ڪتاب جو نالو: اقتداري سازشون
مصنف: اعجاز مهر
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 10 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1357 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 463 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
  • ليکڪ پاران
  • اسلام آباد جي هوائن مان:
  • قومي اسيمبلي ءَ جي گيلريءَ مان
  • قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان
  • سياسي گرمائش ۽ تبديلين جا امڪان
  • بزرگن جو گڏجڻ، خطري جي گهنٽي
  • لاهور واري ڌماڪي جا اسلام آباد ۾ پڙاڏا
  • ڪرپشن بابت ٺهراءُ ۽ واڳ ڌڻين جي بدحواسي
  • گستاخي معاف
  • بجيٽ جي هوا، موسم جو رخ به بدلائي سگهي ٿي!
  • بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳي جا رسڻ ۽ پرچڻ
  • اقتدار واري ٻيڙيءَ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيو آهي؟
  • مخالف ڌر جي ملتوي ٿي ويل تحريڪ
  • ۽ جڏهن ڪوهالا پل تان گذرياسين!
  • صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف ۽ صف بنديون
  • جڏهن اچڪزئي سنڌي ميمبرن جي غيرت جاڳائي
  • هڪ ٻيو “ڀٽو ڪيس” هڪ ٻي ڀٽو حڪومت
  • حڪومت وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول تنگ آهي
  • چپ چپات ۾ پرڏيهه ويندڙ ڪهڙو منظر
  • ڳوڙها گيس جي دونهين ۾ ورتل اسلام آباد جو تازو منظر نامو
  • ڇا چونڊن جي نتيجي ۾“ديو گوڙا” جهڙي حڪومت قائم ٿيندي؟
  • ڇا نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي
  • چڱن مڙسن جي گهوڙن ۽ گهوڙين بابت سرڪاري فائيل
  • پير پاڳاري جي پي پي دشمنيءَ واري ڊيوٽي ختم
  • ڇا صدر کي موڪل ڪرڻي پوندي؟
  • اسيمبلي ٽٽڻ وارو فيصلو ڪيئن ٿيو؟
  • دلچسپ مقابلا ڪهڙن تڪن تي ٿيندا
  • 87 لک ووٽ کڻندڙ نواز ليگ لاءِ ڪهڙيون مشڪلاتون بچيون آهن؟
  • اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حلف کڻڻ واري تقريب
  • قرض لاهڻ لاءِ وٺ وٺان ۽ مايوس مسلم ليگي
  • 20 کرب، 73 ارب، 2 ڪروڙ رپين جي قرضي قوم ۽ اقتدار جي صاحبن جون سرگرميون
  • يارليامينٽ جو گڏيل اجلاس
  • ساهيوال جي گوڏر هارين کان ٿر جي پٽڪي
  • هڪ ئي وقت گهڻا محاذ کوليندڙ نواز شريف ۽
  • حميد جتوئي، پريس بابو غلام حسين ۽ ايڊز
  • اٽي جي اوچتو اڻلڀ ٿيڻ پٺيان ڪهڙا اسرار آهن؟
  • آصف جا سيڪس اسڪينڊلز ۽ پ پ وارن جي پريشاني
  • وڃڻ تت پيوم جت هلڻ ناهي حسن ريءَ
  • احتساب ۽ واعدي معاف گواهن جو ستون ڪردار
  • گادي واري شهر ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جا چوٻول
  • قاضيءَ جي تحريڪ ۽ ڪڻڪ جو بحران سيپٽمبر
  • انٽرويو
  • اصول پسند ميمبرن جي چڀندڙ ماٺ ۽
  • حڪومت جو عدليا ڏانهن اختيار ڪيل رويو ۽ تبديلي جا افواهه
  • ۽ جڏهن عدالت ۾ ويٺل حڪومتي ڪارندن جا منهن لهي ويا
  • ڇا عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار جا شعلا وسامي ويا آهن؟
  • ڇا نواز شريف عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيندو
  • بحران ۽ “لاهور بمقابله لاڙڪاڻا” وارو قديم قاعدو
  • جسٽس سجاد علي شاهه جو ڪيس وڙهندڙ ڪردار
  • انٽرويو: سهيل سانگي ۽ اعجاز مهر
  • چيف جسٽس جو ڪيس ۽ ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ نه هجڻ وارو سوال
  • سپريم ڪورٽ جي خميس ڏينهن واري ڪارروائي
  • ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو؟ ۽ فيصلو ڇا هوندو؟
  • سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ پيرزادي جو
  • اسلام آباد ۾ اياز جو ڏهاڙو
  • انٽرويو
  • سرحد ۾ ليگي سرڪار جو “ڌڙن تختو” ٿي سگهي ٿو
  • لڏڻ ۽ ٻڏڻ وچ ۾ بيٺل واڳ ڌڻي
  • ننڍن صوبن لاءِ پئسن جي اڻهوند
  • وفاق جا وچن ۽ سنڌ حڪومت
  • خدمت ڪاميٽيون رحمت يا زحمت؟
  • سجاد علي شاهه کان پوءِ جسٽس اجمل ميان جو ٽرائيل
  • ڪالاباغ ڊيم ۽ پاور پاليٽڪس گيم
  • دهشتگرديءَ وارو قانون گهڻي ڀاڱي بي اثر ٿي ويو
  • هڪ ڪاري ڏينهن جي پارلياماني ڪارروائي
  • سرائيڪي قومپرست به سنڌين جو ساٿ ڇڏي ويا!
  • ستون ڌماڪو ۽ پنجاب جون اخبارون
  • وزيراعظم جي لکيل تقرير مان ڊيم جو اعلان ڪاٽيو ويو هو، پر....
  • نيليءَ ۽ مديحه شاهه وسيلي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون
  • گرينڊ الائنس لاءِ ٿيندڙ گرينڊ رابطا
  • هڪ تاريخي عدالتي فيصلو جنهن قوم کي آزاديون موٽائي ڏنيون
  • ڇا بينظير صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي؟
  • سينيٽ جي خاتمي جا سرٻاٽ ۽ سينيٽ جو سلور جوبلي اجلاس
  • اسلامي نظام جو نفاذ ۽ نواز شريف کي راس اچي ويل 28 جو انگ
  • ڇا نواز شريف بحرانن مان مزا پيو وٺي؟
  • اسلام آباد ۾ قومپرستن جو ڪاڄ
  • پنجن رياستن تي ٻڌل نئون پاڪستان قائم ڪرڻ جو اعلان
  • نيٺ گونگي ڳالهايو...!
  • اسلام آباد-تبصرن ۽ افواهن جي لپيٽ ۾
  • ڳالهائيندڙ گونگن جي زبان وري ڪٽجي وئي
  • گورنر راڄ ايجنسين ۽ واڳ ڌڻين وچ ۾ ڪشمڪش جو نتيجو آهي
  • اڪثريت جا هيراڪ اقليت ۾ هجڻ ڪري مرڳو سينيٽ کي ئي ختم ڪرڻ چاهين ٿا
  • هڪ صوبيدار هٿان لاڪ اپ ٿيل سنڌ اسيمبلي
  • اسلام آباد ۾ موجود هڪ ننڍڙي سنڌ
  • ادبي ايوارڊ ڪانفرنس ۽ نظر انداز ٿيل سنڌي ادب
  • فوجي عدالتون جڙڻ ۾ دير اختلافن سبب ٿي رهي آهي
  • سرڪار مخالف گرينڊ الائنس
  • افواهن جي موسم ۽ تبديليءَ جا اهڃاڻ
  • فلاحي معاشري تي عدالتي فيصلن جا اثر
  • پٿرن جي وسڪاري ۽ شيلنگ جي گهيري ۾ آيل اسلام آباد
  • اي اين پي ۽ ليگ جي رولڙي ۾ پيل اتحاد جي اندروني ڪهاڻي
  • سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ حڪومت جو متوقع رد عمل
  • سنڌ جي سياسي سيٽ اپ لاءِ حرڪت ۾ ايندڙ وفاقي مشينري
  • پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ذڪر شائوٽنگ ۽ نڪتل پگهر جو!
  • اچو ته سنڌ جي گم ٿيل مالڪن جي ڳولا ڪريون!
  • بينظير کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ويندو؟ احتساب بينچ جو فيصلو ۽ اپوزيشن جا آپشنز
  • بينظير ۽ آصف کي سزا- حڪومتي ٽيم ۾ ڪهڙا فرشتا ويٺا آهن؟
  • پنجاب جي بي رُخي ۽ پ پ جو مستقبل
  • ذڪر غوث علي شاهه تي حڪمرانن جي مهربانين جو!
  • آصف پاران “خودڪشيءَ” جي ڪوشش؟ پردو کڄي ٿو
  • ڪرسين جي ويڙهه يا طوفان سٽيلن لاءِ ”رودالي“؟
  • اين ايف سي ايوارڊ جي نئين سر تشڪيل جي ضرورت
  • پاڪ- ڀارت جنگ جا امڪان ۽ افواهن جي گردش
  • اپوزيشن-مرده پارٽين جي سمفني؟
  • اسلام آباد ۾ اڏجندڙ ننڍڙي سنڌ
  • سرڪاري کاتن ۾ سنڌين سان ٿيندڙ سرڪاري جُٺيون
  • هڪ تبديليءَ وارو امتحان ۽ نتيجن جو انتظار
  • ڇا هاڻ جمهوري آمريت جي ڏنل زخمن تي پها رکبا؟
  • ڪجهه نواز حڪومت جي بي وفا همدردن بابت!
  • مليحا، محترمه ۽ مشرف وارو ٽڪنڊو
  • حادثاني تبديلين جون هوائون ۽ اجمل خٽڪ جو خاموش مشن
  • جسقم- متحده گڏيل سرگرميون، سياسي پنڊتن جي نظر ۾
  • عدالت فوجي ايڪشن جي سببن جو به جائزو وٺندي: چيف جسٽس
  • زميندار ڪنوينشن ۽ اسلام آباد وارن جو تجسس
  • ذڪر ڀوربن ۾ ٿيل “پاڪستان پريس سيمينار” جو!
  • پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا ڊيڊ لاڪ ڏانهن وڌي رهيا آهن
  • اٽڪ قلعي ۾ قيد راءِ ونڊ جا راجا نواز ليگ اڻ اعلانيه طور نواز شريف کي بينظير جيان تاحيات سربراهه ج مرتبو ڏئي ڇڏيو
  • “نظريه ضرورت”جو پڙاڏو وري گونجي ٿو
  • ڪورٽ سڳوري جي فيصلي جا ويجها ٿيندڙ ڏينهن
  • هڪ ڀيرو وري ”نظريه ضرورت“ واري فارمولي تحت سويلين حڪومت جي برطرفي جائز قرار
  • انٽرويو:
  • ڪالاباغ ڊيم جي قبر ڪشائي کان پاسو ڪريو
  • ليگ جو اندروني انتشار ۽ سياسي پارٽين ۾ ڀڃ ڊاهه وارو سلسلو
  • ٿي سگهي ٿو ” ڪنهن به وقت!!“
  • هيليڪاپٽر ڪيس: نواز جي نااهلي ۽ ليگ جو بحران
  • 12 آڪٽوبر جي تبديليءَ ڇاڇا تبديل ڪيو؟
  • سي ايس ايس ۽ سنڌ
  • ڇا مستقبل جي سياسي سيٽ اپ جي اڳواڻي پٺاڻ قيادت ڪندي؟
  • نيٺ مسلم ليگ ورهائجي وئي!
  • ۽ هاڻي حاضر آهي هڪ نئين پيشڪش:“اين ڊي اي!”
  • اي آر ڊي ٽٽل اميدن کي ڪهڙا ٽاڪا لڳائيندو؟
  • اٽڪ قلعي کان سعودي عرب تائين جي اڏام
  • اي آر ڊي جو مستقبل ۽ هڪ ٻي ڊيل جا امڪان
  • متحده جي قلابازي ۽ سنڌ جو موقف
  • نيٺ هم خيال ليگ هڻي وڃي هنڌ ڪيو
  • بينظير ڪيس فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو
  • سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ ڇا چيل آهي؟
  • ڇا حڪومت بينظير کي بيڪ فُٽ تي کيڏائڻ چاهي ٿي؟
  • ڪشمير مسئلو ۽ مشرف جون مشاورتي ملاقاتون
  • ڄامشورو ڦاٽڪ، سکر جيل ۽ اٽڪ قلعو
  • جنگ ۾ ڦاٿل آمريڪا ڪهڙين تجويزن تي پيو سوچي؟
  • بينظير جو ڀارتي دورو، مشرف ۽ ڪشمير پاليسي!
  • هي سال ملڪ ۾ وڏين اندروني تبديلين جو سال هوندو
  • انتهاپسند لاڙن جي زور ٽٽڻ جي شروعات!
  • اڳتي ڏسو ته اڃان ڪهڙا ٿا ڪمال ٿين!
  • واگها جي ويران ريلوي ا سٽيشن ڪنهن جي انتظار ۾ آهي؟
  • آخر ڪير ڳالهائيندو؟
  • هن تسلسل کي ڇا چئجي؟
  • ريفرنڊم: ڏسون ته عدالت ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري؟
  • ووٽر ڇو گهٽ هئا؟
  • ڇا تبديليءَ وارو مهينو بينظير کي واپس آڻيندو؟
  • هن بجيٽ سنڌ کي ڇا ڏنو؟
  • گريجوئيشن جو شرط ختم نه ٿيو، ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟
  • ڇا پ پ کي اڪيلو ڪرڻ ۾ سرڪار ڪامياب ويندي؟
  • آئيني پيڪيج، جنهن ۾ صوبائي خودمختياريءَ کي جاءِ نه ملي!
  • مستقبل جي حڪومت ڪمزور ۽ اپوزيشن مضبوط هوندي؟
  • اقتداري گيم جي آخري مرحلي ۾ پ پ جو ڪردار
  • هر ڌر “قومي مفادن” ۾ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهي!
  • آصف سان ٿيل خفيه ملاقات جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا؟
  • حڪومت سازي ۾ پ پ جو پلڙو ڀاري ٿي ويو؟
  • اسيمبليءَ جو اجلاس ڇو ملتوي ٿي ويو؟
  • حڪومت سازيءَ واري راند جو آخري رائونڊ
  • هڪ ووٽ جي برتريءَ وارو وزيراعظم ۽ فارورڊ بلاڪ
  • سنڌ حڪومت لاءِ پ پ ۽ سرڪار ۾ ٺاهه ٿي ويندو؟
  • اعتماد جو ووٽ، صدر خاتمي ۽ سنڌ جو گورنر
  • سنڌ پاران منظور ڪيل ٺهراءُ کي مرڪز مڃيندو؟
  • پاڻي ڪيس: ڪامورن بدران عوام وارثي ڪري!
  • گريٽر ٿل ڪئنال خلاف احتجاج ۽ پنجاب جا دانشور
  • ٿر واسيءَ کي ڀارت ياترا ڪيتري مهانگي پوي ٿي!؟
  • ڪالاباغ ڊيم جي نئين راڳڻي!
  • ستارن جي گردش، بينظير ۽ هڪ نئون پنڊورا باڪس
  • دردان دي ماري دلڙي عليل اي!
  • لاڙڪاڻي ۾ لاقانونيت جي ذڪر جي ضرورت ڪنهن محسوس ڪئي؟
  • سائنسدانن کان پڇاڻي پويان رهجي ويل سوال!
  • انٽرويو:
  • هڪ گذري ويل ڏينهن جي ياد!
  • ذڪر قومپرستن جي بک هڙتال ۽ کوکرا پار سرحد جو

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (247) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
    هي ڪتاب اقتداري سازشون جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي اهو بنيادي طور ليکڪ پاران ڪاوش اخبار ۾ لکيل ڪالمن تي مشتمل آهي. هونئن ته 1994ع کان وٺي 12 مارچ 2004ع تائين اعجاز مهر ڪاوش ۾ سوين ڪالم لکيا پر هتي صرف چونڊ ڪالم پيش ڪيا ويا آهن.
    هي ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي پاران 2013ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر
    299
    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2013ع
    ڪتاب جو نالو : اقتداري سازشون
    ليکڪ: اعجاز مهر
    ڪمپيوٽر لي ائوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 700/= رپيا

    "IQTIDARI SAZISHOON”
    (Columns)
    By: Aijaz Mahar
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone: 021-32737290
    website: www.sindhica.org,
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي،B-24 نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي فون:02132737290
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368، 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-مدني اسلامي ڪتبخانو، جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، سنڌ ڪتاب گهر ڀٽائي بازار شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،
    عباس ابڙو شڪارپور فون: 03362870897 ساحر ڪتاب گهر، 8948535-0346 دادو


    ليکڪ پاران

    ليکڪ پاران


    هي ڪتاب اقتداري سازشون جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي اهو بنيادي طور منهنجي ڪاوش اخبار ۾ لکيل ڪالمن تي مشتمل آهي. هونئن ته 1994ع کان وٺي 12 مارچ 2004ع تائين مون ڪاوش ۾ سوين ڪالم لکيا پر هتي صرف چونڊ ڪالم پيش ڪيا ويا آهن. اصولي طور تي هي ڪتاب 5 سال اڳ شايع ٿيڻ گهربو هو پر منهنجي پنهنجي ۽ ڪجهه دوستن جي سستي سبب ان ۾ ايتري دير ٿي آهي.
    نور احمد ميمڻ ڪافي عرصو اڳ صلاح ڏني ته ڪالمن جو ڪتاب شايع ڪرايو. ڳالهه وڻي ۽ مون ڪالمن جي چونڊ شروع ڪئي. ڪجهه دوستن صلاح ڏني ته توهان پاڻ چونڊ نه ڪريو، ڪنهن ٻئي دوست کي چئو. ڪاوش جي دوست ايم بي سومرو هام هنئين ته هو چونڊ ڪندو، مون ڪالمن جو مجموعو هن جي حوالي ڪيو ۽ تقريبن سال کن کانپوءِ هن کان مون موٽائي ورتو، ڇو ته هو مون کان وڌيڪ سست ثابت ٿيو. ايم بي سومرو سٺو دوست آهي ۽ خيرخواهه به آهي پر الائي ڇو سستي ڪيائين. ساڳيو حشر وري هڪ ٻئي پياري دوست ياسين جوڻيجو به ڪيو.
    بهرحال ان دوران پراڻو ساٿي ثناءُالله سومرو ڪنهن ڪم سان اسلام آباد آيو. هن چيو ته هو ڪالم چونڊ ڪندو. مون هن جي حوالي ڪيو مجموعو ۽ هن همراهه هيٺ مٿي ڪري نيٺ ڇانٽي ڪئي. ڪتاب سنڌيڪا وارن ڪمپوز ڪيو ۽ پروف پڙهڻ لاءِ موڪليائون ان ۾ به سستي ڪيم نيٺ پروف پڙهي ورتم. سوچيم ته ڪتاب تي ٻه اکر علي قاضي کان لکرايان پر قاضي صاحب انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مصروف عمل هو. هن واعدو ڪيو ته ڀٽ شاهه وارو جلسو ٿئي ته بعد ۾ لکي ڏيندو. بعد ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته مسودي جي گهر ڪيائين مون نور احمد کي چيو بهرحال وري معاملو سستي جي نظر ٿي ويو.
    علي قاضي صاحب سان زندگيءَ جا 11 سال گڏجي ڪم ڪيو. 1994ع جي شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاوش کي بطور رپورٽر جوائن ڪيم. هن مونکي پهرين اسائنمينٽ ڏني ته سيد پرويز شاهه جي خلاف سندس گهرواريءَ ڪنهن ڪراچي جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيوآهي ان جو فائيل هٿ ڪريو. سندس گهرواري جي نالي جي خبر هئي ۽ نه وري عدالت جو پتو. تن ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي پرويز شاه سنڌ ۾ اطلاعات جو وزير هو. مون چيو لڳي ٿو ته علي صاحب ڏکئي اسائنمينٽ ڏئي جان پيو ڇڏائي. ڀلا هيڏي وڏي شهر ۾ لکين ڪيس نه عدالت جي خبر نه درخواست گذار جي. اچي پريشان ٿيس، سوچي سوچي پنهنجي ميٽرڪ جي ڪلاس فيلو دوست اشرف خشڪ سان مليس هو تن ڏينهن ۾ سٽي ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. اشرف خشڪ سان حال احوال ٿيو چيائين ته مسئلو ئي ناهي، چپ ڪر چاءِ پي ته مسئلو حل ٿا ڪريون.
    اشرف خشڪ پراڻودوست آهي ۽ مونکي حادثاتي طور صحافت ۾ به هوئي وٺي آيو هو. اهو 1989ع جو وقت هو جڏهن هو نئون سج اخبار ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر هو. هڪ ڏينهن چيائين يار بيروزگار آهين نئون سج اخبار نڪتي آهي ان ۾ نوڪري ڪر. مون چيو ته ڪهڙي پوسٽ آهي چيائين نيوز ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، پروف ريڊر جيڪا ملي في الحال وٺ.
    انهن ڏينهن ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم هئس ڏورڻي جيڏا شهپر هوندا هئا، پستول ور ۾ ڪنهن تي تڪ ئي نه هوندي هئي. مون اشرف کي چيو ته ڳالهه ٻڌ وڏو عهدو ڪهڙو آهي، چيائين اهو ته ايڊيٽر جو آهي ۽ اخبار جو مالڪ علي حسين جمالي پاڻ وٽ رکيو آهي، باقي ڏسون ٿا توهان انٽرويو ڏيو.
    مون انٽرويو ڏنو ڊان اخبار جي چيلهه جيڏي خبر جمالي صاحب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏني انگريزي چڱي هوندي هئي، مون 20 منٽن ۾ ترجمو ڪري خبر سندس سامهون رکي ته جمالي صاحب جا تاڪ لڳي ويا. عينڪ ڪنهن مهل لاهي ڪنهن مهل پائي، انگريزي خبر ڏسي وري مون وارو ترجمو چيڪ ڪري چيائين بلي!
    همراهه پڇيو پگهار گهڻي وٺندي. مون دل ۾ سوچيو ته علي هوٽل لياري کان U-1 ويگن ۾ ايندس تبت سينٽر تائين اڍائي رپيا اوٽ موٽ جو ڪرايو 10 رپيا روز مانجهاندو ۽ چاءِ سگريٽ ملائي سوچيم ته 600 رپيا ماهوار مان گذارو ٿي ويندو. جمالي صاحب کي چيم ته اوهان ٻڌايو ته اوهان گهڻو ڏيندا. هن چيو ته ڏسو نئون اداروآهي اوهين سمجهو ته وظيفو آهي. مون دل ۾ سوچيو ته مان خيرات لاءِ ته نه آيوآهيان خبر ناهي هي همراهه 200 يا 300 چوندو. بهرحال مون سوچيو ته 500 ڏنائين ته به ڪم ڪندس. خير مون کائنس پڇو سائين گهڻو ڏيندا. چيائين يار مونکي ٻڌائيندي شرم ٿو اچي. جمالي صاحب الله جنت نصيب ڪريس شريف ماڻهو هو ۽ حضور شرمي ۾ پگهار نه پيو ٻڌائي. مون چيو ڀلا هي 100 يا 150 چوندو. مون به پڪائي ڪئي چيائين ادا باغي مهر انڪار نه ڪجانءِ في الحال 1500 رپيا ماهوار پگهار آهي مهيني ٻن کان پوءِ وڌائينداسين. مون دل ۾ سوچيو بلي.....1500- اڙي ايڏي رقم ڪيئن خرچ ڪندس دل ۾ سوچيم ٺٺ ٿي ويا، پر جمالي صاحب کي چيم سائين شابس اٿوَ اهو اوهان ملهه ڪيو آهي.
    جمالي صاحب چيو ته ادا مون اڳ ۾ ئي معذرت ڪئي ته هي وظيفو آهي پر واعدو آهي ته ٻن مهينن ۾ پگهار وڌائيندس. مون به پڪائي ڪئي مون چيو ته سائين 2 هزار ڏيو ته ٺيڪ آهي نه ته مان ڪم نه ڪندس. نيٺ 1800 تي معاملو پڪو ڪيم. گهر آيس بابا کي ٻڌايم ڏاڍو خوش ٿيو. مذاق ۾ چيائين ڪنهن جي ڦٽي آهي جيڪو تو جهڙي بيڪار ماڻهوءَ کي ايڏي پگهار ٿو ڏئي. باباتن ڏينهن ۾ سيڪشن آفيسر هو. شايد، سوچيائين ته گهر هلائڻ ۾ مدد ملندس. خير مون باغي مهر جي نالي سان حادثاتي طور نئون سج اخبار مان 1989ع ۾ صحافت شروع ڪئي. شوق ايترو هو جو خبر ٺاهڻ، ڪمپوزنگ، پروف، بٽر پيپر تي پرنٽ، پيسٽنگ، پريس مان شايع ٿيڻ، بائنڊنگ ۽ نيوز ايجنٽ تائين موڪلڻ وارن سمورن مرحلن ۾ دلچسپي ورتم ۽ ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هئس. جمالي صاحب ڏٺو ته ڇوڪرو محنتي آهي، هن کي هر ڪم ڪري پيو ڏيان ٿوري پگهار ۾ سو هو به ڪافي خوش هو.
    بهرحال ڪجهه مهينن بعد نئون سج ڇڏي الوحيد اخبار جوائن ڪئي، ان بعد اتي ٽنڊو بهاول واقعي جي خبر فوجي ترجمان جي خواهش موجب شايع ڪرڻ کان انڪار سبب جهيڙو ڪري انتخاب اخبار ۾ ويس جتي گستافي معاف جي عنوان سان اردو ۾ ڪالم لکندو هئس. 1993ع جي آخر ۾ فوجي آپريشن هلندڙ هو ڄام ساقي بيمار ٿيو جناح اسپتال ۾ هو. مظفر شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، ڄام جي حق ۾ ڪالم لکيو. ان ۾ فوج خلاف لکيو ڏاڍو سخت. ٻئي ڏينهن نوڪري تيل ٿي وئي. انتخاب اخبار جي مالڪ انور ساجدي چيو هو ته فوج، سپريم ڪورٽ ۽ اڪبر بگٽيءَ خلاف ڪڏهن نه لکجانءِ باقي جيڪو وڻئي لک. ان بعد 1994ع جي شروعات ۾ ڪاوش جوائن ڪيم. بهرحال پهرين نوڪري کان اڄڪلهه بي بي سي تائين زندگي جي 23 سالن جي صحافتي تجربي دوران وڏا لاها چاڙها ڏٺا ۽ ان بابت يادگيرين تي مشتمل ڌار ڪتاب لکڻ جو ارادو آهي.
    خير اشرف ۽ مان گڏجي اٿياسين. ڪورٽ مان مونکي ريڪارڊ روم ۾ وٺي آيو. چيائين ڪيس ڪڏهن داخل ٿيو، درخواست گذار جو نالو يا ڪهڙي ضلعي ۾ آهي؟ مون چيو ڪا خبر ڪانهي. هن گذريل 10 سالن جو ريڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو. لکين ڪيس هئا مون چيو ته استاد هن ۾ عمر ڳري ويندي. خير هن 1994ع کان شروع ڪرڻ لاءِ چيو. رجسٽر کولي چيائين هي خانو درخواست گذار جو آهي ۽ هي خانو جوابدار جو. درخواست گذار به جتي ڪنهن عورت جو نالو هجي ۽ جوابدار ۾ پرويز شاه جو هجي اهو ڊائري نمبر نوٽ ڪندو وڃ. هو ڪم تي هليو ويو، مون اچي رجسٽر کوليا، هل هلان، ڪو پنج ست هزار ڪيس اسڪين ڪيم ته چار اهڙيون انٽريز مليون جنهن ۾ عورتن جا پرويز شاهه نالي همراهن خلاف ڪيس هئا. نوٽ ڪري اشرف خشڪ وٽ آيس ۽ قدرت الله جي پهريون فائيل کوليوسين ته اهو ڪم جو هو، جنهن جي مونکي تلاش هئي. فائيل فوٽو ڪاپي ڪرائي آيس آفيس، شام جو علي صاحب آيو کيس فائيل ڏنم ۽ ٻڌايم ته مون پرويز شاهه جي گهرواري جو فون نمبر ۽ ايڊريس به هٿ ڪئي آهي. ساڻس ڳالهه به ٿي آهي، انٽرويو لاءِ راضي آهي.
    علي صاحب علامه اقبال وانگر مٿي تي هٿ رکي ڪنهن مهل فائيل کي ڏسي ڪنهن مهل مونکي پيرن کان مٿي تائين ڏسي ته هي ڪهڙي بلا آهي. بقول سندس ته هن اهو ڪم ڪافي مهينا اڳ مشتاق سهيل ۽ ارشاد گلاباڻيءَ کي چيو هو ڪو نه ڪري آيا، مون هن کي پهرين ڏينهن ڪري ڏنو ۽ هن کي شڪ ٿيو ته ڪٿي مان ايجنسين جو ماڻهو ته ناهيان. مونکي دل ۾ خوشي هجي ته علي قاضي ڀڄائڻ لاءِ بهاني طور هي ڪم سونپيو ته هي ڪري ڪو نه سگهندو ۽ کيس جواب ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي. مان دل ئي دل ۾ سوچيم ته هاڻي ڪهڙي بنياد تي هو جواب ڏيندو کيس نوڪري ڏيڻي پوندي. هتي اهو به ذڪر ضروري آهي ته مونکي اسلم لغاري علي صاحب سان ملايو هو. بهرحال لغاري صاحب مارڪيٽنگ جو بادشاهه هو. شايد جڏهن علي صاحب کيس مون بابت ٻڌايو هوندس ته هن به ڪالر تي هٿ هڻي چيو هوندس ته موتي داڻو ڳولي آهيان!
    خير علي قاضي ۽ اسلم قاضي صاحب ٻه ٽي مهينا مونکي نظر ۾ رکيو ۽ آخر فيصلو ڪيائون ته اسلام آباد وڃ. وري اچي مونکي ڦڦڙي لڳي ته ڪٿي همراهه نوڪري تيل ڪرڻ جي چڪر ۾ ته ناهن. ڇو ته مون ڪڏهن اسلام آباد ڏٺي ئي ڪو نه هئي نه مٽ نه مائٽ نه دوست نه واقف. مون هنن سان پڪ ڪئي ته اسلام آباد ۾ نه هلي سگهيس ته واپس ڪراچي ۾ رکندا، ساڳئي پگهار تي. هنن واعدو ڪيو ۽ مونکي ٻئي ڀائر ڀائڻ لڳا. ڪچهريون عام جام ٿي ويون ۽ هنن مون کي نه صرف پروفيشنل پر ذاتي زندگي جي حوالي سان به ڪافي رهنمائي ڪئي. اڄڪلهه مان جيڪو ڪجهه آهيان ان ۾ ڪاوش، اسلم قاضي صاحب ۽ علي قاضي صاحب جو وڏو عمل دخل آهي. جيتوڻيڪ مان بي بي سي ۾ آهيان پر اڄ به ابتدائي شناخت ڪاوش واري آهي.
    هن ڪتاب ۾ ڪالمن جي چونڊ ثناءُالله سومرو ڪئي آهي ۽ مونکي پروف پڙهڻ وقت احساس ٿيو ته ڪافي ڪالم اهڙا هئا جيڪي هجڻ گهرجن ها پر اهي هن ۾ ناهن. مون ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري هي سٽون لکڻ شروع ڪيون ڇو ته اڳ ۾ ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. سمورن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هي ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هيٺ ڏنل اي ميل تي اوهين راءِ ڏيڻ لاءِ رابطو ڪري سگهو ٿا.
    ساٿ سلامت- سنڌ سلامت

    اعجاز مهر
    بي بي سي-اسلام آباد


    اسلام آباد جي هوائن مان:

    اسلام آباد جي هوائن مان:
    اديبن جي عالمي ڪانفرنس جي
    افتتاحي تقريب جو احوال

    اديبن ، شاعرن ۽ دانشورن جي عالمي ڪانفرنس جو افتتا ح ڪالھه خميس ڏينهن وزير اعظم بينظير ڀٽو ڪيو، چئن ڏينهن واري ھي ڪانفرنس وزير اعظم جي دير پھچڻ سبب دير سان شروع ٿي. ڪيترن ئي ملڪن جي اديبن کانسواءِ پاڪستان جي چئني صوبن جي اديبن پڻ شرڪت ڪئي ھال ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جا خصوصي پوسٽر لڳايا وياھئا جڏھن ته اقبال ۽ غالب جا ڪتبا به نظرآيا . شاھه ڀٽائي سميت ڪنهن به صوفي شاعر يا وري فيض ۽ ٻين جو ڪو نانءُ نشان ڏسڻ ۾ نه آيو ڳاڙھي سنڌي ٽوپي پاتل سفيد ڏاڙھي وارو ڪراڙو پر ذھني جوان جمال ابڙو جڏھن روسي مائي ڊاڪٽر لوڊ ميلا سان مليو ۽آمھون سامھون بيھي ڪجهه دير ڪچھري ڪيائين ته اڪثر سنڌي اديبن جي دل سٽون ڏئي رھي ھئي. بينظير جي انگريزي تقرير تمام گھڻي جاندار ھجڻ جي باوجود ڏيھي توڙي پر ڏيھي ڪيترن اديبن جي مٿي کان ٿيندي گذري وئي. اڪثر ماڻھو ان وقت کلي رهيا ھئا. جڏھن ته ان کي ڪجهه سمجھڻ وارا مسڪرائي رهيا ھئا. نصرت ڀٽو به بينظير کان پوءِ اڪيلي طور اچي پھتي. واڱڻائي رنگ جي جوڙي ۾ جيئن ئي ھوءَآئي ته نه ڪنهن تاڙي وڄائي نه ڪنهن آڌر ڀاءُ ڪيس اچڻ سان پاڻ اسٽيج تي ھلي وئي ۽ بينظير جي ڀر ۾ فخرالزمان جي ڪرسي تي ويھي رھي جيڪو ان وقت تقرير ڪري رھيو ھو. مدد علي سنڌي پرڏيھي وفد جنهن ۾ عورتون به ھيون تنهن جي لائين ۾ سيٽ وٺي اڪيلو ويٺو رھيو ۽ ڪڏھن اڳتي ته ڪڏھن پٺتي ڏسندو رھيو .بقول سندس ھن جو صحافتي شاگرد حسن مجتبيٰ موجود ھوندي به کانئس پري پري ڏسڻ ۾آيو. ڄام ساقي ۽ ابراھيم جويي سميت سمورا سنڌي اديب پوين سيٽن تي ويٺل ھئا ۽ ھڪ به سنڌي اديب کي اسٽيج تي نه ويھاريو ويو جيتوڻيڪ ڪجهه ڪرسيون خالي به پيون ھيون. اسلام آباد جي موسم سخت سياري سبب تمام گھڻي ٿڌي ھئي پر فخر الزمان جي پيشاني تان پگھر جون لارون ائين پئي وھيون جيئن ماکيءَ جي ماناري مان رس وھندوآھي. نصرت ڀٽو جي سيٽ مظھرالاسلام جي ڀر ۾ ھئي. پر ھو ءَ بينظير جي ڀر ۾ وڃي ويٺي جنهن بعد بينظير وچ ۾ ايڪسٽرا ڪرسي ھڻائي فخرالزمان کي ويھاريو. شھيد ڀٽو پاران قائم ڪيل اڪيڊمي آف ليٽرس جنهن پاران ضياءَ دور ۾ سندس حمايتي ۽ من پسند اديب ايندا ھئا ان اداري جي تقريب ۾ نصرت سان تقريب دوران بينظير ھڪ لفظ به نه ڳالھايو ۽ نه وري گرم جوشيءَ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. جيتوڻيڪ بينظير ڀٽو بيگم نصرت کي ڄاڻي واڻي پاڻ سان ان لاءِ گڏ وٺي آئي ھئي ته جيئن اھا مرتضيٰ ڀٽو پاران راولپنڊي ۾ حڪومت خلاف ٿيندڙ جلسي ۾ نه وڃي سگھي. حفاظتي انتظام حد کان وڌيڪ سخت ھئا ۽ اسٽيج جي آس پاس ھال اندر ۽ ٻاھر سوين سيڪيورٽي اھلڪارن ھوندي به وزير اعظم جي ٻنهي پاسي ٻه ڪلاشنڪوف بردار ڪمانڊوز بيٺل ھئا .وزيراعظم بينظير ڀٽو پنهنجو پاڻي به پاڻ سان گڏ کڻي آئي ھئي ۽ منرل واٽر جي بوتل بدران ملٽري سيڪريٽري کي گھرائي ٿرماس مان پاڻي پيتائين .ھال کچا کچ ڀريل ھو ۽ مٿين گئلريءَ ۾ به وڏي تعداد ۾خاص ڪري عورتون ڪافي موجود ھيون، جيتوڻيڪ ھر مقامي اديب بدنظمي جي شڪايت پئي ڪئي پر پوءِ به ايڏي وڏي ڪانفرنس ھوندي به انتظام اعتراض جوڳا ڪو نه ھئا. ھر شيءِ ۾ حقيقت جو قائل ۽ بقول حسن مجتبيٰ سنڌين لاءِ اردو ۾ لکندڙ پنجابي اديب مظھرالاسلام جيڪو ڏھن منٽن ۾ گھٽ ۾ گھٽ بينسن اينڊ ھيجز جا چار سگريٽ عام رواجي حالتن ۾ ڇڪي ويندوآھي سو اسٽيج تي ويھڻ سبب ڄڻ بور ٿي رھيو ھو. هو ٽي وي ڪئميرا۽ فوٽو گرافرن کان پاڻ بچائي ڪنڌ ڦيرائي ويٺو رھيو جڏھن ته پبلسٽي جو شوقين فخرالزمان فوٽو گرافرن ۽ ٽي وي ڪئميرا جو رخ پاڻ ڏانهن ڏسي ڀر ۾ ويٺل وزيراعظم سان ھرو ڀرو به مسڪرائي ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو. وفاقي وزيرن جي حاضري به ٻهراڙيءَ جي اسڪول جيتري ھئي، جيتوڻيڪ جي سالڪ، عبدالقيوم خان ۽ پير عبدالقادر شاهه جيلاني جھڙن جو مون وانگر ادب سان پري جو به واسطو نه رھيو آھي پر پوءِ به اھي اڳين سيٽن تي ويھي وٽ سٽ کائي رهيا ھئا. حسين شاھه راشدي ڪنڌ ۾ڪئميرا وجھي ائين گھمي رھيو ھو ڄڻ پڪنڪ ملھائڻ آيو ھجي، ھو ڏيھي توڙي پرڏيھي اديبن کانسواءِ وزيراعظم جي سامھون وڃي ڪري شاٽ وٺندو رھيو. ضياءَ جي باقيات ۽ بنياد پرست سوچ رکندڙ سياستدانن مذھبي جماعتن جي اڳواڻن اسلامي انقلاب جي ڪوشش ڪندڙ بقول بينظير جي نام نهاد سازشين خلاف بينظير ڀٽو جي دونهين دار تقرير ختم ٿيڻ بعد تعليم جي وفاقي وزير خورشيد شاهه به آخر ۾ مھرباني چوڻ لاءِ اڌ صفحي جو انگريزي ۾ لکيل شڪريه نامو پڙھيو جنهن بعد رنگ رنگي اديبن جي ميلي جي افتتاحي تقريب ختم ٿي ۽ چانهه پارٽي تي سڏ ٿيو. مٿئين گئلري ۾ ويٺل ماڻھو ويجھو ھئڻ ڪري رسيپشن ڪارنر تي جلد پھچي ويا ۽ بنا ناشتي صبح کان آيل مھمان ائين ڪڙڪياجيئن ٻروچ ڀت تي ايندا آھن. حضور شرمي، رش ۽ رڪاوٽن بعد جيڪي مھمان پھتا ته سموسن ۽ لائيٽ ريفريشمينٽ جو سامان کپي چڪو ھو ۽ خالي ڊش پيا ھئا. چانهه جا ٿرماس به خالي ھئا اسان جا سنڌي سٻاجھڙا اديب اڌ سنڌي اڌ اردو ۽ اڌ انگريزي ۾ پرڏيھي اديبن کان ايڊريسون ۽ تاثرات وٺي رهيا ھئا جيڪي سندن موٽڻ بعد ڪالمن ۽ مضمونن جي زينت بڻبا. وزير اعظم جڏھن موڪلائڻ لاءِ وڃي رھي ھئي ته ڀائو مولا بخش چانڊيو، حڪيم بلوچ ۽ سندس ڪجهه ساٿي مٿان ڏاڪڻ تان لھي رھيا ھئا ته مولا بخش بينظير کي ڏسندي ئي ٿورو ڏاڍيان بسم الله چئي ڏاڪڻ جي ڪناري کي ٽيڪ ڏئي ھٿ ٻڌا ته بينظير سامھون گذرڻ وقت ڏانهس اڻ ڄاڻائي واري انداز ۾ ڏسندي اڳتي وڌي وئي. ڀائو ٻڌن جي مندر ۾ پيل بت وانگر ڪجهه سيڪنڊن لاءِ ھٿ ٻڌيو حسرت وچان کيس ڏسندو ئي رھيو. نيشنل لائبرري جي آڊيٽوريم ٻاھر ان اُٺ نما جھل پائي پتلو ٺاھي بيٺل ٻه پنجابي ناچو دھل ۽ شرنائيءَ جي دٻڪي ۽آواز تي ڀنگڙو وجھي رهيا ھئا ساڻن ساٿ ڏيندڙ گھري بلو رنگ جي گوڏ ۽ قميض وارا ڀنگڙي ۾ شامل ٻيا ناچو فنڪار پنهنجي ڀرپور فن جو مظاھرو ڪري رهيا ھئا. بينظير جي وڃڻ کانپوءِ ڀنگڙو وجھندڙ چوڌري به ٿڌا ٿي ويا ۽ پاڻي پيئڻ بعد وڻن جي ڇانو ۾ وڃي ويھي رهيا ته ھوڏانهن ميلو به گل ٿيڻ لڳو. ھر ڪو پنهنجن وٿاڻن ڏانهن موٽڻ لڳو سرڪاري مھمان گاڏين جي آسري ۾ هال مان ٻاهر نڪري تڙڪي تي تڪيندا رھيا.
    اديبن جي عالمي ڪانفرنس جو ٽيون ڏينهن (3 ڊسمبر 1995ع)
    اديبن جي عالمي ڪانفرنس جي ٽئين ڏينهن صرف ھڪ سيشن ٿيو، جيڪو انتهائي بور ۽ افراتفري وارو رھيو. شايد جنهن جو سبب اھو ھو ته اديبن کي اسپانسر ٿيل منجھند جي ماني کارائڻ لاءِ ٽيڪسلا ۽ خانپور ڊيم نيو ويو ھو .جتان ھو ٿڪ بعد واپس موٽي آيا ھئا. ڪانفرنس مقرر وقت اڍائي بجي بدران ساڍي پنجي کان پوءِ شروع ٿي .سيشن دوران اڪثر وفدن ۾ شامل اديب ٿڪاوٽ سبب ھوٽل ڀيڙا ٿي ويا سيشن جي صدارت ڪندڙ اڪيڊمي جو چيئرمين فخر الزمان صدارتي ڪرسي تان ڪافي دير غائب ھو، پر ان جي باوجود به ڪارروائي جاري رھي.
    اديبن جي ڪانفرنس ۾ نائيجريا ۾ ڦاھي چاڙھيل اديب واري واقعي بابت ڪنهن به مذمت نه ڪئي ۽ نه وري ڪنهن ذڪر ڪيو. جرمن شاعره سندس شان ۾ شعر پڙھي واقعي جي نشاندھي ڪري شرڪت ڪندڙ اديبن کي شرمندو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڪالھوڪي ڏينهن عجيب واقعا ۽ قصا به ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾آيا. ھڪ دوست ٻڌايو ته ٽيڪسلا کانپوءِ جڏھن خانپور پھتاسين ته ماني کائڻ کانپوءِ ڪامريڊ ڄام ساقي پنهنجو منهن پاڻي واري پاسي ڪيو. جنهن تي چيائونس ته ڇو ڪامريڊ خودڪشي جو خدانخواسته موڊ آھي ڇا ؟ ڪامريڊ مرڪي ٽاري ڇڏيو، مٿان شير پائو پڇيس خير ته ھو ڪيڏانهن ويا ھئا ؟ ڪامريڊ پھرين درجي جي شاگرد وانگر چيچ مٿي ڪري چيو ته ان ڪم سان ويو ھئس.
    جڏھن خٽڪ ڊانس جو مظاھرو شروع ٿيو ته ڪامريڊ ڄام به هٿڙا هنيا ۽ مڙئي ماني ھضم ڪري چپ ڪري وڃي ويھي رھيو . حسن مجتبي ٰ ٻڌايو ته اديبن سان جٺ ڪئي وئي . شير پائو جڏھن ملڻ لاءِآيو ته الائي ڪھڙي پٺاڻ روايت موجب سمورن اديبن کي درٻار وانگر قطار ۾ بيھاري ھڪ ھڪ سان ھٿ ملائيندو رھيو. طارق عالم ابڙو بقول حسن جي بغاوت ڪئي ۽ چيو ته اھا اديبن جي توھين آھي . جنهن بعد ٻين به لائين ٽوڙي. اديبن سان ٻيو ڀوڳ خانپور ڊيم وٽ اھو ڪيو ويو ته کين بريفنگ ڏني وئي . ھن ڊيم ۾ ھيترا ڪيوسڪ پاڻي جمع ڪرڻ جي گنجائش آهي. ھي ڊيم ھينئن ٺھيو پوءِ ھينئن ٿيو . ان تي ڪجهه اديبن جو خيال ھو ته پٺاڻ ماني کارائي اديبن کي صحافي سمجھي بريف ڪري رهيا ھئا.
    ڪالھوڪي ڏينهن بنگلاديشي اديبه سلطانه زمان جي ھڪ ڏينهن اڳ ڪيل تقرير به ھر ھنڌ موضوع بڻيل رھي. پنجاب جي سواءِ چند جن ۾احمد سليم پڻ شامل ھو کانسواءِ باقي سمورا سلطانه تي چڙھيل ھئا ۽ چئي رهيا ھئا ته ھوءَ سائڪالاجي جي پروفيسرآھي ان ڪري مٿس ميار ناھي، ھوءَ چري آھي ھن گاريون ڏنيون آھن.مطلب ته الائي ڇا ڇا. پنجاب جي احمد سليم سميت سنڌ جي ڪراڙن توڙي جوانن اديبن سلطانه سان ملاقات ڪري سندس ھمت افزائي ڪئي، ايڊريسون ورتيون فوٽو ڪڍرايا ۽ ٻڌايو ته اسين به اوھان سان گڏآھيون .
    بنگالي اديبه سميت سڀني کان وڌيڪ اديبن جي رش داغستان جي اديب رسول حمزه طوف واري پاسي ھئي . جيڪو ھر ھر فوٽو ڪڍرائي ۽آٽو گراف ڏئي بيزار ٿي پيو ھو. حسن مجتبيٰ ۽ جامي چانڊيو ٻڌايو ته رسول حمزه طوف ادل سومرو کي ڏسي لڪي ٿو وڃي ادل کيس ڏاڍو تنگ ڪيو آهي. ڪنهن مھل فوٽو ڪنهن مهل آٽوگراف نه ھو ھن جي ٻولي ٿو سمجھي نه وري ھي ھن جي. رسول حمزه طوف ادل جھڙي مھانڊي وارن ماڻھن کان به لنوائي رھيوآھي. حسن ٻڌايو ته اسان جي اديبن جو حال اھوآھي ته ھو عالمي اديبن کي گھٽ ٿا سڃاڻين. ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو پيو پڇي ته رسول حمزه طوف مائي آھي يا مرد ؟ ھاڻي ھن کي ڇا سمجھايون. ھڪ نوجوان اديب چيو ته رسول حمزه طوف کي خبر ھجي ھا ته سنڌي اديب به ايندا ته ھو اچي ئي نه ھا. بهر حال اڇي مٿي وارو ڪراڙو ھيوي ويٽ حمزه طوف ھالي ته ياد ڪندو ادل جھڙن جوانن کي ته واھ جا جوان ٽڪريا ھئا.
    ھڪ مھل مدد علي سنڌي جيڪو ڪمانڊو جيڪٽ پائي گشت پيو ڪري تنهن کي به ڳوليندا رهيا. پر ڪنهن جي ملڻ جو نه ھو. ھڪ ڏسڻ ۾ سٻاجھي ۽ پڙھيل لکيل نوجوان اديب ( جنهن نالو لکڻ کان منع ڪئي آھي ) چيو ته مدد ، يوسف ٽالپر جي گھر ھوندو يا وري خورشيد شاهه کي پاسو ڏنو ھوندائين . جڏھن مددآيو ته پڇيومانس ڀائو ڪٿي آھين؟ لڪو ٿو وتين ڪيڏانهن ويو ھئين؟ ھن چيو ته قسم خدا جو ٽالپر جي گھر ڪو نه ويو ھئس
    ڪانفرنس جي ٽئين ڏينهن جرمن زال مڙس جو جوڙو به ڪا في توجھ جو مرڪز بڻيل ھو. ٻنهي ۾ ھڪ ٻئي سان ايترو ته چاهه ھو جو ڏسڻ وارا حيران پئي ٿيا. ھو ٽيڪسلا گھمڻ ڪو نه ويا ھئا ،ان ڪري سوير ڪانفرنس حال ۾ پھتا ۽ بعد ۾ ھڪ ڪنڊ وٺي يونيورسٽي جي جوڙي وانگر، لوَ افيئر، تي ڪچھري ڪندا رهيا.
    ڪالھوڪي ڏينهن جڏھن ڪويتي اديب عربي ۾ مقالو پڙھڻ شروع ڪيو ته ايئن پئي لڳي ته قرآن پيو پڙھي . عربي ھوندي به مٿي اگھاڙي! ان يھودي عورت جو مقالو جاندار ھو .لفظن جا موتي ائين پروئي آئي ھئي ڄڻ تسبي جا مڻيا . جيتوڻيڪ سندس مقالي تي عراقي وفد ڏند ڪرٽي رھيو ھو. پر پوءِ خاص رد عمل جو مظاھرو نه ڪيائون ڇو ته ھو اڳ ۾ وارو وڄائي ويا ھئا.
    ڪالھوڪي پھرين ڊسمبر واري احوال لکڻ تي ڪيترائي روشن دماغ دوست ڪاوڙجي پيا آھن ۽ فتوائون جاري ڪيون اٿائون ته ھي جماعت اسلامي جو ٿو لڳي. ھرو ڀرو ڪوڙي پاڻي جو ذڪر ڪيو اٿائين بهرحال جيڪو ڏٺوسين اھو لکيوسين ،ڪنهن سان به ڪو ذاتي معاملو نه ھو . بلڪھ ڪيترن سان ته واقفيت ئي اھا رپورٽ شايع ٿيڻ بعد ٿي .
    اڄ ڪانفرنس جوآخري ڏينهن آھي رات جو ايوان صدر ۾ ماني کارائڻ کانپوءِ سڀني اديبن کي چلتو ڪيو ويندو متان ٻئي ڏينهن جي ماني تاوَن پوي . اڄ صدر فاروق لغاري تقريب کي خطاب ڪندو . ھو ڪجهه ڏينهن کان چيلھ ۾ چڪ پوڻ سبب گھر ڀيڙو ٿيو ويٺوآھي . چڱو الله واهي.
    (پهرين ڊسمبر 1995ع)


    قومي اسيمبلي ءَ جي گيلريءَ مان

    قومي اسيمبلي ءَ جي گيلريءَ مان
    پارليامينٽ جي غلامي گردشن ۾

    اربع ڏينهن وارو قومي اسيمبلي ءِ جو اجلاس تاريخي اجلاس طور ھميشه يآد رھندو. اوچتو جڏھن حيدرآباد جي سِرن جي بٺي واري سيٺ مرحوم چوڌري اشرف جي منشي ملڪ لعل خان ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو قومي اسيمبليءِ ۾ ڇيڙيو ته ائين لڳو ڄڻ ڀنڀور کي باھھ لڳي وئي ھجي. غلام مصطفيٰ کر جواب ڏيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم پاڪستان جي وجود جو مسئلوآھي .آبادي حد کان وڌي وئي آھي ، پاڻي ءِ جا ذخيره محدودآھن ،ڪڻڪ ۽ پٽاٽا ٻاھران گھرائڻا پون ٿا ، وڌيڪ زمين آباد ڪرڻ لاءِ پا ڻي ءِ جي ضرورت آھي ۽ پاڻي جي کوٽ ڪالاباغ ڊيم اڏي پوري ڪري سگھجي ٿي، جيڪڏھن ڪالاباغ ڊيم نه ٺھيو ته ايندڙ 10 سالن ۾ پاڪستان دنيا ۾ پنندو رھندو. کرجو بيان جيتوڻيڪ نئون ڪو نه ھو ، پر ان جي باوجود به قومي اسيمبليءَ جي مرده ڪارروائي ءَ ۾ ڄڻ ته جان پئجي وئي ۽ اڄوڪو اجلاس تاريخي بڻجي ويو.
    تاريخي ان ڪري ٿو چوان جو سرڪار ۽ مخالف ڌر جا پنجابي ڳالھائيندڙ ميمبر ڪالاباغ ڊيم جي کلم کلا حمايت ڪرڻ لڳا ۽ ھڪ ٻئي سان سخت اختلاف ھوندي ، پنهنجي قوم جي مفاد لاءِ متحد ٿي ويا. قومي اسيمبلي ءَ جي تاريخ ۾ ڪڏھن به ائين ڪو نه ٿيو ھو جو ڪنهن مسئلي تي مخالف ڌر ۽ سرڪار جا ھڪ ئي زبان ڳالھائيندڙ ميمبر متفق ٿي ويا ھجن. نواز ليگ جا افتخار الحسن سميت ڪيترائي ميمبر ۽ پيپلز پارٽي جي توڪل الله ورڪ سميت سمورا پنجابي ميمبر کر جي حمايت ڪرڻ لڳا .سرڪار جا حامي سنڌي ميمبر، مخالف ڌر جا پٺاڻ ميمبر ڪالاباغ ڊيم خلاف متحد ٿي ويا ۽ يڪراءِ مخالفت ڪرڻ لڳا . ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ته نواز ليگ جي ۽ پ پ جي پنجابي ميمبرن ۾ ڪو به اختلاف ناھي . ھڪ ٻئي کي گاريون ڏيندڙ ميمبر ، قومي جذبي ھيٺ متفق ھئا .
    اھڙي رويي ۽ اظھار مان ائين پئي لڳو ته ڪالاباغ ڊيم اھڙو معاملوآھي جنهن سبب ٽين سياسي قوت پيدا ڪري سگھجي ٿي جنهن لاءِ محمود خان اچڪزئي ،افتخار گيلاني ۽ نوابزادي نصرالله جھڙا ماڻھو نه رڳو خواھش رکن ٿا ، پر عملي ڪوششون به وٺي رھيا آھن . ٽين سياسي قوت ، نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو کان بي نياز ھوندي تنهن لاءِ جيتوڻيڪ باقاعده طور سنجيدگي سان کلم کلا ڪم شروع نه ٿيوآھي ،پر ٽنهي اڳواڻن خاموش مشن ھيٺ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آھن .
    ڪالھوڪي اجلاس جي ڪارروائي دوران پنهنجي پنهنجي تڪ ۽ تر جي ناليوارن وڏيرن ،جاگيردارن، صنعتڪارن، معزز ايوان جي مھذب ميمبرن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي چوچڙي اھڙي ته گرمائش پيدا ڪئي ،جو ڪو به ميمبر حسب روايت سست ڏسڻ ۾ نه پئي آيو .مخالف ڌر ۽ سرڪاري ڌر جي سخت اختلافن رکڻ وارا پنجابي ميمبر ته متحد ھئا پر اسان جا سنڌي اڙٻنگ ۽ جوڌا ائين چپ ڪري ويٺا ھئا ڄڻ ته سنڌي عوام ھنن کي مينڊيٽ ان ئي ڪري ڏنو ته اوھين وڃي ڪالاباغ ڊيم ٺھرايو. الطاف ڀيو، شبير چانڊيو ۽ کٽو مل کانسواءِ باقي حاضر سنڌي ميمبرن جي ڪن تي جونءَ به نه چري. ائين پئي لڳو ته ڄڻ هو نه عوام آڏو جوابدارآھن ۽ نه وري پنهنجي ضمير جي آڏو . ڪي سنڌي ميمبر وزارت جي چڪر ۾ چپ ڪري ويٺا ھئا ،ڪو پرمٽ جي چڪر ۾ دوستي آڏو مجبور ھو ته ڪو وري ترقياتي فنڊ جي آسري ۾ ماٺ ھو . ائين محسوس ٿي رھيو ھيو ،ڄڻ ھنن کي کر، تيل لڳائي ڇڏيو هجي. بهرحال جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو. ڪالاباغ جي مخالفت نه ڪندڙ ۽ اجلاس ۾ حاضر رھندڙ ميمبر حاڪم زرداري، ذوالفقار مرزا، منظور وساڻ، قاضي اسد عابد، ملڪ اسد سڪندر ، ستار سريوال ، محمد بخش جمالي ،رفيق مھيسر ، خورشيد شاھھ ، نويد قمر، يوسف ٽالپر ، ڪشنچند پارواڻي، خالد لنڊ ،بابو غلام حسين ، موتي رام ملاڻي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي جا نالا ان تاريخي لسٽ ۾ ضرور رھندا ،جنهن تي خاموش رھندڙن جو ٺپو لڳل ھوندو. ان ڏس ۾ جڏھن ڪجهه سنڌي ميمبرن کان خاموش رھڻ جو سبب پڇيو ويو ته ھنن چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺھندو ئي ڪو نه اسان ھرو ڀرو ڇو پاڻ ظاھر ڪيون .
    جڏھن بحث جاري ھو ته گيلرين ۾ به ماڻھن جي رش وڌي وئي ھئي . اھوآسرو ھو ته شھپر رکڻ کانپوءِ من موتي ڳالھائي . پر ھن نه ڳالھايو .جھٽ کانپوءِ زلفي-1 جي نمبر پليٽ واري مرسڊيز ڪار ۾ ھلندڙ ذوالفقار مرزا بابت شور ٿيو ته من ھو ڳالھائي، پر ھن به ڪجهه نه ڪڇيو. سڄي زندگي ترقي پسندي ۽ قومپرستي جي دعويدار تازو آمريڪا مان علاج ڪرائي موٽي آيل حاڪم زرداري به ڪجهه نه ڳالھايو. چلو بابو غلام حسين ،ستار سريوال ، محمد بخش جمالي ، ڪشنچند پارواڻي ،رفيق مھيسر تي ميار ناھي. جو ھنن جي ھوندي به چيو ويندوآھي ته نه دشمن کي ڀوءَ نه سڄڻ کي آسرو پر پڙھيل لکيل نوجوان خالد لنڊ به لفظ نه ڪڇيو. ھن صرف ايترو ڪيو جو اٿي وڃي شبير چانديو جي ڀر ۾ ويٺو. سدائين سائين جي ايم سيد لاءِآواز اٿاريندڙ حافظ تقي به حمايت نه ڪئي. جيتوڻيڪ ھو اڄ روايتي لباس بدران ريلوي جي ٽڪيٽ ڪليڪٽرن جي سياري واري ڊريس وانگر بلو ڪوٽ پينٽ ۽ سفيد شرٽ پائي آيو ھو ۽ بابو پئي لڳو پر پوءِ به لفظ نه ڪڇيو .
    غلام مصطفيٰ کر ، جنهن اڄڪلھه سفيد مٿي ۽ شھپرن جي وارن کي ھاڻي ڪالا ڪولا ھڻڻ ڇڏي ڏنوآھي ۽ ذھني طور پنهنجي ڪراڙپ قبول ڪري ورتي آھي، ڌنارڪي لوئي ويڙهي ايوان ۾آيو. ڪالاباغ ڊيم بابت ائين ڳالھائي رھيو ھو، ڄڻ مظفر ڳڙھه ۾ اليڪشن مھم جي جلسي کي خطاب ڪري رھيو ھجي. ھن کي ڪنهن به نه للڪاريو صرف اسفند يار ولي ۽ الطاف ڀيو ھڪلون ڪيس ،باقي ائين پئي لڳو ته ڄڻ ٻين جي مستي مئل آهي .اسفنديار ولي جڏھن ڪالاباغ جي مخالفت ڪندي چيو ته ھي پٺاڻن جي جياپي جو مسئلوآھي اسين خاموش نه رھنداسين ، ته کر ڪجهه وچ ۾ چڙيو ۽ ڳالھائڻ لڳو ته اسفند يار ولي ڇڙٻ ڏيندي چيس مون توکي خاموشي سان ٻڌو آھي تون به ٻڌڻ جي جرئت ڌار . کر جڏھن چيو ته ،مان جيڪڏھن ھاڻي به ڪالاباغ ڊيم جي ٺاھڻ لاءِ ٺھراءُ پيش ڪريان ته ڪير به مخالفت نه ڪندو ته ان مھل غير متوقع طور الطاف ڀيو جھڙي جيالي ورڪر ھڪل ڪندي چيس ته اھو غلط آھي، مان مخالفت ڪنديس سمورا ننڍا صوبا مخالفت ڪندا ان بعد ھيوي ويٽ پيءُ کي شڪست ڏئي قومي اسمبلي ءَ جي سيت کٽيندڙ پيپلو ميمبر شبير چانڊيو به اٿيو ۽ ھٿ مٿي ڪري چيو ته مان به مخالف آهيان. مان مخالفت ڪندس. اھڙو گوڙ ۽ ھل جار ي ھو ته مغرب جي آذان جوآوازآيو جنهن سبب ھلندڙ ھنگامو ختم ٿيو ۽ ماٺ جا ٿر تي نه وسڻا ۽ وسڪاري جو سدائين آسرو ڏيڻ جھڙا ڪڪر ڇانئجي ويا.
    15 ڊسمبر 1995ع


    قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان

    قومي اسيمبلي جي پريس گئلري مان

    اپريل فول، حقيقت يا خواب! انهن ٽن شين مان ڪنهن به هڪ جي چونڊ ڪرڻ ڪالهه قومي اسيمبي جي ڪارروائي مهل ان وقت مشڪل ٿي وئي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي ورسي کان 3 ڏينهن اڳ پيپلزپارٽي مارشل لا جي حمايت ۽ گوهر ايوب ۽ اعجاز الحق سميت پوري مخالف ڌر، ايوب خان ۽ ضياءُ الحق جي آمريتي دورن جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي. ٿيو ائين جو:
    قومي اسيمبلي جي ڪالهوڪي سومر ڏينهن واري اجلاس جي ڪارروائي دوران 11 سال مارشل لا خلاف جدوجهد ڪرڻ جي دعويدار پيپلزپارٽي جي ميمبر مارشل لا جي حمايت ڪئي ته گوهر ايوب پنهنجي آمر پيءُ ايوب خان جي آمريت خلاف احتجاج ۽ مذمت ڪري ڊيسڪ وڄائي ۽ اعجازالحق پنهنجي ڊڪٽيٽر پيءُ ضياءُ الحق جي آمراڻي دور جي مسڪرائيندي مذمت ڪري نه صرف ڇرڪائي ڇڏيو، پر قومي اسيمبلي جي پهرين اپريل جي ڪارروائي کي هميشه تاريخ جي ورقن ۾ عجيب واقعي طور قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي. جڏهن اهو واقعو قومي اسيمبلي ۾ پيش آيو ته يقين نه پيو اچي. ڇو ته پهرين اپريل هئڻ ڪري اپريل فول لڳي رهيو هو، پر اکين سان ڏسڻ ۽ ڪنن سان ٻڌڻ بعد 100 سيڪڙو پڪ ٿي وئي ته هي واقعو اپريل فول نه پر حقيقت آهي. جڏهن گوهر ايوب پنهنجي پيءُ ايوب خان جي آمراڻي دور خلاف ڳاٽ اوچو ڪري فخر سان کلندي مذمت ڪندي ڊيسڪ وڄائي اقرار ڪيو ته ڪجهه لمحن لاءِ ڄڻ ته سڪتو تاري ٿي ويو هو. وري جڏهن اک کڻي ڏٺوسين ته اعجازالحق مسڪرائيندي غير متوقع جذبي جو اظهار ڪيو ته يقين ئي نه پئي آيو. ان ئي لمحي وري پيپلزپارٽي جا ايم اين اي مارشل لا جي حمايت ۾ اٿي بيٺا ۽ سول مارشل لا جي ساراهه ڪرڻ لڳا. ان سموري تاريخي واقعي جو ڪريڊٽ محمود خان اچڪزئي کي وڃي ٿو، جنهن ڀنڀور کي باهه ڏئي بعد ۾ پئي مزو ورتو. رضا رباني جي هروڀرو حسب معمول جذباتي تقرير بعد پوائنٽ آف آرڊر تي اٿي اچڪزئي چيو ته اهو آيت يا قرآن ۾ ڪٿي لکيل آهي ته آمر يا ڊڪٽيٽر جو پٽ جمهوريت پسند نٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ضياءُ الحق يا ايوب خان مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ ڊڪٽيٽر هئا ته ڇا انهن جي اولاد اعجاز الحق ۽ گوهر ايوب کي جمهوريت جي ڳالهه ڪرڻ جو حق ناهي؟ حڪومت کي اهڙي رويي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اچڪزئي جيڪو کاٻي ڌر جو ڄاتو ويندو آهي. تنهن حوالو ڏيندي چيو ته حضرت ابراهيم جو پيءُ بت تراش هو. پر ان جو مطلب اهو ناهي ته سندس پٽ نبي نٿو ٿي سگهي. اچڪزئي اهو به چيو ته جڏهن نوا شريف وزيراعظم هو تڏهن هن آڇ ڪئي هئي ته اچو ته گڏجي آئين جو هليو جيڪو ڊڪٽيٽر بگاڙيو هو ان کي ٺيڪ ڪريون ته پي پي وارن ان جو مناسب جواب نه ڏنو هو.
    اچڪزئي پاران اسلامي ڳالهه ڪرڻ وري به سمجهه ۾ اچي ٿي. ڇو ته هن موقعي جي مناسبت سان ٺهڪندڙ دليل ڏنو هو، پر ان بعد مير مهراڻ خان بجاراڻي به اوچتو قرآن ۽ حديث جا حوالا شروع ڪري ڏنا. هڪ ته اسپيڪر اڳ ۾ کيس وارو نه پيو ڏئي، جنهن تي سرڪاري ڌر جي ميمبرن اسپيڪر کي ايلاز ڪيا ته مهراڻ خان پهريون دفعو ٿو ڳالهائي، هن کي وارو ڏيو، جڏهن وارو مليس ته سدائين سرور ۾ رهندڙ مهراڻ خان چيو ته اچڪزئي صاحب چيو آهي ته حضرت ابراهيم پنهنجي پيءُ جي نقش قدم تي نه هليو، پر اها ڳالهه قرآن ۽ حديث مان ثابت آهي ته ڪنهن به نبي جي اولاد ته هن کان ڦري سگهي ٿي، پر والدين نبي جي نقش قدم تي هوندا آهن. ڳالهه پوري ڪرڻ کانسواءِ ئي وري هو ويهي رهيو. مولانا فضل الرحمان به کلي چپ ڪئي، جن مهراڻ خان کي وارو وٺي ڏيڻ لاءِ اسپيڪر کي ايلاز ڪيا اهي به پريشان ٿي ويا ته آخر مهراڻ خان چيو ڇا؟ هر ڪو کلڻ لڳو ته مهراڻ خان به کلڻ لڳو. ان دوران خورشيد شاهه سنڌي پهاڪي موجب هٿ سان ڦاهو کاڌو جو چيائين ته” ٺيڪ آهي اعجازالحق ۽ گوهر ايوب اڄ اسيمبلي ۾ اٿي اعلان ڪن ته هو جمهوريت پسند آهن ۽ پنهنجي پيئرن جي آمريت وارن دورن جي مذمت ٿا ڪن ته اسين آئنده ڪڏهن به کين ڊڪٽيٽر جو پٽ نه سڏينداسين.“ خورشيد شاهه پنهنجي پر ۾ ته ڌڪ هڻي خوشي محسوس ٿي ڪئي. پر هن کي لومڙي جي دماغ وانگر سياڻي ۽ ماسٽر ايڪو سائونڊ وانگر وڏي آواز واري خواجه آصف جي جوابي حملي جي توقع ئي نه هئي. الله ٻڌي خواجا آصف جي به! سو اٿيو ۽ چيائين ته ٺيڪ آهي قبول آهي. اڄ سرڪار ۽ مخالف ڌر مارشل لا ۽ سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽرن ۽ ڊڪٽيٽرن خلاف يڪراءِ ٺهراءُ پيش ڪري سول ۽ مارشل لاءِ ايڊمنسٽريٽر ڀٽو جي مذمت ڪن. پوري مخالف ڌر اعجازالحق ۽ گوهر ايوب سميت ايوب خان ۽ ضياءُ الحق جي آمريت جي مذمت ڪريون ٿا. ان تي پ پ وارا اچي ڦاٿا ۽ چيائون ته اسان جو سول مارشل لا بهتر ۽ عوام جي مفاد ۾ هو. خواجا آصف چيو ته مان ٺهراءُ پيس ٿو ڪريان ته ”هي هائوس مارشل ايڊمنسٽريٽر ايوب خان ۽ ضياءُ الحق ۽ سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو جي آمراڻن ڏينهن ۽ دورن جي مذمت ٿو ڪري.“ ان تي هن چيو ته اڳ ۾ اسان ٿا مذمت ڪريون، پوءِ اوهان ڪريو. خواجا آصف جي چالاڪي کي داد ڏيندي گوهر ايوب کلندو رهيو ۽ ٽهڪ ڏيندي، ان وقت ڊيسڪ وچائيندو رهيو. جڏهن خواجا آصف ٺهراءَ جو جملو پڙهيو ته ”اسين ايوب خان جي آمريت جي مذمت ٿا ڪريون“ اعجازالحق به وڏو وات کولي مسڪرائيندو رهيو ۽ هلڪيون هلڪيون ٿڦڪيون هڻي ڊيسڪ وڄائيندو رهيو، جڏهن ته الطاف ڀيو ۽ بچاڻي سميت پ پ وارا ميمبر ماتم ڪري رهيا هئا. خواجا آصف چيو ته اسان سول مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڀٽو جي آمريت جي به مذمت ٿا ڪريون ته ان تي پ پ وارن نو نو نو جو وظيفو پڙهڻ شروع ڪيو. خورشيد شاهه به ويچارو ڦڪو ٿيڻ لڳو ڇو ته فلم سندن ڳچي ۾ پئجي وئي هئي.
    (2 اپريل 1996ع)


    سياسي گرمائش ۽ تبديلين جا امڪان

    سياسي گرمائش ۽ تبديلين جا امڪان

    گادي واري شهر ۾ موسم جي تبديليءَ سان گڏ سياسي تبديلين جي به شروعات ٿي چڪي آهي، نه صرف سياسي تبديليون پر اهم ۽ سگهارن ادارن ۾ به ڪجهه تبديليون آيون آهن ۽ ڪجهه تبديلين جا سانباها ٿي رهيا آهن. ضياءُ الحق دور ۾ اطلاعات جي وزارت تي رهندڙ راجا ظفر الحق، جيڪو اڄ ڪلهه سينيٽ ۾ مخالف ڌر جو اڳواڻ آهي، تنهنجي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني مخالف ڌر جي وفد جي صدر فاروق لغاري سان ملاقات به هڪ وڏي تبديلي آهي. مخالف ڌر وارا ٻه سال صدر بابت گهٽ وڌ ڳالهائيندا رهيا ۽ کيس ڪرپٽ ترين صدر ثابت ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽيءَ جا زور لڳائڻ وارين ڪوششن ۾ مصروف هئا ته اوچتو هنن سيڙجي وڃي صدر سان ملاقات ڪيئن ڪئي؟ ان بابت هڪ خيال اهو به آهي ته هنن پنهنجي مرضيءَ سان صدر سان ملاقات نه ڪئي آهي. صدر سان ملندڙ وفد ۾ آرمي جي چيف آف جنرل اسٽاف جنرل افتخار خان جو ڀاءُ چوڌري نثار علي خان به شامل هو. چيف آف جنرل اسٽاف آرمي ۾ عملي طور تمام وڏو عهدو هوندو آهي. هيستائين جيڪي به آرمي چيف رهيا آهن. انهن جو هن عهدي وارن آفيسرن سان تمام ويجهو ناتو هوندو آهي. هر فيصلي ۾ هن عهدي واري آفيسر جي راءِ غير اعلانيا طور مشروط سمجهي ويندي آهي.
    مخالف ڌر جي روين ۾ ايڏي وڏي اوچتو آيل سياسي تبديليءَ ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن، جن جو جواب وقت پنهنجي مناسبت سان ڏيندو. پهرين اپريل 96ع تي رات جي ماني تي ايوان صدر ۾ مخالف ڌر جي مک اڳواڻن چوڌري شجاعت، اعجازالحق ۽ ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن جي ٻي ملاقات صدر سان ٿي. هڪ هفتي ۾ اپوزيشن جي اڳواڻن جون صدر سان ٿيل ٻه ملاقاتون ضرور ڪو رنگ لائينديون ۽ ان جا اثر به آهستي آهستي نمودار ٿيندا.
    سپريم ڪورٽ جو فيصلو جيڪو ايڊوويڪٽ حبيب وهاب الخيري جي درخواست تي ڏنو ويو، اها به هڪ وڏي تبديلي هئي. ان معاملي تي جيئن ته ڪافي گهڻو لکجي چڪو آهي، ان ڪري مان صرف مختصر ذڪر ڪندي ڪجهه ڳالهيون لکڻ چاهيندس. هن تاريخي فيصلي جو پسمنظر ڇا به هجي، پر هي اهڙو فيصلو هو جنهن صدر ۽ وزيراعظم کان سواءِ پي ڊي ايف جي گڏيل حڪومت ۾ شامل سمورين پارٽين ۾ پڻ اختلاف راءِ پيدا ڪيو آهي. 20 مارچ 96ع تي جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو هو ته صدر فاروق لغاري وزيراعظم جي مشوري کان اڳ ئي فيصلي کي ويلڪم ڪندي، هڪ پاسي پنهنجي پوزيشن ٺيڪ ڪري ڇڏي ۽ ٻئي پاسي حڪومت لاءِ مشڪلات پڻ پيدا ڪئي. حقيقت ۾ ته صدر پاران فيصلي کي ويلڪم ڪرڻ وارو عمل حڪومت لاءِ گائيڊ لائين هو، پر حڪومت پنهنجي مارشل لائي مشيرن جي گهيري ۾ اچي، ان کي انا جو مسئلو بڻايو.
    آئيني درخواستون داخل ڪرڻ جو شوقين ايڊووڪيٽ وهاب الخيري ائين آهي، جيئن ڪراچي ۾ ”مسلم ويلفيئر موومينٽ“ جو سربراهه اقبال حيدر ايڊووڪيٽ آهي. جنهن طريقي سان اقبال حيدر ايڊووڪيٽ جي ساک پت عملي ڄاڻ ۽ فڪري سگهه کي ڪراچي ۾ وزن نه ڏنو ويندو آهي، اهڙو ئي حال وهاب الخيري جو آهي. 94ع جي شروعات ۾ ان اقبال حيدر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سيد عبدالله شاهه (وڏي وزير) کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي ۽ بعد ۾ هڪ ڪچهري کان پوءِ ايم ڪيو ايم الطاف گروپ جي مبينه دهشتگردي خلاف پريس ڪلب ڪراچي آڏو بک هڙتال به ڪئي هئي. جيڪا هن ٻن ڏينهن بعد 6 رپئي جي جوس واري دٻي ملڻ بعد ختم ڪري ڇڏي هئي. ساڄي ڌر سان وابستگين طور سڃاتو ويندڙ وهاب الخيري، جيڪو ايڪسائيز انسپيڪٽر جو پٽ آهي، تنهن کي اڳ ۾ صحافت جو شوق هو. هڪ بختور ۽ خلق جهڙي اخبار ۾ ڪم به ڪيائين، پر خير سان اخبار بند ڪرائي پوءِ وڪالت شروع ڪيائين. حال ويچاري جو اهو آهي، جو راولپنڊي بار ڪائونسل جي روم ۾ وڪيل کيس چانهه به پيئڻ نه ڏيندا آهن. سدائين ڪاري شيرواني پائي، ڌڪي اسٽارٽ ڀڳل گاڏي جنهن جي ڇت مينهن پوڻ بعد ٽمندي آهي، تنهن ۾ پيو گهمندو آهي. بهرحال اڄڪلهه ته وهاب الخيري جي لئي لڳي پئي آهي. هن جي درخواست تي ئي سپريم ڪورٽ ايڏو وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي. جيتوڻيڪ 94ع جي آخر ۾ جڏهن جج ڀرتي ڪيا ويا هئا ته انهن ۾ مجيد خانزادو، رفيق اعواڻ، ديدار شاهه، شفيق محمدي ۽ پ پ اڳواڻ احمد سفير اعواڻ به شامل هئا. جنهن مهل اعواڻ جج ٿيڻ جو حلف کنيو ته ان مهل هن تي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر به داخل ٿيل هئي. ججن جي ڀرتين خلاف پوري ملڪ جي وڪيلن ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪئي هئي ۽ چڀندڙ بيان پڻ ڏنا هئا. انهن بيانن جو نوٽيس وٺندي، چيف جسٽس سجاد علي شاهه فيبروري 1995ع ۾ جسٽس منير ۽ جسٽس مختيار جوڻيجو کي چيو ته انهن بيانن جو جائزو وٺو ته ڇا اهي بيان توهين عدالت جي دائري ۾ اچن ٿا يا نه؟ ٻنهي ججن مختلف اڳواڻن جي بيانن جو جائزو وٺڻ بعد سفارش ڪئي ته ايڊووڪيٽ اڪرم شيخ، وهاب الخيري ۽ ٻين جا بيان توهين عدالت برابر آهن. اهڙي رپورٽ بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس مير هزار کوسي ۽ جسٽس منير تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي ڊويزن بينچ جوڙي، انهن وڪيلن کي وهاب الخيري سميت توهين عدالت جا نوٽيس ڏنا ۽ چيو ته ”ججن جي ڀرتين خلاف اوهان بيان جاري ڪري، توهين عدالت ڪئي آهي.“ خبر ناهي ته ان ڪيس جو ڇا ٿيو. پر آگسٽ 95ع ۾ ان ئي چيف جسٽس جنهن وهاب الخيريءَ کي ججن جي ڀرتي تي ڳالهائڻ خلاف توهين عدالت جو نوٽس ڏنو، وهاب الخيري جي درخواست تي ججن جي ڀرتي بابت درخواست جي سماعت ڪئي ۽ درخواست گذار جي حق ۾ فيصلو ڏنو.
    هن عدالتي فيصلي سبب شروع ۾ اسان صدر ۽ وزيراعظم ۾ پيدا ٿيل اختلاف راءِ جو ذڪر پيش ڪيو ۽ اهو به اڳ ۾ لکي آيو آهيان ته حڪومت جي اتحادي ڌرين ۾ به اختلاف راءِ پيدا ٿي آهي. هي فيصلو جيڪو اڃا مڪمل طور نه آيو آهي. مجموعي طور سياسي تبديليءَ لاءِ راهه هموار ڪري سگهي ٿو. ڇو ته هي فيصلو حڪومت ۾ شامل پارٽين ۾ اختلاف راءِ پيدا ڪري چڪو آهي. وزيراعظم بينظير ڀٽو هن فيصلي کي اڃا تائين تسليم نه ڪيو آهي. سندس موقف سان اختلاف ڪندي، حامد ناصر چٺا 30 مارچ تي مانڪي والا ۾ عام جلسي دوران چيو هو ته جوڻيجو ليگ هن فيصلي جو احترام ڪري ٿي ۽ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ لاءِ آئيني ماهرن سان مشورا ڪري رهيا آهيون. اڻ سڌن لفظن ۾ اهو اعلان هو ته جوڻيجو ليگ وزيراعظم جي موقف سان متفق ناهي. هوڏانهن فضل الرحمان مولانا تنهن به سپريم ڪورٽ جي فيصلي بابت وزيراعظم جي موقف سان اختلاف ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته فيصلو جيئن جو تيئن عمل ۾ آندو وڃي. پي ڊي ايف ۾ جوڻيجو ليگ ۽ جي يو آءِ (ف) جيڪي پي پي کانپوءِ ٻه وڏيون حڪمران ڌر جون اتحادي جماعتون آهن، تن جو 10 ڏينهن کان پوءِ وزيراعظم جي موقف خلاف موقف اختيار ڪرڻ به معنيٰ خيز آهي. حڪمران ڌر ۾ اختلاف راءِ پڻ هڪ وڏي تبديلي آهي.
    انهن تبديلين کانسواءِ هڪ ٻئي تبديلي مئي ۾ فوج ۾ ايندي، اها هيءَ ته جي ايڇ ڪيو ۾ ڪواٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تي ڪم ڪندڙ ليفٽيننٽ جنرل نصير اختر ۽ گجرانوالا جو ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل جاويد اشرف قاضي رٽائر ٿي رهيا آهن. چيو وڃي ٿو ته هنن کي ملازمت واري مدي ۾ واڌاري ڏيڻ جو امڪان گهٽ آهي.
    جيئن جيئن اڄڪلهه گادي واري شهر ۾ موسم ڦيرو کاڌو آهي. تيئن تيئن سياست ۾ پڻ نوان رخ ۽ لاڙا اچي رهيا آهن. اڄڪلهه اسلام آباد ۾ ڏينهن جو قابل برداشت گرمي ۽ رات جو قابل برداشت ٿڌ واري موسم آهي. اها موسمي تبديلي مئي ۾ پلٽو کائيندي ڏينهن ۽ رات جو گرمي جو سبب بڻبي، جيئن جيئن گرمي وڌندي تيئن تيئن سياسي گرمائش پڻ وڌندي ويندي. هتان جا سياسي حلقا ۽ باخبر ذريعا اهو پيا چون ته مئي جي پڇاڙڪي هفتي کان سياسي گرمائش پگهارڻ واري حرارت جي درجي تائين وڃڻ جو امڪان آهي. جيڪڏهن ان گرمائش جو فائدو وٺندي باهه مچائڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان نواز شريف ڪاٺيون سوري ڪجهه ڪوشش ڪئي ته پوءِ ان جو تئه ۽ تاب گهڻن محفوظ هنڌن تي ويٺلن کي به ايندو. جيڪڏهن ميان صاحب هن دفعي به درست وقت تي غلط فيصلو ڪرڻ جو رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ اهو به ممڪن هوندو ته ”هڪ سسئي ٻيا سور ويا پٽيندا پاڻ ۾“ پر اهڙي صورتحال نظر نه پئي اچي، ڇو ته شاطر دماغ شهباز شريف اڊيالاجيل ۾ ويٺو آهي ۽ جيل ۾ هوندي به نواز شريف کان وڌيڪ باخبر آهي. هو هيءُ ڌڪ گسائڻ جي شايد هن دفعي غلطي ڪرڻ جي گنجائش نه ڇڏي.
    صدر فاروق لغاري، جنهن جي شخصيت ۾ پڻ ڦيرو آيو آهي، ان جي رويي، لهجي ۽ انداز ۾ وڏي تبديلي لاءِ نه صرف مخالف ڌر وارا پراميد آهن، پر حڪومت وارا به ٿورو پريشان آهن. ڇو ته صدر به مجبور آهي. جيڪڏهن هو پنهنجو آئين موجب ڪردار ادا نٿو ڪري ته پوءِ هن جو احتساب به واجب ٿي ويندو . هن وقت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي مڪمل عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ عدليا، حڪومت ۽ مخالف ڌر صدر ڏانهن ڏسي رهيا آهن. صدر موجوده صورتحال ۾ آئين کان هٽي ڪري رول ادا ڪرڻ جو ته سوچي به نه ٿو سگهي. ڇو ته ذوالفقار ڀٽو دور ۾ پهريون دفعو ايڊيشنل سيشن جج (جيڪب آباد) ڀرتي ٿيندڙ هاڻوڪي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهي ۾ جوڙيل بينچ ، جنهن ۾ اڳوڻي اٽارني جنرل عزيز اي منشي جو اڳ ۾ جونيئر وڪيل طور ڪم ڪندڙ ۽ ڪارپوريٽ لا ۾ مهارت رکندڙ جسٽس اجمل ميان به شامل آهن ۽ جڏهن اهو محسوس ڪيو ويو ته صدر به پنهنجو رول ادا نٿو ڪري ته پوءِ فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ فوج کي به حڪم ملي سگهي ٿو. خدا ڪري ته اهڙي صورتحال نه اچي، ڇو ته ان بعد ”نه رهندو بانس نه رهندي بانسري.“
    حڪومتي حلقن ۾ اهو چيو پيو وڃي ته وزيراعظم به پيدا ٿيل صورتحال کان پوءِ هاڻي هوش کان ڪم وٺندي، تڪڙ نه پئي ڪري. حڪومت صدر کي صلاح ڏيندي ته هو سپريم ڪورٽ جو فيصلو غور لاءِ آئين جي آرٽيڪل 186 هيٺ واپس ايڊوائيزري جيورسڊڪشن ۾ موڪلي. حڪومت کي اها خوش فهمي آهي ته ايڊوائيزري جيورسڊڪشن ۾ جڏهن اهو معاملو ويندو ۽ سپريم ڪورٽ جي فل بينچ ان تي غور ڪندي ته ان ۾ 63 سال ۽ ساڍا اٺ مهينا ( ڪنهن به جج جي رٽائرمينٽ واري عمر) عمر وارو جج جسٽس عبدالحفيظ ميمڻ سميت ڪجهه جج ان فيصلي خلاف پنهنجو نوٽ لکندا ۽ بعد ۾ اهو ڪيس کڻي حڪومت وري ”رويو پٽيشن“ ۾ ويندي. اهڙي ريت هڪ ته فيصلي تي عمل ڪرڻ ۾ حڪومت دير ڪرڻ جو جواز بڻائي وٺندي، ٻيو ته تيئن هي معاملو پريس ۽ عوام لاءِ به ٿورو پراڻو ٿيندو ۽ سپريم ڪورٽ جا ڪجهه جج به هيڏي هوڏي ٿيندا.
    جيڪڏهن حڪومت اهو حربو استعمال به ڪيو، تڏهن به سياسي گرمائش گهٽجڻ جو امڪان ناهي. هي فلم حڪومت جي ضرور ڳچي ۾ پوندي ۽ هي فيصلو مجموعي طور ملڪي سياست ۾ اهم تبديلي جو ڪارڻ بڻبو. جيڪڏهن هن فيصلي جي ايڏي وڏي اهميت ۽ بعد جا اثر ماٺا نظر اچن ها ته وزيراعظم بينظير ڀٽو نواز شريف کي خط نه لکي ها. وزيراعظم کي جڏهن نواز شريف قومي اسيمبليءَ ۾ آڇ ڪئي ته هتي جو هتي اڳ ۾ مڪمل طور سپريم ڪورٽ ۾ فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته بعد ۾ ججن جي ڀرتي بابت حڪومت سان آئين ۾ ترميم لاءِ مخالف ڌر ساٿ ڏيندي، ته ان جو جواب ڏيڻ ان مهل بينظير ڀٽو ضروري نه سمجهيو. چئن ڏينهن کان پوءِ اوچتو وزيراعظم کي ان آڇ جو جواب ڏيڻ لاءِ نواز شريف کي خط لکڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ بهرحال مان نه پير پاڳاري وانگر جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو آهيان ۽ نه ئي روحاني ۽ آسماني علم ڄاڻان ٿو. بس موجوده حالتن کي ڏسندي ۽ اقتدار جي سينٽرل پوائنٽ جي انفرميشن بعد وري به اهو چوندس ته مئي ۾ اونهاري جي گرمي سخت سياسي گرمائش به پيدا ڪندي.
    (3 اپريل 1996ع)


    بزرگن جو گڏجڻ، خطري جي گهنٽي

    بزرگن جو گڏجڻ، خطري جي گهنٽي

    اوچتو نوابزادي نصرالله، غلام مصطفيٰ جتوئي، محمود خان اچڪزئي، بلخ شير مزاري، ۽ جماعت اسلامي جي مظفر احمد هاشمي جو مولانا فضل الرحمان جي گهر گڏجڻ، رات جو 12 بجي تائين صلاح مشورا ڪرڻ واري واقعي کان پوءِ اسيمبلي، حڪومتي، سياسي ۽ ڪاروباري حلقن جي ڪچهرين ۾ اهو موضوع بحث هيٺ آهي ته ڇا حڪومت جي مک اتحادين، جن ۾ ٻه اڳوڻا وزيراعظم پڻ شامل آهن. انهن کي ڪا کڙڪ پئجي وئي آهي! سومر ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس کان پوءِ رات جو 9 وڳي مٿيان اڳواڻ نڪتا ۽ سڌو ايف اليون سيڪٽر ۾ مولانا فضل الرحمان جي گهر پهتا. رات جي ماني کائڻ کان پوءِ ڪچهري ڪندا رهيا. جيڪا رات جو 12 وڳي تائين جاري رهي. ان ملاقات بابت 60 سيڪڙو کان وڌيڪ راءِ آهي ته هنن کي ڪو اشارو ملي ويو آهي يا هنن محسوس ڪري ورتو آهي ته هاڻي جلد ڪجهه ٿيڻ وارو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا حيرت ۾ وجهي ٿي اها هيءَ آهي ته انهن جي گڏجڻ تي نواز شريف سميت نواز ليگ کي ڪا به خوشي ناهي ٿي. نواز شريف جي سابق غير سرڪاري مشير جيڪو اڄڪلهه پڻ کيس تمام گهڻو ويجهو آهي. تنهن ٻڌايو ته ميان صاحب جو هن اوچتي اجلاس بابت خيال مختلف آهي. هن هڪدم نه خوشي ظاهر ڪئي آهي ۽ نه وري پريشاني محسوس ڪرائي آهي، ڄڻ ته هن کي اڳ ۾ ئي خبر هجي.
    مولانا فضل الرحمان جيڪو اڪثر ميزبان بڻجڻ بدران مهمان ٿيڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. تنهن پنهنجي گهر رات جو اهو اجلاس تڪڙ ۾ ڇو سڏايو؟ ان سوال سميت ڪافي سوال آهن. جن جو جواب ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ملي سگهندو. پر سياسي پنڊت، مبصر، اهي صحافي جن ذوالفقار ڀٽو کان وٺي حڪومتون ڊهندي ۽ ٺهندي ڏٺيون آهن. تن جو چوڻ آهي ته گادي واري شهر ۾ سياسي چرپر مئي تائين وڌي ويندي. پر هاڻي لاهور ۾ 4 اپريل تي جاويد اشرف جي قتل کان پوءِ سندن خيال آهي ته مخالف ڌر جي منزل آسان ٿي وئي آهي نه صرف مخالف ڌر جي پر هر ان اداري جي سوچ ۾ تيزي سان ڦيرو آيو آهي. جيڪو سڌي يا اڻ سڌي طرح پاور ڪاروبار تي اثر انداز ٿئي ٿو. غلام مصطفيٰ جتوئي، بلخ شير مزاري، نوابزادو نصرالله ۽ اچڪزئي جيڪي مسلم ليگ جي تحريڪ نجات دوران پيدا ٿيل سرگرمين ۽ حالتن هوندي به ماٺ رهيا هئا. اهي هاڻي ڪيئن سرگرم ٿيا آهن؟ اها انهن جي سياسي دور انديشي ۽ اندروني معلومات ئي ٿي سگهي ٿي. جنهن کين گڏجڻ ۽ متحرڪ ٿيڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.
    اڱاري ڏينهن منجهند جو پارليامينٽ جي پريس گيلري ۾ ويٺا هئاسين، اتي اهو ذڪر نڪتو ۽ هڪ خيال اهو به سامهون آيو ته هي جيڪي همراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر گڏ ٿيا آهن رات جو اهو به صرف ماني تي اهو هڪ سرپرائيز آهي. ٿي سگهي ٿو ته حڪومت جا اتحادي جن تحريڪ نجات مهل به حڪومت لاءِ ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو آهي. ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجون سيٽون پڪيون ڪرڻ لاءِ پريشر گروپ جوڙيندا ڇو ته ايندڙ چونڊن ۾ جيڪڏهن گذريل اليڪشن وانگر پ پ پ، جماعت اسلامي کانسواءِ ٻين پارٽين سامهون اميدوار نه بيهاريا ته هي وري اچي سگهن ٿا. نه ته سندن ٻيهر اسيمبلي ۾ اچڻ تمام گهڻو ڏکيو هوندو. اڄڪلهه جڏهن حڪومت خلاف مسلم ليگ جاويد اشرف جو لاش کڻي تازه دم ٿي عوام وٽ نئين انداز ۾ پيش ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ هنن بابت جيڪڏهن مسلم ليگ کي ٿورو به آسرو هجي ها ته نوابزادي جي لاهور واري گهر ۽ گاڏي تي حملو نه ڪرائين ها ۽ اسيمبلي ۾ فضل الرحمان جي جرمني ۾ نائن اسٽار هوٽل ۾ ترسڻ واريون ڳالهيون نه ڪن ها بهرحال چوڻ جو مطلب ته هر هنڌ اها ڳالهه هلي رهي آهي ته هنن بزرگن جو گڏجڻ خطري جي گهنٽي آهي. جيڪڏهن خطري جي نه به، ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو خطرو ضرور آهي.
    جيتوڻيڪ پ پ وارن جو چوڻ آهي ته اسين پاڻ ئي سيپٽمبر يا نومبر 97ع ۾ عام چونڊون ڪرائينداسين ۽ پنهنجي منشور ۾ ڪيل اهو واعدو پاڙڻ جو اعلان ڪنداسين ته اسيمبلي جي مدت چار سال هجڻ گهرجي پر موجوده حالتون ان کان اڳ ڪجهه ڪرائڻ جا اشارا پيون ڏين.
    گادي واري شهر مان تازو آمريڪي سينيٽ ۾ برائون ترميم پيش ڪندڙ هينڪ برائون به ٿي موٽي ويو آهي. مخالف ڌر وارا برائون ترميم کي ڊرامو سڏيندا رهيا پر سينيٽر برائون جي پاڪستان پهچڻ شرط کيس پهرين دعوت ميان نوازشريف ڏني، جنهن ۾ ڪافي آمريڪي سفارتڪارن سميت ڊپلوميٽ به آيا هئا. اڄ کان ٽي چار مهينا اڳ صورتحال اها هئي ته ڪا به سياسي چرپر نه هئي .نواز شريف هر مهيني، ڪڏهن ڪڏهن ته مهيني ۾ 2 ڀيرا لنڊن ۽ آمريڪا جا دورا ڪندو رهيو. ان وقت چيو وڃي ٿو ته، نه آمريڪا سان نواز شريف سٺا رابطا ٺاهي سگهيو هو ۽ نه وري جنرل وحيد ڪاڪڙ سان سندس رابطو هو. هاڻي اها صورتحال ناهي. حڪومت پنهنجي غلطين سبب مخالف ڌر کي سياسي اشو به فراهم ڪيا آهن. آمريڪي به نواز شريف جون دعوتون کائي رهيا آهن. جنرل وحيد به تبديل ٿي چڪو آهي. ان ڪري نواز شريف کي ملڪ ۾ موجود رهڻ ۽ دورا ڪرڻ جو مضبوط جواز ملي ويو آهي. لاهور ۾ جڏهن جاويد اشرف قتل ٿيو ته ان بعد پهريون دفعو نواز شريف ڪنهن ننڍي احتجاجي مظاهري جي قيادت ڪئي ۽ پوليس جي آنسو گيس جي شيلنگ جي باوجود به مرتضيٰ ڀٽو جي چونڊ نشان مُڪ وانگر ٻانهن مٿي ڪري، مُڪ ٺاهي روڊ تي بيٺو رهيو. جاويد اشرف جيڪو موجوده مسلم ليگ جو شايد پهريون ”شهيد“ (بقول هنن جي) آهي. جنهن مسلم ليگ کي تحرڪ پيدا ڪرڻ لاءِ جان جي قرباني ڏئي ڄڻ ته فيول فراهم ڪيو آهي. پر ان جي باوجود به مسلم ليگ وارا اهو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن، جنهن جي بنياد تي حڪومت جا ڏينهن ڳڻڻ جي پيشن گوئي ڪندڙ پروفيشنل اڳڪٿي ڪندڙ اعلان ڪندا آهن. ”باقي هيترا ڏينهن“. اهڙي صورتحال هوندي به اڳوڻي اطلاعات جي وزير ۽ پنجاب جي وڏيري ميان عبدالستار لاليڪا ڪالهه اڱاري ڏينهن اسيمبلي ۾ وڏي واڪي پئي اعلان ڪيو ته باقي حڪومت جا چند هفتا آهن.
    وڏيرا جيڪي اڪثر فوجي جرنلن سان ياريون رکڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهن پوءِ اهي سنڌ جا هجن يا پنجاب جا، ستار لاليڪا به انهن مان آهي. جيتوڻيڪ هن ڪجهه به ثبوت يا دليل نه پئي ڏنو پر صرف ايترو ٿي چيو ته حڪومت چند هفتن جي مهمان آهي. ان ڪري سندس ڳالهه کي صرف مخالف ڌر جو هجڻ ڪري رد نٿو ڪري سگهجي. ٿي سگهي ٿو ڪنهن سندس يار ڪا خبر کيس ٻڌائي هجي. بهرحال سياست ۾ ايندڙ تبديلي جي ڳالهه تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. سياسي ماحول ۾ جيڪا ٻه مهينا اڳ تيزي هئي اها هاڻ ڊبل ٿي چڪي آهي. ڏسون ته ميان صاحب ان جو درجو وڌائي ٿو يا وري ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه. جيڪڏهن هاڻي به نواز شريف جي سربراهي ۾ مسلم ليگي قيادت ڪجهه ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي ٿي ته پوءِ مسلم ليگ ۾ ٽوڙ ڦوڙ جا امڪان حقيقت ۾ بدلجڻ لڳندا. نواز شريف جنهن جي لهجي ۾ اڳ ۾ نرمي هوندي هئي. تنهن اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ”جاويد اشرف جو قتل حڪومت ڪيو آهي. اسين حساب جلد وٺنداسين. بس وڌيڪ ڪجهه نٿا ڄاڻون. لاهور ۾ ٿيندڙ هر خون جو حساب ٿيندو آهي هن جو به ٿيندو.“
    جاويد اشرف جي قتل کان پوءِ مسلم ليگ وارن جي ترجيح عدليا جي فيصلي کي مڃائڻ واري مطالبي کي، سندن احتجاجي ايجنڊا جي لسٽ ۾ ٻئي نمبر تي رکيو آهي. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته مسلم ليگ سان سلهاڙيل پاڪستان بار ڪائونسل جو صدر ايڊووڪيٽ اڪرم شيخ سپريم ڪورٽ جي اڳواڻي چيف جسٽس افضل ظله جي صلاح تي، هن ئي هفتي سپريم ڪورٽ ۾ رٽ دائر ڪندو، جنهن ۾ عدالت کي اپيل ڪئي ويندي ته هو جيسين فيصلي تي عمل درآمد ٿئي تيسين حڪومتي ۽ عدليا متعلق ٽي وي، ريڊيو ۽ سرڪاري ميڊيا ذريعي ڪجهه به ڳالهائڻ کان روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪن. اڳوڻي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افضل ظله جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙي رٽ سپريم ڪورٽ ۾ وئي ته سپريم ڪورٽ اسٽي آرڊر ڏئي حڪومت کي منع ڪري سگهي ٿي. مسلم ليگ جو سربراهه نوا شريف اربع ڏينهن پاڪستان بار ڪائونسل کي خطاب به ڪري رهيو آهي. جنهن بعد ان رٽ دائر ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.
    سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرڻ جي حوالي سان صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ اختلاف راءِ جو ذڪر مون گذريل اربع تي ڪاوش ۾ پنهنجي ڊائريءَ ۾ به ڪيو هو. جنهن جي ٽن ڏينهن بعد ”نيويارڪ ٽائيمز“ اخبار ۾ پڻ اهڙي قسم جي خبر شايع ٿي ۽ اها هتان جي اخبار ۾ به شايع ٿي چڪي آهي. صدر لغاري سان وزيراعظم جي لاڙڪاڻي رواني ٿيڻ کان اڳ ڪيل ملاقات دوران شايد وڌيڪ معاملو گرم ٿي ويو آهي، جو صدر لغاري ملتان ۾ آچر ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته حڪومت انتقامي ڪارروائي کان پاسو ڪري، سمورا مسئلا پاڻ ۾ حل ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي ادارا اسان جا مسئلا حل نه ڪندا. گورنر هائوس ۾ جاويد اشرف جي قتل بابت بريفنگ وٺڻ کان پوءِ صدر پاران ڏنل اهڙا بيان واضح اشارا آهن، ته ڪجهه معاملن تي ملڪ جي ٻنهي وڏن ۾ اختلاف آهي يا صدر پاڻ کي سيف پيو ڪري.
    اڄڪلهه آمريڪا، ڀارت ۽ بنگلاديش سميت ڪافي ملڪن ۾ اليڪشن جون تياريون هلي رهيون آهن. شيڊيول به پڌرا ٿي ويا آهن. اسان جي سياسي تاريخ ۾ پاڙيسري ملڪن جا سياسي، سماجي توڙي موسمي اثر اسان جي ملڪ تي به پوندا رهيا آهن. هن دفعي پاڙي ۾ اليڪشن جي گهليل هير آهستي آهستي هيڏانهن به اچي رهي آهي. تازو هينڪ برائون به پاڪستان حڪومت وٽ آيو ته سندس اليڪشن ۾ مدد ڪئي وڃي. جيڪي پاڪستاني آمريڪا ۾ رهن ٿا. انهن کي سندس سهڪار لاءِ هدايت ڪئي وڃي. پاڪستان حڪومت پنهنجي هن محسن کي هرقسم جي مدد ڪرڻ جي پڪ ڪرائي آهي ۽ چيو وڃي ٿو ته ان ڏس ۾ آمريڪا ۾ اليڪشن کان اڳ حڪومت هڪ وفد موڪليندي، جيڪو اتي رهندڙ پاڪستانين سان ملي برائون لاءِ راهه هموار ڪندو. چيو وڃي ٿو ته برائون به پاڪستان حڪومت کي آمريڪا جي ڊيموڪريٽ لابي جي حمايت جي پڪ ڪرائي آهي.
    اڱاري ڏينهن وارين اخبارن ۾ بي بي سي جي حوالي سان خبر شايع ٿي آهي ته عمران خان 21 اپريل تي پنهنجي سياسي پارٽي قائم ڪرڻ جو اعلان ڪري رهيو آهي. عمران خان جي سياست ۾ اچڻ جون خبرون گهڻي وقت کان ٻڌڻ ۾ اچي رهيون هيون، موجوده سياسي صورتحال جيڪا ڏينهن ڏينهن تيزيءَ سان تبديل ٿي رهي آهي. تنهن ۾ عمران خان پاران سياسي پارٽي جوڙڻ جو اعلان ڪرڻ سان سياسي صورتحال کي هڪ نئون رخ ملي سگهي ٿو. جيڪي ڌريون اڳڪٿيون ڪري رهيون هيون ته ايندڙ عبوري وزيراعظم عمران خان هوندو، ان افواهه کي ڄڻ ته آهستي آهستي هٿي ملي رهي آهي. عمران خان جي خبر سان گڏ هڪ ٻي ننڍي خبر به شايع ٿي آهي. جنهن ۾ جمائما جي وضاحت شايع ٿيل آهي. هن چيو آهي ته ”مان نه نائيٽ ڪلب وئي آهيان، ۽ نه وري پيٽ سان آهيان.“ جيتوڻيڪ سڌيءَ طرح هن ننڍي خبر جو عمران جي وڏي خبر سان تعلق ناهي پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته جمائما اهڙي صورتحال ۾ جڏهن عمران خان پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وارو آهي. ان وقت ٻار پيدا ڪري، عمران کي ڏچي ۾ نه ٿي وجهڻ گهري.
    (12 اپريل 1996ع)


    لاهور واري ڌماڪي جا اسلام آباد ۾ پڙاڏا

    لاهور واري ڌماڪي جا اسلام آباد ۾ پڙاڏا

    صدر فاروق احمد لغاري جي وچ ۾ پوڻ کان پوءِ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سپريم ڪورٽ جي مستقل جج طور قسم کڻڻ ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه پاران کيس قسم کڻائڻ کان پوءِ، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ جا اهم مرحلا طئي ٿي ويا آهن. باقي صرف هاءِ ڪورٽن جي ججن جي ريگيولرائيزيشن جو مرحلو باقي آهي. سپريم ڪورٽ ججن جي ڀرتين بابت 20 مارچ تي شارٽ آرڊر پاس ڪيو هو، جنهن کي ڇنڇر ڏينهن تي هڪ مهينو پورو ٿي ويو. جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ جي تفصيلي فيصلي ۾ حڪومت کي پابند بڻايو ويو هو، ته ان تي هڪ مهيني اندر عمل مڪمل ڪيو وڃي. تفصيلي فيصلو جيڪو 2 اپريل تي آيو هو، تنهن تي اڃا مڪمل طور تي عمل نه ٿيو آهي.
    سپريم ڪورٽ جو فيصلو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ نرالو فيصلو هو. جنهن سبب انتظاميه ۽ عدليه ۾ اختيارن جي جنگ شروع ٿيڻ جون ڳالهيون پڻ ٿيون ۽ سياست ۾ تمام وڏي تبديلي ۽ گرم جوشي جو سبب پڻ بڻيو. هن فيصلي تي عمل جي حوالي سان اهم موڙ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سپريم ڪورٽ ڏانهن بدلي وارو ثابت ٿيو، جيڪو صدر جيڪڏهن حل نه ڪرائي ها ته انتظاميه جي انا ۽ هٺ سبب خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ها. گادي واري شهر جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ اها ڳالهه به مارڪيٽ ڪرائي وئي ته ان مرحلي دوران پيدا ٿيل صورتحال ۾ فيصلي تي عمل ڪرائڻ جي حوالي سان چيف جسٽس سجاد علي شاهه آرمي چيف جنرل جهانگير ڪرامت سان پڻ ملاقات ڪئي هئي، جنهن کيس پڪ ڪرائي ته انتظاميه عدليا جي حڪم موجب حل ڪندي، جيتوڻيڪ ان ملاقات جي خبر ڪنهن به اخبار ۾ شايع ناهي ٿي، پر تذڪرو عام آهي. صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو جن جي وچ ۾ پڻ هن فيصلي تي عمل ڪرڻ جي حوالي سان ڏيهي توڙي پرڏيهي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن موجب اختلاف راءِ هو. شايد اهو ئي سبب هو ته وزيراعظم 4 اپريل جي تقريب ۾ لاڙڪاڻي رواني ٿيڻ کان اڳ 12 اپريل تي صدر سان جيڪا چار ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ڪئي هئي، تنهن کان پوءِ 20 اپريل تي باقاعده طور ڪا به ملاقات نه ڪئي. صرف آذربائيجان جي صدر جي دوري مهل پروٽوڪول موجب وزيراعظم اڌ ڪلاڪ لاءِ ايوان صدر وئي هئي ۽ ان وقت به صدر سان ڪچهري ڪرڻ کانسواءِ واپس اچي وئي هئي. اهڙي صورتحال کانپوءِ صدر فاروق احمد لغاري، جنهن احسن طريقي سان ناصر اسلم زاهد وارو معاملو ذاتي ڪوششن سان حل ڪيو آهي. تنهن بعد وزيراعظم جي هاڻي ڪاوڙ ۾ نرمي ضرور آئي آهي. جو کيس خبر ئي نه هئي ته صدر ايئن به ڪري سگهي ٿو ۽ اهو به ان وقت، جڏهن اپوزيشن وارا صدر جي تعريف ڪندي ٿڪجن نٿا.
    صدر صاحب ته ڪم ڪري ڏيکاريو، پر جنهن ڏينهن ناصر اسلم زاهد کي چيف جسٽس سجاد علي شاهه حلف کڻايو، ان کان ڪجهه دير بعد کيس دل ۾ سور پيو ۽ اهو ايڏو سخت جو شاهه صاحب کي اسپتال داخل ٿيڻو پيو آهي. جيتوڻيڪ عام راءِ اها آهي ته سجاد علي شاهه کي پيل دل جي دوري جو، ناصر اسلم زاهد کي پنهنجي منشا ۽ مرضي جي ابتڙ حلف کڻائڻ سان واسطو ناهي، پر سيپٽمبر ۾ ناڪام ٿيل فوجي بغاوت سٽيندڙن جو اهم ڪردار ڪرنل آزاد منهاس، جيڪو هن وقت سعودي عرب ۾ آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته سجاد علي شاهه کان سندس ضمير جي ابتڙ، صدر زوري ڪم ڪرايو، جنهن سبب هن کي دل جو دورو پيو آهي.
    سپريم ڪورٽ واري فيصلي تي عمل ڪرڻ وارو معاملو، جنهن تيزيءَ سان نواز شريف ۽ سندس پارٽي کنيو هو، ان کي ايترو هو ايڪسپلائيٽ نه ڪري سگهيا. هاڻي ته ان جا وڌيڪ جواز ناصر اسلم پاران حلف کڻڻ کان پوءِ هيڪاري گهٽجي ويا آهن. هڪ ته قومي اسيمبلي جو اجلاس پڻ ختم ٿي ويو آهي، جنهن سبب اپوزيشن کان عارضي طور اسيملي وارو فورم کسجي ويو آهي. ڇو ته ايوان ۾ جيڪو اپوزيشن احتجاج ڪندي هئي، ان کي قومي پريس ۽ پرڏيهي پريس پڻ سٺي ڪوريج ڏيندي هئي ۽ اهڙي طرح مخالف ڌر وارن جو مفت ۾ ڪم ٿيندو هو. هاڻي اپوزيشن وٽ صرف پبلڪ فورم رهيو آهي ۽ هنن جو اهو فورم شايد ڪمزور آهي، جو جاويد اشرف جي قتل کان پوءِ ڪو به ڀرپور مظاهرو يا احتجاج نه ڪري سگهيا آهن. ميان نواز شريف لاهور جهڙي ماحوليات جي آلودگيءَ سان ڀرپور گرم شهر ۾ پنهنجي ماڊل ٽائون واري گهر جي اڱڻ تي ڪارنر گڏجاڻيون پيو ڪري. جيسين کيس اسيمبلي وارو فورم ملي، تيسين ڇا هو هن معاملي کي زندهه رکڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو يا نه؟ اهو هن جي حڪمت عملي ۽ وقت تي منحصر آهي.
    اڊيالا جيل ۾ پنج مهينا ۽ چار ڏينهن رهڻ کان پوءِ ميان شهباز شريف آزاد ٿي، تازو گهر پهچي ويو آهي. جيتوڻيڪ شهباز شريف ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته هو شيخ رشيد وانگر آمريڪي سينيٽر هينڪ برائون جي چوڻ تي آزاد ٿيو، پر حڪومت مجبوري سبب ۽ بدنامي کان بچڻ لاءِ عدالتي حڪم تي کيس آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ مٿس ڪو ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي. هن جڏهن ٻن سالن کان وڌيڪ عرصو لنڊن ۾ رهڻ بعد وطن اچڻ جو اعلان ڪيو هو، ته ”ڪاوش“ ۾ نومبر جي ابتدائي ڏينهن ۾ صرف اها خبر ڏني هئي، ته شهباز شريف شيخ رشيد وانگر سالن تائين جيل ۾ رهڻ لاءِ نه پيو اچي.
    عمران خان هڪ اخبار کي انٽرويو ڏيندي، اهو چيو هو ته 25 اپريل تي هو پنهنجي نئين پارٽي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي، پر اسپتال ۾ ڌماڪي واري واقعي کان پوءِ لڳي ٿو ته حميد گل جي صلاح مڃيندي، عمران 25 اپريل تي سياسي پارٽي جوڙڻ جو اعلان ڪرڻ ۾ ڪجهه دير ڪندو ۽ عيد کان پوءِ ئي اهڙي اعلان جي توقع ٿي سگهي ٿي. عمران خان کي به اها گذارش ته ٿورو آهستي! جيڪڏهن اوهان جي ڪاوڙ جي ڊگري ان درجي تي بيٺي رهي، ته پوءِ گهڻو ڪجهه توهان کان هروڀرو کسجي ويندو. جيڪڏهن اها وڏي غصي واري عادت برقرار رهي، ته ڪنهن مهل ”هاروس ڪوپ“ وارن چواڻي ته گهريلو معاملن ۾ به ناخوشگواري پيدا ٿي سگهي ٿي.
    شهباز شريف کي پڪ آهي ته هو چند هفتن کان پوءِ گهر پهچندو ۽ هو هاڻي سورنهن هفتن کان پوءِ لاهور واري ماڊل ٽائون ۾ واقع پنهنجي گهر پهچي چڪو آهي. هن جي ترت آزاديءَ جو سبب ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، پر ٻن سالن کان وڌيڪ جيل جي تربيت بعد پچي راس ٿي آيل دل برداشت ليگي اڳواڻ، شيخ رشيد جا اهي جملا هينئر معنيٰ خيز پيا لڳن، جيڪي هن آزادي بعد پهريون دفعو قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي چيا هئا. شيخ رشيد چيو هو، ته ”هي جيل غريب ڪارڪنن لاءِ هوندا آهن، انصاف جو هن ملڪ ۾ ٻٽو معيار آهي، اعجاز الحق کي انصاف ڏيڻ لاءِ عدالت ٿاڻي ۾ لڳائي وئي پر مون کي سزا ڏيڻ لاءِ عدالت ۾ به ٿاڻو قائم ڪيو ويو، حڪومت مالي گهوٻين ۾ ملوث کربين رپين جي الزامن هيٺ داخل ڪيل ڪيسن وارن (نواز شريف يا شهباز شريف) کي گرفتار ڇو نه ٿي ڪري؟ جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪيو به آهي، ته ان سان جيل ۾ مون جهڙي جٺ ناهي ۽ هنن خلاف حڪومت کي ڪيس هلائڻ ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي.“
    شهباز شريف جي آزادي هڪ ”ڊيل“ هيٺ ٿيڻ بابت سڀ کان وڌيڪ شڪ ۾ وجهندڙ ڳالهه شيخ رشيد جي ڳالهه کان وڌيڪ اها آهي ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو شهباز شريف کي لاهور فون ڪري سندس طبيعت پڇي آهي. وزيراعظم پاران کيس فون، جيڪڏهن اڄ کان پندرهن سال اڳ واري پنڪي ۽ ”بي بي“ بينظير ڪري ها ته اهو سمجهه ۾ اچي ها، ته هن ڀوڳ يا ايڊوينچر ڪيو هوندو پر اڄوڪي چاليهه سالن کان وڌيڪ عمر واري ٽن ٻارن جي ماءُ وزيراعظم بينظير ڀٽو پاران پنهنجي سياسي وجود جي مخالفت ڪندڙ کي فون ڪرڻ ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ ڪافي آهي ته شهباز شريف واقعي چند هفتن لاءِ جيل ۾ رهڻ کان پوءِ آزاديءَ جي پڪي خاطريءَ بعد وطن آيو هو. شهباز شريف جيڪو شاطر دماغ ليکيو ويندو آهي، ڏسجي ته هو ڪهڙي ٿو حڪمت عملي اختيار ڪري! هن جون صلاحيتون پنهنجي ڀاءُ جي اقتداري ڪرسي جي حصول واري تشنگي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون يا نه!؟
    اقتدار جي ايوانن واري مصنوعي شهر اسلام آباد، جنهن کي سنڌ جا ٻه چار مضمون لکي نوجوان دانشوري جو ويس پائي دانشور سڏائيندڙ، گدڙن جو شهر به چوندا آهن. اتي عمران خان جي ڪينسر واري سندس ماءُ جي نالي تي لاهور ۾ ٺاهيل اسپتال ۾ ٿيل بم ڌماڪي واري واقعي جو به پڙاڏو گونجندو رهيو. هي واقعو جيتري تيزيءَ سان اڀريو، اوتري تيزيءَ سان منظر تان هٽجي به ويو. جيڪڏهن هٽڻ کڻي نه چئجي ته به ايئن ضرور چئي سگهجي ٿو ته اقتدار ڌڻين ۽ طاقتور قوتن جي خواهشن جي دز، ايتري ته ان معاملي کي وڪوڙي ورتو جو هاڻي ڌنڌلو نظر اچي رهيو آهي.
    شروع ۾ اپوزيشن وارن سرڪار ۽ سرڪار وارن مخالف ڌر وارن کي، حسب روايت هڪٻئي تي الزام هڻندي ذميوار پئي قرار ڏنو، پر هڪ ٻن ڏينهن ۾ ئي ٻئي ڌريون سنجيده ٿي ويون ۽ الزام تراشي کان پاسو ڪرڻ لڳيون. شايد ان جو سبب اهو هو ته ان الزام تراشين دوران هڪ نئين ڳالهه اها به مارڪيٽ ۾ آئي، ته ٿي سگهي ٿو ته عمران خان کي مقبول ڪرائيندڙ ۽ جلد سياسي شخصيت ٺاهڻ لاءِ عوام ۾ سندس بابت سستي همدردي لاءِ اهو واقعو انهن قوتن ڪرايو هجي، جيڪڏهن ڏسجي ته ڇا واقعي ان حادثي سبب عمران کي ان عوامي همدردي جو رد عمل ڏسڻ ۾ ناهي آيو؟
    هن واقعي جو تيزي سان منظر عام تي اچڻ ۽ وري هٽجي وڃڻ ۾ عمران خان جون پنهنجون ڪوتاهيون به نظر اچن ٿيون. ڇو ته ارب پتي انگريز جي پٺاڻ ناٺي عمران خان هن معاملي تي لاهور جي هڪ صحافي کي تکو سوال پڇڻ تي ٿڦڙون هنيون، نه صرف هن پاڻ ان صحافي کي مارڪٽ ڪئي پر پنهنجي سيڪيورٽي گارڊز کان پڻ ان صحافي کي ڌڪا ڏياري اهو تاثر پئي ڏنو ته هو اڃا ڏهه سال اڳ وارو عمران آهي، جيڪو هلندڙ ڪرڪيٽ مئچ دوران رانديگرن کي گرائونڊ ۾ معمولي غلطي ڪرڻ تي به ڪچيون گاريون ڏيندو هو. عمران خان جي اهڙي انداز مان ثابت ٿيو ته اڃا هن ۾ بردباري نه آئي آهي. جڏهن ته وڏو سياسي ليڊر ٿيڻ لاءِ بردباري پهريون شرط هوندو آهي. ڇو ته اسان جي ملڪ واري موجوده نظام ۽ سياسي روايتن موجب سياستدان کي ته گاريون به ٻڌي مسڪرائڻو پوندو آهي ۽ خاص ڪري اڄ جي آزاد چٽا ڀيٽي واري پرنٽ ميڊيا جي دور ۾ صحافين سان ڦٽائڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. اهو به عمران خان جهڙي آل (نئين) سياستدان بڻجڻ واري لاءِ. هتي منهنجو مقصد صحافين سان ڦٽائڻ جو مقصد اهو ناهي ته هر صحافي ڪنهن کي گاريون ڏئي ۽ پوءِ به سياستدان کيس ڪجهه نه چون. چوڻ جو مقصد اهو آهي ته صحافين کي اخلاق جي دائري اندر رهندي هر قسم جو سوال ڪرڻ جو حق آهي، جواب ڏيڻ يا نه ڏيڻ اهو اڳئين جي مرضي ۽ حق آهي، پر تکي سوال ڪرڻ تي صحافيءَ کي موٽ ۾ مار ڏيڻ وارو دور، هاڻي ناهي، ڇو ته اڄڪلهه نه ضياءُ الحق آهي ۽ نه وري ڄام صادق.
    (21 اپريل 1996ع)


    ڪرپشن بابت ٺهراءُ ۽ واڳ ڌڻين جي بدحواسي

    ڪرپشن بابت ٺهراءُ ۽ واڳ ڌڻين جي بدحواسي

    ڪرپشن ختم ڪرڻ بابت عدالتي ڪميشن ٺاهڻ لاءِ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي پيش ڪيل رٿ جي مخالفت ڪري پيپلزپارٽي جي حڪومت ڇا حاصل ڪيو آهي؟ ان سوال جو جواب سرڪار وٽ به ناهي. خواجا آصف جهڙا مسلم ليگي ميمبر جيڪي صحافين وانگر وزيرن ۽ سرڪار جي حامين جي ڪرپشن بابت قصا ايئن ٿا کوٽي آڻين جو هڪ واقعو بيان ڪري بيهن ئي نٿا ته ٻئي قصي جا ڪاغذ کين ملي وڃن ٿا. جيئن سٺي رپورٽر وٽ سدائين ٽي چار خبرون اسپيئر ۾ پيون هونديون آهن، ايئن ئي مخالف ڌر وٽ به سرڪار جي حامين جي ڪرپشن جا دستاويز پيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ليگين جي مدد ڪجهه صحافي به ڪن ٿا. جهڙي طرح اخباري دنيا ۾ مختلف ٻولين جي اخبارن جي رپورٽرن جو پاڻ ۾ سينڊيڪيٽ هوندو آهي، ۽ هو هڪٻئي سان خبرون شيئر ڪندا آهن. اهڙي طرح اڄڪلهه صحافي پڻ ليگي ميمبرن سان ڪرپشن واريون خبرون ايڪسچينج ڪن ٿا.
    موجوده حڪومت جي چند وزيرن ۽ ايم اين ايز خلاف جهڙي طرح روز مسلم ليگ وارا سچا ڪوڙا ڪرپشن جا الزام هڻندا رهن ٿا ۽ هر هڪ ڊيل ۾ هروڀرو به آصف زرداري ”ويچاري“ کي ملوث ڪندا رهن ٿا. اهڙي ماحول ۾ حڪومت لاءِ سنهري موقعو هو ته هو مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف جي رٿ جي مخالفت ڪرڻ بدران حمايت ڪري ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي ڪميشن قائم ڪري ها. ان سان ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ملي ها! جهڙي طرح نواز شريف آڇ ڪئي ته جنهن تي ڪرپشن جو ڪيس ثابت ٿئي ان تي سڄي زندگي لاءِ سياست تي بندش وڌي وڃي. ان سان سياست مان ڪارين رڍن جو به ڪنهن حد تائين صفايو ٿي وڃي ها! جيتوڻيڪ نواز شريف هٿ سان وارو ڏنو هو پر الائي ڇو حڪومت جي مت مري وئي جو هنن اهڙو موقعو وڃائي ڇڏيو. سرڪار ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪميشن جوڙڻ جي مخالفت ڪري ڪرپشن جي حمايت ڪئي آهي. ان سان حڪومت کي ڪيترو فائدو ٿيندو ۽ مخالف ڌر کي نان اشوز جي سيزن ۾ ڪيڏو فائدو ٿيندو؟ اهو وقت ۽ تاريخ ٻڌائيندي. ڇو ته اها ڳالهه قومي اسيمبلي جي آڊيوڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي وئي، ته پ پ حڪومت ڪرپشن ختم ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي.
    گيم اوور ٿيڻ بعد خورشيد شاهه جهڙو شريف ماڻهو پڻ نواز شريف تي 45 ڪروڙ انڪم ٽيڪس بچائڻ ۽ ڪوآپريٽو اسڪينڊل ۾ 300 ملين رپيا يعني (30 ڪروڙ) هضم ڪرڻ جا الزام هڻندو رهيو. خورشيد شاهه ته اهو به چيو ته وزيراعظم بينظير ڀٽو جنهن ڏيڍ ڪروڙ جي ڊيوٽي بچائي ٻه مرسيڊيز ڪارون گهرايون آهن، سو ته نواز شريف کي نظر اچي ٿو، پر هن جيڪي پاڻ اربين رپين جا غبن ڪيا آهن کيس ياد نٿا اچن. ان ڳالهه مان شايد اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي ته ”اسان ته ننڍا آهيون، وڏا چور ته مخالف ڌار وارا آهن.“
    پاڪستان ۾ ڪرپشن جا قصا ايڏا وڌي ويا آهن، جو نيويارڪ ۽ واشنگٽن ۾ شايع ٿيندڙ انگريزي مئگزين ۽ اخبارن ۾ به انهن قصن کي اهم ڪوريج ملي رهي آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته اسان جي ملڪ ۾ هيٺ کان وٺي مٿي تائين جنهن کي وارو لڳي ٿو وهائي ٿو وٺي. وزيراعظم بينظير ڀٽو جڏهن 1988ع ۾ وزيراعظم ٿي ته جرمني جي مشهور ”مرسڊيز بينز“ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ کان نئين مرسڊيز بينز ڊيوٽي فري ڪار امپورٽ ڪئي، جنهن تي 65 لک رپين کان وڌيڪ جي ڊيوٽي معاف ڪرائي وئي. ان کان پوءِ نواز شريف آيو هن به پنهنجي پٽ جي نالي تي اسپورٽس مرسڊيز گاڏي امپورٽ ڪئي، جنهن تي پڻ 60 لک کان وڌيڪ ڊيوٽي بچائي وئي. نواز شريف سياڻپ اها ڪئي جو جڏهن اقتدار مان ويو ته اها گاڏي حڪومت حوالي ڪري ويو. بينظير ڀٽو کان غلطي اها ٿي جو هن 88ع ۾ گهرايل مرسڊيز گاڏي وڪرو ڪري ڇڏي، جنهن جي بدلي ڊيوٽي معاف ڪيل 65 لک به کيس وصول ٿي ويا. قانون موجب کيس گاڏي گهرائڻ جو حق هو، ان ڪري ان کي ڪرپشن نٿو چئي سگهجي. وري محترمه جڏهن 93ع ۾ ٻيهر وزيراعظم ٿي ته فيبروري 94ع ۾ هڪ ٻي نئين مرسڊيز بينز ٽائپ ايس 6000،600 سي سي گهرائي، جنهن تي به 88،28،222 رپيا ڊيوٽي معاف ڪرائي، هي ته کڻي وزيراعظم هئا، ٺيڪ آهي، هنن گاڏيون گهرايون، پر وسيم سجاد جيڪو 93ع ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ قائم مقام صدر ٿيو، تنهن به وارو نه وڃايو ۽ قائم مقام صدر جي حيثيت ۾ ڊسمبر 93ع ۾ نئين مرسڊيز بينز ٽائپ ايس 3000،320 سي سي گاڏي امپورٽ ڪئي ۽ 66،16،901 رپيا ڊيوٽي معاف ڪرائي. تازو پتو پيو آهي، ته وسيم سجاد اها گاڏي پيپلز پارٽي جي پنجاب مان چونڊيل مشڪي رنگ واري سفيد شهپري ايم اين اي کي وڪرو ڪري ڇڏي آهي ۽ معاف ڪرايل ڊيوٽي واري رقم به وصول ڪئي آهي.
    جڏهن ڪرپشن جي حد اها هجي ته پوءِ ڇو نه آواز اٿندو. تڏهن ئي ته پاڪستان دنيا ۾ ٽيون نمبر وڏو ڪرپٽ ملڪ سڏجي ٿو، جو هن ملڪ جا سربراهه به مهذب نموني ڪرپشن ڪن ٿا، پوءِ ڪيئن ٽيڪس جي وصولي جو ٽارگيٽ پورو ٿيندو. منهنجي گذريل مهيني 1000 رپيا انڪم ٽيڪس ڪٽجي وئي. عيد به ان مهيني ۾ آئي. اسان جو ته سڄو سسٽم ڊانواڊول ٿي ويو، پر پوءِ به چيو ته ٺيڪ آهي. جڏهن اسان جهڙن پورهيتن کان ٽيڪس وٺن ٿا ته پوءِ نواز سريف ۽ بينظير ڀٽو ٽيڪس ڇو نه ٿا ڏين؟
    قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي حڪومت جي حامي سردار عاشق ڊوگر الزام هنيو ته 93ع ۾ نواز شريف ايم اين ايز کي خريد ڪرڻ لاءِ 2 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي ۽ مون کي به چيو، پر مان هن کي ووٽ ڏيڻ جي ها نه ڪيم ۽ محترمه بينظير ڀٽو سان ثابت قدم رهيس. هن ايم اين اي 2 ڪروڙ نه وٺي ڪيترا ڪروڙ ورتا هوندا، اها ته کيس ئي خبر آهي. پر ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته نواز شريف به وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هر ميمبر کي 2 ڪروڙ رپيا آڇيا هئا. هڪ ٻئي سنڌ جي ايم اين اي مون کي ٻڌايو ته نواز شريف، غوث علي شاهه سان گڏجي مون کي به 2 ڪروڙ رپيا آڇيا هئا، مون کين انڪار ڪيو. ان بعد هو وري آيا ۽ چيو ته گوهر ايوب کي اسپيڪر شپ لاءِ ووٽ ڏيڻ لاءِ 25 لک رپيا وٺو. سنڌ جي ان ”سلم Slim“ ايم اين اي چيو ته غوث علي شاهه جي هٿ مان نواز شريف ڪاري رنگ ۽ سنهري ڪڙن واري چمڙي جو بريفڪيس وٺي مون ڏانهن وڌائيندي چيو ته هن ۾ 25 لک پورا آهن. پڪ نه اچي ته ڳڻي ڏسو. بقول ان پاسي تان سينڌ ڪڍڻ واري ايم اين اي جي ته ”مون کيس جواب ڏنو ۽ موٽائي ڇڏيو.“ نواز شريف ان ايم اين اي جي حصي وارو بريف ڪيس کڻي سنڌ جي هڪ ٻئي شيڊولڊ ڪاسٽ واري شهپري ايم اين اي وٽ ويو، جنهن 25 لک ڳڻڻ کان پوءِ اسپيڪر شپ جو ووٽ ڏيڻ لاءِ واعدو ڪيو. مطلب ته ڪرپشن جا کوڙ قسم آهن. جيڪڏهن نواز شريف ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ لاءِ هٿ پير هڻڻ جو اهو طريقو اختيار ڪيو ته پنجاب ۾ وٽو جي حڪومت ڊاهڻ کان پوءِ حڪومت وارن پڻ ساڳيو ڪم ڪيو هو، خواجه، آصف ته قومي اسيمبلي ۾ نالا کڻي چيو هو ته ذوالفقار مرزا ۽ آصف زرداري وٽو کي هٽائڻ بعد پنهنجي حڪومت ٺاهڻ لاءِ نوٽن جا بيگ ڀري پنجاب جي ايم پي ايز کي خريد ڪرڻ جي مهم هلائي هئي، اهي جملا قومي اسيمبلي جي رڪارڊ ۽ اخبارن ۾ موجود آهن.
    جڏهن ملڪ جي سياست ۾ اهڙا رنگ رچن ۽ پوءِ به اسين چئون ته جمهوريت آهي، ته اها زيادتي ٿيندي. ڇا هن ملڪ جي مقدر ۾ اهڙي قسم جي سياست ئي آهي؟ ڇا عوام جي ووٽ جو احترام ڪندي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جون اهڙيون حرڪتون ڪرڻ، عوامي مينڊيٽ جي توهين ناهي ؟ ڇا اهي ڪم ڊڪٽيٽري راڄ جي علامت ناهن؟ بلڪل آهن. اسان جي ملڪ مان اهڙيون روايتون ختم ڪرڻ لاءِ ڪرپشن جو خاتمو ضروري آهي. جيڪڏهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪميشن ٺهي ها ته انهن ڪڌين روايتن جو انت اچي وڃي ها. موجوده سسٽم ۾ ڪجهه بهتري اچي ها ۽ معاشرو به سڌري ها. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي، ته موجوده اسيمبلي مان ڄام ساقي جي اقتدار ۾ شموليت کان اڳ ۾ ڪيل ڳالهه موجب ته ”جيڪڏهن پاٿاريدارن ۽ ڪرپٽ ماڻهن خلاف درست نموني مهم هلي ته موجوده اسيمبليون خالي ٿي وينديون.“ جيڪڏهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪميشن ٺهي ها ته جنگ اخبار جو ڪارٽونسٽ انڊيا جي ڦولن ديوي جي اسيمبليءَ ۾ پهچڻ تي اهو ڪارٽون نه ٺاهي ها ته ”هوءَ پنهنجي اصل گهر پهتي آهي، هاڻي هن کي خطرو ناهي.“
    تازو اطلاعات کاتي پاران وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت جي ڪارڪردگي، حاصلات ۽ مختلف موقعن تي ڪيل تقريرن تي مشتمل لکين رپين جي لاڳت سان شايع ڪرايل ”پريس ڪٽ“ اسلام آباد جي صحافين ۾ ورهائي وئي. هونئن ته وزيراعظم کان وٺي وزيرن تائين پرڏيهي دورن دوران سنڌي پريس وارن کي وٺي وڃڻ ته ٺهيو، پر پريس ڪانفرنسن ۾ به نه گهرايو ويندو آهي. ٻيا ته ٺهيو، پر سنڌي وزير به سنڌي پريس جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن صحافين کي پنهنجي پريس ڪانفرنس جو باقاعده اطلاع نه ڏيندا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته سنڌ مان اليڪشن کٽڻ تائين سنڌي پريس جي ضرورت آهي ۽ پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ اردو ۽ انگريزي پريس ضروري آهي، سنڌي پريس جو ڪم پورو ٿو ٿئي. پر ”پريس ڪٽ“ اسان کي به ملي. ان ۾ وزيراعظم جا ڪجهه رنگين فوٽو به آهن ۽ ”بلاول فقير کان بلاول زرداري تائين“ جي عنوان سان انگريزي ۾ محمد لائق زرداري جو لکيل انگريزي وارو ڪتابچو به آهي، جيڪو پڻ سرڪاري خرچ تي اطلاعات کاتي شايع ڪرايو آهي. هن ڪتابچي ۾ زردارين جي تاريخ آهي. اڄ کان 9 مهينا اڳ جڏهن هي ڪتاب لکجي رهيو هو ته ان وقت نوابشاهه جي هڪ زرداري ۽ هڪ جمالي مون کي ٻڌايو هو ته لائق زرداري کي گرانٽ ملي آهي. ته اوهين زردارين جي تاريخ بابت ڪم ڪيو ۽ لائق زرداري ان گرانٽ مان ڪجهه فنڊ نوابشاهه جي جهونن زرداري استادن کي ڏنا آهن ۽ کين چيو آهي ته هو بلو فقير ۽ زردارين بابت مختلف تاريخ جي ڪتابن مان مواد ڳولي کيس ڏين. ان مهل ته مون انهن همراهن جي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو هو، پر جڏهن ”پريس ڪٽ“ کوليم ته پهريون ڪتاب اهو پيو هو.
    هن ڪتاب ۾ لائق زرداري اڳ ۾ ته اهو بحث ڪيو آهي ته زردارين بابت ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي، ته هو سماٽ آهن ۽ ڪجهه ڪتابن ۾ لکيل آهي ته هو بلوچ آهن. آخرڪار اهو ثابت ڪيو ويو ته زرداري بلوچ نسل جا آهن. ان کان پوءِ وري اهو نقطو اٿاريو ويو آهي ته زرداري جت آهن يا رند؟. لائق زرداري مختلف تاريخدانن جا حوالا ڏيندي، مرزا قليچ بيگ تي زردارين جو ذڪر نه ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪندي، اهو ثابت ڪيو آهي، ته ”زرداري جت نه پر رند قبيلي جي شاخ آهن.“ جيتوڻيڪ هن اهو به لکيو آهي، ته زرداري سنڌ جو امير ترين قبيلو ليکيو ويندو آهي. امير ترين ان ڪري جو هنن وٽ اٺ جام هوندا آهن ۽ سنڌ ۾ اها روايت آهي ته ڪلهوڙن جي دور تائين هٿيار وغيره هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ آڻڻ نيڻ لاءِ اٺ استعمال ٿيندا هئا. جيئن ته اٺ زردارين وٽ هوندا هئا ان ڪري نه صرف هو معزز ليکيا ويندا هئا پر وقت جا حڪمران پڻ زردارين جي عزت ڪندا هئا. لائق زرداري لکيو آهي ته ”زرداري 1640ع کان وٺي سنڌ ۾ رهندا پيا اچن ۽ هو شروع کان وٺي هوشيار، ڏاها، علم دوست، عالم، فاضل ۽ امير ترين رهيا آهن.
    هن ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته آصف زرداري جو اصل نالو سجاول زرداري آهي. لائق زرداري 32 صفحن جي ڪتابچي ۾ اهو ثابت ڪيو آهي ، ته ”گذريل 300 سالن کان زرداري قبيلو سنڌ جي سماجي، معاشي ۽ علمي خدمت ڪري رهيو آهي. ڪلهوڙا حڪمراني واري دور دوران ميان نصير محمد ڪلهوڙو جڏهن حاڪم هو، تڏهن زرداري قبيلو وجود ۾ آيو. جڏهن ميان آدم شاهه ڪلهوڙو بلوچستان (ڊيراجت) مان لڏي سنڌ ۾ آيو ته هن سان گڏ ڪجهه بلوچ قبيلن جا ماڻهو به آيا. سردار خان بلوچ نالي شخص امير ماڻهو هو. ان جا ميان نصير سان سٺا واسطا هئا، ان ڪري ميان نصير خان، سردار خان کي ”زردار خان“ جو لقب ڏنو. جنهن کان پوءِ زردار خان جي اولاد ۽ سندس ساٿي زرداري سڏائڻ لڳا. اهو واقعو بيان ڪرڻ مهل اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته هي ڏند ڪٿا آهي يا هن جو ڪنهن تاريخ ۾ ذڪر آهي. زردار خان کي ٻه پٽ هئا. جن مان مارڪاڻو خان به هڪ هو. مارڪاڻو خان جو پٽ هو مير خان ۽ ان جو پٽ هو بلاول جيڪو بعد ۾ بلو فقير جي نالي سان مشهور ٿيو. هن کي پٽ ڄائو سردار خان جنهن جو پٽ ٿيو دلاور خان، دلاور جو پٽ هو مراد خان ۽ هن جو پٽ هو الله بخش، وري الله بخش جو پٽ سجاول ۽ هن جو پٽ ٿيو محمد حسين ۽ وري محمد حسين جو پٽ حاڪم علي زرداري (هاڻوڪو) هن جو پٽ سجاول عرف آصف زرداري ۽ آصف کي وري پٽ ٿيو، بلاول. آصف پنهنجي پٽ جو نالو پنهنجي اٺين پيڙهي واري بلاول عرف بلو فقير کان متاثر ٿي رکيو. لائق زرداري پاران لکيل هن ڪتاب موجب زرداري مرد توڙي عورتون ميٽ ۽ تيل سان وهنجنديون آهن، شايد صابڻ استعمال گهٽ ڪن. بلو فقير ميان نصير جو ملازم هو. جڏهن نادر شاهه افشر سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ان وقت ميان نور محمد ڪلهوڙو سنڌ جو حاڪم هو، جنهن نادر شاهه کي هر سال 20 لک ڏنڊ ڀري ڏيڻ جو واعدو ڪيو. نادر شاهه جڏهن واپس ويو ته ميان نور محمد جا ٻه پٽ ميان غلام شاهه ۽ ميان مراد ياب خان نادر شاهه پاڻ سان گڏ وٺي ويو. انهن جي نوڪري ۽ سهولت لاءِ ميان نور محمد پنهنجي ملازم بلال عرف بلو فقير کي به گڏ ايران موڪليو. ايران ۾ ميان غلام شاهه تي نادر شاهه جي ڀائٽي عاشق ٿي پئي ۽ هنن شادي ڪري ورتي. جنهن بعد 3 سالن کان پوءِ بلو فقير کي غلام شاهه واپس سنڌ موٽائي ڇڏيو. بلو فقير پنهنجي ڳوٺ مير خان زرداري ۾ 1743ع ۾ موٽي آيو ۽ غلام شاهه 7 سالن بعد جڏهن نادر شاهه مري ويو ته واپس سنڌ موٽي آيو، جنهن کي ايراني شهزادي مان ميان سرفراز ڪلهوڙو نالي پٽ ڄائو، جيڪو شاعر پڻ هو. انهن ڏينهن ۾ بلو فقير ڪراڙو ٿي چڪو هو ۽ هن کي ميان نور محمد موڪل ڏني. هو گهر موٽي آيو، پر ٿوري عرصي بعد 1753ع ۾ ميان نور محمد جي وفات کان هڪ سال پوءِ 1754ع ۾ بلو فقير به مري ويو. غلام شاهه بعد ۾ پنهنجي وفادار نوڪر بلو فقير جي خدمتن عيوض سندس قبر مٿان يادگيري لاءِ 1768ع ۾ قبو ٺهرايو، جنهن بعد مير خان زرداري ڳوٺ، بلو فقير جي قبي واري ڳوٺ طور مشهور ٿيو ۽ هر سال اتي عرس ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ به گذريل هفتي امام بري جو عرس ٿيو، 8 ڏينهن ميلو لڳو. بري امام جي والد جي درگاهه آبپاره چوڪ جي سامهون آهي. ان تي ماڻهو گهٽ ايندا آهن .اتي نه ميلو لڳي نه ٻيو مزو، سناٽو ڇانيل آهي، بس رات جي وقت ڪجهه ڏيئا ٽمڪندا آهن. سنڌ ۾ به اهڙا قبا گهڻا آهن. سنڌ جي مشهور شخصيت عليم درس جيڪو درويش پڻ هو. هو اهڙن قبن وارن پيرن لاءِ پويون ڏينهن هوندو هو، عليم درس گهڻن پيرن جا پڙ ساڙيا، ڪيترن جون ته قبرون به ڊاهي پٽ ڪيون هيائين. عليم جو مقصد هو ته ماڻهو پيرن وٽ مراد پنڻ نه وڃن ۽ الله کان گهرون. هن سڄي حياتي پيرن جون قبرون ڊاهيون، جڏهن مري ويو ته ماڻهن چيو ته هن جي قبر کي پاڻي نه هڻو، ڪهڙا گناهه معاف ٿيندس؟ پيرن جو پٽيل آهي! سندس ڪانڌي جڏهن واپس وڃڻ لڳا ته بنا ڪڪرن جي بيٺل سج مهل آسمان مان ايڏو مينهن وٺو جو عليم جي قبر تي گپ ٿي ويئي. ماڻهن چيو وڏو پير ته هي آهي. اڄ به سوين ماڻهو پير عليم جي قبر تي مراد پنڻ ايندا آهن. عليم جنهن ڳالهه کان روڪيندو هو، اها جٺ هاڻي ماڻهو ساڻس پيا ڪن. ان عمل سان سندس روح کي ڪيتري راحت ملندي هوندي؟ سو خدا ٿو ڄاڻي.
    (25 مئي 1996ع)


    گستاخي معاف

    گستاخي معاف

    وزيراعظم بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ”مڊنائيٽ جيڪال“ نالي ڪامياب آپريشن ڪندڙ انٽيليجنس بيورو جي اڳوڻي سربراهه برگيڊيئر (رٽائرڊ) امتياز لاءِ اڳڪٿيون ٿين پيون ته هو جون جي آخر يا جولاءِ جي شورعات تائين ٻاهر اچي ويندو. هن تي داخل مک ڪيس ”مڊنائٽ جيڪال“ هو، جنهن مان سپريم ڪورٽ سندس ضمانت منظور ڪري ڇڏي آهي، باقي مٿس 2 ڪيس آهن. شيخ رشيد ۽ شهباز شريف کي جهڙي طرح جيل ۾ آزادي جي بشارت ملي هئي ۽ هو ان بشارت موجب مقرر مدت دوران ئي آزاد ٿي آيا هئا، اهڙي طرح برگيڊيئر امتياز کي به بشارت ملي چڪي آهي، جيتوڻيڪ نواز شريف پنهنجي هن پراڻي محسن سان جيل وڃڻ بعد گهڻو ڪو نه نڀايو آهي، پر برگيڊيئر امتياز، نواز شريف سان وري به نڀائيندو، ڇو ته هن وٽ متبادل ناهي. مسلم ليگ جي ”اپرچيمبر“ وارو ڪردار ادا ڪندڙ، امتياز سان افغان جنگ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪندڙ، ميجر عامر به نه نڀايو. جيتوڻيڪ هن ”مڊنائيٽ جيڪال“ آپريشن ۾ سيڪنڊ هيرو جو رول ادا ڪيو هو.
    ميجر عامر، جنهن کي موجوده دشمنن جي دوست ۽ دوستن جي دشمن حڪومت عرفان مروت وانگر سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به معاف ڪري ڇڏيو آهي، سو اڄڪلهه هن ناهموار پٿريلي زمين تي اڏيل بي وفا ماڻهن جي شهر اسلام آباد ۾ کلي عام گهمي رهيو آهي. هو رات جو ڪڏهن ڪڏهن بليو ايريا ۾ جهانگير هوٽل تي بالٽي گوشت به کائڻ ايندو آهي. آفتاب شيرپائو جي معرفت سڀ گناهه معاف ڪرائيندڙ ميجر عامر مختلف اخبارن ۾ ڪالم ۽ مضمون پڻ لکي رهيو آهي. ان ڳالهه جو وڏو امڪان آهي ته برگيڊيئر امتياز جيئن ئي ٻاهر ايندو، ته ميجر عامر وري ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ساڳئي طرح مڊنائيٽ جيڪال فلم جو پارٽ ٽو مڪمل ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو. هن فلم جو ٻيو ۽ آخري حصو مڪمل ڪرائڻ لاءِ فلم جي هدايتڪارن ۽ پروڊيوسرن سمورا انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آهن، صرف شوٽنگ رهيل آهي. شايد تڏهن ئي نواز شريف نجي محفلن ۾ چئي رهيو آهي ته ڊسمبر 96 ع تائين جيڪڏهن موجوده حڪمران گهر ڀيڙا نه ٿيا، ته ايئن سمجهجو ته مون ۾ ليڊر شپ ڪوالٽي ناهي.
    1994ع جي آخر ۾ جڏهن شهباز شريف کي مضبوط حلقن پاران اقتدار ۾ پهچائڻ جي آڇ ٿي هئي ته هن انڪار ڪيو هو، جنهن سبب اعجاز الحق اڃا تائين ساڻن ڪاوڙيل آهي. 1995ع ۾ جڏهن نواز شريف کي چيو ويو ته تون هڪ سال لاءِ عبوري وزيراعظم جو دور، قبر ۾ لڙڪيل پيرن واري جهوني جمهوريتي ڪارڪن کي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي، ته 96ع ۾ اليڪشن ڪرائي اقتدار توکي ڏينداسين، ته ميان صاحب به ڳالهه نه مڃي هئي. شايد ٻنهي ڀائرن اهو فيصلو ”ماسٽر مائينڊيڊ“ برگيڊيئر امتياز جي مشوري تي ڪيو هو.
    هن وقت برگيڊيئر امتياز خلاف داخل ڪيسن جي ضمانت جنهن تيزي سان ٿي رهي آهي، ان تيزي سان ڪيس ٺاهيندڙ نصير الله بابر جو ڪراڙو ڪمپيوٽر وارو دماغ ڪم نه پيو ڪري. شايد بابر واري دماغي ڪمپيوٽر تي ٻاهرئين دٻاءَ واري وائرس سبب ”ڊسڪ“ خراب ٿي وئي آهي.
    گادي واري شهر ۾ ڪافي عرصي کان هن گرمين واري مند ۾ به سراسري طور هر ٻئي ڏينهن مينهن وسڻ ۽ جهڙالي جهان سبب، رات ايڏي ته ٺري ٿي، جو نه چاهيندي به سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ چڱن ڀلن جا ايمان خراب ٿي وڃن ٿا. اهو ئي سبب هو جو گذريل مهيني قومي اسيمبلي جي فيصل آباد مان چونڊيل ايم اين اي جي گورنمينٽ هاسٽل واري ڪمري ۾ رات جو هڙاپا جي ناچڻين وارين مورتين وانگر، جاندار جسم واريون نوجوان نينگريون پيرن ۾ ڇير ٻڌي، طبلي جي تال ۽ سرندي جي سريلن سرن وارين تارن وانگر، ڪاريهر نانگ جيان ڪر کڻي محفل سجائيندڙ جون دليون موهي رهيون هيون. مجري جي هن محفل جو 2 هفتا اڳ جماعت اسلامي جي ته مَسهو (نه سهڻ وارا) ميمبرن قومي اسيلي ۾ به ذڪر ڇيڙي گهڻن شريفن کي شرمندو ڪيو. جماعت اسلامي جي انتها پسندن ته قومي اسيمبلي ۾ اهو به الزام هنيو هو ته پ پ وارا رات جو ايم اين اي هاسٽلن ۾ شراب ۽ شباب جون محفلون سجائين ٿا، هنن کي شرم اچڻ گهرجي. پ پ دور ۾ ٽي وي تي به فحاشي ۽ عريانيت ڦهلائڻ جا الزام هڻندي جماعتي جهونن خوب دل جو اوٻر ڪڍيو هو. جيتوڻيڪ خالد کرل سينو تاڻي اسيمبلي جي ايوان ۾ چيو هو ته ”اسان جا ڀائر ٽي وي تي الزام ٿا هڻن، پر ڇا اڄڪلهه عورتون وڏن پانئچن واريون شلوارون مهري کان مٿي ڪري شهر ۾ ڪو نه پيون هلن، اهي عورتون مخالف ڌر ۽ اسان جون مائرون ۽ ڀينرون آهن، پر فيشن ڪن ٿيون، هر ڪنهن کي لبرٽي آهي. ڇا ان مهل پوري دنيا جا مرد اکيون ٻوٽي ٿا هلن؟“ خالد کرل جي جواب جيتوڻيڪ مخالف ڌر جي مسلم ليگي ميمبرن کي ته ماٺ ڪرائي ڇڏيو، پر جماعت وارا آخر تائين گوڙ ڪندا رهيا هئا. عين ان وقت مهاجرن جي گهڻي آبادي واري سنڌ جي تعلقي سان تعلق رکندڙ مرتضيٰ ڀٽو جو مخالف، پ پ پ ايم اين اي ڪنڌ هيٺ ڪيو ويٺو هو، ڇو ته هن کي ڊپ هو ته متان سندس پگهار واري چيڪ جي ڳالهه ڇڙي پئي. ڇو ته ڪجهه وقت اڳ ۾ ان ايم اين اي جي هڪ دوست رات جي سرور ۽ مخمور مهل وقت سندس کيسي مان چيڪ ڪڍي ورتو هو. ننڍي قد واري هن ايم اين اي جنهن کي سدائين غرور وچان ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جي عادت آهي ۽ ڪيترائي دفعا ڏاڪڻ لهڻ ۽ چڙهڻ مهل مٿي ڪنڌ ڪري هلڻ سبب ڪري به پيو آهي، تنهن صبح جو سامان سڀنالڻ کان پوءِ ڪراڙي ديوان کي 9 هزار ڏئي ان دوست ڏانهن موڪليو ۽ چيڪ واپس گهرايو هو. هن کي ڊپ هو ته متان جماعت وارا سرڦريا سونهاري وارا ميمبر اها ڳالهه ايوان ۾ ڪري ڀنڀور کي باهه ڏئي ڇڏين. پ پ ميمبر دعا ڪن. اسپيڪر يوسف رضا گيلاني کي، جنهن مجري جو موضوع ٽاري ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان مهل خواجا آصف ۽ مظفر هاشمي اسپيڪر کي پڪ ڪرائي هئي ته اسان کي ڪجهه وقت ڏيو، واعدو آهي تنهنجي ڳالهه نه ڇيڙينداسين پر اسپيڪر ڊپ ۽ خوف واري هلڪي مسڪراهٽ سان اجازت نه ڏني هئي، شايد کيس هنن آڙيڪاپ ميمبرن تي ڀروسو نه هو.
    قومي اسيمبلي ۾ ايڏي گوڙ جي باوجود به اڃا تائين انهن محفلن جو سلسلو جاري آهي. گذريل هفتي جي آخري رات سنڌ جي هفت زبان صوفي شاعر واري نگري جي ايم اين اي لعل قلندر شهباز هاسٽل (فيڊرل لاج 2) واري پنهنجي ڪمري تي محفل سجائي ”دعوت يار“ ڪئي. بدنامي جي خوف جي باوجود جڏهن دل ”منظور“ ڪيو، ته پوءِ ڪهڙي دير آهي! محفل بابت وزيراعظم کي موڪليل هڪ ڳجهي ايجنسي چيو آهي ته هن مجري ۾ ايم اين ايز کانسواءِ وزير به هئا. رپورٽ مطابق هن محفل ۾ سنڌ مان آيل هڪ وزير به شريڪ هو، جنهن جو تعلق ملير سان آهي. اهو ملير مارئي وارو نه، پر زيتونن وارن باغن سبب شهرت رکندڙ ڪراچي وارو ملير آهي. ان ۾ ڪهڙي ”حڪيم“ جي حڪمت رکيل هئي، خدا ٿو ڄاڻي پر پنهنجي پر ۾ محفل واهه جي هئي. محفل ۾ شريڪ ماڻهن ڏيڍ سال کان وزارت جي آس ۾ ويٺلن پنهنجي ميزبان کي دل سان خدمت ڪرڻ تي داد ڏنو هجي الائي نه، پر اسين کيس مخصوص ۽ محبوب محفل سجائڻ تي مبارڪ ڏيون ٿا. ڇو ته هي جمهوري راڄ آهي، هر هڪ کي سڀ ڪجهه چوڻ، لکڻ ۽ ڪرڻ جي اخلاق جي حد تائين اجازت آهي. اسيمبلي ميمبر جو ته وري پنهنجو استحقاق به آهي، ان ڪري هنن لاءِ سڀ ڪجهه جائز آهي.
    (30 مئي 1996ع)


    بجيٽ جي هوا، موسم جو رخ به بدلائي سگهي ٿي!

    بجيٽ جي هوا، موسم جو رخ به بدلائي سگهي ٿي!

    96-7-9 تي بجيٽ خير سان پيش ٿي چڪي آهي. 5 کرب 20 ڪروڙ رپين جي ڪل بجيٽ ۾ خرچ به ان رقم جيترا آهن. جڏهن ته حڪومت جي ڪل آمدني 439.2 ارب رپيا ڏيکاريل آهي. آمدني ۾ پهريون دفعو وفاقي پروگرامس لاءِ صوبن کي خود رقم جو بندوبست ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين صوبائي خودمختياري ۾ مداخلت جي زمري ۾ پڻ اچي ٿو. ڪل وفاقي حڪومت جي 439.2 ارب رپين جي وسيلن ۾ صرف 280 ارب خالص وفاقي آمدني آهي، جنهن ۾ نيٽ ڪيپٽل Recipt 26.1 ارب جيڪڏهن ملائبا ته مجموعي طور وفاقي آمدني 306.1 ارب رپيا ٿئي ٿي. باقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ لاءِ 14 ارب صوبن کان ورتا ويا آهن ۽ ساڳئي پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف جي هدايتن جي خلاف ورزي ڪندي 14 ارب رپيا نجڪاري فنڊ مان رکيا ويا آهن. جڏهن ته آءِ ايم ايف جو سخت دٻاءُ هو ته نجڪاري فنڊ جي رقم صرف ۽ صرف قرض ۽ وياج ڀرڻ لاءِ استعمال ڪيو. هن سال 102.9 ارب پرڏيهي قرض ورتو ويندو ۽ نيشنل ڊرينيج پروگرام لاءِ سنڌ ۽ پنجاب کان 2.2 ارب رپيا وٺي بجيٽ پوري ڪئي ويندي. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ جي باوجود به خرچ پورا ڪرڻ لاءِ 61 ارب رپين جي وڌيڪ ضرورت آهي جنهن مان 41 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن ۽ 20 ارب رپيا وڌيڪ مقامي بئنڪن کان قرض وٺي ڪم هلايو ويندو.
    مٿين انگن اکرن واري بجيٽ کي نوازشريف رد ڪري چڪو آهي ۽ ان بجيٽ کي رد ڪرڻ وارو ٻيو شخص الياس بلور آهي، جيڪو فيڊريشن آف چيمبرز آف ڪامرس جو صدر آهي. مسلم ليگ وارا هن بجيٽ خلاف روڊن تي اچڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ چيمبر آف ڪامرس جي مختلف عهديدارن، واپارين جي تنظيمن ۽ ڪلارڪن جي تنظيم کان سواءِ ليبر يونين سان به رابطا شروع ڪيا آهن. ليگي حلقن موجب جولاءِ کان مسلم ليگ ”روڊ شو“ شروع ڪندي. سرتاج عزيز جو چوڻ آهي ته ”حڪومت 2 سيڪڙو ترقياتي خرچ گهٽائي ڇڏيا آهن. غير ترقياتي خرچ ۽ حڪمرانن جي عياشين جا خرچ بدستور وڌي رهيا آهن. ملڪ جي تاريخ ۾ موجوده حڪمرانن ٻن سالن ۾ جيترا ٽيڪس لڳايا آهن، ايترا گذريل 15 سالن ۾ به نه لڳا آهن.
    اها پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به هڪ ئي مهل 41 ارب رپين جا ٽيڪس نه لڳا آهن. هن دفعي جنرل سيلز ٽيڪس جيڪو کاڌي پيتي جي 5 شين کانسواءِ هر شيءِ تي لڳايو ويو آهي، تنهن سان مهانگائي اڃان وڌي ويندي. دوائون خاص ڪري جيڪي روزمره ۽ عام استعمال جون آهن انهن جا اگهه بجيٽ کان اڳ ئي 30 سيڪڙو وڌي ويا هئا، جڏهن ته هاڻي بجيٽ ۾ 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳڻ سبب دوائون اڃان مهانگيون ٿينديون. زرعي شعبو جيڪو گذريل ڪجهه سالن کان گهٽ منافعي سبب زوال پذير آهي، تنهن تي زرعي ٽيڪس 250 رپيا في پيداواري يونٽ مان وڌائي 400 رپيا ڪيو ويو آهي. فرٽيلائيزر ۽ زرعي دوائن تي به 5 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳو آهي. ڇا ان سان هي شعبو وڌيڪ مضبوط ٿيندو؟ ان جو اصل جواب ته 6 مهينن کان پوءِ ملندو، جڏهن ڪپهه جو فصل لهندو.
    صنعتي شعبي سان گڏوگڏ زرعي شعبو به ساڳيءَ طرح متاثر ٿيو آهي. صنعتڪارن وٽ وسيلا آهن، جنهن سبب هو ڀرپور نموني احتجاج ڪري سگهن ٿا پر آبادگار جن کي اڳ ئي پيداوار جو مناسب اگهه نٿو ملي ۽ مٿان وري فصل پوکڻ لاءِ ڪتب ايندڙ شين تي ٽيڪس وڌي رهيو آهي، تنهنڪري امڪان آهي ته هن شعبي تي تمام گهڻا منفي اثر پوندا. هلندڙ ڏهاڪي جو اڀياس ڪبو ته زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن جو 20 کان 30 سيڪڙو انگ هن شعبي مان هٿ ڪڍي يا ته ننڍي سطح تي دڪانداري ڪرڻ لڳو آهي يا وري ملازمت ڏانهن آيو آهي، جنهن سبب زرعي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ مين پاور ۾ ڪافي گهٽتائي آئي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته ايندڙ 5 کان 10 سالن تائين زرعي شعبو سخت مشڪلاتن جو شڪار ٿي ويندو.
    جيتوڻيڪ حڪومت انهن انگن اکرن ۽ صورتحال کان واقف پڻ آهي پر پوءِ به سڄي معاملي کي ڪئمو فلاج ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. هن ملڪ ۾ ڊگهي مارشل لا کانپوءِ 3 چونڊيل حڪومتن کي مدت پوري ڪرڻ نه ڏني وئي آهي، جنهن سبب چونڊيل حڪومت جي سراسري عمر اڍائي کان 3 سال مس پئي رهي آهي. اها عمر موجوده چونڊيل پي ڊي ايف جي حڪومت پوري ڪري چڪي آهي ۽ بقول ظفرالله جمالي ۽ شيخ رشيد جي ته ”هيءَ حڪومت هاڻي بونس تي هلي رهي آهي ۽ ڪنهن به مهل پي پي حڪمران فرانس ۽ سري (لنڊن) ۾ خريد ڪيل شاهي محلاتن ڏانهن شفٽ ٿي ويندا.“ حڪومت مخالف سياسي پنڊتن جي انهن پيشن گوئين کي حڪومتي حلقا جيتوڻيڪ ڪالهه تائين ڪا اهميت نه ڏئي رهيا هئا پر اڄ ان ڳالهه کي ايڏي بي رخيءَ سان نظر انداز نه پيو ڪيو وڃي.
    آزاد ڪشمير ۾ عام چونڊون 30 جون تي ٿي رهيون آهن. جيتوڻيڪ چونڊ مهم محرم جي ماتم کان پوءِ شروع ٿي وئي هئي پر اڄڪلهه ان ۾ تيزي اچي وئي آهي. ڪشميري سياست جي چيمپئن ۽ سدائين صدر يا وزيراعظم جي عهدي تي رهندڙ ۽ رهڻ جا خواب ڏسندڙ سردار عبدالقيوم صدارتي چونڊن ۾ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي کي پهرين ملهه ماري ويو آهي ۽ امڪان آهي ته عام چونڊن ۾ به ڪامياب ٿي ٻي ملهه به ماريندو. جڏهن صدارتي چونڊ نئين اسيمبلي بدران موجود اسيمبلي کان ڪرائڻ جي تياري ڪئي وئي هئي ته پاڪستان حڪومت ڪشمير اسيمبلي ٽوڙڻ جي رٿا جوڙي هئي. ان بعد ايوان صدر ۾ ٽرائڪا جي اجلاس ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت پنهنجي راءِ ڏيندي چيو هو ته اهڙو ڪو به قدم نه کنيو وڃي جنهن سان ڪشمير ۾ پاڪستان جي مداخلت جو تاثر ملي. ڇو ته ڀارت ان معاملي تي پوري دنيا ۾ واويلا ڪندو.
    اڄڪلهه حڪومتي ڌر جا خاص خاص وزير ۽ چئني صوبن جا پ پ اڳواڻ جيڪي ڀليون تقريرون ڪرڻ لاءِ مشهور آهن. تن جي ڊيوٽي لڳي آهي ته هو آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ مهم هلائين. سائين خورشيد شاهه ۽ خالد کرل ته ڪشمير جا ريگيولر وزيٽر آهن، گهڻي ڀاڱي ته ڪشميري زبان به سکي ويا هوندا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو گذريل سال اترين علائقن جي ڪائونسل جي چونڊ مهم ۾ ڀليون تقريرون ڪندڙ مولابخش چانڊيو ۽ نثار هاليپوٽو جي ڊيوٽي پڻ لڳائي آهي. اهڙا ڪارڪن پيپلزپارٽي کي نعرا هڻڻ ۽ سٺيون جذباتي تقريرون ڪرڻ لاءِ ته گهرجن ٿا پر حڪومت هلائڻ لاءِ پيپلزپارٽي هميشه وي اي جعفري، اجلال حيدر زيدي ۽ حسين حقاني جهڙن ماڻهن تي انحصار ڪيو آهي، جيڪي وجهه وٺي کيس نه صرف ڏنگ هڻي وڃن ٿا پر ساڻس همدردي به ڪن ٿا. قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جو به حشر حڪمرانن وٽ سنڌي اخبارن جهڙو آهي. حڪمرانن جو خيال ۽ چوڻ آهي ته سنڌي اخبارن ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن جو سهڪار ۽ تعاون چونڊ کٽڻ جي حد تائين انتهائي اهم آهي، پر اڳتي وڌڻ ۽ اقتدار جي سيج ماڻڻ تائين انگريزي ۽ اردو پريس سان گڏ بيورو ڪريٽن ۽ ٻين اهم ادارن جي حمايت گهرجي پر جڏهن اٺين ترميم پنهنجو ڪرشمو ڏيکاريندي آهي، ته اسان جي حڪمرانن ۾ هڪ معجزاتي تبديلي رونما ٿيندي نظر ايندي آهي، پوءِ کين سنڌي پريس جي به جمهوريت لاءِ ويڙهه ياد پوندي آهي ۽ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن کي ٻٽا ٻٽا ڀاڪر پائڻ ياد ايندا آهن. هاڻ وري ڪارڪنن جي ڪلهن جي لوڏ ٻڌائي ٿي ته انهن کي پنهنجن اڳواڻن جا قسمتي ڀاڪر نصيب ٿيڻ وارا آهن، جو هوا جي رخ ۾ تبديلي محسوس ڪئي پئي وڃي.
    (17 جون 1996ع)


    بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳي جا رسڻ ۽ پرچڻ

    بجيٽ پاس ٿيڻ کان اڳي جا رسڻ ۽ پرچڻ

    ميان نواز شريف اهو پهريون شخص آهي، جنهن 96-95ع جي بجيٽ وانگر 96-97ع جي بجيٽ پيش ٿيڻ بعد سڀ کان اڳ ۾ مخالفت ڪندي، بجيٽ کي ظالم قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي. فرق اهو هو ته گذريل سال هن بجيٽ کي قاتل قرار ڏنو هو ۽ هن سال ظالم. هن دفعي جيتوڻيڪ ميان صاحب 23 جون تي بجيٽ خلاف ملڪي سطح تي هڙتال جو سڏ ڏنو آهي، پر کانئس اڳ ئي جماعت اسلامي بجيٽ خلاف 24 جون ۽ فضل الرحمان 28 جون تي ملڪي سطح تي احتجاج جو سڏ ڏئي چڪا آهن.
    مسلم ليگي سربراهه جماعت اسلامي جي احتجاج واري تاريخ کان هڪ ڏينهن اڳ احتجاج جو اعلان ڪري جماعت وارن جي پروگرام کي ايئن سبوتاز ڪيو آهي، جهڙي طرح ڪالاباغ ڊيم ۽ بهارين جي آباد ڪاري خلاف شايد 92ع ۾ ڄام ساقي جي لانگ مارچ کي سبوتاز ڪرڻ لاءِ رسول بخش پليجو هن کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو هو. ڄام ساقي ته اوٻاوڙي کان لانگ مارچ ڪيو هو، پر پليجي صاحب شارٽ ڪٽ ڪري سکر کان ئي ڪم شروع ڪيو هو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڄام جنهن مهل ڪراچي پهتو هو ته سندس پير سڄيل هئا ۽ پيرن ۾ لڦون پڻ هئس، پر پليجو صاحب گهڻو ڪري شاهراهه فيصل تي پنهنجي پانڌين سان گڏجي پريس ڪلب پهتو هو. پليجي صاحب کان ان مهل 3 سوال پڇيا ويا هئا. 1- اوهان ڄام کان هڪ ڏينهن اڳ لانگ مارچ شارٽ ڪٽ هڻي ڇو شروع ڪيو؟ 2- اوهان پاڻ گهڻا ڏينهن پنڌ ڪيو ۽ ٽيون سوال به لڳ ڀڳ اهڙو ئي هو ته انهن ٽنهي سوالن جي جواب ۾ پليجو صاحب نوڪمينٽ چيو هو.
    مولانا فضل الرحمان جنهن کي راولپنڊي ۽ لاهور جون اخبارون ڪجهه وقت اڳ ”پرمٽ رحمان“ به لکنديون هيون، ان پاران هن دفعي بجيٽ واري مسئلي تي حڪومت سان اختلاف جو اعلان ڪرڻ واري تمام وڏي خبر کي اخبارن لفٽ ان ڪري نه ڪرائي آهي، جو هو وقفي سان اهڙا اعلان اڳ ۾ به ڪندو رهيو آهي.
    مولانا صاحب جيڪو ٿورن ڏينهن ۾ حڪومت پاران رابطو ڪرڻ تي ٺهي ويندو هو، اهو هن دفعي پڙ ڪڍي بيٺو آهي. ايتري قدر جو آصف زرداري کي به جواب ڏيئي ڇڏيو اٿائين. مدرسن مان اسلام جي اعليٰ تعليم وٺندڙ فضل الرحمان صاحب، جيڪو اتفاق سان قومي اسيمبلي جي پرڏيهي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جو سربراهه پڻ آهي. اهو تازو ڪافي يورپي ملڪن جا دورا ڪري موٽيو آهي ۽ خير سان سندس خرچن جو تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش به ٿي چڪو آهي. تنهن ۾ ”اڻ ٻڌايل خرچ“ جي مد ۾ به ڪجهه رقم آهي. جيڪڏهن حڪمرانن مولانا جو لحاظ ڪندي سميع الحق واري ڪار نه ڪئي ته به افغانستان ڏانهن سوشل ويلفيئر (نان رجسٽرڊ) تنظيمن جي نالي تي کاڌي پيتي، ڊيزل ۽ گاسليٽ موڪلڻ وارين پرمٽن جو فائيل به ڳرو آهي. مولانا فضل الرحمان پاران حڪومت تي ڀرپور تنقيد ڪرڻ بابت سندس پارٽي جي هڪ پارليامينٽ ميمبر ٻڌايو ته ”هاڻي مولانا کي پڪ ٿي وئي آهي ته پاڻ واري سنگت گهڻو وقت اقتدار جي گهوڙي تي سوار نه رهندي.“ تڏهن ئي هن سنجهي سان ٽپڙ ويڙهيا آهن، بهرحال جيڪو ٿيندو جلد خبر پئجي ويندي.
    بجيٽ خلاف هن دفعي مسلم ليگ (ن) جو اندازو وري به ساڳيو آهي، جيڪو 96-95ع دوران هو، پر پراڻي تجربي جي بنياد تي هن دفعي فيصلا سوچي سمجهي ڪيا پيا وڃن. هنن جو قدرتي ڀلو اهو به ٿيو آهي، جو نصير الله بابر اڳوڻي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جنرل اسد دراني پاران مهراڻ بئنڪ مان ورتل 14 ڪروڙ، جيڪي هن اسلم بيگ جي صلاح سان خرچ ڪيا هئا، ان رقم مان جنرل جي بقول ته هن جتوئي صاحب کي 50 لک رپيا ڏنا هئا ۽ مزاري کي به خرچي ڪرائي هئي. اها ڳالهه نصير الله بابر قومي اسيمبلي ۾ ڇيڙي ٻنهي اڳوڻن وزيراعظمن ۽ ڪراڙن شينهن کي رنجايو آهي. اهي ٻئي به هن وقت حڪومت تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهن. ٻن هفتن کان پوءِ وضاحت ڪرڻ بعد ٻنهي ڪراڙن شينهن قومي اسيمبلي ۾ پنهنجي ڪاوڙ ماريندي نواز شريف جي احتسابي عدالتي ڪميشن جي حمايت ڪري، نواز شريف کي گرين سگنل ڏئي ڇڏيو آهي. اهي ڪراڙا به مسلم ليگ جا آزمايل آهن. تحريڪ نجات دوران نواز شريف کي ڪوٺي تي چاڙهي ڏاڪڻ کسڪائڻ وارا هي جهونا اڃا تائين ياد آهن، پر پوءِ به حڪومت مخالف هئڻ جي صورت ۾، نواز شريف مصلحت کان ڪم وٺندي کين گڏ کڻي هلندو.
    ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته 97-96ع جي بجيٽ سخت آهي. زراعت تي لڳايل ٽيڪس واري فيصلي سان آءِ ايم ايف وارا ته خوش ٿيا آهن، پر مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي رڌڻي ۾ رولو آهي. نواز ليگ جنهن ۾ واضح طور صنعتڪارن ۽ جاگيردارن جا گروپ آهن، اهي هن وقت منظر عام تي تيزيءَ سان آيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ تقريرن دوران صنعتڪار زرعي ٽيڪس جو ذڪر ئي نٿا ڪن ۽ زميندار وري زرعي ٽيڪس کانسواءِ ٻئي ڪنهن مسئلي تي نٿا ڳالهائين. جاگيردارن جي اڪثريتي جماعت پيپلزپارٽي ۾ پڻ اختلاف راءِ چٽا ٿي اڀريا آهن. في الحال ته اهي بند اجلاس تائين محدود آهن، پر صورتحال مان لڳي ٿو ته اهي جاگيردار زرعي ٽئڪس ۾ ٻيڻ تي اضافي وارو فيصلو هضم نه ڪري سگهندا ۽ اوٻر ضرور ٻاهر ڪڍندا.
    مخالف ڌر وارن کي حڪومت داءُ ڀلو ڏنو آهي، جيڪڏهن هي داءُ به کانئن هليو ويو ته پوءِ وٽن اخلاقي طور رضاڪارانه استعيفائون ڏئي، ڪو ٻيو ڌنڌو سنڀالڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه بچندو. هن دفعي تڏهن ئي مسلم ليگ جا ميمبر خوش آهن ۽ چون پيا ته آڪٽوبر 96ع ۾ ”گل مڪ جا سي“. مسلم ليگ وارا اهڙيون خواهشون ته سالن کان دل ۾ سانڍي ويٺا آهن، پر خواهشن جي تڪميل لاءِ جاني ۽ مالي قربانيون ڏيڻ کان ڪيٻائيندا رهيا آهن. ڪجهه ميمبرن نه چاهيندي به استعيفا ڏيڻ جو نواز شريف سان قسم تي واعدو ڪيو آهي ۽ گرفتاريون ڏيڻ لاءِ به پڪ ڪرائي آهي. دلين جا حال خدا ٿو ڄاڻي، ايمان مهمان آهي. نواز کوکر ۽ زهير اڪرم نديم جا مثال موجود آهن، جيڪي لوٽا ٿيڻ کان صرف چند ڏينهن اڳ به مسلم ليگ جي احتجاجن ۾ ايڏي ته ولولي ۽ جذبي سان ايندا هئا جو نواز شريف کي به ڪڏهن ڪڏهن شڪ ٿيندو هو ته ٻيا سڀ هليا به ويا، ته به هي نه ويندا.
    بقول مسلم ليگي ڦڙتيلي اڌ سفيد مٿي واري ايم اين اي جي ته جڏهن مريءَ واري نواز شريف جي زال کي تحفي ۾ مليل بنگلي ۾ ڪجهه مهينا اڳ ملاقات دوران آمريڪي سفارتڪار رابن رافيل چيو هو ته 97ع ۾ اليڪشن ٿيندي، ان جي باوجود نواز شريف جيڪڏهن تڪڙ ڪئي آهي ته اها به ڪنهن پڪي آسري کانسواءِ نه هوندي، ڇو ته گذريل سال وارو تاريخي تجربو اسان جي سامهون آهي.
    ڪجهه وقت اڳ هن ئي ڪالم ۾ اوهان پڙهيو هو ته محلاتي سازشون شروع ٿيڻ جي بوءِ اچي رهي آهي. اها خفيه چرپر هاڻي آهستي آهستي وسيع ٿيندي منظر عام تي اچي رهي آهي. ڇو ته جتوئي ، جمالي ۽ مزاري به پڙ ۾ آيا آهن. چٺو به نه چاهڻ جي باوجود، دونهو دکائي رهيو آهي، باقي نصرالله کي پراڻن احسانن جي بدلي سان وٽو به چنبڙيو پيو آهي. مولانا فضل الرحمان به رومال ڪلهي تي رکي ميدان ۾ اچي چڪو آهي. ارباب غلام رحيم سميت کوڙ سارا همراهه جتوئي ۽ مزاري سان ملي کين آسرا ڏئي چڪا آهن. جولاءِ ۾ ڀڀڙ ڀڙڪڻ وارو آهي، ڇو ته سرڪار هر حالت ۾ 500.2 ارب رپين جي خرچ واري بجيٽ جون 29 کان اڳ پاس ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ مخالف ڌر پاران خرچن ۾ ڪٽوتي ۽ جمع ڪرايل 700 رٿون ڪيون وينديون. حڪمران ڌر پنهنجي ميمبرن کي اڄڪلهه ناشتو، مانجهاندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن رات جي ماني به روزانو کارائي رهي آهي. وزيراعظم روزانو 10 کان 15 ايم اين ايز سان ملاقاتون ڪري، سندن ڪمن ڪارين جون لسٽون وٺي، کين هر وقت اجلاس ۾ موجود رهڻ جون هدايتون ڪري، کلي کيڪاري پڻ رهي آهي. باقي 29 جون گذرڻ ڏيو، پوءِ وري انهن ايم اين ايز جا ملاقات لاءِ ساڳيا پنڌ هوندا.
    (22 جون 1996ع)


    اقتدار واري ٻيڙيءَ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيو آهي؟

    اقتدار واري ٻيڙيءَ ۾ ڪيترو پاڻي داخل ٿيو آهي؟

    اڄڪلهه عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ سخت گرما گرمي هلي رهي آهي. حڪومت وٽ عدليا خلاف ڳالهائڻ لاءِ فورم حد کان وڌيڪ آهن ۽ وزيراعظم کان وٺي غضنفر گل تائين هنن کي عدليا خلاف ڳالهايل هر لفظ عوام تائين پهچائڻ لاءِ ٽي وي، ريڊيو ۽ پرنٽ ميڊيا جي سهولت آهي. هن وقت عدليا جو هر اهو فيصلو، جيڪو سچ ۽ انصاف جي تقاضا موجب آهي ته به حڪمران ڌر ان جي مخالفت ڪري رهي آهي. جڏهن پنجاب ۾ 26 هزار مڪاني ادارا بحال ڪري هڪ لک 30 هزار چونڊيل نمائندن کي بحال ڪيو ويو ته پنجاب اسيمبلي قانون سازي واري حق جو استعمال ڪندي اهڙو قانون پاس ڪيو، جنهن عدالتي فيصلي کي بي اثر ڪري ڇڏيو.
    وزيراعظم بيان ڏنو ته عدليا لالچ ۾ اچي وئي آهي ۽ هڪ مخصوص سياسي گروپ هٿان استعمال ٿي رهي آهي. مٿان چيف جسٽس سجاد شاهه وضاحت ڪندي چيو ته اهو الزام غلط آهي. هن اڻ سڌي طرح اها اپيل به ڪئي آهي ته عدليا وانگر پارليامينٽ کي پڻ پنهنجي آزادي ۽ بالادستيءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف ۽ افتخار گيلاني عدليا جو وقار بلند ڪرڻ لاءِ چند جملا چئي پنهنجو پاڻ آجو ڪرائي ويا آهن.
    وزيراعظم ته ٺهيو، پر غضنفر گل جهڙو ايم اين اي پڻ ججن ۽ عدليا جي اداري کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۾ سڀني کي گوءِ ماريو بيٺو آهي. مذهبي وزارت جي لالچ ۾ بقول چوڌري نثار ته هي ڊسڪو مولوي ايترو ته اڳتي نڪري ويو آهي، جو هاڻي سياسي ۽ صحافتي حلقا کيس مٿي ڦريل قرار ڏئي رهيا آهن. چوڌري نثار چيو ته منهنجو والد ۽ غضنفر گل جو والد دوست هئا، پر مان گل سان هٿ ملائڻ پنهنجي توهين سمجهان ٿو. غضنفر گل ڀلي حڪومت کي خوش ڪري، پر چوڌري شجاعت ۽ پرويز الاهي وارا جن جو هي سياسي دشمن آهي انهن به ٺيڪ ٺاڪ انتظام ڪيو اٿس. اڌ اڇي ڏاڙهي واري هن مولانا تي جڏهن ڪيس ٺهيا ته ان مهل هن کي عدليا جي انصاف جي اهميت جو اندازو ٿيندو.
    وزيراعظم پاران 6 هفتن ۾ پنهنجي حڪومت ڊهڻ جو خدشو ظاهر ڪرڻ سندس اقتداري ٻيڙي ۾ پيل سوراخن جو ثبوت آهي، جن مان پاڻي اندر داخل ٿي رهيو آهي. حڪمران پنهنجا پير آلا محسوس ڪرڻ جي باوجود به پنهنجو پاڻ سان دوکو ڪندي دل کي دلاسا ٿا ڏين ته پگهر سبب آلاڻ ٿي آهي. بهرحال هنن جي اکين آڏو آيل اهو ڌنڌ به ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ صاف ٿي ويندو. عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ هلندڙ سرد جنگ ٻنهي ادارن لاءِ خطرناڪ آهي. هن باهه جا شعلا نه صرف حڪومت جو دامن ساڙيندا، پر ڪيترن ادارن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا. هڪ تاثر اهو به آهي ته وزراعظم بينظير ڀٽو، جيڪا ايشيا ۾ انتهائي ڄاڻو، ماهر ۽ هوشيار دماغ سياستدان هجڻ جي شهرت رکي ٿي، تنهن کي پنهنجي اقتدار جي ٻيڙي ٻڏڻ جو احساس ٿي ويو آهي.
    حالت اها آهي جو چيف جسٽس مسٽر سجاد علي شاهه کي مختلف هٿ اکرن ۽ مختلف نالن سان سنڌ جي مختلف ذاتين جي ماڻهن جي حوالي سان روزانو وڏي مقدار ۾ خط ملي رهيا آهن. خط لکندڙن ۽ لکرائيندڙن ڪاوڙ ۾ اهو به وساري ڇڏيو آهي ته اڪثر خطن ۾ شهر نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻو لکي ڇڏيو آهي. ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ سنڌ سميت ملڪ جي گهٽ مشهور شهرن مان ايندڙ خطن ۾ اخلاقي حدون اورانگهيل آهن. ميارن، مهڻن ۽ ڌمڪين ڀرين خطن جي خبر جڏهن اهم شخصيت ۽ ادارن کي پئي ته سندس حفاظتي انتظام ڪمانڊوز حوالي ڪيو ويو آهي. شايد اها خبر شاهه صاحب کي به نه هجي ته هن وقت سندس حياتي جي حفاظت خدائي فرشتن سان گڏ پاڪستان جي سرزمين جي طاقتور ۽ انتهائي باهوش ادارن جي فردن حوالي آهن. بهرحال هن وقت جيڪو رياست جي ٻن اهم ترين ادارن ۾ ڇڪتاڻ وارو ماحول آهي، اهو ختم ٿيڻ گهرجي ڇو ته اهو ئي ٻنهي جي بقا لاءِ بهتر آهي. خبر ناهي ته صدر فاروق لغاري ڇو خاموش آهي؟ هن پاران اها ڇڪتاڻ نه گهٽائڻ مان ته اهو پيو لڳي ته ڄڻ هو به هن معاملي کي ايئن هلڻ ڏيڻ چاهي ٿو؟
    تازو عمران خان راولپنڊي ۾ رات جو جلسو ڪرڻ بعد لنڊن روانو ٿي ويو آهي. جتي هو بال ٽيمپرنگ جي سلسلي ۾ داخل ڪيس جي سلسلي ۾ عدالت ۾ پيش ٿيندو ۽ پنهنجي وڏي سالي ازابيلا سان به ملندو. ازابيلا بابت لنڊن جي هڪ اخبار ۾ اها خبر شايع ٿي آهي ته هن پنهنجي نوجوان بواءِ فرينڊ کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نئين نوجوان جي ڳولا ۾ آهي. عمران خلاف اهڙين خبرن جو سهارو وٺي کيس بدنام ڪندڙ ٽيم خبر ناهي ڇو هن دفعي اها خبر شايع ڪرائڻ لاءِ محنت نه ڪئي آهي. ڪرپشن جو اشو کڻي سياست جي ميدان ۾ ٽپو ڏيندڙ عمران خان کان نواز ليگ وارا اهو اشو هاءِ جيڪ ڪري ويا آهن. نصيرالله بابر موجب قوم جا 6 ارب رپيا هضم ڪرڻ جي باوجود به سينو تاڻي جنهن نموني نواز شريف احتساب جي ڳالهه ڪري حڪمرانن کي گذريل 3 مهينن کان مٿي ۾ سور وڌو آهي. اهڙي طرح عمران خان حڪومت کي ڪجهه نه ڪيو آهي.
    عمران ۽ نواز شريف جي غلط ڪارين جا راز فاش ڪرڻ لاءِ ٺاهيل ٽيم کان هڪ ٻي خبر به سلپ ٿي وئي آهي. اها هيءَ ته ميانوالي جو ناصر نيازي جيڪو پي آءِ اي ۾ ايئرگارڊ هو، اهو هيروئن اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ پڪڙجي پيو هو، هن جي نوڪري هلي وئي ۽ گرفتار به ٿيو. ناصر نيازي، نواز ليگ جي گهڻ ڳالهائو ۽ عمران خان جي سوٽ انعام الله نيازي ايم پي اي جي معرفت نوڪري ورتي هئي ۽ هن جي ويجهو پڻ هو. اها خبر لڳي ٿو ته ڄاڻي واڻي ٽيم وارن مس ڪئي آهي. ڇو ته اڄڪلهه ڪرپشن جو هر قصو حڪومت جي ڳچيءَ ۾ فٽ ٿي وڃي ٿو، هنن کي به ڊپ هو ته متان ناصر نيازي جي هيروئن ڪيس ۾ ڪو سندن همراهه نه رڳڙجي وڃي. ٿي سگهي ٿو ته سرڪاري ٽيم پاران ان خبر مس ڪرڻ جو اهو سبب نه هجي ۽ ڪو ٻيو مقصد هجي، پر جيڪو ڪجهه به آهي، اها منفي پوائنٽ سندن مالڪن آڏو ضرور ليکي ويندي. هونئن به ميڊيا وارن لاءِ اڄڪلهه مصيبت ڀريا ڏينهن آهن. سيلز ٽيڪس مڙهجڻ خلاف اخبارن جا مالڪ پريشان آهن، ويج بورڊ تي عمل نه ٿيڻ ڪري ملازم پريشان آهن. حڪومت جي حق ۾ اخبارن کي مرضيءَ جو مواد فيڊ ڪرڻ ۾ سرڪاري ميڊيا ٽيم وارا ناڪام ٿيڻ تي پريشان آهن ۽ مشاهد حسين تي مختلف الزام هڻي کيس ڀڄائڻ کان پوءِ مسلم ليگ ميڊيا وارا به ڏچي ۾ آهن.
    اخبارن تي سيلز ٽيڪس مڙهجڻ وارو معاملو وڏين اخبارن لاءِ ته خير ڪو مسئلو ناهي، انهن جو ڀلو آهي، پر ڊمي ۽ گهر کان رسي اخبار ڪڍندڙ همراهن جي روزيءَ تي لت ضرور ايندي. ڇو ته سيلز ٽيڪس واري فيصلي سب اشتهارن جي آسري پلجندڙ ڊمي اخبارن جا پول کلي پوندا. اڄ هر سنڌي اخبار وارو دعويٰ پيو ڪري ته سرڪيوليشن ۾ ڪاوش نمبر ون آهي پر ٻئي نمبر تي اسان آهيون. انهن اخبارن جا مالڪ اڪثر ڪري 20 هزار کان گهٽ ته سرڪيوليشن ٻڌائيندا به ناهن. سڀاڻي جڏهن سيلز ٽيڪس اڳاڙڻ وارا ايندا ته ان اخبار جي مالڪ کان جنهن جي اخبار جون 1000 ڪاپيون شايع ٿين ٿيون ۽ ٻڌائي 20 هزار ٿو، 20 هزار ڪاپين جي حساب سان سيلز ٽيڪس ورتي ويندي. جيڪا اخبار حقيقت ۾ شايع 1000 ٿئي ٿي، ان جو مالڪ ڪٿان 2000 هزار جي سيلز ٽيڪس ڀريندو؟ جيڪڏهن هو اخبار جي سرڪيوليشن هڪ هزار ٻڌائيندو ۽ سيلز ٽيڪس به هڪ هزار جي حساب سان ڏيندو ته ان کي اخباري ڪاغذ ۽ اشتهار به هڪ هزار جي حساب سان ملندا. هن وقت اهي ڊمي اخبارون جيڪي اصل ۾ شايع 1000 ٿين ٿيون ۽ اشتهار 2000 هزار جي حساب سان وٺن ٿيون، انهن جا پول پڌرا ٿي پوندا. باقي جنگ، ڊان ۽ ڪاوش لاءِ ته ڪو به مسئلو ناهي. ڇو ته مختلف ٻولين واريون هي اخبارون پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جون وڏي ۾ وڏيون اخبارون آهن. اهو ئي سبب آهي ته سيلز ٽيڪس سبب ڊمي اخبارن جي انتظاميه پريشان آهي. صحافي ان ڪري پريشان آهن ته هنن کي پگهارون ويج بورڊ جي حساب سان نٿيون ملن. مون جهڙا کوڙ صحافي وري ان ڪري به پريشان آهن ته جيڪڏهن ويج بورڊ مليو ته پگهار وڌڻ بدران گهٽجي ويندي. سرڪاري ميڊيا وارا ان ڪري پريشان آهن، جو هو حڪومت جي حق ۾ ساڳيون ڳالهيون لکي لکي ٿڪجي پيا آهن. اشتهارن خاطر ڊمي اخبارون ته وڏي پئماني تي سندن مضمون شايع ڪن ٿيون، پر وڏيون اخبارون اجائي سرڪاري ساراهه جا ميراثين وارا مضمون ٽوڪرين ۾ رکڻ لاءِ به تيار ناهن. مسلم ليگ ميڊيا وارا مشاهد حسين کي مختلف الزام هڻي ڀڄائڻ کان پوءِ پريشان آهن. هڪ مسلم ليگ اڳواڻ چيو ته مشاهد کي ڀڄائڻ ۾ شيخ رشيد ۽ شهباز شريف جو وڏو هٿ آهي. هنن ٻنهي هن مسڪين جي روزيءَ تي لت ڏني آهي.
    بهرحال جيڪي به الزام مشاهد حسين تي لڳا، اهي سندس خدمتن جي بدلي معافي جوڳا هئا، ڇو ته الزام اهي به آهن، مسلم ليگ يا پيپلزپارٽي يا جماعت اسلامي سميت هر سياسي جماعت جي خاص اڳواڻ تائين اهو ڪهڙو ماڻهو آهي، جنهن مٿان اهڙا الزام ناهن لڳا؟ فرق اهو آهي ته مشاهد وچولي درجي جي خاندان جو هو، هن وٽ لينڊ ڪروزر ۽ پجارو نه هئي، جيڪڏهن هجيس ها ته سندس خلاف ڪو به آڱر نه کڻي ها. هڪ حوالي سان اهو صحافي برادريءَ لاءِ هڪ قسم جو تاريخي مثال آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته سياستدان صرف ۽ صرف پنهنجي مفاد تائين صحافين جي مدد حاصل ڪن ٿا. مطلب نڪرڻ کان پوءِ هو ڊسپوز ايبل شيءِ وانگر ڦٽو ڪري ڇڏين ٿا. مشاهد حسين جنهن مسلم اخبار جي ايڊيٽر شپ ڇڏي، واشنگٽن پوسٽ سميت دنيا جي مختلف اخبارن ۾ مضمون لکي هر مهيني ڏيڍ لک ڪمائڻ وارو عزت ڀريو روزگار ڇڏيو، ان کي به مسلم ليگ وارن ڪڍي ڇڏيو. ”شايد نواز شريف تقرير ڪرڻ سکي ويو آهي.“!
    (22 جولاءِ 1996ع)


    مخالف ڌر جي ملتوي ٿي ويل تحريڪ

    مخالف ڌر جي ملتوي ٿي ويل تحريڪ
    ۽ ميجر امتياز جي آزادي

    حڪومت هٽايو تحريڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ 6 آگسٽ تي لاهور ۾ مخالف ڌر جي 14 سياسي پارٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ گذريل اجلاس دوران جوڙيل ڪميٽي پاران ٽن صفحن تي مشتمل 14 نڪاتي سفارشن تي غور ڪرڻ بعد تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو. اپوزيشن جي سمورين جماعتن جي پهرئين سربراهي اجلاس ۾، جيڪو چوڌري شجاعت جي گهر ۾ ٿيو هو، تنهن۾ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي هئي، تنهن اها سفارش ڪئي هئي ته صدر ڏانهن واجهائڻ بدران حڪومت هٽائڻ لاءِ اڳ ۾ اسيمبلي وارو رستو اختيار ڪيو، ان سان گڏوگڏ حڪومت تي پريشر وڌائڻ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ضروري اپاءَ ورتا وڃن. هن ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ اهو به چيو هو ته اٺين ترميم هيٺ صدر کان اسيمبلي ٽوڙڻ وارو مطالبو ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته موجوده حالتن ۾ صدر ڪڏهن به اسيمبلي نه ٽوڙيندو. ۽ ٻيو ته ان مطالبي سان حڪومت کي اهو موقعو ملندو ته هوءَ اپوزيشن کي غير جمهوري سڏيندي پروپيگنڊه ڪندي ته ”اپوزيشن وارا اقتدار جا بکيا آهن، هو اقتدار خاطر ادارا به تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.“
    ان مطالبي سان اپوزيشن کي اخلاقي طور تي ڪافي نقصان ٿيندو ۽ ان معاملي تي خود مسلم ليگ ۾ پڻ اختلاف راءِ پيدا ٿي پيو آهي، نه صرف اهو پر آزاد گروپ جيڪو پارليامينٽ جي بالادستي ۽ مدت پوري ڪرڻ جو مشن کڻي حڪومت کان ڌار ٿيو هو، تنهن لاءِ پڻ ان مطالبي بعد مخالف ڌر سان حڪومت هٽايو مهم يا تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. پيپلزپارٽي جي مهربانين سان چونڊجي آيل آزاد گروپ وارا ”بابا“ چاهيندي به مسلم ليگ جي حمايت نه ڪري سگهندا. هن وقت محمود خان اچڪزئي، افتخار گيلاني، اسپيڪر يوسف رضا گيلاني ۽ نوابزادو نصرالله اسيمبلي ٽوڙڻ واري مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن. جڏهن 24 جولاءِ تي چوڌري شجاعت حسين جي گهر شام جو ساڍي ٽين وڳي نواز شريف اهو مطالبو ڪيو هو ته صدر اٺين ترميم استعمال ڪري موجوده حڪومت کي گهر موڪلي، ته مون کانئس سوال ڪيو ته ”ميان صاحب! اوهان جي منشور ۾ اٺين ترميم کي ڪارو قانون قرار ڏنو ويو هو. جڏهن اوهان جي حڪومت ان قانون هيٺ هٽائي وئي ته اوهان ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ اٺين ترميم کي غير جمهوري ۽ مارشل لا جو ڪارو قانون سڏيو، اڄ اوهان خود هڪ چونڊيل حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ان قانون جو سهارو پيا وٺو، ڇا اهو جمهوريت پسند سياستدان کي زيب ڏئي ٿو؟ ان سوال جي ڊگهي جواب ۾ هن چيو هو ته اهو نقطو آئين جو حصو آهي، اسان آئين موجب مطالبو ڪيو آهي. ان ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناهي.
    موجوده حالتن ۾ صدر لغاري پيپلزپارٽيءَ جو پاسو جهليو بيٺو آهي ۽ هن عدليه واري معاملي سميت جيڪي معاملا بڻيا، انهن ۾ حڪومت کي پار ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته نواز شريف جي مطالبي تي صدر اٺين ترميم جو اختيار استعمال ڪندو. ان مان ته لڳي ٿو ته جهڙي ريت ڪشمير جي شهر نيلابٽ ۾ نواز شريف کان پاڪستان وٽ ايٽم بم هجڻ جو اقرار ڪرايو ويو، اهڙيءَ طرح کانئس اٺين ترميم جو مطالبو ڪرايو ويو. ان مطالبي مان ته ايئن به لڳي پيو ته تحريڪ ذريعي حڪومت هٽائڻ واري هنن جي دعويٰ پوري نه ٿي سگهي، جنهن ڪري هاڻي مطالبن ڏانهن ميان صاحب موٽ کاڌي آهي. جيتوڻيڪ جمهوريت جا دعويدار پ پ وارا جڏهن مخالف ڌر ۾ هئا ته هنن به اقتدار خاطر غلام اسحاق کان اسيمبلي ٽوڙائڻ لاءِ اٺين ترميم استعمال ڪرائي هئي.
    هن وقت اقتدار جي ايوانن ۽ مخالف ڌر جي جهروڪن ۾ آسانيءَ سان جهاتيون پائي سگهندڙ حلقه حيرت انگيز ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهي حلقه وثوق سان چئي رهيا آهن ته هن وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽي ليڊرن کي اها رپورٽ ملي پئي ته ڪرپشن جي داستان ۽ مهانگائي جي راڪاس سبب عوام ۾ بي چيني آهي، تنهن ڪري پ پ ليڊر شپ جي هن وقت اها سوچ آهي ته هو اهڙو ڪم يا ڪارنامو سرانجام ڏين، جنهن جي بنياد تي کين زبردستي اقتدار مان هٽايو وڃي ۽ زبردستي اقتدار کان ڌار ڪرڻ واري عمل ۽ فيصلي خلاف هو عوام وٽ مظلوم جي صورت ۾ وڃي ڪري، ٻيهر پنهنجي پارٽي کي زندهه رکي سگهن. اهو ئي سبب آهي ته حڪومت ڄاڻي واڻي رياست جي مضبوط ٿنڀن ۽ اقتداري ايوانن ۾ انتهائي اهميت جوڳن ادارن سان ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي آهي. جيئن انهن کي ڪاوڙائي جوش ۾ آڻي اهڙو قدم کڻائي سگهن، جنهن سان هنن جي موڪل ٿي سگهي. ان ڏس ۾ نواز شريف جو بيان پڻ آيو آهي ته بينظير ڀٽو مارشل لا لڳرائڻ گهري ٿي. اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر اهڙو ڪو به انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي سان پ پ وارن جي خواهش پوري ٿئي. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون عجيب ۽ حيرت واريون آهن، پر پوءِ به مسلم ليگ جي ڳالهه ۾ وزن ٿي سگهي ٿو.
    29 جولاءِ کان جنيوا ۾ Comprehensive test ban treaty (سي ٽي بي ٽي) بابت ڳالهيون شروع آهن. سي ٽي بي ٽي جو معاهدو اهو آهي، جنهن تي جيڪو به ملڪ صحيح ڪندو، اهو ايٽمي تجربي ۽ ٽيسٽ نه ڪرڻ جو پابند بڻجي ويندو. چيو وڃي ٿو ته صدر ڪلنٽن پاران بينظير ڀٽو کي لکيل خط ۽ ڀارت ۾ آمريڪي سفير جيڪو ڪجهه وقت اڳ پاڪستان آيو هو، تن پاڪستان حڪومت کي هڪ طرفي طور ان معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جي گارنٽي ڏني هئي. چيو وڃي ٿو ته هي اهڙو معاهدو آهي، جو جيڪڏهن موجوده پاڪستان حڪومت ان تي صحيح ڪري ڇڏي ته به ان لاءِ ڏچو ٿيندو ۽ جيڪڏهن صحيح نه ڪيائين، ته به سندس مستقبل لاءِ مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن حڪومت صحيح ڪئي ته پوءِ نواز شريف ۽ اهم ادارا ايڪشن کڻڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. جواز اهو آهي ته هن وقت پاڪستان وٽ ايٽمي پروگرام ملڪ جي سلامتي جو واحد طاقتور هٿيار آهي، اهو جيڪڏهن ختم ٿي ويو ته حڪومت لاءِ ڏچو ٿي پوندو. جيڪڏهن حڪومت صحيح نه ڪئي ته پوءِ عالمي ادارا ايترو دٻاءُ وڌائي حڪومت جي مخالفن جي همٿ افزائي ڪندا، جو تڏهن به حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. ”سي ٽي بي ٽي“ تي صحيحون سيپٽمبر 96ع ۾ ٿينديون، في الحال ڳالهيون هلي رهيون آهن.
    هن وقت ڪشمير مسئلي جي حل ۽ سي ٽي بي ٽي واري معاهدي تي صحيح وارن معاملن تي موجوده حڪومت جي لبرل رويي مان ملڪ جا اهم ادارا خوش ناهن. ان کان اڳ جو حڪومت ان ڏس ۾ ڪو ٻاهرين ادارن ۽ ملڪن جي خواهش تي ڪو اهڙو قدم کڻي، تنهن کان پهرين ملڪي سلامتي ۽ تحفظ جا ذميوار ڪو قدم کڻڻ لاءِ سوچي سگهن ٿا. اپوزيشن پاران في الحال جلد بازي کان ڪم نه وٺڻ ۽ تحريڪ هلائڻ کان ڪيٻائڻ جو سبب به اهو آهي، ته هو ڏسي رهيا آهن ته 29 جولاءِ کان جنيوا ۾ شروع ٿيندڙ سي ٽي بي ٽي وارين ڳالهين دوران پاڪستان حڪومت ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي ۽ سيپٽمبر ۾ صحيحن ڪرڻ واري تقريب۾ پاڪستان صحيح ڪري ٿو يا نه.
    مخالف ڌر جي سرحد مان چونڊيل پٺاڻ ايم اين اي ملاقات مهل مون کي ٻڌايو ته 12 جولاءِ تي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ وٽو ڪيس جي سماعت 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي هئي ته ان ڏينهن ۾ جيڪڏهن عدالت جو فيصلو توقع موجب وٽو جي بحالي لاءِ اچي وڃي ها ته ساڳئي ڏينهن پنجاب ۾ عارف نڪئي خلاف ۽ مرڪز ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وڃي ها. مخالف ڌر ان ڏس ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا هئا. انهن جي خبر عدليا جي ججن ۽ وزيراعظم تائين به پهچي وئي هئي. اهو ئي سبب هو جو بينظير ڀٽو لاهور ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهي هئي ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو لاهور هاءِ ڪورٽ وٽو ڪيس جو فيصلو 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ساڳئي رات شام جو ساڍي ڏهين وڳي گورنر هائوس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس خليل الرحمان وزيراعظم جي ملاقات لاءِ انتظار ڪري رهيو هو ۽ ڪافي دير کان پوءِ وزيراعظم بينظير ڀٽو پنهنجي ڪاميابي بعد جڏهن چيف جسٽس سان ملڻ لاءِ پهتي هئي ته دير سان پهچڻ تي افسوس ظاهر ڪندي معذرت ڪئي ۽ وٽو ڪيس جو فيصلو 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪرڻ تي کيس مبارڪ ڏيندي چيو هو ته ”مهرباني، اوهان ملڪ کي وڏي سياسي بحران کان بچائي ورتو آهي.“
    ان پٺاڻ ايم اين اي وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن وٽو ڪيس جو فيصلو سندس خلاف اچي وڃي ها ته مسلم ليگ پنجاب ۽ مرڪز ۾ هڪ ئي وقت عدم اعتماد جون تحريڪون پيش ڪري ها ۽ حڪومت کي چرڻ پرڻ جي مهلت نه ملي ها. هن اها به دعويٰ ڪئي ته نوابزادو نصرالله، ظفرالله جمالي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي ان ڳالهه جو علم هو، جن به اسان سان ساٿ ڏيڻ جي پڪ ڪرائي هئي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 15 سيپٽمبر تي وٽو حڪومت بحال ٿي تڏهن به اسان اهو ئي ڪنداسين، جيڪو اڳ ۾ سوچيو هئسوسين. هن چيو ته اپوزيشن جو حڪومت کي هٽائڻ وارو ٽارگيٽ نومبر تائين آهي ۽ 15 سيپٽمبر پري ناهي، جنهن ڏينهن وٽو ڪيس جو فيصلو ايندو.
    1990ع ۾ مڊنائيٽ جيڪال آپريشن ذريعي پ پ حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ برگيڊيئر امتياز آزاد ٿي چڪو آهي، مٿس داخل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي وئي، هو آزاديءَ بعد ضياءَ جي قبر تي حاضري به ڀري چڪو آهي. اسان هن ئي ڪالم ۾ 30 مئي تي لکيو هو ته جن قوتن شيخ رشيد کي آزاديءَ جي بشارت ڏني هئي ۽ ٻڌايل تاريخ موجب شيخ رشيد پنهنجي گهر موجود هو، اهڙيءَ طرح برگيڊيئر امتياز کي به آزاديءَ جي بشارت ملي چڪي آهي ۽ هو جولاءِ ۾ پنهنجي گهر هوندو، اٽڪل پوڻا ٻه مهينا اڳ جيڪا اوهان ڳالهه هن ڪالم ۾ پڙهي هئي، اها اڄ بلڪل سچ ثابت ٿي چڪي آهي.
    برگيڊيئر امتياز جيڪو 2 سال کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو، اهو پنهنجي باندي پڻي وارن ڏينهن ۾ نه صرف نانو بڻجي چڪو آهي، پر ڏاڏو به بڻجي ويو آهي. برگيڊيئر امتياز جڏهن جيل ۾ هو تڏهن سندس پٽ عمر امتياز جي شادي ٿي هئي، جنهن کي تازو پٽ ڄائو آهي.
    2 سال جيل ڪاٽڻ بعد ٻاهر اچڻ کان پوءِ برگيڊيئر امتياز ڏسون ته ڪهڙي لائين ٿو وٺي، ۽ نواز شريف کي هڪ دفعو ٻيهر بينظير ڀٽو حڪومت هٽائڻ واري سندن ”جهاد“ ۾ ڪيتري مدد ٿو ڪري. حڪومت وارا پنهنجي قصيده خور قلمڪارن ذريعي اهو پيا مشهور ڪرائين ته برگيڊيئر امتياز حڪومت سان ڊيل ڪرڻ بعد آزاد ٿيو آهي.
    (3 آگسٽ 1996ع)


    ۽ جڏهن ڪوهالا پل تان گذرياسين!

    ۽ جڏهن ڪوهالا پل تان گذرياسين!

    ڪشميري سونهن، حسن، روپ ۽ رنگ بابت پنکج اداس جي ڳايل غزلن ٻڌڻ ۽ دوستن جي ٻڌايل ڳالهين کان پوءِ اها آس هئي ته ڪشمير ڏسون. 23 آگسٽ تي سردار قيوم جي پارٽي مسلم ڪانفرنس پاران نيلابٽ ۾ هڪ جلوس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ميان نوازشريف کي به خطاب ڪرڻو هو. موسم ٺيڪ هئڻ سبب مسلم ليگ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري سيد مشاهد حسين اسلام آباد مان ميڊيا ٽيم وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي به چيائون.
    23 آگسٽ تي صبح جو پوڻي نائين وڳي روانا ٿياسين. اسلام آباد جي حد ٽپي مري روڊ تي جڏهن ”ڀڙوها“ ڳوٺ وٽ پهتاسين، شيخ رشيد گڏيو. هوٽل تي ويهاري زوري ناشتو ڪرڻ لاءِ چيائين. ڳالهيون ٻولهيون شروع ٿيون ته هن چيو ”مون ته نواز شريف کي چيو آهي ته آڪٽوبر يا نومبر ۾ استعيفا ڏيو ۽ انشاءَ الله استعيفا ڏئي عوام وٽ وينداسين ۽ موجوده حڪومت ڊسمبر کان اڳ ختم ٿي ويندي. اسان خوشي نيو ايئر نائيٽ تي ملهائينداسين.“ سگار جا ڊگها ڪش هڻڻ بعد هن چيو ته قاضي حسين احمد به عجيب ماڻهو آهي، سينيٽ تان پاڻ ته استعيفا ڏئي ڇڏيائين، پر قومي اسيمبلي جي پنهنجي ٽن ميمبرن کي استعيفا ڏيڻ لاءِ نه پيو چوي. شيخ چيو ته قاضي پنهنجي ٽنهي ميمبرن کان استعيفا ڏياري ته مان به ساڻن گڏ استعيفا ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته قاضي حسين به هيرو ٿيڻ چاهي ٿو، پر قسمت خراب اٿس. ڳالهين دوران اسان ناشتو ڪيو جنهن بعد گاڏين ۾ ويٺاسين. اسان جو گائيڊ محمد طارق هو جنهن سڄي واٽ بور ٿيڻ نه ڏنو. ”جنگ“ جو حافظ طاهر خليل ۽ ”پاڪستان“ اخبار جو نويد انور، شيخ رشيد جي گاڏي ۾ ويٺا. ”نواءِ وقت“ جو سهيل عبدالناصر، مان ۽ طارق هڪ گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. پي پي آءِ جو طاهر خان، ورلڊ ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ جو ڪئمرامين ۽ ذوالفقار بلتي ٻي گاڏيءَ ۾ ويٺا. طاهر خان پيارو پٺاڻ آهي. کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو شوقين ۽ نمازي ماڻهو آهي. رستي ۾ الٽيون ڪندو هليو پر پوءِ به کائڻ کان انڪار نه پيو ڪري. ذوالفقار بلتي جيڪو اڄڪلهه نواز شريف جو پرنسپل فوٽوگرافر آهي. اهو جڏهن پيپلزپارٽي ۾ هوندو هو ته ڀڄ ڊڪ ڏاڍي ڪندو هو. ڪم گهڻو، مال گهٽ-سدائين پريشان رهندو هو. جڏهن کان مسلم ليگ ۾ آيو آهي ته مال کائي متارو ٿي پيو آهي. چيني شڪل وارو بلتي به طاهر خان وانگر کائڻ کان انڪار نه ڪندو آهي.
    23 آگسٽ تي هر سال نيلا بٽ ۾ جلوس ڪڍي ڪشميري جهاد جي عهد جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 23 آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن سردار قيوم 22 سالن جو ڳٽول ۽ ڳڀرو نوجوان هو، تڏهن هن نيلا بٽ ۾ ڪشمير جي حاڪم هري سنگهه ۽ ڊوگره فوج خلاف جهاد جو اعلان ڪيو هو. ان وقت کان وٺي ڪڏهن به سردار قيوم مخالف ڌر جي ليڊر طور نيلا بٽ ۾ جلسو نه ڪيو هو. 96ع ۾ پهريون دفعو هو مخالف ڌر جي ليڊر طور جلسي ۾ آيو. نيلا بٽ اسان 2 وڳي منجهند جو پهتاسين. اسلام آباد کان هونئن ته نيلا بٽ 130 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي پر پهاڙي پنڌ سبب رستو ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن مري پهتاسين ته ٿڌ ۽ اونچائي سبب بلڊپريشر گهٽ ٿيڻ شروع ٿيو. شيخ رشيد جي ناشتي کان وٺي نيلا بٽ تائين ڪجهه نه کائڻ سبب منهنجو مڙئي بچاءُ ٿي ويو. باقي طاهر خان جا مزا هئا، الٽيون پيو ڪري، پر پوءِ به کائڻ کان نه پيو مڙي. حافظ طاهر خليل ۽ نويد انور شيخ رشيد سان گڏ مري ۾ نواز شريف سان ملڻ ويا. ڇو ته ٻئي خاص خليفا هئڻ سان گڏ نه صرف سٺا رپورٽر آهن، پر مسلم ليگ وارن جا اعتماد جوڳا ماڻهو به آهن. اڪثر معاملن ۾ ميان کانئن مشورا به وٺندو آهي.
    جڏهن مري کان اڳتي روانا ٿياسين ته ڪاريهر نانگ جي ور وڪڙن واري پيٽي جهڙي روڊ تي هلڻو هو. ڀر مان هيٺ پيا ڏسون ته هينئون پيو ڦاٽي. پهاڙن جي چوٽيءَ کان هيٺ ايڏي ته کڏ هئي جو ڊپ کان ڏسون ئي نه پيا. چيڙ جا ڊگها وڻ ايئن سڌا بيٺا هئا ڄڻ ته قدرت فٽ اسڪيل رکي پوکيا هئا. هنن وڻن جي خاصيت اها آهي ته اهي ڪڪرن کي ڇڪي ايندا آهن ۽ ٿڌ پيدا ڪندا آهن. مري کان پوءِ وچ ۾ صرف جهلم درياءُ آهي. درياءَ جي ساڄي پاسي ڪشمير، کاٻي پاسي مري ۽ پنجاب جي حد آهي. ٿوري فاصلي بعد سرحد صوبي جي به کاٻي پاسي حد آهي. مري جا ماڻهو به ايئن آهن جيئن ڪشمير جا. رنگ، نسل ۽ گهرن جي اڏاوت ساڳئي اٿن. روڊ تي هلندي گهرن ڏانهن ڏسبو ته گهرن ۾ ويٺل ماڻهو به پري کان ڏسڻ ۾ پيا ايندا. اڪثر مردن کي ڏاڙهيون آهن. هر گهر جا 2 ڀاڱي 3 حصو مرد ڪمائو اٿن. هتان جا مرد باڊي مينٽين ۽ ڪپڙي لٽي جو خاص خيال ڪو نه رکندا آهن. 80 سيڪڙو مردن کي ڏاڙهيون آهن ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو آهن. هن علائقي ۾ ٿلها مرد يا عورتون تمام گهٽ ملنديون. جسماني لحاظ کان سريلا پيا لڳندا. ڪاٺياواڙي ميمڻن وانگر عورتون مردن کان وڌيڪ خوبصورت آهن. عورتن جو رنگ اڪثر ڪري ڪچي صوف جهڙو هوندو آهي يعني اڌ پيلو اڌ گلابي. مختلف پاسن کان سوچيندي علائقي بابت جائزو وٺي رهيو هئس ته اوچتو ڪنيرڪس درياءَ جي پل تي پهچي وياسين. پل تي پهچڻ سان ئي ٽهڪ نڪري ويو. ساٿين پڇيو ڇا ٿيو؟ کين ٻڌايم ته جون 96ع مان، سهيل سانگي ۽ زاهد مهر هتي آيا هئاسين گهمڻ. ان وقت ڪنير ڪس نالي جو پاڻي شفاف ۽ ٿڌو هو. درياءُ جهلم جيڪو پڻ هن پل سان گڏوگڏ آهي، اهو به مستي ۾ وهي رهيو هو. ان وقت جهلم درياءَ جو پاڻي برف جي ڪين کان وڌيڪ ٿڌو هو. ڏينهن به گرم هو. 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي هئي. ڪانوَ جي به اک پئي نڪري. نيڪر پائي مان ۽ سهيل سانگي وهتا هئاسين ۽ جهلم درياءَ جي 110 اسپيڊ تي هلندڙ گاڏي کان وڌيڪ تيز رفتار پاڻيءَ جي وهڪري هوندي به ڪپر تي پاڻي ۾ پير ڀڄائڻ لاءِ بيٺا هئاسين. جڏهن سهيل سانگي هڪ پير پاڻي ۾ وڌو ته رڙ ڪري چند سيڪنڊن بعد ٻاهر اچي بيٺو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو، مون چيو ڇا ٿيو سائين؟ چيائين: پاڻي تمام ٿڌو آهي. گهڻي دير ته خير مان به ٿڌي پاڻيءَ ۾ بيهي ڪو نه سگهيو هئس. جون جولاءِ جي موت مار گرمين ۾ به جنهن ڏينهن مينهن پوندو هو ته اسلام آباد ۾ به سهيل سانگي گرم پاڻيءَ سان وهنجندو هو.
    ڳالهه پوري اڃا مس ٿي ته گاڏي جهلم درياءُ جي ڪناري سان هلندي ڪوهالا پل تي پهتي. هي اها پل آهي جنهن جي ساڄي پاسي ڪشمير ۽ کاٻي پاسي سرحد صوبو آهي. اها هيءَ ئي پل آهي، جنهن جو طعنو شيخ رشيد نوابزادي نصر الله کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ”نوابزادي ڪڏهن ڪوهالا پل ئي پار نه ڪئي آهي (يعني ڪشمير ڏٺو ئي ناهي) پر هن کي ڪشمير ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٺاهيو ويو آهي.“ ڪاٺ جي ٺهيل ڪوهالا پل پار ڪري جنهن مهل اسان جي ڪار ڪشمير ۾ داخل ٿي رهي هئي ته پل جا تختا ڌڙ ڌڙ ڪرڻ لڳا. سڀني الله الله شروع ڪئي، ڇو ته هيٺان جهلم درياءَ جون بي رحم موجون سجهن پيون. پل پار ڪرڻ بعد گهڻي وقت کان پوءِ ڪلمو پڙهيوسين ۽ وري درياءُ جهلم جو ساڄو ڪنارو وٺي نيلا بٽ ڏانهن وڌياسين. برسات سبب گپ چڪ به ڏاڍي هئي ٻيو وري ڊرائيور گاڏي کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري جي بلڪل مٿان پيو هلي. مون دانهن ڪئي ”بابا گاڏيءَ جي سروس جا پئسا مون کان وٺجانءِ پر گاڏي وچ تي هلاءِ.“ مس وڃي جهلم درياءَ جو خوف ان وقت لٿو، جڏهن کاٻي پاسي پهاڙ جي چوٽي تي ٺهيل روڊ ڏانهن موڙ مڙيو. هاڻي اسان آزاد ڪشمير جي حدن ۾ هئاسين. ڪڪر پهاڙن ۾ ايئن ڦاٿل هئا، جيئن نوجوان نينگريءَ جي وارن ۾ ڦڻي ڦاٿل هوندي آهي. ايڏا ته اونچا پهاڙ هئا جو حضرت موسيٰ جي طورسينا جبل بابت شڪ پيو ٿئي ته ڪٿي اهي ئي ته پهاڙ نه هئا. جتان هو ڪلٽي ٿيو هو. روڊ تي هلندي ڪافي هنڌن تي مٽي به نظر آئي، جيڪا لينڊ سلائيڊنگ سبب تيز برسات جي ڪري پهاڙن تان روڊ تي اچي پئي هئي. هتي موسم نارمل هئي، ان ڪري اسان به نارمل ٿياسين.
    هڪ جاءِ تي اڌ فرلانگ جيترو روڊ نه هو. ڊرائيور ٻڌايو ته طوفاني بارش سبب لينڊ سلائيڊ روڊ جي چڪي پٽي پري اڇلائي ڇڏي آهي. ڊرائيور جي ڳالهه ٻڌي وري الله کي ياد ڪيوسين ته موليٰ تيسين مينهن نه وسائجانءِ جيسين واپس وڃون. ڇو ته برسات سبب جيڪڏهن ڪا لينڊ سلائيڊ آئي ته پوءِ اسان گاڏي سميت 10 هزار فوٽ بلند پهاڙ تان هيٺ هونداسين. خدا خير ڪري، ضياءُ الحق مرحوم جي ڄاڙي ته ملي وئي هئي اسان جو نشان به نه ملندو. پهاڙي پنڌ هئڻ سبب هتي به ٿر جي ڪيڪڙن وانگر فورويل، ٽرڪ، بس نما گاڏيون ۽ جيپون هلنديون آهن.
    اسان هڪ هوٽل تي چانهه پئي پيتي ته پويان سائرن جو آواز آيو، جيڪو نواز شريف جي پائلٽ طور هلندڙ پوليس موبائيل جو هو. پروٽوڪول سبب روڊ خالي ٿيندو ويو. اسان به پنهنجي گاڏي قافلي ۾ لڳائي ۽ نوازشريف سان گڏ نيلابٽ 2 وڳي منجهند جو پهتاسين. جلسو تيار هو، خطاب به جاري هئا. اسٽيج تي نواز شريف جي ڀر ۾ ويٺاسين ته سردار قيوم جو پٽ سردار عتيق مليو.
    عتيق لاءِ مشهور آهي ته هو جيتوڻيڪ گهوڙا ڪو نه پاليندو آهي باقي ڪرپشن ۾ ڪمال ڪيو اٿائين. ڪشمير جي اڌ بجيٽ سردار عتيق جي حوالي هوندي هئي. سردار قيوم جي حڪومت وڃڻ جو وڏو سبب به اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس پٽ ڪرپشن ۾ پنهنجي وڏن جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا. جلسي ۾ اڌ کان وڌيڪ همراهه ڏاڙهي ۽ شڪل شبيهه جي لحاظ کان سردار قيوم جي ڪاپي لڳي رهيا هئا. جلسي ۾ عورتون به وڏي تعداد ۾ هيون، جن کي سڀني کان آخر ۾ ويهاريو ويو هو. اسٽيج تي ويٺل ماڻهن ۾ مقررن جي نظر سج جي تيز ڪرڻن سبب انهن تائين ڪو نه پئي پهتي. جلسو ڦٽو ته نماز تي سڏ ٿيو. گهڻن ماڻهن نماز پئي پڙهي. شيخ رشيد ٻاهر نڪري سگار دکائي ويهي رهيو. جلسو ڦٽو، ڪشميري نينگريون به وڃڻ لڳيون، سندن چهرا خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن جلسي ۾ نه پر شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ نوان وڳا پهري آيون هيون. هڪ ڪشميري همراهه ٻڌايو ته اسان جو هي پهاڙي علائقو به انهن علائقن وانگر آهي جتي اڄ به ڪو اوپرو ماڻهو ايندو آهي يا ڪو جلسو ٿيندو آهي ته کين گهوري گهوري ڏسندا آهيون.
    سردار قيوم جي ڄاڻي واڻي ماني کائڻ کانسواءِ موٽياسين. رستي ۾ مڪئي ۽ جوئر جي فصلن ۾ ڪشميري ناريون پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ کيڏ ڪري رهيون هيون. ڪنهن مهل کلن پيون، ڪنهن مهل مسڪرائين پيون. جيڪڏهن ڪا اوپري نگاهه سندن نشيلن نيڻن سان ٽڪراءَ ۾ پئي اچي، ته هو مرڪي ڪنڌ پري پيون ڪن. پهاڙن تي ٻڪريون ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ مينهون به نظر آيون. جانورن جون اکيون مرجهايل گل ۽ سردار قيوم وانگر نماڻيون هيون.
    ڪشمير جا پهاڙ ساوا ۽ سرسبز آهن. دادو ۽ ڄامشوري جي ٺوڙهن جبلن وانگر هڪ پهاڙ به ڪٿي نظر نه آيو. پهاڙ تي وڏن وڻن جي ٻيلي مان ويندڙ روڊ تي جيڪڏهن رات جو به نڪربو، ته تڏهن به ڪو خوف خطرو نه هوندو آهي. اسان جي سنڌ ۾ ٻيلا ته ٺهيو پر پٽن، ميداني علائقن ۽ شهرن ۾ به ماڻهو وس ڪئي رات جو نه نڪرندا آهن. هتي بدامني جو بنهه ڊپ ناهي. پهاڙ تي شهرن کانسواءِ ڪو به ڳوٺ اهڙو نظر نه آيو، جو هڪ ئي هنڌ ڪي پنج ست گهر هجن. ٿوري ٿوري وٿيءَ سان گهر گهر ٺهيو پيو آهي پر ان جي باوجود به فون ۽ بجلي هر گهر ۾ موجود آهي. جهڙي طرح ڪراچي کي ملندڙ پاڻي واري لائين مان اڄ به سوين سال پراڻن ڳوٺن وارن ملير ۽ گڏاپ جي ماڻهن کي پاڻي حاصل ڪرڻ جي اجازت ناهي، اهڙي حالت ڪشمير ۾ ناهي. ڪشمير ۾ هرڪو ونڊي ورهائي پيو کائي. سڀني کان وڌيڪ اڪثريت ۽ وڏي آبادي وارو قبيلو عباسين جو آهي. خبر ناهي ته اهي عباسي ايڏي تعداد ۾ ڪٿان آيا. هتي جي رهاڪن کي به پنهنجي اصليت يا بڻ بڻياد جي خبر ناهي. سندن ججهي تعداد ۾ موجودگي بابت هڪ تاثر اهو به آهي ته جڏهن ڪلهوڙن کان ٽالپرن سنڌ ڦري هئي ته ڪلهوڙا جيڪي عباسي به سڏائيندا آهن. اهي وقت جي حاڪمن جي عذاب ۽ انتقامي ڪاررواين کان ڀڄي وڏي تعداد ۾ مختلف علائقن ۾ ۽ گمنام هنڌن تي آباد ٿيا هئا. ڪيترن ماڻهن ۽ ٽولن ته ذاتيون به مٽائي ڇڏيون هيون. شايد انهن ڏينهن ۾ ئي هتي عباسي اچي آباد ٿيا هئا.
    نيلا بٽ، جتي جلسو هو، اتي گذريل سال خطاب مهل نواز شريف پاڪستان وٽ ايٽم بم هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو. هن دفعي به چيو ويو هو ته ميان صاحب ڪو وڏو اعلان ڪندو. جمع جو ڏينهن هو، ڪا خبر به خاص ڪو نه هئي. سوچيوسين ته من ڪو نواز شريف ڌماڪو ڪري پر هن جون ڳاهيون ساڳيون ئي هيون. چوندا آهن ته ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي، سو اسان به ساڻا ٿيل هئاسين. شام جو مري پهتاسين ته ٿڌڪار مڙئي سوائي هئي. هوا لڳڻ سبب نومبر جي سيءَ جيتري ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مردن توڙي عورتن کي چمڙي جا جيڪيٽ ۽ سوئيٽر پاتل هئا ۽ گرم شالون ويڙهيل هيون. خبرون اتان ئي فيڪس ڪيونسين ۽ واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽياسين.
    مسلم ليگ جي ميڊيا مئنيجيمنيٽ ڏسي حيرانگي ٿي. گذريل دفعي ميڊيا سان ڦٽائڻ جو وڏو سبب نواز حڪومت جي وڃڻ جو هو. جنهن بعد جيترو ميڊيا مئنيجمينٽ تي نواز ليگ توجهه ڏني اوترو شايد ڪو نجي ادارو به نظم ضبط سان نه هلندو هوندو. اڄوڪو جيڪو مئنجيمينٽ جو دور آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن پي پي سرڪار جي حالت ڏسون ٿا ته ڪروڙين رپين جا فنڊز ۽ هزارن جي تعداد ۾ مين پاور هوندي به اها شيءِ حاصل نه ڪري سگهيا آهن. جيڪا مسلم ليگ هن وقت محدود وسيلن ۽ مين پاور نه هوندي حاصل ڪري پئي. ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ شايد مشاهد جو ئي ڪمال آهي. جنهن ايڏي پئماني تي نظم و ضبط برقرار رکيو آهي.
    (31 آگسٽ 1996ع)


    صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف ۽ صف بنديون

    صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلاف ۽ صف بنديون

    صدر فاروق احمد لغاري ۽ وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو وچ ۾ اختلافن جي ڪاريهر نانگ وري ڪر کنيو آهي ۽ صورتحال خراب ٿيندي پئي وڃي. وزيراعظم بينظير ڀٽو، شيخ رفيق ۽ نصيرالله بابر سميت ڪيترائي پ پ اڳواڻ گذريل هڪ هفتي دوران اڌ درجن کان وڌيڪ دفعا ان خدشي جو اظهار ڪري چڪا آهن ته. ”صدر لغاري اسيمبلي نه ٽوڙيندو. هو جمهوريت پسند آهي، جمهوريت لاءِ جدوجهد ڪئي اٿائين. هو جمهوريت کي نقصان نه پهچائيندو.“ ”لغاري بلوچ آهي. هو بلوچ روايتن جو مان رکندو ۽ پنهنجي ڀيڻ بينظير سان بي وفائي نه ڪندو.“ هي سٽون لکڻ تائين اهو آخري جملو ان ڏس ۾ نصير الله بابر چئي چڪو آهي. بهاره ڪهو (اسلام آباد جي ڀر وارو لاڙي شهر نما ڳوٺ آهي) اتي جلسي کي خطاب ڪندي خورشيد شاهه به چيو هو ته عوام وزيراعظم جي مدد ڪري. جيڪڏهن عوام ساٿ نه ڏنو ته پوءِ ملڪ جو خدا حافظ هوندو. موجوده پ پ حڪومت جي پاليسي ساز مٿين اڳواڻن پاران خودبخود اهڙا خدشا ظاهر ڪرڻ در حقيقت هڪ اڻ ٿيڻي واقعي يا حادثي جو گس ٻڌائين ٿا.
    صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو وچ ۾ اختلافن جو ذڪر 6 مهينا اڳ به ٿيو هو، جنهن بعد وري ظاهري طور اهو تاثر ڏنو ويو ته ٻنهي وچ ۾ اختلافن جي ٻرندر چڻنگ اجهامي وئي آهي. حقيقت اها هئي ته اها چڻنگ پوري طرح وساڻي ڪو نه هئي ۽ آهستي آهستي دکي رهي هئي. جڏهن ترڪي جو وزيراعظم پاڪستان جي دوري تي آيو هو ته ان وقت صدر، سندس مان ۾ مانجهاندي جي دعوت ڪئي هئي. پروگرام موجب ترڪ ۽ پاڪستاني وزيراعظمن کي ساڍي ٻارهين وڳي ايوان صدر پهچڻو هو. مهمان وزيراعظم پهچي ويو پر ميزبان وزيراعظم بينظير ڀٽو وقت تي نه پهتي. هڪ ڪلاڪ دير سان جڏهن بينظير ڀٽو پهتي ته صدر لغاري سندس گرمجوشي ۽ خوشي سان آڌر ڀاءُ ڪرڻ بدران هٿرادو مرڪ آڻي وري موڊ آف ڪري ڇڏيو هو. نه صرف ايترو پر دعوت کان پوءِ صدر لغاري جي حڪم تي ايوان صدر وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري کي وزيراعظم جي دير سان پهچڻ تي لکت ۾ وضاحت طلب ڪرڻ لاءِ Explanation جاري ڪئي. اها خبر پوڻ تي چيو وڃي ٿو ته نه صرف وزيراعظم ناراض ٿي پر ان وضاحت جو جواب نه ڏيڻ جو به حڪم ڏنو هو. اهڙي معلومات ملڻ بعد صدر لغاري جي ٻروچڪي رڳ، سندس انا جي تسڪين لاءِ دکندڙ چڻنگ کي ڄڻ ته ڦوڪ ڏئي ڇڏي هئي. عين انهن ڏينهن ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو جي منظوري سان پاڪستان جي 50 هين سالگره جي گولڊن جوبلي تقريبات لاءِ رقم جمع ڪرڻ جي سلسلي ۾ انعامي ريفل ٽڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ صدر کي هڪ آرڊيننس موڪليو ويو، جيڪو هن واپس ڪري ڇڏيو. شايد اهو پهريون دفعو هو جو صدر کي پنهنجي عزت نفس مجروح ٿيڻ جو احساس ٿيو ۽ وزيراعظم کي به هڪ اسٽرانگ سگنل مليو ته اهو صدر لغاري جيڪو صدر هوندي به گذريل ٽن سالن کان سندس آڏو ڏاڍيان به نه ڳالهائيندو هو، هاڻي سندس رويي ۾ غلام اسحاق خان واري ارڏائي اچي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي ته وزيراعظم گذريل ٽن هفتن ۾ صدر سان نه ملي آهي.
    سپريم ڪورٽ جي 20 مارچ واري فيصلي کان پوءِ حڪومت جي عدليا خلاف جارحاڻي رويي اختيار ڪرڻ دوران صدر چاهيندي به وزيراعظم آڏو پنهنجو احتجاج نوٽ نه ڪرائي سگهيو هو پر ملڪ جي هڪ اهم اداري جي سربراهه پاران صدر تي دٻاءَ وڌي وڃڻ بعد هن پنهنجي خاموشي ۽ لاتعقلي ختم ڪئي هئي. وزيراعظم ۽ صدر وچ ۾ اختلافن جون ڳالهيون بي بي سي تان به نشر ٿي رهيون آهن ته ان بعد تازو اطلاع آهي ته وزيراعظم ايوان صدر ۾ صدر کي فون ڪري رسمي هلو هاءِ ڪئي آهي پر پوءِ به اختلافن واري ڪر کنيل ڪاريهر نانگ ڳچي هيٺ ناهي ڪئي.
    صدر لغاري ۽ وزيراعظم ڀٽو وچ ۾ اختلافن پيدا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ۽ ڪوشش ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته عدليا واري معاملي تي جيتوڻيڪ صدر ايڏو ناراض نه ٿيو هو، پر جڏهن پنجاب ۽ خاص ڪري مرڪز ۾ صدر جي ويجهن ساٿين کي جڏهن اقتدار ۾ شريڪ نه ڪيو ويو ته صدر نه صرف پنجاب ۾ نڪئي سان اٽڪڻ لاءِ غلام مصطفيٰ کر جي سفيد وارن واري مٿي تي هٿ رکيو، پر شريعت ڪورٽ جي جج شفيع محمدي کي برطرف به ڪيو. شفيع محمدي جي برطرفي واري صدارتي حڪم کي حڪومت پاران جاري ڪيل هينڊ آئوٽ ۾ الٽريشن ڪري برطرفي واري لفظ کي استعيفا جو مهذب ويس ڍڪائي جاري ڪيو ويو. جيڪڏهن صدر چاهي ها ته ان ڦيرڦار تي جعلسازي جي جرم ۾ حڪومت خلاف ڪارروائي ڪري سگهي پيو، پر هن الجهڻ بدران عقل کان ڪم وٺندي صحافتي حلقن ۾ اها ڳالهه عام ڪرائي ته شفيع محمدي کي برطرف ڪيو ويو آهي.
    صدر جي آشيرواد سان غلام مصطفيٰ کر جي حڪم تي پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جا اعليٰ عملدار نڪئي حڪومت سان اهو تعاون نه پيا ڪن، جيترو اڳ ۾ ڪندا هئا. نواز کوکر جنهن تي نه صرف ڪرمنل ڪيس داخل آهن، پر هو 26 ڪروڙ 10 لک رپيا قرض وٺي هضم ڪري باقيدارن جي 250 وڏن قرض خورن واري لسٽ ۾ پڻ شامل آهي. تنهن کي وفاقي وزير بڻائڻ تي به صدر لغاري ناراض ٿيو هو، ۽ چيو وڃي ٿو ته شايد صدر جي ئي چوڻ تي قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي غلام مصطفيٰ کر چيو هو ته ”نواز کوکر جڏهن مخالف ڌر ۾ هو ته به غليظ زبان استعمال ڪندو هو ۽ هاڻي اسان سان گڏ آهي ته به غليظ زبان استعمال پيو ڪري.“ حڪومت ۾ شامل هڪ وفاقي وزير لاءِ ٻيو وفاقي وزير ايڏي وڏي ڳالهه قومي اسيمبلي ۾ چوي، حقيقت ۾ ته اها کر جي بينظير ڀٽو واري فيصلي خلاف بغاوت هئي. اسيمبلي ۾ تهمينا دولتانه جڏهن نواز کوکر کي لوٽو سڏيندي پارٽي بدلائڻ جو طعنو ڏنو هو ته جواب ۾ نواز کوکر چيو هئس ته ”مان پارٽي بدلائي آهي، تو وانگر روز روز مڙس ڪو نه بدلائيندو آهيان.“ ان جملي تي اسيمبلي ۾ هنگامو ٿيو ۽ مخالف ڌر مطالبو ڪيو ته کوکر معافي وٺي. ان مهل غنيمت جو موقعو سمجهندي غلام مصطفيٰ کر چيو ته کوکر کي ايوان ۾ اچي غير مشروط طور تي معافي وٺڻ گهرجي. مجبور ٿي حڪومت وارن کوکر کي گهرائي تهمينا کان معافي وٺرائي هئي. چيو وڃي ٿو ته نواز کوکر کي ڪابينا ۾ شامل نه ڪرڻ بابت صدر جو بظاهر ته اهو چوڻ هو ته کوکر لوٽو ۽ ڊيفالٽر آهي، پر حقيقت ۾ ته صدر کي ڪاوڙ اها هئي جو نومبر 1994ع ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب مهل لغاري چور لغاري چور جا نعرا هڻائيندڙ نواز کوکر ئي هو. مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل ۾ صدر جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۾ نواز کوکر جيڪو ڪردار ادا ڪيو هو، اهو باغيرت بلوچ صدر لغاري کي اڄ به ياد آهي. صدر لغاري پنهنجي انائن جو حساب ڪتاب چڪائڻ لاءِ عدليا جي فيصلي تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ حڪومت جو گهيرو جنهن اندز سان تنگ ڪندو پيو وڃي اهو ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ طوفان جي روپ ۾ پنهنجي انجام تي پهچي سگهي ٿو. صدر لغاري نه صرف شفيع محمدي کي برطرف ڪيو پر چيو وڃي ٿو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنهنجي احبابن واري دائري ۾ ايندڙ سپريم ڪورٽ جي فيصلي سبب متاثر ٿيندڙ جج شيخ رياض کي استعيفا ڏيارڻ ۾ به ڪامياب ويو، ۽ ٻئي ڏينهن پشاور هاءِ ڪورٽ جي متاثر جج قاضي احسان کان به سرحد جي گورنر رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل خورشيد علي خان ذريعي استعيفا ڏياري آهي. سرحد جي گورنر خورشيد علي خان جنهن آفتاب شير پائو جي معرفت مارشل لا دور ۾ پ پ وارن خلاف نه وسارڻ جهڙيون جٺيون ڪرڻ جي باوجود به گورنري حاصل ڪئي هئي، ان جا به اڄڪلهه وزيراعظم بينظير ڀٽو سان تعلقات بهتر ناهن، جنهن سبب هن صدر واري ڪئمپ ۾ انٽري ورتي آهي. سرحد جي گورنر خورشيد علي خان خلاف جڏهن فاٽا جي ميمبرن وزيراعظم کي شڪايت ڪئي هئي ته ڪاٺ مافيا سوات سميت سرحد جي مختلف علائقن مان ديال، چنار، اخروٽ ۽ چيڙ جا قيمتي وڻ وڍائي وڪرو ڪرائي رهي آهي ۽ فاٽا جي ميمبرن وزيراعظم کي انگ اکر ڏيندي ڪجهه مهينا اڳ ٿيل ملاقات ۾ ٻڌايو هو ته گورنر 300 ٽرڪون وڪرو ڪرائي چڪو آهي ۽ هر ٽرڪ تي 5 لک رپيا ورتا آهن ۽ هيستائين 15 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪو آهي. ته وزيراعظم اها ڳالهه ٻڌي نه صرف حيرت ظاهر ڪئي هئي پر گورنر کي ٻئي ڏينهن گهرائي سختي سان ان معاملي جو حساب ڪتاب پڇيو. وزيراعظم جي حلقن وٽان مليل معلومات موجب ان مهل گورنر صاحب کي ڏڪڻي وٺي وئي هئي ۽ هن چيو هو ته مون اها رقم ڳجهي فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي هئي. وزيراعظم وري سوال ڪيس ته ڳجهو فنڊ ته حڪومت توکي ڏيندي آهي؟ اهي لفظ ٻڌي گورنر روئڻهارڪي انداز ۾ چيو ته مون اها رقم استعمال ڪري ڇڏي آهي. جنهن تي وزيراعظم کيس ڏاڍا دڙڪا ڏنا هئا ۽ اڃان تائين مٿس ناراض آهي. وزيراعظم جي ڏکي آڏي پڇا ۽ ناراضگي کان پوءِ گورنر صدر لغاري جي ڪئمپ ۾ پهچي ويو آهي.
    صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلافن جو نزلو ٻين گهڻن سميت رٽائرڊ جنرل نصير اختر تي به ڪريو آهي. جنرل (ر) نصير اختر جي کاتي ۾ ڪافي براين کانسواءِ ڪجهه چڱايون به آهن. هن جي وڏي ۾ وڏي چڱائي صدر لغاري کي صدر بڻائڻ لاءِ گهربل ووٽن کان وڌيڪ ووٽ وٺي ڏيڻ واري پڻ آهي. تازو جڏهن هو ڪوارٽر ماسٽر جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿي بنا وردي پنهنجي گهر آيو ته کيس پي آءِ اي سميت ڪجهه ٻين سرڪاري ڪارپوريشنز مان ڪنهن هڪ ۾ چيئرمين بڻائڻ لاءِ چرپر ٿي هئي پر هاڻي معاملو ايئن ختم ٿي ويو آهي، جيئن ڪرپشن خلاف عدالتي ڪيمشن قائم ڪرڻ وارو مسئلو ڊي فيوز ٿي ويو آهي. انهن ڏينهن ۾ ته فاروق لغاري ۽ بينظير ڀٽو هڪ ڳالهه هئا، پر هاڻي جڏهن ڪجهه ڌار ٿيا آهن ته نصير اختر واري چڱائي وزيراعظم جي اڪائونٽ بدران صدر واري اڪائنٽ ۾ وڌي پئي وڃي ۽ ان ئي بنياد تي نصير اختر جون مارڪون به ڪٽجي ويون آهن. صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهميون وڇوڙي جي ڪنٽرول لائين قائم ڪرڻ ڏانهن صورتحال کي تيزي سان ڌڪي رهيون آهن. ٻنهي ڌرين وچ ۾ جيڪڏهن اختلافن جي ڊيمارڪيشن مستقل طور ٿي وڃي ٿي ۽ ٻنهي جا حامي وڏن ۽ واضح گروپن ۾ سامهون اچن ٿا ته پوءِ نه صرف موجوده پيپلزپارٽي جي حڪمراني واري حيثيت کي ڌڪ لڳندو، پر مستقبل جو سياسي وايو منڊل پڻ توقع جي خلاف جڙندو. ان صورتحال جا اثر پيپلزپارٽي جي سياسي سگهه کي تمام گهڻو نقصان پهچائيندا.
    (11 آگسٽ 1996ع)


    جڏهن اچڪزئي سنڌي ميمبرن جي غيرت جاڳائي

    جڏهن اچڪزئي سنڌي ميمبرن جي غيرت جاڳائي

    ٽنڊو بهاول جي متاثره خاندان جي ٻن عورتن حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ حيدرآباد ۾ خاص عدالت جي سامهون پاڻ ساڙي انصاف نه ملڻ خلاف احتجاج جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو، ان جو پاڪستان جي تاريخ ۾ 1979ع کان پوءِ شايد ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي. 1979ع ۾ جڏهن قائدعوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏني وئي هئي ته 3 کان وڌيڪ ماڻهن ڏک ۾ ۽ ضياءُ الحق جي آمراڻي عمل خلاف احتجاجي تاريخ جو هڪ نئون باب رقم ڪندي خودسوزي ڪئي هئي. اڄ جڏهن شهيد ڀٽو جي ڌيءَ وزيراعظم آهي ته انصاف نه ملڻ لاءِ مسمات حاڪم زادي ۽ زيب النساءِ پاڻ ساڙي هڪ نئون باب رقم ڪيو آهي. ضياءَ دور ۾ اهڙي واقعي ٿيڻ کي اهو چئي جسٽيفائيڊ ڪري سگهجي ٿو ته اهو مارشل لا جو ۽ آمراڻو دور هو، پر اڄ جڏهن جمهوريت آهي، سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ووٽ سان بينظير ڀٽو اقتدار اعليٰ جي ڪرسيءَ تي موجود آهي، ان مهل اهڙو واقعو ٿيڻ يقينن نه صرف جمهوري نظام تي چٽو آهي، پر پيپلزپارٽيءَ جي دامن تي به هڪ ڪارو داغ آهي،.
    ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته چائلڊ ليبر ۽ انساني حقن متعلق سوالن جوابن جي ساهيءَ مهل بحث شروع ٿيو، جيڪو 20 منٽ جاري رهيو. ان دوران ڪنهن به ميمبر ٽنڊوبهاول واري خودسوزيءَ جي المناڪ واقعي کي نه ڇيڙيو، جيتوڻيڪ هن واقعي جي خبر ۽ ڀيانڪ تصوير نه صرف پاڪستان جي هر شهر مان شايع ٿيندڙ ناليوارين اخبارن ۾ شايع ٿي پر پرڏيهي ميڊيا پڻ ان کي وڏي ڪوريج ڏني. جڏهن اجلاس ختم ٿيڻ ۾ باقي اڌ ڪلاڪ کان به گهٽ وقت بچيو ۽ هر ميمبر ويڪ اينڊ ملهائڻ لاءِ پنهنجي اباڻي ڳوٺ رواني ٿيڻ جي انتظار ۾ هو، ته اوچتو بلوچستان مان چونڊيل محمود خان اچڪزئي اٿي بيٺو. اچڪزئي سنڌي ايم اين ايز جي غيرت کي للڪاريندي چيو ”ڪٿي آهن، سنڌي ڀائر، ڪٿي آهي هنن جي سنڌ! ڪٿي آهي سنڌ جي راڻي (بينظير)! ٽنڊي بهاول جي بدترين سانحي جي متاثر ٻن نياڻين انصاف لاءِ پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، ڇا هي جمهوريت آهي؟ سنڌ جا چونڊيل ايم اين اي ڳوٺ وڃڻ لاءِ بڪ ڪرايل پي آءِ اي جون ٽڪيٽون کيسن ۾ جاچين ٿا. مون مسلسل انتظار پئي ڪيو، پر سنڌي عوام جي ووٽ سان هن معزز ايوان ۾ آيل سنڌي ايم اين ايز مان هڪ به همراهه اهو معاملو نه اٿاريو. ڪٿي آهي نصيرالله بابر؟ ڪٿي آهي، انساني حقن وارو اقبال حيدر؟ ڪٿي آهن سنڌي ايم اين ايز؟ ڇا ان ڪري عوام اوهان کي ووٽ ڏنا هئا؟ ٻن هفتن کان اعلان ٿيو هو ته هو پاڻ کي ساڙيندا، حڪومت هنن سان ڪو به رابطو نه ڪيو. ان واقعي جي ذميواري عبدالله شاهه ۽ وفاقي حڪومت تي آهي.“
    اچڪزئي جي للڪار کان پوءِ نويد قمر چيو ته حڪومت ٽنڊوبهاول وارن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي پر هو گهر ڇڏي ويا هئا ۽ حڪومت کي هٿ نه اچي سگهيا. ٽنڊوبهاول جيڪو نويد قمر جي تڪ ۾ اچي ٿو ۽ هو خود ٽنڊي بهاول جي متاثر خاندان جي ووٽ سان ايم اين اي چونڊيو آهي، تنهن خبر ناهي ڪنهن کي خوش ڪرڻ ٿي چاهيو. پنڊيءَ وارن کي الائي ميجر ارشد جي مائٽن کي!
    نويد قمر چيو ته هي معاملو عدالت ۾ آهي، حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي! اوچتو آخري سيٽن تي ويٺل ستار بچاڻي جهٽڪو ڏئي اٿيو ۽ محمود اچڪزئي پاران جاڳايل غيرت جي زور تي صدر لغاري، حڪومت ۽ انتطاميه تي تنقيد شروع ڪئي. هن چيو ته هي پهريون ڪورٽ مارشل جو ڪيس آهي، جنهن ۾ فوجي عدالت جي سزا خلاف سپريم ڪورٽ اسٽي آرڊر جاري ڪيو آهي. صدر رحم جي اپيل ٻڌي ٿو ۽ 9 ماڻهن جي قاتلن جي ٽولي جي سربراهه ميجر ارشد کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل پاران ڏنل ڦاهيءَ جي سزا تي عمل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ وڌي وئي آهي. افسوس آهي ته حڪومت به اسان جي، انتظاميه به اسان جي، انصاف لاءِ پاڻ ساڙيندڙ ووٽر به اسان جا آهن. هن مطالبو ڪيو ته فيصلي تي عمل ڪيو وڃي.
    ستار بچاڻي کان پوءِ شبير چانڊيو اٿيو ۽ چيائين ته ميجر ارشد کي ڦاهي واري مليل سزا تي عمل ان ڪري نٿو ٿئي، جو هن جو تعلق وڏي صوبي ۽ متاثرن جو تعلق ننڍي صوبي سان آهي. جڏهن شهيد ڀٽو کي ڦاهيءَ جي سزا ملي هئي ته ان تي هڪ منٽ به عمل ڪرڻ ۾ دير نه ٿي هئي، ڇو ته هو ننڍي صوبي جو هو.
    پاڻ ساڙيندڙ ٻن نارين جي سڙيل ۽ باهه ۾ وڪوڙيل جسم جا فوٽو ڏسي نه صرف افسوس ۽ ڏک ٿئي ٿو پر لڱ به ڪانڊارجي وڃن ٿا. حيرت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت جي ڪن تي جونءِ به نه چري آهي. انساني حقن جي وزارت، سنڌي ميمبرن پاران ازخود نوٽيس نه وٺڻ ۽ روايتي احتجاج ڪري آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ نالو لکائيندڙ بچاڻي ۽ شبير چانڊيو کان وٺي بلٽ پروف چيمبر ۾ اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل محترمه بينظير ڀٽو تائين سڀني جي خاموشي جرم آهي. پوءِ ڀلي اها مصلحت سبب هجي يا عدم دلچسپي سبب.
    هن دل ڏاريندڙ ۽ ضمير جهنجوڙيندڙ سانحي جي باوجود به ڊڪٽيٽر ايوب خان جي پٽ ڪيپٽن (ر) گوهر ايوب اسيمبلي اندر اهو فخر سان چيو ته صدر کي رحم جي اپيل ٻڌڻ جو حق آهي. ان ڏس ۾ اسان حڪومتي ميمبرن جي راءِ سان متفق ناهيون. گوهر ايوب جي ان ڳالهه تي ڪنهن به سنڌي ميمبر کي جرئت نه ٿي جو ڪو هن کي جواب ڏئي.
    1992ع جي 5 ۽ 6 جون جي وچ واري رات جڏهن حيدرآباد ويجهو ڳوٺ ٽنڊوبهاول مان هڪ ئي خاندان جي 9 ڳڀرو ۽ ڪراڙن مردن کي اغوا ڪري، ڄامشوري جي ڀر ۾ غلام محمد بيراج وٽ هٿ پير ٻڌي فوجي ورديون پاتل همراهن ميجر ارشد جي سربراهيءَ ۾ رائفلن سان گولين جو مينهن وسائي خون ڪري ڇڏيو هو، نواز شريف وزيراعظم ۽ مظفر شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. گولين سان پروڻ ٿيل 9 بي وس ڳوٺاڻن جي لاشن بابت اهو چيو ويو ته هي ڌاڙيل هئا. سرڪاري خبرن وارين ايجنسين ريڊيو ۽ ٽي وي جي شام وارين خبرن ۾ کين ڌاڙيل قرار ڏنو ويو، پر رات جو 9 وڳي واري قومي خبر نامي ۾ مري ويلن کي ”را“ جو ايجنٽ ۽ تربيت يافته دهشتگرد قرار ڏنو ويو هو. حقيقت ۾ ته فوجي آپريشن دوران زمين ڦٻائڻ جي چڪر ۾ ميجر ارشد اهي بي گناهه ماڻهو ماريا هئا.
    ڪجهه ڏينهن ۾ جڏهن اها حقيقت کلي هئي ته مري ويل نه ڌاڙيل هئا، نه دهشتگرد، هو ٽنڊو بهاول جا مسڪين هاري هئا ته فوج جي اعليٰ اختيار وارن ميجر ارشد کي سندس ساٿين سميت گرفتار ڪيو هو.
    ميجر ارشد سميت سڀني جو ڪيس فوجي عدالت فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ۾ هليو هو ۽ بعد ۾ ميجر ارشد کي ڦاهي ۽ باقي سندس ساٿين کي عمر قيد جي سزا ملي هئي. گذريل هڪ سال کان ميجر کي مليل ڦاهيءَ واري سز تي عمل نه پيو ٿئي.
    فوجي عدالت مان سزا کاڌل شخص کي مليل سزا معطل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ پاران ڪيس ٻڌڻ جي به شايد پهرين روايت آهي. چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي سربراهيءَ واري سپريم ڪورٽ ميجر ارشد کي ڏنل ڦاهي جي سزا تي عمل ڪرڻ لاءِ معطلي جو حڪم ڏئي منع نامو جاري ڪيو هو، جنهن کي به گهڻو وقت ٿي ويو آهي.
    صدر لغاري کي مليل رحم واري درخواست تي جڏهن آرمي چيف جا ڪمينٽ گهريا ويا هئا ته ان وقت جنرل ڪاڪڙ پنهنجي نوٽ ۾ چيو هو ته ”ميجر ارشد پاڪ فوج جهڙي منظم ۽ ساک واري اداري جي ساک خراب ڪري، جيڪو نقصان پهچايو، اها بحال ڪرڻ لاءِ انصاف جي تقاضا پوري ڪرڻ لاءِ ميجر ارشد کي مليل سزا گهٽ ڪرڻ جو جواز نٿو بڻجي.“
    جڏهن ميجر ارشد کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي، تنهن وقت کان حڪومت ڦاهي جي سزا ختم ڪرڻ لاءِ قانون ۾ ترميم جو هڪ مسودو به تيار ڪيو هو، جيڪو معاملو مولوين جي مخالفت ۽ ڪجهه ٻين نامعلوم سببن ڪري دٻيل آهي. 1992ع ۾ جڏهن اڄوڪي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو مخالف ڌر جي ليڊر هئي ته نويد قمر جي حلقي ۾ واقع ٽنڊو بهاول ۾ وڃي 9 بي گناهه شهيدن جي پونئرن سان عذر خواهي ڪندي واعدو ڪيو هئائين ته هوءَ اقتدار ۾ اچي کين انصاف ڏياريندي. محترمه بينظير ڀٽو کي غريبن جي دعائن ۽ ووٽن سان اقتدار ته ملي ويو، پر انهن ٽنڊو بهاول جي بي وس ۽ مجبور ماڻهن کي انصاف نه ملي سگهيو آهي.
    افسوس ان ڳالهه جو به آهي ته حيدرآباد جي ضلعي انتظاميه خودسوزي ڪندڙ عورتن، سندن مائٽن ۽ همدردن خلاف ڪيس داخل ڪري، اخباري اطلاع موجب ڪجهه ماڻهن کي گرفتار به ڪيو آهي. عوام جي حفاظت ۽ خدمت لاءِ مقرر ڪيل ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي حيدرآباد پنهنجي نااهلي ۽ عوام دشمن واري وحشي رويي تي شرمائڻ ۽ پشيمان ٿيڻ بدران خودسوزي ڪندڙ عورتن، سندن مائٽن ۽ همدردن کي برو ڀلو چئي رهيا آهن.
    انصاف گهرڻ لاءِ مطالبن کان تنگ ٿي اعلان ڪري خودسوزي ڪرڻ واري ايڏي وڏي واقعي تي اسلام آباد ۽ راولپنڊي، جتي وفاقي حڪومت جو هيڊڪوارٽر، دنيا جي 100 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن جا سفارتخانا، انساني حقن جي تنظيمن جون آفيسون ۽ ڀرواري شهر راولپنڊيءَ ۾ فوجي هيڊڪوارٽر پڻ آهي. انهن حساس شهرن ۾ هن واقعي جو ڪو خاص نوٽيس نه ورتو ويو آهي. جيتوڻيڪ هتان جي مقامي اردو ۽ انگريزي اخبارن سٺي ڊسپلي سان خبر ۽ تصوير شايع به ڪئي آهي. خير، انهن تي ڪهڙي ميار آهي، جڏهن سنڌ جي ووٽ تي ٻيو دفعو اقتدار ۾ ايندڙ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي ۽ ان جي سنڌي ميمبرن کي ڪو احساس نه ٿيو، ته پوءِ ٻين کي ڇا چئجي!!؟؟
    (13 سيپٽمبر 1996ع)


    هڪ ٻيو “ڀٽو ڪيس” هڪ ٻي ڀٽو حڪومت

    هڪ ٻيو “ڀٽو ڪيس” هڪ ٻي ڀٽو حڪومت

    مرتضيٰ ڀٽو جي قتل، صدر لغاري جي ورتل اپائن ۽ نواز-لغاري ملاقات ملڪ جي سياسي ڪن ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، جيتوڻيڪ سيلاب سبب مسلم ليگ جي ”حڪومت هٽايو، پاڪستان بچايو تحريڪ“ لڙهي ويئي هئي پر مرتضيٰ جي قتل کان پوءِ ڄڻ ته اپوزيشن کي هڪ اهم اشو ملي ويو، ويتر صدر لغاري پرڏيهه مان موٽڻ بعد مرتضيٰ جي قتل کان هڪ ڏينهن پوءِ 21 سيپٽمبر تي حڪومت جي صلاح کان سواءِ استعيفا ڏيندڙ ججن واري معاملي بابت سپريم ڪورٽ کي ريفرنس موڪليو. ٻئي ڏينهن ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي احتسابي ڪميشن جي اپوزيشن واري رٿ جي حمايت ڪندي پارليامينٽرين کي خط لکيو ۽ ان جي 2 ڏينهن بعد مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف سان 3 سالن جي ڊگهي عرصي کان پوءِ پهرين ملاقات ڪري، پنهنجي اڳوڻي پارٽي جي سربراهه، وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي هينئن تي مڱ ڏريا آهن.
    مرتضيٰ ڀٽو، نواز شريف ۽ قاضي حسين احمد آگسٽ 96ع ۾ ئي چوڻ شروع ڪيو هو ته سيپٽمبر جي آخر ۾ حڪومت بحران جو شڪار ٿيندي. آڪٽوبر ۾ صورتحال خراب ٿي ويندي ۽ نومبر تائين حڪومت جو رهڻ ناممڪن بڻجي ويندو. واقعي حڪومت سيپٽمبر جي آخر ۾ بحران جو شڪار ٿي آهي، پر معصوم مرتضيٰ ڀٽو کي پير پاڳاري جي ڪيل پيشن گوئي جي باوجود به اها خبر نه پئجي سگهي ته ان بحران پيدا ڪرڻ ۾ سندس ئي خون ٻارڻ طور استعمال ٿيندو. جيڪڏهن مير ، پير جي ان بيان جو جوش بدران هوش سان جائزو وٺي انتظام ڪري ها ته شايد هو 20 سيپٽمبر تي شهيد نه ٿئي ها. پير پاڳاري چيو هو ته ”هاڻي وقت وري ڀٽو خاندان جي فرد جي سر جي تقاضا ڪري ٿو.“ زال سان اختلافن ۽ طلاق کان پوءِ جيتوڻيڪ ”حضرت“ پير پاڳارو ڪجهه وقت لاءِ پيش گوئين واري ڊيوٽيءَ تان موڪل ڪري ويو هو، پر جيئن ئي صورتحال بهتر ٿي ته فخر سان جي ايڇ ڪيو جو ماڻهو هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ پير پاڳاري پهرين پيشن گوئي ڀٽو خاندان جي سر جي ڪئي هئي. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي پنهنجي ڀاءُ جي پوليس مقابلي ۾ شهيد ٿيڻ جي خبر بيگم نصرت ڀٽو جي سيڪريٽري رخسانه بنگش ڏني، جنهن بعد بينظير ڀٽو نصير الله بابر کان تصديق پڇي ته بابر به معلوم ڪري ٻڌائڻ جو کيس آسرو ڏنو ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ جنرل (ر) نصير الله بابر تصديق ڪئي. سرڪاري ادارن جن ۾ انٽيليجنس بيورو پڻ شامل آهي، تن وزيراعظم سان ته اهو بهانو ڪيو ته هو اها ڏک واري خبر سڌي طرح ٻڌائي سگهڻ جي جرئت نه پيا ڪن! هاڻ اهي ڳالهيون به کليون آهن ته مرتضيٰ ڀٽو جو هڪ دوست 20 سيپٽمبر تي 7 وڳي شام کان وزيراعظم جي مختلف ويجهن ساٿين کي چوندو رهيو ته ڪجهه ڪريو، خدا خير ڪري مرتضيٰ ڀٽو کي خطرو آهي. باخبر حلقن ٻڌايو ته مرتضيٰ جي ان خيرخواهه، ڊاڪٽر ظفر نيازي، آمنا پراچا ايڊووڪيٽ ۽ رخسانا بنگش کي به فون ڪيو پر هنن خبر ناهي ته ڇو اڳتي ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ٻڌي. اهڙو اطلاع ڏيندڙ همراهه اڄڪلهه غائب آهي. کيس ڪارين واسڪوٽين وارا ڳولي رهيا آهن، سندس زندگيءَ کي به خطرو آهي. جيڪڏهن ان کي ڪنهن جي هٿان ”فطري موت“ ملي به ويو، ته به مرتضيٰ ڀٽو جي خون جا تمام گهڻي ڄاڻ رکندڙ ۽ ذري گهٽ اکين ڏٺا شاهد ختم نه ٿي سگهندا، ڇو ته نصير الله بابر، آءِ بي جو چيف مسعود شريف، ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، ايس ايس پي واجد دراني، اي ايس پي شاهد حيات خان، ايس ايڇ او حق نواز سيال ۽ هڪ درجن کان وڌيڪ ڪلفٽن ٿاڻي جا اهي سپاهي به اهڙا شاهد آهن جن کي گهڻو ڪجهه معلوم آهي، وقت اچڻ تي شاهد ۽ سلطاني شاهد ٿي بيهندا.
    مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان صرف هڪ ڏينهن اڳ ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏياريندڙ واعده معاف گواهه مسعود محمود، دبئي ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 19 سيپٽمبر خميس ڏينهن فوت ٿي ويو. جنهن کي دبئي ۾ ئي دفن ڪيو ويو آهي. قصوري ڪيس ۾ ملزم طور نامزد مسعود محمود جيڪو ذوالفقار ڀٽو وارن ڏينهن ۾ فيڊرل سيڪيورٽي فورس (ايف ايس ايف) جو سربراهه هوندو هو، اهو ضياءُ الحق کان مال وٺڻ بعد ملزم مان ڦري سلطاني شاهد بڻيو ۽ اکين ڏٺي شاهد طور ذوالفقار ڀٽو خلاف شاهدي ڏيندي چيو هو ته قصوري کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڀٽو ڏنو هو. ان ئي مستند شاهديءَ جي بنياد تي ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ملي هئي. جنهن بعد مسعود محمود آمريڪا شفٽ ٿي ويو هو. سندس پٽ بعد ۾ دبئي ۾ شفٽ ٿي آيو. تازو پٽ سان ملڻ جڏهن آمريڪا مان مسعود محمود دبئي آيو ته دل جو دورو پوڻ ڪري مري ويو. ڪالهه جو مسعود مجبور، فطري عمر پوري ڪري مري ويو. اڄ جا مسعود محمود ڪجهه گهڻيرا آهن.
    ڪجهه مهينا اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هڪ شهري شهيد ڀٽو ڪيس ٻيهر هلائڻ لاءِ درخواست ڏني هئي. ان درخواست تي اڄ تائين ڪو به فيصلو نه ٿيو آهي ۽ ان ڪيس جو اڪيلو زندهه شاهد مسعود ئي بچيو هو، جيڪو پڻ مري ويو. جنهن جي ٻئي ڏينهن تي شهيد ڀٽو جو ڪيس ٻيهر هلائڻ جو مطالبو ڪندڙ ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن کي پارٽي ۽ حڪومت مان ڪڍڻ واري مسئلي تي ڀيڻ سان اختلاف ڪري ڌار سياسي جدوجهد ڪندڙ مير مرتضيٰ به قتل ٿي ويو. ان سان گڏ ئي شهيد ڀٽو ڪيس ٻيهر هلائڻ جو مطالبو ڪندڙن ۽ اکين ڏٺن شاهدن جو ته انت اچي ويو پر مرتضيٰ قتل ڪيس جو حشر ان ڪري اهڙو نه ٿيندو، جو هڪ ته هن وقت ضياءُ الحق اقتدار ۾ ناهي، ٻيو ته هي تازو سانحو آهي جنهن جا سڌا يا اڻ سڌا گواهه نصير الله بابر کانسوءِ باقي سڀ نوجوان آهن.
    جيتوڻيڪ وزيراعظم چٽن لفظن ۾ چيو آهي ته کيس پنهنجي ڀاءُ جا قاتل کپن، پر واقعي جي ڳجهارت ڀڃڻ بدران مرتضيٰ قتل ڪيس بابت گاديءَ واري شهر ۾ هيڊڪوارٽر وارن ٻن ڳجهين ايجنسين وچ ۾ جنگ هلي رهي آهي.
    المرتضيٰ تي لاڙڪاڻي ۾ فائرنگ ڪندڙ ٽيم جي سربراهي ساڳيو واجد دراني ڪري رهيو، جيڪو مرتضيٰ کي قتل ڪندڙ پوليس پارٽيءَ جي ضلعي جو سربراهه (ايس ايس پي) هو. المرتضيٰ تي فائرنگ ڪندڙ پوليس وارن جي رائيفلن جي نالين مان نڪرندڙ موت مار گولين جو نشانو بيگم نصيرت ڀٽو جي ڇاتي هئي. جيڪڏهن بيگم ڀٽو کي بچائڻ لاءِ ڍال بڻجندڙ سندس ڪارڪن اڳيان نه اچي ها ته شايد ڌيءُ جي حڪومت ۾ ماءُ مري وڃي ها. قدرت شايد نصرت ڀٽو کي اڃا ارڏي پٽ جي صدمي لاءِ زندهه رکيو هو. ان وقت به نصيرالله بابر جي اهائي ٻولي هئي ته المرتضيٰ ۾ ”را“ جا ايجنٽ هئا. اڄ جڏهن مرتضيٰ ڀٽو شهيد ٿي ويو ته به نصيرالله بابر چوي پيو ته مرتضيٰ جا باڊي گارڊ ”را“ جا ايجنٽ هئا. جن کي پوليس پڪڙڻ پئي چاهيو. جيتوڻيڪ وزيراعظم هر هر پئي چوي ته مرتضيٰ ڀٽو کي سازش هيٺ ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو آهي پر پوءِ به نصيرالله بابر چوي پيو ته نه مرتضيٰ اتفاقي طور پوليس مقابلي ۾ مري ويو آهي. ٻنهي مان ڪنهن جو بيان درست آهي، ان جو تعين اڃا نه ٿي سگهيو آهي.
    مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بابت جوڙيل عدالتي تحقيقاتي ڪميشن ڏسون ته ڇا ٿي رپورٽ ڏئي؟ اهو به ڏسڻو آهي ته مير جي ڀيڻ محترمه بينظير ڀٽو، جنهن جو سياسي ڪيريئر پڻ داءُ تي لڳل آهي، اهو بچائڻ ۽ ڀاءُ جي قاتلن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن کي سزا ڏيارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا نه. جيڪڏهن وزيراعظم ان ڪم ۾ ناڪام وئي ته سندس سياسي ڪيريئر کي ڪڏهن به پورو نه ٿي سگهڻ جيترو نقصان ٿيندو ۽ عوام اعجازالحق وانگر هن کي طعنا، مهڻا ۽ ميارون ڏئي سندس جيئڻ به جنجال ڪري ڇڏيندو. ماڻهن جي مهڻن جو اعجازالحق تي ته گهڻو اثر نه ٿيو آهي پر شايد بينظير ڀٽو ان وانگر ڪنڌ کڻي نه جي سگهندي. ضياءُ الحق جي مرڻ بعد اعجاز الحق اقتدار ۾ رهي به پيءُ جي قاتلن کي وائکو ڪري سندن خلاف ڪارروائي ۾ ناڪام رهيو. جيتوڻيڪ هن ڪافي دفعا پريس ڪانفرنسن ۽ جلسن ۾ به چيو آهي ته هن کي پنهنجي والد جي قاتلن جي خبر آهي.
    وزيراعظم بينظير ڀٽو جي ان ڳالهه سان اسان سئو سيڪڙو متفق آهيون ته مرتضيٰ کي سازش هيٺ قتل ڪيو ويو آهي. ڇو ته واقعي مهل مان هڪ دوست سان گڏ ڊفينس کان موٽندي ڪلفٽن هيلي پيڊ واري ٽه واٽي کان جڏهن ٻن تلوارن واري چوڪ ڏانهن اچڻ چاهيو پئي ته پوليس وارن اهو روڊ سوا ستين وڳي شام کان ئي بلاڪ ڪري ڇڏيو هو. اسان کي به موٽايو ويو ۽ اسان بلاول هائوس واري چوڪ کان ڦري بوٽ بيسن وٽان ٿي، شان سرڪل واري چوراهي کان مين ڪلفٽن روڊ تي آياسين. جنهن بعد سوا نائين وڳي خبر ملي ته مرتضيٰ پوليس مقابلي ۾ سخت زخمي ٿي پيو آهي، جيڪڏهن واقعي مرتضيٰ ڀٽو جو قتل رٿيل نه هو، ته پوءِ سوا ستين وڳي کان پوءِ ڪلفٽن هيلي پيڊ واري ٽه واٽي کان هيٺ لهي ٻن تلوارن ڏانهن 70 ڪلفٽن جي ڀر مان ايندڙ روڊ تي ٽريفڪ ڇو بلاڪ ڪئي وئي هئي؟ محترمه بينظير ڀٽو چئي رهي آهي ته مرتضيٰ ڀٽو اصول پسند ماڻهو هو. اها ڳالهه مرتضيٰ ڀٽو به چوندو هو ته وزيراعظم منهنجي ڀيڻ آهي، ان سان اختلاف اصولن جي بنياد تي آهن. هو چوندو هو ته مان چاهيان ٿو ته شهيد جي پارٽيءَ ۾ شهيد ڀٽو جا غدار ۽ قاتل نه هجن پر بينظير ڀٽو ان معاملي تي مصلحت جو شڪار آهي. مرتضيٰ ڀٽو انهن ئي اصولن جي بنياد تي ڀيڻ کان ڌار ٿي جدا سياسي جدوجهد شروع ڪئي. خبر ناهي مرتضيٰ جي ان اصول پسنديءَ کي وزيراعظم 20 سيپٽمبر کان اڳ ڇو نه تسليم ڪيو هو؟ 26 سيپٽمبر تي شهيد ڀٽو ڪاميٽيءَ پاران سوڳ جو سڏ ڏيندي هڙتال جي اپيل ڪئي وئي. ان اپيل جي ايم ڪيو ايم سميت اڪثر جماعتن حمايت ڪئي پر سرڪاري پيپلزپارٽيءَ مخالفت ڪئي. مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي هڪ هفتو به نه گذريو هو، ته به وزيراعظم آمريڪا جو رٿيل پرڏيهي دورو ملتوي نه ڪيو؟ اهي اهڙا سوال ۽ خيال آهن جيڪي تمام گهڻا مونجهارا پيدا ڪن ٿا. مرتضيٰ جي وحشياڻي قتل تي ملڪ جي هر هڪ شخص کي افسوس آهي. مير جو قتل اڃا تائين هڪ ڳجهارت بڻيل آهي. هيستائين سامهون آيل ڳالهيون الزام ۽ قياس آرائيون آهن. حقيقت ڇا آهي؟ اهو معلوم ڪرڻ حڪومت، ”سرخن“ ۽ پريس لاءِ هڪ وڏو چئلينج آهي!
    صدر لغاري، مرتضيءَ ڀٽو جي مرڻ سان گڏوگڏ لڳاتار جيڪي اپاءُ ورتا آهن، اهي حڪومت لاءِ ايئن ئي مورچا بند پوليس وارن جو گهيرو پيا لڳن. جنهن ۾ مرتضيٰ ڀٽو ڦاٿو هو. ضياءُ الحق جي ظلم ۽ عذاب آڏو، وڏيرو هجڻ جي باوجود به سياسي ايمان نه بدلائيندڙ فاروق لغاري نه صرف بلوچ آهي پر پ پ جو سابق جيالو پڻ آهي. پ پ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته جي پراڻي پرسنل رڪارڊ جاچڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهچبو ته هن جو اهو مرڪ ناهي، جو ايڏي وڏي سانحي ۽ ٽريجڊيءَ جو شڪار بينظير ڀٽو، جنهن جي اکين جا اڃا لڙڪ ئي خشڪ نه ٿيا آهن ته کيس ڦاسائڻ لاءِ ايڏو ڄار وڇائجي. جنهن مان بينظير نڪري ئي نه سگهي، اهو ممڪن نٿو لڳي. صدر جي ورتل لڳاتار اپائن مان اهو به تاثر ملي ٿو ته هو جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي، شايد پنهنجي مرضيءَ سان نه پيو ڪري، پر سوال اهو آهي ته لغاري اهو سڀ ڪجهه ڇو پيو ڪري؟ هن وٽ معقول جسٽيفڪيشن به ٿي سگهي ٿي. نواز شريف سان ملاقات کان پوءِ صدر سان ڪيل ڳالهيون ايڏي سخت لهجي ۾ خود ميان صاحب به پريس بريفنگ دوران نه ٻڌائي سگهيو، جهڙيون تيرن جهڙيون تکيون ڳالهيون ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ نواز شريف جي حوالي سان چيون ويون آهن. نواز-صدر ملاقات کان پوءِ ته بي بي نواز گيم ختم ٿيندڙ لمحن ۾ پهچي رهي آهي. نواز شريف وننگ اسٽروڪ لڳائڻ لاءِ لوزبال تي ڇڪو هڻڻ لاءِ ڪيريز کان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ بالر به ايمپائر ڪراس ڪري بال اڇلائڻ لاءِ هٿ مٿي ڪري چڪو آهي. بي بي ميچ هارائي رهي آهي. جنهن ۾ تمام ٿوري دير آهي.
    (6 آڪٽوبر 1996ع)


    حڪومت وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول تنگ آهي

    حڪومت وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول تنگ آهي

    گاديءَ واري شهر جا باخبر حلقا چئي رهيا آهن ته هلندڙ مهيني آڪٽوبر جا پڇاڙڪا ارڙهن ڏينهن انتهائي اهم آهن. انهن ڏينهن ۾ حڪومت هٽڻ سميت ڪا به وڏي تبديلي واقع ٿي سگهي ٿي. 20 سيپٽمبر تي مرتصيٰ ڀٽو جي رٿيل قتل سان گڏوگڏ صدر لغاريءَ پاران حڪومت خلاف کنيل جارحاڻا قدم جيتوڻيڪ 28 سيپٽمبر تي صدر وزيراعظم ملاقات سبب اڳتي وڌڻ کان رڪجي ويا هئا ۽ محترمه ڀٽو کي آمريڪا جو دورو ڪري واپس اچڻ تائين ليز ملي هئي. جنهن جو سبب اهو ٻڌايو پئي ويو ته من محترمه ڪجهه حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي. هاڻ به اهي خبرون اچي چڪيون آهن ته آءِ ايم ايف قرض ڏيڻ کان جواب ڏنو آهي. نواز شريف جو بيان شايع ٿيو آهي ته بينظير جو آمريڪي دورو ناڪام ويو آهي. هوءَ ڪجهه به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي آهي. وزيراعظم هن وقت لنڊن ۾ آهي، پر هي ڪالم ڇپجڻ تائين محترمه وطن پهچي چڪي هوندي.
    وطن پهچڻ شرط هوءَ صدر سان ملاقات ڪندي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪجهه وزيرن ۽ ”ٽاپ موسٽ سينيئر 20 بيوروڪريٽن“ کي هٽائڻ جو جيڪو هوءَ پرڏيهه وڃڻ وقت واعدو ڪري وئي هئي، ان تي عمل ڪرڻ بابت ڳالهائيندي. ڏسڻو اهو آهي ته وزيراعظم پنهنجي ويجهن ساٿين، احمد صادق کان وٺي حسين حقانيءَ تائين ”ڪاوش“ ۾ ڇپيل لسٽ وارن ڪرپشن جو الزام لڳل بيورو ڪريٽن کي هٽائي ٿي يا نه، باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن محترمه پنهنجي اقتدار جو گهيرو تنگ ٿيندي محسوس ڪيو ته هوءَ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻائيندي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن وزيراعظم انهن بيورو ڪريٽن کي هٽائي به ڇڏيو ته ڇا وري کانئس ٻيو مطالبو نه ٿيندو؟ ان بابت به ڄاڻو حلقا چون ٿا ته صدر صاحب کي مطالبن جي ڊگهي فهرست ملي وئي آهي. جنهن کي ڏسندي مطالبا پڙهندو ويندو. امڪان اهي آهن ته وزيراعظم کان ڪرپٽ بيورو ڪريٽن خلاف قدم کڻائي بعد ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ عدالتي احتسابي ڪميشن جي قيام جو مطالبو مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو ويندو، جنهن بعد کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ به چيو ويندو. اهو سمورو ڪم 12 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين شيڊول مطابق ٿيڻو آهي. ان عرصي دوران راجا ظفرالحق جي سربراهيءَ ۾ صدر سان اپوزيشن جو وفد ملاقات ڪندو. قاضي حسين احمد ۽ پ پ شهيد ڀٽو جو وفد به ملندو. جماعت اسلاميءَ جا 3 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ هڪ سينيٽر استعيفيٰ به ڏيندا ۽ 24 آڪٽوبر تي قاضي حسين جي سربراهيءَ ۾ جماعت اسلاميءَ جا ڪارڪن اسلام آباد ڏانهن مارچ به ڪندا. گذريل ڀيري جڏهن جماعت وارن مارچ ڪيو هو ته سندن 2 ڪارڪن مارجي ويا هئا. پوليس جي گولين، شيلن ۽ لٺين جي باوجود به بک تي جماعت وارا 6 ڪلاڪ روڊ تي موجود هئا. هن ڀيري هر هڪ جماعتي کي روٽ (ٿلهي ۽ مٺي ماني) پچرائي، ڀڳڙا ۽ ڳڙ به گڏ کڻي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي. ٿي سگهي ٿو ته افغان ۽ ڪشمير جهاد ۾ گوريلا ٽريننگ وارا مجاهد به اچن. هن دفعي جيڪڏهن پوليس وارن تڪڙ ڪئي ته اڳ وانگر صرف هڪ پاسي جا ماڻهو نه مرندا، پر ٻنهي ڌرين جو نقصان ٿيندو.
    اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت وٽ وقت گهٽ ۽ شيڊول تنگ آهي. مٿئين امڪاني صورتحال بابت هڪ وفاقي وزير سان جڏهن ڪچهري ٿي ته هن چيو ”مهلون مڙسن تي اينديون آهن. وزيراعظم موٽي اچي ته مشورو ڪري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙينداسين.“ هن جو چوڻ هو ته صدر لغاري جي بدليل لهجي پويان پڻ هڪ پسمنظر آهي. الله ڪندو خير ٿي ويندو. مون چيو ته رڳو دعا سان ڪم ڪو نه هلندو. هن ٻڌايو ته ”اسان به سياسي مارڪيٽ ۾ ويٺا آهيون. صدر کي اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو حڪم ڏيڻ جو موقعو نه ڏينداسين. اهو به ممڪن آهي ته وزيراعظم خود اعتماد جو ووٽ وٺي. ڇو ته ان سان فائدو اهو ٿيندو ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هٽائڻ لاءِ ڪو ٻيو قدم کنيو به ويو ته اسان عوام وٽ اها فرياد کڻي وينداسين ته، ڏسو! اسان اعتماد جو ووٽ به ورتو، اڪثريت اسان جي حق ۾ هئي پوءِ به اسان جي حڪومت خلاف سازش ٿي آهي.“
    حڪومت جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته اهو به ممڪن آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل واري الزام ۾ ڊي آءِ جي ڪراچي شعيب سڊل، ايس ايس پي واجد دراني ۽ اي ايس پي شاهد حيات کي معطل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ کين صفائيءَ لاءِ تحقيقاتي ٽربيونل آڏو پيش ڪيو وڃي. هن وقت حڪومت لاءِ 2 آپشن آهن. هڪ اهو ته جاچ ٽربيونل چارجز فريم ڪري ته پوءِ واسطيدار ملزمن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ٻيو آپشن اهو آهي ته انهن کي اڳ ۾ ئي معطل ڪري پوليس ڪسٽڊي ۾ ورتو وڃي. شروع ۾ ته پهرئين آپشن تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، پر موجوده صورتحال کان پوءِ ٻئي آپشن تي ترت عمل ڪرڻ لاءِ سوچيو پيو وڃي.
    مرتضيٰ قتل ڪيس بابت گورنر ڪمال اظفر جيڪا رپورٽ صدر کي موڪلي آهي، تنهن ۾ پوليس تي چارجز فريم ڪيون ويون آهن، جيڪا ڳالهه اخبارن ۾ شايع به ٿي آهي. گورنر ڪمال اظفر واري رپورٽ جي هيستائين اڻ ڇپيل حصي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ”قتل وارن ڏينهن ۾ مان (ڪمال اظفر) ٻاهر هئس. ايڪٽنگ گورنر غوث بخش مهر هو. جنهن کي مرتضيٰ ڀٽو جي پوليس مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ جو اطلاع سوا ٻارهين وڳي رات جو ان وقت مليو، جڏهن مرتضيٰ ڀٽو وفات ڪري چڪو هو. قائم مقام گورنر کي مرتضيٰ جي مرڻ واري خبر به مرتضيٰ جي موت کان هڪ ڪلاڪ پوءِ ملي. گورنر پنهنجي رپورٽ ۾ مرتضيٰ جي قتل جو الزام پوليس تي ته لڳايو آهي، پر اهو به چيو آهي ته، ”پوليس کان مس هئنڊنلنگ ٿي آهي.“
    بچاءَ وارو وزير ۽ محترمه جو ڀروسي جوڳو ساٿي شعبان ميراڻي جيڪو پڻ واقعي واري رات ڪراچيءَ ۾ هو، تنهن بيان ڏنو هو ته مرتضيٰ جي قتل جي خبر کيس 21 سيپٽمبر تي صبح جو ملي. اها ڳالهه شڪ جي ڪڪر هيٺ آهي ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ اهم ”بچاءَ کاتي“ جنهن ۾ فوج ۽ ڪيتريون ئي ڳجهيون ايجنسيون به اچي وڃن ٿيون، ان کاتي جي وزير ميراڻي صاحب کي ڪٿي اڳ ۾ خبر نه هجي؟ باخبر حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته جهڙي طرح ضياءُ الحق سان گڏ آمريڪي سفير رابرٽ رافيل مئو هو ته ان جي موت جي خبر سندس زال جيڪا پڻ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندي هئي ۽ حڪومت ۾ شامل هئي، تنهن کي اڳواٽ پئجي چڪي هئي. اهڙي طرح ڪجهه ماڻهن کي مرتضيٰ جي مرڻ واري سازش جو به اڳ ۾ علم يا اندازو هو. جيتوڻيڪ مرتضيٰ جي مرڻ کي هي سٽون لکجڻ تائين 16 ڏينهن گذري چڪا هوندا پر اڃان تائين واضح اشارن جي باوجود به مجرم ته ٺهيو، پر ملزمن خلاف به حڪومت ڪارروائي ۾ ناڪام وئي آهي. مير جي ڀيڻ جي وزيراعظم هجڻ جي باوجود به ملزمن خلاف ڪارروائي ۾ دير تي، ملڪ وانگر گاديءَ واري شهر جي سياسي ۽ صحافتي حلقن ۾ پڻ حيرت ظاهر ڪئي پئي وڃي.
    حڪومت هٽجڻ بابت نواز شريف پنهنجي ويجهن سياسي ۽ ذاتي دوستن کي اهو زور ڏئي چئي رهيو آهي ته آڪٽوبر جا پويان 3 هفتا انتهائي خطرناڪ آهن. نواز شريف جي هڪ ويجهي ساٿي ٻڌايو ته ميان صاحب واضح طور تي صدر ۽ پاور ڪاريڊور ۾ اهميت رکندڙ ٻين ڌرين کي چئي ڇڏيو آهي ته ”تبديلي اسيمبلي اندر نه پر اسيمبلي ٽوڙي آندي وڃي. نگران حڪومت جوڙي سپريم ڪورٽ ۾ نظريه ضرورت هيٺ صدر ريفرنس موڪلي نگران حڪومت جي مدت 2 سال ڪرائي. ان عرصي دوران نگران حڪومت غير جانبدار بنيادن تي ملڪ جي سمورن سياستدانن ۽ بيورو ڪريسيءَ جو احتساب ڪري ڦرلٽ واري رقم واپس ڪرائي ۽ پوءِ اليڪشن ڪرائي وڃي.“ نواز شريف جي ان ساٿي وڌيڪ ٻڌايو ته ”موجوده حالتن ۾ جيڪڏهن اسيمبليءَ اندر تبديليءَ جي ڪا به ڪوشش ٿي ته ان سان بدترين هارس ٽريڊنگ ٿيندي.“ نواز شريف جو چوڻ آهي ته ”اسيمبليءَ اندر تبديليءَ سان ڪرپشن ٿيندي ۽ ٻيو ته مان داءُ لڳائڻ جي موڊ ۾ ناهيان.“ جيڪڏهن اسيمبليءَ ۾ تبديل آئي به ته کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو. ان سان احتساب نه ٿي سگهندو ۽ ايندڙ اليڪشن واري خرچ جي رقم به وقت کان اڳ کپي ويندي.
    چيف جسٽس سجاد علي شاهه جڏهن کان چيف جسٽس ٿيو آهي، ته عام طرح تڏهن کان ۽ خاص طرح 1995ع جي پوئين ڪوارٽر کان عدليا جو رول اسان جي معاشرتي سيٽ اپ ۽ پاور اسٽرڪچر ۾ جاندار بڻيو آهي. اهم فيصلن سان گڏ نوان نوان ٽرم به متعارف ٿيا آهن. مثال طور جڏهن ججن جي ڀرتي وارو فيصلو آيو ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو ”جوڊيشل مارشل لا“ جو ٽرم ڏنو. اڄڪلهه جڏهن نگران حڪومت جي مدت سپريم ڪورٽ ذريعي وڌائڻ جي ڳالهه هلي پئي ته ان کي جيڪڏهن اسان ”جوڊيشل مينڊيٽ“ چئون ته غلط نه ٿيندو. هن ملڪ ۾ هونئن به ڪافي اڻ ٿيڻا واقعا ۽ سانحا ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ڪرپشن جي خاتمي ۽ احتساب جهڙي عظيم ڪم لاءِ جوڊيشل مينڊيٽ ذريعي ٻن سالن واري نگران حڪومت قائم ڪئي وئي ته ان جا جمهوري پارلياماني نظام تي مثبت اثر پوندا.
    وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو آچر 8 آڪٽوبر تي وطن پهچي رهي آهي. اقتدار جي ايوانن ۾ سندس واپسيءَ لاءِ شدت سان ٿيندڙ انتظار جيتوڻيڪ آءِ ايم ايف پاران قرض کان جواب ڏيڻ وارين خبرن بعد انهن حلقن منجهان ختم ٿي ويو آهي، جن لاءِ ڪجهه اچڻ جي اميد هئي. پر وزيراعظم جي ويجهن ساٿين جو انتظار بدستور جاري آهي، جن کي اڃان ڪجهه ڏينهن جهنڊي ۽ ڏنڊي واري گاڏي سان گڏ گذارڻو آهي. وزيراعظم ساڳئي تتل ڌرتيءَ تي پنهنجا پير کوڙيندي، جيڪا هوءَ گرم حالت ۾ ڇڏي وئي هئي. اڌ ۾ ڇڏيل اڻ نبريل ايجنڊا هٿ ۾ کنئي ويندي ۽ ڳالهه اتان ئي شروع ٿيندي جتان ٽٽي هئي.
    (6 آڪٽوبر 1996ع)


    چپ چپات ۾ پرڏيهه ويندڙ ڪهڙو منظر

    چپ چپات ۾ پرڏيهه ويندڙ ڪهڙو منظر
    ڇڏي ويا آهن

    اڄ 20 آڪٽوبر تي مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي هڪ مهينو پورو ٿيو آهي. اڃان تائين قاتلن جو ڪو پتو پئجي نه سگهيو آهي. وڏي وٺ وٺان کان پوءِ صرف واجد درانيءَ کي معطل ڪري پوليس جي حراست ۾ ورتو ويو آهي. گاديءَ واري شهر ۾ اهو به چوٻول آهي ته ستار ڪيريو سان گڏ واجد دراني ڪراچيءَ مان ٻارن ٻچن سوڌو پرڏيهه روانو ٿي رهيو هو، ته کيس ايئرپورٽ تان موٽايو ويو ۽ پوءِ ڊي آءِ جي انسپيڪشن ۽ انڪوائري ڪراچي محمدا قبال جي ابتدائي تحقيقاتي رپورٽ بعد واجد درانيءَ کي معطل ڪيو ويو آهي.
    ڊي آءِ جي ايم اقبال جيڪا سنڌ حڪومت کي مرتضيٰ سانحي بابت رپورٽ ڏني، اها سيد عبدالله شاهه وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي پهچائي ڇڏي آهي ۽ سنڌ جي آءِ جي ساڳئي رپورٽ نصير الله بابر کي به ڏني آهي. ان رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪلفٽن سانحي جي آپريشن جو نگران ايس ايس پي واجد دراني هو، هن جي غلط رٿابنديءَ واري آپريشن Ill planned operation سبب مرتضيٰ ڀٽو مارجي ويو. دراني ڄاڻي واڻي هڪ جونيئر آفيسر اي ايس پي شاهد حيات کي اڳواٽ بريفنگ کانسواءِ اوچتو سڄو ٽاسڪ ڏنو.“ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 8.55 تي فائرنگ شروع ٿي، مرتضيٰ ڀٽو جي حامين ۽ پوليس جي دوبدو فائرنگ ۾ مرتضيٰ مري ويو. اهو سڄو لقاءُ واجد دراني ٻن تلوارن واري چوڪ تي واقع ٽريفڪ پوليس چوڪيءَ وٽان ڏسندو رهيو. ڊي آءِ جي پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مسٽر دراني، جو ڏنل ابتدائي بيان غلط بيانيءَ تي مشتمل هو. هن ڪوڙ ڳالهائيندي حقيقت لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان ڪري هن خلاف efficiency and diciplinaryاهليت ۽ نظم و ضبط وارن قاعدن موجب ڪارروائي ڪري کيس معطل ڪيو وڃي. هن رپورٽ ۾ شعيب سڊل جو ذڪر ئي ناهي.
    ڊي آءِ جي ايم اقبال جي مختصر رپورٽ ۾ گهڻن سوالن جا جواب ڄاڻي واڻي نه ڏنا ويا آهن. واجد دراني ڪير آهي، ڪٿان جو آهي؟ ان بابت مون جڏهن تحقيقات ڪئي ته سندس ٻن ساٿين سان ملاقات ٿي، هڪ سندس ننڍپڻ جو دوست ۽ ٻيو هن جو پوليس سروس دوران باس رهيو آهي. انهن وٽان مليل معلومات مطابق واجد درانيءَ جو پروفائيل هن طرح آهي: ”واجد دراني، حاجي محمد الياس جو پٽ آهي. هو 26 مئي 1952ع ۾ ڄائو هو. دراني اسلاميه ڪاليج لاهور، گورنمينٽ ڪاليج لاهور ۽ اشرف ڪيمبرج اسڪول لاهور ۾ تعليم حاصل ڪئي آهي. هن 1975ع ۾ ايم اي ٿرڊ ڪلاس ۾ پاس ڪئي. جڏهن ته بي ايس سي سيڪنڊ ڪلاس ۾ ڪئي اٿائين. هن جو اصل گهر سمن آباد لاهور ۾ آهي. سندس والد سنڌ جي هاڻوڪي تعليم واري وزير آغا سراج جي والد جو منشي به رهيو آهي. دراني انگريزي، اردو، پنجابي ۽ سنڌي روانيءَ سان ڳالهائيندو آهي. هن وٽ ڊوميسائيل شڪارپور سنڌ جو به آهي. واجد دراني ٽيبل ٽينس ۽ شطرنج جو رانديگر آهي. هو گاڏي تيز هلائڻ ۽ باغباني جو شوقين آهي. اسان وٽ تيز ڊرائيونگ ڪندڙ کي هوشيار سڏيو ويندو آهي پر دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ تيز ڊرائيونگ منفي پهلو ڄاتو ويندو آهي ۽ ڪو به سنجيده ماڻهو اهو شوق نه رکندو آهي. هن پوليس ٽريننگ دوران ”نظريات پاڪستان“ واري مضمون ۾ 5 مارڪن مان صرف هڪ مارڪ حاصل ڪئي هئي. هو سوشل ڊولپمينٽ سبجيڪٽ ۾ غير حاضر رهيو هو. واجد دراني 1989ع کان 90ع تائين پيپلزپارٽيءَ جي پهرئين دور ۾ نوابشاهه ۾ رهيو. ان دوران هن جي ستار ڪيريو سان گهاٽي سنگت ٿي وئي هئي ۽ ستار جي معرفت آصف زرداريءَ جو دوست به ٿي ويو. ملڪ اسد سڪندر سان به ڪيريو جي معرفت مليو. جڏهن ته آغا سراج هن جو پراڻو سنگتي آهي. 1993ع ۾ دراني سکر ۾ رهيو. 94-95ع ۾ جڏهن وري پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت هئي ته هن کي ستار ڪيريو نوابشاهه بدلي ڪرائي آيو. هو لاڙڪاڻي، بدين، حيدرآباد ۽ دادو ۾ به رهيو. جڏهن دادو ۾ هو ته نبن خان لنڊ ۽ اسد سڪندر وٽ ڏاڍو ايندو ويندو هو. جولاءِ 1995ع ۾ هن کي ڪراچي بدلي ڪيو ويو. سندس اعليٰ عملدار جيڪي رهيا آهن، انهن ۾ آفتاب نبي، نياز احمد صديق، غلام محمد ملڪاڻي ۽ سيد محب اسد (سڀ ڊي آءِ جي طور) شامل آهن. جڏهن ته آءِ جي طور هن جا باس رهندڙ آغا سعادت علي شاهه، بشير صديقي، افضل شگري جي معين الدين وغيره شامل آهن. سندس هڪ اعليٰ آفيسر ٻڌايو ته درانيءَ ۾ رهنمائي جي صلاحيت آهي. هو ذمي ۾ مليل ڪم خوش اسلوبيءَ سان نڀائيندو آهي. درانيءَ جو پبلڪ سان رويو ڏاڍو سخت هوندو هو. لياري ڪراچيءَ ۾ پوسٽنگ دوران هن ڊرگ مافيا خلاف ڪارروائي ڪري نالو ڪمايو هو. واجد درانيءَ جو پڳ مٽ يار ستار ڪيريو هن وقت ملڪ کان ٻاهر وڃي چڪو آهي. نه صرف اهو پر غني انصاري، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، آصف زرداري ۽ سندس ڪيترائي گهاٽا دوست چپ چپات ۾ پرڏيهه هليا ويا آهن. جاويد پاشا اڳ ۾ ئي لنڊن ۾ آهي. واجد دراني اڄڪلهه ڏکيا ڏينهن ڏسي رهيو آهي ۽ غير اعلانيه طور پوليس جي تحويل ۾ آهي.
    گاديءَ واري شهر ۾ آصف زرداري ۽ ذري گهٽ سندس سڀني دوستن جي هڪ ئي وقت پرڏيهه روانگي هر ڪنهن جي بحث جو موضوع بڻيل آهي. مخالف ڌر وارا آصف زرداريءَ جي پرڏيهه وڃڻ کان پوءِ ڪافي ڳالهيون سياسي مارڪيٽ ۾ڪري رهيا آهن. هڪ راءِ آهي ته صدر فاروق لغاري جي فرمائش تي وزيراعظم آصف کي ٻاهر موڪليو آهي. ٻي راءِ آهي ته آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا ڪجهه ڏينهن ۾ وطن موٽندا. اها ڳالهه ڪجهه وڌيڪ وزندار لڳي رهي آهي. ڇو ته سنڌي پريس سان آصف زرداري 10 آڪٽوبر تي جڏهن وزيراعظم هائوس ۾ 3 سالن جي حڪمرانيءَ کان پوءِ پهريون ۽ هيل تائين آخري دفعو ملاقات ڪئي هئي ته ان ۾ آصف زرداري واضح طور تي چيو هو ته ”مان ڀڄي نه ويندس. مون تخت به ڏٺو آهي، ته تختو به، جيل منهنجي لاءِ نوان ناهن.“
    مرتضيٰ ڀٽو جي ويجهي ساٿي ۽ پ پ شهيد ڀٽو گروپ پنجاب جي نائب صدر جميل عباسيءَ هڪ ملاقات دوران ٻڌايو ته ”صرف آصف زرداري ۽ سندس دوست ٻاهر ڪو نه ويا آهن، پر مرتضيٰ ڀٽو جا 2 ساٿي نجيب ۽ سهيل سيٺي، جن وزيراعظم ۽ مرتضيٰ ۾ اختلاف گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، سي به پرڏيهه ويا آهن. ڇو ته انهن کي هڪ ايجنسي وارن قتل ڪرڻ گهريو ٿي. جميل عباسي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو ته ”مون کي به انٽيليجنس بيورو وارن ڌمڪيون ڏنيون، مون کين چيو ته اوهان اسان جو ليڊر ماريو آهي. مون کي به ماريو، نه هوندس ۽ نه احتجاج ڪندس.“
    گادي واري شهر ۾ اڄڪلهه صدر لغاري جي پرڏيهه جي دوري تي وڃڻ بعد وري چوپچو آهي، ته هو موٽي اچي ڪو حيران ڪندڙ قدم کڻندو. باخبر حلقا چون پيا ته صدر ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ جي گورنر ڪمال اظفر کي ۽ پنجاب جي گورنر راجا سروپ کي هٽائيندو. اهو به چيو پيو وڃي ته وزيراعظم وي اي جعفري کي فارغ ڪري گهر موڪليندي. قاضي عليم الله به ويندو ۽ فنانس سيڪريٽري ميان طيب به ڪنهن ٻئي کاتي ۾ موڪليو ويندو.
    صدر جڏهن سيپٽمبر جي وچ ڌاري پرڏيهه ويو هو، ته اهو چيو ويو ته واپس اچي هو اهم اپاءَ وٺندو، ۽ هن واقعي اچڻ شرط اڻ ٿيڻا ڪم ڪيا. ساڳيا حلقا وري چون پيا ته ڪجهه ٿيندو. ان ڳالهه ۽ امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته هو واپسي بعد ڪجهه ڪندو. البته ان ڳالهه تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو ته هو ڇا ڪندو ۽ ڇا نه ڪندو؟ بهرحال صدر پنهنجو ازبڪستان وارو دورو ختم ڪري سومر ڏينهن صبح جو ايوان صدر واري آفيس ۾ اچي سيٽ سنڀاليندو. جڏهن ته صدر لغاري وري 25 آڪٽوبر تي وچ ايشيا جي ٻن رياستن جي 5 ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو. چيو وڃي ٿو ته هو وري پرڏيهه وڃڻ کان اڳ ڪجهه ڪندو. 30 آڪٽوبر تي جڏهن واپس ايندو ته نومبر جي پهرئين هفتي ۾ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندو. صدر جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته هو پارليامينٽ جي اجلاس کي خطاب دوران حڪومت جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندو ۽ حڪومت کي وارننگ ڏيندو . ان ڏس ۾ هن ابتدائي طور ساٿين سان صلاح مشورا پڻ ڪيا آهن.
    شيخ رشيد جي بقول ته ”اقتدار ايوان صدر شفٽ ٿي ويو آهي ۽ هاڻي صدر پنهنجي مرضيءَ سان گهڻو ڪجهه ڪندو.“ اها ڳالهه بلڪل درست آهي، ڇو ته ججن واري فيصلي تي عمل ڪرڻ، اٽارني جنرل جي عهدي تان قاضي جميل کي هٽائڻ بعد صدر جو Moral بلند ٿيو آهي ۽ هو واپسيءَ بعد حڪومت جي اڻ چونڊيل نام نهاد ماهرن سميت گهڻن کي هيڏي هوڏي ڪرڻ لاءِ هٿ چراند ڪندو.
    (30 ڊسمبر 1996ع)


    ڳوڙها گيس جي دونهين ۾ ورتل اسلام آباد جو تازو منظر نامو

    ڳوڙها گيس جي دونهين ۾ ورتل اسلام آباد جو تازو منظر نامو

    مسلسل رپئي جي قيمت گهٽجڻ ۽ پيٽرول سميت مختلف شين جا اگهه وڌڻ سبب جتي عام ماڻهو پريشان آهن ۽ سندن جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، اتي پاڪ فوج جا خرچ پڻ مهانگائي سبب وڌي ويا آهن. 131 ارب جي بجيٽ جي باوجود به جي ايڇ ڪيو وارن بچاءَ کاتي ذريعي فوج جي بجيٽ ۾ 8 ارب جي واڌاري لاءِ سمري حڪومت کي موڪلي آهي. ان ڏس ۾ آرمي چيف جنرل ڪرامت پڻ وزيراعطم محترمه بينظير ڀٽو کي گذريل هفتي ٿيل ملاقات دوران چيو هو ته پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ، يوٽيلٽي بل جن ۾ فون، بجلي ۽ گئس جا اگهه شامل آهن، اهي وڌي ويا آهن. ان ڪري حڪومت 8 ارب رپين جو بندوبست ڪري.
    اهڙي صورتحال ۾، جڏهن حڪومت جي خزاني ۾ ذري گهٽ نانگ باقي بچيا هجن، پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو 2000 ملين ڊالر مان گهٽجي 700 ملين ڊالر ٿي ويو هجي، قرض ادا ڪرڻ لاءِ پئسو نه هجي، حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان 60 ارب اوڌر وٺي ڪم هلائي رهي هجي، وصولي نه ٿيڻ برابر هجي، آءِ ايم ايف منظور ڪيل قرض روڪي ڇڏي، عالمي بئنڪ ۽ ٻيا عالمي امدادي ادارا اکيون ڦيري وڃن، ملڪ اندر سياسي گهوٽالو هجي، مرتضيٰ جي قتل سبب وزيراعظم بينظير ڀٽو خانداني، ذاتي ۽ سياسي مونجهارن ۾ ڦاٿل هجي، جماعت اسلامي جا ڌرڻا لڳن ۽ 12 ڪروڙ رپيا صرف جماعت جي ڌرڻن کي منهن ڏيڻ لاءِ خرچ ٿين، ۽ وزيراعظم پريشان هجي، اهڙي خطرناڪ صورتحال ۾ جيڪڏهن مٿان وري فوج جهڙي سگهاري اداري جو سربراهه 8 ارب گهري، ته حڪومت جي جيڪا حالت هوندي، ان جو اندازو هر ڪو آسانيءَ سان لڳائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته فوج جو مطالبو ڪنهن حد تائين جائز به آهي، پر هت اسان اهو بحث ڪو نه ٿا ڪريون ته جائز آهي يا ناجائز پر اها سولي ڳالهه آهي ته جنهن جو به خرچ گهٽبو، اهو گهٽ ۾ گهٽ دعائون ڪو نه ڪندو آهي.
    جڏهن حڪومت 40 ارب وڌيڪ هٿ ڪرڻ لاءِ مني بجيٽ پيش ڪئي آهي، زرعي آمدني ٽيڪس لڳايو ۽ وزارتن جو 8 ارب رپيا خرچ گهٽ ڪيو آهي، ان صورت ۾ وزيراعظم فوج کي 8 ارب رپيا ڏيڻ کان في الحال انڪار ڪندي چيو ته اسان اوهان جا خرچ گهٽايون نٿا، باقي جيئن ئي صورتحال بهتر ٿيندي ته رقم جو بندوبست ڪبو. ان معاملي بابت ولي خان جي حوالي سان سهيل سانگيءَ جو ٻڌايل لطيفو ياد پيو اچي ته ”هڪ پٺاڻ شهر پئي ويو، سندس زال انگل ڪيو ته مون لاءِ نٿ وٺي اچجانءِ، جنهن تي همراهه چيس: مان تنهنجو نڪ ڪپڻ جي چڪر ۾ آهيان، توکي وري نٿ جي لڳي آهي.“ وزيراعظم جنرل ڪرامت سان ملاقات جي ٻئي ڏينهن قومي اسيمبليءَ ۾ ۽ مرتضيٰ جي چاليهي تي راولپنديءَ ۾ تقرير ڪندي نالو وٺڻ کانسواءِ مختلف ڌرين کي چيو هو ته مان دٻاءُ ۾ نه اينديس، ايترو مجبور نه ڪيو جو سيني ۾ سانڍيل راز فاش ڪري ڇڏيان. وزيراعظم بينظير ڀٽو اهو به چيو هو ته اسان مرتضيٰ جي قاتلن ۽ جمهوري نظام جي دشمنن کي ٻڌائڻ لاءِ هي جلسو راولپنڊيءَ ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم جي رعبدار ڌمڪي واري لهجي پٺيان، نه ڏسڻ ۾ ايندڙ خوف به آهي، جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڪنهن به فوتيءَ جو چاليهو ان جي اباڻي شهر ۾ ٿيندو آهي، پر وزيراعظم پنهنجي ڳجهن مشيرن جي مشوري تي اها ڌمڪي ڏيڻ لاءِ چاليهو راولپنڊيءَ ۾ منعقد ڪري نه صرف پنهنجي ڀاءُ جي روح کي ثواب پهچائڻ لاءِ هنجون هاريندي دعائون گهريون، پر وري ڪڙڪيدار آواز ۾ ڌمڪي ڏئي پنهنجو پيغام به ٻڌندڙن تائين پهچايو.
    وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو، جڏهن مرتضيٰ شهيد ٿيو هو، ان ڏينهن کان وٺي چوڻ شروع ڪيو هو ته مرتضيٰ اصول پسند ماڻهو هو. اهي ساڳيا ساڳيا لفظ هن چاليهي جي خطاب مهل به ورجايا هئا. مرتضيٰ کي اصول پسند قرار ڏيڻ وارو مختصر جملو چوڻ ۾ شايد وزيراعظم ڪافي دير ڪئي. جيڪڏهن مرتضيٰ جي موجودگيءَ ۾ چوي ها ته نه صرف مرتضيٰ کي تسڪين ملي ها، پر ڀيڻ ۽ ڀاءُ ۾ ويڇا وڌائيندڙن جي منهن تي لپاٽ پڻ لڳي ها. ٺيڪ آهي، هاڻي به جيڪڏهن وزيراعظم پنهنجي ڀاءُ جي اصول پسنديءَ وارا اصول جيڪڏهن لاڳو ڪري ته به مرتضيٰ جو مشن مڪمل ٿي ويندو ۽ انهن اصولن جي اوٽ ۾ سياسي مفاد ۽ دڪان چمڪائيندڙن جي رستي روڪ ٿي سگهندي. جيڪڏهن وزيراعظم اهي مرتضيٰ جا اصول، جن جي بنياد تي هڪ ڀاءُ ڀيڻ کان سياسي طور پرڀرو ٿي بيٺو هو، اهي اختيار نه ڪيا ۽ انهن تي عمل نه ڪيو، ته پوءِ وزيراعظم جو اهو جملو صرف جملو ئي رهندو ۽ ان جا امڪاني نقصان جيڪي مرتضيٰ کي نظر آيا پئي، انهن کان وزيراعظم شايد بچي نه سگهي.
    مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کي اڄ 44 هون ڏينهن آهي. اڃا تائين قاتلن جي نشاندهي نه ٿي سگهي آهي. سپريم ڪورٽ جي جج مسٽر جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ٽربيونل تحقيقات ڪري رهيو آهي ۽ ان بابت ڪجهه به لکڻ يا چوڻ مناسب ناهي.
    بيگم نصرت ڀٽو جيڪا پنهنجي آخري زندهه پٽ جي اذيت ناڪ شهادت کان پوءِ بي حال آهي، ان کي المرتضيٰ، 70 ڪفلٽن، غنويٰ ڀٽو ۽ پ پ شهيد ڀٽو کان پري رکڻ لاءِ رخسانه بنگش عرف رخي پنهنجي ڊيوٽي ڏاڍي سهڻي نموني ادا ڪئي آهي. ايتري قدر جو مرتضيٰ جي چاليهي جي موقعي تي جڏهن بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي شهيد پٽ جي قبر تي موجود رهڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ته کيس عمري جي ادائگيءَ لاءِ هوءَ مڪي پاڪ وٺي وئي. 43 ڏينهن بيگم نصرت ڀٽو کي المرتضيٰ، 70 ڪلفٽن ۽ غنويٰ کان پري رکڻ تي نه صرف رخسانه کي شاباس ملي آهي، پر سندس ڀيڻ کي گاديءَ واري شهر جي چڪ شهزاد واري علائقي ۾ نجي اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ 121 ايڪڙ زمين گهٽ اگهه تي الاٽ ڪئي وئي آهي. اها اسپتال شمع جو مڙس، جيڪو ڊاڪٽر آهي، سنڀاليندو جيڪو اڄڪلهه ”نيو جرسي آمريڪا ۾ پريڪٽس ڪري رهيو آهي.
    حڪومت جي ذميوار ذريعن ٻڌايو ته وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو کي سندس ڳجهن مشيرن مشورو ڏنو هو ته غنويٰ ڀٽو سياسي طور اوهان لاءِ ۽ پارٽيءَ لاءِ سنڌ ۾ پريشاني پيدا ڪندي، ان کي ڊي فيوز ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سندس ڪردار ڪشيءَ جي مهم شروع ڪجي. ان ڏس ۾ غنويٰ متعلق خصوصي فائيل پڻ وزيراعظم کي پهچايو ويوآهي. جيڪو پڙهڻ بعد وزيراعظم اهڙو عمل ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته اها حرڪت هرگز نه ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ وزيراعظم پنهنجي ويجهن ساٿين سان جڏهن مشورا ڪيا، ته هن کي انهن ساٿين پڻ چيو ته اهڙي عمل سان پارٽيءَ خلاف نفرت پيدا ٿيندي ۽ ماڻهو ڳالهه مڃڻ بدران غنويٰ جا همدرد ٿي ويندا.
    اڄڪلهه آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان آيل آهي، جنهن جون ڳالهيون جاري آهن. توقع آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر تائين ڪجهه نه ڪجهه ٿي ويندو ۽ ڪجهه قرض ملي ويندو ۽ ڪجهه ڪم ٺهي ويندو.
    جماعت اسلاميءَ جو ڌرڻو، جنهن کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ نصير الله بابر وڏيون دعوائون ڪيون هيون، اهي ڪالهه سومر ڏينهن شام جو 5 وڳي ان وقت غلط ثابت ٿيون، جڏهن جماعت جا سوين ڪارڪن پارليامينٽ هائوس جي سامهون پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ڪالهه سڄو ڏينهن راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ قاضيءَ جي ڪارڪنن ۽ پوليس وارن وچ ۾ جنگ هلندي رهي. گوريلا جنگ جي طرز تي سڄو ڏينهن جهڙپون هلنديون رهيون. ٻن ڏينهن جي مسلسل ڪوشش بعد نيٺ جماعت ڪامياب ٿي وئي آهي. حڪومت جي کاتي ۾ ڳوڙها گئس جي شيلن جي رقم، قاضيءَ جي گرفتاري ۽ ڪارڪنن تي ٿيل تشدد جو ڪيس پوندو. باوجود ان جي ته پوليس وارن گوليءَ بدران شيلن ۽ لٺين سان توقع جي ابتڙ، پرامن رهي معاملي کي ڪنٽرول ڪيو آهي.
    جماعت جي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفيٰ کان پوءِ هاڻي مسلم ليگ لاءِ ڪو به جواز باقي نٿو بچي ته هو اسيمبليءَ ۾ ويهن. جيڪڏهن مسلم ليگ استعيفيٰ ڏيڻ ۾ دير ڪئي ته عوام نواز شريف بدران قاضي جي ڪئمپ ڏانهن وڌي ويندو، شايد اهو ئي سبب آهي ته نواز شريف 29 آڪٽوبر تي اجلاس ۾ استعيفيٰ بابت حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ جي قيادت هن وقت ان ڳالهه تي غور ڪري رهي آهي ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي جيئن صدر خطاب ڪرڻ جو اعلان ڪري، ان ڏينهن کان هڪ ڏينهن اڳ اسيمبليءَ جي ميمبريءَ تان استعيفا ڏئي پارلياماني بحران پيدا ڪجي. هن وقت مسلم ليگي ليڊر استعيفا واري معاملي کي چاهڻ جي باوجود به حالتن سبب اينگهائي نٿا سگهن. ان ڪري معاملو ڪجهه جلدي مُڪڻ (ختم ٿيڻ) وارو لڳي پيو. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته تبديلي اچڻ واري آهي، وقت جو تعين ٿيڻ باقي آهي.
    (20- آڪٽوبر 1996ع)


    ڇا چونڊن جي نتيجي ۾“ديو گوڙا” جهڙي حڪومت قائم ٿيندي؟

    ڇا چونڊن جي نتيجي ۾“ديو گوڙا” جهڙي حڪومت قائم ٿيندي؟

    محترمه بينظير ڀٽو برطرفيءَ کان پوءِ 11 ڏينهن گاديءَ واري شهر ۾ گذاريا، بعد ۾ ڪراچيءَ وئي ۽ موٽي به آئي. هوءَ ڇنڇر ڏينهن لاهور رواني ٿي وئي. ڪراچي محترمه جي هوم پراونس جي گاديءَ وارو شهر آهي، جتي محترمه جي استقبال لاءِ پوري سنڌ مان ڪارڪن ڪٺا ٿيڻ جي باوجود به اٺ يا ڏهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو نه اچي سگهيا. اهڙي استقبال تي گاديءَ واري شهر جي سگهارن حلقن اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. هنن حلقن کي امڪان هو ته محترمه جو آڌر ڀاءُ وڏي پئماني تي ٿيندو، پر ايئن نه ٿي سگهيو- ان ڳالهه خود محترمه کي به پريشان ڪيو آهي. ڇنڇر ڏينهن لاهور رواني ٿيڻ وقت راولپنڊي اسٽيشن تي پڻ 500 کان وڌيڪ ڪارڪن گڏ نه ٿي سگهيا ۽ لاهور پهچڻ تي به ڪو ايڏو وڏو آڌر ڀاءُ نه ٿي سگهيو اٿس. اهو ئي سبب آهي جو.بي بي، پنهنجي برطرف ٿيل حڪومت جي بحاليءَ تي زور ڏئي رهي آهي. اليڪشن جي تياري ته پري رهي پر ان بابت محترمه اڃا غور به ڪو نه شروع ڪيو آهي. پنهنجا حيرت انگيز حد تائين معمولي استقبال ڏسڻ بعد هوءَ اليڪشن واري آکاڙي کان پري پئي ڀڄي.
    گاديءَ واري شهر ۾ جتي اڳ ۾ 3 فيبروريءَ تي اليڪشن بابت شڪ ظاهر ڪيا پئي ويا، اتي هاڻي محترمه جا معمولي آڌر ڀاءُ ڏسي، ان ڳالهه جي خاطري محسوس ڪئي پئي وڃي ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي. هن وقت سنڌي توڙي پوري ملڪ جي پرنٽ ميڊيا، بينظير حڪومت جي بحاليءَ بدران اليڪشن جو ماحول ٺاهڻ ڏانهن وڃي پئي. اهو پهريون ڀيرو آهي جو بينظير جي خواهش ۽ لائين جي ابتڙ پرنٽ ميڊيا هلي رهي آهي. ان ڳالهه تي به بي بي ڪافي پريشان آهي.
    شايد اهي ئي سبب آهن جو محترمه اقتدار مان ڌڪجڻ بعد سنڌ ۾ پنهنجي ساک کي سهارو ڏيڻ لاءِ اها ڳالهه مشهور ڪرائي ته بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلزپارٽيءَ جي چيئرپرسن بڻائڻ جو فيصلو ٿي ويو آهي. حقيقت اها آهي ته بيگم نصرت ڀٽو کي جڏهن بي بي چيو ته هن انڪار ڪري ڇڏيو. پي پي شهيد ڀٽو پنجاب جي نائب صدر جميل عباسي 21 نومبر تي بيگم نصرت ڀٽو سان ملاقات کان پوءِ ٻڌايو ته بيگم صاحبه، بي بي کي انڪار ڪيو آهي ۽ چيو ته هوءَ هاڻي ڇو ۽ ڪنهن لاءِ پارٽي قيادت سنڀالي.
    محترمه سوچي پئي ته بيگم ڀٽو کي 70 ڪلفٽن موڪلي غنويٰ جو رول محدود ڪيو وڃي. ڪجهه ماڻهن کيس مشورو ڏنو آهي ته في الحال نه، اليڪشن شيڊول پڌرو ٿيڻ بعد اهو آخري حربو استعمال ڪيو وڃي پر سوال اهو آهي ته ڇا اڃان به بيگم نصرت ڀٽو محترمه جي خواهش جي تڪميل لاءِ ٻارڻ بڻبي؟ ڇا بيگم نصرت ڀٽو غنويٰ جي راهه ۾ بينظير خاطر رڪاوٽ بڻبي؟ ان بابت ڪجهه به چئي نٿو سگهجي. ڇو ته مرتضيٰ جي دردناڪ قتل کان پوءِ جهڙيءَ طرح بيگم نصرت ڀٽو اندر ئي اندر ۾ کاڄندي رهي آهي ۽ سندس سوچ ويچار واري سگهه به جهڪي ٿي وئي آهي، ان بعد اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ٿي سگهي ٿو ته بيگم صاحبه اهڙو قدم کڻي پر جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته پوءِ به ڇا سنڌ جو عوام محترمه جي اهڙي حڪمت عمليءَ ۾ اچي غنويٰ کي نظر انداز ڪندو؟ جيڪڏهن ويجهي ماضيءَ ۾ پيدا ٿيل راءِ عامه جو جائزو وٺبو ته جواب نفي ۾ ملندو. ڇو ته عوام کي پڪو ويساهه آهي ته جيڪڏهن بي بي چاهي ها ته مرتضيٰ جي قاتلن کي گرفتار ڪري کين ايتري وقت ۾ سزا ڏياري سگهي پئي، جيتري وقت ۾ محترمه حڪومت جي بحاليءَ جو مطالبو ڪري رهي آهي. 20 سيپٽمبر تي مرتضيٰ جي قتل کان پوءِ مصلحتن جو شڪار محترمه بينظير ڀٽو 45 ڏينهن اقتدار ۾ رهي، پر هن ان ڏس ۾ عوام کي مطمئن ڪندڙ اپاءُ نه ورتا. ٻيو ته ٺهيو پر حڪومت جي برطرفي ۽ آصف زرداريءَ جي گرفتاري بابت جيترا بيان محترمه بينظير ڀٽو احتجاجي طور ڏنا آهن، جيڪڏهن ايترو احتجاج به ڪري ها ته به کيس ڪراچيءَ ۾ معمولي ماڻهن جي استقبال واري سانحي کي منهن ڏيڻو نه پوي ها. خود پوٺوهار جا پيپلا پڻ ان ڳالهه تي حيرت پيا ڪن ته محترمه جيترو احتجاج مڙس جي گرفتاريءَ تي ڪيو اوترو احتجاج ڀاءُ جي قتل تي ڇو نه ڪيو. اها ڳالهه سنڌ جو ماڻهو اڳ ۾ ئي پچاري رهيو آهي، ڇو ته سنڌي معاشري ۾ عورت مڙس کان وڌيڪ ڀاءُ کي ڀائيندي آهي.
    گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته آصف زرداريءَ جي گرفتاري کان پوءِ محترمه 3 ڀيرا ڪوشش ڪئي ته بيگم نصرت ڀٽو آصف سان جيل ۾ ملاقات ڪري پيدا ٿيل صورتحال کي نئون رخ ڏئي، پر بيگم صاحبه پنهنجي ڌيءُ کي جواب ڏئي ڇڏيو ۽ آصف سان ملڻ لاءِ جيل وڃڻ کان معذرت ڏيکاري. مون ان معاملي بابت جڏهن محترمه جي پريس ترجمان شاهه محمود قريشيءَ کان پڇيو ته هن چيو ”بي بي، بيگم صاحبه جي آصف سان ملاقات لاءِ ڪوشش ڪئي، پر گهرو کاتي وارن ملاقات جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو“ ملتان جي هن پير جي بيان ۾ ڪيتري صداقت آهي؟ اهو پڙهندڙن تي ڇڏيون ٿا، ته هو پاڻ اندازو لڳائين.
    بي بي حڪومت ڊهڻ کان پوءِ، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سيد يوسف رضا گيلانيءَ سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي حڪم کي چئيلنج ڪيو آهي.ان درخواست جي ٻڌڻي 30 نومبر تي ٿيندي. پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪڏهن حڪومت جي ڪارڪردگي ٺيڪ نه هئي ته پوءِ اسيمبليءَ کي سزا ڇو ملي. اسپيڪر پنهنجي پٽيشن ۾ حڪومت جي برطرفيءَ بابت ڪو به معاملو نه اٿاريو آهي. جڏهن ته محترمه بينظير جي پٽيشن ۾ پنهنجي حڪومت جي برطرفيءَ کي غلط قرار ڏيندي، ان جي حق ۾ دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن. محمود خان اچڪزئي پڻ هڪ پٽيشن داخل ڪئي آهي. جنهن ۾ صدر جي اختيار کي چئلينج ڪندي چيو ويو آهي ته اسيمبلي ٽوڙڻ وارو اختيار آئين جي روح جي خلاف آهي. محترمه واري پٽيشن ٻيو دفعو سپريم ڪورٽ ڇنڇر تي موٽائي ڇڏي هئي. جيڪا ڪئين اعتراض دور ڪرڻ کان پوءِ مس مس هاڻ وصول ڪئي وئي آهي. آئيني ۽ قانوني ماهرن جو خيال آهي ته ٿي سگهي ٿو عدالت جوڻيجو حڪومت جي برطرفيءَ واري ڪيس ۾ ڏنل فيصلي سان ملندڙ جلندڙ فيصلو ٻڌائي پر اهو ضروري ناهي. ڇاڪاڻ ته عدالت مرضيءَ جي مختيار آهي. واضح رهي ته جوڻيجو ڪيس ۾ عدالت چيو هو ته اسيمبلي ٽوڙڻ وارو صدارتي حڪم ٺيڪ ناهي، پر هن وقت اليڪشن جو ماحول آهي، عوام اليڪشن چاهي ٿو، ان ڪري اليڪشن ٿيندي. گاديءَ واري شهر ۾ ان کانسواءِ هڪ ٻي راءِ به آهي، جيڪا اها آهي ته جيڪڏهن سپريم ڪورٽ بينظير حڪومت ۽ اسيمبلي وٽو ڪيس جيان بحال به ڪئي ته، محترمه اعتماد جو ووٽ نه وٺي سگهندي. ٿوري وقت ۾ جهڙيءَ طرح پيپلزپارٽي ۽ محترمه بينظير ڀٽو کان شفقت محمود جهڙا رازدار ماڻهو به ڌار ٿي ويا آهن. تهڙيءَ طرح ضرورت جي صورت ۾ ڪافي ايم اين اي خدا حافظ چئي سگهن ٿا، ڇو ته ارباب غلام الرحيم، جنهن کي ڪيئر ٽيڪر سيٽ اپ ۾ شامل به نه ڪيو ويو، ته به هو پنهنجي اصولن موجب حڪومت وڃڻ جي 48 ڪلاڪن اندر ڌار ٿي ويو، پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجهه ملي ٿو وڃي ته پوءِ ڪير محترمه سان گڏ بيهندو؟ ان ڏس ۾ گوهر ايوب خان کان جڏهن پڇيم ته هن کلندي چيو ته ”پنجاب اسيمبليءَ ۾ جيئن مسلم ليگ استعيفا ڏئي جند ڇڏائي، تيئن قومي اسيمبليءَ جي بحاليءَ جي صورت ۾ مسلم ليگ استعيفا ڏيڻ ۾ دير نه ڪندي.
    اهڙي صورتحال بابت باخبر هوندي به محترمه بينظير هر هر اسيمبليءَ جي بحاليءَ لاءِ مطالبا پيش ڇو پئي ڪري؟ ان جو فقط ۽ فقط هڪ جواب آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته هن کي عوام آڏو ڪنڌ کڻي هميشه وانگر پاڻ سان ٿيل واردات کي ظلم قرار ڏيڻ جو هڪ سگهارو جواز ملندو، ۽ ان کي ڪيش ڪرڻ ۾ هوءَ پنهنجي ڪمال جي زوال واري حد تائين ڪوشش ڪندي.
    ايندڙ اليڪشن بابت ملڪ جي معاملن هلائڻ واري پاليسي ساز شهر اسلام آباد جي اهم حلقن ۾ اها چوپچو آهي ته پيپلزپارٽيءَ کي مرتضيٰ واري پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) کي جماعت اسلامي ۽ عمران خان ڌڪ رسائيندا. جيڪڏهن پي پ پ شهيد ڀٽو، جماعت اسلامي، تحريڪ انصاف وارا گڏائي 30 سيٽون به قومي اسيمبليءَ جون کڻي ويا ته مستقبل ۾ قومي اسيمبلي ڀارت جهڙي لوڪ سڀا واري ”هنگ“ پوزيشن ۾ هوندي، جتي ديوگوڙا جهڙن الستين جي قسمت جو خانو کلندو. پاڪستان ۾ مستقبل جو ديوگوڙا ڪير هوندو؟ ان بابت اڃان ڪا واضح پوزيشن نه آهي. ڇو ته ديوگوڙا نالو ئي هڪ حادثي جو آهي. جڏهن اهڙي صورتحال پيدا ٿي ته پوءِ ديو گوڙا خود بخود نمودار ٿيندو. اهو ئي سبب آهي ته قاضي حسين احمد عورتن جي وڏي ريلي کي خطاب ڪندي ڇنڇر ڏينهن وثوق سان انڪشاف ڪيو آهي ته ايندڙ اسيمبليءَ جو وزيراعظم نه نواز شريف ٿيندو ۽ نه بينظير ڀٽو. قاضيءَ جهڙي طرح نومبر ۾ بينظير حڪومت جي خاتمي جو انڪشاف ڪيو هو، جيڪو سچ ثابت ٿيو، تنهن کان پوءِ سندس ٻيو انڪشاف پڻ سچ ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇو ته قاضيءَ کي اهو پتو ڪنهن مناسب ذريعي وٽان ئي پيو هوندو ۽ يقينن هن اها ڳالهه پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ جي ملائڪن پاران پهچايل پيغام کان پوءِ ئي چئي هوندي.
    (26 نومبر 1996ع)


    ڇا نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي

    ڇا نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي

    پيپلزپارٽيءَ 3 فيبروريءَ تي هڪ ئي ڏينهن رٿيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪري رهي آهي. پي پي وارن جو چوڻ آهي ته اسيمبليءَ جي بحاليءَ واري ڪيس جو جيسين سپريم ڪورٽ فيصلو نه ڏئي، تيسين چونڊ وارو عمل شروع نه ڪيو وڃي. ان معاملي بابت ڪجهه ڏينهن ۾ امڪان آهي ته رضا رباني ۽ اقبال حيدر چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملندا ۽ کيس پنهنجي خواهش کان آگاهه ڪندا. جنهن بعد پيپلزپارٽي وارا سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري، اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ اسٽي آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪندا. جيڪڏهن عدالت اسٽي آرڊر نه ڏنو ته پيپلزپارٽي چونڊن جو بائيڪاٽ ڪرڻ تي ويچار ڪري سگهي ٿي ۽ ڄاڻائيندي ته فاروق لغاري جيئن ته اسيمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ ڌر بڻجي ويو آهي ۽ چئني صوبن سميت وفاق ۾ مقرر ڪيل نگران سيٽ اپ وارا ماڻهو پ پ جا مخالف آهن، خواجا طارق رحيم، ممتاز ڀٽو ۽ ظفرالله جمالي جهڙا ماڻهو پ پ مخالف رهيا آهن. ان ڪري ايئن ٿيڻ واري ڳالهه ۾ وزن محسوس ٿئي ٿو. پيپلزپارٽيءَ جو چونڊ ملتوي ڪرڻ يا جيئن ان جا مخالف چون ٿا ته چونڊن کان ڀڄڻ لاءِ لوپ لائين اختيار ڪرڻ جو سبب صرف نگران سيٽ اپ ئي نه، پر حقيقت اها آهي ته محترمه کي اندازو ٿي ويو آهي ته عوام ۾ سندس گراف گهٽيو آهي. محترمه قابليت سميت جن گهڻين خوبين ۽ خامين جي لحاظ کان شهرت رکي ٿي، تن مان سندس مغروري به هڪ آهي. محترمه جو غرور ۽ انا اڃا ساڳيا آهن. هوءَ عوام کان ملندڙ ووٽ پنهنجو حق سمجهي ٿي. محترمه جي اهڙي انداز تي مون کي هي سٽون ياد پيون اچن، ته جڏهن ڪو اديب، شاعر، سياستدان يا گلوڪار اهو سمجهڻ شروع ڪري ته پبلڪ جيڪو هن کي ريسپانس ڏئي ٿي، اها پبلڪ جي مهرباني نه پر سندس حق آهي، ته اتان کان ان شخص جو زوال شروع ٿيندو آهي. اهي لفظ هڪ محفل ۾ نامياري ڪهاڻيڪار مظهرالاسلام چيا هئا جيڪي مون کي اڄ به ياد آهن. بقول حسن مجبتيٰ جي ته مظهر السلام جو تعارف هي آهي ته مظهر السلام جي ادبي موٽ، مڃتا ۽ محبت جيڪا سنڌ مان ملي آهي. اها کيس پنهنجي اباڻي صوبي مان به نه ملي آهي. ان تي جيڪڏهن اسان پنجاب وارن ماڻهن کي بي وفا چئون ته ڪا وڏي ڳالهه نه ٿيندي. مظهر صاحب ٻڌايو هو ته مستنصر حسين تارڙ به ان خيال جو آهي ته جيڪو به پيار يا مانُ پبلڪ ڏئي ٿي، اها سندن مهرباني ناهي. ساڳيو حال محترمه جو به آهي. هن وقت پ پ شهيد ڀٽو جو سنڌ جي حد تائين پلڙو ڀاري آهي. پنجاب ۾ غلام حسين واري ڪنگز پارٽي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان کي صدر جي سپورٽ حاصل آهي، اهي ۽ پ پ کان بغاوت ڪندڙ 30 جي لڳ ڀڳ پنجاب اسيمبليءَ جي ايم پي ايز وارو گروپ غنويٰ ڀٽو سان سهڪار لاءِ هٿ وڌائي رهيو آهي. مڊل پنجاب جا اهي ماڻهو پ پ کي اليڪشن ۾ ڪافي ڌڪ رسائيندا. ڏکڻ پنجاب ۾ سرائڪي لابي به ورهائجي وئي آهي. لغاري، مزاري ۽ نوابزادو نصرالله پنهنجي طور تي ڌار ڌار گروپنگ جي چڪر ۾ آهن، باقي اپر پنجاب ۽ شهرن ۾ مسلم ليگ وارا پ پ جا 93ع وانگر تڏا ويڙهائيندا. بلوچستان ۾ هڪ ته پ پ هئي ڪو نه، جيڪي ٿورا گهڻا هئا انهن به صادق عمراڻيءَ جي سربراهيءَ ۾ غنويٰ سان رابطو ڪيو آهي. سرحد ۾ ارباب جهانگير به ڦيراٽيون پيو کائي- باقي شير پائو جيڪڏهن سيٽ بچائي ته هن ڄڻ لک ڪمايو. سنڌ ۾ غنويٰ ڀٽو ٻهراڙين ۾ پي پي جا پکا پٽيندي، شهرن ۾ ايم ڪيو ايم وارا مالڪيءَ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. مجموعي طور پيپلزپارٽيءَ لاءِ مستقبل ۾ صورتحال ڳنڀير هوندي.
    جهڙيءَ طرح مسلم ليگ وارن مسلسل آصف زرداريءَ کي ڪرپٽ سڏي سڏي اهڙي راءِ عام جوڙڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ساڳئي نموني اڄ ڪلهه محترمه به صدر لغاريءَ کي ڪرپٽ قرار ڏئي رهي آهي پر سمجهه ۾ نٿو اچي ته محترمه صدر بابت جيڪو اڳ چوندي هئي، اهو صحيح هو يا جيڪو هاڻ ٿي چوي اهو درست آهي.
    گاديءَ واري شهر ۾ اڄڪلهه نگرانن جي به نگراني شروع ٿي وئي آهي ۽ نگرانن تي شڪ ظاهر ڪندي پاور ڪاريڊورز واريون سگهاريون قوتون مختلف تجويزن تي غور ڪري رهيون آهن. باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته موجوده نگران سيٽ اپ هلندڙ سال جي خاتمي سان ئي ختم ٿي ويندو. اهڙيءَ طرح هنن ئي ڪالمن ۾ آگسٽ ڌاري اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت نومبر ۾ ختم ٿي ويندي ۽ اها ڳالهه سچي ثابت به ٿي چڪي. اهڙيءَ طرح اڄ وري ساڳين ذريعن جي ڏنل معلومات موجب اهو لکون پيا ته موجوده نگرانن جي نگراني شروع آهي ۽ ڪنهن به وقت نگران سيٽ اپ ۾ به ڪا وڏي پئماني تي ڦير ڦار ٿي سگهي ٿي.
    ٺيٺ پنجابي انداز وارو معراج خالد اڃا به آفيس ۾ پنهنجي ملازمن کي وزيراعظم ٿيڻ جي باوجود به، لسيءَ جي دڪان وارن سيٺين وانگر اڌ نالو وٺي مخاطب ٿيندو آهي. مثال طور، هو محمود کي ”مودا“ سڏيندو آهي. لفظ لفظ سان چوندو، ”او رامي نوبلا- مطلب ته تاجل بيوس جهڙيءَ طرح سنڌي انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندو آهي، اهڙيءَ طرح معراج خالد به سلطان راهيءَ واري انداز ۾ انگريزي ڳالهائيندو آهي. هاڻ صحافي به نگران وزيراعظم کان سوال پيا ڪن ته ملڪ جا وڏا اسمگلر اقبال بيگ (آمريڪا کي گهربل) سيٺ عابد (سون جو وڏو اسمگلر) هن جا گهاٽا يار ڪيئن آهن؟ هو خود به قابل احتساب آهي. چوڻ وارا چون پيا ته احتساب جو معذور قانون جيڪو منٽن ۾ تيار ڪري معراج خالد صدر لغاريءَ کان لاڳو ڪرايو، ان ۾ هنن نگرانن جو به الٽرا سائونڊ ڪيو ويندو. اڳتي هلي سردار ”فيڪ“ جو به احتساب ٿيندو.
    جهڙيءَ طرح اڄڪلهه خانداني ۽ سياسي مسئلن سبب محترمه پريشان آهي، اهڙيءَ طرح سردار لغاري به پريشان آهي. محترمه کي ڪاٺ ۾ پيل پنهنجي مڙس، طبيعت جي ناسازي ۽ گڏ رهندڙ ماءُ، اوچتو حڪومت مان نيڪالي ۽ اليڪشن ۾ ناڪاميءَ جي خدشن جهڙن انيڪ مونجهارن منجهائي ڇڏيو آهي. ساڳئي حالت لغاريءَ جي آهي. هن کي به ڳڻتي اچي ورايو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ پنهنجي پٽن جي ڪاميابيءَ لاءِ فاروق لغاري، جعفر لغاريءَ کي خوش ڪرڻ ۾ رڌل آهي. سندس هر خواهش جو خاص خيال پيو رکي. ان کانسواءِ هنن ڪالمن ۾ هڪ اهم شخصيت جي ويجهي مائٽياڻي جي اعتراض جوڳي ويڊيو ڪيسٽ جو جيڪو اڳ م ذڪر ڪيو ويو هو، ان کي طلاق ٿي وئي آهي. هوڏانهن فاروق لغاري اڄ ڪلهه گهڻو وقت گهر وارن سان گڏ ۽ عبادت ۾ گذاريندو آهي. خبر ناهي ڪنهن جي بددعائن جي اثر جي عتاب ۾ آهي، خدا سندس خير ڪندو (آمين).
    3 فيبروريءَ تي رٿيل اليڪشن، جنهن جي ملتوي ٿيڻ جا آهستي آهستي ڪوششن بعد سگهارا جواز پيدا ٿي رهيا آهن، تن کي ملتوي ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽي پنهنجي پاران ڪو نه گهٽائيندي. ڇاڪاڻ ته اليڪشن کٽڻ جي هام هڻندڙ پي پي وارا اڪثر همراهه غائب آهن. ڪجهه قيد آهن، ڪجهه ٻاهر ڀڄي ويا آهن ۽ ڪي وري انڊر گرائونڊ ٿي چڪا آهن. اهڙي صورتحال سبب پڻ پي پي پي ۽ بي بي پريشان آهي.
    پي پي پي مخالف هن وقت ان ڳالهه تي زور پيا ڏين ته اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن اليڪشن ٿي وڃي ٿي ته سندن چاڙهو ٿيندو. جيڪڏهن محترمه کي ڪجهه مهلت ملي وئي ۽ هن دورا شروع ڪيا ته وري راءِ عامه پنهنجي حق ۾ ٺاهي سگهي ٿي. هن وقت جڏهن پي پي جو گراف گهٽ ٿي چڪو آهي ته اها صورتحال سندن لاءِ فائديمند آهي. اهو ئي سبب آهي ته اهي سياسي ۽ مذهبي ڌريون ان ڪوشش ۾ آهن ته ڪيئن به ڪري اليڪشن 3 فيبروريءَ تي ٿئي. اليڪشن پوئتي ٿيڻ جي صورت ۾ اهي ڌريون نظرياتي ۽ فرقن جي اختلافن جي باوجود به گڏجي چونڊ ڪرائڻ لاءِ احتجاج ڪنديون ۽ اهڙي صورتحال ملڪ لاءِ خطرناڪ به ٿي سگهي ٿي.
    (8 ڊسمبر 1996ع)


    چڱن مڙسن جي گهوڙن ۽ گهوڙين بابت سرڪاري فائيل

    چڱن مڙسن جي گهوڙن ۽ گهوڙين بابت سرڪاري فائيل

    نگران وفاقي ڪابينا جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويو آهي. وزيراعظم ملڪ معراج خالد کان وڌيڪ حڪم شاهد حامد جا هلي رهيا آهن. شاهد حامد، جاويد برڪي ۽ بيگم عابده حسين جي ٽرائيڪا اصل ۾ حڪومتي وهنوار هلائي رهيا هئا. پر اڄڪلهه بيگم عابده کي به شاهد حامد سائيڊ لائين ڪري ڇڏيو آهي. ارشاد حقاني جنهن کي صحافي هجڻ تائين وڌيڪ عزت ملندي هئي، هاڻي وزير ٿيڻ بعد ساڻس جٺيون ڪيون پيون وڃن. حڪومتي حلقن ٻڌايو ته بيگم عابده اليڪشن وڙهڻ لاءِ پر ساهي پئي. گهوڙين واري فارم جي آمدني اليڪشن تي لٽائڻ جي تياري ڪندڙ سيده بيگم عابده حسين جو مڙس فخر امام پنهنجي ليکي تياري پيو ڪري. هونئن شايد بيگم اليڪشن نه وڙهي ها، پر گذريل هڪ هفتي کان جڏهن کان صدر، وزيراعظم ۽ ڊي فيڪٽو وزيراعظم شاهد حامد کيس لفٽ ڪرائڻ ڇڏي ڏني آهي ته تڏهن کان وڃان وڃان پئي ڪري. ساڳيو حال بزرگوار ارشاد حقاني جو آهي، جيڪو پڻ سفيد وارن جو ڀرم بچائڻ لاءِ ڪابينا جي ڪُن مان نڪرڻ جا سانباها پيو ڪري.
    نگرانن جي شروع ٿيل نگراني هينئر گهيري جو روپ وٺي رهي آهي. ڪابينا جي هر هڪ ميمبر جي احتساب لاءِ پڻ سندن ڪار گذارين تي مشتمل رپورٽون جوڙيون پيون وڃن. نگران حڪمرانن جيڪو احتساب جو راڳ شروع ڪيو هو، اهو اڃا تائين شروع ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڇو ناڪام ويا آهن. سندن سستي سبب ٻيا ته ٺهيو پر پي پي وارا هاڻي آصف زرداري لاءِ به چون پيا ته هو معصوم آهي. هن خلاف جيڪڏهن ثبوت هجي ها ته نگران حڪمران هن کي ضرور ڦاسائين ها. اصل حقيقت اها آهي ته آصف خلاف مواد ايترو ڪٺو ٿيو آهي جو نگران پريشان آهن ته هن کي ڪهڙي ڪيس ۾ اڳ ڦاسايون. گاديءَ واري شهر جي ليگي ۽ جماعتي حلقن ۾ آصف جي حوالي سان هڪ دلچسپ ڳالهه ڏاڍي مزيدار نموني ٻڌائي پئي وڃي. هو چون ٿا ته ”جهڙي طرح نيوڪليئر ۽ ڪشمير مسئلي تي سڀني جماعتن ۽ پوري قوم جو اتفاق آهي، اهڙيءَ طرح آصف زرداري جي مبينه ڪرپشن جي ڪهاڻين ۽ ڪرشمن بابت به سڄي قوم ۾ اتفاق راءِ آهي. ليگي ۽ جماعتي حلقن جي اها ڳالهه ٻڌڻ بعد مون کي 9 نومبر تي حڪومت جي برطرفيءَ کان پوءِ هڪ وفاقي وزير جي گهر انهن 10 ايم اين ايز جي چيل ڳالهه ياد پئي اچي، جنهن ۾ هنن اتفاق راءِ سان چيو هو ته اسان جي حڪومت جي برطرفيءَ جو حڪم صدر لغاريءَ جهڙي ماڻهو کي جاري ڪرڻ بابت مجبور آصف ئي ڪيو. ان ڳالهه تي جيتوڻيڪ آن ريڪارڊ ته هڪ به نه بيهندو ۽ قرآن کڻي ڦري ويندو، پر ڪافي پيپلن جي دلين ۾ به باهيون آهن.
    نگرانن جو چوڻ آهي ته ايندڙ 48 ڪلاڪن اندر احتساب جو عمل شروع ٿيندو ۽ روزانو هڪ ٻه ڪيس عدالتن کي اماڻيا ويندا. هن وقت بينظير ڀٽو کي سري محل ۽ پي آءِ اي ذريعي مفت ۾ ڪيترائي ٽن سامان لنڊن موڪلڻ واري اسڪينڊل ۾ نااهل قرار ڏيڻ لاءِ پرائيويٽ طور تي ريفرنس حڪومت کي مليو آهي. نواز شريف جي نااهليءَ لاءِ لاهور ۾ سوين پلاٽ سياسي ماڻهن کي ڀڳڙن مٺ تي ڏيڻ بابت پرائيويٽ ريفرنس پڻ نگران حڪومت وٽ پهتو آهي. ٻنهي ڌرين جي ٽاپ ليڊرن خلاف مليل ريفرنسز جي تحقيقات ڪري اهي عدالتن ۾ اماڻڻ ته ٺهيو، پر انهن تي غور ڪرڻ به نگران حڪومت مناسب نه ٿي سمجهي. ان مصلحت جو سمجهه ۾ ايندڙ سبب اهو آهي ته جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ٻئي ڌريون اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪنديون ۽ اهڙي صورتحال نگرانن لاءِ ته ٺهيو پر سندن مالڪن لاءِ پڻ ڏچو پيدا ڪندي. ڪجهه حلقن جو ان رٿ بابت مختلف خيال آهي. انهن جو چوڻ اهي ته جيڪڏهن نگرانن جا مالڪ اليڪشن ملتوي ڪرائڻ چاهين ٿا ته اهو فارمولو هنن کي اخلاقي، سياسي ۽ عدالتي جواز فراهم ڪرڻ لاءِ فٽ آهي.
    گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جوچوڻ آهي ته نگرانن جي نگراني ڪندڙ اهڙو احتساب چاهين ٿا جنهن ۾ بينظير، نواز ۽ نگران ٽئي اچي وڃن. اهو ئي سبب آهي ته نگران ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت بيگم عابده جي سمورن معاملن بابت تحقيقات شروع آهي. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته نگرانن جا هٿ به صاف ناهن،هر هڪ جو دامن داغي آهي. بيگم عابده حسين ”گهوڙي پال اسڪيم“ هيٺ 50 ايڪڙ زمين پنجاب حڪومت کان حاصل ڪئي. هن ڪجهه ايڪڙن تي اها اسڪيم شروع ڪئي ته باقي زمين زرعي مقصدن لاءِ استعمال پئي ڪري. ان کانسواءِ بيگم عابده وٽ 600 ايڪر اهڙي سرڪاري ايراضي آهي جنهن جي ليز ختم ٿيڻ جي باوجود به هوءَ پئي کيڙي ۽ کائي.
    جهڙيءَ طرح آصف زرداري گهوڙا پالڻ جو شوقين آهي، اهڙيءَ طرح جهنگ جي سيدياڻي بيگم عابده حسين گهوڙيون پالڻ جو شوق ڪندي آهي. بيگم عابده جي فارم تي دنيا جي اڪثر نسلن جا گهوڙا ۽ گهوڙيون آهن. هر گهوڙي جو الڳ داستان آهي. بيگم عابده جي فارم جو معمولي گهوڙو به 5 لک رپين جو آهي. جڏهن ته اعليٰ نسل واري جو اگهه 50 لک رپين تائين آهي. هن فارم ۾ مختلف نسلن جي گهوڙين ۽ گهوڙن جو ميلاپ ڪرائي ٻچا وٺي پاليا ويندا آهن ۽ پوءِ اهي وڪرو ڪيا ويندا آهن. بيگم عابده جا گهوڙا عرب ملڪن جي بادشاهن ۽ اميرن کي به پسند آهن. هر خريدار کي گهوڙي سان گڏ ڪتاب به ڏنو ويندو آهي جنهن ۾ گهوڙي جي نسل، عادتن، خوراڪ، خوبين ۽ سار سنڀال بابت معلومات هوندي آهي. ڪاروبار ڪرڻ خير ڏوهه ناهي ۽ آئين به اسان کي هر قسم جو ڪاروبار ڪرڻ جي آزادي ڏئي ٿو. جڏهن ڳالهه گهوڙن جي آهي ته پوءِ آصف زرداري جي گهوڙن سان گڏ بيگم عابده جي گهوڙين ۽ صدر لغاريءَ جي گهوڙن جو به ذڪر ٿيڻ گهرجي. اهڙو ذڪر ڪوئي ڪري يا نه، پر نگرانن جي نگراني ڪندڙ گهوڙن وارن جو هڪ فائيل تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو مناسب وقت تي جلد ئي منظر عام تي اچڻ جو امڪان آهي.
    هن وقت نگران حڪومت وارن اڳوڻن دورن جي مال ٺاهيندڙ سياستدانن ۽ ڪامورن جي احتساب لاءِ جيڪا کوٽ کوٽان شروع ڪئي آهي ۽ ملندڙ معلومات جوڊيشل ٽرائل کان اڳ ميڊيا ٽرائل لاءِ استعمال ڪرڻ شروع ڪئي آهي، ان دلچسپ معلومات لاءِ عوام کانسواءِ گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ دنيا جي 100 ملڪن کان وڌيڪ ملڪن جا سفير پڻ دلچسپي وٺي رهيا آهن. سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته نه صرف مختلف سياستدانن جي ڪرپشن جا قصا پڙهي ۽ ٻڌي سفير مزو پيا وٺن پر اها معلومات پنهنجي پنهنجي ملڪن ڏانهن به موڪلي رهيا آهن.
    وزيراعظم معراج خالد تازو اخبار وڪرو ڪندڙ هاڪرن جي تنظيم جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ٽڪا خان کي پنهنجو مشير مقرر ڪيو آهي. ان مقرريءَ جو پس منظر اهو آهي ته جهڙيءَ طرح ”جنگ گروپ“ جي مرضيءَ سان ارشاد حقانيءَ کي اطلاعات جو وزير ٺاهيو ويو، اهڙيءَ طرح ”نواءِ وقت گروپ“ کان به ڪابينا لاءِ ماڻهو گهريو ويو. نواءِ وقت گروپ جي مالڪن نظامين، جنگ جي مالڪ ”ميرن“ سان جٺ ڪرڻ لاءِ ٽڪا خان جو نالو تجويز ڪيو، جنهن جا 2 سبب هئا: هڪ ته نظامي ميرن کي اهو ٻڌائڻ گهرن ٿا ته اوهان جي ايڊيٽر جي جوڙ جو سندن هاڪر آهي. ٻيو ته نظامي، حقاني کي هوش پيا ڏيارين، ته تنهنجي ليول جو ٽڪا خان هاڪر آهي، جيڪو روز آبپاره جي اخبار مارڪيٽ واري فٽ پاٿ تي ويهي ريڊ ان وائيٽ جا سگريٽ پيئندو آهي. ٽڪا خان جي مشير ٿيڻ بعد ارشاد حقاني اڃا وڌيڪ ڪاوڙيل آهي. گذريل ڇهن ڏينهن کان هو اطلاعات کاتي جو وزير هوندي به ٽي وي اسڪرين تان غائب آهي. ٻيو ته ٺهيو پر هر ڪابينا جي اجلاس جي پاڻ بريفنگ ڏيڻ وارو حقاني صاحب گذريل ٻن ڪابينا جي اجلاسن جي بريفنگ لاءِ نه آيو، پر هينڊ آئوٽ جاري ڪرايا.
    8 ڊسمبر تي رات جو نگران حڪومت مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي تحقيقاتي رپورٽ رليز ڪئي. رپورٽ 214 صفحن تي مشتمل هڪ وائيٽ پيپر آهي، جنهن جي صفحن تي نه نمبر لڳل آهن ۽ نه وري اهو ڄاڻايو ويو آهي ته اها رپورٽ ڪٿان ۽ ڪنهن شايع ڪرائي ۽ ڪنهن رليز ڪئي. مشڪوڪ نموني جاري ڪيل هن رپورٽ بابت ڪافي شڪ پيدا ٿي پيا آهن. رپورٽ ۾ صدر لغاريءَ کي هن اسڪينڊل مان آجو قرار ڏنو ويو آهي. شير پائو ۽ انور سيف الله بابت ڪا به نتيجه خيز ڳالهه نه چئي وئي آهي. ڪنهن به معاملي جي تحقيقات لاءِ جڏهن ڪو ٽربيونل جڙندو آهي ته اهو تحقيقات بعد واضح نموني نتيجو ڪڍي ٻڌائيندو آهي ته هي ڏوهه هن ماڻهوءَ تي ثابت ٿيو. هن خلاف هن قلم هيٺ ڪارروائي ڪيو. جسٽس (ر) عبدالقدير چوڌري جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل 5رڪني ٽربيونل ۾ جسٽس ضياءَ محمود مرزا (سپريم ڪورٽ) جسٽس (ر) زيڊ اي چنا سنڌ، چيف جسٽس شريعت ڪورٽ جسٽس نذير احمد ڀٽي ۽ جسٽس قاضي محمد فاروق (پشاور هاءِ ڪورٽ) به شامل هئا. هن رپورٽ ۾ صدر فاروق لغاريءَ جي زمين ”رضي فارم“ مهراڻ بئنڪ جي چيف يونس حبيب کي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ واري الزام بابت ڪا به چٽي ڳالهه ناهي. خريدار ڪير آهي، رقم ڪٿان ۽ ڪنهن ادا ڪئي. ڪيتري رقم ادا ڪئي وئي، رقم وصول ڪنهن ڪئي. زمين ڪٿي آهي، ڪهڙي آهي؟ انهن سوالن جو ڪو به جواب ڏنل ناهي. صرف اهو چيو ويو آهي ته ”صدر لغاري زمين جو وڪرو قانون موجب صحيح ڪيو آهي.“ صدر کي آجو قرار ڏيڻ آفتاب شير پائو ۽ انور سيف الله بابت الزام ثابت ٿيڻ يا نه ٿيڻ جي وضاحت نه هجڻ معاملو منجهائي ڇڏيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته مستقبل قريب ۾ هن رپورٽ بابت پڻ ڪو وڏو اسڪينڊل سامهون اچي. نگرانن جي نگراني ڪندڙن جي ڪرڙي نظر هن رپورٽ تي پڻ آهي.
    (15 ڊسمبر 1996ع)


    پير پاڳاري جي پي پي دشمنيءَ واري ڊيوٽي ختم

    پير پاڳاري جي پي پي دشمنيءَ واري ڊيوٽي ختم

    سياري جي موڪل سبب سپريم ڪورٽ بند آهي ۽ 8 جنوري کان ٻيهر عدالت پنهنجو ڪم شروع ڪندي.بينظير حڪومت جي برطرفي ۽ اسيمبليءَ ٽوڙڻ خلاف داخل محترمه جي درخواست جي سماعت به بعد ۾ ٿيندي. عدالت جي سماعت واري رفتار مان ته لڳي پيو ته ان ڪيس جو فيصلو اليڪشن واري تاريخ جي لڳ ڀڳ ايندو يعني 2 ڏينهن اڳ يا پوءِ. شروع ۾ ته محترمه جو زور هو ته عدالت هڪ مهيني اندر فيصلو ڪري، پر اڄڪلهه اليڪشن شيڊول اچڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي ڪيس جي تڪڙي سماعت تي زور اڳي کان گهٽ پئي ڏئي. محترمه جي خاموشيءَ کي گاديءَ وارا حلقا نگران وزيراعظم ملڪ معراج خالد جي ان بيان کان ڌار نٿا سمجهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته احتساب اسان جي وس جي ڳالهه ناهي، مارشل لائي حڪومت ئي بهتر احتساب ڪري سگهي ٿي.
    نگرانن جي نگراني ۽ سندن تبديليءَ بابت خدشا ۽ ڳالهيون ڪافي ڏينهن کان عام هيون. وزيراعظم واري بيان کان پوءِ ايئن پيو لڳي ته معاملو ميچوئر ٿئي پيو. سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”سيڪ اتي ايندو آهي، جتي باهه ٻرندي آهي.“ معراج خالد کي به معاملو مُڪندي نظر پيو اچي، نه ته هو ڪڏهن به ايئن نه چوي ها. معراج خالد جنهن خواهش يا خيال جي بشارت ڏني آهي، اڳ ۾ اهڙا ڪم پير صاحب پاڳارو ڪندو هو، پر اڄ ڪلهه لڳي ٿو ته پير صاحب کان ذميواري واپس ورتي وئي آهي. پير پاڳارو جنهن سدائين ”اسلام آباد“ جي چوڻ تي اينٽي پي پي فورم جوڙي پنهنجي سياست ڪئي، ان اڄڪلهه 3 فيبروري تي رٿيل عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽيءَ سان ايڊجسٽمينٽ ڪئي آهي. بي بي پاڳارو اتحاد ۽ نواز غنويٰ ٺاهه 96ع سال جا 2 وڏا واقعا آهن. ڇو ته نواز شريف ۽ پاڳارو هميشه کان ضياءَ واري کاتي سبب ئي نفعي ۾ گهڻو ۽ نقصان ۾ گهٽ رهيا آهن. ڀٽو خاندان جي عورتن جو ضياءَ جي ساٿين سان ملڻ مان ٻنهي ڀٽياڻين جي اقتدار جي خواهش جي انتها جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پير صاحب جي پيپلزپارٽي سان ٺاهه کان پوءِ ته ايئن پيو لڳي ته شايد سندس پي پي دشمني واري ڊيوٽي ختم ٿي وئي آهي ۽ ”اسلام آباد“ مان نئين اسائينمينٽ نه ملڻ کان پوءِ پنهنجي قسمت جو فيصلو هن پاڻ ڪرڻ شروع ڪيو آهي.
    نگران حڪومت جنهن وڏي واڪ اهو دم هنيو هو ته، هو چور ۽ ڪرپٽ ماڻهن جو احتساب ڪندي، ان نگران ٽيم جي ڪپتان معراج خالد وچ ۾ بولاٽيون کائيندي بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته احتساب ڏکيو ڪم آهي، عوام پاڻ ڪري پر وري گذريل جمعي کان هن پلٽو کاڌو آهي ۽ چوي پيو ته چند ڏينهن ۾ ڪرپٽ سياستدانن ۽ ڪامورن جا ڪيس عدالتن ۾ اماڻيا ويندا. سندس ابتن سبتن بيانن کان پوءِ مٿس پڪ نه ٿي ٿئي ته نگران واقعي احتساب ڪندا. هن ته ٽي وي تي اهو به چيو ته سابق حڪمرانن ڪرپشن اهڙي ته ٽيڪنيڪل انداز ۾ ڪئي آهي جو ثبوت ئي نٿا ملن. ڀارت جي بارڊر سان ملندڙ پنجاب جي ڳوٺ ”برڪي هڊياري“ ۾ رهندڙ معراج خالد کي خبر هجڻ گهرجي ته چور، چوريءَ کان پوءِ ايڊريس يا رسيد نه ڏيندو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر چوپائي مال جا چور به پنهنجا پير ڊاهي ويندا آهن. اسمگلرن جي علائقي ۾ پلجڻ ۽ وڏو ٿيڻ بعد ته گهٽ ۾ گهٽ معراج خالد کي اهڙيون ڳالهيون نه ڪرڻ کپن. برڪي هڊياري ڳوٺ جتي پاڪ ڀارت جنگ ۾ ميجر عزيز ڀٽي شهيد ٿيو هو، تنهن ڳوٺ جا ماڻهو ڀارت ڏانهن اسمگلنگ ڪندڙ اسمگلرن کي اڃا به سڃاڻين ٿا ۽ اهي اسمگلر اتي ترسندا آهن.
    گاديءَ واري شهر جا باخبر حلقا چون پيا ته نگرانن جي ڪارڪردگي بينظير حڪومت ڊهرائيندڙن کي متاثر نه ڪيو آهي، جنهن سبب نگرانن تي به شامت اچي سگهي ٿي پر ان کان اڳ نگرانن کان، پي پي ۽ نواز ليگ جي 2 درجن خاص خليفن خلاف ڪيس عدالت ۾ اماڙڻ وارو ڪم ورتو ويندو. توقع آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ آصف زرداريءَ سميت ٻنهي ڌرين جي اهم اڳواڻن کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو. آصف زرداريءَ کي دبئي جي هڪ غير رجسٽرڊ فرم واري ڪيس ۾ چالان ڪيو ويندو. اها سون جو ڪاروبار ڪندڙ فرم آهي، جنهن کي آصف زرداريءَ پنهنجي اقتدار وارن ڏينهن ۾ پاڪستان سون آڻن جو لائسنس ڏنو ۽ ٻي ڪنهن به فرم کي لائسنس جاري ڪرڻ نه ڏنو. اهڙيءَ طرح هن اڪيلي فرم ٽن سالن تائين پاڪستان ۾ سون جو ڪاروبار ڏاڍي مزي سان پئي ڪيو ۽ آصف کي به مزا ڪرايا. ڪراچيءَ جي هڪ سيٺ جي سون واري ان ڪمپنيءَ سبب سيٺ عابد پي پي وارن جي سڄي دور ۾ پريشان رهيو، ڇو ته هو به سون جو واپاري آهي ۽ هن کي لائسنس نه مليو. سيٺ عابد جيڪو ملڪ معراج خالد جو پڳ مٽ يار آهي. تنهن اچڻ سان اڳ ۾ ملڪ صاحب کي چيو ته هن فرم وارو ڪيس کلڻ گهرجي. جنهن کان پوءِ ڪمپني جي هر جائز ۽ ناجائز سرگرمين جا ثبوت هٿ ڪيا ويا آهن. جن جي ڇنڊ ڇاڻ بعد اهو ڪيس آصف لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
    ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هيءَ فرم نواز حڪومت جي دور کان وٺي هر چونڊيل ۽ نگران حڪومت جي مالي مدد کانسواءِ ملڪ جي مدد ڪندي اسٽيٽ کي پڻ قرض ڏيندي رهي آهي. جڏهن نواز شريف جي حڪومت هئي ۽ پرڏيهي ناڻي جو ذخيرو حد کان وڌيڪ گهٽجي ويو ته 450 ملين ڊالر هن فرم پاڪستان کي قرض ڏنو ۽ خود بينظير حڪومت کي به قرض ڏنو هو. هن ڪمپني جي مالڪ جو مسلم ڪمرشل بينڪ جي صدر حسين لوائي سان به پراڻو واسطو آهي. لوائي هن ڪمپنيءَ جي اڻپوري ضمانت وارن ڪاغذن عيوض 70 ملين ڊالرن جو قرض جاري ڪيو. اها رقم اصل ۾ لوائي جي ئي ڪنهن محفوظ کاتي ۾ وئي هئي. اڄڪلهه جڏهن حسين لوائي ايف آءِ اي وارن جي سوالن جا جواب پيو ڏئي ۽ سندن تحويل ۾ آهي ان بابت پتو پيو آهي ته هن مذڪوره فرم بابت وڏا انڪشاف ڪيا آهن. آصف زرداريءَ سميت ڪيترين ئي اهم شخصيتن، جيڪي هميشه ان فرم مان فيضياب ٿيا آهن، تن جا راز به هن فاش ڪيا آهن.
    هن فرم جي ڪيس واري ابتدائي تحقيقات بعد تيار ڪيل فائيل ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ سون جي فراهميءَ جي اڪيلي لائسنس يافته فرم 10 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي به حڪومت کي ادا نه ڪئي. هن فرم کي صرف هڪ سيڪڙو ڊيوٽي ادا ڪرڻ لاءِ چيو ويو ۽ باقي ٽيڪس کيس معاف ڪيا ويا پر پوءِ هن فرم جي مالڪن اها هڪ سيڪڙو ڊيوٽي به ادا نه ڪئي. هو مال مثال طور 10 ڪلو آڻيندا هئا ته ظاهر 3 ڪلو ڪندا هئا. 7 ڪلو کانچي ۾ ڪڍندا هئا. ٽيڪس چوري جي هڪ اهڙي واردات سبب جڏهن ڪراچيءَ جي ڪسٽم ڪليڪٽر حسن امام جو معاملو هنن سان نه ٺهيو ته هن فرم وارن کي ٽيڪس چوريءَ جو نوٽيس جاري ڪندي وضاحت لاءِ طلب ڪيو. 2 فيبروري 96ع تي هن نوٽيس جاري ڪيو جيڪو اڃان مالڪن کي مليو ئي ڪو نه هو ته 27 فيبروري تي حسن امام کي ايف آءِ اي وارن گهر ويندي گرفتار ڪيو. وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي سکڻي حڪم تي گرفتاري بعد هن کي ساڳئي رات ايرو ايشيا جي فلائيٽ ۾ اسلام آباد آندو ويو ۽ ايف آءِ اي کي حڪم مليو ته انور سيف الله وارن جي لڪي سيمينٽ فيڪٽري جي مشينري تي ڊيوٽي بدران ڪميشن وڌيڪ وٺڻ واري ڪيس ۾ هن کي چالان ڪيو وڃي. ايف آءِ اي 2 مارچ تي مٿس ڪيس داخل ڪيو.
    حسين لوائي پنهنجي هن ڪيس مان جند ڇڏائڻ لاءِ لاهور جي هڪ ”سيٺ“ سان رابطو ڪرايو آهي. هي سٽون لکڻ تائين مُڪ مُڪا ڪو نه ٿيو آهي، پر اميد آهي ته معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. لاهور جو اهو سيٺ ملڪ معراج خالد جو پراڻو يار آهي. سون جو ڪاروبار ڪندڙ ان فرم ٽن سالن دوران نه صرف ڪروڙين رپين جوسرڪاري خزاني کي ٽيڪس ادا نه ڪري نقصان پهچايو آهي پر آصف زرداريءَ جي گهڻين خواهشن جي تڪميل به ڪئي آهي. جيڪڏهن ان جو مالڪ گرفتار ٿيو ته يونس حبيب وانگر باقاعده ٻوليندو ۽ گهڻن شريفن جا پول کوليندو.
    جيتوڻيڪ احتساب بظاهر ڪنهن جو به ٿيندي نظر نٿو اچي ۽ نه وري ٿيندو. ڇو ته هن پاڪ ملڪ ۾ اختيار رکندڙن ۾ خير سان اهڙو ڪو ماڻهو ڪونهي جيڪو پاڻ احتساب کان آجو هجي. جهڙي طرح اليڪشن جي سرگرمين ۽ تيارين مرتضيٰ ڀٽو جي خون کان وٺي محترمه جي حڪومت جي برطرفيءَ تائين سمورن معاملن تي پردو وجهي ڇڏيو آهي، اهڙيءَ طرح ويجهي مستقبل ۾ پيش ايندڙ هٿرادو طوفانن جي دز عوام جي ذهن تان احتساب جو ڀوت به ختم ڪري ڇڏيندي. ڇو ته اسان جي پاڪ ملڪ ۾ ڪنهن جو به احتساب نه ٿيندو آهي. قائداعظم جي موت کان وٺي اڄ تائين ڪنهن به معاملي جي حقيقي معلومات نه عوام کي ملي آهي ۽ نه ڪنهن کي سزا ملي آهي. وٺ پڪڙ ٿيندي آهي پر ثبوت سامهون نه آندا ويندا آهن. تڏهن ئي ڏوهاري ۽ ڪرپٽ ماڻهو سالن جا سال جيل ۾ رهڻ بعد عدالتن مان آزاد ٿي شهپر وٽي چوندا آهن ته ”مون تي ڪوڙو الزام هو.“
    (29 ڊسمبر 1996ع)


    ڇا صدر کي موڪل ڪرڻي پوندي؟

    ڇا صدر کي موڪل ڪرڻي پوندي؟

    پنجاب ۾ جنهن تيزيءَ سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ 7 کان وڌيڪ شيعه ليڊرن سميت اهم سياسي اڳواڻ قتل ٿيا آهن، ان سيريز مان تمام وڏن واقعن جي ڌپ اچي رهي آهي. گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته خدا خير ڪري، جيڪڏهن ڪنهن وڏي سنڌي شخصيت کي پنجاب جي سرزمين تي ڪجهه ٿيو ته پوءِ سنڌ ۽ وفاق ۾ وڇوٽيون ايتريون ته وڌي وينديون، جن جو انجام ڀيانڪ هوندو.
    بينظير ڀٽو هلندڙ هفتي جي آخر ۾ پنجاب جي شهر ڊيره غازي خان کان 3 فيبروريءَ تي رٿيل اليڪشن لاءِ مهم شروع ڪندي. عمرو ادا ڪرڻ بعد گناهه بخشائڻ کان پوءِ هن واپس وطن ايندي ئي اهڙو فيصلو گلزار هائوس تي سڏايل اجلاس ۾ ڪيو آهي. گاديءَ واري شهر جي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته چند ڏينهن اڳ محترمه بينظير ڀٽو جيڪو چونڊن بابت ڪو به فيصلو نه پئي ڪرڻ گهريو ۽ جدي مان بيان ڏنو ته اسان به بائيڪاٽ ڪري قاضيءَ وانگر ڌرڻا هڻي سگهون ٿا، اها بينظير اوچتو چونڊ مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ميدان ۾ ڪيئن پئي اچي. ايترو جهٽ پٽ ۾ ڦيرو ڪيئن آيو؟ ان سوال تي غور بعد اهو جواب ملي ٿو ته شايد ڪا خاطري ملي اٿس. خاطريءَ واري خدشي تي غور بعد هڪدم چوڌري نثار علي جا اهي لفظ ياد ٿا اچن، جيڪي هن پهرين جنوريءَ تي پارليامينٽ هائوس ۾ لفٽ جي ڀر ۾ بيٺي پير ڪچهري ڪندي، سرتاج عزيز جي موجودگيءَ ۾ مون کي ۽ حامد مير کي ٻڌايا هئا. نثار جو چوڻ هو ته اسان جو اندازو آهي ته جيڪڏهن 3 فيبروريءَ تي اليڪشن ٿي ته مسلم ليگ کي 100 کان 110 جي وچ ۾ ۽ پيپلزپارٽيءَ کي 40 جي لڳ ڀڳ سيٽون ملنديون. جنهن تي اختلاف راءِ بعد نثار ۽ سرتاج پ پ کي 50 سيٽون ملڻ تي راضي ٿيا هئا.
    صدر لغاريءَ سان ملاقات کان پوءِ نثار جو اهو چوڻ يقينن ڪنهن سلسلي جي ڪڙي هوندو، پر غيب جو علم هڪ انهن ادارن کي جن فيصلو ڪيو آهي، ٻيو قدرت کي. نثار جو چوڻ هو ته پ پ بائيڪاٽ نه ڪندي ۽ نه کيس ڪرڻ کپي، ڇو ته اڄ جڏهن مسلم ليگ کي اڪثريت سان ڪامياب ٿيڻ جو آسرو آهي ته پ پ بائيڪاٽ ڪيو ته پوءِ آئينده ڪير اليڪشن وڙهندو. جنهن کي ڪاميابيءَ جي پڪ نه هوندي، اهو بائيڪاٽ ڪندو. جنهن سان پوءِ جمهوري نظام جي تڏا ويڙهه ٿيندي.
    اردشير ڪاواسجي مطابق ته ”صدر لغاريءَ پنهنجي ٽيبل جو رخ مٽائي مرگلا جي پهاڙين ڏانهن ڪري ويهڻ شروع ڪيو آهي ۽ عين اهو ئي انداز غلام اسحاق خان جو هوندو هو. ماڻهو ڀلي شڪل شبيهه جي لحاظ کان ڪهڙو به هجي، پر عمل ۽ رويا ئي اهم هوندا آهن. فاروق لغاري به اسيمبلي ٽوڙڻ کان اڳ روين ۽ عملن جي بنياد تي لغاري هو، پر جڏهن اسيمبلي ٽوڙيائين ته هن کي محترمه فاروق الحق ۽ غلام اسحاق سڏڻ لڳي آهي. صدر لغاري متعلق گاديءَ جي شهر ۾ اهي گفتا ٻڌڻ ۾ اچن پيا ته 15 جنوري کان پوءِ سردار صاحب جي طبيعت خراب ٿي ويندي. هڪ ٻه ڏينهن مقامي طور علاج ڪرائيندو، پوءِ ڊاڪٽر هن کي پرڏيهه علاج ڪرائڻ جو مشورو ڏيندا ۽ هو پرڏيهه روانو ٿي ويندو. سرڪاري خرچ تي ڪجهه هفتا ٻاهر رهڻ بعد واپس وطن ايندو. ڪجهه حلقن جي راءِ اها آهي ته هو استعيفيٰ ڏيندو، پر ايئن ٿيندي نظر نه پيو اچي، پهرين ڳالهه وڌيڪ معقول آهي.
    هلندڙ هفتي يعني ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ جا معاملا هلائڻ لاءِ قومي سلامتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو به اعلان متوقع آهي، جنهن جو سربراهه صدر هوندو. وزيراعظم، ڊفينس، گهرو معاملن ۽ پرڏيهي معاملن جا وزير، چيف آف جوائنٽس اسٽاف، آرمي، ايئر فورس ۽ نيوي جا سربراهه ان جا ميمبر هوندا. 9 رڪني هيءَ ڪائونسل جنهن جي قيام بابت آئين ۾ ڪا گنجائش ناهي، اها ملڪ جي سمورن شعبن بابت پاليسيءَ جا فيصلا ڪندي. هن ڪائونسل جو مقصد فوج کي سياست ۾ شريڪ ڪرڻ آهي. جيڪڏهن ايئن ٿي وڃي ٿو ته پوءِ فوج جي غير جانبداريءَ وارو ليبل لهي ويندو ۽ قومي سلامتي ڪائونسل جي هر فيصلي جي نفعي نقصان ۾ فوج پڻ سويلين حڪمرانن جيتري ڀائيوار هوندي. هن اداري جي قيام جو سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيندو ته ملڪي معاملن متعلق جوڙيل پاليسيون جاري رهنديون. انهن جو تسلسل حڪومت جي خاتمي سان گڏ ختم نه ٿيندو ۽ وڏو نقصان اهو ٿيندو ته پوءِ عدليا کانسواءِ ڪو به وڏو طاقتور ادارو باقي نه رهندو، جيڪو غير جانبدار قوت طور بيلنس ڪم ڪري. بظاهر ملڪ جي جيڪا سياسي ۽ معاشي حالت آهي، ان کي سامهون رکي معراج خالد به گڏيل قومن وارن جي حوالي سان چوڻ شروع ڪيو آهي ته ”هي ملڪ ويهن سالن ۾ ٽٽي ويندو.“ اهڙي صورتحال ۾ فوج کي ظاهري اقتداري ايوان ۾ آڻڻ جو معاملو بظاهر ٿيندو نظر اچي پيو. هن ڪائونسل متعلق چيو پيو وڃي ته اها قائم ٿيڻ سان ئي ٻه چار ڪم اهڙا ڪندي جو واهه واهه ٿي ويندي.
    اليڪشن 3 فيبروري تي ٿيڻ بابت اڃا تائين بدستور غير يقينيءَ واري ڪيفيت آهي، پر فرق اهو پيو آهي ته نه ٿيڻ بابت افواهن ۽ خدشن ۾ ڪجهه ڪجهه گهٽتائي ٿي آهي. تڏهن به ان جو هرگز اهو مطلب به ناهي ته اليڪشن ٿيندي. بهرحال جيڪڏهن قومي سلامتي ڪائونسل ٺهي وڃي ٿي ته پوءِ اليڪشن جو پڪو آسرو ٿيندو ۽ اهو به ممڪن آهي ته ڪائونسل جماعت اسلاميءَ کان اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ وارو فيصلو به واپس وٺرائي. ڇو ته جيڪي پارٽيون اليڪشن ۾ حصو نه وٺنديون اهي 20 مارچ تي هر حالت ۾ ٿيندڙ سينيٽ جي چونڊن ۾ مار کائينديون. اسيمبلي مان ته ٺيڪ آهي 3 سال کڻي ٻاهر رهجي، پر سينيٽ جي ڊگهي ٽرم واري نمائندگيءَ کان محروم ٿيڻ انهن پارٽين لاءِ ڏاڍو مشڪل آهي ۽ ڪا به پارٽي سينيٽ واري سيٽ نه وڃائيندي.
    نگرانن جا نوان اليڪشني قانون عجيب هئڻ سان گڏ تضادن سان به ڀريل آهن. ڪيترائي ويچارا اڻ پڙهيل ته ٺهيو پر پڙهيل لکيل اميدوار به پريشان ٿيا آهن. ڊيفالٽرن جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارو قانون به عجيب آهي، جنهن تي اسلام آبادي به خوش ناهن. ڇو ته هن قانون موجب صرف اهو ڊيفالٽر آهي. جنهن جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ پنهنجي نالي يا گهر ڀاتين نالي شيئر هجن. مثال طور جيڪڏهن ڪنهن شخص جا 49 سيڪڙو شيئر ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ آهن ۽ اهو 5 ڪروڙ جو ڊيفالٽر آهي، ته نگرانن جي نئين قانون موجب اهو آزاد آهي. اهڙي قانون سبب صنعتڪارن جي سربراهيءَ واري پارٽي مسلم ليگ جا اميدوار ڪافي خوش آهن، پر پ پ وارا پريشان آهن. ڇو ته پ پ وارا هميشه بجلي، گئس، فون، سرڪاري لاجز ۽ ريسٽ هائوسز جا بل هضم ڪندا هئا. ان ڪري جيڪو نگرانن قانون لاڳو ڪيو آهي، سو انهن لاءِ مصيبت بڻيو آهي، ڇو ته 5 رپين جو بل ادا نه ڪرڻ سبب به فارم رد پئي ٿيا. ٺيڪ آهي جيڪو ٿيو چڱو ٿيو، باقي اليڪشن سبب واپڊا، گئس ڪمپنين، ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ بئنڪن کي اها به رقم ملي آهي جنهن جو آسرو ئي نه هو. انهن ادارن جي انتظاميه دعا ڪندي هوندي ته وري ايندڙ سال ٻيهر اليڪشن ٿئي. هن دفعي اميدوارن جا لاهه نڪري ويا آهن. ماڻهن کي ٺيڪن، پرمٽن، نوڪرين جا آسرا ڏئي اوڌر وٺي گاديءَ واري شهر يعني پاڪستان جي سڀ کان مهانگي شهر ۾ لئي ڪري ٺٺ ٺانگر سان هلندڙ ميمبر هن دفعي هڪ ته ڦٻيا گهٽ هئا، ڇو ته هر شيءِ ۽ ڪم تي ”وڏن“ جي نظر هئي، ٻيو ته وري اوچتو اليڪشن ۾ بقايائون به ڀرڻيون پين، جنهن سبب اڪثر اميدوار پاڪستان وانگر سخت مالي بحران جو شڪار آهن.
    تازو جيڪب آباد مان چونڊيل هڪ اڳوڻو ميمبر اليڪشن اڌ ۾ ڇڏي اسلام آباد آيو هو. پنهنجي هڪ سنگتيءَ سان سور سليندي کيس ٻڌايائين ته ”يار پڇاڙيءَ ۾ عشق مان شادي ڪيم، گهر واريءَ کي گهر مسواڙ تي وٺي ڏنو اٿم. گاڏي رينٽ اي ڪار وارن جي ڪرائي تي ڪرڻي پئي، مان ويس ڳوٺ، فارم ڀرائڻ لاءِ مس ڏوڪڙ هٿ ڪيم ته مٿان بيگم جو فون آيو ته هڪدم پهچ. آيس ته چيائين گاڏي وٺي ڏي، رينٽ اي ڪار وارن بل نه ڀرڻ سبب گاڏي موٽائي ورتي آهي. روز بل لاءِ چڪر ٿا هڻن ۽ چون ٿا ته بل ڏي نه ته اليڪشن ڪميشن ٿا وڃون. مس مس انهن کي راضي ڪري اڌ پئسا ڏنا آهن، پوءِ به گاڏي ڪو نه ٿا ڏين. بيگم کي مشڪل سان مڃايو آهي ته ڪجهه ڏينهن گذارو ڪر، ڪڻڪ لهي ته نئين گاڏي وٺنداسين. هوڏانهن اليڪشن ۾هن دفعي آسرو به گهٽ ٿو لڳي، ڇو ته ماڻهن جا مڙئي دماغ ڦريل ٿا نظر اچن. خير الله چڱي ڪندو.“
    هي ته هو هڪ اڳوڻي ميمبر جو احوال، جيڪو هن هوش حواس ۾ هوندي سچي ڪئي. باقي ٻين اميدوارن جو حال به ساڳيو آهي، ڪو مڃي يا نه، باقي هن ميمبر تي ميار ڪانهي، هن ويچاري ته اعتراف ڪيو آهي ۽ اعتراف ڪرڻ تمام وڏي بهادري هوندي آهي.
    (6 جنوري 1997ع)


    اسيمبلي ٽٽڻ وارو فيصلو ڪيئن ٿيو؟

    اسيمبلي ٽٽڻ وارو فيصلو ڪيئن ٿيو؟

    ”صراحي آئيگي، رات جام آئي گا“ وارو شعر اعتزاز احسن پڙهيو ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه چيس ته ”جام اوهان وٺو ۽ صراحي به.“ ان تي عدالتي ڪمري ۾ 100 سيٽن واري هال ۾ 200 ماڻهن جي هجڻ ڪري پيدا ٿيل گهٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. فيصلي واري ڪارروائيءَ وقت ناهيد خان، نواز کوکر ۽ پي پي جا مقامي اڳواڻ به موجود رهيا. جڏهن هڪ موقعي تي اعتزاز دليل ڊگها ڪرڻ شروع ڪيا ۽ چيف جسٽس چيس ته هاڻي وقت گذري ويو، گهڻو ڪجهه هٿن مان نڪري چڪو آهي ته اعتزاز، رضا رباني، اقبال حيدر ۽ ٻين جا منهن لهي ويا.
    سپريم ڪورٽ جيڪا اسيمبليءَ ويجهو ايوان صدر جي اونچي بلڊنگ جي ڀر ۾ واقع آهي، تنهن جي سنگ مرمر وارين ڀتين واري خوبصورت عمارت جي چوڌاري پوليس وارا وڏي تعداد ۾ موجود هئا. پي پي عورتون ۽ ڪارڪن مک دروازي وٽ صبح کان ئي بيٺل رهيا ۽ ”گو لغاري، گو“ جا نعرا هڻندا رهيا. سپريم ڪورٽ جيڪا شاهراهه دستور تي واقعي آهي، تنهن ۾ دستور ۽ جمهوري نطام بابت اهم فيصلو ٿيڻ جو انتطار پوري ملڪ کي هو. عدالتي حدن ۾ انٽيليجنس جا اهلڪار به موجود هئا. جن سيڪيورٽيءَ جو نظام سنڀاليو هو. عمارت ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سائي رنگ جا خصوصي ڪارڊ جاري ڪيا ويا، جنهن سبب پبلڪ ۽ صحافين کي ڏکيائي ٿي. عدالتي ڪمري ۾ 80 کان وڌيڪ ڏيهي ۽ پرڏيهي صحافي موجود هئا. نواز کوکر آيو ته احترام طور هن کي ڪرسي ڏيڻ لاءِ ڪارروائي دوران سپريم ڪورٽ جو ملازم ڊوڙندو آيو. عدالت ۾ برگر فيميلن جا نوجوان نينگر ۽ نينگريون به موجود هيون. عدالت جي مين گيٽ کان عدالتي ڪمري تائين 4 جڳهين تي تلاشي ورتي وئي. ڪيترن وڪيلن کي ڪارروائي ڏسڻ کان روڪيو ويو، ڇو ته وٽن ڪارڊ ڪو نه هئا. پريس وارن لاءِ ايڪسٽرا ڪرسيون لڳايون ويون. عدالتي ڪارروائي هلندڙ هئي ته اوچتو هڪ ڏاڙهيءَ وارو ٿلهو متارو نوجوان فائيل کڻي اوچتو ڊائيس تي آيو ۽ بنا اجازت ڳالهائيندي چيائين ته ڪراچيءَ بابت ڪافي قصا منظر تي نه آيا آهن، مان ٻڌائڻ گهران ٿو. هن جي اوچتي اچڻ سبب جج حيران ٿي ويا. چيف جسٽس چيس، ”ڪير آهين، چپ ڪري ويهه“ بعد ۾ هو هليو ويو.
    هڪ موقعي تي چيف جسٽس اعتزاز کي چيو ته اوهان گهڻو وقت ورتو آهي، ڪم جي ڳالهه ڪريو. خالد انور ٿوري وقت ۾ تمام گهڻا الزام ثابت ڪيا آهن. هڪ لحاظ کان چيف جسٽس جا اهي لفظ صدر جي وڪيل خالدا انور لاءِ ڪنهن اعزاز کان گهٽ ڪو نه هئا. لاهور جو سنهڙو، ڊگهي قد ۽ نڪ وارو وڪيل خالد انور، جڏهن نواز اسيمبلي ٽٽي هئي ته سندس پاران ڪيس وڙهيو هو ۽ غلام اسحاق جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري حڪم کي غلط ثابت ڪري اسيمبلي بحال ڪرائي هئائين. ساڳئي خالد انور هن ڪيس ۾ صدر لغاريءَ جو اسيمبلي ٽوڙڻ وارو حڪم سچو ثابت ڪندي، اسيمبلي ٽوڙڻ وارو فيصلو بحال ڪرايو. يعني خالد 93ع ۾ اسيمبلي بحال ڪرائڻ لاءِ دليل ڏنا ته اسيمبلي بحال ٿي. 97ع ۾ اسيمبلي خلاف دليل ڏنا ته اسيمبلي بحال نه ٿي. اهو سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي. هاڻي 30 لک في وٺندڙ خالد انور نه صرف في وڌائيندو، پر لغاريءَ کان شاباس سميت خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا انعام وٺندو!
    11 وڳي عدالت وقفو ڪيو. 40-11 تي ٻيهر ڪارروائي شروع ڪئي وئي ۽ 2 وڳي تائين دليل مڪمل ٿيڻ بعد 30-3 تي فيصلو ٻڌائڻ جو آسرو ڏئي ڪارروائي ملتوي ڪئي وئي. عدالت ۾ موجود ماڻهن جو اهو ڏيڍ ڪلاڪ تمام بوريت ۾ گذريو، پر سيٽ ٻيهر نه ملڻ جي ڊپ کان هر ڪو ڪرسين تي ويٺو رهيو. مشڪل سان وقت پورو ٿيو، پر جج نه آيا. دروازي ڏانهن ڏسندي ڏسندي اکين ۾ سور پئجي ويو. نيٺ 20-4 تي دروازو کليو ته سفيد طري ٽائيپ پٽڪي وارا سائي ڊريس پاتل دفتري آيا، سڀني کي آسرو ٿيو، عدالت ۾ خاموشي ڇانئجي وئي. سڀني کان اڳ جسٽس منور مرزا بعد ۾ ارشاد حسن خان ۽ فضل الاهي ۽ ان کان پوءِ جسٽس راجا افراسياب، جسٽس ضياءَ محمود مرزا، جسٽس سليم اختر ۽ آخر ۾ چيف جسٽس اندر آيا. 25-4 تي چيف جسٽس مائيڪ آن ڪئي ته وڪيلن، پي پي وارن پنهنجا ڪن کڙا ڪيا، صحافين قلم ۽ ڪاپيون تيار ڪيون. چيف جسٽس اعلان ڪيو ته 6 ججن اسيمبلي ٽوڙڻ جي فيصلي کي بحال ڪيو آهي ۽ هڪ جج مخالفت ڪئي آهي. شارٽ آرڊر 12 صفحن تي مشتمل آهي. تفصيلي آرڊر بعد ۾ ايندو. هن شارٽ آرڊر پڙهڻ شروع ڪيو، جنهن جي پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ماڻهو اٿي بيٺا. جج پوئين دروازي مان نڪتا ۽ عوام به ٻاهر آيو. ناهيد خان ۽ بين تڪڙو تڪڙو هلندي گيٽ ڪراس ڪيو ۽ ڪارڪنن کي ٻڌايو ته عدالت سندس خلاف فيصلو ڏنو. ان تي ڪارڪن مڇرجي پيا ۽ ”گو لغاري گو“ جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيائون. ”لغاري هاءِ هاءِ“ جي نعرن بعد ڪارڪن ڪاهي پيا. پوليس وارن دروازي کي تالو هڻي ڇڏيو. 10 منٽن بعد لٺ بازي ڪئي وئي ته ڪارڪنن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ڪارڪنن پٿر بازي شروع ڪئي. شاهراهه دستور بند ٿي ويو. هر طرف پٿر پيا هئا، روزي کولڻ جو ٽائيم به ويجهو پهتو. هرڪو پريشان هو.
    عدالتي ڪارروائي دوران نان مسلم صحافين ۽ پاڻ جهڙن الستين سان جٺ ٿي، نه کائڻ لاءِ نه پيئڻ لاءِ ٻيو ته ٺهيو سگريٽ به نه پئي پيتو. تنگ ٿي وقفي ۾ ٻاهر اچي ڪار پارڪنگ وٽ سگريٽ دکائي پوليس جي ڀر ۾ پيتو ۽ گرڙي ڪرڻ جي بهاني پاڻي پيئڻ بعد فيصلو ٻڌڻ لاءِ ٻيهر اندر وياسين. شدت سان احساس ٿيو ته ڪاش روزو رکون ها.
    شام جو روزي کان پوءِ اوندهه سبب ڪارڪن هليا ويا ۽ جج به گهرن لاءِ روانا ٿيا. اهڙيءَ طرح اڄ کان 3 ڏينهن بعد ٿيندڙ عام اليڪشن لاءِ موجود خطرو ختم ٿي ويو ۽ هاڻي ”ڊٽ ڪي“ اليڪشن ٿيندي.
    (30جنوري 1997ع)


    دلچسپ مقابلا ڪهڙن تڪن تي ٿيندا

    دلچسپ مقابلا ڪهڙن تڪن تي ٿيندا

    سمورن خدشن، گمانن ۽ اڳڪٿين دم ٽوڙي ڇڏيو آهي ۽ نيٺ سڀاڻي 3 فيبروري تي عام چونڊون ٿي رهيون آهن. پوري ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن 207 مسلم ۽ 10 نان مسلم قومي اسيمبليءَ جي سيٽن لاءِ 1863 اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. جن مان 115 قومي اسيمبلي جون سيٽون پنجاب ۾ آهن جڏهن ته 46 سنڌ ۾، 26 سرحد ۾، 11 بلوچستان ۾ 8 فاٽا ۾ ۽ هڪ وفاقي گادي واري سيٽ لاءِ 15 ڊسمبر 96ع تائين رجسٽرڊ ڪيل 56496773 ووٽر ووٽ وجهندا. جڏهن ته چئني صوبائي اسيمبلين جي 483 سيٽن لاءِ 54760127 ووٽر ووٽ وجهندا. هن دفعي صوبائي اسيمبلين جي اليڪشن ۾ 4426 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي. صوبائي اسيمبلي جي 483 سيٽن مان 248 پنجاب ۾ آهن. جن مان 240 مسلم ۽ 8 نان مسلم آهن. سنڌ ۾ 100 مسلم ۽ 9 نان مسلم، سرحد ۾ 80 مسلم ۽ 3 نان مسلم ۽ بلوچستان ۾ 40 مسلم ۽ 3 نان مسلم سيٽون آهن. پنجاب ۾ 248 سيٽن لاءِ 1945 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن.
    3 فيبروري تي رٿيل اليڪشن ۾ فاٽا ۾ به پهريون دفعو عام چونڊون ٿي رهيون آهن. اهو هڪ تاريخي عمل آهي. فاٽا ۾ 8 سيٽن لاءِ 298 اميدوار آهن جن کي 1602736 ووٽر ووٽ ڏيندا. فاٽا ۾ عورت ووٽرن جو تعداد 410509 آهي. اڳ ۾ فاٽا ۾ ڳوٺن جا چڱا مڙس جن کي ملڪ چئبو آهي، اهي ووٽ ڏيندا هئا.
    هن دفعي عام چونڊن تي 93ع جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي خرچ اچي رهيو آهي، هڪ ارب رپين کان وڌيڪ لاڳت سان ٿيندڙ 3 فيبروري 97ع وارين عام چونڊن ۾ پوري ملڪ ۾ 36451 پولنگ اسٽيشنس ۽ 131607 پولنگ بوٿ هوندا. اليڪشن ڪميشن جي 560072 اهلڪارن جي نگراني ۾ اليڪشن ٿيندي. جڏهن ته امن امان قائم رکڻ لاءِ 3 لک کان وڌيڪ فوج، رينجرز ۽ پوليس جا جوان مقرر ڪيا ويا آهن. فوج ۽ رينجرز کي اليڪشن ڪميشن صرف پيٽرولنگ لاءِ پيٽرول جو خرچ ڏيندي جڏهن ته فوج ٽي اي ڊي اي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
    سنڌ ۾ 46 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 515 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي جن ۾ 35 نان مسلم ۽ 714 مسلم اميدوار آهن. جڏهن ته 109 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1359 اميدوار اليڪشن ۾ حصو وٺندا. جن ۾ 105 نان مسلم ۽ 1254 مسلم اميدوار شامل آهن. سنڌ ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 12848135 آهي. جنهن ۾ 12005141 مسلم ووٽر آهن. جن مان 6692385 مرد ۽ 5312756 عورت ووٽر آهن. جڏهن ته غير مسلم مرد ووٽر 466284 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 376710 آهن.
    پنجاب ۾ 115 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 749 اميدوارن وچ ۾ مقابلو آهي جن مان 35 غير مسلم اميدوار آهن، جڏهن ته 248 صوبائي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 1945 اميدوار حصو وٺن پيا. جن ۾ 73 غير مسلم اميدوار شامل آهن. پنجاب ۾ ڪل ووٽرن جو انگ 32065070 آهي. جن ۾ مسلم مرد ووٽر 16900634، مسلم عورت ووٽر 14513484، غير مسلم مرد ووٽر 353745 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 297207 شامل آهن.
    سرحد ۾ 26 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 178 اميدوار حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته سرحد مان هڪ به غير مسلم اميدوار قومي اسيمبلي لاءِ اليڪشن ۾ حصو نه پيو وٺي. صوبائي اسيمبلي جي 83 سيٽن لاءِ 653 اميدوار آهن جن ۾ 17 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. سرحد ۾ ڪل ووٽر 6670235 آهن. جن ۾ مسلم مرد ووٽر 3910107، مسلم عورت ووٽر 2741565، غير مسلم مرد ووٽر 10270 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 8293 آهن.
    بلوچستان ۾ 11 قومي اسيمبلي جي سيٽن لاءِ 123 اميدوار حصو وٺن پيا جن ۾ 2 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. صوبائي اسيمبلي جي 43 سيٽن لاءِ 469 اميدوار آهن جن ۾ 20 غير مسلم اميدوار به شامل آهن. بلوچستان ۾ ڪل ووٽر 3076687 آهي جن ۾ مسلم مرد ووٽر 1672767 آهن جڏهن ته مسلم عورت ووٽر 1376695، غير مسلم مرد ووٽر 14735 ۽ غير مسلم عورت ووٽر 12490 آهن.
    اسلام آباد، جيڪو گادي وارو هنڌ آهي اتي هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ آهي ڪل ووٽر 233910 آهن جن مان مسلم مرد ووٽر 126562، مسلم عورت ووٽر 102089، غير مسلم مرد ووٽر 2947 ۽ غير مسلم عورت ووٽرن جو تعداد 2312 آهي.
    سڀاڻي ٿيندڙ چونڊن جي انهن حلقن بابت جائزو وٺون ٿا جن ۾ دلچسپ مقابلو ٿي رهيو آهي ۽ عوام انهن ئي حلقن جو نتيجو سڀني کان اڳ معلوم ڪرڻ چاهيندو.
    سرحد صوبي جي قومي اسيمبليءَ جي تڪ نمبر 18 ڊيره اسماعيل خان ۾ مولانا فضل الرحمان ۽ پشتو فلمن جي مشهور هيروئن مسرت شاهين وچ ۾ مقابلو آهي. پوري ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ دلچسپ مقابلو هن تڪ ۾ آهي. مولانا فضل الرحمان هن حلقي مان ڪامياب ٿيندو آيو آهي پر هن ڀيري مسرت شاهين سندس ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. هتي جي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرن موجب مولانا جي جلسن کان وڏا جلسا مسرت شاهين جا ٿيا آهن. جيڪڏهن مسرت شاهين کٽي وئي ته جمعيت جي مولوين ۽ مولانا فضل الرحمان لاءِ ڏچو ٿي پوندو. خدا سندن لڄ رکندو باقي هن حلقي جو عوام مولانا تي چڙيل گهڻو آهي.
    پنجاب صوبي ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ 38 راولپنڊي ۾ به دلچسپ مقابلو آهي جيڪو مسلم ليگ جي 40 سالن کان وڌيڪ عمر واري ڪنواري فرزند شيخ رشيد ۽ پيپلزپارٽي جي 40 سالن کان وڌيڪ عمر واري ڪنواري باجي ناهيد خان وچ ۾ آهي. جيتوڻيڪ شيخ رشيد جي پوزيشن تمام بهتر آهي. پر هن دفعي مسلم ليگ جو سابق ايم پي اي باشي خان، ٽڪيٽ نه ملڻ سبب شيخ رشيد جي مقابلي ۾ آزاد اليڪشن وڙهي رهيو آهي. هن حلقي ۾ باشي خان جو به سٺو اثر آهي ۽ هن جا ذاتي ووٽ 15 هزار جي لڳ ڀڳ آهن. راولپنڊي جنهن حلقي مان هر دفعي وڏي اڪثريت سان کٽندڙ شيخ رشيد هن دفعي کٽي ته ويندو پر ووٽن جو فرق ٿورو هوندو. بقول باشي خان ته بلاول جا پوتڙا ڌوئيندڙ ناهيد خان ۽ شيدا ٽلي کي اهڙي شڪست ملندي جو آئينده اليڪشن وڙهڻ کان توبهه ڪندا. مسلم ليگ جو شيخ رشيد ليگي عورتن ۽ نوجوانن جو ڊيئر رهنما آهي. جڏهن ته ناهيد خان پڻ پيپلز يوٿ جي سر ڦرين جي ڊارلنگ، رهنما آهي. ان ڪري مقابلو ڊيئر ۽ ڊارلنگ ۾ آهي.
    لاهور جي قومي اسيمبلي جي تڪ 94 ۾ نيلام گهر جي ڪمپيئر طارق عزيز ۽ تحريڪ انصاف جي عمران خان وچ ۾ مقابلو آهي. هن حلقي ۾ نواز شريف به فارم ڀرايو هو پر عمران پاران فارم ڀرائڻ بعد هن طارق عزيز کي اڳيان آندو. زندهه دل لاهورين لاءِ هي ٻئي نوان اميدوار آهن. ٻنهي وچ ۾ مقابلو سخت آهي ٻئي پنهنجي پنهنجي شعبي جا موسٽ فيورٽ رانديگر آهن. ڏسون ته سياسي گيم ۾ ڪنهن جو پلڙو ڀاري ٿئي ٿو. گذريل دفعي ٻوڏ دوران ليگي اميدوار ٻن ڏينهن بعد هن حلقي ۾ آيا هئا جنهن سبب عوام مٿن ڪاوڙيل آهي. جماعت اسلامي سميت ننڍا ننڍا گروپ نواز دشمني سبب عمران کي اوليت ڏئي رهيا آهن. لاهور جي هڪ ٻئي قومي اسيمبلي جي تڪ 95 ۾ عمران خان ۽ نواز شريف ۾ مقابلو آهي. اهو پهريون دفعو آهي جو ملڪ جي ٻن سياسي جماعتن جي سربراهن وچ ۾ مقابلو آهي. هن حلقي ۾ پ پ وارا به نواز دشمني ۾ عمران جي اندروني طور مدد ڪري رهيا آهن. عمران کٽي يا نه کٽي پر پنجاب ۽ سرحد ۾ نواز ليگ کي مٿي ۾ سور ضرور وڌو اٿس.
    ڊيره غازي خان جي حلقي 133 ۾ صدر سردار فاروق احمد لغاري جي پٽ اويس لغاري ۽ مسلم ليگ جي سردار امتياز لغاري وچ ۾ مقابلو آهي. هن ئي ضلعي جي هڪ ٻئي تڪ ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ فاروق لغاري جي وڏي پٽ جمال خان لغاري ۽ مسلم ليگ جي سردار ذوالفقار علي کوسي وچ ۾ مقابلو آهي. ذوالفقار کوسو جڏهن ننڍو هو ته سندس ماءُ مري وئي هئي. جنهن بعد هن صدر فاروق لغاري جي ماءُ جي ٿڃ پيتي هئي. ان لحاظ کان هو صدر لغاري جو ڀاءُ ۽ جمال جو چاچو ٿئي پر ان رشتي جي باوجود به جمال لغاري جي پٽيشن تي اليڪشن ٽربيونل کوسي کي نااهل اقرار ڏنو. جنهن کي بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ اهل قرار ڏنو. هن شهر جي قومي ۽ صوبائي اسيمبليءَ تڪ تي دلچسپ مقابلو آهي، ڏسجي ته ڪير ٿو کٽي، پر صدر لغاري صدر آهي تنهن ڪري....
    قومي اسيمبلي جي تڪ 164، لاڙڪاڻي ۾ به دلچسپ مقابلو آهي. جيڪو بيگم نصرت ڀٽو ۽ غنويٰ ڀٽو ۾ آهي. جيڪو سس ۽ ننهن وچ ۾ مقابلي جو پاڪستان جي پارلياماني تاريخ ۾ نئون مثال آهي. عوام لاءِ وڏو مسئلو آهي ته هو شهيد جي زال کي چونڊي يا ننهن کي. ڏسون ته عوام ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري. جنهن به کٽيو اهو يقينن دلچسپ ۽ حيرت جوڳو هوندو. لاڙڪاڻي شهر جي قومي اسيمبلي جي تڪ 165تي شبير چانڊيو ۽ غنويٰ ڀٽو وچ ۾ ٿيندڙ مقابلو به دلچسپ آهي. هيستائين شايع ٿيل رپورٽن موجب غنويٰ جو زور مٿين حلقي بدران هن حلقي تي آهي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته شبير چانڊيو جا ڀائر ۽ پيءُ به سندس خلاف آهن. جيڪڏهن ٻروچ کي مائي ماري وئي ته سندس لاءِ اڳتي ڏکيو ٿي پوندو. گذريل دفعي شبير چانڊيو وٽ جڏهن حلقي جا ووٽر ايندا هئا ته کين آسرا ڏئي ڀڄائيندو هو، جنهن سبب ماڻهو مڙيئي مٿس ڏمريل آهن.
    ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي تڪ 184 ۾ پڻ دلچسپ مقابلو آهي. نصير الله بابر پ پ جو، عمران خان تحريڪ انصاف ۽ اعجاز شفيع مسلم ليگ (ن) جو اليڪشن ۾ حصو وٺن پيا. سڀاڻي ٿيندڙ اليڪشن ۾ دلچسپ واقعو اهو به آهي ته پاڪستان جا 3 خاندان اهڙا آهن جن مان وڏو ڀاءُ صوبائي ۽ ننڍو ڀاءُ قومي اسيمبلي جي چونڊ وڙهي رهيو آهي. انهن مان ٻه خاندان سنڌ جا ۽ هڪ پنجاب جو آهي. جن ۾ صدر لغاري جا پٽ ڊيره غازي خان مان حصو وٺي رهيا آهن. جمال لغاري صدر لغاري جو وڏو پٽ آهي. اهو صوبائي اسيمبلي ۽ اويس لغاري قومي جي اليڪشن، حصو وٺي رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ جي ضلعي گهوٽڪيءَ جو ٻيو خاندان مهر سردارن جو آهي. جتي سردار علي انور خان مهر جو وڏو پٽ علي گوهر صوبائي جي پي ايس 3 گهوٽڪي ٿري تي ۽ ننڍو پٽ علي محمد خان قومي اسيمبلي جي تڪ 152 مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيو آهي. ان کانسواءِ ٺٽي جي شيرازين مان پڻ وڏو ڀاءُ سيد اعجاز شاهه شيرازي پي ايس 71 تي صوبائي اسيمبلي ۽ ننڍو ڀاءُ سيد شفقت شاهه شيرازي قومي اسيمبلي جي تڪ 183 مان اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ٽنهي خاندانن جي اميدوارن ۾ هڪ مطابقت اها آهي ته ٽنهي خاندان جا ننڍا ڀائر جيڪي قومي اليڪشن پيا وڙهن، انهن جون سيٽون سيف آهن. بظاهر ڪا ڏکيائي ناهي پر وڏن ڀائرن بابت خدشو آهي ته اهي هارائي ويندا. ڇو ته جمال لغاري جي مقابلي ۾ سردار ذوالفقار کوسو، علي گوهر جي مقابلي ۾ سنڌ نيشنل فرنٽ جو اميد علي چاچڙ ۽ اعجاز شاهه شيرازي جي مقابلي ۾ شهيد ڀٽو جو يونس ڀان ۽ فرنٽ جو شير خان لنڊ سگهارا اميدوار آهن. جمال لغاري، علي گوهر مهر ۽ اعجاز شاهه جي هارائڻ جا امڪان گهٽ آهن.
    سنڌ ۾ ضلعي دادو جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ نمبر 59 تي به دلچسپ مقابلو آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير عبدالله شاهه جو مقابلو سنڌ جي گانڌي سائين جي ايم سيد جي پوٽي سنڌ اسيمبلي جي اپوزيشن ليڊر رهندڙ امداد محمد شاهه جي پٽ ۽ درويش صفت سائين امير حيدر شاهه جي نياڻي، جلال محمود شاهه سان آهي. عبدالله شاهه اقتدار جي مڌ ۾ ايترو ته فيل مست هو جو هن سائين جي ايم سيد کي ڪڏهن عدالت ۾ به پيش نه ٿيڻ ڏنو ۽ قيد ۾ ئي کيس ايذاءَ ۽ اهنج رسائي کيس شهيد ڪري جيڪو پنهنجي دامن تي داغ هنيو هو اهو ڌوئڻ هن لاءِ مشڪل آهي. هيستائين شايع ٿيل تجزين موجب عبدالله شاهه جي پوزيشن خراب آهي. ڇو ته ڪوڙل شاهه ۽ ملڪ اسد سڪندر کانسواءِ شهيد ڀٽو گروپ پڻ سن جي سائين جي پوٽي جي حمايت پيا ڪن. جنهن ڪري سيوهڻ جي سنهڙي سيد عبدالله شاهه جي شڪست ڏسڻ ۾ پئي اچي.
    جيئن ته سڀاڻي اليڪشن ٿي رهي آهي ۽ ٻئي ڏينهن صبح تائين ڪيترن ئي اميدوارن جي ڪنڌ ڀر ڪرڻ جا اطلاع اخبارن، ٽي وي ۽ ريڊيو تي عوام کي ملي چڪا هوندا، بهرحال 3 فيبروري 97ع جي اليڪشن ۾ هن دفعي قومي اسيمبلي جو ڪو به اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ڪو نه ٿيو آهي.
    (2 فيبروري 1997ع)


    87 لک ووٽ کڻندڙ نواز ليگ لاءِ ڪهڙيون مشڪلاتون بچيون آهن؟

    87 لک ووٽ کڻندڙ نواز ليگ لاءِ ڪهڙيون مشڪلاتون بچيون آهن؟

    3 فيبروريءَ تي ٿيل اليڪشن ۾ پريس ۽ عدليه کان پوءِ عوام پڻ پيپلزپارٽيءَ کي واضح مئنڊيٽ سان رد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن پئماني تي نواز شريف ۽ سندس پارٽيءَ چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي آهي، ان جو اندازو خود ليگين کي به ڪو نه هو. نتيجن بابت پيپلزپارٽي جو چوڻ آهي ته ڌانڌلي ٿي آهي. ڌانڌلي ڪهڙي نموني ۽ ڪيئن ٿي آهي؟ ان بابت هو خاموش آهن ۽ اڃان ثبوت گڏ ڪري رهيا آهن. ممڪن آهي ته چوري پڪڙي وجهن. 4 فيبروريءَ تي محترمه بينظير ڀٽو، نواز شريف کي ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏيندي کيس حڪومت ٺاهڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جو مشورو ڏنو آهي.
    97ع جي چونڊن ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽ مسلم ليگ (ن) حاصل ڪيا آهن. ڪل ووٽ 87 لک 75 هزار جي لڳ ڀڳ مسلم ليگ حاصل ڪيا. 93ع جي ڀيٽ ۾ هن دفعي سندس 10 لک ووٽ وڌيڪ آهن. جڏهن ته 93ع جي ڀيٽ ۾ 97ع ۾ پيپلزپارٽيءَ کي 50 سيڪڙو ووٽ گهٽ مليا آهن، پر پوءِ به ٻئي نمبر تي ووٽن جي لحاظ کان آهي. ٽئين نمبر تي ووٽ حق پرست گروپ حاصل ڪيا آهن، جيڪي 7 لک 57 هزار 326 آهن. جڏهن ته عمران خان جو ”ڏيئو“ اجهامي ويو ۽ سندس تحريڪ انصاف فقط 3 لک 61 هزار 245 ووٽ حاصل ڪري سگهي.
    نواز ليگ جي وڏي پئماني تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ سبب اقليتي ۽ آزاد ميمبرن کي سڀني کان وڌيڪ نقصان ٿيندو. ڇو ته هو لکين رپيا خرچ ڪري اليڪشن ته کٽي آيا آهن، پر سندن گهرج ڪنهن به پارٽي کي ناهي. نواز ليگ اڪيلي سر مضبوط حڪومت ٺاهي سگهي ٿي، تنهنڪري هن دفعي آزاد ۽ اقليتي اميدوارن لاءِ ڪا به ٻولي نه لڳندي. هنن لاءِ بهتر اهو آهي ته پهرين فرصت ۾ جيڪا به ڌر رابطو ڪري جيڪا به آڇ ڏئين، ته قبول ڪن، ٻي صورت ۾ ڏاڍو پڇتائيندا. بهرحال 97ع جي اليڪشن وارن نتيجن بعد هارس ٽريڊنگ روڪڻ لاءِ جيڪو عوام فيصلو ڏنو آهي، اهو صحتمند روايت قائم ڪرڻ جو بهترين بنياد آهي.
    نتيجا قبول نه ڪرڻ ۽ اسيمبلي جو بائيڪاٽ ڪرڻ واري معاملي تي پيپلزپارٽيءَ ۾ اختلاف راءِ آهي. محترمه جو خيال آهي ته پارليامينٽ ۾ ويهي احتجاج ڪجي، جڏهن ته سندس ساٿين جو خيال آهي ته پارليامينٽ کي خدا حافظ چئي احتجاجي طور ٻاهر ويهجي. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ سبب پي پي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي 5 فيبروريءَ واري اجلاس ۾ اهو فيصلو ٿيو ته پارليامينٽ ۾ ويهڻ يا نه ويهڻ جو فيصلو نئين اسيمبلي جي اجلاس کان هڪ ڏينهن اڳ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس ۾ ڪبو. ان اجلاس ۾ حامد ناصر چٺا، فضل الرحمان، نوابزادو وغيره به ايندا. ڏسجي ته ڇا ٿو فيصلو ٿئي.
    گاديءَ واري شهر جي با خبر حلقن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي واضح مئنڊيٽ ته مليو آهي، پر ٽاسڪ ۽ ايجنڊا سخت آهي. سخت مالياتي صورتحال ۾ ميان وٽ عوام ۽ واپاري طبقي کي فوري رليف ڏيڻ لاءِ ڪو آپشن ڪونهي. واضح مئنڊيٽ جي زور تي جيڪڏهن نواز شريف وڌيڪ اختيار گهريا ته ”سي ڊي اين ايس“ ۾ هن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون. جنهن جي نتيجي ۾ سرحد، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ هن لاءِ حڪومت ٺاهڻ مشڪل ٿي پوندي. پٺاڻن سان بارگننگ ۾ هن کي هيٺاهون ٿيڻو پوندو. سرحد ۾ بيگم نسيم ولي جي وڏي وزير ٿيڻ تي جيڪڏهن نواز ليگ اختلاف ڪيو ته پوءِ عوامي نيشنل پارٽي، آزاد پي پي ۽ جي يو آءِ (ف) سان ملي حڪومت ٺاهي سگهي ٿي. اهڙي خدشي ۽ خطري جي موجودگي ۾ نواز ليگ کي اٻهرائپ نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هن تڪڙ ڪئي ته اٿندي ئي سياسي ڀنور ۾ ڦاسي پوندي. ساڳئي وقت سي ڊي اين ايس سان پڻ هنن کي سنڀالي قدم کڻڻو پوندو. جيڪڏهن هن تڪڙ ڪئي ته آمريڪا کان موٽڻ بعد نئين پارٽي ٺاهي بلوچستان ۾ واضح اڪثريت حاصل ڪندڙ بلوچستان نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه عطاءُ الله مينگل پڻ نواز ليگ لاءِ صوبي ۾ ڊيڊ لاڪ پيدا ڪندو ۽ سنڌ ۾ آزاد ۽ اقليتي ميمبر به سگنل ملڻ بعد پي پي سان گڏبا ۽ حڪومت ٺاهڻ ۾ دير نه ڪندا. سياسي پنڊتن جو چوڻ آهي ته اڄ يا سڀاڻي جڏهن به ليگ گڙٻڙ ڪئي ته ان فارمولي تي عمل ممڪن هوندو. اهڙي صورتحال جيڪا هٿرادو آهي يا قدرتي، ان سان ليگ واري طوطي جو ساهه ”سي ڊي اين ايس“ جي مٺ ۾ آهي.
    اليڪشن هارائڻ وارن اهم اڳواڻن بينظير ڀٽو، عمران خان، فضل الرحمان ۽ حامد ناصر چٺا جو لڳ ڀڳ موقف ساڳيو آهي. حامد ناصر چٺا ۽ افتخار گيلاني ته ٻه هٿ اڳڀرا آهن. هنن ڌانڌليءَ جو الزام فوج تي هينو آهي. چٺا چيو آهي ته کيس شڪست ڏيارڻ جي ذميوار فوج آهي. افتخار گيلاني چيو آهي ته فوج جي ٽرڪن ۾ بيلٽ پيپرن سان ڀريل باڪس آندا ويا، جيڪي نماز مهل بدلايا ويا.
    3 فيبروريءَ جي اليڪشن وارن نتيجن اسيمبليءَ جي بابا گروپ کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي، نه صرف اهو پر بينظير جو ”تير“ چٻو ڪيو آهي، عمران جو ”ڏيئو“ وسائي ڇڏيو آهي ۽ غنويٰ جو ”مُڪو“ مروڙي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي شڪست ۽ نواز ليگ جي ڪاميابيءَ جو گس پ پ (ش ڀ) هموار ڪيو آهي، جنهن پاڻ ته هڪ به سيٽ نه کٽي، پر پ پ جي شڪست جو سبب ضرور بڻي آهي. فضل الرحمان کي مسرت شاهين جي شهرت ۽ ڊيزل جا پرمٽ ڳچي ۾ پيا آهن، جڏهن ته عمران کي پنهنجي اٻهرائپ مارايو آهي.
    16 فيبروريءَ تي نئين قومي اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ شڪست کاڌل اسپيڪر يوسف رضا گيالني ميمبرن کي قسم کڻائيندو، پر پاڻ قسم نه کڻندو. اها گهڙي هن لاءِ ڪيڏي نه قيامت جهڙي هوندي. ان جو اندازو ته ان کي هوندو، جيڪو ان ڪيفيت مان گذرندو. اهو بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن جي سامهون سڀئي طعام رکيا وڃن، پر هن جا هٿ ۽ پير ٻڌي کيس کائڻ نه ڏنو وڃي.
    اليڪشن جي نتيجن تي اڃان تائين جماعت اسلامي ڪو رد عمل ظاهر نه ڪيو آهي. حالتون ۽ وقت جيڪڏهن ظلم تي لهي اچن ته پوءِ پ پ، جماعت ۽ عمران کي ڪنهن هنڌ آڻي به سگهن ٿا. ماضي قريب، حال ۽ مستقبل بابت شاطر دماغ محترمه جائزو وٺي پئي. هوءَ اڄڪلهه ڌڪ پچائي ساهه پٽي رهي آهي. جنهن مهل به موقعو مليس ته وار ڪندي ۽ اڻ ٿيڻي صورتحال پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. هڪ دفعي قومي اسيمبليءَ ۾ خود محترمه بينظير ڀٽو تقرير ڪندي چيو هو ته سياست ۾ لچڪ هجڻ گهرجي، ڪنهن به شيءِ تي بيهي رهڻ سان جمود طاري ٿيندو“!
    (7 فيبروري 1997ع)


    اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حلف کڻڻ واري تقريب

    اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي حلف کڻڻ واري تقريب

    نئين چونڊيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ لاءِ سڏايل اجلاس جي ڪارروائي مقرره وقت 9 وڳي کان 56 منٽ دير سان شروع ٿي. جنهن جو سبب مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس هو جيڪو نواز شريف جي صدارت ۾ ساڍي نائين وڳي تائين جاري رهيو. پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ووٽ ڏيڻ بابت ميمبرن کي گوهر ايوب ليڪچر ڏنو. جڏهن ته اين اي 17 سرحد مان چونڊيل آزاد ميمبر، مسلم ليگ (ن) ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
    ڪالهوڪي اجلاس پاڪستان جي 50 سالن جي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ڪيو. پهريون دفعو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر طور مسلم ليگ (ن) جو الاهي بخش سومرو ۽ ڊپٽي اسپيڪر طور چوڌري جعفر اقبال بنا مقابلي ڪامياب ٿيا. هنن جي مقابلي ۾ پيپلزپارٽي جو اسپيڪر لاءِ خورشيد شاهه ۽ ڊپٽي اسپيڪر لاءِ نويد قمر اميدوار هئا. جڏهن يوسف رضا گيلاني چونڊ لاءِ ووٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ته اڳواٽ رٿيل پروگرام موجب مسلم ليگ جا 3 چوڌري ۽ هڪ پٺاڻ ميمبر جن ۾ مجيد ملڪ، نثار، شجاعت ۽ گوهر ايوب خان شامل هئا. اهي تڪڙا محترمه ڏانهن ڀڄندا آيا. هو محترمه جي چوگرد گهيرو ڪري بيهي رهيا ته پيپلزپارٽي جا ميمبر، صحافي، مهمان، سفارتڪارن ۽ وزيرن جا گيلرين ۾ ويٺل مهمان به پريشان ٿيا ته هو ايئن ڇو پيا ڪن. محترمه بينظير ڀٽو سان پاڇي وانگر باڊي گارڊ طور گڏ هلندڙ لياري جو واجا ڪريمداد به سمجهي نه سگهيو ته ليگي، محترمه ڏانهن ڊوڙ پائي سندس گهيرو ڇو ڪري رهيا آهن، پر محترمه جڏهن اٿي بيٺي ۽ ڳالهائڻ لڳي ته واجا ڪريمداد جيڪو ٻانهون کنجي ميڙ ۾ پهتو هو، اهو مسڪرائي ٿڌو ٿي ويو. ليگ جي ٽنهي چوڌرين مان مجيد ملڪ کانسواءِ نثار ۽ شجاعت سميت گوهر ايوب پڻ محترمه کي نماڻي منهن سان چئي رهيا هئا ته اوهان پنهنجي اميدوارن کي هٿ کڻايو، جيئن اسان جا اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر شپ وارا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿين. ان سان جمهوري طور ملڪ ۾ سٺي روايت پوندي. اوهان جي به عزت آهي، اسان جي به. ان تي محترمه جيڪا شايد اڳواٽ تيار هئي، تنهن کين مايوس نه ڪيو ۽ چيو ته ٺيڪ آهي اسان جي اميدوارن کي کٽڻ جي پڪ نه هئي پر پوءِ به جمهوريت خاطر اسان ميدان نه ڇڏيو. اوهين آيا آهيو ته اسان هٿ کڻايون ٿا. اها گهڙي ۽ لمحو ايڏو ته عجيب هو جو ٻنهي ڌرين جي نمائندن جي چهرن مان نماڻائي ۽ اچرج جا آثار ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. اداسائي، نراسائي، اوپرائپ ۽ نيم پنهنجائپ جي احساسن ۽ تاثر واري ان گهڙي ڪيترن ئي ڏسندڙن جا هينئان جهوري وڌا. ان جي باوجود به مجيد ملڪ جيڪو آرمي جو رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل آهي، اهو خاموش هو، شايد اڃا هو شهيد ذوالفقار علي وارو اهو فيصلو وساري نه سگهيو آهي جنهن موجب ان وقت کيس سينيئر جنرل هجڻ جي باوجود به باءِ پاس ڪري، ڀٽو صاحب پنهنجي (تيستائين) وفادار رهندڙ جنرل ضياءُ الحق کي چيف آف آرمي اسٽاف بڻايو هو. ان وقت کان وٺي هو نه صرف ڀٽو خاندان پر پيپلزپارٽي جو به سخت مخالف رهيو. اهو جڏهن ڪالهه محترمه وٽ هلي آ يو ته مڪمل طور خاموش رهيو، شايد هن جو اندر به ڪونئرو ٿي ويو آهي.
    بهرحال اهو بنا مقابلي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وارو واقعو تاريخ ۾ جتي نواز ليگ کي منفرد مقام ڏيندو، اتي محترمه جي مثبت رويي کي به هڪ مثال طور محفوط ڪندو. اجلاس کان اڳ خورشيد شاهه فاٽا جي هڪ ميمبر جي ڀاءُ کي ووٽ لاءِ چئي رهيو هو ته هن چيس ”شاهه صاحب توهين اسان جا ڀائر آهيو پر ووٽ وٺڻو هو ته رات اچو ها ٻيو ته ووٽ ته کڻي ڏيون به پر اوهين خدا ڪري ڪامياب ٿيو“ خورشيد شاهه چيس ته ”ڪامياب ٿيان يا نه پر ووٽ ته ڏيو نه!“ فاٽا جي پٺاڻ چيس ته ”الله چڱي ڪندو“ ايوان اندر ستار لغاري نئون ”ٽو پيس“ پائي آيو هو.هر هر ٽاءِ ٺاهي رهيو هو. ڪنهن مهل ڪنهن سان ڪنهن مهل ڪنهن سان پيو ملي. استري خراب ٿيڻ جي ڊپ کان هو اجلاس شروع ٿيڻ تائين هڪ ڪلاڪ سيٽ تي نه ويٺو. مهمانن سان گيلريون ڀريل هيون. ڄام معشوق ۽ هزار خان بجاراڻي پاڻ ۾ گپ شپ ڪندا رهيا. بجاراڻي شجاعت کي سلام ڪيو پر شجاعت هن ڏانهن ڪو نه ڏٺو. جنهن بعد هزار خان به پري منهن ڪري ويهي رهيو.
    نگران وزيرعبدالله ميمڻ، جاويد جبار ۽ مير عبدالجبار وزيرن واري گيلري ۾ مٿي کي هٿ ڏئي تماشو ڏسندا رهيا. اعجاز جتوئي جيڪو ڀولو پهلوان کان به وزندار ٿي ويو آهي، اهو سينيٽر فضل آغا سان گڏ ويٺو هو، مهمانن جي گيلرين ۾ عام ماڻهو گهٽ، ۽ مسلم ليگ جا”پيارا“ وڌيڪ ويٺا هئا. پريس گيلري به ڳتيل هئي. هڪ انٽيليجنس بيورو جو اهلڪار به پريس گيلري ۾ ويٺو هو. هن کان صحافين پڇيو ته ڪير آهين، هن همراهه مڇ تي هٿ هڻي چيو ڊيوٽي تي آهيان. صحافين هن کي ان ئي مهل چلتو ڪيو ۽ ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.
    اقليتي قومي اسيمبلي جي ميمبر گوڙ ڪندي چيو ته هر دفعي اسان جا نوٽيفڪيشن دير سان ڪيا ويندا آهن. اهو سلوڪ بند ٿيڻ گهرجي. اقليتي ميمبرن احتجاج طور نئين چونڊيل اسيمبلي مان اليڪشن ڪميشن جي رويي خلاف پهريون دفعو واڪ آئوٽ ڪيو. نئين ٺهيل اسيمبلي جي ٻئي ڏينهن پهريون واڪ آئوٽ اقليتن جو هو. اهو به هڪ تاريخ بڻيو. پير پاڳاري جي حمايت سان چونڊيل پير بخش جوڻيجو جنهن جي سيٽ محترمه بينظير سان لڳو لڳ آهي. اهو ساڻس ڪچهري ڪندو رهيو. بيگم نصرت ڀٽو جنهن کي پنهنجي سيٽ بدران، محترمه پنهنجي اڳيان واري سيٽ تي بنا نمبر ويهاريو اها ڪافي اداس هئي. گهر جي ڀاتين جي ٽياس تي ٽنگجڻ، نوجوان پٽ جي پوليس هٿان ٿيل قتل وارن سانحن کان پوءِ هوءَ ڏک ۽ صدمي مان اڃا ٻاهر نه اچي سگهي آهي. هونئن به ڪهڙي عورت ايڏو ڪرب ۽ پيڙا برداشت ڪري سگهي ٿي. بيگم صاحبه خاموش خاموش هئي. الاهي بخش سومرو جڏهن حلف کڻڻ لاءِ ويو پئي ته ان کان اڳ هن وٽ آيو ۽ ساڻس هٿ ملايو. خورشيد شاهه سان پڻ بيگم صاحبه هٿ ملائي کيس هٿ تي چمي ڏني ته خورشيد شاهه سندس مٿي تي هٿ رکيو.
    ساڍي ڏهين وڳي يوسف رضا گيلاني، الاهي بخش سومري جي بطور قومي اسيمبلي جي نئين اسپيڪر، ڪاميابي جو اعلان ڪيو ته سمورن ميمبرن ڊيسڪون وڄائي کيس مبارڪباد ڏني. جڏهن حلف کڻڻ لاءِ هو ويو ته بنا عينڪ جي هو پڙهي نه پئي سگهيو. حلف دوران ٽن ڀيرن کان وڌيڪ هو هٻڪيو. جنهن تي صحافي کلي رهيا هئا.اسپيڪر يوسف رضا گيلاني سومرو کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته 85ع ۾ جڏهن مان وزير ٿيو هئس ته هن کان هائوسنگ ۽ تعميرات واري وزارت جو قلمدان ورتو هو، اڄ هن مون کان اسپيڪري واپس ورتي آهي. 11 سال پراڻي ڳالهه گيلاني مڃي ورتي. اهڙي طرح الاهي بخش هن کان پلاند ڪيو. بعد ۾ هو ويو ۽ گيلاني کي گيٽ کان ٻاهر خدا حافظ چئي اچي اسپيڪر جي ڪرسي سنڀالي. ان دوران جڏهن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي وئي ته سڀني ڊيسڪ وڄائڻ بند ڪيا پر هڪ آواز اڃا به اچي رهيو هو، اڪيلو ڊيسڪ وڄڻ جو آواز بيگم نصرت ڀٽو جو هو، جيڪو هوءَ ساڄي هٿ جي وچين اڱر ۾ پاتل منڊيءَ سان وڄائي رهي هئي.
    (17 فيبروري 1997ع)


    قرض لاهڻ لاءِ وٺ وٺان ۽ مايوس مسلم ليگي

    قرض لاهڻ لاءِ وٺ وٺان ۽ مايوس مسلم ليگي

    جهڙيءَ طرح خزان جي موسم ختم ٿيڻ بعد بهار شروع ٿيڻ جي باوجود به عملي طور بهار جي مند ڏسڻ ۾ نه پئي اچي اهڙي طرح سياسي طور نئين حڪومت قائم ٿيڻ جي باوجود به سياسي بهار شروع نه ٿي آهي. الائي ڇو هن دفعي موسمي ۽ سياسي بهار هن شهر ۾ مند مٽجڻ جي باوجود به شروع ڪو نه ٿي سگهي آهي. روڊن تي ڇڻيل پنن کي جنهن بي درديءَ سان ظالم هوا، هيڏانهن کان هوڏانهن پئي ڦيرائي ساڳئي طرح وڌيڪ ايم اين ايز جي حمايت وارو وزيراعظم نواز شريف پڻ پنهنجي ايم اين ايز کي وزارتن جي آسري ۾ ڊوڙائي رهيو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي پڪن ۽ ويجهن ساٿين کي به ڪابينا ۾ کڻڻ لاءِ تيار ناهي. شيخ رشيد ۽ اعجازالحق جهڙن درجن کان وڌيڪ ماڻهن جي زندگي ۾ پڻ وزارت نه ملڻ سبب بهار نه آئي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندن حڪومت اچي وئي آهي. شيخ رشيد ۽ اعجاز الحق ٻئي چپ آهن ۽ گهر ۾ ويهي الله الله پيا ڪن.
    نواز ليگ جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد بيورو ڪريسي ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سنڌي ڪامورا جيڪي موجود هئا تن کي ڪنڊائتو ڪيو ويو آهي. 34 وزارتن ۽ ڊويزنن مان 12 سنڌي وفاقي سيڪريٽري پي پي دور ۾ هوندا هئا، ساڍن ٽن مهينن ۾ هاڻي رڳو هڪ وفاقي سيڪريٽري فضل الله قريشي بچيو آهي. ڪامورن وانگر ڪابينا ۾ به سنڌ جي حصي جي ساڳي حالت آهي. هيستائين 8رڪني ڪابينا ۾ رڳو هڪ سنڌي وزير آهي ۽ اهو به مملڪتي وزير يعني اڌ وزير، ڊڀڙائي سيدن مان ڪو نه ڪو سدائين حڪومت ۾ هوندو آهي. هن دفعي به سندن نمائندگي الهندي شاهه جو پوٽو سيد اصغر شاهه ڪري رهيو آهي. ڪابينا ۽ ڪامورن ۾ سنڌ جي نمائندگي نه هئڻ سبب اسلام آباد ۾ رهندڙ 1500 خاندانن وارا سنڌي به پريشان آهن. شدت سان منجهن احساس محرومي پيدا ٿي رهيو آهي ۽ جڏهن حڪومت باقاعده ڪم ڪار شروع ڪيو ۽ اندرون سنڌ جا نوجوان جڏهن هتي آيا ته پوءِ کين به خبر پوندي.
    نواز ليگ ۾ وزارتن جي مسئلي تي رولو پيل آهي. اي اين پي جا پٺاڻ ۽ ڪراچي جا مهاجر (ايم ڪيو ايم) پڻ مسلم ليگ جي متاثر ميمبرن وانگر نواز شريف تي ڪاوڙيل آهن. ڇو ته سڻڀين وزارتن ۾ سڀني جون اکيون آهن. اهو ئي سبب آهي ته نه ڪابينا مڪمل ٿي آهي ۽ نه وري حڪومتي ڪاروبار زور شور سان شروع ٿيو آهي. ميان صاحب ملڪ جو قرض لاهڻ لاءِ وٺ وٺان شروع ڪري ڏني آهي، ڇو ته هن کي سور سجهن ٿا. اپريل ۾ 250 ملين ڊالر قرض جي قسط ادا ڪرڻي آهي. توقع آهي ته هو ايتري رقم جو بندوسبت هن دفعي آساني سان ڪري ويندو پر ايتري رقم سيپٽمبر 97ع ۾ به ادا ڪرڻي آهي اها ڪير ڏيندو؟ هن ملڪ تي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي قرض چڙهيل آهي جيڪو مڪمل ادا ٿيڻ جو آسرو به نٿو لڳي.
    ”قرض لاهيو ملڪ سنواريو مهم“ جي نالي ۾ چندو، قرض حسنا ۽ منافعي وارن کاتن ۾ رقم جمع ڪرائيندڙن جون لائينون لڳل آهن. حڪومت اهو به اعلان ڪيو آهي ته جيڪو رقم ڏيندو ان کان اهو نه پڇبو ته تو اها رقم ڪٿان آندي؟ ساڳيو ئي طريقو نواز حڪومت جي پهرئين دور ۾ شروع ڪيو ويو هو جنهن جو فائدو وٺندي سوين ٻه نمبر سيٺين ڪروڙين رپيا ڪارو ناڻو سفيد ڌن ۾ بدلايو هو. ان جو نوٽيس وٺندي عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف پاڪستان تي money laundering جا الزام لڳايا هئا ۽ پوري دنيا ۾ ڏٺو ڪيو ويو هو.
    انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) ۽ عالمي بئنڪ جهڙا يورپي ملڪن جي مالي مدد تي هلندڙ ادارا جيڪي ٽين دنيا جي ملڪن مان غربت ختم ڪرڻ جي نالي تي ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جون پاليسيون حقيقت ۾ ٽين دنيا جي عوام ڏانهن عوام دوستي واريون نه آهن ۽ پنهنجي فنانسر قوتن جي ايجنڊا ۽ مفادن لاءِ ڪم پيا ڪن. اهي ادارا ڏسون ته نواز شريف جي قرض لاهڻ ۽ اقتصادي صورتحال بهتر بنائڻ واري ديسي انداز بابت ڪهڙو ٿا رد عمل ظاهر ڪن. نواز ليگ وارن جو چوڻ آهي ته ميان صاحب جو موڊ ٺيڪ ناهي. هو ڪنهن به ساٿي جي ناراضگي جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجو ڪم جاري رکڻ گهري ٿو. قرض لاهيو مهم اڃا هڪ مهينو کن زور سان هلائيندو جنهن بعد هو مختلف ادارن جهڙوڪ پي آءِ اي، واپڊا، اسٽيل مل ۽ هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس ۽ بئنڪن جي ڍانچي ۾ تبديلي آڻيندو. احتساب جو عمل شروع ڪندو ۽ قوم وري قرض لاهڻ واري نشي جي خمار مان نڪري احتساب جي آغوش ۾ ايندي. ان جا هن کي ٻه فائدا ٿيندا هڪ ته ڪابينا ۾ واڌارو نه ڪري خرچ بچائي ويندو ۽ ٻيو ته سياسي طور قومي معاملن سبب سندس مخالف چاهي اهي هن جي پارٽي جا ناراض ليڊر ڇو نه هجن. خاموش رهندا. اهڙي طرح نئين بجيٽ جي سيزن ايندي ۽ مهينو کن ان ۾ گذاريندو ته مٿان گولڊن جوبلي تقريبون شروع ٿينديون ۽ اهڙي طرح هو محدود ڪابينا سان گڏ 8 مهينا گذاري ويندو. هن خلاف سياسي مخالفت جا گهنڊ آڪٽوبر 97ع ۾ وڄڻ شروع ٿيندا.
    نجڪاري ڪميشن ۾ چيئرمين طور خواجا آصف کي مقرر ڪيو ويو آهي. هو بنا پگهار ڪم ڪندو. ايم اين ايز کي اهڙي طرح مختلف ادارن جو چيئرمين بڻايو ويندو. اهڙي آڇ اعجاز الحق ۽ شيخ رشيد کي به ڪئي وئي جن انڪار ڪيو. جڏهن ته ليفٽيننٽ جنرل مجيد ملڪ اها آڇ مڃيندي وزيراعظم جي انسپيڪشن ٽيم جو سربراهه بڻجڻ قبوليو آهي. شيخ وارا وزير بڻجڻ جي چڪر ۾ آهن ۽ جيڪڏهن ان ۾ ئي رهيا ته مجيد ملڪ جهڙيون چيئرمينيون به سندن هٿان وينديون. نواز حڪومت هن دفعي نجڪاري جو عمل تيز ڪندي ۽ اهم ادارا خانگائي رقم هٿ ڪري بجيٽ جو خسارو گهٽائڻ ۽ قرض جي ادائگي لاءِ رقم خرچ ڪندي. نجي شعبي حوالي ڪرڻ لاءِ جن ادارن کي سرفهرست رکيو ويو آهي تن ۾ پي آءِ اي، هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس، ڪي اي ايس سي، اسٽيل مل، حبيب بئنڪ سميت قومي بئنڪون ۽ مالياتي ادارا شامل آهن جن کي سيپٽمبر تائين نجي شعبي حوالي ڪرڻ جو ٽارگيٽ رکيو ويو آهي. سڀني کان اڳ هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس ۽ اسٽيل مل جا شيئر وڪرو ڪياويندا. ان جا ٻه سبب آهن: هڪ ته هي ادارا نقصان ۾ هلندڙ آهن ۽ اسٽيل مل منافعي ۾ هلندي آهي جيڪو تمام گهٽ آهي. جيڪڏهن قرض جي رقم جو حساب ڪجي ته اسٽيل مل به نقصانن وارو ادارو آهي. انهن ادارن کي حڪومت سبسڊي ڏيندي آهي جنهن سبب سرڪاري خزاني تي ٻوجهه آهي. ٻيو سبب اهو به آهي ته هي ادارا اتفاق فائونڊري جا گراهڪ خراب ڪن ٿا. گذريل نواز حڪومت ۾ ميان صاحب تي اهڙا الزام پڻ لڳا هئا ته هنن ادارن کي تباهه ڪرڻ پٺيان سوچيل سمجهيل رٿا آهي جيئن مارڪيٽ ۾ هي ادارا اتفاق فائونڊري جو مقابلو نه ڪري سگهن. هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس واحد پبلڪ سيڪٽر جو ادارو آهي جيڪو شگر ملز جا پلانٽ به ٺاهيندو آهي ۽ اتفاق فائونڊري به پلانٽ تيار ڪندي آهي گذريل نواز دور ۾ ته بئنڪون به انهن شگر ملز لاءِ فنانس ڪنديون هيون جن لاءِ مشينري اتفاق فائونڊري کان خريد ڪئي ويندي هئي. نواز شريف کي جيترو وڏو مينڊيٽ مليو آهي اوتريون سندس مٿان ذميواريون وڌيڪ آهن جن جو هو پاڻ به اقرار ڪندو رهيو آهي. کيس هن ڀيري ايجنڊا سخت آهي. مهانگائي، ڪرپشن جي خاتمي ۽ احتساب ڪرڻ لاءِ هو جيڪڏهن عوام جي اعتماد تي پورو نه لٿو ته سندس سڀ ڪجهه لڙهي ويندو. هن ٻيو دفعو وزيراعظم جو حلف کڻي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جو رڪارڊ برابر ڪيو آهي هن دفعي جيڪڏهن ڪا به گذريل دور واري غلطي ورجائيندو ته سندس لاءِ مشڪلاتون وڌنديون ڇو ته پريس جنهن نموني گذريل 5 سالن کان آرگنائيز ٿي آهي ۽ هر شعبي ۾ ٿيندڙ غلط ڪارين کي وائکو ڪيو آهي اهڙي ئي سندس رويي کي نواز حڪومت کي منهن ڏيڻو آهي. ان ڪري حڪومت جي سمورن عوامي عهدن وارن کي ذاتي مفادن جي تڪميل کان پاسو ڪرڻو پوندو.
    (3 مارچ 1997ع)


    20 کرب، 73 ارب، 2 ڪروڙ رپين جي قرضي قوم ۽ اقتدار جي صاحبن جون سرگرميون

    20 کرب، 73 ارب، 2 ڪروڙ رپين جي قرضي قوم ۽ اقتدار جي صاحبن جون سرگرميون

    بينظير ڀٽو اڄڪلهه گاديءَ واري شهر ۾ آهي ۽ آرمي چيف جنرل ڪرامت سان ملاقات لاءِ ڪوشش ۾ آهي. ملاقات جو انتظام ڪرڻ لاءِ بچاءُ کاتي جي سابق وزير آفتاب شعبان ميراڻي کي ڀڄ ڊڪ لاءِ ذميواري سونپي وئي آهي. سندس ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته محترمه، مرتضيٰ ڀٽو ٽربيونل جي ڪارروائي جيڪا سهيڙجڻ وارن مرحلن ۾ آهي ان بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿي. ان کانسواءِ هوءَ آرمي چيف کي اهو به ٻڌائڻ گهري ٿي ته نواز شريف ذريعي ڊيفالٽرن کان قرض وصول ڪرڻ لاءِ قدم کڻايو وڃي جيئن هڪ کرب رپين کان وڌيڪ هڙپ ٿيل رقم هٿ ڪري سگهجي. ملاقات تمام ويجهڙ ۾ متوقع آهي. جنهن بعد ٿي سگهي ٿو ته هو ٻاهر وڃڻ بابت پروگرام پڻ جوڙي ۽ ڪجهه مهينا سير سفر ڪري سگهي. محترمه جيل ۾ آصف سان جيڪا آخري ملاقات ڪئي هئي تنهن بابت محترمه جي ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته آصف جو موقف هو ته سندس آزادي لاءِ ڪجهه نه پيو ڪيو وڃي. ٻئي پاسي سياسي حلقا جيڪي ان بيان کي جيڪو هن ٽربيونل ۾ ڏنو هو اهميت ڏين پيا. جنهن ۾ هن چيو هو ته جيڪڏهن آصف زرداري جي مرتضيٰ قتل ۾ ملوث هجڻ جا ثبوت مليا ته هو کيس ڇڏي ڏيندي. محترمه جو اهو بيان انتهائي غير معمولي آهي. اڻ سڌي طرح اهو ڪيترن ئي ماڻهن کي هڪڙو سگنل پڻ آهي. ان معاملي بابت جيل ۾ آصف سان ملاقاتون ڪندڙ اهم ماڻهن جي سرگرمين متعلق به بينظير جنرل ڪرامت سان ڳالهائڻ گهري ٿي.
    گادي واري شهر جي باخبر حلقن ۾ اها ڳالهه به هليل آهي ته هڪ نجي ٽيلي ويزن ڪمپني مليحا لوڌي بابت ڊاڪيومينٽري فلم ٺاهي رهي آهي، جيڪا منفي آهي. هيءَ فلم مليحا جي آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير طور سرانجام ڏنل خدمتن بابت آهي، جنهن ۾ ايف 16 جهازن وارو معاملو به آهي. مليحا جو زور هو ته ايف 16 جهاز نه وٺو پر رقم وٺڻ تي زور ڏنو وڃي. محترمه بينظير ڀٽو ايئن ئي ڪندي رهي نتيجي ۾ آمريڪا وارن ڪجهه پراڻا پرزا ڏئي بعد ۾ ٻين اوزارن ۽ پئسن کان جهنڊي ڏيکاري ڇڏي آهي. ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته مليحا وارو اهو ڪارنامو ملڪي مفاد ۾ نه هو. ان کانسواءِ ميراج جهازن جي فرانس کان خريداري واري ڪروڙين ڊالرن جي ٺيڪي بابت پڻ ڪئين ڳالهيون هلن پيون. ڊاڪيومينٽري ۾ انهن ٻنهي واقعن کي فلمايو ويندو. خبر ناهي ته ان ڪوشش پٺيان ڪير آهي؟ مليحا جيڪا پوٽوهارڻ آهي اها ڪنهن کي ”ناراض“ ڪو نه ڪندي آهي پر خبر ناهي هي الائي ڪهڙا سندس مخالف پيدا ٿيا آهن.
    تمام وڏي مينڊيٽ سان اسلام آباد جي اقتداري ايوانن تي قدم ڄمائيندڙ نواز شريف جيتوڻيڪ وزارت اعظميٰ جي ڪرسي تي ته ويٺو آهي پر اڃا تائين اڏامندڙ سياسي دز صاف ڪرڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي سميت سندس پنهنجا همراهه به ٺاهي نه سگهيو آهي. سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ جيڪو نواز ليگ، ايم ڪيو ايم سان معاهدو ڪيو آهي اهو سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفادن خلاف آهي. هڪ لحاظ کان اهو معاهدو ڪري هن سنڌين وٽان مليل ووٽ سان بي انصافي ڪئي آهي. ان معاهدي تي جيتوڻيڪ مسلم ليگ جي مرڪزي حڪومت ۾ شامل يا ڪنهن پارٽي اڳواڻ صحيح ڪو نه ڪئي آهي پر پوءِ به هو معاهدو مڃڻ لاءِ اخلاقي طور پابند آهن. اسحاق ڊار ڳالهين دوران نواز ليگ جو مک ماڻهو هو پر هن معاهدي تي صحيح ناهي ڪئي. صحيح صرف لياقت جتوئي، حليم صديقي ۽ اعجاز شفيع جي آهي انهن سمورن جو تعلق سنڌ سان آهي. بهارين کي گهرائڻ، مهاجرن کي 7.5 سيڪڙو بدران 11.5 سيڪڙو وفاقي نوڪرين ۾ ڪوٽا ڏيڻ، سمورن گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ سندن همدردن کي آزاد ڪرڻ وارا ٽيئي نقطا انتهائي خطرناڪ آهن. انهن ٽنهي نقطن مان بهارين ۽ نوڪرين جي ڪوٽا وارن نقطن خلاف ڪجهه ڏينهن ۾ سنڌ ڊيمو ڪريٽس گروپ وارا هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ وارا آهن. سندن پٽيشن ۾ اهو سوال اٿاريو ويندو ته مسلم ليگ اهو معاهدو پارٽي جي حيثيت ۾ ڪيو آهي ۽ ان وقت تائين هنن حڪومت ڪو نه ٺاهي هئي. تنهن ڪري ٻن پرائيويٽ ڌرين وچ ۾ رياستي معاملن بابت معاهدو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ اهي ٻئي نقطا سنڌ جي اقتصادي سياسي ۽ سماجي مفادن خلاف آهن. ان ڏس ۾ ڪيس جي تياري جو ڪم شروع آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته پيروي يوسف لغاري پاڻ ئي ڪري. لغاري ويچاري جي ”سنڌ سنڌ“ ڪندي عمر ڳري وئي پر سنڌي ماڻهن هن کي ڪڏهن ووٽ نه ڏنا. اهو سور هوندي به هو مسڪين اڃا ٿڪو ڪونهي. هونئن ته ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پهچڻ سندس منزل ئي ڪونهي پر پوءِ به کيس ڏک ضرور هوندو.
    تازو ميان نواز شريف پنهنجي ڪابينا جي پهرئين اجلاس ۾ شادين ۾ فضول خرچي ڪرڻ تي بندش وجهڻ بابت نئون قانون جوڙيو آهي. جنهن موجب 15 مارچ 97ع کان 15 مارچ 99ع تائين ٿيندڙ شادين جون تقريبون منعقد نه ٿينديون ۽ شاديون ساديون هونديون. شادين ۾ صرف چانهه يا ڪولڊ ڊرنڪ مهمانن کي ڏني ويندي ۽ ماني به نه کارائي ويندي. جيڪو ميزبان مهمانن کي ماني کارائيندو تنهن تي هڪ لک کان 3 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويندو. اهڙي قانون سان پوليس وارن جو بخت کليو آهي ڇو ته ٻهراڙين ۾ جتي نه هوٽل آهي ۽ نه ڪو ٻيو وسيلو، اتي مهمان ڪٿان کائيندا؟ غريبن کي ڏچي ۾ وجهڻ کان اڳ ميان صاحب پنهنجي پٽ حسن نواز ۽ ڀائٽيءَ (شهباز شريف جي ڌيءَ) جون شاديون جلد بازي ۾ ڪري ورتيون ۽ پوءِ پابندين جو اعلان ڪيو. ٻهراڙين ۽ جابلو علائقن ۾ جتي غريب ڳوٺاڻا مٺا ۽ چهرا چانور ڏسندا ئي سال ۾ شادي جي موقعي تي آهي انهن کان اهو حق ته هن کسي ڇڏيو پر پنهنجون شاديون ٺٺ سان ڪيائين. هتان جا حلقا چون ٿا ته احمد صادق ۽ سلمان فاروقي کان ڪير پڇندو ته هنن پنهنجي ڌيئرن جي شادين تي ٻه ٻه ڪروڙ رپيا ڪٿان خرچ ڪيا؟ اها رقم ڪٿان آئي؟ احمد صادق جي ڌيءَ جي شاديءَ ۾ پنجاب جي هر هڪ تپيدار ۽ مختيار ڪار تي ترتيبوار 5 ۽ 10 هزار ڏن رکيل هو. هو محترمه جو پرنسپل سيڪريٽري هو ۽ اڇي ڪاري جو مالڪ هو. ان ڪري هر سڻڀي عهدي واري آفيسر جي سلامي فائيو فگر (Five Figure ) ۾ يعني گهٽ ۾ گهٽ 10 هزار رپيا هئي. انهن ٻنهي آفيسرن جي هيستائين جائز نموني حاصل ڪيل 20 سالن جي پگهارن جي رقم ئي 2 ڪروڙ رپيا ڪو نه ٿي بڻجي ته هڪ آفيسر صرف هڪ هڪ ٻار جي شاديءَ تي 2 ڪروڙ جو خرچ ڪيئن ڪيو؟ آهي ڪنهن ۾ دم جو انهن گڙنگن ۾ هٿ وجهي ته خبر پويس، باقي غريبن جا ڀت خراب ڪرڻ ته آهي سولو ڪم، سو ڀلي پيو ڪري.
    اعجازالحق سميت مسلم ليگ جو چار رڪني وفد وچ اوڀر جي مسلم رياستن ۾ رهندڙ پاڪستانين کان چندو گڏ ڪرڻ لاءِ ۽ قرض لاهڻ لاءِ رقم جمع ڪرائڻ جي مهم تي روانو ٿي چڪو آهي. رهندا کائيندا، پيئندا ۽ گهمندا. هڪ هڪ ماڻهو تي ٿلهي ليکي گهٽ ۾ گهٽ سرڪاري خزاني مان 5 لک رپيا خرچ ايندو. 20 لک هن غريب قوم جا چارئي ڄڻا چٽ ڪري ايندا ايترو ته چندو به نه ملندو. جيڪڏهن ملي به کڻي ته فائدو ڪهڙو ٿيو؟ ها اهو فائدو ضرور ٿيندو ته چارئي مسلم ليگي جيڪي وزارت لاءِ روز ميان مٿان پريشر وجهيو ويٺا آهن ڪجهه ڏينهن لاءِ هٽي ويندا. قرض لاهڻ لاءِ شروع ڪيل اهو ميڊ ان لاهور طريقو غريبن جي رهيل سهيل رقم هٿ ڪرڻ لاءِ چڱو آهي ۽ ٻيو ڪارو ناڻو سفيد ڌن ۾ بدلائڻ جو سٺو موقعو آهي، باقي قرض ڪو نه لهندو. ڇو ته اسٽيٽ بئنڪ جي 95ع ۽ 96ع بابت پڌري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان تي 30 جون 96ع تائين 9 کرب 8 ارب ۽ 90 ڪروڙ رپيا قرض هو جڏهن ته ان تاريخ تائين پرڏيهي قرض 28 ارب 60 ڪروڙ 30 لک ڊالر (يعني 11 کرب 44 ڪروڙ 12 لک رپيا) هو. ٻئي مقامي ۽ پرڏيهي قرض جيڪڏهن جوڙ ڪبا ته پاڪستان تي ڪل قرض 30 جون 96ع تائين 20 کرب 53 ارب 2 ڪروڙ رپيا هو. ان ۾ اڄ تائين بقايا 8 مهينن وارو قرض شامل ناهي جيڪو پڻ اٽڪل 20 ارب رپين کان وڌيڪ آهي. هن وقت به 70 ارب رپين جو حڪومت صرف هلندڙ سال جي 8 مهينن ۾ مقامي بئنڪ کان قرض ورتو آهي. جيڪڏهن اهو قرض به ملائينداسين ته 28 فيبروري 1997ع تائين پاڪستان تي ڏيهي ۽ پرڏيهي قرض ساڍا ايڪويهه کرب رپيا ٿيندو. اسان جيڪڏهن پاڪستاني قوم جي 14 ڪروڙ فردن ۾ اهو قرض ورهائينداسين ته هر هڪ فرد جي ذمي 14 هزار 807 رپيا قرض آهي. نواز شريف ميڊ ان لاهور واري ديسي طريقي سان ڪيترو ۽ ڪهڙو ڪهڙو قرض لاهيندو؟ بهرحال ٺيڪ آهي ماڻهو چون ٿا سٺو آهي ڪجهه نه ڪجهه ته ايندو پر اها ڳالهه ڇو ٿي وساري وڃي ته ان سان ڪارو ناڻو ڪمائيندڙ پنهنجا اربين رپيا سفيد ڌن ۾ بدلائيندا ۽ پوءِ آمريڪا سميت دنيا جا امدادي ادارا پاڪستان تي Money laundering (ڪارو ناڻو ڌوئي اڇو ڪرڻ) جو الزام هڻندا. ان بدنامي جو ذميوار ڪير هوندو؟
    وزيراعظم جي قرض لاهيو فنڊ ۾ رقم جمع ڪرائيندڙ ماڻهن ۾ سڀ کان وڌيڪ رقم انفرادي طور ابوبڪر شيخاڻي 15 ملين ڊالر (60 ڪروڙ رپيا) جمع ڪرايا آهن پر هن اليڪشن ڪميشن وٽ ايم اين اي جي چونڊ وڙهڻ لاءِ جيڪي ملڪيت جا تفصيل ڏنا آهن انهن ۾ ايتري رقم هئڻ جو اقرار نه ڪيو آهي هن کان ڪير پڇا ڪندو ته هن رقم ڪٿان آندي؟ ڇا انڪم ٽيڪس ڏني اٿائين؟ بهرحال اهڙا کوڙ ڪردار آهن جيڪي خود ميان صاحب جي صنعتڪار برادري سان تعلق رکن ٿا.
    گادي واري شهر ۾ اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته نواز شريف جي حلف کڻڻ سان گڏ اظهر لوڌي ته ٽي وي تي نمودار ٿيو ئي آهي پر ميان صاحب جي هڪ ٻئي حمايتي لکندڙ ۽ ڪالم نويس نذير ناجيءَ جي ڀاءُ علي اڪبر عباسي کي به واپس نوڪري تي بحال ڪيو ويو آهي. اهو همراهه 1976ع ۾ نوڪري ڇڏي ويو هو، ضياءُ دور ۾ واپس آيو ۽ اسڪرپٽ ايڊيٽر ٿيو بعد ۾ بينظير ڀٽو 88ع ۾ هن کي برطرف ڪيو. نواز شريف پهرئين دور ۾ هن کي بحال ڪيو، وري بينظير هٿان 93ع ۾ برطرف ٿيڻ بعد به همراهه اڃا سينو تاڻيو بيٺو آهي. بهرحال هن جو ڏوهه ناهي ڇو ته اڄڪلهه پاڻيءَ جي تنگي آهي برسات نه پوڻ سبب دٻا ته ٺهيو پر درياءَ به سڪي ويا آهن.
    پتو پيو آهي ته بينظير دور ۾ پاڪستان ۾ سون امپورٽ ڪرڻ جي اڪيلي لائسنس يافته ڪمپني اي آر واءِ ٽريڊرز دبئي جي ارب پتي مالڪ عبدالرزاق، نواز حڪومت اچڻ بعد اعجاز الحق معرفت نواز شريف سان رابطو ڪيو آهي. هن ساڳيو لائسنس بحال ڪرڻ جي شرط تي پاڪستاني وزيراعظم ۽ اعجازالحق کي امداد ڏيڻ ۽ ملڪ کي قرض ادا ڪرڻ لاءِ قرض ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي. آصف زرداري سان سٺي سنگت جي حوالي سان مشهور دبئي ۾ رهندڙ ڪراچي جو هي ڪاروباري هر دور جي آصفن سان سنگت رکندو آهي. اڄڪلهه شهباز سان معاملو فٽ نه ٿيڻ سبب اعجازالحق واري لوپ لائين تي پيو هلي، ڏسون ته ڪامياب ٿئي ٿو يا نه.
    ميان صاحب جي حڪومت جي شروعات ته سٺي ڪو نه ٿي آهي، ڏسون ته پڄاڻي ڪيئن ٿي ٿئيس. هن جي اقتدار سنڀالڻ سان ئي زلزلو آيو، ٽرين حادثو ٿيو بم ڌماڪا ٿيا ۽ دهشتگردي شروع آهي. قدرتي ۽ هٿرادو ان قهر جا سبب ڪجهه به هجن پر هڪ جماعتي مولوي جو چوڻ آهي ته جمعي جي بابرڪت ڏينهن موڪل ختم ڪرڻ واري فيصلي سبب اهڙو قهر نازل ٿيو آهي، جنهن ۾ 1000 جي لڳ ڀڳ ماڻهو مري ويا آهن. خير، اها ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. جڏهن نواز شريف جي ڪاميابي جو اعلان 90ع ۾ ٿيو هو ته به هڪ وڏو زلزلو آيو هو ۽ سنڌ ۾ ڌاڙيلن ۽ دهشتگردن جو زور هو پر هن دفعي ميان ۽ سندس حڪومت کي ڊڄڻ گهرجي ان ڏينهن کان جڏهن اهڙو ڪو قهر ڪراچي ۾ ٻيهر نازل نه ٿي پوي.
    (14 مارچ1997ع)


    يارليامينٽ جو گڏيل اجلاس

    يارليامينٽ جو گڏيل اجلاس

    ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي صدر جي خطاب مهل آصف زرداري کي ايوان ۾ نه آڻڻ خلاف پيپلزپارٽي وارن ڀرپور احتجاج ڪو نه ڪيو. هنن نه لغاري کي گهٽ وڌ ڳالهايو نه ڪو گٿو لفظ چيو. پيپلزپارٽي جي 17 ايم اين ايز ۽ 19 سينيٽرن مان ايوان ۾ ڪل قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ سينيٽر 20 کان وڌيڪ موجود ڪو نه هئا. اهو پهريون دفعو آهي جو پ پ وارن مهذب نموني احتجاج ڪيو. اهڙي غير متوقع مهذب ۽ مختصر احتجاج جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا.پهريون اهو ته پ پ وارن جي شايد اڃا صدر لغاري سان محبت برقرار آهي جو هن خلاف احتجاج دوران هو چاهيندي به ڀرپور احتجاج نه ڪري سگهي. ٻيو اهو ته پ پ جا ميمبر ۽ سينيٽر آصف لاءِ شايد سافٽ ڪارنر نٿا رکن. يا آصف لاءِ احتجاج ڪرڻ ۾ هو خوش ڪو نه هئا.انهن ٻنهي سببن تي غور ڪجي ۽ ڪالهوڪي اجلاس جي ڪارروائي دوران پيش آيل واقعن جو جيڪڏهن جائزو وٺنداسين ته ٻيو سبب وڌيڪ وزندار محسوس ٿئي ٿو.
    پيپلزپارٽي جي 36 پارليامينٽيرين مان رڳو 20 جي لڳ ڀڳ ميمبر موجود هئا، ٻيا غائب هئا. غائب ڇو ٿيا؟ ڄاڻي واڻي يا ڪنهن جي چوڻ تي نه آيا. يا هنن اچڻ مناسب نه سمجهيو يا ڪا ٻي مجبوري هئي. بهرحال ڪو به سبب ٿي سگهي ٿو. مجبوري کانسواءِ ڇو ته اهڙي مجبوري ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ اها ڳالهه يقينن محترمه به محسوس ڪئي هوندي ته سندس سينيٽر ۽ ميمبر صرف آصف جي مسئلي تي ڪو وڏو احتجاج ڪري صدر يا ڪنهن ٻئي سان هروڀرو ڦٽائڻ نه ٿا گهرن. شايد اهو ئي سبب هو ته پريس ڪانفرنس دوران حسب معمول محترمه آصف جي گرفتاري وارو مسئلو ازخود ڪو نه ڇيڙيو پر هڪ صحافي جي پڇيل سوال تي هن مختصر جواب ڏنو. ڪالهوڪي احتجاج واري انداز کان پوءِ ته محترمه يا آصف وارو اهو منطق به بي ضرر ٿو لڳي ته جيڪڏهن آصف پارليامينٽ جو ميمبر هوندو ته هن کي وڌيڪ سهولتون ملنديون.
    آصف کي اجلاس ۾ نه آڻڻ خلاف ڪيل پ پ وارن جي احتجاج مان ته اهو به محسوس ٿي رهيو هو ته جيڪو ڪجهه هو ڪري رهيا آهن اهو دل سان ڪو نه پيا ڪن. ڇو ته نويد قمر جڏهن شهپر وٽي اٿيو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ چاهيو ته مسلم ليگ جي چيف وپ، شيخ آفتاب ۽ خواجا آصف هن کي چيو ”شاهه صاحب توهان به ڪجهه ته خيال ڪيو. ويهي رهو“ ان عام رواجي اپيل تي نويد قمر ويهي رهيو ۽ وري آصف لاءِ اٿي ڳالهائڻ هن شايد پسند ئي نه ڪيو. ان مان سندس آصف لاءِ دل سان احتجاج ڪرڻ ۽ دلچسپي جو اندازو ڌڻي پاڻ ئي لڳائيندا. هڪ لحاظ کان نويد قمراهڙي نازڪ موقعي تي مسلم ليگ وارن جي ڳالهه مڃي پنهنجي لاءِ لائين به ڪيلئر ڪئي ڇو ته ڪافي ڏينهن کان احتساب وارن جي لسٽ ۾ هن جو به نالو آهي. بهرحال هن جا ته نجڪاري ڪميشن جي چيئرمين وارن ڏينهن کان خواجا آصف، شاهد خاقان عباسي ۽ گوهر ايوب سان سٺا واسطا رهيا آهن، کين مڪمل ڄاڻ به ڏيندو هو.
    احتجاج دوران لياري مان چونڊيل واجا ڪريمداد جو احتجاج به ڏسڻ وٽان هو. هن جي جيالي هجڻ ۾ ايئن شڪ نٿو ڪري سگهجي جيئن سج جي اوڀر کان اڀرڻ ۾، پر هن به مڙئي شهيدن ۾ نالو لکائڻ خاطر ها هو ڪئي ۽ گهڻي ڦشري ڪو نه ڪئي. غلام قادر چانڊيو به گوڙ ڪرڻ لاءِ اٿيو هو پر سندس ڀر ۾ ويٺل غوث علي شاهه هن کي چيو ته اڙي بابا ماٺ ڪري ويهه، ڇڏ ڊيگهه کي! ان تي غلام قادر چانڊيو ڪنڌ پوئتي ڪري غوث علي شاهه کي دڙڪو ڏنو الائي اک ڀڳي ته جهٽ کن ڇڏيو. هن به ڪو گهڻو احتجاج ڪو نه ڪيو بس مائيڪ کي هيٺ مٿي ڪري، ٽاءِ کي ٺاهيو ۽ جناب اسپيڪر جا ٻه آواز ڏئي، اهو چئي ماٺ ڪئي ته سومرو صاحب ٻڌي ئي ڪو نه ٿو. احتجاج دوران رضا رباني جي آواز ۾ به اها ڪڙڪي ڪو نه هئي جيتوڻيڪ هن گهڻيون ئي دانهون ڪيون پر شايد دل سان ڪو نه هيون. شيخ رفيق به هن سان سر ملايو پر مزو نه ٿيو. ان دوران صفدر عباسي اوچتو بگڙي تتر وانگر ڀڙڪو کائي اٿيو ۽ دانهون شروع ڪيون. هن جون ڳالهيون ته ڪنهن ڪو نه سمجهيون پر محترمه جيڪا هلڪي گلابي وڳي ۾ تسبيح پڙهي رهي هئي تنهن هن ڏانهن ڪنڌ ڦيرائي تڪيو ۽ توجهه ڏني. محترمه پري منهن ڪيو ته صفدر ڪجهه جهڪو ٿيو ۽ وڌيڪ حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو. هنن جي احتجاج واري انداز ۽ جذبي کي محترمه به تاڙي رهي هئي شايد اهو ئي سبب هو ته هن هڪدم بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ پرس ڪلهي ۾ وڌو، خورشيد شاهه اٿيو ضرور پر گوڙ ڪو نه پڳس باقي حسين شاهه راشدي ڪجهه نه ڪيو.
    هڪ پ پ وارا اڳئي گهٽ ، رهندو اجلاس ۾ آيا ئي ٿورا ماڻهو، 207 قومي اسيمبلي جا ميمبر ۽ 87 سينيٽر جڏهن گڏ ويٺا ته پ پ وارن جو ته نانءُ نشان ئي نظر نه پئي آيو. آصف لاءِ احتجاج ڪندڙ به چند ماڻهو، سندن ٻاڙو آواز مسلم ليگين جي زور سان ڊيسڪ وڄائڻ واري گوڙ ۾ غائب پئي ٿي ويو. اهڙي صورت ۾ سندن ڀلائي ان ۾ هئي ته ٻاهر هليا وڃن. پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس صرف 7 منٽ دير سان شروع ٿيو. 7؛10 تي صدر لغاري، اسپيڪر الاهي بخش سومرو ۽ سينٽ جو چيئرمين وسيم سجاد گڏجي آيا. ٽئي گڏ ويٺا. جڏهن قومي ترانو وڄڻ شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر جي ڪرسي تي ويٺل بينظير ڀٽو به سمورن وانگر اٿي بيٺي هن جي بلڪل سامهون صدر لغاري به بيٺو هو. ٻنهي جا منهن هڪ ٻئي ڏانهن هئا، هنن هڪٻئي ڏانهن تڪيو الائي ڪو نه، پر ٻئي ايترا ته اڀا ۽ آڪڙجي بيٺا هئا ڄڻ پنهنجي قد جي ماپ ڪرائيندا هجن. هو اسيمبلي اندر نه پر ڪنهن درزيءَ وٽ ڪپڙن جي ماپ ڏئي رهيا هجن. جنهن مان لڳي پيو ته هنن هڪٻئي ڏانهن ضرور تڪيو هوندو. ٻنهي جي 5 نومبر 96ع کان پوءِ اها آمهون سامهون پهرين ملاقات هئي.
    محترمه ۽ نواز شريف وچ ۾ 3 فٽن جو مفاصلو هو پر هنن به پاڻ ۾ ڪو نه ڳالهايو. ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن وقت ٻنهي کي لغاري دشمني ۾ گڏ آڻي بيهاري. ان ڳالهه جا آثار نظر نٿا اچن پر ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. بهرحال ان گهڙيءَ جي خواهش مند محترمه ته هاڻي کان ئي هوندي.
    هٿياربند فوجي سربراهه، سفيرن ۽ سفارتڪارن، کانسواءِ مسلم ليگ جي مردن ۽ عورتن جو به چڱو تعداد گيلرين ۾ نظر آيو. چارئي وڏا وزير به ويٺا هئا. اڪبر بگٽي ۽ عطاءُ مينگل اسپيڪر جي ساڄي پاسي واري باڪس ۾ ويٺل هئا. بگٽي جي ڀر ۾ بيگم عشرت اشرف ويٺي هئي. جنهن سان ڪنهن ڪنهن مهل هن ڪراڙي ٻروچ سردار ڪچهري به ڪئي پئي. اجلاس شروع ٿيڻ کان اڳ ڪاٽن جا ڪلف لڳل ڪپڙا پائي ڪرشن ڀيل پنهنجي ليکي هيڏانهن کان هوڏي پئي هليو. غوث بخش مهر، غوث علي شاهه سان ڪچهري پئي ڪئي. سنڌ مسلم ليگ جيڪا سومرو ۽ شاهه گروپن ۾ ورهايل آهي. تنهن مان غوث بخش خان، الاهي بخش سان ڳوٺائي هوندي به ڪو نه ٺهندو آهي. سياسي مخالف هئڻ سبب هن غوث علي شاهه سان ويجهڙائپ رکي آهي پر شاهه صاحب پاڻ ئي اڄڪلهه عتاب هيٺ آهي. اجلاس ۾ اعجاز جتوئي ۽ شير چانڊيو ڪن ڳالهين ۾ هڪ ٻئي جا حريف ٿي لڳا. مولانا ستار نيازي جي سفيد پٽڪي جو طرو 2 فوٽ کن ايئن اڀو بيٺو هو جيئن ٻروچ چانور هڻي پنهنجو طرو بيهاريندا آهن. خورشيد شاهه، فاٽا وارن کي ڳولي ڳولي ڀاڪر پئي پاتا. هڪ پٺاڻ جي مٿي تي چمي به ڏني. مير هزار بجاراڻي ۽ تهمينا دولتانه بينظير ڀٽو وٽ آيا. حال احوال ڪيا ۽ ڪجهه دير بعد هليا ويا. اجمل خٽڪ محترمه سان گڏ ويٺو هو. ڪافي دير تائين هو ڳالهائيندا رهيا. شيخ رشيد احمد رضا رباني جي ڀر ۾ ويٺو هو پر هو خاموش خاموش پئي لڳو. ڄڻ ته سندس بيٽري ڊائون هجي. حميد جتوئي جي ٽوپي جا ڪاوا اسيمبلي جي ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل تيز روشني واري فانوس جي روشني تي تجلا ڏئي رهيا هئا.
    صدر لغاري تقرير شروع ڪئي ته نواز شريف ڪا شيءِ چٻاڙيندو رهيو. وات ۾ چيگم هئس يا ڪا ٻي شيءِ پر هو ڏاڍو پر اعتماد نموني چٻاڙيندو رهيو. اهڙي طرح سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندڙ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس پڄاڻي تي پهتو جنهن ۾ هن دفعي نه لغاري خلاف ڪو نعرو لڳو ۽ نه حڪومت خلاف، نه وري ”گو بابا گو“ جو ڪو آواز گونجيو ڪو به ناخوشگوار واقعو پيش نه آيو. اهو عجيب اتفاق هو ته 95ع ۽ 96ع دوران پ پ وارن لغاري جي حق ۾ ۽ نواز ليگ وارا مخالفت ۾ نعرا هڻندا رهيا پر ڪالهوڪي اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) وارا صدر کي داد ڏيندي ڊيسڪ پيا وڄائين ۽ پ پ وارا لغاري کي نااهل ۽ ڪرپٽ ڪوٺيندي احتجاج ڪري رهيا هئا. اصل ۾ ته نه نواز شريف وارن لغاري خلاف احتجاج ڪندي کيس گهٽ وڌ ڳالهايو هو ۽ نه ڪالهه پ پ وارن، هو ته صدر مملڪت خلاف هئا ۽ آهن.
    (27 مارچ 1997ع)


    ساهيوال جي گوڏر هارين کان ٿر جي پٽڪي

    ساهيوال جي گوڏر هارين کان ٿر جي پٽڪي
    وارن ڀيلن تائين

    ملڪي سطح تي گهرايل هاري ڪانفرنس ڪالهه هڪ ارب رپين جي لاڳت سان تيار ڪيل ڪنوينشن سينٽر ۾ مقرر وقت کان منو ڪلاڪ دير سان شروع ٿي. ڪانفرنس ۾ ملتان جي رياستي ساهيوال جي گوڏر، عمر ڪوٽ جي ڀيلن، سرحد جي تماڪو پيدا ڪندڙ ۽ بلوچستان جي بجلي چوري ڪندڙ هارين تائين سمورا موجود هئا. سنڌ جي مناسب نمائندگي ڪو نه ٿي سگهي. سنڌ جي وفد جي سربراهي واريون ڪرسيون خالي هيون. ڪنهن به سنڌي ايم اين اي کي ڪانفرنس هال ۾ نه ويهاريو ويو. ڪرشن ڀيل ۽ کٽومل کان حميد جتوئي تائين سمورا ايم اين اي وزيٽرز گيليري ۾ ويٺا هئا. شاهه محمود شاهه پهرين لائين ۾ ويٺو هو. ڳالهايائين ڪجهه به ڪو نه باقي تاڙيون ڏاڍيون وڄايائين. نواز شريف سان گڏ چئني صوبن جا وڏا وزير ۽ الاهي بخش سومرو، عبدالستار لاليڪا، بيگم عابده حسين ۽ مجيد ملڪ ويٺا هئا. شهباز شريف نظر جي عينڪ پائي نوٽس ورتا پر سنڌ ۽ بلوچستان وارا ٻئي ٻروچ وڏا وزير ٽنگ مٿان ٽنگ چاڙهيو ويٺا هئا.
    ڪالاباغ ڊيم جي حمايت چشتيان جي متاري ايم اين اي ستار لاليڪا کان وٺي ساهيوال جي گوڏ ٻڌل ڪراڙي پنجابي تائين سڀني ڪئي. نه صرف ڪالاباغ ڊيم پر هنن جو مطالبو هو ته ڀاشا ڊيم ۽ منڊا ڊيم به هڪدم ٺاهيا وڃن. هال ۾ ويٺل سنڌي ٽوپي وارن شهپر وٽيندڙ سنڌين کان وزيٽر گيلرين ۾ ويٺل سفيد مٿي واري حميد جتوئي تائين ڪنهن کي به ايذاءَ نه آيو، ڪنهن به نه ڪڇيو. جهنگ جي گهوڙيون پاليندڙ وڏيري بيگم عابده کان وٺي هڪ هڪ پنجابي پئي شدمد سان ڪالاباغ ڊيم جا فائدا بيان ڪيا ۽ مطالبا ڪيا پر سنڌ جا گونگا نمائندا چپ رهيا. ڪنڊيارو مان چونڊيل ايم پي اي منظور شاهه جنهن سنڌ جي وفد جي نمائندگي ڪندي تقرير ڪئي تنهن نواز شريف جي شان ۾ قصيدا پڙهندي تعريفون ته ڪيون پر پنجابين جي ان مڱ ڏريندڙ ۽ گمراهه ڪندڙ ڳالهه جو جواب نه ڏنو جنهن ۾ هنن چيو ته هر سال 36 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي سمنڊ ۾ پوي ٿو ۽ ضايع ٿئي ٿو. ڇا سنڌ جي نمائندن کي خبر ڪونهي ته 48 مهينن کان سمنڊ ۾ ته ڇا پر سجاول وارن پرمتڙين ماڻهن پاڻي اکين سان به نه ڏٺو آهي. سمنڊ ۾ پاڻي نه وڃڻ سبب کارو پاڻي مٿي پيو اچي، جنهن سبب هزارين ايڪڙ زمين سم سبب تباهه ٿي آهي.
    آر بي او ڊي واري رٿا بابت قمر الزمان شاهه جڏهن چيو ته ان جي جاچ ڪرايو، ان ۾ گهپلا ٿيا آهن ته عبدالحميد جتوئي ڪمزور هوندي به ٽپ ڏئي اٿيو ۽ چيو ته شاهه ڪوڙ ٿو ڳالهائي پر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ۽ غلط بياني ڪرڻ وقت سندس رت نه ٽهڪيو، ڇو ته آر بي او ڊي سبب ته هن جي پنهنجي زمين جو مسئلو هو ڪالاباغ ڊيم سان هن جو ڪهڙو واسطو؟ سڄي حياتي حڪومت ۾ هوندي به حميد جتوئي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندو رهيو آهي پر خبر ناهي ته ڪالهه ڪهڙي مصلحت جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هو. منظور شاهه ته آهي فقراءُ ماڻهو هن تي ميار ناهي. جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي هن مخالفت نه ڪئي ته هن کي ڪو مهڻو ڪو نه ملندو، ڇو ته هن مسڪين جي سڄي عمر پارٽيون بدلائڻ ۾ گذري آهي. ٻيو ته ٺهيو پر روهڙي ڪئنال تي ڀڳل پل هو نه پيو ٺهرائي. سندس حلقي جا ماڻهو کيس چئي چئي بيٺا آهن پر هن جي ڪن تي جونءَ ئي نٿي چري. ڇو ته هن پل ڀڄڻ سبب روهڙي ڪئنال جي کاٻي پاسي سهتن، ماڇين، بالادين ۽ ڪلن جي ڳوٺن جا غريب ڇوڪرا هالاڻي جي هاءِ اسڪول نٿا اچي سگهن ۽ پڙهائي ڇڏي ڏني اٿن. ڇو ته هالاڻي اچڻ لاءِ روهڙي ڪئنال پار ڪرائيندڙ ٻيڙي وارو مهاڻو في ٻار 15 رپيا وٺندو آهي اهڙي حالت سبب غريبن ٻارن کي پڙهائڻ کان بس ڪئي آهي. منظور شاهه پنهنجي حلقي جي معصوم ٻارن جو ئي مسئلو حل نٿو ڪري ته هن تي ڪالاباغ ڊيم جهڙي قومي مسئلي تي نه ڳالهائڻ جو ڪهڙو ڏوهه ڏيون. ڏک ته انهن سنڌ جي چيمپئن بڻجندڙن جو پيو ٿئي جيڪي گونگا بڻيل هئا. انهن خانداني سيدن ۽ ٻروچ سياستدانن کان ته ٿر جو هاري عارب ڀيل ڀلو هو جنهن وارو وٺڻ لاءِ رڙ ڪئي ته ميان صاحب مون کي به تقرير ڪرڻي آهي. عارب ڀيل بوسڪي جو پٽڪو ٻڌي شهپر پيو وٽي. اڳ ۾ سمجهيوسين ته شايد ڪو وڏو زميندار آهي پر جڏهن تعارف ڪرايائين ته مان عمرڪوٽ جو ڀيل آهيان ته حميد جتوئي ۽ ارباب غلام الرحيم کيس گهوري گهوري پيا ڏسن. عارب ڀيل دانهون ڪندي چيو ته ٿر ۾ پاڻي نه هئڻ سبب ماڻهو ۽ مال ته ٺهيو هاڻي پکي به اڃ ٿا مرن. هن کي اڳ ته وارو نه مليو پر سندس مائٽ ايم اين اي ڪرشن ڀيل همت ڪري هيٺ لهي ويو، سيڪيورٽي وارن سان وڙهندو نيٺ اندر هال ۾ آيو ۽ نواز شريف کي پنهنجي حمايت جا حوالا ڏئي عارب کي وقت وٺي ڏنو.
    منظور شاهه جي نڙي نئين فنڪار وانگر مڙئي ويٺل هئي، سندس زبان مان لفظ ”مشورو“ نه پيو نڪري، ”مشورو“ لفظ ته هونئن ڏکيو به آهي. آئين ۾ به اهڙي جاين تي لکيل آهي جو اهو پڪارڻ ۽ پڙهڻ وقت سپريم ڪورٽ کان نواز شريف تائين سڀني جي حلق ۾ اٽڪبو آهي پر منظور شاهه نيٺ ”مشورو“ مان جند ڇڏائي اها سٽ ئي ڇڏي ڏني. شاهنواز خان جوڻيجو به ويٺو هو، شهپر وٽيندو رهيو ۽ اوٻاسيون ڏيندو رهيو پر ڪالاباغ ڊيم تي ڪجهه نه ڳالهايو. جيتوڻيڪ هو ته پ پ جو ۽ جيڪڏهن هڪل ڪري ها ته لئه ٿي وڃيس ها پر شايد هو به نواز شريف سان ڦٽائڻ نه پيو چاهي.
    نواز ليگ جو هيوي ويٽ ايم اين اي حاجي بوٽا جڏهن ڪرسي تي ويٺو ته ڦاسي پيو ٻه ٽي منٽ ڦٿڪڻ بعد مس ڪرسي جي جان ڇٽي. شوڪت شاهه ۽ ڪشنچند پارواڻي به پنهنجي ليکي ويٺا هئا ۽ اوٻاسين مٿان پئي اوٻاسي ڏني پر هنن به ڪجهه نه ڪڇيو. مطلب ته سڀ موجود هئا ڪنهن جا ڪنهن جا نانءَ کڻان؟ ڪنهن به ڪالاباغ تي نه ڪڇيو.
    پولٽري فارم وارن جي پنجابي نمائندي جڏهن چيو ته شادين تي بندش سبب اسان جو روزگار ختم ٿي ويو آهي ته نواز شريف کي خوش ڪرڻ لاءِ سڀني نو نو جا آواز ڏيندي چيو ته پابندي ٺيڪ آهي پر هال جا همراهه هم آواز ٿي نه نه چوڻ لڳا ته پولٽري وارو پريشان ٿي ويو پر سياڻو هو پلٽو کائيندي چيائين ته جيڪڏهن مرغين جي خوراڪ تان سيلز ٽيڪس ختم ڪيو ته 5 رپيا ڪلو مرغي سستي ٿي ويندي، ان تي سڀني سندس حق ۾ ڊيسڪ ۽ تاڙيون وڄايون.
    پنجاب جي چپي چپي مان آيل چوڌري عجيب نموني جا پٽڪا ٻڌي ڪلف لڳل ڪاٽن جا چولا ۽ گوڏيون پائي ايمبسي ۽ مارون گولڊ سگريٽن جا ڪش هڻندا ڪنوينشن سينٽر جي نرم قالين تي هلندي عجيب انداز سان پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا.
    ڪالهوڪي هاري ڪانفرنس جي خاص ڳالهه اها هئي ته پنجابي زميندار ۽ هاري صنعتڪارن تي ڏاڍو چڙيل هئا. پنجاب ۾ جاگيردارن ۽ صنعتڪارن جي تضاد بابت شيخ رشيد کان گهڻو ڪجهه ٻڌو ته هو پر اهو تضاد ڏسڻ ۾ ڪالهه آيو. اهو تضاد ايڏو ته عجيب هو جو ٻنهي ڌرين وچ ۾ دشمني ۽ مفادن جي ٽڪراءَ واري ليڪ واضح نموني ڪشمير واري لائين آف ڪنٽرول پئي لڳي جنهن جي ٻنهي پاسي ڌماڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا. مفادن جي ٽڪراءَ ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ جي بوءِ نواز شريف به محسوس ڪئي پر هن کي اڳ ۾ ئي احساس هو ڇو ته پنهنجي 3 ڏينهن اڳ لکت ۾ تيار ڪيل تقرير ۾ اهو لکي آيو هو ته صنعتڪارن ۽ ڪاشتڪارن وچ ۾ تضاد پيدا نه ڪيو. هو ٻه ٽي ڀيرا اهڙي تلقين ڪندو رهيو ۽ چوندو رهيو ته اهو فرق نه وڌايو. نواز شريف کي هڪ فيصل آبادي چيو ته جڏهن توهان فنانس بابت پنجاب جو وزير هئين ته مون توهان کي تجويزون ڏنيون هيون ۽ توهان چيو هو ته اهو ڪم وزيراعظم ڪري سگهي ٿو مان وزيراعليٰ آهيان پر اڄ اوهان وزيراعظم آهيو ۽ هاڻي بااختيار آهيو سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا ڪريو. اهي لفظ ٻڌڻ بعد نواز شريف مرڪي پيو ۽ چاهيندي به ڪجهه چئي نه سگهيو ۽ هٻڪي هٻڪي نيٺ فاتحانه انداز ۾ کلندي چيو ته وزيراعظم ته 17هين فيبروري کان هئس پر اختيار 2 ڏينهن اڳ اٺين ترميم ختم ٿيڻ بعد مليا آهن. اختيار مليا آهن ته هاڻي ڪم به ڪندس ۽ 5 سالن پورا ڪندس. نواز شريف جا چيل اهي جملا ڪاش صدر لغاري ٻڌي ها. خير هن ته ڪو نه ٻڌا پر صدر جي همدرد بيگم عابده غور سان ضرور ٻڌا پئي.
    ساهيوال جي چوڌري چاچا رحمت علي جڏهن اسٽيج تي آيو ته اکين ۾ لڙڪ تري آيس. گوڏ ٻڌل هي ڪراڙو چوڌري چوي پيو ته مون کي ايڏو اعزاز مليو آهي ته اڃا پڪ نه ٿي پوي ته مان وزيراعظم جي ڀر ۾ بيهي تقرير ٿو ڪريان. پنجابي ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته صنعتڪارن جيترا قرض ۽ سهولتون اسان ڪاشتڪارن کي به ڏيو. هن چيو ته قرض وٺي واپس نه ڪندڙن جي لسٽ ۾ ڪو به زميندار يا هاري نه پر صنعتڪار آهن. ان تي شهباز شريف ۽ نواز شريف کيس چتائي تڪي رهيا هئا. هن کي به شاباس هجي جو بنا رک رکاءَ جي پنهنجي ڳالهه بنا مصلحت جي چئي ويو پر اسان جا سنڌي ميمبر ماٺ رهي مشرڪ ٿيا.
    (4 اپريل 1997ع)


    هڪ ئي وقت گهڻا محاذ کوليندڙ نواز شريف ۽

    هڪ ئي وقت گهڻا محاذ کوليندڙ نواز شريف ۽
    ٽن کان پنجن وارو ٽولو

    محترمه بينظير ڀٽو جي اوچتو لنڊن جي مختصر دوري تي روانگي بابت گاديءَ واري شهر جي باخبر حلقن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون هلي رهيون آهن. جيتوڻيڪ ڪاوش ۾ شايع ٿيل برگيڊيئر(ر) امتياز جي انٽرويو ۾ انڪشاف ٿيل هو ته محترمه برطانيا وارن کي مستقل رهائش لاءِ درخواست ڏني آهي. جڏهن ڪراچي جي ڪنهن صحافي بينظير کان پريس ڪانفرنس ۾ ان حوالي سان پڇيو هو ته بي بي بظاهر انڪار ڪندي امتياز جي معلومات کي غلط قرار ڏنو هو. محترمه 13 اپريل تي واپس وطن پهچي رهي آهي ۽ 14 اپريل تي هن کي پيپلزپارٽي جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻي آهي.
    ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي ڀاءُ ۽ ڀائٽي جي قتل جو ڪيس ڏيڍ سال بعد محترمه بينظير ڀٽو، نصير الله بابر ۽ عبدالله شاهه تي داخل ٿي چڪو آهي، جنهن بابت وفاقي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو صوبائي مسئلو آهي ۽ انتقامي ڪارروائي ناهي. ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو هر فريادي کي حق آهي. انصاف عدالت ڪندي. پ پ جي نئين سيڪريٽري جنرل احمد مختار ۽ آفتاب شيرپائو الزام هنيو آهي ته مسلم ليگ حڪومت انتقامي ڪاررواين جو آغاز ڪيو آهي. ڏيڍ سال پراڻو ڪيس داخل ڪرڻ جو مقصد بينظير کي سياست مان ڀڄائڻ آهي. اسان اڄ کان 2 سال اڳ جون جيڪڏهن اخبارون کڻي ڏسون ته ميان محمد شريف جي گرفتاري ۽ سندس خلاف داخل ڪيس، نواز شريف خلاف بغاوت سميت هڪ درجن کان وڌيڪ داخل ڪيسن جو جائزو وٺون ۽ ان وقت جي حڪومت (پ پ حڪومت) جي وزيرن جا بيان پڙهون ته اهو پتو پوندو ته هن وقت جيڪو پ پ وارن جو موقف آهي اهو نواز ليگ جو هوندو هو ۽ جيڪو هن وقت نواز حڪومت جو موقف آهي اهو پ پ حڪومت جو موقف هو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪم ساڳيو آهي. حڪومت جنهن جي به هجي پر ڪم ساڳي نوعيت جا ٿين ٿا. اهڙو ڪم ڪير ٿو ڪري؟ ان سوال جو جواب حڪومتي مشينري آهي. حڪومتي مشينري هر دور جي وزيراعظم جي 3 کان 5 ويجهن ماڻهن جي هٿن ۾ هوندي آهي. جڏهن بينظير ڀٽو وزيراعظم هئي ته انهن 3 کان 5 ماڻهن جي حلقي ۾ مسعود شريف، احمد صادق، اجلال حيدر زيدي وغيره شامل هئا. جن جو هيڊ آصف زرداري هوندو هو... انهن ماڻهن جي اجازت سان نواز شريف خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪري وري واپس وٺي حڪومت جي بدنامي ڪرائي وئي ۽ نواز شريف کي مقبول ڪرايو ويو. خالد گهرڪي کي به انهيءَ ئي مشينري را جو ايجنٽ قرار ڏياريو وغيره. ساڳي طرح اڄڪلهه ساڳي مشينري اهو ئي ڪم پئي ڪري. هن وقت وزيراعظم نواز شريف جي گرد به 3 کان 5 وارو گروپ ٺهي چڪو آهي جنهن ۾ سينيٽر سيف الرحمان. انور زاهد، اسحاق ڊار وغيره شامل آهن. جيڪي هر حوالي سان هر ڪم هلائي رهيا آهن، جن جو هيڊ شهباز شريف ٻڌايو وڃي ٿو.
    ٻنهي ڌرين جي ڪم ۾ فرق اهو آهي ته بينظير دور ۾ اهڙين ڪاررواين جي شروعات ڏيڍ سال بعد ٿي پر نواز دور ۾ ان ڪم جي شروعات ڏيڍ مهيني کان پوءِ ئي ٿي ويئي آهي ۽ ان ڏيڍ مهيني جي عرصي ۾ نه صرف ايم اين اي، پر نواز جا ويجها دوست به پريشان آهن ته ٿئي ڇا پيو؟ هڪ فرق اهو به آهي ته پ پ دور ۾ سندن افعالن سبب ميديا وٽ هنن لاءِ سافٽ ڪارنر نه هو پر نواز دور ۾ ساڳي نوعيت جا ڪم شروع ٿيڻ جي باوجود ميڊيا وٽ پ پ بدران نواز ليگ لاءِ ئي سافٽ ڪارنر آهي. ان ۾ اڃا تائين محترمه ۽ سندس ٽيم جو عمل دخل آهي جيڪي ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ بلڪل نااهل ثابت ٿيا آهن. شايد ان جو سبب اهو هجي ته پ پ وارا اڃا پاڻ کي حڪمراني واري ڪوريئڙي جي ڄار ۾ ڦاٿل سمجهندا هجن.
    اقتدار جي ايوانن ۽ سياسي سازشن جي شهر اسلام آباد جي اهم حلقن ۾ اها ڳالهه به بحث جو موضوع بڻيل آهي ته آصف زرداري آزاد ٿي رهيو آهي ۽ بجيٽ کان اڳ هو ٻاهر اچي ويندو. ان ڏس ۾ ابتدائي طور مخدوم امين فهيم ۽ چوڌري شجاعت ۾ 2 ملاقاتون به ٿي چڪيون آهن. نواز حڪومت جنهن جي وڏي مينڊيٽ واري ڀت بيٺل ئي احتساب جي نعري تي آهي تنهن کي ڊهڻ کان بچائڻ لاءِ شايد اها ڪوشش ٿيندي هجي ته آصف جي ٻاهر اچڻ کان اڳ محترمه کي نشانو بڻايو وڃي، جيئن مڙئي راڳ، هلندو رهي، ڇو ته جنهن ڏينهن احتساب واري بوتل مان نواز حڪومت هٿ ڪڍيو ان ڏينهن سندس زوال، جي ابتدا شروع ٿيندي. آصف خلاف انتها جي ڪوشش جي باوجود حڪومت کي ثبوت هٿ اچي نه سگهيو آهي ۽ حڪومتي ڌر وارن جو چوڻ آهي ته اسان زرداري کي سياڻو ڪو نه سمجهندا هئاسين پر هن ڪم اهڙو ڪيو آهي جو نشان ئي نٿو ملي. هر ڪم زباني ٿيل آهي. اهڙي صورت ۾ حڪومت ڇا ڪري؟ بهتر اهو ئي آهي ته ڪنهن جي معرفت هن تي ٿورو ڪيو وڃي. نواز شريف اهو ٿورو آصف تي ڪرڻ چاهي يا نه پر ڪجهه ڌريون نواز جي 3 کان 5 واري ٽولي معرفت اهو ڪم ڪرائڻ چاهين ٿيون، جيئن نواز شريف کي اخلاقي طور شڪست ڏجي. ڇو ته اليڪشن مهم دوران هر جلسي ۾ نواز شريف اهو چئي ماڻهن کان ووٽ ورتا ته هو سري محل نيلام ڪندو. زرداري کان قومي دولت واپس وٺندو. نواز ليگ جنهن پ پ حڪومت خلاف ڪرپشن جا الزام هڻندي محور آصف کي بڻايو هو ۽ هر اهو ڪم جيڪو هن نه به ڪيو، اهو به سندس کاتي ۾ وڌو هو. ساڳيو زرداري جيڪڏهن نواز حڪومت جي ابتدائي 6 مهينن ۾ باعزت بري ٿي ويو ته نواز حڪومت جي اخلاقي طور حيثيت ڪهڙي رهندي؟ هن وقت اها ڳالهه جيتري معمولي ٿي لڳي، اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ بعد ايڏو وڏو طوفان برپا ڪندي جنهن ۾ گهڻو ڪجهه لڙهي ويندو.
    مرتضيٰ ڪيس جي حوالي سان ٽربيونل آڏو بيان ڏيڻ جو ڪنهن وقت ۾ ارادو رکندڙ اڳوڻو فوجي ۽ پ پ دور ۾ انٽيليجنس بيورو جو عملدار ميجر (ر) نثار بخاري به اسلام آباد ۾ آهي. مسعود شريف نثار بخاري جو آرمي جي ملازمت ۾ جونيئر هو پر آءِ بي ۾ سندس باس هو. مون کي جڏهن نثار بخاري جي برطرفي واري معاملي جي خبر پئي ته هن سان ملاقات جي ڪوشس ڪيم. هڪ دوست جي معرفت مليس. هن مسعود شريف جي ڪارنامن تان جيڪو پردو کنيو اهي انتهائي خوفناڪ معاملا هئا پر اها ڪچهري آف دي رڪارڊ هئي تنهن ڪري صحافتي بدديانتي ڪرڻ مناسب ناهي. هتي سندس ڪچهري جو مختصر آن رڪارڊ احوال پيش ڪجي ٿو: ”مان (نثار بخاري) پ پ وارن لاءِ نوڪري وڃائي، زندگي برباد ڪئي پر جڏهن هو اقتدار ۾ آيا ته لفٽ ئي نه ڪرايائون. مشڪل سان آءِ بي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڀرتي ڪيائون پر علي سوناري سميت مختلف ماڻهن خلاف ”را“ جي ايجنٽ ۽ ملڪ دشمن هئڻ بابت فائيل تيار ڪرڻ لاءِ چيو ويو، جن ۾ ڪافي محب وطن ماڻهو به هئا. مون انڪار ڪيو ته هنن نوڪري جو ڪانٽريڪٽ پورو ٿيڻ کان 3 مهينا اڳ بنا اطلاع برطرف ڪري ڇڏيو. مون مرتضيٰ قتل ڪيس جي حوالي سان انٽيليجنس بيورو جي نااهلي بابت ٽربيونل آڏو بيان ڏيڻ لاءِ ٽربيونل کي خط لکيو جيڪو خبر ناهي ان کي مليو يا نه پر مون کي طلب نه ڪيو ويو.“ هٿ اکرن سان لکيل اهو ميجر(ر) نثار بخاري جو خط اڃا اسلام آباد ۾ پيو ڦري جنهن مان خطن جي سينسر ٿيڻ جو پتو پوي ٿو ته ايجنسيون ڪيئن ٿيون خط سينسر ڪن. جڏهن ته آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن جي اها سڌي سنئين خلاف ورزي آهي. بهرحال عام شهرين کي ڪير ٿو پڇي. هن ملڪ ۾ ته ججن جا فون به ٽيپ ٿيندا آهن. بقول محترمه جي ته سندس وزارت عظميٰ وارن ڏينهن ۾ هن جا به فون ٽيپ ٿيندا هئا. اڄڪلهه نثار بخاري مرتضيٰ قتل ڪيس جي سلسلي ۾ ٽربيونل آڏو پيش ٿيڻ وارو ارادو مٽائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو نه آءِ بي خلاف بيان ڏيڻ گهري ٿو ۽ نه وري مسعود شريف يا آصف زرداري خلاف، خاموشي سان زندگي گهارڻ لاءِ سٽون سٽي رهيو آهي.
    جيتوڻيڪ فاطمه ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي گلزار هائوس ۾ ٿيل ملاقات کي 3 هفتن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي پر ملاقات جي حوالي سان هتان جي حلقن ۾ اڄڪلهه نئين خبر اها بحث هيٺ آهي ته ملاقات دوران فاطمه نصرت ڀٽو سان اڪيلائي ۾ ملڻ چاهيو پئي پر سندس اڪيلائي ۾ ملاقات واري خواهش پوري نه ٿي سگهي. محترمه بينظير ڀٽو ٻنهي ملاقاتن دوران موجود هئي. ان موقعي تي محترمه ۽ فاطمه وچ ۾ فوزيا متعلق به ڳالهه ٻولهه ٿي هئي جيڪا فاطمه جي ماءُ آهي، جنهن تي فاطمه ڪاوڙجندي فوزيا سان ملڻ کان انڪار ڪندي غنويٰ سان گڏ رهڻ بابت پنهنجي پڦي کي چٽو چئي آئي هئي. ٻنهي وچ ۾ ڪجهه گرم سرد ڳالهيون به ٿيون هيون پر وڌيڪ خدا بهتر ٿو چاڻي.
    وزيراعظم نواز شريف جي حڪم تي تازو 89 ڪرپٽ آفيسرن کي معطل ۽ 2 کي برطرف ڪيو ويو آهي. معطل ٿيلن کي وضاحت لاءِ اسڪروٽني ڪاميٽي آڏو پيش ٿيڻو آهي جنهن ۾ مجيد ۽ سينيٽر سيف الرحمان به هوندا. اها ڪاميٽي خبر ناهي ڪهڙي معيار هيٺ انهن ڪامورن تي ڪرپٽ يا ايماندار هئڻ جا ٺپا هڻي سرٽيفڪيٽ ڏيندي. آيل خبرن موجب ڪجهه آفيسرن 5 کان 12 ڪروڙ رپيا به پاڻ بچائڻ لاءِ آڇيا آهن ڏسون ته ڪاميٽي ڪهڙو ڪارنامو ٿي سرانجام ڏئي.
    ڪرپشن جي الزامن وارن ڪامورن جي لسٽ ٺاهبي ته شايد ئي ڪو بچندو پر پهرين لسٽ ۾ 451 ڪرپٽ ڪامورا شامل هئا. جن مان موجوده حڪومت صرف 91 نالن تي نشان لڳايا، باقي 360 کي ڇڏيو ويو؟ اهو صوابديد ڪنهن استعمال ڪيو؟ يقينن انهن 3 کان 5 واري ٽولي جي همراهن ڪيو هوندو جيڪڏهن اهڙو احتساب ٿيندو رهيو ته پوءِ ان احتساب کي ڪير به احتساب نه پر هر ڪو انتقام سڏيندو. بلوچستان جي گورنر عمران الله کي هٽائڻ ۽ سندس جاءِ تي قائم مقام گورنر مقرر ڪرڻ مسئلي کان وٺي اهم عهدن تي ڪم ڪندڙ صدر لغاري جي سلام دعا وارن همراهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سبب ايوان صدر وارو فضل الاهي جهڙو صدر لغاري موجوده حڪومت لاءِ جيڪو سافٽ ڪارنر هو اهو هن ختم ڪري ڇڏيو آهي يعني اڄڪلهه صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ڪي سٺا تعلقات نه آهن. ڇو ته حڪومت ڄاڻيندي به فخر زمان کي اڪيڊمي آف ليٽرس جي چيئرميني تان هٽائي ڇڏيو. نيشنل بئنڪ جي صدارت تان ابو سعيد اصلاحي کي نه صرف هٽايو پر ڪنهن سبب معطل به ڪيو ويو. مطلب ته ڄاڻي واڻي اهڙا قدم کڻڻ سان صدر لغاري جي دل تي ڇا گذريو هوندو؟ هونئن ته مڙئي خير آهي. کڻي صدر صاحب چپ به ڪري پر نوڪرين مان برطرف ٿيل اهي لوٽا ڪامورا روز ٿا صدر لغاري کي چون ته ”سائين ڪجهه نه ڪجهه ڪر، نه ته هي توکي به لوٽو بڻائي چلتو ڪندا.“ اهڙا جملا ٻڌي ٽي مهينا اڳ تائين واري مڪمل بااختيار رهندڙ صدر جي ڇا حالت هوندي.
    اڄڪلهه واقعي جيڪڏهن ڏسبو ته هڪ ئي وقت نواز شريف مختلف محاذن تي جنگ شروع ڪئي آهي بيورو ڪريسي سان، پنهنجي اهم ساٿين ۽ ايم اين ايز کي ڪجهه نه ڏيڻ سبب صدر سان کيس ڪرڻ، سياسي مخالفن خلاف ڪارروايون ڪرڻ، حامي ڌرين سان اچائڻ ۽ آسرا ڏئي ڪم هلائڻ ، نواز شريف کي سمورن محاذن تي ويڙهائيندڙ سندس سڄڻ نٿا ٿي سگهن بهرحال اها هو پاڻ به ڄاڻندو هوندو ۽ ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي؟
    (15 اپريل 1997ع)


    حميد جتوئي، پريس بابو غلام حسين ۽ ايڊز

    حميد جتوئي، پريس بابو غلام حسين ۽ ايڊز

    ڪالهه صبح جو ننڊ مان اٿڻ بعد 30-8 تي صبح جو نيراني اخبارون ڪرڙي نظر مان ڪڍندي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي نيويارڪ مان ڏنل بيان تي نظر پئي ته ننڊاکڙين اکين جا نشا اڏامي ويا. محترمه بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان جي 5 اخبارن جا مالڪ ۽ ڪجهه صحافي ايجنسين لاءِ ڪم ڪندا آهن. اخبارون ڪوڙ لکنديون آهن ۽ متعصب آهن وغيره وغيره. سندس هي جملا ته اڳ ۾ ئي ٻڌل هئا پر اڄ سندس واتان نئين ڳالهه ٻڌي حيرت ٿي ته اڃا شايد هوءَ ميڊيا لاءِ ڪو سافٽ ڪارنر پيدا نه ڪري سگهي آهي ۽ ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ ۾ خبر ناهي ڪهڙي قباحت محسوس پئي ڪري ته اڄوڪي ميڊيا 10 سال اڳ واري ميڊيا نه رهي آهي جنهن جي محترمه ڪمزوري بڻيل هئي ۽ محترمه جي نيوز ميڪر واري حيثيت هئي.
    محترمه جي بيان بعد جڏهن قومي اسيمبلي ۾ پهتاسين ته اتي زرعي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۽ زميندارن کي رعايتون نه ڏيڻ ۽ زرعي شعبي ۾ قرضن تي 6 سيڪڙو وياج مقرر ڪرڻ بابت رٿ تي بحث شروع ٿيو. لڳ ڀڳ 200 ميمبرن جي حمايت واري حڪومت جي صفن ۾ ان وقت ٽاڪوڙو پئجي ويو جڏهن سنڌ پنجاب جا زميندار هڪ ٿي ويا ۽ پنهنجي طبقي جي مفادن جي تحفظ واري فرض جي ادائيگي ۾ ايترو ته جذباتي ٿي ويا جو پنهنجي ئي حڪومت ۽ خاص ڪري سرتاج عزيز کي ڇنڊ پٽيائون. ان موضوع تي بحث دوران سنڌ جي سفيد مٿي واري بزرگ ايم اين اي عبدالحميد خان جتوئي دانهن ڪئي ته زميندار طبقو غريب ۽ مظلوم آهي. هنن وٽ وسيلا ناهن ۽ ايترو پئسو ناهي جو پريس وارن کي ڏين ته جيئن هو سندن مسئلا اخبارن ۾ اٿارين. بحث زراعت تي پئي هليو گاريون پريس کي ملي رهيون هيون. ان دوران عبدالحميد جتوئي وري پنهنجي طبقي جي مفادن جي تحفظ ڏانهن موٽيو. ان مهل اوچتو صحافين ڄڻ ته ٽاهه کاڌو ڪن چيو ”واڪ آئوٽ ڪيو“ ڪن چيو ”ڇوڙو يار سنڌي بڊا هي. ڀڙاس نڪالني دو“ عبدالحميد خان 65ع کان اسيمبلين ۾ اچي پيو ۽ تمام سينيئر پارليامينٽيرين آهي. سندس واتان اهي لفظ سونهن ڪو نه پيا پر الائي ڪيئن هو انهيءَ لائين تي هليو ويو.
    زميندارن کي مظلوم سڏيندڙ جتوئي صاحب کي شايد نجي جيل رکندڙ ظالم زميندار ياد ڪو نه هئا يا صحافين جا مٿا ۽ مڇون ڪوڙائيندڙ وڏيرا ياد ڪو نه هئا. هارين کي ڪتن ۽ سوئرن جي ڪوٽن ۾ اڇلائي قهر ڪندڙ وڏيرن جا قصا به شايد کانئس وسري ويا هئا. ٺيڪ آهي هو پاڻ کڻي شريف زميندار هوندو پر پوري طبقي کي مظلوم بڻائي جنهن نموني هن منظر ڪشي ڪئي پئي تنهن ۾ هن وڌاءُ کان ڪم پئي ورتو.
    ڇا جتوئي صاحب ڪنهن هڪ به صحافي جو نالو ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو هن وٽ خبر شايع ڪرڻ لاءِ پئسا گهرڻ ويو هجي؟ جيڪڏهن ڪو آهي ته ان گندي ڪردار کي کيس ظاهر ڪرڻ کپندو هو ۽ ان کي ئي ٽارگيٽ بڻائڻ کپندو هو، چند اهڙن ڪڌن ڪردارن وارن جي ڪري سمورن جو پٽڪو لاهڻ واري سندس انداز تي احتجاج ڪرڻ جو هر شريف ۽ پروفيشنل صحافي کي حق آهي. سندس چوڻ مان ته اهو تت نڪتو ته زميندار سمورا شريف ۽ مظلوم آهن باقي صحافي ۽ ٻيا خراب آهن. جيڪي ماڻهو پاڻ پنهنجي لاءِ سچ به ٻڌي نه سگهن انهن کي ٻين کي به سچ چوڻ جو حق ناهي. سچ ته ٺهيو پر الزام هڻڻ ته اخلاقي ڏوهه ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. جڏهن بحث زراعت جو ٿو هلي ته اوهان ان تي ڳالهايو جيڪڏهن ڪنهن کي نٿا چئي سگهو ته ان جي کاتي جون گاريون ٻين کي ڏيڻ ٺيڪ ڪونهي. ”ڪيڏانهن منهن مريم جو ڪيڏانهن ٽنڊوالهيار“ قومي اسيمبلي جي ڪالهوڪي ڪارروائي جي خاص ڳالهه مسلم ليگين وچ ۾ طبقاتي مفادن تي پيدا ٿيل اختلاف ۽ ٻه واضح گروپ اُڀرڻ به آهن. زميندار هڪ پاسي ۽ صنعتڪار ٻئي پاسي ٿي ويا. اهو طبقاتي مفاد جيڪو ابتدائي ڏينهن ۾ ئي ايترو اڀري پيو آهي اهو اڳتي هلي ڪنهن به وقت ڪنهن فارورڊ بلاڪ جهڙي پارلياماني ٻار کي جنم ڏئي سگهي ٿو. ڪالهه جڏهن ميان زمان، حميد جتوئي ۽ صديق ڪانجو سميت زميندار لڏي وارا ليگي ايم اين اي صنعتڪارن جي هينئين تي مڱ ڏري رهيا هئا تنهن مهل وزيرن جون وايون بتال ٿيل هيون پر هو زميندارن جي ڪاوڙ ڏسي ماٺ رهيا پر کين ڪاوڙ وچان ڪنڌ ڦيرائي گهوريندا ضرور رهيا.
    ڪالهوڪي اجلاس ۾ اٽي واري بحران تي جڏهن بحث شروع ٿيو ته نويد قمر، سيد خورشيد شاهه، ستار لغاري ۽ ٻيا پي پي ميمبر اٿيا ۽ گوڙ ڪندي اهي نعرا هڻڻ شروع ڪيائون ته اٽو ڪير کائي ويو؟ جواب ڏيو! الاهي بخش سومرو جيڪو پرائمري استاد جيان اسيمبلي ميمبرن کي ماٺ رهڻ جا دڙڪا ڏيندو آهي. اهو ڪالهه خورشيد شاهه ۽ نويد قمر جون نڙي ڦاڙ رڙيون ڪو نه ٻڌي سگهيو ۽ جذبات ۾ اچي 10 منٽ اجلاس جي ڪارروائي ملتوي ڪري ڪاوڙجي ٻاهر هليو ويو. ٿڌي طبيعت وارو سومرو صاحب خبر ناهي خورشيد شاهه جهڙي شريف ماڻهو جي ٺلهين هڪلن تي ڪيئن اشتعال ۾ اچي ڪرسي ڇڏي هليو ويو. هن مرحلي تي يوسف رضا گيلاني کي ياد ڪرڻ گهرجي جنهن 60 ميمبرن واري اپوزيشن جي شير علي ۽ شيخ رشيد جهڙن ايڪسپريس زبان وارن ماڻهن کي منهن ڏنو. انهن ڏينهن ۾ جيڪڏهن ”آءِ بي“ هجي ها ته شايد روئي پوي ها. سندس جذباتي ٿيڻ ۽ تپڻ واري طبعيت جي ڪمزوري جو پ پ وارا ڏيڍ درجن ماڻهو ضرور فائدو وٺندا ۽ هر دفعي کيس چيڙائي مفت ۾ خبرون ٺهرائيندا. ان ڳالهه جو احساس شايد سومرو صاحب کي ٿڏي تي ٿي ويو هو جو بعد ۾ سڀني سان ڏاڍو محبت سان پيو ڳالهائي.
    قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جوابن جي ساهي مهل لکت ۾ بابو غلام حسين جي پڇيل سوال جو جواب مزيدار هو. ٺٽي مان چونڊيل هن پ پ جي ايم اين اي بابت ماڻهو الائي ڇاڇا چوندا آهن مثال طور شريف ماڻهو آهي. خدمتگذار آهي وغيره وغيره، تنهن جو سوال پڙهي حيرت ٿي جنهن ۾ هن پڇيو ته معاشري مان ايڊز جو مرض ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڪهڙا اپاءَ ورتا آهن ۽ ڪٿي ڪٿي معلوماتي مرڪز قائم ڪيا آهن. گهڻ رخي هن شوقين بابت هن سوال بعد سندس ويجهن حلقن ۾ ڪيترائي سوال اٿن پيا بهرحال وري به عوام جي فائدي جو سوال ڪيو اٿائين. خيرپور جي نوجوان جيلاني سيد فضل شاهه کان ته پوءِ به سٺو جيڪو هميشه چترال ۽ فاٽا جي ڳوٺن ۾ ناليون ٺاهڻ ۽ اسلام آباد جي گهرن جا گٽر بند هئڻ بابت سوال پڇندو آهي.

    (18 مئي 1997ع)


    اٽي جي اوچتو اڻلڀ ٿيڻ پٺيان ڪهڙا اسرار آهن؟

    اٽي جي اوچتو اڻلڀ ٿيڻ پٺيان ڪهڙا اسرار آهن؟

    اٽي جو بحران جيڪو اڄڪلهه ملڪ ۾ ملي رهيو آهي اهو پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ پنهنجي نوعيت جو سنگين ترين بحران آهي، جنهن نواز شريف جي تاريخي مينڊيٽ واري حڪومت کي واچوڙي جيان وڪوڙي ڇڏيو آهي. اڪنامڪ سروي 95-96ع مطابق 94-95ع دوران ملڪ ۾ 82 لک هيڪٽيئر (2.471 ايڪڙ هڪ هيڪٽيئر برابر هوندو آهي) ايراضي تي پوکيل ڪڻڪ جي فصل جي پيداوار هڪ ڪروڙ 70 لک ٽن هئي. 95-96ع دوران به 82 لک هيڪٽيئر ڪڻڪ پوکي وئي پر پيداوار جو اندازو هڪ ڪروڙ 74 لک ٽن لڳايو ويو. 4 لک ٽن وڌيڪ پيدا ٿيڻ جو آسرو سٺو ٻج استعمال ڪرڻ سبب هو پرسينيٽ ۾ ڏنل اعجاز جتوئي جي بيان مطابق ٻاهران گهرايل ڪڻڪ جو سٺو ٻج يوسف ٽالپر ۽ اهم پ پ اڳواڻن جي زمينن ۾ پوکيو ويو هو. 96-97ع دوران ڪڻڪ جي83 لک هيڪيٽيئر تي پوکي وئي آهي ۽ پيداوار جو اندازو هڪ ڪروڙ 76 لک ٽن آهي. اهو اندازو درست ثابت ٿيندو ڇو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ کي آخري پاڻي، پاڻي جي کوٽ سبب نه ملي سگهيو مٿان وري پڪل ڪڻڪ تي پهرين تازي برسات سبب نقصان رسيو ۽ باراني علائقن ۾ پوکيل ڪڻڪ به وقت سر برسات نه پوڻ سبب گهٽ پيدا ٿيندي.
    ڪڻڪ جي بحران جو سڀ کان وڏو سبب ڪڻڪ جي چرپر تي لڳايل پابندي هٽائڻ آهي. پ پ دور ۾ اها پابندي برقرار هئي پر نواز حڪومت اچڻ سان اها هٽائي ڇڏي جنهن جو پس منظر اهو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي جو نواز شريف تي دٻاءُ هو ته پابندي هٽايو ۽ افغانستان ڪڻڪ موڪلڻ جي اجازت ڏيو جيئن بک مرندڙ افغانين جي مدد ڪري سگهجي. هڪ اندازي موجب 15 لک ٽن ڪڻڪ ۽ اٽو افغانستان اسمگل ٿي چڪو آهي ۽ ڪيترن ئي پيشور واپارين ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن. ڪسان ڪانفرنس کي خطاب دوران نواز شريف واضح طور اهو چيو هو ته اسان 14 ڪروڙ پاڪستانين جي خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ سان گڏ هڪ ڪروڙ افغانين جو بندوبست ڪنداسين ۽ ايئن سمجهنداسين ته پاڪستان جي آبادي 15 ڪروڙ آهي. وزيراعظم جي ان واضح اعلان بعد پاڪستاني ڪڻڪ افعانستان ڏانهن اسمگل ٿيڻ ۾ شڪ جي تر جيتري به گنجائش نه ٿي رهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته افغانين کي خوش ڪرڻ ۽ سندن موجوده صورتحال ۾ پاڪستان جي لابي لاءِ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ نواز حڪومت ”فلور ڊپلوميسي“ (اٽي واري سفارتڪاري) شروع ڪئي آهي.
    اٽي جو بحران ايڏو وڏو سنگين آهي ته هر هنڌ بحث جو موضوع بڻيل آهي ان ڏس ۾ گريڊ 20 هين جي هڪ سينيئر بيورو ڪريٽ سان ڪچهري ٿي. هن عجيب ڳالهه ٻڌائي جيڪا موجوده حالتن سان مطابقت به رکي ٿي. هن جو چوڻ هو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت 185 رپيا في مڻ مان وڌائي 240 رپيا ڪرڻ واري فيصلي کان اڳ هٿرادو طور مارڪيٽ مڪينزم ذريعي ڪڻڪ ۽ اٽو اڻلڀ ڪرائي قيمت وڌائڻ جو جواز پيدا ڪيو ويو. ان ڳالهه کي جيڪڏهن ڪالهوڪي بيگم عابده حسين جي پريس ڪانفرنس ۾ چيل ڳالهه سان ڀيٽو ته سچي لڳندي جنهن ۾ خوراڪ ۽ زراعت جي هن پهرين عورت وزير چيو ته اٽي جو بحران 4 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندو پر قيمتون گهٽائڻ مشڪل آهي. اليڪشن مهم دوران شايد ڪو جلسو اهڙو هوندو جنهن ۾ نواز شريف اهو نه چيو هجي ته اسان جي دور ۾ ماني اٺ آني ۾ ملندي هئي بينظير دور ۾ ڏيڍ رپئي ماني ٿي وئي. اهي ڳالهيون ماڻهن کان اڃا وسريون ناهن ۽ ميان صاحب پنهنجي ڏيڍ مهيني جي دور ۾ بينظير واري ڏيڍ رپئي ملندڙ ماني 3 رپيا ڪئي آهي اسلام آباد جي تندورن جي اگهه موجب)
    زراعت متعلق ڏنل پيڪيج جو يقينن هارين کي فائدو ٿيندو پر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هو واپارين کي پابند بڻائي ته جيتري سيلز ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ريگيوليٽري ڊيوٽي ۾ ڇوٽ ڏني وئي آهي، ان حساب سان زرعي دوائن، ڀاڻ ۽ ٻج جا اگهه به گهٽائين. مشينري تي ڊيوٽي گهٽ ٿيڻ سان حڪومت جي اعلان موجب ٽريڪٽرن ۽ لاباري جي مشينن جا اگهه 50 هزار گهٽجڻ گهرجن ها پر هتان جي منافعي خور واپارين صرف 3 کان 9 هزار جا اگهه گهٽايا آهن. ان پيڪيج تي جيڪڏهن عمل ٿي وڃي ته ايندڙ سال ملڪ ۾ 83 لک هيڪيٽيئر بدران 85 لک هيڪٽيئر تي ڪڻڪ پوکبي ۽ ايندڙ سال ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪرڻي پوندي جنهن سان نواز حڪومت جا 600 ملين ڊالر بچندا. اها رقم قرض لاهڻ ۾ ڪم ڏيندي ڇو ته اها رقم پوري قوم جي ڏنل چندي کان ٽيڻ تي آهي. اها ڳالهه يقينن سرتاج عزيز ۽ ميان نواز شريف جي ذهنن ۾ به هوندي.
    پاڪستان ۾ في هيڪٽيئر 52.5 ٽن ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي. جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ في هيڪٽيئر گهٽ پيداوار آهي. هڪ ته اسان کي في هيڪٽيئر پيداوار وڌائڻ لاءِ شارٽ ڪٽ رستا ڳولڻا پوندا ٻيو ته ڪڻڪ جي پوکي واري ايراضي به وڌائڻي آهي. مناسب امدادي اگهه مقرر ڪرڻ بعد هارين لاءِ ڪڻڪ وڌيڪ پوکڻ جو سبب پيدا ٿيو آهي ڇو ته کين کليل مارڪيٽ ۾ 270 رپيا في مڻ کان وڌيڪ اگهه ملي سگهي ٿو. جڏهن حڪومت 185 رپيا في مڻ ڪڻڪ وٺندي هئي ته کلي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 220 رپيا ۽ ان کان وڌيڪ هو تنهنڪري مستقبل ۾ به اهڙي امڪاني صورتحال کي رد نٿو ڪري سگهجي.
    اڄڪلهه هلندڙ ڪڻڪ جو بحران حقيقت ۾ عيد کان اڳ ختم ٿي ويندو. اڳ ۾ پاڪستان ۾ ڪڻڪ جو اگهه گهٽ هئڻ سبب سنڌ ۽ پنجاب جي ڪڻڪ بارڊر ذريعي ڀارت، بلوچستان مان ايران ۽ سرحد مان افغانستان اسمگل ٿيندي هئي ڇو ته پاڪستان جي اگهه کان ڀارت ۾ ڏيڍوڻ، ايران ۾ ٽيڻ ۽ افغانستان ۾ ڇهوڻ تي اگهه وڌيڪ هئا. ان صورت ۾ اسمگلنگ کي ڪير ٿو روڪي سگهي. بقول ظفرالله جمالي جي ته سرحد ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن جي لکين ماڻهن جي پيٽ پالڻ جو اڪيلو ذريعو اسمگلنگ آهي.
    افغانستان ڏانهن ڪڻڪ موڪلي وڌيڪ ڪمائي ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته هو انساني بنيادن تي اسمگلنگ پيا ڪن. ڪالهه جڏهن مولانا فضل الرحمان ۽ پ پ جي حامي مولوي پٺاڻن کي ڪڻڪ ۽ اٽو افغانستان موڪلڻ جا پرمٽ مليا ته ويچارن جو جيئڻ حرام ٿي ويو هو ۽ مولانا فضل الرحمان کي هڪ اخبار پرمٽ الرحمان ۽ مولانا ڊيزل لکڻ شروع ڪيو پر اڄ عوامي نيشنل پارٽي جا پٺاڻ جڏهن ساڳيو ڪم پيا ڪن ته ڪوئي ڪجهه چوي ئي نٿو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ گذريل هفتي کان روز اٽي جي بحران تي بحث ٿيندو رهيو. اجلاسن ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته فاٽا ۽ سرحد جا پٺاڻ نمائندا پنهنجي لاءِ ته ڪڻڪ ۽ اٽو داٻن سان گهرن پيا پر افغانستان جي به کلم کلا وڪالت ڪري رهيا هئا پر کين ڪنهن ڪو نه ٽوڪيو. عبدالحئي بلوچ ٿورو ڳالهايو ته پٺاڻن سان گڏ وزارتن جي چڪر ۾ ويٺل ليگي ٻروچ ۽ پنجابي سندس منهن پٽي ويا. جنهن بعد نه ڪنهن حئي بلوچ جي حمايت ڪئي نه وري هن مسڪين خود ئي زور ڏنو. مجبور ٿي کيس اڱاري ڏينهن واري اجلاس ۾ چوڻو پيو ته اسان لاءِ پٺاڻ ۽ پنجابي عوام به ايترو احترام لائق آهي جيترو بلوچ عوام پر... هن اڃا جملو ئي پورو نه ڪيو ۽ ڪجهه چوڻ چاهيو پئي ته سڀني زور سان ڊيسڪ وڄائي کيس داد ڏنو ۽ حئي بلوچ کان ڊيسڪن جي دٻڪن ۾ ”پر“ کان پوءِ واري ڳالهه چوڻ ئي وسري وئي.
    اٽي جي بحران تي پ پ وارن کي سٺو موقعو هو احتجاج ڪرڻ جو، ان معاملي کي اشو بڻائڻ جو، پر هو پنهنجي آصف کي ڇڏاڻ واري ون پوائنٽ ايجنڊا کان اڳتي نه وڌيا. جيتوڻيڪ هنن رسمي احتجاج ته ڪيو پر ان ۾ اها گرج نه هئي جيڪا هجڻ گهرجي. شايد پ پ وارا اليڪسن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو عوام کان پلاند وٺي رهيا هجن. ان ڏس ۾ جڏهن هڪ پ پ ايم اين اي سان ڪچهري ٿي ته هن چيو ”يار آهيون 17 ڄڻا اسيمبلي ۾ اچن ٿا 5 ڄڻا، ڳالهايون ٿا ته ڪو ٻڌي ئي نٿو، صحافي به لفٽ گهٽ ٿا ڪرائين. ڇا ڪريون؟“ جڏهن کيس ٻڌايو ويو ته ٺيڪ آهي اسيمبلي ۾ اوهين ٿورا آهيو پر سينيٽ ۾ ته ٺيڪ ٺاڪ آهيو اتي گوڙ ڇو نه ٿا ڪريو؟ اٽي جو ته اهڙو مسئلو آهي جو مسلم ليگ (ن)، ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي کانسواءِ سڀ ڌريون اوهان جو ساٿ ڏينديون ته همراهه بولاٽيون کائڻ لڳو. بهرحال نيت جو به مسئلو هوندو آهي. جيڪڏهن پ پ وارا چاهين ته ڇا هو اٽي جي مسئلي کي ايڪسپلائيٽ نٿا ڪري سگهن؟ جيڪڏهن سياسي مفادن لاءِ نواز ليگ فلور ڊپلوميسي تحت افغانين وٽ نمبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري سگهي ٿي ته پوءِ پ پ وارا عوام سان تعلق بهتر بنائڻ لاءِ فلور ڊپلوميسي واري پاليسي ڇو نه ٿا اختيار ڪن.
    (10 اپريل 1997ع)


    آصف جا سيڪس اسڪينڊلز ۽ پ پ وارن جي پريشاني

    آصف جا سيڪس اسڪينڊلز ۽ پ پ وارن جي پريشاني

    مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي جاچ ڪندڙ عدالتي ٽربيونل جو سربراهه جسٽس ناصر اسلم زاهد اصرار ڪري رهيو آهي ته سندس رپورٽ سرڪاري طور شايع ڪري پڌري ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ هن قانون واري وفاقي وزارت جي سيڪريٽري کي خط پڻ لکيو آهي، جنهن ۾ هن چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت رپورٽ پڌري نه ڪري ته پوءِ اسين رپورٽ لکنداسين ئي ڪو نه، ڇو ته ماضي وانگر جيڪڏهن هي رپورٽ به دٻائي وئي ته ٽربيونل جي ڪارروائي بي ڪار ثابت ٿيندي. جسٽس ناصر اسلم زاهد جي ان قانوني طور جائز موقف کي حڪومت تسليم ڪندي کيس پڪ ڪرائي آهي ته رپورٽ شايع ڪرائي ويندي. جسٽس ناصر اسلم زاهد جيڪو ٻن ڏينهن کان اسلام آباد ۾ هو تنهن ان ڏس ۾ واسطيدار اختيارين سان ملاقاتون به ڪيون. ڏسون ته آصف کي ٽربيونل ڏوهي قرار ڏئي ٿو يا آجو ٿو ڪري. جيڪو ڪجهه به ٿيو اها وڏي خبر هوندي. گادي واري شهر جي سياسي مبصرن ۽ پنڊتن جو خيال آهي ته محترمه بينظير ڀٽو جي سياسي ڪيريئر ٺاهڻ يا خراب ڪرڻ ۾ پڻ هي رپورٽ اهم ڪردار ادا ڪندي، جيڪڏهن آصف کي آجو قرار ڏنو ويو ته اها نه صرف آصف پر محترمه ۽ سندس پارٽي جي اخلاقي فتح هوندي ۽ جيڪڏهن آصف تي ڏوهه ثابت ٿيو ته ان جا منفي اثر پ پ ۽ بي بي تي ايترا پوندا جنهن جو في الحال اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي.
    اڄڪلهه ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال به خراب آهي. خاص ڪري سنڌ ۾ ته وري ساڳيو بدامني وارو زور ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ پيو اچي. دهشتگردي ۽ خاص ڪري فرقيوارانه دهشتگردي وڌي وئي آهي ۽ اهو ئي سبب آهي ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ نئون قانون متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. ان جو ڊرافٽ به تيار ٿيو پر عوامي نيشنل پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي مخالفت سبب اهو ڊرافٽ منظور نه ٿي سگهيو. هن ڊرافٽ ۾ اهو به هو ته دهشتگردن کي هڪدم سزا ملندي ۽ عدالت 30 ڏينهن اندر دهشتگردن کي سخت سزا ڏيڻ جي پابند هوندي. دهشتگردي ۾ ملوث ملزم جي ضمانت نه ٿيندي ۽ دهشتگردن جي ملڪيت ضبط ڪئي ويندي وغيره وغيره. اهو قانون جڏهن حڪومت جي حامي ڌرين جي قانوندانن تي مشتمل ڪاميٽي آڏو ويو ته ان مهل ايم ڪيو ايم جي آفتاب شيخ گوڙ ڪيو ته هن قانون ۾ اها شق به شامل ڪريو ته رياستي دهشتگردي ۾ ملوث فورسز جي اهلڪارن کي به ساڳي نوعيت جي سزا ملندي. يعني جيڪڏهن پوليس، رينجرز يا ڪنهن ٻي ايجنسي جو اهلڪار دهشتگردي ۾ ملوث هوندو ته ان کي به سزا ڏني وڃي. ان موقف جي اي اين پي وارن به حمايت ڪئي جنهن تي معاملو ڳڙ ٻڙ ٿيو ۽ اجلاس بنا فيصلي ختم ٿي ويو. جنهن بعد خالد انور جنهن جا عدليا سان سٺا ناتا رهيا آهن تنهن چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ نواز شريف وچ ۾ ملاقات جو بندوبست ڪرايو جنهن ۾ ان مسئلي جو وچٿرو حل اهو ڳوليو ويو ته بجاءِ نئون قانون آڻن جي موجوده قانونن ۾ ترميم ڪئي وڃي ۽ دهشتگردن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن. ان لاءِ بقول نواز شريف ۽ خالد انور جي (جيڪو هنن 20 مئي تي پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي) ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه ان ڏس ۾ حڪومت جي مدد لاءِ راضي آهي. ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جيڪڏهن پنهنجي موقف تي قائم رهيا ۽ اهو مڃرائڻ لاءِ زور ڀريائون ته حڪومت لاءِ نئون قانون ته ٺهيو پر موجوده قانون ۾ ترميم ڪرڻ به ڏکيو ٿي پوندو. اسيمبلي مان جيڪڏهن هي ترميمي بل پاس به ٿي ويو ته سينيٽ ۾ مشڪل ٿيندي ڇو ته ان معاملي تي انساني حقن جي اوٽ وٺي پ پ وارا به ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي جي موقف جي حمايت ڪري سگهن ٿا جنهن سان حڪومت لاءِ خراب صورتحال پيدا ٿيندي.
    تازو وزيراعظم سيڪريٽريٽ جي احتساب سيل پاران آصف زرداري کي سيڪس اسڪينڊل ۾ ملوث ڪرڻ بابت جيڪي خبرون اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن تن تي پ پ وارا چڙي پيا آهن ۽ پ پ وارن نواز شريف، شهباز شريف، چوڌري شجاعت، پرويز الاهي ۽ لياقت جتوئي سميت هڪ درجن کان وڌيڪ ليگي ميمبرن خلاف ريفرنس تيار ڪري سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 184 هيٺ داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ريفرنس جي تياري جو ڪم اعتزاز احسن ۽ رضا رباني ڪري رهيا آهن. مبينا طور ڪرپشن ۾ ملوث ليگي اڳواڻن بابت مواد گڏ ڪرڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪردار احمد مختار جيڪو پ پ جو سيڪريٽري جنرل آهي سو ڪري رهيو آهي. گجرات جي چوڌري، بوٽن جي مشهور ڪمپني . ”سروس“ جي مالڪ ۽ تجارت واري سابق وزير احمد مختار ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ صحافين جي مدد پڻ حاصل ڪئي آهي. بلڪل اهڙي طرح جهڙي ريت مسلم ليگ جو خواجا آصف ڪندو هو. سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنس جي پيروي پ پ پاران شريف الدين پيرزادو ڪندو. ريفرنس ۾ عدالت کي اهو به چيو ويندو ته حڪومت، مخالف ڌر جو ميڊيا ٽرائل ڪري کين بدنام ڪرڻ بند ڪري، جيڪڏهن وٽس ثبوت آهن ته عدالتن ۾ ڪيس داخل ڪيا وڃن، ٻيو ته هڪ طرفو احتساب نه ڪيو وڃي. اهو ريفرنس ايندڙ هڪ اڌ هفتي اندر سپريم ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي. عدليا جنهن کي هر قسم جا برا ڀلا لفظ چئي پ پ وارا ان تي تنقيد ڪندا هئا. هاڻي اهي ڦاسڻ بعد رليف لاءِ اوڏانهن ئي واجهائين پيا. ڏسون ته ڇا ٿو ٿئي. سندن ريفرنس سپريم ڪورٽ جي جرسڊڪشن ۾ به آهي يا نه. بهرحال اهو ته عدليا پاڻ فيصلو ڪندي.
    پ پ وارا اڄڪلهه محترمه بينظير ڀٽو جي پريس ڏانهن اختيار ڪيل رويي تي پريشان آهن. هڪ پاسي محترمه اخبارن کي گهٽ وڌ پئي چوي، ته ٻئي پاسي اعتزاز احسن ۽ رضا رباني سميت ڪيترائي ماڻهو صحافين ۽ ايڊيٽرن جي در در وڃي ساڻن پي آر ڪري رهيا آهن. خاص ڪري آصف زرداري جي فلمي اداڪارائن ريما، مديحه ۽ نيلي وغيره سان اسڪينڊلز سبب محترمه ۽ ٻيا پ پ وارا پريشان آهن. محترمه پ پ وارن کي چيو آهي ته اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر حڪومت خلاف ڀرپور محاذ کوليو. ڏسون ته سندن لائين تي ڇا ٿو ٿئي. پ پ جا ڪجهه سنجيده ماڻهو محترمه جي پريس ڏانهن اختيار ڪيل رويي سبب سخت پريشان آهن، هو کيس چون به ٿا ته پريس سان نه اچايو.
    تازو محترمه آمريڪا ۾ 3 يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏيڻ بعد وطن موٽي آهي. هن کي ليڪچرن جو معاوضو مبينه طور 80 هزار ڊالر مليو پر پ پ جو آمريڪا ۾ ويٺل پراڻو لابيسٽ مارڪ سهگل جنهن ليڪچرن جو بندوبست ڪيو تنهن 20 هزار ڊالر ڪميشن ورتي. نه صرف هن پر جنهن ماڻهو هيري واڪر ذريعي هنن ليڪچرن جو بندوبست ڪيو تنهن 20 هزار ڊالر ڪميشن ورتي. جنهن بعد محترمه جي صافي بچت 60 هزار ڊالر (24 لک رپيا) ٿئي ٿي. ايئن هوءَ گهمي به آئي ۽ پئسا به ڪمائي آئي.
    لاهور جي اردو اخبار ”پاڪستان“ جي 11 مئي 1997ع واري اشاعت ۾ خبر آئي آهي ته مارڪ سهگل بينظير ڀٽو جي پوليٽيڪل سيڪريٽري ناهيد خان کي 5 مارچ تي لکيل پنهنجي خط ۾ ڄاڻايو آهي ته بينظير ڀٽو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ هڪ جائيداد جي مالڪ آهي جتي هن نادل اير ون هنڊ سچل سان شراڪتداريءَ ۾ هڪ رهائش گاهه خريد ڪئي آهي. اخبار لکي ٿي ته ان ڏس ۾ جڏهن ناهيد خان سان رابطو ڪيو ويو ته هن چيو ته نادل ايرون بينظير ڀٽو جي دوست آهي ۽ آمريڪا ۾ بينظير انهيءَ وٽ ئي مهمان هئي. اها ڳالهه اخبار پاڪستان جي خبر ۾ به ڄاڻايل آهي ته ڪجهه ماڻهو اهو خط اسلام آباد جي مختلف شخصيتن ۾ ورهائي رهيا آهن. اهڙي هڪ ڪاپي مون کي به هٿ چڙهي آهي جنهن ۾ وڏيون خبرون آهن. هن خط جي البته پ پ وارن ترديد ڪئي آهي ته اهو مارڪ ڪو نه لکيو آهي.
    تازو درٻيلي جو شاهه سائين ظفر شاهه آيو هو ۽ صدر لغاري سان ملاقات ڪري موٽي ويو. 85ع کان وٺي 93ع تائين لڳاتار 4 دفعا ايم اين اي رهندڙ ظفر شاهه هن دفعي هارائي ويو. سندس حلقي وارن جو چوڻ آهي ته هو جوکين کانسواءِ ڪنهن سان ملندو ئي ڪو نه هو. صدر لغاري جي چوڻ تي شهيد ڀٽو جوائن ڪندڙ ظفر شاهه کي سچ ته هن دفعي واقعي ڌڪ اچي ويو. هن کي مٿان جي پڪ هئي ته هو کٽيندو پر سندس آسرن ۾ لاهه پٽجي ويا. همراهه چپ چپات ۾ اسلام آباد آيو، صدر سان ملي ڪراچي هليو ويو. هاڻي ته صبر سان رهڻ ڏکيو هوندو. بهرحال الله هن کي برداشت جي توفيق ڏيندو.
    وزيراعظم نواز شريف تازو بيان ڏنو آهي ته ٽيڪس جي وصولي جو ٽارگيٽ جيڪو 348 ارب رپيا هو ان جي وصولي 280 ارب رپيا به مشڪل سان ٿيندي يعني 68 ارب رپين جو گيپ هوندو. اهڙي فرق سبب ايندڙ بجيٽ ۾ صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي. سندس اهڙي بيان بعد سينيٽر سيف الرحمان جيڪو احتساب سيل جو چيئرمين آهي تنهن وٺ وٺان لائي ڏني آهي ۽ ڊيفالٽرن کان رقمن جي وصولي ۾ مصروف آهي جيئن خسارو ڪجهه گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي. هن شان گروپ جي ملڪ ناصر شان جيڪو ملڪ کان ٻاهر آهي تنهن تي ايترو ته دٻاءُ وڌو آهي جو هو پنهنجي ملڪيت وڪڻي به حڪومت کي هڪ ارب 75 ڪروڙ رپيا ڏيڻ لاءِ تيار آهي. 50 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم هن ادا به ڪئي آهي. ناصر شان هونئن ته پئسي ۽ مرتبي جي لحاظ کان سيف الرحمان کي گاهه ئي ڪو نه وجهندو هو پر اڄڪلهه عتاب ۾ آهي. ڇو ته هن کي خبر آهي ته سيف الرحمان چند سال اڳ مالي طرح ڇا هو ۽ سندس والد جو لاهور ۾ ميڊيڪل اسٽور هو پر نواز شريف جي وڏ وزارت وارن ڏينهن ۾ سيف الرحمان ريڊڪو گروپ آف ڪمپنيز جو مالڪ بڻجي ويو. سيف الرحمان شيرٽن هوٽل جي مالڪ تي به زور وڌو آهي. جنهن به 53 ڪروڙ رپيا ڏئي جيئدان وٺڻ جي آڇ ڪئي آهي، بهرحال جيڪو به آهي، سيف الرحمان بجيٽ جو خسارو گهٽائي پيو.
    (22 مئي 1997ع)


    وڃڻ تت پيوم جت هلڻ ناهي حسن ريءَ

    وڃڻ تت پيوم جت هلڻ ناهي حسن ريءَ

    ٿر ۽ ڏڪار جو تعلق ايئن آهي جيئن جمهوريت ۾ حڪومت ۽ اپوزيشن جو. ٿري سدائين آسوند رهندا آهن، اپوزيشن جهڙي طرح دعا گهرندي آهي ته حڪومت وڃي اهڙي طرح ٿري نيري آسمان تي ڪڪر ڏسي الله کان برسات جي دعا گهرندا آهن. الله سائين به مرضي وارو آهي. اسلام آباد ۾ ته اڻ مندائتا مينهن وسائي ٿو ۽ پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ ساوڪ واري هن شهر ۾ موجود سڪار کي وڌيڪ سونهن بخشي ٿو پر ٿر جهڙي بيابان کي آباد ڪرڻ لاءِ وسڪارو نٿو ڪري. هاڻي جڏهن آهڙ جا ڏينهن شروع ٿيندا ته ٿر جي کير جهڙي سفيد واري ڏينهن جو ايڏي تپي ويندي جو ماڻهو ته ماڻهو پر جانورن جا به هليا بگاڙي ڇڏيندي. چوندا آهن ته غريب ۽ سڃي کان هر ڪو بيزار هوندو آهي پر الله ته ايئن ڪو نه ڪندو آهي. ٿر وارا اٻوجهه ماڻهو جن جو اسلام آباد جي 200 کان 2 هزار گزن جي خوبصورت ۽ آسائش واري زندگي گهاريندڙ ماڻهن کان وڌيڪ الله ۾ يقين هوندو آهي، انهن تي برسات جي مهرباني ڇو نه ٿو ڪري. ڀٽائي جي شاعري ۽ اسلام آباد جي پوش دڪانن تي ٽنگيل ٿر جي ڀرت ۽ هنر کي ڏسي لڳندو آهي ته اتي زندگي ريتون رسمون ۽ ثقافت پنهنجي اصلوڪي ۽ نج حالت ۾ موجود آهي. اها ڳالهه هر ٻه اکر لکندڙ کي اتساهه ڏياريندي آهي ۽ اهو اتساهه کيس ٿر تي قلم کڻڻ تي ۽ پوءِ جڏهن وس پڄندو آهي ته اهو علائقو گهمڻ تي مجبور ڪندو آهي.
    چوندا آهن ته ٿر وسڪاري ۾ ڪشمير جهڙو لڳندو آهي ممڪن آهي ايئن هجي، ان لاءِ شايد ڌار قسمت ٺاهڻي پوندي في الحال گرمين جي شروعات ۾ ٿر ڏسڻ جو وجهه مليو جنهن کي غنيمت ڄاڻيندي حاصل ڪيم. سڄو ٿر بر لڳو پيو هو، واري جون وڏيون ڀٽون هوا لڳڻ سان کِنڊرجي رهيون هيون ۽ واءُ ۾ واري جي دز به هيڏانهن هوڏانهن هلي پئي، ساهه کڻڻ سان ڪجهه ته اندر به وئي پئي. ڪافي عرصي کان گهوٽڪي ضلعي وارو ٿر گهمڻ جو شوق هو نيٺ فقير مولابخش مهر جي ذريعي اها خواهش پوري ٿي. شام جي وقت ڳوٺ آيو اوچتو پروگرام ٺهيو سانجهي مهل منهنجي ڳوٺ عارب مهر مان نڪتاسين ۽ هن جي ڳوٺ 25 ڪلوميٽرن جو اٽڪل پنڌ ڪري خانپور مهر پهتاسين جتي سندس والد شير محمد مهر انتظار ۾ هو. مولابخش چيو ته بابا ڪاوڙ ۾ هوندو توکي ڏسي ٺري ويندو ڪجهه بچاءُ ڪرائجان ۽ بهرحال ٿيو به ايئن، چاچا مون کي ڏسڻ بعد چاهيندي به ڪجهه ڪو نه چيو ۽ تڪڙ ۾ هنن جي ڳوٺ وياسين جتي کيس مولابخش ٻڌايو ته اسين ٿر ٿا وڃون. اسين تترن جي شڪار لاءِ بندوقون ۽ ڪارتوس گاڏي ۾ وجهي نڪتاسين. خانپور شهر مان پيٽرول ۽ پاڻي وٺي روانا ٿياسين. اوندهه ۾ چنڊ جي 15هين رات هئڻ سبب چانڊوڪي هئي. هڪ ڳوٺ ڀر مان ٽپياسين ته مولابخش ٻڌايو ته هي ڳوٺ موالي شر آهي. مون دانهن ڪئي موالي؟ اهو ڪهڙو نالو آهي. هن کلندي چيو هو ڀنگ ڪو نه پيئندو آهي نه ئي چرس، نالو موالي اٿس ۽ تر جو چڱڙو زميندار آهي. مون کي ان نالي تي پنجاب جا عجيب نالن وارا شهر ياد آيا. ميان چنو، وهاڙي، چڪوال ۽ ميلسي وغيره. چڪوال ۾ ته هن وقت به اٽڪل هڪ لک رٽائر فوجي رهن ٿا. هن خطي جي 80 سيڪڙو ماڻهن جي زندگي جو مقصد ئي ميٽرڪ پاس ڪري فوج ۾ نوڪري ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ هوندو آهي. هن علائقي ۾ ٻير جا وڻ ڏاڍا آهن تازو 30 ارب رپين جي لاڳت سان ٺاهيل موٽر وي تي جڏهن نواز شريف سان گڏ ويا هئاسين ته هن علائقي جي مشاهدي جو موقعو مليو هو. رستي ۾ حد کان وڌيڪ ٻيريون هيون جن کي ڏسڻ بعد مون کي ان پنجابي گيت جي اهميت جو اندازو ٿيو هو ته ”بيري دا پيڙ“ ڇا آهي. منهنجو هرگز اهو مقصد ناهي ته چڪوالي اڻ پڙهيا ۽ صرف سپاهي هوندا آهن. چڪوال جو اياز امير به آهي جيڪو ڳچ عرصو ڊان اخبار ۾ اسلام آباد جي ڊائري لکندو رهيو ۽ صحافت ۾ وڏو نالو ڪمايائين. اڄڪلهه هو مسلم ليگ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر آهي ۽ بقول سندس ته هو منافقت واري انداز سان ماڻهن جي جنازن ۾ شرڪت پيو ڪري. شادين تي خير بندش آهي. مجيد ملڪ به چڪوالي آهي پر هن جي تعليم ميٽرڪ آهي. انهن خيالن ۾ هئس ته اوچتو اسان جي فور ويل جيپ پٽ تي ٺهيل ڪکائين ڇپر آڏو بيٺي. هارن وڄڻ تي پنجاب جي خيالن مان نڪري ڇپر ڏانهن ڏٺو ته 6 انچ شهپرن وارو سنهڙو ڊگهڙو ۽ سانورو جوان نڪتو جنهن کي مولابخش ڌنو پئي سڏيو (ڌڻي بخش مڱريو) هو به پير سائين پاڳاري جو مريد هو ۽ مولابخش وارن جو جماعتي هو، پير صاحب جي جماعت ڏاڍي منظم آهي. انگريزن سان گوريلا جنگ کان پوءِ منظم جماعت طور شهرت ماڻيندڙ هي جماعت اڄ به منظم ۽ مضبوط آهي. ٿي سگهي ٿو ته 21هين صدي تائين اها صورتحال نه رهي. ڌنو سميت گاڏي ۾ ويٺاسين. اسان سان منڍ کان ئي مڪراني وارن وارو دوست بابو چاچڙ به گڏ هو جنهن جو ذڪر الائي ڇو اڳ ۾ رهجي ويو. هو به ڏسڻ ۾ شوم پر ڳالهائڻ ٻولهائڻ بعد مکڻ ماڻهو لڳو. شاگردي واري دور ۾ داداگير به رهيو هو.
    اسان 4 ڪلاڪن جي واري واري پنڌ کان پوءِ هڪجهڙين هزارين ڀٽن تان اڪري ڌنوءَ جي ڳوٺ واري ڀٽ تي رات جو سوا هڪ لڳي پهتاسين. رستي ۾ ٽائر پنڪچر ٿيڻ سبب اڌ ڪلاڪ ضايع به ٿيو هو نه ته جيڪر اڳ ۾ پهچون ها. ڌنو ويچارو ڇڙو ڇانڊ سڄو ڏينهن حوالن ۾ جتي پڪي اتي کاڌي اڌ رات جو سندس چؤنري آڏو گاڏي جي لائيٽ لڳي ته سندس ڀائر ۽ والده اٿي پيا. ڏسندي ڏسندي کٽون آيون. رليون وڇائي ويهاڻا رکيائون. ڏکڻ جي ايڏي ته ٿڌي هير گهلي رهي هئي جو ويٺي ويٺي اکيون ٻوٽجي ويون. ان ۾ ٿڪ کان وڌيڪ ٿڌي هير جو ڪمال هو ۽ ان مهل ئي مون کي استاد يوسف جي ان ڳايل گيت جي سٽ جو احساس ٿيو ته ”لڳي ڏکڻ جي هير مارو منهنجا مير“
    جتي اسان رهيا هئاسين ان ڀٽ کان ڀارت جو بارڊر 10 ڪلوميٽر پري هو ۽ سردار ڳڙهه کان مٿي واري هن ٿر کي روهي ٿر سڏيو ويندو آهي. عمرڪوٽ جي ٿر وارا هن کي ٿر سمجهندا ئي ناهن. ٻيو ته ٺهيو پر منهنجو هڪ عمرڪوٽ واسي دوست سيد سردار شاهه هر معاملي ۾ بنياد پرست بڻجندي چوندو آهي ٿر ته اسان وارو، توهان وارو به ڪو ٿر آهي! ٿر بابت هن جي راءِ سندس کان گهٽ ڪونهي پر جيڪو ٿر مون ڏٺو اهو به ٿر آهي. هن نئين ٿر ۾ به گهر ساڳيا چؤنرا، واري جون ڀٽون به ساڳيون، عورتن جو پهراڻ ۽ ٻولي به ساڳي (مارواڙي) نانگ بلائون به ساڳيا ته پوءِ ٿر ساڳيو ڇو نه. هتي به حالت ساڳي هئي آهڙ ۾ مينهن نه وسڻ بعد ته مال به ايترو ڏٻرو ٿي ويندو آهي جو واري ۾ وک به کڻي ڪو نه سگهندو آهي اهڙي صورتحال کي ڏسي شايد شيخ اياز چيو هو ته ”ڪنڊيءَ نه سڱري ٻٻر نه پلڙو سائو نه سلڙو“
    بر جهڙي ٿر جنهن کان زندگي بيزار لڳندي آهي تنهن سان اڄ به ٿر جا ماڻهو محبوب کان وڌيڪ محبت ڪن ٿا. اهو ئي جذبو هو جنهن مارئي کي منجهائي وڌو هو ۽ شاهه لطيف کان اهو چورايو ته ”مارن منجهه مياس نه ته ماڙين ماريس ڪينڪي.“ ٿر کي جيڪڏهن شاهه لطيف نه ڳائي ها ته شايد عام ماڻهو ٿر سان ايڏي چاهت نه رکي ها ۽ اها به حقيقت آهي ته مارئي کي جيڪڏهن ڀٽائي نه ڳائي ها ته اسان جي تنگ نظر معاشري جا ماڻهو مارئي کي به ڀاڳوڙي چون ها. ڀٽائي نه صرف ٿر پر مارئي کي امر ڪري سندن ڪردار ۽ عظمت کي لازوال بڻائي ڇڏيو. اهو ڀٽائي جي ڪلام جو ئي اثر آهي جو اياز سميت اسان جي شاعرن ڏکي ۽ بکئي ڏيهه کي به محبت سان ڳائڻ جي ريت روا رکي. ٿر جيڪو سهيل سانگي وارو آهي (عمرڪوٽ کان اڳتي وارو) اوڏانهن ننگر پارڪر تائين اروڙ کان نارو وهندو هو. 644ع ۾ هن ناري جي وهڪري سبب هي علائقو آباد ۽ خوشحال هو نه صرف اهو پر هن ناري ۾ ننگر پارڪر کان اروڙ تائين ٻيڙيون به هلنديون هيون. ڪيپٽن ريڪس جي ڪتاب ”ٿر ۽ پارڪر“ ۾ اهو ذڪر آهي. ريڪس جو چوڻ آهي ته هتي سمنڊ هو، زلزلن ۽ آبهوائي اثرن سبب 232 ق- م ۾ سمنڊ هٽيو ۽ هي بيابان وجود ۾ آيو. ناري بابت ريڪس جو چوڻ آهي ته اهو 1026ع کان 1351ع دوران سومرن جي دور ۾ سڪڻ شروع ٿيو. جڏهن ته هڪ روايت اها به آهي ته 1764ع کان 1765ع دوران غلام شاهه ڪلهوڙي هن ناري کي اروڙ وٽ ٻُنڊو (بند) ڏياريو هو، جنهن سبب هي نارو سڪڻ شروع ٿيو ۽ ٿر وڌيڪ بربريت وارو بر بڻبو ويو. انهن خيالن ۾ ئي ٻوٽيل اکين سان هئس ته مولابخش ۽ بابوءَ اٿاريو ۽ اکيون پٽي برف جهڙي ٿڌي واري تي رلي وڇائي ويٺاسين. پاڻي پيئڻ بعد ماني کاڌي. ڪاٺين جي باهه تي پڪل ديسي ڪڪڙ جي ٻوڙ ۽ ڪڻڪ جي ماني ۾ واري هئڻ سبب ڪرچ ڪرچ وات ۾ پئي ٿي پر بک کان اڌ ننڍاکڙي انداز ۾ مڙئي پيٽ پوڄا ڪري کٽ تي ايئن ڪريس جيئن 10 ٽرڪون لوڊ ڪرڻ بعد ٻوريون ڍوئيندڙ مزدور ڪرندو آهي. ان مهل ساڍي ٽين جو وقت هو، ننڊ اهڙي آئي جو ڳالهه ڇڏي ڏيو.
    ٿري چوندا آهن ته جيئن هر سورنهن ڪوهه تي زمين ۽ ٻولي ۾ فرق ايندو آهي تيئن ٿر جا به ڪيئي قسم آهن. گهوٽڪي وارو روهي ٿر سڏجي ٿو جيڪو پنجاب واري ٿر سان ملي ٿو. چون ٿا ته هتي روهي درياهه وهندو هو جيڪو لٽجي ويو آهي خيرپور ضلعي واري ٿر کي نارو ٿر سڏين ٿا. سانگهڙ واري کي اڇڙو ٿر چون ٿا. ڏيڍ ڪلاڪ بعد صبح جو 5 وڳي همراهن پٽي اٿاريو، جيترا ڌامولا هنن ڏنا اوترا ڪنهن مردي کي ڏين ها ته شايد اهو به اٿي پوي ها، پر منهنجيون اکيون ئي نه پئي پٽيون. همراهن به گهٽ ڪو نه ڪئي نيٺ اٿاريائون. منهن ڌوئي گاڏي ۾ چڙهياسين. تترن جي شڪار جو دل ۾ سوچي بندوق تيار ڪئي پر جيئن جيئن گاڏي پئي هلي تيئن صبح جو وري ساڳئي ٿڌي هير سبب جهوٽا پئي آيا، شڪار جو ته شوق ئي هليو ويو. بهرحال هڪ جاءِ تي بگڙن تترن جي جوڙي ڏسي مولابخش گاڏي جهلي وارو وٺائي چيو هڻ بندوق، ننڊ جي خمار مان اکيون مهٽي ڏٺم ته تتر نظر ئي نه پئي آيا نيٺ نظر تي چڙهيا ته تڪڙ ۾ بندوق هنيم، گسي پيم، بندوق گسڻ به شڪار ۾ هڪ عيب سمجهيو ويندو آهي پر ڪنهن ڪڇيو ڪو نه. باقي 6 انچ شهپرن واري ڌنو دانهن ڪئي ته غضب ڪري ڇڏيئي. بندوق جو ٺڪاءُ ٿيو تتر مون کان وڌيڪ هڪا ٻڪا ٿي ويا. ٿر جا تتر بي ڊپا سو چريا ئي ڪو نه ايتري ۾ ٻيو نال به هنيم پر وري گٿم، ڪنڌ هيٺ ڪيم ته تتر به شرم کان اڏريا ۽ 10 قدمن جي فاصلي تي وري ويهي رهيا. مون کي ايئن لڳو ڄڻ للڪاري رهيا هئا ته جيڪڏهن تو جهڙا شڪاري آهن ته پوءِ اسان به مئاسين!.
    همراهن سان ڊاڙون هنيون هئم ته اڏار تي به منهنجو ڌڪ نه گسندو آهي. واقعي ايئن هو به صحيح، اڳ ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻيلي ۾ ٻه تتر اڏار تي ماريا هئم. بهرحال بابو چاچڙ به هڪ تتر کي بندوق هنئي اهو به گٿو پوءِ چيم هاڻي هڪجهڙا آهيون. مولابخش ۽ ڌنو ميزباني جي ڪري نه بندوق هنئي ۽ نه گسڻ جو مهڻو ڏنو. اڍائي ڪلاڪ گاڏي ڀٽن ۾ ڀڄائڻ بعد وري هڪ جوڙي تترن جي لڳي ان کي ٽيون فائر ان اعلان تي ڪيم ته جي هاڻي به گٿم ته وري بندوق نه هڻندس نيٺ اهو ڌڪ به گٿم شڪي ٿي بندوق ڌنوءَ کي ڏئي سگريٽ دُکايم. پٽن ۽ ڀٽن مان ٿي هڪ جاءِ تي پهتاسين ته تترن جون ٻه جوڙيون ڏٺم، باهه بيهڻ نه ڏنو اسٽيرنگ ۾ هٿ وجهي مولابخش کي چيم گاڏي بيهار هن رڙ ڪئي ته بابا هي مهر سردارن جي جوءِ آهي مارائيندي هتي فائر نه ڪجانءِ. مون ضد ڪيو ته خير آهي علي محمد خان سڃاڻندو آهي پنهنجو ماڻهو آهي ڪجهه ڪو نه چوندو پر هن نه مڃيو چيائين ڀائو توکي نه چون ته ڀلي باقي اسان جوءِ ڏسڻ کان سڪي وينداسين. نيٺ صبح جو 9:30 وڳي سردار ڳڙهه ۾ پهتاسين جتي استاد غلام النبي نالي همراهه هوٽل تي چانهن پياري. چوندا آهن ته ”لڳي ته شڪار نه ته صفا بيڪار“ شڪار ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر ٿڪ ايڏو جو عضوا پئي ڀڳا. مٿي ۾ ڌوڙ ۽ سور، ڪپڙا ميرا اوٻاسي جو ٽڙڪو هو. استاد غلام النبي جا به شهپر خير سان 6 انچ خوشي سان ٿين ها. ٿر ۽ اوس پاس جي آبادين وارا ماڻهو گهڻو ڪري ڏاڙهي ڪوڙ شهپر هٿ جيڏا ڊگها رکيو وتن. هر ڪنهن پئي پڇيو ڀائو ٿر گهمئين. اهي لفظ ٻڌي باهه پئي لڳي. ٿر بابت پڙهڻ ۽ ٻڌڻ بعد جيڪو اميج هو اهو سڄو ڪجهه کن لاءِ لڙهي ويو. بهرحال ٿري ويچارا آهن غريب پر ڏاڍا محبتي ۽ مهمان نواز آهن. پڪي تي چڙهڻ بعد گاڏي جي ٽائرن ۾ هوا ڍري هئي ڇو ته واري ۾ هلڻ وقت ٽائرن جي هوا ڪڍبي آهي آخر ڪار ولودڙي لڳ چاچي ڪمال خان گبول جي اوطاق تي آياسين وهنجڻ بعد مانجهاندو ڪري جهٽ کن ننڊ ڪئي ۽ شام جو ڳوٺ پهتاسين. ٿر ۾ گهمڻ وقت هڪ ڳالهه اها نظر آئي ته ماڻهو ڀلي ڪيڏو به غريب هوندو پر سگريٽ نوشي ڪندو ۽ اڌ کان وڌيڪ ٿري چين سموڪر آهن.
    (26 مئي 1997ع)


    احتساب ۽ واعدي معاف گواهن جو ستون ڪردار

    احتساب ۽ واعدي معاف گواهن جو ستون ڪردار

    احتساب سيل جي انچارج سينيٽر سيف الرحمان جن ستن ڄڻن جو بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري خلاف واعدي معاف گواهه بڻجڻ جو ذڪر ڪيو آهي، انهن ۾ هڪ شخص جو نالو ڄاڻي واڻي ظاهر نه ڪيو ويو آهي. اهو شخص به آصف زرداري جي تمام ويجهو هو، تنهن شخص جو نالو منصورالحق آهي. هي ساڳيو منصور الحق آهي جيڪو نيوي جو سربراهه هو ۽ جنهن جي برطرفي کان پوءِ کيس هڪ اهم شخصيت پاڻ وٽ گهرائي ويهاريو ۽ ٽيبل تي رکيل فائيل ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته هن ۾ مون پڙهيو آهي ته ”آگسٽا“ آبدوز جيڪي فرانس کان خريد ڪيون ويون تن ۾ 7 ڪروڙ رپين جي ڪميشن کاڌي وئي آهي. مان به ڪاروباري ماڻهو آهيان ۽ اندازو گهڻو ڪري غلط نه ويندو اٿم.“ جنهن نوادرات جي لنڊن وڃڻ جو ذڪر اخبارن ۾ ايندو رهيو آهي ۽ جنهن بابت مشاهد حسين به قومي اسيمبلي ۾ ڳالهايو هو. اهي مبينا طور تي ايئرپورٽ تائين نجي ٽرڪن ۾ لوڊ ٿي نه پهتا هئا بلڪه اهي ٽرڪ به ذريعن چواڻي هڪ اهم اداري جا هئا ۽ انهن نوادرات ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي عجائب گهرن مان نڪتل پراڻي دور جا هٿيار ۽ ٻيون قيمتي شيون هيون. سو ڳالهه سمجهڻ وارا سمجهي ويا هوندا ته منصورالحق کي برطرف ڪرڻ کان پوءِ مٿس ٻي ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وئي آهي، پر ڪراچي کان آيل سامان لنڊن ۾ وصول ڪرڻ جو الزام واجد شمس الحسن تي لڳو ۽ هو اڃان جيل ۾ آهي ڇو ته هو اڃان باضمير هجڻ جون ٻانگون پيو ڏي ۽ ان ڪري ته هو اڃان واعدي معاف گواهه بڻجڻ تي راضي ناهي ٿيو ۽ ايئن ناهي جيئن احمد صادق صرف 36 ڪلاڪ جيل ۾ گذاري سڀ ڪجهه ٻڌائڻ تي راضي ٿي ويو.
    سلمان فاروقي، عثمان فاروقي، شاهد حسن خان سميت ڪيترائي ماڻهو آصف ۽ بينظير خلاف گواهه بڻجي چڪا آهن ۽ هاڻي ڪيسن مٿان ڪيس هن جوڙي خلاف احتساب ڪمشنر وٽ ويندا. آصف زرداري ۽ ذوالفقار مرزا جيڪي به دوست ٺاهيا، صحافين کان وٺي ڪامورن ۽ صنعتڪارن تائين، اهي سڀ جا سڀ ”ڪاڻا“ ثابت ٿيا آهن. ڪي پي ٽي جو سابق چيئرمين اڪبر ايڇ خان، آءِ بي چيف مسعود شريف ۽ ايف آءِ اي جو ڊي جي رحمان ملڪ اڃا رهيل آهن. هو ٻي قسط جا واعدي معاف گواهه ٿي پيا سگهن پر اڃان ايمان پختو ڪيو ويٺا آهن. جيلن ۾ في الحال موسم سازگار هئڻ سبب اها گرمي اڃان ڪو نه ٿي آهي. جون شروع آهي، جولاءِ ۾ هنن جو ايمان خراب ٿي ٿو سگهي. آصف ۽ ذوالفقار مرزا جا دوست آخر ايئن ڇو ٻولڻ لاءِ تيار ٿيا آهن؟ ان جو سبب اهو آهي ته سندن دوستي جو بنياد اصول تي قائم ڪو نه هو. مسعود شريف شروع ۾ صرف پنهنجي پراڻي کاتي وارن (فوج) جي چوڻ تي پرڏيهه ويل آصف کي گهرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ کيس گرفتار ڪرايو. حڪومتي ذريعن جي چوڻ موجب آصف جو واپس اچڻ جو موڊ ڪو نه هو. مسعود شريف وٽو حڪومت جي بحالي بعد ميمبرن کي ڦاسائڻ واري ڪم لاءِ آصف کي غلط گائيڊ ڪندي چيو ته في الحال حڪومت وڃڻ جو انديشو ناهي ۽ اسين مشڪل ۾ آهيون تون اچ. قسم ڪتاب کڻن بعد نيٺ هو آصف کي مڃائڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ذوالفقار مرزا جيڪو اڄ ڪلهه پنهنجي خوبصورت ڏاڙهي ۽ مڇون ڪوڙائي ڪلين شيو ٿيو گهمندو پيو وتي تنهن جي نئين روپ بعد هو نوجوان ٿي پيو آهي ۽ پنهنجي عمر کان 10 سال ننڍو پيو لڳي. اهو به دعا ڪري ان صحافي کي جنهن کيس 4 ۽ 5 نومبر جي وچ واري رات ڏيڍ وڳي اسيمبلي ٽٽڻ جو اطلاع ڏئي ان مهل غائب ٿيڻ جي صلاح ڏني جنهن تي هن عمل ڪندي ٽپڙ ٻڌا هئا نه ته هو به اڄڪلهه جيل جون هوائون کائيندو وتي ها ۽ ٿي سگهي ٿو ته آصف وانگر ڪنڌ ۾ سور سبب کيس پٽو به پائڻو پوي ها. جيڪي صحافي ان رات ذوالفقار سان خاص پارٽي ۾ گڏ هئا اڄ اهي ئي سيف الرحمان جا دست راست بڻجڻ لاءِ چڪر پيا ڪاٽين پر کين اپائنٽمينٽ نٿي ملي.
    موجوده حڪومت جيڪا اڃا تائين شفيع سيوهاڻي ۽ اڪبر لاسي کان سواءِ ڪنهن کي به احتساب جي ڄار ۾ ڦاسائڻ ۾ ناڪام وئي آهي. اها احتساب بابت جانبداري جو پيدا ٿيل تاثر به ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ڇو ته وزيراعظم نواز شريف، سنڌ جي وڏي وزير لياقت جتوئي، سينيٽر راجا اورنگزيب سميت ڪيترن ئي ليگي اڳواڻن خلاف ريفرنس تي ڪارروائي نه ٿي آهي. ڪوڙا يا سچا جيڪي ريفرنس احتساب ڪمشنر کي مليا آهن تن تي هيستائين ڪارروائي ڇو نه ٿي آهي؟ جيڪڏهن اهي ريفرنس اڌورا يا غلط آهن ته ان بابت به عوام کي ٻڌايو وڃي پر ان ڏس ۾ احتساب ڪمشنر خاموش آهي. اڳ ۾ هو چوندو هو ته في الحال آرڊيننس آهي، جڏهن مستقل قانون ٺهندو ته پوءِ مان گهٽ نه ڪندس. مستقل قانون پاس ٿيڻ کي به 12 ڏينهن گذري ويا آهن.
    ويجهڙ ۾ مرتضيٰ ڀٽو جي قتل بابت جاچ ڪندر ٽربيونل پنهنجي رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي. ان رپورٽ ۾ ڪافي سوالن جا جواب نه ڏنا ويا آهن ۽ واضح اشارا نه ٿا ملن. قتل جو حڪم جاري ڪرڻ بابت رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اهو حڪم ڊي آءِ جي يا آءِ جي سطح تي نه پر .اعليٰ اٿارٽيز“ جاري ڪيو. اعليٰ اٿارٽيز جو تعين ڪير ڪندو. بينظير ڀٽو تڪڙ ۾ بيان ڏئي ڇڏيو ته اعليٰ اٿارٽي معنيٰ آءِ ايس آءِ يا ايف آءِ اي. ان بيان تي گادي واري شهر جي اهم حلقن ۾ بحث هلي رهيو آهي. 9 جون تي هڪ سابق جنرل سان ڪچهري ٿي. هن جو چوڻ هو ته اسان وٽ پارلياماني حڪمراني وارو راڄ آهي. ان ۾ اعليٰ اٿارٽي وزيراعظم جي هوندي آهي ۽ ڪنهن صوبي جي اعليٰ اٿارٽي وڏو وزير هوندو آهي. مرتضيٰ جي قتل وقت بينظير وزيراعظم هئي. عبدالله شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو. ڪراچي ۾ آءِ جي کان وٺي ايس ايڇ او تائين سڀ ماڻهو هنن جي مرضي جا هئا. انهن کان وڏي هائر اٿارٽي ڪنهن جي هئي. راولپنڊي جي چڪلالا اسڪيم ۾ واقع جنرلز ڪالوني واري سندس گهر ۾ ٿيل ملاقات دوران هن رٽائرڊ جنرل هڪ دلچسپ ڳالهه چئي. هن چيو ته جڏهن بينظير وزيراعظم هئي ۽ 20 مارچ 96ع تي عدليا جو فيصلو آيو ته ججن جي ڀرتي ۾ چيف جسٽس جي مشوري کي لازمي قرار ڏنو ويو ته بينظير ڀٽو احتجاج ڪندي چيو ته پارلياماني جمهوريت ۾ چيف ايگزيڪيوٽو يا هائر اٿارٽي وزيراعظم هوندو آهي ۽ جج ڀرتي ڪرڻ ان جو صوابديدي اختيار آهي. هن چيو ته جڏهن جج ڀرتي ڪرڻ يا ڪو فيصلو ڪرڻ سميت اختيارين جو معاملو پيدا ٿيندو هو ته بينظير چوندي هئي ته هائر اٿارٽي وزيراعظم آهي پر هاڻي جڏهن مرتضيٰ جي قتل جو معاملو آهي ته بينظير چوي ٿي ته هائر اٿارٽي آءِ ايس آءِ يا ايف آءِ اي آهي؟ گادي واري شهر جا سفارتي حلقا اڄڪلهه ”هائر اٿارٽيز“ جي تعين بابت مختلف سياستدان ۽ صحافين جي مان ۾ دعوتون ڏئي وضاحت پڇن پيا.
    سڀ کان اهم ڳالهه ان رپورٽ جي حوالي سان اها به ڪئي پئي وڃي ته مرتضيٰ تي گوليون هلائيندڙ سپاهين کان وٺي ڊي آءِ جي شعيب سڊل ۽ واجد دراني کي بينظير ڀٽو، آصف زرداري، عبدالله شاهه ۽ نصير الله بابر اقتدار ۾ رهڻ دوران ۽ بعد ۾ به بي گناهه قرار ڏيندا رهيا ۽ وضاحتون ڪندا رهيا ته سڊل ۽ دراني قتل ۾ ملوث ناهن. جيڪڏهن اهي ناهن ته ٻيا ڪير آهن؟ ان بابت به بينظير ۽ سندس ساٿي ڪو واضح اشارو نه ڏئي سگهيا. باقي سڊل ۽ دراني پاران جيتريون وضاحتون بي بي وارن ڪيون اوتريون وضاحتون هنن پاڻ به نه ڪيون آهن. هاڻي جڏهن ٽربيونل جي رپورٽ ان ڏس ۾ سڊل ۽ دراني تي چارجز فڪس ڪيون آهن ۽ شعيب سڊل نظر بند به ٿيو آهي ته عام ماڻهو هاڻي ڇا سمجهي؟ ٽربيونل ”هائر اٿارٽي“ جو تعين نه ڪري رپورٽ کي متنازعه بڻجڻ کان ته بچائي ورتو پر عوام خوب سمجهي ٿو ته ان وقت هائر اٿارٽي ڪهڙي هئي؟ ان بابت هاڻي جيڪو به جيتري وضاحت ڪندو اوترو ڦاسندو.
    وفاقي بجيٽ پيش ٿي چڪي آهي. هن بجيٽ ۾ وزارتن، ڊويزنن ۽ مختلف ادارن جا غيرترقياتي ۽ ترقياتي خرچ گهٽ ڪيا ويا آهن. اها سٺي ڳالهه آهي ته قومي وسيلن جو زيان نه ٿئي پر قومي ناڻي جي ضايع ٿيڻ جو هڪ چرچو اسلام آباد جي باخبر حلقن ۾ گردش ڪري رهيو آهي ۽ اسلام آباد، مري ۽ ڀوربن جي فضائن ۾ گردش ڪندڙ هر هيلي ڪاپٽر کي ڏسي، اهو چرچو ڄاڻائيندڙن کان رڙ نڪريو وڃي ته ”ڏسو ڪٿي اهو هيلي ڪاپٽر ڏهي (ڌونئرو) وٺڻ ته نه پيو وڃي.“ باخبر اسلام آبادين جو چوڻ آهي ته ”وڏو صاحب ناشتي ۾ ڏهي کائي ٿو ۽ اڪثر سٺي ڏهي جي تلاش ۾ ٽائم بچائڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر کي اڏائي مري جي مارڪيٽ مان ڏهي گهرائي وڃي ٿي.“ وڌيڪ خدا کي خبر! ڳالهه ڪيتري آهي ۽ ان مان ڳالهوڙو ڪيترو ٺاهيو ويو آهي، پر جيڪڏهن اهو درست آهي ۽ پ پ وارن کي خبر پئجي وئي ته هو گڙٻڙ ڪري وجهندا.
    اتفاق فائونڊري جي مئنيجر، ايڊووڪيٽ نديم افضل جي معرفت قومي بئنڪن ۽ مالياتي ادارن کان 5 ارب رپين جي COMPANSATION لاءِ جيڪو لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي ان تي به نظرثاني ڪري. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته بينظير دور ۾ اتفاق انڊسٽري عتاب ۾ رهي جنهن سبب 5 ارب جو نقصان ٿيو. اهو نقصان قومي بئنڪن کي ادا ڪرڻ گهرجي. هاڻي وزيراعظم جي فيڪٽرين کي نقصان نه ڀري ڏيڻ جي ڪهڙي بئنڪ جو سربراهه جرئت ڪندو؟ اهي 5 ارب رپيا وٺي هروڀرو ميان صاحب پنهنجي لاءِ اشو پيدا ڪندو ۽ خاص ڪري جڏهن پ پ جي نصير الله بابر پاران نواز شريف مٿان 11 ارب رپيا قرض وٺن جو الزام لڳو آهي ته اهڙو قدم سياسي اشو بڻجي سگهي ٿو. جيتوڻيڪ ميان نواز شريف جڏهن اپوزيشن ليڊر هو ته هن 11 ارب رپيا قرض وٺڻ جي ترديد ڪندي تڏهوڪي قومي اسيمبلي ۾ چيو هو ته مٿس 58 ڪروڙ رپين جو قرض آهي. جيڪڏهن ايترو قرض به آهي ته ميان صاحب اهو پيسو واپس جمع ڪرائي احتساب جي اسپيڊ وڌائيندو ته ان سان سندس حڪومت جي ساک ۾ اضافو ٿيندو.
    (16 جون 1997ع)


    گادي واري شهر ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جا چوٻول

    گادي واري شهر ۾ سنڌ اندر تبديليءَ جا چوٻول

    گادي واري شهر ۾ چوٻول آهي ته سنڌ ۾ ڪا تبديلي اچي رهي آهي. تبديليءَ جا چوٻول ٻڌجڻ کان پوءِ سنڌ جو گورنر اسلام آباد پهچي ويو آهي ۽ لياقت جتوئي اسلام آباد پهچڻ وارو آهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايمي وفد ”قائد تحريڪ“ کان هدايتون وٺڻ لاءِ لنڊن روانو ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ تبديلي جا چوٻول 20 جون تي نواز شريف جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل ان فيصلي کان پوءِ وڌندا پيا وڃن جنهن ۾ وفاقي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهو سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ بدامني جي خاتمي لاءِ هنگامي اپاءُ وٺي، ان ڏس ۾ ڪراچي اندر ڪم ڪندڙ رينجرز سميت ٻين فيڊرل فورسز سان رابطو ڪري حڪمت عملي ٺاهي وڃي. سنڌ بابت ڪيل ايڏي وڏي فيصلي وقت سنڌ جي وڏي وزير يا ايم ڪيو ايم کان ڪا به صلاح نه ورتي وئي ۽ صوبي جي معاملن متعلق انتظام ڪرڻ لاءِ وفاقي گهرو کاتي کي هدايت ڪئي وئي آهي. هونئن جڏهن به ڪنهن صوبي سان لاڳاپيل مسئلو قومي اسيمبلي ۾ اٿندو آهي ته وفاقي حڪومت اهو چئي جند ڇڏائيندي آهي ته هي صوبائي مسئلو آهي، وفاقي حڪومت مداخلت نه ڪندي. اهڙي روايت ۽ روش جا 2 تازه ترين مثال پيرمظهرالحق جي اغوا ۽ زرعي آمدني تي ٽيڪس مڙهجڻ وارا معاملا آهن. خورشيد شاهه جنهن سرتاج عزيز کي چيو ته ”پاڻ ٻنهي جا مٿا اهڙا ته لسا آهن (گنجا آهيون) جو ڪا به شيءِ رکبي ته ترڪي پوندي“ تنهن اسيمبلي اندر پير مظهر جي اغوا خلاف احتجاج ڪيو ۽ وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کيس بنا دير آزاد ڪرايو وڃي پر چوڌري شجاعت کيس چيو ته اهو صوبائي مسئلو آهي. ٻيو جڏهن حڪومت جي حامي ۽ مخالف زميندار ميمبرن زرعي ٽيڪس واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ته سرتاج عزيز کين چيو ته اهو صوبائي مسئلو آهي. مطلب، چوڻ جو اهو آهي ته جڏهن اهڙو معاملو ايندو آهي ته حڪومت چوندي آهي ته ”صوبائي مسئلو آهي“ پر سنڌ ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ”نئين حڪمت عملي جوڙڻ“ يعني گورنر راڄ وغيره لاءِ جڏهن مسئلو اچي ٿو ته ان مهل صوبائي مسئلي وارو منطق ختم ٿي وڃي ٿو ۽ صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ ته ٺهيو پر صرف ٺلهي صلاح ڪرڻ به مناسب نٿو سمجهيو وڃي. بهرحال جيڪو به ٿيڻو آهي، اهو سنڌ اسيمبلي مان 98-97ع جي بجيٽ پاس ٿيڻ بعد يعني جولاءِ جي شروعات تائين ٿي ويندو.
    خبرون آهن ته تازو جيڪو پيپلزپارٽي ۾ 3 ڄڻن پروگريسو گروپ قائم ڪيو آهي، اهو غوث علي شاهه جي مرضي ۽ ڪوشش سان ٺهيو آهي. سنڌ اسيمبلي جي 3 وڌيڪ ٻين ميمبرن جو ٽولو به تيار آهي جيڪو پڻ پ پ کي ڇڏي مسلم ليگ جي هٿ تي بعيت ڪرڻ لاءِ تيار آهي. غوث علي شاهه ساڍن ٽن مهينن ۾ اهڙو ته ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي جو هاڻي سنڌ جا مسئلا حل ڪرڻ وارا مسلم ليگ جا محدود رستا اچي هن وٽ ئي کٽن ٿا. پ پ جي نئين 3 واري ٽولي جي سربراهه جو غوث علي شاهه سان رابطو به ٿيو آهي ڇو ته هن کي لياقت جتوئي تي ڪاوڙ اها آهي ته هن سندس حمايت جي آڇ ٺڪرائي ڇڏي ۽ کيس آسرن تي تڳايو. وفاداريون مٽائڻ ۾ عيب نه سمجهندڙ اهو اتر سنڌ جو شهپري جوان پروفيشنل لوٽو آهي. هو دبئي جي انهن عرب شيخن وٽ به ويو هو جيڪي سنڌ جي وڏي وزير جا دوست آهن. انهن جي سفارش تي به هن جو ڪم نه ٿيو ۽ وزير نه ٿي سگهيو. گذريل ڀيري به هن وزير ٿيڻ لاءِ وڏي ڪوشش ڪئي پر چاڙهو ڪو نه ٿيو. عرب شيخن ڏانهن وڃڻ ۽ وزير ٿيڻ لاءِ کانئن سنڌ جي وڏي وزير لاءِ سفارش ڪرائڻ جي آئيڊيا هن کي سندس دوستن ٻڌائي ڇو ته ملڪ اسد سڪندر ساڳي ريت وزير ٿيو آهي. اهو نسخو ملڪ سڪندر جي ڪم ته اچي ويو پر ٻئي همراهه کي ڪو نه ڦٻيو.
    قومي اسيمبلي ۾ اڄڪلهه ڪو ڏينهن خالي ڪونهي هوندو جنهن ڏينهن الاهي بخش سومري جي خورشيد شاهه يا آفتاب شعبان ميراڻي سان جهڙپ نه ٿيندي هجي. اپوزيشن وارا جيڪا ڳالهه ڪندا آهن ان کي اسپيڪر Rule out ڪري ڇڏيندو آهي. سندس رويو به عجيب هوندو آهي. خورشيد شاهه ته بعد ۾ ساڻس ٻه پاڻي ڪري وٺندو آهي پر آفتاب ميراڻي ويچارو ڪاوڙ مان به ايئن ڳالهائيندو آهي جو سندس ڪاوڙ مان چيل جملا به معصوم هوندا آهن. هڪ هفتو اسپيڪر ۽ اپوزيشن وچ ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تان اٽڪڻ بعد نيٺ هنن بائيڪاٽ ڪيو. جنهن بعد سرڪاري ڌر جي ميمبرن جون ڪيل منٿون ڏسڻ وٽان هيون. ظفر شاهه خورشيد شاهه کي سادات هئڻ جا واسطا پئي ڏنا ته خورشيد قصوري نويد قمر کي سمجهدار ۽ برجستو هئڻ جا راڳ پئي ڏنا. صديق ڪانجو وري ميراڻي، ستار لغاري ۽ آفتاب شاهه جيلاني کي پراڻي پارليامينٽيرين هئڻ جا واسطا پئي ڏنا پر خورشيد شاهه جي هڪ ڳالهه هئي ته ”سومرو ٿيندو ڪير آهي. جيسين معافي نه وٺندو تيسين اجلاس ۾ نه اينداسين“ خورشيد شاهه جو ڏک ڀريو لهجو ڏسي ته پ پ مخالفن کي به ترس پئي آيو. نيٺ رات جو صلح ٿيو، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. ٻئي ڏينهن يعني 20 جون تي اسپيڪر جو رويو بيحد نرم ۽ نفيس هو. هر هر هن ”جناب سائين خورشيد علي شاهه“ چئي پئي پڪاريو. صرف هڪ رات ۾ اسپيڪر جو انداز ئي تبديل ٿي ويو آهي.
    قومي اسيمبلي جو هاڻوڪو اسپيڪر ته وڏو خوشنصيب آهي، جو اپوزيشن ڪندڙن ۾ شيخ رشيد ۽ شير علي جهڙا ماڻهو ڪو نه اٿس. نه ته خبر ناهي ڇا ٿئي ها. الاهي بخش سومري جي اپوزيشن سان اهڙي گهري رويي بابت پڇا ڳاڇا ڪرڻ بعد پتو پيو ته هو اڄڪلهه صدر بڻجڻ لاءِ پاڻ کي اميدوارن جي لسٽ ۾ آڻڻ چاهي ٿو. مارڪون ٺاهڻ لاءِ سڀني کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ هن ايئن پئي ڪيو. ان پس منظر متعلق ٻي راءِ اها آهي ته سنڌ ۾ جيڪو ڪجهه پ پ وارا سومري جي حامي لياقت جتوئي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪن پيا، ان جي بدلي ۾ هن اهو سڀ ڪجهه ڪيو پئي. سندس اهڙي رويي سان ته اڃا سنڌ اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ حڪومت خلاف وڌيڪ مشڪلات پيدا ٿيندي ڇو ته قومي اسيمبلي ۾ پ پ جا چند ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه نٿا ڪري سگهن ته ان جو رد عمل يقينن سنڌ اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ڪندا ۽ حڪومت لاءِ ڏچو پيدا ڪندا. بهرحال اها مالڪن جي مرضي ته جيڪو کين وڻي اهو ڪن پر الاهي بخش سومري کي اها گذارش ضرور ڪبي ته هو سنڌ ۽ سنڌين جي مسئلن بابت اٿندڙ اپوزيشن واري آواز کي نه دٻائي ته بهتر ٿيندو.
    تازو مير ٿيٻو جي اسلام آباد ياترا کان پوءِ رسول بخش پليجو پڻ گادي واري شهر ۾ آهي. هي سٽون لکجڻ ۽ ڇپجڻ تائين هو شايد هتي ئي هوندو. هن غلام مصطفيٰ جتوئي، خورشيد شاهه، آفتاب ميراڻي، اسفنديار ولي، لطيف آفريدي سميت مشاهد حسين ۽ ٻين سان ملاقاتون پڻ ڪيون آهن. نئين آيل حڪومت جي ڪارڪردگي، ممڪنه تبديلي ۽ مستقبل جي Options متعلق هن جي مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن سان ملاقاتن بعد اهو پتو پيو آهي ته جي ايڇ ڪيو واري شهر راولپنڊي جي سسٽر سٽي اسلام آباد ۾ پليجو صاحب ڪنهن Assignment لاءِ آيل آهي. ان ڏس ۾ جڏهن ساڻس رابطو ڪيو ويو ته رسول بخش پليجي چيو ته منهنجا دشمن سدائين اهڙي پروپيگنڊه ڪندا آهن. مان وزارتن جو بکيو ناهيان، وزارت ملي ته نه وٺندس ڇو ته سياست کي مون عبادت سمجهيو ۽ اها عشق جيان ڪئي آهي. اسلام آباد اچڻ جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته هو ڪئناڊا ۾ ٿيندڙ ”سانا“ وارن جي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ويزا وٺڻ آيو آهي.
    (23 جون 1997ع)


    قاضيءَ جي تحريڪ ۽ ڪڻڪ جو بحران سيپٽمبر

    قاضيءَ جي تحريڪ ۽ ڪڻڪ جو بحران سيپٽمبر
    ۾ ڪڙو کڙڪائيندا

    مرتضيٰ ڀٽو جي قتل کان پوءِ محترمه بينظير ڀٽو جڏهن آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ آمريڪا دوري تي وئي هئي ته موٽڻ بعد هن وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس سڏايو هو جنهن ۾ هن چيو ته مون کي سازش جي ڌپ اچي پئي ايندڙ چند مهينن ۾ شديد مالي، اقتصادي ۽ سياسي بحران پيدا ٿيندو. عالمي ادارا پاڪستان سان سهڪار نٿا ڪن ۽ ڏکيا شرط رکيا ويا آهن تنهن ڪري اسان کي پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪندي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهرجي ۽ ٻين کي آڇ ڪريون ته هو اچي معاملا ٺيڪ ڪن پر هن وقت ڪو به ان پوزيشن ۾ نه هوندو. سندس اهڙي اوچتو ڳالهه تي ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي تاڪ لڳي ويا هئا ۽ هر ميمبر حڪومت وڃڻ جي ڊپ کان چيو ته ”بي بي اسان مري وينداسين پر ايئن نه ڪنداسين، ڇو ته اسين بحران (Crisis) جي پيداوار آهيون ۽ هر قسم جي بحران جو مڙس ٿي مقابلو ڪنداسين.“ اهو واقعو مون کي قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه ٻڌايو. ڪجهه ڏينهن اڳ ٿيل ساڻس ڪچهري ۾ ڪافي ڳالهيون ٿيون. هن جو اهو به چوڻ هو ته سيپٽمبر 1997ع ۾ ڪڻڪ جو به بحران وري پيدا ٿيندو ڇو ته حڪومت کي هلندڙ سال 40 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي آهي. هيستائين معاهدو صرف پوڻا ٽي لک ٽن ڪڻڪ خريدڻ جو ٿيو آهي. اها ڪڻڪ سيپٽمبر کان ايندي بعد جو ڇا ٿيندو؟ خورشيد شاهه جي خيال سان مڪمل اتفاق آهي ته ايئن ٿيندو پر جيڪڏهن ملڪ ۾ اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ حڪومت ايف آءِ اي ذريعي مارڪيٽ ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيو ته پوءِ مسئلو حل ٿي ويندو. جهڙي طرح پ پ دور ۾ کنڊ لاءِ آپريشن ڪيو ويو هو. خورشيد شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته هن پنهنجي زمين جي هزارين مڻ ڪڻڪ اسٽاڪ ڪري رکي آهي. کلي مارڪيٽ ۾ 300 رپيا في مڻ جي ريٽ جي باوجود به وڪڻي نٿو. هن جو چوڻ آهي ته آڪٽوبر تائين جيڪو بحران ڪڻڪ جو ايندو، ان بعد ايم اين ايز ڪڻڪ جي ماني لاءِ به سڪندا ۽ کين ڊبل روٽي تي گذارو ڪرڻو پوندو. اهڙي صورت ۾ هو اسٽاڪ ڪيل ڪڻڪ سياستدانن خاص ڪري اپوزيشن وارن کي گفٽ طور ڏيندو.
    خورشيد شاهه جنهن پنهنجي نماڻائي، سچائي ۽ وفاداري سبب ٿوري وقت ۾ تمام وڏو سياسي قد بُت حاصل ڪيوآهي، ان جي بنياد تي ئي هو موجوده حڪومت جي پاليسين بابت اڳڪٿيون پيو ڪري ۽ دور نظري رکي ٿو. ڪاش اهڙي دور نظري هو پنهنجي حڪمراني وارن ڏينهن ۾ ۽ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري ها ته فاروق لغاري اسيمبلي نه ٽوڙي ها. حڪومت وارن ڏينهن ۾ ته ڪنهن کي به هوش نه هوندو آهي ۽ 6 نومبر 96ع تي چيل شاهه صاحب جي سندس ئي جملي موجب ته اقتدار ماڻهو کي فرعون بڻائي ڇڏي ٿو. اعتراف ڪرڻ به بهادري هوندي آهي. تنهن ڪري اقتدار ۾ نه صحيح بعد ۾ ئي هن مڃيو ته صحيح. باقي سندس محترمه پاران استعيفيٰ ڏيڻ واري ڳالهه تي سوچڻ جي باوجود به سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته هن ايئن ڇو سوچيو. جيڪڏهن سوچيو ته ڪيو ڇو نه. ڇو ته محترمه بابت سندس خير خواهه ساٿي افتخار گيلاني جهڙن جو چوڻ آهي ته ”هن شهيد ڀٽو جي مقصد کان هٽي اقتدار خاطر اصول ۽ مقصد ڇڏي ڏنا.“ اها ڳالهه هن تازو سندس گهر ٿيل انٽرويو دوران چئي هئي. محترمه ايئن به سوچي سگهي ٿي پر هن ڪري ته ڪو نه ڏيکاريو. ڪاش جيڪڏهن هوءَ ڪري ها ته پاڪستان جي جمهوري تاريخ ۾ سندس اهو رڪارڊ شايد ڪير به نه ٽوڙي ها.
    افتخار گيلاني جي انٽرويو جي حوالي سان ذڪر نڪتو آهي. جنهن تي هڪ واقعو پڙهندڙن تائين پهچائڻ ضروري سمجهان ٿو. هڪ موقعي تي افتخار گيلاني چيو ته يار انٽرويو مني ڪلاڪ ۾ پورو ڪيو. 11 وڳي صبح جو ڪو مهمان اچڻو آهي. مون چيو ڪوشش ڪريون ٿا. گيلاني سان انٽرويو دوران اوچتو سياستدانن جي ذاتي معاملن جو ذڪر نڪتو ته هن چيو ته ڪنهن به عوامي ماڻهو، عوام جي نمائندي يا سياستدان جي ذاتي زندگي نه هوندي آهي. جيڪي ماڻهو عوامي نمائندا هوندي به اهڙيون ڳالهيون چوندا آهن، اهي منافق ٿيندا آهن ۽ عوام سان سچا نه هوندا آهن. پڇيومانس ته اهو ڪيئن؟ هتي ته اسين جڏهن ڪنهن سياستدان بابت ڪا دلچسپي ۽ حقيقت تي مبني سندس ذاتي زندگي بابت ڪا ڳالهه شايع ڪريون ٿا ته متاثرين طعنا ته ٺهيو ڪڏهن گاريون به ڏيندا آهن ته هنن معمولي اخباري نمائندن جي مجال ڪهڙي آهي جو اسان جي ذاتي زندگي ۾ دخل ٿا ڏين. ان موضوع تي بحث کي 15 منٽ به ڪو نه گذريا ته 11 وڳي گيلاني صاحب وٽ سيد ظفر علي شاهه آيو. سائين پ پ دور ۾ ڊپٽي اسپيڪر هوندو هو ۽ جڏهن به اجلاس جي صدارت ڪندو هو ته حق ۽ سچ جي مسئلي تي اپوزيشن جي ڀر کڻندو هو ۽ هو موٽ ۾ ڊيسڪ وڄائيندا هئا ۽ کيس داد ڏيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته نواز ليگ جي حق ۾ حق سچ جي مسئلي تي رولنگ ڏئي حڪومت جا تختا ڪڍندو هو. اهو سڀ ڪجهه هن ڪافي صبر کان پوءِ ڪرڻ شروع ڪيو هو. ڇو ته ان دور جي حڪومتي مسيحا جي ناپسنديدگي سبب نوڪرين جي ڪوٽا ۽ ترقياتي اسڪيمن کان تقريبن محروم ٿي ويو هو. ان ناپسنديدگي جو سبب شايد هن جي خوشامد نه ڪرڻ هو. شايد اهو ئي سبب هو جو صدر لغاري پاران اسيمبلي ٽوڙڻ واري فيصلي جي ڀليڪار ڪندڙن ۾ ارباب غلام رحيم کان پوءِ پ پ حڪومت جي حامين مان ظفر شاهه ٻئي نمبر تي هو. بعد ۾ صدر سان دوستي پڪي ڪيائين ۽ ان جي خواهش ۽ ضمانت تي ئي هن غنويٰ ڀٽو کان ٽڪيٽ وٺي اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي سياسي زندگي جي بدترين شڪست کاڌائين.
    ڊڀڙائي سيد ظفر شاهه، گيلاني جي گهر ڏسڻ بعد هٿ ملايو. مون سنڌي ۾ ڳالهايومانس ته هڪ پٺاڻ جي گهر سنڌي ٻڌي ڇرڪي پيو. ويٺو ۽ پڇيائين ته توهان جو نالو؟ مون ٻڌايومانس اعجاز، چيائين ها تنهنجون مهربانيون آهن، تون منهنجي خلاف منهنجي مخالفن کان پئسا وٺي مون کي بدنام ڪرڻ لاءِ مضمون لکندو آهين. توکي ڪهڙو حق ٿو پهچي منهنجي ذاتي زندگي سان هٿ چراند ڪرڻ جو؟ وغيره وغيره، هو ڏاڪا ٻڌي چڙهي ويو. هن کي ڪاوڙ اها هئي ته مون سندس اليڪشن ۾ هارائڻ جي حوالي سان ڪجهه مهينا اڳ ٽي سٽون لکيون هيون ته ”هو عوام سان نه، ملندو آهي، ڪم نه ڪندو آهي، سواءِ جوکين جي ٻئي ڪنهن کي لفٽ نه ڪرائيندو آهي. صدر هن کي آسرا ڏئي مارائي ڇڏيو.“ انهن جملن سبب هن مون کي اهي سڀ جملا چيا. مون پڇيو مانس شاهه صاحب تون ڊپٽي اسپيڪر هئين تو وٽ گهڻا دفعا پئسا وٺڻ آيو هئس. اسان ته اقتدار ۾ رهندڙ اوهان جهڙن جي شڪل ڏسڻ به نه ايندا آهيون. رهي ڳالهه پئسن جي ته اهو پنهنجي لاءِ خدا جي فضل سان غيرت مند دشمن يا مخالف به الزام نه هڻندا. ذاتي زندگي بابت لکڻ يا نه لکڻ جو جواب افتخار گيلاني اوهان کي ڏيندو. توهان جي اڍنگي انداز تي هتي ڪجهه نٿو چوان. ڇو ته تون به پرائي گهر ۾ آهين ۽ مان به، موقعو مليو ته ڪڏهن ٻه پاڻي ڪبا. سندس لاءِ لکيل ٽي سٽون هن جي حلقي جي 70 سيڪڙو ماڻهن جي راءِ هئي.ا اسين پنهنجو ڪم ڪنداسين، هو پنهنجو ڪم ڪري، بلڪل ان چواڻي موجب ته فقير پنندا رهن...!
    تازو محترمه جو بيان آيو هو ته هن وقت پاڪستان خطري ۾ آهي. ٻيون سڀ شيون ڇڏيو ملڪ بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺو ۽ ان لاءِ فوج، ججن، سمورين سياسي پارٽين کي گهرائي گڏيل صلاح سان قومي حڪومت ٺاهيو. ان بيان تي ماسٽر چندر جي ان ڪلام ”اڃا ته مان ننڍڙي آهيان“ مطابق ميان نواز شريف جي حڪومت ان تي ڌيان ئي نه ڌريو. محترمه جي دور انديشي، علم ۽ عقل بابت ته ڪنهن کي انڪار ڪونهي پر حڪومت وارن جو چوڻ آهي ته محترمه اهو بيان مڙس کي بچائڻ لاءِ ڏنو آهي. حڪومت وارا ڀلي پيا چون ٿي سگهي ٿو ته هو ان چوڻ ۾ حق بجانب هجن پر محترمه جي اها ٿيوري اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي سياسي مارڪيٽ ۾ بحث هيٺ آهي. جنرل حميد گل، قاضي حسين احمد، اصغر خان، افتخار گيلاني سڀ مختلف مڪتب فڪر جا هوندي به لڳ ڀڳ ساڳئي ڳالهه پيا چون. جيتوڻيڪ في الحال اهو فارمولو وقتائتو نٿو لڳي. پر ان ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته ان کي وقت کان اڳ ميچوئر نه ڪيو ويندو.
    اڄڪلهه احتساب ۽ ڪرپشن جي حوالي سان روز ٽي وي تي ڪا نه ڪا فلم هلي پئي جن خلاف فلمون هلن ٿيون، انهن جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه پئي چري، ٽيڪ لڳايو ويٺا آهن. چون ٿا ته ”ٿوري گهڻي جي پاڻ کي پرواهه ناهي. باقي رت ڪڍڻ جو وڏيري جو حڪم ناهي.“ سيف الرحمان ۽ سندس 28 ملازم اڄڪلهه صرف اپوزيشن جي ڪرپشن تي فوڪس ڪن پيا. جيتوڻيڪ هنن وٽ نوابزاده نصرالله ۽ چٺا اينڊ ڪمپني خلاف به ريفرنس پيا آهن ۽ خود مسلم ليگين خلاف به ريفرنس آهن پر انهن جو وارو ڪڏهن ايندو؟ ان جو ڪافي ماڻهن کي انتظار آهي. مسلم ليگ جي حڪومت کي اڃا 130 ڏينهن مس ٿيا آهن ته هنن جي سابق دور جي ستايل ميمبرن به وارا وڄائڻ شروع ڪري ڏنا آهن. ٻيا ته هيراڪ همراهه خبر ناهي ڇا ڪندا هوندا پر ملتان جي ليگي ايم اين اي طاهر رشيد جهڙو شريف ماڻهو به گهٽ ڪو نه ٿو ڪري. هن جا اوٻاوڙو ۾ گدام آهن. اهي هن سنڌ جي خوراڪ کاتي کي ڪڻڪ رکڻ لاءِ ڪرائي تي ڏنا هئا. نواز دور جو اهو معاهدو پ پ حڪومت ختم ڪيو هو ۽ چيو ته طاهر رشيد جا گدام محفوظ ناهن، ڀتيون ڀڳل، ڇت برسات ۾ ٽمندي آهي، تنهن ڪري هتي ڪڻڪ رکڻ فضول آهي. انهن گدامن بابت تازو هڪ هفتو اڳ سنڌ جي خوراڪ کاتي کان هن معاوضي طور 28 لک رپيا ورتا آهن. اورڊرافٽ تي هلندڙ مالي بحران جي ور چڙهيل حڪومت خبر ناهي ڪهڙي ڌونئس ۽ دڙڪي ۾ اچي پئسا ڏئي ڇڏيا آهن. اهو مسئلو ٻڌو آهي ته اپوزيشن وارا قومي اسيمبلي ۾ به کڻڻ وارا آهن ۽ تر جي ايم اين اي خالد خان لنڊ جي معرفت گدامن جا فوٽو به ورتا ويا آهن. طاهر رشيد جي گدامن جي خستا حالت بابت تر جا ماڻهو چڱي ريت ڄاڻيندا هوندا. تن جي معاوضي لاءِ ورتل 28 لک ڪرپشن ۽ احتساب جي نئين قانون جي زمري ۾ شايد نٿا اچن.!
    24 جون تي گادي واري شهر ۾ چوڌري شجاعت جي صدارت ۾ ڪراچي مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ايم ڪيو ايم وارن سان اعجاز شفيع جي تمام وڏي جهڙپ ٿي هئي ۽ معاملو دڙڪن ۽ ڌمڪين تائين پهتو. اڳ ۾ صرف اخباري بيان جاري ڪرڻ تي اعجاز شفيع جي گهر فون ايندا هئا ۽ سندس ٻارن کي چيو ويندو هو ته اوهان يتيم ٿيڻ کان بچڻ چاهيو ٿا ته پيءُ کي چئو زبان بند رکي. هاڻي خبر ناهي ته ڇا ايندس؟ ڊائمنڊ فوم ڪمپني جو مالڪ اعجاز شفيع پنهنجي اهڙي ئي صاف گوئي جي ڪري ڪراچي مان ايم ڪيو ايم ۽ پ پ جي مخالفت جي باوجود، نصيرالله بابر ۽ عمران خان کي شڪست ڏئي ٻيو دفعو ايم اين اي چونڊجي چڪو آهي. هن کي خبر به آهي ته تڪ جي ووٽرن سان محبت، سندن مسئلا حل ڪرائڻ واري جنون ۽ ضمير جي آواز تي لبيڪ چوڻ جي ڏوهه ۾ ڪراچي ۾ ليگ جو هارايل ايم پي اي قاري محمد علي قتل ٿي چڪو آهي پوءِ به هو حق سچ تي اٽڪيو بيٺو آهي، الله سڻائي ڪندس باقي پوين جو آسرو مڙئي گهٽ اٿس.
    اڄڪلهه قانون سازي جي حوالي سان خالد انور وري مصروف آهي. 28 جون تائين بجيٽ پاس ٿيڻ کان پوءِ حڪومت پارليامينٽرين جي وفاداريون بدلائڻ واري قانون ۾ به ترميم ڪندي، نئون قانون پاس ڪرائڻ جو رٿيو آهي. جنهن موجب وفاداريون مٽائيندڙ ميمبر لازمي طور نااهل قرار ڏنو ويندو. ان کانسواءِ آمريڪي اينٽي ڊرگ ايجنسين جي ماهرن جي سفارش بلڪه هدايتن جي روشني ۾ نئون اينٽي اسمگلنگ فورس ٺاهڻ ۽ قانونن ۾ وسيع پئماني تي ترميم جو به ڪم هلي پيو. ڪشنچند پارواڻي جيڪو اقليتي ايم اين اي آهي، اهو به هڪ آئيني ترميمي بل تيار ڪري رهيو آهي. جنهن ۾ آئين ۾ ترميم ڪرڻ، اقليتن جو ڌار چونڊ نظام ختم ڪري گڏيل چونڊ نظام متعارف ڪرائڻ وارو معاملو شامل آهي. هو قومي اسيمبلي جي اقليتي برادري وارن ميمبرن سان به ڳالهائي پيو ۽ اهو بل چند هفتن ۾ مسلم ليگ جي پارلياماني پارٽي ۾ پيش ڪندو. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن کيس اتي موٽ نه ملي ته هو سڌو سنئون قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪندو. ان ترميمي بل پاس ڪرائڻ ۾ اپوزيشن ۽ اي اين پي وارا ته غير مشروط حمايت لاءِ تيار اٿس، پر ٻين جي نيت جي خبر خدا کي، جيڪڏهن ايئن بل پاس ٿي وڃي ٿو ته حڪومت جي يقينن 58 (2) بي ختم ڪرڻ وانگر واهه واهه ٿيندي. ترميمن جي سلسلي ۾ احتساب بل ۾ ترميم ٿيندي ۽ احتساب شروع ڪرڻ واري مدت 1990ع بجاءِ 1985ع ڪئي ويندي ڇو ته ان تي اپوزيشن کان سواءِ اي اين پي جو به زور آهي. اڳ ۾ ته ايم ڪيو ايم وارن به ڳالهه ڪئي هئي پر اڄڪلهه واري حڪومتي رويي سبب هو هاڻي ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌندا. حڪومت نه صرف اپوزيشن ۽ پنهنجي حامي جماعتن جي دٻاءُ سبب احتساب جي شروعات واري مدت 1985ع ڪرڻ لاءِ راضي ٿيندي. ڪاميٽي ٺاهي آهي پر صدر لغاري به سفارش ڪئي آهي ته احتساب ايڪٽ ۾ ترميم ڪيو. نه صرف مدت پر احتساب سيل جي اختيار به احتساب ڪمشنر جي ڀيٽ ۾ گهٽائڻ جي سفارش ڪئي آهي. جيتوڻيڪ هاڻي مڙئي هوا جو رخ ڏسي صدر صاحب به ڳالهائڻ شروع ڪيو آهي پر جيڪڏهن هو چاهي ها ته پارليامينٽ جي پاس ڪيل بل تي صحيح نه ڪري ها ۽ واپس موڪلي ها. چلو ٺيڪ آهي وري به ڳالهه سمجهه ۾ ته آيس.
    تازو قاضي حسين احمد راولپنڊيءَ ۾ اعلان ڪيو آهي ته 15 سيپٽمبر کان هو حڪومت خلاف تحريڪ هلائيندو ۽ اسلامي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪندو. سيپٽمبر واقعي هن حڪومت لاءِ ڳرو ثابت ٿيندو، ڇو ته اي اين پي سان جيڪو پاور شيئرنگ بابت حڪومت جو معاهدو آهي، ان جي مدت آگسٽ ۾ ختم ٿي ويندي. ان ۾ ڪيل واعدن تي عمل نه ٿيڻ سان هو حڪومت خلاف جارحاڻو رويو اختيار ڪندا. ايم ڪيو ايم وارا به ڪناري تي بيٺا آهن. پتو ئي نه ٿو پوي ته ڪنهن مهل ٿا هو ٽپو ڏين. سياسي مبصرن جو خيال آهي ته اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم وارا گڏجي حڪومتي صفن ۾ ويهي حڪومت لاءِ مونجهارا پيدا ڪندا ۽ تقريبن معاملن تي اختلاف ڪندا رهندا. جنهن سان خود مسلم ليگ جا ماڻهو به هنن جي راءِ جي حمايت ڪندا رهندا. اندرين فورم تي حڪومت لاءِ اهي ٻئي ڌريون ڏچو پيدا ڪنديون. ٻاهرين فرنٽ تي قاضي، بي بي ۽ ٻيا وس آهر پيا هل مچائيندا جنهن جا يقينن حڪومت تي منفي اثر پوندا.
    (27 جون 1997ع)


    انٽرويو

    انٽرويو



    سياستدانن لاءِ هي آخري موقعو آهي، هاڻي انقلاب ايندو:حميد گل

    ڪاوش: موجوده حڪومت عوام سان احتساب، امن امان ۽ مهانگائي جي خاتمي جا جيڪي واعدا ڪيا، ڇا ان تي عمل ڪري پئي؟
    حميد گل: هر مخلص حڪومت جي مفاد ۾ اهو آهي ته هوءَ قوم کي اعتماد ۾ وٺي ڪم ڪري، جرمني ۽ جاپان عالمي جنگ ۾ تباهي جي باوجود به ويهه سالن اندر ايتري ترقي ڪئي جو سڀني کان اڳتي آهن ته پاڪستان ترقي ڇو نه ٿو ڪري سگهي؟ پاڪستاني قوم سان زيادتي اها ٿي آهي جو کيس مخلص ليڊرشپ نه ملي آهي. موجوده حڪومت کي تمام وڏو مينڊيٽ بيروزگاري جي خاتمي، احتساب ۽ تبديلي لاءِ مليو آهي. هن وقت حڪومت امن امان قائم ڪرڻ، احتساب ڪرڻ ۽ معاشي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ عوامي شرڪت کي يقيني بڻائي غير معمولي اپاءَ وٺي آزمايل فارمولي موجب نه هلي. موجوده حڪومت مٿين ٽنهي معاملن جي حل لاءِ ڪو به نئون فارمولو نه جوڙيو آهي ۽ عوام بدران خاص ماڻهن جي شموليت تائين پوري معاملي کي محدود رکيو آهي، ان طرز عمل سان ناڪامي جو خدشو آهي.
    ڪاوش: ڇا توهان آئين کان مٿانهن اُپائن ڏانهن اشارو ڪيو ٿا؟
    حميد گل: اسان وٽ هلندڙ نطام ڦرلٽ وارو ۽ غيرآئيني آهي. ان لاءِ اپاءُ به آئين موجب ڪرڻ سان مسئلو حل نه ٿيندو. هن ملڪ مان طبقاتي فرق ختم ڪرڻو پوندو. هاري جي پٽ کي هاري رهڻ تي مجبور نه ڪريو. اهو سلسلو هاڻي وڌيڪ نه هلندو. عوام تبديلي چاهي ٿو ۽ جيڪڏهن هي حڪومت به تبديلي نه آڻي سگهي ته پوءِ عوام پاڻ تبديلي آڻيندو.
    ڪاوش: ڇا ملڪ ۾ تبديلي چونڊن ذريعي ممڪن آهي؟
    حميد گل: هن ملڪ ۾ هر حڪومت واعدا وڏا ڪيا آهن پر عمل ناهي ڪيو ۽ هر حڪومت غيرآئيني اپاءُ ورتا. هاڻي صورتحال ۾ بهتري انقلاب سان ايندي، چونڊن ذريعي نه. آئينده قوم ووٽ ڏيڻ لاءِ ٻاهر به ڪو نه ايندي. نطام جي تبديلي لاءِ 77ع ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ شروع ٿي پر ان کي مارشل لا جڪڙي ويو ۽ مارشل لا وارن چيو ته اسين اسلامي نظام آڻينداسين. (ضياءُ ڏانهن اشارو ڪندي) مارشل لا وارن نه اسلام آندو نه ئي تحريڪ کي اڳتي وڌڻ ڏنو. ٻي تحريڪ ايم ڪيو ايم جي هلي. ان کي لسانيت جي دائري ۾ جڪڙيو ويو. حقيقت ۾ ته ان تحريڪ کي پوري ملڪ ۾ غريبن جي تبديلي لاءِ ڪم ڪرڻو هو. اهي ٻه وڏيون تحريڪون هيون. هاڻي نئين تحريڪ لاءِ وقت لڳندو. ان جا آثار نظر پيا اچن. افغانستان ۾ نوجوانن (طالبان) ڪنهن کي قبول نه ڪيو. جڏهن کٽيل جنگ بعد افغان قيادت پاڻ ۾ وڙهندي رهي ته اڍائي سالن اندر نوجوانن تحريڪ شروع ڪئي. ايران ۾ به نوجوانن تحريڪ شروع ڪئي. نئون ايراني صدر خاتمي آيو آهي. ان جي پٺيان نوجوان آهن. فرق اهو آهي ته افغانستان ۾ طالبان رجعت پسند ۽ ايران وارا لبرل آهن، پر ٻئي اينٽي امپيرلسٽ آهن. پاڪستان ۾ به اهڙي تحريڪ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ايران يا افغانستان جو ماڊل ٺيڪ ناهي.
    ڪاوش: جڏهن ضياءُ جي مارشل لا ۾ تحريڪ نظام مصطفيٰ کي دٻايو ويو ته ان وقت اوهان به مارشل لا جو حصو هئا. اوهان ڇو ان ۾ حصو ورتو. ٻيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ به چيو وڃي ٿو ته اها ضياءُ الحق پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٺهرائي. ان بابت اوهان جو ڇا خيال آهي؟
    حميد گل: جڏهن ضياءَ مارشل لا لڳايو ته مان جونيئر ليفٽيننٽ ڪرنل هئس، جنهن جي ڪا به حيثيت نه هوندي آهي. فوج ۾ صرف هڪ ماڻهو جو حڪم هلندو آهي. جيڪو چيف آف آرمي اسٽاف هوندو آهي. مون کي به ڪشمير جي مسئلي تي اختلاف ڪرڻ تي سزا ملي ۽ جبري رٽائر ڪيو ويو. پنج لک فوج ۾ هر هڪ جو خيال ۽ خواهش مختلف هوندي آهي. چيف آف آرمي اسٽاف جو حڪم ضروري ناهي ته اهو سڄي فوج جي خيال ۽ خواهش موجب هجي. مان آءِ ايس آءِ جو سربراهه هئس. افغانستان ۾ ڪم ڪيو، جيڪو ڪيو ملڪ لاءِ ڪيو. ملڪي سياست سان ڪو به واسطو نه هو. ايم ڪيو ايم جي تخليق ۾ آءِ ايس آءِ يا فوج جو رول ناهي. هي پارٽي جيڪڏهن ڪنهن ٺاهي آهي ته اها ڪا ٻي قوت آهي. ان جي مون کي خبر ناهي. اهڙيون تحريڪون ٺاهيون نه وينديون آهن، جذبو هوندو آهي. ماڻهو چريا ناهن جو ڪنهن لاءِ جان ڏين. توهان پ پ جو مثال وٺو اها غريبن جي پارٽي بڻجي اڀري. پر بعد ۾ وڏيرن جي قبضي ۾ هلي وئي ۽ اڄ جيڪا پ پ جي حالت آهي، اها ڇا آهي. ليڊر شپ غلطيون تسليم ڇو نه ٿي ڪري، پ پ کي ٻه دفعا اقتدار مليو. غريبن لاءِ هنن ڇا ڪيو؟ صرف پنهنجي خاندان جي جائيداد وڌائي پاڻ کي امير بڻايو، اڄ وري هو غريبن جي ڳالهه ٿا ڪن. پاڪستان ۾ جيڪو به حڪمران آيو آهي ان پنهنجي ناجائز ۽ جائز خواهش جي پورائي لاءِ ڪم ڪيو، قوم لاءِ نه ڪيو.
    ڪاوش: ايم ڪيو ايم جي پنجاهه سيڪڙو سياست ۾ ڏنڊي جو ڪمال هو، ماڻهو ڊپ کان ساڻن گڏ هئا جيڪو اختلاف ڪندو هو اهو قتل ٿي ويندو هو؟
    حميد گل: ايم ڪيو ايم خلاف به تشدد ٿيو ۽ ايم ڪيو ايم وارن به تشدد ڪيو. ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگس ٿيون. تازو مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس کي به پوليس هٿان ٿيل ايڪسٽرا جوڊيشل ڪلنگ قرار ڏنو ويو آهي. ايم ڪيو ايم جيڪي ڀتا ورتا ۽ تشدد ڪيو، اهو پنهنجي جاءِ تي پر هنن سان گڏ عوام هو. توهان ٻڌايو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن سان زيادتيون نه ٿيون آهن؟ سنڌي ماڻهن سان زيادتي اها ٿي ته سندن زمينون ٻاهرين ماڻهن کي ڏنيون ويون، جنهن چاهيو تنهن ورتي، ان سبب سنڌي ماڻهو بيزار ٿيا. ان بيزاري سبب اسلام آباد ۾ ويٺل ڪجهه ماڻهو اهو چوندا رهيا ته سنڌي ڀارت جي چوڻ تي هلن ٿا. مون ان جي مخالفت ڪئي ته سنڌين کي ڀارت نه ڀڙڪايو آهي پر هنن سان زيادتيون ٿيون آهن.
    ڪاوش: توهان سٺي ڳالهه ڪئي. واقعي، اهو فوج جو تاثر آهي ته سنڌي ”را“ جا ايجنٽ آهن. ٻيو ته ٺهيو مولانا نوراني هر سنڌي کي اڃا به ”را“ جو ايجنٽ سمجهندو آهي. ڇا فوج جو سنڌ بابت اهو تاثر درست آهي؟
    حميد گل: نه بلڪل نه، پوري فوج جو اهو خيال ناهي. سنڌ باب الاسلام آهي. سنڌين جون وڏيون قربانيون آهن. نوراني جي خيال بابت مان ڪجهه نه چوندس. باقي اهو تاثر پيدا ڪرڻ جو جواز انهن ماڻهن پيدا ڪيو جيڪي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي، حڪمراني ڪرڻ چاهين پيا. هنن سنڌين کي ڀڙڪايو. فوج متعصب ناهي، فوج جي تربيت ئي مختلف آهي هڪ اڌ فوجي اهڙا متعصب هوندا، باقي بيورو ڪريٽ جو انداز ئي ٻيو آهي. هو ته ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ ويهي اندازا هڻندا آهن، جيڪي غلط هوندا آهن. فوج وارا ته جهنگ ۾ هوندا آهن، هنن کي حقيقت جو وڌيڪ علم هوندو آهي. ضياءَ الحق پاڪستان سان ڪافي مخلص هو، هن جي ٻين معاملن تي شڪ ڪري سگهجي ٿو پر پاڪستان سان مخلص هئڻ تي نه.
    ڪاوش: مرتضيٰ قتل جي حوالي سان ٽربيونل جي رپورٽ آئي آهي، ان بابت ڇا خيال آهي؟
    حميد گل: مرتضيٰ قتل جو الزام ٽربيونل موجب فوج نه پر ڪنهن ٻي پاسي آيو. سترنهن پوليس وارن تي ڪيس هلندو، ڏسون ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ باقي ڪجهه حلقن پاران فوج بابت شڪ ظاهر ڪرڻ انتهائي غلط آهي. مرتضيٰ جي قتل جهڙن ڪرمنل سرگرمين ۾ فوج ملوث نه ٿيندي آهي. فوج جي تربيت ئي مختلف آهي.
    ڪاوش: ڇا ملٽري انٽيليجنس ۽ آءِ ايس آءِ وارا به اهڙين ڪرمنل سرگرمين ۾ ملوث ناهن؟
    حميد گل: مان ڪنهن ٻئي جي ڳالهه نه ڪندس. مان جڏهن ايم آءِ ۽ آءِ ايس آءِ ۾ هئس ته اهڙي ڪرمنل حرڪت جو تصور به نه ڪيو،ان بعد مون کي خبر ناهي ۽ نه مان ذميوار آهيان. منهنجي دور بابت اهڙي سرگرمي اڄ يا ويهه سالن بعد ثابت ٿي ته مان هر سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار آهيان.
    ڪاوش: ڀٽو چونڊون کٽي آيو، هن کي اقتدار نه مليو، بعد ۾ کيس ڦاهي ڏني وئي ۽ اهو سنڌين ۾ تاثر آهي ته فوج اينٽي ڀٽو يا اينٽي سنڌي آهي، اوهان ڇا چوندا؟
    حميدگل: فوج ڪڏهن به ذوالفقار ڀٽي جي خلاف ناهي رهي، ڀٽو کي اقتدار ۾ آندو ئي فوج هو، هن کي ته جنرل گل حسن آندو هو. ان بعد بينظير آئي، 92 سيٽون مليس، اڪثريت نه هئس پر فوج هن کي اقتدار ڏياريو. ان فيصلي ۾ مان به هئس. نواز شريف وارا اڃا به چون ٿا ته فوج کانئن زوري استعيفيٰ ورتي ۽ بينظير کي اقتدار ۾ آندو. مون کي ٻڌايو ته فوج ڪيئن اينٽي ڀٽو ٿي. فوج ٽي دفعا ڀٽو خاندان لاءِ ڪم ڪيو. پهرين ڀٽو جي حڪومت فوج جي مرضي سان آئي، ٻي ڀٽو حڪومت (بينظير جي پهرين حڪومت) فوج جي مرضيءَ سان آئي. ٽين ڀٽو جي حڪومت فوج جي مرضي سان آئي. ڇا پوءِ به اوهان چوندا ته فوج ڀٽو جي خلاف آهي.
    ڪاوش: توهان جي چوڻ مان ته ثابت ٿيو ته فوج پاڪستان جي پارلياماني سياست ۾ سڌي طرح ملوث آهي؟
    حميد گل: پهرين ڀٽو حڪومت وقت ته مارشل لا هئي ۽ فوج اڳ ۾ ئي موجود هئي. حالتون خراب هيون، ڀٽو اليڪشن کٽي، بنگال ڌار ٿي ويو. فوج وارن حڪومت ڀٽو حوالي ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ايوب خان جو پٽ بڻيل هو. ايوب خان هن کي وزيرخارجه ۽ وزير پيداوار ٺاهيو. اتان هن جي سياست شروع ٿي. ڀٽو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر يحيٰ خان جو به ايڊوائيزر هو، ڀٽو کي جنرل گل حسن ۽ ايئر مارشل رحيم حڪومت ڏياري. اهو ته ڀٽو جو ذڪر هو. هاڻي اچو بينظير تي. هن 92 سيٽون کٽيون ۽ اقتدار هن کي ڏنو ويو. جيتوڻيڪ هن وٽ سادي اڪثريت به نه هئي. نواز شريف بعد ۾ آيو ۽ هو چوي پيو ته هن کان زوري استعيفيٰ ورتي وئي. اها فوج جي سڌي طرح سياست ۾ مداخلت هئي. باقي اڳ ۾ ته فوج ازخود موجود هئي. ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو.
    ڪاوش: سائين اهو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڪو فوجي آفيسر يا چيف آف آرمي اسٽاف جڏهن سٺو ڪم ڪري ٿو ته اهو پوري فوج جي کاتي ۾ ڳڻيو ٿا، پر جيڪڏهن ڪو غلط ڪم ڪري ٿو ته اهو هن جو ذاتي فعل ڪيئن ٿو ٿئي. اهو ڊبل اسٽينڊرڊ ڇو آهي؟
    حميد گل: مثال طور ڪو واقعو ٻڌايو.
    ڪاوش: جڏهن ڀٽوکي ڦاهي ملي ته ان وقت جن ججن ضياءَ جي ڳالهه نه پئي مڃي انهن کي هٽايو ويو.
    حميد گل: جيڪڏهن هڪ گروپ خراب ڪم ڪري ٿو ته اهو پوري فوج جو Reflective ناهي.
    ڪاوش: چيو وڃي ٿو ته افغان جنگ ۾ ڪيترن ئي فوجي جنرلن ڪروڙين رپيا ڪمايا، ڪنهن کي سزا نه ملي. اهو ئي سبب آهي جو تازو اسڪوارڊرن ليڊر فاروق هيروئن ڪيس ۾ پڪڙيو ويو. اهڙا وڏا ڏوهه ڪندڙ فوجي آفيسرن کي سزا ڇو نه ٿي ملي؟
    حميد گل: جيڪڏهن ڪنهن ڏوهاري کي بر وقت سزا نٿي ملي ته پوءِ واقعي اداري جو قصور آهي. مان به افغان جهاد ۾ رهيس، روزانو مان ڪروڙين رپيا ورهائيندو هئس، پر هڪ پائي جي ڪرپشن جو الزام به نه لڳو. بينظير حڪومت آئي. هو منهنجي خلاف هئا، هنن مون کي هٽايو ۽ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيا، هنن وڏي ڪوشش ڪئي پر کين ڪو به ثبوت هٿ نه آيو. فوج ۾ سوين جنرل آهن، ڪيترا انهن مان ڪرپٽ هوندا. ڇا سياستدانن گهٽ ڪيو آهي، انهن کي اڄ تائين ڪنهن چيو آهي؟
    ڪاوش: تازو نيول چيف منصور الحق کي ڪرپشن سبب هٽايو ويو. ڇا اها سزا ڪافي آهي، باقي جيڪو مال کاڌو اهو هضم؟
    حميد گل: ايئن نه ٿيڻ گهرجي. اهو حڪومت جو ڪم آهي، جيڪڏهن منصورالحق ملوث آهي ته هن جو ڪورٽ مارشل ڪريو، صرف نوڪري مان ڪڍڻ ڪا سزا ناهي. جيڪڏهن ننڍو آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث هجي ته فوجي سربراهه ذميوار آهي ۽ اهو ڪارروائي ڪندو پر جڏهن فوجي سربراهه ملوث هجي ته ان خلاف حڪومت کي ڪارروائي ڪرڻي آهي.
    ڪاوش: فوج ۾ خود احتسابي عمل پختو ڇو نه آهي، گذريل پنجن سالن جي فوجي بجيٽ پنج سئو ارب آهي. پنجاهه ارب رپين جا گهپلا ٿيا، هڪ آفيسر کي به سزا نه ملي. ٻيو ته تازو احتساب ايڪٽ آيو آهي، ان بابت ڇا خيال آهي؟
    حميد گل: ان بحث ۾ نٿو پوان، مان پاڪستان احتساب موومينٽ جو چيئرمين آهيان. تازو احتساب ايڪٽ آيو آهي، اهو فراڊ آهي جنهن ۾ صدر فوجي سربراهن، ججن ۽ گورنرن کي احتساب کان آجو قرار ڏنو ويو آهي، ڇو؟ هي مٿان لهي آيا آهن، اهي ئي ته ماڻهو اصل ۾ قابل احتساب آهن. نئين احتساب ايڪٽ ۾ 90ع کان پوءِ احتساب جو ذڪر آهي. اڳئين دور ۾ هڙپ ڪيل مال جو حساب ڪتاب ڇو نه؟ ڇا اهو قوم جو پئسو نه هو. جڏهن نگران دور ۾ احتساب آرڊيننس آيو هو ته مون ان وقت به احتجاج ڪيو هو ته صدر لغاري احتساب کان بالاتر ڇو؟ فوجي سربراهن کي ڇو آجو ڪيو ويو آهي؟ ججن، فوجي سربراهن، صدر سڀني جو احتساب اڳ ۾ ٿيڻ گهرجي. جرم جيڪو به ڪري، جڏهن به ڪري اهو جرم آهي. جيڪڏهن هڪ بدو حضرت عمر رضي الله تعاليٰ جي قميص جو کانئس حساب ڪتاب وٺي سگهي ٿو ته پوءِ هنن کي ڇو ڇڏيو وڃي. ڪير حضرت عمر کان بلند آهي؟ هر هڪ جو احتساب ٿيڻ گهرجي.
    ڪاوش: اوهان چيو ته جنرل گل حسن ڀٽو کي سياست ۾ آندو پر ماڻهو چون ٿا ته جنرل جيلاني نواز شريف کي وڏو وزير ۽ حميد گل هن کي وزيراعظم ٺاهيو، اوهان آءِ جي آءِ به ٺاهيو؟
    حميد گل: سوال ڪاٽيندي چيو ته مون ته هن کي هڪ دفعو ٺاهيو پر بعد ۾ هن کي عوام قبول ڪيو ۽ اڄ ايڏو وڏو مينڊيٽ ڏئي هن تي اعتماد ڪري موڪليو آهي، اڄ ته مون هن کي نه آندو آهي. عوام اسان جي فيصلي کي قبول ڪيو. عوام هن کي ڇو آندو ڪو سبب ته هوندو نه! آءِ جي آءِ ٺاهڻ مذاق ته نه هو ڪو ٻيو سياستدانن کي گڏ ڪري ته ڏيکاري.
    ڪاوش: جڏهن سياستدان سچا ناهن ته پوءِ ملڪ جو آخر ڇا ٿيندو؟ جنهن کي جتان اچي ٿو اهو مال هڙپ ڪري ٿو، نصير الله بابر چيو ته نواز فيملي بينڪن کان تيرنهن ارب قرض وٺي کائي وئي. نواز شريف پاڻ اسيمبلي ۾ چيو ته هن تي 58 ڪروڙ ڊيفالٽ جي رقم آهي، وڌيڪ ناهي. هن وقت بينڪ جا 130 ارب رپيا 30 خاندانن وٽ آهن. اهڙي صورت ۾ ڇا ٿيندو؟
    حميد گل: سياستدانن لاءِ هي آخري موقعو آهي. قوم کي اٿڻو پوندو ۽ انقلابي انصاف سان معاشري جي اصلاح ڪرڻي پوندي. پاڪستان جي چوطرف انقلاب اچي چڪا آهن. هاڻي پاڪستان جو وارو آهي. پاڪستان موجوده تجربي مان به بچيو يا جيڪڏهن بچڻو آهي ته پوءِ اهو انقلاب جي رستي سان ئي ممڪن آهي.
    ڪاوش: موجوده صورتحال ۾ مارشل لا جو امڪان آهي؟
    حميد گل: ڇا ڪندا مارشل لاءِ وارا، اهڙي بدحالي جي ڪيفيت ۾ مارشل لاءِ ڇا اچي ڪندو، اهي ڪهڙو تير هڻندا. موجوده حالت ۾ عوام ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو.
    ڪاوش: توهان جي احتساب موومينٽ جو ڇا ٿيو، ان لاءِ ڇا پيا ڪريو؟
    حميد گل: مان ته ڪم ڪريان پيو، اذان ڏني اٿم، هاڻي عوام اُٿي. عوام کي اپيل ٿو ڪريان ته هو اٿي ۽ حق وٺي، خدا مدد ڪندو. الله رڳو جنرلن، ڪامورن، جاگيردارن، وڏيرن جو ناهي پر الله غريبن جو به آهي.پاڪستان الله لاءِ ٺهيو ان کي بچايو. سياستدان بازيگر آهن، انهن کي ڇڏيو، اسان وٽ اچو. هي سياستدان مفاد پرست آهن، ڪو آمريڪا جو ايجنٽ آهي. هنن جا بئنڪ بيلنس، جائيدادون ٻاهر آهن. پاڻي به ٻاهران گهرائي پيئن ٿا. سڀ ڪجهه ٻاهر اٿن ته پوءِ هو هتي ڇو موجود آهن، کين کپي ته ٻاهر وڃن ۽ عوام جي جان ڇڏين. قوم نواز شريف کي مينڊيٽ ڏنو آهي. اسين اهو تسليم ڪندي چئون ٿا ته نواز شريف، امن، انصاف، احتساب ۽ بيروزگاري جي خاتمي لاءِ ڪجهه ڪري ڏيکاري.
    ڪاوش: اوهان انقلاب جي ڳالهه ڪريو ٿا، نئين قيادت جي ڳالهه ڪريو ٿا، ويجهڙ ۾ عمران خان آيو، ناڪام ويو، مذهب جي نالي تي ٺهيل هن ملڪ ۾ پنجاهه سالن ۾ ڪڏهن ڪا به مذهبي پارٽي اقتدار ۾ نه آئي؟.
    حميد گل: حضور، هي مذهبي پارٽيون ناهن، هي سياسي پارٽيون آهن. مذهبي پارٽي قرآن ۽ انسانن جي ڳالهه ڪندي آهي، غريبن جي ڳالهه هو به نٿا ڪن. غريب عذاب ۾ آهي، صرف ساهه کڻڻ تي ٽيڪس ناهي، باقي هرشيءِ تي ٽيڪس آهي ۽ غريب 80 سيڪڙو ٽيڪس ڀري ٿو جڏهن ته ڪارخانيدار ٽيڪس چور آهي.
    ڪاوش: اهڙي صورت ۾ نئين پارٽي جي گنجائش آهي؟
    حميد گل: موجوده نطام کي ختم ڪرڻ کانسواءِ ملڪ نه بچندو. نظام اکيڙڻ لاءِ وڏي محنت جي ضرورت آهي، مان پنهنجو ڪم ڪريان پيو هر ڪو پنهنجو ڪم ڪري.
    ڪاوش: توهان وٽ ايترو نيٽ ورڪ آهي؟
    حميد گل: ڏسو ڇا ٿو ٿئي؟
    ڪاوش: 58 (2) بي جي خاتمي بعد هڪ تاثر آهي ته هاڻي مارشل لا کي ڪير به نه ٿو روڪي سگهي اهو شو شو ڇا آهي؟
    حميد گل: پارليامينٽ سپريم آهي، هوءَ جيڪو چاهي ڪري پر جنهن انداز ۾ اٺين ترميم ختم ڪئي وئي اهو طريقو غلط آهي. اهو مس يوز آف مينڊيٽ ۽ مس يوز آف پارليامينٽ آهي. اڳ ۾ جڏهن عوام حڪومت کان بيزار ٿيندو هو ته روڊن تي اچي صدر ڏانهن ڏسندو هو هاڻي ڪنهن ڏانهن ڏسندو؟
    ڪاوش: ڇا فوج ڏانهن ڏسندو؟
    حميد گل: منهنجو اهو سوال آهي، سياستدانن کان هو ٻڌائين.
    (22 جولاءِ 1997ع)


    اصول پسند ميمبرن جي چڀندڙ ماٺ ۽

    اصول پسند ميمبرن جي چڀندڙ ماٺ ۽
    خاص قانون جي منظوري

    20 اپريل 1995ع کي جيتوڻيڪ سوا ٻه سال گذري چڪا آهن پر پوءِ به تاريخ اڃا ياد آهي ڇو ته ان ڏينهن پاڪستان جي سمورين اخبارن کان اڳ ۾ ڪاوش ۾ اها نيوز بريڪ ٿي هئي ته ”بينظير حڪومت دهشتگردن خلاف گواهي نه ملڻ سبب ڊي ايس پي آڏو ڪنهن به ملزم جي ڪيل انڪشاف کي مستند گواهي تسليم ڪرڻ لاءِ عدالت کي پابند بڻائڻ بابت قانون تيار ڪري رهي آهي“ ان خبر تي وڏي وٺ وٺان ٿي هئي ۽ ان وقت جي مخالف ڌر مسلم ليگ (ن) سخت مزاحمت ڪندي ان کي آئين جي روح جي سنگين خلاف ورزي قرار ڏنو هو. هاڻي جڏهن مسلم ليگ حڪومت ۾ آهي ۽ پيپلزپارٽي اپوزيشن ۾ آهي ته جيڪو بيان ۽ موقف پ پ جو هو، هاڻي اهو مسلم ليگ جو آهي ۽ جيڪو موقف ان وقت مسلم ليگ جو هو، اهو پيپلزپارٽي جو آهي. ان مان اهو ثابت ٿيو ته حڪومت ۾ اچڻ بعد اقتدار جي مخمل واري نرم ۽ نازڪ سيج تي ويهندڙ حڪمران چاهي ڪيڏو به اصول پسند هجي اهو مصلحت جو ڄاڻي واڻي شڪار ٿئي ٿو يا اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته حڪومت ۾ ويٺل هر حڪمران جي مرضي نه پر ڪنهن ٻئي جي مرضي هلندي آهي.
    تازو منظور ڪيل خصوصي عدالتن جي قيام ۽ پوليس کي بنا وارنٽ ڇاپن ۽ گرفتارين ۽ گوليون هلائڻ جا اختيار ڏيڻ واري قانون جي آرمي چيف حمايت ڪئي، چيف جسٽس ۽ صدر لغاري خاموشي اختيار ڪئي آهي. 14 آگسٽ تي جڏهن صدر فاروق لغاري ايوان صدر ۾ رات جي ماني جي دعوت، ان کي ماني جي دعوت ته نه چوڻ کپي ڇو ته ماني ڪو نه هئي صرف Refreshment هئي. رات جو 30-9 وڳي به صدر لغاري ڪباب ۽ پيٽيز کارائي سڀني مهمانن مان هٿ ڪڍيا ڇو ته دعوت جي باوجود به وزيراعظم نوازشريف ان تقريب ۾ نه آيو هو. وزيراعظم جي نه اچڻ جو سبب شايد اهو هو ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه جيڪا لاڪميشن جي رپورٽ صدر کي پيش ڪئي تنهن ۾ خصوصي عدالتن جي قيام جي مخالفت ڪيل هئي ۽ صدر ان رپورٽ جي بي حد تعريف ڪئي هئي. اڻ سڌي طرح جيتوڻيڪ صدر حڪومت جي نئين قانون خلاف ناپسنديدگي جو اظهار ته ڪيو پر کلي عام تبصري کان لنوائي پيو. نئين قانون جي خلاف چيف جسٽس ۽ صدر منظوري کان اڳ ته پنهنجو موقف ڏنو پر منظوري بعد ٻئي خاموش هئا. البته چيف جسٽس 14 آگسٽ تي وزيراعظم پاران جهنڊو ڦڙڪائڻ جي جيڪا تقريب منعقد ٿي ان ۾ هو نه آيو، ۽ سپريم ڪورٽ ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ جي هن ڌار تقريب منعقد ڪئي. ملڪ جي تاريخ ۾ ڪڏهن به اڳ ۾ اهڙي روايت نه رهي آهي.
    اهو واقعو عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ اختلاف جو واضح مثال آهي. صدر پاران لا ڪميشن جي رپورٽ جي تعريف ڪرڻ به صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ اختلافن جو ثبوت آهي. تمام جلد نواز شريف سان اتفاق ڪندڙن جو اختلاف به اوترو ئي تيزي سان ٿيو آهي. اهڙن ئي اختلافن جي بنياد تي بينظير ڀٽو پنهنجي جنگ هارائي پڙ مان ٻاهر ويٺي آهي. ساڳئي پچ تي ساڳئي نوعيت جي بائونسر کي نواز شريف کيڏي پيو. جڏهن ان اسٽائيل سبب بينظير آئوٽ ٿي سگهي ٿي ته ڇا نواز شريف بچي ويندو ۽ سندس لڳايل اونچي هٽ وارو بال ڪيچ ٿيڻ کان ڊراپ ٿي ويندو؟ ان سوال جو جواب گادي واري شهر جي جمود وارين حالتن ۾ اوچتو پيدا ٿيل اڇل واري ڪيفيت جلد ئي ڏيندي.
    فيبروري 1998ع جي وچ ڌاري سپريم ڪورٽ جا ٻئي سنڌي ڳالهائيندڙ جج رٽائر ٿي رهيا آهن. چيف جسٽس سجاد علي شاهه 16 فيبروري ۽ جسٽس مختيار احمد جوڻيجو 19 فيبروري تي رٽائر ڪندا. نومبر 98ع ۾ صدر فاروق احمد لغاري به رٽائر ٿي ويندو. لڳ ڀڳ ساڍن چئن سالن کان چيف جسٽس ۽ صدر لغاري عهدن تي رهڻ سبب ڪافي ويجها ۽ هم خيال به بڻيا آهن.
    16 فيبروري 98ع اچڻ ۾ اڃا 5 مهينا آهن. ان عرصي ۾ 3 کان 4 اهم ڪيسن جا تفصيلي دليل ٻڌڻ کان پوءِ تاريخي فيصلا ٿيڻ جي گنجائش آهي. جن ۾ ايڪسٽرا جوڊيشنل ڪلنگس واري ازخود نوٽيس وٺڻ ۽ تازو منظور ڪيل قانون کي غلط قرار ڏيڻ جا ڪيس به شامل ٿي سگهن ٿا. ڏسون ته ڪنهن جو به انتظار نه ڪرڻ وارو وقت ڪهڙيون ٿو خوشخبريون ٻڌائي.
    سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد شاهه جي رٽائرمينٽ کان اڳ چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪاميٽي ايئر مارشل فاروق فيروز خان رٽائر ٿيندو. ان جي جاءِ تي تقرر ٿيندڙ ماڻهن جي نالن ۾ عباس خٽڪ ۽ جنرل جهانگير ڪرامت جا نالا به آهن. جيڪڏهن جهانگير ڪرامت ان سائيڊ پوسٽ تي هليو ويو ته آرمي چيف به نئون مقرر ٿيندو ۽ اها تقرري هلندڙ سال ئي ٿي ويندي. ان صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان صدر ۽ آرمي چيف واري ٽرائڪا ئي نئين اچي ويندي ۽ نوان ايندڙ همراهه سيٽ ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڌيڍ سال جو وقت لڳائيندا ۽ ان وچ ۾ حڪومت کي ساهه کڻن جي ساهي ملي ويندي پر سوال اهو آهي ته هي سڀ ڪجهه ٿيڻ لاءِ ايندڙ گهٽ ۾ گهٽ 5 ۽ وڌ ۾ وڌ 15 مهينا گذارڻا آهن، ان عرصي ۾ ايندڙ 5 مهينا اهميت جوڳا آهن.
    تازو منظور ڪيل قانون جنهن کي جج (ر)، وڪيل، صحافي، دانشور، اديب ۽ سياستدان ڪارو قانون قرار ڏئي چڪا آهن ڏسون ته مٿيان ان ڪاري قانون خلاف پنهنجي پنهنجي محاذ تي ڪيترو وقت ٿا وڙهن. حقيقت ۾ ته ان قانون کي ڪارو سڏڻ ئي لفظ ”ڪارو“ جي توهين آهي پر هن وقت ذهن ۾ ڪو به خراب لفظ سوچڻ جي باوجود به اچي ئي نٿو. قانون جو متن ۽ هر حوالي سان خدشا ۽ تبصرا به هي سٽون لکڻ تائين سڀني کان وڌيڪ ڪاوش ۾ ڇپيا آهن ڇو ته اسلام آباد ۽ لاهور جي انگريزي ۽ اردو اخبارن ۾ سواءِ هڪ ٻن جي سڀني کي قانون منظور ٿيڻ واري رات فرنٽ پيج جا ايترا ته اشتهار مليا هئا جو اخبارن جي نڪ تائين اشتهار ڀريل هئا. سمورين اخبارن صرف 3 ڪالمي خبر هلائي ته قانون پاس ٿي ويو.
    ايم ڪيو ايم ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي (حاصل بزنجو ۽ مينگل وارا) اهو قانون پاس ڪرڻ وقت موجود نه هئا. هيستائين هنن جو ڪو به رد عمل سامهون نه آيو آهي. پي اين پي جو ايم اين اي شڪيل بزنجو صدر واري دعوت ۾ مليو سندس خاموشي جو سبب پڇڻ تي ٻڌايائين ته اسين احتجاجن غائب هئاسين. هن چيو ته اهو قانون ملڪ کي پوليس رياست بنائڻ جي سازش آهي. هي ٻروچ ڪن ۾ ڀڻڪڻ دوران ته اهي لفظ چون ٿا پر اسيمبلي جي فلور تي لفظ به نٿا چون. سدائين اصول پرست رهڻ جي دعويدار عوامي نيشنل پارٽي جو اسفتنديار ولي ۽ اجمل خٽڪ به نه چاهيندي خاموش ته آهن پر ڳالهائن ڪو نه ٿا. سرحد صوبي جو نالو پشتونخواهه رکڻ جي آسري تي بارگيننگ ڪندڙ انهن سياستدانن پنهنجي اصولن جو جلوس ڪڍي ڇڏيو آهي. سينيٽ ۾ بل تي بحث دوران حسين شاهه راشدي جي طنز اجمل خٽڪ تي طاري ٿيل جمود کي ٽوڙي نه سگهي. وتائي فقير وانگر ڀوڳن ۾ تمام وڏيون ڳالهيون چوندڙ حسين شاهه راشدي اجمل خٽڪ کي چيو هو ته ”خٽڪ صاحب اوهان ته اصول پسند آهيو، اڄ هن قانون تي خاموش ڪيئن آهيو، اوهان پنهنجي اصولن کي نماز کان اڳ دفن ڪندا يا پوءِ“ ته اجمل خٽڪ چيو ته نماز کان پوءِ.
    نئين پاس ڪيل قانون جي سيڪشن 8 (ب) مطابق ڪو به پوليس وارو جيڪڏهن سمجهي ته ڪنهن ڇپيل خبر يا مواد سبب حڪومت خلاف نفرت، دهشت ۽ دهشتگردي ڦهلجڻ جو خدشو آهي ته هو اخبار جي مالڪ، ايڊيٽر ۽ رپورٽر خلاف نه صرف ڪيس داخل ڪري سگهي ٿو پر جيڪڏهن پوليس وارو انهن کي روڪي ۽ اخبار وارا سندس ڳالهه نه مڃين ۽ پوليس وارو فرض ڪري وٺي ته اهڙي دهشت ڦهلائڻ جي ٻي خبر به شايع ڪرڻ جو اخبار وارا پورو ارادو رکن ٿا ته هو هنن کي به بنا سبب گوليون هڻي فرض پورو ڪري سگهي ٿو.
    اڳ ۾ خالد انور جڏهن پريس خلاف قانون آڻن لاءِ نواز شريف کي به راضي ڪري ڇڏيو هو ته مشاهد حسين ئي مخالفت ڪئي هئي پر هن دفعي خالد انور اهو نقطو اهڙي ته انداز ۾ شامل ڪري ويو آهي جنهن مان سندس مهارت جو پتو پوي ٿو. ان مهارت تي کيس مبارڪ ۽ مشاهد جي خاموشي تي کيس گهٽ ۾ گهٽ ميار ملڻ گهرجي.
    پوليس کي مليل هن قانون وارن اختيارن جو نتيجو ايندڙ 3 کان 4 مهينن ۾ سامهون ايندو. جڏهن عوام جا حق غضب ٿيندا ته هو رد عمل ظاهر ڪندا ۽ رد عمل جيڪڏهن سگهارو هوندو ته وڏن بوٽن وارن کي اچڻ جو جواز ملندو يا جيڪي تبديلي چاهين ٿا ته اهي ان کي ايڪسپلائيٽ ڪري مقصد ماڻي سگهن ٿا.
    (16 آگسٽ 1997ع)


    حڪومت جو عدليا ڏانهن اختيار ڪيل رويو ۽ تبديلي جا افواهه

    حڪومت جو عدليا ڏانهن اختيار ڪيل رويو ۽ تبديلي جا افواهه

    حڪومت صدر لغاري جي ڪلهي تي بندوق رکي سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 مان گهٽائي 12 ڪرڻ لاءِ جيڪا گولي فائر ڪئي آهي تنهن جي پڙاڏي جي گونج راولپنڊي ۾ واقع جي ايڇ ڪيو، شاهراهه دستور تي واقع سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي خوبصورت عمارت ۾ اڃان تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهي آهي. بقول لياري مان چونڊيل پي پي جي ايم اين اي واجا ڪريم داد جي ته فاروق لغاري هاڻ ”فالتو لغاري “ ٿي ويو آهي اها ڳالهه هن قومي اسيمبلي ۾ چئي هئي. هاڻ ڪجهه سياستدانن ايوان صدر کي ”پوسٽ آفيس“ به چوڻ شروع ڪيو آهي. اٺين ترميم جي خاتمي کان پوءِ اڄڪلهه صدر صاحب معذور ٻارن ۽ زرعي شعبي جي مختلف ماڻهن، هارين ۽ زميندارن سان ملاقاتون ڪري وقت پيو گذاري. ڇاڪاڻ ته ان کي زراعت جي شعبي بابت وسيع تجربو آهي سو هو پنهنجي تجربي سان ماڻهن کي مستفيض ڪري رهيو آهي.
    چيف جسٽس جي گهر تي حملو ٿيڻ جي هڪ ڏينهن جي ساهي کان پوءِ وري سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد گهٽائڻ وارو فيصلو حڪومت جي عدليا سان اختيار ڪيل رويي ۽ سلوڪ جو مثال آهي. ان ڳالهه کي خود حڪومت ۾ ويٺل مسلم ليگ جا ڪيترائي ايم اين اي ۽ خاص ڪري آزاد ميمبر عدليا خلاف حملو قرار ڏئي رهيا آهن. پهريون دفعو اسيمبلي ۾ سنڌ جي مسئلن تي مصلحتن جي زنجيرن کي ٽوڙي آواز اٿاريندڙ پير بخش جوڻيجو پڻ وڏي واڪ حڪومت جي ججن گهٽائڻ واري فيصلي کي غلط قرار ڏيندي چيو هو ته ان سان عوام کي ترت انصاف نه ملندو پر انصاف دير سان ملندو. عوام کي ترت انصاف فراهم ڪرڻ جي اوٽ ۾ مسلم ليگي وڪيلن کي جج مقرر ڪندڙ حڪمران هڪ پاسي چون ٿا ته عوام کي ترت انصاف نٿو ملي، ڏوهارين کي سزائون نٿيون ملن، عدالتن جي ڪارروائي سست آهي پر ٻئي طرف پاڻ ئي عدالتن جي ججن جي مقرر ڪيل تعداد کي گهٽائين پيا. ان جو ڪهڙو جواز آهي؟ حڪومت وٽ ڪهڙي لاجڪ آهي؟ جڏهن چيف جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته عدالتن جا جج وڌايو، ڪمپيوٽر فراهم ڪريو ۽ عملو وڌايو ته جيئن ڪم تيز ٿئي پر حڪومت الٽو چيو ته جج گهٽايو، ڪمپيوٽر ۽ عملو ڏيڻ لاءِ پئسو ناهي. ان ڪري اهو ممڪن ڪونهي. حڪومت خصوصي عدالتون قائم ڪري انهن ۾ مقرر ججن، کي فراهم ٿيندڙ گاڏين، پگهارن ۽ ٻين سهوليتن لاءِ 40 ڪروڙ ڏئي سگهي ٿي پر سپريم ڪورٽ سميت چئني هاءِ ڪورٽن ۾ جج ڀرتي ڪرڻ لاءِ چوي ٿي پئسا ناهن.
    سپريم ڪورٽ ۾ 17 ججن جي گنجائش آهي پر ڪافي عرصي کان ڪم صرف 12 ڪري رهيا هئا. جڏهن چيف جسٽس 5 جج ڀرتي ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو ته حڪمرانن ججن جون آساميون (جايون) ئي ختم ڪري تعداد 12 ڪري ڇڏيو. اصل ۾ هن وقت جيڪي 12 جج آهن انهن مان 5 سنڌ جا، 4 پنجاب، 2 سرحد ۽ هڪ بلوچستان سان تعلق رکن ٿا. جيڪي 5 خالي جايون هيون ۽ حڪومت ختم ڪيون انهن کي ڀرڻ لاءِ 2 جج پنجاب، هڪ سرحد ۽ هڪ بلوچستان هاءِ ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ اچڻو هو. هاڻي ان جو فائدو حڪومت کي اهو ٿيندو ته جيڪي جج لاهور، پشاور ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن مان اچڻا هئا اهي اتي ئي رٽائر ڪندا، جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ اچن ها ته کين 5 سالن جي مدت وڌيڪ ملي ها. ان ڪري جڏهن اهي پنهنجي هاءِ ڪورٽن ۾ ئي رٽائر ڪندا ته انهن کان پوءِ نمبر وارا جج سينيئر ٿيندا ۽ سپريم ڪورٽ لاءِ نامزد ٿيندا. عدالتي ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت 8031 ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ آهن. جڏهن ماضي ۾ جج پورا هوندا هئا ته مشڪل سان 100 ڪيس پينڊنگ ۾ هوندا هئا. هاڻي جڏهن جج ئي گهٽ هوندا ته ڪيس ڪيئن هلندا؟ ڇو ته سپريم ڪورٽ ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بئنچ جي خلاف اپيل جيڪا ايندي آهي، ان جي سماعت گهٽ ۾ گهٽ 3 جج ڪندا آهن. اڄڪلهه جڏهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ڪراچي ۽ پنجاب ۾ دهشتگردي خلاف پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪيس ٻڌڻ شروع ڪيا ۽ اهو اعلان به ڪيو ته موڪلن کان پوءِ سيپٽمبر جي پهرئين هفتي کان گهڻن ججن تي مشتمل بينچون جوڙي ٻنهي ڪيسن جي سماعت ڪئي ويندي ۽ ايڊهاڪ جج به سپريم ڪورٽ ۾ ڀرتي ڪيا ويندا ته حڪومت 5 پوسٽون ئي ختم ڪري ڇڏيون. جيڪڏهن صرف پاڻمراد ڪيس جي سماعت لاءِ 6.6 ججن جون ٻه بينچون جوڙيون وڃن ته صرف 2 ڪيس هلندا. باقي ڪيسن جو ڇا ٿيندو؟ ڇا ان سان عوام کي ترت انصاف ملندو؟ سپريم ڪورٽ جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته هن وقت بلوچستان کان سواءِ ڪنهن به هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيل ججن جي تعداد مطابق ناهن، يعني ان کان گهٽ آهن. جڏهن جج گهٽ هوندا ته ڪم تيز ڪيئن ٿيندو؟
    سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد گهٽائڻ واري فيصلي سان گڏ ئي آزاد ميمبرن ڌار پارلياماني گروپ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. في الحال ته هن گروپ ۾ 13 ڄڻا آهن پر غلام مصطفيٰ جتوئي، ارباب غلام الرحيم سميت ڪيترائي آزاد ميمبر جن ۾ فريد الله جمالي، فاٽا ۽ اقليتن وارا به شامل آهن جيڪڏهن اهي گڏ ٿيا ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ان سان نه صرف حڪومت لاءِ ڏچو ٿيندو پر محترمه بينظير ڀٽو جي اپوزيشن ليڊر واري حيثيت کي به خطرو آهي.
    گذريل اسيمبلي ۾ جڏهن محمود خان اچڪزئي، افتخار گيلاني ۽ اسفنديار ولي ڪنهن مسئلي تي ڳالهائيندا هئا ته اهو وڏو اشو بڻبو هو ۽ سندن موقف اصولي سمجهيو ويندو هو. اچڪزئي ته مڙني کان اڳتي هوندو هو ۽ جائز مسئلي تي جرنيلن کان وٺي صدر تائين سڀني کي سرڙا پٽيندو هو. هاڻي جڏهن هو موجوده اسيمبلي ۾ ناهي ته سندس سڪون نارو وال جو نوجوان ايم اين اي دانيال عزيز پيو لاهي. ايمل ڪانسي کان وٺي احتساب ڪاميٽين ۽ چيف جسٽس جي گهر تي حملي کان وٺي سپريم ڪورٽ جا جج گهٽائڻ ۽ هڪ طرفي احتساب تائين جهڙي طرح هن اڪيلي سر حڪومت جي حامي ايم اين اي حڪمرانن جي نڪ ۾ دم ڪيو آهي. اها به مستقبل ۾ هڪ سونهري تاريخ هوندي. پارلياماني پارٽي کان وٺي اسيمبلي اندر ۽ هاڻي ٻاهر جنهن نموني سان عوام جا حقيقي مسئلا اٿاري خوبصورت انگريزي ڳالهائيندڙ دانيال جيڪا راهه ورتي آهي اها حقيقت ۾ ته باچا خان ۽ محمود خان اچڪزئي واري واٽ آهي. دنيال عزيز ئي حڪومتي صفن ۾ ڏار وجهندي آزاد ميمبرن کي ڪٺو ڪري نئون پارلياماني گروپ ٺاهي حڪمرانن جي سياسي ڍنڍ ۾ ڀونچال پيدا ڪيو آهي. ڏسون ته ان گروپ کي ڪيش ڪير ٿو ڪرائي. گادي واري شهر جي سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته اوچتو آزاد گروپ جي ٿيل ڌماڪي جا اثر صرف ايستائين محدود نه هوندا ڇو ته سڀاڻي ڪنهن حڪومت جي غلط فيصلي تي اي اين پي وارن لاءِ به خاموش رهڻ ڏکيو ٿي پوندو.
    ڪجهه مبصرن جو چوڻ آهي ته اوچتو چيف جسٽس جي گهر تي حملي، سپريم ڪورٽ جا جج گهٽائي عدليا سان حڪومت پاران تڪرار شروع ڪرڻ ۽ آزاد گروپ جو قيام عمل ۾ اچڻ جا واقعا ڌار ڌار نه پر ڪنهن سلسلي جي ڪڙي آهن. ڇو ته ڳري مينڊيٽ کي هلڪو ڪرڻ جون خواهشمند ڌريون هڪ پاسي حڪومت کان اهڙا اڻوڻندڙ فيصلا ڪرائين پيون ته ٻئي پاسي انهن خلاف رد عمل اڀاري پنهنجي راهه هموار ڪرڻ واري ايجنڊا تي عمل پيرا آهن. خدا نه ڪري جيڪڏهن ايئن ٿئي ٿو ته پوءِ هن ملڪ ۾ آيل ڪمزور جمهوريت وارو ٽڙيل گل هميشه لاءِ مرجهائجي ويندو. ڇو ته اڄڪلهه ڪامورڪن حلقن ۽ سياسي ميلن ۾ اها چو پچو شروع ٿي وئي آهي ته ڊسمبر 97ع تائين ٽين قوت مختصر مدت لاءِ اچي ويندي ۽ اهي افواهه آهن ته ان کان پوءِ هر شعبي يعني هارين، مزدورن، صحافين، دانشورن، اقتصادي ماهرن، مولوين، رٽائرڊ جرنيلن ۽ ڪامورن تي مشتمل قومي حڪومت ٺهندي جيڪا 2 کان 3 سالن لاءِ هوندي. خدا ٿو ڄاڻي ته انهن افواهن ۾ ڪيتري سچائي آهي پر اهي افواهه تيزي سان پکڙجن پيا ۽ جڏهن هر شهر ۾ پهتا ته ڪٿي ايئن نه ٿئي جو عوام ۾ ان لاءِ راءِ عامه جڙي وڃي.
    (26 آگسٽ 1997ع)


    ۽ جڏهن عدالت ۾ ويٺل حڪومتي ڪارندن جا منهن لهي ويا

    ۽ جڏهن عدالت ۾ ويٺل حڪومتي ڪارندن جا منهن لهي ويا

    سپريم ڪورٽ توقع موجب ڪالهه اربع ڏينهن 11 وڳي ايم اين ايز، سينيٽرن ۽ ايم پي ايز کي وفاداري مٽائڻ جي ڏوهه ۾ نااهل قرار ڏيڻ لاءِ نواز حڪومت پاران چند هفتا اڳ منظور ڪيل 14 هين ترميم کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. شريف الدين پيرزادو جيڪو وفاق پاڪستان جو وڪيل هو ۽ 10 لک وٺي وڪالت ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين تنهن جي ڳالهه به ڪو نه مڃي وئي. فيصلو اچڻ سان ئي عدالت ۾ ويٺل حڪومتي ميمبرن جا ٻوٿ لهي ويا ۽ گهٽ ۽ ٻوسٽ وارو ماحول به ختم ٿيو. سيف الرحمان موبائيل فون تي نواز شريف کي اطلاع ڏنو. اٽارني جنرل روئڻهارڪو ٿي ججن ڏانهن نماڻن نيڻن سان تڪيندو رهيو. چيف جسٽس سجاد علي شاهه، جسٽس مختيار جوڻيجو ۽ جسٽس بشير جهانگيري تي مشتمل سپريم ڪورٽ جي فل بينچ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو.
    فيصلو ٿيڻ وقت عدالت جي ٻاهر مين گيٽ تي پي پي جون عورتون ۽ جماعت اسلامي جا ڇوڪرا پنهنجا پنهنجا جهنڊا کڻي عدليا جي حق ۾ حڪومت خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. نطرياتي طور ٻنهي جماعتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي پر مظاهري جو سندن مقصد ساڳيو هو. اوچتو جڏهن وزيراعظم بينظير ۽ وزيراعظم قاضي حسين احمد جا نعرا لڳڻ شروع ٿيا ته هڪ مقصد هيٺ مظاهرو ڪندڙ پي پي جي عورتن ۽ جماعت جي مردن ۾ گرما گرمي ٿي پئي ۽ جهيڙو ٿيندي ٿيندي رهجي ويو.
    تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو هو جو ٻن آئيني پٽيشنن جي 3 ڏينهن لڳاتار سماعت ڪندڙ ججن مان ٻن ججن جا مائٽ گذاري ويا. جنهن سبب بينچون ڀڃڻيون پيون. اڳ ۾ هن ڪيس جي سماعت چيف جسٽس سجاد علي شاهه، مختيار جوڻيجو ۽ راجا افراسياب شروع ڪئي پر پهرين ڏينهن راجا افراسياب جو مائٽ گذاري ويو ۽ ان جي جاءِ تي جسٽس بشير جهانگيري کي رکيو ويو. ڪالهه عبوري حڪم ڏيڻ بعد جڏهن وقفي دوران ڪارروائي ملتوي ٿي ته جسٽس بشير جهانگيري جو به هڪ مائٽ گذاري ويو ۽ جج صاحب هليو ويو. وقفي بعد جڏهن ٻه جج عدالت ۾ آيا ته حيران ۽ پريشان حڪومتي نمائندن ۽ صحافين جا ڪن کڙا ٿي ويا ۽ هر ڪنهن پئي چيو ته بينچ ٽٽي وئي آهي ۽ جسٽس بشير جهانگيري فيصلي سان اختلاف ڪيو آهي. اهو جملو ذهن ۾ سوچي اڃا ماٺ ئي نه ڪئي ته چيف جسٽس به نظرن جا اشارا سمجهي ويو ۽ هڪدم ٻڌايائين ته ”بشير جهانگيري جو مائٽ گذاري ويو آهي تنهن ڪري هو نه اچي سگهيو.“ جيتوڻيڪ 1973ع جي آئين جي آرٽيڪل 239 (5) موجب سپريم ڪورٽ ڪنهن به آئيني ترميم خلاف ڪيس ٻڌڻ جي مجاز ناهي پر پوءِ به هنن ڪيس ٻڌي فيصلو به ڏئي ڇڏيو آهي. فيصلي جو جيڪو مقصد بيان ڪيو پيو وڃي ته قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ هن قانون جي معطل ٿيڻ بعد چونڊيل ميمبر آزادي سان اختلاف راءِ رکي خبر ناهي ڇا ڪندا؟ پر ايئن ڪو نه ٿيندو. اسان جي سياستدانن ۽ 217 ئي چونڊيل ميمبرن جا پاڻي ڪڇيل آهن هنن مان ڪيترن ۾ اڃا ايتري بيداري ۽ پختگي آهي ئي ڪو نه جو هو اختلاف راءِ رکن. ڇو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ هميشه کان حڪومت جي همنوا ميمبرن ۾ اڌ کان وڌيڪ ميمبر پرمٽ، پلاٽ، نوڪري، قرض ۽ ٻين فائدن جي چڪر ۾ هوندا آهن. اهڙي شاندار ماضي جي مشاهدي بعد اهو فرض ڪرڻ ته 14 هين ترميم جي معطل ڪرڻ سان بغاوت ٿيندي ۽ خبر ناهي ڇا ٿي ويندو. اها خوبصورت خواهش، جيڪا ناقابل عمل هجي، ان کانسواءِ ڪجهه ناهي.
    آئين ۾ ترميم ڪري 14 هين ترميم ذريعي هڪ نئون آرٽيڪل 63 اي شامل ڪيو ويو هو جنهن کي Anti defection law (وفاداريون مٽائڻ خلاف قانون) سڏيو وڃي ٿو. اهو 30 منٽن ۾ اسيمبلي مان پاس ٿيو هو. 217 ميمبرن مان 181 ميمبرن حمايت ڪئي هئي. 36 ايم اين اي غائب هئا. پي پي، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم سميت ڪنهن به ڌر ان جي مخالفت نه ڪئي هئي. ساڳئي طرح سينيٽ مان به اڪثريتي راءِ سان 87 سينٽرن مان 76 سينٽرن جي ووٽ سان ساڳئي ڏينهن هي قانون پاس ٿيو هو. سپريم ڪورٽ جيتوڻيڪ 239 (5) آرٽيڪل موجب آئين ۾ ڪيل ترميم جو ڪيس ٻڌڻ جو حق نه ٿي رکي پر جيئن ته هي نئون آرٽيڪل 63 اي آئين جي ٻين آرٽيڪلز سان تضاد ۾ اچي ٿو تنهن ڪري سپريم ڪورٽ ڪيس ٻڌڻ جو حق به رکي ٿي. مزيدار ڳالهه اها آهي ته حڪومت جو دفاع ڪندڙ اٽارني جنرل 239(5) جو ذڪر تائين نه ڪيو.
    سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان حڪومت ڌر ۾ بغاوت جو ته خير انديشو في الحال ڪونهي ڪو، پر حڪومت ان کي هاڻي Exploit ڪري اهو پئي چوي ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي ڪيل اتفاق راءِ واري فيصلي کي معطل ڪري پارليامينٽ جي بالادستي کي ڌڪ رسايو آهي. اها حقيقت آهي ته 14 هين ترميم ذريعي ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ وارو نئون آرٽيڪل آئين جي 7 بنيادي آرٽيڪلز سان تضاد ۾ اچي ٿو. جلد بازي ۾ منظور ڪيل اها ترميم جيڪڏهن چوڌري نثار بدران خالد انور تيار ڪري ها ته شايد اڄ سپريم ڪورٽ اهڙو فيصلو نه ڪري ها. هڪ پاسي ميمبرن کي نااهل قرار ڏيڻ وارو آرٽيڪل 63 اي ڪنهن به ميمبر کي پارٽي پاليسي خلاف موقف اختيار ڪرڻ، کلي عام مخالفت ڪرڻ، پارٽي پاليسي موجب ووٽ نه ڏيڻ يا ووٽنگ مان غائب رهڻ سبب پارٽي سربراهه جي شڪايت تي نااهل ڪري سگهي ٿو ته ٻئي پاسي خود پارليامينٽ جي ميمبر جو جيڪو استحقاق آئين فراهم ڪري ٿو ان سان معاملو تضاد ۾ آهي. 63 اي جن 7 آرٽيڪلز سان تضاد ۾ آهي انهن ۾ 2اي، 19-55-63-66-68 ۽ 95 شامل آهن.
    آرٽيڪل 2 اي ۾ قرارداد مقاصد آهي جنهن ۾ ميمبرن کي انفرادي حق، اظهار راءِ جي آزادي ۽ اختلاف راءِ جو حق آهي. آرٽيڪل 19 ۾ هر شهري کي تقرير جو مرضي موجب حق آهي. جنهن جي راءِ تي ڪا پابندي نٿي لڳائي سگهجي. آرٽيڪل 55 هيٺ اسيمبلي ۾ ووٽ جو هر ميمبر کي مرضي موجب حق آهي. آرٽيڪل 63 موجب ميمبر جي نااهلي جو طريقو واضح ڪيل آهي ان کانسواءِ نااهلي جو ٻيو طريقو نٿو ٿي سگهي. آرٽيڪل 66 ۾ چونڊيل ميمبر جي استحقاق جو تعين ڪيل آهي. هن کي تقرير جي آزادي حاصل آهي ۽ پارليامينٽ اندر سندس ڪيل تقرير کي ڪنهن عدالت ۾ به چئلينج نٿو ڪري سگهجي. آرٽيڪل 68 موجب پارليامينٽ ۾ ڪنهن به جج يا عدالت خلاف بحث نٿو ڪري سگهجي ۽ آرٽيڪل 95 هيٺ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪرڻ جو ميمبرن کي حق حاصل آهي. انهن آرٽيڪلز ۾ ميمبرن کي مليل حقن سان نااهلي وارو آرٽيڪل 63 اي ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو.
    20 مارچ 96ع تي جڏهن سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني بينچ ججن واري ڪيس جو فيصلو ڏنو ته بينظير جيڪا وزيراعظم هئي تنهن مخالفت ڪئي ۽ نواز شريف جيڪو اپوزيشن ليڊر هو تنهن حمايت ڪئي. 24 مارچ ۽ 27 مارچ 96ع تي قومي اسيمبلي ۾ نواز شريف جيڪا تقرير ڪئي هئي اها اڄ به رڪارڊ تي آهي ته ”جج مقرر ڪرڻ حڪومت نه پر عدليا جو اختيار آهي. اسان کي ججن جي مقرري ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي. خاص ڪري 20 مارچ جي تاريخي فيصلي ۾ اهو طئي ٿي ويو آهي ته سينارٽي موجب سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ٿيندا. ان بعد حڪومت کي اعتراض جو جواز ئي ناهي.“ سندس اها تقرير کيس اڄ ياد ناهي. جڏهن هو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس منير اي شيخ ۽ جسٽس عارف چوڌري کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ جي مخالفت پيو ڪري. سينارٽي موجب چيف جسٽس هنن کي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. ڪوآپريٽو اسڪينڊل ۽ اتفاق فائونڊري ڏانهن بينڪ رهتن جا ڪيس جسٽس منير اي شيخ ۽ جسٽس عارف چوڌري ئي ٻڌا هئا.
    ڪالهه نواز شريف مخالف ڌر ۾ هو ته عدليا جي حمايت ڪندو هو ۽ بينظير اقتدار ۾ هئي ته مخالفت ڪندي هئي اڄ بينظير مخالف ڌر ۾ آهي ته حمايت ٿي ڪري ۽ نواز شريف اقتدار ۾ آهي ته مخالفت ٿو ڪري. ان مان ته اهو ثابت ٿيو ته عدليا جي حمايت نواز يا بينظير نه پر مخالف ڌر ٿي ڪري ۽ مخالفت اقتدار ٿو ڪري، اها ميوزيڪل چيئر ٿي ڪري، جنهن تي ويهڻ بعد ڀلو ماڻهو به بقول خورشيد شاهه جي فرعون ٿي ٿو وڃي.
    ججن جي مقرري جي مسئلي تي حڪومت صرف هڪ شخص جي انا خاطر جيڪا بدنامي حاصل ڪئي آهي اها سندس ڳري مينڊيٽ کان به وڌيڪ وزندار بڻجي وئي آهي هن سڄي ڪيس ۾ هاڻي حڪومت کي ڪاميابي اها ٿي آهي ته عدليا جو جيڪو حڪومت سان جهيڙو هو ان جو رخ پارليامينٽ ڏانهن مڙيو آهي ۽ هاڻي پارليامينٽ بمقابله عدليا آهن. ڇو ته پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون کي عدالت معطل ڪيو آهي. هن عجيب صورتحال جمهوريت ۽ پارليامينٽ جي سربلندي جي جدوجهد جي دعويدار اصول پسند ”اي اين پي“ جي ليڊر شپ کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن اي اين پي نواز حڪومتي انا خاطر ساڻس گڏ بيٺي ته پوءِ ايم ڪيو ايم ۽ اي اين پي ۾ ڪو گهڻو فرق نه بچندو.
    حڪومت ۽ عدليا جي جهيڙي ۾ صدر لغاري جيڪو 58(2) بي جي خاتمي بعد ڀڙڀانگ ٿي ويو هو هاڻي سندس دڪان سجيل ٿو رهي. وري رونقون موٽي آيون اٿس پر ان وڃايل مزن جي موٽڻ بعد عارضي شان ۽ مان جي نشي ۾ هو ماٺ ڪري مزو ته وٺي رهيو آهي پر هيستائين چيف جسٽس جي خط تي عمل نه ڪري هو آئيني خلاف ورزي جو مرتڪب به ٿي سگهي پيو ۽ ان نقطي تي اڪرم شيخ سپريم ڪورٽ ۾ نئون ڪيس داخل ڪيو آهي جيڪو به اسپيئر ۾ آهي.
    آرمي چيف جيڪو حد کان وڌيڪ پاور فل رهيو آهي ۽ اڄ به آهي اهو به مداخلت نٿو ڪري. ڪالهه رات ايوان صدر ۾ صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس واري اجلاس ۾ شامل هو پر هو به ڪجهه نٿو ڪري ۽ چوي ٿو ته پاڻ ۾ ڄاڻو. اهم ادارا هن معاملي ۾ خاموش آهن. جنهن مان لڳي ٿو ته هو معاملي جي سنگيني ۽ شدت ماپڻ لاءِ ٿرماميٽر لڳائي ان پوائنٽ جو انتظار پيا ڪن جتان سندن ڪم شروع ٿئي ٿو.
    (30 آڪٽوبر 1997ع)


    ڇا عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار جا شعلا وسامي ويا آهن؟

    ڇا عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار جا شعلا وسامي ويا آهن؟

    نيٺ حڪومت پنهنجو هٺ ٽوڙيندي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سفارش موجب 5 جج مقرر ڪرڻ جو فيصلو مڃي ورتو آهي. چيف جسٽس ۽ ججن تي الزام هڻندڙ وزيراعظم نواز شريف جيڪو جمع ڏينهن منجهند تائين به بضد هو ته هو آئيني ترميم آڻڻ بعد نظرثاني واري پٽيشن داخل ڪري ججن جي مقرري ۽ 14 هين ترميم کي معطل ڪرڻ وارن فيصلن خلاف پٽيشن داخل ڪندو پر اوچتو مليل هڪ سگنل بعد هن جا سمورا خواب ۽ خواهشون تبديل ٿي ويون ۽ نه چاهيندي به هن 5 جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي. سندس رويي ۾ آيل اوچتي تبديلي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ گادي واري شهر جا صحافي، بکايل شينهن جيئن شڪار کي ڳوليندو آهي اهڙي نموني ڪوشش ڪندا رهيا. سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش دوران ٻڌايل نظرين ۽ قصن بعد سڀني ڳالهين جي ڏوريءَ جو ڇيڙو راولپنڊي تي پئي کٽو- گادي واري شهر جي باخبر صحافتي حلقن ۾ اهو اتفاق هو ته مارشل لا جا جيڪي افواهه ۽ خدشا گذريل 36 ڪلاڪن کان جاري هئا ان بعد واسطيدار حلقن ۾ ان ڳالهه تي غور لاءِ غير رسمي ملاقاتون به ٿيون پر بعد ۾ ڪنهن سبب مارشل لا لڳڻ جو انديشو ختم ٿي ويو ۽ انهن عدليا ۽ آئين موجب حڪومت کي عمل ڪرڻ لاءِ پيلي بتي ڏيکارڻ کان اڳي ئي ڳاڙهي بتي جو درشن ڪرايو ۽ حڪومت وارن کي سوچڻ جي مهلت به نه ملي. جيتوڻيڪ رات جو (خميس ۽ جمع واري رات) وسيم سجاد، الاهي بخش سومرو ۽ معراج خالد چيف جسٽس سان مليا هئا پر هنن ساڳيو فارمولو رکيو ته 1 جج اڳ ۾ 3 پوءِ- چيف جسٽس انڪار ڪيو، ڳالهيون نه نبريون، جمع ڏينهن صبح جو وري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ٿيو. چيف جسٽس عدالت ۾ آيو پر ڪنهن به ڪيس جي سماعت اهو چئي نه ڪئي ته طبيعت ٺيڪ ناهي- شايد صبح سان هن کي به فيصلا ڪن مرحلي جو سگنل ملي چڪو هو.
    وسيم سجاد ۽ ملڪ معراج خالد جي معرفت وري چيف جسٽس سان ڳالهيون شروع ٿيون ۽ نيٺ مسئلو حل ڪرڻ جي خوشخبري تي اتفاق ڪيو ويو.
    گادي واري شهر ۾ اهو به افواهه آهي ته سپريم ڪورٽ جا 9 جج جيڪي شروع ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي موقف جي خلاف متحد ٿيا هئا ۽ اڳتي هلي اهي 9 مان گهٽجي 7 ٿي ويا ۽ وري 8 ٿي ويا هئا. اهي خميس ڏينهن وري 6 ٿي ويا هئا. ان سڄي قصي ۾ 12 ڪروڙ رپين ۽ هڪ همراهه جي پٽ کي پي آءِ اي مان ڪڍي پنجاب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪرڻ وارا ڦاٽ به ڦاٽي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ ڪنهن مناسب وقت تي سامهون ايندا. جيئن ته شيخ رشيد چوندو آهي ته شيخ ڪڏهن گهاٽي جو سودو نه ڪندو آهي تيئن عدليا ۽ حڪومت جي جنگ ۾ به شيخ فائدي جو سودو ڪيو. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته 12 ڪروڙ جنهن بئنڪ مان نڪتا هئا ان بئنڪ جي رڪارڊ جون تصديق ٿيل ڪاپيون به واسطيدار اداري جي سربراهن وٽ پهچي چڪيون آهن. جيڪڏهن اهي ڪاغذ سامهون آيا ته ڪراچي وارن جو ڪٻاڙو ٿي ويندو. چوڻ وارا چون ٿا ته جسٽس سعيد الزمان صديقي خميس ڏينهن چيف جسٽس سان رابطو ڪيو هو، اهو سندس 15 ڏينهن جي بحران کان پوءِ پهريون رابطو هو.
    هاڻي جڏهن وزيراعظم 5 جج مقرر ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيڪي 5 جج سپريم ڪورٽ ۾ ايندا انهن مان 3 جج سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ وارا اهي چيف جسٽس آهن جن خصوصي عدالتن جي قيام تي شروع ٿيل عدليا ۽ حڪومت واري اختلاف راءِ واري صورتحال ۾ حڪومت جي خصوصي عدالتن جي قيام واري خواهشن جو خاص خيال رکندي عدالتون قائم ڪرڻ سان اتفاق ڪيو هو. باقي 2 جج جيڪي لاهور هاءِ ڪورٽ جا آهن جسٽس عارف چوڌري ۽ جسٽس منير اي شيخ اهي حڪومت جي نقطه نظر کان تڪراري آهن ڇو ته عدليا ۽ حڪومت ۾ 5 جج مقرر ڪرڻ واري معاملي تي عمل نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهي ٻئي نالا آهن جيڪي پي پي دور ۾ نه صرف هاءِ ڪورٽ جا جج بڻيا هئا پر اتفاق فائونڊري خلاف قرض وصول ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل بئنڪن جي ڪيسن ۾ اتفاق فائونڊري ڊيفالٽ وارا قرض واپس ڪرائڻ لاءِ اهم فيصلا به ڏنا هئا- هاڻي به سپريم ڪورٽ ۾ صفدر عباسي جو هڪ ڪيس التويٰ ۾ پيل آهي جيڪو پڻ اتفاق فائونڊري پاران بئنڪن کان ورتل قرضن ۽ قرضن جي ري شيڊولنگ بابت آهي.
    گادي واري شهر جي باخبر حلقن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته حڪومت ۽ عدليا وچ ۾ شروع ٿيل جنگ ۾ استعمال ٿيل بارود جي باهه اڃا پوري طرح 5 جج مقرر ٿيڻ بعد به اجهامي ناهي پر ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙيون ٻرندڙ چڻنگون اڃا دکي رهيون آهن، جن کي صرف ڦوڪ ڏيڻ جي ضرورت پوندي. انهن چڻنگن کي ڦوڪ ته خير حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي بينچ جوڙڻ وارا چيف جسٽس جا اختيار گهٽائڻ سميت مختلف معاملن ۾ اختيار گهٽ ڪرڻ وارو جيڪو آئيني بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهو منظور ٿيڻ سان ئي ملي ويندي. پر ان کان به وڏي ڳالهه اها آهي ته معاملو ٺيڪ ڪرائيندڙن کي به اها خلش آهي ته مسئلو ڀلي في الحال ٺيڪ ٿئي پر مستقبل ۾ ان کي وڌائڻ لاءِ ڪي Loop holes (وٿيون) ضرور هئڻ گهرجن، جن جي آڌار تي بوقت ضرورت وري معاملو مچائجي.
    حڪومت پاران ڪيترن هفتن تائين سپريم ڪورٽ ۾ 5 جج مقرر نه ڪرڻ واري ضد ۽ ان ضد کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنل دليلن جي هاڻي 5 جج مقرر ڪرڻ بعد ڪهڙي حيثيت آهي؟ هاڻي ته هر ماڻهو اهو چوندو ۽ چوڻ ۾ حق بجانب به آهي ته حڪومت جو موقف غلط هو ۽ ذاتي انا خاطر عدليا سان شروع ڪيل جهيڙي ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪيل توهين به غير آئيني آهي ۽ جيڪڏهن ان توهين جي سڀاڻي عدليا کي ۽ چيف جسٽس کي غيرآئيني فيصلا ڏيندڙ قرار ڏيندڙن کي سزا به ملي ته عوام ان کي درست سمجهندو ڇو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آهي. وزيراعظم خميس ڏينهن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير آئيني آهي چيف جسٽس لوٽا ازم جا دروازا کوليا آهن ۽ غير آئيني فيصلا ڪيا آهن. وزيراعظم ان فيصلي تي جمع ڏينهن عمل ڪندي 5 جج ڇو مقرر ڪيا- هن جو خميس وارو موقف ٺيڪ هو يا جمع وارو- جيڪڏهن خميس وارو صحيح هو ته پوءِ هن جمع تي صرف هڪ ڏينهن بعد 5 جج مقرر ڇو ڪيا؟ جيڪڏهن جمع وارو سندس فيصلو ٺيڪ آهي ته پوءِ هن خميس تي توهين ڇو ڪئي؟ اهي اهڙا سوال هئا جيڪي پارليامينٽ جي پريس گيلري ۾ ويٺل صحافين ۾ بحث جو موضوع بڻيل هئا ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ايوان صدر جو اهو پريشر هو جنهن جمهوري ڍانچي جي خاتمي جو خوف ڏئي ڪري عدليا جو فيصلو مڃرائي ورتو آهي.
    5 جج مقرر ڪرڻ بعد هاڻي 13هين ترميم جنهن هيٺ صدر جي اسيمبلي ٽوڙڻ وارا اختيار ختم ڪيا ويا هئا ان کي معطل ڪرڻ ۽ غيرآئيني قرار ڏيڻ بابت داخل ڪيل پٽيشن جي سومر ڏينهن مقرر ڪيل سماعت دوران ان کي معطل ڪرڻ جو آسرو ته گهٽجي ويو آهي پر توهين عدالت جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ وارين آئيني پٽيشنز جي سماعت 31 ڊسمبر 97ع کان اڳ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ وزيراعظم جي نااهل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو به، ٿي سگهي ٿو ڊسمبر 31 جي تاريخ هجي ۽ فيصلو ان کان اڳ ئي اچي وڃي؟
    وزيراعظم نواز شريف ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خطاب لاءِ رات جو اٺ لڳي ٻن منٽن تي آيو سندس سيٽ آڏو مائيڪ اڳ ۾ ئي فٽ ڪيل هئا، هو ايوان ۾ آيو ته سندس ميمبرن ايتري زور سان ڊيسڪ نه وڄايا جيترو زور سان اڳ ۾ وڄائيندا هئا شايد ان ڪري ته هو ان وقت محاذ آرائي واري صورتحال ۾ پوئتي هٽيل نظر اچي رهيو هو. ٿڪل قدمن وارو ميان صاحب منهن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر خيال مٽجڻ مهل سندس چهري مان موڊ آف هئڻ جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا.
    وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ فيصلي مڃڻ جا جيڪي بنياد ٻڌايا اهي هي آهن ته ”مان غريبن جي مستقبل، بيواهن، يتيمن ۽ بيروزگارن جي مسئلن حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو ۽ الجهڻ نٿو چاهيان.“ اهي بنياد سٺي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اهي خيال 3 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين جي وچ واري عرصي دوران کيس ڇو ڪو نه آيا جو ملڪ ايتري عرصي تائين بحراني صورتحال جو شڪار رهيو. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو ته پارليامينٽ نه رهي ته جمهوريت نٿي رهي. سندس اهو جملو ڪنهن غير جمهوري قوتن جي اچڻ ڏانهن هڪ اشارو مهيا ڪري ٿو ۽ لڳي ٿو ته انهي ڊپ بعد ئي هن عدليا ۾ 5 جج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    (پهرين نومبر 1997ع)


    ڇا نواز شريف عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيندو

    ڇا نواز شريف عدالت ۾ جوابدار جي حيثيت سان پيش ٿيندو

    پاڪستان جي 50 سالن جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي ته سپريم ڪورٽ طرفان ڪنهن وزيراعظم کي توهين عدالت جي ڏوهه ۾ باقاعده نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. اهو به پهريون موقعو آهي ته هڪ ئي وقت 8 پارليامينٽرين کي پارليامينٽ اندر ڪيل تقريرن ۾ توهين عدالت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ”ڪرمنل پروسيجر تحت توهين عدالت جي ڏوهه ۾ باقاعده نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جوابدار کي پاڻ هر صورت ۾ عدالت ۾ حاضر ٿيڻو آهي.“ اهڙو اظهار ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ توهين عدالت ڪيس جي ڪارروائي بعد مختلف وڪيلن بار روم ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ايڊووڪيٽ بابر اعواڻ چيو ته وزيراعظم توهين عدالت ۾ ملزم قرار ڏنو ويو آهي هاڻي هو وزيراعظم جي آفيس استعمال نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته ”مون کي خبر پئي آهي ته حڪومت توهين عدالت جون درخواستون داخل ڪندڙن کي لالچ ۽ دٻاءُ ذريعي مڃائڻ ۾ مصروف آهي ان ڪري هڪ ٻن ڏينهن اندر مان به توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندس. جيڪڏهن چوڌري اڪرام ۽ منظور قادر پنهنجون درخواستون واپس ڪن ٿا ته پوءِ مان هٿ نه کڻندس.“ توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندڙ چوڌري اڪرام ڪاوش سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ”صبح جو پوڻي نائين وڳي مان راولپنڊي پنهنجي گهران نڪتس ته ڪجهه حڪومتي ايجنسين جون مشڪوڪ گاڏيون جن مان 2 گاڏين تي پنجاب حڪومت جون نمبر پليٽس هيون انهن پيڇو ڪيو ۽ منهنجو رستو بلاڪ ڪندا رهيا ۽ مون کي عدالت پهچڻ ۾ دير ٿي آهي.“ هن خدشو ظاهر ڪيو ته مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي خطرو آهي ۽ ڪنهن به وقت نقصان ٿي سگهي ٿو. ڪالهه جڏهن ڪارروائي شروع ٿي ته عدالت جو ڪمرو ڀرجي ويو. غوث علي شاهه سميت مختلف ايم اين ايز، سينيٽر، حڪومت جا حامي ۽ مخالف سياسي ڪارڪن، ليڊر ۽ سرڪاري آفيسر به موجود هئا. جڏهن ڪارروائي ختم ٿي ته اجمل خٽڪ ايس ايم ظفر سان اٽڪي پيو ۽ چيو ته ”مون کي ڇو گهرايو هيئي؟ منهنجي ته ضرورت ئي نه هئي. صبح جو ننڊ خراب ڪئي اٿئي!“ ان تي ٻنهي ۾ گرما گرمي ٿي ته اجمل کي ڀر ۾ ويٺل سندس ڪارڪن ٿڌو ڪيو. ايس ايم ظفر ڪاوڙجي ويو. توهين عدالت جي ملزم خواجا آصف ۽ پي ٽي وي جي وڪيل عشتر اوصاف صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته توهين عدالت جي نوٽيس بعد ضروري ناهي ته جوابدار پاڻ عدالت ۾ حاضر ٿين. سندن وڪيل به جواب ڏئي سگهن ٿا. اصل ۾ جوابدارن جا وڪيل چون ٿا ته نوٽيس بعد جوابدارن جو عدالت ۾ حاضر ٿيڻ ضروري ناهي. جڏهن ته درخواست گذار ۽ سندن وڪيل چون ٿا ته جوابدارن کي خود حاضر ٿيڻو آهي. سينيئر ۽ غير جانبدار وڪيلن جو چوڻ آهي ته هي نئون مسئلو آهي ان ڪري عدالت ۾ ئي طئي ٿيندو. سپريم ڪورٽ ۾ روزانو ايندڙ وڪيلن ۾ عدليا ۽ حڪومت واري جهيڙي بعد گروپنگ ٿي وئي هئي. هڪڙا عدليا جي حمايت ڪن ٿا ۽ ٻيا حڪومت جي، تنهنڪري هن معاملي ۾ به سندن رايا به ان ئي بنياد تي هئا. اهڙي صورتحال ۾ اهو معاملو صاف نه ٿي سگهيو آهي ته توهين عدالت جا باقاعده نوٽيس جاري ٿيڻ بعد جواب لاءِ عدالت ۾ طلبي جي حڪم کان پوءِ جوابدارن کي خود پيش ٿيڻو آهي يا نه. عدالت جي حڪم ۾ به اهو واضح لکيل ناهي ته ڪو جوابدارن کي پاڻ اچڻو آهي. هوڏانهن پتو پيو آهي ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان لياقت جتوئي ۽ الاهي بخش سومري اسلام آباد ۾ هڪ اهم شخصيت جي گهر ملاقات ڪئي جنهن ۾ معاملن تي ويچاريو ويو.
    توهين عدالت واري ڪيس جي ڪارروائي بابت جنهن ڳالهه جو امڪان هو هاڻي اهو مرحلو شروع ٿي ويو آهي ڇو ته ڪالهه جڏهن نواز شريف جي وڪيل ايس ايم ظفر عدالت کي هڪ مهينو ڪارروائي ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته ان تي چيف جسٽس حيرت وچان چيو ته ”هڪ مهينو! توهين عدالت جي ڪيس ۾ ايتري مهلت ڇا مناسب آهي؟“ گادي واري شهر جي باخبر حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي اها ڳالهه محسوس ڪرائي وئي آهي ته چوڏهين ترميم معطل ڪرڻ واري فيصلي بعد وزيراعظم جيڪي بيان ڏنا هئا ته ”چيف جسٽس لوٽا ازم کي زندهه ڪيو آهي.“ ”هي عدالت جو فيصلو نه پر ٽن ججن جو فيصلو آهي.“ ”چيف جسٽس جو فيصلو غير آئيني ۽ غير قانوني آهي.“ ان بعد صدر کي خط لکي اهو چوڻ ته ”عدالت جي حڪمن تي عمل نه ڪجو. اسين نطرثاني جي درخواست داخل ڪنداسين.“ مٿان پي ٽي وي وارن انهن ڏينهن لوٽن جا ڍير ڏيکاريا. اهو به ڏيکاريو ته هڪ شخص لوٽو کڻي ٻين لوٽن ۾ پاڻي وجهي رهيو هو. اهڙين فلمن جون ڪيسٽون عدالت ۾ پهچي چڪيون آهن. اسيمبلي ۾ جڏهن ميمبرن عدليا ۽ ججن تي تنقيد پئي ڪئي ته آفتاب شعبان ميراڻي ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال کي چيو هو ته آئين موجب عدليا ۽ ججن بابت اسيمبلي ۾ بحث نٿو ڪري سگهجي ته جعفر اقبال کيس جواب ڏنو هو ته آرٽيڪل 209 موجب عدالت به آئيني ترميم معطل نٿي ڪري سگهي. انهن سڀني ڳالهين کان وزيراعظم کي ثبوتن سان گڏ آگاهه ڪيو ويو آهي ۽ کيس مشورو ڏنو ويو آهي ته حڪومت وٽ معافي وٺڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو ناهي ۽ تاثر اهو ملي رهيو آهي ته وزيراعظم عدالت کان معافي وٺڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان غور پيو ڪري.
    حڪومتي حلقن ۾ اڄڪلهه اسپيڪر الاهي بخش سومرو تي ڏاڍي چڙ آهي ۽ 3 ڏينهن کان اسيمبلي جي ملازمن، صحافين ۽ سرڪاري ميمبرن جي حلقن ۾ اهو چوٻول آهي ته الاهي بخش کي اسپيڪر شپ تان هٽايو پيو وڃي ڇو جو هن اسيمبلي ۾ ڪيل تقريرن جو سمورو رڪارڊ چيف جسٽس کي حڪومت کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڏئي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ عدليا ۽ ججن خلاف ڪيل تقريرن بعد ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال سڄي ڪارراوئي حذف ڪري ڇڏي هئي پر چيو وڃي ٿو ته اسپيڪر الاهي بخش ان حذف ٿيل ڪارروائي جا ٽيپ به عدالت کي ڏئي ڇڏيا آهن. اهڙي صورتحال بعد نواز شريف ۽ سندس ڪابينا سومرو تي چڙيل آهي پر سومرو پنهنجي پوزيشن بچائڻ لاءِ چيف جسٽس سان ذاتي طور رابطا ڪري بظاهر اهو ڏيکارڻ گهري ٿو ته هو ڏاڍي ”ڀڄ ڊڪ“ پيو ڪري. پر حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته سومري جي مشڪوڪ ۽ مبهم رول بعد نواز شريف هن جي ڀيٽ ۾ اڄڪلهه غوث علي شاهه تي وڌيڪ اعتماد ۽ اعتبار ڪري رهيو آهي ۽ هن جو رستو صاف ٿي رهيو آهي.
    وزيراعظم جهڙي طرح 30 آڪٽوبر تي اوچتو اسيمبلي ۾ عدليا جو موقف ”عوامي مفاد“ ۾ چئي مڃڻ جو اعلان ڪافي دير ٿيڻ بعد ڪيو هو هاڻي هو معافي وٺڻ وارو گس اختيار ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪرڻ گهري. جيڪا صورتحال آهي ان مان ته لڳي ٿو ته 17 نومبر تي عدالت ۾ وزيراعظم اينڊ ڪمپني پاران سندن وڪيل معافي ناما داخل ڪندا.
    ڪالهه کان ٽي وي تي جوابي قسم جا ڪارٽون ڏيکارڻ وارو سلسلو شروع ٿي ويو آهي ۽ پهرين نومبر کان اخبارن ۾ شايع ٿيل ڪارٽون جيڪي خود حڪومت جي خلاف هئا ۽ انهن ۾ نواز شريف جي مذاق اڏائي وئي هئي، سي ڏيکاريا پيا وڃن. هڪ ڪارٽون ۾ هو گڏهه تي ويٺو آهي ٻئي ۾ هيوي مينڊيٽ جي تختي تي ويٺل ڏيکاريو ويو آهي. ٻئي پاسي تختو مٿي ٿيل هو ۽ هر شيءِ هوا ۾ هئي. هڪ ڪارٽون ۾ ڳري مينڊيٽ واري ڦوڪڻي جي هوا نڪرندي ڏيکاريو ويو. اهڙا ڪارٽون پهريون دفعو پي ٽي وي 12 آڪٽوبر تي شام جو ڏيکاريا جن مان ماڻهو اهو مقصد اخذ ڪري رهيا آهن ته حڪومت اهو ڏيکارڻ چاهي ٿي ته اها پي ٽي وي تان به پنهنجي خلاف به ڪارٽون هلائي ٿي. عدليا خلاف ڏيکاريل ڪارٽونن کي Justify ڪرڻ لاءِ اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي پر ڇا عدالت اڳ ۾ هليل ڪارٽونن جو ان سبب ڪري نوٽيس نه وٺندي؟ ان سوال جو جواب ته عدالت وٽ آهي پر هن وقت تائين جي روين حڪومت کي پاڻ کي ڪارٽون ضرور بنائي ڇڏيو آهي. (13 نومبر 1997ع)
    (13 نومبر 1997ع)


    بحران ۽ “لاهور بمقابله لاڙڪاڻا” وارو قديم قاعدو

    بحران ۽ “لاهور بمقابله لاڙڪاڻا” وارو قديم قاعدو

    اڄ سومر ڏينهن وري سپريم ڪورٽ ۾ ميدان سجندو، ڏسون ته ڪير ٿو ميدان ماري. هيستائين واري صورتحال مان ته لڳي پيو ته حڪومت جو پلڙو ڳرو آهي. حڪومتي حلقن ۾ چوٻول آهي ته صدر استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو ۽ چيف جسٽس کي هٽايو ويندو. هينئر سڀ رستا ملڪ جي 50 سالن کان وٺي وڏي ۾ وڏي قوت رهندڙ فوج وٽ پورا ٿين ٿا، هرڪو فوج ڏانهن پيو ڏسي.فوج اڃا تائين غير جانبدار رهڻ واري پنهنجي فيصلي تي قائم آهي. ڇنڇر جي رات 8 وڳي جڏهن چيف جسٽس سجاد علي شاهه، آرمي چيف کي مدد لاءِ آئين جي آرٽيڪل 190 هيٺ خط لکيو هو. ان تي ٻئي ڏينهن آچر جي شام 5 وڳي تائين 21 ڪلاڪ گذرڻ جي باوجود به عمل نه ٿيو هو. چيف جسٽس جي خط تي عمل نه ٿيڻ کي به ڇا توهين عدالت سڏيو ويندو؟ اهو سوال ڪالهه گادي واري شهر جي مختلف حلقن ۾ گردش ۾ رهيو.
    بينظير ڀٽو پاران ڳالهايل لاهور ۽ لاڙڪاڻي وارن وزيراعظمن لاءِ ڌار ڌار قانون ۽ معيار واري جملي جا حقيقي اثر تيزي سان ڦهلجي رهيا آهن ۽ ننڍن صوبن جي عوام ۾ اها حقيقت گهر ڪندي پئي وڃي. جيڪڏهن اها سوچ وڌيڪ ڦهلجندي رهي ته ڇا ان جا ملڪي وحدت تي منفي اثر نه پوندا ۽ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ڇا ان عمل مان ملڪ جي سگهارن ادارن کي آجو سمجهيو ويندو؟ حقيقت کڻي ڇا به هجي، پر جيڪڏهن صدر ۽ چيف جسٽس کي حڪومت ايس ايڇ اوز جي زور تي هٽائي ڇڏيو ته سڀاڻي هرڪو ايئن چوندو ته مٿين سطح تي به هيٺين سطح وارا رواجي طريقا جاري آهن ۽ عوام کي ذهنن ۾ ويهاريل قديم قاعدي آڌار ماڻهو اهو چوندا ته ”هڪ سنڌي ۽ هڪ سرائڪي کي قربان ڪيو ويو.“ جيڪڏهن فوج غير جانبدار رهڻ تي قائم رهي ۽ ان دوران وزيراعظم صدر ۽ چيف جسٽس کي هٽائي ڇڏيو ته پوءِ ڇا اها غيرجانبداري ليکبي؟ هي سوال عوامي فورمز تي هر هنڌ اٿاريو پيو وڃي ۽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ماڻهن وٽ اهو چوڻ لاءِ مضبوط سبب پيدا ٿي پوندا ته مٿين سطح تي جاري بحران عرف جهيڙي ۾ به ساڳئي ئي قديم قاعدي واري هٿ جي صفائي ڏيکاري وئي آهي.
    وزيراعظم نواز شريف جنهن کي هيوي مينڊيٽ حاصل آهي تنهن ڪرپشن جي الزامن ۾ بنا ڪيس هلائڻ جي نيوي جي سربراهه ايڊمرل منصورالحق کي نوڪري مان برطرف ڪري ڇڏيو هو تنهن جيڪڏهن هاڻي صدر ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي به مکڻ مان وار وانگر ڪڍي ڇڏيو ته پوءِ سڀاڻي ڪنهن جو وارو هوندو؟ فقط اندازا لڳائي سگهجن ٿا. اڄڪلهه حڪومت مخالف ڌرين ۽ ڪجهه غير جانبدار حلقن ۾ اها احساس محرومي واري سوچ پاڙ ڪندي پئي وڃي ته هڪ سنڌي وزيراعظم کي صرف ان ڏوهه ۾ ڪڍيو ويو ته هن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ دير ڇو ڪئي پر پنجابي وزيراعظم کي ان ڪري اڃا تائين ڇوٽ مليل آهي جو طاقت جو سگهارو سرچشمو به شايد ساڳيائپ جي ڪري هن لاءِ ٻيا ۽ ٻين وزيراعظمن لاءِ ٻيا اصول رکي ٿو.
    اسان جي فوج منظم آهي ۽ هي اهڙو ادارو آهي جنهن ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جو ئي حڪم هلندو آهي ۽ ڪو اختلاف راءِ پيدا ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. اسان جي فوج جي ماضي واري ڪارڪردگي کي ڏسندي لڳي ٿو ته جهڙي طرح اها اڳ ۾ به منظم رهي آهي ۽ هر سازش کي ناڪام ڪيو اٿائين اهڙي طرح هاڻي به اها پنهنجي ساڳين اصولن تي ڪاربند رهندي. پر بحران جي هن مرحلي تائين فوج جي اڻ ڌريائي واري ماٺ مان گادي واري شهر جا مختلف حلقا مختلف معنائون وٺي رهيا آهن. هاڻي جڏهن چيف جسٽس جي چوڻ جي باوجود به سندس حفاظت جو انتطام نه سنڀاليو ويو آهي ته گادي واري شهر ۾ اها ڳالهه گردش ۾ آهي ته سگهارن ادارن وٽ به صورتحال بابت ٻه رايا ٿي پيا آهن. گادي واري شهر ۾ اهو به افواهه آهي ته صدر، وزيراعظم واري جواب کان پوءِ آرمي چيف کي خط لکيو آهي پر سگهارا ادارا جيئن ته اڃا تائين ڪو به قدم نه کڻي سگهيا آهن تنهن ڪري اهو سمجهيو پيو وڃي ته اهي شايد اڃا صورتحال کي پري کان ڏسڻ چاهين ٿا.
    چيف جسٽس سجاد علي شاهه جيڪو ڪالهه آچر ڏينهن حڪم جاري ڪيو آهي تنهن ۾ چيو آهي ته جڏهن کان هن وزيراعظم خلاف توهين ۽ حڪومت خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٻڌڻ شروع ڪيا آهن ته هڪ منظم ڪوشش هيٺ سندس خلاف غيرآئيني ۽ غيرقانوني ڪارروائي ڪندي چيف جسٽس واري حيثيت کي چئلينج ڪيو ويو آهي. هونئن به جيڪڏهن اسين عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ شروع ٿيل جهيڙي جي ڏيڍ مهيني واري تاريخ تي نظر ڦيرائينداسين ته اها ڳالهه سامهون ايندي ته اصل جهيڙو ججن جي مقرري تان شروع ٿيو. ان بعد وفاداري مٽائڻ واري 14 هين آئيني ترميم معطل ڪرڻ بعد ان ۾ تيزي آئي. حڪومت جو موقف آهي ته آئين موجب ڪا به عدالت آئيني ترميم کي معطل نه ٿي ڪري سگهي پر آئين ۾ اهو به لکيل آهي ته آئين ۾ اهڙي ترميم نه ڪئي ويندي جيڪا آئين جي بنيادي ڍانچي وارن نقطن سان تضاد ۾ هجي ۽ اهو ئي بنياد آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ 14هين ترميم معطل ڪئي. ان بعد توهين عدالت ڪيس ۽ وزيراعظم خلاف پلاٽ ۽ قرض ري شيڊول ڪرائڻ وارن ڪيسن جي سماعت شروع ٿي ۽ عدالتي جهان ۾ اختلاف پيدا ڪرائڻ لاءِ حڪومت محنت ڪئي. ان ڏس ۾ جيڪي طريقا استعمال ڪيا ويا تن جا ڦاٽ ته دستور موجب ايندڙ حڪمران ئي ڦاڙيندا. جيئن 1990ع واري اليڪشن ۾ نواز شريف ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کان وٺي قاضي حسين احمد ۽ اسماعيل راهو تائين ڪيترن ئي سياستدانن تي آءِ ايس آءِ کان پئسا وٺي اليڪشن وڙهڻ وارن الزامن جو ڦاٽ اڄ ستن سالن بعد ڦاٽو آهي، تيئن ٿي سگهي ٿو ته مستقبل ۾ ڪڏهن عدالتي جهان جي هن دور جي ڪار گذارين تي پيل اسرارن جا پردا دير يا سوير ڪڏهن کڄي وڃن. پر اڄڪلهه مختلف حلقن ۾ چمڪ جي اثر ٿيڻ واريون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. نالا وٺي چيو پيو وڃي ته فلاڻو صاحب چيف اليڪشن ڪمشنر ٿيندو، جيڪڏهن معاملا ان نوعيت جا آهن يا ان کان به ڪا ٻي نوعيت اختيار ڪري چڪا آهن ته مستقبل نيٺ آءِ ايس آءِ ڪيس وانگر حقيقتن تان ڪک پن هٽائي ڇڏيندو.
    اڄ ڪلهه وزيراعظم جو توهين عدالت ڪيس ۾ جيڪو وڪيل آهي ايس ايم طفر اهو ۽ ٻيا جيڪڏهن اها ڳالهه ڪن ٿا ته چيف جسٽس ڌر بڻجي چڪو آهي، اهو پاڻ به سماعت نه ڪري ۽ هو بينچ به نه جوڙي ته پوءِ ذوالفقار ڀٽو ڪيس (سپريم ڪورٽ پي ايل ڊي 1978ع صفحي 125) ۾ به ڀٽو جي وڪيل ان وقت جي چيف جسٽس تي ساڳيو اعتراض ڪيو هو ته نه هو پاڻ ويهي ۽ نه ئي بينچ ۾ جج هو مقرر ڪري. پر ان ڪيس ۾ ذوالفقار ڀٽو جي وڪيل واري اها درخواست رد ڪئي وئي هئي. جڏهن سپريم ڪورٽ اڳ ۾ ايئن ڪيو هو ته ان خلاف ڪنهن اعتراض نه ڪيو ۽ ان کي تسليم ڪيو ويو هو ته هاڻي ايئن ڇو نه ٿو ڪرڻ ڏنو وڃي؟ اهو به تاريخ جو عجيب واقعو آهي ته 1978ع ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ سابق وزيراعظم خلاف پنجاب سان تعلق رکندڙ چيف جسٽس جي ڳالهه مڃي وئي، پر اڄ جڏهن سنڌ سان تعلق رکندڙ چيف جسٽس پنجاب سان تعلق رکندڙ وزيراعظم خلاف ساڳي نوعيت جي ڳالهه ٿو ڪري ته ان کي نٿو مڃيو وڃي. صدر به سندس ڳالهه کي آئيني سمجهي ٿو پر ٻنهي جي ڳالهه نه ٿي مڃي وڃي. جيڪڏهن اهڙي صورتحال ٿيندي ته پوءِ اهي ڳالهيون به ٿينديون ته قانون به مختلف صوبن لاءِ ڪوٽا سسٽم آڌار عمل ۾ اچي ٿو.
    اڄ جڏهن جسٽس سعيد الزمان صديقي به سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ نمبر هڪ ۾ 15 ججن جي سربراهي ڪندي چيف جسٽس خلاف ڪيس جي سماعت ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته چيف جسٽس سجاد شاهه به وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي ڪيس جي سماعت ساڳئي ڪمري ۾ ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ ايندو. عدالت جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل پوليس حڪومت جي آهي جيڪا يقينن جسٽس سعيد الزمان کي ويهارڻ جا انتظام ڪندي پر ان کان اڳ هٿين پوڻ جو به انديشو آهي. اهڙن خطرن جي پيش نظر ۽ ساک متاثر ٿيڻ سبب اهم حلقن ۾ اها ڳالهه چئي پئي وڃي ته فوج اڄ صبح کان اڳ ڪو نه ڪو رستو ڳولي وٺندي.
    غير جانبدار حلقن ۾ موجود بحران جو حل اهو پيش ڪيو ٿو وڃي ته جيڪڏهن سڀني لاءِ هڪ قانون آهي، انصاف ۽ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي آهي ته پوءِ سسٽم هلائڻ لاءِ اسيمبلي برقرار رهي. نواز حڪومت به قائم رهي. نواز شريف به وڃي صدر لغاري به وڃي، چيف جسٽس سجاد علي شاهه به وڃي ته جسٽس ارشاد، جسٽس سعيد الزمان، جسٽس فضل الاهي، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس ناصر اسلم به وڃن ته معاملو خوش اصلوبي سان سلجهي به ويندو ۽ عوام جو اعتماد به بحال ٿيندو، پر جيڪڏهن ڪنهن به هڪ ڌر کي فتح حاصل ٿي ته ان جا ڊگهي مدت ۾ رستا ٻيهر ڪنهن نئين بحران ڏانهن ئي ويندا.
    (پهرين ڊسمبر 1997ع)


    جسٽس سجاد علي شاهه جو ڪيس وڙهندڙ ڪردار

    جسٽس سجاد علي شاهه جو ڪيس وڙهندڙ ڪردار

    جسٽس سعيد الزمان صديقي تي مشتمل 10 رڪني سپريم ڪورٽ جي بينچ جيڪا سعيد الزمان صديقي جوڙي هئي تنهن ڪالهه جمع ڏينهن به چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي خلاف ڪيس جي سماعت جاري رکي. خدا ڪارڻ بلي شاهه جي نگري واري نواب احمد رضا قصوري سجاد علي شاهه جي چيف جسٽس واري حيثيت بچائڻ لاءِ ڪالهه دليل ڏنا. هن جا دليل ته جاندار هئا پر Presentation ڪا گهڻي سٺي ڪا نه هئي. پر سندس جذبو قابل تعريف آهي. اها به تاريخ جي عجيب گهڙي آهي ته احمد رضا قصوري جيڪو 73ع ۾ ايم اين اي هو ۽ آئين ٺاهيندڙ اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ نواب محمد رضا قصوري جو پٽ آهي. نواب محمد رضا قصوري جي قتل جي ڪيس ۾ سابق وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ملي هئي ۽ کيس ڦاهي ڏيارڻ لاءِ احمد رضا قصوري پيش پيش هو. جيتوڻيڪ ان قتل کي ”عدالتي قتل“ سڏيو ويو هو پر اڄ ساڳيو احمد رضا قصوري چيف جسٽس جي عهدي تان سجاد علي شاهه کي هٽائڻ جي مخالفت ڪندي سندس دفاع ڪري رهيو آهي. سنڌ جي هڪ نامياري شخص کي ڦاهي ڏيارڻ لاءِ به قصوري وڪالت ڪئي هئي ۽ اڄ سنڌ جي هڪ ٻئي نامياري شخص سجاد علي شاهه کي بچائڻ لاءِ به وڪالت پيو ڪري. نواب احمد رضا قصوري 50 جي لڳ ڀڳ عمر واري حصي ۾ هجڻ جي باوجود به ايترو ئي جذباتي آهي جيترو شايد جواني ۾ هو. 27 نومبر تي جڏهن توهين عدالت ڪيس جي ڪارروائي دوران ليگي ايم اين ايز ۽ پارليامينٽيرين وزيراعظم کي توهين کان بچائڻ لاءِ وڪالت دوران وڌيڪ توهين آميز طريقو اختيار ڪيو هو ۽ جڏهن ظفر علي شاهه، چوڌري اشرف ۽ ڪرنل (ر) مشتاق، موچي دروازي تي ٿيندڙ جلسي جيان تقريرون پئي ڪيون ته ان وقت دل جو مريض هوندي به سجاد شاهه ڪاوڙ ۾ اچڻ بدران مسڪرائيندي بنا اک ڇنڀڻ جي ڏسي رهيو هو ته عدالت ۾ موجود 2 درجن کان وڌيڪ وڪيلن مان هڪ به ليگين کي نه للڪاريو هو پر سفيد وارن واري قدآور نواب قصوري ظفر شاهه کي ٻانهن مان پڪڙي هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انعام الله نيازي ۽ ڪرنل مشتاق هن کي هڪلون ڏئي هيسائي ڇڏيو هو. انعام الله نيازي اهو مسلم ليگ جو ايم اين اي آهي جيڪو صرف تاڙي بازي ۽ هڪلن جو هوشيار آهي، جڏهن پارلياماني پارٽي ۾ هڪ دفعي چوڌري شير علي چيو هو ته سجاد شاهه کي بغاوت جي الزام ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو وڃي ته ان تي هن زوردار ڊيسڪ وڄائي ۽ تاڙيون وڄائيندي حمايت ڪئي هئي. جڏهن ٻئي ڏينهن اسيمبلي ۾ نواز شريف ”عوامي مفاد“ ۾ 5 جج مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ته به سڀني کان وڌيڪ زوردار تاڙيون ۽ ڊيسڪ هن وڄايا هئا ۽ 3 ڏينهن بعد جڏهن 5 ججن کي سجاد علي شاهه حلف کڻايو هو ته ان مهل سجاد شاهه، جسٽس منير ۽ جسٽس عارف کي مبارڪ ڏيڻ وارو به نيازي ئي هو. ڪرنل (ر) مشتاق جيڪو پاڻ کي ڪرنل لکندو آهي اصل ۾ هن کي ڪرنل جي عهدي کان Revert ڪري نظم و ضبط جي خلاف ورزي ۾ کيس جبري برطرف ڪيو ويو. اهي ٻئي نواز شريف کي توهين کان بچائڻ جي ڪوشش ۾ توهين ڪندا رهيا هئا. ان ڏينهن حفيظ پيرزادو به عدالت ۾ هو جيڪو ڪاوڙ ۾ ايترو ته ڳاڙهو ٿي ويو هو جو سندس ڳلن تي ڳاڙهاڻ تري آئي هئي. هن ڪڇيو ته ڪجهه به نه هو، پر جڏهن مون سندس تبصرو معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيو ته هن سڄي ڪاوڙ مون کي دڙڪا ڏيندي ڪڍي هئي ۽ چيو هو ته ليگين پاران عدالت ۾ اختيار ڪيل رويو ۽ سلوڪ واقعو ناهي پر سانحو آهي. حفيظ اڄ به ولي خان واري توهين عدالت ڪيس ۾ ججن جي لکيل لفظ ”سهڻا منڊا“ جيان ئي سهڻو آهي جنهن کان اڪثر جج پروفيشن ۾ جونيئر هئڻ ڪري لهرائيندا آهن.
    ڪالهه جڏهن جسٽس سعيد الزمان صديقي واري 10 رڪني بينچ سجاد شاهه خلاف ڪيس ٻڌي رهي هئي ته حفيظ پيرزادو غور سان ڪيس ٻڌي رهيو هو ۽ نوٽس به وٺي رهيو هو ان تي جسٽس ارشاد حسن خان نيٺ مسڪرائيندي پڇيس ته سائين توهان ڪنهن جي طرفان پيش ٿي رهيا آهيو ته 6 فٽ قدآور سهڻو ڪراڙو پيرزادو اٿيو ۽ چيو ته مان سجاد علي شاهه جي وڪالت ڪرڻ آيو آهيان. اڳ ۾ جنهن نموني جج صاحبان قصوري سان گهري انداز ۾ ڳالهائي رهيا هئا بعد ۾ ان سان به پيار سان ڳالهائڻ شروع ڪيو. اهو منظر به ڏسڻ وٽان هو جڏهن سڀ جج پيرزادي کان پڇي رهيا هئا ته اوهان ڪڏهن دليل ڏيندا ته هن کين چيو ته مان اڳ ۾ درخواست گذارن کي ٻڌندس ۽ سومر تي اهو ٻڌائيندس ته مان ڪڏهن ٿو دليل ڏيان. حفيظ کي سڀني چيو ته ٺيڪ آهي اوهان جڏهن چاهيو دليل ڏجو. نيٺ بعد ۾ اربع جو ڏينهن مقرر ٿيو. جڏهن حفيظ چيو ته هو اڳ ۾ درخواست گذارن کي ٻڌندو ته عدالت کيس ٻڌايو ته هنن دليل مڪمل ڪري ڇڏيا آهن ته پيرزادي چيو ته مان ٻڌڻ چاهيان ٿو. ان تي جسٽس ارشاد حسن کيس چيو ته هنن جي دليلن ۾ ڪا نئين ڳالهه ناهي بس ساڳيون شيون آهن جيڪي هنن پٽيشن ۾ لکيون آهن اوهان پٽيشن پڙهي ڇڏيو. حفيظ چيو ته مون کي ڪا پٽيشن نه ملي آهي. ججن کيس چيو ته اوهان کي عدالت هر رڪارڊ فراهم ڪندي جيڪو نه ملي ته ٻڌائجو. حفيظ چيو ته مهرباني مون سان سپريم ڪورٽ جو اسٽاف سهڪار ڪندو آهي. هاڻي جڏهن ايندڙ اربع کان حفيظ پيرزادو دليل ڏيندو ته ڪيس جو رخ ئي تبديل ٿي سگهي ٿو ڇو ته هو آئين لکندڙن مان هڪ آهي نه صرف هو پر سجاد شاهه جي خدا ڪارڻ وڪالت ڪندڙ احمد رضا به آئين ٺاهيندڙن مان آهي. هاڻي ڏسون ته هي ٻئي آئين ٺاهيندڙ حفيظ ۽ قصوري آئين جي وضاحت ڇا ٿا ڪن ۽ انهن جي ٺاهيل آئين جي جج ڪهڙي ٿا وضاحت ڪن. ججن جو صرف هڪ نقطو آهي. هو چون ٿا ته اسين آئين موجب نه پر ججز ڪيس جي روشني ۾ ڪارروائي ٻڌنداسين جنهن موجب سينيئر ترين جج ئي چيف جسٽس ٿي سگهي ٿو.
    10 کان 50 لک رپيا ڪيس وڙهڻ جي في وٺندڙ حفيظ پيرزادو به سجاد شاهه جو ڪيس خدا ڪارڻ مفت ۾ وڙهي پيو ڇو ته هن جو چوڻ آهي ته هو ”رول آف لا“ ۽ آئين جي بالادستي خاطر ايئن پيو ڪري ۽ اها به حقيقت آهي ته سجاد علي شاهه جهڙي ماڻهو وٽ شايد سڄي زندگي جي ڪمائي ۽ والدين کان ورثي ۾ مليل ملڪيت جي ماليت به ايتري نه آهي جو هو حفيظ جهڙن وڪيلن جي في ادا ڪري سگهي. حفيظ جي هن ڪيس ۾ مدد ڪندڙ وڪيلن ۾ اڪرم شيخ ۽ غلام حسين عباسي به شامل آهن. اڪرم شيخ جيڪو سپريم ڪورٽ بار جو سابق صدر هو ۽ سينيئر وڪيل آهي تنهن عدليا ۽ حڪومت واري ڇڪتاڻ دوران نواز شريف جي ويجهو هئڻ ۽ گشتي سفير جي باوجود به عدليا جي حمايت ڪرڻ سبب نه صرف گشتي سفير جو عهدو وڃايو هو پر نواز حڪومت جي خوشنودي کان به محروم ٿي ويو هو ۽ ان سان گڏوگڏ ليگي ڪارڪنن جي نفرت ۽ گارين جو محبوب موضوع ۽ ٽارگيٽ به بڻيو هو. جڏهن ته غلام حسين عباسي اهو ماڻهو آهي جنهن 1977ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن سپريم ڪورٽ ڦاهي جي سزا ڏني ته هن احتجاجي طور قسم کنيو هو ته هو ڪڏهن به سپريم ڪورٽ ۾ ڪو به ڪيس نه وڙهندو پر اهو به پنهنجو 20 سالن کان ان قسم تي قائم رهڻ بعد هينئر قسم ٽوڙي سجاد علي شاهه جي بچاءُ لاءِ حفيظ پيرزادو جي مدد ڪرڻ لاءِ معاون وڪيل طور پيش ٿيندو.
    حفيظ پيرزادو سومر ڏينهن لکت ۾ جواب سجاد شاهه ڪيس ۾ عدالت اندر پيش ڪندو ۽ اربع کان دليل ڏيندو. جهڙي طرح ڪالهه حفيظ جي اعلان بعد عدالت جي انداز ۾ نرمي آئي هئي. تنهن بنياد تي اهو انومان به ڪڍيو پيو وڃي ته هاڻي هن ڪيس جي ڪارروائي ڊگهي به ٿي سگهي ٿي ۽ هي ڪيس نئون ٽرن به وٺي سگهي ٿو ۽ اهو به ممڪن آهي ته 23 ڊسمبر تائين جيڪڏهن هن ڪيس جي ڪارروائي مڪمل نه ٿي سگهي ته پوءِ فيصلو جنوري 98ع تائين هليو ويندو ۽ ايتري ڊيگهه به ممڪن آهي جو فيبروري جي وچ ڌاري جڏهن سجاد شاهه رٽائر ڪندو ان وقت کان ٿورو اڳ فيصلو ٿئي؟
    سپريم ڪورٽ بار ڪائونسل، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ چئني صوبن جي بار ڪائونسلن جا نمائندا به ممڪن آهي ته هن ڪيس ۾ دليل ڏين. سپريم ڪورٽ بار جي اهم ميٽنگ اڄ ٿيندي. جيڪا هن ڪيس ۾ سجاد شاهه جي حمايت ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪندي ۽ وڪيلن جو پينل به جوڙ يندي جيڪو هن ڪيس ۾ وڪالت ڪندو. عابد حسين منٽو جيڪو سپريم ڪورٽ بار جو صدر آهي اهو 28 نومبر تي ڪافي سرگرم هو ۽ کلي عام سجاد علي شاهه جي حمايت ڪندي کيس ئي چيف جسٽس قرار ڏنو هو پر ان ڏينهن شام جو اوچتو وزيراعظم هائوس ۾ نواز شريف سان ملاقات لاءِ پهتو هو. هن کي گهرايو ويو هو ۽ اها ڳالهه تسليم ڪرائي وئي هئي ته فل ڪورٽ اجلاس ٿيندو ۽ ان ۾ چيف جسٽس کي هٽائڻ جو فيصلو ضرور ٿيندو. سندس پراسرار نموني ملاقات بابت سندس مخالفن جو اهو چوڻ هو ته هن به وهندڙ گنگا مان هٿ ڌوتا آهن پر سندس ويجهن حلقن جو چوڻ آهي ته هو بااصول ماڻهو آهي. پراڻو ڪامريڊ ۽ سرخو آهي. اهو اهڙو سمجهوتو ڪنهن به لالچ ۾ اچي نه ٿو ڪري سگهي. ڏسون ته اڄ ڇنڇر تي سپريم ڪورٽ بار ڇا ٿي فيصلو ڪري. ٻيو اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پوري ملڪ جا وڪيل سجاد علي شاهه کي هٽائڻ خلاف علامتي طور عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ لاءِ غور ڪري رهيا آهن. سنڌ جي قومپرستن سميت ڪا به ڌر سجاد شاهه جي حق ۾ ڪجهه نه ڪري سگهي آهي پر ڏسون ته وڪيل ڪيترو ٿا پريشر Develop (پيدا) ڪن.
    (6 ڊسمبر 1997ع)


    انٽرويو: سهيل سانگي ۽ اعجاز مهر

    انٽرويو: سهيل سانگي ۽ اعجاز مهر



    اصولن خاطر اوچي ڪرسيءَ کي لت هڻي آيو آهيان: اڳوڻو صدر فاروق لغاري

    سوال: وفاقي وزير مشاهد حسين توهان کان چار سوال پڇيا آهن توهان انهن بابت ڇا چوندا؟
    جواب: مان جڏهن صدر هوس تڏهن ساڳيو مشاهد حسين ساراهه ڪندي ڪو نه ٿڪبو هو. پهريون سوال مهراڻ بئنڪ اسڪينڊل جي باري ۾ آهي، ان بابت گهڻو ڪجهه لکجي ۽ چئجي چڪو آهي. ساڳئي معاملي کي کڻڻ جا ڪهڙا محرڪات آهن ڪجهه چئي نٿو سگهجي. ان معاملي جي انڪوائري رپورٽ به ڇپجي چڪي آهي. لاهور جي ڪجهه اخبارن لکيو آهي ته اها رپورٽ اڃا شايع نه ٿي آهي. حالانڪه اها رپورٽ پبلڪ ڊاڪومينٽ طور شايع ٿي هئي. ان کان پوءِ ٻيهر موجوده حڪومت اها رپورٽ شايع ڪئي. جڏهن سڀ ڪجهه سرعام اچي چڪو آهي ته گهڙي گهڙي اهو معاملو ڇو پيو کنيو وڃي. ٻيو اهو ته نواز شريف جڏهن اپوزيشن ۾ هو ته انهي اشو کي گهڻو استعمال ڪيو. سموري پريس کي اسان جي علائقي ۾ وٺي ويا ۽ اتي منهنجي ڀيڻ ۽ والده جي زمين پريس کي ڏيکاري ويئي. جتي زمين هئي اتان کان 7 ڪلوميٽر پري هڪ بنجر علائقو ڏيکاريو ويو ته هي آهي اها زمين جيڪا وڪرو ڪئي ويئي آهي. هن کان اڳ پاڪستان جي پريس کي اسان جي علائقي ۾ نيو ويو هو جتي کين اها اصل زمين ۽ سمورو رڪارڊ ڏيکاريو ويو هو، پر نواز شريف وارن غلط زمين ڏيکاري ۽ ڪوڙ ڳالهايو. مان هنن جي ساک پت تي ڪو نه ٿو ڳالهايان ته هنن ڪوڙ ڇو ڳالهايو. ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته هڪ اهڙو ڪوڙ جيڪو جٽادار ناهي اهو توهان بار بار، رڳو پريس جي زور تي، ڪجهه پريس وارن کي خريد ڪري ڳالهايو ٿا. اها ڳالهه هنن کان ڪير به نٿو پڇي. اهو به ڪير ڪو نه ٿو پڇي ته، اها زمين لغاري کان خريد ڪئي وئي آهي يا وڪرو ڪئي ويئي آهي؟ حقيقت اها آهي ته فاروق لغاري پنهنجي ابن ڏاڏن جي زمين وڪي، ان ۾ ڪو به اخلاقي ڏوهه ناهي. ڇاڪاڻ جو زمين مارڪيٽ اگهه کان گهٽ ڪو نه وڪي وئي جيڪو به سودو ٿيو اهو رڪارڊ تي آهي. رقم جي ادائيگي به ڪراس چيڪ جي ذريعي ٿي پر پوءِ به اها ڳالهه ڇو پئي اهميت حاصل ڪري؟
    سوال: مهراڻ گيٽ ۾ ڪير ڪير ملوث آهي، يونس حبيب ڪير آهي ۽ ان مان فائدو وٺندڙ ڪير آهن؟
    جواب: اهي ئي آهن جيڪي اڄ به اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺا آهن ان ۾ ميان صاحب ۽ سندس ساٿي شامل آهن. فائدا وٺندڙ به اهي ئي آهن پر قصوروار اسين آهيون رڳو ان لاءِ جو اسان جو سودو هڪ اهڙي ماڻهو جي ذريعي ٿيو يا هڪ اهڙي ماڻهو سان ٿيو جيڪو بدنام ٿي چڪو هو. اهو صحيح آهي ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته اهو ماڻهو ڪيترو بدنام آهي ته اسين پنهنجي زمين جو سودو هن سان نه ڪريون ها، اهو اسان کي بعد ۾ پتو پيو جڏهن بينظير مون کي چيو ته هن ماڻهو جي خلاف هي ڪيس ۽ هي ميٽريل آهي حالانڪه محترمه پاڻ هن جي گهڻو ويجهو هئي. هن (بينظير) پڇيو ته ”هي سڀ ڪجهه پريس ۾ آيو آهي توهان جي ان بابت ڇا راءِ آهي؟“ مون چيو ته توهان فوراً ايڪشن وٺو. هن چيو ”پر توهان کان هن زمين ورتي آهي. ڏسو ..“ مون وراڻيو ته پوءِ ڇا ٿي پيو! اسان هن کان جيڪا به رقم ورتي آهي اها ڪراس چيڪ جي ذريعي ورتي آهي. اسان جي خلاف حالانڪه اها به کوٽ کوٽان ڪري چيو ويو ته هي معاملو بي نامي آهي. اهي ماڻهو ڪٿي آهن جن زمين خريد ڪئي اسان جو ڇا وڃي ته اها زمين ڪنهن جي نالي تي ڪنهن جي لاءِ، يا ڪنهن جي ذريعي خريد ڪئي پئي وئي، ڳالهه اها آهي ته جيتري به ٽرانزيڪشن تي رقم ڏني وئي، اسان ورتي اهو سڀ رڪارڊ تي آهي. وڏي ڳالهه ته اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو جڏهن آءٌ اپوزيشن ۾ هوس. آخري قسط ان وقت ملي جڏهن مون کي صدر جو عهدو سنڀالئي ڪجهه ڏينهن گذري چڪا هئا. ان سڄي معاملي کي نواز شريف گروپ مون تي مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. سوال نواز شريف وارن کي تفصيل ۽ دستاويز ڪنهن ڏنا؟ جواب نواز شريف ڏنا يا آصف زرداري ڏنا. مون کي ڪا خبر ناهي. مان هروڀرو ڪنهن تي الزام نٿو هڻان جنهن ڳالهه جي مون کي خبر نه هجي، ڪنهن ڏنا ڪنهن ورتا اهو سڀ ڪجهه غير ضروري آهي. اسان جيڪي ڪجهه ڪيو ان جو رڪارڊ موجود آهي ۽ اهو پبلڪ رڪارڊ آهي ان ۾ لڪائڻ جي ڪا به ڳالهه نه هئي. ان ڪري مان ان ڳالهه کي اهميت ڪو نه ٿو ڏيان. البته مان اهو ڄاڻان ٿو ته مشاهد حسين پمفليٽ تيار ڪيو هو. هن سفارتخانن کي خط لکيا جن ۾ مون تي اهي الزام هنيا ويا هئا. انهن ڪاغذن جون فوٽو ڪاپيون لڳايون ويون ۽ هڪ پورو قصو ٺاهيو ويو. اها ڳالهه ياد رکڻ کپي ته اهي ڳالهيون جيڪي رد ٿي چڪيون آهن يا وري غلط ثابت ٿي چڪيون آهن اهي ٻيهر اٿاريون پيون وڃن. ان لاءِ ته جيئن نئين سر تڪرار شروع ٿئي. اصل ۾ اهي همراهه گهٻرائجي ويا آهن ته هي ماڻهو هڪ وڏي اصول جي بنياد تي اوچي ڪرسي کي لت هڻي آيو آهي جنهن کي عوام طرفان سٺي موٽ ملي رهي آهي ۽ هي انهي عوام جي موٽ کان گهٻرايل آهن. اهو به سوال ڪيو ويو آهي ته مون بلوچستان ۾ هاءِ ڪورٽ جي ذريعي زمين حاصل ڪئي آهي. اسان ڪو حڪومت جي زمين حاصل ڪئي آهي؟ صديون پراڻي اسان جي ابن ڏاڏن جي زمين هئي جيڪا مون قانوني طور، عدالت جي ذريعي حاصل ڪئي. ايئن ڪري ڇا ڪو مون گناهه ڪيو؟ اها زمين ڪا انگريزن جي ڏنل جاگير نه هئي. ان کان اڳ جي هئي جنهن کي انگريزن به تسليم ڪيو هو. ڪنهن اخبار واري لکيو ته ججن جي مدي ۾ واڌ جي عيوض لغاري جي حق ۾ اهو فيصلو ٿيو آهي مان ته ججن کي سڃاڻان به ڪو نه ٿو. مون اها توسيع وزيراعظم بينظير ڀٽو جي مشوري تي ڪئي. ان معاملي ۾ صدر جو ڪو ڪردار نه هوندو آهي. مون بينظير کي نه چيو هو ته جج جي مدي ۾ واڌ آڻيو. بهرحال اسان قانوني طور اها زمين ورتي هئي ۽ ان عدالتي فيصلي جي خلاف ڪنهن اپيل به نه ڪئي ورنه اڄ ڪلهه غريب کان غريب ماڻهو به فيصلي کان متاثر ٿئي ٿو ته اپيل ڪري ٿو. اهو به اسان جو قصور آهي. هنن کي منهنجي سڄي صدارت واري مدت ۾ يا ان کان اڳ واري رڪارڊ ۾ رڳو اهي ئي ٻه شيون مليون آهن جيڪي پڻ ڊس پروف ٿيل آهن. اهي ڳالهيون بار بار کنيو وڃن ٿيون ان لاءِ ته مون کي تڪراري بڻائين مان انهي تڪرار ۾ ڪو نه ٿو پوان. مان هڪ دفعو جواب ڏيندس ۽ پوءِ بس، مان بار بار جواب ڪو نه ڏيندس. ٽين ڳالهه مشاهد حسين اها چئي آهي ته مون جسٽس سجاد علي شاهه جي خلاف ڪا سازش ڪئي آهي. اهو سڄو قصو ڪيئن آهي ان لاءِ منهنجا انٽرويو تفصيل سان ڇپجي چڪا آهن. پر مختصراً توهان کي ٻڌايان ٿو ته اول جسٽس سجاد علي شاهه اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي ڪو ماڻهو اپروچ ڪري سگهي يا جنهن تي ڪو اثر (انفلوئنس) ڪري سگهي. هن جو ڪردار هر ڪنهن تي عيان آهي هو هڪ ڪرپٽ نه ٿيندڙ جج آهي. هن ڪڏهن به ڪنهن جي سائيڊ نه ورتي آهي هن نه بينظير جي ۽ نه ئي نواز شريف جي سائيڊ کنئي. هو جنهن کي حق سمجهي ٿو اهو ڪري ٿو. مون کي جيڪو ٿورو گهڻو تجربو ٿيو، بينظير ۽ نواز شريف ٻنهي جي زماني ۾ سو اهو ته هو هميشه آئين ۽ قانون جي بالاداستي جي ڳالهه ڪندو هو. ان کان ڪا شيءِ نه اڳتي نه پوئتي... هن کي ڪڏهن به ڪنهن فيور يا فائدن لاءِ چيو ويو ته هن ڪڏهن به فيور نه ڪيو. محترما چوندي هئي ته هن کي هٽايو. مان چوندو هوس ته هن جي خلاف ڪا شيءِ هجي ته هٽايان؟ هتي ئي جتي توهان ويٺا آهيو ڇهه ست ماڻهو هئا جن کي مون نه پر محترمه سڏايو هو، رڳو ٻه ماڻهو مون گهرايا هئا سي به سندس چوڻ تي. ان ملاقات ۾ محترمه چيو ته هي (جسٽس سجاد علي شاهه) راشي آهي. مون چيو توهان جڏهن هن کي چيف جسٽس بڻايو ته هن جي تعريف ڪئي. هن کي چيف جسٽس بڻائڻ جي ايڊوائيس توهان موڪلي ۽ چيو ته توهان ئي هن کي چيف جسٽس بنايو پيا. مون توهان جي ايڊوائيس تي صحيح ڪئي، هي تڏهن تمام سٺو هو، هاڻ ڪيئن خراب ٿي ويو آهي. چيائين ته هن رشوت ورتي آهي. پڇيم ڪهڙي رشوت ورتي آهي؟ بينظير وراڻيو ته هن پنهنجي ڌيءَ جي شادي تي مون کان هڪ قالين تحفي طور ورتو آهي. مون وراڻيو جيترو وڏو قالين توهان ڏنو آهي اوڏو وڏو قالين مون به ڏنو آهي. توهان ساڍا 9 هزار رپين جو 3x5 فوٽ قالين ڏنو آهي اوڏو ئي قالين مون به ڏنو هو ڇاڪاڻ جو مون پنهنجي ملٽري سيڪريٽري کي چيو هو ته هو وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري کان پڇي ته ڪيڏو ۽ ڪهڙو قالين ڏنو پيو وڃي اسين به اوڏوئي قالين ڏيون. ايئن نه ٿئي جو منهنجو قالين سندس (وزيراعظم جي) قالين کان وڏو هجي. مون کي ان قالين جي قيمت جي به خبر آهي. توهان مون کي چئو ٿا ته مان جسٽس سجاد علي شاهه تي مس ڪنڊڪٽ جو الزام هڻان ته توهان بطور پاڪستان جي وزيراعظم کيس ڌيءَ جي شادي تي تحفو ڏنو. هن ماڻهو جي ايمانداري جو هن کان وڌيڪ ڪو ثبوت ٿي سگهي ٿو ته توهان سموري ڇنڊ ڇاڻ ڪري ورتي پر ڪو به الزام يا ثبوت نه مليو، ته سجاد علي شاهه اهڙي قسم جو ماڻهو آهي. مان هن سان ملي ڪهڙي سازش ڪري ٿو سگهان؟ ڇو ڪريان ها؟ نواز شريف منهنجو ڪجهه به نه بگاڙيو. نواز شريف منهنجي عزت ڪندو هو، مان هن جي عزت ڪندو هوس. هن مون کي بار بار چيو ته ”اسان کي توهان جهڙو صدر نه ملندو. اسان کي توهان جي ضرورت آهي. اسين توهان کي ٻيو ٽرم ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ڪجهه کاتا ۽ ڪم هٿ ۾ کڻو.“ مون وراڻيو آءٌ آئيني صدر آهيان اهي ايگزيڪيوٽو جا ڪم آهن. مان آئيڊيا ڏيندو رهندس، پر اهو سڀ ڪجهه پردي جي پويان رهندي ڪندس. سامهون ڪو نه ايندس. ڇاڪاڻ جو ايگزيڪيوٽو جا ٻه مرڪز پاڪستان ۾ نه هجڻ گهرجن. هڪ ئي هجڻ گهرجي ۽ اهو وزيراعظم جو هجڻ گهرجي. اهو ملڪ توڙي توهان ٻنهي لاءِ سٺو نه ٿيندو جو مان انتظامي ڪم شروع ڪريان. مان جيڪڏهن توهان جي رهنمائي ڪندس ته پريس کي پتو پوڻ نه ڏيندس. ٽي وي تي نه ايندو. اڃا هي بحران شروع نه ٿيو هو ته مون کيس چيو هو ته عدليه سان جهيڙو نه ڪرڻ گهرجي. ان سان حڪومت کي نقصان آهي ۽ ملڪ کي به. هن مون کي چيو هو ته ها، توهان صحيح ٿا چئو. جڏهن دهشتگردي روڪ قانون اچڻ لڳو ته مون چيو هو ته عدليه اندر ايگزيڪيوٽو سسٽم صحيح ناهي. هي هڪ متوازي نظام ٺهي ويندو. هونئن به دهشتگردي ڪو اهڙو مسئلو ناهي جنهن کي رڳو سخت قانون ٺاهي توهان حل ڪري ڇڏيو. ان لاءِ توهان ماڻهن ۾ برداشت ۽ رواداري پيدا ڪريو. مختلف فرقن جي وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ آهي ان کي ختم ڪريو. دهشتگردن تي سختي ڪريو. امام خامنهءِ مون کي چيو هو ته ”دهشتگرد پوءِ اهو شيعو هجي يا سني ان کي فولادي هٿن سان منهن ڏيو. جن مدرسن مان دهشتگردي اچي ٿي تن تي نظر رکو.“ سمورا مدرسا اهڙا ناهن چار يا پنج اهڙا آهن. توهان انٽيليجنس جا ماڻهو دهشتگرد گروپن اندر موڪلي انهن کي اندر کان ٽوڙيو. ٻيو اهو ته انٽيليجنس سٽم کي ٺيڪ ڪريو. اسان جو انٽيليجنس سسٽم ڪمزور ۽ خراب ٿي ويو آهي خاص ڪري اسپيشل برانچ ۽ آءِ بي بلڪل ختم آهن. مون کين ٻڌايو ته ٿاڻيدار کي خبر هوندي آهي ته سندس حد ۾ دهشتگرد يا ڏوهاري ڪير آهي ۽ اهو ڪٿي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان جي خلاف پئسي يا اثر رسوخ جي ڪري ڪارروائي نٿي ٿئي ته اينٽيليجنس کي به خبر هجڻ گهرجي ته دهشتگرد ڪير آهي. جڏهن چيف جسٽس سان وزيراعظم جي ڳالهه ٿي ته هن به کيس اهو ئي چيو. حالانڪه منهنجو چيف جسٽس سان ڪو رابطو يا ميٽنگ به نه ٿي هئي. عام طور تي چيف جسٽس يا ججن سان رابطو يا ملاقات ٿيندي ئي ناهي. رڳو سال ۾ هڪ دفعو جڏهن سندن مان ۾ ساليانو ڊنر ڏنو ويندو آهي يا محترمه جي زماني ڇهه ست ملاقاتون ٿيون. ٽي چار سندس چوڻ تي ۽ ٻه ٽي چيف جسٽس جي چوڻ تي ته آئين تي ڪم نه پيو ٿئي توهان اسان جي مدد ڪريو. اها ئي صورتحال ميان صاحب جي زماني ۾ به رهي. چار پنج دفعا ميان صاحب جي چوڻ تي، هڪ ٻه دفعو چيف جسٽس جي چوڻ تي ملاقاتون ٿيون. اسان جو عدليه جي ماڻهن سان ڪو رابطو نه هوندو آهي، نه چيف جسٽس آف پاڪستان جي خاندان سان دوستي آهي نه هن جي ٻارن سان. مان ڪهڙي سبب سان سازش ڪريان ها؟ ڪيئن ڪريان ها؟ ٽن چئن مهينن ۾ هو رٽائر ڪري رهيو هو، منهنجو هن سان اهڙو ڪو تعلق نٿي ٿي سگهيو. ليڪن آئين جو معاملو آهي ۽ هو مون کي چوي ٿو ته توهان پاڪستان جا صدر آهيو، توهان کي آئين جي پاسداري ڪرڻي آهي پوءِ جيڪڏهن مان اهڙي پاسداري نه ڪندس ته مان پنهنجي عهدي ۽ جيڪو مون قسم کنيو هو ان کان انحراف ڪندس. مون بار بار نواز شريف کي چتاءُ ڏنو ته ائين نه ڪر. ان جو نتيجو هي نڪرندو. هن لائين تي هلندين ته توکي ۽ ادارن کي نقصان آهي. توهان جيڪڏهن کٽيو تڏهن به اها توهان جي سوڀ نه هوندي، بلڪه هار ئي هوندي. مان هميشه کيس چوندو رهيس. ايئن بلڪل جيئن وڏو ڀاءُ ننڍي کي چوندو آهي. هو عمر ۾ مون کان ننڍو آهي، مان کيس چوندو هوس ته مون کي ڀاءُ سمجهه ۽ تنهنجي دل کي اها ڳالهه نٿي وڻي ته جيڪو اقتدار ۾ هوندو آهي جيئن تون وڏي مينڊيٽ سان آيو آهين، ان کي اها ڳالهه واقعي نه وڻندي آهي. تون ان ڳالهه کي سمجهه ان ۾ تنهنجي به ڀلائي آهي ۽ پاڪستان جي به ڀلائي آهي. عدليه سان ٽڪر نه وٺ، پر هو بدستور ايئن ڪندو رهيو. جڏهن 16 آڪٽوبر تي هو گورنر شاهد حامد سان گڏ مون وٽ آيو ته مون کي چيائين ته مان جسٽس سجاد شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. هن کان اڳ هن هڪ ٻيو ڪم ڪيو جنهن جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي. سيپٽمبر يا آڪٽوبر جي شروع جي ڳالهه آهي سپريم ڪورٽ جي ججن جو تعداد 17 مان 12 ڪرڻ لاءِ مون کي سمري موڪلي وئي. سمري ۾ لکيل هو ته چيف جسٽس سان مشورو ڪيو ويو آهي. جڏهن وزيراعظم سمري ۾ چوي ٿو ته صلاح مشورو ڪيو ويو آهي ته صدر ڇا سمجهي ته هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي. مشورو ڪيو هوندائين. مان پاڻ حيران هئس ته 17 مان 12 جج ڇو ڪيا ويا آهن. هو چوي ٿو ته ممڪن آهي مشورو ڪيو هجيس. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ پاڻ مڃي ٿي ته ٺيڪ آهي، ٻئي ڏينهن پتو پيو ته اهو ڪوڙ هو. مون پڇيو مانس ته وزيراعظم صاحب اهو ڇا آهي؟ وراڻيائين ته مون کي وزير قانون چيو آهي. چيم ته وزير قانون کان پڇو ته هو ڇا ٿو ڪري. مون کي چيو مانس ته توهان کي جج گهٽائڻ وارو فيصلو واپس وٺڻو پوندو. جيڪڏهن چيف جسٽس نه چيو آهي ته توهان ايئن ڪيئن ڪيو آهي. ايئن نه ڪندا ته پوءِ ڪيس ٿيندا. نيٺ انهي ضد ۾ اچي هنن جج گهٽائڻ وارو فيصلو واپس ورتو. وري 22 آڪٽوبر تي وزيراعظم آيو ۽ چيائين ته جسٽس شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. مون چيو ته توهان جتي ويٺا آهيو اتي محترمه اچي ويهندي هئي ۽ چوندي هئي ته مان جسٽس شاهه کي ڊي نوٽيفاءِ ڪريان. شاهد حامد ويٺو آهي جيڪو ان جو شاهد آهي جڏهن جواز نه هو ته مان ڪيئن ڊي نوٽيفاءِ ڪريان ها ۽ هاڻ به مون کي ڪو جواز نطر نٿو اچي. چيائين توهان نٿا ڪريو ته اسين پاڻ تي اهو الزام ٿا کڻون. ماڻهو توهان کي برو نه چوندا. اسين ايڊوائيس موڪليون ٿا، توهان ان تي صحيح ڪريو.
    ٻڌايم ته ساڳيو محترمه به چوندي هئي ته حڪومت ايڊوائيس ٿي موڪلي. پوءِ چيائين ته جسٽس شاهه جو معاملو سپريم جڊيشل ڪائونسل کي موڪليو پر جڏهن جواز ناهي ته مان ڪيئن ٿو موڪلي سگهان. مون کي چيو ويو ته بينظير جي ڏينهن ۾ سمورا جج هن سان گڏ هئا، هاڻ ناهن. وڌ ۾ وڌ هڪ مختيار جوڻيجو گڏ اٿس يا ڪو هڪ ٻيو. انهن تي اسين ورڪ ڪريون پيا. مون چيو توهان کي ججن تي ورڪ ڪرڻ جي ڪهڙي اچي پئي آهي، اها غير آئيني ڳالهه آهي ته چيائين ته اڃا اسان شروع نه ڪيو آهي بعد ۾ چيائين ته اسان ڪيو آهي. مون چيو ته توهان ڪورٽ کي ورهائي ڇڏيو آهي. ڪورٽ کي Subvert ڪيو آهي. ان سان ادارن، ملڪ ۽ آئين کي وڏو نقصان پهچندو. اهو قدم آئين جي خلاف آهي. مون چيو ته توهان ان ڳالهه ۽ ان لائين کي وساري ڇڏيو. چيم ته توهان هٿ وٺي بحران پيدا ڪيو آهي. توهان جي لاءِ صاف رستو هو. توهان ملڪ جي غريبن لاءِ ڪجهه ڪري پيا سگهو. ماڻهن جي روزگار، مهانگائي ۽ پريشانين جا مسئلا آهن، ٽيڪس نٿا ملن، ان تي توهان ڌيان ڏيو. توهان پاڻ کي ڪهڙي لائين ۾ آندو آهي جو بحران ۾ ڦاسي ويا آهيو. چيم ته ڪا راهه ڳوليو. وراڻيائين ته ڪا راهه ناهي. چيم ته راهه آهي، پنج جج ڏيو، مسئلو حل ٿي ويندو. ڇاڪاڻ جو اهو آئين جو مطالبو آهي. 20 مارچ 96ع جي فيصلي بعد سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس وٽ ٻيو ڪو رستو به ناهي. 8 آڪٽوبر تي برطانيا جي راڻي اسان کي مانجهاندو ڏنو. چيف جسٽس مون کي پاسيرو وٺي ويو. هو ناراض پئي لڳو. چيائين ته جج ڏيڻ لاءِ مهيني جي آئيني مدت هوندي آهي. حڪومت هڪ مهينو ان کان به وڌيڪ ورتو آهي. آئين جي مسلسل ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي. هاڻ آءٌ آرٽيڪل 190 جي تحت توهان کي آرڊر ڏيندس، ته پنجن ججن کي نوٽيفاءِ ڪريو ان تي مون چيو ”شاهه صاحب! خدا جي واسطي نه ڪريو، ان سان عدم استحڪام پيدا ٿيندو. اسان جي معيشت ان جي متحمل ناهي. توهان سڀاڻي عمري تي وڃو پيا. توهان عمري تان موٽي اچو. مان توهان کي هينئر ئي ڊنر جي اڳواٽ دعوت ٿو ڏيان. ان دوران مان وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته توهان مهرباني ڪري آئين جي ضرورتن کي پورو ڪريو ۽ جج ڏيو.“ هن لنچ جي فورن بعد، مون وزيراعظم کي فون ڪيو ۽ ٻڌايم ته شاهه صاحب اڄ مون سان هي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هو ناراض پئي لڳو. توهان وٽ ٻيو ڪو چارو ناهي سواءِ ان جي ته پنج جج ڏيو. هو عمري تان جيئن موٽي ته توهان هن سان ملو ۽ جيڪا آئين جي گهرج آهي ان کي پورو ڪريو. وراڻيائين ته اسان ڪجهه ڪريون ٿا. پوءِ ڇا ٿيو عدليه ۾ ڏڦير وڌو ويو. ججن تي ورڪ ڪيو ويو، ججن طرفان خط لکيا ويا. جڏهن چيف جسٽس عدليه اندر پيدا ٿيل ڏڦيڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ پهتو ته هڪ خط انهن لکيو. سپريم ڪورٽ جي ڇهن ججن هڪ ٻيو خط لکيو. پوءِ مون کي وزيراعظم چيو ته توهان چيف جسٽس جي خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس موڪليو. ٻڌايم ته هن جي خلاف به موڪليان ۽ ڇهن ٻين ججن خط لکيو آهي انهن جي خلاف به ريفرنس موڪليان. توهان جي چوڻ تي سپريم ڪورٽ جي ستن ججن جي خلاف ريفرنس موڪليان. دنيا ڇا چوندي؟ توهان پنج جج ڏيئي ڇڏيو. چيائين ته هو اسان جو دهشتگردي روڪ قانون اسٽرائيڪ ڊائون ڪري ڇڏيندا. چيو مانس ته دهشتگردي روڪ قانون اگر آئين جي خلاف آهي ته ان تي عدالتي نظرثاني ٿي سگهي ٿي. سپريم ڪورٽ جو فرض آهي ته اها ”جڊيشل ريويو“ ڪري. جيڪڏهن عدالت نظرثاني لاءِ چوي ٿي ته توهان ان کي فيصلي مطابق ٺاهي وٺو. اهو ڪو توهان جي انا جو مسئلو نه هجڻ گهرجي. مون چيو مانس ته اصل ڳالهه اها ڪو نه ٿي لڳي، اصل ڳالهه اها آهي ته توهان کي فڪر آهي ته هو توهان کي نااهل قرار ڏيندو. شاهد حامد چيو Exactly sir وزيراعظم به چيو ها اها ئي ڳالهه آهي. مون چيو اصل ڳالهه ڪريو ته توهان کي هن مان خطرو آهي، چيم توهان کي ڇو خطرو آهي؟ هو ذاتي طور توهان کي سٺو سمجهي ٿو جڏهن به هن مون سان توهان بابت ڳالهه ڪئي ته توهان کي سٺو ۽ خوش اخلاق چوندو رهيو. هو (چيف جسٽس) چوي ٿو ته ”مون کي ڪجهه نه گهرجي. آئين جي بالادستي گهران ٿو.“ وري چيم ته توهان هن کي جج ڏيو. چوڻ لڳو ته هن جي اڪثريت ٿي ويندي. چيم اڪثريت ٿي ويندي ته ڇا ٿي پوندو؟ توهان سمجهو ٿا ته پوءِ هو توهان کي نااهل ڪندو؟ چيم، شاهد حامد وڪيل آهي. هو ٻڌائي سگهي ٿو ته ٻن ججن جي بئنچ يا ٽي جج نااهل نٿا ڪري سگهن، وراڻيائين ته ”ها“، چيم ته جيڪڏهن توهان ورڪ ڪري سڀني کي پنهنجي پاسي ڪري ڇڏيو تڏهن به اهو اڪيلو چيمبر ۾ ويهي جيڪو مٽيريل آهي ان تي توهان کي نااهل نه ٿو ڪري سگهي؟ وراڻيائين ”ها“، واضح ڪيم ته توهان هن سوچ جي انداز کي ڇڏيو، ضد تي نه اچو، توهان آئين جي گهرجن کي پورو ڪريو، پڇيم ته توهان جي خلاف ڪو اهڙو ٺوس مٽيريل آهي جو توهان گهٻرايو پيا؟ چيائين ته نه! اهو ته ناهي، چيو مانس ته پوءِ ڇو ٿا گهٻرايو. اها ئي ڳالهه بينظير ڪندي هئي ته انڊيا ۾ سپريم ڪورٽ Activist آهي. ساڳي ڳالهه توهان به ڪريو پيا. اسان هنن کي ڪيترائي ڀيرا سمجهايو. مان 22 آڪٽوبر کان پوءِ حڪومت جو مطلب سمجهي سگهيس جيڪو اهو آهي ته هنن عدليه کي ماتحت ڪرڻ پئي گهريو. ڇاڪاڻ جو هي سمجهن ٿا ته اسان جي عافيت انهيءَ ۾ آهي ته عدليه کي اسين پنهنجو ڪري وٺون، تڏهن به هنن کي پيار ۽ محبت جو ليڪچر ۽ سياسي سبق ڏنم. چيم ته انسان تحفظ ڳولي ٿو ۽ ان کان تحفظ ڳولي ٿو جتان غير محفوظ سمجهي ٿو. ڪهڙي خبر ته سڀاڻي ڪير جيئرو هوندو؟ جڏهن اسين پنهنجي زندگي جي باري ۾ ايترو بي خبر آهيون ته تحفظ الله تي ئي ڇڏڻ گهرجي. جڏهن مٽيريل ناهي، توهان نيڪ نيت آهيو. جيڪڏهن خدانخواسته ڪو ڪيس اچي ٿو ته توهان ڪيس وڙهو. سپريم ڪورٽ ڪيس جو فيصلو مٽيريل جي بنياد تي ڪندي، جي مٽيريل ناهي ته گهٻرايو ڇو ٿا؟ مون سموريون ڳالهيون هنن کي وقت تي ۽ وقت کان اڳ چيون، پر جيڪي واقعا ٿيا، جيئن سپريم ڪورٽ تي حملو آهي ان جو تصور به نٿو ڪري سگهان. باقي سڀ شيون ٻڌائيندو رهيس ته ڪهڙي ڪم جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. سڄو معاملو ايئن هو. باقي ان کي اهو رنگ ڏيڻ ته چيف جسٽس ۽ منهنجي ڪا گڏيل سازش هئي. ان کان وڌيڪ لغو ۽ ڪوڙي ڳالهه اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا جن خود بي ايمانيون ڪيون آهن سڄي عمر ۽ جن جي سياست اهڙي رهي آهي جن ماڻهن ڪڏهن سازش نه ڪئي، سياست کلي ڪئي آهي انهن لاءِ ڪيئن ٿا چون. مون ۽ جسٽس شاهه ڪڏهن سياست تي بحث نه ڪيو. جڏهن پهرين ڊسمبر تي بار ڪائونسل جي وچ ۾ اچڻ تي سمورا جج گڏ ويٺا ته هنن سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس مڃيو. جنهن بعد ڪاز لسٽ ٺاهي وئي ۽ ايگريمينٽ ٿيو ۽ پوءِ نواز شريف اهو معاهدو ٽوڙيو. هن انهن ججن کي چيو ته منهنجي خلاف ڪيس يا ٽن مهينن تائين ملتوي ڪريو يا سماعت 15 جج ڪن. باقي توهان هي جيڪو فارمولا ٺاهيو آهي سو قابل قبول ناهي ۽ ايئن اهو ايگريمينٽ ٽٽي ويو. مون کي فڪر لڳل هو ته ڪٿي جسٽس شاهه تيرهين ترميم معطل نه ڪري. 2 ڊسمبر تي صبح جو آرمي چيف کي فون ڪيم ۽ پنهنجي فڪر کان آگاهه ڪيم ته توهان پهرين به منهنجي چوڻ تي نه پر وزيراعظم جي چوڻ تي هن معاملي ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو آهي. هن جي ۽ منهنجي چوڻ تي ٻه دفعا چيف جسٽس ميان صاحب جي ڪيس ۾ معاملو موخر ڪيو هو، پر هن ڀيري ميان صاحب هن مهلت واري ٽائيم ۾ سپريم ڪورٽ کي وڌيڪ ورهائڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ مختلف بئنچن وٽان فيصلو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. آرمي چيف کي چيم ته جيڪڏهن ايئن ٿي ويو ته مان استعيفا ڏيندس. هن کان اڳ 27 نومبر جي رات جو دير سان چار بجي تائين ويٺا هئاسين مون تڏهن به استعيفا ٿي ڏني پر توهان روڪيو هو ۽ چيف جسٽس کي به چيو هو ته معاملي کي ٿورو ڊيگهه ڏيو. متان صلح ٿي وڃي وزيراعظم سان، کيس 2 ڊسمبر تي وري چيم ته هاڻ مون کان هڪ منٽ به رهڻ نه ٿيندو. تڏهن به آرمي چيف مون کي روڪيو. مون تي هڪ سيڪنڊ لاءِ به دٻاءُ نه وڌو نه ڪو اشارو ڏنو.
    سوال: جڏهن توهان بينظير جي حڪومت ٽوڙي ان وقت ايترو آئيني بحران نه هو ۽ بقول اوهان جي ته تازو بحران تمام وڏو بحران هو، سپريم ڪورٽ تي حڪومت حملو به ڪرايو. چيف جسٽس جو موقف بقول اوهان جي درست به هو جڏهن اوهان کي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اختيار به مليو ته اوهان اسيمبلي ڇو نه ٽوڙي؟ ڇا ان ڪري ته بينظير سنڌ جي هئي ۽ سندس حڪومت نواز شريف کان ڪمزور به هئي يا ان جا ٻيا سبب آهن؟
    جواب: نه، مون جڏهن بينظير حڪومت کي ٽوڙيو هو تڏهن مون جيڪي سبب ڄاڻايا اهي توهان کي معلوم آهن. سپريم ڪورٽ به انهن جي توثيق ڪئي آهي. هڪ سبب جنهن جو مون بعد ۾ ڪڏهن ذڪر نه ڪيو آهي. جيڪو منهنجي لاءِ سڀ کان اهم سبب هو، ان جو ذڪر اسيمبلي ٽوڙڻ مهل، رڳو پاڪستان جي مفاد کي آڏو رکي نه ڪيو هئم، سو هو ته اسان جي معيشت ڊيفالٽ جي ڪنڌي تي هئي. جيڪڏهن مان هڪ هفتو ٻيو دير ڪريان ها ته 31 ڊسمبر تي ڊيفالٽ اڻ ٽر هو. اسين کڻي ڪجهه به ڪريون ها ان کي روڪي نه ٿي سگهياسين. نگران دور ۾ منهنجي ڪوششن سان اهو ڊيفالٽ ڏاڍي ڏکيائي سان روڪيوسين. وڏي تيزي سان اسان جي پرڏيهي ذخيرن ۾ ڪمي اچي رهي هئي، ٻيون به گڙ ٻڙ هيون جنهن جو ذڪر مان اڄ به ڪو نه ٿو ڪريان. جيڪڏهن مان چوان ها ته ملڪ ڊيفالٽ جي ڪنڌي تي آهي ته خود اها ڳالهه به ڊيفالٽ کي تيز ڪري ها، ڇاڪاڻ جو جڏهن مارڪيٽ ۾ اها ڳالهه هجي ته ڊيفالٽ ٿيڻ وارو آهي ته جيڪي ملڪ اندر خانگي کاتن ۾ ڊالر آهن سي به ماڻهو ڪڍائي وڃن ها. ماڻهن وٽ 9 ارب ڊالرن جا پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي وارا اڪائونٽ هئا اهي هڪ ڏينهن ۾ اڏامي وڃن ها. اهو ئي بنيادي ڪارڻ هو جنهن جي ڪري مون بينظير کي هٽايو. اها صورتحال نوازشريف جي مهل نه هئي.
    (16 ڊسمبر 1997ع)


    چيف جسٽس جو ڪيس ۽ ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ نه هجڻ وارو سوال

    چيف جسٽس جو ڪيس ۽ ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ نه هجڻ وارو سوال

    چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي ڪم کان روڪڻ بعد پاڪستان ۾ سپريم ڪورٽ ئي ختم ٿي وئي آهي. آئين موجب سپريم ڪورٽ ضروري آهي ۽ پاڪستان بنا سپريم ڪورٽ هلي رهيو آهي. اهڙو ڪيس ڀارتي بار ڪائونسل جي وڪيلن گڏيل قومن جي انساني حقن، قانون ۽ انصاف جي ادارن ۾ کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اها ڳالهه چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن جي پينل ۾ شامل سينيئر ايڊووڪيٽ غلام حسين عباسي، صحافين کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌائي، حفيظ پيرزادو به موجود هو. هو ساڳي ڳالهه جو ذڪر اڳ ۾ عدالت اندر به ڪري چڪو آهي ۽ بعد ۾ ٻڌايو ته اهڙي ڳالهه هن کي عباسي ٻڌائي آهي. عباسي جيڪو ذوالفقار ڀٽو شهيد جو پراڻو دوست ۽ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو به استاد رهيو آهي تنهن کي وڪالت ڪندي 42 سال ٿيا آهن هن 1977ع ۾ سپريم ڪورٽ پاران ڀٽو کي ڦاهي واري سزا خلاف احتجاج طور 13 سال وڪالت نه ڪئي. جڏهن ذوالفقار ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ سپريم ڪورٽ وارا جج رٽائر ڪري ويا ته ان بعد هو سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندو رهيو آهي. هونئن ته اها ڳالهه سڀني کان اڳ هنن ئي ڪالمن ۾ ڪاوش شايع ڪري چڪي آهي پر اها بعد ۾ هن ججن جي پڇڻ تي عدالت کي به ٻڌائي هئي. صحافين عباسي کان پڇيو ته اوهان کي اهو ڪنهن ٻڌايو ته ڀارتي بار ڪائونسل وارا جنيوا ۾ اهو ڪيس کڻي وڃن ٿا ته پاڪستان بنا سپريم ڪورٽ جي هلي رهيو آهي ته هن ٻڌايو ته ڊان اخبار جي ڪالم نگار اردشير ڪائوسجي هن کي ٻڌائي آهي ۽ ڀارتي بار ڪائونسل وارن سان ڪائوسجي جي ڳالهه ٻولهه به ٿي آهي.
    حفيظ ۽ عباسي چيو ته پاڪستان جا دشمن ڪيترائي آهن، هو ان مسئلي کي عالمي اشو بڻائي رهيا آهن، پاڪستان کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ خود عدليا کي اهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن جيئن دشمنن کي پروپيگنڊه جو موقعو نه ملي. جيڪڏهن هو جنيوا ڪيس کڻي ويا ته ان سان ملڪ جي بدنامي ٿيندي. هنن چيو ته مسئلي جو حل ان ۾ آهي ته ڪوئٽا پاران چيف جسٽس سجاد شاهه کي ڪم کان روڪڻ وارو جاري ٿيل عبوري حڪم هڪدم رد ڪيو وڃي ۽ ڪيس جي سماعت ۾ جيڪو فيصلو اچي اها بعد جي ڳالهه آهي. ان تي هڪ صحافي پيرزادي کي چيو ته جيڪڏهن عالمي عدالت پاڪستان کي نوٽيس ڏنو ته اسان وارو اٽارني جنرل نمائندگي لاءِ ويندو ۽ هو اتي وڃي کين ٻڌائيندو ته اسان جي ملڪ ۾ هڪ نه پر 2 سپريم ڪورٽون آهن ۽ ان ڪري 2 چيف جسٽس به آهن ان تي حفيظ چيو ته مان ڪجهه نٿو چئي سگهان:
    اهو واقعي تمام وڏو مسئلو آهي. جيڪڏهن ڀارتي بار ڪائونسل وارن عالمي عدالت ۾ اهو معاملو اٿاريو ته پاڪستان ۽ حڪومت جي حد کان وڌيڪ بدنامي ٿيندي. ساڳي وقت ماضي جي حڪومتن جي ڪارڪردگي ۽ اسٽائيل کي سامهون رکي ان امڪان کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته سڀاڻي حڪومت ان بدامني کان جند ڇڏائڻ لاءِ اهو الزام هڻڻ ۾ به دير نه ڪري ته سجاد علي شاهه ڀارتي بار ڪائونسل وارن سان گڏجي اهو معاملو پاڻ اٿاريو آهي. ڀلي جيڪڏهن کڻي حڪومت سڀاڻي چيف جسٽس سجاد شاهه تي اهو الزام هڻي به ڇڏي ته ڇا اهو جسٽي فائيڊ (حقي واجبي) هوندو؟ ڇا ان سان ملڪ کي هرو ڀرو مليل بدنامي جو داغ ڌوپجي ويندو؟ بهرحال اهو معاملو اهڙو آهي جيڪو مستقبل قريب ۾ ملڪ لاءِ تمام وڏو مسئلو به پيدا ڪري سگهي ٿو.
    سپريم ڪورٽ ۾ هيستائين چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن جي پينل جو سربراهه عبدالحفيظ پيرزادو ساڍا پنج ڏينهن دليل ڏئي چڪو آهي ۽ اڃا 2 ڏينهن هو وڌيڪ وٺندو. جنهن بعد غلام حسين عباسي، احمد رضا قصوري ۽ نعيم بخاري دليل ڏيندا. ڪالهه نعيم بخاري موجود نه هو ڪيس جي ڪارروائي به ٿڌي هئي. حفيظ جي ابتدائي ٻن ڏينهن دوران جيتري عدالت ۾ پيهه هئي اها به ڪالهه نه هئي. اڪثر ڪرسيون خالي پيل هيون. وڪيلن کان صحافي وڌيڪ هئا ۽ صحافي به ايترا ڪو نه هئا جيترا اڳ ۾ هوندا هئا. حفيظ جي ٻي گهر واري ثمينا موجود هئي جڏهن ته وينا حيات جي خاندان سان تعلق رکندڙ سندس اسسٽنٽ صالحه حيات به 11 وڳي کان پوءِ آئي هئي. حفيظ جي مدد ڪتابن ڏيڻ وغيره ۾ سندس ٻين جونيئرن پئي ڪئي.
    ڪارروائي دوران ڪجهه ججن ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجي تبصرن سبب خشڪ دليلن واري سنجيده ماحول کي مڙئي خوشگوار به پئي بڻايو ته ڪنهن مهل وري حفيظ جي ڪاوڙيل لهجي ڪجهه اوٻاسيون ڏيندڙ وڪيلن، صحافين ۽ وزيٽرز کي هوشيار پئي ڪيو. هڪ موقعي تي جڏهن جسٽس ناصر اسلم زاهد چيو ته محترمه بينظير ڀٽو ته جهانگير بدر کي چيف جسٽس بڻائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي هئي. ان تي حفيظ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته اهڙن بيانن جي سزا به ته ڀوڳيائون نه؟ ان تي سڀ جج ۽ عدالت ۾ ويٺل مرڪيا ته مٿان جسٽس خليل الرحمان حفيظ کي چيو ته ڀلا فرض ڪريو ته جيڪڏهن جهانگير بدر چيف جسٽس ٿي وڃي ها ته پوءِ هن کي ڪيئن ۽ ڪير هٽائي ها. ان تي اڳئين سوال تي مرڪندڙ حفيظ ڪاوڙيل لهجي ۾ چيس ته مان مفروضن تي ٻڌل سوالن جا جواب نه ڏيندو آهيان. اتي ٿورو ماحول سنجيده ٿي ويو. هڪ ٻئي موقعي تي جڏهن حفيظ پيرزادي، چيف جسٽس خلاف درخواستون داخل ڪندڙن جي حيثيت کي چئلينج ڪيو ته هنن جي حيثيت ۽ معاشري ۾ ساک ڪهڙي آهي؟ هنن جو ڪهڙو حق پائمال ٿيو آهي، ڇا هنن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪڏهن جيل ڏٺو آهي يا عدليا جي آزاديءَ ۽ وقار جي بلندي لاءِ ڪڏهن لٺ کاڌي آهي؟ ته ان تي درخواست گذارن جا وڪيل وات ۾ قلم وجهي کيس حسرت وچان گهوري گهوري تڪي رهيا هئا. وري جڏهن حفيظ پيرزادي، چيو ته آئين جي آرٽيڪل 184(3) هيٺ سڌي طرح سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ لاءِ طريقيڪار واضح آهي ان کي ختم ڪري نئون طريقو هن ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو آهي، ايئن نه ڪريو. اهو سلسلو شروع ٿيو ته سڀاڻي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هي پٽيشن داخل ئي طريقيڪار جي خلاف ٿي آهي. هن ۾ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 25 ۾ ڏنل بنيادي حقن جي خلاف ورزي جو به ذڪر ناهي. جنهن تي جسٽس سعيد الزمان چيو ته اهو ضروري ناهي ته هر نقطو درخواست گذار درخواست ۾ اٿاري، ان تي حفيظ گرجدار آواز ۾ چيس No, sir اهو ضروري آهي، عدالت جو ڪم اهو ناهي ته هو تلاش ڪن ته ڪهڙو بنيادي حق پائمال ٿيو آهي. جسٽس ارشاد حسن کنگهه سبب بيمار هو ۽ ڊاڪٽرن جي مشوري جي باوجود به آرام ڪرڻ بدران ڪالهه عدالت ۾ آيو هو. حبيب الوهاب الخيري وري ڪالهه اٿيو ۽ چيو ته جناب مون کي به ڳالهائڻ ڏيو. ججن چيس ٺيڪ آهي، بعد ۾ ڏسنداسين. هڪ موقعي تي حفيظ سپريم ڪورٽ جي جن فيصلن جا حوالا پئي ڏنا تن جون ڪاپيون جڏهن ججن کي به فراهم پئي ڪيون ته ججن کيس چيو ته مسٽر پيرزاده في الحال ته اوهان اسان سان ٺيڪ پيا هلو، ان تي هن چيو ته مان سدائين ٺيڪ هلندو آهيان.
    ڪالهه ايس ايم ظفر به عدالت ۾ آيو هو. وقفي دوران بار روم جي ڀر ۾ صحافين سان مختصر ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته چيف جسٽس سجاد شاهه کي ان وقت سٺو موقعو هو جڏهن مان وزيراعظم کي عدالت ۾ وٺي آيو هئس ۽ هن پاران مون معذرت به ڪئي هئي، ان مهل جيڪڏهن چيف جسٽس توهين عدالت ڪيس ۾ معافي ڏئي ڇڏي ها ته نئين تاريخ ٺهي وڃي ها ۽ هي ڏينهن به ڏسڻا نه پون ها پر اهو موقعو چيف جسٽس Miss ڪيو. ايس ايم ظفر هر هر اهو تاثر پيو ڏئي ته هن ڪوئٽا بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ چيف جسٽس جي بينچ تي ويهڻ تي اعتراض نه ڪيو هو پر اهو چيو هو ته ان معاملي ۾ هو ڌر بڻجي ويو آهي تنهنڪري هو ڪيس نه ٻڌي ته بهتر آهي. ڳالهه ته ساڳي هئي پر وڪيل آهن، گهمائي ڦيرائي هڻندا آهن. اها ڳالهه اهميت جوڳي هئي ته آخر هو افسوس ڇو پيو ڪري؟ ڇا ان ڪري ته هن کي اها کڙڪ پئي هجي ته چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه وري سيٽ سنڀاليندو؟ بظاهر ته اهڙو امڪان نٿو لڳي، پوءِ اهو ٿي سگهي ٿو ته شايد هن کي 28 نومبر تي عدالت تي ٿيل حملي ۽ ان بعد ڪوئٽا بينچ جي فيصلي جي روشني ۾ چيف جسٽس کي ڪم کان روڪڻ ۽ هن کي گهر ڀيڙو ڪرڻ وارا فيصلا پسند نه آيا هجن؟
    (17 ڊسمبر 1997ع)


    سپريم ڪورٽ جي خميس ڏينهن واري ڪارروائي

    سپريم ڪورٽ جي خميس ڏينهن واري ڪارروائي

    خميس واري ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ڪيس جي سماعت دوران غلام حسين عباسي، شاهد اورڪزئي ۽ احمد رضا قصوري پنهنجا دليل پيش ڪيا. ڪورٽ جي مکيه ڪارروائي هيٺ پيش ڪجي ٿي.
    پاڪستان ۾ عدالتون عدالتن جو ٽرائل ڪري رهيون آهن. اها ملڪ ۽ ادارن لاءِ ڏک واري ڳالهه آهي. آئين ان جي اجازت نه ٿو ڏئي. چيف جسٽس کي آئين موجب ڪا به عدالت نه ٿي هٽائي سگهي ان لاءِ سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو طريقو واضح ڪيل آهي. ججن وچ ۾ پيدا ٿيل غلط فهميون ختم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي پر ڪجهه نظر نه ايندڙ مفاد پرست قوتن صورتحال نورٽرن تائين پهچائي آهي. 26 نومبر تي هڪ ڏينهن ۾ ٽي حڪم جاري ٿيا. آخر ڪهڙي جلدي هئي، ڇا پاڪستان تباهه ٿي رهيو هو جو چيف جسٽس کي هٽائڻ جو هڪ طرفو عبوري حڪم بنا نوٽيس جاري ڪرڻ جي ڏنو ويو.“ اهڙو اظهار نامياري قانوندان غلام حسين عباسي ڪالهه سپريم ڪورٽ جي 10 ميمبري بينچ آڏو چيف جسٽس جو دفاع ڪندي پنهنجي دليلن ۾ ڪيو. چيف جسٽس سجاد شاهه ۽ حفيظ پيرزادي سميت ملڪ جي ناميارن قانوندانن جو استاد غلام حسين عباسي جيڪو ذوالفقار ڀٽو جو به دوست هو ۽ بقول هن جي ته هن سپريم ڪورٽ پاران ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ واري فيصلي خلاف احتجاج طور 13 سال سپريم ڪورٽ ۾ تيسين وڪالت نه ڪئي جيسين ڀٽو کي ڦاهي ڏيندڙ سمورا جج رٽائر نه ڪري ويا. تنهن ڪالهه پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته هو سجاد علي شاهه جي دفاع ۾ نه آيو آهي. پر ملڪ جي عدالتي سسٽم جي وڏي ۾ وڏي عهدي چيف جسٽس آف پاڪستان جي دفاع لاءِ آيو آهي. هڪ موقعي تي جسٽس سعيد الزماني صديقي چيو ته چيف جسٽس جا عدالتي اختيار به ججن جيترا آهن ۽ سڀ جج برابر آهن. چيف جسٽس ججن منجهان آهي، پر هن کي صرف انتظامي اختيار حاصل هوندا آهن. پيرائتي ڪارروائي موجب ڪالهه جمع ڏينهن صبح جو 10 رڪني بينچ جو سربراهه جسٽس سعيد الزمان صديقي آهي ۽ ان ۾ جسٽس فضل الاهي خان، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس راجا افراسياب خان، جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس منور مرزا، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس اعجاز نثار، جسٽس رياض اي شيخ ۽ جسٽس عبدالرحمان خان شآمل آهن تن چيف جسٽس کي معطل ڪرڻ واري ڪيس جي سماعت شروع ڪئي ته چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي ٻئي وڪيل غلام حسين عباسي دليل شروع ڪيا. هن چيو ته ججن وچ ۾ جيڪي غلط فهميون هيون اهي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي وئي. جڏهن بار ڪائونسل وارن قدم اڳتي وڌايو ته سمورا جج غير رسمي طور گڏ به ويٺا. هن بحران دوران پيش آيل واقعن جو ذڪر ڪرڻ چاهيو ته جسٽس ناصر اسلم زاهد چيس ته اهي واقعا اڳ ۾ حفيظ بيان ڪيا آهن، اوهان نئين ڳالهه ڪريو. عباسي چيو ته مان انهن حقيقتن کي پنهنجي قانوني جائزي جي نظر ۾ پيش ڪرڻ گهران ٿو. عباسي چيو ته انهن حقيقتن بابت حفيظ ٻيهر ڳالهائڻ چاهي ٿو، هو ڪراچي ويو آهي. جسٽس سعيد الزمان چيو ته هن جا دليل مڪمل ٿي چڪا آهن. عباسي چيو ته اوهان ڪنهن نتيجي تي تيسين ڪيئن پهچندا جيسين حقيقتن جو جائزو نه وٺندا. ان تي جسٽس ارشاد، جسٽس ناصر اسلم، جسٽس خليل، جسٽس سعيد الزمان ۽ جسٽس منور مرزا هڪ ئي وقت ڳالهائڻ لڳا. هنن جو چوڻ هو ته اوهين ورجاءُ نه ڪريو. عباسي دهلي ۾ هڪ ڀارتي جج جي برطرفي واري ڪيس جو حوالو ڏيندي چيو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو به مثال ناهي ۽ ان جج کي به بدعنواني جي الزام ۾ هٽايو ويو هو. هن چيو ته مون پنهنجي 48 سالن جي وڪالت واري پريڪٽس دوران ڪڏهن به ججن سان الجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. مارشل لا دور ۾ صدر جيڪو ڊڪٽيٽر به هو يا جيڪو ڪجهه به هو تنهن جيڪي ترميمون ڪيون ان بعد عوام کي رليف سپريم ڪورٽ ڏيندي هئي. سپريم ڪورٽ کانسواءِ ملڪ جي وجود جو تصور ئي ناهي ۽ سپريم ڪورٽ چيف جسٽس کانسواءِ نامڪمل آهي. هن چيو ته مان واقعن جو ذڪر ڪرڻ گهران ٿو پر اوهان (جسٽس ارشاد) وچ ۾ ڳالهايو ٿا. جسٽس ارشاد چيو ته ٺيڪ آهي مان مداخلت نه ٿو ڪريان. عباسي چيس مهرباني. هن چيو ته درخواست گذار جو موقف اهو آهي ته چيف جسٽس پنهنجي ڊيوتي ادا ڪرڻ جو اهل ناهي. جڏهن سڌي طرح پٽيشن عدالت ۾ ايندي آهي ته 99 سيڪڙو ڪيسن ۾ عبوري فيصلا نه پر اڳ ۾ نوٽيس جاري ٿيندا آهن. هن کي ججن چيو ته اوهين ساڳيون ڳالهيون ورجايو ٿا. عباسي چيو ته اسان وڪيلن لاءِ هي واحد فورم آهي جتي انصاف لاءِ دانهون ڪري سگهجن ٿيون. اسين موچي دروازي يا آرام باغ ۾ وڃي نه روئنداسين. هي اهم معاملو آهي چيف جسٽس جو ڪيس آهي. اهو هڪ شخص نه پر عهدي ۽ اداري جو ڪيس آهي. هن چيو ته ڪنهن به جج يا چيف جسٽس خلاف ڪيسن جي سماعت ڪا به عدالت نه ٿي ڪري سگهي. چيف جسٽس جي هوندي ان کي هڪ جج معطل ڪري سندس اختيار ڪيئن ٿو استعمال ڪري سگهي. پاڪستان ۾ ته عدالتون عدالتن جو ٽرائل ڪري رهيون آهن. آئين ان جي هرگز اجازت نٿو ڏئي. اهو عمل ملڪي سسٽم ۽ عدليا سميت سمورن ادارن لاءِ هاڃيڪار آهي. هن چيو ته ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت جي چيف جسٽس جيڪو پاڪستان جو چيف جسٽس آهي تنهن خلاف ڪيس ٻڌو ٿو وڃي ۽ نوٽيس جاري به نٿو ڪيو وڃي ۽ ان ڌر کي ٻڌڻ کانسواءِ هڪ طرفو عبوري حڪم جاري ڪيو ٿو وڃي؟ هن چيو ته اهڙي وڏي قانوني معاملي ۾ اهو طريقو يقينن علط آهي. 26 نومبر تي هڪ ڏينهن ۾ 3 حڪم جاري ڪيا ويا، ڪهڙي جلدي هئي، ڇا پاڪستان تباهه ٿي رهيو هو؟ اهڙي صورتحال جيڪا نورٽرن تي پهچي وڃي، جڏهن عدالت تي حملا ٿيڻ لڳن. ان صورت ۾ اهڙن فيصلن سان ڇا ٿيندو. ان مان ته لڳي ٿو ته ان معاملي جي پٺيان نظر نه ايندڙ مفاد پرست قوتون آهن. ان تي جسٽس سعيد الزمان ۽ جسٽس ارشاد چيس ته اوهان هروڀرو اهڙي ڳالهه نه ڪريو جو ٻي ڌر وارا به اٿي پنهنجي ڳالهه چون. عباسي چيو ته ٺيڪ آهي. هن معاملو اڳتي وڌائيندي وري واقعن جو ذڪر ڪيو ته وري جسٽس ناصر اسلم زاهد چيس ته حفيظ تفصيل ۾ اهو ٻڌائي چڪو آهي ۽ اوهان پاڻ هن کي مڃتا ڏني آهي. عباسي چيو ته مان ڪو جسٽس سجاد علي شاهه کي بچائڻ نه پر مان چيف جسٽس جي عهدي جو احترام ڪريان ٿو ۽ ان عهدي جو دفاع ٿو ڪريان. هن هڪ آمريڪي عدالت جي فيصلي جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته هي چيف جسٽس وارو ڪيس تاريخي نوعيت جو آهي. جڏهن چيف جسٽس جي مقرري غلط يا غير قانوني هئي ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ڇو ڪيس نه موڪليو ويو. هن کي وري ججن چيو ته اوهان ورجاءُ ٿا ڪريو. عباسي چيو ته مان اوهان جي سامهون پاڻ کي ڏکيو ٿو محسوس ڪريان. (Under the wall).عباسي آزاد ڪشمير سپريم ڪورٽ جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو ته جسٽس ارشاد چيس ته اسان کي ڪيس بابت علم آهي. عباسي اهو ڪيس پڙهڻ ئي ڇڏي ڏنو. ان بعد هن جسٽس حمود الرحمان جي هڪ فيصلي جو حوالو ڏنو ته جسٽس ارشاد چيس ته اهو ڪيس به اسان جي ڄاڻ ۾ آهي. ان بعد عباسي چيو ته مان هڪ ”فرينچ بڪ“ جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو اهو ڪتاب مون کي چيف جسٽس قدير ڏنو هو. ججن پڇيس ته ڇو ڏنائين. عباسي کين ٻڌايو ته مون کي هن جج ٿيڻ جي آڇ ڪئي مان نه ٿيس ۽ هن بعد ۾ هي ڪتاب ڏنو. جسٽس ارشاد چيس ته چيف جسٽس قدير کان غلطي ٿي وئي هئي. شايد ان بعد عباسي چيو ته آئين موجب چيف جسٽس کي مقرر ڪرڻ جو صوابديدي اختيار صدر جو آهي. هو جنهن به جج کي چيف جسٽس مقرر ڪري ٿو ته هو خود بخود سڀني کان سينيئر ٿي وڃي ٿو. حڪومت جڏهن سندس مقرري جو نوٽيس جاري ڪيو ۽ ان کي تسليم به ڪيو تنهن بعد 4 سالن کان پوءِ هن جو حڪم نه مڃڻ ۽ هن کي هٽائڻ وارو عمل حڪومت جي بد ڪرداري آهي. عباسي وڌيڪ چيو ته قاضي جو حڪم مڃڻ حڪومت جي ذميواري آهي. چيف جسٽس جي حيثيت ڪمانڊ ڪرڻ واري آهي. سندس ساٿي جج به هن جي حڪم جا ايترا ئي پابند آهن جيترا ڪي ٻيا آهن. هن چيو ته اسلام ۾ به قاضي جي حڪم جي مڃوتي انتهائي اهميت جوڳي آهي. هن حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جي دور جو هڪ قصو به ٻڌايو. جنهن موجب قاضي جي حڪم تي خليفو هوندي به حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجي ڪلهن تي حضرت عباس رضي الله تعاليٰ عنه کي چاڙهيو ۽ برسات سبب ٽمندڙ ڇت کي ليپو ڏياريو.
    شاهد اورڪزئي چيو ته مان نٿو چاهيان ته هر ڪيس وفاق پاڪستان هارائي پر هن ڪيس ۾ چاهيان ٿو ته آئين جي بالادستي قائم رهي. هن چيو ته عدالت جيڪڏهن انصاف نه ڪيو ته احرام مصر وانگر هي عمارت به تاريخ جو حصو ٿي ويندي. هن چيو ته ساڄي هٿ ۾ قرآن ۽ کاٻي هٿ ۾ آئين پاڪستان آهي. قرآن لاريب ۽ لاعيب آهي، پر آئين ۾ زيب به آهي ۽ عيب به آهي. مان قرآن جو شاگرد آهيان ۽ آئين جو استاد آهيان. هن چيو ته مان جسٽس سجاد علي شاهه جي سمجهه تي اعتراض ٿو ڪريان. هو مون کي نه ٻڌندو هو ۽ ايئن چوندو هو ته هي ڪٿان اچي ويو. هن هڪ ڪتاب لهرايو ۽ چيو ته هن ۾ جسٽس سجاد علي شاهه ۽ جسٽس اجمل ميان آئين جا ڪپڙا لاٿا آهن. سجاد شاهه غلط بياني ڪئي آهي. هن چيو ته مان قرآن مفت پڙهندو آهيان ۽ آئين مفت نه پڙهندس، ان لاءِ مزدوري طئي ڪيو. جسٽس ارشاد چيس ته تون ڀلي نه پڙهه اسين پاڻ پڙهي وٺنداسين. اورڪزئي چيو ته آئين موجب توهان (جج) ۽ آئون برابر آهيون. اها اوهان جي بدقسمتي ۽ منهنجي خوشقسمتي آهي. اورڪزئي چيو ته سجاد علي شاهه جي ڪردار تي اعتراض آهي، مان ان تي تقرير ڪري سگهان ٿو. جنهن تي ججن کيس چيو ته تون جيڪو چوڻ چاهين ٿو اهو چئه ۽ اهو بهتر آهي ته تون لکت ۾ ڏي. اورڪزئي چيو ته حفيظ پيرزادي غلط دليل ڏنا آهن. هن چيو ته چيف جسٽس جي مقرري سان سينيارٽي وارو اصول لاڳو نٿو ٿئي، هڪ دفعو چيف جسٽس ٿي ويو ته اهو سينيئر آهي ۽ ان جو حڪم مڃڻ جا سڀئي پابند آهيون. ان بعد احمد رضا قصوري چيو ته قومن جي ضمانت آئين سازي يا قانون سازي فراهم نه ٿي ڪري. جڏهن حضور ﷺ جو سسٽم سٺن ساٿين کانسواءِ نٿو هلي سگهي ته اسان جو ڪيئن هلندو. جن ماڻهن جي ڄاڻ ۽ علم گهٽ آهي اهي وڏن عهدن تي اچي ويا آهن. ان تي جسٽس ناصر اسلم زاهد چيس ته اوهان جنرل تقريرون نه ڪريو، هي فورم ناهي. قصوري چيو ته اسين وڏين عمارتن ۾ ننڍن ماڻهن کي ويهاريو آهي تڏهن بحران آهي. هن آمريڪي صدر روز ويلٽ جو قول ٻڌايو ته رياست جي گاڏي حڪومت، عدليا ۽ پارليامينٽ جي ٽن گهوڙن ذريعي ڇڪي سگهجي ٿي. جڏهن حڪومت ۽ قانون سازي وارا گهوڙا گهه ڪن ته عدليا وارو گهوڙو ان کي ڇڪي، ڇو ته هو عوام جو ضمير ۽ عقل آهي. هتي طاقت جو مسئلو آهي. حڪومت کي جيڪو وڻي ٿو سو ڪري ٿي. ان تي جسٽس سعيد الزمان چيو ته تون حفيظ پيرزادو جي دليلن جي نفي ٿو ڪرين. قصوري چيو ته مان آئين جي تشريح ٿو ڪريان. جسٽس ارشاد چيو پر تون مک وڪيل حفيظ جي دليلن جي ابتڙ موقف نٿو اختيار ڪري سگهين. قصوري چيو ته مان آئين جي تشريح ۾ ڪنهن جي ڊڪٽيشن نه وٺندس مان صرف آئين آڏو ڪنڌ جهڪايان ٿو. جسٽس ارشاد ۽ جسٽس ناصر اسلم چيس ته تون واسطيدار ڳالهه ڪر. قصوري چيس ته اوهان جو رويو ٺيڪ ناهي ۽ مون کي گهٽ نه سمجهو. مان هميشه وڏي ڳالهه ڪندو آهيان. مون کي ڪو به هلڪو نه سمجهندو آهي. ججن هن کي چيو ته تون گذارشون پيش ڪر. قصوري چيو ته جيڪڏهن اڪثريت جو اصول لاڳو ٿا ڪريو ته هن ڪيس ۾ آئين ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي. قصوري چيو ته جڏهن 2 وزيراعظم بڻيا ته ملڪ ٽٽو هو. هاڻي ٻن چيف جسٽس جو معاملو آهي ۽ جنهن جي به آئين ۾ گنجائش ناهي. جڏهن هڪ چيف جسٽس ملڪ ۾ موجود آهي ته ٻيو چيف جسٽس ڪيئن ٿو مقرر ڪري سگهجي. هن چيو ته چيف جسٽس جي مقرري وقت ڀرتي ڪندڙ اختياري مشوري جي پابند ناهي. مشوري جو عمل ججن جي ڀرتي سان لاڳو ٿئي ٿو. ججن چيس ته اها ڳالهه به حفيظ چئي ويو آهي. قصوري چيو ته چيف جسٽس جو حڪم مڃڻ ضروري آهي، سڀني کي ان جي پابندي ڪرڻي آهي. جسٽس سعيد الزمان ان تي تبصرو ڪندي چيو ته چيف جسٽس به ٻين ججن جي برابر ئي آهي ڇو ته هو انهن مان ئي هوندو آهي. عدالتي اختيار به هر جج جا هڪ جيترا آهن. چيف جسٽس وٽ صرف انتظامي اختيار وڌيڪ آهن. قصوري چيو ته سڀاڻي جيڪڏهن 4 ڪور ڪمانڊر آرمي چيف کي ڪڍي ڇڏين ته ڇا اهو درست هوندو؟ جيڪڏهن آرمي چيف ڪنهن کي سياچن ۾ مقرر ڪري ته اهو بغاوت ڪندو. ان تي جسٽس ارشاد حسن چيس ته اسين تنهنجي قابليت تي شڪ نٿا ڪريون، پر اهو ٿا چئون ته اوهان نئين ڳالهه ڪريو. آرمي چيف وارو مثال هتي فٽ ناهي. ان بعد وڌيڪ ڪارروائي سومر تائين ملتوي ڪندي عدالت غلام حسين عباسي کي هدايت ڪئي ته هو حڪومت واري جواب جو جواب ڇنڇر ڏينهن لکت ۾ عدالت ۾ پيش ڪري. هاڻي سومر ڏينهن کان حڪومتي ڌر جا وڪيل عبدالسميع خان، راجا حق نواز، اسلم چشتي ۽ راجا افسر دليل ڏيندا.
    (20 ڊسمبر 1997ع)


    ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو؟ ۽ فيصلو ڇا هوندو؟

    ڪيس جو فيصلو اڄ ٿيندو؟ ۽ فيصلو ڇا هوندو؟

    ڪالهوڪي سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي شروع کان وٺي پڄاڻي تائين تيزي سان هلي رهي هئي. ايئن پئي لڳو ته اجهو ٿو فيصلو اچي. عدالت جي سماعت واري اسٽائيل کان وڌيڪ سرڪاري وڪيلن جي دليلن واري انداز مان اها پڪ پئي لڳي ته اڄ ڪارروائي مڪمل ٿي ويندي. سرڪاري ڌر جي نمائندگي ڪندڙ وڪيل راجا حق نواز، جنهن جي انگريزيءَ تي سندس سفيد مٿو ٿي وڃڻ جي باوجود به عدالت ۾ ويٺل وڪيل ۽ وزيٽر، صحافي ۽ جج، ڪنهن ڪنهن مهل کلي رهيا هئا. اهو جڏهن دليل ڏيڻ لڳو ته پنهنجي موقف جي حق ۾ عدالتي فيصلن جي حوالن کان وڌيڪ مختلف وقتن ۾ عجيب قسم جي اخبارن ۾ شايع ٿيل پنهنجي بيانن جا حوالا وڌيڪ ڏيئي رهيو هو. جسٽس ارشاد حسن خان اهو ئي سبب هو ته کيس هر هر چئي رهيو هو ته اڳتي هل- ڪنهن ڪنهن مهل ته وڌڻ لاءِ کيس اشارا به ڪري رهيو هو.
    جسٽس ارشاد حسن خان جيڪو ننڍي هوندي پڙهائي دوران بحث مباحثن ۾ به گهڻو حصو وٺندو هو، تقريرون به ڪندو هو ۽ گهڻو ڳالهائڻ واري خاصيت اها به ڊپلوميٽڪ اسٽائيل واري جيڪا هڪ سٺي وڪيل جي علامت آهي، اها هن ۾ وڌيڪ آهي. شايد تڏهن ئي ماضي ۾ پنجاب جو ايڊووڪيٽ جنرل به کيس مقرر ڪيو ويو هو. اهو ڪالهه چيف جسٽس واري ڪيس جي سماعت دوران به سڀني ججن کان وڌيڪ ڳالهائي رهيو هو. هي ايترو ته سٺو ماڻهو آهي جو هر قسم جي پروفيشنل ۽ نان پروفيشنل سينيئر ۽ جونيئر وڪيلن جي سدائين تعريف ڪندو آهي. هن حفيظ پيرزادي جي به اڳ ۾ ساراهه ڪئي هئي ته شاهد اورڪزئي جيڪو وڪيل ناهي تنهن جي به حد کان وڌيڪ تعريف ڪئي ۽ ڪالهه راجا حق نواز کي مڃتا ڏئي رهيو هو. جسٽس ارشاد جي اک عدالت ۾ ويٺل هر ماڻهو تي هوندي آهي سڀني کي پيو جاچيندو آهي.
    ڪالهه هڪ موقعي تي جڏهن راجا چيو ته ڪوئٽا ۾ پٽيشن رولز موجب داخل نه ٿيڻ وارو چيف جسٽس جو اعتراض اجايو آهي ڇو ته هن کي هٽائڻ وارو معاملو آئيني آهي ۽ آئين آڏو رولز جي ڪا حيثيت نه هوندي آهي. راجا حق نواز جو ڪالهه چيف جسٽس کي هٽائڻ کان وڌيڪ زور ان تي هو ته سندس پٽ جيڪو به ايڊووڪيٽ آهي تنهن جو نالو به هن ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي. هن اها ڳالهه 4 دفعا ورجائي ته نيٺ عدالت کيس چيو ته چڱو بابا داخل ڪريون ٿا. راجا حق نواز جڏهن دليل پئي ڏنا ته ان مهل مختلف ڪيسن جا جيڪي هن حوالا ڏنا تن جا فيصلا پڙهڻ ۽ عدالت کي قائل ڪرڻ ته ٺهيو پر صفحا نمبر به نه پي ٻڌايا جنهن تي ججن اهو پئي چيس ته ٺيڪ آهي اوهان جلدي اڳتي وڌو اهو فيصلو اسان جي علم ۾ آهي اسان اوهان جو حوالو نوٽ ڪيو آهي ۽ پڙهي وٺنداسين.
    هڪ موقعي تي جڏهن ججن جي تعريف ۽ مڃتا سبب راجا حق نواز کي پنهنجي باري ۾ ”ٽاپ جو وڪيل هئڻ“ جو هڪ لمحي خيال آيو ته جوش ۾ هن مسلم ويلفيئر موومينٽ جي اقبال حيدر جيڪو پروفيشنل آئيني درخواست گذار آهي. تنهن کي گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ کيس بليڪ ميلر سڏيو ته ڪجهه وڪيلن راجا حق نواز کي اکيون ڏيکاريون ته جسٽس ارشاد ۽ جسٽس سعيد الزمان صديقي ان جو نوٽيس وٺندي راجا حق نواز کي چيو ته اوهين غلط ريمارڪس ڏيڻ بدران اڳتي وڌو. جسٽس ارشاد جا ”اڳتي وڌو“ وارا ريمارڪس جيڪڏهن ڳڻجن ها ته شايد درجن کان وڌيڪ اهڙا موقعا ضرور هجن ها. نه صرف راجا حق نواز پر سينيئر وڪيل سميع احمد خان سان به ساڳيو حال هو، هن جي انگريزي ته تمام سٺي هئي دليل به ٺيڪ هئس پر حوالا واضح نه هئا. هڪ موقعي تي جڏهن جسٽس سعيد الزمان هن کان پڇيو ته جنهن آرڊر جو اوهين حوالو ڏيو ٿا اهو ”پيپر بڪ“ (پٽيشن جي ڪاپي) ۾ ڪهڙي صفحي تي آهي ته هن چيو ته اها مون کي خبر ناهي ڪٿي لڳل هوندو، جيتوڻيڪ هڪ وڪيل کان اهڙي جواب جي توقع نان پروفيشنل هئڻ وارو تاثر ڏئي ٿي.
    جسٽس سعيد الزمان صديقي جيڪو سينيئر جج آهي ۽ هن ڪيس جي سماعت ڪندڙ 10 رڪني بينچ جو سربراهه به آهي، ان وڪالت شريف الدين پيرزادو جي اسسٽنٽ وڪيل طور شروع ڪئي هئي. شريف الدين پيرزادو جي اسسٽنٽ رهڻ دوران هن جيڪو ڪجهه پرايو اهو ئي اڄ هن کي ڪم ٿو اچي. ڇو ته شريف الدين پيرزادو جهڙن ڏاهن وڪيلن سان گڏ ڪم ڪرڻ مان گهڻو تجربو ٿيندو آهي. اهو جسٽس سعيد الزمان هن وقت سپريم ڪورٽ جي سينيارٽي لسٽ موجب ٽئين نمبر تي آهي. 98ع ۾ جسٽس اجمل ميان جي رٽائرمينٽ بعد جسٽس سعيد الزمان جو چيف جسٽس ٿيڻ جو وارو آهي.
    هڪ موقعي تي حڪومت جو سينيئر وڪيل سميع احمد جڏهن ججز ڪيس جو حوالو ڏيڻ لڳو ته سن 1996ع بدران 1962ع پڙهڻ لڳو. جسٽس ارشاد کيس چيو ته اهو 62 نه پر 96 آهي. وري سميع احمد ان کي ابتو پڙهيو ته جسٽس سعيد الزمان هن کي چيو ته اوهين غلط ٿا پڙهو. سميع احمد ٽيون دفعو وري انگ 96 بدران 62 پڙهيو ته جسٽس خليل الرحمان کلندي کيس چيو ته ٺيڪ آهي اسين سمجهون ٿا تون اڳتي هل. جسٽس خليل الرحمان لاهور جو آهي. جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي 40 کان وڌيڪ ججن کي نواز شريف پهرين دور ۾ هاڻوڪي موٽر وي لڳ لاهور ۾ پلاٽ ڏنا هئا ته انهن ۾ هو به شامل هو.
    جسٽس ناصر اسلم زاهد جنهن بينظير جي ٻئي دور ۾ مرتضيٰ ڀٽو، جيئي سنڌ وارن ۽ ايم ڪيو ايم وارن سميت سالن کان قيد پراڻن قيدين جن ڪڏهن عدالت جو منهن به نه ڏٺو هو انهن کي رليف ڏئي انصاف ڀريا فيصلا ڪري جڏهن شهرت ماڻي هئي ته هن کي سابق حڪومت سزا طور شريعت ڪورٽ موڪليو هو جنهن تي ان وقت به چيف جسٽس سجاد علي شاهه اعتراض ڪيو هو ۽ بعد ۾ 20 مارچ واري ججز ڪيس جي فيصلي جو پهريون فائدو به هن کي مليو هو جو کيس سپريم ڪورٽ ۾ گهرايو ويو هو بعد ۾ ڪوئٽا بينچ ۾ جسٽس ناصر اسلم جي مقرري ٿي، جتي چيف جسٽس کي معطل ڪرڻ وارو فيصلو ڏيندڙ 3 ججن ۾ هو به شامل هو. سندس ڪجهه مداحن جن ۾ آردشير ڪائوسجي سميت ڪيترائي ڪالم نگار شامل آهن پنهنجي لکڻين ۾ اهو تاثر ڏنو ته کين افسوس ٿيو آهي. بهرحال هن ڪالهه راجا حق نواز ۽ سميع احمد کان وٺي راجا افسر ۽ اسلم چشتي جي دليلن ٻڌڻ تائين سواءِ هڪ جملي چوڻ جي ڪو تبصرو نه ڪيو. هڪ موقعي تي جڏهن اسلم چشتي جيڪو درخواست گذار ملڪ اسد جو وڪيل آهي ۽ ڪوئٽا بينچ آڏو به دليل ڏئي چڪو هو تنهن ڪالهه جڏهن ساڳيون ڳالهيون شروع ڪيون ته جسٽس ناصر اسلم چيس ته مسٽر چشتي اوهان سدائين چوندا آهيو ته ”هڪ پهلو اڃا رهي ٿو.“
    جسٽس شيخ رياض به ڪالهه خاموش رهيو، جسٽس رياض جيڪو قانون واري وفاقي وزارت جو سيڪريٽري به رهيو آهي ۽ هن ئي جسٽس سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس بنائڻ جي سمري تيار ڪئي هئي، اهو به شريف الدين پيرزادي جو جونيئر وڪيل رهيو آهي ۽ سندس سٺن شاگردن مان آهي. جڏهن ذوالفقار ڀٽو کي سپريم ڪورٽ ۾ ڦاهي جي سزا ڏني وئي هئي ته سزا ڏياريندڙ سرڪاري وڪيلن ۾ جسٽس رياض شيخ به شامل هو. جسٽس رياض پنجاب جو ايڊووڪيٽ جنرل به رهيو. بينظير دور ۾ قانون جي وفاقي وزارت جو سيڪريٽري به رهيو آهي. هو به قابل ماڻهو آهي. ڪنهن زماني ۾ چوڌري الطاف، شريف الدين پيرزادو ۽ جسٽس رياض شيخ جي دوستي مشهور هوندي هئي. ان سان گڏ جسٽس فضل الاهي خان جيڪو 31 ڊسمبر 97ع تي رٽائر ٿي رهيو آهي، اهو به ڪالهه خاموش رهيو. هن به گهڻو ته ڇا پر ٿورو به نه ڳالهايو. جسٽس عبدالرحمان جيڪو پڻ پٺاڻ آهي. اهو ڏاڍو اهل ۽ قابل جج آهي. هو، جسٽس راجا افراسياب ۽ جسٽس اعجاز نثار 3 اهڙا جج آهن جن هلندڙ ڪيس واري سماعت دوران هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي. هو هڪ بهترين جج طور مشهور آهي. اهو به ڪالهه خاموش رهيو ۽ گهرائي سان ڪيس ۽ وڪيلن جي دليلن جو جائزو وٺندو رهيو. جسٽس شيخ اعجاز نثار جيڪو به هن بينچ ۾ شامل آهي اهو به تمام سٺو پڙهيل لکيل ماڻهو آهي ۽ هڪ قابل جج واري شهرت رکندڙ آهي. هو جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هو ته شهباز شريف خلاف هڪ ڪيس جي سماعت دوران اڄوڪو اٽارني جنرل چوڌري فاروق جيڪو ان وقت به شهباز شريف جو وڪيل هو تنهن عدالت ۾ توهين آميز طريقو اختيار ڪندي جسٽس اعجاز خلاف اڍنگو رويو اختيار ڪيو هو ۽ سندس اهڙي توهين آميز ۽ نان پروفيشنل رويي جو هن ذڪر فيصلي ۾ لکت ۾ به ڪيو هو. لاهور هاءِ ڪورٽ پي ايل ڊي 1994ع ۾ اهو رپورٽ ٿيل آهي جنهن جي بنياد تي اٽارني جنرل خلاف وهاب الخيري وري نئون توهين عدالت جو ڪيس به داخل ڪيو آهي. جسٽس اعجاز نثار هن ڪيس جي مڪمل ڪارروائي دوران ماٺ رهيو آهي ۽ غور سان وڪيلن جي دليلن جا پوائنٽ نوٽ ڪندو رهيو آهي. هن بينچ جي سماعت ڪندڙ 10 ججن ۾ مٿي ذڪر ڪيل 2 ججن کانسواءِ نائون جج راجا افراسياب خان آهي. جيڪو ججن واري گروپنگ دوران شروع ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه ۽ بعد ۾ جسٽس سعيد الزمان واري پاسي هو. جسٽس راجا افراسياب هڪ دفعي 10 سالن کان عدالتي ڪارروائي جي ڪوريج ڪندڙ انگريزي اخبار جي هڪ صحافي کي گهرائي حيرت مان پڇيو هو ته اوهان ايڏيون اڌ صفحن جون خبرون انگريزي ۾ ڪيئن ٿا هڪ ئي ڏينهن لکي وڃو؟ 10 رڪني بينچ جو ڏهون جج جسٽس منور مرزا آهي. هو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس به رهيو آهي ۽ ڪافي هوشيار جج آهي. هو جڏهن سيشن جج هو ته هن کي ڪرپشن جي الزام ۾ معطل ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ الزام غلط ثابت ٿيڻ تي وري کيس بحال ڪيو ويو هو.
    ان مختصر تعارف رکندڙ ججن تي مشتمل 10 رڪني بينچ اڄ اڱاري ڏينهن توقع آهي ته 11 ڏينهن جي لڳاتار ڪارروائي بعد اهو فيصلو ٻڌائي ڇڏيندي ته چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه جي مقرري قانوني هئي يا غيرقانوني، ڇو ته سڀاڻي اربع کان پوري ملڪ جون عدالتون سياري جي موڪل سبب بند ٿي وينديون ۽ صرف ڊيوٽي بينچ ۽ ڊيوٽي جج ڪم ڪندا رهندا.
    10 ججن مان 5 جج جسٽس سعيد الزمان، جسٽس فضل الاهي خان، جسٽس ارشاد، جسٽس خليل الرحمان ۽ جسٽس ناصر اسلم زاهد اهڙا جج آهن جن اڳ ۾ ئي عبوري حڪم ذريعي چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه جي مقرري کي غيرقانوني قرار ڏئي کيس ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي. سينيئر وڪيلن جو چوڻ آهي ته عدالتي تاريخ ۾ اهو نه هئڻ برابر ٿيندو آهي ته ڪا به عدالت پنهنجو مڪمل فيصلو عبوري حڪم جي ابتڙ جاري ڪري.
    اڄ اڱاري ڏينهن حڪم اچڻ جو ضروري امڪان ان ڪري به آهي ته هڪ ته اربع کان سياري جون موڪلون شروع ٿينديون ٻيو ته 31 ڊسمبر تي نئين چونڊيل صدر کي حلف به مستقل چيف جسٽس کي کڻائڻو آهي. عدالت واري هن ڪيس جي فيصلي بعد مستقل چيف جسٽس وارو معاملو صاف ٿي ويندو.
    (23 ڊسمبر 1997ع)


    سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ پيرزادي جو

    سپريم ڪورٽ جو فيصلو ۽ پيرزادي جو
    هوائن ۾ ڦرندڙ جهاز

    سپريم ڪورٽ جي 10 ججن اتفاق راءِ سان 12 ڏينهن جي سماعت بعد 2 نمبر عدالت ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ جي 10 ججن جو فيصلو توقعات جي ابتڙ ته بنهه ڪو نه هو، پر اتفاق راءِ سان فيصلو اچڻ ٿورو توقع جي ابتڙ ٿي ويو. جهڙي طرح لغاري جي استعيفيٰ کان اڳ واري بحران بابت پاڪستان ته ٺهيو پر دنيا جي صحافين جا تجزيا غلط ۽ ابتا نڪتا اهڙي طرح اتفاق راءِ سان فيصلو اچڻ بعد صحافين جون اهي اڳڪٿيون درست ثابت نه ٿيون جن ۾ هنن دعويٰ ڪئي هئي ته هڪ ٻه جج چيف جسٽس طور جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي سان اتفاق نه ڪندا.
    ڪالهوڪو اڱاري وارو ڏينهن جسٽس سجاد علي شاهه سميت ڪيترن ئي لاءِ منحوس هوندو، پر ان سان گڏوگڏ تاريخي به هوندو، ڇو ته ان ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 10 ججن پنهنجي ئي سربراهه جي مقرري کي 3 سالن بعد غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو ۽ Majority is Authority (اڪثريت اختياري آهي) وارو نئون اصول به قائم ڪيو آهي. جيتوڻيڪ حفيظ پيرزادو جيڪو چيف جسٽس جو وڪيل هو، تنهن جي 8 ڏينهن وارن لڳاتار دليلن جي سماعت ڪندڙ بينچ جي سمورن ججن ساراهه ڪئي هئي، پر پوءِ به حفيظ ڪيس کٽي نه سگهيو. ڪالهوڪي ڪارروائي دوران حفيظ پيرزادو کي ئي دليل ڏيڻا هئا، پر هو پهچي نه سگهيو. هو صبح جو اسلام آباد لاءِ روانو ٿيو، پر جنهن جهاز ۾ هو سوار هو، اهو گادي واري شهر جي هوائي اڏي تي ڪوهيڙي سبب ڇانيل ڌنڌ ڪري لينڊ نه ڪري سگهيو. عدالت 9:30 بدران 9:50 تي لڳائي وئي جو کين احمد رضا قصوري ٻڌايو ته حفيظ اچڻ وارو آهي، سندس جهاز ڌنڌ سبب لهي نه سگهيو، اوهان ڪارروائي ملتوي ڪريو ۽ انتظار ڪريو ته بهتر ٿيندو. ان بعد جسٽس سعيد الزمان صديقي چيو ته ٺيڪ آهي عدالت 11:30 وڳي لڳائينداسين. ان بعد وقفو ٿيو ۽ سڀ بار روم ۾ آيا. وري عدالت پوڻي ٻارهين بعد شروع ٿي ته به قصوري عدالت کي ٻڌايو ته ڌنڌ سبب جهاز آيو هو، پر لهي نه سگهيو ۽ هاڻي 12 وڳي جهاز لهڻ وارو آهي. ان تي جسٽس سعيد الزمان چيو ته sorry we can’t
    Wait (افسوس آهي، اسين وڌيڪ انتظار نٿا ڪري سگهون). ان بعد عدالت قصوري کي چيو ته اوهين به چيف جسٽس جي پينل ۾ آهيو ۽ اوهين ڪجهه چوڻ چاهيو ٿا ته اچو، ڇو ته اوهين به سينيئر وڪيل آهيو. جيتوڻيڪ ساڳي عدالت حفيظ جي دليلن بعد خميس ڏينهن قصوري کي ٻڌڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو هو ته هن کي اڳ ۾ ٻڌي چڪا آهن. هي قانوني معاملو آهي، هاڻي حفيظ جي دليلن بعد هو ڇا ڳالهائيندو، پر بعد ۾ جڏهن جمع تي قصوري چيف جسٽس سجاد شاهه کان ججن جي نالي خط وٺي آيو هو ته هن کي به ٻڌو وڃي ته عدالت هن کي ٻڌو هو. قصوري جنهن کي صحافي ٿامس جيفرسن سڏيندا آهن. ڇو ته هو به لفظ Upon کي ”هفان“ پڙهندو آهي ۽ اهڙي طرح انگريزي ڳالهائيندو آهي جيئن ڪراڙا انگريزي ڳالهائيندا آهن. قصوري جنهن کي اڳ ۾ ساڳيا جج ٻڌڻ لاءِ تيار نه هئا، تن هن کي جڏهن سينيئر وڪيل سڏيو ته هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪجهه ڪتاب کڻي روسٽرم تي آيو ۽ ججز ڪيس ۾ ڏنل فيصلو پڙهيو ۽ چيو ته هن فيصلي موجب ”مستقبل ۾ سينيئر جج کي چيف جسٽس بنائڻ لازمي آهي. موجوده چيف جسٽس کي هٽائي نٿو سگهجي.“ هن لفظ مستقبل تي ڏاڍو زور ڏنو جڏهن 4 دفعا ورجايائين ته جسٽس سعيد الزمان پڇيس ته مستقبل کان لاڳو ڪرڻ وارو تنهنجو دليل حفيظ پيرزادو جي دليلن جي ابتڙ آهي. ڇا اهو دليل تون پنهنجي موڪل چيف جسٽس جي صلاح سان ٿو ڏين، تو هن کان پڇيو آهي يا پنهنجي طرفان ٿو ڏين ته قصوري منجهي پيو ۽ ماٺ رهڻ بعد چيائين ته مان پنهنجي طرفان ٿو ڏيان. هڪ موقعي تي هن جسٽس ارشاد حسن خان کي چيو ته سائين پاڻ ته هڪ ئي ڪاليج ۾ پڙهيا آهيون ۽ هم ڪلاسي آهيون. ان تي جسٽس ارشاد چيس ته پوءِ؟ ان تي عدالت ۾ زوردار ٽهڪڙو پئجي ويو. جج ۽ وڪيل، وزيٽر ۽ صحافي سڀ کلڻ لڳا. ان کان اڳ جڏهن پهريون دفعو جسٽس سعيد الزمان حفيظ جي انتظار ۾ ڪارروائي ملتوي ڪئي ته جسٽس فضل الاهي خان ٻن ٻين ڪيسن جو فيصلو ٻڌائڻ پئي چاهيو. جسٽس سعيد الزمان ڪرسي ڇڏي در وٽ پهتو ته پويان جسٽس ارشاد سڏ ڪيس ”ڀائي ڪيا جلدي هي“ جسٽس فضل الاهي خان پٺاڻڪي اسٽائيل ۾ چيو ته هو ڀلي وڃي، پر جسٽس سعيد الزمان مسڪرائيندي موٽي آيو ۽ جسٽس فضل الاهي خان جي ڪرسي تي هٿ رکي بيٺو رهيو جيئن ته عدالتي روايتن موجب جڏهن ڪارروائي شروع ٿيندي آهي ته سڀني کان اڳ ۾ جونيئر ۽ آخر ۾ سينيئر جج عدالت ۾ ايندو آهي ۽ ڪارروائي ختم ٿيڻ بعد اڳ ۾ سينيئر جج ويندو آهي ۽ آخر ۾ سڀني کان جونيئر ويندو آهي پر نه صرف ڪالهه ججن جي اچڻ بعد اها ترتيب پوري نه هئي، پر وڃڻ وقت به سينيارٽي موجب اها ترتيب نه هئي ۽ اڳتي پوئتي هئي. عدالت ۾ رش ته هئي پر ايتري ڪو نه هئي جيتري حفيظ جي دليلن واري پهرئين ڏينهن تي هئي. اهو به پهريون دفعو هو ته عدالت ڪنهن وڪيل لاءِ ايترو انتظار ڪيو هجي ۽ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي هجي. اڪثر ڪري وڪيل نه اچڻ جي صورت ۾ يا ته ڪيس جي ڪارروائي ملتوي ڪئي ويندي آهي يا ان وڪيل جي ٻئي ساٿي وڪيل کي ٻڌو ويندو آهي. چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ پينل ۾ 4 وڪيل شامل هئا. جن جو سربراهه حفيظ پيرزادو هو ۽ سندس استاد غلام حسين عباسي ان پينل ۾ حفيظ جي مدد لاءِ آيو هو ٽيون احمد رضا قصوري ۽ چوٿون نعيم بخاري (ٽي وي ڪمپيئر) هو. نعيم بخاري جو نالو ته اچي ويو، پر هن دليل نه ڏنا، 3 ڏينهن اڳ ۾ ڪارروائي مان غائب رهيو ۽ ڪالهه فيصلي واري ڏينهن به هو نه آيو جنهن تي صحافي اهو معلوم ڪري رهيا هئا ته هو آيو ڪيئن؟ ۽ جيڪڏهن آيو ته دلچسپي ڇو نه ورتائين ۽ دليل ڇو نه ڏنائين. بهرحال ان جو هڪدم جواب ته نه ملي سگهيو ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿيندي پر جيڪڏهن هن کي ٽي وي تي ڏسبو ته پڪ سمجهبو ته معاملو ڇا هو ۽ ڪيئن نبريو!
    10 رڪني بينچ ۾ جسٽس سعيد الزمان صديقي، جسٽس فضل الاهي خان، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس راجا افراسياب خان، جسٽس ناصر اسلم زاهد، جسٽس منور مرزا، جسٽس اعجاز نثار شيخ، جسٽس خليل الرحمان، جسٽس رياض شيخ ۽ جسٽس عبدالرحمان خان شامل هئا. جن مان هڪ جج به اختلاف نه ڪيو. سمورن ججن اتفاق راءِ سان چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه جي مقرري کي غير قانوني ۽ غيرآئيني قرار ڏيندي 26 نومبر بعد سندس جاري ٿيل هر حڪم کي غيرقانوني ۽ غير موثر قرار ڏنو آهي. 3 سال سندس سربراهيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ججن ۾ جسٽس سعيد الزمان، جسٽس ارشاد ۽ جسٽس فضل الاهي خان ۽ جسٽس راجا افراسياب شامل آهن. باقي جج بعد ۾ آيا هئا. 3 سال سندس هدايتون مڃيندڙ انهن ججن کان سواءِ باقي جج جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ هئا تڏهن ۽ جڏهن هاءِ ڪورٽن ۾ هئا تڏهن به هو سندس هدايتون مڃيندا رهيا.
    ڪالهوڪو چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو حڪم 20 مارچ 96ع تي ڏنل ججز ڪيس جي فيصلي جي بنياد تي ڏنو ويو آهي ۽ ججز ڪيس جو پهريون فائدو جسٽس ناصر اسلم زاهد کي ٿيو هو جنهن کي ان فيصلي جي روشني ۾ ئي شريعت ڪورٽ مان سپريم ڪورٽ ۾ گهرايو ويو هو ۽ هيستائين آخري شڪار ان فيصلي جو خالق چيف جسٽس سجاد علي شاهه پاڻ بڻيو آهي.
    چيف جسٽس جو دفاع ڪندڙ وڪيلن ۾ ٽي قانوندان جن دليل ڏنا تمام سينيئر آهن. جن مان به حفيظ پيرزادو ۽ احمد رضا قصوري اهڙا هئا جن 73ع وارو آئين ٺاهيو. آئين ٺاهيندڙ ٻئي ڏاها به پنهنجي لکيل آئين جي وضاحت واضح نموني ڪرڻ بعد به عدالت کي قائل نه ڪري سگهيا ۽ سندن لکيل آئين جي تشريح (خاص ڪري آرٽيڪل 177۽180جي) تي عدالتي موقف ۽ انهن آئين جي خالقن جي موقف ۾ اختلاف راءِ هو. حفيظ پيرزادو ۽ قصوري جو موقف هو ته چيف جسٽس آرٽيڪل 177 هيٺ صدر مقرر ڪندو آهي ۽ صدر ڪنهن به سپريم ڪورٽ جي جج کي چيف جسٽس بڻائي سگهي ٿو. پر مستقل چيف جسٽس جي غير موجودگي ۾ 180 آرٽيڪل موجب قائم مقام چيف جسٽس مقرر ٿيندو آهي ۽ ان لاءِ آئين ۾ لکيل آهي ته سينيئر ترين جج ئي قائم مقام چيف جسٽس ٿيندو. هنن جو موقف هو ته 73ع ۾ آئين ٺاهڻ وقت هنن ڄاڻي واڻي قائم مقام چيف جسٽس جي مقرري لاءِ ”سينيئر ترين“ وارو لفظ نه لکيو ۽ اهو صدر کي صوابديدي اختيار ڏنو. تنهن ڪري آئين موجب سجاد علي شاهه جي مقرري درست آهي. جڏهن ته عدالت جو اعتراض اهو هو ته آئين جي تشريح جي ڊيوٽي عدليا جي آهي. عدليا اهو سمجهي ٿي ته جيڪڏهن قائم مقام چيف جسٽس جو سينيئر ترين هئڻ ضروري آهي ته پوءِ مستقل چيف جسٽس جو به سينيئر ترين هئڻ ضروري آهي. آئين ۾ لکيل هجي يا نه، پر اصول ساڳيو هوندو. بهرحال اهو بحث ڪالهوڪي فيصلي بعد ختم ٿيو. حڪومت پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وئي. پر ان کان به وڌيڪ ڪاميابي شريف الدين پيرزادو کي ملي جنهن ملڪ اسد سميت چيف جسٽس خلاف ٻين جون پٽيشنز تيار ڪيون ۽ هٽائڻ جي اها واٽ حڪومت کي ٻڌائي. جهڙي طرح نواز شريف اڄڪلهه ناقابل شڪست آهي، اهڙي طرح شريف الدين پيرزاادو ڀٽو ڪيس کان وٺي اڄ تائين ناقابل شڪست رهيو آهي. ٻن مهينن کان خصوصي جهاز استعمال ڪندڙ شريف الدين پيرزادو جيڪو چيف جسٽس (هٽايل) سجاد علي شاهه جو ذاتي دوست به آهي، ان جي ساڻس اڻبت 14هين ترميم کي معطل ڪرڻ واري معاملي بعد شروع ٿي. شريف الدين ته منڍ کان هر قسم جو ڪيس کٽڻ تي هريل آهي، تنهن ڪري جڏهن 14 هين ترميم کي نوابزاده نصر الله پاران چئلينج ڪرڻ واري پٽيشن ۾ حڪومت جو دفاع ڪرڻ لاءِ شريف الدين پيرزادو آيو ته هو ڪامياب نه ٿيو. اڃا ته مڪمل سماعت بعد ۾ ٿيندي پر عبوري حڪم تي به هو ناراض ٿيو.
    ڪالهه عدالت جڏهن چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائي جسٽس اجمل ميان کي مستقل چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته سندن فيصلي اچڻ بعد وفاقي حڪومت هڪدم ان تي عمل ڪندي جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ ۽ جسٽس اجمل ميان کي چيف جسٽس (مستقل) بنائڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا ۽ جسٽس اجمل ميان مستقل چيف جسٽس طور حلف به کڻي ڇڏيو. اهو سمورو ڪم هڪ ئي ڏينهن بلڪه ستن ڪلاڪن ۾ ٿيو آهي. ملڪ جي اعليٰ عدالت جي حڪم تي وفاقي حڪومت پنجن ڪلاڪن اندر ساڳئي ڏينهن تيزي سان عملدرآمد ڪري جيڪا نئين روايت قائم ڪئي آهي، اها بهتر آهي ڇو ته عدالت جي هر فيصلي تي عمل حڪومت کي هڪدم ڪرڻ کپي، پر ڇا سڀاڻي اها روايت ڪٿي حڪومت جي ڳچيءَ ۾ ته نه پوندي؟ ڇا حڪومت سنڌ هاءِڪورٽ ۽ ان بعد سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب آصف زرداري کي حلف کڻائي صدارتي چونڊ ۾ ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ به اوتري تيزي سان عمل ڪندي، ڇو ته آصف کي جلد حلف کڻائڻ جو حڪم به ساڳي سپريم ڪورٽ ساڳئي ڏينهن ڏنو آهي. جنهن ڏينهن عدالت جسٽس سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس طور هٽائڻ جو حڪم ڏنو آهي. بلڪه آصف وارو حڪم ته ساڳي عدالت جي چيف جسٽس اجمل ميان، جسٽس سجاد علي شاهه واري فيصلي کان به ٽي ڪلاڪ اڳ ڏنو آهي.
    آصف زرداري کي حلف کڻائڻ لاءِ ڏنل سنڌ هاءِ ڪورٽ واري حڪم کي حڪومت اڳ ۾ چئلينج نه ڪيو، پر چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو فيصلو اچڻ واري ڏينهن کان صرف چند ڪلاڪ اڳ يعني 22 ڊسمبر تي شام جو ڪيو. 22 ڊسمبر تي شام جو حڪومت اوچتو آصف واري ڪيس کي چئلينج ڪرڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ۽ اسٽي آرڊر وٺڻ لاءِ درخواست ڏني. اها پٽيشن شام جو ئي رجسٽر ٿي وئي ۽ شام جو ئي اضافي ڪاز لسٽ جاري ٿي وئي ۽ 23 ڊسمبر تي سماعت لاءِ منظور به ٿي وئي ۽ ڪلاڪ جي سماعت بعد اها رد ٿي وئي فيصلو حڪومت جي خلاف ۽ آصف جي حق ۾ اچي ويو. ايتري ترت ان پٽيشن جي ڪارروائي مان ته لڳي ٿو ته اهو عمل حڪومت ڄاڻي واڻي ان ڪري ڪيو جيئن چيف جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي واري ڏينهن سندن خلاف ڪنهن ڪيس ۾ فيصلو اچي. جيئن حڪومت چئي سگهي ته انصاف انصاف ٿيندو آهي ۽ ڏسو حڪومت خلاف به فيصلو آيو آهي. ٻيو اهو ته ساڳئي ڏينهن فيصلو اچڻ سان پيپلزپارٽي سميت حڪومت جي مخالفن کي چيف جسٽس طور سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري فيصلي تي ڪو تبصرو ڪرڻ کان به ٻنجو اچي ويو.سيد مشاهد حسين جي اها ڪمپيوٽر دماغ جهڙي ڪارروائي يقينن حڪومت کي اڄوڪي سيزن ۾ ڏاڍو فائدو ڏيندي. ايترو فائدو کين ٿيندو جيترو حڪومت سوچيو به نه هوندو. بهرحال هڪ چيف جسٽس کي ۽ جج کي هٽائڻ لاءِ اڳ ۾ آئين ۾ جيڪو هڪ طريقو هو، اهو هاڻي هڪ نه رهيو آهي، پر ان آئيني طريقي سان گڏ ڪنهن به جج کي هٽائڻ جو ٻيو طريقو به تخليق ٿي ويو آهي ۽ اها رسم ڏسون ته مستقبل ۾ ڪنهن جي مٿان ٿي ”فضل“ ڪري.
    (24 ڊسمبر 1998ع)


    اسلام آباد ۾ اياز جو ڏهاڙو

    اسلام آباد ۾ اياز جو ڏهاڙو

    ناهموار ۽ پٿريلي پوٺوهاري زمين جي بي وفا ماڻهن جي شهر اسلام آباد ۾ خميس ڏينهن اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سنڌ گريجوئيٽس جي گڏيل سهڪار سان سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي ياد ۾ پروگرام ٿيو.امر جليل صدارت ڪئي. غوث علي شاهه خاص مهمان هو. نصير مرزا ڪارروائي هلائي. بيدل مسرور اياز جا گيت ڳاتا، ڊاڪٽر سليمان شيخ، سهيل سانگي، عنايت بلوچ، قيس ابڙو، مختيار ٽالپر ۽ ڊاڪٽر يعقوب زرداري مقالا پڙهيا ۽ تقريرون ڪيون. مغرب جي اذان آئي جنهن کان اڳ ئي ماڻهو روزو کولي چڪا هئا. افطاري دوران ”الله واري ونڊ هئي“ جنهن کي جيترو مليو سو کنيائون. اڪثر بي روزائتن جون پليٽون ڀريل ۽ روزائتن جي هٿن ۾ سادي پاڻي جا گلاس هئا. هرڪو فارغ ٿي پنڊال ۾ آيو. بيدل جي دل سان ڳايل اياز جي ڪلام کي ٻڌي هر ڪنهن انجواءِ ڪيو. امرجليل اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو ته گهڻن جا ڳوڙها نڪري آيا ۽ اکيون آليون ٿي پيون. 4 ڪلاڪن جي ڪارروائي کان پوءِ هرڪو گهر هليو ويو. گهڻا ته افطاري بعد ئي روانا ٿيا هئا پر راڳ جي چڪر ۾ سنڌي ويٺا رهيا.
    افسوس آهي اهڙي سوچ رکندڙن تي. هي بلڪل اهڙا ئي ماڻهو آهن جيڪي بقول مظهرالاسلام ته ان تاڙ ۾ رهندا آهن ته اڄ به ڪا فوتگي هجي ته هو تعزيتي ميڙ ۾ وڃن ۽ اهو چئي ٽائم ٽاري ڏهاڙي لڳائي ڄاڙي هڻي اچن ته ”مرحوم فلاڻو ڏاڍو ڀلو هو، منهنجو يار هو، مرڻ کان اڳ مون سان مليو، مون کي چيائين... وغيره وغيره...“
    هن تقريب مان ڪجهه هڙ حاصل ته گهڻو خير ڪو نه ٿيو پر سنڌين کي امر جليل موٽي مليو آهي. اهو ئي امر جيڪو ڌرتي سان محبت ۽ حق ڇني وٺڻ جا سبق ڏيندو هو. اهو ئي ڳڀرو امر جيڪو سنڌ جي اداس ۽ نراس نوجوانن کي لکڻين ذريعي خوشين جا انبار ڏئي ڏکن کي منهن ڏيڻ جا نوان گس ڏسيندو هو. اهو امر جليل ڪجهه وقت کان گم ٿي ويو هو. سنڌين کان رسي ويو هو. اسلام آباد جي بي ميويدار وڻن جي جهنگلن، ناهموار پهاڙين جي هنج ۾ واقع ڪيترائي ميل ڊگهي هائيڪنگ ٽريڪ ۽ سوين ايڪڙن واري ڪيپيٽل پارڪ سميت هموار، نيم هموار ۽ ناهموار زمين تي اڏيل شهر جي ڪشادن گهرن ۾ رهندڙ تنگ دلين وارن ماڻهن جي ڀيڙ ۾ غائب ٿي ويل هي اروڙ جو مست نيٺ ڪالهه موٽي آيو آهي. اياز جي عشق ۾ جڏهن اڪيڊمي آف ليٽرس ۽ سگا پاران منعقد ڪيل پروگرام ۾ اڌ سفيد ۽ اڌ ڪارن وارن واري ڏاڙهي ۽ شهپرن واري ڳچ عرصي کان خاموش رهندڙ امر جليل ڳالهايو ته بلڪل ايئن لڳو ته نيٺ گونگي ڳالهايو. سندس تقرير نه پر اياز جي عشق ۽ عقيدت ۾ چيل لفظ جيڪي ٽوهه جهڙي ڪوڙي سچ سان ڀريل هئا سي ٻڌي نذير ناجي کي گهمرا پوڻ لڳا، هو وٽ سٽ کائڻ لڳو.
    امر جليل جڏهن چيو ته 27 سال اڳ بنگلاديش ٺهڻ وقت ان جي حمايت جي ڏوهه ۾ اياز کي تڪليفون ڏنيون ويون. ان وقت بنگالين پاڪستان کان آزادي جي ڳالهه ڪئي ته سندن حشر نشر ڪيو ويو، پر اڄ ساڳيو پاڪستان بنگلاديش جي آزادي جي سلور جوبلي ملهائڻ واري تقريب جي موقعي تي ٿيندڙ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي ٽيم پيو کيڏائي. اياز کي ڪافر ۽ بي دين سڏيندڙ پنجاب جي ماڻهن اياز خلاف جنهن لاهور شهر مان تحريڪ شروع ڪئي اڄ ساڳئي شهر لاهور ۾ اياز جي موت تي قصيدا ٿا ڳايا وڃن. بنگالين خلاف ون يونٽ نالي گڏيل محاذ جوڙي پنجابين جڏهن ڪوششون تيز ڪيون ته سرحد ۽ بلوچستان مان ڪو به نه اٿيو. اياز جي رهنمائي ۾ سنڌ جا اديب ۽ دانشور اٿيا جن ان خلاف تحريڪ هلائي ۽ سنڌ جي آزاد شناخت بحال ڪرائي. امرجليل جا اهي لفظ ٻڌي نواز سرڪار جي صدقي اڪيڊمي آف ليٽرس جو چيئرمين بڻجندڙ نذير ناجي هر هر عينڪ پئي سوري، نيٺ اٿيو ۽ غوث علي شاهه جي ڪن ۾ ڪجهه چئي آيو.
    پروگرام ۾ سموريون تقريرون سنڌ پرست هئڻ، اينٽي سنڌ قوتن ۽ ڌرين کي ڪچيون گاريون ڏيڻ برابر هو. اهو ئي سبب هو ته نذير ناجي وٽ سٽ پئي کاڌا. اڪيڊمي جو ڊائريڪٽر جنرل مظهرالاسلام جيڪو چوندو آهي ته منهنجو جسم پنجاب ۽ روح سنڌ ۾آ هي اهو ڏاڍو خوش ٿي رهيو هو، هو آخري سيٽن تي ويٺو هو. اياز جي ياد ۾ ٿيل هن پروگرام ۾ ايئن پئي لڳو ته ڄڻ جيئي سنڌ جو فنڪشن آهي. گادي واري شهر ۾ سرڪاري خرچ تي سنڌ پرستي جون ڳالهيون ۽ ون يونٽ ٺاهيندڙن کي گاريون ٻڌي غوث علي شاهه سميت گهڻن جا هوش اڏامي ويا.
    ڊاڪٽر يعقوب زرداري جي تقرير ۾ ورجاءُ وڌيڪ ۽ ڊيگهه گهڻي هئي. سندس جملن جو جڙاءُ به سگهارو ڪو نه هو. بهرحال پنهنجي دور جي يادگيرين جي حوالي سان گهڻو چيائين، مختيار ٽالپر جي تقرير ايئن پئي لڳي ڄڻ 17 جنوري تي سائين جي ايم سيد جي سالگره تي سن ۾ پيو ڳالهائي. سهيل سانگيءَ چيو ته عبدالله حسين چوندو آهي ته وڏو شاعر اهو آهي جيڪو هڪ صدي زندهه رهي. اياز 50 سال زندهه رهيو آهي ۽ هن پنهنجي شاعري ۾ نواڻ آڻي پاڻ کي هر شعبي جي ماڻهن ۾ مقبول رکيو آهي. هيستائين ماڻهن جي دلين ۾ رهڻ جي آڌار تي چئي سگهجي ٿو ته هو 50 سال ٻيا به زندهه رهندو. اياز کي ايوب خان کان وٺي نواز شريف جي اڄوڪي حڪومت تائين مٽجندڙ حڪومتن ۽ دورن جي باوجود به هر دور ۾ اڳي کان وڌيڪ محبت ۽ شوق سان پڙهيو ويو آهي. اها ئي سندس زندهه رهڻ جي علامت آهي. هن جي اردوءَ واري تقرير ۾ سنڌي جا لفظ ايئن شامل هئا جيئن ميگزين ۾ گوليون.
    قيس ابڙو کي سڏ ٿيو ته سندس موچاري هاٺي ڏسي ماڻهن الائي ڇا ڇا پئي چيو پر جڏهن هن اياز جا شعر پڙهيا ۽ تقرير ڪئي ته گهڻن جون ڏندين آڱريون هيون ته هن کي به اياز ياد آهي. ٻيا ته ٺهيو سندس گهر واري ۽ ٻار به حيران هئا ۽ ٻارن کي ڪالهه ئي شايد باقاعده خبر پئي ته سندن والد جي اڃا به ڪيڏي لئي آهي. پروگرام ۾ عورتون گهٽ مرد وڌيڪ هئا ۽ سنڌين جي فنڪشن جي حساب سان انگ ٺيڪ هو. عنايت بلوچ جي لکيل ٻن صفحن جو لفظي جڙاءُ ته ڀلو هو پر جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيائين ۽ هڪ اڌ شعر پڙهيائين ته هر ڪنهن کي خبر پئي ته ڀائو جا ڪهڙا حال آهن. مٿان جڏهن پنڊال ۾ ويٺل هڪ شخص چيس ته اياز جي سنڌي ۾ پڙهيل شعر جو اردو ترجمو ٻڌاءِ ته سائين عنايت تي سڪتو طاري ٿي ويو. نيٺ سوچي سوچي ترجمو ٻڌايائين. بنا تياري سٺو ڳالهايائين پر اردو ترجمي جي ڊپ کان وري اياز جو شعر نه پڙهيائين ۽ آخر ۾ ويندي مهل شعر پڙهيائين ته مٿان نصير مرزا، عنايت واري شعر کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ٻيو شعر پڙهيو ته:
    ڪڏهن به توتي دوار دل جا نه ٻوٽبا تون ڀلي هلي آ
    ٻه لڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چوين آجيان نه ٿيندي.
    نصير مرزا جيڪو بيدل مسرور سان گڏ حيدرآباد مان ڪمپيئرنگ لاءِ سيڙجي آيو هو تنهن جي تياري بهتر هئي. ڪارو مفلر ڳچي ۾ وجهي اياز جا شعر ۽ انهن جو اردو ترجمو سولائي سان ٻڌائي هن پنهنجي علمي ڄاڻ ۽ مهارت جا موتي پئي ڇٽيا جنهن سان هر ڪنهن پئي واهه واهه ڪئي پر سڀني کان وڌيڪ واهه واهه اڇي مٿي واري سنهڙي چاچا ڪئي جنهن هر تقرير، ايتري قدر جو ڊاڪٽر يعقوب زرداري جي تقرير تي به هن واهه واهه چوندي تاڙيون پئي وڄايو. اياز جي وفات سبب منعقد ڪيل جلسي ۾ ڏک واري ماحول ۾ تاڙيون وڃائڻ وارن تي سگا اسلام آباد جي باني يوسف ميمڻ ڏاڍي ڪاوڙ پئي ڪئي. هو ڪنهن کي چئي نه پئي سگهيو. باقي سندس اکين رت پئي ڇڏيو. نيٺ مون کي چئي ڏنائين ته ”تاڙيون ڇو ٿا وڄايو؟“ بهرحال نصير مرزا پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ويو. اها ٻي ڳالهه آهي ته سندس اسٽائيل قاسم ماڪا وانگر هڪڙو ئي هو يعني خوشي هجي يا غم ڳالهه ساڳئي نموني چوندو آهي، پر هن ميڙ جي مناسبت سان سندس انداز فٽ هو. سنڌي ڪامورن ۽ گادي واري شهر ۾ ڪم ڪندڙ ننڍن وڏن عهدن وارن ملازمن جو به چڱو انگ هو. شايد ان ڪري ته سنڌي فليور وارا پروگرام دل وندرائڻ لاءِ هتي گهٽ ٿا ٿين تڏهن ايڏي تعداد ۾ آيا هئا. هونئن ته خشڪ تقريرن وارن پروگرامن کان اڪثر سنڌي لنوائيندا آهن. باقي راڳ هجي ته پوءِ مڙئي حاضري چڱي هوندي آهي.
    تقريرون ڪندڙن ۾ سڀني کان وڌيڪ جملن جي جڙاءُ واري ۽ Formulated تقرير ڊاڪٽر سليمان شيخ جي هئي. سنڌ جي قومي معاملن ۾ سڀني کان وڌيڪ اڳتي رهندڙ ڊاڪٽر سليمان ڪنهن ڪنهن مهل جذبات ۾ اچي ويندو آهي ته پوءِ هو ڪنهن جي پرواهه نه ڪندو آهي. اڳ ۾ جڏهن انور ابڙو سان شام ملهائي وئي هئي ته ملڪ لعل کي مخاطب ٿيندي جنهن منطقي انداز ۾ سنڌ جي قومي معاملن ۽ سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو ذڪر ڊاڪٽر سليمان ڪيو هو، اهڙو شايد چڱو ڀلو قومپرست ليڊر به نه ڪري سگهي. لاهور ۾ اياز جي ياد ۾ ٿيل پروگرام ۾ به ڊاڪٽر پنهنجي هڙان خرچ ڪري ويو هو ۽ لاهورين کي به سبق سيکاري آيو هو.
    پنڊال ۾ موجود سوچ وارن سنڌين کي امر جي تقرير بعد خوشي ڏاڍي هئي ڇو ته گادي واري شهر ۾ جتي آبادي وارن حصن کان وڌيڪ زمين جي حصي تي وڏا جهنگل آهن جن ۾ سوئر، گدڙ ۽ ڀولڙا ايترا آهن جو اسلام آباد جي آبادي کان وڌيڪ انهن جو تعداد آهي. اهڙي شهر ۾ ڳچ عرصو غائب رهڻ بعد امرجليل جڏهن تقرير لاءِ آيو ته سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا ۽ لفظ روح جي اندر مان نه پيا نڪرنس. هن پنهنجن جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته اياز کي سڀ کان وڌيڪ ڏک پنهنجي چاهيندڙن جو هو جيڪي بنا سوچڻ ۽ سمجهڻ جي اياز تي تنقيد ڪندا هئا. هن نه صرف ٻه اکر پڙهيل انهن اديبن ۽ دانشورن جو پٽڪو لاٿو پر سنڌي اخبارن کي به نشانو بڻايو ۽ چيو ته 2 درجن کان وڌيڪ شايع ٿيندڙ سنڌي اخبارن ۾ اياز بابت گهٽيا لفظن سان ڀريل تنقيد سبب اياز کي ڏاڍو ڏک پهتو هو.
    اياز بابت انهن روايتي مبصرن جي جملن کان مختلف نموني تبصرو ڪندي امر جليل چيو ته ڀٽائي ۽ سچل جي هوندي اياز بطور شاعر جيڪا مڃتا ماڻي اهو وڏو ڪمال آهي ۽ اصل ۾ اهو سندس شعرن جي جڙاءُ ۽ انهن جي فڪري سگهه جو مثال آهي جو هن کي ايڏو مان مليو. هن چيو ته تاريخ مان جڏهن سبق نه پرايو ويندو آهي ته تاريخ پاڻ ورجائيندي آهي. هن مٺن مٺن جملن سان وفاق کي جيڪي ميارون ۽ مهڻا پئي ڏنا تن تي درٻاري اديبن جا منهن لهي ٿي ويا. امر جون انور مقصود جهڙيون سچيون ۽ کريون ڳالهيون غوث علي شاهه ۽ نذير ناجي کي به نه پئي وڻيون. سڀني پئي چيو ته ڀٽائي کان پوءِ اياز وڏو شاعر آهي پر سچل جي معتقد امر جليل ڏاڍي سهڻي نموني اهو تاثر ڏنو ته ڀٽائي کان پوءِ سچل به آهي. اياز ۾ ڏاهپ ۽ ڏور نظري ڀٽائي واري آهي، بي باڪي ۽ مستي سچل واري آهي. شايد هن جي ذهن ۾ اهي ڀٽائي وارا لفظ هئا ته ”جيڪو ڪنو اسان چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ سچو لاهيندو.“
    شيخ اياز جنهن کي بطور وڪيل آئون 80 واري ڏهاڪي کان سڃاڻان ڇو ته هن منهنجي والد کي خون جي ڪيس مان پنهنجي مهارت ۽ وڪالت ذريعي آجو ڪرايو هو. شاعري واري اياز کانسواءِ وڪالت وارو اياز به اياز ئي هو. غوث علي شاهه اياز جي ان پهلو جي وڌيڪ ساراهه ڪئي ڇو ته هو اياز سان گڏ وڪالت ڪندو هو. غوث علي شاهه به اها ڳالهه مڃي ته اسان سدائين پنهنجي هيرن جو قدر مرڻ بعد ڪندا آهيون. فيض احمد فيض جڏهن جيئرو هو ته هن کي جيل ۾ وڌو ويو پر هاڻي سندس نالي سان اسلام آباد ۾ به روڊ آهن. غوث علي شاهه لائوڊ تي وات رکي زور سان جڏهن اياز سان وڪالت وارن ڏينهن ۾ گهايل 20 سالن جا قصا پئي ٻڌايا ته روزي کولڻ جو وقت ويجهو هئڻ سبب خالي پيٽ روزائتن کي ڏاڍا خار پئي آيا. شاهه صاحب هڪ موقعي تي چيو ته سچل جو تعلق منهنجي ضلعي سان آهي ۽ هو به وڏو شاعر هو. شاهه صاحب کي چوڻ ته اهو کپندو هو ته هو سچل سائين جي ضلعي جو آهي پر شايد وفاقي وزارت جي جنون ۾ هن سچل کي ته پنهنجو ڪيو پر پاڻ سچل جو نه ٿيو.
    آخر ۾ نصير مرزا جڏهن غوث علي شاهه لاءِ اياز جو اردو ۾ چيل شعر پڙهيو ته لڳو پئي ته اهو شاهه صاحب کي تعليم جو وزير هوندي به سمجهه ۾ ڪو نه آيو هوندو. خيرپور ضلعي ۾ پيرپاڳاري کان پوءِ هي ٻيو سيد آهي جنهن پڇاڙي ۾ نئين شادي ڪئي آهي. مڙئي ڏئي وٺي شاهه صاحب پنهنجي تقرير پوري ڪئي ۽ چيو ته هلو روزو کوليو. هن جو چوڻ ۽ اسلام آباد جي اڌ کان وڌيڪ نئين ٽهي وارن اردو لکندڙ پنجابي اديبن وڃي افطاري جي سامان وارن ديڳڙن جا ڍڪ لاٿا. اذان جي پهرئين اکر سان هنن چانهه به پي ڇڏي ۽ ٽشو پيپرن سان منهن صاف ڪندا ٻاهر پئي آيا. پنهنجي راڄ وارن جا اهي حال ڏسي مظهر الالسلام ڏاڍا خار پئي کاڌا. بهرحال هو ڏاڍو خوش خوش نظر اچي رهيو هو ته هن اڪيڊمي پاران هڪ سنڌي کي مان ڏيڻ لاءِ پروگرام منعقد ڪري سنڌين جو گادي واري شهر ۾ ڪاڄ ڪري پنهنجو حق ادا ڪيو. جيتوڻيڪ هن جي والده ۽ گهر واري بيمار هئڻ ڪري اسپتال ۾ هيون پر هو پروگرام ۾ آخر تائين موجود رهيو.
    ان بعد، وارن کي ڪارو رنگ ڪري جوان بڻجي آيل بيدل مسرور جڏهن اندر جي اٿاهه جذبن سان اياز جي شاعري ڳائڻ شروع ڪئي ته ڪيترن ئي بد ذوقن کي به هن جهومائي ڇڏيو. سندس ڳائڻ جي ان اثر امر جليل کي اوڇنگارون ڏئي روئڻ تي مجبور ڪيو. امر اسٽيج تي چڙهي آيو ۽ بيدل کي چميون ڏيڻ لڳو. الله ڪري ته امر جو اهو جذبو قائم رهي ۽ پنهنجن ماڻهن لاءِ به لکي.
    (18 جنوري 1998ع)


    انٽرويو

    انٽرويو



    پنجاب ۾ 25 سالن کان پوءِ گڏجي هلڻ جي
    سوچ پيدا ٿي آهي: مشاهد

    ڪاوش: توهان جي حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي. اوهان ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. عوام کي ڪهڙو رليف ڏنو آهي ۽ حڪومت جون مک حاصلات ڇا آهن؟
    مشاهد: هي هڪ سال جيڪو گذريو، اهو دٻاءُ جو سال هو. اهو مشڪل سال هو. اسان سياسي طور اعليٰ سطح تي جيڪا ڪرپشن هئي اها ختم ڪئي. هڪ سال ۾ نواز شريف، سندس خاندان يا ڪنهن ساٿي تي ڪو به ڪرپشن جو الزام نه لڳو آهي. اڳ ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو. آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو اربين رپيا کاڌا پورو ملڪ ڦري لٽي کائي ويا ۽ ملڪ جي عالمي سطح تي بدنامي ٿي ۽ اهي ڳالهيون هينئر ثابت به ٿيون آهن. اسان ان گند کي صاف ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو ته قومي معيشت جي بحالي، جيڪو هڪ مشڪل مسئلو هو ملڪ جو ڏيوالو نڪرڻ تي هو ان کي بچايو آهي. عوام جي معاشي زندگي ۾ سڌارا آندا، وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪيو، وڏين شادين تي پابنديون لڳايون. ان سان عوام کي فائدو پهتو آهي. اڃا به مشڪل حالتون آهن. بيروزگاري، مهانگائي، عوام کي انصاف ۾ دير جا مسئلا طئه ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جمهوري نظام کي مضبوط ڪيو آهي. مارشل لا دور جي ترميم 58(2) بي ختم ڪئي. لوٽا ازم ختم ڪيو. 81ع کان پوءِ پهريون دفعو آدمشماري ڪرايون پيا، مڪاني چونڊون ڪرائي رهيا آهيون. ان سان جمهوريت وڌيڪ مضبوط ٿيندي. اهي تمام وڏا ڪم آهن. جيڪي ماضي واريون حڪومتون نه ڪري سگهيون. اسان اهي هڪ سال ۾ ڪيا ان جو ڪريڊٽ نواز شريف کي وڃي ٿو. ترقياتي ڪمن جي حوالي سان اوهان ڏسو ته جيڪي وڏا منصوبا آهن اهي اسان جي حڪومت مڪمل ڪيا. پهرين نواز شريف دور ۾ ڪراچي هوائي اڏي تي جناح ٽرمينل ٺاهيو جيڪو دنيا جي بهترين هوائي اڏن مان هڪ آهي. موٽر وي پنجاب ۾ ٺاهيو. پشاور ۾ شروع آهي، سنڌ ۾ رتوديرو تائين جلد ڪم شروع ڪري رهيا آهيون. گوادر ۾ بندرگاهه ٺهي پيو. اسين چاهيون ٿا ته ترقي جو ڦل ۽ ثمر سمورن صوبن کي ملي.
    ڪاوش: تازو وزيراعظم نواز شريف بنگلاديش ويو. بهارين کي پاڪستان آڻن تي راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ حڪومت بهارين جي آبادڪاري لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي به مهم شروع ڪئي آهي. جيتوڻيڪ اوهان جڏهن شروع ۾ حيدرآباد ويا هئا ته اتي اهو چيو هو ته بهارين کي آباد ڪرڻ نواز حڪومت جي ايجنڊا ئي ناهي ۽ هاڻي ايئن ڇيو پيو ٿئي؟
    مشاهد: جڏهن ڪو به پاڪستاني ليڊر بنگلاديش ويندو آهي ته بهارين جو مسئلو اٿندو آهي. ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا بينظير ڀٽو، نواز شريف هجي يا ڪو ٻيو. جڏهن به اهي بنگلاديش ويندا آهن ته بهارين جو معاملو اٿندو آهي ۽ اهو نئون مسئلو ناهي. بهارين کي آڻڻ سميت اسين ڪو به اهڙو ڪم نه ڪنداسين جنهن جو نقصان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام کي ٿئي.
    ڪاوش: اوهان جي حڪومت احتساب شروع ڪيو هو، هڪ سال گذرڻ باوجود اڃا بينظير ڀٽو ۽ آصف خلاف ڪرپشن جو هڪ ڪيس ثابت ته ٺهيو پر عدالت ۾ به نه ويو آهي. اپوزيشن وارا حڪومت تي الزام هڻن ٿا ته اهي ميڊيا ٽرائيل ڪري سندن ساک خراب ڪن ٿا ان بابت ڇا چوندا؟
    مشاهد: پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ٿيو آهي ته آئيني، قانوني ۽ هر حوالي سان جائز نموني احتساب جو عمل شروع ڪيو ويو آهي ۽ ٺوس بنيادن تي ڪارروائي هلائي پئي وڃي. احتساب جو عمل هاڻي ته بين الاقوامي طور واضح ٿي ويو آهي ۽ اهو به ثابت ٿيو آهي ته بينظير ڀٽو ۽ سندس مڙس پاڪستان جو پئسو کاڌو آهي. سوئيٽزرلينڊ، آمريڪا ۽ برطانيا جي بينڪن بينظير ۽ آصف جي کاتن جي تحقيقات شروع ڪري ڏني آهي. اهو ڪم پاڪستان حڪومت ڪيو آهي تحقيقات بعد هنن جا پول پڌرا ڪيا ۽ سندن کاتا ڳوليا نه ته هو ته پڪڙجڻ وارا نه هئا. شروع ۾ سري محل جي ڳالهه ٿي اسڪينڊل سامهون آيو ته بينظير ۽ آصف چيو ته اهو محل اسان جو ناهي اهو ڪوڙ آهي ۽ هنن سنڊي ايڪسپريس اخبار خلاف ڪيس ڪرڻ جو اعلان به ڪيو پر بعد ۾ ڪو به ڪيس هنن نه ڪيو. هاڻي ته آصف زرداري نيويارڪ ٽائمز اخبار کي ڏنل انٽرويو ۾ پاڻ تسليم ڪيو آهي ته سري محل هنن جي ملڪيت آهي. ان بعد ڇا باقي بچيو آهي. هنن جو پنهنجو ڪوڙ پڌرو ٿي ويو آهي. اسان سنڊي ايڪسپريس يا نيويارڪ ٽائمز يا ڪنهن ٻي اخبار کي پئسا ته ڪو نه ڏنا اسان واشنگٽن پوسٽ کي ڪي پئسا نه ڏنا آهن.؟ سڀ دنيا جون وڏيون اخبارون انهن جي ڪرپشن بابت لکن ٿيون. اڳ ۾ بينظير ڀٽو انهن اخبارن کان سرٽيفڪيٽ وٺندي هئي. هاڻي اهي ئي اخبارون کيس ڪرپٽ سڏي رهيون آهن. بينظير کي گهرجي ته هو الزامن جو مقابلو ڪري. اسين جڏهن اپوزيشن ۾ هئاسين ته بينظير چوندي هئي ته جيڪڏهن ڪنهن کي شڪايت آهي ته عدالت ۾ وڃي هاڻي پاڻ ڇو نه ٿي وڃي. اهي ريفرنسز جڏهن عدالت ۾ وڃن ٿا ته اتي وڃي منهن ڏين. جيڪڏهن بينظير ۽ آصف کي اعتراض آهي ته هنن خلاف ميديا ٽرائل ٿو ٿئي ته هو اخبارن خلاف عدالت ۾ ڇو نه ٿا وڃن؟ سنڊي ايڪسپريس، واشنگٽن پوسٽ ۽ نيويارڪ ٽائمز خلاف ڇو نه ٿا ڪيس ڪن؟
    ڪاوش: اپوزيشن وارا دعويٰ ٿا ڪن ته هنن خلاف حڪومت رڳو ميڊيا ٽرائيل ڪري رهي آهي ۽ هڪ به ڪيس عدالت ۾ داخل نه ڪيو آهي ۽ حڪومت وٽ ثبوت ناهن؟ ان سان ڇا اوهان نٿا سمجهو ته هنن کي عوامي همدردي ملندي يا، اوهان وٽ ثبوت ناهن؟
    مشاهد: نيويارڪ پوسٽ، سنڊي ايڪسپريس، واشنگٽن پوسٽ سميت سڀ دنيا جون وڏيون اخبارون لکن ٿيون. بينظير جي ڪرپشن جا ثبوت ڏين ٿيون، ڇا اهو به حڪومت پئي ڪري، ڇا اهو به ميديا ٽرائل آهي.
    ڪاوش: بينظير ڀٽو الزام هڻي ٿي ته عالمي پريس ۾ حڪومت جون اسپانسر ٿيل خبرون شايع ٿين ٿيون؟
    مشاهد: ان جو مطلب ته انهن اخبارن وٽ ثبوت ناهن جيڪڏهن اها خوشفهمي پ پ وارن کي آهي ته پوءِ ڪيس ڇو نه ٿا ڪن؟ ڇا اها حقيقت ناهي ته بينظير ڀٽو ۽ آصف جا پئسا سوئيز بينڪن ۾ پڪڙيا ويا آهن. پئسن کان ته بينظير ڀٽو لاتعلقي ظاهر نه پئي ڪري هوءَ اهو پئي چوي ته اهي پئسا هنن جائز نموني ڪمايا آهن. اسان کي هڪ سوال جو جواب ڏين ته هنن اهي پئسا ڪٿان آندا؟ زرداري وٽ ايترو پئسو ڪٿان آيو؟ زرداري وڏيرو ته نه هو. هن جو والد ته هڪ سئنيما جو مالڪ هو هن 40 لک پائونڊ (30 ڪروڙ رپيا) ڪٿان آندا جو سري محل خريد ڪيو؟ لکين رپين جي شاپنگ ڪٿان ڪئي؟ آصف وارن کي ته اها خوش فهمي هئي ته شهنشاهه ايران وانگر هو مال هضم ڪري ويندا ۽ پڪڙجي نه سگهندا پر اها ته خدا جي قدرت آهي ته هنن جا پئسا پڪڙيا ويا آهن.
    ڪاوش: تازو نواز شريف بنگلاديش ۾ اهو قبول ڪيو ته 71ع ۾ بنگال خلاف فوجي ايڪشن غلط هو ۽ هن غلطي تسليم ڪئي. ساڳئي طرح بلوچستان ۾ ذوالفقار ڀٽو جيڪو فوجي ايڪشن ڪرايو. سنڌ ۾ 83 ۽ 86ع ۾ ضياءُ الحق ماڻهو مارايا پوءِ ته اهي به غلط آهن ڇا انهن جو به اوهين اقرار ڪريو ٿا؟
    مشاهد: ان ۾ ٻه شيون آهن. 71ع واري ايڪشن ۾ ملڪ ٽٽو، ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو ۽ فوجي جنتا، سازباز ڪري اليڪشن جا نتيجا قبول نه ڪيا. اسين سمجهون ٿا ته سياسي معاملن جو حل هميشه سياسي هئڻ گهرجي. پاڪستان ۾ جيڪي به فوجي ايڪشن ٿيا خاص ڪري سياستدانن ۽ سياسي قوتن خلاف ٿيا اهي سڀ غلط هئا جنهن به ايڪشن ڪيو اهو غلط هو. اسان اهڙو ڪم نه ڪيو. پ پ وارن 11 سال هن ملڪ تي حڪمراني ڪئي ساڍا 5 سال ذوالفقار ڀٽو، بينظير 3 سال ۽ ٻئي دفعي 20 مهينا هنن حڪمراني ڪئي. هنن ڇا ڏنو آهي.پاڪستان جي عوام کي؟ سنڌ جي عوام کي هنن ڇا ڏنو؟ ڇڏيو اوهان پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي اوهان رڳو لاڙڪاڻي کي ڏسو ته هنن لاڙڪاڻي جي ماڻهن کي ڇا ڏنو؟ بينظير کي ته لاڙڪاڻي جي وزيراعظم سڏائڻ جو به حق ناهي. هنن ته عوام جا پئسا کاڌا آهن.
    ڪاوش: اوهان جي لاڙڪاڻي واري ذڪر تي ياد آيو ته اوهان جي حڪومت ۾ اهم عهدن تي لاهور ۽ سينٽرل پنجاب جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن ان ڏس ۾ هڪ خبر به آئي ته ملڪ جي 40 اهم ۽ آئيني عهدن تي لاهور ۽ سينٽرل پنجاب جا ماڻهو مقرر ڪيا ويا آهن. آئين ۾ ڏنل طريقيڪار جي ابتڙ سجاد علي شاهه کي هٽايو ويو. مختيار جوڻيجو کي چيف الڪيشن ڪمشنر جي عهدي تان هٽايو ويو. بيورو ڪريسي ۾ پ پ دور ۾ 8 وفاقي سيڪريٽري سنڌي هئا هاڻي رڳو هڪ ٻه بچيا آهن اهڙي صورت ۾ ڇا ايئن نٿو چئي سگهجي ته سنڌ هن حڪومت جي ايجنڊا تي ناهي؟
    مشاهد: (کلندي) اهي الزام ۽ تاثر غلط ۽ بي بنياد آهي. اسين اهڙي سوچ نٿا رکون. بنا فرق جي ڪم ڪريون پيا. پ پ وارا دعويٰ ڪن ٿا ته هو ننڍن صوبن جا نمائندا آهن. ڇا هنن 2 دفعا سرحد ۾ چونڊيل حڪومت هارس ٽريڊنگ ذريعي ختم نه ڪئي. هنن بلوچستان ۾ فوجي ايڪشن ڪيو. بنگالين جو سياسي حق تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو اسان ته اهڙو ڪو ڪم نه ڪيو آهي. جيسين تعلق آهي سجاد شاهه جو ته اها لڙائي سياسي بڻجي وئي هئي ۽ اهو سياستدان وانگر رويو (Behave) اختيار ڪري رهيو هو. سجاد علي شاهه صاحب خلاف ته پنهنجي جج ساٿين فيصلو ڏنو. فيصلو ڏيندڙن ۾ سندس پنهنجي سنڌي جج، پٺاڻ ۽ مهاجر جج به هن خلاف فيصلو ڏنو.
    ڪاوش: سجاد علي شاهه کي چيف جسٽس جي عهدي تان هٽائڻ جو فيصلو ڏيندڙ 10 ججن ۾ ڪو به سنڌي جج نه هو؟
    مشاهد: مامون قاضي سجاد شاهه سان اختلاف راءِ ڪيو هو. انهي ۾ سنڌين جو مسئلو نه هو. سجاد علي شاهه ان وقت سازش ۾ ملوث ٿي ويو هو. ان وقت جي صدر فاروق لغاري سان گڏ سازش ۾ شريڪ ٿيو. هن پاڻ قانوني مسئلي کي سياسي مسئلو بڻايو. هن جڏهن بينظير ڀٽو جي حڪومت هٽائي، اهو لساني مسئلو نه بڻيو. نواز شريف کي هٽايو ويو ته اهو لساني مسئلو نه بڻيو پر سجاد شاهه هٽيو ته اهو لساني مسئلو ڪيئن ٿيو؟
    ڪاوش: اوهان سازش جو ذڪر ڪيو. اوهان جي خيال موجب حڪومت خلاف سازش ڪنهن ڪئي ۽ ڇو ڪئي وئي؟
    مشاهد: فاروق لغاري سجاد علي شاهه سان گڏجي حڪومت هٽائڻ لاءِ سازش ڪئي سازش ان ڪري ڪئي وئي جو هو سمجهن پيا ته حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ ضروري آهي ڇو ته لغاري سمجهي پيو ته هن جا اختيار ختم ٿي ويا آهن.
    ڪاوش: ان پوري گيم (سازش) دوران لغاري وارن جو خيال هو ته فوج ساڻن گڏ آهي پر بعد ۾ نقشو تبديل ٿي ويو اوهان جي ڇا معلومات آهي؟
    مشاهد: اهو ته لغاري وارن کان پڇو جيڪي فوج جي حمايت حاصل ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهيا هئا. اسان ته اهو چيو ته اسين جمهوريت ۽ اصولن جي جنگ ٿا وڙهون. پارليامينٽ جي بالادستي جي جنگ ۾ سمورن صوبن جي عوام ۽ جمهوري قوتن اسان جو ساٿ ڏنو.
    ڪاوش: ماضي جي روايتن جي ابتڙ هن سڄي گيم ۾ فوج جيڪو رويو اختيار ڪيو ان سبب ته اهو به چيو ويو ته فوج به پنجابي بڻجي Behave ڪيو آهي؟
    مشاهد: اسفند يار ولي پنجابي ناهي، حميده کهڙو، حاصل بزنجو، لياقت جتوئي ۽ اختر مينگل پنجابي ناهن. هنن سڀني ساٿ ڏنو. هي سياسي جنگ هئي. اسان سياسي طريقي سان وڙهي. اهي ماڻهو جيڪي سياست کي لسانيت ۾ ورهائي سياست ڪن ٿا اهي اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا. اسان ڪنهن به اهڙي شيءِ (فوج) جو سهارو نه ورتو. اسان عوام جي لاءِ جمهوري طريقي سان جنگ وڙهي. جيڪڏهن سجاد علي شاهه سان زيادتي ٿي هئي ۽ ان کي لساني مسئلو بڻايو به ويو ته سنڌ ۾ ته سندس حق ۾ هڪ مظاهرو به نه ٿيو ۽ نه ئي جلسو ٿيو. ان عرصي ۾ نواز شريف جي حق ۾ جلسا جلوس ٿيا. اهم عهدن تي سنڌي نه هجڻ ۽ پنجابي مقرر ڪرڻ واري ڳالهه به اجائي آهي. ٻن اهم ادارن، جيڪي منهنجي وزارت ۾ آهن. ريڊيو ۽ ٽي وي تي اسان عنايت بلوچ ۽ عبدالڪريم بلوچ کي اهم عهدن تي لڳايو آهي. وزيراعظم جي هر پرڏيهي دوري ۾ هر سنڌي اخبار جي نمائندي کي شامل ڪيو وڃي ٿو اڳ ۾ ڪڏهن ايئن نه ٿيو. اسان سنڌي صحافين کي اسلام آباد گهرايو. خصوصي تربيت ڏني، انهن کي سياچين گليشيئر ۽ پي ايم پي ڪاڪول به وٺي وياسين. اسان اهو ڪم قومي سوچ هيٺ ڪيو پ پ وارن ته اهڙو ڪو به ڪم نه ڪيو.
    ڪاوش: ان سان سنڌ جي عام ماڻهن کي ڪهڙو فائدو ٿيو؟
    مشاهد: ڇا صحافي عوام جو حصو ناهن، اهي ته عوام جو آواز آهن. اسان شيخ اياز فائونڊيشن کي پئسا ڏنا ۽ خصوصي طور ٽي وي پروگرام هلايا. شيخ اياز تي مارچ ۾ ڀٽ شاهه تي سيمينار ڪرائي رهيا آهيون. سنڌين کي نظر انداز ڪرڻ وارو الزام اجايو آهي.
    ڪاوش: اهو به تاثر آهي ته موجوده حڪومت اندروني سنڌ جي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي. سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نه ٿا ٿين. سنڌ جي هاءِ ويز جي بجيٽ موٽر وي تي خرچ ڪئي وئي. مورو هالا سيڪشن جو ڪم 85 سيڪڙو مڪمل آهي پر هاڻي ڪم رڪيل آهي؟
    مشاهد: اسان سنڌ ۾ بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون، ملڪ ۾ ڪٿي به ڪو نه ٿيو پر سنڌ ۾ ٿيو، پ پ وارن سنڌ ۾ نوڪريون ڏنيون ڪو نه هيون پر وڪرو ڪيون. اسان اڃا نه نوڪريون ڏنيون آهن. نوڪري سنڌين کي نه ملي آهي ته پٺاڻن ۽ پنجابين کي به ڪو نه ملي آهي. جڏهن به نوڪريون ڏنيون ويون اڳ ۾ سنڌين کي ڏينداسين جهڙي طرح سڀني کان اڳ زمين سنڌي هارين کي ڏني آهي. موٽر وي پوري پاڪستان جو آهي سڀني کي فائدو ٿيندو.
    ڪاوش: اليڪشن وقت جيڪي اوهان واعدا ڪيا انهن مان ته هڪ به پورو نه ڪيو آهي هڪ سال گذري ويو آهي. عوام لاءِ ڇا ڪيو اٿئو؟
    مشاهد: اسان هيستائين جمهوريت جي مضبوطي، معيشت کي پاڻ ڀرو ڪرڻ ۽ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي آهي. ٽنهي معاملن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي. هڪ سال ان ۾ لڳو. اسان 58(2) بي ختم ڪري جمهوريت مضبوط ڪئي. لوٽا ازم ختم ڪري سياست مان گند صاف ڪيو. معيشت کي تباهي کان بچايو آهي. هڪ سال ان ۾ لڳي ويو هاڻي هن سال اسين عوامي ڀلائي جا ڪم ڪنداسين، سوشل ايجنڊا تي عمل ٿيندو. تعليم، صحت ۽ نوجوانن کي روزگار ڏيڻ ۽ غريبن کي ترت ۽ سستو انصاف ڏيڻ 98ع جي ايجنڊا تي آهن ۽ ان تي فوڪس ڪنداسين.
    ڪاوش: فيبروري 97ع ۾ عام چونڊن دوران مسلم ليگ جو جيڪو گراف هو ڇا هاڻي به اهو برقرار آهي جڏهن ته هڪ سال ۾ مهانگائي عروج تي پهتي آهي حڪومت بقول اوهان جي سڌي طرح عوام کي ريلف ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو آهي؟
    مشاهد: جيڪڏهن اها مقبوليت نه هجي ها ته گذريل بحران ۾ اسين سازش جو شڪار ٿيون ها ۽ ڪامياب نه ٿيون ها. مڪاني ادارن جون چونڊون ٿيڻ واريون آهن ان ۾ اوهان ڏسي وٺجو ته مسلم ليگ مقبول آهي يا نه؟ ٻيو ته هيستائين جيڪي به ضمني چونڊون ٿيون آهن انهن ۾ مسلم ليگ ڪامياب رهي آهي.
    ڪاوش: اوهان سنڌ جي ڪميونسٽن ۽ قومپرستن کي مسلم ليگي ۽ پاڪستاني بڻائڻ جو جيڪو مشن شروع ڪيو هو اهو اڄڪلهه ٿڌو ٿي ويو آهي. ان جو ڇا سبب آهي؟
    مشاهد: (کلندي) اسان جو سمورن سنڌين سان رابطو آهي رسول بخش پليجو سان گپ شپ ٿي. ڊاڪٽر دودو مهيري سان به ملاقات ٿي. ڊاڪٽر قادرمگسي سان فون تي رابطو ٿيندو آهي. سڀ دوست آهن. اسان جي خواهش آهي ته سنڌ جا اهي باشعور يا ترقي پسند ماڻهو سنڌ کان نڪري پنجاب جي مظلوم عوام جي ڀلائي لاءِ به ڪم ڪن. سنڌ اهم باشعور ۽ دانشور پيدا ڪيا آهن. اسين چاهيون ٿا ته قادرمگسي، پليجو، مهيري ۽ ممتاز ڀٽو پاڪستاني سياست به ڪن. اهي رڳو سنڌ تائين پاڻ کي محدود نه رکن.
    ڪاوش: يعني اوهان جو مشن جاري آهي؟
    مشاهد: بلڪل، اسين چاهيون ٿا ته سنڌ جا ترقي پسند سياستدان، جن کاٻي ڌر جي سياست ۾ اهو رول ادا ڪيو آهي. اهي پاڪستان سطح تي رول ادا ڪن. تازو ممتاز ڀٽو سان مليس. سندس گهر ويو هئس. ماني به کاڌي. هو هتي ايندو آهي ته ملندو آهي. اها ملڪ لاءِ خوش آئنده ڳالهه آهي وفاق لاءِ بهتر ڳالهه آهي ته سنڌ جا قومپرست، ڪميونسٽ ۽ کاٻي ڌر وارا وفاق لاءِ اهم رول ادا ڪن.
    ڪاوش: ممتاز، پليجو، دودومهيري وغيره اسلام آباد به ايندا رهيا آهن اوهان سان به ملندا آهن اوهين انهن کي ڪو رول ڏيڻ چاهيو ٿا يا مڙئي گپ شپ ڪندا آهيو؟
    مشاهد: نه نه، رول ڏيڻ جي ڳالهه ناهي هو دوست آهن. مسئلن تي ڳالهائيندا آهيون مڙئي گپ شپ ڪندا آهيون اسين سمهجون ٿا ته اهي بااحترام هستيون آهن اسين هنن کان ڪجهه سکندا آهيون.
    ڪاوش: جيڪڏهن اوهين هنن جو احترام ڪريو ٿا ۽ سندن ڏاهپ ۽ تجربي جو اقرار به ڪريو ٿا ته پوءِ عوام جي ڀلي لاءِ سندن خدمتون ڇو نه ٿا حاصل ڪريو ۽ ڪو ڪردار کين سونپيو؟
    مشاهد: انهن سڀني دوستن جو پنهنجو ڪردار آهي اهو سنڌ ۾ رهي ادا ڪن ٿا. هو پاڪستاني معاشري مان استحصال ختم ڪرڻ چاهين ٿا. هنن جي پنهنجي سوچ آهي پنهنجو ڪم، ڪجهه معاملن تي تنقيد به ڪندا آهن اسان سمجهون ٿا ته اختلاف راءِ جي باوجود به هنن سان ملاقاتون ۽ ڳالهيون ٿينديون رهن. شيخ اياز جي ياد ۾ ڪراچي ۾ ٿيل ميڙاڪي ۾ حميده کهڙو چيو هو ته پنجاب ۾ جيسين نئين سوچ ۽ نئين قيادت پيدا نه ٿيندي تيسين پاڪستان ۾ قوميتن جو مسئلو ٺيڪ نه ٿيندو. مان اهو ٻڌائڻ گهران ٿو ته 25 سالن ۾ پهريون دفعو پنجاب ۾ نئين سوچ ۽ نوازشريف جي روپ ۾ نئين قيادت اڀري آهي اها گڏجي هلڻ جي سوچ آهي ان سان سنڌ ۽ پنجاب جا رشتا مضبوط ٿيندا ۽ وفاق مضبوط ٿيندو.
    ڪاوش: اوهان دانشور ليگ به تڪڙ ۾ ٺاهي هئي ۽ ان جو مثال ايئن آهي ته اهو ٻار، جيڪو پيدا ٿيندي ئي مري وڃي يا سڪرات ۾ هجي، اوهان هٿ ڇو ڪڍي ويا؟
    مشاهد: اسان جو سنڌ جي دانشورن سان تعلق رڳو دانشور ليگ ذريعي ناهي، هر ڪنهن جو پنهنجو رول آهي مير ٿيٻو به هلي پيو. هو به دانشور آهي. ترقي پسند دانشور هن جا دوست آهن هو ملڪ ۾ دانشورن ذريعي بهتري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.
    ڪاوش: سنڌ ۾ مسلم ليگ جي تنظيم ڪاري نه ٿي آهي هڪ سال کان آرگنائيزنگ ڪاميٽيون پيون ڪم هلائين، ڇا الاهي بخش سومرو ۽ غوث علي شاهه وارن گروپن ۾ اڻبڻت سبب چونڊ نه پيا ڪرايو يا ٻيو ڪو سبب آهي؟
    مشاهد: الله جي فضل سان سنڌ ۾ مسلم ليگ ۾ هاڻي ڪا به گروپنگ ناهي. گروپنگ ماضي جو حصو آهي. هن وقت ڪنهن گروپ جو نه پر مسلم ليگ جو وڏو وزير آهي. اليڪشن هاڻي ڪرايون پيا.
    ڪاوش: اهو به تاثر آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا هفتي ۾ 3 ڏينهن لاهور وڃي ٿي باقي ملڪ جي ٻين حصن ۾ نٿا وڃن. ڇو؟
    مشاهد: ايئن بلڪل ناهي. آئون گوهر ايوب، مجيد ملڪ، چوڌري نثار لاهور ڪو نه ويندا آهيون. ملڪ جي ٻين حصن ۾ ويندا آهيون.
    ڪاوش: اوهان جي حڪومت جيڪي برطرفيون ڪيون آهن انهن ۾ 70 سيڪڙو ماڻهو سنڌ جا هئا، ايئن ڇو ٿيو آهي؟
    مشاهد: جيڪي ماڻهو گولڊن هينڊ شيڪ هيٺ ويا آهن سنڌ جا به هئا پنجاب جا به هئا. نوڪرين مان برطرف ڪيل رڳو سنڌ جا نه پر پنجاب ۽ سرحد جا به آهن.
    ڪاوش: سئي سدرن مان ته بلوچن ۽ سنڌين کي ڪڍيو ويو پر سئي ناردرن مان پٺاڻن ۽ پنجابين کي ڇو ڪو نه ڪڍيو ويو؟
    مشاهد: جيڪي به برطرفيون ٿيون آهن اهي مليل جليل آهن. اسان وٽ ته ڪيترن برطرف ٿيلن جي معاملن تي ايم ڪيو ايم، اي اين پي ۽ ٻين به اعتراض ڪيا ان جو مطلب ته سڀني سان ساڳيو سلوڪ ٿيو آهي.
    ڪاوش: اوهان جي زندگي جي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ڇا آهي؟
    مشاهد: مشڪل سوال آهي. مان سمجهان ٿو ته ميان نوازشريف کي مون اسٽيبلشمينٽ جي حامي سياستدان کان اينٽي اسٽيبلشمينٽ پالٽيشن ٺاهڻ جو جيڪو ڪم ڪيو آهي اها وڏي ڪاميابي آهي.
    (14 فيبروري 1998ع)


    سرحد ۾ ليگي سرڪار جو “ڌڙن تختو” ٿي سگهي ٿو

    سرحد ۾ ليگي سرڪار جو “ڌڙن تختو” ٿي سگهي ٿو

    سرحد صوبي جو نالو پختونخواهه نه رکڻ واري معاملي تي اي اين پي ۽ مسلم ليگ (ن) جي 9 سالن جو ساٿ ٽٽي پيو آهي. اي اين پي حڪومت کان ڌار ٿي وئي آهي. اي اين پي وارا سرحد اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن سان گڏ ويهڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن ۽ ٻنهي اسيمبلين جي اسپيڪرن کي ڌار سيٽون اسيمبلي اندر الاٽ ڪرڻ لاءِ درخواستون به ڏئي چڪا آهن. اي اين پي جا 3 صوبائي وزير، سرحد ڪابينا ۽ هڪ وفاقي وزير به استعيفيٰ ڏئي چڪا آهن. اسفند يار ولي پارلياماني سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفا ڏني آهي پر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽيڊنگ ڪاميٽين جي چيئرمين وارن عهدن تان هنن استعيفائون اڃا ڪو نه ڏنيون آهن.
    سپريم ڪورٽ اڄ نواز شريف ۽ سندس 7 پارليامينٽيرين سميت بينظير ڀٽو ۽ ڪجهه وڪيلن ۽ صحافين خلاف هلندڙ توهين عدالت ڪيسن جي ڪارروائي مڪمل ڪري فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏنو آهي. توهين عدالت ڪيسن ۾ ڌر بڻيل وڪيلن جن دليل بازي ۾ به حصو ورتو آهي تن جو خيال آهي ته ڪيس سزا جهڙو ڪو نه جڙي سگهيو آهي. سپريم ڪورٽ تي ڪيل حملي واري ڪيس جي سماعت لاءِ چيف جسٽس اجمل ميان پاران ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ جوڙيل بئنچ اٽارني جنرل، انسپيڪٽر جنرل پوليس اسلام آباد ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي 2 مارچ تي طلب ڪرڻ لاءِ نوٽيس به جاري ڪيا آهن. هڪ ته سپريم ڪورٽ اندر جيڪو پنهنجو ڪلوز سرڪٽ ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ آهي ان ۾ رڪارڊ ڪيل حملي جي سين واري ڪيسٽ عدالت وٽ ئي آهي ٻيو ته بي بي سي واري فلم سميت اخباري خبرن ۽ تصويرن کي به ثبوتن ۾ شامل ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪيس جو فيصلو سزا واري پاسي ٿيو ته هن ڪيس ۾ 6 کان 8 پارليامينٽيرين نااهل ٿي سگهن ٿا جن ۾ 2 وفاقي وزير به شامل آهن. مبينا طور چيف جسٽس اجمل ميان خلاف عمر جي سرٽيفڪيٽ ۽ سندس گهر ۾ هڪ سال اڳ هڪ نوڪرياڻي سان ڪيل زيادتي وارن واقعن بابت خبرون هلرائي حڪومت ڄڻ ته پنهنجي لاءِ پاڻ محاذ کوليو آهي. سجاد علي شاهه ته هڪدم رد عمل ظاهر ڪيو هو پر چيف جسٽس اجمل ميان ٿڌائپ کان ڪم ورتو ۽ ڪو رد عمل ظاهر نه ڪيو. بينچ جو سربراهه ناصر اسلم زاهد آهي. جيڪڏهن ڪابينا جي 2 ميمبرن سميت حڪومتي ڌر جا ڪجهه سينيٽر ۽ ايم اين ايز عدليا تي حملي جي ڏوهه ۾ نااهل ٿي ويا ته موجوده حڪومت جي سياسي شڪست ۽ تباهي جو ان کان وڏو ڪو ٻيو سانحو نه ٿيندو.
    ايم ڪيو ايم پاران اکيون ڦوٽاري حڪومت کي قاتل ڪوٺي احتجاج ڪرڻ بعد اي اين پي جو ڌار ٿيڻ، سپريم ڪورٽ تي حملي جو دٻجي ويل معاملو نئين سر منظر عام تي اچڻ مستقبل ۾ ايندڙ هڪ وڏي بحران جا اشارا آهن جنهن جي جهٽڪن کان نواز حڪومت لاءِ پاڻ بچائڻ شايد ناممڪن هجي. گادي واري شهر جي اهم حلقن ۽ سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته نواز حڪومت جو زوال شروع ٿي ويو آهي. چيو وڃي ٿو ته 2 ڊسمبر تي هڪ اهم ملڪ جي سفير سان صلاح بعد ملڪ جي جنهن اهم شخصيت صبح جو صدر فاروق لغاري کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان منع ڪئي هئي هينئر اهو به حڪومت لاءِ ڪجهه ڪو نه ڪندو. جيتوڻيڪ ان جڏهن صدر لغاري سان پهرين ڊسمبر تي شام جو ملاقات ڪئي هئي ته هن لغاري سان اتفاق ڪيو هو ته سجاد علي شاهه حق تي آهي پر اهڙي سڌ پوڻ تي نواز شريف رات جو ئي ٻن وزيرن کي هڪ سفير وٽ موڪليو جنهن جي فون تي ٿيل رابطي بعد لغاري کي اسيمبلي ٽوڙڻ کان روڪيو ويو هو. جيتوڻيڪ ان همراهه جڏهن لغاري کي روڪيو هو تيستائين لغاري وٽ اسيمبلي ٽوڙڻ جا اختيار نه هئا پر ملاقات جي هڪ ڪلاڪ بعد جڏهن سپريم ڪورٽ اسيمبلي ٽوڙڻ وارا صدر جا اختيار بحال به ڪيا ته به لغاري پنهنجي اسڪيم تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ۽ استعيفا ڏئي عزت بچائي هئي. ايئن نواز حڪومت کي نئون جنم ڏيندڙ اها ڌر هينئر اهڙو ڪو به ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
    قاضي جي احتساب تحريڪ ۽ بينظير جي حڪومت خلاف تحريڪن جو مقصد به نواز سرڪار هٽائڻ آهي. انهن تحريڪن جي شروعات، اي اين پي جي حڪومت کان ڌار ٿيڻ، بلوچستان نيشنل پارٽي جو فنڊز جي معاملي تي احتجاج ۽ ڌمڪيون. ايم ڪيو ايم پاران ”رعايتون“ وڌائڻ جا مطالبا ۽ حڪومت کان ڌار ٿيڻ جا چتاءُ بظاهر ته ڌار ڌار آهن پر مستقبل قريب ۾ انهن جو سلسلو گڏبو.
    گادي واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته ڪجهه هفتن ۾ سرحد جو وڏو وزير وري شير پائو ٿيندو. اي اين پي ۽ شير پائو ۾ رابطا ٿي چڪا آهن شير پائو 6 ميمبرن جي حمايت جي دعويٰ ڪئي آهي جن ۾ 4 پي پي جا ۽ 2 ٻين ڌرين جا آهن. 32 ميمبر اي اين پي وٽ آهن. 83 سيٽن واري سرحد اسيمبلي ۾ حڪومت ٺاهڻ لاءِ 42 ميمبرن جي ضرورت آهي. اليڪشن ۾ مسلم ليگ سرحد اسيمبلي ۾ 32 سيٽون کٽيون هيون بعد ۾ 5 آزاد ميمبر شامل ڪري هينئر 37 ميمبرن جي پارٽي بڻجي وئي آهي. اي اين پي جا اليڪشن ۾ 28 ميمبر چونڊيا ۽ 5 آزاد ميمبر شامل ڪري هن پنهنجو انگ 32 ميمبرن تائين پهچايو. هن وقت سرحد اسيمبلي ۾ جيڪا پارٽي پوزيشن آهي ان موجب مسلم ليگ (ن) 37، اي اين پي 32، پي پي 4، جوڻيجو ليگ 2، جي يو آءِ (ف) هڪ ۽ 3 اقليتن سميت آزاد 4 ميمبر آهن.
    آفتاب شير پائو جنهن صابر شاهه حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ مبينه طور مهراڻ بئنڪ جي اڪائونٽ سميت پنهنجو بئنڪ بيلنس به استعمال ڪيو هو ان لاءِ وڏو وزير ٿيڻ جي هن وقت آئيڊيل صورتحال آهي. 8 ميمبرن جي حمايت جي هو دعويٰ ڪري ٿو ۽ 32 ميمبر اي اين پي وٽ آهن 40 اهي ٿي ويا. باقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ 2 ميمبر گهرجن جيڪي ”حاصل ڪرڻ“ ڪو مهانگو سودو ناهي. جيڪڏهن شير پائو جي دعويٰ غلط هجي ۽ هن وٽ 4 ميمبر جيڪي آهن اهي ئي ليکيون ته به اي اين پي سان ملائي 36 ميمبر ٿين ٿا ان صورت ۾ 6 ميمبر کٽن ٿا. اها کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پي پي جي سابق اتحادين يعني جوڻيجو ليگ ۽ فضل الرحمان جا ملائي 3 ميمبر ٿين ٿا ۽ اڃا به 4 اهڙا آزاد ميمبر باقي بچن ٿا جن ۾ هڪ ته تحريڪ انصاف جو محسن علي خان آهي اهو هينئر به اپوزيشن ۾ آهي ۽ شير پائو سان همدردي رکي ٿو باقي 3 اقليت وارا آهن. انهن کي وزير به بڻايو ويو ته هو خوشي سان ايندا. ان صورتحال کي ڏسڻ بعد اهو بلڪل ممڪن آهي ته ڪنهن به وقت سرحد ۾ نواز ليگ جي حڪومت جو تختو ڌڙام سان ڪري پوندو.
    جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ته ان جو ٻيو رخ اهو آهي ته اي اين پي ۽ شير پائو اپوزيشن ۾ ويهندا ۽ نوابزده محسن علي خان اڳ ۾ ئي اپوزيشن ۾ آهي ان صورت ۾ 37 ميمبر ته هي ٿين ٿا ۽ حڪومت وٽ ان صورت ۾ 46 ميمبر بچن ٿا. وڏو وزير اڪثر سرڪاري مصروفيتن سبب ٻاهر هوندو آهي ۽ ڪارروائي ۾ نه ايندو آهي. باقي ڪابينا جا ڪجهه ميمبر به پرڏيهي ۽ ڏيهي دورن ۽ مصروفيتن سبب غائب رهندا آهن. اهڙي صورت ۾ اسيمبلي اندر ڪنهن به معاملي تي ووٽنگ دوران حڪومت کي شڪست جو خدشو موجود رهندو. سرحد اسيمبلي جو اسپيڪر هن وقت اي اين پي جو آهي. اهو به حڪومت کي رعايت نه ڏيندو. هو ايئن ڪندو ته حڪومت هن کي ڪيئن برداشت ڪندي ظاهر آهي ته هو تبديل ٿيندو هو جيڪڏهن تبديل ٿئي ٿو ته پوءِ اي اين پي ماٺ ڪيئن ڪندي؟ سرحد سرڪار ڊٺي ته نواز سرڪار سياسي منظرنامي ۾ موجوده منزل تان ٻه ڏاڪا هيٺ بيٺل هوندي.
    (27 فيبروري 1998ع)


    لڏڻ ۽ ٻڏڻ وچ ۾ بيٺل واڳ ڌڻي

    لڏڻ ۽ ٻڏڻ وچ ۾ بيٺل واڳ ڌڻي

    اڄڪلهه جيتوڻيڪ ٺاپر آهي پر پوءِ به گادي واري شهر جا باخبر حلقا پيشن گوئيون ڪري رهيا آهن ته عنقريب وري بحران اچڻ وارو آهي ۽ هن دفعي ايندڙ بحران جي نتيجي ۾ حڪومتي بئنچن ۾ ٽاڪوڙو پوندو ۽ وزيرن ۾ به واضح گروپ ٿي ويندا. انهن حلقن جو چوڻ آهي ته ان بحران جي نتيجي ۾ سرڪار هلي ڪو نه ويندي پر لڏي اهڙي ويندي جو ڪنهن به مهل ٻڏي سگهي ٿي. ساڍن ٻارنهن مهينن جي هن حڪومت بابت اڳڪٿيون ڪرڻ جا شوقين حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته هن حڪومت جي مجموعي عمر 25 مهينن کان وڌيڪ نه آهي. هيستائين ساڍا ٻارنهن مهينا گذري چڪا آهن باقي وقت اڌ وڃي رهيو اٿن. ان حساب سان ته هي حڪومت مارچ 1999ع تائين هلندي. اهي حلقا اهو به چئي رهيا آهن ته حڪومت خلاف بينظير ڀٽو ۽ قاضي واريون تحريڪون سيپٽمبر 1998ع ۾ باقاعده زور وٺنديون.
    ڊسمبر1998ع ۾ آرمي چيف جي مقرري ٿيندي. جنرل جهانگير ڪرامت کان پوءِ جيڪي 2 سينيئر جنرل هن وقت آهن اهي جون 98ع تائين رٽائر ڪري ويندا. هنن جي رٽائرمينٽ وزيراعظم منظور ڪري ڇڏي آهي تنهن ڪري سندن ملازمت جي مدت وڌڻ جو ڪو به امڪان نه آهي. هنن جي رٽائرمينٽ بعد اڄڪلهه جيڪا تازو ترتيب ڏنل سينارٽي لسٽ آهي ان موجب ڪرامت کان پوءِ سينيئر جنرل علي قلي خان آهي پر هو ملٽري انٽيليجنس جو چيف رهيو آهي ۽ هيستائين جي روايتن موجب ڪنهن به ڳجهي ايجنسي جي سربراهه کي ڪنهن به فورس جو سربراهه نه ڪيو ويو آهي. سينارٽي لسٽ موجب علي قلي خان کان پوءِ ترتيبوار سينيئر جنرل ۾ جنرل خالد نواز خان آهي جيڪو هن وقت بهاولپور ۾ ڪور ڪمانڊر آهي ان بعد منگلا وارو ڪور ڪمانڊر جنرل پرويز مشرف ۽ هن کان پوءِ آءِ ايس آءِ جو چيف جنرل نسيم رانا سينيئر آهي. هي چارئي جنرل هڪ بئچ جا آهن. هنن مان جنرل نسيم رانا کانسواءِ باقي ٽئي جنرل آڪٽوبر 1999ع ۾ رٽائر ٿيندا ۽ جنرل نسيم رانا ڊسمبر 1998ع ۾ رٽائر ٿيندو. چيو وڃي ٿو سينارٽي لسٽ موجب نئين آرمي چيف جي تقرري لاءِ مقابلي ۾ علي قلي خان ۽ خالد نواز مان هڪ جو امڪان گهڻو آهي. هنن ٻنهي جا والد به فوج مان ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تان رٽائر ٿيا هئا. علي قلي خان جي والد جو نالو جنرل (ر) حبيب الله خان ۽ خالد نواز جي والد جو نالو جنرل (ر) نواز ملڪ آهي. انهن جنرلن بعد سينارٽي موجب ترتيبوار جنرل افتخار حسين شاهه، جنرل ضياءَ الدين ۽ ملتان وارو ڪور ڪمانڊر جنرل صلاح الدين ترمذي جا نمبر آهن. اهم حلقن جو چوڻ آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري لاءِ صلاح الدين ترمذي تائين لسٽ ۾ شامل جنرلن جي نالن تي غور ٿيندو ۽ اهو وزيراعظم جو صوابديد آهي ته هو جنهن کي به مقرر ڪري.
    جڏهن کان سپريم ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو آهي ته سينارٽي جي اصول کي ڪنهن به حالت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي ان بعد حڪومت لاءِ صوابديدي اختيار استعمال ڪرڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو آهي. ان تناطر ۾ جڏهن آرمي چيف جي مقرري وارو معاملو به ڏسجي ٿو ته نظر اچي ٿو ته حڪومت کي ان معاملي تي وڏي ”مغز ماري“ ڪرڻي پوندي. ايئن به هر حڪومت لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ پل صرات تان گذرڻ کان گهٽ ناهي رهيو.
    گادي واري شهر ۾ چوٻول آهن ته ايندڙ سيپٽمبر تائين ڪلنٽن جي دوري کان اڳ محترمه بينظير ڀٽو ۽ قاضي حسين احمد واريون تحريڪون به زور وٺنديون ۽ اهو ئي وقت هوندو جڏهن اپوزيشن جو گرينڊ الائنس به ٺهندو. اي اين پي سميت سڀ ننڍيون وڏيون ڌريون ان ۾ شامل ٿينديون. هي گرينڊ الائنس هڪ مضبوط پليٽ فارم بڻبو. هي اهو ئي وقت هوندو جڏهن آمريڪي صدر بل ڪلنٽن به ايشيا جي دوري تي ايندو جنهن دوران ڪشمير جي قسمت جو فيصلو ٿيندو. جيڪو ”سپر پاور“ جي پروگرام موجب، نه ڀارت کي ۽ نه پاڪستان کي ملندو پر ڌار هڪ رياست طور دنيا جي نقشي تي ظاهر ٿيندو. جيئن ته اڄڪلهه ڀارت ۾ هندو انتها پسند جماعت بي جي پي کٽي آئي آهي ان جي حڪومت جڙڻ بعد جيسين هنن جي ساک خراب ٿئي ان کان اڳ ئي ڪلنٽن پنهنجو ڪم ڪندو يعني ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍيو ويندو. جيئن ئي ڪشمير معاملو حل ٿيندو ته ان بعد حڪومت خلاف تحريڪ زور وٺندي ۽ اها تحريڪ مارچ 99ع تائين ڪنهن انجام تائين پهچندي. مارچ 1999ع کان پوءِ جي ڇا صورتحال هوندي ان بابت في الحال ڪا به ٿيوري نه پئي پيش ڪئي وڃي. خود حڪومت جي خاتمي جي ٿيوري پيش ڪندڙ به ان مسئلي تي مونجهارن جو شڪار آهن. هڪ راءِ اها آهي ته ان بعد سارڪ ملڪن ۾ ”فري ٽريڊ“ وارو فارمولو رائج ڪيو ويندو. هندستان ۽ پاڪستان ٻئي پنهنجون فوجون گهٽ ڪندا. خرچ گهٽائي ڇڏيندا ۽ عالمي ادارن وارا هنن ٻنهي ملڪن کي ڏنل پنهنجا قرض وصول ڪرڻ شروع ڪندا.
    ملڪ ۾ ٿيندڙ آدمشماري ۽ ان جي نتيجن جي حوالي سان امڪاني رد عمل مان به گهڻيون ئي ٿيوريز گشت ۾ آهن. ڪن حلقن جو خيال آهي ته آدمشماري جا نتيجا ڪو به قبول نه ڪندو ان جي نتيجي ۾ ٽنهي صوبن ۾ پنجاب خلاف ”جذبات“ وڌي سگهن ٿا. جيتوڻيڪ آدمشماري فوج جي نگرانيءَ ۾ ٿي رهي آهي پر پوءِ به چيو وڃي ٿو ته آدمشماري جي نتيجن تي گوڙ ٿيندو. ڇو ته عام چونڊون به فوج جي نگراني ۾ ٿيون هيون ۽ انهن جا نتيجا ته سڀني قبول ڪيا پر پوءِ به ڌانڌلي جا الزام لڳايا ويا هئا. افتخار گيلاني ۽ محمود خان اچڪزئي سميت جنهن به ڌانڌلي جو الزام فوج تي هنيو آهي اڄڪلهه قومي ڌارا مان ايئن پري ڌڪجي ويا آهن جيئن مکڻ مان وار نڪري ويندو آهي. شاباس هجي محترمه کي جنهن سان اليڪشن ۾ ايڏي جٺ ٿي پر پوءِ به هن ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي به قومي اداري تي الزام نه ڏنو. شايد اهو ئي سبب آهي جو اڄ وري آهستي آهستي گيم ۾ موٽي رهي آهي. بهرحال آدمشماري ٿيڻ بعد جيئن ته حتمي نتيجو 18 مهينن ۾ قانون موجب ايندو آهي ۽ عبوري نتيجو ٽن مهينن ۾ ظاهر ڪرڻ لاءِ حڪومت قانوني طور پابند آهي ان ڪري انهن نتيجن ۾ جيئن ته پوءِ به ڦير ڦار ٿي سگهي ٿي جنهن جو الزام حڪومت تي اچي سگهي ٿو پر فوج تي نه ايندو ڇو ته فوج صرف آدمشماري ڪرڻ تائين ٻڌل آهي ان بعد حڪومت ڄاڻي ۽ ان جو ڪم.
    حڪومت وارن جڏهن کان صدر رفيق تارڙ کان احتساب ايڪٽ ۾ ترميم ڪرائي آرڊيننس جاري ڪرايو آهي تنهن بعدا حتساب بيورو کي لامحدود اختيار ته مليا آهن پر احتساب بيورو وارن کان اهي هضم نه پيا ٿين. هو انهن اختيارن جو استعمال بنا سوچڻ سمجهڻ جي ايئن ڪري رهيا آهن جو سندن واهه واهه ٿيڻ بدران بدنامي پئي ٿئي. تازو احتساب بيورو وارن جنهن نموني عثمان فاروقي جي ڌيءَ ۽ زال کي پڪڙيو ان بعد ته قومي دولت ڦريندڙ عثمان فاروقي جي گهر وارن سان هڪ همدردي پيدا ٿي پئي جنهن جو مثال خود وزيراعظم جو اهو حڪم آهي جنهن موجب شرميلا فاروقي کي ڇڏڻو پيو. سيف الرحمان صاحب حسين لوائي جي آسٽريليا ۾ گرفتاري جي دعويٰ ڪئي پر ٻئي ڏينهن هن پريس ڪانفرنس ڪري چيو ته هو باعزت نموني سان گڏيل عرب امارات ۾ ويٺو آهي. اهي خبرون اچڻ بعد سيف جي احتساب واري ڪارراوئي جي ڪهڙي ساک باقي بچي؟ لوائي خلاف سيف جي هڪ سال بعد ڪارروائي بابت چيو وڃي ٿو ته اها ان سبب ڪري ڪئي وئي آهي ته لوائي چوڌري شجاعت جو خانداني يار آهي. چيو وڃي ٿو ته سيف ۽ شجاعت جي پاڻ ۾ اڻبڻت ايتري وڌي وئي آهي جو احتساب بيورو جي مشينري اڄڪلهه محترمه وارن سوئيز اڪائونٽس جي جاچ ڇڏي لوائي ۽ ”چوڌرين“ جي دوستن جي ڪڍ لڳل آهي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ جيڪڏهن احتساب بيلنس ڪرڻ لاءِ ڪنهن حڪومتي ماڻهو خلاف ڪو ڪيس اچي ته پڪ سمجهجو ته اهو شجاعت جو دوست يا ويجهو عزيز هوندو. اهو جيڪو به ڪجهه ٿي رهيو آهي محترمه بينظير وارن لاءِ ڀلو آهي ڇو ته هو ڪجهه ڏينهن سڪون سان گذاريندا آهن. محترمه کان وڌيڪ سندس ميڊيا سيل وارن مسڪينن لاءِ سڪون واري ڳالهه هوندي جيڪي سيف الرحمان جي الزامن جا جواب ڏيڻ ۾ ئي پورا هوندا آهن.
    احتساب جي چيمپئن سيف الرحمان کي اهڙا اختيار ڏيڻ تي صدر تارڙ ته اپوزيشن جون تنقيدون برداشت ڪري رهيو آهي پر سيف الرحمان جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه پئي چري. اپوزيشن ليڊر محترمه بينظير ڀٽو به تارڙ خلاف ايئن ئي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي آهي جيئن لغاري تي نواز شريف ڪرڻ شروع ڪئي هئي.نواز وارن ته لغاري کي صرف جيالي صدر جو لقب ڏنو هو پر محترمه تارڙ کي اتفاق فائونڊري جو چوڪيدار ڪوٺيو آهي. نواز وارن جي مسلسل تنقيد کان گهٽ پر خود بقول لغاري جي ته هو محترمه ۽ اهم پارٽي ميمبرن جي توهين آميز روين سبب سندن خلاف ٿيو هو پر ساڳيو فارمولو تارڙ تي ڪو نه هلندو ڀلي محترمه ڪيتري به ڪوشش ڪري پر تارڙ رائيونڊ جي مريدي ڪو نه ڇڏيندو. ان ڪري محترمه لاءِ بهتر شايد اهو ئي ٿيندو ته هوءَ ان لائين تي وقت وڃائڻ بدران ڪو ٻيو گس جهلي. اهو ڪم جهانگير بدر سٺي نموني ڪري سگهي ٿو. جيڪو چون ٿا ته اڄڪلهه شهباز شريف جي ڪري بلڪل خاموش آهي. جهانگير بدر ته حڪومت وڃڻ بعد ايئن گم ٿيو آهي جو ڳوليو ڪو نه ٿو لڀجي نه ڪو سندس بيان ٿو اچي ۽ نه هو وري ڪو گهڻو سرگرم آهي. تازو پتو پيو ته جهانگير بدر ملڪ ۾ موجود آهي ۽ خاموشي جي زندگي گذاري رهيو آهي. هڪ خبر موجب هن جي لاهور جي ٻاهران روڊ تي گاڏي خراب ٿي پئي. هو شهر مان هڪ مستري وٺي ان مستري جي موٽر سائيڪل تي ٻيلهه چڙهي گاڏي ٺهرائڻ پئي ويو ته رستي ۾ پوليس وارن کين روڪيو ۽ دڙڪا ڏنا ته ٻيلهه سواري تي بندش آهي ۽ دهشتگردي سبب پابندي لڳائي وئي آهي اوهان ڀڃڪڙي ڪئي آهي. تنهن ڪري ٿاڻي حلو. جهانگير بدر کين تعارف ڪرايو ته هو معزز سينيٽر آهي ۽ سندس گاڏي خراب ٿي پئي آهي پر پوليس وارن هن کان ڪارڊ گهريو ته اهو به هن وٽ ڪو نه هو جنهن بعد سپاهين چيس ته جيڪو ڦاسندو آهي اهو سينيٽر ئي سڏائيندو آهي اوهان کي ٿاڻي هلڻو پوندو. هنن ۾ اڃا بحث مباحثو جاري هو ته رستو بلاڪ ٿيڻ ڪري ڪجهه ماڻهو مڙي ويا جن پوليس وارن کي ٻڌايو ته جهانگير واقعي سينيٽر آهي ۽ پوءِ پوليس وارن کيس ڇڏي ڏنو. گم ٿيل جهانگير بدر جي ان خبر بعد ئي سندس اها پهرين سرگرمي ظاهر ٿي آهي. چوڻ وارا چون ٿا ته جهانگير بدر جي ”خاموشي“ جو سبب هن کان پ پ پنجاب جي صدر جو عهدو وڃڻ آهي.
    (10 مارچ 1998ع)


    ننڍن صوبن لاءِ پئسن جي اڻهوند

    ننڍن صوبن لاءِ پئسن جي اڻهوند

    چيف آف آرمي اسٽاف جنرل جهانگير ڪرامت آمريڪا جو پهريون سرڪاري دورو ڪري واپس وطن پهچي چڪو آهي. هن جي 10 ڏينهن واري آمريڪي دوري کي فوجي حلقا انتهائي اهم ۽ ڪامياب قرار ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته اهو دورو ڪامياب ته آهي پر حڪومت لاءِ ان جا ڪي چڱا نتيجا ڪو نه نڪرندا. ڇو ته هاڻي هن خطي ۾ سياسي ڌرين جي ڪلهي تي بندوق رکي جيڪي به قوتون ڪو به ڪم ڪنديون، ان جو مڪمل ڪريڊٽ رڳو سياسي ڌرين کي ڪو نه ملندو پر ان جي 60 کان وڌيڪ سيڪڙو چڱائي نان سويلين جي کاتي ۾ ليکي ويندي. ڪنهن به فوجي سربراهه کي آمريڪا جو سرڪاري دورو ملڻ هن جي اهميت جو اندازو لڳائڻ لاءِ ڪافي هوندو آهي پر جهانيگر ڪرامت واري ڪيس ۾ ان جا ٻٽا فائدا ليکجڻ گهرجن. ڪرامت آمريڪا جي جن اهم عهدن وارن آفيسرن سان ملي آيو آهي انهن جا جيڪڏهن عهدا لکيا وڃن ته ان لاءِ به گهٽ ۾ گهٽ 5 لائينون گهرجن. هن جيڪو ڪجهه ملڪي مفادن ۽ آرمي جي مفادن بابت آمريڪا سان طئي ڪيو آهي ان بابت 30 مارچ کان شروع ٿيندڙ ۽ 3 اپريل تائين جاري رهندڙ ٽاپ ملٽري ليڊر شپ جي اجلاس ۾ بريفنگ ڏئي فوجي قيادت کي اعتماد ۾ وٺندو پر ان کان اڳ هو صدر تارڙ ۽ ميان نواز شريف کي به حال احوال ٻڌائيندو. گاديءَ واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته هاڻي نواز شريف کي گذريل بحران مان بچائيندڙن جو لهجو ۽ اسٽائيل سخت هوندو جنهن جا آثار جلد ئي ظاهر ٿيڻ شروع ٿيندا.
    ڪرامت جي آمريڪي دوري دوران ئي پاڪستان غوري ميزائيل جي حتمي ٽيسٽ فائر واري تقريب ملتوي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. پروگرام موجب ان ميزائيل جو افتتاح نواز شريف کي 22 مارچ تي ڪرڻو هو پر هاڻي خبر ناهي ته ۽ ان جو افتتاح ڪڏهن ڪندو؟ ڇو ته هن ميزائيل جي افتتاح لاءِ جڏهن محترمه بينظير ڀٽو تياري ڪئي ته ان وقت سندس حڪومت هلي وئي ۽ هاڻي جڏهن نواز شريف ان جي افتتاح ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ته اها تقريب ئي ملتوي ڪئي وئي. پاڪستان کي غوري ميزائيل جي ٽيڪنالاجي اتر ڪوريا جي ليڊر ڪم ال سنگ ڏني هئي. اها ٽيڪنالاجي ڏيڻ تي اتر ڪوريا ۽ وٺڻ تي پاڪستان سرڪار تي وڏو دٻاءُ هو. بينظير جڏهن چين مان اتر ڪوريا وڃڻ جو پروگرام رٿيو ته ان کي اتر ڪوريا ۾ لينڊ ڪرڻ تائين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي. ان دوري ۾ محترمه سان گڏ رهندڙ شخص ٻڌايو ته ٻيو ته ٺهيو پر پاڪستان جو پرڏيهي سيڪريٽري به ٻين کان وڌيڪ مخالفت ڪري رهيو هو. پاڪستان کي ميزائيل ٽيڪنالاجي بينظير ڀٽو اتر ڪوريا مان آڻي ڏني. آرمي چيف جي آمريڪا جي دوري جي ڪاميابي اها به آهي ته آمريڪي فوجي سربراهه ايندڙ مهيني پاڪستان جي دوري تي اچي رهيو آهي جنهن جي ڪا عام رواجي ايجنڊا هرگز نه هوندي.
    آرمي چيف جي دوري بعد جيڪي حلقا اهو چئي رهيا آهن ته هاڻي حڪومت کي گهٽ لفٽ ملندي سي ساڳئي وقت بينظير ۽ نواز شريف پاران ايندڙ پاليسيون/بيان ڏسي انهن مان ”لاهور“ ۽ ”لاڙڪاڻي“ جو تاثر محسوس ڪندڙ اهڙين پاليسين کي به ان ئي سلسلي جي ڪڙي قرار ڏيندي ان کي ملڪ جي مستقبل لاءِ سٺو ڪو نه ٿا سمجهن. هن وقت پنجاب کانسواءِ باقي ٽئي صوبا اين ايف سي ايوارڊ موجب وفاق کان پئسا نه ملڻ جون دانهون ڪري رهيا آهن. موٽروي پنجاب ۾ ته ٺهيو پر سنڌ ۾ انهن هاءِ ويز جي سيڪشنز جو ڪم به مڪمل نٿو ڪيو وڃي جن جو 80 سيڪڙو ڪم اڳ ۾ ئي مڪمل آهي. ماس ٽرانزٽ اسڪيم ڪراچي واري ته لڙهي وئي پر لاهور ۾ ٺهي رهي آهي. سنڌ لاءِ پئسا نه هئڻ جو بهانو ڪري تعمير سنڌ فنڊ مان هڪ ارب رپين جي ته وفاقي حڪومت ڪٽوتي ڪري ڇڏي پر پنجاب ۾ نوان هوائي اڏا ٺاهڻ لاءِ پئسو آهي. ننڍن صوبن ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ لاءِ ته پئسو ڪو نه آهي پر سنڌ ۾ نواز ليگ جي حڪومت برقرار رکڻ لاءِ ايم ڪيو ايم کي 5 ڪروڙ ڏيڻ لاءِ رات ئي رات ۾ بندوبست ڪيو ٿو وڃي. اهو سڀ ڪجهه حادثاتي طور نه پر ڄاڻي واڻي ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد مخصوص ايجنڊا آهي جيڪا هن ملڪ جي مفاد ۾ نه پئي لڳي. اهو ئي سبب آهي ته پاڻ کي وفاق جي علامت سڏرائيندڙ نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو هاڻي پنهنجي پنهنجي صوبن جي حقن جي ڳالهه پيا ڪن ۽ هو هاڻي پاڻ کي پنهنجي پنهنجي صوبي جو انقلابي ليڊر ظاهر ڪرڻ ۾ رڌل آهن. اهڙي صورتحال جو سالن کان سنڌ جي قومپرست سياست ڪندڙن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ايئن نه ٿئي ته سڀاڻي ڌڪ جهلي ڀولڙو ۽ کٽيو کائي فقير واري صورتحال پيدا ٿئي. اهي ڌريون سنڌ پاران ڊيل ڪن جن هميشه اقتدار خاطر وفاق جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ سڀاڻي هو اقتدار خاطر وري صوبن جي ڳالهه ڪري ڪاميابي ماڻي وٺن.
    سينيٽر سيف الرحمان وارو احتساب بيورو هاڻي ان هٿرادو طور ڀريل 6 نمبر واري ڪارتوس جهڙو ٿي ويو آهي. جنهن ۾ گندرف ته آهي پر ڇرا ناهن. اهو ڪارتوس ڦاٽڻ سان ڌماڪو ته ڪندو پر ان سان شڪار ڪو نه ٿيندو. شرميلا فاروقي واري ڪيس جو ڪارتوس فائر ٿيڻ وارو آهي. هن ڪارتوس ۾ گندرف به آهي ته ڇرا به آهن ڏسون ته ان ڌماڪي سان ڪنهن کي ٿو نقصان رسي؟ چوڻ وارا چون ٿا ته شرميلا فاروقيءَ سان هڪ اهم شخصيت جيڪا فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ان جو شرميلا وٽ ٽيپ آهي جنهن ۾ ان شخصيت هن کي اسلام آباد سڏائي گپ شپ لاءِ چيو آهي ۽ اعتراض جوڳيون فرمائشون ڪيون آهن. ان کانسواءِ محترمه بينظير ڀٽو گلف جي دوري تي ويل آهي جتي هوءَ اي آر واءِ گولڊ جي مالڪ حاجي عبدالرزاق ۽ حسين لوائي سان به ملندي جنهن بعد اهو امڪان آهي ته هو ٻئي اهو بيان ڏيندا ته انهن کي ڪروڙين رپيا رشوت عيوض آصف زرداري ۽ بينظير ڀٽو خلاف واعدي معاف شاهد بڻجڻ لاءِ چيو ويو هو پر هنن انڪار ڪيو ته سندن خلاف احتساب جي نالي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اهي ثبوت آڻي محترمه لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ثابت ڪندي ته احتساب بيورو وارا صرف ۽ صرف کيس بدنام ڪري رهيا آهن. محترمه پاڪستان جي ڪنهن عدالت کان آرڊر وٺي پنهنجا پرڏيهه ۾ منجمند ڪيل اڪائونٽ آپريٽ ڪرڻ جي اجازت لاءِ ڪوشش ڪري رهي آهي. محترمه اهو ثابت ڪرڻ چاهي ٿي ته احتساب بيورو احتساب جي نالي تي ڍونگ آهي ڇو ته هي حڪومت پنهنجي ڌر وارن خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿي وٺي. ان کانسواءِ محترمه جي گلف واري اڻمندائتي دوري جو مقصد آصف زرداري کي نواز سرڪار کان پرڏيهه علاج جي اجازت ڏيارڻ آهي. سياسي طور محترمه لاهورين کي مڃائي آصف جي علاج جي اجازت وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيڻ بعد هوءَ نواز وارن جي انهن عرب دوستن وٽ ويندي، جن جي ڳالهه ٽارڻ سرڪار لاءِ مشڪل هوندو. توقع آهي ته محترمه عرب شيخن جي سفارش بعد آصف جي پرڏيهه علاج ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي. هونئن به ڏٺو وڃي ته انساني بنيادن تي اهو هر شخص جو حق آهي ته هن کي علاج ڪرائڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. آصف خلاف ڪرپشن ۽ مال ٺاهڻ جا الزام جنهن شدت سان لڳايا ويا آهن انهن ۾ وڌاءُ ٿو لڳي ڇو ته جيڪڏهن انهن الزامن ۾ گهڻي صداقت هجي ها ته هيستائين ڪو نه ڪو ڪيس حڪومت وارا بيهاري وڃن ها.
    (26 مارچ 1998ع)


    وفاق جا وچن ۽ سنڌ حڪومت

    وفاق جا وچن ۽ سنڌ حڪومت

    سنڌ حڪومت جي سموري انتظامي ۽ سياسي قيادت ٻن راتين ۽ اڍائي ڏينهن جي اسلام آباد ياترا بعد واپس ”وطن“ پهچي وئي آهي. گادي واري شهر ۾ ترسڻ دوران هنن کي وزيراعظم سميت ڪنهن به وفاقي نمائندي ڪنهن به قسم جي گارنٽي ڪو نه ڏني آهي. يعني نه سنڌ جي وفاق ڏانهن ڦاٿل رقم رليز ٿي آهي ۽ نه ئي سياسي مضبوطي جي ڪا واٽ کين ٻڌائي وئي آهي. سنڌ جو گورنر ليفٽيننٽ جنرل معين الدين حيدر، وڏو وزير لياقت علي جتوئي، قانون وارو وزير سليم ضياءَ، چيف سيڪريٽري سعيد مهدي، ايڊيشنل چيف سيڪريٽري شاهد نذير، انسپيڪٽر جنرل پوليس آفتاب النبي، قانون وارو صوبائي سيڪريٽري علي احمد جوڻيجو ۽ ايڊووڪيٽ جنرل ڪي اي وهاب آيا هئا. هنن جي چوڌري شجاعت، چوڌري نثار، جنرل (ر) مجيد ملڪ، ڪيپٽن (ر) حليم صديقي سان ملاقات ٿي. پروگرام موجب سيد غوث علي شاهه کي به شامل ٿيڻو هو پر هن کي سنڌ وارن جي ڪري ڪو نه گهرايو ويو. سنڌ حڪومت جي لابي موجوده وفاقي وزيرن، ڪامورن، راولپنڊي وارن ۽ صحافين جي حلقن ۾ ڪمزور آهي جنهن ڪري هنن کي پنهنجو موقف مڃرائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
    سنڌ هائوس جي سي ايم انيڪسي ۾ ٿيل رات جي پيٽ واري ان اجلاس ۾ سنڌ حڪومت جي حوالي سان ڪو وڏو فيصلو نه ٿي سگهڻ ڪري هاڻي ته سنڌ سان لاڳاپيل اهي مسلم ليگي جن کي ڪوٽا پوري ڪرڻ خاطر وفاق جي جانڊهه ۾ ٻڌو ويو آهي اهي به چئي رهيا آهن ته هاڻي سنڌ جو سيٽ اپ بونس تي هلي رهيو آهي. پاڪستان حڪومت پاران جڏهن کان ملڪ ۾ ٿيل بم ڌماڪن جا الزام ڀارتي ايجنسي ”را“ تي لڳايا ويا ته ان معاملي کي عالمي سطح تائين اٿارڻ بعد اهي وڏا ڌماڪا بند ٿي ويا آهن پر هلڪا ڦلڪا ڌماڪا اڃا به جاري آهن. ڀارت تي پاڪستان سرڪار جي لڳايل انهن الزامن جي وضاحت ايم ڪيو ايم جي رهبر الطاف حسين ڪندي چيو آهي ته انهن ڌماڪن ۾ ڀارت ملوث ناهي سندس اهڙو انٽرويو پرڏيهي اليڪٽرانڪ ميڊيا تان نشر ٿيڻ بعد پنجاب جي اخبارن ۾ به شايع ٿيو آهي. الطاف جي ان انٽرويو تي راولپنڊي وارن شديد اعتراض واريندي حڪومت تي واضح ڪيو آهي ته اهڙا الزام ملڪي سلامتي لاءِ هرگز فائديمند ناهن تنهنڪري اوهين پنهنجي اتحادين جي اهڙي رويي جو نوٽيس وٺو. الطاف حسين جي اهڙي بيان بعد لاهور قيام دوران گهرو کاتي جي وفاقي وزير چوڌري شجاعت کان جڏهن 31 مارچ تي لاهور ۾ اخبار وارن پڇيو ته اوهان جو الطاف جي ان بيان بابت تبصرو ڇا آهي ته هن چيو ته الطاف کي اهڙا بيان نه ڏيڻ گهرجن. وفاقي حڪومت جيڪا اڳ ۾ اهو چاهي رهي هئي ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي حڪومت هر قيمت تي جاري رهي اها هاڻي به چاهي ٿي پر حالتن سبب هاڻ هو سنڌ حڪومت جي مستقبل کي ”وسيع تر مفاد“ جي تناظر ۾ ڏسي رهيا آهن. اهڙي قسم جي بوءِ سنڌ جي اسلام آباد ياترا تي آيل وفد به سونگهي ورتي آهي. بقول هڪ سينيئر سنڌي ڪاموري جي ته جيڪڏهن اهڙي صورتحال نه هجي ها ته عالم چني کي علاج لاءِ سنڌ ڪابينا 53 لک رپيا نه ڏئي ها. عالم چنو جيڪو گذريل ڪيترن مهينن کان دانهون ڪري رهيو هو تنهن جي ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو پر اوچتو مٿس مهرباني سنڌ حڪومت جي ان رويي جي نرمي کي ظاهر ڪري ٿي جيڪا سندن لهجي، اسٽائيل ۽ انداز ۾ ايندي آهي. هر سياڻي سياست دان جو اهو ڪم هوندو آهي ته جڏهن هن کي ڪم پورو ٿيندي نظر اچي ته هو جن ماڻهن، ڌرين ۽ ادارن سان اقتدار جي خمار ۾ ڦٽائي ويٺو هو انهن سان ٺاهي وٺي.
    سنڌ حڪومت کي ڦاٿل پئسن ملڻ جو ڪو آسرو به ڪو نه مليو آهي. کين اهو چيو ويو آهي ته 4 اپريل تي جڏهن بين الصوبائي رابطن واري ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو ته ان ۾ ويچاريو ويندو. سنڌ وارا آيا هئا پئسا وٺڻ پر خميس ڏينهن صبح جو ستين وڳي سنڌ ايڊمنسٽريشن وارن کي وزيراعظم ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾سڏائي 4 ڪلاڪ خرچ گهٽائڻ ۽ بچت ڪرڻ جو ليڪچر ڏنو.
    گادي واري شهر ۾ ته اها چوپچو به عام ٿي وئي آهي ته سنڌ وارو موجوده سيٽ اپ ڪو گهڻو هلندي ڏسڻ ۾ نه پيو اچي ۽ ٿي سگهي ٿو ته عيد کان پوءِ دما دم مست قلندر شروع ٿي وڃي. جيتوڻيڪ اپريل فول وارو ڏينهن ته گذري ويو آهي. جنهن ڏينهن تي ٻين ته ٺهيو پر ڪيترن اخبار وارن به پاڻ کي ”فولش“ ثابت ڪرڻ ۾ هٻڪ محسوس نه ڪئي پورا ٻه ٻه ڪالم اپريل فول ملهائڻ ۾ ضايع ڪيا. ساڳئي نموني وفاق وارا به سنڌ جي حوالي سان معاملن متعلق جيڪو قدم کڻڻ جو پهه ڪري چڪا آهن اهو اپريل فول نه پر غير منطقي هجڻ جي اعتراف جيان آهي. سنڌ جي مٿين عهدن وارا اهي آفيسر هڪ ئي وقت هڪ ئي جهاز ۾ ۽ هڪ ئي ڪم سان ڪڏهن به اسلام آباد ڪو نه آيا هئا، مسلم ليگ جي هني مون وارن 13 مهينن تي ٺهيو پر نصير الله بابر جي انهن خوفناڪ ڏينهن ۾ به ڪو نه آيا هئا جڏهن روزانو دهشتگردن توڙي وردين وارن هٿان درجنين ماڻهو مرڻ عام ڳالهه بڻيل هئي. هي همراهه خبر ناهي ته ڪهڙيون آسون ۽ اميدون کڻي آيا هئا پر وفاقي نمائندن سان ملڻ بعد قادر جوڻيجو واري مضمون ۾ نسيم کرل جي ڪهاڻي جي ان ڪوٽ ڪيل جملي ته ”وڏيرو به ٺري پيو ۽ سندس زمين به ٺري پئي“ فرق رڳو اهو هو ته نسيم وارو وڏيرو لاهور آيل هو، هي وڏيرا اسلام آباد آيا هئا.
    گادي واري شهر ۾ برسات وارو پاڻي جڏهن مختلف پهاڙن تي، پهاڙن جي آغوش ۾ بيٺل ڀنگ جي ٻوٽن کي ڇهي راول ڊيم ۾ اچي ڪرندو آهي ته ڀنگ جي نشي وارو اثر پاڻي ۾ بدستور موجود رهندو آهي. اهو پاڻي جڏهن ڪيپٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سالن کان زمين اندر پوريل لوهه وارن زنگ آلود پائيپن ذريعي مختلف گهرن ۾ ايندو آهي ته اهو پاڻي پيئندڙ به نسيم کرل جي ان وڏيري وانگر ئي ٺري پوندو آهي. هتي ته حالت اها آهي ته منرل واٽر به جيڪو ملي ٿو ان ۾ ڀنگ جو ٺاهوڪو اثر هوندو آهي. سنڌ واري ٽيم تي به خبر ناهي ته ان ”سي ڊي اي“ جي زنگ آلود پاڻي جو اثر آهي يا منرل واٽر جو يا وري وفاقي حڪومت جي جيءُ جهوريندڙ، نشا اڏائيندڙ ڳالهين جو يا وزيراعظم جي ”خرچ گهٽايو بچت ڪريو“ جي ليڪچر جو اثر آهي جو هو به ٺري پيا آهن. هنن جي طبيعتن ۾ واپسي مهل جيڪا انڪساري يا نماڻائي هوندي ان جا مستفيض ٿيندڙ ته هنن لاءِ سوين سال اقتدار ۾ رهڻ جون شايد دعائون به ڪن.
    8 اپريل تي ٻڪرن جي قرباني واري عيد ٿي رهي آهي جنهن بعد ماڻهن جي قرباني شروع ٿيندي اهڙو بيان ته سائين پير صاحب پاڳاري کي ڏيڻ گهرجي ها پر هن خبر ناهي ڇو هن ڀيري دير ڪئي آهي. ٿي سگهي ٿو ته پير صاحب ان آسري ۾ هجي ته ”سنڌ ۾ ايندڙ ڪنهن به غير سياسي نوعيت جي تبديلي کان اڳ فنڪشنل ليگ کي سنڌ حڪومت ٺاهڻ جي آڇ ٿئي.“ وري سيد مظفر شاهه جو ڀاڳ کلي. جيئن ته اهڙو فيصلو ڪندڙ ”مامون جان“ وارن کي پير صاحب سٺي نموني سڃاڻي ٿو تنهن ڪري هنن کان اهڙو سٺو فيصلو ٿيڻ جو حقيقت ۾ ته هن کي آسرو نه رکڻ گهرجي پر پوءِ به اهو اميد ٻڌيو ويٺو آهي، پاڻ ته سندس لاءِ دعا ئي ڪري سگهون ٿا. خير اسان جهڙن گنهگارن جي دعائن جي پير صاحب کي ضرورت به ناهي ڇو ته هو پاڻ ئي الله ۽ ماڻهن جو پهتل بندو آهي. الله ڪري عيد خير سان گذري.
    23 مارچ تي قيدين کي مليل سزا ۾ گهٽتائي وارو صدر تارڙ جو تحفي جو ثمر اڃا قيدين کي مليو ئي ناهي ته مٿان عيد جي موقعي تي وري صدر تارڙ قيدين جي سزا ۾ ڇوٽ ڏيڻ وارو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صدارت ماڻڻ بعد تارڙ جو وڏي ۾ وڏو سٺو ڪم اهو ئي نظر ايندو پر ان جي به حقيقت اها آهي ته هن جيڪا قيدين جي سزا ۾ ڇوٽ ڏني آهي ان تي جيل انتظاميه اڃا عمل به شروع نه ڪيو آهي. تارڙ کي گهرجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ان فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ حڪومت وارن وٽ احتجاج ڪري ته به سندس لئي ٿي ويندي. ٻيو ڪو کيس مڃي نه مڃي پر قيدي هن جا مداح ضرور ٿيندا. مون کي ٻن هفتن ۾ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد ڪجهه قيدين جا اسلام آباد ۾ خط مليا آهن جن جيل ۾ ٿيندڙ ظلمن جا داستان لکندي دانهون ڪيون آهن. هنن غريبن جا نالا شايع ڪرڻ تي جيل وارا مٿن ڪاوڙجي سگهن ٿا ۽ يقينن ڪاوڙبا ڇو ته اتي هاڻي ميجر (ر) کوسو آهي جنهن جي وحشت جو اندازو قيدين کانسواءِ ٻئي کي ٻاهر رهندي نٿو ٿي سگهي. قرآن ۽ خدا جا واسطا ڏيندي قيدين لکيو آهي ته سندن دانهون اخبار ذريعي وس وارن تائين پڄايان. خبر ناهي ته اهي وس وارا سندن دانهون ٻڌندا يا نه پر هنن جي تسڪين خاطر اسين پنهنجو ڪم ڪريون پيا. انهن قيدين کي صلاح اها آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس اجمل ميان جي نالي سپريم ڪورٽ بلڊنگ اسلام آباد جي ايڊريس تي خط لکن ۽ ساڳئي ايڊريس تي جسٽس ناصر اسلم زاهد کي خط لکن ته شايد هنن سان ٿيندڙ ڏاڍاين جو ترت ازالو ٿي سگهي ٿو. باقي ميجر کوسي ۽ سنڌ جي سويلين انتطاميه آڏو روئڻ اجايو آهي. سکر جيل مان آيل خطن ۾ قيدين لکيو آهي ته ”جيل سپرنٽينڊنٽ ميجر کوسو آيو آهي ۽ جهڙتي دوران قيدين کان هڪ لک رپين جو سامان ڦريو ويو آهي جيڪي هنن ٽوپيون، ڀرت ڀريل ڪپڙا، اڳٺ ۽ ٻيو سامان تيار ڪيو هو اهو عيد خرچي جي نالي ڦري ويو آهي. جيڪو نئون قيدي اچي ٿو تنهن کان 3 کان 5 هزار رپيا سلامي ورتي ٿي وڃي. قيدين جي ملاقات وارو سامان به کاڌو ٿو وڃي. جيڪو قيدي غريب آهي ۽ پئسا نٿو ڏئي سگهي ان تي تشدد ڪيو وڃي ٿو. 200 قيدي بند وارڊ ڪيا ويا آهن 400 قيدين بک هڙتال به ڪئي پر ڪو فائدو نه ٿيو. قيدين کي حاضري تي به پيش نٿو ڪيو وڃي. جيڪو جيلر کي خرچي ڪرائي ٿو تنهن کي حاضري تي موڪليو وڃي ٿو.“
    جيل ريفارمز تي سابق چيف جسٽس سجاد علي شاهه ڪافي اپاءَ ورتا هئا. پاڪستان لاءِ ڪميشن ذريعي هن جيل جي قانونن ۾ ترميم ڪرڻ بابت حڪومت کي سفارشون به ڪيون هيون پر اڃا تائين اهو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت عبدالله شاهه جي آخري ڏينهن ۾ جيل ريفارمز جي حوالي سان سڀني کان وڌيڪ ڪم ڪيو هو پر اهي اسيمبلي مان منظور نه ڪرائي سگهيا هئا. هونئن به اهڙا چڱا ڪم هميشه حڪمرانن کي آخري ڏينهن ۾ ياد ايندا آهن. اڄڪلهه ايم ڪيو ايم وارا صرف ريفارمز آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن. شايد انهن کي پڪ آهي ته گهڻن جي حصي جو جيل هنن کي ڀوڳڻو پوندو. پي پي حڪومت سان شروع ٿيل عدليا واري جهيڙي جو هڪ مک سبب جيل ريفارمز به چيو وڃي ٿو ۽ وري پاڪستان لاءِ ڪميشن جي هلندڙ مهيني جي آخر ۾ رٿيل اجلاس ۾ اهو معاملو اٿندو. حقيقت اها آهي ته جيل ريفارمز کڻي ڪيترا به آندا وڃن پر اصل ڳالهه انهن تي عمل ڪرائڻ جي آهي. جيڪڏهن موجوده جيل مينوئل تي به عمل ٿي وڃي ته قيدين جا 50 سيڪڙو جائز مسئلا حل ٿي ويندا.
    (3 اپريل 1998ع)


    خدمت ڪاميٽيون رحمت يا زحمت؟

    خدمت ڪاميٽيون رحمت يا زحمت؟

    پوري ملڪ ۾ ڊويزنل، ضلعي ۽ سب ڊويزنل سطح تي قائم ڪيل 428 خدمت ڪاميٽين جي 5000 ميمبرن مان مسلم ليگي ميمبرن قسم کڻي ڇڏيو آهي پر ايم ڪيو ايم سميت ڪجهه ٻين ڌرين جي ميمبرن حلف نه کنيو آهي. مسجدن مان موذنن کي ڀڄائي، پيش امامن کي پاسي ڪري، نمازين کي ٻاهر ڪڍي خدمت ڪاميٽين جي ميمبرن کي حلف کڻائي ملڪ ۾ نئين روايت قائم ڪئي وئي آهي. شايد اها روايت بقول وزيراعظم نوازشريف جي ته موجوده فرسوده نظام کي ختم ڪري نئون سماجي ڍانچو ۽ سسٽم قائم ڪرڻ واري سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ مولوين کانسواءِ مذهبي جماعتن وارن ان حڪومتي ڪارنامي تي ڪو وڏو احتجاج ته ٺهيو پر ٺلهي مخالفت به نه ڪئي آهي.
    خدمت ڪاميٽين جو تصور ۽ خيال تمام سٺو آهي ۽ وزيراعظم جو جذبو به نيڪ آهي پر جيڪي ميمبر کنيا ويا آهن ان مان ته لڳي ٿو ته انهن ڪاميٽين جو عوام کي فائدو گهٽ نقصان وڌيڪ ٿيندو. حڪومت لاءِ اهو وڏو چئلينج آهي ته هو هنن ڪاميٽين کي موثر نموني هلائي ۽ عوام لاءِ رحمت بدران زحمت بڻجڻ نه ڏئي. بينظير ڀٽو پنهنجي آخري دور ۾ ضلعي سطح تائين اقتداري قوت ۽ اختيار ورهائڻ وارو جيڪو خيال ضلعي گورنمينٽ جي حوالي سان پيش ڪيو هو. هي خدمت ڪاميٽيون به اصل ۾ ان ٿيوري جو هڪ روپ آهن اهي ئي خدمت ڪاميٽيون اڳ ۾ احتساب ڪاميٽين جي لباس ۾ اچي رهيون هيون پر لفظ احتساب کي سيف الرحمان واري احتساب بيورو ايترو ته بدنام ڪيو هو جو حڪمران به انهن ڪاميٽين جو نالو خدمت ڪاميٽيون رکڻ تي مجبور ٿيا. هنن ڪاميٽين جهڙيون ڪامٽيون دنيا جي مختلف ملڪن ۾ آهن. جاپان ۾ شهري ڪاميٽيون آهن. اتي اهي ايتريون ته موثر آهن جو جيستائين انهن ڪاميٽين وارا علائقي جي ٿاڻي جي پوليس وارن جي ترقي جي سفارش نه ڪن، تيستائين پوليس وارن جي ترقي نه ٿيندي آهي. جاپان ۾ تعليم وڌيڪ هئڻ سبب ماڻهن ۾ بيداري آهي ۽ ذميواري جو احساس ۽ عوامي خدمت جو جذبو به آهي. پر جڏهن اسان پاڪستان ڏانهن ڏسون ٿا ته معاملو بلڪل ابتڙ ٿو لڳي. ٻيو وڏو فرق جاپان جي شهري ڪاميٽين ۽ پاڪستان جي خدمت ڪاميٽين ۾ اهو آهي ته جاپاني ڪاميٽيون سياست کان پاڪ آهن انهن جا ميمبر ڪنهن به جماعت سان وابستگي جي بنياد تي نه پر خدمت خلق جي جذبي ۽ ڪيل ڪم جي ميرٽ تي مقرر ٿيندا آهن جڏهن ته اسان وٽ قائم ڪيل ڪاميٽين ۾ ميمبرن جي ڀرتي جو معيار مسلم ليگي هئڻ رکيو ويو آهي ۽ ان بنياد تي ڪيل ڀرتي وارا هي ميمبر ڇا ڇا ڪندا؟ اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو.
    هنن ڪاميٽين جي قيام جي ضرورت ان ڪري به هئي ته هزارين مسلم ليگي چڱا مڙس حڪومت هوندي به ڪنهن ڪم ڪار ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه هئا، ترقياتي ڪم ٺپ لڳا پيا آهن. ٺيڪا، پلاٽ پرمٽ بند آهن. آخر خرچ ڪٿان اچي؟ خاص ڪري اهي ماڻهو جن اليڪشن وڙهڻ تي ڪروڙين ۽ لکين رپيا خرچ ڪيو آهي، اهو خرچ ڪٿان اچي؟ وري جي اوچتو اليڪشن 6 مهينن يا سال ۾ ڳچي ۾ پوي ته ان لاءِ خرچ ڪير ڪندو؟ مطلب کوڙ اهڙا سبب ٿي سگهن ٿا جنهن جي ڪري هنن ڪاميٽين جو قيام ضروري هو. ٻيو ته مسلم ليگي ايڏي تعداد ۾ فارغ ويٺا هئا. هنن کي ڪنهن ڪم سان لڳائڻ ته حڪومت جي ذميواري هئي آخر سڀاڻي انهن سان ئي کين ڪم پوڻو آهي. اهو ئي سبب آهي ته سمنڊ جون لهرون ڳڻڻ واري لطيفي جيان هنن کي به خدمت ڪاميٽين ۾ شامل ڪري کين رڌل رکيو ويو آهي. هنن ڪاميٽين جي حوالي سان 2 واقعا ياد پيا اچن جيڪو هنن ڪاميٽين جي قيام جو مقصد سمجهائڻ لاءِ مددگار لڳن پيا.
    واقعو نمبر (1):
    هڪ الله لوڪ بزرگ شخص وٽ هڪ همراهه وڃي چيو ته مون کي اهڙو وظيفو ٻڌايو جيئن 10 جن منهنجي قبضي ۾ اچن ۽ مان انهن کان هر ڪم ڪرائي سگهان. بزرگ ان شخص کي روڪيو ته ايئن نه ڪر ۽ ايترا جن تو وٽ آيا ته تون ڦاسي پوندين. نيٺ ان همراهه نه مڃيو بزرگ کي منٿون ميڙون ڪري وظيفو ورتو. همراهه چلو پورو ڪيو ته 10 جن سندس قبضي ۾ اچي ويا. جن اچي ان همراهه کي چون پيا ته اسين فارغ نه ويهنداسين ڪم ٻڌاءِ. همراهه جيڪو ڪم جنن کي ڏسي پيو هو منٽ ۾ اهو ڪري پيا اچن ۽ وري چونس پيا ته ڪم ٻڌاءِ. ٻه ٽي ڏينهن ته هن ڪم ٻڌايا نيٺ هن وٽان ڪم کٽي پيا. همراهه اچي جنن مان ڦاٿو جنن چيس ته ڪم ٻڌاءِ نه ته تنهنجا ترا ٿا ڪڍون. همراهه اچي ڦاٿو نيٺ تنگ ٿي واپس بزرگ وٽ ويو ۽ منٿون ميڙون ڪري جنن مان جان ڇڏائڻ جو ڏس پڇيو. بزرگ کيس چيو ته گهر جي پويان ڊگهو لڪڙو هڻي ڇڏ ۽ جنن کي چئو ته توهان جو ڪم اهو آهي ته هن لڪڙي تان لهو ۽ وري چڙهو. لهه چڙهه ڪندا رهو. سو ميان صاحب کي اچي ليگين ورايو ته بابا ڪو ڪم ڏيو. واندا ويٺا آهيون هن به ڪنهن بزرگ جي مشوري تي خدمت ڪاميٽيون ٺاهي همراهن کي ڪم ۾ لڳايو آهي، ته اهي رضاڪارانه طور تي عوام جي خدمت ڪن.
    ٻيو واقعو (2)
    هڪ بادشاهه وٽ گهوڙا ڀلا هوندا هئا. انهن جي خوراڪ تي هو خرچ به چڱو ڪندو هو پر گهوڙا ڏينهون ڏينهن ڏٻرا ٿيندا پئي ويا. بادشاهه اچي پريشان ٿيو. هن پنهنجي خاص ماڻهو کي گهوڙن جي خدمت ڪندڙن مٿان چوڪيدار مقرر ڪيو ته هو اهو ڏسي ته جيڪو چارو ۽ خوراڪ گهوڙن لاءِ رکوالن کي ملي ٿي اها هو وڪڻن ٿا يا گهوڙن کي کارائين ٿا. ڪجهه ڏينهن بعد نئين چوڪيدار جي مقرري جي باوجود به گهوڙا اڳي کان به وڌيڪ ڏٻرا ٿي ويا. نيٺ وري بادشاهه هڪ ٻئي همراهه کي مقرر ڪيو ته به ڪم نه بڻيو ۽ گهوڙا ايترا ڏٻرا ٿي ويا جو مرڻ لڳا. بادشاهه کي خبر پئي ته اڳ ۾ چارو ۽ خوراڪ جو چوٿون حصو گهوڙن جا رکوالا وڪرو ڪري باقي 3 حصا گهوڙن کي ڏيندا هئا. نئين چوڪيدار مقرر ٿيڻ بعد هنن ملي ڀڳت ڪري اڌ گهوڙن جي خوراڪ ۽ چارو وڪڻڻ شروع ڪيو ڇو ته نئين همراهه کي به حصو گهربو هو. وري مٿان ٻئي چوڪيدار اچڻ بعد 3 حصا خوراڪ وڪرو ٿيڻ لڳي ۽ هڪ حصو گهوڙن کي ملندي هئي ان سبب گهوڙا مري ويا. ان واقعي جي مصداق ته اڳ ۾ ٿاڻي وارا عوام کان حصو وٺندا آهن پر سڀاڻي ڪٿي ايئن نه ٿئي جو ڪاميٽين وارن جو حصو به عوام کان اوڳاڙيو وڃي. ان جو امڪان ته وڏو ٿو لڳي ڇو ته جيڪي ميمبر ڪاميٽين ۾ آهن انهن مان ڪافي ماڻهو ته چڱا به آهن پر ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي چرس ۽ ڀنگ وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ سدائين جيل ويندا رهيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجي علائقي جا وڏا ڀتا خور به آهن. ٻين جي مون کي خبر ناهي باقي تازو ڪنڌڪوٽ مان اسلام آباد آيل ڪجهه همراهن ٻڌايو ته جيڪب آباد وارين ڪاميٽين ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي سڄو ڏينهن ڀتا اوڳاڙيندا آهن. ڪنڌڪوٽ واري ڪاميٽي جي همراهن بابت هن ٻڌايو ته ”هڪ همراهه پيءُ ۽ ڀاءُ سوڌو چرس وڪڻڻ جي ڏوهه ۾ جيل ويو هو جڏهن ته ٻه نالا اهڙا به هن ورتا جيڪي ڪنڌڪوٽ ۾ حددخليون قائم ڪرائڻ وارو ڌنڌو ڪندا آهن ۽ حددخلي ڪندڙن کي چوندا آهن ته ڀلي ڪا به مليل زمين کان وڌيڪ قبضو ڪري حد دخلي ڪندي اڏاوت ڪن ۽ هو همراهه شهپر وٽي بيهي ڪم ڪرائيندا آهن.“
    سنڌ ۾ ته مسلم ليگين جي کوٽ سبب ڪجهه ڪاميٽين ۾ مشڪوڪ رڪارڊ رکندڙ ماڻهن کي به کنيو ويو آهي ڇو ته انهن علائقن ۾ مسلم ليگ وٽ متبادل ماڻهو نه هئا اهڙا پول ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پڌرا ٿيندا ۽ هنن ڪاميٽين وارن بقول وزيراعظم تمام ”نيڪ، صالح ۽ سٺن“ ماڻهن جا ڪارناما سامهون ايندا.
    خدمت ڪاميٽيون جيئن ته اسان جهڙي معاشري لاءِ هڪ نئون تصور آهي جيڪڏهن اهي ڪاميٽيون عوام کي رليف ڏين ٿيون. ظلم،زيادتيون ۽ ناانصافيون ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته پوءِ نواز ليگ ۽ نواز حڪومت ايتري ته مضبوط ۽ عوام ۾ پاپولر ٿي ويندي جو هنن کي ايندڙ ڪيترن سالن تائين دنيا جي ڪا به طاقت لوڏي نه سگهندي ۽ جيڪڏهن هنن ڪاميٽين ابتا ڪم شروع ڪيا ته نواز حڪومت کي وقت کان اڳ ختم ٿيڻ کان ڪو به بچائي نه سگهندو. هي خدمت ڪاميٽيون حڪومت جي ڪاميابي ۽ ناڪامي وچ ۾ هڪ وار کان به سنهي لائين تي بيٺل آهن. هاڻي ڪاميابي ۽ ناڪامي جو دارومدار هنن ڪاميٽين جي ميمبرن تي آهي ته هو ڪيئن ٿا ڪم ڪن ۽ ڪهڙي پاسي ٿا وڃن؟ هاڻي مسلم ليگ، وزيراعظم نواز شريف ۽ حڪومت جي ساک ۽ مستقبل هنن ڪاميٽين جي رحم ڪرم تي آهي. هنن جون سٺايون حڪومت ۽ وزيراعظم جي کاتي ۾ وينديون ته بدنامي ۽ برايون به هنن جي کاتي ۾ وينديون.
    خدمت ڪاميٽين جي قيام سان مسئلو حل ته نه ٿيو آهي پر اصل ڪم هاڻي شروع ٿيو آهي حڪومت انهن جي نگراني ۽ مانيٽرنگ لاءِ اهڙو سسٽم جوڙي جيئن ڪنهن کي به غلط ڪم ڪرڻ جي جرئت نه ٿئي. جيڪڏهن ڪو ميمبر غلط ڪم ڪري ته ان خلاف هڪدم ڪارروائي ڪندي وزيراعظم جي ان اعلان تي عمل ڪيو وڃي ته اهڙي ميمبر کي ڪاميٽي ۽ پارٽي مان خارج ڪيو ويندو. ترت ڪارروائي نه ٿيڻ سان مسئلو وڌيڪ خراب به ٿي سگهي ٿو. هنن ڪاميٽين جي قيام لاءِ شهر شهر جي ميمبرن جي نامزدگي ڪرڻ وارو ڪم ڊپٽي اسپيڪر جعفر اقبال، وزيراعظم جي مرڪزي خدمت ڪائونسل جي چيئرمين ممتاز احمد تارڙ ڪيو آهي هاڻي به اهي ئي ماڻهو (جعفر کانسواءِ هنن ڪاميٽين جي مانيٽرنگ تي مقرر ڪيل آهن. ميجر جنرل(ر) سڪندر حيات رٽائر فوجي آفيسر هئڻ ڪري تمام گهڻو ۽ وسيع تجربو رکي ٿو خاص ڪري ڊسيپلين جي حوالي سان سندس وڏي هاڪ آهي تنهن ڪري هن کي هنن ڪاميٽين کي سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ فوجي انداز سان ڪم ڪرڻو پوندو. تارڙ صاحب ته ويچارو شريف ماڻهو آهي. پراڻو سياسي ڪارڪن آهي. هو انساني حقن جي حوالي سان به ڪم ڪندو رهيو آهي. سياسي ڪارڪنن کي هلائڻ جو تجربو ۽ ٽيڪنڪ هن وٽ آهي ڏسون ته هو ڪيئن ٿو ڪم هلائي. ڪاميٽين جي ڪاميابي جنرل سڪندر ۽ ممتاز تارڙ لاءِ هڪ ٽيسٽ ڪيس آهي ڏسون ته هو ڪيئن ٿا اهو ڪم نڀائين؟
    خدمت ڪاميٽين کي فحاشي جي خاتمي واري مينڊيٽ سان ٻهراڙين ۾ وي سي آر تي فلم هلائڻ وارن ننڍن هوٽلن وارن ۽ ويڊيو جي دڪانن جي شامت ايندي ۽ گهڻن جا روزگار خراب ٿيندا. ان کانسواءِ خدمت ڪاميٽين کي مڪاني ادارن جا معاملا سنڀالڻ جا اختيار به مليا آهن اهو وڏو اشارو آهي ته حڪومت جو في الحال سال کن تائين مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو ارادو ناهي. دٻيل لفظن ۾ حڪومتي همراهه خود به تسليم ڪن ٿا ته مڪاني چونڊون غير اعلانيا طور سال لاءِ ملتوي سمجهڻ گهرجن. ساڳئي وقت ٿڌو ٿيل شادي جي خرچ وارو معاملو توڙي پهچ کان وڌيڪ ڏاج گهرڻ وارو اشو پڻ هاڻ ڪي قدر ضابطي هيٺ ايندا ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ رڳو پوليس کي اهي ٻئي ڪم ڪرڻا ٿي پيا جن ڏوڪڙ وٺي انهن معاملن تي پنهنجي اک بند ٿي رکي. ساڳئي وقت نواز سرڪار پاران عوامي هنڌن توڙي ٽرانسپورٽ ۾ سگريٽ پيئڻ تي وڌل بندش تي پڻ خدمت ڪاميٽيون عمل ڪرائينديون. ساڳئي وقت اهي عوام کي سندن درن تائين انصاف ڏيارڻ ۽ ٿاڻي تي ترت ايف آءِ آر جي داخلا کي يقيني بڻائينديون.
    سنڌ جي حوالي سان ڪاميٽين تي نظر وجهڻ سان خبر پوندي ته ڊويزنل ڪاميٽين ۾ ٽن ليگي ايم اين ايز شوڪت شاهه، پير نور محمد شاهه جيلاني ۽ اعجاز شفيع، ليگي ايم پي اي حاجي امير بخش جوڻيجي ۽ ليگي اڳواڻ امداد چانديو کي چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي جن مان ٽي ڄڻا شوڪت شاهه، پير نور محمد شاهه جيلاني ۽ امير بخش جوڻيجو ماضي ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ رهيا آهن ۽ اهي هاڻوڪي ڪاميٽين جيان ضلعي گورنمينٽ وارن ويچارن تي عمل ڪرڻ لاءِ پ پ دور ۾ پڻ ڪوششون وٺندا آيا آهن. سنڌ ملڪ جو واحد پرڳڻو آهي جتي جي ٻن ضلعن ٿرپارڪر ۽ شڪارپور جي ضلعي خدمت ڪاميٽين جي چيئرميني اقليتن حوالي ٿي آهي جتي ترتيب وار اقليتي ايم پي اي ڀيرو لال ٻالاڻي ۽ نامياري مسلم ليگي قانوندان جي جي وشنو کي چيئرمين منتخب ڪيو ويو آهي. ساڳئي ريت سنڌ جي اڳوڻي راڄڌاني حيدرآباد ضلعي جي چيئرپرسن شپ وري مسلم ليگي خاتون اڳواڻ بيگم منظر راول پهوڙ حوالي ڪئي وئي آهي. ورتل ابتدائي جائزي موجب خدمت ڪاميٽين جي حوالي سان ڪي قدر مشڪلاتون سامهون اچي سگهن ٿيون ڇاڪاڻ ته مختلف ضلعن يا ڊويزنن ۾ منتخب ٿيل چيئرمين پاڻ ۾ اختلاف رکن ٿا يا وري اهي پنهنجي اتحادين سان اڳ ۾ ئي ٺهيل ناهن. جائزي موجب ميرپورخاص ڊويزن جي خدمت خلق ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ ليگي ايم اين اي پير نور محمد شاهه جيلاني جا ٿر جي اربابن ۽ عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعي جي فنڪشنل ليگين سان اختلاف لڪيل ڳالهه ناهن. مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته عمرڪوٽ ضلعي جي ٽنهي سب ڊويزنل ڪميٽين جا چيئرمين فنڪشنل ليگ سان تعلق رکن ٿا جڏهن ته ساڳيو ايم اين اي پڻ عمرڪوٽ ضلعي جي اڪيلي قومي اسيمبلي جي سيٽ تان ڪامياب ٿيو آهي انهي ڪري عمرڪوٽ ضلعي مان ٻنهي ڌرين جي مخالفت هڪ ٻئي لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي. ساڳئي ريت ٿر ضلعي ۾ پڻ خدمت ڪاميٽين ۾ اربابن جي حامين جي اڪثريت نور محمد شاهه جيلاني لاءِ مسئلن جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿي. ميرپورخاص شهر وري ايم ڪيو ايم جو هوم گرائونڊ آهي اتان پڻ نور محمد شاهه کي راند کيڏڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ساڳئي ريت ڪراچي ۾ اعجاز شفيع ايم اين اي پڻ ايم ڪيو ايم سان ڏند چڪ ڪندو رهيو آهي. انهي ڪاميٽي ۾ سندس مدد لاءِ مملڪتي وزير حليم صديقي، ليگي اڳواڻ ابوبڪر شيخاڻي، ليگي ايم پي اي عليم عادل شيخ کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي، پر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي پاسيرو ڪري مسلم ليگين لاءِ اڪيلي سر ڪم ڪرڻ تمام ڏکيو ثابت ٿيندو. ساڳئي ريت سکر ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جو چيئرمين نواب شاهه سان تعلق رکندڙ ليگي ايم اين اي شوڪت شاهه کي ڪيو ويو آهي جڏهن ته نوابشاهه ضلعي جو چيئرمين وري سيد ڪاظم علي شاهه ٿيو آهي. انهن ٻنهي جا اليڪشن 97ع وقت ظاهر ٿيل اختلاف پڻ ڪنهن کان ڳجها ناهن. ساڳئي ريت جيڪڏهن لاڙڪاڻي ڊويزن ڏانهن نظر ڊوڙائبي ته معاملو ڪجهه اهڙو ئي نظر ايندو جتي جي ڊويزنل ڪاميٽي جو چيئرمين امداد چانڊيو آهي جڏهن ته ضلعي ڪاميٽي جو چيئرمين مسعود کهڙي کي ڪيو ويو آهي جيڪي پاڻ ۾ ويجها نه رهيا آهن ۽ اهي پارٽي اندر توڙي ٻاهر هڪ ٻئي سان اختلاف ظاهر ڪندا آيا آهن.
    خدمت ڪاميٽين جي چونڊ دوران ڪجهه دلچسپ معاملا پڻ اخبارن ۾ رپورٽ ٿيا. خاص طور تي ٽنڊوالهيار سب ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جي چونڊ ۾ نظير ٺاڪر قائمخاني کي سندس غير موجودگي ۾ چونڊڻ ۽ سندس ووٽ وري ڪنهن ٻئي ماڻهو پاران استعمال ڪرڻ واري ڳالهه پڻ اخباري خبرن جي زينت بڻي جنهن بعد حج لاءِ سعودي عرب ويل نذير ٺاڪر قائمخاني جي چيئرمين شپ واري چونڊ رد ڪئي وئي. ساڳئي نموني خدمت ڪاميٽي لطيف آباد (حيدرآباد) جي چيئرمين شپ لاءِ ٽيون ڀيرو چونڊ ٿي. ٻه ڀيرا رشيد ناغڙ کي چيئرمين چونڊيو ويو پر سندس مخالفن پڪارون ڪري ٽيهر چونڊ رٿي. ساماري سب ڊويزن واري خدمت ڪاميٽي جي چئرمين جي چونڊ لاءِ وري پکا ڪڍيا ويا ۽ پوءِ ايس ڊي ايم جي پٽيوالي پاران ڪڍيل ڪڻي مان هڪ ميمبر جي قسمت کلي ۽ هو چيئرمين ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    (19 اپريل 1998ع)


    سجاد علي شاهه کان پوءِ جسٽس اجمل ميان جو ٽرائيل

    سجاد علي شاهه کان پوءِ جسٽس اجمل ميان جو ٽرائيل

    سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي عهدي تان جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽائڻ واري سندس ئي 10 ججن جي فيصلي کي جيتوڻيڪ اڃا 5 مهينا به پورا نه ٿيا آهن ته وري چيف جسٽس اجمل ميان خلاف نااهلي جي پٽيشن داخل ڪئي وئي آهي. سجاد علي شاهه خلاف جڏهن مبينا طور سرڪار پاران ڪارروائي ڪرائي وئي هئي ته ان وقت ملڪ جي باشعور ماڻهن ان معاملي تي احتجاج ڪيو هو. وڪيلن ۽ صحافين سميت ڪيترائي ماڻهو جيڪي ذاتي طور سجاد علي شاهه جي رويي مان کڻي خوش نه به هئا پر پوءِ به هنن کيس هٽائڻ تي پنهنجو احتجاج نوٽ ڪرايو هو ڇو ته انهن جو احتجاج سجاد علي شاهه کي نه پر چيف جسٽس آف پاڪستان کي بچائڻ لاءِ هو. هاڻي جڏهن ججن ذريعي چيف جسٽس کي هٽائڻ جي روايت هڪ دفعو پئجي وئي آهي ته ان جي جائز توڙي ناجائز نموني استعمال جو مثال اسان کي 5 مهينن ۾ ئي ملي ويو آهي.
    ڪالهه سومر ڏينهن سپريم ڪورٽ جي 4 نمبر ڪمري ۾ جسٽس ناصر اسلم زاهد جي سربراهي ۾ جوڙيل فل بينچ جنهن ۾ جسٽس منور مرزا ۽ جسٽس عبدالرحمان خان به شامل هئا تن مسلم ويلفيئر موومينٽ جي درخواست گذار اقبال حيدر جي پٽيشن تي چيف جسٽس جي عهدي تان اجمل ميان کي هٽائڻ واري ڪيس جي سماعت شروع ڪري ڇڏي آهي. هي ٽئي جج اهي آهن جيڪي سجاد علي شاهه کي هٽائڻ وارو فيصلو ڪندڙ 10 رڪني بينچ ۾ شامل هئا. سجاد علي شاهه کي هٽائيندڙ 10 رڪني بينچ به جسٽس سعيد الزمان جوڙي هئي ۽ هيءَ بينچ به سعيد الزمان وقتي چيف جسٽس جي حيثيت ۾ جوڙي آهي. جڏهن چيف جسٽس جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سجاد علي شاهه خلاف ڪارروائي ٿي هئي ته هو ملڪ کان ٻاهر ويل هو ۽ اڄ ڪلهه جسٽس اجمل ميان به ٻاهر آهي. سجاد علي شاهه خلاف به ان وقت ڪارروائي تيز ٿي هئي جڏهن هو وزيراعظم هائوس ۾ (لاهور وارو) نواز شريف سان ملاقات ڪري آيو هو ۽ خصوصي عدالتن واري قيام تي اختلاف ڪري موٽي آيو هو. ساڳي طرح چيف جسٽس اجمل ميان خلاف به اهڙي عدالتي ڪارروائي ان وقت شروع ٿي آهي. جڏهن هو به گذريل هفتي اسلام آباد ۾ مانجهاندي جي موقعي تي وزيراعظم سان مليو هو ۽ ماني گڏ کائڻ بعد به ڪجهه معاملن تي اختلاف ڪري آيو هو. جسٽس اجمل ميان قانون واري وفاقي وزير خالد انور سان گذريل 6 مهينن کان ملاقات نٿو ڪرڻ چاهي ۽ خالد انور ملڻ ٿو چاهي. جسٽس اجمل ميان ٿو چوي ته جيڪو ڪجهه حڪومت چاهي ٿي اهو لکت ۾ ڏئي. ملڻ جي ضرورت ناهي. ججن جي مقرري هجي يا اهم معاملن جي سماعت هجي. عدالت تي حملي وارو ڪيس هجي يا ڪرپشن وارا ڪيس هجن مطلب ته ڪيترائي اهڙا ڪيس آهن جن ۾ حڪومت عدليا جي ڪارڪردگي کان خوش ناهي. هيستائين اجمل ميان خلاف ٿيل ڪارروائي ۽ سجاد علي شاهه خلاف ٿيل ڪارروائي ۾ فرق اهو آهي ته شاهه صاحب وقت ڊيڊ لاڪ پيدا ٿي پيو هو ۽ ميان صاحب (اجمل ميان) واري معاملي ۾ اڃا ايئن ناهي ٿيو.
    جسٽس ناصر اسلم زاهد جي مادري زبان اردو آهي ۽ هو ڪراچي جو رهاڪو آهي. درخواست گذار اقبال حيدر جي مادري زبان اردو آهي ۽ ڪراچي جو آهي جڏهن ته چيف جسٽس اجمل ميان جي مادري زبان به اردو آهي ۽ ڪراچي جو آهي. جسٽس ناصر اسلم زاهد واري بينچ ۾ جيڪي ٻه ٻيا جج آهن انهن مان جسٽس منور مرزا بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو ۽ جسٽس عبدالرحمان خان پشاور هاءِ ڪورٽ جا سابق چيف جسٽس آهن. يعني ته پنجاب کانسواءِ ٽن ننڍن صوبن جي ججن تي مشتمل بينچ جنهن جو سربراهه يعني منصف به سنڌ جو آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آهي ته جوابدار ۽ فريادي به سنڌ جا آهن ۽ اردو ڳالهايئندڙ آهن.
    ڪالهه عدالت ۾ اقبال حيدر (فريادي) جڏهن پنهنجي حق ۾ دليل ڏئي رهيو هو ته غلط سلط انگريزي به هن کان ڳالهائجي نه پئي. عدالت هن کي چيو ته تون تياري ڇو نه ڪري آيو آهين. اقبال حيدر چيو ته تڪڙ ۾ آيو آهيان. ججن کيس چيو ته في الحال خاموش ٿي ويهه ۽ تياري ڪري وٺ. اسان ٻيا ڪيس هلايون ٿا بعد ۾ توکي ٻڌون ٿا. هڪ ڪلاڪ بعد جڏهن اقبال حيدر تياري ڪري ورتي ته هن کي ڪنهن صلاح ڏني ته تون انگريزي بدران اردو ۾ وڪالت ڪر. هن اردو ۾ جڏهن ڳالهائڻ شروع ڪيو ته پنهنجي ڳالهه ڪاميابي سان ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ويو. هن جا ٻه نقطا هئا. هڪ ته اجمل ميان ميٽرڪ پاس نه آهي يعني هن نائين درجي تائين آگره ۾ پڙهڻ بعد پاڪستان هجرت ڪئي ۽ هتي مبينا طور ڪوڙو حلف نامو ڏنو ته هو ميٽرڪ پاس آهي. اقبال جو چوڻ آهي ته اجمل ميان ميٽرڪ پاس ناهي جيڪڏهن آهي ته ثبوت پيش ڪري ته هن ڪڏهن ۽ ڪٿان ميٽرڪ پاس ڪئي. ٻيو ته اقبال موجب جسٽس اجمل ميان 1932ع ۾ آگره ۾ ڄائو آهي پر اجمل ميان موجب هو 1934ع ۾ دهلي ۾ پنهنجو ڄم ڏيکاري چڪوآهي. اقبال حيدر وٽ ڀارت جي شهر آگره جي واسطيدار اسڪول ۽ ميونسپل جو تصديق ٿيل رڪارڊ آهي. جيڪڏهن اجمل ميان جو ڄم 1932ع ۾ ثابت ٿيو ته پوءِ هو چيف جسٽس جي حيثيت سان هڪ ڏينهن به نه رهي سگهندو ڇو ته آئين موجب سپريم ڪورٽ جو هر جج 65 سال عمر ٿيڻ جي صورت ۾ رٽائر ٿيندو، چيف جسٽس اجمل ميان جي ڄم جي تاريخ ۽ سن ، اقبال حيدر جي پيش ڪيل رڪارڊ موجب پهرين جون 1932ع آهي. بهرحال هن پنهنجا ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيا آهن. عدالت انهن جو جائزو وٺندي ۽ 30 اپريل تي پنهنجو تاثر ۽ مشاهدو ظاهر ڪندي. ان ڏينهن چيف جسٽس پاران به رڪارڊ پيش ڪيو ويندو. جنهن بعد ٻنهي ڌرين جي رڪارڊ جي جاچ ٿيندي. ڏسون ته ڪنهن جو ٿو رڪارڊ درست نڪري. وڪيلن جو چوڻ آهي ته معاملو ڏاڍو ڳرو آهي.
    ڪيس جي ڪارروائي بعد جڏهن بار روم آياسين ته درخواست گذار اقبال حيدر مون کي چيو ته ڏي خبر ڀلا اڄوڪي مون واري خبر فرنٽ پيج جي خبر آهي يا نه! مون چيو ڀلا هي ڪيس تو خبر لاءِ ڪيو آهي ڇا؟ ته هن چيو ”سمجها ڪرو سب ڪام هونگي.“ بار روم ۾ ئي ويٺل هڪ وڪيل چيو ته هي قصو ساڳي ڌر شروع ڪرايو آهي جنهن سجاد علي شاهه کي هٽرايو هو.
    سپريم ڪورٽ تي مسلم ليگي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن پاران 28 نومبر تي ڪيل حملي واري سانحي خلاف داخل ڪيس جي ڪارروائي به سپريم ڪورٽ جي ساڳي بينچ جسٽس ناصر اسلم زاهد واري ڪري رهي آهي. ان ڪيس ۾ جيتوڻيڪ عدليا جي وقار ۽ شان جو سوال آهي. انتهائي اهميت جوڳو ۽ نازڪ معاملو آهي پر پوءِ به ان ڪيس جي ڪارروائي عدالتي معيار ۽ انصاف جي تقاضا جي عين مطابق ٿڌي نموني هلي رهي آهي ۽ هڪ هڪ حاضري مهينن کان پوءِ ٿيندي آهي پر اجمل ميان واري ڪيس جي ٻي حاضري صرف 2 ڏينهن جي وقفي بعد 30 اپريل تي ٿيندي.
    گادي واري شهر ۾ هڪ حلقو اهو به چوي ٿو ته جسٽس اجمل ميان خلاف هن Move ۾ سجاد علي شاهه سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملوث آهي. ٿي سگهي ٿو ته سجاد علي شاهه جي اها کڻي خواهش هجي پر جيڪڏهن سندس خواهش هجي به ته هن وٽ ايترا وسيلا ناهن جو اقبال حيدر کي پئسا ڏئي ته هو دهلي ۽ آگره گهمي اچي. جيڪڏهن سجاد علي شاهه کي ڪنهن کان وياج تي قرض کڻي اهڙو ڪم ڪرڻو ئي هجي ته پوءِ اجمل ميان خلاف ڇو، کيس برطرف ڪندڙن خلاف ڇو نه ايئن ڪري!
    جهڙي نموني چيف جسٽس سجاد علي شاهه جو Unceremonial Ouster ٿيو تنهن بعد هيوي مينڊيٽ وارن آڏو ڳاٽ اونچو ڪري هلڻ جي هيراڪن ۾ خوف ته پيدا ٿيو پر اڃا سڪتو طاري نه ٿيو آهي. ڳاٽ اونچو ڪري هلندڙن کي جهڪائڻ جا هيراڪ بڻجي ويل حڪمران ان خوف کي ڏهڪاءُ ۾ تبديل ڪري شايد اهڙي روايت قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جيئن ڪو وري اڄ جو فيض چوي ته ”چلي هي رسم ڪي ڪوئي نه سراٺا ڪي چلي.“
    (28 اپريل 1998ع)


    ڪالاباغ ڊيم ۽ پاور پاليٽڪس گيم

    ڪالاباغ ڊيم ۽ پاور پاليٽڪس گيم

    ”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ دل ٿي چوي ته اعلان ڪريان ڇو ته هي ملڪي مفاد لاءِ انتهائي اهم آهي.“ اهي لفظ وزيراعظم نواز شريف جا آهن جنهن ڇنڇر ڏينهن صبح جو قوم کي خطاب دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اعلان ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت وزيرن سان صلاح مشوري دوران چيا. نواز شريف ڳچ عرصي کان وٺي تقرير ڪرڻ چاهي پيو پر ڪيترائي دفعا تقرير لکرائڻ ۽ وقت جو اعلان ڪرڻ جي باوجود به نه ڪري سگهيو. بينظير ڀٽو تي وڌيڪ پرڏيهي دورا ڪرڻ جو الزام هڻندڙ نواز شريف جيتوڻيڪ پاڻ به لڳ ڀڳ هڪ سال ۾ اوترائي دورا ڪري چڪو آهي جيترا بينظير ڪيا تنهن نيٺ ڇنڇر تي شام تقرير ڪري ڇڏي. 7:30 بجاءِ اڌ ڪلاڪ ليٽ سان ئي صحيح، پر تقرير ڪري ڇڏي. نذير ناجي هن لاءِ جيڪا تقرير لکي هئي هن اها لکيل تقرير نه ڪئي جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وارو معاملو به هو. وزيراعظم جي تقرير وارا معاملا ڪنڊڪٽ ڪندڙ هڪ سينيئر ڪاموري ٻڌايو ته ناجي واري تقرير بابت وزيراعظم چيو ته اشو نجي بجلي گهرن بابت هڪ طرفو ئي آهي تنهنڪري هو برزبان تقرير ڪندو. هو صرف پوائنٽ لکي آيو هو. جن سندس پهرين برزبان تقرير ٻڌي ۽ ڏٺي تن کي پاڻ کي اندازو آهي ته هن جو اندازو ڪهڙو ۽ ڪيئن هو اسين ان بابت ٻيو ڇا تصبرو ڪريون.
    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ راهه هموار ڪرڻ بابت چوڌري نثار جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جيڪا 20 جون تائين رپورٽ ڏيندي. واپڊا وارن وزيراعظم کي چيو ته هو سنڌو درياءَ تي 2 ننڍا ڊيم سنڌ ۾ ۽ ڪالاباغ ڊيم سميت 2 ڊيم پنجاب ۽ ڀاشا ڊيم نالي هڪ ڊيم سرحد ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪري پر حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي ڪجهه وزيرن جن ۾ چوڌري نثار به شامل هو تن اهو چيو ته في الحال ڪالاباغ ڊيم کان ٽارو ڪيو وڃي. وزيراعظم جي خواهش ته هئي پر هن اعلان نه ڪيو. جڏهن کان تڪراري بڻيل ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه شروع ٿيندي آهي ته ان جا حامي پنهنجي ماڻهن جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ حمايت ۾ ۽ ان جا مخالف مخالفت ۾ جلسا جلوس، مظاهرا ۽ بيان بازي وغيره ڪندا آهن. اڄ تائين ڪالاباغ ڊيم جا حمايتي ڊيم ٺاهڻ لاءِ ڪو به عملي قدم نه کڻي سگهيا آهن ۽ مخالف به ڊيم خلاف ڪو اهڙو عملي ڪم نه ڪري سگهيا آهن جنهن سان ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کنيو وڃي. ڪالاباغ ڊيم جا حامي توڙي مخالف سدائين تڏهن ڊيم وارو راڳ ڳائيندا آهن جڏهن کين عوامي همدردي حاصل ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي. ڇنڇر ڏينهن خاموشي سان سڏايل گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شمس الملڪ چيو ته هن جي مخالفت سنڌ جا قومپرست ۽ سرحد جا پٺاڻ اڳواڻ سياسي دڪانداري چمڪائڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ صبح جو وزيراعظم کي ڊيم جو اعلان تقرير ۾ ڪرڻ جي صلاح ڏيندي شجاعت ته ايتري قدر چئي ڇڏيو ته سرحد ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگي حڪومت آهي اهڙو موقعو ڪڏهن به نه ملندو، وارو وڄايو پر وزيراعظم ڪجهه بردباري کان ڪم ورتو آهي. شمس الملڪ جا اهي لفظ ته سنڌ جا قومپرست جيڪي سنڌي عوام جا ٿڏيل آهن ۽ مٿن ڪڏهن به عوام اعتماد نه ڪيو آهي اهي مخالفت ٿا ڪن. هو مظاهرا ۽ جلسا جلوس ڪري ماٺ ڪري ويهي رهندا! بلوچستان ۽ سرحد جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ قومپرستي توڙي اقتداري سياست ڪندڙ ڌرين وٽ ليڊر شپ جو وڏو قحط آهي. جيڪي آهن اهي شمس الملڪ جي اندازي موجب شايد ايئن ئي سڀاڻي ڪن ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ خلاف مظاهرا ۽ جلسا ڪري پنهنجي ذميواري پوري سمجهندي عوام ۽ سنڌ تي احسان سمجهي ماٺ ڪري ويهي رهن. سنڌ جي انهن گهڻن گهرن کي ته اڃا تائين اها به خبر ناهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جا محرڪ ڪهڙا ماڻهو (ڪامورا ۽ سياستدان ) آهن.
    ڪالهه جڏهن وزيراعظم نوازشريف، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت مشورن ۾ مصروف هو ته سائي رنگ جي ٽوياٽا ڪرولا تيزي سان نڪتي. اها گاڏي وزيراعظم جي ملٽري سيڪريٽري جي پٽن واري گاڏي جي پٺيان وزيراعظم هائوس جي ٽن مين گيٽ وارن سيڪيورٽي جي عملي وارن کيCheat (دوکو ڏئي) ڪري وزيراعظم هائوس ۾ داخل ٿي هئي. خبر ناهي ته ان ڪار ۾ ويٺلن کي ڇا ڪرڻو هو. ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪرڻ واري تقرير جي وقت مشڪوڪ ڪراچي نمبر پليٽ واري ان سائي رنگ جي گاڏي جي ڳولا ڪالهه آچر تائين به جاري رهي پر ان جو پتو ڪو نه پئجي سگهيو. پوليس وارن ناڪابندي ڪري هر سائي رنگ جي گاڏي کي روڪيو ۽ چيڪ پئي ڪيو پر اها ڪار نه ملي سگهي.
    هاڻي جڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جو معاملو شروع ٿيو آهي ته ان وقت به اسٽيبلشمينٽ خاموشي اختيار ڪيو ويٺي آهي. جڏهن اها ڳالهه هميشه مڃي کڻي نه به وئي هجي پر رڪارڊ تي ضرور آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم وفاق لاءِ خطرناڪ آهي ۽ فيڊريشن جي موجوده جاگرافيائي جوڙجڪ لاءِ ناسور بڻجي سگهجي ٿو.“ ته ان هوندي به اسٽيبلشمينٽ خاموش ڇو آهي.؟ ان سوال جي جواب ۾ پاور پاليٽڪس ڪندڙ پٺاڻ قومپرست پارٽي جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ”اسٽيبلشمينٽ پاڪستان واري فيڊريشن جي هميشه محافظ جو ڪردار ادا ڪيو آهي پر هاڻي ساڳي اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪمرانن جي اهڙن اپائن ۽ پاليسين جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪي مستقبل قريب ۾ فيڊريشن جي ڀڃ ڊاهه جا سبب بڻجي سگهجن ٿا.“ هنن جي خيال ۾ ان جا ٻه سبب ٿي سگهن ٿا. هڪ اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن عالمي ايجنڊا موجب فيڊريشن جي ڀڃ ڊاهه جي صورت ۾ پنجاب لاءِ جيترو حاصل ڪري سگهو ٿا اهو حاصل ڪري وٺجي. ٻيو سبب اهو ٿي سگهي ٿو ته موجوده حڪمرانن کان اهڙا ڪم ڪرائجن جن سان سڀاڻي هنن تي به رياست سان غداري جا ڪيس داخل ڪري ملڪ جي ٻنهي وڏين قوتن پ پ ۽ مسلم ليگ جو هميشه لاءِ باب بند ڪيو وڃي. پٺاڻن جي اهڙن خيالن سان اسين متفق نه به هجون پر اهڙين ڳالهين جو اظهار ايوانن ۾ عام طرح سان ٿيندو رهندو آهي.
    ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ايڏو وڏو پراجيڪٽ آهي جنهن تي عمل ڪرڻ پاڪستان جي ڪنهن به حڪومت جي وس ۾ ناهي. موجوده حڪمران ڊيم ٺاهڻ جا اعلان ڪري سياسي همدردي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ سڀاڻي ڪنهن به وقت اقتدار کان ڌار ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجا ڪارناما ڳڻائڻ واري لسٽ ۾ شامل Achievements ۾ اضافو ڪرڻ چاهين ٿا. ڇو ته مالي طور هن دفعي ملڪي خزانو موجوده حڪمرانن کي ڪنهن پيلي ٽيڪسي اسڪيم جهڙي ٻي اسڪيم جي اجازت نٿو ڏئي جنهن سان نواز شريف جي واهه واهه ٿئي. غوري ميزائيل کانسواءِ هيستائين ٻيو ڪو به اهڙو ڪارنامو ناهي جيڪو حڪمرانن جي ڪارنامن جي لسٽ ۾ اضافو ڪري، تنهن ڪري ڪالاباغ ڊيم جهڙي نازڪ معاملي ۾ حڪمرانن هٿ وڌا آهن.
    لياقت جتوئي جي سنڌ حڪومت جيڪا بقول سندس حامي ايم پي اي سليم جان مزاري جي ته 28 ڄڻن (ايم ڪيو ايم وارن) وٽ يرغمال آهي، تنهن لاءِ انتهائي مشڪل امتحان آهي ته هو ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري وفاقي حڪومت آڏو ڪهڙو موقف اختيار ڪري. ڄام صادق جنهن کي اڌ سنڌ اڃا به شايد سٺن لفظن ۾ ياد نه ڪندي آهي ان به کلي عام ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي ۽ ٻين ڪاميٽين کي کتو جواب ڏنو هو پر لياقت جتوئي ڏسون ته ڄام صادق جي ان شاندار روايت کي زندهه رکي ٿو يا نه!!
    (11 مئي 1998ع)


    دهشتگرديءَ وارو قانون گهڻي ڀاڱي بي اثر ٿي ويو

    دهشتگرديءَ وارو قانون گهڻي ڀاڱي بي اثر ٿي ويو

    ڪالهه 15 مئي جمعي جي بابرڪت ڏينهن تي ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت سپريم ڪورٽ جي موجوده 14 ججن ۾ ٽاپ موسٽ 5 سينيئر ججن ڳچ عرصي کان سياسي توڙي قانوني طور تڪراري بڻيل دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع جي ڪل 40 سيڪشنز مان 13 سيڪشنز ۾ ترميم ڪرڻ ۽ ٻن سيڪشنز کي مڪمل طور رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. 20 آگسٽ 1997ع تي پاس ڪيل هن ايڪٽ ۾ بعد ۾ حڪومت حسب ضرورت ترميمون به ڪيون هيون. هن ايڪٽ جي منظوري کان وٺي اڄ تائين ملڪ جي ناميارن وڪيلن، قانوندانن، رٽائرڊ ججن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ سياستدانن مخالفت ڪئي آهي ۽ هن قانون کي ڪارو قانون قرار ڏيندا رهيا آهن. سندن موقف جي تائيد ڪنهن حد تائين لاهور هاءِ ڪورٽ پڻ ڪئي هئي ۽ هن ايڪٽ جي ڪيترن ئي شقن ۽ سيڪشنز ۾ ترميم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حڪومت کي چيو هو ته ٻن مهينن اندر جيڪڏهن ترميم نه ڪئي وئي ته هن ايڪٽ جا تڪراري سيڪشن رد سمجهيا ويندا. 9 مارچ تي لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي واري مهلت 9 مئي تي ختم ٿيڻ کان 5 ڏينهن اڳ حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي هئي.
    دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ 1997ع (1997 Anti-terrorism) جا ڪل 40 سيڪشن آهن. جڏهن هي ايڪٽ پارليامينٽ ۾ حڪومت پيش ڪيو هو ته ان جو مقصد اهو ٻڌايو هو ته ملڪ ۾ دهشتگردي آهي ۽ ان جي روڪٿام لاءِ ضروري آهي ته خصوصي اپاءَ ورتا وڃن. دهشتگردي جي ڪيسن جي سماعت عام عدالتن ۾ دير سان ٿئي ٿي. ڪي جج ته سماعت به نٿا ڪن تنهن ڪري خاص عدالتون قائم ڪرڻ گهرجن. حڪومت قانون آڻن کان اڳ ان وقت جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان مشورو ڪيو ته هن مخالفت ڪئي. اڳوڻي چيف جسٽس کي راضي ڪرڻ لاءِ هيوي مينڊيٽ جي زور تي حڪمرانن حيلا هلايا پر چيف جسٽس سجاد علي شاهه بقول سندس نه لالچ ۾ آيو ۽ نه دڙڪن ۾. مختلف ماڻهن ذريعي حڪومت سجاد شاهه کي مڃائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي به پر هن نه مڃيو. سجاد شاهه جو موقف هو ته خصوصي عدالتن جي قيام جو اڳ ۾ جيڪو تجربو ٿيو اهو ناڪام ويو ڇو ته هنن عدالتن ذريعي هر حڪمران مخالفن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ايئن ئي مستقبل ۾ به ٿيندو ان ڪري هي قانون نه ٺاهيو وڃي ۽ متوازي عدالتي سرشتو قائم ڪرڻ بدران موجوده عدالتي سسٽم ۾ ترميم ڪري وڌيڪ جج رکي ڪيسن جي اڪلاءَ جي رفتار تيز ڪرڻ لاءِ قانون ٺاهيا وڃن. اها ڳالهه حڪمرانن کي نه وڻي. سجاد علي شاهه ۽ نواز شريف ۾ ان معاملي تي پيدا ٿيل اختلاف راءِ بعد ۾ ادارن جي لڙائيءَ واري صورت اختيار ڪئي. عدليا ۽ حڪومت ۾ جنگ شروع ٿي وئي پر نوازحڪومت اي اين پي جهڙن سياسي شاطرن ذريعي ان جنگ کي عدليا بمقابله حڪومت بدران عدليا بمقابله پارليامينٽ جو رخ ڏيڻ ۾ ڪامياب وئي. اها جنگ ملڪي تاريخ جي بدترين بحران جو سبب بڻي ۽ اڳتي هلي آئين کان مٿانهان اپاءَ (Supra Constitutional steps) وٺڻا پيا ۽ چيف جسٽس جي عهدي تان سجاد علي شاهه هٽي ويو.
    سجاد علي شاهه وارن ڏينهن ۾ ئي هي ايڪٽ منظور ٿيو. 16 آگسٽ تي سينيٽ پاس ڪيو ۽ صدر کي صحيح لاءِ موڪليو ويو. صدر ان تي 20 آگسٽ 97ع تي صحيح ڪئي. ان بعد چوڌري اڪرام ۽ ٻين هن ايڪٽ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ رٽ داخل ڪئي. ان جي سماعت سجاد علي شاهه شروع ڪئي ته اٽارني جنرل چوڌري فاروق جيڪو ان وقت به هو تنهن عدالت اندر اقرار ڪيو هو ته حڪومت هن ايڪٽ ۾ ترميم ڪندي ۽ ان کي آئين موجب بڻائيندي. ان خاطريءَ تي حڪومت عمل نه ڪيو ۽ الٽو 13 ڊسمبر 1997ع تي دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل ايڪٽ 1997ع جي سيڪشن 34 جو سهارو وٺي حڪومت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو جنهن موجب فوجداري قانون جي شقن 302-295- الف، 365-365-الف، 392-395-397 ۽ 398 حدود آرڊيننس 1979ع جي شقن 6، 7، 8 ۽ 10 هيٺ داخل ڪيس واپس وٺڻ جو اختيار حڪومت کي ملي ويو. ان بعد حڪومت انهن ڏوهن ۾ سوين ماڻهن، جن ۾ اڪثريت مسلم ليگ ۽ ايم ڪيو ايمين جي هئي. تن جا ڪيس واپس وٺي ڇڏيا. تن ڏينهن ۾ جڏهن اهي ڳالهيون عام ٿيڻ لڳيون ۽ عملي طور ڪجهه اشارا به آيا ته حڪومت آصف زرداري، حاڪم زرداري ۽ ٻين مخالفن خلاف هن قانون جو استعمال ڪندي ته آصف ۽ حاڪم ٻنهي ڌار ڌار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ هن ايڪٽ کي چئلينج ڪيو. جڏهن عالم بلوچ (اڳوڻو وفاقي سيڪريٽري) جي قتل وارو ڪيس حاڪم ۽ آصف تي داخل ٿيو ۽ اهو ڪيس خاص عدالت ۾ هلڻ لڳو ته ٻنهي هن ايڪٽ کي چئلينج ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ 9 مارچ تي فيصلو ڏنو ته خصوصي عدالتون جيڪي هن ايڪٽ هيٺ قائم ڪيون ويون آهن انهن جي عدالتي معاملن جي ڪنٽرول سان گڏ انتظامي معاملن جو ڪنٽرول به هاءِ ڪورٽن کي ڏيو ڇو ته آئين جي آرٽيڪل 175 هيٺ عدالتن جي قيام جي وضاحت ٿيل آهي ۽ 203 آرٽيڪل موجب عدالتن جو عدالتي ۽ انتطامي ڪنٽرول هاءِ ڪورٽن وٽ آهي، پر دهشتگردي خلاف جوڙيل ايڪٽ ۾ حڪومت سياڻپ اها ڪئي ته خصوصي عدالتن جو انتظامي ڪنٽرول حڪومت جي ماتحت ڪيو ۽ ججن جي مقرري ۽ برطرفي جو اختيار به حڪومت کي حاصل هو. هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ هن ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ چيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ان حڪم کان اڳ جيڪي پٽيشنون سڌيءَ طرح سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيون ويون هيون انهن جي سماعت سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين روڪي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جو جڏهن فيصلو آيو ته حڪومت وارن چيو ته هو عدالتي حڪم مڃيندا ۽ ايڪٽ ۾ ترميم ڪندا. اها خاطري سجاد علي شاهه جي دؤر ۾ اٽارني جنرل به ڪرائي هئي تنهن ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پيل درخواستن جي سماعت نه ٿي سگهي ۽ حڪومت پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو انتظار ڪيو ويو. حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم جي روشنيءَ ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي ۽ بل تيار ڪري وفاقي ڪابينا کي موڪليو. 2 دفعا وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ان ترميمي بل جي مسودي تي غور ڪيو ويو پر منظور نه ڪيو ويو. جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ پاران ڏنل ٻن مهينن واري مهلت 9 مئي تي پوري ٿيڻ واري هئي ته حڪومت بجاءِ ترميم ڪرڻ جي اوچتو اهو موقف اختيار ڪيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ترميم ڪرڻ جو جيڪو حڪم ڏنو آهي، اهو غير آئيني آهي ڇو ته قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي. عدالتون پارليامينٽ کي ڊڪٽيٽ نٿيون ڪري سگهن. اهڙي موقف واري پٽيشن تيار ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم کي چئلينج ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي.
    جيڪو موقف حڪومت هن دفعي اپيل ۾ اختيار ڪيو ته ”عدليا پارليامينٽ کي ڊڪٽيٽ نه ٿي ڪري سگهي.“ اها ڳالهه سجاد شاهه جي دور ۾ به چئي وئي هئي. جنهن سبب جهيڙو وڌيو هو. چيف جسٽس اجمل ميان جڏهن ملڪ کان ٻاهر هو ۽ هن کي وڌيڪ عمر واري ڪيس جي بنياد تي برطرف ڪرڻ بابت داخل ڪيس جي جڏهن سماعت هلي رهي هئي ۽ جسٽس سعيد الزمان صديقي قائم مقام چيف جسٽس هو ته ان وقت حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. ان صورتحال بعد وري اهي چوٻول شروع ٿي ويا ته هڪ ڀيرو ٻيهر عدليا ۽ حڪومت ۾ جنگ شروع ٿيڻ واري آهي پر جڏهن اجمل ميان کي چيف جسٽس طور اهل قرار ڏنو ويو ۽ هو موٽي آيو ته ان کان اڳ حڪومت جي اپيل تي جسٽس سعيد الزمان لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي معطل ڪرڻ جو عبوري حڪم جاري ڪري چڪو هو. ان بعد جڏهن چيف جسٽس طور اجمل ميان چارج سنڀالي ته 5 موسٽ سينيئر ججن جن ۾ سعيد الزمان به شامل هو حڪومتي اپيل سان گڏ اڳ ۾ داخل ڪيل حاڪم ۽ آصف زرداريءَ سميت ٻين جي درخواست جي گڏيل سماعت شروع ڪئي. هڪ هفتي جي لڳاتار سماعت بعد ڪالهه اوچتو سپريم ڪورٽ حڪم جاري ڪندي دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي لاتعداد شقن کي غير موثر قرار ڏئي ڇڏيو. فيصلي بعد بار روم ۾ وڪيلن پئي چيو ته ڪيس جنهن اسٽيج تي هو ان حساب سان اڄ فيصلو اچڻ جو امڪان گهٽ هو ۽ عدالت جي فيصلي سڀني کي سرپرائيز ڏنو آهي.
    هن فيصلي بعد حڪومت جو اهو مقصد جنهن لاءِ هنن دهشتگرديءَ خلاف ايڪٽ جوڙيو هو پورو ٿيندو نظر نه پيو اچي. قانوني ماهرن جو خيال آهي ته جن شقن ۾ سپريم ڪورٽ ترميم لاءِ چيو آهي اهي ترميمون ٿيڻ بعد حڪومتي لحاظ کان هي ايڪٽ هنن لاءِ غير موثر ٿي ويو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ حڪومت وٽ 3 آپشن آهن هڪ اهو ته هوءَ ايڪٽ ئي ختم ڪري ڇڏي، ٻيو اهو ته هوءَ ترميمون ڪري عدالتي حڪم کي مڃي، ٽيون اهو ته وري ڇڪتاڻ جي راهه وٺي جيئن هنن سجاد شاهه جي دور ۾ ڪيو. ٽنهي آپشنز مان جهيڙي وارو آپشن حڪومت کي تازو ڀارت پاران ڪيل ڌماڪن سبب پيدا ٿيل صورتحال جي حساب سان Suit نٿو ڪري. باقي وٽن ٻه آپشن آهن. ڏسون ته هنن کي ڪهڙو ٿو وڻي ۽ هو ڇا ٿا ڪن.
    سپريم ڪورٽ جي هن فيصلي بعد وڪيلن وري اهو چوڻ شروع ڪيو آهي ته جوڊيشل ايڪٽوزم جيڪو سجاد علي شاهه شروع ڪيو هو اهو وچ ۾ ٿڌو ٿيڻ بعد وري رفتار پڪڙي رهيو آهي. هن دفعي فرق اهو آهي ته ججن ۾ گروپنگ جو امڪان هرگز ناهي. تنهنڪري هن جوڊيشل ايڪٽوزم سان عدليا جي آزادي گهڻي حد تائين بحال ٿيندي جيڪا ڪنهن به وقت جي حڪومت لاءِ بظاهر ڏکي هوندي آهي.
    هن ڪيس ۾ آصف زرداري جي وڪيل طور اهم ڪردار افتخار گيلاني ادا ڪيو آهي ۽ وڏو ڪيس کٽڻ سبب ڳچ عرصي کان وڪالت جي پروفيشن کان ٻاهر رهڻ سبب هن جي واپسيءَ بعد پهريون دفعو واهه واهه ٿي آهي. واهه واهه سان گڏوگڏ گيلانيءَ جون پ پ وارن سان نه صرف ملاقاتون بحال ٿيون آهن پر پراڻيون دوستيون به پڪيون ٿي رهيون آهن. هن ڪيس سبب سڌي طرح آصف زرداري سان به هن جا رستا ڪليئر ٿي ويا آهن. اپوزيشن ۾ ته خير هر هڪ جا رستا کليل هوندا آهن پر اصل ڳالهه اقتدار وارن ڏينهن جي هوندي آهي جڏهن سيڪيورٽيءَ جي عملي وارن جا ڌڪا کائڻ ڏکيا هوندا آهن. افتخار کي ان جو پراڻو تجربو آهي ۽ هو هميشه اقتدار ۾ ڊائريڪٽ ڊائلنگ جي سهولت کان محروم ٿي ويندو آهي ۽ اپوزيشن وارن ڏينهن ۾ هن کي اها سهولت حاصل ٿي ويندي آهي، ساڳيو حال پ پ ۽ نواز ليگ ۾ آهي ۽ هو ٻنهي کي آزمائي چڪو آهي.
    جن ماڻهن عدليا ۽ پارليامينٽ واري جنگ دوران سجاد علي شاهه جي هٽڻ کان پوءِ تڪڙ ۾ اهو چئي ڇڏيو هو ته ٻنهي ادارن وچ ۾ ٻرندڙ باهه جا شعلا اجهامي ويا آهن ۽ رک ٿڌي ٿي چڪي آهي اهي هاڻي وري چون ٿا ته چڻنگ ٻري رهي آهي. جيڪا چيف جسٽس اجمل ميان جي 30 جون 99ع ۾ ٿيندڙ رٽائرمينٽ کان اڳ وري وڏو ڀڀڙ ٻاري سگهي ٿي.
    سپريم ڪورٽ جيڪو ٽن صفحن جو مختصر حڪم ڏنو آهي ان ۾ 40 سيڪشنز واري دهشتگرديءَ خلاف جوڙيل ايڪٽ جي جن 15 شقن کي غير موثر قرار ڏنو ويو آهي انهن سيڪشنز ۾ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 5(2) (الف) لاءِ چيو ويو آهي ته ان کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي. 6، 7 ۽ 8 سيڪشنز ۾ ترميم ڪئي وڃي. سيڪشن 10 ۽ 14 ۾ ترميم ڪئي وڃي. سيڪشن 19(10) بي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي، سيڪشن 24-25-26-27-28-30-35 ۽ 37 ۾ ترميم ڪئي وڃي.
    هن وقت موجوده ايڪٽ جي مٿين سيڪشنز ۾ ڇا آهي ۽ سپريم ڪورٽ پاران ترميم ڪهڙي ڪرڻ جو حڪم ڏنوويو آهي اچو ته ان جو ڪجهه جائزو وٺون.
    (1) سيڪشن 5(2) (i) کي سپريم ڪورٽ رد ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب پوليس، فوج سميت هر قسم جي فورس جي اهلڪارن کي اهو اختيار حاصل هو ته هو دهشتگردي ڪرڻ دوران يا دهشتگردي ڪرڻ جو سوچيندڙن کي گولي هڻي ڇڏين. هاڻي اهو اختيار مڪمل طور ختم ڪيو ويو آهي.
    (2) سيڪشن 10 موجوده حيثيت ۾ جيڪو لاڳو آهي اهو رد ڪيو وڃي ٿو ۽ ان ۾ ترميم ڪئي وڃي. موجوده سيڪشن ۾ اهو آهي ته جنهن به شخص وٽ يا ڪنهن گهر يا جاءِ ۾ فرقيواريت ڦهلائڻ، نفرت آميز ۽ گارين وارو غير اخلاقي مواد، پمفليٽ يا ڪيسٽ وغيره موجود هجي ته ڪنهن به فورس جو اهلڪار شڪ جي بنياد تي داخل ٿي تلاشي وٺي سگهي ٿو. ان کي رد ڪندي سپريم ڪورٽ چيو آهي ته ان ۾ ترميم ڪئي وڃي ته رڳو شڪ جي بنياد تي نه پر جڏهن ڪنهن اهلڪار کي شڪ ٿئي ته ان شڪ جا ٺوس سبب اڳواٽ لکي ۽ اهي لکت ۾ ڪنهن به ماڻهو يا جاءِ جي تلاشي کان اڳ واسطيدارن کي پيش ڪرڻ بعد تلاشي وٺي سگهي ٿو.
    (3) سيڪشن 19(10) (بي) کي آئين جي آرٽيڪل 10 جي خلاف قرار ڏئي ان ۾ عدالت ترميم جو حڪم ڏنو آهي. موجوده سيڪشن موجب خصوصي عدالت ڪنهن به ملزم کي غير موجودگي ۾ اهو سمجهندي سزا ڏئي سگهي ٿي ته هن کي عدالت تي اعتماد ناهي يا هو عدالت ۾ بدتميزي ڪندو. سيڪشن تبديل ڪري ان ۾ اها ترميم ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيڪو ملزم عدالت اندر بدتيمزي ڪري ته ان خلاف رڳو غيرموجودگي ۾ فيصلو ٻڌائي سگهجي ٿو.
    (4) 24 کي به غير موثر سڏيو ويو آهي ان ۾ هن وقت اهو آهي ته خاص عدالت خلاف اپيل لاءِ هاءِ ڪورٽ جي ٻن ججن تي مشتمل ٽربيونل جوڙيا ويندا. ججن جي نامزدگي چيف جسٽس ڪندو ۽ نوٽيفڪيشن حڪومت جاري ڪندي . ان ۾ ترميم اها تجويز ڪئي وئي آهي ته هاڻي اپيليٽ ٽربيونل نه هوندا. جيڪا هاءِ ڪورٽ آهي اهو ئي اپيل جو فورم هوندو. ججن جي مقرري چيف جسٽس ڪندو ۽ حڪومت جي نوٽيفڪيشن جي ضرورت نه پوندي.
    (5) سيڪشن 25-26-27 ۽ 28 جيڪي اپيل، پوليس آفيسر آڏو بيان قلمند ڪرائڻ، جاچ 7 ڏينهن ۾ مڪمل نه ڪندڙ ۽ ڪوڙو ڪيس داخل ڪندڙ کي سزا ڏيڻ ۽ هڪ خصوصي عدالت مان ٻين خصوصي عدالتن ۾ ڪيس منتقل ڪرڻ يا انهن ۾ ترميم ڪئي وئي آهي. هاڻي ترميم بعد اقبالي بيان لازمي طور مئجسٽريٽ رڪارڊ ڪندو. جاچ 7 ڏينهن ۾ مڪمل نه ڪندڙ يا غلط چالان پيش ڪندڙ آفيسر کي سزا نه ملندي ۽ خاص عدالت مان ٻي عدالت ۾ ڪيس منتقل به نه ٿيندو.
    (7) سيڪشن 26 موجب اڳ ۾ اقبالي بيان ڊي ايس پي کي رڪارڊ ڪرڻ جو اختيار هو هاڻي اهو ختم ڪري جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ڏنو ويو آهي.
    (8) شيڊول ۾ ظاهر ڪيل ڏوهن جو لازمي طور تي هن ايڪٽ جي سيڪشنز 6-7 ۽ 8 سان لاڳاپو هئڻ ضروري آهي. معنيٰ ته دهشتگردي جو جڏهن الزام لڳايو ته اها واقعي دهشتگردي هجي ايئن نه ٿئي جو مثال طور چوريءَ جي ڪيس تي به اهو ڏوهه لاڳو ڪرڻ شروع ڪيو وڃي. سيڪشن 35 کي به عدليا جي آزادي جي خلاف قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته دهشتگردي ٽوڙ هن ايڪٽ جي سلسلي ۾ رولز حڪومت نه ٺاهيندي پر آئنده هاءِ ڪورٽ ٺاهيندي.
    (9) سيڪشن 14 موجب حڪومت کي جيڪو اختيار آهي ته هو جڏهن چاهي ڪنهن به خاص عدالت جي جج کي هٽائي ڇڏي هاڻي ايئن نه ٿيندو. جيتري مدت جي ڪانٽريڪٽ تي خاص عدالت جو جج ڀرتي ٿيندو اهو اوتري مدت تائين ڪم ڪندو رهندو.
    ماهرن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي ڪيترن ئي شقن کي برقرار رکيو ويو آهي جيڪي پڻ انساني حقن جي حوالي سان خطرناڪ آهن پر دهشتگردي کي روڪڻ خاطر عدليا انهن کي بحال رکيو آهي. مثال طور دهشتگردي ٿيڻ جي شڪ جي بنياد تي بنا وارنٽ پوليس ۽ رينجرز وارن کي ڪنهن به ماڻهو کي گرفتار ڪرڻ ۽ تلاشي وٺڻ جو اختيار آهي پر فرقيواريت ڦهلائڻ جي شڪ جي صورت ۾ اهلڪارن کي بنا وارنٽ تلاشي ۽ گرفتاري جو اختيار ته آهي پر شڪ جا سبب اڳواٽ لکت ۾ ڏيڻا پوندا. اهڙي طرح ڪيتريون ئي اهڙيون اوڻايون اڃا به ايڪٽ ۾ موجود آهن.

    دهشتگردي جي خاتمي واري قانون بابت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي جاري ڪيل حڪم جو متن
    انهن سببن تحت جيڪي بعد ۾ رڪارڊ ڪيا ويندا. اسين مٿيان ڪيس هيٺين ريت نبيريون ٿا:
    (i) سيڪشن 5(2) (i) کي ان حد تائين غير قانوني قرار ڏنو وڃي ٿو جنهن حد تائين اهو پوليس، هٿياربند فوجن ۽ سول هٿياربند فورسز جي ان عملدار کي جيڪي دهشتگرديءَ کي روڪڻ جي ڊيوٽي تي متعين هجي. اهڙي شخص تي گولي هلائڻ يا گولي هلائڻ جو حڪم ڏيڻ لاءِ بااختيار ڪري ٿو جيڪو سندس خيال ۾ هر حد تائين امڪاني ريت پاڻ تي گولي هلڻ کان سواءِ ئي دهشتگردي جو عمل يا طئه ڪيل ڏوهه ڪرڻ وارو هجي.
    (ii) اينٽي ٽيررزم ايڪٽ 1997ع جو سيڪشن 10 جنهن کي هتان کان اڳتي ”ايڪٽ“ ڪري ڄاڻايو ويندو. سو پنهنجي موجوده شڪل ۾ قانوني ڪونهي. ان ۾ مناسب نموني اهڙي ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا اهڙي گنجائش پيدا ڪري ته ڪنهن اهڙي ماڳ مڪان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جنهن بابت شڪ هجي ته اتي اهڙو مواد يا هن ايڪٽ جي سيڪشن 8 جي ابتڙ ڪا ثابتي موجود آهي، پوليس، هٿياربند فوجن يا سول هٿياربند فورسز جو لاڳاپيل عملدار پاڻ کي اهڙي يقين هجڻ جا سبب لکت ۾ ڏيندو ۽ اهڙي تلاشي وٺڻ کان اڳ ۾ انهن سببن آڌار تعميلات ڪندو.
    (iii) هن ايڪٽ جو سيڪشن 19 (10) (b) جيڪو ڪنهن اهڙي شخص خلاف سندس غير حاضري ۾ ڪيس هلڻ جي موڪل ڏئي ٿو جنهن عدالت ۾ بدفضيلتائي ڪئي هجي سو آئين جي آرٽيڪل 10 سان ٽڪراءُ ۾ اچي ٿو تنهنڪري ان کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي ٿو.
    (iv) هن ايڪٽ جا سيڪشن 24-25-27-28-30 ۽ 37 به پنهنجي موجوده شڪل ۾ قانوني ناهن ڇو ته اهي عدليا جي آزادي جي تصور ۽ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 203 کي ڌڪ هڻن ٿا. انهن ۾ اهڙي ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي، جو اپيليٽ جا اختيار اپيليٽ ٽربيونل بدران ڪنهن هاءِ ڪورٽ کي ملن ۽ ”اپيليٽ ٽربيونل“ جي جاءِ تي ”هاءِ ڪورٽ“ جا لفظ استعمال ٿين.
    (v) هن ايڪٽ جو سيڪشن 26 پنهنجي موجوده شڪل ۾ قانوني ناهي جو اهو اهڙي پوليس آفيسر پاران جيڪو ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس جي رينڪ کان گهٽ نه هجي، رڪارڊ ڪيل اعتراف جرم کي به قبوليت جوڳو بنائي ٿو ڇڏي. اهو سيڪشن آئين جي آرٽيڪل (b) 13 ۽ 25 سان ٽڪراءُ ۾ آهي ۽ ان ۾ ”اهڙي پوليس آفيسر پاران جنهن جو رينڪ ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ آف پوليس کان گهٽ نه هجي“ وارن لفظن جي جاءِ تي ”جوڊيشل مئجسٽريٽ“ جا لفظ ڏيئي مناسب ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    (vi) شيڊيول ۾ ڄاڻايل ڏوهن جو هن ايڪٽ جي سيڪشن 6-7 ۽ 8 ۾ ڄاڻايل مقصدن سان تعلق هجڻ گهرجي.
    (vii) ايڪٽ جو سيڪشن 35 پنهنجي موجوده شڪل ۾ قانوني ناهي ڇاڪاڻ ته اهو عدليا جي آزاديءَ جي تصور کي ڌڪ هڻي ٿو ۽ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 203 سان ٽڪراءَ ۾ به اچي ٿو. ان ڪري ان ۾ مناسب نموني اهڙي ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن قاعدا ٺاهڻ جو اختيار هاءِ ڪورٽ کي ملي ۽ حڪومت اهڙي پڌرائي ڪري.
    (viii) هن ايڪٽ جي سيڪشن 14 ۾ عدليا جي آزادي جي تصور جي مطابقت سان خاص عدالتن جي ججن جي مدي کي تحفظ ڏيڻ بابت ترميم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    (2) مٿيون پڌرنامو هن ايڪٽ تحت اڳ ئي هلايل مقدمن ۽ ڏنل سزائن تي ڪو به اثر ڪو نه وجهندو ۽ جيڪي مقدما هن وقت هلي رهيا آهن سي مٿئين (حڪم) مطابق هلندا. ( 15 مئي 1998ع اسلام آباد)
    (16 مئي 1998ع)


    هڪ ڪاري ڏينهن جي پارلياماني ڪارروائي

    هڪ ڪاري ڏينهن جي پارلياماني ڪارروائي

    هيوي مينڊيٽ ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت وارو حڪومت جو اپرهينڊ ته خير اڳ ۾ ئي اثر ڇڏي ويو هو پر ان جي رهي کهي ڪسر به ڪالهه اربع تي 12:44 وڳي پوري ٿي وئي جڏهن قومي اسيمبلي جي 217 ميمبرن مان 187 ايم اين ايز ۽ 87 سينيٽرن مان 58 سينيٽرن جي حمايت رکندڙ مسلم ليگ جي حڪومت کي صرف 164 کان 166 ووٽ مليا. ٻنهي ايوانن جي 304 ميمبرن مان 245 پارليامينٽيرين حڪومت جا حامي آهن ۽ صرف 59 پارليامينٽيرين اپوزيشن ۾ آهن. حڪومت ملڪ ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي جي ٻي ڪا Justification ته نه ڏئي سگهي پر آخر ۾ اهو چئي جان ڇڏائي ته اسان ملڪي مفاد ۽ قومي سلامتي خاطر ايمرجنسي لاڳو ڪئي آهي ۽ بنيادي حق معطل ڪيا آهن. 6 جون تي شروع ٿيل اجلاس مسلسل 4 ڏينهن صبح شام هلڻ بعد ڪالهه اربع تي پوڻي هڪ وڳي پڄاڻي تي پهتو. چئن ڏينهن جي بحث دوران ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ بنيادي حق معطل ڪرڻ جي مخالفت ۾ اپوزيشن وارن مدلل تقريرون ڪيون ۽ حڪومتي ميمبر جيڪي ايمرجنسي جي حق ۾ هئا اپوزيشن وارن جي اٿاريل سوالن جا جواب نه ڏئي سگهيا. اپوزيشن وارن جو سوال هو ته ملڪ ۾ ايمرجنسي صرف ٻن صورتن ۾ آئين موجب لاڳو ڪري سگهجي ٿي. هڪ ان وقت جڏهن جنگ جي حالت هجي يا جنگ جو خطرو هجي ٻيو تڏهن جڏهن اندروني گڙٻڙ ايتري هجي جو صوبائي حڪومتون ان تي ڪنٽرول نه ڪري سگهن. اپوزيشن اهو به چيو ته جيڪڏهن جنگ جو خطرو آهي ته اسان کي ٻڌايو پر حڪمران ڌر جي ڪنهن به ميمبر يا وزير مدلل جواب نه ڏنو. اپوزيشن چيو ته جيڪڏهن اندروني گڙٻڙ ايتري آهي جو اوهين سمجهو ٿا ته صوبائي حڪومت حالتن تي ڪنٽرول نه ٿي ڪري سگهي ته پوءِ صوبائي حڪومتن کي هٽايو يا کانئن اهو اقرار ڪرايو ته هو حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جا اهل ناهن پر ان جو به جواب نه آيو. هيستائين ڪنهن به صوبائي حڪومت وفاق کي نه لکت ۾ چيو آهي ۽ نه زباني چيو آهي ته هنن جي صوبن ۾ گڙٻڙ آهي ۽ هو حالتن تي ڪنٽرول نٿا ڪري سگهن. جيڪڏهن وفاقي حڪومت جو اهو جواز اسين ٿوري دير لاءِ کڻي مڃون به ته واقعي حالتون صوبائي حڪومتن جي ڪنٽرول کان ٻاهر آهن ته ڇا سڀاڻي ان سوال جي جواب ۾ ڪنهن به صوبي جو وڏو وزير اهو اقرار ڪندو ته سندس حڪومت حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي اهليت نٿي رکي؟ ڪير به نه چوندو ڇو ته جڏهن حالتون خراب ته ٺهيو پر بدتر هيون تڏهن به ڪنهن ڪو نه مڃيو هو ته هاڻي جڏهن صورتحال بهتر آهي ته اهڙي ڳالهه ڪير مڃيندو؟
    ايمرجنسي جو هڪ سبب اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت هاڻي سڀني کي قومي ايجنڊا واري ڏنڊي سان هڪلڻ ۽ اپوزيشن وارن جو قبلو درست ڪرڻ چاهي ٿي جنهن جو ٽريلر ته ڪالهه ئي ڏسڻ ۾ آيو جڏهن خواجا آصف صفدر عباسي کي چنبو هڻي قميض کان ڇڪي ڳچي کان وٺي ڌڪا ڏئي گاريون ڏنيون. حڪومت وارن کي الائي ڇو اپوزيشن وارن جو اسپيڪر جي ڊائس آڏو احتجاج ڏکيو لڳو. توڻي جو پ پ دور ۾ صدر لغاري ۽ يوسف رضا گيلاني (اسپيڪر) سان جيڪي مسلم ليگ وارن حالتون ڪيون هيون اهي اڃا ڪنهن کان وسريون ناهن. ان وقت ساڳئي خواجا آصف بجيٽ اجلاس دوران ڪتابن جو ٿهو گيلاني آڏو اڇلايو هو ۽ ساڳئي نموني ڊيسڪ وڄائي هئي جيئن صفدر ڪيو آهي. اڃا 20 اپريل جي واقعي ۾ پارليامينٽ ٻاهران پوليس هٿان ڏنڊا کائيندڙ رضا رباني جا زخم به نه ڀريا آهن ته وري پارليامينٽ اندر احتجاج جي ڏوهه ۾ صفدر کي رانڀوٽا پائي ڌڪا ڏئي ۽ چنبا هڻي خبردار ڪيو ويو آهي. اصل ۾ ته صفدر تي ڪاوڙ ليگين کي ان ڪري هئي جو 6 جون تي نواز شريف جي تقرير دوران هن وچ ۾ هڪلون ڪيون هيون ۽ جملي بازي ڪئي هئي. بهرحال حڪومت بنيادي حق معطل ڪرڻ واري فرمانن تي پارليامينٽ مان منظوري جو ٺپو هڻائي ڪاميابي ماڻي ڇڏي آهي. آئين موجب 6 مهينن تائين اها ايمرجنسي هلندي ان کان اڳ حڪومت چاهي ته ان جو مدو ختم ڪري سگهي ٿي پر حڪومت ايئن ڪندي ڪو نه ، اڄ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو واري دور ۾ لاڳو ڪيل ايمرجنسي تي هاڻوڪا حڪمران ڪاوڙ ڪندي جسٽيفڪيشن ڏين ٿا توڙي جو ان وقت تازو ئي پاڪ ڀارت جنگ سبب بنگال ٽٽي ويو هو ۽ جنگ جو خطرو به موجود هو. ملڪ اندر افراتفري هئي ته پوءِ هاڻي جڏهن خود حڪمرانن جي بقول ايٽمي ڌماڪن جي جواب بعد جنگ جو خطرو ٽري ويو ۽ دٻاءُ به ختم ٿي ويو ته پوءِ ايمرجنسيءَ جو ڪهڙو جواز آهي؟ ايمرجنسي لڳائڻ تي ڀٽي کي جيڪڏهن اڄ ڪڙا لفظ ملن ٿا ته سڀاڻي نواز شريف وارن کي گل ڪو نه ملندا.
    ايمرجنسي تي ٿيل چار ڏينهن جي بحث دوران سنڌ، سرحد ۽ بلوچستان وارن ٽنهي صوبن جا ايم اين ايز ۽ سينيٽر پوءِ اهي حڪومت ۾ هجن يا مخالف ڌر ۾ هڪٻئي سان گڏجي ويا. اهي جي يو آءِ (ف) جا مولانا هجن يا جي يو پي (نيازي) جو ستار نيازي هجي، جمعيت اهلحديث جو ساجد مير هجي يا ايم ڪيو ايم جو ميمبر، اي اين پي جو هجي يا بي اين پي جو پ پ جو هجي يا شهيد ڀٽو جو سڀ هڪ ٿي ويا. 3 صوبا ايمرجنسي جي مخالفت ڪندا رهيا پر پنجاب جيئن چاهيو ايئن ئي ٿيو. ٻيو ته ٺهيو پر ايمرجنسي جي حق ۾ پنجابي ڳالهائيندڙ مسلم ليگ جي ايم اين ايز ۽ سينيٽرن کانسواءِ ٻي ٻولي ڳالهائيندڙ مسلم ليگين ايمرجنسي جي حق ۾ تقرير به ڪو نه ڪئي. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪجهه ٻين ٻولين وارن به ووٽ حڪومت کي ڏنا پر کلي عام حمايت ڪو نه ڪئي. خود پنجابي ڳالهائيندڙن ۾ به ان معاملي تي اختلاف راءِ هو ۽ سرائڪي بيلٽ ميانوالي ۽ پوٺوهار وارن کليل حمايت ڪو نه ڪئي صرف لاهور سميت سينٽرل پنجاب جي ايم اين ايز بحث دوران ايمرجنسي جي واکاڻ ڪئي. حميد جتوئي طبيعت جي ناسازي جي ڪري ڪو نه آيو ۽ ايمرجنسيءَ جي حمايت ڪرڻ کان بچي ويو پر پير بخش خاصخيلي ۽ پير بخش جوڻيجو به بيماري جو بهانو ڪري ڊاڪٽر کان چڪاس جو وقت اهو ورتو جنهن مهل ايمرجنسي بل پاس ٿي رهيو هو. فاٽا ۽ اقليت وارن وزيراعظم کان ڪجهه درخواستن تي صحيحون ڪرائي ووٽ ڏنو. اقليت وارن شايد اها خاطري به ورتي آهي ته هنن جي وزيراعظم سان خصوصي ملاقات ڪرائي ويندي ۽ سنڌ ۾ هلندڙ اربابن ۽ اقليتن وارو جهيڙو حل ڪرائڻ لاءِ به حڪومت جلد اپاءَ وٺندي.
    ڪالهه وارو ڏينهن سياسي حوالي سان توڙي انساني حقن جي حوالي سان يقينن پارليامينٽ جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن ليکيو ويندو ڇو ته 14 ڪروڙ عوام جا بنيادي آئيني حق معطل ڪري ايمرجنسي لڳائڻ واري فرمان جي منظوري ڏني وئي آهي. عوامي حق کسجڻ سان حڪومت کي اڻ ميا اختيار ملي ويا آهن ۽ هاڻي جيڪڏهن اها چاهي ته ڪنهن به اخبار کي بند ڪرائي سگهي ٿي. ڪنهن صحافي کي قيد ڪري سگهي ٿي. سياستدانن جا چپ سبي کين وري ڪنهن ڪئمپ ۾ رکي سگهي ٿي. احتجاج ڪندڙ عوام تي گوليون هلائي سگهي ٿي مطلب ته جيڪو چاهي ڪري سگهي ٿي. ان تي عدالتن پاران نوٽيس وٺڻ جو اختيار کسجي ويو آهي. هاڻي بنيادي حقن جي انحرافي ٿيڻ تي عدالتون رليف ڏيڻ جون مجاز نه آهن ۽ نه عوام ڪليم ڪرڻ جو حق رکي ٿو.
    ايمرجنسي جي پارليامينٽ مان منظوري حاصل ڪرڻ بعد هاڻي حڪومت جا حامي سينيٽر ۽ ايم اين ايز ذاتي طور تي يا پارٽي سطح تي چاهين ته ڇا ايمرجنسي جي انتقام کان بچي سگهندا؟ ان جو جواب مستقبل وٽ آهي. ڇو ته ڪالهه اسيمبلي ۽ سينيٽ جي ڪل 304 پارليامينٽيرين مان 245 حڪومت جي حامي پارليامينٽيرين مان حڪومت کي ايمرجنسي واري ٺهراءُ تي 164 ۽ بنيادي حقن جي معطلي واري ٺهراءَ تي 165 ووٽ مليا. حڪومت اسپتالن ۾ داخل پارليامينٽيرين کي ويل چيئر تي کڻائي پارليامينٽ ۾ آندو فاٽا واري سينيٽر ويچاري ته بيماري ۽ کنگهه سبب سڀني کي پريشان پئي ڪيو. هن جي ٽهون ٽهون سبب سندس ڀر ۾ ويٺل پارليامينٽيرين سيٽون ڇڏي ويا. سيف الرحمان کي لک رپيا ڀاڙو ڀرائي سوئزرلينڊ مان خصوصي طور واپس گهرايو ويو هو پر اعجازالحق نه آيو جيتوڻيڪ هو به ٻاهر آهي. وزيراعظم پاڻ چيمبر ۾ ويٺو رهيو پر هو به ايمرجنسي جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ نه آيو.
    (11 جون 1998ع)


    سرائيڪي قومپرست به سنڌين جو ساٿ ڇڏي ويا!

    سرائيڪي قومپرست به سنڌين جو ساٿ ڇڏي ويا!

    وزيراعظم نواز شريف 11 جون تي ”قومي ايجنڊا“ پيش ڪرڻ دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪري سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي عوام کي جيڪو ڏنڊو هنيو آهي ان تي پنجاب وارا ڪافي خوش آهن. سرتاج عزيز موجب ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ 2 کرب 50 ارب رپيا گهرجن. اها رقم گڏ ڪرڻ لاءِ حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻيندي. جيتوڻيڪ ايڏي وڏي رقم جو انتظام ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳي پر پوءِ به نوازشريف وارا پراميد آهن ته هو رقم گڏ ڪري ويندا. حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ”ڪالاباغ فنڊ“ قائم ڪيو ويندو جنهن لاءِ پنجاب جي ڪروڙ ۽ ارب پتي زميندارن، تاجرن، پنجاب حڪومت، واپڊا ۽ وفاقي حڪومت کان فنڊز ورتا ويندا.
    ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت واري نواز شريف جي اعلان سان وفاق کي درپيش خطري جي نشاندهي ڪندڙن جي ڳالهه کي اڻ ٻڌو ڪندي حڪمران چون ٿا ته ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت قومي سلامتي جي خلاف آهي. ٿي سگهي ٿو ته سڀاڻي ڪو اهڙو حڪم نامو به جاري ڪيو وڃي جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم کي قومي سلامتي جو معاملو ڊڪليئر ڪندي چيو وڃي ته ”جيڪو به قومي سلامتي جي معاملن خلاف ڳالهائيندو ان خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ٿيندو.“ ڪالاباغ ڊيم واري اعلان سبب مظلومن جا همدرد سڏائيندڙ ۽ سنڌين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جدوجهد ڪرڻ جا وچن ڪندڙ سرائڪي قومپرست ليڊر جن ۾ تاج محمد لانگاهه به شامل آهي تن نواز شريف واري ڊيم ٺاهڻ جي اعلان کي ويلڪم ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير ڊيم ٺاهيو وڃي. تاج محمد لانگاهه جو خيال آهي ته ڏکڻ پنجاب جي غيرآباد پيل زمين مان 2 لک ايڪڙ زمين ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان آباد ٿيندي ۽ سرائڪي عوام خوشحال ٿيندو. گذريل هڪ ڏهاڪي کان وٺي لاهورين کي برو ڀلو چوندي سرائڪي ديس جا حق پنجابين کان وڙهي وٺڻ جا واڄٽ ڪندڙ سرائڪي ليڊر هاڻي پنجاب سان ٻٽ بيٺا آهن. سرائڪين ۽ پنجابين وچ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ تي پيدا ٿيل اتفاق راءِ يقينن حيرت جوڳو آهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته سڀاڻي ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سرائڪين کي 2 لک بنجر زمين آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ٿو ملي يا 2 ايڪڙن لاءِ، ان جو تجربو سرائڪين کي سڀني کان وڌيڪ آهي.
    ڪالاباغ ڊيم واري اعلان اي اين پي کي پ پ سان گڏ آڻي بيهاريو آهي. ٻنهي پاسي گڏجڻ جي خواهش ته اڳ ۾ ئي هئي پر هاڻي بهانو کين ڀلو ملي ويو آهي. بينظير ڀٽو منڍ کان ڪالاباغ ڊيم بابت چٽو موقف اختيار نه ڪيو آهي. سدائين اهو چوندي رهي آهي ته ”جڏهن چئني صوبن ۾ اتفاق راءِ ٿيندو تڏهن ڊيم ٺاهيو ويندو.“ هاڻي جڏهن کلي عام نواز ليگ ان جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي ٻوٽي لاءِ پرايو ٻڪر ڪهڻ واري چوڻي مطابق قدم کنيو آهي ته محترمه لاءِ مسئلو پيدا ٿي پيو آهي ته هوءَ ڇا چوي. هجڻ ته ايئن گهرجي ته اقتدار مان ڌڪجڻ تي لاهور ۽ لاڙڪاڻي ۾ فرق وارو نعرو هڻندڙ محترمه کي ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي به ساڳيو جملو چوڻ گهرجي پر هوءَ ويچاري مجبور آهي ڇو ته پنجاب ۾ هڙ هلي وڃڻ بعد هن اڃا مس مس مقبوليت ماڻي آهي ته مٿان نواز شريف کيس ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري الجهائي ڇڏيو آهي. هاڻي جيڪڏهن محترمه ڪالاباغ ڊيم خلاف ٿي ڳالهائي ته پنجاب ۾ کيس عوامي همدردي تان هٿ کڻڻو پوي ٿو. جيڪڏهن اڃا به ساڳيو ”اتفاق راءِ کان سواءِ ڊيم نه ٺاهيو“ وارو 10 سال پراڻو جملو ٿي ورجائي ته سنڌ ۾ کيس مشڪلات پيش ايندي. هن جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪئي ته اسلم بيگ ۽ طاهر القادري جهڙا ماڻهو هن جي اتحاد مان نڪري ويندا ۽ سندس اتحاد جي پارٽين جو انگ گهٽبو. اهڙي صورتحال ۾ هن لاءِ فيصلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي پر هوءَ ڏاهي سياستدان آهي. فيصلو ڪرڻ هن کي اچي ٿو. ٻڌڻ ۾ اهو به اچي پيو ته هوءَ شايد اسٽيبلشمينٽ جي رد عمل جو انتظار پئي ڪري. جيڪڏهن نواز شريف جي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري اعلان سان وفاق کي درپيش خطري جي باوجود به اسٽيبلشمينٽ خاموش رهي يا ڪا لائين ورتي ته ان بعد محترمه به ڪجهه ڪندي. ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ خبرون ۽ مضمون لکائڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پنهنجي سيڪريٽ فنڊز مان وڏي رقم خرچ ڪرڻ جو پلان ٺاهيو آهي. بلڪل اهڙو ئي پلان جيئن ايٽمي ڌماڪن جي حق ۾ راءِ عامه هموار ڪرڻ لاءِ هن آپريٽ ڪيو هو. ڪيترائي لکاري ايٽم بم جي حق ۾ لکڻ سبب مستفيض ٿيا آهن ۽ هاڻي وري ڪالاباغ ڊيم جو کاتو کليوآهي. يقينن ان ۾ به هو پنهنجو شيئر ڪليم ڪندا.
    سنڌ ۾ هن وقت تائين قومپرست ڌريون پنهنجي پنهنجي منهن ڇڙوڇڙ ”جدوجهد“ ۾ مصروف هيون، هاڻي انهن کي به ڪالاباغ ڊيم واري اعلان سان ”فيول:“ مليو آهي. سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سياسي جياپي Political survival جو اهڙو موقعو وري شايد ئي ملي. اهو هاڻي سنڌ جي قومپرست ڌرين تي منحصر آهي ته هو ڪهڙي ٿا حڪمت عملي جوڙين. هن دفعي حڪمرانن جو موڊ ڪجهه ٻئي نموني جو آهي. جنهن ڪري تعلقي ۽ ضلعي سطح تي ٿيندڙ مظاهرن جو شايد ڪو گهڻو اثر نه پوي. سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم لاءِ به هاڻي ڪالاباغ ڊيم واري مسئلي تي واضح لائين وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. جيڪڏهن هو به سرائڪي قومپرست ليڊرن جيان ”ڪالاباغ فنڊ“ مان مستفيض ٿيڻ جي آسري ۾ ويٺا رهيا ته شايد بعد ۾ انهن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿين. گادي واري شهر جي مختلف حلقن ۾ ٿيندڙ بحثن دوران اهو نقطو به سامهون آيو آهي ته سنڌ جي قومپرست ڌرين کي سنڌ جي مفاد خاطر ڪالاباغ ڊيم خلاف ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.
    وفاقي حڪومت جي ايجنڊا مطابق آخري ڪارڊ اهو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ چئني صوبن کي راضي ڪرڻ لاءِ حڪومت اها آڇ به ڪندي ته ڪالاباغ ڊيم تي ٺهندڙ بجلي گهر جي رائلٽي چئني صوبن ۾ اين ايف سي ايوارڊ واري فارمولي مطابق ورهائي ويندي. ان کان اڳ هو پنهنجا سياسي ۽ انتطامي حيلا هلائيندا ۽ ضرورت پوڻ تي رائلٽي واري آڇ ڪئي ويندي.
    جڏهن کان نواز شريف ”قومي ايجنڊا“ قوم کي ڏني آهي ان ڏينهن کان اها راءِ گادي واري شهر جي مختلف حلقن ۾ زور پڪڙيندي پئي وڃي ته پنجاب هاڻي ٻئي مٿا پاڻ کڻڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ ان کي ڪو به فڪر ڪونهي ته ٻيا صوبا ڇا چوندا ۽ ملڪ جو ڇا حشر ٿيندو. وزيراعظم تقرير ۾ اهو به چيو ته جيترو زرعي ٽيڪس پنجاب ڏئي ٿو اوترو زرعي ٽيڪس بلوچستان ۽ سنڌ به ادا ڪن. ٺيڪ آهي سنڌ ۽ بلوچستان اوترو زرعي ٽيڪس ڏيڻ لاءِ تيار آهن پر ڇا حڪومت پنجاب جي آبادگارن کي ملندڙ ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائن، زرعي مشينري جي خريداري لاءِ قرض جهڙي رقم سنڌ ۽ بلوچستان جي آبادگارن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهي؟ ڇا پنجاب جيترو پاڻي ٻين صوبن کي ڏنو ويندو؟ ڇا پنجاب جيترا ٽيوب ويل ٻين صوبن ۾ لڳايا ويندا؟ ڇا فارم کان مارڪيٽ تائين پنجاب ۾ ٺاهيل روڊن جيترا روڊ ٻين صوبن ۾ ٺاهيا ويندا. وزيراعظم جي وات مان نڪتل انهن لفظن ۾ نيٺ ڪهڙي خوشبوءِ آهي؟ ڇا ڪالاباغ ڊيم بابت ٽن صوبائي اسيمبلين جي ٺهرائن کي هڪ شخص رد ڪري سگهي ٿو؟ ڇا ايئن ڪرڻ ٽنهي صوبائي اسيمبلين جي توهين ناهي؟ اهڙي صورتحال ۽ لهجي جو جواب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ جيڪر ڪنهن جو گهر ڊاهيو ويندو آ، ته متاثر ماڻهو ڪهڙو رد عمل ظاهر ڪندو؟ ڇا وزيراعظم کي اها خبر ناهي ته گذريل 15 سالن ۾ خود سرڪاري انگن اکرن موجب ملڪ ۾ پاڻي جي دستيابي ايتري آهي جيترو ڪالاباغ ڊيم جو پيٽ آهي؟ ڪالاباغ ڊيم جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻوڏ واري مند ۾ به سنڌو درياءَ پورائو شايد ئي ڪري سگهي.
    (14 جون 1998ع)


    ستون ڌماڪو ۽ پنجاب جون اخبارون

    ستون ڌماڪو ۽ پنجاب جون اخبارون

    ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري وزيراعظم جي اعلان کي پنجاب مان شايع ٿيندڙ اڪثر اردو ۽ انگريزي اخبارن ستون ايٽمي ڌماڪو قرار ڏيندي قوم جي خواهش موجب فيصلو ڪرڻ ۽ ملڪي سلامتي جي ضمانت ڏيڻ برابر قرار ڏيندي ڀرپور مبارڪون ڏنيون آهن. البته راولپنڊي مان شايع ٿيندڙ جنگ ۽ اسلام آباد مان شايع ٿيندڙ اوصاف اخبارن جي ايڊيٽوريلز ۽ ڪالمن ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت نواز شريف واري اعلان کي تڪڙ ۾ ڪيل فيصلو قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ٽنهي صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم جي اعلان جي ضرورت نه هئي. وزيراعظم جي اعلان سان ملڪ جي سلامتي ۽ وفاق کي نقصان پهچي سگهي ٿو. انگريزي اخبار دي نيوز راولپنڊي ايڊيشن جنهن جي ايڊيٽر مليحا لوڌي آهي تنهن پنهنجي ايڊيٽوريل جي آخري پيراگراف ۾ ڪالاباغ ڊيم واري وزيراعظم جي اعلان تي لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ وارو وقت مناسب ناهي. اتفاق راءِ کانسواءِ هن تڪراري مسئلي کي ڇيڙڻ جا نقصان ٿي سگهن ٿا. ٽن صوبن جي راءِ جي ابتڙ فيصلي جا نتيجا مثبت نه نڪرندا.“
    ٽن اخبارن دي نيوز، جنگ ۽ اوصاف کان سواءِ باقي سمورين ڊمي توڙي مارڪيٽ ۾ وڪامندڙ اخبارن وزيراعظم کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. خبرين اخبار ۾ فرنٽ پيج تي خوشنود علي خان جيڪو خبرين اسلام آباد جو ايڊيٽر آهي تنهن خصوصي تجزئي ۾ لکيو آهي ته ”وزيراعظم نواز شريف ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري پاڪستان جي بقا جو اعلان ڪيو آهي“. خبرين اخبار جي چيف ايڊيٽر ضياءَ شاهد فرنٽ پيج تي مقاله خصوصي لکيو آهي جنهن ۾ چيو آهي ته ”نواز شريف جي تقرير جو هڪ هڪ لفظ پيارو ٿو لڳي. هن ڪالاباغ ڊيم جي اعلان سان گڏ قومي ايجنڊا ڏئي پاڪستان کي تباهي کان بچائي ورتو آهي.“ چند مهينا اڳ حڪومت خلاف جارحاڻو رويو رکندڙ خبرين اخبار اوچتو ئي اوچتو سيف الرحمان جي معرفت حڪمرانن سان ويجهڙائپ پيدا ڪئي ۽ عوامي نيشنل پارٽي وارن کي ملڪ دشمن ۽ غدار قرار ڏئي پختونخواهه واري معاملي تي حڪومت کان ڌار ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جهڙي طرح پنجاب مان شايع ٿيندڙ اخبارن ائٽم بم جو ڌماڪو ڪرڻ لاءِ فضا هموار ڪئي هئي بلڪل اهڙي نموني اڄوڪي پروفيشنل دور ۾ به مشنري جرنلزم واري جهلڪ پنجاب جي اخبارن ۾ پختونخواهه خلاف ائٽمي ڌماڪو ڪرڻ ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارن معاملن ۾ واضح نظر اچي ٿي. خبرين اخبار ته ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ سروي ڪري تاجرن ۽ زميندارن جا مبارڪباد جا بيان به شايع ڪيا آهن. ايڊيٽوريل ۾ خبرين لکيو آهي ته قوم کان ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ٻڌي ايمرجنسي وسري وئي آهي.
    نواءِ وقت ۾ ڪالهه اثر چوهاڻ پنهنجي ڪالم ۾ لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ملڪي سلامتي لاءِ ڪيل 6 ايٽمي ڌماڪن بعد ستين ايٽمي ڌماڪي برابر آهي. نواز شريف عوام ۾ مقبول ٿي ويو آهي. اهڙو اعلان گهڻو اڳ ٿيڻ گهرجي ها.“ ساڳي اخبار ايڊيٽوريل ۾ لکيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم قومي ضرورت آهي ۽ ملڪ جي سمورن مسئلن جو حل ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ۾ آهي. نواءِ وقت ۾ ان معاملي تي البته ايترو وڌيڪ رد عمل ناهي آيو جيترو خبرين وارن پاڻ ڏنو آهي. جنگ اخبار جي ايڊيٽوريل ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم ملڪي مفادن لاءِ اهم آهي ۽ اڻ ٽر به آهي پر ان جو اعلان چئني صوبن جي اتفاق راءِ بعد ٿيڻ گهرجي ها.“ هن اخبار وڌيڪ لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي تعمير لاءِ قومي اتفاق راءِ ضروري آهي ان کانسواءِ هن فيصلي جا منفي نتيجا نڪرندا.“ ساڳي اخبار جي هڪ ڪالم نگار انور سديد لکيو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي اعلان سميت وزيراعظم جي قومي ايجنڊا جو هڪ هڪ لفظ عوام جي دل جي ڳالهه آهي. ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ايٽمي ڌماڪن جيترو اهم آهي.“ ٻئي طرف جنگ اخبار ٽيليفونڪ سروي به ڏنو آهي جنهن ۾ پڻ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير واري اعلان کي ويلڪم ڪيو ويو آهي.
    جهڙي طرح ايٽمي ڌماڪن جي مخالفت ڪندڙن جو نقطه نظر خاص ڪري پنجاب جي اردو اخبارن شايع ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هو. ساڳي طرح چند اخبارن کانسواءِ باقي اخبارون ڪالاباغ ڊيم بابت به ساڳي پاليسي تي پيون هلن. يعني ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ مواد شايع نه ٿيندو.
    اوصاف اخبار جي ايڊيٽر حامد مير ڪالاباغ ڊيم واري اعلان کي تڪڙو فيصلو ڪوٺيندي ان کي ملڪي مفاد ۽ وفاق لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيڻ جوڳو قرار ڏنو آهي. هن جو چوڻ آهي ته هڪ ته وسيلا ئي ناهن جو هڪدم ڪالاباغ ڊيم ٺهي سگهي ٻيو ته تڪراري مسئلي کي ڇيڙي ٽن صوبن جي راءِ جي ابتڙ انهن صوبن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اعلان ڪري ڪو به چڱو ڪم نه ڪيو ويو آهي. اوصاف جي ايڊيٽوريل ۾ به وزيراعظم جي ان اعلان کي ننديو ويو آهي. ايڊيٽوريل ۾ لکيو ويو آهي ته ”ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ضروري آهي پر ٽن صوبن کي نظر انداز ڪرڻ درست ڳالهه ناهي. ننڍن صوبن ۾ پيدا ٿيندڙ احساس محرومي جي خاتمي لاءِ اپاءُ وٺڻ بدران سندن موقف رد ڪندي ڪالاباغ ڊيم جو فيصلو مٿن مڙهڻ سان خراب نتيجا نڪرندا.“
    پنجاب جون اردو اخبارون جن کي قومي پريس هجڻ واريون liberties (خصوصي آزاديون) حاصل آهن ۽ هر معملي ۾ وڌيڪ حصي جون حقدار بڻبيون آهن. سندن اهڙي ڪردار ۽ رويي جي پروفيشنل هجڻ جو تعين مستقبل جو تاريخدان ڪندو.
    (14 جون 1998ع)


    وزيراعظم جي لکيل تقرير مان ڊيم جو اعلان ڪاٽيو ويو هو، پر....

    وزيراعظم جي لکيل تقرير مان ڊيم جو اعلان ڪاٽيو ويو هو، پر....

    پنجاب جا مسلم ليگي ايم اين اي، وزيراعطم نواز شريف پاران اٻهرائپ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪرڻ تي خوش آهن. جيتوڻيڪ اڃا تائين پنجابي ڳالهائيندڙن کانسواءِ ٻي ڪنهن به زبان ڳالهائڻ وارن ميمبرن ڪالاباغ ڊيم جي کليل حمايت ڪو نه ڪئي آهي پر ساڳئي طرح حڪومت ۾ شامل هجڻ ڪري کليل نموني مخالفت به ڪو نه ڪئي آهي. حڪومت ۾ شامل ماڻهن پاران خاموش رهڻ جو منطق ته سمجهه ۾ اچي ٿو پر اپوزيشن ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي سنڌي ميمبرن پاران معاملي کي گول ڪرڻ تي حيرت ظاهر ڪئي پئي وڃي. بجيٽ اجلاس دوران محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي هڪ ڪلاڪ ڊگهي تقرير ۾ سندس خلاف ٿيندڙ ڪارروائي بابت ته اڌ ڪلاڪ کان وڌيڪ ڳالهايو هو پر ڪالاباغ ڊيم بابت ”منو جملو“ چئي معاملي کي ڍڪ ڏئي ڇڏيو هو. ان مهل ايئن لڳو هو ته متان محترمه ڀلجي وئي هجي ۽ غلطي سبب ذڪر نه ڪيو هجي پر ايئن ڪو نه هو. ان جي ثابتي ڪالهه اڱاري ڏينهن ملي جڏهن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران سيد نويد قمر ۽ بابو غلام حسين جو وارو آيو ته هنن به توقع کان گهٽ رد عمل ظاهر ڪيو. نويد قمر ته بنهه ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ئي ڪو نه ڪيو پر بابو غلام حسين مڙئي ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪري شهيدن ۾ نالو ڳڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪالاباغ ڊيم جي مذمت نه ڪرڻ بابت جڏهن نويد قمر کان پڇيو ويو ته هن چيو ته تقرير جو وقت 10 منٽ هو ان مختصر وقت ۾ ٻين مسئلن تي به ڳالهائڻو هو تنهنڪري مون پاڻ کي صرف بجيٽ تائين محدود رکيو. نويد قمر جيڪو موجوده اپوزيشن ۾ محترمه کان پوءِ وڌيڪ باهوش ميمبر ڄاتو ويندو آهي تنهن پاران ڪالاباغ ڊيم جهڙي Hotest (گرم ترين) معاملي تي خاموش رهڻ رڳو اتفاق ڪونهي. اسيمبلي جي اجلاس بعد پيپلزپارٽي جي هڪ ٻن ميمبرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪالاباغ ڊيم جي معاملي تي سندن خاموشي بابت ۽ وڌيڪ سخت نموني مزاحمت نه ڪرڻ بابت جڏهن پڇا ڪئي وئي ته هڪ ميمبر چيو ته ڊيم ٺهندو ئي ڪو نه، ٻئي ميمبر ڪنڊ ۾ سڏ ڪري ڏند ڪرٽيندي چيو ”ڪالاباغ ڊيم جي مزاحمت کان روڪيو ٿو وڃي، جيتري اجازت هوندي ان آڌار ئي ڳالهائبو نه!“
    ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي حڪومتي حلقن مان سڌ پئي ته وزيراعظم جي قومي ايجنڊا واري تقرير مان ڪالاباغ ڊيم جي اعلان وارو جملو ڪاٽيو ويو هو. وزيراعظم جي صلاحڪار انور زاهد ۽ چوڌري نثار اهو جملو ڪاٽي ڇڏيو هو ۽ ڪيترن ماڻهن کي ان تقرير جو ڪاٽيل اهو جملو ڏيکاريو به آهي پر پوءِ به خبر ناهي ته ڪيئن وزيراعظم ان جو اعلان ڪيو آهي. چوڌري نثار اڃا به ڪالاباغ ڊيم واري اعلان تي اعتراض ڪري ٿو ۽ سندس چوڻ آهي ته ان جا ملڪي سلامتي لاءِ خطرناڪ نتيجا نڪرندا پر ساڳئي وقت وزيراعظم کي اهڙا مشورا ڏيندڙ اڃا به کيس ساڳيا ڏس پيا ڏين.
    ميجر جنرل (ر) سڪندر حيات جيڪو اڄڪلهه وزيراعظم سيڪريٽريٽ عملدرآمد ڪميشن جو چيئرمين آهي سو سنڌ جي دوري تي ڪتابڙا شايع ڪرائي نڪتو آهي ۽ عليم عادل ذريعي خدمت ڪاميٽين جي ميمبرن معرفت سنڌ جي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ مصروف آهي. ڪالاباغ ڊيم جيڪو سنڌ لاءِ موت ۽ زندگي جو مسئلو آهي، سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي توڙي غير سنڌي مسلم ليگي هجي يا پيپلزپارٽي جو، ايم ڪيو ايمي هجي يا جيئي سنڌ وارو سڀني لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ معاشي قتل برابر آهي. ڏسجي ته سنڌي ماڻهو خاص ڪري خدمت ڪاميٽين وارا سنڌ جا نوجوان توڙي ڪراڙا ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪن ٿا يا جنرل سڪندر جي ڪتابڙن جي چڪر ۾ الجهي ٿا وڃن. سڪندر حيات جو اهو به مشن آهي ته سنڌي صحافين، ايڊيٽرن، سياسي ڪارڪنن، دانشورن ۽ سنڌ ۾ راءِ عامه هموار ڪندڙ ادارن، ڌرين ۽ فردن جي هر قيمت تي حمايت حاصل ڪئي وڃي. ان لاءِ کيس پئسي ڏوڪڙ جي پرواهه ناهي. هو ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. هاڻي سنڌ جي محب وطنن کي ان تي به نظر رکڻي پوندي ته جنرل سڪندر واري سيل مان ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ٿا مستفيض ٿين. اهو ضروري ناهي ته رڳو جنرل سڪندر واري مشن ۾ ڪالاباغ ڊيم جا حامي ڳوليا وڃن پر چيو وڃي ٿو ته هن کي اهو به مينڊيٽ آهي ته هو ڀلي ڪالاباغ ڊيم جا مخالف به ڪرائي تي حاصل ڪري جيڪي سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف هلندڙ تحريڪ جا روح روان هجن ۽ عين وقت تي تحريڪ جو رخ مٽائيندا رهن ۽ مرڪز مان ملندڙ هدايتن تي عمل ڪندا رهن.
    جنرل (ر) سڪندر حيات کي آسرو مليو آهي ته سڀاڻي سنڌ ۾ گورنر راڄ لاڳو ٿيڻ جي صورت ۾ کيس سنڌ جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويندو. سنڌ جي مستقبل جي گورنر ٿيڻ واري خوشي ۾ هن خدمت ڪاميٽين ذريعي جيڪو سنڌي ماڻهن کي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت لاءِ راضي ڪرڻ جو مشن شروع ڪيو آهي ان لاءِ هو جان جي بازي به لڳائيندو. جهڙي طرح جنرل سڪندر کي گورنري جو آسرو ڏنو ويو آهي اهڙي طرح حڪومت ۾ شامل مرڪز توڙي سنڌ ۾ مسلم ليگين کي به وڏيون آڇون ڪيون پيون وڃن. ڪنهن کي وزير بڻائڻ جي، ڪنهن کي زر، ڪنهن کي زمين، ڪنهن کي ڪجهه ته ڪنهن کي ڪجهه آڇ ڏني پئي وڃي.
    اڄ جڏهن سنڌ، بلوچستان ۽ سرحد جي صوبائي اسيمبلين ۽ انهن صوبن جي عوام جي راءِ جو احترام ڪرڻ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم وارو فيصلو مڙهيو پيو وڃي ته ان صورت ۾ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۽ سرحد جي چونڊيل ميمبرن تي اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته هو ڪالاباغ ڊيم خلاف واضح موقف اختيار ڪن. مصلحتن جو شڪار مسلم ليگي توڙي پ پ ميمبرن کي پنهنجو موقف چٽو ڪرڻو پوندو، گول مول موقف رکندڙ ميمبرن ۽ خاموش رهندڙ ميمبرن جي نشاندهي تاريخ جو ڪو نه ڪو لکاري ضرور ڪندو. مصلحت سبب ماٺ رهندڙ پاڻ کي ته دوکو ڏئي سگهن ٿا پر عوام کي شايد دوکو نه ڏئي سگهن.
    ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي بابر غوري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪندي چيو ته ”هڪ صوبو پنهنجا فيصلا ٽن صوبن تي نه مڙهي، ڪالاباغ ڊيم لاءِ جيڪڏهن سنڌ سميت ٻين صوبن کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو ۽ سڀاڻي ڪا وڏي تحريڪ هلي ته ان وقت شايد ڳالهيون به نه ٿي سگهنديون.“ پ پ جي سنڌي ميمبرن کان ته ايم ڪيو ايم واري بابر غوري جي ٻولي واضح هئي جنهن جون مارڪون جڙن ٿيون.
    پنجاب ۾ رهندڙ پنجابي توڙي سرائڪي نان ڊڪليئرڊ قومپرست جيڪڏهن گڏ ٿي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ ۾ پ پ وارا قومپرست ڌرين سان گڏ ڇو نه ٿا ويهن؟ سنڌ ۾ رهندڙ پ پ وارا جيڪي ڪالاباغ ڊيم خلاف وٺ وٺان ڪن ٿا. سي پنهنجي اسلام آبادي ايوانن ۾ ويٺل ساٿين کي ڪالاباغ ڊيم بابت ڳالهائڻ جي اجازت به ڏيارين ۽ کين پنهنجي قيادت سان به واضح موقف اختيار ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن اڃا به پ پ وارا ڪالاباغ ڊيم واري معاملي تي سنڌ جي قومپرست ڌرين سان گڏ نه ويٺا ته پوءِ شايد وقت کين اهڙي اجازت نه ڏئي.
    هيستائين اڌڪا سڌڪا جيڪي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن انهن تي گادي واري شهر جا ڌڻي خوش آهن ڇو ته اهي مظاهرا تمام ننڍا هئا. سنڌ جي قومپرست ڌرين توڙي اينٽي ڪالاباغ ڊيم ڌرين ۾ هيستائين اتفاق نه ٿيڻ ۽ عليحده عليحده تحريڪ هلائڻ واري خواهش ۽ هٺ کي به معنيٰ خيز سمجهيو پيو وڃي، ڪٿي ان اسٽائيل ۾ به ڪنهن جنرل سڪندر جو ڪمال نه هجي.!
    (17 جون 1998ع)


    نيليءَ ۽ مديحه شاهه وسيلي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون

    نيليءَ ۽ مديحه شاهه وسيلي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جون ڪوششون

    قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث ڪالهه جمعي ڏينهن پڄاڻي تي پهتو. 12 جون تي پيش ڪيل بجيٽ تي بحث 14 جون کان شروع ٿيو هو ۽ صبح شام لڳاتار اجلاس ۾ بحث ٿيندو رهيو. نيٺ جمعي جي بابرڪت ڏينهن تي منجهند ڌاري بحث مڪمل ٿيو. بظاهر ته هي بحث بجيٽ تي هو پر جن به ميمبرن تقريرون ڪيون انهن مان چند ماڻهن کانسواءِ باقي سمورن ميمبرن بجيٽ تي گهٽ، پنهنجي حلقن جي مسئلن تي گهڻو ڳالهايو. 6 ڏينهن واري ان بحث ۾ ڪالاباغ ڊيم جو معاملو بجيٽ کان به وڌيڪ حاوي رهيو. 11 جون تي جڏهن وزيراعظم نواز شريف قومي ايجنڊا پيش ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته ان مهل ڄڻ ته ملڪي سياست تي طاري ٿيل جمود ٽٽي پيو اهو اعلان ستون ڌماڪو هو. حڪومت جا حامي پٺاڻ، سنڌي ۽ بلوچ ايم اين ايز پريشان ٿيا هئا. هنن جي پريشاني ۾ اضافو تڏهن ٿيو هو جڏهن سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ خلاف باهه ڀڙڪي هئي. مسلم ليگ جا حامي سنڌي ميمبر شروع ۾ ته حيران هئا ۽ انهن ڪو تبصرو نه ڪيو پر جڏهن سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا، هڙتال ٿي ته ان بعد هنن به محسوس ڪيو ته هاڻي سندن خاموشي کين ڳچي ۾ پوندي. اهو ئي سبب هو ته ايم اين ايز به ڪالاباغ ڊيم واري اعلان جي مذمت ڪرڻ شروع ڪئي. شروع ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ وارن احتجاجن جو ته وفاقي سرڪار گهڻو نوٽيس نه ورتو ۽ ميجر جنرل (ر) سڪندر حيات ذريعي پئي ڪم هلايو ۽ سنڌين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو ڪم پئي ڪيو پر جڏهن ايم اين ايز ميدان ۾ لٿا ته پوءِ وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، مشاهد حسين ۽ سندس ڪابينا جا ساٿي سنڌ ۽ سنڌ وارن کي پاڻ سمجهائڻ لاءِ نڪتا.
    وزيراعظم سنڌ جي ايم اين ايز (حڪومت جي حامين کي) گهرايو پر ايم ڪيو ايم کي نه گهرايو. سنڌ جي تاريخ ۾ اهو پهريون دفعو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪنهن سنڌ جي قومي مسئلي تي سنڌين جهڙو ئي موقف اختيار ڪيو. چاهي ان جا سبب ڪهڙا به هجن پر اهو نئون ۽ بهتر لاڙو آهي جنهن جي جيتري همت افزائي ٿيڻ گهرجي، سا نه ٿي سگهي آهي. وزيراعظم به هنن کي نه سڏائي جيڪو اڻ سڌي طرح ايم ڪيوا يم کي ميسيج ڪيو آهي اهو به معنيٰ خيز آهي. ڪالاباغ ڊيم بابت ايم ڪيو ايم جيڪو موقف اختيار ڪيو ان بعد کين نه وزيراعظم ٿو Own ڪري نه ئي سنڌ جا دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ. ان رويي جا نتيجا سنڌ جي مجموعي مفادن ۾ مثبت هرگز نه ٿيندا.
    پيپلزپارٽي وارن به قومي اسيمبلي ۾ 14 ۽ 15 جون تائين ڪالاباغ ڊيم بابت چٽو موقف اختيار نه ڪيو هو پر سنڌ ۾ ٻريل باهه جو سيڪ شايد بعد ۾ محسوس ٿيڻ کان پوءِ پاڻ نڀائيندي هنن جهڙي انداز ۾ احتجاج ڪيو آهي اهو تعريف جوڳو آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن جڏهن سکر جو سيد خورشيد احمد شاهه تقرير لاءِ اٿيو ته شروع ۾ هن بجيٽ تي ڳالهايو ۽ سندس ڊگهي تقرير سبب بوريت پئي محسوس ٿي پر بعد ۾ ڪالاباغ ڊيم بابت هن جيڪي جملا چيا ان مان ته ايئن پئي لڳو ته هي سکر وارو سيد نه پر سن وارو سيد ٿو ڳالهائي. جڏهن خورشيد شاهه چيو ته پنجابي مفادن خاطر بنگالين کي ڌار ڪرڻ بعد هاڻي سنڌين ۽ پٺاڻن کي به عليحده ڪري رهيا آهن، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ پاڪستان کي ٽوڙڻ برابر آهي. پنجابي واضح ٻڌائين ته کين پاڪستان کپي يا ڪالاباغ ڊيم کپي؟ ٻئي شيون کين نه ملنديون. سندس اهڙن تير جهڙن تيز ۽ زهر آلوده سنگينن جهڙن سخت جملن تي پنجابي چڙي پيا ۽ خورشيد شاهه کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيو ته تون پاڪستان جو دشمن آهين. راجا نادر پرويز ته خورشيد شاهه جي چيل جملن تي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو پيلو ٿي ويو ۽ اٿي بيهي احتجاج ڪرڻ لڳو. راجا نادر جڏهن خورشيد شاهه کي چيو ته اوهين ملڪ دشمني پيا ڪيو، موچي دروازي جي جلسن جهڙي زبان بند ڪريو. ان تي خورشيدشاهه ۽ اسفنديارولي اٿيا ۽ چيو ته موچي دروازي جي زبان اوهان حڪمران ٿا استعمال ڪريو، پنجاب جي مفاد خاطر پاڪستان ٿا ٽوڙيو. شاباش هجي الاهي بخش سومرو کي جنهن ان جي باوجود، خورشيد شاهه جي مائيڪ بند نه ڪرائي. هونئن ته اڪثر ڪري ڪو به ميمبر جڏهن حڪومت خلاف ڳالهائيندو آهي ته الاهي بخش سومرو کيس چوندو آهي ته تنهنجو وقت پورو ٿي ويو هاڻي ماٺ ڪري ويهه پر ڪالهه الاهي بخش ايئن ڪو نه ڪيو.
    سنڌ جي مفاد جي ڳالهه ڪرڻ پاڪستان جي مفاد جي خلاف ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ملڪ دشمني جو لقب ڏيڻ جو حق صرف پنجابين کي ئي ڇو آهي؟ محب وطني وارو بيراميٽر پنجابين جي هٿ ۾ ڇو آهي؟ آخر ڇا ۾ اهي سنڌين کان وڌيڪ محب وطن آهن. خورشيد شاهه اڄ ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ٿو ڪري ته هن جهڙي وفاق پرست ۽ پاڪستان پرست کي به پنجابي، ملڪ دشمن ٿا سڏين.
    قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سابق قومپرستن حاصل بزنجو، شڪيل بلوچ ۽ ثناءُ الله بلوچ ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه به نه ڳالهايو. بقول سردار صالح محمد ڀوٽاڻي جي ته بي اين پي وارن نواز شريف سان واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن سندن صوبائي حڪومت بچائي وڃي ته هو ڪالاباغ ڊيم بابت ڪجهه به نه ڳالهائيندا. سدائين احتجاج لاءِ آتا رهندڙ بلوچ ڀائي بلوچستان حڪومت بچڻ بعد اجلاس مان ئي غائب ٿي ويا. جنهن مان ته لڳو پئي ته سردار ڀوٽاڻي سچ چيو هو.
    ڪالاباغ ڊيم خلاف سخت تقريرن جي تياري ڪندڙ حڪومت جي حامي ميمبرن جن ۾ پير نور محمد شاهه، پير بخش خاصخيلي، ڪرشن ڀيل، بشير شاهه، شوڪت شاهه، ڄام معشوق ۽ اعجاز شفيع وغيره وزيراعظم سان ناشتو ڪرڻ بعد ان خاطري تي خاموشي اختيار ڪئي ته سنڌ کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواءِ ڊيم نه ٺهندو. اها خاطري وزيراعظم هائوس جي بند ڪمري ۾ ڪرائي وئي جنهن جو ڪو به سرڪاري رڪاڊ ناهي. سڀاڻي اهو ڪير ۽ ڪيئن ثابت ڪندو ته وزيراعظم ايئن چيو هو، مٿين ميمبرن ڄاڻي واڻي تقريرون نه ڪيون يا کين حڪومت وارن هٿ کڻايو، وري به شاباس هجين ته چوڌري اشرف اينڊ ڪمپني جي چڪر ۾ نه آيا. چوڌري اشرف اينڊ ڪمپني سنڌ جي هڪ هڪ حڪومت جي حامي ميمبرن کي چيو ته ٽي وي تي هلو ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهايو پر ڪنهن به حامي نه ڀري، حڪومت کي جڏهن ڪو به ماڻهو هٿ نه چڙهيو ته عليم عادل شيخ کي امپورٽ ڪري آندائون ۽ ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهرايو. سنڌ جي 109 ايم پي ايز، 17 سينيٽرن ۽ 46 ايم اين ايز مان سڀني ٽي وي تي وڃي ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ ڳالهائڻ کان انڪار ڪيو صرف عليم عادل حڪومت وارن کي هٿ لڳو. شايد اهو ئي سبب هو ته حڪمران اڳ ۾ ريما، مديحه شاهه ۽ نيلي سميت فلم ۽ ٽي وي جي اداڪارن ذريعي ڪالاباغ ڊيم لاءِ راهه هموار ڪرڻ جي جيڪا مهم هلائي ان بعد هو سوچڻ لاءِ مجبور ٿيا ۽ ميان برادرز پاڻ راءِ عامه ٺاهڻ لاءِ اڳتي وڌيا. لاهور ۽ اسلام آباد جي اخبارن ۾ فلمي اداڪارائن ذريعي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت واري مهم هاڻي جهڪي ٿي وئي آهي. گادي واري شهر جي اهم حلقن جو چوڻ آهي ته نواز سرڪار هيوي مينڊيٽ جي زور تي ڊيم جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتفاق راءِ کي ضروري نه سمجهيو ۽ سندن خيال هو ته ريما ۽ مديحه شاهه ڪالاباغ ڊيم واري آئيڊيا کي ڪنهن صابڻ جي اشتهار وانگر وڪرو ڪرائي ڇڏينديون پر هاڻي سندن اکيون کليون آهن ته اتفاق راءِ ضروري آهي ۽ اهو فقط ريما ۽ نيليءَ ذريعي ئي حاصل نٿو ڪري سگهجي. اسفنديار ولي ان تي تبصرو ڪيو ته هي معاملو بلڪل ايئن آهي ته ٻار اڳ ۾ ڄائو ئي ناهي ۽ شادي جون تياريون هاڻي ڪيون پيون وڃن. گاديءَ واري شهر ۾ اها چوپچو به آهي ته سنڌ ۾ ٿيندڙ عوامي احتجاج جون خبرون جڏهن سگهارن ادارن تائين پهتيون ته انهن سرڪار کي اتفاق راءِ حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ اهو شايد اهڙي ئي ڪنهن دٻڙاٽ جو نتيجو آهي جو سڄي سرڪاري ڪمپني سنڌ ۾ ناراضگي ختم ڪرائڻ جي مهم تي اچي لٿي آهي.
    ڪالاباغ ڊيم خلاف قومي اسيمبلي ۾ سخت تقريرون ڪندڙن ۾ غوث بخش مهر ۽ ارباب غلام الرحيم ٻه اهڙا ميمبر هئا جيڪي حڪومت ۾ آهن هنن جي تقريرن جي واکاڻ پ پ وارن به ڪئي پئي. سنڌ ۽ سنڌ واسين سان آواز ۾ آواز ملائيندڙ انهن ٻنهي وڏيرن جيڪي تقريرون ڪيون سي ساراهه لائق آهن. پ پ وارن سان شفقت شاهه شيرازي، علي محمد خان مهر ۽ خالد لنڊ اهڙا ميمبر هئا جن تقريرون ڪو نه ڪيون. ڪالاباغ ڊيم خلاف پٺاڻ ايم اين ايز ته احتجاج ڪيو پر اڃا تائين سرحد صوبي ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف عوامي طور تي ڪا به مهم نه هلي آهي. عوامي رد عمل صرف سنڌ ۾ ٿيو آهي شايد اهو ئي سبب آهي ته وفاقي ڪابينا ۽ پنجاب وارا سنڌ ۾ لٿا آهن. سيد غوث علي شاهه ۽ سيد اصغر علي شاهه ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت اڃا ڪو نه ڪئي آهي. هنن نه تقريرون ڪيون ۽ نه بيان ڏنا آهن. کانئن الله ۽ سنڌ جو عوام ضرور پڇندو. ڪالاباغ ڊيم خلاف انهن ٻنهي سيد وزيرن جي حلقن جا ماڻهو ۽ سندن ووٽر ته آهن پر هي پاڻ ڪو نه آهن.
    حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ان تي اتفاق ٿيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم بابت قومي اسيمبلي ۾ تفصيلي بحث ٿيندو ۽ بجيٽ بعد اهو بحث شروع ٿيندو. ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ ڪيل سرتاج عزيز واري تقرير جو هڪ هڪ لفظ اهو پيو ٻڌائي ته حڪمران ڊيم ضرور ٺاهيندا ۽ هر قيمت تي ٺاهيندا. ان ڪري وزيراعظم نواز شريف، شهباز شريف، مشاهد حسين ۽ سڪندر حيات جي خاطرين ۽ واعدن تي انحصار ڪري ويهڻ سان سنڌ وارن سان شايد ڌڪ ٿي وڃي. اهي خاطريون معاملي کي ٿڌو ڪري ڇڏينديون. حڪمران جيڪڏهن واقعي سنجيده آهن ته سنڌ جي نمائنده سياستدانن، صحافين، انجنيئرز ۽ ماهرن کي اڳ ۾ ڪالاباغ ڊيم جو دورو ڪرائي کين بريفنگ ڏين، سنڌ وارن جا اعتراض ٻڌن، سندن فني اعتراض دور ڪن ۽ ڪالاباغ ڊيم ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ واري گنجائش گهٽائين ۽ ان منصوبي کي رڳو بجلي پيدا ڪرڻ تائين محدود ڪن ۽ ڊيم جو پاڻي زرعي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪرڻ جي خاطري ڪرائين ته پوءِ واقعي سمجهبو ته وفاقي سرڪار رڳو پنجاب جي نه پر ٻين صوبن جي به ڳالهه مڃي ٿي.
    (20 جون 1998ع)


    گرينڊ الائنس لاءِ ٿيندڙ گرينڊ رابطا

    گرينڊ الائنس لاءِ ٿيندڙ گرينڊ رابطا

    گرينڊ اپوزيشن الائنس جوڙڻ لاءِ اڄڪلهه پ پ وارن سنجيدگيءَ سان ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هيستائين مولانا طاهر القادري جي سربراهي ۾ جوڙيل اتحاد جنهن ۾ پ پ پڻ شامل آهي ڪو وڏو فعال ڪردار ادا نه ڪري سگهيو آهي. شروع ۾ پ پ جي صدقي سان ڪجهه ريليون منعقد ڪيون ويون پر انهن ريلين جو سلسلو برقرار نه رهي سگهيو ۽ ڪافي وقفو (Gap) اچي ويو آهي. پروگرام موجب سرگوڌا، سکر ۽ ملتان ۾ ريليون جون ۽ جولاءِ ۾ ٿيڻيون هيون پر جون ته خير سان گذرڻ تي آهي ۽ هاڻي جولاءِ اچڻ وارو آهي، پر اڃا انهن ريلين جو پروگرام پڌرو نه ڪيو ويوآهي.
    وزيراعظم ڪالاباغ ڊيم جو اعلان ڪري ڪيترين ئي ڌرين کي پاڻ ۾ گڏجڻ لاءِ جواز فراهم ڪري ڏنو آهي. ڪالاباغ ڊيم جو شوشو ڇڏي ماڻهن جو ڌيان ايمرجنسي کان هٽايو ويو آهي ۽ ايمرجنسي خلاف ڪا به عوامي تحريڪ يا رد عمل ايترو پيدا ناهي ٿي سگهيو جنهن جو امڪان هو. اسفنديار ولي ڳچ عرصي کان گمنامي جي زندگي گهاريندڙ محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪري پٺاڻ اتحاد جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسفنديار وارا چاهين ٿا ته پٺاڻن جا قومپرست گروپ گڏ ڪري پٺاڻ اتحاد ٺاهين ۽ پوءِ ان پٺاڻ اتحاد جو عوامي اتحاد سان وري اتحاد ڪن. جيتوڻيڪ خورشيد شاهه حامد خان اچڪزئي سان ملاقات ڪري کيس سڌي طرح عوامي اتحاد ۾ اچڻ لاءِ دعوت به ڏني آهي ۽ هن انڪار به نه ڪيو آهي پر پوءِ به پٺاڻ اتحاد کي هو وڌيڪ اهميت ڏئي رهيا آهن. پ پ وارا مولانا فضل الرحمان سان به رابطا ڪري رهيا آهن ته هو به عوامي اتحاد ۾ سامل ٿين. عوامي تحريڪ جي پٺاڻن ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي پ پ سان اتحاد جا پراڻا تجربا آهن. ماضي قريب جي تاريخ موجب پ پ وارن ڪنهن سان وفا ڪو نه ڪئي آهي ۽ مڙئي ڪم ڪڍيو آهي. هڪڙي لحاظ کان پ پ بابت اهو تاثر وڌاءُ برابر به آهي ڇو ته محترمه، چٺا کانسواءِ سڀني کي ڪم ڪڍڻ کان پوءِ چلتو ته بڻايو آهي پر ساڳئي وقت خچرن ۽ اٺن تي هلڻ وارن کي عيش به ڪرايا آهن. بهرحال اهڙن تجربن بعد به پنهنجي پاڻ کي وري توانائي ڏيڻ لاءِ اها سندن ضرورت آهي ته هو پ پ سان اتحاد ڪن، هن دفعي فرق اهو هوندو ته جيڪي گروپ به پ پ جا پانڌيئڙا ٿيندا اهي اڳواٽ لکت ۾ معاهدا ڪندا. گادي واري شهر جي باحواس حلقن جو چوڻ آهي ته جولاءِ ۾ وري عوامي اتحاد جو دائرو وسيع ڪري ان کي فعال بڻائي حڪومت خلاف منظم ڪرڻ جو شيڊول تيار ٿي رهيو آهي پر ان کان اڳ بينظير ڀٽو ۽ ولي خان وچ ۾ ملاقات به ٿيندي جيڪا هاڻي هفتن نه پر ڏينهن اندر متوقع آهي. محمود خان اچڪزئي کي به محترمه يقين ڏياريندي ته ساڻس تعاون ڪيو ويندو. اها به عجيب ڳالهه آهي ته هر دفعي ماضي ۾ جڏهن به محترمه نواز ليگ خلاف اتحاد جوڙيا ۽ لانگ مارچ ڪيا آهن تڏهن کيس اهو آسرو ته ڇا پر يقين هوندو هو ته هاڻي هن جو وارو آهي ۽ هوءَ اقتدار جي سيج تي ويهندي پر هن دفعي هوءَ ذهني طور تي ان تان هٿ کڻي چڪي آهي. اهو سمجهندي به ته آئينده ان جو وزيراعظم ٿيڻ جو امڪان گهٽ آهي تڏهن به وري سرگرم ٿي رهي آهي ۽ ايمرجنسي لاڳو هجڻ جي باوجود به جولاءِ ۾ وري تحريڪ هلائڻ لاءِ فيصلو ڪري چڪي آهي. هن دفعي سندس مقصد اهو آهي ته نواز شريف وڃي پوءِ ڪير به ڇو نه اچي.
    سازشن جي شهر ۾ وري هڪ وڏي سازش جي بوءِ اچي پئي ۽ پروفيشنل اڳڪٿيون ڪندڙ وري شرطون لڳائي اڳڪٿيون پيا ڪن ته حڪومت 98ع جو سال مشڪل ڪڍي. اهڙين پيشن گوئين جي سرٻاٽن ٻڌڻ کان پوءِ پير پاڳارو به گادي واري شهر ۾ خيما کوڙيو ويٺو آهي. هو چئن ڏينهن کان چپ آهي. حالتن جو بغور مطالعو پيو ڪري ۽ حساب ڪتاب ۾ مصروف آهي ته ڪڏهن ٿو نواز شريف جي قسمت جو ستارو جهڙ ۾ غائب ٿئي. پير صاحب جيڪي به ڳالهيون ڪندو آهي سي پنهنجي عقل ۽ تجزيي جي آڌار تي ڪندو آهي. مختلف حلقن کان معلومات وٺڻ بعد هو سوچي سمجهي انومان ڪڍي پوءِ بيان ڪڍندو آهي ۽ اڪثر سندس فائر نشاني تي لڳندو آهي. اڄڪلهه جڏهن نواز ليگ خلفشار جو شڪار آهي ۽ اندروني ڀڃ ڊاهه سبب تيزي سان خراب کان خراب صورتحال ڏانهن وڌي رهي آهي ته ان مند ۾ پير صاحب پاڻ ان جي جائزي وٺڻ لاءِ سخت گرمي ۾ به هيڏانهن جو پنڌ ڪيو آهي. چوڌري شجاعت حسين گهرو کاتي جو وفاقي وزير آهي پر سندس سئوٽ پرويز الاهي جي فيڪٽري تي پنجاب پوليس ڇاپو هنيو ته شجاعت کي خبر ئي نه پئي. پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر آهي سندس فيڪٽري تي ڇاپو هڻائڻ بعد ميان شهباز شريف سندس گهر ويو ۽ حيرت ظاهر ڪدي چيو ته اهو ڪنهن ڪيو آهي؟ اسين ان کي نه ڇڏينداسين. ان ”محبت“ جو اندازو چوڌرين کي به ٿي ويو آهي. 18 ايم اين ايز ۽ 40 کان وڌيڪ ايم پي ايز جيتوڻيڪ چوڌرين جي مٺ ۾ آهن ته به ساڻن کوئنس ڪئي پئي وڃي. آف دي رڪارڊ ان جو جواز اهو ٿو ٻڌايو وڃي ته احتساب کي غير جانبدار بنيادن تي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومتي ڌر جي ميمبرن کي به ڦاسايو وڃي. فيصل آباد جي غريبن واري محلي ۾ رهندڙ ڪائونسلر جي درجي وارو چوڌري شير علي نواز شريف جو مائٽ هئڻ ڪري 93ع کان وٺي ايم اين اي بڻبو پيو اچي. سيف الرحمان هاڻي شير علي ۾ به هٿ وڌا آهن. شايد هو شير علي کان پڇڻ ٿو چاهي ته هن 6 سالن ۾ 30x70 جي پلاٽ تي اڏيل فليٽ نما گهر مان 2000 گز جي پلاٽ تي وائيٽ هائوس ڪٿان ٺاهيو آهي. شير علي سيف الرحمان جي سخت خلاف آهي. هن 3 ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ چيو ته سيف کي لغام ڏيو نه ته سندس حال خراب ڪري ڇڏيندس. شير علي خلاف ڪيل ڪارروائي بعد هن جنهن اسٽائيل ۾ احتجاج ڪيو آهي ان بعد ڪيترائي سيف جا ستايل ايم اين اي شير علي کي ليڊر ٺاهيو ٿا وتن. هتي جي هڪ اخبار ۾ 2 ڏينهن اڳ خبر هلي هئي ته 14 ايم اين اي شير علي جي ڇانوَ ۾ هليا ويا آهن.
    بجيٽ پاس ٿيڻ کان ٻه ڏينهن اڳ جڏهن وزيراعظم پارلياماني پارٽي جو اجلاس سڏايو ته ان اجلاس ۾ ٻن 70 سالن جي ڄمار وارن ڪراڙن پهريون دفعو نواز شريف سامهون چڱو خاصو ڳالهايو هو. مولانا لڪوي چيو هئس ته ”ميان نواز شريف صاحب نه تنهنجو ڀاءُ ٿو ڪو ڪم ڪري نه توهان ٿا ڪريو، عوام اسان جي درن تي اچي گاريون ٿو ڏئي، اڇي ڏاڙهي ۾ خوار ٿا ٿيون، يا ڪم ڪرايو يا اسان مان هٿ ڪڍو ته استعيفا ڏئي گهر وڃون.“ ٻئي ڪراڙي حمزه چيس ته ”مان ڪلمون ڀري ٿو ڳالهه ڪريان ته ملڪ ۾ ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ اسان جي حڪومت ناهي. اسان سان مخالفن وارو سلوڪ نه ڪريو.“ هن اهو تاثر به ڏنو هو ته لاهور کانسواءِ به پنجاب آهي ان جو به خيال ڪريو. هنن ڪراڙن جي طعنن سبب مني ڪلاڪ ۾ اجلاس ختم ڪري نواز شريف واپس هليو ويو هو. چوڻ جو مقصد ته هاڻي آهستي آهستي پارٽي اندر جيڪو خلفشار پيدا ٿي رهيو آهي ان کي ڊرامي جا ڊائريڪٽر يقينن Directionless ڪو نه ڇڏيندا. جولاءِ ۾ اپوزيشن جي تحريڪ کي زور وٺرائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ مسلم ليگ جي اندروني خلفشار کي Mature ڪرڻ جي به ڪا ڊگهي تاريخ ڪو نه پيا ڏين. هنن جو خيال آهي ته حڪمران ڌر مان ئي بغاوت ڪري ايم ڪيو ايم واري گوگا جهڙو گروپ پيدا ڪيو ويندو جنهن جي اڀرڻ ۽ زور وٺڻ جو وقت آگسٽ 98ع هوندو.
    سيپٽمبر ۾ هڪ ارب ڊالر قرض واپس ڪرڻو آهي. آمريڪا ۽ ٻين ملڪن پاران لڳايل پابندين جا اثر به سيپٽمبر آڪٽوبر ۾ پڌرا ٿيندا. نئين آرمي چيف جي نالي جي چونڊ آڪٽوبر ڌاري ٿيندي. ملڪ ۾ لڳايل ايمرجنسي جي مدت به آڪٽوبر ڌاري پوري ٿيڻ تي هوندي. قاضي حسين به آڪٽوبر ڌاري اڏام ڪندو ۽ اپوزيشن واري گرينڊ الائينس جي تحريڪ جو Peak period به آڪٽوبر ۾ ايندو جنهن بعد وري سجاد علي شاهه جا ساٿي به سرگرم ٿي سگهن ٿا. اسٽاڪ ايڪسچينج جا سٽي باز به آڪٽوبر جا اشارا پيا ڪن. خبر ناهي ته آڪٽوبر ۾ ڇا ٿيندو پر لڳي ٿو ته ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته نومبر ۽ ڊسمبر تائين دما دم مست قلندر ٿي وڃي. اهڙيون ڳالهيون ڪندڙ چون ٿا ته ان بعد قومي حڪومت ٺهندي جنهن جو سربراهه سرتاج عزيز ٽائيپ ماڻهو هوندو. ڪجهه ماڻهو فاروق لغاري کي فيوريٽ قرار ڏئي رهيا آهن ته ڪي وري شير باز مزاري جو نالو کڻي رهيا آهن. اڄڪلهه ته نالا به اچڻ شروع ٿيا آهن ۽ ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته جڏهن نالا اچڻ شروع ٿيندا آهن ته پوءِ يقينن ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو آهي، جيڪڏهن نه ٿيڻو هوندو آهي ته تڏهن به ٿي پوندو آهي.
    (29 جون 1998ع)


    هڪ تاريخي عدالتي فيصلو جنهن قوم کي آزاديون موٽائي ڏنيون

    هڪ تاريخي عدالتي فيصلو جنهن قوم کي آزاديون موٽائي ڏنيون

    29 فيبروري تي جڏهن پاڪستان ڀارت جي 3 ايٽمي ڌماڪن جي جواب ۾ 5 ايٽمي ڌماڪا ڪيا هئا ته پاڪستان جي 13 ڪروڙ ماڻهن جي اڪثريت خوش هئي. هر طرف واهه واهه هئي ۽ حڪومت جا چرچا هئا. اپوزيشن کي مخالفت ڪرڻ لاءِ ڪو بهانو نه پئي مليو. نتيجي ۾ عوامي اتحاد جون ريليون ملتوي ٿي ويون هيون ۽ پاڪستانين ۾ سلامتي ۽ تحفظ جو احساس اڀريو هو. ايڏي قومي يڪجهتي واري فضا جي ماحول ۾ بدمزگي ان ئي ڏينهن پيدا ٿي پئي هئي بلڪه حڪمرانن پاڻ ئي اها بدمزگي تڏهن پيدا ڪئي جڏهن صدر رفيق تارڙ کان انهن ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ ۽ عوام جا آئين ۾ ڏنل بنيادي حق معطل ڪرڻ جا صدارتي فرمان جاري ڪرايا هئا. 28 ۽ 29 مئي جي وچ واري رات جي پيٽ ۾ جاري ڪيل انهن فرمانن تي عوام ناراض ٿيو ۽ حڪومت جي مخالفن کي مخالفت جو نادر موقعو وري ملي ويو.
    جيتوڻيڪ آئين جي آرٽيڪل 232 (1) موجب جنگ هجڻ، جنگ جي خطري هئڻ يا اندروني طور گڙٻڙ هئڻ جي صورت ۾ صدر ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو مجاز آهي پر صدر ان اختيار جو استعمال جن حالتن ۾ ڪيو آهي ۽ جيڪي جواز ٻڌايا آهن اهي صحيح ۽ درست هئڻ وارو سوال بدستور موجود آهي. آرٽيڪل 233(1) موجب صدر عوام جا بنيادي حق معطل ڪري سگهي ٿو ۽ کيس ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ بعد بنيادي حق معطل ڪرڻ جو جواز آهي. صدر جي انهن ٻنهي فرمانن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو. عدالت موڪل جي باوجود به لاهور ۾ 7 رڪني بينچ قائم ڪري چيف جسٽس اجمل ميان جي سربراهي ۾ سماعت ڪئي.سپريم ڪورٽ 28 جولاءِ تي ڏيڍ صفحي جي مختصر حڪم ذريعي عوام جا معطل ڪيل بنيادي حق ته بحال ڪري ڇڏيا آهن پر ايمرجنسي واري فرمان بابت اهو چيو آهي ته ان جو جائزو وٺڻ ۽ ان جي درست اطلاق جو فيصلو ڪرڻ جي به عدالت مجاز آهي. ڪنهن مناسب وقت تي عدالت ايمرجنسي واري فرمان جو به جائزو وٺي سگهي ٿي.
    سپريم ڪورٽ جي ان حڪم ذريعي آئين جي آرٽيڪل 25-23-24-19-18-17-16-15-10 وارا عوام جا حق بحال ٿيا آهن. آئين جي آرٽيڪل 10 موجب ڪنهن به ماڻهو جي گرفتاري کي ڳجهو نٿو رکي سگهجي ۽ جوابدار کي پسند جو وڪيل ڪرڻ جو حق آهي. اهو معطل ٿيل حق بحال ٿي ويو آهي. آرٽيڪل 15 موجب هر شهري کي گهمڻ ڦرڻ پوري ملڪ ۾ ڪٿي به رهائش اختيار ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. آرٽيڪل 16 موجب بنا هٿيارن جي ڪٿي به شهري پاڻ ۾ گڏ ٿي سگهن ٿا. آرٽيڪل 17موجب ڪو به شهري تنطيم ٺاهي سگهي ٿو. آرٽيڪل 18 موجب هر شهري کي ڪو به ڪاروبار شروع ڪرڻ جو حق آهي. آرٽيڪل 19: پريس جي آزادي، شهرين کي تقرير جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي فراهم ڪري ٿو. آرٽيڪل 23: هر شهري کي پنهنجي پسند سان ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ جو حق ڏئي ٿو. آرٽيڪل 24: ڪنهن کان به ملڪيت ڦرڻ جي خلاف آهي ۽ هر شهري کي ملڪيت جي تحفظ جي ضمانت فراهم ڪري ٿو. آرٽيڪل 25 موجب هر شهري هڪ جيترو حق رکي ٿو. تفريق جي سخت مخالفت ڪري ٿو.
    اهي سمورا حق جيڪي حڪومت 28 مئي تي معطل ڪيا هئا اهي هاڻي بحال ٿي ويا آهن. ان کانسواءِ آرٽيڪل 233(2) موجب سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنهن به شهري کي بنيادي حقن بابت وڃڻ کان روڪڻ جو جيڪو صدارتي فرمان جاري ٿيو هو اهو به ختم ٿي ويو آهي. عدالت جو اهو چوڻ ته صدر پاران آئين جي انهن اختيارن جو استعمال بنا جواز ۽ غيرقانوني آهي، صدر رفيق تارڙ جي سپريم ڪورٽ جي جج طور ڪيل نوڪري، سندس ڄاڻ، علم ۽ عقل بابت به سوال ڇڏي وڃي ٿو؟ هاڻي بنيادي حق بحال ٿيڻ بعد جڏهن بطور هڪ شهري منهنجا حق بحال ٿيا آهن ۽ منهنجي اظهار جي وسيلي ”پريس“ جي آزادي بحال ٿي آهي ته آئون اهو سوال ڪري سگهان ٿو ته رفيق تارڙ انهن اختيارن جو غلط استعمال ڇو ڪيو؟ انهن آئيني اختيارن جي غلط استعمال جي جيتوڻيڪ قانون ۾ ڪا سزا ته ناهي پر ڇا عوام هن کي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ شخص قرار نٿو ڏئي سگهي؟
    سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي جي جيتري به ساراهه ڪجي اها گهٽ آهي. جيتوڻيڪ هي تمام اهم ۽ وڏو فيصلو آهي پر عوامي حلقن مان ان جي آجيان ان پئماني تي نه ٿي سگهي آهي. عوام جي معطل ڪيل بنيادي حقن واري فرمان خلاف جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو هو ته ان فيصلي تي پشيماني ظاهر ڪندي حڪمرانن ۽ صدر تارڙ 13 جولاءِ تي پنهنجي فرمان ۾ ”الٽريشن“ ڪندي ڪجهه بنيادي حق پاڻ ئي بحال ڪيا هئا. جڏهن هڪ وزارت ۾ ڪنهن سرڪاري آفيسر کي عوامي خزاني مان چند سئو رپيا غلط استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ معطل ڪري سزا ڏيڻ جو قانون آهي ته پوءِ 13 ڪروڙ عوام جا بنيادي حق معطل ڪرڻ جو آئيني اختيار غلط استعمال ڪندڙن کي معطل ڪرڻ جي سزا جو قانون ڇو نه آهي؟ قانون نه هئڻ ڪري اهو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ٿيندو ته انهن ماڻهن لاءِ ڪهڙي سزا هجڻ گهرجي.
    اهو ته ٺيڪ آهي ته عوام جا بنيادي حق بحال ٿيا ۽ اها خوشي جي ڳالهه آهي پر آئين جي آرٽيڪل 232(1) موجب لاڳو ڪيل فرمان جو نيٺ ڇا ٿيندو جنهن سان ملڪ ۾ ايمرجنسي برقرار رکي وئي آهي؟ ايمرجنسي جي برقرار رهڻ سان اڄ به صوبن جي خودمختياري معطل آهي. صوبائي اسيمبلين جي قانون سازي وارو حق معطل آهي. صوبا وفاق جي حڪم ۽ هدايت تي هلڻ جا پابند آهن وفاق کي اختيار آهي، اهو ڪنهن به صوبي جي اختياري نائب قاصد کان وڏي وزير تائين ڪنهن کي به ڊڪٽيٽ ڪري سگهي ٿو. صوبائي حڪومت ۽ وڏي وزير جا اڪثر اختيار اڄ به وفاق وٽ آهن. صوبائي اختياريون معطل آهن. ڪنهن به صوبي جي ڪنهن به آفيسر جا مرڪز اختيار استعمال ڪري سگهي ٿو. تارڙ پاران آئين جي آرٽيڪل 232(1) موجب جاري ڪيل ايمرجنسي وارو فرمان بدستور لاڳو آهي جنهن جو به شايد مستقبل ۾ سپريم ڪورٽ جائزو وٺندي پر جيسين ان جو جائزو ورتو وڃي تيسين ڇا ٿيندو؟ صوبائي اختيارين کي ان حڪم ذريعي لولو لنگڙو ڪرڻ واري ان حڪم جا ڪيڏا ۽ ڪهڙا نقصان ٿي سگهن ٿا ان جو اندازو ته ڪو لياقت جتوئي ۽ اختر مينگل کان پڇي. ان حڪم جي برقرار رهڻ جي صورت ۾ هن وقت صوبائي اختيارين جي حيثيت هڪ پوسٽ مين واري آهي جيڪي پاڻ ڪجهه به ڪرڻ جون مجاز ناهن صرف هيڏانهن جي ڳالهه هوڏانهن پهچائي سگهن ٿيون.
    صوبن کي آئين ۾ ڏنل اختيار ۽ خودمختياري ته 50 سالن ۾ اڄ تائين ملي ئي نه آهي مٿان ايمرجنسي واري ان آ رڊر بعد ملڪ ۾ غير اعلانيه طور نه پر اعلانيه طور ون يونٽ قائم آهي. آئين جي آرٽيڪل 233(2) کي ڪو پڙهي ته سهي، ايوب خان جڏهن ون يونٽ لاڳو ڪيو هو ته سنڌ مان ان جي حمايت ايوب کهڙي ڪئي هئي. اڄ جڏهن نواز شريف ون يونٽ لاڳو ڪيو آهي ته ان تي ٻيٽي جي قومپرست اڳواڻ ۽ ايوب واري ون يونٽ جي مخالف حميد جتوئي جو پٽ ڇو خاموش آهي يا خود چاچو حميد جتوئي ڇو ماٺ آهي؟ اسان جون سياسي جماعتون ۽ انهن جا ”پڙهيل لکيل“ ماڻهو ڇو نه ٿا ڳالهائين؟ قيد جي تڪيلف ۽ آزادي کسجڻ جو احساس ٻاهر ۽ آزاد رهندڙ ماڻهو کي ڪڏهن به ان پئماني تي نٿو ٿي سگهي. جنهن ڀوڳنا ۽ پيڙا جو احساس ڀوڳيندڙ ماڻهو کي آهي. ان ماحول ۾ ئي آصف زرداري جي ان ڳالهه جو به جائزو وٺڻ گهرجي ته ڪٿي ايئن ته ناهي ته بينظير ۽ آصف سميت مخالفن جا بنيادي حق معطل ڪرڻ لاءِ 13 ڪروڙ عوام جا حق معطل ڪيا ويا؟ حڪومت جي مخالفن کي سهولتن کان محروم ڪرڻ لاءِ هڪ قومي اسيمبلي جي سيٽ واري وفاق 216 قومي اسيمبلي جي سيٽن وارن چئن صوبن جو اختيار ايمرجنسي وسيلي يرغمال ڪيو آهي.
    (30 جولاءِ 1998ع)


    ڇا بينظير صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي؟

    ڇا بينظير صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي؟

    پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ جي سرواڻي قبولي پنجاب جي سرحد تي 10 آگسٽ تي ڌرڻو هڻڻ جو جيڪو اعلان ڪيو آهي تنهن تي اقتداري ايوان واري شهر اسلام آباد ۾ مختلف رايا ظاهر ڪيا پيا وڃن، حڪمران ڌر پاران اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته بينظير ڀٽو 2 دفعا وزيراعظم رهڻ جي باوجود به صوبائي ليڊر بڻجي وئي آهي. گاديءَ واري شهر ۾ رهندڙ سنڌين جي راءِ آهي ته سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم و