ڪتاب جو نالو: تخليق خالق کانسواءِ؟
مصنف: عمر عطيلا ايرگي / مظفر بخاري
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ڏاهپ / اخلاقيات
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 17 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 945 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 557 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • سنڌيڪار پاران
  • تعارف
  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون
  • باب ٻارهون

  • سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ”تخليق خالق کانسواءِ“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ليکڪ عمر عطيلا ايرگي آهي جڏهن ته سنڌي ترجمو مظفر بخاريءَ ڪيو آهي.
    والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو.
    اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها.
    هي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سنڌيڪار پاران

    دوستو مذهب ڪا خراب شيءِ به نه آهي سو به اسان جو دين جيڪو مڪمل سلامتي آهي. ها اهي آپگهاتي حملا ۽ قتل ۽ غارتگري اسان جي دين جو حصو نه آهي. اها ته انتهاپسندي آهي. انتهاپسنديءَ جي خاتمي لاءِ ئي ته اسلام آيو هو. اسلام انتشار جو نه پر سلامتيءَ جو دين آهي. مولا جي دين کي رڳو ملان خراب ڪيو آهي ۽ خرابي دين ۾ نه پر ڪجهه ماڻهن جي سوچ ۾ آهي جيڪو تحقيق ۽ تعليم کان پري ڀڄن ٿا ۽ مفادن خاطر مذهب کي استعمال ڪن ٿا. پر هن ڪتاب ۾ اسلام جي باري ۾ ڪافي دلڪش ڳالهيون شامل آهن. ڪائنات جي تخليق بابت به ڪافي سائنسي انداز اختيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ تمام گهڻي ۽ تمام بهترين معلومات شامل آهي. جيڪي دين کان پري ڀڄن ٿا تن کي به منهنجي صلاح آهي ته هڪ ڀيرو هيءُ ڪتاب ضرور پڙهن ۽ ان کان پوءِ ڪنهن نتيجي تي پهچن ته بهتر ٿيندو. هن ڪتاب جي مصنف ڪائنات جي تخليق ۽ مقصد بابت ڪافي بهتر رخ اختيار ڪيو آهي ۽ پنهنجو فيصلو مڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي اٿس.
    جيئن والٽيئر لکيو آهي ته اهو طئه آهي ته جيڪا قوت هن ڪائنات جي نظام کي هلائي ٿي سا ئي ان جي خالق به آهي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪا ترتيب آهي سا هلائيندڙ قوت جي محتاج نظر اچي ٿي. ستارن جي هڪ خاص انداز ۾ گردش ۽ انهن جي پنهنجي محور تي گردش سڀ ڪجهه تمام مثالي نظر اچي ٿو. ڪي سيارا ڪلاڪ وائيز ته ڪي وري اينٽي ڪلاڪ وائيز گردش ڪن ٿا ۽ ان جي ڪري هڪ مقناطيسي مئدان جُڙي ٿو جيڪو اها ترتيب برقرار رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هو اڳتي لکي ٿو ته اهو به طئه آهي ته اهو نظام هلائيندڙ جيڪا به قوت آهي سا واحد قوت آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ٻه يا ان کان وڌيڪ قوتون هجن ها ته سندن تال ميل لکين يا ڪروڙين سالن تائين هڪجهڙو نه رهي سگهي ها ۽ ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ضرور خراب ٿئي ها، بس اهو ئي ان جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ها. پر هيءَ جيئن ته ڪا واحد قوت آهي ۽ ان جي ڪري ڪائنات جي ترتيب ۽ تال ميل ۾ ڪوبه فرق پئدا ٿي نه سگهيو آهي. حقيقت ۾ اها ڪا انتهائي باڪمال قوت آهي جنهن نه رڳو هيءُ نظام تخليق ڪيو پر ان کي تمام بهتر انداز ۾ هلائي به رهي آهي. هاڻي مسئلو اهو پئدا ٿو ٿئي ته ان قوت کي ڪهڙو نالو ڏجي پر منهنجي خيال ۾ ته اهو مسئلو ڪا گهڻي اهميت نٿو رکي ڇاڪاڻ ته اسين ان قوت کي جيڪو به نالو ڏيون ان سان ان قوت جي صحت تي ڪوبه فرق نه پوندو. ان جي ڪري بهتر اهو آهي ته هاڻي مڃي وٺجي ته هن ڪائنات کي ڪنهن واحد قوت خلقيو آهي، اها هن نظام تي مڪمل قدرت رکي ٿي ۽ ان کي انتهائي بهتر انداز ۾ هلائي به رهي آهي.
    اهوئي هن ڪتاب جو متن آهي ۽ ان جي باري ۾ ڪافي سائنسي انداز ۾ دليل به ڏنا ويا آهن. انهن سائنسي دليلن هن ڪتاب کي معلومات جو ڀنڊار بڻائي ڇڏيو آهي. سو منهنجي خيال ۾ ته توهان جڏهن هيءُ ڪتاب پڙهندا ته توهان کي اها خوشي ضرور ٿيندي ته اهو ڪتاب پڙهڻ جو فيصلو غلط نه هو.


    مظفر بخاري


    تعارف

    پڙهڻ
    هر ماڻهوءَ کي سوچڻ لاءِ لفظن جي ضرورت پوي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو جيئن جيئن لفظن جو ذخيرو وڌي ٿو تيئن تيئن دماغ جي سوچڻ جي صلاحيت به وڌي ٿي. ان جي موٽ ۾ ماڻهوءَ جي ڏاهپ جي سطح به وڌي ٿي. ڪنهن جي به ڏاهپ جو اندازو لڳائڻ لاءِ سندس لفظن جو ذخيرو بهترين مددگار ثابت ٿئي ٿو. ذهانت به فوجيءَ وانگر آهي جيئن تربيت ۽ مشق جاري رهندي تيئن بهتري ايندي ويندي. معما حل ڪرڻ، مطالعو ڪرڻ، ڪتابن تي راءِ ڏيڻ ۽ ليڪچر ٻڌڻ پنهنجي لفظن جي ذخيري ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ذهن جي اوسر لاءِ بهترين مشقون آهن. لڳاتار مطالعي جي عادت لفظن جي ذخيري ۾ واڌ جو بهترين وسيلو آهي.
    شيڪسپيئر پنهنجي ڪتابن ۾ 80،000 لفظ استعمال ڪيا ۽ گوئٽي پنهنجي ناولن ۾50،000 لفظ استعمال ڪيا. اڄ جي انگريز ۽ جرمن شاگردن کي اهي ڪتاب سمجهڻ ۾ ڪابه ڏکيائي پيش نٿي اچي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته وٽن لفظن جو وسيع ذخيرو آهي جيڪو کين اهي ڪتاب سمجهڻ ۾ مدد ڪري ٿو.
    بدقسمتي اها آهي ته اسان جي يونيورسٽيءَ جي سطح جي شاگردن وٽ رڳو 3،000 کان 4،000 لفظن جو ذخيرو هوندو آهي. اهو ان ڪري جو هو مطالعو نٿا ڪن ۽ اسان جي درسي ڪتابن جي حالت به ڪا چڱي نه آهي. ٻين ڪتابن جي مطالعي جي تمام گهڻي اهميت آهي.
    آمريڪا ۾ ذهانت جي سطح جي پرک لاءِ هڪ تجربو ڪيو ويو. ان لاءِ هنن ٻن مختلف ڪلاسن جي شاگردن جي چونڊ ڪئي سندن ذهانت جي سطح جو تعين ڪيو ويو. پهرين سيمسٽر ۾ ٻنهي ڪلاسن کي رياضي پڙهايو ويو. سيمسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذهانت جي سطح جي پرک ڪئي وئي ته ٻنهي ڪلاسن ۾ ڪو گهڻو فرق نظر نه آيو. ٻئي سيمسٽر ۾ شاگردن کي هدايت ڪئي وئي ته هو ليڪچر ٻڌڻ سان گڏ ڪجهه مخصوص ڪتاب به پڙهن. سيمسٽر جي پڄاڻيءَ تي ذهانت جي چڪاس ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته جن شاگردن ليڪچر سان گڏ ٻيا ڪتاب به پڙهيا تن جي ذهانت جي سطح ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ٻيڻو اضافو نظر آيو.
    ان مان اسان کي اهو معلوم ٿيو ته ڪتاب پڙهڻ سان رڳو لفظن جو ذخيرو ئي نٿو وڌي پر ٻين علمن کي سمجهڻ ۾ به مدد ملي ٿي. زباني امتحان وقت اسان کان پڙهيل مواد مان سوال پڇيا وڃن ٿا. انهن سوالن کي ٽن ڪئٽيگرين ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
    الف. جملن تي ٻڌل سوال: عام طور تي ايئن ٿيندو آهي ته اسان کي پڙهڻ لاءِ اڌ صفحو ڏنو ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ ان مان ست يا اٺ سوال پڇيا ويندا آهن. ان ۾ اهڙا ٻار جيڪي مطالعو نٿا ڪن يا جن کي پڙهيل مواد ياد نٿو رهي سي ناڪام رهن ٿا ۽ سوالن جا درست جواب نه ڏئي سگهندا آهن. ان ڪري عام طور تي اهڙن ٻارن کي بار بار پڙهڻ جي ضرورت پوي ٿي. ان جي ڪري هو وقت جو درست استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿا.
    ب. لفظن جي ذخيري بابت سوال: هن مرحلي ۾ اسان کان عام طور تي ڪجهه لفظن جي معنيٰ يا انهن جا ضد پڇيا ويندا آهن. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪتاب پڙهڻ سان رڳو لفظن جو ذخيرو نٿو وڌي پر لفظن بابت ڄاڻ ۾ به واڌارو ٿئي ٿو.
    ت. سمجهه بابت سوال: هي سوال ڪرڻ جو مقصد هوندو آهي ته اهو اندازو لڳايو وڃي ته اسان جيڪي ڪجهه پڙهيو آهي ان مان ڪيتريقدر پروڙيو ۽ سمجهه حاصل ڪئي آهي. هتي به توهان کي معلوم ٿيندو ته مطالعو ڪيترو اهم آهي. ان مان اسين ڪيتريقدر مهارت ۽ فصاحت حاصل ڪري سگهون ٿا.

    شاگردن جي لاءِ ڪتابن جو مطالعو ڇو ضروري آهي؟
    مطالعو هڪ اهڙي شيءِ آهي جنهن جي فائدن جي ذڪر ۾ دفتر ڪارا ڪري سگهجن ٿا. هتي اچو ته اهڙن ماڻهن جي لاءِ مختصر وضاحت ڪريون جيڪي سڀاڻي جي دنيا لاءِ تياريءَ ۾ مصروف آهن ۽ جيڪي زندگيءَ ۾ عظيم شين جي حاصلات جو مقصد رکن ٿا.
    * جيمز هاويل چوي ٿو: “اسان جي دنيا تي قلم، ڪاغذ ۽ مس جي حڪمراني آهي.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هو بلڪل درست چوي ٿو. اسين ملازمت لاءِ ڪهڙي به فيلڊ جي چونڊ ڪريون ان اداري ۾ اسان جي حيثيت هڪ عدد واري هوندي. بالزاڪ چوي ٿو: “جيڪڏهن ڪو شخص ڄاڻ جي اعليٰ ترين حد تائين پهچڻ جي خواهش رکي ٿو ته ان لاءِ کيس ڪم جو غلام بڻجڻو پوندو.” زندگيءَ ۾ هڪ نمبر جي حيثيت جو مطلب اهو آهي ته مختلف موضوعن تي وڌ کان وڌ عام معلومات رکڻ. هاڻي ان مرحلي جي لاءِ به ڏسجي ته سڀ کان وڌيڪ اهميت مطالعي جي ئي نظر اچي ٿي.
    ڪاميابيءَ جي رستي جو ٻيو سڀ کان اهم اصول آهي ته اسان کان اڳ جيڪي ٿي گذريا آهن تن جي تجربي مان سکڻ ۽ انهن غلطين کان بچڻ جيڪي اڳ ۾ ٻيا ڪندا رهيا. هڪ ننڍڙو مثال آهي ته اسين ڪمپيوٽر انجينيئر بڻجن چاهيون ٿا ۽ ان لاءِ اسان کي جيڪو ڪتاب پڙهڻو آهي سو اهڙي شخص جو لکيل آهي جيڪو ان مئدان ۾ 20 سالن جو تجربو رکندڙ هو. ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجي ڪم جي شروعات 20 سالن جي تجربي سان پيا ڪريو. ڇاڪاڻ ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسان جو پڙهيل هر هڪ صفحو ويهه سالن جي تجربي جو نچوڙ آهي.
    اهڙيءَ طرح اهو به واضح آهي ته اسان پنهنجي لاءِ ڪم جو جيڪو به شعبو منتخب ڪنداسين ان ۾ ٻين جي مسئلن جي حل لاءِ اسان کي ساڻن رابطي ۾ رهڻو پوندو. ڪوبه شخص تڏهن ئي ڪامياب لکبو جڏهن هو ڪا اهڙي رٿا شروع ڪري جنهن سان خدا جي مخلوق کي فائدو پهچي. مثال طور ڪو ميڪنيڪل انجينيئر تڏهن ڪامياب ليکبو جڏهن وٽس اهڙن گراهڪن جو وڌيڪ تعداد هجي جيڪي سندس ڪم مان مطمئن هجن. هر شخص لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن سان رابطي ۾ رهي ته جيئن هو سندن ضرورتن کان آگاهه رهي سگهي.
    * هڪ قديم چوڻي آهي ته “واپار سون جو ڪنگڻ آهي.” واپاريءَ کي سندس ڌنڌي مان مسلسل فائدو ملندو رهي ٿو. دولتمندن جي دولت ختم سگهي ٿي، اعليٰ عهدا کسجي سگهن ٿا پر توهان مطالعي مان جيڪو علم پرايو ٿا سو ختم نٿو ٿي سگهي ۽ اهو قبر تائين گڏ رهي ٿو. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ڪو اهڙو مرتبو ماڻيو جيڪو توهان کان ڪو کسي نه سگهي ته پوءِ پاڻ ۾ وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهڻ جي عادت وجهو.
    * اهو ته ضرور ٻڌو هوندو ته “دنيا جي هر مرتبي ۽ دولت کان انسانيت تمام وڌيڪ آهي.” انسانيت کي جيڪڏهن لفظن ۾ بيان ڪجي ته اهو لفظ ايمانداري، ذهني بلوغت، رحمدلي، مروت ۽ خوش اخلاقيءَ جو مجموعو نظر ايندو. اهڙيون اتم خوبيون رکندڙن سان ئي معاشرو پيار ڪري ٿو. اهي سڀ خوبيون حاصل ڪرڻ جو بهترين وسيلو ڪتاب آهن. سو جيڪڏهن توها چاهيو ٿا ته توهان سان معاشري جو هر فرد پيار ڪري ته پوءِ وڌ کان وڌ ڪتاب پڙهندا رهو.
    ڪتاب پڙهڻ جو سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته ماڻهوءَ ۾ خودشناسي پئدا ٿئي ٿي. پڙهڻ سان توهان پنهنجي پاڻ کي ۽ پنهنجي صلاحيتن متعلق بهتر ڄاڻ حاصل ڪري سگهو ٿا. اسان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته ٿامس ايڊيسن ۽ البرٽ آئنسٽائن مشهور طبعيات جو ماهر جن نوبل انعام به حاصل ڪيا سي يونيورسٽي گريجوئيٽس نه هئا. هنن رڳو ڪتاب پڙهي پنهنجي پاڻ کي دريافت ڪيو هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته زندگيءَ ۾ ڪاميابيءَ جو دارومدار ڪتابن سان دوستيءَ سان لاڳاپيل آهي.
    ڄاڻ حاصل ڪرڻ جا به ڪيترائي طريقا آهن. جيئن اسين ليڪچر ۽ دستاويزي فلمن مان به ڄاڻ حاصل ڪري سگهون ٿا. هڪ مسئلو اهو به آهي ته ليڪچر وقت اسان کي موضوع تي گهڻو سوچڻ جو موقعو نٿو ملي ۽ اسان وٽ ملندڙ معلومات جي ڇنڊڇاڻ جو وقت به نه هوندو آهي. پر ڪتاب اسان کي ان جي مڪمل سهولت فراهم ڪري ٿو ۽ اسين ان کي بار بار پڙهي به سگهون ٿا. ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته “ڪتابن کان سواءِ گهر ايئن آهي جيئن روح کان سواءِ جسم.”

    ڪتابَ اڀياس ۾ اسان جي ڪيئن مدد ڪري سگهن ٿا؟
    جيئن اسين اڳ ۾ ئي چئي چڪا آهيون ته ڪتابَ ذهني مشق ۾ اسان جي تمام گهڻي مدد ڪن ٿا. پڙهڻ سان اسان جي يادداشت وڌي ٿي ۽ ساڳئي وقت اسان جي لفظن جي ذخيري ۾ به واڌارو ٿئي ٿو. انهن شين جي ڪري اسان ۾ فهم ۽ فراست پئدا ٿئي ٿي.
    اسان اڳ ۾ به ان جي نشاندهي ڪري چڪا آهيون ته اسڪولن ۾ به اسان کي تحريري مواد پڙهايو وڃي ٿو ۽ ان مان ئي امتحان ورتو وڃي ٿو. ٻوليءَ بابت ڄاڻ وڌائڻ جو جو اهو ڪارائتو وسيلو آهي. امتحان جي تياريءَ لاءِ به اسان کي ڪتاب ئي پڙهڻا پون ٿا.
    ڪتابن جو مطالعو رياضي يا فزڪس جهڙن مضمونن کي سمجهڻ ۾ اسان جي مدد پڻ ڪري ٿو. اهي اهڙا مضمون آهن جن کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي ذهني قوت، محنت ۽ سمجهه جي ضرورت پوي ٿي. پر ڪتاب انهن ڏکين مرحلن کي سمجهڻ ۽ ان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ ۾ به مددگار ثابت ٿين ٿا. اڄ جي وقت ۾ هر ٽيسٽ لاءِ ڪارڪردگيءَ جي ضرورت پوي ٿي. ان جو مطلب ٿيو ته اسان کي سوالن جا ترت جواب ڏيڻا پوندا ۽ مسئلن جي حل لاءِ هروقت تيار رهڻو پوندو. امتحان جي وقت منٽ سون کان به وڌيڪ قيمتي هوندا آهن. ان جي ڪري ضروري ٿي پوي ٿو ته هر شاگرد سوالن کي نه رڳو جلد سمجهي پر انهن جي جواب ڳولڻ ۾ به ڦڙت هجي. هاڻي امتحان ۾ ڪاميابيءَ لاءِ به مطالعو اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو.
    اسان کي ڪهڙا ڪتاب پڙهڻ گهرجن
    سڀ کان پهرين ته اسان کي اهو سمجهي ڇڏڻ گهرجي ته اسين اهڙي دنيا ۾ رهون ٿا جتي جانور به پنهنجي خوراڪ لاءِ پسند جا ٻوٽا ڳولين ٿا. اهڙي ماحول ۾ هڪ انسان کي مطالعي جي معاملي ۾ تمام گهڻي احتياط جي ضرورت پوي ٿي. ان لاءِ ابتدائي طور تي ته اسان کي وڏن کان ئي مدد وٺڻي پوندي ڇاڪاڻ ته اسين جنهن ماحول ۾ رهون ٿا اتي سچ، اخلاقي قدرن ۽ موقعن کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته اسان کي هر ان موضوع تي ڪتاب پڙهڻ گهرجن جنهن ۾ اسين سڀ کان وڌيڪ دلچسپي رکون ٿا.
    ان بابت اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جن جو هي فرمان تمام گهڻي اهميت رکي ٿو ته “آئون خدا کان هر اهڙي ڄاڻ کان پناهه گهران ٿو جنهن جو ڪو به فائدو نه آهي.” تاريخ جي مطالعي مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته هر اها قوم ۽ تهذيب تباهيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي جنهن جي نوجوان نسل جي ذهن ۾ بيڪار ڄاڻ ڀريل رهي آهي. ان ڪري اهو ضروري ٿي وڃي ٿو ته اسان کي اهڙن ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ گهرجي جيڪي نه رڳو اسان جي ذهانت ۾ واڌارو ڪن پر اسان جي دل کي به سڪون بخشين. اسان کي اهو به نه وسارن گهرجي ته انسان کي جسم سان گڏ روح به عطا ڪيل آهي.
    بدقسمتيءَ اسان جي آباديءَ جي اڪثريت کي ڪتابن جي مطالعي جي عادت ڪانهي. توهان ٿورو پنهنجي چئوڦير نظر ڊوڙايو ۽ ڏسو ته اهڙا ڪيترا ڪٽنب آهن جيڪي پاڻ مطالعي جو شوق رکن ٿا ۽ پنهنجن ٻارن کي به مطالعي لاءِ همٿائين ٿا. ان مان خبر پوي ٿي ته جيئڻ لاءِ خوراڪ ۽ پاڻيءَ سان گڏ جنهن اهم شيءِ جي ضرورت پوي ٿي ان کان اسين ڪيترو پري آهيون. والدين هڪ وڏي بنيادي غلطي اها ڪن ٿا ته هُو سمجهن ٿا ته سندن ٻارن جي علم لاءِ درسي ڪتاب ئي ڪافي آهن. هُو بس رڳو ٻارن کي اسڪول موڪلي اهو سمجهن ٿا ته سندن فرض پورو ٿي ويو. پر شايد اهو درست نه آهي، درسي ڪتابن ۾ رڳو بنيادي معلومات ئي هوندي آهي پر ماحول کي مڪمل طور سمجهڻ لاءِ ان کان وڌيڪ علم جي ضرورت پوي ٿي. سڀ کان اهم معلومات جيڪا اسان کي گهربل هوندي آهي سا آهي پنهنجي شخصيت بابت معلومات. ڇا اسان ڪڏهن پنهنجي وجود ۽ پنهنجي آخري منزل بابت به سوچيو آهي؟ هر گذرندڙ ڏينهن اسان کي موت ڏانهن وڌيڪ ويجهو ڪندو وڃي ٿو. ڇا ان ماحول ۾ اسين چئي سگهون ٿا ته اسان موت جي لاءِ مڪمل تياري ڪري ڇڏي آهي؟ اسين مسلمان آهيون ۽ اسان کي انهن مڙني معاملن بابت لازمي طور تي سوچڻ گهرجي. اسان کي پنهنجي دين بابت مڪمل معلومات هجڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪو غيرمسلم اسان کان اسان جي عقيدي متعلق ڪو سوال ڪري ته اسان کي ايتري ڄاڻ هجڻ گهرجي ته کيس اطمينان جوڳو جواب ڏئي سگهون. بدقسمتيءَ سان اڄ اسين مسلمان هجڻ جي دعويٰ ته ڪريون ٿا پر پنهنجي دين بابت مناسب ڄاڻ به نٿا رکون. هاڻي ان کان وڌيڪ فطري ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي ته جڏهن ڪو ٻار علم حاصل ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته کيس درسي علم سان گڏ مناسب ديني تعليم به ڏني وڃي.
    ڪتاب پڙهڻ
    قرآن پاڪ ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پياري پيغمبر ﺾکي هيءُ چوڻ جي ترغيب ڏئي ٿو: “اي خدا، منهنجي علم ۾ واڌارو فرما ......” (طٰحٰه 114). هن ڪائنات جي رازن جي ادنيٰ ترين کان وٺي اعليٰ ترين ڄاڻ اسان کي خالق ڪائنات جي مدد سان ئي حاصل ٿي سگهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو خدا پنهنجن ٻانهن کي دعا گهرڻ وقت علم ۾ واڌاري جي دعا گهرڻ جي به هدايت ڪري ٿو. ٻي مخلوقات جي ڀيٽ ۾ انسان اهڙي مخلوق آهي جيڪو مڪمل طور غافل پئدا ٿئي ٿو. بهرحال اسان کي اها سگهه عطا ڪيل آهي ته اسين تڪميل جي راهه تي هلندي هروقت ڄاڻ حاصل ڪندا رهون ٿا. انسان سڄي زندگيءَ ۾ ظاهري توڙي باطني دنيا ۾ ٿيندڙ حيرت انگيز واقعن کي سمجهڻ ۽ انهن جو مطلب تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو. اسان جي اندر جي هورا کورا اسان جي ذهن ۾ پئدا ٿيندڙ سوالن جا جواب ڳولڻ ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي مجبور ڪري ٿي. اها اُڻ تُڻ اسان کي ان ذات ڏانهن رجوع ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي جيڪا ڪل علم الغيب جو به مڪمل علم رکندڙ آهي ۽ هر علم ۾ يڪتا آهي.
    هڪ دلچسپ حقيقت اها به آهي ته قرآن شريف جي ابتدا ئي “اقراء” يعني پڙهه سان ٿئي ٿي. هتي اها وضاحت نه ڪئي وئي آهي ته ڪهڙي قسم جون لکڻيون پڙهه، جنهن مان اها مراد ورتي وڃي ٿي ته هر اهو علم حاصل ڪر جيڪو توهان جي تشنگي دور ڪري. سائنس، ادب، سوشيالاجي يا ٻيو ڪو به رخ جنهن بابت توهان ڄاڻڻ چاهيو ٿا ان بابت پڙهو. قرآن جي ان ابتدائي هدايت مان اها به خبر پوي ٿي ته الله پاڪ جي ذات وٽ پڙهڻ جي ڪيتري اهميت آهي. ان مان اهو مطلب به نڪري ٿو ته علم جو ڪوبه ڇيهه نه آهي.
    مسلمانن شروعات ۾ قرآن شريف جي ان هدايت کي سمجهيو ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي مئدان ۾ حيرت انگيز ڪارناما سر انجام ڏنا. ان باري ۾ فرانز روزينٿل هيءُ دلچسپ بيان ڏنو “دنيا جي ڪنهن به مذهب علم ۽ مهارت حاصل ڪرڻ ۽ مذهب ۽ سائنس کي سمجهڻ تي ايترو زور نه ڏنو آهي جيترو اسلام ڏنو آهي.” ان لاءِ هتي اسين اهي چند مثال پيش ڪرڻ چاهينداسين جن فرانز روزينٿل کي اها راءِ قائم ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    اندلس جي سلطان الحڪم ڏور ڏيهن تائين سوداگر اماڻيا ۽ کين رقم به ڏني ته جتي به ڪو نئون ڪتاب ڏسن ته خريد ڪري کڻي اچن. انهن ڪتابن جو وڏو ذخيرو اندلس ۾ موجود هو. فرانس جي مشهور فزڪس جي ماهر پي. ڪيوري چيو “اندلس مان حاصل ڪيل 30 ڪتابن جي ڪري ئي اسين ائٽم کي تقسيم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿياسين. پنج لک ڪتاب جن کي محفوظ ڪيو ويو هو انهن جي ڪري اڄ اسان لاءِ خلا جو سفر ممڪن ٿي سگهيو آهي.”
    ڏهين صديءَ جي شروعات ۾ ڪارڊوبا جي لائبريرين ۾ ڇهه لک ڪتاب موجود هئا. ٻئي طرف فرانس جي بادشاهه چارلس پنجم جي لائبريريءَ ۾ 900 ڪتاب موجود هئا. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته کيس يورپ جو سڀ کان تعليم يافته بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. بغداد ۾ مامون الرشيد جي لائبريريءَ ۾ ڏهه لک ڪتاب موجود هئا. اهو به هڪ ريڪارڊ آهي ته سندس ڏينهن ۾ بغداد جي ڪل آباديءَ جو ٽيون حصو مطالعي جو شوق رکندڙ هو.
    جڏهن ترڪيءَ تي هارون الرشيد فتح حاصل ڪئي ۽ بازنطيني فوج کي مامون الرشيد شڪست ڏني ته هنن انهن ملڪن ۾ پڙهو ڏياريو ته جنهن وٽ به ڪي علمي ڪتاب آهن ته کڻي اچي کيس ان جو معاوضو ڏنو ويندو. ٻنهي بادشاهن سون جي سڪن بدران هٿ سان لکيل ڪتابي نسخن جي فرمائش ڪئي. سلطنت عثمانيه ۾ به ڪتابن کي ايتري ئي اهميت حاصل رهي. ملڪن جي فتح وقت سلطنت عثمانيه جي بادشاهن اتي موجود ڪتابن جون فهرستون گهريون هيون. اهو به چيو وڃي ٿو ته بادشاهه سليم اول جڏهن مصر تي ڪاهه ڪئي هئي تڏهن ساڻس گڏ هڪ اٺ به هو جنهن تي صرف ڪتاب لڏيل هئا.
    هاڻي اچو ته ٿورو اڄ جي دنيا تي غور ڪريون، بدقسمتيءَ سان مسلمان جي حيثيت ۾ اسان جي پڙهڻ ڏانهن ايتري رغبت نه آهي جيتري اسان جي وڏن جي هئي. اڄ اسان جي ڪتابن ۾ ڪا به دلچسپي نه رهي آهي، اڄ اسين ڄاڻ لاءِ ٽيليويزن کي ترجيح ڏيون ٿا ۽ ان وسيلي جيڪا ڄاڻ ڏني وڃي ٿي سا رڳو 15 سالن جي عمر جي ٻارن جي سطح جي آهي. ٽي ويءَ ذريعي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۾ ان ڪري ڏکيائي پيش اچي ٿي جو اسڪرين تي هلندڙ تصوير اسان جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ٿي جنهنڪري يڪسوئي برقرار نٿي رهي. ٻئي طرف وري مخصوص نظريا رکندڙ ڌريون ان ڄاڻ تي اثرانداز پڻ ٿين ٿيون. ان لحاظ کان ڪتاب ئي ڄاڻ جو بهتر وسيلو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڏسجي ته ميرِڪ جنهن ڏينهن رات ڪتاب پڙهڻ جي ڪري پنهنجي اکين جو نور وڃائي ڇڏيو ۽ علي اميري آفندي جنهن چيو “اهڙيون ڪئين راتيون منهنجي زندگيءَ ۾ گذريون آهن جڏهن ڪتاب پڙهندي پڙهندي مون کي سج اڀري ويو هجي.” اهي ڳالهيون ظاهر ڪن ٿيون ته مطالعي جي ڪيتري اهميت آهي.
    اڄ جي ماڻهن جي ذهن تي رڳو روزمرهه جي اهڙين ڳالهين جو غلبو آهي جن مان ڪجهه به حاصل ڪري نٿو سگهجي. تعليم جي ته ڪڏهن به منع نه ڪئي وئي آهي اسان کي ته پينگهي کان قبر تائين تعليم حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. بهتر آهي اسين ٽي وي تي رنگين تصويرون ڏسڻ کان ڪجهه مهلت حاصل ڪري اهو وقت ڪتاب پڙهڻ ۾ گذاريون.
    توهان ڏٺو هوندو ته اهڙا ماڻهو جن ۾ مطالعي جي عادت آهي تن جي شخصيت ٻين کا ڪجهه الڳ هوندي آهي ۽ هُو جڏهن ڳالهائيندا آهن ته سندن لهجو اثرائتو ۽ وزندار هوندو آهي. هنن وٽ لفظن جي کوٽ نه هوندي آهي ۽ نه ئي وٽن معلومات جي ڪا ڪمي هوندي آهي. هو ڏاڍا ڪارآمد نظر ايندا آهن ۽ نئين سوچ نوان خيال رکندڙ هوندا آهن.
    مطالعي جو هڪ ٻيو رخ
    انسانذات جي لاءِ تعليم تمام گهڻي اهميت رکي ٿي ۽ ان سان ئي اسين پنهنجي پاڻ بابت آگاهي حاصل ڪري سگهون ٿا. زندگيءَ جي بهتر رٿابنديءَ جو واحد ذريعو تعليم ئي آهي. تعليم اسان کي سماج ۾ هڪ مقام ڏياري ٿي. ابتدائي تعليم کان يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪرڻ تائين 15 سالن جو عرصو لڳي ٿو ۽ ڀرپور تياريءَ لاءِ اهو تمام گهڻو وقت آهي. اسان جي مذهب ۾ موت کان پوءِ واري زندگيءَ جو به ذڪر آهي تعليم ان جي تياريءَ ۾ به مدد ڪري ٿي. مطلب ته مذهبي لحاظ کان به تعليم تمام گهڻي اهميت رکي ٿي. هر مسلمان لاءِ ضروري بڻجي وڃي ٿو ته پنهنجي آخرت اجارڻ لاءِ علم حاصل ڪري. جيڪڏهن علم مثبت هوندو ته اڳتي ان جو نتيجو به مثبت ئي ملندو ۽ جيڪڏهن علم منفي هوندو ته اڳتي ان جو نتيجو به منفي ئي ملندو. اسان کي آخرت ۾ ئي خبر پوندي ته اسان پنهنجو وقت اجايو وڃائي ڇڏيو ۽ علم حاصل ڪرڻ کان غافل رهياسين. اسان کان پڇاڻو ٿيندو ته اسان دين بابت ڪيتري آگاهي حاصل ڪئي. آخرت ۾ ڏمر جو شڪار ٿيڻ کان بهتر آهي ته اسين دنيا ۾ ديني علم به حاصل ڪريون. اهو اسان جي لاءِ ضروري آهي ته دنياوي علم سان گڏ ديني تعليم پڻ حاصل ڪريون. موت هڪ وڏي سچائي آهي ۽ اهو هر ڪنهن لاءِ ضرور اچڻو آهي. اسان کي ان لاءِ هروقت تيار رهڻ کپي.
    حتمي لفظ
    اسان تعليم جي اهميت ۽ افاديت تي ته گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ هاڻي اچو ته ان جا ڪجهه مثال پيش ڪريون: 1945ع جي آخر ڌاري جاپان هڪ تباهه حال ملڪ هو. آمريڪا جي ائٽمي حملن سڄي ملڪ کي کنڊر بڻائي ڇڏيو هو. اڄ جاپان ايتري ته ترقي ڪئي آهي جو آمريڪي معيشت تي به غلبو حاصل ڪري ورتو آهي. ان مان اندازو لڳايو ته جاپان ۾ رڳو هڪ اخبار جون روزانو 11 ملين ڪاپيون وڪامن ٿيون جڏهن ته سڄي ترڪيءَ ۾ سمورين اخبارن جون ڪل 4 ملين ڪاپيون وڪامن ٿيون. يعني جيڪي پڙهڻ جو شوق رکن ٿا سي جلد ئي ڏکين حالتن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺن ٿا ۽ خوشحالي سندن منتظر رهي ٿي.
    سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ جڏهن سلطان سليم اول اڃا شهزادو هو تڏهن هو 3 ڪلاڪ سمهندو هو ۽ 8 ڪلاڪ پڙهندو هو. اڄ جي هڪ سروي مطابق ترڪيءَ ۾ پڙهيل نوجوانن جي 69 سيڪڙو کي ڪتاب جو عنوان به ياد نه هوندو آهي. لينن جنهن عظيم روس جو بنياد وڌو سو سائبيريا جي رت ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ ڪارل مارڪس جا لکيل ڪتاب پڙهندو هو. هاڻي اسان جو پنهنجي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ دنيا جي قديم ۽ حسين ترين تهذيب جا وارث هجڻ جي باوجود اسان جي علم ڏانهن ڪا خاص رغبت نه آهي. علم کان سواءِ اسين پنهنجي ڄاڻ کي عمل ۾ ڪيئن بدلائي سگهنداسين؟ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسين پنهنجي پاڻ کان علم بابت ضرور سوال ڪريون ۽ جيڪڏهن مناسب سمجهون ٿا ته پوءِ پاڻ ۾ مطالعي جو شوق پئدا ڪريون.


    باب پهريون

    1. دريءَ مان اندر جو منظر
    فن جو هر شاهڪار ڊزائننگ واري عمل جو نتيجو آهي ۽ هر ڊزائن مان ان جي تخليقڪار جي مهارت جي خبر پوي ٿي. شاعريءَ مان ڪنهن شاعر، عمارت مان ڪنهن اڏيندڙ ۽ راڳ مان ان جي بنياد وجهندڙ جو ڏس ملي ٿو. تاج محل هجي يا نيري مسجد هجي اهي فن جا شاهڪار نظر اچن ٿا ۽ اهي ڪنهن ماهر تخليقڪار جي پڻ نشاندهي ڪن ٿا. هرماڻهوءَ کي انفرادي طور تي ڪجهه صلاحيتون عطا ڪيل هونديون آهن ۽ جيڪي انهن صلاحيتن جو اظهار ڪري سگهندا آهن سي ئي دنيا ۾ مشهور ٿيندا آهن. اهو مقام ماڻڻ لاءِ شوق، محنت ۽ مسلسل جاکوڙ جي ضرورت پوي ٿي. ڇا اسين اهو تسليم ڪري سگهون ٿا ته تاج محل بنا ڪنهن اڏيندڙ جي وجود ۾ اچي ويو؟ مونا ليزا واري تصوير بنا ڪنهن آرٽسٽ جي جنم ورتو؟ ڪا شاعري بنا ڪنهن شاعر جي پاڻمرادو تخليق ٿي وئي؟ يقيني طور اها ٻاراڻي ڳالهه لڳندي ته ڪنهن شيءِ جو ڪو خالق نه هجي ۽ اها پاڻمرادو وجود ۾ اچي وئي هجي. جڏهن فن جو هر شاهڪار اسان کي ڪنهن فنڪار يا ڪنهن آرٽسٽ يا ڪنهن ڪاريگر جي ياد ڏياري ٿو ته پوءِ هن ڪائنات جا عظيم نظارا، فطرت جا عظيم شاهڪار ۽ خلا جا عظيم منظر ڇا اسان کي ڪنهن عظيم ذات، ڪنهن مختيارڪُل جي ياد نٿا ڏيارين؟ بلڪل ياد ڏيارين ٿا ۽ ان لاءِ اکين جي هجڻ يا نه هجڻ جو به ڪو شرط نه آهي.
    يقيني طور ڪائنات جي هر مخلوق پنهنجي منفرد وجود ذريعي ان طرف اشارو ڪري ٿي ته کين وجود بخشيندڙ ڪا اهڙي اعليٰ ذات ضرور موجود آهي جيڪا بلڪل قادر مطلق آهي. ان کان انڪار ته ممڪن ئي نه آهي ڇاڪاڻ ته انڪار کان اڳ ۾ ان ذات جي شاهدي ڏيندڙن کي خاموش ڪرڻو پوندو جيڪو ڪنهن به طور ممڪن نه آهي.

    2. ڇا ڪا پُل پاڻمرادو ٺهي سگهي ٿي؟
    امام اعظم ابو حنيفه هڪ عظيم مسلمان دانشور ٿي گذريو آهي سندس پوئلڳ حنفي سڏجن ٿا. چون ٿا ته هُو ننڍپڻ کان ئي تمام ذهين هوندو هو. هڪ ڏينهن بغداد ۾ جتي ابو حنيفه رهندو هو هڪ اجنبي آيو جنهن کي پنهنجي علم تي تمام گهڻو ناز هو. هن بغداد واسين کا سوال ڪيو ته هتي ڪو اهڙو عالم آهي جيڪو منهنجي آڏو خدا جي وجود کي ثابت ڪري سگهي. ماڻهن چيو ته ها ابو حنيفه نالي هڪ نينگر آهي جيڪو تو کي ان جو جواب ڏئي سگهي ٿو. جڏهن ابو حنيفه ان شخص جي سامهون آيو ته هُن ڏاڍي غرور مان ننڍڙي نينگر ڏانهن نهاري چيو ته ان جي هاڻي ئي خبر پئجي ويندي.
    ماڻهن جو هڪ وڏو هجوم گڏ ٿي ويو ۽ اهو اجنبي شخص هڪ اوچي مسند تي چڙهي ويٺو ۽ ابو حنيفه هيٺ ماڻهن سان گڏ سندس سامهون بيهي رهيو. اوچتو ابو حنيفه چيو “افسوس ان بحث لاءِ مددگار ڪتاب ته گهر رهجي ويا آهن، جيڪڏهن اجازت ڏيو ته اهي کڻي اچان ته پوءِ مناظرو شروع ڪريون.”
    اهڙيءَ طرح امام ابو حنيفه اجازت وٺي گهر روانو ٿيو ۽ تمام گهڻو وقت گذري ويو پر هُو واپس نه موٽيو. ماڻهن ۾ بيچيني پکڙڻ لڳي ۽ هو سوچڻ لڳا ته ڪٿي هُنن ابو حنيفه جي چونڊ ڪري وڏي غلطي ته نه ڪئي آهي. هاڻي شايد هو واپس نه اچي. وري به کين اهو خيال ٿي آيو ته ابو حنيفه اڄ ڏينهن تائين واعدي خلافي نه ڪئي آهي. بهرحال چڱو وقت گذرڻ کان پوءِ ابو حنيفه سهڪندو اچي پهتو. ابو حنيفه جي دير ڪرڻ جي ڪري اجنبي شخص خوشفهميءَ جو شڪار ٿي رهيو هو ته سندس ڪاميابي يقيني آهي. ابو حنيفه جي واپس پهچڻ تي هن سوال ڪيو “ايتري دير ڪري ڇڏيئي؟ شايد توکي پڪ آهي ته تون خدا جي وجود کي ثابت نه ڪري سگهندين.”
    ابو حنيفه وراڻيو “خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ ڪو وڏو مسئلو نه آهي. اصل ۾ آئون دريا جي پرئين ڪپ تي رهان ٿو. جيئن ئي دريا جي ڪپ تي پهتس ته اهڙو طوفان لڳو جو سڀ ٻيڙيون تباهه ٿي ويون ۽ سموريون پليون ڪري پيون.”
    اجنبي شخص چيو “پوءِ تون گهر ڪيئن پهتين؟
    ابو حنيفه چيو “اهو تباهيءَ جو منظر ته مون پري کان ڏٺو ۽ جيئن ئي ڪناري تي پهتس ته ڏٺم ته پٿر پاڻمرادو هڪ ترتيب سان گڏ ٿي رهيا آهن. اوچتو ئي اوچتو پل جو بنياد تيار ٿي ويو، پوءِ ڪاٺ جا ٽڪرا اڏامندا آيا ۽ پنهنجي جاءِ تي اچي بيهي رهيا. جنهن کان پوءِ ڪليون وسڻ لڳيون ۽ ڪاٺ جي ٽڪرن کي ڳنڍڻ لڳيون. مسلسل هر شيءِ هڪ ترتيب سان ڳنڍبي رهي ان جي نتيجي ۾ اوچتو سڄي پل تيار ٿي وئي ۽ آئون هتي واپس پهچي ويس.
    اها ڪهاڻي اتي موجود هر شخص ڏاڍي حيرت مان ٻڌي ۽ اجنبي طنزيه انداز ۾ چيو “ڇا اهو بهتر نه آهي ته ننڍڙي ڇوڪري بدران اوهين ٻيو ڪو عقلمند ماڻهو ڳوليو؟ مون وٽ اهڙين چريائيءَ واري ڳالهين لاءِ ڪو به وقت نه آهي.”
    ابو حنيفه سوال ڪيو “منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڪهڙو حصو تو کي بيوقوفيءَ وارو لڳو؟”
    هُن وراڻيو “سڄي ڪهاڻي بيوقوفيءَ تي ٻڌل آهي. ڪا پُل پاڻمرادو ڪيئن ٺهي سگهي ٿي؟”
    ابو حنيفه چيو “هڪ سوال پڇڻ چاهيان ٿو ته پل جي ڀيٽ ۾ هيءَ دنيا ننڍي آهي يا وڏي؟”
    هن شخص چيو “بيشڪ هيءَ دنيا پل جي ڀيٽ ۾ وڏي ۽ تمام گهڻ رخي آهي.”
    هاڻي ابو حنيفه جو وارو هو “تنهنجي دعويٰ آهي ته هڪ پل جيڪا تمام ننڍي ۽ ٺاهڻ تمام آسان آهي سا پاڻمرادو اڏجي نٿي سگهي. ان لاءِ هڪ آرڪيٽيڪٽ جي ضرورت پوي ٿي ته پوءِ اها دعويٰ ڪيئن ٿو ڪرين ته هيءَ وشال ڪائنات بنا ڪنهن خالق جي وجود ۾ اچي وئي؟”
    اجنبي شخص پنڊ پهڻ ٿي ويو ۽ ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ هو چوڻ لڳو “چڱو ٺيڪ آهي اهو مڃيان ٿو ته هيءَ ڌرتي ٺاهيندڙ ڪا هستي آهي.”
    ابو حنيفه چيو “بلڪل اها هستي خدا جي ذات آهي.”
    اجنبي شخص ککو وکو ٿي ويو پر پوءِ به هن خيال ڪيو ته بحث اڳتي وڌائڻ گهرجي سو سوال ڪيائين “جيڪڏهن خدا آهي ته پوءِ اهو اسان کي ڏسڻ ۾ ڇو نٿو اچي؟”
    ابو حنيفه ايئن مرڪڻ لڳو ڄڻ ته هُن ڪو ٻاراڻو سوال ڪيو هجي، پوءِ چوڻ لڳو “ان سوال جو جواب به ڏيندس پر گهڻي دير ٿي وئي آهي سو پهرين اچ ته ٿورو گرم کير پيون ۽ آرام ڪريون پوءِ ڳالهه کي اڳتي وڌايون ٿا.”
    ٻه گلاس کير جا اچي ويا ۽ ان ۾ ملائڻ لاءِ ماکي به آندي وئي. پهرين اجنبي شخص پنهنجي کير ۾ ٿوري ماکي ملائي ۽ پوءِ ماکي ابو حنيفه ڏانهن وڌائي. ابو حنيفه پنهنجي کير ۾ ماکي ملائڻ کان پوءِ ماکيءَ جو ٻيو چمچو ڀري اجنبي شخص جي کير واري گلاس ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته اجنبي شخص چيو “نه مهرباني، آئون کير ۾ ماکي ملائي چڪو آهيان.” پر ابوحنيفه ضد ڪرڻ لڳو ته کير ۾ ماکي نظر نٿي اچي تنهنڪري هُو ان ۾ وڌيڪ ماکي ضرور ملائيندو. جنهن تي اجنبي شخص ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چوڻ لڳو “آئون توکي ٻڌائي چڪو آهيان ته مون کير ۾ مٺاڻ ملائي ڇڏيو آهي!”
    ابو حنيفه چيو “مون کي يقين نٿو اچي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ مٺاڻ نظر ئي نٿو اچي.”
    اجنبي شخص وراڻيو “تو کي آخر مون تي اعتبار ڇو نٿو اچي!”
    ابو حنيفه چيو “ڇاڪاڻ ته مون کي جيڪا شيءِ نظر نٿي اچي ان تي اعتبار نٿو ڪري سگهان.”
    اجنبي شخص چيو “تو کي کير ۾ مٺاڻ نظر نه ايندو ڇاڪاڻ ته اهو کير ۾ شامل ٿي ويو آهي. ان جو اندازو لڳائڻ لاءِ توکي کير چکڻو پوندو. تون آخر منهنجي سوال جو جواب ڏيڻ بدران اجايون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين.”
    ابو حنيفه چيو “ان سوال جو جواب ته تو پاڻ ڏئي ڇڏيو آهي ته مٺاڻ کير ۾ ملي چڪو آهي ۽ ان بابت خاطريءَ لاءِ اسان کي مختلف طريقن سان ڳولڻو پوندو. بيشڪ اسان کي الله نظر نٿو اچي پر اسين کيس سندس مخلوق ۾ ڳولي سگهون ٿا. هن ڪائنات ۾ جيڪي ڪجهه ٿئي ٿو اسين جڏهن ان جا سبب ڳولڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته خبر پوندي ته انهن سڀني جي پويان خدا جي ذات موجود آهي. تنهنجي اها حالت آهي جو مٺاڻ کير ۾ ملائڻ کانپوءِ ان کي ڏسي نٿو سگهين ته پوءِ انهن اکين سان هن مخلوق ۾ خدا کي ڪيئن ڏسي سگهندين. جيڪڏهن تون خدا کي ڏسڻ چاهين ٿو ته پوءِ اندر جون اکيون کول جيڪي تنهنجي منهن تي اکيون موجود آهن انهن سان نه ڏسي سگهندين. ڇاڪاڻ ته اهي رڳو محدود حد تائين ڏسي سگهن ٿيون.”
    هاڻي اجنبي شخص کي ڀڄڻ کانسواءِ ڪا واٽ نظر نٿي آئي. ڪجهه دير سوچڻ کان پوءِ چوڻ لڳو “چڱو آئون مڃيان ٿو ته خدا موجود آهي ۽ نظر به نٿو اچي. بس منهنجي آخري سوال جو جواب ڏي ته اهو خدا جيڪو صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو سو هن وقت ڇا پيو ڪري؟”
    ابو حنيفه چوڻ لڳو ته ان سوال جو جواب تمام آسان آهي پر ان جو جواب آئون تڏهن ڏيندس جڏهن آئون تنهنجي جاءِ تي هجان ۽ تون منهنجي جاءِ تي هجين. ان تي اهو شخص وائڙو ٿي ويو ۽ پنهنجي جاءِ تان اٿي هيٺ اچي ابو حنيفه جي جاءِ تي بيٺو ۽ امام ابو حنيفه مٿي مسند تي ويهي چوڻ لڳو “خدا هڪ وڌيڪ مشرڪ کي سندس جاءِ تان هيٺ لاهي هڪ ٻار جي جاءِ تي آڻي بيهاريو آهي ۽ هڪ ٻار کي سندس مقام عطا ڪري اهو تماسو ڏسي رهيو آهي.”
    ان جي نتيجي ۾ اجنبي شخص مڪمل طور لاجواب ٿي ويو ۽ اتي ئي اسلام قبول ڪري مسلمان ٿيو.

    3. خدا جي وجود بابت وڌيڪ شاهديون
    الف. هيءَ ڪائنات فاني آهي: ٿرمو ڊائنامڪس جي ٻئي نمبر قانون مطابق هن ڪائنات ۾ توانائي مسلسل خارج ٿي رهي آهي. جنهن جو مطلب آهي ته گرمي پد، دٻاءُ ۽ ڪثافت ۾ فرق ان جو ئي نتيجو آهي ۽ اهو ايتريقدر جو ان جي هئيت تي به اثرانداز ٿي رهيو آهي. توانائي جو اهو اخراج هڪ ڏينهن نيٺ ان توانائيءَ جي خاتمي جو سبب بڻجندو ۽ هن ڪائنات جو حرڪي موت واقع ٿي ويندو. جيڪڏهن هيءَ ڪائنات ابدي هجي ها ته مرحليوار هجي ها ۽ هڪ مرحلو ختم ٿيڻ تي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي وڃي ها. پر ٿرمو ڊائنامڪس جو قانون ٻڌائي ٿو ته هن ڪائنات جي هڪ ابتدا آهي. جنهن به شيءِ جي ابتدا آهي تنهن جي انتها لازم آهي.
    ب. اليڪٽران: هر مادي ۾ اليڪٽران موجود هوندا آهن جيڪي مسلسل حرڪت ۾ رهن ٿا. اها مسلسل حرڪت مادي جي هئيت ۾ بدلاءُ پئدا ڪري ٿي. جيڪڏهن مادو لافاني هجي ها ته اها حرڪت به پنهنجا مرحلا مڪمل ڪندي رهي ها. جديد تحقيق مان اهو پڻ ظاهر ٿيو آهي ته مادي جي ائٽم ۾ موجود اليڪٽران، پروٽان ۽ نيوٽران وغيره جي هڪ عمر متعين آهي. جنهن مان خبر پوي ٿي ته مادو فاني آهي.
    ت. اسان جي سج ۾ 564 ملين ٽن هائيڊروجن هر سيڪنڊ ۾ هِيليم گئس ۾ تبديل ٿيندي رهي ٿي. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته اسان جي سج جي ڪثافت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ هر منٽ ۾ ان جو 240 ملين ٽن مادو خرچ ٿي رهيو آهي. اهو به ڪاٿو لڳايو ويو آهي ته ڪنهن به تاري جي سراسري عمر ڏهه ارب سال آهي. هن ڪائنات ۾ اربين ستارا آهن. جيڪڏهن هيءَ ڪائنات ابدي هجي ها ته انهن ستارن جو خاتمو نه ٿئي ها پر انهن جو رڳو مرحلو مڪمل ٿئي ها. جنهن مان اها خبر پڻ پوي ٿي ته هن ڪائنات جي هڪ شروعات آهي.

    جيئن توهان ڏٺو ته ٿرمو ڊائنامڪس ۽ آسٽروفزڪس جي تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته مادو غير فاني نه پر فاني آهي.

    4. ڇا اهو ممڪن آهي ته مادو اتفاقي طور تي وجود ۾ اچي ويو هجي؟
    فرض ڪريو ته اسان جي ڪمري ۾ ٽي ڪتاب پيل آهن. هر ڪتاب تي هڪ نمبر لڳل آهي ۽ اهي 1، 2 ۽ 3 جي ترتيب سان پيل آهن. ڪمري ۾ رڳو هڪ انڌو ٻار موجود آهي. ڇا هاڻي اسين اهو فرض ڪري سگهون ٿا ته اهي ڪتاب ان انڌي ٻار ترتيب سان رکيا هوندا؟ جيڪڏهن ڪتابن جو تعداد ويهن تائين وڌائي ڇڏجي ته پوءِ اسان جي راءِ ڇا هوندي؟
    فرض ڪريو ته ڪنهن پبلشر وٽ لفظن جا 5 لک سيٽ موجود آهن ۽ اوچتو هوا لڳي ٿي ان مان ڪجهه اکر هيٺ ڪري پون ٿا، هاڻي فرش تي نطر وجهجي ته اهي اکر اهڙي ترتيب سان ڪريا آهن جو فرش تي جبل، لوڻ ۽ ڍنڍ جا لفظ ٺهي پيا آهن، ڇا اهو سڀ ڪجهه ممڪن نظر اچي ٿو؟ اسين ٿوري دير جي لاءِ ان جي ممڪنات کي مڃڻ لاءِ تيار به ٿي وڃون پر جيڪڏهن ڪو اها دعويٰ ڪري ته سڄو ڪتاب اتفاق سان اکر ڪرڻ جي ڪري ترتيب ۾ اچي ويو آهي ته پوءِ ڳالهه مڃڻ کان بنهه ٻاهر هوندي ۽ ان تي ڪير به يقين نه ڪندو.
    فرض ڪريو ته اسين ڪاغذ جي ڏهه ٽڪرن تي 1 کان 10 تائين ترتيب سان انگ لکون ٿا ۽ پوءِ انهن کي هڪ هڪ ڪري هوا ۾ اڇلايون ٿا هاڻي انهن جو ساڳي ترتيب سان زمين تي ڪرڻ جو چانس هڪ ارب جي ڀيٽ ۾ هڪ هوندو. جيڪڏهن انهن جو تعداد 12 ڪريون ته اها نسبت وڃي هڪ سئو ارب تي بيهندي. جيڪڏهن تعداد 22 ڪجي ته پوءِ اها نسبت وڃي ڏهه هزار اربن تائين پهچندي.
    جيڪڏهن اهو ناممڪن آهي ته ڪو انڌو شخص رڳو 20 ڪتاب نمبرن مطابق ترتيب سان رکي سگهي، جيڪڏهن اهو ناممڪن آهي ته ڪا مشين بنا ڪنهن مدد جي رڳو هڪ ڪتاب اتفاق سان درست ڇاپي سگهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هن ڪائنات جو هيءُ شاهڪار ڪتاب ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ اچي سگهي. اها ڪائنات جنهن ۾ قسمين قسمين رنگن ۽ خوشبوءِ وارا قسمين قسمين گل، مختلف شڪلين ۽ مختلف خوبين وارا جانور، شاندار طبعي خوبيون رکندڙ انسان، ڪهڪشائون ۽ ستارا جيڪي سڀ هڪ خاص ترتيب سان گردش ۾ آهن سي سڀ ڪنهن اتفاقي حادثي جو نتيجو هجن. “هن سڄي ڪائنات ۾ هڪ ترتيب ۽ هڪ تسلسل نظر اچي ٿو سو محض اتفاق نه آهي، ان سموري ترتيب جو خالق الله تعاليٰ آهي.”

    5. ماءُ ۽ پيءُ جا حق
    ماءُ ۽ پيءُ هن ڪائنات جون اهڙيون شخصيتون آهن جن جو احترام هر انسان تي لازم آهي. ساڻن بدسلوڪي خدا سان بدسلوڪيءَ جي مترادف آهي. جيڪي پنهنجي والدين کي رنجائين ٿا سي پاڻ به جلد ئي ان جو شڪار ٿيندا. انسان جڏهن نطفي مان ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ان وقت کان وٺي هو والدين تي بوجهه بڻجي ٿو. ان جو ڪير به ڪاٿو نٿو لڳائي سگهي ته والدين ڪيتري پيار ۽ پاٻوهه مان اولاد جي پرورش ڪن ٿا ۽ کين ڪيتريون تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. سندن محبتن جو ڪاٿو سکڻي تعلق مان نٿو لڳائي سگهجي. اهوئي سبب آهي جو والدين جو احترام اسان سڀني تي نه رڳو فرض آهي پر اسان کي ان جو ڦل به ضرور ملڻو آهي.
    اهي ماڻهو جيڪي والدين خوشنوديءَ کي خدا جي خوشنودي سمجهن ٿا سي دنيا ۽ آخرت ۾ سوڀارا رهن ٿا. جيڪي والدين جي وجود کي بار سمجهن ٿا ۽ ناقابل برداشت تصور ڪن ٿا سي تحقيق شيطان جا پوئلڳ آهن ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ سزا جا حقدار بڻجن ٿا.
    جيڪڏهن توهان اهو ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته ڪو شخص الله تعاليٰ جو ڪيترو احترام ڪري ٿو ته پهرين اهو ڏسو ته اهو شخص والدين جو ڪيترو احترام ڪري ٿو. ان مان بهتر اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان شخص جي دل ۾ خدا جي لاءِ ڪيترو احترام آهي. اڄ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي ماڻهو خدا سان محبت جي دعويٰ ڪن ٿا سي به والدين جو جوڳو احترام نٿا ڪن ۽ بيزاريءَ جو اظهار ڪن ٿا.
    ڪو شخص والدين جي لاءِ جيتري محبت ۽ فرمانبرداري جو اظهار ڪري ٿو ته والدين به ان جي روح جي ڇوٽڪاري لاءِ ان کان وڌيڪ ڪوششون ڪن ٿا. والدين پنهنجي ٻارن کي بهترين استادن جي حوالي ڪن ٿا. جڏهن ڪو شخص والدين کي نظرانداز ڪري ٿو ته ان کي والدين به نظرانداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهڙا ٻار ڏاڍا بدقسمت هوندا آهن.
    جيڪڏهن ڪو شخص سنئين واٽ تي هلي ٿو ته اهڙن ماڻهن جي والدين جي خوشيءَ جو ڪو ٺڪاڻو نه هوندو آهي. سٺا ڪٽنب ئي سٺي معاشري جي نشاني هوندا آهن. جنهن شخص کي پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪو مقام حاصل هوندو آهي ته معاشرو به ان کي احترام جي نظر سان ڏسندو آهي. ان مان اهو ظاهر ٿيو ته جيڪو والدين جو احترام ڪري ٿو ته معاشرو ان جو احترام ڪري ٿو.

    6. ماءُ جي دل
    ڪنهن زماني ۾ هڪ شخص هوندو هو جنهن کي هڪ پٿر دل حسينا سان عشق ٿي ويو هو. هڪ ڏينهن سندس محبوبا هڪ عجيب شرط رکيو. “آئون ڏسڻ چاهيان ٿي ته توکي مون سان ڪيتري محبت آهي، جيڪڏهن مون سان پيار ڪرين ٿو ته وڃ ۽ پنهنجي ماءُ جي دل ڪڍي آڻي مون کي ڏي.” اهو اهڙو شرط هو جنهن ان شخص کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو هو. هو ڏاڍو پريشان رهڻ لڳو. آخر جڏهن کيس اها پڪ ٿي وئي ته هو محبوبا کان سواءِ رهي نه سگهندو تڏهن هن ماءُ جي دل ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. هُو ڇري کڻي آيو ماءُ کي قتل ڪري سندس دل ڪڍي رومال ۾ ويڙهي تڪڙو تڪڙو محبوبا ڏانهن وڃڻ لڳو. اوچتو هُو ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ بي اختيار سندس وات مان آواز نڪتو “او.... امان”. ان تي ماءُ دل مان دانهن نڪتي “منهنجا پٽ تو کي گهڻو ڌڪ ته نه لڳو آهي؟” ته اها آهي ماءُ جي دل.

    7. ماءُ جي ممتا
    هڪ نوجوان عورت اسپتال ۾ هڪ پٽ کي جنم ڏنو، هن نرس کي چيو “آئون پنهنجي ٻچي کي ڏسي سگهان ٿي؟” نرس جيئن ئي ٻار ماءُ جي حوالي ڪيو ته هن پنهنجي ٻچي کي کڻي سيني سان لاتو پر جڏهن هن پنهنجي پٽ جو چهرو ڏٺو ته بلڪل پنڊ پهڻ ٿي وئي. ڊاڪٽر ۽ نرس به پريشان ٿي ويا ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳا. ڇاڪاڻ ته نئين ڄاول ٻار جا ڪن بلڪل نه هئا. ڪنن جي جاءِ تي خالي سوراخ هئا ۽ چڪاس مان خبر پئي ته ان سان ٻار جي ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر نه ٿيندي، بس رڳو ڪنن جي ظاهري شڪل موجود نه هئي.
    سال گذرندا رهيا، اهو ننڍڙو نينگر هاڻي اسڪول وڃڻ لڳو. هڪ ڏينهن هُو روئندو گهر آيو ۽ ماءُ کيس ڀاڪر پائي روئڻ جو سبب پڇڻ لڳي. ڇوڪرو روئندي چوڻ لڳو “اسڪول جا ٻار مون کي ڪُولو (بنا ڪنن وارو) سڏين ٿا.” ان جي ڪري نينگر جي پڙهائي متاثر ٿيڻ لڳي ۽ هو هروقت پريشان رهڻ لڳو. هُن جي سماجي زندگي متاثر ٿيڻ لڳي. کيس جيڪڏهن خدا اهو عيب نه ڏي ها ته هُو هڪ بهتر انسان بڻجي سگهي ها. اها ڳالهه والدين کان برداشت نه ٿي ۽ هنن هڪ ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو، جنهن ٻڌايو ته جيڪڏهن ان ڇوڪري کي ڪو ماڻهو پنهنجا ڪن ڏي ته سندس پلاسٽڪ سرجري ڪري سگهجي ٿي ۽ هُو هڪ مڪمل زندگي گذاري سگهي ٿو. سندس والدين هاڻي تمام گهڻو فڪرمند رهڻ لڳا ۽ گهڻي ڳولا جي باوجود کين ڪو اهڙو ماڻهو نه مليو جيڪو نينگر لاءِ پنهنجي ڪنن جو عطيو ڏي. اهڙيءَ طرح وڌيڪ ٻه سال گذري ويا. آخر هڪ ڏينهن والدين کيس خوشخبري ٻڌائي ته کين ڪنن جو عطيو ڏيندڙ ملي ويو آهي. هنن کيس ٻڌايو “پٽ تون هاڻي آپريشن جي تياري ڪر، اسان کي عطيو ڏيندڙ ملي ويو آهي پر هُن جو شرط اهي ته سندس نالو راز ۾ رکيو وڃي.”
    آپريشن ڪامياب ٿيو. ڇوڪري جي چهري تي ڪنن جو اضافو ڪاميابيءَ سان ٿي چڪو هو. هاڻي ڇوڪري جي زندگي بهتر گذرڻ لڳي. هُو اسڪول جي هوشيار شاگردن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. يونيورسٽيءَ مان ڪاميابيءَ سان ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ هُو سفارتڪار بڻجي ويو. والدين کان هُو مسلسل ڪنن جو عطيو ڏيندڙ بابت پڇندو رهيو پر کيس سدائين هڪ ئي جواب مليو ته اهو ٻڌائڻ ممڪن نه آهي ڇاڪاڻ ته ان راز کي ڳجهو رکڻ جو عهد ڪري چڪا آهن. اهڙيءَ طرح ان راز جي اپٽار نه ٿي سگهي.
    گهڻا سال گذري ويا ۽ هڪ ڏينهن ان نوجوان کي اطلاع مليو ته سندس والده فوت ٿي وئي آهي. هُو ڳوڙها ڳاڙيندو اچي جنازي ۾ شريڪ ٿيو. جنهن وقت کيس سندس والده جو آخري ديدار ڪرايو پئي ويو ان وقت سندس والد ميت جي چهري تان وارا هٽايا ته نوجوان دنگ رهجي ويو. ڇاڪاڻ ته سندس والده جا ٻئي ڪن غائب هئا. تڏهن سندس والد کيس ٻڌايو “تنهنجي ماءُ تنهنجي آپريشن کان پوءِ پنهنجا وار کليا رکندي هئي جنهن تي تو ڌيان نه ڏنو پر ان جو ڪارڻ اهو هو ته هُن پنهنجا ڪن توکي عطيي طور ڏيڻ کان پوءِ اهو طريقو اختيار ڪيو هو.” ان وقت ان نوجوان کي خبر پئي ته سندس حقيقي سونهن جو ڪارڻ ڪير بڻيو هو. ته اها آهي ماءُ جي ممتا جيڪا پنهنجي اولاد جي تڪليف ڪنهن به طور برداشت نٿي ڪري سگهي ۽ اولاد جي سک لاءِ پنهنجي سونهن به قربان ڪري سگهي ٿي.

    8 . طور طريقا
    عام طور عالمي اخلاقيات ۽ لڇڻن جي قائم اصولن مطابق سڀاءُ ۽ ڳالهائڻ جو انداز طور طريقن ۾ شمار ٿئي ٿو. کلڻ، ڳالهائڻ. اٿيڻ، ويهڻ کان ويندي بيهڻ ۽ روئڻ جو مناسب انداز سٺن طور طريقن ۾ شمار ٿئي ٿو. ابتدائي لحاظ کان والدين ئي طور طريقن جي تربيت ڏيندڙ ليکيا وڃن ٿا. مطلب ته ڪو ٻار جڏهن معاشري ۾ نئون نئون وارد ٿئي ٿو ته سندس طور طريقا اهي ئي هوندا آهن جيڪي کيس والدين سيکارين ٿا. جنهن بعد اسڪول ۽ معاشرو ٻار جي طور طريقن تي مثبت يا منفي اثر ڇڏين ٿا. پر اهو ياد رکڻ گهرجي جن ٻارن کي والدين طرفان بهتر طور طريقا سيکاريا وڃن ٿا تن تي ٻاهر جا اثر تمام گهٽ پون ٿا.
    اسلامي تعليمات مطابق سٺن طور طريقن کان سواءِ دين ۽ دنيا جو علم حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. اهو به سچ آهي ته سٺا طور طريقا ديني توڙي دنياوي تعليم جو بنيادي جز هوندا آهن. ان ابتدائي ڏاڪي کان سواءِ ڪوبه علم حاصل نٿو ڪري سگهجي.

    9. استادن جو احترام
    ساحل بن عبدالله جڏهن بصره ۾ رهندو هو ته ماڻهن ڏٺو ته هُو پنهنجي هڪ آڱر تي پٽي ٻڌيو گهمندو هو. جڏهن کانئس ان جو سبب پڇيو ويو ته هُن ٻڌايو ته آڱر ۾ تڪليف جي ڪري پٽي ٻڌي اٿس. تن ڏينهن ۾ بصره مان ڪو شخص مصر ويو ته اتي ڏٺائين مشهور ديني عالم ذوالنون مصري کي به آڱر تي پٽي ٻڌل هئي. پڇڻ تي خبر پئي ته کيس آڱر ۾ تڪليف آهي. پاڻ ساحل بن عبدالله جا استاد هئا ۽ جيڪڏهن استاد تڪليف ۾ هجي ته پوءِ شاگرد ڪيئن ٿو سک سان سمهي سگهي.
    ان واقعي کي گهڻا ڏينهن گذري ويا. هڪ صبح جو شاگرد جڏهن مڪتب ۾ آيا ته ڏٺائون ته ساحل بن عبدالله ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو آهي ۽ سندس ٽنگون کليل آهن. اهو اهڙو انداز هو جيڪو سندس شاگردن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هُن پنهنجي شاگردن کي چيو “اڄ جيڪي پڇڻو اٿو سو پڇو.” شاگردن سوال ڪيو “استاد محترم توهان پنهنجي اڄ جي انداز بابت ٻڌايو، ڇو ته اسان اوهان کي ان حال ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو آهي؟”
    ساحل بن عبدالله وراڻيو “هر شاگرد لاءِ تمام ضروري آهي ته پنهنجي استاد جي زندگيءَ ۾ پنهنجا طور طريقا بلڪل استاد جهڙا رکي.”
    ان جي ڪجهه دير کان پوءِ کين خبر پئي ته ذوالنون مصري لاڏاڻو ڪري ويو آهي.

    10. غلطيءَ کي درست ڪيئن ڪجي؟
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا ڏوهٽا امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام هڪ ڏهاڙي مسجد ۾ بيٺا هجن ته هڪ پوڙهو بدو نماز پڙهڻ لاءِ آيو. هُو جڏهن وضو ڪرڻ لڳو ته امامن ڏٺو ته هُو وضو درست نه پيو ڪري. کين خبر هئي ته وضوءَ جي وقت جيڪڏهن تر جيتري به غلطي ڪجي ته وضو نه ٿيندو ۽ جيڪڏهن وضو نه ٿيو ته نماز ڪانه ٿيندي.
    امام حسن عليه السلام پنهنجي ڀاءُ کي چوڻ لڳو “ اوهان ڏٺو ته هُن ٻانهون صحيح نه ڌوتيون آهن.”
    ايتري ۾ هُن شخص پير به صحيح نه ڌوتا ته امام حسين عليه السلام فرمايو ته هيءُ ڪراڙو شخص آهي جيڪڏهن کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته ٿي سگهي ٿو ته اسان کي ٻار سمجهي ناراض ٿي پوي. تنهنڪري هاڻي ٻيو طريقو اختيار ڪريون ٿا. پوءِ ٻئي امام گڏجي ان شخص وٽ آيا ۽ کيس چوڻ لڳا “اي بزرگ شخص اسان کي وضو درست نموني ڪرڻ نٿو اچي تنهنڪري اسين چاهيون ٿا اسين وضو ڪرڻ شروع ڪريون ته توهان اسان تي نظر رکو ۽ جتي غلطي ڪريون اتي اسان کي درست ڪرڻ جو حڪم ڏجو.” ان تي پوڙهو بدو راضي ٿي ويو ۽ ٻئي امام بلڪل درست نموني وضوع ڪرڻ لڳا. اهڙيءَ طرح ان شخص کي اهو اندازو به ٿي ويو ته هُن پاڻ وضوع وقت ڪٿي ڪٿي غلطي ڪئي هئي.
    پوڙهي بدو کي خبر پئجي وئي ته هي ٻار رڳو سندس غلطي سڌارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، تنهن امامن جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو “غلطي اوهان کان نه ٿي آهي پر اصل ۾ وضوع وقت مون کان غلطيون ٿيون هيون جيڪي اوهان درست ڪري ڇڏيون آهن.”
    ان ڪري اي منهنجا نوجوان ساٿيو توهان ڏٺو ته رڳو ڄاڻ هجڻ ڪافي نه آهي پر اصل معاملو اها ڄاڻ ٻين تائين پهچائڻ جو آهي. ٻين تائين ڄاڻ پهچائڻ جو طريقو انتهائي مناسب هجڻ گهرجي ته جيئن ڪنهن کي بيعزتيءَ جو احساس به نه ٿئي ۽ توهان ان تائين ڄاڻ پهچائي ڇڏيو. ٻين تائين اهڙيءَ طرح پهچايو جو ڪنهن جي دل آزاري نه ٿئي.


    باب ٻيو

    1. هڪ گهرڙو يا خليوگهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو
    انساني جسم جي هڪ گهرڙي يعني سيل جي طبعي بناوٽ، ان جا ٽشوز ۽ هر گهرڙي جو مختلف ڪم اسان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿو.
    ايپيٿيليم سيل انساني جسم جا بنيادي ٽشوز آهن پر ان جي باوجود اهي بلڪل ڪنهن ڪيميڪل فئڪٽريءَ وانگر ڪم ڪن ٿا. هو انساني جسم ۾ خوراڪ ذريعي داخل ٿيندڙ هزارين ماليڪيولز مان رڳو فائديمند ماليڪيولز جي چونڊ ڪن ٿا.
    رت جي اڇن جزن بابت توهان جو ڇا خيال آهي، جيڪي نه رڳو پنهنجي بناوت تبديل ڪندا رهن ٿا پرلڳ ڀڳ 30،000 مختلف قسمن جي ماليڪيولز جي سڃاڻپ ڪري ساڻن وڙهندا رهن ٿا.
    نيورون خلين کي ئي ڏسو ته اهي دماغ ۾ موجود هوندا آهن ۽ مختلف نوعيت جا اهڙا ڪم ڪن ٿا جن مان رڳو هڪ خليي جو ڪم ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ ڏهه لکن کان به وڌيڪ ڪمپيوٽرن جي ضرورت پوي ها.
    هزارين اهي خليا جيڪي گڏجي دل جي حفاظت لاءِ ديوار ٺاهين ٿا ۽ پاڻ ۾ يڪ جان ٿي بلڪل هڪ جسم وانگر حرڪت ڪن ٿا.
    جسم جي ڪنهن ڏورانهين حصي ۾ ڪنهن گهرڙي کي مدد جي ضرورت پوي ٿي ته اهڙا به خليا آهن جيڪي بنا وقت ضايع ڪرڻ جي گهربل امداد کڻي ان گهرڙي تائين پهچن ٿا ۽ بروقت مدد ڪري ان گهرڙي کي ٻيهر متحرڪ ڪري ڇڏين ٿا.
    اهي سموريون صلاحيتون جينياتي عمل سان تعلق رکن ٿيون ۽ اهي خاصيتون هڪ نسل کان ٻئي نسل ۾ منتقل ٿينديون رهن ٿيون. انهن خلين واري سرشتي کان ڪهڪشائن جي حيرت انگيز نظام تائين هر شيءِ ۾ بهترين تال ميل، تعلق ۽ ترتيب نظر اچي ٿي.
    اسان کي رڳو اهو ڪرڻو آهي ته پنهنجون اکيون کولي ائٽم کان ڪهڪشائن تائين ٿورو نظر ڦيرايون ۽ تحقيق ڪريون ته اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا اهو تال ميل برقرار رکيو اچي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انساني جسم ۾ انتهائي طاقتور خورد بين سان نظر ايندڙ خلين جي هڪ فوج موجود آهي جيڪا هر وقت جسماني نظام جي حفاظت ۾ مصروف آهي. اهو سڀ ڪجهه انتهائي بهترين رٿابندي ۽ عمل جو نمونو آهي. اها سموري ترتيب، تال ميل ۽ رٿابندي ڪنهن عظيم خالق جي نشاندهي ڪري ٿي.
    ٿورو انهن ساون وڻن بابت سوچيو ۽ ڏسو ته انهن جي بناوت ڪهڙي نه دلچسپ آهي. اها ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جيڪا اسين هوا ۾ پکيڙيون ٿا سا اسان لاءِ موتمار بڻجي وڃي جيڪڏهن اهي وڻ ٻوٽا اها پاڻ استعمال ڪري هوا کي صاف نه ڪن ها. اهي ساڳيا ئي ٻوٽا آهن جيڪي اسان کي غذائيت سان ڀرپور خوراڪ فراهم ڪرڻ جو به ذريعو آهن. ساڳيا ٻوٽا وري جانور کائين ٿا ۽ اهي اسان لاءِ پروٽين سان ڀرپور گوشت فراهم ڪرڻ جو ذريعو به آهن. ڏسو ته انسانذات جي بهتريءَ لاءِ خوراڪ جو ڪهڙو نه اعليٰ انتظام ڪيو ويو آهي. ايتريقدر جو اهي جانور جڏهن مرن ٿا ته سندن ڳريل گوشت ۽ هڏين مان بئڪٽيريا نڪري زمين ۾ شامل ٿي وڃن ٿا ۽ ڀاڻ جو ڪم ڏين ٿا.
    ٻوٽن، جانورن ۽ مادي جي اندروني رازن تان اڃا مڪمل طور پردو نه کڄي سگهيو آهي. انهن جي وچ ۾ هڪ لازوال تعلق نظر اچي ٿو. اهي سڀ هڪ برجستي پروگرام تحت متحرڪ نظر اچن ٿا. اهو سمورو تعلق ڪنهن ماهر پروگرامر جي نشاندهي ڪري ٿو.
    هيءَ سڄي ڪائنات هڪ مڪمل نظام ۽ ترتيب تحت هڪٻئي سان جڙيل آهي. مادي کان ڪهڪشائن تائين هر شيءِ هڪ واضح پروگرام تحت حرڪت ۾ آهي جيڪا گواهي ڏي ٿي ته ڪا اعليٰ ۽ ارفع ذات موجود آهي جنهن اهو سڀ کيل رچايو آهي. انسانن لاءِ ان ۾ واضح اشارا موجود آهن.

    2. جانور به ڪجهه رازن تان پردو کڻن ٿا
    ماکيءَ جي مک کي ڏسو ته ڪهڙيءَ طرح مانارو ٺاهي ٿي جنهن ۾ جاميٽريءَ جي شڪل جهڙا خانا هوندا آهن. ماکيءَ جي مک گلن جو رس چوسي آڻي انهن خانن ۾ ڀري ٿي ۽ سج جي روشني ان رس کي ماکيءَ ۾ تبديل ڪري ٿي. ماکيءَ جي مک کي اها سکيا ڪنهن ڏني ته اها سج جي روشنيءَ جو ايئن استعمال ڪري؟ هن کي گلن جي صحيح چونڊ ڪرڻ ڪنهن سيکاريو؟ هن کي ماکي ٺاهڻ جي سکيا ڪنهن ڏني ۽ ڪو معمولي جيت ان قسم جي معلومات ڪٿان حاصل ڪري سگهي ٿو؟ مڇر جيئن ئي اڏامڻ سکي ٿو ته چڪ پائڻ شروع ڪري ٿو. هن کي اهو ڪير سيکاري ٿو ته انساني رت جا ڪهڙا فائدا آهن؟ جيئن ئي خطرو محسوس ڪري ٿو ته ماهراڻي انداز ۾ گُهت هڻي ڀڄي وڃي ٿو. هن کي ڪنهن ماهر پائليٽ وانگر اڏامڻ ڪنهن سيکاريو؟ سمنڊ ۾ بوهڻ يا گوج جي شڪل جهڙي هڪ مڇي ٿئي ٿي، جيڪا آنا لاهڻ برمودا جي سمنڊ جو رخ ڪري ٿي ۽ اتي آنا لاهي واپس هلي اچي ٿي. انهن آنن مان جڏهن ٻچا نڪرن ٿا ته اهي ترت اتان کان واپس پنهنجي اباڻي وطن جو رخ ڪن ٿا. پوءِ اهو ڀونوچ سمنڊ هجي يا هندي سمنڊ هو واپس اتي پهچن ٿا. انهن ٻچن کي اها ڄاڻ ڪير ڏي ٿو ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟ انهن ٻچن وٽ نه ڪمپاس هوندو آهي ۽ نه ئي نقشو پوءِ کين درست رهنمائي ڪير ٿو فراهم ڪري؟ ڪڪڙ جڏهن آري تي ويهندي آهي ته اها پهرين کان ويهين ڏينهن تائين آنن کي اڳتي پوئتي کسڪائيندي رهي ٿي. شروع ۾ سائنسدانن جو خيال هو ته آنن کي هر پاسي کان مڪمل گرمي پهچائڻ لاءِ ڪڪڙ اهڙي حرڪت ڪري ٿي. پوءِ هنن هڪ اهڙي مشين تيار ڪئي جيڪا آنن کي هر پاسي کان هڪ جيتري گرمي فراهم ڪري پر ان وقت حيرت ٿين جڏهن اهي سڀ آنا ڪنا ٿي ويا ۽ هڪ به ٻچو نه ڦُٽو. وڌيڪ تحقيق کان پو۽ خبر پئي آنو هڪ هنڌ پيو رهي ٿو ته ان ۾ موجود پروٽين به هيٺئين پاسي گڏ ٿي وڃي ٿي ۽ ڪڪڙ جڏهن آنا اڳتي پوئتي کسڪائي ٿي ته ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته پروٽين هڪ هنڌ موجود نه رهي پر سڄي آني ۾ برابر موجود هجي. هاڻي هڪ معمولي ڪڪڙ کي آني ۾ موجود پروٽين متعلق ڄاڻ ڪنهن پهچائي؟ انسانن کي به وڏي تحقيق کان پوءِ ان جي معلومات ملي ته پوءِ ڪڪڙ کي پنهنجو نسل وڌائڻ لاءِ ايترو هنر ڪنهن ڏنو؟
    عام طور گهرن ۾ چيلاٽي جهڙو هڪ اڏامندڙ جيت نظر ايندو آهي جنهن کي سُڳڻ چوندا آهن. اها ذرو ذرو ڪري پُسيل مٽي آڻيندي آهي ۽ ان مان پنهنجو گهر ٺاهيندي آهي جيڪو مشڪل سان سوپاريءَ جيترو هوندو آهي. جڏهن اهو گهر تيار ٿي ويندو آهي ته ان ۾ آنو لاهڻ کان پوءِ گاهه يا وڻن تان سائي رنگ جي گڏر جهلي آڻي گهر جي هرهڪ خاني ۾ وجهندي آهي ۽ پوءِ ان جو سوراخ بند ڪري ڇڏيندي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اها سڳڻ جيڪو سُوٻٽ يا گڏر جهلي ايندي آهي اهو مئل نه هوندو آهي پر بيهوش هوندو آهي. سُڳڻ ان گڏر جي جسم ۾ ايترو زهر داخل ڪندي آهي جو اهو ويهه ڏينهن تائين بيهوش رهي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مئل هوندو ته آني مان نڪرندڙ ٻچي جي خوراڪ بڻجڻ کان اڳ ۾ ئي ڳري ختم ٿي ويندو. هاڻي ان سڳڻ کي بيهوش ڪرڻ جي اها تربيت ڪنهن ڏني؟ وزن مطابق زهر جي مقدار جو تعين ڪيئن ٿي ڪري؟ ڇا هن ڪٿان ڊاڪٽريءَ جي تعليم حاصل ڪئي آهي يا بيهوش ڪرڻ جي ڪا تربيت ورتي اٿس؟
    جڏهن ڪجهه خاص نسل جا پکي گهٽجن ٿا ته نانگن جو نسل وڌي ٿو. جڏهن نانگ ماريا وڃن ٿا ته ڏيڏرن جو نسل وڌي ٿو ۽ جڏهن ڏيڏر ماريا وڃن ٿا ته وري اڏامندڙ مخلوق وڌي ٿي. اهو حيرت انگيز تعلق ۽ توازن ڪنهن جوڙيو آهي؟
    چاڪي چمڙا انڌا هوندا آهن ۽ ريڊار سسٽم جي اصول تحت اڏامندا آهن. پڙاڏي واري اصول تحت هُو آواز ڪڍن ٿا ۽ آواز جون لهرون جڏهن موٽي اچي سندن سينسرز سان ٽڪرائجن ٿيون ته ان جي ڪري جيڪا تصوير ٺهي ٿي سا کين حملو ڪرڻ، دفاع ڪرڻ يا پوئتي هٽڻ جي ترغيب ڏي ٿي. سائنسدانن ريڊار سسٽم چاڪي چمڙي کي نظر ۾ رکي جوڙيو آهي. اسين ريڊار سسٽم واري ٽيڪنالاجيءَ تي حيران ته ٿيون ٿا پر ان جي ابتدا يعني چاڪي چمڙي متعلق نٿا سوچيون.

    3. ڪجهه انساني خوبيون
    جڏهن اسين سردي محسوس ڪريون ٿا ته اسان جي جسم ۾ ڏڪڻي پئدا ٿئي ٿي. اهو هڪ حياتياتي رد عمل آهي، جنهن تحت گردشي نظام کي اهو پيغام موڪليو وڃي ٿو ته جلدي وڌيڪ رت موڪلي. ان تي انسان کي ڪو به ضابطو حاصل نه آهي ۽ اهو سڀ خودڪار نظام تحت ٿئي ٿو. هاڻي ايڏو بهترين نظام ڪنهن تخليق ڪيو؟
    گرميءَ ۾ اسان جي جسم جو تاپمان به وڌي ٿو. ان جي نتيجي ۾ اسان جي کَل پگهر پئدا ڪري ٿي. پگهر ان ڪري نڪري ٿو ته جيئن اسان جي کَل کي ٿڌو رکي سگهي. گرميءَ ۾ اسان جي رڳن جو ڦونڊجڻ ۽ سرديءَ ۾ سڪڙجڻ ته جيئن گرمي گهٽائي يا وڌائي سگهجي. اهو خوبصورت حياتياتي ٿرمو ڪنٽرول سسٽم ڪنهن جوڙيو آهي؟
    جڏهن اسين ننڊ ۾ هوندا آهيون ته پاسا ورائيندا رهندا آهيون. اهو سڀڪجهه غيرشعوري طور تي ٿئي ٿو ۽ اسان جي جسم کي مڪمل طور سُن ٿيڻ کان بچائي ٿو. اهو سڄو عمل اسان جو نڪ ڪري ٿو. نڪ جي اندرئين پاسي ٻنهي ناسن ۾ هڪ هڪ خانو هوندو آهي جنهن ۾ خاص قسم جي پاڻياٺ ڀريل هوندي آهي. جڏهن اسين هڪ پاسي سمهندا آهيون ته مٿئين خاني مان اها پاڻياٺ نڪري هيٺئين خاني ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي ۽ جڏهن اهو خانو ڀرجي وڃي ٿو ته دماغ کي پيغام موڪليو وڃي ٿو ته خانو ڀرجي ويو آهي. هاڻي دماغ جسم کي پاسو بدلائڻ جو حڪم ڏي ٿو. خانو ڀرجڻ ۾ لڳ ڀڳ 45 منٽ لڳندا آهن. اسان جي نڪ جي هڪ ٻي به خوبي آهي ته ڏهه هزار مختلف قسم جي خوشبوئن سونگهڻ ۽ انهن ۾ فرق محسوس ڪرڻ جي به صلاحيت رکي ٿو. نڪ ۾ اها به خوبي آهي ته اسان جي جسم جو تاپمان ضابطي هيٺ رکي ٿو. اسان جي ڦڦڙن ۽ معدي جو گرمي پد 32.2 ڊگري سينٽي گريڊ تي رکي ٿو. جيڪڏهن ٻاهر جو گرمي پد 35 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي وڃي ته نڪ پاڻمرادو اندر جو تاپمان 3 ڊگري تائين گهٽائي ڇڏي ٿو. جڏهن سياري ۾ گرمي پد گهٽجي ٿو ته نڪ پاڻمرادو اندر جو تاپمان ان جي مناسبت سان وڌائي ڇڏي ٿو. سنگهه ۽ ٿُڪ ساهه جي ذريعي جسم ۾ داخل ٿيندڙ بئڪٽيريا ڪيئن روڪين ٿا، ان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇا اهو درست نه آهي ته ڪا مهربان ۽ ٻاجهاري قوت مسلسل اسان جو بچاءُ ڪندي رهي ٿي؟
    جيڪڏهن ڪنهن خوبصورت تصوير کي ڏسڻ سان اسان جي ذهن ۾ ڪنهن ماهر آرٽسٽ جو تصور اڀري ٿو ته پوءِ هنن جانورن ۽ جيتن جي جسم تي موجود خوبصورت رنگ ۽ نشان اسان کي ڪنهن ماهر ڪاريگر جي ياد نٿا ڏيارين؟

    4. هر شيءِ خدا جي موجودگيءَ جي گواهي ڏي ٿي
    هڪ مڇيءَ جي ٻچي ماءُ کان سوال ڪيو “پاڻي ڇا آهي، ڇا اهو مون کي ڏيکاري سگهين ٿي؟” ماءُ جواب ڏنو “مون کي پاڻيءَ کان سواءِ ٻي ڪا شيءِ ڏيکار ته آئون تو کي ٻڌايان ته پاڻي ڇا آهي؟”
    ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه اهڙا ڏاها به نظر ايندا آهن جيڪي چون ٿا ته هو خدا جي موجودگيءَ جي تصديق ان ڪري نٿا ڪري سگهن ڇاڪاڻ ته هو خدا کي ڏسي نٿا سگهن. هاڻي ڪو انسان خدا کي ڪيئن ڏسي سگهندو جڏهن ته سندس ڏسڻ جي سگهه تمام محدود آهي؟ اها به حقيقت آهي ته اسين خدا جي سموري مخلوق کي ئي ڏسي نٿا سگهون ته خدا کي ڪيئن ڏسي سگهنداسين. اسان کي خدا جي وجود کي پنهنجي ذهانت سان پرکڻو پوندو ڇاڪاڻ ته خدا جي وجود کان سواءِ ڪائنات جو وجود ممڪن ئي نه آهي. سو هاڻي هتي به اهو ساڳيو مڇيءَ جي ٻچي واري ماءُ جو سوال آهي “ڪا اهڙي شيءِ ڏيکاريو جيڪا خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي تخليق ڪيل هجي ته توهان کي خدا جي وجود بابت ٻڌائي سگهجي ٿو.”

    5. اسين خدا کي ڇو ڏسي نٿا سگهون؟
    ان سوال جو جواب به اهوئي هوندو جيئن ڪو شاگرد امتحان جي وقت چوي “اسين سوالن جا جواب امتحان واري پرچي ۾ ڇو ڏسي نٿا سگهون؟” ها بلڪل ڌرتيءَ تي اسين سڀ امتحان جي لاءِ موجود آهيون ۽ ان جي ڪري ئي اسين خدا کي ڏسي نٿا سگهون. امتحان وقت ڪجهه شاگردن کي سوالن جا جواب فراهم ڪرڻ جو مطلب انهن شاگردن سان زيادتي هوندي جن ڏينهن رات هڪ ڪري امتحان جي تياري ڪئي آهي. جيڪڏهن اسين رڳو ڏسڻ کان پوءِ ئي ڪنهن شيءِ جي وجود کي تسليم ڪرڻ چاهيون ٿا ته پوءِ امتحان وٺڻ جو ڪو به جواز باقي نٿو رهي. چڱائي ۽ برائي جو فرق باقي نٿو رهي، ڌرتيءَ جي تخليق، جنت ۽ دوزخ سڀ ڪجهه بيڪار بڻجي وڃن ٿا.
    اچو ته پهرين اسين پنهنجي پاڻ کان پڇون ته اسين دنيا جو ڪيترو حصو ڏسڻ جي صلاحيت رکون ٿا؟ هلو دنيا کي هڪ پاسي رکون ٿا اهو ڏسون ته اسين پنهنجي شهر جو ڪيترو حصو ڏسي سگهون ٿا؟ اسان جو پنهنجي پاڻ کان نظر بابت پڇڻ جومطلب اهو آهي ته اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت ڪيتري آهي. اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت بس ايتري آهي جو اسين هن ڪائنات جو رڳو هڪ ارب هون حصو ئي مس ڏسي سگهون ٿا. اهو ته هن ڪائنات جو انتهائي مختصر حصو هوندو. هاڻي اسان جي ڏسڻ جي صلاحيت ايتري محدود هجڻ جي باوجود اسين اهو مطالبو ڪريون ٿا ته اسين هن ڪائنات جي خالق کي ڏسڻ چاهيون ٿا! اسين ڪائنات جي خالق جي وجود کان انڪار ڪري ڄڻ ته پنهنجي وجود کان انڪار ڪريون ٿا.
    هاڻي اچو ته هڪ ٻئي رخ کان ان جو جائزو وٺون. رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ رت جا لڳ ڀڳ پنجاهه لک ڳاڙها جزا موجود هوند آهن. انهن مان رڳو هڪ جزو پاڻ کي بادشاهه سمجهڻ شروع ڪري ۽ اها دعويٰ ڪري ته جيئن ته هو انسان کي ڏسي نٿو سگهي ان ڪري ان وجود کي نٿومڃي. ها اها ڳالهه کِل جوڳي ئي هوندي ڇاڪاڻ ته انساني جسم ۾ رهندڙ خوردبين سان نظر ايندڙ هڪ ذرو انسان جي وجود کا انڪار ڪيئن ٿو ڪري سگهي. رت جي ان هڪ مختصر جزي جي ڀيٽ ۾ انسان جي وسعت تمام گهڻي آهي پر هن ڪائنات جي ڀيٽ ۾ انسان جي وسعت ڪيتري هوندي، کربين ڀيرا مختصر هوندو انسان ۽ هاڻي اهو انسان هن ڪائنات جي خالق جي وجود کان انڪار ڪري ته اها به ته بيوقوفيءَ جهڙي ڳالهه هوندي.

    6. ايمان جو معيار
    هڪ بزرگ پنهنجي پوئلڳن کي درس ڏئي رهيو هو ته هڪ مشرڪ اتي آيو ۽ چوڻ لڳو “حضور منهنجي ذهن ۾ ڪجهه سوال آهن جيڪي مونکي مسلسل پريشان ڪري رهيا آهن جيڪڏهن انهن جو جواب ڏيندا ته منهنجي دل کي سڪون ملندو.”
    بزرگ کيس سوال پڇڻ جي اجازت ڏني. هو چوڻ لڳو “توهان جي دعويٰ آهي ته شيطان باهه جي پئدائش آهي ۽ کيس دوزخ جي باهه ۾ ساڙيو ويندو، هاڻي اهو ٻڌايو ته باهه کي باهه ڪيئن ساڙيندي؟”
    ٻيو سوال اهو آهي “توهان چئو ٿا ته نيڪي ۽ بديءَ جو خالق خدا آهي ته پوءِ خدا جي خلقيل شيءِ تي سزا گناهگار کي ڇو ملندي؟”
    ٽيون سوال هي آهي “توهان چئو ٿا ته خدا هرهنڌ موجود آهي ته پوءِ هتي به ضرور موجود هوندو، توهان مون کي خدا جو ديدار ڪرائي سگهو ٿا؟”
    اهو ٻڌي بزرگ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو ۽ اوچتو ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته کيس گهربل شيءِ ملي وئي هجي. هو اڳتي وڌيو ۽ هڪ مٽيءَ جو کڙو کڻي ان شخص کي مٿي ۾ هنيائين. سوال پڇندڙ شخص جي مٿي مان رت وهڻ لڳو ۽ بزرگ چيس ته اهوئي تنهنجي سوالن جو جواب آهي. اهو شخص رت وهائيندو اتان هليو ويو.
    اڃا ڪجهه دير مس گذري ته هڪ سپاهي اچي بزرگ کي چيو ته توهان کي قاضي صاحب گهرايو آهي. بزرگ جڏهن قاضي صاحب وٽ پهتو ته ڏٺائين ته سوال پڇندڙ شخص به اتي موجود هو ۽ سندس مٿي مان اڃا به رت وهي رهيو هو. قاضي صاحب بزرگ کي چيو “توهان کان جيڪڏهن ڪو ماڻهو سوال پڇي ٿو ته بهتر آهي ته توهان کيس جواب ڏئي مطمئن ڪريو ۽ جيڪڏهن جواب نٿا ڏئي سگهو ته کيس نرمي سان سمجهائي روانو ڪريو. توهان سوال پڇڻ تي هن جو مٿو ڇو ڦاڙيو؟”
    بزرگ چيو “مون کي اجازت ڏني وڃي ته آئون ان جي وضاحت ڪريان.” اجازت ملڻ تي هن چيو “اصل ۾ اهو ئي سندس سوال جو جواب آهي، هن جو پهريون سوال هو ته شيطان باهه جو ٺهيل آهي ۽ باهه کي باهه ڪيئن ساڙيندي، هيءُ شخص پاڻ مٽيءَ مان ٺهيل آهي کيس مٽيءَ جو کڙو مٿي ۾ هڻي ٻڌايم ته جيئن مٽي سان مٽيءَ کي تڪليف پهچي ٿي تيئن باهه کي باهه به ساڙيندي، هن جو ٻيو سوال هو ته نيڪي ۽ بدي خدا جون خلقيل آهن تنهنڪري گناهگار کي سزا نه ملڻ کپي، هاڻي جيڪڏهن هيءُ شخص درست آهي ته پوءِ کيس شڪايت کڻي هتي نه اچڻ گهربو هو، سندس عقيدي مطابق آئون بي قصور آهيان، پر ايئن نه آهي نيڪي ۽ بدي خدا جون خلقيل ته آهن پر ٻنهي مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪرڻ لاءِ انسان خودمختيار آهي ۽ ان جي ڪري ئي سزا جو به حقدار آهي، باقي هن جو ٽيون سوال هو ته کيس خدا ڏيکاريو وڃي ته ان لاءِ عرض آهي ته هيءُ شخص چوي ٿو ته کيس ڌڪ لڳڻ جي ڪري تمام گهڻو سُور ٿيو آهي ته ڇا هيءُ شخص ڏيکاري سگهي ٿو ته سُور ڪيترو آهي. يقيني طور اهو ئي چوندو ته سور ڏيکاري نٿو سگهجي باقي لڳل ڌڪ مان اندازو ڪري سگهجي ٿو، ته کيس عرض آهي ته خدا جي موجودگي به اسان جي چئوڦير موجود شين مان محسوس ڪري سگهجي ٿي.” هاڻي جيڪڏهن ڪو ماڻهو چوي ته خدا موجود نه آهي ته اها چريائي ئي هوندي.

    7. دوستيءَ جو سواد
    اهڙا ماڻهو جن جا سٺا دوست هوندا سمجهو وٽن دشمنن کان بچڻ لاءِ بهتر مددگار موجود آهن. وفادار دوست جي ضرورت به زندگيءَ جي ٻين ضرورتن وانگر اهم هوندي آهي. جنهن ماڻهوءَ جا گهڻا دوست هجن سمجهو ته هُن پنهنجي زندگي محفوظ بڻائڻ جو انتظام ڪري ڇڏيو آهي. هڪ چڱي ماڻهوءَ جي اها ئي نشاني هوندي آهي ته هُو پنهنجي دوستيءَ جو جائزو وٺندو رهي ۽ جيڪڏهن ڪي تڪرار پئدا ٿين ٿا ته اهي تڪڙا نبيري ڇڏي. ان کان بهتر ڳالهه ٻي ڪهڙي هوندي ته ماڻهو پنهنجي تعلق جو مڪمل خيال ڪندو رهي ۽ دوستن سان وڌيڪ ويجهڙائپ جو ڪو به موقعو هٿان نه وڃائي. دوستن سان هم آهنگي تڏهن ئي برقرار رهي سگهي ٿي جڏهن معاملن کي ٻطرفي طور تي بهتر بڻايو وڃي. جيڪي دوستيون هڪ ٻئي جي لاءِ قرباني ڏيڻ جو جذبو رکندڙ نه هونديون آهن سي گهڻو وقت برقرار رهي نه سگهنديون آهن.
    ڪنهن به حقيقي دوستيءَ جو اندازو ان مان ئي لڳائي سگهبو آهي ته توهان دوستن جي خوشي يا غم بابت ڪهڙا جذبا رکو ٿا. اهڙا ماڻهو جيڪي دوستن جي خوشي ساڻن گڏجي نه ملهائين ۽ ڏک جي وقت ۾ ساڻن گڏجي روئي نه سگهن سي سٺا دوست ٿي نٿا سگهن. دوستيءَ جي ڪل تڏهن ئي پوندي آهي جڏهن ڪنهن دوست تي ڏکيو وقت ايندو آهي ۽ ان وقت جيڪي ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل هجن سي ئي دوست هوندا آهن. اها پڪ سمجهو ته جيڪو ڏکئي وقت ۾ توهان کي اڪيلو نٿو ڇڏي سو ئي سچو دوست آهي. جيڪي ڏکئي وقت ۾ گڏ نه آهن سي سٺا دوست به نه آهن.
    اهڙا ماڻهو جيڪي هروقت بحث ڪندا رهن ٿا ۽ مسئلا ختم ڪرڻ بدران نوان مسئلا پئدا ڪندا رهن ٿا سي ڪنهنجا به دوست ٿي نٿا سگهن. جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته دوستن سان سٺا تعلقات رهن ته پوءِ اجائي بحث کان بچڻ جي ڪوشش ڪريو.
    دوستي هڪ اهڙو معاملو آهي جنهن جو تعلق سڌو دل سان هوندو آهي. اهڙا ماڻهو جيڪي سمجهن ٿا ته هُو دوکي يا دولاب سان دوست بڻائي سگهن ٿا سي وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن. توڙي جو هُو وقتي طور تي دوستيءَ جي نالي تي ڪجهه ماڻهو گڏ به ڪري وڃن ٿا پر اهو تعلق گهڻو وقت هلي نه سگهندو آهي.

    8. ٽٽل دل کي جوڙڻ مشڪل آهي
    هڪ ٻار هوندو هو جنهن جون عادتون تمام خراب هونديون هيون. هڪ ڏينهن سندس پيءُ کيس هڪ ڪاٺ جو تختو، هٿوڙي ۽ ڪلين سان ڀريل ٿيلهو ڏنو ۽ چيو “اڄ کان جڏهن به تنهنجو ڪنهن دوست سان تڪرار ٿئي ته هن تختي ۾ ڪلي ٺوڪي ڇڏيندو ڪر.” پهرين ڏينهن تي ان ٻار تختي ۾ 37 ڪليون ٺوڪيون ۽ ان تي کيس سندس والد هدايت ڪئي ته هُو ڪلين جو تعداد گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري. آهستي آهستي ڪلين جو گهٽجڻ لڳو ۽ هڪ ڏينهن ان ٻار پنهنجي والد کي خوشيءَ مان ٻڌايو ته اڄ هن ڪا به ڪلي نه ٺوڪي آهي. جڏهن ڪجهه ڏينهن ڪليون ٺوڪڻ جو سلسلو بند رهيو ته کيس سندس والد وري ٻي هدايت ڪئي “اڄ کان تون ڪوشش ڪر ته جيڪو ڏينهن ڪنهن دوست سان جهيڙو ڪرڻ کان سواءِ گذري ان ڏينهن تي ان تختي مان هڪ ڪلي ڪڍي ڇڏيندو ڪر.” هڪ ڏينهن اهو ٻار پنهنجي والد وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “بابا ڏسو هاڻي تختي ۾ هڪ به ڪلي نه بچي آهي.” ان تي سندس والد ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سندس تعريف ڪرڻ لڳو. ڪجهه دير کان پوءِ کيس ڀر ۾ ويهاري ڪاٺ جو تختو ڏيکاري چوڻ لڳو “هاڻي ڏس تون بهتر ته ٿي ويو آهين ۽ مون کي تو تي فخر آهي پر تنهنجي عمل جي ڪري هن تختي ۾ جيڪي سوراخ ڪلين پئدا ڪيا آهن سي ته جيئن جو تيئن موجود آهن. هاڻي اهو تختو ڪڏهن به پنهنجي اصلي حالت ۾ اچي نه سگهندو.”
    جڏهن اسين دوستن سان اجايو بحث ڪريون ٿا ته ان وقت اهو ممڪن آهي ته اسان جي زبان مان ڪجهه اهڙا گفتا به نڪري وڃن جيڪي اسان کي چوڻ نه گهرجن ها. اهڙو هر گفتو اسان جي دوستن جي دل ۾ ڪليءَ جهڙو هڪ سوراخ ضرور پئدا ڪري ٿو پوءِ اهو دوست ڀلي هزار ڀيرا توهان کي چوي ته هُن توهان کي معاف ڪري ڇڏيو آهي پر ان هوندي به اهو سوراخ هُن جي دل ۾ جيئن جو تيئن ضرور موجود رهندو. هڪ سٺو دوست ڪنهن قيمتي هيري مثل هوندو آهي. هُو توهان کي خوش رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڏکئي وقت ۾ توهان کي حوصلو ڏي ٿو، توهان جي مسئلن تي ڀرپور ڌيان ڏي ٿو ۽ پنهنجي دل جا دروازا توهان لاءِ کولي ڇڏي ٿو.

    9. اعتماد
    مائونٽ ٽارس جي مهم وقت سڪندر اعظم سخت بيمار ٿي ۽ سندس بچڻ جي اميد ڪانه رهي. کيس هروقت تمام گهڻو بخار هوندو هو. سڪندر يوناني جي طبيب جيڪو سندس ننڍپڻ جو دوست به هو تنهن هڪ اهڙي دوا تيار ڪئي جيڪا ان بيماريءَ جو يڪ ٽڪ علاج هئي. سڪندر يوناني اها دوا پيئڻ وارو هو ته ان وقت کيس ڪنهن همدرد جو لکيل خط مليو. هُو دوا پيئڻ کان اڳ ۾ اهو خط پڙهڻ لڳو. خط ۾ لکيل هو ته سڪندر اها دوا نه پيئي ڇاڪاڻ ته سندس طبيب ايران جي بادشاهه کان رشوت وٺي کيس زهر ڏيڻ جي سازش تيار ڪئي آهي ۽ ان دوا ۾ زهر مليل آهي. سڪندر اعظم خط پڙهي ٿورو مُرڪيو ۽ ان کانپوءِ دوا پي ڇڏيائين. ان کان پوءِ هُن اهو خط پنهنجي طبيب کي پڙهڻ لاءِ ڏنو.
    جڏهن طبيب خط پڙهي ورتو ته سڪندر اعظم کيس چيو “مون کي هڪ پل لاءِ به تو تي شڪ نه ٿيو ۽ نه ئي آئون دوستن تي شڪ ڪندو آهيان.” ان دوا پيئڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سڪندر اعظم بلڪل صحتياب ٿي ويو.

    10. انسانيت
    هر انسان لاءِ ضروري آهي ته هُو هر پل پنهنجي روين جي پنهنجي ضمير مطابق پرک ڪندو رهي. اسان کي ٻين لاءِ به اهو ڪجهه پسند ڪرڻ گهرجي جيڪو اسين پنهنجي لاءِ چاهيون ٿا. ان ڪري اسان کي اها سوچ نه پئدا ڪرڻ گهرجي ته جيڪا شيءِ اسان کي پسند نه آهي سا ٻين کي پسند ايندي. ان طريقي سان ئي اسين ٻين جي دل ٽوڙڻ کان بچي سگهون ٿا.
    جڏهن ڪو شخص اسان سان ڀلائي ڪري ٿو ته اسان کي خوشي محسوس ٿيندي آهي ۽ اسان جي دل ۾ هُن لاءِ پيار ۽ نيڪ جذبا جاڳي پوندا آهن. پيار ڀري موٽ حاصل ڪرڻ جو اهو سڀ کان بهترين طريقو آهي. “انسانذات نيڪيءَ جي غلام آهي.” ان جي ڪري نيڪين ۾ پناهه ڳولڻ جو مطلب بديءَ کان مڪمل تحفظ حاصل ڪرڻ آهي.
    اهي ماڻهو جيڪي بدي ڪن ٿا تن سان توهان جو ورتاءُ ڪهڙو آهي، ان مان ئي توهان جي درست طور طريقن جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ڪو به شخص توهان سان ڪيترو به خراب هلي پر جڏهن توهان کي موقعو ملي ته ساڻس ڪڏهن به غيرانساني سلوڪ نه ڪريو ۽ انسانيت توهان جي هر عمل مان ظاهر ٿيڻ گهرجي. بُرن سان برو سلوڪ هڪ وڏي غلطي آهي. جيڪو توهان سان سٺو نٿو هلي ان سان انسانيت ڀريو سلوڪ توهان جي عظمت ظاهر ڪري ٿو. ٻين جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪابه حد مقرر ٿيل نه آهي. ڪو ماڻهو ڪيترو انسان دوست آهي ان جو اندازو دوستن ۽ عزيزن جي مدد ڪرڻ ۽ قرباني ڏيڻ مان لڳائي سگهجي ٿو. اهڙا ماڻهو جيڪي پنهنجي دوستن ۽ عزيزن جي مدد نٿا ڪن ۽ پوءِ به انسان دوست هجڻ جي دعويٰ ڪن ٿا سي ڪوڙا آهن. دوستن ۽ عزيزن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته هُو ان سلوڪ جا ئي حقدار آهن، ان جو مطلب ته توهان انتهائي خودغرض ۽ سچائي کان ڪوهين ڏُور آهيو.
    سڀ کان وڏي نيڪي اها آهي ته جن جون غلطيون ۽ توهان سان ڪيل برايون توهان جي سامهون هجن پوءِ به وقت اچڻ تي توهان سندن مدد ڪريو. ٻين جي ڪوتاهين تي نظر رکڻ جو مطلب ته توهان ڪوتاهه بين آهيو. ٻين کي سندن غلطين سڌارڻ جو موقعو نه ڏيڻ، کين سندن غلطيون ياد ڏيارڻ ۽ کين غلطين جي سزا ڏيڻ سان انسان دوستي ۽ ڀائيچاري کي شديد هاڃو رسي ٿو. افسوس اڄ جي اناپرست دنيا ۾ اسان جي ڇڙوڇڙ هجڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته اسين پنهنجي ڪوتاهين تي نظر رکڻ بدران صرف ٻين ۾ غلطيون ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا رهون ٿا.
    اهڙا ماڻهو جيڪي ٻين سان ڪيل وڏي نيڪين کي معمولي ۽ ٻين جي ڪيل معمولي چڱاين کي تمام وڏي نيڪي سمجهن ٿا سي ئي حقيقي انسان دوست ۽ ضمير مطابق فيصلا ڪندڙ انسان آهن. اهڙا ماڻهو ٻين کي پنهنجون ڪيل چڱايون ياد نه ڏياريندا آهن ۽ نه ئي ڪڏهن اها دانهن ڪندا آهن ته نيڪي ڪرڻ باوجود ساڻن سٺو سلوڪ نه پيو ڪيو وڃي. اهوئي خلوص ۽ نيڪ نيتي آهي.

    11. انسان بڻجڻ
    هُن کي بدلي ڪيو ويو هو. سندس بدليءَ جو حڪم نامو به پهچي چڪو هو. هيءُ اهو ئي شهر هو جتي هُن گورنر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي ۽ کيس ان شهر کي ڇڏڻ جو افسوس هو. سندس سامان مزور گاڏين ۾ چاڙهي رهيا هئا ۽ اهو منظر هُو خاموش ۽ ڏکويل نگاهن سان ڏسي رهيو هو. کيس اهو وقت ياد آيو جڏهن هو گورنر طور مقرر ٿي ان شهر ۾ آيو هو. ان ئي عمارت ۾ اڳوڻو گورنر به رهندو هو ۽ جڏهن اڳوڻي گورنر جو سامان گاڏين ۾ چاڙهيو پئي تڏهن اهو گورنر به صدمي جي ڪيفيت ۾ هو. جنهن وقت هُن نئين گورنر طور پراڻي گورنر سان هٿ ملايو هو ته کيس محسوس ٿيو هو ته اڳوڻو گورنر ڪيترو ڏکارو آهي. اڄ سندس وارو هو ۽ الوداعي نظرن سان هُن ڏٺو ته اتي ڪجهه ماڻهو به آيل هئا. گڏ ٿيل ماڻهن مان ڪجهه جي اکين ۾ ڳوڙها به هئا. هاڻي هُو اهو سڀ ڪجهه ڇڏي اڳتي وڌڻ وارو هو. هُو اڃا گذريل ڏينهن کي ياد ڪري رهيو هو ته کيس هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو آزاديءَ جي جنگ وڙهندڙ هڪ پراڻو فوجي هو. اڳوڻي فوجيءَ چيو “پُٽ تو سان ڇا مسئلو آهي؟” گورنر چيو “مون کي هيءُ شهر ڇڏڻ تي افسوس ٿي رهيو آهي.”
    اڳوڻي فوجيءَ کي اندازو ٿي ويو ته معاملو ڪجهه ٻيو آهي سو چوڻ لڳو “ان کي ڇڏيو مون سان سڌي ڳالهه ڪريو ته توهان ڇا جي ڪري ايترا پريشان آهيو؟”
    گورنر چيو “آئون هتي چار سال گورنر رهيس، تمام گهڻن ماڻهن سان رابطي ۾ رهيس پر اڄ مون کي انهن مان هتي ڪوبه نظر نٿو اچي. مون کي ياد آهي ته جڏهن اڳوڻو گورنر هتان رخصت ٿي رهيو هو ته هيءُ هال ماڻهن سان ڀريل هو جيڪي کيس الوداع ڪرڻ آيا هئا ۽ اڄ هتي ڪوبه خاص هجوم موجود نه آهي.”
    ان تي اڳوڻي فوجيءَ کِلي ڏنو ۽ چوڻ لڳو “ياد رک ٻچا، اهو سچ آهي ته تو وڏي محنت سان تعليم حاصل ڪري هيءُ مقام ماڻيو آهي، پر جيڪڏهن پنهنجي مقرريءَ کان وٺي اڄ تائين جي ڳالهين کي ياد ڪندين ته خبر پوندي ته تون ماڻهن سان رڳو مُرڪي ۽ خوشدليءَ سان ملڻ کان به لنوائيندو هئين. جيڪڏهن تون ننڍن سان پيار ۽ وڏن جو احترام نه ڪندين ته پوءِ تون ان کان وڌيڪ ٻئي ڪهڙي ردعمل جي توقع رکين ٿو؟ مسئلو اهو نه آهي ته تون گورنر آهين يا بادشاهه پر ان سڀ کان اڳ ۾ توکي سٺو انسان بڻجڻو پوندو.”
    فوجيءَ جو لهجو بلڪل واضح ۽ چٽو هو. سندس ڳالهه ٻڌي گورنر وائڙو ٿي ويو. هُو جلد ئي اٿي بيٺو ۽ فوجيءَ جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهلي چوڻ لڳو “مون کي اوهان جي صلاح بلڪل پسند آئي ۽ توهان جي ڳالهه سمجهي ويس ته صرف گورنر هجڻ ڪا وڏي ڳالهه نه آهي.” اهو چئي هن فوجيءَ جو هٿ چميو ۽ اڳتي چوڻ لڳو “اڄ کان پوءِ آئون ماڻهن سان پنهنجو رويو ضرور بهتر رکندس.”
    ڪراڙو فوجي اهو ٻڌي اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو “جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته ٻيا توهان جي عزت ۽ احترام ڪن ته پوءِ پهرين ساڻن پنهنجو رويو بهتر ڪريو.”

    12. بهترين انسان بڻجڻ
    اڌ رات جو وقت هو ۽ سپاهي هڪ پوڙهي کي ذري گهٽ گهيليندا وڃي رهيا هئا. پوڙهو سهڪي رهيو هو. ٿورو پنڌ هلڻ کان پوءِ هو هڪ جاءِ تي بيهي ساهي پٽڻ لڳو ۽ هُو ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لڳو. گهڻا سال اڳ جو واقعو کيس ياد آيو جڏهن سندس پٽ اڃا چوڏهن ورهين جو مس هو. هن پنهنجي پٽ کي بهتر انسان بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي ۽ کيس سٺي تعليم به ڏياري هئي. پر هُو پٽ جي رويي مان ڪڏهن به خوش نه رهيو. کيس ياد آيو ته هڪ ڏينهن هُن پٽ کي چيو هو “پٽ منهنجي ڳالهه ٻڌي ڇڏ تون ڪڏهن به سٺو انسان بڻجي نه سگهندين.” اڄ ان کي ڪافي سال گذري چڪا هئا. اڄوڪي رات کيس سندس پٽ ئي گهرايو هو جيڪو نئون گورنر مقرر ٿي آيو هو. پوڙهو پروقار انداز ۾ گورنر جي آفيس ۾ داخل ٿيو.
    پوڙهو جيئن ئي آفيس ۾ داخل ٿيو ته نئون گورنر بڻجي آيل سندس پٽ اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو “ياد ڪر بابا، تون چوندو هئين ته آئون ڪڏهن به سٺو انسان بڻجي نه سگهندس پر اڄ ڏس آئون گورنر بڻجي چڪو آهيان.”
    پوڙهو چوڻ لڳو “ها پٽ، ان ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو آهي ته تون گورنر بڻجي چڪو آهين، پر اڃا تائين به تون سٺو انسان بڻجي نه سگهيو آهين. جيڪڏهن تون سٺو انسان هجين ها ته پنهنجي پيءُ کي ته ڇڏ پر ڪنهن به وڏي عمر واري شخص کي اڌ رات جو هن طريقي سان پنهنجي آفيس ۾ طلب نه ڪرين ها. ان جي ڀيٽ ۾ تون جيڪڏهن سٺو انسان هجين ها ته جيئن تنهنجو عهدو وڌي ها تيئن تو ۾ نهٺائي اچي ها. ها تون گورنر ضرور بڻيو آهين پر بهتر انسان بڻجڻ ۾ ناڪام رهيو آهين.” اهو چئي پوڙهو زور سان دروازو بند ڪري ٻاهر هليو ويو. پوڙهي کي شديد افسوس ٿي رهيو هو ته هُو پنهنجي پٽ کي سٺو انسان بڻائي نه سگهيو. هُن جي ڪيڏي نه خواهش هئي ته سندس پٽ هڪ بهتر انسان بڻجي ۽ ٻين لاءِ چڱائيءَ جو هڪ نمونو بڻجي.
    بهرحال پوءِ به هُو مايوس نه ٿيو هو ۽ سندس دل مان بي اختيار دعا نڪتي “اي الله، منهنجي پٽ کي نيڪ راهه تي هلڻ ۽ نيڪ انسان بڻجڻ جي توفيق عطا فرما.”

    13. اخلاق ۽ قدر
    سلطنت عثمانيه جي ڏينهن ۾ خاص خاص هنڌن تي امدادي ديوارون اڏيون وينديون هيون ۽ انهن ۾ ننڍڙا گهرڙا ٺهيل هوندا هئا. شهر جا امير ماڻهو حسب توفيق انهن گهرن ۾ رقم رکي ڇڏيندا هئا ۽ شهر جا يا ٻاهران آيل ضرورتمند اتان پنهنجي ضرورت مطابق رقم کڻندا هئا باقي رقم اتي ئي ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا. ان سان گڏ مسافر خانا به اڏيا ويندا هئا ۽ انهن ۾ ڪوبه ٻاهران آيل مسافر ٽن ڏينهن تائين بلڪل مفت رهي سگهندو هو. اتي ترسندڙ مسافرن کي کاڌو پيتو به بلڪل مفت فراهم ڪيو ويندو هو ۽ ان سان گڏ هر رهائشي ڪمري ۾ رقم سان ڀريل ٿيلها به رکيل هوندا هئا، جن مان ضرورتمند پنهنجي ضرورت مطابق رقم کڻي باقي اتي ٻين لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا.
    تن ڏينهن ۾ “دروازو بند ڪريو” جو اصطلاح استعمال نه ڪيو ويندو پر ان جي بدران “دروازي جو خيال ڪجو” جو اصطلاح ڪم آندو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته سندن خيال هو ته جڏهن خدا اسان تي رحمتن ۽ نعمتن جا دروازا بند نٿو ڪري ته پوءِ اسين ٻين لاءِ پنهنجا دروازا ڇو بند ڪريون.
    انهن ڏينهن ۾ “روشني بند ڪريو” جو اصطلاح به ڪتب نه ايندو هو. ڇاڪاڻ روشني مان مراد “نُور” ورتي ويندي هئي ۽ خدا جي نور کي بند ڪرڻ ڪير به مناسب نه سمجهندو هو. ان ڪري چيو ويندو هو ته “ڏيئي کي ڪجهه دير لاءِ آرام ڏيو.” ساڳئي وقت ڪنهن به ستل ماڻهو کي زور سان سندس نالو وٺي يا زور سان لوڏي نه اٿياريو ويندو هو پر ڪنهن به ستل ماڻهوءَ کي جاڳائڻ لاءِ “جاڳو ۽ هوشيار ٿيو” جو اصطلاح ڪتب آندو ويندو هو.
    سندن سماج ۾ محبت، ايثار، ٻاجهه ۽ رواداري عام هوندي هئي. جڏهن به ڪو ماڻهو ڳالهائڻ چاهيندو هو ته کيس ان جي اجازت هوندي هئي ۽ سندس ڳالهه اڌ ۾ نه ڪاٽي ويندي هئي. ڪنهن ٻئي جي موجودگيءَ ۾ ڪنن تي وات رکي رازداريءَ خاطر سرٻاٽن م ڳالهائڻ معيوب سمجهيو ويندو هو ۽ مخاطب شخص ڏانهن هٿ کڻي اشارو ڪرڻ يا آڱر کڻڻ کان پاسو ڪيو ويندو هو. ڪنهن جي به گلا ڪرڻ کي معاشري ۾ چڱي نظر سان نه ڏٺو ويندو هو. تن ڏينهن ۾ ماڻهو زمين تي زور سان پير هڻي يا گِري پير کڻڻ، ته گيساٽي جو آواز اچي، کي خراب سمجهندا هئا. هلڻ وقت زمين تي هلندڙ جيتن جو مڪمل خيال ڪيو ويندو هو. گهڻا ماڻهو ته اهڙا به هوندا هئا جيڪي مک مارڻ کي به گناهه سمجهندا هئا. انهن ڏينهن ۾ مهمان هجن يا گهر ڌڻي گهر جي دروازي مان گهرڀاتين کي پٺ ڏئي نه نڪرندا هئا پر دروازي کي پٺ ڏئي ۽ گهر ڀاتين ڏانهن منهن ڪري پٺيرا دروازي مان ٻاهر نڪرندا هئا. سندن خيال هوندو هو ته پيرن جو رخ گهر جي دروازي ڏانهن هجڻ جو مطلب اهو آهي ته جلدي واپس موٽي اينداسين ۽ پيرن جو رخ دروازي ڏانهن هجڻ جو مطلب اهو ورتو ويندو هو ته يا ته ناراض ٿي پيا وڃون يا وري واپس موٽڻ جو ارادو نٿا رکون ۽ ان کي خراب سمجهيو ويندو هو.
    ها! تن ڏينهن ۾ ماڻهو پاڪائيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، سوچي سمجهي قدم کڻندا هئا ۽ اٻهرائپ کان پاسو ڪيو ويندو هو. سندن زندگي اهڙي هوندي هئي ڄڻ ته هر وقت خدا جي روبرو هجن. هُو خدا کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به اڳيان جهڪڻ مناسب نه سمجهندا هئا. سندن دل ۾ هميشه خدا جو خوف رهندو هو. وقت جي حاڪم جو احترام ضرور ڪندا هئا ۽ کيس خدا جو نائب به سمجهندا هئا پر ساڳئي وقت کيس حق جي ڳالهه چوڻ جو حوصلو به رکندا هئا. ڇا اڄ اسين هروقت خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي هلون ٿا؟ يا اسان جي دل ۾ ايترو خدا جو خوف موجود آهي؟ يا اسين اهو سمجهون ٿا ته خدا هر هنڌ موجود آهي؟


    باب ٽيون

    1. ايمان يا عقيدي خلاف بحث
    عقيدي خلاف مشرڪ جيڪي دليل پيش ڪن ٿا تن کي ٽن اهم حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
    الف. مادو محض ڪنهن اوچتي حادثي ۽ مسلسل بي ترتيب واقعن جي ڪري وجود ۾ آيو.
    ب. ان پنهنجي پاڻ کي خود تخليق ڪيو.
    ت. فطرت (نيچر) ئي آهي جنهن هر شيءِ تخليق ڪئي.
    هڪ ڀيرو جيڪڏهن انهن دليلن کي باطل قرار ڏنو وڃي ته پوءِ ڪير به خدا جي وجود جي خلاف بحث ڪري نه سگهندو.

    الف. هر شيءِ محض حادثاتي طور يا ڪجهه اوچتن بي ترتيب
    واقعن جي ڪري وجود ۾ آئي
    اسان جو خيال آهي ته مادو محض حادثاتي طور يا ڪجهه اوچتن عجيب واقعن جي ڪري وجود ۾ اچي نٿو سگهي. اچو ته ان جي ناممڪنات بابت ڪجهه ثابتيون پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.
    اچو ته فرض ڪريون هڪ وڏو دوائن ٺاهڻ جو ڪارخانو آهي جنهن ۾ قسمين قسمين ڪيميائي مادا رکيل آهن. انهن ڪيميائي مادن مان ڪجهه خاص قسم جون دوائون ٺاهيون وڃن ٿيون. اسين ان مان هڪ دوا ٺاهڻ چاهيون ٿا پر مسئلو اهو آهي ته ڪيميائي مادا بلڪل درست مقدار ۾ ملايا وڃن ۽ ڪنهن به مادي جو معمولي ۽ هڪ ملي گرام جيترو گهٽ يا وڌ مقدار ان دوا کي قاتل زهر بڻائي سگهي ٿو. هاڻي اچو ته اهو فرض ڪريون ته توهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي انهن مان اها دوا ٺاهڻ جا رڳو ٻه ئي امڪاني طريقا آهن.
    پهريون طريقو اهو آهي ته اهي ڪيميائي مادا جيڪي هڪ ڪٻٽ جي خانن ۾ ڌار ڌار رکيل آهن. هڪ رات اوچتو تيز هوا لڳي ۽ ڪٻٽ فرش تي ڪري ڀڄي پوي. ڪيميائي مادا جن کوکن ۾ رکيل آهن سي ڦاٽي پون ۽ سڀ ڪيميائي مادا هڪٻئي سان ملي وڃن. عجيب اتفاق اهو ٿئي ته اهي ڪيميائي مادا حيرت انگيز طور بلڪل درست مقدار ۾ ملي وڃن ۽ اسين جيڪا دوا ٺاهڻ چاهيون ٿا سا پاڻمرادو ٺهي پوي.
    ٻيو امڪاني طريقو اهو آهي ته هڪ ماهر ڪيميا دان رکيو وڃي. جيڪو هر ڪيميائي مادي جو درست مقدار ڪڍي هڪٻئي سان ملائي ته جيئن اها گهربل دوا تيار ٿي پوي. هاڻي انهن ٻنهي مان توهان ڪهڙو طريقو پسند ڪندا. ڪنهن حادثي جو انتظار ڪندا يا وري ڪو ماهر ڪيميا دان رکڻ پسند ڪندا؟
    جيڪڏهن اسين گوشت، ڪاٺيون، مصالحا ۽ ماچيس هڪٻئي جي ڀر ۾ رکي ۽ پوءِ ويهي انتظار ڪريون ته تيز هوا لڳي پوي. هوا جي ڪري ماچيس مان تيليون نڪري ٻري پون ۽ انهن مان ڪاٺين کي باهه لڳي پوي. ان باهه جي ٻرڻ کان پوءِ گوشت پاڻهي اچي انهن ٽانڊن تي پوي ۽ پاڻمرادو بلڪل صحيح طريقي سان پچي راس ٿي پوي. اهڙيءَ طرح مصالحا به هوا جي زور تي پاڻمرادو پيسجي تيار ٿي وڃن ۽ اسان جي لاءِ خوراڪ جو مڪمل بندوبست ٿي پوي. اسان جي لاءِ اهو طريقو ڪيتريقدر بهتر رهندو؟ جيڪي چون ٿا ته مادو محض ڪنهن اتفاقي حادثي جي ڪري وجود ۾ آيو سي به بلڪل ان ئي طريقي جا ئي دعويدار آهن. هُو مادي جو وجود ته اوچتي حادثي جو نتيجو قرار ڏين ٿا پر پنهنجي خوراڪ جي تياريءَ لاءِ ڪنهن اهڙي حادثي جو انتظار ڪرڻ بلڪل پسند نٿا ڪن.

    ب. مادي پاڻ کي خود تخليق ڪيو
    انساني جسم به هڪ محل وانگر آهي پر اهو دنيا جي ڪنهن اڏيل محل جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مڪمل آهي. ڇا توهان اهو يقين رکو ٿا ته ڪو محل پاڻ کي خود ئي اڏي مڪمل ڪري؟ ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته انساني جسم جهڙو خوبصورت محل پنهنجي تعمير پاڻ ڪري.
    ٿورو پنهنجي رڳن جي اندر ڊوڙندڙ رت تي غور ڪريو ته اهو بلڪل ڪنهن نديءَ جي وهڪري وانگر لڳي ٿو. اسان جي رڳن ۾ رت جي ٻن قسمن جا خليا ۽ ٻن قسمن جي پروٽين موجود هوندي آهي.
    رت جا ڳاڙها جزا: اهي رت کي ڳاڙهو رنگ بخشين ٿا. رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجاهه لک رت جا ڳاڙها جزا موجود هوندا آهن. انهن جو ڪم اهو آهي ته هُو آڪسيجن کڻي ضرورت وارن هنڌن تائين پهچائين. رت جا اهي ڳاڙها جزا لڳ ڀڳ هڪ سئو کان هڪ سئو ويهه ڏينهن تائين پنهنجو اهو ڪم ڪن ٿا ۽ پوءِ ختم ٿي وڃن ٿا ۽ سندن جاءِ وري نوان جزا والارين ٿا. ڳاڙهن جزن جي ختم ٿيڻ ۽ نون جزن جي وجود ۾ اچڻ جو اندازو ان مان لڳايو ته انساني جسم هر سيڪنڊ ۾ ڏهه هزار رت جا ڳاڙها جزا تيار ڪري ٿو.
    رت جا اڇا جزا: رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب ۾ رت جي اڇن جزن جو تعداد لڳ ڀڳ چارکان ڏهه هزار هوندو آهي. اڇا جزا انساني جسم ۾ داخل ٿيندڙ وائرس ۽ مائيڪروبز کان بچاءُ ڪن ٿا. بيماريءَ وقت انهن جو في ملي ميٽر ڪيوب تعداد ڏهه کان ٽيهه هزارن تائين وڌي وڃي ٿو.
    رت ۾ ٻن قسمن جي پروٽين به شامل هوندي آهي، هڪ فائبرينوجن ۽ ٻي ٿرومبن. فائبرينوجن رت کي ڄمائڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ ٿرومبن وري فائبرينوجن جا ٽڪرا ڪري رت کي ڄمائڻ جو عمل تيز ڪري ٿي. عام حالتن ۾ ته رت جو ڄمڻ موتمار ثابت ٿي سگهي ٿو پر ڪو زخم يا ڪٽ لڳڻ جي ڪري جيڪڏهن رت وهڻ شروع ٿئي ۽ ترت بند نه ٿئي ته اهو به موتمار هوندو آهي. وهندڙ رت کي اهي پروٽين جا ٻئي قسم بند ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جيئن پروٽين کي سگنل ملي ٿو ته جسم جي ڪنهن حصي مان رت وهڻ شروع ٿي ويو آهي ته ٿرومبن پروٽين فوري طور فائبرينوجن کي ڪٽڻ شروع ڪري ٿي ۽ ان ڪٽيل فائيبرينوجن کي فائبرين چئبو آهي. فائبرين پروٽين ۾ جيئن ته چهٽڻ جي صلاحيت هوندي آهي ۽ اها زخم واري هنڌ تي پهچي هڪٻئي سان چنبڙڻ شروع ڪري ٿي. اهڙيءَ طرح هڪ ڄار ٺهي پوي ٿو جيڪو رت کي وهڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن اهو خوبصورت نظام اسان جي جسم ۾ موجود نه هجي ها ته اسين رت وهڻ جي ڪري ئي مري وڃون ها.
    اسان ته اڃا رڳو جسم جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب جيتري حصي جو جائزو ورتو آهي ته اسين حيرت ۾ ٻڏي ويا آهيون ته هاڻي سڄي جسم جو تصور ڪريو ته ان ۾ ڪيترا حيرتڪده موجود هوندا. اسين سڀ اڃا ته جسم جي سمورن خوبصورت سرشتن جي مڪمل ڄاڻ به حاصل نه ڪري سگهيا آهيون. ان نظام کي سمجهڻ کان پوءِ ڇا اسان جي ذهن ۾ ان کي جوڙيندڙ جو تصور نٿو اڀري؟ اهو ڪيترو نه ڪامل ذهن رکندڙ هوندو جنهن اسان جي جسم جي ذري پرزي جو مڪمل خيال رکيو آهي؟
    ڇا هاڻي ڪو اها دعويٰ ڪري سگهي ٿو ته اهو سمورو نظام محض حادثاتي طور ۽ ڪجهه بي ترتيب واقعن جي ظهور پذير ٿيڻ جي ڪري وجود اچي ويو؟ جيڪڏهن ڪير اهو سمجهي ٿو ته پوءِ کيس گهرجي ته هو پنهنجي ٻانهن ڪپي ۽ ان کان پوءِ ان جي ٻيهر ظاهر ٿيڻ جو انتظار ڪري. ڇا ڪير اهو ڪري سگهي ٿو؟ ان سموري بحث کان هٽي ڪري اسين جيڪڏهن ڏسون ته رڳو اهو پاڻي جيڪو اسين پيئڻ لاءِ استعمال ڪريون ٿا سو پاڻمردو گلاس ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. هر عمل لاءِ هڪ سبب گهربل هوندو آهي، ته پوءِ اها ڪهڙي ذات آهي جيڪا رت جي هڪ ملي ميٽر ڪيوب جي پويان موجود آهي؟ ان حيرت انگيز نظام جي تخليق لاءِ اسين ڪنهن کي ان جو ذميوار قرار ڏيون؟ اهو ايترو وسيع نظام جوڙيندڙ خدا کان سواءِ ٻي ڪا اهڙي ذات ڪامل توهان کي نظر اچي ٿي. يقيني طور نه ايندي ڇاڪاڻ ته ٻي ڪابه ذات هر فن ۾ يڪتا ٿي ئي نٿي سگهي.

    ت. اهو سڀ فطرت (نيچر) جي ڪري وجود ۾ آيو آهي
    فطرت ڇا آهي؟ اسان جي چئوڦير ماحول ۾ اسان کي جيڪي ڪجهه نظر اچي ٿو اها ئي فطرت آهي. اسان اهو به چئي سگهون ٿا ته هر قسم جو مادو پوءِ اهو وڏو هجي يا مختصر فطرت جو حصو آهي. هاڻي ان جي هڪ حصي يعني رڳو ڳئون جو مشاهدو ڪريون. کير جي ڀريل هڪ بالٽي ڳئون جي اڳيان رکي کيس چئو ته ان کي ڌنئوري ۾ تبديل ڪري؟ اسان مان هر ڪنهن کي اها پڪ آهي ته اهو ناممڪن آهي. هڪ ڳئون اهو سڀ ڪجهه نٿي ڪري سگهي. هاڻي ڀلا اچو ته فطرت جي هر حصي کي درخواست ڪريون ته مهرباني ڪري ڳئون جي مدد ڪن، پوءِ ڇا ٿيندو؟ فطرت جا سمورا ميمبر گڏجي رڳو مادي جو هڪ مختصر ترين حصو يعني هڪ ائٽم به نٿا ٺاهي سگهن. ڇاڪاڻ ته فطرت جي هر حصي جي تخليق ٿي آهي هو خالق نه آهن.
    ان جو بس هڪ ئي مطلب نڪرندو ته فطرت جي هر حصي جي خالق ٻي ڪا هستي آهي جيڪا يقيني طور خدا کان سواءِ ڪا ٻي ٿي نٿي سگهي. ڇو ته هُو هر مخلوق کان اڳ ۾ به موجود هو ۽ هر مخلوق کان پوءِ به موجود رهندو. اسين کيس ڏسي نٿا سگهون ڇاڪاڻ ته اسان کي زمين تي امتحان لاءِ لاٿو ويو آهي. ها اهو ضرور آهي ته الله تعاليٰ اهڙيون لکين نشانيون خلقيون آهن جيڪي سندس موجودگيءَ جي گواهي ڏين ٿيون. هاڻي جنهن کي خدا مت ۽ عقل ڏنو آهي سو ان مان سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. ائٽم کان وٺي ڪهڪشائن تائين هر شيءِ گواهي ڏي ٿي کين خلقيندڙ هستي موجود آهي ۽ اها هستي يقيني طور فطرت يا نيچر نه آهي. ڇاڪاڻ ته مادي کان سواءِ نيچر جو ڪو به وجود نه آهي. مادو آهي ته نيچر آهي. هتي اهڙي هستيءَ جي ضرورت آهي جيڪا مادي يا نيچر کان به اڳ ۾ موجود هجي. اها هستي خداءِ ذوالجلال کان سواءِ ٻي ڪابه ٿي نٿي سگهي.
    هن ڪائنات جي ڪينواس تي موجود هر نظارو ماهر خالق جي موجودگيءَ جو گواهه آهي ۽ سندس ثناخواني ڪندو رهي ٿو. هاڻي اهو اسان تي ڇڏيل آهي ته اسين هن ڪائنات کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا ۽ ان مان ڪهڙو مطلب ڪڍون ٿا. باقي اهو ته هر ڪو مڃيندو ته هر شيءِ ڀرپور ماڻ ۽ ماپي سان تخليق ڪيل آهي.

    2. ڪائناتي تال ميل
    جيڪڏهن هر شيءِ پنهنجي محور ۽ مدار ۾ درست نموني متحرڪ نه هجي ها ته ڇا اسين بچي سگهون ها؟ سوچيو ته جيڪڏهن ڪوئا گهوڙن جيڏا ۽ گهوڙا ڪوئن جيڏا هجن ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟ سوچيو ته جيڪڏهن اسان جي هڪ اک پيٽ تي ۽ ٻي پٺيءَ تي هجي ها، اسان جي زبان اسان جي ٻانهن تي هجي ها، اسان جو نڪ هاٿيءَ جي سونڊ جهڙو هجي ها، اسان جا ڀرون مٿي جي وارن وانگر وڏا ٿيندا رهن ها، اسان جا ڏند نه وڌن ها مطلب ته سوچيو ته جيڪڏهن هر شيءِ مختلف هجي ها ته پوءِ ڇا ٿئي ها؟
    اهو يقيني آهي ته هر شيءِ برجستي انداز ۾ پئدا ڪيل آهي. ان جي ڪري هر مخلوق کي اهو ڪجهه ملندو رهي ٿو جنهن جي کيس ضرورت آهي.
    جيئن قرآن شريف ۾ سوال ڪيل آهي “ڇا هُو نٿا ڏسن، اُٺ کي ڪيئن خلقيو ويو آهي؟” سو اچو ته اسين قرآن شريف جي پيروي ڪندي اُٺ جي تخليق تي ٿوري نظر وجهون. عام يعني هڪ ٿُوهي وارو اُٺ بنا پاڻيءَ جي به وڏو عرصو زنده رهي سگهي ٿو. ان جو سمورو راز سندس ٿوهي ۾ لڪيل آهي. جڏهن به سندس جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي ٿي ته ٿُوهي ۾ موجود چرٻي ڳري هائيدروجن پئدا ڪري ٿي ۽ ساهه جي رستي جسم ۾ داخل ٿيندڙ آڪسيجن سان ملي پاڻي ٺاهي ٿي. قدرت جي ان ڪرشمي جي ڪري اٺ صحرا ۾ پاڻيءَ کان سواءِ ڪافي ڏينهن تائين زنده رهي سگهي ٿو. مثال طور جيڪڏهن هزار ڪيميادان صحرا جو سفر ڪن تڏهن به سڀ گڏجي پاڻيءَ جو هڪ به قطرو نٿا ٺاهي سگهن. اها صلاحيت رڳو اٺ ۾ آهي. هاڻي جيڪڏهن اهو چئجي ته اها حرفت اٺ جي تخليق آهي تڏهن به اهو ممڪن نٿو نظر اچي. اها صلاحيت منجهس قدرتي طور تي موجود آهي جيڪا خودڪار نموني ڪم ڪندي رهي ٿي. ٿورو ان تي غور ڪريو ته اٺ جي اکين جا پلڪ ڪيترا وڏا آهن. اهي رڳو ان جي ڪري ته سندس اکيون واريءَ جي طوفان کان محفوظ رهي سگهن. هڪ ٻي دلچسپ ڳالهه ڏسو ته اٺ جا چپ ڪهڙي نموني جا آهن. اٺ جو مٿيون چپ رڳو ان ڪري چيريل هوندو آهي ته جيئن کيس ڪنڊن واريون ٽاريون کائڻ ۾ ڪا تڪليف نه ٿئي. اٺ جا پير وڏا ۽ ٿاڦوڙي جهڙا ان ڪري آهن ته جيئن هو ڪنهن ڌٻڻ ڦاسي نه سگهي. ان مان خبر پوي ٿي ته اٺ جو وجود هر لحاظ کان مڪمل آهي.

    3. نيچر ۾ عمدو توازن
    فطرت کي متوازن رکڻ الله پاڪ انتهائي بهتر ماحولياتي توازن کي متحرڪ رکيو آهي. جانور وڻ ٻوٽا کائڻ سان گڏ هڪٻئي کي به کائين ٿا ۽ ان جي ڪري توازن برقرار رهي ٿو. مثال طور هڪ ننڍڙو شڪاري جيت ٻين جيتن کي کائي نيچر کي متوازن رکي ٿو. اهو شڪاري جيت هڪ وقت ۾ 350 آنا لاهي ٿو جيڪي وري ٻين جيتن جو کاڄ بڻجن ٿا.
    هڪ ڪوئو سال ۾ 400 ٻچا پئدا ڪري ٿو. هاڻي هڪ تحقيق مان پتو پيو آهي ته هڪ ڪوئي جو نسل ٻن سالن ۾ 65 هزارن تائين پهچي سگهي ٿو. هاڻي آفاقي قوت جيڪڏهن رڳو هڪ ڪوئي جي واڌ ويجهه ۾ توازن نه رکي ها ته شايد ڪجهه سالن ۾ هن ڌرتيءَ تي رڳو ڪوئا ئي ڪوئا هجن ها.
    ان کان به وڌيڪ دلچسپ توازن جو نمونو سمنڊ جو آهي. توهان کي اها خبر آهي ته هر سيڪنڊ ۾ هڪ ڪروڙ سٺ لک ٽن پاڻي ٻاڦ بڻجي هوا ۾ شامل ٿي وڃي ٿو؟ اها ٻاڦ پوءِ سڄي دنيا ۾ پکڙي وڃي ٿي. ان توازن کي برقرار رکڻ لاءِ جيڪڏهن اسان کي ايترو پاڻي ٻاڦ بڻائڻو پوي ها ته اسان کي هر سيڪنڊ ۾ 4100 کرب ٽن ڪوئلو ساڙڻو پوي ها. پر خدا جو شڪر آهي ته سج جي 6000 ڊگري گرمي اهو سڀ ڪجهه خودڪار نموني ڪريو ڇڏي.
    ٿورو اچو ته ڀونوچ سمنڊ جي ماحول کي ڏسون. ان جي فضا به ڏاڍي دلچسپ آهي. هن سمنڊ مان هر سيڪنڊ ۾ هڪ لک سورهن هزار ٽن پاڻي ٻاڦ بڻجي فضا ۾ پکڙجي وڃي ٿو. پوءِ اها ٻاڦ ڪڪرن جي شڪل ۾ دنيا جي مختلف هنڌن ڏانهن رواني ٿيو وڃي ۽ جتي ضرورت ۽ سازگار ماحول ملي ٿو اتي برسات بڻجي وسيو پوي. ڀونوچ يعني ڀونءِ يا ڌرتيءَ جو وچ ۽ اهو سمنڊ جو به وچ آهي. ان کي گهربل پاڻي ڪٿان ملي ٿو. ٻي صورت ۾ ڀونوچ سمنڊ جي سطح ساليانو ڏيڍ ميٽر گهٽجي سگهي ٿي. اهو سمنڊ هر سيڪنڊ ۾ 31 هزار ٽن پاڻي حاصل ڪري ٿو ۽ ان ۾ جيڪڏهن مختلف درياهن جو في سيڪنڊ جي حساب سان 7300 ٽن پاڻي به شامل ڪيو وڃي تڏهن به 75 هزار ٽن پاڻيءَ جي کوٽ رهي ٿي. ڪجهه کوٽ وري بحر اسود ((black sea پوري ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته ان سمنڊ مان پاڻيءَ جي ٻاڦ بڻجڻ جو مقدار تمام گهٽ آهي. بحر اسود ۾ ٽي اهم درياهه به ڇوڙ ڪن ٿا پوءِ به ان جي سطح وڌي ڪانه ٿي ڇاڪاڻ ته هر سيڪنڊ ۾ 6 هزار ٽن پاڻي ڀونوچ سمنڊ ۾ هليو وڃي ٿو. ڀونوچ سمنڊ جي باقي 70 هزار ٽن في سيڪنڊ پاڻي جي کوٽ جو پورائو وري بحر اوقيانوس يا ائٽلانٽڪ سمنڊ ڪري ٿو. جيڪو جبرالٽر يا جبل الطارق وٽان ڀونوچ سمنڊ سان ملي ٿو. ڇا ته حسين توازن آهي!

    4. هر شيءِ خدا ڏانهن اشارو ڪري ٿي
    قرآن شريف بيان ڪري ٿو “اسان هر شيءِ مڪمل حصي ۽ توازن مطابق خلقي آهي.” ٿورو اڃا وڌيڪ غور ڪريو ته عورت جي ٻچيدانيءَ ۾ zygote نالي ننڍڙو آنو يا جيو گهرڙو هوندو آهي. ان جو وزن صرف هڪ گرام جي به 17 لک هين حصي جيترو ٿئي ٿو. جيڪو مرداڻي آني سان ملي ايمبريو يا ڳڀ ٺاهي ٿو جيڪو پوءِ وڌي هڪ هزار کرب زنده جيو گهرڙن تي ٻڌل هڪ مڪمل انسان بڻائي ٿو. ڇا هاڻي اسين اهو چئون ته عورت جي ٻچيدانيءَ وارو هڪ ننڍڙو جيو گهرڙو ايترو هوشيار آهي جو اهو انساني جسم جو هر حصو ۽ هر جيو گهرڙو تخليق ڪري ٿو ۽ کين سندن ڪم به ورهائي ڏي ٿو؟
    اسين جيڪڏهن هڪ مختصر ترين جيو گهرڙي تي غور ڪنداسين ته اهو هڪ اهڙي لئباريٽري نظر ايندو جيڪا هڪ وقت ۾ ٻه هزار مختلف ڪم ڪندي نظر ايندي. هڪ انسان جي جسم ۾ اهڙا لڳ ڀڳ هڪ هزار کرب زنده جيو گهرڙا موجود هوندا آهن. هر جيو گهرڙو پنهنجو ڪيميائي ڪم بلڪل ماڻ ۽ ماپي مطابق ڪندو رهي ٿو. هاڻي دل تي هٿ رکي چئو ته اهي سڀ ڪم پاڻمرادو يا اوچتي حادثي جي ڪري ممڪن ٿي سگهن ٿا. اهو سمورو نظام انتهائي اثرائتي طريقي سان پنهنجو ڪم ڪندو رهي ٿو.
    ڌرتي پنهنجي محور تي گردش به مڪمل رٿابنديءَ سان ڪري ٿي. ڌرتيءَ جي پنهنجي محور تي گردش جي رفتار آواز جي رفتار کان وڌيڪ هوندي آهي. جيڪڏهن اها رفتار ان کان اڃا به وڌيڪ هجي ها ته اسان لاءِ زمين تي پنهنجو توازن برقرار رکڻ ممڪن نه رهي ها. ٻئي طرف جيڪڏهن اها رفتار موجوده رفتار کان گهٽ هجي ها ته پوءِ موسمن جي چڪر ۾ توازن برقرار رهي نه سگهي ها. جيڪڏهن زمين جو سج کان مفاصلو گهٽ يا وڌ هجي ها تڏهن به زمين تي زندگيءَ جو تصور به ممڪن نه هجي ها. ان جو بهترين مثال زهره ۽ مريخ آهن. زهره جو تاپمان هر وقت ايترو هوندو آهي جو شيهو آرام سان ڳري وڃي ٿو ته ٻئي طرف وري مريخ جو گرمي پد ڏينهن جي گرم ترين حصي ۾ به ڪاٽو 22 ڊگري سينٽي گريڊ هوندو آهي. انهن ٻنهي سَيارن سان ڌرتيءَ جي ڀيٽ ڪرڻ سان خبر پوي ٿي جيڪڏهن زمين جي گردش ۽ سج کان مفاصلو مڪمل رٿابنديءَ مطابق نه هجي ها ته هتي جون حالتون ڪهڙيون هجن ها. چنڊ جو زمين کان مفاصلو به ڪجهه گهٽ دلچسپ نه آهي ڇاڪاڻ ته ان جو سمنڊ جي لهرن ۽ جوار (سمنڊ ۾ اٿندڙ سڀ کان وڏي لهر جنهن کي چانڊي جوار يعني چنڊ وارو جوار به چوندا آهن: سنڌيڪار) تي سڌو اثر پوي ٿو. ڌرتي پنهنجي محور تي 23.5 ڊگريءَ تي بيٺل آهي. اهو سڀ ان مڪمل رٿابنديءَ جو ڪمال آهي جيڪا آڪسيجن ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ توازن به برقرار رکي ٿي. يقيني طور تي اها سموري رٿابندي رياضيءَ جي ڪنهن مطلق ماهر جي ڪمال ڏانهن اشارو ڪري ٿي.

    5. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه خدا تخليق ڪيو ته پوءِ خدا کي ڪنهن تخليق ڪيو؟
    (اسان کي ان سوال تي افسوس ته ضرور آهي پر ڇا ڪجي جو اهو اهڙو سوال آهي جيڪو اسان کان بار بار پڇيو ويندو رهي ٿو.)
    هر ڀيري جڏهن اهو سوال ٻڌون ٿا دل مان بي اختيار اهو آواز اچي ٿو “اي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم توهان بلڪل درست فرمايو هو.” ان جو سبب اهو آهي ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏينهن ۾ جڏهن ماڻهو اهڙي سوال جو تصور به نٿي ڪري سگهيا تڏهن به پاڻ سڳورن فرمايو هو “اهڙو ڏينهن به ايندو جڏهن ماڻهو پلٿي هڻي ويهي چوندا ‘خدا کي ڪنهن خلقيو؟’”
    اچو ان سوال جو ڪو تمثيلي جواب ڳوليون: ٿورو غور ڪريو ته هڪ ريل انجڻ آهي جنهن جي پٺيان اسي گاڏا لڳل آهن. هاڻي جيڪڏهن ڪير اهو پڇي ته آخري گاڏي کي ڪير ٿو ڇڪي ته جواب هوندو ته اڳيون گاڏو. اهڙيءَ طرح اهو سوال ۽ جواب جو سلسلو هلندو رهي ته معاملو اچي پهرين گاڏي تي پهچندو ۽ ان جو جواب هوندو ته ان کي انجڻ ڇڪي ٿي. ان کان پوءِ سوال جي گنجائش ئي نٿي رهي پر پوءِ به جيڪڏهن ڪو بيوقوف اهو سوال ڪري ته انجڻ کي ڪير ٿو ڇڪي ته جواب هوندو ته ڪوبه نه ڇاڪاڻ ته انجڻ پنهنجي قوت پاڻ پئدا ڪري ٿي.
    فرض ڪريو ته توهان هڪ اهڙي ڪرسيءَ تي ويهڻ چاهيو ٿا جنهن جون پٺيون ٽنگون نه آهن ته توهان جو ڪرڻ يقيني بڻجي ويندو. هاڻي توهان ان جي هيٺان ٻي ڪرسي رکو ٿا پر ان جون به پٺيون ٽنگون نه آهن. هاڻي به توهان لاءِ صورتحال ساڳي هوندي. اهڙيءَ طرح لکين ڪرسيون رکندا وڃو پوءِ به صورتحال بدلجي نه سگهندي. ان ۾ تبديلي رڳو ان صورت ۾ ايندي جڏهن توهان ڪا چئن ٽنگن واري ڪرسي رکندا. ان مان اها خبر پئي ته اسان کي ويهڻ لاءِ مڪمل ڪرسيءَ جي ضرورت آهي پر ڪرسيءَ کي ڪنهن جي به مدد جي ضرورت نه آهي. بيشڪ خدا ڪنهن جي به مدد جو محتاج نه آهي، هُو ئي قادر مطلق آهي ۽ هُو ئي لازوال لافاني آهي.
    توهان کي مٿئين بحث مان اهو ته معلوم ٿي ويو هوندو ته ان قسم جو بحث محض حقيقت کان اکيون ڦيرڻ جي برابر آهي.
    ان کان پوءِ ٻيو اهم سوال جيڪو اسان کان اڪثر پڇيو ويندو آهي سو آهي ته قرآن شريف ۾ الله پاڪ جڏهن پنهنجي پاڻ ڏانهن اشارو ڪري ٿو ته ان لاءِ “اسين يا اسان” جا لفظ ڪتب آندا آهن ان جي پٺيان ڪهڙو فلسفو آهي؟
    ڪجهه آيتون اهڙيون به آهن جن ۾ لفظ “مان يا آئون” استعمال ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه آيتن ۾ “اسان” جو لفظ آيل آهي. ان لاءِ اچو ته قرآن شريف جي آيتن کان ئي مدد وٺون.
    “اي بني اسرائيلو ! منهنجي ان نعمت کي ياد ڪريو جنهن جو مون اوهان تي انعام ڪيو. ۽ منهنجو انجام پاڙيو ته آءُ اوهان سان انجام پاڙيان. ۽ مون کان ئي ڊڄو.” (البقرة: ٤٠)
    “۽ جڏهن توکان منهنجا ٻانهان منهنجي پڇا ڪن ته (چئو ته) بيشڪ آءُ ويجهو آهيان. سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيان ٿو جنهن وقت هو مون کي سڏي ٿو. پوءِ منهنجو حڪم قبول ڪن ۽ مون تي ايمان آڻين ته مَنَ رستو لهن.” (البقرة: ١٨٦).
    “۽ مون جنن ۽ انسانن کي رڳو هن لاءِ پيدا ڪيو آهي ته منهنجي عبادت ڪن.” (الذاريات: ٥٦)
    اسين جيڪڏهن غور سان ڏسنداسين جتي الله پاڪ پاڻ سڌو مخاطب آهي اتي لفظ “آئون يا مان” استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جتي ڪنهن ٻئي جي ذريعي يا اڻسڌو مخاطب آهي اتي لفظ “اسان يا اسين” استعمال ڪيو ويو آهي. سڌي مخاطب هجڻ جي صورت ۾ پنهنجي هيڪڙائي ظاهر ڪرڻ لازمي ٿي وڃي ٿي. پر جڏهن ڪو نمائندو يعني حضرت جبرائيل عليه السلام جي معرفت يا ڪنهن نبيءَ جي معرفت مخاطب آهي اتي ئي “اسان يا اسين” جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن نمائندي کي اهو اختيار نه هجڻ گهرجي ته هُو پنهنجي مالڪ جو ذڪر احترام کان سواءِ ڪري. اهو سچ آهي ته الله پاڪ کي ڪنهن نمائندي جي ضرورت ئي نه آهي پر نمائندي جي موجودگي الله پاڪ جي مختيارڪل هجڻ گواهيءَ خاطر آهي. اسين سببن ۽ جوازن جي دنيا ۾ رهون ٿا ۽ ان جي ڪري هر معاملو ڪنهن نه ڪنهن سبب يا جواز سان سلهاڙيل آهي. مثال طور ڪنهن ٻار جي ڄمڻ لاءِ ماءُ ۽ پيءُ جو هجڻ ضروري بڻجي وڃي ٿو پر الله پاڪ انهن سببن کان بلڪل آجو آهي. ڪجهه اهڙا واقعا پيش ڪري اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته الله پاڪ قادر مطلق آهي. جيئن حضرت آدم عليه السلام ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام جي پئدائش جا واقعا ڪنهن به سبب جا محتاج نه آهن. اسان کي ضرورت ان ڪري پوي ٿي جو اسين هتي امتحان لاءِ آيا آهيون پر الله پاڪ کي ڪنهن به امتحان جي ضرورت نه آهي. ڇاڪاڻ ته هُو پاڻ امتحان وٺڻ وارو آهي.
    بيشڪ اسان ئي قرآن کي نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسين ئي ان جا نگهبان آهيون. (٩)
    ۽ بيشڪ اسين مئلن کي جيئرو ڪريون ٿا ۽ جيڪي (چڱا يا بڇڙا ڪم) اڳي موڪليائون سي ۽ سندن (ڇڏيل) نشان لکون ٿا ۽ سڀ ڪنهن شيءِ کي اسان ظاهر ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ ڳڻي ڇڏيو آهي. (١٢)
    توڙي جو اسين انسان آهيون پر پوءِ به اسين جڏهن پنهنجي ماتحتن سان مخاطب ٿيندا آهيون ته پنهنجي لاءِ به جمع جو صيغو لڳائيندا آهيون. جيئن قديم شاهي لکتن ۾ توهان ڏسي سگهو ٿا ته مخاطب ٿيڻ جو اهڙو ئي انداز توهان کي نظر ايندو.

    6. جيڪي شيون اسان کي نظر نٿيون اچن تن تي ڪيئن يقين ڪريون؟
    اڪثر ڪمزور عقيدي وارا يا مشرڪ اهو سوال ضرور ڪندا آهن. ان سوال جو ڪيترن ئي طريقن سان جواب ڏئي سگهجي ٿو. يقين مڪمل طور دل جو معاملو آهي. ڪنهن به شيءِ تي يقين ڪرڻ جا ڪيترائي طريقا آهن. انهن مان ڏسڻ به هڪ آهي پر ڏسڻ واحد طريقو نه آهي. اسين آواز ڏسي، چکي يا سونگهي نٿا سگهون. جسم ۾ موجود تڪليف يا سردي به اکين سان ڏسي نٿي سگهجي. اکيون ڪنهن به شيءِ جي موجودگي جي خاطريءَ جو واحد ذريعو نه آهن. هاڻي اهو ته طئه ٿيو ته ڪنهن به شيءِ جي موجودگيءَ جي تصديق لاءِ عقل جي ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن اسين ڪنهن جي وجود کي مڃڻ لاءِ رڳو اکين کي ئي واحد وسيلو سمجهنداسين ته پوءِ آواز، خوشبوءِ، ذائقو، احساس ۽ جذبات سڀني کان اسان کي انڪار ڪرڻو پوندو. پر جيڪڏهن عقل ۽ سڀني حواسن کي استعمال ڪنداسين ته اسين انهن سڀني موجودگيءَ سمجهي ۽ محسوس ڪري وٺنداسين.
    ڪيتريون ئي مابعدالطبعياتي، مافوق الفطرت ۽ تصوراتي شيون آهن جيڪي اسان جي نظر يا تصور کان پري آهن ۽ انهن کي سمجهڻ لاءِ اسان کي عقل، فهم ۽ دل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اهڙيون ڪيتريون ئي شيون آهن جيڪي اسين جيڪڏهن دماغ سان سمجهي نٿا سگهون ته انهن لاءِ اسان کي دل جو استعمال ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي منطق، فهم يا داراڪ محدود آهن ان جي ڪري اسان کي پنهنجي عقل ۽ عقيدي جو استعمال ڪرڻو پوندو.
    مثال طور جيڪڏهن اسين برف تي پيرن جا نشان ڏسون ٿا ته ان مان سمجهي وينداسين اتان ڪو ماڻهو لنگهيو آهي ۽ جيڪڏهن اسين پيرن جي نشانن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکون ٿا ته اسين ان ماڻهوءَ جي وزن جو اندازو به لڳائي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اسين پيرا کڻڻ جا ماهر آهيون ۽ اهو پير اسان جو اڳ ۾ ڏٺل آهي ته اسين ان ماڻهوءَ جي نالي کان به واقف ٿي وينداسين، هاڻي اهو سڀ اسان جي عقل ۽ فهم ۽ ڄاڻ تي ڇڏيل آهي. هڪ ماڻهو رڳو اهو سمجهندو ته اهو ڪنهن انسان جو پير آهي، ٻيو اهو به سمجهي ويندو ته ان ماڻهوءَ جو وزن ڪيترو آهي پر ماهر اهو به سمجهي ويندو ته اهو پير ڪنهنجو آهي. ان مان اهو ئي معلوم ٿيو ته جنهن جو جيترو فهم هوندو سو ايترو ئي سمجهي سگهندو. ٻيو اهو ته اسان برف تان ڪنهن کي لنگهندي ته نه ڏٺو پر پنهنجي عقل ۽ فهم جي مدد سان سمجهي وياسين ته اتان ڪو ماڻهو لنگهيو آهي. هاڻي اسين جيڪڏهن ڪو ڍڳو آڻيون ۽ کيس وٺي اچي اهي پيرن جا نشان ڏيکاريون ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ يقيني طور ڍڳي کي اکيون ته آهن پر اهو فهم ته نه آهي جيڪو انسان کي آهي. ڍڳو ڪجهه به ٻڌائي نه سگهندو. رڳو اکيون هجڻ يا اکين سان ڏسڻ ڪافي نه هوندو آهي ۽ نه ئي رڳو اکين سان ڏسڻ سان ئي ڪنهن جي موجودگيءَ تي يقين ڪري سگهجي ٿو.

    7. ايمان جو وڻ
    اسان ٿورو انهن جي باري ۾ سوچيون جن کي هن دنيا ۾ سندن جائز حق نه مليا آهن، جيڪي غربت ۾ گهارين ٿا ۽ کين ان هنڌ تي ٻين پهچايو آهي. اسين انهن جو تصور ڪريون جن کي ٻين بلڪل وساري ڇڏيو آهي، اهي جيڪي اڄ جي اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ شامل نه آهن ۽ اهي جيڪي بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار آهن.
    ها اهڙن ماڻهن جو ڪجهه ذڪر ڪجي جيڪي محروميءَ جو شڪار آهن، جن جون سڀ اميدون ختم ٿي چڪيون آهن ۽ جن کي هر دروازي تان ڌڪاريو ويو آهي جنهن جي ڪري هُو گهٽين ۾ گهارڻ تي مجبور آهن. اهڙين حالتن جي شڪار ماڻهن کي باغي نه بڻجڻ گهرجي، کين اهو نه چوڻ نه گهرجي “اسان کي هن حالت ۾ خدا پهچايو آهي، خدا اسان کي غربت ڏني آهي. خدا اسان جي ڪنهن به معاملي ۾ ڪابه مدد نه ڪئي آهي نه اسان کي مال دولت ڏني اٿس ۽ نه ئي عزت ۽ شهرت ڏني اٿس. معاشري ۾ اسان جو ڪوبه قدر نه آهي. جڏهن ته اسان جي چوڌاري امير ۽ دولتمند ماڻهو موجود آهن. اسين به مسلمان آهيون، اسين به آدم جو اولاد آهيون. پوءِ اسين ڇو بدحاليءَ جو شڪار آهيون ۽ ٻيا ڇو عيش پيا ڪن؟”
    او منهنجا ڀائرو! اهڙا لفظ ڪڏهن به پنهنجي وات مان نه ڪڍو. پنهنجي حالت جو پاڻ جائزو وٺو توهان کي سڀ ڪجهه سمجهه ۾ اچي ويندو. ڇاڪاڻ ته توهان جي اها حالت خدا نه ڪئي آهي پر ان جا ڪي ٻيا سبب ضرور هوندا. ڪجهه استحصالي قوتون هونديون جيڪي ان سڀ جو ڪارڻ هونديون. خدا هر انسان کي آزاد ۽ خود مختيار ڪري پئدا ڪيو آهي. توهان کي سوچ، سمجهه ۽ عقل ڏنو آهي. توهان کي صبر، شڪر ۽ برداشت جي سگهه عطا ڪئي آهي. توهان کي ايمان، علم ۽ ڀائيچارو عطا ڪيو آهي. پنهنجي ايمان کي ڪمزور نه ڪريو. ايمان کي مضبوط رکندا ته توهان کي ان جو اجر خدا ضرور ڏيندو. قرآن شريف ۾ ان لاءِ خدا فرمايو آهي جنهن جو مطلب ڪجهه هن ريت آهي “جيڪي تڪليف ۾ به صبر ۽ شڪر جو مظاهرو ڪن ٿا تن کي قيامت جي ڏينهن ان جو ايترو اجر ملندو جو ڪوبه انسان ان جو تصور به نٿو ڪري سگهي.” ته پنهنجي ابدي زندگيءَ متعلق سوچيو ۽ هن فاني دنيا ۾ ثابت قدم رهو ته جيئن ابدي زندگيءَ ۾ ان جو انعام حاصل ڪري سگهو. هن فاني دنيا ۾ پنهنجي حالت سڌارڻ جي پاڻ ڪوشش ڪريو ۽ خدا تي يقين رکو ته هُو توهان جي ڪوشش ضرور ڪامياب ڪندو. ان يقين سان ڪجهه به شروع ڪندا ته ان جا تمام بهتر نتيجا نڪرندا.

    8. هڪ معذور ٻار جو ايمان
    منهنجون اکيون هن تي کتل هيون. هو مشڪل سان تيرهن ورهين جو هو ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري رهيو هو. مون کي محسوس ٿيو ته سندس چيلهه کان هيٺ وارو حصو مفلوج آهي. ان جي باوجود هُو هلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو هو. هن لاءِ سڌو هلڻ ممڪن نه هو تنهنڪري پاسيرو ٿي جهٽڪي سان هلي رهيو هو ۽ ان جي ڪري سندس جسم اڃا به مختصر نظر اچڻ ٿي لڳو. هن مون کي ڄڻ ته مسمرائيز ڪري ڇڏيو هو ۽ آئون هن کي ڏسندو رهيس. هُو جهٽڪي سان هلندو پئي ويو. کيس هر وک تي جهٽڪي سان پير اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻي ٿي پئي. اوچتو هڪ جهٽڪي وقت هو پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ ڪري پيو. مون جلدي اڳتي وڌي کيس اٿيارڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تڏهن خبر پئي ته هو روئي رهيو هو. مون سندس پٺي ٺپيندي چيو “خير آ، اهڙيون شيون زندگيءَ ۾ پيش اينديون رهن ٿيون.”
    هو چوڻ لڳو “آئون ان تي پريشان نه آهيان، مون کي ڪو به فڪر نه آهي.”
    مون سندس ڳوڙها اگهندي چيو “پر تون ته روئي رهيو آهين.”
    هن چيو “اصل ۾ مون کي ٻانهن ۾ ڌڪ لڳو ان جي ڪري روئي پيس.”
    مون سندس قميص جي ٻانهن مٿي ڪئي ته خبر پئي ته هن جي ٻانهن ڪٽيل آهي. تڏهن محسوس ڪيم ته هو هڪ ٻانهن جي سهاري توازن برقرار رکڻ جي ڪوشش ڇو ڪري رهيو هو. هن کي شايد خبر پئجي وئي ته مون کي ڏک پهتو آهي سو چوڻ لڳو “هيءُ ڌڪ مون کي اڳ ۾ لڳل ڌڪ جي ڀيٽ ۾ ته ڪجهه به نه آهي، تڏهن ته منهنجي هٿ تان ڪار چڙهي وئي هئي.”
    آئون ڪجهه دير لاءِ ته بلڪل خاموش ٿي ويس، پوءِ کيس چيم “خير آهي، گهٽ ۾ گهٽ زنده ته آهين.”
    هن چيو “مونکي ڪو به فڪر نه آهي ۽ نه ئي مون هن حالت بابت ڪنهن کان ڪا شڪايت آهي.”
    مون چيو “اهو ته تون اڳ ۾ به چئي چڪو آهين، ان حوصلي جو ڪهڙو سبب آهي؟”
    هن چيو “منهنجو خدا تي ايمان آهي. اهي جيڪي خدا تي پختو يقين رکن ٿا تن کي دائمي زندگيءَ ۾ خدا ڀرپور ۽ مڪمل جسم عطا ڪندو.”
    مون سوچيو ته يا خدا! آئون ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ ڪڏهن به ڪنهن جي دل ۾ خدا تي ايترو ايمان مون نه ڏٺو آهي جيترو هن جي ننڍڙي دل ۾ موجود آهي. هو منهنجا ٿورا مڃيندو هليو ويو. مون سوچيو “ڪير سڀ کان وڌيڪ قناعت پسند آهي هُو يا آئون؟”

    9. هدايت حاصل ڪريو
    اسان جي پياري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو فرمان اهي ته ‘دين هدايت آهي’ سمجهو ته ٽن لفظن ۾ اها دين جي مڪمل وصف آهي. ايمان آڻيندڙن تي اهو فرض آهي ته دين جي مڪمل ڄاڻ هدايت سمجهي حاصل ڪن ۽ پنهنجي حقيقي خالق تي ايمان ڪامل رکن. ڪجهه جن ايمان ته آندو پر هو اڃا تائين وسوسن جو شڪار آهن.
    اها حقيقت آهي ته وسوسن جا شڪار ماڻهو شفاعت کان محروم رهندا. ڪجهه وري اهڙا به آهن جن ايمان به آندو ۽ آگاهي به حاصل ڪئي پر ان تي عمل نٿا ڪن. هنن کي اها ڄاڻ ئي نه آهي ته الله پاڪ سندن رهنمائي ڪري سگهي ٿو بس رڳو وک وڌائڻ جي دير آهي. ڪجهه اهڙا به هوندا جن نه رڳو ايمان آندو پر خدا جي حڪم تي عمل به ڪيو. پڪ ڄاڻو ته خدا مٿن مهربان آهي ۽ هو خدا جي رحمت جي ڇانو ۾ رهن ٿا.
    توهان کي هدايت تڏهن ئي ملندي جڏهن توهان خدا حڪم جي مڪمل پيروي ڪندا. عجز، انڪساري ۽ عاجزي اختيار ڪندا. الله پاڪ جا عاجز ٻانها ٿي گذاريندا ته اهڙن ماڻهن کي موٽ ۾ الله پاڪ جنت ۾ اعليٰ مقام بخشيندو.

    10. ٻاجهه ۽ ڇوٽڪاري جا حقدار بڻجو
    انسان جي تخليق اهڙي انداز ۾ ٿيل آهي جو هُو هر وقت ماحول کي تنقيدي نظر سان ڏسي ٿو ۽ چئوڦير ٿيندڙ واقعن تي نظر رکي ٿو ۽ انهن مان سبق حاصل ڪري ٿو. انسان ۾ صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ جي اتم صلاحيت موجود آهي ۽ ان جي آڌار تي هو اڳڪٿي به ڪري سگهي ٿو. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انسان خدا جي بهترين تخليق آهي. پر هن دنيا ۾ انسان مهمان جي حيثيت ۾ موجود آهي ۽ اڳئين جهان ۾ ابدي زندگي ملڻ جي بشارت ڏني وئي آهي. انسان کي پهرين هدايت نبين جي معرفت ڏني وئي ۽ ان کان پوءِ هدايت ڏيڻ جو ڪم خدا نيڪ ٻانهن جي حوالي آهي. اسان کي ان تي پختو ايمان رکڻ گهرجي ته هيءَ عارضي دنيا آهي ۽ اسين هتي مختصر وقت جا مهمان آهيون.
    اسان کي هر حال ۾ شڪرگذار رهڻ گهرجي، قناعت کان ڪم وٺڻ گهرجي ۽ خدا جي رضا تي راضي رهڻ گهرجي. شيطان اسان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي ٿو تنهنڪري اسان کي گمراهيءَ کان بچڻ گهرجي. هر انسان کي گهرجي ته هُو هر وقت پنهنجي دل ۾ اصلاح ۽ هدايت جي گنجائش رکي. جيڪڏهن توهان جي دل ۾ سکڻ ۽ سمجهڻ جي خواهش موجود هوندي ته پڪ ڄاڻو ته خدا توهان جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو. ڪڏهن به ڪٿي ڪو مغروريءَ وارو اکر ٻڌون ته اسان کي گهرجي ته پنهنجي پاڻ کان سوال ڪريون ته ڇا اسان جي دل ۾ به ڪا اهڙي خراب شيءِ موجود آهي؟ ضروري آهي ته اسين هروقت پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺندا رهون.
    جيڪڏهن اسين ڪنهن جي رهبري يا رهنمائي ڪرڻ لاءِ نڪرون ٿا ته اسان کي گهرجي ته پهرين پنهنجو جائزو وٺون ته ڇا اسين ان لائق آهيون ۽ ڇا اهي خاميون اسان ۾ به موجود ته نه آهن؟ ان جو جواب بلڪل ايمانداريءَ سان ڳوليون ۽ جيڪڏهن ڪا خامي آهي ته پهرين ان کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون.

    11. اصلاح ڪندڙ
    اسان کي هن زندگيءَ ۾ جيڪو پهريون سبق مليل اهي سو اهو آهي ته اسين گناهن کان بچون. اسان تي اهو فرض آهي ته ڪا نيڪ صلاح ڏيندڙ ننڍو هجي يا وڏو سندس ڳالهه ڌيان سان ٻڌون ۽ پوءِ هن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪريون. جيڪڏهن اسين ڪنهن جي رهنمائي ڪرڻ چاهيون ٿا ته سڀ کان پهرين پنهنجي ڪردار جو جائزو وٺون. جيڪڏهن اسان ۾ به ساڳيون خاميون هجن ته پهرين انهن کي درست ڪريون. جيڪڏهن اسين ڪنهن ڊاڪٽر وٽ وڃون ۽ هُو اسان کي سگريٽ پيئڻ کان روڪي جڏهن ته پاڻ سگريٽ پيئندڙ هجي ته اهڙي صورت ۾ سندس صلاح ڪيتريقدر اثرائتي هوندي. جيڪڏهن اسين ڪو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسين ان بابت صلاح وٺڻ لاءِ ڪنهن ناڪام ڪاروباري شخص وٽ ته نه وينداسين. ان جي ڪري دين جي اصلاح وقت به اسان کي اهڙين سمورين ڳالهين جو خيال رکڻ گهرجي.
    اهو به ياد رکو آدم ۽ حوا جو جنت مان نڪرڻ به هڪ غلط صلاح جو ئي نتيجو هو ۽ منع ڪيل ڦل کائڻ جي صلاح کين شيطان ڏني هئي. ان ڪري اصلاح ڪندڙ ۽ اصلاح جي طالب ٻنهي لاءِ اهو لازمي آهي ته مڪمل ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڪنهن فيصلي تي پهچن. اهو هر وقت ذهن ۾ رکو ته شيطان ۽ ابوجهل به ماڻهن کي صلاحون ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ شيطان ته اڃا تائين به ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ ۾ مشغول آهي. ڪٿي ايئن نه ٿئي ته نيڪ راهه وٺڻ جي بدران ڪٿي گمراهه نه بڻجي وڃو. هروقت پنهنجي خدا کان نيڪ راهه تي هلڻ جي سگهه جا طالب رهو ۽ بيشڪ خدا سڀ کان بهتر رهنمائي ڪندڙ آهي.


    باب چوٿون

    1. نوجوانو
    ڇا توهان ڪڏهن پنهنجي وجود متعلق سوچيو آهي ته توهان ڪيئن هڪ جيو گهرڙي مان جنم ورتو آهي جيڪو توهان جي سوچ کان به ننڍڙو آهي؟ پنهنجي بدن جي جوڙجڪ تي ٿورو ڌيان ڏيو، ڇا توهان پنهنجي عضون مان ڪنهن هڪ کي ٻئي تي ترجيح ڏئي سگهو ٿا؟ نوجوانو! اڄ توهان سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي دور ۾ رهو ٿا ۽ اڄ توهان معلومات تائين اک ڇنڀ ۾ پهچي سگهو ٿا. توهان جي ئي وقت جي هڪ تمام وڏي ڊاڪٽر جو چوڻ آهي “اي منهنجا عضوا! آئون مڪمل آحترام سان توهان جي آڏو سر جهڪايان ٿو!” هتي هُو رڳو نڪ سان مخاطب هو. آخر ان هڪ معمولي عضوي کان ايترو متاثر ڇو آهي؟
    ڇا توهان علم جي مدد سان پنهنجي پاڻ بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ نٿا چاهيو؟ جيڪڏهن اڄ توهان ڄاڻ کان فرار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته اوهان جي مرضي پر ياد رکو ته هڪ ڏينهن اهي ئي عضوا توهان سامهون هوندا ۽ توهان انهن بابت معلومات حاصل ڪرڻ تي مجبور هوندا.
    ڇا اڃا به توهان ۾ اهو شوق پئدا نه ٿيو آهي ته توهان خوبصورت عضون تي ٻڌل پنهنجي بدن متعلق ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪريو؟ توهان دنيا فتح ڪرڻ جي خواهش ته رکو ٿا پر پنهنجي دين متعلق مڪمل طور تي اڻڄاڻ رهڻ چاهيو ٿا.
    توهان کي سوچڻ جي قوت عطا ڪئي وئي آهي. توهان جا خيال توهان کي نئين دنيا جو سير ڪرائيندا ۽ نئين ڄاڻ ڏيندا. ڇا اهو مناسب وقت نه آهي ته توهان پنهنجي متعلق ڪجهه سوچيو؟

    2. ٽيٽو جو تاريخي اعتراف
    صالح گوڪيه اهڙو شخص هو جيڪو 50 سال ڪميونسٽن سان گڏ رهيو ۽ ڪميونزم لاءِ ترڪيءَ ۾ ڀرپور جدوجهد ڪندو رهيو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ اسلام ڏانهن رجوع ڪيائين ۽ دين جي ترويج لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيائين. سندس وفات وقت کيس هڪ سٺي مسلمان عالم حيثيت ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو هو. بهرحال پنهنجي ڪميونزم واري جدوجهد وقت کيس ترڪيءَ جي ڪميونسٽ اسٽوڊنٽس آرگنائزيشن جي صدر جي حيثيت ۾ هڪ ڀيري يوگوسلاويه وڃڻو پيو جتي بلغراد ۾ سندس ملاقات مارشل ٽيٽو سان ٿي هئي.
    مارشل ٽيٽو هڪ اهڙو شخص هو جنهن سڄي زندگي ڪميونزم جي ترويج لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏهاڙن ۾ هن ڪميونسٽ ڪامريڊن کي خطاب ڪندي ڪجهه دلچسپ اعتراف به ڪيا هئا ۽ چيو:
    “ساٿيو! اڄ آئون موت جي دروازي تي اچي بيٺو آهيان .... آئون اڄ توهان جي آڏو موت جي دهشت بيان ڪري نٿو سگهان ڇاڪاڻ ته اڄ توهان ان دهشت کان واقف ٿي نه سگهندا. اڄ توهان جوان آهيو ۽ اهي ڳالهيون توهان کي عجيب لڳنديون. ٿورو تصور ڪريو ته توهان مري چڪا آهيو ۽ هاڻي هن دنيا ۾ توهان جو وجود باقي نه رهيو آهي. هڪ ڀيرو توهان قبر ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وري هن دنيا ۾ قدم رکي نه سگهندا. اهو تصور ئي مون کي بلڪل چريو بڻايو ڇڏي. مون کي پنهنجن پيارن کان جدا ٿيڻو پوندو، پنهنجن ساٿين کان ڌار ٿيڻو پوندو، پنهنجي دولت کان موڪلائڻو پوندو ۽ هن دنيا جون رنگينيون آئون ٻيهر ڏسي نه سگهندس. توهان سمجهو پيا ته آئون ڇا چوڻ ٿو چاهيان؟ منهنجا پيارا ساٿيو! اڄ آئون پوري خلوص سان توهان کي ڪجهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. جڏهن آئون مرندس ته منهنجو جسم انتهائي بدبودار حالت ۾ ڳرڻ شروع ٿيندو. جيڪڏهن ڪو به پڇاڻو نه ٿيندو، ڪابه سزا يا جزا نه ملندي ته پوءِ آخر هن سڄي جدوجهد جو ڪهڙو فائدو؟ ساٿيو مون کي ٻڌايو آئون ته مري ويندس پوءِ ماڻهن جي دل ۾ هجان ته ڇا جيڪڏهن نه هجان ته ڇا، ماڻهو مون کي ياد ڪن يا نه ڪن ان سان ڇا ٿيندو؟ ڇا اها سموري محبت ۽ سموري تعريف منهنجي جسم کي بدبودار نموني ڳرڻ کان بچائي سگهندي؟
    ساٿيو، مون کي ٻڌايو ته اسين ڇا ڪريون؟ لينن، مارڪس ۽ مائو وغيره ان جو جواب ڏيڻ ۾ ته ناڪام رهيا. اڄ آئون توهان جي آڏو اهو اعتراف ڪريان ٿو ته مون کي خدا جي موجودگيءَ جو پورو يقين آهي ۽ ان تي ايمان رکان ٿو. خدا جي پياري نبيءَ جي ٻڌايل موت کان پوءِ واري زندگيءَ جو پختو يقين آهي. لادينيت ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي. جيڪڏهن هڪ پل لاءِ به اهو مڃي وٺجي ته هن ڪائنات جو ڪو خالق آهي ۽ هن نظام کي قانون مطابق هلائڻ واري ڪا هستي آهي ته پوءِ مون کي اهو مڃڻو پوندو ته موت خاتمي جو نالو نه آهي.
    موت کان پوءِ انصاف جي ڪا اهڙي جاءِ ضرور هجڻ گهرجي جتي بيگناهه قتل ٿيل مظلومن کي انصاف ملي ۽ جتي قانون کان بچي ويندڙ غاصبن جو احتساب ٿئي. هن دنيا ۾ ته ڪٿي به حقيقي انصاف نه آهي. اهو سچ نه آهي ته اهو رڳو منهنجو وهم آهي ۽ اهڙي ڪابه جاءِ موجود نٿي ٿي سگهي، اهڙي جاءِ جو وجود لازمي طور هجڻ گهرجي. آئون اهو سڀ ڪجهه پنهنجي ضمير مطابق چئي رهيو آهيان. اسان لکين ماڻهن کي گمراهه ڪيو ۽ اها سوچ اڄ مون کي تڙپائي رهي آهي. ڪنهن کي ته انصاف لاءِ دانهون ٻڌڻ گهرجن ..... ان کان سواءِ انصاف ڪيئن ٿيندو؟ ڪارل مارڪس ان سلسلي ۾ ته ڪابه وضاحت نه ڪري سگهيو ۽ اسان جو برين واش ڪيو ويو.
    ڪجهه سببن جي ڪري اسين ان تي ڌيان نٿا ڏيون پر جڏهن موت اچي در تي بيهي ٿو ته اسان کي ان جو احساس ضرور ٿئي ٿو. اسان کي تاج، تخت ۽ عهدن ذريعي گمراهه ڪيو وڃي ٿو. پر اهي منهنجا خيال آهن ۽ ان سلسلي ۾ توهان پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد آهيو.”

    3. سر آئزڪ نيوٽن
    آئزڪ نيوٽن فزڪس جو عظيم ماهر هو. هن حرڪت ۽ ڪشش ثقل سميت ڪيترن ئي معاملن جي نه رڳو وضاحت ڪئي پر ان کي تجربن وسيلي ثابت به ڪيو ۽ ان جا قانون به جوڙيا. هن ڪهڪشائن ۽ ستارن جي رازن تان پردو به کنيو. کيس سندس انهن ئي خدمتن عيوض اهو مقام مليو.
    آئزڪ نيوٽن سن 1642ع ۾ انگلينڊ ۾ ڄائو هو. اهو ساڳيو ئي سن هو جڏهن گئليلو لاڏاڻو ڪيو هو. نيوٽن کي تمام گهڻي مڃتا به ملي ۽ گئليلو وانگر سندس چهري تي افسوس جو ڪوبه نشان موجود نه هو. برنارڊ رسل چوي ٿو “نيوٽن کان پوءِ رڳو البرٽ آئنسٽائين ئي آهي جنهن جي ڪم ۾ نيوٽن جهڙي خوبصورتي جا پاڇولا نظر اچن ٿا.”
    پنهنجي مشهور ڪم “پرنسيپيا” ۾ نيوٽن لکي ٿو “سج، گرهن، ستارن ۽ پڇر تارن جي وچ ۾ موجود تال ميل ٻڌائي ٿو ته اهو سمورو نظام ڪنهن اهڙي هستيءَ جو جوڙيل آهي جيڪا ان بابت مطلق علم رکي ٿي. اها هستي خدا جي ذات کان سواءِ ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي، جيڪو هر هنڌ موجود آهي ۽ قادر مطلق آهي.” ڪجهه ڏينهن اڳ منيسوٽا ٽيڪنالاجي ۾ هڪ آرٽيڪل ڇپيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو:
    “نيوٽن پنهنجي لئباريٽريءَ ۾ هڪ ڀيري شمسي نظام جو هڪ ميڪنيڪل ماڊل تيار ڪيو. اهو ماڊل هڪ ليور کي حرڪت ڏيڻ سان متحرڪ ٿي ويندو هو ۽ سمورا گرهه سج جي چوڌاري گردش ڪرڻ لڳندا هئا. هڪ ڀيري سندس هڪ دوست لئباريٽريءَ ۾ ساڻس ملڻ آيو جيڪو خدا تي يقين نه رکندو هو. هو اهو ماڊل ڏسي اچرج ۾ پئجي ويو ۽ پڇڻ لڳو:
    “هيءُ تمام خوبصورت آهي، ڪنهن ٺاهيو آهي؟”
    نيوٽن چيو “ڪنهن به نه.”
    هن چيو “توهان شايد منهنجو سوال نه سمجهيو؟”
    نيوٽن چيو “آئون بلڪل سمجهي ويو آهيان. هيءُ ماڊل هڪ اوچتي حادثي جي پئداوار آهي ۽ پاڻمرادو وجود ۾ اچڻ کانپوءِ حرڪت ڪرڻ شروع ٿي ويو آهي.”
    هن چيو “مون کي بيوقوف سمجهيو اٿئي ڇا؟”
    ان تي نيوٽن اٿي کيس ڀاڪر پائي چوڻ لڳو “هيءُ ته شمسي نظام جو هڪ ننڍڙو ماڊل آهي جيڪو اڃا ته شايد پوري طرح مڪمل به نه هجي تون ان لاءِ به هڪ خالق جي موجودگي لازمي سمجهين ٿو ته پوءِ هن سڄي ڪائنات جي مڪمل نظام بابت تنهنجو ڇا خيال آهي؟”
    نيوٽن پنهنجي ڪتاب “آپٽڪس” جي 28 هين سوال ۾ بيان ڪري ٿو “فزڪس جو بنيادي اصول آهي ته پنهنجا انومان، وسوسا ۽ ميڪنيڪل خطري جو شڪار ٿيڻ بدران بهتر آهي ته پنهنجي موقف جون ثابتيون پيش ڪيون وڃن.” “ڇا فزڪس جون سموريون شاهديون اهو واضح نٿيون ڪن ته خدا مطلق ڄاڻ، مطلق قوت ۽ مطلق نظر رکندڙ آهي.” “بيشڪ اهو غلط هوندو ته خدا هن ڪائنات جو محض ابتدائي ڪارڻ آهي ۽ تخليق کان پوءِ سڀڪجهه خودڪار نظام تحت هلي رهيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ان جا وضح اهڃاڻ موجود آهن ته خدا نه رڳو هيءَ ڪائنات خلقي پر ان جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو مالڪ پڻ آهي. خدا ئي هن ڪائنات بابت ڪامل معلومات رکي ٿو ۽ ڪائنات جي نظام کي هلائڻ جي مطلق قوت به رکي ٿو ۽ ان کي هلائي به رهيو آهي.”
    نيوٽن خدا جي وجود کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي ڏکئي قسم جا دليل نه ڏنا پر ڪائنات جي نظام ۾ موجود تال ميل، ربط ۽ سببن کي ئي خدا جي موجودگيءَ جي مناسب ثابتي قرار ڏنو آهي. “هر واقعي جي ظهور پذير ٿيڻ جو هڪ سبب آهي” جي عنوان پنهنجي لکڻين ۾ هن فطرت جي قاعدن ۽ قانونن جي آڌار تي اهو ثابت ڪيو آهي ته ڪائنات جو وجود محض حادثاتي نه آهي پر ان کي قادر مطلق پنهنجي بصيرت سان خلقيو آهي.
    اچو ته نيوٽن جي بحث کي ئي اڳتي وڌايون. جانورن جي عضون بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ ڇا ڪا اک آپٽيڪل علم کان سواءِ ٺاهي سگهجي ٿي؟ ڇا ڪو ڪن ٻڌڻ جي حس، آواز ۽ لرزش جي قاعدن جي ڄاڻ کان سواءِ ٺاهي سگهجي ٿو؟ جانورن پنهنجي تخليق لاءِ ايترو جديد علم ڪٿان آندو ۽ ڪٿان سکيو؟ ان ۾ هاڻي ته ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته انهن سڀني جو ڪامل ڄاڻ رکندڙ هڪ خالق ضرور آهي، جنهن هر شيءِ، هرعضوي ۽ هر نظاري ۾ هڪ ربط برقرار رکيو آهي. اهڙي ذات ضرور موجود آهي جيڪا تمام علمن جي لامحدود ڄاڻ رکي ٿي.

    4. خدا جي وجود جي گواهي
    وليم پئلي وٽ هڪ شخص آيو ۽ چوڻ لڳو “آئون چوان ٿو خدا نه آهي ڇا اوهين مون کي غلط ثابت ڪري سگهو ٿا؟” پئلي ان شخص کي ويجهو اچي هٿ وڌائي سندس کيسي مان گهڙي ڪڍي ان جو ڍڪ کولي چوڻ لڳو “هن هڪ تمام ننڍڙي مشين ۾ جيڪي گراڙيون، اسپرنگ ۽ ٻيون شيون لڳل آهن انهن متعلق جيڪڏهن آئون اهو چوان اهي سڀ حادثاتي طور تي وجود ۾ آيون ۽ ان ئي حادثي جي ڪري اهي سڀ پاڻمرادو گڏجي ويون ۽ نتيجي ۾ هيءَ مشين تيار ٿي وئي ته توهان جي منهنجي عقل بابت ڇا راءِ هوندي؟ آئون توهان کي منٿ ٿو ڪريان ته هن گهڙي ۽ هن ڪائنات جي ڀيٽ ڪريو ته انهن مان وڌيڪ مشڪل ڇا آهي، آسمان، چنڊ، سج، تارا، گرهه مطلب ته سڀڪجهه هڪ خاص ترتيب سان متحرڪ آهي.
    ڌرتي ۽ ٻيا گرهه هڪ خاص رفتار ۽ ربط سان حرڪت ۾ آهن ۽ سج جي چوڌاري گردش ۾ آهن. اهو نظام شمسي وري ڪهڪشان جي مدار ۾ 250 ڪلوميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان گردش ۾ آهي جنهن مان معلوم ٿيو ان کي هن ڪهڪشان جو هڪ چڪر لڳائڻ ۾ 25 ڪروڙ سال لڳندا. هن ڪهڪشان ۾ اسان جي سج جهڙا 200 ارب شمسي نظام موجود آهن ۽ اهي سڀ هڪ خاص ربط ۽ رفتار سان حرڪت ۾ آهن. هاڻي ٻڌائي ته گهڙيءَ جي حادثاتي طور وجود ۾ اچڻ تي يقين ڪرڻ آسان هوندو يا هن ڪائنات جي وجود تي؟ ڪائنات جي گهڻ رخي نظام آڏو گهڙي ته بلڪل سادي مشين آهي اها پاڻ کي نٿي ٺاهي سگهي ته پوءِ هيءَ ڪائنات مڪمل ربط ۽ تال ميل سميت ڪنهن حادثي جو نتيجو ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟

    5. لکين ثبوت
    اسلام هڪ مڪمل مذهب آهي. ان جو مطلب اهو نه آهي ڪو ماڻهو ان جي ڪجهه حصن تي عمل ڪري ۽ ٻيا ڇڏي ڏي. اهو شخص پوءِ به مومن هجڻ جي دعويٰ ڪري ته اهو ممڪن نه آهي. ها اسلام هڪ اهڙو دين آهي جنهن ۾ مڪمل رهنمائي موجود آهي ۽ جيڪي ڪرڻ گهرجي سو به واضح آهي ته جيڪي نه ڪرڻ گهرجي ان جي به چٽي وضاحت موجود آهي. اهو بلڪل واضح آهي ته ڪهڙيءَ طرح دنيا ۽ آخرت سنواري سگهجي ٿي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن تمام چٽيون وضاحتون ڪيون ۽ کانئن پوءِ وري عالمن هر شيءِ جي تشريح ڪري وڌيڪ آسانيون پئدا ڪيون. اسلام کي رڳو عقل ۽ منطق سان سمجهي نٿو سگهجي ۽ ان جي لاءِ وڌيڪ رهنمائيءَ ضرورت پوي ٿي. مسئلن جو حل ڳولڻ لاءِ ڪتابن جي درست چونڊ تمام ضروري آهي. اسان وٽ تحقيق ڪندڙن جو تعداد نه هجڻ جي برابر آهي ۽ ان جي ڪري ڪافي دشواريون پيش اچن ٿيون. اسين اڪيلي سر پنهنجي محدود عقل جي مدد سان ڪجهه سمجهڻ جي لائق نه آهيون ۽ ان لاءِ اسان کي لازمي طور تي ٻين جي مدد وٺڻي پوي ٿي.
    ٻئي طرف شيطان آهي جيڪو اسان جي ذهن ۾ وسوسا پئدا ڪندو رهي ٿو. هڪ وسوسو هزار ثبوتن کي کائي وڃي ٿو. ان ڪري وڌيڪ هوشيار رهڻ لازمي ٿيو پوي. ڪامل يقين جي ضرورت پوي ٿي. مڪمل ايمان آڻڻو پوي ٿو. اهو ممڪن به نه آهي ته اسين هر شيءِ آسانيءَ سان سمجهي وڃون ان لاءِ اسان کي ٻين جي علم مان فائدو وٺڻو پوي ٿو.

    6. هڪ انڌو شخص
    هڪ انڌو شخص بازار ۾ پني رهيو هو ته ساڻس هڪ ٻيو ماڻهو اچي ٽڪرايو. ٽڪرائجندڙ شخص انڌي کي چوڻ لڳو “ڇا توکي نظر نٿو اچي ته ڪهڙي پاسي پيو وڃين .... انڌو ته نه آهين!”
    ان تي انڌو حيرانيءَ مان چوڻ لڳو “ڇا تون به انڌو آهين؟” ان تي ٻئي شخص وراڻيو “ها آئون انڌو آهيان ۽ ڪهڙي نه عجيب ڳالهه آهي هيڏي بازار ۾ هڪ نابين ٻئي نابين سان اچي ٽڪرايو آهي. شايد تون منهنجي ڳالهه بهتر سمجهي سگهين ٿو.”
    ٻئي ڪجهه دير گوشائتا ٿي وڃي ويٺا ۽ هڪٻئي سان دل جو حال اورڻ لڳا. انڌي فقير ٻئي انڌي کان پڇيو “ڏينهن ۾ گهڻو ڪمائي وٺندو آهين؟” ان تي ٻئي شخص چيو “سٺي ڪمائي ٿي ويندي آهي.” اهو چئي هن ڪمائيءَ واري ٿيلهي انڌي فقير جي هٿ تي رکي ته جيئن هو محسوس ڪري وٺي ته ڪمائي ڪيتري آهي. پر ناڻي واري ٿيلهي جي وزن انڌي فقير کي بي ايمان بڻائي وڌو. سو جهڙپ سان انڌي شخص جي هٿ مان ٿيلهي ڦري وٺي هڪ پاسي ڀڳو. جيئن ئي ڀڳو ته هڪ پٿر اچي مٿي ۾ لڳس. اڃا ان جي تڪليف گهٽي نه هئي تيستائين ٻيو، ٽيون، چوٿون مطلب ته هڪٻئي جي پٺيان سڀ پٿر انڌي کي لڳا. ان تي انڌي فقير رڙ ڪئي “تون ڪوڙو آهين جيڪڏهن انڌو هجين ها ته هر پٿر ٺيڪ نشاني تي ڪيئن لڳي ها.” مطلب اهو ٿيو ته انڌي جو هر پٿر نشاني تي لڳي اهو ممڪن نه آهي البت اتفاق سان هڪ اڌ ئي لڳي سگهي ٿو. پر هاڻي جيڪڏهن هر پٿر نشاني تي لڳي ٿو ته پوءِ اسان کي مڃڻو پوندو ته هُو انڌو نه آهي. هاڻي جيڪڏهن چار پنج پٿر لڳاتار نشاني هڻدڙ کي اسين انڌو يا اتفاق مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ته پوءِ هن ڪائنات ۾ موجود اربين گرهه، ستارا، ڪهڪشائون، شمسي نظام ۽ انهن مڙني جي حرڪت ۽ گردش ۾ هڪ ربط ۽ توازن سو سڀ محض اتفاق يا انڌي جو نشانو ڪيئن ٿو ٿي سگهي.
    اچو ته ٿورو هيٺ ڏنل مثالن تي غور ڪريون:
    1. زمين جي ٻاهرين سطح جي ٿولهه جيڪڏهن موجوده حد کان ڪجهه ميٽر به وڌيڪ هجي ها ته ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ سموري آڪسيجن جذب ڪري وٺي ها ۽ زمين تي زندگيءَ جو تصور محال بڻجي وڃي ها. زندگي جنم ئي نه وٺي سگهي ها.
    2. جيڪڏهن فضا جي تهه موجوده سطح کان ٿوري به سنهي هجي ها ته ڪاسمڪ ڪرڻا، کڙندڙ تارن جا ٽڪرا ۽ ٻيون مختلف شيون ڌرتيءَ زندگيءَ جو خاتمو آڻي ڇڏين ها. زندگي ممڪن نه هجي ها.
    3. جيڪڏهن چنڊ جو زمين کا فاصلو رڳو 30 ڪلوميٽر گهٽ هجي ها ته سمنڊ ۾ ايڏيون وڏيون لهرون اٿن ها جيڪي سڄي ڌرتيءَ کي ٻوڙي ڇڏين ها.
    4. جيڪڏهن سمنڊ جو پاڻي مٺو هجي ها ته ڌرتيءَ تي ايتري ته بدبو هجي ها جو ساهه کڻڻ به ممڪن نه هجي ها. لوڻ سمنڊ کي وشال ڌٻڻ بڻجڻ کان روڪي ٿو. جيڪڏهن سوڊيم ۽ ڪلورائيڊ پاڻ ۾ نه ملن ها ته ڌرتيءَ تي زندگيءَ جو تصور ممڪن نه هجي ها.
    5. ڪيميائي عنصرن جي ميلاپ کان سواءِ زمين، پاڻي، وڻن، جانورن ۽ ٻوٽن جو تصور به نه هجي ها.

    اسين اهو مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ڪا تصوير يا ٽيبل پاڻمرادو وجود ۾ اچي سگهي ٿي ته پوءِ هن وشال ڪائنات جي ترتيب، ربط ۽ تال ميل سڀ ڪجهه محض اتفاق ڪيئن ٿو ٿي سگهي.

    7. ڪُوڙ
    الله پاڪ جو فرمان آهي ته منهنجا نيڪ ٻانها ڪڏهن به ڪوڙ کي ويجھا به نه ويندا. اهائي هدايت رمضان بابت آهي ته رمضان جو چنڊ ڏسو ته ان بابت ڪوڙ نه ڳالهايو. ان ۾ سڄو زور نيڪ ٻانهن تي ڏنو ويو آهي ۽ کين هدايت ڪئي وئي آهي ته هُو ڪوڙ کان پاسو ڪن.
    اڄ مشرق ۾ ڪوڙ جي بنياد تي ماڻهن جي ڦرلٽ جاري آهي ۽ آهستي آهستي اها خرابي مغرب ڏانهن به وڌي رهي آهي. ڪوڙ هڪ اهڙو مرض آهي جيڪو ماڻهن ۾ نه رڳو موجود آهي پر ان جي ڪري محبت ۽ ڀائيچارو متاثر به ٿي رهيو آهي. شروع ۾ ته ننڍڙو ڪوڙ بظاهر خطرناڪ نه هوندو آهي پر آهستي آهستي اهو وڏو ۽ تمام خطرناڪ ٿيندو ويندو آهي.
    توڙي جو جيڪي ڪبيرا گناهه آهن انهن جي فهرست ۾ ڪوڙ جو ٽيون نمبر آهي پر جيڪڏهن غور سان جائزو ورتو وڃي ته هر شيطاني ڪم تي ڪوڙ جو پاڇو ضرور هوندو. شرڪ يا والدين جي نافرماني به ڪوڙ تي ئي ٻڌل هوندا آهن. تڏهن مسلمانن کي اها هدايت ڪئي وئي آهي ته ڪوڙ کان پاسو ڪريو. رڳو ڪوڙ نه ڳالهائڻ سان دنيا جون لڳ ڀڳ سموريون برايون ختم ٿي وينديون. سچ ڳالهائڻ وڏي نيڪي آهي. هڪ ڏينهن ۾ ڪو شخص جيترا ڪوڙ ڳالهائي ٿو سمجهو ته ايترو ئي شرڪ ڪري ٿو. عبادت توهان کي ڪوڙ کان بچائي سگهي ٿي. جيترو ممڪن ٿي سگهي پاڻ کي سچ جي راهه رکو ۽ ڪوڙ کان بچندا رهو. دوستن، عزيزن، مائٽن ۽ ٻين ساٿين سان ڪوڙ نه ڳالهايو. ڪوڙيون شاهديون نه ڏيو. ڪوڙا قسم نه کڻو.


    باب پنجون

    ابتدائي لفظ
    بسم الله، يعني شروع الله جي نالي سان ۽ ان پاڪ نالي سان هر ڪم جي شروعات بهتر رهي ٿي. اسان کي گهرجي ته ان تي مڪمل طور عمل ڪندا رهون. اهو اکر مسلمانن جي سڃاڻپ آهي ۽ ان کي پڪو ڪري ڇڏيو. پنهنجي دل ۽ زبان سان ان جو ايترو ورد ڪريو جو هر ڪم ۾ توهان جي زبان مان بي اختيار بسم الله جو اکر نڪري.
    قديم زماني ۾ عربن جو اهو دستور هوندو هو ته هُو ڪنهن نه ڪنهن نامياري سردار جي نالي تي سفر ڪندا هئا ۽ ان جي بدلي سردار کي ڪجهه معاوضو ڏيندا هئا. خاص طور تي صحرا جي سفر وقت ڌاڙيلن جو خوف زياده هوندو هو ان ڪري ڪنهن سردار جي نالي تي سفر ڪرڻ جو مطلب سلامتي هوندو هو. ان وقت ۾ ٻه ڄڻا سفر تي سنڀريا. منجهانئن هڪ عجز ۽ انڪسار وارو شخص هو جڏهن ته ٻيو تمام مغرور ۽ هٺيلو هو. عاجز شخص هڪ مقامي سردار جي نالي تي سفر ڪري رهيو هو ۽ هٺيلو شخص پنهنجي نالي سان سفر تي هو. ڪجهه پنڌ ته آرام سان گذري ويو پر جڏهن هُو ڌاڙيلن جي حد ۾ داخل ٿيا ته عاجز شخص ته سردار جو نالو وٺڻ تي ڦرلٽ کان بچي ويو ۽ هٺيلو شخص پنهنجي هوڏ تي هليو ۽ الهه تلهه وڃائي ويٺو. اڳتي سفر ۾ ڪٿي رات پوندي هئي ته عاجز شخص کي هر سهولت ملي ويندي هئي پر مغرور شخص اتي به پريشان رهندو هو. هاڻي سفر ته ساڳيو هو پر هڪ جي حالت بهتر ۽ ٻئي جي ابتر هئي.
    سو اي مغرور انسانو! ٻڌو ته جيڪڏهن توهان کي مقامي سردارن جي نالي تي ايتريون سهولتون ملي سگهن ٿيون ته هن ڪائنات جي مالڪ جي نالي سان ابتدا ڪرڻ تي توهان ان کان به وڌيڪ سهولتون ملي سگهن ٿيون. توهان کي رڳو ايترو ڪرڻو آهي ته پاڻ کي خدا جا ٻانها ثابت ڪريو. جيڪڏهن توهان خدا جا عاجز ٻانها ٿي رهندا ته توهان کي ڪنهن جي به اڳيان هٿ ڊگهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. ڇاڪاڻ ته خدا ازل ۽ ابد جو مالڪ آهي.
    “شروع الله تعاليٰ جي نالي سان” جي اکرن ۾ ايتري قوت آهي جو جيڪڏهن توهان جو ايمان پختو هوندو ته توهان کي ڪنهن جو به خوف نه رهندو. بسم الله جي اکر کي ايترو ته پڪو ڪريو جو اها توهان جي عاد ت بڻجي وڃي. ان سان اسين خدا جي ثنا ۽ ساراهه به ڪنداسين ته پاڻ کي محفوظ به بڻائينداسين. وڻ، ٻوٽا، جانور، پکي مطلب ته هر شيءِ خدا جي ساراهه ۾ مشغول رهي ٿي. جڏهن توهان خدا کي ياد رکو ٿا خدا به توهان کي ياد رکي ٿو.
    سوال: اسان کي جڏهن ڪو ماڻهو ڪا خدمت فراهم ڪري ٿو ته اسين کيس ان جو اجورو ڏيون ٿا، ڇا خدا کي به ڪو اجورو ڏيڻو پوندو؟
    جواب: ها بلڪل پر اهو اجورو رقم يا دولت جي شڪل ۾ نه هوندو پر صبر، شڪر ۽ عاجزيءَ جي شڪل ۾ هوندو. مطلب ته اسين ڪنهن به ڪم جي شروعات جيڪڏهن “بسم الله” سان ڪريون ٿا ۽ ختم “الحمد لله” تي ڪريون ٿا ته ان ۾ برڪت وجهڻ خدا جو ڪم آهي. شروعات ۾ عاجزي آهي ۽ خاتمو شڪر تي آهي. اهي ڪجهه اهڙا اکر آهن جن لاءِ اسان کي ڪا گهڻي محنت به نه ڪرڻي پوندي پر انهن جو ڦل مڙني کان مٿانهون آهي.
    ٻيو لفظ
    شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. اهي جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا.
    خدا تي پختو يقين رکڻ سان ڪيتري خوشي ملي ٿي ان لاءِ اچو ته هيءَ ڪهاڻي پڙهون:
    ٻه ڄڻا سفر تي سنڀريا. ٻنهي چاهيو ٿي ته گهمجي ۽ واپار به ڪجي. هڪ شخص انتهائي مغرور ۽ خود غرض هو ۽ ٻيو نيڪ ۽ شريف انسان هو. اتفاق سان ٻئي هڪٻئي کان الڳ روانا ٿيا ۽ ساڳئي ئي ملڪ ۾ وڃي پهتا. ٻنهي کي هڪٻئي جي موجودگيءَ جو علم نه هو.
    مغرور شخص جڏهن اتي پهتو ته کيس هر طرف ظلم ۽ تباهي نظر آئي. هر شخص خوف جو شڪار نظر آيو هن جيڏانهن نظر ٿي ڊوڙائي ته کيس رڳو پريشاني نظر ٿي آئي. سڄي ملڪ ۾ ڄڻ ته روڄ راڙو متل هو. نه ڪو نفعي وارو ڪاروبار نظر آيو ۽ نه ئي ڪا دل وندرائڻ جي جاءِ مليس. بس رڳو شراب پيئندو رهيو. جيڪو مال کڻي ويو سو سڀ ئي خرچ ٿي ويس ۽ خالي هٿين واپس وطن وريو.
    نيڪ دل شخص جڏهن ان ملڪ ۾ پهتو ته کيس هر طرف سک ۽ شانتي نظر آئي. هر ماڻهو ڏاڍو خوش هو ۽ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ ۾ اڳڀرو نظر ٿي آيو. ملڪ به ڏاڍو شاداب ۽ سکيو ستابو لڳو. مزي سان گهميو ۽ واپار ۾ به خوب نفعو ڪمايائين. وطن واپسيءَ تي ٻنهي هڪ ٻئي سان حال اوريو ته حيران رهجي ويا ٻئي ساڳئي وقت ساڳئي ملڪ جي ساڳئي ئي شهر ۾ هئا. ان تي نيڪ دل شخص ان مغرور ماڻهوءَ کي چيو ته هاڻي ته توکي خبر پئجي وئي هوندي ته جنهن ماڻهوءَ جي اندر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو آهي سو ئي کيس ٻاهر به نظر ايندو آهي.
    محترم دوستو! هاڻي توهان سمجهي ويا هوندا ته جن جي اندر ۾ ايمان جي روشني، صبر، شڪر ۽ قناعت هوندي آهي تن لاءِ ٻاهر به هر سهولت موجود هوندي آهي. جن جي اندر ۾ لالچ، لوڀ، غرور ۽ هٺ هوندو آهي تن کي ٻاهر به اهو ئي ڪجهه ملندو آهي. پنهنجون نيتون نيڪ رکو ته ڪابه ڏکيائي درپيش نه ايندي.
    ٿورو غور ڪريو ته هروقت ۽ هرپل دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ٻانگ يعني خدا جو نالو پڪاريو وڃي ٿو. انڊونيشيا کان فجر جي ٻانگ شروع ٿي اڃا ترڪي مس پهچي ٿي ته اڳين نماز جي ٻانگ انڊونيشيا ۾ شروع ٿي وڃي ٿي ۽ آمريڪا ۾ اڃا سومهڻيءَ جي ٻانگ پئي هلندي آهي ته سوماٽرا ۾ وري فجر جي ٻانگ شروع ٿي ويندي آهي. مطلب ته ڪوبه پل اهڙو نه آهي جڏهن دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ “الله اڪبر” جو آواز نه گونجندو هجي. اها رڳو خدا جي واحد ذات آهي جنهن جي هر پل ايتري ثنا ٿئي ٿي.

    1. گاڏين جي تياريءَ تي غور ڪريو
    اسان جي روزمره جي زندگيءَ ۾ اڄڪلهه ڪارن جي تمام گهڻي اهميت آهي. رستن تي اسان کي عام ڪارن کان وٺي اسپورٽس ڪارن تائين مختلف گاڏيون نظر اچن ٿيون. اهو طئه آهي ته هر ڪار جو هڪ ڊزائنر هوندو آهي. انجنيئر کان وٺي استعمال ڪندڙ تائين اسين ڏسنداسين ان ۾ تمام گهڻن ماڻهن جو عمل دخل نظر ايندو. اسين هيڊ لائيٽ کي ڏسون ته جيڪڏهن ايڊيسن بلب ايجاد نه ڪري ها ته اڄ هيڊ لائيٽ به موجود نه هجي ها. هيڊ لائيٽ گاڏيءَ جي گهڻ رخي ميڪنزم جو انتهائي ننڍڙو حصو آهي. رٻڙ جي ٽائرن بابت ڇا خيال آهي جيڪي پيٽروليم جي مصنوعات ۾ شمار ٿين ٿا. پلاسٽڪ جي تياري ڪيڏو نه ڏکيو عمل آهي. درين جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ان ٽيڪنالاجيءَ کي اڄوڪي معيار تائين پهچائڻ ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جون محنتون شامل آهن. هڪ انجنيئر جي لاءِ اهي شيون گهڻي اهميت نٿيون رکن، هو ته بس پنهنجي ڊزائن جي لاءِ بهتر شين جي تلاش ڪندو آهي ۽ اهي ڪيئن ٺهن ٿيون ان تي گهڻو ڌيان نه ڏيندو آهي. ٽائر گول هوندا آهن ڇاڪاڻ ته رستي تي هلڻ لاءِ اها ئي مناسب ڊزائين آهي. اڳئين حصي ۾ طاقتور هيڊ لائٽس لڳل هونديون آهن ڇاڪاڻ ته رات جو ڊرائيور کي انهن جي ضرورت پوي ٿي. گاڏين ۾ هارن لڳل هوندو آهي ته جيئن پيادل هلندڙن کي هوشيار ڪيو وڃي ته هو گاڏيءَ کي رستو ڏين. اهي گاڏيون اهڙيءَ طرح تيار ڪيون وينديون آهن جو انهن ۾ سرديءَ ۽ گرميءَ کان بچاءُ جو انتظام به هوندو آهي. مطلب ته ماڻهوءَ جي هر ضرورت ۽ حفاظت کي نظر ۾ رکي ڪارون تيار ڪيون وينديون آهن. گاڏين جي تياريءَ بابت اڃا به گهڻا ئي مثال ڏئي سگهجن ٿا. هتي ياد رکڻ جي رڳو اها ڳالهه هوندي آهي ته انجنيئر کي آرام پهچائيندڙ شين ۽ استعمال ڪندڙن جي ضرورتن جي مڪمل ڄاڻ هوندي آهي ۽ ان سان گڏ نئين ايجادن تي به نظر هوندي آهي.
    اها ته هئي گاڏين جي تياري هاڻي اچو ته انساني جسم جي ميڪانيڪي نظام تي ڪجهه نظر وجهون. جنهن کي سلامت رهڻ لاءِ توانائيءَ جي ضرورت هوندي آهي. جيئن گاڏين کي توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ پيٽرول پمپن جو رخ ڪرڻو پوندو آهي تيئن ماڻهن کي وري توانائي جي پورائي لاءِ ٻوٽن ۽ جانورن کان مدد وٺڻي پوي ٿي. انساني جسم جي لاءِ ساهه جي به سڀ کان گهڻي اهميت آهي. انسان جي ڦڦڙن کي جيتريقدر آڪسيجن ۽ ٻين گئسن جي ضرورت هوندي آهي ان جو انتظام فضائي ماحول ڪندو آهي. حياتيات جي ڪامل انجنيئر کي ان جي اڳواٽ ئي ڄاڻ هئي، جنهن جي ڪري هن سڄو ماحول ان جي حساب سان تيار ڪيو. پاڻي به جياپي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اسان جي جسم کي پاڻيءَ جي ضرورت پوي ٿي. جيئن ڪار جي انجڻ کي ٿڌو رکڻ لاءِ پاڻي تمام ضروري هوندو آهي تيئن انسان جي جسم لاءِ به پاڻي ضروري آهي. ڪامل انجنيئر کي پاڻيءَ جي معيار ۽ مقدار جي به خبر هئي.
    اهو ته ان سڄي تخليق جو رڳو هڪ رخ آهي. زبان جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ ان ۾ رڳو ذائقو چکڻ جي صلاحيت نه هجي ها ته اسين لذيذ ميون ۽ غذائن جو لطف حاصل نه ڪري سگهون ها. هاڻي ڏسو ته مختلف ٻوٽن جي لڳ جو واحد ذريعو ماکيءَ جي مک آهي. سمورن ٻوٽن کي جيڪڏهن ان جو علم به هجي ها تڏهن به اهي سڀ گڏجي رڳو هڪڙي ماکيءَ جي مک به نٿا ٺاهي سگهن. بهرحال انسان کي ايترو علم ۽ هنر عطا ڪيو ويو آهي جو هو مختلف شين تي حاوي ٿي سگهي ٿو. ڪار انجنيئر ته رڳو هڪ شعبي متعلق ئي معلومات حاصل ڪري ٿو پر هيءَ فضا، سج، چنڊ، تارا، روشني، سردي، گرمي، ماحول، گئسون ۽ ٻيون زندگيءَ لاءَ ضروري شيون مطلب ته هر شيءِ جي ڪامل ڄاڻ رکندڙ هستيءَ بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟ اهو ڪيترو وسيع علم آهي جنهن جي قادر مطلق کي ڪائنات جي تخليق کان به اڳ ۾ ڄاڻ هئي ۽ ان جي ڪري انهن مڙني شين کي نظر ۾ رکي هيءَ ڪائنات خلقي ڇڏيائين ۽ ان جو نظام پنهنجي هٿ ۾ کنيائين ته جيئن ڪٿي ڪا خرابي پئدا نه ٿئي.

    2. وچئين جُڳ کي روشن بڻائيندڙ
    ڪارل مئگني (742ع کان 814ع) وچئين جُڳ جو ناميارو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن کي لکڻ پڙهڻ بلڪل نه ايندو هو. هن علم حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو. تنهن زماني ۾ روم جي بادشاهت جو مرڪز استنبول هو ۽ ان جي حالت به ڪا گهڻي مختلف نه هئي. يونان ۾ تن ڏينهن ۾ تعليم رڳو ارسطو ۽ ٻين جي قديم ڪتابن تائين محدود هئي. ان دوران ڪا مثبت تبديلي آئي ته اها به ليون VI (911ع) جي ڏينهن ۾ ڏسڻ ۾ آئي جنهن رياضيءَ جي تعليم تي ڪي قدر ڌيان ڏنو. ساڳئي زماني ۾ هارون الرشيد (763 کان 809) جنهن نه رڳو علم جي ذخيرن کي محفوظ بڻايو پر ان کي ترقي به ڏياري. هُن ڪارل مئگني کي هڪ گهڙيال جو تحفو موڪليو هو ۽ اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته اهو گهڙيال يونانين لاءِ اچرج جهڙي شيءِ هئي.
    جنهن زماني ۾ دنيا غفلت جو شڪار هئي تن ڏينهن ۾ اسلامي سلطنت ۾ تعليم تي خاص ڌيان ڏنو ويندو هو ۽ مسلمانن جي سائنس، فلڪيات، رياضي ۽ جاگرافيءَ جي مئدان ۾ خاطرخواهه اڳڀرائي جاري هئي.
    خليفي مامون الرشيد (786ع کان 833ع) جي ڏينهن ۾ بغداد ۾ “بيت الحڪمت” جي نالي سان هڪ وڏي لائبريري ۽ فلڪيات جي مشاهدي لاءِ هڪ وڏي رسدگاهه قائم هئي، جنهن ۾ طاقتور دوربينون لڳل هيون. ڌرتي ۽ سج جي جهڪاءُ بابت تمام اهم انڪشاف سامهون اچي رهيا هئا. زمين جي 23 ڊگري جهڪاءُ جي تصديق به انهن ڏينهن ۾ ڪئي وئي. بغداد ۾ سيارن جي گردش جا تفصيل ظاهر ڪندڙ چارٽ ٺاهيا ويا ۽ دنيا جو نقشو تيار ڪيو ويو. رياضي دانن حساب لڳائي زمين جي ڊگهائي ڦاڪ جي ڊيگهه جو تعين 123300 ميٽر ڪڍيو. اهو موجوده ڊيٽا کان رڳو 2360 ميٽر گهٽ آهي يعني غلطيءَ جو مارجن صرف 2 سيڪڙو آهي. بهرحال اهي ابتدائي انگ اکر ئي هئا جن زمين جي ڪل ڊيگهه ۽ ويڪر معلوم ڪرڻ ۾ سائنسدانن کي ابتدائي انگ اکر مهيا ڪيا ۽ رهنمائي ڪئي.
    800ع ڌاري ٻه مسلمان سائنسدان موجود هئا جن جا طئه ڪيل قاعدا اڄ به ساڳي اهميت رکن ٿا. الڪندي نالي هڪ مسلمان سائنسدان هو جيڪو ڪوفي ۾ ڄائو هو. هُن جو چوڻ هو: “خلا، وقت، مادو ۽ حرڪت مان ڪوبه ٻئي کان اڳ ۾ وجود ۾ نه آيو آهي. اهي سڀ هڪٻئي جو لازمي جز آهن ۽ هڪ ئي وقت وجود ۾ آيا آهن.” قرآ شريف ۾ به آيل آهي “جيئن مادو ۽ وقت پئدا ٿيا آهن ته انهن جي انتها به آهي ۽ اهي سڀ ڪنهن خالق ڏانهن اشارو ڪن ٿا.” اهائي آيت هئي جنهن الڪندي کي مجبور ڪيو ته هو ان جي مڪمل تحقيق ڪري. آئنسٽائن واري THOERY OF RELATIVTY به الڪندي جي ڪم جي تصدق ڪري ٿي.
    لڳ ڀڳ هڪ هزار سال اڳ ۾ عباسي خلافت جي ڏينهن ۾ جابر بن حيان نالي هڪ شخص هوندو هو جيڪو حران نالي هڪ مدرسي ۾ ڪيمسٽري ۽ فزڪس پڙهائيندو هو. هڪ ڀيري هن ٻاهران آيل شاگردن کي ليڪچر ڏيندي چيو هو “مادو هڪ ڪثيف قوت آهي ۽ يوناني فزڪس جي ماهرن جي اها راءِ غلط آهي ته مادو هڪ مختصر حصي تائين ورهائجي سگهجي ٿو. ان جي مختصر حصي (ائٽم) کي به ورهائي سگهجي ٿو ۽ ان مان ايتري قوت خارج ٿيندي جنهن جو ڪاٿو لڳائڻ مشڪل آهي. الامان الحفيظ، اها ايتري خطرناڪ قوت هوندي جو سڄي بغداد کي تباهه ڪري سگهي ٿي.”
    قرآن شريف جي اها وضاحت ته مادي جو ننڍڙو حصو به ننڍڙن ذرن تي مشتمل آهي ۽ ان جابر بن حيان کي ڪوانٽم فزڪس جو ابو بڻائي ڇڏيو. ابن حيان جي مدرسي ۾ رياضي، فزڪس، ڪيمسٽري ۽ نيچرل سائنس پڙهائي ويندي هئي. جابر بن حيان کي تڏهوڪي خليفي هارون الرشيد ان مدرسي جو سربراهه مقرر ڪيو هو. جابر بن حيان ڪل 826 ڪتاب لکيا. جن مان 112 اپلائيڊ فزڪس، 70 ٿيوريٽيڪل ڪيمسٽري ۽ 144 معدنيات ۽ اهڙين قوتن بابت هئا جن جي فزڪس يا ڪيمسٽري ۾ وضاحت ڪرڻ ممڪن نه هئي. ان کان سواءِ 500 ڪتاب ٿيوريٽيڪل فزڪس، ڪيمسٽري، فلڪيات، فلسفي ۽ مذهبن جي تاريخ بابت هئا.
    جابر بن حيان ان جي به نشاندهي ڪئي هئي ته ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان مادي جي هئيت ۾ تبديلي اچي سگهي ٿي. هُن ان تي به دليل ڏنا ته ڌاتو جي ائٽمي قدر ۾ تبديليءَ سان اهو ٻي ڌاتوءَ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. هُن آپٽڪس جا قاعدا به ترتيب ڏنا ۽ لينس جي ٿيوري به جوڙي هئي. هُن سج جي روشنيءَ کي قوت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ آرسين جو به سهارو ورتو.
    مغرب جي سائنسدانن جابر بن حيان کي هن وقت تائين جي 12 انتهائي ذهين سائنسدانن ۾ شامل ڪيو آهي. جابر بن حيان آلجبرا جو به بنياد وجهندڙ هو ۽ الجابر جي نالي جي مناسبت سان ان کي الجبرا چيو وڃي ٿو.
    ان زماني هڪ ٻي اهم شخصيت عمر خيام (1016ع کان 1123ع) به هو. هُو دانشور، شاعر ۽ جج هو. هُن کي مذهب کان باغي سمجهيو وڃي ٿو پر اها ڳالهه درست نه آهي. عمر خيام آلجبرا جون مساوات ۽ حل ۽ ڪيوبڪ مساوات به پيش ڪيون. خيام n=2,3,4 … جي ٿيوري به پيش ڪئي جيڪا نيوٽن جي فارمولا سان مشابهت رکي ٿي. هُن ٽڪنڊي جي ڪاٿي جو فارمولا به پيش ڪيو هو. اڄ اسين ٽڪنڊي بابت پاسڪل جي ٿيوري تي عمل ڪريون ٿا جڏهن ته پاسڪل يا نيوٽن کان به 500 سال اڳ عمر خيام انهن ٿيوريز تي ڪم ڪيو هو.
    عمر خيام اسڪوائر روٽ ۽ ڪيوبڪ روٽ جا فارمولا به پيش ڪيا. ڪيوبڪ مساوات بابت سندس ڪتاب 52 صفحن تي مشتمل آهي. خيام پهريون شخص هو جنهن آلجبرا کي جاميٽريءَ جي مساوات ۾ استعمال ڪيو هو. عمر خيام اڪليدس جي جاميٽريءَ جي اصولن تي ڪيترا ئي سوال اٿاريا ۽ جاميٽريءَ متعلق نيون ٿيوريز به پيش ڪيون. پوءِ اهي ٿيوريز ترڪيءَ جي نصيرالدين طوسيءَ استعمال ڪيون ۽ ان کان پوءِ مغرب تائين پهتيون. عمر خيام جا فلڪيات متعلق به ڪافي ڪتاب لکيل آهن.
    تاريخ شاهد آهي ته اهڙا ڪيترائي بادشاهه گذريا آهن جن تعليم ۽ سائنس تي تمام گهڻو ڌيان ڏنو. پر رڳو هڪ ئي بادشاهه اهڙو آهي جيڪو سائنسدان به هو. اهو عظيم ترڪ بادشاهه علوف بي (1394ع کان 1449ع) هو جيڪو ستاره شناس ۽ فلڪيات جو ماهر به هو. علوف بي جي ستارن ۽ فلڪيات بابت جدول کي “زائچ” چيو ويندو هو ۽ ان کي بطليموس جي جنتريءَ کان پوءِ ٻئي نمبر تي مڃيو وڃي ٿو. علوف بي جي جدول ۾ 1018 ستارن جي نشاندهي ۽ انهن جي هنڌ جي وضاحت ڪيل آهي. اها جدول سن 1437ع ۾ مڪمل ڪئي وئي. چيو وڃي ٿو ته سترهين صدي عيسويءَ تائين ان جدول کي بلڪل ٺيڪ ۽ غلطين کان پاڪ سمجهيو ويندو هو. علوف بي جو استاد ڪديزاد رومي هو جنهن کي پنهنجي وقت جو افلاطون چيو ويندو هو. ايازالدين جمشيد سان گڏجي هُن سمرقند ۾ هڪ رسدگاهه به قائم ڪئي هئي. ان رسدگاهه ۾ زمين، عطارد، زهره، مريخ، مشتري، زحل، يورينس ۽ ٻين گرهن جو مشاهدو ڪيو ويندو هو.
    ستين صدي عيسوي ۾ اناطوليه ۾ ٻه ڊزن اسپتالون هونديون هيون. ساڳئي وقت ۾ صوفين جا به آستانا هوندا هئا جتي روحانيت ذريعي ماڻهن جو طبي ۽ نفسياتي علاج ڪيو ويندو هو. پندرهين صدي عيسوي ۾ فاتح سلطان محمد (1431ع کان 1481ع) استنبول ۾ سن 1453ع ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي جنهن ۾ طب ۽ جاميٽريءَ جي تعليم ڏني ويندي هئي. وقت سان گڏ ان ۾ فلڪيات به پڙهائي وڃڻ لڳي. علوف بي جي وفات کان پوءِ فاتح سلطان محمد سندس شاگرد علي ڪسڪو کي يونيورسٽيءَ جو سربراهه مقرر ڪيو، جيڪو پوءِ سندس وقت جو ناميارو سائنسدان بڻيو. هن فلڪيات بابت گهڻو ڪم ڪيو ۽ ڪافي ڪتاب پڻ لکيا.
    جارج سارٽن “انٽروڊڪشن ٽو دي هسٽري آف سائنس” نالي پنهنجي ڪتاب ۾ سائنس جي ترويج ۾ مسلمان سائنسدانن جي ڪيل ڪم جا سوين حوالا ڏنا آهن. وچئين جُڳ جي مسلمان سائنسدانن ۽ عالمن انسانيت جي ڀلائي ۽ دلين کي يڪجا ڪرڻ لاءِ تمام اهم ڪردار ادا ڪيو. اڄ جي سائنس ۾ به سندن ڪم کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي ۽ ان مان تمام گهڻي مدد به ورتي وڃي ٿي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته مسلمانن ۾ سائنسي اصولن بابت تحقيق جو اتساهه قرآن شريف پئدا ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ تمام گهڻي رهنمائي به ڪئي.

    3. زندگيءَ ڏانهن موٽ
    هتي هڪ حقيقي واقعو پيش آهي. بظاهر ته اهو تمام سادو واقعو آهي پر غور ڪرڻ سان ان تي توهان کي تمام گهڻي حيرت ٿيندي. جڏهن ڪا ڇپ رڍن جي ڌڻ ڏانهن ايندي نظر اچي ٿي ته ريڍار کين بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪري ٿو، يا ته ڇپ جو رخ موڙي ڇڏي ٿو يا وري ڌڻ کي اتان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. زندگيءَ ۾ اسان کي اهڙا ڪئين واقعا پيش اچن ٿا جڏهن اسان کي نقصان رسڻ جو يقيني انديشو پئدا ٿي ويندو آهي پر اوچتو ڪا غيبي قوت اسان کي ان کان بچائي وٺندي آهي. اسان کي ان تي ضرور غور ڪرڻ گهرجي. هاڻي اچو ته هڪ اهڙي شخص جو قصو ٻڌون جنهن جي زندگي هڪ واقعي بدلائي ڇڏي:
    مون کي جڏهن هوش آيو ته منهنجي جسم جو انگ انگ ڏکي رهيو هو ۽ مون کي پنهنجو مٿو تمام گهڻو ڳرو محسوس ٿي رهيو هو. آئون زمين تي پيل هئس ۽ اتي تمام گهڻي اونداهه هئي. مون جيئن سڌو ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته منهنجو مٿو وڃي ڪنهن ڪاٺ سان ٽڪرايو. منهنجون اکيون پوريون کليل هيون پر مون کي ڪجهه به نظر نه اچي رهيو هو. منهنجي ذهن ۾ ان جي ڪري تمام گهڻو خوف پئدا ٿيو ۽ آئون سڄو پگهر ۾ ٻڏي ويس.
    بهرحال آئون جنهن جاءِ تي پيل هئس مون ان جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اوچتو منهنجي ذهن ۾ موت جو خوف اچي جاڳيو ۽ منهنجي سڄي بدن ۾ ڊپ جي هڪ لهر پئدا ٿي ۽ پکڙجڻ لڳي. جڏهن مون ان خوفناڪ جاءِ بابت سوچڻ شروع ڪيو ته ٿوري دير لاءِ پنهنجي وجود جو به احساس نه رهيو. مون کي محسوس ٿيو ته منهنجا هٿ پير ڪم نه پيا ڪن ۽ منهنجي دماغ ۾ ڄڻ ته لکين ماڪوڙيون پيون سُرن.
    پر هاڻي منهنجا حواس ڪم ڪرڻ لڳا هئا ۽ مون کي يقين ٿي ويو ته آئون قبر ۾ آهيان ۽ منهنجو مٿو قبر جي مٿان رکيل ڪاٺ جي ڏڪن سان ٽڪرايو هو. آئون اهڙي هنڌ پيل هئس جتي منهنجا پاڙيسري ڪينئان، گڏرون، جيت ۽ ماڪوڙيون هيون. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته آئون مري چڪو آهيان ته پوءِ دنياوي زندگي پوري ٿي، هاڻي موت کان پوءِ واري زندگي شروع ٿيڻ واري هوندي ۽ اجهو ٿا ملائڪ پڇاڻو ڪرڻ اچن. مون کان منهنجي ڏوهن گناهن جي پڇا ٿيندي. مون کي به گهڻو ڪجهه ياد اچي رهيو ۽ دنيا ۾ ڪيل گناهه به ياد آيم. هاڻي ته منهنجو جسم به سُن ٿيڻ لڳو هو ۽ وقت ڄڻ ته هڪ هنڌ رڪجي ويو هو.
    مون جيئن ئي اکيون بند ٿي ڪيون ته منهنجي آڏو منهنجا گناهه اچي ٿي ويا جن کي هن وقت مون ياد ڪرڻ نٿي چاهيو. اوچتو مون کي پنهنجي زندگي اجايو وڃائڻ تي سخت افسوس ٿيڻ لڳو پر هاڻي ته اهو سڀڪجهه بيڪار هو. هاڻي ته تمام گهڻي دير ٿي چڪي هئي. زمين تي مون کي پنهنجي 33 ورهين جي زندگيءَ ۾ ڪيل ڪوبه چڱو ڪم ياد نه اچي رهيو هو. جيڪي هر وقت مون سان گڏ هوندا هئا تن مان ڪير به مون سان گڏ نه هو.
    هاڻي آئون خوف وچان ڏڪي رهيو هئس ۽ مون کي پڪ هئي ته گناهن جي بدلي عذاب ملندو. مون زندگيءَ ۾ جهنم بابت جيڪي تصور قائم ڪيا هئا سي منهنجي سامهون اچڻ لڳا. مون کي دفن ته زمين ۾ ڪيو ويو هو پر هاڻي پڪ ٿي رهي هئي ته جلدي ئي مون کي سزا لاءِ دوزخ ڏانهن نيو ويندو. هاڻي جهنم جي باهه منهنجي منزل هئي.
    مون ڪجهه به ياد ڪرڻ نٿي چاهيو پر ڪا قوت مون کي پنهنجي دنياوي زندگي ياد ڪرڻ تي مجبور ڪري رهي هئي. مون کي ياد آيو ته آئون 12 ورهين جو هئس جڏهن مون پنهنجي پيءُ کي دوستن سان گڏ شراب پيئندي ڏٺو هو. هُو ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا. مون ان وقت اهو سمجهيو هو ته کين اها خوشي شراب جي ڪري نصيب ٿي آهي. هو جيئن شراب پيئندا ٿي ويا تيئن وڌيڪ خوش نظر اچي رهيا هئا. اهو بلڪل اهڙو منظر هو جهڙو آئون ٽي ويءَ تي به ڏسي چڪو هئس. هاڻي مون کي پڪ ٿي چڪي هئي ته شراب ئي اصل خوشي ڏي ٿو. هاڻي مون بابا جي بوتل مان شراب پيئڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينهن هن مون کي پڪڙي وڌو پر گهڻي ڪاوڙ نه ڪيائين. هڪ گلاس ڀري ڏنائين ۽ چوڻ لڳو “پي، شراب ئي مردانگيءَ جي نشاني آهي.” هُو مون سان گڏ شراب پيئڻ لڳو. اهڙيءَ طرح مون ۾ شراب سان گڏ ٻين براين جو به شوق پئدا ٿيڻ لڳو ۽ آئون گمراهيءَ جي ان راهه تي اڳتي وڌندو ويس. سڀ شيطاني ڪم ڪرڻ لڳس. مون برائيءَ جي ابتدا پنهنجي عزيزن ۽ پاڙي وارن کان ڪئي ۽ پوءِ مون ۾ ڪنهنجي به سڃاڻپ نه رهي. منهنجي نظر ۾ انسان جي ڪابه اهميت نه رهي. منهنجي نظر ۾ ماءُ، پيءُ، دوستن ۽ ساٿين جي به ڪا اهميت نه رهي. هاڻي آئون مڪمل طور بوتل جو غلام بڻجي چڪو هئس ۽ هر ان شخص کي قتل ڪري ٿي سگهيس جيڪو منهنجو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪري ها. مون کي اهڙا واقعا به ياد آيا جڏهن پئسا نه ڏيڻ تي مون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ تي به هٿ کنيو هو. هو جن حالتن ۾ مئا ان جو به اهم ڪارڻ آئون ئي هئس. توڙي جو ان سڀ جي ابتدا منهنجي والد جي ڪري ئي ٿي هئي جڏهن هن پهريون ڀيرو شراب جو گلاس ڀري منهنجي سامهون رکيو هو. ٻئي طرف منهنجي ماءُ هئي جنهن جي حيثيت گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ واري مشين وانگر هئي. ان سڀ جي باوجود مون کي پنهنجي والدين جا احسان ياد اچي رهيا هئا ۽ دل ۾ شديد خواهش پئدا ٿي رهي هئي ته ڪاش مون کي هڪ موقعو ملي ته جيئن آئون پنهنجي والدين جي خدمت ڪري سگهان ۽ کانئن پنهنجي رويي جي معافي وٺي سگهان.
    مون کي پنهنجي شاديءَ جو ڏينهن ياد آيو. منهنجي زال جي حيثيت منهنجي ساٿي واري نه پر جنسي خواهشن جي لئباريٽريءَ جهڙي هئي جتي آئون هر روز نت نوان تجربا ڪندو هئس . مون کي ياد نه آهي ته مون ڪڏهن کيس ڪا خوشي ڏني هجي. مون کي پڪ هئي ته منهنجي مرڻ تي کيس حقيقي خوشي نصيب ٿي هوندي. منهنجا ٻار به هئا جن کي ڪڏهن به پدري شفقت نصيب نه ٿي هئي ۽ هو منهنجي موجودگيءَ ۾ هر وقت خوف جو شڪار رهندا هئا. هو بلڪل صغير هئا ۽ مون کي افسوس ٿي رهيو هو ته هن پٿر دل دنيا ۾ سندن زندگي ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندي. ڪاش هڪ موقعو ملي ته جيئن آئون پنهنجي زال ۽ ٻارن کي ڪا خوشي ڏئي سگهان.
    هاڻي منهنجي ڏڪڻي ته ختم ٿي چڪي هئي پر منهنجي دل اڃا به زور زور سان ڌڙڪي رهي هئي. مون کي پنهنجي دل جي ڌڪ ڌڪ جو آواز ڪنهن دهل جي آواز وانگر ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. ان مڪمل خاموشيءَ واري دنيا ۾ اهو واحد آواز هو جيڪو مون کي ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو. مون کي ٻين ماڻهن سان ڪيل پنهنجون زيادتيون به ياد اچي رهيون هيون.
    جيڪو به مون سان ملندو هو تنهن کي ملڻ تي افسوس ئي ٿيندو هو. سڄي رات آئون گهٽين ۾ پنهنجي پاڙي وارن تي هڪلون ڪندو رهندو هئس، سندن دروازو کڙڪائي ساڻن وڙهندو هئس ۽ پئسا ڦري وٺندو هئس. پئسن لاءِ ته آئون پنهنجي اولاد تي تشدد ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو هئس. هاڻي مون کي ٻيو موقعو ڪيئن ملي جو آئون در در وڃي کانئن معافي وٺان.
    هاڻي ته واپسيءَ جو ڪو به امڪان نه هو. هاڻي ته مون کي پنهنجي ڪيل گناهن جي سزا لاءِ تيار ٿيڻو هو جيڪا خبر نه آهي ته ڪيتري تڪليف ڏيندڙ هوندي. رڳو 33 ورهين جا گناهه هاڻي منهنجي ابدي زندگيءَ کي عذابناڪ بڻائڻ وارا هئا. لوهه جون تپي ڳاڙهيون ٿيل سيخون منهنجي جسم سان لڳيون ٿي ته هڏيون به پگهرڻ ٿي لڳيون. منهنجو گلو خشڪ ٿي چڪو هو ۽ منهنجا چپ سُڪي هڪٻئي سان چنبڙي ويا هئا. اها ته ابتدا هئي ۽ عذاب جو وقت ته اڳتي اچڻ وارو هو.
    اڃا ته سزا جو مرحلو شروع ئي نه ٿيو هو. اڃا ته مون کان منهنجي خدا جي حڪمن بابت پڇا ٿيڻي هئي. ڪڏهن تو خدا جي اڳيان سجدو ڪيو هو؟ اهو اهڙو سوال هو جنهن جو جواب يقيني نه هو ۽ ان کان پوءِ ته سزا جو عمل شروع ٿيڻو هو. مون ته دنيا ۾ رڳو شراب جي بوتل جي پوڄا ڪئي هئي. هاڻي منهنجي رڳو هڪ ئي خواهش هئي ته مون کي دنيا ۾ واپس وڃڻ جو بس هڪ موقعو ملي وڃي. قسمين قسمين سزائون ملي رهيون هيون ۽ آئون مسلسل عذاب ۾ هئس. منهنجي وات مان بي اختيار رڙيون نڪري رهيون هيون جن تي مون کي ڪو به اختيار نه هو. اڃا اهو عذاب جاري هو ته منهنجي اک کلي وئي.
    چئوڦير نظر ڊوڙايم ته ڏٺم ته آئون هڪ پارڪ ۾ بئنچ جي هيٺان پيو هئس. رات حد کان وڌيڪ شراب پيئڻ کان پوءِ مون کي ڪو به هوش نه رهيو. منهنجي ڪپڙن مان عجيب قسم جي بدبو اچي رهي هئي. منهنجي ڀر ۾ ڪجهه شراب جو بوتلون به پيل هيون پر هاڻي انهن کي هٿ لاهڻ کان به خوف اچي رهيو هو.
    اهو اهڙو ڏينهن هو جنهن منهنجي زندگي بدلائي ڇڏي. مون گناهن کان توبهه ڪري ڇڏي ۽ براين کان پاڻ کي بچائڻ لڳس. پنج وقت نماز منهنجو معمول بڻجي وئي. مٽن مائٽن، دوستن ۽ پاڙيسرين کان معافي ورتيم. پنهنجي گهر ۽ ٻارن سان محبت سان پيش اچڻ لڳس. توهان به ٿورو ان خوفناڪ عذاب جو تصور ڪريو ۽ پنهنجي زندگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪريو. گناهن کان توبهه ڪريو ۽ نيڪ راهه تي هلڻ جي ڪوشش ڪريو.


    باب ڇهون

    ٽيون لفظ
    شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت رحيم ۽ ٻاجهارو آهي، اي انسانو خدا جي عبادت ڪريو ......
    جيڪڏهن توهان عبادت جي بدلي حاصل ٿيندڙ سڪون ۽ خوشيءَ جو اندازو لڳائڻ چاهيو ٿا ۽ گمراهيءَ جي بدلي ملندڙ پريشانين متعلق ڄاڻڻ چاهيو ٿا ته هيءُ قصو غور سان ٻڌو:
    هڪ ڀيري ٻن فوجين کي هڪ ٻئي شهر وڃڻ جو حڪم مليو. هو ٻئي گڏجي سفر تي روانا ٿيا. اڌ پنڌ تي پهتا ته اڳيان هڪ ٻه واٽو هو ۽ هنن کي خبر نه هئي ته ڪهڙو رستو مناسب رهندو. اتي کين هڪ شخص مليو جنهن کين ٻڌايو ته اهي ٻئي رستا ساڳئي شهر ڏانهن وڃن ٿا ۽ فاصلو به هڪ جيترو آهي. ساڄي هٿ وارو رستو محفوظ آهي. ان رستي تان ويندڙ ڏهن مان نو ماڻهن کي گهڻيون سهولتون، فائدو ۽ سٺو تجربو حاصل ٿئي ٿو. جڏهن ته کاٻي هٿ واري رستي مان ڪو به فائدو حاصل نٿو ٿئي. ان رستي تان ويندڙ ڏهن مان نو ماڻهن کي نقصان ئي رسيو آهي. فاصلي جي لحاظ کان ته ڪوبه فرق نه آهي البت هڪ فرق ضرور آهي ته کاٻي هٿ واري رستي تي سفر ڪندڙن لاءِ ڪي به قاعدا يا ضابطا نه آهن ۽ نه ئي ان رستي تي ڪنهن جو زور هلي ٿو. ان راهه تي هلندڙن لاءِ سامان ۽ هٿيار کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي ان ڪري مسافر پاڻ کي تمام هلڪو ڦلڪو محسوس ڪن ٿا. جڏهن ته ساڄي هٿ واري رستي تي فوج جي حڪمراني آهي ۽ ان جي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجو سامان ۽ هٿيار به سنڀالڻا پون ٿا. مطلب ته 4 ڪلو جي ڪٽ بئگ، به ڪلو جي رائفل ٻيو سامان يعني ڏهه ڪلو وزن کڻڻو پوي ٿو ۽ رستي تي دشمنن جو خطرو به رهي ٿو.
    ٻنهي سپاهين ان شخص جون ڳالهيون غور سان ٻڌيون انهن مان جيڪو خوشقسمت هو تنهن ساڄي هٿ وارو رستو اختيار ڪيو ۽ ڏهه ڪلو وزن پاڻ سان کڻي روانو ٿيو پر سندس روح تي خوف جو هزارين مڻ وزن نه هو. بدقسمت شخص فوج واري نوڪري ڇڏي ۽ ڏهه ڪلو وزن مان به آجپو حاصل ڪيو پر سندس دل تي خوف جو هزارين مڻ وزن موجود هو ۽ کاٻي هٿ وارو رستو وٺي روانو ٿيو. وٽس ڪوبه سامان نه هو ان ڪري سڄي رستي ۾ هر شيءِ لاءِ کيس ٻين آڏو هٿ ٽنگڻو ٿي پيو، ليلائڻو ٿي پيو ۽ سر جهڪائڻو پيو ٿي. جڏهن منزل تي وڃي پهتو ته کيس فوج مان ڀڄڻ جي ڏوهه ۾ پڪڙيو ويو ۽ سزا ڏني وئي.
    ساڄي هٿ وارو رستو وٺي ويندڙ کي ڪنهن جي به آڏو هٿ ڦهلائڻو نه پيو ۽ نه ئي خوف جي ڪري ڪنهن جي آڏو جهڪڻو پيو. جڏهن منزل تي وڃي پهتو ته کيس عزت، احترام ۽ انعام سان نوازيو ويو. بس کيس رڳو سڄي رستي ڏهه ڪلو وزن ئي کڻڻو پيو هو.
    اي گمراهه انسانو! سمجهو ته انهن فوجين وانگر هڪڙا اهي آهن جيڪي نظر ايندڙ وزن کڻڻ کان لنوائين ٿا پر باقي هر تڪليف کين برداشت ڪرڻي پوي ٿي ۽ هر ڪنهن جي اڳيان ٻاڏائڻو پوي ٿو. آخرت ۾ سزا ۽ عذاب جا حقدار به ٿين ٿا. ٻيا اهي آهن جيڪي بظاهر نظر ايندڙ وزن کڻڻ کان نٿا ڪيٻائين ۽ ان جي نتيجي ۾ نه کين راهه ۾ ڪا اوکي پوي ٿي ۽ نه ڪنهن جي اڳيان جهڪڻو پوي ٿو. آخرت ۾ به کين ان ثابت قدميءَ جو اجورو ضرور ملي ٿو.
    ها اهو ضرور آهي ته خدا جي اڳيان جهڪندڙن کي نه موت جو خوف آهي نه ئي کين ڪنهن دنياوي آسائش جو فڪر آهي. هُو ته بس پنهنجي خالق کي خوش رکڻ جي ڪوشش ۾ لڳا رهن ٿا نتيجي ۾ مالڪ کين دنيا ۽ آخرت ۾ آرام ۽ سڪون عطا فرمائي ٿو. بهرحال فيصلو اسان کي ئي ڪرڻو آهي ته ڪهڙي واٽ وٺجي.

    1. خوشيءَ جو هڪ نسخو
    وضو ۽ نماز ٻه اهڙيون معجزاتي سوکڙيون آهن جن ۾ هزارين راز لڪل آهن. اڄ سڄي دنيا ۾ هر انسان غسل ته ضرور ڪري ٿو ۽ مون کي اها پڪ آهي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جڏهن هر انسان وضو به ضرور ڪندو. پهرين اسين ٽن طبي معجزن جو ذڪر ڪريون جيڪي وضو ۽ غسل جي ڪري رونما ٿين ٿا.
    1. ان سان جسم مان اضافي اليڪٽران خارج ٿين ٿا جن جي ڪري جسم کي راحت ملي ٿي.
    2. ان سان رت جي گردش وارو سرشتو بهتر ٿئي ٿو ۽ عمر وڌڻ جو عمل ماٺو ٿئي ٿو.
    3. ان سان رت جي اڇن جزن وارو سرشتو وڌيڪ تيزيءَ سان ڪم ڪرڻ لڳي ٿو ۽ اهو جسماني حفاظت واري سرشتي کي متحرڪ رکڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي.
    هاڻي اچو ته انهن مان هرهڪ تي تفصيلي نظر وجهون:
    ساڪن برقي توازن: ڪنهن به صحتمند جسم لاءِ ساڪن برقي توازن انتهائي اهم آهي. پلاسٽڪ، هوا ۾ موجود بجلي ۽ ٻيو مختلف قسم جو فرنيچر وغيره جسم ۾ ساڪن برقي توازن بگاڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن جيئن ئي توهان پنهنجي ڪار مان ٻاهر نڪرو ٿا يا صوفا تي گهڻي دير ويهڻ کان پوءِ اٿو ٿا ته توهان جو جسم برقي قوت جو مجموعو بڻجي وڃي ٿو ۽ اليڪٽران جو وڏو تعداد جسم ۾ گڏ ٿي وڃي ٿو. ان جي ڪري توهان عجيب صورتحال جو شڪار ٿي وڃو ٿا جيئن وڌيڪ غصو اچڻ، بيچيني يا ايتريقدر جو توهان نفسياتي مسئلن جو شڪار به ٿي سگهو ٿا. انهن مڙني حالتن کان بچاءُ جو واحد حل وضو ۽ غسل آهن. ان کان ته ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي ته جيڪي ماڻهو باقاعدگيءَ سان وضو ڪندا رهن ٿا تن جا چهرا ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ روشن هوندا آهن. ايستائين جو مٽيءَ سان ٿيندڙ تيمم جا به ساڳيا ئي نتيجا نڪرن ٿا.
    اهڙا ماڻهو جيڪي وضوءَ جي ڪري ساڪن برقي توازن واري طريقي کان ناواقف آهن سي ماڻهو وري اڪُوپنڪچر جي طريقي تحت جسم ۾ سُيون ٽنبائي اهو توازن قائم رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
    رت جي گردش وارو سرشتو: اسان جي رت جي گردش جو ٻٽو طريقو ٿئي ٿو، هڪ ۾ رت دل کان جيوگهرڙن ڏانهن وڃي ٿو ۽ ٻئي ۾ وري اهو رت جيوگهرڙن کان واپس دل ڏانهن اچي ٿو. جسم جي ٽشوز ۾ رت جي گردش وار کان به سنهين رڳن جي ذريعي ٿئي ٿي. خوراڪ جي ذرن يا ٻين شين جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن اهي سنهڙيون رڳون بند ٿي وينديون آهن. جنهن جي ڪري رت جيوگهرڙن تائين پهچي نه سگهندو آهي. اسان جون رت جون ناليون رٻڙ وانگر نرم سمجهيون وڃن ٿيون.
    هاڻي وضو انهن تي ڪيئن پنهنجو اثر ڇڏي ٿو؟
    وضوءَ وقت جيئن ته اسان جي جسم جي مختلف عضون جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جو تاپمان مختلف هوندو آهي جنهن ڪري رڳون کلن بند ٿين ٿيون. اهو کُلڻ ۽ بند ٿيڻ جو سلسلو بلڪل ڪنهن لهر وانگر جاري رهي ٿو. جنهن جي ڪري ڪٿي ڪا رنڊڪ هوندي آهي ته اها اتان نڪري دل ڏانهن هلي ويندي آهي ۽ اسان جي جسم جي ٽشوز کي رت جي فراهمي بحال ٿي ويندي آهي. عجيب ڳالهه اها آهي ته اهي رطوبت واريون رنڊڪون عام طور هٿن، پيرن ۽ چهري تي زياده گڏ ٿين ٿيون ۽ وضوءَ جو زور به انهن هنڌن تي ئي هوندو آهي. وضوءَ جي حڪمت ڪا گهٽ ڪانهي.
    رت جي اڇن جزن وارو سرشتو: اسان جي جسم جو دفاعي نظام رت جي اڇن جزن تي ٻڌل هوندو آهي. اهي اڇا جزا وار کان به سنهڙين رڳن وسيلي جسم جي هر حصي ۾ گردش ڪندا رهن ٿا. اهي ننڍڙا سپاهي جيئن ئي ڪو خطرو محسوس ڪن ٿا ته بنا ڪنهن دير جي پنهنجو دفاعي آپريشن شروع ڪري ڇڏين ٿا. هُو مائيڪروبز ۽ خاص طور ڪينسر پئدا ڪندڙ گهرڙن جي خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪن ٿا. هُو پنهنجي نشيدار هٿيارن سان انهن مخالفن کي خاموش ڪري ڇڏين ٿا.
    وائرل انفيڪشن ۽ ڪينسر پئدا ڪندڙ گهرڙا ئي جسم جي دفاعي نظام لاءِ هر وقت نوان چئلينج پئدا ڪن ٿا. اسان جي رڳن ۾ موجود اڇن جزن جو متحرڪ رهڻ انتهائي ضروري هوندو آهي. وضو ۽ غسل انهن سنهڙين رڳن تي ڪيترن ئي قسمن جو اثر ڇڏين ٿا. هٿ، پير ۽ منهن ڌوئڻ جي ڪري ٻين حصن جي سنهڙين رڳن جو عمل تيز ٿي وڃي ٿو. انسان جي جسم جا سڀ کان حساس حصا نڪ، چهرو ۽ ڪاڪڙو آهن. وضوءَ وقت نه رڳو انهن حصن جي مالش ٿئي ٿي پر انهن حصن جي صفائي به ٿي وڃي ٿي. جنهن جي ڪري دفاعي نظام جي لاءِ نه رڳو آساني پئدا ٿئي ٿي پر اهو وڌيڪ مضبوط ۽ متحرڪ به ٿي وڃي ٿو. توهان ڪنهن به ماهر ڊاڪٽر ڏانهن وڃو پوءِ هُو مسلمان هجي يا نه هجي هُو توهان کي وضوءَ واري انداز ۾ هٿ منهن ڌوئڻ جي هدايت ضرور ڪندو.
    هاڻي قرآن شريف جي هن هدايت تي ٿورو غور ڪريو: “اي ايمان وارو! جڏهن نماز جي تياري ڪريو، پنهنجو چهرو، هٿ ۽ ٺونٺين تائين (ٻانهون) ڌوئو ۽ ڳرين تائين پير ڌوئو. جيڪڏهن توهان ناپاڪ آهيو ته غسل ڪريو ۽ سڄو بدن ڌوئو....” (قرآن 5/6) ان آيت ۾ اڳتي هلي وضاحت ڪئي وئي آهي “الله توهان کي مشڪل ۾ وجهڻ نٿو چاهي پر توهان پاڪ رکڻ چاهي ٿو ته جيئن توهان تي نعمتون نازل ٿين، اوهين شڪرگذار بڻجي سگهو.”
    اڄ جي سائنس ته هن وقت ۾ نعمتون نازل ٿيڻ جو مطلب سمجهي سگهي آهي. اڄ اسين سمجهي سگهيا آهيون ته وضوءَ جون ڪهڙيون ڪرامتون ۽ فائدا آهن ۽ اڄ اسان کي احساس ٿيڻ لڳو آهي ته اسان لاءِ صحت الله پاڪ جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. جيڪا اسان انتهائي سهولت واري انداز ۾ عطا ڪئي وئي آهي. اڄ اسان کي پاڪائيءَ جي اهميت جي خبر پئي آهي.
    نماز: عبادت جو هڪ طريقو ۽ دين جو بنيادي جز آهي. قرآن شريف ۾ نماز کي اسان جي تخليق جي شڪراني طور ٿيندڙ عبادت جو درجو ڏنو ويو آهي. نماز ترتيب پئدا ڪرڻ جو به هڪ وسيلو آهي ۽ جيڪڏهن مڪمل انداز ۾ ادا ڪئي وڃي ته مراقبي جهڙي حالت پئدا ٿي وڃي ٿي. اهو اهڙو انداز آهي جو نماز وقت جيڪڏهن توهان ڪنهن جي کل به لاهي وٺو ته کيس خبر نه پوندي. مومن ته “الله اڪبر” چوڻ شرط ئي ذبح ٿي وڃي ٿو ۽ نماز ختم ٿيڻ تي ئي ٻيهر زنده ٿئي ٿو. هڪ جنگ ۾ حضرت علي ڪرم الله وجههُ کي ٽَنگ ۾ هڪ تير لڳو جيڪو کين تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيو هو. جنهن وقت پاڻ نماز پڙهڻ شروع ڪيائون ته طبيب اهو تير ڪڍي ۽ زخم کي لوهه جي گرم سيخ سان ساڙي به ڇڏيو پر کين ان جي خبر ئي نه پئي. نماز کان پوءِ کين ان جو علم ٿيو هو. رڳو ايترو نه پر نماز مان معاشرتي ۽ جسماني فائدا به انيڪ آهن.
    نماز جا جسماني فائدا: اسانجي اکين جي قرنيه جو سُسڻ ۽ ڦُونڊجڻ موجود روشني ۽ جيڪو اسين ڏسڻ چاهيون ٿا ان جي فاصلي سان تعلق رکي ٿو. ان جي ڪري اسان جون اکيون ٿڪجي پون ٿيون. اکين کي آرام ڏيڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته اسين ڪجهه دير لاءِ پنهنجي نظر صرف ڏيڍ ميٽر جي مفاصلي تي رکون. نماز جي لاءِ اسان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ان وقت اسين پنهنجي نظر سجدي واري هنڌ تي رکون ۽ اهو فاصلو لڳ ڀڳ ڏيڍ ميٽر ئي ٿئي ٿو. اسين ڏينهن ۾ چاليهه رڪعت نماز پڙهون ٿا جنهن جو مطلب اهو ٿيندو ته مختلف وقتن تي اکين کي آرام ڏيڻ جو هڪ ڏينهن جو وقت لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ بيهي ٿو. پنهنجي اکين جي صحت جي حفاظت جو اهو انتهائي دلچسپ نسخو آهي.
    اسان جسم جي مخلف سنڌن يا جوڙن تي هر وقت تمام گهڻو وزن رهي ٿو ۽ نماز جي ادائيگي انهن جي ورزش ۽ حفاظت جو انتهائي خوبصورت طريقو آهي. اها ته تسليم شده حقيقت آهي ته ورزش جو ڪوبه اهڙو طريقو نه آهي جيڪو نماز کان وڌيڪ بهتر ۽ فائديمند هجي. نماز جو طريقيڪار اسان جي سنڌن جي عمر وڌائي ڇڏي ٿو. برقي مقناطيسيت اسان جي دل ۽ نروس سسٽم جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. نماز جي ادائيگي ان کي بلڪل مناسب حد تي رکڻ جو آسان ذريعو آهي. جيڪي باقاعدگيءَ سان نماز پڙهن ٿا تن کي دل جي تڪليف ٻين ڀيٽ ۾ گهٽ ٿئي ٿي.
    نماز جا روحاني فائدا: نماز اسان کي هڪ ڏينهن ۾ مختلف وقتن تي مجموعي طور تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪلاڪ لاءِ دنياوي پريشانين کان پري رکي ٿي. قرآن شريف ۾ به ڄاڻايل آهي ته نماز اسان کي انتهاپسندي ۽ گناهن کان بچائي ٿي. اها اسان کي مفادپرستي ۽ لالچ کان به بچائي ٿي جنهن جي ڪري ڪجهه وقت لاءِ اسان جي ذهن تان مختلف شين جو دٻاءُ گهٽجي وڃي ٿو. جيڪو به ماڻهو دل سان نماز پڙهي ٿو تنهن جي اندر ۾ پاڻمرادو قناعت پسندي پئدا ٿي وڃي ٿي. ان سان اسين جسماني ۽ ذهني دٻاءُ کان محفوظ رهون ٿا.
    نماز جو ڪردار تي اثر: هر رڪعت ۾ اسان کي سوره فاتحه ضرور پڙهڻي پوي ٿي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اسان کي بار بار اهو دهرائڻو پوي ٿو “اي الله تون ئي عبادت جي لائق آهين ۽ تو کان مدد گهرو ٿا.” اها شيءِ انتهائي غيرمحسوس انداز ۾ اسان جي لاشعور ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي. ان جو اسان جي اخلاق ۽ ڪردار تي سڌو سنئون اثر پوي ٿو.
    ايتريقدر جو جيڪي رڳو رسمي طور تي نماز پڙهن ٿا تن جي سوچن مان به آهستي آهستي غرور ختم ٿي وڃي ٿو. غرور، هٺ ۽ وڏائي انسان جي ڪردار جا انتهائي خطرناڪ عنصر آهن ۽ نماز جي ڪري انهن مان ڇوٽڪارو ملي ٿو. نفرت ۽ غرور هر خرابيءَ جو ڪارڻ آهن ۽ نماز توهان کي ان کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿي. توهان کي روحاني طور تي سگهارو بڻائي ٿي. يعني نماز عبادت جو هڪ اهڙو قسم آهي جيڪو توهان جي نفساني خواهشن تي به ضابطو رکي ٿو. نماز هڪ اهڙو خودڪار نظام آهي جيڪو توهان جي ايمان کي مضبوط ڪري ٿو. جڏهن عبادت ۾ ايمان به شامل ٿئي ٿو ته ان جو انسان جي ڪردار تي انتهائي مثبت اثر پوي ٿو. نماز جي ڪري منافقيءَ جو خاتمو ٿئي ٿو. قرآن ۽ حديث جي هدايت موجب انسان نماز جي ڪري ڪوڙ ڳالهائڻ کان به محفوظ رهي ٿو ۽ حقيقت پسندي پئدا ٿئي ٿي.

    2. نبِي ڪريم ﷺ جن جي مسلمانن کي عبادت جي هدايت
    حضرت عمر بن سعد بن ابي وقاص کان روايت آهي ته مون پنهنجي والد ۽ سندس دوستن کان ٻڌو هو ته اسان جي پياري نبيﷺ جن جي وقت ۾ ٻه ڀائر هوندا هئا جن مان هڪڙو ٻئي کان وڌيڪ پرهيزگار هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ٻئي ڀائر هڪٻئي جي پٺيان فوت ٿي ويا. ماڻهن نبي صلعم جن کي ٻڌايو ته انهن مان هڪ وڌيڪ پرهيزگار هو. جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا هُو نماز پڙهندو هو؟”
    ماڻهن جواب ڏنو “جي حضور، هُو نماز جو پابند هو.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “نماز هڪ اهڙي صاف ۽ پاڪ ندي آهي جيڪا توهان جي گهر جي بلڪل اڳيان وهي ٿي ۽ جيڪو ماڻهو ان نديءَ مان پاڻ کي ڏينهن ۾ پنج ڀيرا پاڪ ۽ صاف ڪري ٿو سو گندو ڪيئن ٿو رهي سگهي. نماز مرتبو وڌائي ٿي.”
    حضرت ابو هريره کان روايت آهي: هڪ قبيلي جا ٻه ماڻهو پاڻ سڳورن وٽ آيا ۽ اسلام قبول ڪيائون، پوءِ منجهانئن هڪ جنگ ۾ شهيد ٿي ويو ۽ ٻيو هڪا سال پوءِ طبعي موت مئو. طلحه بن عبيدالله ٻڌايو “ مون خواب ۾ ڏٺو ته جيڪو طبعي موت مئو هو سو جنت ۾ شهيد کان اڳ ۾ داخل ٿيو. مون کي ان تي حيرت ٿي ۽ مون ان جوذڪر پياري نبي ﷺجن سان ڪيو. جنهن تي پاڻ فرمايائون “طبعي موت مرندڙ هڪ سال وڌيڪ رمضان جا روزا رکيا ۽ ٻئي کان فرض ۽ سنت جون ڇهه هزار رڪعتون وڌيڪ پڙهيون هيون.” هڪ ٻي حديث پاڪ آهي “نماز انسان ۽ جنت جي وچ ۾ فاصلو گهٽائي ٿي ۽ ان جي ڪري هُو اڳ ۾ جنت ۾ داخل ٿيو.”
    حضرت علي ڪرم الله وجهه فرمايو “اسين سڀ پاڻ سڳورن سان گڏ مسجد ۾ نماز جو انتظار ڪري رهيا هئاسين ته هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو کانئس هڪ گناهه ٿي ويو آهي پر پاڻ سڳورن ان تي ڪوبه ڌيان نه ڏنو. نماز کان پوءِ ساڳيو ئي شخص ٻيهر چوڻ لڳو ته کانئس گناهه سرزد ٿيو آهي، جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو“ڇا تو هينئر اسان سڀني سان گڏجي وضو ڪري نماز نه پڙهي آهي؟” جنهن تي ان شخص وراڻيو “جي حضور بلڪل پڙهي آهي.” پاڻ سڳورن فرمايو “اها نماز تنهنجي ان گناهه جو ڪفارو آهي.”
    حضرت عبدالله بن عمر کان روايت آهي: هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “اي پيارا نبي ﷺ سڀ کان فائديمند شيءِ ڪهڙي آهي؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “نماز.”
    ان شخص وري پڇيو “۽ نماز کانپوءِ؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “نماز.”
    ان شخص وري پڇيو “نماز جي ادئيگيءَ کانپوءِ؟”
    پاڻ سڳورن وري فرمايو “نماز.”
    هڪ شخص پاڻ سڳورن کان جهاد جي اجازت وٺڻ آيو. جنهن پاڻ سڳورن فرمايو “نماز کان پوءِ جهاد في سبيل الله اچي ٿو.”
    ان تي اهو شخص چوڻ لڳو “منهنجا پوڙها ماءُ ۽ پيءُ به آهن.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “ته پوءِ بهتر آهي ته وڃي والدين جي خدمت ڪر.”
    اهو شخص چوڻ لڳو “مون کي قسم آهي خداءِ بزرگ ۽ برتر جو جنهن اوهان کي نبي ڪري موڪليو آهي ته آئون والدين کي ڇڏي جهاد ۾ ضرور شرڪت ڪندس.”
    جنهن تي پاڻ سڳورن فرمايو “اهو منهنجو حڪم نه پر تنهنجو فيصلو هوندو.”
    عمر بن مراه کان روايت آهي: هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: “اي خدا جا پيارا پيغمبر ﷺ جيڪڏهن آئون لا الهٰ الالله محمد الرسول الله دل سان چوان، پنج وقت نماز پڙهان، روزا رکان ۽ خيرات ڏيان ته پوءِ مون کي ڪهڙو مقام ملندو؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “صديق ۽ شهيد جو درجو ملندو.”
    انس بن مالڪ کان روايت آهي: جنهن وقت پاڻ سڳورن جي هن فاني دنيا مان برقعو مٽائڻ جو وقت آيو ان وقت سندن زبان مبارڪ تي هي لفظ هئا “نماز ۽ اهي جن کي توهان جوابده آهيو تن جي فرض ادائيگيءَ تي مڪمل ڌيان ڏيو.” پاڻ سڳورا آخر وقت تائين اهي اکر اچاريندا رهيا.
    حضرت علي عليه السلام کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ ڪاغذ ۽ قلم آڻڻ لاءِ چيو. پاڻ ڪجهه لکائڻ چاهيو ٿي ته ڪجهه هدايتون ڏئي وڃن ته جيئن کانئن پوءِ امت گمراهه نه ٿي وڃي. پر وقت تمام گهٽ هو ان ڪري مون عرض ڪيو ته يا رسول الله توهان چئو آئون ياد ڪري وٺندس.
    پاڻ سڳورن فرمايو “آئون توهان کي هدايت ڪري ٿو وڃان ته نماز ۽ زڪوات کان پري نه ٿجو ۽ انهن جو خيال رکجو جن جي سار سنڀال توهان جي ذميواري آهي.”
    هڪ ٻي روايت آهي ته پاڻ سڳورن تي غشي طاري هئي جڏهن ٿورو هوش آيو ته فرمايائون “جيڪي لالهٰ الاالله محمد الرسول الله دل سان چون ٿا تن تي دوزخ حرام آهي.”

    3. الله ﷻ کان سواءِ ڪنهن جي به اڳيان نه جهڪو
    شيطان انهن جو ئي دوست بڻجي ٿو جيڪي عبادت نٿا ڪن. هن هڪ ماڻهو ڏٺو جنهن ڪڏهن به سجدو نه ڪيو هو تنهن کي شيطان چيو “مون سڄي ڄمار عبادت ڪئي رڳو هڪ ڀيرو خدا جي حڪم تي آدم کي سجدو نه ڪيم ته مون کي جنت مان نيڪالي ملي ويئي. تون جيڪو ڏينهن ۾ پنج ڀيرا خدا کي سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪرين ٿو مون کي حيرت آهي ته تنهنجو ڪهڙو حشر ٿيندو.”
    اهي جيڪي خدا جي عبادت نٿا ڪن تن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته هو ڪهڙي نعمت ضايع ڪري رهيا آهن. اهو ڏينهن ڪو گهڻو پري ڪونهي جڏهن کين ان جو حساب ڏيڻو پوندو پر ان وقت سندن هٿ پير ٻڌل هوندا ۽ هو ڪجهه به نه ڪري سگهندا. عبادت کان سواءِ وحدت تي ايمان ئي مڪمل نٿو ٿئي. جيڪي ان کان انڪار ڪن ٿا تن کي شايد اهو احساس ئي نه آهي ته هو ڪيڏي وڏي غلطي ڪري رهيا آهن ۽ ان جي بدلي کين جهنم جي باهه جو کاڄ بڻجڻو پوندو. سجدو ئي ٻانهي کي خدا جي قريب تر ڪري ٿو.
    اهي والدين جيڪي پنهنجي اولاد کي نماز جي تلقين نٿا ڪن يا ان کان غافل رهن ٿا يا کين چون ٿا نماز نه پڙهي ته ڪا ڳالهه نه آهي سي وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. اهڙن والدين کي پنهن جي گناهن سان گڏ اولاد جي گناهن جو به حساب ڏيڻو پوندو.

    4. عبادت
    ڪلام الله پاڪ عبادت تي زور ڀري ٿو ۽ واضح ڪري ٿو ته جيڪي عبادت نٿا ڪن سي جهنمي آهن. خدا کي ڪنهن جي به سجدي جي ضرورت نه آهي ۽ نه هُو ڪنهن جي عبادت جو محتاج آهي. عبادت جو حڪم خود بندي جي ڀلائيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي. عبادت جي ضرورت اسان کي آهي ڇو ته اهو ئي ڇوٽڪاري جو رستو آهي. اسين روحاني طور تي بيمار بڻجي چڪا آهيون. جيڪڏهن خدا جي پناهه ۾ وينداسين ته ان ۾ اسان جي بهتري آهي. عبادت اسان کي خدا جي پناهه ۾ ڏي ٿي. عبادت خدا جي شڪر ادا ڪرڻ جو هڪ مناسب طريقو آهي. اسان کي جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ٽافي به ڏي ٿو ته اسين سندس ٿورا مڃيون ٿا ته پوءِ افسوس آهي جو اسان وٽ ان خدا جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ وقت نه آهي جنهن اسان کي اشرف المخلوقات بڻايو. خدا اسان کي انسان بدران ڪتو يا ٻلو به بڻائي سگهيو ٿي ۽ کيس ان کان روڪڻ وارو ڪوبه نه هو. اهي مالڪ جا احسان آهن جنهن اسان کي انسان بڻايو. ڪائنات جي هر شيءِ پنهنجي خالق جي شڪرگذار آهي ۽ سندس عبادت ڪندي رهي ٿي ته پوءِ آخر انسان ان کان پري ڇو آهي؟ ڪو شخص عبادت نه ڪري ۽ چوي ته هُو صرف پنهنجي پاڻ کي تڪليف ڏئي رهيو آهي ٻين جو ان ۾ ڇا وڃي. اهڙن ماڻهن کي عرض آهي ته هڪ موسيقي جو شو ٿي رهيو هجي جنهن ۾ سوين سازندا شامل هجن ۽ سندن ڪاڪردگيءَ مان لطف وٺڻ لاءِ ماڻهو به اچي گڏ ٿين. جنهن وقت اهو شو شروع ٿئي ان وقت رڳو هڪ يا ٻه سازندا شراب جي نشي ۾ هجن ۽ ٻين کان مختلف وڄت شروع ڪن ته ڇا ان جو اثر سڀني سازندن تي نه پوندو؟ ان غلط انداز جي ڪري عام ماڻهو بي لطف نه ٿيندا؟ هاڻي ڪو ڪيئن ٿو دعويٰ ڪري ته سندس شراب پيئڻ جي ڪري رڳو هُو پاڻ متاثر ٿيو آهي؟ يقيني طور ان جو اثر سڀني تي پوي ٿو. سو جيڪڏهن ڪو شخص عبادت کان انڪار ڪري ٿو ته ان جو اثر به ٻين ماڻهن تي پوي ٿو. هاڻي ان شخص کي ان جي سزا ته لازمي ملندي.

    5. بريڪ فيل ٿيڻ
    آئون ٻارهن ورهين جو هئس ته هڪ ڀيري هارونئي ۾ گرم چشمو ڏسڻ لاءِ ويس. تن ڏينهن ۾ جبل جي ورن وڪڙن واري رستي تي گاڏي هلائڻ هر ڊرائيور جي وس جي ڳالهه نه هئي. بهرحال اسين به هڪ بس ۾ چڙهي پياسين ۽ ان ۾ ڪجهه ٻيا ڪٽنب به سوار هئا. ڪجهه پنڌ کان پوءِ جابلو سلسلو شروع ٿي ويو ۽ بس جبل جي ورن وڪڙن واري رستي هلڻ لڳي. اسين جبل تي چڙهي رهيا هئاسين. اسين تِڏ وانگر هڪ ئي انداز ۾ ڳائي رهيا هئاسين. خدا جو شڪر هو ته ان وقت روڊ تي ڪا گهڻي ٽريفڪ نه هئي. رستو تمام سوڙهو هو ۽ ڪنارا بلڪل کاڌل هئا. هڪ پاسي جبل ۽ ٻئي پاسي اونهي کاهي هئي. مون کي نظارن موهي وڌو هو سو دل ۾ اها خواهش پئدا ٿي رهي هئي ته اهو سفر نه کُٽي ۽ جيئن جو تيئن جاري رهي. جبل جي هوا بلڪل صاف هئي ۽ ماحول ڏاڍو وڻندڙ هو. اوچتو مون دانهن ڪري ساٿين کي ٻڌايو “ڏسو هو صنوبر جو وڻ بلڪل گنجي جبل تي بيٺو آهي ۽ هيٺ پاڙ ۾ به پٿر جون ڇپون آهن ڪٿي به مٽي نظر ڪانه ٿي اچي.”
    ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ جهوني چيو “ان ۾ حيران ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي هتي اوهان کي اهڙا وڻ جام نطر ايندا جيڪي پٿر جي ڇپن تي بيٺل هوندا.”
    مون چيو “حيرانيءَ جي ڳالهه ڇو نه آهي؟ اهي سڀ خدا جا خلقيل نظارا آهن جيڪي اسان کي سندس قدرت کان واقف ڪن ٿا ته مالڪ ڪيئن نه هڪ ايڏي وڏي وڻ کي هڪ پٿر جي ڇپ تي بيهاري ڇڏيو آهي!”
    هو چوڻ لڳو “ڇڏ يار ان ۾ خدا جي قدرت وري ڪٿان آئي؟”
    مون چيو “ته پوءِ پٿر تي صنوبر جو اهو وڻ ڪنهن خلقيو آهي؟”
    هن چيو “توهان هر شيءِ ۾ خالق کي ڇو ٿا ڳوليو؟ اهي ٻاراڻيون ڳالهيون آهن.”
    مون چيو “جيڪڏهن خدا نه خلقيو آهي ته پوءِ اهو صنوبر جو وڻ ڪنهن پئدا ڪيو؟”
    هو چوڻ لڳو “ڪو پکي صنوبر جو ٻج پنهنجي چهنب ۾ کڻي اڏاڻو هوندو ۽ اهو ٻج سندس چهنب مان نڪري وڃي پٿر تي ڪريو هوندو. اتفاق سان پٿر ۾ ڪو ڏار هوندو ٻج ان ۾ ڦاسي پيو هوندو، هوا جي ڪري ان جي مٿان مٽي پئجي وئي هوندي ۽ برسات پوڻ تي اهو ڦٽي پيو هوندو. اهڙيءَ طرح اهو وڌي وڏو وڻ ٿي ويو هوندو.”
    مون چيو “هلو اهو ٺيڪ آهي ته بلڪل ايئن ئي ٿيو هوندو، ان جو ڪو به خالق نه آهي، پر سوال اهو آهي ته ان جي سارسنڀال ڪنهن ڪئي؟”
    هن چيو “اڄ جي جديد دور ۾ انهن ڳالهين جي ڪابه اهميت نه رهي آهي. ڪوبه خالق نه آهي.”
    مون چيو “ايترو پوڙهو ٿي ڪري اهو ڪيئن ٿو چوين ته خدا نه آهي، آئون خدا جي موجودگيءَ جا هزارين دليل ڏئي سگهان ٿو.”
    اسان جي گفتگو آهستي آهستي بحث ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. اسان جو آواز به اوچو ٿيڻ لڳو. پوڙهو هاڻي تمام وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيو هو. منهنجو آواز به وڌڻ لڳو. ڪجهه ٻيا ماڻهو به آهستي آهستي اسان جي ڳالهين ۾ دخل ڏيڻ لڳا. اهو بلڪل واضح هو ته پوڙهو انتهائي پڙهيل لکيل شخص هو ۽ هُو واحد شخص هو جيڪو خدا جي وجود کان انڪاري هو. اسان جو بحث هاڻي تمام وڌي ويو هو ۽ ٻيا ماڻهو به هاڻي اها ڪوشش ڪرڻ لڳا ته ڪنهن طريقي سان اهو بحث ختم ٿئي.
    جنهن وقت اسان جو بحث خطرناڪ حد تي وڃي پهتو هو ان وقت اسان جي گاڏي جبل تان هيٺ لهڻ شروع ٿي وئي هئي. هڪ طرف گهري کاهي هئي جنهن ۾ بيٺل صنوبر ڊگها وڻ بلڪل ننڍڙا نطر اچي رهيا هئا ۽ ٻئي طرف خطرناڪ پٿرن وارو جبل هو. اوچتو گاڏيءَ جي رفتار وڌڻ لڳي. ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته گاڏيءَ جي رفتار تي هاڻي ڊرائيور ڪوبه ڪنٽرول نه رهيو آهي. اوچتو ڊرائيور پنهنجو مٿو دريءَ سان ٽڪرائيندي چيو “گاڏيءَ جو بريڪ فيل ٿي چڪو آهي.”
    ان تي هر پاسي هُل مچي ويو ڪي ڪلمهءِ شهادت پڙهڻ لڳا ته ڪي چپن ۾ ڪجهه ورد ڪرڻ لڳا. خدا جو منڪر پوڙهو شخص وڏي آواز ۾ دانهون ڪرڻ لڳو “يا خدا اسان جي مدد ڪر ... يا خدا اسان کي بچاءِ.”
    اوچتو محسوس ٿيڻ لڳو ته گاڏيءَ جي رفتار گهٽجي رهي آهي ۽ ڊرائيور صورتحال سنڀالي ورتي آهي. بهرحال گاڏي بيهي رهي ۽ هر ڪو پريشان هو. ماڻهن سک جو ساهه کنيو پر پوءِ به پريشاني سندن چهري تي بلڪل واضح نظر اچي رهي هئي. هر ڪو ماڻهو خدا جو شڪر ادا ڪري رهيو ته سندس جان بچي وئي. سڀئي هڪ خطرناڪ حادثي جو شڪار ٿيڻ کان بچي ويا.
    ڊرائيور ٽپو ڏئي سيٽ تان هيٺ لٿو ۽ پوڙهي کي چوڻ لڳو “توکي شرم اچڻ گهرجي، ٿوري دير اڳ ۾ تون چئي رهيو هئين ته خدا جو ڪو وجود نه آهي ۽ گاڏيءَ جا بريڪ فيل ٿيڻ جو ٻڌي تون ان خدا کي سڏ ڪرڻ شروع ٿي وئين جيڪو تنهنجي چوڻ مطابق موجود ئي نه آهي.”
    پوءِ ڊرائيور اسان ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو “توهان سڀني کي پريشان ڪرڻ تي معافي ٿو وٺان. گاڏيءَ جا بريڪ بلڪل صحيح آهن، دراصل هن منڪر پوڙهي کي سبق سيکارڻ لاءِ مون ڄاڻي ٻجهي اها حرڪت ڪئي هئي.”
    اسين جڏهن گرم چشمي تي پهتاسين ته اهو پوڙهو اڳتي وڌي مون وٽ آيو ۽چوڻ لڳو “مون کي افسوس آهي ته مون تو سان اجايو بحث ڪيو. آئون تو کان دل سان معافي ٿو گهران. دراصل مون کي به اڄ ئي اهو احساس ٿيو آهي ته خدا جي وجود تي منهنجو پختو ايمان هو پر پنهنجي غفلت جي ڪري ان کان آگاهه ٿي نه سگهيو هئس. تو منهنجي مدد ڪئي ۽ مون کي خدا جي وجود جو بلڪل احساس ڏياري ڇڏيو. آئون ڊرائيور جو به ٿورائتو آهيان جنهن مون کي بلڪل صحيح وقت اهو احساس ڏياريو ته خدا بلڪل موجود آهي ۽ اهوئي قادرمطلق آهي.”


    باب ستون

    چوٿون لفظ
    شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي
    تجويز ڪيل عبادت دين جو ٿنڀ آهي
    جيڪڏهن توهان کي اها پڪ آهي ته ٻه واڌو ٻه جو نتيجو چار ئي نڪرندو ته پوءِ توهان کي اها به خبر پئجي سگهي ٿي ته رياضيءَ جا اهي بنيادي سوال ياد رکڻ ڪيترا ضروري آهن. بلڪل اهڙيءَ طرح جيڪڏهن اسين مسلمان آهيون ته پوءِ اسان کي ان کان به ضرور آگاهه رهڻ گهرجي ته تجويز ڪيل عبادت دين جو ٿنڀ ۽ اهم رڪن آهي. عبادت تمام ٿوري سيڙپ ۽ تمام گهڻي نفعي جو بهترين وسيلو آهي. جيڪي ان کان انڪار ڪن ٿا سي نقصان ۾ رهن ٿا. اچو ته هن ڪهاڻيءَ کي ٿورو سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون.
    ڪنهن زماني ۾ هڪ بادشاهه هوندو هو ۽ هن پنهنجي ٻن نوڪرن کي گهرايو. هر هڪ کي سون جا 24 سڪا ڏئي روانو ڪيو ته سندس شاهي فارم تي وڃي رهن جيڪو اتان ٻن مهينن جي مسافريءَ تي هو. هن کين هدايت ڪئي “اها رقم توهان پنهنجي سفر جي خرچ طور به استعمال ڪري سگهو ٿا ۽ جتي توهان رهندا اتي جي لاءِ ڪجهه ضروري سامان به ان مان خريد ڪري سگهو ٿا. فارم کان هڪ ڏينهن جي پنڌ تي هڪ اسٽيشن به آهي جتان توهان کي هرقسم جي ٽرانسپورٽ ملي سگهندي، ريل گاڏي ۽ هوائي جهاز جي سهولت به موجود هوندي پر توهان جيڪا به سهولت حاصل ڪرڻ چاهيندا ان جو خرچ توهان کي ادا ڪرڻو پوندو.”
    ٻئي سفر تي روانا ٿيا. منجهائن جيڪو نيڪ هو تنهن خرچ ۾ احتياط ڪيو ۽ بچايل رقم هڪ نفعي واري ڪاروبار ۾ سيڙائي ڇڏيائين ۽ تڪڙو ئي اها رقم ٽيڻي چئوڻي ٿي وئي. ٻئي 24 سون جي سڪن مان 23 ته رستي تي عيش عشرت ڪندي خرچ ڪري ڇڏيا. وٽس باقي هڪڙو سڪو وڃي بچيو هو. تنهن تي نيڪ بخت نوڪر چيس ته اها رقم ڪٿي سيڙائي ڇڏ پر هن جو خيال هو ته اها رقم سيڙائڻ جو ڪو به فائدو نه ٿيندو. هاڻي جڏهن بادشاهه کي اها خبر پئي ته نيڪ بخت نوڪر رقم مان ڪاروبار ڪري ناڻو به ڪمايو، پنهنجي رهڻ لاءِ جاءِ به ورتائين ۽ پوءِ به وٽس مليل رقم کان چئوڻ تي وڌيڪ رقم آهي جيڪا هو بادشاهه جي خزاني ۾ جمع ڪرائڻ چاهي ٿو. ان تي بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس اڃا به وڌيڪ رقم انعام طور ڏنائين. جنهن عياشيءَ ۾ رقم خرچ ڪئي هئي تنهن کي حڪم مليو ته هو واپس اچي. هن وٽ رقم ته نه هئي سو بکون ڪاٽيندو پيادل اچي بادشاهه وٽ پهتو ۽ سزا به مليس.
    سو اي نيڪدل انسانو! هت اسين عمر جي پونجي کڻي هن دنيا ۾ آيا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي عمر سوچي سمجهي گذارڻي آهي ٻي صورت ۾ اسانجو آخرت جو سفر ڏاڍو اڙانگو هوندو. اهي جيڪي 24 سون جا سڪا هئا سي سمجهو ته ڏينهن جا 24 ڪلاڪ آهن هاڻي اهو اسان جي هٿ ۾ آهي ته اسين انهن مان ڪيترا ڪلاڪ خدا جي عبادت ڪري هڪ نفعي واري ڪاروبار ۾ سيڙايون ٿا. جيڪي اسان جي آخرت جي سفر ۾ اسان لاءِ آسانيون پئدا ڪندا ۽ انعام جو حقدار ٺهرائيندا. جيڪڏهن اهي چوويهه ڪلاڪ اسان عياشيءَ ۾ گذاري ڇڏيا ته پوءِ اسان لاءِ آخرت ۾ عذاب کانسوءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. جيڪڏهن اسين 23 ڪلاڪ پنهنجي مرضيءَ مطابق خرچ ڪريون ۽ باقي بچيل هڪ ڪلاڪ اسين عبادت لاءِ وقف ڪريون تڏهن به اسين آخرت جي سفر جو سٺو انتظام ڪري سگهون ٿا. ڏينهن ۾ پنج نمازون آهن ۽ انهن پنجن نمازن تي سراسري هڪ ڪلاڪ ئي خرچ ٿيندو.

    1. نماز ۽ سوئيڊن جي جمناسٽڪ
    هتي اسين ان تي ويچار ڪنداسين ته ڪيئن اسلام جي پهرئين رڪن يعني نماز کي جمناسٽڪ لاءِ استعمال ڪيو ويو. اسان کي اهو ضرور سمجهڻ گهرجي ته نماز هڪ عبادت آهي ۽ ان کي ڪنهن به قسم جي مراقبي، يوگا يا جسماني ڪرتبن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. بهرحال اهو سچ آهي ته هن عبادت جي مدد سان الله پاڪ اسان کي جسماني فائدا پڻ عطا ڪيا آهن.
    1776ع ۾ هينرڪ لنگ نالي هڪ شخص سوئيڊن ۾ طبي جمناسٽڪ جو بنياد وڌو هو. لنگ مذهبي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو هو ۽ هن هڪ پادريءَ جي حيثيت ۾ جرمنيءَ جو دورو پڻ ڪيو هو. جنهن کان پوءِ هو ڊينمارڪ ويو جتي ڪوپن هيگن ۾ استاد طور به ڪم ڪيائين. اتي هو هڪ اهڙي مهانگي ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو جنهن ۾ رڳو اميرن جا ٻار ئي پڙهي سگهندا هئا. ان ڪاليج ۾ گهوڙيسواري، تلواربازي ۽ ايٿليٽڪس سيکارڻ جو به انتظام هو، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ شاهي هنر سمجهيا ويندا هئا. اتي ئي هو وائي سور جو شڪار ٿيو. کيس ٻانهن ۾ ايترو ته سور ٿيندو هو جو برداشت کان ٻاهر هو. ان تڪليف کيس ان بابت وڌيڪ تحقيق تي مجبور ڪيو. اها ته هن کي خبر هئي ته ان تڪليف جو علاج صرف ورزش آهي پر اها ڪهڙي قسم جي ورزش هجي ان جي کيس ڄاڻ نه هئي.
    لنگ کي سفر جو به شوق هوندو هو ۽ ان جي ڪري هو مختلف شهر پيو گهمندو هو. آخر هڪ ڀيري هو آفريڪا گهمڻ ويو. بهرحال قسمت نيٺ آڻي کيس مراڪش پهچايو. يورپي ماڻهن لاءِ مراڪش ۾ تمام گهڻي دلڪشي موجود آهي. اهڙي مهمان نوازي، خلوص ۽ دوستيءَ جو ته يورپ ۾ تصور ئي نه آهي. مراڪش ۾ ايندڙ يورپي ماڻهن لاءِ وضو هڪ دلچسپ سرگرمي آهي. بهرحال لنگ کي اسلام جي پنهنجي مذهب سان ڀيٽ ڪرڻ جو اچي شوق جاڳيو. هو پاڻ به جيئن ته مذهبي ماڻهو هو تنهنڪري پاڻ کي اسلام جي قريب تر محسوس ڪيائين.
    لنگ کي جيئن ته راندين سان تمام گهڻي دلچسپي هئي تنهنڪري وضو ۽ نماز واري سرگرمي هن لاءِ تمام دلچسپ هئي. هن قديم يونانين بابت به تحقيق ڪئي هئي ته اهي پاڻ کي ڪيئن فٽ رکندا هئا. پر يونانين جو طريقيڪار اطمينان بخش نه هو. ڇاڪاڻ ته ان سان هڪ پَـٺو مضبوط ٿيو ٿي ته ٻيو ڪمزور ٿي ويو ٿي. جڏهن ته مسلمانن جو گلي، ٻانهن، هٿن، ٽنگن ۽ پيرن کان ويندي آڱرين تائين هر پَٺو بلڪل مضبوط هو ۽ اهو سڀ ڪجهه صرف نماز جي ڪري هو. اها اهڙي ورزش آهي جيڪا هر مسلمان کي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گھٽ پنج ڀيرا ڪرڻي پوي ٿي. لنگ روزانو نماز پڙهڻ شروع ڪئي. کيس نماز دوران جسماني حرڪت جا اهي طريقا تمام دلچسپ لڳا ۽ هو انهن کي گهر ۾ به دهرائڻ لڳو. هو مسلمان نه هو تنهنڪري کيس اهو علم نه هو ته نماز جسم سان گڏ روحاني صحت جو به هڪ ذريعو آهي. بهرحال نماز جي جسماني فائدن ئي لنگ کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو هو. هڪ مهيني اندر کيس ٻانهن جي خطرناڪ سور مان نجات ملي وئي. کيس ورزش جو اهو طريقو ملي ويو جيڪو هن ڪوپن هيگن ۾ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. تڪڙو ئي هو جرمني هليو ويو جتي هن هڪ اشتهاري مهم هلائي ۽ ان ئي مهم ۾ هن اها دعويٰ ڪئي ته مسلمانن جي عبادت جو طريقو جسماني صحت ۽ فٽنيس لاءِ انتهائي مناسب آهي. هن ان جي به وضاحت ڪئي ته اها هڪ اهڙي منظم ورزش آهي جنهن سان جسم جو هر حصو متحرڪ ٿي وڃي ٿو.
    ان کان پوءِ هو پنهنجي اباڻي وطن هليو ويو جتي هن اسٽاڪ هوم ۾ “رائل انسٽيٽيوٽ آف جمناسٽڪس” نالي هڪ ادارو قائم ڪيو. سندس پٽ به ڊاڪٽريءَ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي ۽ اچي ساڻس شامل ٿيو. جتي هنن ٻنهي گڏجي سوئيڊش ميڊيڪل جمناسٽڪس جو بنياد وڌو ۽ ان ۾ سڀ کان گهڻي اهميت نماز وارن طور طريقن کي حاصل رهي. ڏسو ته نماز جا ڪيڏا فائدا آهن جيڪي اسان کي آخرت جي عيوض عطا ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻيا ماڻهو رقم خرچ ڪري اهي سکندا آهن.

    2. قرباني
    اهو هڪ ڏاڍو ٿڪائيندڙ ڏينهن هو. هن اکيون بند ڪري سمهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ننڊ کانئس ڪوهين ڏور هئي. سندس اکين مان ٿڪاوٽ ظاهر ٿي رهي هئي پر سوچن جو هڪ طوفان هو جيڪو سندس دماغ ۾ اٿل پٿل مچائي رهيو هو. هو اهڙي ڪيفيت مان ڪڏهن به نه گذريو هو. بهرحال اڄ کيس ان جو عجيب تجربو حاصل ٿي رهيو هو. هن ڪنهن ويڊيو ڪيسيٽ وانگر ريوائنڊ ڪري ساڳيو منظر ٻيهر ڏسڻ چاهيو.
    هو هڪ اعليٰ رتبو رکندڙ خاندان جو فرد هو. هو جڏهن کان ايويئيشن ۾ آيو هو تڏهن کان وٺي پاڻ کي ڏاڍو پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو هو. ايويئيشن ۾ به کيس پئراشوٽنگ ئي پسند هئي باقي پڙهائيءَ ڏانهن سندس ايترو ڌيان نه هو. هن کي هرروز پئراشوٽ ذريعي هوا ۾ ڪرتب ڏيکارڻ پسند هو. ان تي کيس ايترو ته فخر هو جو ڪنهن تي به سندس نظر ئي ڪانه پوندي هئي ۽ آسپاس جي ماحول کان بلڪل بي خبر ٿي ويندو هو. ننڍپڻ کان سندس زندگي اهڙي ئي هئي. ننڍپڻ ۾ کيس گهربل توجهه نه ملي سگهي جيڪا کيس والدين يا ڪٽنب ڀاتين کان ملڻ گهربي هئي. ان جي ڪري هو به تمام لاپرواهه ٿي ويو هو. سندس خواهش هئي سندس چوڌاري اهڙا ماڻهو هجن جيڪي سندس حڪم تي هلن. هو تمام گهڻو هيجان پسند هو ۽ خطرن سان کيڏڻ جي کيس عادت هئي. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو ته شايد ان جي ڪري ئي هن پئراشوٽنگ ڪرڻ پسند ڪئي هئي.
    پئرا شوٽنگ جو کيس جنون هو ۽ ان جي ڪري هن تعليم به اڌ ۾ ڇڏي ڏني هئي. هيجان ۽ جنون پسنديءَ کيس پئراشوٽنگ ۾ اڳتي وڌڻ ۾ تمام گهڻي مدد ڪئي. جيئن جيئن خطرن جو مقابلو ڪندو ويو تيئن تيئن سندس خوداعتمادي به وڌندي رهي. هو سمجهندو هو ته کيس ڪنهن به شيءِ جو خوف نه آهي. پر حقيقت ۾ ڪجهه اهڙا سوال هئا جن کيس فراريت پسند بڻائي ڇڏيو هو. پئراشوٽنگ دراصل انهن سوالن کان فرار حاصل ڪرڻ جو هڪ طريقو هو. هن جي ذهن ۾ اڪثر اهو سوال اٿندو هو “آئون ڪير آهيان؟” “منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟” ۽ “آئون ڪهڙي راهه تي هلي رهيو آهيان؟” اهي اهڙا سوال هئا جيڪي کيس مسلسل پريشان ڪندا رهندا هئا. شايد اهي ئي سوال هئا جن کان هن لنوائڻ چاهيو ٿي.
    پئراشوٽنگ دوران کيس ڪافي نوان دوست به مليا ۽ هُو به اهو ئي شوق رکندڙ هئا. انهن مڙني دوستن ۾ البت هڪ اهڙو هو جيڪو سڀني کان مختلف هو. هو ڏاڍو پرسڪون، صاف سٿرو ۽ ايماندار هو. منجهس البت هڪ اهڙي عادت هئي جنهن تي ٻين کي عجب لڳندو هو. هُو پنهنجو ڪجهه وقت بلڪل اڪيلائيءَ ۾ گذاريندو هو. بهرحال ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هُو ٻئي هڪٻئي جا سٺا دوست بڻجي ويا. کيس سندس اهو نئون دوست اڪثر جيڪي حقيقتون ٻڌائيندو هو تن تي هو ويچار ضرور ڪندو هو. بهرحال هن کي اهو به اندازو ٿيڻ لڳو ته سندن دوستي گهڻو عرصو هلي نه سگهندي ۽ شايد جلد ئي سندن راهون جدا ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ٻنهي جي سوچ الڳ الڳ هئي.
    گهڻو وقت گذري ويو ۽ هاڻي هنن تربيت مڪمل ڪري ورتي هئي. هو ٻئي پروفيشنل پئراشوٽر بڻجي چڪا هئا. هو پکين وانگر هوا ۾ پيا اڏامندا هئا. هڪ ڏينهن کيس سندس دوست چيو “هيءُ سمورا نظارا جيڪي اسين پکين وانگر اڏامندي هيٺ ڏسون ٿا، انهن مڙني جو هڪ خالق آهي.” هن جواب ڏنو “ها، بلڪل اهو ته يقيني آهي.” بهرحال ان حقيقت کيس ڪجهه سوچڻ تي مجبور ضرور ڪيو. کيس خيال آيو ته شايد ان خالق جي ئي مون کي به تلاش آهي.
    گذريل رات کيس سندس ان ئي دوست ٻڌايو هو “اسين سڀ مسافر آهيون. پهرين اسين عالم ارواح ۾ هئاسين، جتان ماءُ جي پيٽ ۾ آياسين، پوءَ اسان جي هيءَ زندگي شروع ٿي، ان کان پوءِ عالم برزخ يعني قبر واري زندگي آهي ۽ ان کان پوءِ اسان جي دائمي زندگي شروع ٿيندي. اسين هتي مسافر آهيون. هڪ ڏينهن اسان کي پنهنجي خالق ڏانهن ضرور موٽڻو آهي ۽ اسان کي هن دنيا ۾ گذاريل زندگيءَ جو حساب ڏيڻو پوندو.” ان رات هو اهو سڀ ورجائيندو رهيو ۽ آخر کيس ننڊ اچي وئي.
    اڳئين صبح تي هو ٻئي پنهن جي معمول جي پئراشوٽنگ جي لاءِ تيار هئا. هنن پنهنجي تياريءَ تي آخري نظر وڌي، پنهنجو پئراشوٽ چيڪ ڪيو ۽ ان کان پوءِ اضافي پئرا شوٽ تي نظر وڌي ۽ پنهنجي هوائي جهاز ڏانهن روانا ٿيا. سندن ڇهن ڄڻن تي ٻڌل گروپ هو. اڄ هوا تمام تيز هئي، هن چيو “اڄ جهاز مان ٽپو ڏيڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو، پر پاڻ ته اهڙين حالتن جا عادي آهيون.” هوائي جهاز جيئن ئي رن وي ڇڏيو ته هو دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳا ۽ اهي نظارا هنن لاءِ نوان نه هئا. بهرحال پوءِ ٻئي دوست ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏي ويا. هوائي جهاز جڏهن گهربل اوچائيءَ تي پهتو ته هو ٽپو ڏيڻ جي تياري ڪرڻ لڳا ۽ پنهنجي سامان تي آخري نظر وڌي. اڄ هو ٻئي هڪ دلچسپ مظاهرو ڪرڻ وارا هئا. کين پئراشوٽ کولڻ کان اڳ ۾ هڪٻئي جو هٿ پڪڙي ڪجهه ڪرتب ڏيکارڻا هئا ۽ پهريون ڀيرو اهڙو مظاهرو ڪرڻ جي ڪري ڪجهه نروس به هئا. آخرڪار هو ٻئي ان هنڌ تي پهتا جتان کين هيٺ ٽپو ڏيڻو هو. هڪٻئي جي پٺيان ٻنهي هوائي جهاز مان ٽپو ڏنو. هنن پکين وانگر اڏامندي هڪٻئي جي ويجهو اچڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آخرڪار هڪٻئي جو هٿ پڪڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. جنهن تي ٻنهي هڪٻئي کي اشاري سان مبارڪ ڏني ۽ هڪٻئي جي چهري تي مُرڪ ڏسي پئي سگهيا. نيٺ اهو مقام آيو جتي کين هڪٻئي کان ڌار ٿي پنهنجا پئراشوٽ کولڻا هئا. پهرين سندس دوست پنهنجو هٿ الڳ ڪيو ۽ هن به پنهنجو هٿ ان کان پوءِ آجو ڪيو. هن پنهنجو پئراشوٽ کولي دوست تي نظر وڌي ته کيس معلوم ٿيو ته دوست جو پهريون پئراشوٽ کلڻ بدران سندس جسم تي ويڙهجي چڪو هو. پئراٽروپرز جي زبان ۾ ته هو ڪينڊل ۾ هو. پوءِ هن ٻيو پئراشوٽ کوليو پر اهو به کلي نه سگهيو ۽ دوست ڪنهن پٿر وانگر زمين ڏانهن وڌڻ لڳو. هاڻي کيس بچائڻ جي ڪابه ڪوشش ممڪن نه هئي. اهو سڀڪجهه هن جي سامهون سيڪنڊن ۾ ٿي ويو. هن کي رڳو ايترو ئي ياد رهيو.
    پوءِ جڏهن کيس هوش آيو ته هن کي پنهنجي پيرن ۾ شديد سور محسوس ٿي رهيو هو ۽ مٿي تي ته ڄڻ ڪنهن مڻين وزن رکي ڇڏيو هجيس. سندس ذهن ۾ ان سڄي واقعي جي فلم هلڻ لڳي. پوءِ اوچتو هن رڙ ڪئي “هُو ڪٿي آهي؟” جنهن تي موجود ماڻهن کيس ٻڌايو ته هو زمين سان ٽڪرائجڻ شرط ئي گذاري ويو. هن کي ان تي يقين ئي نٿي آيو، ايئن نٿو ٿي سگهي. پوءِ هو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
    روئندي روئندي سندس سامهون دوست جو چهرو اچي ويو جيڪو چئي رهيو هو “اسين سڀ مسافر آهيون ۽ اسان سڀني کي هڪ ڏينهن پنهنجي خالق ڏانهن موٽڻو آهي.” ان وقت کيس محسوس ٿيو ڄڻ ته اهو سڀڪجهه رڳو کيس سبق ڏيڻ لاءِ پيش آيو آهي. هو رڙيون ڪري چوڻ لڳو “مون کي اهو طريقو پسند نه آهي ته منهنجو ڪو دوست قرباني ڏئي مون کي سبق سيکارري.”
    سندس دوست جو لاش جنهن وقت وارثن جي حوالي ڪيو پئي ويو ته ان وقت به هن جي زبان تي اهي ئي الفاظ هئا “قرباني .... قرباني” هو روئڻ لڳو ۽ پوءِ خدا کان دعا گهرڻ لڳو. اهوئي واقعو هو جنهن کيس سنئين رستي تي آڻي ڇڏيو. ان وقت کان وٺي سندس سڄي زندگي تبديل ٿي وئي.

    3. سائو لباس
    مون ٻانگ جو آواز ٻڌو ۽ پوءِ هن ڏانهن وڌيس.
    کيس چيم “اڄ جمعي جو ڏينهن آهي ۽ ٻانگ به ملي وئي آهي اچ ته جمعي جي نماز پڙهڻ هلون.”
    هن چيو “تو کي خبر آهي ته آئون مسجد ۾ نه ويندو آهيان.”
    اها ته مون کي واقعي خبر هئي ته هو مسجد ۾ نه ويندو آهي ۽ اڳ ۾ انڪار ڪري چڪو آهي. پر مون کي اها اڻ تڻ هئي ته هو نماز ڇو نٿو پڙهي. سو پڇيم “آخر ان جو ڪو ته سبب هوندو؟”
    هن چيو “مون کي خبر نه آهي ته ڇو. شايد ماڻهن جي ڪري يا شايد ان جي ڪري ته منهنجي ڪپڙن ۾ گهنج پئجي ويندا.”
    مون کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو سو آئون بي اختيار کلي پيس. پڇيم “چرچو ته نه پيو ڪرين؟”
    چوڻ لڳو “آئون بلڪل سنجيده آهيان، توکي خبر آهي ته آئون ڪپڙن جي معاملي ۾ ڪيترو حساس آهيان.”
    اهو درست به هو ته هو چاهيندو هو ته سندس لباس نه رڳو صاف هجي پر ان تي ڪوبه گهنج نه هجي ۽ لباس ۾ به کيس سائو رنگ تمام گهڻو پسند هو. سندس لڳ ڀڳ هر لباس جو رنگ سائو هو بس رڳو انهن جا شيڊ ڪجهه الڳ هوندا هئا. ڪپڙن جي استريءَ جي معاملي ۾ تمام گهڻو حساس هو. مون وري پڇيو “ ڇا ننڍپڻ ۾ به مسجد ۾ نه ويندو هئين؟”
    هن چيو “منهنجو ڏاڏو مون کي مسجد ۾ وٺي ويندو هو پر ان کان پوءِ نه ويو آهيان.”
    مون کي محسوس ٿيو ته هن جو جواب ڪجهه اڻ چٽو آهي ان جي ڪري معاملي جي ڪجهه اپٽار ٿيڻ گهرجي پر اهو معاملو ڪنهن ٻئي وقت تي ڇڏي آئون نماز پڙهڻ هليو ويس.
    ان کي ٻه مهينا گذري ويا، هڪ ڏينهن مون کي ڪنهن اچي ٻڌايو ته هو مسجد ۾ آيو آهي سو ڀڄندو مسجد ۾ وڃي پهتس ته ڏسان ته اها ڳالهه واقعي درست به آهي يا نه. اتي پهچي ڏٺم ته ڳالهه واقعي سچي هئي ۽ هو مسجد ۾ موجود هو. هو اڄ به معمول مطابق سائي لباس ۾ هو ۽ سڀ کان اڳين صف جي به اڳ ۾ هو. مون وڌي آهستي کانئس پڇيو “تو ته چيو هو ته تون ڪڏهن به مسجد ۾ نه ايندين؟”
    مون کي ان جو ڪوبه جواب نه مليو ۽ ملي به نٿي سگهيو، ڇاڪاڻ ته هو تابوت ۾ هو سندس جنازي نماز پڙهجڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون. ان کان اڳ ۾ جو توهان به ڪنهن اهڙي صورتحال جو شڪار ٿيو مسجد ڏانهن وڃڻ شروع ڪريو.

    4. نماز توهان کي جنت ۾ وٺي ويندي
    عقبيٰ ابن عمر کان روايت آهي “اسان جي حوالي اٺ چارڻ جو ڪم هو. جڏهن منهنجو وارو آيو ته مون کي به صبح کان شام تائين اٺ چارڻ لاءِ وڃڻو پيو. هڪ شام جڏهن آئون اٺ ڪاهي واپس گهر اچي رهيو هئس ته پياري پيغمبر ﷺ جن سان ملڻ لاءِ ويس. ان وقت پاڻ سڳورا فرمائي رهيا هئا “جيڪو شخص وضو ڪري صرف ٻه رڪعتون نماز مڪمل طور خدا جي بندگيءَ جي نيت سان ادا ڪري ٿو ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي.” ان تي مون کان رڙ نڪري وئي “اهو ته تمام بهترين آهي.” ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ شخص چيو “اهو ته ڪجهه به نه آهي ان کان اڳ ۾ پاڻ سڳورن جيڪي فرمايو سو ته ان کان به بهترين هو.” مون غور سان ڏٺو ته اهو شخص حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنها هو. هن مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڳورن تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ فرمايو “جيڪو شخص وضو ڪري ۽ لاالهٰ الالله محمدالرسول الله چوي ٿو ته ان لاءِ جنت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا هاڻي اها سندس مرضي آهي هو انهن مان ڪهڙي دروازي مان اندر داخل ٿئي.”

    5. نماز گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي
    حضرت عثمان رضي الله عنها جي غلام حارث کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن اسين حضرت عثمان رضي الله عنها سان گڏ ويٺا هئاسين ته جيئن ئي نماز جو وقت ٿيو ته هن وضوءَ لاءِ پاڻي گهريو. وضوءَ کان پوءِ چيائون “مون پياري نبي ﷺ جن کي بلڪل ايئن وضو ڪندي ڏٺو آهي جيئن هينئر مون وضو ڪيو آهي. جيڪو ايئن وضو ڪري ظهر جي نماز ادا ڪندو ته عصر تائين سندس سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا. جڏهن عصر جي نماز پڙهندو ته عصر ۽ مغرب جي وچ وارا گناهه معاف ڪيا ويندا. اهو سلسلو عشاءَ کان فجر تائين هلندو رهندو. نماز گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي.”
    اتي جيڪي به موجود هئا سي پڇڻ لڳا “اي عثمان اسين سمجهي وياسين، اسان کي ٻيون ڪي چڱيون ڳالهيون ٻڌائي.”
    حضرت عثمان رضي الله عنها چوڻ لڳو “سبحان الله، الحمد لله، لاالهٰ الالله، الله اڪبر ۽ لاحول ولاقوت الا بالله اهي تمام سٺيون شيون آهن ۽ انهن جو ڪثرت سان ورد ڪرڻ گهرجي.”
    ابو عثمان کان روايت آهي “آئون ۽ سلمان فارسي ويٺا هئاسين ته سلمان هڪ وڻ جي سڪل ٽاري کنئي ۽ ان کي زور زور سان لوڏڻ لڳو، ايئن ڪرڻ سان ٽاريءَ ۾ جيڪي سڪل پن هئا سي سڀ ڇڻي ويا. جنهن کانپوءِ هو چوڻ لڳو ‘تون اهو نه پڇڻ چاهيندين ته مون اها حرڪت ڇو ڪئي؟’”
    مون چيو “توهان ايئن ڇو ڪيو؟”
    سلمان چوڻ لڳو “اهو سڀ مون کي اسان جي پياري پيغمبر ﷺ وسلم جن ڪري ڏيکاريو هو، جڏهن سڀ پن ڇڻي وي تڏهن پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو وضو ڪري ٿو ۽ پنج وقت نماز پڙهي ٿو تنهن جا گناهه ايئن صاف ٿي وڃن ٿا جيئن هن سڪل ٽاريءَ جا پن ڇڻي ويا.”

    6. نماز
    نماز عبادت جو اهو رڪن آهي جنهن جي حيثيت ڪلمهءِ توحيد جيتري آهي. الله ﷻ تائين رسائي جو واحد ذريعو نماز آهي. جيڪي خدا تي ايمان آڻين ٿا تن جي لاءِ نماز لازمي بڻجي وڃي ٿي. ان جو ٻيو ڪوبه متبادل نه آهي. اهوئي سبب آهي جو جيئن ئي ٻانگ جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته ايمان وارا نماز لاءِ مسجد ڏانهن ڊوڙن ٿا. پنج وقت نماز گناهن، پريشانين ۽ تڪليفن کان ڇوٽڪاري جو وسيلو آهي. نماز وقت خالق ئي سندن دل ۾ هوندو آهي. مسجدون ڇوٽڪاري لاءِ پناهگاهه جو ڪم ڏين ٿيون. جيڪي اتي پهچن ٿا سي خدا جي ڪرم ۽ ٻاجهه جا حقدار بڻجي وڃن ٿا.
    جيڪڏهن ڪنهن ايمان واري جي دل ۾ خواهش رهي ٿي ته هو بلڪل صحيح طريقي سان نماز جي ادائيگي ڪري ته صرف اها سوچ پئدا ٿيڻ سان سندس اڳ پڙهيل نمازون درست ٿي وڃن ٿيون ۽ قبوليت جون حقدار بڻجي وڃن ٿيون. حديث مبارڪ آهي ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي ۽ شال اسان کي خدا نيڪ نيت سان نماز ادا ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
    اسان جي پياري نبي ﷺ جن جو فرمان مبارڪ آهي “هڪ وقت ايندو جڏهن مسجدون ته ڀريل هونديون پر منجهن هڪ به مومن نه هوندو.” بدقسمتي اها آهي ته اڄ واقعي اسان کي مسجدون ته ڀريل نظر اچن ٿيون پر ان هوندي به اسان ۾ ڀائيچارو پئدا نٿو ٿئي. جنهن مان ظاهر آهي ته اسان جي نيتن ۾ فتور آهن. اسان صرف نماز جي رسم ادا ڪريون ٿا پر ان جي درست طريقن کان وقف ٿيڻ به نٿا چاهيون. خدا جي سامهون بيهڻ جي باوجود اسين اوٻاسيون ڏيندا رهون ٿا ۽ دنياوي فڪرن ۾ غافل رهون ٿا.
    اچو ته نماز جي فائدن جو مختصر جائزو وٺون:
    * ڪو به مومن فرض ڪيل رڪعتن جي ادئيگيءَ کان پوءِ جيتري چاهي نماز پڙهي سگهي ٿو.
    * ملائڪن ۾ اها چٽاڀيٽي رهي ٿي ته ڪير سڀ کان اڳ ۾ نماز دوران نمازيءَ جي پڙهيل آيتن جو شاهد بڻجي. هو وضوءَ کان وٺي نماز جي مڪمل ادائيگيءَ تائين نمازيءَ جي هر حرڪت لکندا وڃن ٿا.
    * حضرت عمر رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.”
    * روايت آهي ته پاڻ سڳورا گهر کان مسجد تائين ننڍيون ننڍيون وکون کڻندا هئا، کانئن جڏهن ان جو سبب پڇيو ويو ته فرمايائون “نماز لاءِ کنيل هر وک جو نماز جيترو ثواب آهي، ان جي ڪري چاهيان ٿو ته جيتريون گهڻيون وکون هونديون ايترو وڌيڪ ثواب ملندو.” نماز لاءِ کنيل هر قدم جي اهميت تي غور ڪندا ته سڄي ڳالهه بلڪل واضح ٿي ويندي.
    * نماز جي ڪري الله پاڪ گناهه معاف ڪري ڇڏي ٿو. هر روز پنج وقتن جي اها معافي ڪيتري نه چڱي ڳالهه آهي.
    * پاڻ سڳورا نماز کي هر عمل تي ترجيح ڏيندا هئا ۽ ان کي افضل ترين عمل چوندا هئا. آخري وقت تائين “نماز نماز” پڪاريندا رهيا. نماز بندي کي خدا سان ملائي ٿي.
    * “لوڪ کان لڪي ڪيل سجدي کان سواءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا خدا کي قريب تر ڪري.” حديث
    * اي ايمان وارا، سجدي جي اهميت تي غور ڪريو ۽ ان جي ادائيگيءَ جو موقعو هٿان نه وڃايو. اهوئي ڇوٽڪاري جو رستو آهي

    7. اي نوجوان تو ڪڏهن هن ڳالهه تي سوچيو آهي؟
    ڪائنات جي هر شيءِ ۾ هڪ ترتيب آهي. ان ۾ انساني جسم به شامل آهي جيڪو تمام ننڍڙن جيوگهرڙن مان ٺهيل آهي. اسين رڳو پنهنجي نڪ، ڪن، اکين يا وات متعلق سوچيون ٿا ته حيرت ۾ پئجي ٿا وڃون ته انهن ۾ ڪيتري نه ترتيب آهي. ٿوري به ڪٿي ڪا بي ترتيبي ٿئي ٿي ته اها تمام خراب لڳي ٿي.
    ان تي ڪڏهن غور ڪيو آهي ته مختصر ترين ذري کان وٺي هن وشال ڪائنات تائين اهو سمورو نظام ڪنهن تخليق ڪيو آهي؟ اسين ته اهو به مڃڻ لاءِ تيار نه آهيون ته ڪو انتهائي مختصر جملو به رڳو ڪنهن ڪاغذ تي حادثاتي طور تي مَس ڪري پوڻ جو نتيجو هوندو ته پوءِ هن ڪائنات جو وشال ڪتاب رڳو ڪنهن حادثي جي ڪري ڪيئن وجود ۾ اچي سگهي ٿو؟ سر جيمز جينز جو چوڻ آهي “توهان ڪنهن ڀولڙي کي ٽائپ رائٽر هلائڻ جي تربيت ته ڏئي سگهو ٿا ۽ گهڻو ڪجهه سيکاري سگهو ٿا پر ڇا هو پنهنجي طور تي ڪو هڪ به جملو لکي سگهي ٿو؟ پوءِ اها بيوقوفي نه هوندي ته ڪنهن ڀولڙي جي باري ۾ اهو چئجي ته هو شيڪسپيئر جون لکڻيون پڙهي ۽ انهن جا نوٽس وٺي سگهي ٿو؟ اهو ڪنهن بيڪار قسم جي چرچي کان گهٽ نه آهي ته هن سڄي ڪائنات جو ڪوبه خالق نه آهي ۽ اها رڳو هڪ حادثي جي ڪري وجود ۾ اچي وئي آهي.”
    هاڻي اچو ته ڪروڙين حيرت انگيز حقيقتن مان ڪجهه جو ذڪر ڪريون:
    1 هن ڌرتيءَ جو سج کان مفاصلو 149.5 ملين ڪلوميٽر آهي. هاڻي ڇا توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته اهو مفاصلو ان جي اڌ جيترو يا ان کان ٻيڻو هجي ها ته صورتحال ڇا هجي ها؟
    2 اسان جي ڌرتيءَ جي مٿان جيڪو گئسن جو ڪثيف دائرو آهي اهو سڀ ڪيميائي عمل اسان جي زنده رهڻ لاءِ ڪيترو اهم آهي.
    3 هوا ۾ آڪسيجن جي موجودگي 21 سيڪڙو آهي ۽ اها جيڪڏهن ان کان مٿي يا گهٽ هجي ها ته پوءِ ڪيڏي تباهي اچي ها.
    4 ڌرتيءَ جو پنهنجي محور تي جهڪاءُ 23.27 ڊگري آهي جنهن جي ڪري موسمن جي تبديلي ممڪن ٿئي ٿي. ان ۾ جيڪڏهن ڪا گهٽ وڌائي هجي ها ته اسين ڄمي وڃون ها يا وري سڙي وڃون ها.
    5 اسان کي جانورن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ ساهه کڻڻ واري تعلق کي به نه وسارڻ گهرجي. جانورن کي آڪسيجن ۽ ٻوٽن کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گهربل هجي ٿي.
    6. توهان جو سمنڊ جي پاڻين بابت ڇا خيال آهي ته فضا کي صاف رکڻ لاءِ ڪيترو اهم آهي ۽ ان جي هر عمل ۾ ڪيترو توازن ۽ تال ميل آهي. ڌرتيءَ جي موجوده حالت کي برقرار رکڻ لاءِ ايتريقدر توازن جي ضرورت آهي جو جيڪڏهن رڳو واريءَ جو هڪ ذرو به گهٽ يا وڌ ٿئي ته اهو سمورو توازن بگڙي سگهي ٿو.

    8. هن ڪڏهن به نماز قضا نه ڪئي
    زينبلي علي آفندي بايزيد ولي مسجد ۾ خطبو ڏئي رهيو هو، هن چيو “او مسلمانو! توهان مان هتي اهڙا گهڻا ئي ماڻهو موجود هوندا جن جي اها خواهش هوندي ته هو مسجد ۾ نماز لاءِ سڀني کان اڳ ۾ پهچن ۽ امامت ڪن. ڏسون ته اڄ ڪير ٿو امامت ڪري. اڄ جي امامت لاءِ اهڙو شخص اڳتي اچي جنهن بلوغت کان وٺي هيستائين ڪابه نماز قضا نه ڪئي هجي. آهي ڪو اهڙو شخص جيڪو امامت جي دعويٰ لاءِ اڳتي اچي؟
    جماعت ۾ مڪمل خاموشي ڇانئجي وئي. هر شخص ٻئي ڏانهن ڏسڻ لڳو. ايتري ۾ هڪ شخص اٿيو ۽ اچي زينبلي سان اچي مليو. هن کيس آهسته لهجي ۾ ٻڌايو “الله جا لک احسان آهن جو مون پنهنجي شهزادگيءَ کان وٺي سلطان بڻجڻ تائين ۽ هر جنگ دوران به ڪڏهن هڪ نماز به قضا نه ڪئي آهي.”
    کيس امامت لاءِ چيو ويو، هو منبر تائين آيو ۽ اچي امامت ڪيائين “الله اڪبر!” اهو شخص ڪو ٻيو نه پر سلطنت عثمانيه جو سلطان بايزيد دوئم هو. ان مان اها به خبر پوي ٿي اها رعيت ڪهڙي هوندي جنهن جا بادشاهه ايترا ديندار هئا. ان کي بنياد بڻائي جيڪڏهن اسين سڄي سلطنت عثمانيه جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اهڙا بي حساب ماڻهو ملي ويندا جيڪي بايزيد جهڙا متقي هئا.

    9. نماز بابت نبي ﷺ جن جو فرمان
    * ابو قتادا ابن رِب کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “الله پاڪ جو فرمان آهي ته اوهان جي امت تي پنج وقت نماز فرض ڪئي وئي آهي، اوهان جي امت مان جيڪي پنج وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندا تن جي لاءِ جنت جو واعدو آهي ۽ جيڪي نه پڙهندا تن جي لاءِ اهڙو ڪو به واعدو نه آهي.”
    * عبادا ابن السمت کان روايت آهي ته پياري پيغمبر ﷺ جن فرمايو “جيڪي سجدو ادا ڪندا سي ئي الله پاڪ جي رحمتن جا حقدار هوندا، سندن هڪ سجدي عيوض هڪ گناهه معاف ڪيو ويندو ۽ هو الله جي وڌيڪ قريب هوندا، سو پابنديءَ سان سجدو ادا ڪندا رهو.”
    * نيسائي جي تشريح مطابق “فجر جي نماز کان اڳ ۾ ادا ڪيل تهجد جون ٻه رڪعت نفل سڄي دنيا کان وڌيڪ قيمتي آهن.”
    * پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو مغرب جي نماز کان پوءِ وڌيڪ ٻه رڪعتون پڙهندو ته سندس عبادت کي اعليٰ ترين مقام عطا ڪيو ويندو.”
    * مغيره ابن شعبيٰ کان روايت آهي ته پاڻ سڳورا رات جو ايتري دير تائين عبادت ڪندا هئا جو سندن پيرن ۾ لڦون پئجي ويون ۽ اسان عرض ڪيو “يا رسول الله ﷺ خدا ته توهان جا ماضي ۽ مستقبل جا گناهه به معاف فرمائي ڇڏيا آهن پوءِ ايتري عبادت ڇا جي لاءِ ٿا ڪريو؟” پاڻ فرمايائون “ايڏي احسان تي مون کي شڪرگذار نه ٿيڻ گهرجي؟”
    * بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي “پياري پيغمبر ﷺ وسلم جن رات جي عبادت ڪڏهن به ترڪ نه ڪئي. بيمار يا زياده ٿڪاوٽ جي صورت ۾ ويهي به عبادت ضرور ڪندا هئا.”
    * ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڏهن توهان مان ڪو شخص سومهڻي نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ سمهي پوي ٿو ته شيطان اچي سندس ڳچيءَ ۾ رسي ٻڌي ان کي ٽي ڳنڍيون ڏي ٿو ۽ هر ڳنڍ ڏيڻ وقت چوي ٿو “تمام گهڻي دير تائين سمهندو رهه.” پوءِ جيڪڏهن اهو شخص جلدي جاڳي ۽ الله جو نالو وٺي ٿو ته هڪ ڳنڍ کلي وڃي ٿي، جڏهن وضو ڪري ٿو ته ٻي ڳنڍ کلي وڃي ٿي ۽ جڏهن نماز پڙهي ٿو ته ٽئين ڳنڍ به کلي وڃي ٿي. ان کان پوءِ جيڪڏهن هو صبح تائين سمهندو رهي ته شيطان سندس قريب نه ايندو ۽ هو صبح جو پاڪ صاف اٿندو ٻي صورت ۾ اهو غافل شخص اهڙي حالت ۾ اٿندو جو سندس روح ڪارو هوندو.”
    * عقبيٰ ابن عمر کان روايت آهي “اسان جي حوالي اٺ چارڻ جو ڪم هو. هڪ شام آئون اٺ گهر ڇڏي پياري پيغمبر ﷺ جن سان ملڻ لاءِ ويس. ان وقت پاڻ سڳورا فرمائي رهيا هئا “جيڪو شخص وضو ڪري صرف ٻه رڪعتون نماز مڪمل طور خدا جي بندگيءَ جي نيت سان ادا ڪري ٿو ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي.” ان تي مون کان رڙ نڪري وئي “اهو ته تمام بهترين آهي.” ان تي ڀر ۾ ويٺل هڪ شخص چيو “اهو ته ڪجهه به نه آهي ان کان اڳ ۾ پاڻ سڳورن جيڪي فرمايو سو ته ان کان به بهترين هو.” مون غور سان ڏٺو ته اهو شخص حضرت عمر بن خطاب رضي الله تعاليٰ عنها هو. هن مون کي ٻڌايو ته پاڻ سڳورن تنهنجي اچڻ کان اڳ ۾ فرمايو “جيڪو شخص وضو ڪري ۽ لاالهٰ الالله محمدالرسول الله چوي ٿو ته ان لاءِ جنت جا اٺ دروازا کلي وڃن ٿا هاڻي اها سندس مرضي آهي هو انهن مان ڪهڙي دروازي مان اندر داخل ٿئي.”
    * عبدالله الصنابهي کان روايت آهي ته اسين سڀ پاڻ سڳورن سان زيت الرقع واري معرڪي ۾ گڏ هئاسين. هڪ ڪافر پنهنجي قبيلي وارن جي اڳيان اهو قسم کڻي نڪتو هو ته جيستائين پيغمبر ﷺ جن جي ڪنهن اصحابيءَ جو رت نه وهائيندو تيستائين واپس نه ايندو. هن گهران نڪري پيغمبر ﷺ جن جو پيڇو ڪيو. پياري پيغمبر ﷺ جن هڪ هنڌ تي رات ترسڻ جو فيصلو ڪيو. لشڪر خيما کوڙيا ته پاڻ سڳورن پڇيو “رات جو پهرو ڪير ڏيندو؟” پهري لاءِ ٻن ماڻهن جي چونڊ ڪئي وئي، جن مان هڪ مهاجر ۽ ٻيو نصارا مان هو. کين هدايت ڪئي وئي ته هو داخلي رستي تي هوشياريءَ سان پهرو ڏين ۽ مناسب سمجهن ته واري واري سان آرام به ڪري سگهن ٿا. داخلي رستي تي پهچڻ کان پوءِ ٻنهي ڄڻن گڏيل راءِ سان اهو فيصلو ڪيو ته رات جي پهرين پهر ۾ مهاجر آرام ڪندو ۽ نصارا پهرو ڏيندو ۽ پويون پهر وري نصارا جي آرام جو هوندو. مهاجر سمهي پيو نصارا پهرو ڏيڻ شروع ڪيو ڪجهه دير کان پوءِ نصارا نماز پڙهڻ شروع ڪئي. ايتري ۾ اهو ڪافر به اتي اچي پهتو ۽ پهرو ڏسي پري ٿي ويهي رهيو. جڏهن هن نصارا کي نماز پڙهندي ڏٺو ته سمجهيائين ته هڪ ئي پهريدار آهي ۽ اهو به عبادت ۾ مشغول آهي سو مناسب موقعو ڄاڻي هن هڪ تير نصارا تي هلايو، نصارا کي تير لڳو پر هن بنا ڪنهن تڪليف جي اهو تير ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ڪافر سمجهيو ته نشانو صحيح نه لڳو سو وري ڪشي ٻيو تير هلايائين نصارا اهو به بنا تڪليف جي ڪڍي اڇلائي ڇڏيو. ڪافر وري ٽيون تير هلايو پر ايتري ۾ نصارا نماز پڙهي چڪو هو ۽ مهاجر جي به اک کلي وئي. ڪافر ته ٻيو پهريدار ڏسي ڀڄي ويو ۽ نصارا جي ڪپڙن تي رت ڏسي مهاجرکيس هڪل ڪري چيو ته تو مون کي پهريون تير لڳڻ تي ڇو نه جاڳايو. ان تي نصارا چيو “نماز ۾ آئون قرآن شريف جي اهڙي ته سهڻي آيت جي تلاوت ڪري رهيو هئس جو منهنجي دل ئي نه چيو ته ان کي اڌ ۾ ڇڏي ڪنهن ٻئي شيءِ بابت سوچيان.”
    * ابو هريره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو به فجر جي نماز جماعت سان گڏ پڙهي ٿو سو الله جي امان ۾ هليو وڃي ٿو ۽ الله تعاليٰ پاڻ ان جي خاطري ڪرائي آهي. مون کي اميد آهي ته جيڪي ايئن نٿا ڪن (جماعت سان گڏ نماز نٿا پڙهن) تن کي سزا نه ملندي. اها خاطري جنهن کي به حاصل ڪرڻي آهي سو پنهنجي خالق سان رابطو ڪري.”
    * ابو هريره کان هڪ ٻي روايت آهي ته پياري پيغمبر ﷺ جن فرمايو “ڏينهن ۽ رات ملائڪ توهان جي مٿان چڪر لڳائيندا رهن ٿا. فجر ۽ عصر جو گڏ ٿين ٿا. پوءِ جن به ملائڪن توهان جي نگراني ڪئي سي خدا جي روبرو توهان جي ڪارگذاري پيش ڪن ٿا. الله پاڪ جيڪو سڀ ڪجهه بهتر ڄاڻي ٿو سو کانئن پڇي ٿو “توهان منهنجن ٻانهن کي ڪيئن ڏٺو؟” ملائڪ جواب ڏين ٿا “اسان کين نماز پڙهندو ڏٺو ۽ نماز پڙهندي ئي ڇڏي آيا آهيون.”
    * عماره ابن روعيبه کان رويت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو “جيڪي سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نماز پڙهن ٿا ۽ سج لٿي کان اڳ به نماز پڙهن ٿا سي ڪڏهن به دوزخ ۾ داخل نه ٿيندا.” اهي فجر ۽ عصر جا وقت آهن.
    * سعد ابن المصعب کان روايت آهي ته پياري نبي ﷺ جن فرمايو “اسان ۾ ۽ مشرڪن ۾ رڳو فجر ۽ عصر جي نماز جو فرق آهي. مشرڪن کي ان عرصي ۾ بي اثر بنائي ڇڏيو وڃي ٿو.”
    * حضرت عثمان رضي الله عنها کان روايت آهي ته پياري نبي ﷺ جن فرمايو “جنهن سومهڻيءَ جي نماز جماعت سان ادا ڪئي تنهن کي اڌ رات جو مالڪ بڻايو ويو ۽ جنهن فجر جي نماز جماعت سان ادا ڪئي تنهن کي سڄي رات عطا ڪئي وئي.”
    * سعد ابن المصعب کان روايت آهي ته انصار سان تعلق رکندڙ هڪ شخص جو آخري وقت هو ۽ مرڻ کان اڳ ۾ هو چوڻ لڳو ته آئون توهان کي هڪ حديث پاڪ ٻڌايان ٿو صرف ان ڪري ته جيئن مون کي ڇوٽڪارو نصيب ٿئي. مون پياري پيغمبر ﷺ جن کي هڪ ڀيري اهو چوندي ٻڌو “جڏهن توهان مان ڪو شخص وضو ڪري نماز جي لاءِ وک وڌائي ٿو ته سندس هر ساڄي قدم کڻڻ تي خدا کيس هڪ نعمت عطا ڪري ٿو ۽ هر کاٻي قدم کڻڻ تي سندس هڪ گناهه معاف ڪيو وڃي ٿو. سو توهان جڏهن مسجد ۾ نماز جي لاءِ وڃو ٿا ۽ وري واپس موٽو ٿا ته ڇوٽڪاري جا حقدار بڻجي ٿا وڃو. توهان کي جيڪڏهن مسجد تائين پهچڻ ۾ دير به ٿي وڃي تڏهن به توهان انهن نعمتن ۽ عنايتن جا حقدار رهو ٿا. دير جي صورت ۾ توهان نماز جي ادائيگي اتان کان شروع ڪريو جتان کان جماعت ڪري رهي آهي ۽ پوءِ پنهنجون رهجي ويل رڪعتون پڙهي وٺو. توهان ان صورت ۾ به رحمتن جا حقدار رهندا.”
    * ابو سعدِ الهدري کان روايت آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن فرمايو “الله ﷻ کي ٽي شيون تمام گهڻيون عزيز آهن، نماز جون صفون، اڌ رات جو تهجد پڙهندڙ شخص ۽ اهو شخص جيڪو جهاد ۾ حصو وٺي ٿو.”
    * حضرت عمر ابن خطاب رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو شخص لڳاتار چاليهه ڏينهن تائين جماعت سان گڏ سومهڻي نماز ان طرح پڙهي ته هو پهرين رڪعت کان ئي جماعت ۾ شامل هجي ته الله پاڪ ان شخص کي دوزخ جي باهه کان ڇوٽڪارو مليل شخص جو خطاب عطا فرمائي ٿو.”
    * يحيٰ ابن السعد جي تشريح آهي “قيامت جي ڏينهن توهان کان سڀ کان پهريون سوال نماز بابت پڇيو ويندو. جيڪڏهن توهان جون نمازون مڪمل هونديون تڏهن ئي توهان کان ٻين معاملن بابت پڇاڻو ٿيندو. جيڪڏهن نمازون مڪمل نه هونديون ته ٻيا معاملا اتي ئي ڇڏيا ويندا ۽ توهان جو سموريون نيڪيون ضايع ٿي وينديون.
    * حضرت علي ابن ابي طالب فرمايو “آخري وقت تي پياري پيغمبر ﷺ جن جي زبان تي نماز ۽ نماز جا لفظ هئا ۽ اهو به چوندا رهيا ته جن جي خدمت توهان جي ذمي آهي تن جا حق ادا ڪريو ۽ خدا جي عذاب کان ڊڄندا رهو.”
    * حضرت ابو بڪر صديق رضي الله عنها کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪو فجر جي نماز ادا ڪري ٿو سو الله پاڪ جي امان ۾ هليو وڃي ٿو. ان خاطريءَ کي نظر انداز نه ڪريو. جيڪڏهن ڪنهن اهڙي شخص کي ڪو شخص قتل ڪندو ته الله پاڪ قاتل کي ان جي سزا ڏيڻ تائين ان شخص جون نيڪيون جاري رکندو.”
    * عبدالله ابن سلمان کان روايت آهي ته خيبر جي فتح واري ڏينهن تي هڪ شخص آيو ۽ نبي سڳوري کي چوڻ لڳو “اڄ مون تمام گهڻو نفعو ڪمايو آهي؟” پاڻ سڳورن فرمايو “ڪهڙو نفعو؟” هو شخص چوڻ لڳو “واپار ۾ اڄ سڄي ڏينهن ۾ مون 300 دينار نفعو ڪمايو آهي.” پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا تون ان سموري دولت کان به وڌيڪ نفعي واري شيءِ بابت ڄاڻڻ چاهين ٿو؟” هو چوڻ لڳو “ها بلڪل حضور، ٻڌايو اها ڪهڙي شيءِ آهي؟” پاڻ سڳورن فرمايو “اهي فرض نماز جي ادائيگيءَ کان پوءِ پڙهيل نماز جون وڌيڪ ٻه رڪعتون آهن.”
    * هڪ حديث مبارڪ ۾ آيل آهي ته پاڻ سڳورن کان جڏهن اهو سوال ڪيو ويو ته ڪنهن ٻار تي نماز ڪڏهن فرض ٿئي ٿي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڏهن ڪو ٻار پنهنجي کاٻي کي ساڄي کان الڳ ڪري سگهي ته مٿس نماز فرض بڻجي وڃي ٿي.”
    * انس کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جڌهن ڪنهن کي ڪا نماز پڙهڻ وسري وڃي ته کيس ان جي جيئن ئي يادگيري اچي ته ان ئي وقت پڙهي ڇڏي. قضا ٿي ويل نماز جي ادائيگيءَ جو ان کان سواءِ ٻيو ڪو به طريقو نه آهي.”
    * تابِر پاڻ سڳورن کي اهو فرمائيندي ٻڌو “نماز بندي ۽ شرڪ جي وچ ۾ ديوار آهي.”
    * عبدالله ابن الشڪيڪ کان روايت آهي “اصحاب سڳورا جنهن شيءِ کي ڪفر جي سڀ کان وڏي علامت سمجهندا هئا سا نماز نه پڙهڻ هئي.”
    * ابن العمر کان کان روايت آهي “اهو شخص جنهن کان عصر جي نماز رهجي وڃي ٿي تنهن جي حالت اهڙي آهي جهڙي ان شخص جي هجي جنهن کان سندس ڪٽنب ۽ ملڪيت هلي وئي هجي.”
    * بره کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪي نماز پهرين صف ۾ بيهي پڙهڻ جي خواهش رکن ٿا تن تي الله ۽ ان جي فرشتن جون رحمتون نازل ٿين ٿيون. جيئن ئي ٻانگو ٻانگ ڏيڻ شروع ڪري ٿو ته خدا جي نعمتن جو نزول شروع ٿي وڃي ٿو. سڪل هجي يا آلي هر شيءِ جيڪا ٻانگ جو آواز ٻڌي ٿي سا ان جي تصديق ڪري ٿي. جيڪو جماعت سان گڏ نماز پڙهي ٿو ان تي رحمتون ٻيڻيون ٿي وڃن ٿيون.”


    باب اٺون

    1. نوجوان
    قيامت جو ڏهاڙو آهي ۽ هر ڪو دائمي خوشين جي دنيا جي سفر جي تيارين ۾ آهي. نبين، شهيدن ۽ ولين کي ته پنهنجي روانگيءَ جو ڪوبه فڪر نه آهي، سندن سواريون اينديون پيون وڃن ۽ هو تيزرفتاريءَ سان روانا به ٿي وڃن ٿا. بهرحال ٻين جي لاءِ وڏو مسئلو آهي کين سوارين تائين پهچڻ ۾ زمين جي پنجاهه هزار سالن جيترو سفر ڪرڻو پوندو. هو بيچينيءَ سان انهن سوارين جو انتظار پيا ڪن جيڪي کين زمين تي ميسر هيون.
    هر هڪ شخص وٽس موجود زمين تي ڪمايل مُوڙيء جو احتياط سان اندازو لڳائي پوءِ روانگيءَ لاءِ سواريءَ ڏانهن ڏسي ٿو. اتي نوجوانن جو هڪ جٿو موجود آهي جن وٽ ڪمايل مُوڙي تمام گهٽ آهي. هُو هڪ ملائڪ ڏانهن وڃن ٿا جيڪو موجود بندن لاءِ سواري فراهم ڪرڻ جو ذميوار آهي.
    نوجوان ان ملائڪ کان پڇن ٿا “جڏهن اسين زمين تي هوندا هئاسين تڏهن اسان هڪ ريس ۾ حصو ورتو هو. اسان سخت محنت ڪئي هئي ۽ ان محنت ۽ جفاڪشيءَ جي نتيجي ۾ اسان کي آرامده ۽ اسپورٽس ڪارون مليون هيون. اسان جا هٿ انهن گاڏين تي هئا. اسين چاهيون ٿا ته اسان کي اهي ئي گاڏيون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اسين منزل تي پهچي سگهون.”
    ملائڪ انهن نوجوانن جي دعويٰ مطابق سندن ريس جا تفصيل معلوم ڪري ٿو جيڪي کيس ترت فراهم ڪيا وڃن ٿا. انهن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ چوي ٿو “توهان جا هٿ غلط شين تي هئا ۽ اهي هتي بيڪار آهن.”
    نوجوان وري سوال ڪن ٿا “هُو پريان جيڪي ٻيا نوجوان بيٺل آهن تن جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ هنن جا هٿ به ته ڪجهه شين تي رهيا هوندا جنهن جي ڪري کين اهڙيون اڏامندڙ سواريون ملي رهيون آهن جيڪي تمام تيز رفتار آهن ۽ هو جنت ڏانهن اڏامندا وڃن ٿا؟”
    ملائڪ چوي ٿو “ها... هنن زمين تي هر ڏينهن ۾ رڳو هڪ ڪلاڪ لاءِ اهڙين شين تي هٿ رکيا جن جي ڪري کين اهي تيز رفتار سواريون مهيا ڪيون پيون وڃن.”
    نوجوان حيرانگيءَ مان “رڳو هڪ ڪلاڪ لاءِ هنن اهڙين شين تي هٿ رکيا؟ اسان ته ڏينهن رات جي محنت سان جيڪي شيون حاصل ڪيون سي ته هتي بلڪل بيڪار ٿي ويون آهن. هنن آخر ڪهڙي شيءِ کي هٿ لاٿو هو؟”
    ملائڪ چيو “اها تمام ننڍڙي شيءِ هئي جنهن کي زمين تي مصلو چيو ويندو هو ۽ سندن هڪ ڪلاڪ جي اها محنت کين هي تيز رفتار سواريون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.”

    2. وهم جو غلبو ۽ نور جي روشني
    هن کي محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ ته صدين جو بار سندس ڪلهن تي رکيل هجي. سک ۽ آرام جيڪڏهن مٿي تان وسندو به رهي ته ان جو ڪو فائدو نه هوندو. اها بهار جي مند هئي ۽ هو پنهنجي زندگيءَ جي به بهار واري حصي ۾ ئي هو. توڙي جو هر طرف سونهن پکڙيل هئي پر هن کي ڪو به لطف محسوس نه ٿي رهيو هو. هڪ پل لاءِ هو اٿي بيٺو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو. پوءِ هو مڙيو ۽ پنهنجي ڪمري تي نظر وڌائين. هن کي پنهنجي چوڌاري موجود ماڻهن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي، ڄڻ کيس ماڻهن سان رابطو رکڻ کان روڪيو ويو هجي يا ڪنهن کان تڪليف بابت پڇڻ يا ڪنهن کي پنهنجي تڪليف ٻڌائڻ کان منع ڪئي وئي هجي.
    هن کي پنهنجو اندر بلڪل خالي خالي محسوس ٿي رهيو هو. شايد کيس ڪنهن نجات ڏياريندڙ جو انتظار هو. ها.........ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو کيس ذهني دٻاءُ واري ان ڪمري مان ٻاهر ڪڍي. اهو ڪجهه عجيب ته هو پر کيس اهڙو رڳو هڪ ئي دوست نظر آيو ٿي جنهن کي هن ٻڌايو هو “ڄڻ صدين جو بار منهنجي ڪلهن تي اچي پيو آهي ۽ مون کي ان مان ڇوٽڪاري جي ڪابه واٽ نظر ڪانه ٿي اچي.” عجيب ته اها ڳالهه به هئي ته هن کي پنهنجي پاڻ مان نه پر ڪنهن دوست مان اهڙي اميد هئي جيڪو کيس ذهني سڪون فراهم ڪري.
    اڳوڻي زماني ۾ رومين جي قيدخاني مان نجات جي قيدين وٽ رڳو هڪ ئي واٽ هوندي هئي ته هو ڀڄي جبل تي چڙهي وڃن. ٿوري دير لاءِ هن به پاڻ کي رومين جو قيدي ئي سمجهيو ۽ وٽس نجات جي رڳو هڪ ئي واٽ هئي ته هو ڪنهن جبل تي چڙهي وڃي. هو تڪڙو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ پنهنجي اسپورٽس ڪار ٻاهر ڪڍيائين. سو کڻي جبل جو رخ ڪيائين. جبل جي دامن ۾ هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو، جنهن جي گهٽين ۾ هر طرف چورس ٽائلون نظر اچي رهيون هيون. هو گهٽين مان اڳتي وڌندو رهيو ۽ آخرڪار اهو رستو اچي هڪ پارڪ تي ختم ٿيو. هو پنهنجي ڪار مان ٻاهر نڪتو ۽ گلن سان ڀريل مئدان ۾ هيڏانهن هوڏانهن بي مقصد هلڻ لڳو. کيس محسوس ٿيو ته گل ڄڻ مٿس کلي رهيا هجن. هو انهن مان پٿرايل چهري سان اڳتي وڌڻ لڳو. ڪجهه لمحن لاءِ هن گلن بابت سوچيو ۽ کيس محسوس ٿيو ته گل ڄڻ ننڍڙا ٻار هجن ۽ ڪنهنجي همدرديءَ جا منتظر هجن. سندس سردمهر رويي تي گل کيس روئندا محسوس ٿيا. جنهن تي سندس اکيون به ڀرجي آيون ۽ ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيس. هاڻي هو وڌيڪ احتياط سان هلڻ لڳو. هن نٿي چاهيو ته ڪو گل سندس پيرن هيٺان اچي لتاڙجي وڃي. ان وقت کيس پنهنجي پاڻ تي به رحم اچڻ لڳو ۽ کيس محسوس ٿيو ته گل به سندس ڏک ڏسي روئي رهيا آهن. آخرڪار هو وڃي جبل جي چوٽيءَ تي پهتو پر اتي به هن لاءِ ڪا خوشي موجود نه هئي. جڏهن رومين وٽان ڀڄي نڪرندڙ قيدي جبل جي چوٽيءَ تي پهچندا هئا ته خوشيءَ وچان وڏي آواز ۾ پڪاريندا هئا “اسين آزاد آهيون ... اسين آزاد آهيون.” پر هن کي اهڙي خوشي ئي محسوس نه ٿي رهي هئي جو هو به اهڙي انداز ۾ پڪاري. رومين جي قيدين کي قيدخاني ۾ هڏيون ڄمائيندڙ سرديءَ ۾ بنا اوڇڻ ۽ بنا خوراڪ جي رهڻو پوندو هو ۽ ان ڪري هو اتان ڀڄڻ ۽ اڙانگي سفر ۾ ئي عافيت سمجهندا هئا. هن ته امير گهراڻي ۾ اک کولي هئي ۽ مڪمل عيش ۽ آرام کيس نصيب هو. هن کي هي اها شيءِ جنهن جي هن خواهش ڪئي سا کيس مهيا ڪئي ويندي هئي پر پوءِ به کيس ڪو اطمينان نصيب نه هو. سامهون جا خوبصورت نظارا کيس وڌيڪ بي چين ۽ ذهني دٻاءُ جو شڪار بڻائي رهيا هئا.
    ها جيڪي ظالم رومين جي مضبوط قيدخانن مان ڀڄي نڪرندا هئا سي واقعي پاڻ کي آزاد ۽ خوش سمجهندا هئا. اهڙن ماڻهن جي روح بابت توهان جو ڇا خيال آهي جن کي بيرحم غيريقينيءَ غلام بڻائي ڇڏيو آهي؟ انهن جي باري ۾ توهان ڇا چوندا جن کي ڪوڙي خوشيءَ پنهنجي ئي روح جي قبر کوٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي؟ اهڙن ماڻهن ڏانهن به نظر ڊوڙايو جيڪي ڪنهن سرد لاش وانگر زنده آهن.
    انساني جسم ۾ قدرت کي سمجهڻ لاءِ پنج حسون موجود آهن ٻئي طرف روح کي رڳو خيال ئي لافاني بڻائين ٿا. جن پنهنجي روح کي مادي خوشيءَ جي قيدخانن ۾ باندي بڻائي رکيو آهي تن کي ڪڏهن به حقيقي آزاديءَ جو لطف ئي محسوس ئي نه ٿيندو. ڪوبه جبل ايڏو اتانهون نه آهي جيڪو کين ان قيد مان نجات ڏياري.
    هن پوءِ جبل چوٽيءَ تان هيٺ ڏٺو ته کيس تمام گهڻو هيٺ هڪ وهندڙ ندي نظر آئي. اهي دلڪش نظارا ۽ سندس وارن کي ڇهڻ کانپوءِ گاهه جي ساون سلن کي لوڏيندڙ ٿڌي هوا به کيس ڪو سڪون نه پهچائي سگهي. ان جي ابتڙ هو وڌيڪ پريشان ٿي ويو. اهي ته منظر ته اهڙا نه هوندا آهن. خوشيون بخشيندڙ اهي نظارا آخر هن لاءِ آزار جو سبب ڇو بڻيا؟ ان جو جواب بلڪل سادو آهي ته جڏهن موت اچي در تي بيهي ٿو ته ڪابه دولت، ڪو به خزانو ۽ ڪو به نظارو راحت نٿو پهچائي سگهي.
    هُو هڪ پٿر تي ويهي پنهنجي پان سان ڳالهائڻ لڳو “هاڻي ته هيءُ جبل به مون کي سڪون فراهم نٿو ڪري سگهي.” معاملو سندس برداشت کان ٻاهر ٿي چڪو هو. هُو پاڻ کي ايترو تنها محسوس ڪرڻ لڳو جو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳو.
    روئڻ سان کيس ڪجهه سڪون مليو. هن جي نگاهه گلن جي هڪ جهڳٽي وڃي پئي جيڪي هوا ۾ لڏي رهيا هئا. ان وقت کيس اهي مصنوعي گل ياد آيا جيڪي هن ڪارپورچ ۽ ڪمري سميت مختلف هنڌن تي گلدستن ۾ سجائي رکيا هئا. هن نقلي ۽ اصلي گلن جي ڀيٽ ڪئي ته کيس اهو خيال آيو ته ٻنهي قسم جي گلن ۾ اهو ئي فرق آهي جيڪو سندس زندگي گذارڻ جي خواهش ۽ گذاريل زندگيءَ ۾ آهي. “ها بلڪل منهنجي زندگيءَ ۾ ڪا شيءِ کُٽل ته آهي.” هن ڀُڻ ڀُڻ ڪئي.
    هُو پٿر جي هڪ ڇپ تي ويٺو هو. کيس سندس ڀر مان هڪ ننڍڙي ڳاڙهي ماڪوڙي ويندي نظر آئي ۽ هن آڱر ماڪوڙيءَ جي اڳيان رکي ڇڏي. ماڪوڙيءَ کي اتان گذرڻ ممڪن نظر نه آيو ته رستو بدلائڻ لڳي ۽ هو پنهنجي آڱر جي جاءِ بدلاءِ رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ماڪوڙيءَ رستي جي ڳولا بند نه ڪئي ۽ هن آخرڪار آڱر هٽائي ڇڏي ته ماڪوڙي پنهنجو رستو وٺي هلي وئي. هو سوچڻ لڳو “آخر ماڪوڙيءَ ڪيئن ڄاتو ته کيس ڇا ڪرڻ گهرجي؟” ان تي سوچيندي هن جڏهن انساني دماغ بابت سوچيو ته کيس اڃا به وڌيڪ حيرت ٿيڻ لڳي “اسين ڪيئن سمجهون ٿا ۽ ڪيئن ڇنڊڇاڻ ڪريون ٿا؟”
    ڪجهه وقت اڳ هن هڪ دماغ جي ڊاڪٽر جو لکيل هڪ مضمون پڙهيو هو جيڪو کيس ياد اچڻ لڳو. اهو نروس سسٽم ۽ ان جي ڪم ڪرڻ جي اصولن بابت هو. مضمون ۾ ڊاڪٽر لکيو هو ته اڄ جي ڪمپيوٽر کان ته ننڍڙي ماڪوڙيءَ جو دماغ وڌيڪ گهڻ رخو آهي. هن گهڻي ڪوشش ڪئي پر کيس مضمون لکندڙ ڊاڪٽر جو نالو ياد نه آيو. سندس والد به هڪ دماغ جو ڊاڪٽر ئي هو. اهو سوچيندي آخر کيس نالو ياد اچي ويو. مضمون لکندڙ ڊاڪٽر جو نالو وارن ايس. ميڪ ڪيولاڪ هو. ان مضمون ۾ ڊاڪٽر لکيو هو “جيڪڏهن اسين ايمپائر اسٽيٽ بلڊنگ جيترو اوچو هڪ ڪمپيوٽر ٺاهيون، ان کي 14 ارب يونٽس جي نيٽ ورڪ سان ڳنڍيون (انساني دماغ جي نروس سسٽم ۾ ايترائي يونٽس آهن) ۽ ان کي هلائڻ لاءِ نياگرا فال کي توانائيءَ ۾ تبديل ڪريون تڏهن به اهو تمام وڏو ڪمپيوٽر انساني دماغ جو مقابلو نه ڪري سگهندو.
    هن جو والد دماغ جو ڊاڪٽر ته هو پر بدقسمتيءَ سان کيس رڳو دولت ڪمائڻ ۽ ان ۾ مسلسل واڌارو ڪرڻ جو ئي شوق هو. هن پنهنجي والد کي ان مضمون بابت ٻڌايو ۽ کانئس پڇيو “ڇا ان مضمون ۾ ڪو وڌاءُ آهي؟” سندس والد چيو “ان مضمون ۾ ته ڪوبه وڌاءُ ڪونهي پر اهو چئي سگهجي ٿو ته ان ۾ اڃا گهڻيون شيءِون شامل ٿيڻ کان رهجي ويون آهن. منهنجو خيال آهي ته جيڪڏهن هن ڌرتيءَ جيترو وڏو ڪمپيوٽر ٺاهيو وڃي تڏهن به انساني دماغ جو مقابلو ڪرڻ ممڪن نه هوندو.” هو سوچڻ لڳو ته سندس والد کيس ان معلومات کان اڳ ۾ ڇو نه آگاهه ڪيو؟ هن جي ذهن ۾ ان وقت هڪ ٻيو به سوال آيو هو پر هو پنهنجي والد کان پڇي نه سگهيو. اهو سوال هو “جيڪڏهن انسانذات گڏجي به هڪ ماڪوڙيءَ جو گهڻ رخو دماغ ٺاهي نٿي سگهي ته پوءِ آخر اهو ڪير آهي جنهن انساني دماغ نه رڳو تخليق ڪيو پر ان کي مرحليوار ايترو گهڻ رخو به بڻائي ڇڏيو؟” کيس پڪ هئي ته جيڪڏهن هو اهو سوال پڇي به ها ته کيس اهوئي جواب ملي ها ته اوهين پهرين پنهنجي تعليم مڪمل ڪريو ۽ آسائشن سان ڀرپور زندگيءَ لاءِ ڪجهه انتظام ڪريو تنهن کانپوءِ ڪنهن ٻئي معاملي تي سوچيو. اهڙيون سوچون توهان جي دسترخوان تي مانيءَ جو انتظام نٿيون ڪري سگهن.
    هن جي ذهن ۾ تمام گهڻي ڊيٽا جي آمد جاري هئي. فطرت کڻي ڪيتري به گهڻ رخي هجي پر ان ۾ هڪ ربط ۽ ترتيب ضرور موجود آهي. پاڻيءَ جو ٻاڦ بڻجڻ، وري ڌرتيءَ تي مينهن جي صورت ۾ موٽڻ، ان مان گل ڦل ۽ ٻي زندگيءَ جو جنم وٺڻ ۽ ان پاڻي جو واپس پنهنجي اصل ڏانهن موٽڻ. اهي سڀ اهڙيون دلچسپ حقيقتون آهن جيڪي هڪ قاعدي ۽ قانون تحت مڪمل ترتيب سان بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهن ٿيون.... انسان جي ڪن ۽ اک لاءِ فريڪوئنسي ۽ لهرن جي حد جو تعين ڪيل آهي ... گرمين ۾ ٿڌيون ڇانهيون ۽ هنداڻا سرديءَ ۾ وري وٽامن سي سان ڀريل موسمين جي فراهمي حيرت ۾ وجهندڙ شيون آهن ... اهي سموريون سوچون کيس حيران ڪري رهيون هيون. هن کي اهو يقين ٿيڻ لڳو ته هن ڪائنات ۾ جيڪڏهن اها ترتيب ۽ ربط موجود نه هجي ها ته تمام گهڻي بدنظمي ڏسڻ ۾ اچي ها. اها ته هڪ ناقابل ترديد حقيقت به آهي. اهو ئي هن جي بيچيني ۽ بيتابي جو ڪارڻ به هو.
    فطرت جي هر شيءِ زندگيءَ سان سلهاڙيل آهي. ان جي باوجود زنده وجود رکندڙن جو ان ۾ ڪوبه عمل دخل نظر نٿو اچي. روشني، پاڻي، هوا ۽ گرمي پد جي حد جو تعين ڪرڻ ڪنهن به انسان جي وس ۾ نه آهي. جڏهن انسان هن ڌرتيءَ تي قدم رکيو ته اهي شيون اتي اڳ ۾ ئي موجود هيون. ڪجهه گهڙيون اڳ هن ڏسڻ ۽ ٻڌڻ بابت سوچيو هو. انهن سڀني شين ۾ هاڻي کيس ڪجهه حقيقت محسوس ٿيڻ لڳي هئي. جيڪڏهن رڳو ڏسڻ لاءِ شين ۽ ٻڌڻ لاءِ آوازن جو تعين ڪرڻ انسان جي وس ۾ هجي ها ته هن دنيا ۾ رهڻ عذاب بڻجي وڃي ها. تصور ڪريو ته جيڪڏهن خوردبين سان نظر ايندڙ جراثيم اسين هڪٻئي جي چهري تي هلندا ڏسي سگهون ها ته ڇا ٿئي ها. جيڪڏهن اسين فضا ۾ موجود آواز جي تمام لهرن کي ٻڌي سگهون ها ته پوءِ ته اسين سمهي به نه سگهون ها ۽ نه ئي ڪجهه سمجهي سگهون ها. اهي سوچون کيس وڌيڪ بيچين ڪري رهيون هيون.
    هن پنهنجي پاڻ کي چيو “اهو سڀ ڪجهه ته بلڪل مڪمل آهي.... ها پوري طرح مڪمل آهي.” هن جي ذهن ۾ مختلف خيالن جي آمد جاري هئي ته اوچتو سندس ذهن ۾ هڪ چهرو اڀري آيو. هن پنهنجي تخيل کي ان چهري تي مرڪوز ڪري ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشس ڪئي. پنهنجي ان تصور تي کيس ڪجهه راحت محسوس ٿي ۽ دل ۾ گرمجوشي به محسوس ٿيس. اهو چهرو کيس ٻاٽ اونداهيءَ ۾ روشنيءَ جي ڪرڻي وانگر محسوس ٿيڻ لڳو. کيس پنهنجي روح تائين تازگي محسوس ٿيڻ لڳي.
    شايد هن کي جنهن جي تلاش هئي سو کيس ملي ويو هو. هن کي هر وقت اهو احساس ته رهندو هو ته اهو کيس تمام ويجهو آهي. ها اسان سڀني ۾ هڪ منفرد قسم جو تخيل ضرور هوندو آهي ۽ اهو اسان جي اندر ۾ تيستائين موجود رهي ٿو جيستائين اسان جي اندر ۾ انسانيت موجود رهي ٿي. ها اهو منفرد قسم جو تخيل اسان جو شعور يا ضمير آهي. اهو شعور ئي هو جنهن حضرت نوح عليه السلام کي زبردست طوفان ۽ ٻوڏ جي وقت هڪ ٻيڙي ٺاهڻ ۽ ان کي حفاظت سان هلائڻ جو فهم ۽ فلسفو ڏنو. جن جون دليون پنهنجي شعور يا ضمير جي آواز تي ڌيان نٿيون ڏين تن جا جسم بدبودار لاشن کانسواءِ ڪجهه به نه آهن.
    اسين خلائي برتريءَ جي زماني ۾ رهندڙ ماڻهو آهيون ۽ اسان وڏي محنت سان اهي فني ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. اسان کي خلا جي سموري “لا” واري ڪيفيت جو ته اندازو آهي پر افسوس جو اسان کي پنهنجي اندر ۾ موجود خلا جو ڪوبه احساس نه آهي، جيڪا اسان جي اندر ۾ مسلسل وڌندي پئي وڃي. ايتريقدر جو اسان کي پنهنجي شعور ۽ ضمير جو آواز به ٻڌڻ ۾ نٿو اچي.
    بهرحال هن نوجوان جا احساس اڃا مرده نه ٿيا هئا. توڙي جو ڪافي سال اڳ ۾ هڪ استاد ڪوشش ڪئي هئي ته کيس پنهنجي ضمير جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي. هن کيس چيو هو “اهڙين سوچن کي پنهنجي اندر ۾ پئدا ٿيڻ نه ڏي اهي تو کي ڪمزور بڻائينديون.” هن کيس ان کان بچڻ جو طريقو به ٻڌايو هو ۽ هن ان تي ڪي قدر عمل به ڪيو هو. پر سندس شعور ۽ ضمير مرده ٿي نه سگهيا، البت ڪجهه وقت لاءِ بي هوش رهيا.
    هن جي ذهن ۾ ڪافي عرصي کان پوءِ وري اهڙا سوال اٿيڻ لڳا جن سندس ضمير کي جاڳائي وڌو هو. هن جي تصور ۾ جيڪو چهرو موجود هو تنهن کان هن پڇيو “اهي خوبصورت سوچون ڪٿي ٿيون رهن؟ آئون انهن تائين پهچڻ چاهيان ٿو.” اوچتو کيس پنهنجي اندر مان ئي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو “اهي ڪٿي پري نٿيون رهن پر تنهنجي دل ۾ ئي موجود آهن.”
    هن کي پنهنجو ننڍپڻ ياد اچڻ لڳو. تن ڏينهن ۾ هو تمام خوش رهندو هو. سندس دل ۾ خوشين جو اهو نور سندس ڏاڏيءَ پکيڙيو هو. وقت جي ڪثافتن باوجود اها روشني شايد سندس دل مان مڪمل طور ختم ٿي نه سگهي هئي. کيس پرائمري تعليم دوران هڪ استاد چيو هو “فطرت کي جهونن ماڻهن واري انداز ۾ ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪر.” تڏهن کيس خوف محسوس ٿيو هو ته ڪٿي سندس ضمير ٻيهر انڌيرن جو شڪار نه ٿي وڃي. بهرحال هن وقت سندس ڪوشش هئي ته وقت ۽ حالتن جي ڪري سندس سوچن ۽ شعور کي پهتل نقصان جو ڪجهه ازالو ڪيو وڃي. اهڙين سوچن کيس وڌيڪ اعتماد ۽ سڪون ڏنو. هن جي زبان مان بي اختيار اهي لفظ نڪتا “بلڪل اهو ئي سڀڪجهه آهي. اهوئي آهي جنهن کي مون سمجهڻ چاهيو ٿي ۽ هاڻي آئون پنهنجي استاد جي شيطاني ڄار ۾ نه ڦاسندس. مون کي مسئلن جي حل جو رستو ملي ويو آهي ۽ هاڻي مون کي اندازو ٿي ويو آهي ته اهو فلسفي چريو ڇو ٿي ويو هو جنهن جي دعويٰ هئي ته کيس سڀڪجهه معلوم آهي.”
    پوءِ هن پنهنجي دل جا دروازا ان روحاني چهري لاءِ کولي ڇڏيا جيڪو سندس تصور ۾ موجود هو. ان سان کيس محسوس ٿيڻ لڳو ڄڻ ته مٿس ڪائنات جي اسرارن جا راز کلي رهيا هجن. هو آهستي آهستي پاڻ کي پرسڪون محسوس ڪرڻ لڳو. هن جو زنجيرن ۾ جڪڙيل روح هڪ هڪ ڪري اهي زنجيرون ٽوڙي آزاد ٿيڻ لڳو. کيس پنهنجي ۽ قادر مطلق جي موجودگيءَ جو احساس ٿين لڳو، جنهن کي هن بلڪل وساري ڇڏيو هو.
    هُو ان ڇپ تان اٿي بيٺو ۽ زور سان چوڻ لڳو “آئون آزاد آهيان.” هو ننڍڙن ٻارن وانگر خوش ٿيڻ لڳو. اڄ کيس سچي خوشيءَ جو احساس ٿيو هو ۽ کيس باندي بڻائيدڙن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو هو “اڄ اسان هڪ وڌيڪ قيدي وڃائي ڇڏيو آهي.”

    3. انساني جسم جي حيرت انگيز ڪارڪردگي
    هن ڪائنات جي هر شيءِ بنا ڪنهن متڀيد جي پنهنجو عمل جاري رکيو اچي ٿي. ان مڙني کان دلچسپ انساني جسم جي ڪارڪردگي آهي. ان جو بنياد گهٽ ۾ گهٽ جاءِ ۽ توانائي جو مختصر استعمال آهي. اچو ته ان اصول تحت انساني جسم جو جائزو وٺون. انساني جسم ۾ موجود جيوگهرڙن جي سنهڙي ڄاري صرف هڪ سئو اينگسٽرومز جي آهي. (هڪ اينگسٽروم هڪ سينٽي ميٽر جي ڏهه ڪروڙهين حصي جيترو ٿئي ٿو: سنڌيڪار) اهو ڪنهن ڪنڊينسر وانگر برقي توانائي گڏ ڪري ٿو. اهو جيترو سنهڙو هوندو ايترو ئي وڌيڪ توانائي گڏ ڪري سگهندو.
    هڪ اعصابي سيل يا تنتي جيو گهرڙو 2500 بائٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا ٽرانسفر ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو. جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته هڪ نيورون سيل 2500 بائٽس في سيڪنڊ جي حساب سان ڊيٽا وصول ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ايتري ئي وقت ۾ ان معلومات جو بنا ڪنهن غلطيءَ جي جائزو به وٺي سگهي ٿو. اسان جي دماغ ۾ ڪيڏو نه حيرت انگيز نظام موجود آهي. اسان جي دماغ ۾ اهڙا لڳ ڀڳ هڪ سئو ارب نيورون سيل موجود هوندا آهن.
    اسان جو ڪرنگهو 24 جوڙن ۽ ڳنڍيندڙ هڏين تي ٻڌل آهي. سادن لفظن ۾ اهي هڏين جا هڪٻئي سان ڳنڍيل 24 ٽڪرا آهن. جيڪڏهن ڪرنگهو هڪ ئي هڏيءَ وارو هجي ها ته اسين هر وک تي پنهنجو دماغ وڃائي ويهون ها.
    جيئن اسين اڳ ۾ ٻڌائي چڪا آهيون ته انسان جي دماغ ۾ هڪ سئو ارب نيورون سيل آهن ۽ هر سيل جي وچ ۾ رابطي لاءِ 3000 ڪنيڪشن آهن. ٿورو غور ڪريو ته ٽيليڪميونيڪيشن جي هڪ ملازم کي جيڪڏهن هڪ وقت ۾ ايترن زياده ڪنيڪشنز تي ڪم ڪرڻو پوي ها ته هو ان کي ڪيئن منهن ڏي ها.
    اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته انساني دماغ جو هڪ نيورون سيل لڳ ڀڳ ڏهه لک ڪمپيوٽرن جي برابر آهي ته هڪ سئو ارب نيورون سيل ڪيترن ڪمپيوٽرن جي برابر ٿيندا؟ يقيني طور توهان جي ڳڻپ به توهان جو ساٿ نه ڏيندي. پر اها سموري معلومات ته رڳو اندازن تي ٻڌل آهي ان جا حقيقي انگ اکر ان کان ڪئين سئو ڀيرا وڌي سگهن ٿا. اهو سمورو نظام ڪيتري مختصر حصي ۾ موجود آهي. انساني دماغ جو اصل ڪاٿو ته اڃا تائين ڪوبه لڳائي ئي نه سگهيو آهي.
    اسان جي ڪرنگهي واري هڏيءَ جي اندر جيڪو تنتي سرشتو موجود اهو برقي سگنل موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ جو انتهائي تيز رفتار نظام آهي ۽ ڏهوڻ تي گهٽ توانائي استعمال ڪري ٿو. يعني في گرام توانائي جو هڪ ڀاڱي ڏهون حصو استعمال ٿئي ٿو. اهو تنتي سرشتو ويهه لک تنتي ڏورين تي ٻڌل آهي جن جي ڪل ڊيگهه ساڍا چار لک ڪلوميٽر آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته اهي زمين کان چنڊ جي مفاصلي جي لڳ ڀڳ برابر آهن.
    اسان جو جيرو ڪو گهڻو وڏو نه آهي پر پوءِ اهو پنج سئو کان وڌيڪ مختلف ڪم ڪري ٿو. ٻي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جيرو پنهنجو ڪم ڪرڻ ۾ انتهائي ماهر آهي. ڪو انسان ته هڪ يا ٻن ڪمن ۾ ئي مهارت مس ٿو رکي ته عمر ختم ٿيو وڃي پر هيءُ ته هڪ وقت ۾ پنج سئو ڪمن ۾ مهارت رکي ٿو.
    توهان کي اها خبر آهي ته رڳو اک جيڪو ڪم ڪري ٿي ان ڪم لاءِ جيڪڏهن ڪو ڪارخانو لڳائجي ها اهو اسان جي پارليامينٽ جي عمارت کان وڌيڪ رقبي تي هجي ها.
    اسان جي دل جيڪو رت جسم ڏانهن پمپ ڪري ٿي ان جو مقدار ايترو آهي جو ڪو وڏو ٽئنڪر (تيل کڻندڙ جهاز) ڀري سگهجي ٿو. رت جي پمپنگ ۾ ايترو پريشر هوندو آهي جو ان سان عام ڇهه ٽائرن واري ٽرڪ کي ڏهه ميٽرن جي اوچائيءَ تائين مٿي کڻي سگهجي ٿو. اسان جي جسم ۾ رت جي نالين جي ڪل ڊيگهه ٻه لک ڪلوميٽر آهي. اهو ڪيئن ممڪن آهي ايتري مختصر جاءِ تي ايترا گهڻا عضوا لڳائي سگهجن؟
    اکين ۾ ڳوڙهن وارا گلينڊز هوندا آهن جيڪي وري نڪ جي مخالف طرف تي هوندا آهن ته جيئن گهڻي توانائي خرچ نه ٿئي. تمام مختصر توانائي لڙڪن لاءِ خرچ ٿئي ٿي ۽ انهن جو ڪو خاص ميڪنزم به نه هوندو آهي. تمام سنهڙين نسن جي وسيلي اهو عمل ٿي وڃي ٿو. لڙڪن جو ڪم اکين جي حفاظت هوندو آهي ۽ بيڪٽيريا کي ختم ڪندا آهن.
    اهڙو ئي هڪ ٻيو به سسٽم آهي جيڪو توانائي خرچ نه ڪندو آهي اهو آهي نڪ تائين ڳوڙها پهچائڻ جو نظام. اهو نڪ جو ئي پنهنجو نظام آهي جيڪو صفائيءَ لاءِ اهو ڪم ڪندو آهي. اهو اسان جي اکيون ڇنڀڻ سان ئي ڪم ڪندو آهي. نڪ مان جيڪو ليسدار مادو نڪري ٿو سو به بيڪٽيريا مارڻ جو ڪم ڪندو آهي ۽ ان سان گڏ اسين جيڪو ساهه کڻون ٿا ان کي صاف، ٿڌو ۽ ان ۾ نمي پئدا ڪندو آهي. جنهن کان پوءِ اها هوا سان جي ڦڦڙن ۾ هلي ويندي آهي. جيڪڏهن اسان جو نڪ مسلسل وهندو رهي ها ته اسان کي تڪليف ٿئي ها. ان ڪري اهو اڪثر ٻاڦ جي شڪل ۾ ڪم ڪندو آهي. جيئن سردي وڌندي آهي تيئن اها ٻاڦ تيزيءَ سان پاڻياٺ جي شڪل اختيار ڪندي آهي. اسان جي جسم جو سڀ کان ٿڌو حصو نڪ ئي آهي.
    اسان جي هڏن ۾ ڪجهه لچڪ هوندي آهي جنهن ڪري اهي تڪڙو ڀڄي پوڻ کان بچي ويندا آهن. هڏن جي اندر ۽ ٻاهر جي قطر ۾ 8 ڀاڱي 11 جو فرق هوندو آهي. جسماني قدرن موجب اهو فرق هڏن کي وڏي عمر تائين اصل ۽ مضبوط حالت ۾ رکڻ جو ڪارڻ آهي. ان ئي فرق کي نظر ۾ رکندي ڪيولمان ڪرين ايجاد ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
    اسان جي آنڊن ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته انهن مان جيڪو کاڌو گذري ٿو ان مان غذائي جزا الڳ ڪري ۽ جذب ڪري وٺندا آهن. جذب ڪرڻ جي مقدار جو تعلق آنڊن جي اندروني ديوارن سان هوندو آهي. غذا کي الڳ ڪري جذب ڪرڻ لاءِ آنڊن ۾ ور وڪڙ پوندا آهن ۽ مانڌاڻي وانگر کاڌي کي ولوڙيو به ويندو آهي. انسان جي آنڊي جي ڊيگهه ساڍا ست کان ساڍا اٺ ميٽر هوندي آهي. جيڪڏهن آنڊن ۾ کاڌي ولوڙڻ ۽ نپوڙڻ جي صلاحيت نه هجي ها ته جسم کي گهربل خوراڪ جي پورائي لاءِ آنڊي کي وڌيڪ چاليهه ميٽر ڊگهو ڪرڻو پوي ها.
    اسان جا ڏند ڪجهه خاص ريشن جي مدد سان مهارن سان جڙيل هوندا آهن. چٻڻ وقت دٻاءُ کي وڌيڪ حد تائين پکيڙي ڇڏڻ جي ڪري ڏندن جون پاڙون گهڻو دٻاءُ برداشت ڪرڻ کان بچي وينديون آهن ۽ اهو دٻاءُ ورهائجي ويندو آهي. ڏند جو مٿيون حصو هيٺئين کان ويڪرو هوندو آهي ۽ اهو فرق چٻڻ وقت تمام گهڻو ڪم آچي ٿو. ٻي صورت ۾ مهارون تڪڙيون ختم ٿي وڃن ها.
    هڏي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ اٺوڻ تي وڌيڪ مدافعت رکندڙ ۽ پنجوڻ تي وڌيڪ لچڪ رکندڙ آهي. اسان جي هڏن جو گهٽ وزن اسان جي زندگيءَ کي آسان بڻائي ٿو. اهي سڀ اهڙيون خاصيتون آهن جو بي اختيار اها ئي سوچ ذهن ۾ اچي ٿي ته انسان جي تخليق انتهائي ماهراڻي انداز ۾ ڪئي وئي آهي.

    4. تنبيهه ۽ نصيحت
    اهڙا نوجوان جيڪي زندگيءَ ۾ لالچ، نفساني خواهشن ۽ وهم جي غلبي کان پاڻ کي محفوظ رکڻ چاهين ٿا تن جي لاءِ هتي اسين ڪجهه خاص ڳالهيون پيش ڪريون ٿا:
    * اسپتال عجيب قصا ٻڌائي ٿي: “اڪثر نوجوان مون وٽ مختلف بيمارين يا مرضن جي ڪري ايندا آهن جيڪي کين سندن برين عادتن جيئن سگريٽ پيئڻ، شراب پيئڻ ۽ نشو واپرائڻ جي ڪري ٿي پوندا آهن. اهي جيڪي صبر ۽ قناعت جو مطلب سمجهي نه سگهندا آهن سي ذهني مريض بڻجي ويندا آهن ۽ موت جو ڊپ کين مون وٽ وٺي ايندو آهي. بيشڪ ڪجهه اڌڙوٽ ۽ جهونا جن جي لاڏاڻي جو وقت قريب هوندو آهي سي به مستقل طور پيا ايندا آهن. منهن جي خواهش آهي ته اوهان کي پنهنجي ڪاريڊور جو سير ڪرايان ته جيئن اوهان سڀ ڪجهه آسانيءَ سان سمجهي سگهو. ها مون وٽ اهڙا مريض به آهن جن جا چهرا پٿرائجي چڪا آهن ۽ هو سڪرات ۾ آهن. موت جي دروازي تي بيٺل مريضن جا وارث سندن بسترن جي ڀر ۾ بيوسيءَ مان روئندا آهن. اهو به ممڪن آهي ته توهان کي ڪنهن ڪمري ۾ تازو فوت ٿي ويل ڪنهن مريض جا ويجها عزيز اوڇنگارون ڏئي روئندا به نظر اچن. نوجوانو اوهان اهڙا منظر اڳ ۾ به ڏٺا هوندا. اهڙا ماڻهو جن جو ايمان پختو هوندو آهي سي مون وٽ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي اچڻ کانسواءِ گهٽ ايندا آهن. سندن ايمان کين برين عادتن کان بچائي ٿو ۽ نتيجي ۾ هو بيمارين يا مرضن جو شڪار گهٽ ٿيندا آهن. اهڙا وڏي عمر وارا جن جو ايمان پختو هوندو آهي سي به مون کي ڪا گهڻي اهميت نه ڏيندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين پڪ هوندي آهي ته هيءَ دنيا عارضي آهي ۽ دائمي زندگيءَ لاءِ اڳتي جي سفر جا منتظر هوندا آهن. سندن وارث به گهڻو ڪري صبر جو مظاهرو ڪندا آهن ڇو ته کين خبر هوندي آهي ته زندگي خدا جي امانت آهي ۽ هو جڏهن چاهي پنهنجي امانت واپس وٺي سگهي ٿو. سندن ايمان کين ذهني پريشانين کان بچائي ٿو ۽ هو ڪنهن به قسم جي ذهني دٻاءُ جا شڪار نٿا ٿين. هاڻي توهان کي اندازو ٿي ويو هوندو جيڪي خدا تي ايمان نٿا رکن تن جي ڇا حالت هوندي. جڏهن ڪو اهڙو موقعو اچي جو توهان کي منهنجي صلاح جي ضرورت پوي ته بنا ڪنهن هٻڪ جي مون وٽ اچي سگهو ٿا. يا ڪنهن لاچار مريض کي ڏسڻو هجي تڏهن به توهان لاءِ دروازا کليل رهندا. شايد انهن حالتن مان اوهان جي ڪا رهنمائي ٿي وڃي. منهنجو چوڻ ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو ته ايمان توهان کي دنيا ۽ آخرت جو سڪون مهيا ڪري ٿو. اهو ڪڏهن به نه وسارجو ته هيءَ دنيا فاني آهي ۽ ويچارو انسان ڏاڍو ڪمزور ۽ بيوس آهي. شال الله توهان جي مدد ڪري.”
    * جيل به پنهنجي حالتن بابت ڪجهه دلچسپ ڳالهيون ٻڌائي ٿو: “نوجوانو توهان خوشقسمت آهيو جو مون کان صلاح وٺڻ آيا آهيو. مون وٽ هتي اڪثر اهڙا نوجوان ايندا آهن جن ٻين سان برو ورتاءُ ڪيو هوندو آهي. منهنجو اهو خيال هوندو آهي ته هو جيئن ئي مون وٽ پهچن ٿا ته کين ڪجهه سوچڻ سمجهڻ جو موقعو ملي ٿو ته هو ڪيترو خراب ڪم ڪري هتي پهتا آهن. اوهان کي تعجب ٿيندو اڪثر نوجوان هتي پهچڻ کان پوءِ پنهنجي عمل تي پڇتائيندا آهن. هو هتي جيترو وڌيڪ عرصو رهندا آهن ته کين پڇتاءُ به ايترو ئي وڌيڪ ٿيندو آهي. مون کين اڪثر اهو چوندي به ٻڌو آهي “هتان موٽڻ کان پوءِ ٻيهر اهڙو عمل نه ڪندس.” توهان يقين ڪريو ته سندن دانهون ٻڌي منهنجون سرد ديوارون به روئي ڏينديون آهن. مونکي پڪ آهي ته ماڻهو خدا جو خوف ڪن ۽ قيامت جي ڏينهن جو خوف رکن ته ڪر کين ڪڏهن به مون وٽ اچڻو ئي نه پوي. نوجوانو ياد رکو ته توهان کي سموري سلامتي اسلام ئي عطا ڪئي آهي سو دين جي راهه تي پختگيءَ سان سفر جاري رکو ڪڏهن به وسوسن جو شڪار نه ٿيو.”
    * گناهن جا اڏا (جوا خانا، شراب خانا، نائٽ ڪلبون وغيره) اهي به دلچسپ ڪهاڻيون ٻڌائين ٿا: “مون وٽ اڪثر اهڙا نوجوان ايندا آهن جيڪي گمراهه ٿي چڪا هوندا آهن يا خدا کي بلڪل وساري چڪا هوندا آهن. هُو پنهنجي زندگيءَ مان مطمئن نه هوندا آهن تنهنڪري پنهنجي روح کي نشي انڌوڪار ۾ غرق ڪري ڇڏيندا آهن. هو ڏاڍا ڪمزور ۽ آسان شڪار هوندا آهن. سندن خواهش هوندي آهي ته داءُ کيڏن ۽ ان ۾ ڪامياب ٿي پنهنجي زندگيءَ ۾ آسانيون پئدا ڪن پر اهو ممڪن نه هوندو آهي. ڇاڪاڻ ته کانئن اڳ به اهڙا نوجوان آيا پر هتان برباد ٿي واپس ويا. هتان ڪوبه خوش نه وريو آهي. هتي خوشي گهٽ ۽ پريشاني وڌيڪ هوندي آهي. اهڙا نوجوان اڪثر ڏوهن جي دنيا وڃي وسائيندا آهن جنهن جو انجام پوليس هٿان موت يا قيد جي ڊگهي سزا هوندو آهي. اهو ٻڌي توهان کي ضرور افسوس ٿيو هوندو.”

    هنن کي گهٽ نه سمجهو ڇاڪاڻ ته هو توهان جيترا خوشقسمت نه هئا ۽ کين ڪو نيڪ صلاح ڏيڻ وارو به نه هو. هنن کي ڪنهن ايمان جي سونهن کان آگاهه ئي نه ڪيو ۽ هنن گمراهيءَ ۾ پنهنجي لاءِ پاڻ کڏون کوٽڻ شروع ڪري ڇڏيون. نتيجي ۾ هُو انڌيري جو کاڄ بڻجي ويا. توهان کي خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي جنهن توهان کي ان رستي کان بچائڻ جو انتظام ڪيو ۽ گمراهن لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي ته خدا کين نيڪ راهه تي هلڻ جي توفيق ڏي. ان سلسلي ۾ قبر به منفرد انداز ۾ ٻڌائي ٿي: “اي نيڪ راهه جا طالب نوجوانو! توهان مون کان ڇو ٿا خوف کائو؟ مون کان ڊڄڻ جي ڪابه ضرورت ڪانهي ڇاڪاڻ ته آئون ايمان وارن جي لاءِ انتظارگاهه وانگر آهيان. آئون توهان جو قيامت جي ڏينهن تائين خيال رکنديس ۽ پوءِ آئون توهان کي جنت جي راهه تي وٺي وڃڻ ۾ به مدد ڪنديس. هن ننڍڙي ٻار کي ڏسو هُو ڪيڏو نه پيارو آهي ۽ جلد ئي مون وٽ ايندو. پريان هن پوڙهي کي ڏسو ايئن پيو آرام ڪري ڄڻ ته صدين جو ٿڪ لاهڻو اٿس. مطلب ته مون وٽ اچڻ لاءِ عمر جي ڪابه حد مقرر نه آهي. آئون رڳو اهو چاهيان ٿي ته مون وٽ مڪمل تياري ڪري اچو. آئون توهان کي هڪ ٻڍي جي قبر جو سير ڪرائڻ چاهيان ٿي. هو تازو مون وٽ آيو آهي. توهان همت کان ڪم وٺجو ڇاڪاڻ ته منظر ڏاڍو خوفناڪ آهي. هي اهو شخص هو جنهن خدا کي مڃڻ کان انڪار ڪيو هو. توهان سندس جسم جي حالت ڏسي سگهو ٿا. هن جي ڇاتي ايئن اندر هلي وئي اهي ڄڻ ته مٿس ڪنهن هزارين مڻ وزن رکيو هجي. هُن جي حالت انتهائي ابتر آهي ڇاڪاڻ ته هتي هو بلڪل اڪيلو آهي. دنيا ۾ هن جن شين تي اعتبار ڪيو هو تن مان ڪابه شيءِ هتي ساڻس گڏ نه آهي. توهان کي هن جون دردناڪ دانهون ۽ پڇتاءُ جا آواز بڌڻ ۾ اچي رهيا آهن؟ بدقسمتيءَ سان هاڻي وٽس واپسيءَ جو ڪوبه رستو نه آهي. هن کي هاڻي دوزخ ڏانهن روانو ڪيو پيو وڃي. مون کي نظر اچي رهيو آهي ته خوف جي ڪري توهان جا چهرا زرد ٿي چڪا آهن. اهو ته ان سزا جي رتيءَ برابر به نه آهي جيڪا کيس جهنم ۾ ملڻ واري آهي. اچو ته هاڻي ان قبر ڏانهن هلون جنهن مان دلڪش خوشبوءِ اچي رهي آهي. هن شخص جي چهري تي مرڪ ڏسو. مٿس الله جون رحمتون نازل ٿي رهيون آهن ۽ هُو بلڪل سرشار نظر اچي رهيو آهي. سندس ڀر ۾ هڪ نوراني چهري وارو شخص به بيٺل آهي اها نماز آهي. جيڪا دنيا هن جي دوست هئي. هن شخص دنيا ۾ عبادت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪئي. اڄ الله پاڪ جي اجازت سان سندس نماز دوست بڻجي سندس ڀر ۾ بيٺل آهي. توهان کي ٻيون به ڪجهه روشن شيون نظر اچي رهيون هونديون اهي سندس نيڪيون آهن. هو توهان کي بلڪل خوش نظر اچي رهيو هوندو. هتان کيس جنت ڏانهن نيو ويندو جتي کيس الله جي جمال جو ديدار به نصيب ٿيندو. جلد يا دير سان توهان کي به هتي اچڻو آهي ان ڪري توهان کي گهرجي ته نيڪ راهه تي هلو ۽ نماز پڙهندا رهو. قبر ۾ توهان کي به هڪ ساٿيءَ جي ضرورت پوندي. هدايت لاءِ توهان وٽ قرآن شريف موجود آهي.

    5. حضرت علي ڪرم الله وجهه نماز ڪيئن ادا ڪئي؟
    حضرت علي عليه السلام جن نماز ايئن پڙهندا هئا جيڪر سڄي دنيا تباهه ٿي وڃي تڏهن به کين ان جي خبر ئي نه پوي ها. روايت آهي ته امام علي عليه السلام جن کي هڪ جنگ دوران تير لڳو جيڪو کين تمام گهڻي تڪليف ڏئي رهيو هو. طبيب اهو تير ڪڍڻ جي گهڻي ڪوشش ڪئي پر شديد تڪليف جي ڪري ممڪن نه ٿي سگهيو. ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “نماز جو وقت قريب آهي ٿورو انتظار ڪريو هُو جيئن الله اڪبر چئي نماز جوٽي توهان اهو تير ڪڍي وٺجو کيس ڪابه تڪليف ئي محسوس نه ٿيندي.” ايئن ئي ٿيو پاڻ نماز جوٽيائون ته طبيب آرام سان تير ڪڍي ورتو ۽ کين ڪابه خبر ئي نه پئي.

    6. ملائڪن جي امامت ڪندڙ شخص
    ارجيف نالي ڪوفي جو هڪ درويش هروقت خدا جي عبادت ۾ مشغول رهندو هو ۽ رات جو تمام گهڻي دير تائين عبادت ڪندو هو. هڪ رات جو سومهڻيءَ جي نماز کان پوءِ ڪجهه ماڻهو ساڻس ملڻ لاءِ آيا پر هن کين صبح جو اچڻ جو چئي موٽائي ڇڏيو. هنن سندس والده کي عرض ڪيو ته اسين هن وقت ارجيف سان ملڻ چاهيون ٿا جنهن تي هن کين ويهاري ڇڏيو. والده جي حڪم تي ارجيف کي ساڻن ملڻو پيو. هُو اڌ رات تائين ويٺا رهيا ۽ ساڻن گڏ ارجيف جي والده به موجود رهي. جڏهن اڌ رات جو ارجيف جي والده کي ننڊ لڳي ته مهمان به روانا ٿي ويا.
    ان رات جيئن ئي ارجيف جي والده آرامي ٿي ته هن خواب ۾ ڏٺو ته ملائڪن جي هڪ ٽولي کيس چوي ٿي ته اي ارجيف جي والده اڄ اسان کي اڌ رات تائين نماز پڙهڻ جو انتظار ڪرڻو پيو آهي. ڇاڪاڻ ته ارجيف اسان جي امامت ڪندو آهي ۽ اڄ اوهان جي حڪم تي هو اڌ رات تائين مهمانن وٽ ويٺو رهيو. جنهن ڪري اسان کي انتظار ڪرڻو پيو.
    ارجيف هر رات دير تائين عبادت ڪندو هو. هو ملائڪن جي به امامت ڪندو هو ۽ اهو مقام کيس پنهنجي عبادت جي ڪري ئي حاصل ٿيو هو. هن جو آواز تمام مٺو هوندو هو ۽ رات جو نماز دوران وڏي آواز ۾ تلاوت ڪندو هو ۽ ان آواز جي ڪري ملائڪن کيس پنهنجو امام بڻايو هو. توهان به رات جو جڏهن نماز پڙهو ته وڏي ۽ مٺڙي آواز ۾ تلاوت ڪندا ڪريو.


    باب نائون

    ايڪيهون لفظ پهريون مرحلو
    شروع الله جي نالي سان جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. انهن نمازن لاءِ جيڪي ايمان وارن تي مقرر وقت تي فرض ڪيون ويون آهن.
    ڪافي ڏينهن اڳ مون کي هڪ شخص مليو جيڪو عمر، رتبي ۽ جسماني لحاظ کان مون کان گهڻو وڏو هو. هن مون کي چيو “نماز ته تمام سٺي شيءِ آهي پر هر روز پنج وقت پڙهڻ ڏکيو ڪم آهي. اهو سلسلو ختم ئي نٿو ٿئي ۽ اهائي ڳالهه مون لاءِ پريشانيءَ جو سبب آهي.”
    هن شخص ته اهي ڳالهيون مون سان گهڻو اڳ ڪيون هيون پر هڪ ڏينهن اهي ئي ساڳيا لفظ منهنجي دل مان به نڪتا. مون انهن تي غور ڪيو ته انهن جو وڏو ڪارڻ صرف طبيعت جي سُستي هئي ۽ اهو ساڳيو ئي خيال هو جيڪو اڪثر شيطان گمراهه ڪرڻ لاءِ اسان جي ذهن ۾ پئدا ڪري ٿو. پوءِ مون دل ئي دل ۾ شيطان کي مخاطب ٿيندي چيو: “آئون تنهنجي قبضي ۾ نه ايندس.” ان کان پوءِ دل ۾ خيال آيو “اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي پاڻ کي نٿا سڌاري سگهن ته پوءِ هو ٻين کي ڪيئن سڌاريندا. مون کي به شروعات پنهنجي پاڻ کان ئي ڪرڻي پوندي.”
    پوءِ آئون پنهنجي ذات سان مخاطب ٿيس “اي منهنجا وجود! تنهنجا اهي لفظ ٻڌڻ کان پوءِ آئون توکي ان گمراهيءَ، سستي ۽ بي ڌيانيءَ تي پنج تنبيهون ڪريان ٿو.”

    پهرين تنبيهه
    اي منهنجا نامراد وجود! مون کي حيرت آهي، ڇا تون پنهنجي پاڻ کي لافاني سمجهين ٿو؟ ڇا تو وٽ اهڙو ناقابل ترديد دستاويز آهي جنهن ۾ توکي اها خاطري ڪرائي وئي هجي ته تون ايندڙ سال يا سڀاڻي زنده هوندين؟ تون ايترو بيزار ڇو ٿو ٿئين تو کي اها خوشفهمي ته نه آهي ته تون سدائين جيئرو هوندين. پوءِ به تون خواهش رکين ٿو ته هن دنيا ۾ تو کي دائمي خوشيون گهرجن. جيڪڏهن تنهنجي سمجهه ۾ اها ڳالهه اچي وئي آهي ته هتي تون مهمان آهين ۽ هتان تو کي هٿين خالي واپس وڃڻو پوندو ته پوءِ سچي دنيا جي دائمي زندگيءَ لاءِ ڪجهه بندوبست ڪر. پنهنجي 24 ڪلاڪن جي ڏينهن مان رڳو هڪ ڪلاڪ عبادت جي لاءِ ڪڍ. پنج وقت نماز لاءِ مجموعي طور هڪ ڪلاڪ جيترو وقت ئي لڳندو. اهو هڪ ڪلاڪ توکي قادر مطلق جي ٻاجهه، رحمت ۽ نعمت جو حقدار بڻائيندو. هيءَ بيزاري ۽ غفلت ڇڏي ڏي.

    ٻي تنبيهه
    اي منهنجا پيٽ جي پوڄا ڪندڙ وجود! هر روز تون کاڌو کائين ٿو، پاڻي پئين ٿو، ڇا ان مان ڪڏهن تو کي ڪا بيزاري ٿي آهي؟ پڪ سان ڪانه ٿي هوندي، ڇو ته ضرورت وقت اهي شيون استعمال ڪرڻ سان پيٽ ڀرجي وڃي ٿو ۽ جسم کي راحت ملي ٿي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته پوءِ ٿورو ان تي به غور ڪر ته تنهنجي دل، دماغ ۽ روح کي به غذا جي ضرورت آهي، اها غذا سڪون فراهم ڪري ٿو ۽ سڪون عبادت کان سواءِ ٻي ڪنهن به شيءِ ۾ نه آهي. خوراڪ، پاڻي، زندگي، دوست، مٽ مائٽ ۽ نظارا سڀ نعمتون آهن ۽ اهي نعمتون بنا ڪنهن معاوضي جي فراهم ڪندڙ هڪ ئي ذات آهي سو ان هستيءِ جو به ته شڪرگذار ٿي. اهو احسان تمام آساني سان مڃي سگهجي ٿو بس رڳو پنج وقت نماز سان ادا ٿي وڃي ٿو. ازل کان ابد تائين رهندڙ ذات توکي اهي نعمتون فراهم ڪندي نٿي ٿڪجي ۽ تون رڳو پنج وقت نماز تي بيزار ٿي پوين ٿو. هن فاني دنيا ۾ ملندڙ راحتن تي به نظر وجهه ۽ ابدي زندگيءَ جي سکن تي به غور ڪر، ڪجهه ان ابدي زندگيءَ جو سامان به پاڻ سان کڻ.

    ٽئين تنبيهه
    اي منهنجا بي صبر وجود! ڇا تون اهو طئه ڪري چڪو آهين ته عبادت ۾ تڪليف ۽ پريشاني آهي، عبادت هڪ قدرتي آفت آهي جيڪا تو کي بيزار ۽ پريشان ڪري ٿي ۽ ان جي ڪري تون ايڏي بي صبريءَ جو مظاهرو ڪرين ٿو؟ تنهنجي اها بي صبري بلڪل اهڙي جرنيل جهڙي آهي جنهن وٽ دشمن کان بهتر لشڪر ۽ هٿيار ته آهن پر هن وٽ جنگ لاءِ ڪابه بهتر حڪمت عملي نه آهي ۽ نتيجي ۾ دشمن محدود وسيلن باوجود مٿس حاوي ٿي وڃي ٿو.
    ها اهو ياد رک ته ڪالهه جي تڪليفن جي اڄ جي رحمتن سان ڪابه ڀيٽ نه آهي، جڏهن راحتون ملن ٿيون ته تڪليفون ياد به نٿيون رهن. اڄ جيڪڏهن ٿوري تڪليف ڪري عبادت ڪندين ته سڀاڻي ان جي عيوض بيشمار نعمتون به ملنديون. سو معمولي تڪليفون ڏسي بيزار نه ٿي پر اڳتي جي راحتن تي به ڪجهه نظر وجهه. رڳو اڄ جي پنهنجي بک ۽ اڃ کي نظر ۾ نه رک پر ڪجهه مستقبل جو به ڌيان رک. پاڻ کي اهو اطمينان ڏيار ته اڄ جيڪڏهن رڳو هڪ ڪلاڪ آئون پنهنجي مرضي ۽ منشا سان عبادت جهڙي نيڪ عمل لاءِ خرچ ڪندس ته مستقبل ۾ ان جي عيوض تمام گهڻين نعمتن جو حقدار بڻجندس.
    سو اي منهنجا بي صبر وجود! ٽن ڳالهين ۾ صبر کان ڪم وٺ. هڪ ته صبر سان عبادت ڪر، ٻيو ته گناهن کان بچڻ لاءِ صبر کان ڪم وٺ ۽ ٽيون ته ڪنهن به اوچتي آفت يا ڏکئي وقت تي صبر کان ڪم وٺ. جيڪڏهن تون کي ٿورو به عقل آهي ته خاص طور تي هن ٽئين تنبيهه تي ضرور ڌيان ڏي. صابر ۽ شاڪر بڻجي رهه ڇو ته اها به هڪ قسم جي عبادت ئي آهي.

    چوٿين تنبيهه
    اي منهنجا بيوقوف وجود! ڇا هن عبادت کي بيڪار عمل سمجهين ٿو ۽ تون ان گمان جو شڪار آهين ته ان جي ڪري تون پريشان ٿيندين؟ ياد رک ته جيڪڏهن ڪو شخص توکي انتهائي معمولي رقم ڏئي ان جي عيوض ڪم لاءِ چوي ٿو ته تون شام تائين ان ڪم ۾ لڳو پيو هوندو آهين ۽ ڪابه ڪوتاهي نه ڪندو آهين. ڇا تون عبادت کي بلڪل بيڪار شيءِ سمجهين ٿو؟ پر ايئن نه آهي. هيءَ دنيا هڪ سراءِ آهي ۽ تون ان ۾ مهمان آهين، مهمان ٿي رهو ۽ مالڪ جي حڪم تي ڌيان ڏي. عبادت رڳو سر جهڪائڻ جو نالو نه آهي پر پنهنجي پاڻ کي ڪجهه گهڙين لاءِ مڪمل طور تي مالڪ جي حوالي ڪرڻو پوي ٿو ۽ ان جي بدلي هتي ته توهان کي بي پناهه سڪون ملي ٿو پر اڳتي جي سفر ۾ به آساني رهي ٿي. پنهنجي عمل سان پنهنجي سيرت کي سنوار ڇاڪاڻ ته اهو طئه آهي ته توکي آخرت ۾ پلصراط تان لنگهڻو آهي ۽ ان ۾ رڳو نيڪ سيرت ۽ نيڪ عمل ئي توهان جو ساٿ ڏئي سگهندا. رڳو ڪجهه هزار سڪن جي عيوض تون سئو ڏينهن لاءِ ڪم تي راضي ٿي وڃين ٿو ۽ دائمي زندگيءَ جي هر سهولت لاءِ رڳو ڏينهن ۾ هڪ ڪلاڪ به ڪم ڪرڻ لاءِ راضي نٿو ٿئين ته پوءِ ياد رک ته پنهنجي پاڻ کي ان عمل سان سزا جو حقدار بڻائين ٿو. ڪو معمولي عنايت به ڪري ٿو ته ان لاءِ تون شڪرگذار بڻجي وڃين ٿو پر پنهنجي مالڪ جو شڪر ادا ڪرڻ لاءِ تيار نه آهين. اها بيوقوفي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. نوراني زندگيءَ جو مزو جهنم ۾ نه پر جنت ۾ آهي ۽ جنت جو سک بيزاريءَ ۾ نه پر عبادت ۾ آهي.

    پنجين تنبيهه
    اي دنيا جا ديوانا منهنجا وجود! ڇا نماز ۾ ڪوتاهي ۽ مقرر پنج وقت نماز جي ادئيگيءَ ۾ ڪوتاهيءَ جو ڪارڻ اهو آهي ته تون دنيا جو مال ميڙڻ ۾ مصروف آهين ۽ تو وٽ نماز جي لاءِ وقت نه آهي؟ ڇا تو کي رڳو ان لاءِ خلقيو ويو آهي ته تون پنهنجو سمورو وقت دنياوي مصروفيتن ۾ گذاري ڇڏين؟ تون ڄاڻين ٿو ته تون اشرف المخلوقات آهين پر پنهنجي سموري طاقت لڳائڻ جي باوجود تون رڳو جهرڪيءَ تائين پهچڻ ۾ به ناڪام آهين. ان ڪري تون اهو ڇو نٿو سمجهين ته تنهنجو ڪم رڳو جانور وانگر مشقت ڪرڻ نه آهي. تون پنهنجي زندگي اهڙيءَ طرح گذار جو محسوس ٿئي ته تون انسان آهين. خدا جي موجودگيءَ جو صرف زبان سان اقرار ڪرڻ ئي ڪافي نه هوندو آهي پر ان جو عملي مظاهرو به ڪرڻو پوي ٿو. عبادت خدا جي موجودگي ۽ بندگيءَ بهترين عملي مظاهرو آهي. اهم شين کي ڇڏي غير اهم شين جي پٺيان ايئن ڊوڙين ٿو ڄڻ تون هتي هزار سالن جي زندگيءَ جو پروانو وٺي آيو هجين. آمريڪا ۾ گهڻا ڪڪڙ آهن يا زحل جي چوڌاري ڪيترا دائرا آهن؟ اهڙين ڳالهين جي پٺيان ايئن ٿو ڀڄين ڄڻ توکي فلڪيات يا شماريات جو ماهر ٿيڻو هجي.
    جيڪڏهن اهو چوين ٿو: “جيڪڏهن اهو چوڻ چاهين ٿو ته توکي عبادت کان روڪيندڙ يا ڪوتاهيءَ تي مجبور ڪندڙ شيون غير اهم نه آهن پر انهن جي پنهنجي هڪ اهميت آهي جيئن روزگار ضروري آهي.” ته پوءِ منهنجي تو کي اها گذارش آهي ته جيڪڏهن تون ڪنهن وٽ سئو رپيا تاريخ تي ڪم ڪرين ٿو ۽ ڪو ماڻهو اچي توکي چوي ٿو “اچ هتي اچي کوٽائي ڪر ۽ ڏهن منٽن جي کوٽائي ڪرڻ سان توکي هتان هيرا ملندا جن جي قيمت لکين رپيا هوندي.” ته ڇا ان وقت به تنهنجو جواب اهو ئي هوندو “نه، آئون ايئن نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته ان سان منهنجي تاريخ مان ڪجهه رپيا گهٽجي ويندا ۽ اهي رپيا مون لاءِ وڌيڪ اهم آهن.” بيشڪ اهو تون به سمجهين ٿو ته ايئن ڪرڻ بيوقوفي هوندي. بلڪل ان ئي طريقي سان تون زندگيءَ جي هن خالي زمين تي خوبصورت باغيچو لڳائي سگهين ٿو ۽ ان لاءِ توکي نه ڪا گهڻي محنت ڪرڻي پوندي ۽ نه ئي ان سان تنهنجي آمدني گهٽبي. اهو اهڙو باغيچو هوندو جيڪو تو سان آخرت تائين گڏجي هلندو ۽ مسلسل ڦل به ڏيندو رهندو. دنيا جي باقي سموري دولت هتي ئي رهندي ۽ تو سان گڏ ان مان ڪجهه به نه هلندو. جيڪڏهن تون پنهنجي زندگيءَ جي اڱڻ ۾ اهڙو باغيچو لڳائڻ لاءِ ٿوري به محنت ڪندين ته تون روحاني دولت جي ٻن کاڻين جو مالڪ بڻجي ويندين جيڪي تنهنجي دنياوي زندگيءَ کي پرسڪون بڻائينديون، تنهنجي وجود کي پرسڪون بڻائينديون ۽ ان جو ڪجهه تفصيل هتي ڏجي ٿو.
    پهرين کاڻ: نيت جي آهي. نيت نيڪ هوندي هوندي ته ان باغ جو هر وڻ، گل، ڦل ۽ ٻوٽو تنهنجي ساراهه ڪندو ۽ ان ۾ مسلسل واڌ پئي ٿيندي.
    ٻي کاڻ: اها زڪوات جي کاڻ آهي. تنهنجي ان ڪمائيءَ مان جيڪو به جانورن يا انسانن جي ڪم ايندو سو ضايع نه ويندو پر تنهنجي ڪمائيءَ ۾ واڌاري جو سبب بڻجندو. اها اهڙي ڪمائي هوندي جنهن کي ڪنهن به چور يا ڌاڙيل جو ڪوبه خوف نه هوندو. تون نيڪ ارادي سان جيڪو به خرچ ڪندو ويندين ته تو کي پاڻ محسوس ٿيندو ته حقيقي مالڪ تنهنجي دولت ۾ ڪيئن وڌارو ڪري ٿو.
    هاڻي ڏس ته نماز پڙهڻ کان انڪار ڪندڙ پنهنجو ڪيڏو نقصان ڪري ٿو. هو هڪ اهڙي دولت کان پنهنجي پاڻ کي محروم ڪري ٿو جيڪا اڻ کُٽ آهي ۽ ان سان هن کي ٻيو وڏو نقصان اهو ٿئي ٿو ته هو اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ٿو. جڏهن ٻڍاپي کي پهچندو ته پوءِ چوندو “ان مان مون کي ڪهڙو فائدو ٿيو، هاڻي ته سڀ ڪجهه اتي ئي ڇڏي مون کي اڳين دنيا جو سفر ڪرڻو آهي ته پوءِ مون ان لاءِ ايتري محنت ئي ڇو ڪئي؟” هو پنهنجو پاڻ کي انتهائي بيوس محسوس ڪندو. پر عبادت ڪندڙ شخص چوندو “ها مون کي اڃا به ڪجهه وڌيڪ عبادت ڪرڻ گهرجي ۽ نيڪ ڪم ڪرڻ گهرجن ته منهنجي قبر ڪشادي ٿئي ۽ آخرت ۾ فائدو پهچي.”
    مختصر اهو: اي منهنجا وجود! پڪ ڄاڻ ته گذريل وقت ته موٽي نه ايندو پر پنهنجي حال ۽ مستقبل جا ڪجهه پل اڃا به تو وٽ موجود آهن ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ته وقت اڃا ويو نه آهي. تون پنهنجي اڄ جو بهتر استعمال شروع ڪري ڇڏ. سو پنهنجي زندگيءَ جون ڪجهه گهڙيون مسجد ۽ مصلي تي گذارڻ شروع ڪري ڇڏ. اها آخرت آجي ڪرڻ لاءِ بهترين مُوڙي ۽ بهترين سيڙپ آهي. اهو به ياد رک ته تو سميت هر ڪنهن لاءِ نئون ڏينهن ڄڻ هڪ نئون دروازو آهي جيڪو نئين دنيا ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جيڪڏهن نماز ادا نه ڪندا ته ان ڏينهن جي توهان جي نئين دنيا اونداهي ٿي ويندي ۽ آخرت جي ڏينهن تي توهان جي خلاف گواهي ڏيندي. هر ڪنهن شخص جي لاءِ هر ڏينهن هڪ نئين دنيا آهي جيڪا سندس دل ۽ عمل مطابق ئي جنم وٺي ٿي. جيئن آرسي جهڙو رنگ هوندو تهڙو ئي ڏيکاري ٿي تيئن توهان جي هر ڏينهن جو رنگ به توهان جي عمل مطابق ئي هوندو. جيڪڏهن توهان نماز نه پڙهندا ته توهان جي ان ڏينهن جو رنگ ڪارو ئي هوندو ۽ اهڙو ئي نظر ايندو. هاڻي اهو توهان تي ڇڏيل آهي ته توهان ڇا ٿا چاهيو ته توهان جو ڏينهن توهان جي حق ۾ گواهي ڏي يا توهان جي خلاف شاهدي ڏي. اهو توهان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي.
    توهان جا عمل چڱا هوندا ته مالڪ ايترو مهربان ضرور آهي ته توهان جي ڪنهن عمل جي ڪري توهان جي ان ڏينهن واري دنيا کي روشن ڪري ڇڏي. اهو به ياد رکو ته نماز نسورو نور آهي ۽ جڏهن اهو نور پنهنجو جلوو ڏيکاري ٿو ته پوءِ ٻي ڪابه اهڙي شيءِ نه آهي جيڪا ان جي تجليءَ جو مقابلو ڪري سگهي. سو عقلمند بڻجو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ مختصر حصو نماز جي ادائيگيءَ لاءِ وقف ڪريو.
    هوشيار ٿيو، اهو نه چئو: “نماز جا آداب ٻڌڻ کان پوءِ منهنجي نماز جي ڪهڙي اهميت رهندي؟” اهو نه سمجهو ته توهان جي نماز جي ڪابه حيثيت نه آهي ڇاڪاڻ ته عملن جو دارومدار نيتن تي آهي. پنهن جي نماز کي کجور جي سڪل ککڙي نه سمجهو پر ان کي ڦل ڏيندڙ وڻ سمجهو. اهو سچ آهي ته ڪنهن وليءَ جي نماز ۽ اسان جهڙن عام ماڻهن جي نماز ۾ فرق آهي پر اهو به سچ آهي ته بي خبريءَ ۾ سهي پر اسان جون پڙهيل نيڪ نيت سان نمازون نور جي تجليءَ وانگر آهن. ها حقيقت ڏاڍي پراسرار آهي ۽ نماز جي ادائيگيءَ جا طريقا به مختلف آهن پر انهن طريقن جي ڀيٽ ۾ نيت جي اهميت وڌيڪ آهي ۽ درست طريقي سان ادا ڪيل نماز جو مرتبو وڌيڪ آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسان جي نمازن جي ڪا اهميت نه هوندي. جيئن هڪجهڙو ئي ڦل ڏيندڙ وڻن جي قد ۽ ميوي جي وزن ۾ فرق ٿئي ٿو تيئن اسان جي نمازن ۾ به اهو ئي فرق هوندو. باقي ان جي ڦل جو ميٺاڄ اهوئي ساڳيو هوندو.
    اي خدا اسان تي پنهنجون رحمتون ۽ نعمتون نازل فرما ۽ اسان کي پياري پيغمبر ﷺ جن جي ان هدايت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرما “پنج وقت نماز توهان تي فرض آهي ۽ نماز دين جو ٿنڀ آهي.”

    1. نماز تي هڪ نظر
    الله ﷻ جو فرمان آهي “توهان سجدي ۾ ڇا ٿا ڪريو الله ان کان آگاهه آهي.” اسان کي پنهنجي نبي ﷺ جن جي پيروي ڪرڻي آهي ۽ سندن سنت مطابق نماز ادا ڪرڻي آهي. ان سلسلي ۾ پاڻ سڳورن نماز جي ادائيگيءَ جي طريقن کان به اسان کي بخوبي آگاهه ڪيو آهي. اسان کي سندن ڏسيل واٽ تي هلڻ گهرجي. ڪجهه به هجي پر ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته اسين نماز پڙهڻ ڇڏي ڏيون يا وري پاڻ کي رڳو نماز تائين محدود ڪري ڇڏيون. اسان کي نماز جي ادائيگي ۽ بندگيءَ جي اصل مطلب ۽ مقصد کان به ضرور آگاهه رهڻ گهرجي. نماز جو مطلب پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي خدا جي حوالي ڪري ڇڏڻ آهي ۽ خشوع ۽ خضوع سان نماز پڙهڻ کپي. اها حقيقت آهي ته اسان جي نماز نبين ۽ ولين جي عبادت جيتري مقبوليت نه ماڻي سگهندي پر اهو ضرور آهي ته نيڪ نيت سان پڙهيل نماز کي به مقبوليت ملندي. بيشڪ خدا دلين جو مالڪ آهي ۽ اسان جي هر سوچ ۽ هر خيال کان چڱيءَ ريت واقف آهي.
    بندگي
    آئون سمجهان ٿو ته هن ڪائنات ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم بندگي آهي. انجڻ تيار ڪرڻ، ڪمپيوٽر جي ايجاد يا خلا ۾ شٽل موڪلڻ اهي سڀ ڪم بندگيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام آسان آهن. سمجهان ٿو ته ان سان توهان کي تڪليف ٿيندي پر پوءِ به اهو ضرور چوندس ته بندگي ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. رڳو ان وقت جڏهن توهان پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي خدا جي حوالي ڪري ڇڏيو تڏهن ئي توهان کي ان جي حسن جي خبر پوندي ۽ توهان جي اندر مان بي اختيار اهو آواز ايندو “اي منهنجا مالڪ! آئون تنهنجي پناهه ۾ اچڻ چاهيان ٿو، اسان کي پنهنجي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ڪر ۽ نبي ﷺ جن جي امت ۾ قبول ڪرڻ فرما.”
    اڪائونٽنٽ بڻجو
    جيڪي ماڻهو پئسي ڪمائڻ جو شوق رکن ٿا سي منهنجي ان ڳالهه سان ضرور اتفاق ڪندا ته اڪائونٽنٽ کي پائي پائي جو حساب ڏيڻو پوندو آهي. اسان کي به هر روز پنهنجي نيڪين ۽ عبادتن جو حساب ضرور لڳائڻ گهرجي. ايمان واري جي روزاني حساب ۾ ڪڏهن به گهٽتائي نه هوندي ۽ اهوئي عمل کين قيامت جي ڏهاڙي ڪم ايندو، جڏهن هر ڪو پنهنجي عمل جو مڪمل طورتي ذميوار هوندو.

    هُو جيڪي نماز پڙهڻ ۾ تڪڙ ڪن ٿا
    مون کي اهڙن ماڻهن تي انتهائي افسوس آهي جيڪي نماز جي ادائيگيءَ ۾ تمام گهڻي تڪڙ ڪن ٿا ته جيئن هو تڪڙو وڃي پنهنجي ڪم ڪار سان لڳن. اهڙن ماڻهن کان الله ﷻ اهو پڇي سگهي ٿو “مون توکي هر شيءِ عطا ڪئي ۽ جواب ۾ تو منهنجا ٿورا ان انداز ۾ مڃيا. ڇا نماز جي ادائيگيءَ جو اهو ئي طريقو آهي؟” مون کي حيرت آهي ته جيڪڏهن اهڙو ڪو سوال ٿيو ته پوءِ اسان وٽ ان جو جواب ڇا هوندو.

    ٻي عادت
    پرهيزگاري اسان جي ڪردار جو حصو هجڻ گهرجي ۽ ان کي عبادت کان پوءِ ٻئي نمبر تي پنهنجي عادت بڻائڻ گهرجي. مثال جي طورتي جيڪڏهن رڪعتون نفل پڙهون ٿا ته ڪجهه وقت کان پوءِ اسان اهي وڌائي چار رڪعتون ڪرڻ گهرجي. آهستي آهستي اها اسان جي عادت بڻجي ويندي. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اسان کان ان جي ادائيگي رهجي وڃي ته اسان کي خدا جي آڏو ٻاڏائڻ گهرجي ته يا خدا اڄ مون کان وڏي غلطي ٿي آهي معافي جو طلبگار آهيان. ان طريقي سان اسان جون ڳجهيون صلاحيتون ظاهر ٿينديون. جيڪي اسان جي اندر ۾ موجود ته آهن پر اسان کي ڪڏهن انهن جو احساس ئي نه ٿيو آهي. انهن جي مدد سان اسين نفساني خواهشن کان به محفوظ رهنداسين.

    نماز جا ٽي اهم عنصر
    نماز کي اسان جي زندگيءَ ۾ اوليت حاصل هجڻ گهرجي. قيام، رڪوع، قرئت ۽ سجدو نماز جا اهم حصا آهن. بهرحال انهن سڀني کان اهم نيت ۽ مڪمل عاجزيءَ سان خدا جي حضور حاضر ٿيڻ آهي. جيئن جسم کي خوراڪ جي ضرورت پوي ٿي تيئن روح جي غذا عبادت آهي. نماز کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏيو. نماز کي ڪڏهن به پاڻ تي بوجهه نه سمجهو.
    نماز جو ٻيو سڀ کان اهم حصو ڌيان آهي. اسين جڏهن ورزش جي لاءِ جِم ۾ وڃون ٿا ته ان وقت اسان جو سمورو ڌيان ورزش تي هوندو آهي. نماز وقت به اسان کي اهڙي ڌيان ۽ يڪسوئيءَ جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ ته نماز اسان جي روح ۽ وجود کي پاڪ ڪري ٿي ۽ اها پاڪائي يڪسوئيءَ سان ملي ٿي. نماز وقت اسان کي دنياوي جنجهٽن کان بلڪل پري هجڻ گهرجي ته جيئن عبادت جو اصل مقصد پورو ٿي سگهي.
    وڌيڪ اهو به اهم آهي ته اسان کي نماز پڙهڻ ۾ ڪنهن جو به نقل نه ڪرڻ گهرجي. ممڪن آهي ته ٻيا نماز وقت لوڻا هڻندا هجن يا سندن ٻانهون کليل هجن پر ان سان اسان جو ڪو به واسطو نه هجڻ گهرجي. هر ڪو پنهنجي عبادت جو خود ذميوار آهي. اسين پنهنجي عمل جا ذميوار پاڻ هونداسين ۽ ٻيا پنهنجي عمل جا ذميوار پاڻ هوندا. مقصد هر ڪنهن جو خدا جي عبادت آهي. اسان کي ٻين جي طور طريقن بابت پاڻ منصف بڻجي فيصلو نه ڪرڻ گهرجي ۽ نه ڪنهن تي شڪ ڪرڻ گهرجي. هڪ ڳالهه چڱيءَ طرح پنهنجي ذهن ۾ ويهاري ڇڏيو ته توهان منصف نه آهيو.
    روزمرهه جا مسئلا به اسان لاءِ اهميت رکن ٿا ۽ اهو ممڪن آهي ته اهي اسان جي نماز کي به متاثر ڪن. بهرحال صورتحال ڪجهه به هجي اسان کي پنهنجي قوت ارادي سان ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري نماز ادا ڪرڻ گهرجي. اهو سچ آهي ته پريشانين مان مڪمل طور آجو ٿيڻ ڏکيو آهي پر جيڪڏهن مسلسل ڪوشش جاري رکجي ته اهو سڀڪجهه ممڪن آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ توهان جي ۽ خدا جي وچ ۾ حائل ٿئي ته پنهنجي مالڪ کان مدد گهرو “يا خدا آئون صرف تنهنجي رضامندي چاهيان ٿو ۽ تنهنجو فرمانبردار ٻانهو بڻجڻ چاهيان ٿو.” بيشڪ خدا اسان جي مدد ڪرڻ وارو آهي.
    آخر ۾ اهو ته هر ڪنهن جي نماز جو مقام ٻئي کان مختلف هوندو آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن جو روحاني مقام ٻئي کان مختلف هوندو آهي. اسان کي صرف اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته اسين پنهن جي مالڪ جي بندگي ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ اها بهتر کان بهتر انداز ۾ ڪريون. هر حال ۾ اسان جي منشا رڳو مالڪ جي خوشنودي هجڻ گهرجي. اسان کي گهرجي ته هر وقت خدا کان مدد ۽ رهنمائي جا طالب رهون.

    نماز عبادت جو سڀ کان اهم قسم آهي
    مسلمانن کي نماز کي سڀ کان گهڻي اهميت ڏيڻ گهرجي. ان جو سبب اهو آهي ته روز محشر اسان کي سڀ کان اڳ ۾ نماز جو حساب ڏيڻو پوندو. ان جو مطلب اهو نه آهي ته ڪو ٻيا گناهه گهڻا اهم نه آهن. اها حقيقت آهي ته نماز اسان کي تمام گهڻن گناهن کان بچائي ٿي. توهان اڪثر ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو هوندو “فلاڻو شخص تمام ڀلو آهي پر هو نماز نٿو پڙهي.” بهر حال اها سوچ غلط آهي.
    جيڪڏهن ڪو شخص نماز پڙهڻ کي اهميت نٿو ڏي ته پڪ ڄاڻو ته هو پنهنجي زندگي اجائي وڃائي رهيو آهي. نماز جي ڀيٽ ۾ روزو عبادت جو آسان رڪن آهي. حج به ايئن ئي آهي. حج اسان جي روح ۾ عبادت جا ڳڻ ۽ خوشيون ڀري ٿو. سفر جو مزو فراهم ڪري ٿو. جيڪي نماز نٿا پڙهن سي ڄڻ ٻٽا معيار رکندڙ هجن ۽ اڪثر عالمن ان کي منافقي به قرار ڏنو آهي.
    پنهنجي مالڪ جي ڏينهن ۾ پنج وقت بندگي اسان جو روحاني مقام وڌائي ٿي. بيشڪ ان جو تعلق عاجزي ۽ انڪساريءَ سان به آهي. نماز کي غير اهم نه سمجهو، جيڪو ڏينهن نماز کان سواءِ گذري ٿو سو ڄڻ ڪفر ۾ گذري ٿو. نماز جي اهميت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته معراج جي وقت به نماز موجود هئي. هر ڪنهن جو پنهنجو خيال آهي ۽ منهنجي خيال ۾ نماز جي ادائيگيءَ کان سواءِ معراج ممڪن نه هجي ها.

    نماز ۽ قرابت
    نماز هڪ اهڙي سواري آهي جيڪا بندي کي خدا جي قريب تر ڪري ٿي. اها حقيقت آهي ته نماز قرابت جو سڀ کان اهم وسيلو آهي. ٻئي پاسي سُستي هڪ بيماري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص مسلسل سُستي محسوس ڪري ٿو کيس آرام نٿو اچي ته پڪ ڄاڻو ته هُو خطرناڪ بيماريءَ جو شڪار آهي.

    نماز وقت دنياوي سوچون
    سوال: اسين نماز وقت اڪثر دنياوي سوچن جو شڪار رهون ٿا. ڇا اهڙي حالت ۾ اسان جي نماز قبول پوندي؟
    جواب: توڙي جو حڪم جي پيروي ڪئي ۽ ان جو اسان کي اجورو به ملندو پر ان نماز کي اعليٰ مقام حاصل نه هوندو. جيڪي مڪمل يڪسوئيءَ سان نماز ادا ڪن ٿا تن کي خدا ڪجهه وڌيڪ نعمتن سان سرفراز ڪري ٿو.
    ان جي ڪري اهو ضروري آهي ته اسان کي نماز وقت روحاني طور مڪمل عاجزيءَ سان خدا جي حضور حاضر رهڻ گهرجي. بدقسمتيءَ سان اسان جي نفسيات ڪجهه اهڙي آهي جو اسين مڪمل طور دنياوي مسئلن کان آجپو حاصل ڪري نٿا سگهون پر مسلسل ڪوشش سان انهن کي انتهائي گهٽ سطح تي آڻي سگهون ٿا. اسان کي اهڙي ڪوشش هروقت ڪندو رهڻ گهرجي.

    نماز گناهن جو ڪفارو آهي
    نماز جيڪڏهن درست انداز ۾ ادا ڪئي وڃي ته اها گناهن کي ڌوئي ڇڏي ٿي. جيڪڏهن ڪو پنهنجي گناهن تي نادم هجي ۽ مڪمل ندامت سان نماز ادا ڪري ته سندس گناهه معاف ٿي سگهن ٿا. بيشڪ خدا نيتن جو مالڪ آهي. نماز جي ادائيگي لاءِ ان جا سمورا لوازمات پورا هجڻ گهرجن.
    قيام کان سجدي تائين نماز جو هر رڪن درست انداز ۾ ادا ڪيو وڃي ته نماز گناهن کي ڌوئي سگهي ٿي. ان ڪري اهو بهتر هوندو نماز جي ادائيگيءَ ۾ ڪو نقص نه هجي. هر قسم جي ڪفاري کي نماز نٿو چئي سگهجي پر هر نماز ڪفارو بڻجي سگهي ٿي. توڙي جو گناهن جو ڪفارو ادا ڪرڻ لاءِ ڪنهن خاص نماز جو ذڪر نٿو ملي پر اهو سچ آهي ته عام نماز کي گناهن جو ڪفارو قرار ڏنو ويو آهي ۽ اهڙيون ڪافي حديثون به موجود آهن. ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته نماز جي ڪيتري اهميت ۽ طاقت آهي. ان ڪري لازم بڻجي وڃي ٿو ته نماز صحيح طريقي سان ادا ڪئي وڃي.
    ان سلسلي ۾ هتي هڪ اهم وضاحت پيش ڪجي ٿي. اهڙيون ڪيتريو ئي حديثون موجود آهن ته الله پاڪ چاهي ته نماز وقت سمورا گناهه معاف ڪري سگهي ٿو. سچ اهو به آهي گناهه جو احساس اسان کي سڄو ڏينهن پريشان ڪري ٿو سو جيڪڏهن وقت تي نماز ادا ڪجي ته ان مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. ڏسو ته سهي اسان کي ڪيڏي سهولت نماز جي شڪل ۾ مهيا ڪئي وئي آهي. ها ڪجهه نمازن کي خاص اهميت ضرور حاصل آهي جيئن رمضان ۾ شب قدر ۽ جمعي جي نماز جو الڳ مرتبو آهي. مالڪ رعايتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي رڳو اسين نيت ڪريون ته اهي سڀ حاصل ڪري سگهون ٿا.

    سجدو
    سجدو اهو مقام آهي جتي اسين پنهنجي سموري انا، هٺ ۽ غرور ڇڏي پنهنجي مالڪ جي اڳيان سر جهڪايون ٿا ۽ سندس پناهه جا طلبگار بڻجون ٿا. اهوئي تصور قيام جو به آهي پر سجدو انسان کي مالڪ جي انتهائي قريب تر ڪريو ڇڏي. حديثن ۾ آيل آهي “سجدو الله پاڪ جي ويجهو ترين ٿيڻ جو هنڌ آهي.” اهوئي سبب هو جو ملائڪن کي حڪم مليو ته هو آدم کي سجدو ڪن، ته جيئن هو آدم کي وڌيڪ ويجها ٿي سگهن. سجدو مالڪ کي اسين ڪنهن به وقت ڪري سگهون ٿا پر انسان لاءِ ڪنهن غير خدا کي سجدو ڪرڻ بدعت آهي.

    تهجد
    جيڪي پنهنجي راتين کي تهجد سان روشن ڪن ٿا الله پاڪ تن جي زندگي نور سان روشن ڪري ڇڏي ٿو ۽ قيامت جي ڏهاڙي سندن چهرا نور سان معمور هوندا. تهجد قبر واري زندگيءَ لاءِ هڪ بهترين روشني آهي. اها اسان کي قبر جي عذاب کان محفوظ رکي ٿي. تهجد دائمي زندگيءَ کي پُرنور بڻائڻ جو هڪ وسيلو آهي. تهجد کي ٻن رڪعتن کان اٺ رڪعتن تائين وڌائي سگهجي ٿو.
    بخاري ۽ مسلم ۾ آيل حديث مطابق، ابن عمر خواب ۾ ڏٺو ته کيس تمام سگهارن ۽ عجيب شڪل وارن ٻن ماڻهن پڪڙي ورتو آهي. هُو کيس هڪ اهڙي کاهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهارين ٿا جنهن ۾ هيٺ تمام خطرناڪ باهه ٻري رهي آهي. هو کيس ان ۾ اڇلائڻ جو ارادو ڪن ٿا ۽ ابن عمر اهو منظر ڏسي ڊڄي وڃي ٿو. ان وقت انهن ٻنهي مان هڪ چوي ٿو “خوف نه ڪر ..... اها باهه توکي ڪجهه به نه ڪندي.” ان خواب جو ابن عمر جي ڀيڻ پاڻ سڳورن سان ذڪر ڪيو ته فرمايائون “ابن عمر تمام نيڪ شخص آهي. منهنجي خواهش آهي ته هو تهجد به پڙهي.” پاڻ خواب جي تعبير ڪندي فرمايائون ته الله پاڪ خواب ۾ ابن عمر کي جهنم جو نظارو ڏيکاريو هو. اها هڪ قسم جي تنبيهه آهي ته سندس زندگيءَ ۾ جنهن شيءِ جي ڪمي آهي سا پوري ڪري. پاڻ سڳورن ان ڪميءَ کي تهجد قرار ڏنو هو.
    جنهن وقت هر ڪو پنهنجي بستري تي آرامي هوندو آهي ان وقت انتهائي عجز ۽ انڪسار سان ادا ڪيل ٻه رڪعتون نفل ۽ مصلي تي ڳڙي پيل ٻه ڳوڙها توهان کي نه رڳو شيطان کا محفوظ رکن ٿا پر توهان کي آخرت جي عذاب کان به بچائين ٿا. تهجد جي لطف کان رڳو اهي ئي آگاهه هوندا جيڪي تهجد پڙهن ٿا. جن جون راتيون روشن هونديون تن جا ڏينهن ته يقيني طور روشن هوندا.

    نماز، نماز ۽ نماز
    نماز ڪا اهڙي غيراهم شيءِ نه آهي جيڪا اسين اجايو پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪرڻ چاهيون ٿا. اسان جي لاءِ اهو سڀ کان اهم ڪم آهي جيڪو اسان کي هر حال ۾ ڪرڻ گهرجي. نماز اسان ۾ نظم ۽ ضبط ۽ سنجيدگي پئدا ڪري ٿي. نماز ڪنهن به طور تي ملتوي يا ترڪ نه ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهو عمل اسان جي هر دنياوي عمل کان وڌيڪ اهم آهي. نماز جي لاءِ هر شيءِ قربان ڪري سگهجي ٿي.

    هڪ ڀيرو ٻيهر نماز ..........
    سوال: ڪجهه ماڻهو پنهنجي ڪم جو بهانو بڻائي نماز ترڪ ڪري ڇڏين ٿا. ان بابت توهان ڇا چوندا؟
    جواب: ايمان هر شيءِ جو بڻياد آهي سو اسان کي ان معاملي کي به ان تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي. ايمان اسان جي زندگيءَ کي درست سمت عطا ڪري ٿو. صرف خدا تي ايمان آڻڻ سان ئي اسان جي دل کي حقيقي سڪون ملي سگهي ٿو. اهو سڪون فراهم ڪندڙ صرف خدا جي ذات آهي. ايمان اسان جي دل کي مڪمل سڪون فراهم ڪرڻ جي خاطري آهي. جيڪي خدا تي يقين نٿا رکن سي ڪنهن به طور مطمئن رهي نٿا سگهن. پهرين خدا تي ايمان ضروري آهي.
    ان کان پوءِ نبي پاڪ ﷺ جن تي ايمان آڻڻ ضروري آهي. اهو اسان کي مستقبل جي غيريقيني ۽ اونداهه کان بچائي ٿو. اهو اسان جو ايمان آهي ته رڳو پاڻ سڳورن جو ئي وسيلو آهي جيڪو اسان کي دنيا کان ويندي آخرت تائين هر ڏکئي مرحلي رهنمائي فراهم ڪري سگهي ٿو. حضرت محمد ڪريم ﷺ جن جي هستي ئي آهي جيڪا اسان جي تصور کان به وڌيڪ اسان جي مدد ڪندڙ آهي.
    ملائڪن تي ايمان اسان جي لاءِ اهم آهي. جڏهن اسين بلڪل اڪيلا هوندا آهيون تڏهن ملائڪ ئي هوندا آهن جيڪي اسان جي حفاظت تي معمور هوندا آهن. ان سان گڏ ملائڪن جي اسان جي اڪيلائي ۾ موجودگيءَ جو مطلب اهو به آهي ته هو اسان جي هر عمل جا شاهد آهن. اهو تصور اسان کي گناهن کان پري ۽ نيڪين جي نزديڪ ڪري ٿو. اسين پنهن جي سوچن ۽ تنهائي وقت هر غلط عمل کان پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشس ڪريون ٿا. اهو به ايمان جو هڪ حصو آهي.
    تقدير تي ايمان: اهو ايمان رکڻ ته هر ڏک، سک خدا جي طرفان آهي ۽ اهو خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه لاهي نٿو سگهي. اسان جو صبر ۽ شڪر ئي آهي جيڪو الله تعاليٰ کي رحم ڪرڻ تي راضي ڪري سگهي ٿو.
    موت کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان: ايمان هيءُ اهو اهم حصو آهي جيڪو اسان کي پنهنجي زندگيءَ تي ضابطو رکڻ ۽ گناهن کا پري رهڻ بابت سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. جتي گناهن تي عذاب آهي اتي نيڪين تي نعمتون به آهن. اسين جيڪي پياري نبي ڪريم ﷺ جن کان پوءِ پئدا ٿيا آهيو تن کي سندن زيارت رڳو آخرت ۾ ئي نصيب ٿي سگهي ٿي پر ان جي لاءِ اسان کي نيڪ عمل ڪرڻا پوندا.
    هاڻي ايمان جا اهي مختلف مرحلا آهن جيڪي اسان کي هڪ مقام عطا ڪن ٿا. اهي سڀ ايمان جا لازمي جز آهن جن کان پوءِ جيڪي به عمل آهن سي اسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهن. هاڻي توڙي جو نماز اسان جي مرضيءَ تي ڇڏيل آهي پر اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته نماز کان سواءِ ايمان مڪمل نٿو ٿئي.
    اسين جيڪڏهن نماز ۾ تلاوت ڪئي ويندڙ سڀ کان اهم آيت يعني سوره فاتحه جي ڪجهه آيتن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي نماز جي مڪمل اهميت جو به اندازو ٿي ويندو.
    الحمدلله رب العالمين: سڀ ساراهه الله جي جيڪو عالم جو رب آهي. ائٽم کان ڪهڪشائن تائين هر شيءِ سندس قدرت سان قائم آهي ۽ اهو سمورو نظام هلائيندڙ سندس ئي ذات آهي. پوءِ اسين سندس رحمت کان مايوس ڇو ٿيون؟ بيشڪ الله پاڪ اسان کي هر اوڙاهه کان محفوظ رکڻ جي مڪمل قدرت رکي ٿو.
    الرحمٰن الرحيم: هو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. کيس مڃيندڙن ۽ نه مڃندڙن لاءِ هڪ جيترو مهربان ۽ ٻاجهارو آهي. سندس رحمت سندس قهر کان وڌيڪ وسعت رکندڙ آهي. ته پوءِ اسين نا اميد ڇو ٿيون؟
    مالڪ يوم الدين: هو ئي قيامت جي ڏهاڙي جو مالڪ آهي. اهو اهڙو ڏهاڙو آهي جڏهن هرشخص کي پنهنجي ننڍي توڙي وڏي عمل جو حساب ڏيڻو پوندو. جيڪي هنن زندگيءَ ۾ ڪمايو هوندو سو ان ڏينهن تي سندن سامهون هوندو پوءِ ڪي پنهنجي عملن تي خوش ته ڪي پشيمان هوندا. اسان سندس ٻاجهه جا طالب آهيون.
    اياڪ نعبد و اياڪ نستعين: رڳو تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ رڳو تو کان ئي مدد گهرون ٿا. اسين قادرمطلق جي روبرو سر جهڪائي ادب سان بيهون ٿا. اسين تنهنجي دروازي تي فقير بڻجي آيا آهيون. اسين هتي اهو اعتراف ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسين تنهنجا ٻانها آهيون. تنهنجو ٻانهو ٿيڻ به هڪ اعزاز آهي. تون ئي اسان جو مالڪ ۽ مختيار آهين. تون ئي بادشاهن جو بادشاه آهين. اسين خوش نصيب آهيون جو اسين صرف تنهنجي اڳيان ئي جهڪون ٿا ۽ اسان کي ڪنهن ٻئي جي اڳيان جهڪڻو نٿو پوي. اسين ان هر شيءِ کان پناهه گهرون ٿا جيڪا توکي پسند نه آهي.
    اسين حضرت يونس عليه السلام جي انهن لفظن تي ڳالهه ختم ڪرڻ چاهيون ٿا “جنت ڇا آهي؟ ڪجهه حورون ۽ چند جايون....اها جنت انهن کي ڏئي ڇڏ جيڪي ان جا طلبگار آهن. آئون ته مالڪ صرف تنهنجو ئي طلبگار آهيان.”
    سورج مکيءَ جو گل هروقت سج جو سلامي رهي ٿو بلڪل اهڙيءَ طرح اسان کي به هر وقت پنهنجي خدا جي حضور حاضر رهڻ گهرجي ۽ ان جو سڀ کان بهتر طريقو نماز آهي. سج اڀرڻ کان اڳ ۾ نماز شروع ٿئي ٿي جيڪا سج لهڻ کان پوءِ به جاري رهي ٿي ۽ سڀني نمازن جو مجموعي وقت ڪڍون ته رڳو هڪ ڪلاڪ پر سج اڀرڻ کان اڳ ۽ سج لهڻ کان پوءِ به جاري رهندڙ آهي. ڪيڏي سهولت آهي. نماز نه پڙهي ته ڄڻ سج ئي نه اڀريو ۽ هر طرف اونداهه ئي رهي.
    جيڪي پابنديءَ سان نماز پڙهن ٿا تن جي ڪاروبار جي نگراني خدا پاڻ ڪري ٿو ۽ ان ۾ برڪت وجهي ٿو. هو حرام ۽ مڪروهه شين کان پري رهن ٿا.

    2. تهجد جون برڪتون
    هڪ نيڪ شخص هوندو هو جنهن ڪڏهن به نماز قضا نه ڪئي. هر رات پنهنجي گرم بستري مان اٿي تهجد به پابنديءَ سان پڙهندو هو. سندس زال به خدا جي نيڪ ٻانهي هئي ۽ نماز جي پابند هئي. هڪ ڏينهن هن پڇيو “ڇا عورتون به جنت ۾ وينديون؟”
    نيڪ شخص وراڻيو “بلڪل، منهنجي پياري گهر واري، عورتون به جنت ۾ داخل ٿي سگهنديون.”
    اهو جواب ٻڌي سندس گهر واري بيهوش ٿي وئي. ڪافي دير کان پوءِ جڏهن کيس هوش آيو سندس مڙس کانئس پڇيو “تو کي ڪهڙي ڳالهه بيهوش ڪيو؟”
    زال وراڻيو “اهو ٻڌي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ هينئر ئي سڌي جنت ۾ داخل ٿي وئي آهيان. ان ڪري بيهوش ٿي ويس.”
    ان رات خواب ۾ ان عورت کي هڪ عاليشان محل ڏسڻ ۾ آيو. اهو محل ايڏو ته خوبصورت هو جو اها عورت اچرج ۾ پئجي وئي. هوءَ بي اختيار محل ڏانهن وڌڻ لڳي. اتي موجود هڪ شخص پڇيائين “ هيءُ محل ڪنهن جو آهي؟”
    ان شخص وراڻيو “هيءُ محل انهن لاءِ آهي جيڪي اڌ رات جو اٿي تهجد نماز پڙهن ٿا. اهو الله جي نيڪ ٻانهن لاءِ آهي.”
    ان ڏينهن کان وٺي هن عورت تهجد نماز پڙهڻ شروع ڪري ڇڏي. هر وقت اهو چوندي رهندي هئي “اهو سڀ ڪجهه تهجد جي ڪري آهي.”

    3. نبي ڪنهن کي چون ٿا؟
    الله ﷻ جو پيغام بندن تائين پهچائيندڙ کي نبي يا پيغمبر چئبو آهي. هن کي خدا کان هدايت مليل هوندي آهي. الله تعاليٰ پنهنجي بندن کان جيڪي ڪجهه ڪرائڻ چاهيندو آهي نبي ان جو نمونو هوندو آهي.
    اسان کي آخر نبيءَ جي ضرورت ڇو پوي ٿي؟
    نبي رهنما هوندا آهن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هو انسان ذات جا اڳواڻ هوندا آهن. نه رڳو انسانن کي پر زمين تي رهندڙ ٻي مخلوق کي به رهنمائيءَ جي ضرورت پوندي آهي. اها هر ساهه واري جي ضرورت آهي. اچو ته ان سلسلي ۾ پهرين جانورن جي دنيا جو جائزو وٺون:
    هر شيءِ کي رهنمائي جي ضرورت پوي ٿي ان ڪري جو هر شيءِ کي خلقڻ جو هڪ ڪارڻ آهي. فطرت ۾ ڪا به شيءِ بيڪار نه آهي. مثال طور:
    وڏيون مڇيون پنهنجي ٻچن جي حفاظت لاءِ پاڻ خطرناڪ ٽڪرين واري پاسي هونديون آهن ته جيئن لهرن جي ڪري ٻچا ساڻن اچي ٽڪرائين. جبلن سان ٽڪرايا ته مري ويندا.
    بگهڙ پنهنجو علائقي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ ان جي سرحدن جي باقاعده حفاظت ڪندا آهن. ٻيو ڪو بگهڙ سندن علائقي ۾ اچي ته ان سان وڙهندا آهن.
    جهنگلي گهوڙا پنجن يا ڇهن جي گروپ ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. جيڪڏهن هو ڪنهن ولر ۾ به شامل ٿي وڃن تڏهن به هڪٻئي کان ڌار نه ٿيندا آهن. جڏهن گروپ ۾ ڪو ٻچو پئدا ٿيندو آهي ته گروپ جو اڳواڻ ڪنهن به ميمبر اڳتي پوئتي ٿيڻ نه ڏيندو آهي ۽ تيستائين روڪيندو آهي جيستائين اهو اٿي هلڻ جهڙو نه ٿئي.
    پکي به جڏهن هڪ علائقي کان ٻئي ڏانهن ويندا آهن ته هڪ رهنما جي پٺيان هلڻ پسند ڪندا آهن. اهي هزارين ميلن جو سفر ان رهبر جي پٺيان ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به راهه تان نه ڀٽڪندا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته هو جڏهن اڪيلا هوندا آهن ڀٽڪي ويندا آهن. اهڙو هڪ تجربو ڪيو ويو جڏهن ڏکڻ آفريڪا ڏانهن هجرت ڪندڙ ٻگهه پکين مان هڪ کي پڪڙي رکيو ويو جڏهن ته ٻيا پنهنجي سفر تي روانا ٿي ويا. پڪڙيل ٻگهه پکيءَ جسم ۾ هڪ ننڍڙو ٽرانسميٽر لڳائڻ بعد پنجن ڏينهن کان پوءِ ڇڏيو ويو. هو پنهنجي منزل تي پهچي نه سگهيو ۽ ڀٽڪي ويو. اهو پکي ڏکڻ آفريڪا بدران هندستان مان مرده حالت ۾ مليو.
    اهو خدا آهي جيڪو هر مخلوق جي ننڍي کان ننڍي گهرج به پوري ڪري ٿو. ڇا هن ڪڏهن انسان ذات جي ڪنهن وڏي کان وڏي گهرج پوري ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي؟ الله تعاليٰ بهتر ڄاڻي ٿو ته ننڍي کان ننڍي مخلوق کي به ڪيتري رهنمائيءَ جي ضرورت آهي ۽ ان کي اها رهنمائي مڪمل طور فراهم ڪري ٿو، ته پوءِ اسين ڪيئن ٿا چئي سگهون ته هو انسان ذات کي وساري ڇڏيندو ۽ ڪا به رهنمائي فراهم نه ڪندو؟
    رهنمائي هر مخلوق جي بنيادي يا فطري ضرورتن مان هڪ آهي. ان ڪري الله تعاليٰ انسان ذات جي رهنمائيءَ لاءِ نبي ۽ پيغمبر موڪليا. جيڪڏهن الله تعاليٰ انسانن کي اها رهنمائي فراهم نه ڪري ها ته پوءِ آخرت ۾ پڇاڻو انصاف جي ڳالهه نه هجي ها ۽ خدا بهترين منصف آهي. بهترين رهنمائي فراهم ڪئي ۽ هر شيءِ تفصيل سان واضح ڪئي. اسان کي عقل ۽ هوش فراهم ڪيو ۽ هاڻي اسين پنهنجي هر غلط ڪم جي سزا جا حقدار آهيون.

    4. انسان ذات بنا ڪنهن پيغمبر جي
    جيڪڏهن ڪو به نبي نه اچي ها ته هرڪو پنهنجي خواهشن ۽ جبلت مطابق جيئڻ چاهي ها. هرڪو پنهنجي عبادت جا طور طريقا پاڻ طئه ڪري ها، غور ڪريو ته ڪيتري بدنظمي هجي ها. ڪي عطا ڪيل نعمتن جي شڪراني طور ڏينهن رات عبادت ڪن ها ۽ روزا رکن ها، ڪي وري اجتماعي خودڪشيون ڪن ها ته جيئن جلد کان جلد جنت ۾ پهچي سگهن. ڪجهه کي وري اها خبر ئي نه هجي ها ته عبادت ڇا کي چئبو آهي. ڪجهه وري پئسي، مرتبي، جانورن، عورتن، وڻن ۽ ٻين شين جي عبادت ڪن ها. شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته الله پاڪ اسان جي رهنمائي لاءِ نبي موڪليا ۽ اسان کي مڪمل گمراهيءَ کان بچائي ورتو. ان رهنمائيءَ اسان کي مڪمل بدنظميءَ کان بچائي ورتو.

    5. نبوت
    اها ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته الله تعاليٰ نبين جي چونڊ انسانن مان ئي ڪئي. ڪجهه ماڻهن انهن پيغمبرن جي پيروي ڪئي ۽ سندن چوڻ مطابق هلي پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنوارڻ ۾ ڪامياب رهيا. انهن برداشت واري تهذيب جو بڻياد وڌو ۽ عظيم ڪاميابيون حاصل ڪيون. ٻين نبين جو چوڻ مڃڻ کان انڪار ڪيو. هنن پنهنجي لاءِ ڪفر جو رستو منتخب ڪيو، انصاف کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ رڳو پنهنجا دنياوي مقصد حاصل ڪرڻ کي اهميت ڏني. اهڙن ماڻهن پنهنجي دنيا ۽ آخرت برباد ڪري ڇڏي ۽ عذاب جا حقدار بڻيا. اڄ کين ياد ڪرڻ وارو ڪوبه نه آهي.
    نبين الله جي حڪم مطابق تبليغ ڪئي ۽ انسان ذات جي رهنمائي ڪئي. ماڻهن کي جائز ۽ ناجائز جي فرق کان آگاهه ڪيو. نبي پنهنجي وقت جي سڀ کان منفرد شخصيت رهيا ۽ صحيح واٽ تي هلندا رهيا. ڪوبه پاڻمرادو نبوت جي دعويٰ نٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته نبوت جو فيصلو الله پاڪ جي ذات ئي ڪري ٿي. عبادت جا اهي ئي طريقا رهن ٿا جيڪي الله پاڪ جي حڪم مطابق نبي اسان کي ٻڌائين ٿا. نبين ان سوال جي به وضاحت ڪئي “اسين ڪير آهيون، ڪٿان آيا آهيون، هتي ڇو آهيون ۽ موٽي ڪيڏانهن وڃڻو آهي؟”
    قادر مطلق لاءِ اهو بلڪل ممڪن هو ته هر ڪنهن کي هدايت يافته جي حيثيت ۾ پئدا ڪري ها؟ کيس ان لاءِ ڪنهن به نبيءَ جي ضرورت نه پوي ها. ان صورت ۾ هن ڪائنات ۾ مڪمل طور يڪسانيت هجي ها ۽ ڪنهن جي لاءِ به هن دنيا ۾ ڪابه ڪشش موجود نه رهي ها. ڪي به ايجادون نه ٿين ها ۽ هرڪو پنهنجي حال تي مست هجي ها. ان صورت ۾ اسين عقل استعمال ڪرڻ پسند ئي نه ڪريون ها ۽ اسان جي ۽ جانورن جي زندگيءَ ۾ ڪو گهڻو فرق نه هجي ها. مالڪ اسان کي مختيار ڪري پئدا ڪيو آهي ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ فرق خود ئي محسوس ڪرڻ جو فهم ڏنو آهي. ان جي ڪري هيءَ دنيا دلچسپ بڻجي وئي آهي.

    7. ڇا توهان کي خبر آهي؟
    نبين کي خدا ئي موڪليندو آهي ۽ هو پهريان شخص هوندا آهن جيڪي خدا جي انهن سمورن حڪمن ۽ هدايتن تي پهرين پاڻ عمل ڪندا آهن ۽ پوءِ پنهنجي امت کي ان واٽ تي هلڻ جي تلقين ڪندا آهن. سندن زندگي پنهنجين امتن لاءِ مثال هوندي آهي. هنن الله جو پيغام پکيڙڻ کان ڪڏهن به منهن نه موڙيو توڙي جو مٿن بي پناهه سختيون به ڪيون ويون، تشدد ڪيو ويو ۽ ايذايو ويو. حضرت ذڪريا عليه السلام ۽ حضرت يحيٰ عليه السلام جن کي شهيد ڪيو ويو ۽ حضرت محمد ﷺ جن کي هر طرح سان تڪليفون ڏنيون ويون پر پاڻ خدا جي واٽ کان پري نه ٿيا. مٿن ڪچرو اڇلايو ويو پر پوءِ به ثابت قدم رهيا.
    پاڻ سڳورن ان معاشري ۾ جنم ورتو جتي نياڻين کي زنده دفن ڪيو ويندو هو ۽ پاڻ سڳورن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ماڪوڙيءَ کي به ڪا تڪليف نه پهچائي. هنن پنهنجي اخلاق ۽ صبر سان 23 ورهين ۾ ان معاشري جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. نبين کي معجزا ڏيکارڻ جي قوت مليل هئي. حضرت سليمان عليه السلام کي هوا جي مدد سان اڏامڻ جي قوت حاصل هئي، حضرت ابراهيم عليه السلام باهه کي گلزار بڻائي ڇڏيو، حضرت موسيٰ عليه السلام نيل نديءَ مان پنهنجي امت سان پيادل اڪري پار ٿيا ۽ حضرت عيسيٰ عليه السلام مُردن کي ٻيهر زنده بڻائي ڇڏيو.
    پاڻ سڳورن جي پئدائش سان ئي معجزا شروع ٿي ويا.

    1. سندن پئدائش وقت آسمان ۾ هڪ نئون تارو وجود ۾ آيو.
    2. قصريٰ جي ايوان جا 12 ٿنڀ هڪدم ڊهي پيا.
    3. ڪعبي ۾ رکيل بتن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ڪيترا ئي بت ڪري ڀڄي پيا.
    4. ايران ۾ هزارين سالن کان ٻرندڙ آتشڪده باهه وسامڻ جي ڪري سرد ٿي ويا.
    5. ساس جي متبرڪ سمجهي ويندڙ ڍنڍ سُڪي وئي.
    6. سندن پئدائش جي مبارڪ رات مشرق کا مغرب تائين نور جي لاٽ ڏسڻ ۾ آئي.
    7. سيما جي واديءَ ۾ زبردست ٻوڏ اچي وئي.
    نبين کي ان ڪري موڪليو ويو ته:
    الف. خدا جي عبادت ڪن.
    ب. خدا جي پيغام جي تبليغ ڪن.
    ت. امت لاءِ مثال بڻجن.
    ث. هن زندگي ۽ آخرت ۾ توازن پئدا ڪن.
    ج. قيامت جي ڏهاڙي بابت ماڻهن جي ذهن ۾ موجود شڪ دور ڪن.
    الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات پنهنجي پياري محبوب جي لاءِ تخليق ڪئي. هيءَ ڪائنات هڪ عظيم ڪتاب آهي جيڪو وضاحت ڪري ٿو ته الله ﷻ ۽ حضرت محمد ﷺ جن ان جي تشريح ڪندڙ آهن. کانئس اڳ ايندڙ نبين به ان جي پنهنجي انداز ۾ تشريح ڪئي آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام جن پنهنجو نالو احمد رکيو. حضرت محمد ﷺ جن هن دنيا مان برقعو مٽائي اسان تي موت جي حقيقت واضح ڪئي ۽ ٻڌايو ته قبر ايمان وارن لاءِ سهولتن سان سجايل هڪ انتظار گاهه آهي ۽ خدا جي منڪرن لاءِ هڪ بدترين قيدخانو آهي. جتي هو ابدي سفر جي وقت اچڻ جو انتظار ڪري رهيا آهن. پاڻ سڳورا اُمي هئا. توڙي جو هو اُمي هئا پر پوءِ به سندن پيغام ايترو ته مڪمل ۽ درست آهي جو صدين کان هلندو پيو اچي ۽ هرڪو ان جي درست هجڻ جي تصديق به ڪري ٿو. جن به سائنسدانن اسلام جو مطالعو ڪيو تن بي اختيار ٿي چيو “محمدالرسول الله”. انگلينڊ جي عجائب گهرن ۾ رکيل فرعونن جا حنوط ٿيل لاش اڄ قرآن شريف جي هن آيت جي تصديق ڪري رهيا آهن “اڄ، اسان توهان جي جسمن کي محفوظ ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن توهان کان پوءِ ايندڙ ان مان سبق حاصل ڪن. پوءِ به ڪجهه ماڻهو اسان جي نشانين کان غافل آهن.” ڇا اها حضرت محمد ﷺ جن جي اچڻ جي تصديق نه آهي؟
    قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “اسان هر قبيلي لاءِ نبي موڪلي کين تنبيهه ڪئي (گمراهيءَ جي خطرن بابت.)” هر نبيءَ کي پنهنجي امت سان پيار هو. پاڻ سڳورا به پنهنجي امت سان بي پناهه پيار ڪندا هئا. دنيا ۾ ڪيترا ئي ڏاها ماڻهو پئدا ٿيا آهن پر هو رڳو ڪنهن هڪ يا ٻن فيلڊز ۾ مهارت رکندڙ هئا. پاڻ سڳورن زندگي ۽ وجود جي هر ذري تي روشني وڌي ۽ ان ۾ پنهنجي مهارت جو ڀرپور طريقي سان اظهار ڪيو. هنن دنيا جي معاشيات ۽ سماجيات ۾ هڪ توازن پئدا ڪيو. پرنس بسمارڪ چوي ٿو “ان ۾ ڪنهن سوال جي گنجائش ئي نه آهي ته محمد (ﷺ) هڪ بيمثال قوت آهي. ڪنهن به طاقت لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته اهڙو ڪو ٻيو شخص پئدا ڪري سگهي.”
    پاڻ سڳورن دعويٰ ڪئي ته الله پاڪ کين نبي ڪري موڪليو آهي ۽ ان جي تصديق لاءِ قرآن شريف پيش ڪيو. ان سان گڏ پاڻ اهڙا ڪيترائي معجزا ڪري اهو ثابت ڪيو ته کين واقعي نبوت عطا ڪئي وئي آهي. هتي ڪجهه معجزا پيش ڪجن ٿا جيڪي سندن نبوت جي تصديق ڪن ٿا.
    1. هڪ جنگ دوران رڳو چئن ماڻهن جي پيٽ ڀرڻ جيترو کاڌو وڃي بچيو هو ۽ سڄو لشڪر بکيو هو. پاڻ سڳورن الله تعاليٰ کان برڪت جي دعا گهري ۽ پوءِ سڄي لشڪر ان مان کائي پيٽ ڀريو پر کاڌو ختم نه ٿيو.
    2. سندن شق القمر وارو معجزو مشهور آهي.
    3. آڱرين مان پاڻي وهائڻ جو معجزو ڏيکاريائون.
    4. اڳوڻن نبين ۽ ڪتابن جيئن توريت ۽ انجيل وغيره سندن اچڻ جي تصديق ڪئي هئي.
    5. ڪنهن به انسان جي سڀ کان وڌيڪ متحرڪ هجڻ جو دور جواني آهي، جنهن دوران ماڻهو وڌيڪ جفاڪشي ڪري سگهندا آهن. پاڻ سڳورن جي نبوت جو دور ته شروع ئي چاليهه ورهين جي ڄمار کان پوءِ شروع ٿيو. اهو وڏو ثبوت آهي ته کين نبوت جي بشارت ملي هئي.
    6. وقت ۽ تاريخ سندن درست هجڻ جي تصديق ڪن ٿا. ٻيا مذهب آيا ۽ ختم ٿي ويا پر اسلام هڪ اهڙو دين آهي جيڪو اڄ به پنهنجي ڀرپور جواني ۽ جولانيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي.
    7. حضرت عيسيٰ فرمايو “آئون توهان سان وڌيڪ ڳالهائڻ نٿو چاهيان. ڇاڪاڻ ته عالم جو سردار اچڻ وارو آهي. هن ۾ جيڪي خوبيون آهن تن مان مون ۾ هڪ به نه آهي.” (انجيل، يوحنا، 14/30 )
    8. حضرت محمد ﷺ جن هيٺ ڄاڻايل معاملن ۾ اسان جي لاءِ هڪ مثال آهن:
    پاڻ سڄي ڪٽنب جو مڪمل خيال رکندا هئا.
    پاڻ بهترين ڪمانڊر هئا.
    پاڻ ڪامل ڄاڻ رکندڙ هئا.
    پاڻ ڏکيا سماجي مسئلا وڏي مهارت سان حل ڪيائون، جيئن مکڻ مان وار نڪري.
    انسانيت اڄ به سندن تهذيب کي مشعل راهه سمجهي ٿي. ان ڪري کين “تهذيب جو ابو سڏيو وڃي ٿو.”


    باب ڏهون

    اوڻيهون لفظ
    آئون رڳو لفظ محمد جي تعريف بيان نٿو ڪري سگهان ۽ ان جي لاءِ حضرت محمد ﷺ جن کان مدد جو طالب آهيان.
    ها اهو لفظ واقعي خوبصورت آهي پر پاڻ سڳورن جي شخصيت ان کي ڪائنات جو حسين ترين لفظ بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ان ۾ نبوت جون سموريون خاصيتون سموئي ڇڏيون آهن. اهو لفظ سمجهو ته ڏهن قطرن تي مشتمل آهي.

    پهريون قطرو
    اسان کي نجات ڏياريندڙ جون ٽي اهڙيون نشانيون آهن جيڪي آفاقي آهن. هڪ هن ڪائنات جو ڪتاب. ٻي نبوت جي مهر جيڪا هن ڪائنات جي ڪتاب جي سڀ کان افضل ترين نشاني آهي. هاڻي اسان کي نبوت جي مهر واري ٻي نشاني جي ڪجهه وضاحت ڪرڻي آهي ته جيئن ان کان واقف ٿي سگهون ۽ ان کي سمجهي سگهون.
    بيشڪ نبوت جي مهر هڪ واضح نشان آهي پاڻ سڳورن جي پيغمبر هجڻ جي: هيءَ ڌرتي هڪ مسجد آهي، مڪو شريف ان جو محراب آهي ۽ منيٰ ان جو منبر آهي. هاڻ ان تي جيڪا شخصيت جلوه افروز ٿئي ٿي سا حضرت محمد ﷺ جن کان سواءِ ڪا ٻي ٿي ئي نٿي سگهي. هو ئي هن ڪائنات جو سردار، نبين جو سردار ۽ مومنن جي هر عبادت جو مرڪز هجڻ جو دليل آهي. هو نور جو هڪ اهڙو وڻ آهي جنهن جو پاڙون سڀ نبي ۽ جنهنجو ڦل ولي آهن. سندن فرمان آهي ته الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. هر نظارو ۽ منظر سندس ساراهه ۽ ثناء ڪري ٿو. ماضي ۽ مستقبل يڪ آواز ٿي چون ٿا “تون سچ آهين، تون حق آهين.” اها اسان جي پياري نبيءَ جي درست هجڻ جي گواهي آهي.

    ٻيو قطرو
    ڪائنات جو مالڪ پاڻ اسان جي نبيءَ جي درست هجڻ جي گواهي ڏي ٿو ۽ ان کان سواءِ هزارين مظهر سندن درست هجڻ جا خاموش شاهد آهن. توريت ۽ انجيل سندن اچڻ کان دنيا کي آگاهه ڪيو هو. سندن ولادت مبارڪ ۽ نبوت ملڻ کان اڳ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي نشانيون هيون جيڪي سندن اچڻ جو اڳواٽ اشارو هيون. شق القمر وارو معجزو ۽ اهڙا ٻيا معجزا ثابت ڪن ٿا ته سندن نبوت جي دعويٰ بلڪل جائز هئي. سندن ذات ۽ سندن شخصيت هر قسم جي عيب کان پاڪ هئي. سندن مخالف به سندن تعريف ڪرڻ تي مجبور هئا. ايترو رتبو ملڻ جي باوجود پاڻ خدا جي عبادت ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪيائون، جيڪڏهن ڪو عام ماڻهو هجي ها ته ايئن نه ڪري ها. ان تي اسان جو ڪامل يقين آهي.

    ٽيون قطرو
    اچو ته تصور ۾ عرب اپٻيٽ جو سفر ڪريون! اهو ڪفر جو زمانو آهي! اسين پنهنجي تصور سان اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته اتي ڇا ٿي رهيو آهي. اسين اتي هڪ اهڙي شخص کي ڏسون ٿا جيڪو نوراني چهري وارو آهي. سندس هٿ ۾ ڪتاب آهي ۽ زبان تي لاالهٰ الالله، محمد الرسول الله جا لفظ آهن. هو جنن، ملائڪن ۽ انسانن کي خطبو ڏئي رهيو آهي. هو هن ڪائنات جي تخليق کان وٺي عام مسئلن تائين هر معاملو اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺي ٿو. هو هن ڪائنات جا ڳجها راز بيان ڪري سگهي ٿو. ڪائنات جي هر مخلوق کي هدايت ڪري ٿو ته هنن ٽن سوالن تي غور ڪريو “توهان ڪٿان آيا آهيو؟ توهان هتي ڇا پيا ڪريو؟ توهان ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو؟”

    چوٿون قطرو
    ڏسو هن مان ڪيئن سچ جو نور پکڙي رهيو آهي. دنيا جا اهي حصا جيڪي سندس نور کان هٽي ويا آهن اتي ڪيتري نه اونداهه آهي. هر طرف افراتفري ۽ بيچيني پکڙيل آهي. ڪوبه ماڻهو ٻئي کي سڃاڻڻ لاءِ تيار نه آهي. هر ڪو پنهنجي مفادن جي پٺيان ڊوڙي رهيو آهي. مخلوق ننڍڙن ٻارن وانگر روئي رهي آهي. هر ڪو موت جي خوف جو شڪار آهي. ٻئي طرف ڏسو جيڪي سندس نور کي قبول ڪري کيس ويجها ٿيا آهن اتي ڄڻ خوشي ۽ خوشحالي پکڙيل آهي. هر ڪو مطمئن ۽ عبادت ۾ مشغول آهي. هر طرف خدا جي ساراهه ۽ ثناء ٿي رهي آهي. سڀ پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهن ٿا، هر ڪو ٻئي جو دوست آهي. ڪٿي نه ڪو روڄ نه راڙو آهي. ڪنهن کي به موت جو خوف نه آهي ڇاڪاڻ ته هر ڪنهن کي خبر آهي ته هيءَ دنيا عارضي آهي ۽ اسين هتي مهمان آهيون. اسان کي آخرڪار موٽي پنهنجي مالڪ ڏانهن وڃڻو آهي ۽ هر ڪو پنهنجي آخرت جو ثمر گڏ ڪرڻ ۾ مشغول آهي.

    پنجون قطرو
    ان نور جي روشنيءَ سان اسان کي هيءَ ڪائنات متحرڪ نظر اچي رهي آهي، هر تبديلي بلڪل واضح نظر اچي ٿي ڪجهه به اتفاقي طور نه پر هڪ خالق جي حڪم سان ٿيندو نظر اچي ٿو. اسان تي ڪائنات جا راز منڪشف ٿي رهيا آهن. اسان کي هر وجود خالق جي طاقت جو مظهر نظر اچي رهيو آهي ۽ ان ۾ ڪوبه ابهام نظر ئي نٿو اچي. انسان هڪ اشرف المخلوقات وانگر نظر اچي ٿو، جيڪو هر شيءِ تي حاوي آهي. هر ماڻهو خوشي توڙي غم کي مالڪ جي عنايت سمجهي ٿو ۽ ان تي صابر ۽ شاڪر آهي. جيڪي الله جو خوف رکندڙ آهن سي بادشاهه بڻجڻ کان پوءِ به ڪنهن به قسم جي هٺ وڏائيءَ کان پري آهن. جيڪڏهن اهو نظام ڪنهن انسان جي وس ۾ هجي ها ته هڪ ڏينهن به هلي نه سگهي ها. جيڪڏهن الله جو رسول اسان جي رهنمائي نه فرمائي ها ته اسين به انهن انڌيرن ۾ غرق هجون ها. کين انسانيت لاءِ رهبر ۽ رهنما بڻائي موڪليو ويو. هو اسان جي لاءِ رحمت بڻجي آيا ۽ اهو اسان تي الله پاڪ جو سڀ کان وڏو احسان آهي. بيشڪ اي الله جا رسول توهان درست فرمايو ٿا ته هيءُ سڄو نظام خلقڻ ۽ هلائڻ وارو خدا ئي آهي.

    ڇهون قطرو
    بلڪل اهي انڌيرا دور ڪرڻ لاءِ کين نبي ڪري موڪليو ويو. ته جيئن اسان کي هدايت ڏئي سگهن. اسان جي ذهن تان غفلت جا پردا هٽائي سگهن. خدا ۽ بندي جي وچ ۾ تعلق جوڙي سگهن. اسان کي خدا جي نعمتن ۽ رحمتن کان آگاهه ڪري سگهن. اسان کي انسانيت جي فائدن کان آگاهه ڪري سگهن. اسان کي قادر مطلق بابت ٻڌائي سگهن. اسان جي سامهون پيار ۽ محبت جو نمونو بڻجي رهن. اسان کي شيطان جي شر کان بچائي سگهن. بيشڪ اسين چئون ٿا “خدا کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي.”

    ستون قطرو
    ڏسو ته هر طرف ڪيتريون نه برايون پکڙيل هيون. ڪيتريون غلط ريتون، رسمون ۽ عادتون موجود هيون. ڪيتري گمراهي پکڙيل هئي. پاڻ سڳورن اچي اسان کي ان انڌيري مان ٻاهر ڪڍيو. اهڙيءَ طرح عرب جو هيءُ علائقو ٻين جي لاءِ مثال بڻجي ويو. نبي ڪريم ﷺ جن تلوار جي ذريعي نه پر پنهنجي اخلاق ۽ ڪردار وسيلي ماڻهن جون دليو کٽي ورتيون. پاڻ زمين تي قبضو ڪرڻ بدران دلين تي قبضو ڪري ورتائون. پاڻ بهترين اخلاق ۽ ڪردار جو اعليٰ ترين نمونو بڻجي ويا. دليون ۽ ذهن فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسان جي روح جي راحت بڻجي ويا.

    اٺون قطرو
    توهان ڏٺو هوندو ته دنيا جي ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي ملڪ جو بادشاهه به جيڪڏهن چاهي ته سموري سختيءَ باوجود پنهنجي رعيت کي رڳو سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگهي. پر رسول الله ﷺ جن کي ڏسو ته رڳو پنهنجي اخلاق ۽ درس ڏيڻ سان عربن مان شراب، زنا، چوري، بدڪاري ۽ ٻيون خراب عادتون بلڪل ختم ڪري ڇڏيائون. سندن پيغام جي آفاقي هجڻ جو اهو ئي سڀ کان وڏو ثبوت آهي ته تبليغ جي ذريعي ماڻهن کي بتن بدران خدا جي عبادت ڪرڻ تر مجبور ڪري ڇڏيائون. ڪوبه جيڪڏهن چاهي ته عربن مان اهي برايون ختم ٿين ۽ ان لاءِ هزارين ذهين فلسفي به وٺي وڃي ها تڏهن به ايئن ڪرڻ ڪنهنجي لاءِ ممڪن نه هجي ها ۽ پاڻ سڳورن اهو سڀڪجهه ڪري ڏيکاريو.

    نائون قطرو
    جيئن ته توهان سڀني کي خبر آهي ته غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو اعليٰ طبقي وارن جي اڳيان ڪنهن اهڙي مسئلي تي جنهن مان کيس ڪو ذاتي فائدو نه ٿيندو هجي بنا ڪنهن هٻڪ يا پريشانيءَ جي ڪوڙ ڳالهائي نه سگهندو آهي نه ئي کين ڪو دوکو ڏئي سگهندو آهي. اڪثر ڪنهن اهم معاملي تي ماڻهو سچ ڳالهائڻ کان به لنوائي ويندا آهن. هيءُ ته تمام ديوين ۽ ديوتائن کي غلط ثابت ڪرڻ سان گڏ اهم مذهبي معاملن جي خلاف ڳالهائڻ جو مسئلو هو. ڪوبه شخص بنا ڪنهن ثبوت جي ڳالهائي اهو ممڪن نه هو. سو به اهو شخص جنهن جي باري ۾ مشهور هجي ته هو ڪوڙ نه ڳالهائيندو آهي، امين آهي اهو شخص جڏهن ڪنهن اهڙي معاملي تي ڳالهائي ٿو ته بنا ڪنهن اٿارٽيءَ جي نه ڳالهائيندو هوندو. بلڪل اها عطا ڪيل نبوت ئي هئي جنهن کيس ايترو بي خوف بڻائي ڇڏيو هو. پاڻ سڳورن کي اها ڄاڻ هئي ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو، ديوتائن جا پوڄاري سندن جان جا دشمن بڻجي ويندا پر کين اها پڪ هئي ته خدا جي ذات سڀ کان اعليٰ ۽ افضل آهي. کين اها به پڪ هئي ته الله پاڪ جي مدد جنهن کي حاصل هجي تنهن کي دنياوي مخالفتون ڪجهه به نٿيون ڪري سگهن. سچ تي عمل دوکو نه آهي پر سچ کان انڪار دوکو آهي. اهڙيءَ طرح پاڻ پيغام پهچائڻ شروع ڪيائون.

    ڏهون قطرو
    ڏسو ته پاڻ سڳورن ڪهڙو جستجو پئدا ڪندڙ، دلڪش، ضروري ۽ خوبصورت سچ پيش ڪيو آهي ۽ ڪيئن معاملن کي حل ڪيو آهي.
    توهان کي خبر آهي ته جستجو هڪ اهڙي شيءِ آهي جيڪا اسان کي هر خطرو کڻڻ تي آماده ڪري ٿي. توهان کي جيڪڏهن ڪير چوي ته چنڊ يا مريخ تان ڪو اهڙو شخص اچڻو آهي جيڪو توهان کي اتي جون حقيقتون ۽ توهان جي مستقبل جو حال ٻڌائي سگهي ٿو ۽ توهان کي ان لاءِ پنهنجي اڌ عمر يا ڪمايل دولت جو اڌ ڏيڻو پوندو ته توهان جو جواب ڇا هوندو؟ شايد توهان ان تي به راضي ٿي وڃو، ڇاڪاڻ ته ڪجهه ڄاڻڻ جي جستجو شيءِ ئي اهڙي آهي. ٿورو غور ڪريو ته چنڊ هڪ مک وانگر پتنگ يعني ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر پيو لڳائي، ڌرتي وري پتنگ وانگر ڏيئي يعني سج جي چوڌاري چڪر ٿي لڳائي ۽ سج جو اهو ڏيئو انهن هزارن مان هڪ آهي جيڪي ڪائنات جي بادشاهه جي درٻار ۾ لڳل آهن. هاڻي اهو بادشاهه ڪيترو طاقتور هوندو ان جو ته ڪو اندازو ئي نه آهي. اهي حقيقتون اسان تي پاڻ سڳورن عيان ڪيون.
    مستقبل جي باري ۾ فرمائن ٿا ته هيءَ ڌرتي ته بس رڃ جي هڪ تروري جيتري آهي ۽ ڪائنات جي وسعتن سان ان جي ڪابه ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. ان هڪ تروري جي تباهه ٿيڻ سان هن ڪائنات تي ڪهڙو اثر پوندو.
    1. پاڻ سڳورن جي نبوت ۾ لڳل نگينه
    ”پاڻ سڳورن جي نبوت کان اڳ واري زندگي ئي سندن نبوت جي تصديق لاءِ ڪافي آهي.“
    1. سندن جنم مبارڪ وقت پيش ايندڙ واقعا، سندن ٻالڪپڻي ۾ ئي سندن عزيزن کي سندن غير معمولي صلاحيتن جي خبر پئجي وئي ۽ جوانيءَ وقت ڪنهن کي به شڪ نه رهيو ته کين اڳتي هلي ڪو انتهائي ڏکيو ڪم ڪرڻو آهي.
    2. نبوت کان اڳ ۾ ئي پاڻ سڳورا مظلومن جا ساٿي هوندا هئا ۽ ظالمن جي خلاف آواز بلند ڪرڻ لڳا. مظلومن جي هر ممڪن مدد به ڪندا هئا.
    3. ڪڏهن به دولتمندن وانگر آسائش ڀري زندگي نه گذاريائون. پاڻ ٻالڪپڻي ۾ ئي يتيم بڻجي ويا. سندن ڪجهه تربيت سندن ڏاڏي عبدالمطلب ڪئي ۽ باقي تربيت سندن چاچي ابو طالب ڪئي. وٽن ڪا به مال دولت نه هئي.
    4. پاڻ جن ڏينهن ۾ تولد ٿيا تن ڏينهن ۾ عرب ۾ هر طرف برائي ۽ بدڪاري پکڙيل هئي پر پاڻ ڪڏهن به ڪنهن خراب عمل ڏانهن راغب نه ٿيا ۽ انتهائي وقار ۽ پاڪدامنيءَ سان وقت گذاريندا هئا. پاڻ فرمايائون ته کين ٻن مختلف شادين ۾ شرڪت ڪرڻي پئي پر پاڻ سفر دوران ئي سمهي رهيا. چون ٿا ته پاڻ سڳورا ايترا ته شرميلا هئا جو بيبي خديجه سان شاديءَ جي وقت پگهر ۾ ٻڏل هئا. ان شاديءَ وقت پاڻ سڳورا ڦوهه جوانيءَ ۾ هئا يعني سندن عمر 25 سال هئي ۽ بيبي خديجه جي عمر 40 سال هئي ۽ بيواهه هئي. تن ڏينهن ۾ جڏهن ڪو شخص جنگ تي ويندو هو ته پنهنجي نياڻين جي ستر جي حفاظت لاءِ کين ڪنهن اعتبار جوڳي شخص جي حوالي ڪري ويندو هو ۽ اهڙن تمام ماڻهن جو پهريون انتخاب پاڻ سڳورا هوندا هئا.
    5. نبوت کان اڳ ۾ سڀ ماڻهو کين امين ۽ سچار چوندا هئا ۽ پاڻ ڪڏهن به واعدي خلافي نه ڪيائون. سندن دشمن به سندن انهن خوبين جا متعرف هئا. عجيب ڳالهه اها به آهي ته سندن سڀ کان وڏي دشمن ئي کين “محمد امين” جو لقب ڏنو هو. ڪعبت الله شريف ۾ جڏهن حجر اسود تي تنازعو پئدا ٿيو ته سڀ گڏجي حل لاءِ وٽن آيا ۽ پاڻ سڳورن اهو مسئلو انتهائي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪري ڇڏيو. اهو پٿر هڪ ڪپڙي تي رکي سڀني سردارن گڏجي کنيو ۽ لڳائي ڇڏيو. سڀ خوش ٿي ويا.
    6. نبوت ملڻ کان اڳ ۾ سندن زندگيءَ ۾ جڏهن عجيب واقعا پيش اچڻ لڳا ته پان سڳورا گوشه نشينيءَ لاءِ غار حرا ۾ هليا ويندا هئا. پاڻ سڳورا امي هئا پر جڏهن غار حرا ۾ مٿن وحي نازل ٿيڻ جو سلسلو شروع ٿيو ته پوءِ ڪو به عالم يا فاضل سندن علم جو مقابلو نه ڪري سگهيو. اهو به سندن نبي هجڻ جو هڪ بهترين دليل آهي.
    7. ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته ڪو اهڙو شخص جيڪو چاليهه سالن تائين ڪوڙ نه ڳالهائي ۽ سندن دشمن به ان ڳالهه کي مڃيندا هجن. اهو شخص چاليهه سالن کان پوءِ اوچتو ڪوڙ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇا اهو ممڪن آهي؟

    ”دشمن به اسان جي نبيءَ کي امين سڏيندا هئا“
    1. اهي جيڪي چاليهه سالن تائين کين امين ڪوٺيندا رهيا ۽ وٽن امانتون رکندا هئا تن کين نبي مڃڻ کان انڪار ڪيو. هنن جو اهڙو عمل سندن ٻٽا معيار ظاهر ڪري ٿو. افسوس اهڙن ماڻهن کي عالم ۽ امير سمجهيو ويندو هو ۽ سندن ان عمل کان پوءِ ڇا اهڙا ٻٽا معيار رکندڙ ماڻهن کي عالم سڏي سگهجي ٿو؟ شايد سندن ان انڪار جا ڪي ٻيا سبب هئا. نبيءَ جي هلت چلت ۾ ڪو به ڦيرو نه آيو هو پر مشرڪن جي قول ۽ فعل ۾ تضاد پئدا ٿيو هو. هو سج جي روشنيءَ کان رڳو پنهنجي شخصي انا جي خاطر اکيون پورڻ تي مجبور هئا.
    2. سندن دشمن به مٿن ڪڏهن ڪوڙ ڳالهائڻ جو الزام هڻي نه سگهيا ۽ نه ئي سندن پيغام کي غلط چئي سگهيا. سو ان جي ڪري پاڻ سڳورن تي ٻيا الزام هڻڻ شروع ڪيائون. کين جادوگر ۽ تمام بهترين شاعر سڏڻ لڳا. هنن کي پاڻ سڳورن جي معجزن کان به ڪو انڪار نه هو پر هو انهن معجزن کي جادوگريءَ جو تمام اعليٰ ترين نمونو سڏيندا هئا.
    3. ڪجهه ته اهو به چوندا هئا “محمد ﷺ جن چون ته صحيح ٿا” پر هو رڳو پنهنجي انا ۽ غرور جي ڪري کين نبي مڃڻ کان انڪار ڪندا رهيا. هو چوندا هئا “اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته نبوت جو ڪم ڪنهن يتيم جي حوالي ڪيو وڃي جڏهن ته مڪي ۾ ٻيا به ڪافي امير ماڻهو به موجود آهن؟” هو نبوت جي انڪار لاءِ سکڻا بهانا گهڙيندا رهيا.
    4. مڪي ۾ تن ڏينهن ۾ بتن جي پوڄا پوري اوج تي هئي ۽ شاعري ۽ ادب ۾ به انهن جو ئي ذڪر هوندو هو. هنن اسلام جي دعوت جي قبول ڪرڻ بدران مخالفت جو ڏکيو رستو اختيار ڪرڻ پسند ڪيو. جڏهن قرآني آيتون سندن سامهون آيون ته هنن ان کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ قرآن شريف جو مقابلو ڪرڻ لاءِ شاعري ڪرڻ لڳا پر ان جهڙي هڪ آيت به نه ٺاهي سگهيا. ان جي ڪري جو اهو الهامي ڪتاب آهي ۽ ان جو مقابلو ڪو به نٿو ڪري سگهي.
    5. مشرڪن تشدد جو رستو محض ان ڪري اختيار ڪيو ته هو پاڻ سڳورن ۾ ڪو عيب ڳولي نه سگهيا. هو پاڻ سڳورن جي سڄي زندگيءَ ۾ تر جيتري بي ايماني به ڳولي نه سگهيا.
    6. سندن نبوت جي هڪ ٻي اهم نشاني اها به آهي ته سندن اهڙا دشمن جيڪي تلوارون کڻي جنگ لاءِ آيا سي سندن حسن سلوڪ ڏسي مسلمان ٿي ويا. انهن ۾ صفوان، ابوسفيان، امر ابن العاص، خالد ابن وليد، اڪريمه، هند ۽ وحشي شامل آهن. توڙي جو هو ابتدا ۾ پاڻ سڳورن جا شديد دشمن هئا پر پاڻ سڳورن جي اخلاق کين جانثار بڻائي ڇڏيو. هو هڪ هڪ ٿي اسلام جي دائري ۾ ايندا ويا ۽ دين جي تبليغ ڪرڻ لڳا.

    ”سندن نبوت کان پوءِ واري زندگي سندن نبوت جي گواهي ڏي ٿي.“
    1. اهو ته ممڪن نه آهي ته ڪو شخص تمام ڏاهو هجي ۽ هو پنهنجا خيال رڳو پاڻ تائين محدود رکي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته هو پنهنجو پيغام ٻين تائين ضرور پهچائڻ چاهيندو ۽ پنهنجا پوئلڳ پئدا ڪندو. اچو ته ٿورو پنهنجي پاڻ تي غور ڪريون، ڇا اسين پنهنجا خيال رڳو پاڻ تائين محدود رکڻ چاهينداسين؟ بلڪل نه اسين ته پنهنجا خيال ڌارين تائين به پهچائڻ چاهينداسين. انساني زندگيءَ ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر وارو حصو تمام اهم ۽ متحرڪ هوندو آهي. سڄي دنيا اهو تسليم ڪري ٿي ته ان عمر جي نوجوانن ۾ تشدد جو رجحان وڌيڪ هوندو آهي. ويجهي تاريخ اهو ٻڌائي ٿي ته ان عمر جي اڪثر نوجوانن رڳو پنهنجي سوچ تسليم ڪرائڻ لاءِ تشدد کان ڪم ورتو. ٻئي طرف اسان جي پياري پيغمبر ﷺ جن پنهنجو پيغام پهچائڻ جو ڪم چاليهه ورهين جي عمر کان پوءِ شروع ڪيو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورا ڪنهن جي حڪم تي ڪم ڪندا رهيا. جيڪا خدا جي ذات ئي هئي.
    2. ڪنهن جي به شخصيت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جڏهن کيس ڪاميابي، رتبو ۽ دولت ملي. اڪثر ماڻهو اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ کان پوءِ بدلجي ويندا آهن پر پاڻ سڳورن جي شخصيت ۾ ڪوبه بدلاءُ نه آيو. پاڻ نبوت ملڻ کان پوءِ به انتهائي سادگيءَ سان پنهنجو وقت گذاريندا رهيا. سندن ميل جول ۾ نه نبوت کان اڳ ڪو نقص هو ۽ نه ئي نبوت ملڻ کان پوءِ ڪا خامي ڪنهن کي نظر آئي. اهو ئي سندن نبي هجڻ جو دليل آهي.

    2. خوبصورت وار
    عبدالرحمٰن هڪ شاگرد هو جيڪو هڪ بورڊنگ اسڪول ۾ پڙهندو هو. هو پنهنجي اخلاق، سڀاءُ، انداز ۽ پڙهڻ ۾ ٻين شاگردن لاءِ مثال هو. هڪ ڏينهن ڪنهن شاگرد جو سندس وڏن وارن ڌيان ڇڪايو. پر هن جي استادن ۽ مائٽن ان طرف ڪو به ڌيان نه ڏنو ۽ سندن خيال هو ته هڪ ڏينهن هو پاڻ پنهنجا وار ننڍا ڪرائي ايندو. عبدالرحمٰن جا وار مسلسل وڌندا رهيا. آخرڪار هڪ ڏينهن اسڪول جي وائيس پرنسپال کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرايو. هن کيس چيو: “عبدالرحمٰن توهان جا وار تمام وڏا ٿي ويا آهن، توهان کي اهي ڪجهه ننڍا ڪرائي ڇڏڻ گهرجن، ٺيڪ آهي؟”
    عبدالرحمٰن ڪنڌ لوڏڻ جي ڪوشش ڪئي پر وائيس پرنسپال اهو نه سمجهي سگهيو ته هو اثبات ۾ پيو ڪنڌ لوڏي يا انڪار ۾ بهرحال هن ان جو نتيجو اهو ڪڍيو ته هن وقت شايد وقت نه اٿس ان ڪري موڪل واري ڏهاڙي جيئن گهر ويندو ته وار ڪٽائي ايندو. موڪل وارو ڏهاڙو آيو ته عبدالرحمٰن گهر هليو ويو.
    گهر پهچڻ کان پوءِ رات جي مانيءَ تي کيس سندس والد چيو “پيارا پٽ توهان سڀاڻي وار ڪٽائيندا؟”
    عبدالرحمٰن ڏاڍو فرمانبردار هو هن ڪڏهن به والدين جو چوڻ نه موٽايو هو ۽ نه ئي سندن سامهون وڏي آواز ۾ ڪڏهن ڳالهايو هو. پر اڄ هن وڏي آواز ۾ چيو “نه بابا آئون وار نه ڪٽائيندس.” ايترو چئي هو مانيءَ تان اٿي پنهنجي ڪمري ۾ هليو ويو. سندس ماءُ ۽ پيءُ هڪٻئي جو منهن ڏسندا رهجي ويا. کين حيرت هئي ته اڄ سندن پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي پر پوءِ هنن ان ڳالهه کي ٽاري ڇڏيو. عبدالرحمٰن جيئن اسڪول پهتو ته سندس وار ڪٽيل نه هئا ۽ اها ڳالهه پرنسپال کي نه وڻي تنهن کيس پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڪاوڙ مان چيو “سڀاڻي تنهنجا وار ڪٽيل هجن.” عبدالرحمٰن ٿورو جهڪيو ۽ پوءِ آفيس مان نڪري پنهنجي ڪلاس ۾ هليو ويو. پڙهائي جيئن ئي ختم ٿي ته هو هاسٽل ڏانهن نه ويو پر اتان سڌو موٽي گهر هليو ويو. صبح جو اٿي هو آرسيءَ جي آڏو وڃي بيٺو ۽ وارن کي ڇهندي چوڻ لڳو “آئون هنن کي اها اجازت نه ڏيندس هو اوهان کي مون کان ڌار ڪن.”
    عبدالرحمٰن جي والده محسوس ڪيو ته سڄو مسئلو وارن جو آهي ۽ جيڪڏهن اهو مسئلو حل نه ٿيو پٽ جي تعليم متاثر ٿيندي. سو هن نرميءَ سان عبدالرحمٰن کي چيو “ پٽ توکي خبر آهي ته تون اسان کي ڪيترو پيارو آهين ۽ توکي اسان جي دل نه ٽوڙڻ گهرجي ۽ اڄ ئي پنهنجا وار ڪٽائي ڇڏڻ گهرجن.”
    عبدالرحمٰن چوڻ لڳو “امان اوهان کي خبر آهي ته آئون به توهان کي ايترو ئي پيار ڪريان ٿو، آئون بابا کي پيار ڪريان ٿو ۽ مون کي پنهنجي استادن سان به ايتري ئي محبت آهي. آئون توهان سڀني جو بيحد احترام ڪريان ٿو. مهرباني ڪري مون کي اهڙو حڪم نه ڏيو جيڪو آئون پورو ڪري نه سگهان ۽ توهان کي ان تي افسوس ٿئي يا ڪو رنج پهچي.”
    ماءُ چوڻ لڳي “پٽ مون کي ٻڌائي آخر تون وار ڪٽائڻ کان انڪار ڇو ڪرين ٿو؟”
    عبدالرحمٰن چوڻ لڳو “امان اهو آئون ٻڌائي نٿو سگهان.”
    ماءُ چيو “پٽ تنهنجي ان رويي تي تنهنجا استاد به پريشان آهن. مون سان گڏجي هل ته حجام ڏانهن هلون.”
    عبدالرحمٰن وٽ هاڻي انڪار جي ڪابه گنجائش نه رهي ۽ هو مجبور ٿي ماءُ سان گڏجي حجام ڏانهن هليو ويو. حجام سندس وار ڪٽي ننڍڙا ڪري ڇڏيا.. وار ڪٽئڻ کان پوءِ عبدالرحمٰن سڀ ميڙي هڪ ٿيلهي ۾ وڌا ۽ ماءُ سان گڏجي گهر هليو ويو. ٻئي ڏينهن هو اسڪول هليو ويو.
    مائٽ ۽ استاد خوش هئا هن فرمانبرداريءَ جو مظاهرو ڪيو. هڪ ڏينهن وائيس پرنسپال سڀني شاگردن جون ڪاپيون چيڪ ڪري رهيو هو اوچتو هن جي نظر عبدالرحمٰن جي ڪاپيءَ ۾ رکيل وارن تي پئي. هن کي حيرت ٿي ته عبدالرحمٰن آخر اهڙي حرڪت ڇو ڪئي. هن ڏٺو وار جنهن هنڌ پيل هئا ڪاپيءَ جي ان ئي حصي ۾ هي سٽون به لکيل هيون:
    “آئون پنهنجا وار هرگز نه ڪٽايان ها جيڪڏهن منهنجي مٺڙي ماءُ ان تي ضد نه ڪري ها. هنن کي اها خبر نه هئي ته هڪ رات خواب ۾ منهنجن انهن ئي وارن تي پياري پيغمبر ﷺ جن هٿ ڦيري انهن کي پسند ڪيو هو.
    اي منهنجا پيارا نبي ﷺ مون کي معاف ڪجو توهان جن وارن تي هٿ ڦيريا هئا سي مون ڪٽائي ڇڏيا آهن.”

    3. تاريخ ۽ وقت سندن نبوت جي تصديق ڪن ٿا
    پاڻ سڳورن جي زندگي نبوت ملڻ کان اڳ به بلڪل نبين جهڙي ئي هئي. سندن جنم مبارڪ به ڪيترن ئي حوالن کان منفرد هو. سندن والده بيبي آمنه جڏهن حامله ٿي ته منجهس جيڪي تبديليون آيون انهن تي سندن سڄي خاندان کي حيرت هئي. سندن ڄمڻ وقت بيبي آمنه کي ڪابه تڪليف نه ٿي. پاڻ جڏهن پئدا ٿيا ته ان وقت ئي سندن طهر ٿيل هو. ڄمڻ شرط سندن زبان مبارڪ مان اهي لفظ نڪتا “منهنجي امت، منهنجي امت.” سندن جنم مبارڪ وقت دنيا ڪيترائي عجيب واقعا رونما ٿيا.
    پاڻ سڄي زندگي انتهائي باوقار انداز ۾گذاريائون. پاڻ هميشه دعوتن کان لنوائيندا هئا. رڳو ٻن شادين ۾ شريڪ ٿيا سو به ان حال ۾ ته سفر دوران ئي سمهي رهيا. پاڻ 25 ورهين جي ڄمار ۾ 40 ورهين جي بيواهه عورت سان شادي ڪيائون. گمراهيءَ جي ڏينهن ۾ به ماڻهو مٿس مڪمل اعتبار ڪندا هئا.

    4. فخر انسانيت هئا
    مشهور شاعر نجيب فاضل لکي ٿو “پاڻ سڳورن جي ڪري اسين خلقيا وياسين.” حديث قدسي جنهن جي صحت تي اڪثر عالم شڪ جو اظهار ڪن ٿا، پر پوءِ به هتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ان حديث مطابق پاڻ فرمايائون “جيڪڏهن مون کي پئدا نه ڪيو وڃي ها ته هيءَ دنيا ئي نه خلقي وڃي ها.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات خلقي. ڪائنات جو هيءُ ڪتاب تصديق ڪري ٿو ته ڪائنات جو خالق الله پاڪ آهي ۽ محمد ﷺ سندس پيغمبر آهي. سندن وجود کان سواءِ هيءَ ڪائنات ممڪن نه هئي. پاڻ سڳورا نه هجن ها ته هيءَ ڪائنات مڪمل انڌيري ۾ هجي ها ۽ اسان کي ڪوبه راهه ڏيکارڻ وارو ئي نه هجي ها. قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “انسان ۽ جن ان جي ڪري خلقيا ته هومنهنجي عبادت ڪن.” ابن عباس ان جي تشريح هن طرح ڪري ٿو. “الله پاڪ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ اسان سڀني کي خلقيو.” اسان جي پياري پيغمبر کان سواءِ اسين خدا جي وجود کان غافل رهون ها. ان بنياد تي اسين چئي سگهون ٿا ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي هيءَ سڄي ڪائنات خلقي وئي.
    کانئن اڳ ايندڙ سڀني نبين پنهنجي انداز ۾ سندن اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.مثال طور حضرت آدم عليه السلام جنت مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ کين شفاعت ڪندڙ قرار ڏنو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهريائون “اي خدا مون کي محمد ﷺ جي صدقي بخش ڪر.” حضرت عيسيٰ به سندن آمد جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. هڪ ڀيري چيائون “آئون توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، پر هن وقت توهان اهو سمجهي نه سگهندا. مون کي هاڻي هر صورت واپس وڃڻو آهي، ته جيئن ڪائنات جو سردار، پاڪ روح، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ٻڌائيندڙ اچي ۽ توهان کي سچ کان آگاهه ڪري.
    سندن آمد کان اڳ ۽ سندن جنم وقت جيڪي ڪجهه ٿيو پاڻ ان جي وضاحت ڪيائون ۽ اهو سڀ ڪجهه واقعي ٿي چڪو هو. سيار جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن جي پئدائش وقت ڪعبي ۾ رکيل سمورا بت ڪري پيا ۽ ايران جي قصريٰ جا ٿنڀ ڊهي پيا وغيره.
    سندن حفاظت هر وقت الله پاڪ ڪندو هو، ايتري حد تائين جو ٻالڪپڻي ۾ به هو الله جي امان ۾ هئا. مثال طور تي جڏهن پاڻ اڃا ٻار هئا ته ڪعبي جي آرائش دوران پٿر ڪلهي کڻي اچي رهيا هئا ته سندن چاچي کين چيو ته توهان جيڪڏهن ڪلهي تي ڪپڙو رکي پوءِ پٿر کڻندا ته توهان جا ڪلها زخمي نه ٿيندا. پاڻ سڳورن پنهنجي احرام جو ڪجهه حصو ورائي ڪلهي تي رکيو ۽ پٿر کنيائون ته سندن نظر وڃي سندن ٽنگن تي پيئي جيڪي ظاهر نظر اچي رهيون هيون. توڙي جو ان وقت ٻيو ڪوبه ماڻهو سندن ويجهو نه هو پاڻ سڳورا اهو ڏسي ايترا ته شرمسار ٿيا جو بيهوش ٿي ويا. اتان لنگهندڙ ڪنهن شخص کين بيهوش پيل ڏٺو ۽ اچي سندن چاچي کي ٻڌايو. جنهن کين هوش ۾ آندو ته پاڻ کين ان سموري حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
    جڏهن هر طرف کان ايذائڻ ۽ مٿن چرچا ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو ان وقت کين الله پاڪ معراج جو شرف بخشيو. ملائڪن جو سردار حضرت جبرائيل کين وٺڻ آيو هو. جنهن جي رهنمائي ۾ پاڻ عرش معليٰ پهتا ۽ صدر منتهيٰ تي حضرت جبرائيل کين چيو ته ان کان اڳتي وڃڻ جي مون کي اجازت نه آهي. اتان پاڻ اڪيلا وڃي خالق حقيقي سان هم ڪلام ٿيا.
    پاڻ سڳورا تمام سادگي پسند هئا. هڪ ڀيري هڪ عورت کين ڏٺو ته پاڻ سڳورا زمين تي پيل خوراڪ جا ڪڻا چونڊي کائي رهيا هئا. ان تي اها عورت چوڻ لڳي “توهان غلامن وانگر زمين تي پيل ڪڻا ميڙي پيا کائو.” ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا توهان کي مون کان وڌيڪ سٺو ڪو غلام ملندو؟ آئون الله تعاليٰ جو غلام آهيان.”
    پاڻ سڳورا واقعي خدا جا نيڪ ٻانها هئا. هڪ ڀيري ڏڪار پيو هو ۽ حضرت جبرائيل پاڻ سڳورن جي ڀر ۾ موجود هو. حضرت جبرائيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي بادشاهت ۽ الله جي غلاميءَ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته توهان ڇا ڪندا؟ پاڻ سڳورن پنهنجي لاءِ الله پاڪ جي غلامي پسند ڪئي هئي.
    مڪي مان هجرت وقت جيڪا سندن سادگي هئي اهائي مڪي جي فتح وقت به موجود رهي ۽ پاڻ سڳورا مڪي جي فتح وقت اٺ تي ئي سوار هئا. ڏکئي ۾ ڏکيا مسئلا اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺندا هئا. اهوئي سبب هو جو جڳ مشهور ليکڪ جارج برنارڊ شا کي چوڻو پيو “اڄ هن عمر ۾ به اسين مسئلن جي انبار جي هيٺان دٻيل آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي نالو اچي ٿو يعني (حضرت) محمد (ﷺ) جن جو جيڪي مسئلا ايئن حل ڪندا هئا ڄڻ ڪافي پي رهيا هجن.” مجموعي طور اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پاڪدامن ڄاوا، پاڪدامن زندگي گذاريائون ۽ پاڪدامنيءَ ۾ ئي هن فاني جهان مان برقعو مٽايائون.

    5. روحاني هٿن ۾ بدن
    هتي هڪ مسلمان ڊاڪٽر جي يادداشتن مان ورتل هڪ واقعو پيش ڪجي ٿو. هن هڪ ڪينسر جي علاج جي ماهر جي حيثيت ۾ چاليهه سال ڪم ڪيو.
    مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪينسر جي ماهر ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ بيشمار مريضن جو علاج ڪيو ۽ ڪيترن ئي مابعدالطبعياتي واقعن جو شاهد پڻ آهيان. هتي آئون جيڪو واقعو پيش ڪرڻ چاهيان ٿو سو 1976ع جو آهي.
    آئون هڪ ڪينسر اسپتال جو جو سربراهه هئس. مون وٽ هڪ مريضه آئي جنهن جو نالو سيراپ هو. هن کي ڇاتيءَ جو ڪينسر هو. هوءَ ايتري مالدار هئي جو علاج لاءِ يورپ به وڃڻ هن لاءِ ڪا ڏکي ڳالهه نه هئي. پر ڪجهه اهڙا مسئلا هئا جن جي ڪري هن يورپ وڃڻ مناسب نه سمجهيو. هوءَ مون وٽ آئي ته هڪ ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ آئون سندس علاج ڪرڻ لڳس ۽ الله جي مهربانيءَ سان علاج مان کيس فائدو به ٿيڻ لڳو. هوءَ هڪ ڪاروباري عورت هئي ۽ پنهنجي ڪاروبار جي حوالي سان ڪجهه مسئلن کي منهن ڏيڻ سندس مجبوري به هئي. مون کيس ٻڌايو هو ته ڪينسر جو علاج ڪافي عرصي تائين هلي ٿو ۽ ان ۾ باقاعدگي ضروري آهي. سيراپ کي به مسلسل پنجن سالن تائين علاج ڪرائڻو پوندو. هوءَ به پابنديءَ علاج ڪرائيندي رهي ۽ مسلسل اچڻ جي ڪري ساڻس هڪ دوستاڻو تعلق به قائم ٿي چڪو هو. هڪ ڏهاڙي هن ٻڌايو ته کيس ڪجهه ڪاروباري معاملا ڏسڻ جي لاءِ لازمي طور تي ازمير وڃڻو پوندو. ان تي مون کيس هدايت ڪئي ته هوءَ ازمير وڃي سگهي ٿي پر کيس هر حال ۾ هوائي جهاز ذريعي وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته بس جو سفر خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو ۽ ان سان سندس بيماري وڌي سگهي ٿي. افسوس جي ڳالهه اها ٿي ته سيراپ کي ازمير لاءِ هوائي جهاز ۾ سيٽ نه ملي سگهي ۽ ان جي ڪري هوءَ بس جي ذريعي ازمير رواني ٿي وئي. واٽ تي بس ڪنهن معمولي حادثي جو شڪار ٿي پئي جنهن ڪري کين سخت سرديءَ ۾ لڳ ڀڳ ڇهه ڪلاڪن تائين اتي رڪجڻو پيو. سردي تمام زياده هئي ۽ گرمي پد ٻڙيءَ جي آسپاس هو. هوءَ جڏهن واپس وري ته سندس طبيعت مسلسل خراب رهڻ لڳي. جڏهن معمول جي چيڪ اپ لاءِ آئي ته خبر پئي ته ڪينسر سندس ڦڦڙن ۽ هڏين تائين پکڙي چڪو آهي. خاص طور تي سندس ٽنگن جون هڏيون تمام گهڻيون متاثر ٿيون هيون. سندس حالت کي نظر ۾ رکندي کيس فوري طور اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو ۽ ساهه کڻڻ ۾ تڪليف محسوس ٿيڻ جي ڪري کيس آڪسيجن به لڳائڻي پئي. پر بيماري خطرناڪ حد تائين پکڙجي چڪي هئي تنهنڪري کيس وڌيڪ اسپتال ۾ رکڻ مناسب نه هو. البت گهر ۾ ئي سندس علاج جو ٿورو بندوبست ڪيو ويو. آئون کيس ڏسڻ جي لاءِ سندس گهر وڃڻ لڳس. هڪ ڀيري سيراپ مون کي چيو “ڊاڪٽر توهان منهنجي دل ٽوڙي ڇڏي آهي.”
    آئون حيران ٿي ويس پڇيم “ڪيئن؟”
    هن چيو “مون کي خبر پئي آهي ته توهان مذهبي شخص آهيو. توهان مون کي اڳي خدا بابت ڇو نه ٻڌايو ۽ موت کان پوءِ واري زندگيءَ بابت به توهان کي ڪجهه بڌائڻ گهرجي ها.”
    مون کي معلوم هو ته سندس ايمان ڪو گهڻو پختو نه آهي ان ڪري مون سندس ذاتي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ مناسب نه سمجهيو هو. مون کيس نرميءَ سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي “سٺو ڊاڪٽر ڳولڻ ڪو گهڻو ڏکيو نه آهي توهان پئسا خرچ ڪريو ته آسانيءَ سان ملي ويندو. پر روح جو علاج هڪ مختلف ڪم آهي ۽ اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن دل سان ان جي ضرورت محسوس ڪئي وڃي.”
    هوءَ تمام ڪمزور هئي ۽ منجهس گهڻو ڳالهائڻ جي سگهه نه هئي سو گهربل معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ رڳو ڪنڌ ئي لوڏي سگهي. ڊاڪٽر جي حيثيت ۾ اها ته مون کي خبر هئي ته علاج جو ڪو به کڙتيل نه نڪرندو ۽ اهو سڀ ڪجهه بيڪار آهي. مرض لاعلاج بڻجي چڪو آهي. ان ڪري هاڻي آئون علاج جي رسم پوري ڪرڻ کان پوءِ کيس ڪجهه ايمان متعلق ٻڌائيندو هئس. دائمي زندگي ۽ خوشين بابت سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس. سيراپ زندگيءَ جا آخري ڏهاڙا گذاري رهي هئي. ان ڪري آئون مختصر مگر جامع گفتگو ڪندو هئس. ها هوءَ منهنجون ڳالهيون انتهائي دلچسپيءَ سان ٻڌندي هئي. ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئس ته سوال به پڇندي هئي. سندس موت کان هڪ هفتو اڳ هن چيو “اخري گهڙين ۾ مون کي ڇا پڙهڻ گهرجي؟”
    مون چيو “اوهان تمام گهڻو ڌيان ڏئي سڀ ڪجهه ٻڌو آهي. آخري گهڙين ۾ آئون سمجهان ٿو ته ڪلمه شهادت تمام وڏو هوندو ان ڪري آئون اهو ئي چوندس ته اوهان رڳو “محمد” جو اکر اچارينديون رهو.”
    هن مُرڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ اهو اشارو هو ته هوءَ منهنجي ڳالهه سمجهي چڪي آهي. سيراپ کي تڪليف تمام گهڻي ٿيندي هئي ان ڪري اسين کيس مارفين ڏيندا هئاسين ته جيئن هوءَ آرام ڪندي رهي. ان هفتي جي آخر ۾ آئون ڪم سانگي شهر کان ٻاهر ويل هئس ۽ جڏهن واپس موٽيس ته سندس والده مون کي فون ڪري ٻڌايو ته هن مارفين وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آئون تڪڙو سندس گهر ويس ته ڏسان ته هن مارفين وٺڻ کان ڇو انڪار ڪيو آهي. هن جيڪو جواب ڏنو سو مون کي سڄي ڄمار نه وسرندو.
    هن چيو “جڏهن مون کي مرڻو ئي آهي ته پوءِ مارفين جي اثر هيٺ بيهوشيءَ جي حالت ۾ ڇو مران جو آخري پل ۾ محمد جو نالو به نه وٺي سگهان.”
    سيراپ هڪ دلير عورت هئي. هن مون کي درخواست ڪئي ته هن جي لاءِ استخارا ڪريان ته سندس زندگي باقي گهڻا ڏينهن آهي کيس مارفين جو تمام هلڪو ڊوز ڏنو وڃي ته جيئن هوءَ هوش ۾ رهي. منهنجي لاءِ اها هڪ عجيب درخواست هئي بهرحال جمعي جي رات مون هن لاءِ استخارا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. الله جي حضور منهنجي درخواست قبول پئي ۽ مون کي خواب ۾ اشارو ٿيو ته هن جي زندگي ايندڙ آڱاري تائين آهي. ٻئي ڏينهن مون کيس چيو ته مارفين وٺندي رهو ۽ ڊڄڻ جي ڪا ڳالهه نه آهي. مون کيس ٻڌايو ته هيءُ آڱارو سندس آخري ڏينهن هوندو.
    هن مون کان هڪ آخري سوال پڇيو “حضرت عزرائيل ڏسڻ ۾ ڪيئن هوندو؟”
    مون کيس چيو “منهنجي ڌيءَ هو هڪ ملائڪ آهي ۽ خوبصورت شڪل ۾ هوندو.”
    آڱاري تي مون کي فون تي ٻڌايو ويو ته هن جي حالت چڱي نه آهي ۽ اهو ٻڌي مون سندس گهر جو رخ ڪيو. افسوس مون کي دير ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ منهنجي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪي هئي. سندس هڪ وڏي عمر جي مائٽياڻي هئي جيڪا بيماريءَ دوران اڪثر سندس سارسنڀال به لهندي هئي ۽ هوءَ هڪ مذهبي عورت هئي تنهن مون کي سيراپ جي آخري گهڙين جو جيڪو احوال ٻڌايو سو اچرج جهڙو هو.
    هن ٻڌايو “اڄ صبح جو مون جيڪي ڪجهه ڏٺو سو ڪنهن معجزي کان گهٽ نه آهي. هڪ ڪلاڪ اڳ ۾ سيراپ پنهنجو آڪسيجن ماسڪ هٽايو ۽ بنا ڪنهن سهاري جي اٿي بيٺي. جڏهن ته اسان کي اها پڪ هئي ته هاڻي هن لاءِ پنهنجي پيرن تي بيهڻ ممڪن نه آهي. هوءَ بنا ڪنهن جي مدد جي باٿ روم ۾ ويئي ۽ غسل ڪيائين. ان کان پوءِ ٻه رڪعتون نفل پڙهيائين. سندس ان عمل تي سڄو خاندان حيرت ۾ هو. پوءِ هوءَ وڃي پنهنجي بستري تي ويٺي ۽ ڪلمه شهادت پڙهيائين ۽ موت کان ڪجهه گهڙيون اڳ هن مون کي چيو ته ڊاڪٽر کي چئجان ته حضرت عزرائيل توهان جي بيان کان وڌيڪ خوبصورت آهي ۽ پوءِ هن دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو.”
    منهنجي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته هوءَ محمد جي نالي جو ورد ڪندي رهندي هئي ۽ آخري گهڙين ۾ پاڻ سڳورا ئي سندس ڀر جهلا ٿي بيٺا هوندا تڏهن هن جو آخري سفر ايترو آسان بڻجي ويو. يقيني طور پاڻ سڳورن کان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي قوت نه آهي جيڪا ڪنهن مريض جي ان حالت ۾ اهڙي انداز ۾ مدد ڪري. اهو مون سيراپ جي خاندان وارن کي به ٻڌايو.

    6. آخري خط
    ٻالڪپڻي ۾ سندس خواهش هوندي هئي ته حافظه ٿئي ۽ اها آس پوري ٿيس. يونيورسٽيءَ مان ڊگري حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ سندس خواهش ته کيس مڪي پاڪ ۽ مديني شريف جي زيارت نصيب ٿئي ۽ ان لاءِ هوءَ هر نماز کان پوءِ پنهنجي مالڪ کان دعا ضرور گهرندي هئي ته کيس اها زيارت نصيب ٿئي.
    هڪ ڏينهن کيس سندس ساهيڙيءَ صلاح ڏني ته جيڪڏهن مڪي ۽ مديني جي زيارت هونئن ممڪن نٿي ٿي سگهي ته پوءِ پنهنجي پياري پيغبر ﷺ جن خط لک ته تو کي گهرائي. پر هن ڪڏهن به پاڻ ۾ ايترو حوصلو نه پاتو ته هوءَ خط لکڻ جي جرئت ڪري. سندس خيال هو ته پاڻ سڳورا ته انتهائي بلند هستي آهن ۽ هوءَ پاڻ ڪنهن به طور ان لائق نه آهي ته اهڙي جرئت ڪري. کيس معلوم هو ته اها هستي جنهن سان هر ڪو محبت ڪري ٿو تنهن سان ايتري جرئت ڪرڻ کان بهتر آهي ته انهن سان پيار ڪجي جيڪي پياري پيغمبر ﷺ جن سان پيار ڪن ٿا ۽ اها به هڪ اعزاز جي ڳالهه هوندي. ان ڪري هن مناسب سمجهيو ته هوءَ پاڻ سڳورن جي سنت تي عمل ڪرڻ شروع ڪري.
    هن گهڻي ڪوشش ڪئي پر خط لکڻ واري صلاح کي ذهن تان هٽائي نه سگهي. هن خيال ڪيو بيشڪ پاڻ سڳورن سان سندس ڪابه ڀيٽ نه آهي پر اهو ضروري آهي ته کين پنهنجي سوچن کان آگاهه ڪريان. سو هن جي ذهن ۾ خط لکڻ ۽ نه لکڻ جي ڪشمڪش جاري رهي ۽ آخرڪار خط لکڻ جو فيصلو ڪيائين.
    هوءَ ڪاغذ ۽ قلم کڻي تيار ٿي اچي پنهنجي بستري تي ويٺي پر سوچن جو هڪ انبار هو ۽ ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪجي انهن سوچن ۾ ٻڏي ويئي. آخرڪار هن اهڙي شخصيت کي خط لکڻ شروع ڪيو جنهن کي هوءَ پنهنجي وجود جو سبب سمجهندي هئي. اتي هوءَ وري هڪ نئين رخ تي سوچڻ لڳي. آخرڪار هن جون سوچون قلم جي ذريعي ڪاغذ تي منتقل ٿيڻ لڳيون. ان سان گڏ ڪاغذ تي سندس ڳوڙها به ڪرڻ لڳا. کيس خوشي ٿي رهي هئي ته هوءَ آخرڪار خط لکڻ ۾ ڪامياب ٿي ويئي آهي.
    جڏهن خط لکي لفافي ۾ بند ڪري ورتو ته کيس عجيب قسم جو اطمينان محسوس ٿيڻ لڳو. کيس خوشي ٿي ته هن اهڙي ذات پاڪ کي خط لکيو آهي جنهن جو هوءَ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ احترام ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن سندس در جو ديدار نٿي ڪري سگهي تڏهن به پنهنجون سوچون ان محترم ذات تائين پهچائي سگهي ٿي. هن خط گلابي ڪاغذ تي لکيو هو ڇاڪاڻ ته اهو پاڻ سڳورن جو نشان هو. هن اناطوليه کان تحفي ۾ مليل گلابن جون خشڪ پتيون به لفافي ۾ بند ڪيون هيون ۽ لفافي کي چمي سيني سان لڳايو. هن اهو لفافي ۾ بند ٿيل خط پنهنجي ٿيلهي ۾ وڌو ته جيئن هوءَ ڪنهن اعتبار جوڳي ماڻهوءَ جي هٿان اهو خط مديني موڪلي سگهي. هن ڳولا شروع ڪئي ته هن سال سندس دوستن مان ڪير ڪير حج تي وڃي رهيو آهي. کيس ياد آيو ته سندس ساهيڙي حريت جي والده هن سال حج تي ويندي. هوءَ سڌو سندن گهر ڏانهن ويئي پر کيس دير ٿي چڪي هئي ۽ هوءَ رواني ٿي چڪي هئي. هوءَ افسوس مان هٿ مهٽيندي اتان واپس موٽي ۽ ان وقت ڳلن تان ڳوڙها ڳڙي پيس.
    هوءَ گهر واپس موٽڻ جي تياري ڪري رهي هئي ته ان وقت کيس پنهنجي ساهيڙي زينب ياد آئي ۽ هوءَ ان سان ملڻ هلي ويئي. زينب کيس ٻڌايو ته هوءَ فڪر نه ڪري سندس ڏاڏي حج وڃي رهي آهي ۽ اهو هن جي حوالي ڪري ڇڏ. زينب به گهر وڃڻ جو سوچي رهي ۽ ٻنهي جي گهر ڏانهن هڪ ئي بس ويندي هئي. ٻئي ڄڻيون بس ۾ چڙهڻ کان پوءِ زماني جي ڳالهين ۾ مشغول ٿي ويون تان جو هن جي گهر جو اسٽاپ اچي ويو ۽ هوءَ بس مان لهي پنهنجي گهر ڏانهن وڃڻ لڳي ان وقت کيس ياد آيو ته خط ته سندس بئگ ۾ ئي پيو آهي. هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ وري روئڻ لڳي. ڪجهه سوچيندي هوءَ پنهنجي ساهيڙي حورالنساء جي گهر هلي وئي.
    هن کي ذهن ۾ اهي خيال اچڻ لڳا ته شايد اهو خط پهچائڻ سندس نصيب ۾ نه آهي. حورالنساء کيس ڏسي ڏاڍي خوش ٿي ۽ ٻڌايو ته هن سال سندس مڙس عبدالرحمٰن حج تي وڃي رهيو آهي. ڳالهه ته وڻندڙ هئي پر هن جي لاءِ مسئلو اهو هو ته هوءَ حور جي مڙس کي اهو خط کڻي وڃڻ لاءِ ڪيئن چوي ۽ هو به آخر سندس خط کڻي ڇو وڃي. انهن سوچن ۾ غرق هئي ته حورالنساء پڇيس ته ڪهڙي پريشاني اٿئي ۽ هن پنهنجو احوال کيس ٻڌايو. حور پنهنجي مڙس سان ان جو ذڪر هيو ته هو خوشي سان اهو خط کڻي مديني پهچائڻ لاءِ تيار ٿي ويو. هن خط حور جي مڙس جي حوالي ڪيو، جنهن احتياط سان اهو خط پنهنجي بئگ ۾ بند ڪيو. عبدالرحمٰن ٿيو حج تي روانو ۽ هوءَ اطمينان سان پنهنجي گهر موٽي آئي.
    عبالرحمٰن جڏهن مديني پهتو ته هو مناسب موقعي جو انتظار ڪرڻ لڳو ته جيئن خط روضي جي اندر ڇڏي سگهي پر هو ان ۾ ناڪام رهيو ڇاڪاڻ ته هن لاءِ ڪنهن به طور روضي پاڪ تائين پهچڻ ممڪن نه هو. هو مسلسل ٽي ڏينهن ڪوشش ڪندو رهيو پر کيس ڪاميابي نه ٿي. آخرڪار هن اهو خط روضي پاڪ صحن جي هڪ ڪنڊ ۾ رکڻ جو فيصلو ڪري پنهنجو ٿيلهو کوليو ته ان ۾ اهائي گلاب جي گلن جي خوشبو ته موجود هئي پر خط نه هو. هن باقي سامان چيڪ ڪيو ته خط کان سواءِ هر شيءِ پنهنجي جاءِ تي موجود هئي. هن کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته آخر اهو خط کانئس ڪيئن گم ٿيو.
    عبدالرحمٰن حج تان موٽي گهر آيو تڏهن به سندس ذهن تي خط جي گمشدگيءَ وارو مسئلو سوار هو. هن ان جو ذڪر پنهنجي گهر واريءَ سان ڪيو ۽ کيس چيائين “شايد اهو خط جنهن جي ملڪيت هو تنهن مون کان اڳ ۾ ئي پنهنجي امانت پاڻ حاصل ڪري ورتي.” هن کي اهو محسوس ٿيو ته اهو خط انتهائي خلوص مان لکيو ويو هو تڏهن ئي مالڪ تائين پهچڻ ۾ دير نه ڪيائين.


    باب يارهون

    1. الله جي رسول جا معجزا

    شق القمر
    عبدالله ابن مسعود کان روايت آهي: هڪ رات اسين منيٰ ۾ موجود هئاسين جڏهن پاڻ سڳورن چنڊ کي ٻه ٽڪرا ڪرڻ جو معجزو ڏيکاريو. چنڊ جو هڪ ٽڪرو جبل جي هڪ پاسي ۽ ٻيو ٻئي پاسي هو. پياري پيغمبر ﷺ جن ان کان پوءِ فرمايو “توهان سڀ شاهد رهجو.”
    خوراڪ ۾ برڪت
    انس ابن مالڪ کان روايت آهي: ابو طلحٰه ام سليم کي چيو “آئون سمجهي نه سگهيس ته پاڻ سڳورن ڇا فرمايو. منهنجي خيال ۾ شايد بک لڳي اٿن. ڇا کائڻ لاءِ ڪجهه آهي؟”
    ام سليم چيو “ها، ڪجهه موجود آهي” ۽ پوءِ هوءَ اندران جَوَن جي مانيءَ جا ڪجهه ٽڪرا کڻي آئي ۽ پنهنجي چُنيءَ ۾ ويڙهي منهنجي حوالي ڪيائين. آئون ماني پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪائي مسجد ۾ ويس جتي پاڻ سڳورا جماعت سميت ويٺل ۽ آئون سندن ڀر ۾ ويهي رهيس. پاڻ سڳورن مون ڏانهن ڏسندي فرمايو “ابو طلحٰه موڪليو اٿئي؟”
    مون جواب ڏنو “جي ها.”
    پاڻ فرمايائون “ڇا ماني جو انتظام ٿي ويو آهي؟”
    مون چيو “جي ها يا رسول الله.”
    پوءِ پاڻ سڳورن سڀني کي اٿيڻ لاءِ چيو ۽ سڄي جماعت ابو طلحٰه جي گهر ڏانهن رواني ٿي. آئون به سندن پٺيان پٺيان هلندو پئي آيس. ابو طلحٰه اسان کي ايندو ڏسي ام سليم کي چيو “ام سليم! پاڻ سڳورا جماعت سميت هيڏانهن پيا اچن پر پاڻ وٽ ته ايتري خوراڪ جو انتظام نه ٿي سگهندو.”
    ان تي ام سليم چيو “الله ۽ سندس رسول ان کان چڱي ريت واقف آهن.” جماعت ٻاهر بيٺي ۽ پاڻ سڳورا ابو طلحٰه جي گهر ۾ داخل ٿيا ۽ پوءِ الله جي نبي فرمايو “ام سليم کائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه آهي سو کڻي اچ.” ام سليم جَوَن جي ماني ٿورو گيهه کڻي آئي. پاڻ سڳورن جَوَن جي مانيءَ جا ننڍا ننڍا ٽڪر ڪري الله پاڪ کان دعا گهريائون ۽ پوءِ ابو طلحٰه جي اجازت سان جماعت مان ڏهه ڄڻن کي اندر گهرايائون. اهي ڏهه ڄڻا پيٽ ڀري ٻاهر ويا ته وڌيڪ ڏهه ڄڻن کي اندر اچڻ لاءِ چيائون ۽ اهڙيءَ طرح ان مانيءَ مان اسي ڄڻن پيٽ ڀري کاڌو پر ماني ختم نه ٿي.
    صحيح بخاري ۽ مسلم ۾ آيل حديث پاڪ موجب عبدالرحمٰن بن ابوبڪر کان روايت آهي: “اسين هڪ سئو ٽيهه ڄڻا پاڻ سڳورن سان گڏ هڪ جنگي مهم تي هئاسين ۽ پاڻ سڳورن اسان کي حڪم ڏنو ته جنهن وٽ به کائڻ لاءِ ڪجهه هجي سو کڻي اچي. صرف هڪ شخص وٽ ٿيلهي ۾ ڪجهه اٽو هو سو کڻي آيو ۽ اسان ان مان ماني پچائڻ شروع ڪئي. ايتري ۾ هڪ مشرڪ رڍن جي ڌڻ سميت اتي اچي پهتو.”
    پاڻ سڳورن ان مشرڪ کان پڇيو “اهي رڍون وڪري لاءِ آهن يا ڪنهن کي تحفو ڏيڻ پيو وڃين؟”
    هن وراڻيو “وڪري لاءِ آهن.”
    “پاڻ سڳورن پوءِ انهن مان هڪ رڍ خريد ڪئي ۽ اسان ذبح ڪئي. پاڻ سڳورن فرمايو “ان جو جيرو تريو.” اهڙيءَ طرح جيرو ترڻ کان پوءِ گوشت رڌيو ويو. مون کي قسم آهي الله رب العزت جو ته ان جيري مان نه رڳو اتي موجود ساٿين کي حصو ڏنائون پر جيڪي ساٿي اتي موجود نه هئا تن لاءِ به سندن حصو رکيائون. ان کان پوءِ رڌيل گوشت پليٽن ۾ لاٿو ويو ۽ هڪ سئو ٽيهه ڄڻن پيٽ ڀري گوشت کاڌو پر پليٽن ۾ موجود گوشت ختم نه ٿيو ۽ اهي ڀريل ئي رهيون. بلڪل ايئن ٿي لڳو ڄڻ انهن مان ڪنهن ڪجهه کاڌو ئي نه هجي.” بخاريءَ ۾ آيل هڪ ٻي حديث ۾ اهو واقعو جابر ابن عبدالله کان مروي آهي ۽ جنگ خندق سان تعلق رکندڙ ڄاڻايو ويو آهي. جنهن مطابق اهو کاڌو هڪ هزار ساٿين کاڌو هو پوءِ به ختم نه ٿيو هو.
    پاڻيءَ جا معجزا
    پاڻ سڳورا زروا ۾ اصحابن سميت موجود هئا ۽ پاڻي جو هڪ پيالو طلب ڪيائون. پاڻ سڳورن پاڻيءَ مان هٿ ٻوڙي ٻاهر ڪڍيو ته سندن آڱرين مبارڪن مان پاڻي وهڻ شروع ٿي ويو. پوءِ اصحابن هڪ هڪ ٿي ان مان وضو ڪيو. پوءِ راويءَ سوال ڪيو “اي ابو حمزه (اهو انس جو لقب هو) ڪيترن اصحابن وضو ڪيو؟”
    ابو حمزه وراڻيو “لڳ ڀڳ ٽي سئو ماڻهن ان مان وضو ڪيو.”
    پاڻ سڳورا حديبيه جي مقام تي هئا ته اصحابن پاڻيءَ جي کوٽ جي شڪايت ڪئي. پاڻ سڳورن پنهنجي ترڪش مان هڪ تير ڪڍي اصحابن جي حوالي ڪيو ته اهو تير صمد جي کوهه ۾ وجهي ڇڏين. اصحابن جيئن ئي تير کوهه ۾ وڌو ته کوهه جو پاڻي مٿي چڙهي کوهه جي ڪنارن وٽان وهڻ شروع ٿي ويو ۽ تيستائين وهندو رهيو جيستائين سمورن اصحابن پنهنجي اڃ نه اجهائي.
    بيمارن ۽ زخمين لاءِ شفا
    بخاري ۽ مسلم ۾ آيل آهي ته خيبر واري معرڪي ۾ پاڻ سڳورا حضرت علي عليه السلام کي اکين جي تڪليف جي ڪري پوئتي ڇڏي آيا هئا. پر جڏهن جنگ وڌيڪ وقت وٺڻ لڳي ته پاڻ سڳورن حضرت علي عليه السلام کي طلب ڪيو ۽ پنهنجي ڦيڻ مبارڪ ڏکندڙ اکين تي لڳائي ته اهي بلڪل ٺيڪ ٿي ويون ڄڻ ڏکنديون ئي نه هيون.
    عثمان بن حنيف کان روايت آهي: هڪ ڀيري هڪ نابين شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو ۽ عرض ڪيائين “يا رسول الله ﷺ الله کان منهنجي لاءِ دعا گهرو ته مون کي اکين جو نور ملي.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “جيڪڏهن تنهنجي مرضي هجي ته اها دعا آخرت واري ڏينهن تائين موخر ڪريان يا تون چاهين ٿو ته هينئر ئي دعا گهران.”
    هن شخص عرض ڪيو “حضور منهنجي لاءِ هن وقت ئي دعا ڪريو.”
    پاڻ سڳورن ان نابين شخص کي هدايت ڪئي ته هو وضو ڪري ۽ پوءِ ٻه رڪعتون نفل ادا ڪري. هن شخص وضو ڪري ۽ پاڻ سڳورن جي هدايت مطابق ٻه رڪعتون نفل پڙهڻ جي تياري ڪئي. پاڻ سڳورن کيس اهي آيتون سيکاريون جيڪي کيس نماز دوران پڙهڻيون هيون. هو شخص نماز پڙهي جيئن فارغ ٿيو ته کيس اکين جو نور ملي ويو.

    پاڻ سڳورن کي جانور به سڃاڻندا هئا
    حجرت دوران جڏهن پاڻ سڳورن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنها سان گڏ هڪ غار ۾ پناهه ورتي ته ان وقت هڪ ڪوريئڙي سندن اندر داخل ٿيڻ کان ترت پوءِ غار جي دروازي تي ڄاري ٺاهي ڇڏي. ڪافر سندن پيڇو ڪندا جڏهن غار وٽ پهتا ته ان جي مٿان ڄاري ڏسي خيال ڪيائون ته پاڻ سڳورا هن غار ۾ داخل نه ٿيا آهن. جيڪڏهن اندر داخل ٿين ها ته اها ڄاري ٽٽل هجي ها.
    جابر بن عبدالله کان روايت آهي: هڪ معرڪي دوران منهنجي اٺ اڳتي وڌڻ کان بنهه جواب ڏئي ڇڏيو. پاڻ سڳورن اهو لقاءُ ڏٺو ته ويجهو اچي منهنجي اٺ تي آڱر رکيائون ان تي منهنجو اٺ ايترو تيز اڳتي وڌڻ لڳو جو اهڙو ڪڏهن زندگيءَ ۾ تيز نه هليو هو ۽ نبي پاڪ جن جو حڪم ٻڌڻ لاءِ مون کي مهار ڇڪي اٺ کي روڪڻو پيو.
    انس بن مالڪ کان روايت آهي: خيبر جي معرڪي ۾ فتح کان پوءِ هڪ يهودي عورت پاڻ سڳورن جي لاءِ تيارڪيل گوشت کڻي آئي. هن ان گوشت ۾ زهر ملائي ڇڏيو هو. پاڻ سڳورن اهو گوشت ورتو ۽ کائي ڇڏيائون پر کين ڪجهه به نه ٿيو. اصحابن کي گوشت ۾ زهر ملائڻ جو علم ٿيو ته هو ان عورت کي پاڻ سڳورن وٽ وٺي آيا. پاڻ سڳورن کانئس پڇيو “تو اهڙي حرڪت ڇو ڪئي؟”
    ان تي هن عورت چيو “اوهان کي مارڻ لاءِ مون گوشت ۾ زهر ملايو هو.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “تو کي الله ڪامياب ٿيڻ ئي نه ڏيندو.”
    ابو دائود موجب پاڻ سڳورن کي اڳ ۾ ئي ڪٺل گهيٽي ٻڌائي ڇڏيو هو ته سندس ران ۾ زهر ملايو ويو آهي.
    بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: اسان جي پرسڪون گهر ۾ ڪجهه پکي به رهندا هئا. هر ڀيري جڏهن پاڻ سڳورا گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته اهي پکي بيچينيءَ سان گهر جي مٿان پيا اڏامندا هئا. پکين کي ان وقت تائين چين نه ملندو جيستائين پاڻ سڳورا موٽي گهر ۾ داخل ٿيندا هئا. پاڻ سڳورا گهر ۾ هوندا هئا ته پکي بلڪل خاموش ۽ پنهنجي ڪرت ۾ مشغول هوندا هئا.
    انس بن مالڪ کان روايت آهي: پاڻ سڳورا سمورن انسانن کان وڌيڪ حسين، طاقتور ۽ دلير هئا. هڪ رات مديني جي شهرين تمام خوفناڪ آواز ٻڌا ته ڊڄندي ڊڄندي گهرن کان ٻاهر نڪري معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا ته اهو ڇا جو آواز آهي. هو آواز واري جاءِ تي پهتا ته کانئن اڳ پاڻ سڳورا ابو طلحٰه جي گهوڙي جي اگهاڙي پٺيءَ تي سوار اتي موجود هئا ۽ تلوار سندن هٿ ۾ هئي.
    پاڻ سڳورن فرمايو “ڪنهن کي به ڊڄڻ جي ضرورت ڪانهي، ابوطلحٰه جو گهوڙو ڪافي تيز ۽ آرامده سواري آهي.”
    اها هر ڪنهن کي خبر هئي ته ابو طلحٰه جو گهوڙو تمام سست ۽ ڍلو آهي پر ان ڏينهن کان پوءِ ان جو شمار ڀلن گهوڙن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ هر ريس ۾ پهريون نمبر ايندو هو.
    جبل ۽ پٿر به سندن نبوت جي شاهدي ڏيندا هئا
    جابر کان روايت آهي: الله جي رسول فرمايو “مون کي ياد آهي ته مڪي جي پٿرن مون کي نبوت ملڻ کان اڳ ۾ ئي ان جي مبارڪباد ڏني هئي. مون کي اڄ به اها ڳالهه چڱيءَ ريت ياد آهي.”
    عبدالله ابن مسعود کان روايت آهي: اسين جڏهن پاڻ سڳورن سان گڏ هوندا هئاسين ته اسان کي خوراڪ جي ذرن مان به الله جي ذڪر جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو.
    مسلم ۾ ابوهريره کان مروي آهي: پاڻ سڳورا حضرت ابوبڪر رضي الله عنها، حضرت عمر رضي الله عنها، حضرت عثمان رضي الله عنها، حضرت علي ڪرم الله وجهه، حضرت طلحهٰ رضي الله عنها ۽ حضرت زبير رضي الله عنها سان گڏ جبل حرا تي بيٺل هئا ته جبل لڏڻ لڳو. ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “اي حرا پرسڪون ٿي وڃ هڪ نبي، هڪ صديق ۽ ٻيا شهيد تنهنجي مٿان بيٺل آهن.”

    پاڻ سڳورن جي معجزاڻي حفاظت
    جابر کان روايت آهي: نجد واري مهم تان موٽي رهيا هئاسين. آئون پاڻ سڳورن سان گڏ هئس. واٽ تي هڪ هنڌ وڻن جو جهڳٽو هو اتي پاڻ سڳورن ڪجهه دير آرام جو فيصلو ڪيو. سڀئي ساٿي وڻن جي ڇانو ۾ آرام ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ سڳورن ڪجهه پرڀرو وڻ جي ٽاريءَ ۾ تلوار ٽنگي ۽ ڪجهه دير آرام خاطر ليٽي پيا. سڀني تي غنودگي طاري هئي ته اوچتو پاڻ سڳورن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. سڀئي پاڻ سڳورن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا.
    جڏهن اتي پهتاسين ته عجيب منظر هو. هڪ عرب بدو سندن ڀر ۾ ويٺو هو. پاڻ سڳورا فرمائڻ لڳا “آئون آرام ۾ هئس ته هي شخص آيو ۽ منهنجي تلوار مون تي اڀي ڪري چوڻ لڳو ته اوهان کي مون ڊپ نٿو ٿئي؟”
    ان تي مون چيو “نه، مون کي توکان ڊپ نٿو ٿئي.”
    ان تي بدو چوڻ لڳو “ته پوءِ هاڻي اوهان کي مون کان ڪير بچائيندو؟”
    مون چيو “منهنجو رب منهنجو محافظ آهي.”
    پاڻ سڳورن وڌيڪ ٻڌايو ته هيءُ شخص جيئن حملو ڪرڻ لاءِ وڌيو ته حضرت جبرائيل اچي ويو ۽ بدوءَ جي ڇاتيءَ تي مڪ هنيائين ته سندس هٿ مان تلوار ڪري پئي ۽ بدو دانهن ڪري ويهي رهيو. مون پنهنجي تلوار کڻي بدوءَ کي چيو “هاڻي تو کي مون کان ڪير بچائيندو؟”
    ان تي بدوءَ چيو “ڪو به نه!”
    ابوهريره کان روايت آهي: ابو جهل پنهنجي ساٿين کان پڇيو “ڇا محمد اڃا به ڪعبت الله ۾ زمين تي مٿو گسائي ٿو.”
    سندس ڪنهن ساٿيءَ چيو “ها.”
    ابوجهل چيو “مون کي قسم آهي لات ۽ عضيٰ جو جيڪڏهن مون کيس مٿو ٽيڪيندي ڏٺو ته سڌو ڪنڌ تي چڙهي ويهي سندس چهرو مٽيءَ ۾ دفن ڪري ڇڏيندس.”
    ابوجهل جي اڃا ڳالهه ختم ئي نه ٿي ته پاڻ سڳورا نماز پڙهڻ جي لاءِ ڪعبت الله ۾ آيا. پاڻ سڳورا جيئن ئي سجدي ۾ ويا ته ابوجهل پاڻ سڳورن جي گردن تي چڙهڻ لاءِ اڳتي وڌيو. هو جيتري تيزيءَ سان اڳتي وڌيو ان کان به وڌيڪ تيزيءَ سان پنهنجو منهن بچائيندو واپس وريو. سندس ساٿين جي پڇڻ تي هن ٻڌايو “محمد ۽ منهنجي وچ ۾ باهه جا شعلا ڀڙڪي رهيا هئا جن کان منهن بچائڻ ئي مشڪل ٿي پيو ۽ اتي مون کي ڪجهه پَرَن واري مخلوق به ڏسڻ ۾ آئي.”
    پاڻ سڳورن ان کان پوءِ فرمايو “جيڪڏهن هو مون ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري ها ته ملائڪ سندس سمورا عضوا هڪ هڪ ڪري جسم کان ڌار ڪري ڇڏين ها.”
    بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: “جيستائين ‘بيشڪ، الله توهان جي ماڻهن کان حفاظت ڪندو’ واري آيت نازل نه ٿي هئي تيستائين سندن ساٿي سندن حفاظت ڪندا هئا پر ان آيت کان پوءِ فرمايائون ته هاڻي منهنجو خدا منهنجي حفاظت ڪندو.”
    پاڻ سڳورن جي دعا قبول ٿيندي هئي
    انس بن مالڪ کان روايت آهي: هڪ جمعي جي ڏينهن تي پاڻ سڳورا خطبو ڏئي رهيا هئا ته هڪ شخص سندن ويجهو اچي عرض ڪيو “يا رسول الله، ڪافي ڏينهن کان برسات نه پئي آهي. مهرباني ڪري دعا ڪريو ته مينهن پوي.”
    پاڻ سڳورن اڃا دعا گهري بس مس ڪئي ته ڪڪر اچڻ شروع ٿي ويا ۽ جلد ايتري ته تيز برسات وسڻ لڳي جو اسين مشڪل سان پنهنجي گهر پهچي سگهياسين. اها برسات مسلسل ٻئي جمعي جي ڏينهن تائين وسندي رهي. ان ڏينهن تي وري هڪ ٻئي شخص اچي عرض ڪيو “يا رسول الله، دعا ڪريو ته مينهن وسڻ بند ٿئي.”
    پاڻ سڳورن دعا گهري “اي ڪائنات جا مالڪ، ڪڪرن کي حڪم ڏي ته اهي هتان پري هليا وڃن ۽ مديني حدن کان ٻاهر وڃي وسن.”
    انس بن مالڪ چيو “مون کي قسم آهي رب العزت جو ته دعا گهرڻ شرط ئي ڪڪر هٽڻ شروع ٿي ويا ۽ سڄو هفتو مديني جي آسپاس ۾ برسات پوندي رهي پر مديني ۾ مينهن جو هڪ قطرو به نه پيو.”
    هڪ ڀيري پاڻ سڳورن دعا گهري ته اي منهنجا رب، ابوجهل ۽ عمر ابن خطاب مان ڪنهن به هڪ کي اسلام قبول ڪرڻ جي توفيق ڏي. ان جي ٻئي ڏينهن تي عمر ابن خطاب پاڻ سڳورن وٽ اچي اسلام قبول ڪيو ۽ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.
    عبدالله بن عباس کان روايت آهي: پاڻ سڳورا غسل خاني ڏانهن ويا جتي مون اڳ ۾ ئي پاڻي ڀري رکي ڇڏيو هو ته جيئن کين وضوءَ ۾ آساني ٿئي. پاڻ سڳورن اندر داخل ٿيڻ شرط پڇيو “هيءُ پاڻي ڪنهن ڀري رکيو هو.”
    ان تي مون جواب ڏنو “حضور مون ڀري رکيو هو.”
    اهو ٻڌڻ شرط پاڻ دعا فرمايائون “شال خدا توکي دين کي سمجهڻ جي توفيق عطا فرمائي.”
    اهو اظهرمن الشمس آهي ته پاڻ سڳورن جي دعا قبول پئي ۽ ابن عباس اسلام جو تمام وڏو عالم ٿي گذريو آهي ۽ حضرت عمر رضي الله عنها کيس تمام ننڍڙي عمر ۾ عالمن جي ڪميٽي (مجلس شوريٰ) ۾ ميمبر مقرر ڪري ڇڏيو.
    مسند مطابق رسول الله ﷺ جن هيءَ دعا گهري هئي “اي منهنجا الله کيس دين کي سمجهڻ ۽ ان جي تشريح ڪرڻ جي توفيق عطا فرما.”
    انس بن مالڪ کان روايت آهي: منهنجي والده مون کي نبي پاڪ جن وٽ وٺي آئي ۽ چيائين “اي الله جا رسول ﷺ، هيءُ منهنجو ننڍڙو پٽ انس آهي ۽ آئون هن کي اوهان جي حضور ۾ پيش ڪريان ٿي ته جيئن هيءُ توهان جي خدمت ڪري. توهان هن لاءِ دعا ڪريو.”
    پاڻ سڳورن دعا گهري “اي منهنجا الله، هن جي دولت ۾ اضافو ڪر، هن جي اولاد ۾ برڪت وجهه.”
    انس چوڻ لڳو “مون کي قسم آهي رب پاڪ جو ته اها دعا قبول پئي ۽ اڄ آئون دولتمند آهيان ۽ منهنجي اولاد ۽ ان جي اولاد جو تعداد هڪ سئو کان مٿي آهي.
    انس بن مالڪ راوي آهي: رسول الله ﷺ جن هڪ ڏهاڙي منهنجي چاچي ام حرم سان ملڻ آيا. منهنجي چاچيءَ کين ڪجهه کائڻ لاءِ پيش ڪيو. ماني کائڻ کان پوءِ پاڻ سڳورن ڪجهه دير آرام ڪيو. پاڻ جيئن ئي ننڊ مان اٿيا ته مُرڪي رهيا هئا. ان تي ام حرم پڇيو “يا رسول الله، توهان ڪهڙي شيءِ جي ڪري مرڪيا؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “مون خواب ۾ ڏٺو ته ماڻهو بحري سفر ڪري رهيا هئا. جهازن تي سوار اهي ماڻهو بلڪل بادشاهه لڳي رهيا هئا. هو پنهنجي پوري جاهه ۽ جلال سان جنگ تي وڃي رهيا هئا.”
    ان تي ام حرم عرض ڪيو “يا رسول الله، منهنجي لاءِ به دعا ڪريو ته آئون به انهن بحري مجاهدن ۾ شامل ٿيان.”
    پاڻ سڳورن ام حرم جي لاءِ دعا ڪئي.
    انس بن مالڪ چوي ٿو ته جن ڏينهن ۾ معاويه بن ابوسفيان دمشق جو گورنر هو ته جنگ لاءِ هڪ بحري ٻيڙو ترتيب ڏنو هئائين ۽ ان بحري لشڪر قبرص جي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو هو. ام حرم به ان لشڪر سان گڏ هڪ جهاز تي هئي ۽ ڪناري تي پهچڻ کان پوءِ مٿان ڪري فوت ٿي وئي هئي.
    جِنَ ۽ ملائڪ به پاڻ سڳورن جي حاضري ڀريندا ۽ ساڻن ڳالهائيندا هئا
    عبدالله ابن عمر کان روايت آهي: منهنجي والد عمر ابن خطاب ٻڌايو ته هڪ ڀيري اسين سڀ پاڻ سڳورن سان گڏ سفر تي هئاسين. هلندي هلندي اسان کي سفيد لباس پهريل هڪ شخص نظر آيو جنهن جا وار ڪارا هئا. اسان سڀني جي چهري تي سفر جي ٿڪاوٽ جا آثار هئا پر هن جي چهري تي اهڙو ڪوبه تاثر نه هو ۽ نه ئي سفر جي شروعات وقت ڏسڻ ۾ آيو هو. اسان مان ڪنهن به کيس نٿي سڃاتو. هڪ هنڌ آرام خاطر ويٺاسين ته هو اڳتي وڌيو ۽ پاڻ سڳورن جي پيرن ڏانهن جهڪي ساڻن مليو. هن پاڻ سڳورن کان ايمان، احسان ۽ آخرت بابت سوال ڪيو. پاڻ سڳورن کيس مڪمل اطمينان سان تفصيلي جواب ڏنو ۽ اسين سڀ به اهو جواب ٻڌندا رهياسين. پاڻ سڳورن پنهنجي گفتگو ختم ڪئي ته هو اٿيو ۽ پاڻ سڳورن کان موڪلائي هليو ويو. ڪجهه دير کان پوءِ پاڻ سڳورن مون ڏانهن رخ ڪري چيو “اي عمر، سڃاتئي ته اهو ڪير هو؟”
    ان تي مون وراڻيو “اهو رڳو الله ۽ الله جي رسول کي معلوم آهي.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “اهو جبرائيل هو. هن جو مقصد رڳو توکي دين بابت سمجهائڻ هو.”
    سعد بن ابي وقاص کان روايت آهي: احد واري معرڪي ۾ مون ٻه ماڻهو ڏٺا جيڪي پاڻ سڳورن جي ساڄي ۽ کاٻي طرف کان بيٺل هئا. ٻنهي کي سفيد لباس پاتل هو ۽ هو وڏي مهارت سان پاڻ سڳورن جي حفاظت ڪري رهيا هئا. اهي ٻئي ماڻهو نه مون ان کان اڳ ڪڏهن ڏٺا ۽ نه ئي ان کان پوءِ مون کي ڪڏهن ڏسڻ ۾ آيا. (اهي ٻئي حضرت جبرائيل ۽ حضرت ميڪائيل هئا.)
    معاذ بن رفعه کان روايت آهي: مون کي منهنجي پيءُ رفعه بن رفعه ٻڌايو ته بدر واري معرڪي کان پوءِ حضرت جبرائيل عليه السلام حضور پاڪ جن وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو “جنگ بدر ۾ جن شرڪت ڪئي تن بابت توهان جو ڇا خيال آهي؟”
    حضور پاڪ جن فرمايو “انهن جو مرتبو سڀني مسلمانن کان افضل آهي.”
    حضرت جبرائيل چيو “جن ملائڪن جنگ بدر ۾ حصو ورتو هو اسان ملائڪن ۾ به انهن جو رتبو ٻين ملائڪن کان افضل ڪيو ويو آهي.”
    احمد ابن حنبل پنهنجي مسند ۾ ابن مسعود جي روايت ڪيل هڪ حديث پاڪ بيان ڪئي آهي. جنهن ۾ ذڪر آهي ته پاڻ سڳورا جنن کي به قرآن شريف جي تعليم ڏيندا هئا.

    مستقبل بابت اڳڪٿيون ۽ معجزا
    بيبي عائشه رضي الله عنها کان روايت آهي: هڪ ڀيري سج گرهڻ ٿي ته حضور پاڪ جن صلوات الخوف پڙهي ۽ ان کان پوءِ فرمايو “بيشڪ سج ۽ چنڊ ٻئي خدا جون آيتون آهن. جڏهن اهي گرهڻ جو شڪار ٿين ٿا ٻه رڪعتون صلوات الخوف پڙهو. مون کي قسم آهي رب العزت جو ته جڏهن آئون صلوات الخوف پڙهان ٿو هن ڪائنات جا سمورا راز مون تي عيان ڪيا وڃن ٿا. نماز دوران جڏهن توهان مون کي اڳتي وڌندو ڏسو ٿا ته ان وقت جنت جا انگور منهنجي ويجهو آندا وڃن ٿا ۽ آئون انهن مان هڪ ٻه داڻا کڻي وٺان ٿو. جنهن وقت توهان مون کي پوئتي هٽندي ڏسو ٿا ان وقت مون کي جهنم ۽ ان ۾ پيل ماڻهن جو نظارو ڪرايو وڃي ٿو.”
    عبدالله ابن عباس کان روايت آهي: قبرستان ۾ حضور پاڪ جن ٻن قبرن جي وچ ۾ اچي بيٺا ۽ چوڻ لڳا “ياد رکو، هنن ٻنهي کي سندن گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي. هڪ پنهنجو لباس پاڪ نه رکندو هو ۽ ٻيو بهتان هڻندڙ هو.”
    وڻ به سندن اطاعت ڪن ٿا
    جابر بن عبدالله کان روايت آهي: اسين پيغمبر ﷺ جن سان گڏ سفر ۾ هئاسين ۽ اچي هڪ وسيع واديءَ ۾ پهتاسين. پاڻ سڳورن رفع حاجت جو ارادو ڪيو ته آئون پاڻيءَ جو ڪرو ڀري سندن پويان پويان هلڻ لڳس. پاڻ سڳورن هيڏانهن هوڏانهن مناسب جاءِ ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن پردو رهي. آخرڪار کين هڪ پاسي ٻه وڻ نظر آيا. حضور پاڪ جن هڪ وڻ جي ٽاريءَ کي جهلي پاڻ ڏانهن ڇڪي چيو “خدا جي حڪم سان منهنجي اطاعت ڪر.” وڻ جي ٽاري ايئن جهڪي ڄڻ ڪنهن زور سان ڇڪي ان کي هيٺ نمايو هجي. پوءِ ٻئي وڻ جي ٽاريءَ کي به ساڳيءَ طرح ساڳيو ئي حڪم ڏنائون ۽ اها ٽاري به بلڪل ساڳئي نموني سندن اڳيان جهڪي پوءِ حضور پاڪ جن مون کان پاڻيءَ جو ڪرو وٺي ٻنهي وڻن جي وچ ۾ بيٺا ۽ وڻن سان مخاطب ٿيا “الله جي حڪم سان مون تي جهڪي مون کي ڍڪي ڇڏيو.” وڻن جون ٽاريون جلديءَ سان جهڪڻ لڳيون ۽ نبي پاڪ جن مڪمل طور تي ڍڪي ڇڏيائون.
    عبدالله بن عمر کان روايت آهي: حضور پاڪ جن خطبو ڏيڻ وقت کجيءَ جي هڪ سڪل ٿڙ کي ٽيڪ ڏئي بيهندا هئا. جڏهن منبر تيار ٿيو ته کين ان ٿڙ کي ٽيڪ ڏيڻ جي ضرورت ئي نه رهي. اوچتو کجيءَ جي ان سڪل ٿڙ مان سڏڪن جو آواز اچڻ لڳو. پاڻ سڳورا ان ٿڙ ڏانهن ويا ۽ مٿس هٿ رکيائون ته سڏڪن جو آواز اچڻ بند ٿي ويو.
    ابو سعيد الحضري کان روايت آهي: هڪ ڏينهن سومهڻيءَ جي نماز کانپوءِ الله جي رسول ﷺ جن قتادا بن نعمان کي هڪ ڏنڊو ڏنو ۽ فرمايو “هيءُ ڏنڊو تو کي اڳيان ڏهن فٽن تائين روشني فراهم ڪندو ۽ تنهنجي پٺيان به ڏهن فٽن تائين ان جي روشني هوندي. تون جڏهن گهر ۾ داخل ٿيڻ وارو ٿيندين ته تو کي مبهم پاڇولي جهڙو هڪ شخص نظر ايندو جنهن جي شڪل غير واضح هوندي تون ان جي ڳالهائڻ جو انتظار نه ڪجانءِ ڏسڻ شرط هيءُ ڏنڊو مٿي ۾ وهائي ڪڍجانس. قتادا کي بلڪل ساڳي صورتحال پيش آئي جيئن نبي پاڪ جن فرمايو هو ۽ هن بلڪل سندن فرمان مطابق ئي ان تي عمل ڪيو.
    2. هڪ حلوي خور پاڻ تي پٿر وسائڻ ڇو پسند ڪيو
    افيون ۾ حسين نالي هڪ شخص هوندو هو جيڪو مجذوب هو ۽ ماڻهو کيس “حلوي خور” سڏيندا هئا. هو سڄو ڏينهن افيون جي گهٽين ۾ پيو گهمندو هو ۽ هو جيڪي ڪجهه ڇوندو هو سو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو هو. اهو حلوي خور منفرد روحاني قوتن جو به مالڪ هو ۽ ان جي ڪري ماڻهو سندس هر لفظ غور سان ٻڌڻ ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. هن جي هڪ عجيب عادت هئي ته ڏينهن سڄو رلڻ کان پوءِ رات هو ڪنهن نه ڪنهن ميڊيڪل اسٽور جي اڳيان گذاريندو هو. افيون ۾ سردي تمام گهڻي ٿئي ٿي ۽ کيس اهڙي جاءِ گهربل هوندي هئي جيڪا گرم هجي. ميڊيڪل اسٽورن ۾ گرم رکڻ جو انتظام هوندو هو ۽ اهي به هن جي ان عادت کان واقف هئا. هو ڪنهن کي ايذائيندڙ به نه هو تنهنڪري ميڊيڪل اسٽور وارا به کيس ڪجهه نه چوندا هئا.
    آئون هڪ ڊاڪٽر آهيان ۽ ميڊيڪل اسٽور تي اچڻ منهنجو ڪم هوندو هو. ان ڪري جو ڏينهن هجي يا رات ڪنهن مريض کي ضرورت پوندي هئي ته سندس وارث مون سان رابطو ڪندا هئا ۽ آئون ميڊيڪل اسٽور تان ضروري دوائون وٺي مريض کي ڏسڻ هليو ويندو هئس. اهڙيءَ طرح منهنجي حسين سان سڃاڻپ ٿي. ڪجهه عرصي کان پوءِ اسين پاڻ ۾ دوست ٿي وياسين. هو مون وانگر ٻئي ڪنهن سان به ايئن کُلي گفتگو نه ڪندو هو.
    آئون جڏهن به رات جو ڪنهن مريض کي ڏسڻ ويندو هئس ته ميڊيڪل اسٽور تي اچي گهربل دوائون خريد ڪري پوءِ ويندو هئس ۽ منهنجي چهري تي ڪجهه پريشاني به هوندي هئي. ڇو ته منهنجي خواهش هوندي هئي ته تڪڙو مريض وٽ پهچان ۽ هو منهنجي پريشاني ڏسي چوندو هو “ڊاڪٽر پريشان نه ٿي تنهنجو مريض ٺيڪ ٿي ويندو.” بهرحال آئون هليو ويندو هئس ۽ اهو مريض واقعي ٺيڪ ٿي ويندو هو. اها اهڙي گفتگو هوندي هئي جيڪا هو مون کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به نه ڪندو هو. خبر نه آهي ته ڇا جي ڪري هو مون سان ايترو ويجهو ٿي ويو هو.
    هڪ ڏينهن آئون پنهنجي هڪ مريض ٻار کي ڏسڻ جي لاءِ وڃي رهيو هئس ۽ مون ميڊيڪل اسٽور تان اچي پينسلين خريد ڪئي. پينسلين تن ڏينهن ۾ نئين متعارف ٿي هئي ۽ ڊاڪٽر ان جو استعمال به گهڻو ڪندا هئا. آئون جيئن ئي ميڊيڪل اسٽور مان ٻاهر نڪتس ته مون کي حسين ملي ويو پر آئون جلديءَ ۾ هئس سو هن ڏانهن گهڻو ڌيان نه ڏنم. حسين مون کي تڪڙ ۾ ڏسي چيو “ڊاڪٽر اجايو وقت ضايع ٿو ڪرين، ٻار کي هاڻي تنهنجي علاج جي ضرورت ڪانهي، هو گذاري ويو آهي.” خير مون هن جي ڳالهه تي گهڻو ڌيان نه ڏنو ۽ آئون ٽانگي ۾ چڙهي روانو ٿي ويس. مريض جي گهر جي دروازي تي پهتس ته روڄ راڙو متل هو. ٻار واقعي فوت ٿي چڪو هو ۽ مون کي ان جو ڏاڍو افسوس ٿيو.
    ان حلوي خور جي زندگيءَ جو هڪ دلچسپ رخ اهو به هو ته هُو ڏينهن جو جڏهن گهٽين ۾ پيو گهمندو هو ته شهر جا ٻار کيس “حلوي خور، حلوي خور” چئي چيڙائيندا هئا ۽ کيس پٿر هڻندا هئا. ٻار جڏهن کيس گهڻو تنگ ڪندا هئا ته هو کين گاريون ڏئي سندن پٺيان ڊوڙندو هو ته ٻار ٽڙي پکڙي ويندا هئا، هُو وري جڏهن پنهنجي راهه وٺندو هو ته ٻار وري به سندس پٺيان هوندا هئا. اهو روز جو معمول هو. هُو حلوو به گهڻو کائيندو هو ۽ حلوي خور چوڻ تي چڙندو به هو.
    اسان جي دوستيءَ کي ڪافي عرصو گذري چڪو هو ۽ هاڻي هو مون تي گهڻو اعتماد به ڪندو هو ۽ واندڪائيءَ ۾ اسين هڪٻئي سان تفصيلي گفتگو به ڪندا هئاسين. هڪ ڏينهن مون کيس چيو “حسين تون اهو جيڪو ڪم ڪرين پيو سو گهڻو ڏکيو نه آهي؟ درويش ٿيڻ ۽ سڄو ڏينهن پٿر کائڻ ڪافي سخت ڪم آهي.” هن چيو “تون پيو ان راز تان پردو کڻڻ جي ڪوشش ڪر هڪ ڏينهن پاڻ ئي سمجهي ويندين. آئون جيڪو ڪم ڪريان پيو ان کان بهتر ٻيو ڪوبه ڪم نه آهي. اهو تمام سهڻو ڪم آهي.” اها ڳجهارت واقعي ڏکي هئي ۽ منهنجي لاءِ ان جو راز پروڙڻ ڏکيو ڪم هو. هن جي زندگيءَ ۾ ته آئون اها ڳجهارت ڀڃي نه سگهيس ۽ آخرڪار سندس وفات کان پوءِ ان جو راز مون تي عيان ٿي ويو. حسين اصل ۾ هڪ سنت ادا ڪري رهيو هو. حضور پاڪ جن جڏهن طائف ۾ هئا ته شهر جا ٻار ايئن ئي سندن پيڇو ڪندا هئا ۽ کين پٿر هڻندا هئا. حسين پنهنجي جسم تي پٿر کائي اها تڪليف محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو جيڪا پاڻ سڳورن کي پٿر لڳڻ کان پوءِ محسوس ٿيندي هئي. سو حسين به ان سنت تي عمل ڪندو هو.
    اهو حلوي خور به پاڻ سڳورن سان بيپناهه محبت ڪندو هو ۽ ان جي ڪري ئي کيس اهو روحاني مرتبو حاصل ٿيو هو. سندس خيال هو ته جيڪڏهن نبي پاڪ جن پٿر کائي به صبر ڪن ٿا ته پوءِ کيس پٿر کائڻ کان پري نه ڀڄڻ گهرجي. نبيءَ جي محبت جي ڪري کيس اها درويشي حاصل ٿي هئي.

    3. بندگي
    نبوت جو مطلب انسانذات کي سنئين واٽ ڏيکارڻ آهي ۽ اها سنئين واٽ بندگيءَ کان سواءِ ٻي ڪا ٿي ئي نٿي سگهي. قرآن شريف ۾ به ڪجهه اهڙي ئي وضاحت موجود آهي “مون پئدا ڪيو جنن ۽ انسانن کي ته هو منهنجي عبادت ڪن.” (51/56) خدا پاڻ ئي بندگيءَ جا قاعدا واضح ڪري ڇڏيا آهن.
    ان جو مطلب اهو ٿيو ته تخليق جو اهم مقصد الله کي سڃاڻڻ ۽ ان جي مناسب انداز ۾ بندگي ڪرڻ آهي. رڳو کائڻ، پيئڻ، پئسو ڪمائڻ، ڪارون بنگلا رکڻ ئي زندگيءَ جو مقصد نه آهي ۽ نه ئي انهن جي ڪا گهڻي اهميت آهي. بيشڪ اهي زندگيءَ جو ضرورتون آهن پر زندگيءَ جو مقصد نه آهن. وجود جو مقصد نه آهن. ان جي ڪري ئي اسان ڏانهن نبي موڪليا ويا ته جيئن هو اسان کي سنئين واٽ ڏَسي سگهن.
    الله پاڪ نبوت جا ڪارڻ به واضح ڪري ڇڏي آهن. نبي رڳو ان ڪري موڪليا ويا ته اسان کي حقيقي مالڪ جي باري ۾ ٻڌائين، ان جي عبادت ڪرڻ سيکارين ۽ بتن جي پوڄا کان روڪين. نبين انسانذات ۾ بندگيءَ جو شعور ۽ سليقو پئدا ڪيو.

    الله جي رسول جي انفراديت
    حضرت محمد ﷺ جن ٻين نبين کان مختلف هئا. پاڻ سڳورا واحد نبي آهن جن کي رحمت اللعالمين جو مقام عطا ڪيو ويو. کين نه رڳو انسانذات پر جنن جي به رهنمائيءَ لاءِ موڪليو ويو. عبدالله بن مسعود هڪ واقعي جو ذڪر ڪيو آهي جنهن جو پاڻ شاهد به آهي: هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا مون کي وٺي صحرا ۾ ويا. پاڻ سڳورن هڪ گول دائرو ڪڍي مون کي ان جي اندر ويهڻ ۽ ان مان ٻاهر نه نڪرڻ جي هدايت ڪئي. اهو به چيائون ته جيستائين پاڻ سڳورا موٽي نه اچن تيستائين ان دائري ۾ ويٺو رهان. پاڻ سڳورا مون کان اڃا ٿوروئي پري مس ويا هوندا ته مون کي عجيب آواز ٻڌڻ ۾ آيا. مون کي پاڻ سڳورن بابت اچي کٽڪو ٿيو پر مجبوري هئي سندن ئي هدايت هئي ته آئون دائري ۾ ويٺو رهان. ڪجهه دير کان پوءِ مون رسول الله ﷺ جن کي واپس ايندو ڏٺو. مون کانئن انهن عجيب آوازن جي باري ۾ پڇيو ته پاڻ فرمايائون “جنن جي هڪ ٽولي مون سان ملڻ لاءِ آئي هئي پر هتي اچڻ کان پوءِ منجهن ڪنهن معاملي تان تڪرار ٿي پيو هو. ايمان وارن جنن جو مشرڪ جنن سان مقابلو ٿي پيو. اهي ئي آواز هئا جيڪي توکي ٻڌڻ ۾ آيا هئا. ان سان گڏ مون کي منهنجي موت جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.” ان جملي کان پوءِ پاڻ سڳورن وضاحت ڪجهه هن ريت ڪئي “مون کي بشر ۽ جنن کي الله جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ موڪليو ويو هو. اڄ جنن به منهنجي اسلام جي ڏنل دعوت قبول ڪري ورتي آهي ۽ ان جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي منهنجو زمين تي ڪم ختم ٿيو. هاڻي منهنجي واپسيءَ جو وقت آهي.” انهن خيالن سان اسان تي نبوت جو مقصد پڻ واضح ٿي وڃي ٿو.

    4. فخر انسانيت
    سوال: فخر انسانيت، ڇا هُو پاڻ پئدا ٿيا، ڇا پنهنجي زندگيءَ جو انتخاب پاڻ ڪيائون ۽ ڇا پنهنجي موت جو فيصلو پاڻ ڪيائون، ان سڀ جو مطلب ڇا آهي؟
    جواب: ڪافي سال اڳ ۾ مون ان بابت تفصيل سان وضاحت ڪئي هئي ۽ اهي چيل ڳالهيون ياد نٿيون رهن. بهرحال آئون پنهنجي يادداشت جي سهاري انهن کي دهرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.
    مشهور شاعر نجيب فاضل لکي ٿو “پاڻ سڳورن جي ڪري اسين خلقيا وياسين.” حديث قدسي جنهن جي صحت تي اڪثر عالم شڪ جو اظهار ڪن ٿا، پر پوءِ به هتي پيش ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو. ان حديث مطابق پاڻ فرمايائون “جيڪڏهن مون کي پئدا نه ڪيو وڃي ها ته هيءَ دنيا ئي نه خلقي وڃي ها.” ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي الله تعاليٰ هيءَ ڪائنات خلقي. ڪائنات جو هيءُ ڪتاب تصديق ڪري ٿو ته ڪائنات جو خالق الله پاڪ آهي ۽ محمد ﷺ سندس پيغمبر آهي. سندن وجود کان سواءِ هيءَ ڪائنات ممڪن نه هئي. پاڻ سڳورا نه هجن ها ته هيءَ ڪائنات مڪمل انڌيري ۾ هجي ها ۽ اسان کي ڪوبه راهه ڏيکارڻ وارو ئي نه هجي ها. قرآن شريف ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو “انسان ۽ جن ان جي ڪري خلقيا ته هومنهنجي عبادت ڪن.” ابن عباس ان جي تشريح هن طرح ڪري ٿو. “الله پاڪ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ اسان سڀني کي خلقيو.” اسان جي پياري پيغمبر کان سواءِ اسين خدا جي وجود کان غافل رهون ها. ان بنياد تي اسين چئي سگهون ٿا ته پاڻ سڳورن جي ڪري ئي هيءَ سڄي ڪائنات خلقي وئي.
    کانئن اڳ ايندڙ سڀني نبين پنهنجي انداز ۾ سندن اچڻ جو ذڪر ڪيو آهي.مثال طور اندلس جو عظيم عالم قاضي اياز ‘صفاءِ صرف’ ۾ بيان ڪري ٿو “حضرت آدم عليه السلام جنت مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ کين شفاعت ڪندڙ قرار ڏنو ۽ الله تعاليٰ کان دعا گهريائون “اي خدا مون کي محمد ﷺ جي صدقي بخش ڪر.” الله پاڪ کانئس پڇيو “توکي محمد جي خبر ڪيئن پئي؟” ان تي حضرت آدم عليه السلام عرض ڪيو “اي مالڪ مون لوح محفوظ تي ‘لاالهٰ الالله محمدالرسول الله’ لکيل ڏٺو آهي.” جنهن جو نالو لوح محفوظ تي اوهان جي نالي کان پوءِ ايندو هجي ته ان جي اوهان وٽ ڪيتري اهميت هوندي ان کي نظر انداز ڪري نٿو سگهجي.”
    حضرت عيسيٰ به سندن آمد جو هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ذڪر ڪيو آهي. هڪ ڀيري چيائون “آئون توهان کي گهڻو ڪجهه ٻڌائي سگهان ٿو، پر هن وقت توهان اهو سمجهي نه سگهندا. مون کي هاڻي هر صورت واپس وڃڻو آهي، ته جيئن ڪائنات جو سردار، پاڪ روح، سچ ۽ ڪوڙ جو فرق ٻڌائيندڙ اچي ۽ توهان کي سچ کان آگاهه ڪري.”
    حضرت عيسيٰ عليه السلام کين احمد جي نالي سان سڏيو آهي. اها به هڪ خوبصورت حقيقت آهي ته سندن ڏاڏي سندن نالو محمد رکيو ته جيئن عرش ۽ فرش وارا سندن شفاعت جا حقدار بڻجي سگهن. امام رباني محمد جي حقيقت ۽ احمد جي حقيقت تي زور ڀريو آهي. پاڻ سڳورا سندن ولادت باسعادت کان اڳ ۾ احمد جي نالي سان مشهور ٿي چڪا هئا. دنيا ۾ محمد جو نالو کڻي اچڻ جو مطلب هو ته انساني روپ ۾ به ان نالي سان انصاف ڪن. محمد جسماني لحاظ کان به نبين جي سردار جو نالو بڻجي ويو.
    سندن آمد کان اڳ ۽ سندن جنم وقت جيڪي ڪجهه ٿيو پاڻ ان جي وضاحت ڪيائون ۽ اهو سڀ ڪجهه واقعي ٿي چڪو هو. سيار جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورن جي پئدائش وقت ڪعبي ۾ رکيل سمورا بت ڪري پيا، ايران جي قصريٰ جا ٿنڀ ڊهي پيا، ايران جا آتشڪده ٿڌا ٿي ويا جن ۾ هزارين سالن کان باهه ٻرندڙ هئي.
    سندن حفاظت هر وقت الله پاڪ ڪندو هو، ايتري حد تائين جو ٻالڪپڻي ۾ به هو الله جي امان ۾ هئا. مثال طور تي جڏهن پاڻ اڃا ٻار هئا ته ڪعبي جي آرائش دوران پٿر ڪلهي کڻي اچي رهيا هئا ته سندن چاچي کين چيو ته توهان جيڪڏهن ڪلهي تي ڪپڙو رکي پوءِ پٿر کڻندا ته توهان جا ڪلها زخمي نه ٿيندا. پاڻ سڳورن پنهنجي احرام جو ڪجهه حصو ورائي ڪلهي تي رکيو ۽ پٿر کنيائون ته سندن نظر وڃي سندن ٽنگن تي پيئي جيڪي ظاهر نظر اچي رهيون هيون. توڙي جو ان وقت ٻيو ڪوبه ماڻهو سندن ويجهو نه هو پاڻ سڳورا اهو ڏسي ايترا ته شرمسار ٿيا جو بيهوش ٿي ويا. اتان لنگهندڙ ڪنهن شخص کين بيهوش پيل ڏٺو ۽ اچي سندن چاچي کي ٻڌايو. جنهن کين هوش ۾ آندو ته پاڻ کين ان سموري حقيقت کان آگاهه ڪيائون.
    عرب ۾ هر طرف گمراهيءَ جو انڌيرو ڇانيل هو. هو غربت کان ڊڄندا هئا ان ڪري پنهنجون نياڻيون زنده دفن ڪري ڇڏيندا هئا ته سندن ملڪيت محفوظ رهي. ڌيءَ جي پئدائش تي هو شرم محسوس ڪندا هئا. پر ان سان گڏ منجهن ڪجهه خوبيون به هيون. عرب سخي ۽ دلير هوندا هئا. توهان ڏسندا ته سندن شاعريءَ ۾ توهان کي اهي به عنصر سڀ کان وڌيڪ ملندا. ها اها به اهم ڳالهه هئي ته هُو ايمانداريءَ جو تمام گهڻو قدر ڪندا هئا. جيڪڏهن مٿن ڪير اعتبار ڪندو هو ته پوءِ هر صورت ۾ ان تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اهڙيون جيڪي به خوبيون ان وقت جي عربن ۾ موجود هيون تن ۾ رسول الله ﷺ جن مڙني کان اتم هئا. ان ڪري کين ‘محمد امين’ جو لقب مليل هو. پاڻ سڳورن سندن سموري شاعري ۽ ادب کي به پوئتي ڇڏي ڏنو ڇاڪاڻ ته هُنن پاڻ سان گڏ قرآن شريف آندو هو. جنهن جي مقابلي ۾ هڪ سٽ لکڻ به ڪنهن جي وس ۾ نه هو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قرآن شريف هڪ معجزاتي تحرير آهي جنهن جو ڪوبه لفظ ڏاهپ کان خالي نه آهي ۽ نه ئي ان جهڙو سٽاءُ ڪنهن جي لاءِ ممڪن آهي.
    جڏهن هر طرف کان ايذائڻ ۽ مٿن چرچا ڪرڻ جو سلسلو هلندڙ هو ان وقت کين الله پاڪ معراج جو شرف بخشيو. ملائڪن جو سردار حضرت جبرائيل کين وٺڻ آيو هو. جنهن جي رهنمائي ۾ پاڻ عرش معليٰ پهتا ۽ صدر منتهيٰ تي حضرت جبرائيل کين چيو ته ان کان اڳتي وڃڻ جي مون کي اجازت نه آهي. اتان پاڻ اڪيلا وڃي خالق حقيقي سان هم ڪلام ٿيا.
    پاڻ سڳورا تمام سادگي پسند هئا. هڪ ڀيري هڪ عورت کين ڏٺو ته پاڻ سڳورا زمين تي پيل خوراڪ جا ڪڻا چونڊي کائي رهيا هئا. ان تي اها عورت چوڻ لڳي “توهان غلامن وانگر زمين تي پيل ڪڻا ميڙي پيا کائو.” ان تي پاڻ سڳورن فرمايو “ڇا توهان کي مون کان وڌيڪ سٺو ڪو غلام ملندو؟ آئون الله تعاليٰ جو غلام آهيان.”
    پاڻ سڳورا واقعي خدا جا نيڪ ٻانها هئا. هڪ ڀيري ڏڪار پيو هو ۽ حضرت جبرائيل پاڻ سڳورن جي ڀر ۾ موجود هو. حضرت جبرائيل سوال ڪيو ته جيڪڏهن اوهان کي دنيا جي بادشاهت ۽ الله جي غلاميءَ مان هڪ جي چونڊ ڪرڻي پوي ته توهان ڇا ڪندا؟ پاڻ سڳورن پنهنجي لاءِ الله پاڪ جي غلامي پسند ڪئي هئي.
    مڪي مان هجرت وقت جيڪا سندن سادگي هئي اهائي مڪي جي فتح وقت به موجود رهي ۽ پاڻ سڳورا مڪي جي فتح وقت اٺ تي ئي سوار هئا. ڏکئي ۾ ڏکيا مسئلا اک ڇنڀ ۾ حل ڪري وٺندا هئا. اهوئي سبب هو جو جڳ مشهور ليکڪ جارج برنارڊ شا کي چوڻو پيو “اڄ هن عمر ۾ به اسين مسئلن جي انبار جي هيٺان دٻيل آهيون ۽ انهن جي حل لاءِ منهنجي ذهن ۾ هڪ ئي نالو اچي ٿو يعني (حضرت) محمد (ﷺ) جن جو جيڪي مسئلا ايئن حل ڪندا هئا ڄڻ ڪافي پي رهيا هجن.” مجموعي طور اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته پاڻ سڳورا پاڪدامن ڄاوا، پاڪدامن زندگي گذاريائون ۽ پاڪدامنيءَ ۾ ئي هن فاني جهان مان برقعو مٽايائون.


    باب ٻارهون

    1. نبي پاڪ جن جي سنت
    جيڪو به نبي پاڪ جي معمولي سنت تي به عمل ڪري ٿو ته ان کي سوين شهيدن جيترو ثواب ملي ٿو. ڪوبه شخص سنت جي ادائيگيءَ جي نيت سان ڪوبه عمل ڪري ٿو ته سندس اهو عمل عبادت ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
    “چئو (اي محمد)، منهنجي نقش قدم تي هلو جيڪڏهن اوهين الله کي چاهيو ٿا، ته الله به اوهان کي چاهي.” قرآن شريف جي ان آيت جو مطلب اهو ئي ٿيو ته اهي جيڪي خدا تي يقين رکن ٿا سي سندس حڪم به مڃيندا ۽ ان رستي تي هلڻ جو آسان طريقو الله جي رسول جي نقش قدم تي هلڻ آهي.
    حديث پاڪ آهي “خدا مون کي بهتر اخلاق ۽ طورطريقا عطا ڪيا آهن.” اهڙي شخصيت جي سنت مبارڪ تي عمل ڪرڻ جو مطلب خدا کي راضي ڪرڻ آهي. جيڪو سنت تي عمل نٿو ڪري سو ڄڻ بهتر اخلاق ۽ بهتر طورطريقن کان محروم رهي ٿو. سو جيڪي چڱو اخلاق نٿا رکن سي خدا جي رحمت کان محروم رهن ٿا.
    ان جو ته تمام وڏو امڪان آهي ته جيڪي سنت مبارڪ تي عمل نٿا ڪن سي گمراهه ٿي وڃن ٿا ۽ بدعتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. سنت هڪ اهڙو نور آهي جنهن جو مقابلو ڪابه روشني نٿي ڪري سگهي.

    2. سون جون ست هزار اشرفيون
    حڪيم اوغلو علي پاشا جي ڏينهن ۾ هڪ الله جو نيڪ ٻانهو هو جيڪو تمام گهڻو غريب هو. هڪ رات هن غربت کان تنگ ٿي ڌڻيءَ در ٻاڏايو “اي الله تون منهنجي حال کان بهتر واقف آهين. منهنجا ٻار تمام گهڻا پريشان آهن. آئون پنهنجو قرض نٿو لاهي سگهان. سو پنهنجي پياري پيغمبر جي صدقي مون کي ان کان بچڻ جو ڪو رستو ڏيکار.”
    هُو اها دعا گهري پوءِ سمهي پيو. ننڊ ۾ کيس عجيب جهان نظر آيو. هن ڏٺو ته نبي پاڪ جن موجود آهن ۽ مسلمانن کي هيٺ ڏنل صلاح ڏئي رهيا آهن. “توهان ڪافي وقت کان صبر جو مظاهرو ڪندا پيا اچو ۽ توهان غربت جي امتحان ۾ سرخرو ٿيا آهيو. الله پاڪ توهان جي دعا ٻڌي ۽ قبول فرمائي آهي. هاڻي توهان جا مسئلا ختم ٿيڻ وارا آهن. فجر جي نماز پڙهڻ کان پوءِ توهان حڪيم اوغلو پاشا وٽ وڃو ۽ کيس منهنجا سلام ڏجو. کيس چئجو ته هو توهان کي سون جون هڪ هزار اشرفيون ڏي. جيڪڏهن هو ان تي يقين نه ڪري ته کيس اهو اهڃاڻ ڏجو ته اوهان هر جمعي جي رات جو نماز پڙهي پوءِ سمهندا آهيو پر هن جمعي جي رات توهان نماز نه پڙهي ۽ ايئن ئي سمهي رهيا. کيس يقين ڏيارڻ لاءِ اهو اهڃاڻ ڪافي رهندو.”
    صبح تي هو سڌو اوغلو پاشا ڏانهن ويو ۽ کيس پنهنجو خواب تفصيل سان ٻڌايو. اوغلو پاشا اهو سڀ ڪجهه ٻڌو پر ان تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ۽ ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ ان شخص کي چيائين “پنهنجي خواب جو تفصيل وري ٻڌاءِ.” هن شخص وري پنهنجي خواب جو تفصيل ٻڌايو ۽ اوغلو پاشا وري به ڪجهه دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو “پنهنجي خواب جو تفصيل وري ٻڌاءِ.” هن شخص وري به تفصيل ٻڌايو. اهڙيءَ طرح اوغلو پاشا پڇندو رهيو ۽ هو ٻڌائيندو رهيو ۽ آخر ڪار تنگ ٿي اوغلو پاشا کي چيائين “تو کي منهنجي ڳالهه تي يقين نٿو اچي ته سڌي ڳالهه ڪر، باقي وري ٻڌاءِ، وري ٻڌاءِ جي نتيجي ۾ ست دفعا ته آئون پنهنجي خواب جو ذڪر ڪري چڪو آهيان.”
    ان تي اوغلو پاشا چوڻ لڳو “يا الله معافي، يا الله معافي، تنهنجو ڇا خيال آهي ته مون کي تنهنجي ڳالهه تي يقين نه آهي؟ تون اهو ڪيئن ٿو چئي سگهين ته اهو خواب بيڪار آهي؟ اصل ڳالهه اها آهي ته تنهنجو اهو خواب منهنجي زندگيءَ جي سڀ کان حسين ترين شيءِ آهي. اهو ايترو ته حسين آهي جو مون نٿي چاهيو ته ان جي موٽ ۾ توکي رڳو هڪ هزار اشرفيون ڏئي روانو ڪري ڇڏيان. مون فيصلو ڪيو هو ته تون مون کي جيترا ڀيرا نبي ڪريم ﷺ جن جا سلام ڏيندين آئون تو کي ايترا هزار سون جون اشرفيون ڏيندس. هاڻي جيئن ته تو مون کي ست ڀيرا پنهنجو خواب ٻڌايو آهي ان ڪري ست هزار سون جون اشرفيون آئون تنهنجي حوالي ڪريان ٿو. ايترو چئي علي پاشا پنهنجي خادم کي گهرائي حڪم ڏنو ته هن غريب شخص کي ست هزار سون جون اشرفيون ڏئي روانو ڪيو وڃي.
    اهو غريب شخص جنهن کي پاڻ سڳورن سان تمام گهڻي محبت هئي تنهن جو خيال هو ته کيس هڪ هزار اشرفيون ملنديون پر ان جي بدران کيس ست هزار اشرفيون مليون ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ باقي زندگي سک ۽ آرام سان گذارڻ لڳو.

    3. نبي پاڪ جن جي ورثي جو تحفظ
    اهو چوڻ مشڪل آهي ته مون کي نبي پاڪ جي ورثي سان پيار آهي. منهنجي محدود سوچ مطابق اهو چئي سگهان ٿو مون کي ان سان پيار آهي. ان سان ٿڌي هير جو احساس ٿئي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته اسان کي حضرت ابوبڪر رضي الله عنها ۽ حضرت عمر رضي الله عنها سان پرخلوص محبت آهي. آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن حضرت عمر رضي الله عنها کي منهنجي جان جي به ضرورت پوي ته قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽندس. شايد آئون اهو سڀڪجهه نه ڪري سگهان ڇو ته چوڻ آسان ۽ ڪرڻ ڏکيو آهي. اي منهنجا خدا، مون کي يقين آهي ته مون کي اصحابن سان حقيقي محبت آهي. جيڪڏهن اهو سچ نه آهي ته اي منهنجا خدا ان کي سچ بڻائي. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته اسان کي سندن وجهڙائپ عطا فرما.
    حضرت عمر رضي الله عنها جي خلافت هئي. تڏهن هو چوندو هو ته آئون حاڪم نه پر الله ۽ ان جي رسول جو خليفو آهيان. آئون زمين تي سندن نمائندو آهيان. هن الله جي حڪم تي عمل ڪرائڻ لاءِ هر طريقو استعمال ڪيو. پاڻ سڳورن جي هر فرمان جي تشريح ڪندو رهيو. هن رسول الله جن جي نمائندگي اهڙي ته احسن طريقي سان ڪئي جو مشهور ديني عالم ابن عباس هر وقت سندس پيڇو ڪندو رهندو هو. حضرت عمر رضي الله عنها مديني ۾ ته ابن عباس به مديني ۾ ۽ جيڪڏهن حضرت عمر رضي الله عنها مڪي ۾ ته ابن عباس به مڪي ۾ هوندو هو. مطلب ته هو چاهيندو ته خليفي جي هر چيل ڳالهه کان آگاهه رهان ۽ ان جي پاڻ سڳورن جي فرمان سان ڀيٽ ڪندو رهان.
    هڪ ڀيري حضرت عمر رضي الله عنها خطبو ڏيڻ لاءِ تڪڙو تڪرو وڃي رهيو هو ۽ ذهن ۾ خطبي جي لاءِ مناسب لفظ سوچيندو پئي ويو ته اوچتو هڪ گهر جي نيڪال واري پائپ مان گندي پاڻيءَ ڇنڊا سندس ڪپڙن تي اچي ڪريا ته ڪپڙا ناپاڪ ٿي ويا. اتان وري واپس موٽيو ۽ گهر وڃي ڪپڙا بدلائي پوءِ تڪڙو تڪڙو مسجد ڏانهن ويو. واٽ تي جڏهن اهو گهر آيو ته ان جو نيڪال وارو پائپ به اکوڙيو پاڻ سان گڏ کڻيو آيو. اهو پائپ ديوار سان لڳائي منبر تي چڙهيو ۽ خطبو ڏنائين. تنهن کان پوءِ جماعت کي چيائين “ڀائرو اهڙو ڪوبه ڪم نه ڪريو جيڪو ايمان وارن جي لاءِ رنڊڪ بڻجي. آئون نماز پڙهڻ اچي رهيو هئس ته واٽ تي هڪ گهر جي نيڪال واري پائپ مان گندي پاڻيءَ جا ڇنڊا اچي منهنجي ڪپڙن تي ڪريا ۽ ڪپڙا ناپاڪ ٿي ويا. جنهن ڪري مون کي وري واپس گهر وڃڻو پيو ۽ ڪپڙا بدلائڻا پيا. ان ڪري ڪجهه دير به ٿي وئي. سو آئون وري مسجد ڏانهن پئي آيس ۽ ان گهر مان اهو پائپ ڪڍي پاڻ سان گڏ کڻي آيو آهيان.” اوچتو سڀني ماڻهن جو رخ حضرت عمر رضي الله عنها بدران ٻئي طرف ٿي ويو. سڄي جماعت ويٺي هئي ۽ هڪ شخص اٿي بيهي رهيو. ماڻهن کي ان تي ڪجهه تعجب به ٿيو ڇاڪاڻ ان شخص سان حضرت عمر رضي الله عنها تمام گهڻو پيار ڪندو هو.
    جيڪو شخص اٿي بيٺو هو سو ابن عباس هو. جنهن جو چهرو ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ هو آهستي آهستي حضرت عمر رضي الله عنها ڏانهن وڌڻ لڳو. ويجهو اچي سوال ڪيائين “اي عمر، تو هي ڇا ڪيو؟ اهو منهنجي ئي گهر جو ڇڄو هو. اهو پائپ منهنجي موجودگيءَ ۾ رسول الله ﷺ جن پنهنجن هٿن مبارڪن سان پاڻ لڳايو هو.” ان کان اڳ ۾ جو ابن عباس ڪجهه وڌيڪ چوي حضرت عمر رضي الله عنها پنهنجو توازن برقرار رکي نه سگهيو ۽ منبر تان هيٺ وڃي ڪريو. اوچتو حضرت عمر رضي الله عنها جي زبان مان هي لفظ نڪتا “اي ابن عباس، آئون تنهنجي اڳيان پنهنجي پاڻ کي پيش ڪريان ٿو. تو سان گڏجي تنهنجي گهر تائين هلان ٿو، اتي پهچي آئون پنهنجو مٿو زمين تي رکندس ۽ تون پنهنجا ٻئي پير منهنجي منهن تي رکي اهو پائپ لڳائجانءِ.”
    سڄي جماعت حيران هئي. جن ٻڌو سي ته سمجهي ويا ته ڇا ٿيو آهي. پر جيئن ته جماعت ۾ تمام گهڻا ماڻهو هئا ۽ مسجد کان ٻاهر به جماعت جون صفون هيون سي سمجهي نه سگهيا ته ڇا ٿيو آهي. خليفو مسجد مان ٻاهر نڪتو ۽ جماعت سندس پٺيان هئي. اهو حضرت عمر رضي الله عنها هو جيڪو روم جي شهنشاهيت جي خاتمي جو سبب هو. جيڪو ايران جي شهنشاهيت جي خاتمي جو سبب هو. جيڪو ايران جي آتشڪدن کي سرد ڪرڻ جو سبب هو. جنهن ساساني بادشاهه جي هٿن مان سون جا ڪڙا لاهي سرقه کي پارايا ۽ پوءِ سجدي ۾ ڪري پيو ۽ چوڻ لڳو “اها رسول الله ﷺ جن جي اڳڪٿي هئي.”
    حضرت عمر رضي الله عنها پنهنجو مرتبو ۽ مقام ڇڏي ابن عباس جي گهر جي ديوار وٽ پهچي پنهنجو مٿو زمين سان لڳايو ۽ ابن عباس کي چيو ته منهنجي منهن تي پير رکي اهو پائپ لڳائي پر ابن عباس انڪار ڪرڻ لڳو. بار بار دهرائيندو رهيو ته ابن عباس آئون ان جي ئي لائق آهيان.
    اها اصحابن سڳورن جي رسول الله ﷺ جن بابت سوچ هئي ۽ ساڻن محبت جو انداز هو. اي نوجوانو هاڻي توهان جو ڇا خيال آهي، ڇا توهان جي خيال ۾ ان پائپ کان قرآن شريف جي اهميت وڌيڪ نه آهي؟ توهان پنهنجو مٿو زمين تي ٽيڪڻ کان ڇو انڪار ڪريو ٿا؟ ها توهان کي روئڻ نه ايندو پر شرمساريءَ واري کل ضرور ايندي. توهان جي لاءِ ضروري آهي پنهنجي خالق جي بارگاهه رات جو گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه لڙڪن جو نذرانو ضرور پيش ڪريو.

    4. نبي پاڪ جن جا پيش ڪيل حيرت انگيز فارمولا
    هڪ اڻپڙهيل شخص انسانذات جي امن ۽ سڪون لاءِ انسانيت جي راهه تي هلڻ لاءِ جيڪي فارمولا پيش ڪيا سي حيرت انگيز آهن. پاڻ جيڪي ڪجهه غار حرا مان ٻاهر آندائون سو ڪنهن به لحاظ کان سندن تخليق ڪيل نٿو لڳي. غار ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ سندن دوستن توڙي دشمنن کي اها خبر هئي ته پاڻ سڳورا لکي ۽ پڙهي نٿا سگهن. انجيل ۽ توريت کي ڪڏهن هٿ به نه لاٿو اٿن. پر جڏهن غار کان ٻاهر آيا ته پاڻ سان گڏ اهو ڪجهه آندائون جنهن انسانيت جو دامن دائمي خوشين سان ڀري ڇڏيو. سندن امت ان مان فائدو پرايو آهي ۽ ٻين لاءِ به قيامت جي ڏهاڙي تائين ان مان فائدو وٺڻ جو موقعو آهي.
    تمام تر جاهليت ۽ گمراهيءَ باوجود مشرڪ مٿن ڪوڙ يا بي ايمانيءَ جو الزام هڻي نه سگهيا. سندن مخالف به سندن معجزن کي ڪوڙو يا جڙتو قرار ڏيڻ بدران جادو سڏيندا رهيا. اهو سڀ کان وڏو ثبوت آهي سندن سچائيءَ جو ته ڪنهن جي لاءِ به اهو ممڪن نه هو ته هو سندن فرمان کي غلط ثابت ڪري سگهي. پاڻ سڳورن پنهنجي پيغام کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي معجزا به ڪري ڏيکاريا.
    پاڻ سڳورن قرآن شريف آندو ته مخالف حيران ٿي ويا ته اهو ڪهڙي بهتر انداز ۾ آهي. مشرڪن کي دعوت ڏني وئي ته هو سڀ گڏجي قرآن شريف جي ڪنهن هڪ ننڍي ۾ ننڍي آيت جي مقابلي جي ڪا آيت کڻي اچن پر هو سڀ گڏجي به ايئن ڪري نه سگهيا.
    بت پرست مسلمانن کي قرآن شريف جي تلاوت کان روڪيندا رهيا. انهن ۾ ابوجهل، ابوسفيان ۽ اهنيس ابن شريڪ شامل هئا جيڪي ماڻهن کي قرآن شريف پڙهڻ کان روڪيندا رهيا. آخر ماڻهن کي قرآن پڙهڻ تي ڪنهن مجبور ڪيو؟ ڇا هڪ اهڙي شخص جيڪو پاڻ لکي پڙهي نه سگهندو هو؟ ان شخص ماڻهن کي ايڏو مجبور ڪيو جو هو قرآن شريف جي لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. پاڻ سڳورا جڏهن قرآن شريف جي تلاوت ڪندا ڪندا هئا ته ماڻهو بيخود ٿي سڄي رات تلاوت ٻڌندا هئا ۽ جڏهن تلاوت ختم ٿيندي هئي ته هڪٻئي تي الزام هڻندا هئا ته ان جي ڪري هو هتي آيا ۽ پوءِ وري موٽي نه اچڻ جو عهد ڪري پنهنجي پنهنجي گهر روانا ٿي ويندا هئا. اها تلاوت ٻڌندڙن ۾ اهي به شامل هوندا هئا جيڪي ٻين کي تلاوت ٻڌڻ کان روڪيندا هئا. پوءِ هڪٻئي کي چوندا هئا ته اسين ٻين ماڻهن کي ڪيئن ٿا روڪي سگهون جڏهن اسان جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي روڪڻ ممڪن نٿو رهي. ابوجهل ۽ ابوسفيان به تلاوت ٻڌندڙن ۾ شامل هوندا هئا ۽ پوءِ هڪٻئي کي ان جو قصور وار به قرار ڏيندا هئا. اها پاڻ سڳورن جي تلاوت جي ڪرامت هئي جنهن تي سندن دشمن به حيران ٿيندا هئا.
    ڪاميابين منجهن ڪابه تبديلي نه آندي: پاڻ سڳورن جو انداز ۽ طريقيڪار اهو ئي ساڳيو ئي رهيو جيڪو نبوت ملڻ کان اڳ هو. پاڻ سڳورن جي سادگي اهائي رهي جيڪا سندن سڃاڻپ هئي. غربت جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن به اميريءَ کي ترجيح نه ڏنائون.
    زهد: زهد ذهن جي هيءَ اها سطح آهي جنهن ۾ خوشي يا غم کي اجايو پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏنو ويندو آهي. جڏهن پاڻ اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون تڏهن به پاڻ کجين جي پنن مان ٺهيل تڏيءَ تي ويٺل هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳورا وڃي پنهنجي اوج تي پهتا تڏهن به ان ئي تڏي تي سمهندا هئا. هڪ ڀيري حضرت عمر رضي الله عنها کين تڏي تي ستل ڏٺو ته روئڻ لڳو. پاڻ سڳورن پڇيو ته عمر توکي ڪهڙي ڳالهه روئڻ تي مجبور ڪيو ته ان تي حضرت عمر رضي الله عنها چيو “يا رسول الله اوهان جهڙن رهنمائن کي ته پکين جي پرن جهڙن نرم بسترن تي سمهڻ گهرجي پر توهان هن تڏي تي سمهو ٿا. جن جي لاءِ هيءَ ڪائنات خلقي وئي تن جي اها حالت مون کان برداشت نٿي ٿئي.”
    پاڻ سڳورن فرمايو “اي عمر، ڇا تون هن دنيا تي جنت کي ترجيح نه ڏيندين؟”
    هڪ رات پاڻ سڳورا هڪ پل لاءِ به سمهي نه سگهيا ۽ بستري تي رڳو پاسا ورائيندا رهيا. سندن پياري گهر واريءَ صبح جو کانئن سوال ڪيو “يا رسول الله، رات سڄي رات توهان پريشان رهيا ۽ هڪ پل لاءِ به سمهي نه سگهيا، توهان جي طبيعت ته ٺيڪ آهي؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “رات سمهڻ کان اڳ ۾ مون هڪ کجور جو داڻو پٽ تي پيل ڏٺو ۽ کڻي کائي ڇڏيو. پوءِ مون کي ياد آيو ته اسان جي گهر ۾ ڪجهه زڪوات ۽ صدقي جي کجور به پيل آهي ۽ ڪٿي کجور جو اهو داڻو انهن مان ته نه هو؟ ان جي ڪري آئون صبح تائين پريشان رهيس.”
    پاڻ سڳورن تي صدقو ۽ زڪوات حرام هئي. کجور جو اهو داڻو انهن مان به ٿي سگهيو ٿي جيڪا کجور پاڻ سڳورن لاءِ تحفي طور آئي هئي پر ان غيريقينيءَ کين صبح تائين سمهڻ نه ڏنو. اتي اسين وڌيڪ سوچڻ بند ڪري رڳو اهو ڏسون ته جيڪڏهن پاڻ سڳورا نبي نه هجن ها ته ڪابه قوت کين ان لاءِ قصور وار قرار ڏئي نٿي سگهي. نبي نه هجن ها ته پوءِ کجور جي هڪ داڻي کائڻ تي سڄي رات پريشان ڇو رهن ها؟
    بلڪل هڪ اهڙي به جاءِ آهي جتي هرڪو پنهنجي عملن جو جواب ڏيڻ جو پابند آهي. بلڪل پاڻ سڳورا ان معاملي ۾ تمام گهڻا حساس هئا. ان ڪري جو نبي هجڻ جي حيثيت ۾ کين ٻين لاءِ مثال بڻجڻو هو. اهوئي سبب هو جڏهن هر شيءِ سندن اختيار ۾ هئي تڏهن به سندن زندگيءَ ۾ ڪوبه بدلاءُ نه آيو. سندن شخصيت جو ظاهر ۽ باطن اهوئي هو جيڪو نبوت ملڻ کان اڳ ۾ هو. جڏهن دنيا جون سموريون خوشيون سندن اختيار ۾ اچي ويون تڏهن به سندن هلت چلت ۽ طريقيڪار ساڳيو ئي رهيو. پاڻ هڪ اهڙا روزيدار هئا جن کي پنهنجو روزو آخرت جي ڏهاڙي تي ئي کولڻو هو.
    چهرا به ايمانداريءَ جا گواهه هوندا آهن: ڪڏهن ڪڏهن انسان جي چهري مان به ايماندار هجڻ يا بي ايمان هجڻ جي ثابتي ملي ويندي آهي. اڪثر چهرا شناسيءَ جا ماهر اهو ٻڌائي ڇڏيندا آهن ته ڪير سچ پيو ڳالهائي ۽ ڪير ڪوڙ پيو ڳالهائي. ان کي قيافه شناسي به چيو ويندو آهي. اهو اهڙو علم آهي جنهن جي مدد سان ڪنهن به ماڻهوءَ جو چهرو، هٿ ۽ پير ڏسي سندس شخصيت بابت تفصيل سان ٻڌائي سگهجي ٿو. قيافه شناسيءَ جي يهودي ماهر عبدالله ابن سلام پاڻ سڳورن جو چهرو مبارڪ ڏسڻ کانپوءِ چيو “هيءُ شخص ڪوڙ نه پيو ڳالهائي.” سندن چيل ڳالهين جي توريت ۽ انجيل به تصديق ڪري ٿو. ان يهودي عالم به توريت ۽ انجيل جو حوالو ڏيندي چيو “آئون پنهنجي زال جي ڪردار بابت ته يقين سان نٿو چئي سگهان ۽ نه ئي پنهنجي ٻارن متعلق يقين سان چئي سگهان ٿو اهي واقعي منهنجو اولاد آهن. پر اهو بلڪل يقين سان چئي سگهان ٿو ته ڪنهن نبيءَ جي اچڻ بابت توريت ۽ انجيل ۾ جيڪي نشانيون بيان ڪيون ويون آهن سي سڀ محمد (ﷺ) ۾ موجود آهن.” سون جو قدر ته سونارو ئي ڄاڻي ٿو.

    5. رسول پاڪ تي صلوات ۽ سلام موڪلڻ
    ڇا اسان جي صلوات ۽ سلام موڪلڻ سان الله تعاليٰ نبي پاڪ تي خاص سلامتي موڪلي ٿو؟ جڏهن نبي پاڪ تي اڳ ۾ ئي خدا جون رحمتون ۽ ٻاجهه نازل ٿيل آهي. پوءِ صلوات ۽ سلام جو ڇا مطلب آهي؟
    نبي پاڪ جن هر رحمت ۽ نيڪيءَ جو مرڪزي نقطو آهن. هو ئي اهو رهبر هو جنهن انسانذات کي سنئين واٽ ڏيکاري. نه هو پاڻ ڪنهن کي دوکو ڏين ٿا ۽ نه کين ڪو دوکو ڏئي سگهي ٿو. پاڻ سڳورا انسانيت جا هڪ مڪمل رول ماڊل آهن.
    جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو نيڪيءَ جو رستو اختيار ڪري ٿو ته ان جي نيڪين مان ڪجهه حصو انسانيت جي رهبر کي به ملي ٿو. نبي پاڪ کي پنهنجي امت جي هر نيڪ عمل مان حصو ملي ٿو. پاڻ سڳورن کي ‘مقام محمود’ مليل آهي ان ڪري کين عمل جو صلو ملڻ هن فاني دنيا مان برقعو مٽائڻ جي ڪري ختم نه ٿيو آهي. اهوئي سبب آهي جو سندن عملن جو ڪتاب بند نه ٿيو آهي پر ان ۾ نيڪيون داخل ٿينديون رهن ٿيون. ان ڪري سندن مرتبو مسلسل وڌندو رهي ٿو ۽ سندن اختيار ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. ان معاملي کي سمجهڻ جا ٻه رستا آهن.
    هڪ اهو آهي ته اسين پاڻ سڳورن تي صلوات ۽ سلام موڪلي سندس امتي هجڻ جي تصديق ڪريون ٿا. ٻين لفظن ۾ ته اسين اهو اقرار ڪريون ٿا ته اسين سندن امت مان آهيون ۽ اسان کين وساريو نه آهي. اسين دعا ڪريون ٿا ته الله پاڪ سندن رتبو اڃا به وڌائي. ان دعا جو مطلب اهو ٿيو ته اسين نبي پاڪ کي ياد ڪريون ٿا ته هو به اسان کي ياد ڪندا ۽ اسان جي شفاعت ڪندا.
    ٻيو رخ اهو آهي ته اسين نبي پاڪ جي حق ۾ صلوات ۽ سلام موڪلي پنهنجي آخرت آجي ڪرڻ جي راهه هموار ڪريون ٿا. سو اسين جيڪڏهن سندن پناهه ۾ هليا وياسين ته اسان جو ڇوٽڪارو يقيني بڻجي ويندو. صلوات ۽ سلام ڄڻ اسين کين اهو ياد ڪرائڻ لاءِ موڪليون ٿا ته اسين سندن امت مان آهيون ۽ سندن شفاعت جا منتظر آهيون. نبي پاڪ جن فرمايو “هر نبيءَ پنهنجي امت کي ڪجهه نه ڪجهه ڏنو پر مون پنهنجو اهو حق آخرت جي لاءِ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي. اهو ئي منهنجي لاءِ پنهنجي امت کي ڇوٽڪارو ڏيارڻ جو رستو آهي”

    6. نبي پاڪ جن جي حسن اخلاق تي هلڻ جي ڪوشش ڪرڻ
    هڪ شخص هو جيڪو نبي پاڪ جن جي حسن اخلاق مطابق هلڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. هڪ رات خواب ۾ ڏٺائين ته نبي پاڪ جن جي ڪچهريءَ ۾ موجود آهي پر نبي پاڪ جن کيس نٿا سڃاڻن ۽ نظرانداز ڪري رهيا آهن. اهو شخص عرض ڪري ٿو “يا رسول الله مون ڪجهه غلط ڪيو آهي؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “نه.”
    هن شخص چيو “يا رسول الله پوءِ توهان مون کان پري پري ڇو آهيو؟”
    پاڻ سڳورن فرمايو “آئون توکي نٿو سڃاڻان.”
    ان تي هن شخص حيرت مان چيو “اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، مون ته عالمن کان ٻڌو آهي ته توهان پنهنجي امتيءَ کي سندس ماءُ کان به وڌيڪ سڃاڻو ٿا!”
    پاڻ سڳورن فرمايو “اهو بلڪل درست آهي پر تو ۾ ته منهنجي اخلاق جي ڪابه جهلڪ موجود ئي نه آهي. نه ئي تو ڪڏهن مون تي ڪو درود يا سلام موڪليو آهي. آئون پنهنجي امت کي ته منهنجي حسن اخلاق جي جهلڪين مان سڃاڻندو آهيان.”
    اهو شخص صبح جو جڏهن ننڊ مان اٿيو ته کيس خواب جو سڄو منظر ياد آيو ۽ هو فري طور توبهه تائب ٿي نبي پاڪ جن حسن اخلاق تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ۽ صلوات ۽ سلام به موڪلڻ لڳو.

    7. جيڪي کين سمجهن ٿا سي ساڻن وڌيڪ محبت ڪن ٿا.
    الله ۽ الله جي رسول وٽ وڌيڪ مرتبو انهن کي ئي حاصل هوندو آهي جيڪي ساڻن سڀ کان وڌيڪ محبت ڪن ٿا. جيڪي ساڻن وڌيڪ محبت ڪن ٿا سي کين وڌيڪ ويجها هوندا آهن. الله جي رحمت سندن ويجهڙائپ سان ڳنڍيل هوندي آهي. ان جي ڪري الله ۽ الله جي رسول کان جيتري دوري هوندي ايترو ئي رحمت ۽ شفاعت کان محرومي هوندي.
    جيڪي الله جي رضا تي راضي رهن ٿا الله تعاليٰ به انهن سان راضي رهي ٿو. جڏهن سندن الله ۽ الله جي رسول سان ويجھڙائي ٿئي ٿي ۽ هو سندن رضا لاءِ عمل ڪن ٿا ته الله پاڪ به ساڻن راضي ٿئي ٿو ۽ پوءِ سندن هر عمل ڄڻ خدا جو عمل هوندو آهي.
    پاڻ سڳورن کي جڏهن نبوت ملي ته ان کان پوءِ بيبي فاطمه سلام الله عليها پئدا ٿيون ۽ سندن ئي اولاد مان نبي پاڪ جن جي پشت جو سلسلو هليو. اهو نور جو سلسلو هو جنهن سڄي ڪائنات کي روشن ڪري ڇڏيو.
    جڏهن سوره نصر نازل ٿي ته پاڻ سڳورن جي محبوب نياڻيءَ سمجهي ورتو هو ته هاڻي سندن والد جي هن دنيا مان لاڏاڻي جو وقت اچي ويو آهي. جڏهن اهو وقت اچي بيٺو ته پاڻ سڳورن پنهنجي نياڻيءَ کي ڪن ۾ ڪجهه چيو ته هوءَ روئڻ لڳي ۽ وري ڪجهه چيائون ته هوءَ مُرڪي پئي. بيبي عائشه رضي الله عنها اهو منظر ڏسي رهي هئي تنهن بيبيءَ کان سندن روئڻ ۽ کلڻ جو سبب پڇيو ۽ ان تي بيبي وراڻيو “بابا حضور جڏهن فرمايو ته سندن هاڻي آخري وقت آهي ته مون کي روئڻ اچي ويو پر وري جڏهن فرمايائون ته منهنجي خاندان مان تون ئي پهريون فرد هوندئين جيڪا سڀ کان اڳ اچي مون سان ملندئين ته ان تي مون کي خوشي ٿي ۽ مرڪي پيس.” ڪنهن به ايمان واري جي حيثيت جو اندازو ان مان ئي ٿئي ٿو ته هن جي نبي پاڪ جن سان ۽ سندن اولاد سان ڪيتري ويجهڙائپ ۽ ڪيترو تعلق آهي. جيئن ڪجهه ماڻهن لاءِ مديني پاڪ جي مٽي دنيا جي سموري دولت کان وڌيڪ قيمتي هوندي آهي.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عنها کان روايت آهي: هڪ ڏينهن اسين پاڻ سڳورن سان گڏ ويٺا هئاسين، عصر جو وقت ختم ٿي چڪو هو ۽ سج لهڻ وارو هو. ان وقت پاڻ جيڪي فرمايائون تنهن منهنجي دنيا رات اچڻ کان اڳ ۾ ئي انڌير ڪري ڇڏي. پاڻ فرمايائون ‘الله پنهنجي ٻانهي کي فيصلو ڪرڻ جو اختيار ڏنو ته دنيا ۾ رهڻ چاهين ته تنهنجي مرضي ۽ جيڪڏهن مون ڏانهن موٽي اچين ته اها به تنهنجي مرضي هوندي ۽ هن بندي آخري حصي جي چونڊ ڪري ورتي آهي’ اهو ٻڌڻ کان پوءِ آئون پنهنجي جذبات تي قابو رکي نه سگهيس ۽ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳس. مون الله جي رسول کي چيو ‘اسان کي اجازت ڏيو اسين، اسان جا ماءُ ۽ پيءُ، اسان جو اولاد ۽ اسان جو ڪٽنب قبيلو اوهان تان قربان ٿيڻ لاءِ تيار آهي.’ بس اوهين دنيا ۾ موجود رهو.”
    ابن مسعود کان روايت آهي: پاڻ سڳورن سندن لاڏاڻي کان هڪ هفتو اڳ اسان کي بيبي عائشه رضي الله عنها جي گهر گهرايو. ان وقت سندن چهري مبارڪ تي بيماريءَ جا ڪي به آثار نه هئا. پاڻ سڳورن پنهنجو ڪنڌ مٿي کنيو ۽ مون ڏانهن ڏٺو. ان کان پوءِ پاڻ روئڻ لڳا. کين پنهنجي پيارن دوستن کي ڇڏي وڃڻ جو افسوس ٿي رهيو هو. هاڻي پاڻ سڳورا انهن کي جنت ۾ داخل ٿيڻ اڳ ۾ ڏسي نه سگهندا. ان جذباتي ماحول ۾ پاڻ سڳورن چند لفظ چيا. “توهان سڀني کي سلام آهي. الله توهان جو حامي ۽ ناصر ٿئي. شال الله جون رحمتون توهان جي مٿان نازل ٿينديون رهن. پنهنجي ايمان جي دائري ۾ رهجو. توهان الله جي دين جي حفاظت ڪئي آهي. الله توهان جي شال قيامت جي ڏهاڙي تائين حفاظت ڪري.” پاڻ سڳورن جنهن وقت اها دعا فرمائي ان وقت به سندن نيڻن مان نير جاري هئا ۽ اڳتي فرمائڻ لڳا “آخرت انهن لاءِ بهتر جاءِ آهي جن دنيا ۾ پنهنجي هٺ ۽ غرور کي شڪست ڏني.” تنهن کان پوءِ هن آيت جي تلاوت فرمايائون “انههُ ميتون و انهم ميتون.” ان کان پوءِ جيڪي اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا هئا تن جي لاءِ فرمايائون “موت قريب اچي چڪو آهي. الله تعاليٰ ڏانهن موٽڻ جو وقت اچي ويجهو ٿيو آهي. مون کي موٽي صدر منتهيٰ وڃڻو آهي. پوءِ ٻيهر روئڻ شروع ڪيائون. ان وقت اسان کي خبر پئي ته پاڻ سڳورا ڇا پيا فرمائين سو اسين به روئڻ لڳاسين. سندن وڇوڙي جي وقت اچڻ جو ٻڌي اسين ڪافي دير تائين روئندا رهياسين. بيماريءَ دوران پاڻ سڳورا جڏهن به اسان ڏانهن ايندا هئا ته سندن مٿي تي پٽي ٻڌل هوندي هئي. پاڻ سڳورن اسان کي صبر جي تلقين ڪئي. اسان کانئن پڇيو “يا رسول الله، توهان کي غسل ڪير ڏيندو؟” ان تي پاڻ حضرت علي عليه السلام ڏانهن اشارو ڪيائون. وري پڇيوسين “يا رسول الله، توهان کي قبر ۾ ڪير لاهيندو؟” پاڻ سڳورن هڪ دفعو ٻيهر حضرت علي ڪرم الله وجهه ڏانهن ڏٺو. ان کان پوءِ پنهن جي گهر ڀاتين کي چيائون “ منهنجو لاش قبر جي ڀرسان رکي پوءِ ڪجهه دير جي لاءِ پوئتي هٽي وڃجو ته جيئن حضرت جبرائيل عليه السلام جي امامت ۾ ملائڪ جنازي نماز پڙهن ۽ ان کان پوءِ اوهين پڙهجو.”
    اهو ٻڌڻ کانپوءِ پاڻ سڳورن جي سمورن ساٿين تي ڄڻ قيامت ٽُٽي پئي هئي. ڪنهن کي به ڪجهه سمجهه ۾ نٿي آيو ته ڇا ڪجي. آخرڪار الله تعاليٰ کين صبر ڏنو. شال اسان کي به صبر جي توفيق عطا فرمائي. شال اسان کي نبي پاڪ جن جي ڏسيل واٽ تي هلڻ، دنياوي خواهشن کان پري رهڻ، الله جي دين تي قائم رهڻ ۽ پياري پيغمبر ﷺ جن جي سنت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

    8. نبي پاڪ جن جون سنتون
    1. نيڪيءَ جي ڪمن ۾ ساڄي هٿ ۽ پير جو استعمال ڪرڻ ۽ ٻين خاص ڪمن لاءِ کاٻو هٿ استعمال ڪرڻ.
    2. ماني کائڻ کان اڳ ۽ پوءِ هٿ ڌوئڻ.
    3. بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهي پوءِ ماني کائڻ ۽ ماني کائڻ کانپوءِ شڪر الحمد لله چوڻ.
    4. ماني کائڻ وقت پليٽ مان پنهنجي پاسي کان کائڻ.
    5. ماني زمين يا فرش تي ويهي کائڻ ۽ جيڪڏهن ضروري هجي ته ٽيبل تي به کائي سگهجي ٿي.
    6. ٻين سان گڏ ماني کائڻ جي شروعات ڪرڻ.
    7. بک نه هجي ته ماني کائڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ پيٽ ڀري کائڻ کان پاسو ڪرڻ.
    8. پليٽ ۾ ايترو کاڌو کڻڻ جيترو کائي سگهجي، کاڌو بچائي ڇڏڻ کان پاسو ڪرڻ.
    9. زمين تي ويهي ماني کائڻ وقت ساڄو گوڏو اڀو ۽ کاٻو گوڏو پاسيرو ڪري ويهڻ.
    10. مسلمان مردن لاءِ سون ۽ ريشم پهرڻ حرام آهي.
    11. هر ڪنهن کي سلام ڪرڻ، ياد رکو ته ڳالهائڻ کان اڳ ۾ سلام ڪرڻ ضروري آهي.
    12. گهر ۾ داخل ٿيڻ وقت سڀ کان اڳ ۾ گهر ڀاتين کي سلام ڪرڻ.
    13. هڪٻئي سان مُرڪي ملڻ ۽ خلوص سان سلام ڪرڻ.
    14. خلوص مان ڀاڪر پائي ملڻ ۽ هٿ ملائڻ.
    15. هٿ ملائڻ وقت اهو اصول اختيار ڪرڻ ته جيستائين ٻيو هٿ الڳ نٿو ڪري تيستائين پنهنجو هٿ الڳ نه ڪرڻ.
    16. وڏن، عالمن ۽ اهم سرڪاري عهديدارن جو هٿ چمي سگهجي ٿو، جيڪڏهن فتني جو امڪان نه هجي ته عورتن کي سلام ڪرڻ ۽ سندن هٿ چمڻ جي به اجازت آهي.
    17. هڪٻئي کي تحفا ڏيڻ به چڱي عادت آهي. جيڪڏهن ڪير تحفو ڏي ته ان کان بهتر جيڪڏهن نٿا ڏئي سگهو تڏهن به اهڙو تحفو ضرور ڏيو.
    18. گهڻو کلڻ يا وڏا ٽهڪ ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ، ٽهڪ کان مرڪي ڇڏڻ بهتر آهي.
    19. خاموش رهڻ ۽ رڳو ضرورت وقت ضرورت جيترو ڳالهائڻ.
    20. هلڪي ۽ وچٿري لهجي ۾ ڳالهائڻ ۽ جيڪڏهن مناسب هجي ته ٽي ڀيرا دهرائڻ.
    21. الله جي نالي سان شروع ۽ الله جي نالي سان ختم ڪرڻ.
    22. ڪاوڙ تي ضابطو رکڻ.
    23. چرچو به سچ تي ئي ٻڌل هجڻ گهرجي.
    24. بيڪار جي سرگرمين کان پري رهڻ.
    25. سمهڻ وقت بهتر آهي ته ساڄي پاسي سمهو ۽ چهرو ساڄي هٿ تي رکي سمهجي. اهو به بهتر هوندو ته ليٽڻ کان پوءِ پنهنجي سڄي ڏينهن جي سرگرمين جو جائزو وٺجي.
    26. اونڌو ٿي سمهڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
    27. سمهڻ کان اڳ ۾ بهتر اهي ته دعا لاءِ هٿ کڻي ٽي ڀيرا قل پڙهي پنهنجي هٿن تي ڦوڪ ڏئي پوءِ هٿ سڄي بدن تي گهمائي ڇڏيو.
    28. اڇو لباس پائڻ کي ترجيح ڏيڻ.
    29. ڏندڻ استعمال ڪرڻ.
    30. جُتي پهرين ساڄي پير ۾ پائڻ ۽ پوءِ کاٻي پير ۾ ۽ پهرين کاٻي پير جي لاهڻ ۽ پوءِ کاٻي پير مان جتي لاهڻ.
    31. نماز وقت ٽوپي يا پٽڪي سان مٿو ڍڪڻ.
    32. بصر يا ٿوم کائڻ کان پوءِ مسجد يا ڪنهن ڪچهريءَ ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ.
    33. لکيل قرآني آيتون کڻي غسل خاني ۾ وڃڻ کان پاسو ڪرڻ.
    34. مهمانن سان خوش اخلاقيءَ سان پيش اچڻ، سندن خاطر مدارت ڪرڻ ۽ ساڻن صاف لباس ۾ ملڻ.
    35. نڇ (ڇڪ) کان پوءِ چٽي آواز ۾ شڪر الحمد لله چوڻ، جواب ۾ ٻين کي يرحمڪ الله چوڻ گهرجي. اهو ٽي ڀيرا ئي چوڻ گهرجي. ان کان وڌيڪ نڇون اچن ته پوءِ اها بيماريءَ جي نشاني آهي.
    36. جيترو ممڪن ٿي سگهي اوٻاسي ڏيڻ کان پاسو ڪريو ۽ جيڪڏهن مجبوري هجي ته پوءِ ان کي لڪائڻ جي پوري ڪوشش ڪريو.
    37. دعوتن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ تحفا قبول ڪرڻ.
    38. ڪنهنجي به گهر جو دروازو ٽي کان وڌيڪ ڀيرا نه کڙڪايو. پوءِ جيڪڏهن دروازو نه کلي ته واپس هليا وڃو. جيڪڏهن دروازو کڙڪائڻ تي گهر ڌڻي پڇي ته ڪير آهي ته پنهنجو پورو نالو ٻڌايو. دروازي جي سامهون نه بيهو پر ڪجهه پاسيرا ٿي بيهو ته جيئن اندر نطر نه پئي سگهي.
    39. بيهي پيشاب ڪرڻ کان پاسو ڪريو، ويهي پيشاب ڪريو، پيشاب ڪرڻ وقت قبلي ڏانهن منهن نه ڪريو ۽ ڪپڙن جي پاڪائيءَ جو خيال رکو.
    40. پيشاب خاني ۾ پيشاب ڪريو، غسل خاني ۾ پيشاب نه ڪريو.
    41. پارڪن ۽ رستن تي پيشاب نه ڪريو. ماڻهن جي سامهون ٿڪ اڇلائڻ کان پاسو ڪريو.
    42. جسم جي صفائيءَ جو مڪمل خيال رکو. غير ضروري وارن جي صفائي ڪريو.
    43. عام هنڌن تي وهنجڻ يا رفع حاجت وقت ستر جو خاص خيال رکو.
    44. وضوع کان اڳ ۾ ڏندڻ ڪرڻ يا ڏند صاف ڪرڻ.
    45. فيصلو ڪرڻ کان اڳ ۾ نيڪ ۽ اعتماد جوڳن ساٿين کان صلاح وٺڻ.
    46. سخي بڻجو، سخاوت خدا کي ويجهو ڪري ٿي ۽ ڪنجوسي خدا کان پري ڪري ٿي.
    47. غور ۽ فڪر ڪندو رهڻ ۽ موت کي هر وقت ياد رکڻ.
    48. قرض کڻو ته ان جو مڪمل ليکو چوکو رکو. وقت تي قرض ادا ڪري ڇڏڻ.
    49. مئلن جي فاتحه ڪرڻ، هنن جي لاءِ آخرت جي آجپي جي دعا ڪرڻ، ڪو عزيز فوت ٿي وڃي ته شروعاتي ڪجهه ڏينهن لاءِ فوتيءَ جي گهرڀاتين جي کاڌي پيتي جو خيال ڪرڻ.
    50. فوتيءَ جي ڳڻن جو ذڪر ڪرڻ ۽ مغفرت لاءِ دعا ڪرڻ.
    51. ڪنهن جي فوت ٿيڻ تي اوڇنگارون ڏئي روئڻ کان پاسو ڪرڻ ۽ ڪنهن پاڪ ذات لاءِ ڪجهه ڳالهائڻ کان پاسو ڪرڻ.
    52. جيڪي موت جي بستري تي پيل هجن تن کي ڪلمو پاڪ پڙهندو رهڻ جي تلقين ڪرڻ، مٿس قرآني آيتن جو ورد ڪرڻ ۽ فوت ٿيڻ وقت سندس اکين تي هٿ رکڻ ۽ وات بند ڪري ڇڏڻ.
    53. قبرستان تي وڃڻ چڱي عادت آهي ۽ اها توهان کي نيڪين جي معاملي ۾ سستي ڪرڻ کان روڪي ٿي. قبرستان ۾ جيئن ئي داخل ٿيو ته السلام عليڪم يا اهل القبور چئو. اوهين هتي اچي چڪا آهيو ۽ اسين هتي اچڻ وارا آهيون. شال ڌڻي توهان کي معاف ڪري ۽ توهان تي پنهنجون رحمتون نازل ڪري. اهو بهتر آهي ته قبرستان ۾ دعا گهرڻ توهان جو رخ قبلي طرف هجي. قبرن تي پير رکڻ مڪروهه آهي. قبرن تي گل رکڻ به چڱي عادت آهي ۽ قبر جي مٿان پيل سڪل گل يا گاهه وغيره هٽائي ڇڏيو.
    54. بيمارن جي عيادت ڪرڻ پڻ سٺو عمل آهي. بيمارن کي حوصلو ڏيو ۽ صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪريو. مختصر گفتگو ڪريو. بيمار تي اهنج نه بڻجو. مريض جي حالت بابت ڪٿي خراب انداز ۾ ذڪر نه ڪريو ۽ اهڙي ڪابه گفتگو ڪٿي به نه ڪريو جنهن سان مريض کي رنج پهچي.
    55. پنهنجي خاندان ۽ عزيزن سان ملندا رهو. خدا جي رحمت اهڙن ٻانهن تي نٿي رهي جيڪي پنهنجي عزيزن کي ڇني ڌار ڪري ڇڏين ٿا.
    56. زم زم پاڪ اٿي بيهي ۽ قبلي رخ ٿي پيو.
    57. پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جا فرمانبردار ٿيو. سندن مڪمل خيال رکو ۽ سارسنڀال ڪندا رهو. سندن دل رنجائڻ کان پاسو ڪريو ۽ کانئن دعا وٺندا رهو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393846
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159306
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ