ڪتاب جو نالو: انسانيت جي تعمير
مصنف: مولانا وحيد الدين خان / خالد ڀٽي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 13 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 958 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 429 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”انسانيت جي تعمير“ اصل ۾ مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي صاحب آهي.
ڪتاب مان ورتل هڪ ٽڪرو:
بحث هيٺ آيل موضوع جي لحاظ کان ان جو مطلب هيءُ آهي ته جنهن ٽولي کي عدد برتري حاصل هوندي آهي، اهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندو آهي. اهو شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندو آهي ته محنت کانسواءِ ئي کيس سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو. اها نفسيات منجهس ذهني ۽ عملي جمود پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري قدر جو سڄي قوم سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي. اها ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جي قابل ناهي رهندي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • باب پهريون

  • انسان جي ڳولا
  • ڪائنات جو دين
  • توحيد ـ انسانيت جي منزل
  • باب ٻيو

  • اميد جو مذهب
  • محبت، دنيا کي فتح ڪندڙ
  • باب ٽيون

  • انسانيت جو ايڪو ۽ اتحاد
  • تبديليءَ جو مسئلو
  • هڪجهڙو سول ڪوڊ (شهري قانون)
  • باب چوٿون

  • اصلاح ڏانهن
  • ترقي ۽ ٻڌي
  • ترقي ۽ تعمير ڏانهن
  • تاريخ جو سبق
  • لاقانونيت جو مسئلو
  • باب پنجون

  • اسلام جو ڪردار
  • انسانيت جو نمونو
  • اسلام، تبديل ٿيندڙ دنيا ۾
  • مستقبل جي قيادت (اڳواڻي) هڪ تاريخي قانون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (249) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”انسانيت جي تعمير“ اصل ۾ مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار خالد ڀٽي صاحب آهي.

    سنڌيڪا اڪيڊمي پاران هي ڪتاب 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    باب پهريون

    انسان جي ڳولا

    ( انسان پيدائشي طور تي هڪ دين جي ڳولا ۾ آهي، سندس آس پاس جي دنيا ۾ اهو دين اعليٰ انساني قدرن جي شڪل ۾ موجود آهي ۽ خدا جي ڪتاب قرآن مقدس ۾ اهو دين اصولن ۽ ضابطن جي شڪل ۾ موجود آهي.)

    انساني تاريخ هڪ لڳاتار ڳولا ۽ جستجو جو نالو آهي. انساني تاريخ جيتري اوائلي ۽ قديم آهي، سندس تلاش به ايتري ئي قديم آهي پر انيڪ علمي ۽ تمدني ترقين جي باوجود اڃان تائين انسان پنهنجي ڳولا جو جواب نه ماڻي سگهيو آهي. انسانيت جو قافلو اڃان تائين ڳولا جي رڻ پٽ ۾ حيران ۽ پريشان ڏسڻ ۾ اچي پيو. حقيقت جي اها ڳولا، سڀ کان پهريان فلسفين باقاعده شروع ڪئي. هزارين وڏن وڏن دماغن پنهنجي سڄي ڄمار انهيءَ ڳولا ۾ کپائي ڇڏي. پر اهي ڪنهن اعتماد جوڳي جواب تائين نه پهچي سگهيا. انگريز فلسفي برٽرينڊرسل (وفات 1970ع) ويهين صديءَ جو وڏو ترقي ڀريو زمانو ڏٺو. هو لڳ ڀڳ سؤ ورهيه جيئرو رهيو. هن پنهنجي سڄي حياتي مختلف علمن جي مطالعي ۽ اڀياس ۾ گذاري ڇڏي، ان جي باوجود هو انهيءَ حال ۾ جهان ڇڏي ويو، جو هو دنيا کي ڪو حياتيءَ جو فلسفو نه ڏئي سگهيو. اهو ئي سبب آهي جو برٽرينڊرسل کي بنا فلسفي وارو فلسفي (Philosopher of no Philosophy) چيو وڃي ٿو.
    پر اها رڳو برٽرينڊرسل جي ڳالهه ناهي، بلڪ سڄيءَ دنيا ۾ جنم وٺندڙ سمورن فلسفين جو معاملو به ساڳيو ئي آهي. انهن مان ڪوبه فلاسافر انسان کي ان جي ڳولا جو ڪو واضح ۽ چٽو جواب ناهي ڏئي سگهيو، ان جو مطلب اهو ناهي ته جيڪڏهن پنج هزار سالن ۾ فلسفو پنهنجي ڳولا جو جواب ڳولڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ته ايندڙ پنج هزار سالن ۾ هو ان جو جواب ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. حقيقت اها آهي ته اهو معاملو ڳولا جي مدت جو ناهي، بلڪ ڳولا جي معاملي ۾ فلسفي جي نااهليءَ جو آهي.
    حقيقتن جي دنيا تمام گهڻي وسيع ۽ ڪشادي آهي، ايڏي وسيع جو انسان پنهنجي محدود عقل ۽ شعور جي تحت ان جو ڪاٿو ئي نٿو ڪري سگهي. هڪ مغربي مفڪر ٺيڪ چيو آهي، ته علم ۾ هر واڌارو پنهنجي بي علميءَ ۾ واڌاري جي برابر آهي. اسان جو حال اهو آهي جو گهٽ کان گهٽ جي باري ۾ وڌ کان وڌ ڄاڻون پيا.
    We are knowing more and more about less and less.
    فلسفي کان پوءِ هن معاملي ۾ ٻيو نالو سائنس جو اچي ٿو، پر سائنس شروعات ۾ ئي هن معاملي ۾ پنهنجي شڪست جو اعتراف ڪري ورتو آهي، حقيقت اها آهي ته سائنس جو مشهور ۽ معروف ترقيون ۽ اڳڀرايون انهن مڙني اعترافن جو نتيجو آهن. فلسفو اها ڪوشش ڪري رهيو هو ته، هو شين جي علم (Knowledge of things) ۽ سچائين جي علم (Knowledge of truths) ٻنهي کي هڪ ئي وقت ڳولي لهي، يعني دريافت ڪري، پر سائنس اڳواٽ ئي اهو مڃي ورتو ته، سچائيءَ جي علم تائين پهچڻ، انسان جي لاءِ، سندس اڻپوري لياقت ۽ قابليت جي ڪري ممڪن ئي ناهي. انهيءَ ڳالهه کي قرآن شريف ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
    وَ مَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ اِلَّا قَلِیۡلًا (بني اسرائيل: 85)
    ”۽ اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي.“
    جيتوڻيڪ عملي نقطه نظر کي اختيار ڪندي، سائنس پنهنجي ڪوششن کي رڳو شين جي علم تائين محدود ڪري ڇڏيو. انهيءَ ورهاست جي آڌار تي سائنس ٿورڙي سوڀاري ٿي، پر ان سان گڏوگڏ اهو به ثابت ٿي ويو ته حقيقت جي ڳولا جي معاملي ۾ سائنس ڪو ڪارائتو علمي ذريعو ناهي ۽ نڪي ڪڏهن اها ان جو وسيلو بڻجي سگهي ٿي. فلسفي ۽ سائنس کان پوءِ باقي جيڪو ٻيو وسيلو رهي ٿو، سو مذهب آهي. فلسفي ۽ سائنس جي ابتڙ، مذهب جي دعويٰ اها آهي ته، وٽس حقيقت جو علم آهي ۽ ماڻهن کي ان ڏانهن اچڻ گهرجي. دنيا ۾ لڳ ڀڳ ٻارهن وڏا مذهب آهن ۽ هر هڪ جي اها ئي دعويٰ آهي، پر اٽل ۽ پڪي پختي اصول جي مطابق، ڪنهن به مذهب يا فڪري نظام کي رڳو دعويٰ جي بنياد تي نٿو مڃي سگهجي. ضروري آهي ته انهن طئي ٿيل علمي اصولن تي سندس دعويٰ کي جانچيو ۽ پرکيو وڃي ۽ ان کان پوءِ ئي ڪو فيصلو ڪيو وڃي.
    هاڻي غور ۽ ويچار ڪريو ته، انهيءَ جانچ جا علمي اصول ڪهڙا ٿي سگهن ٿا، مان سمجهان ٿو ته مذهب جي حقيقت (سچائيءَ) کي جانچڻ ۽ پرکڻ جي لاءِ هي ٽي بنيادي اصول ٿي سگهن ٿا:
    (1) جنهن مذهب بابت بحث ڪيو پيو وڃي، ان مذهب جي حق ۾ تاريخي شاهديون ڪهڙيون آهن؟ ڇا تاريخ جي طئي ٿيل معيار تي ان جي وجود جي ثابتي ثابت ٿئي ٿي؟ ٻين لفظن ۾ هي ته اهو فقط اڻ ثابت ٿيل ڳالهين تي ٻڌل آهي يا پاڻ سان ڪا حقيقي تاريخ رکي ٿو.
    (2) مذهب جي دائري کان ٻاهر علمن جي جيڪا ارتقا (واڌ ويجهه) ٿي آهي، سا ان جي تعليمات جي تصديق ڪن ٿا يا ان جي ترديد ڪري ٿو. ثابت ٿيل علم ان جي موافق آهن يا ان جي خلاف.
    (3) ان جي تعليمات ۾ انساني زندگيءَ جي لاءِ ڇا ڪا اهڙي رٿا آهي جيڪا سدائين لاءِ عمل جي قابل هجي ۽ جنهن جي ڪارائتي هجڻ جو ڪو عملي ثبوت به موجود هجي.

    هڪ جائزو
    هاڻي ڄاڻايل اصولن جي روشنيءَ ۾ مختلف مذهبن جو هڪ مختصر جائزو وٺو. انهيءَ سلسلي ۾ پهريون معيار، تاريخي اندازو ۽ ڪسوٽي آهي، انهيءَ معيار جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته، اڪيلي اسلام کي ڇڏي باقي ٻيا سمورا معروف مذهب تاريخي ڪسوٽيءَ تي غيرمستند قرار ڏئي سگهجن ٿا. مثال طور هندو ازم ۾ رام کي هڪ راجا جو پٽ ڄاڻايو ويو آهي. پر تاريخي رڪارڊ ۾ اهڙي ڪنهن به راجا يا راجا جي ڪٽنب (Family) جو ڪو ثبوت نٿو ملي.
    اهڙيءَ طرح ڪرشن کي هڪ مها يڌ (وڏي جنگ) جي ڪردارن مان هڪ ڪردار مڃيو ويو آهي، پر خالص تاريخي اعتبار کان اهڙي ڪنهن جنگ جو ڪو ثبوت ڪونه ٿو ملي.
    اهڙيءَ طرح گوتم ٻڌ ڏانهن ڪجهه تعليمات منسوب ڪيون وڃن ٿيون. حالانڪ اڄ تائين اهو ثابت ناهي ٿي سگهيو ته، گوتم ٻڌ ڪهڙي ٻولي ڳالهائيندو هو.
    اهڙيءَ طرح ويدن کي هندو ازم جو مقدس ڪتاب سمجهيو ويندو آهي، پر ويدن جي تاريخ بابت ڪابه ڄاڻ ڪو نه ٿي ملي. نج تاريخي ماخذ جي بنياد تي ڪو به نٿو ٻڌائي سگهي ته ويد ڪڏهن لکيا ويا ۽ انهن جا لکندڙ ڪير هئا.
    حضرت مسيح' جي پيغمبر هئڻ جي اصولي تصديق قرآن مان معلوم ٿئي ٿي، پر فلسطين ۽ شام جي باقاعده تاريخ ۾ ان جو ڪوبه حوالو موجود ناهي. حضرت مسيح' جو ڪجهه ترجمو ٿيل ڪلام نئين عهدنامي (انجيل) جي صورت ۾ اڄ به موجود آهي پر انهيءَ نئين عهدي نامي جي ترجمي کي معتبر نٿو چئي سگهجي، ايستائين جو ان جو به ڪو ثبوت نٿو ملي ته حضرت مسيح' ڪهڙي ٻوليءَ ۾ ڪلام ڪيو هو، حالانڪ ان وقت فلسطين جي علائقي ۾ مختلف ٻوليون رائج هيون. مثلاً: رومي ۽ عبراني وغيره.
    اهوئي معاملو اسلام کان سواءِ باقي سڀني مذهبن جو آهي، اهي مذهب خالص تاريخي طور تي غيرمعتبر آهن ۽ جيڪو مذهب تاريخي حيثيت (Historical Credibility) نه رکندو هجي، اهو علمي اعتبار کان بحث هيٺ اچڻ جي لائق ئي ناهي.
    هاڻي ٻئي معيار يعني ڪسوٽي جي لحاظ کان ڏسو. هتي به پهريان جهڙو معاملو آهي، اسلام کان سواءِ ٻين وڏن مذهبن منجهان ڪوبه مذهب انهيءَ ڪسوٽي ۽ انداز تي پورو ڪونه ٿو لهي. مثال طور هندو ازم جي مقدس ڪتابن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ستارا انسان جي قسمت تي اثرانداز ٿيندا آهن، پر سائنسي طور تي ان جو ڪوبه ثبوت ڪو نه ٿو ملي.
    اهڙيءَ طرح هندو مذهب جي مقدس بزرگ يڌهشٽر لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته، سندس سچائيءَ ڪري سندس رٿ (گهوڙي گاڏي) زمين کان مٿي هلندي هئي ۽ هڪ ڀيرو جڏهن هن ڪوڙ ڳالهايو ته، سندس رٿ (گهوڙي گاڏي) مٿان کان هيٺ اچي زمين تي ڪري پئي، پر زمين جو سائنسي مطالعو ۽ اڀياس اهو ثابت نه ٿو ڪري ته سچ يا ڪوڙ زمين جي ڪشش، ڇڪ واري قوت تي اثرانداز ٿيندا آهن.
    اهڙيءَ طرح اڪثر غيراسلامي مذهبن ۾ اهو به مڃيو ويو آهي ته دنيا جون سڀ شيون خدا جي وجود جو حصو آهن. اهو پاڻ خدا آهي، جيڪو مختلف شين جي صورت ۾ پنهنجو ظهور پَسائي رهيو آهي. سڀ شيون خدا جي وجود جو حصو آهن. پر علمي ڇنڊڇاڻ سان اهو نظريو ثابت ڪو نه ٿو ٿئي. مثال طور، ڪائنات ۾ خدا جي پيدا ڪيل سڀني شين جو حال هيءُ آهي جو انهن کي ڪپي ۽ وڍي سگهجي ٿو، انهن کي ساڙي سگهجي ٿو، انهن کي مختلف صورتن ۾ بدلائي سگهجي ٿو، هاڻ اها ڳالهه تصور جي قابل ئي ناهي ته جيڪي شيون خدا جي وجود جو حصو هجن، انهن جي مٿان ان قسم جو انساني عمل جاري ٿي سگهي.
    ٽئين معيار تي به اسلام کان سواءِ ٻيو ڪو به مذهب پورو نٿو لهي، اسلام کان سواءِ ٻيا سڀ مذهب عمل جي قابل نه آهن ۽ اڻ لاڀائتي تعليمات سان ڀريل آهن. مثال طور تي جين مذهب ۽ ٻڌ مذهب ۾ سڀ کان وڏو گناهه ڪنهن ساهه واري کي مارڻ آهي ۽ سڀ کان وڏي نيڪي جان بچائڻ آهي. ايتري قدر جو جين مذهب جي ڪتابن ۾ اهو لکيل آهي ته، رام ۽ ڪرشن نرڳ ۾ ويا، ڇو جو انهن تلوار ۽ تير ڪمان جي ذريعي ساهوارن کي ماريو هو.
    ٻڌ مذهب ۽ جين مذهب جو اهو عقيدو ان معنيٰ ۾ نه آهي ته ظلم ۽ زيادتيءَ جي طور تي ڪنهن کي نه ماريو وڃي. بلڪ سندن عقيدي جي مطابق ڪنهن ساهه واري کي مارڻ، اهو گناهه آهي، جيڪو معافيءَ جي قابل نه آهي، پوءِ اهو ساهوارو ننڍو هجي يا وڏو، پر جديد کوجنائن کانپوءِ هيءُ نظريو مڪمل طور تي ناقابل عمل ثابت ٿي چڪو آهي. مثال طور: اسان جي هن زمين جا ڪيترائي اهڙا حصا يا علائقا آهن جتي گوشت کان سواءِ ٻئي ڪا خوراڪ (سبزيون، ميوا، اناج وغيره) ملڻ بلڪل ناممڪن آهي پر جيڪڏهن ڪٿي ڪا هجي به، ته ان کي حاصل ڪرڻ تمام ڏکيو آهي.
    وڌيڪ اهو ته جديد سائنسي انڪشافن ان قسم جي عقيدي کي مڪمل طور تي بي بنياد ثابت ڪري ڇڏيو آهي. مثلاََ جديد مطالعي مان اهو پڌرو ٿيو آهي ته زندگيءَ جو تعلق فقط انسانن ۽ حيوانن سان ئي ناهي، پر پاڻي، کير، ڀاڄين ۽ ميون جهڙين شين ۾ به وڏي پيماني تي زندگي موجود ملي ٿي. ايتري قدر جو هوا ۾ به ججهي تعداد ۾ زنده جسم موجود آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته ذبح ڪرڻ وارا يا گوشت کائڻ وارا ماڻهو ئي زندگيءَ کي ختم ڪرڻ جا ڏوهاري نه آهن، پر اهي ماڻهو به هر گهڙي بيشمار زندگين کي موت جي حوالي ڪري رهيا آهن، جيڪي پنهنجي خيال جي مطابق ڀاڄيون کائيندڙ آهن. انهيءَ قسم جا ڪيترائي مثال آهن، جن سان اهو ثابت ٿئي ٿو ته اهي مذهب جي علمي ترقين جي معيار ۽ ڪسوٽي تي پنهنجي سچائيءَ کي برقرار رکڻ ۾ ناڪام ويا آهن. حقيقت هيءَ آهي ته زندگيءَ جو ڪوبه عمل جي قابل نقشو، اسلام کان سواءِ ڪنهن ٻئي مذهب ۾ موجود ئي نه آهي.

    اسلام هڪ نعمت
    حقيقت هيءَ آهي ته اسلام ئي واحد مذهب آهي، جيڪو مٿي ڄاڻايل ٽنهي معيارن تي پنهنجي سچائي ۽ حقيقت کي ثابت ڪري ٿو. اسلام کان سواءِ ٻيو ڪو اهڙو مذهب ناهي. جيڪو انهن ٽنهي قسمن جي اڀياس ۾ پورو لهي. پهرين معيار جي روشنيءَ ۾ ڏسنداسين ته خبر پوندي ته اسلام مڪمل معنيٰ ۾ هڪ تاريخي مذهب آهي. ان جا سڀ جزا تاريخ جي علمي معيار تي پورا ٺهڪي اچن ٿا.
    اهڙيءَ طرح اسلام کان پوءِ ئي سائنس جنم ورتو ۽ هزارين حقيقتون آڏو آيون، جيڪي ان کان اڳ انسان کي معلوم نه هيون. ڪا به نئين سائنسي تحقيق ۽ کوجنا اسلام جي ڏنل تعليم جي علمي سُڌ ٻُڌ ۽ سمجهه کي شڪ وارو نه ڪري سگهي. پوءِ جون سائنسي کوجنائون اسلام جي ٻڌايل اصولن ۽ بيانن جي فقط علمي تصديق بڻجنديون ويون، انهن اصولن جو انڪار ڪونه ڪيو ويو.
    اهڙي طرح سڀني مذهبن ۾ اسلام ئي واحد مذهب آهي، جنهن جو ٻڌايل نظام هر دور ۾ عمل جي قابل آهي. اسلامي نظام جو ڪو به جز، پوءِ جي ظاهر ٿيڻ وارين حقيقتن سان نٿو ٽڪرائجي. وڌيڪ هيءُ ته فقط اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن جي سهاري تي انساني زندگيءَ جو هڪ مڪمل ۽ ثابت ٿيل نمونو موجود آهي، ڪنهن به ٻئي مذهب جي تاريخ ۾ ان قسم جو عملي نمونو نٿو ملي.
    اسلام جي اها خصوصيت فقط اسلام جي پوئلڳن ۽ پيروڪارن جو پنهنجو عقيدو نه آهي، اها هڪ اهڙي مڃيل ۽ اٽل حقيقت آهي، جنهن جو اعتراف غير مسلم مورخ ۽ علم وارا به ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. مثال طور: ڊاڪٽر نشي ڪانت چٽو پاڌيا لکيو آهي ته، سڀني وڏن وڏن مذهبن ۾ اسلام واحد مذهب آهي. جيڪو تاريخ جي معيار ۽ ڪسوٽيءَ تي اعتماد جي قابل ثابت ٿئي ٿو.
    ڊاڪٽر موريسي بڪائي تحقيق کان پوءِ ٻڌايوآهي ته، جديد سائنسي کوجنائن کان پوءِ سڀ وڏا وڏا مذهب غير معتبر، ثابت ٿي چڪا آهن، فقط اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن جي تعليمات ۽ جديد سائنسي کوجنائن ۾ ڪو به ٽڪراءُ ناهي.
    اهڙيءَ ريت سوامي وويڪا نند لکيو آهي ته، تاريخ ۾ فقط هڪ ئي مذهب اهڙو آهي، جنهن انساني ٻڌيءَ ۽ هڪ جهڙائيءَ جي اصول تي هڪ عملي سماج جي جوڙجڪ ڪئي آهي، اهو اسلام آهي.
    ان سلسلي ۾ غير مسلم مؤرخن ۽ محققن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي. هاڻي اها ڳالهه ڪنهن مسلمان جو عقيدو نه آهي، پر اها هڪ مڃيل علمي حقيقت آهي. هتي فقط ڪجهه ڪتابن جا نالا ڏجن ٿا. تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ انهن ڪتابن کي ڏسي سگهجي ٿو.
    • Nishi Kant Chattopaddhyaye, Why I have accepted Islam?
    • Swami Vivekananda, Letters of Swami Vivekanand.
    • M.N.Roy, The Historical Role of Islam.
    • Maurice Bucaille, The Bible, The Quran and Science.

    اسلام نئون مذهب ناهي
    قرآن ۾ مذهب جو جيڪو تصور ڏنو ويو آهي ته سڀ مذهب هڪ آهن. اهو هڪ هجڻ انهيءَ مقصد ۽ مفهوم ۾ نه آهي ته سڀئي مذهب پنهنجي موجوده شڪل ۽ صورت ۾ هڪ جهڙا ۽ سچا آهن. پر ان جو مطلب اهو آهي ته پنهنجي اصل جي اعتبار کان سڀ مذهب هڪ هئا. پر پوءِ جي تبديلي، ڦيرڦار ۽ واڌاري جي نتيجي ۾ اهي هڪ ٻئي کان مختلف ٿي ويا.
    قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي ته:
    کَانَ النَّاسُ اُمَّۃً وَّاحِدَۃً ۟ فَبَعَثَ اللہُ النَّبِیّٖنَ مُبَشِّرِیۡنَ وَمُنۡذِرِیۡنَ ۪ وَ اَنۡزَلَ مَعَہُمُ الْکِتٰبَ بِالْحَقِّ لِیَحْكُمَ بَیۡنَ النَّاسِ فِیۡمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ ؕ وَمَا اخْتَلَفَ فِیۡہِ اِلَّا الَّذِیۡنَ اُوۡتُوۡہُ مِنۡۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْہُمُ الْبَیِّنٰتُ بَغْیًۢا بَیۡنَہُمْ ۚ فَہَدَی اللہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا لِمَا اخْتَلَفُوۡا فِیۡہِ مِنَ الْحَقِّ بِاِذْنِہٖ ؕ وَاللہُ یَہۡدِیۡ مَنۡ یَّشَآءُ اِلٰی صِرَاطٍ مُّسْتَقِیۡمٍ
    (البقرہ:213)
    ”۽ (سڀ) ماڻهو هڪ امت هئا، پوءِ (ڦري اختلاف ۾ پيا، تنهنڪري) الله نبين کي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن سان گڏ سچ سان ڪتاب لاٿائين ته جيئن ماڻهن جي وچ ۾ جنهن جي باري ۾ جهڳڙو ڪن ٿا، فيصلو ڪري ۽ ان ۾ اختلاف نه ڪيو. مگر جن کي اهو (ڪتاب) ڏنو ويو. پڌرن حڪمن اچڻ بعد پاڻ ۾ ساڙ سبب (اختلاف ڪيائون) پوءِ جنهن بابت جهڳڙو ڪيائون، ان ۾ حق سان الله پنهنجي حڪم مطابق مومنن کي سڌي رستي جي هدايت ڏني ۽ الله جنهن کي گهري ان کي سڌي رستي جي طرف رهنمائي ڪري ٿو.“
    قرآن ڪريم جي ان آيت ۾ مذهبن جي جيڪا نوعيت ٻڌائي وئي آهي، سا هيءَ آهي ته خدا انسانيت جي شروعات هڪ پيغمبر سان ڪئي. ان کي پنهنجي تعليمات سان نوازيو، ته جيئن اهو ماڻهن کي تعليمات کان واقف ڪرائي. پر پوءِ جي نسلن ۾ بگاڙ آيو ۽ خدا جي تعليم پنهنجي اصل صورت ۾ باقي نه رهي. پوءِ ٻيو پيغمبر آيو، جنهن خدا جي تعليمات کي هڪ دفعو ٻيهر ان جي صحيح شڪل ۽ صورت ۾ پيش ڪيو. پر بعد جي نسلن ۾ ٻيهر بگاڙ آيو ۽ ٻيهرايئن ٿيو جو خدا جي تعليم پنهنجي اصل صورت ۾ موجود نه رهي. ان کان پوءِ وري ٻيو نئون پيغمبر آيو، ته جيئن اهو هڪ ڀيرو ٻيهر خدا جي دين جي تجديد ڪري.
    اهو معاملو هزارن سالن تائين جاري ساري رهيو. ايتري تائين جو آخري زماني ۾ جڏهن بگاڙ تمام گهڻو وڌي ويو ته، آخري پيغمبر حضرت محمد صلي الله عليھ وآلھ وسلم جن کي خدا جي طرفان کان موڪليو ويو.
    قرآن ۾ آهي ته:
    وَ مَاۤ اَنۡزَلۡنَا عَلَیۡکَ الۡکِتٰبَ اِلَّا لِتُبَیِّنَ لَہُمُ الَّذِی اخۡتَلَفُوۡا فِیۡہِ ۙ
    وَ ہُدًی وَّ رَحۡمَۃً لِّقَوۡمٍ یُّؤۡمِنُوۡنَ (النحل: 64)
    ”۽ اسان توتي ڪتاب رڳو هن لاءِ نازل ڪيو آهي ته جنهن ڳالهه ۾ انهن (پاڻ) ۾ اختلاف ڪيو، سو تون مٿن ظاهر ڪرين، ۽ ايمان واريءَ قوم کي رستي ڏيکارڻ (مٿن) مهرباني ڪرڻ واسطي به (نازل ڪيو آهي)“
    حضرت محمدﷺجي ذريعي مذهبي اختلافن کي ختم ڪري، مذهب جو جيڪومستند متن عطا ڪيو ويو، اهو الاهي ڪتاب جو آخري متن آهي. واضح هجي ته نئون نبي سڳورو فقط عملي بگاڙ تي نه ايندو آهي. بلڪه اهو ان وقت ايندو آهي. جڏهن خدا جي ڪتاب ۾ ڦيرڦار ۽ تبديلي اچي وڃي ۽ مذهبي رهنمائي پنهنجي اصل حالت ۾ باقي نه رهي.
    حضرت محمد ﷺ کان پوءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جو پاڻ سڳورنﷺ تي نازل ٿيل ڪتاب (قرآن) مڪمل طور تي محفوظ ٿي ويو. ان حفاظت کان پوءِ هاڻ نئين پيغمبر جي اچڻ جو سوال ئي ناهي.
    قومن ۾ هميشه عملي ۽ اخلاقي بگاڙ ايندو رهندو آهي ۽ آخري پيغمبر سڳوري ﷺ کان پوءِ به اهڙو بگاڙ ايندو، پر عملي بگاڙ جي حالت ۾ مصلح جي ضرورت هوندي آهي، نه ڪي پيغمبر جي. حضور پاڪ ﷺجن جي هڪ حديث ۾ اها ئي ڳالهه هن ريت بيان ڪئي وئي آهي ته:
    ”مون کان پوءِ سو سالن تي هڪ مجدد ايندو رهندو.“
    مجددن ۽ مصلحن جي ظهور (اچڻ) جو اهو عمل گذريل چوڏهن سئو سالن کان جاري آهي ۽ آئنده به جاري رهندو. پر هاڻ قيامت تائين ڪوئي نئون پيغمبر نه ايندو.
    حقيقت اها آهي ته اسلام سڀني قومن جو مذهب آهي. اهو ٻين مذهبن جو ئي صحيح ۽ مستند ايڊيشن آهي. اسلام کي حاصل ڪرڻ، خود پنهنجي مذهب کي حاصل ڪرڻ آهي. اڄ جيڪو شخص اسلام کي اختيار ڪندو. ان ڄڻ پاڻ پنهنجي گم ٿيل مذهبي سرمائي کي ٻيهر محفوظ صورت ۾ حاصل ڪري ورتو.


    ڪائنات جو دين

    مون انگريزيءَ ۾ ”الرساله“ جاري ڪيو ته ان جي پهرين شماري (فيبروري 1984ع) جي پهرين صفحي تي هي لفظ ڇاپيا:
    ”انسان ۽ ڪائنات ٻنهي جو مذهب فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي خدا جي اطاعت.“
    Submission to God is the only Religion
    for the both – Man and the Universe.
    اها بلڪل قرآن جي ئي ڳالهه آهي. جنهن کي قرآن پاڪ ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    اَفَغَیۡرَ دِیۡنِ اللّٰہِ یَبۡغُوۡنَ وَ لَہٗۤ اَسۡلَمَ مَنۡ فِی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ
    طَوۡعًا وَّ کَرۡہًا وَّ اِلَیۡہِ یُرۡجَعُوۡنَ (آل عمران: 83)
    ”ڇا پوءِ الله جي دين کان سواءِ (ٻيو دين) گهرن ٿا. هوڏانهن جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهن، سي خوشيءَ ۽ مجبوريءَ سان سندس فرمانبردار ٿيا آهن ۽ ان ڏي ئي موٽايا ويندا.“
    خدا جو دين فقط هڪ آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته ڪل مخلوقات فقط هڪ خدا جي مڪمل اطاعت ڪري. اها هر معاملي ۾ اهو ئي ڪري، جيڪا خدا جي مرضي آهي. اها هر معاملي ۾ پنهنجي مرضيءَ کي خدا جي مرضيءَ جي تابع ڪري. هي دين جي اها اطاعت يا تابعداري انسان کان سواءِ باقي ڪائنات ۾ اهڙيءَ طرح لاڳو آهي جو ڪائنات جو هر جز خدا جي حڪم تحت ڳنڍيل ۽ جڙيل آهي. ڪائنات جو ڪوئي جز، هڪ گهڙيءَ جي لاءِ به ان الاهي حڪم جي ڀڃڪڙي نه ٿو ڪري سگهي. ان کي سائنس جي ٻوليءَ ۾ فطرت جو قانون (Law of Nature) چيو ويندو آهي.
    خدائي حڪم جي اها ئي اطاعت ۽ فرمانبرداري انسان کان به گهربل آهي. ان فرق سان گڏ ته باقي ڪائنات لاچاري طور تي خدا جي حڪم جي اطاعت ڪري رهي آهي ۽ انسان کي انهيءَ حڪم جي اطاعت، اختياري طور تي ڪرڻي آهي. يعني باقي ڪائنات کي پنهنجي عمل جي معاملي ۾ چونڊ (Choice) جو حق نه آهي. جڏهن ته انسان کي هن دنيا ۾ چونڊ جي آزادي مليل آهي. وڻيس ته اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو طريقو اختيار ڪري، خدا جي ابدي انعام جو حقدار بڻجي يا ان جي حڪم جي ڀڃڪڙي ڪري هميشه لاءِ ان جا خراب نتيجا ڀوڳي.
    خدا جي انهيءَ دين جو اعلان هر دور ۾ سڀني نبين سڳورن جي ذريعي ڪيو ويو آهي. انجيل ۾ اها ئي ڳالهه حضرت مسيح' جي زبان مان هنن لفظ ۾ آئي آهي:
    ”پوءِ توهان اهڙي ريت دعا گهرندا ڪريو ته اي اسان جا پيءُ! تون جيڪو آسمان تي آهين، تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي. تنهنجي بادشاهت اچي. تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿيندي آهي، ائين زمين تي به پوري ٿئي.“ (متي ؛ باب 6)
    ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو آهي ته آسمانن ۾، انسان کان سواءِ باقي ڪائنات جهڙيءَ ريت ڪنهن ڀڃڪڙي کان سواءِ خدا جي حڪم تي هلي رهي آهي، اهڙيءَ ريت انسان به پوريءَ ريت خدا جي مرضيءَ تي هلڻ لڳي.
    حضرت مسيح' جي قول ۾ بادشاهت (Kingdom) جو لفظ ڪنهن سياسي معنيٰ ۾ نه آيو آهي. اهو فقط ڪلام جو هڪ اسلوب آهي. ان جو مطلب هيءُ نه آهي ته ڪجهه فرد پنهنجو پاڻ کي خدا جو نمائندو ڄاڻائي هيءُ چون ته ماڻهن جي مٿان اسان پنهنجي حڪومت قائم ڪنداسين ته جيئن انهن تي خدا جا حڪم زور سان لاڳو ڪري سگهون ٿا.
    انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته، مؤمن ڪير آهي ۽ ڪافر ڪير آهي؟ مؤمن اهو آهي جيڪو خدا تي مڪمل يقين ۽ ويساهه رکندي، پنهنجي زندگيءَ کي خدا جي حوالي ڪري ڇڏي. حديث جي لفظن ۾، اهو ان گهوڙي وانگر ٿي وڃي، جيڪو هڪ ننڍي رسيءَ سان ڪلي ۾ ٻڌل هجي ۽ اهو ان ڪلي جي چوڌاري گهمندو وتي. پر هو رسيءَ جي حد کان اڳتي نه وڃي سگهندو آهي. (مسند احمد 3/55)
    ان مؤمن جي ڀيٽ ۾ ڪافر اهو آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي خدا جي رسي سان نه ٻڌي. هو پنهنجي زندگي کي خدا جي مرضيءَ جي تابع نه بڻائي. بلڪه هو پنهنجي عقل ۽ خواهش جي ڪڍ لڳل رهي. مؤمن يا ڪافر ٻنهي مان ڪنهن جو به تعلق ڪنهن نسل يا قوم سان ناهي، بلڪه ٻنهي جو واسطو انفرادي عمل سان آهي. هيءَ حقيقت ذاتي عمل آهي. جيڪو ڪنهن کي خدا جي نظر ۾ مؤمن بڻائيندو آهي. وري هي ذاتي عمل ئي آهي، جيڪو ڪنهن کي خدا جي نظر ۾ ڪافر جو درجو ڏئي ٿو.
    انهيءَ مان اها به ڄاڻ پئي ته هڪ شخص، جيڪو اڄ بظاهر مؤمن آهي، اهو پنهنجي مؤمن نه هجڻ واري فڪر ۽ پنهنجي غير مومناڻي روش سان خدا جي نظر ۾ ڪافر بڻجي ويندو آهي. اهڙيءَ ريت هڪ شخص جيڪو اڄ ظاهري طور ڪافر آهي، اهو جيڪڏهن ايمان ۽ ايمان واري زندگي کي اختيار ڪندو ته، خدا جي نظر ۾ اهو مؤمن جو درجو ماڻي وٺندو.
    ان معاملي ۾ ”ٻن قومن وارو نظريو“ درست ناهي. يعني ايئن نه آهي ته مؤمن ۽ ڪافر ٻه نسلي گروهه آهن. هڪ گروهه جي لاءِ قومي جنت آهي ۽ ٻئي لاءِ قومي دوزخ. صحيح ڳالهه اها آهي ته ايمان ۽ ڪفر جنت ۽ دوزخ جو معاملو سڀني ماڻهن جي ذاتي عقيدي ۽ عمل سان تعلق رکي ٿو، نڪي نسل ۽ قوم جي گڏيل نسبت سان.
    حقيقت هيءَ آهي ته خدا جو هڪ ئي دين آهي، جيڪو ان جي سموري مخلوقات کان هڪجهڙو ئي گهربل آهي. انسان کان سواءِ باقي ڪائنات ۾ اهو لازمي ڊسيپلين (نظم ۽ ضبط) جي صورت ۾ قائم آهي ۽ انسان جي زندگيءَ ۾ اهو اختياري نظم ۽ ضبط جي صورت ۾ قائم ٿيندو آهي. باقي ڪائنات جي دنيا ۾ ان جو نالو فطرت جو قانون آهي ۽ انسان جي دنيا ۾ ان جو نالو شريعت جو قانون آهي.

    ڪجهه مثال
    قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي ته:
    اَللّٰہُ الَّذِیۡ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَیۡرِ عَمَدٍ تَرَوۡنَہَا ثُمَّ اسۡتَوٰی عَلَی الۡعَرۡشِ
    وَ سَخَّرَ الشَّمۡسَ وَ الۡقَمَرَ ؕ کُلٌّ یَّجۡرِیۡ لِاَجَلٍ مُّسَمًّی ؕ یُدَبِّرُ الۡاَمۡرَ یُفَصِّلُ الۡاٰیٰتِ
    لَعَلَّکُمۡ بِلِقَآءِ رَبِّکُمۡ تُوۡقِنُوۡنَ (الرعد: 2)
    ”الله اهو آهي جنهن ٿنڀن کان سواءِ آسمانن کي مٿانهون ڪيو اٿس، جنهن کي توهان ڏسو ٿا. پوءِ عرش تي قائم ٿيو ۽ سج ۽ چنڊ کي پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هو هڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو (هو) ڪم جي تدبير ڪري ٿو ۽ نشانين کي کولي بيان ڪري ٿو ته من توهان پنهنجي پالڻهار سان ملڻ جو يقين ڪيو.“
    قرآن پاڪ جي ان بيان ۾ امر جي تدبير مان مراد خدا جو اهو انتظام آهي، جيڪو هن ڪائنات ۾ سڌوسنئون ۽ مڪمل طور تي نافذ (لاڳو) ڪيل آهي ۽ آيتن جي تفصيل مان مراد اهي آيتون (نشانيون) آهن، جيڪي وحي جي ذريعي پيغمبر تي نازل ڪيون ويون آهن. ٻين لفظن ۾ پهرين ڄاڻايل ڳالهه مان مراد فطرت جو قانون آهي ۽ ٻئي مان مراد شريعت جو قانون آهي. حقيقت جي اعتبار کان اهي ٻئي هڪ آهن. انهن ۾ فرق رڳو هي آهي ته هڪ لاچاري طور تي گهربل آهي ۽ ٻيو اختياري طور تي.
    انسان کي اهو ئي دين پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان اختيار ڪرڻو آهي، جنهن کي باقي ڪائنات خارجي حڪم جي تحت اختيار ڪيو آهي. مثال: قرآن ۾ ٻڌايو آهي ته:
    یُسَبِّحُ لِلّٰہِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ الۡمَلِکِ الۡقُدُّوۡسِ الۡعَزِیۡزِ الۡحَکِیۡمِ (الجمعه:1)
    ”جيڪي ڪجهه آسمانن ۾ ۽ جو ڪجهه زمين ۾ آهي سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو جيڪو زبردست (۽) حڪمت وارو آهي.“
    ڪائنات جون اهي شيون بنا ڪجهه چوڻ جي، حالت مان اهو ظاهر ٿئي ته اهي اهڙيءَ ريت تسبيح ڪري رهيون آهن جو انهن جو وجود مڪمل طور تي خدا جي قدرت ۽ عظمت جو عملي اظهار بڻجي ويو آهي. انسان کي اهائي تسبيح شعوري طور تي دل جي زبان سان ڪرڻي آهي. يعني ان جو سينو خدا جي عظمتن جي احساس سان اهڙيءَ طرح بيخود ٿي وڃي جو، اهو انهيءَ جي ساراهه ڪرڻ لڳي.
    اهڙيءَ ريت قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    اِنَّمَا یُؤۡمِنُ بِاٰیٰتِنَا الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِّرُوۡا بِہَا خَرُّوۡا سُجَّدًا وَّ سَبَّحُوۡا
    بِحَمۡدِ رَبِّہِمۡ وَ ہُمۡ لَا یَسۡتَکۡبِرُوۡنَ (سجده : 15)
    ”اسان جي آيتن تي رڳو اهي ايمان آڻين ٿا جن کي جڏهن انهن (آيتن) سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نٿا ڪن.“
    زمين تي بيٺل شين جي مٿان جڏهن سج جي روشني پوندي آهي ته ان جي مخالف طرف ان جو پاڇو زمين تي پوندو آهي. هي ڄڻڪ مادي شين جو سجدو آهي. اهو سجدو انسان کان اهڙي طرح مطلوب آهي جو سندس دل ۾ خدا جي خدائيءَ جي اعتراف جو طوفان متل هجي ۽ اهو ٻانهپ جي جذبي سان سرشار ٿي الله جو پرستار بڻجي وڃي. اهو ان جي اڳيان بيتاب ٿي سجدي ۾ ڪري پوي.
    قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
    اَلَمۡ تَرَ کَیۡفَ ضَرَبَ اللّٰہُ مَثَلًا کَلِمَۃً طَیِّبَۃً کَشَجَرَۃٍ طَیِّبَۃٍ
    اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ (ابراهيم: 24)
    ”ڇا تون نه ڏٺو ته ڪيئن الله تعاليٰ مثال بيان ڪيو آهي. سٺيءَ ڳالهه کي سٺي وڻ جهڙو جنهن جي پاڙ مضبوط هجي ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ هجن.“
    انسان کي به ان وانگر ٻين لاءِ ڪارائتو ۽ فائديمند بڻجڻ گهرجي. هر ان انسان کي شعوري طور تي اها ڪوشش ڪرڻ گهرجي ته، سندس ذات مان ٻين کي ڇانورو. ميوو، خوشبوءِ ۽ شادابي ملي. اهو دنيا وارن جي لاءِ فرحت ڏيندڙ باغ بڻجي، نڪي خشڪ رڻ پٽ، ۽ اهو سڀ ڪجهه هڪ طرفو ٿي ڪري خدا جي لاءِ ڪري، نڪي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ فائدي جي لاءِ.
    قرآن شريف ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    وَ اَنۡزَلۡنَا الۡحَدِیۡدَ فِیۡہِ بَاۡسٌ شَدِیۡدٌ (حديد: 25)
    ”۽ اسان لوهه لاٿو، ان ۾ سخت طاقت آهي.
    مادي دنيا ۾ لوهه هڪ اعتماد جوڳي ڌات جي حيثيت رکي ٿو. انسان کان به اها ئي اعتماد واري صفت گهربل آهي. انسان کي گهرجي ته اهو دنيا ۾ اهڙيءَ ريت رهي، هو ان لوهه جيان مضبوط ڪردار جهڙو بڻيل هجي. هو ڪڏهن به پنهنجي قول ۽ فعل کان نه ڦري. ۽ ڪڏهن به پنهنجي عمل ۾ ڪمزوري نه ڏيکاري. اهو هڪ پختي ۽ نيڪ سيرت وارو ماڻهو هجي. لوهه وانگر مضبوط مثالي ڪردار (Predictable Character) جو مالڪ بڻجي پوي.
    قرآن ڪريم ۾ بيان آهي ته:
    وَ السَّمَآءَ رَفَعَہَا وَ وَضَعَ الۡمِیۡزَانَ لا اَلَّا تَطۡغَوۡا فِی الۡمِیۡزَانِ (الرحمن: 7 تا 8)
    ”۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس ۽ تارازي رکي اٿس، ته تارازي ۾ حد کان لنگهي نه وڃو.“
    الله تعاليٰ زمين ۾ نهايت ئي مناسب ڪشش رکي آهي، جنهن ڪري ائين ٿيندو آهي جو تارازي بلڪل صحيح توريندي آهي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ دنيا ۾ انصاف جو هڪ علامتي نمونو قائم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ انسان کي گهرجي ته ٻين سان معاملو ڪرڻ مهل، هو ڪڏهن به غير منصفاڻي روش ختيار نه ڪري. هڪ درست تارازي وانگر هو ائين ڪري جو جڏهن هن کي ٻين کان وٺڻو هجي ته کائنس ٺيڪ ايترو ئي وٺي، جيترو سندس حق آهي. اهڙيءَ ريت جڏهن ٻين کي ڏيڻو هجي ته، هو انهن جو پورو حق ادا ڪري، هو ڏيتي ليتي ۾ غيرمنصفاڻي قسم جي ورڇ کان پنهنجو پاڻ کي بچائي.
    قرآن مقدس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آسمان ۾ سياره گهمي رهيا آهن.
    لَا الشَّمْسُ یَنۡۢبَغِیۡ لَہَا اَنۡ تُدْرِکَ الْقَمَرَ وَ لَا الَّیۡلُ سَابِقُ النَّہَارِ ؕ
    وَكُلٌّ فِیۡ فَلَكٍ یَّسْبَحُوۡنَ (یٰس 40)
    ”نڪي سج کي چنڊ جي پهچڻ جي (ڪا) مجال آهي ۽ نڪي رات (سج لهڻ کان اڳ) ڏينهن تي اڳرائي ڪندڙ آهي، (سج ۽ چنڊ ۽ تارن مان) سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا.“
    خلا ۾ اڻ ڳڻيا ستارا ۽ سيارا آهن. اهي سڀ جا سڀ نهايت تيزيءَ سان گهمي رهيا آهن. پر انهن جي وچ ۾ ڪڏهن به ٽڪراءُ ناهي ٿيندو. ان جو سبب اهو آهي جو هر ستارو يا سيارو تمام گهڻي پابنديءَ سان پنهنجي مدار (Orbit) ۾ گهمندو ڦرندو آهي. اهو ڪڏهن به پنهنجي مقرر ڪيل مدار کان پري ناهي هٽندو.
    بلڪل اها ساڳئي روش انسان کان به گهربل آهي. هر ماڻهوءَ توڙي ماڻهن جي جٿي کي اهوڪرڻو آهي ته، هو پنهنجي سرگرمين کي اهڙيءَ ريت جاري رکن، جو انهن جو ٽڪراءُ هڪ ٻئي سان نه ٿئي. ڪو به شخص يا قوم اهو نه ڪري ته، اها پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٻين کي نقصان ڏئي. خلا جا سڀ حرڪت ڪندڙ جسم ٻين جي لاءِ مسئلو بڻجڻ کان سواءِ پنهنجو عمل جاري رکيون پيا اچن. اهڙيءَ ريت انسان کي به گهرجي ته هو پنهنجو مقصد ماڻڻ لاءِ ٻئي لاءِ ڪو مسئلو پيدا نه ڪري.
    خدا پنهنجي پيغمبرن سڳورن جي ذريعي پنهنجا جيڪي ڪتاب نازل فرمايا، انهن جو مقصد ان ئي فطرت جي قانون جو شرعي اظهار هو. پر هاڻ ڪوئي اڳوڻو ڪتاب پنهنجي اصل صورت ۾ محفوظ ناهي رهيو. هاڻ فقط قرآن شريف ئي خدا جو واحد محفوظ ڪتاب آهي. ان بنياد تي هاڻ فقط قرآن پاڪ ئي اڪيلو مستند ذريعو آهي، جنهن جي وسيلي ڪوئي شخص صحيح طور تي ڄاڻي سگهي ٿو ته، دنيا ۾ هو ڪهڙي ريت زندگي گذاري. جنهن کان پوءِ آخرت ۾ اهو خدا جو پيارو ٻانهو سڏجي. کيس دنيا ۾ به خدا جون رحمتون ۽ نعمتون ملن ۽ آخرت ۾ به.
    سورة الاحزاب ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    اِنَّا عَرَضۡنَا الۡاَمَانَۃَ عَلَی السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ وَ الۡجِبَالِ فَاَبَیۡنَ اَنۡ یَّحۡمِلۡنَہَا
    وَ اَشۡفَقۡنَ مِنۡہَا وَ حَمَلَہَا الۡاِنۡسَانُ ؕ اِنَّہٗ کَانَ ظَلُوۡمًا جَہُوۡلًا لا لِّیُعَذِّبَ اللّٰہُ
    الۡمُنٰفِقِیۡنَ وَ الۡمُنٰفِقٰتِ وَ الۡمُشۡرِکِیۡنَ وَ الۡمُشۡرِکٰتِ وَ یَتُوۡبَ اللّٰہُ عَلَی الۡمُؤۡمِنِیۡنَ
    وَ الۡمُؤۡمِنٰتِ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا (الاحزاب: 72 تا 73)
    ”بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن جي اڳيان امانت کي آندو، پوءِ انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄِي ويا ۽ ان کي انسان کنيو. بيشڪ انسان وڏو ظالم نادان آهي. هن لاءِ ته الله منافق مردن ۽ منافقياڻين عورتن ۽ (الله سان) شريڪ ڪندڙ مردن ۽ شريڪ ڪندڙ عورتن کي سزا ڏئي ۽ الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن تي مهرباني ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت مهربان آهي.“
    هنن آيتن ۾ خدا جو اهو پروگرام ٻڌايو ويو آهي، جنهن تحت هن موجوده ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي. ان رٿا جي تحت باقي ڪائنات ان ڳالهه جي پابند آهي ته، اها خدا جي حڪم جي ڪا ڀڃڪڙي نه ڪري. اها آخر تائين اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ واري انداز ۾ خدا جي تخليقي نقشي جي تعميل ڪندي رهي. ان جي ڀيٽ ۾ انسان کي چونڊ (Choice) ڪرڻ جي آزادي مليل آهي. انسان کي اهو اختيار حاصل آهي ته، گهري ته پنهنجو پاڻ کي خدا جي تخليقي نقشي جو پابند بڻائي ۽ وڻيس ته ان جي ابتڙ عمل ڪري.
    موجوده دنيا ۾ انسان جو اصل امتحان اهوئي آهي. انسان کي گهرجي ته کيس مليل اختيارن جو غلط استعمال نه ڪري. هو پنهنجي سوچ کي خدائي نقشي جو تابع بڻائي. هو پنهنجي ڪاررواين ۾ ڪڏهن به جائز حد کان ٻاهر نه وڃي. هو ٻين سان معاملي ڪرڻ ۾ هميشه خدائي انصاف جو پابند بڻيل رهي. خلاصو هيءُ آهي ته خدا جي دنيا ۾ خدا جو ٻانهو بڻجي رهي. هو ٻين جي مٿان خدا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪري.
    آيت مان وڌيڪ هيءُ به معلوم ٿئي ٿو ته پنهنجي عملي رڪارڊ جي مطابق، خدا جي عدالت ۾ انسانن جا ٻه مختلف ٽولا سڏايا ويندا. هڪ اهو ٽولو جنهن پنهنجو پاڻ کي خدا جي تخليقي نقشي جي مطابق بڻايو. جنهن اهو ئي ڪيو، جيڪو خدا جي مرضيءَ جي مطابق هو. ۽ اهو نه ڪيو، جيڪو خدا جي مرضيءَ جي ابتڙ هو. اهي ماڻهو خدا جا پسنديده ٻانها قرار ڏنا ويندا. اهي خدا جي راحت ڀرين جنتن ۾ آباد ڪيا ويندا. جتي اهي هميشه خوشي واري زندگي گذاريندا رهندا. ٻيو اهو ٽولو هوندو، جنهن پنهنجو پاڻ کي خدا جي تخليقي نقشي جي تابع نه بڻائي، واضح ۽ چٽي نموني خدا جي تخليقي نقشي کي مڃڻ کان انڪار ڪري يا اهو منافقن جي زندگي اختيار ڪري. يعني بظاهر اهو خدا پرستن سان مليل هو، پر حقيقت ۾ ان جو دين خود پرستي هو، نڪي خدا پرستي.
    اهي ٻئي ٽولا ظاهري اختلاف جي باوجود هڪ ئي انت ۽ انجام جا حقدار هوندا. ٻنهي کي دوزخ ۾ وڌو ويندو جتي اهي هميشه پنهنجي سرڪشي ۽ نافرمانيءَ جو ڪيتو لوڙيندا.


    توحيد ـ انسانيت جي منزل

    توحيد جو مطلب آهي هڪ خدا کي مڃڻ ۽ مڪمل طرح پنهنجي دل ۽ دماغ سان ان سان ڳنڍجي وڃڻ. اها ئي خدا ۽ انسانيت جي منزل آهي. هن دنيا ۾ اهوئي انسان ڪامياب آهي، جيڪو هڪ خدا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي ڇڏي. هر ڪو انسان هڪ اڻپورو وجود آهي. خدا سان پاڻ کي ڳنڍي، هو پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪندو آهي. خدا، انسانيت جي سڀني گهرجن جي واحد مڪملتا آهي.
    هر انسان هڪ روحاني ڳولا ۾ آهي. هر انسان پنهنجي لاءِ سڪون ۽ اعتماد جو هڪ مرڪز چاهي ٿو، اهو مرڪز فقط خدا ئي آهي. خدا، انسان جي روحاني ڳولا جو واحد جواب آهي. جنهن انسان خدا کي حاصل ڪيو. انهيءَ ڄڻ سڀ ڪجهه ماڻي ورتو، جنهن کي هو پنهنجي فطري گهرجن تحت حاصل ڪرڻ گهرندو هو.
    اڄوڪي دنيا ۾ زندگي گذارڻ جي لاءِ، انسان کي هڪ زندگي گذارڻ جو نظريو گهربل آهي. جيڪو کيس ٻڌائي ته، ماڻهن جي وچ ۾ کيس ڪهڙيءَ ريت رهڻو آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت ناهي رهڻو. جيڪو سندس زندگيءَ لاءِ رهبري ۽ رهنمائي ڪندڙ ڪتاب عطا ڪري. انسان جي ان مطلب جو ماخذ به خدا آهي. خدا ئي انسان کي اها اعتماد جي قابل رهنمائي عطا ڪري ٿو، جنهن جي مدد سان هو روشني ۽ اونداهيءَ ۾ هڪ جهڙو ئي درست سفر ڪري سگهي ٿو.
    خدا انسان جو خالق ۽ مالڪ آهي. اهو ئي ان جو حقدار آهي ته انسان کي ٻڌائي ته، زندگي ۽ موت ڇا آهي؟ انسانيت جو قافلو ڪٿان شروع ٿيو ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي؟ اهو صحيح رستو ۽ دڳ ڪهڙو آهي. جنهن تي هلي ڪري، اهي ڀٽڪڻ کان سواءِ منزل تي پهچي سگهن؟
    هر انسان جي سڀ کان پهرين ۽ سڀ کان اهم ضرورت هيءَ آهي ته، خدا کي حاصل ڪري. پنهنجو پاڻ کي خدا سان لاڳاپي ڇڏي، ان سان محبت جو تعلق قائم ڪري. پنهنجي سڄي زندگيءَ جو رخ خدا ڏانهن موڙي ڇڏي. خدا ڏانهن رخ ڪندڙ زندگي (God oriented life) ئي سندس دنيا جي واحد درست زندگي آهي. جيڪو اهڙي زندگيءَ کي اختيار ڪندو، اهو ئي ڪامياب ۽ ڪامران آهي ۽ جيڪو ائين نه ڪري سگهي، اهو ئي محروم ۽ ناڪامياب آهي.

    توحيد ۽ شرڪ
    قرآن خدا جو ڪتاب آهي، قرآن ئي خدا جي مرضيءَ جو مستند اعلان آهي. قرآن پاڪ ٻڌائي ٿو ته انسان جي لاءِ ڪهڙو رستو، ڀلائيءَ جو رستو آهي ۽ ڪهڙو رستو، نقصان جو رستو آهي. انساني زندگيءَ جي دستور لاءِ قرآن ئي واحد مستند ماخذ آهي. موجوده دنيا ۾ انسان امتحان جي حالت ۾ آهي. اهو امتحان ڪهڙي شيءِ ۾ آهي، اهو ئي ٻڌائڻ جي لاءِ خدا قرآن مقدس نازل فرمايو.
    قرآن جي مطابق شرڪ جو عقيدو. سڀني انساني برائين جي پاڙ آهي. ان جي ڀيٽ ۾ توحيد جو عقيدو سڀني انساني خوبين جو سرچشمو آهي. قرآن شريف ۾ واضح لفظن ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته:
    اِنَّ اللّٰہَ لَا یَغۡفِرُ اَنۡ یُّشۡرَکَ بِہٖ وَ یَغۡفِرُ مَا دُوۡنَ ذٰلِکَ لِمَنۡ یَّشَآءُ ۚ
    وَ مَنۡ یُّشۡرِکۡ بِاللّٰہِ فَقَدِ افۡتَرٰۤی اِثۡمًا عَظِیۡمًا (النساء: 48)
    ”بيشڪ الله نه بخشيندو جو ان سان شرڪ ڪيو وڃي ۽ ان کان سواءِ جنهن لاءِ چاهيندو معاف ڪندو ۽ جنهن شرڪ ڪيو، بيشڪ ان وڌيڪ گناهه جو بهتان ٺاهيو.“

    توحيد جي حقيقت
    توحيد جو مطلب هيءُ آهي ته خدا کي هڪ ڪري مڃيو وڃي. ان ڳالهه تي پڪو پختو يقين ۽ ويساهه هجي ته، سڀ قوتون ۽ هر قسم جا اختيار فقط هڪ خدا کي حاصل آهن. اهو ئي اڪيلو عبادت جي لائق ۽ حقدار آهي. عبادت جي قسم جا اختيار فقط هڪ خدا کي ئي حاصل آهن. اهو ئي اڪيلو عبادت جو حقدار آهي. عبادت جي قسم جو ڪو به فعل خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي لاءِ جائز نه آهي. خدا ئي انسان جون مرادون ۽ حاجتون پوريون ڪندو آهي ۽ اهو ئي ڪائنات جو نظام هلائي چلائي ٿو. وڏائي ۽ برتري فقط هڪ خدا جو حق آهي. ڪنهن ٻئي کي هن دنيا ۾ حقيقي برتري حاصل نه آهي اهڙو هر عقيدو ڪوڙو ۽ باطل آهي، جنهن ۾ انهن مڙني معاملن ۾ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيو وڃي. قرآن ڪريم ۾ توحيد جي عقيدي کي هڪ آيت ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    اَللّٰہُ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَۚ اَلۡحَیُّ الۡقَیُّوۡمُ ۬ۚ لَا تَاۡخُذُہٗ سِنَۃٌ وَّ لَا نَوۡمٌ ؕ لَہٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الۡاَرۡضِ ؕمَنۡ ذَا الَّذِیۡ یَشۡفَعُ عِنۡدَہٗۤ اِلَّا بِاِذۡنِہٖ ؕ یَعۡلَمُ مَا بَیۡنَ اَیۡدِیۡہِمۡ وَ مَا خَلۡفَہُمۡ ۚ وَ لَا یُحِیۡطُوۡنَ بِشَیۡءٍ مِّنۡ عِلۡمِہٖۤ اِلَّا بِمَا شَآءَ ۚ وَسِعَ کُرۡسِیُّہُ السَّمٰوٰتِ
    وَ الۡاَرۡضَ ۚ وَ لَا یَـُٔوۡدُہٗ حِفۡظُہُمَا ۚ وَ ہُوَ الۡعَلِیُّ الۡعَظِیۡمُ (البقره: 255)
    ”الله اهو معبود برحق آهي جنهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. هو جيئرو آهي ۽ هميشه رهڻ وارو آهي. ان کي نه ننڊ اچي ٿي نه پنڪي، جو ڪجهه زمين ۾ آهي ۽ جو ڪجهه آسمانن ۾ آهي سڀ ان جو آهي، ڪير آهي جو سندس موڪل کان سواءِ وٽس ڪنهن جي سفارش ڪري سگهي. جو ڪجهه انهن جي سامهون ٿي رهيو آهي ۽ جو ڪجهه پرپٺ ٿي رهيو آهي، ان کي چڱيءَ پرڄاڻي ٿو ۽ هو سندس معلومات مان ڪنهن حد تائين ڪا پهچ نٿا حاصل ڪري سگهن، البت جيتري حد تائين پاڻ چاهي. ان جي بادشاهي ۽ علم زمين ۽ آسمان سڀ کي گهيرو ڪيل آهي ۽ اهو الله وڏي شان ۽ بلند درجي وارو آهي.“
    خدا جي عبادت ڪرڻ پنهنجي خالق ۽ مالڪ جي عبادت ڪرڻ آهي. جيڪو حقيقي طور تي انسان جي عبادت جو حقدار آهي. ان جي ابتڙ ڪو ماڻهو جيڪو غير الله جي آڏو سر جهڪائي ٿو ته هو پاڻ جهڙي هڪ مخلوق جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ٿو جيڪو ان جو حقدار نه آهي ته ان جي آڏو سر ننوايو وڃي. خدا جي عبادت انسان کي عظمت عطا ڪندي آهي ۽ غير الله جي پوڄا کيس پستيءَ (هيٺاهين) ۾ ڪيرائيندي آهي. خدا جي عبادت انسان کي حقيقت پسند بڻائيندي آهي. ۽ غير الله جي ٻانهپ کيس وهمن ۽ وسوسن ۾ ڦاسائي ۽ وڪوڙي ڇڏيندي آهي. خدا جي عبادت سان حق جي معرفت جا در کلندا آهن ۽ ان جي ابتڙ ماڻهو جڏهن غير الله جي پوڄا ڪندو آهي ته، اهو حق جي معرفت جادر پنهنجي لاءِ بند ڪري ڇڏيندو آهي.
    توحيد فقط هڪ آهي، پر شرڪ جا هزار قسم آهن. موحد انسان جي ڌيان ۽ گيان ۽ ٻانهپ جو مرڪز فقط هڪ خدا ئي هوندو آهي. اهو هرحال ۾ پنهنجي سموري زندگيءَ ۾ ان هڪ خدا کي ئي پنهنجو سڀ ڪجهه بڻائي ڇڏيندو آهي. پر مشرڪ انسان جو ڪو به هڪ مرڪزي نقطو ناهي هوندو. اهوئي سبب آهي جو شرڪ جا انيڪ قسم ٿيو پون. ستارا پرستي، زمين پرستي، بت پرستي، ارباب پرستي، قبر پرستيءَ کان وٺي نفس پرستي، دولت پرستي، اقتدار پرستي ۽ اولاد پرستي وغيره.
    اهي سڀ شيون ڏاڪي به ڏاڪي غير الله جي پوڄا ۾ شامل آهن ۽ قرآن ڪريم ۾ ان جي واضح نموني مذمت ڪئي وئي آهي. مؤمن ۽ موحد انسان اهو آهي، جيڪو هر قسم جي برتر ۽ اعليٰ حيثيت فقط خدا کي ڏئي، ان کان ئي پنهنجي مراد ۽ حاجت گهري. ان جي ئي آڏو عبادت جون رسمون ادا ڪري. انهيءَ تي ئي سڀ کان وڌيڪ ڀروسو ڪري. ان کي ئي هر لحاظ کان اعليٰ ۽ برتر سمجهي. عبادت خدا سان تعلق جي اظهار جو آخري ڏاڪو آهي!؟ اهو ئي سبب آهي جو عبادت جون سڀ صورتون فقط هڪ خدا جو حق آهن ۽ ان کي ئي سونهن. عبادت غير الله جي لاءِ جائز نه آهي.
    ماڻهو جڏهن خدا کي پنهنجو معبود بڻائي ٿو ته اهو هڪ اهڙي هستيءَ کي پنهنجو معبود بڻائي ٿو جيڪو حقيقي طور تي موجود آهي. ان جي ابتڙ جڏهن ڪو ماڻهو غير الله کي پنهنجو معبود بڻائي ٿو ته هو هڪ اهڙي شيءِ کي پنهنجو معبود بڻائي ٿو، جنهن جو حقيقت جي دنيا ۾ بلڪل ڪو وجود ئي نه آهي. ظاهري طور هن، ان فرضي معبود جي هڪ شڪل ۽ صورت بڻائي پنهنجي آڏو ڇو نه رکي هجي. جنهن ماڻهوءَ خدا کي پنهنجو معبود بڻايو، ان طاقت جي حقيقي سرچشمي کي حاصل ڪري ورتو. ان جي ابتڙ جيڪو ماڻهو غيرالله کي پنهنجو معبود بڻائي ٿو، اهو هڪ اهڙي وهمي مفروضي سان پنهنجو تعلق جوڙي ٿو، جنهن جو حقيقت ۾ ڪو وجود ناهي. خدا جو عبادت گذار، ابدي سعادت سان ڪامياب ٿيندو آهي. ان جي ابتڙ غيرالله جي پوڄا ڪندڙ جي لاءِ ابدي محروميءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ نه آهي.

    خدا، ڪائنات جو نور
    قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    اَللّٰہُ نُوۡرُ السَّمٰوٰتِ وَ الۡاَرۡضِ (النور: 35)
    ”الله آسمانن ۽ زمين جو نور آهي.“
    يعني هن سڄيءَ ڪائنات ۾ جتي به ڪا روشني يا سُهائي آهي، اها خدا جي ذات جي ڪري آهي. خدا جيڪڏهن روشني نه ڏي ته ڪنهن ٻئي هنڌان ڪنهن کي روشني ملڻ واري ناهي.
    سج جيڪڏهن نه هجي ها ته، زمين تي هر پاسي اونداهي ڇانيل هجي ها. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ستارا نه هجن ها ته، سڄي ڪائنات ٻاٽ اوندهي ۾ ٻڏل هجي ها. خدا سڄيءَ ڪائنات ۾ بيشمار تعداد ۾ انتهائي روشن قسم جا حرڪت ڪندڙ جسم پکيڙي ڇڏيا آهن. جيڪي ڪائنات جي هر حصي کي لڳاتار روشنيءَ جي سوکڙي ڏئي رهيا آهن. جيڪڏهن اهو ڪائناتي نظام نه هجي ها ته، سنسار پنهنجي سمورين ڪشادگين جي باوجود اونداهيءَ جي هڪ ڀوائتي غار بڻجي ويندو.
    هيءُ مادي روشنيءَ جو مامرو آهي. اهو ئي معاملو فڪري ۽ روحاني روشني جو آهي. هن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان کي ضرورت آهي ته، ان جي ذهن کي اها رهنمائي ملي، جنهن جي روشنيءَ ۾ صحيح طور تي سوچي ۽ کيس اها روحاني خوراڪ ملي، جيڪا سندس من ۾ حڪمت جا باغ پوکي، ان فڪر ۽ روحاني روشنيءَ جو سرچشمو فقط خداوند ذوالجلال آهي. اها روحاني روشني به هڪ خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کان انسان کي ملڻ واري ناهي.
    ماڻهو جڏهن اڪيلي خدا تي سچو ۽ پڪو يقين ۽ ويساهه ڪندو آهي ته نفسياتي سطح تي سندس لاڳاپو خدا سان جڙندو آهي. ان کان پوءِ روحاني تارن تي سندس سڄي هستي جرڪڻ لڳندي آهي.هو پنهنجي يادگيرين ۾ خدا کي حاصل ڪرڻ لڳندو آهي. هو پنهنجي لڙڪن ۾ خدا کي پسڻ لڳندو آهي. سندس سوچ ۽ جذبات ۾ خدا اهڙيءَ طرح آباد هجي ٿو، ڄڻڪ هو خدا جي پاڙي ۾ پهچي ويو هجي. ڄڻڪ هو خدا جي رحمت ڀري ڇانوري ۾ زندگي گذارڻ لڳو هجي.
    قرآن شريف ۾ شرڪ بابت ٻڌايو ويو آهي ته:
    اِنَّ الشِّرۡکَ لَظُلۡمٌ عَظِیۡمٌ (لقمان: 13)
    ”بيشڪ شرڪ وڏو ظلم آهي.“
    ظلم جو مطلب آهي، ڪنهن شيءِ کي ٻئي هنڌ رکڻ. وضع الشی فی غیر موضعہ ۔ يعني شرڪ (خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪرڻ)
    هيءَ ڪائنات سراسر اجنبي ۽ اوپري آهي. هن دنيا ۾ شرڪ جو عقيدو رکڻ يا مشرڪاڻي فعل ڪرڻ جي لاءِ ڪائنات ۾ ڪا جڳهه ناهي.
    هن دنيا جو خالق هڪ ئي خدا آهي. اهو ئي ان جو مالڪ ۽ ان جو سنڀاليندڙ آهي. انهيءَ وٽ ئي هر قسم جا اختيار آهن. اهڙي حالت ۾ جيڪو شخص خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي خدا مڃي يا ڪنهن ٻئي کي خدا جي خدائي ۾ شريڪ ڪري، تنهن هڪ هٿ ٺوڪي مفروضي کي سچ پچ حقيقت جو درجو ڏنو. هن هڪ اهڙي شيءِ کي فرض ڪري ورتو، جنهن جو هن دنيا ۾ منڍ کان وٺي ڪو وجود ئي ڪونهي.
    مشرڪاڻو فڪري انداز سڀني براين ۾ سڀ کان وڏي برائي آهي. جنهن ماڻهو جو ذهن مشرڪاڻي نموني سوچي، سندس دل ۾ مشرڪاڻا خيال پلجندا رهن، ته اهو هڪ بي حقيقت شيءِ کي اختيار ڪندو آهي. ڪائنات پنهنجي سڄي وجود سان ان جو انڪار ڪندي آهي.
    شرڪ جو عقيدو يا نظريو ماڻهوءَ کي فڪري غذا ڏيڻ وارو ناهي. اهو کيس، ان روحاني روشنيءَ سان منور ڪرڻ وارو ناهي، جنهن کان سواءِ ماڻهو جو سڄو وجود ئي هن دنيا ۾ بي معنيٰ ٿيو وڃي.

    توحيد ۽ شرڪ جو فرق
    توحيد جو مطلب خالق کي حاصل ڪرڻ آهي ۽ شرڪ جو مطلب آهي ته ماڻهو مخلوقات ۾ ڦاسي پوي، توحيد، حقيقت جي سطح تي جيئڻ جو نالو ۽ شرڪ جو مطلب وهمن جي سطح تي جيئڻ جو نالو آهي. توحيد پنهنجي فطرت جي ڳولا جو نتيجو آهي، ۽ شرڪ پنهنجي فطرت کان بي خبري ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جو نتيجو آهي. توحيد وارا ئي هن دنيا جي گهربل انسان جي حيثيت رکندڙ هجن ٿا. ڇو جو اهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي خالق جي مرضيءَ جي مطابق آهن.
    خلقڻهار، دنيا کي جنهن رٿا تحت بڻايو آهي. توحيد وارا خالق جي ان منصوبي جي تڪميل ڪري رهيا آهن. هو ان ئي نقشي تي آهن. جنهن تي انسان کي هئڻ کپي. توحيد وارا ئي خدا کي مطلوب (گهربل) انسان آهن. اهي ئي دنيا ۾ ڪائنات جي مالڪ جي مرضيءَ کي پورو ڪري رهيا آهن.
    شرڪ ۽ شرڪ وارن جو معاملو ان جي بلڪل ابتڙ آهي. شرڪ خدا جي دنيا ۾ هڪ اوپرو تصور آهي. توحيد وارا جيڪڏهن هن دنيا ۾ گهربل ماڻهو (Wanted People) آهن ته، شرڪ وارا ان جي ابتڙ اڻ گهربل ماڻهو (Unwanted People). شرڪ جي عقيدي کي هن دنيا ۾ ان جي مالڪ جي سَنَدَ حاصل نه آهي. شرڪ جي روش هن دنيا ۾ هڪ اهڙي روش آهي، جنهن جي اجازت دنيا جي مالڪ، دنيا ۾ رهندڙن کي ناهي ڏني.
    گول خاني ۾، ڪا چوڪنڊي شيءِ رکي ويندي ته، اها ان جي اندر فٽ (Fit) نه ٿيندي. جڏهن ته گهربل خاني ۾ گول شيءِ بلڪ صحيح ويهجي ويندي. اهو ئي معاملو توحيد ۽ شرڪ جو آهي. انسان پنهنجي فطرت جي لحاظ کان فقط توحيد جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري توحيد جو تصور يا توحيد واري زندگي سندس فطرت مطابق آهي. جڏهن ته شرڪ جو عقيدو يا مشرڪاڻي زندگي انساني فطرت جي مطابق ناهي.
    مشرڪ انسان جو معاملو ان کان مختلف هوندو آهي. غير خدائي شيون سندس خيالن جو مرڪز بڻيل هونديون آهن. انهيءَ ڪري آڏو ايندڙ مختلف حالتن ۾ سندس رويو به انهن غير خدائي هستين جي نسبت سان مقرر ٿيندو آهي. هو پنهنجي ڪاميابيءَ ۾ به انهن ڏانهن ئي ڊڪندو ڊوڙندو آهي ۽ ناڪاميءَ ۾ به هو انهن ۾ پناهه ڳوليندو آهي.
    سندس هٿ ٺوڪين غير خدائي هستيون ئي اهڙي صورت حال ۾ سندس دل ۽ دماغ ۾ ڇانيل رهن ٿيون. موحد انسان جيڪڏهن پنهنجن تجربن سان توحيد جي غذا حاصل ڪندو رهي ٿو مشرڪ انسان جي لاءِ ان جا تجربا مشرڪاڻي غذا کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻجي وڃن ٿا.
    ماڻهو هر پل ڪجهه حالتن جي وچ ۾ جيئندو رهي ٿو. خوشيءَ جون حالتون يا غم جون حالتون. تڪليف واريون حالتون يا آرام واريون حالتون، ڪاميابي يا ناڪاميءَ جون حالتون، اختيار ۽ اقتدار جون حالتون، يا بي اختياري واريون حالتون، غلبي واريون حالتون يا مغلوبيت واريون حالتون، موافق حالتون يا غير موافق حالتون، انهن مختلف حالتن ۾ هڪ رويو (Response) موحداڻو رويو آهي ۽ ٻيو رويو مشرڪاڻو رويو آهي.
    موحد انسان خدا جي عظمت ۾ جيئرو هجي ٿو، ان ڪري سندس زندگيءَ ۾ پيش ايندڙ هر واقعو کيس خدا جي يادگيري ڏياريندو رهندو آهي. سندس رويو هر موقعي تي اهو ئي هجي ٿو، جيڪو سندس توحيد جي عقيدي جي مطابق هوندو آهي. هو هر صورت ۾ هڪ سچو خدا پرست انسان ثابت ٿيندو آهي. هو زندگيءَ جي لاهن چاڙهن ۾ پنهنجي وچٿرائي يعني اعتدال نه وڃائيندو آهي. هو ڪهڙي به حال ۾ هجي، هميشه پنهنجي خدا سان لاڳاپيل رهندو آهي. خدا سندس مرڪز بڻجي ويندو آهي. هو ڪنهن به حال ۾ ان کان پري ناهي ٿيندو.
    توحيد خدا جي نظر ۾ سڀ کان وڏي قيمتي وٿ آهي ۽ شرڪ خدا جي نظر ۾ سڀ کان وڏي بي ملهائتي شيءِ آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته ان معاملي جو واسطو انهيءَ انتهائي مخصوص شيءِ سان آهي. جيڪا انسان جو سڀ کان وڌيڪ قيمتي اثاثو آهي ۽ اهو قيمتي اثاثو آهي ڪنهن سان گهرو ۽ گهاٽو قلبي تعلق ۽ لاڳاپو. هيءَ انسان جي سڀ کان وڌيڪ اعليٰ ملڪيت آهي. انهيءَ گهاٽي ۽ گهري قلبي تعلق ۽ واسطي جو رڳو هڪ خدا سان ڳنڍجي وڃڻ جو نالو توحيد آهي.جيڪڏهن اهو گهرو واسطو خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي سان هوندي ته، انهيءَ جو نالو ”شرڪ“ آهي.
    ان گهاٽي ۽ گهري قلبي تعلق جو اظهار ٻن قسمن جي جذبن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. هڪ محبت ۽ ٻيو خوف.
    قرآن شريف ۾ موحد انسان جي لاءِ ٻڌايو ويو آهي ته:
    وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اَشَدُّ حُبًّا لِلّٰہِ ؕ (البقره: 165)
    ”ايمان وارا ماڻهو ته سڀ کان وڌيڪ الله کي ٿا محبوب رکن.“
    وَ لَمۡ یَخۡشَ اِلَّا اللّٰہَ (توبه: 18)
    ”۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ٿا ڊڄن.“
    اها تمام گهڻي حب ۽ تمام گهڻو ڊپ فقط ان هستيءَ جو حق آهي، جنهن انسان کي پيدا ڪيو آهي. جيڪو سندس مالڪ ۽ رب آهي. جنهن ماڻهوءَ اهو مخصوص تعلق ڪنهن ٻئي سان جوڙيو ته ان شرڪ ڪيو. ان ٻئي شيون يعني ڪنهن ٻئي کي ڏئي ڇڏيون، جيڪي فقط هڪ خدا جو حصو هيون.
    انسان جو جنهن شيءِ سان گهرو دلي تعلق ٿي وڃي ٿو ته هو هر گهڙي ان لاءِ سوچيندو آهي. سندس جذبن ۾ هر وقت اهو ئي سمايل هجي ٿو. هو ان کي حاصل ڪرڻ تي خوش ٿيندو آهي. ان کان محروميءَ جو ڊپ کيس تڙپائي وجهندو آهي. سندس من ۾ شوق جو طوفان جاڳي ٿو ته انهيءَ لاءِ ئي جاڳي ٿو. هن کي کسجي وڃڻ جو ڊپ ٿيندو آهي ته انهيءَ کان ئي، هو حاصل ڪرڻ جي اميد به رکندو آهي. هن جون اکيون ڳوڙها ڳاڙينديون آهن ته ان کي ئي ياد ڪري ڳارينديون آهن. هن جو سوچ تي غلبو رهندو آهي ته فقط انهيءَ جو ئي غلبو رهندو آهي. سندس وجود ڪنهن جي آڏو ڊهي پوندو آهي ته اهو فقط اها ئي هڪ اعليٰ ۽ برتر ذات هوندي آهي.
    انهيءَ لطيف انساني جذبي کي عبوديت (ٻانهپ) چيو وڃي ٿو. ان ٻانهپ واري جذبي ۾ خدا ڪنهن جي شرڪت گوارا ناهي ڪندو. ان ٻانهپ واري جذبي جو حقدار فقط هڪ الله ئي آهي. ان کان سواءِ ٻيو ڪوئي ناهي، جيڪو ادنيٰ درجي ۾ به ان جو مستحق هجي.

    پيغمبرن جو مشن
    اڳين زمانن ۾ خدا جي طرفان جيترا به پيغمبر سڳورا آيا، اهي سڀئي ان لاءِ آيا جو اهي انسانن کي شرڪ کان ڊيڄارين ۽ کين توحيد جي تعليم ڏين. ته جيئن انسان ان جي مطابق پنهنجي زندگيءَ جي اصلاح ڪن ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻين، پر انسانيت جي ڊگهي تاريخ ۾ تقريباً هر پيغمبر سڳوري سان ايئن ٿيو جو گهڻن ماڻهن سندن ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. خاص طور تي سماج جا وڏا ماڻهو ڪڏهن به پيغمبر کي مڃڻ يا ان جو ساٿ ڏيڻ تي راضي نه ٿيا. ان تاريخي واقعي کي قرآن شريف ۾ هيٺين ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    یٰحَسۡرَۃً عَلَی الۡعِبَادِ ۚؑ مَا یَاۡتِیۡہِمۡ مِّنۡ رَّسُوۡلٍ اِلَّا کَانُوۡا بِہٖ یَسۡتَہۡزِءُوۡنَ (یٰسٓ: 30)
    ”ٻانهن تي افسوس آهي جو وٽن ڪو به اهڙو رسول نه آيو، جنهن سان مسخريون نه ٿي ڪيائون.“
    خدا جي پيغمبرن کي نظرانداز ڪرڻ جو اهو معاملو ايتري حد تائين وڌي ويو جو گذريل دور ۾ آيل پيغمبرن کي انساني تاريخ جي رڪارڊ مان غائب ڪيو ويو. اهو ئي سبب آهي جو اسان ماضيءَ جي ترتيب ڏنل تاريخ ۾ بادشاهن جا داستان ته پڙهندا آهيون، پر پيغمبرن جو ذڪر ترتيب ڏنل تاريخ ۾ موجود ئي ڪونهي. ان معاملي ۾ فقط پيغمبر اسلامﷺ جو اڪيلو ذڪر آهي. پاڻ سڳورن ﷺ کي الله تعاليٰ جي خصوصي مدد حاصل ٿي. ان ڪري پاڻ سڳورن ﷺ پهريون ڀيرو شرڪ کان انڪار ۽ توحيد جي اقرار جي تحريڪ کي هڪ اهڙي زندهه تحريڪ بڻايو، جنهن ان تحريڪ کي فڪري مرحلي کان کڻي، عملي انقلاب جي مرحلي تائين پهچائي ڇڏيو ۽ ان کي هڪ مستقل تاريخ بڻائي ڇڏيو.
    شرڪ کان انڪار ۽ توحيد جي اقرار جي اها تحريڪ قديم زماني ۾ عملي انقلاب جي درجي تائين ڇو نه پهچي سگهي. ان جا خاص طور تي ٻه سبب هئا. هڪ بادشاهت وارو نظام ۽ ٻيو وهم ۽ وسوسن واري فڪر جو غلبو، اهي ئي ٻه بنيادي سبب هئا، جيڪي پيغمبرن ۾ مشن جي خلاف هڪ مستقل رڪاوٽ بڻيل رهيا.
    نبي ڪريم ﷺ کان اڳ جي دور ۾ مشرڪاڻي بادشاهت جو نظام قائم هو. موجوده زماني ۾ جمهوري سياست جو اصول رائج آهي. سياسي ليڊر عوامي ووٽن جي ذريعي پنهنجي لاءِ حڪمرانيءَ جو حق حاصل ڪن ٿا. پراڻي زماني جا بادشاهه ان جي ابتڙ ڪندا هئا، اهي ماڻهن کي اهو يقين ڏياري حڪومت ڪندا هئا ته اسان خدا جا نمائندا ۽ ان جي اولاد آهيون. انهيءَ نظريي جي تحت قديم زماني ۾ سورج ونشي ۽ چندر ونشي جي عقيدي جنم ورتو. موجوده دور ۾ حڪومت جو بنياد سيڪولر جمهوريت آهي، جڏهن ته آڳاٽي زماني ۾ حڪومت جو بنياد مشرڪاڻي عقيدي تي هوندو هو. انهيءَ واقعي ڏانهن قرآن شريف ۾ هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو ويو آهي:
    اَنَا رَبُّکُمُ الۡاَعۡلٰی (النّٰزِعٰتِ:24)
    ”آئون اوهان جو تمام مٿانهون پاليندڙ آهيان.“
    انهيءَ بنياد تي اهو بادشاهن جي سياسي مفاد ۾ هو ته شرڪ جو عقيدو دنيا ۾ قائم رهي.
    ان ڪري انهن جي خصوصي سرپرستيءَ هيٺ عبادت گاهه کان وٺي، جيئڻ مرڻ جي رسمن تائين زندگيءَ جو سمورو نظام (ڪار وهنوار) شرڪ تي قائم ٿي ويو هو.
    هي مشرڪاڻو نظام قديم زماني ۾ هزارن سالن تائين سڄيءَ دنيا ۾ ڇانيل رهيو. بادشاهن جي سرپرستيءَ جي ڪري اهو مشرڪاڻو نظام ايڏو ته گهڻو سگهارو ٿي ويو جو هميشه پيغمبرن جي خلاف اثرائتو ٿي رڪاوٽ بڻيل رهيو. انهيءَ جو اهو نتيجو هو جو آڳاٽي زماني ۾ پيغمبرن جي تحريڪ فقط پيغام پهچائڻ واري مرحلي تائين محدود رهي ۽ وسيع ٿي عملي انقلاب جي مرحلي تائين پهچي نه سگهي.
    ان سلسلي ۾ ٻي رڪاوٽ اها هئي، جنهن کي وهمن ۽ وسوسن جي خيالن جو دور چئي سگهجي ٿو، آڳاٽي زماني ۾ جڏهن جديد سائنسي دريافتون نه ٿيون هيون، تڏهن انسان، فطرت جي ڏيکن کي صحيح نموني سمجهي ڪو نه سگهيو هو. هو اهو ڏسندو هو ته دنيا ۾ مختلف قسمن جون حيران ڪندڙ شيون آهن. سج، چنڊ، ستارا، جبل، سمنڊ، زمين، آسمان، وڻ ٽڻ ۽ حيوان وغيره وغيره. مظهرن ۽ منظرن جي ان گهڻائيءَ کي ڏسي، انسان ان غلط فهميءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ته، سندس خالق به گهڻا آهن، يا هيءُ ته مختلف مظهر خود مختلف خدائن جو ظهور آهن. اهڙي ريت مظهرن جي گهڻائي جي بنياد تي انيڪ خدا هجڻ واري نظرئي جنم ورتو. ايتريقدر جو سج ۽ چنڊ کي سندن غير معمولي هجڻ ڪري خدا يا ديوتا سمجهيو ويو. انسان جي لاءِ اهو ناقابل يقين ٿي ويو ته جڏهن مخلوقات ۾ ايڏو گهڻو تنوع ۽ گهڻائي آهي ته انهن سڀني جو خدا هڪ ڪيئن ٿو ٿي سگهي!
    انهيءَ حقيقت ڏانهن خدا جي پيغمبر حضرت ابراهيم عليه السلام هنن لفظن ۾ اشارو ڪيو آهي:
    رَبِّ اِنَّہُنَّ اَضۡلَلۡنَ کَثِیۡرًا (ابراهيم: 36)
    ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ انهن (بتن) گهڻن ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي.“
    ماڻهو انهن مظهرن۽ منظرن کي عظيم سمجهڻ لڳا. جيتوڻيڪ کين گهربو هوته، اهي انهن سڀني شين کي عظيم خدا جي مخلوق سمجهن. پر ان جي ابتڙ انهن پاڻ مخلوقات کي خدا سمجهي پوڄڻ شروع ڪيو. موجوده دور ۾ ذڪر ڪيل ٻنهي افسانن جو خاتمو ٿي چڪو آهي. هاڻي جمهوري خيالن جي ذريعي سڄي دنيا ۾ جيڪو طاقتور سياسي انقلاب آيو آهي، ان آڳاٽي طرز جي مشرڪاڻي بادشاهت کي هميشه جي لاءِ ختم ڇڏيو آهي. هينئر اڄ جي دنيا ۾ قديم طرز جي بادشاهيءَ جو وجود ڪٿي به ناهي رهيو. اهي جديد جمهوريت جي ٻوڏ ۾ ڪک پن جيان لڙهي ويا آهن. هن جديد سياسي انقلاب کان پوءِ مشرڪاڻو عقيدو يا مشرڪاڻو نظام ان مؤثر سرپرستيءَ کان محروم ٿي ويو آهي. جيڪو شرڪ جي انڪار ۽ توحيد جي اقرار جي دعوت ۾ مضبوط رڪاوٽ بڻيل هو. هاڻي اهو امڪان مڪمل طور واضح ٿي چڪو آهي ته پيغمبراڻي دعوت کي ڀرپور طريقي سان جاري ڪيو وڃي ۽ ان کي اهڙيءَ ريت هلايو وڃي جو اول کان آخر تائين ڪنهن به مرحلي ۾ ان کي ڪنهن به مزاحمت جو خطرو نه هجي.

    سائنس جي دور ۾
    اهڙيءَ طرح جديد سائنس جي ظهور، شرڪ جي ٻئي دنيا کي به ختم ڪري ڇڏيو. موجوده زماني ۾ سائنسي انڪشافن جي ذريعي هي افسانو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي ته فطرت جي ڏيکن ۾ ڪا حقيقي گهڻائي آهي يا انهن کي ڪا ذاتي عظمت حاصل آهي.
    جديد سائنس هڪ طرف اهو ڪيو جو پنهنجي تجزيي ۽ تجربي جي ذريعي نيٺ هيءُ ثابت ڪري ڇڏيو ته، سڀ شيون، ظاهري گهڻائيءَ جي باوجود، پنهنجي آخري تجزيي ۾ فقط ايٽم جو مجموعو (ميڙ) آهن ۽ ايٽم توانائي جي لهرن جو مجموعو آهي، ان کو جنا کان پوءِ فطرت ۾ گهڻائي جو افسانو ختم ٿي ويو. سڀ شيون ظاهري فرق جي باوجود پنهنجي حقيقت جي اعتبار کان هڪ ثابت ٿي ويون. ڄڻڪ علم جي اڳين ترقيءَ مشرڪاڻي نظريي کي رد ڪري، توحيد جي نظريي جي لاءِ هڪ ثابت ٿيل بنياد مهيا ڪري ڏنو.
    ان سان گڏوگڏ جديد سائنس ٻيو هيءَ ثابت ڪيو ته زمين ۾ يا وسيع خلا ۾ جيتريون به شيون آهن، سڀ جو سڀ هڪ محڪم (مضبوط) فطرت جي قانون ۾ ٻڌل ۽ جڪڙيل آهن.کين ڪنهن به درجي ۾ ڪو ذاتي اختيار يا اقتدار حاصل ناهي.
    ان سان گڏوگڏ هڪ ٻي ڳالهه به ثابت ٿي وئي ته جيڪي شرڪ جي عقيدي جي سراسر خلاف ۽ توحيد جي عقيدي جي حق ۾ سراسر مواقف آهي. اهو هيءُ ته سڄي ڪائنات پنهنجي سڀني مختلف جزن سان گڏ هڪڙي ئي فطرت جي قانون جي تحت هلي رهي آهي. جنهن کي سائنسدان پنهنجي ٻوليءَ ۾ واحد ڏوري (Single String) جو نالو ڏنو آهي. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته خود انساني علم جي دريافتن جي مطابق ڪائنات جو فقط هڪ خدا آهي. ان کان سواءِ نه ڪو خدا آهي ۽ نه ئي ڪو معبود. شرڪ جي اصل وهمي فڪر جي سوچ (Superstitions Thinking) ۾ آهي. موجوده زماني ۾ سائنسي تحقيق آڳاٽي زماني جي وهمن ۽ وسوسن (Superstitions) کي
    بي-بنياد ثابت ڪري ڇڏيو آهي. اهڙيءَ ريت شرڪ جون پاڙون هاڻوڪي زماني ۾ نج علمي لحاظ کان ختم ٿي ويون. هاڻي ڪو سائنٽيفڪ ذهن (Scientific Mind) شرڪ کي حقيقت جي طور تي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. پر پوءِ به اڃا تائين شرڪ جو مڪمل انت ناهي ٿيو.
    پهرين زماني ۾ انسان هيءُ عقيدو اختيار ڪيو هو ته فلاڻا فلاڻا ديوي ۽ ديوتا آهن، جيڪي هوائون هلائين ٿا، جيڪي مينهن وسائين ٿا. جيڪي پر اسرار طور تي انهن واقعن جي پويان ڪم ڪري رهيا آهن. جن کي صبح ۽ شام جو ڏسون ٿا. پر هاڻ سائنسي تحقيق ثابت ڪيو آهي ته اهي سڀ واقعا ڄاتل فطري قانونن (Law of Nature) جي تحت ظهور ۾ ايندا آهن. اهي ڪنهن پراسرار ديوي ۽ ديوتا جو ڪرشمو ناهن. اهڙيءَ طرح قديم نموني جو شرڪ گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪو آهي.
    هڪ جاهل ۽ اڻڄاڻ شخص جڏهن پهريون ڀيرو هڪ ڪار کي هلندي ڏٺو ته، هن سمجهيو ته اهو ڪو جادوگر آهي. جيڪو لوهه واري ڪمري کي ڊوڙائي پيو. پر هڪ با خبر ۽ ڄاڻو انجنيئر ان قسم جي ڳالهه کي مذاق جوڳو سمجهندو، ڇو جو کيس يقين هوندو ته ڪو به جادو ٻادو ان واقعي ۾ موجود ئي ناهي. اهڙيءَ طرح مشرڪاڻن عقيدن يا فرضي معبودن جو نظام، هاڻوڪي دور جي هڪ پڙهيل لکيل انسان جي لاءِ مڪمل طور تي مسخري بڻجي چڪو آهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿوته برسات جو پوڻ يا فصل جو نسرڻ ۽ ان طرح جا ٻيا واقعا سڀئي فطرت جي اصولن تي ٻڌل (Based) آهن.
    آڳاٽي وهمن وسوسن واري دور ۾ شرڪ جو عقيدو قبوليت جي لائق ٿي پئي سگهيو ۽ اهو مڃي پيو سگهجي، پر هينئر علم جي ترقي يافته زماني ۾ شرڪ جو سڄو سارو ڍانچو (نظام) عقيدي کان ويندي عمل تائين، سراسر بي اصل ۽ بي بنياد ثابت ٿي چڪو آهي.ترقيءَ واري زماني ۾ شرڪ جو جيڪو حال ٿيو، ان جومثال ائين آهي. جيئن ڪنهن اونداهي ڪوٺيءَ جي باري ۾ اهو سمجهيو وڃي ته، ان جي اندر وڏن سڱن واري ڪا خطرناڪ بلا ويٺل آهي، پر جڏهن ڪوٺيءَ کي روشن ڪيو ويندو ته خبر پوندي ته اتي ڪا اهڙي شيءِ بنهه موجود ئي ڪونهي.
    سائنس جي وجود کان اڳ دنيا ۾ وهمي خيالن جو غلبو هو. ان وقت گهٽ سمجهه جي ڪري ماڻهو شرڪ جي ڄار ۽ دوکي ۾ ڦاٿل هئا پر هاڻي سائنس جي روشني پکڙجي وڃڻ کان پوءِ ان جو امڪان ختم ٿي چڪوآهي ته شرڪ ٻيهر ماڻهن جي ذهن ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي سگهي.
    پر پوءِ به اڃا تائين وهمن جو انت ناهي ٿيو، ذاتي زندگيءَ ۾ اڄ به سڄيءَ دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو پراسرار قسم جي وهمن ۽ وسوسن ۾ ورتل ۽ وڪوڙيل آهن. علم واري طبقي جو تمام گهڻو تعداد اهڙو آهي، جيڪو ديوي ۽ ديوتائن کي ته نٿو مڃي، پر اڄ به اهي رب ذوالجلال تائين معرفت حاصل نه ڪري سگهيا آهن. فرق رڳو هيءُ آهي ته سندن پويان نسل جيڪڏهن ديوي ۽ ديوتائن ۾ اٽڪيل هئا ته، هاڻي فطرت جي قانون جي نالي سان انهن هڪ ٻيو معبود ٺاهي ورتو آهي ۽ ان کي پنهنجي ذهن ۾ اهڙيءَ ريت ويهاري ڇڏيو آهي، جهڙيءَ ريت آڳاٽو انسان ديوي ديوتائن کي ويهاري ويٺو هو.
    اهڙيءَ طرح انساني تاريخ ڦرندي گهرندي، هاڻي هڪ اهڙي دور ۾ پهتي آهي، جو پيغمبرن جي تحريڪ جي رستي جون سڀ رڪاوٽون ختم ٿي ويون آهن. اڄ شرڪ جي انڪار ۽ توحيد جي اقرار جي تحريڪ کي آزاداڻي ۽ موثر انداز ۾ قائم ڪري سگهجي ٿو. جديد دور ۾ سياسي ۽
    بين الاقوامي ماحول به پوري ريت ان جي موافق ٿي چڪو آهي. سڀ علمي دليل ان جي تائيد ڪري رهيا آهن، هينئر اهو چوڻ ۾ وڌاءُ نه ٿيندو ته اڄ توحيد جي هلچل بنا مقابلي (Unopposed Victory) ڪاميابي ماڻڻ جي حالت ۾ پهچي وئي آهي. ان جي رستي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا به رنڊڪ ۽ رڪاوٽ نه آهي. هاڻ ضرورت آهي ته توحيد وارا هڪ نئين عزم ۽ حوصلي سان اٿي کڙا ٿين ۽ دنيا جي سڀني قومن کي نئين جوش جذبي ۽ طاقت سان توحيد جي زندگيءَ کي امر ڪري ڇڏيندڙ حقيقت کان واقف ڪن.
    آڳاٽي زماني ۾ انساني زندگي ۽ انساني سماج ۾ بيشمار برايون پيدا ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ انسان پنهنجي فطري عظمت کان محروم ٿي ويو. اها نبي ڪريم ﷺ ۽ سندن اصحابن سڳورن رضوان الله عليهم اجمعين جي ذريعي پيدا ڪيل توحيد جي هلچل هئي، جنهن دنيا کي ان ڏکاري دور کان ٻاهر ڪڍيو ۽ انسانيت کي حقيقي معنيٰ ۾ ترقيءَ جي دور ۾ داخل ڪيو. انسان پهريون ڀيرو انهن سعادتن سان فيض ياب ٿيو، جيڪي خدا سندس لاءِ مقدر ۾ لکيون هيون، پر هٿ ٺوڪين وسوسن جي نتيجي ۾ هن پنهنجو پاڻ کي انهن کان محروم رکيو هو. انسانيت اونداهيءَ جي هڪ ڊگهي دور مان نڪري روشنيءَ جي هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي. هاڻي بظاهر مادي ترقين جي باوجود انسان ٻيهر مسئلن جي اونداهين ۾ جڪڙجي ويو آهي. هو خوشنما ۽ وڻندڙ تمدن جي اندر حقيقي خوشيءَ ۾ سڪون کان محروم آهي، انسان جي فطري عظمت ٻيهر ذلت جي نئين کڏ ۾ وڃي پئي ڪرندي.
    هاڻي ضرورت آهي ته توحيد جي دعوت کي هڪ دفعو ٻيهر نئين نموني، نئين طاقت ۽ قوت سان زندهه ڪيو وڃي. هڪ پاسي ان کي نون دليلن ۽ نئين طريقي سان وڌ کان وڌ قبوليت لائق بڻايو وڃي ۽ ٻئي پاسي اشاعت جي جديد وسيلن کي استعمال ۾ آڻي، ان کي سڄيءَ دنيا ۾ پکيڙيو وڃي. ايتري تائين جو اهو وقت اچي وڃي، جنهن کي رسول الله ﷺجن پنهنجي هڪ تاريخي پيشن گوئيءَ ۾ هن طرح فرمايو هو ته:
    ”هڪ وقت ايندو، جڏهن خدا جي دين جو پيغام سڄيءَ دنيا ۾ پکڙجي ويندو. ڪو به گهر يا خيمو اهڙو نه بچندو، جنهن ۾ توحيد جو ڪلمو نه پهچي ويو هجي.“


    باب ٻيو

    اميد جو مذهب

    (حقيقي دين اهوئي آهي، جيڪو ماڻهوءَ ۾نرميءَ وارو مزاج پيدا ڪري، جيڪو هرحال ۾محبت ۽ چڱائيءَ جي تعليم ڏيندو هجي.)


    اسلام اميد جو مذهب آهي. اسلام جون مڙئي تعليمات اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏين ٿيون. ظاهر ۾ مشڪل، ناڪامي ۽ محرومي جهڙين حالتن ۾ به اسلام انسان کي اميد ۽ حوصلي جو سبق ڏئي ٿو. اهو شام جي اونداهيءَ ۾ به صبح جي روشنيءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو. قرآن شريف ۾ ايمان وارن لاءِ ارشاد آهي ته:
    وَ تَرۡجُوۡنَ مِنَ اللّٰہِ مَا لَا یَرۡجُوۡنَ ؕ (النساء: 104)
    ”۽ توهين الله ۾ اميد ٿا رکو جا اميد انهن کي نه آهي.“
    ان مان خبر پئي ته هڪ شخص جيڪو اسلامي فڪر وارو هجي، اهو هڪ اهڙو انسان هوندو آهي، جيڪو اوندهه ۾ به روشني ڏسندو آهي. هو اتي به اميد ڀريو رهندو آهي، جتي ٻيا ماڻهو اميد ۽ حوصلو وڃائي ويهندا آهن.
    ان معاملي ۾ اسلام ۾ مايوسيءَ کي حرام سڏيو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ هڪ پيغمبر جي ذريعي اها تعليم ڏني وئي ته:
    وَ لَا تَایۡـَٔسُوۡا مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ ؕ اِنَّہٗ لَا یَایۡـَٔسُ مِنۡ رَّوۡحِ اللّٰہِ اِلَّا الۡقَوۡمُ الۡکٰفِرُوۡنَ (يوسف: 87)
    ”۽ الله جي رحمت کان نا اميد نه ٿيو، ڇو ته الله جي رحمت کان ڪافر ئي نا اميد ٿيندا آهن.“
    انهيءَ ڪري مسلمانن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ اهو جائز نه آهي ته، اهي مايوس ٿي وڃن. ظاهر ۾ ڪيتريون ئي اڻوڻندڙ ۽ غير موافق حالتون هجن، پر ايمان وارن تي فرض آهي ته اهي آخر تائين اميد جو دامن نه ڇڏين. اهو ئي سبب آهي جو اسلام ۾ خودڪشيءَ جي موت کي حرام چيو ويو آهي.

    سچائيءَ جو يقين
    موجوده دنيا ۾ ماڻهوءَ جي سڀ کان وڏي ضرورت اها آهي ته هو ان يقين تي قائم رهي ته، هن سچائيءَ کي ماڻي ورتو آهي. هو جنهن راهه تي هلي رهيو آهي، ان جي حق هجڻ تي کيس ڪو شڪ شبهو نه هجي. ان قسم جو يقين ماڻهوءَ جي لازمي ضرورت آهي. اهوئي يقين ماڻهوءَ کي ان قابل بڻائي ٿو ته اهو ماڻهن جي وچ ۾ وچٿرو رهي. کيس ذهني سڪون حاصل هجي. اهو رات جو سڪون ۽ اطمينان جي ننڊ ڪري ۽ ڏينهن جو اعتدال سان پنهنجا فرض سر انجام ڏي. اسلام ماڻهوءَ کي يقين جي اها ئي نعمت عطا ڪندو آهي.
    هڪ جبل يا جانور کي اها ضرورت نه آهي ته، هو دنيا ۾ پنهنجي وجود جو سبب ڳولي، پر انسان فطري طور تي اهو چاهيندو آهي ته، هو اهو ڄاڻي ته هو ڇا آهي ۽ ڪهڙي مقصد هيٺ دنيا ۾ پيدا ڪيو ويو آهي؟! ان کي هڪ لفظ ۾ زندگيءَ جو نظريو (آئيڊيالوجي) چئي سگهجي ٿو.
    فلسفو، ان زندگيءَ جي نظريي جي ڳولا جو علم آهي. پر پنج هزار سالن کان وڌيڪ عرصي گذرڻ جي باوجود، اڃا تائين فلسفو پنهنجي ڳولا جو جواب حاصل نه ڪري سگهيو آهي. فلسفو پنهنجي آخري مرحلي ۾ پهچي ڪري انسان کي فقط شڪ ۾ وجهڻ ۽ بي يقيني ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي. فلسفي کان پوءِ سائنس جو درجو اچي ٿو، پر سائنس اڳواٽ ئي اهو مڃي ورتو آهي ته هوءَ حقيقت جو فقط جزوي علم ڏئي سگهي ٿي، مڪمل حقيقت تائين پهچڻ سائنس جي وس کان ٻاهر آهي.
    ڄڻڪ سائنس پاڻ ئي اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته مقابلي جي ميدان ۾ لهڻ جي لاءِ هوءَ اهل ناهي. هاڻي آخري شيءِ، جنهن سان ان معاملي ۾ رجوع ڪيو وڃي، اهو مذهب آهي. هتي به منظر گهڻو مختلف نه آهي، بظاهر دنيا ۾ هڪ ڊزن کن وڏا مذهب ملن ٿا. پر اسلام کان سواءِ سڀني مذهبن جي حالت پڌري طور اها آهي ته ان کي نه علمي تائيد حاصل آهي ۽ نه تاريخي اعتباريت (يقين). انهن مذهبن جا مقدس ڪتاب ڦيرڦار (تحريف) جي ڪري صحيح ڳالهين سان گڏو گڏ اهي غلط ڳالهين جو به مجموعو بڻجي ويا آهن.
    اهڙيءَ طرح انهن مذهبن جي تاريخي حالتن جي ڄاڻ به تمام گهٽ آهي ان ڪري نج علمي ۽ عقلي لحاظ کان انهن جي سچائيءَ تي يقين نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ طرح اهي سڀ مذهب به عملي طور تي ان حالت ۾ محفوظ ناهن جو، اهي انسان کي اها سچائي ڏئي سگهن. جنهن تي هو مڪمل يقين سان قائم رهي سگهن.
    خيالن ۽ نظرين جي ان جهنگ ۾ فقط اسلام ئي هڪ اهڙو مذهب آهي، جيڪو نه فقط ڪامل سچائيءَ وارو آهي، بلڪه واقعاتي لحاظ کان به اهو هڪ اهڙو مذهب آهي، جنهن جي تاريخي سچائيءَ ۾ ڪو شڪ شبهو نه آهي.
    اسلام، انسان جي لاءِ ملهائتي سوکڙي آهي. اسلام هڪ اهڙو دين آهي، جيڪو بنا شڪ شبهي جي سچائي جو مالڪ آهي، جنهن کي مڪمل صداقت جو سرمايو ساڻ آهي. جيڪو پنهنجي تاريخي نوعيت جي اعتبار کان انهيءَ قابل آهي ته، انسان، ان يقين سان ان کي اختيار ڪري سگهي ته هن، ان سچائيءَ کي ماڻي ورتو آهي، جنهن جي ڳولا سندس فطرت ۾ اڳواٽ ئي موجود هئي.
    اسلام هڪ ڳولا ڪندڙ روح جو حقيقي جواب آهي. اهو انسان جي شخصيت جي تڪميل آهي. اسلام انسان کي اهو مڪمل پڪو پختو يقين ۽ ويساهه ڏئي ٿو، جنهن جي سهاري هو دنيا ۾ زندهه رهي سگهي. اسلام ئي ماڻهوءَ کي موت کان اڳ واري زندگي کي با معنيٰ بڻائي ٿو ۽ سندس موت کان پوءِ واري زندگي کي به بامعنيٰ بڻائي ٿو.

    زندگي هڪ قيمتي موقعو
    زندگي جيڪڏهن فقط اها ئي آهي، جيڪا موجوده دنيا ۾ هر ماڻهوءَ کي ملي ٿي ته پوءِ بيشڪ اها تمام گهڻي بي معنيٰ آهي، جو انهيءَ کان وڌيڪ بي معنيٰ ٻي ڪا شيءِ نه آهي. انسان لامحدود صلاحيتن سان جنم وٺندو آهي، پر دنيا ۾ هو پنهنجي صلاحيتن جو پنج سيڪڙو حصو به استعمال ناهي ڪري سگهندو ، جو مٿس موت ايندو آهي. انسان جي اندر خواهشن ۽ اميدن جي هڪ ڪائنات جڙيل آهي پر ڪوبه شخص پنهنجي انهن اميدن ۽ خواهشن جي پورائو هن دنيا ۾ ناهي ڪري سگهندو. سڀني موجودات ۽ مخلوقات ۾ انسان واحد مخلوق آهي، جيڪا مستقبل جو تصور رکي ٿي. پر سڀ انسان اڃا ان حال ۾ ئي هوندا آهن، جو سندن دنيوي زندگيءَ جو خاتمو ٿي ويندو آهي. سواءِ ان جي جو انهن پنهنجي مستقبل کي ماڻيو هجي. پر انسان فطري لحاظ کان ڪامياب زندگيءَ جو طلبگار آهي، پر هتي ڪو به انسان پنهنجي ڪاميابيءَ کي ماڻي ناهي سگهندو. بظاهر انسان جي لاءِ فقط هي ڏکارو انجام نصيب ۾ آهي ته هو پنهنجي ڪاميابيءَ جي تاريخ بڻائڻ کان اڳ ئي هن دنيا مان هليو وڃي ٿو.
    اسلام ان اونداهي ۾ انسان جي لاءِ روشني آهي، اسلام جو جنت وارو تصور ماڻهوءَ کي اهو ٻڌائي ٿو ته هو ڪهڙيءَ ريت پنهنجي ناڪاميءَ کي ڪاميابيءَ ۾ بدلائي، ڪهڙيءَ ريت هو پنهنجي خوابن جي ان مستقبل جو مالڪ بڻجي، جتي هو پنهنجي شخصيت جي تڪميل (Fulfilment) کي ماڻي سگهي.
    حقيقت جو اهو انڪشاف جيڪو اسلام جي ذريعي ڪيو ويو آهي، اهو هر ماڻهوءَ جي لاءِ زندگيءَ کي هڪ قيمتي موقعو (Chance) بڻائي ڇڏي ٿو. هاڻي هر ماڻهو گهربل منزل ڳولي وٺي ٿو. جنهن ڏانهن هو هلي سگهي. هر ماڻهو هڪ اهڙي نشان کي ڄاڻي وٺي ٿو، جنهن کي هو پنهنجي سڀني سرگرمين کي توجهه جو مرڪز بڻائي ڇڏي.

    ٻنهي حالتن ۾ صبر
    حديث سڳوري ۾ آهي ته رسول الله ﷺجن فرمايو:
    عجبت من قضاء اللہ عزوجل للمؤمن ان اصابہ خیر حمد ربہ و شکر وان اصابتہ مصیبۃ حمد ربہ و صبر المومن یوجر فی کل شئ۔
    (مسند الامام احمد بن حنبل 1-137)
    ”يعني مؤمن جي معاملي ۾ الله جو فيصلو ڪيڏو نه عجيب آهي. جڏهن کيس ڀلائي ملي ٿي ته ساراهه ڪندو آهي ۽ شڪر ڪندو آهي ۽ جڏهن مٿس ڪا مصيبت ڪڙڪندي آهي ته به اهو ساراهه ڪندو آهي ۽ صبر ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح مؤمن کي هرشيءِ ۾ اجر ملندو رهندو آهي.“
    مؤمن مان مراد اهو انسان آهي، جنهن جو شعور پوريءَ طرح سجاڳ ٿي چڪو هجي. جنهن جي سوچ ان حد تائين ترقي ڪري چڪي هجي جو اهو هرآڏو ايندڙ صورتحال تي هاڪاري جواب (Positive Response) ڏئي سگهي. اهو ويجهڙ وارين حالتن کان مٿانهون ٿي ڪري حقيقتن کي ڏسڻ وارو بڻجي چڪو هجي. اهو ئي اهو انسان آهي، جنهن جو ذڪر مٿين حديث ۾ ڪيو ويو آهي.
    اهڙي انسان جو حال هيءُ هوندو آهي جو جڏهن کيس ڪا پسند واري شيءِ حاصل ٿيندي آهي ته اهو ان غلط فهميءَ جو شڪار ڪو نه ٿيندو آهي ته اهو سندس پنهنجي ڪوشش جو نتيجو آهي، بلڪه هو سمجهندو آهي ته اهو خدا جي قائم ڪيل نظام جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. اها شيءِ کيس حقيقت پسند بڻائي ٿي ۽ ان کي خداوندي نظام جو اعتراف ڪرڻ تي مجبور ڪندي آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن کيس ڪو اڻ وڻندڙ تجربو آڏو اچي ٿو، تڏهن به سندس ترقي يافته شعور ان ڳالهه جي ضمانت بڻجي وڃي ٿو ته سندس ذهني سڪون تباهه نه ٿئي. هو دانهن ڪوڪ يا شڪايت ڪرڻ جي بدران هو ان کي صبر ۽ تحمل سان منهن ڏئي ٿو.
    موجوده دنيا ۾ اهو مزاج، ماڻهو لاءِ هڪ قيمتي سرمايو آهي، انهيءَ مزاج جي ڪري اهو ممڪن ٿئي ٿو ته حالتن جي لاهن چاڙهن جي باوجود هو سدائين اعتدال (وچٿرائي) سندس تي قائم رهي. هو هرانڪار ۾ پنهنجي لاءِ هڪ اقرار جو راز ڳولي لهي ٿو. سندس زندگي ڪڏهن به بيڪاريءَ جو شڪار نه ٿيندي آهي. سندس اميدن جو ڏيئو ڪڏهن به ناهي اجهامندو، هو ان کي سدائين روشني ۽ حرارت ڏيندو رهندو آهي.

    دشمن ۾ دوست
    قرآن شريف ۾ ارشاد ٿيو آهي ته:
    وَ مَنۡ اَحۡسَنُ قَوۡلًا مِّمَّنۡ دَعَاۤ اِلَی اللّٰہِ وَ عَمِلَ صَالِحًا وَّ قَالَ اِنَّنِیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ
    وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ
    بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ (حٰمٓ السَّجۡدَۃِ: 33 تا 34)
    ”۽ ان کان وڌيڪ چڱي ڳالهه ڪنهن جي آهي، جنهن الله ڏي سڏيو ۽ چڱو ڪم ڪيو ۽ چيائين ته بيشڪ آئون فرمانبردارن مان آهيان. ۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. (بديءَ کي) ان نيڪي سان دفع ڪر، جا ڏاڍي چڱي آهي. پوءِ ان ئي وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي، سو ڄڻ ته دوست مائٽيءَ وارو ٿيندو.“
    ڪنهن سان دشمني ٿي وڃي يا ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو شخص پنهنجو دشمن نظر اچي ته، ان جو ذهن اهو سوچيندو آهي ته هيءُ منهنجو دشمن آهي. ان جو حل فقط هيءُ آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏجي. پر اسلام اهڙي معاملي ۾ به هڪ اميد ڀريو ڏس ۽ گس ڏئي ٿو. هو ٻڌائي ٿو ته توهان جي دشمن جي اندر توهان جو هڪ دوست لڪل آهي. ان دوست کي ڳوليو، پوءِ توهان جو دشمن، توهان جو ويجهو ساٿي بڻجي ويندو.
    دوستي ۽ دشمني ڪا پيدائشي صفت نه آهي. ڪو به ماڻهو پيدائشي طور تي ڪنهن جو دشمن ناهي هوندو. جيڪڏهن ڪو شخص توهان کي پنهنجو دشمن ڏسڻ ۾ اچي، سمجهو ته اها ان جي هڪ مصنوعي حالت آهي. اوهان مٺي ڳالهائڻ ۽ پنهنجي سهڻي سلوڪ سان، کيس هڪ نئون انسان بڻائي سگهو ٿا. اوهان پنهنجي دوستاڻي عمل سان، کيس ان حد تائين تبديل ڪري سگهو ٿا جو سندس اوهان جي خلاف ساڙ ۽ نفرت ختم ٿي وڃي. جيڪو شخص ظاهر ۾ اڃا تائين اوهان جو مخالف آهي. اهو اوهان جو پنهنجو بڻجي وڃي.
    اها هر انسان جي لاءِ هڪ عظيم خوشبري آهي، ان مان خبر پوي ٿي ته دنيا ۾ بهتر امڪانن جي فهرست (List) ايڏي وڏي آهي. جو دشمن کي به دوست واري خاني ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اها اسلامي تعليم ماڻهوءَ کي ان قابل بڻائي ٿي ته ڪنڊي کي به گل جي روپ ۾ ڏسي. اهو مخالف انسان ۾ به پنهنجو هڪ موافق انسان ڏسي. اهو خود فطرت جو هڪ اٽل قانون آهي، نڪي فقط هڪ سادو مذهبي عقيدو.

    صبر جو فائدو
    حديث قدسي آهي، الله تعاليٰ فرمايو:
    اذا ابتلیت عبدی بحبیبتیہ فصبر عوضہ منھماالجنة
    (فتح الباري بشرح البخاري: 10-12)
    ”يعني الله تعاليٰ فرمايو ته، جڏهن مان پنهنجي ڪنهن ٻانهي (بندي) کي، ٻن محبوب شين سان آزمائيندو آهيان ۽ هو ان تي صبر ڪندو آهي ته مان ان کي ان جي بدلي ۾ جنت ڏئي ڇڏيندو آهيان.“
    راوي چوي ٿو ته ٻن محبوب شين مان مراد ٻه اکيون آهن.
    ٻن اکين جي محروميءَ تي صبر جو جيڪو انعام ڪنهن کي خدا جي پاران ملندو آهي. ان جو تعلق فقط جنت سان ناهي. حقيقت هيءُ آهي ته اهڙي انسان جو انعام موجوده دنيا کان ئي شروع ٿي ويندو آهي، جنهن جي آخري ۽ مڪمل صورت هيءَ آهي ته کيس جنت ۾ جاءِ ملي. اهڙو انسان دنيا ۾ نابين هجڻ جي باوجود ڪامياب هوندو آهي ۽ آخرت ۾ اڃان وڌيڪ اضافي سان بينائي ۽ ڪاميابي ماڻيندو آهي.
    ٻنهي اکين جي محروميءَ تي جڏهن هڪ ماڻهو صبر ڪري ٿو ته ان جي بدلي ۾ سندس باطني اکيون کلي پون ٿيون. سندس داخلي شخصيت ۾ هڪ نئون نفسياتي عمل شروع ٿي وڃي ٿو جيڪو ان جي اندرلڪل صلاحيتن کي سجاڳ ڪري ٿو. سندس دماغ جون مخصوص کڙڪيون کلي پون ٿيون جيڪي فطرت جي خالق فقط هن جي لاءِ منجهس رکيون آهن، ته جيئن اهي ڏکئي وقت سندس ڪم اچن.
    اها هڪ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته انسان جي دماغ ۾ ڪيترائي خانا اهڙا هوندا آهن، جيڪي عام حالتن ۾ بلڪل بند رهن ٿا، اهي فقط ان وقت کلندا آهن، جڏهن انسان ڪنهن هنگامي حالتن جو شڪار ٿيندو آهي. صبر انهن بند دروازن کي کولڻ جي چاٻي آهي. اهڙي حادثي جي موقعي تي جيڪي ماڻهو غم ۽ الم جو شڪار ٿيو وڃن ته انهن جي دماغ جا اهي هنگامي خانا بدستور بند ئي رهندا. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو ان موقعي تي صبر جي هاڪاري موٽ (Positive Response) ڏيندا، اهي فطرت کي پنهنجو عمل ڪرڻ جو موقعو ڏيندا آهن. ان جو نتيجو اهو نڪرندو آهي، جو ظاهري اکين کان محروم ٿي، اهي باطني اکين جي صورت ۾ ان جو عيوض ماڻيندا آهن.
    راقم الحروف پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪيترائي اهڙا فرد ڏٺا آهن. مثال طور: ڀوپال جو محترم الطاف احمد صاحب ڊگهي عرصي کان ديد کان محروم آهي، پر هو پنهنجا سڀ ڪم معمول جي مطابق ۽ ڪاميابيءَ سان سرانجام ڏئي ٿو. اهڙيءَ ريت آمريڪا جي هڪ سفر ۾ منهنجي ملاقات ڊاڪٽر ايوب لبناني سان ٿي. جيڪو ٽمپل ٽن يونيورسٽي ۾ پروفيسر آهي ۽ پنهنجا سمورا ڪم بلڪل معمول جي مطابق سرانجام ڏئي ٿو. ايتريقدر جو هو مشين جي مدد سان ڪتابن جو مطالعو به ڪري ٿو.
    اک، انسان جي تمام قيمتي شين مان سڀ کان وڌيڪ قيمتي شيءِ آهي. اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته جڏهن اک جهڙي قيمتي شيءِ کان محروميءَ تي صبر سان انسان کي نئين زندگي ملي ٿي ته ٻين محرومين تي صبر ڪرڻ سان کيس وڌيڪ اعليٰ نعمت حاصل ٿيندي. صبر هڪ اهڙي نعمت آهي جيڪا ڪنهن انسان لاءِ محروميءَ ۾ سندس مددگار آهي، صبر، ڪنهن انسان جي وڃايل شيءِ کي، ٻيهر ماڻڻ ممڪن بڻائيندو آهي.

    موت، زندگيءَ جو انت نه آهي!
    موجوده دنيا ۾ انسان سان جيڪي حادثا پيش اچن ٿا، انهن ۾ سڀ کان وڏو حادثو، موت جو حادثو آهي. موت هر شخص جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو فيصلائتو زلزلو آهي، جنهن کان بچڻ ڪنهن جي لاءِ به ممڪن ناهي. ڪا به تدبير ايتري طاقتور ناهي. جيڪا موت کي ٽارڻ ۾ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي. موت جو شڪار هر ماڻهو لازمي طور تي ٿئي ٿو. پوءِ ڇو نه اهو امير هجي يا غريب. ڪمزور هجي يا ڏاڍو.
    اهوئي سبب آهي جو هر دور جو انسان موت بابت تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان سوچيندو رهيو آهي. موت جي يادگيري هر ماڻهوءَ جي خوشين جي ڏيئي کي اجهائي ڇڏيندي آهي. هر ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته، ڇا خلقڻهار مون کي انهيءَ لاءِ خلقيو هو ته مان ڪجهه ورهيه جيئرو رهي پوءِ مري وڃان. هڪ مختصر عرصو دنيا ۾ گذاري، اهڙيءَ طرح هتان هليو وڃان جو منهنجي ڪا به ڪاميابي، موت جي ان سفر ۾ مون سان گڏ نه هجي.
    ان معاملي ۾ اسلام هر انسان جي لاءِ اميد جو هڪ ڏيئو آهي. اسلام جي صورت ۾ الله تعاليٰ پنهنجو جيڪو تخليقي منصوبو انسان تي ظاهر ڪيو آهي. اهو ٻڌائي ٿو ته موت، زندگي جو انت نه آهي، موت حقيقت ۽ هڪ وچ وارو وقفو آهي، جنهن کان پوءِ ماڻهو پنهنجي زندگي جي ايندڙ مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿو. زندگيءَ جي انهيءَ ٻئي مرحلي ۾ انسان اهڙي ئي ريت وڌيڪ مڪمل ۽ وسيع دنيا ۾ جيئندو. جهڙيءَ ريت هو موجوده دنيا ۾ ان جي ڀيٽ ۾ نهايت مختصر ۽ ڪمتر زندگي گذاري رهيو هو.
    اسلام جي ذريعي هيءَ خبر، جيڪا اسان کي ڏني وئي آهي، اها هر مرد ۽ عورت جي لاءِ زندگيءَ جو نئون پيغام ۽ نئون نياپو آهي. ان خبر جي صورت ۾ ماڻهو ان امڪان کي ڳولي، لهندو آهي ته، هو اڳينءَ دنيا جي قانونن کي ڄاڻي ۽ ان جي مطابق زندگي گذاري، ته جيئن اهو موت کان پوءِ ٻيهر هڪ نئين ۽ وڌيڪ سٺي زندگي ماڻي. ان تخليقي منصوبي کان بي خبر انسان کي پنهنجي زندگيءَ جي باري ۾ مايوسيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي، پر جڏهن اهو ان تخليقي منصوبي کي ڄاڻي وٺندو ته ان کان پوءِ ان جي آڏو زندگيءَ جو نئون دروازو وڌيڪ ڪشادو کلي پوندو ته اهو ظاهري طور پنهنجي محروميءَ ۾ هڪ نئين دريافت جو راز ماڻي وٺندو آهي.

    هڪ انوکي خوشخبري
    قرآن ڪريم جي ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر سڳوري کي مخاطب ٿيندي فرمايو ته:
    قُلۡ یٰعِبَادِیَ الَّذِیۡنَ اَسۡرَفُوۡا عَلٰۤی اَنۡفُسِہِمۡ لَا تَقۡنَطُوۡا مِنۡ رَّحۡمَۃِ اللّٰہِ ؕ
    اِنَّ اللّٰہَ یَغۡفِرُ الذُّنُوۡبَ جَمِیۡعًا ؕ اِنَّہٗ ہُوَ الۡغَفُوۡرُ الرَّحِیۡمُ (الزمر: 53)
    ”چؤ ته اي منهنجا ٻانهو! پاڻ تي زيادتي ڪندڙ، الله جي مهربانيءَ کان نااميد نه ٿيو. بيشڪ الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو. بيشڪ اهو ئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.“
    قرآن شريف جي هيءَ آيت انسان جي لاءِ هڪ عظيم خوشخبري آهي. موجوده دنيا ۾ زندگي گذاريندڙ هر ماڻهوءَ کان طرح طرح جون ڪوتاهيون ٿينديون رهن ٿيون. انهن گناهن جو انجام جيڪڏهن لازمي طور تي ڀوڳڻو هجي ته انسان جي لاءِ زندگي تمام وڏي مصيبت بڻجي وڃي. پر خدا جو ڪتاب، انسان تي اهو راز کولي ٿو ته، سندس لاءِ ان معاملي ۾ مايوسيءَ جو ڪو سوال ئي ناهي.
    گناهن کان معافيءَ جي اهو راز ڪهڙو آهي؟ اهو آهي گناهن تي لڄي ۽ شرمسار ٿيڻ ۽ الله ڏانهن رجوع ڪرڻ. الله تعاليٰ جهڙيءَ ريت ڪجهه عملن کي گناهه سڏيو آهي. اهڙيءَ ريت هُن دنيا ۾ امڪان به رکيو آهي ته، گناهه ٿي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي، ان کان پاڪ صاف ڪري سگهي ٿو. هو خدا جي جهان ۾ هڪ بي گناهه انسان جي حيثيت سان داخل ٿئي.
    قرآن جي هڪ ٻي آيت مان خبر پوي ٿي ته خدا انسان جي لاءِ هي عجيب امڪان به رکيو آهي ته سندس گناهه تبديل ٿي (مٽجي) سندس لاءِ نيڪي بڻجي وڃي.
    اِلَّا مَنۡ تَابَ وَ اٰمَنَ وَ عَمِلَ عَمَلًا صَالِحًا فَاُولٰٓئِکَ یُبَدِّلُ اللّٰہُ سَیِّاٰتِہِمۡ حَسَنٰتٍ ؕ
    وَ کَانَ اللّٰہُ غَفُوۡرًا رَّحِیۡمًا (الفرقان: 70)
    ”پر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو، تن جي بڇڙاين کي الله ڦيرائي چڱايون ڪندو ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم ڪرڻ وارو آهي.“
    اهو هن ريت ته گناهه کان پوءِ جڏهن ماڻهو شرمسار ٿيندو آهي ۽ توبه زاري ڪري الله ڏانهن رجوع ڪندو آهي ته، اهو ڄڻ هڪ اهڙو واقعو ٿيندو آهي جو سندس گناهه، ان جي هڪ نيڪيءَ جو سبب بڻجي پيا. شروع ۾ جيڪڏهن هو الله کان پري ٿيو هو ته پوءِ جي مرحلي ۾ هو الله جي اڃا وڌيڪ ويجهو ٿي ويو. سندس اها روش خدا کي ايڏي ته گهڻي وڻي ٿي، جو ان جي گناهه کي به نيڪيءَ جي نالي ۾ لکيو ويندو آهي.
    خدا جو اهو قانون، جيڪو قرآن جي ذريعي پڌرو ڪيو ويو آهي، انسان جي لاءِ هڪ عجيب نعمت آهي. اهو انسان جي لاءِ لازوال تسڪين جو سرمايو آهي.

    قناعت هڪ نعمت
    حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو:
    قد افلح من اسلم ورزق کفافاً وقنعہ اللہ بما آتاہ۔ (مسند الامام احمد: 2-168)
    ”يعني اهو شخص ڪامياب ٿيو، جنهن اسلام قبول ڪيو ۽ ان کي ضرورت آهر روزي ملي ۽ الله جي توفيق سان، ان تي قناعت ڪيائين، جيڪو الله کيس ڏنو هو.“
    موجوده دنيا ۾ هر انسان جي ٻئي انسان جي وچ ۾ سدائين ڪس پڪائي ٿيندي رهندي آهي. انهيءَ ڪري اڪثر انسان سڪون کان محروم زندگي گذاريندا آهن. اهي انهن ماڻهن ڏانهن واجهائيندا، جن کي انهن کان گهڻو ڪجهه مليل آهي. اهڙيءَ ريت هو لڳاتار هڪ قسم جي حسرت جي نفسيات ۾ ڦاٿل هجن ٿا ۽ انهيءَ حال ۾ ئي مريو وڃن.
    انهيءَ جو حل اسلام ۾ قناعت ٻڌايو ويو آهي. قناعت ماڻهوءَ کي ان قابل بڻائي ٿي ته الله جي ڏني تي مطمئن رهي ۽ نه ملڻ جي غم ۾ پنهنجو پاڻ کي پريشان نه ڪري. اسلام جي تعليم مطابق دنيا ۾ هر هڪ کي اهو ئي ملندو، جيڪو سندس لاءِ خدا مقرر ڪيو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي گهٽ مليو، اهو به خدا جي حڪم سان ۽ جنهن کي گهڻو مليو، اهو به خدا جي حڪم سان.
    اهو عقيدو ماڻهوءَ کي ابدي سڪون عطا ڪندو آهي. اهو هن يقين سان حياتي گذاريندو آهي ته کيس جيڪو ڪجهه مليو. اهو اتفاقي نه بلڪه اهو ئي عطا ڪيو ويو جيڪو خود ان جي چڱائي جي لاءِ کيس ملڻ گهربو هو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ظاهر ۾ دنيا جو رزق گهٽ مليو آهي ته اهو ان جي حق ۾ خدا جي هڪ عظيم مهرباني آهي. اهڙيءَ ريت خدا چاهيندو آهي ته اهو شخص ظاهري ساز و سامان ۾ گهڻو مشغول نه رهي سگهي. اهو خارجي شين کان مٿي ٿي معنوي حقيقتن ۾ گهڻي کان گهڻو رڌل رهي.
    مادي شين ۾ گهٽ تي راضي ٿيڻ جو نالو قناعت آهي. اهڙيءَ طرح مادي شين ۾ گهڻي جي ڪڍ پوڻ جو نالو حرص آهي. هن دنيا جو اهو قانون آهي ته جيڪو ماڻهو قناعت جي روش تي قائم هوندو، ان تي هر قسم جا علمي دروازا کلندا ويندا، مٿس معرفت ۽ روحانيت جا مينهن وسندا، ان جي ابتڙ جيڪو ماڻهو حرص ۽ هوس جي واٽ وٺندو. اهو ظاهر جي محدود دنيا ۾ گم ٿي رهجي ويندو ۽ حقيقتن جي ڪشادي دنيا سندس پهچ کان ٻاهر ٿي ويندي. هو هڪ خوش نما حيوان وانگر زندگي گذاريندو. اهو انسانيت جو اعليٰ درجو ماڻڻ کان رهجي ويندو.
    گهٽ تي قناعت ڪرڻ ڪا سولي ۽ سهنجي ڳالهه نه آهي. اها هڪ اعليٰ انساني صفت آهي. جيڪو ماڻهو مادي شين ۾، گهٽ تي راضي ٿي وڃي، اهو ڄڻ غير مادي شيءِ ۾ پنهنجو پاڻ کي گهڻي جو حقدار بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي . اهو غير اهم شين ۾ پوئين سيٽ کي قبول ڪري. وڌيڪ اهم شين ۾ اڳين سيٽ تي پنهنجي لاءِ وڌيڪ بهتر جاءِ ماڻي رهيو هوندو آهي.

    تڪليف ۾ راحت
    نبي ڪريم ﷺ فرمايو:
    ما یصیب المسلم من نصب ولا وصب ولاھم ولا حزن ولا اذی ولاغم ۔
    حتی الشوکةیشا کھا۔ الاکفر اللہ بھا من خطایاہ.
    (فتح الباري، بشرح صحيح البخاري 10-107)
    ترجمو: يعني جڏهن به ڪنهن مسلم تي ڪا ٿڪاوٽ، رنج، حزن، تڪليف يا ڏک پهچندو آهي. ايتريقدر جو جيڪڏهن ان کي ڪو ڪنڊو به چڀندو آهي ته الله ضرور انهن مصيبتن کي، سندس خطائن جي لاءِ ڪفارو بڻائي ڇڏيندو آهي.
    هتي مسلم مان مراد اهو انسان آهي. جنهن کي حقيقت جي سڃاڻ ٿي وئي هجي. جيڪو شين کي ان جي صحيح رخ سان ڏسڻ جي قابل ٿي وڃي، جيڪو خدا جي خدائي ڳولي لهي ۽ انهيءَ سان گڏ انسان جي انسانيت کي به ماڻي وٺي.
    اهڙو انسان پنهنجي حقيقت شناسيءَ جي ڪري، انسان ٿيو پوي. جيڪو هر ايندڙ صورتحال جو صحيح جواب (Response) ڏئي سگهي. اهڙي انسان تي جڏهن ڪا ننڍي يا وڏي مصيبت ايندي آهي ته اها سندس سوچ کي سجاڳ ڪرڻ جو ذريعو بڻجي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو مصيبت جي وقت دانهن ڪوڪ ۽ شڪايت ڪرڻ بدران اهو قادر مطلق خدا کي ياد ڪرڻ لڳندو آهي. انهن تجربن جي دوران هو پنهنجي حيثيت کي سمجهي وٺندو آهي.
    ان معاملي کي ٻين لفظن ۾ هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو ته مسلمان اهو آهي، جيڪو زندگيءَ جي ڏکين ۽ مشڪل تجربن کي ناڪاري معنيٰ ۾ وٺڻ جي بدران انهن کي هاڪاري معنيٰ ۾ وٺي. مسلمان انسان جي اها صفت سندس لاءِ پنهنجي غلطين ۽ ڪوتاهين جي اصلاح جو ڪارڻ بڻجي ٿي. دنيا جو هر ٿڏو کيس مجبور ڪندو آهي ته هو پنهنجي معاملي تي هڪ ڀيرو ٻيهر نئين سر غور ويچار ڪري. هو پنهنجو پڇاڻو پاڻ ڪري، پنهنجي اصلاح جي ان عمل جو ديني نالو ڪفارو آهي.
    اسلام جو اهو اصول انسان جي لاءِ هڪ عظيم خوشخبري آهي. هن دنيا ۾ هر هڪ ماڻهوءَ کي واري ڀيري مختلف قسم جون مصيبتون آڏو اينديون رهن ٿيون. ماڻهو جيڪڏهن باشعور نه هوندو ته، دنيا جي مصيبت سندس لاءِ فقط مصيبت يا تڪليف ئي هوندي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه، پر جيڪو انسان معرفت جو صاحب هوندو. جنهن جي ايمان کيس شعور وارو بڻائي ڇڏيو هجي، هو ان حالت ۾ هوندو آهي ته پنهنجي تڪليف کي به راحت بڻائي سگهي، پنهنجي نهڪار کي هاڪار ۾ تبديل ڪري سگهي. هو وڃايل کي به پنهنجي لاءِ ماڻيندڙ بڻائي.
    اسلام جو اهو تصور انسان جي لاءِ هڪ عظيم نعمت آهي. هو تڪليف جي احساس کي به راحت ۽ آرام جي احساس ۾ مٽائي ڇڏيندو آهي. جنهن جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو، جڏهن ماڻهوءَ تي ڪا ننڍي وڏي مصيبت ايندي آهي ته هو ڪڏهن به پريشانيءَ ۾ مبتلا ناهي ٿيندو. هو هر مصيبت جي موقعي تي اهو سوچي مطمئن ٿي ويندو آهي ته هن مصيبت منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن غلطيءَ کي منهنجي عملن جي رڪارڊ مان ختم ڪري ڇڏيو. مون کي ڏوهه دار انسان جي مقام کان کڻي بي قصور انسان جي صف ۾ کڙو ڪيو.

    توڪل ۽ اعتماد
    اسلام جي هڪ اهم تعليم اها به آهي، جنهن کي توڪل علي الله چيو وڃي ٿو. يعني هرحال ۾ الله جي مٿان يقين ۽ ڀروسو رکڻ. الله جي رحمت مان ڪڏهن به نااميد نه ٿيڻ.
    قرآن ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته:
    وَّ تَوَکَّلۡ عَلَی اللّٰہِ ؕ وَ کَفٰی بِاللّٰہِ وَکِیۡلًا (الاحزاب: 3)
    ”۽ الله تي ڀروسو ڪر ۽ الله ڪارساز ڪافي آهي.“
    ٻئي هنڌ قرآن شريف ۾ ارشاد آهي ته:
    وَ عَلَی اللّٰہِ فَتَوَکَّلُوۡۤا اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ (المائده: 23)
    ”۽ جيڪڏهن مؤمن آهيو ته الله تي ڀروسو ڪريو.“
    اهڙيءَ طرح قرآن مجيد ۾ حق وارن جي زبان ۾ چيو ويو آهي ته:
    وَ لَنَصۡبِرَنَّ عَلٰی مَاۤ اٰذَیۡتُمُوۡنَا ؕ وَ عَلَی اللّٰہِ فَلۡیَتَوَکَّلِ الۡمُتَوَکِّلُوۡنَ (ابراهيم: 12)
    ”۽ توهان جيڪو ايذاءُ اسان کي پهچايو ٿا، تنهن تي ضرور صبر ڪنداسون ۽ توڪل ڪرڻ وارن کي الله تي ئي توڪل ڪرڻ کپي.“
    قرآن شريف ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته توهان هن ريت چئو:
    قُلۡ حَسۡبِیَ اللّٰہُ ؕ عَلَیۡہِ یَتَوَکَّلُ الۡمُتَوَکِّلُوۡنَ (الزمر: 38)
    ”چئو ته مونکي الله ڪافي آهي. ڀروسو ڪندڙ مٿس ئي ڀروسو ڪن ٿا.“
    توڪل جو عقيدو، اميد ۽ يقين جو لازوال سرچشمو آهي. اهو عقيدو ماڻهوءَ کي اهو يقين عطا ڪري ٿو ته جتي توهان جي ڪوششن جي حد پوري ٿي وڃي، اتان هڪ ٻي هستي توهان جي مدد لاءِ موجود آهي. جنهن جي ڪائي حد ناهي، جتي ڄاتل سبب ختم ٿي ويندا هجن، اتان کان اڻ ڄاتل سببن جو ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ ذريعو توهان سان ساٿ ڏيڻ جو انتظار ڪري رهيو هوندو آهي. جتي توهان پنهنجي طاقت سان ڪامياب نه ٿي سگهندا آهيو، اتي توهان جو خدا پنهنجي لامحدود قوتن سان توهان کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ موجود آهي.
    توڪل جو اهو عقيدو ايمان وارن جو سڀ کان وڏو سرمايو آهي. اهو ماڻهو کي هي يقين عطا ڪري ٿو ته ظاهر ۾ حوصلو ٽوڙيندڙ حالتن ۾ به ان جو حوصلو نه ٽٽي. بظاهر نااميديءَ جي طوفان ۾ به هو پنهنجي اميد کي برقرار رکي.
    انهيءَ رخ تي ويچار ڪندؤ ته معلوم ٿيندو ته، هڪ شخص جو اسلام جي عقيدي تي پڪو پختو قائم رهڻ ڪا سولي ۽ سهنجي ڳالهه نه آهي. اهو مضبوط ۽ اڏول ڌرتي تي بيهڻ جي مثال آهي. اهو ناقابل شڪست عزم ۽ ارادي جي جبل تي بيهڻ آهي. هڪ اهڙي اعليٰ اميد تي بيهڻو آهي، جيڪا طوفاني حالتن ۾ به ماڻهن کي مايوسيءَ کان بچائي. جيڪا کيس هرحال ۾ عزم ۽ همت جو روپ ڏئي.

    رب جي رضا تي راضي
    قرآن شريف ۾ فطرت جو هڪ قانون هنن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته:
    وَ عَسٰۤی اَنۡ تَکۡرَہُوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ۚ وَ عَسٰۤی اَنۡ تُحِبُّوۡا شَیۡئًا وَّ ہُوَ شَرٌّلَّکُمۡ ؕ
    وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ وَ اَنۡتُمۡ لَا تَعۡلَمُوۡنَ (البقره: 216)
    ”جيتوڻيڪ اهو اوهان کي ناپسند لڳي ۽ شايد ڪنهن شيءِ کي ناپسند ڀانيو، پر اها اوهان لاءِ ڀلي هجي ۽ شايد ڪنهن شيءِ کي پسند ڪريو ۽ اها اوهان لاءِ بڇڙي هجي ۽ الله ڄاڻي ٿو ۽ توهان نه ٿا ڄاڻو.“
    انسان هڪ اهڙي دنيا ۾ جيئي ٿو، جتي ان کان سواءِ ٻيا به کوڙ سارا سبب آهن، جيڪي رات ڏينهن پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن. موجوده دنيا ۾ جيڪي واقعا آڏو اچن ٿا، اهي گهڻو ڪري خارجي (ٻاهرين) سببن جو نتيجو هوندا آهن. انهيءَ ڪري واري ڀيري ايئن ٿيندو آهي جو هڪ ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي، جيڪو سندس خواهش يا سندس پنهنجي رٿابنديءَ جي ابتڙ هجي ٿو. جيڪڏهن ماڻهو گهڻو باشعور نه هوندو ته هو اهڙن واقعن کي ڏسي گهٻرائجي ويندو ۽ هو پاڻ کي مصيبت ماريل يا ناڪام انسان سمجهندو.
    قرآن شريف جي ڄاڻايل بيان ۾ اهڙي انسان جي لاءِ هڪ عظيم رهنمائي آهي. اها رهنمائي انسان کي هڪ مستقل سڪون عطا ڪندي آهي. اها انسان کي انهيءَ لائق بڻائي ٿي ته هو مصيبت جي گهڙين ۾ به اهو سوچي مطمئن رهي ته ان مصيبت ۾ به سڪون ۽ راحت جو ڪو راز سمايل هوندو. اها انسان کي ان قابل بڻائي ٿي ته ڏکين گهڙين ۾ به هو انتظار جي پاليسي اختياري ڪري. هو پنهنجي اڻوڻندڙ حالت ۾ به هڪ وڻندڙ آئيندي جو منظر اڳواٽ ئي ڏسڻ لڳي.
    اهڙو انسان پنهنجي ان مزاج جي ڪري هڪ سگهارو انسان بڻجي ٿو. اهو ان قابل ٿيو وڃي جو هو پنهنجي وقت يا پنهنجي وجود جو ڪوبه پل اجايو نٿو وڃائي. هو ان المناڪ انجام کان محفوظ رهي جيڪو هڪ اڻ وڻندڙ صورتحال کان متاثر ٿي ڪري پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڪري. جيتوڻيڪ آئنده ايندڙ حالتون سندس لاءِ اهڙيون خبرون آڻينديون، جيڪي بلڪل سندس حق ۾ هجن ۽ وڌيڪ واڌاري سان بلڪل اهو ئي هجي، جنهن کي هو پاڻ لاءِ گهرندو هجي.

    ڪمزور ۽ طاقتور
    حديث ۾ آيو آهي ته هڪڙا ٻه ڀائر هئا. هڪڙو ڀاءُ گهر جو ڪاروبار سنڀاليندو هو ۽ ٻيو ڀاءُ ديني ڪمن ۾ رڌل رهندو هو. پهرين ڀاءُ رسول الله ﷺ سان ٻئي ڀاءُ جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته اهو گهر جي ڪم ڪار ۾ هٿ ڪو نه ٿو ونڊائي. پاڻ سڳورن ﷺفرمايو ته شايد توکي ان جي ڪري ئي روزي ملندي هجي. (لعلک ترزق بہٖ) اهڙيءَ ريت هڪ ٻي روايت جي مطابق، پيغمبر اسلام ﷺ فرمايو: انما تنصرون وترزقون بضعفائکم (فتح الباري بشرح صحيح البخاري: 6/105-104) يعني توکي جيڪا مدد ملي ٿي يا رزق ملي ٿو، اهو فقط تنهنجي ڪمزورن جي ڪري ملي ٿو.
    عام طور تي ايئن ٿيندو آهي جو هر گهر ۽ هر سماج ۾ اهڙا فرد هوندا آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ ڪمزور ۽ هيڻا هوندا آهن، ترقياتي سرگرمين ۾ ظاهري طور انهن جو ڪو حصو ناهي هوندو. اهڙا فرد عام طور تي گهر ۾ به ۽ سماج ۾ به گهٽ نظر سان ڏٺا ويندا آهن. انهن کي اجتماعي زندگيءَ ۾ عزت جو مقام ناهي ملندو. اهڙا ماڻهو پاڻ به مايوسيءَ جو شڪار هوندا آهن ۽ ٻين ماڻهن کي به ان جو شعوري يا غيرشعوري طور تي بار محسوس ٿيندا آهن، نڪي پنهنجي حق ۾ ڪو فائدي وارو اثاثو.
    اهڙين حالتن ۾ ذڪر ڪيل اسلامي تعليم هڪ عظيم سماجي تعليم آهي. اها تعليم ٻڌائي ٿي ته خدائي رٿابنديءَ جي مطابق، سماج جي ترقياتي سرگرمين ۾ انهن ڪمزورن جو به هڪ عظيم حصو آهي، ڪنهن سماج ۾ انهن جو وجود، خدا جي رحمتن کي انهن ڏانهن مائل ڪرڻ جو سبب بڻجندو آهي. بظاهر ڪجهه به نه ڪرڻ جي باوجود اهي سماج ۾ گهڻي خدمت سرانجام ڏيندا آهن.
    اها هڪ اخلاقي تعليم نه آهي. پر فطرت جو اٽل قانون آهي. اهو خداوند جو تخليقي منصوبو آهي. ان حقيقت جو شعور جڏهن ڪنهن سماج جي فردن ۾ جنم وٺي ته اهڙو سماج پنهنجي ڪمزورين جي باري ۾ آخري حد تائين مهربان ٿي ويندو. اهو پنهنجي ڪمزورين کي پنهنجي معاملن ۾ برابر جو ڀاڱي ڀائيوار سمجهندو، نڪي فقط هڪ بيڪار ۽ اجايو بار سمجهندو.

    مشڪل ۾ سولائي سهنجائي
    قرآن شريف ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    فَاِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ یُسۡرًا لا اِنَّ مَعَ الۡعُسۡرِ یُسۡرًا (الم نشرح: 5 تا6)
    ”پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي. بيشڪ ڏک سان گڏ سک آهي.“
    انهن لفظن ۾ فطرت جو هڪ قانون ٻڌايو ويو آهي، جنهن کي خدا ابدي طور تي سڄيءَ دنيا ۾ قائم ڪري رکيو آهي. ماڻهو چاهي ڪهڙي به ملڪ ۽ ڪهڙي به زماني ۾ هجي. اهو ڪهڙي به حالت ۾ هجي، هر هنڌ ۽ هر حال ۾ اهي فطرت جي ان قانون کي ڪم ڪندي ڏسندا.
    موجوده دنيا ان رنگ ۽ ڍنگ تي ٺهيل آهي ته، هتي ڪنهن به شخص جي لاءِ سدائين هڪجهڙيون حالتون ناهن هونديون. پر قرآن ۾ بيان ڪيل فطري قانون ٻڌائي ٿو ته، ڪهڙي به حال ۾ انسان کي مايوس ۽ بي همت نه ٿيڻ گهرجي. ڇو جو پاڻ هرتو خدا تعاليٰ جي قائم ڪيل اصول جي ڪري ناموافق حالتن ۾ هڪ موافق امڪان لڪل آهي.
    مثلاً: هڪ شخص جو پيءُ سندس ننڍپڻ ۾ فوت ٿي وڃي ٿو، اها ظاهري طور هن جي لاءِ نا موافق ڳالهه آهي. پر ان حادثي جو موافق پهلو هيءُ آهي ته پيءُ جي ڇانوري کان محرومي هن جي اندر خود اعتمادي جي صفت جاڳي پوندي. هڪ شخص غريب گهر ۾ جنم وٺي ٿو ته بظاهر اها محروميءَ جي ڳالهه آهي، پر ان جو روشن پهلو هيءُ آهي ته اهڙو ماڻهو پنهنجي حالتن جي ڪري گهڻي محنت ڪندو ۽ گهڻي ڪاميابي ماڻيندو.
    اهڙيءَ ريت هر ڏکيائي، محرومي ۽ حادثي ۾ هميشه هڪ نئون ۽ بهتر امڪان لڪل هوندو آهي. نا موافق حالتون، چئلينج بڻجي ماڻهوءَ کي ڌونڌاڙينديون آهن اهي سندس لڪل صلاحيتن کي جاڳائينديون آهن. اهڙيءَ طرح هر ناموافق واقعو ماڻهن جي لاءِ ترقيءَ جي ڏاڪڻ بڻبو ويندو آهي. ايتريقدر جو اهو معمولي انسان کان اوچو ٿي ڪري، غيرمعمولي انسان بڻجي ويندو آهي.
    خوبي ڳوليو
    هڪ روايت جي مطابق نبي ڪريم ﷺ فرمايو:
    لا یفرک مومن مومنةان کرہ منھا خلقا رضی منھا آخر
    (مسند الامام احمد بن حنبل 2- 339)
    ”ڪو به مومن مرد ڪنهن مومن عورت سان بغض نه رکي. جيڪڏهن ان جي اندر ڪا به اڻ وڻندڙ خصلت هوندي ته گڏو گڏ منجهس ڪا وڻندڙ خوبي به موجود هوندي.“
    هن حديث ۾ مؤمن ۽ مؤمنياڻيءَ مان مراد مؤمن مڙس ۽ مومنياڻي زال آهن. هيءُ الله تعاليٰ جو تخليقي نظام آهي جو ڪنهن مرد ۽ عورت کي سڀئي انساني خوبيون ناهن ڏنيون وينديون. ڪو مرد جيڪڏهن جسماني لحاظ کان گهڻو سگهارو هوندو ته، اهو دماغي صلاحيت جي لحاظ کان گهٽ هوندو. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن ڪو مرد دماغي لحاظ کان غير معمولي صلاحيت وارو هوندو ته، اهو جسماني طور تي هڪ ڪمزور انسان هوندو.
    اهڙيءَ ريت هڪ عورت کي جيڪڏهن منهن مهانڊي ۾ سونهن ۽ سوڀيا جو حصو سرس مليو هوندو ته، سيرت ۾ وري اها گهڻين خاصيتن واري نه هوندي. ۽ جيڪڏهن اها سيرت ۾ بهترين هوندي ته، صورت ۾ ڪا گهڻي سهڻي نه هوندي. ان ۾ درگذر ٿي سگهي ٿو. پر عام اصول اهو ئي آهي. فطرت جو اهو ئي اصول آهي. جنهن ڏانهن مٿين حديث ۾ اشارو ڪيو ويو آهي.
    هيءُ هڪ اهڙو اصول آهي، جنهن ۾ هر شادي شده جوڙي لاءِ ڪاميابيءَ جو راز موجود آهي. شادي شده زندگيءَ جي ناڪاميءَ جو سبب گهڻو ڪري انهن حالتن ۾ ٿيندو آهي، جڏهن زال مڙس مان ڪو هڪٻئي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق محسوس نه ڪندو آهي، انهيءَ ڪري هو هڪ ٻئي کان مايوس ۽ بيزار ٿي ويندا آهن. پر مٿي ڄاڻايل اصول مطابق، ان بيزاري ۽ بد دليءَ جو سبب اهو ناهي هوندو ته ٻي ڌر سچ پچ به ايئن ئي آهي، جيئن پهرين ڌر کيس سمجهي رهي آهي. اهڙيءَ طرح جي معاملن ۾ گهڻو ڪري ائين ٿيندو آهي جو پهرين ڌر جي راءِ هڪ طرفي هوندي آهي. اهو ٻي ڌر جي شخصيت جي هڪ رخ کي ڏسي ان کان بيزار ٿي ويندي آهي. جيتوڻيڪ اهو جيڪڏهن ٻي ڌر جي ٻي رخ کي ڏسي ته، سندس راءِ بلڪل بدلجي ويندي.
    مثال طور: هڪ مڙس پنهنجي گهرواريءَ ۾ ظاهري خاصيتون گهٽ ڏسي ٿو ۽ ان سبب جي ڪري هو کيس ناپسند ڪرڻ لڳي ٿو پر کيس سمجهڻ گهرجي ته اها ئي سندس زال جي مڪمل شخصيت نه آهي. اهو پڻ ممڪن آهي ته ظاهر ۾ گهٽتائي جي باوجود هن جي شخصيت ۾ باطني اخلاقي صفتون گهڻيون موجود هجن ۽ اها هڪ ثابت ٿيل حقيقت آهي ته ڪنهن عورت منجهه سيرت ۽ ڪردار جي اعليٰ صفتن جو هجڻ خانداني زندگيءَ جي لاءِ گهڻي اهم حيثيت رکي ٿو.

    فطرت جو نظام
    قرآن شريف ۾ آهي ته.
    لَقَد خَلَقۡنَا الۡاِنۡسَانَ فِیۡ کَبَدٍ (البلد: 6)
    ”ته بيشڪ اسان انسان کي تڪليف ۾ (پوڻ لاءِ) پيدا ڪيو آهي.“
    اهڙيءَ ريت ٻئي هنڌ الله تعاليٰ آدم جي اولاد بابت اڳواٽ ٻڌائي ڇڏيو ته:
    بَعۡضُکُمۡ لِبَعۡضٍ عَدُوٌّ (البقره: 36)
    ”اوهان هڪٻئي جا دشمن ٿيندؤ.“
    قرآن جي ان بيان مان خبر پوي ٿي ته تڪليف (Suffering) موجوده دنيا جو هڪ لازمي حصو آهي. اهو پاڻ فطرت جي خالق جو مقرر ڪيل نظام آهي. انهيِءَ ڪري ان کي ختم ڪرڻ، ڪنهن جي وس ۾ نه آهي. هيءُ انسانيت جي نالي قرآن جو هڪ عظيم فڪري تحفو آهي. انسان جيڪڏهن ان راز کي نه پروڙيندو ته اهو غير حقيقت پسند بڻيل رهندو. هو غير ضروري طور تي سدائين اها ئي ڪوشش ڪندو ته هو پنهنجي لاءِ هڪ بنا محبت واري دنيا يا خرابين کان پاڪ سماج (Evil free society) جوڙي سگهي. پر هو سموري ڪوشش جي باوجود، ان مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگهندو. ڇو جو فطرت جي قانون جي مطابق ائين ٿيڻ نا ممڪن آهي. پر جڏهن هو ان حقيقت کي ڄاڻي وٺندو ته، اهو مسئلن سان گڏ جيئڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ پوءِ هو اهڙيءَ طرح ئي پنهنجي پسند جي دنيا ٺاهي وٺندو، جهڙيءَ طرح هڪ وڻ ڪنڊن جي باوجود گلن ۽ پنن جي ذريعي پنهنجي هڪ پرڪشش دنيا ٺاهيندو آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته زندگيءَ جا مسئلا انسان جي لاءِ مصيبت ناهن. اهي انسان جي لاءِ ترقي جي ڏاڪڻ آهن. اهي مسئلا انسان کي سجاڳ ڪندا ۽ سندس ستل صلاحيتن کي جاڳائيندا آهن ۽ سندس خاموشيءَ کي ٽوڙي کيس لڳاتار سجاڳ رکڻ جي ضمانت آهن.
    مسئلا زندگيءَ جو اهم حصو آهن. وڌيڪ هي ته اهي هڪ ڪارائتو حصو آهن، نه ڪي نقصان ڏيندڙ حصو. جيڪي ماڻهو انهيءَ حقيقت کي ڄاڻي وٺندا، اهي بيڪار ۽ بي فائدي شين ۾ پنهنجي طاقت نه وڃائيندا. اهي زندگيءَ جي اعليٰ تعمير ۾ پڪ ئي پڪ سوڀارا رهندا.
    اقليت جي لاءِ خوشخبري
    قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    کَمۡ مِّنۡ فِئَۃٍ قَلِیۡلَۃٍ غَلَبَتۡ فِئَۃً کَثِیۡرَۃًۢ بِاِذۡنِ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ مَعَ الصّٰبِرِیۡنَ
    (البقره: 249)
    ”ڪيتريون ٿورڙيون ٽوليون گهڻن ٽولين تي الله جي حڪم سان غالب ٿيون ۽ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.“
    قرآن شريف جي ان آيت ۾ فطرت جو هڪ قانون ٻڌايو ويو آهي. ان قانون جي مطابق هن دنيا ۾ عددي اڪثريت وارو جٿو جيڪڏهن ظاهر ۾ مٿانهون ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ٿورائيءَ (اقليت) وارو گروهه امڪاني طور تي ان کان وڌيڪ مٿانهين حيثيت رکندڙ آهي. هن دنيا ۾ فطرت جو قانون اڪثريت کان وڌيڪ اقليت جي حق ۾ آهي. هن آيت ۾ اقليتي (ٿورائيءَ) واري گروهه جي لاءِ اها خوشخبري آهي ته ان کي عددي گهٽتائيءَ جي ڪري نااميدي ۽ مايوسيءَ جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي. بلڪه کيس گهرجي ته الله جي حڪم (فطرت جي قانون) تي ڀروسو ۽ يقين ڪندي، پنهنجي اندر اميد ڀري سوچ پيدا ڪري. پڪ سان ڪاميابي قدم چمندي.
    ٿورائيءَ وارو ٽولو، ڪهڙيءَ ريت گهڻائيءَ واري گروهه تي غالب اچي سگهي ٿو. ان جو جواب هي آهي ته جنهن سماج ۾ ايئن ٿيندو آهي. اتي گهڻائي وارو ٽولو، ٿورائيءَ واري ٽولي جي خلاف هڪ لڳاتار چيلينج بڻجي ويندو آهي . اڪثريتي ٽولو زندگيءَ جي هر ميدان ۾ ٿورائيءَ واري ٽولي کي للڪارڻ لڳندو آهي ته جيڪڏهن توکي جيئرو رهڻو آهي ته هوشيار ٿي وڃ، تنهنجي غفلت توکي موت حوالي ڪري ڇڏيندي. گهڻائيءَ واري پاسي کان اهو چئلينج، ٿورائيءَ وارن جي لاءِ هڪ زبردست ضرب (ڌڪ) جو ڪم ڪندو آهي. اهو هوشيار ٿي، وڌيڪ چستي ۽ هوش منديءَ سان پنهنجو عمل ڪرڻ لڳندو آهي. اڪثريتي ٽولي جو چيلينج، ٿورائيءَ واري ٽولي جي فردن جي فطري صلاحيتن کي انجام تائين جاڳائي ڇڏيندو آهي.
    آيت ۾ الله جي حڪم (اذن الله) جو اهو ئي مطلب آهي، جتي به گهڻائي ۽ ٿورائيءَ جو فرق هوندو، اتي خودبخود اذن الله (الله جو حڪم) جاري ٿي ويندو. آخرڪار ان جو نتيجو اهوئي نڪرندو، جنهن جي نشاندهي قرآن جي مٿي ذڪر ڪيل آيت ۾ ڪئي وئي آهي.


    محبت، دنيا کي فتح ڪندڙ

    قرآن شريف جي سورة الانعام (90-85) ۾ هڪ ئي وقت تقريباً ويهن پيغمبرن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان ۾ حضرت عيسيٰ ابن مريم به شامل آهي. پيغمبرن جو ذڪر ڪرڻ کان پوءِ آخر ۾ هي آيت آهي ته:
    اُولٰٓئِکَ الَّذِیۡنَ ہَدَی اللّٰہُ فَبِہُدٰىہُمُ اقۡتَدِہۡ ؕ قُلۡ لَّاۤ اَسۡـَٔلُکُمۡ عَلَیۡہِ اَجۡرًا ؕ
    اِنۡ ہُوَ اِلَّا ذِکۡرٰی لِلۡعٰلَمِیۡنَ (الانعام: 90)
    ”اهي ئي آهن، جن کي الله هدايت ڪئي آهي، پوءِ تون به سندن طريقي جي پيروي ڪر.“
    ان آيت مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻيا نبي سڳورا به امت محمدي جي لاءِ اتباع (پيروي) جي قابل آهن. اها ڳالهه قرآن پاڪ ۾ ڪجهه ٻين هنڌن تي به چئي وئي آهي. مثال طور: قرآن شريف جي سورة نمبر 42 ۾ ارشاد آهي ته:
    شَرَعَ لَکُمۡ مِّنَ الدِّیۡنِ مَا وَصّٰی بِہٖ نُوۡحًا وَّ الَّذِیۡۤ اَوۡحَیۡنَاۤ اِلَیۡکَ وَ مَا وَصَّیۡنَا بِہٖۤ اِبۡرٰہِیۡمَ وَ مُوۡسٰی وَ عِیۡسٰۤی اَنۡ اَقِیۡمُوا الدِّیۡنَ وَ لَا تَتَفَرَّقُوۡا فِیۡہِ ؕ (الشوريٰ: 13)
    ”اوهان جي لاءِ اهو دين مقرر ڪيو اٿس، جنهن جو نوح کي حڪم ڪيائين ۽ جيڪو اسان توڏي وحي ڪيو ۽ جنهن جو اسان ابراهيم ۽ موسيٰ ۽ عيسيٰ کي حڪم ڪيو ته دين کي قائم ڪريو ۽ ان ۾ ڌار ڌار نه ٿيو.“
    معلوم ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ کان اڳ خدا جا جيڪي پيغمبر سڳورا آيا، انهن کان ثابت ٿيل طريقا، امت محمدي جي لاءِ به اهڙا عمل ڪرڻ جا نمونا آهن، جهڙيءَ ريت اهي خود انهن پيغمبرن جي پنهنجي امت لاءِ نمونا هئا. ٻين نبين جي پيروي ڪرڻ جي قابل هئڻ، قرآن ۽ حديث ٻنهي مان ثابت آهي ۽ اسلام جي عالمن ان کي هڪ دين جي اصول طور مڃيو آهي.
    (ڏسو: الجامع لاحڪام القرآن للقرطبي: 7/35)
    اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ پوين نبين جون حالتون گهڻي تفصيل سان آيون آهن. اهي حالتون فقط هڪ داستان جي طور نه آهن، بلڪه اهي نموني جي طور تي آهن، ان ڪري جهڙيءَ ريت نبي ڪريم ﷺ جي پيرويءَ جو حڪم ڏيندي قرآن ۾ اسوة جو لفظ آيو آهي (الاحزاب : 21) اهڙيءَ ريت قرآن ۾ حضرت ابراهيم عليھ السلام ۽ ان جي ساٿين جو ذڪر ڪندي، ان کي به اسلام وارن جي لاءِ اسوة (نمونو) سڏيو ويو آهي. (الممتحنه: 4تا6)
    قرآن جو اهو اصول عملي لحاظ کان نهايت اهم آهي. انهيءَ ڪري جو انسان جي زندگي بيحد وسيع ۽ گهڻ رنگي آهي. فرد ۽ جماعت ٻنهي جون حالتون سدائين تمام گهڻيون مختلف هونديون آهن. انهيءَ بنياد تي هر پيغمبر ۽ ان جي پوئلڳن وٽ اهڙا مثال ملن ٿا، جيڪي پوءِ جي ماڻهن جي لاءِ نمونو بڻجي سگهن. اهو ئي سبب آهي جو قرآن ۾ ٿي گذريل نبين جون مستند حالتون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آهن، ته جيئن پوءِ جي زماني جا خدا پرست ماڻهو، انهن مان پاڻ سان پيش ايندڙ حالتن ۾ رهنمائي وٺي سگهن. قرآن ۾ جيڪڏهن ٿي گذريل پيغمبرن جا اهي واقعا نه ٻڌايا وڃن ها ته ان جو مطلب اهو ٿئي ها ته قديم دور جا نبي ۽ انهن جي پوئلڳن جا ديني تجربا هميشه جي لاءِ اڻ معلوم رهن ها ۽ انهن کان فائدو وٺڻ، بعد جي ايمان وارن جي لاءِ ممڪن نه هجي ها.

    حضرت يوسف ؑ جو مثال
    عملي حالتن جو تعلق مختلف سبب سان هوندو آهي. هر قسم جون حالتون ڪنهن هڪ پيغمبر تي ناهن گذرنديون. ان لاءِ هيءُ ضروري نه آهي ته هڪ ئي پيغمبر سڳوري جي زندگيءَ ۾ هر قسم جي حالتن جي لاءِ نمونو موجود هجي. ان سلسلي ۾ هتي هڪ مثال ڏجي ٿو.
    موجوده زماني ۾ حڪومت جو هڪ نئون نظام رائج ٿيو آهي، جيڪو گذريل زمانن ۾ موجود نه هو. ان نظام کي ڊيمو ڪريسي (جمهوريت) چيو وڃي ٿو. جمهوريت جو نظام پراڻي زماني جي بادشاهت کان بلڪل مختلف آهي. پراڻي بادشاهت ۾ فقط هڪ شخص کي مطلق حاڪم جو درجو حاصل هو. پر موجوده جمهوريت سموري سماج جي گڏيل اقتدار (حڪومت) جي اصول تي ٻڌل آهي. جمهوريت جي نظام کي هڪ لفظ ۾ حڪومت جو گڏيل نظام (Power Sharing System) چئي سگهجي ٿو.
    موجوده دور ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ جمهوريت جو نظام رائج آهي، انهن ملڪن ۾ مسلمان به هڪ ٿورائيءَ واري ٽولي جي حيثيت ۾ رهن ٿا. هاڻ سوال هيءُ آهي ته انهن ملڪن جا مسلمان ڇا ڪن؟ جيڪڏهن اهي نبي ڪريم ﷺ جي زندگيءَ ۾ اهڙي قسم جو ڪو نمونو ڳولين ته، هتي انهن کي ان جو ڪو عملي نمونو نه ملندو. جنهن مان هو ان معاملي ۾ چٽي سياسي رهنمائي وٺي سگهن. نبي ڪريم ﷺ جي زندگيءَ ۾ عملي طور تي ٻن قسمن جي حالتن جا نمونا ملن ٿا. هڪ مڪي دور جو نمونو، جتي پاڻ ڪريم ﷺ جن فقط داعي جي حيثيت ڪم ڪندا رهيا ۽ ٻيو مدني دور جو نمونو، جتي پاڻ سڳورن ﷺ کي حاڪم جي حيثيت حاصل ٿي. سياسي اقتدار ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ ڪو واضح ۽ چٽو نمونو نه پاڻ سڳورن ﷺ جي مڪي دور ۾ آهي ۽ نه ئي وري پاڻ سڳورن ﷺ جي مدني دور ۾.
    قرآن پاڪ جي ذڪر ڪيل حڪم (الانعام) جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ويندو ته، ان معاملي ۾ اسان کي هڪ واضح رهنمائي ملي ويندي. اها رهنمائي حضرت يوسف عليھ السلام جي زندگيءَ ۾ آهي. حضرت يوسف ؑ خدا جو هڪ پيغمبر سڳورو هو. مصر ۾ حضرت يوسف ؑ سان ڪجهه اهڙيون حالتون پيش آيون جو اتان جي همعصر غير مسلم حڪمران اپوفيس (Apophis) حضرت يوسف ؑ کي هڪ وڏي سرڪاري عهدي جي آڇ ڪئي.
    اهو عهدو ظاهر ۾ زراعت جي وزير جو عهدو هو. پر اهو تقريباً چار هزار سال اڳ جي ڳالهه آهي. ان زماني جي اقتصاديات جو گهڻو دارو مدار زراعت تي هوندو هو. زندگيءَ جا سڀ معاملا سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ ريت زراعت (پوکي راهي) سان لاڳاپيل هئا. ان لحاظ کان ڏسبو ته اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ان زماني جي زراعت جي وزير جي حيثيت عملي طور تي تقريباً اهائي هئي، جيڪا موجوده دور ۾ وزير اعظم جي آهي. ان ڪري جڏهن مٿي ذڪر ڪيل مصري بادشاهه، حضرت يوسفؑ کي ان عهدي جي آڇ ڪئي ته بائيبل جي روايت مطابق هن حضرت يوسف ؑ کي چيو:
    ”تون منهنجي گهر جو مختار هوندين ۽ منهنجي سموري رعيت تنهنجي حڪمن تي هلندي. فقط تخت جو مالڪ هجڻ جي ڪري مان مٿانهون هوندس.“ (پيدائش باب: 41)
    اسان حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيواري (Power Sharing) جو نالو ڏنو آهي. قرآن ۽ بائيبل جي مطابق حضرت يوسف عليھ السلام بادشاهه جي آڇ کي قبول ڪيو. بادشاهه کي قانوني صدر مڃيندي، هو ان جي حڪومت ۾ شامل ٿي ويو. انهيءَ مثال مان معلوم ٿيندو ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جو اصول هڪ اهڙو اصول آهي، جنهن جي اصولي تصديق پيغمبر جي اسوه مان ٿئي ٿي.
    ان مثال جي روشنيءَ ۾ ڏٺو وڃي ته، خبر پوندي ته موجوده دور جي جمهوريت جي نظام ۾ شامل ٿيڻ اصولي طور تي بلڪل جائز آهي. اهو ڪنهن به طريقي سان اسلام جي خلاف ۽ ابتڙ ناهي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن ملڪ ۾ جمهوري حالتون ڏسن ته، کين پنهنجي اسلامي سڃاڻپ برقرار رکندي، انهيءَ ۾ شامل ٿيڻ گهرجي اهڙي نظام ۾ انهن جي شرڪت پيغمبراڻي اسوه جي مطابق هوندي، نڪي ان جي خلاف.
    سياست جو معاملو هڪ گڏيل ۽ سماجي معاملو آهي. اهڙي معاملي ۾ ڪڏهن ڪڏهن عمل جي قابل صورت، فقط اها هجي ٿي ته سماج جي مختلف عنصرن (جزن) جي گڏيل نگهباني ڪئي وئي. جمهوريت اهڙي ئي قسم جو هڪ عملي نظام آهي ۽ حضرت يوسف عليھ السلام جو انداز ۽ طريقو ٻڌائي ٿو ته، مسلمان جيڪڏهن حالتن جي لحاظ کان اهڙي نظام ۾ شامل ٿيندا ته، انهن جو ائين ڪرڻ شرعي طور تي جائز هوندو.

    حضرت مسيح ؑ جو مثال
    اهڙيءَ طرح قرآن مقدس ۾ حضرت مسيح ؑ ۽ ان جي پوئلڳن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا آيو آهي، قرآن جي ان حصي جو مطالعو ڪرڻ سان خبر پوندي ته حضرت مسيح ؑ جي زندگيءَ ۾ هڪ اهم خصوصي مثال ملي ٿو. ان مثال جو تعلق تحريڪ سان آهي. اسلامي تحريڪ يا خدا پرستيءَ واري دعوت کي ڪهڙيءَ ريت هلايو وڃي ۽ مختلف عنصرن سان ڪهڙيءَ ريت مقابلو ڪجي. ان جو هڪ خاص نمونو حضرت مسيح ؑ ۽ ان جي پوئلڳن وٽ ملي ٿو.
    قرآن شريف ۾ مسلمانن کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي ته:
    یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا کُوۡنُوۡۤا اَنۡصَارَ اللّٰہِ کَمَا قَالَ عِیۡسَی ابۡنُ مَرۡیَمَ لِلۡحَوَارِیّٖنَ مَنۡ اَنۡصَارِیۡۤ اِلَی اللّٰہِ ؕ قَالَ الۡحَوَارِیُّوۡنَ نَحۡنُ اَنۡصَارُ اللّٰہِ فَاٰمَنَتۡ طَّآئِفَۃٌ مِّنۡۢ بَنِیۡۤ اِسۡرَآءِیۡلَ وَ کَفَرَتۡ طَّآئِفَۃٌ ۚ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ فَاَصۡبَحُوۡا ظٰہِرِیۡنَ
    (الصف: 16)
    ”اي ايمان وارو! الله جي دين جا مددگار ٿيو. جيئن مريم جي پٽ عيسيٰ پنهنجي حوارين کي چيو ته الله جي رستي ۾ منهنجا مددگار ڪير آهن؟ انهن حوارين چيو ته اسين الله (جي دين) جا مددگار آهيون. پوءِ بني اسرائيلن مان هڪ جماعت ايمان آندو ۽ هڪ جماعت ڪافر ٿي، پوءِ اسان ايمان وارن کي سندن دشمنن تي طاقت ڏني، پوءِ اهي غالب ٿيا.“
    قرآن جي ان آيت ۾ فَاَیَّدۡنَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا عَلٰی عَدُوِّہِمۡ ۔ جا لفظ تمام گهڻي توجهه ۽ غور جي قابل آهن. ان جا جيڪي ترجما ڪيا ويا آهن. انهن مان ڪجهه هتي نقل ڪجن ٿا.
    پس قوت دادیم مومناں را بر دشمنان ایشاں۔ پس شوند غالب۔
    (شاهه ولي الله دهلوي)
    پھر زور دیا ہم نے ان کو جو یقین لائے تھے ان کے دشمنوں پر، پھر ہو رہے غالب۔
    (شاهه عبدالقادر)
    پھر قوت دی ہم نے ان کو جو ایمان لائے تھے پھر ہور ہے غالب۔ (شيخ الهند)
    هن آيت ۾ قوت (Strength) مان ڪهڙو مطلب آهي. ۽ دشمنن تي غلبو حاصل ڪرڻ جو مطلب ڇا آهي. اهو نهايت اهم سوال آهي. مسيحيت کي پنهنجي شروعاتي دور ۾ فلسطين جي يهودين طرفان سخت قسم جي دشمنيِءَ سان واسطو پيش آيو، ايتري قدر جو اهي حضرت مسيح ؑ کي قتل ڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا. تاريخ ۾ ان جو ڪو ثبوت ناهي ته حضرت مسيح ؑ جي پوئلڳن انهن جي مقابلي ۾ جنگي هٿيار استعمال ڪيا هجن ۽ انهن جي ذريعي هنن پنهنجي دشمنن تي سوڀ ماڻي ورتي هجي. اهڙيءَ حالت ۾ آخر اها ڪهڙي قوت هئي، جيڪا انهن جي لاءِ پنهنجي دشمنن جي مٿان فتح ۽ غلبي جو سبب بڻجي.
    ان جو جواب قرآن ۾ اهو ملي ٿو ته الله تعاليٰ مسيح ؑ جي پيروي ڪندڙن منجهه خاص طور تي هڪ اخلاقي ۽ روحاني صفت پيدا ڪري ڇڏي، جيڪا مادي هٿيارن کان سواءِ جنگ کٽڻ جي صلاحيت رکندي هئي. قرآن مجيد حضرت مسيح ؑ ۽ سندس ساٿين جو ذڪر ڪندي بيان ڪيو آهي ته:
    وَ جَعَلۡنَا فِیۡ قُلُوۡبِ الَّذِیۡنَ اتَّبَعُوۡہُ رَاۡفَۃً وَّ رَحۡمَۃً ؕ (الحديد: 27)
    ”۽ جن سندن تابعداري ڪئي، تن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ مهرباني رکي.“
    انهيءَ آيت ۾ مسيح' جي پوئلڳن جي لاءِ جنهن مهر، ٻاجهه ۽ رحمت جو ذڪرآهي، اهو پيرويءَ کان پوءِ جو واقعو آهي. نڪي پيرويءَ کان اڳ جو. يعني ان جو مطلب اهو ناهي ته، ماڻهو پهريان کان ئي مهرباني ۽ رحمت ساڻ ڪري پيدا ٿيا هئا، بلڪه ان جو مطلب هيءُ آهي ته حضرت مسيح ؑ جي ذريعي انهن کي جيڪو دين سيکاريو ويو هو. ان، منجهن اهو جذبو پيدا ڪيو. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته فلسطين ۾ جڏهن کين يهودين جي دشمنيءَ وارين ڪاررواين جو معاملو آڏو آيو ته، ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ انهن کي ٽڪراءُ جي تعليم ڏيڻ بدران اها تعليم ڏني وئي ته ٻاجهه، مهرباني ۽ رحمت سان ان جو مقابلو ڪريو. اها ئي ڳالهه خود انجيل مان به معلوم ٿئي ٿي. (لوقا ـ باب: 6)
    ان تي ويچارڻ سان معلوم ٿيندو ته حضرت مسيح ؑ جي پوئلڳن کي جيڪا طاقت ڏني وئي، اها مهرباني ۽ رحمت جي طاقت هئي، انهيءَ امن واري هٿيار جي ذريعي اهي پنهنجي دشمنن تي اهڙيءَ ريت غالب ٿيا جو، جيڪي ماڻهو اڳ سندن دشمن هئا، اهي دوست بڻجي، سندن صف ۾ شامل ٿي ويا. اهڙيءَ ريت انهن جي عددي قوت ايتري وڌي وئي جو، خود اها ئي عددي برتري انهن جو غلبي جي ذريعو بڻجي وئي.
    ان سلسلي ۾ حضرت مسيح ؑ پنهنجي پوئلڳن کي جيڪا تعليم ڏني هئي، اها موجوده انجيل ۾ تفصيل سان موجود آهي. اها جيتوڻيڪ اصل مسيحي تعليم جو فقط ترجمو آهي، پر پوءِ به ان ۾ حضرت مسيح ؑ جي تعليم جو روح اڃا به ان ۾ موجود ملي ٿو. ان جا ڪجهه حصا هتي نقل ڪجن ٿا.
    مان توهان کي چوان ٿو ته پنهنجي دشمنن سان محبت رکو. جيڪي توهان سان دشمني رکن، انهن جو ڀلو ڪريو. جيڪي توهان تي ڦٽڪار ڪن، انهن جي لاءِ برڪت گهرو. جيڪي توهان جي تذليل ڪن، انهن جي لاءِ دعا گهرو. جيڪي توهان جي هڪ ڳل تي چماٽ هڻن ته اوهان ٻيو ڳل به انهن ڏانهن ڦيريو ۽ جيڪي توهان جو لباس لٽن، انهن کي قميص کڻڻ کان به نه روڪيو. (لوقا ـ باب: 6)
    يهودين فريسين يسوع ؑ کان پڇيو ته ڇا قيصر کي جزيو ڏيڻ گهرجي يا نه. يسوع ؑ جواب ڏنو ته جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ۽ جيڪو خدا جو آهي، اهو خدا کي ادا ڪريو. (متي ـ باب : 22)
    اسان کي خبر آهي ته حضرت مسيح ؑ ۽ سندس پيروڪارن کي فلسطين ۾ پهرين ڏينهن کان ئي سخت مخالفت ۽ دشمنيءَ سان منهن ڏيڻو پيو. انهن جا اهي دشمن، يهودي ماڻهو ئي هئا، جيڪي ان وقت ان علائقي ۾ سگهاري حيثيت رکندڙ هئا. انهن پنهنجي ان دشمنيءَ وارين ڪاررواين ۾ اتان جي رومي حڪمرانن کي به پنهنجو طرفدار بڻائي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ حضرت مسيح ؑ ۽ سندس پيروڪارن جي لاءِ اتي تمام گهڻو اڻوڻندڙ ماحول جڙي پيو.
    هاڻ هڪ هڪ حل اهو هو ته حضرت مسيح ؑ جا پيروڪار نفرت، تشدد ۽ ٽڪراءَ جي رستي تي هلن. اهي شهادت جون جذباتي تقريرون ڪري مسيحن کي وڙهڻ ۽ مرڻ جي لاءِ راضي ڪن، پر ان سخت ماحول ۾ به حضرت مسيح ؑ انهن کي محبت جو پيغام ڏنو. هن چيو ته توهان پنهنجي دشمنن سان نفرت نه ڪريو بلڪه ساڻن محبت وارو سلوڪ ڪريو.
    ”دشمن سان محبت ڪريو.“ جو مطلب اهو آهي ته توهان دشمن جا خير گهرندڙ ٿيو. دعوت جو بنياد اهائي خيرخواهي آهي. دعوت سچ پچ ته انساني محبت جو اظهار آهي. حضرت مسيح ؑ جڏهن دشمن سان محبت ڪرڻ تي زور ڀريو ته، ان جو مطلب هيءُ هو ته توهان ماڻهو سڀني انسانن سان دعوتي خيرخواهي ڪريو. ايتري قدر جو پنهنجي دشمنن سان به. توهان هر ماڻهو جي هدايت جا طلبگار بڻجو. چاهي اهو توهان جو سڄڻ هجي يا مخالف. چاهي اهو توهان جي اوڏو هجي يا توهان کان پري. توهان هر هڪ کي خدا جي رحمت ۾ داخل ڪرڻ لاءِ مصروف ۽ مشغول ٿي وڃو.
    حضرت مسيح ؑ جو اهو چوڻ ته: ”جيڪو قيصر جو آهي، قيصر کي ڏيو ۽ جيڪو خدا جو آهي، خدا کي ڏيو.“ اها ڪا جاهلاڻي تعليم نه هئي. ان جو مطلب هيءُ هو ته وقت جي حڪمران سان سياسي ٽڪراءُ ڪرڻ کان پاسو ڪيو ته جيئن ائين نه ٿئي جو توهان جو سمورو وقت ناڪاري ٽڪراءَ ۾ گذري وڃي ۽ غير سياسي ميدان ۾ هاڪاري جدوجهد جا جيڪي امڪان آهن، اهي استعمال ٿيڻ کان رهجي نه وڃن. اهڙيءَ ريت حضرت مسيح ؑ جو اهو چوڻ هو ته، ”جيڪو توهان کان ڪرتو گهري، اوهان ان کي پنهنجو جبو به ڏئي ڇڏيو.“ اها به ڪا بزدليءَ جي تعليم نه هئي. ان جو مطلب هي هو ته ڪنهن سان ڪو جهيڙو ٿي پئي ته، ان کي جلدي ختم ڪريو. پوءِ اهو هڪ طرفي سمجهوتي (Unilateral Adjustment) جي ذريعي ئي ڇو نه هجي. ان پاليسيءَ کي ٿورن لفظن ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته مسئلن کان بچو ۽ موقعن کي استعمال ڪريو.
    Ignore the problems, avail the opportunities.
    ان پاليسيءَ تحت حضرت مسيح ؑ پنهنجي ساٿين کي دعوتي هجرت جو مشورو ڏنو. يعني اهي ماڻهو فلسطين کان نڪري، ڀرپاسي جي علائقن ڏانهن هليا وڃن ۽ اتي امن ۽ سلامتيءَ سان رهي، ماڻهن جي خدمت ڪن ۽ کين مسيحيت جو پيغام پهچائين.

    ان واقعي جو ذڪر انجيل ۾ هن ريت آيو آهي:
    مسيح جا يارهن شاگرد گليل جي ان جبل تي ويا، جيڪو يسوع سندن لاءِ مقرر ڪيو هو. يسوع وٽن اچي ساڻن ڳالهيون ڪيون. ۽ چيو ته توهان وڃي سڀني قومن کي شاگرد بڻايو ۽ کين تعليم ڏيو ته انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن، جن جو مان توهان کي حڪم ڏنو آهي. (متي ـ باب 28)
    اها ئي ڳالهه حديث پاڪ ۾ هن ريت آئي آهي: هڪ روايت جي مطابق حديبيه جي ٺاهه کان پوءِ موٽ تي رسول الله ﷺ اهو ارادو ڪيو ته عرب جي ڀرپاسي جي بادشاهن ۽ سردارن کي دعوتي خط موڪلين. ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ، پنهنجي صحابين کي مديني ۾ گڏ ڪيو ۽ فرمايائون ته: ”الله مون کي دنيا وارن جي لاءِ رحمت بڻائي موڪليو آهي ته توهان ماڻهو مون سان اختلاف نه ڪريو. جهڙيءَ ريت عيسيٰ بن مريم سان حوارين اختلاف ڪيو. اهو ٻڌي پاڻ سڳورن ﷺ جي صحابين سڳورن چيو ته يار رسول الله ﷺ! حوارين ڪهڙيءَ ريت اختلاف ڪيو هو؟ پاڻ ڪريم ﷺ فرمايو ته، عيسيٰ ؑ حوارين کي انهيءَ ڪم ڏانهن سڏيو هو. جنهن ڪم ڏانهن مان توهان کي سڏي رهيو آهيان. ته جنهن کي هن ويجهڙائيءَ جي مقام ڏانهن موڪلڻ گهريو ته اهي ان تي راضي رهيا ۽ جنهن کي ڏورانهين مقام ڏانهن موڪلڻ چاهيو ته انهن کي اها ڳالهه نه وڻي، ته عيسيٰ ؑ الله سان ان جي شڪايت ڪئي، جيڪا کين ڏکي لڳي هئي، انهن جو حال هيءُ ٿيو جو انهن مان هر هڪ انهن ماڻهن جي ٻولي ڳالهائڻ لڳو، جن ڏانهن کين موڪليو پيو وڃي. (سيرت ابن هشام 4/279)
    حضرت مسيح ؑ جي هدايت تي سندس پوئلڳن جو اهڙيءَ ريت فلسطين مان نڪرڻ هڪ قسم جي داعيانه هجرت هئي. تنهنڪري اهي ماڻهو پنهنجي وطن کان نڪري ڀرپاسي جي ملڪن ڏانهن پکڙجي ويا ۽ خاموشيءَ سان ماڻهن کي مسيحيت جو پيغام ڏيڻ لڳا. حضرت مسيح ؑ جي هدايت مطابق انهن جو طريقو هي هو ته سياسي حڪومت سان ڪنهن قسم جو ڪو مهاڏو نه اٽڪائين. جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو تڪرار ٿي پوي ته ان کي هڪدم هڪ طرفو ٿي ڪري حل ڪن. اهي ماڻهن سان محبت ۽ خير خواهي واري هلت هلن. ٻين سان سندن اهو سلوڪ ڄڻ دعوت جو ماحول ٺاهڻ هو. ان سازگار ماحول ۾ اهي ماڻهن کي مسيحيت جو پيغام ڏيڻ لڳا. ان جو نتيجو هي نڪتو جو مسيحيت تيزيءَ سان ماڻهن ۾ پکڙجڻ لڳي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ٿوري وقت ۾ مسيحيت مختلف ملڪن ۾ پکڙجي وئي.
    مثلاً: روم، يونان، شام، مصر، سوڊان، حبش، اتر آفريڪا، جارجيا، آرمينيا، مالابارڪوسٽ وغيره. حضرت مسيح ؑ کان پوءِ شروعاتي پنجن صدين ۾ مسيحيت جهڙيءَ ريت دنيا جي مختلف حصن ۾ پکڙي، ان جو تفصيل هيٺ ڏنل ڪتابن ۾ ڏسي سگهجي ٿو:
    • Harnack: Mission and Expansion of Christianity in the first Three Countries (1902)
    • Kenneth Scott Latourette: History of the Expansion of Christianity (1945)
    ٻه هزار سال اڳ حضرت مسيح ؑ جي وفات کان پوءِ مسيحيت لڳاتار پکڙجندي رهي. حضرت مسيح ؑ جي تعليم جي مطابق، سندن پوئلڳن جي آڏو فقط ٻه نڪاتي پروگرام هو. هڪ محبت ۽ ٻيو دعوت. هڪ طرف محبت ۽ امن واري دعوت جي انهيءَ اصول کي گڏ کڻي اهي وڌندا رهيا، ايتريقدر جو اهي يورپ تائين پهتا. ان وقت يورپ جي گهڻي حصي تي. رومي بادشاهت جي سياسي حڪومت هئي. شروعات ۾ انهن کي رومي بادشاهت پاران سخت تڪليفن (Persecution) سان منهن ڏيڻو پيو. پر اهي ٽڪراءُ کان پري رهندي، پنهنجو مشنري ڪم پر امن طور تي ڪندا رهيا. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو. 337ع ۾ خود رومي حڪمران ڪانسٽنٽين پهرين (Constantine-1) مسيحيت کي قبول ڪيو. هيءُ الناس علی دین ملوکھم۔ يعني ”ماڻهو پنهنجي بادشاهه جي دين تي هلن ٿا“ جو زمانو هو. ان ڪري ٿوري ئي وقت ۾ يورپ جي اڪثر آباديءَ مسيحيت کي قبول ڪيو.
    رومي بادشاهه 337ع ۾ مسيحيت کي قبول ڪيو هو. ۽ ان کان پوءِ 610ع ۾ پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ کي خدا جي طرفان نبوت عطا ٿي. اهڙيءَ ريت رومي بادشاهه جي مسيحيت قبول ڪرڻ جو واقعو نبوت محمدي ﷺ کان تقريباً 375 سال اڳ ۾ پيش آيو.

    اسلام جي تعليم
    نبي ڪريم ﷺ جي تعليم به اها ئي آهي، جيڪا ٻين پيغمبرن سڳورن ۽ حضرت مسيح' جي تعليم هئي. حديبيه جي ٺاهه کان پوءِ جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ پنهنجي اصحابن کي عرب کان ٻاهر مختلف ملڪن ڏانهن موڪليو ته جيئن اهي حاڪمن ۽ سردارن کي اسلام جو پيغام پهچائين. ان وقت پاڻ سڳورن ﷺ انهن کي خطاب ڪندي جيڪي ڪجهه چيو هو، ان جو هڪ حصو هي هو ته عيسيٰ ابن مريم پنهنجي حوارين کي ان شيءِ جي دعوت ڏني هئي ته، جنهن جي دعوت مان توهان کي ڏئي رهيو آهيان. (دعاھم الی الذی دعوتکم الیہ) سيرت ابن هشام، الجزء الرابع، صفحو: 278.
    قرآن شريف ۾ آهي ته:
    وَ مَاۤ اَرۡسَلۡنٰکَ اِلَّا رَحۡمَۃً لِّلۡعٰلَمِیۡنَ (الانبياء: 107)
    ”۽ (اي نبي ﷺ!) اسان توکي رڳو جهان وارن لاءِ رحمت ڪري موڪليو آهي.
    قرآن شريف ۾ ٻي جڳهه تي فرمان آهي ته:
    فَبِمَا رَحۡمَۃٍ مِّنَ اللّٰہِ لِنۡتَ لَہُمۡ ۚ (آل عمران: 159)
    ”پوءِ الله جي رحمت سان تون انهن جي لاءِ نرم ٿيو آهين.“
    هڪ روايت جي مطابق حضرت محمد ﷺ فرمايو ته:
    ايهاالناس لا تتمنوا لقاء العدو واسالو الله العافيه (رياض الصالحين: 328)
    ”اي لوڪو! توهان ماڻهو دشمن سان مهاڏو اٽڪائڻ جي خواهش نه ڪريو، بلڪه الله کان عافيت گهرو.“
    اسلامي عمل جي انهيءَ طريقي کي جيڪڏهن ڪو نالو ڏيڻو هجي ته ان کي امن ڀريو عمل (Peace Full activism) چئي سگهجي ٿو. ان ڪري قرآن ۾ آيو آهي ته:
    وَ الصُّلۡحُ خَیۡرٌ (النساء: 128)
    ”۽ صلح ڀلو آهي.“
    هڪ روايت جي مطابق نبي سائين ﷺ فرمايو:
    ان الله رفيق، يحب الرفق، ويعطی علیہ مالا یعطی علی العنف ۔
    (سنن ابي داؤد، الجزء الرابع ـ صفحو: 255)
    ”الله نرم آهي ۽ نرميءَ کي پسندو ڪندو آهي ۽ اهو نرميءَ تي اها شيءِ ڏيندو آهي، جيڪا اهو سختي تي ناهي ڏيندو.“
    قرآن ۾ هڪ هنڌ فطرت جو هڪ اصول هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
    وَ مَنۡ اَحۡسَنُ قَوۡلًا مِّمَّنۡ دَعَاۤ اِلَی اللّٰہِ وَ عَمِلَ صَالِحًا وَّ قَالَ اِنَّنِیۡ مِنَ الۡمُسۡلِمِیۡنَ وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ (حٰمٓ سجده: 33 تا34)
    ”ان کان وڌيڪ چڱي ڳالهه ڪنهن جي آهي. جنهن الله ڏي سڏيو ۽ چڱو ڪم ڪيو، ۽ چيائين ته بيشڪ آئون فرمانبردارن مان آهيان. ۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. (بديءَ کي) ان (نيڪيءَ سان دفع ڪر. جا ڏاڍي چڱي آهي. پوءِ ان ئي وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي، سو ڄڻ ته دوست مائٽيءَ وارو ٿيندو.“
    هن آيت جي مطابق الله تعاليٰ هر انسان جي اندر حق جي طلب فطري طور رکي ڇڏي آهي. ڪو شخص يا ڪو گروهه جيڪڏهن حق جي دعوت ڏيندڙن جو دشمن ٿي وڃي ته، اها ان جي مصنوعي حالت هوندي، نڪي ان جي حقيقي حالت. امڪاني طور تي اهو به ٻين انسانن وانگر حق جو طلبگار هوندو. جيتوڻيڪ ظاهر ۾ اهو ڏسڻ ۾ ايندو ته، اهو حق جو دشمن آهي. اهڙيءَ حالت ۾ حق جي دعوت ڏيندڙ (داعي) کي هيءُ ڪرڻو آهي ته، اهي اهڙن ماڻهن جي مخالفت ڪرڻ واري روش کي نظرانداز ڪري، انهن سان اعتدال (وچٿرائي) سان هلن. اهي محبت ۽ خيرخواهيءَ سان انهن کي حق جو پيغام پهچائيندا رهن. ان کان پوءِ اهي پڪ سان حق کي قبول ڪري وٺندا. اهڙن ماڻهن جي لاءِ اصل مسئلو اهو هوندو آهي ته انهن جي ظاهري نفرت جو پردو هٽايو وڃي ۽ پردي هٽائڻ جو اهو ڪم فقط هن ريت ئي ٿي سگهي ٿو ته انهن سان جواب ۾ نفرت نه ڪئي وڃي، پر هڪ طرفي محبت ۽ خيرخواهيءَ سان پيش اچجي.
    پيغمبر جو طريقو دشمن کي دوست بڻائڻ آهي، نڪي دشمن کي دشمن بڻائي کانئس پري ٿي وڃڻ، اهائي تعليم سدائين هر پيغمبر جي رهي آهي، ۽ خود نبي ڪريم ﷺ جي تعليم به اها ئي آهي. وڌيڪ هي ته نبي سائين ﷺ جن ان معاملي جي فقط اصولي تعليم نه ڏني. بلڪه پاڻ سڳورن ﷺ جي سموري زندگي ان ڳالهه جو عملي مثال بڻجي وئي، ته سهڻو سلوڪ ڪهڙيءَ ريت مخالفن کي تبديل ڪري ڇڏي ٿو ۽ دشمنن کي پنهنجو دوست بڻائي ڇڏي ٿو.

    خلاصو
    حضرت مسيح ؑ جو هڪ قول انجيل ۾ هن ريت نقل ڪيو ويو آهي ته: ”هي نه سمجهو ته مان زمين تي صلح ڪرائڻ آيو آهيان. صلح ڪرائڻ نه، بلڪه تلوار هلرائڻ لاءِ آيو آهيان.“ (متي- باب: 10)
    اهڙيءَ ريت نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو:
    امرت ان اقاتل الناس. (صحيح بخاري، ڪتاب الايمان)
    ”مون کي ماڻهن سان جنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.“
    پر انهن ٻنهي قولن مان ڪو به قول بلڪل ان معنيٰ ۾ نه آهي، بلڪه اهي فرمان ان وقت جي حالتن سان مشروط معنيٰ ۾ آهن.
    حقيقت هيءَ آهي ته اهڙي قسم جا سڀ قول ۽ حڪم وقتي صورتحال جي لحاظ کان هوندا آهن. يعني اها صورتحال جڏهن ٻيءَ ڌر جي هڪ طرفي جارحيت جي سبب جي ڪري، دفاع جي ضرورت پيش آئي هجي. جيتري قدر اصل پيغمبراڻي مشن جو تعلق آهي، اهو هر پيغمبر جي لاءِ هڪ جهڙو ئي رهيو آهي ۽ اهو آهي نصح (خير خواهي) ۽ امن سان ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏڻ. پيغمبراڻو مشن هرحال ۾ انهيءَ اصول تي جاري رهندو آهي. اهو ڪنهن به حال ۾ پنهنجي طرف کان تشدد جو طريقو اختيار ناهي ڪندو. ايتريقدر جو جيڪڏهن ٻي ڌر تشدد ۽ جارجيت ته راضي به ٿي وڃي، تڏهن به پيغمبراڻي طريقيڪار جي اها گهرج آهي ته درگذر جي وسيلي آخري وقت تائين ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    پيغمبر جو اصل ڪم انسان کي هدايت ڏئي ڪري. کيس نيڪ ۽ صالح زندگي گذارڻ جو موقعو ڏيڻ آهي، نڪي کيس قتل ڪري. سندس انت آڻڻ. اهو ئي سبب آهي جو پيغمبر جي مشن ۾ امن جي حيثيت عام اصول جي آهي ۽ جنگ جي حيثيت رڳو جدا ڪرڻ جي آهي.


    باب ٽيون

    انسانيت جو ايڪو ۽ اتحاد

    (ڪو ماڻهو زلزلي سان وڙهي نه ٿو سگهي، اهڙيءَ ريت ڪو ماڻهو فطرت جي قانونن سان جنگ جوٽي پنهنجي زندگي کي موجوده دنيا ۾ اڏي نٿو سگهي.)


    هڪ مغربي فلسفيءَ چيو آهي ته انسانيت جي تاريخ ويڙهه ۽ جهيڙي جهڳڙي جي رجسٽر کان ٿورڙي گهٽ آهي. وڌيڪ هيءُ ته دنيا جون اڪثر جنگيون مذهب جي نالي تي وڙهيون ويون آهن. اهو ڏسندي ڪيترن ئي مفڪرن اها راءِ قائم ڪئي آهي، ته انسانن جي وچ ۾ جهيڙي جهٽي جو وڏو ڪارڻ مذهب آهي. ڪارل مارڪس جهڙن ڪيترن ئي ماڻهن هيءُ چيو آهي ته انسانيت جي وچ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته مذهب کي ختم وڃي. پر حقيقت ۾ ان قسم جي راءِ رڳو هڪ چريائپ آهي، نڪي واقعي ئي ڪا حقيقي راءِ.
    ٻئي قسم جا مفڪر اهي آهن، جن ان مسئلي جو حل هيءُ ٻڌايو آهي ته مذهب جي نالي تي جهيڙا جهٽا غير ضروري ۽ اجايا آهن. ڇو جو سڀئي مذهب هڪ آهن. هر مذهب هڪ جيترو سچو آهي. مختلف مذهب ڄڻ مختلف واٽون آهن، جيڪي هڪ ئي گڏيل ساڳي منزل ڏانهن وڃن ٿيون. ان نظريي کي ڪنهن اڪثريت جي وچ ۾ وحدت ۽ هيڪڙائي (Unity in diversity) جو نالو ڏنو آهي ۽ ڪنهن وري ان کي سچائي يا حقيقت جي وحدت (Oneness of reality) جو نالو ڏنو. انهن ماڻهن جو خيال آهي ته جيڪڏهن مذهبن جي باري ۾ اشتراڪي نقطه نظر کي مڃيو وڃي، ته ان کان پوءِ سڀ جهيڙا ختم ٿي ويندا ۽ انساني سماج ۾ مڪمل امن قائم ٿي ويندو.
    پر اهو حل به صحيح نه آهي ۽ نڪي ڪارائتو آهي ۽ ساڻ ساڻ عمل جوڳو به نه آهي. بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته اصل مسئلو مذهبن جي وچ ۾ هڪجهڙائيءَ ڳولڻ جو نه آهي، بلڪه مذهبن جي پيروي ڪندڙن يا انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي ڳولڻ جو آهي.

    ڪجهه نڪتا
    1. مختلف مذهبن جو تقابلي مطالعو ۽ اڀياس ٻڌائي ٿوته هڪ مذهب جي عقيدن ۽ ٻئي مذهب جي عقيدن ۾ اهڙا بنيادي فرق موجود آهن، جيڪي انهيءَ دعويٰ جو واضح انڪار ڪن ٿا ته، سڀ مذهب هڪ آهن. خدا، پيغمبر، الهام، زندگي ۽ موت، هر هڪ جي باري ۾ مختلف مذهبن ۾ جدا جدا تصور ۽ خيال ملن ٿا. اهڙيءَ حالت ۾ اهو چوڻ ته سڀ مذهب هڪ آهن. هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي خود مذهب به ڪڏهن مڃي نه ٿا سگهن.
    2. مذهبن جي وچ ۾ اختلاف هجڻ ڪا برائي نه آهي. بلڪه اها هڪ خوبيءَ جي ڳالهه آهي. هن دنيا ۾ ذهني ۽ فطري ترقيون اختلافن جي ڪري وجود ۾ اينديون آهن. جڏهن معاملي ۾ ٻه رايا آڏو ايندا آهن ته فطري طور تي ٻنهي پاسن کان بحث مباحثو شروع ٿي ويندو آهي. ٻنهي جي وچ ۾ خيالن جو ٽڪراءُ آڏو ايندو آهي. ان بحث ۽ تڪرار جي ذريعي نوان نظريا سامهون ايندا آهن. ايتريقدر جو اصل حقيقت مڪمل طور تي واضح ٿي ويندي آهي. علم جي سموري تاريخ انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي ته اختلاف جي ذريعي ئي سڀ فڪري ترقيون ظهور ۾ آيون.
    مثال طور: شمسي نظام جي باري ۾ قديم دور ۾ ٻه مختلف نظريا پيش ڪيا ويا. ارسٽارڪس چيو ته زمين سج جي چوڌاري گهمندي آهي. ٻيو نظريو ٽالميءَ جو هو. جنهن چيو ته سج، زمين جي چوڦير گهمي ٿو. جيڪڏهن اهو مڃيو وڃي ها ته اهي ٻئي نظريا صحيح آهن ۽ ٻئي هڪ ئي گڏيل حقيقت جو اظهار آهن. ته فلڪي نظام جي باري ۾ ڪڏهن به اصل حقيقت واضح ٿي ڪري آڏو نه اچي ها. پر علم وارن جي وچ ۾ ٻنهي نظرين تي بحث ٿيندا رهيا. ايتري تائين جو نيٺ هڪ نظريي جو صحيح هجڻ، واضح نموني آڏو آيو. اختلاف سچائيءَ تي پهچڻ جو هڪ ڏاڪو بڻجي ويو.
    علم جي سموري تاريخ ٻڌائي ٿي ته راين جو اختلاف هميشه ذهني ترقيءَ جو سبب بڻبو آهي. مذهب جو معاملو به بلڪل ائين ئي آهي، جيڪڏهن اهو مڃجي ته سڀ مذهب هڪ آهن، ته ان کان پوءِ مذهب جي باري ۾ بحث ۽ ڳالهه ٻولهه جو در بند ٿي ويندو ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ مذهبي فڪر ۾ ترقيءَ جو در به هميشه جي لاءِ بند ئي رهندو. انسان ان حقيقت جي ڳولا کان محروم ٿي ويندو، جنهن جي ڳولا کان سواءِ انسانيت ۽ ماڻهو مڪمل ٿي نٿو سگهي.
    3. ”سڀ مذهب سچا آهن.“ جو نظريو خود مذهب جو ضد آهي. مذهب يقين جو سرچشمو آهي. ڪنهن انسان جو سڀ کان وڏو سرمايو هيءُ آهي ته کيس هڪ اهڙي سچائي مليل هجي، جنهن جي سچي هجڻ تي هو مڪمل يقين ڪري سگهي. جيڪا ان جي لاءِ توڪل ۽ اعتقاد جو آخري سهارو هجي. جيڪا کيس ان احساس سان سرشار رکي ته، هن ان حقيقت کي حاصل ڪري ورتو آهي، جنهن جي طلب هو پنهنجي فطرت جي گهرائين ۾ محسوس ڪري رهيو هو.
    پرجڏهن اهو مڃي وٺجي ته سڀ مذهب هڪجهڙا ۽ سچا آهن ته ان جو نتيجو هيءُ نڪرندو جو انسان مذهب تي يقين ڪرڻ کان محروم ٿي ويندو. يقين فطري طور تي هيڪڙائي گهرندو آهي، نڪي ڪثرت. اهڙيءَ ريت هر مذهب کي سچو ۽ صحيح مڃڻ جو نتيجو اهو نڪرندو جو ڪو به مذهب ماڻهو لاءِ يقين ۽ اعتقاد جو سرچشمو بڻجي نه سگهندو.
    قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
    مَا جَعَلَ اللّٰہُ لِرَجُلٍ مِّنۡ قَلۡبَیۡنِ فِیۡ جَوۡفِہٖ (الاحزاب: 4)
    ”الله ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن.“
    ان جو مطلب هي آهي ته پيدائشي بناوت ۽ جوڙ جڪ جي مطابق ڪا هڪ ئي شيءِ ڪنهن جي لاءِ مڪمل معنيٰ ۽ توجهه يا محبت جو مرڪز بڻجي سگهي ٿي، نڪي ڪيئي شيون. ڪو شخص جيڪڏهن اوهان کان اهو مطالبو ڪري ته توهان دنيا جي هر عورت سان پنهنجي ماءُ جهڙي محبت ڪريو ته، اها هڪ غير فطري ۽ ناممڪن ڳالهه هوندي. فطرت جي مطابق صحيح ڳالهه هيءَ آهي ته هر ماڻهو، پنهنجي ماءُ سان محبت رکي ۽ ان کان سواءِ جيڪي عورتون آهن. انهن جو هو مڪمل عزت ۽ احترام ڪري.
    اهڙي طرح صحيح ۽ فطري ڳالهه فقط هيءَ آهي ته ماڻهو جنهن مذهب ۾ سچائي ڏسي، ان کي پنهنجي يقين ۽ اعتقاد جو مرڪز بڻائي ۽ باقي ٻين مذهبن سان هڪجهڙو عزت ۽ احترام وارو رويو رکي. مهاتما گانڌي ان نظريي جو تمام گهڻو حامي هو ته سڀئي مذهب سچا آهن. تنهنڪري اهو چوندو هو ته رام ۽ رحيم هڪ آهي. پر واقعا ثابت ڪن ٿا ته مهاتما گانڌيءَ کي فقط هڪ جي مٿان گهرو يقين هو. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن 1948ع ۾ کيس گولي هنئي وئي ته مرڻ کان اڳ جيڪو لفظ هن جي زبان مان نڪتو. اهو ”هي رام، هي رحيم“ نه هو، بلڪه فقط ”هي رام“ هو.
    حقيقت اها آهي ته ”سڀئي مذهب سچا آهن“ جو نظريو، ماڻهوءَ کي سچائي ته نه ڏيئي سگهندو، پر اهو کيس ٻن مان هڪ برائيءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيندو، يا ته ڪنهن به مذهب تي گهرو يقين نه رهندو يا هو ايئن ڪندو جو حقيقي طور تي اهو فقط هڪ مذهب کي مڃيندو هوندو. البت مصلحت خاطر هو پنهنجي واتان اهو چوندو ته سڀ مذهب هڪجهڙا ۽ سچا آهن.
    4. ان معاملي ۾ صحيح نظريو هيءُ آهي ته مذهبن ۾ اختلافن کي مڃي، بحث ۽ ڊائيلاگ (ڳالهه ٻولهه) جو سلسلو جاري رکيو وڃي. البت انسانيت جي سطح تي هر هڪ کي احترام جي قابل سمجهيو وڃي. نبي ڪريم ﷺ جو هڪ واقعو ان اصول جي تائيد ڪري ٿو.
    نبي ڪريم ﷺ جڏهن مديني ۾ هئا ته هڪ ڏينهن پاڻ سائين ﷺ جن ڏٺو ته ويجهڙائي واري رستي کان هڪ جنازو پئي گذريو. ماڻهو هڪ ميت کي قبرستان ڏانهن کڻي وڃي رهيا هئا، ان وقت رسول الله ﷺ جن ويٺل هئا. جنازو ڏسي، پاڻ ڪريم ﷺ جن ان جي احترام ۾ اٿي بيٺا. نبي ڪريم ﷺ جي هڪ ساٿيءَ چيو ته اي الله جا رسول ﷺ! هيءُ ته هڪ يهوديءَ جو جنازو هو. (نڪي ڪنهن مسلمان جو)، پاڻ سڳورن ﷺ فرمايو ”ڇا اهو انسان نه هو.“ (فتح الباري بشرح صحيح الخاري 3/214)
    نبي ڪريم ﷺ جن بابت اهو معلوم آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ يهودي مذهب سان اختلاف رکندا هئا. ان جي باوجود پاڻ سڳورن ﷺجن يهودي کي هڪ انسان جي حيثيت سان ڏٺو ۽ انسان جي حيثيت ۾ سندس احترام ڪيو. اهوئي انهيءَ معاملي ۾ صحيح فارمولو آهي. ان کي اختيار ڪرڻ جي صورت ۾ مذهب جي وچ ۾ بحث مباحثي ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري رهندو آهي. جيڪو فطري واڌ ويجهه جي لاءِ لازمي هوندو آهي ۽ ٻئي پاسي انساني سطح تي سڀني فردن کي انسان جي روپ ۾ ڏسڻ جو اهو فائدو ملندو آهي ته اهو سماجي اتحاد ۽ معاشرتي راءِ مڪمل طور تي هڪجهڙي باقي رهندي آهي. جيڪا سٺي سماجي زندگيءَ جي لاءِ ضروري آهي.
    5. هيءُ عقيدو ته سڀ مذهب هڪجهڙا ۽ ساڳيا آهن. پاڻ ۾ ٽڪراءُ جي خلاف ڪو لازمي جز نه آهي. دنيا جون بيشمار جنگيون هڪ ئي عقيدي ۽ مذهب جي وچ ۾ ٿيون. مثلاً: قديم هندستان ۾ مهاڀارت جي ويڙهاند، جيڪا ساڳئي مذهبي ٽولن جي وچ ۾ ٿي. يورپ جي پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ، جنهن جون ٻئي ڌريون هڪ مذهب جون مڃيندڙ هيون. افغانستان جي موجوده جنگ، جنهن ۾ هڪ مذهب جي مڃيندڙ ٻن گروهن ۾ ورهائجي، هڪ ٻئي جي خلاف خوني جنگ وڙهي رهيا آهن وغيره. جنگ جو واسطو ڪن ٻين سببن سان آهي. نڪي مذهب ۽ عقيدي جي اختلاف سان.
    6. اها ڳالهه ڏاڍي سادگيءَ واري چئبي ته مختلف مذهبن کي هڪ ٻڌائي، اهو سمجهيو وڃي ته انسان جي وچ ۾ اختلاف ختم ٿي ويندو. حقيقت هيءَ آهي ته فرق ۽ اختلاف خود فطرت جو هڪ لازمي حصو آهي. مثال وٺو، جيڪڏهن مذهب جو اختلاف ختم ڪيو وڃي، تڏهن به هزارين ٻيا اختلاف انسانن جي وچ ۾ موجود رهندا، جيڪي انهن کي ويڙهائڻ جي لاءِ ڪافي هوندا. فرق ۽ اختلاف جڏهن خود فطرت جو ئي هڪ حصو هجي. ته ڪو به انسان ان کي ختم ڪرڻ تي قادر نٿو ٿي سگهي.
    مذهب کان سواءِ زندگيءَ جا جيڪي ٻيا شعبا آهن. انهن ۾ هر جاءِ تي ماڻهن جا پاڻ ۾ اختلاف هوندا آهن. ايتري تائين جو پيءُ پٽ ۽ زال مڙس جي وچ ۾ به. زندگيءَ جو سمورو نظام اختلاف کي برداشت ڪرڻ جي اصول تي هلي چلي پيو، نه ڪي اختلاف کي ختم ڪرڻ جي اصول تي. اهڙيءَ حالت ۾ سولي ڳالهه اها آهي ته مذهب جي معاملي ۾ به انهيءَ عام اصول کي مڃيو وڃي، جيڪو ٻين انساني شعبن ۾ هميشه کان جاري آهي. يعني اختلاف جي باوجود اتحاد. اختلاف جي باوجود عزت ۽ احترام.
    هي نظريو ته سڀ مذهب هڪجهڙا ۽ سچا آهن. غير حقيقي به آهي ۽ اجايو ۽ بيڪار به. وڌيڪ صحيح ۽ عمل جي قابل ڳالهه اها آهي ته سڀئي انسان احترام جي قابل آهن. مختلف مذهبن ۾ بنا شڪ شبهي جي اختلاف آهن ۽ ان اختلاف جي باري ۾ پرامن ڳالهه ٻولهه به جاري رهڻ گهرجي. پر جيتري قدر مذهب وارن يا ٻين لفظن ۾ انسان جو معاملو آهي. اهو هر حال ۾ عزت ۽ احترام جو حقدار آهي. هر انسان برابر ۽ هڪجهڙو ئي خدا جي مخلوق ۾ شمار ٿئي ٿو. هر انسان بحيثيت انسان جي، برابريءَ وارو درجو رکي ٿو، اهو ئي واحد فارمولو آهي، جيڪو ٻن مختلف عنصرن (مذهب ۽ مذهب پهچائڻ واري) جي وچ ۾ توازن قائم ڪري سگهي ٿو ۽ انسانيت کي اهو امن ڏئي سگهي ٿو، جيڪو بهتر دنيا جي تعمير جي لاءِ لازمي طور نهايت ضروري آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته انساني اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو صحيح فارمولو هيءُ ناهي ته سڀئي مذهب سچا آهن. ان جي بدران انسانن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ٻڌي جي ماحول جوڙڻ جو صحيح فارمولو هي آهي ته، هڪ جي پيروي ڪريو ۽ سڀني جو احترام ڪريو.
    Follow one and respect all.

    وحدت (هيڪڙائي) جو راز
    5 اپريل 1998ع تي مان رشي ڪيش ۾ هوس. ان وقت اُتي هڪ پروگرام تحت مختلف ملڪن کان اعليٰ تعليم يافته هندو آيا هئا. ان موقعي تي هڪ مجلس ۾ ڪجهه تعليم يافته هندن سان هڪ ڪارائتي ڳالهه ٻولهه ٿي. جنهن جو تت هتي لکجي ٿو:
    ڳالهه ٻولهه جو موضوع هيءُ هو ته انساني سماج ۾ هڪ ٻئي سان رواداري (Tolerance) ۽ احترام (Respect) جو ماحول ڪهڙيءَ ريت پيدا ڪيو وڃي. انهن انهيءَ جو حل اهو ٻڌايو ته ماڻهن جي اندر هيڪڙائي جي حقيقت (Oneness of reality) جو عقيدو ذهن نشين ڪجي. انهن ماڻهن جو چوڻ هو ته سچائي هڪ آهي. پر ان جا رستا مختلف آهن. ماڻهو جنهن به مذهبي طريقي تي هلي، نيٺ اهو خدا تائين پهچي ويندو.
    هيءُ هڪ پراڻو طريقو آهي. ان جي ثبوت لاءِ جيڪي دليل ڏنا ويندا آهن. اهي سڀ جا سڀ تمثيل تي ٻڌل آهن. مثلاً: ذڪر ڪيل مجلس ۾ هڪ هندو اسڪالر چيو ته جيڪڏهن اوهان هڪ ٽڪريءَ جي هيٺان بيٺا هجو، ته اتان اوهان کي هڪ ئي رستو ڏسڻ ۾ ايندو، جيڪو ٽڪري تي مٿي وڃي رهيو هوندو. پر جيڪڏهن اوهان ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃو ۽ ان جي چئني پاسن ڏانهن نهاريندؤ ته اوهان کي اهو نظر ايندو ته ٽڪريءَ جي هر پاسي کان رستا ئي آهن ۽ اهي سڀئي جدا جدا هئڻ جي باوجود هڪ ئي اوچائي تي پهچن ٿا.
    اهو دليل فقط تمثيل تي ٻڌل آهي ۽ تمثيلي دليل نج علمي اعتبار کان ڪائي حيثيت نٿو رکي، انهيءَ کي نهايت سولائيءَ سان ٻي تمثيل سان رد ڪري سگهجي ٿو. مثلاً: بمبئي يا دهليءَ جهڙي ريلوي اسٽيشن تي ڪو شخص بيٺو هجي ته ان کي سوين گاڏيون هلندي نظر اينديون. پر اهو سمجهڻ يقيني طور تي درست نه هوندو ته، انهن مان هر هڪ گاڏي، هڪ ئي آخري اسٽيشن ڏانهن وڃي رهي آهي. ڄاڻايل تمثيل ۾ سڀئي رستا جيڪڏهن هڪ ئي منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا ته ان قسم جي ٻي تمثيل ۾ هر رستو جدا جدا منزل ڏانهن وڃي رهيو آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته انساني سماج ۾ احترام ۽ رواداريءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ جي مسئلي سان، مٿئين نظريي جو ڪو واسطو نه آهي، جيڪڏهن سڀ ماڻهو ان عقيدي کي مڃين، ته به اهو گهربل سماجي مقصد لاءِ ڪارائتو نه ٿي سگهندو. ان جو عملي ثبوت هيءُ آهي جو هڪ ئي مذهب کي مڃڻ وارن جي وچ ۾ هر دور ۾ پاڻ ۾ جنگيون لڳيون آهن ۽ اڄ به جاري آهن. پوءِ جيڪو اتحاد جو نظريو هڪ مذهب جي وچ ۾ ڪارائتو نه ٿي سگهيو، اهو مختلف مذهبن جي و چ ۾ ڪهڙيءَ طرح ڪارائتو ٿيندو.
    ”دين جي هيڪڙائي سماجي اتحاد جنم ڏئي ٿو.“ هيءُ نظريو ظاهر ۾ ته هيءُ ٻڌائي ٿو ته دين جي هيڪڙائيءَ واري اصول کي اڃا تائين عمل ۾ ناهي آندو ويو. هاڻي ان جو عملي تجربو ڪرڻو آهي. جيتوڻيڪ اهاڳالهه حقيقت جي ابتڙ آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته نهايت مٿاهين سطح تي ان نظريي جو تجربو ڪيو ويو. پر اهو سراسر ناڪام ثابت ٿيو. شهنشاهه اڪبر جي حڪومتي طاقت، ڊاڪٽر ڀڳوان داس جو انسائيڪلو پيڊيائي علم ۽ مهاتما گانڌي جي مقبول ليڊرشپ، ان قسم جا سڀ کان وڏا وڏا تجربا ناڪاميءَ جي ان فهرست ۾ شامل آهن.
    ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڄ اسان جي آڏو جيڪو اصل مسئلو آهي. اهو دين جي هيڪڙائيءَ جي نظريي جي تجربي جو نه آهي. بلڪه ان جي ڊگهي تجربي جي باوجود گهربل نتيجو نه نڪرڻ جو آهي. ٻين لفظن ۾ هي ته جيڪا شيءِ غائب ۽ ناپيد آهي. اها نظريي جي موجودگي نه آهي. بلڪه نظريي جي موجود هوندي، نتيجي جو حاصل نه ٿيڻ آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اسان کي ان نظريي کان سواءِ هڪ ٻيو حل ڳولڻو آهي، نڪي انهيءَ ناڪام تجربي کي وڌيڪ ورجائڻو آهي.
    انهيءَ سلسلي ۾ قرآن جيڪو مقرر رستو ڏنو آهي، اهو هيءُ آهي ته:
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمُ الَّذِیۡ خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ (النساء:1)
    ”اي انسانو! ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن توهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو.“
    يعني سڀني انسانن جو اصل (بنياد) هڪ آهي. سڀ انسان هڪ ئي جوڙي جو اولاد آهن. ان لحاظ کان سڀ انسان پاڻ ۾ ڀيڻ ڀاءُ جي حيثيت رکن ٿا.
    ان تصور جي مطابق، سماج ۾ اتحاد ۽ احترام جو ماحول پيدا ڪرڻ جو بنياد انسانيت جي هيڪڙائي آهي. يعني هيءُ ته سڀ ماڻهو ان حقيقت کي مڃين ته، ظاهري اختلاف جي باوجود سڀئي اصل ۾ هڪ انساني برادريءَ سان واسطو رکن ٿا. ظاهر ۾ مختلف هجڻ جي باوجود انساني لحاظ کان اهي هڪ آهن.
    انساني سماج ۾ ٻڌيءَ جو راز. مذهبن ۾ هيڪڙائي واري عقيدي ۾ نه آهي. بلڪه انسان جي هيڪڙائي جي عقيدي ۾ آهي. يعني مذهب ته جدا جدا آهن، پر سڀئي انسان هڪجهڙو سماجي درجو رکن ٿا. سماج ۾ ٻڌي ۽ احترام پيدا ڪرڻ جي لاءِ اهو ئي واحد فارمولو آهي. جيڪو عمل جي قابل آهي. ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ فطرت جي مطابق به.

    سڀ کان وڏو نقصان
    ”سڀ مذهب سچا آهن.“ جو نظريو ڪو بنا خطري وارو نظريو ناهي. ان ۾ هڪ وڏو نقصان لڪل آهي. اهو هيءُ ته مذهب جي نالي تي ماڻهن وٽ آخرڪار فقط عصيبت ۽ طرفداري وڃي باقي رهندي. ڪيترائي ماڻهو هميشه جي لاءِ سچي مذهب جي نعمت کان محروم رهجي ويندا.
    مذهب کان سواءِ ٻين معاملن ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثي کي پسند ڪيو ويندو آهي. ڇو جو ان سان اهو فائدو ٿئي ٿو ته اصل حقيقت نکري ۽ پڌري ٿي آڏو ايندي آهي. مثلاً: ڪجهه ماڻهو پنهنجي پيءُ ڏاڏي کان ٻڌي، اهو مڃي وٺن ته زمين چوڪنڊي آهي ۽ ان عقيدي کي جذباتي انداز ۾ مڃين جو ان موضوع تي بحث ڪرڻ کي پسند ئي نه ڪن ته ان جو نتيجو فقط اهو ٿيندو ته اهي زمين جي اصل حقيقت جي باري ۾ سدائين غلط فهميءَ جو شڪار رهندا.
    اهو ئي معاملو مذهب جو به آهي. اها حقيقت آهي ته مختلف مذهبن جي وچ ۾ بنيادي اختلاف آهن. هاڻي جيڪڏهن اهو مڃجي به کڻي ته سڀ مذهب سچا آهن، ته ان جو نتيجو هيءُ نڪرندو جو ماڻهو فقط عصبيت ۽ طرفداري جي ڪري پنهنجي پنهنجي اباڻي مذهب سان ڳنڍيل رهندا ۽ حقيقي مذهب تائين ڪڏهن به نه پهچي سگهندا.
    مذهب انسان جي تمام اهم ضرورت آهي. ان سان انسان جو مستقبل جڙيل آهي. ”سڀئي مذهب سچا آهن.“ جو نظريو، ماڻهن کي جنهن نتيجي تي پهچائيندو، اهو هيءُ ته ماڻهو مذهب جي نالي فقط پنهنجي عصبيت ۽ طرفدارين سان ڳنڍيل رهندا ۽ حقيقي مذهب جي نعمت کان ڪڏهن به سونهان نه ٿيندا.


    تبديليءَ جو مسئلو

    ڳالهه ٻولهه جي معاملي ۾ هڪ نقطه نظر هي آهي، جنهن کي عام طور تي مذهبي نقطه نظر سمجهيو وڃي ٿو. يعني هڪ مذهبي ٽولي جي ماڻهوءَ جو، پنهنجي مذهب کي ڇڏي، ٻئي مذهبي ٽولي ۾ شامل ٿي وڃڻ. مذهبي اصطلاح ۾ ان کي ”مذهب تبديلي“ (Proselytism) چيو ويندو آهي. پر تبديليءَ جو اهو هڪ نهايت محدود تصور آهي. ان کان سواءِ ان جو هڪ ٻيو وسيع مفهوم به آهي. ان کي هڪ لفظ ۾ تبديلي جو سائنٽيفڪ نظريو چئي سگهجي ٿو.
    تبديليءَ جي باري ۾ جيڪو مذهبي نقطه نظر آهي، ان جو واسطو فقط مذهبي روايت سان آهي. ان ڪري اهو نسبتاً هڪ محدود نقطه نظر آهي. سائنسي نقطه نظر ان جي مقابلي ۾ گهڻو وسيع آهي. اهو خود فطرت جي ابدي اصولن تي ٻڌل آهي. ان خيال کان هي چوڻ صحيح ٿيندو ته مذهبي معنيٰ ۾ تبديلي ڪنهن انسان جي لاءِ پنهنجي چونڊ جو معاملو آهي. پر سائنٽيفڪ معنيٰ ۾ تبديلي انساني چونڊ جو معاملو نه آهي. اهو زندگيءَ جو اٽل قانون آهي. ٺيڪ اهڙي طرح، جهڙي طرح فطرت جا ٻيا قانون، اٽل قانون جي حيثيت رکن ٿا. سائنٽيفڪ تبديليءَ جي اصولن کي اسان اهڙي طرح ئي مڃڻ تي مجبور آهيون، جهڙيءَ طرح اسان شام کان پوءِ رات ۽ صبح کي مڃيندا آهيون يا هڪ مندکان پوءِ ٻي مند جي اچڻ جو يقين رکندا آهيون. مون خدا جي فضل سان اسلام جو تفصيلي مطالعو ڪيو آهي. انهيءَ سان گڏ مون سائنس کي به پڙهيو آهي. ان ٻه طرفي مطالعي جي بنياد تي مان اهو چئي سگهان ٿو ته تبديلي جي معاملي ۾ سائنس يا فطرت جو جيڪو اصول آهي، بلڪل اهو ئي خود اسلام جو به اصول آهي. ان معاملي به ٻنهنجي وچ ۾ ڪو حقيقي فرق يا اختلاف نه آهي.

    اسلام ۽ تبديلي
    اسلام تبديلي جي پٺڀرائي (حمايت) ڪري ٿو. پر اسلام ۾ تبديلي رسمي مفهوم ۾ فقط مذهب جي تبديلي (Proselytism) جي هم معنيٰ نه آهي. بلڪه اهو هڪ اهڙو واقعو آهي جيڪو ذهني انقلاب (Intellectual Revolution) يا روحاني تغير (تبديلي) (Spiritual Transformation) جي نتيجي ۾ هڪ شخص جي زندگيءَ ۾ پيش ايندو آهي. هيءُ سادي نموني تي هڪ مذهبي ڍانچي مان نڪري، ٻئي مذهبي ڍانچي ۾ وڃڻ نه آهي. بلڪه ان جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ماڻهو پنهنجي ڳولا ۽ تحقيق جي ذريعي سچائي کي ڳولي لهي ۽ پوءِ پنهنجي ذاتي فيصلي جي تحت هڪ کي ڇڏي، ٻئي کي اختيار ڪري.
    نبي ڪريم ﷺ ڇهين هجري جي آخر ۾، ان زماني جي پاڙيسري حڪمرانن ڏانهن دعوتي خط اماڻيا هئا. انهن خطن ۾ کين اسلام قبول ڪرڻ جي سڌيءَ ريت دعوت ڏني وئي هئي. مثال طور: پاڻ سڳورن ﷺ بازنطيني بادشاهه هر قل (Hara Claus –I) جي نالي دعوتي خط اماڻيو ته ان ۾ هي لفظ لکيائون. ”اسلم تسلم“ (اسلام قبول ڪر تون سلامتي ماڻيندين) اهڙيءَ ريت مڪي ۾ جتي به ماڻهن جو ميڙ ٿيندو هو، اتي وڃي پاڻ سڳورا ﷺ فرمائيندا هئا:
    ”يٰايهاالناس قولوا لااله الا الله تفلحوا.“
    ”اي انسانو! چئو ته هڪ الله کان سواءِ ڪوئي معبود ناهي. توهان فلاح ماڻيندو.“
    اها ظاهر ۾ ته ماڻهن کي مذهب بدلائڻ جي دعوت هئي. پر قرآن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته اها حقيقت ۾ فڪر جي تبديليءَ جي دعوت هئي، نڪي مذهب مٽائڻ جي، اسلام جي پهرين دور ۾ عرب جا ڪجهه ڳوٺاڻا ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا. جڏهن ته انهن منجهه گهري قسم جي ڪردار جي تبديلي نه آئي هئي. انهن جي باري ۾ قرآن ۾ هيءَ سخت آيت نازل ٿي:
    قَالَتِ الۡاَعۡرَابُ اٰمَنَّا ؕ قُلۡ لَّمۡ تُؤۡمِنُوۡا وَلٰکِنۡ قُوۡلُوۡۤا اَسۡلَمۡنَا
    وَ لَمَّا یَدۡخُلِ الۡاِیۡمَانُ فِیۡ قُلُوۡبِکُمۡ ؕ (الحجرات: 14)
    ”ٻهراڙيءَ وارن چيو ته اسان ايمان آندو آهي. تون چوين ٿو ته اوهان ايمان نه آندو آهي، پر اوهين چؤ ته اسان تابعداري قبول ڪئي آهي ۽ ايمان اڃا تائين اوهان جي دلين ۾ نه گهڙيو آهي.“
    ان مان معلوم ٿيو ته اسلام ۾ تبديلي جو مطلب هڪ انسان جي سموري زندگيءَ جي تبديلي آهي. نڪي مشهور ۽ معروف معنيٰ ۾ مذهب جي تبديلي.
    اهڙيءَ طرح قرآن ۾ يهودين ۽ نصارن جي طريقي تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته:
    صِبۡغَۃَ اللّٰہِ ۚ وَ مَنۡ اَحۡسَنُ مِنَ اللّٰہِ صِبۡغَۃً ۫ وَّ نَحۡنُ لَہٗ عٰبِدُوۡنَ (البقره: 138)
    ”الله جو رنگ اختيار ڪريو ۽ رڱڻ ۾ الله کان وڌيڪ سٺو ڪير آهي؟ ۽ اسين سندس عبادت ڪندڙ آهيون.“
    يهودين ۽ نصارن وٽ مذهب تبديل ڪرڻ جو هڪ رسمي طريقو رائج هو. جنهن کي اصطباغ يا بپتسما (Baptism) چيو وڃي ٿو. ان رسم ۾ ماڻهوءَ کي پاڻيءَ ۾ غوطو ڏنو ويندو هو. اهي پاڻيءَ جي رنگ کي پاڪائيءَ جي علامت سمجهندا هئا. انهن جو خيال هو ته مذهبي پيشوا جي ذريعي صاف پاڻيءَ ۾ غوطو ڏيڻ سان هڪ ناپاڪ ماڻهو پاڪ ٿي وڃي ٿو ۽ اهڙيءَ ريت هو نئين مذهب ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. قرآن جي مٿين ذڪر ڪيل آيت ۾ چيو ويو آهي ته جسم جي مٿان ظاهري طور تي پاڻي وجهڻ سان ڪو شخص پاڪ نه ٿي ويندو آهي. پاڪائي اها آهي ته ماڻهوءَ جي سموري شخصيت بدلجي وڃي. ان جي اندر الله جو رنگ داخل ٿي وڃي ۽ هو پنهنجي قول ۽ عمل ۾ مڪمل طور تي خدائي طريقو اختيار ڪري.
    ان معاملي ۾ قرآن پاڪ ان رسمي مذهب جي تبديلي جي تصديق ئي نٿو ڪري. شروعاتي طور تي مديني ۾ تقريباً 300 ماڻهو اهڙا هئا، جيڪي اسلام جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا هئا. اهي ظاهر ظهور ته نماز پڙهندا ۽ روزو به رکندا هئا، پر اهو سڀ ڪجهه هنن ظاهري طور مصنوعي يا منافقاڻي طور تي ڪيو هو. سندن اندروني (باطني) حالت ظاهري اقرار جهڙي نه هئي. اهي زبان سان اسلام جي دعويٰ ڪندا هئا پر اندروني ڪيفيت جي حوالي سان منجهن اسلام جو روح موجود نه هو. اهڙن ماڻهن جي اسلام کي قرآن ۾ ڪوڙو چيو ويو:
    اِذَا جَآءَکَ الۡمُنٰفِقُوۡنَ قَالُوۡا نَشۡہَدُ اِنَّکَ لَرَسُوۡلُ اللّٰہِ ۘ وَ اللّٰہُ یَعۡلَمُ اِنَّکَ لَرَسُوۡلُہٗ ؕ
    وَ اللّٰہُ یَشۡہَدُ اِنَّ الۡمُنٰفِقِیۡنَ لَکٰذِبُوۡنَ (المنفقون: 1)
    ”جڏهن تو وٽ منافق اچن ٿا. چون ٿا ته اسين شاهدي ڏيون ٿا ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين ۽ الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون ته ان جو رسول آهين ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بيشڪ منافق ڪوڙا آهن.“
    قرآن ۾ مذهب جي تبديليءَ مان ڇا مراد آهي؟ ان جو اندازو ڪجهه آيتن جي پڙهڻ سان ٿئي ٿو. مثال طور: قرآن ۾ هڪ واقعي جو ذڪر آيو آهي ته جڏهن تقريباً 70 عيسائين جي هڪ ميڙ ۾ قرآن جون آيتون پڙهيون ويون. انهن کي ٻڌي اهي ماڻهو تڙپيا ۽ پنهنجو اباڻو مذهب ڇڏي، اسلام قبول ڪيائون، ان واقعي جو ذڪر قرآن مقدس ۾ هن ريت ڪيو ويو آهي:
    وَ اِذَا سَمِعُوۡا مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَی الرَّسُوۡلِ تَرٰۤی اَعۡیُنَہُمۡ تَفِیۡضُ مِنَ الدَّمۡعِ مِمَّا عَرَفُوۡا مِنَ الۡحَقِّ ۚ یَقُوۡلُوۡنَ رَبَّنَاۤ اٰمَنَّا فَاکۡتُبۡنَا مَعَ الشّٰہِدِیۡنَ ﴿۸۳﴾ وَ مَا لَنَا لَا نُؤۡمِنُ بِاللّٰہِ وَ مَا جَآءَنَا مِنَ الۡحَقِّ ۙ وَ نَطۡمَعُ اَنۡ یُّدۡخِلَنَا رَبُّنَا مَعَ الۡقَوۡمِ الصّٰلِحِیۡنَ
    (المائده: 83 تا 84)
    ”۽ جيڪي رسول ڏانهن نازل ڪيو ويو، ان کي جڏهن ٻڌندا آهن، تڏهن جيڪي حق سڃاتو اٿن. ان ڪري تون سندن اکين کي ڳوڙها ڳاڙيندو ڏسندين. چوندا ته اي اسان جا رب! اسان ايمان آندو. پوءِ تون اسان کي شاهدي ڏيڻ وارن سان گڏ لک، ۽ اسان کي ڇا ٿيو آهي جو اسان الله ۽ جيڪو اسان وٽ حق پهتو آهي، ان تي ايمان نه آڻيون ۽ اسان اميد رکون ٿا ته اسان جو رب، اسان کي نيڪ ماڻهن سان گڏ داخل ڪندو.“
    اهڙيءَ ريت قرآن شريف ۾ ايمان قبول ڪرڻ وارن جو ذڪر ڪندي چيو ويو آهي ته:
    اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ الَّذِیۡنَ اِذَا ذُکِرَ اللّٰہُ وَجِلَتۡ قُلُوۡبُہُمۡ وَ اِذَا تُلِیَتۡ عَلَیۡہِمۡ اٰیٰتُہٗ زَادَتۡہُمۡ اِیۡمَانًا وَّ عَلٰی رَبِّہِمۡ یَتَوَکَّلُوۡنَ ۚ﴿ۖ۲﴾ الَّذِیۡنَ یُقِیۡمُوۡنَ الصَّلٰوۃَ وَ مِمَّا رَزَقۡنٰہُمۡ یُنۡفِقُوۡنَ ؕ﴿۳﴾
    اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ حَقًّا ؕ لَہُمۡ دَرَجٰتٌ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ وَ مَغۡفِرَۃٌ وَّ رِزۡقٌ کَرِیۡمٌ
    (الانفال: 2 تا 4)
    ”مؤمن فقط اهي آهن، جڏهن الله کي ياد ڪيو وڃي ٿو ته انهن جون دليون ڊڄن ٿيون ۽ جڏهن ان جون آيتون کين پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون، ته اهي سندن ايمان کي زياده ڪن ٿيون ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو ڪن ٿا. جيڪي نماز کي قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي انهن کي رزق اسان ڏنو آهي، ان مان خرچ ڪن ٿا. اهي ئي سچا ايمان وارا آهن. انهن لاءِ سندن رب وٽ درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آهي.“
    ان مان معلوم ٿيو ته قرآن وٽ مذهب جي تبديلي حقيقت ۾ اها آهي، جيڪا معرفت (Realization) جي نتيجي ۾ پيش آئي هجي، ته جڏهن هڪ انسان جي حق جي ڳولا، پنهنجي ڳولا جو پڪو پختو يقين حاصل ڪري وٺي. اهو جواب حاصل ڪرڻ ان جي لاءِ ايڏو گهرو تجربو هجي، جو سندس من بي چين ۽ اتاولو ٿي جاڳي پوي. سندس اکيون ڳوڙها وهائڻ لڳن. سندس سمورو وجود، ان سچائيءَ جي رنگ ۾ رڱجي وڃي ۽ ان کان پوءِ هو هڪ نئون ۽ بلڪل مختلف انسان بڻجي وڃي.
    اهوئي سبب آهي جو قرآن مجيد تبديلي جي هم معنيٰ ٻيو ڪو لفظ استعمال نه ڪيو آهي، بلڪه تبديلي جي معاملي کي ٻڌائڻ جي لاءِ ٻيا وڌيڪ معنيٰ رکندڙ لفظ ڪتب آندا ويا آهن. مثال طور: قرآن مقدس جنهن دعوتي مشن تحت نازل ڪيو ويو آهي، ان جو ذڪر قرآن پاڪ ۾ هن ريت ڪيو ويو آهي.
    یٰۤاَہۡلَ الۡکِتٰبِ قَدۡ جَآءَکُمۡ رَسُوۡلُنَا یُبَیِّنُ لَکُمۡ کَثِیۡرًا مِّمَّا کُنۡتُمۡ تُخۡفُوۡنَ مِنَ الۡکِتٰبِ وَ یَعۡفُوۡا عَنۡ کَثِیۡرٍ ۬ؕ قَدۡ جَآءَکُمۡ مِّنَ اللّٰہِ نُوۡرٌ وَّ کِتٰبٌ مُّبِیۡنٌ ﴿ۙ۱۵﴾ یَّہۡدِیۡ بِہِ اللّٰہُ مَنِ اتَّبَعَ رِضۡوَانَہٗ سُبُلَ السَّلٰمِ وَ یُخۡرِجُہُمۡ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوۡرِ بِاِذۡنِہٖ وَ یَہۡدِیۡہِمۡ
    اِلٰی صِرَاطٍ مُّسۡتَقِیۡمٍ (المائده: 15 تا 16)
    ”اي اهل ڪتاب! بيشڪ اسان جو رسول توهان وٽ آيو. توهان تي گهڻيون ڳالهيون چٽائيءَ سان بيان ڪري ٿو. اهي ڳالهيون جيڪي الله جي ڪتاب مان لڪائيندا آهيو ۽ گهڻيون معاف ڪري ٿو. بيشڪ توهان وٽ الله وٽان نور ۽ پڌرو ڪرڻ وارو ڪتاب آيو آهي.انهيءَ سان الله انهن کي سڌو رستو ڏيکاري ٿو. جيڪي سلامتيءَ جي واٽن ڏانهن سندس راضپو ڳولين ٿا ۽ کين اونداهين مان سوجهري ڏانهن پنهنجي حڪم سان ڪڍي ٿو ۽ کين سڌي واٽ ڏانهن هدايت ڪري ٿو. “
    اهڙيءَ طرح جيڪي ماڻهو قرآن جي مطالعي کان متاثر ٿي، اسلام قبوليندا آهن، انهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ هن ريت آيو آهي:
    اَفَمَنۡ یَّعۡلَمُ اَنَّمَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡکَ مِنۡ رَّبِّکَ الۡحَقُّ کَمَنۡ ہُوَ اَعۡمٰی ؕ
    اِنَّمَا یَتَذَکَّرُ اُولُوا الۡاَلۡبَابِ (الرعد: 19)
    ”ڇا پوءِ جيڪو ڄاڻي ٿو ته جيڪي ڪجهه توتي تنهنجي پالڻهار طرفان نازل ڪيو ويو آهي، سو سچ آهي. اهو ان جهڙو آهي جيڪو انڌو آهي؟ عقل وارا ئي نصيحت وٺن ٿا.“
    هن آيت جي مطابق، حقيقي تبديلي اها آهي، جيڪا علم جي سطح تي ظاهر ٿئي، جنهن ۾ ماڻهو اهو محسوس ڪندو هجي ته اهو نه ڄاڻڻ جي مرحلي مان نڪري، ڄاڻڻ جي مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي. انهيءَ ڪري حديث ۾ اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ واري دور کي ”جاهليت“ چيو ويو آهي. يعني اڻ ڄاڻائي ۽ بي خبريءَ وارو دور. اهڙيءَ طرح قرآن شريف ۾ مؤمن ۽ غير مؤمن جي فرق کي موت کان پوءِ واري زندگي ملڻ سان ڀيٽيو ويو آهي
    ارشاد آهي ته:
    اَوَ مَنۡ کَانَ مَیۡتًا فَاَحۡیَیۡنٰہُ وَ جَعَلۡنَا لَہٗ نُوۡرًا یَّمۡشِیۡ بِہٖ فِی النَّاسِ کَمَنۡ مَّثَلُہٗ
    فِی الظُّلُمٰتِ لَیۡسَ بِخَارِجٍ مِّنۡہَا (الانعام: 122)
    ”ڀلا جيڪو مئل هو پوءِ اسان ان کي جيئرو ڪيو ۽ ان لاءِ روشني پيدا ڪئي سون، جنهن سان هو ماڻهن ۾ هلي ٿو سو ان جهڙو آهي ڇا جنهن جو حال هي آهي جو هو اونداهين ۾ (پيو) آهي انهن مان نڪرڻ وارو نه آهي..“
    ان حقيقت کي قرآن شريف ۾ مختلف انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. مثال طور: هڪ هنڌ زمين جي تمثيل جي ذريعي ان کي هن ريت واضح ڪيو ويو آهي ته، ”جڏهن مينهن پوندو آهي ته زرخيز زمين سائي ستابي فصل سان جهومڻ لڳندي آهي.“ اهڙيءَ طرح جن ماڻهن جي دلين ۾ طاقت ۽ صلاحيت آهي ۽ اهي سچائي کي حاصل ڪري جاڳي پوندا آهن. ارشاد ٿيو آهي:
    وَ الۡبَلَدُ الطَّیِّبُ یَخۡرُجُ نَبَاتُہٗ بِاِذۡنِ رَبِّہٖ ۚ وَ الَّذِیۡ خَبُثَ لَا یَخۡرُجُ اِلَّا نَکِدًا ؕ
    کَذٰلِکَ نُصَرِّفُ الۡاٰیٰتِ لِقَوۡمٍ یَّشۡکُرُوۡنَ (الاعراف: 58)
    ”۽ سٺي زمين جا اوڀڙ سندس رب جي حڪم سان (چڱا) نڪرن ٿا ۽ خراب زمين جا اوڀڙ خراب نڪرن ٿا. اهڙيءَ طرح اسين شڪر ڪرڻ وارين قوم لاءِ نشانيون وري وري بيان ڪريون ٿا.“
    ان ڳالهه کي قرآن ۾ ٻئي هنڌ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    اَلَمۡ تَرَ کَیۡفَ ضَرَبَ اللّٰہُ مَثَلًا کَلِمَۃً طَیِّبَۃً کَشَجَرَۃٍ طَیِّبَۃٍ اَصۡلُہَا ثَابِتٌ وَّ فَرۡعُہَا فِی السَّمَآءِ ﴿ۙ۲۴﴾ تُؤۡتِیۡۤ اُکُلَہَا کُلَّ حِیۡنٍۭ بِاِذۡنِ رَبِّہَا ؕ وَ یَضۡرِبُ اللّٰہُ الۡاَمۡثَالَ لِلنَّاسِ لَعَلَّہُمۡ یَتَذَکَّرُوۡنَ ﴿۲۵﴾ وَ مَثَلُ کَلِمَۃٍ خَبِیۡثَۃٍ کَشَجَرَۃٍ خَبِیۡثَۃِۣ اجۡتُثَّتۡ مِنۡ فَوۡقِ الۡاَرۡضِ مَا لَہَا مِنۡ قَرَارٍ ﴿۲۶﴾ یُثَبِّتُ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا بِالۡقَوۡلِ الثَّابِتِ فِی الۡحَیٰوۃِ الدُّنۡیَا وَ فِی الۡاٰخِرَۃِ ۚ وَ یُضِلُّ اللّٰہُ الظّٰلِمِیۡنَ ۟ۙ وَ یَفۡعَلُ اللّٰہُ مَا یَشَآءُ
    (ابراهيم 24 تان 27)
    ”ڇا تو نه ڏٺو ته ڪيئن الله مثال بيان ڪيو آهي. سٺيءَ ڳالهه کي سٺي وڻ جهڙو، جنهن جي پاڙ مضبوط هجي. ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ هجن. ۽ هر وقت پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ميوو ڏئي ٿو ۽ الله تعاليٰ ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو ته مَنَ اهي نصيحت وٺن. ۽ خراب ڳالهه جو مثال خراب وڻ جهڙو آهي، جنهن کي زمين تان پٽيو ويو. ان کي ڪو ٽڪاءُ نه آهي. الله ايمان وارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ مضبوط ڳالهه سان ثابت قدم رکي ٿو ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ الله جيڪي گهري ٿو، سو ڪري ٿو.“
    قرآن جي انهن آيتن ۾ ان فرق کي بيان ڪيو ويو آهي جيڪو سچائيءَ کي ماڻيندڙ انسان ۽ سچائيءَ کي نه ماڻيندڙ انسان جي وچ ۾ هجي ٿو. جيڪو شخص سچائيءَ کي حاصل نه ڪري سگهي. اهو ڄڻ هڪ اهڙي سلي وانگر آهي. جيڪو زمين جي مٿان نڪري ايندو آهي. اهڙو ٻوڙو ڪجهه ڏينهن تائين بنا فائدو ڏيڻ جي، زمين جي مٿان رهندو آهي ۽ ان کان پوءِ اهو يا ته پاڻ هُرتو ختم ٿي ويندو آهي. يا ان کي پٽي اڇلايو ويندو آهي. ان جي ابتڙ هڪ فائدي وارو ۽ ميويدار وڻ زمين جي مٿان اهڙيءَ ريت پيدا ٿئي ٿو. ڄڻڪ اهو زمين جي لاءِ هجي ۽ زمين ان جي لاءِ. اهو زمين ۽ فضا مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪري، خوب وڌي ويجهي ٿو. ان مان ماڻهن کي هر قسم جا فائدا ملن ٿا، اهو زمين تي هڪ گهربل ۽ معنيٰ رکندڙ وجود جي حيثيت سان بيٺل نظر ايندو آهي.

    تبديلي هڪ آفاقي اصول
    ان معاملي جو هڪ ٻيو رخ به آهي. جنهن ڏانهن قرآن مقدس ۾ ڪيترائي ڀيرا اشارو ڪيو ويو آهي. اهو هيءُ آهي ته تبديليءَ جو معاملو محدود طور تي فقط مذهب جي تبديليءَ جو معاملو نه آهي. بلڪه هيءُ هڪ آفاقي اصول آهي موجوده ڪائنات ۾ سڀ ترقيون انهيءَ تبديليءَ جي طريقي سان ظاهر ٿيون آهن. ڪائنات پنهنجي ابتدا ۾ هڪ بند مادي جي صورت ۾ هئي. پوءِ ان ۾ اندروني ڦيرڦار ٿي. اهو بند مادو کلي ڪري پکڙجڻ شروع ٿيو، ايتري قدر جو موجوده وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات بڻجي وئي.
    وَ تَرَی الۡاَرۡضَ ہَامِدَۃً فَاِذَاۤ اَنۡزَلۡنَا عَلَیۡہَا الۡمَآءَ اہۡتَزَّتۡ وَ رَبَتۡ وَ اَنۡۢبَتَتۡ
    مِنۡ کُلِّ زَوۡجٍۭ بَہِیۡجٍ (الحج: 5)
    ”۽ تون زمين کي غير آباد ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته تازي ٿئي ٿي ۽ اڀامي ٿي ۽ سڀ ڪنهن رونق واريءَ جنس مان پيدا ڪري ٿي.“
    اهڙيءَ نموني ظاهري طرح بي جان نظر ايندڙ ڪجهه جزا هڪ مادي (مؤنث) جي پيٽ ۾ رهندي تبديلين جي مخصوص مرحلن مان گذرن ٿا. ايستائين جو اهي جزا مڪمل قسم جي جاندار جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا. جنهن جو نتيجو گهمندي ڦرندي انسان ۽ حيوان جي شڪل ۾ ظاهر ٿئي ٿو.
    وَ اِنَّ لَکُمۡ فِی الۡاَنۡعَامِ لَعِبۡرَۃً ؕ نُسۡقِیۡکُمۡ مِّمَّا فِیۡ بُطُوۡنِہٖ مِنۡۢ بَیۡنِ فَرۡثٍ
    وَّ دَمٍ لَّبَنًا خَالِصًا سَآئِغًا لِّلشّٰرِبِیۡنَ (النحل: 66)
    ”۽ بيشڪ چوپائي مال ۾ اوهان لاءِ هڪ نصيحت آهي، جيڪي انهن جي پيٽن ۾ آهي. تنهن مان ڇيڻي ۽ رت جي وچان اوهان کي خالص کير پياريون ٿا، جو پيئندڙن کي وڻندڙ آهي.“
    ان قسم جي قدرتي منظرن جا مثال ڏيئي قرآن ۾ اها حقيقت ٻڌائي وئي آهي ته هيءَ دنيا تبديلي جي عالمي اصول تي قائم آهي. هتي هر قسم جي واڌ ويجهه ٿيندي آهي. سدائين تبديلي جي عمل (Process) مان گذري ظاهر ٿيندي آهي. هڪ شيءِ شروعاتي حالت ۾ ٻئي نموني جي هوندي آهي ۽ پوءِ ان تي ڦيرڦار جو عمل ٿئي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ اها شيءِ هڪ نئين ۽ بهتر شيءِ بڻجي ويندي آهي. ٻن قسمن جي ڪڪرن جي ٽڪرائجڻ سان نائٽروجن جو پيدا ٿيڻ، ٻن قسمن جي گئسن جي ملڻ سان پاڻيءَ جو وجود ۾ اچڻ، ڪچي لوهه جو تبديل ٿي اسٽيل بڻجڻ ۽ مختلف قسم جي ڪيميائي مادن جي ملاوٽ سان نوان ڌاتو ٺهڻ وغيره وغيره.
    اهي سڀ تبديليءَ جا وسيع معنيٰ رکندڙ مثال آهن. اها ئي تبديلي انساني فڪر جي دنيا ۾ به ڪار فرما آهي. هن دنيا ۾ لڳاتار فڪرن جي وچ ۾ ٽڪراءُ جاري آهي. ان ٽڪراءَ جي عمل سان هڪ فڪر تبديل ٿي ٻئي وڌيڪ بهتر فڪر جي شڪل اختيار ڪري ٿو. مثال طور: دنيا ۾ سوين سالن تائين شمسي نظام جي باري ۾ زمين جي نظريي کي مرڪزي (geo- centric theory) حيثيت حاصل هئي، پوءِ فڪري ٽڪراءَ جي نتيجي ۾ ان ۾ تبديلي آئي. ايتري تائين جو زمين جي مرڪزي نظريي کي علمي دنيا ۾ رد ڪيو ويو ۽ ان جي بدران چنڊ جي مرڪزي نظريي (Helios- centric theory) کي وڌيڪ صحيح سمجهي، ان کي قبول ڪيو ويو.
    سوچ ۽ فڪر جي دنيا ۾ ان ئي تبديليءَ جو هڪ مثال هيءُ آهي، جنهن کي مذهبي تبديلي چيو وڃي ٿو. ان لحاظ مذهبي تبديلي، فطرت جي وسيع رٿا جو فقط هڪ جز آهي. اهو حصو به ايڏو ئي گهربل ۽ ضروري آهي، جيترو مڙيو ئي جزا يعني سڀ جو سڀ.
    حقيقت هيءَ آهي ته تبديلي فطرت جو جوڙيل هڪ عالمگير قانون آهي. مادي دنيا جون سڀ ترقيون انهيءَ تبديلي جي اصول تي ٿي رهيون آهن. زندهه شيون (انسان ۽ حيوان) جي جسماني ارتقا سڄي ساري انهيءَ تبديلي جي اصول تي ٿيندي آهي. اهڙيءَ ريت فڪرن جي دنيا ۾ هزارين ورهين کان جيڪي ترقيون ٿينديون آيون آهن. اهي سڀ جو سڀ تبديلي جي اصول کي اختيار ڪرڻ جي بنياد تي ٿينديون رهيون آهن. يعني هڪ شيءِ کي حق سمجهي، مڪمل طرح سان اختيار ڪرڻ. هن دنيا جو ڪو به واڌ ويجهه جو واقعو ان تبديلي کان سواءِ ممڪن نه آهي. اهو ئي معاملو مذهب جو به آهي. جيڪو روحاني سچائيءَ جو ٻيو نالو آهي. اهو ئي مذهب، ڪنهن انسان جو مذهب بڻجي سگهي ٿو. جنهن کي ماڻهوءَ ذاتي ڳولا جي نتيجي ۾ ڳولي لڌو هجي. مذهب جو نهايت گهرو تعلق ۽ ويساهه يقين سان آهي ۽ يقين جو تعلق کوجنا (Discovery) سان، ڳولي لهڻ سان. تحقيق ۽ کوجنا کان سواءِ يقين ناهي ۽ يقين کان سواءِ مذهب ناهي.
    اهوئي ڪارڻ آهي جو جيڪڏهن ڪنهن شخص پيدائشي طور تي سچي مذهب جي ماحول ۾ جنم ورتو هجي، تڏهن به اهو فقط آبائي (ابي ڏاڏي) واري واسطي جي بنياد تي مذهب کي نٿو حاصل ڪري سگهي. مذهب کي هڪ يقيني حيثيت ۾ حاصل ڪرڻ، ان جي لاءِ فقط ان وقت ممڪن آهي، جڏهن هو پاڻ پنهنجي مطالعي ۾ غور فڪر جي ذريعي ان کي حاصل ڪري، هو هڪ ڄاتل شيءِ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳولي (Re-discover) لهي.

    تبديليءَ جي حقيقت
    ڪنورزن (تبديلي) جو مطلب هيءُ آهي ته ماڻهو ڪجهه رسمي لفظ ادا ڪري ۽ پنهنجو نالو بدلائي هڪ ثقافتي ٽولي کي ڇڏي، ٻئي ثقافتي گروهه ۾ شامل ٿي وڃي. تبديليءَ جو مطلب مذهب جي تبديلي نه آهي. بلڪه شخصيت جي تبديلي آهي. تبديلي هيءَ آهي ته هڪ ماڻهو حقيقت جي ڳولا ۾ جاکوڙيندو رهي. تحقيق ۽ جستجوءَ جي سڀني مرحلن مان گذري ۽ پوءِ ان جي نتيجي ۾، منجهس هڪ نئين شخصيت جي ارتقا ٿئي. تبديلي پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان هڪ نئين شخصيت جي ظاهر ٿيڻ جو نالو آهي. اهڙي شخصيت جو بڻجڻ انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو واقعو هوندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙا ماڻهو جڏهن ڪنهن سماج ۾ گهڻي انگ ۾ پيدا ٿين، ته اهي تاريخ جا تمام وڏا ڪارناما سرانجام ڏيندا آهن.
    تبديلي درحقيقت کوجنا ۽ ڳولا جي نتيجي ۾ پيش ايندڙ واقعو آهي. هڪ عظيم ڳولا کان پوءِ ماڻهو، اهو نه رهندو آهي، جهڙو هو اڳ ۾ هو، هاڻ هو مڪمل طور تي هڪ نئون انسان هوندو آهي. انهيءَ قسم جي انقلابيءَ تبديليءَ جو نالو ”ڪنورزن“ آهي، يعني مڪمل طرح تبديل ٿيل. اهو سڀ ڪجهه ذاتي فيصلي هيٺ ٿيندو آهي. ڪنهن به خارجي (ٻاهرين) لالچ يا دٻاءَ سان، ان جو ڪو به واسطو نه آهي.
    تبديلي جو مطلب هيءُ آهي ته هڪ ناڪام انسان هڪ ڪامياب انسان بڻجي پئي، هڪ بي خبر ۽ اڻڄاڻ انسان، باخبريءَ واري دور ۾ پهچي وڃي. هڪ ستل انسان پنهنجي حواسن سان جاڳي پئي. هڪ شخص جيڪو انڌو ٿي گذاريندو هجي، اهو ديد وارو (حقيقي) بڻجي پئي، اهو جيئڻ جي قابل ٿي وڃي. هڪ شخص، جنهن کي پنهنجي ڪوششن جو مرڪز نه مليو هو. کيس پنهنجي ڪوششن جو هڪ ڄاتل مرڪز ملي وڃي. هڪ شخص جيڪو محدود دنيا ۾ گذاري رهيو هو، اهو لا محدود دنيا ۾ داخل ٿي ساهه کڻڻ لڳي. هڪ شخص جيڪو فقط پنهنجي جسم جي دائري ۾ زندگي گذاري رهيو هو، اهو ان کان مٿانهون ٿي فڪر جي اعليٰ درجي تي زندگيءَ گذارڻ لڳي. هڪ شخص جيڪو بنا مقصد واري حالت ۾ ڀٽڪي رهيو هو. ان کي مقصد واري زندگيءَ جو راز معلوم ٿي وڃي.

    صحت مند چٽاڀيٽي
    99- 1998ع جي وچ ڌاري هندستان جي ڪجهه رياستن (گجرات ۽ اڙيسا) ۾ ڪجهه گهٽ ذات جا هندو پنهنجو مذهب ڇڏي عيسائي ٿيا. جنهن ڪري ڪجهه انتها پسند هندو ڏاڍا ڪاوڙيا ۽ ڏمريا. انهن عيسائين جي خلاف نفرت جو پرچار ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. ايتري قدر جو انهن عيسائين جي سوين گهرن ۽ گرجائن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. ڪيترن ئي عيسائين کي جيئرو ساڙي ڇڏيائون.
    ڄاڻايل واقعي تي رد عمل جو هڪ مثال اهو هو، ٻئي رد عمل جو مثال هي آهي جيڪو پروفيسر امرتيه سين جي زندگيءَ ۾ ملي ٿو. اتفاق سان انهيءَ زماني ۾ کيس ايڪنامڪس جو نوبل انعام ڏنو ويو هو. ان کان پوءِ هو جڏهن هندستان آيو، ته هتي انهن هندن سندس باري ۾ هيءُ چوڻ شروع ڪيو، ته امرتيه سين کي جيڪو نوبل انعام ڏنو ويو آهي، اهو مغربي قومن جي سازش آهي. اهي چاهين ٿا ته امرتيه سين کي پنهنجو ايجنٽ بڻائين ۽ ان جي وسيلي هندستان ۾ عيسائي تبديليءَ جي تحريڪ کي وڌائين. جڏهن هو هندستان آيو، ته هتان جي هڪ صحافيءَ کانئس پڇيو ته، اوهان تي جيڪو الزام مڙهيو ويو آهي، تنهن جو اوهان وٽ ڪهڙو جواب آهي؟ ٽائمز آف انڊيا (29 ڊسمبر 1998ع) جي رپورٽ مطابق پروفيسر امرتيه سين ان جو هي جواب ڏنو:
    I am not expected to respond to something like this.
    يعني مون کان ڪنهن به اهڙي شيءِ (يا سوال) جي جواب ڏيڻ جي توقع نه ڪئي وڃي.
    تبديلي جي واقعي تي ڪٽر هندن جي ذڪر ڪيل ناڪاري روش هر طرح کان مذمت جي لائق آهي. اها اصولي اعتبار کان مڪمل طور تي غلط آهي ۽ عملي طور تي گهڻي تباهي ڏيندڙ حد تائين بي فائدي ۽ بي نتيجي. صحيح رد عمل هي آهي ته ان واقعي کي چئلينج جي روپ ۾ ڏٺو وڃي. ان معاملي کي جيڪڏهن چئلينج جي روپ ۾ ڏسبو، ته ان جو فائدو هيءُ ٿيندو جو، ان کان پوءِ هتي ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ صحت مند چٽاڀيٽي(Healthy Competition) شروع ٿي ويندي، جيڪا ملڪ ۽ قوم جي لاءِ ڪارائتي هوندي.
    ان کان اڳ 19هين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ انهيءَ قسم جي صورتحال آڏو آئي. ان وقت ملڪ ۾ نفرت جو ماحول موجود نه هو ۽ نه ئي انهيءَ وقت هاڻوڪن جهڙا غيرسنجيده قسم جا اڳواڻ، هتي موجود هئا. انهيءَ ڪري ٻنهي گروپن جي وچ ۾ خاموشيءَ سان هڪ صحت مند چٽاڀيٽي شروع ٿي وئي، ٻنهي گروهن ۾ اهڙا ماڻهو پيدا ٿيا، جن پنهنجي پنهنجي مذهب کي وڌيڪ پرڪشش انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هڪ طرف هندن ۾ آروبندو، سوامي وويڪانند، راج گوپال آچاريه، ڊاڪٽر راڌا ڪرشن جهڙا ماڻهو اٿي کڙا ٿيا ۽ انهن هندو مذهب کي جديد اسلوب ۽ جديد اصطلاحن ۾ پيش ڪيو. ٻئي طرف مسلمانن ۾ شبلي نعماني، سيد سليمان ندوي، ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر محمد اقبال ۽ مولانا سيد ابوالاعليٰ مودودي جهڙا مفڪر پيدا ٿيا. جن اسلام کي جديد انداز ۽ جديد دليلن سان ماڻهن جي آڏو رکيو.
    اهڙيءَ طرح ٻنهي ٽولن جي وچ ۾ بنا ڪنهن اعلان جي صحتمند چٽاڀيٽي شروع ٿي ويو. ٻنهي پاسن کان تحرير ۽ تقرير جي ذريعي مذهب جي اهڙي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪا جديد ذهن جي لاءِ قبوليت جوڳي ٿي سگهي. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو تبديلي جو مسئلو زحمت ۾ رحمت (Blessing in Disguise) بڻجي ويو. ٻنهي پاسن جي مذهبي فڪر ۾ ترقي ٿي. ٻنهي کي هڪٻئي کان فائدو رسيو.
    هاڻي موجوده صورتحال ۾ به ضرورت آهي ته ٻيهر اها ئي صحتمند چٽاڀيٽي ٿئي. نفرت ۽ تشدد جي بدران محبت ۽ انسانيت جي گڻن کي هٿي ڏياري وڃي. ملڪ جي مختلف مذهبي ٽولن جي وچ ۾ پر امن ڳالهه ٻولهه ٿيڻ کپي. مذهبي تعارف جي لاءِ مڙني مذهبن بابت ڪانفرنسون منعقد ڪيون وڃن. هر مذهب جا ماڻهو، پنهنجي مذهب جون تعليمات ۽ تاريخ تي علمي ڪتاب مرتب ڪري ڇپرائين. مذهب جي دائري ۾ به اها ئي آزاداڻي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي. جيڪا اڄ به سيڪيولر حلقن ۾ هر هنڌ ملي ٿي. تبديلي جي سوال تي اهڙي قسم جو رد عمل جيڪڏهن آڏو اچي ته اهو هر مذهبي ٽولي جي لاءِ غيرمعمولي فائدي جو سبب بڻبو. مذهبي مسئلو وڌيڪ واضح ۽ چٽائي سان سامهون ايندو. سچائيءَ کي ڳولڻ جو هڪ نئون عمل شروع ٿي ويندو، لڪل حقيقتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون. مذهب جي دنيا جي هڪ هٽي ٽٽندي ۽ هر پاسي لازوال ۽ لافافي مذهب جو ماحول قائم ٿي ويندو.
    وڌيڪ هيءُ ته فطرت جي عام اصول جي مطابق، اها ذهني سجاڳي فقط مذهب جي دائري تائين محدود ناهي رهندي، پر اها وڌندي وڌندي عمومي دائري تائين پکڙجي ويندي. شيون هڪ حالت کان ٻيءَ حالت ۾ تبديل ٿينديون رهن ٿيون. اصل ۾ جمود ۽ تعطل (ڪنهن شيءِ جو هڪ حالت ۾ رهڻ) واري ڪيفيت جو تبديل ٿيڻ هر شيءِ جي (فڪري توڙي ظاهري يا عملي) جمود ۽ تعطل جي ختم يا تبديل ٿيڻ جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي. مذهب جي سجاڳي زندگيءَ جي ٻين سڀني شعبن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ڪارڻ بڻبي. ايتري تائين جو سڄو ملڪ ان کان متاثر ٿيندو. هڪ قوم جيڪا اڄ ظاهر ۾ ته ستل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، اها مڪمل طور تي جاڳي پوندي ۽ اهو سڀ ڪجهه فقط انهيءَ ڪري ٿيو جو، اسان هڪ مسئلي کي چئلينج جي شڪل ۾ ورتوسين. صحتمند چٽاڀيٽي جي صورت ۾ ان سان مهاڏو اٽڪايو.
    گهڻو ڪري 1990ع ۾ مون هڪ هندستاني ليکڪ جو هڪ ڪتاب پڙهيو هو. جنهن جو نالو ”تبديليءَ جي سياست“ (Politics of conversion) هو. ان کي پڙهڻ کان پوءِ مون چيو ته ان ڪتاب سان مون کي فقط هڪ اختلاف آهي. اهو هيءُ ته ڪتاب جو نالو صحيح نه آهي. ان جو صحيح نالو هجڻ گهرجي: ”ڳالهه ٻولهه کي سياسي بنائڻ“ (Politicisation of conversion) يعني هڪ سادي فطري حقيقت کي سياسي رنگ ڏئي، ان ۾ غير ضروري طور تي اضطرابي ڪيفيت پيدا ڪرڻ.
    ڪنورزن (تبديلي) ڇا آهي؟ عام طرح تي ”ڪنورزن“ (Conversion) کي فقط مذهب بدلائڻ (مرتد ٿيڻ) (Proselytism) جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آهي. جڏهن ته فقط اها معنيٰ وٺڻ صحيح نه آهي. لفظ ”ڪنورزن“ پنهنجي مطلب ۽ مفهوم ۾ تمام گهڻو وسيع معنيٰ رکي ٿو. حقيقت هيءَ آهي ته ڪنورزن (حالت ۾ تبديلي) فطرت جو هڪ آفاقي قانون آهي. اهو هڪ صحتمند تاريخي عمل آهي، جيڪو اڻٽر ۽ سدائين جاري رهندو آهي، تبديليءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڄڻ تاريخ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي. ۽ ڪو به ايترو طاقتور نه آهي جو اهو تاريخ جي عمل کي روڪي سگهي. تبديلي پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان ٻن شين جي ٽڪراءَ سان هڪ ٻي شيءِ جي پيدا ٿيڻ جو نالو آهي. هيءُ فطرت جو قائم ڪيل هڪ آفاقي قانون آهي. جيڪو پاڻ مرادو پنهنجي زور تي سدائين جاري رهندو آهي.
    انساني تاريخ جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته هڪ عمل ان جي اندر سدائين جاري رهندو آهي. ڪارل مارڪس ان کي غلط انداز ۾ جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism) سان ڀيٽيو هو. گهڻو ڪري درست انداز ۾ ته اها ڳالهه ٻولهه تبديليءَ جو مرحلو آهي. يعني ٻن فڪري نظامن جي وچ ۾ بحث مباحثو ۽ ڏي وٺ ٿيندي آهي ته، ان کان پوءِ هڪ فڪري انقلاب جنم وٺندو آهي.
    ڳالهه ٻولهه جو اهو عمل ئي سڀني انساني ترقين جو واحد ذريعو آهي. جڏهن به دنيا ۾ ڪو تهذيبي انقلاب آيو آهي يا انساني جٿو اٿي ڪري ڪو تخليقي ڪارنامو انجام ڏنو آهي ته اهو انقلاب سدائين انهيءَ ڳالهه ٻولهه ۽ تبديلي جي ذريعي ئي آيو آهي.
    ان عمل جي ڪا هڪ شڪل نه آهي. يعني هي مذهبي به ٿي سگهي ٿو ۽ غير مذهبي به. گذريل ڏيڍ هزار سالن جي تاريخ ۾ ان جا ٻه وڏا مثال ملن ٿا. هڪ مذهبي تبديلي جي صورت ۾ ۽ ٻيو سيڪيولر تبديلي جي صورت ۾.
    عربن جي تاريخ مذهبي تبديلي جو مثال آهي. ڇهين صدي عيسوي تائين عرب هڪ مشرڪاڻي نظام هيٺ محدود قبائلي زندگي گذاري رهيا هئا. ان کان پوءِ ستين صدي جي شروعات ۾ اسلام يعني توحيد جي دين جو ظهور ٿيو، ان کان پوءِ مشرڪاڻي دين ۽ توحيد جي دين ۾ زبردست ڳالهه ٻولهه (بحث مباحثو) شروع ٿيو. اها ڳالهه ٻولهه وڌيڪ شدت اختيار ڪري جارحاڻي ٽڪراءَ تائين پهتي. ان ڳالهه ٻولهه ۽ ٽڪراءُ جي نتيجي ۾ اهو ٿيو جو عربن منجهه هڪ نئين سوچ جنم ورتو. جنهن اڳتي هلي هڪ عظيم فڪري انقلاب جو روپ اختيار ڪيو.
    ان ذهني انقلاب يا ان نئين فڪر جي ظاهر ٿيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو عربن ۾ هڪ نئين شخصيت پيدا ٿي. هڪ يورپي مورخ جي لفظن ۾: ”انهن جو هڪ هڪ شخص اهڙي قسم جي شخصيت بڻجي ويو جو، سموري قوم سورهين سپوتن جي قوم (A Nation of Heroes) بڻجي وئي.“ انهن سورهيه سپوتن فقط پنجاهه سالن جي اندر اهي تاريخي واقعا سر انجا م ڏنا، جنهن کي هڪ مؤرخ معجزن جو معجزو (Miracle of all Miracles) قرار ڏنو آهي. بريفالٽ ان جو اعتراف هنن لفظن ۾ ڪيو آهي ته، عربن کان سواءِ جديد مغربي تهذيب وجود ۾ نه اچي سگهي ها.
    But for the Arabs, the western civilization would never have arisen at all.
    ٻيو مثال يورپ جي مسيحي قومن جو آهي، صليبي جنگيون (Crusades) کان پوءِ ڪيترن ئي سالن جي تاريخي عمل جي دوران هتي به هڪ تبديلي آئي، اها تبديلي مذهبي نه هئي، بلڪ هڪ قسم جي سيڪولر تبديلي هئي. چرچ ۽ سائنس جي وچ ۾ زبردست مقابلو ٿيو. ان مقابلي جي هڪ ڪٿا هيٺين ڪتاب ۾ ڏسي سگهجي ٿي:
    Conflict between Science and Religion.
    اها چٽاڀيٽي بحث مباحثي ۽ ٽڪراءَ جي صورت ۾ ڪيترن ئي سالن تائين هلندي رهي. ايتريقدر جو يورپي قومن جي اندر هڪ نئون فڪري انقلاب آيو. جنهن ۾ انهن قديم کي ڇڏي، جديد کي اختيار ڪيو. ان انقلاب کي عام طور تي نشاة ثانيه () (Renaissance) جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.
    ان انقلاب يورپي قومن کي ان قابل بڻايو ته، اهيءُ تاريخ جو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏئي سگهن. اهي انساني تاريخ کي روايتي دور کان ڪڍي، سائنسي دور ۾ پهچائين. حقيقت اها آهي ته انسان جو دماغ لامحدود طاقتن جو هڪ قدرتي خزانو آهي. عام حالتن ۾ اهو دماغ ستل رهندو آهي. هي فقط ٻاهريان جهٽڪا آهن، جيڪي ان کي سجاڳ ڪندا آهن. اهو شاڪ ٽريٽمينٽ جو هڪ عمل آهي. جيترو وڏو شاڪ (ڪرنٽ) هوندو. اوترو ئي وڏو ذهني انقلاب انسان جو اندر پيدا ٿيندو. شاڪ ٽريٽمينٽ انسان جي اندر اها شيءِ پيدا ڪندي آهي، جنهن کي نفسيات جا عالم دماغي طوفان (Brain Storming) چوندا آهن. هي دماغي طوفان ماڻهوءَ جي اندر هڪ نئين تبديلي وجود ۾ آڻيندو آهي. هيءَ تبديلي ڪنهن قوم جي فرد کي هڪ عام انسان کان مٿانهون ڪري هڪ غير معمولي انسان بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ قابل ٿي ويندو جو هو وڏا وڏا ڪارناما سرانجام ڏئي سگهي.
    مذهبي تبديلي ان پوري عمل جو هڪ ننڍڙو جز آهي، پر جڏهن ڳالهه ٻولهه تبديلي جي هلندي آهي، ته ان کي ڪنهن حد جو پابند ڪرڻ ممڪن ناهي هوندو. اوهان ائين نه ٿا ڪري سگهو ته ماڻهو فلاڻي فلاڻي قسم جي تبديلي آڻين پر مذهبي تبديلي نه آڻين. اهو هڪ لامحدود سيلابي عمل آهي ۽ سيلاب جڏهن ايندو آهي ته اهو ڪنهن جي حد بندي قبول ناهي ڪندو.
    جيتري قدر مذهبي تبديلي جو واسطو آهي. اهو فقط غير مذهب کي قبول ڪرڻ جي هم معنيٰ ناهي هوندو. حقيقت هيءَ آهي ته مذهبي تبديليءَ جا ٻه وڏا قسم آهن، هڪ داخلي تبديلي ۽ ٻي خارجي تبديلي. مثال طور: سوامي وويڪا نند پهريائين هڪ ماڊرن قسم جو نريندر ناٿ هو. پوءِ رام ڪرشنا پرم هنس سان سندس ذهني ٽڪراءُ ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سوامي وويڪا نند بڻجي ويو. اهو داخلي تبديليءَ جو هڪ مثال آهي.
    اهڙيءَ ريت انهيءَ زماني جي هڪ ٻئي بنگالي ڊاڪٽر نشي ڪانت چٽو پاڌيا (حيدرآباد) جو فڪري ٽڪراءُ مختلف مذهبن سان ٿيو، هو ڪيئي ٻوليون ڄاڻندو هو. هن پهريائين فلسفي جو مطالعو ڪيو. ان کان پوءِ هن وڏن وڏن مذهبن جو مطالعو ڪيو. آخر ۾ هو هڪ فڪري کوجنا تائين وڃي پهتو. هن پنهنجي ابائي مذهب هندو ازم کي ڇڏي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو عزيزالدين رکيو. هن پنهنجي ان فڪري ارتقا جو داستان هڪ ڪتاب جي صورت ۾ لکيو آهي. جنهن جو نالو Why I have Embraced Islam آهي. اهو خارجي تبديليءَ جو هڪ مثال آهي.
    اها تبديلي ڪو هڪ طرفو عمل ناهي. اهو ٻه طرفو، بلڪه گهڻ طرفو هلندو آهي. مثال طور: هندستان ۾ ڪجهه هندن پنهنجو مذهب تبديل ڪري، مسيحي مذهب کي اختيار ڪيو آهي. جڏهن ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ هزارين مسيحي پنهنجو مذهب ڇڏي، هندو بڻجي ويا. اڄ انگريزيءَ ۾ نڪرندڙ سڀ کان وڏي هندو اخبار انڊيا ابراڊ (India Abroad) آهي، جيڪا آمريڪا مان شايع ٿيندي آهي. ان جو مالڪ ۽ ايڊيٽر مذهبي طور تي هڪ تبديل ٿيل هندو آهي. هن مسيحيت کي ڇڏي، هندو مذهب اختيار ڪيو ۽ پوءِ هن اها گهڻي تعداد ۾ ڇپجندڙ هندي اخبار جاري ڪئي.
    ڪنهن قوم کي ٻيهر کڙو ڪرڻ لاءِ عام طور تي احياء جي تحريڪ ( ) (Revivalism) تي ڀروسو ڪيو ويندو آهي. يعني قوم کي ماضي ياد ڏياري، ان کي ٻيهر زندهه ڪرڻ. پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته ان قسم جي احيائي تحريڪ ڪڏهن به ڪامياب ناهي ٿي. تاريخ ۾ اهڙو ڪو هڪڙو به ذڪر جوڳو مثال موجود ناهي. جو ماضيءَ ۾ فقط احياء جي تحريڪ جي ذريعي ڪائي قوم ٻيهر ۽ نئين طاقت سان زندهه ٿي ڪري اٿي هجي. ان جو هڪ مثال هندستان آهي. هندستان ۾ هندو قوم کي سجاڳ ڪرڻ جي لاءِ گذريل ڪيترين صدين کان لڳاتار وري جاڳائڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن، انهيءَ دور ۾ تمام وڏين وڏين شخصيتن جا نالا آهن. راجا رام موهن راءِ، سوامي وويڪا نند، آرو وند، مهاتما گانڌي وغيره. پر ڊگهي عرصي جي جدوجهد جي باوجود ان رخ تي هڪ سيڪڙو به ڪاميابي نه ملي سگهي، بلڪه اهو چوڻ صحيح ٿيندو ته ان جو ابتو نتيجو ظاهر ٿيو.
    آزاديءَ جي دور ۾ پهچي هندو سماج ۾ اخلاقي قدرن جو اهو نظام به باقي نه رهيو، جيڪو منجهس موجود هوندو هو. پهرين هڪ ڪوڙ ڳالهائڻ تي يدشٽر جي اڏامڻ واري گاڏي زمين تي ڪري پوندي هئي پر اڄ جا يڌ شٽر صبح شام ڪوڙ ڳالهائين ٿا. ان جي باوجود انهن جي گهوڙو گاڏي نهايت تيزيءَ سان بلند فضائن ۾ اڏامي پيو. ماضيءَ جي ابتڙ اڄ جو هندستاني سماج فقط رشوت جو سماج بڻجي ويو آهي. حقيقت هيءَ آهي ته ڪنهن قوم جي اندر انقلابي روح ڪڏهن به ”ماضي ڏانهن واپسي“ سان جنم ناهي وٺندو. اهو فقط جديد کوجنا ۽ جستجو سان پيدا ٿئي ٿو. ڪنهن به انقلابي شخصت جو اڀرڻ ڪنهن قديم نظرئي يا نظام ڏانهن واپسيءَ لاءِ نه هوندو آهي، بلڪه جديد يعني ڪنهن نئين نظام يا نظرئي لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ هوندو آهي ۽ احيائي تحريڪ (يعني ڪنهن گذريل يا قديم نظريي يا نظام کي وري جيارڻ يا بحال ڪرڻ لاءِ تحريڪ) پنهنجي آخري وصف مطابق فقط قديم ڏانهن واپسي جي معنيٰ ڏيکاري ٿي. ڪنهن جديد شيءِ جي يا ان لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جي معنيٰ ۾ ڪڏهن به نه ٿي اچي سگهي.
    سوامي وويڪا نندچيو ته هندو قوم دنيا جي اڳواڻ بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿي. اهو بلڪل صحيح آهي. پر هي انقلابي واقعو ”احياء ماضي“ جهڙي ڪنهن تحريڪ جي ذريعي ظهور ۾ نه ٿو اچي سگهي، جيئن اڄ تائين نه ٿيو آهي، اهڙو واقعو جڏهن به پيش ايندو، اهو نئين فڪري انقلاب جي ذريعي ايندو. پوءِ اهو فڪري انقلاب مذهبي تبديلي جي صورت ۾ هجي يا سيڪيولر ڪنورزن (تبديلي) جي صورت ۾.
    هي به ضروري آهي ته تبديلي جو اهو واقعو فقط انفرادي سطح ته نه هجي، بلڪه عوامي سطح تي هجي. ان وقت ئي اهو ممڪن ٿيندو آهي جو ڪا قوم ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجو نالو روشن ڪري.
    تت هيءُ آهي ته تبديلي محدود طور تي مذهبي تبديليءَ جو نالو نه آهي بلڪ هي ٻيهر ڳولي لهڻ جو معاملو آهي. نفسيات ۽ تاريخ جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته ڪنهن فرد يا ڪنهن قوم کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ ۽ منجهس اخلاقي انقلاب آڻڻ جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ شيِءِ جيڪا اثر انداز ٿيندي آهي. اها اِها ئي کوجنا (Discovery) آهي، اها کوجنا اهو احساس ته مون هڪ اهڙي سچائي ڳولي لڌي آهي. جيڪا هن وقت تائين مون کي معلوم نه هئي. انسان جي سڀني ستل طاقتن کي جاڳائي ڇڏي ٿي. هو هڪ عام انسان کان مٿڀرو ٿي هڪ سورمو بڻجي ويندو آهي. انهيءَ قسم جا سورما آهن، جيڪي سمنڊ ۾ ٽپو ڏيندا آهن، جيڪي جبلن تي چڙهي ويندا آهن. جيڪي پنهنجي هيرو واري ڪردار جي ذريعي تاريخ کي نئين دور ۾ آڻي ڇڏين ٿا.
    اڄ انساني تاريخ ٻيهر تعطل (Dead lock) جو شڪار آهي. تاريخ کي ٻيهر انتظار آهي ته ڪا قوم نئين ڳولا جي تجربي مان گذري. اها نئين انساني طاقتن سان سينگارجي سنوارجي انساني تاريخ کي اهڙو ڌڪو ڏئي. جيڪو ان کي هڪ نئين ۽ بهتر دور ۾ پهچائي.

    __________
     نشاة ثانيه: ڪنهن قوم يا ملڪ جي نئين سر ترقي ڪرڻ واري حالت- نئين شروعات (ترقيءَ جي).
    ( ) احياء جي تحريڪ: يعني ڪنهن شيءِ کي ٻيهر رائج ڪرڻ، وري زندهه ڪرڻ.


    هڪجهڙو سول ڪوڊ (شهري قانون)

    هڪجهڙي شهري قاعدي قانون جو تصور، آزاديءَ (1947ع) کان اڳ ئي هندستان ۾ هلندو پيو اچي پر هاڻي اهو گهڻو وڌيڪ هندستان جي آئين جو مسئلو بڻجي ويو آهي. ڇو جو آزاديءَ کان پوءِ ملڪ جو جيڪو آئين جڙيو، ان ۾ ”يونيفارم سول ڪوڊ“ جي نالي سان به هڪ شق باقاعده طور تي شامل ڪئي وئي. اها آئين جي شق 44 آهي. جيڪا ان جي رهنما اصولن تحت لکي وئي آهي.

    آئين- غير ضروري ڊيگهه
    آئين هڪ اعليٰ قانوني دستاويز آهي. آئين جو مقصد انهن بنيادي اصولن جو مقرر ڪرڻ آهي. جنهن جي روشنيءَ ۾ قومي حڪومت (يا ڪنهن گڏيل اداري جي صورت ۾ آڻي) هلائي سگهي. ڇو جو دستور جيترو به ڊگهو هوندو، اوترائي گهڻا ان ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ۽ هر هر ان ۾ ڦيرڦار جي ضرورت پيش ايندي رهندي. اهڙيءَ طرح آئين جو احترام ختم ٿي ويندو. ايتريقدر جو ڊيگهه ۽ ڏکيائي جي ڪري نيٺ ائين ٿيندو جو فقط ڪجهه ماهر آئين کي سمجهي سگهندا، عام شهري ان کان بلڪل اڻ واقف هوندا ۽ ڪا به سندن دلچسپي نه رهندي.
    اهوئي سبب آهي جو بين الاقوامي شهرت رکندڙ آئين جو ماهر (Constitionalism) وسڪانسن يونيورسٽي جو پروفيسر ڊيوڊ فيلمين (David Fell man) کان وٺي، هندستان جي سڀ کان وڏي آئين جي ماهر مسٽر ناني پالکي تائين، سڀني مختصر آئين جي حمايت ڪئي آهي.
    موجوده زماني ۾ سڀئي ترقي يافته قومن جا آئين نهايت ئي مختصر آهن. مثلاََ غير ترقي يافته رياست جارجيا (Georgia) جو نظر ثاني ٿيل آئين فقط پنج لک لفظن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ترقي يافته آمريڪا جو آئين فقط ست هزار لفظن تي ٻڌل آهي. اهڙيءَ ريت جاپان جو آئين مختصر آهي، جنهن کي موجوده زماني ۾ ترقي يافته قومن جي وچ ۾ پهرين نمبرجي قوم جي حيثيت حاصل آهي. (86- 85/5)
    هندستان جو آئين غالباً دنيا جي سڀني قومي آئينن ۾ سڀ کان گهڻو وڏو (طويل) آهي. ٻارهن تفصيلي شيڊولن (انگن اکرن جي جدول) کان سواءِ اصل آئين 395 شقن تي ٻڌل آهي. جڏهن ته اڪثر شقن جون ذيلي شقون به آهن. ان ڊگهي آئين سازيءَ جو اڻپورو ۽ غلط هجڻ، ان مان ئي ثابت آهي ته نومبر1949ع کان پوءِ هن وقت تائين ان ۾ تقريباً 80 ترميمون ٿي چڪيون آهن ۽ وڌيڪ ترميم (ڦيرڦار) جو مطالبو جاري آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود هيءُ جامع آئين، ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
    ڊاڪٽر راجندر پرشاد، هندستان جي آئين ساز اسيمبليءَ جو صدر (49- 1946) هو. هي آئين جيتوڻيڪ ان جي صدارت ۾ ٺهيو ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ هن 26 نومبر 1949ع تي ان تي پنهنجي صحيح ڪئي، پر هو به ان ڊگهي آئين سازيءَ جي خلاف هو.
    In his valedictory address to the constituent Assembly Dr Rajendra Prasad said that everything cannot be written in the Constitution and hoped for the development of healthy conventions. But these have not been developed and everything has to be written in the Constitutions.
    ڊاڪٽر راجندر پرشاد آئين ساز اسميبليءَ ۾ پنهنجي الوداعي تقرير ڪندي چيو ته آئين ۾ هر شيءِ لکي نه ٿي سگهجي. هن اميد ظاهر ڪئي ته صحتمند روايتون قائم ڪيو وينديون، پر ائين نه ٿي سگهيو. ان جي ابتڙ هي ذهن بڻجي ويو، ته هر شيءِ کي آئين ۾ لکي ڇڏجي.
    (هندستان ٽائيمزس 24 مئي 1995)
    ڪنهن آئين جي غير ضروري ڊيگهه، ان ۾ غيرضروري شقن کي شامل ڪرڻ جو نتيجو هوندي آهي. هندستاني آئين ۾ ان قسم جون تمام گهڻيون غير ضروري شقون شامل آهن. انهن ۾ هڪ رياستي پاليسيءَ جا رهنما اصول (Directive principles) جي شق 44 آهن. جيڪا گڏيل سول ڪوڊ بابت آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته رياست ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندي ته هندستان جي سڀني شهرين کي هڪجهڙو سول ڪوڊ حاصل هجي.
    The state shall Endeavour to secure for the citizens a uniform civil code throughout the territory of India.
    آئين جي اها شق ايڏي ئي غيرآئيني آهي، جيترو هي چوڻ ته رياست ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندي ته ملڪ جي سڀني شهرين جي لاءِ هڪجهڙي کاڌي جو وچور وجود ۾ آڻي. جهڙيءَ ريت اهو ممڪن نه آهي ته ملڪ جا سڀئي مرد ۽ عورتون، ٻار ۽ ٻڍا هڪ ئي قسم جو کاڌو کائين ۽ هڪڙي ئي قسم جو لباس پهرين. اهڙيءَ ريت هي به يقيني طور تي ممڪن ناهي، ته هڪ وڏي ملڪ جا سڀ مرد ۽ عورتون هڪ ئي رنگ ڍنگ تي شاديءَ جو رسمون ادا ڪن. توڙي جو انهن جي لاءِ باقاعده قانون ڇو نه بڻايو وڃي.
    آئين جو ڪم قومي پاليسيءَ جي بنيادي اصولن کي مقرر ڪرڻ آهي. نڪي ذاتي معاملن ۾ ماڻهن جي انفرادي ذوق کي تبديل ڪرڻ يا غير ضروري طور تي هڪجهڙائي (يڪسانيت) آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ.
    پر جڏهن ڪا ئي شيءِ لکي ڇاپي ڇڏبي آهي ته ڪيترائي ماڻهو ان کي سچ سمجهي وٺندا آهن. اهو ئي حال آئين جي ان شق جو به ٿيو. تنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو ان شق جو حوالو ڏئي گهر ڪندا رهندا آهن ته هڪجهڙو سول ڪوڊ جو دور آڻڻ جي لاءِ پارليامينٽ هڪ قانون بڻائي ۽ ان کي سڄي ملڪ ۾ رائج ڪيو وڃي.

    نهرو رپورٽ
    سڄي ملڪ جي لاءِ هڪ جهڙو سول ڪوڊ ٺاهڻ جو خيال گهڻي عرصي کان ماڻهن جي ذهن ۾ هو. غالباً 1928ع ۾ ان جو اظهار سڀ کان پهريائين نهرو رپورٽ جي شڪل ۾ ٿيو. نهرو رپورٽ حقيقت ۾ آزاد هندستان جي آئين جو هڪ اڳواٽ مسودو هو. جنهن کي مشهور قانوني ماهر موتي لال نهرو تيار ڪيو هو. ان آئيني مسودي ۾ تجويز ڪيو ويو هو، ته آزاد هندستان ۾ شادي مراديءَ جي معاملن کي هڪ جهڙي ۽ ساڳئي ملڪي قانون جي تحت بڻايو وڃي. ان وقت عالمن ان جي سخت مخالفت ڪئي. وڌيڪ هيءُ ٿيو جو ان وقت جي انگريز حڪومت به ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    ان ۾ هندستان جي لاءِ (Dominion Status) جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، جيڪا انگريزن جي لاءِ قبول ڪرڻ جوڳي نه هئي.
    ان کان پوءِ ڊسمبر 1939ع ۾ ان تي غور ويچار ڪرڻ جي لاءِ ڪانگريس جو هڪ اجلاس لاهور ۾ سڏايو ويو. انهيءَ اجلاس، ان جي عملي پهلوئن تي غور ڪرڻ کان پوءِ نهرو رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو.

    سپريم ڪورٽ جو فيصلو
    1985ع کان هڪجهڙي سول ڪوڊ جي مسئلي نئين قانوني حيثيت اختيار ڪري ورتي، جڏهن سپريم ڪورٽ جي ججن ان جي حق ۾ پنهنجا رايا ڏيڻ شروع ڪيا.
    ان معاملي ۾ عدالت بحث جي شروعات سپريم ڪورٽ آف انڊيا جي سابق چيف جسٽس مسٽر واءِ وي چندرا چوڙ جي فيصلي سان ٿئي ٿي. 1975ع ۾ هن محمد احمد شاهه بانو ڪيس ۾ پنهنجو مشهور فيصلو ڏنو هو. انهيءَ فيصلي ۾ اصل بحث هيٺ آيل معاملي کان حد اورانگهيندي، هن اهو چوڻ جي به ضرورت محسوس ڪئي ته آئين جي شق 44 جي تحت قانون ٺاهڻ، وقت جي ضرورت آهي ۽ هيءُ ته هڪ هڪ جهڙو سول ڪوڊ، قومي ٻڌي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.
    A common civil code will help the cause of national integration.
    ان کان پوءِ وري 1985ع ۾ سپريم ڪورٽ جسٽس چن نپاريڊي هڪ ڪيس تي خيالن جو اظهار ڪندي چيو، ته هيءُ ڪيس هڪ ٻيو مثال آهي، جيڪو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو، ته هڪ جهڙو سول ڪوڊ اسان جي فوري ۽ اڻٽر ضرورت بڻجي چڪو آهي.
    The present case is yet another which focuses… on the immediate and compulsive need for a uniform civil code.
    اها ئي ڳالهه وڌيڪ وضاحت يا تاڪيدي انداز ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ مئي 1995ع ۾ پنهنجي گڏيل فيصلي ۾ ڪئي آهي. ان جا ميمبر جسٽس ڪلديپ سنگهه ۽ جسٽس آر ـ ايم سهائي هئا. ان ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي شق 44 جي مطابق يونيفارم پرسنل لا کي لاڳو ڪرڻ قومي استحڪام ڏانهن هڪ فيصلائتو قدم آهي. ان جو ڪو به جواز نه آهي ته ڪنهن به سبب کان ملڪ ۾ يونيفارم پرسنل لا جي لاڳو ڪرڻ ۾ دير ڪئي وڃي.
    To introduce a uniform personal law (is) a decisive step towards national consolidation… There is no justification whatsoever in delaying indefinitely the introduction of a uniform personal law in the countery. (p.22)

    آئين جي شق 44
    اهي سموريون ڳالهيون آئين جي شق 44 جي حوالي سان چيون پيون وڃن. هيءَ شق هندستان جي آئين جي چوٿين حصي ۾ آهي. هي حصو حڪومتي پاليسيءَ جي لاءِ رهنما اصولن (Directive principles) جي حيثيت سان آئين ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ان جي شق 37 ۾ هيءَ وضاحت ڪيل آهي ته ان حصي ۾ جيڪي شقون لکيون ويون آهن، اهي ڪنهن به عدالت جي ذريعي لاڳو ٿيڻ جهڙيون ناهن. انهن جو واسطو سڄو سارو حڪومت ۽ رياست سان آهي. اهڙيءَ حالت ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن جو هر هر شق 44 جي حوالي سان يونيفارم سول ڪوڊ جي مسئلي کي ڇيڙڻ، هڪ اهڙي مسئلي ۾ دخل ڏيڻ آهي، جنهن جو ان سان ڪو واسطو نه آهي. ان ڪري جنتا دل انهيءَ فيصلي تي تبصرو ڪندي (دي پانيسر 15 مئي 1995) ان کي، پنهنجي حدکان ٽپي، پارليامينٽ جي حد ۾ داخل ٿيڻ قرار ڏنو.
    It is a judicial trespass on parliament jurisdiction.
    انهيءَ پس منظر ۾ دي هندستان ٽائيمس (12 مئي 1995ع) پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ فيصلي تي تبصرو ڪندي، شروعات هن جملي سان ڪئي هئي، ته هندستان جي سپريم ڪورٽ هلندڙ ڪجهه ورهين ۾ بار بار هيءُ لاڙو ظاهر ڪيو آهي، ته اها اهڙن معاملن ۾ گهڙي پوي ٿي، جتي داخل ٿيڻ کان ملائڪ به گهٻرائيندا آهن.
    India`s Supreme court in recent years has displayed a penchant for rushing into terrain that angels fear to tread.
    خود آئين جي مطابق يونيفارم سول ڪوڊ کي ايڪٽ (قانون) جي شڪل ڏيڻ جو تعلق، سڄو سارو ڪم حڪومت جو آهي ۽ حڪومت جو حال اهو آهي جو 1956ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو واضح چيو هو، ته مان نٿو سمجهان ته اهو وقت اچي ويو آهي جو مان ان کي مڪمل ڪريان.
    I do not think at the present moment the time is ripe in India for me to try to push it through.
    اها ئي ڳالهه ان کان پوءِ اندرا گانڌي به چئي ۽ هينئر موجوده وزيرزاعظم پي وي نرسمها به اها ڳالهه ڪئي آهي. (ٽائيمس آف انڊيا، نئين دهلي، 28 جولائي 1995ع صفحو: 7) هاڻي اها ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته جن ماڻهن کي عملي طور تي يونيفارم سول ڪوڊ آڻڻو آهي، اهي ته ان کان لاتعلقي ظاهر ڪن ٿا ۽ جن ماڻهن جي وس ۾ ان معاملي سان بنهه واسطو ئي ناهي، اهي ان جي حق ۾ پرجوش تقريرون ڪري رهيا آهن. ان قسم جي لفظي ڪارروائي فقط وقت جو زيان آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي.

    مذهبي آزادي هڪ لازمي حق
    جيڪي ماڻهو آئين جي شق 44 جو حوالو ڏئي، يونيفارم سول ڪوڊ جي وڪالت ڪن ٿا، انهن ٿي سگهي ٿو ته ان تي گهٽ غور ۽ ويچار ڪيو آهي جو خود انهيءَ آئين جي شق 25 ۾ ان جي ترديد موجود آهي.
    هندستان جي آئين جي شق 25 ۾ هندستان جي هر شهريءَ کي ضمير ۽ مذهبي عمل ۽ مذهبي تبليغ جي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي. ان ۾ چيو ويو آهي ته سڀئي ماڻهو برابريءَ جي بنياد تي ضمير جي آزاديءَ جو حق رکن ٿا. کين حق آهي ته اهي بلڪل آزاديءَ سان مذهب جو اقرار ڪن، ان تي عمل ڪن ۽ ان جي تبليغ ڪن:
    All persons are equally entitled to freedom of conscience and the right freely to profess, practice and propagate religion.
    مذهب جي چونڊ فرد يا گروهه جي پنهنجي مرضيءَ تي ٻڌل هوندي. انهيءَ ڪري شق 25 جي تشريح (Explanation) ۾ چيو ويو آهي، ته سکن جي مذهبي آزاديءَ ۾ سندن هي حق به شامل آهي، ته هو پنهنجي عقيدي جي مطابق پاڻ سان گڏ ڪرپان (خنجر) رکن. آئين ۾ ”ثقافتي حق“ جي تحت گهڻو ڪري هيءُ چيو ويو آهي، ته هندستاني شهرين جو ڪو به طبقو، جيڪو پنهنجي جدا ثقافت ۽ ٻولي رکندڙ هجي، کيس حق حاصل هوندو ته هو پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي جي حفاظت ڪري. (شق ـ 29)
    وڌيڪ هي، ته مذهبي آزاديءَ جي شق جيڪا آئين ۾ آهي. اها آئين جي ان حصي ۾ آهي، جنهن جو واسطو شهرين جي بنيادي حقن (Fundamental Rights) سان آهي. جڏهن ته مٿي ڄاڻايل شق 44، آئين ۾ ڏنل رهنما اصولن (Directive principle) جي تحت آئي آهي. خود آئين جي شق 37 جي مطابق ان جي رهنما اصولن جون شقون، ان جي بنيادي حقن جي شقن جي تابع آهن، نڪي ان کان آزاد.
    اهڙيءَ حالت ۾ آئين جي شق 44 جو حوالو ڏئي، حڪومت کي اهو چوڻ ته اها هڪ جهڙي سول ڪوڊ کي قانون جي شڪل ۾، ملڪ ۾ لاڳو ڪري، خود آئين جي روح جي ابتڙ آهي. جيستائين ملڪ ۾ ڪو اهڙو گروهه موجود آهي، جيڪو ان قسم جي قانون سازيءَ کي پنهنجي مذهب ۾ اجائي ۽ بيجا مداخلت قرار ڏيندو هجي، ان وقت تائين خود آئين جي رو سان اهڙو قانون بنائڻ ممڪن ناهي ۽ جيڪڏهن ڪا پارليامينٽ اهڙو قانون ٺاهي ۽ ملڪ جو ڪو مذهبي گروهه ان جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪري، ته عدالت، جيڪا آئين جي محافظ آهي. اها يقيني طور تي اهڙي قانون کي ڪالعدم قرار ڏيئي ڇڏيندي.
    هندستان جي آئين ۾ مذهبي آزاديءَ جي شق جو هجڻ، ڪا سولي ۽ سادي ڳالهه نه آهي. اها انساني حقن جي ان عالمي منشور (Univers Declaration of Human Rights) جي تحت آهي. جنهن کي اقوام متحده 1948ع ۾ جاري ڪيو هو ۽ جنهن جو هڪ مستقل ميمبر هندستان به آهي. ان منشور جي آرٽيڪل 18 ۾، ان ڳالهه جي ضمانت ڏني وئي آهي، ته هر ماڻهوءَ کي مذهب جي آزادي مليل هوندي. ان ۾ مذهب تبديل ڪرڻ جي آزادي ۽ پنهنجي پسند واري مذهب تي عمل ڪرڻ جي آزادي به شامل آهي.
    هندستان ان عالمي منشور تي قومي حيثيت سان پنهنجي صحي ڪئي آهي. اهڙيءَ ريت مذهبي آزادي هر هندستاني شهريءَ جو هڪ اهڙو حق بڻجي وئي آهي. جنهن کي ڪنهن به حالت ۾ ختم ڪري نٿو سگهجي.

    مذهب ۽ پرسنل لا
    سپريم ڪورٽ جي ذڪر ڪيل ٻه رڪني ڊويزن بينچ جي 31 صفحن جي فيصلي (مئي 1995ع) ۾ ان قسم جي قانون سازي جو سبب اهو چئي ڪڍيو ويو آهي ته نڪاح ۽ طلاق جي معاملي جو واسطو مذهب سان ناهي، بلڪه ان جو واسطو ملڪي قانون سان آهي. جسٽس ڪلديپ سنگهه پنهنجي فيصلي ۾ لکي ٿو، ته آئين جي شق 44 انهيءَ تصور تي ٻڌل آهي ته مهذب سماج ۾ مذهب ۽ پرسنل لا جي وچ ۾ ڪوئي لازمي تعلق ناهي. ان جي شق 25 مذهبي آزادي جي ضمانت ڏئي ٿي. جڏهن ته شق 44 سماجي لاڳاپن ۽ پرسنل لا کي مذهب کان جدا ڪري ٿي.
    Article 44 is based on the concept that there is no necessary connection between religion and personal law in a civilized society. Article 25 guarantees religious freedom whereas Article 44 seeks to divest religion form social relations and personal law.
    اها سراسر بي بنياد ڳالهه آهي ته، سڀني مذهبي عالمن جي گڏيل اتفاق سان مذهب جو تعلق ٽن شين عقيدي، عبادت ۽ اخلاقي قدرن (Ethical values) سان آهي ۽ اخلاقي قدرن ۾ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اها ڳالهه سرفهرست آهي، ته عورت ۽ مرد جي وچ ۾ جائز جنسي تعلق جي صورت ڪهڙي هجي. نڪاح جو تعلق ان ئي اخلاقي مسئلي سان آهي. ان ڪري اهو لازمي طور تي مذهب ۾ شامل آهي.
    مذهب ۽ پرسنل لا جو اهو تعلق ايڏو ته واضح ۽ چٽو آهي، جو خود ڊويزن بينچ جي انهيءَ فيصلي ۾ ان جو اعتراف موجود آهي. ان ڪري بينچ جي ٻي رڪن جسٽس آر ـ ايم سهائي پنهنجي جدا فيصلي ۾ لکي ٿو، ته شادي، وراثت ۽ طلاق پنهنجي نوعيت ۽ حيثيت ۾ ايڏا ئي مذهبي آهن، جيترو عقيدو. باهه جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيڻ يا قاضيءَ جي آڏو ايجاب ۽ قبول ڪرڻ به ايڏو ئي عقيدي ۽ ضمير جو مسئلو آهي، جيترو خود عبادت.
    Marriage, inheritance, divorce, conversion are as much religious in nature and content as any other belief or faith. Going round the fire seven rounds or giving consent befor Qazi are as much matter of faith and conscience as the worship itself.
    حقيقت اها آهي ته ڪنهن به دليل کي نڪاح جي معاملي ۾ مذهب کان جدا نٿو ڪري سگهجي ۽ جڏهن نڪاح ۽ طلاق جو معاملو، مذهبي معاملو آهي ته آئين جي شق 25 جي مطابق، ڪنهن به پارليامينٽ يا ڪنهن به اداري کي اهو حق حاصل نه آهي، ته اهوڪنهن گروهه جي انهيءَ مڃيل حق کي ان کان کسي ۽ ان جي مرضيءِ کان سواءِ، ان جي مٿان اهڙو قانون لاڳو ڪري، جيڪو مٿي ذڪر ڪيل شق جي مطابق، سندس مذهبي معاملي ۾ مداخلت جي برابر هجي.

    ڪامن ڪوڊ ۽ قومي ٻڌي
    ڪامن سول ڪوڊ جو مقصد ڇا آهي؟ ڪو به شخص اهو نه چوندو ته ڪامن ڪوڊ براءِ ڪامن ڪوڊ (Common code for the sake of common code) اسان جو مقصد آهي. پوءِ ان جو اصل مقصد ڪهڙو آهي. ان جا سڀ حامي متفق طور تي ان جو هڪ ئي فائدو ٻڌائين ٿا. اهو هيءُ ته ان جي وسيلي ماڻهن جي پاڻ ۾ محبت ۽ قربت پيدا ٿيندي ۽ گڏيل قوميت کي وجود ۾ آڻڻ ۾ مدد ملندي. ڪامن ڪوڊ ماڻهن جي اندر هڪ جهڙو احساس (Common Feeling) پيدا ڪندو. اهڙيءَ ريت اها مضبوط هندستاني قوم وجود ۾ اچي ويندي. جنهن جو اسان کي پنجاهه سال کان انتظار آهي.
    پر اها فقط تُڪ بندي جي ڳالهه آهي. فقط لفظي ميلاپ جي بنياد تي اهو سمجهيو ويو آهي، ته ڪامن ڪوڊ سان هڪ جهڙو ۽ ساڳيو احساس ظاهر ٿيندو. جيتوڻيڪ ٻنهي ۾ ڪوئي لازمي ڳانڍاپو نه آهي، ان بابت سڀ حقيقتون، ان نظريي جو انڪار ڪن ٿيون.
    جسٽس ڪلديپ سنگهه فيصلي ۾ لکي ٿو، ته حڪومت هندن جي روايتي قانون کي، ڪوڊ جي صورت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هندو ميريج ايڪٽ 1955ع ۾ هندو سيڪشن ايڪٽ 1956ع، هندو مائنارٽي اينڊ گارجين شپ ايڪٽ 1956ع، هندو اڊاپشن اينڊ مينٽيننس ايڪٽ 1956ع ۾ بڻايا ويا آهن. انهن قانونن، روايتي هندو قانون جي جاءِ والاري آهي. جيڪا مختلف مڪتب فڪر ۽ مذهبي ڪتابن تي ٻڌل آهي. انهن جديد قانونن انهن سڀني کي هڪ يونيفارم ڪوڊ جي حيثيت ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن %80 سيڪڙي کان وڌيڪ شهري اڳ ۾ ئي گڏيل پرسنل قانون تحت اچي چڪا آهن، ته هاڻي ان جو ڪو به سبب نه آهي، ته هندستان جي سڀني شهرين جي لاءِ هڪ جهڙو ساڳيو سول ڪوڊ لاڳو ڪرڻ ۾ وڌيڪ دير ڪئي وڃي. (صفحو :2)
    جسٽس ڪلديپ سنگهه وڌيڪ لکي ٿو، ته نيٺ حڪومت کي ڪيترو وقت گهرجي جو هوءَ هندستان جي آئين جي شق 44 جي ڏنل هدايت تي عمل ڪري. هندن جو روايتي قانون، هندن جو پرسنل لا، جنهن جو واسطو وراثت، جانشينيءَ ۽ شادي مراديءَ سان آهي. اهي گهڻو اڳ 56- 1955ع ۾ قانوني ڪوڊ جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن. هاڻي ڪنهن به قسم جو ڪو سبب ناهي رهيو، ته ملڪ ۾ يونيفارم پرسنل لا کي لاڳو ڪرڻ ۾ اجائي دير ڪئي وڃي. هندن جو پرسنل لا، جنهن جو تعلق شادي ۽ مرادي جانشينيءَ وغيره سان آهي. اهي سڀ اهڙيءَ ريت ئي مقدس سمجهيا ويندا آهن. جيئن عيسائين ۽ مسلمانن جا قانون. پر هندو ان سان گڏوگڏ سک، ٻڌ ۽ جيني فرقن، قومي ٻڌي ۽ استحڪام خاطر پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي وساري ڇڏيو. پر پوءِ به ڪجهه ٻين فرقن اڃا ائين نه ڪيو آهي. جيتوڻيڪ آئين سڄي هندستان ۾ هڪ ئي سول ڪوڊ لاڳو ڪرڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. (صفحو: 21-22)
    جسٽس ڪلديپ سنگهه جي فيصلي جو جيڪو ٽڪرو اسان مٿي ڏنو آهي، تنهن ۾ هن صاحب جي خيال ۾ ملڪ جي هڪ وڏي اڪثريت (80% سيڪڙو کان وڌيڪ) ان گڏيل شادي وهانءَ متعلق قانون جي تحت عملي طور اچي چڪي آهي. جنهن جي لاءِ هو مڪمل هڪ جهڙو پرسنل قانون بڻائڻ جي زورائتي وڪالت ڪري رهيو آهي. پوءِ جڏهن آباديءَ جي ايڏي وڏي اڪثريت ۾ گهربل قانون عمل ۾ اچي چڪو آهي، ته ان جا اهي هاڪاري نتيجا ڪٿي آهن؟ جيڪي ان ڏانهن منسوب ڪيا وڃن ٿا.
    اسان ڏسي رهيا آهيون، ته اڄ به هر سطح تي قومي ٻڌيءَ جي اڻاٺ آهي. ماڻهن ۾ ڪوئي قومي ڪردار نه آهي. اسيمبليءَ ۽ پارليامينٽ ۾ اجلاس جي وچ ۾ اهڙا هنگاما ٿيندا آهن جو ڪارروائيءَ کي جار رکڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي. ڳوٺن ۽ پنچائتن ۾ اڳ کان به وڌيڪ جهيڙا ٿي رهيا آهن. عدالتن ۾ تڪراري مقدمن جي گهڻائي آهي. ٻن مختلف فرقن کان به وڌيڪ، هڪ ئي فرقي جي مختلف طبقن ۾ ٽڪراءُ ٿي رهيو آهي. اڪثر رياستن ۾ علائقائي هنگاما هلندڙ آهن. ايتري تائين جو ڪيترين ئي رياستن ۾ علحدگيءَ جون پُرتشدد تحريڪون هلي رهيون آهن. سڀني سياسي جماعتن جو سول قانون هڪ ئي آهي. پر انهن جماعتن ايڏي وڏي پيماني تي پاڻ ۾ ويڙهه جهيڙ جاري رکي آهي جو ملڪ جو استحڪام سخت خطري ۾ پئجي ويو آهي.
    معلوم ٿيو آهي ته پاڻ سپريم ڪورٽ جي ذڪر ڪيل جج صاحبن جي فيصلي جي مطابق اصل مسئلو ڪامن ڪوڊ کي لاڳو ڪرڻ نه آهي. بلڪه ڪامن ڪوڊ کي لاڳو ڪرڻ جي باوجود نتيجو نه نڪرڻ آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اسان کي گهرجي، ته اسان ٻيون تدبيرون ڳوليون، نڪي ناڪام ٿيل تدبيرن تي اڃا وڌيڪ پنهنجو اجائي وقت وڃايون.

    پاڻ ۾جهيڙو، انگريز جي مهرباني
    اڄ جنهن عام احساس (Common Feeling) جي ڳالهه ٿي رهي آهي، اها هن کان اڳ صدين کان اسان جي ملڪ ۾ مڪمل طور تي موجود هئي. ملڪ جا مختلف فرقا گڏجي سڏجي پاڻ ۾ محبت ۽ پيار سان زندگي گذاريندا هئا. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ڪامن سول ڪوڊ جهڙي ڪنهن شيءِ جو بلڪل وجود ئي ڪو نه هو. هر فرقي جي ثقافتي سڃاڻ جدا هئي ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي مذهبي روايت جي مطابق شادي مراديءَ جون رسمون ادا ڪندو هو. پوءِ به اها شيءِ پوريءَ ريت موجود هئي، جنهن کي قومي ٻڌي چيو وڃي ٿو.
    هندستاني سماج جي ان توازن کي جنهن شيءِ تباهه ۽ برباد ڪيو، اهو ڪوئي غير ڪامن ڪو ڊ نه هو. بلڪه اڳوڻي انگريز حڪومت جي ٻٽي پاليسي هئي. جنهن کي اڳوڻو ليفٽنينٽ جنرل ڪوڪ (General Coke) فارمولي جي صورت ڏيندي چيو هو ته ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو.
    Divide and Rule.
    ان اڻ گهري صورتحال جي ابتدائي شروعات لارڊ ايلگن (James Bruce Eligin) جي زماني ۾ ٿي. جيڪو 63- 1962 ۾ هندستان جو وائسراءِ هو. انگريز گورنمينٽ جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ مسٽر وڊ (Wood) لنڊن کان نئين دهلي ۾ رهندڙ وائسراءِ کي خط لکيو ته:
    We have maintained our power in India by playing off one part against the other and we must continue to do so. Do all you can, therefore, to prevent all having a common feeling.
    اسان هندستان ۾ پنهنجي حڪومت، اتان جي هڪ طبقي کي ٻئي طبقي جي خلاف ويڙهائي ڪري باقي رکي آهي. اسان کي ائين ڪندو رهڻ گهرجي . ان لاءِ ماڻهن کي گڏيل احساس کان روڪڻ جي لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهو ٿا ڪريو. (هندستان ٽائيمس 30 مارچ 1995ع)
    انگريزن جي اها ئي سوچيل سمجهيل پاليسي (رٿا) هئي. جنهن هندستان جي ٺهيل ٺڪيل گڏيل قوميت کي وکيري ڇڏيو. انهن هر موقعي کي استعمال ڪري، ماڻهن جي وچ ۾ نفرت جي باهه کي ڀڙڪايو. انهن حڪومت جي سڀني وسيلن کان ڪم وٺي، هندستانين ۾ هڪ ٻئي جي خلاف نفرت جو هٿ ٺوڪيو جهنگ پيدا ڪيو. بد قسمتيءَ سان آزاديءَ کان پوءِ اها باهه به وسامي نه سگهي ۽ ان جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. اهو ئي ان جو اصل سبب آهي. ان کان سواءِ يونيفارم سول ڪوڊ جي هجڻ يا نه هجڻ سان ان جو ڪو تعلق نه آهي.

    هڪ جهڙو ڪوڊ، هڪجهڙائيءَ جو ذريعو ناهي
    هڪ جهڙي يعني ساڳئي ڪوڊ جو واسطو هڪجهڙائي يا پاڻ ۾ ايڪي ۽ ٻڌيءَ سان نه آهي. هڪ ئي سول ڪوڊ کي اختيار ڪرڻ وارا هر هر پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهن. مثال طور: هندستان ۾ ڪورو ۽ پانڊو ٻئي مائٽ، ڪٽنب هئا. ٻنهي جو سول ڪوڊ ساڳيو هو. ان جي باوجود انهن ٻنهي ۾ اها عظيم جنگ لڳي، جنهن کي مهاڀارت چيو وڃي ٿو. ڀارتيه جنتا پارٽي اعلان ڪيو آهي ته دهليءَ جي حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ ايندڙ اليڪشن ۾ هو قاتلاڻي جبلت (Killer instinct) سان گڏ مهاڀارت برپا ڪندي.
    (ٽائيمس آف انڊيا 24 جولاءِ 1995ع)
    ان نئين مهاڀارت جون ٻئي ڌريون، اهي ماڻهو آهن. جن جو سول ڪوڊ بلڪل ساڳيو آهي.
    پهرين عالمي جنگ 18-1914ع ۾ هڪ پاسي جرمني ۽ اٽلي وغيره هئا، ٻئي پاسي برطانيه ۽ فرانس وغيره. ٻنهي ٽولن ۾ موتمار جنگ لڳي، ايتري تائين جو مرندڙن ۽ تمام سخت زخمي ٿيندڙن جو انگ 30 ملين تائين پهتو. پاڻ ۾ جنگ وڙهندڙ ٻئي ڌريون عيسائي هيون. انهن مان هر هڪ وٽ اهو ئي سول ڪوڊ رائج هو. جيڪو ٻئي وٽ رائج هو. پر اها قانوني هڪجهڙائي ٻنهي کي پاڻ ۾ وڙهڻ کان جهلي نه سگهي. اهڙيءَ ريت ٻي عالمي جنگ (45 - 1939ع) ۾ هڪ ڌر جو اڳواڻ جرمن هو ۽ ٻيءَ جو برطانيه. ٻنهي جي ثقافت ۽ سول ڪوڊ هڪ هو، ٻنهي جو ساڳيو سول ڪوڊ کين پاڻ ۾ جنگ ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو.
    هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي کي 1984ع ۾ ڪجهه ماڻهن ماري ڇڏيو، جڏهن ته مرندڙ ۽ ماريندڙ جو سول ڪوڊ هڪ هو. يعني ٻئي هندو هئا. پنجاب عليحدگي جي رتو ڇاڻ واري ويڙهه جيڪا ٻن ڌرين ۾لڳي هئي. اهي ٻئي هڪ ئي سول ڪوڊ کي مڃڻ وارا هئا. روزانو اخبارن ۾ زالن ۽ مڙسن جي وچ ۾ ظالماڻي سلوڪ جا واقعا شايع ٿيندا رهندا آهن. جڏهن ته ٻئي ڄڻا هڪ ئي سول قانون سان تعلق رکن ٿا. عدالتن ۾ ڪروڙين هندستاني هڪ ٻئي تي سنگين الزام هڻي قانوني جنگ وڙهي رهيا آهن، جيتوڻيڪ اڪثر حالتن ۾ ٻنهي ڌرين جو سول ڪوڊ هڪ ئي هوندو آهي.
    حقيقت اها آهي ته هم آهنگي ۽ پاڻ ۾ ٻڌيءَ جي لاءِ هڪجهڙو سول ڪوڊ جو بي فائدي هجڻ اڄ به ثابت ٿيل آهي. ڪو نئون قانون جوڙي، هڪ دفعو ٻيهر نئين سر ان جي وڌيڪ تجربي ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه آهي.

    قوم جي دانشورن جو رد عمل
    سپريم ڪورٽ آف انڊيا جي ڊويزن بينچ جو فيصلو (10 مئي 1995) اخبارن ۾ ڇپيو ته وطني ڀائرن ۽ قوم جي دانشورن جو رد عمل ڪثرت سان آڏو آيو. هڪ طبقي ان جي آجيان ڪئي ۽ ان کي انهيءَ ريت ورتو، ڄڻڪ ملڪ جي موجود سماجي مسئلن جو ڪو آخري عمل هجي. پر پوءِ انهن مان ڪجهه اهڙا به ماڻهو هئا. جن ان سان اتفاق نه ڪيو ۽ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري ان کي رد ڪري ڇڏيو. ان ٻئي طبقي جا ڪجهه حوالا هيٺ ڏجن ٿا:
    1. Politics of Uniform Civil Code.
    By Partha S. Ghosh.
    The Hindustan Times, New Delhi, May 22, 1995
    2. Living with Religion
    By. Kuldip Nayyar
    The Statesman, New Delhi, May 31, 1995
    3. Uniform Civil Code: Judiciary Oversteps its Brief
    by. H.M. Seervai.
    The Times of India, New Delhi, July 5, 1995
    4. Personal Laws: Uniformity no Essentail
    by. Balraj Puri
    Indian Express, New Delhi, July 6, 1995
    5. Civil Code: The Constitutinal Perspective
    by K.C. Markandan
    The Hindustan Times, New Delhi, June 19, 1995
    نموني طور تي مسٽر بلراج پوريءَ جي ذڪر ڪيل مضمون جا ڪجهه حصا هتي اصل انگريزي ۾ نقل ڪري رهيا آهيون. هن ڪامن سول ڪوڊ جي تصور کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آهي. هن لکيو آهي ته:
    سپريم ڪورٽ جي معزز ججن قومي ٻڌيءَ جو جيڪو تصور پيش ڪيو آهي ۽ ان جي حمايت ۾ انهن جيڪي دليل ڏنا آهن، انهن تي منهنجو اعتراض گهڻو بنيادي آهي. منهنجي خيال ۾ جج صاحبان قومي تعمير جي عمل ۾ مڪمل طور تي ابتڙ اثر انداز ٿيا آهن.
    هندستاني قوم جي گڏيل ڪردار تي ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مسلمانن ۽ ٻين قومن، خاص ڪري هندن سان ڳالهه ٻولهه (بحث مباحثي) تي جيڪو انهن جي پرسنل لا جي اصلاح جي سوال تي جاري هو. اهو چئي ڪري ته مسلم پرسنل لا جي اصلاح ان وقت تائين نٿي ٿي سگهي، جيستائين ان کي هڪجهڙي ساڳئي قانون جو حصو نه بڻايو وڃي. جج صاحب مسلم عورتن جي معاملي کي، مسلمانن جي جدا سڃاڻپ جي تابع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙيءَ ريت انهن هڪ سٺي مقصد سان سخت نا انصافي ڪئي آهي.
    هڪجهڙائيءَ ۽ اصلاح جو پاڻ ۾ قطعي طور تي ڪو به منطقي لاڳاپو نه آهي. اڳ ۾ ڄاڻايل ڪيس ايڏو ئي ناقابل ترديد آهي ۽ اوترو ئي پوءِ ذڪر ڪيل معاملي ۾ هڪ جهڙو سول ڪوڊ، قومي ٻڌي ۽ مضبوطي جو واڌارو ڪا قطعي شيءِ نه آهي. جيئن جج صاحب ثابت ڪرڻ چاهين ٿا. هندستان جي آئين جي اسٽيٽ لسٽ ۾ 66 ۽ ڪانڪريٽ لسٽ ۾ 47 داخلائون آهن. جن جي معاملي ۾ رياستن کي اختيار ڏنو ويو آهي، ته اهي جدا جدا قانون بڻائي سگهن ٿيون ۽ انهن ۾ هڪ جهڙائي ضروري نه آهي. جيڪڏهن رياستن جي جاگرافيائي ۽ ثقافتي هڪجهڙائي نه هجڻ جي بنياد تي ٺاهيل اڻ برابريءَ وارا قانون ملڪ جي ٻڌيءَ جي لاءِ خطرو ناهن ته غيرجاگرافيائي نوعيت جي مذهبي گروهن ۾ هڪجهڙائي نه هجڻ سان اهي خطرو بڻجي ويندا. دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪو فرقو مذهب جي بنياد تي، پنهنجي لاءِ الڳ وجود جو مطالبو نٿو ڪري سگهي. پر ڇا اسان ٻوليءَ جي بنياد تي جدا جدا وجود جو اقرار نه ڪيو آهي، ۽ ٻوليءَ جي بنياد تي نئين سر ملڪ جي تنظيم نه ڪئي آهي؟! ڇا منڊل (پرڳڻي) اصول تحت ذات جي بنياد تي سڃاڻپ کي سياسي جواز نه ڏنو ويو آهي. پوءِ معزز جج ڇو استثنائي طور تي فقط مذهبي گروهن کي الڳ سڃاڻپ جو حق ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن. اها هڪ غير منطقي روش آهي ۽ سماجي ۽ سياسي طور تي مڃيل حقيقتن جي خلاف آهي. ڇا هي سڃاڻپ فقط هڪ جج جي اعلان سان ختم ٿي ويندي.
    (انڊين ايڪسپريس- 6 جولاءِ 1995ع)
    There is absolutely no logical connection between uniformity and reform. The case against the former is as it is for the latter. Nor is uniform law imperative, as the judges argue, for the promotion of national unity and solidarity. There are a number of 66 entries in the State List and ٤٧ in the concurrent List of the constitution on which States are empowered to make laws without any obligation to conform to uniformity. If diversity of laws, based on geographical and cultural Diversities of the States, has not threatened the unity of the country, would it be threatened only if the diversities are of non-territorial form as are religious communities?
    Justice Kuldip Singh has proclaimed that no community could claim to remain a separate entity on the basis of religion. Have not we conceded separate entities based on languages and recognized the country on a linguistic basis? Have not caste-based identities been recognized in the Mandal Principle and all identities, cultural, tribal caste and religious acquired political legitimacy? Why does the honorable judge single out the claim of a religious community for a distinct identity? It defies logic and socially and politically the accepted reality. Can this identity disappear by a mere pronouncement of a judge?

    گرو گولوالڪر جا خيال
    آر ـ ايس ـ ايس جي اڳوڻي سرسنچالڪ گرو گولوالڪر 20 آگسٽ 1972ع ۾ دهليءَ جي دين ديال ريسرچ انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقرير ڪندي هن چيو، ته قومي ٻڌيءَ لاءِ هڪ جهڙو سول ڪوڊ ڪا ضروري شيءِ نه آهي. سندس اها تقرير مدر لينڊ (21 آگسٽ 1972ع) ۾ ڇپي هئي. ان کان پوءِ هفتيوار آرگنائيزر (29 آگسٽ 1972ع) ۾ ان موضوع تي سندس هڪ انٽرويو ڇپيو. اها رپورٽ انگريزيءَ ۾ ايندڙ صفحن ۾ ڏئي رهيو آهيان، جيڪو ڪجهه هن چيو، ان جو تت هي آهي:
    مان نٿو سمجهان ته قوميت جو احساس پيدا ڪرڻ جي لاءِ اسان کي هڪ جهڙي سول ڪوڊ جي ڪا ضرورت آهي. ان قسم جي قانوني هڪ جهڙائيءَ جو قومي ٻڌي سان ڪو تعلق ناهي. انڊيا هميشه تنوع (قِسم قِسم) جو ملڪ رهيو آهي. ان جي باوجود ڊگهي عرصي کان اسان هڪ طاقتور ۽ متحد قوم بڻيا رهيا سون. ٻڌيءَ جي لاءِ اسان کي هم آهنگيءَ جي ضرورت آهي، نڪي هڪجهڙائيءَ جي، منهنجو خيال هيءُ آهي ته فطرت گهڻي هڪ جهڙائي کي پسند نه ڪندي آهي. اسان وٽ زندگيءَ جو هڪ ڊگهو تجربو آهي ۽ اسان جو تجربو هيءُ آهي ته تنوع ۽ ٻڌي، ٻئي گڏ رهي سگهن ٿا. اهو صحيح آهي ته هندستان جي آئين ۾ هڪ شق هڪجهڙي سول ڪوڊ جي حق ۾ موجود آهي. پر هڪ شيءِ فقط انهيءَ ڪري پسنديده نٿي ٿي سگهي، جو اها آئين ۾ لکيل آهي. بهرحال اسان جو آئين ڪجهه ٻاهرين آئينن جو چرٻو ۽ نقل آهي. ان کي هندستاني تجربن جي روشنيءَ ۾ ٺاهيو ويو آهي.
    چيو وڃي ٿو ته مسلمان هڪجهڙي سول ڪوڊ جا مخالف آهن، ڇو جو اهي پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم رکڻ چاهين ٿا. پر ڪو به طبقو يا فرقو پنهنجي جدا سڃاڻپ چاهيندو هجي. ان سان منهنجو ڪو جهيڙو نه آهي. جيستائين اها سڃاڻپ وطني جذبن کي گهٽائڻ واري نه هجي. اصل مسئلو هيءُ آهي ته هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڀائپيءَ وارا جذبا هجن. منهنجي خيال ۾ مسلمان پنهنجي طريقي سان زندگيءَ گذارڻ جو پورو حق رکن ٿا. البت کين ملڪ سان ۽ ان جي ثقافت سان محبت ڪرڻ گهرجي. هندن جي لاءِ هڪجهڙو سول ڪوڊ ٺاهڻ غيرضروري آهي. آخر هزارين سالن کان هندو ان قسم جي فرق جي باوجود گڏجي سڏجي رهي رهيا آهن.
    ڪنهن کي اها ڳالهه فلسفو لڳي سگهي ٿي. پر مان سمجهان ٿو ته هڪجهڙائي قومن جي لاءِ موت جي نشاني آهي. فطرت يڪسانيت کي پسند ناهي ڪندي. منهنجي خيال ۾ زندگي گذارڻ جي هر طريقي جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. البت انهن سڀني تنوعات (اختلافن) کي قومي ٻڌيءَ ۾ مدد هجڻ گهرجي.

    Golwalkar on Uniform Civil Law

    On August 20, 1972, Shri Guruji, sarsanghachalak, RSS, inaugurated the Deendayal Research Institute in Delhi. On this occasion he said that a uniform civil code was not necessary for national unity. The Motherland of New Delhi carried the following report on august 21, 1970.
    New Delhi, August 20- Shri M.S, Golwalkar. Sarsanghachalak of Rashtriya swayamsevak Sangh. Said here today that the present-day Indian politician lacked original thinking on the problems of Indian society.
    Shri Guruji was speaking at the inauguration of the deendayal Research Institute and the celebration of Sri Aurobindo Centenary by the Institute. Shri R.R Diwakar, President, Gandhi Peace Foundation, presided. A huge elite audience attends the function in front of the institute building on Rani Jhansi Road, Jhandwala.
    Citing the example of politicians` efforts to solve problems without thinking, he referred to the question of uniform civil code for all in the country, and said that such uniformity was not necessary in itself; Indian culture permitted diversity in unity. ‘The important thing is to infuse a spirit of intcnse patriotism and brotherhood among all citizens, Hindu and non-Hindu, and make them love this motherland according to their own religion.
    In a special interview with organizer, Shri Guruji reiterated his above view. Here is the substance of the conversation, as published in that paper`s issue of August 26, 1972:
    Q. you don`t think that a uniform civil code is necessary for promoting the feeling of Nationalism?
    A. I don`t This might surprise you or many others. But this is my opinion. I must speak the truth as I see it.
    Q. Don`t you think that uniformity within the nation would promote national unity?
    A. Not necessarily. India has always had infinite variety. And yet, for long stretches of time, we were very strong and united nation. For unity, we need harmony, not uniformity.
    Q. In the west the rise of nationalism has coincided with uniformity of laws and forging of other uniformities.
    A. Don`t forget that Europe is very young continent with a very young civilization. It did not exist yesterday and it may not be there tomorrow. My feeling is that nature abhors excessive uniformity. It is too early to say what these uniformities will do to western civilization in times to come. Apart from the here and he now, we must look back into the distant past and also look forward to the remote future. Many actions have long delayed and indirect consequences. We in this country have millennia of experience. We have a tested way of life. And our experience is that variety and unity can, and do, go together.
    Q. A Directive principle of State policy on our constitution says that the state would strive for a uniform civil code.
    A. That is all right. Not that I have any objection to a uniform civil code, but a thing does not become desirable just because it is in a constitution. In any case our constitution is a hotch-potch of some foreign constitution. It has not been conceived and drafted in the light of Indian experience.
    Q. Don`t you think that Muslim are opposing a uniform civil code only because they want to maintain their separate identity?
    A. I have no quarrel with any class. Community or sect wanting to maintain its identity, so long as that identity does not detract from its patriotic feeling. I have a feeling that some people want a uniform civil code because they think that the Muslim population. I am afraid this is a negative approach to the problem.
    The real trouble is that there is no feeling of brotherliness between Hindus and Muslims. Even the secularists treat the Muslims as a thing apart. Of course their method is to flatter them for their bloc votes. Other also look upon them as a thing apart. But they would like to flatten out the Muslims by removing their separate identity. Basically there is no difference between the flatterers and the flatteners. They both look upon Muslims as separate and incompatible.
    My approach is entirely different. The Muslim is welcome to his way of life so long as he loves this country and its culture. I must say the politicians are responsible for spoiling the Muslims. It was the congress which revived the Muslim league in Kerala and thus caused the increase of Muslims communalism throughout the country.
    Q. If we carry this argument backwards, even the codification of the Hindu law would be considered unnecessary and undesirable?
    A. I certainly consider the codification of Hindus law as altogether unnecessary for national unity and national integration. Throughout the ages we had countless codes-and we were not any the worse for them. Till recently Kerala had the matriarchal system. What was wrong with that? All law-givers, ancient and modern, are agreed the custom does, and must, prevail over the law.
    “Custom is more effective than shastras’’, say the shastras. And custom is the local of group code. All societies recognize the validity of the local custom code.
    Q. If a uniform civil law is not necessary, why is a uniform criminal law necessary?
    A. There is a difference between the two. The civil law concerns mainly the individual and his family. The criminal law deals with the law and order and thousand other things. It concerns not only the individual but also the society at large.
    Q. would it really be correct to allow our Muslim sisters to remain in purdah and be subjected to polygamy?
    A. If your objection to Muslim practices is on Humanitarian grounds, then that becomes a valid objection. A reformist`s attitude in these matters is alright. But a mechanical leveler`s attitude would not be correct. Let the Muslims evolve their old laws. I will be happy when they arrive at the conclusion that polygamy is not good for them, but I would not like to force my view on them.
    Q. This seems to be a deep philosophical question?
    A. It very much is. I think uniformity is the death-knell of nations. Nature abhors uniformity. I am all for the protection of various ways of life. However, all this variety must supplement the unity of the nation and not range itself against it.
    (Reproduced from Manthan Monthly, New Delhi, July 1986)

    فطرت جو نظام
    هيءُ فطرت جو قانون آهي. اوهان ڪنهن باغ ۾ هجو ته اتان جي هر ٻوٽي ۽ هر وڻ جو انداز الڳ ۽ جدارو هوندو. هر وڻ جو گل ۽ پن مختلف رنگن وارو ۽ انوکو هوندو. سمورو باغ رنگن ۽ منظرن جو هڪ مجموعو ۽ ميڙ نظر ايندو. ايتري قدر جو جهرڪيون به جدا جدا آوازن ۾ پنهنجون ٻوليون ٻولي رهيون هونديون. اهي اهو چئي رهيون هونديون، ته خالق کي اهڙو باغ پسند آهي، جتي ڪوئل جي ڪوڪ به هجي، ته بلبل جون لاتيون به ڪا، جهرڪي ڪهڙي ٻولي ته ڪا وري ڪهڙي هرڪا جهرڪي ڪنهن ٻئي انداز سان فضا ۾ پنهنجا گيت وکيري. هر شيءِ تنوع جو هڪ نئون نمونو هجي.
    اهو تنوع هن ڪائنات جي هر شيءِ ۾ ملي ٿو. ۽ اهڙيءَ ريت انسان ۾ حياتات ۽ نفسيات جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هر انسان ٻئي انسان کان مڪمل طور تي انوکو ۽ مختلف آهي. نه فقط آڱوٺي جا نشان، بلڪه هر ماڻهوءَ جا سيل (Cell) ٻئي ماڻهوءَ جي Cell کان الڳ هوندا آهن. هڪ ماڻهوءَ جي اک، ٻئي ماڻهوءَ جي اک سان ناهي ملندي. هي اختلاف ۽ تنوع فقط ظاهري حسن جي لاءِ ناهي. انهيءَ منجهه هڪ زبردست حڪمت ۽ دانائي لڪل آهي.
    اصل حقيقت هيءَ آهي ته انساني سوچن جي قسمين قسمين ۽ مختلف هجڻ ۾ ئي انسان ذات جي ترقي سمايل آهي. ڇاڪاڻ ته مختلف سوچن ۽ خيالن جي انهيءَ اختلاف جي ڪري ئي نيون نيون ايجادون ٿين ٿيون. انهيءَ ڪري ئي مختلف سوچن جي وچ ۾ ٽڪراءُ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو اڳتي هلي آخر ۾ ”فڪري ارتقا“ جو سبب بڻجي ٿو، سوچ يا فڪر جي انهيءَ اختلاف جي ڪري ئي، مختلف چئلينج آڏو اچن ٿا. ڪنهن ڪچهريءَ ۾ سڀني شامل ٿيندڙن جي راءِ هڪ هجي ته ان سان ڪو نئون خيال ظاهر نه ٿيندو. ڪنهن صنعتي نظام ۾ جيڪڏهن سڀئي انجنيئر هڪ ئي سانچي ۾ پلٽيل هجن ته اهي ڪنهن نئين ٽيڪنالاجي تي نٿا پهچي سگهن. ڪنهن سماج ۾ جيڪڏهن سڀ دانشور ساڳئي ذوق ۽ شوق جا مالڪ هجن، ته اهي ڪو تخليقي ادب نٿا تخليق ڪري سگهن. ڪنهن ملڪ جا سڀئي سياستدان، جيڪڏهن هڪ ئي سانچي مان تيار ٿي نڪتا هجن، ته اهي ڪو سياسي ڪارنامو سرانجام نٿا ڏئي سگهن.
    تنوع ۽ اختلاف هن دنيا جو عام قانون آهي. اهو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پاڻ پنهنجي زور تي جاري ۽ ساري آهي. ڪو انسان ان کي تبديل ڪرڻ جي سگهه نٿو رکي. ايتري قدر جو ڪو طاقت جي زور تي ان انتظام کي بدلائيندو، ته فطرت جو طوفان ان هٿرادو نظام کي ڀڃي ڀورا ڪري، ٻيهر ان کي تنوع جي اصول تي قائم ڪري ڇڏيندو.

    عمل جي قابل ناهي
    حقيقت اها آهي ته هڪجهڙي سول ڪوڊ جو خواب عمل جي قابل نه آهي. ان جو داخلي ثبوت خود هندستان جي آئين جي اندر موجود آهي. ان جو هڪ مثال اهو آهي، جيڪو آئين جي شق 44 ۽ 271 اي جي ڀيٽ ڪرڻ ذريعي آڏو اچي ٿي.
    جيئن ته معلوم آهي ته آئين جي شق 44 ۾ مقرر ڪيو ويو آهي ته ملڪ جي سڀني رهندڙن لاءِ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ جهل پل جي هڪ ئي يونيفارم سول ڪوڊ بڻايو ويو. پر انهيءَ آئين جي ترميمي شق 371- اي چوي ٿي ته ناگا لينڊ ۾ ناگائن جي وچ ۾ جيڪي سماجي ۽ مذهبي قاعدا رائج آهن ۽ انهن وٽ جيڪي مختلف روايتي قانون آهن. انهن جي باري ۾ پارليامينٽ ڪوئي قانون نه ٺاهيندي. رياست ناگالينڊ ۾ اهي بدستور نفاذ جي قابل رهندا. ان کان سواءِ هي ته ناگا لينڊ جي اسيمبلي انهن جي باري ۾ هڪ تجويز جي ذريعي ائين طئي ڪري.
    No Act of Parliament in respect of (Naga Customary laws) shall apply to State of Nagaland unless the Legislative Assembly of Nagaland by a resolution so decides (371-A)
    ظاهر آهي ته انهن ٻنهي شقن ۾ اختلاف آهي. اهو اختلاف انهيءَ ڪري آهي جو اسان جي آئين ٺاهيندڙن پاڻ ئي شڪ ۽ گمان جي بنياد تي، مڪمل آئين ٺاهڻ جي لاءِ فقط خيال ۽ تصور جي زور تي ان ۾ مختلف شيون گڏ ڪري ڇڏيون، جيڪي حقيقت جي بنياد تي ڪڏهن به گڏ رهڻ واريون نه هيون. غالباً انهيءَ لاءِ آئين ساز اسيمبليءَ جي هڪ سينيئر ميمبر سر الادي ڪرشنا سوامي آئر آئين ساز اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو هو، ته مستقبل جو قانون ساز ادارو، ٿي سگهي ٿو ته يونيفارم سول ڪوڊ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ اهو به ممڪن آهي ته اهو بنهه ان جي ڪوشش ئي نه ڪري.
    The future Legislatures may attempt a uniform civil code or they may not. (Sir Alladi Krishnaswami Aayyar)

    قانون جو محدود هجڻ
    قانون ڪا مٿانهين شيءِ نه آهي. ٻين سڀني انساني شين جيان قانون به هڪ محدود شيءِ آهي. هڪ حد کان پوءِ انساني سماج تي ان جي پڪڙ ختم ٿي وڃي ٿي.
    1975ع ۾ الهه آباد هاءِ ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو، جنهن ۾ اندرا گانڌيءَ جي چونڊ کي نه فقط روڪيو ويو هو پر اندرا گانڌيءَ کي ڇهن سالن تائين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ نا اهل قرار ڏئي ڇڏيو هو. پر ان کان پوءِ ڇا ٿيو، اندرا گانڌي ايمرجنسي جو اعلان ڪري اڃا وڌيڪ طاقت سان دهليءَ جي حڪومت تي قبضو ڪري ورتو.
    1986ع ۾ يو پي جي هڪ عدالت پنهنجي فيصلي تحت بابري مسجد جو بند دروازو کولرايو، ته جيئن هندو آسانيءَ سان ان جي اندر پوڄا جون رسمون ادا ڪري سگهن. ظاهر ۾ ته ان جو مقصد هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ من پسند ۽ سٺو تعلق قائم ڪرڻ هو، پر ان جو عملي نتيجو اهو نڪتو جو، ان کان پوءِ اهڙو طوفان اٿي کڙو ٿيو، جو هندو مسلمان لاڳاپا تمام گهڻو خراب ٿي ويا ۽ هندستان سياسي ۽ اقتصادي تباهي جي ڪناري پهتو.
    شاهه بانو ڪيس ۾ 1985ع م سپريم ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو. ظاهر ۾ ته انهيءَ جو مقصد عورتن سان انصاف ڪرڻ هو، پر عملي نتيجو اهو نڪتو جو راجيو گانڌي گورنمينٽ هڪ قانون ٺاهي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي کي منسوخ ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڀارتيه جنتا پارٽيءَ ان معاملي کي ڀرپور نموني سان پنهنجي سياسي فائدي ۾ استعمال ڪيو. ايتري قدر جو هندستاني پارليامينٽ ۾ ان جي ميمبرن جو تعداد ٻن کان وڌي 119 تائين پهچي ويو ۽ ڪيترين رياستن (صوبن) ۾ ان جي حڪومت قائم ٿي وئي.
    قانون جو محدود هجڻ انهيءَ مان به ثابت آهي، ته هندو ڪوڊ بل1955ع ۾ جيتوڻيڪ ڪنهن هندوءَ جي لاءِ فقط هڪ ئي نڪاح ڪرڻ جي اجازت رکي وئي آهي، پر 1961ع جي آدم شماريءَ جي رپورٽ جي مطابق، هندن ۾ هڪ کان وڌيڪ زالن رکڻ جي شرح مسلمانن کان وڌيڪ آهي.
    According to the Indian census report of 1961, the percentage of Hindus having more than one wife was more than that of the Muslims.
    انگريزن هندستان ۾ پنهنجي ٻن سؤ سالن جي حڪومت ۾ فقط 500 قانون ٺاهيا، اسان جي اڳواڻن کي ملڪ ۾ 1947ع ۾ اقتدار مليو، ته انهن 45 سالن جي عرصي ۾ پنجن هزارن کان وڌيڪ قانون ٺاهيا. پر اصلاحي قانونن جي گهڻائي فقط ابتو نتيجو ڏيڻ واري (Counter Productive) ثابت ٿي. ان کان پوءِ ملڪ ۾ جهيڙا جهڳڙا تمام گهڻا وڌي ويا.ڪرپشن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو. انصاف حاصل ڪرڻ نهايت ڏکيو ڪم بڻجي ويو. عورتن جي حالت هميشه جي لاءِ خراب ٿي وئي. اهي حالتون سماج سڌارڻ جي لاءِ نئين تدبير ڳولڻ جي گهر ڪن ٿيون، نڪي قانون ۾ وڌيڪ اضافي ڪرڻ جي.

    مذهب مٽائڻ جو مسئلو
    سپريم ڪورٽ جي ڊويزن بينچ جي آڏو جيڪا پٽيشن هئي. ان جو سڌوسنئون تعلق ڪنهن يونيفارم سول ڪوڊ سان نه هو. اها پٽيشن حقيقت ۾ چئن هندو عورتن جي پاران عورتن جي هڪ تنظيم ڪلياني (Kalyani) داخل ڪرائي هئي. ان تنظيم جي صدر شريمتي سرلا مد گل هئي. انهن چئن هندو عورتن چيو هو، ته اسان جي مڙسن اسلام قبول ڪري، ٻيو نڪاح ڪيو آهي. جڏهن ته انهن اسان کي طلاق ناهي ڏني. انهن جي اسلام قبول ڪرڻ، جو مقصد، فقط اهو هو، ته اهي اسلام جي نڪاح واري قانون مان فائدو وٺي پنهنجي لاءِ ٻي زال حاصل ڪري سگهن، انهيءَ ڪري عدالت انهن جي ٻئي نڪاح کي منسوخ ڪري ۽ اسان جي مدد ڪري.
    عدالت ڄاڻايل پٽيشن کي منظور ڪندي، چئني هندن جي ٻئي نڪاح کي رد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کي سندن پهرين زالن ڏانهن واپس موٽايو ويو. اهو فيصلو ڏيندي جسٽس ڪلديپ سنگهه لکي ٿو:
    جيستائين اسان اصل منزل تائين نه پهچون، يعني هندستان جي سڀني شهرين جي لاءِ يونيفارم سول ڪوڊ، ان وقت تائين هتي هندو مڙسن جي لاءِ هڪ کليل محرڪ (Inducement) ئي باقي رهندو. جيڪو ٻي شادي ڪرڻ چاهيندو هجي. جڏهن ته سندس پهرين گهرواري اڃا موجود هجي. اهڙو هندو پنهنجي مسلم هجڻ جو اعلان ڪرڻ بعد ٻي شادي ڪندو. جيئن ته هندن جي لاءِ هڪ زال جو قانون آهي ۽ مسلم قانون چئن شادين ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو. ڪو ڏنگي چال وارو هندو مڙس ائين ڪري سگهي ٿو جو اهو اسلام قبول ڪري، ته جيئن هندو قانون جي ضابطن کان بچي سگهي ۽ ٻي شاديءَ جي باوجود فوجداري قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي. (صفحو ـ 5)
    ان نقط ـ نظر جي حمايت ڪندي، دي هندستان ٽائيمس 21 جون 1995ع ۾ خطن جي ڪالم ۾ مسٽر چمن لال ورما لکيو هو، ته هڪجهڙي سول ڪوڊ جي ضرورت انهيءَ لاءِ آهي جو، انهن ماڻهن کي مذهب جي غلط استعمال کان روڪي سگهجي، جيڪو هڪ قانون جي شقن کان بچڻ لاءِ ٻئي قانون جي شقن جو سهارو وٺندا آهن.
    A uniform civil code is required to prevent the misuse of religion to evade the provision of one law to take advantage of those of another
    نئون قانون ٺاهڻ، ڪنهن به درجي ۾ ، اڳين قانون جي غلط استعمال جي خلاف ناهي. قانون جي غلط استعمال جو موقعو هر حال ۾ موجود رهندو آهي. ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ بيشمار قانون ۽ ضابطا ٺهيل آهن، ان جي باوجود ٽيڪس چوريءَ جو سلسلو اونچي سطح تي جاري آهي. وري جڏهن ڪنهن به قانون ۾ انهن جي غلط استعمال کي روڪڻ ممڪن نه ٿي سگهيو ته سول ڪوڊ ۾ اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو.
    ٻي ڳالهه هيءَ ته يونيفارم سول قانون کي لاڳو ڪرڻ کان سواءِ جيڪڏهن اهڙن هندن جي لاءِ ڪا قانوني چڪاس نه آهي ته سپريم ڪورٽ جي فاضل جج صاحب کي هندن جي لاءِ اهو ڪيئن ممڪن ٿيو ته اهي اهڙن غلط هندن جي لاءِ سزا جو فيصلو ٻڌائين ۽ انهن جي ٻئي نڪاح کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏين.
    سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ڏسڻ کان پوءِ خبر پوي ٿي ته جج صاحبن پنهنجو مقصد انڊين پينل ڪوڊ جي شق 494 جي وسيلي حاصل ڪيو. ڄڻ عدالت جي خود پنهنجي مثال مان هي ثابت ٿئي ٿو، ته هتي عملي طور اهڙا اڻ وڻندڙ قانون موجود آهن ۽ اڍنگي روش اختيار ڪندڙ هندن جي لاءِ هتي ڪوئي بي قيد محرڪ موجود نٿو ملي. ايتريقدر جو موجوده قانونن جي تحت به نه. پوءِ اهڙن اڍنگن ماڻهن جي اڍنگي روش اختيار ڪرڻ کي روڪڻ جي لاءِ ڪنهن نئين سول قانون جي ڪهڙي ضرورت:
    The Court’s own ruling shows that no such inducement is available to an “errant Hindu” even under existin law. You do not need a civil code to deter him

    شق 44 ختم ڪرڻ جي لائق
    مٿي مون جيڪو تجزيو ڪيو آهي ۽ جيڪي دليل گڏ ڪيا آهن. ان کان پوءِ اها ڳالهه ٻه ۽ ٻه چار جيان ثابت ٿي وڃي ٿي، ته هندستان جي آئين جي شق 44 جي ڪا به قانوني، اخلاقي يا سماجي باطل پڻو ناهي. اهو ڪجهه دماغن جو هڪ فرضي قياس ۽ خيال هو. هاڻي ان جو واحد انجام اهو هجڻ گهرجي، ته آئين مان ان کي ختم ڪيو وڃي. ٺيڪ اهڙيءَ ريت، جهڙي ريت جسم مان واڌو آنڊي جو آپريشن ڪري، ان کي ڪڍيو ويندو آهي.
    ان قسم جو آئيني آپريشن ڪا نئين شيءِ نه آهي. هندستان جي آئين ۾ڪيترائي اهڙا واڌارا (ضميما) ختم ڪيا ويا آهن. مثال طور: ابتدائي آئين ۾ انفرادي ملڪيت کي مڪمل طور تي محترم قرار ڏنو ويو هو ۽ حڪومت کي آئيني طور تي اهو حق حاصل نه هو، ته اها ڪنهن جي جائز ملڪيت کي ان کان کسي سگهي. پر 1955ع ۾ آئين ۾ چوٿون ترميمي ايڪٽ (The constitution (fourth Amendment) act 1955) منظور ڪيو ويو. جنهن ڪري رياست کي اهو حق حاصل ٿي ويو، ته اها ڪنهن به شخص جي خانگي/ ذاتي ملڪيت کي زبردستيءَ سان پنهنجي قبضي ۾ وٺي. ان ايڪٽ جي حساب سان ملڪيت جي مالڪ کي ان حق کان به محروم ڪيو ويو، ته سرڪاري اجورو جيڪڏهن ان کي مارڪيٽ جي شرح کان گهٽ سمجهه ۾ اچي ته هو عدالت ۾ سندس خلاف دعويٰ داخل ڪري سگهي.
    اهڙيءَ ريت ابتدائي آئين ۾ اڳواڻن ۽ راجائن کي فقط خاص (Privy Purses) جو حق ڏنو ويو هو. پر 1971ع ۾ آئين ۾ 26 هين ترميم ڪئي وئي. جنهن مطابق ان شق کي ختم ڪيو ويو ۽ فقط خاص جي سلسلي ۾ کين ڏنل سڀني آئيني حقن کي ساقطه ڪيو ويو وغيره.
    انهن ڳالهين جي روشنيءَ ۾ اها ڳالهه ڪنهن به درجي ۾ انوکي نه آهي ته هڪ ٻي ترميم جي ذريعي هندستان جي آئين جي شق 44 کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي، ان سان ڪو به نقصان نه ٿيندو. البت اسان جو آئين هڪ اهڙي ٻوجهه کان آزاد ٿي ويندو، جيڪو غير ضروري طور تي ان جي مٿان رکيو ويو آهي.

    گڏيل ثقافتي قوم يا گهڻ ثقافتي قوم
    هندستان ۾ گذريل هڪ سو سالن کان ٻه مختلف سياسي گروپ موجود آهن ۽ اڄ به اهي ٻن جدا جدا نالن سان موجود آهن، هڪ اهو جيڪو سيڪيولر آئيڊيالاجي تي ملڪ جي اڏاوت ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ٻيو اهو آهي، جيڪو هندو آئيڊيالاجي تي هندستاني سماج کي اڏڻ چاهي ٿو. ٻنهي جا نظريا هڪ ٻئي کان مختلف آهن، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته ٻئي ان ڳالهه تي متفق آهن، ته هندستان ۾ سڀني ماڻهن جي لاءِ هڪجهڙو سول ڪوڊ ٺاهڻ گهرجي.
    پر جيڪڏهن اڻ ڌرئي انداز سان ڏٺو وڃي ته اهو يونيفارم سول ڪوڊ ٻنهي جي نظرين جي ابتڙ آهي. جيڪڏهن اهي پنهنجي نظرين ۾ مخلص آهن، ته کين انهيءَ قسم جي تصور جي هرگز پٺڀرائي نه ڪرڻ گهرجي.
    سيڪيولر جو مطلب آهي. مذهب جي معاملي ۾ رياست جو اندروني معاملن ۾ دخل نه ڏيڻ (non-interference) جي پاليسي جو اختيار ڪرڻ. ماڻهن کي پنهنجي عقيدي، ۽ مذهب جي آزادي ڏيندي، فقط گڏيل دنيوي معاملن جو انتظام ڪرڻ. اهو ئي عالمي سطح تي سيڪيولر جو متفق مفهوم آهي ۽ انهيءَ مفهوم جي مطابق هندستان جي آئين جي جوڙجڪ ڪئي وئي آهي.
    ڪجهه ماڻهو سيڪيولر جي تشريح هن ريت ڪندا آهن، ڄڻ ته اهو خود هڪ مذهب آهي ۽ سڀني رائج مذهبن کي ختم ڪري، ذاتي معاملن کان وٺي گڏيل معاملن تائين زندگيءَ جي سڀني رخن کي پنهنجي دائري ۾ وٺڻ چاهي ٿو.
    پر اها انتها پسندي آهي. ان قسم جا انتها پسند ماڻهو هر مذهب ۽ هر نظام ۾ موجود آهن. ان ڪري خود اسلام ۾ اهڙا انتها پسند ماڻهو موجود آهن، جيڪي اسلام جي اهڙي تشريح ڪندا آهن، جنهن ۾ اسلام، سياست ۽ جنگ جو مذهب بڻجي وڃي ٿو. پر اهو وڌاءُ ۽ تشدد آهي، اها اسلام جي صحيح نمائندگي ۽ ٺيڪ تشريح ناهي.
    اها هڪ حقيقت آهي ته سيڪيولرزم ۽ يونيفارم سول ڪوڊ هڪٻئي جي ابتڙ آهن. هندستان جو سيڪيولر گروپ جيڪڏهن واقعي ئي سيڪيولر گروپ آهي، ته ان کي يونيفارم سول ڪوڊ جي ڳالهه نه ڪرڻ گهرجي. ڇو جو انفرادي دائري ۾ مذهبي آزادي سيڪيولرزم جوبنيادي اصول آهي.
    ٻيو گروهه اهو آهي، جيڪو هندو آئيڊيالاجي جي بنياد تي اڀرڻ چاهي ٿو. ان گروهه کي ڄاڻڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهو هندو آئيڊيالاجي ۾ عقيدو ۽ يقين رکي ٿو، ته اهو خود سندس عقيدي ۽ يقين جي ابتڙ هوندو ته اهو هر طبقي ۽ فرقي کي هڪ ئي سول ڪوڊ جي تحت آڻڻ جي ڪوشش ڪري.
    هندو آئيڊيالاجي جو بنيادي اصول سرو ڌرم سمڀاوا آهي. يعني سڀ ڌرم سچا آهن. هندو ازم جي بنياد صفت هيءَ آهي ته اهو ڪثرت ۾ وحدت (Unity in diversity) کي مڃي ٿو. هن وٽ حقيقت جا ظاهري نمونا مختلف هوندا آهن، پر اندروني حقيقت هڪ هوندي آهي. يعني هندو ازم جو عقيدو آهي.

    گهڻائيءَ ۾ هيڪڙائي ڏسڻ.
    سول ڪوڊ يا ڪنهن به ڪوڊ جو واسطو ظاهري نموني سان آهي نڪي اندورني جذبي سان. اهڙيءَ حالت ۾ هي هندو نقطهء نظر جي ابتڙ هوندو ته مختلف ٽولن جي پرسنل لا کي ختم ڪري، سڀني جي لاءِ فقط هڪ ڪوڊ جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    دنيا جا سڀ ترقي يافته ملڪ (مثلاً: برطانيه، جرمني، فرانس وغيره) ۾ گهڻ ثقافتي قوم جو اصول رائج آهي. سنگاپور جهڙي ننڍي ملڪ کان وٺي آمريڪا جهڙي وڏي ملڪ تائين، هر هنڌ انهيءَ اصول کي اختيار ڪرڻ جي ڪري ترقي ڪري رهيا آهن. سوويت يونين غالباً اڪيلو ملڪ آهي، جتي گڏيل ثقافتي قوم بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان جي لاءِ هر قسم جي رياستي طاقت استعمال ڪئي وئي پر ثقافتي قوم ته نه بڻجي، البت خود سوويت يونين ٽٽي ختم ٿي ويو. دنيا جي تاريخ جا اهي تجربا اسان جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن.
    حقيقت هيءَ آهي ته ان معاملي ۾ يڪسانيت جو تعلق تاريخ سان آهي، نڪي قانون سان. جيڪڏهن سماج ۾ تاريخي عمل جي ذريعي هڪڙي ئي ثقافت اچي ته اتي به هڪڙو ئي قانون بڻجي ويندو، ان کان اڳ ائين ٿيڻ ممڪن ناهي.
    آباديءَ ۾ اضافي جو شو شو
    اڪثر سينيئر شهري ته شادي مراديءَ جو معاملو انتهائي ذاتي معاملو آهي. جيڪڏهن ڪا ڌر يا ڪميونٽي چاهي ٿي، ته ان جي ذاتي معاملي ۾ هوءَ پنهنجي روايتي طريقي تي قائم رهي، ته ان ۾ ٻي ڪميونٽي يا ڌر کي اعتراض ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ان پڌري بي عقلي ۽ ناسمجهيءَ جي باوجود ڪجهه انتها پسند هندو ۽ سياسي عنصر يونيفارم سول ڪوڊ آڻڻ جي لاءِ ڇو ايڏو گهڻو گوڙ ڪري رهيا آهن. ايتري قدر جو انهن اعلان ڪيو آهي ته ايندڙ لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ سندن اصل چونڊ اشو يونيفارم سول ڪوڊ جو مسئلو هوندو.
    (دي هندستان ٽائيمس 17 جولاءِ 1995)
    جڏهن ته يقيني طور تي اهي هي به ڄاڻن ٿا ته موجوده حالتن ۾ يونيفارم سول ڪوڊ جي بنياد تي قانون بڻائڻ جو عملي طور تي ڪو امڪان ناهي. ان جوش ۽ جذبي جو ڪارڻ خود يونيفارم سول ڪوڊ جو معاملو ناهي، بلڪه ان جي نالي تي سياسي فائدي حاصل ڪرڻ جو معاملو آهي. اهي عنصر هڪ رٿيل منصوبي هيٺ اها غلط پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، ته هندستان ۾ مسلمانن جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ ايندڙ صديءَ جي پهرين اڌ ۾ هي واقعو ٿيندو ته مسلمان هتي اڪثريت ۾ ٿي ويندا ۽ هندو خود پنهنجي ملڪ ۾ ٿورائيءَ (اقليت) ۾ اچي ويندا.
    ان بي بنياد پروپيگنڊا جي لاءِ انهن هڪ خوبصورت فريب ڏيندڙ نظريو گهڙيو آهي. اهي اڪثريتي فرقي جي عوام کي چون ٿا ته آزاديءَ کان پوءِ ٺهندڙ حڪومت هندو ميرج ايڪٽ 1955ع جي ذريعي هندن کي ته قانوني طوري تي پابند ڪري ڇڏيو آهي، ته اهي فقط هڪ زال کي رکي سگهن ٿا. پر مسلمانن جو جيڪو پرسنل لا ايڪٽ (1860ع) آهي، ان جي مطابق هر مسلمان کي اهو حق حاصل آهي، ته هو چار زالون رکي. هندوءَ جي مٿان پابندي لڳل آهي پر مسلمان جي مٿان ڪا به پابندي نه آهي. ان فرق جو نتيجو هي آهي جو هندن جي مقابلي ۾ مسلمان چئوڻا وڌيڪ ٻار پيدا ڪري سگهي ٿو. هن وقت ملڪ ۾ هندن جي آبادي جيڪڏهن 5 ـ 4 ـ 3 ـ 2 ـ 1 جي رفتار سان وڌندي ته مسلمانن جو تعداد 32 ـ 16 ـ 8 ـ 4 ـ 1 جي رفتار سان وڌندو ويندو. پنهنجي سياسي مخالف ۽ حريف جي اهڙي طرح ڀوائتي تصوير ڏيکاري ڪري، اهي ماڻهو هندن ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ ٺاهي رهيا آهن. اهي هندو عوام کي چئي رهيا آهن ته هن هندو وروڌي (دشمن) سرڪار جي خلاف ووٽ ڏئي ان کي ٻاهر ڪڍي اڇلايو.
    Throw out this anti-Hindus government.
    اها پروپئڳنڊا بنا شڪ شبهي جي بلڪل بي بنياد آهي. مسلمان عام طور ته هڪ ئي شادي ڪنداآهن. منهنجي عمر 73 سال ٿي وئي آهي. پر انهيءَ سڄي عرصي ۾ منهنجي ڄاڻ ۾ ڪو هڪ به هندستاني مسلمان ناهي آيو، جنهن چار شاديون ڪيون هجن. ايتري قدر جو ائين ڪرڻ ممڪن به ناهي. ڇو جو سڀ مسلمان چار شاديون ان وقت ڪري سگهن ٿا، جڏهن انهن وٽ موجوده مردن جي مقابلي ۾ عورتن جو تعداد چئوڻو هجي يا انهن وٽ ڪو اهڙو ڪارخانو هجي، جتي اهي گهڻيون عورتو پيدا ڪري سگهن. پر موجوده مسلم سماج ۾ نه ئي عورتون گهڻيون آهن، ۽ نه ئي مسلمانن وٽ ڪا عورت ٺاهيندڙ فيڪٽري موجود آهي. اهڙيءَ حالت ۾ انهن جي لاءِ ڪيئن ممڪن هوندو ته، انهن مان هر هڪ شخص چار چار زالون رکي.
    مسٽر بلراج پوريءَ جو اقتباس انهيءَ سلسلي ۾ نقل ڪرڻ جي قابل آهي:
    ”ان انديشي ۽ گمان جو پهريون مقدمو ته زالن جي تعداد جي حق ۾ قانوني شق ان کي عمل تائين به پهچائيندي، انگن اکرن يعني شمارياتي مطالعي سان اهو ثابت نٿو ٿئي. عورت جي حيثيت جي باري ۾ نيشنل ڪميشن جي رپورٽ مطابق زالن جو تعداد حقيقت ۾، ٻين فرقن جي مقابلي ۾ مسلمانن جي اندر گهٽ آهي. ان جو ٻيو مقدمو ته زالن جو تعداد مسلمانن جي آباديءَ کي تيزيءَ سان وڌائيندو. منطقي طور گمراهه ڪندڙ آهي. ٻار پيدا ڪرڻ جي قابل عورتن جو تعداد جيئن ته هميشه هڪڙو ئي رهندو. جيڪڏهن ڪجهه مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪندا ته، ڪيترن ئي مردن کي زالون ئي نه ملنديون. ڪنهن فرقي ۾ غير شادي شده مردن جو جهجهو تعداد، ڪنهن به ريت ان فرقي جي توليدي (نسل وڌائڻ جي) صلاحيت ۾ اضافو نه ڪندو آهي. واضح طور تي چار ماڻهو، چئن زالن سان وڌيڪ ٻار پيدا ڪندا، بنسبت ان جي ته هڪ ئي مرد کي چار زالون هجن. اهڙيءَ ريت زالن جي تعداد جو اهو طريقو آباديءَ کي اضافي جي رفتار کي گهٽائڻ وارو آهي، نڪي ان کي وڌائڻ وارو.“ (انڊين ايڪسپريس 6 جولاءِ 1995ع)
    لڳ ڀڳ اها ڳالهه يقيني آهي ته ذڪر ٿيل انتها پسند هندو، سياسي عنصر ايندڙ اليڪشن ۾ هندو ووٽرن کي چوندا ته ڏسو، آئين جي شق ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي باوجود مسلمان هڪجهڙو سول ڪوڊ بڻائڻ جي لاءِ راضي نٿا ٿين. اهڙو قانون ٺاهڻ جا مخالف ان ڪري آهن، جو ان کان پوءِ کين چئن شادين ڪرڻ جي اجازت نه هوندي ۽ اهڙيءَ ريت هو پنهنجي آبادي وڌائڻ ۽ هندن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي باري ۾ ان منصوبي کي مڪمل ڪري نه سگهندا. انهيءَ ڪري اسان کي ووٽ ڏئي، اقتدار تائين پهچايو، ته جيئن اسان ان خطري کي ٽاري سگهون. پر ان پروپيگنڊا جو بي بنياد هجڻ تي انهن جي لاءِ ڪافي آهي ته خدا جي جهان ۾ اهي ڪامياب نه ٿين. ملڪ جي سڀ کان وڏي اخبار ”ٽائيمس آف انڊيا“ هر ڏينهن پنهنجي پهرين صفحي تي فطرت جي هن قانون جو اعلان ڪندي آهي ته سچائي غالب ايندي آهي. (Let Truth Prevail)

    برابري نه، پر ايڊجسٽمينٽ
    1954ع ۾ هندستاني پارليامينٽ اسپيشل ميرج ايڪٽ منظور ڪيو هو. ان جي مطابق مرد ۽ عورت ڪنهن مذهبي رسم جي ادا ڪرڻ کان سواءِ مخصوص ڪورٽ ۾ ويندا آهن ۽ هڪ جج جي آڏو اقرار ڪري هڪ ٻئي جا قانوني طور تي زال مڙس بڻجي ويندا آهن. ڪامن سول ڪوڊ جيڪڏهن سيڪيولر اصول تي بڻايو وڃي ته موجوده اسپيشل ميرج ايڪٽ ان جي ئي هڪ توسيع هوندي. مون دهليءَ ۾ تحقيق ڪئي آهي ته هتي ڪيترا ماڻهو آهن، جنهن مٿين ايڪٽ جي تحت پنهنجي شادي ڪئي آهي. اهي ڳولا ۽ تحقيق کان سواءِ سادي نموني ڪورٽ ۾ ويا ۽ اتي پنهنجو نڪاح رجسٽر ڪرايو. پر ڪجهه سالن کان پوءِ ٻنهي جون شاديون ٽٽي ويون ۽ هاڻي زال مڙس ٻئي الڳ الڳ رهندا آهن. مون وڌيڪ تحقيق ڪئي، معلوم ٿيو ته ان جدائي جو سبب تڪرار وڌندي وڌندي مستقل جدائيءَ تائين وڃي پهتو.
    مساوات ۽ برابري، مرد ۽ عورت جو جديد نظريو ڪاغذ تي لکيل ڏاڍو سٺو ۽ سهڻو لڳندو آهي. پر زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي اهميت آهي، اها ايڊجسٽمينٽ (سمجهوتو) آهي، نڪي برابري. برابري ۽ هڪجهڙائيءَ جو تصور حقن گهرڻ جو مزاج ٺاهيندو آهي ۽ ايڊجسٽمينٽ جو تصور حقن جي ادائيگيءَ جو. اهوئي سبب آهي جو برابريءَ واري ذهن جي عورت ۽ مرد گهڻو ڪري وڙهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا آهن، ۽ گهٽ وڌ ذهن رکڻ وارا ڪامياب گهر جو بنياد رکندا آهن.
    مون جاپان جي باري ۾ هڪ ڪتاب پڙهيو. ان ۾ ٻڌايو ويو هو ته جاپاني عورت ۽ مرد جو مزاج هيءُ هوندو آهي ته، مان ڪنهن جي ما تحت آهيان (I am under someone). پنهنجي ان احساس جي ڪري جاپاني ماڻهو هميشه ٻي ڌر سان ايڊجسٽمينٽ ڪرڻ جي لاءِ تيار رهندو آهي. چون ٿا ته آمريڪي عورت سڀ کان وڌيڪ خراب زال آهي ۽ جاپاني عورت سڀ کان سٺي زال آهي، ان جو راز اهو آهي. آمريڪي عورت تي سڀ کان وڌيڪ جيڪو خيال ڇانيل هوندو آهي، اهو برابريءَ جو تصور آهي. ان جي ابتڙ جاپاني عورت برابريءَ ۽ اڻبرابريءَ جي بحث کان بلند ٿي، رڳو هيءَ سوچ هوندي اٿس ته مون کي موافقت جي اصول تي زندگي گذارڻي آهي. انهيءَ ڪري شادي شده زندگيءَ ۾ آمريڪي عورت ناڪام ليکجي ٿي ۽ جاپاني عورت ڪامياب. سٺو ڪٽنب بڻائڻ جي لاءِ اسان کي سڀ کان وڌيڪ ايڊجسٽمينٽ تي زور ڏيڻو آهي. نڪي مغربي سوچ مطابق برابري ۽ مساوات تي.

    هندو برادرين جو رواج
    خود هندن ۾ شادي مراديءَ جو ڪو هڪڙو مقرر طريقو نه آهي. هندن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ مختلف ٽولا آهن، ۽ هر ٽولو پنهنجي پنهنجي خانداني ۽ علائقائي رسمن ۽ رواجن جي مطابق شاديءَ جون رسمون ادا ڪندو آهي. مثال طور: ڪرڪيٽ جي مشهور رانديگر سچن ٽنڊولڪر 25 مئي 1995ع تي بمبئي ۾ مسز انجلي مهتا سان شادي ڪئي، ته اخباري رپورٽ جي مطابق سندس جي نڪاح جون رسمون مهاراشٽر جي روايتي انداز ۾ ادا ڪيون ويون. (پانير 26 مئي 1995ع)
    اڄ به تقريباً سڀئي هندو پنهنجون شاديون، پنهنجي مذهبي رواج مطابق ڪندا آهن. جيتوڻيڪ اسپيشل ميرج ايڪٽ 1954ع جي صورت ۾، انهن جي لاءِ هڪ عمومي قانون موجود آهي.
    Almost all Hindus still solemnize their marriages through religious customs although there is a civil way out through the Special Marriages Act of 1954.
    (The Hundustan Times, May 22, 1995)
    هيءَ ڪا اتفاقي ڳالهه نه آهي، هيءُ حقيقت ۾ اهو ئي آهي، جيڪو هئڻ گهرجي. شادي مراديءَ جو تعلق انتهائي ذاتي معاملو آهي. اهڙن معاملن ۾ هر فرقو پنهنجي خانداني يا گروهي رسم ۽ رواج جي مطابق ئي عمل ڪندو آهي. اهڙيءَ ريت جي معاملن ۾ ان کان سواِءِ ڪا ٻي صورت ممڪن نه آهي.
    اصل ضرورت: قومي ڪردار
    انڊيا کي هڪ متحد، امن وارو ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائڻ جي لاءِ اصل جنهن شيءِ جي ضرورت آهي، اهو آهي قومي ڪردار. ملڪ ۾ جيتريون به گهٽتايون يا جيڪو به بگاڙ نظر اچي ٿو. انهن سڀني جو اصل ڪارڻ فقط هڪ آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته آزاديءَ کان پوءِ ملڪ جي ماڻهن ۾ قومي ڪردار پيدا نه ٿي سگهيو.
    قومي سوچ، شخصي سوچ جو ضد آهي. ان جو مطلب هيءُ آهي ته ماڻهو ذاتي مفاد کي اهميت ڏيڻ جي بدران قومي مفاد کي اهميت ڏئي. جتي به ٻنهي مفادن ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته، اهو شخصي مفاد کي پوئتي اڇلائي ۽ قومي مفاد واري طريقي کي اختيار ڪري.
    ٻاهريون ڪو ملڪ پئسا ڏئي اوهان کي خريدڻ گهري ته، پنهنجي ملڪ جي محبت، اوهان کي وڪامجڻ کان روڪي وجهي. ٽيڪس نه ڏيڻ ۾ اوهان کي ذاتي فائدو ٿي رهيو هجي، ته به اوهان ٽيڪس ڏيو، ڇو جو ان سان قوم کي فائدو ٿيندو. ملاوٽ واريون شيون ڏيڻ ۽ هلائڻ ۾ اوهان جو ذاتي نفعو ڇو نه وڌندو هجي، پر اوهان ائين نه ڪريو. ڇو جو ائين ڪرڻ سان ملڪ جي ترقي بيهجي ويندي آهي. ذاتي شڪايت جي باوجود اوهان قومي ملڪيتن کي نقصان نه پهچايو ۽ اقتصادي ترقيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪريو.ڇو جو ان ۾ ملڪ جي تباهي آهي. اليڪشن ۾ اوهان هارائي وڃو ته دل سان پنهنجي شڪست کي مڃيو، ڇو جو هار نه مڃڻ جو نتيجو هيءُ نڪرندو جو، ملڪ جو سڄو سياسي نظام خراب ٿي ويندو آهي.
    جيڪڏهن اوهان ڪنهن ذميداري واري عهدي تي آهيو ته پنهنجي مالي فائدي جي لاءِ اسڪينڊل ۽ اسڪيم ۾ شامل نه ٿيو. ڇو جو ائين ڪرڻ سان ملڪ جو اقتصادي ڍانچو تباهه ٿي ويندو. جيڪڏهن اوهان کي هڪ ڀيرو حڪومت ملي ته اهو نه سوچيو ته مان ئي سدائين حڪومت جي گديءَ تي ويٺو رهان، ڇو ته ان قسم جي سياسي خود غرضي ملڪ جي جمهوري ڍانچي کي تباهيءَ ڏانهن وٺي ويندي آهي، جيڪڏهن اوهان اڳواڻ آهيو ته پنهنجي چونڊ اتحاد جي لاءِ هڪ گروهه جي اندر ، ٻئي گروهه جي خلاف، نفرت ۽ خوف وارا جذبا ۽ احساس پيدا نه ڪريو. ڇو جو ان سان اوهان جو ووٽ بينڪ ته ٺهندو، پر ملڪ جي بينڪ ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي ويندي وغيره وغيره....
    انهيءَ جو نالو سچي ديش ڀڳتي آهي، ۽ اها ئي ملڪ کي ترقي وٺرائڻ جي لاءِ نهايت ضروري آهي. پر اها ئي شيءِ اسان جي ملڪ ۾ موجود ناهي. ائين معلوم ٿو ٿئي ته سڀ ماڻهو ديش ڀڳت جي بدران خويش ڀڳت ٿي ويا آهن. هر هڪ پنهنجي فائدي خاطر، ملڪ جي فائدي کي وساري ويٺو آهي. انهي خويش ڀڳتي ملڪ جو بڇڙو حال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي شڪايت اڄ هر ماڻهو ڪري رهيو آهي.
    ديش ڀڳتي ڪامن سول ڪوڊ جهڙين ظاهري ڪارروائين سان ڪڏهن به نه ايندي، بلڪه ماڻهن جي سوچ کي تعميري رخ ڏيڻ سان ايندي. ان لاءِ اسان کي سڀني وسيلن کي ڪتب آڻيندي ماڻهن کي تعليم يافته پوندو. اسان کي تعميري شعور يا ذهني سجاڳي جي هڪ ڊگهي ۽ تمام وڏي مهم هلائڻي پوندي. اهو بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻانگو ڪم آهي پر اها به حقيقت آهي ته، ڪا به ٻي شيءِ ان جو مٽ ۽ ثاني ناهي.

    تعليم جي اهميت
    هندستان جي آئين جي رهنما اصولن جي تحت جيڪي شقون لکيل آهن، انهن مان ان جي هڪ شق 45 آهي. اها شق ٻڌائي ٿي ته رياست اها ڪوشش ڪندي، ته آئين جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ، ڏهن سالن جي عرصي ۾ اها سڀني ٻارن جي لاءِ مفت ۽ لازمي تعليم مهيا ڪري، ايتري تائين جو اهي چوڏهن سالن جي عمر کي پهچي وڃن.
    The state shall endeavour to provide, within a period of ten years from the commencement of this Constitution, for free and compulsory education for all children until the complete the age of fourteen years.
    بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي اهو چئي سگهجي ٿو، ته اها شق آئين جي رهنما اصولن هيٺ لکيل شقن ۾ سڀني کان وڌيڪ اهم آهي. پر اسان ڏسون ٿا ته ان جي اها ئي شق سڀ کان وڌيڪ غير اهم بڻيل آهي. سپريم ڪورٽ حڪومت کان پڇاڻو ڪري ته ڏهن سالن جي مقرر عرصي گذرڻ جي باوجود ان شق تي عمل ڇو نه ڪيو ويو.
    هندستان جي آئين جو نفاد 26 نومبر 1949ع تي ٿيو هو، ان جو مطلب هي آهي ته نومبر 1959ع ۾ ڏهن سالن جو اهو مقرر ٿيل عرصو پورو ٿي ويو. پر ملڪ جي سڀني نوجوانن کي تعليم يافته بڻائڻ جو نالو نشان ڪنهن به درجي ۾ حاصل ئي نه ٿي سگهيو.
    قومي تعمير جي لاءِ تعليم جي اهميت تمام گهڻي ۽ نهايت ضروري آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ڪامن سول ڪوڊ جو معاملو ڪو خاص اشو نه هجڻ جي حيثيت رکي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ اسان جو هڪ نڪاتي مسئلو فقط هي هجڻ گهرجي، ته اسان جي %100 سيڪڙو آباديءَ کي 100% سيڪڙو تعليم يافته بڻايون. ان کان سواءِ ڪنهن به شيءِ کي نشانو بڻايو ويندو ته، اهو شيءِ تان ڌيان هٽائڻ جي (Shift of emphasis) جي برابر هوندو ۽ اهڙي ريت توجهه اهم کان هٽائي غير اهم ڏانهن ڪرائڻ، هڪ قومي ڏوهه آهي. نڪي قومي خدمت.
    تعليم جو واسطو اصل ۾ سروس سان نه آهي، تعليم جي اصل اهميت هي آهي ته اها شعور جي تربيت ڪندي آهي. اها ماڻهوءَ کي صحيح سوچڻ وارو بڻائيندي آهي. سماج يا قوم ۾ جيترا به هاڪاري ۽ مفيد واقعا ٿيندا آهن، اهي سڀ انهن ماڻهن جي ڏات هجي ٿي، جيڪي صحيح فڪر وارا هوندا آهن.
    صحيح فڪر، ماڻهو جي اندر دورانديشي پيدا ڪندو آهي، اهو ماڻهوءَ کي ٻڌائيندو آهي، ته هو اختلافن سان ڪهڙي ريت منهن ڏئي. اهو ماڻهوءَ جي اندر اها سوچ ۽ سمجهه پيدا ڪندو آهي جو هو پنهنجي نقصان کي فائدي ۾ تبديل ڪري سگهي. ان سان ماڻهو، هڪ شيءِ ۽ ٻي شيءِ جي وچ واري فرق کي سمجهندي سگهندو آهي. اهو ظاهر مان گذري، اندروني (باطني) حقيقت کي ڳولي وٺندو آهي. صحيح فڪر سان صحيح عمل ظاهر ٿيندو آهي ۽ صحيح عمل ڪنهن فرد يا ٽولي کي ڪاميابيءَ جي منزل تائين پهچائيندو آهي.
    سماج ۾ اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو ماحول ٺاهڻ جي لاءِ، اصل ضرورت اها نه آهي ته ماڻهن جي شادي مراديءَ جو هڪڙو ئي طريقو هجي. بلڪه اصل ضرورت اها آهي ته ماڻهو صحيح فڪر ۽ سوچ وارا هجن. صحيح فڪر ڇا آهي؟! ان جو اندازو هن واقعي مان ٿيندو.
    سوامي ويويڪا نند (1902 ـ 1863ع) کي هڪ عيسائي ڀاءَ پنهنجي گهر گهرايو. عيسائي، سواميءَ کي پرکڻ جي لاءِ هيءُ ڪيو جو، پنهنجي ملاقات واري ڪمري ۾ هڪ ميز تي هيٺ مٿي ڪيترائي مذهبي ڪتاب رکيا. سڀ کان هيٺان هندن جو مقدس ڪتاب رامائڻ رکيو. ان جي مٿان مختلف مذهبن جا ڪتاب ۽ سڀني کان مٿي پنهنجو مذهبي ڪتاب بائيبل رکيو. سوامي ويويڪا نند جڏهن ڪمري ۾ داخل ٿيو، ته عيسائي ميزبان ڪتابن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ڏسو، هن جي باري ۾ اوهان جو ڇا خيال آهي. سوامي ڪتابن جي ترتيب ڏسي مرڪيو ۽ چيائين، بنياد ته ڏاڍو سٺو آهي.
    سوامي جيڪڏهن ان معاملي کي پنهنجي عزت ۽ وقار جو مسئلو بڻائي ها ته هو ناراص ٿي وڃي ها، هو چوي ها ته ڇا تو مون کي ذليل ڪرڻ جي لاءِ هتي گهرايو هو. ٻنهي ۾ تڪرار شروع ٿي وڃي ها. اهو پڻ ممڪن هو ته اهو تڪرار وڌي، ان حد تائين پهچي ها جو امن قائم ڪرائڻ جي لاءِ پوليس کي گهرائڻو پوي ها، پر سوامي ان کي پنهنجي عزت ۽ وقار جو مسئلو بنائڻ جي بدران، ان کي محبت سان حل ڪري ڇڏيو. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو، جيڪو مسئلو ٻنهي کي ويڙهائڻ تائين پهچائي ها، اهو ٻنهي جي وچ ۾ مرڪ جي ڏي وٺ تي ختم ٿيو.
    اهو قدر جوڳو واقعو ڇو پيش آيو. ڇا ان جي لاءِ سوامي ويويڪا نند ۽ عيسائيِءَ جي شادي مراديءَ جو طريقو هڪ هو. ظاهر آهي ته ائين نه هو، ڇو جو انهن مان هڪ هندو هو ۽ ٻيو عيسائي ۽ هندن ۽ عيسائين جو شادي مراديءَ جو طريقو هڪ ٻئي کان بلڪل مختلف آهي.
    ان جو سبب فقط هيءُ هو جو سوامي ويويڪا نند هڪ اهڙو ماڻهو هو. جنهن کي اعليٰ تعليم بيحد باشعور بڻائي ڇڏيو هو، هو سمجهي پيو ته ڪهڙي ريت ڪنهن واقعي کي ناڪاري رخ ڏيڻ بدران ان کي هاڪاري رخ ڏئي سگهجي ٿو. هو سوچڻ جو فن ڄاڻندو هو. سندس زندگيءَ جي سائنس سان واقفيت هئي. هو اهو ڄاڻي پيو ته ڪهڙيءَ ريت اختلاف جي باوجود اتحاد ۽ ٻڌيءَ سان گڏ رهي سگهجي ٿو. ان جو راز سواميءَ جيءَ جي شعوري بيداريءَ ۾ هيو، نڪي ڪنهن قسم جي گڏيل سول ڪوڊ ۾.

    مسلمانن سان خطاب
    آخر ۾ مان مسلمانن کي عرض ڪندس ته اهي سپريم ڪورٽ جي موجوده فيصلي (1995ع) جي معاملي ۾ ماضيءَ جي ان غلطيءَ کي هرگز نه ورجائين،جيڪا سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي فيصلي (1985ع) جي معاملي ۾ انهن کان ٿي هئي. ڏهه سال اڳ جڏهن شاهه بانو ڪيس تي عدالت جو فيصلو آڏو آيو، ته مسلمانن سڄي ملڪ ۾ احتجاج ۽ مظاهرن جو سلسلو شروع ڪري ڏنو. ان جو سڌو سنئون فائدو ملڪ جي انتها پسند هندن کي مليو.
    هاڻي وري ٻيهر اهي انتظار ڪري رهيا آهن، ته مسلمان جذباتي ٿي روڊن تي اچن، ته جيئن اهي مسلم خطري جو شوشو اٿاري. هندن ۾ پنهنجو ووٽ بينڪ ٺاهي سگهن. سپريم ڪورٽ جو فيصلو پنهنجي موجوده حالت ۾ مسلمانن جي لاءِ ڪو خطرو ناهي. البت جيڪڏهن مسلمانن ٻيهر مظاهرن وارو طريقو اختيار ڪيو، ته يقيني طور تي انهن جي لاءِ خطرو بڻجي ويندو.
    هيءَ دنيا مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي جڳهه آهي، هتي هر هڪ ان انتظار ۾ رهندو آهي ته هو ٻئي جي ڪمزوريءَ مان فائدو حاصل ڪري، ٻيءَ ڌر کي هميشه اهو موقعو ان وقت ملندو آهي، جڏهن اڻوڻندڙ صورتحال آڏو اچڻ تي اوهان به ڀڙڪي اٿو ۽ تڪڙو قدم کڻي ويهو. انهيءَ ڪري قرآن مقدس ۾ حڪم ڏنو ويو آهي ته:
    فَاصۡبِرۡ کَمَا صَبَرَ اُولُوا الۡعَزۡمِ مِنَ الرُّسُلِ وَ لَا تَسۡتَعۡجِل (الاحقاف: 35)
    ”سو تون صبر ڪر. جيئن وڏي همت وارن رسولن صبر ڪيو ۽ انهن لاءِ (عذاب) جلد اچڻ جي گهر نه ڪر.“
    صبر جو طريقو، ٻي ڌر کان اهو موقعو کسي وٺندو آهي، ته اهو اوهان جي ڪمزورين جو استعمال ڪري سگهي. جڏهن ته بي صبريءَ جو طريقو اوهان کي اهڙيون غلطيون نه ڪرائيندو آهي. جو اوهان نهايت سولائيءَ سان ٻي ڌر جي سازشي رٿائن جو شڪار ٿي ويندؤ. ڪنهن ڌر جي خلاف سازش جيتوڻيڪ ٻيا ماڻهو ڪندا آهن، پر عملي طور تي سازش جو شڪار ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو معاملو خود، ڌر جي پنهنجي اختيار ۾ هوندو آهي. ان حقيقت کي سمجهڻ ۾ سازش جو شڪار ٿيڻ واري جٿي جي ڪاميابيءَ جو راز لڪل آهي.


    باب چوٿون

    اصلاح ڏانهن

    (تعمير جو عمل، خدا تعاليٰ جي فطرت سان مطابقت ۽ هڪجهڙائي جو عمل آهي. هن دنيا ۾ اها ئي رٿا بندي ڪامياب ٿيندي آهي، جيڪا خدا جي قائم ڪيل نظام سان هم آهنگي جي بنياد تي قائم ڪئي وڃي.)


    پروفيسر هيرن مڪرجي، آزاديءَ جو هڪ گوريلو (ويڙهاڪ) هو. هو جواهر لال نهرو (1964ـ 1889ع) جي دور ۾ هندستاني پارليامينٽ جو ميمبر هو. پروفيسر هيرن مڪرجي هڪ ڀيرو پارليامينٽ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ دهلي آيو. اجلاس کان فارغ ٿي جڏهن دهليءَ کان ڪلڪتي جي لاءِ روانو ٿيو، ته کيس هڪ تجربو ٿيو. ڪلڪتي پهچي، هن هندستاني جي اڳوڻي وزيراعظم جواهر لال نهرو جي نالي هڪ خط لکيو، جنهن ۾ هن جي انهيءَ تجربي جو ذڪر هو.
    پروفيسر مڪرجيءَ لکيو ته: ”منهنجي ريل گاڏي جڏهن نئين دهلي جي ريلوي اسٽيشن کان رواني ٿي مون ڏٺو ته ريلوي لائين جي ڪناري پري پري تائين جُهڳين ۽ جهوپڙين جون ڊگهيون قطارون هلي رهيون هيون، انهن کي ڏسي مون کي خيال آيو ته انهن جهوپڙين ۾ رهندڙ غريب هندستاني جيڪڏهن مون کان پڇن، ته ملڪ جي آزاديءَ مان اسان کي ڇا مليو ته مان انهن کي ڪهڙو جواب ڏيندس؟“
    جواهر لال نهرو ان جي جواب ۾ پروفيسر مڪرجي کي جيڪو خط لکيو، ان جو هڪ جملو هيءُ هو:
    You are paying the price of being sensitive.
    تون پنهنجي حساس هجڻ جي قيمت ادا ڪري رهيو آهين.
    راقم الحروف کي اهو پسند نه آهي ته اسان حساس نه هجون. بلڪه مان چاهيان ٿو ته اسان حساس هجون ، ته جيئن اسان بيچين ۽ اتاولا ٿيون، جيئن اسان ملڪ جي حالتن جي باري ۾ وڌيڪ سنجيده ٿيون ته جيئن اسان ان بابت وڌيڪ گهرائيءَ سان سوچي سگهون ۽ ملڪ کي بهتر مستقبل ڏانهن وٺي وڃڻ جو فڪر ڪريون.
    اوهان ڄاڻو ٿا ته نئين هندستان جي شروعات 1947ع کان ٿئي ٿي. ان کان اڳ هي ملڪ يورپي قومن جي سياسي ۽ اقتصادي ڏاڍ ۽ ڦر لٽ جو نشانو بڻيل هو. مهاتما گانڌيءَ (1948 ـ 1869ع) هندستان کي سياسي بنياد (Political Base) عطا ڪيو. ان کان بعد جواهر لال نهرو (1964 ـ 1889ع) نئين هندستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ هن ملڪ جي لاءِ صنعتي بنياد (Industrial Base) هڪو ڪيو.
    ان کان اڳ هندستان جي جيڪا حالت هئي، ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته حڪومتي فيصلي جي قوت ملڪي ماڻهن جي هٿ ۾ نه هجڻ جي ڪري، روڊن جي ترقيءَ جو ڪم گهڻو دير سان شروع ٿيو. هندستان ۾ ريلوي جي ابتدا انگريز دور ۾ 1853ع ۾ ٿي ۽ جلد ئي سڄي ملڪ ۾ ريلوي پٽڙين جو ڄار وڇايو ويو. پر روڊ جي اڏاوت 70 ورهين تائين رڪيل رهي. ملڪ ۾ روڊن جي تعمير، حڪومت جي توجهه جو مرڪز نه بڻجي سگهي. انسائيڪلوپيڊيا برٽينيڪا جي لفظن ۾ آهي:
    Little attention was paid to road development until the 1920s, mainly because the government had previously focused its attention on railways. (9/295).
    1920ع کان پوءِ وارن سالن ۾، پهريائين روڊن رستن جي ترقيءَ تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ويو. خاص طور تي ان جو سبب هيءُ آهي ته (برطانوي) حڪومت ان کان اڳ پنهنجي سمورو ڌيان ريلوي ڏانهن ڏنو هو.
    انگريز حڪومت ريل جي بندن کي لوهه جا زنجير سمجهندي هئي. هن جو خيال هو ته انهن زنجيرن جي ذريعي اهي ملڪ تي پنهنجي قبضي کي اڃا وڌيڪ وقت تائين قائم رکي سگهندي. اهو ئي سبب آهي جو انهن ريلوي پٽڙيون وڇائڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو. پر سڙڪن ۽ روڊن ٺاهڻ تي اها توجهه نه ڏئي سگهي. ملڪ کي سياسي غلاميءَ جي اها قيمت ڏيڻي پئي جو روڊن جي اڏاوت جي معاملي ۾ اهو پوئتي رهجي ويو، جيڪي قومي ترقيءَ جي لاءِ موجوده زماني ۾ گهڻي اهميت رکن ٿا ۽ جهجهي انداز ۾ موجود آهن. هتي صنعتي ٻارڻ (ڪوئلو) به گهڻي مقدار ۾ ملي ٿو. دنيا جي لوهه (Iron-ore) جي ذخيرن جو 7/1 حصو فقط هندستان جي زمين جي هيٺان موجود آهي، ان جي باوجود ملڪ جي آزادي کان اڳ، ان جي صنعتي ترقي ممڪن نه ٿي سگهي. ان جو سبب اهو هو جو ان کان اڳ، هتي هڪ ڌاري قوم جو قبضو هو. ان هندستان کي پنهنجي صنعتي سامان جي منڊي بڻائي ڇڏيو هو. 1947ع ۾ جڏهن هندستان آزاد ٿيو، ته ان کان پوءِ هتي ٻاهرين ملڪ جو سامان گهرائڻ تي پابنديون لڳايون ويون ۽ ملڪي صنعت کي ترقيءَ جا موقعا ڏنا ويا. انهيءَ ڪري هندستان تيزيءَ سان صنعتي ميدان ۾ اڳتي وڌيو. ايتري قدر جو هاڻي اهو صنعتي طور تي ترقي يافته ملڪ ۾ ڳڻجڻ لڳو آهي.
    اها هڪ حقيقت آهي ته سياسي ۽ صنعتي لحاظ کان ملڪ هاڻي ترقيءَ جي اڳين مرحلي تي پهچي رهيو آهي. هندستان جو سياسي بنياد، هاڻي ايترو مضبوط ٿي چڪو آهي جو، اهو ٽيئن دنيا جي ملڪن جي اڳواڻيءَ ڪرڻ جي قطار ۾ اچي ويو آهي. اهڙيءَ ريت هندستان جو صنعتي بنياد هاڻي ايڏو سگهارو ٿي ويو آهي جو 1985ع کان هن اليڪٽرانڪ دور ۾ داخل ٿيڻ جي ابتدا ڪري ڇڏي آهي. اڳ ۾ هندستان کي اهو ڊپ رهندو هو ته درآمد (امپورٽ) جو رستو کولڻ سان ان جي اندروني صنعت تباهه ٿي ويندي ۽ هاڻ ملڪ جو اعتماد ان حد تائين وڌي ويو آهي جو اهو درآمد (امپورٽ) جون پابنديون گهٽائڻ کان پوءِ به اهو اعتماد رکي ٿو، ته اهو ٻاهرين صنعتن جو مقابلو ڪري اڳتي ترقي ڪري سگهي.
    اهي ڳالهيون بنا ڪنهن شڪ شبهي جي سٺيون آهن. اهو هر هندستاني جي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهن، ته گذريل چاليهارو سالن ۾ ملڪ سياسي ۽ صنعتي بنياد ماڻي ورتو آهي. پر هندستان جي حقيقي ترقيءَ جي لاءِ اڃا به هڪ ٻيو ۽ ڏکيو مرحلو باقي آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته ملڪ کي اخلاقي بنياد (Moral Base) عطا ڪيو وڃي. اخلاقي بنياد مهيا ڪرڻ جو مسئلو فيصلائتي حد تائين اهو آهي ته جيڪڏهن اهو بنياد نه ملي سگهيو، ته باقي ميدانن جون ترقيون به اڻ اثر ٿي وينديون.
    هتي اسان اڳوڻي هندستان جي وزيراعظم پنڊت جواهر لال نهرو جو هڪ اقتباس ڏينداسون، جنهن ۾ هن پنهنجي سوانح نگار مائيڪل بريچر کي انٽرويو ڏيندي 1956ع ۾ چيو هو:
    What constitutes a good society, I believe in certain standards. Call them moral standards. They are important in any individual and in any social group. And if they fade away, I think that all the material advancement you many have will Iead to no thing warth while. How to maintion them, I can’t know.
    Nehru, A political Biography, By Michael Brecher, p. 607
    اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪو هڪ سٺو سماج اڏيندي آهي. مان ڪجهه مقرر معيارن ۾ يقين رکندو آهيان. اوهان ان کي اخلاقي معيار چئي سگهو ٿا. اهي هر شخص ۽ هر سماجي گروهه جي لاءِ اهم آهن ۽ جيڪڏهن اهي باقي نه رهن ته منهنجو خيال آهي، ته اوهان جيڪي به مادي ترقيون ماڻيون آهن، اهي بي ملهائتيون ٿي وينديون. ان اخلاقي معيار کي ڪهڙيءَ ريت حاصل ڪيو وڃي، ان جو جواب مون کي ناهي معلوم.
    هندستان جي موجوده وزيراعظم جي هڪ تقرير اخبارن ۾ هيٺين لفظن ۾ آئي هئي:
    Prime Minister Rajiv Gandhi today said building factories and dams was useless if the quality of human beings was not good.
    The Hindustan Times, September 12, 1986.
    وزير اعظم راجيو گانڌيءَ چيو آهي، ته ڪارخانا ۽ ڊيم (بند) اڏڻ بي فائدي آهن. جيڪڏهن انسانن جي اندر ۾ سٺيون خاصيتون نه هجن.
    مثلاً: ملڪ ۾ بجلي ۽ زراعت جي ترقيءَ لاءِ اسان کي هڪ ڊيم ٺاهڻو آهي، هاڻي هڪ ضرورت هيءَ آهي ته ملڪ آزاد هجي، ته جيئن اهو ڪنهن ٻاهرين دٻاءَ کان سواءِ پنهنجي مرضيءَ جي مطابق فيصلو ڪري سگهي. اها ضرورت ملڪ جي سياسي آزادي سان پوري ٿي ويندي. ٻي صورت هيءَ آهي ته اسان وٽ ان جي اڏاوت جي لاءِ ضروري ٽيڪنالاجي موجود هجي. اها ضرورت اسان جا اهي ٽيڪنيڪل ماهر پوري ڪندا، جيڪي انجنيئرنگ ڪاليجن مان ڊگري حاصل ڪري نڪرن پيا.
    پر سٺي ڊيم جي لاءِ فقط اهي شيون ڪافي نه آهن. انهن شين سان گڏ هڪ ٽئين شيءِ به آهي، جيڪا لازمي طور تي ضروري آهي ۽ اها آهي ديانتداري (Honesty). جيڪڏهن ڪم ڪرڻ وارن ماڻهن منجهه ديانتداريءَ جو مادو نه هوندو، ته سياسي آزادي ۽ ٽيڪنيڪل قابليت جي باوجود، اهو ڊيم تيار نه ٿي سگهندو، جيڪو حقيقت ۾ ملڪ جي ترقيءَ لاءِ ضروري آهي.
    ديانتداري نه هئڻ جي صورت ۾ اهو ٿيندو جو، حڪومت عوام کان ٽيڪس وصول ڪري هڪ ارب روپيا ٺيڪيدارن، انجنيئرن ۽ آفيسرن جي هٿ ۾ ڏيندي. پر اهي ڏوڪڙن جو هڪ حصو پنهنجي کيسي ۾ وجهڻ لاءِ هي ڪندا ته اهي غير معياري لوهه ڪم آڻيندا. اهي واري ۽ سيمينٽ جو تناسب گهٽ استعمال ڪندا. اهي پيسن بچائڻ لاءِ هر شيءِ ۾ گهٽتائي ڪندا رهندا. ان جو نتيجو هي نڪرندو جو ظاهر طور ته ڊيم بڻجي ويندو، پر لوهه ۽ سيمينٽ (RCC) جي اڏاوت جي باوجود اهو ڊيم مضبوط نه هوندو. تمام گهڻي ڳري خرچ ۽ سالن جي رٿا بندي کان بعد ڊيم تيار ٿيندو ۽ هوڏانهن خبرون اچڻ شروع ٿينديون آهن ته ڊيم جو فلاڻو حصو ڀڄي پيو آهي. ان جي فلاڻي حصي ۾ ڏار پئجي ويو آهي. تمام گهڻي خرچ جي باوجود هڪ پل جيان بيٺو هوندو ۽ ايندڙ سال خبر ملندي ته اها به ڀڄي ڀري، ڊهي پئي آهي.
    ان خطرناڪ انجام کان بچڻ جي هڪڙي ئي شڪل آهي ۽ اها هيءَ آهي ته جهڙيءَ ريت سياسي ۽ صنعتي انقلاب برپا ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ملڪ ۾ هڪ اخلاقي انقلاب برپا ڪيو وڃي. ملڪ کي جهڙيءَ طرح سياسي ۽ صنعتي بنياد هڪا ڪيا ويا آهن، اهڙيءَ طرح ان جي لاءِ اخلاقي بنياد به هڪو ڪيو وڃي.
    هاڻي سوال اهو آهي ته اخلاقي بنياد ڇا آهي ۽ اسان ان کي ڪهڙيءَ ريت ملڪ جي حق ۾ تعمير ڪري سگهون ٿا؟!
    اخلاقيات (مارل فلاسفي) تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. هاڻي اهو هڪ ڏکيو فن بڻجي ويو آهي. پر ان جي فني تفصيل ۽ اخلاقي فلاسفرن جي اختلافن کان هٽي ڪري. هتي مان فقط ان جي سولي عملي رخ کي بيان ڪندس. جيڪو اخلاق جي معاملي ۾ بنيادي اهميت رکي ٿو.
    اخلاق جو تت، انسانيت جو احترام آهي. ٻين ماڻهن يا ڀرپاسي جي انساني سماج جي ڀيٽ ۾ انسان جي مٿان جيڪي ذميداريون لاڳو ٿين ٿيون، ڇو نه اهي با ضابطه طور تي ان بابت قول ۽ قرار ٿيا هجن يا نه ٿيا هجن، هر حال ۾ انهن کي ادا ڪرڻ ضروري آهي ۽ انهيءَ ادائيگيءَ جو نالو اخلاق آهي.
    ان وصف جي مطابق اخلاق هر ماڻهوءَ جي ڄاتل سڃاتل شيءِ آهي. هر ماڻهو فطري طور تي حق ۽ ناحق جي سڃاڻ رکندو آهي. هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ٻين سان معاملو ڪندي، کيس ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي. اخلاق هيءُ آهي ته ماڻهو پنهنجي ان ئي ڄاتل سڃاتل شيءِ تي عمل ڪرڻ لڳي.
    انهيءَ سبب جي ڪري اخلاقيات لاءِ قرآن ۽ حديث ۾ ”معروف“ ۽ ”منڪر“ جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. اسلام جي نظر ۾ وڻندڙ اخلاق، ”معروف“ آهي ۽ اوپرو ۽ اجنبي اخلاق ”منڪر“ آهي. معروف جي معنيٰ آهي. ڄاتل سڃاتل شيءِ ۽ منڪر جي معنيٰ آهي اڻوڻندڙ شيءِ. الله تعاليٰ جن شين کي سٺو قرار ڏنو آهي، اهي اُهي ئي شيون آهن، جن جي سٺي هئڻ جو شعور خود انساني فطرت ۾ شامل آهي. اهڙيءَ ريت جن شين کي الــٰهي شريعت ۾ خراب ڪوٺيو ويو آهي، اهي اهي ئي شيون آهن، جن کي انساني فطرت اڳواٽ ئي خراب سمجهندي آهي.
    پر پوءِ به معروف ۽ منڪر جا اهي احساس انساني فطرت ۾ وجداني طور تي شامل آهن، نڪي اهڙيءَ ريت لکيل آهن، جهڙيءَ ريت ڪاغذ تي ڪا شيءِ لکي ويندي آهي. الــٰهي شريعت هتي اهو ڪري ٿي ته اها معروف ۽ منڪر جي احساسن کي لفظن جي شڪل ڏئي ٿي. اها محسوس شيءِ کي واتان چيل ڳالهه بڻائي ڇڏي.
    حديث ۾ اخلاق جي نهايت سولي سڃاڻ ٻڌائي وئي آهي. اها هيءَ ته توهان ٻين سان اهو ئي سلوڪ ڪريو. جيڪو سلوڪ توهان پاڻ پنهنجي لاءِ پسند ڪندا هجو. هر ماڻهوءَ کي چڱيءَ ريت خبر آهي ته ٻين سان کيس ڪيئن هلڻ گهرجي. بس اهڙيءَ طرح هو ٻين سان چڱو هل چلي. جنهن ماڻهوءَ ۾ اها صفت پيدا ٿيندي، اهو اخلاق وارو انسان بڻجي ويندو، اخلاق پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان، ان کان سواءِ ڪنهن ٻي شيءِ جو نالو نه آهي ته، جيڪو ڪجهه اسان پنهنجي لاءِ پسند ڪريون ٿا، اهو ئي اسان ٻين جي لاءِ به پسند ڪريون.
    اخلاق جي ايتري قدر مشهور ۽ معروف هئڻ جي باوجود اخلاق ئي اها شيءِ آهي، جيڪا ٻن ماڻهن ۾ سڀ کان گهٽ هوندي آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته اخلاق جي هڪ قيمت آهي ۽ انهيءَ قيمت کيس خريدارن کان پري ڪري ڇڏيو آهي. ماڻهو جيڪو ڪجهه صحيح سمجهندا آهن، هو ڪندا ناهن، ڇو جو اهي ان جي قيمت ڏيڻ ناهن چاهيندا.
    اخلاق جي قيمت ڇا آهي؟! هڪ لفظ ۾ اخلاق جي قيمت آهي، قيمت نه ملڻ جي باوجود اخلاق سان پيش اچڻ. عام ماڻهو سدائين مفاد جي ڪري عمل ڪندو آهي. يعني جتي هڪ عمل جي عيوض کيس ڪجهه ملندو، اتي اهو عمل ڪندو. جتي عمل جي بدلي ڪجهه ملڻ جي اميد نه هوندي، اتي هو ڪجهه به نه ڪندو. جنهن سماج ۾ ان مزاج جا ماڻهو هوندا، اتي ڪڏهن به صحيح معنيٰ ۾ اخلاقي ماحول نٿو جڙي سگهي. ڇو جو زندگيءَ ۾ ائين تمام گهٽ ٿيندو آهي جو هڪ ماڻهو سٺو سلوڪ ڪري ته هڪدم کيس پنهنجي سٺي سلوڪ جو بدلو ملي. ٻين سان سٺو سلوڪ فقط اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي بدلي جي اميد ۽ عيوض کان سواءِ سٺو سلوڪ ڪرڻ ڄاڻين. جيڪي ماڻهو پنهنجي عمل جو هڪدم بدلو گهرندا هجن، ته اهي ڪڏهن به اعليٰ ڪردار وارا ناهن بڻبا ۽ ان ڪري ئي اهي هن دنيا ۾ ڪو وڏو ڪم به ڪو نه ڪري سگهندا آهن.
    اخلاقي بنياد هڪو ڪري، ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هي آهي ته ماڻهن کي ڪا ايڏي وڏي شيءِ ڏجي، جنهن کان پوءِ هر شيءِ سندس آڏو ننڍڙي ٿي وڃي. ٻين سان اخلاق سان پيش اچڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪجهه وڃائڻو پوندو آهي. ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڪا ايڏي وڏي شيءِ ملي وڃي جو، ان جي ڀيٽ ۾ ٻي هر شيءِ ننڍي نظر اچي، ته ان جي لاءِ اخلاق تي قائم رهڻ سولو ۽ سنهنجو ٿي ويندو. ماڻهوءَ کي ان لائق بڻايو ته اهو وڃائڻ کي برداشت ڪري سگهي. ان کان پوءِ اهو پنهنجو پاڻ بااخلاق ٿي ويندو.
    هڪ يورپي ملڪ جو واقعو آهي ته هڪ ڪسٽم آفيسر هڪ شخص کي پڪڙيو، جيڪو قانون جي خلاف لڪ چوريءَ ۾ ملڪ جي ڪا شيءِ کڻي وڃڻ پيو چاهي. ماڻهوءَ، ڪسٽم آفيسر کي چيو ته پنج هزاز ڊالر وٺ ۽ مون کي ڇڏي ڏي. جنهن تي ڪسٽم آفيسر ناراض ٿي ويو. همراهه وڌيڪ آڇ ڪندي چيو ڏهه هزار ڊالر وٺ، ڪسٽم آفيسر اڃا وڌيڪ ناراض ٿي ويو. ماڻهو قيمت وڌائيندو ويو. 20 هزار ڊالر، 25 هزار ڊالر، 30 هزار ڊالر، 50 هزار ڊالر، ايتري قدر جي هن 80 هزار ڊالر ڏيڻ جي آڇ ڪئي. ماڻهوءَ جڏهن 80 هزار ڊالرن چيو ته ڪسٽم آفيسر جي منهن جو رنگ مٽجي ويو ۽ هڪ گهڙي ماٺ رهيو ۽ هن رڙ ڪري چيو:
    ظالم! تون ته منهنجي قيمت جي ويجهو پهتو آهين.
    80 هزار ڊالر جو لفظ ٻڌي، ڪسٽم آفيسر جي ذهن ۾ هڪ نئون خيال آيو. هن سوچيو ته سالن جا سال سروس ڪرڻ کان پوءِ به مان 80 هزار ڊالر بچائي نه سگهندس. ۽ هي شخص مون کي هڪ منٽ جا 80 هزار ڊالر ڏئي رهيو آهي. پوءِ ڇو نه مان اهي قبول ڪريان. پنج هزار ۽ ڏهه هزار ڊالرن هن جي اندر کي نه جهنجهوڙو ۽ نڪي لالچايو هو، پر 80 هزار ڊالرن جي آڇ کيس پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو. سندس اندر جيڪو اخلاقي بنياد موجود هو، اهو لڏي ويو.
    اهو ئي هر ماڻهوءَ جو حال آهي. هر ماڻهوءَ جي قيمت ڪٿي نه ڪٿي ڪٿجي وڃي ٿي ۽ جتي ماڻهو اگهامجي وڃي ٿو. بس اتي ئي ان جي اندر اخلاقي بنياد ختم ٿي وڃي ٿو. اهو اصول جي بدران مفاد پرست ماڻهو بڻجي ويندو آهي.
    ٿورا ماڻهو آهن جيڪي سماجي حيثيت جي ڪري اخلاق وارا ٿين ٿا. اهو پنهنجي عام رويي ۽ روز مره جي ملاقات ۾ ظاهري طور سٺا هجن ٿا ته جيئن ماڻهو کين سٺو سمجهن پر اهو اخلاق جي لاءِ ڏاڍو ڪمزور بنياد آهي. اهڙن ماڻهن جو اخلاق نهايت وقتي اخلاق هوندو آهي. جيئن ئي ڪو ذاتي فائدي جو موقعو ملندو اٿن، سندس اخلاقي حيثيت ظاهر ٿي پوندي آهي. اهي ذاتي فائدي حاصل ڪرڻ جي خاطر اخلاقي اصول کي وساري ڇڏيندا آهن.
    هڪ شخص سرڪاري آفيس ۾ هڪ اهم عهدي (Key post) تي هيو. ان وٽ هڪ ماڻهوءَ جو فائيل هو، ان جو ڪيس بلڪل جائز هو. پر کيس پريشان ڪري رهيو هو، ته جيئن اهو کيس رشوت طور هڪ ڳري رقم ڏي. اهو ماڻهو پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ واري هڪ شخص سان مليو. جنهن بابت، ان کي ڄاڻ هئي ته اهو، ان سرڪاري ملازم جو دوست آهي، هن ان سان پنهنجي پريشاني بيان ڪئي. جنهن کيس چيو ته چڱو مان ان سان ملندس.
    اهو ماڻهو، هڪ ڏينهن ان سرڪاري ملازم وٽ ويو. ملازم سهڻي نموني سان ساڻس مليو، چانهه ۽ سگريٽ پيش ڪيو. پر جڏهن ايندڙ ان سان پنهنجي ضرورت بيان ڪئي، ته هڪدم ان جي شڪل مٽجي ويئي. طرح طرح جون قانوني پيچيدگيون ٻڌائي ان کان لنوائي ڇڏيو. اهو آفيسر، ان شخص کي فقط ان ڪري تنگ ڪري رهيو هو ته جيئن اهو کيس رشوت ۾ جهجهي رقم ڏئي. اهڙيءَ حالت ۾ رقم وٺڻ کان سواءِ اهو فائيل ڪيئن واپس ڏئي ها.
    سرڪاري آفيسر شروع ۾ ڏاڍو اخلاق وارو هو. پر جڏهن فائيل جو مسئلو طئي ڪرڻ جي ڳالهه آئي، ته سندس اخلاق جي حد لتاڙجي وئي. اهو ان وقت تائين اخلاق وارو هو. جيستائين سندس ذاتي مفاد تي لت ڪو نه هئي. جڏهن ذاتي مفاد خطري ۾ پيو ته پوءِ هن جي نظر ۾ اخلاق جو ڪو ملهه ئي نه هو.
    مغربي ملڪن ۾ ظاهري طور ان قسم جي بد اخلاقي نه آهي. اتي آفيسن ۾ بنا رشوت جي ڪم ٿيندو آهي. عام طور تي ماڻهو پنهنجي ڊيوٽي صحيح نموني ادا ڪندا آهن. پوليس وارو ڪنهن کي غلط ڪم ڪندي سوگهو ڪندو ته ان ماڻهوءَ کي خبر آهي ته پوليس واري جي کيسي ۾ پئسا وجهي، ان جي پڪڙ کان نٿو بچي سگهي روزاني زندگيءَ ۾ جيڪي بدعنوانيون (Corruption) اسان جي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون، اهي يورپي ملڪن ۾ عام طور تي ڏسڻ ۾ نه ٿيون اچن .
    پر اهو به اخلاق، قومي مفاد جي بنياد تي جڙيو آهي. ان ڪري ان جي به حد اچيو وڃي. مثلاً: يورپي ملڪن ۾ ائين نه ٿيندو آهي جو کير ۾ پاڻي ملايو وڃي. نقلي سامان تيار ڪري بازارون ڀريون وڃن. هڪ واپاري، نموني طور سٺو مال ڏيکاري ۽ پوءِ خراب مال پيڪ Pack ڪري اوهان ڏانهن موڪلي ڏي. آفيسن ۾ پنهنجو جائز ڪم به رشوت کان سواءِ نه ٿي سگهي.
    پر مغربي انسان جي ان اخلاق جي ان وقت حد ٿيو وڃي، جڏهن ان جو اخلاق قومي مفاد سان ٽڪرائڻ لڳي، مثلاً: موجوده زماني ۾وڏن وڏن ترقي يافته ملڪن ۾سڀ کان وڌيڪ جنهن صنعت جي ترقي ٿي آهي. سا آهي جنگي صنعت. انهن ملڪن وٽ تيار ٿيل جنگي سامان جا انبار گڏ ٿي ويا آهن. اهي چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا، ته اهي سڀ شيون تمام گهڻيون نقصانڪار آهن. اهي خدا جي جهان کي دوزخ بنائڻ واريون آهن، پر انهن جو قومي مفاد گهرندو آهي، ته اهي وڪامجن. ته جيئن انهن تي جيڪو بي پناهه خرچ آيو آهي، اهي نفعي سوڌو کين واپس ملي.
    جيڪڏهن حالتون بلڪل معمول تي هجن، هر طرف امن ۽ سڪون هجي ته ڪو به سندن خطرناڪ هٿيارن کي خريد نه ڪندو. انهيءَ ڪري. اهي ترقي يافته قومون اهو ڪنديون آهن ته عالمي سطح تي جهيڙي ۽ فساد جون حالتون پيدا ڪنديون آهن. انهن جا اڳواڻ پنهنجي تخريبي رٿائن جي ذريعي هڪ ملڪ کي ٻئي ملڪ سان ويڙهائيندا آهن. اهي هر علائقي ۾ زور زبردستيءَ سان هڪ ”اسرائيل“ پيدا ڪندا آهن، ته جيئن قومن جي اندر خوف ۽ خطري جي نفسيات جنم وٺي ۽ اهي وڌ کان وڌ انهن کان هٿيار خريد ڪن.
    پنهنجي سماج ۾ ذاتي سلوڪ جي معاملي ۾ انهن قومن جا فرد اخلاق وارا آهن. پر جڏهن سندن قوم جي مفاد جو معاملو ايندو آهي ته، اتي انهن جي حد ختم ٿي ويندي آهي. قومي مفاد جي معاملي ۾ اهي انهن سڀني شين کي جائز ڪري ڇڏيندا آهن، جن کي اهي ذاتي مفاد جي معاملي ۾ ناجائز سمجهندا آهن. هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪا اهڙي شيءِ هوندي آهي. جيڪا سندس لاءِ سڀ کان وڏي (Supreme) حيثيت رکندي آهي. عام ماڻهوءَ جي لاءِ هن جو ذاتي مفاد سندس لاءِ نهايت اهم هوندو آهي. پر انهن ٻنهي مان ڪو به شيءِ اخلاق جو صحيح بنياد نه آهي. ڇو جو ذاتي مفاد جي بنياد تي بڻجڻ واري اخلاق جي ان وقت حد اچي ويندي، جڏهن سندس مفاد، ٻئي جي مفاد سان ٽڪرائبو آهي. اهڙيءَ ريت قومي مفاد جي بنياد تي بڻجڻ واري اخلاق جي ان وقت حد اچي ويندي آهي، جڏهن پنهنجي قوم جو مفاد ٻئي قوم جو مفاد هڪڙو نه رهي. پنهنجو قومي مفاد جيڪڏهن ان ۾ هوندو ته ماڻهو جنگي سامان خريد ڪري قتل ۽ رتوڇاڻ جو ميدان گرم ڪن، ته اهو جنگي سامان ٺاهيندو ۽ ان کي ٻين قومن جي هٿ وڪڻندو. توڙي ان جي قومي واپار جو وڌارو ٻين قومن جي موت ۽ هلاڪت جي قيمت تي ڇو نه ٿي رهيو هجي.
    حقيقت اها آهي ته اخلاق جو هڪ ئي صحيح بنياد آهي ۽ اهو آهي عظيم ۽ برتر خدا جو عقيدو، جيڪو سموريءَ ڪائنات جو خالق ۽ مالڪ آهي. خدا، ٻين سڀني شين کان اعليٰ ۽ عظيم آهي. اهو سڀني کان وڌيڪ طاقتور آهي. جنهن شخص خدا کي حاصل ڪيو. انهيءَ سڀني کان اعليٰ شيءِ کي ماڻي ورتو. اهڙي ماڻهوءَ جي ڪڏهن به حد نه ايندي. ان جي نظر ۾ ٻي سڀ شيءِ ننڍڙي هوندي. خدا کي حاصل ڪرڻ هن لاءِ سڀ کان اعليٰ شيءِ حاصل ڪرڻ آهي. ان کان پوءِ هر ڪنهن شيءِ جي قرباني ان جي لاءِ سولي ٿي پوندي. هو هر شيءِ جو وڃائڻ سهندو. ڇو جو کيس يقين هوندو ته وڃائڻ کان پوءِ به ان وٽ هڪ شيءِ موجود آهي، جيڪا سڀني شين کان اعليٰ ۽ اتم آهي ۽ اهو سندس خدا آهي.
    هڪ ملحد جو اعتراف
    برٽرينڊرسل خدا کي ڪو نه مڃي ٿو. هو انساني معاملن جي تنظيم جي لاءِ انساني قانون کي ڪافي سمجهندو هو، پر کيس اهو يقين نه آهي ته ائين ممڪن آهي. هو ان وقت پنهنجو پاڻ کي لاجواب محسوس ڪري ٿو. جڏهن هڪ خدا پرست ماڻهو کيس چوي، ته مان انساني حاڪم جي پڪڙ کان ته بچي سگهان ٿو. پر منهنجي لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته مان پنهنجو پاڻ کي خدا ئي حاڪم جي سزا کان بچائي وٺان.
    I might escape the human magistrate, but I could not escape punishment at the hands of the Divine Magistrate.
    برٽريندرسل، جان لاڪ (1704 ـ 1632ع) جي خيالن تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته مذهبي عقيدي جي مطابق خدا ڪجهه خاص اخلاقي قانون مقرر ڪيا آهن، جيڪي ماڻهو انهن قانونن جي پيروي ڪندا، اهي جنت ۾ ويندا ۽ جيڪي ماڻهو انهن قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندا، اهي پنهنجي عقيدي جي مطابق پاڻ لاءِ اهو خطرو کڻن ٿا ته کين دوزخ ۾ وڌو وڃي. خبردار! محتاط خوشيءَ جا ڳولائو ماڻهو، انهيءَ سبب جي ڪري نيڪ ۽ اخلاق وارا بڻجي ويندا. گناهه ماڻهوءَ کي دوزخ ۾ وٺي ويندو. ان عقيدي ۾ زوال اچڻ ڪري نتيجو هي نڪتو جو، ڳالهه اڃا وڌيڪ ڏکي ٿي پئي ته نيڪ زندگي اختيار ڪرڻ جي حق ۾ اهڙو دليل آندو وڃي، جنهن جو ماڻهو پاڻ خيال ڪري سگهي.
    بينٿم جيڪو هڪ آزاد خيال مفڪر هو، تنهن انساني قانون ٺاهيندڙ کي اهو مان مرتبو ڏنو، ته جيڪو مذهبي عقيدي جي مطابق خدا جو هو. هن وٽ انهن قانونن ۽ سماجي حالتن جو ڪم اهو هو ته اهي فرد ۽ عوام جي مفادن ۾ هم آهنگي پيدا ڪن، ته جيئن هر شخص پنهنجي ذاتي خوشي ڳوليندي، گڏيل خوشيءَ کي برقرار رکڻ تي مجبور هجي. پر اهو ان کان گهٽ آٿت ڏيندڙ آهي، جيترو جنت ۽ دوزخ جي عقيدي جي تحت ذاتي مفادن ۽ عوامي مفادن ۾ هم آهنگيءَ جو پيدا ٿيڻ، انهيءَ ڪري به ته انساني قانون ٺاهيندڙ هميشه عقل وارو يا نيڪ ناهي هوندو ۽ ان ڪري به جو انساني حڪومتون سڀ ڪجهه ڏسندڙ ۽ هر فن مولا ناهن هونديون.
    God has laid down certain moral rules: those who follow them go to heaven, and those who break them risk going to hell. The prudent pleasure- seeker will therefore be virtuous. With the decay of the belief that sin leads to hell, it has become more difficult to make a purely self-regarding argument in favour of a virtuous life. Bentham, who was a free-thinker, substituted the human lawgiver in place of God: it was the business of laws and social institutions to make a barmony between public and private interests, so that each man, in pursuing his own happiness, should be compelled to minister to the general happiness. But this is less satisfactory than the reconciliation of public and private interests effected by means of heaven and hell, both because lawgivers are not always wise and virtuous, and because human governments are not omniscient.
    Bertrand Russel, A History of western philosophy, (PP. 59-93)


    ترقي ۽ ٻڌي

    اڄ ڪالهه جيڪا شيءِ سڀ کان وڌيڪ بحث جو موضوع بڻيل آهي، اهو قومي ٻڌي، آهي. ان کي وسيع معنيٰ ۾ انساني ٻڌي به چئي سگهجي ٿو.ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ اسان کي اهڙي ٻڌيءَ جي تمام گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ تي ئي ملڪ جي ترقيءَ ۽ ڪاميابيءَ جو دارومدار آهي. ان معاملي تي ڳالهائڻ وارا، جيڪو ڪجهه ڳالهائي يا لکڻ وارا جيڪي ڪجهه لکي رهيا آهن، ان کي ڏسي، مون کي ائين ٿو محسوس ٿئي، ته ان باري ۾ ماڻهن جو ذهن صاف نه آهي، ته اهي جيڪو ڪجهه چاهين ٿا، ان کي حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي.
    اڪثر ماڻهن طرفان اهو چيو پيو وڃي، ته قومي ايڪي ۽ اتحاد جو ذريعو ثقافتي ٻڌي آهي. يعني ماڻهن ۾ ٻڌي ۽ ايڪي پيدا ڪرڻ جي تدبير اها آهي ته انهن جي ثقافت هڪ ڪئي وڃي. ٻولي، مذهبي رسمون، پوشاڪ، مذهبي ڏڻ ۽ شادي مرادي، ان قسم جي سڀني شين کي، سڀني جي لاءِ هڪ جهڙو گڏيل بڻاويو وڃي. اهڙيءَ ريت ماڻهن ۾ اها ٻڌي پيدا ٿي ويندي. جنهن جي اسان کي ضرورت آهي.
    پر مان انهيءَ تجويز کي ائين سمجهان ٿو، جيئن ڪنهن ملڪ ۾، سڀني ماڻهن جي وچ ۾، ايڪو ۽ اتفاق پيدا ڪرڻ جي لاءِ، اها رٿ پيش ڪئي وڃي، ته پلاسٽڪ سرجريءَ جي وسيلي سڀني انسانن جي هڪڙي ئي شڪل ۽ صورت ٺاهي وڃي. جهڙيءَ ريت هڪ ئي نموني جي پلاسٽڪ سرجري جي ذريعي مختلف قسم جي ماڻهن ۾ ٻڌي پيدا نه ٿي ڪري سگهجي، تهڙيءَ ريت مٿي ذڪر ڪيل تدبيرن سان قومي ٻڌي يا قومي ايڪو به پيدا نه ٿو ڪري سگهجي. حقيقت هيءَ آهي ته قومي ٻڌيءَ جو راز هڪ ثقافت ۾ نه بلڪه هڪ ذهن ۾ آهي، ان مقصد جي لاءِ اسان کي ماڻهن ۾ سندن موافق سوچ پيدا ڪرڻي پوندي. پلاسٽڪ سرجريءَ جهڙو ڪو عمل ظاهري شين کي بدلائي سگهجي ٿو. پر اهو اندروني سوچ کي نٿو بدلائي سگهي.

    لينن ۽ اتاترڪ
    اها هڪ حقيقت آهي ته قومي ٻڌيءَ جو معاملو هجي يا ٻيو ڪو مامرو. هرشيءِ سوچ جي سطح تي ختم ٿئي ٿي ۽ سوچ جي سطح تي ئي ان کي ٻيهر حاصل ڪري سگهجي ٿي. ان معاملي جي وضاحت لاءِ هڪ تقابلي (ڀيٽ وارو) مثال کڻو: اهو تقابلي مثال لينن (1924 ـ 1870ع) ۽ اتاترڪ (1938 ـ 1818ع) جو آهي. ٻئي تقريبا ساڳئي دور ۾ هئا. ٻنهي کي هڪڙي ئي دور ۾ اقتدار مليو، پر لينن جو نالو ڪاميابيءَ جي علامت ۽ اتاترڪ جو نالو ناڪاميءَ جي علامت آهي.
    ڪمال اتاترڪ کي ترڪيءَ ۾ 1919ع ۾ اقتدار مليو ۽ 1938ع تائين (اوڻيهه ورهيه) جاري رهيو. ڪمال اتاترڪ چاهيو پئي ته هو ترڪيءَ ۽ يورپ جي فرق کي ختم ڇڏي ۽ ترڪيءَ جي نقشي تي ٻنهي کي هڪ جهڙو مقام ڏئي. هن ان جو راز ثقافتي هيڪڙائي ۾ ڳوليو. هن رياستي طاقت جي ذريعي اها ڪوشش ڪئي، ته ترڪيءَ جا ماڻهو يورپ وارن جيان ٽوپلو ۽ پينٽ پهرين. اهي يورپين وارا آداب اختيار ڪن. ايتري قدر جو ڪمال اتاترڪ ترڪي ٻوليءَ جو رسم الخط تبديل ڪري ان کي يورپي رسم الخط ۾ لکڻ جو حڪم ڏنو، جيڪا ان کان اڳ عربي رسم الخط ۾ لکي ويندي هئي.
    ڪمال اتاترڪ انهن ”سڌارن“ کي طاقت جي زور تي سڄي ترڪيءَ ۾ لاڳو ڪيو. پر انهن سڌارن جي لاڳو ٿيڻ کي تقريباً 70 سال گذارڻ کان پوءِ به ترڪي اڃان تائين هڪ مريض ۽ پوئتي پيل ملڪ آهي. يورپ جي نقشي ۾ اهو ترقي يافته ملڪ جو درجو حاصل نه ڪري سگهيو.
    ان جي ابتڙ لينن جو مثال وٺو. لينن کي روس ۾ 1917ع ۾ اقتدار مليو ۽ 1924ع تائين (ستن سالن تائين) هليو. حالتن جو گهرو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ، هن ڄاتو ته موجوده زماني جي اصل طاقت سائنس آهي. هن پهريون ڪم اهو ڪيو جو روس ۾ وڏي پئماني تي هڪ ”دارالترجمه“ (ترجمي ڪرڻ جو ادارو) قائم ڪيو. جنهن جي ڪارڪنن جو تعداد اٽڪل هڪ لک تائين پهتو. هن حڪم ڏنو ته جرمن، فرينچ، انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان سڀني سائنسي ڪتابن جو ترجمو روسي ٻوليءَ ۾ ڪيو وڃي. اهو ڪم وڏي پئماني تي شروع ٿي ويو ۽ لڳاتار جاري رهيو. اهو صحيح رخ تي صحيح قدم هو. ان ڪري روس کي ان جو اهو فائدو ٿيو جو، اهو اڄ ٻين سپر پاور منجهان هڪ سپر پاور جي حيثيت رکي ٿو.
    اهو آهي تدبير۽ سوچ جو فرق، ڪمال اتاترڪ، ترڪي ۽ يورپ جي وچ ۾ ثقافت جي فرق کي ختم ڪرڻ چاهيو، پر ٻنهي جي وچ ۾ ثقافتي فرق کي مٽائڻ جي باوجود، کيس ڪجهه هڙ حاصل نه ٿي سگهيو. ان جي ابتڙ لينن روس ۽ يورپ جي وچ ۾ علم ۽ شعور جي فرق کي ختم ڪرڻ جي رٿا بندي ڪئي. ان ڪري جڏهن فرق ختم ٿي ويو ته روس دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي طاقت بڻجي اڀريو هو.
    اهو مثال اسان کي ٻڌائي ٿو، ته غير واسطيدار ڪارروائين ۾ وقت نه وڃائڻ گهرجي، نه ته اسان جي ڪارروائين جي پڄاڻيءَکان پوءِ به اصل مسئلو اتي ئي رهجي ويندو، جتي اهو اڄ اسان کي ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي.

    ڪجهه مثال
    اسان جي ڀرپاسي ۾ جيڪي واقعا ٿيا آهن. انهن جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪيو ويندو، ته اها ڳالهه نهايت آسانيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي، ته ثقافت جو فرق يا ثقافت جي هڪجهڙائي واڌو شيون آهن. ٻڌيءَ سان انهن جو ڪو ضروري تعلق نه آهي. انهيءَ جا ڪجهه مثال هيٺ ڏجن ٿا:
    بمبئي ۾ پارسي ۽ هندو هزارن سالن کان گڏ رهي رهيا آهن. اوهان ڄاڻو ٿا ته پارسي معاشرو هڪ بند معاشرو آهي. اهي ماڻهو پنهنجي برادريءَ کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي صحيح نه سمجهندا آهن. انهيءَ ڪري بمبئيءَ ۾ هندن ۽ پارسين جي پاڻ ۾ شاديءَ ڪو نه ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪو مثال ملندو هجي، ته اهو هڪ ٻه نڪي اهو ڪوئي عام قائدو آهي. ان جي باوجود اڄ تائين اتي ڪڏهن به هندن ۽ پارسين جو پاڻ ۾ جهيڙو ناهي ٿيو. ٻنهي جي وچ ۾ معياري حد تايئن پر امن لاڳاپا آهن.
    ان جي ابتڙ ٻيو مثال هندن ۽ سکن جو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته هندن ۽ سکن جو پاڻ ۾ شادي ڪرڻ جو رواج بنا ڪنهن جهل پل جي آهي. پر انهن ٻنهي فرقن ۾ اڄ پنجاب ۾ تمام وڏي پيماني تي جهيڙو ٿي رهيو آهي، ڄڻ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جون دشمن هجن. اهو سلسلو ڀنڊران والا (پنجاب) ۽ آپريشن بلو اسٽار (اپريل 1986ع) جي وقت کان وٺي گهڻي شدت سان جاري آهي ۽ هر قسم جي ڪوشسش جي باوجود اڃا تائين ختم ناهي ٿي سگهيو.
    اهڙيءَ ريت مثال طور چيو ويندو آهي ته سڀني فرقن جي هڪ ئي زبان ۽ ٻولي ٿي وڃي، ته ان کان پوءِ ماڻهن جي وچ ۾ ٻڌي ۽ ايڪو پيدا ٿيندو. پر اها به هڪ غير واسطيدار ۽ فائدي کان خالي تجويز آهي. سئيزر لينڊ ۾ ڪيتريون ئي ٻوليون رائج آهن. انهن مان ٽن ٻولين کي سرڪاري ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي. فرانسيسي، جرمن ۽ اٽالين، پر ٻولين جي گهڻائيءَ جي باوجود، انهن جي وچ ۾ مڪمل اتحاد ۽ ٻڌي آهي. بلڪه سئيزر لينڊ موجوده دنيا جو سڀ کان وڌيڪ امن وارو ملڪ آهي. ان جي ابتڙ پاڪستان جو مثال آهي، اتي باقاعده سرڪاري طور تي هڪ ٻولي يعني اردو رائج آهي. ان جي باوجود پاڪستان ۾ ماڻهن جا پاڻ ۾ ايترا گهڻا جهيڙا آهن، جو پاڪستان ٺهڻ کي 60 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي، پر اتي اڃا تائين جهيڙو ختم ناهي ٿيو.
    اهڙيءَ ريت بيشمار مثال موجود آهن، جيڪي اهو ٻڌائين ٿا ته ايڪي ۽ ٻڌيءَ جو تعلق ماڻهن جي سوچ سان آهي، نڪي انهن جي ظاهري ريتن رسمن سان. ملڪ جي رهاڪن ۾ جيڪڏهن صحيح سوچ موجود هجي ۽ اهي زندگي گذارڻ جو راز ڄاڻندا هجن، ته اهي ظاهري فرق جي باوجود گڏجي سڏجي رهي سگهن ٿا. ان جي برعڪس جيڪڏهن سندن سوچ ٺيڪ نه هوندي ۽ اهي زندگي گذارڻ جي راز کان اڻ سونهان هوندا ته اهي هڪ ٻئي سان وڙهندا رهندا. توڙي جو سندن ظاهري اهڃاڻ هڪجهڙا ڇو نه هجن. حقيقت هيءَ آهي ته زندگيءَ جي معاملن جي درستگيءَ ۾ اصل اهميت ذهني فڪر ۽ رويي (Attitude of Mind) جي آهي. جيڪڏهن اسان هن ملڪ ۾ ايڪو ۽ مفاهمت پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ته اسان کي ماڻهن جي ذهني رويي ۽ فڪر کي درست ڪرڻو پوندو. ان مقصد کي حاصل ڪرڻو جو اهو ئي واحد رستو آهي، ته ماڻهن ۾ اهو رويو پيدا ڪيو وڃي، ته اهي ٻين سان رواداريءَ وارو ورتاءُ ڪن. اهي هر ماڻهوءَ جو احترام ڪن. پوءِ اهو سندن پنهنجي برادريءَ جو هجي يا پاڻ کان ٻاهر واري برادريءَ جو، اهو ئي رويو اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو اصل بنياد آهي. اهو رويو جتي هوندو، اتي ايڪو هوندو ۽ جتي اهو رويو نه هوندو، اتي ڪنهن ٻي تدبير سان ايڪو پيدا نه ٿو ڪري سگهجي.

    قرآن جي رهنمائي
    هاڻ مان ڪجهه وڌيڪ وضاحت سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو، ته انهيءَ معاملي ۾ اسان کي قرآن شريف مان ڪهڙي رهنمائي ٿي ملي. اها رهنمائي هڪ لفظ ۾ هيءَ آهي ته انسان کان سواءِ باقي سموري ڪائنات، جنهن قانون تي هلي پئي، انهيءَ کي انسان به اختيار ڪري. ڪائنات پڌري پٽ مختلف ۽ متفرق جزن جو مجموعو (ميڙ) آهي. ان ۾ باهه به آهي ۽ پاڻي به. ان ۾ نازڪ ٻوٽا به آهن ته سخت پٿر به. ان ۾ ڏينهن جي روشني به آهي ۽ رات جي اونداهي به. پر انهن سڀني اختلافن جي باوجود سڄي ڪائنات هڪ هم آهنگ ڪُل (سَڀُ) وانگر عمل ڪندي رهي ٿي. اهو ڄڻ هڪ خدائي نمونو آهي. انسان کي گهرجي، ته اهو به اهڙيءَ طرح پنهنجي لاءِ رهنما بڻائي.
    قرآن مجيد جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انسان ۽ باقي ڪائنات ٻئي هڪ اڪائي جا ٻه حصا آهن. ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، اهو هي آهي ته انسان ذاتي شعور ۽ ذاتي ارادو رکي ٿو. جڏهن ته ڪائنات جون ٻيون سموريون شيون ذاتي شعور ۽ ارادو نه ٿيون رکن. جامد (بيٺل) مادو فطرت جي قانون (Law of Nature) سان قابو ٿيندو آهي ۽ جاندار شيون پنهنجي، اندر لڪل جبلت (Instinct) سان.
    قرآن مقدس جي مطابق، ڪائنات ۾ جيڪو دين (عمل جو نظام) آهي. اهو ئي انسان جو دين (عمل جو نظام) به آهي. ٻنهي جي ڪامياب ڪارڪردگيءَ جو راز هڪ ئي فطري نقشي ۾ سمايل آهي. قرآن مجيد ۾ آهي ته:
    اَفَغَیْرَ دِیْنِ اللہ یَبْغُوْنَ وَلَہٗ اَسْلَمَ مَنْ فِی السَّمٰوٰاتِ وَالْاَرْضِ طَوْعً وَّکَرھاً
    (آل عمران: 83)
    ”ڇا اهي الله جي دين کان سواءِ ڪو ٻيو دين چاهين ٿا، حالانڪ ان جي تابع آهي اهو سڀ، جيڪو زمين ۽ آسمان ۾ آهي. خوشيءَ سان يا ناخوشيءَ سان.“
    ٻئي هنڌ فرمايو ويو آهي:
    لاَتُفْسِدُوْ فِیْ الْاَرْضِ بَعْدَ اِصْلَاحِھَا (الاعراف: 56)
    ”زمين ۾ فساد نه ڪيو اصلاح کان پوءِ.“
    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته جنهن زمين تي انسان کي آباد ڪيو ويو آهي. اها هڪ اصلاح ٿيل زمين آهي. ان جا سڀ جزا بلڪل صحيح ڪارڪردگيءَ تي قائم آهن. انهن ۾ ڪنهن به قسم جو نقص ناهي. هاڻي انسان کي گهرجي ته هو انهيءَ نافذ ٿيل (لاڳو ٿيل) اصلاح واري نظام سان مطابقت ڪري، زمين تي زندگي گذاري. جيڪڏهن هو ان نقشي سان مطابقت (هڪجهڙائي) نه رکندو، ته زمين تي فساد مچائڻ جي برابر سمجهيو ويندو. ڪنهن مجموعي جو هڪ جزو، جيڪڏهن مجموعي سان مطابقت (هڪجهڙائي) ڪري رهندو، ته نظام درست رهندو ۽ جيڪڏهن مجموعي جو ڪو هڪڙو جزو به اصل مجموعي سان مطابقت نه رکندو ته سڄو نظام بگڙجي ويندو، اهو اصلاحي نقشي ۾ فساد پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي ويندو.
    ان کي هڪ لفظ ۾ ڪائناتي نمونو چئي سگهجي ٿو. جيڪو ڪائناتي نمونو، ڪائنات کي ڪاميابيءَ سان هلائي رهيو آهي. اهوئي انسان جي لاءِ فائدي وارو ۽ ڪامياب آهي.

    ٻه رخ
    اها شيءِ جنهن کي اسان ڪائناتي نمونو (نقشو) چيو آهي. ان جا ٻه رخ آهن. هڪ فني (Technical) ۽ ٻيو اخلاقي (Ethical). جيتري قدر ڪائناتي نموني جي فني رخ جو تعلق آهي، ان معاملي ۾ انسان بلڪل اهو ئي ڪيو آهي. جيڪو کيس حقيقت جي لحاظ کان ڪرڻ گهرجي. هو ان معاملي ۾ تمام گهڻو سنجيده آهي. هو تمام گهڻي محنت سان ان کي ڳوليندو ۽ ان جي مڪمل پيروي ڪندو آهي. هو ڪائناتي نموني جي فني رخ کان ادنيٰ درجي جي به ڀڃڪڙي ناهي ڪندو، ڇو جو هو ڄاڻندو آهي ته فني رخ جي مڪمل پيروي جي ذريعي ئي هو تمدني ترقيون ڪري سگهي ٿو. پر ڪائناتي نموني جي اخلاقي رخ جي باري ۾ هن جو رويو بلڪل مختلف آهي. هتي هو پيرويءَ جي بدران ڀڃڪڙيءَ جي روش اختيار ڪندو آهي.
    انهيءَ معاملي جي وضاحت جي لاءِ هڪ سادو مثال وٺو. هن هال ۾ اسان جي آڏو ٻه شيون آهن، هڪ بجلي جيڪا اسان کي روشني ڏئي رهي آهي ۽ ٻيو پکو جنهن سان اسان کي ٿڌي هوا ملي ٿي. اهي ٻئي شيون ڪائناتي نموني جي فني رخ جي پيروي ڪري حاصل ڪيو ويون آهن. ڪائنات ۾ قدرت جي قانون تحت اڳواٽ ئي هڪ امڪان موجود آهي. اهو هي ته جيڪڏهن اوهان هڪ اهڙي مشين ٺاهيو، جنهن ۾ ميگنيٽڪ فيلڊ (مقناطيسي ميدان) ۽ حرڪت (Motion)کي گڏ ڪيو ويو هجي ته هڪدم ان جي اندر اليڪٽران متحرڪ ٿي ويندا ۽ اها شيءِ پيدا ٿيندي، جنهن کي ڪرنٽ (بجلي) چوندا آهن. جنريٽر ۾ انهيءَ طريقي کي استعمال ڪري بجلي پيدا ڪئي ويندي آهي. جنهن سان بلب ٻرندو آهي ۽ ٻيا ڪم ڪيا ويندا آهن.
    ڪائناتي نموني جو هڪ ٻيو فني رخ هيءُ آهي ته جيڪڏهن اوهان هڪ اهڙي مشين ٺاهيو، جنهن ۾ مقناطيسي ميدان (ميگنيٽڪ فيلڊ) ۽ بجلي (ڪرنٽ) کي گڏ ڪيو ويندو، ته هڪدم ان جي اندر حرڪت (Motion) پيدا ٿيندي. اها ئي قدرتي تدبير آهي، جنهن جي ذريعي حرڪت (چرپر) پيدا ڪري پکو هلايو ويندو آهي ۽ ٻيون سڀ مشينون حرڪت ۾ آنديون وينديون آهن.
    هي ڪائناتي نموني (نقشي) جا فني رخ جا مثال آهن. دنيا جا سڀئي انسان اهي ڪنهن به قوم يا فرقي سان واسطو رکندڙ هجن. اهي ان رخ جي %100 سيڪڙو پيروي ڪندا آهن. اهي ٿورڙو به ان کان پري ناهن ٿيندا. ڇو جو اهي ڄاڻندا آهن، ته هتي نتيجي ۾ يا ٻين لفظن ۾، صحيح ڪارڪردگيءَ جو دارو مدار سڄو سارو ان تي آهي، ته خارجي قانون جي مڪمل پيروي ڪئي وڃي.
    هي ڪائناتي نموني (نقشي) جي فني رخ جا ڪجهه مثال آهن. اهي مثال اهو به ٻڌائين ٿا ته ڪائناتي نقشي ۾ هڪ ٻيو مقرر ڪيل رخ به موجود آهي، جنهن کي نوعيت جي لحاظ کان اخلاقي (Ethical) رخ چئي سگهجي ٿو. ان مان منهنجو مطلب ڪائنات ۾ اڳڪٿي ڪرڻ جي قابليت (Predictability) آهي. ڪائنات مڪمل طور تي پيشن گوئيءَ جي قابل ڪردار (Predictability Character) واري آهي. مثلاً: مٿي ڄاڻايل مثال ۾ اڻ تبديل ٿيندڙ طور تي هيءَ اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي، ته جڏهن به مقناطيسي ميدان ۾ حرڪت کي ملايو ويندو، ته لازمي طور تي اتي ڪرنٽ پيدا ٿيندو. اهڙيءَ ريت جڏهن به مقناطيسي ميدان ۽ ڪرنٽ کي گڏ ڪيو ويندو، ته اتي لازمي طور تي حرڪت پيدا ٿيندي. ڪائنات جي اهڙيءَ ريت اڳڪٿي ڪرڻ، ڄڻ ان جو اهو رخ آهي، جنهن کي انساني ٻولي ۾ اخلاقي رخ چئي سگهجي ٿو.
    موجوده دنيا ۾ اسان اهو تضاد ڏسي رهيا آهيون، ته اسان جي ٽيڪنالاجي نهايت ٺيڪ طرح سان ڪم ڪري رهي آهي. اها هميشه اهي ئي گهربل نتيجا ڏيندي رهي ٿي، جنهن جي ان مان اميد ڪئي ويندي آهي. ان جي ابتڙ انسان ٺيڪ طور تي ان گهربل معيار تي پورو نٿو لهي. جنهن جي ان مان اميد رکي ويندي آهي. ان تضاد جو واحد سبب هي آهي ته انسان ڪائنات جي نقشي جي فني رخ کي مڪمل طور تي اختيار ڪيو، پر هن ان جي اخلاقي پهلوءَ کي ڇڏي ڏنو.

    اڳڪٿي جي قابل ڪردار
    قرآن شريف ۾ پسند پيل ٻانهن (ماڻهن) جي تعريف هن ريت ڪئي وئي آهي:
    وَ الۡمُوۡفُوۡنَ بِعَہۡدِہِمۡ اِذَا عٰہَدُوۡا ۚ (البقره: 177)
    ”۽ پنهنجي انجام کي پاڙيندڙ جڏهن انجام ڪن ٿا.“
    اها اها ئي اخلاقي صفت آهي. جنهن کي اسان اڳڪٿي جي قابل ڪردار (Predictable character) سان ڀيٽيو آهي. جهڙيءَ ريت لوهه جي مٿان ڪنهن ڇت کي بيهاريو ويندو آهي ته اڳواٽ ئي اهو يقين هوندو آهي ته لوهه ڇت جو وزن سنڀاليندو. اهڙيءَ ريت جڏهن هڪ انسان ٻئي انسان سان ڪو عهد (وعدو) ڪندو، ته اڳواٽ ئي اهو اعتماد هئڻ گهرجي ته اهو ضرور ان عهد کي پوروڪندو. اهو ڪنهن به حال ۾ ان کان نه ڦرندو.
    ان ڳالهه کي هڪ حديث ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته منافق ماڻهوءَ جون ٽي نشانيون آهن: جڏهن ڳالهائي، ته ڪوڙ ڳالهائي. جڏهن اهو وعدو ڪري، ته ان کان ڦري وڃي، جڏهن ان کي امانت حوالي ڪئي وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري. (اٰیۃ المنافق ثلاث۔ اذا حدّث کذب واذا وعدا اخلف واذا اْتمن خان)
    مٿين ٽنهي ڳالهين ۾ اڳڪٿي جي قابل ڪردار، جي خلاف آهن. ڪنهن انسان سان جڏهن ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته، ان اعتماد تي ڪئي ويندي آهي، ته اهو صحيح ڳالهه چوندو. اهو غلط بيانيءَ کان ڪم نه وٺندو. هاڻي جڏهن اهو حقيقت جي ابتڙ ڳالهائيندو، ته ان اڳواٽ اندازي جي خلاف عمل ڪيو. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪنهن سان وعدو ۽ اقرار ڪيو ويندو آهي ته ان يقين جي بنياد تي ڪيو ويندو آهي، ته هن جو ايندڙ عمل ٺيڪ انهيءَ وعدي مطابق هوندو. هاڻي جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي ڪيل وعدي جي ابتڙ ڪرڻ لڳي، ته هن پنهنجي باري ۾ اڳواٽ اندازي کي پورو نه ڪيو. اهڙيءَ ريت جڏهن ڪا امانت ڪنهن جي حوالي ڪئي ويندي آهي، ته اها به ان اڳواٽ اعتماد جي بنياد تي ڪئي ويندي آهي ته هو ادائيگي جي وقت امانت کي پوريءَ ريت ادا ڪندو. هاڻي جيڪڏهن ادا ڪرڻ وقت هو امانت کي ان جي حقدار ڏانهن نه موٽائيندو، ته ان جو مطلب هي آهي ته اهو اڳڪٿي جي قابل ڪردار وارو نه هو.
    ڪائنات پنهنجي اڳڪٿي جي قابل ڪردار جي سبب ڪامل آهي. اهڙيءَ ريت انسان به ان وقت ڪامل ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهو اڳڪٿي جي قابل ڪردار وارو ٿي وڃي.

    ڪثرت ۾ وحدت
    ڪائنات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي، ته ان ۾ ڪثرت ۾ وحدت جو اصول پيو ڪم ڪري. يعني شيون ظاهر ۾ مختلف ۽ گهڻيون آهن، پر جڏهن انهن جو تجزيو ڪيو وڃي ٿو، ته معلوم ٿئي ٿو ته سڀ شيون پنهنجي آخر ۾ ايٽم (Atom) جو مجموعو آهن. هر شيءِ آخرڪار ايٽم آهي. اها ظاهر ۾ ڪجهه به ڏسڻ ۾ ايندي هجي.
    اهو ئي ڪائناتي نقشو انسانن منجهه به رکيو ويو آهي. انسان بظاهر ڏسڻ ۾ هڪٻئي کان مختلف نظر اچن ٿا. انهن ۾ رنگ ۽ ٻين شين جي لحاظ کان تمام گهڻو فرق هوندو آهي. پر انهن جو تاريخي تجزيو ڪيو ويندو ته خبر پوندي ته سڀئي نسل نيٺ اچي هڪ ماءُ پيءُ تي ختم ٿين ٿا. ڄڻ سڀ هڪ ٻئي جا ڀائر آهن، نڪي هڪٻئي جا دشمن.
    اها ئي ڳالهه قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ چئي وئي آهي:
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اتَّقُوۡا رَبَّکُمُ الَّذِیۡ خَلَقَکُمۡ مِّنۡ نَّفۡسٍ وَّاحِدَۃٍ وَّ خَلَقَ مِنۡہَا
    زَوۡجَہَا وَ بَثَّ مِنۡہُمَا رِجَالًا کَثِیۡرًا وَّ نِسَآءً (سورۃ النساءِ: 1)
    ”اي انسانو! ڊڄو پنهنجي رب کان جنهن پيدا ڪيو توهان کي هڪ ڄڻي مان ۽ خلقيائين ان مان سندس زال ۽ پکيڙيائين انهن ٻنهي مان مرد گهڻا ۽ عورتون.“
    اهائي ڳالهه حديث ۾ هن ريت آئي آهي:
    الا کلکم بنو اٰدم واّدم من تراب .
    ”ٻڌو ته توهان سڀ آدم جي اولاد آهيو ۽ آدم مٽي مان هو.“
    انسانيت جي وحدت جو اهو تصور هر انسان جي دل ۾ ٻين انسانن جي لاءِ محبت ۽ خيرخواهيءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿو، جيڪو سموري انساني نسل کي هڪ خاندان ۽ هڪ برادريءَ وانگر بڻائي ڇڏيندو آهي.
    حديث مبارڪ ۾ آهي ته:
    الخلق عیالُ اللہ فاحبُّ الخلق الی اللہ من احسَنْ عیالہ۔
    ”سڄي مخلوق الله جو ڪٽنب آهي. توهان سڀني ماڻهن ۾ الله وٽ سڀ کان وڌيڪ محبوب اهو آهي، جيڪو ان جي ڪٽنب سان سٺو سلوڪ ڪري.“
    ڪائناتي نقشو ڪثرت ۾ وحدت جي صفت رکي ٿو. انسان کي به انهيءَ ڪائناتي نموني تي پنهنجي زندگي جو نقشو ٺاهڻ گهرجي.. ڪائنات ۾ جڏهن ڪثرت ۾ وحدت (Unity of diversity) جو اصول متحرڪ آهي، ته انسان جي لاءِ اهو صحيح نه آهي ته هو هتي ڪثرت کي هڪ ڪرڻ (Unification of diversity) جي طريقي تي زندگيِءَ جو نظام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري.

    زندگيءَ جو ڀائپيءَ وارو سرشتو
    انسانيت جي وحدت يا بني آدم جي وحدت جي حقيقت جنهن جو اعلان پيغمبر اسلامﷺ چوڏهن سئو ورهيه اڳ ڪيو هو. هاڻي اهو جديد تحقيق جي نتيجي ۾ هڪ سائنسي حقيقت جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.
    موجوده زماني ۾ ماليڪيول حياتيات (Molecular Biology) تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي. ڊي اين اي (DNA) جي ذريعي نسلي ڳجهن رازن کي ڳولڻ ممڪن ٿي ويو آهي. انهيءَ ڪري آمريڪا ۾ جين جي ماهرن (Geneticists) جي هڪ ٽيم اهو ڪم پنهنجي ذمي ڪيو، ته اها انسان جي گڏيل جد اعليٰ (پر ڏاڏي) (Common ancestor) کي ڳوليندا. DNA جي طريقي ۾ ابتدائي پيءُ (Great grandfather) کي ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو هو. انهن شروعاتي ماءُ (Great grandmother) کي ڳولي لهڻ ۾ پنهنجي سمورو ڌيان ان تي ڏنو.
    انهن حياتياتي سائنسدانن مختلف علائقن جي 147 ڳورهاين عورتن کي تيار ڪيو ته اهي اڻ ڄاول ٻار جا مادا (placentas) کين عطيي طور ڏين. ان مادي تي انهن ورهين تائين آمريڪا جي ايئرڪنڊيشنڊ ليبارٽرين ۾ تحقيق ڪندا رهيا، جيڪي ”برڪلي“ ۾ هيون. هنن انهن جسماني ريشن (Body Tissue) جا نمونا ڪڍيا ۽ انهن تي قسم قسم جا تجربا ڪيا. نيٺ انهن اعلان ڪيو آهي ته هنن پهرين عورت (First Women) يا مذهبي اصطلاح ۾ حوا (Eve) کي ڳولي لڌو آهي. سائنسدانن جي خيال ۾ اها عورت ٻه هزار ورهيه اڳ زمين تي رهندي هئي. اها سڀني انسانن جي گڏيل ماءُ آهي. اها اسان سڀني جي تقريباً 000،10 هين ڏاڏي آهي.
    تحقيق ٻڌايو آهي ته اهي سڀ ظاهري فرق، جن جي بنياد تي نسلي اختلاف يا اعليٰ نسل ۽ ڪمتر نسل جا نظريا ٻڌايا ويا هئا. اهي فقط وقتي ۽ سطحي هئا. مثال طور: چمڙيءَ جو رنگ فقط آب هوا سان مطابقت جو نتيجو هوندو آهي. آفريقا ۾ ڪارو رنگ سج جي روشني کان بچاءَ جي لاءِ، يورپ ۾ اڇو رنگ الٽراوائلٽ شعائن کي جذب ڪرڻ جي لاءِ جيڪا وٽامن ڊي جي پيدائش ۾ مددگار آهي. چمڙيءَ جو رنگ فقط چند سالن جي عمل سان بدلجي ويندو آهي.
    Skin colour, for instance, is a miner adaptation to climate black in Africa for protection from the sun, White in Europe to absorb ultraviolet radiation that helps produce vitamin D. It takes only a few thousand years of evolution for skin colour to change. (p-42)
    سائنسدانن پنهنجي تحقيق جي نتيجن مطابق اعلان ڪيو آهي ته سڀني ٻارن جا DNA نيٺ هڪ عورت تائين پهچن ٿا. پهرين نظر ۾ اهي قبول ڪرڻ جوڳا نه ٿا لڳن ته سڀني انسانن جو حياتياتي ذريعو فقط هڪ اڪيلي عورت هئي. پر اهو اتفاق سان قانون تحت حاصل ٿيڻ وارو هڪ نهايت ثابت ٿيل نتيجو آهي.
    All the babies’ DNA could be traced back, ultimately, to one woman At first glance it may seem inconceivable that the source of all mitochondrial DNA was a single woman, but it’s a well- established outcome of the laws of probability. (p42)
    برڪلي جي حياتياتي سائسندانن (Geneticists) جي ذڪر ڪيل ٽيم کان علاوه ايموري يونيورسٽي (Emory University) جي ٽيم به انهيءَ سلسلي ۾ ڪم ڪيو آهي. ان ٽيم جو اڳواڻ پروفيسر ڊگلس (Dougles wallecse) هو. انهيءَ ٽيم وڌيڪ اهو امڪان ظاهر ڪيو آهي، ته پهرين عورت (حوا) ممڪن آهي، ايشيا جي ڪنهن حصي ۾ رهندي هجي.
    Eve might have lived on Asia (P.42)
    اهو نتيجو انهن جيني شاهديءَ (Genetic evidence) جي بنياد تي ڪڍيو آهي، جيڪو مختلف براعظمن جي 800 ماڻهن جي رت جي خصوصي جانچ ۽ چڪاس کان پوءِ حاصل ڪيو ويو آهي. اها تحقيق نج سائنسي سطح تي اهو ثابت ڪري رهي آهي، ته سڄو انساني نسل، ظاهري فرق جي باوجود هڪ عظيم خاندان (Great family) جي حيثيت رکي ٿو.
    (صفحو 44 ـ 43)
    انهيءَ قسم جي تحقيق انگلينڊ، فرانس وغيره ۾ به ٿي رهي آهي. انهيءَ تحقيق تي آمريڪا جي ڪيترن ئي سائنسي جرنلن ۾ مقالا ڇپجي چڪا آهن. انهيءَ سلسلي ۾ ٻن مقالن جو تت نيويارڪ (آمريڪا) جي انگريزي هفتيوار نيوز ويڪ (11 جنوري 1988ع) ۾ ستن صفحن تي ڇپيو آهي.
    انهيءَ تحقيقات جي مطابق جينيٽڪ شاهدي ان قديم خيال جي ترديد ڪري ڇڏي آهي، ته انساني نسل مختلف جدا جدا شاخن سان تعلق رکن ٿا. ان سان ثابت ٿيو آهي ته سموري آدم جي اولاد هڪ ئي گڏيل انساني برادريءَ جو حصو آهي. هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر اسٽيفن جي گولڊ (Stephen Jay Gould) چيو آهي:
    This idea is tremendously important. It makes us realize that all human beinigs, despite differences in external appearance, are really members of a single entity that’s had a very recent origin in one place. There is a kind of biological brotherhood that’s much more profound than we ever realized. (p. 39)
    اهو خيال حيرت جي حد تائين اهم آهي، اهو اسان کي يقين ڏياري ٿو ته سڀ انسان، ٻاهرين نشانن ۾ فرق جي باوجود، حقيقت ۾ هڪ ئي واحد نسل جا فرد آهن جيڪا نهايت ئي ويجهڙائي واري دور ۾ هڪ مقام تي شروع ٿي هئي. هتي هڪ قسم جي حياتياتي ٻڌي آهي. جيڪا ان کان گهڻي گهري آهي. جيڪا اڄ تائين اسان سمجهي آهي.
    اها ٻڌي جيڪا حياتياتي واقعي جي طور تي اڳ ۾ ئي موجود آهي، ان کي سماجي سطح تي اختيار ڪرڻ، اها ئي انساني ٻڌي ۽ انساني يڪجهتيءَ جو واحد راز آهي. اهو ٻڌي ۽ يڪجهتيءَ جو اهو فطري نسخو آهي، جنهن جو اشارو خود اسان جي پيدائشي بناوت ۾ موجود آهي. ان تحقيق هڪ پاسي انهن سڀني نظرين کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيو آهي. جيڪي رنگ، نسل ۽ فرق جي بنياد تي انسانيت کي مختلف گروهن ۾ ورهائي ڇڏيو هو. ٻئي پاسي ان ٻڌايو آهي ته انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي قائم ڪرڻ جي فطري تدبير ڪهڙي آهي.

    تنوع جو اصول
    جنهن دنيا ۾ اسان رهون پيا، ان جو نظام تنوع ۽ رنگا رنگي جي اصول تي قائم آهي. اهو ئي تنوع انسانن جي وچ ۾ به گهريل آهي. اسان کي انسانن جي وچ ۾ اهو ئي مزاج بنائڻ گهرجي، ته اهي اختلاف جي باوجود متحد هجن. اهي مختلف ۽ متنوع انسانن سان گڏجي ڪري زندگي گذارڻ سکن. انساني ٻڌي ۽ ايڪو قائم ڪرڻ جي لاءِ فرق کي ختم ڪرڻ قدرت جي نظام جي خلاف آهي. انهيءَ ڪري اهو ڪڏهن به ڪامياب نٿو ٿي سگهي.
    مثال طور: جانورن کي ڏسو، جانورن جا هڪ ملين (ڏهه لک) کان به وڌيڪ قسم دنيا ۾ ملن ٿا ۽ هر هڪ جو هڪ ڪم آهي. جيڪو انهيءَ سان مخصوص آهي. هتي زمين تي رهندڙ جيتن جي به ضرورت آهي، جيڪي گندين، خراب ۽ بيڪار شين کي (Decompose) ڪري، اسان جي فضا کي لڳاتار پاڪ ۽ صاف ڪندا رهند آهن. هتي ڏاند جي به ضرورت پوندي آهي، جيڪي اسان جي زمين کي کيڙن ۽ گهوڙي جي به ضرورت آهي، جيڪو اسان جي سواريءَ جي ڪم اچي. هڪ پاسي جيڪڏهن هتي جهرڪين جي گهرج آهي، جيڪي چون چون ڪن ته ٻئي پاسي گڏهه جي به ضرورت آهي جيڪو جڏهن هينگي، ته اوهان سوچيو ته مون کي ان وانگر رڙيون ڪري ڳالهائڻ نه گهرجي.
    اهو ئي معاملو سڀني ٻين شين جو آهي. هن دنيا ۾ بي حساب تنوع ۽ رنگا رنگي آهي. انهيءَ تنوع تي ان جو سمورو نظام هلي رهيو آهي. انهيءَ نموني تي انسانن کي پيدا ڪرڻ واري، انسانن جي اندر به فرق ۽ تنوع رکيو ويو آهي. انهيءَ تنوع کي باقي رکڻ ئي انسانيت جي ترقي ۽ ڪاميابي آهي. انهيءَ تنوع کي ختم ڪرڻ ائين ئي آهي، جيئن انسانن کي هڪ جيتري قد جو بنائڻ لاءِ ماڻهن کي هيٺان مٿان ڪٽي سٽي برابر ۽ هڪجيترو ڪيو وڃي.

    حد بندي جو نظام
    ڪائنات جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هتي حدبنديءَ جو نظام قائم آهي. هر شيءِ پنهنجي مقرر ڪيل دائري ۾ رهي، پنهنجو ڪم ڪري ٿي، اها پنهنجي دائري کان ٻاهر نڪري ٻئي دائري ۾ داخل نه ٿي ٿئي. اها ئي ڳالهه قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ چئي وئي آهي:
    وَ الشَّمۡسُ تَجۡرِیۡ لِمُسۡتَقَرٍّ لَّہَا ؕ ذٰلِکَ تَقۡدِیۡرُ الۡعَزِیۡزِ الۡعَلِیۡمِ ﴿ؕ۳۸﴾ وَ الۡقَمَرَ قَدَّرۡنٰہُ مَنَازِلَ حَتّٰی عَادَ کَالۡعُرۡجُوۡنِ الۡقَدِیۡمِ ﴿۳۹﴾ لَا الشَّمۡسُ یَنۡۢبَغِیۡ لَہَاۤ اَنۡ تُدۡرِکَ الۡقَمَرَ وَ لَا الَّیۡلُ سَابِقُ النَّہَارِ ؕ وَ کُلٌّ فِیۡ فَلَکٍ یَّسۡبَحُوۡنَ (یٰسٓ: 38 تان 40)
    ”۽ سج پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. اهو زبردست ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. ۽ اسان چنڊ لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن. ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي ڇڙيءَ وانگر ٿي پوي ٿو. سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ آسان نه آهي ۽ نه رات ڏينهن (پوري ٿيڻ) کان اڳي اچڻ واري آهي ۽ سڀئي آسمان ۾ ترن ٿا.“
    انهن آيتن ۾ ان فلڪياتي حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته هن ڪائنات جا سڀ گهمندڙ ڦرندڙ ستارا ۽ سيارا تمام گهڻي درستگيءَ سان پنهنجي پنهنجي مدار (Orbit) ۾ گهمن ٿا. اهي ڪڏهن به پنهنجي حد کي ڇڏي، ٻئي جي حد ۾ داخل نه ٿيندا آهن.
    اها ئي حد بندي انسان کان به گهربل آهي. انهيءَ ڪري قرآن ڪريم ۾ چيو ويو آهي ته:
    وَ مَنۡ یَّتَعَدَّ حُدُوۡدَ اللّٰہِ فَاُولٰٓئِکَ ہُمُ الظّٰلِمُوۡنَ (البقره: 229)
    ”جيڪي الله جي حدن کان لنگهي ويندا، سي ظالم آهن.“
    اها ئي ڳالهه حديث ۾ هنن لفظن ۾ ڪئي وئي آهي. وحدّ حدوداً فلا تعتدوها. ”۽ الله حدون قائم ڪري ڇڏيون آهن ته توهان انهن کي نه اورانگهيو.“
    هڪ ٻي حديث ۾ ان ڳالهه کي هن مثال جي ذريعي واضح ڪيو ويو آهي:
    مثل للمومن ومثل الایمان کمثل الفرس فی اٰخیتہ یجول ثم یرجع الیٰ اٰخیتہ
    ”مومن جو مثال ۽ ايمان جو مثال اهڙو آهي، جيئن گهوڙو جيڪو پنهنجي رسيءَ ۾ ٻڌل هجي. اهو گهمندو آهي. پوءِ اهو پنهنجي رسيءَ جي طرف موٽي ايندو آهي.“
    هڪ گهوڙي جي ڳچيءَ ۾ پنجن ميٽرن جي رسي هجي. اها هڪ ڪلي سان ٻڌل هجي ته گهوڙو پنهنجي عادت جي مطابق چوڌاري گهمندو. پر اهو رسيءَ جي ڊگهائيءَ کان وڌي پري وڃي نه سگهندو. رسي جيڪڏهن پنجن ميٽرن جي آهي ته ان جي حرڪت جو دائرو به پنجن ميٽرن تائين محدود رهندو.
    آسمان جا ستارا هڪ اڻ ڏٺل رسيءَ ۾ ٻڌل آهن، جيڪا کين مقرر مدار (Orbit) کان ٻاهر وڃڻ نه ٿي ڏئي. اهڙيءَ ريت انسان کي به هڪ اخلاقي رسيءَ ۾ ٻڌو ويو آهي. اها رسي صحيح ۽ غلط جي رسي آهي. ان کي صحيح ڪم ڪرڻو آهي. پر غلط ڪم ڏانهن قدم ناهي واڌائڻو. انسان کي انصاف تي قائم رهڻو آهي. کيس ظلم ڪرڻ جي اجازت ناهي. ان کي جڏهن ڳالهائڻو آهي ته سچ ڳالهائڻو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ سندس لاءِ جائز ناهي. ان کي پنهنجي ترقيءَ ۾ڪاميابيءَ جي لاءِ سرگرم ٿيڻ جي اجازت آهي. پر کيس اها اجازت نه آهي، ته اهو ٻين کي نقصان ڏئي پنهنجي لاءِ فائدو حاصل ڪري.
    اها حقيقت هڪ لطيفي ۾ چڱيءَ ريت واضح ٿئي ٿي. هڪ ملڪ جي ڳالهه آهي ته ان کي ٻاهرين ملڪ کان آزادي ملي هئي. ان کان پوءِ ان ملڪ جو هڪ شهري سڙڪ تي نڪتو، اهو خوشيءَ مان لڏندو لمندو وڃي رهيو هو ۽ پنهنجا ٻئي هٿ زور زور سان لوڏي رهيو هو. ان دوران ان جو هڪ هٿ واٽ ويندڙ جي نڪ کي لڳو. واٽهڙو ڪاوڙجي کانئس پڇيو، ته تون اهڙيءَ ريت هٿ ڇو لوڏي گهمي رهيو آهين. آرام سان ڇو نه ٿو هلين. شهريءَ چيو ته اڄ منهنجي ملڪ کي آزادي ملي آهي. هاڻ مان آزاد آهيان، ته جيڪو چاهيان، اهو ڪريان. واٽهڙو هورڙيان چيس ته تنهنجي آزادي اتي ختم ٿي وڃي ٿي. جتان کان منهنجو نڪ شروع ٿئي ٿو.
    Your freedom ends where my nose beings.
    هن دنيا ۾ هر ماڻهوءَ کي عمل جي آزادي آهي، پر هڪ شخص کي پنهنجي ”هٿ“ لوڏائڻ جي آزادي ايستائين آهي، جتي اهو ٻئي جي ”نڪ“ سان نه ٽڪرائجي. جيئن ئي ٻئي شخص جي نڪ سان ٽڪرائڻ جي حد شروع ٿئي، اتي هٿ لوڏائڻ واري جي آزاديءَ جي حد به ختم ٿي ويندي.

    ادنيٰ کان اعليٰ
    هڪ وڻ جي ڪاميابيءَ جو راز هيءُ آهي جو اهو ادنيٰ کي اعليٰ بڻائي سگهي ٿو. اهو جامد (بيٺل) مادي کي واڌ ويجهه واري شيءِ ۾ تبديل ڪندو آهي. اهو ٻاهران مٽي، پاڻي ۽ گئس حاصل ڪندو آهي ۽ ان کي پن، گل ۽ ميوي جي صورت ۾ آڏو آڻيندو آهي. اهڙيءَ ريت ڪنهن انساني سماج جي، بهتر سماج هئڻ جو سڄو سارو دارو مدار ان تي آهي، ته ان جا فرد اها صلاحيت رکندا هجن، ته اهي ادنيٰ سلوڪ کي اعليٰ سلوڪ ۾ تبديل ڪري سگهن.
    ان معاملي ۾ انسان جي نفسياتي وجود کي به ائين ئي هئڻ گهرجي، جيئن خلقڻهار ان جي حياتياتي وجود کي بڻايو آهي. انسان جيڪي شيون کائيندو آهي، ان ۾ هڪ جزو کنڊ جو هوندو آهي. کنڊ پنهنجي ابتدائي صورت ۾ انسان جي لاءِ ڪارگر نه آهي، ان ڪري انسان جي جسم ۾ شير دان (Pancereas) جو نظام رکيو ويو آهي. جنهن جو عمل سادي طور تي اهو آهي ته اهو کنڊ کي گلوڪوز (Energy) يعني طاقت ۾ تبديل ڪندو آهي. انهيءَ تبديلي جي صلاحيت تي انسان جي طاقت ۽ صحت جو دارومدار آهي. جنهن ماڻهوءَ جي جسم جو اهو نظام خراب ٿي وڃي، ته ان جي اندر داخل ٿيڻ واري کنڊ، طاقت ۾ تبديل نه ٿيندي. پوءِ اها يا ته خون ۾ شامل ٿي ويندي يا پيشاب جي رستي خارخ ٿيڻ لڳندي . ان کان پوءِ انسان تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويندو. انهيءَ سان ئي اها خطرناڪ بيماري پيدا ٿيندي آهي. جنهن کي مٺا پيشاب/ذيابيطس (Diabetes) چيو ويندو آهي.
    جيڪڏهن هڪ ماڻهو شگر يعني مٺن پيشابن (Diabetes) جو مريض ٿي وڃي. يعني ان جو جسماني نظام کنڊ کي طاقت ۾ تبديل ڪرڻ جي صلاحيت وڃائي ويهي ته ان جي لاءِ زندگي بي معنيٰ ٿي ويندي. اهو سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه رهندو. اهڙيءَ ريت جيڪو سماج ان مزاج کان خالي ٿي وڃي. يعني ان جا فرد ادنيٰ سلوڪ کي اعليٰ سلوڪ ۾ مٽائڻ جو ثبوت نه ڏئي سگهن، ته اهڙو سماج هڪ بيمار سماج آهي. اهڙي سماج کي درست ڪرڻ جي لاءِ ان کان سواءِ ٻي ڪائي تدبير نه آهي، ته منجهس ٻيهر اها صلاحيت پيدا ڪئي وڃي.
    اڄ ڪلهه اسان جي سماج ۾ جيڪا بگاڙ ۽ ٽڪراءُ آهي. ان جو ڪارڻ اهو نه آهي، ته ماڻهن جي وچ ۾ تهذيبي فرق آهي. ان جو اصل سبب هيءُآهي ته اسان جي سماج جا فرد نفسياتي لحاظ کان ڊائبٽڪ ٿي ويا آهن. منجهن اها صلاحيت ناهي رهي آهي جو اهي کنڊ کي ”طاقت“ ۾ تبديل ڪري سگهن، اهي بي طاقتيءَ کي پنهنجي لاءِ طاقت بڻائين.
    سماجي زندگيءَ ۾ سدائين ائين ٿيندو آهي جو ماڻهوءَ آڏو اڻ وڻندڙ تجربا ايندا آهن. هڪ شخص کي ٻئي شخص سان ڪا نه ڪا شڪايت ٿيندي آهي. ڪنهن جو مفاد ٻئي جي مفاد سان ٽڪرائبو آهي. هڪ شخص اهڙا لفظ ڳالهائيندو آهي، جنهن کي ٻڌي ٻيو محسوس ڪندو آهي، ته هو ان جي ذاتي يا قومي حيثيت کي نندي رهيو آهي. اهڙي قسم جا واقعا سماجي زندگيءَ ۾ لازمي پيش ايندا رهندا آهن. اسان جي لاءِ اهو ممڪن نه آهي، ته اسان اهڙن واقعن جي پيدا ٿيڻ کي روڪيون. اسان جي لاءِ جيڪا شيءِ ممڪن آهي، اها فقط هيءَ آهي ته اسان اهڙن واقعن مان ناڪاري اثر نه وٺون.
    هڪ صحتمند ماڻهو پنهنجي اندر داخل ٿيندڙ کنڊ کي طاقت ۾ تبديل ڪندو آهي. اهو ئي تبديليءَ جو عمل نفسياتي طور تي گهربل آهي. هن دنيا ۾ بهتر سماجي زندگي ٺاهڻ جو راز فقط هيءُ آهي، ته ماڻهن کي شعوري لحاظ کان ان قابل بڻايو وڃي، ته اهي اڻ وڻندڙ واقعي کي وڻندڙ واقعي ۾ تبديل ڪري سگهن. اهي ڪاوڙ جي جواب ۾ معافي آڇين ۽ برائي ڪرڻ وارن کي سٺي سلوڪ جي سوکڙي ڏين.
    موجوده سماج جا فرد نفسياتي لحاظ کان ڊائبٽڪ ٿي ويا آهن. انهن جي انهيءَ نفسياتي بيماريءَ جو علاج ڪريو ۽ پوءِ اوهان ڏسندؤ ته جيڪو سماج پاڻ اختلافن جو ڳڙهه بڻيل هو، اهو رنگ برنگي قسم جي وڻن ۽ ٻوٽن جو من موهيندڙ باغ بڻجي ويو آهي.

    تبديليءَ جو اصول
    ڪائناتي نقشي يا نموني جو هڪ رخ هيءُ آهي ته هتان جو سڄو نظام، تبديلي (Conversion) جي اصول تي قائم آهي. هتي ڪنهن شيءِ جي افاديت جو معيار هي آهي، ته اها تبديليءَ جي اصول تي پوري لهي. مثلاً: هن دنيا ۾ انسان جي ساهه سان ۽ ٻين سببن جي ڪري گهڻي مقدار ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس پيدا ٿئي ٿي. وڻ ان کي پنهنجي اندر کڻندا آهن. وڻ جي اندر جيڪا ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ داخل ٿيندي آهي، جيڪڏهن اهي ٻيهر ان کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي صورت ۾ ڪڍن، ته پوري فضا زهريلي ٿي وڃي. انسانن ۽ حيوانن جي لاءِ هن دنيا ۾ جيئرو رهڻ ناممڪن ٿيو پوي. پر وڻ ان ڪاربارن ڊاءِ آڪسائيڊ کي مخصوص عمل جي ذريعي آڪسيجن ۾ تبديل ڪندا آهن ۽ ان کي آڪسيجن جي صورت ۾ ٻاهر ڪڍندا آهن. اهي ٻين کان زهريلي گئس وٺي، ٻين کي مفيد ۽ ڪارائتي گئس جو تحفو ڏيندا آهن.
    اهڙيءَ ريت ڳئونءَ کي ڏسو. ڳئون ڄڻ قدرت جو ڪارخانو آهي. جيڪا گاهه کائيندي آهي ۽ ان کي کير جي صورت ۾ اسان کي موٽائي ڏيندي آهي. اها انسان جي لاءِ ناقابل خوراڪ شين کي خوراڪ جي قابل شين ۾ تبديل ڪرڻ جو قدرتي ڪارخانو آهي، جيڪڏهن ڳئون ائين ڪري ته اها گاهه کائي موٽ ۾ گاهه ڏيڻ لڳي، ته اها پنهنجي قيمت ۽ افاديت وڃائي ڇڏيندي.
    تبديلي جو اهو اصول باقي دنيا ۾ به قائم آهي ۽ اهو ئي انسان کان به گهربل آهي. باقي دنيا جي صحيح ڪارڪردگيءَ جو راز هيءُ آهي ته اها تبديليءَ جي اصول تي ڪم ڪري رهي هجي. اهڙيءَ ريت بهتر زندگي ۽ ڪامياب انساني سماج اڏڻ جو راز به اهو ئي آهي، ته ان جا فرد ان صلاحيت جو ثبوت ڏئي سگهن، ته کين ”گاهه“ ملي ۽ ان کي ”کير“ جي صورت ۾ دنيا وارن ڏانهن موٽائي سگهن.
    قرآن مقدس ۾ سچن انسانن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته:
    وَ اِذَا مَا غَضِبُوۡا ہُمۡ یَغۡفِرُوۡنَ. (الشُّوۡرٰی: 37)
    ”۽ جنهن وقت ڪاوڙ ٿي اچين ته معاف ٿا ڪري ڇڏين.“
    يعني ٻين کان کين اهڙي سلوڪ جو تجربو هوندو آهي، جيڪو سندن اندر ڪاوڙ ۽ بدلي جي باهه ڀڙڪائڻ وارو هجي، پر اهي ڪاوڙ ۾ بدلي جي باهه کي پنهنجي اندر ۾ وسائي ڇڏيندا آهن ۽ ٻئي شخص کي جيڪا شيءِ موٽائيندا آهن، اها معافي ۽ درگذر وارو سلوڪ هوندو آهي، نڪي ڪاوڙ ۽ بدلي وٺڻ جو سلوڪ.
    قرآن شريف ۾ آهي ته:
    وَ لَا تَسۡتَوِی الۡحَسَنَۃُ وَ لَا السَّیِّئَۃُ ؕ اِدۡفَعۡ بِالَّتِیۡ ہِیَ اَحۡسَنُ فَاِذَا الَّذِیۡ
    بَیۡنَکَ وَ بَیۡنَہٗ عَدَاوَۃٌ کَاَنَّہٗ وَلِیٌّ حَمِیۡمٌ (حٰمٓ السَّجۡدَۃِ: 34)
    ”۽ نيڪي ۽ بدي پاڻ ۾ برابر نه آهن. (بديءَ کي) ان (نيڪي) سان دفع ڪر، جا ڏاڍي چڱي آهي، پوءِ ان وقت اهو ماڻهو جنهن جي وچ ۾ ۽ تنهنجي وچ ۾ دشمني آهي، سو ڄڻ ته دوست مائٽيءَ وارو ٿيندو.
    ان آيت جي باري ۾ حضرت علي سائين ؐ فرمايو ته:
    امر لله المومنين بلصبر عندالغضب والحلم عند الجهل والعفو عندالاِساءۃ فاذا فعلوا ذالک عصمھم اللہ من الشیطان وخضع لھم عدوہم کانہ ولی حميم.
    ”الله، ايمان وارن کي حڪم ڏنو آهي، ته اهي ڪاوڙ مهل صبر ڪن. ڪو جهالت ڪري، ته ان کي برداشت ڪن. برائي ڪئي وڃي ته معافي ۽ درگذر جو طريقو اختيار ڪن. جڏهن اهي ائين ڪندا، ته الله انهن کي شيطان کان بچائيندو ۽ سندن دشمنن کي اهڙيءَ ريت جهڪائيندو جو اهي ان جا ويجهو دوست بڻجي وڃي.“
    هيءَ اها ئي صفت آهي. جنهن کي اسان مٿي تبديليءَ سان ڀيٽيو آهي. خدا پرست ماڻهوءَ جي خدا پرستي، سندس اندر اهڙي صلاحيت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي، جو اها برائيءَ کي ڀلائيءَ ۾ تبديل ڪري سگهي. جيڪي ماڻهو ان کي گار ڏين، اهي ان جي لاءِ دعا ڪن. جيڪي ماڻهو ان سان غير انساني سلوڪ ڪن، ان سان اهي انساني سلوڪ جو طريقو اختيار ڪري. جيڪي ماڻهو ان سان گٿو يا خراب ڳالهائين، اهي ان جو آڌرڀاءُ مٺن گفتن سان ڪن.
    ان مان معلوم ٿئي ٿو ته سٺي سماج جي اڏاوت لاءِ اسان جي ڪوشش جو رخ ڪهڙو هئڻ گهرجي. اُهو هيءُ هجڻ گهرجي، ته اسان فردن منجهه ”تبديليءَ“ جي صلاحيت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. موجوده دنيا ۾ صالح سماج انهيءَ تبديليءَ جي ذريعي بنائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ نيڪ ۽ صالح سماج اڏڻ جو ٻيو ڪو به طريقو ناهي.

    هڪ مثال
    سچن انسانن کي ماڻهن جي و چ ۾ ڪهڙيءَ ريت رهڻ گهرجي. ان جو بهترين ميڪنيڪل مثال ڪرنٽ جذب (Shock absorber) ڪرڻ جو آهي. ڪرنٽ جذب ڪرڻ جي لفظي معنيٰ آهي جهٽڪي کي برداشت ڪرڻ وارو. هي هڪ اوزار آهي، جيڪو موٽر ڪارن ۾ لڳايو ويندو آهي. ايڪسل ۽ باڊيءَ جي وچ ۾ هڪ قسم جي گدي جو ڪم ڪندو آهي. اهي روڊ جي سطح جي خراب هجڻ ڪري پيش ايندڙ جهٽڪن کي باڊيءَ تائين پهچڻ کان روڪيندو آهي.
    A device which on an automobile, acts as a cushion between the axels and the body and reduces the shocks on the body produced by undulation of the roads surface (IX/159)
    جيڪڏهن اوهان ٽريڪٽر تي 50 ڪلوميٽر جو سفر ڪندا، ته اوهان پنهنجي منزل تي اهڙي ريت پهچندا جو اوهان تمام گهڻا ٿڪل هوندا. ان جي ابتڙ جڏهن اوهان هڪ سٺي ڪار تي 50 ڪلوميٽر سفر ڪندا ته اوهان منزل تي اهڙيءَ ريت لهندا آهيو جو اوهان بلڪل تازا توانو هوندا آهيو.
    ٻنهي گاڏين ۾ فرق جو ڪهڙو سبب آهي. ان فرق جو سبب جهٽڪن جذب ڪرڻ واري صلاحيت آهي. ڪار جڏهن هلندي آهي، ته اڪثر ان جو ڦيٿو هيٺ مٿي ٿيندو آهي. باڊي هيٺ مٿي نه ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ جڏهن ٽريڪٽر هلندو آهي، ته ان جو ڦيٿو ۽ باڊي ٻئي هيٺ مٿي ٿيندا رهندا آهن. ٻين لفظن ۾ ڪار ان گاڏيءَ جو نالو آهي جو، جيڪو جهٽڪو گاڏيءَ کي آيو. اهو گاڏيءَ تائين رهجي ويو . اهو مسافرن تائين نه پهتو. ان جي ابتڙ ٽريڪٽر ان گاڏيءَ جو نالو آهي جو جيڪو جهٽڪو گاڏيءَ کي لڳو. اهو گاڏيءَ تائين محدود نه رهيو. بلڪه اهو مسافر تائين پهتو.
    سچو انسان دنيا ۾ ڪار جيان جيئندو آهي، ۽ ڪوڙو انسان ٽريڪٽر وانگي رهندو آهي. سچي انسان جي سيني ۾ هڪ ”جهٽڪن برداشت ڪرڻ وارو اوزار هوندو آهي. جيڪو سڀني جهٽڪن ۽ صدمن پاڻ اندر سهندو ۽ برداشت ڪندو رهندو آهي. ان جي ابتڙ ڪوڙي انسان جي اندر ”جهٽڪن برداشت ڪرڻ وارو اوزار“ ناهي هوندو. اهو هر جهٽڪي کي ٻين تائين پهچائيندو رهندو آهي. سٺو سماج اڏڻو آهي، ته سٺا انسان تيار ڪريو. ڇو جو هي اصل ۾ ڪوڙا انسان ئي هوندا آهن، جيڪي سماج ۾ خرابي ۽ فساد برپا ڪري ڇڏيندا آهن.

    هڪ طرفو طريقو
    دهليءَ جي هڪ انگريزي اخبار ۾ مون هڪ مضمون پڙهيو، جنهن جو عنوان هو، ”ٻه ـ طرفو طريقو، بهترين طريقو آهي.“ (Bilateralism is Best) يعني ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار هجي، ته ان جي حل ڪرڻ جو طريقو هيءُ آهي ته ٻئي ”اڌو اڌ“ تي راضي ٿين. پنجاهه سيڪڙو %50 ذميداري هڪ ڌر کڻي ۽ %50 ذميداري ٻي ڌر کڻي ۽ اهڙيءَ ريت معاملي کي ختم ڪيو وڃي.
    اها ڳالهه گرامر جي لحاظ کان صحيح، پر حقيقت جي لحاظ کان بلڪل غلط آهي، ڇو جو موجوده دنيا ۾ اها عمل جي قابل ئي ناهي. هن دنيا ۾ ڪو به تڪرار ان وقت ئي ختم ٿي سگهي ٿو، جڏهن هڪ ڌر هڪ طرفي ٿي ان کي ختم ڪرڻ تي راضي ٿئي. ان لحاظ کان اهو چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو ته هڪ طرفو طريقو بهترين طريقو آهي.
    نبي ڪريم ﷺ جهيڙن ۽ شڪايتن کي ختم ڪرڻ جو اهو ئي طريقو ٻڌايو آهي.
    حديث پاڪ ۾ ارشاد ٿيو آهي ته:
    احسن الیٰ من اساءِ اليک
    ”جيڪو شخص توهان سان برو سلوڪ ڪري، ان سان سٺو سلوڪ ڪريو.“
    يعني رد عمل جو طريقو اختيار نه ڪريو ۽ نڪي ان جو انتظار ڪريو ته ٻي ڌر %50 جهڪي ته توهان به %50 درگذر ڪريو. ان جي ابتڙ خدا پرست انسان جي لاءِ هي حڪم آهي، ته هو هڪ طرفو سهڻي سلوڪ جو طريقو اختيار ڪري. انهيءَ هڪ طرفي سهڻي اخلاق جو ٻيو نالو صبر آهي. ۽ انهيءَ صبر ۾ بهتر انساني سماج جو راز لڪل آهي.


    ترقي ۽ تعمير ڏانهن

    آمريڪا جي اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن (1913ع) پنهنجي ڪتاب ”فتح - جنگ کان سواءِ “ (Victory without war) ۾ ٻين ملڪن سان گڏ هندستان جو به ذڪر ڪيو آهي. هندستان جي سياسي نظام تي تبصرو ڪندي لکي ٿو ته:
    Those who believe India is not governed well should remember how miraculous is that it is governed at all Richard Nixon, 1999 victory without war 1988.
    جيڪي ماڻهو اهو سمجهن ٿا ته هندستان ۾ سٺي حڪومت قائم ناهي. انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته اهو خود ڪيڏو نه عجيب ڪرشمو آهي، جو اتي حڪومت قائم آهي. (انڊين ايڪسپريس، 21 اپريل 1988)
    هندستان جي اجتماعي نظام جي باري ۾ مسٽر نڪسن جو اهو تبصرو يقيناً سخت آهي، پر دانش مندي اها آهي ته ان تي شڪايت ڪرڻ جي بدران ان کي اسان پنهنجي لاءِ هڪ چيلينج سمجهون، چوڻ واري جي خلاف ڪاوڙ ڪڍڻ بدران اسان پنهنجو سمورو ڌيان ملڪ جي داخلي ترقيءَ تي ڏيون. اسان ملڪ کي ايڏي ترقي ڏياريون جو ڪنهن ”نڪسن“ کي اسان جي خلاف اهڙي قسم جا لفظ استعمال ڪرڻ جي همت نه ٿئي. ان جو هڪ مثال جاپان آهي. ٻي عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ تي جاپان دنيا جي نظر ۾ هڪ حقير ملڪ بڻجي ويو هو. پر ان کان پوءِ چاليهن سالن جي محنت جي ذريعي جاپان پنهنجو پاڻ کي ايڏو مٿانهون ڪيو جو هاڻي ڪنهن کي به ان جي خلاف ڳالهائڻ جي جرئت نه ٿي ٿئي.
    ضرورت آهي ته اسان نئين سر پنهنجي معاملي تي غور ويچار ڪريون ۽ ڪنهن به سستيءَ کان سواءِ صحيح رخ ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪري ڏيون ته جيئن اسان جو آئندو، اسان جي حال جي مقابلي ۾ بهتر ۽ شاندار ٿي سگهي.
    نئين دهليءَ جي انگريزي اخبار انڊين ايڪسپريس (7 ,14 فيبروريءَ 1987ع) ۾ هندستان جي سينيئر صحافي ايس ملگائوڪر(S. Mulgaokar) جو هڪ مضمون ٻن قسطن ۾ ڇپيو هو، جنهن جو عنوان هيءُ هو:
    Can systemic changes provide the entire answer?
    [ڇا ڍانچي (سسٽم)۾ تبديلي مڪمل جواب آهي] مضمون نگار ان ۾ چيو هو ته اسان کي آزاد ٿئي 40 سال ٿي چڪا آهن. اسان گهڻي ترقي به ڪئي آهي پر اسان جا مسئلا اڃا به گهڻا آهن ۽ مجموعي طور تي اسان جا مسئلا، اسان جي ترقيءَ کان گهڻا آهن.
    Our problems are many and serious and on balance appear to out weight the progress.
    مسٽر ملگائوڪر انهن ماڻهن جي ڳالهين کي نه مڃيندو هو. جيڪي حالتن کي صحيح ڪرڻ جي لاءِ ڍانچي ۾ تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن. هن چيو ته ڍانچي کي آخرڪار ماڻهو ئي ته هلائيندا آهن. جڏهن ماڻهو سٺا نه هوندا، ته ڍانچو ڪيئن سٺو ڪم ڪندو.
    In the final analysis, a system is only as good as those who operate it.
    مسٽر ملگائوڪر جي انهيءَ ڳالهه سان مون کي اتفاق آهي. ان ڳالهه کي وڌائيندي مان چوندس ته مهاتما گانڌيءَ اسان جي ملڪ کي سياسي بنياد (Political Base) ڏنو. ان کان پوءِ پنڊت جواهر لال نهرو جي هٿ ۾ حڪومت آئي، ته هن ملڪ کي صنعتي بنياد ڏنو. هاڻي ضرورت آهي ته ٽيون ضروري ڪم ڪيو وڃي. ۽ اهو هي آهي هن ملڪ کي اخلاقي بنياد ڏيڻ. اسان سمجهون ٿا ته اها ٽئين شيءِ (اخلاقيات) قومي زندگيءَ ۾ فيصلي واري حيثيت رکي ٿي. اها اهڙي هڪ حقيقت آهي، جنهن جو تقريباً سڀني ماڻهن اعتراف ڪيو آهي.
    ملڪ کي اخلاقي بنياد ڏيڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي اهو هڪ ڏاڍو ڏکيو ۽ اڻانگو ڪم آهي ۽ ان لاءِ نهايت صبر سان جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊگهي خاموش جدوجهد جي ذريعي اسان کي اهو ڪرڻو آهي، ته ماڻهن ۾ اخلاقي سجاڳي پيدا ڪريون. قومي ترقيءَ جي سلسلي ۾ اها نهايت بنيادي ۽ اهم ڳالهه آهي. ان اصلاحي ڪم ۾ اسان جو سفر ذهني تعمير (Mind building) سان شروع ٿيڻ گهرجي، نڪي سياسي ڍانچي جي خلاف مظاهري سان، ان مهم ۾ اسان جو مقصد انسان کي تبديل ڪرڻ آهي نڪي حڪمرانن کي.
    اخلاقي سجاڳيءَ جو لفظ هتي مان ڪنهن محدود معنيٰ ۾ نه پيو چوان، بلڪه وسيع معنيٰ ۾ ڪتب آڻي رهيو آهيان. ان مان منهنجو مطلب خاص طور تي اها شيءِ پيدا ڪرڻ آهي. جنهن کي ٻين لفظن ۾تعميري سوچ (Constructive thinking) چئي سگهجي ٿو. يعني رد عمل جو طريقو ڇڏي. هاڪاري طريقي جو پابند ٿيڻ. مسئلن کي وڙهڻ کان سواءِ نبيرڻ جي ڪوشش ڪرڻ، ٻين جي ٽڪراءَ کي نظرانداز ڪندي پنهنجي زندگيءَ جو سفر طئي ڪرڻ. ممڪن شيءِ (Possible) کان پنهنجو عمل شروع ڪرڻ، نڪي ان شيءِ کان جيڪا ناممڪن آهي. اهو ئي اصلاح جو حقيقي طريقو آهي. ان کان سواءِ جيڪي به طريقا آهن، اهي سڀ وڃائڻ وارا ۽ اجايا طريقا آهن. نڪي حاصل ڪرڻ جا طريقا آهن.
    سجاڳي يا سمجهه پيدا ڪرڻ جو ڪم ان وقت ڪارائتو ٿي سگهي ٿو، جڏهن اهو تعميري انداز ۾ هجي. يعني ان جو رخ پاڻ ڏانهن هجي، نڪي ٻين ڏانهن. ٻين کان گهر ڪرڻ بدران پنهنجو پاڻ کي ڏنو وڃي. پنهنجي حقن کان وڌيڪ پنهنجي ذميوارين جو احساس اڀاريو وڃي. ماڻهن منجهه جذباتي فڪر جو انداز ختم ڪيو وڃي ۽ انهن منجهه عقلي فڪر جو انداز (Emotional approach) پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اهو ذهن بڻايو وڃي ته ماڻهو معاملي کي ٻين جي مٿان نه مڙهين، بلڪه ان ذميواريءَ کي پاڻ قبول ڪن. جتي معاملو هڪ کان وڌيڪ ماڻهن جو هجي، اتي ذميداري پاڻ قبول ڪرڻ سان مسئلو نبري ويندو آهي. ٻين جي مٿان مڙهڻ سان ڪڏهن به مسئلو ختم نٿو ٿي سگهي.
    سجاڳي يا سمجهه پيدا ڪرڻ جو اهو ڪم اڪثريتي ڪميونٽي ۽ اقليتي ڪميونٽي جي وچ ۾ ڪرڻو آهي. ٻنهي جي اندر اها سوچ پيدا ڪرڻي آهي، ته اهي ٻين تي الزام هڻن جو طريقو ڇڏي ڏين ۽ پاڻ ۾ جهاتي پائڻ جو مزاج پيدا ڪن. اهي ماضيءَ جي ڳالهين کي وساري مستقبل جي لحاظ کان پنهنجي رٿا بندي ڪن.
    انهيءَ سان گڏوگڏ هڪ ٻي شيءِ به آهي، جيڪا اڳواڻيءَ جي سطح تي گهربل آهي. 1947ع کان اڳ ۾ اڳواڻن ”انگريز هٽايو“ جو نعرو ڏنو هو. ان کان پوءِ مسز اندرا گانڌي ”غريبي هٽايو“ جو نعرو ڏنو. راجيو گانڌي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي 79 اجلاس ۾ (اپريل 1988) ۾ ”بيڪاري هٽايو“ جو نعرو ڏنو. پر فقط نعرن سان ملڪ جو مسئلو اڃا تائين نه نبريو آهي ۽ نه ئي اڳتي نبرندو. اصلي نعرو جنهن سان مسئلو حل ٿي سگهي ٿو، اهو آهي ”پنهنجو پاڻ کي تبديل ڪريو.“
    حقيقت هيءَ آهي ته هن ملڪ کي سياسي لحاظ کان هڪ ڊيگال جي ضرورت آهي. اسان جا اڳواڻ پاڻ ۾ ڊيگال بڻجڻ جو حوصلو پيدا ڪن ته سمورا مسئلا ڪجهه ئي سالن ۾ حل ٿي سگهن ٿا. هاڻوڪن نعرن جي صورت ۾ اهي مسئلا ته سو سالن تائين به حل ڪو نه ٿي سگهندا.
    ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته قوم کي زندهه ڪرڻ جي لاءِ فرد کي پنهنجو پاڻ کي هلاڪ به ڪرڻو پوندو آهي. موجوده زماني ۾ فرانس جي چارلس ڊيگال (1970 ـ 1890) ان جو هڪ مثال ڏنو. هندستان کي اڄ پنهنجي حالتن جي لحاظ کان انهيءَ قسم جي هڪ ڊيگال جي ضرورت آهي.
    ڊيگال 1958ع ۾ فرانس جو صدر ٿيو، ان وقت آفريقا ۾ فرانس جا تقريباً هڪ درجن ملڪ قبضي هيٺ هئا. جن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون هلي رهيون هيون. خاص طور تي الجيريا ۾ اها تحريڪ تمام گهڻي شدت اختيار ڪري چڪي هئي. فرانس انهيءَ تحريڪ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تقريباً 25 لک ماڻهن کي سزائون ڏنيون يا قتل ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود الجيريا ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه پئي وٺي. اها صورتحال چارلس ڊيگال جي لاءِ سخت ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا (1984) جي لفظن ۾ ته، الجيريا جي جنگ جا مسئلا هن جي لاءِ رنڊڪ بڻجي ويا ته اهو مستقبل جي هاڪاري پاليسين جي باري ۾ خاڪو بنائڻ کان وڌيڪ ڪجهه ڪري سگهي.(جلد 7ـ صفحو 964)
    فرانس پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن کي پنهنجو صوبو سمجهندو هو. اهو انهن جي ٻولي ۽ ثقافت کي انهيءَ حد تائين بدلائڻ پيو چاهي، ته اتان جا رهاڪو پنهنجو پاڻ کي فرانسيسي چون ۽ سمجهڻ لڳن. پر اها رٿا فرانس کي ڏاڍي مهانگي پئي. عملي طور تي اهي فرانس جو صوبو بڻجي نه سگهيا ۽ ان غير حقيقت پسند ڪوشش، خود فرانس کي هڪ ڪمزور ملڪ بنائي ڇڏيو. فرانس جي سڄي بهترين طاقت قبضي هيٺ آيل ملڪن ۾ آزاديءَ جي تحريڪن کي دٻائڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ۾ استعمال ٿيڻ لڳي ۽ فرانس يورپ جي هڪ عظيم طاقت هجڻ واري حيثيت وڃائي ويٺو.
    سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو جو آفريقا تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ فرانس ايٽمي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويو. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا جي مقالي نگار لکيو آهي، ته چارلس ڊيگال محسوس ڪيو ته نوآبادياتي جنگ وڙهڻ جي ڪوشش، فرانس لاءِ رڪاوٽ بڻجي وئي آهي ته هو وڏي پئماني تي ايٽمي تحقيق ڪري سگهي. ان ڪري ڊيگال الجيريا کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ مضوط ايٽمي طاقت وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوشش شروع ڪري ڏني. جيڪا فرانس جي عظيم حيثيت جي لاءِ نئون بنياد بڻجي سگهي. (جلد ـ 4 صفحو 905)
    ڊيگال، معاملي کي قومي ساک يا ذاتي قيادت کان الڳ ٿي ڪري ڏٺو. ٿڌيءَ دل سان سوچڻ کان پوءِ، هو ان راءِ تي پهتو، ته ان مسئلي جو حقيقت پسندحل فقط هڪ آهي ۽ اهو هيءُ آهي ته قبضي هيٺ آيل ملڪن کي آزاد ڪيو وڃي. پر فرانس جي لاءِ اها ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اهو فرانس جي قومي عزت ۽ وقار جو مسئلو هو ۽ قومي وقار اهڙي شيءِ آهي جو قومون وڙهي تباهه ٿي وينديون آهن، پر اهي پنهنجي وقار وڃائڻ برداشت ناهن ڪنديون. اهو يقيني هو ته جيڪو شخص ان معاملي ۾ قومي عزت ۽ وقار جي خلاف فيصلو ڪندو، اهو فرانس ۾ پنهنجي مقبوليت کي بلڪل هڪدم ميساري ڇڏيندو. پر ڊيگال اهو خطرو کنيو. انسائيڪلو پيڊيا برٽانيڪا جي لفظن ۾: ڊيگال الجيريا جا مسئلي کي ان وقت نبيري ڇڏيو، جڏهن کانئس ڪو ٻيو شخص ان کي نبيري نه پيو سگهي. (جلد ـ 7 صفحو 965)
    جنرل ڊيگال ان کان بعد الجيريا جي اڳواڻن کي ڳالهه ٻولهه جي دعوت ڏني. ان ڳالهه ٻولهه جو فيصلو بلڪل رٿا جي تحت الجيريا جي حق ۾ٿيو. يعني فرانس جي حڪومت ان تي راضي ٿي وئي ته الجيريا ۾ ريفرينڊم ڪرايو وڃي ۽ ماڻهن کان پڇيو وڃي، ته اهي فرانس جي ماتحتي پسند ڪن ٿا يا آزاد ٿيڻ چاهين ٿا. ريفرينڊم ٿيو اڳواٽ اندازي مطابق الجيريا جي رهاڪن آزاد الجيريا جي حق ۾ راءِ ڏني ۽ ان جو احترام ڪندي، فرانس جي حڪومت جولاءِ 1962ع ۾ الجيريا جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
    نتيجي ۾ چارلس ڊيگال تي سخت تنقيدون ٿيون. سندس مٿان قاتلاڻا حملا ڪيا ويا. ان کان پوءِ عوامي دٻاءَ هيٺ ڊيگال فرانس ۾ هڪ ريفرينڊم ڪرايو، جنهن ۾ ڊيگال کي هار نصيب ٿي. نيٺ هن 28 اپريل 1969ع تي صدارت کان استعفيٰ ڏني. 9 نومبر 1970ع تي کيس دل جو دورو پيو ۽ هو گذاري ويو. ڊيگال کي هڪ معمولي قبرستان ۾ اهڙيءَ ريت دفنايو ويو، جو هن جي جنازي ۾ سندس مٽن مائٽن ۽ ڪجهه دوستن کان سواءِ ٻيو ڪو به شريڪ نه هو. ڊيگال پاڻ مري ويو، پر هن مري ڪري به پنهنجي قوم کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو.
    ڊيگال جي ان واقعي کان پوءِ يورپ ۾ هڪ اصطلاح جڙيو آهي، جنهن کي گالزم (Gaulism) چيو ويندو آهي. گالزم پنهنجي قيادت جي قيمت تي قوم کي بچائڻ جو نالو آهي. برٽانيڪا (1984) جي لفظن ۾ ڊيگال اڪيلو شخص هو، جنهن ۾ اهو وڏو حوصلو هو، جو هو اهڙا نازڪ فيصلا ڪري سگهي، جن سان سخت قسم جا سياسي ۽ شخصي خطرا لاڳاپيل هوندا آهن. (965/7)
    اهو ئي گالزم قومي زندگيءَ جو راز آهي. هندستان کي اڄ اهڙي ئي حوصلي واري سياستدان جي ضرورت آهي. جيڪو ملڪي حالتن جي لحاظ کان ”گالزم“ جي اصول تي عمل ڪري سگهي. جيڪو پنهنجي ذاتي فائدي تي قوم جي فائدي کي مٿانهون رکي. جيڪو پنهنجي آئندي کي برباد ڪري، قوم جي مستقبل جي تعمير ڪري سگهي. اسان جي دعا آهي ته هندستان کي اهڙي قسم جو ڊيگال ملي پئي. موجوده ڪُنَ مان نڪرڻ جو ان کان سوا ٻيو ڪوئي رستو ناهي.
    اسان جي موجوده اڳواڻن جي اصل خرابي اها آهي ته اهي هر معاملي کي ”ووٽ“ جي نقطه نظر سان ڏسندا آهن. نڪي ملڪي مفاد جي نقطه نظر سان. حڪمرانن جي هڪ نسل ۾ جيڪڏهن اهو مزاج بڻجي پوي ته اهي ذات جي بدران ملڪ کي مقدم ڪري سگهن، ته ان کان پوءِ هڪدم ملڪي ترقيءَ جو سفر شروع ٿي ويندو ۽ جيڪو سفر هڪ ڀيرو شروع ٿي وڃي، اهو بهرحال منزل تي پهچي ئي وڃي ٿو.


    تاريخ جو سبق

    جرمن ڊڪٽيٽر ايڊولف هٽلر (1945 ـ 1889 ع) ذاتي حفاظت جي لاءِ پاڻ وٽ هڪ خاص پستول رکندو هو. ان پستول تي سون جو ڪم ٿيل هو. ۽ ان جو هٿيو هاٿي ڏند (عاج) جو ٺهيل هو. اهو پستول ٻي مهاڀاري جنگ کان پوءِ آمريڪين فوجين کي ميونخ ۾ هٽلر جي گهر ۾ مليو. ان وقت کان وٺي اهو پستول حفاظت سان رکيل هو. تازي اطلاع مطابق ان کي نيلام ڪيو ويو آهي. هڪ شخص اهو پستول 000,114 ڊالرن ۾ خريد ڪيو آهي. اها پستول ۽ بندوق جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي قيمت آهي. جيڪا ڪنهن هڪ هٿ جي هٿيار لاءِ ادا ڪئي وئي آهي.
    (ٽيليگراف- 22 نومبر 1987ع)
    ٻي مهاڀاري جنگ کان اڳ ۾ هٽلر کي اڳوڻي متحده (گڏيل) جرمنيءَ ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ايتري قدر جو هو ملڪ جو ڊڪٽيٽر (آمر) بڻجي ويو. پر ان ”قائد اعظم“ جرمنيءَ کي ”قوم اصغر“ بڻائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪارنامو سرانجام ڪونه ڏنو. هٽلر جيڪي حالتون پيدا ڪيون، تن جو نتيجو اهو نڪتو جو جرمنيءَ جو وسيع ملڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿي ڪيترن ئي حصن ۾ ورهائجي ويو ۽ ان تي چئن ٻاهرين قوتن (روس، برطانيه، آمريڪا ۽ فرانس) جو قبضو ٿي ويو. هٽلر جو آخري انجام اهو ٿيو جو، جنهن پستول کي هو پنهنجي ذاتي حفاظت جي لاءِ هر وقت پاڻ وٽ رکندو هو. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ شڪست کان پوءِ هن 30 اپريل 1945ع تي انهيءَ پستول سان پنهنجو پاڻ کي گولي هڻي، خودڪشي ڪئي. هٽلر پنهنجي قوم کي به هلاڪ ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي به.

    هٽلر جو عروج ڪهڙيءَ ريت ٿيو؟!
    جديد اقتصادي تاريخ جي باري ۾ اوهان ڪو به ڪتاب پڙهو، توهان کي ان ۾ هڪ اصطلاح عظيم بحران (Great Depression) نالي ملندو. ان مان مراد اها غير معمولي بازار جي موڙي يا اگهه جي ٿڌائي آهي. جيڪا يورپ ۽ آمريڪا ۾ 1929ع ۾ شروع ٿي ۽ 1939ع تائين جاري رهي. ان زماني ۾ مخصوص سبب جي ڪري صنعتي پيداوار گودامن ۾ جمع ٿي وئي ۽ بازار ۾ ان جا خريدار تمام گهٽجي ويا. نتيجو اهو نڪتو جو ڪارخانا بند ٿي ويا. اقتصادي سرگرميون ٺپ ٿي ويون. تقريباً 25% سيڪڙو صنعتي ڪارڪن بيروزگار ٿي ويا. جرمنيءَ ۾ بيروزگار ماڻهن جو انگ لکن تائين پهچي ويو. مغربي دنيا جو اڌ واپار برباد ٿي ويو.
    اهو بحران شروعات ۾ جيتوڻيڪ اقتصادي هو. پر ان جا نهايت اهم سياسي نتيجا ظاهر ٿيا، انتها پسند عنصر وڌيڪ طاقتور ٿي ويا ۽ اعتدال پسند ماڻهن جي ساک پت تمام گهڻي گهٽجي وئي.
    The Depression had important consequence is the political Sphere strengthening extremist forces and lowering the prestige of liberal democracy. (IV / 696)
    ڪنهن سماج ۾ بظاهر سڀ کان وڌيڪ طاقتور ادارو حڪومت جو هوندو آهي. ان ڪري عام طور تي ائين ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا وڏي مصيبت ايندي آهي، ته ماڻهو ان کي حڪمرانن ڏانهن منسوب ڪري ڇڏيندا آهن. نتيجي ۾ گهڻو ڪري وقت جي حڪمرانن جي خلاف فضا جنم وٺندي آهي. انهيءَ نفسيات جي بنياد تي ائين ٿيندو آهي ته جيڪو شخص مصيبتن جو ذميدار حڪومت کي سمجهي ان جي خلاف جذباتي تقريرون ڪندو آهي. اهو ماڻهن کي پنهنجو سچو همدرد ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ان جي ابتڙ جيڪو شخص مجموعي حالتن جي روشنيءَ ۾ مسئلن جو تجزيو ڪندو، اهو ماڻهن جي نظر ۾ ”ظالم حڪومت“ جو ايجنٽ هوندو آهي. اهڙي شخص جي باري ۾ ماڻهن کي اهو شڪ هجي ٿو، ته هو عوام کي عمل جي اصل منزل کان هٽائڻ چاهي ٿو.
    بحران جي زماني (1939 ـ 1929ع) ۾ جرمنيءَ جون اهي ئي حالتون هيون، جنهن کي هٽلر استعمال ڪيو. هن سڀني مصيبتن جو ذميوار وقت جي حڪومت کي قرار ڏيئي، ان جي خلاف جوشيليون تقريرون شروع ڪري ڏنيون. نتيجو اهو نڪتو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ هو جرمنيءَ جو سڀني کان وڌيڪ هاڪارو ليڊر بڻجي ويو. هڪ مؤرخ جي لفظن ۾ 1929ع کان پوءِ پيدا ٿيندڙ اقتصادي بحران کان هٽلر کي عوامي پٺڀرائي ملي ۽ سندس پارٽي، جرمنيءَ جي سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي وئي.
    Economic depression ofter 1929 brought mass support; making (1932) Nazis largest party in Reionstag. Hitler was oppointed chanceller (Jan. 1933) estabilished dictatorship in Germany.

    ٻيو مثال
    هڪ پاسي هٽلر جي اها تاريخ آهي. ٻئي پاسي يورپ ۾ برطانيه جي هڪ تاريخ آهي.برطانيه ۾ ان (پارٽي يا سوسائٽي) جي بلڪل مخالف انداز ۾ هڪ پارٽي ٺاهي ويئي، جيڪا عام طور تي ”فيبين“ نالي سان سڃاتي وڃي ٿي. انهن جي سوچڻ جو طريقو ۽ انداز ان کان بلڪل مختلف هو. جيڪو هٽلر ۽ سندس نيشنل سوشلسٽ (نازي) پارٽيءَ جو هو. فيبين سوسائٽي برطانيه ۾ ڪڏهن به عوامي مقبوليت حاصل نه ڪري سگهي. پر هن برطانيه جي لاءِ جيڪو ڪم ڪيو، اهو نازي پارٽيءَ جي مقابلي ۾ هزارين ڀيرا وڌيڪ اهم هو.
    فيبين سوسائٽي لنڊن ۾ 1883ع ۾ قائم ٿي. ان جو مقصد سرمائيداراڻي نظام جي خرابين کي ختم ڪرڻو هو. ان سوسائٽي ۾ شروع ۾ جيڪي ماڻهو شامل ٿيا هئا. انهن مان هڪ جارج برناڊ شا (1950 ـ 1856ع) به هو. برناڊ شا عوامي تقرير ڪرڻ جي صلاحيت رکندو هو. ان ڪري سندس تقريرن جي ڪري انهيءَ تحريڪ ۾ ڪيترائي ماڻهو شامل ٿيا. نوجوان برناڊشا ان کان پوءِ عوامي مظاهري جو منصوبو جوڙيو ۽ پنهنجي ساٿين کي گڏ ڪري هڪ جلوس ڪڍيو. ان جلوس ۾ اڪثر وچين طبقي جا ماڻهو شامل هئا. اهي ماڻهو جڏهن پنڌ (مارچ) ڪندي، لنڊن جي انهن علائقن ۾ پهتا، جتي وڏا وڏا سرمائيدار ۽ دولتمند رهندا هئا، ته انهن جا ڪجهه فرد تشدد تي لهي آيا ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ لڳا.
    ان پهرين تجربي کان پوءِ ئي فيبين سوسائٽي جا اڳواڻ جلوس ۽ مظاهري جا سخت مخالف ٿي ويا. انهن چيو ته عوام کي ”پر امن مظاهري“ جو پابند ڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو آهي. انهيءَ ڪري اسان پنهنجي اصلاحي جدوجهد کي مظاهري کان سواءِ هلائينداسين ان کان پوءِ فيبين سوسائٽي پريس، گڏجاڻين، علمي ريسرچ وغيره جهڙن بنا مظاهرن وارن طريقن جو پابنديءَ سان بندوبست ڪرڻ لڳي. فيبين سوسائٽي (ڪنهن به ڪم يا تحريڪ جي ڪاميابي لاءِ) مرحليوار ڪم ڪرڻ جي انتهائي سخت ضرورت (Inevitableness of gradualism) تي گهڻو زور ڏنو. ان تحريڪ جا ماڻهو سوشلزم کي مڃيندا هئا. پر ارتقائي سوشلزم جو عقيدو رکندا هئا، نڪي انقلابي سوشلزم جو.
    The Fabians put their faith in evolutionary socialism rather than in revolution (4/20)
    غير مظاهراتي عمل جو طريقو اختيار ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه آهي. حقيقت اها آهي ته اهو موجوده دنيا جو تمام گهڻو ڏکيو ڪم آهي. ان ڪم ۾ پنهنجو پاڻ کي روڪڻو پوندو آهي. وڌيڪ ملڻ جي بدران جيڪو ملندو هو تنهن تي راضي ٿيڻو پوندو آهي. شهرت ۽ مقبوليت جا موقعا هجڻ جي باوجود، پنهنجو پاڻ کي گمناميءَ ۾ دفن ڪرڻ جي لاءِ راضي ٿيڻو پوندو آهي. ان ڪري فيبين سوسائٽي سان اهو سڀ ڪجهه ٿيو. اها هڪ حقيقت آهي ته فيبين سوسائٽيءَ برطانيا ۾ هڪ زبردست تاريخ اَڏي. پر اها به حقيقت آهي ته برطانوي عظمت کي قائم ڪرڻ جي لاءِ ان جي اڳواڻن کي پنهنجي عظمت تان هٿ کڻڻو پيو.
    پنهنجي اعتدال (وچٿرائي) واري فڪر ۽ پنهنجي غيرعوامي طريقيڪار جي ڪري فيبين سوسائٽيءَ کي اها قيمت چڪائڻي پئي جو اها ڪڏهن به برطانيا جي مقبول عوامي تحريڪ نه بڻجي سگهي. 1946ع جو دور، ان جي عروج جو دور سمجهيو وڃي ٿو، پر ان عروج ۽ ترقيءَ جو دور ۾ به فيبين سوسائٽي جي ميمبرن جو ڳاڻيٽو 8400 کان وڌيڪ نه هو. اها سدائين ”خاص“ جي تحريڪ سمجهي وئي.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته فيبين سوسائٽي پنهنجي خاموش فڪري سرگرمين جي وسيلي برطانيا جي ذهين طبقي تي گهرو اثروڌو. ملڪ جي عام آباديءَ ۾ ان جي ميمبرن جو تعداد جيتوڻيڪ هڪ سيڪڙو کان وڌيڪ نه هو. پر اعليٰ ترين ذهنن جو چڱو خاصو تعداد ان کان متاثر ٿيو. ان ڪري سندس ميمبرن جي وچور ۾ جارج برناڊشا، سڊني ويب ۽ ڪليمنٽ اٽيليءَ جهڙا ماڻهو ان ۾ شامل هئا.
    فيبين سوسائٽيءَ جا ميمبر ٻئي مرحلي ۾ برطانيا جي ليبر پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا ۽ اهي ماڻهو ليبر پارٽيءَ ۾ ايڏو ته اثر انداز ٿيا جو اهي، ان جا دماغ بڻجي ويا. ان ڪري 1945ع جي چونڊن ۾ ليبر پارٽي برطانيا ۾ اقتدار ۾آئي ته ان جي پارليامينٽ جي ميمبرن جو اڌ تعداد انهن جو هو، جيڪي فيبين سوسائٽي سان تعلق رکندا هئا. پارٽيءَ جو اڳواڻ ڪليمنٽ اٽيلي به ان جو هڪ ميمبر هو. فيبين سوسائٽي ملڪ جي مجموعي آباديءَ ۾ مشڪل سان هڪ سيڪڙو هئي، پر حڪمران پارٽيءَ ۾ ان جو شمار %50 سيڪڙو تائين پهچي ويو.
    1945ع کان اڳ برطانيا ۾ سر ونسٽن چرچل جي پارٽي اقتدار ۾ هئي. ان وقت برطانيا جي نو آبادياتي بيٺڪن ۾ آزاديءَ جون تحريڪون هلي رهيون هيون. بظاهر برطانيا جي طاقت، انهن تحريڪن کي دٻائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي رهي هئي، پر چرچل برطانوي بيٺڪن کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن پارليامينٽ ۾ پنهنجي تاريخي تقرير ۾ چيو هو، ته هو ملڪ جو وزيراعظم ان ڪري نه ٿيو آهي جو برطانوي شهنشاهت جي خاتمي جي تقريب جي صدارت ڪري.
    He had not become his Majesty`s first Minster to Preside over the liquidation of his Majesty`s, empire.
    ونسٽن چرچل جي پاليسي، برطانيا کي انهيءَ قسم جي انجام ڏانهن وٺي وڃڻ واري هئي. جتي هٽلر جرمنيءَ کي پهچايو هو. يعني پنهنجي قبضي هيٺ آيل ملڪن کان پر تشدد جنگ ۽ آخرڪار ظلم جو ميڊل وٺي، ان جي آزاديءَ تي راضي ٿيڻ.
    پر 1945ع ۾ جڏهن ليبر پارٽي اقتدار ۾ آئي ته هن پنهنجي فيبين ميمبرن جي اثر هيٺ سٺي معاملي تي هڪ دفعو ٻيهر نئين سر غور ڪرڻ شروع ڪيو. انهن جي حقيقت پسنداڻي فڪر جي انداز کين ٻڌايو ته نوآبادياتي ملڪن کي موجوده حالتن ۾ گهڻي وقت تائين پنهنجي قبضي هيٺ رکڻ نا ممڪن آهي. جديد حالتن جي نتيجي ۾ بهرحال هڪ نه هڪ ڏينهن آزاد ٿي رهندا. پر جيڪڏهن برطانيا پر امن طور تي کين آزادي ڏئي، ته اهو ان جي لاءِ وڃائڻ بدران وڌيڪ حاصل ڪرڻ جي برابر ثابت ٿيندو. اهو حقيقت ۾ فيبين ذهن ئي هو. جنهن تحت برطانيا 1947ع ۾ اهو تاريخي فيصلو ڪيو، ته اهي هندستان کي (۽ ان کان پوءِ ٻين ملڪن کي) پر امن طور تي آزاد ڪري.
    ان حقيقت پسنداڻي فيصلي جو زبردست فائدو برطانيا کي مليو. هڪ پاسي هن جا عالمي اقتصادي فائدا گهڻي حد تائين محفوظ رهيا. ٻئي پاسي برطانيا ڪامن ويلٿ جي صورت ۾ هن گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي وڌيڪ پنهنجي عالمي سياسي وقار جو تحفظ ڪيو.

    اسان جي لاءِ سبق
    هندستان جي حالتن جيتوڻيڪ ان جي اجازت ڪونه ڏني ته هتي ڪو شخص ”هٽلر“ بڻجي. پر هڪ لحاظ کان اسان جا اڪثر اڳواڻ هٽلر جي پوئواري رهيا آهن. اسان جي ملڪ جا اڪثر اڳواڻ چاهي اهي ڪميونٽي اڳواڻ هجن يا قومي اڳواڻ، اهو ئي ڪندا رهيا آهن، ته اهي فرقي يا قوم کي پيش ايندڙ ڪنهن مصيبت کي وٺي اٿي کڙا ٿيندا آهن. اهي بگڙيل حالتن جي سموري ذميداري وقت جي حڪومت تي اڇلائي، ان جي خلاف جذباتي تقريرون شروع ڪري ڏيندا آهن. جلسا جلوس ۽ اخباري بيانن جو هُل هنگامو شروع ٿي ويندو آهي ۽ انهن سڀني جو رخ سدائين حڪومت ڏانهن ئي هوندو آهي.
    عوام پنهنجي مخصوص نفسيات جي ڪري ٽولن جا ٽولا اهڙن ليڊرن جو ساٿ ڏيندو آهي. عوام جي اڪثريت انهن جي چوڌاري تڪڙو گڏ ٿي ويندي آهي. ايتري قدر جي اهي ڪامياب ٿي ويندا آهن، ته وقت جي حڪومت جو انت آڻيو ڇڏين. پر ان کان پوءِ جيڪو ڪجهه ٿيندو آهي، انهيءَ سان حالتون پهريان کان به ويتر خراب ٿي وينديون آهن. ڪنهن جو اهو قول اهڙي قسم جي سڀني انقلابن تي ٺهڪي اچي ٿو، ته انقلاب ان ڳالهه جي هڪ ڪامياب ڪوشش آهي ته هڪ خراب حڪومت کي ختم ڪري، ان کان وڌيڪ خراب حڪومت کي پنهنجي مٿان مڙهيو وڃي.
    A revolution is a successful effort of get ridotabad govt: and setup a worse.

    وقت جي ضرورت
    اڄ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته ملڪ ۾ فيبين سوسائٽيءَ جي نموني جون تحريڪون قائم ڪيون وڃن. ڪميونٽيءَ جي سطح تي به ۽ قومي توڙي ملڪي سطح تي به. حقيقت اها آهي ته آزاديءَ کان سگهوئي پوءِ مهاتما گانڌيءَ انهيءَ قسم جي هڪ جماعت جو نقشو پيش ڪيو هو ۽ ان جو نالو هن ”جن ڪانگريس“ رکيو هو. گانڌيءَ جو اهو چوڻ هو ته سياسي آزادي ملي وڃڻ کان پوءِ هاڻي اسان جي آڏو ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ جو تمام گهڻو ۽ وڏو ڪم آهي. انهيءَ ڪري اسان کي هڪ غيرسياسي جماعت جي ضرورت آهي. ان جماعت جو ڪم عوام جي ذهني تربيت ڪرڻ هوندو ۽ اها چونڊن واري سياست کان الڳ رهي، نج تعميري انداز ۾ ڪم ڪندي. ”جن ڪانگريس“ جي ڪاميابيءَ لاءِ ضروري هو ته ڪانگريس جا وڏا وڏا اڳواڻ عهدي ۽ اقتدار جو رستو ڇڏي ”خاموش عمل“ تي پنهنجو پاڻ کي راضي ڪن. ۽ پنهنجي مڪمل توجهه سان ان ۾ مشغول هجن پر ڪو به اڳواڻ ان سياسي قربانيءَ جي لاءِ تيار نه ٿيو ۽ گانڌيءَ جي موت سان گڏ ئي ”جن ڪانگريس“ جو به انت ٿيو.


    لاقانونيت جو مسئلو

    مارچ 1988ع جي 12 تاريخ آهي ۽ صبح جا 8 ٿي رهيا آهن. منهنجي آفيس (نئين دهلي) سان لڳو لڳ، باغ ۾ مختلف رنگن جا گل ڦل نهايت خوبصورت ڏيک ڏئي رهيا آهن. ايتري ۾ ڪالونيءَ جي خوش پوش عورت باغ ۾ داخل ٿئي ٿي. هوءَ گل پٽڻ پئي چاهي، مالهي کيس منع ڪري ٿو. پر اها عورت ڪونه ٿي مڙي. هوءَ ٿورا گل پٽي ٿي ۽ ٻاهر روڊ تي اچي فاتحاڻي انداز ۾ چوي ٿي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ مالهيءَ جي پيءُ جو باغ آهي. اسان گل پٽينداسين رهنداسون، ڏسون ڪير ٿو اسان کي منع ڪري.
    اهو ننڍڙو واقعو انهيءَ هندستان جي تصوير ڏيکاري ٿو، جنهن کي آزاد هندستان چيو وڃي ٿو. آزاد هندستان حقيقت ۾ لاقانوني هندستان جو ٻيو نالو آهي. اڄ ملڪ جي جنهن شعبي کي به ڏسو، هر هنڌ لاقانونيت آهي. سرڪاري آفيس کان وٺي سڙڪ جي ٽريفڪ ۽ آمد رفت تائين، تعليمي ادارن کان وٺي سياسي پارٽين تائين، ملڪ جي ڪا به ڪنڊ اهڙي نه آهي، جتي قانون جو احترام هجي. پنهنجي ذاتي انا کان سواءِ ٻي ڪا به شيءِ نه آهي، جنهن جي لحاظ ڪرڻ جي کين ضرورت محسوس ٿيندي هجي. قانون جي پابندي ڪندڙ شهري، (Law abiding citizen) نالي ڪا شيءِ جديد هندستان ۾ نه ٿي ملي.
    انهيءَ تاثر ۽ خيال کان اڄ جڏهن مون دهليءَ ۾ اخبارون پڙهيون ته مون کي محسوس ٿيو ته لاقانونيت ۽ افراتفري جو اصل تعلق (1930ع ۾ گانڌيءَ طرفان هلايل) ”ڊانڊي مارچ“ يا ”لوڻ مارچ“ سان وڃي مِلي ٿو. اڄ (12 مارچ 1988ع) جي اخبارن ۾ ڊانڊي مارچ جي واقعي جا تفصيل نمايان طور تي شايع ڪيا ويا آهن. ڊانڊي مارچ ڇا هو، اهو ڄڻ ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڏانهن قوم جي اڪابرن جو مارچ هو. اها ڳالهه قانون ٽوڙڻ کي گلوريفاءِ (Glorify) يعني هڪ عظيم الشان عمل طور پيش ڪرڻ جي برابر هئي ۽ جڏهن ڪنهن قوم ۾ هڪ ڀيرو قانون ٽوڙڻ جي روايت قائم ٿي وڃي ٿي، ته ان کي فل اسٽاپ ناهي ايندو آهي.
    ڊانڊي مارچ هندستان جي آزاديءَ جي تاريخ جو مشهور واقعو آهي. اتان ئي مهاتما گانڌيءَ جي سول نافرمانيءَ (Civil disobience) جي شروعات ٿئي ٿي. ان واقعي کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ برطانوي راڄ جي خلاف عوامي تحريڪ ڀڙڪي اٿي. ماڻهو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي انگريز حڪمرانن کي چئلينج ڪرڻ لڳا. انگريز قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي قومي هيرو ٿي سمجهيو ويو. هڪ سال اندر 60 هزار ماڻهو پنهنجي دل جي خوشيءَ سان جيل ويا.
    مهاتما گانڌي 12 مارچ 1930ع ۾ سابرمتي آشرم کان پيادل روانو ٿيو. ساڻس 79 ماڻهو گڏ هئا. انهن 241 ميلن جو سفر 25 ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو. ۽ 5 اپريل 1930ع ۾ سمنڊ ڪناري تي پهتا. اتي انهن ٽيڪس ڀرڻ کان سواءِ لوڻ حاصل ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري عمل جي ابتدا ڪئي. ان سڄي رستي ۾ گانڌي کي ڀرپاسي وارين آبادين کان ايڏي ته زبردست آجيان ٿي، جو ڪنهن بادشاهه جي به نه ٿي هوندي. مهاتما گانڌي هڪ هيرو جيان سابرمتي کان ڊانڊي پهتو، اتي هن 5 اپريل 1930ع ۾ پنهنجي قلم سان لکيو ته، ”مان طاقت جي خلاف حق جي هن جنگ جي لاءِ عالمي همدردي چاهيان ٿو.“
    I want world sympathy in this Battle of right against might.
    12 مارچ 1988ع جي دهليءَ جي اخبارن ۾ ڊانڊي مارچ جي باري ۾ ان قسم جا مختلف تفصيل ڇپيا. انهن کي پڙهي مون کي خيال آيو ته سٺ ورهيه اڳ مهاتماگانڌي ۽ سندس ساٿين جو اهو خيال هو ته ملڪ جو اصل مسئلو ملڪ مان انگريز راڄ کي ختم ڪرڻ آهي. پر ان واقعي کي 60 سالن کان پوءِ ڏسون ته، خبر پوندي ته اصل مسئلو ”انگريز راڄ“ کي ختم ڪرڻو نه هو، بلڪه ”نفسياتي راڄ“ کي ختم ڪرڻو هو. انگريز راڄ ختم ٿي ويو. پر نفسياتي راڄ اڃان تائين وڌيڪ شدت سان موجود آهي. نتيجو هيءُ آهي ته سمورو ملڪ پهريان کان به وڌيڪ بدامني ۽ بد عنواني(رشوت) جو نمونو بڻجي ويو آهي. موجوده هندستان ۾ ڪنهن شريف ۽ با اصول ماڻهوءَ جي لاءِ ڪا جاءِ نه آهي. ان لاءِ موجوده هندستان ۾ زندهه رهڻ ائين ئي آهي. جيئن ڪنڊن جي فرش تي جيئرو رهڻ.
    مهاتما گانڌيءَ سان گڏ ڊانڊي مارچ (1930) جي قافلي ۾ جيڪي ماڻهو شريڪ هئا. انهن مان ڪجهه ماڻهو هن تحرير لکڻ وقت به حال حيات آهن. انهن مان هڪ مسٽر ڪپل پرساد ديو آهي. جنهن جي عمر هن وقت 88 ورهيه ٿي چڪي آهي. گانڌي نگر ۾ هن هندستان ٽائيمس (12 مارچ 1988) جي نمائندي مسٽر اشوڪ وياس سان ماضيءَ جون يادگيريون اوريندي چيو ته اسان جو قافلو جڏهن سورت پهتو، ته اتان جي ماڻهن ڊانڊي مارچ وارن لاءِ مڪمل هڪ مانجهاندي جو بندوبست ڪيو. ماڻهو شوق سان ان دعوت ۾ شريڪ ٿيا ۽ خوب ڍؤ ڪري کاڌائون. جڏهن گانڌيءَ کي خبر پئي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. ان سفر دوران گانڌي روز شام جو گڏجاڻي ڪندو هو. هڪ ڏينهن شام جو گڏجاڻيءَ ۾ هن چيو:
    I think I have commited Himalayan blunder in selecting the satyagrahis for this kooch. When majority of the country men could not get a bajro roti and chatni or onion how could you think of such lavish lunch.
    ”منهنجو خيال آهي ته مون ستيه گرهين کي ان سفر جي لاءِ چونڊي هماليه جبل جيڏي غلطي ڪئي آهي. ملڪ جي رهاڪن جي اڪثريت کي کائڻ لاءِ ٻاجهر جي ماني، چٽڻي ۽ بصر به نه ٿو ملي. اهڙيءَ حالت ۾ اوهان ماڻهن اهو ڪيئن سوچيو ته اوهان اهو سٺو ۽ بهترين کاڌو کائو.“
    مهاتما گانڌي جيڪڏهن اڄ جيئرو هجي ها، ته يقيناً اهو محسوس ڪري ها ته سورت جي پر تڪلف دعوت کي قبول ڪرڻ کان وڌيڪ وڏي غلطي خود ڊانڊي مارچ وارو فيصلو هو، جيڪو قانون جي ڀڃڪڙي يا سول نافرمانيءَ طور عمل ۾ آندو ويو هو. جديد هندستان ۾ سڀ کان پهريان تمام وڏي غلطي اها هئي ته انگريزن جي خلاف ”نافرمانيءَ“ جي طريقي تي عمل ڪري قانون جي ڀڃڪڙيءَ جي روايت قائم ڪئي وئي. ڪنهن ملڪ جا اڪابر جڏهن هڪ ڀيرو قانون جي احترام جي روايت کي ٽوڙي ڇڏين ۽ قانون جي ڀڃڪڙيءَ کي مقدس قومي عمل جي حيثيت سان رائج ڪن، ته ان کان پوءِ جو هندستان، جتي لاقانونيت (Law lessness) جو نالو ئي قانون آهي. بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ان ئي غلطيءَ جو نتيجو آهي، جنهن جي شروعات 60 سال اڳ قوم جي سڀني اڪابر جي گڏيل منظوريءَ سان ڪئي وئي.
    مهاتما گانڌي 1947ع کان اڳ انگريز راڄ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ هلائي ته سڄو هندستان سندس ساٿاري بڻجي ويو. هو ملڪ جو هيرو بڻجي ويو. پر انهيءَ مهاتما گانڌيءَ 1947ع کان پوءِ نفسياتي راڄ کي ختم ڪرڻ جي مهم شروع ڪئي، ته کيس دل ۾ گولي هڻي ختم ڪيو ويو.

    قوم جي تعمير ۽ ترقيءَ جي ضرورت
    30 جنوري 1948ع تي مهاتما گانڌيءَ جو قتل ٿيو ته ان وقت مان اعظم ڳڙهه ۾ هيس. ٻئي ڏينهن شهرين پاران جلسو ٿيو. جنهن ۾ مختلف ماڻهن تقريرون ڪيون. مقامي ايس ڪي پي ڪاليج جي هندو پرنسپال ان موقعي تي جيڪا تقرير ڪئي هئي، اها مون کي، اڃا تائين ياد آهي. هُن چيو ته مهاتما گانڌيءَ جي قتل جي واقعي تي مختلف اخبارن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ عنوان لڳايا آهن. پر مون کي امرت بازار پتريڪا جو عنوان سڀ کان وڌيڪ پسند آيو. جيڪو هن ريت هو.
    Gandhi Sacrificed by fanaticism.
    ”گانڌي جنونين جي هٿان هلاڪ“
    ان ۾ شڪ ناهي ته مهاتما گانڌيءَ جي قتل بابت اهو بلڪل صحيح عنوان هو. آزاديءَ کان پوءِ هندستان ۾ ٻن لاڙن جي چٽاڀيٽي هئي. هڪ گانڌي ازم ۽ ٻيو فينٽسزم (جنوني قوم پرستي)، انهيءَ چٽاڀيٽي ۾ فينٽسزم سوڀاري ٿي ۽ گانڌي ازم کي مات ملي.
    ملڪ جو ورهاڱو بلڪل غلط هو. پر ان کان به وڌيڪ غلط ڳالهه هيءَ هئي ته ورهاڱي کان پوءِ ماڻهو انهيءَ رد عمل کان پنهنجو پاڻ کي بچائي نه سگهيا. جنهن جو هڪ نتيجو اهو نڪتو جو آزاديءَ کان پوءِ هندن جي هڪ جماعت مهاتما گانڌيءَ جي سخت مخالف ٿي ويئي. جنهن مهاتما گانڌيءَ جي قتل جي رٿ رٿي. پهريائين مدن لال، مهاتما گانڌيءَ تي دستي بم اُڇلايو، پر اهو نشاني تي نه لڳي سگهيو، ان کان پوءِ سندس ساٿي ناٿو رام گوڊي پستول جي گوليءَ سان مهاتما گانڌيءَ جو انت آندو.
    ان کان پوءِ 9 ماڻهن تي ڪيس هلايو ويو. جيڪو ڇهن مهينن تائين هليو. ان موقعي تي بيان ڏيندي مدن لال جيڪو ڪجهه چيو هو. ان مان هڪ ڳالهه اها به هئي ته کين ان ڳالهه تي ڪاوڙ آئي ته مهاتما گانڌيءَ جي زور ڀرڻ تي هندستاني حڪومت پاڪستان کي سندس حصي جا 55 ڪروڙ روپيا ڏنا. ان واقعي گوڊي کي ڪاوڙ ائي وڌو.
    Madan lal said he was angered by the Indian union`s payment of 550,000,000 rupees of Pakistan. This exasperated Godes.
    Loues Fischer, The life of Mahatma Gandhi.
    Harper and Row publishers, 1983, Newyork. P. 504.
    آزاديءَ کان پوءِ فقط ساڍن چئن مهينن جي اندر پيش ايندڙ اهو واقعو ملڪ جي لاءِ هڪ چئلينج هو ته ملڪ مهاتما گانڌيءَ جي ٻڌايل اصولن تي هلي يا قوم پرست جنونين جي آڏو گوڏا کوڙي. ملڪ جي قيادت شروع ۾ ئي اهو فيصلو ڪيو ته ان کي مهاتما گانڌيءَ جي ٻڌايل اصولي راهه تي هلڻو آهي. تنهنڪري انهيءَ مطابق ملڪ جو آئين جوڙيو ويو ۽ 26 جنوري 1956ع تي ان جي باقاعده نفاذ جو اعلان ڪيو ويو.
    هاڻي ظاهري طور ملڪ جي تعميري ترقي هندستان جي آئين جي رهنمائيءَ ۾ ٿيڻ گهربي هئي. پر هتي هڪ رنڊڪ آڏو اچي وئي.آئين ساز اسيمبليءَ جي ميمبرن پارليامينٽ هائوس جي ڇت هيٺان ويهي، جيڪو ڪجهه ڪاغذ تي لکيو هو. اهو ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي لکجي نه سگهيو، ڪاغذي شقن جي مطابق، ملڪ جو مذهب فينٽسزم (جنوني قوم پرستي) بڻيل رهيو. ان تضاد جو اظهار گذريل اڌ صديءَ دوران مختلف شڪلين ۾ ٿيندو رهيو آهي.
    اها صورتحال ملڪ جي اڳواڻن جي لاءِ سخت آزمائش هئي. ڪاغذ جي مٿان خوبصورت شقن لکڻ لاءِ بازار جي مَسُ ڪافي آهي. پر زندگيءَ ۾ انهن شقن جي عملي نفاذ لاءِ انهيءَ قربانيءَ جي ضرورت هئي، جنهن کي ڊيگال جي نالي تي ”گال ازم“ چيو وڃي ٿو. اسان جي اڳواڻن پهريون ڪم ته ڪيو، پر اهي ٻيو ڪم نه ڪري سگهيا. اهو ئي سبب آهي جو هندستان جي آئين جا لفظ ملڪ جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪارنامو نه بڻجي سگهيا.
    ملڪ ۾ جيڪو آئين جوڙيو ويو هو، اهو حقيقت ۾ اسيمبلي ميمبرن جي سطح تي ٺاهيو ويو هو. اهو آئين ڪنهن وڏي سطح تي عوامي لاڙن جي نمائندگي ڪندڙ نه هو. انهيءَ ڪري سگهوئي انهن ٻنهي ۾ ٽڪراءُ ٿيو. آئين جا لفظ شهرن جي وچ ۾ مساوات جو اعلان ڪري رهي هئا، پر ملڪ جو عوام تعصب جي راهه تي هلندو رهيو. آئين جا لفظ هر هڪ جي لاءِ هڪجهڙي انصاف جي ضمانت ڏئي رهيا هئا. پر عوامي لاڙي جي گهرج هئي، ته پنهنجن سان هڪڙو سلوڪ هجي ۽ پراون سان ٻيو.
    هتي ملڪ جي حڪمرانن کي آئين جو ساٿ ڏيڻو هو، نڪي عوامي خواهشن جو، پر انهن ڏٺو ته جيڪڏهن اهي هندستاني آئين جي ٻڌايل راهه تي هلن ٿا، ته اهي پنهنجي حق ۾ عوام جي سياسي حمايت ۽ همدردي وڃائي ويهندا ۽ ايندڙ چونڊن ۾ کين عوام جو ووٽ نه ملي سگهندو. اهي عوامي خواهشن جي آڏو جهڪي پيا ۽ آئين کي پٺي ڏيئي ڇڏيائون جيتوڻيڪ آئين، اهو ئي هو، جنهن سان وفاداريءَ جو قسم ۽ ساک کڻي اهي حڪومت جي ايوان ۾ پهتا هئا.


    باب پنجون

    اسلام جو ڪردار

    (اسلام هڪ ابدي مذهب آهي. جهڙيءَ ريت سج هر زماني ۾ چمڪندو۽ روشن رهندو آهي. اهڙيءَ ريت اسلام جي رهنمائي ۽ رهبري به هميشه کان قائم آهي.)


    اسلام جو تاريخي ڪردار ايڏو عظيم آهي جو هڪ مؤرخ ان کي سڀني معجزن جو معجزو چيو آهي. جن به علم وارن ان مسئلي جو اڻ ڌريو وسيع مطالعو ڪيو آهي. انهن غير معمولي انداز ۾ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته انساني تاريخ ۾ اسلام، جو ڪردار ايڏو عظيم رهيو آهي جو ان جو ڪو ٻيو مثال ناهي.
    اها هڪ مڃيل حقيقت آهي، ته اسلام جي ظهور کان اڳ گذريل مڙني ڄاتل زمانن ۾ انسان ڪنهن به ميدان ۾ ڪا وڏي ترقي نه ڪري سگهيو. دنيا جون سڀ وڏيون وڏيون ترقيون اسلام کان پوءِ وجود ۾ آيون آهن. حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جي وسيلي پهريون دفعو انساني ترقين جا اهي سڀ در کليا، جيڪي هزارن سالن کان بند پيا هئا.
    هيءَ ڪا اتفاقي ڳالهه نه آهي. پر اها حقيقت آهي ته اسلام الله جو موڪليل اهو دين آهي، جيڪو اڄ به مڪمل طور تي پنهنجي اصل حالت ۾ موجود آهي. هي دين ڪائنات ۾ قائم ٿيل فطرت جي تمام وسيع نظام سان مڪمل مطابقت رکي ٿو. ڪائنات جي خالق اسلام جي شڪل ۾ اهي سڀ بنيادي اصول اسان کي ڏنا آهن. جيڪي خدا جي هن دنيا ۾ زندگيءَ جي تعمير ۽ ترقيءَ جي لاءِ صحيح بنياد جي حيثيت رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسلام اهو، صالح انقلاب، آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو. جيڪو هن وقت تائين ممڪن نه ٿيو هو.
    اهو معاملو حقيقت ۾ صحيح نظريي ۽ غلط نظريي جو معاملو آهي. هن دنيا ۾ فقط ٻن قسمن جا نظريا ممڪن آهن. هڪ توحيد تي ٻڌل نظريو ۽ ٻيو شرڪ ۽ الحاد تي ٻڌل نظريو. پهريون بيان ڪيل نظريو حقيقي آهي ۽ ٻيو غير حقيقي. اسلام کان اڳ هزارين سالن کان دنيا ۾ زندگيءَ جو اڻ موحداڻو نظريو پکڙيل هو. ان غير حقيقي تصور انسانيت جي مٿان هر قسم جي ترقين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ڪيو جو عظيم جدوجهد جي نظريي، غير موحداڻي تصور جي مٿڀرائپ ختم ڪري ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي زندگيءَ جي حق پرست تصور کي فڪري ۽ عملي مٿڀرائپ ڏني. ان تاريخي انقلاب جو نتيجو اهو نڪتو جو انسان جي ترقيءَ لاءِ، اهي سڀ راهون کلي ويون، جيڪي ان وقت تائين بند پيون هيون.
    ان اسلامي انقلاب جا ڪيترائي رخ آهن. ان جو تعلق انساني زندگيءَ جي تقريباََ سڀني شعبن سان آهي. هتي اسان ان جي فقط ڪجهه رخن جو نهايت مختصر ذڪر ڪنداسين، ته جيئن اسلام جي ان خاصيت جو اجمالي اندازو ٿي سگهي.

    مذهبي اصطلاح
    مذهب انسان جي فطرت ۾ شامل آهي. انسان پيدائشي طور تي هڪ مذهب چاهيندو آهي. پر اسلام کان اڳ اهو پنهنجي صحيح ۽ فطري شڪل ۾ انسان وٽ موجود نه هو. اسلام انسان کي صحيح ۽ فطري مذهب عطا ڪيو.
    اسلام کان اڳ جيڪي مذهبي نظام دنيا ۾ موجود هئا، انهن جي مطابق انسان سڌو سنئون خدا تائين پهچي نه ٿي سگهيو. انسان جي لاءِ فقط اهو ممڪن هو، ته اهو مخصوص مذهبي طبقي يا فرض ڪيل مقرب شخصيتن جي واسطي ذريعي خدا سان پنهنجو رشتو قائم ڪري. اها صورتحال فطري گهرج جي ابتڙ هئي. ڇو جو انسان جي فطرت اهو چاهيندي آهي ته اهو بنا واسطي خدا سان ملي سگهي. اسلام ان فطري گهرج جي تڪميل ڪئي. قرآن مقدس ۾ اعلان ڪيو ويو ته:
    وَ اِذَا سَاَلَکَ عِبَادِیۡ عَنِّیۡ فَاِنِّیۡ قَرِیۡبٌ ؕ اُجِیۡبُ دَعۡوَۃَ الدَّاعِ اِذَا دَعَانِ ۙ فَلۡیَسۡتَجِیۡبُوۡا لِیۡ
    وَ لۡیُؤۡمِنُوۡا بِیۡ لَعَلَّہُمۡ یَرۡشُدُوۡنَ (البقرة: 186)
    ”۽ جڏهن منهنجا ٻانها توکان منهنجي باري ۾ پڇا ڪن ته بيشڪ آئون ويجهو آهيان. جڏهن (ڪو) مون کي سڏي ٿو. تڏهن سڏيندڙ جو سڏ ورنايان ٿو. پوءِ گهرجي ته منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته من اهي هدايت پائين.“
    ساڳيو معاملو عبادتن جو آهي. قرآن پاڪ ۾ قديم عرب بابت چيو ويو آهي ته:
    وَ مَا کَانَ صَلَاتُہُمۡ عِنۡدَ الۡبَیۡتِ اِلَّا مُکَآءً وَّ تَصۡدِیَۃً ؕفَذُوۡقُوا الۡعَذَابَ بِمَا کُنۡتُمۡ تَکۡفُرُوۡنَ (الانفال: 35)
    ”۽ سندن نماز الله جي گهر وٽ سيٽين ۽ تاڙين وڄائڻ کان سواءِ (ڪجهه) نه آهي. پوءِ اوهين جيڪو ڪفر پيا ڪريو، تنهن جي ڪري عذاب چکو.“
    ان زماني ۾ سڄي مذهبي دنيا جو حال اهو هو، جو عبادت جي ظاهري ڍانچي کي، ان جي داخلي روح کان جدا ڪيو ويو هو. وڌيڪ خرابيءَ جي نتيجي ۾ عبادت جو ڍانچو به پنهنجي اصلي صورت ۾ باقي نه رهيو. اسلام عبادتن جي نظام کي ان جي اصل روح سان جيئرو ڪيو.
    اهو ئي معاملو اخلاق جو هو، ڪجهه ڏيکاءُ ۽ نمائشي عادتن ۽ طور طريقن کي اخلاق سمجهيو ويو هو. اسلام اخلاقي نظام جي تڪميل ڪئي. اخلاق کي مڪمل حقيقي روح ۽ جذبي سان زندهه ڪيو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جي زندگيءَ جي صورت ۾ اخلاق جو هڪ جيئرو جاڳندو عملي نمونو قائم ڪيو. وڌيڪ هي ته اخلاق کي سماجي رويي ۽ سلوڪ کان مٿي کڻي، ان کي رباني سلوڪ جو درجو عطا ڪيو.
    اهڙيءَ ريت اجتماعي ۽ سياسي نظام جي جوڙجڪ به اسلام جو نهايت اهم حصو آهي. اسلام کان اڳ سڄي دنيا ۾ بادشاهت جو نظام قائم هو. ان نظام تحت سياسي ۽ اجتماعي معاملا گهڻو ڪري هڪ حڪمران جي مرضيءَ جي تابع سمجهيا ويندا هئا. ان جي بدران اسلام اجتماعي ۽ سياسي معاملن کي خدا جي حڪم جي تابع ڪيو. انهيءَ سان گڏوگڏ رسول ﷺ اسلام ۽ سندن اصحابن سڳورن اجتماعي معاملن ۽ رياستي نظام جو هڪ صالح نمونو قائم ڪيو، جيڪو ماڻهن جي لاءِ عملي نموني جو ڪم ڏيندو رهيو.
    اسلام هڪ پاسي انهن ڳالهين جي اصلاح ڪئي جيڪي نج مذهبي معاملا سمجهيا ويندا آهن. ٻئي پاسي زندگيءَ جي باقي معاملن کي مذهب جي صالح اصولن جي بنياد تي قائم ڪيو. اهڙيءَ ريت اسلام انسان جي سڄيءَ زندگيءَ کي خدا جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. هاڻ سڄي انساني زندگي، پنهنجي سڀني شعبن سان گڏ، خدا جي عبادت بڻجي وئي.

    سيڪيولر علمن جو بنياد آزاداڻي کوجنا (تحقيق) تي قائم ڪرڻ
    نبي ڪريم ﷺجن مڪي ۾ ڄاوا. جتي کجين جا وڻ نه هوندا هئا. نبوت جي تيرهين سال پاڻ سڳورا ﷺ اتان کان هجرت ڪري مديني ۾ آيا. مديني ۾ کوڙ سارا کجين جا وڻ هئا . هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا ﷺ شهر کان ٻاهر گهمي رهيا هئا. پاڻ ڏٺائون ته ڪجهه ماڻهو کجين جي وڻن تي چڙهيا بيٺا آهن. اهي ماڻهو ان وقت اهو ڪم ڪري رهيا هئا، جنهن کي عربيءَ ۾ ‘تابير’ يا ‘تلقيح’ چيو ويندو آهي. يعني هٿراڌو زرخيزي (Pollination). انهن ماڻهن نبي سائين ﷺ جي پڇڻ تي ٻڌايو ته اسان هيئن هيئن ڪريون پيا. پاڻ سڳورن ﷺ قياس جي بنياد تي هڪ ڳالهه چئي. جنهن جو مطلب انهن هي سمجهيو ته پاڻ سڳورا ﷺ ان عمل کان منع فرمائي رهيا آهن. تنهنڪري انهن ماڻهن تلقيح (زرخيزي) جي ان عمل کي ڇڏي ڏنو.
    ان جو نتيجو اهو نڪتو جو انهيءَ سال کارڪن جو فصل گهٽ لٿو ۽ جيڪو لٿو، اهو به خراب هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن پچيو ته هن سال کارڪن جو فصل ڇو خراب ۽ گهٽ لٿو آهي. ماڻهن ٻڌايو ته اسان جي تجربي جي مطابق، سڄي فصل جو داورمدار انهيءَ عمل تي ٿيندو آهي. جيڪو اسان ڪري رهيا هئاسين ۽ اوهان ان کان منع فرمائي. پيغمبر سڳوري ﷺ اهو ٻڌي فرمايو ته، جيڪو توهان ڪري رهيا هئا، اهو ڪريو. ڇو جو توهان پنهنجي دنيا جي معاملن کي مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.
    انتم اعلم با مر دنيا کم. (مسلم 15/118)
    اها هڪ بيحد اهم رهنمائي هئي، جيڪا تاريخ ۾ پهريون دفعو پيغمبر پاڪ ﷺ جاري فرمائي. ان رهنمائيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو سائنسي کوجنا ۽ فطرت جي رازن جي ڳولا جو اهو سلسلو انسانن جي وچ ۾ لکيل انداز ۾ جاري ٿي ويو، جيڪو هزارن سالن کان رڪيل هو.
    قديم زماني ۾ علمي تحقيق جي حيثيت آزاد شعبي واري نه هئي. ان زماني ۾ علمي تحقيق کي مذهبي عقيدن ۽ رسمن جي تابع بڻايو ويو هو. ڪائي علمي کوجنا انهيءَ وقت صحيح سمجهي ويندي هئي. جڏهن اها رائج عقيدن ۽ رسمن سان هڪجهڙائي رکندي هئي. جيڪڏهن اها ان جي مطابق نه هوندي هئي، ته بنا بحث جي ان کي رد ڪيو ويندو هو. اهو ئي سبب آهي جو قديم زماني ۾ هزارن سالن تائين علمي تحقيق جو ڪم پنهنجي ابتدائي مرحلي ۾ بيٺل رهيو ۽ اڳتي وڌي نه سگهيو.
    نبي ڪريم ﷺ جي ذڪر ڪيل انقلابي اعلان کان پوءِ تاريخ ۾ هڪ نئون دور آيو. هاڻي نه رڳو باغباني، زراعت ۽ فطرت جي علمن جي هر شعبي ۾ آزاداڻي تحقيق ٿيڻ لڳي پر هر علم بنا ڪنهن جهل پل جي ترقي ڪرڻ لڳو.
    اهو ئي سبب آهي جو اسان جڏهن اهو ڏسون ٿا ته ان زماني جي مسلمانن زراعت ۽ باغبانيءَ جا نوان نوان طريقا ڳولي لڌا. انهن صنعت ۽ تعمير يعني اڏاوت جي ميدان ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي. آپريشن کان وٺي جنگ تائين هر شعبي ۾ نوان نوان اوزار ٺاهيا. آزاداڻي تحقيق جي اها لهر وڌندي رهي. ايتري تائين جو صدين جي عمل جي دوران اها سڄي دنيا ۾ پکڙجي وئي. اهو ئي اهو تاريخي عمل آهي جيڪو ترقي ڪندو، هن نئين دور تائين پهتو آهي. جنهن کي اسان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور چئون ٿا.

    عقيدي ۽ ماديات جو جدا جدا هجڻ
    پيغبر اسلام ﷺ مذهبن جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اهو ڪارنامو سرانجام ڏنو ته پاڻ سڳورن ﷺ عقيدي کي ماديات کان الڳ ڪري ڇڏيو. مذهبي عقيدي جو بنياد رسول الله ﷺ جن خدائي شريعت تي رکيو ۽ مادي شعبن جي باري ۾ انسان کي آزادي ڏئي ڇڏي، ته توهان سائنسي انداز ۾ ان تي تحقيق ڪريو ۽ تحقيق جي ذريعي جيڪا ڳالهه ثابت ٿئي، ان کي اختيار ڪريو.
    مقدس عقيدي کي مادي شعبن کان الڳ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اهو حقيقت ۾ مادي ترقيءَ جي عمل ۾ آيل رڪاوٽ کي ختم ڪرڻ جي برابر هو. ان جو مطلب اهو هو ته زراعت ۽ باغباني جهڙا شعبا فطرت جي قانون تحت آهن، نڪي شريعت جي قانون تحت. انساني زندگيءَ جي جوڙجڪ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي شرعي قانون جي تحت هئڻ گهرجي. پر زراعت، باغباني، انجنيئرنگ، اڏاوت، مشين سازي ۽ ڪارخانا سازي ۽ ان قسم جا ٻيا مادي شعبا جيڪي فطرت جي قانون تي ٻڌل آهن، انهن کي اهڙيءَ ريت قائم ڪيو ويندو، جو ان بابت آزاداڻي تحقيق ڪئي ويندي ۽ تجربا ڪيا ويندا. آزاد تحقيق ۽ تجربن جي ذريعي جيڪو طريقو ڪارائتو ثابت ٿئي، ان کي صحيح سمجهي اختيار ڪيو وڃي.
    مادي شعبن جي تعمير ۽ ترقيءَ جي لاءِ اهو ئي واحد ڪارگر اصول آهي. موجوده دنيا ۾ ڪامياب زندگيءَ جي تعمير جي لاءِ صحيح طريقو هيءُ آهي، ته مذهب کي ذاتي عقيدي جي شيءِ مڃيو وڃي. هر ماڻهوءَ کي آزادي هجي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي پنهنجي پسنديده مذهب جي مطابق بڻائي. جيڪڏهن ڪنهن سماج ۾ سڀئي ماڻهو هڪ مذهب جا مڃيندڙ هجن ته اتي قانون، اقتصاديات ۽ سياست جي شعبن کي به مذهب جي دائري ۾ آڻڻ ممڪن ٿي پوندو.
    پر جيتري قدر مادي شعبي جو تعلق آهي، ان ۾ مذهبي عقيدي جو ڪو دخل نه هوندو. مثلاً: زميني ذخيرن جو استعمال، شهري رٿا بندي، رستن ۽ پلين جي اڏاوت. ڪارخانا لڳائڻ ۽ رابطي جو نظام قائم ڪرڻ. سفر جي لاءِ سوارين جو انتظام ڪرڻ، ان قسم جون سڀ شيون سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سان تعلق رکن ٿيون. نڪي مذهبي عقيدي سان.
    ڪو شخص جيڪڏهن سرسوتي کي علم جي ديوي مڃي ٿو ته پنهنجي گهر ۾ ان جي پرارٿنا (پوڄا) ڪري سگهي ٿو. پر تعليمي ادارن ۾ ان جي پوڄا ڪرڻ ڪا فائدي واري ڳالهه نه آهي. اهو ايئن ئي آهي، جيئن اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ”غريبي ختم ڪيو، غريبي ختم ڪيو“ جي ٽيپ وڄائي ڪو شخص اهو سمجهي ته ملڪ مان غريبي ختم ٿي ويندي. دنيا ۾ جن ملڪن علم جي ميدان ۾ وڏيون وڏيون ترقيون ڪيون آهن. انهن مان ڪو به ملڪ اهڙو نه آهي، جيڪو علم جي ديويءَ جا گيت ڳائي ترقي يافته بڻجي ويو هجي. هر هڪ نج سيڪيولر انداز ۾ پنهنجو تعليمي پروگرام ٺاهيو. هنن مڪمل طور تي تعليم جي روشنيءَ ۾ پنهنجا منصوبا جوڙي اها ڪاميابي حاصل ڪئي، ان قسم جي شعبن ۾ مذهبي عقيدي جو دخل ڏيڻ، فقط انهيءَ قيمت تي ٿيندو جو پاڻ کي گهربل ترقي بلڪل حاصل ٿي نه سگهي.

    وهمن ۽ وسوسن جو انت/ خاتمو
    صحيح البخاري ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ هڪ روايت آئي آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته مدني دور ۾ هڪ دفعو سج گرهڻ جو واقعو پيش آيو. اتفاق سان انهيءَ ڏينهن نبي ڪريم ﷺ جي ننڍڙي پٽ ابراهيم وفات ڪئي. جيئن ته ان زماني ۾ گرهڻ جي باري ۾ هڪ عقيدو اهو هو ته وڏن ماڻهن جي موت تي سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري اتان جي ماڻهن اهو چوڻ شروع ڪيو، ته اڄوڪي ڏينهن جيئن ته پيغمبر جي صاحبزادي جي وفات ٿي آهي، انهيءَ ڪري هي سج گرهڻ ٿي آهي.
    الله جي رسول ﷺ کي جڏهن ان جو اطلاع مليو ته پاڻ سڳورن ﷺ هڪدم مديني جي مسجد ۾ پهتا. پاڻ ﷺجن اتي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ پوءِ فرمايائون ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ڪنهن جي موت يا زندگيءَ جي ڪري نه ٿيندي آهي. بلڪه اهي خدا جي نشانين مان ٻه نشانيون آهن. پوءِ جڏهن توهان سج گرهڻ يا چنڊ گرهڻ ڏسو ته عبادت ڪريو ۽ الله کان دعا گهرو. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن مسجد ۾ جماعت سان گڏ ڊگهي نماز ادا ڪئي ۽ دعا فرمائي. (صحيح البخاري: ڪتاب الڪسوف)
    اها ڪا عام ڳالهه نه هئي. اهو هڪ انقلابي اعلان هو. جيڪو تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪيو ويو. پراڻي زماني ۾ هزارن سالن کان وهمي فڪرن جو غلبو هو. انهن مان هڪ اهو هو ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جي باري ۾ عجيب قسم جا بي بنياد نظريا رائج هئا. ڪجهه ماڻهو اهو سمجهندا ها ته آسمان ۾ هڪ وڏو اجگر آهي. اهو ڪاوڙ ۾ اچي سج ۽ چنڊ کي ڳهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ان سان گرهڻ ٿي پوندي آهي. ڪي وري اهو سمجهندا هئا ته جڏهن ڪو وڏو ماڻهو مرندو آهي ته ان جي اثر ڪري سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ ٿيندي آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ پهريون ڀيرو انسان کي هيءُ ٻڌايو ته سج گرهڻ ۽ چنڊ گرهڻ جو انهن وهمي نظرين سان ڪو به واسطو نه آهي. اهي فقط فطرت جا مظهر (ڏيک) آهن ۽ اهي ڄاتل فلڪياتي قانونن جي تحت واقع ٿيندا آهن. اهڙيءَ ريت پيغمبر سڳوري ﷺ انسان کي وهم ۽ وسوسي واري فڪر جي دور کان ڪڍيو ۽ ان کي سائنسي فڪر جي دور ۾ داخل ڪيو. ان کان پوءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اهو ممڪن ٿيو جو فطرت جي مظهرن تي سائنسي انداز ۾ غور ۽ ويچار ڪيو وڃي ۽ فرضي قياسن جي بدران حقيقي سببن جي روشنيءَ ۾ نظريا قائم ڪيا وڃن.
    انهيءَ انقلابي رهنمائيءَ جو نتيجو هو، جو مسلمانن جي وچ ۾ اهي بيشمار وهم ۽ وسوسا نه پکڙيا، جيڪي هزارن سالن کان دنيا ۾ هلندا پيا اچن.
    ان جي نتيجي ۾ سڀ کان پهريائين اهو ٿيو جو مسلم سماج حقيقت پسند سماج بڻجي ويو. ان کان پوءِ جڏهن مسلمان عرب کان نڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ويا، ته اهو غير وهمي فڪر هر هنڌ پکڙجي ويو. اهو تاريخي عمل مسلسل جاري رهيو. ايتري تائين جو موجوده دنيا ۾ اها شيءِ ظهور ۾ آئي، جنهن کي سائنسي فڪري انداز چيو وڃي ٿو ۽ جيڪو سڀني علمي ۾ مادي ترقين جو بنياد آهي.

    علم جي عمومي اشاعت
    اسلام کان اڳ ڪنهن به زماني ۾ علم جي عمومي اشاعت نه ٿي سگهي. قديم زماني جي سڄي ڄاتل تاريخ علم جي عمومي اشاعت کان خالي آهي. ان زماني ۾ مختلف مقامن تي ڪجهه اهڙا فرد ضرور پيدا ٿيا، جن علمي تحقيق ۾ دلچسپي ورتي. مثلاً: يونان، مصر، شام، انڊيا، چين وغيره. انهن پنهنجي علمي کوجنائن کي ڪتابن جي صورت ۾ قلم بند ڪيو. پر اهي ڪتاب عمومي طور تي ڦهلجي نه سگهيا. اهي انفرادي دائري ۾ محدود ٿي ويا.
    ان جو سبب هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ مذهب ۽ ثقافت جو، جيڪو ڍانچو هو، اهو مڪمل طور تي وهمي روايتن تي ٻڌل هو. هر قوم وهمي عقيدن ۾ زندگي گذاري رهي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهو علمي تحقيق کان ڊڄندا هئا. اهي شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندا هئا، ته جيڪڏهن ڪا نئين تحقيق آڏو آئي ته ان سان وهمي ڍانچو ٽٽي ويندو. انهيءَ سبب جي ڪري اهي علمي جستجو ۽ ڳولا جا سخت مخالف بڻيا رهيا.
    اسلام جي هڪ خصوصيت هيءَ آهي ته هن مذهب کي، وهمي جزن کان پاڪ ڪيو. هن مذهب کي وهمن جي بدران فطرت جي اٽل قانونن تي قائم ڪيو. ان مذهبي انقلاب اسلام وارن کي ان ذهني پيچيدگيءَ کان پاڪ ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ اڳيان ماڻهو مبتلا رهندا هئا. هاڻي ان کي اهو خطرو نه رهيو ته ڪائي علمي دريافت سندن مذهب کي غلط ثابت ڪري ڇڏيندي. هو ان يقين ۾ جيئندا هئا ته هر علمي دريافت اسلام جي مطابق ثابت ٿيندي، ڇو جو، جيڪو اسلام آهي. اها ئي فطرت آهي ۽ جيڪا فطرت آهي، اهو ئي اسلام آهي.
    ان يقين اسلام وارن (مسلمانن) کي ان تي آماده ڪيو ته اهي سڄي دنيا جا علم حاصل ڪن. ان مقصد تحت هر هنڌ جي علمي ڪتابن جو عربيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ جي لاءِ وڏا وڏا مرڪز قائم ٿيا. انهن مان بغداد جو بيت الحڪمت (830ع) ۽ قاهره جو دارالحڪمت (1005ع) گهڻا مشهور آهن. ان زماني ۾ سڄيءَ دنيا جي علمي ڪتابن مان استفادو ڪرڻ هڪ عمومي تحريڪ بڻجي ويو. امير ۽ حاڪم ڳريون ڳريون رقمون خرچ ڪري پنهنجا وفد دنيا جي مختلف شهرن ڏانهن موڪليا ۽ اهي علمي ذخيرا جيڪي گهرن ۽ ڪتب خانن ۾ بند پيا هئا، انهن کي حاصل ڪري، انهن جا ترجما عربي ٻوليءَ ۾ ڪرايا.
    اهڙيءَ ريت اهي قديم علم پهريان مسلمانن ۾ پکڙيا. ان کان پوءِ اهي علم مسلمانن جي پيش قدميءَ سان ٻين ملڪن ۾ داخل ٿيا. ايتري تائين جو مسلمانن جڏهن اسپين ۾ سلطنت قائم ڪئي، ته اهي عربي ڪتاب لاطيني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيڻ لڳا. اهڙيءَ ريت اهي علم آفريقا، ايشيا ۽ يورپ جي سڄي آباد دنيا ۾ پکڙجي ويا.

    ڏاڍ جو خاتمو ۽ آزاديءَ جي شروعات
    قديم زماني ۾ سڄي دنيا ۾ ڏاڍ ۽ ڏمر جو نظام هو. هر ملڪ ۾ نسلي بادشاهيءَ جو رواج هو. بادشاهه پنهنجي حڪومت کي مضبوط رکڻ جي لاءِ ڏاڍ جي فضا کي قائم رکڻ ضروري سمجهندا هئا. انهيءَ ڪري اهي انساني آزاديءَ جي تصور کي فروغ ڏيڻ ۾ مستقل رنڊڪ بڻيل هئا. ان زماني ۾ هر هنڌ اهو ماحول قائم هو ته سوچڻ حڪمرانن جو ڪم آهي. باقي ماڻهن جو ڪم فقط هيءُ آهي ته اهي تابعداريءَ جي زندگيءَ تي خوش رهن.
    علمي ۽ فڪري ترقي سدائين آزاديءَ جي ماحول ۾ ٿيندي آهي. تنهنڪري ان ڏاڍ واري نظام جي تحت انسان جي علمي ۽ فڪري ارتقا به مسلسل رڪيل رهي. مثال طور: رومن شهنشاهيت دنيا جي وڏي حصي تي ٻن هزار سالن تائين حڪومت ڪئي. ان بادشاهت جي پکيڙ يورپ، ايشيا ۽ آفريقا جي اڪثر آباد حصي تي مشتمل هئي، پر پوءِ به ٻن هزار سالن جي ان ڊگهي عرصي ۾ ڪا به ذڪر جي قابل علمي ۽ فڪري ارتقا ممڪن نه ٿي سگهي.
    اسلام ان ڏاڍ واري نظام جي خلاف تحريڪ شروع ڪئي. اهو آواز وقت جي حڪمرانن کي پسند نه آيو. انهيءَ ڪري پهرين ئي دور ۾ اسلام وارن جو مقابلو ان زماني جي سڀ کان وڏين ٻن بادشاهين رومن ۽ ساساني بادشاهت سان ٿيو هو اهو. مقابلو ظلم ۽ ڏاڍ جي حدتائين پهتو. اهو مقابلو نيٺ اسلام وارن کٽيو ۽ اهي ٻئي بادشاهتون ۽ ان سان گڏوگڏ سندن ساٿاري حڪومتون به هميشه لاءِ سياست جي دنيا مان ميسارجي ويون. مؤرخن عام طور تي اهو مڃيو آهي ته اسلام جيڪڏهن رومي سلطنت ۽ ساساني شهنشاهيت کي ختم نه ڪري ها، ته انساني تاريخ ۾ آزاديءَ جو دور ڪڏهن به نه اچي ها.
    اسلام جو آندل آزاديءَ جو اهو انقلاب به هڪ تاريخي عمل جي صورت ۾ قومن جي وچ ۾ جاري رهيو. فطرت جي قانون مطابق، ان تي مختلف لاها چاڙها ايندا رهيا، پر ڪا به شيءِ ان عمل کي روڪي نه سگهي. انساني آزاديءَ جو اهو سلسلو مسلسل اڳتي وڌندو رهيو. ايتري تائين جو ويهين صديءَ ۾ اهو پنهنجي تڪميل تي رسيو. هاڻي مختلف سبب جي تحت، انساني آزادي هڪ اهڙو مڃيل اصول آهي. جنهن جو انڪار ڪرڻ ڪنهن لاءِ ممڪن نه آهي.

    اخلاقيات جو مڪمل ٿيڻ
    رسول الله ﷺجن فرمايو ته:
    بعثت لاتمم حسن الاخلاق (موطا امام مالڪ: 65)
    ”مون کي سٺن اخلاقن جي تڪميل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو آهي.“
    اها ڳالهه ڪا سادي نه آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته انساني سماج ۾ پهريو دفعو، جنهن اخلاق جو حقيقي نظام قائم ڪيو ويو، اهو اسلام ئي هو. اسلام پهريون ڀيرو اخلاقيات جي لاءِ بنياد هڪو ڪيو.
    پراڻي زماني ۾ اخلاق جو ڪو گهڻو معيار قائم نه هو. ان جو سبب اهو آهي ته اخلاق جي لاءِ هڪ مددگار نظريو گهربل هوندوآهي ۽ پراڻي زماني ۾ اخلاق جي حق ۾ ڪو مؤثر قسم جو اخلاقي نظريو موجود نه هو.
    يوناني فلسفين اهو چيو هو ته زندگي ابتدا ۾ نباتات جي صورت ۾ جنم ورتو. ان کان پوءِ اها حيوانات جي دور ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ انسان جي صورت ۾ تڪميل تائين پهتي. ان نظريي کي موجوده زماني ۾ چارلس ڊارون وڌيڪ سائنٽيفڪ انداز ۾ پيش ڪيو. جنهن کي حياتياتي (زندگيءَ جي) ارتقا جو نظريو چيو وڃي ٿو. انهيءَ نظريي تحت انسان جي حيثيت، محترم ۽ مانائتي حيثيت نه ٿي رهي. هو ائين ئي ٿي وڃي ٿو، جيئن ڪو وڻ يا حيوان. اهڙيءَ حالت ۾ هڪ انسان جي اندر، ٻئي انسان جي لاءِ اعليٰ اخلاقي جذبا پيدا نٿا ٿي سگهن.
    ٻيو نظريو اهو هو. جنهن کي هندستان ۾ آواگون (ٻيو جنم) چيو وڃي ٿو. ان جي مطابق هر انسان پنهنجي اڳين جنم جو نتيجو ماڻي رهيو آهي. يعني هو جهڙو آهي، ان کي پنهنجي پوئين جنم جي مطابق هجڻ گهرجي. ان نظريي ۾ به رحم جو جذبو ختم ٿي وڃي ٿو. جيڪو اخلاقيات جو لازمي بنياد آهي.
    ٽيون نظريو، جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ رائج رهيو آهي، اهو آهي ته زندگي فقط هن ئي دنيا جي زندگي آهي. جڏهن ڪو مرندو ته انهيءَ وقت هو هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندو آهي. هيءُ نظريو به اخلاقيات جي لاءِ ڪو مؤثر بنياد نه آهي. ان قسم جو نظريو، فقط اها شيءِ پيدا ڪري سگهي ٿو. جنهن کي استحصال (Exploitation) يعني ڏاڍ چيو وڃي ٿو.
    اسلام انهن سڀني جي بدران پڇاڻي (Accountability) جو تصور ڏنو، جيڪو اخلاق جي حق ۾ يقيني طور تي هڪ مددگار نظريي جي حيثيت رکي ٿو. اسلام ٻڌايو ته انسان مرڻ کان پوءِ الله جي عدالت ۾ پيش ٿيندو ۽ اتي پنهنجي موجوده اخلاقي عمل جي مطابق کيس سزا يا جزا ملندي. هيءُ نظريو اخلاق جي حق ۾ هڪ سگهاري محرڪ (سبب) جي حيثيت رکي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اسلامي انقلاب کان پوءِ جيڪو اخلاقي سماج جڙيو، اهڙو سماج ان کان اڳ هن دنيا ۾ ڪڏهن ڪو نه بڻيو هو.

    امن ۽ سلامتي ذريعي جدوجهد جي تعليم
    آڳاٽي زماني ۾ ڪنهن وڏي مقصد کي ماڻڻ جي لاءِ انسان رڳو هڪ ئي طريقو ڄاڻيندو هو ۽ اهو هو هٿياربند جدوجهد. اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پُرامن جدوجهد جو تصور رائج ڪيو ۽ ان جو هڪ ڪامياب عملي مثال به تاريخ ۾ قائم ڪيو. جيڪو هميشه ماڻهن لاءِ هڪ نموني جو ڪم ڏئي.
    قرآن ڪريم ۾ پيغمبر اسلام ﷺ کي حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته:
    وجاهدهم به جهادا کبيرا (الفرقان: 52)
    ”۽ هن قرآن وسيلي ساڻن وڏو جهاد ڪر.“
    قرآن هڪ ڪتاب آهي نڪي ڪا تلوار. انهيءَ ڪري ان حڪم جو مطلب اهو ئي ٿي سگهي ٿو توهان پنهجي جدوجهد جي لاءِ امن وارو طريقو (Peaceful method) اختيار ڪريو.بغير سختي ۽ بغير تشدد وارن وسيلن کي ڪم آڻيندي پنهنجي مشن کي ڪاميابي تائين پهچايو.
    انهيءَ ڳالهه کي قرآن مجيد ۾ ٻئي هنڌ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي:
    وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ (العصر: 3)
    ”۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ۽ صبر جي تلقين ڪندا رهيا.“
    يعني حق جي لاءِ صبر ڪندي جدوجهد ڪريو. ٻين لفظن ۾ ان مان مراد امن واري جدوجهد آهي. ڇو جو صبر کان سواءِ امن واري جدوجهد نه ٿي سگهي.
    اهائي ڳالهه حديث ۾ به مختلف انداز ۾ ٻڌائي وئي آهي. مثلاً: صحيح البخاري جي هڪ روايت جي مطابق پيغمبر سڳوري ﷺ جن فرمايو ته:
    ان الله يعطی علٰی الرفق مالا یعطی علیٰ العنف۔
    ”الله تعاليٰ جيڪا شيءِ (ڀلائي) نرمي ڪرڻ تي عطا ڪري ٿو، اها سختي ڪرڻ تي عطا نٿو ڪري.“
    جيڪڏهن لفظ ڦيرائي يا تبديل ڪري ڏٺو وڃي ته اها بلڪل اها ئي شيءِ آهي جنهن کي اڄوڪي دور ۾ ”عدم تشدد جي تحريڪ (Non-violent activism) يا ”پرامن تحريڪ“ (Peaceful activtion) چيو وڃي ٿو.
    نبي ڪريم ﷺ پنهنجو مشن بلڪل انهيءَ اصول تي هلايو ۽ ان کي مڪمل تڪميل تي پهچايو. پاڻ سڳورن ﷺ جي سيرت جو انهيءَ نقطه نظر سان مطالعو ڪيو وڃي نبي ڪريم ﷺ جن جي امن واري جدوجهد جا سڀ اصول ڪاميابيءَ سان ترتيب ڏئي سگهجن ٿا. انهن منجهان ڪجهه نمايان اصول هي آهن:

    (1) تحريڪ جي شروعات دعوت سان ڪرڻ، نڪي عملي قدم سان. (رسالت جو شروعاتي دور)
    (2) فيصلي واري مرحلي ۾ پهچڻ کان اڳ عملي برائين کي سهڻ. (ڪعبي ۾ بت)
    (3) ٻيءَ ڌر جي زيادتي جي باوجود صبر ڪرڻ. (مڪي دور)
    (4) جنگي ٽڪراءُ کي آخري حد تائين ٽارڻ جي ڪوشش ڪرڻ (غزوه خندق)
    (5) جهيڙي ۽ تڪرار کان پنهنجو پاڻ کي پري رکڻ. (هجرت)
    (6) فقط بچاءَ ۾ وڙهڻ. اهو به ان وقت، جڏهن ڪو ٻيو دڳ ۽ وسيلو نه رهي. (احد ۽ حنين)
    (7) وک کڻڻ ۾ خاموشيءَ جو طريقو اختيار ڪرڻ. (مڪي ڏانهن هلڻ)
    (8) جنگ ٿي پوي ته هر قيمت تي ان کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ. (صلح حديبيه)
    (9) قابو ڪرڻ جي باوجود، دشمن کي معاف ڪري ڇڏڻ ۽ ان کي پنهنجو ساٿي بنائڻ. (فتح مڪه)
    (10) مسئلن کي نظرانداز ڪندي. موقعن کي استعمال ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪرڻ.

    رسول الله ﷺجن فقط 23 سالن جي عرصي ۾ سڄي عرب ۾ هڪ زبردست انقلاب آڻي ڇڏيو. انهيءَ جدوجهد جي دوران مخالف ڌر 80 کان وڌيڪ ڀيرا پاڻ سڳورن ﷺ کي جنگين ۾ ڦاسائڻ چاهيو. پر پاڻ سائين ﷺ جن جي امن واري پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو عملي طور تي فقط ٽي ڀيرا (بدر، احد ۽ حنين) فقط اڌـ اڌ ڏينهن جي لاءِ باقاعده جنگ لڳي. اها به ضروري بچاءَ جي طور تي، ان سڄي عرصي ۾ ٻنهي طرفن کان 150 کان به گهٽ ماڻهو ماريا ويا. اهو مڪمل طور تي غير خوني انقلاب (Bloodless Revolution) هو.
    انهيءَ انقلاب جي نتيجي ۾ هڪ عمل (Process) جاري ٿيو. جيڪو تاريخ ۾ ساندهه سفر ڪندو رهيو. اسلام جي آندل ٻين تبديلين جيان اسلام جو هي امن ڀريو انقلاب به عمل جي روپ ۾ تاريخ ۾ جاري رهيو. موجوده زماني ۾ انهيءَ تصور، ”امن“ جي نالي سان هڪ مستقل سماجي نظريي جي حيثيت اختيار ڪري ورتي آهي. ان ۾ ڪانٽ، سيموئيل، ڪالون کان وٺي مهاتما گانڌيءَ تائين، ڪيترن ئي شخصيتن جا نالا شامل آهن.
    پر جيتري قدر ان جي عملي ڪاميابيءَ جو تعلق آهي، ان جو ڪو به ٻيو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. مثال طور: هندستان جو گانڌي وارو انقلاب (1947ع) عدم تشدد (Non-violence) جي ذريعي وجود ۾ آيو. پر ان انقلاب هندستاني سماج اندر گهڻو ڪري ڪا هاڪاري تبديلي ڪو نه آندي. جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو فقط هي ته انگريزن بدران ڪجهه هندستاني فرد حڪومت تي قابض ٿي ويا. اهڙيءَ ريت ڏکڻ آفريڪا جو تازو انقلاب به سماجي معنيٰ ۾ اتي ڪا صالح تبديلي نه آڻي سگهيو. ان جي نتيجي ۾ ٻيهر جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو فقط هيءُ ٿيو ته ملڪ ۾ گورن بدران ڪجهه ڪارا حڪومت جي منصب تي قابض ٿي ويا.

    جمهوري دور جي ابتدا
    اسلام کان اڳ سڄي دنيا ۾ بادشاهت جو راڄ هو. اهو سياسي رواج هزارن سالن کان هلي رهيو هو. ان نظام هيٺ فقط شاهي خاندان مڙني اختيارن جو ڌڻي هوندو هو. عوام جي حيثيت فقط رعيت جي هئي، نڪي حقيقي معنيٰ ۾ آزاد شهريءَ جي. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جو سياسي تاريخ جو ڪو به شاگرد، ان کان اڻ سونهون نه آهي.
    اسلام پهريون ڀيرو قومي زندگيءَ ۾ جمهوريت جي ابتدا ڪئي. جنهن کي قرآن جي ٻوليءَ ۾ ‘شورائيت’ چيو ويندو آهي. اها جمهوري تعليم قرآن پاڪ ۾ هنن لفظن ۾ بيان ڪئي وئي آهي.
    اَمۡرُہُمۡ شُوۡرٰی بَیۡنَہُمۡ (الشوريٰ: 38)
    ”۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح مشوري سان آهي.“
    يعني انهن جي اجتماعي ۽ سياسي معاملن جو فيصلو پاڻ ۾ مشوري سان ڪيو ويندو آهي.
    اوائلي انساني اتهاس (تاريخ) ۾ اسلام پهريون ڀيرو اها سياسي روايت قائم ڪئي، ته پاڻ سڳورن ﷺ جي وصال کان پوءِ خليفي جي مقرري نسلي بنياد تي نه ڪئي وئي، بلڪه عوام جي راءِ سان ڪئي وئي، اسلام جي پهرين دور ۾ چارئي خليفا سڳورا انهيءَ جمهوري انداز ۾چونڊيا ويا. اهڙيءَ طرح اسلام تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نسلي بادشاهت جي بدران عوامي جمهوريت جو اصول دنيا ۾ قائم ڪيو.
    پوءِ جي تاريخ ۾ جيتوڻيڪ اهو جمهوري اصول پنهنجي معياري صورت ۾ رائج نه رهي سگهيو. پر اسلامي انقلاب جي اثر سان اها فضا دائم ۽ قائم رهي ته ڪنهن سلطان جي لاءِ اهو ممڪن نه ٿي سگهيو، ته اهو پراڻي دور جو مطلق العنان (خودمختيار يا بي مهار) بادشاهه بڻجي وڃي. بنو اميه جي دور ۾ سليمان بن عبدالملڪ پنهنجي ذاتي فيصلي جي تحت شاهي خاندان جي هڪ فرد حضرت عمر بن عبدالعزيز کي خليفو چونڊيو. جڏهن حضرت عمر بن عبدالعزيز کي فرمان مليو ته هن دمشق جي وسيع ۽ ڪشادي مسجد ۾ ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ اهو اعلان ڪيو ته هن شاهي فرمان کي مان توهان ڏانهن واپس ڪريان ٿو. هاڻ توهان مالڪ آهيو، توهان جنهن کي گهرو تنهن کي پنهنجي آزاد راءِ سان پنهنجو خليفو چونڊيو. ماڻهن گڏيل راءِ ڏيندي چيو ته اوهان کي ئي اسان خليفي طور قبول ڪريون ٿا. ان کان پوءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز مسلمانن جي خليفي جي حيثيت سان پنهنجو عهدو سنڀاليو.
    ان قسم جي انقلابي تبديلي انساني سماج ۾ هڪدم ناهي ايندي. اهڙي تبديلي جي مڪمل طور ظاهر ٿيڻ لاءِ هڪ وڏو وقت گهربل هوندو آهي. اهوئي انهيءَ معاملي ۾ به ٿيو. اسلام جو آندل جمهوري انقلاب، تاريخ ۾ هڪ عمل جي روپ ۾ جاري ٿي ويو. اهو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ مسلسل سفر ڪندو رهيو. ايتري تائين جو 18 هين صديءَ ۾ يورپ ۾ داخل ٿي اهو فرانس جي جمهوري انقلاب جي صورت ۾ پنهنجي تڪميل جي مرحلي تائين پهتو. موجوده جمهوريت، جنهن کي مغربي جمهوريت چيو وڃي ٿو. اها حقيقت ۾ اسلام جي انهيءَ شورائي نظام جو سيڪيولر ايڊيشن آهي.

    انقلاب جو نمونو قائم ڪرڻ
    انقلاب (Revolution) جو لفظ اهل فڪر جي لاءِ هڪ ڏاڍو پسنديده مقصد رهيو آهي. پر تاريخ ۾ اهو مقصد مڪمل معنيٰ ۾ فقط هڪ ڀيرو حاصل ٿي سگهيو. اهو رسول الله ﷺ جن جو آندل انقلاب هو. جيڪو ستين صدي عيسويءَ ۾ پيش آيو. موجوده زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن کي انقلاب چيو وڃي ٿو. پر اهي سڀ واقعا پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان قبضا هئا. نڪي ڪو انقلاب، انهن سڀني واقعن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو، تنهن ۾ فقط وڏي رت جي راند کان پوءِ هڪ حڪمران ٽولي کي هٽايو ويو ۽ ٻئي حڪمران ٽولي کي ان جي جاءِ تي ويهاريو ويو. جڏهن ته انقلاب هڪ اهڙي عمومي واقعي جو نالو آهي، جنهن ۾ اخلاقي، معاشي ۽ سماجي مطلب ته زندگيءَ جي هر دائري ۾ نئين صالح سوچ ۽ تبديلي اچي ۽ اهو سڄي انساني تاريخ ۾ فقط هڪ ڀيرو اسلامي انقلاب جي صورت ۾ پيش آيو.
    انقلابي تحريڪن جي ڊگهي ناڪام تاريخ ۾ اسلام جو اهو تجربو روشنيءَ جي هڪ اوچي مناري جي حيثيت رکي ٿو. اسلامي انقلاب جي تڪميل کان پوءِ پهريون دفعو هڪ اهڙو سماج وجود ۾ آيو، جيڪو اهڙن فردن تي مشتمل هو. جتي هر انسان، هر قسم جي فرق جي باوجود مساوات ۽ برابري جي ماحول ۾ رهي سگهيو پئي. جنهن ۾ انساني لاڳاپن جو بنياد ڏاڍ ۽ ڦرلٽ جي بدران ڀائپي ۽ ڀائيچاري تي قائم ڪيو ويو هو. جتي سياسي حڪمران عام انسانن وانگر رهندا هئا، نڪي ماڻهن جي آقا وانگر، جتي هر هڪ کي يقين هو ته اهو عدالت کان انصاف حاصل ڪري سگهي ٿو.
    ان ڪامياب عملي مثال جي ذريعي اسلام سڄي انسانيت کي هڪ اهڙو حقيقي نمونو ڏئي رهيو آهي، جنهن جي پيروي ڪري، اهو بهتر دنيا جي باري ۾ پنهنجي خواب جي ساڀيان ماي يا تعبير ڏسي. اسلامي انقلاب هڪ لحاظ کان ماضيءَ جي تاريخ جو هڪ واقعو آهي ۽ ٻئي لحاظ کان حال ۽ مستقبل جي تعمير جو هڪ پروگرام.
    اسلام جو ڪردار انساني تاريخ ۾ فقط اهو نه آهي، ته هن انسان کي جياپي لاءِ هڪ صحيح ۽ اعتماد جي قابل نظريو ڏنو. پر انهيءَ سان گڏوگڏ انسانيت لاءِ اسلام جو هڪ عطيو هيءُ به آهي، ته هن انساني زندگيءَ جي هر شعبي لاءِ هڪ عملي نمونو قائم ڪيو.
    اهڙيءَ ريت اسلام جي ذريعي انسانن کي اهو ويساهه ملي ٿو ته اعليٰ انساني آئيڊيل (نمونو) هڪ خيالي آئيڊيل ناهي. اهو هڪ اهڙو آئيڊيل آهي، جيڪو مڪمل طور تي عمل جي قابل آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ اهو عملي طور تي پوريءَ ريت قائم به ٿي چڪو آهي. اسلام نظر ايندڙ سچائي به آهي ۽ هڪ قائم ٿيل عملي نظام به.


    انسانيت جو نمونو

    سوامي ويو ڪانند (1902-1863ع) هڪ خط جي جواب ۾ لکيو هو ته منهنجو هي (مطالعاتي ۽ مشاهداتي) تجربو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت يا دور ۾ ”انساني پائپي جي منزل“ جي وڌ ۾ وڌو ويجهو ڪو مذهب پهتو آهي ته اهو اسلام ۽ فقط اسلام ئي آهي. انهيءَ ڪري منهنجو هي قطعي خيال آهي ته عملي اسلام جي مدد کان سواءِ، ويدانت ازم جا نظريا ڇو نه اهي ڪيڏا ئي سٺا ۽ اعليٰ هجن، عام انسانن جي لاءِ بلڪل بي فائدي آهن. اسان جي وطن جي لاءِ ٻن عظيم نظامن جو ميلاپ، هندو ازم ۽ اسلام، ويدانت دماغ ۽ اسلام جسم، واحد اميد آهي. مان پنهنجي ذهن جي اک سان ڏسي رهيو آهيان، ته مستقبل جو معياري هندستان، انتشار ۽ ڀڃ ڊاهه کان نڪري ”ويدانت دماغ ۽ اسلام جسم“ جي ذريعي سوڀارو ٿي رهيو آهي.
    My experience is that if ever any religion approached to this equality in an appreciable manner, it is Islam and Islam alone. Therefore I am Firmly persuaded that without the help of practical Islam, theories of Vedantism, however fine and wonderful they may be, are entirely valueless to the vast mass of mankind. For our own motherland, a junction of the two great systems, Hinduism and Islam- Vedanta brain and Islam body- is the only hope. I see in my mind’s eye the future perfect India rising out of this chaos and strife, glorious and invincible, with Vedanta brain and Islam body.
    Letters of Swami Vivekananda (1986), pp. 379-80
    مهاتما گانڌي (1948 ـ 1869ع) ڪانگريسي ليڊرن کي اهو مشورو ڏيندو هو، ته اهي خليفي ابوبڪر ؐ ۽ خليفي عمر ؐ جي پيروي ڪن.
    We have follow the example of Abu Bakar and Umar.
    گانڌيءَ هڪ دفعو پنهنجي اخبار (هريجن) ۾ لکيو هو ته سادگي ڪانگريسين جي ئي ناهي. مان رام چندر ۽ ڪرشن جو حوالو نٿو ڏيان، ڇو جو اهي تاريخي شخصيتون نه هيون. مان مجبور آهيان ته ابوبڪر ؐ ۽ عمر ؐجا حوالا ڏيان. جيتوڻيڪ اهي هڪ وڏي سلطنت جا حاڪم هئا، پر انهن فقيرن جهڙي زندگي گذاري.
    Simplicity is not the monopoly of Congressites. I am not going to mention the names of Rama and Krishna. because they were not historic personalities. I am compelled to mention the names of Abu Bakar and Umar. Though they were masters of vast empire, yet they lived the life of paupers.
    Harijan, July 27, 1937
    اها هڪ حقيقت آهي ته اسلامي شخصيتن، اسلام جي صورت ۾ جيڪا تاريخ ٺاهي آهي. اها سڄي انسانيت جي لاءِ اعليٰ نموني جي تاريخ آهي. اسلام انهن صفتن جا تمام اعليٰ مثال قائم ڪيا آهن، جن کي انساني صفتون چيو ويندوآهي. فرضي قصن ڪهاڻين جي صورت ۾ ڪو به شخص هڪ ڪتاب لکي سگهي ٿو. پر انسانيت جي نموني ۽ مثال جي لاءِ حقيقي ڪردار جو حوالو ڏيڻو هجي، ته اسلامي شخصيتن کان سواءِ ٻئي ڪنهن جو حوالو نٿو ڏئي سگهي. ان لحاظ کان اهي اسلامي شخصيتون سڄي انسانيت جو گڏيل انساني ورثو آهن. اهي سڀني انسانن جي لاءِ بهترين اخلاقي نمونو آهن. هتي اسان انهيءَ ڳالهه جي وضاحت لاءِ مختلف رخن کان ڪجهه تاريخي مثال ڏيون ٿا.

    اعتماد ۽ توڪل
    حضرت محمد ﷺ جن مڪي ۾ ڄاوا. پاڻ ڪريمن ﷺ پنهنجي ابتدائي تبليغ جا تقريباً 12 سال انهيءَ شهر ۾ گذاريا. ان زماني ۾ مڪي تي مشرڪن جو راڄ هوندو هو. انهن رسول پاڪ ﷺ جن کي سخت تڪليفون پهچايون، ايتري قدر جو پاڻ سڳورن ﷺ جن کي شهيدڪرڻ جي ڪڍ پئجي ويا. جڏهن اها نوبت آئي ته پاڻ سڳورا ﷺ مڪي کي ڇڏي، مديني آيا.
    ان وقت حالتون ايڏيون سخت هيون، جو حضور اڪرم ﷺ جن جو مڪي کان نڪري سڌو مديني وڃڻ خطري کان خالي نه هو. انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ جن جڏهن مڪي مان نڪتا، ته پهريان ٽي ڏينهن غار ۾ رهيا. جيڪا هڪ مشڪل ۽ ڏکئي جبل جي مٿان هڪ سوڙهي مقام تي واقع هئي. پر پوءِ به نبي ﷺ جن جا دشمن کين ڳوليندا، اتي به پهتا. نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي ساٿي ۽ رفيق حضرت ابوبڪر ؐ سان غار ۾ هئا ۽ سندن دشمن تلوارون سان غار جي ايترو ويجهو پهتا هئا جو پاڻ ڪريمﷺ جن سندن قدمن کي ڏسي پئي سگهيا. اهو ڏسي حضرت ابوبڪر صديق ؐ کي ڏاڍي ڳڻتيءَ ورايو. هن رسول ڪريم ﷺ جن کي چيو، منهنجا آقا، منهنجا سائين! اهي ته هتي به اچي پهتا. آقا ﷺ جن بنا ڪنهن پريشانيءَ جي فرمايو:
    يا ابابکر! ماظنک با ثنين الله ثالثهما
    اي ابوبڪر! تنهنجو انهن ٻنهي جي باري ۾ ڪهڙو خيال آهي. جن جو ٽيون الله هجي.
    اهو لفظ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي توڪل ۽ اعتماد جو انتهائي ڪامل نمونو آهن. انهيءَ واقعي ۾ انسان، توڪل جي انهيءَ اعليٰ درجي تي نظر اچي ٿو. جنهن جي آڏو ان اعليٰ انساني گڻن جو ڪو ٻيو مٽ ۽ ثاني ناهي.

    اڻ وڻندڙ گهڙين مهل صبر ڪرڻ
    هڪ ڀيري هڪ ڏڪاريل علائقي جي ماڻهن جي واهر لاءِ پاڻ سڳورن ﷺ هڪ يهودي واپاريءَ کان ڪجهه دينار قرض ورتو. ان يهوديءَ جو نالو زيد بن سعنه هو. زيد بن سعنه سان اهو طئي ٿيو هو ته پاڻ سڳورا ﷺ فلاڻي مقرر وقت تي 80 مثقال کارڪون ادا ڪندا.
    کارڪن ڏيڻ ۾ اڃا ٻه ـ ٽي ڏينهن باقي هئا، جو زيد بن سعنه اوچتو آيو ۽ سخت لهجي ۾ پنهنجي قرض جي واپسيءَ جي گهر ڪئي. ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ جي ڪلهي مبارڪ تي هڪ چادر پيل هئي. زيد بن سعنه چادر کي وٺي زور سان ڇڪيو ۽ چيو ته اي محمدﷺ! تون منهنجو قرض ڇو نه ٿو ڏئين؟! خدا جو قسم! مان مُطلب جي اولاد کي سڃاڻان ٿو، اهي سڀ جا سڀ قرض وٺي واپس ناهن ڪندا.
    ان وقت حضرت عمر ؐ رسول الله ﷺ جن وٽ موجود هو. عمر سائين ڪاوڙجي ويو ۽ ڪاوڙ ۾ چيائين، ته اي خدا جا دشمن! تون هي ڇا پيو چوين؟ توکي ڊپ ڪو نه ٿو ٿئي ته تنهنجي اهڙي گستاخيءَ جي ڪري متان تنهنجي گردن اڏائي وڃي. پر نبي ڪريم ﷺجن ٿورو به ڪونه ڪاوڙيا. ايتري قدر جو پاڻ اهو به ڪو نه چيائون، ته تون وقت کان اڳ، قرض گهري رهيو آهين. ان جي بدران نبي ڪريم ﷺ جن حضرت عمر ؐ کي تنبيهه ڪئي ۽ فرمايو ته اي عمر! مان ۽ هيءُ هڪ ٻيءَ شيءِ جا وڌيڪ گهرجائو هئاسون. اها هيءَ ته تون مون کي حق بهتر نموني ادا ڪرڻ لاءِ چوين ها ۽ هن کي حق بهتر نموني گهرڻ لاءِ. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن حڪم ڏنو ته زيد بن سعنه کي مقرر تعداد ۾ کارڪون ڏنيون وڃن ۽ عمر جن جي سخت ڪلاميءَ جي عيوض 20 صاع (هڪ صاع پوڻا ٻه ڪلو يا اڍائي ڪلو جي برابر هوندو هو) کارڪون وڌيڪ ڏنيون وڃن. زيد بن سعنه پاڻ سڳورن ﷺ جي اهڙي سلوڪ کي ڏسي اسلام قبول ڪيو.
    نبي ڪريم ﷺ ان وقت عرب جا حڪمران هئا، پاڻ سڳورا ﷺ زيد بن سعنه جي خلاف ڪا به سخت ڪارروائي ڪرڻ جو پورو اختيار رکن پيا. پر ان جي باوجود نبي ڪريم ﷺ جن زيد بن سعنه جي گستاخي ۽ بدسلوڪيءَ کي برداشت ڪيو. حضور جن ﷺ ان جي گستاخيءَ جي باوجود نه ڪاوڙيا. اهو هڪ انتهائي ڪامل ۽ تاريخي مثال آهي. جيڪو ٻڌائي ٿو، ته اعليٰ انساني سلوڪ ڇا آهي ۽ ڪهڙيءَ ريت ائين ٿي سگهي جو اجتماعي زندگيءَ ۾ هڪ شخص صبر ۽ سهپ جي اصول تي قائم رهي ڪري زندگي گذاري سگهي.

    اعزاز جي بدران ذميداري
    حضرت ابوبڪر ؐ اسلام جا پهريان خليفا آهن. سندن خلافت جو دور 632ع کان 634ع تائين آهي. نبي ڪريم ﷺ جي وصال کان پوءِ جڏهن کين خليفو چونڊيو ويو، ته پاڻ ان کي هن عهدو نه بلڪه هڪ ذميداري سمجهيائون. پاڻ خوش ٿيڻ بدران فڪر مند ٿي ويا، بيعت کان پوءِ جڏهن پاڻ ماڻهن کي خطاب ڪرڻ جي لاءِ منبر تي بيٺا ته ذميداري جي احساس جي ڪري سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا. پاڻ چيائون:
    ایھا الناس قد ولیّت علیکم ولستُ بخیرکم. فان احسنتُ فاعینونی وان اسأتُ فقومّونی الصدق امانۃ والکذب خیانۃ۔ والضعیف فیکم قوی عندی حتیٰ اٰخذ لہ’ حقہ. والقوی ضعیف عندی حتیٰ اٰخذمنہ الحق ان شاءاللہ تعالیٰ
    (الڪامل لابن الاثير)
    اي انسانو! مان توهان جي مٿان حاڪم بڻايو ويو آهيان. جيتوڻيڪ مان توهان کان بهتر نه آهيان. جيڪڏهن مان چڱو ڪريان ته توهان منهنجي مدد ڪريو، ۽ جيڪڏهن مان خراب ڪريان ته توهان مون کي سڌو ڪريو. سچائي امانت آهي ۽ ڪوڙ خيانت آهي ۽ توهان منجهان هيڻو، منهنجي نظر ۾ طاقتور آهي، جيستائين مان ان جو حق کيس نه ڏياريان ۽ توهان جو طاقتور مون وٽ ڪمزور آهي، جيستائين مان ان کان سندس حق وصول نه ڪري وٺا، جيڪڏهن الله چاهيو.
    ابن سعد عطا بن السائب کان نقل ڪيو آهي ته جڏهن حضرت ابوبڪر ؐ جي بيعت ٿي ته ٻئي ڏينهن ماڻهن ڏٺو ته اهو معمول مطابق پنهنجي ڪلهي تي ڪپڙا کنيو بازار وڃي رهيو آهي. حضرت عمر فاروق ؐ پڇيو ته ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟ حضرت ابوبڪر ؐ وراڻيو ته بازار وڃي رهيو آهيان. حضرت عمر فاروق ؐ چيو ته ڇا اوهان کي خبر ناهي ته هاڻ اوهان مسلمانن جا حاڪم آهيو؟! حضرت ابوبڪر ؐ چيو ته مان پنهنجي گهر ڀاتين کي ڪٿان کارائيندس؟! حضرت عمر فاروق ؐ چيو، ته ابو عبيده (ؐ) ڏانهن هلو. اهو اوهان جو وظيفو مقرر ڪندو. پوءِ ٻئي ڄڻا حضرت ابو عبيده ؐ ڏانهن ويا. هن عام ماڻهو جي معيار مطابق حضرت ابو بڪر صديق ؐ جو وظيفو مقرر ڪيو. ان ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا به شامل هئا. هڪ جوڙو اونهاري جي لاءِ هڪ جوڙو سياري جي مند لاءِ. جڏهن سندن وفات جو وقت آيو ته سندن گهر ۾ نه درهم هو ۽ نڪي دينار، فقط هڪڙي زمين هئي. جنهن لاءِ پاڻ وصيت ڪيائون ته اها زمين وڪڻي ان جي قيمت، مان اهو سڀ ڪجهه بيت المال ۾ واپس ڪيو وڃي، جيڪو مون خليفي جي حيثيت سان ورتو آهي.
    حڪومتي عهدي کي اعزاز سمجهڻ بدران ذميداري سمجهڻ جو اهو ئي مثال ٻين خليفن سڳورن به قائم ڪيو. اهو مثال سڀني حڪمرانن کي ٻڌائي ٿو، ته اهي ڪنهن به ريت حڪومت کي عزت ۽ شهرت جي شيءِ نه سمجهن، پر ذميدارين کي ادا ڪرڻ جو هڪ نازڪ منصب سمجهن. اها ئي واحد شيءِ آهي، جيڪا ڪنهن حڪومت کي سندس ماتحت عوام جي لاءِ خير ۽ ڀلائيءَ جو ذريعو بڻائيندي آهي.

    معبود جي هيڪڙائي
    نبي ڪريم ﷺ جن جو وصال 63 ورهين جي ڄمار ۾ مديني ۾ ٿيو. ان وقت ماڻهن جي مٿان عجيب ديوانگيءَ جي ڪيفيت طاري ٿي وئي. ڪيترن ئي ماڻهن کي يقين ئي نه پئي آيو، ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جو وصال ٿي به سگهي ٿو يا وصال ٿي ويو آهي!!! حضرت عمر فاروق ؐ انهيءَ معاملي ۾ سڀ کان اڳتي هو. هو مديني جي مسجد نبوي ﷺ ۾ تلوار ڪڍي بيهي رهيو ۽ چوڻ لڳو، ته جيڪو شخص ائين چوندو، ته رسول الله ﷺ جن جو وصال ٿي ويو، ته مان هن تلوار سان سندس سِسي لاهي ڇڏيندس.
    مسجد نبويءَ ۾ زبردست خلفشار جاري هو. ماڻهو وائڙا ۽ حيران نظر اچي رهيا هئا. ايتري ۾ حضرت ابوبڪرصديق ؐ اتي آيا. پاڻ صورتحال جو جائزو ورتائون ۽ پوءِ مسجد جي هڪ پاسي تقرير ڪرڻ لاءِ بيٺا. پنهنجي انهيءَ تقرير ۾ هن هڪ تاريخي جملو چيائون.
    من کان یعبد محمداً فان محمداً قدمات ومن کان یعبداللہ فان اللہ حی لایموت
    ”جيڪو شخص محمّد ﷺ جي عبادت ڪندو هو ته محمّد ﷺ جو وصال ٿي ويو آهي ۽ جيڪو شخص الله جي عبادت ڪندو هو ته الله زندهه آهي. ان تي ڪڏهن به موت ناهي اچڻو.“
    انهيءَ واقعي ۾ انسان الٰهي معرفت جي آخري ڏاڪي تي نظر اچي ٿو. انسان، انسان آهي، ۽ خدا، خدا آهي. ان حقيقت کي ڄاڻڻ ئي اصل علم آهي ۽ هي واقعو ان اصل علم جو آخري شاندار مثال آهي.

    حق جي آڏو گوڏا کوڙڻ
    مٿي جيڪو واقعو بيان ڪيو ويو. ان موقعي تي حضرت عمر فاروق ؐ جو ڪردار منڍ ۾ بيحد انتها پسنداڻو هو. هن پنهنجي اکين سان ڏٺو ته پيغمبر اسلام ﷺ جو جسم مبارڪ ڪجهه چوندي چوندي چپ ٿي ويو. پر کين يقين نه پئي آيو، ته ڇا واقعي پاڻ سڳورن ﷺ جن جو وصال ٿي ويو آهي!؟ حضرت عمر سائين ؐ اهو سمجهيو ته اهو هڪ قسم جو روحاني معراج جو واقعو آهي، آقا سائين ﷺ جن پنهنجي رب ڏانهن ويا آهن ۽ جلد ئي ٻيهر زمين تي واپس ايندا.
    هو ان معاملي ۾ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ بنهه تيار نه هو. ايتري قدر جو حضرت ابوبڪر ؐ جي ڳالهه به نه. حضرت ابوبڪر صديق ؐ مسجد نبوي ۾ داخل ٿي کين ماٺ ٿيڻ لاءِ چيو پر حضرت عمر ؐ خاموش ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا. سندن هٿ تلوار جي دستي تي هو ۽ لڳاتار ڳالهائي رهيو هئا. پوءِ جڏهن حضرت ابوبڪر صديق ؐ مسجد نبويءَ ۾ تقرير ڪرڻ جي لاءِ بيٺا، ته هن حضرت عمر فاروق ؐ جي آواز تي پنهنجو آواز بلند ڪندي، پنهنجي تقرير شروع ڪري ڏني. ايتري تائين جو حضرت ابوبڪر صديق ؐ تقرير ڪندي هن آيت تي پهتا.
    وَ مَا مُحَمَّدٌ اِلَّا رَسُوۡلٌ ۚ قَدۡ خَلَتۡ مِنۡ قَبۡلِہِ الرُّسُلُ ؕ اَفَا۠ئِنۡ مَّاتَ
    اَوۡ قُتِلَ انۡقَلَبۡتُمۡ عَلٰۤی اَعۡقَابِکُمۡ ؕ وَ مَنۡ یَّنۡقَلِبۡ عَلٰی عَقِبَیۡہِ فَلَنۡ یَّضُرَّ اللّٰہَ
    شَیۡئًا ؕ وَ سَیَجۡزِی اللّٰہُ الشّٰکِرِیۡنَ (اٰ ل عمران:144)
    ”محمد(ﷺ) ته صرف هڪ آهي ان کان پهرين به گهڻائي رسول گذري چڪا آهن جيڪڏهن اهي مري وڃن يا قتل ڪيا وڃن ته ڇا توهين پٺين پيرن ڦري ويندؤ ۽ جيڪو شخص پٺين پيرن ڦري وڃي ته اهو الله جو ڪجهه نه بگاڙيندو ۽ الله شڪر ڪرڻ وارن کي ضرور بدلو ڏيندو.“
    قرآن ڪريم جي انهيءَ آيت ٻڌڻ سان حضرت عمر فاروق ؐ هڪدم ٿڌا ٿي ويا. پوءِ واري زماني ۾ پاڻ پنهنجو ان وقت جو حال ٻڌائيندي چيائون.
    وقعت علی الارض وما تحملنی رجلای
    ”مان زمين تي ڪري پيس. منهنجا پير منهنجو وزن سنڀالي نه سگهيا.“
    انهيءَ واقعي ۾ انسان عبديت ۽ ٻانهپ جي تمام وڏي درجي تي نظر اچي ٿو. ٻانهپ اها آهي ته انسان خدا جي آڏو گوڏا کوڙي. حضرت عمر فاروق ؐ اهڙا ئي انسان ثابت ٿيا. پاڻ الله جو ڪلام ٻڌي زمين تي ڪري پيا. پنهنجي راءِ کي هن پنهنجي دماغ مان اهڙيءَ ريت ڪڍي ڇڏيائون، ڄڻ اها سندن دماغ ۾ ڪڏهن هئي ئي ڪو نه. اهو اعتراف حق جو اعليٰ ترين مثال آهي. اهو مثال ٻڌائي ٿو ته حق جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ، ڪهڙيءَ طرح ماڻهوءَ کي ان جي آڏو جهڪڻ گهرجي.

    سادگيءَ جي زندگي
    خلفاءِ راشدين جي دور ۾ دولت ۽ حڪومت ٻنهي شين ۾ تمام گهڻو واڌارو آيو هو. ان جي باوجود خليفا سڳورا بلڪل سادگيءَ واري زندگي گذاريندا هئا. ان جو اقرار سڀني مؤرخن ڪيو آهي، منٽگمري واٽ (W. Montgomery watt) لکيو آهي، ته مسلم خليفا جيڪي هاڻ هڪ وسيع بادشاهت جا حڪمران هئا، اهي هاڻي به مديني ۾ تمام سادي طريقي سان رهندا هئا:
    The ruler of what was now a vast empire still lived a very simple life in Medina, and had not so much as a bodyguard.
    The Majesty That Was Islam, (1984)
    ٻيو خليفو حضرت عمر فاروق ؐ ايشيا ۽ آفريقا جي وڏي حصي جا حاڪم هئا. پر سندن جسم تي معمولي ڪپڙو هوندو هو. جنهن ۾ گهڻيون چتيون لڳل هونديون هيون. پاڻيءَ جي مشڪ ڪلهي تي رکي گهمندا هئا. پٿر جو وهاڻو مٿي هيٺان رکي سمهندا هئا. معمولي کاڌو کائيندا هئا ۽ معمولي گهر ۾ رهندا هئا.
    هڪ دفعي احنف بن قيس ساڻن ملڻ جي لاءِ مديني آيو ته ڏٺائين ته معمولي حالت ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙن پيا. احنف پڇيو ڇا ڳالهه آهي؟ حضرت عمر ؐ جواب ڏنو ته بيت المال جو هڪ اٺ ڀڄي ويو آهي. ان کي ڳولي رهيو آهيان. احنف چيو، اوهان اميرالمؤمنين آهيو، اوهان پاڻ ڇو ٿا اها تڪليف ڪريو. اوهان ڪنهن غلام کي حڪم ڪريو، اهو انهيءَ ڪم کي سرانجام ڏئي ها. حضرت عمر ؐ فرمايو:
    ایُّ عبد اعبد منی
    ”ڪير آهي، جيڪو مون کان وڌيڪ غلام هجي.“
    سلطنت جو حاڪم هجڻ جي باوجود، پاڻ کي عام ماڻهن منجهان سمجهڻ، اعليٰ ترين حاڪماڻو اخلاق آهي. انهيءَ پر حاڪماڻي اخلاق جو عملي شان، اسلامي تاريخ کان سواءِ ڪٿي به نه ٿو ملي.
    حضرت عمر فاروق ؐ جي خلافت جو دور 634ع کان 644ع تائين آهي. سندن دور ۾ فلسطين فتح ٿيو. فتح جي انهيءَ موقعي تي فلسطين جي مسيحي برادرين جي مطالبي تي، حضرت عمر ؐ مديني کان فلسطين جو سفر ڪيو. اهو سفر هڪ عظيم سلطنت جي عظيم حڪمران جو هو. پر سفر اهو ايڏو ته سادو هو جو ان کان وڌيڪ سادگيءَ جو تصور نٿو ڪري سگهجي.
    عبدالله التُل جيڪو فلسطين جي جنگ (1948ع) ۾ شريڪ هو. هن هڪ ڪتاب لکيو آهي، جنهن جو نالو ”خطراليهودية العالمية علي الاسلام والمسيحية“ آهي. اهو ڪتاب دارالقلم (قاهره) مان 964ع ۾ ڇپيو آهي. عبدالله التل کي فلسطين جي هڪ معبد ۾ هڪ تاريخي مخطوطو يوناني ٻوليءَ ۾ لکيل مليو، اهو مخطوطو جيڪو آڳاٽي دور ۾ ڪنهن عيسائي لکيو هو. ان ۾ حضرت عمر ؐ جو فلسطين ۾ داخل ٿيڻ جو ذڪر ٿيل آهي. عبدالله التل ان مخطوطي جو عربي ترجمو پنهنجي عربي ڪتاب ۾ شامل ڪيو آهي. ان جو تت ڪجهه هن ريت آهي:
    جڏهن بيت المقدس تي مسلمان فوجين جو گهيرو وڌي ويو ته 636ع ۾ اتان جو وڏو پادري صفرو نيوس شهر جي ڀت تي چڙهيو. هن مسلم فوج کي مخاطب ٿيندي چيو، ته اسان توهان سان صلح ڪرڻ چاهيون ٿا، پر شرط اهو آهي ته صلح توهان جي امير جي هٿ تي ٿيندو. ان ڪري ان قسم جي مضمون جو هڪ خط مديني موڪليو ويو، ته جيئن اميرالمؤمنين فلسطين اچي ۽ فلسطين وارن سان صلح جا معاملا طئي ڪري.
    حضرت عمر فاروق ؐ مديني کان بيت المقدس ڏانهن وڃڻ لاءِ نڪتا، پر سندن حال اهو هو جو ساڻن فقط هڪ سواري ۽ هڪ غلام هو. جڏهن اهي شهر کان ٻاهر آيا ته پنهنجي غلام کي چيائون ته اسان ٻه آهيون ۽ سواري هڪ آهي. جيڪڏهن مان سواريءَ تي ويهندس ۽ تون پنڌ هلندين ته مان ڄڻ تنهنجي مٿان ظلم ڪندس ۽ جيڪڏهن تون سواريءَ تي ويهندين ۽ مان پنڌ ڪندس ته ڄڻ تون مون تي ظلم ڪندين ۽ جيڪڏهن اسان ٻئي سواريءَ تي ويهنداسين، ته اسان ان جي پٺي ڀڃي ويهنداسين. انهيءَ ڪري اسان ٽيئي وارو مقرر ڪريو ٿا. پوءِ انهن رستو اهڙيءَ ريت طئي ڪيو جو هڪ ڀيرو حضرت عمر ؐ سواري تي سوار ٿئي پيو ته غلام پنڌي ڪري پيو. ان کان پوءِ غلام سواريءَ تي ويهي پيو ۽ حضرت عمر فاروق ؐ پنڌ ڪري پيو. ۽ پوءِ وري ٻئي ڄڻا پنڌ پيا ڪن ۽ سواري خالي رهي پئي. اهڙيءَ طرح اهي سفر ڪندا رهيا. ايتري قدر جو اهي بيت المقدس جي ويجهو پهتا ته اتفاق سان ان وقت غلام جو وارو هو. غلام سواريءَ تي ويهي هلڻ کان انڪار ڪيو ۽ هن چاهيو ٿي ته حضرت عمر فاروق ؐ آخري مرحلي ۾ شهر ۾ داخل ٿيڻ مهل جو سواريءَ تي ويٺل هجي. پر حضرت عمر ؐ ان تي راضي نه ٿيو ۽ پاڻ بيت المقدس جي دروازي تي ان حال ۾ پهتا جو غلام سواريءَ تي ويٺل هو ۽ حضرت عمر فاروق ؐ پنڌ ڪري رهيو هو. حضرت عمر فاروق ؐ کي ان حال ۾ ڏسي شهر جي پادرين دروازو کوليو ۽ سندن هٿ تي صلح ڪيائون. صلح نامي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حضرت عمر ؐ مختصر تقرير ڪئي، جنهن ۾ چيائون ته اي فلسطين وارؤ! جيڪو اسان جي لاءِ آهي، اهو توهان جي لاءِ آهي. ۽ جيڪو اسان جي لاءِ ناهي. اهو توهان جي لاءِ به نه آهي. (یا اھل ایلیاء لکم مالنا وعلیکم ماعلینا). حضرت عمر فاروق ؐ جو اهو سفر دنيا جي سڀني حڪمرانن جي لاءِ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي آخري ۽ ڪامل ترين نموني جي حيثيت رکي ٿو.

    انسانيت جو احترام
    حضرت عمر فاروق ؐ جي زماني ۾ حضرت عمر و بن العاصؐ مصر جو گورنر هو، هن هڪ ڀيرو گهوڙن جي ڊوڙ ڪرائي. ان ڊوڙ ۾ گورنر جي پٽ جو گهوڙو به شريڪ هو. پر جڏهن ڊوڙ ختم ٿي ته هڪ مصري (غير مسلم) جو گهوڙو اڳتي نڪري ويو. مصريءَ فتح جي جوش ۾ ڪو اهڙو جملو چيو جيڪو گورنر جي پٽ (محمد بن عمر و بن العاص) کي خراب لڳو ۽ هن مصريءَ کي چهبڪ (ڪوڙو) هنيو، ڪوڙي هڻڻ وقت سندس زبان مان نڪتو.
    خذ ھا وانا ابن الاکرمین
    ”هي وٺ، ۽ مان شريفن جي اولاد آهيان.“
    حضرت انس بن مالڪؐ انهيءَ قصي کي بيان ڪندي چوي ٿو، ته مصري (غير مسلم) مصر کان ڪهي مديني اچي پهتو ۽ حضرت عمر ؐ وٽ شڪايت ڪيائين ته گورنر جي پٽ کيس ڪوڙي (چهبڪ) سان ماريو آهي. حضرت عمر ؐ فرمايو تون هتي ترس ۽ هڪدم پنهنجي خاص ماڻهوءَ کي مصر موڪليائون ته عمر و بن العاصؐ ۽ سندس پٽ محمد بن عمر و بن العاص کي جنهن به حال ۾ هجن، کين مديني وٺي اچ. پوءِ اهي ماڻهو آندا ويا. جڏهن اهي مديني پهتا ته حضرت عمر ؐ فرمايو.
    این المصری، دونک الدرةٕ فاضرب بھاابن الاکرمین۔
    ”مصري ڪٿي آهي؟ هي ڪوڙو وٺ ۽ هن سان سندن پٽ کي مار.“
    ان کان پوءِ مصري ڪوڙو کنيو ۽ مصر جي گورنر جي سامهون سندس پٽ کي هڻڻ شروع ڪيا. هو ماريندو رهيو، ايتري تائين جو کيس زخمي ڪري وڌائين. حضرت عمر ؐ وچ ۾ چيو پئي ته پٽ کي مار. جڏهن مصريءَ ڏاڍو ماريو ته حضرت عمر فاروق ؐ چيو ته هن جي پيءُ عمرو بن العاص ؐ کي به مٿي تي ڪوڙو هڻ. ڇو جو خدا جو قسم! سندس پٽ، فقط پنهنجي پيءُ جي مان مرتبي جي ڪري توکي ماريو هو. (فو اللہ ماضربک ابنہ الا بفضل سلطانہ۔)
    مصريءَ چيو ته اي اميرالمؤمنين! جنهن مون کي ماريو هو. تنهن کي مون ماريو. ان کان وڌيڪ مون کي حاجت نه آهي. حضرت عمر ؐ چيو، خدا جو قسم! جيڪڏهن تون ان کي به مارين ها ته اسان، تنهنجي ۽ ان جي وچ ۾ رنڊڪ نه بڻجون ها، ايتري تائين جو تون پاڻ ئي ان کي ڇڏين ڏئين ها.
    پوءِ حضرت عمر ؐ، عمر وبن العاص سان مخاطب ٿيندي فرمايو:
    یا عمرو، متی استعبد تم الناس وقد ولدتھم امھاتھم احرارا۔
    ”اي عمرو! تو ڪڏهن کان ماڻهن کي غلام بڻايو آهي، جيتوڻيڪ سندن مائرن انهن کي آزاد پيدا ڪيو هيو.“
    (ابن جوزي، سيرت عمر بن الخطابؐ)
    اهو واقعو انساني احترام ۽ انساني برابريءَ جو آخري اعليٰ مثال آهي. ان واقعي هڪ انسان جو ٻئي انسان جي وچ ۾، هر قسم جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو. ان انساني عدل ۽ انصاف جو اهڙو بيمثال، مثال قائم ڪيو. جنهن جي آڏو انساني عدل ۽ انصاف جو ڪو ٻيو درجو ڪونهي.

    بي غرضي
    حضرت عبدالله بن عباس ؐ بيان ڪري ٿو ته حضرت ابوبڪرؐ جي خلافت جي دور ۾ ڏڪار پيو ۽ ماڻهو ڏاڍا پريشان ٿيا. حضرت ابوبڪرؐ فرمايو ته توهان گهٻرايو نه. الله جلد ئي اوهان جي لاءِ ڪشادگيءَ جي ڪا نه ڪا صورت پيدا ڪندو. ان کان پوءِ ائين ٿيو جو حضرت عثمان ؐ جو واپاري قافلو شام کان آيو. انهيءَ قافلي ۾ هڪ هزار اٺ هئا جيڪي سڀ جا سڀ ڪڻڪ ۽ کائڻ جي شين سان ڀريل هئا. اها خبر مديني ۾ پکڙجي وئي ته شهر جا واپاري حضرت عثمان ؐ وٽ پهتا. انهن در کڙڪايو. پاڻ ؐ ٻاهر آيا. وٽن هڪ چادر هئي. جيڪا سندن ڪلهي تي اهڙيءَ ريت رکيل هئي، جو ان جو هڪ پاسو اڳيان ۽ ٻيو پاسو پويان لڙڪي رهيو هو.
    حضرت عثمان ؐ پڇيو، توهان ڇو آيا آهيو ۽ مون کان ڇا ٿا چاهيو. واپارين چيو، اسان کي اها خبر پئي آهي، ته اوهان وٽ هڪ هزار اٺ ڪڻڪ ۽ کاڌي جو سامان آيو آهي. اسان اهو خريد ڪرڻ ٿا چاهيون. اوهان، اهو سيدو سامان اسان کي وڪڻو، ته جيئن اسان ان کي مديني جي ضرورتمندن تائين پهچائي سگهون. حضرت عثمان ؐ چيو، اندر اچي گهر ۾ ويهي ڳالهايو. اهي ماڻهو گهر ۾ داخل ٿيا، ڏٺائون ته کاڌي جي شين جا هڪ هزار ڍڳ گهر ۾ رکيل آهن.
    هاڻي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي. حضرت عثمان ؐ چيو، منهنجي هن مال جو توهان مون کي ڪيترو نفعو ڏيندؤ. انهن چيو ڏهن درهمن تي ٻارهن درهم. حضرت عثمان ؐ جواب ڏنو مون کي ان کان وڌيڪ ملهه ملي رهيو آهي. انهن چيو ڏهن درهمن تي چوڏهن درهم. حضرت عثمان ؐ وراڻيو، مون کي ان کان به وڌيڪ قيمت ملي رهي آهي. هنن جواب ڏنو ڏهن درهمن تي پندرهن درهم. حضرت عثمان ؐ چيو، مون کي ان کان وڌيڪ ملي رهيو آهي. انهن چيو ڪير آهي جيڪو اوهان کي ان کان وڌيڪ ڏئي رهيو آهي؟ جڏهن ته مديني جا سڀ واپاري هتي موجود آهن. حضرت عثمانؐ چيو ته مون کي هر هڪ درهم جي بدلي ۾ ڏهه درهم ملي رهيا آهن، پر ڇا توهان مون کي ان کان وڌيڪ ڏئي سگهو ٿا. انهن جواب ڏنو ته نه. حضرت عثمان ؐ وراڻيو ته الله پنهنجي پاڪ ڪتاب ۾ فرمايو آهي.
    مَنۡ جَآءَ بِالۡحَسَنَۃِ فَلَہٗ عَشۡرُ اَمۡثَالِہَا (الانعام: 160)
    ”جيڪو ڀلائي آڻيندو، ان لاءِ ان جهڙيون ڏهه نيڪيون آهن.“
    ته مديني جا واپاريو! گواهه رهجو ته مون کاڌي جون هي سموريون شيون الله ڪارڻ شهرجي ضرورتمندن ۾ صدقو ڪري ڇڏيون.
    (العبقريات الاسلاميه صفحو: 572)
    اهو واقعو خدا جي وعدي تي يقين جو تمام وڏو مثال آهي. خدا تي ايمان، ماڻهو ۾ انهيءَ قسم جو يقين ۽ اعتماد پيدا ڪندو آهي ۽ جنهن ماڻهوءَ منجهه ان قسم جو يقين ۽ اعتماد پيدا ٿي وڃي، اهو مٿانهون ٿي وڃي ٿو. ان جا حوصلا ايڏا ته بلند ٿي ويندا آهن جو ان کان پوءِ وڏي کان وڏي قرباني به سندس لاءِ مشڪل شيءِ ناهي رهندي.

    عوام ۽ حاڪم جي وچ ۾ قانوني برابري
    حضرت علي بن ابي طالب ؐ اسلام جو چوٿون خليفا هئا. کين غير معمولي اقتدار حاصل هو. پر پاڻ ماڻهن جي وچ ۾ هڪ عام انسان جيان رهندا هئا. نه سندس زندگيءَ جو معيار ٻين کان مختلف هو ۽ نه کين ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ قانوني حق حاصل هئا.
    ترمذي، حاڪم ۽ ابو نعيم، حضرت علي ؐ جو هڪ واقعو هن طرح نقل ڪيو آهي.
    حضرت علي ؐ وٽ هڪ زرهه هئي. جيڪا اتفاق سان گم ٿي وئي هئي. هڪ ڏينهن پاڻ ڪوفي جي بازار ويا. اُتي ڏٺائون ته هڪ نصراني زرهه وڪڻي رهيو هو. ويجهو وڃي ڏٺائون ته اها ساڳئي زرهه هئي، جيڪا کانئن گم ٿي وئي هئي.
    حضرت علي ؐ ان وقت اسلامي ملڪن جا حڪمران هئا. پاڻ گُهرن ها ته ان وقت ئي زرهه تي قبضو ڪري سگهيا پئي، پر انهن پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون نه سمجهيو. پاڻ نصرانيءَ کي چيائون ته هيءَ زرهه منهنجي آهي. تون ان کي کڻي قاضيءَ وٽ هل. قاضي منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ فيصلو ڪندو. ان وقت مسلمانن جو قاضي، شُريح هو. تنهنڪري ٻئي ڄڻا اچي قاضي شريح وٽ پهتا.
    شريح قاضيءَ جي حيثيت ۾ پڇيو ته اي اميرالمؤمنين! اوهان ڇا ٿا چئو. حضرت علي ؐ، چيو، ته هيءَ زرهه منهنجي آهي، مون کي واپس ڏياري وڃي. قاضي شُريح، نصرانيءَ کان پڇيو ته تون ڇا ٿو چوين؟ ان چيو ته اميرالمؤمنين غلط بياني ڪري رهيو آهي. هي زرهه منهنجي آهي. قاضي شريح، حضرت علي ؐ کي چيو، ته فقط اوهان جي دعويٰ جي بنياد تي مان ائين نٿو ڪري سگهان ته زرهه ان کان وٺي اوهان کي ڏيان. اوهان پنهنجي دعويٰ جي حق ۾ ثبوت آڻيو.
    حضرت علي ؐ چيو ته شريح جو مطالبو صحيح آهي. ان کان پوءِ هن پنهنجي حق ۾ ٻه شاهد پيش ڪيا. هڪ پنهنجو غلام قنبر ۽ ٻيو پنهنجو پٽ حضرت حسن ؐ. قاضي شريح چيو، ته مان قنبر جي شاهديءَ کي ته مڃيان ٿو، پر مان حسن جي شاهديءَ کي نٿو مڃيان. حضرت علي ؐ چيو ته حسن ۽ حسين جنت جي جوانن جا سردار آهن. قاضي شريح چيو ته اها الڳ ڳالهه آهي. دنيوي معاملن ۾ اسلام جو اصول هيءُ آهي ته پيءُ جي حق ۾ اولاد جي شاهدي معتبر ناهي.
    حضرت علي ؐ خليفا هئا ۽ قاضيءَ کي لاهڻ جو اختيار رکن پيا، پر پاڻ قاضيءَ جي حڪم کي مڃيائون. نصراني اهو ڏسي حيران ٿي ويو ۽ دانهن ڪندي چيائين ته مان شاهدي ٿو ڏيان ته هي پيغمبرن جو حڪم آهي ته اميرالمؤمنين هڪ عام ماڻهوءَ جيان قاضيءَ جي عدالت ۾ اچي ۽ قاضي ان جي خلاف فيصلو ڪري. مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کان سواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق ناهي ۽ محمّد ﷺ الله جا رسول آهن. پوءِ هن چيو ته هيءَ زرهه سچ پچ به عليءَ جي آهي. هڪ دفعو اها علي ؐ جي اٺ تان ڪري پئي هئي جو مان اها کڻي ورتي هئي. هاڻي حضرت علي ؐ اها زرهه انهيءَ شخص کي ڏئي ڇڏي ۽ ان کي وڌيڪ ست سو درهم به عطا ڪيا. ان کان پوءِ اهو نصراني مسلمان ٿي حضرت علي ؐ سان گڏ رهيو، ايتري قدر جو صفين جي جنگ ۾ شهيد ٿي ويو.
    (حيات صحابه ـ الجزء الاول صفحا: 235 ـ 234)
    اهو واقعو ان اصول جو وڏو مثال آهي جيڪو حڪمران فرد ۽ عام انسان، ٻئي قانون جي نگاهه ۾ برابر ۽ هڪجهڙا آهن. قانون جي عدالت ۾ ٻنهي کي هڪجهڙو حاضر ٿيڻ گهرجي ۽ ٻنهي جي مٿان قانون جو فيصلو هڪجهڙي نموني نافذ ٿيڻ گهرجي.

    حقيقت پسندي
    حضرت حسن ؐ، حضرت علي سائين ؐ جي شهادت کان پوءِ خليفا مقرر ٿيا. حضرت حسن ؐ اسلامي تاريخ جو پنجون خليفو هو. کين شرعي ۽ اخلاقي اصولن جي مطابق خلافت تي قائم رهڻ جو حق حاصل هو. پر جڏهن کيس خلافت ملي ته صورتحال اها هئي جو حضرت امير معاويه ؐ جيڪو ان وقت شام جو حاڪم هو. هن خلافت کان باقاعده بغاوت ڪئي. حضرت عثمان ؐ جي خون جو بدلو وٺڻ جي نالي تي هن مسلمانن جي هڪ وڏي تعداد کي پاڻ سان گڏ ڪيو.
    حضرت حسن بن علي ؐ حالتن جو جائزو ورتو ته کيس معلوم ٿيو ته چاليهه هزار فوج ان سان گڏ آهي. اهڙيءَ ريت حضرت امير معاويه ؐ سان به اٽڪل ايترائي ماڻهو هئا، اهي ٻئي فوجون جوش ۽ جذبي سان ڀريل هيون ۽ هڪ ٻئي جي خلاف وڙهڻ جي لاءِ بيقرار هيون. پر حضرت حسن ؐ سوچيو ته ٻنهي پاسن کان مسلمان آهن. جنگ جي معنيٰ اها ناهي ته مسلمان پاڻ ۾ وڙهن. اهي قيمتي فرد جيڪي اسلام جي جهنڊي هيٺان، انهيءَ ڪري گڏ ٿيا هئا، ته جيئن اهي دنيا مان شرڪ کي ختم ڪن، پر هن جنگ جي نتيجي ۾ اهي پنهنجو پاڻ کي ۽ گڏوگڏ اسلامي تاريخ کي ختم ڪري ڇڏيندا.
    حضرت حسن ؐ جي حيثيت اسلام جي جائز خليفي واري هئي. جڏهن ته امير معاويه ؐ جي حيثيت يقيني طور باغيءَ جي هئي، پر حضرت حسن ؐ پاڻ اهو اندازو ڪري ورتو ته حضرت امير معاويه ؐ ڪنهن قيمت تي جهڪڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ هو هر حال ۾ جنگ جاري رکندو، جنهن سان مسلمان سپاهين جي بربادي ٿيندي. تنهن ڪري حضرت حسن ؐ پاڻ کي جهڪائڻ تي راضي ڪري ورتو. مسلمانن جي پاڻ ۾ رتوڇاڻ کي روڪڻ لاءِ حضرت حسن ؐ هڪ طرفو اهو فيصلو ڪيو، ته هو امير معاويه ؐ جي حق ۾ خلافت تان هٿ کڻي.
    اهو حقيقت پسندي جو اعليٰ مثال آهي. هتي انسان حقيقت پسندي جي اعليٰ درجي تي نظر اچي ٿو. اهو درجو جتي انسان پنهنجو پاڻ کي حذف ڪري سوچي سگهي ٿو. حضرت حسن ؐ پنهنجو پاڻ کي حذف ڪري سوچيو. اهو ئي سبب آهي جو ايڏو وڏو فيصلو ڪرڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي راضي ڪري ورتائون، جنهن جو ڪو ٻيو مثال تاريخ ۾ مشڪل سان ملندو.

    عدل ۽ انصاف
    حضرت عمر بن عبدالعزيز (101 ـ 62 هه) پنجون خليفه راشد آهي. سندس خادم ابو اميه چوي ٿو، ته مون هڪ ڏينهن پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته دال ئي دال کائي کائي منهنجو برو حال ٿي ويو آهي. گهرواريءَ کيس چيو ته تنهنجي خليفي جو به روز جو کاڌو اهوئي آهي. حضرت عمر بن عبدالعزيز کان اڳ واري خليفي جي حفاظت جي لاءِ 100 سپاهي مقرر هئا. جڏهن پاڻ خليفو ٿيو ته حضرت عمر بن عبدالعزيز سڀني کي ٻين سرڪاري ڪمن ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ فرمايائين! منهنجي حفاظت جي لاءِ الله ئي ڪافي آهي. هيءُ انهيءَ شخص جو حال هو. جنهن جي حڪومت جون حدون سنڌ کان وٺي فرانس تائين پکڙيل هيون.
    سندس خلافت جي دور جو واقعو آهي ته سمرقند جي رهاڪن جو هڪ وفد آيو. ان هڪ فوجي سردار قتيبه بن مسلم باهليءَ جي باري ۾ شڪايت ڪئي ته اسلامي قاعدي مطابق هن اسان کي اڳواٽ تنبيهه نه ڪئي ۽ اسان جي شهر ۾ اوچتو پنهنجي فوج آڻي داخل ڪئي. ان ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. سمرقند جي فتح حضرت عمر بن عبدالعزيز کان اڳ ٿي هئي ۽ هينئر ان کي ست سال به ٿي چڪا هئا. پر پاڻ انصاف جي گهرجن کي پورو ڪرڻ ضروري سمجهيو. حضرت عمر بن عبدالعزيز عراق جي حاڪم کي لکيو ته سمر قند جي ماڻهن جي مقدمي کي ٻڌڻ لاءِ هڪ خصوصي قاضي مقرر ڪيو. پوءِ ان خصوصي قاضيءَ جي عدالت ۾ مقدمو پيش ٿيو. ٻنهي ڌرين آزاداڻي نموني پنهنجا پنهنجا دليل پيش ڪيا.
    آخر ۾ قاضيءَ سمرقند وارن جي شڪايت کي صحيح قرار ڏيندي فيصلو ٻڌايو ته، مسلمانن جي فوج سمرقند کي ڇڏي ٻاهر اچي ۽ سمرقند وارن کي انهن جو قلعو ۽ ٻيون سڀ شيون واپس ڏنيون وڃن. ان کان پوءِ اسلامي قاعدي مطابق مسلمانن جو فوجي سردار انهن جي اڳيان ضروري شرط رکي. جيڪڏهن اهي سڀني شرطن کي مڃڻ کان انڪار ڪن ته پوءِ انهن سان جنگ ڪئي وڃي. اسلامي فوج ان وقت فاتحاڻي حيثيت رکندڙ هئي، هن چين جهڙي ملڪ جي بادشاهن کي به هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو هو. پر جڏهن قاضيءَ پنهنجو فيصلو ٻڌايو ته اسلامي فوج جي سردار ڪنهن بحث مباحثي کان سواءِ اهو قبول ڪيو. ان هڪدم حڪم ڏنو ته سموري فوج سمرقند کي ڇڏي ٻاهر نڪري اچي. پر ان تي عمل جي نوبت نه آئي. سمرقند جي ماڻهن جڏهن ڏٺو ته مسلمان ايڏا اصول وارا ۽ انصاف پسند آهن ته حيران ٿي ويا. هنن ان کان اڳ ڪڏهن اهڙي اڻ ڌري انصاف جو تجربو نه ڪيو هو. هنن محسوس ڪيو ته مسلم فوج جو اچڻ انهن جي لاءِ رحمت جو اچڻ آهي. تنهنڪري هنن پنهنجي مرضيءَ ۽ خوشيءَ سان مسلم حڪومت کي قبول ڪيو. انهن چئي ڏنو. ڀلي ڪري آيا، اسان اوهان جا مطيع ۽ فرمانبردار آهيون. (مرحبا سمعنا واطعنا، فتوح البلد ان بلا ذري)
    اهو واقعو عدل ۽ انصاف جو جيڪو نمونو پيش ڪري ٿو. ان جو مثال سڄي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. هن واقعي ۾ عدل ۽ انصاف جو اصول پنهنجي اوچي مقام تي نظر اچي ٿو. عدل بنا ڪنهن شڪ شبهي جي انساني زندگيءَ جو اعليٰ کان اعليٰ قدر آهي ۽ هي واقعو ان قدر جي اعتراف جو تمام وڏو عملي مثال آهي.
    هر دور ۾ سڀني غور ويچار ڪندڙ انسانن جو تمام محبوب مقصد اهو رهيو آهي، ته هو هڪ اهڙو انساني نظام جوڙين، جتي حق جي حڪمراني هجي. جتي هر هڪ کي انصاف ملي. جتي معاشي ظلم ۽ ڏاڍ نه هجي. جتي هر انسان عزت جي زندگي گذاري. جتي اعليٰ انساني قدرن کي ترقي ملي. ان قسم جو سماج ٺاهڻ جي دعويٰ ته گهڻن ئي ماڻهن ڪئي، پر عملي طور تي اهو پنهنجي ڪامل صورت ۾ فقط هڪ ڀيرو قائم ٿي سگهيو ۽ اهو اسلام جي شروعاتي تاريخ جي زماني ۾ ٿيو. اسلام جي پهرين نسل ۾ پيش ايندڙ هي واقعو ڄڻ سڄي انسانيت لاءِ هڪ نمونو آهي. هاڻي هر دور جي انسانن کي اهو ڪرڻو آهي، ته هو نموني (مثال) کي ڏسن ۽ انهيءَ نموني جي روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جو نظام ڏين.


    اسلام، تبديل ٿيندڙ دنيا ۾

    اسلام جو ظهور 14 سؤ سال اڳ ٿيو. پوءِ اڄ جي دنيا ۾ اهو ڪهڙيءَ ريت عمل جي قابل ٿي سگهي ٿو؟ اها هڪ حقيقت آهي ته زمانو مٽبو رهي ٿو. پوءِ اسلام جهڙو اڻ تبديل ٿيندڙ دين، پوءِ واري زماني جي ماڻهن جي ڪهڙي ريت رهنمائي ڪري سگهي ٿو. هڪ اڻ تبديل ٿيندڙ حقيقت، تبديل ٿيندڙ حالتن سان ڪهڙي ريت هم آهنگ ٿي سگهي ٿي؟
    اهو سوال سڀني مفروضن تي قائم آهي ان جي پٺيان سواءِ غلط فهميءَ جي ٻيو ڪجهه به ناهي. اسلام نه مڪمل معنيٰ ۾ اڻ تبديل ٿيندڙ حقيقت آهي ۽ نه ئي زمانو سڀني معنائن ۾ تبديل ٿيندڙ. اصل حقيقت هيءَ آهي ته اسلام فطرت جو هڪ قانون آهي. اسلام جو هڪ حصو اهو آهي، جيڪو ان وانگر ابدي آهي. جهڙيءَ ريت فطري حقيقتون ابدي هونديون آهن. اسلام جو ٻيو حصو اهو آهي جنهن ۾ بدلجندڙ حالتن جي رعايت اڳ ۾ ئي موجود آهي.
    خود زماني جو به معاملو آهي. زماني جي حالتن جي نوعيت به اها ئي آهي ته ان ۾ ڪجهه شيون ابدي طور تي ساڳيون رهنديون آهن. مثلاً سج مان روشني وٺڻ ۽ هوا مان آڪسيجن حاصل ڪرڻ. ان کان سواءِ ڪجهه شيون اهڙيون آهن، جيڪي ظاهري طور تي، نڪي حقيقي طور تي تبديل ٿينديون رهنديون آهن. مثلاً سواري يا اڏاوت جا نمونا وغيره. ان ٻئي قسم جي معاملن ۾ اسلام اڳواٽ ئي، اهڙيون رعايتون رکي ڇڏيون آهن، جو اهي هر بدليل حالتن سان هم آهنگ هجن ۽ اهڙيءَ ريت اسلام هميشه پنهنجي عمل جي قابل هجڻ جي حيثيت کي برقرار رکيو. هتي انهيءَ مسئلي جي مختصر وضاحت ڪجي ٿي.
    حديث ۾ آيو آهي ته:
    ان هٰذا الدين يسر (البخاري ڪتاب الايمان) يعني دين سولو آهي.
    ان جو مطلب اهو نه آهي ته دين ۾ سڀ آسانيءَ ۽ سهولت وارا حڪم آهن. بلڪه ان جو مطلب هيءُ آهي ته دين جو نظام اهڙي فطري انداز ۾ بڻايو ويو آهي جو اهو هر صورتحال ۾ عمل جي قابل رهي. اسلام وارن (مسلمان) جي زندگيءَ جو سفر ڪڏهن به ڪنهن اهڙي مرحلي مان نه گذريو جو اهو پنهنجو پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ محسوس ڪرڻ لڳن.
    هتي ان سلسلي ۾ اسلام جا ڪجهه اصول ڏجن ٿا، جن سان اها ڳالهه چڱيءَ ريت واضح ٿي وڃي ته حالتن جي ڪا به تبديلي اسلام لاءِ مسئلو نه آهي. هر حالت ۾ اسلام پنهنجي فعاليت (عمل ۾ هجڻ) کي ساڳئي نموني باقي رکندو آهي.
    (1) اسلام جا ڪجهه حڪم اهي آهن، جيڪي بنيادي حڪمن جي حيثيت رکن ٿا. اهي اهڙائي ابدي آهن، جهڙيءَ ريت فطرت جا قانون ابدي آهن. اسلام جي انهيءَ حصي جي باري ۾ قرآن شريف ۾ آيو آهي ته:
    لَا مُبَدِّلَ لِکَلِمٰتِ اللّٰہِ (الانعام: 34)
    ”۽ الله جي ڪلمن کي ڪو تبديل ڪندڙ نه آهي.“
    هي اسلام جو اهو حصو آهي، جنهن ۾ عقيدو، اخلاقي قدر ۽ زندگيءَ جا بنيادي اصول شامل آهن. اها تعليم سڄي جو سڄي ابدي آهي. حالتن جي ڪا به تبديلي ان جي قدر ۽ قيمت کي تبديل ڪري نه ٿي سگهي. مثلاً خدا کي هڪ ڄاڻڻ، سچ ڳالهائڻ يا سڀني انسانن کي رت شريڪ ڀاءُ (Blood brothers) سمجهڻ وغيره.
    پر هتي به حالتن آڌار هڪ رعايت اڳواٽ ئي رکي وئي آهي ۽ اهو بي اختياريءَ جو قانون آهي. انهيءَ قانون جي مطابق؛
    لَا یُکَلِّفُ اللّٰہُ نَفۡسًا اِلَّا وُسۡعَہَا (البقره: 286)
    ”الله ڪنهن به جان کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف نٿو ڏئي.“
    مثلاً جيڪڏهن حالتن جي شديد تقاضا هجي ته انسان کي اجازت آهي ته اهو توحيد کي فقط دل سان مڃي. اهو زبان سان ان جو اعلان ۽ اظهار نه ڪري. طاقت يا حيثيت آهر تڪليف ڏيڻ (ڪم يا قرباني وٺڻ) هڪ عام اصول آهي ۽ اهو اصول عقيدي کان عمل تائين هر شيءِ سان لا ڳو آهي.
    (2) ان سلسلي ۾ ٻيو اصول اهو آهي. جيڪو هن حديث مان معلوم ٿئي ٿو. جنهن ۾ پاڻ سائين ﷺ جن فرمايو ته:
    انتم اعلم بامر دنيا کم (صحيح مسلم بشرح النووي 15/118) يعني توهان پنهنجي دنيا جي معاملن کي مون کان وڌيڪ ڄاڻو ٿا.
    اها حديث ابتدائي طور تي باغبانيءَ (Borticulture) جي باري ۾ آئي آهي. پر وسيع مفهوم جي لحاظ کان ان ۾ اهي سڀ معاملا اچي وڃن ٿا، جن جو تعلق دنيا جي ترقيءَ سان آهي، نڪي آخرت جي ڇوٽڪاري سان. انهيءَ سلسلي ۾ اهو نهايت اهم رهنما اصول آهي. انهيءَ اصول آخرت جي ڇوٽڪاري وارن معاملن ۽ دنيا جي ترقيءَ وارن معاملن کي هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري اسلام جي پوئلڳن کي آخرت جي ڇوٽڪاري جي معاملن ۾ قرآن ۽ سنت کان هدايت وٺڻي آهي ۽ جيڪي معاملا دنيا جي تنظيم سان واسطو رکن ٿا، انهن جي باري ۾ پنهنجي تحقيق ۽ کوجنا جي روشنيءَ ۾ فيصلو ڪرڻو آهي. ان ۾ زراعت ۽ صنعت جا سڀ شعبا ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جون مڙئي شاخون شامل آهن. اهڙيءَ ريت مسلمانن کي اها آزادي ملي وڃي ٿي، ته اهي ڪنهن اعتقادي بندش کان سواءِ نج علمي تحقيق جي روشنيءَ ۾ پنهنجي معاملن جو بندوبست ڪندا رهن.
    انهن معاملن ۾ اسلام فقط اتي دخل ڏيندو، جتي ڪا ڳالهه ظاهر ظهور اسلامي تعيلم جي خلاف هجي. مثلاً: هوائي جهاز جي صنعت ڪيئن قائم ڪئي وڃي، ان ۾ اسلام پاران مڪمل آزادي حاصل هوندي. البت جيڪڏهن سوال جنم وٺي ته هوائي جهاز جي مسافر کي شربت ۽ سوڍا وغيره ڏني وڃي يا شراب، ته هتي اسلام هي چوندو ته کين شراب جي بدران شربت ۽ سوڍا وغيره ڏيڻ گهرجي.
    (3) انهيءَ سلسلي جي ٽئين اهم تعليم اها آهي، جيڪا پيغمبر اسلام ﷺ جي هڪ اسوه حسنه مان ملي ٿي. مدني دور ۾ هڪ شخص (مسيلمه) هي اعلان ڪيو ته مان به خدا جو پيغمبرآهيان ۽ مون کي به محمّد (ﷺ) سان گڏ پيغمبريءَ ۾ شريڪ ڪيو ويو آهي. (سيرت ابن هشام 4/244). ان نبوت جي دعويدار جا ٻه قاصد نبي ڪريم ﷺ جن وٽ آيا. پاڻ سڳورن ﷺ کانئن پڇيو ته ان معاملي ۾ توهان جي ڪهڙيءَ راءِ آهي. هنن چيو ته جيڪا اسان جي صاحب ۽ ڀوتار جي راءِ اها ئي اسان جي راءِ آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن اهو دستور نه هجي ها ته قاصدن کي قتل نه ڪيو وڃي ته مان توهان ٻنهي کي قتل ڪريان ها. (سيرت ابن ڪثير 4/98) اهو چئي پاڻ سڳورن ﷺ کين واپس ڪري ڇڏيو.
    انهيءَ مان هڪ اهم اصول اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهي معاملا جيڪي پنهنجو نوعيت ۾ بين الاقوامي هجن ۽ جن جي باري ۾ بين الاقوامي روايتون قائم ٿي چڪيون هجن، ان ۾ به اسلام جو اهو ئي اصول هوندو، جيڪو مختلف قومن جي وچ ۾ مڃيو ويو آهي.
    ان جو هڪ مثال هيءُ آهي ته قديم زماني ۾ عام طور جنگي قيدين کي غلام بڻائڻ جو رواج هو. تنهنڪري اسلام ۾ به هڪ عرصي تائين، اهو اهڙيءَ ريت رائج رهيو. پر هاڻي جيئن ته ان معاملي ۾ عالمي دستور بدلجي ٿي چڪو آهي. انهيءَ ڪري هاڻي انهيءَ تي عمل به نه ڪيو ويندو. تنهنڪري عراق ـ ايران جي جنگ (88 ـ 1980ع) ۾ ٻنهي ملڪن جي پاران هزارن جي تعداد ۾ جنگي قيدي پڪڙيا ويا. پر انهن مان ڪنهن کي به غلام نه بڻايو ويو. بلڪه هڪ عرصي تائين قيد ۾ رکڻ جي باوجود مٽاسٽا جي بنياد تي کين آزاد ڪيو ويو.
    (4) ڪجهه معاملا اهڙا آهن، جن ۾ ڪجهه ڳالهين ۾ هڪجهڙائي ۽ انهن تي اتفاق هجي ۽ ڪجهه وري اختلافي. اهڙن معاملن ۾ اسلام جو موقف بلڪل چٽو ۽ واضح آهي. حالتن جي مطابق، ان قسم جي معاملن ۾ ضرورت آهر هم آهنگيءَ جو طريقو اختيار ڪيو ويندو. ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب هي آهي ته اهڙن موقعن تي اسلام فقط اعليٰ سوچ بدران اعليٰ عمل ڏسڻ ٿو چاهي.
    ان سلسلي ۾ سيڪيولرزم ۽ جمهوريت ان جا واضح مثال آهن. سيڪولرزم جو مطلب آهي مذهب کي ذاتي دائري ۾ رکي. باقي معاملن ۾ اهو طريقو اختيار ڪرڻ، جنهن ۾ سماج جو مجموعي مفاد شامل هجي. مخصوص حالتن ۾ ان کي اسلام ۾ به اختيار ڪيو ويندو. ان جو هڪ مثال خود پيغمبر سڳوري ﷺ جي زندگيءَ ۾ مدني دور جو شروعاتي اڌ زمانو آهي. ان زماني ۾ مديني جي ابتدائي رياست ۾، جيڪو نظام اختيار ڪيو ويو، اهو پنهنجي عملي ڍانچي جي لحاظ کان تقريباً اهو ئي هو. جنهن کي موجوده دور ۾ سيڪولرزم چيو وڃي ٿو.
    (5) انهن سڀني معاملن جي باوجود ائين ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه معاملا اهڙا هجن، جن ۾ اسلام جو ۽ تبديل ٿيل دنيا جو اختلاف باقي رهي. اهڙن معاملن جي لاءِ اسلام ۾ ڪهڙي هدايت آهي. ان جو جواب قرآن مجيد جي هن آيت ۾ ملي ٿو:
    فَذَکِّرۡ ۟ؕ اِنَّمَاۤ اَنۡتَ مُذَکِّرٌ ﴿ؕ۲۱﴾ لَسۡتَ عَلَیۡہِمۡ بِمُصَۜیۡطِرٍ (الغاشية: 23 ـ 21)
    “پوءِ تون نصيحت ڪر! تون ته نصيحت ڪندڙ ئي آهين. تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين.“
    انهيءَ مان هي اصول ملي ٿو، ته ان قسم جي اختلافي معاملن ۾ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. اسلام جا پيروڪار ٻين کي پنهنجي حيثيت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا. نج امن ڀري انداز ۾ اها ڪوشش جاري رهندي ته حق واضح ٿئي ۽ ماڻهو دليل جي ٻوليءَ کي سجهي انهيءَ مان مطمئن ٿي حق کي قبول ڪن.
    پر اهو سمورو ڪم فقط امن واري ترغيب جي دائري ۾ هوندو. ڪنهن به حال ۾ تشدد وارو طريقو استعمال نه ڪيو ويندو. ڇو نه اهي اختلاف ختم ٿي وڃن يا ڊگهي عرصي تائين جاري رهن. اهو اصول هن ڳالهه جي ضمانت آهي ته اسلام جي حيثيت فڪري طور تي ماڻهن جي آڏو واضح ٿي وڃي. مسلمان پنهنجي مسلڪ تي قائم رهندي ٻين کي ان کان باخبر رکن.
    ان جو هڪ مثال مرد ۽ عورت جي صنفي برابريءَ (Gender Equality) جو مسئلو آهي. انهيءَ معاملي ۾ اسلام ۽ جديد مغرب جي نقطه نظر (خيالن) ۾ اختلاف آهي. اولهه وارن هيءُ چوڻ آهي ته عورت ۽ مرد ٻنهي جي ڪم ڪرڻ جي جاءِ هڪ آهي اهي برابر آهن پر اسلام جو نقطه نظر هي آهي ته جيتري قدر عزت، احترام ۽ انساني حقن جو سوال آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ مڪمل برابري ضروري آهي، پر جيتري قدر ڪم ڪار جو واسطو آهي ته ٻنهي جو ڪم ڪار بنيادي طور تي الڳ هوندو. ڇو جو حياتيات ۽ نفسيات جي لحاظ کان ٻنهي صنفن جي وچ ۾ فرق آهي. انهيءَ اختلافي سوال تي اسلام ۽ اولهه (مغرب) جي وچ ۾ گذريل 100 سالن کان رسمي ۽ غير رسمي سطح تي ڳالهه ٻولهه ۽ بحث مباحثو هلندڙ آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين ان معاملي ۾ ٻنهي جي وچ ۾ ڪو گڏيل اتفاق ناهي ٿي سگهيو.

    اسلام جو ڪردار
    بهتر دنيا جي تعمير ۾ اسلام جو هڪ مستقل ڪردار آهي. اهو ڪردار اسلام جي ابتدائي دور کان وٺي پوءِ وارن دورن تائين جاري رهيو آهي ۽ مسلسل جاري رهندو. هتي مختصر طور تي ان جي ڪجهه رخن ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.
    (1) جڏهن اسلام جو ظهور ٿيو ته آڳاٽي عرب ۾ قبائلي نظام هو. ان جي ثقافت بدلي وٺڻ جي اصول تي قائم هئي. انهن وٽ جڏهن ان قسم جو ڪو واقعو پيش ايندو هو، ته ٻيءَ ڌر جي لاءِ اهو ضروري هوندو هو ته هو ان کان بدلو وٺي. ان کان پوءِ بدلي جو بدلو وٺڻ جي صورت ۾ اهو تباهه ۽ برباد ڪندڙ سلسلو لڳاتار جاري رهندو هو. اها صورتحال قديم عربن جي ترقيءَ ۾ مستقل رڪاوٽ بڻيل هئي. اسلام بدلي واري ثقافت جي بدران معافي واري روايت کي رواج ڏنو. ان جو نتيجو هي نڪتو جو عربن جي لاءِ هر قسم جي ترقيءَ جا دروازا کلي ويو.
    (2) موجوده دور ۾ به ان قسم جون ڪيتريون ئي شيون آهن، جتي اسلام پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. مثلاً: انفرادي آزادي ڏاڍي قيمتي شيءِ آهي. پر جديد مغربي تهذيب (هر قسم جي) آزاديءَ کي تمام ڀلي شيءِ (Summum Bonum) سمجهي، ان جو دائرو تمام وسيع ۽ لامحدود ڪري ڇڏيو آهي. ان لامحدود آزاديءَ جا اڻ ڳڻيا نقصان آهن. جنهن کي اڄ جي دنيا مختلف صورتن ۾ ڀوڳي رهي آهي.
    سڀئي دانشور اهو مڃين ٿا ته آزادي بنا ڪنهن شڪ شبهي جي خير ۽ ڀلائي آهي. پر لامحدود آزادي شر (فساد) ۾ تبديل ٿي ويندي آهي، جديد تهذيب اهو سمجهڻ کان قاصر آهي، ته آزاديءَ کي محدود ڪيئن ڪيو وڃي ۽ ڪنهن جي ڀيٽ ۾، ڇا ڪيو وڃي؟! هتي اسلام اها رهنمائي ڏئي ٿو، ته انسان کي گهرجي ته هو پنهنجي آزاديءَ کي خدا جي مقابلي ۾ محدود بڻائي. انسان جي مقابلي ۾ آزاديءَ کي محدود ڪرڻ، ظاهري طور ناقابل فهم آهي. پر خدا جي مقابلي ۾ آزاديءَ جو تصور هڪدم سوچ ۽ عقل جي قابل ٿي وڃي ٿو.
    ان قسم جو هڪ ڪامياب مثال ان کان اڳ آڏو اچي چڪو آهي. گذريل پنج هزار سالن کان يورپ، فلسفين جي ان تصور کان سحر ۾ ورتل هو ته انساني عقل، مڪمل حقيقت تائين پهچي سگهي ٿو. پر ان رخ تي هزارن سالن جي ڪوشش، ڪنهن هاڪاري نتيجي تي ڪو نه پهتي.
    اسلام ان معاملي ۾ هيءَ رهنمائي ڏني ته انساني عقل فقط جزوي حقيقت جو احاطو ڪري سگهي ٿي. اهو مڪمل حقيقت تائين نٿو پهچي سگهي.
    وَ مَاۤ اُوۡتِیۡتُمۡ مِّنَ الۡعِلۡمِ اِلَّا قَلِیۡلًا (بني اسرائيل: 85)
    ”پر توهان کي تمام ٿورڙو علم ڏنو ويو آهي.“
    ان محدوديت جي ڪري مڪمل حقيقت کي عقل جي ذريعي ڳولڻ جي ڪوشش هڪ بي فائدي ڪوشش آهي، جيڪا ڪڏهن به حقيقي نتيجي تي پهچڻ واري نه آهي.ِ
    قرون وسطيٰ (وچين دور) ۾ جڏهن اسلامي فڪر يورپ ۾ پکڙيو ته، هن انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هيءُ ذهن بڻايو ته سائنسي کوجنا کي محدود رهڻ گهرجي. هينئر يورپ جي اهل علم طبقي شين جي معنوي، يعني روحاني پهلو کي شين جي پيدائش جي مادي پهلو کان بلڪل جدا ڪري ڇڏيو آهي. تنهنڪري هو شين جي پيدائش جي معنوي، يعني روحاني يا مقصدي پهلو کي ڇڏي، فقط انهن جي مادي پهلو (رڳو دنياوي مقصدن) تي تحقيق (Research) ڪرڻ لڳا آهن. اهڙيءَ ريت اوچتو سائنسي تحقيق بي فائدي ڪوشش جي ميدان مان نڪري ڪري، نتيجو ڏيندڙ عملي ميدان ۾ داخل ٿي وئي، ”گهڻي علم“ کي ڇڏي”ٿوري علم“ تي راضي ٿيڻ جو اهو ئي اصول هو، جيڪو جديد سائنسي تهذيب کي وجود ۾ آڻڻ جو سبب بڻيو.
    اهڙيءَ ريت جديد مغرب هڪ ٻئي جادو ۾ جڪڙيل آهي، اهو لامحدود آزاديءَ جو سحر (جادو) آهي. پر ٻيهر فطرت جو قانون ان لاءِ هڪ مستقل رنڊڪ بڻيل آهي. اهو هي آهي ته لامحدود آزاديءَ جي تصور تحت ڪڏهن به ڪو بهتر سماج اڏي نٿو سگهجي. هتي ٻيهر اسلام هڪ عظيم رهنمائي ڏئي رهيو آهي. اها هيءَ ته انسان محدود آزاديءَ تي راضي ٿي وڃي. ڇو جو موجوده دنيا ۾ فقط اهو ئي ممڪن آهي.
    لامحدود آزاديءَ جي تصور، دنيا کي انتشار جو جهنگ بڻائي ڇڏيو آهي. محدود آزاديءَ جو اصول، دنيا کي امن ۽ سڪون وارو سماج بڻائي سگهي ٿو. اهو ٻيو اصول اهڙيءَ ريت جديد دنيا ۾ هڪ نئون انقلاب آڻي سگهي ٿو. جهڙيءَ ريت پهريون اصول قديم دنيا ۾ هڪ عظيم انقلاب آندو هو.
    اها شيءِ جنهن کي زماني جي تبديل پسندي چيو ويندو آهي. ان جا ٻه حصا آهن: حقيقتي تبديلي ۽ واڌاري واري تبديلي. حقيقي تبديلي هيءَ آهي ته ماضيءَ جي ڪنهن غلط تصور کي غلط ڏسي ان کي ڇڏيو وڃـي. ان قسم جي تبديلي پنهنجي اصل حقيقت جي لحاظ کان، اسلام ڏانهن موٽ ليکبي ۽ جيتري قدر واڌاري واري تبديليءَ جو سوال آهي، اهو هميشه وقتي هوندو آهي. حالتن جي تبديل ٿيڻ سان اهو پاڻ تبديل ٿي ويندو آهي.
    پهرين قسم جي تبديليءَ جو مثال اهي وهم ۽ وسوسا آهن، جيڪي پراڻي زماني ۾ انساني سماج ۾ رائج هئا. مثلاً: ڪجهه بيمارين کي ديوتائن جي اثر جو نتيجو سمجهڻ وغيره. جديد دور انهيءَ عقيدي کي ڪوڙو ثابت ڪيو ۽ سڀني بيمارين کي ميڊيڪل سائنس جي تابع ڪيو. اهو اصول اڳ ۾ ئي اسلام ۾ موجود هو. ان لاءِ هيءَ تبديلي خود اسلام جي ان اصول کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي برابر آهي. ٻئي قسم جي تبديليءَ جو هڪ مثال عورت ۽ مرد جي وچ ۾ آزاداڻو جنسي لاڳاپي وارو جديد نظريو آهي. پر سائنسي تحقيق ان قسم جي آزاديءَ کي غلط ثابت ڪري رهي آهي. مثلاً: اهڙي طرح جي عمل جي نتيجي ۾ خطرناڪ بيمارين جو پيدا ٿيڻ. ان ڪري عملي تجربي کان پوءِ هاڻي خود سيڪولر حلقي ۾ ان جي خلاف آواز اٿڻ شروع ٿي ويا آهن. ان ڪري يقيني آهي ته ان معاملي ۾ ٻيهر اسلام جي اصول کي اختيار ڪيو وڃي.
    حقيقت هيءَ آهي ته اسلام تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هڪ اڻ تبديل ٿيندڙ حقيقت آهي. نظري تجزيو ۽ عملي تجربو ٻئي ان جي تصديق ڪري رهيا آهن.


    مستقبل جي قيادت (اڳواڻي) هڪ تاريخي قانون

    مشهور انگريزي مؤرخ آرنلڊ ٽوائن بي 1899ع ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيو ۽ 1975ع ۾ يارڪ شائر ۾ گذاري ويو. 35 سالن جي ڊگهي مطالعي کان پوءِ هن پنهنجو ڪتاب ”تاريخ جو مطالعو“ (A Study of History) لکيو. اهو ڪتاب ٻارهن ضخيم حصن تي مشتمل آهي. ان جو آخري حصو 1961ع ۾ ڇپيو. ان ڪتاب ۾ سڄي انساني تاريخ جي 26 ڄاتل تهذيبن جو مطالعو ڪيو ويو آهي. ۽ قومن جي عروج ۽ زوال جو هڪ ترتيب وار گڏيل فلسفو بيان ڪيو ويو آهي.
    آرنلڊ ٽوائن پنهنجي تاريخي مطالعي جي ذريعي ان نتيجي تي پهتو آهي ته جڏهن به دنيا ۾ ڪا نئين تهذيب وجود ۾ ايندي آهي ته ان جي پٺيان ڪنهن اقليتي ٽولي جو هٿ هوندو آهي. اها حقيقت ۾ اقليت ئي آهي، جيڪا انهيءَ فطري ۽ تاريخي صلاحيتن واري هوندي آهي. جيڪا ڪنهن نئين تهذيبي انقلاب کي ظهور ۾ آڻڻ جي لاءِ ضروري آهي. ان قسم جو تخليقي انقلاب، ڪڏهن به ڪنهن اڪثريتي ٽولي جي ذريعي وجود ۾ نه آيو آهي.
    آرنلڊ ٽوائن بي جي انهيءَ سموري تاريخي فلسفي جو تت هي آهي ته ڪنهن تهذيب جو شروعاتي مرحلو، ماحول جي چئلينج سان وجود ۾ ايندو آهي. اهو ماحول نه ته ايترو سخت هجي جو سڌاري جي ڪم يا عمل کي اسرڻ نه ڏئي ۽ نه ئي ايترو موافق هجي جو اهو نئين تخليقي روح کي ختم ڪري ڇڏي. تخليقي اقليت انهيءَ چئلينج جو جواب ڏئي غير فعال اڪثريت کي قيادت (اڳواڻي) مهيا ڪندي آهي. چئلينج جو جواب ڏيڻ جي انهيءَ عمل کي قبوليت اقليت جي پيش ڪيل حل پٽاندر ئي ملندي آهي (جيڪا ان جي ڪاميابيءَ جي ضمانت هوندي آهي.)
    The initial stage of a civilization is its growth, brought about by an environmental challenge, neither too severe to stifle progress nor too favourable to inhibit creativity. which finds a response among a creative minority that provides leadership to the passive majority. The mechanmism of challenge-resonse is complemented by the general acceptance of and loyalty to the minority’s solutions.
    ان جو مطلب هيءُ آهي ته ڪنهن ملڪ ۾ جيڪو ٽولو اقليت ۾ هجي، ان کي ٺيڪ فطرت جي قانون جي تحت اڪثريتي ٽولي جي پاران چئلينج جو منهن ڏيڻو پوندو آهي. اها صورتحال هڪ پاسي اقليتي ٽولي جي صلاحيتن کي سجاڳ ڪري فعال بنائيندي آهي. ٻئي پاسي اڪثريتي ٽولو چئلينج کان محفوظ هئڻ جي ڪري غير فعال ٿيندو ويندو آهي. ان کي اها تحريڪ نه ملندي آهي، جيڪا سندس صلاحيتن کي سجاڳ ڪري . هيءَ صورتحال مڪمل طور تي اقليتي گروهه جي حق ۾ هوندي آهي. هاڻي جيڪڏهن اقليتي ٽولو ايڏو هيڻو نه هجي جو، حالتن جي دٻاءَ ۾ اچي چيڀاٽجي وڃي، ته پوءِ اهو تاريخي ٽولو بڻجي ويندو آهي، جيڪو نئين تهذيب پيدا ڪري ۽ انسانيت کي هڪ نئين ۽ بهتر مستقبل ڏانهن وٺي وڃي.

    هڪ قرآني آيت
    آرنلڊ ٽوائن بي جيڪا ڳالهه ڪئي آهي. اها فقط هڪ مؤرخ جو نقطه نظر نه آهي. اهو خود فطرت جو هڪ اڻٽر قانون آهي. جنهن کي هڪ مؤرخ تاريخ جي مطالعي جي ذريعي ڳوليو آهي. فطرت جو اهو قانون قرآن ڪريم ۾ هن ريت بيان ڪيو ويو آهي.
    فِئَۃٍ قَلِیۡلَۃٍ غَلَبَتۡ فِئَۃً کَثِیۡرَۃًۢ بِاِذۡنِ اللّٰہِ ؕ وَ اللّٰہُ مَعَ الصّٰبِرِیۡنَ (البقره: 249)
    ”ڪيتريون ٿورڙيون ٽوليون گهڻين ٽولين تي الله جي حڪم سان غالب ٿيون ۽ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي.“
    How often has a small group prevailed against a large group by the sanction of God. And God is with the people of patience.
    هن آيت ۾ اِذۡنِ مان مراد فطرت جو اهو قانون آهي، جيڪو خدا، انسانن جي وچ ۾ ابدي طور تي قائم ڪري ڇڏيو آهي. ان قانون کي قرآن شريف ۾ ٻئي هنڌ عَسِرٌ (ڏک) سان گڏ يَسِرٌ(سک) ۽ يَسِرٌ (سک) سان گڏ عَسِرٌ (ڏک) (الانشراح) جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
    بحث هيٺ آيل موضوع جي لحاظ کان ان جو مطلب هيءُ آهي ته جنهن ٽولي کي عدد برتري حاصل هوندي آهي، اهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ سمجهڻ لڳندو آهي. اهو شعوري يا غير شعوري طور تي اهو سمجهندو آهي ته محنت کانسواءِ ئي کيس سڀ ڪجهه حاصل ٿي ويندو. اها نفسيات منجهس ذهني ۽ عملي جمود پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. ايتري قدر جو سڄي قوم سستي ۽ ڪاهليءَ جو شڪار ٿي ويندي آهي. اها ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ جي قابل ناهي رهندي.
    ان جي ابتڙ جيڪو گروهه عددي ۽ سماجي حيثيت سان پاڻ کي گهٽ محسوس ڪرڻ ڪري ، اهو ٺيڪ فطري قانون تحت وڌيڪ فعال ٿي ويندو آهي. ان جو اهو احساس ته اهو برتر طاقت طرفان چئلينج جي وڪڙ ۾ آهي. کيس اهو سوچڻ تي مجبور ڪندو آهي، ته هو ٻين کان وڌيڪ محنت ڪري. اهو پنهنجي وسيلن کي وڌيڪ بهتر ۽ وڌيڪ منظم نموني استعمال ڪري. اهو آڏو ايندڙ مسئلن جو ڪو مٿانهون حل (Superior Solution) ڳولي لهي. ان قسم جي سوچ منجهس اها شيءِ پيدا ڪري ڇڏيندي آهي. جنهن کي نفسياتي عالم ”دماغي طوفان“ (Brain storming) سڏيندا آهن. اڪثريتي ٽولي جون حالتون جيڪڏهن انهن جي فردن کي ذهني جمود ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن، ته اقليتي ٽولي جون حالتون، وري انهن جي فردن منجهه تخليقي فڪر پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي وڃن ٿيون. اهوئي خاص سبب آهي جو تاريخ جا سڀ وڏا وڏا تهذيبي واقعا سدائين اقليتي ٽولي جي ذريعي ظهور ۾ آيا. اڪثريتي ٽولي ڪڏهن ڪو تاريخي واقعو سرانجام ڪونه ڏنو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399880
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ