ڪتاب جو نالو: ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
مصنف: مظفر چانڊيو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 12 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1037 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 488 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون .
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻـه اکـر
  • لڏندڙ لامن مان ڇوڙيل پينگھون
  • مظفر چانڊيو جيئن مون ڄاتو آهي
  • ڏات، ڏانوءُ ۽ ڏاهه جو مجسمو
  • نظم

  • وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانهن
  • مدهوش هئي مرڪي ملي
  • لنڊن کان گلاسڪو ٽرين جوسفر
  • موت کان اڳ اچين
  • ويساهه
  • پوڙهو شينهن
  • اچي ڀٽ تي گهُر معافي
  • عذاب
  • سنڌ مُرڪائي ڏيو
  • پراري
  • ڪالهه آ ڪنهن ڏٺي
  • رولاڪ راهن جا مسافر
  • ڪرسي ۽ قبر
  • سنڌو تنهنجا ٿورا
  • بهاولپور
  • مري ٿيا نه مات
  • ٻيجل گهري سري آ
  • سنڌ83 کان 2006 تائين
  • اسلام آباد
  • نيويارڪ
  • دامنِ ڪوهه
  • Kiss
  • اکڙين ۾ اٽڪي پئي
  • سنڌ آ سورج مکي
  • “ SAM” اُداس ڇوڪري
  • New Year Night
  • ساهه ڏئي ويساهه وٺڻ
  • ويساهه گهاتي
  • سواتي قطارون
  • پوري عالم آ روئي ڏنو
  • هڪ قبر آهي کٽل
  • 18 آڪٽوبر 2007ع
  • شهيد راڻيءَ جي نانءِ
  • رهزن آ رهبر بڻيو
  • ديس جي ياد
  • قاتل ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو
  • ملڪ سان پيار ڪيون ٿا
  • ڀالوا ڀرجي ويو
  • آسمانن رُنو هو
  • مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري
  • ها جي موٽي اچين!
  • نصرتم
  • پئرس
  • سونهن ۽ فطرت
  • معشوق ۽ محبوب حسن جي ياد ۾
  • ها تون ساڳيو اڀيچند
  • سموري سنڌ آ سڪتي ۾!
  • حَسن جو ڪيڏارو
  • آصف توکي ڇا گهرجي؟
  • پئسو ماڻهوءَ کي پاڳل بڻائي
  • يار جو ذڪر آ
  • پيار
  • گلابن جا گردن اوچا ٿيا
  • تخليق
  • تون اسان جو سج آهين
  • او منهنجا دلبر دانشور!
  • سنڌ
  • رنڪل تون نه راز ٿي ڄاڻين
  • ڀيا ڪنهنجا ڀائر ناهن
  • Transfermation
  • سنڌي هڪ چيڙهي قوم
  • جمهوريت بهترين انتقام آهي
  • رهزن اڄ ٿيو رهبر آهي
  • شهيد بشير قريشي جي ياد ۾
  • سنڌ تنهنجا سُور سوايا
  • غزل

  • ڏات ۽ رات ٿي روئي پئي
  • ڄام آيا ڪينجهر تي ڪيئي
  • سنڌ آ جندُ ۾ جڙجي وئي
  • دل جي دري ٿي کُلي اوهان جي چپن ۾
  • انڌهيري رات ۾ روئڻ چاهيان ٿو
  • من چاڪ ڪري وئي
  • گم ٿيڻ چاهيان ٿو
  • زندگي ٽُڪَ جي رلهيءَ جيان، ويڙهي هليو وئين،
  • صدين جو سفر آ سڻائو نه ٿيندو
  • مون کان هو لکرائي ويٺو
  • تون نه آن تنهنجي تات آهي
  • آنءُ تنهن جي دم سان آهيان
  • ڌرتي تنهنجو دان جي ملندو
  • دکيءَ دل جون دانهون ٻڌان ٿو
  • عشق آ انسان کي حيوان سان
  • اڃان ته منهنجي رات آ شرابن سان
  • توکان پوءِ مري وئي اسان جي مڳي
  • گگن ۾ گهايل گهمن گهٽائون
  • موتئي جون ٿيون جهوليون مرڪن
  • جيون ڪيڏو دوکو لوڪو
  • نه ٿا اکڙيون پنهنجون سمهاري جيئون
  • خواب اسان جا ڀورا ڀورا
  • سرتيون سپنا روز مرن ٿا
  • رات تنهنجي راهن ۾، نيڻن جو هو نورُ وڇايو
  • شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟
  • صوفي
  • وايون بيت ۽ ٽيڙو

  • وائي
  • وائي
  • بيت
  • ٽيڙو
  • "انسانیت کا نوحہ"

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2013ع
    ڪتاب جو نالو : ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
    شاعر: مظفر ڇانڊيو
    ڪمپيوٽر لي آؤٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 250/= رپيا

    "SAARI SINDH PREEAN JO PACHHO”
    (Poetry)
    By: Muzaffar Chandio
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone: 021-32737290
    website: www.sindhica.org, Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي،B-24 نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي فون:02132737290
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368، 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-مدني اسلامي ڪتبخانو، جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر ڀٽائي بازار شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
    عباس ابڙو شڪارپور فون: 03362870897 ساحر ڪتاب گهر، 8948535-0346 دادو

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    ارپنا

    محبوب ۽ معشوق
    حسن درس جي نانءُ،
    جنهن جي جدائيءَ جا
    گهاوَ ڀرجي نه سگهندا.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (246) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ خوبصورت شاعر مظفر چانڊيو جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    حسن مجتبيٰ لکي ٿو ”ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون . شيڪسپيئر چيو ھو: شاعر، عاشق، چريا ۽ ٻار پاڻ ۾ وڏيون ھڪجھڙائيون رکندا آھن. پر ذاتي حوالي سان معاف ڪندا ۽ مونکي اھو چوڻ ڏيو ته مظفر ۾ انگريزي ٻولي جي شاھ ڀٽائي سيد شيڪسپيئر علي شاھ جي ڏسيل نيشانين مان ٽيئي يعني عاشق، شاعر ۽ ٻار ھجڻ واريون اتم موجود آھن. “
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻـه اکـر

    مان پاڻ کي شاعر ته ڪو نه ٿو سمجهان، ڇو ته شاعري پيغمبري آهي، پر اندر جا اُڌما جڏهن پني تي آڻيندو آهيان ته پاڻ کي هلڪو ڦلڪو محسوس ڪندو آهيان. جتي رياست ماءُ ته پري پر ويڳي ماءُ جهڙو به سُلوڪ نه ڪندي هجي، اتي اسان جهڙا ننڍڙا سرڪاري نوڪر يا ته اکيون ٻوٽي خلق لاءِ خواري ۽ خرابيءَ جو سبب بڻجندا آهن يا وري اندر ئي اندر ۾ اوندهه کي وڌائي انڌا، گونگا ۽ ٻوڙا ٿي زندگي ضايع ڪندا آهن.
    منهنجي زندگيءَ جو محور ته سنڌ ۽ سنڌ ئي رهي آهي، پر آنءٌ ڀٽائيءَ جي پيرن جي خاڪ هجڻ جي ناتي سڄي عالم کي به آباد ڏسڻ ۾ خوشي محسوس ڪندو آهيان، سو جڏهن به لکڻ لڳندو آهيان ته سائنڻ سنڌ منهنجي سامهون مٿي اُگهاڙي مظلوم ماءُ جيان اچي ويندي آهي. ان ڪري جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي ڪچن ڦڪن خيالن ۾ ڪا سختي ۽ تلخي محسوس ٿئي ته مون کي معاف ڪندا.
    منهنجي خواهش هئي ته هن ڪتاب تي مهاڳ محبوب ۽ معشوق سهڻي حسن درس کان لکرائيندس (اهڙو اظهار مون ساڻس فون تي ڪيو به هو) پر پرين اسان کي رڻ ۾ رولي ڪنهن اڻ ڏٺي ڊگهي سفر تي روانو ٿي ويو آهي (هڪڙو ڪم ضرور ڪندو آهي ته روز رات جو منهنجي گلاس مان پهريون ڍڪ ڀري پنهنجي مخصوص مُرڪ سان گلاس منهنجي هٿن ۾ ڏئي گم ٿي ويندو آهي). حسن هوا جي خوشگوار جهوٽي جيان خوشبو ۽ ٿڌرو ٿڌڙو احساس ڏئي، باقي زندگي اسان کي اکين ۽ گلاسن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ويو آهي.
    سيئي جوڀن ڏينهن، جڏهين سڄڻ سفر هليا!
    رُئان رهن نه سپرين، آيل! ڪريان ڪيئن؟
    مونکي چاڙهي چِيئن، ويو وڻجارو اوهِري.

    مان ٿورائتو آهيان سائين نور احمد ميمڻ جو جنهن ڪتاب کي ڇپرائي مون کي مان ڏنو ۽ ساڳئي وقت لک ٿورا پياري حسن مجتبى، دلبر دوست مشتاق شوري ۽ سائين اشتياق انصاري جا جن هن ڪتاب تي مهاڳ لکيو.
    ساٿ سلامت، سنڌ سلامت
    مظفر چانڊيو
    ڪلفٽن، ڪراچي


    لڏندڙ لامن مان ڇوڙيل پينگھون

    قمبر ڀرسان ھن جي وڏڙن جي قبرن جي قبن مٿان نيرا ڪلس ۽ ڪاشي جو ڪم صديون گذري ويون پر اڄ به سدا موجود آھن . انھن ڪلسن ۽ ڪاشي جي نير ۾ چون ٿا ته ڏاچي جو کير گڏايو ويندو آھي، جنھن جي ڪري نير جي اھا ڪينجھر ۽ ڪِن سھڻن جي اکڙين جي رنگ جھڙي نيراڻ ڪئين صديون زمانا گزري وڃڻ باوجود موجود رھي ٿي. اھڙي ريت ھيءُ جو مظفر آھي ھن جي اندر ۾ به اھڙي سدا محبت جي نيراڻ موجود آھي جنھن جو شعلو ھن جي شاعري ۾ ڪٿي ڪٿي ڀنڀٽ بڻجي ٿو. بلڪل ان اردو شاعر چواڻي: جو بھی کچھ ہے محبت کا الائو ہے۔
    پر اھو محبت جو الائو مظفر وٽ يڪو پڪو نير جي نيراڻ وانگر آھي. ڀٽائي چيو ھو،
    ”وھون شھيدن جون نير مھانگو ڪنديون“ (يعني شھيدن جون بيواھون نير جو رنگ مھانگو ڪري ڇڏينديون. اڳي يا شايد ھاڻ به ڪٿي ڪٿي سنڌ ۾ ماتمي لباس جو رنگ ڪارو نه پر نيرو ھوندو). سنڌي ماڻھو ڇا آھن؟ بس شھيدن جون وڌوائون آھن. محبت ۽ ماتم ھنن وٽ گڏ گڏ ھلن ٿا. ڪٿي ڪٿي مظفر جي ھن شاعري جي ڪتاب ۾ به مونکي ايئين لڳو.
    ڇا مظفر شاعر آھي؟ جيتوڻيڪ ھو ڪتاب ۾ اٿندي ئي پاڻ کي شاعر نٿو چوي پر پنھنجي اڌمن ۽ احساسن کي سٽن، لفظن ۽ اندر جي اھاءُ کي پنن تي اتارڻ جو نانءُ ٿو ڏي پر مان چوانٿو ھو صوفين وانگر ھجڻ ۽ نه ھجڻ جي ڪشمڪش ۾ ھجڻ وانگر شاعر آھي به ۽ ناھي به. پر ھن وٽ زندگي ۽ عاشقي شاعري وانگر اچن ٿيون . شيڪسپيئر چيو ھو: شاعر، عاشق، چريا ۽ ٻار پاڻ ۾ وڏيون ھڪجھڙائيون رکندا آھن. پر ذاتي حوالي سان معاف ڪندا ۽ مونکي اھو چوڻ ڏيو ته مظفر ۾ انگريزي ٻولي جي شاھ ڀٽائي سيد شيڪسپيئر علي شاھ جي ڏسيل نيشانين مان ٽيئي يعني عاشق، شاعر ۽ ٻار ھجڻ واريون اتم موجود آھن.
    يونانين چيو ھو محبت ڳنوار کي به شاعر بڻائي ڇڏيندي آھي. يونانين اھا ڳالهه مون جھڙي ماڻھو لاءِ ڪيئي ھوندي پر حسن درس جي محبت ۽ ھن سان ڪيل رولاڪين مظفر چانڊيي کي شاعر بڻائي ئي ڇڏيو. مظفر کي ڪو پاءَ صدي اڳ مون ساڻ اسان جي دوست جامي چانڊيي ملرايو ھو. اھو ڏينھن ۽ اڄ جو ڏينھن. اڄوڪي ڏينھن (چوڏنھن جولاءِ) مظفر آمريڪا ۾ آھي( جنھنکي به ھو سنڌ جيان پيار ڪري ٿو ۽ ھن مھل ھو پنھنجي زال (منھنجي ڀاڄائي) ۽ ٻنھي پيارن ٻارڙن سان (جن ۾ ھن جو پٽ بالاچ انگريزي ۾ شاعري ڪري ٿو) ڌيءُ سنڌيا جيڪا ھڪ آرٽسٽ آھي سان گڏ نياگرا فال تان ڊرائيو ڪري نيويارڪ موٽي اچي رھيو آھي ۽ مان ھي صفحا لکي رھيو آھيان). ته ڳالهه پئي ڪئي سين، سنڌ جي قومي سھڻي حسن درس جي جنھن پنھنجي مٿان راڄ چريا ڪيا ھا مظفر ۽ جامي سان گڏجي ڪئين مشھور ۽ گمنام راھن تي رولاڪيون ڪيون. ڪڏھن ھو ھندوستان دھلي ۾) قرت العين حيدر سان ملڻ ويا ته ڪڏھن ڪلڪتي ڀرسان مھا ڪوي ٽيگور جي شانتي نيڪيتن جي زيارت تي. بنگالي آرٽسٽ ڇوڪري پولي جي سائيڪل جي گھنٽي گھڙي گھڙي حسن وڄائيندو رھيو. انھي سفر دوران ھو ننڍي کنڊ جي مھان خاتون ۽ پنجابي جي امر شاعره امرتا پريتم ۽ سندس دوست امروز سان سندن انھي گھر ۾ مليا ھا جنھن جي ھڪ ھڪ ڪمري، در ۽ ديوار تي چترڪاري امروز ڪيئي ھئي جيڪو گھر ھاڻ وڪامي به چڪو. نه فقط وڪامي چڪو پر چون ٿا امرتا پريتم جو اھو گھر ڊاھي انتي پلازا ٺاھيو ويو آھي. مونکي لائجي امرتا پريتم جي گھر جو وڪجڻ ننڍي کنڊ جي ڄڻ ته ٻيھر ورھاڱي جھڙي دردناڪ ترين واردات جھڙو لڳو ھو. مون انھي سانحي جھڙي ڳالهه تي پنجابي ۾ ھڪ نظم به لکيو هو. امرتا پريتم جنھن چيو ھو اندر ۾ ٻرندڙ ڀنڀٽ جو ڪو پاڇولو ناھي ٿيندو. ھا جڏھن اندر ۾ ٻرندڙ ڀنڀٽ تي ڳوڙھن جو مينھن وسندو آھي پوءَ انجو پاڇولو ٿيندو آھي ۽ اھو پاڇولو ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو به ٿي پوندو آھي.
    انھي حسن درس جي ايپڪ نظم جيڪا ھاڻ سنڌ ۾ ھڪ خوبصورت چوڻي بڻجي ويئي آ ” ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ جي سٽ ئي کي مظفر پنھنجي شاعري جي ڳٽڪي جو سرو بڻايو آھي. سندي محبوب ۽ معشوق حسن درس کي ھن پنھنجو ھيءُ ڪتاب به ارپيو آھي. ”حسن درس جي نانءُ.“
    فيض صاحب چيو ھو:
    وہ تو وہ ہے تمھیں ہو جائے گی الفت مجھ سے
    میرا محبوب نظر ایک نظر تو دیکھو

    مظفر جي ھن ڪتاب ۾ نظم، غزل، ٽيڙو، بيت ۽ ھڪ اردو جو نظم ” انسانیت کا نوحہ ’’شامل آھن.
    ھن شاعري جي ڳٽڪي ۾ نظمن واري ڀاڱي ۾ مونکي ڪي نظم ڏاڍا آئڙيا آھن. يا وري اھڙن نظمن ۽ انھي غم جو ڪاٿو ڪونھي جيڪي مظفر حسن درس جي وڇوڙي ۾ لکيا آھن.حسن جي جواني ۾ موت تي سرجندڙ سٽن ۽ خيالن ۾ الائجي ڇو ھڪ حسين ۽ غم انگيز نوحي گري اچي ٿي وڃي. مظفر جا اھي نظم جيڪي ھن حسن درس جي ياد ۽ جدائي ۾ لکيا آھن، اھي منھنجي من ۾ پکين جان آکيرو ڪري ويھي رھيا آھن. وڌيڪ انجو فيصلو مظفر جي ھن شاعري جو ڪتاب پڙھندڙ ڪندا، ان ڪري آخري اکر پڙھندڙ جا ئي ڳڻيا ويندا.ڇو جو مظفر جي شاعري جا اصل جج ته ھن جا پڙھندڙ ئي ٿيندا.
    اجھو ھن جو نظم ”تخليق“ پڙھو:
    پکين جا آکيرا ويٺو
    ماڻھو پنھنجي من ۾ ٺاھي
    ڳالھين جا ڳيرا ويٺو
    ماڻھو پنھنجي من اڏاري
    ماڻھو گھاٽي جھنگ مثل آ
    جنھن جا رستا روز سڙن ٿا
    جنھن ۾ ڪيئي ڪيٽيون ڪم جون
    سوچن جا جت ساھ کڄن ٿا
    لفظن جا ڄڻ وڻ لڏن ٿا
    ‎شاعر ھر شام جو ويھي
    ڪيڏا تن کي ڌوڻا ڏي ٿو
    پن پن مان ڄڻ پيار ڇڻي ٿو
    موتين جي ھو مالھا پوئي
    نظمن ۾ ڄڻ ساھ ٿو ڦوڪي
    ڪيڏا سھڻا گيت ڄڻي ٿو
    ڪيڏا سھڻا گيت ڄڻي ٿو.
    اھڙي طرح ھن جو نظم وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانھن ڀل جان حسن درس جي ئي زمين ۾ ھجي پر ڏاڍو خوبصورت ۽ رڌم سان ڀرپور آھي. ھتي رئيس امروھي جو شعر ياد اچڻ بر مھل ٿيندو:
    اگر ھو جيب میں نقدی تو سیر لاڑکانہ ہو
    حسینوں مہہ جبینوں کی زیارت کا بہانہ ہو۔

    مظفر جي ھن ڳٽڪي ۾ ھڪ ٻيو نظم " گلابن جا گردن اوچا ٿيا“ ”رت ۾ خوشبوءُ ميندي جي ملائڻ جي ڪوشش آھي“. ياد رھجي وڃڻ جھڙو نظم آھي, سواءِ ھن سٽ جي ته ”اڃ ھئي اگھاڙي ڪولھڻ ٿڻن ۾”. الائجي ڇو پوءِ اھا اگھاڙپ سرمدي ھجي يا عورت جي اسانجو سنڌي شاعر پنھنجي اڃ ۽ بک ۾ اگھاڙو ٿيو پوي. ڀلا سڄي شاعري ۾ اگھاڙيون ويچاريون عورتون ۽ ڇوڪريون ڇو. ھتي مان آرٽ ۽ شاعري ۾ اگھاڙپ جي جماليات ۽ انکي ڏسندڙ اک جي ڳالهه نٿو ڪيان. مان سنڌي شاعر جي ان عينڪ جي ڳالهه ٿو ڪيان جيڪا ھن جي اکين تي پاتل آھي.
    مظفر پنھنجي ڪن نظمن ۾ ته نيويارڪ ۽ پئرس جي خوبصورتين کي سنڌ جي دل جي برش سان پئنٽ ڪري ٿو. ھن کي اسلام آباد جي خوبصورتي ۾ سنڌ ۽ ديس جا درد ائين ڏسڻ ۾ ٿا اچن جئين شيخ مجيب الرحمان اسلام آباد جي روڊن کي ڏسي چيو ھو انھن روڊن کي ڏسي مونکي بنگال جي سڻي جي خوشبوءٌ ياد اچي ٿي. مظفر کي لاھور ۽ راوي کي ڏسي به سنڌ ، ڄامشورو ۽ ڪنھن جي ياد، ياد آيا. مظفر جي محبتن جو محور سنڌ آھي. سنڌ ۾ ڄامشوري کانسواءِ زندگي ھن لاءِ ٻيءَ ڪنھن جاءِ ڪونھي.
    مظفر جيڪو سنڌ ۾ اڳلن ڏيھاڙن ۾ ” تو سنڌ کپائي زرداري“ جھڙي شاعري نما نعري جو موجد رھيو ھو جو اھو نعرو سنڌ ۾ ڄڻ ته بس لوڪ چوڻي مثل بڻجي ويو، پر ھتي مظفر جا ڪجهه نظم نعري بازي لڳن ٿا. اھڙا نظم ۽ ڪجهه ٻيا ڀرتي وارا نظم ھن ڳٽڪي ۾ نه به شامل ھجن ھا تڏھن به ھن جي شاعري سٺي ۽ سيھوڳي سمجھي ۽ پڙھي وڃي ھا. اردو ڳالھائيندڙ آبادي بابت مظفر جا پنھنجا ويچار آھن ۽ ڏسڻ جي پنھنجي ڪنڊ آھي پر شاعر ۽ سنڌ سراپا محبت ھجڻ گھرجي . يعني پيار سڀني لاءِ نفرت ڪنھن لاءِ به نه. ساري سنڌ پرينءَ جو جي پاڇو آھي ته پوءِ اھا ۽ انجي آزادگي محبت سان ملندي جھيڙي، نفرت ۽ ڪروڌ سان نه.
    حسن درس جنھن جو وڇوڙو ھن جي يارن ۽ پيارن جي شامن، ڏينھن ۽ راتين کي سر ڪيڏارو ڪري ويو آھي تنھن جي جدائي تي مظفر سندا ھن جي ھن ڪتاب ۾ ”حسن جو ڪيڏارو، ”سموري سنڌ آ سڪتي ۾“، ” ھا جي موٽي اچين“، ”مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري“، ”معشوق ۽ محبوب حسن جي ياد ۾ ، ۽ خود حسن جي حسن تي ”ھا تون ساڳيو اڀيچند“ لڳي ٿو مظفر قلم ۽ ھٿن سان نه پر دل ۽ ڳوڙھن سان لکيا آھن.
    مظفر ٻين به، اخباري ٻولي ۾، اھم شخصتين بابت شاعري ڪيئي آھي جن ۾ بينظير ڀٽو تي ارڙھين آڪٽوبر ٻه ھزار ست وارو حملو، بيگم نصرت ڀٽو، بينظير ڀٽو جي قتل وارو سانحو، ۽ اسانجي دوست آصف بالادي بابت آھي. بنان نالي وٺڻ جي باقي آصف زرداري اينڊ ڪمپني تي مظفر جو تبرو اھوئي آھي جيڪو سنڌ ۽ ملڪ جا گھڻائي ۾ ماڻھو فوجي آمر ضياءُالحق تي ستھتر کان ڇوٽ پتي ڪندا اچن. ڪٿي ڪٿي مظفر جا نظم شاعري نه پر منظوم اخباري ڪالم يا وري پوءِ حسن درس چواڻي منظوم سياسي موقف لڳن ٿا.
    مظفر کي جي شاعري مستقل ۽ مستقل مزاجي سان ڪرڻي آھي ته پوءِ اھڙي فوجي ڀرتي جي دفتر نما شاعري کان پاسو ڪرڻو پوندو. کڙتالي سياست ٿي سگھي ٿي. کڙتالي ادب ۽ شاعري شايد ئي ٿي سگھن! مونکي ذاتي ڄاڻ آھي مظفر شاعري سان انتھائي سنجيدھ آھي. ھو حققيت ۾ سٺي شاعري ۽ ادب سان عشق ڪندو آھي. شاعري ۽ شراب ھڪ ٻئي سان سلھاڙيل ھوندي به ٻه جدا جدا شيون آھن. شراب پي شاعري فقط اردو ۾ مجاز ئي ڪري سگھندو ھو. ھڪ پيتي جو نشو آھي ٻي اڻ پيتي جا نشا.
    اڻ پيتي جا نشا مظفر جي شاعري جي ھن ڳٽڪي ۾ غزلن واري ڀاڱي ۾ آھن. حقيقت ۾ غزل ۾ مظفر پڪو پختو شاعر ٿي سگھي ٿو ۽ آھي به:
    دل جي دري ٿي کلي اوھان جي چپن ۾
    وطن آ اسانجو اوھان جي اکين ۾

    ڏسو نه ڪيڏي خيال جي خوبصورتي ۽ اظھار جو ڏانءُ ھڪڙي ئي تخليق جي چشمي مان ڦٽي نڪرن ٿا.
    يا وري:
    رمزن جون راھون رسيل ئي رھن ٿيون
    ٽڪ جي رلھي جو سباڻو نه ٿيندو.

    اجھو وري حسن درس تي ھڪڙي غزل ۾ چوي ٿو:
    لاڙ جي لئنءُ کي لڙڪن ۾ لوڙھي ھليو وئين
    لڏندڙ لامن مان پينگھن کي ڇوڙي ھليو وئين.

    ائين لڳي ٿو ڄڻ سنڌ جي پينگهه تي ويٺل جواني کي ڪو لڏندڙ لامن مان واقعي ڇوڙي ھليو ويو.
    ھونئن ڀلا ھن ٽيڙو ۽ وايون به لکيون آھن پر حيرتناڪ طور ھن جا بيت آھن جيڪا سنڌ ي شاعري جي ڪلاسيڪل ۽ قديمي صنف ذري گھٽ ختم ٿيندي پيئي وڃي. مظفر جي انھي صنف تي گرفت ۽ خيال جي اڏام لنوائڻ جھڙي ڪانه آھي.
    ٿورو لکيو گھڻو سمجھندا باقي سڄو ڪتاب پاڻ پڙھندا. ھيءُ مظفر جي شاعري جو ڳٽڪو پڙھڻ ۽ سانڍڻ وٽان آھي. الا تار ۽ ان کي خط سمجھي اچڻ وارن جو زمانو پورو ٿيو. مير صاحب! زمانو سائبر جو آ. سو اھو ھو مٺو مظفر جيڪو وھسڪي ۽ زندگي وانگر ڪڏھن ڪڏھن ڪڙو به آھي.
    حسن مجتبيٰ
    نيويارڪ
    July 23,2013


    مظفر چانڊيو جيئن مون ڄاتو آهي

    مظفر چانڊيو جيئن مون ڄاتو آهي

    دير سان ئي سهي نيٺ مظفر کي دنيا جهان جي خفن ۾ ڦاٿل هوندي به اهو خيال آيو ته هو پنهنجي ٽڙيل پکڙيل، ڇپيل، اڻ ڇپيل شاعريءَ کي سهيڙي مجموعي جي شڪل ۾ ڇپرائي. ان سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ تمام وڏي تبديلي اها به آئي ته سائين نور احمد ميمڻ فڪشن عام طور تي ۽ شاعري جا مجموعا خاص طور تي ڪنهن به قيمت تي نه ڇپڻ جو رکيل روزو ته ٽوڙيو. سنڌيڪا پاران ڇپايل شاعريءَ جو شايد اهو ٻيون مجموعو آهي.
    مظفر مونکي جڏهن ان مجموعي تي ٻه ٽي اکر لکڻ لاءِ چيو ته مون بنا ڪنهن سوچڻ جي ها ڪري ڇڏي، ڇو ته آءٌ خدا جي حڪمن کان انڪاري ته ٿي سگهان ٿو، پر مظفر جهڙي دوست جو حڪم نه مڃڻ جو ساهس گهٽ ۾ گهٽ مون ۾ نه آهي، جڏهن ته شاعري بابت مون کي ايتري خاص ڄاڻ ناهي، پڙهڻ جي حد تائين ته شاعري وڻندي آهي پر ان جي ٽيڪنيڪلٽيز کان ته آءٌ بلڪل اڻڄاڻ آهيان.
    هڪ ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار جي حيثيت سان منهنجو اهو مڃڻ آهي ته انسان جي نفيس جذبن، گهرن احساسن، محبت، وڇوڙي، ويراڳ، انساني پيڙائن، اذيتن، عذابن، وطن جي حب جو ڀرپور ۽ اثرائتو احساس رڳو شاعريءَ جي وسيلي ئي ممڪن آهي، پوءِ اها لوڪ شاعري هجي، ڪلاسيڪل يا وري اڄ جي دور جي جديد شاعري. هونئن به عام چوڻي آهي ته سنڌ جو هر ٻيو ماڻهو شاعر آهي، اهو شايد ان ڪري به هجي جو سنڌي ماڻهن جو مجموعي مزاج شاعراڻو آهي ٻيو ته لطيف جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو ميڊيم شاعري ئي آهي.
    هونئن ته سنڌي شاعري ڪلاسيڪل رنگ ۾ ئي رچيل رهي آهي، پر اها شاهه کان شروع ٿي شاهه سائين تي ئي ختم ٿئي ٿي، شاهه جو نه ڪو مَٽ آهي نه ئي وري ٿيندو. جديد سنڌي شاعريءَ جي اوسر اولهه ۾ سرجندڙ ادب جي اثر هيٺ ٿي آهي. شيخ اياز ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعري جي ميلاپ جو هڪ عظيم مثال قائم ڪيو ته پوءِ اياز کان پوءِ واري دور ۾ نوجوان شاعرن جديد سنڌي شاعري کي هڪ نئون اوج ڏنو.
    اڄ جي دور ۾ جتي حسن درس وڏو نالو ٿي اُڀريو، اتي حسن مجتبيٰ، ايوب کوسو، حافظ نظاماڻي ۽ اسان جي پياري دوست مظفر چانڊئي ۽ ٻين انيڪ اعليٰ درجي جي شاعرن به ڪمال جي شاعري ڪئي آهي.
    مظفر جي شاعريءَ جي خوبي اها آهي ته هن جي شاعري بلڪل انوکي ۽ انفرادي آهي. مظفر جي شاعري به مظفر جي شخصيت وانگر گهڻ رخي آهي ۽ ان ۾ انڊل جا سمورا رنگ سمايل آهن. مظفر جي زندگي خفن جو هڪڙو وڏو هجوم، ميڙ رهي آهي، ان ڪري ئي شايد مظفر تمام گهٽ لکيو آهي، پر هن جيڪا به شاعري ڪئي آهي اها روح کي ڇهندڙ شاعري آهي. هونئن به مظفر جي ٽڙيل پکڙيل شاعري پڙهي به آهي ۽ ڪچهرين ۾ خود مظفر کان سندس ٻڌي به آهي، پر هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ مظفر جي موڪليل مجموعي جو مسودو هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهڻ سان وسري ويل اها اڻڄاتل، اڻسڃاتل اسپينش ڇوڪري ياد اچي ويئي. مون کي مظفر جي شاعري سگريٽ جي دونهين ۾ ويڙهيل ان اُداس ۽ ويڳاڻي اسپينش ڇوڪري جيان لڳي جنهن جي نالي جي مون کي خبر به ناهي، هن ڇوڪري کي مون پهريون ۽ آخري ڀيرو نيويارڪ جي ڪوئينس واري علائقي جيڪسن هائيٽس جي هڪ اسپينش بار جي ڪنڊ ۾ رکيل ٽيبل تي اڪيلو ويٺل ڏٺو هو، جيڪا وهسڪي سان گڏ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ ٽڪيلا جا شاٽ به هڻي رهي هئي ۽ سگريٽ مان سگريٽ دکائي رهي هئي. هن جي اُداسي واري حالت مان مون کي عجيب قسم جي پراسراريت محسوس ٿي. هڪ کن لاءِ لڳو ته نه رڳو بار جي سڄي ماحول تي اُداسي ڇانيل آهي، پر ڪوئينس جو سڄو بِرو ۽ نيويارڪ جو سڄو شهر به اُداسيءَ جي ور چڙهيل آهي.
    اها نيويارڪ جي سياري جي شام هئي، اسٽور تان منهنجو آف ڊي هو، انهن ئي ڏينهن ۾ مرحوم طارق عالم به مون سان گڏ نيو جرسيءَ جي هڪ ننڍڙي ٽائون هيڪسٽس، الاموچي ۾ رهندو هو. الاموچي جو پئنٿر مال جتي سيون اليون جو اسٽور هو جيڪو شايد هاڻي به اتي موجود هجي، اتان نيويارڪ رڳو چاليهن منٽن جي ڊرائيوَ تي آهي. آف ڊي تي هونئن ته آءٌ سڄو ڏينهن اپارٽمينٽ تي سمهي گذاريندو هوس، پر ان ڏينهن مرحوم طارق عالم جي چوڻ تي صبح جو سويل ئي طارق جي دوست نصر سان ملڻ لاءِ نيو ورڪ، نيو جرسي ويا هئاسين، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ نصر چيو ته، ”يار هلو نيويارڪ جو چڪر لڳائي ٿا اچون“ مون پنهنجي گاڏي نصر جي گهر تي ئي پارڪ ڪئي ۽ طارق عالم، آءٌ، نصر ۽ نصر جو هڪ ٻيو دوست جنهن جو نالو هاڻي مون کي ياد ناهي، نصر جي نئين گاڏيءَ ۾ چڙهي نيويارڪ روانا ٿياسين. نيويارڪ ۾ مين هٽن جا چڪر ڪاٽي واپس نيو جرسي ورندي نصر چيو ته ڪٿي بار ۾ ويهي هڪ ٻه پيگ پي ٿا وٺون. جئڪسن هائيٽس ۾، بار ۾ اندر گهڙندي ئي منهنجي نظر بار جي ڪنڊ ۾ ويٺل اڪيلي ڇوڪريءَ تي پئي. بار لڳ ڀڳ خالي هو ۽ اسان ڪنهن ٽيبل جي بدران ڪائونٽر تي ئي ويهي رهياسين. مرحوم طارق عالم ۽ نصر ته بار ٽينڊر ڇوڪريءَ سان گپ شپ ۾ لڳي ويا، پر منهنجي نظر لاڳيتو ان ڇوڪريءَ ۾ کتل هئي جا سگريٽ جي دونهن ۾ ويڙهي پئي هئي، اندران ڀڳل ڀريل، اُداس ۽ ويڳاڻي پئي لڳي بلڪل مظفر جي شاعريءَ جيان.
    مون کي لاڳيتو ان ڇوڪريءَ کي تڪيندو ڏسي بار ٽينڊر ڇوڪريءَ ٻڌايو ته اها ڇوڪري سٽي بئڪ ۾ ڪم ڪري ٿي، تازو ئي پنهنجي بواءِ فرينڊ کان الڳ ٿي آهي، ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٺيڪ ٿي ويندي پر الائي ڇو مون کي سڄي جهان جو درد هن ڇوڪريءَ ۾ نظر آيو، جيڪو مظفر جي شاعريءَ ۾ به نظر اچي ٿو. بار مان اُٿڻ کان اڳ بار ٽينڊر ڇوڪريءَ اسان کي ٽڪيلا جو نه صرف هڪ شاٽ ڪامپليمينٽري طور ڏنو پر اٿڻ مهل اسان کي هڪ ڊگهي ڪِسِ به ڏني. ان ڏينهن ڪِسِ ته بار ٽينڊر ڇوڪريءَ جي کڻي واپس نيو جرسي روانو ٿيو هوس پر سڄو وقت منهنجي ذهن تي سگريٽ جي دونهين ۾ ويڙهيل اُها اسپينش ڇوڪري ئي هئي.
    ان کان ڪجهه عرصو پوءِ طارق واپس پاڪستان هليو ويو هو ۽ جلد ئي پوءِ مظفر چانڊيو آمريڪا آيو هو ۽ اسان ٻئي رهندا به گڏ هئاسين، جتي مظفر منهنجي ننڊ کان بيزار هوندو هو. اهو انتهائي اهم ۽ تاريخي دور هو. نيويارڪ جون ڊگهي ۾ ڊگهيون بلڊنگس ورلڊ ٽريڊ سينٽر جيڪو ٽوئين ٽاور جي نالي سان مشهور هو انهن جي تباهيءَ جو منظر اسان جي اڳيان ٿيو، جنهن سان نه رڳو آمريڪا هميشه لاءِ تبديل ٿي ويو پر ان جو اثر سڄي دنيا تي ٿيو. آمريڪي ماڻهن جي بدلجندڙ روين جو مشاهدو اسان پنهنجين اکين سان ڪيو ۽ ان اسٽور ۾ ئي مظفر پنهنجو شاهڪار نظم ”SAM“ اُداس ڇوڪري لکيو. ان وقت پهريون ڀيرو احساسن ٿيو ته مظفر جي مشاهدي جي حس ڪيتري نه تيز ۽ سگهاري آهي. مظفر جي مشاهدي جي سگهه ئي سندس شاعريءَ کي اعليٰ درجي تي پهچايو آهي، جڏهن ته نيو پورٽ سگريٽ وٺندڙ ڇوڪريءَ ڏانهن منهنجو ڌيان ڪڏهن به نه ويو.
    نائين اليون واري ڏينهن تي اسٽور کان واپس اپارٽمينٽ تي ايندي ڪار ۾ مظفر چيو هو ته، ”اڄ کان پوءِ امريڪا وري ساڳي آمريڪا نه رهندي“ ان وقت ته مون چيو هو ته هي هڪ فيز آهي جيڪو گذري ويندو ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ آمريڪا وري ساڳي آمريڪا هوندي. هيترن سالن گذرڻ کانپوءِ منهنجو خيال غلط ثابت ٿيو. واقعي اُها آمريڪا جيڪا اسان ڏٺي، جنهن آمريڪا ۾ اسان پنهنجي جوانيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون گذاريون ڪٿي ڳولهي به نٿي ملي. نه رڳو ايترو پر دنيا ۾ مذهبي جنونيت، ڪٽرپڻو، اڻسهپ، مذهبي دهشتگردي پنهنجي بدنماءَ ۽ بدبودار شڪل ۾ دنيا جي امن مٿان راڪاس بڻجي هر انساني قدر ۽ رواداري کي لتاڙي رهي آهي، ان سان گڏ مذهبن ۾ لڪل تشدد وارو عنصر به نکري نروار ٿي چڪو آهي، جنهن حساس ليکڪ، شاعر ۽ دانشور لاءِ ڌرتي سوڙهي ڪري ڇڏي آهي.
    مظفر چانڊيو نه رڳو ان ڀيانڪ ۽ هيبت ناڪ بربريت واري دور جو ويجهڙائيءَ سان مشاهدو ڪيو آهي، پر ان جو ڀرپور اظهار پنهنجي شاعريءَ وسيلي به ڪيو آهي.
    ظاهري طور تي چيڙاڪ ۽ تيز طبيعت جو مالڪ مظفر اندر ئي اندر ۾ هڪ انتهائي حساس، نفيس ۽ ڪومل جذبن جو مالڪ آهي. مظفر حد کان وڌيڪ سچو، سنسيئر، مخلص ۽ کهرو ماڻهو آهي، ڪمپرومائيز جنهن جو ٻيو نالو منافقي آهي سا مظفر جي ويجهو به نه لنگهي آهي.
    مظفر جو روحاني ۽ ازلي عشق سنڌ ۽ صرف سنڌ آهي، باقي هر شيءِ جي حيثيت هن وٽ ثانوي آهي. مظفر چانڊيو جنهن کي آءٌ سڃاڻان، جنهن سان مون زندگيءَ جا ڳچ ڏينهن اسلام آباد ۽ آمريڪا ۾ گڏ گهاريا آهن، تنهن سنڌ جي هزارين سالن جي پيڙائن، اذيتن، ڏکن، سورن، بدنصيبين کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو آهي. هن جي شخصيت جي ان رخ جو چٽو عڪس سندس شاعريءَ ۾ نکري نروار ٿي بيٺو آهي.
    نه حسينن جي راهن تي هلندا رهياسين
    نه نرگس جي نازڪ چپن ۾ ٻُرياسين
    نه رولاڪ رڻن ۾ سمندر بڻياسين
    اکڙين اوجاڳا نه سپنا بڻياسين
    نه شبنمي بدن جي بهارن جا موتي
    ۽ نه ڪنهن ڳچيءَ جي مالها بڻياسين
    نه ڪارونجهر نه ڪاڇو، ڪراچي بڻياسين
    نه ڪبوتر نه ڳيري جا پرڙا بڻياسين
    نه جواني جا جلوه ۽ جوڀن ڏٺاسين
    نه رڄ ٿي رناسين نه ٽارين ٽڙياسين
    اسان ته رولاڪ راهن جا انڌا مسافر
    بس هلندا، رلندا ۽ ڪرندا رهياسين
    بهارن به ڪئي اسان تي سنگباري
    خزائن جا نه يارو ڪانڌي بڻياسين
    موهن جو دڙو ۽ مڪلي جا نه مانجهي ٿياسين
    نيرون ڪوٽ قلعي جا نه وارث بڻياسين
    شاهه، سچل ۽ سامي جيان نه صوفي ٿياسين
    نه ئي رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ۽ ڪوفي بڻياسين
    نه دودي جي دڳ تي نه دولهه جي در تي
    بڻياسين ته يارو چنيسر ۽ جعفر بڻياسين.

    مظفر جي شاعري جي لفظ لفظ، هر سٽ ۽ هر شعر ۾ جا پيڙا، جا اذيت، جو عذاب، جو قهر، جيڪا بدنصيبي، جيڪي ڏک، سور ۽ ڏولاوا ملن ٿا سي ڪنهن فرد، ڪنهن شخص جا ڏک سور ناهن پر اهي پيڙائون، اذيتون، عذاب ۽ ڏولاوا سنڌ جا آهن، جن صدا بڻجي مظفر جي شاعريءَ وسيلي اظهار جو روپ ڌاريو آهي.
    ڊگهي غلامي جي ڪري، غلام قومن کي پنهنجين زنجيرن ۽ زنجيرون پارائيندڙن سان پيار ٿي ويندو آهي، جيڪا حالت اڄ سنڌ سان آهي، پر مظفر اهو ارڏو انسان آهي جنهن کي زنجيرن کان سخت نفرت آهي ۽ سنڌي قوم کي زنجيرن ۾ جڪڙيندڙن لاءِ سخت ڌڪار آهي. هن جو هر پل، هر ڏينهن، اٿڻي ويهڻي سنڌ ۽ صرف سنڌ لاءِ آهي.

    مشتاق احمد شورو
    ڄامشورو سنڌ


    ڏات، ڏانوءُ ۽ ڏاهه جو مجسمو

    ڏات، ڏانوءُ ۽ ڏاهه جو مجسمو

    اسان واري ٽهي اها بدنصيب ٽهي آهي جنهن ڪيتريون ئي قهري مارشل لائون ۽ قيامت خيز ڪربلائون ڏٺيون آهن. اسان واري نسل ظالم ضياءَ جي موتمار مارشل لا، معصوم ڀٽو جي سولي سينگارڻ کانسواءِ ايم آر ڊي ۽ ٻين ڪيترن تحريڪن ۾ سنڌي ٽوپ ۽ اجرڪ، لال لهوءَ ۾ رڱيل ڏٺا. هن بدبخت اکين سرِبازار اگهاڙن انگن کي ٽڪٽي تي ڦٽڪا کائڻ سان گڏ ڪيترن ڪونڌرن جي جسمن ۾گرم شيهو ڀريندي، کين ڪنهن ڪُٺل ڪونهٽ جيان تڙپندي ڏٺو. اسان واري ڪم بخت ٽهي ئي اذيت گاهن مان ساٿين جا چٿريل، چچريل ۽ چيڀاٽيل لاش ڍويا. ساڳي وقت اسان عقوبت خانن مان چم چيريل مرڻينگ ماس کنيان.
    مطلب ته اسان ان دور ۾ شعور ورتو، جڏهن سنڌ ۽ سياست جي ڳالهه ڪرڻ ڄڻ مخدوم بلاول جيان پاڻ کي جيئري ئي گهاڻي ۾ پيڙائڻ هو. بهرحال اهڙي دهشتناڪ ماحول مان جيڪو نسل اُسري ۽ نسري نڪتو هو، ان جي وجود ۾ ڄڻ وڄن جا وارڪا هئا.
    اسان جي مظفر به اهڙي هٽلري هٿيارن ۽ گولي جي گفتار واري ماحول کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    ڀل گلابن کي گردن جهلي
    خوشبو کي خنجر هڻو
    ۽ هوا جا هٿ ٻڌي
    ستارن کي گولي هڻو
    چنڊ کي چوٽي جهلي
    چيري ڦاڙي ڇڏيو
    ڪاڻي جا ڪوڙا کڻي
    گهوٽن کي گهايل ڪيو
    ۽ هٽلري هٿيارن سان
    مورن کي ماري ڇڏيو
    اي وردي جا وارثو!!
    اهو سچ آهي ته هر اديب پنهنجي دور جي حالتن کان متاثر ٿي پوءِ قلم کڻي ٿو. حڪومتي ڏاڍ، طبقاتي اوچ نيچ، سماجي توڙي معاشي براين کان وٺي آسماني آفتون، جڏهن ليکڪ جي ضمير کي جهنجهوڙن ٿيون، تڏهن ئي هن جي قلم مان چڻنگون نڪرن ٿيون. هر دور جو ادب ۽ شاعري ان زماني جي لکيل تاريخ کان وڌيڪ معتبر ۽ مستند هوندي آهي. سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهنداسين ته ايرانين، يونانين، عربن، ارغونن، ترخانن کان وٺي ويندي اڄ تائين هيءَ ڌرتي ڪوس گهر رهي آهي. سنڌو جو پاڻي ته ڪڏهن ۽ ڪنهن موسم ۾ سڪي ٺوٺ ٿيو وڃي، پر سنڌين جي رت جي وهندڙ ندي ڪڏهن به سڪي نه آهي. سنڌين کي اهو ڏاڍ، خبر ۽ مار موچڙو ڄڻ سُتيءَ ۾ مليو آهي. ان ڪري مظفر چانڊيو چيو آهي ته:
    هر وک تي ويري وري
    واٽ کي واڙي پيو
    گهاٽ تي تاڙي پيو
    مرڪ کي هو کسي
    ڀاڳ کي ڀاڪر ڀري
    سنڌ کي ماري پيو.
    بهرحال اسان به اهڙي قيامتي دور ۾ لٺ باٺي واري سياست ۾ حصو وٺي، جيل، ٿاڻا ۽ پاڻ سَٽائي ڪُٽائي ٽانڊا بڻجي نڪتا هئاسين، پر جڏهن پنهنجي آدرشن ۽ اميدن جي آخري سهاري، روس کي اڀاڳين اکين سان لڙهندي ڏٺوسين ته مجبورن وري اسان واپس راندين جي ميدانن ڏانهن منهن ڪيو. اسان جي وجود جي ڪري لاڙڪاڻي جا سرسبز ميدان رنگ برنگي سائبريائي پکين جيان رانديگرن سان سٿجي ويا.
    ان دور ۾ اسان جي لاهوري محلي لاڙڪاڻي واري اوطاق به ساري سنڌ جي پوڙهن، نوجوان ۽ ٻالڪ اديبن، توڙي کيڏارن جو ڄڻ آشرم هئي، هڪ ئي وقت اوطاق جي هال ۾ بابا انيس انصاري سان بزرگ ۽ نوجوان اديب ڪچهري ۾ مگن ملندا هئا ته ٻئي ڪمري ۾ مون سان راند جي دنيا جي وڏن نالن جو ميلو متل هوندو هو. اوطاق جي ٽئين ڪمري ۾ اخلاق انصاري ٻارن جي جهرمٽ ۾ ”ٻارڙن جي ٻاري“ جون گڏجاڻيون پيو هلائيندو هو. اهڙي طرح اسحاق انصاري به ڪا ڪنڊ وسايون، ٽيبل ٽينس جا رانديگر ۽ پاڙي جا ٻارڙا ميڙيون، اصلاحي ۽ خيراتي ڪمن ۾ مصروف ملندو هو. مطلب ته اسان کي فخر آهي ته لاهوري پاڙي واري ان غريب خاني تي ڪيترن اديبن ۽ رانديگرن پنهنجي قرب جا پير گهمايا آهن.
    انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي ڪرڪيٽ جو ساٿاري محب چانڊيو به اسان تي مهربان هوندو هو. ڪڏهن اسان وٽ ته ڪڏهن سندس بيٺڪ تي ستارن جي اجهامڻ تائين محفل مچندي هئي. اهڙين مستومست محفلن دوران ئي منهنجي مظفر چانڊيو سان انسيت ٿي. مظفر سان ملڻ مان اندازو ٿيو ته يار عام نوجوانن جي برعڪس پنهنجي وقت ۽ وجود کي ڪارگر بنائڻ ٿو چاهي. هو ان وقت علم ادب، رشتن ناتن ۽ پنهنجي قوم جي خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ تجسس ۾ وڪوڙيل شهزادو لڳندو هو. هو انهن مظلوم ۽ ڏتڙيل ماڻهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ پيو چاهي.
    مظفر آخر ان آنڌ مانڌ مان نڪرڻ لاءِ جلد ئي دوستن سان صلاحي ٿي ”پروڙ“ رسالو ڪڍيو. حالانڪ ان وقت مظفر جو ڪو ايڏو ادبي هڏ ڪاٺ به نه هو. نه ئي هن جي همدردن مان ڪنهن کي مواد سهيڙڻ ۽ رسالو ڇپائڻ جو تجربو هو پر هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته رسالو ڪيئن ڪڍبو آهي. ساڳي وقت ڪهڙيءَ طرح رسالي جو معيار مٿانهون رکبو آهي.
    اڄڪلهه اسان وٽ پاڻ پڏائڻ جو مرض پليگ جيان پکڙجي چڪو آهي. ڪي همراهه سستي شهرت لاءِ اخلاقيات جا ليڪا به لتاڙي ٿا وڃن. جيڪڏهن ڪو ڪک به ٻيڻو ڪري ٿو ته لک جي ڳالهه ٿو ڪري. مظفر سنڌ جو اهو گمنام سپاهي آهي جيڪو ڪڏهن به مڃتا ۽ واهه واهه پٺيان نٿو ڊوڙي، پر هو هڪ خاموش خدمتگار آهي. هي سنڌ جو اهو يگانو اديب آهي جيڪو مصيبت ماريل مارن جي مدد لاءِ هر آفت زده علائقي ۾ پهچي وڃي ٿو. مون اکين سان ڏٺو آهي ته 2010ع ۽ 2011ع واري مها ٻوڏ دوران هو هر موڪل واري ڏينهن تي نور احمد ميمڻ سان گڏ دوائن ۽ خيمن سان گاڏيون سٿي، ڊاڪٽرن جي ٽيم سميت اچي دادو ۽ بدين جي ٻوڏ سٽلين جي واهر لاءِ پهچندو هو. هن اهو سارو ڪم هڙان وڙان ذاتي اثر رسوخ ۽ ڏيکاءَ کانسواءِ ڪيو. ان جي ڀيٽ ۾ اسان جا ٻيا ڪامورا، اين جي او جا ڪارندا، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير پهريائين ميڊيا ۽ ڪئمرائن جو بندوبست ڪرائي، پوءِ اٽي لپ يا گهه جو دُڪو ڪنهن ضرورتمند کي چٽائيندا هئا، پر اسان مظفر کي اهو سارو عرصو آلين اکين سان غمگين حالت ۾ گوڏي جيتري پاڻي ۽ گپ چڪ ۾ رلندي ڏٺو. مطلب ته مظفر جي سرير ۾ رڳو سنڌ ۽ سنڌيت سمايل آهي.
    هي ٻروچڪو ٻار هڪ عملي ماڻهو آهي، هو هميشه سرهه جيان اڳيان کيرٿر جهڙا اُڀا ۽ اڻانگا ڏونگر سر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. قدرت هن ۾ ناممڪن کي ممڪن بنائڻ جي شڪتي رکي آهي. شل نه ڪو خفت سر تي سوار ٿئيس، پوءِ جو چين ۽ سڪون حرام ٿيو پئي. تازو جڏهن 2012ع ۾ پيپلز پارٽي ٻٽو بلدياتي نظام لاڳو ڪيو. اسان جي هزارين شاعرن ۽ سوين ڪهاڻيڪارن مان سڀ کان پهريان ان ڪاري نظام خلاف تحريڪ هلائڻ جو خيال مظفر کي ئي آيو. هن هڪدم فونن تي رابطا ڪري نور احمد ميمڻ سان گڏ منٿ ميڙ قافلا وٺي ساري سنڌ جي اديبن کي هڪ پليٽ فارم تي ڪٺو ڪيو، هن ”سنڌ رائيٽرس ۽ ٿنڪرس فورم“ جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ اديبن جا مظاهرا، مشاعرا، ڪانفرنسون ۽ ڪانگريسون ڪرايون، ايتري قدر جو اسيمبلي اڳيان انساني هٿن جي زنجير ٺاهي، حڪومتي ايوانن ۾ زلزلو آڻي ڇڏيو.
    آخر ساري سنڌ جي ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي، سياسي پارٽين ۽ عام خلق جي دانهه ڪوڪ تي ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي غدارن کي پنهنجي پيرن هيٺان ڌرتي کسڪندي محسوس ٿي، هنن پنهنجي رهيل ساک بچائڻ لاءِ سنڌ سان ڪيل ويساهه گهاتي تي شرمسار ٿي اهو ٻٽو نظام واپس ورتو. ان ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته ٻٽو نظام واپس وٺرائڻ جو سهرو مظفر چانڊيو ڏي ئي وڃي ٿو.
    مظفر ۾ اها خوبي يا خامي آهي ته هو قوم سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتيءَ خلاف ڪنهن ڪاريهر جيان ڪَرَ کڻي بيهي ٿو. هو سنڌ جي ويرين کان وير وٺڻ ۾ ويرم نٿو ڪري، ساڳيءَ طرح هو محبت به ڪندو آهي، اڳلي جو ساهه ڪڍي ڇڏيندو ۽ وري جي نفرت ڪندو ته ڄڻ اڳلي کي جيئري جلائي ڇڏيندو. ان ڪري دوست هن جي ان خوبي تي ناز به ڪندا آهن ته ڊڄندا به آهن. اهوئي سبب آهي جو جڏهن کان اسان جي دلبر ۽ خوبصورت شاعر حسن درس جو المناڪ موت ٿيو آهي. مظفر جي ڳلن تان ڳوڙها نه سڪا آهن. مظفر هن ڪتاب جو نالو ”ساري سنڌ پرئينءَ جو پاڇو“ به حسن جي شاعريءَ مان چونڊڻ سان گڏ ارپنا به هن جي نالي ڪئي آهي. ان کانسواءِ ڪتاب جي ڪافي شاعري هن پنهنجي محبوب دوست جي غمناڪ وڇوڙي تي ڄڻ ڪيڏارو طور ڳائي آهي. جيئن هو چئي ٿو:
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
    تنهنجا ڇڏيل پيرا چمان
    اڌورا اُڃايل سپنا ڏسان
    ڳلن تان ڪريل ڳوڙها چمان
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
    هڪ ٻئي شعر ۾ هو پنهنجي دوست لاءِ هنجون هاريندي کيس هن طرح ساري ٿو:
    حسن ها جي موٽي اچين
    ڇتن تي ڇير پائي آنءٌ نچان
    ڏکن کي ڏنڀ ڏئي
    ڀتن کي ڀاڪر ڀريان
    ستارن کي سوري سڏي
    رات جي راڻي ٿيان
    چڪور جي چهنبن ۾ ڪائي
    چنڊ جي چمي بڻان
    اها حقيقت آهي ته هر سچو اديب پنهنجي قوم مٿان آيل مصيبتن، غمن ۽ ذلتن کي ڄڻ پنهنجي وجود تي وار سمجهي ٿو. مظفر کي به پنهنجي جيجل جي جسم تي آيل هر زخم گهايل ڪري ٿو. هو سنڌ تي آيل اهڙي چهڪ تي چڪي ٿو. پچي، پڃري لڇي ۽ لوچي ٿو. آخر ۾ اهڙا اڌما پنن تي اوتي پنهنجي گهايل من تي آٿت جا پها رکي ٿو.
    اوهان ڏسندا ته ”ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو“ ۾ سندس شاعري وڏن قومي سانحن کان متاثر ٿي لکيل آهي. جيئن فوجي جنتا هٿان ڀٽو جي ڦاهي، جوان مرگ مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت، شهيد سنڌ بشير خان قريشي جي شهادت، هڪ ڏکويل ماءُ نصرت ڀٽو جو غمناڪ موت، ساڳيءَ طرح شهيد راڻي جي ڪربناڪ قتل کي به مظفر پنهنجي لفظن ۾ ڀيٽا ڏئي ٿو. آخر ۾ جابلو شينهن اڪبر بگٽيءَ جي مانائتي موت تي هو پراميد آهي ته اهو موت، ملڪ جي مظلوم قومن لاءِ هڪ نئون نياپو ۽ اتساهه جو سبب بڻبو.
    ڪوهلو جي ڪوهسارن ۾
    هڪ پوڙهو شينهن رهندو هيو
    هو پنهنجي سرمئي لٺ سان
    پاڻ کي ٽيڪ نه ڏيندو هيو
    پر بلوچن جي سمورن سورن کي
    ٽيڪ ڏئي هلندو هو
    هن مٽي کي مٺي ڏئي
    وچن ڪيو هو
    ته هو ڪڏهن به نه جهڪندو
    هن نه صرف بلوچن جو
    مان مٿانهون ڪيو
    پر ملڪ جي سمورن مظلومن کي
    هڪ نئون نياپو ۽ اتساهه ڏئي
    موت کي مات ڏني.

    اشتياق انصاري
    سلمه گارڊن، حيدرآباد


    نظم

    وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانهن

    جواني کي ڀري ڀاڪر
    گذران ڄامشوري مان
    وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانهن
    دلڙي کي دکايان ها
    کڻان مان ڏک ڏاڍا ها
    نمن جا ڏار ٽارين سان
    پکين جا پر پوکيان ها
    گلابن کي اڏاريان ها
    خوشبو کي گهرائي گهر
    بدن جي بک ماريان مان
    چڳان ها يار جي در تي
    ٿيان ها ڪبوتر مان
    ۽ صندل جي ڪاٺيءَ جيان
    ٻران ها ٻيهر ٻانهن ۾
    ڄمان ها کيتن ۾
    سانوڻ ۽ سارين سان
    ڪِران ها ڳلڙن تان
    آبشارن ۽ ڳوڙهن جيان
    سمندر کي وڇاڻو ڪيان
    پهاڙن کان پڇاڻو ڪيان
    ندين جي رواني ۾
    رڳن جو رت شامل ڪيان
    وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانهن،
    وڃان مان لاڙڪاڻي ڏانهن.


    مدهوش هئي مرڪي ملي

    مدهوش هئي مرڪي ملي

    سمنڊ جهڙيون نيريون اکيون
    ٽوٻا به جنهن ۾ ٿا ٻڏن
    واريءَ ۾
    پير منهنجا ڪيئن کُپن.
    هوءَ جا ڊسڪو اڳيان
    مدهوش هئي مرڪي ملي
    تنهن مٿان
    جواني ٿو واري ڇڏيان
    پر ڪو سڏ هو
    ساهه ۾ اٽڪي پيو
    ۽ مسافر راهه ۾
    ڀٽڪي پيو،
    تو مٿان جواني لٽائي ڇڏيم!
    ۽ هن جي جواني هو ٻوڙي ڇڏيو!!
    هوءَ گهوڙي چڙهي
    سمنڊ هئي اڪري وئي
    مان پاڻيءَ ۾ پرين
    عڪس تنهنجو ڏسندو رهيس
    ۽ ٻڏندو رهيس.
    عڪس تنهنجو ڏسندو رهيس.


    لنڊن کان گلاسڪو ٽرين جوسفر

    لنڊن کان گلاسڪو ٽرين جوسفر

    عشق ٿو مون کي سڏي
    زندگيءَ جي هوڏ تي
    تون ستل آن ننڊ ۾
    مان تڪيان ٿو سمنڊ کي
    ۽ سڏي ٿي زندگي
    پَريُن جي هن ديس ۾،
    ڏُڪ ٿا تنهنجا لڏن
    ۽ اکين ۾ ٿا ڪڏن
    هيءَ گهڙي رڪجي وڃي
    هر شيءِ مٽجي وڃي!
    پر تنهنجي سار او مٺي
    ست سمنڊ اڪري ٿي اچي
    سونهن کيڏي ٿي کسي
    ننڊ مون کان ٿي رُسي.
    ننڊ مون کان ٿي رُسي.


    موت کان اڳ اچين

    موت کان اڳ اچين

    مئه جا مٽ پيتاسين
    اڃ ناهي اجهي اڃان
    پيار جي هر پئماني تي
    جواني ٿي ڇلڪي پوي
    سک جي هڪ گهڙي
    ڏک ڪيڏا ها وڏا
    رات جي راڻيءَ جي خوشبو
    ساهه ٿو سڏڪي پوي
    زندگيءَ جي انت تي
    موت ٿو مرڪي پوي
    هيءَ حياتي واريءَ جيان
    وٿين مان نڪري وڃي
    موت کان اڳ اچين
    اي صنم هن جنم
    موت کان اڳ اچين.
    موت کان اڳ اچين.


    ويساهه

    ويساهه

    ساک ڏئي ٿو وڃان
    مان چئي ٿو وڃان
    سنڌ جيئندي سدا
    ها جي گڏجي هلو
    سور سختيون سهو
    ۽ نه ٿڪجي پئو
    جيجل جي چولي جهلي
    ٻاتي ٻولي ڪيو
    رت جي هولي ڪيو
    واٽ ڪيڏي وڏي
    نيٺ کٽندي ميان
    رات آهي رني،
    سانجهي سولي ڪيو
    باک ڦٽندي الا.
    ويري ماري پيو
    ۽ اڏاري پيو
    فاختائن کي هتان
    ڳاٽ اوچا ڪيو
    لاٽ ٻاري هلو
    قسم بندوق جيان
    اڄ تاڻي کڻو
    ڇورا ڇاڻي کڻو
    ساک ڏئي ٿو وڃان
    باک ڏئي ٿو وڃان
    سنڌ جيئندي اڃان
    سنڌ جيئندي سدا.


    پوڙهو شينهن

    پوڙهو شينهن

    ڪوهلو جي ڪوهسارن ۾
    هڪ پوڙهو شينهن رهندو هيو
    هو پنهنجي سرمئي لٺ سان
    پاڻ کي ٽيڪ نه ڏيندو هيو
    پر بلچون جي سمورن سورن کي
    ٽيڪ ڏئي هلندو هيو،
    هن مٽيءَ کي مٺي ڏئي
    وچن ڪيو هو
    ته هو ڪڏهن به نه جهڪندو
    هن نه صرف بلوچن جو
    مان مٿانهون ڪيو
    پر ملڪ جي سمورن مظلومن کي
    هڪ نئون نياپو ۽ اتساهه ڏئي
    موت کي مات ڏني.


    اچي ڀٽ تي گهُر معافي

    اچي ڀٽ تي گهُر معافي

    اسان کي رهبر معاف رکجان!
    اسان ته توکي ڌڪاري ڇڏيو آ
    قبر جي اندر سمهاري ڇڏيو آ
    ۽ تون لاش وانگر ٿو گذارين
    جيئرن کي ڪيڏو ٿو ڊيڄارين.
    الائي ڇو ناهي تنهنجي دل م ڌڙڪن؟
    اکڙين جا موتي گهر گهر ٿا لڙڪن
    ڪر تون ٿورو ڪرم اسان تي
    رک ته ٿورو ڀرم اسان جو
    هر ڏهيسر، چنيسر آ نڪتو
    ۽ قومي جوڌا ڪاريهر وانگر
    پنهنجن کي ئي ڏنگيندا رهن ٿا،
    ڏِسُ هو رهزن اجرڪون اوڍي
    ڪيڏو ٿو اڄ اسان کي ڌتاري
    تون ته غافل مايا جي پويان
    افسوس! يوپي واري ”ڀيا“ جي پويان
    اي سهڻي سنڌڙيءَ جا وارث
    تو وٽ اياز ۽ ڀٽائي آ ڪافي
    ڇڏي وهم تون سمورا
    اچي ڀٽ تي گهر ڪا معافي.
    اچي ڀٽ تي گهر ڪا معافي.


    عذاب

    عذاب

    ارباب بڻجي عذاب
    سنڌ کي ٿو ڏکائي
    سنڌ کي ٿو سُڪائي
    ڪاش! تنهنجو ڪنڌ ڪپجي!
    ماءُ توکي ٿڃ نه بخشي!!
    پاڻ کي ٿو ”ڄام“ سمجهي
    پر چنيسر به هن تي ٿو شرمائي
    سنڌ کي ٿالهيءَ ۾ سجائي
    غيرن کي ٿو کارائي!!
    ڪيان مان ڪهڙو قلم ڪارو
    دانگيءَ جهڙو اڳي ئي آهي
    ويتر منهن ۾ ٿو ڇائي پائي.
    ويتر منهن ۾ ٿو ڇائي پائي.


    سنڌ مُرڪائي ڏيو

    سنڌ مُرڪائي ڏيو

    سنڌ ۾ سرهاڻ هئي
    سنڌ اهڙي ڪا نه هئي
    امن هو چئني طرف
    ۽ نديءَ ۾ جوش هو.
    ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين
    ملڪ هو ڪيڏو مٺو
    نه ٻوليءَ جا ها ڦڏا،
    نه اقليت جا ها ڏچا،
    نه فرقا ها ڪي گهڻا
    ۽ نه مذهب هو مسئلو.
    شهر ها پنهنجا اڃان،
    بحر ها پنهنجا ميان
    ۽ حيدرآباد جون هوائون
    پانن پڪن کان پاڪ هون،
    هيرآباد جون پريون
    ڪيئن وسرن هو ٿريون
    جن کي ڀٽائي ياد هو
    ۽ پوءِ هڪ گهڙي
    ويساهه گهاتيءَ جو وار ٿيو
    خنجر هو دل ۾ کتو
    ۽ ڪليجو ڌار ٿيو.
    ڏسندي ئي ڏسندي
    شهر ويا پنهنجا هليا
    ۽ ٻوليءَ جا ڦڏا
    ڪهر ٿيا ڪيڏا وڏا،
    اجرڪ، ٽوپيءَ تي وار ٿيا
    ۽ پکي اڏاڻا ڏار تان.
    امن ويو پنهنجو هليو
    صنم ويو پنهنجو هليو
    ڦاهيءَ چڙهيو ڪاڻي هٿان.
    نه سنڌ آ اها رهي
    نه سنڌوءَ ۾ پاڻي بچو،
    نه ٻيلا ۽ ميلا بچا
    چون ٿا: ”ڌاڙيل آ
    سنڌ جو هر هڪ ٻچو.“
    ادب سان آنءُ چوان ٿو:
    47 کان پوءِ واري ڏنل
    هر هڪ شيءِ کڻو
    مون کي منهنجي وڏڙن جي
    سنڌ موٽائي ڏيو
    سنڌ مرڪائي ڏيو
    سنڌ موٽائي ڏيو.


    پراري

    پراري

    اسان تي اوهان جي وري سنگ باري
    ڪيو ٿا اسان تي ڪيڏي گولاباري
    اسان ته اوهان کي سون ۾ توريو هو
    اسان جي وڏن به ڪئي اڳتي توبهه زاري
    اسان کي نه سمجهو افغاني، عراقي
    ۽ نه فتح ڪيو آ جنرل لاهوري
    ڪنڌ ڪرندو، نه جهڪبو اوهان جي اڳيان
    سڀني کي نه سمجهو جمالي، لغاري
    اسان کي اسان جا وسيلا ٿا گهرجن
    ڀل ڪيڏي به ڪيو چالاڪي مڪاري
    پڪاري ٿو اسان کي اسان جو آئيندو
    ناهي رهڻي سدا رات ڪاري
    نه سکيو اوهان ڪو سبق بنگال مان
    ۽ چئو ٿا اسان کي ڪيون ٿا غداري!
    جبل آهن اسان جو جياپو جواني
    ڀل چئو اسان کي ”پراري“ ”فراري“


    ڪالهه آ ڪنهن ڏٺي

    ڪالهه آ ڪنهن ڏٺي

    ڀاڪر ۾ اڄ مٺي
    انگ انگ ٿي ڀڃين
    ڏينڀوءَ وانگر پئي ڏنگين
    مَٽ آهن تنهنجا ڀريل
    اُڃ آ منهنجي وڏي
    تون نه وڃ او سکي
    چپ ٿا ڪيڏا ٻرن
    هٿ ٿا منهنجا سُرن
    ڪهر ٿي ڪيڏو ڪرين
    چائنٺ تان خالي ڌڪين!
    ڇرڪ ٿي ڪيڏا ڀرين
    ڇو نه ٿي مونسان ٻکين
    ڊنل آن هرڻيءَ جيان
    ڪهاڙيءَ جي وار کان
    يا ڪاريءَ جي ڪردار کان؟
    امر ڪر هيءَ گهڙي
    ڪالهه آ ڪنهن ڏٺي
    ڀاڪر ۾ پئه ٻري
    ڪالهه آ ڪنهن ڏٺي.


    رولاڪ راهن جا مسافر

    رولاڪ راهن جا مسافر

    نه حسينن جي راهن تي هلندا رهياسين
    نه نرگس جي نازڪ چپن ۾ ٻُرياسين
    نه رولاڪ رڻن ۾ سمندر بڻياسين
    اکڙين اوجاڳا نه سپنا بڻياسين
    نه شبنمي بدن جي بهارن جا موتي
    ۽ نه ڪنهن ڳچيءَ جي مالها بڻياسين
    نه ڪارونجهر نه ڪاڇو، ڪراچي بڻياسين
    ۽ نه ڪبوتر نه ڳيري جا پرڙا بڻياسين
    نه جواني جا جلوه ۽ جوڀن ڏٺاسين
    نه رُڄ ٿي رناسين نه ٽارين ٽڙياسين
    اسان ته رولاڪ راهن جا انڌا مسافر
    بس هلندا، رلندا ۽ ڪرندا رهياسين
    بَهارن به ڪئي اسان تي سنگ باري
    خزائن جا نه يارو ڪانڌي بڻياسين
    موهن دڙي ۽ مڪليءَ جا نه مانجهي ٿياسين
    نيرون ڪوٽ ۽ قلعي جا نه وارث بڻياسين
    شاهه، سچل ۽ سامي جيان نه صوفي ٿياسين
    نه ئي رني ڪوٽ جا ڌاڙيل ۽ ڪُوفي بڻياسين
    نه دودي جي دڳ تي نه دولهه جي در تي
    بڻياسين ته يارو چنيسر ۽ جعفر بڻياسين.


    ڪرسي ۽ قبر

    ڪرسي ۽ قبر

    نه ٿا وات کوليون نه ٿا راز کوليون
    اسان جي چپن تي اوهان جا تالا
    نه ٿا يار کوليون ۽ ٿا وار ڇوڙيون
    نه ٿا ڪنڌ توريون پيا پنڌ ڏوريون
    جيجل جون دانهون نه ڪوئي ٻڌي ٿو
    رت آهي پنهنجو ڀل وڪڻ سستو
    شهيدن جو رستو ته رولي سگهين ٿو
    دلين جون دريون نه کولي سگهين ٿو.
    سچ کي ڪيڏو به سوڙهو ڪرين!
    عدل کي ڪيڏو به پوڙهو ڪرين!!
    نه ڪوئي “ڊوگر” توکي بچائي سگهي ٿو.
    نه ڪرسي قبر سان تون آهين ٻڌل
    ڪرسيون ۽ قبرون کپائي سگهين ٿو!!
    نائين زيرو تي اسان کي لڄائي سگهين ٿو.
    اڃان به تنهنجو ناهي جيب ڀريو!!؟
    ڳڙهيءَ جون قبرون به کپائي سگهين ٿو.
    ڳرهيءَ جون قبرون به کپائي سگهين ٿو.


    سنڌو تنهنجا ٿورا

    سنڌو تنهنجا ٿورا

    سنڌ جي رڳن ۾ ٿي ڊوڙين
    سنڌين کي اڄ به ٿي جوڙين
    اي مهان سنڌو تنهنجا ٿورا
    پيار جي پئماني تي
    جام جيئن پئه ڇلي
    بند سمورا اچ ڀڃي
    ۽ اميدن کي وري
    پاڻيءَ سان پنهنجي پاڪ ڪر
    جن تنهنجا جوڀن ها ڏٺا
    ۽ مستيءَ کي هو سَٺُو
    تن جي ٻچن کي پار ڪر
    منڇر ۽ ڪينجهر کي وري
    تڙ تائين تار ڪر
    تماچي ٿو توڏي تڪي
    نوريءَ کي نروار ڪر
    ۽ پکين کي ڀاڪر ڀري
    سنڌ ڏانهن اُڏار ڪر
    سنگيت سان ساڻ ٿي
    رڃ ۾ ڪو رقص ڪر
    ۽ خوشبوئن جي سَکِي
    ڪچي ۾ هٻڪار ڪر.


    بهاولپور

    بهاولپور
    (سرائڪي وسيب جي نانءُ)

    عظمتن جا قصا
    اسان جون يادون
    ٿا جيئارن ۽ پيئارن
    مٽ ڪيئي پروڪا،
    ”ڊراوڙ“جو قلعو
    اداس آهي
    ۽ محل آهن
    اوهان جون ”ميسون“
    اسان جا کيت ۽ زمينون
    اوهان وٽ قيد آهن،
    اسان جا ”ٽوڀه“۽ ڀٽون
    آسماني ڪرم تي آهن
    اسان جا مينار ۽ قطبه
    اڄ به اوچي ڳاٽ آهن،
    نه ماري سگهو ٿا
    اسان جا جذبا،
    ”روهي“جي خوشبو
    ۽ نه کسي سگهو ٿا
    چوڏهين جون راتيون،
    فريدڻ جون ڪافيون،
    ”روهي“جو روح به
    اسان جي اڱڻ تي
    ۽ مور جي ٽور به
    اسان جي پڌرتي
    ڇا تون ڪانئر؟
    ڦري سگهين ٿو
    اسان کان يادون،
    چوڏهين جون راتيون
    ۽ فريدڻ جون ڪافيون!!؟


    مري ٿيا نه مات

    مري ٿيا نه مات

    هلندا رهو رات ساري
    موت آهي مات کاڌي
    پنڌ آ پنهنجو پري
    چنڊ ٿو چغلي هڻي
    هئي جواني جوش واري
    پر پڇاڙي هوش واري
    آ پهاڙي پيچرو
    ڪير آ هن تي ويو؟
    ڇا ڪوئي منصور ٿيو؟
    ڀنڀور ۾ ڄڻ نور ٿيو.
    ڪنهن ڪٺو شهباز کي؟
    ۽ پهاڙي باز کي
    راز هي کولي ڇڏيو
    ساز ڪو ڇيڙي ڇڏيو
    اڄ جبل جاڳي پيو
    ڄڻ ستل جاڳي چيو:
    ”وچن آ تو سان مٺا
    ڪفن آ پائي ڇڏيو“
    ديوار دوکي جي ڊاهي ڇڏيو.
    قسم آ تنهنجو صنم
    جنم وٺبو هر هر وري
    هاڻ نه هيءَ رات رهندي
    ۽ تنهنجي تات رهندي
    پکي ٿا ٻولي چون
    در، دريون کولي چون
    بم ٿيو، بارود ٿيو
    رت جي ڪا راند ڪيو
    امن آ ڪائنر وانگر
    ڪا ڪاريهر ڪار ڪيو
    ۽ فلسطيني ٻار وانگر
    ويريءَ تي وار ڪيو
    آ مرڻو هڪ گهڙي
    بک ۾ ويندؤ سڙي
    غلاميءَ جي گار کان
    دفن ٿيو ڪنهن غار ۾
    مزاحمت جي هڪ گهڙي
    آ وڏي سؤ سال کان
    امر ٿيو ”اڪبر“وانگر
    ۽ تڪبر جي تاڙ ڪيو
    ۽ تڪبر جي تاڙ ڪيو.


    ٻيجل گهري سري آ

    ٻيجل گهري سري آ
    (سرائڪي وسيب جي نانءُ)

    نه تنهنجو اسان جو رشتو نئون آ
    ۽ نه ڪائي وٿي ۽ وِرِي آ
    جُڳن جي جدائي وري آ وري آ
    اچو سار ساريون سکن جي او ساٿي
    اندر ۾ ڏکن جي ڀري پئي ڀري آ
    ڀٽائي ڀٽ تي سڏي ٿو، اسان کي
    فريدڻ گهري ٿو سسي تون سُري آ
    ڏس ڪيئن سهڻي سنڌوءَ ۾ گهڙي ٿي
    چانڊوڪي اسان جي چپن ۾ ٻري آ
    نه رات آهي رهڻي سولي سانجهي ٿيندي
    اجهو ڏاڍ جي ديوار ڪري آ
    ڳل لڳي ڳالهيون ڪيون ”ٿر“۽”روهي“جون
    ٻيجل گهري اڄ سري آ.
    ٻيجل گهري اڄ سري آ.


    سنڌ83 کان 2006 تائين

    سنڌ83 کان 2006 تائين

    اندر جي انسان کي
    هُن تڪي هو توريو
    ماس ڄڻ هو ڪوريو
    گهاگهر جيئن ڇلڪي پيو
    ڀِترُ جيان ڀُرڪي پيو
    ۽ چکي چهراڻ کي
    سُڏڪو هو سانڍي رکيو
    ٽياسي کان ٽنگيل
    رت ۾ ها رنڱيل
    لاش مون ڪئي ڏٺا
    ۽ جمهوريت جا ڏٽا
    ڪنهن اجائي ويڙهه ۾
    ڪنڌ ها ڪيڏا ڪپيا.
    دادوءَ سان دوکو ٿيو
    ”تمغي جمهوريت“قاتل کي مليو
    موري جي ميدان ۾
    ۽ اقتداري ايوان ۾
    هر قبر ٿي سڏڪا ڀري.
    مير جي موت آ ماري وڌو
    ڀٽي جو روح ٿو رانڀٽ ڪري
    ۽ پي پي جون دريون
    اسلام آباد لئه چريون
    پنڊيءَ جي اڏي
    رت لئه پئي رڙي
    ڇا ڪوئي ڪنڌ آ باقي بچيو؟
    ۽ قرباني جو گهٽو
    سنڌ ٿي آ ڇي اڃان!؟
    چڱائي لئه چري
    سکائون پئي باسي اڃان!!
    ڪاش تون ڪاڇو ڏسين،
    لاڙ ۽ وچولو گهمين
    بک جو پاڇو ڏسين،
    اُتر آ اونداهه ۾
    دشمنين جي اوڙاهه ۾
    ۽ ڪراچيءَ جون گهٽيون
    آهن اسان لئه اوپريون
    هاڻ ته انصاف ڪر
    ۽ اسان کي معاف ڪر.
    ۽ اسان کي معاف ڪر.


    اسلام آباد

    اسلام آباد

    اي اسلام آباد!!
    مارگله جي چوٽين تان
    تون سهڻي ٿي لڳين،
    تنهنجي گرينري ۾
    ڪو قهر آ،
    تنهنجي تخت ۽ بخت کي
    لڳي آ ڪنهنجي نظر،
    تنهنجي هر بوتل ۾
    زهر آ ڪيڏو ڀريل،
    ڪنهن کي ناهي خبر
    ته تنهنجي جهولي ۾
    واسينگ ڪيئي ٿا پلن!!
    ۽ منافقن کي ساري مڳي
    تنهنجي آ لڳي.
    هي شاهراهه ”دستور“
    لانگ بوٽن کي وڻي
    انبن جو ٻور ڏس ڪيڏو ٿو ڇڻي
    ۽ شاهراهه ”جمهوريت“
    آ جنهن ۾ ”ڪاڻي“ جي صورت
    نظريئه ضرورت جو ڇُرو
    آ ڪيڏو تکو
    ڪنڌ ڪيئي ٿو ڪپي
    ۽ پارليامينٽ کي ٺڳي

    اي اسلام آباد!!
    عدل تنهنجي جو فضل
    سپريم ڪمانڊر جو گروي رکيل
    مک تنهنجي تي LFO
    دانگيءَ جهڙو ٿو لڳي
    چنڊ توتي ٿو کلي
    ڏيهه توتي ٿو کلي

    اي اسلام آباد!!
    سنڌ جا نقلي سورما
    ٿا وسن تو ۾ جڏهن،
    ڏسن ٿا ڪا ڇوڪري
    ۽ ڪرسي موڪري
    ماءُ گروي ٿا رکن
    ماءُ گروي ٿا رکن.

    اي اسلام آباد!!
    هي بلوچي بگو
    بيڪار ۾ ڪيڏو ٿو ڪُڏي
    ۽ بروٽس جو خنجر
    جمهوريت جي پٺيءَ ۾
    قرض سمجهي ٿو هڻي،
    فرض سمجهي ٿو هڻي.

    اي اسلام آباد!!
    هي مذهبي مينڊڪ
    عطر جون شيشيون هڻي
    ۽ وڏيون سيٽيون هڻي
    ٿا اچن تو ۾ جڏهن
    بشرف جو خاڪي حلووه کائي ٿا وڃن
    منهن ۾ ڇائي ٿا وجهن،
    منهن ۾ ڇائي ٿا وجهن.


    نيويارڪ

    نيويارڪ

    اڙي شهري دنيا!
    هي تنهنجي گهٽين ۾
    زلفن ۽ ٻانهن جون زنجيرون
    پکين ۽ سکين جا چپڙن چوساٽا
    ٽائيم تي ٽنگن جا تجلا تماشا
    شيڪسپيئر وطن جي شبنمي بدن سان،
    هنگريءَ جي حورُ آ هرڻيءَ اکين سان
    ۽ چيڪ آ چريو ڪيو چيري چپن سان
    هو مونان جون مرڪون ۽ آئرشي ادائون
    ڪوهه ڪاف پريءَ جون قاتل ڪهاڻيون،
    سارتر سهيلي ڪا ڪاميو ڪزن آ
    ڪا ڪنڊيرا ستل ڪا نرودا جي ننهن آ
    ٽائيم اسڪوائر تي ولر کان وڇڙيل
    جرمن جواني جو جادو ۽ جلوو
    هو ڏس انڊين انڊلٺي انگن سان
    گهايل ڪري وئي ساڙهيءَ رنگن سان،
    چيني گُڏي آ گلابي ڳلن سان
    گوريءَ گهوريندڙ ڇاتين جا سڏڙا
    ۽ نازي ناريءَ جي نيڻن جا نخرا
    اڙي شهري دنيا!!
    هي تنهنجي گهٽين ۾
    جوان حسن جون ٽيولپ قطارون
    ۽ هوائن ۾ آهن شرابي هٻڪارون
    مٽڪا ڀرياسين ۽ پيئندا رهياسين
    نه اڃ ٿي اجهامي نه اکڙيون ٿيون ڍاپن
    ور ور وري مان ڪنهن لئه اچان ٿو؟
    تنهنجي گهٽين ۾ مان ڪنهن کي سڏيان ٿو؟
    اڙي شهري دنيا!!
    منهنجو من آ تو ۾، منهنجي جان آ تو ۾
    وڃايل وجود جون واٽون تو ۾
    سڪايل صدين جون صدائون تو ۾
    ادائون، جفائون، هوائون تو ۾.
    ادائون، جفائون، هوائون تو ۾.


    دامنِ ڪوهه

    دامنِ ڪوهه

    دامنِ ڪوهه تي
    تنهنجا پيرا ڏٺم
    ڏينهن ٿورا ڏٺم
    ڪنهن چيو ٿي سڏي
    تون اچين ٿي هتي
    خوشبوئن سان گڏي
    هوا جي هوڏ تي
    ڏوراهين ڏيهه کان،
    ڏس منهنجو پڇي
    هئي تڙپي اٿي
    ڪا نه ترسي هتي
    ۽ نه برسي هتي
    هوءَ پهاڙن پٺيان
    گوتم جيان
    گم ٿي وئي.
    گم ٿي وئي.


    Kiss

    Kiss

    اڄ رات
    توکي Kiss ڪيم
    ته لڳو
    سالن جي اُڃَ
    صدين تائين
    ڦهلجي وئي هجي،
    ڪاش!
    تون پنهنجا چپ ڇڏي وڃين
    ۽ چميون کڻي وڃين،
    ڪاش!!
    تون پنهنجون اکيون ڇڏي وڃين
    ۽ وڇوڙو کڻي وڃين.


    اکڙين ۾ اٽڪي پئي

    اکڙين ۾ اٽڪي پئي

    تنهنجي ياد جا ڪارا ڪڪر
    کڻي ٿو گڏ هلان
    جي هڪ وار نهارين
    ته برسي پوان
    ۽ ترسي پوان.
    تنهنجي گهور جو هان گهايل مٺي
    تنهنجي اکڙين ۾ هان اٽڪي پيو
    جنهن گهڙي ياد تنهنجي ٿي اچي
    زندگي ٿي سڏڪا ڀري،
    رات ٿي ڏنگڻ لڳي
    ۽ مڌ ٿو پاڻي لڳي.
    ۽ مڌ ٿو پاڻي لڳي.


    سنڌ آ سورج مکي

    سنڌ آ سورج مکي

    رات جو پويون پهر
    ننڊ ۾ پورو شهر
    سار ٿي ڪائي اچي
    نيڻ ٿا ڇلڪي پون
    ۽ ستارا ٿا مرڪي چون:
    وک کڻ تون ويڪري
    سانجهيءَ جهڙي ڇوڪري
    ٿي اچي توڏي ميان،
    راهه ۾ ٿڪجين متان.
    درد جون هي گهڙيون
    ۽ غلامي جون ڪڙيون
    نيٺ ٽٽنديون هڪ گهڙي.
    ساري جوڀن ڏينهڙا
    ۽ حيدرآباد جون گهٽيون
    دل ڪيڏو هئي سڙي
    دل ڪيڏو هئي رڙي
    شام جو پويون پهر
    ۽ اڪيلو هي سفر
    سج آ سورج مکي
    سنڌ آ ڪيڏو ڏکي
    ڪاش! وانگو وانگر
    ڪو مصور وڃي ملي
    سنڌ پوندي پوءِ ٽڙي
    سنڌ پوندي پوءِ کلي.


    “ SAM” اُداس ڇوڪري

    “ SAM” اُداس ڇوڪري

    وايولن جي درد جهڙي ڇوڪري
    آ چري ”چيري ڪوڪ“ جي
    درد آ اٽڪي پيو
    هن جي اکين ۾
    ۽ اوپري ٿي لڳي
    سکين ۾!
    هر اک ٿي تڪي هن ڏانهن
    پر هوءَ،
    New port سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻي
    پئي تڪي وقت ڏانهن!!
    ساهه ۾ اٽڪي پئي،
    راهه ۾ ڀٽڪي پئي
    وايولن جي درد جهڙي ڇوڪري.


    New Year Night

    New Year Night

    هڪ سال زندگيءَ تي ڀاري آهي
    زندگي سال ته ناهي!
    سوال آهي
    جنهن جو جواب
    ايندڙ سال به نه ڏئي سگهندو!!
    هر نئون سال
    موت طرف هڪ وک آهي،
    موت جيڪو حقيقت آهي
    ۽ زندگيءَ جي چائنٺ تي
    اوسيئڙي ۾ بيٺو آهي
    زندگي اوسيئڙو آ؟
    يا اولڙو آهي موت جو.


    ساهه ڏئي ويساهه وٺڻ

    ساهه ڏئي ويساهه وٺڻ

    ڪڏهن ڪڏهن
    من موڳو ٿي پوندو آ
    ۽ دل جي ڌڙڪڻ کي
    ڪنهن دڳ تي آڻڻ لاءِ
    وڇوڙي جي واٽ ڇڏي
    ويساهه جي واٽ وٺڻي پوندي آ.
    ساهه ڏئي ويساه وٺڻ ۾
    جو مزو آ
    اهو زندگيءَ ۾ ناهي.


    ويساهه گهاتي

    ويساهه گهاتي

    هڪ ڏينهن منهنجي وڏڙن
    بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي
    پنهنجي سسي ۽ ساهه،
    پنهنجا شهر ۽ بحر
    هم مذهب جلاد کي ڏئي ڇڏيا!
    شايد مذهبي جذبي ۾
    يا شايد سمجهيو هئائون
    ته آئيندو بهتر ٿيندو،
    خوشيون ۽ سک ملندو.
    افسوس!!
    انهن مذهبن جي تاريخ نه پڙهي هئي
    ۽ شايد قومن جي تاريخ به نه پڙهي هئي.
    افسوس!!!
    انهن پنهنجن تان ويساهه کڻي
    ڌارين تي اعتماد ڪيو
    افسوس!!!
    انهن لطيف جي لازوال سٽ به نه پڙهي هئي
    ”ڌريان ئي ڌاريا، مٽ مُئيءَ جا نه ٿيا“
    ۽ پوءِ هڪ گهڙي،
    ويساهه گهاتيءَ جو وار ٿيو
    ڌرتي ڌڻي ڄڻ بار ٿيو
    ۽ سندن تخت تي
    ڀائي جا جهنڊا لڳا،
    ٻولي وئي، لولي وئي،
    سمنڊ جي ڇولي وئي
    ڪيس ٿيا ڪيڏا وڏا.
    ڪيس ٿيا ڪيڏا وڏا.


    سواتي قطارون

    سواتي قطارون

    هي راهون اسان کي رولن وري
    سچ کي ڪيڏو ٿيون ڳولهن وري
    سواتي قطارون ٿيون سنڌ ڏانهن اچن
    بلاول ۽ بختاور روڪن کڻي
    قائم ۽ مرزا کي ڪوئي چوي
    جاويد جو جوتو ٿو تڙپي وري
    ڪجهه گهڙيون مزا هي ماڻي وٺن
    پنهنجن کي ڪيڏو به ٿاڻي وجهن
    جعفر ۽ صادق سڃاڻي ڇڏيو
    سنڌ کي ڪيئن ٿا گهاڻي وجهن!
    شهيدن جي راڻي کي ٿا روئي چئون
    وطن ۽ وچن آ هنن وساري ڇڏيو
    ورُ تون اسان ڏي بي بي اڄ وري
    سنڌڙي ٿي توکي ساري وري
    گهرج آ تنهنجي اسان کي گهڻي
    سنڌ کي ڪيڏا ٿا ڏانوڻ وجهن
    لنڪا جا ڪيئي رانوڻ وري
    لنڪا جا ڪيئي رانوڻ وري


    پوري عالم آ روئي ڏنو

    پوري عالم آ روئي ڏنو
    (18 آڪٽوبر 2007ع تي لکيل نظم)

    عرب جي مٽي ڇڏي
    تنهنجي ڇهاءَ تي
    هان روئي پئي
    اي موت جا سوداگر وطن!
    مون ته سوچيو هو
    تون منهنجي ڳوڙهن جو
    قرض نه لاهي سگهندين
    ۽ گلابي ٽهڪڙن سان
    12 مئي جي زخمن کي
    وساري ڇڏيندين.
    اي موت جا پڄاري وطن!!
    تون ڪنهن ڪنهن کي ڦريندين
    تنهنجي ڪاڻي ۽ خاڪي چهري تي
    معصومن جو رت ڏسي
    پوري عالم آ روئي ڏنو
    اي منهنجا پاڪ وطن!!!
    تنهنجي ناپاڪائي آ شرمائي وڌو.


    هڪ قبر آهي کٽل

    هڪ قبر آهي کٽل

    توکي وسارڻ جي فرصت ڪٿي
    توسان ملڻ جي چاهت کڻي
    دلڙي پئي دانهون ڪري
    ۽ اکڙيون ٿيون رانهون تڪن
    هر وک تي ويري وري
    واٽ کي واڙي پيو
    گهاٽ تي تاڙي پيو
    مرڪ کي هو کسي
    ڀاڳ کي ڀاڪر ڀري
    سنڌ کي ماري پيو.
    ڏک تنهنجي کي سکي
    اکين ۾ اوتي چوان:
    ڇا ڳڙهيءَ ۾ اڃان؟
    ڪا قبر آهي کُٽل!
    يا قبر آهي رُٺل!!
    ۽ قبر آهي کُٽل!
    ۽ قبر آهي رٺل!!


    18 آڪٽوبر 2007ع

    18 آڪٽوبر 2007ع

    ”پنڪي“ چڙهي اڄ چنڊ تي
    هو سڏيو ننڍي کنڊ کي
    هٿ دعا لاءِ هاکڄا،
    اکڙين هو روئي ڏنو،
    متوالا مرڪي مڙيا
    ۽ اسٽارگيٽ تي
    ستارا ها ڄڻ ٽڙيا.
    اکين ۾ آس هئي
    چپن تي پيغام ڪو
    گيت ها، رڪس هو
    هر هڪ ڄڻ مست هو
    پرهه جي آس هئي
    سالن جي پياس هئي
    وقت هو رڪجي ويو
    فاصلا مٽجي ويا
    بلٽ پروف گلاس کان نڪري
    چاندني نروار ٿي
    سمنڊ سان هوءَ ساڻ ٿي
    ڪناري کي هئي لڳي.
    نه خوشي برداشت ٿي
    دشمني بيتاب ٿي
    بمن جي برسات ڪئي
    ڪربلا واري ڪار ڪئي.
    گهوٽ ها ڪسجي ويا
    روڊ رت سان رڱجي ويا
    جان جو جوکو کڻي
    ”جان“ نثارن ڪئي فدا
    عشق سلامت رک خدا.
    عشق سلامت رک خدا


    شهيد راڻيءَ جي نانءِ

    شهيد راڻيءَ جي نانءِ

    اي جلادو!
    قاتل ليگ جا وارثو!!
    ڀل گلابن کي گردن جهلي
    خوشبو کي خنجر هڻو
    ۽ هوا جا هٿ ٻڌي
    ستارن کي گولي هڻو،
    چنڊ کي چوٽيءَ جهلي
    چيري ڦاڙي ڇڏيو،
    ڪاڻي جا ڪوڙا کڻي
    گهوٽن کي گهايل ڪيو
    ۽ هٽلري هٿيارن سان
    مورن کي ماري ڇڏيو.
    اي ورديءَ جا وارثو!!
    ڪن کولي ٻڌو
    توهان جو ابو
    ۽ ڪاڻو ڪتو
    اوندهه ڇڏي ويو ڏيهه ۾،
    دنيا کي دوکو ڏئي
    جهادي ڪري ويو ديس کي،
    هو نه ماري سگهيو
    ۽ نه اڏاري سگهيو
    پکين کي ڍنڍ تان،
    شهيدن جي رت مان
    ڪيئن ٿا گلابن جا کيت
    جهومي گردن کڻن
    ۽ موتيي جهڙا ٽهڪڙا
    وڻ وڻ ٽاريءَ ٻُرن
    جو ”زلفيءَ“ ڏيئو روشن ڪيو
    ڏس اڄ آ سورج بڻيو
    ۽ گهر گهر گرمي ڏئي
    راڻيءَ آ روشني ڪئي.
    اي اوندهه جا وارثو!!
    ڇا روشني کي ٿا روڪي سگهو؟
    ڇا روشني کي ٿا ماري سگهو؟


    رهزن آ رهبر بڻيو

    رهزن آ رهبر بڻيو

    نه رات سان ڪوئي رشتو جڙيو
    نه ڏينهن جو ڪوئي ڏوکي ٿيو
    اسان سنڌ وارا صدين کان ستايل
    اسان جو نه ڪوئي ڪانڌي ٿيو
    راڻي اسان جي آ رت ۾ رڱيل
    رهزن اڄ آ رهبر بڻيو
    ملير ۽ مٽيءَ کي مان ڏئي
    ڳڙهي آ اسان جو رستو بڻيو.


    ديس جي ياد

    ديس جي ياد

    برج راويءَ جي مٿان
    ياد ڪنهنجي ٿي اچي؟
    ڇو پلي جي خوشبو نه آ؟
    ۽ نه ڄامشوري جي هوا،
    هت نه وائي شاهه جي
    ۽ نه گيت اياز جو
    ساهه منهنجي ۾ سمائي
    ديس تنهنجي ياد آ،
    نانگ جي ڏنگ وانگر
    آ جدائي ديس جي
    چيلهه ۾ ڀاڪر وجهي
    ٿا گهمن اڄ مال تي
    ۽ حسينن جي هرچال تي
    من منهنجو ٿو رُلي
    ياد ڄامشورو ٿو اچي!
    مور ڪهڙو ٿو نچي؟؟
    ڄامشورو ٿو سڏي،
    ڄامشورو ٿو سڏي.


    قاتل ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو

    قاتل ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو

    اڄ ڌرتي تنهنجي دانهن تي
    ٿي پار ڪڍي ۽ وار پٽي
    مستانن جي منڪر محفل ۾
    تو پريت جو پيالو پيتو هو
    نينهن جي ننگي نگري تي
    ٿا موکي مئه جا مٽ ڀرن
    هر هڪ ننڊ اٿاري ايندينءَ
    سورن سنڌ جيئاري ايندينءَ
    سرتيون تو لئه پار ڪڍن ٿيون
    ڪوٽ ڪڙن کي ڪيري ايندينءَ
    پٿر سان آ پيار صدين جو!
    صورت ڪائي ڌاري ايندينءَ
    ڏک تنهنجي تي ڏاڍ ڏري ٿو
    ڏونگر ڏاڍو ڏاري ايندينءَ
    شاهه عنايت تو سان گڏ آ
    سچل آهي سچ جو ساٿي
    ڀٽائي تو لئه بيت لکي ٿو
    سرمد ور ور سور سهي ٿو
    آهي سنڌ اياڻي ادي!!
    قاتل ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو.
    قاتل ڪيڏا ڪيس ڪري ٿو.


    ملڪ سان پيار ڪيون ٿا

    ملڪ سان پيار ڪيون ٿا

    اسان ملڪ سان پيار ڪيون ٿا!
    امن ناهي نه ڇا ٿيو
    ان ناهي ته ڇا ٿيو
    پر اسان وٽ هم مذهب ڀائر ته آهن.
    اسان ملڪ سان پيار ڪيون ٿا!!
    پاڻي ناهي ته ڇا ٿيو
    پلو ناهي ته ڇا ٿيو
    پر اسان وٽ سبز حلالي پرچم ته آهي.
    اسان ملڪ سان پيار ڪيون ٿا!!
    علم ناهي ته ڇا ٿيو
    ظلم آهي ته ڇا ٿيو
    پر اسان وٽ پڙهيو لکيو پنج آب ته آهي.
    اسان ملڪ سان پيار ڪيون ٿا!!!
    ڀل جي شهر وڃن
    ۽ بم هلن
    پر اسان جا ڍوليا سپاهي ته سلامت آهن.
    اسان ملڪ سان پيار ڪيون ٿا!!!!
    ڇو ته اسان جا پير، مير،
    ارباب ۽ پاڳارا
    اقتداري ايوانن سان آهن.
    اسان اڃان به ملڪ سان پيار ڪيون ٿا
    ڀل جي راڻا ۽ راڻيون ڪُسن
    ۽ ”کپي کپي“ جون وايون وڄن
    پر شايد ڌڻي يقين ئي نٿا ڪن
    ته ايڏين مصيبتن ۽ ويساه گهاتين کان پوءِ به
    اسان ملڪ سان پيار ڪري سگهون ٿا؟!!!


    ڀالوا ڀرجي ويو

    ڀالوا ڀرجي ويو

    منهنجي محبوب جو ڪو مٽ نه آ
    مور به هن کي مڙي پيا ڏسن
    ستارن به جهڪي ڪيو ٿي سجدو
    ڪارونجهر تي ڪيئي چڙهي پيا ڏسن
    هن جي هڪ نگاهه سان ڀالوا ڀرجي ويو
    ۽ ڪڪر ڪارونجهر تي ٿا برسي پون
    ننگر جون ناريون سَوَ سلام ۽ سجده ڪن
    ۽ پٿر مورتيون به مُرڪي پون.


    آسمانن رُنو هو

    آسمانن رُنو هو

    گلن جي پوڄا اسان جو عقيدو
    پنهنجو ته يارو هڪ هو وسيلو
    عقيدو، وسيلو اسان کان ڇنو ويو
    چنڊ ستارن ۽ آسمانن رنو هو
    ڪوماڻيل گلن جون ڪهڙيون ادائون
    سنڌ کي ڏئي وئي صدين جون صدائون
    سسئي ۽ سرتيون روئي پون ٿيون
    مومل ۽ مارئي ماتم ڪن ٿيون.


    مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري

    مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري

    تو سوا ڪجهه به ناهيان
    تو سوا ٿڌڙي شام جو پاڇو اجايو
    تو سوا لاڙ، لاڙڪاڻو، ڪاڇو اجايو
    ۽ ڳلن تي ڳوڙهن جو ڪاٿو اجايو
    زندگيءَ جي هار، جيت جو کاتو اجايو
    تون جي ايندين ته ٻانهن جي ٻهڪار ٿيندي
    گلن جي گهر گهر هُٻڪار ٿيندي
    ۽ نيڻن جي ننگر تائين نهار ٿيندي.
    پکي به پرڙا هڻي ڏس لٿا اڄ ڍنڍ تي،
    هوءَ سنڌو، هوءَ منڇر، هوءَ ڪينجهر
    هر هڪ هلي ٿي پرينءَ جي پنڌ تي
    سمندر به سار کي ٿو ساهه ۾ سانڍي هلي
    ۽ وڇوڙي جي وڍ ۾ سنامي کي ٻاهر ڪڍي
    پهاڙن ۾ به پرينءَ لاءِ لاوا پچن
    ڌرتيءَ جي دل به ٿي ڌڙڪي پوي،
    ياد ۾ يار جي تڙپي پوي
    ۽ آسمانن مان بجلي به ٿي ڪڙڪي ڪري،
    مروند جي مهڪ ۽ ماکي ڇڏي
    قلندر به سيوهڻ ۾ ٿو ترسي پوي.
    ڪيئن چوان ايندين ڪڏهن!!
    ڀٽ کي ڀاڪر ڀري ڪراڙ ٿي روئي پوي
    ۽ مشائخ جي مٽي به ٿي ماتم ڪري،
    ڪائنات ڪاري ويس ۾
    جهوڪ جي جهولي جهلي
    پئي سڙي، توکي سڏي، سنڌ جي سنسار ۾
    جاڳ ۾، ننڊ ۾ ۽ مڪليءَ جي ماٺار ۾.
    جاڳ ۾، ننڊ ۾ ۽ مڪليءَ جي ماٺار ۾.


    ها جي موٽي اچين!

    ها جي موٽي اچين!

    حسن ها جي موٽي اچين!
    ڇتن تي ڇير پائي آنءُ نچان
    ڏکن کي ڏنڀ ڏئي
    ڀتن کي ڀاڪر ڀريان
    ستارن کي سوري سڏي
    رات جي راڻي ٿيان،
    چڪور جي چهنبن ۾ ڪائي
    چنڊ جي چمي بڻان،
    دهلي، ڪلڪتي جون ڳالهيون ڪيان
    گگلي ۽ پوليءَ جون ڳالهيون ڪيان
    آگري گهمڻ جون ڳالهيون ڪيان
    تاج ۽ تخت جون ڳالهيون ڪيان
    سنڌ جي بخت جون ڳالهيون ڪيان
    ڇوڪرن ڇتين جون ڳالهيون ڪيان
    اکين ۽ سکين جون ڳالهيون ڪيان
    دل جي دکڻ جون ڳالهيون ڪيان
    وڇڙي وڃڻ جون ڳالهيون ڪيان
    سمنڊ تي سمهڻ جون ڳالهيون ڪيان
    حَسن جي حُسن جون ڳالهيون ڪيان
    ڪينجهر ڪنڌيءَ جون ڳالهيون ڪيان
    جهمپير کجيءَ جون ڳالهيون ڪيان
    منڇر مڇيءَ جون ڳالهيون ڪيان
    ننگر، سکر جون ڳالهيون ڪيان
    ڪاريءَ ڪنبڻ جون ڳالهيون ڪيان
    ڪراچي ڪُسڻ جون ڳالهيون ڪيان
    موري مکڻ جون ڳالهيون ڪيان
    هالا هلڻ جون ڳالهيون ڪيان
    جنڊيءَ، رلهيءَ جون ڳالهيون ڪيان
    اجرڪ رنگن جون ڳالهيون ڪيان
    سنڌوءَ اٿڻ جون ڳالهيون ڪيان
    لاڙ ٻڏڻ جون ڳالهيون ڪيان
    رڃ ۾ رڙڻ جون ڳالهيون ڪيان.
    حسن ها جي موٽي اچين!


    نصرتم

    نصرتم

    اصفهان جو سورج
    سنڌ جي سڱ ۾
    چنڊ گرهڻ بڻجي ويو
    جنهن هن نينگريءَ سان ناتو جوڙيو
    سو درد ۽ ڪَرب جو
    ڄڻ داستان بڻجي ويو
    هُنَ ريشمي راهن کي الوداع چئي
    درد جو ڊگهو سفر دل سان ڪيو
    ۽ هر چمڪندڙ ستاري کي
    صبح کان پهرين
    آلين اکين سان الوداع ڪيو
    ۽ نيڻن کي ڊگهي انتظار لاءِ کليل رکيو
    ته جيئن سورن کي سمجهائي سگهي
    ته سنڌ جو سفر
    ڪربلا جي ڪهر کان گهٽ ڪونهي!


    پئرس

    پئرس

    پئرس تنهنجي گهٽين ۾
    پيار جا پئمانه مون ڇلندي ها ڇڏيا
    ۽ حُسن جا هزارين
    آبشار وهندي ها ڏٺا.
    چنڊ به هو ڪنهن چاهه ۾
    سونهن جا سوين سمنڊ هر راهه ۾.
    پرينءَ جي پنڌ جهڙي هوءَ ندي
    شهر جي دل مان ٿي وهي،
    ڪونڌر ڪيئي ٿي ڪُهي،
    هر چوڪ تي چاڪو تکو
    ۽ ڪناري تي ڪجلي ڪنواري
    گهور سان ٿي گهوٽي ڇڏي،
    مرڪ سان ٿي ماري ڇڏي
    ۽ ايمان جا ايفل ٽاور ٿي لوڏي ڇڏي.
    انگيءَ جي آرزو به اڏندي مون ڏٺي
    درد جي دانهن دل مان هئي ڦٽي،
    چرچ جي چائنٺ تي چمي تڙپي اٿي،
    زندگي هر گام تي گلابن سان گڏي
    سار جا سمورا ساز ڇيڙي ڇڏيم
    ريشمي ٿان جيان ويڙهي ڇڏيم.
    ڳليءَ جي ڳالهه تان ڳوٺ هو موٽي پيو
    ۽ ڪنب تي مَيرُ هو ڌوپي پيو
    سونهن جو سفر هو پورو ٿيو
    گناهن گذر هو ٿورو ٿيو
    گلابن گهمڻ هو ٿورو ٿيو.


    سونهن ۽ فطرت

    سونهن ۽ فطرت

    اڱڻ تي سمهي پئي وڏا وار کولي
    دل جي دڙڪن وڌي، دريون در کولي
    چمي چنڊ جي چپڙن ۾ تڙپي اٿي
    ڪڪر ڪر موڙي ڪڻ ڪڻ ٿي ڪريا ها
    ستارن ساهه مٺ ۾ سانوڻ سڏيو هو
    پکين پر پنهنجا ها ساڙي ڇڏيا
    نمن ڏار پنهنجا ها لاڙي ڇڏيا
    رات روئي رڙي هو ماتم ڪيو
    اڱڻ جي آرزو به جاڳي اٿي
    سمنڊ جي سُنامي به ساڳي اٿي
    ۽ پهاڙن پاڻ کي هو پاڳل ڪيو
    جنهن گهڙي هن اٿي هو آرس ڀڳو
    سونهن سموري جهڪي سجدو ڪيو.


    معشوق ۽ محبوب حسن جي ياد ۾

    معشوق ۽ محبوب حسن جي ياد ۾

    وڏا وڻ ڳوٺ تنهنجي جا
    ٿا پار ڪڍن ۽ وار پِٽن
    گهٽيون اڄ ڳوٺ تنهنجي جون
    ٿيون گلڙن کي گهايل ڪن
    ڏٺوسين ڳوٺ تنهنجي کي!
    قبرن جي ڪنارن کان
    ستل آن ننڊ ۾ سُهڻا
    سنڌ جي سلامن سان
    ڳوٺ جي شهسوارن سان.
    تڪن ٿيون تاڙيون کجيون
    جهمپير جون توڏي
    نوريءَ جي نگاهن سان
    نه ڪر تون ننڊ او سائين
    نيڻن جي گلاسن سان
    پيئڻ ڏي پيار پنهنجي کي
    شاعريءَ جي ادائن سان
    ڪيڏو اُڃَ ٿو مارين
    موکيءَ ۽ متارن کي
    ڪينجهر جي ڪنارن کي.
    ها هن ديس جو هڪ هڪ چپو
    آ چريو تنهنجي چمين ۽ چپڙن جو
    هر هڪ هٿ ٿو تڙپي
    هر هڪ دل ٿي ڌڙڪي
    تنهنجي ڀريل جام لئه
    ۽ اجڙي ويل هر شام لئه
    سنڌ جون سموريون گهٽيون
    ۽ حيدرآباد جون هزارين مِٺيون
    ٿيون تڪن توڏي اڃان،
    هوءَ سمنڊ جي سار جهڙي ڇوڪري،
    سنهڙي تار جهڙي ڇوڪري،
    پرانهين پار جهڙي ڇوڪري،
    پکين جي پيار جهڙي ڇوڪري
    هر فون ڪال تي ٿي تڙپي پوي
    ڇا اڄ نه ٿو ان کي Miss ڪرين؟
    ڪو Flying Kiss ڪرين
    ۽ هڪ ننڍڙو SMS ڪرين.
    ۽ هڪ ننڍڙو SMS ڪرين.


    ها تون ساڳيو اڀيچند

    ها تون ساڳيو اڀيچند

    ها تون ساڳيو اڀيچند
    سرمد جو آ ساهه تو ۾
    من ته گيڙو ويس تنهنجو
    سنڌڙيءَ جو ويساهه تو ۾
    سمنڊ جي آ سار توسان
    چنڊ جو آ چاهه تو ۾
    لڪي شاهه صدر آ تو سان
    ڪيئي ٿيا گمراهه تو ۾
    ان الحق آ تنهنجو جلوو
    صوفيءَ جو آ الله تو ۾
    سهڻا تنهنجي سڪ لڳي ٿي
    روحل، چيزل جي نگاهه تو ۾.


    سموري سنڌ آ سڪتي ۾!

    سموري سنڌ آ سڪتي ۾!

    حَسن هر هر جنم وٺبو
    چنڊ جي چوڏهينءَ جو ملبو
    زندگي جو سگريٽ ساڙي
    دلڪش دلبر ڪش ٿي ڇڻبو
    هي اگهاڙيون عورتون هاڻي
    ڀرن ٿيون جام جدائيءَ جا
    هر هڪ ٽهڪ کي ٿيون ٽانڪن
    سورن جي سلائيءَ سان
    رٺل هر انگ ۾ هاڻي
    ڀنڀوري باهه پئي ڀڙڪي
    وڻ وڻ وڄ ٿي ڪڙڪي
    حسينن جي حال تي هاڻي
    ايندڙ هر سال تي هاڻي
    ماتم مست ڇولين جو
    سمندر جي سفينن جو
    شاهه پنجي جي شامن جو
    چنڊ چريو آ چاهت ۾
    شاهه، سچل جي ساٿين سان
    ڪير رُلندو راتين جو
    ڪير ملندو ساحل تي
    سنڌ سڄي آ سڪتي ۾!
    سنڌ سڄي آ سڪتي ۾!


    حَسن جو ڪيڏارو

    حَسن جو ڪيڏارو

    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو
    تنهنجا ڇڏيل پيرا چُمان
    اڌورا اُڃايل سپنا ڏسان
    ڳلن تان ڪريل ڳوڙها چُمان
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو

    وائي ته هر هڪ وات هُئي
    چنڊ گرهڻ جي رات هئي
    ڪينجهر رُني ڪاڇو رُنو
    منڇر رُني، مڪلي رُنو
    سانجهي ته تو ساڻ وئي
    ۽ مٺيءَ جي مورن آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

    سمنڊ ٿو سينو ڪُٽي
    رات پئي روئي رڙي
    جهمپير جي مندر آ رُنو
    سنڌڙيءَ جي اندر آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

    اچُ ته راڻا اڄ واٽ تي
    سنڌوءَ جي ڪنهن گهاٽ تي
    سنگتين، سرتين آ رُنو
    ڏونگر، ڏاڍن آ رُنو
    کجيءَ، تاڙيءَ آ رُنو
    موکيءَ، مٽڪن آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

    مسرور جون مُرڪون اڄ ويون
    رڌم جون راتيون اڄ ويون
    ستارن سُڏڪي آ رُنو
    موهن دڙي جي نچڻيءَ آ رُنو
    شاهه پنجي جي شامن آ رُنو
    وندر جي وڻن ۽ واٽن آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.
    محمود جي اڄ ماڳ تي
    راڻا تنهنجي راڳ تي
    سنگيت، سازن آ رُنو
    فقيرن، اميرن آ رُنو
    بخشڻ، جاميءَ آ رُنو
    سچل، ساميءَ آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

    اکڙين جو هوُ نُور ويو
    سيني ۾ هو سور ٿيو
    سومل، مُومل آ رُنو
    سَسئي، سُهڻيءَ آ رُنو
    ملير، مارئيءَ آ رُنو
    چيزل، روحل آر رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.

    شاهه بندر ڪيڏي اُڃ آ
    سجاول ۾ اڄ سُڃ آ
    لڪي شاهه ٿو لُڙڪ اگهي
    نظم، غزل آ رُنو
    بيتن، گيتن آ رُنو
    پکين، اکڙين آ رُنو
    هئه هئه حسن وسرين نه ٿو،
    سهڻا سڄڻ وسرين نه ٿو.


    آصف توکي ڇا گهرجي؟

    آصف توکي ڇا گهرجي؟

    پورا پنج بيت کڻين ٿو
    منهنجا مٺڙا ميت کڻين ٿو
    آصف تو کي ڇا گهرجي؟
    جيءَ ۾ جيڏا جاءِ آ تنهنجي
    سنڌ جا ساوا کيت کڻين ٿو
    رني ڪوٽ جا راز ٿو ڄاڻين
    پوءِ ڇو ٿورا گيت کڻين ٿو؟
    آصف توکي ڇا گهرجي؟
    مڪليءَ کي تو مان ڏنو آ
    مرڪي دل جو دان ڏنو آ
    سڄڻ سنڌ سلامت رهندي
    اهڙو تو ايمان ڏنو آ
    آصف تو کي ڇا گهرجي؟
    ننگر تنهنجي اندر آهي
    سکر تنهنجي ساهه ۾ سانڍيل
    دڳ دڳ تي تلوارون لٽڪن
    رستو سنهڙي تار تي آهي
    آصف تو کي ڇا گهرجي؟
    اکين جا اُڃارا ڪنارا کڻين ٿو
    اڊڙيل اوجاڳا ستارا کڻين ٿو
    ننڊ کي نپوڙي رسيءَ تي رکين ٿو
    نينهن جا ننگا نظارا کڻين ٿو.
    آصف تو کي ڇا گهرجي؟
    هڪڙو پورو سمنڊ ٿو گهرجي!
    چوڏهين وارو چنڊ ٿو گهرجي!!
    سورج ساڻ سنڌوءَ ٿو گهرجي!!!
    يا ڏاهر وارو ڏيهه ٿو گهرجي!!!!
    آصف تو کي ڇا گهرجي؟
    آصف توکي ڇا گهرجي؟


    پئسو ماڻهوءَ کي پاڳل بڻائي

    پئسو ماڻهوءَ کي پاڳل بڻائي

    ماڻهو پئسن جا پوڄاري آهن
    پئسا ماڻهن کي ٿا کائن
    پئسو ماڻهوءَ کي ٿو پيرُ بڻائي
    پئسو ماڻهوءَ کي ٿو تير هڻائي
    پئسو ماڻهوءَ کي ٿو فقير بڻائي
    پئسو ماڻهوءَ کي ٿو پنرائي
    پئسو هڪڙي لعنت آهي
    پئسو هڪڙي خيانت آهي
    پئسو ماڻهوءَ کي پرڏيهه رُلائي
    پئسو پنهنجن کي ٿو ويڙهائي
    پئسو پوتيءَ کان پيشو ٿو ڪرائي
    پئسو ونيءَ کي ويشا ٿو بڻائي
    پئسو ماڻهوءَ کي پاڳل بڻائي
    گهر کان گندو ٿو پهچائي.


    يار جو ذڪر آ

    يار جو ذڪر آ

    ڪهڙيون پڇو ٿا عاشقيون
    ڪهڙيون پڇو ٿا رازگيون
    ملڻ جو مزو آ
    چپن سان چکيو آ

    ڪهڙيون پڇو ٿا بربادگيون
    ڪهڙيون پڇو ٿا آبادگيون
    فنا جو فڪر آ
    يار جو ذڪر آ

    ڪهڙيون پڇو ٿا تازگيون
    ڪهڙيون پڇو ٿا شادگيون
    اکين ۾ جيئو ٿا
    پکين سان پيئو ٿا
    ڪهڙيون پڇو ٿا لاچارگيون
    ڪهڙيون پڇو ٿا بيزارگيون
    رات جو اچو ٿا
    مات ڏئي وڃو ٿا

    ڪهڙيون پڇو ٿا سازگيون
    ڪهڙيون پڇو ٿا نازگيون
    هوا سان هلو ٿا
    ساز ۾ ملو ٿا.


    پيار

    پيار

    کُهيءَ مان کهنبيل تنهنجو درد کڻان ٿو
    رڳن سان مون روح هو لاٿو
    ٿڌڙو ٿڌڙو سُورُ کڻان ٿو.
    ڪڏهن پيار سان ٽٻٽار آهين
    ڪڏهن اوناهين ۾ ٿي لاهين
    ڪڏهن دل جو دلو ٿي پورو ڀريل
    ڪڏهن ٻڪ ۾ به ٿي ٻاڪارين
    ڳوٺ جون ساريون سَکيون
    ميرو پنهنجو من اُجارن
    ڇاتين سان هو شام ٿيون ڇاڻن
    پيار جا سارا رسا ٽوڙي،
    ڀاڪر ۾ توکي آنءُ ڀريان ٿو
    پوءِ ڇو مون کي اُڃَ ٿي مارين؟!
    پوءِ ڇو مون کي سُڃ ٿي آڇين؟!


    گلابن جا گردن اوچا ٿيا

    گلابن جا گردن اوچا ٿيا
    چڱو ٿيو جو مقتل هو مهڪي پيو
    ۽ کٿوري خوشبو جون جهوليون ڀري
    پوکيو سرنهن کيت ۾
    گلابن جا گردن به اوچا ٿيا
    سورج مکي به مُرڪي پيو
    ۽ مٽيءَ جي مهڪ گهُلي هوا جي هٿن ۾
    شفق شام جي لٿي لاڙي لڱن ۾
    چنڊ به تڙپي اٿيو رت جي رنگن سان
    سڏڪن جا سڳڙا سموري فضا ۾
    ويا ٽانڪبا ٽارين وڻن ۾
    اڃ هئي اگهاڙي ڪولهڻ ٿڻن ۾
    ۽ بُکايل بدن جا بخيا به اُڊڙي پيا،
    رڻ ۾ رلياسين ته سورن سبڻ لئه
    پر دلڙي جا ڌاڳا ها دڳ تي ٽٽا
    زندگي کي ٽوپي ٿا جيئندا رهون
    لڄ جون ليڙون نه لڪائي سگهون
    سنڌ جي سئي آ هيڻن هٿن ۾
    روح کي رڦو ڪيئن لڳائي سگهون!
    وڇوڙي جي وڍ کي کٽائي سگهون،
    ملڻ جي مند کي ورائي سگهون،
    وطن جون واٽون بچائي سگهون.
    وطن جون واٽون بچائي سگهون.


    تخليق

    تخليق

    پکين جا آکيرا ويٺو
    ماڻهو پنهنجي من ۾ ٺاهي،
    ڳالهين جا ڳيرا ويٺو
    ماڻهو پنهنجي من اڏاري
    ماڻهو گهاٽي جهنگ مثل آ
    جنهن جا رستا روز سڙن ٿا
    جنهن ۾ ڪيئي ڪيٽيون ڪم جون
    سوچن جا جت ساهه کڄن ٿا
    لفظن جا ڄڻ وڻ لڏن ٿا،
    شاعر هر شام جو ويهي
    ڪيڏا تن کي ڌوڻا ڏئي ٿو
    پن پن مان ڄڻ پيار ڇڻي ٿو
    موتين جي هو مالها پوئي
    نظمن ۾ ڄڻ ساهه ٿو ڦوڪي
    ڪيڏا سهڻا گيت ڄڻي ٿو،
    ڪيڏا سهڻا گيت ڄڻي ٿو.


    تون اسان جو سج آهين

    تون اسان جو سج آهين

    جڏهن به گلاب ٽڙندا
    ته تنهنجي خوشبو ايندي
    جڏهن به ڪويل ڪوڪيندي
    ته تنهنجي صدا ايندي!
    جڏهن به سج لالاڻ سان
    سنڌ جا پير چمندو
    ته سورج مکي توڏي ڏسندا
    تون اسان جو سج آهين
    تون اسان جو ٻج آهين
    پوکيءَ جي مند پري ڪونهي!!
    هر سَلي مان ساهه کڻندين
    کيت سنڌ جا ميت ٿيندا
    ۽ ٻنيءَ مان جي ٻار ڄمندا
    سي به تنهنجا گيت چوندا.
    اپريل ڪاري گلاب جيان
    سنڌ ۾ درد جي علامت رهندو،
    تنهنجون اکيون آزادي جي آس ۾
    نينهن وارن ڏانهن
    نهارينديون رهنديون
    ۽ اسان تنهنجي عشق کي
    پٽڪي جي پانڌ ۾
    پلاند لاءِ ٻڌي رکيو آهي.


    او منهنجا دلبر دانشور!

    او منهنجا دلبر دانشور!

    اداس دل وارا دانشور
    ڀل اُداسي نه ڇڏ
    اچ اچي کڻ
    انڌيون اُداسيون
    ها پر انهن اُداسين ۾ به
    هڪ اميد باقي رک،
    پرندي جي اُڏام باقي رک
    ۽ قيدي وطن کي سلام باقي رک
    ڊگهي اُماس رات کانپوءِ
    روشن صبح کي ڀاڪر ڀري
    گهڙيءَ لاءِ دل تائين کڻي وڃ
    ته جيئن ننگي نراسائي
    پرهه جي پوشاڪ پهري
    ۽ چپڙن تي اميدن جي ماڪ لائي
    او منهنجا دلبر دانشور!
    جنهن گهڙي
    سورج مکيءَ جا کيت
    نراسائي ڇڏي
    ڪنڌ کڻي سج کي سلام ڪن
    ها ان گهڙي
    پنهنجي قيدي ديس کي
    جهڪي سجدو ڪندين
    ته تنهنجي چپن تي فاتح مرڪ
    اُداسي کي الوداع چوندي
    ۽ آزادي
    تنهنجي نسلن جا قدم چمندي،
    توکي صنم چوندي
    ۽ تنهنجو قلم چمندي
    ۽ تنهنجو قلم چمندي.


    سنڌ

    سنڌ
    جڏهن به دنگ جي دانهن تي
    جوانن جياپو گهريو
    ته مڪلي به مهڪي نياپو گهريو
    جبل جيءُ پنهنجو به گهوري ڇڏيو
    ستل سُور جاڳي ٿا جهمريون هڻن
    اٿو اڄ اوهان کي ٿو دولهه سڏي،
    ڀٽ جو ڌڻي ٿو تنبورو کڻي
    ٻاگهل ٻيهر پئي ڪهاڙي ڄڻي
    ۽ خلجيءَ کي ڪيڏا ٿي خبجر هڻي،
    چنيسر کي ڪرسي ٿي ڪيڏي وڻي
    غدارن جو گهيرو ته گهر گهر ڪيو
    سنڌ جي سلامي به هر هر ڪيو
    اٿو جنگ جوٽيو ٿي ٽلٽي چوي
    اٿو چنگ چوريو ٿو ٻيجل سڏي
    ڪلاچيءَ ۾ پنهنجي ڪهاڙي کڻو
    سمندر صنم سئو سلامي ڏيو
    ڪياماڙي سان پراڻي هم ڪلامي ڪيو،
    منوڙي جي مالها ۽ ديبل جي دُهري ٿيو
    ننڍي کنڊ ۾ مصري ۽ بُصري ٿيو
    دنيا کي ڀٽائي جو نياپو ڏيو
    ۽ موهن جي دڙي جو جياپو ڏيو.


    رنڪل تون نه راز ٿي ڄاڻين

    رنڪل تون نه راز ٿي ڄاڻين

    آشا تاريخ ۾ آهي ڇا ڇا؟؟
    رنڪل تون نه راز ٿي ڄاڻين!!
    مذهب گهرا گهاءَ ڏنا هن
    ۽ رهزن قاسم ڀاءُ ڏنا هن.
    هي ماري توکي ماريندا!
    ۽ ٻڪري سمجهي واڙيندا،
    لتا شل تون لڄ مرين
    ۽ آزادي جي آس ڪرين،
    پوءِ چنڊ به توتي ٿوڪاريندو
    ۽ ٻلي وانگر تاڙيندو
    پوءِ مِٺو تنهنجي مرڪ کڻي
    درگاهن تي آڻيندو
    ۽ بگهڙ جيان ڦاڙيندو
    نه ڪاڪي توتي قرب ڪندي
    نه دادا ڀاڪر پائيندو
    ۽ ڌرم به توتي دانهيندو
    ۽ ڌرم به توتي دانهيندو.


    ڀيا ڪنهنجا ڀائر ناهن

    ڀيا ڪنهنجا ڀائر ناهن

    گهٽيءَ گهٽيءَ گهاءَ سٺو آ
    هر گهر آهي گهونگهٽ پاتو
    ارڏو پٽ آزاديءَ لاءِ آتو
    وچولي جا ونگ وڍي ٿو
    لاڙي لاٽون تيز ڦرن ٿا
    اتر ڄڻ ڪا ڏور وٽي ٿو
    ٿرُ بَرُ سارو ٿوهر ناهي
    ڪاڇو ڪائي چڻنگ بڻي ٿو
    ڪراچي سارو سڻڀو ناهي
    ٻانهن جيان کڻبو ناهي
    حرامي هٿڙا توکي ڊاهن
    ”ڀيا“ ڪنهن جا ڀائر ناهن
    ڪوڙا ڪيڏا ڪائنر آهن
    ها هي پنهنجي پاڙ وڍن ٿا
    انڌا ڪنهنجي آڙ وٺن ٿا
    ٻيهر ڍنڍ اڏاڻا ٿيندا
    جاهل ڪيڏا ساڻا ٿيندا
    مٽي نه هنن جي ماءُ بڻي آ
    طوفانن جو تاءُ بڻي آ
    تاريخ جو گهاءَ بڻي آ
    سنڌڙي جي سلامي ٿيندا
    ۽ پنهنجا هم ڪلامي ٿيندا
    تن لاءِ پنهنجا اڱڻ آتا
    تن سان پنهنجا پيار پراڻا
    تن سان پنهنجي روح جا ناتا.


    Transfermation

    Transfermation
    ماڻهو مري نه ٿو
    پر ڪنهن ٻئي وجود ۾
    منتقل ٿئي ٿو!!
    منهنجي مٺي!
    مان جڏهن مري وڃان
    ته مون لاءِ لڙڪ نه لاڙجان
    پر ڪائنات جي هر ذري ۾ ڳولهجان!!
    سج جي ڪرڻن ۾ ڳولهجان،
    چنڊ جي چميءَ ۾ ڳولهجان،
    ننديءَ جي روانيءَ ۾ ڳولهجان،
    پهاڙن جي آبشارن ۾ ڳولهجان،
    وڻن جي پاڙن ۽ لامن ۾ به پاڻ ملي سگهون ٿا
    ۽ جڏهن ساحل تي اچين
    ته سپ جي اندر ڳولهجان
    ها جڏهن بهار اچي ته:
    ٽڙندڙ گلابن ۾ ڳولهجان،
    خزائن ۾ ڪرندڙ پتن ۾ ڳولهجان،
    ڪويل جي ڪوڪ
    ۽ ڪونج جي ڪرلاءَ ۾ ڳولهجان
    ساز ۽ سُرن ۾ ڳولهجان
    ۽ بارش جي هر بوند ۾ ڳولهجان.


    سنڌي هڪ چيڙهي قوم

    سنڌي هڪ چيڙهي قوم

    هي ملڪ آ زردارَن جو
    ۽ بيشرم غدارن جو
    هن ملڪ جو چرخو ايئن هلي
    وئشيا ڌنڌو جيئن هلي!
    هن ملڪ جا پکي پيا پار ڪڍن
    ۽ وڻ ٿا پنهنجا وار پٽن
    هن ملڪ جي عورت هيسايل
    ۽ هرڻيءَ جيان آ گهايل
    هت چورن کي ٿو مان ملي
    ڦورن کي ٿو شان ملي
    هت مورن لاءِ آ گولي
    ۽ ٿورن لاءِ آ لولي
    هت بنگالي ته بار نه آ
    ير برميءَ سان آ نرمي
    ۽ هندستاني بيشرمي
    ٿي شهر لٽي شمشيرن جا
    افغاني ايذائن سان
    ٿي تاريخ کان ڄڻ رت ڳڙي
    ۽ گهوڙا گهوڙا هر گهر ۾
    ڌرتي ڌڻي بک ۽ بر ۾.
    شهر سڄي ۾ جهنڊا آهن
    ”ڀيا“جو هو غنڊا آهن
    رت جي هو راند رهن ٿا
    نفرت سان هو ڇا ٿا چاهن؟
    ڇا نئون اسرائيل اڏن ٿا؟
    يا فلسطيني مٽيءَ وانگر
    ۽ غزا جي هر گهٽيءَ وانگر
    گُولن جا هو خول ڀرن ٿا!!
    ٻارن جا به جهول ڀرن ٿا!!
    هو ته ايئن ٿا سمجهن:
    صوفين جي هن ديس جا ماڻهو
    ماکيءَ جهڙا مٺڙا ماڻهو
    ٺاٺا کان جي ڏور ڀڄن ٿا
    گيڙوءَ من سان گهايل آهن
    درگاهن جا سائل آهن
    بکن جا به قائل آهن!!!
    تن کي گجر، موريءَ وانگر
    کائي هو هٿ ڇنڊيندا
    ۽ پوءِ يوپيءَ، سي پيءَ مان
    ماڻهن جا هو سمنڊ سڏيندا!!!
    هنن نه اسان جي ٻولي ڄاتي،
    نه اسان جي چولي پاتي،
    نه سچوءَ جو آ سچ ٻڌو
    نه لطيفي آ لات ٻڌي
    نه بلاول جا ها گهاوَ ڏٺا
    نه دولهه جا ها تاوَ ڏٺا
    نه هوشوءَ جي للڪار ٻڌي،
    نه سورهيه جهڙي سرڪار ڏٺي
    هت ارغونن به هو آزمايو
    ۽ سڪندر هو پڇتايو
    هر ڦورو پنهنجا ڦٽ چٽيا
    ۽ گهاتن جا ها گهاوَ سٺا
    نه موکن پنهنجا مٽ ڇڏيا
    نه ڀاڳين پنهنجا پٽ ڇڏيا
    آ مڪلي هر ڪنهن مات ڏني
    ۽ جيون واري جوت ڏني
    قومون جي تاريخ ٿين ٿيون
    سي ته جنگن منجهه جيئن ٿيون
    نه تاريخ کي ”ڀيا“ تو سمجهيو،
    نه چيڙهي قوم کي تو سمجهيو!
    ننگ لاءِ ٿا نانگ ٿين جي
    ۽ دنگ تي ٿا وارجن جي
    ڌرتي جن جي ماتا آهي
    ڌرتي تن لاءِ ان داتا آهي
    تهذيبن کان اڳ جي آهي
    انسانيت کي ٿڃ ڏني جنهن
    حيوانن کي ٿي حاصل ناهي
    دهشت جي هو قائل ناهي
    وحشت ڏانهن هو مائل ناهي
    وحشت ڏانهن هو مائل ناهي.


    جمهوريت بهترين انتقام آهي

    جمهوريت بهترين انتقام آهي

    ڳڙهيءَ جي قبرن
    تڏهن ٻه لڙڪ لاڙيا هوندا
    جڏهن لياريءَ ۾ ڪي ماريا هوندا
    ”جمهوريت بهترين انتقام آهي“
    تو چيو هو بيبي،
    اڄ ڏس تنهنجي جانثارن کان
    جمهوري جوڌا
    ٽپيءَ جي ٽور تي
    انتقام وٺي رهيا آهن،
    مفاهمت تنهنجي قاتلن سان به ٿيندي،
    تنهنجي خاندان جي دشمنن سان به ٿيندي
    پر تنهنجي سياسي وارثن سان نه ٿيندي
    تنهنجي وِل جو والي
    تنهنجي دل جو وارث
    ڇا ته ٿو چاهي؟!
    تنهنجا سڀ خواب ٿو ڊاهي!!
    ۽ تنهنجا سندر سپنا
    لياريءَ ۾ ليڙون ليڙون ٿي ويا آهن،
    لياري جيڪا تنهنجي لڄ هئي
    ۽ ويرين تي وِڄُ هئي،
    ياد ڪر بيبي!
    ايڏي پراڻي ڳالهه ڪونهي
    ته 18 آڪٽوبر تي
    بمن جي بارش ۾ به
    پتنگن پنهنجا پر ساڙي
    توکي پار پڄايو هو!
    ها ان عشق جو انجام
    ۽ جمهوريت جو انتقام
    هو لياريءَ کان وٺي رهيا آهن
    ۽ افشاني گليءَ ۾ چئي رهيا آهن ته:
    جمهوريت جلاد جي جهوليءَ ۾ آهي!
    يا چوڌري اسلم جي گوليءَ ۾ آهي!
    اڄ چيل چوڪ تي
    بڪتربند گاڏيءَ هيٺان
    تنهنجا بيوس ڳوڙها بيبي
    جمهوريت چيڀاٽي ڇڏيا آهن!


    رهزن اڄ ٿيو رهبر آهي

    رهزن اڄ ٿيو رهبر آهي

    راڻا تو جا باهه هئي ٻاري
    تنهن جا شعلا ساڳيا ناهن
    تنهن جا ڀاڳيا ساڳيا ناهن
    ها پر ڀڙوا ڏاڍا آهن!
    روز انهن جا رنگ نوان هن
    روز انهن وٽ انگ نوان هن
    چورن جي چوياري آهي!
    ڌرتي کي جي کاٽ هڻن ٿا
    دولت تن کي پياري آهي
    قوم جا قاتل، تنهنجا قاتل
    تنهنجي هُو اولاد جا قاتل
    رهزن ٿيو اڄ رهبر آهي
    ور ۾ ان کي خنجر آهي
    ڪيڏا سهڻا ڪنڌ ڪپي ٿو
    روپا راڻا سَنڌَ ڪپي ٿو
    تنهنجي نياڻي، سنڌ جي راڻي
    تنهن کي به هُو باز جهپي ويو
    خلق کان ڄڻ آڪاس کسي ويو!!
    رحمان سان هُو راضي آهي
    بابر هن جو قاضي آهي
    مولا اک جو تارو آهي
    پرويز به هن کي پيارو آهي
    ٺڳن جو ڄڻ وارو آهي
    تنهنجا سپنا روز ٺڳن ٿا،
    خوابن کي به روز جهپن ٿا
    خلق کي ڪيڏا خنجر کوڙي
    منزل کي ڏس ڪيئن ٿو موڙي!!
    تارن کي به تاڙي ويٺو
    سنڌ کي سنگهرن واڙي ويٺو!!!
    هو نه تنهنجي واٽ تي آهي
    هو نه تنهنجي لاٽ ٿو ٻاري
    پوءِ ڇو پتنگ هن تي پچن؟!
    پوءِ ڇو پوپٽ هن ڏي اچن؟!
    هاڻ اسان کي معافي گهرجي
    راڻا تنهنجي معافي گهرجي.


    شهيد بشير قريشي جي ياد ۾

    شهيد بشير قريشي جي ياد ۾

    اي سنڌڙي انب جهڙا
    مٺڙا ماڻهو!
    تنهنجي بانهن ٻڌڻ ۾
    ڪيڏي نه ٻاجهه هئي
    تنهنجي مرڪڻ سان
    مڪليءَ کي به معنيٰ ملندي هئي!
    ۽ تنهنجي نهار سان
    سنڌ جا سُور تازا ٿي ويندا هئا
    اي ارڏا انسان!
    تبت سينٽر تي تنهنجو پڙاڏو
    ڪلاچيءَ جي ڪَنَن ۾
    اڃان به گونجي رهيو آهي
    ۽ سنڌ
    تنهنجي پيرن جي پسار لاءِ
    تڙپي رهي آهي
    ڇا توکي ڪو ڪانئر
    سنڌ کان جدا ڪري سگهي ٿو؟
    تنهنجي سامي
    سنڌ جي سيني ۾ ڌڙڪي رهي آهي
    ۽ تون اسان جي سيني ۾
    ساهه کڻي رهيو آهين!!


    سنڌ تنهنجا سُور سوايا

    سنڌ تنهنجا سُور سوايا

    سنڌ ۾ سياست ۽ ذلالت ۾ ٿورو فرق آهي.
    سنڌ جي ننگ ۽ دنگ تي به ڀنگ پنهنجا رنگ پئي ڏيکاري.
    سنڌ جي وڏ وزارت يا ته ڏنڊي مان ڏاڍو مزو وٺندي آهي يا ڪونڊي جي ڪڍ هوندي آهي!
    سنڌ جي قومي تحريڪ ۽ قيادت جاڙي خان جي جاڙي ڀيڻ آهي.
    سنڌ جي صحافت پني ۽ وقت جو زيان آهي.
    سنڌ جي دانش NGO جي هڪڙي پراجيڪٽ تي ٿيا ٿيا پئي ڪري.
    سنڌ جي افسر شاهي سڻڀي ڪرسيءَ جي سلاميءَ تي غلاميءَ لاءِ تيار آهي.
    سنڌ جا ڀڙوا پيشي ۾ پنجاب کي به پوئتي ڇڏي،
    مارئي ۽ موهن جي دڙي جي بچڻيءَ لاءِ به موڙا وٺي رهيا آهن.
    ڳڙهيءَ جي ڳاڙهيءَ کي مَلڪ جي مالڪيءَ ۾ سنڌ جي ايوان اندر، ڪاريءَ جيان قربان ڪري، بي بيءَ جو قرض، پي پيءَ وارن فرض سمجهي پورو ڪيو ۽ سنڌ جي راڻيءَ کي پنڊِيءَ ۾ سنڌوءَ جي پاڻيءَ وانگر پنهنجا پراوا پي ويا!!


    غزل

    ڏات ۽ رات ٿي روئي پئي

    ڏات ۽ رات ٿي روئي پئي
    من کي تڙ تي ڌوئي پئي

    سنڌ آ ساگر سمندر بڻي
    اکڙين جا موتي پوئي پئي

    سرفروشي سوريءَ جو سينگار ٿي
    پريتم کي پنهنجي کوئي پئي

    وطن آ اڄ جن وڪڻي ڇڏيو
    قبر به تن کي لوئي پئي

    هٿ لوڏي مرڪي اسان جي راڻي وئي
    سنڌ سڄي کي يارو رُلائي وئي


    ڄام آيا ڪينجهر تي ڪيئي

    ڄام آيا ڪينجهر تي ڪيئي
    نوري ماڻي هڪڙي ئي

    وار هن جا واسينگن جهڙا
    ڀٽائي جي آ ڪا وائي

    مندر جي مورتي جيئن
    جهمپير جي مهاڻي مائي

    پاڻي ۾ ڄڻ ڄار هڻي
    دلڙي آ دلبر ڦاسائي

    اکڙيون ٿيون تڙ تي تاڙن
    نوري ڪينجهر تي آ اُڃائي


    سنڌ آ جندُ ۾ جڙجي وئي

    سنڌ آ جندُ ۾ جڙجي وئي
    نڀاڳي ڏينهن تي اڙجي وئي

    ڏُڪر آ ڏيهه ۾ ڏاڍو
    بک آ بارود بڻجي وئي

    ولر کي واٽ ڪو ڏيکاري
    نڌڻڪي ناريءَ جيان ساڙجي وئي

    هر رات ٿي رڃ ۾ روئي
    سانجهيءَ جو پڪڙجي پئي

    بگهڙ آ تاڙ ۾ ويٺو
    بيڪار پني جيئن ڦاڙجي وئي


    دل جي دري ٿي کُلي اوهان جي چپن ۾

    دل جي دري ٿي کُلي اوهان جي چپن ۾
    وطن آ اسان جو اوهان جي اکين ۾

    اچ ته جواني جو ساز ڇيڙي ڇڏيون
    دوزخ جهڙي گرمي آ اوهان جي ساهن ۾

    آ هڪڙي حياتي اٿئي سهڻا پارت
    خوشبو آ ڪيڏي اوهان جي بدن ۾

    ٽهڪن سان ڪيڏا ٽانڪا هڻين ٿي
    سمهڻ ڏي او سائين ٻانهن ولين ۾

    هر طرف چانڊوڪي پئي چرچا ڪري
    چنڊ آ چوڏهين جو تنهنجي ڳورن ڳلن ۾

    ايڏو بار ڇو سيني تي سانڍي هلين ٿي
    ڪبوتر ڇوڙي ڇڏ تون ”مظفر“ هٿن ۾


    انڌهيري رات ۾ روئڻ چاهيان ٿو

    انڌهيري رات ۾ روئڻ چاهيان ٿو
    تنهنجي زلفن ۾ رهڻ چاهيان ٿو

    سانوڻيءَ جي مينهن وانگر مٺي
    تنهنجي نيڻن مان وسڻ چاهيان ٿو

    وار کولي جڏهن تون ٿي هلين
    تنهنجي راهن ۾ مرڻ چاهيان ٿو

    تنهنجي اکڙين ۾ آ مڌ جو مزو
    مان انهن کي پيئڻ چاهيان ٿو

    هن شهر جي بي رخي آ ٿڪائي وڌو
    تنهنجي ساهن ۾ سمائڻ چاهيان ٿو

    زندگي گذري وئي جاڳندي جدائيءَ ۾
    تنهنجي ٻانهن ۾ سمهڻ چاهيان ٿو

    ڄامشوري جون يادون آهن تازيون اڃان
    ”مظفر“ انهن يادن سان جيئڻ چاهيان ٿو.




    C


    من چاڪ ڪري وئي

    من چاڪ ڪري وئي
    اکڙيون پاڪ ڪري وئي

    نيڻن ۽ نگاهن سان
    روح رولاڪ ڪري وئي

    پنڌ آ پڇاڙيءَ جو
    دل ناچاق ڪري وئي

    ڪاريهر تي پير پنهنجو
    زهر جو هيراڪ ڪري وئي

    عمر گذري اجائي آ
    چريءَ کي چالاڪ ڪري وئي




    c


    گم ٿيڻ چاهيان ٿو

    گم ٿيڻ چاهيان ٿو
    توکي ڳولهڻ چاهيان ٿو

    اڃ آ صدين جي الا
    توکي پيئڻ چاهيان ٿو

    اداس شهر ٿو سڏڪا ڀري
    توکي رولڻ چاهيان ٿو

    مڌ ٿو مرڪي ملي جڏهن
    اڏيءَ تي چڙهڻ چاهيان ٿو

    هر اک آ عاشق بڻي
    راهن ۾ رلڻ چاهيان ٿو

    پارت ٿي پنهنجي پرين
    بي وطن مرڻ چاهيان ٿو.






    C


    زندگي ٽُڪَ جي رلهيءَ جيان، ويڙهي هليو وئين،

    زندگي ٽُڪَ جي رلهيءَ جيان، ويڙهي هليو وئين،
    سمورا ساز زندگيءَ جا، ڇيڙي هليو وئين.

    پرين ۽ پکين جا پيار، ميڙي هليو وئين،
    نظم جا نوان کيت، کيڙي هليو وئين.

    نه پيار پنهنجو پليهءِ نه دشمنن سان، جيهڙي هليو وئين،
    سجاول کي سنيهي جي سمندر ۾، ٻوڙي هليو وئين.

    لاڙ جي لئنءُ کي لڙڪن ۾، لوڙهي هليو وئين،
    لڏندڙ لامن مان پينگهن کي، ڇوڙي هليو وئين.










    c


    صدين جو سفر آ سڻائو نه ٿيندو

    صدين جو سفر آ سڻائو نه ٿيندو
    رستو رليل آ رساڻو نه ٿيندو

    اجريون ادائون اجرڪ رنگن سان
    ڪنوارين ڪجل جو پڇاڻو نه ٿيندو

    رمزن جون راهون رسيل ئي رهن ٿيون
    ٽُڪ جي رلهيءَ جو سباڻو نه ٿيندو

    اندر آ اسان جو جَرَ جيئن اُجرو
    ويساهه وطن ۾ پراڻو نه ٿيندو

    دنگ ۽ ننگ وڪيو جن واٽن تي ويهي
    چنيسر چريءَ جو اباڻو نه ٿيندو

    آسمانن اُڏاڻيون پئي آزاد آڙيون
    غلاميءَ ۾ پنهنجو اُڏاڻو نه ٿيندو

    واٽون تڪن ٿيون واليءَ وٿيءَ مان
    ننڊ آ نڀاڳي، وهاڻو نه ٿيندو

    ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ڪويل پئي ڪُوڪي
    پرينءَ جي پَکن جو ورهاڻو نه ٿيندو

    هڪڙي حياتي گهوريون ٿو گهوريان
    مِلن جي هزارين سُڀاڻو نه ٿيندو.

    c



    c


    مون کان هو لکرائي ويٺو

    مون کان هو لکرائي ويٺو
    مون ۾ پاڻ پسائي ويٺو

    ڳوٺ آ هُنَ جو مشائخ هوٿي
    وڻ وڻ ۾ ورنائي ويٺو

    اندر ۾ هن لنگر ڪيو آ
    ڪن ڪن کي سڻائي ويٺو

    گلڙن، سَلڙڻ ساڻ رهي ٿو
    پن پن کي پرچائي ويٺو

    پريت آ هُنَ جي پاڳل پنڇي
    گهر گهر ۾ گهٻرائي ويٺو

    دلبر جو دان جي ملندو
    پاڻيءَ منجهه آڳ جلائي ويٺو

    ڏکيءَ جو ڏيهه ڏڪاريل آهي
    چڻنگ چمن ۾ لڳائي ويٺو.



    C


    تون نه آن تنهنجي تات آهي

    تون نه آن تنهنجي تات آهي
    ستارن ڀري اڄ رات آهي

    وندر جي وڻن ۾ ڳولهيان پيو
    پکين جي نه ڪائي لات آهي

    وسارڻ لاءِ وقت آ ڪنهن وٽ پرين
    وائي ته تنهنجي وات آهي

    دل جون شڪستون شامل ڪرين
    مند کي پوءِ مات آهي

    سوريءَ ۾ آ ساهه پنهنجو
    بلاول جي ڄڻ بات آهي.


    C


    آنءُ تنهن جي دم سان آهيان

    آنءُ تنهن جي دم سان آهيان
    آنءُ تنهنجي ڪم سان آهيان

    دريءَ مان دلبر نهاريندو ڪر
    آنءُ تنهنجي چشم سان آهيان

    دوري نيٺ ته کٽڻي آهي
    آنءُ تنهنجي جنم سان آهيان

    جهوڪ جي ننگري نچڻي آهي
    آنءُ تنهنجي عزم سان آهيان

    سنڌڙي ساٿ سلامت رهندو
    آنءُ تنهنجي ڪرم سان آهيان

    تنهنجا بيت بهارون ٿيندا
    آنءُ تنهنجي قلم سان آهيان.





    C


    ڌرتي تنهنجو دان جي ملندو

    ڌرتي تنهنجو دان جي ملندو
    منهنجو ڪو ارمان نه رهندو

    توتي سِيسُ نوائي سائنڻ
    اندر ۾ ڪو خان نه رهندو

    جن آ تنهنجو ٿڃ لڄايو
    اهڙو ڪو حيوان نه رهندو

    مونسا مڪليءَ منجهه مرين جي
    توکي دولهه دريا خان پو ملندو

    دودا تنهنجي ديس جون دانهون
    ٻوڙو ڪو انسان نه ٻڌندو.



    C


    دکيءَ دل جون دانهون ٻڌان ٿو

    دکيءَ دل جون دانهون ٻڌان ٿو
    ٻڏل ٻاروچن جون آنهون ٻڌان ٿو

    تون جي نه ورنائين ٿو واٺا
    رُليل تنهنجون راهون ڏسان ٿو

    ابهم اگهاڙا خالي پيٽ کيسا
    مرندڙ بکن ۾ مائون ڏسان ٿو

    وطن فروشي وڏيرن کي وڻندي سدا
    قومي ڪارڪن ڇو نائون ڏسان ٿو؟!

    ويڪائو وطن ۾ ويا زور پڪڙي
    سنڌڙيءَ تي قنڌاري ڪاهون ڏسان ٿو.


    C


    عشق آ انسان کي حيوان سان

    عشق آ انسان کي حيوان سان
    ڌن، دولت ۽ ڪاري دان سان

    گوشت خورن جو گذارو مشڪل آ
    ماڻهوءَ جو ماس کائن ٿا مان سان

    بي زبانن جو به خدا ساڳيو آ
    ڪُهَن ٿا ڍور ڪيڏي شان سان

    ٿا چڱو چئون ابليس کي اڄ
    آ لعنت، ملامت مڙوئي انسان سان

    فقيرن جي به فرصت فنا ٿي وئي
    ڏٺائون شهر جون ڇوريون گڏ گلمان سان

    ڪنڌ آ ڪافر جو بچو اڏيءَ تي هڪڙو
    مومن آ ”مظفر“ مال ۽ مٺي شيطان سان
    c



    c


    اڃان ته منهنجي رات آ شرابن سان

    اڃان ته منهنجي رات آ شرابن سان
    اڃا ته منهنجي بات آ گلابن سان

    سمندر کي ساهه ۾ سانڍي هلان
    اڃان ته منهنجي شام آ شبابن سان

    ڪناري تي ڪسڻ سان قرار ٿو ڪيڏو ملي
    اڃان ته منهنجي دل آ عذابن سان

    اکڙين جو ڪٺل ٿو ور ور جيئي جانان
    اڃان ته تنهنجي نگاهه آ نقابن سان

    وک وک تي گلابن جون ٽاريون ٽڙن
    اڃان ته تنهنجي جواني آ حجابن سان

    نينهن وارن سان ننگا نچندا رهون
    اڃان ته منهنجي ياري آ ڪتابن سان


    c


    توکان پوءِ مري وئي اسان جي مڳي

    توکان پوءِ مري وئي اسان جي مڳي
    رهزن هر راهه تي ڪيڏي آ ٺڳي

    پنڌ آ ڪيڏو پري اوندهه آ اڃان
    نروار ٿي نور جيان ستارن کان سَکي

    اچ ته ڀاڪر ڀري چئون چاندني کي
    چنڊ ۽ چڪور ۾ ڇو آ ايڏي وٿي؟

    تو جيان سنڌ جي سار آ ساهه ۾
    دلڙي سڪ ۾ تڙپندي آ مون ڏٺي

    مور جي ٽور ٿي ماري وجهي
    زندگي ماکيءَ جيان آ مون چکي

    منزل کان سنڌ آ ڪيڏو پري
    ڪنڌ ڪرندا اڃا ۽ ڪاتي آ تکي

    آسارا اڃارا سنڌوءَ جا ڪنارا ٻئي
    سکر ۽ ڄامشورو به لڳي ٿو مِٺي.


    گگن ۾ گهايل گهمن گهٽائون

    گگن ۾ گهايل گهمن گهٽائون
    ننڌڻڪيون چمن ۾ چنبيلي ادائون

    ڪويل به ڪُوڪي ته ڪنهن لاءِ ڪُوڪي
    پرين تون ڏئي وئين پکن کي سزائون

    رتيديري جون راهون راڻا روئن ٿيون
    وطن کي وڻي ويون تنهنجون وفائون

    دکيءَ دل جو دلبر دلاسو دُکي ٿو!
    مڪليءَ تي ماتم ڪن ٿيون هوائون

    ڄام نندي واري سنڌ ٿي گهرجي
    ڇڏ تون ”مظفر“ ڪوڙيون انائون.


    موتئي جون ٿيون جهوليون مرڪن

    موتئي جون ٿيون جهوليون مرڪن
    ٽهڪن جون ٿيون ٽاريون چمڪن

    پاليون ڇوٿا پيار پراوا؟
    اندر جون ٿيون ڳالهيون سڏڪن

    ننگر ۾ جا نٿ ٽٽي هئي!
    ڪن ڪن ۾ ٿيون واليون ڀڻڪن

    سار جا سڳڙا ساهه ۾ ٽوپيل
    دڳ دڳ تي ٿيون دلڙيون ڌڙڪن

    مَڌُ جيئن مون پيار آ پيتو
    برهه جون ٿيون باهيون ڀڙڪن

    نينهن ته ننگو سرمد آهي
    ڪهاڙيءَ کان ڇو ڪاريون ڇرڪن؟

    دارا تنهنجي در تي بيٺس!!
    دهليءَ جون ٿيون دريون کڙڪن.


    جيون ڪيڏو دوکو لوڪو

    جيون ڪيڏو دوکو لوڪو
    جيون سارو جوکو لوڪو

    موت ته ڪوئي مهڻو ناهي
    هر ڪنهن آهي مرڻو لوڪو

    منصور مشڪل ماري سگهندين!
    ڌرتي تائين رهڻو لوڪو

    صوفي سچ جي راهه رمن ٿا
    ان الحق جو هوڪو لوڪو

    ماڻهو مٽيءَ منجهه ملي ٿو
    موتيءَ داڻو ڪوڪو لوڪو.


    نه ٿا اکڙيون پنهنجون سمهاري جيئون

    نه ٿا اکڙيون پنهنجون سمهاري جيئون
    پيا ننڊ نيڻن اڏاري جيئون

    اچين جي اسان وٽ تنهنجي آس ڏاڍي
    پرينءَ کي پٽن ۾ پڪاري جيئون

    وطن جي وڻن ۾ ٿيون واٽون لڏن
    ننگر کان نڪري ڪيئن نهاري جيئون

    مڪلي به پنهنجي ٽلٽي به پنهنجو
    ڀٽ کي ڀلا ڪيئن وساري جيئون!

    لاڙڪاڻي جي لالڻ به لائون لڌيون
    سنڌڙيءَ جي سينڌ کي سنواري جيئون.


    خواب اسان جا ڀورا ڀورا

    خواب اسان جا ڀورا ڀورا
    ڏينهن اسان وٽ ٿورا ٿورا

    جيون جانب گهاري وٺ تون
    راهه ۾ رهزن ڇورا ڇورا

    پڪا، ڪچا قلعا واپس ٿيندا
    سارا شهر، سمندر اڃارا ڪنارا

    ناهي ڪوئي ننڊ سمهيو اڄ
    نينهن جا آهن نعرا نعرا

    هر شيءِ پنهنجي ٿيندي آخر
    تڪين ڇو پيو تارا تارا

    مڪليءَ تي ها ميڙو ٿيندو
    مرڪي مل او پيارا پيارا.


    سرتيون سپنا روز مرن ٿا

    سرتيون سپنا روز مرن ٿا
    ڪيڏا سهڻا ڪنڌ ڪرن ٿا

    دردن جي دُکيءَ ڌرتيءَ تي
    گهوٽن کي به گهاوَ ملن ٿا

    قاتل ڪيڏو ڪيس ڪري ويو
    سنڌڙي تنهنجا مورَ رڙن ٿا!

    رنيءَ ڪوٽ به روز روئندو!!
    لڪيءَ جا ڏس لڙڪ ڳڙن ٿا

    مڪليءَ ڪيڏو ماتم ڪيو آ
    ايوانن جا در لڏن ٿا

    ڀينر پنهنجا ڀاڳ ڦٽل هن
    موهن دڙي جا ڦٽ چڪن ٿا.


    رات تنهنجي راهن ۾، نيڻن جو هو نورُ وڇايو

    رات تنهنجي راهن ۾، نيڻن جو هو نورُ وڇايو
    دل جا سڀ دروازا کولي، گلڙن جو هو ٻورُ وڇايو

    گلابن کي ڪن ته ڪونهن، پوءِ به ٻڌن ٿا منهنجا سُڏڪا
    تون ڇو جانان دور ڀڄين ٿي، وڻن آهي سُور وڇايو

    رڃ ۾ ڪيڏا رستا راهون، دل جو هڪڙو رستو آهي
    جي نه ملي مونکي مرڪي، ڀل پوءِ ڪيڏيون حُور وڇايو

    مٺڙا منهنجا مارون ايندا، ملڪ ملير مونکي نيندا
    ڏکيءَ جو هي ڏيهه مٺو آ، ڀل ڪيڏو مونکي ڏُور وڇايو


    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    پنهنجا ڀاشن پاڻ چٽين ٿو
    اوندهه کي پرڀات چوين ٿو
    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    اٿ تون انسانن سان جيڏا
    اکرن تي تون ڪات هڻين ٿو
    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    فن ۾ ڪيڏي فرصت آهي!
    سرن جي سوغات وٺين ٿو
    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    عمل به هڪڙي عبادت آهي
    شاهه عنايت جي بات ڏسين ٿو
    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟

    قوم کي ڪُسندي قلم کڻين ٿو!
    تلوارن سان طاقت ايندي
    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟


    شاعر تنهنجي منزل ڪهڙي؟
    واٽ ڇڏي تون ڏات ڏسين ٿو
    ڏينهن ڇڏي تون رات وٺين ٿو


    صوفي

    صوفي


    سيوهڻ ۾ سهڻا منهنجا ڪيڏا ته مست آهن
    ۽ جهوڪ جي مٽيءَ تي صوفي الست آهن

    رمز راز هُن جا ڪيڏا ٿا قرب ڄاڻن
    سنڌ جي سُتيءَ ۾ صوفي ٿا سوُز آڻن

    عشق کي اُجاري اندر جي آڳ ٺارن
    ساز ۽ سُرن سان صوفي ٿا سُورَ سمجهن

    پتنگ جيان پنهنجا، ڪيڏا ٿا پر ساڙن
    نينهن سان نهاري، صوفي ٿا يار ماڻن

    جسم کي جيئاري، صوفي ٿا نفس مارن
    منصور جي سدا ٿي، ان الحق اچارن

    سيوهڻ ۾ سهڻا منهنجا ڪيڏا ته مست آهن
    ۽ جهوڪ جي مٽيءَ تي صوفي الست آهن.


    وايون بيت ۽ ٽيڙو

    وائي

    وائي
    سرتيون آءٌ سادي،
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
    بابي بڻايو باندي،
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
    اوڀر کان آئي آنڌي،
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
    مارڻ جا ها عادي،
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
    مارون ٿيندم ڪانڌي،
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو
    آمرن ڪئي آ ڏاڍي
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.
    مون سڱ سڃاڻي نه ڪيو.


    وائي

    وائي
    مومل لِڱيِن مَرُ
    وَرُ وو وَرُ سوڍل سِگهو وَرُ
    سُتِڙيِ سُومَلَ سان
    راڻي سمجهو نَرُ
    وَرُ وو وَرُ سوڍل سِگهو وَرُ
    رات ڪاري ڪاڪ ڪاري
    ڪيڏو آ ڪَهرُ
    وَرُ وو وَرُ سوڍل سِگهو وَرُ
    ملي مومل سگهڙو
    راڻا ڪَرِ اَمرُ
    وَرُ وو ورُ سوڍل سگهو ورُ


    بيت

    بيت

    تون ئي منهنجي رات، تون ئي منهنجو ڏينهن
    کڻي سارو مينهن، وڃان ملڪ ملير ۾.
    *

    وڃان ملڪ ملير ۾، ڇڏي سارو ڏيهه
    الا مونسان ويهه، اکين آهي اُڃ گهڻي.
    *

    اکين آهي اُڃ گهڻي، ڏسي تنهنجا ڏڪ
    دلڙي آهي سڪ، ناهيان پنهنجي وس ۾.
    *

    ناهيان پنهنجي وس ۾، تون ئي منهنجو ساهه
    ڪري ڪو ويساهه، ملي وڃ ”مظفر“ سان.
    *

    ملي وڃ ”مظفر“ سان، ڪري ڪيئي قول
    ڀري پنهنجا جهول، ڏئي وڃ ڏکيءَ کي.
    *

    ڏئي وڃ ڏکيءَ کي، سهڻا پنهنجا سور
    گهائي وڌو گهور، الا منهنجي من کي.
    *

    الا منهنجي من کي، موهي وڌو مُرڪ
    ڀري ڪيڏا ڇِرڪ، اُٿيس آڌيءَ رات جو.
    *

    اُٿيس آڌيءَ رات جو، کڻي ڪو ڏيئو
    مارون سڀ جيئو، آزاديءَ جي آس ۾.
    *

    آزاديءَ جي آس ۾، ٿڪجي نه پئجو
    ”انالحق“ چئجو، مرڪي منصور جيان.
    *



    مرڪي منصور جيان، سور سمورا سهجو
    اڳتي ڪهجو، پٺ نه ڏجو پنڌ کي.
    *

    پٺ نه ڏجو پنڌ کي، باقي آ ٿورو
    کڻي تنبورو، نڪري پئو روڊن تي.
    *

    مٽي کاري ڇاڻ جي ڪنهن کي سڏي ٿي هاڻ
    آهي سنڌ اياڻ، دودا ناهن ديس ۾.
    *

    مٽي کاري ڇاڻ جي، آهي اڄ اداس
    سنڌڙي جو ماسُ، ويرين آهي وات ۾.
    *

    مٽي کاري ڇاڻ جي، پئي اڏامي اُڀ
    ڦورن جا ڀڀ، ڀرڻا ناهن سنڌ مان.
    *


    سنڌ ۾ ڪارو ڪاري جو، ڪيڏو آهي ڪيس
    کڻي پنهنجو سيسُ، وڍيو ڪاري رات کي.
    *

    وڍيو ڪاري رات کي، مور نه مڃيو مات
    کٽڻي آهي رات، مارئي تنهنجي ملڪ مان.
    *

    مارئي تنهنجي ملڪ مان مري ويا مور
    ڪيڏا آهن چورَ، رهبر تنهنجي ديس جا.
    *

    رهبر تنهنجي ديس جا، ٽڪي جا هن ڏهه
    گدڙ ۽ گڏهه، وڪڻي ويا سنڌ کي.
    *

    وڪڻي ويا سنڌ کي، ٻيٽي وارا چور
    شڪارپوري سوئر، ويٺا گاديءَ شهر ۾.




    ويٺا گاديءَ شهر ۾، ڪري ڪيئي قول
    ڀري آيا جهول، سودو ڪري سنڌ جو.
    *

    ڀرڻا آهن سنڌوءَ مان، ڪارا پيلا ڊيم
    جيجل ڳڀو ڏينم، خالي آهي پيٽڙو.
    *

    خالي آهي پيٽڙو، سنڌ مري ٿي اڃ
    الا ڪيڏي سُڃ، مالوندن جي ملڪ ۾.
    *

    هي جو ههڙي ٿڌ ۾، تنهنجا ڏُڪ لڏن
    پگهرجي چپ پون، تون جي کڻي انگڙا.
    *

    پوپٽ هڻي پرڙا، ڪيئن ڏور وڃن
    پرينءَ تائين پهچن، الا منهنجا سڏڙا.
    *



    تنهنجا رنگ ڏسي، تڙپي آ اٿي
    ڪيڏو آ سڪي، دلڙي هن سنسار ۾.
    *

    ائين اکڙين ۾ اٽڪي نه پئه
    دل جي دڳ تي ڀٽڪي نه پئه.
    *

    ميندي هڻي من کي موڳو نه ڪر
    ڀنل ڀاڪر ڀري ايڏو سوگهو نه ڪر
    *

    نه ڪا رات، نه ڪي ڏينهن آ
    نينگري نچي پئي، رڳو نينهن آ.
    *

    ڏکندڙ دل ائين ڌڙڪي پئي
    جلندڙ سنڌ جيئن ڀڙڪي پئي.
    *


    ٻري پئي باهه ٻانهن ۾
    ٺري پئي رات ٻانهن ۾.
    *

    مرڪي من کي ماريون ٿا
    اندر جي آڳ ٺاريون ٿا.
    *

    جيءَ ۾ جلوو جانب جو، جدائي کي جلائي ٿو
    فقيرن کي فراقن ۾، لاهوت ۾ ملائي ٿو.
    *

    پنهون ٿيس پاڻ، ٻاروچل سڪ ۾
    سرتيون سڄڻ ساهه ۾، ٻاهر ناهي هاڻ
    ڪيچي ڪندا پاڻ، پنهون پنهون ڪيچ ۾
    *

    پنهون کڻي ننڊ ۾، ڏيرن ڪيو ڏوههُ
    ويڙهيچن جو اديون، ڪهڙو آهي موهُه
    جتن ڪيو ڊوهُه، نماڻيءَ نصيب سان
    *


    ٽيڙو

    ٽيڙو

    ڀٽائي ڀري جهول
    ڏيئي ويو سنڌ کي
    ڪيئي گيت انمول
    
    اڀري سج لهي ويا
    سنڌ نه سنڀري سک
    مور ڪيئي مري ويا
    
    موهن جي دڙي جي نچڻي
    چنڊ جي چانڊاڻ ۾
    آهي مون وٽ اچڻي
    
    ڪارونجهر تي مور
    چانڊوڪي ۾ ناچ ڪري ٿو
    ڊيل کڻي ويو چور
    
    ڄامشوري جون راتيون
    آيتون آهن ڪنهن لاءِ
    ويهن ورهين جون ڇاتيون



    ماروئڙن جون آهون
    سنڌوءَ جي اٿل
    دردن جون داهون
    
    دردن جون داهون
    الا منهنجي من ۾
    مڪليءَ تي ڪاهون
    
    مڪليءَ تي ڪاهون
    ڪيئن ٿو وساري سگهان
    ڪراچيءَ جون راهون
    
    ڪراچيءَ جون راهون
    رت ۾ رڱيل هن
    دهشت ۽ باهيون
    
    وسري ويئي مرڪ
    روڊن ۽ رستن تي
    مائن ڀريا ڇرڪ
    

    ساوا ساوا کيت
    سنڌوءُ ٻوڙيا سنڌ جا
    ساز ۽ سنگيت
    

    ساز ۽ سنگيت
    ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي
    گونجن ڪيڏا گيت
    
    گونجن ڪيڏا گيت
    مشائخ هوٿيءَ ۾
    حسن جهڙا ميت
    
    حسن جهڙا ميت
    وڍي ويا وجود کي
    ڪانهي ڪائي جيت
    
    اوڙهي ڪاري چادر
    ستارا به سمهي پيا
    دريون کولي در
    
    رات به هئي رُڃَ
    اندر ۾ انسان کي
    ڪيڏي آهي سُڃَ
    
    ڪيڏي آهي سُڃَ
    ڪينجهر ڪنڌيءَ تي
    نوري آهي اُڃَ
    نوري آهي اُڃَ
    ڄام آهي ڄار ۾
    مهاڻو وٽي مُنڃَ
    
    ڪچي ۾ ڪير آ؟
    پڪي ڪانهي پڪ
    هر هڪ سوا سير آ!
    
    هر هڪ سوا سير آ
    سودو ڪري سنڌ جو
    گدڙ ٿيو شير آ.
    
    ڪيڏا لال ستل
    لاڙڪاڻي مٽيءَ ۾
    ڪهڙا راز لڪل؟
    
    سارين جي خوشبو
    شهيدن رت ۾ ٻڏل
    ٻٻر، نم، نازبو


    "انسانیت کا نوحہ"

    "انسانیت کا نوحہ"

    یہ سمجھ کہ نکلے تھے
    تیرے شہر سے جاناں
    کہ بچ جائیں گے
    گلوں کا قتلِ عام
    چار سُوہے
    قسم سے نہ بچ پائیں گے!
    دلِ نہ مراد مانتا نہیں
    سچ کا انجام جانتا نہیں
    رہبر نہ کوئی رہنما
    منزل کا نہ کوئی نشاں
    درد ہے کہ گھٹتا نہیں
    سفر ہے کہ کٹتا نہیں
    گرتے سنبھلتے اس آس میں
    چلتے رہے کہ توآئے گی
    گھٹا بن کر چھائے گی
    صدیوں کا یہ سپنا
    کوئی تو ہوگا اپنا
    جو تھام لے گا
    درد کی دے گا دوا
    اور قبر سی گھٹن میں
    دے گا ہوا
    کیا کیا نہ دیکھا اس زمین پہ
    کیا کیا نہ جھیلا اس زمین پہ
    نائن الیون اور سونامی
    آگ میں جلتا عراقی
    پھر بھی نہ کوئی ہے جنما
    ماؤ اور موسیٰ جیسا
    بھٹائی اور بلھے جیسا
    کوئی تو سارتر کا
    جلوہ دکھادے
    انسانیت پر احسان کردے
    کتنی صلیبیں ہیں سجی
    عیسیٰ اور نہ کوئی علی
    کوئی تو مٹی کا مان رکھ دے
    اسامہ اور بش سے بچائے۔
    مگر جاناں یہ ہونہ سکا
    ظلم کی دیواروں سے
    لہومٹ نہ سکا
    اب کیا کریں اس جنم کا؟
    اور اگلے جنم کے صنم کو
    کچھ بھی نہ ہم دے سکیں گے
    کچھ بھی نہ ہم دے سکیں گے۔


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340590
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140654
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ