ڪتاب جو نالو: تِرڇا تير
مصنف: صدا لاشاري
ڇپائيندڙ: صدا پبليڪيشن، ڪراچي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 14 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 516 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاعريءَ جو هي ڪتاب ”تِرڇا تير“ خوبصورت شاعر صدا لاشاري جي تخليقن جو مجموعو آهي. صدا لاشاريءَ جون رچنائون پڙهي حيات جي اصليت کي سمجهڻ ۽ پڙجهڻ لاءِ نه صرف مواد ملي ٿو پر شدت غم سان گڏ ان کي ماڻڻ ۽ پائڻ جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. هن پنهنجي دور جي سڀني المين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ
  • ساروڻيون
  • غزل

  • دعا
  • ليکا ڪين نه ڪبا هِن پنهنجي ڀائرن ساڻ،
  • درد دل جا پراڻا ياد ايندا ويا
  • ها ڀٽڪيل روح آ منهنجو ڪاڇي، لاڙ ۽ ٿر ۾
  • پرينءَ سان راز جو ڳالهيون ۽ پنهنجي پيار جون ڳالهيون
  • اميدون منهنجون ويون لهرن ۾ لٽَجي
  • اتساهه ڏيندڙ اکڙيون، سينو سُپر سڄڻ جو،
  • دل ڏنم توکي مٺا، ڇو ٿو رئارين خامخا،
  • ڳالهه مُنڊيءَ تي ٽِڪ برابر
  • ڪڏهن واءَ پاڻيءَ، ڪڏهن مينهن ٻوڙيو
  • اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو،
  • بسم الله محبوب توکي، بسم الله ڙي جاني،
  • کِل سهڻي، کِل سهڻي، کِل سهڻي کِل،
  • رات يار اڱڻ آيو قرب ڪري، ويا سُور لهي جڏهن درشن ٿيا،
  • تنهنجي پيار جي اي پيارا مونکي ضرورت آهي،
  • هاءِ! دل جي لاءِ مان دلبر ڪٿان آڻيان،
  • دردِ دل، درد چوان يا درد جو درمان چوان
  • خزان هئي مون بهار سمجهو مگر نه سوچيو هو،
  • ڇا آهي هيءَ زندگي اي دلربا؟
  • اسان پنهنجي يارن جي ياريءَ ۾ پورا،
  • ڪري يار ڪاريون نياڻيون نه ماريو،
  • محبت نه ليکبي آ، محبت جو حساب ڪهڙو؟
  • او صنم، او صنم، او صنم
  • نالي الله جي مٺا منهن ڏيکاريو،
  • ڏسو صورت، کڻي سيرت سنڌ جون سورميون سهڻيون،
  • ڀلا يار ڪامورا بيڪار ماڻهو
  • متفرق اصناف

  • المياتي تواريخ
  • ادا انسان ساڳيو آ
  • واکاڻ
  • تواريخ هڪ آئينو
  • ڏوراپو
  • هڪجهڙائي
  • اٽوٽ رشتو
  • ڌرتي جو ترانو
  • سنڌوءَ جو شان
  • منهنجو شهر جيڪب آباد
  • ڪافي
  • ڪافي
  • آهيان دردن ماري
  • ڪافي
  • ڪافي
  • دم گهرجي
  • ڏوهيڙا
  • ٽيڙو
  • هائيڪا
  • ٻه سِٽا
  • جلال چانڊيو کي ارپنا
  • BACK Title

  • ترتيب

    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    ڪتاب جو نالو: ترڇا تير
    تخليقڪار: صدا لاشاري
    ڇپائي: 2014ع
    ڪمپوزنگ: مسافر ابڙو
    لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
    ڇپائيندڙ: صدا پبليڪيشن، ڪراچي

    قيمت: -/300 رپيه

    ملڻ جا هنڌ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاب: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، سکر- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو-

    رابطي لاءِ
    آفيس 301 صابر منزل 98 مارسٽن روڊ، ڪراچي
    74400
    فون: 03002175550


    ارپنا

    هيءُ ڪتاب مَن جي ميرن مردن هٿان
    پاڪدامن
    ڪاريون ڪري ڪُٺل
    سنڌ جي سورمين
    کي ارپيان ٿو.


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (251) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب ”تِرڇا تير“ خوبصورت شاعر صدا لاشاري جي تخليقن جو مجموعو آهي.
    صدا لاشاريءَ جون رچنائون پڙهي حيات جي اصليت کي سمجهڻ ۽ پڙجهڻ لاءِ نه صرف مواد ملي ٿو پر شدت غم سان گڏ ان کي ماڻڻ ۽ پائڻ جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. هن پنهنجي دور جي سڀني المين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي.
    هي ڪتاب 2014ع ۾ صدا پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ

    نوجوان شاعر الف- ب صدا لاشاري پنهنجو پهريون ڪتاب کڻي بزم شاعريءَ ۾ قدم رکيو آهي. هو لاطمع بڻجي بنا رک رکاءُ جي اندر جي اڌمن ۽ ارمانن کي پنن تي اوتيندو رهيو آهي. درد هرحال ۾ درد آهي پوءِ اُهو پنهنجو هجي يا پيا جو هجي، ڌرمن، فرقن ۽ وهمن ۾ ڦاٿل انسانن جو هجي يا ڪائنات ۾ وسندڙ هر جيءَ جو هجي پر هرحال ۾ هڪ شاعر ئي اهڙي ڪٿا بيان ڪري ٿو. پڙهندڙ اهڙين ڪٿائن جو تجزيو پنهنجي پنهنجي فڪر ۽ ذوق مطابق ڪندا آهن. ڪڏهن نقاد بڻجي تجريدي تعريف ڪن ٿا ته ڪڏهن آزاد ۽ نثري نظم چئي خيال آرائي ڪن ٿا. ڪي وري فاعلاتن ۽ فاعلات جي قاعدي کي سامهون رکي شعر ۽ رچنائن جي تخليق ڪن ٿا. شعري بيان جون صورتون ڪهڙيون به هجن پر ڏسڻو انهن جذبن ۽ محبتن جي اونهائي کي آهي جن جون حدون آسمان ۽ ڌرتيءَ جي وسعتن جي وچتي آهن. ساهوارن جي وسايل هن سنسار ۾ ”صدا لاشاري“ رچنائن جو هي روشن ڏيو کڻي ڌرتيءَ تي آندل هٿراڌو اونده کي ختم ڪرڻ جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي.
    صدا لاشاريءَ جي داخلي شعور جو ڀرپور اظهار هن غزل ۾ ڏسي سگهجي ٿو جنهن ۾ تاثرات، تغزل، نغمگي ۽ رڌم هجڻ ڪري لفظن ۾ روح ڦوڪجي ويو آهي.
    - اتساه ڏيندڙ اکڙيون، سينو سَپر سڄڻ جو،
    واعدو ڪيون وڃي ٿو، ٻيهر وري اچڻ جو.

    - وارن جا وار واري، هر هر کلي کيڪاري،
    سيني سان پئي لڳايو، ورجاءُ ڪري وچن جو.

    - ارڏي عجيب سهڻي’ دَر دَر ڪيا ديوانا،
    ماري ڇڏي نظارو ، ڳلڙن تي خَم“ پوڻ جو.

    - محبوب گل مثل آ، ڀنورن کي جَهل نه پَل آ
    چهري تي ماڪ اهڙي، شبنم پتين تي ڄڻ جو.

    صدا جون رچنائون پڙهي حيات جي اصليت کي سمجهڻ ۽ پڙجهڻ لاءِ نه صرف مواد ملي ٿو پر شدت غم سان گڏ ان کي ماڻڻ ۽ پائڻ جو احساس به پيدا ٿئي ٿو. هن پنهنجي دور جي سڀني المين کي پنهنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آهي. ترقيءَ ۽ محرومي جي وچتي اڀريل وڏي ديوار ڏسي، دبئي کي سمبل (Symbol) بڻايو اٿس.
    بدوئن جا هوٽل
    دربان سوٽ ۽ ٽاءِ سان
    بيٺا آهن ٽوٽل
    - ڪراچيءَ جو هوٽل
    دربان بيٺل دروازي تي
    پٽڪو اٿس پاتل
    - يو اَي اِي جي روڊ تي
    متان ڊرائيور سگنل ٽوڙين
    اک آ تنهنجي ڪوڊ تي
    شاعر کي مساواتي مانڊاڻ ۾ اهڙي ٻه اکيائي جهنجهوڙي ٿي. عظمتن جي هن ائٽمي ۽ سائنسي دور ۾ پنهنجي ديس ۾ به ويڳاڻپ محسوس ٿئي ٿي.
    ماروئڙن جو ديس
    کرچ گاڏيون کيکڙا
    روڊ نه رستا کيس
    - ڪولاچيءَ جو ديس
    اجرڪ ٽوپي گج ته به،
    ڄڻ ته ويڳاڻو ويس.
    سچا ۽ سيبتا شاعر خواب ۽ خيال بدران حقيقتن جي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن’ جتي کين قدم قدم تي ناڪاميون، نامراديون، توڙي ڪاميابيون ۽ خوشيون ملنديون رهنديون آهن پر اُهو اهڙين محرومين سان مقابلا به ڪندا رهندا آهن ۽ خوشين ۽ ڪاميابين کي به ماڻيندا رهندا آهن. فطري عمل ۽ لڳ لاڳاپا جبلت ۽ رت جي حوالي سان ڪالهه به ساڳيا هئا ته اڄ به ساڳيا آهن. خواهشن کان مٿڀرو ٿي عمل ذريعي ئي سچُ، سونهن ۽ نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
    حوا آدم به ساڳيا ها، ادا انسان ساڳيو آ،
    ٿيو هابيل سو ساڳيو، ڪري قابيل سو ساڳيو
    جبلت رت، جي رشتن جي نه ڳوليو،
    پاڻ پاڻيءَ ۾
    ر ت رت جو رشتو
    آسمانن کان ڌرتيءَ تائين
    هر انومان ساڳيو آ
    انساني رشتن جي اهڙي سچائي ٻڌائڻ کان پوءِ هڪ ڪلاسيڪي سَچَ يعني پيار جي رشتي جي اهميت کي به ڪونه وساريو اٿس. پيار ڀريو سماج غيرطبقاتي اجتماعي سوچ سان جڙي ٿو’ جنهن ۾ ننڍ وڏائي جو فرق نٿو رهي ۽ هي ڪائناتي سرشتو انهيءَ بنياد تي ئي قائم رهي سگهي ٿو هُو چوي ٿو:
    پيار جهڙو انمول موتي’ ٻيو نڪو ٿي ٿو سگهي،
    انمول مايا کي مٺا’ ڇو ٿو ڌڪارين خامخا،
    پيار ازلي پيار ابدي، ابتدا ۽ انتها،
    آدميت جو امر عنصر مٽائين خامخا.
    صدا لاشاريءَ جي شاعري سنڌ جي اتهاس جي چوگرد ڦري ٿي. اُهڃاڻوي ۽ اڻ مٽ ڪردار قدم قدم تي هن جي رهنمائي ڪندا نظر اچن ٿا. خيالن جي دنيا ۾ پيهي جڏهن هُو تاريخي دردن کي گيتن جو روپ ئي ٿو، تڏهن ٻوليءَ جي مٺاس ڪري سندس گيت مڌرتا، رواني ۽ رس سان ٽمٽار ٿيو پون. هن جي گيتن ۾ ثقافتي ٽاڻا، محبوب جا ماڻا، سونهن جا غمزا، وڳن جو وستار، مومل ۽ نوريءَ جو ناز ۽ نياز توڙي سياسي، سماجي ۽ قومي ڪردار سڀ پنهنجو پنهنجو فرض نڀائيندا نظر اچن ٿا.
    - ڏسو صورت، کڻي سيرت سنڌ جون سوريون سهڻيون،
    سسئي، سورٺ، مٺي مومل، ٿري سڀ مورڻيون سهڻيون.

    - نماڻا ناز نوريءَ جا، تماچي ڄام کي ڀانئيا،
    سڀئي راڻيون رهيون پوئتي، پاتيون جن چولڙيون سهڻيون.

    - کڻي جو ٽِانگ بختاور، ڀاڙيو ڀوتار للڪاريو،
    امر ٿي ويئي هارين جون، سندس لاءِ ٻولڙيون سهڻيون.

    - ٻائي جيوڻي، ڀلي ڀاڳي، رزينه ديس جون ديويون،
    چيا جن سنڌ جا سهرا، سندن جون لولڙيون سهڻيون.

    - ڏنو جن ديس تان دمڙو، بيبي بي نظيران آ.
    سندس تربت مٿي، رهن ٿيون ٽولڙيون سهڻيون.
    پنهنجي پَر ۾ اَمر سنڌو، ۽ عرفانه يا رخسانه،
    پيون ڊوهن کي للڪارن، ’صدا‘ سي ڍولڙيون سهڻيون.

    محبت ۽ مجاز ٻه اهڙا عنصر آهن جن جو اثر سنڌي شاعريءَ ۾ اصل کان نظر اچي ٿو ۽ ان جو اظهار ڪن شاعرن روايتن کان هٽي ڪيو آهي، ۽ ڪن وري وڏن شاعرن کي سونهون بڻائي گيت سِرجيا.آهن صدا لاشاري به شيخ اياز جي تتبع تي شاعري ڪئي آهي ۽ اِها رسم ڪا بُري ناهي. شيخ اياز چيو ”اڙي چنڊ، اڙي چنڊ پرين تو ته ڏٺو ناهه“ صدا لاشاري وٽ پنهنجو رنگ آهي، تقليد ڪيل آهي پر تعميري ۽ نئين انداز ۾ آهي. هُو چوي ٿو:
    - اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جو روپ ۽ رنگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.
    - اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جو نازڪ انگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.
    - اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو،
    هڪ صدا کي پيار جي سنگ ڏسي، تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    صدا جي شاعريءَ ۾ هڪ اهڙي پختي آميزش آهي جيڪا هن کي بلڪل منفرد بڻائي ڇڏي ٿي. مٿين نظم ۾ سونهن جي واکاڻ جا ته درياهه وهندا نظر اچن ٿا پر مڌرتا ۽ معصوميت سان ٽمٽار استعارا، چنڊ جو شرمائڻ، گل جو شرمائڻ ۽ مور جو شرمائڻ ۽ تشبيهون روپ ۽ رنگ، دهشت دنگ ۽ وکڙيل ونگ ڏسي’ ايئن باسجي ٿو ڄڻ سندس شعر ڪنهن باغ ۾ ٽڙيل نرمل۽ نازڪ گل هجن، جيڪي آڪاش ۾ ڇانيل ڪارن ڪڪرن هيٺان صبح جي ٿڌي هير ۾ لڏي لمي رهيا هجن.
    سونهن جي حقيقت’ مجاز’ سونهن جي معنيٰ’ خيال ۽ موسيقيت ۽ مڌرتا سان ڀريل هي شعر ڏسو’ جنهن ۾ رڌم سان گڏ سٽاءُ به سادو ۽ پنهنجائپ وارو آهي.
    گهنگهور گهٽا وئي ڇانئجي’ جڏهن وار ورائي يار هليو،
    لک لهندڙ تنهنجي لوڏ ڏسي، ويا هرڻ ٽهي جڏهن درشن ٿيا.
    پنهنجي ماحول مان چونڊي استعارن جو استعمال ڪرڻ به شاعراڻي خوبي آهي. هتي شاعر گهنگهور گهٽا جو ڇانئجڻ، وار ورائي هلڻ، لک لهندڙ لوڏ ۽ هرڻن جو ٽهڻ وارا ٻهڳڻا مثال ڏيئي درياههَ کي ڪوزي ۾ بند ڪيو آهي.
    ’صدا‘ جي شاعريءَ ۾ انيڪ رنگن جون انڊلٺون آهن ۽ انهن سڀني رنگن ۾ هڪڙو رنگ آهي. ”ناتي نڀائڻ جو“، جيڪو سڀ کان نرالو ۽ پنهنجائپ وارو رويو آهي. جنم جنم جي ناتي کي نڀائيندي چوي ٿو:
    ها توکي ڏسي ٿو خيال اچي
    ڪو جنم جنم جو ناتو آ،
    تون سون، سونارو تنهنجو مان
    تون زيور آن، مون پاتو آ.
    هتي شاعر سون، سونارو، تون زيور، مان پاتو آ جو خوبصورت لفظي تڪرار ڏيکاريندي، اهڙا نوان ۽ بامعنيٰ استعارا ڏنا آهن جيڪي زندگي جي فلسفي کي سمجهڻ ۽ آدرشن جي حاصلات لاءِ آدميت جو شعور عطا ڪن ٿا. محبوب کي سون واري استعاري ۾ اوتي ۽ عاشق کي سونارو چئي هڪ انوکو تجربو ڪيو ويو آهي.
    صدا خيالن جو شاعر ناهي پر واقعن جو شاعر آهي. هو ڄاڻي ٿوته خيال انسان کي حقيقت کان گهڻو ڏور کڻي وڃن ٿا. ان ڪري هن پنهنجي شاعريءَ ۾ امن، خوشحالي ۽ تبديلي جي خواهش سان گڏ مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا موضوع ڪتب آندا آهن. ڪالهوڪا ڪردار اڄ به سنڌ جي اتهاس ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا:
    هُئا ڪالهه چنيسر، جعفر پر، دودا دولهه خان به هُئا،
    ديس جو درد سڃاڻيندڙ، ڪي مير مٺا مَهان به هئا،
    ڪو وير وِهائي ماگر سان، رت جا ڍڪ ڀري مئو،
    ڪو بندر واسين للڪاري، هو سڪرنڊ منجهه ۾ شهيد ٿيو،
    ڪو ڪالهه وڙهيو تلوارن سان، اڄ صدا جو ساهُو ويراڳي آ.
    سنڌؤ جو بيان ڪندي جڏهن ديس جي نعمتن ۽ حقيقتن کي نڇاور ڪري ٿو’ تڏهن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڌرتيءَ جو پيار ۽ سنڌؤ جو شان سندس روح جي تند تند ۾ تنوار بڻجي گونجي ٿو:
    گدلو پاڻي جنهن ڀي پيتو، امرت تنهن لاءِ آهي،
    ڙي سنڌوءَ ڪير سڏائي.
    دنيا جي دريائن ۾، سرواڻ سڀن جو آهي،
    ڙي سنڌوءَ ڪير سڏائي
    صدا جي شاعريءَ ۾ گيت، ڏوهيڙا، غزل، چوسٽا، ٻه سٽا ۽ ٽيڙو ته صرف اظهار جو ذريعو آهن. هو ماترائن، فاعلاتن ۽ فاعلات جي چڪر ۾ اڙجي نٿو بيهي بلڪه پنهنجي خيالن کي ترڇا تير بڻائي، لفظن جي نشتر سان تيز ۽ تکو ڪندو رهي ٿو.
    پيون پاندن مٿان پيهون،
    ڪيون ڪمزور ٿي ڪيهون،
    پسي سي سُنب گهوڙن جا،
    واقعا جيءُ جهنجهوڙڻ جا،
    ڪمانون تير
    تلوارون ۽ توپون بم ڀڀڪارون،
    سڪندر
    آريا، عربي، ۽ گوري جو ڪرڻ وارون،
    مٺي ڌرتيءَ تي غاصب جو ڪرڻ دهمان ساڳيو آ.
    گهوڙا، انهن جا سُنب، ڪمزورن جون ڪيهون، ڪمانون’ تير ۽ تلوارون ڪالهه جو ڪثافتون ۽ مصبيتون هيون. پر اڄ جي نيئن صنعتي ٽئڪنالاجي يعني توپون ۽ بمن جا ڀڀڪا به انساني سور ۽ ڏک کي ختم ڪري نه سگهيا. ڪالهه به ساڳيا پرڪار هئا ته اڄ به طاقتور جا ساڳيا دهمان ۽ دڙڪا آهن. پر صدا هتي انساني زندگيءَ جي مادي اصليت ٻڌائي’ ان جي حقيقت ۽ حرمت ظاهر ڪري اهم ڳالهه تان پردو کنيو آهي.
    ’صدا‘ کي سماج جي اجاين ريتن رسمن تي به اعتراض آهن برصغير جي اهم اشو ۽ سنڌ ۾ عزت جي نالي تي Honour killing ڪندڙ ماڻهن ڏانهن اشارو ڪري، ساڻن ڏاڍي حقارت ڪندي، مقصدي ڳالهه پاڻ هرتاڻي ۽ ظاهري بي غرضيءَ سان ڪري هتي وڏي ادبي آبداريءَ جو مظاهرو ڪيو اٿس.
    - ڪري يار ڪاريون نياڻيون نه ماريو،
    غيرت جي نالي تي، اياڻيون نه ماريو.
    - صدا سنڌوءَ واسين جي’ رسم هي نه آهي،
    سڏي پنهنجي عزت’ نماڻيون نه ماريو.
    صدا لاشاري پنهنجي دور جي بدحالي، لاقانونيت، مهانگائي، انتهاپسندي، ۽ بي روزگاري کان ناخوش آهي. تنهن هوندي به هي بامقصد شاعر اهڙين حالتن ۽ واقعن سان مقابلي لاءِ پنهنجي قاريءَ کي همٿائي ٿو. هن جا گهڻا شعر پيار ۽ حسن جي حصار ۾ ڦاٿل آهن، ان ۾ شايد شعور کان وڌيڪ جواني ۽ هيجاني عمر جو لاشعوري عمل دخل هجي. پراڻن ۽ نون قدرن کي گڏ گڏ ڏيڻ ڪري، شاعري ۾ نيم ڪلاسيڪي رجحان نظر اچي ٿو. وقت، مطالعو ۽ رهبري سندس اظهار جي قوت ۾ وڌيڪ نکار آڻي سگهن ٿا. اهڙي ادبي تجربي ۽ پرورش لاءِ ڪراچي وڏو مرڪز آهي’ جتي هو ڪافي سالن کان رهائش پذير آهي.

    ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
    العابده، غريب آباد
    گهر نمبر6/332، جيڪب آباد
    03337335624


    ساروڻيون

    ساروڻيون


    گرمين جي گلشن جهڙي ضلعي جيڪب آباد ۾ هڪ آبادگار گهراڻي ۾ اک کولي ته سمجهه ڀرو ٿيڻ وقت ظاهري طور اڀرندڙ سج ڪارو پي نظر آيو. ڳوٺ ۾ هڪڙو پرائمري اسڪول هو جتي منجهند ڌاري مدرسي کان پڙهي موٽندڙ ٻار، جيئي ڀٽو، مردِ مومن مردِ حق ضياءُالحق جي نعرن جو مقابلو ڪندي’ اسڪول ۾ حاضر ٿيندا هئا. اهي MRD جي تحريڪ جا ڏينهن هئا جڏهن مدرسي جي طالبن کان ڪو پڇندو هو ته ضياالحق ڪير آهي ته’ سندن جواب هوندو هو ته مولوي صاحب پيو چوي ته ضياالحق هن وقت جو هڪ ولي ۽ مردِ مومن مسلمان آهي، جيڪو اسلامي قانون لاڳو ڪندو. تڏهن انهن ئي مولوين مان هڪ تاريخ ۽ ديني علم جو وڏو عالم مولانا عبدالحقؓ فرمائيندو هُئو ته حلوا خور مُلن جو مٿو خراب ٿيو آهي ۽ انهن جي اعمالن جي نتيجي ۾ دجال جهڙي ضياالحق، ڀٽي صاحب کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي منهنجي خوشقسمتي هئي جو مولانا عبدالحق صاحب کان ٻين طالبن کان الڳ ٿلڳ تعليم الاسلام جا چارئي جلد پڙهيم. ان کان پوءِ مولانا نور محمد کوسي مرحوم مغفور کان فارسي جي تعليم پرائي، جڏهن مون فارسي جا ڪتاب ڪريمه، نامهِ حق، محمود نامه، گلستان ۽ بوستان پڙهي پورا ڪيا ته پرائمري تعليم پڻ پوري ڪري چڪس.
    ڳوٺ ۾ مڊل اسڪول ته هيو پر استادن جي اڻ هوند ڪري منهنجي بابي سائين مون کي ڳوٺ کان 6 ميل پري ڳوٺ عبدالغني شاهه جي مڊل اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني.
    منهنجي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته يڪسر تبديلي اچي وئي. صبح جو سوير سائيڪل تي ڳوٺ کان نڪري آباد زمينن جي تنگ پيچرن کان ٿيندو، بغير ڦاٽڪ جي ريلوي جو بند ڪراس ڪري’ ڪچي سڙڪ ذريعي مال وند ڌنارن جون هڪلون، هوڙون ٻڌندو وڃي اسڪول پهچندو هئس. اسڪول ۾ استادن جو دادلو هوندو هئس ان ڪري ڇهين کان ئي اسڪول جو مانيٽر ٿيس. اسڪول جو هيڊ ماستر جناب سائين نظام الدين نوناري مون کي پٽ وانگر ڀائيندو هُئو. راند روند ڪرڻ جي ڪا عادت هئي ئي ڪو نه. رسيس دوران اسڪول ۾ استادن سان گڏ ۽ وري ڳوٺ ۾ اوطاق تي ڏاڏا سائين مير سکيو خان جي ڪچهري پيو ٻڌندو هئس. ڏاڏا سائين ۽ سندس دوست ڄڻ ته گهمندڙ ڦرندڙ تواريخ هئا. مغليه دور جون ڪهاڻيون هجن يا مير چاڪر خان رند ۽ مير گهرام خان لاشاري جي ويڙهه جا قصا’ سڀ انهن کان ٻڌا. ڪجهه عرصو ته منهنجي ٽيليويزن ۾ دلچسپي ايتري حد تائين وڌي وئي جو پاڪستان ٽيليويزن جي پروگرام فهم القرآن کان وٺي فرمانِ الاهي تائين سڀ پروگرام پيو ڏسندو هئس. ان ڪري گهر ۾ اڪثر دڙڪا به ملندا هئا پر مان هڪ سرائيڪي ”چواڻي ته ڌاندي ڌان وڃي مين اپڻي ٽور نه مٽيسان“ پٽاندڙ پنهنجي ضد تي قائم رهيس. انجو مون کي تمام وڏو فائدو اهو ٿيو ته اردو ٻولي آساني سان ڳوٺ ۾ هوندي ئي لکڻ پڙهڻ جي قابل ٿي پيس. جڏهن اٺ درجا پاس ڪيم تڏهن والد صاحب حاجي علي بخش لاشاريءَ مون کي جيڪب آباد جي Vocational Institute ۾ داخل ڪرايو’ جتان 1987 ڌاري مئٽرڪ پاس ڪئي. ان کان پوءِ گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ فرسٽ ايئر ۾ داخلا ورتي، انهي دوران باضابطا طور منهنجو لاڙو شاعريءَ ڏانهن ٿيو’ جنهن کي مون اڳ ڪڏهن به سنجيده نه ورتو هو. پر حقيقت ۾ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ شاعريءَ جو اتساهه هڪ نوجوان مريد لاشاري کي ڏسي مليو هو. ٿيو ائين جو اسان ننڍڙن ڇوڪرن وچ ۾ هڪ ڏاڙهيءَ سان همراهه اچي ويٺو’ خبر پئي ته هي گهراڻو بلوچستان مان لڏي آيو آهي ۽ مريد لاشاريءَ پڙهائي ڇڏي ڏني هئي پر هاڻ وري پڙهڻ جو شوق ٿيو اٿس. ان سان گڏ اها به خبر پئي ته مڙس شاعري به ڪندو آهي ۽ ڳائيندو به آهي. پوءِ ته اسڪول ۾ آخري پيرڊ ۾ ڏاڍو مزو ٿيندو هو جو مريد لاشاري ڪو نه ڪو برتن کڻي وڄائڻ شروع ڪندو هو ۽ ڳائيندو هو.
    گورنمنٽ ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ پڙهائي دوران مون بابا سائين جي دوست ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي جي صحبت ۾ رهي ڪري باضابطا شاعريءَ جو آغاز ڪيو. آئون ڪو نه ڪو غزل يا بيت لکي سائين غلام نبي سڌائي جن کي ڏيکاريندو هيس ته سائين جن منهنجي تمام وڏي حوصلا افزائي ڪندا هئا. سائين غلام نبي سڌايو جن شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ ؓ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاريءَ تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ سندن ادبي پورهيو تمام اعليٰ مقام رکي ٿو. ايڏي وڏي ماڻهوءَ هڪ ڏينهن منهنجي شاعري جي تعريف ڪجهه هن طريقي سان ڪئي ته ”لاشاري تو ته هي شاعري چورائي آهي“ . آئون حيران ۽ پريشان ٿي سائين جن اڳيان عرض رکيو ته، سائين ڪنهن جي شاعري چورائڻ آئون گناهه ڪبيرو ٿو سمجهان. تڏهن سائين جن وڏو ٽهڪ ڏيئي وراڻيو ته بابلا اهو به تعريف جو هڪ انداز آهي تو واقعي ڪا چوري نه ڪئي آهي.
    منهنجي بابا سائين جو شوق هو ته آئون هر حال ۾ انجنيئر ٿيان، ان ڪري انجنيئرنگ ۾ داخلا به ورتي هُيم’ ڇو ته ڳوٺاڻي زندگيءَ دوران مون معاشري ۾ تمام گهڻو اونداهو دؤر ڏٺو هو. هڪ دفعي جو ذڪر آهي ته اسان جي ڳوٺ جي ڀرپاسي ۾ هڪ سيفل نالي نوجوان ٻڪريون چاريندو هو ۽ اسان جي زمينن تي لڳل ٽيوب ويل مان ٻڪرين کي پاڻي پياريندو هو، آئون اڪثر ان کي ڏسندو هئس. هن جي چهري ۾ مون کي هڪ عجيب قسم جي چمڪ محسوس ٿيندي هئي. سنهڙا شهپر وڏي نڪ هيٺان تلوار وانگر’ هڪ خاص بيهڪ ۾ تمام خوبصورت نظر ايندا هئس ۽ هو مون کي ڏسي هڪ خاص مسڪراهٽ سان چوندو هو ته وڏيرا پاڻي ٻڪرين کي پياريان ٿو انجي اجازت آهي نه؟ ۽ آئون کلي ڪري چوندو هئس ته’ اهو ته ثواب جو ڪم آهي. سندس هٿ ۾ چمڪندڙ ڪهاڙي هوندي هئي جيڪا سج جي روشني تي تجلا ڏيندي هئي.
    هڪ ڏينهن جمعي جي ڏهاڙي (انهن ڏينهن ۾ جمعي تي اسڪولن کي موڪل هوندي هئي) آئون ٽيوب ويل تي بيٺو هئس، ڇو ته منهنجي لاءِ موڪل ڏهاڙي اها ئي تفريح هوندي هئي ته ٽيوب ويل وٽ بيهي ٻير ۽ ڪڪرن جي ڇانو هيٺان پيو سنسار جو نظارو ڪندو هئس، مون ڏٺو ته پري کان هڪ ماڻهو ڊوڙندو پي آيو، سندس پٺيان ٻه ماڻهو لڳل هئا. ٻه فرلانگ کن مون کان ڏورانهن ٻن ماڻهن ان اڪيلي همراهه تي هلان ڪري ڏني. بس پوءِ ته وارو وارو ٿي ويو. ماڻهو جيڏان ڪيڏاهن ڊوڙندا انهن ڏانهن پي ويا. آئون به اوڏانهن تيز تيز وڃڻ لڳس’ جڏهن ماڻهو انهن کي قريب پهتا ته حملو ڪندڙ پوئتي ڀڄڻ لڳا ماڻهن جو هجوم ٿي ويو. آئون جيئن ئي اتي پهتس ته منهنجو دماغ هڪدم مفلوج ٿي ويو، ڇا ڏسان ته سيفل جي حسين جواني رت ۾ رڱيل هئي. ڪو ڪهاڙين جا وار ڪري کيس ابدي ننڊ سمهاري ويو هو. ٿوري دير کان پوءِ ڀر واري ڳوٺ مان بندوق جا ٻه ٺڪا ٻڌڻ ۾ آيا’ ايتري ۾ سيفل جو ڀاءُ ۽ ڪجهه ٻيا عزيز روئيندا پٽيندا سيفل جي لاش تي پهتا. روڄ راڙي واري ماحول ڄڻ ته سڄي ماحول کي سوڳوار ڪري ڇڏيو هو جنهن ڌرتيءَ مسڪرائيندڙ چهري سان سيفل پنهنجي ٻڪرين سان گڏ پيو ٽلندو هو، انهي ڌرتيءَ جو ٿي ويو. پوليس ڏي ماڻهو ڊوڙايو ويو ڇو ته انهن ڏينهن ۾ ڳوٺن ۾ ٽيليفون وغيره جو ڪو بندوبست نه هو، ٿاڻو ويهارو ڪلو ميٽر پري ٺل شهر ۾ قائم ٿيل هو. ڪچي سڙڪ هوندي هئي. بهر حال پوليس کي اطلاع ڏيڻ وارو همراهه اڃان ٺل شهر پهچڻ وارو مس هو ته 52 ماڊل جي خاڪي رنگ جي جيپ تي پوليس وارن ان ڳوٺ جو رخ ڪيو اطلاع ۽ ڏيڻ واري شخص کي مليا. هُن اشارو ڪري جڏهن پوليس کي روڪيو ته پوليس وارن پنهنجي انداز ۾ پڇيو ته’ ڇا مسئلو اٿي. هن وراڻيو ته ڳوٺ چوڪ لاشاري ڀرسان هڪ خون ٿي پيو آهي’ پوليس علمدار وراڻيو اڙي خبر آهي سيفو جي ڳالهه پيو ڪرين نه؟ هن ڪنڌ ڌوڻي هائو جو اشارو ڪيو ته وري پوليس واري وراڻيو، پرايو لوڙهو لتاڙيو اٿس. هن به ته پنهنجي ڌيءَ ماري آهي’ ڀلاڪو پنهنجي مٿان اهڙو الزام يا قتل جو ڦندو پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهندو ڇا؟ بهرحال ان ماڻهوءَ سوڌو پوليس سيفل جي لاش مٿان پهتي ته’ اتي ڪراڙي ماءُ بيهوش سيفل جي لاش جي ڀر ۾ پيل هئي. ائين پئي لڳو ته هيءَ به ڄاڻ ڌڻيءَ حوالي ٿي.
    اصل ماجرا اها هئي ته شعبان نالي همراهه پنهنجي ڌي کي سيفل سان ڳالهائيندي ڏسي ورتو هو ۽ ان ڳالهائڻ واري گناهه ٻه حسين نوجوان حياتون کسي ورتيون هيون. شعبان گرفتاري ڏني پر راڄوڻي انڌي قانون مطابق، جيڪڏهن سيفل جا وارث ڪيس جي پيروي ڪن ها ته وڌيڪ ڏنڊ چٽيون ڀرڻيون پون ها. پر هنن ڪجهه نه ڪيو ائين ڇههن، اٺن مهينن کان پوءِ شعبان آزاد ٿي، شهپر وٽيندو گهر پهتو ۽ سيفل جا ڀائر ان ڳوٺ مان لڏي وڃي ٻيو علائقو وسايائون.
    جيءُ جهوريندڙ هڪ ٻيو واقعو به پڙهندڙن لاءِ عرض رکان ته منهنجي مائٽن جي هڪ ڳالهه آهي ته هڪ گهر۾ ڇوڪري پيدا ٿي. سندس والد جي چاچيءَ لاڏا ڳائڻ شروع ڪيا’ هي انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن آئون پرائمري پڙهندو هئس. ڪنهن پڇيس ته اڙي مائي ڇو پئي لاڏا ڳائين ته وراڻيائين ته ادا مبارڪ هجئي منهنجي ننهن پيدا ٿي آهي، هاڻي آئون ارسلان پٽ جا لاڏا پئي ڳايان. پڇندڙ الهرکيو نئين ڄاول ڇوڪريءَ جي گهر پهتو ۽ چيائين ته فلاڻي مائي لاڏا پئي ڳائي، هي ڪهڙو ڪلور ڪيو اٿَو. ارسلان جي منهن تي ڏاڙهي آهي ۽ هي معصوم. اهو جوڙ ڪيئن ٺهندو. ته ڇوڪريءَ جي ڏاڏيءَ وراڻي ڏني ته معصوم کي گار ته ڏني اٿن، هاڻي آئون ڪهڙن جرڳن لئي چوان هونئن به انهن جو سڱ پيٽ اسان ڏي رهندو آهي.
    ”جيڪي نياڻيءَ جا نصيب“
    وقت گذرندو رهيو. اها ڇوڪري ٻارنهن سالن جي مس ٿي ته، ارسلان جي ماءُ پنهنجي وڏي پٽ سان گڏجي شادي جي تاريخ وٺڻ اچي پهتي. ان زماني ۾ آئون گريجوئيٽ ٿي چڪو هئس. برادريءَ جي پڙهيل لکيل ماڻهن احتجاج ڪيو ته هن جاهلاڻي قدم کڻڻ کان پاسو ڪريو، ڇو ته ارسلان جي ڏاڙهي سفيد ٿي چڪي هئي ۽ نسوار کائڻ جي ڪري ڏند به ڀڄي چڪا هئس، بس ان حوا جي ڌيءَ، نصيبن جي ماريءَ کي جيئري جهنم جي حوالي ڪيو ويو. جيڪا اڄ تائين عذاب واري زندگي گهاري رهي آهي.
    ان ڳوٺاڻي ماحول کان هاڻي تائين’ آءٌ زندگيءَ جا انيڪ روپ ڏسي اڄ وڪيل هجڻ جي ناتي، هر بري عمل تي پنهنجي وس آهر احتجاج رڪارڊ ڪرائيندو پيو اچان. پوءِ اهو ڪنهن پٽيشن جي شڪل ۾ هجي، اخباري مضمون جي صورت ۾ هجي يا وري ڪا شاعري جي صنف هجي.

    صدا لاشاري
    301 صابري منزل، 98
    مارسٽن روڊ، ڪراچي


    غزل

    دعا

    دعا

    اي خدا هر سال نئون تون عظمتن جو سال ڪر،
    نَونِ جذبن، ولولن ۽ جِهتَن جو سال ڪر.

    عرض تنهنجي در تي آهي، منهنجو اي ربِ ڪريم
    مخلوق اشرف جي ڪيئي، پوءِ ڪر عملن ۾ عظيم
    آمين! اعوذ باالله من الشيطن الرجيم.
    آشتي امن سندي تون سائتن جو سال ڪر.

    عرض تنهنجي در تي آهي منهنجو اي ربِ جليل،
    ڏي ڏات تون انسان کي سوچي سدا سهڻي دليل
    جو برو سوچي ڪري ڇڏ تنهن عنصر کي عليل،
    نَون عظمن، حوصلن ۽ همتن جو سال ڪر.

    عرض تنهنجي در تي آهي منهنجو اي رب ڪمال،
    ڏي رزق انسان کي تون جيڪو ڪيو تو آ حلال
    علم جي دولت سَندا، مسڪين مارو ڪر نهال
    سوچ مُثبت ڪر “صدا” چئي جرئتن جو سال ڪر.

    *




    مولا جي آهي منڊلي، ڪردار آهيان مان
    لوح و قلم لکي جو، اداڪار آهيان مان.

    جنت کان مان ڌِڪاريل، پوءِ سڀ ڪجهه سيکاريل،
    ابليس عداوت سندو شڪار آهيان مان.

    ٻڌي پيو سڏايان، گيتا جا گيت ڳايان
    بُت، باهه جو پڄاري بدڪار آهيان مان.

    فرعون وَ نمرود، قصرىٰ ۽ ڇا سڪندر،
    شداد جي جنت جو جمعدار آهيان مان.

    نبين جو مان نياپو، وليين جي مان ولايت،
    مذهب جي محبتن سان ٽمٽار آهيان مان.

    سقراط بڻجي پيالو کلي زهر جو مون پيتو،
    منصور سندي سوليءَ جو سينگار آهيان مان.

    اِیَّاکَ نَعۡبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسۡتَعِیۡنُ

    “صدا” سخيءَ جو منگتو، گنهگار آهيان مان.




    نظر سان ناز جو رشتو، سخن سان ساز جو رشتو،
    محبت جو سچائيءَ سان عجب انداز جو رشتو.

    بدن جو روح سان رشتو ٽُٽي برپا ٿئي ماتم،
    مري ڪردار ماتم ٿئي جُڙي ڪو راز جو رشتو.

    رهي رب جي رضا تي خوش، اهوئي خوشقسمت آ،
    خواهش جو خوشي سان آهه، چڙي ۽ باز جو رشتو.

    ڀلي ڪيڏي ڪجي خيرات غربت پوءِ به رهڻي آ،
    جُڙي جيسين ته عدل انصاف جي تاراز جو رشتو.

    عقل ۽ فهم کي ثابت ڪري سگهبو تڏهن آهي،
    دليلن جو دِلن سان جي جڙي دمساز جو رشتو.

    “صدا” سوچي پيو ٿڪجي ته رمزي رَمز ڇا جوڙي،
    صمد برحق، صنم جو ڇو جڙيل بت ساز جو رشتو.

    *


    ليکا ڪين نه ڪبا هِن پنهنجي ڀائرن ساڻ،

    ليکا ڪين نه ڪبا هِن پنهنجي ڀائرن ساڻ،
    پنهنجي ڀائرن ساڻ، امڙ ڄائِرن ساڻ.

    جن سان لوليءَ جو ناتو، ٻاتِي ٻولي جو ناتو،
    هڪڙي هنج ۾ ٿڃ پيئڻ وارن ساڻ.

    جيڪي عيوضين پورا، ڏک ۾ ساٿي سمورا
    هڪ ٻئي جا بار ڪُلهن تي کڻڻ وارن ساڻ

    ڀائر ڀيڻ جي جان، دشمنن لاءِ دهمان
    اڙيءَ ويل آڌر ٿيڻ وارن ساڻ

    “صدا” ڀائر طاقت، رهي ساٿ سلامت
    آباد دل جي دنيا آهي يارن ساڻ

    *


    درد دل جا پراڻا ياد ايندا ويا

    درد دل جا پراڻا ياد ايندا ويا
    مونکي ڪي دوست اياڻا ياد ايندا ويا.

    هئا جي دوست دلارا، پرين هئا پيارا
    ڪري جدائي ويل راڻا ياد ايندا ويا.

    ساڳ سرهن جو پَلي هئي چڙهيل چُلهه تي
    سويل صبح مکڻ چاڻا ياد ايندا ويا.

    منصور چڙهيو سوليءَ، ڪڏهن سورهيه شاهه،
    بلاول لئه بڻيل گهاڻا ياد ايندا ويا.

    “صدا” جو ساهه آ ساڻو سانوڻي مند ۾
    ڪيا هئا محبوب جي ماڻا ياد ايندا ويا.

    *


    ها ڀٽڪيل روح آ منهنجو ڪاڇي، لاڙ ۽ ٿر ۾

    ها ڀٽڪيل روح آ منهنجو ڪاڇي، لاڙ ۽ ٿر ۾
    زمانن کان رُلان ٿو پيو، پرين جي پار جي تر ۾

    جواني شوخ چنچل جا هوائن ۾ هڳاءَ آهن،
    سنڌوءَ جي ساڌٻيلي ۾ ورايل وار ڪنهن ورَ ۾.

    ٺاهيو ڪو محل مومل هو اڃا تائين ڪاڪ پيو سڏجي
    پرين جو عشق آتو آ، چندن چاراڻ جي چرَ ۾.

    ڪئي ڏيرن وڏي ويڌَن کڻي ويا پيار هڪ پل ۾
    پنهون پهتو سسئي ساميءَ پئي ٻڪرار جي ڏَر ۾

    آهيان مان لڄ مارن جي پائي پهراڻ ڇا ڄاڻان
    نه ڏي لالچ لباسَن جي، آهيان خوش ڀالَوا ڀرَ ۾.

    ڏٺم نوري نماڻيءَ کي گهمي گندرن جي ويڙهي ۾
    تماچي جي لڏي ٻيڙي ۾ ٿيل ٽمٽار ڪينجَهر ۾

    ها جوڳي هان، مان روڳي هان، ازل کان سنڌ جو سامي
    “صدا” آهيان، سدا رهندس سنڌوءَ سنسار جي سَر ۾

    *


    پرينءَ سان راز جو ڳالهيون ۽ پنهنجي پيار جون ڳالهيون

    پرينءَ سان راز جو ڳالهيون ۽ پنهنجي پيار جون ڳالهيون
    ڪڏهن انڪار جون ڳالهيون ڪڏهن اقرار جون ڳالهيون

    ڪارونجهر تي ڪڪر ڪارا، هڻن پيا نينهن جا نعرا
    ڪچي مٽي پئي ٻهڪي، ڪري وسڪار جون ڳالهيون

    عشاق جي اوطاقن ۾ مومل جي ڪاڪ جا قصا،
    ستل سومل ڏسي، کٽ تي ڀليل ڀوتار جون ڳالهيون.

    اماوَس راتڙي چنڊ جو تماشو خوب ڪينجهر ۾
    اٿوَ نوري نه ڪوئي چنڊ، ڪيل ڪن چار جون ڳالهيون

    ڪيو جو ڏَم نه آيو ڪم محبت پوءِ به ماڻي سُون
    سنڌوءَ جي سير ۾ سهڻي، مٺل ميهار جون ڳالهيون.

    کڻو، رياست چيو نازڻ، آڻيو اقبال “باليءَ” کي،
    “صدا” حيرت زده ٿي پيو ٻُڌي سرڪار جون ڳالهيون.

    *


    اميدون منهنجون ويون لهرن ۾ لٽَجي

    اميدون منهنجون ويون لهرن ۾ لٽَجي
    تمنائون دل جون، لُڙهي ويون لُڙهي ويو.

    اميدن جا جيڪي اڏيم آستانا،
    صدائون سميٽي گُذر ڪيم زمانا.

    اهي سڀ صدائون نه مون راس آيون
    گل دل جون پکڙيون ٽِڙي ويون ٽِڙُي ويون.

    بڻيا اشڪ درياءَ سيلاب پاڻي،
    رهيو پيار پنهنجو اڌوري ڪهاڻي

    نه منزل رسياسين، صنم جا نه ٿياسين
    جواني جو سورج لَڙي ويو لُڙي ويو.

    احرام جيڏا ڪي ارمان منهنجا
    ڪڏهن محب ٿيا ڪين مهمان منهنجا

    نه مقبول منهنجون دعائون ٿيون ڪي
    حسرتون “صدا” جون سڙي ويون سُڙي ويون.

    *


    اتساهه ڏيندڙ اکڙيون، سينو سُپر سڄڻ جو،

    اتساهه ڏيندڙ اکڙيون، سينو سُپر سڄڻ جو،
    واعدو ڪيون وڃي ٿو ٻيهر وري اچڻ جو.

    وارن جا وار واري، هر هر کلي کيڪاري،
    سيني سان پئي لڳايو، ورجاءُ ڪري وچن جو.

    ارڏي عجيب سهڻي دَر دَر ڪيا ديوانا،
    ماريو ڇڏي نظارو ڳلڙن تي خم پوڻ جو.

    محبوب گل مثل آ، ڀنورن کي جهل نه پل آ،
    چهري تي ماڪ اهڙي، شبنم پتين تي ڄڻ جو.

    *


    دل ڏنم توکي مٺا، ڇو ٿو رئارين خامخا،

    دل ڏنم توکي مٺا، ڇو ٿو رئارين خامخا،
    پيار جي بدلي ۾ مونکي ٿو آزارين خامخا.

    پيار جيان انمول موتي ٻيو نه ڪو ٿي ٿو سگهي
    انمول مايا کي مٺا ڇو ٿو ڌڪارين خامخا.

    پيار ازلي، پيار ابدي، ابتدا ۽ انتها،
    ٿو آدميت جو اَمر عنصر مِٽائين خامخا

    پيار ۽ پاٻوهه جي پرچار ڪن سڀئي ڌرم،
    دين فطرت جو چيو ڇو ٿو موٽائين خامخا.

    آ “صدا” جو ساهه تو ۾ مڃ کڻي محبوب تون
    نهه نهه ڪري هرپل مٺا ڇو ٿو نٽائين خامخا.

    *


    ڳالهه مُنڊيءَ تي ٽِڪ برابر

    ڳالهه مُنڊيءَ تي ٽِڪ برابر
    تنهنجي نه ساڳي سِڪ برابر.

    ناز اکين تي نخرا ماڻا
    ڏسي نه مونکي لِڪ برابر.

    ڏور رهي ڪيئن جي سگهندس
    دل تي هلي نه هِڪ برابر

    اڳ ته مون سان جيءُ جڙيل هئي
    بيهين نه ٿو هاڻي ڀِڪ برابر

    سور صدا چئي ٿي ويا سوايا
    ڌار ڪيَوَ ڏيئي ڌِڪ برابر

    ڳالهه منڊي تي ٽِڪ برابر
    تنهنجي نه ساڳي سڪ برابر

    *


    ڪڏهن واءَ پاڻيءَ، ڪڏهن مينهن ٻوڙيو

    ڪڏهن واءَ پاڻيءَ، ڪڏهن مينهن ٻوڙيو
    اسان محب هر دؤر ۾ آهي لوڙيو.

    افغان، ارغون، ترخان، تُرڪَن،
    بڻيا غيبي غاصب جن پوءِ جيءُ جهوريو.

    سڪندر جو لشڪر ته آريا به آيا
    ۽ نادر شاهي نڀاڳن نهوڙيو.

    ٿين پاڻي پورو ته ڇوڙي ڇڏيائون،
    نه هو پيٽ سنڌوءَ جو واريءَ ولوڙيو.

    گهرون حق ٿا جي چون سامراجي،
    اهي ديس دشمن سندن ڪنڌ مروڙيو.

    ڪڍي گئس کائن ٿا پيٽرول پنهنجو
    بچي شال ڪوئلو، “صدا” چئي ٿريڙيو.

    *


    اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو،

    اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي چنڊ تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جو روپ ۽ رنگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي گل تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جو نازڪ انگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    اڙي شينهن تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي شينهن تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جي دهشت دنگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    اڙي مور تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي مور تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جا وِکريل وَنگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    اڙي سج تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي سج تون ڇو شرمائين ٿو،
    منهنجي يار جو تاءُ تونگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو، اڙي لوڪ تون ڇو شرمائين ٿو،
    هڪ “صدا” کي يار سان سنگ ڏسي تون پنهنجو پاڻ جلائين ٿو.

    *


    بسم الله محبوب توکي، بسم الله ڙي جاني،

    بسم الله محبوب توکي، بسم الله ڙي جاني،
    آئين هلي قرب ڪري تنهنجي وڏي مهرباني.

    لبڙا تنهنجا لال گلابي، ڏندڙا موتي اکيون شرابي،
    ڀِرون ڀالا يار تنهنجا پُرڪشش پيشاني.

    پيار آ تنهنجو نيل برابر، تنهنجي جدائي جيل برابر
    کائڻ پيئڻ ويو آهي وسري زهر ٿي آ زندگاني.

    پيار آ پنهنجو اهڙو ساجن، تون منهنجي هير مان تنهنجو رانجهن،
    جوڳي آهيان جاني تنهنجو، مان مريد تون هاني.

    جدائي تنهنجيءَ ۾ جان جلي ٿي، دل تي منهنجي هڪ نه هلي ٿي،
    مل مٺا محبوب مون سان ڪر ختم پريشاني.

    “صدا” جو ساهه آ تو ۾، چاڪ دل جو چاهه آ تو ۾،
    مان مران محبوب تو لاءِ لوڪ کي ٿئي حيراني.

    *


    کِل سهڻي، کِل سهڻي، کِل سهڻي کِل،

    کِل سهڻي، کِل سهڻي، کِل سهڻي کِل،
    توکي کلندو ڏسي منهنجي ڌڙڪي ٿي دِل.

    هلين تون هزارين ٿا بيهي ڏسن،
    ٽِلين ٽور نخلريلي هرڻي مثل.

    اکيون اهڙيون مولا ڪيون ٿئي عطا،
    ڪلاشن جيان برسٽ هَنيو ڪن قتل.

    تنهنجا ڏند موتي، ته لبڙا گلاب،
    پون خم ٿا ڳلڙن تي مُرڪڻ مهل.

    پري وڃ نه مونکان تون هڪ پل “صدا”،
    لڳي سال مونکي ٿو پري ٿيڻ پل.

    *


    رات يار اڱڻ آيو قرب ڪري، ويا سُور لهي جڏهن درشن ٿيا،

    رات يار اڱڻ آيو قرب ڪري، ويا سُور لهي جڏهن درشن ٿيا،
    ڀري پيار منجهان مون کي محب ڏني، محبت جي مهي جڏهن درشن ٿيا.

    هوش ڀلي ويا دانشور منهنجي جانيءَ جو مُک ماهه ڏسي،
    ڪنهن ڏاهي چيو تنهنجي درڙي تي، آيو قمر ڪهي جڏهن درشن ٿيا.

    جنهن جي جلون جا ٻيلي جوش ڏسي حورن ڀي هوش وڃايا هئا،
    چنڊ کي ته ڇڏي هئا چڪور آيا، منهنجي در تي لَهي جڏهن درشن ٿيا.

    گهنگهور گهٽا اُڀ تي ڇانئي جڏهن وارَ ورائي يار هليو،
    لک لهندڙ تنهنجي لوڏ ڏسي، ويا هرڻ ٽهي جڏهن درشن ٿيا.

    هر مرض جي آهي يار دوا، جيڪو به ڏسي خوش ٿي ويندو،
    ويٺي محفل ۾ هڪ ويڄ ڪئي، اها ڳالهه سهي جڏهن درشن ٿيا.

    ساراهه سڄڻ جي لاءِ ڀلا ڪٿان لفظ آڻي مسڪين “صدا”
    جذبات سڀئي منهنجي دلڙي ۾، ويا آهن رهي جڏهن درشن ٿيا.

    *


    تنهنجي پيار جي اي پيارا مونکي ضرورت آهي،

    تنهنجي پيار جي اي پيارا مونکي ضرورت آهي،
    تنهنجي مٺڙي مسڪراهٽ جي مونکي ضرورت آهي.

    گهنڊيون گهمائي منهن تي ڇو ٿو نهارين مون ڏي،
    کلندڙ ڳلن تي خم جي مونکي ضرورت آهي.

    توپن اڳيان مجاهد نعرو اهو هنيو ٿي،
    سِر جي نه پر وطن جي مونکي ضرورت آهي.

    هر دؤ ر جي عاشق جي هيءَ التجا رهي آ،
    ڌن جي نه پر صنم جي مونکي ضرورت آهي.

    حياتي “صدا” جيءَ ۾ بَس تنهنجي مٺا ڪمي آ،
    مُئي کان پوءِ ڪفن جي مونکي ضرورت آهي.

    *


    هاءِ! دل جي لاءِ مان دلبر ڪٿان آڻيان،

    هاءِ! دل جي لاءِ مان دلبر ڪٿان آڻيان،
    سختيون سهڻ لاءِ ستمگر ڪٿان آڻيان.

    اکڙين منجهاران مينهن، رخسار تي وسي پيو،
    پر دل تي وسڻ وارو مان ڪڪر ڪٿان آڻيان.

    ڪو به نه رهيو آهي قدر شريف جو هاڻي،
    مَڪّار ٿيڻ لاءِ مان مڪر ڪٿان آڻيان.

    ڪاش! سچائي ٿئي هر دل تي شهنشاهه،
    افسوس مان اهڙو ڀلا اثر ڪٿان آڻيان.

    اوندهه ۾ مان چراغِ وفا کي جلايان ٿو،
    “صدا” ڀلا هن وقت مان سحر ڪٿان آڻيان.

    *


    دردِ دل، درد چوان يا درد جو درمان چوان

    دردِ دل، درد چوان يا درد جو درمان چوان
    پياسِ دل، پيار چوان يا پيار جو پيمان چوان.

    ڪنهن جي اکڙين جا لڳا ڪي تير ترڇا دل مٿان،
    تن اکين تير چوان يا تير جو ڪمان چوان.

    بشري بنياد نه هو، عشق اَمر ٿيو اڳ ۾،
    سو عشق نور چوان، يا جُزو انسان چوان.

    صرف مون کان ئي نه ٿيو، عشق ڪيو پاڻ خدا،
    سو عشق لطف چوان، يا لطف جو سامان چوان.

    ڪنهن جا قرب ڏسي ٿي ويو حيران “صدا”
    سو قرب قرض چوان يا يار جو احسان چوان.

    *


    خزان هئي مون بهار سمجهو مگر نه سوچيو هو،

    خزان هئي مون بهار سمجهو مگر نه سوچيو هو،
    مون تو سان جو پيار ڪيو هو مگر نه سوچيو هو.

    اشاري ابليس جي تي ڪيئن نه حضرت آدم،
    خطا کي سِر تي کنيو هو مگر نه سوچيو هو.

    قيس نالي کي گنوائي مجنون ٿيو مجبور،
    هُو ليلا جي عشق اڙيو هو مگر نه سوچيو هو.

    مون ڏٺائين سامهون تڏهن به ابو لهب،
    پنهنجي ضِد تي هِي رهيو هو، مگر نه سوچيو هو.

    سڀئي شاعر پڙهيا لکيا آهن داستان درد،
    ”صدا“ به غزل پڙهيو لکيو هو مگر نه سوچيو هو.

    *


    ڇا آهي هيءَ زندگي اي دلربا؟

    ڇا آهي هيءَ زندگي اي دلربا؟
    تجربا، در تجربا، در تجربا ...!

    ماءُ پيٽئون ڪين ٿو ڪوئي سکي،
    وقت هر ڪنهن جو وڏو استاد آ.

    جو نه سمجهي سوز کي سياڻو نه آهه،
    نادان جي واهه واهه نه چئجي داد آ.

    ميدان ۾ پوندي آ جوڌن جي خبر
    ملهائي جنهن نه مهل سو برباد آ.

    هر دؤر ۾ شاعر رهيو زنده “صدا”
    ڀِٽ ڌڻي، سرمست، اياز استاد آ.

    *


    اسان پنهنجي يارن جي ياريءَ ۾ پورا،

    اسان پنهنجي يارن جي ياريءَ ۾ پورا،
    ڪيل پاڻ پيدا، خواريءَ ۾ پورا.

    ڪڏهن ريل گاڏي، ڪڏهن بيل گاڏي،
    ۽ ڪڏهن جهازن، جي سُواريءَ ۾ پورا.

    ڪڏهن ڪيون رقيبن سان رهاڻيون،
    ۽ ڪڏهن دلربا جي، دلداريءَ ۾ پورا.

    ڪڏهن دل جي ڌڙڪن الاءِ ڇا گهري ٿي،
    ڪڏهن آهيون ٿينڪ يو ۽ ساريءَ ۾ پورا.

    “صدا” چئي حياتي آهي چار ڏينهنڙا،
    اسان پنهنجي منزل جي تياريءَ ۾ پورا.

    *


    ڪري يار ڪاريون نياڻيون نه ماريو،

    ڪري يار ڪاريون نياڻيون نه ماريو،
    غيرت جي نالي تي، اياڻيون نه ماريو.

    سڄا ڪوهين ڪارا پٽاندڙ ئي پاڻهي،
    ڳئون پُڇ ڪاري چئي تاڙيون نه ماريو.

    ڀلا ڪنهن به سردار ماري ڪا پنهنجي؟
    سندن چُرچ تي پنهنجيون ٻارڙيون نه ماريو.

    پڙهائي، لکائي وڏو ڪيو اَدين کي،
    جهالت جي جهنم ۾ جوانڙيون نه ماريو.

    آهي نياڻي رحمت چيو مصطفيٰﷺآ،
    نبين جو نياپو، چواڻيون نه ماريو.

    “صدا” سنڌو واسين جي رسم هي نه آهي،
    سڏي پنهنجي عزت نماڻيون نه ماريو.

    *


    محبت نه ليکبي آ، محبت جو حساب ڪهڙو؟

    محبت نه ليکبي آ، محبت جو حساب ڪهڙو؟
    محبت ته لاجواب آ، محبت جو جواب ڪهڙو؟

    محبت ته ڀروسو آ، محبت نه وسوسو آ،
    محبت يقين آهي، محبت ۾ خواب ڪهڙو؟

    محبت ته لازوال آ، محبت ۾ ئي ڪمال آ،
    محبت جو مقام اعليٰ، محبت ۾ سَراب ڪهڙو؟

    محبت ته محترم آ، چيل هر زمان زمن آ،
    محبت عروج آهي، محبت جو محراب ڪهڙو؟

    محبت سڄو سمنڊ آ، محبت ئي سج چنڊ آ،
    محبت جو مٽ نه ڪوئي، ماڻهو مهتاب ڪهڙو؟

    محبت “صدا” سمورو، محبت “صدا” جو سائين،
    محبت حيات آهي، محبت جو ڪتاب ڪهڙو؟

    *


    او صنم، او صنم، او صنم

    او صنم، او صنم، او صنم
    ڪرين پيئي ستم، ڇو صنم؟

    مڪلي جي مٺڙي تنهنجو گلابي بدن،
    پيرن ۾، پايل ڪري، ڇم ڇم.

    وڏا ڏينهن ٿي ويا ڏٺو ڪو نه توکي،
    جدائي ۾ جاني نڪري پيو دم.

    “صدا” ويو جدائي ۾ جُهري ائين جاني
    تورا بورا ۾ جيئن ڪِريا ڪيئي بم.

    *


    نالي الله جي مٺا منهن ڏيکاريو،

    نالي الله جي مٺا منهن ڏيکاريو،
    تتل دل جي ڌرتي ، تنهن کي ته ٺاريو.

    اوهان وڌو محب ماري جي وڇوڙي،
    مِلي ڪيو ڪچهري ڪَتيءَ کي اُڀاريو.

    جڏهن ٿِي جدائي ڪارو ويس پاتم،
    آ ماتم ۾ مَنڙو، لڳي سيني ٺاريو.

    ٻڏي پئي هي ٻيڙي نزع جو آ عالم،
    اوهان جي آ مرضي ٻوڙيو يا تاريو.

    آهي ساهه سوگهو “صدا” جو اوهان وٽ
    آهيو يار مالڪ جياريو يا ماريو.

    *


    ڏسو صورت، کڻي سيرت سنڌ جون سورميون سهڻيون،

    ڏسو صورت، کڻي سيرت سنڌ جون سورميون سهڻيون،
    سسئي، سورٺ، مٺي مومل، ٿري سڀ مورڻيون سهڻيون.

    نماڻا ناز نوريءَ جا تماچي ڄام کي ڀائنيا،
    رهيون سي راڻيون پوئتي، پايون جن چولڙيون سهڻيون.

    کڻي جو ٽيانگ بختاور ڀاڙيو ڀوتار للڪاريو،
    امرُ ٿي وئي آ هارين جون سندس لاءِ ٻولڙيون سهڻيون.

    ٻائي جيوڻي، ڀلي ڀاڳي، زرينا ديس جون ديويون،
    چيا جن سنڌ جا سهرا، سندن سڀ لولڙيون سهڻيون.

    ڏنو جنهن ديس تان دمڙو سا بيبي بينظير آهي،
    سندس تربت مٿي دعاگو رهن ٿيون ٽولڙيون سهڻيون.

    پنهنجي پَر ۾ امر سنڌو، ۽ عرفانه يا رخسانه،
    پيون ڊوهين کي للڪارن “صدا” سي ڍولڙيون سهڻيون.

    *


    ڀلا يار ڪامورا بيڪار ماڻهو

    ڀلا يار ڪامورا بيڪار ماڻهو
    ٿئين ڇو نه اڙين جو آڌار ماڻهو؟

    چواڻي ۾ تون سچ جو سردار آهين
    رتيون تو ۾ سچ جون نه ٻه چار ماڻهو.

    ٺلهن آسرن تي رهائين رڳو ٿو
    ڪرين ڪم ٽڪي جو نه مهندار ماڻهو.

    ٺاهڻ وارو ڪو ڪم ڪري ڪين نه ڄاڻي
    ٺهيل ڪم وڃائڻ جو ٺيڪيدار ماڻهو.

    “صدا” جي دعا آ ڀلا ٿيئي ڀلائي
    توڙي جو اسان لاءِ تون آزار ماڻهو.

    *


    متفرق اصناف

    المياتي تواريخ

    هجر ۾ مئا ڪي ۽ مَرندا رهن ٿا
    مصر ۾ به ماريا ئي رهندا رهن ٿا
    اسرائيل، عربن جي تاريخ اهڙي،
    مؤرخ ۽ ڪاتب به لکندا رهن ٿا،

    هي اتهاس آهي پراڻو پِريَن جو،
    فرعون، هارون، مُوسيٰ مِڙين جو،
    کنيا نيل پاڻيءَ پٿر ڪيڏا ڪيڏا،
    صحراءِ منجهه احرام جڙيا جبل جيڏا،
    ماهرِ بشريات سڀ حيران رهن ٿا.

    ابن خلدون ارپيو نظريو شهر جو،
    تمدن، تاريخ، بحر جو ۽ بر جو،
    عمراني باني وري پوءِ به ٻيا ٿيا
    ڪومٽي ۽ ڊرخائيم پڙهايا وڃن ٿا،




    هي برما ۾ جيڪا ٻريل باهه آهي
    ليبيا ۾ نه ڪا ڀي ٺريل باهه آهي
    عراقي مرن ٿا، ايراني مرن ٿا،
    سَرِشام، شامي پٽيندا رهن ٿا.

    آ دستور جيڪو ڏنو رب مولا!
    ٿيل حل تنهن ۾ سڀئي سوال سولا،
    منشور اِن تي ٺهيو ملڪ منهنجو،
    پر وڏا ڀاءُ ننڍن کي ڪٽيندا رهن ٿا.

    هي موهن دڙي جا مالڪ موچارا،
    ٿري، لاڙ واسي ۽ ڪاڇي جا پيارا،
    ڀليڪار تن ڪيو سڀن کي سدائين،
    ڪولاچي ويئي بڻجي ڪراچي جي ڇانوڻي،
    “صدا” ان ۾ سنڌي ويڳاڻا رهن ٿا.


    ادا انسان ساڳيو آ

    ادا انسان ساڳيو آ

    حوا، آدم به ساڳيا هئا. ادا انسان ساڳيو آ
    ٿيو هابيل سو ساڳيو، ڪيو قابيل سو ساڳيو
    جبلت رت جي رشتن جي، نه ڳولهيو
    پاڻ پاڻي ۾،
    رَت، رُت جو رشتو،
    آسمانن کان ڌرتي تائين،
    هر انومان ساڳيو آ.

    جسم حيوان کي ٿئي جو ڇيد، آهي رنگ رت جو ڳاڙهو
    ڪنبي حيوان پسي سردي، لڇي تنهن پَل جڏهن گرمي،
    ٽٽي ٿي تند هاٿي جي، مري ٿو مُند تي ماڻهو،
    جيئڻ سڀ
    جاندارن جو، مرڻ جو مام ساڳيو آ.
    پيون پاندن مٿان پِيهون،
    ڪيون ڪمزور ٿي ڪيهون،
    پسي سي سُنبَ گهوڙن جا، واقعا جيءُ جهنجوڙڻ جا،
    ڪمانون، تير تلوارون ۽ توبون بم ڀڀڪارون،
    سڪندر، آريا، عربي ۽ گوري جو ڪرڻ وارو،
    مٺي ڌرتيءَ تي غاصب جو ڪرڻ دهمان ساڳيو آ.




    سدائين ميٺ محبت جو ڏنو سڀ درس ڌرمن آ،
    ڪيئي فرقا ٿيو انسان، ويڙهايو پنهنجي ڪرمن آ،
    خدا جي نظر ۾ بندو، هتي عجمي ڪو جرمن آ،
    آهي خلقيو خدا سڀ کي، نه سمجهي ڪو
    پنهنجي ربَّ کي، هر هڪ ڪري پيارو،
    هڻي ڪو نينهن جو نعرو، مؤحد جو ۽ منڪر جو
    جو صداقت جو، ڪرامت جو، الله رحمٰن ساڳيو آ.

    ازل کان اُبد تائين جو وهيو ۽ واپرايو ويو،
    تڙيو جنت کان آدم ويو،
    موسيٰ فرعون پاليو هو، وري ڪنهن ڊارون پنهنجو
    قصو ڪوڙو سڻايو هو، مڃي ٿو ڪو، ڪُڇي ٿو ڪو،
    لُڇي ٿو ڪو، پُڇي ٿو ڪو،
    سوالن جو جوابن جو جڙيل جريان ساڳيو آ.

    ڪروڙين سال ڌرتي جا، جُريل اتهاس سان آهن
    ڪيئي آيا، ڪيئي ويئڙا، انهيءَ احساس سان آهن
    چون ٿا جِت جبل آهي اتي ڪڏهين سمندر هو،
    ڪيئي رڻ پٽ ٿيا آباد، جيڪو آب اندر هو،
    تغير جي ڪهاڻي جو “صدا” سامان ساڳيو آ.


    واکاڻ

    واکاڻ

    تنهنجي حُسن جو هر هنڌ هُل سهڻا،
    تون آهين گلاب جو گل سهڻا...!
    تون هلين ته ٿين حيران لکين،
    ڪٿي بيهين ته ٿين ميزبان لکين،
    خاموش ٻڌن فرمان لکين،
    چپ چورڻ جي ڪر بس چُل سهڻا.
    تنهنجا روز ملڻ جا مام نوان،
    تنهنجو قرب ڪري قتلام نوان،
    تنهنجي در تي هڻڻ پيا هام نوان،
    آهيون ملڻ تنهنجي جي مُل سهڻا
    چوي “صدا” جڏهن ساماڻو آ،
    تنهنجي رمز ۾ روز نماڻو آ،
    هي مٺڙو موتيءَ داڻو آ،
    چوي شهر سڄو پيو ٺُل سهڻا.


    تواريخ هڪ آئينو

    تواريخ هڪ آئينو

    اسين سڀ درد جا ماريا، برهه بي درد جا ماريا
    سڀئي پنهنجا پراوا اڄ، فراڊي فرد جا ماريا

    محبت جا نرالي هئي، اها ٿي وئي نرالي آ،
    تخم ترهو ويو ونڊجي، بچي باقي پلالي آ،
    ڪري جو ديس سان ڌوڪو، اهو ڪهڙو حلالي آ،
    سياست اڄ جي نيتا جي، رڳو ڌن لئه دلالي آ،
    رهيا مسڪين ئي ماڻهو، سياست گرد جا ماريا.

    ڪنهن کي درد پنهنجن جو، ۽ ڪنهن کي درد غيرن جو،
    نه ڪنهن کي سوچ فلاحي، اٿن بس اولو ويرن جو،
    جاڳن راتيون جيڪي ساريون، ستل آهن سويرن جو،
    سچي سپني کان پاسيرا، اٿن بس اير ڦيرن جو،
    ٿي ويا مڪار ڪي ماڻهو، گروهي گرد جا ماريا.

    چيو جيڪو ڀٽائيءَ ڪالهه، اڄ به ڳالهه ساڳي آ،
    سَسُيُون اڄ به ستايل هن، پُنهل به پيراڳي آ،
    سِڪي ٿي اڄ جي مومل، راڻل وِهه ويراڳي آ،
    پرين جي پيار جي ديوي، “صدا” ڪاٿي ستابي آ،
    مڙئي ارمان ماين جا، آهن بس مرد جا ماريا.


    ڏوراپو

    ڏوراپو

    مطلبي مٺا تون صفا بدلجي ويو آن،
    بدلجي ويو آن، صفا بدلجي ويو آن.

    توسان پيار آهي چوندو بار بار هئين،
    قرب لاءِ سدائين رهندو بيقرار هئين،
    مون سان سِر لڳڻ جا ڪندو اقرار هئين،
    حيرت ۾ وجهي ويو آن، صفا بدلجي ويو آن.

    ڪيم فون سهڻا چيهءِ ڪير آهين تون،
    وڃي ڪجهه نه تو سان صفا غير آهين تون،
    منهنجي هٿ جي تِري جو لٿل مير آهين تون،
    ٽِشو جان اُڇلي ويو آن، صفا بدلجي ويو آن.

    “صدا” دل سان توکي ڪري يار ٿو دُعا،
    هجين خوش انهن سان جي پيارا ٿئي لڳا،
    گل ياسمين جهڙا سارا ٿئي لڳا،
    منهنجو نه تون رهيو آن، صفا بدلجي ويو آن.


    هڪجهڙائي

    هڪجهڙائي

    مون تو ڪالهه لکيو، تو اڄ پڙهيو،
    پر ڳالهه اهائي ساڳي آ،
    هن ديس وندن جا درد ڏسو،
    ڪو روڳي آ ڪو راڳي آ،

    ڪا موکي مُند جي مئي کڻي،
    ڪنهن ديس مان ايندڙ دودن لاءِ
    مهمان نوازي ڌرتيءَ جي،
    ڪنهن جوءِ کان ايندڙ جوڌَن لاءِ
    ڪنهن ماکيءَ لار لنوائي آ،
    هي ماڳ معياري ماڻهن جو
    ڪو جوڳي آ، ڪو جاڳي آ.

    ٿر وَسيو، جڏهن بَر وسيو
    ۽ ڪاڇو ڪارونجهر وسيو،
    ڪينجهر جي ته ڪناري تي،
    ڪنهن نئين اچي آ ڇوڙ ڪيو،
    پوءِ گيت جهونگاريا جَهر جنگ ۾
    ڪا سوني آ، ڪا ڀاڳي آ.



    ڪنهن حلبي هوت سڏايو هو،
    ۽ ڪاهي ڪيچ کان آيو هو،
    تڏهن سسئي سِر نِوايو هو،
    پنهون پيار پيامبر پر، ڏيرن ڏاڍ ڏکايو هو،
    سر تين سڀ سُڻايو هو
    ته سسئيءَ جبل جهاڳي آ.

    هئي هوشو ديس لئه هام هنئي،
    “مرويسون سنڌ نه ڏيسون” چئي،
    هو نعرو شاهه عنايت جو،
    جو کيڙي ٿو سو کائي ٿو،
    پوءِ حيدر بخش جي حامي ٿي
    بختاور ڪئي ته بٽاڳي آ

    موئن جي دڙي کان مڪلي تائين،
    تاريخ وڇائي ويٺي آ،
    هر دؤر جي مارئي مارن لئه،
    “ها” لڄ بچائي ويٺي آ،
    هيءَ سنڌ سٻاجهي ماڻهن جي،
    دوکي نه دولابي هاڻن جي
    هتي ڪابه نه دلڙي داڳي آ.



    هئا ڪالهه چنيسر، جعفر پر،
    دودا، دولهه خان به هئا،
    ديس جو درد سڃاڻيندڙ،
    ڪي مير مٺا مَهان به هئا،
    ڪو وير ويهائي ماگر سان،
    رت جا ڍُڪ ڀري مئو،
    ڪو بندر واسين للڪاري،
    سڪرنڊ منجهه شهيد ٿيو،
    ڪو ڪالهه وڙهيو تلوارن سان،
    اڄ “صدا” جو ساهه ويراڳي آ.


    اٽوٽ رشتو

    اٽوٽ رشتو

    ها توکي ڏسي ٿو خيال اچي
    ڪو جنم جنم جو ناتو آ.
    تون سون، سونارو تنهنجو مان
    تون زيور آن مون پاتو آ.
    *
    تون دردوندن، درمان سندن، توکي ٿا ڏِسن
    خوش ٿي پيا چون، ها هيءَ اٿئي ويڄ منهنجو
    ڏسندي ئي سڪون سماتو آ.
    *
    مستقبل، ماضي، حال، ازل ۽ ابد عالَم ٿا چون،
    پر مون لاءِ وقت، هر ساعت، گهڙي
    هڪ لمحو پسي، ڄڻ ڄاتو آ.
    *



    ڪو وٽ ترازو ساڻ ڪري،
    ڪو تسبيحَ داڻا روز ڳڻي،
    پر مون لاءِ هزار ڪروڙ ته ڇا،
    هڪ سجدو ئي هڪ کاتو آ.
    *
    هاءِ ڙي “صدا” تو ڳالهه ته ڪئي،
    دنيا داريءَ وارن جي،
    روميءَ واري رقص سندي،
    مدهوش مئي ۽ مارن جي،
    تون ڄاڻين ٿو ته ڪير ڪيئن
    هت فَتوائَن ۾ ڦاٿو آ.

    *


    ڌرتي جو ترانو

    ڌرتي جو ترانو

    آ جهڙي ممتا، تون تهڙي ڌرتي،
    تنهنجو اجرڪ ٽوپي شان تنهنجو موهن دڙو آ مان
    سڀن جو ساهه آ تو ۾
    اسان جو ساهه آ تو ۾.
    *
    ڇا سنڌ ؤَ کي ڀيٽيان دنيا جي دريائن سان
    جڳ جي فضا هيڻي ڪاڇي جي هوائن کان
    او منهنجي سنڌڙي او منهنجي ممتا.
    *
    تنهنجي ٿر جا صحرا مون لاءِ باغن کان ڀلارا،
    اترادي، ٿري، لاڙي سڀ مارون پيارا،
    او منهنجي سنڌڙي او منهنجي ممتا.
    *
    چئي سنڌ پرست “صدا” منهنجي ڌرتي قديم آهين
    حرمين ڇڏي باقي دنيا کان عظيم آهين
    *
    او منهنجي ڌرتي او منهنجي ممتا
    تنهنجو الله وڌايو شان، توکي مولا ڏنو آ مان
    اسان جو ساهه آ تو ۾
    سنڌين جو ساهه آ تو ۾.


    سنڌوءَ جو شان

    سنڌوءَ جو شان
    (ڪافي)

    آهه، حياتي هر قطري ۾ ڪوثر سڀ لاءِ آهي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    گدلو پاڻي جنهن ڀي پيتو، امرت تنهن لاءِ آهي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    دنيا جي دريائن ۾ سرواڻ سڀن جو آهي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    مارو ڏوٿي، مير مهاڻا سڀ سان پريت نڀائي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    دنيا جي انمول اسپيشل، ٻلهڻي ٽپڙا کائي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *



    ڌارئين ديس جو گهمڻو ماڻهو هر هنڌ ڳڻ ٿو ڳائي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    موهن جي دڙي جي ڏس سمبارا سڏي پئي سمجهائي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    “صدا” چوي هن ديس تي رب جي خاص عنايت آهي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.
    *
    آهه حياتي هر قطري ۾ ڪوثر سڀ لاءِ آهي
    ڙي سنڌو ڪير سڏائي.


    منهنجو شهر جيڪب آباد

    منهنجو شهر جيڪب آباد
    (ڪافي)


    جيڪب آباد ۾ جيءُ جڙي ويو، جيڪب آباد ۾ جيءُ،
    آ جيڪب آباد جياريو، سنڌ ۾ نيارو.

    گرميَن جي آ گلشن هتڙي، صدا بهار سيارو،
    سنڌ ۾ نيارو،
    *
    هر سال آ هتڙي ميلو مچندو، قرب آ ٿيندو قرارو،
    سنڌ ۾ نيارو،
    *
    خانگڙهه کان هاڻي تائين، عظمتن جو اُتارو
    سنڌ ۾ نيارو
    *
    “صدا” جو آهي عرض الله کي، امن جو رهي گهوارو
    سنڌ ۾ نيارو


    ڪافي

    ڪافي

    منهنجو يار آ سهڻو هَٽ پري،
    ٻيا سڀئي سهڻا، سَٽ پري.
    *
    ڀلي اکيون هزار ڏسي آ،
    تن ۾ پنهنجو پيار ڏسي آ،
    پر يار جي نيڻن جا نَٽ پري.
    *
    وڃي مسجد، مندر گُمهي آ،
    ڪيئي روزا، چائنٺ چُمي آ،
    پر عشق جا گهير ۽ گَهٽ پري.
    *
    هو “صدا” کي سُور ڏيئي ٿو،
    پوءِ به دل تي راڄ ڪري ٿو،
    محبوب جا آهن مَٽ پري.


    ڪافي

    ڪافي

    دنيا دورنگي آهي ادا سائين
    پاڻ بچايو پاڻ.
    *
    بصر سندا پردا دل تي
    کڻي گهمن سڀ ساڻ.
    *
    جعفر، صادق، سودو سنڌ جو
    دولهه، ديس جو داڻ.
    *
    درد وندن جو ديس ڀلارو
    بي درد حسيني هاڻ.
    *
    سهڻن سامهون سادي “صدا” جي
    هڪ نه هلي ٿي هاڻ.


    آهيان دردن ماري

    آهيان دردن ماري
    ننگي توتي ننگ آ،

    سسئي ڪيچ ڪشالا، سهڻي مَري ميهار لاءِ
    مومل مچ مشالا، مارئي مهڻن ماري
    ننگي توتي ننگ آ.

    ڏوٿي ڏيهي ڏاڏاڻا، محبت ميم جا ماڻا
    ٿري بک ڏک ساڻا، وسي ته پوکن هاري
    ننگي توتي ننگ آ،

    “صدا” سنڌ سلامت، رهندي تائين قيامت
    ايندي ويندي شامت، رهندي برهه بهاري
    ننگي توتي ننگ آ.


    ڪافي

    ڪافي

    نينهن نياپن سان ناهي ٿيندو، وڃي در تي ديرڙو لاءِ
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.

    محبوبن جي سامهون ادب سان، پنهنجو سِرڙو يار نواءِ
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.

    يار جي دَر جو نوڪر ٻانهون، سر عام سڏاءِ
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.

    گذريو جنهن لنگهه تان دلبر، اتي ننگا پير پساءِ
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.

    محبوبن جي مرضي خاطر، تون ڪُڏي ڪنڌ ڪپاءِ،
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.

    محبوب جڏهن مالڪي ڪن، پوءِ “صدا” پاڻ سڏاءِ
    پنهنجو پاڻ وڻاءِ.


    ڪافي

    ڪافي

    ڪري ها اَنا کي فَنا جي انسان
    ڪري اَنا کي فَنا

    ڪري آدم کي ها سجدو ابليس اگر،
    عزازيل رهي ها نه شيطان،
    ڪري اَنا کي فَنا

    پڙهي ها ڪن ۾ ڪلمو جي سائين سهڻي سان
    مليس ٿي پل ۾ سڀ ڪجهه نه هڪ جهان،
    ڪري اَنا کي فَنا

    رهي رضا ۾ جي راضي پنهنجي رازق سان
    “صدا” افضل آهي انسان نه ڪو حيوان
    ڪري اَنا کي فَنا


    دم گهرجي

    دم گهرجي
    (ڏوهيڙو)

    عشق، عشق سڀ ڪو چوي،
    پر عشق ڪمائڻ لاءِ دم گهرجي،
    ڇڏي شهر ڀنڀور کي وري،
    ڪيچ ڏي ڪاهڻ لاءِ دم گهرجي،
    هڪ سِر ليليٰ جي خاطر نالو،
    قيس ڳڻائڻ لاءِ دم گهرجي،
    موت جي وادي ۾ پير،
    پنهنجو پائڻ لاءِ دم گهرجي،
    رکي سِر سولي تي يا،
    سِر ڪٽائڻ لاءِ دم گهرجي،
    “صدا” چوي دل جي دنيا ۾،
    هڪ شخص رهائڻ لاءِ دم گهرجي.

    *


    ڏوهيڙا

    ڏوهيڙا

    پاڻ کُٽايون کيسا ويٺا، روئن زارو زار،
    هن دورنگي دنيا ۾، ويا هلي لک هزار،
    جوت نه رهي جذبن ۾، اڄ پئسي جو ٿيو پيار،
    آهي لاشاري لاچار، اڳيان ان آڙاهه جي.
    *
    پاڻ کٽائي کيسا، پوءِ ميرن ڪئي موٽ،
    هن دورنگي دنيا ۾، پين ٽوٽن مٿان ٽوٽ،
    لعل بڻيا لاهوري، پر اڳيان هو به اٽوٽ،
    ڪيئي ڄام ڄاموٽ، “صدا“ پسيا سورن کي.
    *
    پاڻ کٽائي کيسا، ڪيئي منجهي پيا مير،
    هڪ دورنگي دنيا ۾، ٿين لٽا لِيڙ ڪَتير،
    زماني جي زيادتين، زوري ڪين ظهير،
    ٿيو “صدا” ساڻ اَسير، جاني انهيءَ جيل جو.
    *



    پاڻ کٽائي کيسا، پوءِ ڪرها ڪاهيائون،
    هن دورنگي دنيا ۾، پير نه پچايائون،
    ڇڏي ديس دلبر جو، وڃي ڇٽ وسايائون،
    پر ڪنڌ نه جهڪايائون، “صدا” سامراجين سين.
    *
    لک قرب سائين، مڃيو ڳالهه منهنجي،
    ڪيو مون کي شامل، پنهنجي لڙيءَ ۾،
    سڀاڳي ٿو ڀايان، هي ويل سائين،
    پراون کان ٿيا سين، پنهنجا گهڙيءَ ۾.


    ٽيڙو

    ٽيڙو

    ازلؤن مڙيئي مرندين، پرتون محبت ۾ مَر،
    جڏهن ساهه اچَئي سڪرات ۾، پڙهه الفت جا اکر،
    سي “صدا” ٿيا اَمر، جيڪي محبت ۾ مري ويا.
    *

    ازلؤن موت مٿي تي آهي، معاف نه ڪندي تو،
    محبت ۾ جي مرندين، ياد ڪندوءِ هر ڪو،
    “صدا“ نه وساريو سو، جيڪو محبت ۾ مري ويو.
    *

    ازلؤن موت مٿي تي، ادا آخر ايندءِ عزرائيل،
    ڪيستائين کارائيندءِ، مٺا تو ميڪائيل،
    آندو جو جبرائيل، “صدا” سانڍج ساهه ۾.
    *

    ازلؤن مڙيئي مرندين، پر تون ڪجهه ته ڪري مَر،
    ڪوڙ، ڪپت کان پاڻ، بچائي مَن ۾ موتي ڀر،
    جيڪي گلا سندا گهر، سي “صدا” رهيا سورن ۾.


    *
    گل پيو شرمائي چهرو، پَسي پرين جو،
    گل مَهٽڻ سان ميسراجي، محبوب ٿئي مست
    چاهت پسي چُست، “صدا” منهن محبوب جو.
    *

    ايوبي تلوار
    بن يوسف يلغار ڪئي واهه
    لاهوتي للڪار
    *

    شان سندن شمشير
    يروشلم تي علم ڦڙڪايو
    يوسف بن ظهير
    *

    همت ڀريو همراهه
    سلطان جلال الدين هيو هڪ
    خوارزم جو شاهه.
    *

    عباسيه بغداد
    سازشن جي ڄار ۾
    ڦاسي ٿيو برباد
    *


    هائيڪا

    هائيڪا

    بدو اچي پيو،
    اٺ جهاز بياباني تي،
    پاڻ وڻائي پيو.
    *

    گلوبل ڳوٺ دبئي ۾،
    ڏس ته نچي پئي سهڻي ناري،
    پهريل ويس بَدوَئي ۾.
    *

    گلوبل ڳوٺ دبئي ۾
    هرڪو ديس ثقافت سوڌو،
    ويٺل ڏس ته دبئي ۾.
    *


    يو اَي اِي جي روڊ تي،
    متان ڊرائيور سگنل ٽوڙين،
    اک آ تنهنجي ڪوڊ تي.
    *


    ماروئڙن جو ديس
    کڙچ، گاڏيون ۽ ڪيڪڙا
    روڊ نه رستا کيس.
    *


    ٻُڌ، شاهه خليفا
    ايڏي اوچي واهه جو ٺاهيو ئي
    ماڙي برج الخليفا
    *


    بدوئن جو ديس
    پاتل ڳانترا، سفيد ڪنتورا
    واهه شاهاڻو ويس
    *


    سهڻي سنڌ سڀ ئي
    جي غاصب حق نه کائي منهنجا
    ٿي پئي ديس دبئي
    *



    عظمت جو اُهڃاڻ
    گلوبل ڳوٺ ۾ سنڌي ناري
    اوڍيل اجرڪ ساڻ.
    *


    درد وندن جو ديس
    سنڌ سدائين سورن ۾
    قابض ڌاريا ويس.
    *

    ڪولاچي جو ديس
    اجرڪ ٽوپي گج جنهن پهريو،
    ڄڻ ته ويڳاڻو ويس.
    *


    ديس جي اندر ديس
    ست اڪايون، آزاد وسيلا
    مليل آهن کيس.
    *

    سمجهه ڀريو انسان
    ديس کي ڇا دستور ڏئي ويو
    شيخ بن النهيان.
    *



    بدوئن جا هوٽل
    دربان سوٽ ۽ ٽاءِ سان
    بيٺا آهن ٽوٽل
    *


    ڪراچي جو هوٽل
    دربان آ بيٺل دروازي تي
    پٽڪو اٿس پاتل
    *



    رياست عجمان
    دنيا ڀر جا محنتي ماڻهو
    اچي ٿيا مهمان
    *


    رياست اُم الڪوين
    بدو بيٺو ريت دڙي تي
    وڄائي پيو بين
    *




    برج العرب جميرا
    پريون ڏس ته سمندر ساحل
    شامون صبح سويرا
    *

    سمنڊ اندر گهر
    ڏس ته اڏيل هن ڪهڙا سهڻا
    شهرن جا شهر
    *

    الله جو گهر
    اڏيل شهڪار ابو ظهبي ۾
    مسجد جو منظر
    *

    بدوئن جي ديس ۾
    ڪا نه پراڻي ڪار پئي ڏسجي
    رستي جي ريس ۾
    *

    مٺڙو مڪو شهر
    الله جو ازلي گهر ڪعبو
    موهيندڙ منظر
    *


    پاڪ مدينو شهر
    سبحان الله سبز گنبذ جو
    ڇا ته مزو منظر
    *


    جبران جي ڳالهه ۾ جان آهي
    پر شاهه لطيف پڙهي ته ڏس تون
    ته ڇا ٿيندو انسان آهي.
    *

    شهناز شورو
    گورن جي شهر ۾
    جهونگاري مورو.
    *


    کائي ڏنگ ڏوڪا،
    ڏسي مسڪرائي، چئي وئي اچان ٿي،
    ڏنا يار ڌوڪا.


    ٻه سِٽا

    ٻه سِٽا



    نظر جو جام جنهن پيتو صنم تنهن سان سدا گڏ آ،
    شيخي ۾، فقيري ۾، خدا تنهن سان “صدا” گڏ آ.
    *

    ها توکي ڏسي ٿو خيال اچي، ڪو جنم جنم جو ناتو آ
    تون سون، سنارو تنهنجو مان، تون زيور آن، مون پاتو آ.
    *

    وار واسينگن وَنگ، موهي وڌو منڙو
    ڏسي دهشت دنگ، ساهه مُٺ ٿيو “صدا” جو.


    جلال چانڊيو کي ارپنا

    جلال چانڊيو کي ارپنا

    ڪري ڪير ڪمال
    چيڙي، يڪتاري جو بادشاهه
    هيو هڪ جلال
    *
    سنڌڙي جو پٽ
    ثقافت جي اهڃاڻ سراسر
    هو هڪ جلال
    *
    گاج گج گوڙ،
    جلال پئي ڳايو راڳ ڪوهياري
    مولا ڪاڇو ٻوڙ
    *
    جهنگ جهر واهه واهه
    چيو مال چاريندي ماروئن
    ڳاءِ جلال ڳاءِ
    *
    هر هلائي ساڻو
    ٻڌي هاري پنهنجو ٿَڪَ ٿي لاٿو
    جلال جو ڳايل سُر راڻو.


    BACK Title

    BACK Title
    ”تعارف“ Introduction

    نالو: الله بخش لاشاري (اي بي لاشاري)
    تخلص: ”صدا“
    شاعراڻو نالو: صدا لاشاري
    پيشو: وڪالت
    شوق: مضمون نگاري، شاعري، سماجي
    ۽ قانوني تحقيق
    ”تعليم ايم اي عمرانيات و جرميات
    M.A sociology (criminology)
    ايل ايل بي و ايڊ ايل ايم
    يونيور سٽي آف ڪراچي.
    تحقيقي ڪم:
    (1) ڪارو ڪاري تي تحقيي مقالو 2009
    (Honour killing challenged and Responses)
    (2) دهشتگردي تي تحقيقي مقالو 2011
    (Terrorism challenges and Responses with special Karachi)
    (3) ٻهراڙي جي سماجيات 2008
    (Rural sociology and Pakistan`s agro society)
    سنڌ ڪالهه ۽ اڄ اخباري ڪالم


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515417
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ