهه رڳو اڱرن سان ڪو نه ڍاپندي آهي.
    55. چلهه کان دور، سي دل کان دور. (چوڻي)
    56. چمڙي ڏئي، دمڙي نه ڏئي. (ورجيس)
    57. چنڊ ڏسڻ کانسواءِ، عيد ڪا نه ٿئي. (پھاڪو)
    58. چنڊ کي ڏهي، پوءِ سڄي پاڳ. (پھاڪو)
    ڏهي: ڌاڳو يا تند. پاڳ: پڳڙي. ۲. ماڻھن کي اهو وهم ويٺل هو ته چنڊ ڏينھن، اگر پڳ مان ڌاڳو ڇني چنڊ ڏانھن اڇلجي ته ان جو وڏو ثواب ملندو. پوءِ جيڪڏهن سڄي پڳ اُڇلبي ته به ثواب ڪو نه ملندو. وري اهو به مطلب ڪڍيو ٿو وڃي ته وقت سر ٿوري مدد جو هٿ ڊگهيڙڻ، پوءِ جي مدد کان، وڌيڪ بھتر آهي.
    59. چنڊن جي شھر ۾؛ ڪنڊو پٽ، ڪرڙ جو. (چوڻي)
    60. چڻو ڦنڊي، ڪو بٺ ڀريندو. (چوڻي)
    61. چوٿ جو چنڊ، هاٿيءَ جو ڏند، راڻيءَ جو چوڙو، لٿو مون تان ڪلنڪ ڪوڙو. (چوڻي)
    62. چور جي اک، بجڪي ۾. (پھاڪو)
    63. چور جي ماءُ، ڪنڊ ۾ رئي. (چوڻي)
    64. چور چڱو، پر نه چوريندڙ. (چوڻي)
    65. چور کي پنھنجو ڪيتو پيو کائي. (چوڻي)
    ڪيتو: ڪڌو ڪم. ۲. کوٽن ڪم ڪندڙن کي پنھنجو اندر وارو پيو وڍ وجهندو آهي.
    66. چور نه ته چاڪي سهي! (ورجيس)
    پوليس وارن کي چور نه لڀي ته چاڪي يعني چڪي پيھندڙ هٿ ڪري ايندا آهن.
    67. چورن جا ڀائر، ڳنڍي ڇوڙ. (چوڻي)
    68. چورن کي چاڙهيون گهڻيون، ڀَڙون کي ڀونگيون گهڻيون. (چوڻي)
    69. چورن کي چون ته گهڙينس گهر ۾، ڀاڳين کي چون ته چور گهر ۾ گهڙيو اٿيئي. (ورجيس)
    70. چورن مٿان مور پيا، اڌ ورهائي کڻي ويا. (پھاڪو)
    71. چوري نه موُڙي، موُڙي ته به گهوري. (چوڻي)
    موُڙي: سائو، سبز. ۲. چوري ڪرڻ وارو سائو سبز ڪو نه ٿيندو پر جيڪڏهن سائو ٿئي به کڻي ته به چڱو ڪونهي.
    72. چونڊيندي چور، وڃي بيٺا ککڙين. (پھاڪو)
    ڪي چور ڪٿي چوري ڪرڻ ويا جتي ٻيو مال ڇڏي فقط هڪ هڙ موتين جي سمجهي کڻي آيا. کولڻ سان ڏٺائون ته فقط ککڙيون پيئون آهن. هي پھاڪو هن نموني ۾ به ڪتب آندو ويندو آهي، جڏهن مٽي مائٽي ڳولهڻ ۾ مائٽ گهڻي چونڊ وجهندا آهن. گهڻي چونڊ وجهڻ ۾ پڇاڙيءَ جو هڪ رواجي گهر کين ملندو آهي.
    73. چوُڻو، نه اُوڻو. (چوڻي)
    چوُڻو: رزق. اوڻو: گهٽ ۲. جيترو نصيب ۾ داڻو پاڻي لکيل هوندو تنھن کان گهٽ ڪو نه ملندو.
    74. چوڻيءَ هر ڪو چئي، کرو ڪو رهڻيءَ رهي. (چوڻي)
    وڏا وڏا وعظ ڪرڻ، تمام آسان آهن، پر انھيءَ پرماڻ پنھنجي هلت رکي ڪا نه ويندي آهي.
    75. چئن پئسن جي چٽاڀيٽي، پنجن پئسن جي ملم پٽي. (طبي، پھاڪو)
    76. چئن ڏينھن جو چٽڪو، پوءِ انڌيري رات. (چوڻي)
    77. چئُه ڌيءَ کي، ته سکي ننهن. (پھاڪو)
    78. چيٽ آهي پيٽ، پر ڪتي نر فصل آهي. (چوڻي)
    79. چي؛ ڏيتا نهين، چي؛ پورا تول. (ورجيس)
    ________________


    ( ڇ )

    ( ڇ )
    1. ڇاڻي ڇنڊي، پيهجي. (ورجيس)
    2. ڇتي ڪتي جي دوا آهي، ڀتر. (طبي، پھاڪو)
    3. ڇٺي موروُن ونٺي، ٻانڀڻ ڪھڙو ڏوهه؟ (پھاڪو)
    انگ اڳيئي لکيا پيا آهن، ٻانڀڻ جو ڪھڙو ڏوهه؟
    4. ڇڄ ڳالھائي ته ٺيڪ پر اَڄ پرڻ به ٿو ڳالھائي جنھن ۾ سوين ٽونگ! (پھاڪو)
    5. ڇڏڻ کانپوءِ، اڏڻ ڪھڙو؟ (پھاڪو)
    6. ڇڙهي اَچي ڇم ڇم، وديا اَچي گم گم. (چوڻي)
    7. ڇڪ منجهي ته سورج ڏانھن نھارجي. (پھاڪو)
    ڪڏهن به تڪليف ۾ هججي ته سياڻي وٽ وڃجي.
    8. ڇڪو ڇنو، ٻليءَ ڀاڳين. (پھاڪو)
    ڇڪو: سنڌ ۾ ڇت ۾ ٺڪر جو ٿانءُ ٽنگي ڇڏبو هو، جنھن ۾ مڇي پلو يا ٻي کاڌي جي شيءِ وجهي رکبي هئي. جڏهن ڇڪو ڪڏهن ڇڄي پوندو هو ته ٻليءَ جو ڀاڳ لڳي ويندو هو. ٻليءَ جي نصيب جي ڪري ڇڪو ڇڄي.
    9. ڇوڪر ڇتي ذات، ڀون ڀون ڪن ڀڳت ۾. (چوڻي)
    10. ڇوڪراڻي پوتي، ڪنھن نه ڌوتي. (چوڻي)
    11. ڇوڪرو ڪڇ ۾، ڍنڍورو شھر ۾. (چوڻي)
    12. ڇيڻو پٽ تي ڪرندو، ڪک پن ضرور ميڙيندو. (چوڻي)
    ___________

    ( ح )
    1. حاڪم جي ياري؛ ٻه آڱر ٽاڪ، ٻي سڀ واري. (پھاڪو)
    ٽاڪ: ڏاڍي زمين.
    2. حجامڙو، حرامڙو! (چوڻي)
    3. حجتي، لعنتي. (چوڻي)
    4. حجم ۽ پاڪي، چڳ نه بچندي باقي. (چوڻي)
    حجم کي پاڪي هٿ ۾ ملي ته مٿي تي هڪ وار کي به ڪو نه ڇڏيندو. ۲. ڪنھن نالائق کي حڪم والي ملندي آهي ته ائين ڪندو آهي.
    5. حرڪت ۾، برڪت. (چوڻي)
    6. حريف هڻي، اَڌ کڻي. (چوڻي)
    7. حلوي حلوي چوندي، وات مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
    8. حمائتڻ گڏهه، عراقڻ کي اِٽيون هڻي. (پھاڪو)
    ڪنھن به گڏهه کي ڪو حمايت (مدد) ڪندڙ ملندو آهي ته عراقي سٺي گهوڙيءَ کي به اِٽون (لتون) هڻندو آهي. ڪنھن نالائق ماڻھوءَ کي ڪنھن جي اَجائي مدد يا هشي ملندي آهي ته اشراف ماڻھوءَ کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ کان ڪو نه گسندو آهي.
    9. حيلي رزق، بھاني موت. (چوڻي)
    حيلي: ڪوشش. بھاني: سبب. رزق: روزگار. ۲. ڪوشش ڪرڻ سان روزگار ملي ويندو آهي ۽ موت به هڪ نه هڪ بھانو ڪري ايندو آهي.
    ___________


    ( خ )

    ( خ )
    1. خاصا ڪپڙا، کيسا خالي. (ورجيس)
    ڪپڙا ته تمام سٺا پر کيسا خالي.
    2. خان جي خاني، مانيءَ مان معلوم ٿئي. (چوڻي)
    3. خانن جي کٽي؛ آٿر ٻوري چٽي. (چوڻي)
    4. خرچ کاءُ، ڏئي شاهه. (چوڻي)
    5. خرخسو نه خالي، آڌيو نه ته پائلي. (ورجيس)
    خرخسو: گوڙ ڪرڻ. هنگامو، بکيڙو، ممڻ، جهيڙو، ڪو جهيڙو جهٽو خالي (سکڻو يا اجايو) نه چئبو. آڌيو نه ته پائلي ملي پوندي. ڪنھن ڳالهه لاءِ ڪوشش ڪجي، جي ڪجهه ملي ته ائين چئجي.
    6. خريدار ککڙين جو، پڇي هنداڻا! (ورجيس)
    7. خوشامد جي پڇاڙي؛ آمـد. (چوڻي)
    آمد: آمدني.
    8. خوشي ڳنهي خودڙي، ٻڏڻ لڳس ٻار. (چوڻي)
    9. خوشيءَ جھڙي ٻي خوراڪ ڪانهي، ڳڻتيءَ جھڙو ٻيو ڳارو ڪونهي. (چوڻي)
    10. خون کسٿوري؛ ڳجها نه رهن. (پھاڪو)
    کسٿوريءَ ۾ اهڙي خوشبوءِ هوندي آهي جو ڪير به لڪائي ڪو نه سگهندو آهي. تھڙي نموني خون پڻ آھي.
    11. خويشي به خوشي، سودا به رضا. (چوڻي)
    12. خير ڏيندي، هٿ سڙن ته سڙڻ ڏين. (چوڻي)
    خير: خيرات، ڌرم ڪرڻ، دان.
    13. خير صلاح، مھر الله. (چوڻي)
    نيڪ صلاح، ايشور جي مھر آهي.
    14. خيرپوري، نيت بري، هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (چوڻي)
    15. خير ڪاري ڪوڙ به سُهِه، نا خيرڪاري سچ به ڳُهِه. (چوڻي)
    ___________________

    ( د )
    1. دال؛ ٻچڙي پال. (چوڻي)
    2. دال روٽي، ڪڏهن نه کوٽي. (چوڻي)
    ۽ هيئن به چون: دال؛ ٻچڙي پال.
    3. دال روٽيءَ کاڌي، ڌن کٽي ته کٽڻ ڏي. (چوڻي)
    4. دال گيهه تيرا، آگ ڦوڪ ميرا. (ورجيس)
    5. دانگي ڀڃي، ڪتي جي ذات پرکجي. (پھاڪو)
    6. داڻي داڻي تي، مهر آهي. (چوڻي)
    7. دائيءَ کان، پيٽ ڳجهو ڪونهي. (پھاڪو)
    8. درزيءَ جي سئي؛ ڪڏهن سٽ ۾، ڪڏهن پَٽَ ۾. (پھاڪو)
    9. درياهه ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي، سڀان ٻڏي. (پھاڪو)
    10. درياهه ڀر تي ويهي، واگهن سان وجهجي نه وير. (پھاڪو)
    11. دشمن نه دوست، اوجهري نه گوشت. (چوڻي)
    12. دعا غريبان، مهر خدائي، آهه غريبان، قهر خدائي. (چوڻي)
    13. دغا جن جي من ۾، سڄيءَ ڪاڻ سڪن. (چوڻي)
    14. دک جي گهڙي، به گهوري. (چوڻي)
    15. دک بنان، سک ڪونھي. (چوڻي)
    جڏهن تڪليفون ڏسبيون، تڏهن سک ملندو.
    16. دک ۾ سڀڪو، هر ڀڄي. (چوڻي)
    هر: هريءَ جو نالو.
    17. دَڳ ڀليو، ڪوهه ڀُليو. (چوڻي)
    18. دلاسي دوستن جي، سيءَ سڪايس کل. (چوڻي)
    19. دل جي ماپ، وات مان ملي. (چوڻي)
    20. دل دي قضا دل جاني، ڪيا جاني قاضي. (چوڻي)
    21. دل سوڙهي نه هجي ته جاءِ ڪا سوڙهي سمجهجي؟ (چوڻي)
    22. دل کوٽي، عذر گهڻا. (چوڻي)
    عذر: بھانا.
    23. دل لڳي گڌيءَ سان، ته پري ڪھڙي چيز؟ (پھاڪو)
    گڌي: گڏهه، کوتي.
    24. دل ۾ ڏار، آئيني ۾ ڏار، پيو ته سالم ڪو نه ٿيندو. (چوڻي)
    25. دم دال جو، آڪڙ پلاءَ جي. (ورجيس)
    26. دم درميان، مولى مھربان آهي! (چوڻي)
    27. دمڙيءَ جي دال، خدا! ڇڊي نه ڪجانءِ. (گفتار)
    28. دنيا هاٿيءَ جو مان ڪري، ڪِولِيءَ کي پيرن هيٺان لتاڙي. (پھاڪو)
    29. دوا به ڪجي، دعا به ڪجي. (طبي، چوڻي)
    30. دودو ڌوڙ، چنيسر ڇائي. (چوڻي)
    31. دور باش، خوش باش. (چوڻي)
    32. دوست اِهو، جو يار غار رهي. (چوڻي)
    33. دولت، ننھن کان ماس وڇوڙي. (چوڻي)
    ناڻو اهڙي ڳالهه آهي جو ننهن جيڪي ماس سان گڏ آهن تن کي به وڇوڙي ڌار ڪري. سڳو آنڊو به ڌار ٿيو پوي.
    34. دولتمندن جا، ڏاند ويامن. (پھاڪو)
    35. دهل جو آواز، پريان مٺو لڳي. (پھاڪو)
    36. دهلي دور آهي. (ورجيس)
    37. دهليءَ جو لڏون کائبو ته به پڇتائبو، نه کائبو ته به پڇتائبو. (پھاڪو)
    38. ديا بنان، سِڌُ به ڪاسائي. (چوڻي)
    سِڌُ؛ ساڌو.
    39. دير پيا، درست ٿيا. (ورجيس)
    40. ديس چوري، پرديس بکيا. (چوڻي)
    پنھنجي ملڪ ۾ چوريون ڪري پرديس ۾ وڃي بکيا پني.
    41. ديگڙي جي خبر، رڪيبيءَ کي. (پھاڪو)
    42. ديوان جو دم، دمڙيءَ جي دال تي! (پھاڪو)
    ___________________


    ( ڌ )

    ( ڌ )
    1. ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند سين، ته به اصل اِنھيءَ پار جو، ڏينا ڏيکاري. (پھاڪو)
    ڌاتورو: زهر جو قسم.
    2. ڌاريان ئي ڌار، مِٽَ مئيءَ جا نه ٿيا. (چوڻي)
    3. ڌرت پڙيئي، ڌرم نه ڇوڙيئي. (چوڻي)
    ڌرتيءَ ۾ پئجي وڃجي پر پنھنجو ڌرم نه ڇڏجي.
    4. ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري! (ورجيس)
    5. ڌُڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ. (چوڻي)
    6. ڌن سارو دان ڪجي، ديهه سارو ورت رکجي. (چوڻي)
    7. ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.(چوڻي)
    8. ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي. (پھاڪو)
    ڌڻ جي سنڀال به جيڪڏهن ڌڻي هوندو ته ڪري سگهندو، جي نه ته بھتر ٿيندو ته اِهو ڌڻ وڪڻي ڇڏجي.
    9. ڌڻي وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وتن گهوتا کائيندا. (چوڻي)
    10. ڌڻيءَ ريءَ ڌڻ سڃو، ڌڻ ريءَ سڃو ڌنار. (پھاڪو)
    جئن ڌڻيءَ کانسواءِ ڌڻ سڃو آهي تئن ڌنار وري ڌڻ کانسواءِ سڃو آهي.
    11. ڌوٻي دي گهر پيا چور؛ او نه مٺا، مٺي اور. (پھاڪو)
    12. ڌوٻي ڌوئي، ڌڻي روئي. (پھاڪو)
    13. ڌوٻيءَ جو ڪتو؛ نه گهر جو، نه گهاٽ جو. (پھاڪو)
    14. ڌوپي منجهه درياهه، ته به اوجهه نه ڇڏي اوجهري. (پھاڪو)
    15. ڌوڙ-ڀِڪِليو؛ ماءُ پرين، ڌن-ڀِڪِليو؛ جوءِ پرين، اڇي ڪپڙين؛ سس پرين. (چوڻي)
    ڀڪليو: ڀريل. پرين: پيارو.
    16. ڌوڙ پيس، ڌڙڪي ويس. (ورجيس)
    ڌڙڪي: رلي.
    17. ڌوڙ ڌنيتيءَ منھن ۾، رابيان منھن ۾ رک. (ورجيسي جملو)
    18. ڌونئري ۾ ڪي هو، ته ڌڻين ڪين ڇڏيو. (پھاڪو)
    سٺي شيءِ هجي ته مالڪ جيڪر ڪين ڇڏين.
    19. ڌيرج جو پتا؛ يُش. (چوڻي)
    20. ڌيري ڌيري، ڌنئرو ڄمندو. (پھاڪو)
    آهستي آهستي ڌنئرو (وڇڙو) ڄمندو آهي.
    21. ڌيون، ڊڀوُريون آهن. (چوڻي)
    22. ڌيءَ پاڙي، اندر ساڙي، ڌيءَ دور، کائي چوُر. (چوڻي)
    23. ڌيءَ ڄائي تو ڄڻي، پٽ ڄائو ته مون ڄڻيو. (پھاڪو)
    24. ڌيءَ سڀڪو پنھنجي ساراهي، ننهن سڀڪو پرائي. (چوڻي)
    25. ڌيئڙي سو ڪر، جو ڏٺئه ماءُ گهر، ننهڙي سو ڪر، جو ڏٺئه سس گهر. (چوڻي)
    26. ڌيئڪو ڌڻ، وڌي سگهو. (چوڻي)
    ____________


    ( ڏ )

    ( ڏ )
    1. ڏاچي چري ڏهه، توڏو چري تيرنھن. (پھاڪو)
    ڏاچي: اُٺڻ. توڏو: ننڍو اُٺ. چرڻ: کائڻ.
    2. ڏاچيءَ جو جيڏانھن ڪنڌ، تيڏانھن پنڌ. (پھاڪو)
    3. ڏاڍو، سو گابو. (پھاڪو)
    4. ڏاڍي تي بڇيانس ته اُٿي ئي نه! هيڻي کان جهليانس ته جهل ئي نه ڏئي! (ورجيس)
    5. ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا؛ جيڏانهن ڦيراءِ، تيڏانهن سنئين. (پھاڪو)
    ڏاڍي سان (ايشور) اَسين هڪ جھڙو ٿي پڄي ڪو نه سگهنداسون.
    6. ڏاڍي نال شراڪت ناهين پاءِ، پاءِ ڪر زاري. (پھاڪو)
    7. ڏاڏي جيڏي ڏگهه سان، ٽنگه جيڏي ڪنوار! (ورجيس)
    8. ڏاڙهي ڏات خدا جي؛ ڪنھن کي اَڳي، ڪنھن کي پوءِ. (چوڻي)
    9. ڏاڙهي ڏجي سنوارڻ لاءِ، نه کارڻ لاءِ. (پھاڪو)
    10. ڏاڙهي مٿو چٽ، ڀروون شاهه بچايا. (گفتار)
    11. ڏاڙهيءَ تي هٿ رکي، وري ڪياڙيءَ تي هٿ نه رکجي. (پھاڪو)
    12. ڏاند چڙهي ٿي، ڏک ڏسي! (ورجيس)
    ڪنھن پيادل ويندڙ کي چڙهڻ لاءِ ڏاند ملي وڃي ۽ راضي نه رهي ته بي شڪريو سمجهڻ گهرجي.
    13. ڏاندان ڳاهه، مردان ڌُڪا، زالان ساهه، پنڌ وچ سُڪا، گهوڙا ضبط ڪنا، اصطبل وچ لڪا. (چوڻي)
    14. ڏاهو ڪانءُ، ٻه-ڄنگهو ڦاسي. (پھاڪو)
    15. ڏائڻ به، هڪ گهر ٽاري. (پھاڪو)
    16. ڏائڻ هلي مڙدا ڪڍڻ، مڙدن ڪپڙا به لاهي ورتس. (پھاڪو)
    17. ڏٻري ڍور تي، مڇر گهڻا. (پھاڪو)
    18. ڏٻريءَ جو ڌڻي، سويرو پلاڻي. (پھاڪو)
    ڏٻري وهٽ جو ڌڻي سويل ئي پنھنجو وهٽ پلاڻي پنڌ پوندو ته سويل ئي وڃي گهر ڀيڙو ٿيان.
    19. ڏتا ڪو ڏنو ڏٺئه؟ ڏنا ڪو ڏتو ڏٺئه؟ (پھاڪو)
    20. ڏٿ نه کٽو، ڏوٿي کٽا. (چوڻي)
    ڏٿ: هڪ قسم جو جهنگلي اَن ۽ ٻيون کاڌي جون شيون. ۲. جهنگ جا ماڻھو روز اِنهيءَ ڏٿ تي گذران ڪن. کائي کائي مريو وڃن پر اِهي شيون مند تي هميشه پيون نڪرن ۽ کٽن ڪين.
    21. ڏٺو پير، پني مراد! (پھاڪو)
    پير جي ڏسڻ کان پوءِ، مراد به پوري ٿي ويئي.
    22. ڏٺو چيٽ؛ پيو انبن ۾ ميٺ. (چوڻي)
    23. ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر. (چوڻي)
    24. ڏٺي مک، ڪو ڪو نه ڳهي. (پھاڪو)
    ڪنھن کاڌي ۾ مک (ڪني ڳالهه) ڏسي، ڪير واپرائيندو يا ڪم آڻيندو.
    25. ڏُچَرَ گهوڙي، سُچَرَ زال، ڇڊي ڪڻڪ، گهاٽا تر، اُڌارو وهانءُ، پنج ئي نه ٿيا. (چوڻي)
    ڏچر: ٿورو کائيندڙ. سچر: گهڻو کائيندڙ. (پهاڪن جي پاڙ) (سنديلو.)
    26. ڏڏن جو ڏاتار آ. (پھاڪو)
    27. ڏڌو کير، ٿڻن ۾ نه پوي. (پھاڪو)
    28. ڏڌ ولوڙجي مانڌاڻيءَ، مکڻ وهي لاٽ، چريا سي چئجن، جي ڇڏين اَباڻي واٽ. (چوڻي)
    29. ڏس رنان تالان، مٿي منھن ڪالا، ڏس مردان ني ڦيري، مان تيري ڪه ميري. (چوڻي)
    30. ڏس ڪاڻيءَ کان، اک ڪاڻي ڀلي. (پھاڪو)
    ڏس: ڏسا، نصيب.
    31. ڏکڻ مينھن نه وسڻو، وسي تا ٻوڙي، ڪانئر ڌڪ نه ھڻڻو، ھڻي تا جھوري. (چوڻي)
    ڏکڻ وٽان اڪثر ڪري مينهن ڪو نه پوندو آهي پر جي پوندو آهي ته ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏيندو آهي. تھڙيءَ طرح ڪانئر شخص ڪڏهن حملو ڪو نه ڪندو آهي پر اتفاقاً ڌڪ هنيئاين ته وڏو نقصان ڪري وجهندو.
    32. ڏکئي کي ڏئي ڪو نه، سائي کي سهي ڪو نه. (ورجيس)
    33. ڏمرجي ڏيهه ڌڻي، ته ڏڪر ڏيکاري. (چوڻي)
    ڏيهه ڌڻي: ايشور، ملڪن جو مالڪ.
    34. ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي. (پھاڪو)
    ساٽي: مڇيون وڪڻندڙ.
    35. ڏندن ڀڳي ڏيڏري، ڪئي سندي جوءِ. (پھاڪو)
    هيئن به چون؛ ڪانياري ٻلي، ڪئي سندي جوءِ.
    36. ڏند هئا حلوو ڪو نه هو، حلوو آهي ته ڏند ڪونهن. (پھاڪو)
    37. ڏنگي کي، ڏنگو ڪپجي. (پھاڪو)
    38. ڏنو، ٻنو آهي. (پھاڪو)
    ڏنو: ڏيڻ (خيرات). ٻنو: جهلو.
    39. ڏنو ٿئي نه ڪنو، پوک ڪڻو ته ٿئي گهڻو. (پھاڪو)
    هيئن به چون؛ ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿيئي.
    40. ڏنو؛ پٽ ڇٽي جو. (پھاڪو)
    41. ڏنو ڏاڻ، مئو پٺاڻ؛ ورائي وٺي بي ايمان. (پھاڪو)
    42. ڏني ڄائي، ڇُٽي وائي. (چوڻي)
    43. ڏني، ٻنڌن ڇني. (چوڻي)
    ڏيڻ کان پوءِ قرض ڇڄندو (گھٽ ٿي ويندو).
    44. ڏوڏي کي به پِتو آهي. (پھاڪو)
    45. ڏوهٽا، وڌندا ويري. (چوڻي)
    زناني چوڻي آهي، جا ڏوهٽن لاءِ چئي ويندي آهي.
    46. ڏوهٽي، نانيءَ کي ٿي سيکاري. (پھاڪو)
    ناني آزمودگار، تنھن کي ڏوهٽي سکيارڻ هلي آ.
    47. ڏوئي ڍڪڻ گيهه ٿيڻ. (ورجيس)
    48. ڏهه دنيا، ستر آخرت. (چوڻي)
    49. ڏهون گهر، ڏائڻ به اورانگهي. (پھاڪو)
    هيئن به چون: ڏائڻ به، هڪ گهر ٽاري.
    50. ڏئي ڏاتار، سور ٿئي ڀنڊاريءَ کي! (پھاڪو)
    51. ڏئي مٿيون، پر ڪنھن جي هٿون. (چوڻي)
    52. ڏي به، ڏر به. (چوڻي)
    53. ڏيتا نهين، چي؛ پورا تول. (ورجيس)
    ڏيڻ وارو ڏيڻ جي نه پيو ڪري پر وٺڻ وارو چالاڪي ڪري پيو چوي ته تور پوري ڏج!
    54. ڏي ته ڏيئي، سلو سائو ٿيئي. (چوڻي)
    55. ڏيڏر لاءِ سڄي دنيا، کوهه ۾ آهي. (پھاڪو)
    56. ڏيڏريءَ کي به ٿو زڪام ٿئي. (پھاڪو)
    57. ڏيراڻي نه ڄيٺاڻي، توڙ جي ويرياڻي. (چوڻي)
    ڏيراڻي: گهوٽ جي ننڍي ڀاءُ جي زال. ڄيٺاڻي: گهو ٽ جي وڏي ڀاءُ جي زال. ۲. ننڍي ڏيراڻي ۽ وڏي ڏيراڻي، توڙ تائين وير رکندڙ آهن.
    58. ڏيڍ اڍائي؛ ساڍا ٻه. (گفتار)
    59. ڏيسا چال، ڪُلا ڌرم. (پھاڪو)
    ڏيسا: ديس. ڪلا: ڪُل. ۲. ديس جي ريت ڪل جو ڌرم ڪري سمجهجي.
    60. ڏينھن جو ڪوُڙو ٿجي، رقم جو ڪوُڙو نه ٿجي. (چوڻي)
    پئسا ڪنھن کي موٽائي نه سگهجن ته حرڪت ڪانهي پر پئسن واسطي صفا اَلي وڃڻ خراب آهي.
    61. ڏينھن، شينهن. (پھاڪو)
    62. ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار، وٺڻ سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل. (چوڻي)
    63. ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ ۽ ڏيھي ڇڏڻ ٽيئي اهنجا. (چوڻي)
    ڏيڻ: ڪنھن کي ڪڍي ڏجي. ڏيهه: ديس، شهر. ڏيهي: شرير ڇڏڻ، مرڻ.
    64. ڏيهه ۾ ڏياري، هرچند گهر هولي! (پھاڪو)
    شهر (ڏيهه) ۾ سڀيئي ڏياريءَ جا شغل پيا ٿين پر ڀائي هرچند راءِ جي گهر هولي پيئي منائي وڃي!
    65. ڏيهه چوي، ڏيراڻي نه چوي. (پھاڪو)
    66. ڏيئي جي پٺيان، اونداهي. (پھاڪو)
    ڪي ’پٺيان‘ لفظ جي بدران ’هيٺان‘ لفظ ڪتب آڻين.
    _________


    ( ڊ )

    ( ڊ )
    1. ڊڄ انھيءَ ڏينھن کان، جو ستل جهيڙي کي چون؛ اٿ. (پھاڪو)
    2. ڊڄ اُنھيءَ کان، جو درياهه جي پرينءَ ڀر بيھي گاريون ڏئي. (پھاڪو)
    3. ڊڄ انھيءَ کان، جو کڏ تي بيھي گاريون ڏئي. (پھاڪو)
    4. ڊڄ اُنھيءَ کان، جو منھن تي ڪوڙ ڳالهائي. (پھاڪو)
    5. ڊڄ تنھنجي ڊاءِ، جنھن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا. (پھاڪو)
    6. ڊني واڻئي؛ نه مور، نه لاڀ. (پھاڪو)
    واڻيو: وڻج ڪندڙ واپاري.
    ________


    ( ڍ )

    ( ڍ )
    1. ڍنڍورا شھر ۾، لڙڪا بغل ۾. (ورجيس)
    ٻار ڪڇ ۾ آهي ته ڍنڍورو شھر ۾ پيو ڦري.
    2. ڍؤُ جهلي؛ هڪ ڀاڀڙو، ٻيو مينھن. (پھاڪو)
    ڀاڀڙو: جين ڌرم جي ذات، جنھن کي ڪيترو به ناڻو هجي ته به خبر ڪا نه پوين، مينھن کي به ڪيترو پاڻي پيئارجي ته به خبر ڪا نه پوي.
    ________


    ( ذ )

    ( ذ )
    1. ذريءَ اوڀَ، ذريءَ سوڀ. (چوڻي)
    ٿوري ڳالهه جي ڪري گلا ٿي پوندي آهي ۽ ٿوري ڳالهه ڪرڻ سان سوڀ ٿيندي.
    ___________


    ( ر )

    ( ر )
    1. راءِ جي گهران گيهه، جهلجي پاند ۾. (پھاڪو)
    راجا جي گهران گيهه ملي ته ٿانوَ نه هوندي به پلؤ ۾ وٺجي.
    2. راءِ کي وڻي راڻي، تنھن کي ڪير چوي مهاڻي؟ (پھاڪو)
    3. رات ٿوري، ساٺ گهڻا. (ورجيس)
    وقت ٿورو آهي، ڪم اَڃا گهڻا ڪرڻا پيا آهن.
    4. رات، پنھنجي تات. (پھاڪو)
    5. رات جو پيٽ، هميشه وڏو. (پھاڪو)
    گهڻيون خرابيون رات جو ٿين.
    6. رات جون ڳالهيون، ڏينھن جو نه پڙن. (پھاڪو)
    7. رات گئي، بات گئي. (گفتار)
    8. راجا اکئين، ڪي ڪنين؟ (پھاڪو)
    راجا نياءُ ڪندڙ، اکين ڏٺل ڳالهه تي اعتبار ڪندو يا ڪنھن ٻڌل ڳالهه تي اعتبار ڪندو.
    9. راجا جو دان، پرجا جو اِشنان. (پھاڪو)
    راجا تيرٿ ياترا تي دان ڪري، عام رعيت وري اشنان ڪري، پڃ حاصل ڪري.
    10. راجا جي گهر، ڪو موتين جو ڪال؟ (پھاڪو)
    راجا جي گهر موتين جو انت ئي ڪونھي.
    11. راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ. (پھاڪو)
    راجا جيڪي ڪندو سو ئي نياءُ (انصاف) سمجهيو ويندو، ڍارو هلائڻ ۾ به جيڪي پوندو سو داءُ سمجهيو ويندو.
    12. راضي ٿئي راڻو، ته راڻي ٿيان مان. (پھاڪو)
    13. راکي رام ته ماري ڪونِ؟ (چوڻي)
    14. راڳ؛ پنجاب ۾ ڄائو، ٿر ۾ مئو. (چوڻي)
    ڪو ماڻهو بي سريلو ڳائيندو آهي ته کيس ائين ٽوڪ هڻندا آهن.
    15. راڻي سا، جا راءِ کي وڻي. (پھاڪو)
    راڻي سا ليکي ويندي جا راءِ (راجا) کي وڻندي.
    16. راهه ويندي، واڻيو اَڙيو. (پھاڪو)
    17. رب ٿئي راضي، ته ڌوڙ مان ڌن ٿئي. (چوڻي)
    رب: ايشور.
    18. رب رسي، مت کسي. (چوڻي)
    رب: ايشور. رُسي؛ ناراض ٿئي. ۲. ايشور رُسي ته انسان جي مت کسي ڇڏي.
    19. رٻ پٽڙي، پاڻي نه سهي. (پھاڪو)
    20. رپيو پرکجي بار بار، ماڻهو پرکجي هڪوار. (چوڻي)
    21. رت جي رتي، صحبت جو خرار. (چوڻي)
    رت جو ذرو (رتي) صحبت (دوستي) جي خرار (گهڻي اناج جي تور جو ذڪر آهي) کان وڌيڪ سمجهڻ گهرجي.
    22. رت، دانگيءَ تي ورندو آهي. (چوڻي)
    23. رت ڏسي؛ رُمي ھڻجي. (پھاڪو)
    رُمي: بدن مان رت ڪڍڻ جو اوزار.
    24. رت ڏنگو به وري. (چوڻي)
    ڏنگو رت به وقت تي سڌو ٿيو پوي.
    25. رت ڪٽورو ڏجي، تڏهن ڀت ڪٽورو ملي. (پھاڪو)
    26. رتي راڄ ڪمائي، عقل وارو روٽيون کائي. (پھاڪو)
    27. رٺي آهي گهوٽ سان، ڳالهائي نه ٿي ڳوٺ سان. (ورجيس)
    زال رٺي گهوٽ سان، ته ڳوٺ سان به ڪا نه پئي ڳالھائي.
    28. رٺي اڳيئي هئي، مٿانئس آيس پيڪو ماڻهو. (ورجيس)
    29. رٺي جو ڀاڱو، مِٺو. (پھاڪو)
    30. رڌي پڪي؛ يانصيب. (پھاڪو)
    رڌل ٺھيل ٺڪيل کاڌو يا ڪو ڪم به وقت تي نصيب ڪو نه ٿئي.
    31. رڌيءَ کي، ڇو رڌجي. (پھاڪو)
    ڏکايل کي، ڇو ڏکوئجي؟
    32. رڍ جي لت، ڀيڏيءَ تائين. (پھاڪو)
    ڀيڏي: گوڏو.
    33. رڍ سھانگي ٿئي، ته سڀڪو پڇ کڻي پيو ڏسي. (پھاڪو)
    سستي اگهه هئڻ ڪري، پڇ کڻي ڏسن ته ڇو سستي ٿي وڪامي.
    34. رڍن اڳيان رباب، وڄائيندي ورهيه ٿيا. (پھاڪو)
    35. رڍن به ڪڏهن، رڇ ڀريا آهن؟ (پھاڪو)
    رڇ: باسڻ، ٿانءُ.
    36. رڍون، سڀ ٻوٿ-ڪاريون. (پھاڪو)
    37. رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻهون ڪجن. (پھاڪو)
    رڙا: مڱن جي دال جو کريل داڻو. رجهن: رڌجن. ٻارڻ: باهه ٻارڻ. ٻهون: گهڻو. ۲. انھيءَ کريل اناج کي ڪيترو به گهڻو وقت باهه تي رکبو ته به رجھندا ڪو نه.
    38. رسڻ، مسڻ، منھن موڙڻ؛ زالن جا ترڪ تال، مرڪ سمجهن سرتيءَ ريءَ، گهر گهر اِهو حال. (پھاڪو)
    39. رسو ڀڄي وَرَ تي، دهل وڄي شاديءَ جي در تي. (پھاڪو)
    رسو (رسي: نوڙي) ڇڄندي انھيءَ هنڌان جتان ور (وراڪو) هوندو. دهل به شادي جتي هوندي اُتي ئي وڄندو.
    40. رسو سڙي ويو پر رسي جو وڪڙ نه سڙيو. (پھاڪو)
    وڪڙ: ڏنگ. ۲. رسو سڙي ويندو آهي پر سڙڻ کانپوءِ به رسي جو وڪڙ قائم رهندو آهي.
    41. رکڻ؛ آهي رک. (چوڻي)
    42. رڪ جا چڻا، آنڊا چيرين. (پھاڪو)
    ڏاڍي جو مال کائڻ جي ڪوشش ڪبي ته آنڊا چيربا.
    43. رن ٿي جهلجي ته لڏ ٿي وڃي، لڏ ٿي جهلجي ته رن ٿي وڃي. (پھاڪو)
    44. رن پٽ ريڍار، ڪانُ هڻي بنڊ ۾. (پھاڪو)
    45. رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏئي جواري ڀت کي داغ. (پھاڪو)
    پوءِ ڍاول ڪميڻو پنھنجي عزت وڃائيندو آهي.
    46. رنج کانسواءِ، گنج ڪونهي. (پھاڪو)
    47. رنج نه رنجاءِ، بري بندي جي آهه! (چوڻي)
    48. رن سُورن ۾، آهر موڙن. (پھاڪو)
    رن (زال) تڪليف ۾ آهي ته آهر (مرد) موڙا پيو ڏئي.
    49. رن مري سکر، ته ڄار پويس بکر! (پھاڪو)
    سکر شھر ۾ زال ٻڏي آهي ته کيس ڳولهڻ لاءِ ڄار بکر شهر ۾ پئي وڌي وڃي.
    50. رن نه ملي آهر کي! (ورجيس)
    رن؛ زال، عورت. آهر؛ مرد، مڙس. ھتي رن ۽ آھر استعمال ٿيا آھن. جن سان، زال ۽ مرد کي، بي فضيلت نموني ڪوٺيو ويو آهي.
    51. رنن زالن جا، ڪھڙا جمعا؟ (پھاڪو)
    52. رنون رب رلايون، ته ڏاهرين ڪھڙو ڏوهه؟ (چوڻي)
    53. رنون مڪر جنون، تتر تار ڪن، رڌيون پڪيون ڪوُنجڙيون اڏايو ڏين. (چوڻي)
    54. رن هري چشڪي تي، رکي ٿي آرتوار. (پھاڪو)
    55. رڻي ۽ رائر جو، سڏ جنهين کي هوءِ، منجي اُتي جوءِ، وڃي تنھن کي وسري. (چوڻي)
    43. رڻو: قرض. رائر: سرڪاري ڍل. ۲. جنھن کي سرڪاري سڏ ۽ قرضدار جو سڏ ٿئي تنھن کي گهر ٻار به وسريو وڃن.
    56. روٽي به چئجي، ته پاڻ به ڇڏائجي. (پھاڪو)
    57. روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا. (پھاڪو)
    58. روزي، رازق تي. (چوڻي)
    رزق: کاڌو. رازق: کاڌو ڏيندڙ.
    59. رهي درياهه جي ڀر تي، وير وجهي واگهن سان! (پھاڪو)
    درياهه جي ڪناري تي ويهي واگهن سان وير وجهڻ حد درجي جي مورکتا آهي. ڀيٽيو؛ درياھ ڀر تي ويھي، وجھجي نه واڳن سان وير.
    60. رهي راهوجين، بهي باهوجين، ڪتي ڪُنئريجن جي. (ورجيس)
    راهوجا، باهوجا ۽ ڪنئريجا، اِهي ذاتين جا نالا آهن. ڪُتي هڪڙن جي، رهي ٻئي هنڌ، ڀونڪي ٽئين هنڌ.
    61. ريءَ پنھنجي کَٽئي، سڀر ٻري نه ٻاهر. (پھاڪو)
    سڀر: زور.
    62. ري گهرئي، ماءُ به ٻار کي کاڌو ڪو نه ڏئي. (پھاڪو)
    ___________


    ( ز )

    ( ز )
    1. زالان ڌاوڻ، مردان کاوَڻ. (چوڻي)
    زال کي جلد سنان ڪري ڪم ڪار کي لڳڻ گهرجي. مرد کي به جلدي کائي پنھنجي ڪرت لاءِ وڃڻ گهرجي.
    2. زالان زالان، ملڪ ڪن تالان. (گفتار)
    3. زالن جو عقل؛ ڏائيءَ کڙيءَ ۾. (چوڻي)
    زالن کي ڪم عقل سڏڻ جو نمونو.
    4. زالون جيئرن کي پٽين، مئن لاءِ پار ڪڍن! (چوڻي)
    5. زال جا پير لڌا، ته مڙس جا پير گهر ۾ کتا. (پھاڪو)
    6. زال جو سنڀرڻ؛ غريب جي شادي. (چوڻي)
    7. زال روئي مڙس کانسواءِ، زمين روئي برسات کانسواءِ. (پھاڪو)
    8. زال سونهين ڳهن سان، موري سونهين پنن سان. (پھاڪو)
    9. زالون زالن جو کاڄ، ٻار ٻارن جو کاڄ. (پھاڪو)
    زالن کي پنھنجي سنگت وڻندي آهي ۽ ٻارن کي پنھنجي.
    10. زبان چم جي، ڪنھن نه ڪم جي. (چوڻي)
    11. زبان ذاڪر، دل شاڪر. (چوڻي)
    ذاڪر: ذڪر ڪندڙ، نصيحت ڪندڙ، چڱا ٻول ٻوليندڙ. شاڪر: شڪر ڪندڙ. ۲. انسان لاءِ ٻه ڳالهيون سک حاصل ڪرڻ لاءِ تمام ضروري آهن. زبان پوتر رکي ۽ دل ۾ شڪر رکي.
    12. زبان سٺي، ڳوٺ سٺو. (پھاڪو)
    13. زبان شيري، ملڪ جاگيري. (پھاڪو)
    14. زبان کي ڪنڊو ڪونھي، جو چڀجي يا روڪجي. (پھاڪو)
    15. زبان نه ڄاڻ ننڍڙي، آهي وِهه جي ڳنڍڙي. (چوڻي)
    16. زرِ بسِيار، ته عشق ٺهه پهه. (پھاڪو)
    زر: ناڻو. بسيار: گهڻو. عشق: پيار. ٺهه پهه: جلد.
    17. زن، زمين، زر؛ تينون قضيي ڪي گهر. (چوڻي)
    زن: زال. زر: ناڻو. ۲. استري، زمين ۽ ناڻو، اِهي ٽيئي ڳالهيون جهيڙي جا مکيه ڪارڻ آهن.
    18. زور جي ميندي، ڪا نه لڳندي. (پھاڪو)
    شاديءَ تي ميندي ترين ۽ پيرن کي لڳائي ويندي آهي. جڏهن ڌريون راضي هونديون تڏهن شادي ٿيندي ۽ ميندي لڳائي ويندي. ۲. زور جو سودو ڪو نه ڪري سگهبو.
    19. زور مس ڪر ته ڪل ئي مهمان. (گفتار)
    ٿورو ڪنھن کي زور ڪر ته ڪل (سڀ) ئي مھمان ٿي اچي وارد ٿيندا.
    ____________


    ( س )

    ( س )
    1. ساٿي جو ئي هجي، سو ڀلو. (چوڻي)
    2. ساڌن سان سنمک، پئنچن سان پورو، چورن سان اڌ ڀائيوار. (ورجيس)
    ڪيترا پاکنڊي ساڌن سنتن جي شيوا ۾ مشغول ٿين. پئنچات جي پئنچن سان به پورا ۽ وري جيڪي چور هجن تن سان به اَڌ ڀائيوار هجن.
    3. ساڌو؛ ٻه آڱر واڌوُ. (چوڻي)
    4. ساري رات سورن ۾ جبل مفت مئو، صبح ٿي جو ڄائس هڪ ڪئو. (پھاڪو)
    5. ساريءَ هيٺ، ڀتر. (چوڻي)
    6. ساڳيا سِڱَ سڃاڻ، ڏاتو پنھنجي ڏاند جا. (گفتار)
    7. سالا کائن، ساليون کائن، ڏس ماريي جي کٽي، ڀينرون کائن، ڀائر کائن، پيئي ماريي تي چٽي. (چوڻي)
    8. سالا، شينهن کي به پيارا آهن. (چوڻي)
    9. سانُ؛ يا ته مينهن ۾، يا ته ڪاسائيءَ وٽ. (پھاڪو)
    10. سانن وڙهندي، ٻوڙن جوکو. (پھاڪو)
    11. سانوڻ جي انڌي کي، ساوڪ ئي ساوڪ. (پھاڪو)
    12. ساهُرا، آئرا، ٻاٻرا ڪنڊا، اٿندي ويھندي چِڀِ چِڀِ ڪندا. (چوڻي)
    13. ساهري آهي جڳ سنئين، پيڪي آهي تن سنئين. (چوڻي)
    14. سائڻ جو پيٽ سڙيو، ڪنهن نه ڏٺو، ٻانهيءَ جو مٿو ڦاٽو، هر ڪنھن ڏٺو. (پھاڪو)
    15. سائي کي سهي ڪو نه، بکئي کي ڏئي ڪو نه. (پھاڪو)
    16. سائي مان، سَوَ سُکَ. (پھاڪو)
    ڪو ماڻھو ڀر ڀريو آهي ته انهيءَ مان ڪيترا سک ٿي سگهن ٿا.
    17. سائي وڻ تي، گهڻي ئي پکي. (پھاڪو)
    18. سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن، چوندو جئن، ٿيندي تئن. (پھاڪو)
    سٻر: طاقت وارو، ڏاڍو ماڻهو. ۲. ڏاڍي ماڻھوءَ سان ڪئن ڪبو جئن هو چوندو تئن ئي ٿيندو.
    19. سڀ ڏينھن ڍڪيل، عيد ڏينھن اُگهاڙو. (ورجيس)
    20. سڀاڳن کي ڪار، نڀاڳن کي وڃڻي هٿ ۾. (چوڻي)
    سڀاڳن کي ڪم ڪاريون، نڀاڳن کي هٿ ۾ وڃڻيون.
    21. سڀان جون ڳالهيون، سڀان سان. (چوڻي)
    اڄ جون ڳالهيون اَڄ ڪري خلاص ڪجن، سڀان جو ڪم سڀاڻي ڪجي.
    22. سڀاڻي جي پلاهَه کان، اَڄ جي پِڇَ چڱي. (پھاڪو)
    پڇ: پيڄي، رِٻَ.
    23. سڀڪا ٻڪري، پنھنجي پائي ٽنگبي. (پھاڪو)
    24. سڀڪنهن بنڊيءَ ۾، پنھنجو دونهون. (پھاڪو)
    25. سڀڪو پنھنجي هٽيءَ جو هوڪو ٿو ڏئي. (پھاڪو)
    26. سڀڪو ڪم پرين، چم پرين ڪو ڪو نه. (پھاڪو)
    سڀڪو ڪم ڪندڙن کي پيار ڪري ٿو، رڳو چمڙي سفيد ڏسي پيار ڪير ڪو نه ڪندو.
    27. ستا سُور، نه جاڳائجن. (چوڻي)
    28. سپتيو ماڻھو، پرائي مال ۾ ڀائيوار. (چوڻي)
    سپتيو (سچار) ماڻھو اڌاري سڌاري لاءِ ڪنھن وٽ ويندو ته بنا دير ائين وٺي ايندو جو ڄڻ ته اَڳلي جي ملڪيت ۾ ڀائيوار آهي.
    29. سپُ نه ماري، سپ جو سراپ ماري. (پھاڪو)
    نانگ جو ڊپ، ماڻهن کي ماريندو آهي.
    30. سپهو نه وسهوُ، وسهوُ ته مسهوُ. (پھاڪو)
    سپ: نانگ.
    31. ست رڇيءَ جو به، هڪ رڇيءَ ۾ ڪم پوي ٿو. (پھاڪو)
    32. ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي. (پھاڪو)
    33. سَتي اُها، جا لڪڙن چڙهي. (چوڻي)
    آڳاٽي زماني ۾ جنھن زال جو مرد مرندو هو ته انھيءَ پٺيان پاڻ به چکيا تي چڙهندي هئي، جنھن کي “ستي” ڪري سڏيو ويندو هو. هينئر اِهو رواج قاعدي جي زور تي بند ڪيو ويو آهي.
    34. سُتي ٻلي، ڪوئا ڪئن ماريندي؟ (پھاڪو)
    ستي: ستل، سمهيل. ستل ٻلي، ڪئا ڪين ماريندي.
    35. سَتي ٿي سيڏائي، لنڊي ٿي کائي. (پھاڪو)
    اشراف ماڻھو مانيءَ لاءِ پيا ٻاڪارين پر نالائقن لاءِ ڍءُ آهي.
    36. سُتي شينھن کي به، آڱر نه ڏجي. (پھاڪو)
    37. ستي لڪڙن تان موٽي، ته ڪتن ھاب ٿئي. (پھاڪو)
    اڳي رواج هو ته جنھن زال جو پتي مري ويندو هو ته انھيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهندي هئي پر جيڪڏهن ڪا زال چڙهڻ کان سواءِ موٽي اَچي ته ساڻس وڏي جٺ ڪن. ڀيٽيو؛ ستي اھا جا لڪڙن تي چڙھي.
    38. سُتي، مک به نه جاڳائجي. (پھاڪو)
    39. ستين لنگهڻين، ڪتو به حلال. (پھاڪو)
    ستن لنگهڻن (بکن) ڪڍڻ کان پوءِ سڀ حلال.
    40. سَٿَ ڪِنو نه ٿجي. (پھاڪو)
    رکي رکي سٿ (ڪنو ڪري) ڪنو نه ڪجي.
    41. سٽ نه موڙهو، ڪپاهه موڙهي! (ورجيس)
    سٽ ڪو نه موڙهو (منجهيو) آهي پر ڪپاهه منجهي آهي. ابتو ليکو. هميشه سٽ منجهندو آهي ۽ نه ڪپاهه.
    42. سج ايڪ، پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت، نه پٽان نون. (پھاڪو)
    سج هڪڙو پاڇا گهڻيئي، پيءُ جو بخت پٽ کي ڪو نه ملندو.
    43. سج، ٻه پاڇا. (پھاڪو)
    44. سج، تريءَ هيٺان ڪو نه لڪندو. (پھاڪو)
    45. سج لٿي کان پوءِ، اَوير ڪانهي، ڦُرئي کان پوءِ، ڊپ ڪونهي. (پھاڪو)
    46. سڃا پني پيهن، روئي رڌين، خارن مان کائن. (پھاڪو)
    غريبيءَ جو ذڪر.
    47. سڃا عاشق، ڀيٽيو دي اچار. (پھاڪو)
    ڀيٽو: وئيشائن تي ڀاڙيندڙ.
    48. سڃا هليا سڃ تي؛ نه دان تي، نه پڃ تي. (پھاڪو)
    49. سڃن اَباڻن، ڌوڙ مرڪن ڌيئرون. (پھاڪو)
    50. سڃو، سائينءَ کان به ڏاڍو. (پھاڪو)
    51. سڃي اَبي ڄائي، پيٽ ڪٽيندي آئي. (پھاڪو)
    52. سڃي کي سيٽ گهڻي. (پھاڪو)
    53. سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا. (چوڻي)
    سڄن (سٺن ماڻهن) جي پيٽان (پيٽ مان) وڍيا (ڪپيل، نالائق، ٻاهر نڪتل) ڄميو پون. وري نالائق ماڻھن جي پيٽ مان، سٺا ماڻھو ڄميو پون.
    54. سڄڻ سڄي ٻانھن ڏئي، ته سڄي ڳيھڻ نه گهرجي. (پھاڪو)
    55. سڄڻ هجن ساڻ، ته جهنگ ۾ سوني کاڻ. (پھاڪو)
    56. سڄڻ هئن سنوان، مر ڏيهه ڏنگايون ڪن. (پھاڪو)
    سڄڻ سٺا هجن ڀل ته شهر سڄو پيو ڏنگايون ڪري.
    57. سڄو سونو، پر پڇ پتل جو! (ورجيس)
    58. سچ ته بيٺو نچ، ڪارو منهن آهي ڪوڙ، سچن سچ ملندو، ڪوڙن پوندي ڌوڙ. (چوڻي)
    59. سچ جني جو سيڱ، تير نه گسي تن جو. (پھاڪو)
    سيڱ: ڪمان.
    60. سچ جي ٻيڙي لڏي، پر ڪڏهن به نه ٻڏي. (پھاڪو)
    61. سچ سير، ڪاري ٻڪري، اڇو کير. (پھاڪو)
    ڪاري ٻڪريءَ مان سچو کير ٿو نڪري.
    62. سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پئسا، جوءِ گر، جيوين آکي، تيوين ٽر، روز بولي نئون سر. (پھاڪو)
    گر: مرشد، ٽر: هل. وتائي فقير جي چوڻي.
    63. سچن ساڻي، ڪوڙن گهاڻي. (پھاڪو)
    64. سچي جو ٻيڙو؛ ستڙ. (پھاڪو)
    ستڙ: س-تڙ، سٺو تڙ
    65. سچيءَ دل تي، صاحب راضي. (چوڻي)
    66. سخيءَ کان شوم ڀلو/چڱو، جو ترت ڏئي جواب. (پھاڪو)
    67. سِڌِ تي ٻُڌِ: (ورجيس)
    حالتن پٽ-اندر جئن سٺو سمجهبو تئن ڪبو.
    68. سڏ وڏا، هڏ پورا. (ورجيس)
    69. سراءِ جو ڪتو، جتي آيو اُتي کتو. (پھاڪو)
    مسافرخاني جو ڪتو، جتي ايندو اُتي ئي ڄمي ويندو.
    70. سِرُ ڏجي، پر سُرُ نه ڏجي. (پھاڪو)
    پنھنجي ڳچي ڏجي پر سُر يعني پنھنجي اندر جو راز ڪنھن کي نه ڏجي.
    71. سِرُ سِرُ رزق، سانباهي ٺاڪر. (چوڻي)
    72. سِر سِر روزي، سِر سِر ڀاڳ. (پھاڪو)
    73. سِرُ سِرُ ڪلا. (پھاڪو)
    ڪلا: هنر.
    74. سر سلامت، ته پڳ پاڻيهي پوندي. (پھاڪو)
    75. سر صدقو لڄ تان، مال صدقو سر تان. (چوڻي)
    76. سِرَ کاري، هَٿَ ٻهاري. (ورجيس)
    سر: مٿو. کاري: ٽوڪري. ۲. مٿي تي ٽوڪري هٿ ۾ ٻهاري. اَڻ پڙهيل کي ٽوڪ.
    77. سر منڊل جي ساز مان، سانڊو ڇا سمجهي؟ (پھاڪو)
    78. سرمو ته پاتائين، پر پائي نه ڄاتائين. (ورجيس)
    ڪنھن ٺڳي ڪئي يعني ڪنھن کي سرمو پاتائين پر ٺڳي پڪڙجي پيئي، تنھن تي ٿو مٿيون پھاڪو ڪتب اَچي.
    79. سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير. (پھاڪو)
    هر ڪو پيو سرمو پائي پر ڪنھن ڪنھن شڪل واري کي وڌيڪ سونهي.
    80. سرنديءَ کان ٽالو، ورلو ڪو گر مک ڪري. (پھاڪو)
    81. سَڙي به ٿو، ٽپي به ٿو! (ورجيس)
    82. سڙي سڙي، ڪُنجهڻ لهي. (پھاڪو)
    جنھن جو اندر پيو جلندو سو ڪنھن وقت ٻه اکر واتان ڪڍندو.
    83. سڙيل گهوڙي، ۽ پٽيل ماڻھوءَ مان؛ ڪين ٿئي. (چوڻي)
    گهوڙو جيڪو سڙيو پيو هوندو ۽ ساڳيءَ طرح پٽيل ماڻهو جنھن کي سڄو شهر پٽيندو ۽ پاراتا ڏيندو هجي، تنھن مان ڪجهه ڪو نه ورندو.
    84. سستي ۽ ڀاڳ، هڪ ٻئي کان پري. (چوڻي)
    85. سس جا سوَ ڏينھن، ته ننهن جو به هڪ ڏينھن. (پھاڪو)
    86. سسيءَ کان اڳ، ڌڙ پيو ٻولي. (ورجيس)
    87. سُڪ تور کان، ٻڏ تور چڱو. (پھاڪو)
    88. سِڪ کي پنڌ، آهي ئي ڪو نه. (پھاڪو)
    89. سُڪل گهوڙو، سيٽيل سوار؛ اڻ پڇيو هوندو، سيّد جو ٻار. (پھاڪو)
    90. سڪلن/ سڪن گڏ، آلا به ٻرن. (پھاڪو)
    91. سڪن سان گڏ، ساوا به سڙن. (پھاڪو)
    92. سڪڻيءَ رڌيو ساڳُ، چي؛ رکان ڪين چَکان. (پھاڪو)
    93. سڪو ٽڪر ساءَ جو، چڱو ۽ چوکو، لعنت اُنھيءَ لپيءَ کي، جنھن ۾ جيءَ جو جوکو. (پھاڪو)
    94. سڪو ڪاٺ؛ ٻه پاسا ڀڃي. (پھاڪو)
    سڪل ڪاٺ تي ڪھڙو به پاسو ورائبو ته پاسا ڀڃندو.
    95. سڪي سڪي مڙس ڪيائين، ٻي جا ٻڌائين سڳي، اڳي کاڌائين لوڙهه مڇي، هاڻي لڏڻ لڳي. (پھاڪو)
    96. سڪي سڪي منگهن ڄائو، تنھن ۾ به اڌ پرائو. (پھاڪو)
    97. سکڻن دلاسن جي، ڪھڙي بک؟ (پھاڪو)
    98. سکڻي دعا، پٽ برابر. (پھاڪو)
    99. سکڻي دعا، دل سان نه لڳي. (پھاڪو)
    100. سکڻي ڪني، گهڻو اڀامي. (پھاڪو)
    101. سڱ ۾ ساڙو، رت ۾ باهه. (پھاڪو)
    سڱ: مٽ مائٽ. ۲. پنھنجن ويجهن عزيزن سان ساڙُ پچُ.
    102. سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا. (پھاڪو)
    جن جا گهر ويجهو آهن سي ئي سڳا مائٽ ۽ دوست آهن.
    103. سلو سو، جو انگورين ڀلو. (پھاڪو)
    سلو (ٻج) سو سٺو، جنھن جو ڦل سٺو.
    104. سَنتُ سَنتُ سڀڪو ڪهي، سنت سمنڊان پار، انل پکي ڪو هڪڙو، ٻيا پکن ڪوٽ هزار. (پھاڪو)
    انل: آسمان ۾ رهندڙ پکي جو ورلي ڏسڻ ۾ ايندو آهي.
    105. سَنَتَ کائي، سونهن سِڪي. (پھاڪو)
    106. سنجهو، ڏنجھو: (چوڻي)
    سانجهيءَ جو وقت ڏکيو آهي. ڪم ڪار لاءِ صبوح جو وقت سٺو آهي.
    107. سندرو ثابت، منزل آسان. (پھاڪو)
    سندرو: چيلهه کي ڪپڙو ٻڌو ويندو آهي. چيلهه تي سندرو سالم هوندو ته منزل (مقصد) تي به پھچڻ سولو آهي.
    108. سنڌ سنئين، وَڻ ڏنگا، ماڻهو منجهس خام، جيڪو کڻي موچڙو، تنھن کي ڪن سلام. (چوڻي)
    خام؛ خاميءَ سان ڀريل، اڻاين سان. ۲. سنڌ سٺي، وڻ ڏنگا، ماڻهو اوڻاين وارا، جيڪو کين موچڙو هڻي، تنھن کي سلام ڪن.
    109. سنڌ ۾ پڇي به ڪو نه، ڪڇ ۾ ڪنور ٻائي! (پھاڪو)
    پنھنجي شهر ۾ ڪير ليکي به ڪو نه، پر ٻاهر نمونو ئي ٻيو.
    110. سنگ تاري، ڪسنگ ٻوڙي. (پھاڪو)
    ڪ-سنگ؛ خراب سنگت.
    111. سَنُ ڳولهي، سَنَ کي. (پھاڪو)
    هر ڪو پنھنجو ساٿي ڳولهي لهي.
    112. سنئون چوي، سو سُور پرائي، کيڏ ڪري، سو کٽي کائي. (پھاڪو)
    113. سڻڀي منهن تي، مکيون مڙن. (پھاڪو)
    114. سُڻ واڇان جا پار، جا نوڙي کڻي ڇيڻن کي هلي، چي؛ ”ٻجهو ته ٻجھو، نه ته مور نه ٻجهو.“ (پھاڪو)
    واڇان (چري) نوڙي کڻي، ڇيڻن کي ٻڌڻ لاءِ هلي. چيائين ته؛ ٻڌجي سگهيا ٻڌبا جي نه ته ڪڏهن ڪو نه ٻڌجي سگهبا.
    115. سوال کان صرفو، چڱو. (چوڻي)
    ڪنھن کان هٿ ڊگهيڙي سوال ڪرڻ کان صرفو ڪري پنھنجيءَ مان پنھنجي ڪرڻ گهرجي.
    116. سوال، ويچارو آهي. (چوڻي)
    117. سَو تير، هڪ جوڳيرُ. (پھاڪو)
    سوَ تير هڻبا، ڳيرو فقط هڪ ملندو.
    118. سَوَ پٽان، هڪ ڳِپان، تنھن ڀر به لڪان. (پھاڪو)
    119. سو چور ئي نه آهي، جو پنھنجو جوڻيت نه سڃاڻي. (پھاڪو)
    جوڻيت: جيڪو چورن بابت خبرون پھچائي. ۲. اهو چور ڪھڙو جو پنھنجا دشمن نه سڃاڻي؟
    120. سورائتڻ سور، اڻ سورائت سان اوريو، هن جو ڀنجهر نه ڀريو، هوءَ وڃي پئي وهلور، پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو. (پھاڪو)
    121. سورهن سالن تائين پٽ، پوءِ دوست. (چوڻي)
    122. سوڙ سارو، پير ڊگهيڙجي. (پھاڪو)
    جيڏي سوڙ هجي پير به اوڏا ڊگهيڙڻ گهرجن. وڌيڪ ڊگهيڙبا ته پيرن کي ٿڌ لڳندي ۽ نقصان ئي رسندو.
    123. سوڙهي سياندريءَ، وهنوار نه ڪجي. (پھاڪو)
    سوڙهي سياندري يعني ويجهي مائٽي يا دوستيءَ ۾ پئسي جي ڏيتي ليتي ۽ ڀائيواري نه ڪجي.
    124. سوڙهيءَ جتيءَ کان پير اُگهاڙا چڱا، جهيڙي واري گهر کان پرديس جا ڏاکڙا چڱا. (پھاڪو)
    125. سَوَ سنات، ٻارهن ذات. (ورجيس)
    سنات: واپار ڪندڙ. ۲. سوَ واپار ڪندڙ هوندا ته منجهن ٻارنهن ذاتيون هونديون.
    126. سَوَ سَوَ ڪوهين، ٻوليءَ وَرُ. (پھاڪو)
    127. سَوَ ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پٽ کودڙو. (پھاڪو)
    کودڙو: گڏهه.
    128. سوڪھڙي کان، وري به ٻوڏ چڱي. (چوڻي)
    129. سومر گهڻو ئي چڱو، پر پٺيانئس اڱارو. (پھاڪو)
    130. سونارو، پنھنجي جوءِ جي نٿ مان به نه ٽري. (چوڻي)
    131. سوناري جا سؤ ڌَڪَ، لوهر جو هڪڙو ڌڪ. (پھاڪو)
    132. سونٽي هجي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڏئي. (پھاڪو)
    133. سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رُپو پرکجي باهه، ماڻهو پرکجي تڏهن، جڏهن ٻه اکر ڳالهاءِ. (پھاڪو)
    134. سون جي رتيءَ کان، رت جي رتي چڱي. (پھاڪو)
    ٿوري سون جي گهر ۾ هئڻ کان چوپايو مال هئڻ چڱو آهي، جنھن مان هميشه پيئي واڌ ٿيندي.
    135. سون، سَوَ ورهين به سوايو. (پھاڪو)
    136. سون کان، گهڙائي مهانگي! (پھاڪو)
    137. سون کي، ڪَسُ نه لاهجي. (پھاڪو)
    138. سون کي، ڪھڙي ڪس؟ (پھاڪو)
    139. سونو ڪٽورو هٿ ۾! (ورجيس)
    عادتي پنندڙ، جو هميشه هٿ پيو ڊگهيڙيندو آهي.
    140. سوني ٻانھن، هٿ ۾ ڪجي. (پھاڪو)
    قرض ڏيڻ وقت، پڪي بندوبست سان ڪم ڪجي.
    141. سوني ماڻ سان، مئي نه ڏجي. (چوڻي)
    قرض نه موٽائي، الي نه وڃڻ گهرجي.
    142. سوين سنت چون، ته به ٻوڙا ٻڌن ڪين ڪي. (پھاڪو)
    143. سھڻا ٽوھ، به پٽن ۾ پيا آھن. (پھاڪو)
    ٽوهه: جيڪو گدري کان سھڻو ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر کائڻ ۾ تمام ڪڙو.
    144. سهڻا نيڻ مليا مرگهه کي، جو بن ۾ ڦري آهاري! (پھاڪو)
    145. سھڻي انسان جي آڱر، منڊيءَ بنا سونهي. (پھاڪو)
    146. سھڻيءَ کي وانجهه رکيائين، ڪاري ٻارن واري. (چوڻي)
    وانجهه: سنڍ (زال) جنھن کي ٻار ڪو نه ٿئي.
    147. سهي ٽنگون ٽي، چوٿين ٺهي ئي ڪا نه! (پھاڪو)
    148. سي اَڍائي، سي ساڍا ٻه. (چوڻي)
    اڍائي به ساڳي ڳالهه، ساڍا ٻه به ساڳي ڳالهه.
    149. سياري ۾ سي ئي چڱا جن کي ڪي آھ، اونهاري ۾ به سي ئي چڱا، جن کي ڪي آھ. (طبي، پھاڪو)
    آھ؛ ڌن دولت وغيره ھئڻ.
    150. سياري ۾ سي ئي چڱا، جن گهڻي باهه، اونهاري ۾ به سي ئي چڱا، جن گهڻي ڇاههِ. (طبي، پھاڪو)
    سياري ۾ اهي ئي سکي آهن، جتي گهڻي اس آهي. اونهاري ۾ وري جن وٽ ڇانوَ آهي.
    151. سياري جو سج، کڻ پاءِ ۾ وڃي. (پھاڪو)
    کڻڻ پائڻ ۾ ئي سياري جو سج هٿن مان کسڪيو وڃي.
    152. سياري جي سوڙ، سڀڪو پاڻ ڏانھن سيري. (پھاڪو)
    153. سياري کان پوءِ، اڱر وڪڻندڙ جو منهن ڪارو. (پھاڪو)
    مند خلاص ٿيڻ کانپوءِ، واپاريءَ کي ماٺ ڪري ويھڻو آهي.
    154. سياڻا ويا لڏي، پٺيان چريا ڇڏي. (پھاڪو)
    155. سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان. (پھاڪو)
    سياڻو ماڻھو ٿوري ۾ ئي ڳالهه سمجهي ويندو آهي، انھيءَ جي اڳيان رئڻ، اکين کي نقصان رسائڻو آهي. انڌي آڏو روئڻ، اکين جو زيان. (ابتو)
    156. سيج ڪيائون سُرهي، مُٺا مڱڻهار. (ورجيس)
    شادين مرادين تي دهلاري دهل وڄائي ڪارج ته راس ڪن، پوءِ وري سندن لاڳ تي کٽ پٽ شروع ٿئي.
    157. سير مٿان، سوا سير. (پھاڪو)
    ڀلي تي ڀلي آهي. هڪ ٻئي جي مٿان آهن.
    158. سيرو کاڌو، پاتل ڦاٽي. (پھاڪو)
    159. سيلھن ۾ جي هٿ وجهندا، سي سور ھڏهين سهندا. (پھاڪو)
    160. سيڻ ڏسي، ٺرن نيڻ. (چوڻي)
    سھڻي شڪل ڏسي ٺري، ٺڳن وس وڃي چڙهي.
    161. سيڻپو، ويڻپو، ويرپو. (چوڻي)
    162. سيڻن ڏنو؛ سانوڻ جو مينهن. (پھاڪو)
    __________________


    ( ش )

    ( ش )
    1. شاديءَ کان وڏي، نيکٽي. (پھاڪو)
    نيکٽي: شاديءَ کان پوءِ مائٽن جي آوت جاوت.
    2. شاڪـرَ کي شُڪُرُ، موذيءَ کي ٽڪر. (چوڻي)
    3. شام جو ڀليل، صبوح جو گهر آيو سو به نه ڀليو. (پھاڪو)
    4. شاهدي ڏجي حق جي پاران، لٺ هڻجي ڀاءُ جي پاران. (چوڻي)
    5. شاهوڪار جڏهن چاهي تڏهن کائي، غريب کي جڏهن ملي تڏهن کائي. (چوڻي)
    6. شاهوڪار جو سالو سڀڪو سڏائي، غريب جو ڀيڻيويو به ڪو ڪو نه سڏائي. (چوڻي)
    7. شاهوڪار جي جوءِ مري يا جاءِ ڪري، ٻئي نيون ملنديس. (پھاڪو)
    8. شاهوڪار کارائي شاهوڪار کي، غريب کارائي شاهوڪار کي. (پھاڪو)
    9. شاهوڪار کي ڪرسيءَ تي به گدي ملي. (پھاڪو)
    10. شاهوڪارن جا سو سلامي، گهڙي گهڙي ڪن غلامي! (چوڻي)
    11. شبد مهل ستا، ڀڄن مهل ڀڳا، پرشاد مهل ائين آيا، جيئن قلندر جا ڪتا. (ورجيس)
    12. شراڪت جي ديڳ، ڌڻي تپائي. (چوڻي)
    شراڪت: ڀائيواري.
    13. شرع، ظاهر تي آهي. (چوڻي)
    جيڪي ظاهر ٿيندو، انھيءَ پرماڻ انصاف ٿيندو.
    14. شرع هٿ وڍائي، ته وڍيا وڃن. (چوڻي)
    شرع: انصاف.
    15. شَرَع ۾ ڪهڙو شرم؟ (چوڻي)
    شرع ڪرڻ ۾ ڪھڙو شرم آهي.
    16. شرم سٺو ڪپڙو، همٿ وڏو هٿيار، بي مانو سو چئجي، جو هجي پنھنجن کان ڌار. (چوڻي)
    17. شرم ويو شڪارپور، لڄ ويئي لاڙڪاڻي. (گفتار)
    18. شريڪت ۾ مريڪت ڇو ڪجي؟ (چوڻي)
    شريڪت: ڀائيواري.
    19. شڪارپوري، نيت بري. (چوڻي)
    شڪارپوري: واپاري.
    20. شڪر ڪر صحيح، ته تو ئي سان توهَه ٿئي. (چوڻي)
    ٺيڪ نموني ايشور جو شڪر ڪر ته تو تي توهه يعني ڌڻيءَ جو رحم ٿئي.
    21. شوروو حلال، ٻوٽيون مردار. (ورجيس)
    22. شيخ جلال، ڪتو ٻلو حلال. (چوڻي)
    شيخ صاحب يا وڏو ماڻهو ته ڪتو ٻلو به حلال ڪري ويندو.
    23. شير شاھ جو شڪرو، گهر جا ڪڪڙ ماري. (پھاڪو)
    شڪرو: باز.
    24. شينهن ۽ مواليءَ جو منهن، هميشه ڌوتل هجي. (چوڻي)
    25. شينهن اڳيان لڪڙي اُڇلڻ سولي، پر وري کڻڻ اولي. (پھاڪو)
    26. شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا، چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا. (چوڻي)
    _____________


    ( ص )

    ( ص )
    1. صافو رکيو آهي ڪلهي تي، چي؛ صافو ڙي صافو! (ورجيس)
    صافو: ڀنگ ڇاڻڻ لاءِ ڪپڙو.
    2. صبوح ويئي، سانجهي آئي، اَدي ٻائي، مون ڪا ويرم لائي. (گفتار)
    ڪا زال صبوح جو وڃي ۽ سانجهيءَ جو موٽي اَچي گهر ۾ ڀيڻ کي ٻڌائي ته مون ڪا دير ڪئي؟
    3. صَدَرُ جتي به وهي اُتي صدر آهي. (پھاڪو)
    صدر: مکي، چوڌري، سريتي.
    4. صرفو ڪرين، پٽ هنڊاءِ. (پھاڪو)
    ڪفايت ڪرڻ چاهين ته ريشم پاءِ. ڇاڪاڻ ته ريشم جهالائو ٿيندو آهي. هلڪي شيءِ وٺڻ سان گهڻو وقت ڪا نه جٽاءُ ڪندي آهي.
    5. صفا راند، سونٽي جي. (پھاڪو)
    سونٽيون (هٿيار) کڻي ڳالهه نبيرڻ؛ آهي صفا راند.
    6. صلاحين شينھن ٻجهن، ڪم ڪرهين نه ٿئي. (پھاڪو)
    صلاحون ڪري مٺ محبت ۾ شينهن جھڙو جانور به پنھنجي وس ۾ ٻڌي سگهجي ٿو پر ڪرهه يعني جهيڙو ڪرڻ سان ڪو به ڪم ڪو نه ٿئي.
    __________________


    ( ض )

    ( ض )
    1. ضامنگيري؛ تاوڻ گيري. (چوڻي)
    تاوَڻ: نقصان. ۲. ضامن ڪنھنجو پوڻ آهي، نقصان سھڻ.
    2. ضرور، ڪم شيطان جو. (چوڻي)
    شيطان ئي چئي سگهندو ته مان اِهو ڪم ضرور ڪندس.
    __________


    ( ظ )

    ( ظ )
    1. ظلم قائم آهي پر نه ظالم. (چوڻي)
    ظلم ڪندڙ ٿورو وقت جيئرو رهي مري ويندو، پر سندس ڪيل ظلم قائم رهندو.
    _________


    (ع )

    (ع )
    1. عادت نه مٽي عادتي، علت مور نه جاءِ، اُٺ پوي ڪڻڪ ۾، ته به ڪنڊا چڻ چڻ کاءِ. (چوڻي)
    2. عشق؛ انڌو آهي. (چوڻي)
    هڪ وار ڪير پيار ۾ ڦاٿو ته انڌو ٿي وڃي. سندس اکيون پورجيو وڃن. کيس چڱائي ۽ مدائيءَ جي خبر ڪا نه پوي.
    3. عشق؛ نه ڏسي ذات، نه ڪذات. (چوڻي)
    ڪذات: ڪني ذات.
    4. عشق نه شُد، چٽي شد. (گفتار)
    عشق (پيار) خراب ڪونهي، پر پيار جي جيڪا چٽي يعني سزا سا خراب آهي.
    5. عشق ۽ کسٿوري، لڪڻ جا ڪونھن. (چوڻي)
    6. عقل آهيرن جو، ڌريون ئي ويو؛ مڱائن هڪڙو، پرڻائن ٻيو. (چوڻي)
    آهيرن: جهنگلي ڄٽ. ڌريون: ڌر کان، منڍ کان.
    7. عقل بنان آدمي، پسونءَ سمان. (چوڻي)
    8. عقل ٺهي ڪو نه، ڇڪي ڪري ڪياڙي رکائي آهي. (ورجيس)
    9. عقل ريءَ عذاب، گهڻا پسندينءَ جندڙي. (چوڻي)
    اي جند! بنا عقل جي گهڻيئي تڪليفون ڏسندينءَ.
    10. عقل، ڪنهن جي ميراث ڪانهي. (چوڻي)
    11. عقل، کائي غم. (چوڻي)
    12. علت وڃي، عادت نه وڃي. (چوڻي)
    13. عمر جي آشنائي، سَوَ ورهه جي ساڃاهه. (چوڻي)
    آشنائي: دوستي، واقفيت.
    14. عمر وٺي وٺي مارئي وٺندو، ٿر ته ڪين ٿيلهيندو. (پھاڪو)
    15. عيد کان پوءِ، چنڊ مبارڪ ڪهڙي ڪم؟ (پھاڪو)
    16. عيسى نه موسى، وڏا پير پئسا. (چوڻي)
    ____________


    ( غ )

    ( غ )
    1. غريب جو ڀيڻيويو ڪو ڪو نه، شاهوڪارن جا سالا کوڙ. (چوڻي)
    2. غريب جي جوءِ، جڳ جي ڀاڄائي. (چوڻي)
    3. غريب جي قرض جو، وڏو کڙڪو. (چوڻي)
    4. غريب چوي مان ڇا کاوان؟ شاهوڪار چوي مان ڇا سان کاوان؟ (چوڻي)
    غريب ويچارو هميشه منجهيل آهي ته ڇا کاوان پر شاهوڪار کي کاڌو ته موجود آهي پر رڳو منجهي ٿو ته ڪھڙو کائي ڪھڙو کاوان. يعني گهڻيون گڏي کاوان. ڪيڏو نه تفاوت.
    5. غريبي؛ سڀ جي بيبي. (چوڻي)
    __________________


    ( ڦ )

    ( ڦ )
    1. ڦاٽڙي نه سبي جا، سا راجا جي نه راڻي. (پھاڪو)
    راجا جي راڻي ڪيئن ٿي سگهندي، جا ڦاٽل ڪپڙو نه سبي سگهي!
    2. ڦاڙڻ سٿرو، ٽوپو ڏيڻ ڏکيو. (پھاڪو)
    3. ڦاڙهو جتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي. (پھاڪو)
    ڦاڙهو: هرڻ. اوجهه: اُڳاري.
    4. ڦاسڻ کان پوءِ، ڦٿڪڻ ڪھڙو؟ (چوڻي)
    5. ڦٿل گدرو، پترن نمت. (پھاڪو)
    6. ڦٺ بجو ڪج، پر گيهه ذرو ڏج. (ورجيس)
    7. ڦٺ تنھنجي جيئڻ کي، جو رکي پرائي آس. (چوڻي)
    8. ڦرجي آءُ، ته گڏجي هلون! (گفتار)
    9. ڦر کان اڳ، ڄَرَ ڪڍڻ! (ورجيس)
    ڦر: ننڍڙو ڄاول جانور. ڄر: اور.
    10. ڦرندي گهرندي نامردان دي، مردان دي هڪ. (چوڻي)
    11. ڦريا، سي ڦريا. (چوڻي)
    12. ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ. (پھاڪو)
    13. ڦڦڙ نه گوشت، عامل نه دوست. (چوڻي)
    14. ڦڳڻ ڦوسارو؛ راتيان سيارو، ڏيھان اونهارو. (چوڻي)
    15. ڦلان ڀري ٽارڙي، ڀوران ڀڳي نه جاءِ. (چوڻي)
    16. ڦلو هڪ ڳوٺاڻو هو، مزي جھڙو واڻيو هو. (چوڻي)
    17. ڦلوءَ واڻئي رات وهاڻي، ڳالهين ڪندي ڳوٽي کاڻي. (چوڻي)
    ڦلو: ماڻھوءَ جو نالو. ڳوٽي: برادري، ساري. ۲. چيو وڃي ٿو ته ڦلوءَ نالي هڪ شخص تمام وندرائيندڙ هوندو هو، جنھن جون ڳالھيون ماڻھن کي ڏاڍيون وڻنديون هيون. ڦلو ڳالھيون ڪڍندو هو ته ماڻھو راتين جون راتيون ويھي سندس ڳالهيون ٻڌندا هئا ۽ کين ٻيا ڪم ڪاريون وسري وينديون هيون.
    18. ڦيري ڏس فقير، هٿ پنھنجي هيانءَ تي. (گفتار)
    پنھنجي دل تي هٿ رکي ڏس ته برابر خبر پويئي.
    __________________


    ( ق )

    ( ق )
    1. قاضي ڄاڻي، قيامت ڄاڻي. (پھاڪو)
    2. قاضي، رشوت تي راضي. (چوڻي)
    3. قبر ۾ ٺھيئي ڪين، ختمن آڻي ڊوڙ رکي آهي. (ورجيس)
    ختما؛ جيڪي مئلن جي يادگيريءَ ۾ کارائبا آهن.
    4. قدرت جي چٺي، ڪنھن نه پڙهي ڏٺي. (پھاڪو)
    5. قرض؛ ڪوڙهه جو ٽڪو آهي. (پھاڪو)
    6. قرض کڻي، ڪنگڻ نه پائجن. (پھاڪو)
    هيئن به چون: هٽ کٽائي، حلوا نه کائجن.
    7. قرض؛ وڏو مرض. (چوڻي)
    يا هيئن به چون: قرض؛ ڪوڙهه جو ٽڪو.
    8. قضا، پڇي ڪا نه اچي. (چوڻي)
    9. قلندر پٺيان، گهڻيئي ڪتا پيا ڀونڪن. (پھاڪو)
    10. قهر درويش، بر جان درويش. (پھاڪو)
    _____________


    ( ڪ )

    ( ڪ )
    1. ڪاتي ٿي سوني، ته ڪنڌ ڪين ڪپبو ڇا؟ (پھاڪو)
    ڪاتي کڻي سوني ٿي پر ڪنڌ تي وھڻ کان پوءِ ڪنڌ ته ضرور ڪپي سگهي ٿي.
    2. ڪاتي ڪري گدري تي، ته به گدري جوکو، گدرو ڪري ڪاتيءَ تي، ته به گدري جوکو. (پھاڪو)
    ٻنهي حالتن ۾ گدري کي ئي ڏک سھڻو آهي.
    3. ڪاٺ سان گڏ، لوهه به تري ويندو. (پھاڪو)
    4. ڪاٺ کٽو، واڍو ڇٽو. (پھاڪو)
    5. ڪاٺيءَ ڪاٺيءَ، لڇ. (پھاڪو)
    لڇ: لڇمي. ۲. ڪن کي خيال ويٺل آهي ته ڪنھن ڪاٺيءَ ۾ ڪھڙو ڀاڳ آهي ته ڪنھن ۾ ڪھڙو.
    6. ڪاڏي ڪوري، ڪاڏي ترار؟ (پھاڪو)
    ڪوري ويچارو غريب، پنھنجي روزگار واسطي ڪپڙي اڻڻ ۾ ئي پورو سو ترار ڪئن ٻڌندو؟
    7. ڪاڏي منهن مريم جو، ڪاڏي اللهه يار. (پھاڪو)
    8. ڪارو ڪوئلو، کير ۾ ڌوپڻ سان به اَڇو نه ٿئي. (پھاڪو)
    9. ڪارو منھن ڪتي جو، رَٻَ اوتري جي اوتري. (پھاڪو)
    10. ڪارو وهي ڪمري وٽ، رنگ نه مٽائي ته عادت ضرور مٽائي. (پھاڪو)
    ڪمرو؛ چٽ ڪمرو.
    11. ڪاسائيءَ کي ماس جي، ٻڪريءَ کي ساس جي. (پھاڪو)
    12. ڪالهوڻي ڪال گئي، اڄ پڻ ڏينھن ٻيو، جنھن ۾ ماڻ پيو، ساراهه رهندي ڪيترو؟ (چوڻي)
    13. ڪانگ کي، لڙ ۾ مزو. (پھاڪو)
    لڙ: گوڙ، شور.
    14. ڪانگ مري ويا آهن، جو لولو حج ڪرڻ هلندو؟ (پھاڪو)
    لولا هميشه ڪانگ کائي ويندا آهن. لولا ڪئن ٻاهر سفر ڪرڻ ويندا؟ ڪانگ مري ويا آهن ڇا؟
    15. ڪانءَ جي درشٽي، هميشه گوبي تي. (پھاڪو)
    گوبو: نڪ مان نڪرندڙ مئل.
    16. ڪانءُ ڪبوتر نه ٿئي، توڙي ٻڌجيس سونو پر. (پھاڪو)
    17. ڪانياري ٻلي، ڪئي جي/سندي جوءِ. (پھاڪو)
    ڪانياري: آڌين، ڊڄڻي، هيڻي. ۲. حقيقت ڪري ڪوئو پاڻ ٻليءَ ڀر ڊڄندو آهي پر حالتن سارو ٻليءَ کي به ڪوئي جي آڏو آزي ڏيڻي پوي ٿي.
    18. ڪاڻا سوامي، نمسڪار! چي؛ بابا لڙائيءَ جا پار. (پھاڪو)
    19. ڪاڻو پٽ، کاٽائو به چڱو. (چوڻي)
    20. ڪاڻو چاهي، ته ٻين جي اک نڪري ته چڱو. (پھاڪو)
    21. ڪاڻي وسوڙي، چي؛ مڙس ويو اٿم اک کي. (پھاڪو)
    ڀورڙي اِستري اِهو به وشواس ڪري ته سندس ڀتار سندس لاءِ اک ڳولهڻ ويو آهي.
    22. ڪاڻي وڻي ڪا نه، ڪاڻيءَ بنا سري ڪا نه. (پھاڪو)
    23. ڪاڻيءَ جي وهانءَ ۾، سنڪٽ گهڻا. (پھاڪو)
    سڪنٽ: اٽڪون.
    24. ڪاهيندڙ جي پٺ ۾، ڀڄندڙن جي اڳ ۾. (ورجيس)
    25. ڪتا ڀؤنڪ ته ميڪون ننڊ آوي. (گفتار)
    26. ڪتا تو نه منھن، تنھنجي ڌڻيءَ منھن. (گفتار)
    27. ڪَتِ به ڪُنبَ به ڇو ته اڳيان توريندڙ تکا، جي اگهيو ته پاءُ، نه ته مڻ به موٽايو ويندءِ. (چوڻي)
    ڪنب: ڪنبڻ، ڊڄڻ. اگهڻ: قبول پوڻ. تکا: هوشيار.
    28. ڪتن کان سواءِ، شڪار ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
    29. ڪتو به کاڌو، ڪک به نه ڀري. (ورجيس)
    30. ڪتو جنھن کي چڪ پائي، پادر به تنھن کي لڳن. (پھاڪو)
    31. ڪتو ڇا ڄاڻي، ڪڻڪ جي مانيءَ مان. (پھاڪو)
    32. ڪتو ڪتي کي نه سهي، فقير فقير کي نه سهي. (چوڻي)
    33. ڪتو، ڪڙم جو ويري. (پھاڪو)
    34. ڪتو؛ نه ڏسندو، نه ڀوڪندو. (پھاڪو)
    35. ڪتو وِهي، ته به پڇ لٽڪائي وهي. (پھاڪو)
    36. ڪتو ۽ ڪپاٽ، ٽوڙهي سان ٽپائجي، ساڌو ۽ سپاٽ، وهارجي وچ ۾. (چوڻي)
    ڪپاٽ: نالائق. سپاٽ: لائق. ٽوڙي: نوڙي. ۲. ڪتي ۽ نالائق کي نوڙيءَ سان ٽپائجي پر ساڌو سنت ۽ لائق کي مان شان سان وچ ۾ ويھاري آدرڀاءُ ڪجي.
    37. ڪتي جا ڏند، گڏهه جو ماس. (پھاڪو)
    ڪتي جا ڏند به ڪنا ته گڏهه جو ماس به گندو. بڇڙي ماڻهوءَ سان، ڀڇڙو پڄي!
    38. ڪتي جو پڇ، ٻارنهن مھينا نڙ ۾ وجهڻ سان سڌو نه ٿئي. (پھاڪو)
    39. ڪتي کي کٽي کڻي، ته ڊوڙي مسجد ڏانهن. (پھاڪو)
    40. ڪتيم سڀ ڄمار، پاندي پوري نه ٿي. (گفتار)
    41. ڪٿي اگهي ڪين، ڪٿي لڀي ڪين. (ورجيس)
    42. ڪٿي چور سڃا، ڪٿي ڍور سڃا. (پھاڪو)
    ڪي چور ڍورن کانسواءِ سڃا ته ڪٿي ڍور جهنگلن ۾ هڪليندڙن کانسواءِ سڃا پيا لڳن.
    43. ڪٿي ڏنائين آل جال، ڪنھن کي ڏنائين سڪ سرير ۾. (چوڻي)
    آل: اولاد. جال: ججهو.
    44. ڪٿي گنگو تيلي، ڪٿي راجا ڀوڄ؟ (پھاڪو)
    45. ڪُٽِ ڍڳي جو، ماءُ ڀيڻ سان خار. (چوڻي)
    خار هئڻ ڪري ڍڳي کي ڪٽڻ.
    46. ڪپڙو سو، جو ڪشادو. (چوڻي)
    ڪپڙو ڪشادو سبائڻ سٺو آهي، جو پاڻيءَ ۾ وجهڻ سان سسي سگهي ٿو.
    47. ڪپڙي کي پٽي پوندي، نه پيٽ کي. (چوڻي)
    48. ڪجهه اللهه مٺي، ڪجهه اگهه مٺي. (ورجيس)
    ڪجهه فصل گهٽ لٿو ۽ وري بازار ۾ وڪڻڻ وقت اگهه گهٽ مليو. ٻنهي پاسي نقصان ٿيو.
    49. ڪڃريءَ جو يار، بهريءَ جو شڪار؛ سدا خوار. (چوڻي)
    50. ڪچي وزيران، ٿئي ٺـُڙڪو ٺَڪُرُ. (پھاڪو)
    ٺڙڪو: هلڪا، نول، ننڍا. اَڻ آزمودگار وزيرن (صلاح ڏيندڙ) مان وري راجائون راڄ ڪندڙ به هلڪا نڪرن. صلاحون ڏيندڙ جيڪڏهن اڻ آزمودگار آهن ته اُنهن جي صلاح وٺندڙ اهڙا ئي ٿيندا.
    51. ڪچيءَ ڪنا نه وريا، ته پڪيءَ ڇا ورندا. (پھاڪو)
    52. ڪڇان ته پٽجن مڇان، نه ته ويٺو لڇان. (گفتار)
    53. ڪڇ ڦريو جوڳين، سنڌ ڦري ٺوڳين. (چوڻي)
    54. ڪَڇُن کنئي، ڦڦڙ پيا ڏسجن. (ورجيس)
    55. ڪڍ ڪڪڙِ دائري مان، وڻ ٿي وڃائي. (گفتار)
    56. ڪڍي ڪاڍارا، ڏئي اُڌارا! (ورجيس)
    ڪاڍارا: ڪاڍارا ڪڍڻ. ۲. اينگهجي، اينگهجي ڪا شيءِ هٿ ڪري، وري اُڌارو ڏيئي ڇڏجي ته ڪھڙي عقلمندي آهي؟
    57. ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾. (ورجيس)
    انسان جي مٿان ڪڏهن تڪليف جا بار (ڀري) آهن ته ڪڏهن ڀاڪرن ۾ (سکن ۾) آهي.
    58. ڪڏهن تولو، ڪڏهن ماسو، ڪڏهن خرار، ڪڏهن ڪاسو. (ورجيس)
    59. ڪڏهن ماٽي مٽ تي، ڪڏهن ماٽيءَ مٿان مٽ. (پھاڪو)
    سنڌ ۾ پلن مارڻ لاءِ، مهاڻا مٽ پيٽ سان ٻڌي، درياهه ۾ گهڙندا آهن. پلن مارڻ کان پوءِ، وري مٽ ۾ پلا وجهي، مٿي تي رکي گهر واهي ٿيندا آهن. پھاڪي وارو رڳو ڏيکاري ٿو ته ڪڏهن ڪير هيٺ آهي، ته ڪڏهن ڪير مٿي آهي.
    60. ڪڏهن مئا به مَسَاڻَ مان موٽيا آهن؟ (پھاڪو)
    61. ڪڏهن هاڙھي هياس، اڄ ڀِچان ته ڀيچي نه ٿيان. (ورجيس)
    ڀيچي: ڀائيوار، مدد ڪندڙ.
    62. ڪر چڱائي ڄٽ سان، ڦيري هڻئي پٽ سان. (چوڻي)
    63. ڪرمن جي وهي، برهما به ڪو نه جاچي. (چوڻي)
    64. ڪرم هيڻ کيتي ڪري، بلد مري يا ٽوٽا پڙي. (چوڻي)
    بلد: ڏاند.
    65. ڪرند پسند، ڏيند لهند. (چوڻي)
    جيڪي ڪيو آهي تنھن تي راضي ٿي پسند ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڏجي ٿو سو ملي ٿو.
    66. ڪري سو پائي، فقير کير کنڊ کائي. (چوڻي)
    هيئن به چون؛ ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي.
    67. ڪسيري جي ڪتي، ٽڪي جا نان کائي. (ورجيس)
    ڪسيرو: مني پائي.
    68. ڪشيئي نه ڪمان، پڙيئي نه ضمان، ٽپيئي نه کوها، رهيئي نه جوئا. (چوڻي)
    ڪمان مان تير سنڀالي ڇوڙجي، ضامن نه پئجي، کوهه نه ٽپجي، جوا تي نه ويھجي.
    69. ڪڪر ڏسي، دلا نه ڀڃجن. (پھاڪو)
    70. ڪُڪڙ ڪورين جي، نانءُ وڏيري جو. (ورجيس)
    71. ڪکان ڪوڙي باهه، غُلامان دوستي، يار نه ڪجي؛ ڏوم، پيادو، پوستي. (چوڻي)
    ڪکن جي باهه ڪوڙي سمجهڻ گهرجي، غلام، ڏوم/ لنگهي ۽ پوستي (نشئي) ماڻهن جي دوستي بي اعتبار آھي، ساڻن پيادل نه وڃڻ گهرجي. جو انھن سڀني تي ويساھ ڪونهي.
    72. ڪک پاڻيءَ تي ترن، گوڏا پيٽ ڏانھن ورن. (پھاڪو)
    73. ڪک جو چور، سو لک جو چور. (چوڻي)
    74. ڪَکَ سان به وير نه وجهجي. (چوڻي)
    75. ڪک هيٺان، لک پيو آهي. (پھاڪو)
    هيئن به چون؛ ساريءَ هيٺ، ڀتر.
    76. ڪلام، ڪنڌ ڀر هڻندو. (چوڻي)
    ڪلام: ايشور جو آواز. مسلمانن جو ڪلمو. ۲. انياءُ ڪندڙ کي ايشور جو آواز ڪنڌ ڀر هڻندو.
    77. ڪماليت کي، زواليت. (چوڻي)
    78. ڪمبختي اَچي ته اُٺ چڙهيل کي به ڪتو چڪ پائي. (پھاڪو)
    79. ڪم ٿورو، ڦڙ ڦڙ گهڻي. (ورجيس)
    80. ڪم پرين سڀڪو آهي، چم پرين ڪو نه آهي. (چوڻي)
    ڪم ڪارج ڪندڙ ماڻھو، هر ڪنھن کي پرين (پيارو) آهي. چم پرين (چمڙيءَ پيارو، سونهن وارو) ڪنھن کي پسند ڪو نه آهي.
    81. ڪم پوي، ڪل پوي. (چوڻي)
    ڪنھن ۾ ڪم پوي، پوءِ انھيءَ جي ڪل (سڌ) پوي. ۲. جيستائين ڪم نه پيو آهي، تيستائين خبر پئجي ڪا نه سگهندي.
    82. ڪم خرچ، بالا نشين. (ورجيس)
    گهٽ خرچ ڪري ۽ اعلى درجو حاصل ڪريو.
    83. ڪم شروع ٿيو، اڌ پورو ٿيو. (چوڻي)
    84. ڪم قوت، آڪڙ بهت؛ مار کائڻ جي نشاني. (چوڻي)
    بدن ۾ طاقت هجي گهٽ ۽ آڪڙ ڪجي گهڻي ته مار کائڻ جون نشانيون آهن.
    85. ڪم، ڪم کي ئي سيکاريندو. (چوڻي)
    86. ڪم لٿو، ڊکڻ وسريو. (پھاڪو)
    ڊکڻ: واڍو.
    87. ڪمند ڪڙو لڳي ته وات کي ڏوهه ڏجي. (پھاڪو)
    88. ڪم نه ڪار، ڀانگا ويهي ٻار. (چوڻي)
    ڀانگا: ڇيڻن جو قسم.
    89. ڪُمھلو مھمان، پاڻ کي پٽائي. (چوڻي)
    ڪمھلو: بنا مھل جي آيل، بي وقتو آيل.
    90. ڪميڻو پنھنجي ڪميڻائپ مان، ڪڍي نه ڪاف. (چوڻي)
    91. ڪنڀر جو دلو ڀڳو، منھنجي مٽي چيڪي. (چوڻي)
    92. ڪنڀر جي گهر، ڀڳل دلا. (پھاڪو)
    93. ڪن پراوا ٿيا، واليون به ٻرايون ٿيون. (چوڻي)
    94. ڪن جو کلڻ کپت جھڙو، ڪن جو روئڻ راحت جھڙو. (چوڻي)
    کلي گهر ڪرڻ يعني نه کلي ڪجهه گهر ڪري ڇڏايون. ڪن جي روئڻ ۾ راحت.
    95. ڪن جي آئي، ڪن جي ڄائي. (چوڻي)
    گهر ۾ ڪن جي اچڻ ڪري جھڙوڪ نونهن وغيره ڪري ڀاڳ کلي پوندو آهي، وري ڪنھن جي ڄائي ڀاڳ کلندو آهي.
    96. ڪن جي اڳياڙي، ته ڪن جي پڇاڙي. (چوڻي)
    97. ڪن جي ماني ڪري نه مور، ڪن جا ٽڪر ٿو ٽيڻا ڪري. (چوڻي)
    98. ڪنڌيان پار، قنڌارون پار. (پھاڪو)
    99. ڪنڊو لڳو آ پير ۾، کوٽجي پيو گوڏو. (ورجيس)
    100. ڪنڊو لڳو اٿس پير ۾، کوٽي ٿو گوڏو، چي؛ اڳ ٿو وٺانس. (ورجيس)
    101. ڪنڊو، ڪڍي ڪنڊي کي. (پھاڪو)
    ڪنڊو ئي ٻئي ڪنڊي کي آسانيءَ سان ڪڍي سگهندو آهي. ۲. چور کي چور جهلي سگهندو آهي.
    102. ڪِنُ ڪِنَ سان ڪين ڌوپندو. (پھاڪو)
    103. ڪن کي ڇڪ، ته مٿو پاڻيهي ڇڪجي ايندو. (پھاڪو)
    104. ڪنگر ۾ ڪڪڙا، پڙي مبارڪ. (پھاڪو)
    اَڃا ڪڪڙا پيا پاڻيءَ ۾ پسن ته پڙي کي مبارڪون پيئون ملن.
    105. ڪن ۾ ٻڌل اکر، پاڻ پريان ٻڌڻ ۾ اچن. (چوڻي)
    106. ڪنن جي ڳالهين، مير بجر کي مارايو هو. (چوڻي)
    107. ڪنن ۾ ڏٽا، اکين تي پٽا. (ورجيس)
    108. ڪِنو سهن، پر ڏِنو نه سهن. (ورجيس)
    109. ڪنھن جي ٻڪري، ڪير وجهي گاهه! (گفتار)
    ڪنھن جي شيءِ آهي ۽ ڪير سنڀالي؟
    110. ڪني آڱر، وڍي ڀلي. (پھاڪو)
    111. ڪني اڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي. (پھاڪو)
    112. ڪُني ڦرائجي، ٻني نه ڦرائجي. (پھاڪو)
    113. ڪني ڪاڻ، ڳئون چاريم ڳوٺ جون؟ (پھاڪو)
    114. ڪِنين ماضي من ۾، ڪنين اِستقبال، حيف تنين جي حال، جن وساريو حال کي. (پھاڪو)
    ماضي: گذريل. اِستقبال: آئينده. حال: هلندڙ وقت. حيف: شرم.
    115. ڪڻڪ سان گڏ، گُهڻا به پيسجن. (پھاڪو)
    گُهڻا: جيت.
    116. ڪڻڪ ڪڍي، بُههَ کي ڏجي باهه. (گفتار)
    ڪنھن ڳالهه مان سٺي ڳالهه ڪڍي، باقي نڪمي شيءِ کي باهه ڏيئي ڇڏجي.
    117. ڪڻڪ کري ته ٻڻڪ ڪري، جوئر کري ته ڪاڻي ڪري. (پھاڪو)
    118. ڪڻ کاڌو، ته مڻ کاڌو. (پھاڪو)
    119. ڪوڏي حرام، بجڪو حلال. (ورجيس)
    120. ڪورو دلو، ڪلر ڪري. (پھاڪو)
    نئون دلو زمين تي رکبو ته منجهانئس پاڻي ٽمي ڪلر يعني لوڻياٺي زمين ڪندو. اَڻ آزمودگار ماڻھو به ڪم بگاڙيندو.
    121. ڪوري پلوين، نه پائجي. (پھاڪو)
    ڪورو: اڻ ڌوتل، اڻ استعمال ٿيل.
    122. ڪوري کڏ کڻي، پر پاڻ اُن ۾ پوي. (پھاڪو)
    123. ڪوري هڻ نڙو، ته نه ٿئي دڙو. (پھاڪو)
    ڪوري ڪپڙي اڻڻ واري کي چيو ٿو وڃي ته نڙو هڻ جئن نه هڻڻ ڪري وري اُتي دڙو يعني ڌاڳو ٻاهر نڪري ڳنڍ ڪري. مطلب ته ماٺ ڪري نه ويھ، ڪم ڪندو هل.
    124. ڪوريءَ جي من ۾، جيڪي هوندو سو ئي اُڻندو. (پھاڪو)
    125. ڪوڙ؛ ايمان جي ڪتر آهي. (چوڻي)
    126. ڪوُڙاڻ قبولجي، ميٺاڄ واسطي. (پھاڪو)
    127. ڪوڙ ته ڪھڙو صرفو؟ (چوڻي)
    ڪوڙ ڳالھائڻ ۾، سنجم ڪھڙو ڪبو؟
    128. ڪوڙ جي پاڙ، ٺڪريءَ تي. (چوڻي)
    129. ڪوڙ چڱو انھيءَ سچ کان جو مصيبت آڻي. (چوڻي)
    130. ڪوڙهيو ڪتو، کنهڻ کان سواءِ نه رهي. (پھاڪو)
    131. ڪوڙي اُستتي، نندا جي نالي. (پھاڪو)
    132. ڪوڙي جي ڳالهه؛ کُڏ جي ڊوڙ. (پھاڪو)
    133. ڪوڙي ساراهه ڪرڻ به گلا وانگر آهي. (چوڻي)
    134. ڪوڙي سڄڻ کان، سچو ويري به چڱو. (پھاڪو)
    135. ڪوڙي کي، کُڻين کُٽائجي. (پھاڪو)
    کُڻين: قسم. کٽائڻ: ڏيوالو. ڪوڙي ماڻهوءَ کي قسم کڻائي ڏيوالو ڪڍائي ناس ڪجي.
    136. ڪوسا ناوڻ، ٿڌا کاوڻ، ته ويڄ پاس نه جاوڻ. (طبي، چوڻي)
    137. ڪوسو پاڻي، ڪک ڪو نه ساڙي. (پھاڪو)
    138. ڪوُنڊي ڪي اِس طرف يا اُس طرف. (ورجيس)
    يا هيڏانهن يا هوڏانهن. هڪ هڪاڻي ڪرڻ.
    139. ڪونھي سؤ، ڪونهي ڀؤ. (پھاڪو)
    ناڻو ڪونهي، ته ڊپ به ڪونهي.
    140. ڪُوَڻِ کي پاڻيءَ جيان، پيڙي پياريم ڪماند، نڪو زهر زمين ۾، نڪو ڌاتوري ڌرپاند، ڪمائي ڪم ذات سان، وڃي ٿي وڙواند، جنھن جو بد بنياد، تنھنجو ميوو مٺو نه ٿئي. (پھاڪو)
    ڪُوَڻ: خراب وڻ. ڪماند: ڪمند. ڌاتورو: زهري ٻوٽو. ڌرپاند: زمين ۾ لڳل. وڙواند: بي فائدي.
    141. ڪوئو کوٽي، منھن ۾ پائي. (پھاڪو)
    142. ڪوئي مري ڪوئي جيوي، شتريا گهول پتاشا پيوي. (پھاڪو)
    143. ڪُهَرَ ڪيئن؟ چي؛ ان سنوان! موچڙن سان ڪيئن؟ چي؛ جهولي ئي تنھنجي. (پھاڪو)
    144. ڪهڻي سڀڪو ڪهي، پر کرو ڪو وهڻي وهي. (پھاڪو)
    145. ڪئلي لاءِ، ٻڪ پاڻيءَ جو به سمنڊ. (پھاڪو)
    146. ڪئن ڏٺي ٻلي، ته دلڙي ٿين ڍلي. (پھاڪو)
    147. ڪئو ٻر ۾ پاڻ نه پورو، ويتر ٻڌائين ڇَڄُ. (پھاڪو)
    148. ڪئي لڌي هئڊ ڳڙي، چي؛ مان پساري. (پھاڪو)
    149. ڪي پرن ۾ پيڃاريون، ڪي لوهين ۾ لعل! (چوڻي)
    150. ڪي ڄمندي ڄام، ڪي عمر ڀر اڀرا. (چوڻي)
    ڄام: شھزادا. اڀرا: ڏٻرا.
    151. ڪي چني مان چانور ڪن، ڪي چنورن مان چنو ڪن. (چوڻي)
    152. ڪي ڏوريءَ ۾ ڏنگ، ڪي سيرائي جي سَلِ. (پھاڪو)
    سيرائي: ٽونگ ڪرڻ جو اوزار جنھن ۾ ڏوري وجهي ٽونگ ڪبا آهن. سل: ٽونگ. ۲. ڪجهه ڏوريءَ جي ڏنگاڻ ڪري ڪجهه اوزار جي ڪري ٽونگ برابر نه ٿيندو آهي. ٻنهي پاسي ڀل ٿيل آهي.
    153. ڪي ڏوهائي کي ڏوهه، ڪي ساڙهيءَ ۾ سانگهيڙي. (پھاڪو)
    ڏوهائي: ڏوهڻ: ساڙهي: ٺڪر جو ٿانوءُ. سانگهيڙي: ٿانو ۾ ٽونگ.
    154. ڪي مينهاڻو، ڪي ريجاڻو. (ورجيس)
    ان پوکڻ کان اڳ، زمين ۾ پاڻي وجهي ريج ڪيو ويندو آهي. پوءِ وري جو مٿان مينهن پوندو آهي ته وڌيڪ فائدو ٿي پوندو آهي. ڪنهن کي ٻٽو فائدو ٿيندو آهي ته ائين ظاهر ڪيو ويندو آهي.
    155. ڪيئن؟ چي؛ هالا ۽ ڀينءَ. (گفتار)
    _______________


    (ک)

    (ک)
    1. کاٽائو پٽ پيءُ جو، اڻ کاٽائو پٽ ماءُ جو. (پھاڪو)
    هيئن به چون: ڪاڻو پٽ، کاٽائو به چڱو.
    2. کاڌو پرائو يا پيٽ به پرائو؟ (پھاڪو)
    کاڌو کڻي پرائو آهي پر پيٽ ته پرائو ڪونهي جو جيڪي ايندو يا جيترو ايندو کڻي پيٽ ۾ وجهبو.
    3. کاڌو کاڌو، پاتل ڦاٽي. (پھاڪو)
    4. کاڌي کان، ڏٺو ڀلو. (پھاڪو)
    کاڌي کائڻ کان ڏسڻ وائسڻ، سئر ڪرڻ سٺو آهي.
    5. کاڌي، کوهه کٽي وڃن. (پھاڪو)
    رڳو پيو کائبو ۽ وري ڪجهه پوندو ڪو نه ته ائين ڪرڻ سان ناڻي سان ڀريل کوهه هوندو ته به کٽي ويندو.
    6. کاڌي کي کامن، ڄاڙيون ڄاموٽن جون. (پھاڪو)
    کامن: پوسرڻ، خار کائڻ. ڄاڙيون: ڏاٺون. ڄاموٽ: ڳوٺ جو وڏيرو. ۲. ڳوٺ ۾ مجلس وغيره ٿئي ته ڳوٺ جي وڏيرن جون ڏاٺون پوسرڻ شروع ڪن. وات پاڻي پاڻي ٿين.
    7. کاڌي مهل کرو، ڪمائڻ محل ٻرو. (ورجيس)
    هيئن به چون؛ ۱. کاڌي مهل مڙس هاج مهل ڇوڪر. ۲. چاڪريءَ چور، نوالي حاضر. (نوالي؛ نوالو، سڻڀو گرھ، عمدو طعام).
    8. کاڌي مهل مڙس، هاج مهل ڇوڪر. (ورجيس)
    9. کارائجي هوتن وانگيان، ڪم وٺجي شينهن وانگر. (ورجيس)
    10. کاڻيون کچڻيون، اونڌا طباق! (ورجيس)
    کچڻي سڙي وڃڻ کان پوءِ، ديڳڙو ۽ ڍڪڻ اُبتا.
    11. کائن کڳ، ليکا ڏين ٺڳ. (گفتار)
    12. کائڻ سٿرو، پر کنگهڻ ڏکيو. (پھاڪو)
    13. کائين پيئن پنھنجو، پچر ڪن پرائي. (ورجيس)
    14. کائيندي پيئندي، ناني نيراني! (گفتار)
    15. کٽل آهيان، پر خان آهيان. (ورجيس)
    16. کٽئي وچان، مور ياد ئي نه آهي. (پھاڪو)
    کٽئي جي خوشيءَ ۾ اصلوڪي موري (رقم) ياد به ڪا نه ٿي پوي.
    17. کٽي آيو خان، اُگهاڙيءَ پٺيءَ. (ورجيس)
    18. کٽيو تنھنجو گهوريو، وڃائج مَ موُر. (گفتار)
    ڀلي ته فائدو ڪري نه اچ پر پنھنجي اصلوڪي رقم وڃائي نه اچج.
    19. کٽيو کائي ختيجا، ڌڪ جهلي ڌيڻس. (پھاڪو)
    ختيجا: نالو.
    20. کٽيو کائي فقير، ڌڪ جهلي ڀولڙو. (پھاڪو)
    21. کٽيو کائي مڙس جو، چي؛ جيئي ابو. (ورجيس)
    22. کٽيءَ جي گهر مان ويئي ڇوُو، ڪپڙو ڦاٽو مالڪ جو. (پھاڪو)
    ڇُوو: ڪپڙي سٽڻ جو آواز.
    23. کُٿي ڏاڙهي، هٿ نه اچي. (پھاڪو)
    هٿ مان گٿل ڪم، هٿ ۾ موٽي نه اچي.
    24. کڏ ڪريو ٺهي وڃي، دل ڪريو نه ٺهي. (پھاڪو)
    25. کـَڏَ! چي؛ جيءُ سڏ! (پھاڪو)
    کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو ته سڏ تي سڏ ڏيندو. (ڪم ايندو)
    26. کـَرُ ماڻهو، وڻ ٻاٻرو، ٻنهي ڏينھن کٽن. (چوڻي)
    کر: خراب. لچ ۽ ٻاٻري وڻ جا شل ڏينھن خلاص ٿين. ٻنهي کي ماڻهو پاراتو ڏين.
    27. کريل پٽ، منجهل سٽ، ويل ڪو نه وڃائيندا. (پھاڪو)
    28. کستوريءَ جو ملهه، دٻگر ڇا ڄاڻي. (پھاڪو)
    29. کڳا پيا آهن کوهه ۾، ٻاهر مصالح پيا ڪٽجن. (پھاڪو)
    30. کل! منھنجي کٽونءَ جا پيءُ. (پھاڪو)
    31. کلي ماريو کڳو، جنهنکي ليکو دل سان لڳو. (گفتار)
    32. کمي وَٽِ، ٻري تيل، شاباس ڏيئا شاباس. (پھاڪو)
    ڏيئي ۾ وٽ سڙندي آهي. تيل ٻري خلاص ٿيندو آهي پر شاباس وري ڏيئي کي ملندي آهي. مطلب ته تڪليفون ۽ ڪشالا هڪڙا ڪڍن پر ناموس ٻين جي ٿئي.
    33. کُنهبي جو چٽڪو؛ چار ڏينھن. (پھاڪو)
    کنهبي رنگ جو نشان ڪپڙي تي فقط چار ڏينھن جٽاءُ ڪندو آهي. تھڙيءَ طرح دنيا جون خوشيون ۽ مزا به ٿورن ڏينھن لاءِ آهن.
    34. کنئي اگهي نه، ڳولهي لڀي نه. (پھاڪو)
    35. کنئيءَ شيءِ جو ملهه، ڪونهي. (پھاڪو)
    هيئن به چون؛ ڪٿي اگهي ڪين، ڪٿي لڀي ڪين.
    36. کڻ ختيجا ڇلي! بيبي جاٽ ڪرڻ هلي! (پھاڪو)
    37. کڻ کلو، ته ٿيئي ڀلو. (پھاڪو)
    پادر (کلو) کڻ ته ڀلو ٿئي. ۲. لچ ماڻهوءَ کي سڌي ڪرڻ لاءِ پادر کڻڻ ئي سٺو علاج آهي.
    38. کوپريءَ کوپريءَ گت، نياري. (چوڻي)
    کوپري: مغز. نياري: علحدگي. گت: حالت، چال، عادت. ۲. مغز مغز جي، چال نرالي آهي.
    39. کودي به خوش ٿي ٿئي ته مونکي ڌڻين سڃاتو آهي. (گفتار)
    کودي: مؤنث، کودو، مذڪر. گڏهه جو ڦر.
    40. کوڙيءَ کي ئي گهمرو! (ورجيس)
    41. کوهه جو انت لهي سگهجي، پر نه ماڻهوءَ جو. (چوڻي)
    42. کوهه جي مٽي، کوهه کي. (پھاڪو)
    کوهه کوٽڻ کانپوءِ، جيڪا منجهانئس مٽي نڪرندي آهي سا وري کوھ کي لنبڻ ۾ ڪتب ايندي آهي.
    43. کوهه کوٽيندڙا، پاڻ پوندڙا. (پھاڪو)
    44. کوهن جا وات بند ٿي وڃن، ماڻھن جا وات بند نه ٿين. (چوڻي)
    45. کھيو واڻيو، وهيون سنڀالي. (پھاڪو)
    واپاري، کٽڻ کان پوءِ، ويهي بنديون جاچي ته ٻاهران کيس ڪجهه اوڌر اچڻي آهي ڇا.
    46. کيتي، سر سيتي. (پھاڪو)
    47. کير جو کانيل، جهَڻ ڦوڪي پئي. (پھاڪو)
    ڪنھن شخص جو ڪوسي کير پيئڻ سان وات سڙيو هوندو ته جهڻ جهڙي ٿڌي شيءِ کي به ڦوڪون ڏيئي پيئندو، جو اڳيون اگرو آزمودو هوندس.
    48. کير ڏيندڙ گانءِ جون لتون، به سهجن. (پھاڪو)
    49. کير ۽ کنڊ؛ نور ۾ نور، جواني ۽ مايا؛ پور ۾ پور، پنڌ ۽ بار؛ سور ۾ سور. (پھاڪو)
    کير ۽ کنڊ هميشه مٺو، جواني ۽ مايا جيئن پور پوي، باقي پنڌ سان گڏ بار کڻڻو پوي ته اهو سور ڏئي يعني پسند ڪو نه پوي.
    __________


    ( گ )

    ( گ )
    1. گابو مئو، چاراڻي چُڪي. (پھاڪو)
    2. گابي وانگر، چَٽِ ته چٽيانءِ. (ورجيس)
    گابن جي عادت هوندي آهي ته هڪ ٻئي کي چٽيندا آهن. ڪنھن سان ڀلو ڪبو ته اَڳلو به موٽ ۾ ڀلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
    3. گاديلو نه ڏئي، پر گادي ڏئي. (ورجيس)
    4. گاڏي ڏسي، پير سُڄن! (پھاڪو)
    گاڏي هڪي تڪي حاضر هئڻ سان پنڌ ڪرڻ ڪنھن کان پڄي ڪو نه.
    5. گانءِ کائي هلندي، گهر کائي بيٺي. (پھاڪو)
    6. گانءِ کي پنھنجن سڱن، پهلوان کي پنھنجي لڱن، ماءُ کي پنھنجي آنڊي جو بار ڪو ليکجڻ ۾ اچي. (پھاڪو)
    7. گاهي ڀوت، گاهي ولي. (ورجيس)
    8. گپ جو ڪلو، جتي کوڙ اُتي کتو. (پھاڪو)
    پرمتڙيو جنھن ڳالهه تي بيٺو اُتي بيٺو.
    9. گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدري جوکو، ڪاتي ڪري گدري تي ته به گدري جوکو. (پھاڪو)
    10. گدرو گدري کي ڏسي، رنگ مٽائي. (پھاڪو)
    11. گدري جي چور کي، ٻه لپاٽون. (پھاڪو)
    گدري جي چوري ننڍي چوري آهي، انھيءَ لاءِ ڦاسيءَ جي سزا ڪا نه ڏيڻي آهي، پر ٻه لپاٽون بس آهن.
    12. گدڙ جي لت کان، هاٿيءَ جي لت چڱي آهي. (پھاڪو)
    13. گدڙ ڊاک نه پڄي سگهي، آکي ٿوُ ڪؤڙي، ناچو ناچ نه ڄاڻندا، آکي ڀون سڙهي. (پھاڪو)
    ڪؤڙي: کٽي. ڀونءِ: زمين.
    14. گدڙ سٽاڻو گهڻو پر ڪو سورهيه جهليندو سٽ، سٽُ گهڻو ئي سٿرو پر ڪو پوندو پٽ، هندوري جي لوڏي سان ڇا سُهندي کَٽَ. (پھاڪو)
    سٽاڻو: مضبوط، طاقت وارو. ۲. گدڙ ڪهڙو به طاقت وارو هجي پر ڪو بھادر هوندو جو سٽ سهي سگهندو. سُٽ به گهڻو ئي سٿرو آهي پر پٽ (ريشم) سان ڀيٽجي ڪو نه سگهندو. هندوري (پينگهي) جي لوڏي سان ويچاري کٽ ڪيئن سونهندي.
    15. گدڙ گدڙ جي ڪوڪ نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي. (پھاڪو)
    16. گڏون فرستاد، ڏوئي رسيدَ. (پھاڪو)
    گڏون: لوٽو.
    17. گڏهه اهو ئي، آٿر ٻيا پيا ته ڀؤ ڪونهي. (ورجيس)
    18. گڏهه به جڏهن ننڍي، تڏهن سٺي. (پھاڪو)
    19. گڏهه تي گلاب، هاريندي حيف ٿيو. (چوڻي)
    20. گڏهه، پنھنجي سانوڻي هينگن ۾ وڃائي. (پھاڪو)
    21. گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهي. (پھاڪو)
    22. گڏهه جي ڪر ته لڏ ٿي وڃي، لڏ جي ڪر ته گڏهه ٿو وڃي. (ورجيس)
    23. گڏهه جي هينگ گڏهه، گهوڙي جي هڻڪار گهوڙو سمجهندو. (پھاڪو)
    24. گڏهه ڇا ڄاڻن گهيڙن مان؟ (پھاڪو)
    25. گڏهه سوَ دفعا مڪي وڃي، ته به گهر ۾ دلا اِٽيون هڻي ڀڃي. (پھاڪو)
    26. گڏهه کي به ڪو گج پائجن؟ (پھاڪو)
    گج: زالن جي پائڻ جو ڪپڙو. ۲. گڏهه کي زالن جي پائڻ جا ڪپڙا ڪئن پائبا؟
    27. گڏھ کي پنج سنج پائبا ته گهوڙو ڪو نه ٿيندو. (پھاڪو)
    28. گڏهه کي مار ڏيئي، گهوڙو ڪري ڪو نه سگهبو. (پھاڪو)
    29. گڏي اَڏجي، يا لڏي ڇڏجي. (ورجيس)
    گڏ رهجي ته مٺ محبت ۾ گڏجي رهجي، جي نه ته لڏي ڇڏي ڏجي.
    30. گذريءَ کي ياد نه ڪر، جا گذري سا چوکي. (پھاڪو)
    31. گرمي ڇڏي جهڻ ڪنگر سان، سردي ڇڏي زر ڪنگر سان. (پھاڪو)
    بدن ۾ گرمي ٿئي ته جهڻ پيئڻ سان لهي، ٿڌ لڳي ته ناڻي خرچڻ سان لهي.
    32. گرهه گرهه تي ڪچري. (ورجيس)
    33. گرو جسڪا اَنڌا، چيلا ستيا ناس. (پھاڪو)
    34. گرو ڪجي پڇاڻي، پاڻي پيئجي ڇاڻي. (پھاڪو)
    35. گرو همراهه؛ ته ڪنھن جو نه ڊپ، نه ڊاءُ. (پھاڪو)
    همراهه. ساٿي.
    36. گروءَ کانسواءِ گت ڪانهي. (پھاڪو)
    گت: موکشيه.
    37. گُگِرُ گُگِرُ پنڊا اڙيا. (پھاڪو)
    گگر: جابلو کوُنئر. پنڊا: ٽوڪرا. اڙيا: ڦاٿا، اَٽڪيا. ۲. ڪنھن ٽوڪري کي گگر جو کوُنئر چنبڙي ته ڇڏائجي ڪو نه سگهجي. ڪنھن ماڻهوءَ کي ڪجهه مدد هڪوار ڪبي آهي ۽ وري اِنهيءَ جو وجهه وٺي گهڙي گهڙي ستائڻ واري کي به ائين چئبو آهي.
    38. گمان، بي ايمان. (پھاڪو)
    39. گنجو مٿي کنهڻ کان سواءِ ڪو نه رهندو. (پھاڪو)
    40. گنجي جي مٿي ۾؛ نه جونءَ، نه لِيکَ. (پھاڪو)
    41. گنجي ڇٽي، جوُنئن کان. (پھاڪو)
    نڪو مٿي تي وار هوندا، نڪو جوُنءَ ئي پونديون.
    42. گند گند سان ڪو نه ڌوپندو، پر پاڻيءَ سان ڌوپندو. (پھاڪو)
    43. گنگوءَ وارو گوڙ! (ورجيس)
    حيدرآباد سنڌ ۾ ڪڇ وقت اڳ، گنگو پڪوڙائي رهندو هو. هو هميشه ڪوسا پڪوڙا تري ماڻهن کي کارائيندو هو. هن جا پڪوڙا ماڻھن کي ڏاڍا وڻندا هئا ۽ هميشه وٽس گراهڪن جو گوڙ لڳو پيو هوندو هو. مٿين چوڻي ائين مشھور ٿي آهي.
    44. گونگن جو ڳائڻ، ٻوڙن جو ٻڌڻ. (ورجيس)
    گونگي جو اِشارو گونگو، ٻوڙي جو اشارو ٻوڙو سمجهي سگهي ٿو.
    45. گونگو ڳڙ کائي، مشڪي ڪشڪي ڪين. (پھاڪو)
    ڪشڪي: ڪڇڻ.
    46. گھ-گيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو، مهل ۾ ڪم نه اچن. (پھاڪو)
    گھ-گيرو: گھَ ڪندڙ، ڍلو گهوڙو. پيٽيرو: گهڻو کائيندڙ.
    47. گيهه پوندي، ڪو مٿو سڙيو؟ (پھاڪو)
    48. گيهه کٽو، ڪپڙي پروان. (پھاڪو)
    ____________


    (ڳ)

    (ڳ)
    1. ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽڪي سندا موٺ. (پھاڪو)
    موٺ: دال جو قسم.
    2. ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄاڻي. (پھاڪو)
    3. ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس؟ (ورجيس)
    وات جي ميٺاج سان ڪنھن کي ڪهي سگهجي ته پوءِ هن کي سخت قدم کڻي ڇو مارجي؟
    4. ڳڙ هميشه مٺو ئي مٺو، ليمو هميشه کٽو ئي کٽو. (پھاڪو)
    5. ڳڙ هوندو ته مکيون ضرور هونديون. (پھاڪو)
    6. ڳڙ ۽ گيهه سان به، ڪڏهن نم مٺي ٿي؟ (پھاڪو)
    7. ڳل مان لهي اچي ڳچيءَ ۾ پيئي! (ورجيس)
    8. ڳلن ڪونئري، ڳلا پٽائي. (پھاڪو)
    9. ڳوٺ سئين، سا وهانءَ سئين. (پھاڪو)
    جيڪا ريت رسم ڳوٺ سان لاڳو هوندي سا اَسان جي، ڪارج سان به لاڳو ٿيندي.
    10. ڳوهه کي جڏهن کٽي کڻي، تڏهن شڪارين جا گهر ڳولهي. (پھاڪو)
    11. ڳئون ۽ مينهن ويٺي ڏُڀي، بيٺي ڏڀي اُٺ، چاري اٽي ڏجي سَڃَ، گئو اَٽي مُٺِ، جھڙو لڳي واءُ، تھڙي ڏجي پٺ. (پھاڪو)
    چاري اٽي: چانورن جو اَٽو. سڃ: تريءَ جو زور. گئو اَٽي : ڪڻڪ جو اَٽو. مٺ: مٺ جو زور.
    ________________


    ( گهه )

    ( گهه )
    1. گهاڻي جو ڏاند، ڪاسائيءَ جو ڪتو، جتي بيٺو اُتي ڇٽو. (چوڻي)
    2. گهاڻي جي ڏاند کي، گهر ۾ ئي ڪوھ پنجاھ. (پھاڪو)
    3. گهر به اچن پٽ، هٽ به اچن ٻڪيون. (ورجيس)
    گهر ۾ توڙي دڪان تي، فائدي جون ڳالهيون پيئون ٿين.
    4. گهر پيا، گهنگهر پيا. (پھاڪو)
    گهنگهر: مونجھارا، اونا.
    5. گهر جڙيو، واڍو وسريو. (پھاڪو)
    6. گهر جو ٻانڀڻ، بئل برابر. (پھاڪو)
    7. گهر جو پير، چلهه جو مارنگ. (پھاڪو)
    مارنگ: چلهه تي ديڳڙي بيھارڻ لاءِ ڀتر. ۲. پنھنجي گهر ۾ يا ديس ۾ ڪو پير يا وڏو ماڻھو هوندو آهي ته قدر ڪو نه ٿيندو اٿس. اُنهيءَ کي خارج سمجهي چلهي ۾ دخل ڪري ڇڏيندا آهن. انھن جو قدر وري ٻاهر چڱو ٿئي.
    8. گهر جو ڪن، گهر ۾ ڌوئجي. (پھاڪو)
    هيئن به چون؛ ۱. ڪني اڳڙي، ڪنڊ ۾ ڌوئجي. ۲. گهر ۾ کڏ هجي، ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟
    9. گهر جي دال ئي ڀلي، توڙي ٻاهر ملي پلو. (چوڻي)
    10. گهر جي کنڊ ڪري ڪر ڪر، چوريءَ جو ڳڙ مٺو مٺو! (چوڻي)
    11. گهر جي گهپي، مٽن جو پاڻي به سڪائي ڇڏي. (چوڻي)
    12. گهر جي نيت، قنڌار جي کٽي. (چوڻي)
    13. گهرجيئي ڀاڳ، ته سويل جاڳ. (چوڻي)
    14. گهر ڦوڪ، تماشا ديک. (چوڻي)
    15. گهر ڪي مرغي، دال برابر. (ورجيس)
    16. گهر گهوڙن کي، ٻار چورن کي. (چوڻي)
    17. گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو. (چوڻي)
    18. گهر ۾ ٻه ٺڪر، به ڪو نه ٺھن. (پھاڪو)
    19. گهر ۾ چار ٺڪر، لڳندا ئي لڳندا. (پھاڪو)
    20. گهر ۾ غرقي به ڪانھي، دم هڻي ٿو ٺوڙھيءَ جو. (ورجيس)
    غرقي؛ ٻڏل اَنُ. ٺوڙھي؛ سٺي ڪڻڪ.
    21. گهر ۾ کڏ هجي، ته ٻهر ٻاهر ڇو ڦٽو ڪجي؟ (پھاڪو)
    22. گهر ۾ کلا بجا، ٻاهر شير بھادر ٻلي. (پھاڪو)
    گهر ۾ پادر لڳن، ٻاهر ٻلي بھادر ٿي پيئي هلي.
    23. گهر ۾ گهر، ٻڏي وڃي مر. (چوڻي)
    24. گهر ۾ هڪ بيمار، ته سڄو گهر بيمار. (پھاڪو)
    25. گهر ۾ هڪ مھمان، ته سڄو گهر مھمان. (پھاڪو)
    26. گهر واريءَ جو هڪڙو گهر، بي گهريءَ جا سوَ گهر. (پھاڪو)
    27. گهڙو ڀڳو ته گهوريو، ڀڄي تان نه گهڙي. (پھاڪو)
    گهڙي: جنھن تي گهڙو رکبو آهي. گهڙو: پاڻيءَ جو دلو. ۲. دلو ڀڳو ته حرڪت ڪانهي، پر دلي رکڻ جي جاءِ ته نه ڀڄي.
    28. گِهڙيا، سي چڙهيا. (پھاڪو)
    جيڪي ڪنھن ڪم ۾ گهڙي پيا، سي ضرور ڪنھن نه ڪنھن ڏينھن چڙهي چوٽ چڙهندا.
    29. گهڙيءَ جا گهڙيال، نوان. (چوڻي)
    گهڙيال جا نوان نوان ٺڪاءَ.
    30. گهمي گهمائي وٺجي، ڏهي ڏهائي وٺجي، ٽڪي جي دانگي، ٺڪي ٺوڪي وٺجي. (پھاڪو)
    31. گهڻا؛ (ڄڻ) پٽ الله جا. (پھاڪو)
    32. گهڻ پيٽاري بگڙي، کائي ويئي جهار. (پھاڪو)
    گهڻي پيٽي (بلي) زمين جي پوک، آخر پکي کايو وڃن ڇاڪاڻ ته هر هڪ ڀائيوار پيو سمجهندو آهي ته ٻيو حصيدار پوک سنڀاليندو هوندو.
    33. گهڻن سان مرڻ به ڄڃ آهي. (پھاڪو)
    ڄڃ: شادمانو.
    34. گهڻن کنئي، ڇپر کڄي. (پھاڪو)
    ڪو به بار، گهڻا ماڻهوکڻندا ته آسانيءَ سان کڄي ويندو.
    35. گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري. (پھاڪو)
    36. گهڻو عقل، گهر جو گهاٽو. (چوڻي)
    37. گهڻو مال، گهڻو وبال. (چوڻي)
    وبال: بيماريون. ۲. گهڻو مال، گهڻيون بيماريون.
    38. گهڻي زالين گهر نه هلي، گهڻي مڙسين هر نه هلي. (پھاڪو)
    39. گهڻي کاڌي، گهڻي بک. (پھاڪو)
    40. گهوٽ ڪنوار راضي، ته ڪيا ڪريگا قاضي؟ (پھاڪو)
    41. گهوٽ ماءُ کان، به اَهنر ماءُ تڪڙي! (پھاڪو)
    وِهانءَ وِڌاڻي تي، گهوٽ ماءُ کان به اَهنر ماءُ وڌيڪ ڦر ڦر ڪندي آهي.
    42. گهوٽڻ مھل غرق ٿيا، ڇاڻڻ مھل ڇتا، پيئڻ مهل ائين آيا، جيئن گو سائين جا ڪتا. (ورجيس)
    هيئن به چون؛ شبد مهل ستا، ڀڄن مهل ڀڳا، پرشاد مهل ائين آيا، جيئن قلندر جا ڪتا.
    43. گهوڙا ۽ پَٽُ، ملا ۽ ڀَتُ، هو ڪشيا تا رسيا، هو نيا تا چَٽُ. (چوڻي)
    گهوڙا ڪشي پٽن تي ڇڏبا ته وڃي مقصد تي رسندا، ملا به ڀت جي ڪٽورن تي ويٺا ته اُهي به چٽ ڪري اٿندا.
    44. گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا. (چوڻي)
    45. گهوڙو گاهه سان رعايت ڪندو ته بک پاڻ مرندو. (پھاڪو)
    46. گهوڙو گهر ۾، اگهه بزار ۾. (ورجيس)
    47. گهوڙي جو پڇ وڏو ٿيندو ته پنھنجون مکيون ئي مس هڪليندو. (پھاڪو)
    48. گهوڙي ۽ جوڙي جو، هميشه خير گهرجي. (گفتار)
    گهوڙو به شل جيئرو هجي جو روزگار پيو نڪرندو. ۲. جوڙو به شل خوش هجي.
    49. گهونگهٽ لهڻ کانپوءِ، نچڻ ۾ ڪھڙو مهڻو؟ (پھاڪو)
    50. گهيٽو ڌاريم اُن کي، هٿان چري ڪپاھ. (ورجيس)
    ان: گرم ڪپڙي جو ڌاڳو. ۲. گهيٽو خريد ڪيو ويو اُن هٿ ڪرڻ لاءِ. گهيٽو ويٺو ماڳيئي ڪپاھ کائڻ. ۳. گهيٽو ڌاريم ان لاءِ، رهندو چري ڪپاھ، جوءِ ڌاريم گهر لاءِ، رهندو ماريم ماءُ، ننهن ڌاريم سک لاءِ، سس جو ڪڍي ساھ، پٽ پاليم پوءِ لاءِ، ڪٽي ڪري پاھ، پاڙو ڌاريم پريت لاءِ، رهندو کڻ کپاءُ، ڏوس ڌاريم ڏک لاءِ، وٺي نه ڏينم پاءُ، پير کڻج پختو ڪري، جو دنيا دٻ دٻاءُ. (پوءِ لاءِ: پيڙهيءَ جي سک لاءِ. کڻ کپاءُ: پٽ سٽ، ڦرمار لاءِ. ڏوس: دوست، دوست، يار، خيرخواهه، گهڻگهرو.) (پھاڪن جي پاڙ-سنڌيلو)
    ____________


    ( ل )

    ( ل )
    1. لاڙ، آهي ساڙ، ٻيو مڇرن جو آزار، اندر منگهڻ ڪارڙا، ٽيون ٻاهر ماڪ ماري. (چوڻي)
    لاڙ ملڪ جي آب هوا بابت.
    2. لاڙ جو ڍڳو، سِري جو ماڻهو. (چوڻي)
    لاڙ جي پڙهيلن جي گهٽتائي.
    3. لالچ، بري بلا آهي. (چوڻي)
    4. لالن لوءِ، ڪي اڳي ڪي پوءِ. (چوڻي)
    ايشور (لالن) جي گهر (لوءِ) ڪي اڳي ويندا ڪي پوءِ، پر ويندا سڀيئي.
    5. لاهوتي لڏي ويا، ڪاري ڪتي ڇڏي ويا. (پھاڪو)
    6. لاهين پٺيان چاڙهيون، چاڙهين پٺيان لاهيون. (پھاڪو)
    لاهه جي پٺيان چاڙهه، چاڙهه جي پٺيان لاهه.
    7. لڀي لوڻڪ به نه، مري ٿو مريڙي کي. (ورجيس)
    8. لتر کي، چڪر پڄي. (پھاڪو)
    لتون هڻڻ واري کي وري ڪو چڪ پائيندڙ گڏبو آهي تڏهن ڪم ٿيندو آهي.
    9. لتن وارا ڀوت، ڳالهين ۾ نه سڌرن. (پھاڪو)
    جيڪي رڳو لتن سان سمجهي سگهن سي چٽ چوُٽ مٺين ڳالهين سان سڌا ڪو نه ٿي سگهندا.
    10. لٺ به ڏيکارجي، چَٺِ به ڏيکارجي. (ورجيس)
    چٺ: ڪتن جي کاڌي کارائڻ لاءِ ٿانوُ. ۲. ڪتي کي کاڌي جو ٿانءُ به ڏيکارجي پر لٺ به ڏيکارجي. اهڙيءَ طرح ڪنھن کي چَٽَ به ڏجي ته دڙڪو به ڏجي.
    11. لٺ ڏسي، ڀولڙو نچڻ شروع ڪري. (پھاڪو)
    مداريءَ کي لٺ هٿ ۾ کڻندو ڏسي، ڀولڙو ناچ ڪرڻ لڳندو آهي.
    12. لٺ هڻڻ سان، پاڻي ڪو نه ڇڄي. (پھاڪو)
    پاڻيءَ ۾ لٺ هڻبي ته پاڻي جدا ڪو نه ٿي پوندو.
    13. لڄ ڪبي، بک مربو. (چوڻي)
    14. لڄن تان، لک قربان. (چوڻي)
    پنھنجي لڄ رکڻ لاءِ، لک به قربان ڪري ڇڏجن.
    15. لڄ ويئي لال تي، شرم ويو شڪار تي! (ورجيس)
    16. لچان چوران پت نه ڪا ئي، توڙي هجن سڳي ڀائي. (چوڻي)
    لچن ۽ چورن تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجي، پوءِ ڀلي هو پنھنجا مٽ مائٽ به هجن. ڇاڪاڻ جنھن جو سڀاءُ لچائي جو آهي سو ڪڏهن به لچائي ڪرڻ کان ٽرندو ڪو نه.
    17. لچائي ته بادشاهي. (چوڻي)
    18. لچ سان ليکو رکجي ته شاھد رکجن سَتَ، جي هڪڙو ٿئي هيڏانھن ھوڏانھن ته ليکي کي ئي لت. (چوڻي)
    19. لچ سان مٺو ڳالھائڻ آهي، سندس هٺ وڌائڻ. (چوڻي)
    لچي ماڻهوءَ سان، ڪڏهن به مٺو نه ڳالهائجي.
    20. لڇمي؛ ڪلڇڻ ڍڪڻي. (چوڻي)
    ناڻو هئڻ سان ڪلڇڻ (ڪڌا لڇڻ) به ڍڪجيو پون.
    21. لڇمي وڃي ته لڇڻ به وڃن. (چوڻي)
    22. لڏ به ڏي، ته لڏاڻي به ڏي. (ورجيس)
    23. لڪڙيءَ کي سلام. (چوڻي)
    عھدي کي عزت.
    24. لک جي پاهت به چڱي. (چوڻي)
    25. لک کٽيا ڏومڻي، جو ڏوم واپس آيو. (پھاڪو)
    لک کٽيا ڏومڻي يعني لنگهي جنهنجو مڙس ڏوم يعني لنگهو ڪرت ڪار لاءِ ٻاهر ويو، ڪجهه وقت موٽي ڪو نه آيو، تنھنڪري سمجهو ويو ته مري ويو آهي. پر قدرت سان ڪن ڏينھن کان پوءِ موٽي آيو. تنھن تي مٿئين نموني چيو ويندو آهي.
    26. لکئي مان لِکَ؛ نڪو لاهي، نڪو پائي. (چوڻي)
    لِکَ؛ ٿورو.
    27. لکيا لهارن، کي ٽِپر تي ٽانڊا. (چوڻي)
    لهارن جو ڌنڌو ئي اهڙو آهي جو کين ٽپر تي ٽانڊا ئي لڳندا آهن. ۲. ڪمبختن کي به سختيون ئي سهڻيون آهن.
    28. لکي پڙهي ڄاڻي ڪينڪي، مسودي ۾ ڀڙ. (ورجيس)
    اَڻ پڙهيل جڏهن پاڻ کي هوشيار سمجهندو آهي تنھن ڏانھن اِشارو ڪيو ويندو آهي.
    29. لکي لکانو، واچي الانو. (ورجيس)
    لکي لکڻ وارو، پڙهڻ وارو خدا.
    30. لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾. (پھاڪو)
    چنيسر راجا جي زال ليلا، ڪنھن جواهر جي لالچ تي پنھنجي ٻانهي ڪونئرو کي پنھنجي بدران راجا جي پلنگ تي سمهڻ ڏنو. جنھن جو نتيجو اهو نڪتو جو راجا جي دل اچي ٻانهيءَ سان لڳي ۽ ساڻس پرڻجي ويٺو. ليلا ائين سمجهي ويٺي هئي؛ سندس جھڙي راڻي راجا کي ملي ڪا نه سگهندي. پر اھا کيس ڄاڻ ئي نه ھئي؛ لکين ليلائون، چنيسر جي راڄ ۾.
    31. لکيو پري، پر ڪڏهن نه ٽري. (چوڻي)
    هيئن به چون؛ ۱. لکئي مان لک؛ نڪو لاهي، نڪو پائي. ۲. ڏسو ھيٺ ڏنل چوڻي.
    32. لکيو منجهه نراڙ، قلم ڪياڙيءَ نه وهي. (چوڻي)
    33. لڳو ته تير، نه ته تُڪو. (ورجيس)
    تُڪو: تير جو ٻيو پاسو.
    34. لڳو واءُ، ويو ساهه. (چوڻي)
    اَڄڪلهه نمونو اهڙو آهي جو کن ۾ ماڻهوءَ جو ساهه نڪريو وڃي.
    35. لمو ڏوڪڙ، ڏنگو ڇوڪر، ٽڪاڻي جي اَرداس. (چوڻي)
    ڪنھن وٽ لمو پئسو ٽڪو پيو هوندو آهي ۽ نه هلندو آهي ته ٽڪاڻي ۾ وڃي ارداس ۾ ڏيئي ڇڏيندا آهن. اهڙي نموني وري ڪنھن مائٽ وٽ ڪو ڏنگو ڇوڪر هوندو آهي ۽ گهر ۾ سڌري ڪو نه سگهندو آهي، تنھن کي ٽڪاڻي جي حوالي ڪري ڇڏيندا آهن ته ڀل ته ٽڪاڻي جا مفت جا مال کائي.
    36. لنگهن، پنھنجو وهانءُ. (پھاڪو)
    شادين تي لنگهن کي گهرائي کانئن دهل وغيره وڄائي کين پئسا ڏبا آهن. لنگهو دهلاريءَ کي به چيو ويندو آهي. سوال آهي ته جيڪڏهن خود لنگهن وٽ وهانءُ ٿئي ته ڇا ٿيندو پنھنجو ڪارج سمجهي پاڻ وڌيڪ زور سان دهل وڄائيندا.
    37. لنگهو چِڙي مڱن کان، اُهي ئي مڱ. (پھاڪو)
    لنگهي کي مڱ وڻن ڪو نه، پر کيس نصيب ۾ وري به مڱ ملن.
    38. لنگهي لاٿي لوئي، ته ڪيا ڪريگا ڪو ئي. (پھاڪو)
    لنگهو: بي شرم، نر-لڄ.
    39. لوڀ ڇڏ، ته سون مٺين سان ورهائين. (چوڻي)
    سون مٺين سان ورهائڻ يعني بي ريائي ڪرڻ. ۲. مطلب ته جنھن پنھنجي لالچ ڇڏي، سو پورو انصاف ڪندو.
    40. لوڀيءَ سندي راڄ ۾، ٺوڳي مري نه بک. (چوڻي)
    جتي لوڀي هوندا، تتي ٺوڳين جو بک مرڻ مشڪل آهي.
    41. لوچ ته لھين لعل کي، ڏور ته پويئي ڏس. (چوڻي)
    لوچ: ڳولهڻ. لهين: لڀين. ڏور: کوجنا. ۲. ڳولها ڪر ته لعل جھڙي قيمتي شيءِ (ايشور) هٿ ڪري سگهين. کوجنا ڪر ته ڏسُ پتو مليئي. ۳. ايشور يا دنيوي پدارٿ به بنا ڪنھن ڪوشش ڪرڻ واري کي ڪجهه به حاصل ڪو نه ٿيندو آهي.
    42. لوڪ پسند پهرجي، دل پسند کائجي. (چوڻي)
    43. لوڪ، آهي ٻوڪ. (چوڻي)
    ٻوڪڻ: بڪڻ، بڪ بڪ ڪرڻ. ۲. ماڻھو آهن ٻڪر وانگر ٻي ٻي ڪندڙ، کين ڳالهائڻ لاءِ مڙئي ڪجهه گهرجي. ڪوڙيون يا سچيون ڳالهيون وتن رات ڏينهن ڪندا.
    44. لولي، ڇُٽي ڪَتڻ کان. (پھاڪو)
    45. لوڻ جي سمجهي ڪر، ته کنڊ جي ٿي پوندي. (چوڻي)
    46. لوڻ وجهي، ڀت ڀائيوار ٿيو. (ورجيس)
    لوڻ پوڻ سان ڀت سوادي ٿئي. ٿوري لوڻ پوڻ سان، لوڻ وجھڻ وارو، ڀت جو ڀائيوار ٿيو پوي.
    47. لوڻ ۾ جيڪي پوي، سو لوڻ ٿئي. (پھاڪو)
    48. لهي لوڻ به نه، چي؛ منھنجو نالو سون ٻائي. (ورجيس)
    49. لين لڏڻ ڇڏيو، اڄ لڏن ٿا لاڻا، سڄن سرمو ڇڏيو، اڄ پائن ٿا ڪاڻا. (گفتار)
    لئو: سَروَ جو وڻ. لاڻو: اٺ جي کائڻ لاءِ گاهه. ۲. اَڄڪلهه شاندار وڻن لڏڻ ڇڏي ڏنو، هاڻي اُٺ جي کائڻ وارا گاهه ٿا لڏن. سڄن کي ڇڏي هاڻي ڪاڻا سرمو پائڻ لڳا آهن!
    50. ليوُن ٻوڙن سان، ٻوڙا لين سان. (ورجيس)
    ____________


    ( م )

    ( م )
    1. ماچي؛ ته ناچي. (ورجيس)
    ٽرڙو مچندو، ته نچندو.
    2. مادي ڪڪڙ به ڪڏهن ٻانگ ڏني؟ (پھاڪو)
    3. مار، ڀوت ڀڄايو ڇڏي. (چوڻي)
    4. مارجن ته مير، پيئجن ته کير. (پھاڪو)
    5. مارجن ته مير، نه ته چاڪر ڇا چڪائجن؟ (پھاڪو)
    ڪم ڪجي ته ڪو وڏو ڪجي، ننڍي ڪم مان ڇا ورندو.
    6. مارجي دشمن وانگي، کارائجي سڄڻ وانگي. (ورجيس)
    ڪنھن کي مارڻو هجي ته دشمن وانگي مارڻ گهرجي ۽ ڪنھن کي کارائڻو پوي ته جئن ڪنھن سڄڻ کي کارائبو آهي ته تئن کارائجي.
    7. مارن جي وٿ، ڏونئرن جي ڏوئي. (چوڻي)
    ڏونئرا: کاڌي جي سوادي شيءِ.
    8. مارڻ واري کان، رکڻ وارو ويجهو آهي. (چوڻي)
    9. ماري پاڻ، مِنھن ڪري مڱڻهار جو. (ورجيس)
    10. ماريءَ جي گهر، هڏن جو ڍير. (پھاڪو)
    شڪاريءَ جو گهر، هميشه هڏن سان ڀريل هوندو آھي، ڇو جو سندس ڪرت ئي آهي جانورن کي مارڻ.
    11. ماريو ماءُ-وهيڻ، گهر ڀڳو ڀيڻاس. (ورجيس)
    12. ماريي کان، پڏايو ڀلو. (پھاڪو)
    13. ماس کائي، هڏو ڳچيءَ ۾ ڪو نه ٻڌبو. (پھاڪو)
    14. ماڪ پيئڻ سان، پياس ڪا نه لهندي. (پھاڪو)
    15. ماڪوڙيون مارڻ، ڪم نه ڪيهر شينهن جو. (پھاڪو)
    16. ماکي آهي، ته مک آهي. (پھاڪو)
    17. مال پرائو، بدهه شاهي. (پھاڪو)
    18. مال تي ملهه، پنڌ تي ڀاڙو. (پھاڪو)
    جيترو مفاصلو هوندو، ڀاڙو به اوترو ئي پوندو. جھڙي شيءِ، تھڙي قيمت.
    19. مال کي ڏور ته پويئي ڏس. (پھاڪو)
    20. مالڪ وڃي ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد وتن گهوتا کائيندا. (پھاڪو)
    شاهد ويا شاهدي ڏيڻ پر ڌريون پاڻ ۾ ٺهي ويون. شاهد شرمائجي خيالن ۾ پئجي ويا.
    21. مان به راڻي، تون به راڻي؛ ڪير ڀريندو پاڻي؟ (پھاڪو)
    22. مان به رئيس، تون به رئيس، گڏهه ڪير هڪليندو؟ (پھاڪو)
    23. مان به سس، تون به سس، چلهه تان ديڳڙو ڪير لاهيندو؟ (پھاڪو)
    24. مان نه مان، مئن تيرا مھمان. (ورجيس)
    25. مان وهان ٿي گهر، منھنجا ڪم ڪج تَرِ! (ورجيسي جملو)
    26. مانيءَ کي مزور گهڻا، مزور کي ماني گهڻي. (پھاڪو)
    27. ماڻِ چوڙ، جيسين نُنهن اَچيئي، کاءُ پيءُ، جيسين ڌيءَ ٿيئي. (چوڻي)
    28. ماڻهن ڀڳي، ڪاٺ به ڀڄي پون. (پھاڪو)
    ماڻهو گهر ڇڏي ڀڄي وڃن ته سڀاويڪ ڪاٺ جا ٺهيل در دروازا به ڀڄي پون.
    29. ماڻھو ٻٽيھ لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو. (چوڻي)
    ماڻهو جيتوڻيڪ ٻٽيهه لڇڻو آهي پر جڏھن موچڙو هٿ ۾ کڻي زور وارو ٿئي ٿو ته پوءِ اھو ماڻهو ڇٽيهه لڇڻو ٿيو پوي.
    30. ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان، ڪي ڪن سان. (چوڻي)
    ماڻهو سڀ سٺا آهن پر ڪي ڪن سان، ڪي ڪن سان. ۲. مثال طور ڪو راجا آهي جو سڀني کي وڻي پر ڏوهارين کي سزا ڏئي. يعني انھن لاءِ سٺو ڪو نه ٿيو.
    31. ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجھ، ڪنھن ڪنھن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي. (چوڻي)
    32. ماڻھوءَ جي کرڻ جي مند ئي ڪانھي. (چوڻي)
    33. ماڻهوءَ هيرئي کان، شينهن هيريو چڱو آهي. (پھاڪو)
    34. ماءُ بٺاري، پٽ ڳاٽي ڀڳو. (ورجيس)
    35. ماءُ بنا مانڙيون، ڪوٺي ڪو نه ڏئي، مکڻ ڀريا هٿڙا، بيٺي اوءَ لائي. (چوڻي)
    مانڙيون: مانيون.
    36. ماءُ ته ڏئي ساهه، ڀيڻ ته وهائي نيڻ. (چوڻي)
    37. مائٽ جي دل مکڻ، اولاد جي دل ڪٺڻ. (چوڻي)
    38. ماءُ جو پيٽ، ڪنڀر جي آوي. (پھاڪو)
    آوي: نهائين. ۲. جئن ڪنڀر جي آويءَ مان ڪي ڪچا ٿانوَ ۽ ڪي پڪا ٿا نڪرن، تئن ماءُ جي پيٽان به ڪو اولاد ڪھڙو ته ڪو ڪھڙو ٿو ڄمي.
    39. ماءُ جي دل مکڻ، پٽ جي دل ڪٺڻ. (چوڻي)
    40. ماءُ جي ليکي ته پٽ ويو آهي پڙهڻ، پر پٽ بندرا بن ۾ ٽنگيو پيو آهي! (ورجيس)
    41. ماءُ ڄڻيندي پٽڙا ڏٽ ۾ ڏٽي، سڃ سڀڪو وسائي، پر کرو ڪو وسندي پٽي. (چوڻي)
    ماءُ ته ٿلها متارا پٽ ڄڻي ڇڏيندي. سڃ ته سڀڪو سائو ڪري سگهي ٿو پر شاباس انھيءَ کي آهي جا اڳيئي وسي پيئي آهي تنھن کي هلائيندو هلي.
    42. ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ. (چوڻي)
    ماءُ اولاد ڄڻيندي پر کين ڀاڳ ونڊي ڪو نه ڏئي سگهندي.
    43. ماءُ سا ماءُ، ٻيو سڀ دنيا جو واءُ، ماسي نه ٿئي ماءُ، توڙي ڪڍي ڏئي ساءُ. (چوڻي)
    44. ماءُ کان وڌيڪ، تاءُ دائيءَ کي. (پھاڪو)
    45. ماءُ ماٽيجي، ته پيءُ اڳ ۾ ئي ماٽيجو. (پھاڪو)
    46. ماءُ ماريندي، پر مارائيندي ڪا نه. (چوڻي)
    47. ماءُ مرلي، پيءُ تنبورو، پٽ وڄائڻ ۾ پوُرو. (گفتار)
    48. ماءُ مري رکي سکي، ڌيءَ دا نالا؛ ڏهي. (ورجيس)
    49. ماءُ موري، پيءُ بصر، پٽ ٻنهي کان ڪسر. (ورجيس)
    50. ماءُ موري، پيءُ بصر، ڌيءُ دا نانءُ؛ گل زعفران. (ورجيس)
    51. ماءُ نه ويائي، ماسي ويائي. (پھاڪو)
    ڪا زال ويم ڪندي ته سڄو بار اَچي ڀيڻس تي پوندو.
    52. مٿيان اکر صحيح، هيٺيان ويا ڊهي. (پھاڪو)
    53. مٽن ڇڏيون مائٽيون، سڳن ڇڏيو ساءُ، اهڙو ڪو لڳو واءُ، جو پنھنجا به پراوا ٿيا. (گفتار)
    54. مَٽن ويٺي ماٽيون، ماٽين ويٺي مٽ. (پھاڪو)
    وڏن ويٺي ننڍا، ننڍن ويٺي وڏا.
    55. مٺائيءَ سان ميٺ، حلوائيءَ سان وير. (ورجيس)
    وير؛ دشمني. مٺائي مٺي لڳي ٿي پر حلوائيءَ سان وير رکيو ويٺو آهي.
    56. مٺ پوريائي ڀلي، اُپٽيان ته لاءُ نه ساءُ. (پھاڪو)
    اپٽڻ: کولڻ. ۲. مٺ پوريل سٺي آهي، کولڻ سان ڪو به سواد ڪو نه رهندو.
    57. مٺو مٺو هڙپ هڙپ، ڪؤڙو ڪؤڙو ٿوُ ٿوُ. (ورجيس)
    58. مِٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ. (چوڻي)
    شانت ۽ صبر سٺو آهي، تڪليفن ۾ به شانت ڪجي.
    59. مٿو ڪوڙائي، ساک ڪڍڻ. (پھاڪو)
    هيئن به چيو ويندو آهي؛ ۱. هٽ کٽائي، حلوا نه کائجن.
    60. مڇ چوپڻ سان، مڇ سڻڀي ڪا نه ٿيندي. (پھاڪو)
    61. مڇيءَ موت، ميئي شڪار. (پھاڪو)
    62. محبتي مڙنِ، ته ٽنهي لوڪن لک پوي. (چوڻي)
    ٽي لوڪ؛ سرڳ، مرت، پاتال. ۲. عاشق مُڙن يعني آڻ مڃين ته ٽنهي لوڪن ۾ خبر پئجي وڃي. يعني اڻ ٿيڻي ڳالهه آهي جو محبت ڪندڙ مُڙن.
    63. محنت ڪجي مزدورن وانگي، کائجي شاهه وانگي. (ورجيس)
    64. مدعي سست، گواهه چست. (ورجيس)
    جن دعوائون ڪيون سي سانت ۾ آهن پر جيڪي شاهديون ڏيڻ آيا آهن سي پاڻ وڌيڪ بھرو پيا وٺن.
    65. مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ. (چوڻي)
    شراب پيئڻ کانپوءِ، ذات پرکجيو پوي.
    66. مران ته منجي تي، پنان ته وٽي تي! (ورجيس)
    67. مرد ٿجي يا مرد جي پاڇي ۾ ويھجي. (پھاڪو)
    68. مرد مري مان کي، گانڊو مري نان کي. (پھاڪو)
    69. مردن جا هٿ سونا، ته زالن جون ٻانهون سونيون. (پھاڪو)
    70. مردو؛ نرڳ وڃي ته ڇا؟ سرڳ وڃي ته ڇا؟ (گفتار)
    71. مَرسان مَرسان، پر ڊَڀَ نه چَرسان. (گفتار)
    هڪڙي شينهن چيو ته مرندي مري ويندس پر ڊڀ (گاهه) نه کائيندس.
    72. مر سين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾، کُهِه سين اُڄاڻا، هنيون هندوري لوڏجي. (پھاڪو)
    سڄاڻ مردن سان ڪاٺ ۾ ڄنگهون (جيل) به قبول آهن پر اَڄاڻ بيوقوفن سان هندوري (جهولڻي ۽ پينگهي) ۾ لڏڻ به قبول نه آهي.
    73. مرض ايندو آهي گهوڙي وانگر، ويندو آهي جونءَ وانگر. (چوڻي)
    74. مرڻ مهوُرت نه پڇي، پڇي نه تِٿِ، نه وار. (چوڻي)
    75. مروان موُت، ملوڪان شڪار. (پھاڪو)
    هيئن به چون: ’مڇيءَ موت، ميئي شڪار.‘
    76. مري نه ميهار، ته وَڳُ ولهو نه ٿئي. (پھاڪو)
    ميهار: وٿاڻ سنڀاليندڙ. وڳ: وٿاڻ. ولهو: سڃو. ۲. شل نه ڪو وٿاڻ جو سنڀاليندڙ مري وڃي نه ته وٿاڻ ئي سڃو ٿي ويندو.
    77. مڙس آڻي اَڪيءَ چڪيءَ، زال وڃائي هڪيءَ ٻڪيءَ. (چوڻي)
    مرد گهر ۾ ناڻو آڻي اَڪو چڪو (گهڻو) پر زال اُهو ناڻو هڪيو تڪيو ۽ (اُتي جو اُتي) وڃايو خلاص ڪريو ڇڏي.
    78. مڙس بنان، ويهون ڪير ڪري؟ (چوڻي)
    79. مڙس ته ڏاڙهي، نه ته ٻيا سڀ ڏاڙهه. (چوڻي)
    ڏاڙهه: ڏاڙهيندڙ.
    80. مڙس ته رتي. (چوڻي)
    81. مڙس پوڙهو، زال جوان؛ تنھن کي ڄاڻج، ڪَکَ جو ڪان. (چوڻي)
    ڪَکَ جو ڪانُ: ڪَکَ جو ڪانو.
    82. مڙس جو پاهوڙن سان ميڙي آڻڻ، زال جو سئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ. (ورجيس)
    پاهوڙي: ڏانداري، ڪوڏر جھڙي شيءِ، جنھن سان گهوڙن جي لڏ وغيرھ ميڙي ويندي آهي. وڏي هئڻ ڪري، ٻھاري کان وڌيڪ ميڙي ايندي آهي. ۲. مڙس پنھنجي ڪمائي وڏي ٿانو ۾ ميڙي اَچي پر زال سئيءَ وانگر آهتي آهستي کوٽي خلاص ڪيو ڇڏي.
    83. مڙس جو کٽيو، زال جي سهيڙ. (چوڻي)
    84. مڙهه به ڪڏهن، مقام مان موٽيا آهن؟ (پھاڪو)
    85. مسيت ڊهي ويندي، پر محراب ڪو نه ڊهندو. (چوڻي)
    86. مصيبت ايندي آهي ته اڪيلي ڪا نه ايندي آهي. (چوڻي)
    87. مغلن اڳيان، فارسي وسريو وڃي. (پھاڪو)
    88. مفت جو شراب، قاضيءَ کي به حلال. (چوڻي)
    89. مفت ڪا چندن، گھس ميري تن بدن. (چوڻي)
    90. مکڻ پئي، ڪنھن جو مٿو سڙندو؟ (پھاڪو)
    91. مکڻ سڌيءَ آڱر سان ڪو نه نڪرندو. (پھاڪو)
    92. مکي، گهر جو دکي. (پھاڪو)
    جيڪو هڏ ڏوکي مکي آهي سو گهر ۾ ويهي ڪو نه سگهي.
    93. مڪر چڪر جي ڪھاڻي؛ اڌ کير، اڌ پاڻي. (پھاڪو)
    94. مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي، ڪارڙو نچي، مڱ لُئو، ڪارڙو مئو. (چوڻي)
    ڪارڙو: هڪ تر کان به ننڍو جيت، لاڙ جي علائقي ۾ ٿيندو آهي. ۲. جڏهن مڱن کي باهه لڳي ته ڪارڙي کي باهه لڳي، مڱ جڏهن پچي تڏهن ڪارڙو به پچي پر وري جڏهن مڱن ۾ لابارو پوي ته اهو جيت به مريو وڃن. مطلب ته اِنھيءَ جيت جو جياپو مڱ تي ٿو مدار رکي.
    95. مڱيا نه پرڻجن، پر لکيا پرڻجن. (چوڻي)
    ڇوڪرا ڇوڪريون ڀلي ته مڱيا ويٺا هجن پر جنهن جو ليک هوندو سو پرڻجي ويندو.
    96. مڱيو ته اَڙيو، پرڻيو ته پيو ڪاٺ، ماڻهو ڪريو ماٺ، مڙس به ويو ته پئسا به ويا. (گفتار)
    97. ملان جي ڪُٺي، جتي ڪٿي حلال. (چوڻي)
    98. ملا ۽ ڀَتُ، گهوڙا ۽ پَٽُ، هي چڙهيا ته رسيا، هو نَيا ته چٽ. (چوڻي)
    ڀيٽيو؛ گهوڙا ۽ پَٽُ، ملا ۽ ڀَتُ، هو ڪشيا تا رسيا، هو نيا تا چَٽُ. (چوڻي)
    99. ملتاني گهيتلو؛ جيڪو پائي، تنھن کي پورو. (چوڻي)
    100. ملڪ صاحب دا وسي؛ ڪو ئي روئي، ڪو ئي هسي. (چوڻي)
    101. مِلڪ ۾ ڏيڍ کجور، ميان ليٽي باغ ۾. (ورجيس)
    102. ملن جي پريت طبق تائين، ڇوڪرن جي پريت سبق تائين. (چوڻي)
    103. ملو چور، ٻانگو شاهد! (پھاڪو)
    104. ملو مئو، مهابو لٿو. (پھاڪو)
    مهابو: لحاظ. ۲. ملو مئو ته ملي جو لحاظ به ڇٽو.
    105. ملو نام مولا جو، آخوند سڀ اَنڌا. (چوڻي)
    106. ملو، مجاور ۽ ڪانءُ، ٽيئي اکر هڪڙي. (چوڻي)
    107. ملوڪ ماري، جڏا جيئاري. (چوڻي)
    ايشور جي جوڙ عجيب آهي. اَڻ مندائتا ملوڪ مرڪندڙ ماريو ڇڏي ۽ وري ڪيترا جڏا، جي مرڻ لاءِ آتا هجن، تن کي جياري.
    108. ملي جي جنگ، مسيت سان. (چوڻي)
    109. من ڏونگھو، ڄڀ ڏوئي، هوندو جو ئي، ڏيندو سو ئي. (چوڻي)
    110. مند ويندي، جند ڪا نه ويندي. (چوڻي)
    111. مندائتو هڪ، اڻ مندائتا سَوَ. (چوڻي)
    مند تي هڪ به پيو سھندو بي مندائتا سوين به ڪو نه سهندا.
    112. مندائتي مينھن جي، کنوڻ نه کوٽي. (چوڻي)
    مند تي مينھن پوي ته اُنھيءَ جي وڄ کوٽي نه سمجهڻ گهرجي.
    113. منھن ته آهيريان ئي اُجرو، اندر جو ڪارو، ٻاهر زيب زبان سين، دل جو هچارو! (چوڻي)
    آهيريان؛ آرسيءَ کان. اُجرو؛ صفا.
    114. منھن جو ملوڪ، اندر جو ڪارو. (ورجيس)
    115. منھن ڏسي، تلڪ ڏجي. (پھاڪو)
    جھڙو ماڻهو هجي، تنھن سان اهڙي نموني هلڻ گهرجي.
    116. منھن ڏسي، مٺائي گهرجي. (پھاڪو)
    117. منهن مور جهڙو، اکيون چور جهڙيون! (ورجيس)
    118. منھن ۾ ملو، دل ۾ ڪاسائي. (ورجيس)
    119. مهارن مان نڪتل ڏند، مهارن ۾ موٽي ڪو نه ويندا. (پھاڪو)
    120. مھر گهڻي، کير ٿورو. (ورجيس)
    121. مُهريءَ کي ٻه مٿا؛ جيڏانهن وراءِ، تيڏانهن وري. (پھاڪو)
    122. مهينو پنو، ڪُتن رنو. (چوڻي)
    123. موت ۽ ملاقات؛ اوچتو. (چوڻي)
    124. موت جو ڊپ ڏبو، ته تپ تي به راضي رهندو. (ورجيس)
    125. موتيءَ جو ملهه، شيشه-گر ڇا ڄاڻي؟ (پھاڪو)
    126. موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار. (چوڻي)
    موتيو: چانور جو هڪ قسم جو وڏي پاڻيءَ ۾ پوکي سگهبو آهي.
    127. موچڙن سان، جهولي ئي تنھنجي. (چوڻي)
    128. موچڪي رنبي؛ حلال ۾ به وهي، حرام ۾ به وهي. (پھاڪو)
    129. موچيءَ جا گهڙيل، موچيءَ جي منهن ۾. (ورجيس)
    130. مور چڱو، پر پير ڏنگا. (پھاڪو)
    131. موُر کان، لاڀ مٺو. (چوڻي)
    يا مور کان وياج مٺو. وياج خور کي پنھنجي موڙي وسري ويندي آهي، جڏهن کيس وياج ملندو آهي.
    132. مورک جي خوشامد کان، سياڻي جي ٽوڪ ڀلي. (چوڻي)
    133. مورن ۾ ڪانگ. (ورجيس)
    134. مور نه کائجي، مور جو کٽيو کائجي. (چوڻي)
    135. موريءَ کي، پنھنجي پنن جو بار ئي گهڻو آهي. (پھاڪو)
    136. موڙي لڀينديئي نهين، ٺَڪُرُ چاليها مڱدا. (پھاڪو)
    ملڪيت لڀي ئي ڪا نه ته ٺڪر صاحب چاليهون حصو پيو گهرڻ جي ڪوشش ڪري.
    137. موڳو پنھنجي مانيءَ مان، پيٽ ڀري کائي، وڃي وهي مجلس ۾، ته سڀني سُهائي، چريو ڳالهائي، ته به بختاور بودلو. (چوڻي)
    138. مولى مينھن وساءِ، ته ڪانئر ڇٽن ڪم کان. (پھاڪو)
    ڪانئر: گيدي، ڊڄڻو.
    139. مون ڀانيو درويش، پر بازن کان به بڇڙو! (ورجيسي جملو)
    140. مئا آهن، جيئرن جي وس. (پھاڪو)
    جيڪي مري ويل آهن تن جو هينئر ته ڪو وس ڪو نه هلندو. باقي جيڪي پٺيان جيئرا بچيل آهن تن تي مدار رکي؛ ياد ڪن يا نه.
    141. مئا پَرُ، پٽجن هيل! (پھاڪو)
    ڪيترا ئي ڪنا رواج آهن جو ماڻهو ڪجهه وقت اڳي مري ويو هجي پر سندن لاءِ پٽ پوءِ به چالو رهي.
    142. مئي تٿ، ٻانڀڻ به نه واچي. (چوڻي)
    143. مئي جو ڏيئو؛ ڏهه ڏينھن. (پھاڪو)
    هندن جي رواج موجب مري ويل جي واسطي ڏهه ڏينھن رکندا آهن. يعني پوءِ آهستي آهستي ڪري گذري ويل وسريو وڃن.
    144. مئي کان پوءِ؛ سج اڀري ته اُڀري، نه ته ٻي جھاني نه اُڀري. (پھاڪو)
    145. مئي کي مارڻ، سورهيه جي گلا. (پھاڪو)
    بھادر لاءِ اِهو شان نه آهي ته جو جيڪو مئو پيو هجي تنھن کي ماري.
    146. ميان ٻڏو پٽڪو؛ چئن ڏينھن جو چٽڪو. (چوڻي)
    147. ميان جي مڏي؛ ٻه ڏندڻ، ٽين تڏي. (پھاڪو)
    مڏي يا سامان ٿورو ھجيس، پر ڏيکاري وڏي ڏئي.
    148. ميان مري ته به حلوو کائڻو، بيبي مري ته به حلوو کائڻو. (ورجيس)
    149. ميٽ جيڪي پائيندا، سي ئي لاهيندا. (پھاڪو)
    150. ميڙو متل ئي ڇڏجي. (چوڻي)
    151. ميلي تي وڃي؛ يا هزاري، يا مداري. (چوڻي)
    هزاري: هزار-پتي.
    152. ميمڻ هلي مڪي، ته به سير ساهمي تڪي. (چوڻي)
    153. مينڍ ۾ ٿي، مارئي ڳائجي. (ورجيس)
    دک جو راڳ هلڪي نموني ڳائڻ. دک وقت خوشيءَ جو نمونو هلڻ.
    154. مينهن، پنھنجي ڪارنهن ڪا نه ڏسي. (پھاڪو)
    155. مينهن سڀڪو ڌاري، پر کرو ڪو ٽينهن ڌاري. (پھاڪو)
    مينهن ته سڀڪو ڌاري سگهي ٿو پر وڏي ڳالهه آهي پوري سنڀال ڪرڻ.
    156. مينهن مچي هوريان هلي، رڍ مچي ٽپا ڏئي. (چوڻي/پھاڪو)
    مينهن کائي پي مچي ته هوريان يعني آهستي هلي. باقي رڍ مچي ته ٺينگ ٽپا ڏئي. ۲. اهڙي نموني گنڀير ماڻهو جئن ڪنھن عھدي کي رسي ته وڌيڪ نهٺو ٿئي پر هلڪو ماڻهو اَجايو گهڻو ڏيک ڪري.
    157. مينهن وسي ٻه پهر، ڇنو ٽمي ڇهه پهر. (پھاڪو)
    مينهن ٻه پهر وسي بند ٿيندو آهي پر ڪکن جو ڇپر، جنھن تي برسات پيئي هوندي آهي، ڇهه پھر پيو آهستي آهستي ٽمندو آهي.
    158. مينهن ۽ مزمان، ڪيترو وقت؟ (چوڻي)
    159. ميهر سچائي تي اَچي، ته کَڙَههَ تي کير پياري. (پھاڪو)
    ميهر: ميهار. کڙهه: کڙي کڙي. (بيٺي بيٺي).
    160. ميهر مينهن مان نڪتو، وَڇن ڪھڙي پارت! (پھاڪو)
    ميهر: مينهون سنڀاليندڙ. ۲. مينهون سنڀاليندڙ، وٿاڻ مان ٻاهر نڪتو ته وڇڙن جي سنڀال جي پارت ڪنھن کي ڪبي؟
    161. ميون ڦري لعل گلاب، بيبيءَ جو برو حال. (ورجيس)
    مرد ڏسو ته ڇنڊجي ڦوڪجي پيو ٻاهر نڪري، پر زال ويچاريءَ جا برا حال.
    162. ميون ڳور لائق، بيبي سيج لائق. (ورجيس)
    ميون؛ مرد، مڙس. ڳور؛ گور، قبر.
    _______________


    ( ن )

    ( ن )
    1. ناچ نه ڄاڻي، چي؛ اڱڻ اونڌو. (ورجيس)
    ناچ نه ڄاڻندڙ، اڱڻ مان ويڪون ڪڍي.
    2. نار وهي نه وهي، وٺي رينگٽ کي. (پھاڪو)
    3. ناست کان، آست ڀلي. (چوڻي)
    اَڻ هوندي کان، هوندي چڱي.
    4. نالو ’جيئو‘، ھٿ وجهي نانگن جي ٻرن ۾، سو به نه جيئو. (پھاڪو)
    5. نالو نارائڻ جو، کوهي کنگهار جي. (ورجيس)
    6. ناناڻا ويا لڏي، ڇتي ڪتي ڇڏي. (پھاڪو)
    7. ناناڻن اڳيان ڏاڏاڻا ساراهين، ڏاڏاڻن اڳيان ناناڻا. (ورجيس)
    8. نانگ به مارجي، لٺ به نه ڀڃجي. (ورجيس)
    9. نانگ به مري، ليڪو به نه ڊهي. (ورجيس)
    10. نانگ ٻـِرَ کان ٻاهر ڏنگو، ٻِرَ م وڃڻ وقت سڌو. (پھاڪو)
    11. نانگ جو ٻچو نانگ، ڪانگ جو ٻچو ڪانگ. (پھاڪو)
    12. نانگ جو ڏنگيل، نوڙيءَ ڀر به ڊڄي. (پھاڪو)
    13. نانگ ريجهائڻ سولو، پر کرو ڪو ڳوهه ريجهائي. (پھاڪو)
    14. نانگ کي پير، هميشه پيٽ ۾. (پھاڪو)
    15. نانگن جا ناڙا، وٽي ڪنھن نه هاٿي ٻڌا هر، ڪيهر شينهن، ڪنهن نه وٺي گهمايو گهر. (چوڻي)
    16. نانگ ويو آهي نڪري، هاڻي رڳو ليڪو پيو ڪُٽجي. (ورجيس)
    17. نانءَ چڙهيو واپاري کٽي کائي، نانءَ چڙهيو چور ڦاهيءَ چڙهي. (پھاڪو)
    18. نانءَ مردان، ڌن آوي جاوي. (چوڻي)
    اِنسان جو آهي نالو، باقي مايا ته اَچڻي وڃڻي آهي.
    19. ناني جنھن جي نانگن کاڌي، ڏوهٽي تنھنجي وِکُ. (پھاڪو)
    20. ناني رڌڻ واري، ڏوهٽا کائڻ وارا. (ورجيس)
    21. ناني نوري، جتي ڪٿي پوري. (گفتار)
    22. ناڻا گهوريا سرن تان، سر گهوريا شرمن تان. (چوڻي)
    انسان جي سر تان ناڻا گهڻيئي پيا ايندا ۽ ويندا پر شرم رکڻ لاءِ پنھنجو سر به گهوري ڇڏجي.
    23. ناڻو آهي، شينهن جي ڪن ۾. (چوڻي)
    24. ناڻو اَچي ته اَنڌو ڪري، وڃي ته چيلهه ڀڃي. (چوڻي)
    25. ناڻو جھڙي تاو سان گهڙجي، تھڙي تاو سان نڪري. (چوڻي)
    ناڻو MINT يا باهه جي کوري مان گهڙجي ٻاهر نڪرندو تھڙي ساڳئي تاؤ سان جنھن وٽ هوندو آهي اُنهيءَ وٽان نڪرندو آهي.
    26. ناڻو ڏجي آڪرو، ته گيهه ڇو وٺجي ٻاڪرو. (پھاڪو)
    27. ناڻو سٿرو اَچي، سٿرو وڃي. (چوڻي)
    28. ناڻو سو جو ڳنڍ، ٻاڻي سان جا ڪنٺ. (پھاڪو)
    29. ناڻو ڪمائجي مڪر سان، روٽي کائجي شڪر سان. (چوڻي)
    مڪر: حرفت، کيڏبازي، چالاڪي. شڪر: کنڊ.
    30. ناڻو ڳڻجي، نو دفعا. (چوڻي)
    31. ناڻو نانگي جو، هٿون تو شاباس. (چوڻي)
    ڪنھن جو ڪم ڪبو ته ناڻو پاڻ خرچيندو، وچ واري کي رڳو شاباس کٽڻي آهي.
    32. ناڻو، نر چتو ڪري. (چوڻي)
    33. ناڻو؛ رتا وڇوڙي. (چوڻي)
    34. ناڻو؛ نينهن-ٽوڙ. (چوڻي)
    35. ناڻي بنا، نر ويڳاڻو. (چوڻي)
    36. ناڻي سان ڊپ، ناڻي بنا ڏک. (چوڻي)
    37. ناڻي سان سڀڪجهه خريد ڪري سگهجي، پر نه ماءُ، نه پيءُ. (چوڻي)
    38. نڀاڳن جا نار، واڍن چاڙهيا واٽ تي. (پھاڪو)
    39. نڀاڳو وڻ هيٺان وهي، تنھن کي به سڪائي. (چوڻي)
    40. نچڻ هلي ته گهونگهٽ ڪهڙو؟ (پھاڪو)
    41. ندي پار ٿيڻ کان پوءِ؛ تون ڪير؟ مان ڪير؟ (پھاڪو)
    42. نڌڻڪا گهوڙا، غيباڻا هسوار. (پھاڪو)
    43. نرڌن کي آدر، ڪري نه ڪوءِ. (چوڻي)
    44. نر نگر، نار نصرپور، نرت نورائي، هلي ڏسي جوڻ، جتي ڪپهه جو واپار آ جائي. (چوڻي)
    45. نڙيءَ کان هيٺ ٿيو، نرڳ ٿيو. (گفتار)
    46. نزلو، هميشه ضعيف عضوي تي ڪري. (پھاڪو)
    47. نقارخاني ۾ طوطي جو آواز ڪير ٻڌندو؟ (پھاڪو)
    نقارخانو: جتي نقارا وڄن.
    48. نکمڻو واڻيو، ڀتر ڀوري. (پھاڪو)
    49. نڪا حب هوتن ۾، نڪو جس جڏين ۾. (ورجيس)
    50. نڪا سَڙَڪَ سڌي کپي، نڪو ساٿ سپاهه، چاڪيءَ سندي ڏاند کي، گهر ۾ ڪوهه پنجاهه. (چوڻي)
    چاڪي: چڪي پيھندڙ. ساٿ: ساٿي. سڙڪ: رستو. سپاهه: سپاهي، سنڀالي ڪندڙ.
    51. نڪا ڪمي گهوٽ ۾، نڪا ڪمي ڪنوار ۾. (ورجيس)
    52. نڪا هوند، نڪو شڪر. (ورجيس)
    53. نڪي پاراتن ۾، نڪي منجهه دعا، اَنگ اڳيئي لکيا، پاڙڻ پوءِ پيا. (چوڻي)
    54. نڪي دٻگرن مال ميڙيو، نڪي سُرهيا بک مئا. (چوڻي)
    دٻگر: ڪِنُ ميڙيندڙ. سرهيا: سرھاڻ وارا. ۲. نڪي ڪن ميڙيندڙ شاهوڪار ٿيا، نڪي خوشبوءِ وارا بک مرندا.
    55. نماز گهڻيئي چڱي، پر رڳو اُٿ ويهه ماري. (ورجيس)
    56. نمڪ کائي، نمڪ دان نه ڀڃجي. (چوڻي)
    57. ننڍڙو ٻار، مڇ جو وار، جيڏانھن وراءِ، اوڏانهن وري. (چوڻي)
    مڇ جو وار، ماڻهوءَ جو ٻار، جئن موڙجي تئن مڙي.
    58. ننڍي مري نه مايڙي، ٻڍي مري نه جوءِ، ڪنت چوڙيلي نا مري، مت جهڻڪ وهيڻي هوءِ. (چوڻي)
    ڪنت: مڙس. چوڙيلي: ننڍي نيٽي زال. ۲. ننڍي هوندي ڪنھن جي ماءُ مري ته دکي ٿيندو، برڌ اوستا ۾ ڪنھن جي زال مرندي ته به دکي ٿيندو. ڪنھن زال جو جوانيءَ ۾ مڙس مري ويندو آهي ته انھيءَ کي ماڻھو جهڻڪي ويندا آهن.
    59. ننڍي وات مان، وڏو ويڻ نه ڪڍجي. (چوڻي)
    60. ننگو نچي، مرم لڪي. (چوڻي)
    61. ننهن رکڻ ڏينس، ته سر ڳيهي وڃي. (ورجيس)
    62. ننهن سان ڇڄي، ته ڪاتي ڇو وجهجي؟ (پھاڪو)
    مٺ محبت سان ڪم ٿي اَچي ته پوءِ ڪاتيءَ جھڙي تکي ڳالهه ڇو ڪجي.
    63. نوان قاعدا، نيون ٺڳيون. (چوڻي)
    64. نور کانسواءِ، سڀ ڪوڙ. (چوڻي)
    65. نوڪر اڳيان چاڪر، چاڪرن اڳيان چوُڪر. (چوڻي)
    66. نوڪر جي جُتي، هميشه در کان ٻاهر آهي. (چوڻي)
    67. نوڪر گهڻا، پوئواري ٿوري. (چوڻي)
    68. نوڪر ۽ ڏوڪڙ، وقتائتا مٽائجن. (چوڻي)
    69. نوڪري برطرف، روزي هر طرف. (چوڻي)
    برطرف: موقوف، برخواست، جواب ملڻ.
    70. نوڪري؛ ڪِنَ جي ٽوڪري. (چوڻي)
    71. نوڪريءَ جي پاڙ؛ زبان ۾. (چوڻي)
    72. نون ميهارن ميهون ڌاريون، کٿا لاهي دونهيون ٻاريون. (پھاڪو)
    ميهار ماڻھو ڇيڻا ڪٺا ڪري دونهي ٻاريندا آهن پر نوان ميهار وري پنھنجا کٿا وجهي دونهيون دکائين!
    73. نوَ نوهاڻي، ڏهه حقا ته هرلا پڪا، نوَ نوهاڻي نوَ حقا ته هرلا سڪا. (چوڻي)
    74. نه آهي ته به پچ، آهي ته به پچ. (چوڻي)
    پچ: ساڙ پچ.
    75. نه آهي چانديءَ جي ريت، نه آهي سون جي توفيق. (ورجيس)
    76. نه اوڌوءَ ڪا لينا، نه ماڌوءَ ڪو دينا. (ورجيس)
    77. نه پاروٿو بچي، نه ڪتو در تي اَچي. (ورجيس)
    کاڌو پاروٿو بچندو ئي ڪو نه ته ڪتو به در تي ڪو نه ايندو.
    78. نه ڄمي، نه ڍولڪ وڄي. (ورجيس)
    ڪجهه ڄمندو به ڪو نه ته ڍولڪون به ڪو نه وڄنديون.
    79. نه ڏجي، نه ڏکوئجي. (ورجيس)
    80. نه سدا سنگ سھيلي، نه سدا سنگ راجا ويس. (چوڻي)
    سدا: هميشه، سھيلي: استريءَ جو سنگ. ۲. نه هميشه استريءَ جو سنگ قائم آهي نڪي راجا جا ويس پٽ پٽنبر هميشه قائم آهن. سڀ ڪجهه بي بقا آهي.
    81. نه ڪتي، نه ڪوريءَ جي ڪاڻ ڪڍي! (ورجيس)
    82. نه ڪنھن کي سونھن سڪايو آهي، نه ڪنھن کي عقل منجهايو آهي. (چوڻي)
    83. نه ڪنھن جي کٿي کي هٿ لائجي، نه پنھنجو پٽ ڦاڙائجي. (پھاڪو)
    84. نه ڪهڻ جو، نه ڏهڻ جو. (ورجيس)
    85. نه کڙ، نه تيل! (ورجيس)
    86. نه لاءُ، نه ساءُ. (ورجيس)
    بلڪل بي سوادي.
    87. نه لنوندي، نه جهوندي. (ورجيس)
    ڪنھن به کٽ پٽ جي پرواهه نه رکڻ.
    88. نه هوندو بانس، نه وڄندي بانسري. (پھاڪو)
    بانس جو وڻ هوندو ئي ڪو نه ته بانسري به ڪو نه وڄندي. ڇاڪاڻ ته بانس مان، بانسري ٺاهي وڄائبي آهي.
    89. نئن به تکي، ڳڙ به مٺو. (پھاڪو)
    90. نئين سنياسڻ، چيلهه ۾ جٽائون. (پھاڪو)
    سنياسي جٽائون مٿي تي رکن، پر نيون سنياسڻيون چيلهه ۾ جٽائون ٻڌن!
    91. نئين ڪنوار نوَ ڏينھن، ڇڪي تاڻي ڏهه ڏينھن. (چوڻي)
    نئين ڳالهه جو چھچٽو فقط ٿورا ڏينھن آهي.
    92. نياپن سان نيهن، موران ڪو نه ٿئي. (چوڻي)
    93. نياڻي؛ ست قرآن. (چوڻي)
    مسلمان به چون ٿا ته هڪ نياڻي ستن قرآنن سمان آهي، هندو به هن ريت چوندا آهن.
    94. نيت بد، روٽي اَڌ. (چوڻي)
    95. نير جو ٽڪو لهي وڃي، پر گلا جو ٽڪو نه لھي. (چوڻي)
    96. نيڪي برباد، گناهه لازم. (ورجيس)
    97. نيڪي ڪر، درياهه ۾ لوڙهه. (چوڻي)
    98. نيڪي ۽ پڇ پڇ. (چوڻي)
    نيڪي ڪندڙ کان پڇ پڇ وري ڪھڙي ڪبي؟
    99. نيم طبيب، خطره جان، نيم ملا، خطره ايمان. (چوڻي)
    100. نينگر به ننڍي، جمعا به گهڻا. (چوڻي)
    _____________


    ( و )

    ( و )
    1. وات-ڏاڙهئي کان، ٽنگ-ڏاڙهيو چڱو. (پھاڪو)
    ٽنگ-ڏاڙهيو يعني ڪتو وغيره اِهو سٺو اُنهيءَ وات ڏاڙهئي اِنسان کان.
    2. وات شيري، ملڪ جاگيري. (پھاڪو)
    3. وات کائي، اکيون لڄائين. (چوڻي)
    4. واتون خرار کاڄن، نڪئون ڪڻو به نه کاڄي. (پھاڪو)
    5. وات؛ يا ته محل، يا ته مصيبت. (چوڻي)
    6. واپاري ته نرم، حاڪم ته گرم، وئيشا ته بي شرم، استري ته شرم. (چوڻي)
    7. واپاري وڪڻندو ڀلو، جواري کيڏيندو ڀلو. (چوڻي)
    8. وارا، ڄمارا آهن. (چوڻي)
    9. وارن ڪترڻ سان، مردو هلڪو ڪو نه ٿي پوندو. (پھاڪو)
    10. واريءَ جي مٺ، جيڪو جهليس زور سان، تنھن سان ڪري جٺ. (چوڻي)
    11. واريءَ کي به، وارو آهي. (چوڻي)
    12. واڙيءَ ٻارهه، هٽ اَٺارهه، گهر ويٺي چوويهه. (چوڻي)
    زمين ۾ پوکيل اَن جي قيمت ٻارنهن، هٽ تي قيمت ارڙھن، گهر ويٺي چوويھ.
    13. واڱڻ؛ ڪن کي وائي، ڪن کي بادي. (پھاڪو)
    14. واندامل! چي؛ پالهومل ٿو سڏيئي! (چوڻي)
    15. واڻيو؛ پنج نه سهي، پنجاهه سهي. (چوڻي)
    16. واڻيو کَٽي، اوگهه سوگهه ۾. (چوڻي)
    17. واڻيو وڙهي، ويسيءَ سان. (چوڻي)
    18. واڻيي جو وڙهڻ وقت، ڌوتي ٻڌڻ تي زور. (پھاڪو)
    19. واڻيي جي وهي به کوٽي، ته وٽ به کوٽا. (چوڻي)
    وهي: بنديون. وٽ: تورڻ ۽ ماپڻ جون شيون.
    20. واهه ڙي دال، تنھنجي ڪھڙي ڪجي ڳالهه! (گفتار)
    ڀيٽيو؛ دال، ٻچڙي پال.
    21. واهه مالڪ تنھنجي مايا؛ ڪٿي ڌوپ، ڪٿي ڇايا. (چوڻي)
    ڌوپ: اُس. ڇايا: ڇانوَ.
    22. واهڻ جو واڻيو، تھڙو ڍوري جو پاتڻي. (چوڻي)
    23. وٺڻيءَ شاهه، ڏيڻيءَ گداھ. (ورجيس)
    وٺڻ وقت شهنشاهه وانگر وٺندو، باقي ڏيڻ وقت ائين هلندو جيئن بيکاري آهي.
    24. وَٿُ نه کٽي، وَٿ جو ويٺڻ کٽي. (چوڻي)
    وٿ: شي، شڪل، وستو.
    25. وٽو هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي اَچي. (پھاڪو)
    وٽو: ٿانءُ. ۲. هڪ ڄڻو ٿانءُ چوري ڪري ته الزام گهڻن کي اچي.
    26. وٺو ته ٿَـرُ، نه ته بَـرُ. (چوڻي)
    27. وڇ ڪُڏي، ڪلي آهر. (پھاڪو)
    وڇير کي ڪلي سان ٻڌي ڇڏبو ته اُنهيءَ حد اَندر ئي پئي نچندي ڪڏندي.
    28. وڇ کير ڏئي، ته مينهن ڇو ڌارجي؟ (پھاڪو)
    وڇير کير ڏئي ته مينهن ڌارڻ جو ڪھڙو ضرور آهي؟
    29. وڇونءَ کي هڻجي پادر، نانگ کي هڻجي لٺ. (پھاڪو)
    30. وڏن گهرن، وڏا وياءَ. (چوڻي)
    وياءُ: ويم.
    31. وڏن ويٺي ننڍا، ننڍن ويٺي وڏا. (چوڻي)
    ايشور جو نيم عجيب آهي؛ وڏن ويٺي ننڍا، پاڻ گهرايو وٺي.
    32. وڏو مائٽ چوندو پر چوائيندو ڪا نه. (چوڻي)
    33. وڏي ٻاگهي، ڪي وڏي ڌيڻس؟ (چوڻي)
    منجهيل سوال؛ ٻن منجھان وڏو ڪير آھي؟
    34. وڏي ٻانهي، ڪي وڏي جوڻس؟ (چوڻي)
    35. وڏيون اکيون، اَلک کي. (چوڻي)
    اَلک: ايشور.
    36. ور کٽيو کائجي، ور ڏٺو نه کائجي. (چوڻي)
    ور: مرد، مڙس.
    37. وڙهن سپاهي، نالو ٿئي صوبدار جو! (پھاڪو)
    38. وڙهن شينھن، لتاڙجن ٻوُڙا. (پھاڪو)
    ٻوڙا: وڻ، ٽڻ، ٻوٽيون.
    39. وڙهن گهوٽ ڪنوار، مار پڙي وچ وارن تي. (پھاڪو)
    40. وسج، وسج، مهر نه مٽج، پر جهولج جهوپڙيءَ آهر. (گفتار)
    41. وسي ته به ڏٻري گسي، نه وسي ته به ڏٻري گسي. (پھاڪو)
    برسات وسي ته به ڏٻرو ڍور پيو وهندو جي برسات نه پوي ته گاهه ڪو نه ٿئي ته به ڏٻرو ڍور گاهه نه هئڻ ڪري حيران پريشان ٿئي. هيڻن ماڻھن کي سڀني پاسان جٺ ٿئي.
    42. وقت تي ماءُ جي يار سان به، گذر ڪرڻ گهرجي. (چوڻي)
    43. وقت ڪري واڪا، ته گهوڙو گڏهه کي چوي؛ ڪاڪا. (چوڻي)
    44. وڪاڻل گهوڙين جون، ڪھڙيون بھائون. (چوڻي)
    جيڪي گهوڙيون وڪامي چڪيون آهن تن جا اگهه پار ڪھڙا پڇبا؟
    45. وڪڻي پڇتائجي، پر رکي نه پڇتائجي. (چوڻي)
    46. وڪئي چور جو نانءُ، سڻائو. (چوڻي)
    47. ولائت جي ڪٻر، هتي جي مئنا. (پھاڪو)
    48. وليءَ مان ڀوت، سپوت مان ڪپوت! (چوڻي)
    49. وناش ڪال، وپريت ٻڌي. (چوڻي)
    50. وندرجي وڃن، سي ٻڌن مَرُ سندرا. (چوڻي)
    وندرجي: کل خوشيءَ ۾. مر: هميشه. ۲. جيڪي کل خوشيءَ ۾ سنڀري وڃن سي سندرا (چيلهه کي ڪپڙو ٻڌي) ڪم کي راس ڪن.
    51. ونڊي کاءُ، سک پاءِ. (چوڻي)
    52. وني کان وڏو، سور ڪني جو. (پھاڪو)
    ونو: مڙس. ڪنو: ٺڪر جو ٿانءُ. ۲. مڙس کان به وڌيڪ دک آهن کاڌي پيتي جا.
    53. وڻو لهي وڃي، رڻو ڪين لهي. (پھاڪو)
    وڻو: زخم. رڻو: زبان جو گهاءُ. هيئن به چيو ويندو آهي؛ ۱. ترار جو ڦٽ ڇٽي وڃي، زبان جو ڦٽ نه ڇٽي. ۲. ترار جي گهاءَ کان، زبان جو گهاءُ بڇڙو.
    54. وَهم جي دوا؛ لقمان حڪيم وٽ به ڪانهي. (چوڻي)
    55. وهن ڍڳا، کائن گهوڙا. (پھاڪو)
    56. وهندي پير ٻوڙ به چڱي، بيٺل تار به نه چڱي. (پھاڪو)
    پير ٻوڙ: جنھن پاڻيءَ ۾ پير جيترو پاڻي يعني تانگهو پاڻي هجي. بيٺل تار: جنھن ۾ پاڻي بيٺل پر گهڻو هجي.۲. وهندڙ پاڻي ٿورو به چڱو جنھن ۾ بانس ۽ ڪچرو ڪو نه هوندو. بيٺل پاڻيءَ ۾ بانس هوندي ڇاڪاڻ ته وهندڙ ڪونهي.
    57. وَهندي درياهه مان، هٿ ڌوئجن. (پھاڪو)
    58. وهڻ مُنڍو ئي ناهه، دلو پڇي نار کي! (چوڻي)
    اَڃا پاڻيءَ جو ڪنارو ئي ڪو نه ڏسڻ ۾ آيو آهي ته پنھنجي زال کان سڏ ڪري پيو پڇي.
    59. وِهُه وڻجي، سو وهه مان کائي. (چوڻي)
    وهه: زهر. وَڻجڻ: واپار ڪندڙ. ۲. زهر وڪڻندڙ، زهر مان کائيندو. جيڪو جھڙو واپار ڪندو، اُنهيءَ جو فائدو کائيندو.
    60. وهو ڍڳي تي، هميشه مار. (پھاڪو)
    61. وهي نه وهي، وٺ رينگٽ کي. (ورجيس)
    62. وياج آهي، صورتي گهوڙو. (چوڻي)
    وياج، گهوڙي جي صورت آهي جو تڪڙو تڪڙو هلندو رهي ٿو.
    63. وياج، رات جو به پنڌ ڪري. (چوڻي)
    64. ويائي نه سيائي، پرائي سورين آئي. (ورجيس)
    65. ويٺو کيپ کٽي، سڃ وسنءَ جي وچ ۾! (ورجيسي جملو)
    66. ويٺي، ڊڀ به ڄمي وڃن. (چوڻي)
    67. ويٺي کان، وَڳندي ڀلي. (چوڻي)
    وڳندي: ڪم، نوڪري. ۲. ماٺ ڪري ويهي رهڻ کان ڪرت ڪار ڪرڻ چڱي آهي.
    68. ويٺي هئي رُٺي، باقي آيس پيڪاڻو ماڻهو. (ورجيس)
    69. ويد ڪري ويدائي، سائين ڪري چڱائي. (چوڻي)
    70. ويڏي پيئي پڙهجي، ٻار پيو گهڙجي! (چوڻي)
    71. وير وير واڌائي، به ورچائي. (چوڻي)
    واڌايون ملن ته سڀڪو خوشي ٿئي پر ساڳي واڌائي گهڙي گهڙي ملي ته ورچائي ڪڪ ڪري ڇڏيندي.
    72. ويري هڪڙو به گهڻو، سڄڻ سوين به ٿورا. (چوڻي)
    73. ويساهه وارا لنگهيا، اَڻ ويساهن تار. (گفتار)
    جن ويساهه ڪيو سي لنگهي پار پيا، هاڻي ايشور ٻين کي به تار. آراڌنا ڪرڻ جو نمونو.
    74. ويسهه ته ڀڳوان، نه ته پٿر. (چوڻي)
    75. ويسيءَ ۾، گيسي نه ڪجي. (چوڻي)
    76. ويهي درياهه جي ڀَرِ تي، وجهي واگهن سان وير! (پھاڪو)
    77. ويو نماز بخشائڻ، پر روزا گلي پئجي ويس. (ورجيس)
    78. ويئي تٿ، ٻانڀڻ به نه واچي. (پھاڪو)
    79. ويئي سڱن کي، پر ڪن به ڪپائي آئي. (ورجيس)
    80. ويئي وَٿ جو قدر، پوءِ. (چوڻي)
    81. ويئيءَ وهاڻيءَ، دودي ناناڻا آيا! (پھاڪو)
    دودي ۽ چنيسر جي لڙائيءَ ۾ دودي جي مارجي وڃڻ کانپوءِ، دودي جي ناناڻيءَ پهر مان سومرا سندس مدد لاءِ آيا. ڪم خلاص ٿيڻ کانپوءِ هٿ ڊگهيڙڻ آيا!
    ______________


    ( هه )

    ( هه )
    1. هاٿي جتي ترندو، اُتي پڇ به ترندو. (پھاڪو)
    2. هاٿي ڏٻرو، ته به سوا لک لهي. (پھاڪو)
    3. هاٿي گهوڙا ڀڄي ويا، هاڻي گڏهه ٿا گاهه گهرن! (گفتار)
    4. هاٿيءَ جا ڏند؛ کائڻ جا هڪڙا، ڏيکارڻ جا ٻيا. (پھاڪو)
    5. هاٿيءَ جو بار، هاٿي کڻندو. (پھاڪو)
    6. هاٿيءَ جو ڪن، پپر جو پن، انسان جو من، ڪڏهن ٿو لڏي، تنھنجي خبر ڪانهي. (چوڻي)
    7. ها جو ملهه؛ سوَ، نھ جو ملهه؛ لک. (پھاڪو)
    8. هارئي کان، پيتو ڀلو. (پھاڪو)
    9. هارئي کير لاءِ، ڪيترو روئبو؟ (پھاڪو)
    10. هاسي، ڪرهن جي ماسي. (چوڻي)
    هاسي: ٺٺولي. ڪرهن: جهيڙو.
    11. هاڻوڪا جوان، ڪاتيءَ جا مياڻ، ڌڪو ڏين ٻين کي، ڪري پون پاڻ. (گفتار)
    12. هٺ سھائيندو کائجي، لوڪ سھائيندو پھرجي. (چوڻي)
    پنھنجي هٺ (شان، پرماڻ) سھائيندو کاڌو کائجي، پر جيئن عام کي پسند اچي تئن ڪپڙو پائجي.
    13. هٿان پيئي نانڪا، در در ڌڪا کاءِ. (پھاڪو)
    پنھنجي هٿ مان ٿيل ڪم واسطي در در ڌڪا کائڻا آهن.
    14. هٿ جنين جو هيئن، پهرين پتڻ سي لنگهندا. (پھاڪو)
    15. هٿ جو گٿل، هٿ نه اَچي. (پھاڪو)
    پنھنجي هٿ مان گسي ويل ڳالهه، مشڪل هٿ ايندي آهي.
    16. هٿ جي پٺ، ناڻي جي مُٺ. (پھاڪو)
    17. هٿ جي ڦٽي؛ نڪو دارون، نڪو پٽي. (پھاڪو)
    18. هٿ جي ڪنگڻ کي، آرسيءَ جو ڪھڙو کپ آهي؟ (پھاڪو)
    19. هٿ ڇڏي، به ڪو ارڪ چٽي؟ (پھاڪو)
    ارڪ: هٿ جي پٺ.
    20. هٿ ۾ روٽي، مٿي تي سونٽي! (ورجيس)
    21. هٿ ۾ قرآن، ڪڇ ۾ ڇري. (ورجيس)
    22. هٿن جا ليڪا، ڪو نه ڊهن. (پھاڪو)
    23. هٿن سان هاجون ڪري، پيرن سان کڏون کوٽي. (ورجيس)
    24. هٿ وڪڻجن، پر ذات نه وڪڻجي. (پھاڪو)
    25. هٽ کٽائي، حلوا نه کائجن./ حلوو نه کائجي. (پھاڪو)
    26. هڏ بنا سڏ، ڪير ڏئي؟ (چوڻي)
    27. هڏ ڏي تاءِ، ته سٽ ڪتين ٽي پاءَ. (گفتار)
    28. هر ٻول، وچ ۾ ڦول. (ورجيس)
    هر: هريءَ جو نالو.
    29. هر ڪو روئي آپ ڪو؛ نه مائي ڪو، نه باپ ڪو. (چوڻي)
    30. هرندڙ نه هير متان هرن، هريل نه ڦير متان وڙهن. (چوڻي)
    31. هرڻي اڳيئي نچڻي، ويتر پيس گهنڊڻي. (پھاڪو)
    32. هر هالا، منهن ڪالا. (گفتار)
    33. هر هر هورائي، وڃڻ در دوستن جي. (چوڻي)
    هر هر: گهڙيءَ. هورائي: هلڪائي.
    34. هڙ به گاسو، لوڪ به تماشو. (ورجيس)
    هڙ: (کيسو) گاسو: گسي، نقصان.
    35. هڙ سکڻي، لوڏ گهڻي. (ورجيس)
    36. هڙ ۾ تماڪ، ته جهنگ مڙيو ئي دائريو. (پھاڪو)
    دائريو: اوتارو.
    37. هڙ ۾ هريڙون، گوڏ ۾ پتاشا. (ورجيس)
    38. هزار ورهيه جهنگل، هزار ورهيه ننگر. (چوڻي)
    39. هسڻو جوڳي، پڏڻي نار، گد ڪھي، هي ٻئي مار. (چوڻي)
    گد، هڪ ڪوي ٿي گذريو آهي. هيءَ تنھنجي چوڻي آهي. جوڳي جيڪو کلندڙ هجي ۽ استري پڏ پڏ ڪري نچندڙ هجي، تنھن کي مار ڏيڻ گهرجي.
    40. هڪ تئي جون روٽيون؛ ڪي ڇوٽيون، ڪي موٽيون. (پھاڪو)
    41. هڪ-ٽنگي جي ملڪ ۾ وڃجي، ته ٻي ٽنگ کڻي لڪائجي. (پھاڪو)
    42. هڪ چُپُ، هزار چَپَ. (پھاڪو)
    43. هڪ روٽي ڏينس ته هڪ ڏينھن کائي، سو سيکارينس ته جان جيئي تان پائي. (گفتار)
    44. هڪڙا ڏک، ٻيون ڏونگريون. (ورجيس)
    ڏونگريون: جبل، پهاڙ.
    45. هڪڙو آنو، سو به ڪنو! (ورجيس)
    هڪڙو پٽ سڪي سڪي ڄائو، سو به ناخلف پئدا ٿيو.
    46. هڪڙو ٻل ٻانهن جو، ٻي جا چڱي نار، ٽيان مڌر ساهرا، چوٿين لعل ڪنوار. (پھاڪو)
    47. هڪڙو پنڻ، ٻيو مهائڻ. (ورجيس)
    مهائڻ: ٺڳڻ.
    48. هڪڙو چڻو؛ نه مٽ ڀري، نه بٺ ڀري. (پھاڪو)
    49. هڪڙو چوي، ٻيو مڃي؛ تنھنجو پورهيو، ڌڻي به نه ڀڃي. (پھاڪو)
    50. هڪڙو سيد، ٻيو سپاهي؛ تنهن کان رکج يا اِلاهي. (پھاڪو)
    51. هڪڙو کٽي سَوَ کائين، سوَ کٽن هڪڙو به نه کائي. (پھاڪو)
    52. هڪڙو؛ نه روئندو سونهين، نه پٽيندو سونهين. (پھاڪو)
    53. هڪڙي اَڻ هوند، ٻيو افعال بڇڙا. (ورجيس)
    54. هڪڙي ٻانهي، ٻيو ٻرو. (پھاڪو)
    ٻرو: ڪم ڪرڻ لاءِ تپ چڙهڻ.
    55. هڪڙي ٻيلي ۾، ٻه شينهن نه ماپن. (پھاڪو)
    56. هڪڙي پِنَ، ٻي پَچَرَ. (پھاڪو)
    57. هڪڙي جا سمهي مٿي، ٻي جا پوي ٽير، ته نه چڙهندو به چڙهي! (پھاڪو)
    ٽير: ماڪ. ۲. يعني؛ هڪڙو وڃي سمهي مٿي چوٽ تي، ٻي جا پيئي ماڪ سو نه اَچڻ وارو تپ به ضرور چڙهي ايندو.
    58. هڪڙي چوري، ٻي سينا زوري. (پھاڪو)
    59. هڪڙي ديڳڙي ۾ ٻه هٿ، سو ڪنھن جي نه هٿ. (پھاڪو)
    60. هڪڙي ڪاٺي؛ ٻري ڪھڙو سوجهرو ڪندي؟ (پھاڪو)
    61. هڪڙي ڪُپڙي کير ڀري، ٻي به ڏيندو اَللهه. (پھاڪو)
    62. هڪڙي ڪن کان ٻڌو، ٻئي ڪن کان ويو! (پھاڪو)
    63. هڪڙي کي چئي؛ پيءُ مئو، ٻئي کي چئي؛ ماءُ مئي. (ورجيس)
    64. هڪڙي لٽي، سھسين پٽي. (چوڻي)
    سهسين: سوين. ۲. هڪ در بند ٿئي ته سوين ٻيا در کلن.
    65. هڪڙي واءَ کان گهڻا ڪڪر، هڪڙي شينھن کان گهڻا مرون، هڪڙي مور کان گهڻا سپ، هڪڙي سيڱ کان گهڻا ڪانوَ ڀڄن. (پھاڪو)
    66. هڪڙيءَ کپ ۾، ٻه تراريون نه ماپن. (پھاڪو)
    67. هڪ سڃ، ٻي سيٽ، ٽين حلوي سان ماني! (ورجيس)
    68. هڪ سِرَ لاءِ، مسجد ڪيئن ڊاهبي؟ (پھاڪو)
    هڪ ماس جي ٽڪر لاءِ سڄي مسجد ڪيئن ڊاهي پٽ ڪبي؟
    69. هڪ شينهن جو شڪار، سوَ لومڙيون کائن. (پھاڪو)
    70. هڪ مڻ علم کي، ڏهه مڻ عقل گهرجي. (پھاڪو)
    71. هڪ نور آهي آدمي، هزار نور آهي ڪپڙو. (پھاڪو)
    72. هڪ وات کنڊ سان به ڀري سگهجي، پر سوَ وات لوڻ سان به ڪو نه ڀرجي سگهن. (پھاڪو)
    73. هڪ وڻي ڪو نه، ٻيو جتيءَ سوڌو جهوليءَ ۾! (ورجيس)
    ڪو انسان وڻندو ڪونهي ته به جتي سوڌو جهول ۾ اَچي پوندو آهي.
    74. هڪ هٿ سان پکيڙجي، ٻن هٿن سان ميڙجي. (پھاڪو)
    75. هڱ سھانگي، ته به ڪا ٻاٽ ۾ گهوربي؟ (پھاڪو)
    76. هڱ وڃي، پر هڱ جي بانس نه وڃي. (پھاڪو)
    77. هِلَ جي آکيري ۾، ماس ڪٿان آيو؟ (پھاڪو)
    پکيءَ جي آکيري ۾ ماس ڪٿان ايندو؟
    78. هلڻ چلڻ ڪنھن کي ڪو نه ماري، رڳو وهڻ. (چوڻي)
    79. همٿ چوي؛ جيڪو مونکي وڌائي، تنھن کي مان وڌايان. (چوڻي)
    80. همٿ مردان، مدد خدا. (چوڻي)
    81. هنج نه ميرو وت، جاسين جيئن ڏينهڙا، جيءَ نه جنجل گهت، سر تان سر ڪيترا. (پھاڪو)
    82. هنجن سان حرص ڪري اُڏاڻي چڙي، چڻو هوس چھنب ۾، سو به پيس ڪِري. (پھاڪو)
    هنج: هنس پکي. حرص: شوق. چڙي: جهرڪي. ۲. هڪ جهرڪي هنس پکي وانگر شوق رکي، مٿي اُڏامڻ لڳي. پر قدرت سان چھنب ۾ جيڪو چڻو پيو هوس، سو به پٽ ۾ ڪري پيو. ٻين سان ريس ڪرڻ جو اَهڙو نتيجو نڪرندو آهي.
    83. هندو گانءِ، مسلمان سوئر. (پھاڪو)
    84. هنڌ ڏسي، هاسي ڪجي. (پھاڪو)
    هاسي: کل، مسخري.
    85. هنڊي اُڀامندي، ته پنھنجا ڪنا ساڙيندي. (پھاڪو)
    86. هنر نر آهي، بي هنر کر آهي. (چوڻي)
    87. هنر واري جو هنر، بي هنر واري جي جند. (چوڻي)
    88. هنئڙا، گهر ته گهرانءِ. (چوڻي)
    تون مون کي پيار ڪر ته مان به موٽ ۾ تو کي پيار ڪريان.
    89. هڻ ڌيءَ کي، ته سِکي ننهن. (پھاڪو)
    90. هڻن ڪين حمير، کائن پاٽ پلاهه جي. (ورجيس)
    حمير: بھادر. ۲. بھادر ڪم ڪو نه ڪن پر عمدي کاڌي جي پاتل اڳيان اچي ته کائي وڃن.
    91. هو ساڻ نه نيندا، ھيءَ ڏاند چڙهندي. (ورجيس)
    ڪنھن جو ساٿ به نه وڻي ته اڳلو لاڏ ڪري چوي؛ مان ته پنڌ ڪا نه هلندس!
    92. هو سوڙ پاند به نه ڏين، ھيءَ وچ ۾ سمھندي. (ورجيس)
    93. هوند تي، هونگر ڏجي. (ورجيس)
    جيڪي هڙ ۾ هجي، اوڏو آواز ڪجي.
    94. هيانءَ تتي کان، کڙي تتي چڱي. (چوڻي)
    هيانءُ: من، جگر. ھڪ ھنڌ رھي پنھنجي من کي تپائڻ کان، اتان ڀڄي پنھنجي کڙي تپائجي ته بھتر آ.
    95. هير، ڇني پير. (چوڻي)
    96. هيريءَ سندي هير، ٽنگ ڀڳي به نه لهي. (چوڻي)
    97. هيڻا، هر ڪنھن وهيڻا. (چوڻي)
    98. هيڻي کي نه هڻي، سو هٿن ۾ لهي. (پھاڪو)
    __________


    ( ي )

    ( ي )
    1. يا درياهه ٽپي وڃي، يا اَڏ تي بيھي رهي. (ورجيس)
    2. يا ڏونگهو ڏر ۾، يا ڪپو ڪڇ ۾. (ورجيس)
    پاڻي کڏ ۾ هيٺ هوندو ۽ ڏونگهو وجهبو ته هٿ مان ڏونگهو يا ڇڏائجي وڃي کڏ ۾ پوندو يا پاڻيءَ سان ڀرجي ايندو. جنھن ڪري پاڻيءَ سان ڀريل ڪپڙو دونگڙو ڪڇ ۾ کڻبو. ۲. ڏوونگھو: ٽونگه. ڪپو: دونگڙو.
    3. يار اُهو جو اوکيءَ ۾ ڪم اَچي. (چوڻي)
    4. يار به تيلي، سينڌ به ميلي. (ورجيس)
    يار هجي تيل وڪڻندڙ پوءِ به پنھنجي سينڌ اڻڀي هجي ته کوڙو ڪئن بيهندو؟
    5. يار جن کي ياد، سي ياد هميشه يار کي. (چوڻي)
    6. يڪ را بگير، دوسري ڪي دعوى. (چوڻي)
    هڪڙو ته پھرين هٿ ۾ ڪر، پوءِ ٻئي جي گهر ڪر.
    _____________


    مدد ورتل:

    مدد ورتل:
    ”سھج ڪوش“، سنڌي-سنڌي ڊڪشنري ماسر سھج رام ٽھلرام.
    ”گل-شڪر“، ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻي.
    ”گل قند“، شري ڀيرومل مھرچند آڏواڻي.
    ”ھئنڊ بوڪ آف سنڌي پراوربس“، شري روچيرام گجو مل.
    ”سنڌي کٽمٺڙا“، غلام اصغر پاڪستان.
    ”پھاڪا ۽ اصطلاح“، شري بي بي رامناڻي.
    ”پھاڪن جي پاڙ“، پروفيسر عبدالڪريڪ سنديلو (پاڪستان)
    ”پھاڪن جي حڪمت“، مرزا قليچ بيگ.
    ”چوئٿ جو چنڊ“، سرڳواسي لعلچند امرڏنومل.
    ”اناردانه“، پروفيسر نارائڻداس رتنچند ملڪاڻي.
    ”سنگھٽن“، ”ھندواسي“، ”ڪونج“ اخبارن جي پرچن مان.
    مدد ڪندڙ:
    سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ.
    ميشرس ايل ڪشنچند وارن ڪتاب ڳولھي لھڻ ۾ مدد ڪئي. ڪيترن ڀينرن ۽ ڀائرن پڻ مون کي ھن پستڪ تيار ڪرڻ ۾ ھر طرح جي ساھتا ڪئي، جن سڀني جو مان شڪر گذار آھيان.


    وينتي:

    وينتي:
    ڪرپا ڪري ڀلون سڌاري ۽ ھڪ ھڪ پھاڪو ڌيرج سان پڙھو.
    پستڪ ھٿ ڪرڻ ۽ وڌيڪ صلاحن لاءِ ھيٺئين پتي تي لکپڙھ ڪريو:
    شري ھريش وي، ھاٿيراماڻي، ڪؤپر بلڊنگ، پھريون ماڙو، ۲۲۹، برنسز سٽريٽ، بمبئي ۲.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343869
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ