ڪتاب جو نالو: مولانا عبيدالله سنڌيءَ جون تحريرون ۽ تقريرون
مصنف: مولانا عبيدالله سنڌي / ثناءُ الله سومرو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 18 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1646 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 547 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • پيش لفظ
  • منهنجي زندگيءَ جا حالات : مولانا عبيدالله سنڌي
  • ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ
  • منهنجا تجربا ۽ مشاهدا
  • سروراجيه پارٽيءَ جو منشور
  • مهاڀارت سروراجيه پارٽي جا مول متا
  • وطن واپسيءَ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ تاريخي تقرير
  • صدارتي خطبو جمعيت علماء صوبو بنگال
  • صدارتي خطبو جمعيت علماءِ سنڌ
  • افتتاحي تقرير : ضلعي ڪانگريس ڪاميٽي ڪانفرنس
  • هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟
  • اسان ڇا ٿا گهرون؟
  • جامعه مليه دهليءَ ۾ “يادگار شيخ الهند” جو افتتاحي خطبو
  • صدارتي تقرير اينٽي سيپريشن ڪانفرنس
  • شهدادڪوٽ ۾ محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي افتتاحي تقرير
  • صدارتي تقرير جميعته طلبه سنڌ
  • سنڌ ساگر پارٽيءَ جا اصول ۽ پروگرام
  • جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنيادي پروگرام
  • جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي سرگذشت
  • سنڌ ساگر نيشنل بورڊ جا بنيادي اصول
  • جميعت خدام الحڪمت
  • بيت الحڪمت
  • بيت الحڪمت جامعه مليه دهلي
  • سنڌ ساگر اڪيڊمي
  • محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ ۽ ان جي ذريعي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو لاهور ۾ قيام
  • ٿيالوجيڪل ڪاليج جو نصاب, متا ۽ مقصد
  • سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جو عملي ڪم
  • قاسم المعارف سنڌ جا قانون
  • قاسم المعارف سنڌ جا قانون ۽ مقصد
  • انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ انڊين مسلم ليگ
  • هندستاني يونيورسٽي ڪابل جو دستورالعمل
  • منهنجا محسن ڪتاب
  • شاهه ولي الله ؓ جي حڪمت جو مختصر تعارف
  • قوم، ٻولي ۽ مذهب
  • ديوبندي جماعت
  • شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جو علمي ۽ سياسي يادگار
  • حضور اڪرم ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت
  • مسيح ۽ مهديءَ جو عقيدو

  • سنڌ سلامت پاران

    ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو.
    هي ڪتاب مولانا سنڌيءَ جي نادر ۽ ناياب تحريرن ۽ تقريرن جو مجموعو آهي، جيڪي مختلف ڪتابن مان هٿ ڪيل آهن ۽ ڪجهه تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون سي به شامل آهن.
    هي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    مولانا عزيزالله جروار ؓ
    محترم قمر الدين سهتو ؓ
    ۽
    محترم ڊاڪٽر ابو سلمان شاهجهانپوري صاحب
    جن جي نالي
    - ثناءَ الله سومرو


    پيش لفظ

    انساني تاريخ جي ورقن ورائڻ سان اسان جي آڏو جتي قومن، سماجن، تهذيبن، ٻولين، اخلاقي قدرن ۽ روين جي تبديلي ۽ ڦير گهير، ٺهڻ ۽ ڊاهڻ ۽ عروج ۽ زوال جا هزارين داستان اچي وڃن ٿا، اتي پڙهندڙ جيڪڏهن مستقبل جون راهون روشن ڪرڻ ۽ سبق آموزيءَ واسطي انهن جي پسمنظر جي حقيقي مُحرڪن ۽ سرچشمن جي ڳولا ڪندو ته کيس اُهي محرڪ ڪن غير معمولي فردن، شخصيتن، سورمن ۽ انقلابي اڳواڻن جي بي مثال ۽ بي بها ڪارنامن جي صورت ۾ نظر ايندا.
    ماضي قريب ۾ سنڌ ۽ هند ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پيدا ٿيا انهن ۾ امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌيءَ جو نالو سرفهرست ملي ٿو. 1872ع ۾ سيالڪوٽ جي هڪ سک گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ، حافظ محمد صديق ڀرچونڊيؓ جي هٿ تي اسلام قبول ڪندڙ ۽ ديوبند مدرسي ۾ حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسنؓ جي انقلابي، تعليم ۽ تربيت سان سرشار مولانا عبيد الله سنڌي پنهنجي دؤر جي ٻين سڀني انقلابي اڳواڻن کان هڪ منفرد حيثيت رکندڙ هيو جو کيس ننڍي کنڊ جي آزاديءَ خاطر افغانستان جي پهاڙن کان روس جي برف پوش سبزه زارن تائين ۽ تُرڪيءَ جي سامونڊي ڪنارن کان مڪي معظمه جي مقدس سرزمين تائين پُرخطر سير و سفر ڪرڻا پيا.
    ڏکن ڏاکڙن سان ڀرپور ان ڊگهي سفر امام ِ انقلاب کي جتي انگريزن خلاف بين الاقوامي سطح جون سفارتي ڪاميابيون ڏنيون اتي سُڌ سماءَ جي وسيلن جي اڻاٺ واري ان دؤر ۾ ان وقت جي بين الاقوامي فڪري مرڪزن ۾ پهچي حالتن جو روبرو مشاهدو ۽ مطالعو ڪرڻ جا موقعا پڻ مهيا ڪيا. جنهن جو نچوڙ مختصر طور هيٺئينءَ ريت آهي:
    • مولانا عبيدالله سنڌي 1919ع ۾ افغانستان جي تڏهوڪي حڪومت کي انگريزن خلاف جنگ ڪرڻ تي نه رڳو آماده ڪيو ۽ جنگ ڪرائي پر مولانا جي ئي حڪمت عمليءَ جي نتيجي ۾ انگريزن کي افغانستان کي هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي حيثيت ڏيڻي پئي.
    • مولانا عبيدالله سنڌيءَ 1922ع ۾ سوويت يونين روس جي گاديءَ جي هنڌ ماسڪو پهچي اتان جي حڪومت سان ڳالهيون ڪري کين هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪن جي امداد ڪرڻ تي آماده ڪيو، جنهن جو مقصد هو ته ايشيا ۾ سماجوادي تحريڪ کي سگهارو ڪجي ۽ هندستاني عوام کي انساني آزادين لاءِ ٿيندڙ عالمي ڪوششن جو لهڻيدار بڻائجي. ڪانگريس جي قيادت سان بروقت رابطو نه ٿي سگهڻ ڪري آزاديءَ لاءِ اها حمايت جيتوڻيڪ عمل ۾ نه اچي سگهي پر بين الاقوامي معاملن جي حوالي سان اِها ڳالهه ان ڪري انتهائي اهم آهي جو ان وقت روس ۾ تازو انقلاب آيو هو، سوويت حڪومت خود داخلي مامرن کي منهن ڏيڻ ۾ رُڌل هئي ۽ ملڪ تعمير ۽ ترقيءَ جي بلڪ ابتدائي مرحلن مان گذري رهيو هو.
    • 1924ع ۾ ترڪيءَ مان ننڍي کنڊ هندستان جي لساني ۽ جاگرافيائي بنيادن تي ورڇ ۽ انهن جي اقتصادي ۽ مذهبي مسئلن جي نبيري تي مشتمل هڪ اهڙو جامع منشور ۽ دستاويز جوڙي پڌرو ڪيو جنهن جو ان کان اڳ ڪو مثال نه ٿو ملي.
    • مڪي معظمه (1927ع-1939ع) ۾ ويهي مولانا سنڌيءَ امام شاهه ولي الله جي فڪر جي بنياد تي هڪ اهڙو همه گير فڪر ۽ فلسفو پيش ڪيو جيڪو هڪ طرف قرآن ۽ سنت جي بنياد تي مسلمانن جي داخلي مذهبي ۽ فقهي تضادن ۽ مونجهارن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ هيو ته ٻئي طرف هندن ۽ ٻين مذهبن سان فلسفيانه هم آهنگي ۽ ان سان گڏوگڏ اقتصادي ۽ سياسي معاملن ۾ سماجواديت سان ڀرپور هيو. جنهن کي مولانا جي لفظن ۾ ”خدا پرستي انسان دوستي“ چئي سگهجي ٿو.
    • 1939ع ۾ ڊگهي جلاوطنيءَ بعد جڏهن پاڻ واپس پنهنجي محبوب ملڪ سنڌ جي سرزمين تي قدم رکيو ته سياسي حالتون بلڪل بدلجي چُڪيون هيون. انهن بدليل حالتن جي روشنيءَ ۾ سنڌ ۽ هند واسين آڏو امام انقلاب پنهنجو فڪري ۽ سياسي لائحه عمل هن ريت پيش ڪيو ته ٻن عظيم جنگين جي نتيجي ۾ بين الاقوامي سطح تي انگريز پسپا ٿي چڪو آهي، دير يا سوير ان جو هتان ٽپڙ ويڙهڻ لازمي آهي، تنهن ڪري اسان کي کپي ته مستقبل جي اڏاوت لاءِ جديد دؤر جي تقاضائن پٽاندڙ سياسي، انتظامي، جنگي ۽ سائنسي علمن ۽ تجربن مان سکون.
    مولانا جن ڏسي رهيا هئا ته دنيا جو چرخو ڦري رهيو آهي، صنعتي ۽ مشيني انقلاب سبب اقتصاديات، سماج، تهذيب، ڪلچر مطلب ته سڀ ڪجهه تبديليءَ جي مرحلن مان گذرڻ وارو آهي ۽ ان سڄي ماجرا کان اسان جا مذهبي عالم ۽ سياستدان خاص طور تي بي خبر ۽ اڻ ڄاڻ آهن. جنهن ڪري پاڻ زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين مصروف عمل رهيا. تقريرون، تحريرون، سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون، ديني ۽ مذهبي عالمن سان بحث مباحثا، درس و تدريس، تنظيمن ۽ پارٽين جي جوڙجڪ مطلب ته شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي لفظن:
    جان جان هئي جيئري، ورچي نه ويٺي،
    جي مصداق پاڻ ڪڏهن به سُک سان نه ويٺا ۽ 22 آگسٽ 1944ع تي وڃي پنهنجي رفيق الاعليٰ سان ملاقي ٿيا.
    امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ؓ جي وفات کان پوءِ سندن فڪري پيروڪارن آڏو ٻه وڏا چئلينج درپيش هئا:
    (1) امامِ انقلاب جي سوانح حيات، ڪارنامن ۽ جدوجهد جي لڪل پاسن جي تحقيق ڪرڻ ۽ سندن فڪر ۽ فلسفي کي سهيڙي ۽ سموهي ان جي نشر و اشاعت جو انتظام ڪرڻ.
    (2) امام انقلاب جي فڪر جي بنياد تي ننڍي کنڊ هند ۽ سنڌ ۾ تحريڪي، تنظيمي ۽ جماعتي عمل ذريعي ڪا وڏي سياسي تبديلي آڻڻ.
    جيئن ته اهو دؤر هڪ وڏي سياسي اٿل پُٿل مان گذري رهيو هو، هندو مسلم اختلافن جو لاوو پچي رهيو هو، نيٺ ڪانگريس قيادت جي غلط حڪمت عملين ۽ مسلم ليگ قيادت جي موقعي پرستين هڻي وڃي هنڌ ڪيو ۽ هندو-مسلم اختلاف جي بنياد تي هندستان جو ورهاڱو عمل ۾ اچي ويو. اهڙيءَ افراتفريءَ ۽ انتهائي بي سرو سامانيءَ واري صورتحال ۾ به نظرياتي بنيادن تي فڪري، تنظيمي ۽ جماعتي ڪم جي سلسلي ۾ مولانا سنڌيءَ جي شاگردن ۽ پيروڪارن جهڙوڪ پروفيسر محمد سرور، مولانا دين محمد وفائي، مولانا عزيز احمد، شيخ بشير احمد لوڌيانوي، مولانا عبدالحق رياني، مولانا عبدالقادر لغاري، حڪيم محمد معاذ، مولانا نذير حسين جلالي، مولانا محمد مدني، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، مولانا عزيز الله جروار ۽ ٻين پنهنجي دؤر ۾ تمام وڏي جاکوڙ ۽ جدوجهد ڪئي. بعد جي مختلف دؤرن ۾ ۽ خاص طور تي 1970ع ۽ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ مولانا سنڌيءَ جي فڪر جي بنياد تي سنڌ ۾ تنظيم سازي ۽ تحريڪي عمل لاءِ باقاعده سنجيده ڪوششون ڪيون ويون ۽ سنڌ جي عوام انهن ڪوششن جي موٽ پڻ ڏني. سنڌ ساگر پارٽي کي ٻيهر جياريو ويو، ان جي قيادت ۾ حافظ محمد اسماعيل مرحوم، مولانا عزيز الله ٻوهيو ۽ محترم نور احمد ميمڻ خاص طور شامل هئا. بعد ۾ حافظ محمد اسماعيل مرحوم سنڌ ساگر پارٽيءَ کان جلد ئي جدا ٿي ويو ۽ مولانا عزيز الله ٻوهيو صاحب ڪجهه وقت ڪم ڪرڻ بعد مولانا عبيد الله سنڌي بدران غلام محمد پرويز کي پنهنجو فڪري رهنما تسليم ڪري الڳ ٿي ويو. محترم نور احمد ميمڻ ان فڪري قافلي کي مختلف صورتن ۾ روان دوان رکيو ۽ سندن جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪا ٽيم تيار ٿي اها اڄ سوڌو ميدانِِ عمل ۾ موجود آهي. سنڌيڪا اڪيڊمي، سنڌ فورم، حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ ۽ مثالي تحريڪ جي فورمن تان مولانا سنڌيءَ جي فڪر جي نشر و اشاعت جو هيڏو وڏو ڪم سرانجام ڏيڻ جو بار محترم نور احمد ميمڻ صاحب پنهنجي سر تي کنيو آهي. جنهن لاءِ مان کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
    نشر و اشاعت جي سلسلي ۾ پروفيسر محمد سرور مرحوم لاهور ۾ سنڌ ساگر اڪيڊمي قائم ڪري مولانا سنڌي جي سوانح، فڪر ۽ فلسفي تي ڪيترائي ڪتاب ڇپرايا جن مان ”خطبات و مقالات“ پڻ هڪ آهي، ان ۾ شامل ڪجهه مضمون، مقالا ۽ تقريرون بعد ۾ جيتوڻيڪ مختلف رسالن ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿي شايع ٿيا پر سڄي ڪتاب کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ڇپرائڻ جي ضرورت ڪافي وقت کان محسوس ڪئي پئي وئي، ان سلسلي ۾ سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي سرواڻ محترم نور احمد ميمڻ صاحب مون کي متوجه ڪيو ۽ خوشقسمتيءَ سان مولانا عزيز الله جروار مرحوم و مغفور (جيڪي منهنجا مربي ۽ محسن هئا) جون عنايت ڪيل مولانا سنڌيءَ جون ڪجهه نادر ۽ ناياب تحريرون پڻ مون وٽ موجود هيون، اُهي پڻ شامل ڪري ڪتاب کي وڌيڪ جامع بنائڻ جو موقعو ميسر ٿي سگهيو. (ياد رهي ته اُهي تحريرون مولانا عزيز الله جروار جن کي مولانا سنڌيءَ جي ساٿي ۽ شاگرد مولانا عزيز احمد کان حاصل ٿيون هيون.)
    هن ڪتاب جي ترجمي، ۾ جن دوستن ۽ ساٿين جو سهڪار ۽ تعاون شامل رهيو انهن جو مان وڌ ۾ وڌ ٿورائتو آهيان جن ۾ محترم محمد انس راڄپر، محمد اسماعيل هاليپوٽو، محمد اسلم وسير شامل آهن.

    ثناءُ الله سومرو
    ڪراچي-سنڌ
    2011-10-29


    منهنجي زندگيءَ جا حالات : مولانا عبيدالله سنڌي

    فصل پهريون
    پنجاب جو مشهور تاريخي شهر سيالڪوٽ، هماليه جي دامن ۾ هوادار ۽ زرخيز ميدان تي آباد آهي. ان جي ٻهراڙيءَ ۾ پسرور جي ويجهو هڪ ڳوٺ چيانوالي آهي، اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي.
    رنجيت سنگهه جي زماني ۾ جسپت راءِ ان ڳوٺ جي مڇي مانيءَ لائق ماڻهن ۾ ليکيو ويندو هو. هڪ سناتني سونارو جيتري قدر سٺو ٿي سگهي ٿو، اوترو ئي هو سمجهيو ويندو هو. حڪومتي عملدارن ۽ عام ماڻهن جو مٿس ڀروسو هو. کيس پنج پٽ هئا. انهن مان وچئين جو نالو رام راءِ هيو، جيڪو منهنجو پيءُ آهي. حڪومت جي تبديليءَ جي ڪري منهنجو والد پنهنجي اباڻي ڌنڌي سونارڪي مان ئي گذران ڪندو هو. هو پنهنجي سمورن ڀائرن ۾ پنهنجن والدين جي خدمت ۾ وڌيڪ اڳرو هيو، منهنجو نانو ”مير علي والا“ ضلعي گوجرانوالا جو رهندڙ هڪ خانداني سک هيو ۽ ”هلو والي“ ضلعي سيالڪوٽ ۾ منتقل ٿي چڪو هو. سندس سڀ کان وڏي ڌيءَ پريم ڪور منهنجي امڙ آهي.
    منهنجو پيءُ منهنجي ناني جي دعوت تي رام راءِ مان رام سنگهه بڻجي ويو هو. منهنجي والد جو سؤٽ حاڪم راءِ پنهنجي ڳوٺ جو تپيدار هيو ۽ منهنجا ٻه ماما به تپيدار هيا. منهنجون ٻه ڀينرون هيون جيڪي منهنجي پيدائش کان اڳ هڪ گکڙ ۾ ۽ ٻي بيگواليءَ ۾ پرڻجي ويون هيون.

    فصل ٻيون
    منهنجو ڏاڏو اڃا جيئرو هو ته منهنجو پيءُ فوت ٿي ويو، سندس مرڻ کان ٽي مهينا پوءِ ڦڳڻ مهيني جي آخري ڏهاڪي ۾ جمعي جي رات صبح ٿيڻ کان ٿورو اڳ منهنجي ولادت ٿي. امڙ سڳوريءَ جي ٻڌايل واقعن کي مختلف جنترين سان ڀيٽائڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تاريخ 12 محرم الحرام 1289 هجري ۽ 10 مارچ 1872ع جيڪو اسان جي حساب سان 872 هندي ٿئي ٿو.
    مان ٻن ورهين جو هوس ته منهنجو ڏاڏو فوت ٿي ويو، مون کي سندس صورت هڪ خاص واقعي ۾ ياد آهي. ان کان پوءِ منهنجي امڙ گهڻو ڪري پنهنجي پيءُ وٽ رهڻ لڳي. ان کان پوءِ ٻن سالن جي اندر نانو به فوت ٿي ويو. ان وقت منهنجو هڪ مامو جهنگ (ضلعي) جي بندوبست واري کاتي ۾ ڪم ڪندو هو ۽ ٻيو ڄامپور ضلعي ديري غازيخان ۾ تپيدار هيو. منهنجي امڙ ۽ ناني جهنگ کان ٿي ڄامپور پهتيون، منهنجي عمر ان وقت چئن سالن جي هئي.
    جهڙيءَ طرح ناني سان گڏ شطرنج کيڏڻ مون کي ياد آهي، اهڙيءَ طرح ڄامپور ۾ مامي سائينءَ جو فوجي قاعدا سيکارڻ به نٿو وساريان. هڪ سال اتي رهي امڙ پنهنجي گهر موٽي آئي. (اسان) وڌيڪ عرصو پنهنجي ڀينرن کان پري نه ٿي رهي سگهيو. هتي سال کن کان وڌيڪ رهيس. آخر ۾ سخت ڏڪار پيو ۽ منهنجي امڙ پوءِ مون کي ڄامپور وٺي آئي.

    فصل ٽيون
    منهنجي عمر ڇهه ورهيه هئي ته ڄامپور جي مڊل اسڪول ۾ داخل ٿيس. 878 هنديءَ کان ٽي سال لڳاتار پڙهندو رهيس. 881 هنديءَ واري مردم شماريءَ ۾ مان به ڪم ڪندو رهيس.
    ان زماني ۾ مون کي گرمکيءَ جو پهريون ڪتاب ڏنو ويو. جيتوڻيڪ مون ان مان هڪ اکر به ڪونه پڙهيو پر ان ۾ هڪ تصوير ته ”ٻن ٻلين جي ماني ڀولو ورهائي رهيو آهي“ ضرور ياد اٿم. مون کي مامي ٻڌايو ته هي ٻه ٻليون هندو ۽ مسلمان آهن ۽ ڀولو انگريز آهي.
    ان کان پوءِ وري امڙ پنهنجي گهر آئي ۽ ٻه سال ضلعي سيالڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۾ ويجهن ۽ پري وارن مائٽن سان ملائڻ لاءِ مون کي وٺي ويندي هئي. برادريءَ جي غميءَ ۽ خوشيءَ جي تقريبن ۾ شريڪ ٿيندو رهيس. ننڍڙو هجڻ جي باوجود وڏڙا ۽ پوڙها اهڙي تعظيم سان پيش ايندا هئا، جيڪو منهنجي امڙ جو حق هيو. مان ان جو خاص اثر پنهنجي طبيعت ۾ محسوس ڪندو آهيان. يعني، پنهنجن هڪ جيڏن مائٽن کان ممتاز رهڻ جو خيال رهندو آهي. ٿوري وقت لاءِ ڄامڪي جي مڊل اسڪول جي چوٿين جماعت ۾ شامل رهيس. اڪثر موقعن ۾ مسجدين جي مولوين کان پارسيءَ جا ڪتاب ضرور پڙهندو رهيس. امڙ ان دوران منهنجي لاءِ مناسب رشتو ڳوليندي رهي. جڏهن ان ۾ ڪامياب ٿي ته مون کي وري ڄامپور موڪلي ڏنائين.

    فصل چوٿون
    انهيءَ وقت جو هڪ واقعو لکڻ جوڳو آهي، منهنجو چاچو حاڪم راءِ جڏهن ڳوٺ جي ڪچهريءَ ۾ ويهندو هو ته عام ميڙ سندس چوڌاري گڏ ٿي ويندو هو. هڪ ڏينهن مان به اتي ئي ويٺو هوس ته هن هندو ڌرم ۽ اسلام ۾ ڀيٽ ڪئي ۽ اسلام کي ترجيح ڏني. سندس تقرير جو تت مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي: ”هندن ۽ مسلمانن ۾ هڪ ڊگهو مناظرو ٿيو، پڇاڙيءَ ۾ فيصلو ٿيو ته هڪ هندو ۽ هڪ مسلمان کوهه ۾ ٽپو ڏين، جيڪو بچي وڃي، ان جو مذهب (سچو ۽) حق مڃيو ويندو. پهريائين هندو اٿيو ۽ شري رام کي پنهنجي واهر لاءِ سڏيائين ان جا عملدار اچي رهيا هئا ته هن شري ڪرشن کي سڏڻ شروع ڪيو. ان تي شري رام جا خادم واپس موٽيا. اڃا شري ڪرشن جا ماڻهو سندس مدد لاءِ نه پهتا هئا ته هن مهاديو کي ٻاڏايو، ان ڪري شري ڪرشن جي مدد به کيس نه ملي سگهي. اهڙيءَ ريت پنهنجن مختلف بزرگن کي لڳاتار مدد لاءِ سڏيندو رهيو پر جنهن وقت ٽپو ڏنائين ته ان وقت سندس ڪوبه واهر نه ڪري سگهيو. ان ڪري سندس هٿ پير ڀڄي پيا. ان کانپوءِ مسلمان اٿي بيٺو. هن هڪ الله کي زور سان سڏڻ شروع ڪيو ۽ جلدي ۾ کوهه ۾ ڪڏي پيو، الله جا فرشتا سندس مدد لاءِ پهتا ۽ کيس سلامت بچائي ورتو.“
    جيستائين مون کي ياد آهي ته اسلام جي حقانيت تي هيءَ پهرين تقرير آهي، جيڪا مون ٻڌي ۽ جنهن کان متاثر ٿيس.

    فصل پنجون
    رب زدني علما
    انهن ٻن سالن جي وقفي سان منهنجا هم ڪلاسي ته مارچ 884 هنديءَ تي ڇهين درجي ۾ پهچي ويا پر مان ٻه مهينا محنت ڪري چوٿين درجي جو امتحان ڏئي سگهيس ۽ پنجين درجي ۾ شامل ٿيس. هتان کان منهنجي شاگرديءَ جو زمانو شروع ٿئي ٿو. اسڪول جو مقرر ٿيل ڪم منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو، پارسي پڙهڻ ۽ ياد ڪرڻ ۾ خاص محنت ڪندو هوس. باقي مضمون مان سال جي شروعات ۾ ڪجهه هفتا لڳائي ياد ڪري وٺندو هوس، پوءِ سڄو سال واندو رهندو هوس. امتحان کان ٿوري دير اڳ ۾ ڪتاب تي سرسري نگاهه وجهڻ ڪافي ٿيندو هو.
    سڀ کان وڌيڪ دلچسپ رياضي هئي. حساب، آلجبرا ۽ اقليدس ۾ جيتري قدر سٺا ۽ وڏا ڪتاب ملندا هئا، انهن کي حل ڪرڻ ۾ رڌل رهندو هوس. ڏکيا سوال حل ڪرڻ ۾ خاص لذت محسوس ڪندو هوس. ”مراة الاشڪال“ اقليدس جي چئن مقالن جي شرح هئي. مون ان جا مشقي سوال سمورا حل ڪري ڇڏيا هئا.
    سنه 886 هنديءَ تي ستين درجي ۾ هوس ته ”قيصري“ جالنڌر (اخبار) ۾ هڪ حل طلب سوال ڇپيو:
    ا+ ب +ج= 6، ا+ب+ ج= 14، ا+ ب+ ج= 36
    ٻيپهريءَ کان پوءِ مڪتب ۾ مون کي اخبار ملي، پنهنجي روزاني ڪمن ۾ رڌل هيس. فقط واندڪائيءَ جا پل ان جي حل ڪرڻ تي استعمال ڪندو رهيس. تڏهن به سانجهيءَ کان اڳ مون اخبار جي نالي جواب موڪلي ڏنو. ٻئي هفتي ۾ منهنجي نالي سان ٻن ڪالمن ۾ ڇپجي آيو. مان ان خوشيءَ کي وساري نٿو سگهان. ان کانپوءِ تاريخ، قصن ۽ ناولن ۾ طبيعت خوش ٿيندي هئي. جيڪو ڪتاب ملندو هو، جيستائين سمورو ختم نه ڪري ڇڏيان، سڪون نه ايندو هو. ان دوران اخبار پڙهڻ شروع ڪيم. هفتيوار ”آفتاب پنجاب“ لڳاتار ڏسندو هوس ۽ ”پنجاب“ ۽ ”ڪوهه نور“ جا پراڻا فائيل به پڙهندو هوس پوءِ (ڄڻ) اخبار عام ڏسڻ لڳس.
    پنجاب جي تاريخ ۾ سکن جي حڪومت سان وڌيڪ دلچسپي محسوس ڪندو هوس. پنهنجي سک هجڻ تي فخر محسوس ڪندو هوس. ننڍپڻ ۾ پنهنجن مائٽن جي عورتن سان گڏ ديوان مولراج جي عزيزن جي گهر ويندو رهيو آهيان. ان ڪري انهن جي واقعن کان وڌيڪ متاثر ٿيندو هوس. پنجاب حڪومت جي سالياني رپورٽ اردوءَ ۾ شايع ٿيندي هئي. ان کي چڱيءَ طرح پڙهندو هوس، راجا دليپ سنگهه کي پنجاب اچڻ جي موڪل ملي ۽ منهنجي مامي رات جو خبر آندي ته اسان جي گهر ۾ عيد جهڙي خوشي ٿي ته اسان جو راجا اچي رهيو آهي. ٻئين ٽئين هفتي جڏهن هيءَ خبر ملي ته هو عدن کان موٽايو ويو ته اسان جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.
    جيتوڻيڪ ان علمي مشغلي مون کي سٺو کائڻ، سٺو پهرڻ جي خواهشن کان بي نياز ڪري ڇڏيو هو، تنهن هوندي به سوسائٽيءَ ۾ ڪابه اهڙي شيءِ نظر نه ٿي آئي جيڪا گهر ۾ ميسر نه هجي. سو اعليٰ سوسائٽيءَ ۾ منهنجو رابطو مضبوط رهيو. ڄامپور جي سرڪاري آفيسرن واري سوسائٽيءَ ۾ پڻ مون کي اهڙا ساٿي مليا، جن کان مٿانهان، اتي ممڪن نه هئا. مختيارڪار، نائب مختيارڪار، جج، پوليس آفيسر ۽ پوسٽ ماسٽر هندو هئا. ان مٿانهين سوسائٽيءَ ۾ منهنجي سڃاڻ عزت سان هئي. اسسٽنٽ مختيارڪار اسان جي ويجهي علائقي جو هو. سندس ڇوڪرا اسان سان گڏ پڙهندا هئا. ساڻس ۽ سندس گهر سان (اسان جو) هڪ جهڙو ۽ هڪ جيترو سلوڪ هيو ۽ ساڳيو رويو سوسائٽيءَ جي ٻين ماڻهن مختيارڪار، پوليس آفيسر، جج، پوسٽ ماسٽر ۽ ڊاڪٽر سان هيو.


    ذاتي ڊائريءَ جا نوٽ

    آءٌ ضلعي سيالڪوٽ جي هڪ ڳوٺ چيانواليءَ ۾ پيدا ٿيس. منهنجي خاندان جو اصلي ڌنڌو سونارڪو آهي، مگر ڪجهه وقت کان ڪي ماڻهو سرڪاري نوڪرين ۾ داخل ٿيا ۽ ڪي ماڻهو واپار به ڪندا آهن. آءٌ گهڻو ڪري حضرت سلمان فارسيءَ جي تابعداريءَ موجب پنهنجو نالو عبيدالله بن اسلام لکندو آهيان. مگر ڪن عرب دوستن جي زور آڻڻ تي پنهنجي والد ڏانهن منسوب ڪري لکڻو پيو ته هن ريت لکيم: عبيدالله بن ابي عائشه، ڇاڪاڻ ته منهنجي وڏي ڀيڻ جو نالو جيوڻي آهي. (جيوڻي ۽ عائشه هم معنيٰ آهن) مون ارادو ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ ان کان وڌيڪ صفائي گهري ته هن ريت لکندس ”عبيدالله بن راما بن راءِ“ منهنجي والد جو نالو رام سنگهه پٽ جسپت راءِ پٽ گلاب راءِ آهي. چون ٿا ته منهنجو ڏاڏو سک حڪومت ۾ پنهنجي ڳوٺ جو ڪاردار هو.
    مون جمعرات پره ڦٽڻ کان ٿورو اڳ ۾ 12 محرم الحرام 1289هه مطابق 10 مارچ 1872ع ۾ جنم ورتو. منهنجي ڄمڻ کان چار مهينا اڳ ۾ منهنجو والد فوت ٿي چڪو هو. ٻن سالن کان پوءِ منهنجو ڏاڏو به فوت ٿي ويو. جنهن کان پوءِ منهنجي والده مون کي ناناڻن ۾ وٺي آئي جو هڪ نج سک خاندان هو ۽ منهنجو والد به نانا صاحب جي چوڻ تي ئي سک بڻيو هو. منهنجا ٻه ماما ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ تپيدار هئا. جڏهن نانو صاحب فوت ٿي ويو تڏهن اسان ڄامپور ۾ مامن وٽ اچي رهياسين. منهنجي پڙهائي 1878ع کان ڄامپور جي اردو مڊل اسڪول ۾ شروع ٿي. 1887ع ۾ مڊل جي مٿين جماعت ۾ پڙهندو هوس ته اسلام جي ظاهر ڪرڻ خاطر گهر کي الوداع ڪيم. ان وچ ۾ ٻه سال سيالڪوٽ ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري هڪ سال پنهنجي جماعت کان پوئتي رهجي ويس نه ته مان پنهنجي اسڪول ۾ وڏو سمجهدار شاگرد مڃيو ويندو هوس.

    اسلام جو مطالعو
    سنه 1884ع ۾ مون کي اسڪول جي هڪ آريه سماجي ڇوڪري جي هٿان ڪتاب ”تحفة الهند“ مليو (اهو ڪتاب هڪ نو مسلم بزرگ جو لکيل آهي، جنهن ۾ هندو مذهب جي بنيادي ڳالهين جو بيان ٿيل آهي.) انهيءَ ڪتاب جي پڙهڻ ۾ لڳو لڳ مشغول رهيس ۽ آهستي آهستي اسلام جي سچائيءَ تي يقين وڌندو ويو. اسان جو ويجهو پرائمري اسڪول ڪوٽله مغلان جا ڪي هندو به ملاقي ٿيا جي پڻ تحفة الهند جا ڏاڍا دلداده هئا. انهن هندو دوستن وٽان مون کي مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلويءَ جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ به مليو، جنهن جي مطالعي کان پوءِ اسلامي توحيد ۽ هندو پرانڪ شرڪ جو مسئلو چڱيءَ طرح سمجهه ۾ اچي ويو. ان کان پوءِ مولوي محمد لکويءَ (اهل حديث سيد نذير حسين دهلويءَ جو شاگرد) جو ڪتاب ”احوال الآخرة“ هڪ مولوي صاحب وٽان مليو. مان ان وقت نماز سکي چڪو هوس ۽ پنهنجو نالو تحفة الهند جي ٺاهيندڙ جي نالي تي عبيدالله پنهنجو پاڻ رکي ڇڏيو هوم. احوال الاخرة جو بار بار مطالعو ۽ تحفة الهند جو اهو حصو جنهن ۾ نومسلمن جا حالات لکيل آهن، اهي ٻئي شيون منهنجي جلدي اسلام جي ظاهر ڪرڻ جو ڪارڻ بڻيون. 10 آگسٽ 1887ع ۾ الله تعاليٰ تي توڪل ڪري نڪري پيس، نه ته اصل ارادو هي هو ته جڏهن ڪنهن هاءِ اسڪول ۾ ايندڙ سال داخل ٿيس تڏهن اسلام جي اظهار جو اعلان ڪندس.

    اسلام جو ظاهر ڪرڻ
    مون سان ڪوٽلا مغلان جو هڪ ساٿي عبدالقادر نالي هو. اسان ٻئي هڪ طالب العلم جي ذريعي ڪوٽلا رحم شاهه ضلعي مظفرڳڙهه ۾ پهتاسين. 9 ذوالحج 1304هه تي منهنجي طهر جي سنت ادا ڪئي وئي. ان کان پوءِ ٿورن ڏينهن اندر جڏهن منهنجا عزيز اسان جي ڳولا ۾ نڪتا تڏهن اسان سنڌ ڏانهن روانا ٿي وياسين. عربي صرف جا ڪتاب اسان انهيءَ طالب علم کان پڙهڻ شروع ڪيا.

    سيد العارفين جي صحبت
    الله تعاليٰ جي خاص رحمت چئبي ته جيئن شروع ڄمار ۾ اسلام جي سمجهڻ ۾ آساني ٿي تيئن خاص رحمت جو هي اثر ظاهر ٿيو جو سنڌ ۾ اسان حضرت حافظ محمد صديق رحه صاحب (ڀرچونڊيءَ واري) جي خدمت ۾ پهچي وياسون، جو پنهنجي وقت جو جيد ۽ عارفن جو سردار هو. ڪجهه مهينا اسان سندس صحبت ۾ رهياسين جنهن جو پهريون فائدو هي ٿيو ته اسلامي معاشرت اسان جي لاءِ اهڙي طرح طبيعت ثاني بڻجي وئي جيئن هڪ پيدائشي مسلمان جي هوندي آهي. ٻيو ته حضرت حافظ صاحب هڪ ڏينهن منهنجي سامهون ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو، جن ۾ گهڻو ڪري مولانا ابوالحسن امروٽي به موجود هيو ته ”عبيدالله، الله تعاليٰ واسطي پنهنجي پيءُ ماءُ کي ڇڏيو آهي، هاڻي سندس پيءُ ماءُ اسان آهيون.“
    انهيءَ ڪلمه مبارڪ جو خاص اثر منهنجي دل ۾ محفوظ آهي. آءٌ مولوي عبدالقادر (حضرت مولانا دينپوريءَ جي ناٺيءَ) کان ڪتاب پڙهيا ۽ هن بزرگ کي پنهنجو ديني ابو ڪري مڃيندو آهيان ۽ خاص انهيءَ ڪري مون سنڌ کي پنهنجو وطن بنايو، يا بڻجي ويو. ٽيون ته مان قادري راشدي طريقي ۾ حضرت حافظ سان بيعت ڪئي. جنهن جو هڪ هيءُ نتيجو نڪتو جو مان ڪنهن به وڏي ماڻهوءَ کان ڪونه ڊڄندو آهيان.
    چئن مهينن کانپوءِ اسان علم جي طلب لاءِ موڪل ورتي. مون کي چيو ويو ته حضرت حافظ صاحب مون لاءِ خاص دعا گهري آهي ته خدا ڪري ته عبيدالله جو شال ڪنهن راسخ عالم (سچي ۽ حقيقي عالم) سان واسطو پوي. منهنجي خيال ۾ الله تعاليٰ اها دعا قبول فرمائي ۽ الله رب العزت پنهنجي فضل سان حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جي خدمت ۾ پهچايو.

    سيدالعارفين جي خليفه اعظم جي صحبت
    ڀرچونڊيءَ کان موڪل وٺي آءٌ انهيءَ طالب العلم سان گڏجي رياست بهاولپور جي ڳوٺاڻي مسجدن ۾ ابتدائي عربي جا ڪتاب پڙهندو رهيس. انهيءَ سلسلي ۾ دين پور پهتس جتي سيدالعارفين جو پهريون خليفو مولانا ابوالسراج غلام محمد صاحب رهندو هو. هدايته النحو تائين مان اتي پڙهيس حضرت خليفه صاحب خط لکي منهنجي والده کي گهرايو جنهن مون کي موٽائي وٺي وڃڻ جي سخت ڪوشش ڪئي مگر آءٌ ثابت قدم رهيس. پر هي غلط آهي ته منهنجي والده ديوبند آئي هئي. شوال 1305هه ۾ دينپور کان ڪوٽله رحم شاهه ۾ آيس ۽ مولوي خدابخش وٽ ڪافيه و نحو پڙهيم ۽ اتي هڪ نووارد طالب علم کان هندستان جي عربي مدرسن جو احوال معلوم ٿيو. مان مظفرڳڙهه جي اسٽيشن تان سوار ٿي سڌو ديوبند پهتس.

    دارالعلوم ديوبند
    دارالعلوم ديوبند ۾ صفر 1306هجريءَ ۾ داخل ٿيس. اٽڪل پنجن مهينن ۾ قطبيءَ تائين منطق جا رسالا پڙهيم ۽ شرح جامي مولانا حڪيم محمد حسن امروهيءَ کان پڙهيم. هڪ سمجهدار استاد جي خاص مهربانيءَ سان مطالعي ڪرڻ جو رستو سکيس. پوءِ پنهنجي محنت سان ترقيءَ جو رستو سامهون ٿيندو ويو. حڪمت ۽ منطق جا ڪتاب جلدي پورا ڪري ٿورن مهينن لاءِ مولانا محمد حسن صاحب ڪانپوريءَ جي مدرسي ۾ هليو ويس ۽ اتان ٿورن مهينن لاءِ مدرسي عاليه رامپور ۾ رهي مولوي ناظرالدين کان به ڪتاب پڙهيم. اهڙيءَ طرح وري صفر 1306هه ۾ ديوبند موٽي آيس.

    حضرت مولانا شيخ الهند
    ديوبند ۾ ٻن ٽن مهينن تائين مولانا حافظ احمد صاحب کان پڙهندو رهيس. (حافظ محمد احمد مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم جو فرزند ۽ مدرسي جو مهتمم هو) ان کانپوءِ مولانا شيخ الهند جي درس ۾ شامل ٿيس. شعبان 1307هه ۾ هدايه، تلويح، مطول، شرح عقائد، مسلم الثبوت جو امتحان ڏنم، امتيازي نمبرن ۾ ڪامياب ٿيس. مولانا سيد احمد دهلوي مدرس اول منهنجي جوابن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ فرمايو ته جيڪڏهن هن کي ڪتاب ملي ويا ته شاهه عبدالعزيز ثاني ٿيندو. ڪيترن دوستن خوشخبريءَ جهڙا خواب ڏٺا ۽ مان به رسول الله ﷺ جي خواب ۾ زيارت ڪئي ۽ امام ابوحنيفه ؐ کي به خواب ۾ ڏٺم. رمضان شريف ۾ اصول فقه ۾ هڪ رسالو لکيم جنهن کي شيخ الهند پسند فرمايو، ان ۾ بعض مسئلا جمهور جي برخلاف محققن جي راءِ مطابق لکيا ويا هئا. مثلاً مشابه آيتن جي معنيٰ ناممڪن الحصول نه آهي ۽ الراسخين في العلم وهبي علم سان سمجهن ٿا.
    شوال 1307هه ۾ تفسير بيضاوي ۽ حديث جي دوري ۾ شريڪ ٿيس ۽ جامع ترمذي حضرت مولانا شيخ الهند وٽ پڙهيم ۽ سنن ابي داؤد پڙهڻ لاءِ حضرت مولانا رشيد احمد صاحب جي خدمت ۾ گنگوهه پهتس.

    شاهجهان آباد دهلي
    گنگوهه مان بيمار ٿي دهليءَ آيس. حڪيم غلام محمود خان (حڪيم اجمل خان جي والد) جي علاج سان صحت حاصل ٿي. حديث جا باقي ڪتاب مولوي عبدالڪريم پنجابي ديوبنديءَ کان جلدي جلدي ختم ڪري ورتم. مون کي ياد آهي ته سنن نسائي ۽ سنن ابن ماجه چئن ڏينهن ۾ پڙهيو هيم ۽ سراجي ٻن ڪلاڪن ۾ پوري ڪئي هيم. اهو مولوي عبدالڪريم پنجابي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ ۽ حضرت مولانا رشيد احمد گنگوهيءَ جو هڪ محقق شاگرد هو. شهرت پسند نه هو، دهليءَ وارن ڏينهن ۾ ٻه دفعا حضرت مولانا سيد نذير حسين صاحب جي زيارت لاءِ ويو هوس. صحيح بخاريءَ ۽ جامع ترمذيءَ جا ٻه سبق به ٻڌا هيم.

    سنڌ ڏانهن موٽڻ
    20 جمادي الثاني سنه 1308هه تي دهليءَ مان سڌو ڀرچونڊي ضلع سکر ۾ پهتس. مگر ان سفر ۾ ايندي ويندي نه لاهور ۾ ۽ نه وري چينياوالي مسجد ۾ ويس. منهنجو مرشد منهنجي اچڻ کان اڳ ۾ ڏهه ڏينهن پهريائين وفات ڪري ويو هو. رجب سنه 1308هه ۾ حضرت شيخ الهند اجازت نامه لکي مون ڏانهن موڪليو ۽ مولوي ڪمال الدين صاحب مون وٽ سنن ابي داؤد پڙهي پوري ڪئي.

    امروٽ وارو بزرگ
    شوال 1308هه تي سيدالعارفين جي ٻئي خليفي مولانا ابوالحسن تاج محمود امروٽي صاحب وٽ امروٽ ضلعي سکر ۾ هليو آيس. هن صاحب پنهنجي پير رشيد جو وعدو پورو ڪري ڏيکاريو. هو مون لاءِ پيءُ وانگر هو، سندس ذريعي منهنجو نڪاح مولوي محمد عظيم خان يوسف زئي ماستر اسلاميه اسڪول سکر جي نياڻيءَ سان ڪرايو. منهنجي ماءُ کي گهرائي ڏنو جا آخر وقت تائين پنهنجي نموني تي مون وٽ رهندي آئي. منهنجي مطالعي لاءِ تمام وڏو ڪتب خانه گڏ ڪيائين. هن بزرگ جي مهربانيءَ واري پاڇي ۾ 1315هه تائين مطالعو ڪندو رهيس.

    ڪتب خانه پير جهنڊي وارو
    ڳوٺ پير جهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ راشدي طريقي جي پير صاحب وٽ دين علومن جو هڪ بينظير ڪتب خانه هو. امروٽ وارن ڏينهن ۾ مطالعي لاءِ اوڏانهن به ويندو رهندو هوس ۽ اڌارا ڪتاب به وٺي ايندو هوس. منهنجي مطالعي جي ڪماليت ۾ انهيءَ ڪتب خانه جي فيض جو به وڏو دخل آهي. ان کان سواءِ حضرت مولانا رشيد الدين صاحب العلم الثالث جي صحبت مان فائدو پرايم. مان سندس ڪيتريون ئي ڪرامتون ڏٺيون. اسماءَ الحسنيٰ جو ذڪر کانئس سکيم. سندس فرزند حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع سان علمي صحبتون رهيون. هو علم حديث جو تمام وڏو عالم ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف هو. سندس والد حضرت مولانا رشيدالدين توحيد ۽ جهاد جي دعوت جو مجدد هو. قاضي فتح محمد نظاماڻي• (ويٺل ٽنڊه قيصر) جون علمي صحبتون به ياد رکڻ جي لائق آهن.

    علمي تحقيق جو مرڪز
    الله تعاليٰ جي رحمتن مان هڪ وڏي نعمت جنهن جو آءُ شڪر ادا ڪري نٿو سگهان، اها هيءَ آهي ته فقه ۽ حديث جي تحقيق ۽ تطبيق ۽ اهڙيءَ طرح قرآن عظيم جي تفسير ۾ حضرت مولانا محمد قاسم (نانوتوي) ديوبنديءَ کان شروع ٿي امام ولي الله دهلوي تائين سلسلو عاليه منهنجو رهبر بڻيو ۽ مان هنن کي پنهنجو اڳواڻ بڻايو. مون کي پنهنجي علمي ۽ سياسي واڌاري ۾ انهن کان ٻاهر وڃڻو نه پيو. تنهن ڪري منهنجون سموريون ڪوششون هڪ اصول تي درست ٿينديون رهيون ۽ آءُ اسلام جي فلسفي سمجهڻ جي لائق بڻيس. مان دهليءَ ۾ قبله نما جو مطالعو ڪيو (اهو ڪتاب مولانا محمد قاسم جو تصنيف ڪيل آهي) جنهن جا معارف منهنجي روح ۾ پيوست ٿي ويا. حديث جي تحقيق لاءِ حجة الله البالغه (مصنفه امام ولي الله دهلوي) سان شيخ الهند منهنجي واقفيت ڪرائي. آخر ۾ مون کي ان جي مطالعي مان اطمينان نصيب ٿيو ۽ مان عالمن جي هڪ جماعت کي حجة الله پڙهائي ان کان گهڻو وقت پوءِ شيخ الهند کان وڃي پڙهيم.

    طريقه قادريه جو شغل
    انهيءَ عرصي ۾ طريقه قادريه ۽ نقشبندي مجددي جا شغل ۽ ذڪر به پنهنجيءَ طاقت آهر حضرت سيدالعارفين جي وڏي خليفه مولانا ابوالسراج (خليفه غلام محمد صاحب) دينپوريءَ کان سکندو رهيس. جيڪڏهن منهنجي ڪا دنياوي ضرورت امروٽ مان پوري نه ٿيندي هئي ته اها دينپور مان حاصل ڪندو هوس. اهڙيءَ طرح مون کي پنهنجي مرشد جي جماعت کان ٻاهر وڃڻ جي ضرورت نه پئي.

    منهنجو سياسي مسلڪ
    اسلام سکڻ جي شروع کان وٺي منهنجو قلبي لاڳاپو مولانا شهيد مرحوم سان پيدا ٿي چڪو هو ۽ ديوبند جي طالب علميءَ واري زماني ۾ ڪيترن ئي واقعن ۽ ڳالهين سبب وڌيڪ واقفيت ٿي چڪي هئي. مولانا عبدالڪريم (پنجابي) ديوبنديءَ دهليءَ جي غدر جو اکين ڏٺو واقعو ٻڌايو هو ۽ ٻاراڻي ڄمار کان خانداني عورتن جي صحبت ۾ (ٻڌل ڳالهين جي بنياد تي) انقلاب پنجاب جي مصيبتن کان منهنجو دماغ ڀريو پيو هو، ان ۾ هڪ قسم جو انقلاب آيو، پهريان جو ڪجهه لاهور لاءِ سوچيندو هوس هاڻي دهليءَ لاءِ سوچڻ لڳس.
    مولانا شهيد جي مڪتوبات مان هڪ خط جو مضمون سامهون رکي مان پنهنجو مختصر سياسي پروگرام بڻايو جو اسلامي به هو ۽ انقلابي به هو. مگر هندستان کان ٻاهرين مسلمانن سان ان جو ڪوبه تعلق نه هو. مان حجة الله پڙهندڙ جماعت کي ان ۾ شامل ڪيو. اهڙيءَ ريت پنهنجي خيال موجب آهستي آهستي ڪم شروع ڪري ڏنم.

    ديوبند ۾ وري اچڻ
    1315هه ۾ وري ديوبند آيس. پنهنجي علمي معلومات جي رنگ ۾ ٻه رساله لکي کڻي آيس. هڪ علم حديث ۽ ٻيو فقه حنفيءَ ۾. حضرت مولانا شيخ الهند ٻنهين رسالن کي پسند فرمايو. انهيءَ دفعي ٻارهن حديث جي مشهور ڪتابن جا اطراف ٻڌائي ٻيهر مولانا صاحب کان روبرو اجازت حاصل ڪيم. ڪن جهاد جي مسئلن وقت درس هلندي اسان جي جماعت جو ذڪر اچي ويو جنهن کي مولانا پسند فرمايو. ڪن دوستن جو مشورو ڏئي انهيءَ ڪم کي اتحاد اسلام جي هڪ ڪڙي بڻايائون ۽ انهيءَ ڪم کي جاري رکڻ جي وصيت فرمايائون. ان کان پوءِ منهنجا علمي ۽ سياسي سمورا شغل حضرت شيخ الهند سان وابسته رهيا.

    دارالرشاد ڳوٺ پير جهنڊو
    ديوبند جي انهيءَ پوئين مختصر سفر کان پوءِ مان امروٽ شريف ۾ رهي، هڪ پريس قائم ڪئي (محمود المطابع نالي سان) جنهن کي ٻن سالن تائين هلائيندو رهيس. ڪي عربي ۽ سنڌي ناياب ڪتاب ڇپايا ويا. ۽ هڪ ماهوار رساله ”هدايت الاخوان“ به شايع ٿيندو رهيو. ان سان گڏ مدرسه قائم ڪرڻ جي به ڪوشش جاري رهي. مگر ان ۾ ڪاميابي نه ٿي، هوڏانهن اسان جو ڪم مدرسه کان سواءِ هلي نٿي سگهيو. تنهن ڪري مان ٻئي ڪنهن جاءِ جي ڳولا ۾ حيران هوس ته حضرت مولانا رشدالله صاحب العلم الرابع 1319هه ۾ منهنجي تجويز جي موافق مدرسه بنائڻ جو ارادو ڪيو ۽ دارالرشاد مدرسه جو نالو منهنجي رٿ سان مقرر ٿيو. مان انهيءَ مدرسي ۾ شريڪ ٿي پورن ستن سالن تائين علمي ۽ انتظامي خدمتون مڪمل اختيارات سان ڪندو رهيس ۽ مدرسي ۾ انهيءَ زماني جي وڏن علمائن مان حضرت مولانا شيخ الهند ۽ حضرت مولانا شيخ حسين بن محسن انصاري يماني (محدث مقيم پوپال) امتحان وٺڻ جي ارادي سان تشريف فرما ٿيا. مان انهيءَ مدرسه ۾ حضرت رسول الله ﷺ کي خواب ۾ ڏٺو ۽ امام مالڪ کي به ڏٺو جو ڄڻ مدرسه جي هڪ حجري ۾ اچي رهيو آهي.

    جميعت الانصار ديوبند
    1327هه ۾ حضرت شيخ الهند ديوبند سڏايو. مفصل احوال ٻڌي ديوبند ۾ رهي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنائون ته جيئن سنڌ سان به لاڳاپو قائم رهي. چار سال جمعيت الانصار ۾ ڪم ڪندو رهيس. انهيءَ جماعت جي تحريڪ جي بنياد ۾مولانا محمد صادق سنڌي، مولانا ابو محمد احمد لاهوري ۽ عزيز مولوي احمد علي لاهوري به شريڪ هئا.

    نظارة المعارف دهلي
    حضرت شيخ الهند جي ارشاد سان منهنجو ڪم ديوبند کان دهليءَ منتقل ٿيو. 1331هه ۾ نظارت المعارف قائم ٿي، انهيءَ ڪم جي سرپرستيءَ ۾ شيخ الهند سان حڪيم اجمل خان ۽ نواب وقارالملڪ (سيڪريٽري علي ڳڙهه ڪاليج) ساڳئي نموني ۾ شريڪ هئا.
    حضرت شيخ الهند جيئن چار سال ديوبند ۾ رهي منهنجو پنهنجي جماعت سان تعارف ڪرايو، اهڙيءَ طرح دهليءَ موڪلي مون کي نوجوان طاقت سان واقف ڪرڻ گهريو. انهيءَ مقصد لاءِ ئي هڪ دفعو دهليءَ ۾ تشريف فرما ٿيو، مون کي ڊاڪٽر انصاريءَ سان ملاقات ڪرايائين ۽ ڊاڪٽر انصاريءَ مون کي مولانا ابوالڪلام ۽ مولانا محمد علي مرحوم سان ملايو جنهن ڪري مون کي ٻن سالن اندر هندستان جي اسلامي اعليٰ سياسي طاقت سان واقفيت پيدا ٿي وئي.

    هجرت ڪابل
    1333هه مطابق 1915ع ۾ شيخ الهند جي حڪم سان ڪابل روانو ٿي ويس. مگر مون کي ڪم جو ڪوبه مفصل پروگرام ڪونه ٻڌايو ويو. جنهن ڪري منهنجي طبيعت تي اها هجرت گران پئي گذري مگر تعميل حڪم لاءِ وڃڻو ضرور هو ۽ الله تعاليٰ آسانيءَ سان هندستان مان نڪري وڃڻ جو رستو پيدا ڪري ڏنو. جنهن ڪري آءٌ افغانستان پهچي ويس.
    دهليءَ جي سياسي جماعت به مون کي پنهنجو عيوضي مقرر ڪيو هو. پر مان هنن کي اها ڳالهه ئي ڪانه ڪئي ته اڳ ۾ ئي شيخ الهند جي حڪم موجب منهنجي ڪابل وڃڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي.
    افسوس جو دهليءَ واري مرڪز پاران به ڪو معقول پروگرام ڪونه هو. ڪابل پهچي مون کي معلوم ٿيو ته حضرت شيخ الهند قدس سره جنهن جماعت جو پاڻ عيوضي هو تنهن جي پنجاهه سالن جي محنتن جو نتيجو غيرمنظم شڪل ۾ منهنجي سامهون تعميل حڪم لاءِ موجود آهي. جنهن ۾ حضرت شيخ الهند کي هڪ مون جهڙي خادم جي سخت ضرورت هئي. هاڻي مون کي هجرت ۽ حضرت شيخ الهند جي چونڊ تي بيحد فخر محسوس ٿيڻ لڳو. مان ستن سالن تائين حڪومت ڪابل جي امداد سان هندستان لاءِ ڪم ڪندو رهيس. 1916ع ۾ امير حبيب الله خان هندن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جنهن جي تعميل جي هڪ ئي صورت هئي ته نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي وڃان. ان وقت آءٌ ڪانگريس جو مبلغ بڻجي ويس. هيءَ ڳالهه نهايت عجب جهڙي آهي ته امير صاحب مرحوم نج اسلام جي ڪم کان هندستاني ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندو هو.
    1922ع ۾ امير امان الله خان جي زمانه ۾ ڪانگريس ڪاميٽي ڪابل ۾ قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر انصاريءَ جي ڪوشش سان ”گيا“ واري اجلاس ۾ ان جو الحاق انڊين ڪانگريس سان ڪيو ويو. برٽش ايمپائر کان ٻاهر اها پهرين ڪانگريس ڪميٽي هئي ۽ مان هن ڳالهه تي فخر ڪري سگهان ٿو ته آءٌ ان جو پهريون پريزيڊنٽ هوس.

    روس جو سفر
    1923ع ۾ ترڪيءَ ڏانهن ويندي ست مهينا ماسڪو (روس) ۾ وڃي رهيس. سوشلزم جو مطالعو پنهنجي طاقت آهر پنهنجن نوجوان ساٿين جي مدد سان ڪندو رهيس. جنهن حالت ۾ نيشنل ڪانگريس سان لاڳاپو سرڪاري طرح ثابت ٿي چڪو هو، تنهن ڪري سويت روس مون کي پنهنجو معزز مهمان بڻايو ۽ مطالعي لاءِ هر قسم جون سهوليتون مهيا ڪري ڏنيون. هي بلڪل غلط آهي ته مان لينن سان ملاقات ڪئي، ڇو ته ڪامريڊ لينن ان وقت اهڙو بيمار هو جو پنهنجن دوستن کي به سڃاڻي نه سگهندو هو.
    انهيءَ مطالعي جو نتيجو آهي جو مان پنهنجي مذهبي تحريڪ کي جا امام ولي الله جي فلسفي جي شاخ آهي ان کي لادينيت جي حملي کان محفوظ ڪرڻ جي تدبير ۾ ڪامياب ٿي ويس. مان انهيءَ ڪاميابيءَ ۾ (1) انڊين نيشنل ڪانگريس (2) هندستاني سفر جي ساٿين جن ۾ هندو مسلم نوجوان هئا جن ۾ سوشلسٽ ۽ نيشنلسٽ ٻئي قسم جا ماڻهو هئا. (3) سويت روس جو هميشه لاءِ شڪر گذار رهندس جيڪڏهن مون کي ٽنهين طاقتن جي امداد نه ملي ها ته آءٌ پنهنجي اصلي امتيازي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيان ها.

    نئين ترڪي
    ساڳئي سال 1923ع ۾ انگورا پهتس. منهنجي انهيءَ سفر لاءِ ماسڪو واري ترڪي سفير ۽ روس جي وزارت خارجه سفر جو رستو مقرر ڪري ڏنو. ممڪن آهي ته برطانيه جي ڪارندن کي ان جو پتو نه پيو هجي. (هي به غلط آهي ته آءٌ استنبول ان وقت پهتس جڏهن فرانس ۽ برطانيه جي متحده قوت ان تي قابض هئي) اٽڪل 3 سال ترڪيءَ ۾ رهيس. مان اتحاد اسلامي تحريڪ جو پورو پورو مطالعو ڪيو. مگر مون کي مستقبل قريب ۾ ان لاءِ ڪوبه مرڪز نظر نه آيو. تنهن ڪري مان ترڪن جي وطني خدمت وانگر پنهنجي اسلامي تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ڪرڻ ضروري سمجهيو ۽ ڪانگريس ۾ پنهنجي اصول جي هڪ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام ڇاپي ڇڏيو، جنهن ڪري منهنجي تحريڪ هر هڪ مخالف انقلاب کان محفوظ رهي سگهي ٿي.

    اسان جو پروگرام
    يورپ کي ان نموني ۾ اسلام جي تعارف ڪرائڻ ۾ منهنجو خيال آهي ته آءٌ پنهنجي استاذ الاستاذ ۽ پنهنجي امام مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي هڪ قلبي خواهش کي پوري ڪرڻ ۾ عملي جامه ڍڪائي رهيو آهيان. انهيءَ پروگرام کي ترڪي پريس مان شايع ڪرڻ لاءِ انگورا حڪومت کان اجازت وٺڻي پئي. جنهن کي پهريائين وزارت خارجه ٻه جدا جدا ترجمه ڪرائي جيستائين حرف بحرف نه پڙهيو تيستائين اجازت نه ڏني. ڪي هندو دوست اردو پڙهي نه ڄاڻيندا هئا تنهن ڪري انهن جي سهوليت لاءِ پروگرام جو انگريزيءَ ۾ به ترجمو ڪرايم.
    استنبول جي رهڻ واري زمانه ۾ لالا لڄپت راءِ سان تبادله خيالات ٿيو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽر انصاريءَ سان به چڱيءَ طرح ڳالهيون ٿيون، اسان جا هي ٻئي بزرگ نه انهيءَ پروگرام کي قبول ڪري سگهيا ٿي ۽ نه وري ان جو چڱو بدل ٻڌائي سگهيا ٿي، ڪوشش ڪندا ته اسان کي هزار ٻه هزار سال گذريل زمانه ڏانهن وٺي وڃن، يقيناً پنڊت جواهر لال نهروءَ هڪ فقره ان جي پسنديدگي تي لکيو. اهو منهنجي لاءِ خوشيءَ جو ڪارڻ آهي. مان پنهنجي پروگرام ۾ عدم تشدد کي ضروري ٺهرايو آهي. ان ۾ مهاتما گانڌيءَ جا ممنون آهيون ۽ عدم تشدد جي اخلاقي حيثيت کي ڄاڻان ٿو. انهيءَ بنياد تي پوليٽيڪل پروگرام جي تربيت ۽ اهميت مهاتما گانڌيءَ کان سکي. هُن اسان کي حضرت مسيح جي تعليم جي يادگيري ڏياري آهي جا اسان وساري چڪا هئاسين.
    مون کي اهو به پتو آهي ته اسلام جو پهريون دور انهيءَ سياسي اصول تي عامل هو، دانائيءَ جي ڳالهه مؤمن جي وڃايل وٿ آهي پوءِ جتي به هٿ اچيس ته اهوئي ان جو مالڪ آهي.

    مڪه معظمه ۾ پهچڻ
    1344هه ۾ حج جي موسم ۾ مڪه معظمه ۾ خلافت ڪانفرنس منعقد ٿيڻ واري هئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان ۾ اچڻ وارا هئا. مان هنن جي ملاقات لاءِ ترڪيءَ مان اٽليءَ جي رستي مڪه معظمه پهچڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪانفرنس ختم ٿيڻ کان پوءِ صفر 1345هه ۾ پهتس. آءٌ پنهنجي پوزيشن کي صحيح نموني ۾ ڄاڻيندو هوس. تنهن ڪري حجاز گورنمينٽ کي يقين ڏياريم ته آءٌ هتي ڪابه سياسي پروپيگنڊا ڪانه ڪندس، جنهن مون تي اعتماد ڪيو ۽ انهيءَ اعتماد سبب آءٌ بلڪل محفوظ رهجي ويس. مان جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪنهن ٿورڙي امداد جي گهر ڪئي ته حڪومت ان کي پورو ڪيو ۽ منهنجي پنهنجي نموني ۽ پنهنجي مٿي رهڻ ۾ حڪومت جا اهلڪار حارج نه ٿيا تنهن ڪري هو منهنجي پاران تمام گهڻي شڪريي ۽ دعا جا حقدار آهن. جزاهم الله تعاليٰ خيراً

    مڪي جا علماءَ
    مون کي مڪي وارن مان ٽن هندوستاني ۽ هڪ عرب خاندان خاص طرح علمي امداد پهچائي، سڀ کان پهريائين شيخ عبدالوهاب دهلويءَ (حاجي علي جان وارا)، ٻيو شيخ عبدالستار بن عبدالوهاب دهلوي، ڪتبي مرحوم، ٽيون حضرت ابو اشرف مجدديءَ انهن جي ڪتب خانن مان فائدو ورتم. عرب خاندان مان منهنجي شيخ محمد بن عبدالرزاق حمزه شيخ دارالحديث ۽ شيخ ابو السمح امام الحرمين جو خاندان آهي.

    منهنجو علمي شغل
    آءٌ اٽڪل 12، 13 سالن کان قرآن عظيم ۽ حجة الله البالغه جو نهايت اونهي نظر سان مطالعو ڪندو رهيس. قرآن عظيم جي تفسير ۾ جيتريون جايون به مشڪل هيون تن کي مان امام ولي الله دهلويءَ جي اصول تي اطمينان سان حل ڪندو رهيس. جيڪي ماڻهو امام ولي الله دهلويءَ کي اسان وانگي نٿا مڃين اسان تن جي اطمينان ڏيارڻ جي دعويٰ ڪري نٿا سگهون. پر مون کي پنهنجي اصول تي قرآن عظيم ۾ قابل عمل نصاب تعليم نظر آيو ۽ ان معاملي ۾ هن تجلي ريز مقدس مقام (مڪه معظمه) جو تاثير ضرور قبول ڪرڻو پوي ٿو. ان زماني ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي مشهور ڪتابن جو خاص طور مطالعو جاري رکيم. مثلاً بدور بازغه، خير ڪثير، تفهيمات الاهيه، سطعات، الطاف القدس، لمعات وغيره.
    انهن ڪتابن جي سمجهڻ لاءِ ڪنجيءَ طور مان مولانا رفيع الدين دهلويءَ (ولد امام ولي الله) جو ڪتاب تڪميل الاذهان ۽ (مولانا محمد اسماعيل شهيد امام ولي الله جي پوٽي جو) ڪتاب عبقات ۽ مولانا محمد قاسم جي ”قاسم العلوم“ ۽ ”تقرير دل پذير“ ۽ ”آب حيات“ کي استعمال ڪندو رهيس. مون کي انهن ڪتابن جي پڙهائڻ جو موقعو به مليو ۽ ان سان گڏ قرآن عظيم جو درس به جاري رهيو، جنهن ڪري منهنجا نظريا بلڪل وسيع ٿي ويا. (ف لله الحمد)

    امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت
    جيڪڏهن مون کي اجازت ڏني وڃي ته آءٌ هن ريت ظاهر ڪريان ته آءٌ امام ولي الله دهلويءَ کي حڪمت جو مجتهد مستقل فرض ڪريان ۽ امام عبدالعزيز (ولد امام ولي الله) ۽ مولانا رفيع الدين دهلويءَ کي مجتهد منتسب جو درجو ڏيان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ مولانا محمد قاسم کي مجتهد في المذهب جي درجي تي تسليم ڪريان، ان کان پوءِ مان هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري سگهان ٿو جنهن ۾ (الف) قرآن عظيم (ب) سنت رسول الله ﷺ ۽ سنت خلفاءِ راشدين (ج) تاريخ اسلام جي پوريءَ ريت عقلي تشريح موجود هجي. ان کان پوءِ دنيا جي سمورن مذهبن ۽ سندن مقدس ڪتابن جي تحقيق ۽ تطبيق به انهيءَ اصول تي آسان ٿي سگهي ٿي. (ذالک فضل الله يؤتيه من يشاءالله ذوالفضلٍٍ العظيم)

    وطن ڏانهن واپسي
    سنه 1936ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس منهنجي واپسيءَ لاءِ ڪوشش ڪئي ۽ منهنجا سمورا دوست ان جي تائيد ۾ ڪوشش ڪندا رهيا. جنهن ۾ سياسي مسلڪ جي اختلاف ۽ اتحاد جو ڪوبه خيال ڪونه رکيو ويو، انهيءَ ڪوشش جو هي نتيجو نڪتو جو مون کي پهرين نومبر 1937ع ۾ وطن واپسي جي اجازت ملي وئي ۽ پهرين جنوري سنه 1939ع ۾ پاسپورٽ ڏيڻ جو فيصلو ٿي ويو پر حج جي موسم مٿان اچي وئي هئي تنهن ڪري حج جي عبادات کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ واپسيءَ جو ارادو آهي.
    وطن پهچڻ کان پوءِ منهنجو پروگرام قريب قريب هيٺين ريت هوندو:
    (1) اسان نيشنل ڪانگريس جا معمولي ميمبر ٿي رهنداسين ته جيئن عدم تشدد جي متعلق اسان جي جوابداري قومي قانون هيٺ اچي وڃي ۽ اسان پريشان دماغ دوستن جي پريشان ڪندڙ حرڪتن کان بچي وڃون. مگر اسان ڪانگريس جي ڪنهن به پارٽيءَ سان عملي حصي ۾ شرڪت ڪانه ڪنداسين.
    (2) اسان جو محبوب مشغله امام ولي الله جي تعليم جي اشاعت جو هوندو. اسان علم وارن مان اعليٰ طبقه کي ان ڏانهن متوجه ڪندا رهنداسين جنهن ۾ ديني عالم ۽ جديد تعليم يافته ٻئي مخاطب هوندا، جيڪڏهن ڪوبه غيرمسلم هندو يا عيسائي آزاد خيال وارو انهيءَ فلسفه جو مطالعو ڪرڻ پسند ڪندو ته اسان ان جي پوري امداد ڪنداسين.
    (3) جڏهن به حالات سازگار ٿيا تڏهن اسان نيشنل ڪانگريس ۾ فلسفه امام ولي الله جي روشنيءَ ۾ پنهنجي هڪ مستقل پارٽي تيار ڪنداسين جيڪا عام تعليم ۽ اقتصاد جي مسئلن تي قائم هوندي. والله هو الموفق والمعين.


    منهنجا تجربا ۽ مشاهدا

    اهو ضروري نه آهي ته انسان جنهن شيءِ جي تمنا رکي، ان جو مقصد جيڪڏهن خواهش واري صورت ۾ ئي پورو ٿئي ته انهيءَ کي ڪامياب سمجهيو وڃي. ڪن وقتن ۾ اهڙيون حالتون به پيش اينديون آهن جو انسان ڪنهن ڳالهه ۾ پاڻ کي ناڪام سمجهندو آهي پر انهيءَ صورت ۾ به جيڪڏهن سندس محنت صحيح ۽ سوچيل سمجهيل پروگرام تي عمل ۾ آئي آهي ته اها ڪڏهن به ضايع نه ٿي وڃي، پر ان تجربي کي حاصل ڪري پوءِ آئنده ٻئي ڪنهن شئي ۾ اهو نقصان پورو ڪري سگهي ٿو ۽ اڳتي انهيءَ قسم جي غلطين کان بچڻ جي هڪ مستقل شڪتي پڻ پيدا ٿي وڃي ٿي جيڪا عظيم الشان نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿي.
    مون پنهنجي زندگيءَ جي مختلف راهن تي ڇا ڇا حاصل ڪيو آهي. اڄ مختصر نموني ۾ ان جي واقفيت ڪرائڻ گهران ٿو. هت جيون جي سفر جي نتيجن جو سمورو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد نه آهي البته ٿورا اهڙا واقعا ۽ فڪر بيان ڪنداسون جن ۾ هڪ خاص قسم جو سلسلو هوندو جو ايندڙ مسئلن جي حل ڪرڻ ۾ ڪجهه مدد ڏئي سگهندو. مون پنهنجي جيون جي سفر جون اٺ منزلون بڻايون آهن: (1) گهر ۽ اسڪول جي زندگي (2) ديني علم حاصل ڪرڻ ۽ ان جي تڪميل ڪرڻ (3) عملي پروگرام جو تعين ۽ ان کي سوڀارو بڻائڻ جي ڪوشش (4) ڪابل ۾ قيام (5) ماسڪو ۾ قيام (6) استنبول ۾ قيام (7) مڪي شريف ۾ قيام (8) وطن ڏانهن واپسي.

    پهرين منزل: گهر ۽ اسڪول ۾ 1289هه (1872ع) کان 1304هه (1887ع) تائين
    (1) اسڪول جي شاگرديءَ جي زماني ۾ تحفة الهند ۽ تقويت الايمان جي لڳاتار مطالعي سان اسلام جي حقانيت جو يقين حاصل ٿي ويو.
    (2) سمجهيم ته ڪنهن کي به اسلام جي صحيح تعليم جي ضرورت هجي ته ان کي قرآن ۽ حديث پڙهڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته قرآن ۽ حديث ۾ اصلي تعليم محفوظ آهي.
    (3) عام مسلمانن ۾ هندن وانگر غلط رسمون رائج ٿي ويون آهن جن جو اسلام سان لاڳاپو ڪونه آهي.
    (4) مولوي محمد لکويءَ جي ڪتابڙي ”احوال الاخرت“ جي پڙهڻ سان عمل ۽ همت ۾ تيزي ايندي وئي.

    ٻي منزل ديوبند ۽ سنڌ ۾: 1315هه (1897ع) تائين
    (1) دارالعلوم ديوبند ۾ شروعاتي علم حاصل ڪرڻ
    (2) حضرت مولانا شيخ الهند جي خدمت ۾ حديث ۽ فقهه جي تڪميل
    (3) مولانا محمد قاسم رحه جي حڪمت عمليءَ جي واقفيت ۽ محبت
    (4) سندس عملي طريقي کي پنهنجو مرڪزي فڪر بڻائڻ
    (5) سنڌ ۾ علمي مطالعو ۽ تحقيق
    (6) ڪتاب ”حجة الله البالغه“ تي پورو ڀروسو ڪرڻ ۽ ان جي برڪت سان اطمينان حاصل ٿيڻ
    (7) ڪتابڙي ”الفوزالڪبير“ جي اصول تي قرآن عظيم تي غور ڪرڻ
    (8) حجة الله البالغه جي بنياد تي هر هڪ سورة جي آيت ۾ لاڳاپو پيدا ڪرڻ.
    (9) قرآن عظيم جو (اڳين) ”سمورن دينن کي ميٽي ڇڏڻ“ واري حڪمت جو راز کلي پوڻ.

    ٽين منزل: سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ ۾ 1333هه (1915ع) تائين
    (1) حضرت مولانا محمد اسماعيل شهيد ؓ جي اصول تي ننڍين ننڍين جماعتن جي تياري
    (2) حضرت مولانا شيخ الهند جي نظام تي جماعت جي اعليٰ فردن جي تياري
    (3) سنڌ ۾ دارالرشاد جو بنياد رکڻ
    (4) دارالعلوم ديوبند ۾ جمعيت الانصار جو سيڪريٽري ٿي رهڻ
    (5) دهليءَ ۾ نظارت المعارف جو برپا ڪرڻ.

    چوٿين منزل ڪابل ۾ 1340هه (1922ع) تائين
    (1) ڪابل ۾ امير حبيب الله جي درٻاري سوسائٽيءَ جو اعتماد حاصل ڪرڻ
    (2) عملي سياست جي صحيح واقفيت حاصل ڪرڻ
    (3) پوري يقين سان هڪ فڪري انقلاب پيدا ٿي ويو ته جيڪڏهن هن زماني جا مسلمان بادشاهه پنهنجون ڪمزوريون دور ڪري سگهندا ته انهن جي حڪومت جي طرز بهر صورت يورپين هوندي. دهليءَ وارو پراڻو نظام اڄ نه هلي سگهندو.
    (4) امير حبيب الله خان هڪ سڌاري پسند ۽ وڏي ارادي وارو بادشاهه هيو. هن جنهن قسم جو انقلاب آڻڻ گهريو ٿي ان جو مون گهرو مطالعو ڪيو آهي. جيتري قدر مون سمجهيو آهي تنهن موجب سندس خيال ۾ يورپ جي نون اصولن تي فوجي طاقت پيدا ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان کان بي پرواهي ڪرڻ ناممڪن هئي. انهيءَ ڪري امير حبيب الله يورپ جي پيرويءَ تي مجبور هو.
    (5) امير حبيب الله خان جي حڪم يا مشوري سان مان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿي ويس. ڪابل ۾ انقلابي هندو (به) موجود هئا جن اسان کي ڪم ۾ شريڪ بڻائڻ گهريو.
    (6) ڪابل جي تفصيلي حالتن سمجهڻ کان پوءِ مون کي خبر پئي ته ديوبندي نظام جيتريقدر هندوستاني مسلمان کي فائدو پهچايو آهي جنهن ڪري هنن پنهنجي مرڪزيت محفوظ ڪري ڇڏي آهي، تنهن کان وڌيڪ فائدا هن (ديوبندي) نظام افغانستان کي پهچايا آهن. افغاني حڪومت ۽ قبيلن جي سردارن ۾ اهڙا ماڻهو تمام ٿورا هوندا جن ديوبند کان فيض حاصل نه ڪيو هوندو. مگر اُهي پاڻ کي ديوبندي ظاهر نه ٿا ڪن. منهنجي آڏو ڪيترن ئي تجربن کان پوءِ جيڪي نتيجا سامهون آيا تن مان هي يقين پيدا ٿيو ته اسان جا نوجوان، ڪاليج ۾ پڙهيا هجن يا ديوبند ۾ هنن جو جيڪڏهن آزاد زندگيءَ جي پروگرام ۾ ڪنهن به ٻي قوم سان مقابلو ٿيندو ته هو ڪنهن به ٻي قوم کان پٺتي نه رهندا. هن ۾ مسلم قومون ۽ يورپين قومون ٻئي هڪ جهڙيون آهن. حقيقت ۾ انهيءَ تجربي منهنجي ذهنيت ۾ هندستانيت جو انقلاب پيدا ڪيو آهي. اڳتي هلي دولت عثمانيه جي شڪست سان اتحادِ اسلام جو مرڪز يا خلافت باقي نه رهي. انهيءَ ترڪن وانگر پنهنجي هندوستاني مرڪز تي اعتماد سيکاريو. (جيئن ترڪن دنيا جي مسلمانن کي ڇڏي پاڻ تي اعتماد ڪيو.)

    پنجين منزل ماسڪو ۾ 1341هه (1923ع) تائين
    (1) انقلاب جي ڪاميابيءَ لاءِ پارٽي ڊڪٽيٽرشپ ضروري آهي.
    (2) جنگ يا ٻئي ڪنهن حادثي جي ڪري جيڪڏهن حڪومت ڪمزور ٿي وڃي ته ان حالت ۾ ڪمزور جماعتن کي عوام جي کاڌي جي سوال جو بندوبست سڀ کان پهريائين پاڻ تي کڻڻ گهرجي. ايئن ڪرڻ سان اُها جماعت حڪومت تي قابض ٿي ويندي.
    (3) جيڪڏهن هڪ ديندار جماعت، هڪ ظالم طاقت سان ظلم جي پٺڀرائي ڪندي ۽ ان جي مقابلي ۾ ٻي هڪ بي دينن جي جماعت عوام تان ظلم ختم ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي ته اها بي دينن واري ٽولي ديني جماعت تي غالب پئجي سگهي ٿي پر انهيءَ کي اسان بي دينيءَ جو غلبو نه ٿا سمجهون. ڇاڪاڻ جو امام ولي الله دهلويءَ جي اصول موجب پيٽ جي تنگي يا مالي مشڪلاتن واري ظلم جو ملڪ مان دور ڪرڻ سمورن آسماني دينن جو بنيادي مقصد آهي.
    (4) ماسڪو جي سوسائٽي جي مطالعي کانپوءِ اسان امام ولي الله دهلويءَ کي سياست ۾ پنهنجو مستقل امام مڃون ٿا
    (5) جيڪڏهن ڪنهن به انقلابي بي دين جماعت پاران اسلام تي حملو ٿئي ته اسان امام جي اصول جي پابنديءَ سان نوجوانن کي اسلام جي طرف کان پوري پوري مدافعت ڪرڻ جا طريقا سيکاري سگهون ٿا.

    ڇهين منزل: استنبول ۾ 1344هه (1927ع) تائين
    (1) مون تي هيءَ حقيقت ظاهر ٿي ته هندوستاني مسلمان جي پٺتي رهجي وڃڻ جو اصلي سبب هي آهي ته هو حالتن کان ناواقف رکيا ويا آهن. مان ڏاڍو حيران ٿيس جڏهن ڏٺم ته دارالخلافه جو ننڍو وڏو ماڻهو يورپين زندگي گذاري رهيو آهي ۽ خليفة المسلمين ۽ سندس گهراڻو اٽڪل ٻن سؤ سالن کان يورپ جي مٿانهين سوسائٽيءَ جي رسمن ۽ عادتن جا پابند آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ بهترين عالمن جو هڪ طبقو يورپين رهڻي ڪهڻيءَ کي اسلام جي ابتڙ سڏي رهيو آهي.
    (2) هڪ اهڙي مسلم (ٿورائيءَ واري) قوم جيڪا غير مسلم اڪثريت جي گهيري ۾ آيل آهي تنهن جو پهريون فرض هي آهي ته: (الف) هن جو هر مرد ۽ عورت تعليم يافته هجي (ب) هن جو هر مرد يا عورت ڪانه ڪا فوجي خدمت ادا ڪرڻ جي مهارت پيدا ڪري. (ج) هو قوم جي غيرمسلمن سان گڏجي رهڻ لاءِ پنهنجي حال آهر هڪ قومي پروگرام ٺاهي.
    (3) ڳوٺاڻن کي سندن مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ گهرجي. لکڻ جو طريقو جيستائين ممڪن ٿي سگهي اوترو سؤلو اختيار ڪرڻ گهرجي. اسان جي زماني ۾ رومن ڪيريڪٽر ۽ ٽائيپ رائيٽر جي مدد سان گهڻو ئي ڪجهه آسان ٿي ويو آهي. ان کي انٽرنيشنل پوزيشن حاصل آهي. انهيءَ ڪري ترڪن ان کي اختيار ڪيو. انور پاشا مرحوم فوجين جي جبري تعليم لاءِ لکڻ جو هڪ نئون طريقو ايجاد ڪيو هو. هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو اڻ آزمودگار منشين جي ٿوري غلطيءَ جي ڪري هڪ پوري فوج تباهه ٿي وئي. ان (واقعي) کان پوءِ ان (لکڻ جي نموني) کي ڇڏيو ويو. اسان هتي ويهي، سنڌ ۾ ترڪيءَ (جهڙن) سڌارن جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي: (الف) هن تعميري ڪم واسطي اسان ڊومينين اسٽيٽس جو پروگرام ٺاهيو آهي. (ب) سمورن مذهبي ۽ معاشي جهڳڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان يورپين ازم کي آخري علاج ڪري مڃيو آهي. (ج) بيدينيءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي پنهنجي پارٽيءَ جو بنيادي اصول (ڪري) قبول ڪيو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ گانڌي ازم جي خلاف هيءُ پهريون ئي آواز آهي، ان کان پوءِ سوشلسٽ آهن.

    ستين منزل: مڪه معظمه ۾ 1356هه (1939ع) تائين
    (1) سڀ کان پهريائين اسان مڪي معظمه ۾ حڪومت سان هڪ ڪانگريسيءَ جي حيثيت ۾ پنهنجو تعارف ڪرايو، جنهن جو اسان کي هيءُ فائدو ٿيو جو هندوستاني مسلمانن جي پاڻ ۾ مذهبي جهڳڙن ۾ اسان غيرجانبدار ليکجڻ ۾ آياسون نه ته مون لاءِ اُتي سخت مشڪلات پيدا ٿي پوي ها.
    (2) حرم شريف ۾ مون امام ولي الله جي حڪمت پڙهائڻ شروع ڪئي جنهن ۾ چڱي درجي جا عالم شريڪ ٿيندا رهيا. خاص ڪري جاوي مسلمانن وڌيڪ دلچسپي ڏيکاري.
    (3) مون امام ولي الله جي فلسفي جو اونهو اڀياس شروع ڪري ڏنو، سموري قرآن شريف جي تفسير تي نظرثاني ڪندو رهيس جنهن ڪري مون کي پنهنجا جهونا ساٿي به نه ٿا سڃاڻي سگهن.
    (4) علامه موسيٰ جارالله آفنديءَ منهنجي تفسيري بيانن کي لکت ۾ آندو آهي، پر مان ان کان پوءِ به لڳاتار غور ڪندو رهيس، وقتاً فوقتاً عجيب عجيب حقيقتون ظاهر ٿينديون رهنديون آهن. افسوس اٿم جو منهنجن پراڻن ساٿين ۾ ڪوبه وڏي همت وارو ڪونه رهيو آهي جو منهنجي مطالعي ۽ ڄاڻ کي ٻڌي. اهڙيءَ ريت پنهنجي سياسي پروگرام ۾ جيڪو يورپ ۾ ڇپجي چڪو آهي ان ۾ به مان گهڻي اصلاح ڪري چڪو آهيان.
    (5) مون کي ممڪن نظر نه آيو ته مان هندستان کان ٻاهر ويٺو رهان ۽ منهنجي خيالن کان فقط محدود ٽولي واقف ٿيندي رهي، تنهن ڪري جڏهن وطن واپس اچڻ جو موقعو مليو ته مان اُهي سموريون پابنديون پنهنجي فيصلي مطابق قبول ڪيون جيڪي گورنمينٽ طرفان مون کي پيش ڪيون ويون، اهڙيءَ ريت منهنجي واپسي آسان ٿي وئي. (6) مون مڪي معظمه مان خط لکيو ته ڪانگريس کان ٻاهر رهي ڪو به سياسي ڪم نه ڪندس. سمجهو ته مسلم ليگ، جمعيت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره تحريڪن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيم. مان ڪانگريس اندر گانڌي پارٽي کي سرمائيداري ۽ برهمڻ ازم جو مجموعو سمجهان ٿو ۽ ماسڪو واري بي دين پروگرام کان فارع ٿي چڪو آهيان. انهيءَ ڪري ٻنهي پارٽين کي قبول نه ٿو ڪريان ۽ جڏهن ڪو موقعو مليو تڏهن پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهيندس.

    اٺين منزل: وطن ۾ واپسي 1939ع ۾
    7 مارچ 1939ع تي ڪراچيءَ پهتس ۽ 10 ڊسمبر 1939ع تي جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽي (ٺاهڻ) جو اعلان ڪيم، اهو اُهو ئي پروگرام آهي جنهن جو خاڪو ترڪيءَ ۾ ٺاهيو هيم، نومبر 1940ع ۾ جامعه مليه (دهليءَ) ۾ شيخ الهند جي ياد ۾ بيت الحڪمت جي ڪوشش شروع ڪئي وئي، انهن ٻنهي تحريڪن جو تفصيلي پروگرام جدا ملي سگهندو.

    20 فيبروري 942 هندي
    بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور


    سروراجيه پارٽيءَ جو منشور

    مهاڀارت سروراجيه پارٽي
    مهاڀارت سرو راجيه پارٽي جي پروگرام جو تعارف ڪرائڻ کان اڳ چند سٽون ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ جي باري ۾ لکڻ ضروري آهن. 1915ع ۾ هندستان جي آزادي پسند جماعتن جا ڪجهه ماڻهو ڪابل ۾ گڏ ٿيا، ڪو بلوچستان ۽ پشتانيه (سرحدي علائقي) جا جبل ۽ جهنگ جهاڳيندو پهتو ته ڪو يورپ جا چڪر کائي ايران جي ريگستان ۽ بيابان کان گذريو. افغانستان جي حڪومت جي همدرديءَ جي ڪري انهن ماڻهن جي سرگرمين ڪابل کي هند جي آزاديءَ جو زبردست مرڪز بڻائي ڇڏيو. سڀ کان پهريائين زار روس انهيءَ مرڪز جي ڪن ڪاررواين جو برطانيه کي اطلاع ڏنو. جنهن جو تفصيل ”سوني پتري“ نالي هڪ روسي پمفليٽ ۾ ملي ٿو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ هندستان ۾ اسان جا ڪي دستاويز پڪڙجي پيا جنهن تي برطانيه انهيءَ مرڪز کي دٻائڻ لاءِ پورو ڌيان ڏنو ۽ امير حبيب الله خان کي انهيءَ تي راضي ڪري ورتو ته هو انهن ماڻهن کي منتشر ڪري ڇڏي. امير صاحب ڪن کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪن کي نظربند ۽ قيد ڪري ڇڏيو، پر انگريزن جي حوالي ڪنهن کي به نه ڪيائين. هندستاني مسلمانن مان جن تي شڪ ٿي سگهيو پئي ته هي انهيءَ مرڪز سان تعلق رکن ٿا، تن مان گهڻن کي گرفتار ڪيو ويو. حضرت شيخ الهند کي انهيءَ سلسلي ۾ شريف مڪه انگريزن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هو گهڻي وقت تائين مالٽا ۾ قيد رهيا. برطانيه انهيءَ تي به بس نه ڪئي، هو ڄاڻي پيو ته هندستان جي مٿانهن آزاد علائقن ۾ پراڻن (هند جي مجاهدن) ۽ نئين مهاجر جماعت (افغانن) جي ڪيترن ئي مرڪزن سان اسان جو گهرو تعلق آهي ۽ افغانستان جي امير جي ڪارروائي انهيءَ ميلاپ تي ڪوبه اثر نٿي وجهي سگهي، تنهن ڪري برطانيه ”رولٽ ايڪٽ“ نافذ ڪرڻ تي مجبور ٿيو. کيس هندستان جي قانوني ڪونسل کي تفصيلي واقعات ٻڌائڻ جي همت ڪانه هئي، هن هندستانين جي متفقه مخالفت جي باوجود پنهنجي هٿراڌو اڪثريت جي زور تي ”رولٽ ايڪٽ“ منطور ته ڪرائي ورتو، پر ان جي نتيجي ۾ نيشنل ڪانگريس ۾ هلچل پيدا ٿي ۽ ان مقصد لاءِ ڇڪتاڻ شروع ٿي وئي ته ڪونسلن جي حقيقي طاقت هندستانين جي هٿ ۾ هجڻ گهرجي ۽ ان دوران مهاتما گانڌي جو اڀار ٿيو.
    اسان جي قيد واري زماني ۾ افغان اسان سان دلي همدردي رکندا هئا، غريب ۽ امير بنا ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ جي ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪندا رهيا. ان وقت افغانستان ۾ انقلاب جون تياريون ٿي رهيون هيون. اتان جي انقلابي جماعتن سان اسان جي دوستي هئي، انهيءَ ڪري اسان جي ڪم ۾ وڏي رنڊڪ ڪانه ٿي، روس جي انقلاب کان پوءِ اسان جو هڪ ساٿي انهن دوستن جي مدد سان برفاني موسم ۾ قيد مان ڀڄي بخارا پهچي ويو، اسان جو هي وقت گهڻو ڪري افغانستان ۽ هندستان جي آئينده اتحاد لاءِ تفصيلي پروگرام سوچڻ ۾ گذريو.
    1919ع ۾ امير حبيب الله خان قتل ٿي ويو ۽ امير امان الله خان افغانستان جي تخت تي ويٺو. ان وقت مهاڀاري لڙائي ختم ٿي چڪي هئي، جيڪڏهن انقلابي افغان، امير جي قتل جي پهرين ڪوشش ۾ (جڏهن مهاڀاري لڙائي پنهنجي انتهائي زور تي هئي) ناڪام نه ٿين ها ته جيڪر دنيا جي سياست جو نقشو يقينن بدلجي وڃي ها. امير امان الله خان جي حڪومت جي ابتدا ۾ اسين وري آزاد ٿي وياسين، اسان جو قيد دوران ٺاهيل پروگرام اسان کي ان وقت وڏو ڪم ڏيئي ويو. اسين امير امان الله خان جي سرپرستيءَ ۾ نومبر 1921ع تائين يعني جنهن وقت تائين انگريز افغان معاهدو مڪمل نه ٿيو هو، پوري آزاديءَ سان ڪم ڪندا رهياسين. يورپ جي انٽرنيشنل سياست، ايشيائي ملڪ عام طور ۽ اسلامي ملڪ خاص طور اسان جي مطالعي هيٺ رهيا. انهيءَ مطالعي لاءِ اسان کي بهترين موقعا هٿ آيا ۽ اسان کي ايشيائي ملڪن سان هندستان جو تعارف سٺي نموني ڪرائڻ ۾ ڪاميابي ٿي. امير امان الله جي حڪومت سنڀالڻ کان ٿورا ڏينهن پوءِ افغان انگريز جنگ جا سبب پيدا ٿي پيا، جن افغانستان اندر اسان کي ڪم ڪرڻ جو پورو موقعو ڏنو. ناسازگار حالتن جي ڪري گهربل نتيجا نڪري نه سگهيا، تنهن هوندي به انهيءَ جو تحريڪ آزادي هند تي ڪافي اثر پيو ۽ هڪ سال ۾ ايتري قدر ڪم ٿيو جو ٻي صورت ۾ چوٿائي صديءَ تائين وقت وٺي ها. 1921ع جي ابتدا ۾ اسان جا ڪجهه دستاويز وري انگريزن جي هٿ اچي ويا ۽ هنن نومبر ۾ انهن مان فائدو حاصل ڪيو. مولانا محمد علي (پريزيڊنٽ نيشنل ڪانگريس)، مولانا شوڪت علي (رئيس مجلس خلافت) مولانا حسين احمد مدني (صدر جمعيت العلماء هند) تي ڪراچيءَ ۾ ڪيس هلائي کين مهاتما گانڌيءَ کان جدا ڪيو ويو. اسان جو خيال آهي ته ڪراچيءَ ڪيس جي ڪارروائي نالي ماتر هئي، حقيقت ۾ مولانا محمد علي تي هندستان جي انتظامي مجلس جي قانوني رڪن اسان جي دستاويزن جي بنياد تي ”رولٽ ايڪٽ“ هيٺ بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هلايو.انهيءَ ۾ مولانا محمد علي کي اطلاع ڏيڻ يا کانئس جواب وٺڻ جي ضرورت نه هئي. ان کان پوءِ اندازاً 25 هزار هندستاني جيل ويا ۽ مهاتما گانڌيءَ بر دوليءَ ۾ پوئتي هٽڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن تي تحريڪ آزاديءَ هند جو هڪ دور ختم ٿيو. انهيءَ ۾ اسان کي خوشي آهي ته صرف ايتري ۾ جهڙيءَ ريت افغانستان اسان کي جنگ ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو هو، تهڙيءَ ريت اسين به انهيءَ هلچل سان افغانستان کي پنهنجي مڪمل آزادي قائم رکڻ لاءِ مناسب فضا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي سگهياسين.
    1920ع ۾ هندستاني مسلمان هجرت ڪري هزارن جي تعداد ۾ افغانستان آيا. افغانستاني ترڪستان ۾ انهن لاءِ ”نئين آبادي“ قائم ڪرڻ جو قانون ٺاهيو ويو، جنهن ۾ کين لوڪل سيلف گورنمينٽ جا حق ڏنا ويا. ان جي ضمن ۾ اسان ”هندستاني يورنيورسٽي ڪابل“ جي لاءِ اجازت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني سين. يونيورسٽي جو بنيادي قانون پهريون ڀيرو افغانستان جي ”قانون ٺاهيندڙ شاهي ڪائونسل“ ڪن ترميمن لاءِ واپس ڪري ڇڏيو. پر 1922ع ۾ ترميم ٿيل صورت ۾ منظور ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ابتدائي ڪم به شروع ٿي ويا. ”هندستاني نيشنل يونيورسٽي ڪابل“ جي لاءِ شاهي فرمان حاصل ڪرڻ کان پهريان ضروري هيو ته نيشنل ڪانگريس جي شاخ ڪابل ۾ قائم ڪئي وڃي. انهيءَ ڪري اسان کي ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ ٺاهڻ جي ضرورت پئي. بعد ۾ ستن سالن کان ڪابل ۾ ڪم ڪرڻ واري جماعت ڪانگريس جي شاخ جي صورت ۾ تبديل ٿي ويئي، جنهن ڪري مختلف سياسي نظريا رکندڙ ماڻهو هڪ نقطي تي گڏجي ويا. اسان جي ڪانگريس ڪميٽي ڪابل جو ڳانڍاپو ڪانگريس ”گياسيشن“ ۾ منظور ڪري ڇڏيو، پر حالات ايتريقدر جلد تبديل ٿيندا ويا جو انهيءَ ڳانڍاپي جي خبر اسان کي ماسڪو ۾ پئي. ان وقت اسان کي ٿوري جهٽ لاءِ نادر شاهه قاچار جي انهيءَ سونهري قول جو لطف حاصل ٿيو جيڪو هن دهليءَ ۾ هاٿيءَ جي سواريءَ کان انڪار ڪرڻ وقت چيو ۽ اسان کي سمورو ڪم نئين سر شروع ڪرڻو پيو. جيتوڻيڪ هن وقت اسين ڪابل ۾ نه آهيون پر جيئن ته اسان جي ڪميٽي انهيءَ نالي سان ٺهي ۽ انهيءَ نالي سان اسان جو تعارف ٿيو، انهيءَ ڪري اسين جتي به رهنداسون، انهيءَ نالي کي نه ڇڏينداسون. اسان جي ڪهاڻي ناڪامين جي ڊگهي فهرست ۽ غلطين جي مڃتا سان ڀريل آهي، پر ان ۾ هڪ خوبي ضرور محسوس ٿيندي يعني ان ۾ مايوسيءَ جو گمان به ناهي. اسان کي حضرت شيخ الهند جي وصيت هميشه سامهون رکڻي آهي.
    ایمن مشوکہ مرکب مردان راہ را،
    درسنگلاخ بادیہ پے بابریده، اند،
    نو مید ہم مباش کہ رندان بادہ نوش،
    ناگہ بہ یک خروش بہ منزل رسیدہ اند۔
    (بي خطر نه ٿيءُ ڇاڪاڻ ته شاهسوارن جي گهوڙن کي سخت پٿريلي زمين تي پير ڇلرائڻا پيا آهن ۽ نااميد به نه ٿيءُ جو محبت جي مي جا مستانه اوچتو هڪ ٽپي ۾ به منزل تي پهتا آهن.)

    سرو راجيه تحريڪ
    اسان کي ماسڪو ۾ روس جي انقلاب جا نتيجا اکين سان ڏسڻ جو موقعو مليو. انقلاب جو پورو مطالعو ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪميٽي جي ڪن ميمبرن روسي زبان سکي ورتي. ان سان اسان کي روس جي مکيه شخصيتن سان خيالن جي ڏي وٺ جو سٺو موقعو مليو. يورپ جي ٻين ملڪن تي روس جي انقلاب جو جيڪو اثر ٿيو، ان جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان جي ڪميٽيءَ جا ميمبر انهن ملڪن ۾ ويا. اسان ترڪيءَ جي انقلاب جو به مطالعو ڪيو، انقره ۽ استنبول کي به چڱيءَ ريت ڏٺوسي، جيتريقدر ڄاڻ ۽ تجربو اسان جي ڪميٽيءَ کي حاصل ٿيو، ان جي رپورٽ لکڻ جون مختلف شڪليون ٿي سگهن ٿيون، پر اسان هڪ مستقل ”پارٽي پروگرام“ لکت ۾ آڻڻ وڌيڪ مناسب سمجهيوسي.
    تعارف جي هن حصي کي پڙهڻ کان اڳ ۾ پروگرام کي مٿاڇري نظر سان ڏسي وٺڻ ضروري آهي.
    اسان کي افسوس سان انهيءَ حقيقت جو احساس ٿئي ٿو ته اسان جي ملڪ جو هاڻوڪو نسل انقلاب جي ماهيت سمجهڻ کان گهڻو پري ٿي ويو آهي. 1857ع واري (انقلاب خيز) دهلي ڏسڻ وارا تمام ٿورا رهجي ويا آهن. ان جا ڪجهه افسانا ماڻهن کي ياد آهن، پر انهيءَ انقلاب کي فني لحاظ کان سمجهائڻ وارو هڪ به پيدا ڪونه ٿيو آهي. اسان جي سياست کي عام طور ڪاليجن ۽ هوٽلن جي ٻاهرين جيوت ۾ نيپاج مليو. خدا ڀلو ڪري نيڪ نفس گانڌيءَ جو، جنهن هندستاني ذهنيت ۾ هڪ انقلاب ته برپا ڪري ڇڏيو ۽ جهوپڙين ۾ رهڻ وارن ڏانهن ڌيان ڏنو. بنياد ڀريا وڃن ٿا. اسان جو پروگرام انهن بنيادن تي عمارت بيهارڻ وارن جي رهنمائي ڪندو. اسين اتر هند ۾ رهڻ وارا دکن کان ايترا واقف نه آهيون. بنگال کي اسان جي معلومات جي ضرورت ڪونهي. بنگال سروراجيه پارٽيءَ جو محترم اڳواڻ ۽ سندس ساٿي گهر ويٺي اسان کان وڌيڪ ڄاڻن ٿا، پر بدقسمت اتر اولهندو هند، جنهن تي سڀ کان وڌيڪ آفت ايندي رهي ٿي،ساڳيءَ ريت نڀاڳي ننڊ ۾ مست آهي.
    اڪالن (سکن) کان سواءِ ملڪي اڳواڻ نوجوانن کي مٺي ننڊ جي لولي ڏيئي رهيا آهن. تنهن ڪري اسان انهيءَ ڌرتيءَ کي سڀ کان پهريان پنهنجي توجه جو مرڪز بنايو آهي. هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ جون ڪيئي ڪوششون ڪيون ويون پر انهن مان ڪابه ڦلدائڪ نه ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته مسئلي جي اصليت ۽ ماهيت تي غور نٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن گهري نظر سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿيندو ته، نه صرف انهن ٻن فرقن ۾ پاڻ ۾ اختلاف آهن، پر هر هڪ فرقي اندر قومي ۽ معاشرتي ورڇون به موجود آهن. مسلمانن ۾ قومي سوال موجود آهي. جيڪڏهن پنجابي ۽ سنڌي، هندستاني ۽ پٺاڻ، ڪشميري ۽ بلوچي جو قومي سوال موجود آهي ته هندن ۾ بنگالي ۽ بهاري، مدراسي ۽ مرهٽي، گجراتي ۽ مارواڙيءَ جو مسئلو ملي ٿو. انهن قومي اختلافن کي مذهبي هڪ جهڙائي نٿي مٽائي سگهي. ان کان پوءِ هر هڪ قوم ۾ طبقاتي مونجهارو موجود آهي، مالدار ۽ پورهيت، زميندار ۽ هاري، سرمائيدار ۽ مزدور جي وچ ۾ ڇڪتاڻ هر هڪ هندستاني قوم کي ٻن حريف ۽ مخالف طبقن ۾ آسانيءَ سان ورهائي سگهي ٿي، انهيءَ ڪري صرف مذهبي بنياد تي سمورا هندستاني مسئلا ۽ خاص طور هندو مسلم اختلافن کي حل ڪرڻ سان ڪا ڇوٽڪاري جي راهه پيدا نه ٿي سگهندي، تنهن ڪري اسين پنهنجي پروگرام ۾ مذهب کي انهن مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ بنياد قرار نٿا ڏيون بلڪ قومي ۽ طبقاتي فرق ۽ اقتصادي ۽ سياسي اصولن تي انهن مشڪلن جو حل پيش ڪريون ٿا. جنهن جي ضمن ۾ مذهبي اختلاف به سهڻي نموني حل ٿي سگهن ٿا. اسين هندستان کي اهڙن ملڪن ۾ ورهايون ٿا، جتي هڪ قوم آباد هجي، جنهن جي ٻولي ۽ تهذيب ۾ هڪ جهڙائي لڌي وڃي. انهيءَ ورڇ کان پوءِ هر هڪ مذهب کي ڪنهن هڪ ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ٿي ويندي، انهيءَ ڪري مذهبي وڳوڙن جو چڱيءَ ريت دروازو بند ٿي ويندو. انهن ملڪن جي جمهوريتن ۾ چونڊن لاءِ نمائندگيءَ جو حق مذهبي فرق جي بجاءِ طبقاتي اختلاف جي بنياد تي ڏنو ويندو، انهيءَ ڪري ننڍن مذهبي فرقن جو به حق غصب نه ٿيندو. هاڻوڪي صنعتي دنيا سان هندستان جي موجوده ترقيءَ جو مقابلو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالهه پڌري ٿي وڃي ٿي ته هندستان سرمائيداري نظام جي مطابق ترقي ڪري يورپ ۽ آمريڪا جو پرامن مقابلو به نٿو ڪري سگهي، جيستائين جو انگريزي سرمائيدارن ۽ شهنشاهيت پسندن جو حريف نه بڻجي. پنهنجو پاڻ کي آزاد ڪرڻ ۾ ملڪ جي عام رهواسين جو ڀلو انهيءَ نظام هيٺ رهي حاصل ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو ترقي يافته نمونو يورپ جي صنعتي ملڪن ۾ موجود آهي. انهيءَ ڪري اسين پنهنجي ملڪ جي سرمائيداري نظام کي ٽوڙي ڪري اهڙي نظام جو بنياد وجهون ٿا، جيڪو پورهيت طبقي يعني ملڪ جي گهڻائيءَ جي ڀلي جو ضامن هجي ۽ انهيءَ پورهيت طبقي جي اقتدار هيٺ هجي. انهيءَ سان اسان جي آزاديءَ جي تحريڪ به پڪ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته انهيءَ نظام جي حمايت ۾ جڏهن ملڪ جي عام رهواسين جي همدردي شروع ٿي ويئي ته اها آّخر تائين قائم رهندي ۽ اهائي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    موجوده سرمائيداري نظام کي اسين رد ڪريون ٿا، پر ان جي بدران ڪوبه اهڙو نظام قبول نٿا ڪريون جنهن ۾ مذهب لاءِ بلڪل گنجائش نه هجي ۽ اهو ٿوري انفرادي ملڪيت جي اجازت نه ڏيندو هجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي 72 سيڪڙو آبادي پراڻي زرعي سرشتي هيٺ زندگي گذاري ٿي، عوام ۾ مذهبي رسمون سندن معاشرت جو جزو بڻجي چڪيون آهن. جيڪڏهن انهن ڳالهين جو خيال نه ڪري ڪوبه پروگرام ٺاهيو ويو ته آزاديءَ جي تحريڪ گهڻو پوئتي ڌڪجي ويندي. اسان نئون اقتصادي ۽ سياسي نظام پيش ڪرڻ وقت پنهنجي پارٽيءَ جي ميمبرن لاءِ جيڪي آزاد هند جي نئين حڪومت ٺاهيندا، هيءُ شرط لاڳو ڪيو آهي ته هو پنهنجين ذاتي گهرجن ۽ خرچن کي ملڪ جي وچين هاري طبقي کان مٿي نه وڌائيندا، جيئن حڪومت ۾ سرمائيداريءَ جي ڪهڙي ريت به ٻيهر پيدا ٿيڻ جي گنجائش نه رهي ۽ اسان جي پارٽيءَ بابت هي شڪ نه ٿي سگهي ته ان جو پروگرام فقط پاڻ پالڻ آهي يا هڪ سياسي چال جي حيثيت رکي ٿو. هندستان جهڙي ملڪ لاءِ دنيا کان الڳ رهڻ ممڪن ڪونهي ۽ نه ئي هو دنيا کان ڪڏهن الڳ رهيو آهي. هن وقت هندستانين ۾ جيڪا ٻاهرين لاڳاپن کان هڪ قسم جي نفرت ملي ٿي، اها عارضي آهي. هو جيتري قدر سياسي طاقت پنهنجي هٿ ڪندا ويندا، اوتريقدر اهو جذبو گهٽبو ويندو. اسان جي پارٽي هندستان جي ٻاهرين لاڳاپن کي مرحلا وار ڳنڍڻ لاءِ سڀ کان سٺو طريقو ”ايشيا ٽڪ فيڊريشن تحريڪ“ کي سمجهي ٿي. انهيءَ ڪري اسان ان کي پنهنجي پروگرام جو اهم حصو قرار ڏنو آهي.
    ايشياٽڪ فيڊريشن جو خيال پهريائين ٻه ڀيرا جاپان ۽ ترڪيءَ طرفان مختلف نموني دنيا جي سامهون اچي چڪو آهي، پر جيئن ته اُهي شهنشاهي طاقتون هيون، شهنشاهي روس کي ايشيائي ملڪن ۾ ڳڻي نه پيون سگهن، انهيءَ ڪري کين ڪاميابي ڪونه ٿي سگهي. هاڻي ٽيون ڀيرو هي آواز هندستان مان اٿي ٿو. جيڪڏهن هندستان، سرو راجي تحريڪ يعني پورهيت طبقي جي حمايت ۽ حفاظت کي پنهنجو مرڪز قرار ڏئي ٿو ۽ اشتراڪي روس کي اڀرندن (ايشيائي) ملڪن ۾ ڳڻي ٿو ته اسين يقين سان چئي سگهون ٿا ته ان ۾ اسان کي ناڪامي نه ٿيندي. اسان جي ڪميٽيءَ جو خيال آهي ته ايشياٽڪ فيڊريشن تيستائين ڪامياب نٿي ٿي سگهي، جيستائين ايشيا روس کي پنهنجي اندر سمائي نٿو ڇڏي. روسي هڪ ايشيائيءَ جي نظر ۾ اڌ ايشيائي قوم آهن، هن وقت اڌ ايشيا ان جي اقتدار هيٺ آهي. روس پراڻا شهنشاهي خيال ڇڏي ڪري هڪ اهڙي اصول لاءِ وڙهي رهيو آهي، جنهن جي اڳواڻي ايشيا کي ڪرڻ گهربي هئي. ممڪن آهي ته روسي انقلاب جي زماني ۾ مذهب جي خلاف جيڪا سخت روش اختيار ڪئي وئي هئي، ان کان متاثر ٿي اسان جا دوست ”ايشياٽڪ فيڊريشن“ ۾ روس جو نالو ٻڌي گهٻرائجي وڃن، تنهن ڪري اسين پنهنجو خيال ٿورو وضاحت سان لکڻ چاهيون ٿا.
    روسي انقلاب جا ٻه پهلو آهن: هڪ هي ته موجوده دولت جي ورهاست ۽ ملڪيت جي قانون کي بدلايو وڃي ۽ ان جي بدران هڪ نئون نظام اهڙو قائم ڪيو وڃي، جنهن ۾ انفرادي ملڪيت جي بجاءِ اجتماعي ملڪيت جو قانون جاري ٿئي ۽ زمين جي پيداوار ۽ صنعتي مال وڪري لاءِ نه بلڪ ضرورت آهر استعمال لاءِ پيدا ڪيو وڃي. انقلاب جو هي پهلو دنيا تي اثر وجهي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪميونسٽ انٽرنيشنل پنهنجي انتهائي نقطي تي پهچڻ ۾ جلد ڪامياب نه به ٿئي تڏهن به هو دنيا ۾ سياسي ۽ اقتصادي طاقت پورهيت طبقي کي ضرور ڏياريندو. انقلاب جي انهيءَ پهلوءَ کان نظر هٽائڻ سياسي ڪم نظري جو دليل آهي. هندستان فرانس جي عظيم انقلاب کان اکيون ٻوٽي ڪري پنهنجي عظمت کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. اسين نٿا چاهيون ته هن عالمگير اهميت رکندڙ واقعي کان منهن موڙي ڪري هندستان پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪري ڇڏي. هماليه، قره ڪورم ۽ هندوڪش جي ڳانڍاپي واري جاءِ کان ٿوريون وکون اڳتي روس اسان سان ملي ٿو. اسان جي آخري راءِ آهي ته غلاميءَ جي انهن سٺ (60) سالن ۾ جيڪي ڪجهه اسان حاصل ڪيو آهي، جيڪڏهن اهو پورو جو پورو ڏيئي ڇڏيون ۽ بکيا اگهاڙا رهي ڪري به اتر اولهندي درن کان اتر قطب تائين رهندڙ قومن جي دوستي خريد ڪريون ته اسين نقصان ۾ نه وينداسين.
    انهيءَ انقلاب جو ٻيو پهلو مذهب کان جدائي آهي، جيڪا روس ۾ تشدد جو انتهائي درجو اختيار ڪري چڪي هئي. جيتوڻيڪ ان جي ان ٿرٿلي سان ڪا نسبت ناهي، جيڪو 1857ع ۾ دهليءَ ڏٺو. قوم جي هڪ حصي جو ٻئي حصي تي غلبو ۽ هڪ قوم جو ٻي قوم تي قبضو يڪسان نه ٿيندو آهي. پوءِ به اها حالت معمول مطابق ۽ طبعي نه هئي پر هڪ وڏي سيلاب ۽ هنگامي جو نتيجو هئي. اتي مذهبي رهنمائن پراڻي شاهي نظام ۽ سرمائيداري جي حمايت ۾ مذهب کي هٿيار طور استعمال ڪيو هو، پر حالتن جي سڌرڻ تي مذهب جي مخالفت ٿڌي ٿي ويئي. روس جو هاري اسان جي هاريءَ جيان مذهب جو سختيءَ سان پابند آهي. اسان جي سامهون ماسڪو ۾ پادرين جي ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ انهن سويت يونين جي اقتصادي ۽ سياسي پاليسيءَ جي حمايت ۾ قرارداد پاس ڪئي ۽ کين ڪي قدر مذهبي آزادي ملي ويئي. اهڙيءَ ريت قازان ۾ مسلمان عالمن جي ڪانفرنس منعقد ٿي پر افسوس آهي جو روسي ۽ ترڪستاني مسلمان عام طور تي يورپي سياست سمجهڻ ۾ ان دور مان گذري رهيا آهن، جنهن مان هندستاني مسلمان 1872ع ۾ گذري چڪا آهن. هو ڏاڍو جلدي انگريزن جي نمائشي ڳالهين ۾ اچي وڃن ٿا ۽ روس وري ڪنهن حالت ۾ به انگريزي شاهي اثر کي برداشت نٿو ڪري سگهي. اسان کي حيراني ٿيندي آهي جڏهن اسين انهن ماڻهن کي ڏسندا آهيون، جن جو شان اسان هندستان ۾ ڳائيندا آهيون. اسين اها دعويٰ ڪونه ٿا ڪريون ته روس جي متعلق اسان جي ڄاڻ اهڙي مستند آهي، جنهن جو فقط نظرياتي رد به نٿو ڪري سگهجي، پر اسان کي ان وقت مزو ايندو جڏهن ڪو اوڀر وارو، توڙي جو اسان جي خيالن جي رد ۾ ئي، مشاهدن ۽ تجربن جي بنياد تي واقعا گڏ ڪرڻ تي آماده ٿيندو. اسان جو مطلب هي آهي ته ايشياٽڪ فيڊريشن جو نالو وٺڻ وارا روسي مسئلي جو مستقل مطالعو شروع ڪن ۽ گهر ۾ ويهي ڪنهن غلط پروپيگنڊا کان متاثر نه ٿين. اسان پنهنجي پروگرام، جنهن کي اسين پنهنجي زندگي ۽ ترقيءَ لاءِ ضروري سمجهون ٿا ان ۾ مذهب کي پورو موقعو ڏنو آهي. جيڪڏهن هندستان جا مذهبي رهنما ”سرو راجيه جمهوريه“ جي سياسي ۽ اقتصادي پروگرام کي پنهنجي هٿ ۾ کڻي ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ همت ڪن، ته نه انهن جي مذهب کي ڪو خطرو آهي ۽ نه سندن خلاف تشدد جو ڪو انديشو. قومون پنهنجي زندگيءَ جي حقن کي قائم رکڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ جي پرواهه نه ڪنديون آهن ۽ هندستاني به انهيءَ قاعدي کان ٻاهر نٿا ٿي سگهن.
    مهاڀاري جنگ جي نتيجي ۾ روس، جرمني، آسٽريليا ۽ ترڪيءَ مان شهنشاهي ختم ٿي ويئي، هينئر اهي سڀ قومون پنهنجي اڏاوت ۾ رڌل آهن. نئين ترڪيءَ جي ايراضي بيشڪ ٿوري ٿي ويئي آهي پر هن وقت ان جي طاقت وڌيڪ ٺوس بنجي رهي آهي. جيڪا هر هڪ اوڀر واري لاءِ خوشيءَ جو سبب ٿيندي. پر اسان جا هندستاني مسلمان دنيا جي سڀني مسلمانن جي انٽرنيشنل تحريڪ کي جمهوري اصولن تي ڪامياب ڪرڻ چاهين ٿا، جنهن جو نالو ”خلافت“ آهي. انهن مان اهڙن ماڻهن لاءِ (جيڪي ڪنهن مسلمان رياست جي پاليسيءَ کي پنهنجي رهنمائيءَ لاءِ ڪافي نٿا سمجهن) اسين پنهنجو مختصر مطالعو بيان ڪرڻ کان بخل نٿا ڪريون. جيڪڏهن اسان جي سروراجي اصول تي ايشياٽڪ فيڊريشن لاءِ موقعو ملي ٿو ۽ مسلمان قومون انهيءَ پروگرام کي اختيار ڪرڻ ۾ پوئتي نٿيون رهن ته انهيءَ فيڊريشن جي سياسي ۽ اقتصادي پاليسيءَ جي اندر رهي ڪري مسلمانن جو هڪ اتحاد اسلامي معاملن تي بحث ڪرڻ لاءِ ٺاهي سگهجي ٿو.
    انهيءَ مسئلي ۾ ڊاڪٽر اقبال جو ”خضر راهه“ اسان جي صحيح ترجماني ڪري ٿو. هند ۾ سوراج جو نالو وٺڻ (ان جو مطلب مڪمل آزادي هجي يا داخلي خودمختياري) ۽ هند تي برطانوي قرض ڏانهن توجهه نه ڏيڻ دانائيءَ جو دليل ناهي. اسان انهيءَ مسئلي جي مختلف حصن تي ڪنهن حد تائين ويچار ڪرڻ کانپوءِ ان کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪيو آهي.

    عبيدالله (سنڌي)
    پريزيڊنٽ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل


    مهاڀارت سروراجيه پارٽي جا مول متا

    (1) ڪانگريس ڪميٽي ڪابل، نيشنل ڪانگريس ۾ هڪ مستقل پارٽيءَ جو بنياد وجهي ٿي، جيڪا ملڪ ۾ ”سروراجي حڪومت“ پيدا ڪندي. ”سروراجي اصول“ تي حڪومت لاءِ ضروري آهي ته:
    (الف) ملڪ جي وڏن طبقن يعني هاري، پورهيت ۽ دماغي پورهيو ڪندڙن کي ننڍن طبقن يعني زميندارن ۽ سرمائيدارن وانگر جمهوري حڪومت جي هر هڪ شعبي ۾ نمائندگيءَ جو حق سندن تعداد مطابق ڏيئي ان کي محفوظ ڪيو وڃي.
    (ب) اقتصادي نظام مستقل طور اهڙو قائم ڪيو وڃي، جيڪو پورهيت طبقي يعني هاري، پورهيت ۽ دماغي پورهيو ڪندڙن کي قرض ۽ غربت کان بچائڻ جو ضامن هجي ۽ ملڪ کي اهڙن ٻاهرين قرضن جو محتاج نه بنائي، جنهن سان سياسي آزادي کسجڻ جو خطرو پيدا ٿي سگهي. انهيءَ پارٽي جو نالو ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ هوندو.

    متا ۽ مقصد
    (2) ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ پنهنجي سروراجي اصول جي بنياد تي هيٺين مقصدن لاءِ جدوجهد جاري رکندي:
    (الف) هندستان جي مڪمل آزادي حاصل ڪرڻ، ملڪ ۾ جمهوري نظام قائم ڪرڻ، هندستان جي مختلف ملڪن کي هڪ ملڪ قرار ڏيئي نئين ” هندستاني قوميت“ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي آزاديءَ جو بنياد نه بنائڻ.
    (ب) آزاد هند کي بادشاهت ۽ سرمائيداريءَ کان هميشه لاءِ آجو ڪرڻ ۽ انساني سوسائٽيءَ لاءِ هڪ نمونو بنائڻ.
    (ج) سڀني هندستاني قومن کي وفاقي نظام ۾ گڏ ڪرڻ.
    (د) ايشيائي قومن ۾ بادشاهت ۽ سرمائيداري خلاف هڪ وفاق ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ پيدا ڪرڻ.
    (هه) دنيا جي قومن ۾ اوڀر وارن کي سندن حق ڏيارڻ.
    (3) هندستان جي ايراضي روس کي ڇڏي يورپ جي برابر آهي، ان جي مختلف ڀاڱن جي آباديءَ ۾ ٻوليءَ، معاشرت ۽ تمدن جا گهرا بنيادي اختلاف موجود آهن. سروراجيه پارٽي يقين رکي ٿي ته آزاديءَ کان پوءِ به ان قسم جا اختلاف ضرور موجود رهندا، جيئن اڄڪلهه يورپي قومن ۾ لڀن ٿا. انهيءَ ڪري ”سروراجيه پارٽي“ هندستان ۾ ڪنهن ”غير طبعي اتحاد“ کي آزاديءَ جو بنياد قرار ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪري ٿي.
    (الف) ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ هر هڪ هندستاني ملڪ جي پورهيت طبقي جي جدوجهد تي انهيءَ ملڪ جي آزاديءَ کي ٻڌل سمجهي ٿي.
    (ب) وفاقي نظام کان سواءِ ٻئي ڪنهن نظام کي هندستاني ايڪو قائم رکڻ وارو نٿي سمجهي.
    (4) پارٽي نيشنل ڪانگريس کان پنهنجا متا ۽ مقصد مڃائڻ لاءِ جدوجهد مسلسل جاري رکندي.
    (الف) مهاڀارت سروراجيه پارٽي ”نيشنل ڪانگريس ڪريڊ“ جي پابندي سختيءَ سان پنهنجي مٿان لازم ڪري ٿي. جيئن پارٽي نظام بي قاعدي خون خرابي کان محفوظ رهي، پر نيشنل ڪانگريس جي مجلس عامله (ورڪنگ ڪميٽي) ۾ ان وقت تائين شريڪ نه ٿيندي جيستائين ڪنهن ننڍيءَ يا وڏيءَ ڪانگريس ڪميٽيءَ ۾ گهڻائي حاصل نه ڪري وٺي.
    (ب) ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ آزاديءَ جي جدوجهد کي برطانوي بيٺڪن تائين محدود نٿي رکي پر هندستاني رياستن کي به پنهنجي ڪم جي ميدان ۾ شامل ڪري ٿي.
    (ج) مهاڀارت سروراجيه پارٽي پنهنجي سياسي جدوجهد ۾ سڀني هندستاني سياسي پارٽين سان سهڪار ڪندي، جيڪي هندستان جي ڪامل آزاديءَ کي پنهنجو مقصد قرار ڏين ٿيون ۽ ڪنهن به طريقي سرمائيداري نظام جي حمايت نٿيون ڪن.
    مرڪز ۽ عملي ميدان
    (5) مهاڀارت سروراجيه پارٽيءَ جو مستقل مرڪز ”دهلي“ هوندو ۽ ٻئي درجي جا مرڪز لاهور ۽ آگرو ۾ هوندا.
    (6) مهاڀارت سروراجيه پارٽي هندستان کي ٽن قدرتي ڀاڱن يعني اتر اولهندو، اتر اڀرندو، ڏکڻ جو اهو ڀاڱو جنهن ۾ دهلي آهي، کي نموني طور پنهنجو مرڪزي ڪم جو ميدان، قرار ڏئي ٿي ۽ ان کي سروراجيه هند جي نالي سان سڏي ٿي. م- س پارٽي هن وقت ”سروراجيه هند“ جون حدون هن ريت مقرر ڪري ٿي:
    هن جي اتر ۾ ڍنڍ مانسرور، ڪوهه هماليه، قراقرم ۽ هندوڪش، اوڀر ۾ نيپال، بنارس ۽ چنبل درياهه، ڏکڻ ۾ نربدا درياهه ۽ عربي سمنڊ ۽ اولهه ۾ افغانستان ۽ ايران.
    (7) ”سروراجيه هند“ کي ”مهارڀارت سروراجيه پارٽي“ اهڙن ملڪن ۾ ورهائي ٿي، جتي هڪ قوم آباد آهي، جيڪا هڪ ٻولي ڳالهائي ٿي، جنهن جي معاشرت ۾ عام طور هڪ جهڙائي ملي ٿي. انهن ملڪن مان هر هڪ ملڪ ”سروراجي ملڪ“ سڏائيندو.
    (الف) هڪ ابتدائي تجويز جي طور تي ”مهاڀارت سروراجيه پارٽي“ سروراجي هند (اتر اولهندي ڀاڱي) کي ڏهن سروراجي ملڪن ۾ ورهائي ٿي:
    (1) ”ڀارت“ جنهن جي ٻولي هندستاني (اردو) آهي، ان ۾ ٻه درياهي گنگا جمنا ۽ لکنوءَ شامل آهن. ان جا مرڪزي شهر دهلي ۽ آگرو آهن.
    (2) ڏکڻ اوڀرندو پنجاب، جنهن جو مرڪزي شهر امرتسر ۽ ٻولي پنجابي آهي.
    (3) اتر اولهندو پنجاب، جنهن جي ٻولي پوٺوهاري پنجابي آهي ۽ مرڪزي شهر راولپنڊي آهي.
    (4) ڏکڻ اولهندو پنجاب، جنهن ۾ رياست بهاولپور شامل آهي، ان جو مرڪزي شهر ملتان آهي. ۽ ٻولي ملتاني پنجابي (سرائڪي) آهي. لاهور ٽنهي جمهوريتن جي نظام کان نڪتل رهندو.
    (5) ڪشمير، جنهن جي ٻولي ڪشميري ۽ مرڪزي شهر سرينگر آهي.
    (6) پشتانيه (يا پختونستان) يعني اتر اولهندو سرحدي صوبو، جنهن جي ٻولي پشتو ۽ مرڪزي شهر پشاور آهي.
    (7) بلوچستان، جنهن جي ٻولي بلوچي ۽ مرڪزي شهر ڪوئيٽا ۽ قلات آهي.
    (8) سنڌ، جنهن جي ٻولي سنڌي ۽ مرڪزي شهر ڪراچي آهي.
    (9) گجرات، جنهن جي ٻولي گجراتي ۽ مرڪزي شهر احمدآباد آهي.
    (10) راجپوتانه، جنهن جي ٻولي هندستاني (هندي) ۽ مرڪزي شهر اجمير آهي.
    (11) هر هڪ سروراجي ملڪ مستقبل ۾ هڪ سروراجي جمهوريه هوندو، جيڪو پنهنجي اقتصادي، تمدني ۽ سياسي آزادي محفوظ رکندي ”متوافق جمهوريات هند“ (هند جي جمهوريتن جو وفاق) (Indian Federal Republics) لاءِ ايڪو بڻبو.

    ميمبر ۽ رضاڪار
    (8) هر هڪ سروراجي ملڪ جو رهاڪو مرد ۽ عورت نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ پنهنجي ملڪ جي سروراجيه پارٽيءَ جو ميمبر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن هو:
    (الف) نيشنل ڪانگريس ڪريڊ مڃيندو هجي.
    (ب) سروراجيه جي پارٽيءَ جي متن، مقصدن ۽ پروگرام کي وفاداريءَ سان مڃيندو هجي.
    (ج) پارٽي جي ضابطن جي پابنديءَ جو يقين ڏياري.
    (د) پنهنجي زندگيءَ جي گهرجن کي پنهنجي ملڪ جي وچولي، زراعت ڪندڙ ماڻهن کان نه وڌائي.
    (هه) جيڪڏهن پنهنجي گهرج کان وڌيڪ جائيداد اٿس ته پارٽيءَ جي نالي ڪري ڇڏي.
    تشريح: جيستائين پارٽي، ميمبرن جي جائيداد کي پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪري تيستائين اها جائيداد، انهن ئي ميمبرن وٽ امانت رهندي.
    (9) هر هڪ سروراجي ملڪ جو رهاڪو مرد ۽ عورت، نسل ۽ مذهب جي فرق کان سواءِ پنهنجي ملڪ جي سروراجيه پارٽيءَ جو رضاڪار ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن هو ميمبريءَ جا پهريان شرط پورا ڪندو هجي.
    (الف) هر هڪ رضاڪار جو فرض هوندو ته جيڪڏهن هو ڪنهن هندستاني عورت يا ڪنهن هندستاني مذهبي، مقدس جاءِ کي خطري ۾ ڏسي ته ان جي بچاءَ ۾ جان ڏيڻ کان به منهن نه موڙي.
    (ب) هر هڪ هندو رضاڪار نه صرف پراڻن اڇوتن سان برابريءَ وارو سلوڪ ڪندو پر ان جو فرض هوندو ته سڀني اهڙن ماڻهن سان جن هندستان کي مستقل طور تي پنهنجو وطن بڻايو آهي نسل ۽ وڇوٽي کان سواءِ برابري ۽ محبت جو سلوڪ ڪندو.
    (ج) هر هڪ رضاڪار جو فرض هوندو ته هو ڳئون جي ذبح ڪرڻ ۾ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل جي هيٺئين فيصلي جو پابند رهي:
    فيصلو- ڪانگريس ڪميٽي ڪابل ڄاڻي ٿي ته ساري دنيا جا سمجهو ماڻهو پنهنجي خواريءَ جو هڪ ئي سبب هندستاني غلاميءَ کي قرار ڏين ٿا ۽ جڏهن کين اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته هندستاني مسلمانن جو ڳئونءَ جي ذبح تي اصرار ڪرڻ به هندستان جي آزاديءَ ۾ هڪ رڪاوٽ آهي ته هو هندستاني مسلمانن جي انهيءَ طرز عمل کي سخت نفرت سان ڏسن ٿا. انهيءَ ڪري ڪانگريس ڪميٽي ڪابل جو فيصلو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ گڏيل آبادي ۾ ڳئون جي ذبح بند ڪئي وڃي.
    (10) هڪ مڪمل رضاڪارن جي ٽولي ۾ 300 (ٽي سؤ) رضاڪار هوندا جنهن جا ڏهه دستا رضاڪار عملدارن هيٺ ڪم ڪندا پر انهيءَ جي اڳواڻي ٽن پارٽي ميمبرن يعني هڪ اڳواڻ ۽ ٻن نائب اڳواڻن جي هٿ ۾ هوندي.

    مجلس آمره ۽ عامله
    (حڪم ڪندڙ ۽ عمل ڪرائيندڙ ڪميٽي)
    (11) جڏهن هڪ سروراجي ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 100 (هڪ سؤ) پارٽي جا ميمبر پيدا ٿي ويندا ۽ هڪ رضاڪار جو لشڪر تيار ٿي ويندو ته ميمبرن ۽ رضاڪارن جي گڏيل ڪانفرنس“ منعقد ڪئي ويندي. جنهن کي ان ملڪ جي ”سروراجيه“ڪانفرنس چيو ويندو انهيءَ ڪانفرنس ۾ انهن سڀني پارٽين جا ميمبر صلاحڪار جي حيثيت سان شريڪ ٿي سگهن ٿا، جن سان سروراجيه پارٽي سهڪار جو فيصلو ڪري چڪي آهي. پر راءِ ڏيڻ جو حق، ميمبرن ۽ رضاڪارن تائين محدود رهندو.
    (الف) سروراجيه ڪانفرنس پنهنجي ملڪ جي سروراجيه پارٽي جي سڀني قانوني، مالي ۽ انتظامي اختيارن جي مالڪ هوندي. ڪانفرنس انهيءَ بنيادي قانون جي تشريح ۽ پورائو ڪندي. ويهن ميمبرن تي ٻڌل پنهنجي سروراجيه عامله ڪميٽي چونڊيندي جنهن کي انتظامي ۽ مالي اختيار حاصل هوندا. ڪانفرنس ان جي سموري ڪارروائي جي نگراني ۽ تصديق ڪندي رهندي.
    (ب) هر سروراجيه ڪانفرنس جو سڀ کان پهريون ڪم ٻن حصن ۾ ورهايل ٿئي ٿو: پهريون: هي ته پنهنجي ملڪ جي حاجت مند پورهيت طبقي جو پراڻو حق ادا ڪري کين ٻيهر قرض کان بچائي ۽ جتي مسلمانن جي غربت، ڳئون جي ذبح ڪرائڻ ۾ رڪاوٽ بنجي، انهن جي مدد ڪري. ٻيو: هي ته هند تي برطانيه جو قرض، جيڪو سياسي آزادي سلب ڪري رهيو آهي. ان جو جيتريقدر حصو، انهيءَ ملڪ تي عائد ٿئي ٿو انهيءَ کي اهڙي قرض ۾ تبديل ڪري، جنهن ۾ سياسي آزادي سلب ڪرڻ جو خطرو نه هجي.
    (ج) انهيءَ ڪم جي پورائي لاءِ سروراجيه ڪانفرنس مختلف صورتن ۾ پارٽي فنڊ گڏ ڪندي.
    (i) پارٽي ميمبرن جي گهرج لائق جائداد کان سواءِ ٻي جائداد پنهنجي قبضي ۾ وٺندي.
    (ii) سرنديءَ وارن رضاڪارن کان چندو وٺندي.
    (iii) سوشل ريفارمرن ۽ انسانيت جي حامين کان صدقا وصول ڪندي.
    (iv) ملڪ جي هر هڪ ماڻهوءَ کان، اقتصادي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ ”آزادي ٽيڪس“ وصول ڪندي.
    (v) پهريان پنهنجي ملڪ ۽ پوءِ ٻين سروراجي ملڪن ۽ هندستان جي ٻين حصن کان قرض حاصل ڪندي.
    (ج) هر سروراجيه ڪانفرنس جو اصل ڪم پنهنجي ملڪ ۾ ”سروراجيه جمهوريه“ قائم ڪرڻ آهي ان لاءِ هو پورهيت طبقي کي سياست جي تعليم ڏيندي، انهن جي تنظيمن کي اهڙي ريت درست ڪندي جو هو پنهنجي ملڪ جي حڪومت جي هر هڪ شعبي ۾ پنهنجي ڳاڻاٽي مطابق نمائندگي حاصل ڪري سگهن.
    (هه) سروراجيه عامله ڪميٽي هڪ سال لاءِ چونڊي ويندي ۽ ڪانفرنس سال ۾ ٻه ڀيرا، حمل (اپريل) ۽ ميزان (آڪٽوبر) مهينن ۾ منعقد ٿيندي.
    (د) ضرورت جي وقت سروراجيه عامله ڪميٽي جي فيصلي تي، يا ٽيهن ميمبرن جي متفق درخواست تي ڪانفرنس سڏائي سگهجي ٿي.
    (12) سروراجيه عامله ڪميٽي پنهنجي خاص ڪمن لاءِ ڇهه ماتحت انجمنون ٺاهيندي جن ۾ ڪميٽي پارٽي جي ميمبرن سان گڏ رضاڪار به پنهنجي چونڊ ۾ شامل ڪندي. ضرورت جي وقت انهن انجمنن ۾ پارٽي پروگرام سان همدردي رکندڙ پگهاردار ماڻهو به شامل ڪري سگهجن ٿا.
    (الف) انجمن تنظيم، (Diciplanary Committee) جيڪا هڪ پرڳڻي، تعلقي ۽ ضلعي ۾ پنهنجو دفتر کوليندي جيڪي:
    (1) هاري سنگتون، مزدورن جون انجمنون، دماغي پورهيو ڪندڙن جون مجلسون ۽ شاگردن جون ڪونسلون (مذاڪرا، سيمينار، اڀياسي ڪچهريون) قائم ڪنديون، يا اهڙين مجلسن کي پنهنجي تنظيم ۾ شامل ڪنديون.
    (2) پارٽي لاءِ فنڊ جمع ڪنديون جنهن ۾ ميمبرن جون منتقل ٿيل جائيدادون، پارٽي جو قرض، آزادي ٽيڪس ۽ اها سڀ مالي امداد شامل آهي جيڪا انسانيت ۽ سوراج (آزادي) جي همدرد ماڻهن کان ملي.
    (3) پورهيت طبقي جي حاجتمند ماڻهن جون فهرستون تيار ڪندي ته انهن تي ڪيتري قدر قرض آهي ۽ آئنده انهن کي ڪيتري قدر پئسو امداد طور ۽ ڪيتري قدر بنا وياج قرض طور ملڻ گهرجي.
    (ب) انجمن نشر و اشاعت جيڪا پنهنجي ملڪ جي عام ٻوليءَ ۾ هڪ سروراجيه اخبار جاري ڪندي. ”پارٽي پرورگرام“ جي متعلق مواد هڪ لائبريريءَ ۾ جمع ڪندي، جنهنجون شاخون هر تنظيم جي دفتر سان گڏ قائم ٿينديون. ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ۾ پارٽي پروگرام نصاب طور داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندي. اهڙا اسڪول قائم ڪيا ويندا، جن ۾ پارٽي پروگرام پڙهائڻ لاءِ اعليٰ استاد تيار هجن.
    (ج) انجمن انضباط (انتظامي انجمن) (Administrative Committee) (جنهن ۾ پارٽي ميمبرن ۽ رضاڪارن کان سواءِ ٻيو ڪوبه شامل نٿو ٿي سگهي.) پارٽي ميمبر ۽ رضاڪار ڀرتي ڪندي ضابطي لاءِ هدايتون جاري ڪندي، انهن جي خدمتن جو حساب وٺندي. انهيءَ انجمن جا حڪم ميمبرن ۽ رضاڪارن لاءِ آخري هوندا.
    (د) انجمن ڪوآپريٽو بينڪ (جنهن ۾ ماليات جا پگهاردار ماهر به شامل ڪيا ويندا) پارٽي فنڊ مان هڪ سروراجيه ڪوآپريٽو بينڪ جو بنياد وڌو ويندو، ان ۾:
    (الف) انسانيت جي حامين، سوشل ريفارمرن ۽ سوراج جي همدردن جا صدقا گڏ ڪيا ويندا، جيڪي پورهيت طبقي جي حاجت مندن کي امداد يا بنا وياج قرض طور ڏنا ويندا. انهيءَ مان ان طبقي جا پراڻا قرض ادا ڪيا ويندا.
    (ب) ڪاروباري ماڻهن جي عام طور ۽ پورهيت طبقي جون امانتون خاص طور ان ۾ گڏ ڪيون وينديون ۽ سوسائٽين ۾ سرمائي طور سيڙايون وينديون. مال جا مالڪ وياج وٺڻ بدران نفعي ۽ نقصان ۾ شريڪ رهندا.
    (ت) سروراجيه بينڪ ٻاهرين ملڪن سان وياج جي ڏي وٺ ڪرڻ تي مجبور آهي، انهيءَ کي ڇڏي ڪري هي بينڪ سروراجيه هند ۾ ڪنهن ريت به وياجي ڏي وٺ نه ڪندي.
    (ج) انهيءَ ڪم جي پورائي لاءِ ڪانفرنس مختلف صورتن ۾ پارٽي فنڊ گڏ ڪندي.
    (هه) انجمن مجالس امداد باهمي (Co- operative Societies) ”سروراجيه بينڪ“ کان سرمايو وٺي ”سروراجيه سهڪاري شرڪتون“ کوليون وينديون، جيڪي زراعت، پيداوار ۽ پورهيت طبقي جي ضرورتن جي شين جو واپار ڪنديون. پورهيت طبقي ۾ امداد ۽ بنا وياج قرض انهن ئي ”شرڪتن“ جي واسطي سان ورهايو ويندو.
    (و) انجمن محاسبه ديون (قرضن جو حساب چڪائيندڙ انجمن)
    (i) مقروض پورهيت طبقي جي پراڻن قرضن جي ادائگي پنهنجي ذمي کڻي، پنچائتي فيصلي سان رهيل رقمن جو ڪاٿو ڪندي، جن کي ”سروراجيه بينڪ“ پنهنجي گڏ ٿيل صدقن جي کاتي مان ادا ڪندي.
    (ii) هند تي برطانوي قرض جو جيتريقدر حصو ان ملڪ تي پوي ٿو، ان کي ادا ڪرڻ لاءِ معاشري جي مختلف طبقن تي مناسب شرح سان ”آزادي ٽيڪس“ مقرر ڪندي. پنهنجي ملڪ کان قرض وٺندي. سروراجيه هند ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ آزاديءَ لاءِ قرض جو انتظام ڪندي.
    (13) ”سروراجيه ڪانفرنس“ منعقد ٿيڻ کان اڳ ۾، جنهن وقت ڪنهن ”سروراجي ملڪ“ ۾ پارٽي ميمبرن جو تعداد ويهن (20) ميمبرن تائين پهچي وڃي ته اهو پنهنجي ملڪ لاءِ انجمن نشر تشويقات (نشر و اشاعت) ٺاهيندو، جيڪا عارضي طور تي انهيءَ ملڪ جي سروراجيه عامله ڪميٽيءَ جون سڀ ذميداريون نباهيندي.
    (14) گهٽ ۾ گهٽ ٽن سروراجي ملڪن جي ٽي سؤ پارٽي ميمبرن ۽ نو سؤ رضاڪارن جي گڏيل ڪانگريس ”سروراجيه هند“ جي سڀني پارٽين جي وچ ۾ معاملن ۽ ٻاهرين لاڳاپن ۾ اعليٰ اختيارن جي مالڪ آهي. ان کي ”مهاڀارت سروراجيه ڪانگريس“ چيو ويندو. انهيءَ ڪانگريس ۾ انهن سڀني پارٽين جا ميمبر به شريڪ ٿي سگهن ٿا جن سان پارٽي سهڪار جو فيصلو ڪري چڪي آهي، پر انهن کي راءِ ڏيڻ جو حق حاصل نه هوندو:
    (الف) هي ڪانگريس انهيءَ بنيادي قانون جي اهڙين شقن جي تشريح ۽ پورائو ڪندي جيڪي انهن مطلبن سان تعلق رکن ٿيون ۽ پڻ پنهنجا انتظامي، مالي ۽ عدالتي اختيار پنهنجي نمائنده مجلس ”مهاڀارت سروراجيه ڪميٽي“ جي حوالي ڪري، ان جي ڪاررواين جي نگراني ۽ تصديق ڪندي رهندي.
    (ب) هيءَ ڪانگريس سال ۾ هڪ ڀيرو منعقد ٿيندي. هن جا اجلاس ٻن حصن ۾ ورهايل هوندا. پهريون سروراجيه هند جي داخلي معاملن متعلق، ٻيو ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ جي ٻاهرين معاملن متعلق. انهيءَ ڪانگريس لاءِ هڪ جدا قانون ٺاهيو ويندو.
    (ج) انهيءَ ڪانگريس جو پهريون ڪم ٻن حصن ۾ ورهايل هوندو. پهريون ته پورهيت طبقي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ جنهن سروراجي ملڪ کي قرض جي ضرورت هجي، ان لاءِ ٻين سروراجي ملڪن ۽ هندستان جي ٻين حصن کان قرض حاصل ڪرڻ جو انتظام ڪرڻ. ٻيو ته ”سروراجيه هند“ تي جيتري قدر برطانوي قرض ٿئي ٿو، انهيءَ کي اهڙي قرض ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ جنهن سان سياسي آزاديءَ کي نقصان نه رسندو هجي، ٻاهرين ملڪن کان قرض وٺڻ جو انتظام ڪري، ان لاءِ هيءَ ڪانگريس هڪ ”مرڪزي سروراجي ڪو آپريٽو بينڪ“ قائم ڪندي، جنهن سان سڀ سروراجي ڪوآپريٽو بينڪون لاڳاپيل هونديون ۽ جنهن جون شاخون ايشيائي ملڪن ۾ ۽ ايجنسيون يورپ ۽ آمريڪا ۾ کوليون وينديون.
    (د) انهيءَ ڪانگريس جو ٻيو ڪم هي آهي ته ”سروراجيه متوافق“ يعني هند جون وفاقي جمهوريتون پيدا ڪندي. ان جي ذريعي ڪانگريس سروراجي ملڪن جون حدون مقرر ۽ متعين ڪندي. قومي مذهبي اختلافن جو نبيرو ڪرڻ واريون عدالتون ۽ پنچائتون ٺاهيندي. انهيءَ ڪانگريس جو ٻاهرين معاملن ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ قائم ڪرڻ اهم ڪم آهي. ان لاءِ انهيءَ ڪانگريس جي اجلاس ۾ ايشيائي قومون شامل ٿينديون.
    (هه) هيءَ ڪانگريس ايشيائي ملڪن ۾ ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ جا مرڪز ۽ يورپ ۽ آمريڪا ۾ ”سروراجي اطلاعاتي کاتا“ (انفرميشن بيوروز) کوليندي.
    (15) مهاڀارت سروراجيه ڪميٽي (مرڪزي) ۾ هڪ سو پارٽي ميمبر هوندا. ان جي مختلف انجمنن ۾ پارٽي ميمبرن کان سواءِ ٻيو ڪو به شريڪ نه ٿي سگهندو.
    (16) جيستائين ”مهاڀارت سروراجيه ڪميٽي“ نه ٿي چونڊجي، تيستائين عارضي طورتي ڪانگريس ”سروراجيه“ ڪميٽي ڪابل ان جون سڀ ذميداريون پوريون ڪندي:
    (الف) ڪانگريس سروراجيه ڪميٽي ڪابل جيستائين ”مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي“ جي باقائده نمائندگي حاصل نه ٿي ڪري تيستائين ڪنهن ٻاهرئين اقتصادي معاملي کي پورو نه ٿي ڪري سگهي.
    (ب) ڪانگريس سروراجيه ڪميٽي ڪابل پنهنجي ضرورت مطابق ايشيائي ملڪن ۾ پنهنجو مرڪز بدلائي سگهي ٿي.
    (17) هر هڪ سروراجيه جمهوريه ۾ سڀني اهڙن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جيڪي اسڪول وڃڻ جي عمر جا آهن، تن لاءِ ابتدائي مفت لازمي تعليم ۽ ثانوي مفت تعليم جو انتظام ڪرڻ حڪومت جو فرض هوندو.
    (الف) اهو به ضروري آهي ته اسڪول نه وڃڻ وارن مردن ۽ عورتن لاءِ تعليم جو خاص انتظام ڪيو وڃي.
    (ب) مهاڀارت سروراجيه پارٽي اردو صورتخطي کي اهڙن ماڻهن جي آساني لاءِ (مقطوع) ڌار ڌار اکرن ۾ لکڻ جي تائيد ڪري ٿي.
    (18) هر هڪ سروراجيه جمهوريه ۾:
    (الف) هارين ۽ انهن سان تعلق رکندڙ ڪم ڪندڙن جون هاري سنگتون.
    (ب) فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندر مزدورن جون انجمنون.
    (ج) دفترن ۽ تعليم گاهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جون ”دماغي پورهيتن جون مجلسون“ ٺاهڻ جو رد نه ٿي سگهندڙ حق، پورهيت طبقي کي حاصل هوندو. هنن مجلسن جي واسطي سان اهي ماڻهو پنهنجا مطالبا پيش ڪندا ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندا. پورهيت طبقي کي حڪومت کان ناراض ٿيڻ جي صورت ۾ به انهن مجلسن جي فيصلي تي هڙتال ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.
    (19) سروراجي جمهوريه جي پارليامينٽ کي سڀئي قانوني، مالي ۽ عدالتي اختيار حاصل هوندا. انهن جون چونڊون هيٺين طريقي تي عمل ۾ اينديون:
    (الف) هر عاقل ۽ بالغ مرد ۽ عورت کي جيڪو ڪنهن اخلاقي ڏوهه ۾ سزا ڪاٽي نه چڪو آهي ان پارليامينٽ جي چونڊ ۾ راءِ ڏيڻ جو حق حاصل هوندو.
    (ب) هارين، مزدورن ۽ دماغي پورهيتن کي پنهنجين سنگتن، انجمنن ۽ مجلسن جي واسطي سان پنهنجي آبادي جي تناسب مطابق نمائندن موڪلڻ جو حق حاصل هوندو.
    (ج) معاشري جي ٻين طبقن يعني زميندارن، شاهوڪارن، سرمائيدارن ۽ واپارين کي انهن جي ڳاڻاٽي مطابق نمائندگي جو حق ملندو. ڪنهن به صورت ۾ سندن اهميت جي بنياد تي کين سندن ڳاڻاٽي کان وڌيڪ نمائندگي جو حق نه ڏنو ويندو.
    (د) انهن مالدار جماعتن مان جيڪڏهن ڪو به طبقو (گروپ) سروراجي جمهوريه جي اقتصادي ۽ سياسي بنيادي اصولن جي مخالفت ڪندو ته هڪ محدود مدت تائين ان جي نمائندگي جو حق کسي سگهجي ٿو، جنهن لاءِ الڳ قانون ٺاهيو ويندو.
    (20) عام فائدي جا سڀئي وسيلا قومي ملڪيت قرار ڏنا ويندا.
    (21) انفرادي ملڪيت (نقل ٿيندڙ ۽ نقل نه ٿيندڙ) محدود ڪئي ويندي. مقرر حد کان وڌيڪ جائيداد قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي:
    (الف) گهٽ ۾ گهٽ ملڪيت جي حد مقرر ڪرڻ سروراجيه ڪانفرنس جو ڪم آهي.
    (ب) مالدارن تي اضافي ٽيڪس هنئي ويندي جنهن جي آخري حد پنجاهه سيڪڙي تائين هوندي.
    (22) ملڪ جي ايراضي قومي ملڪيت قرار ڏني ويندي ۽ زمينداري نظام منسوخ ڪيو ويندو، هاري ۽ حڪومت کان سواءِ ڪنهن کي به ايراضيءَ سان تعلق نه هوندو.
    (الف) سروراجيه هند جي انهن جمهوريتن ۾ جتي مسلمانن جي اڪثريت آهي، مهاڀارت سروراجيه پارٽي فاروق اعظم رضه جي فيصلي مطابق زميندارن کي ايراضيءَ جي ملڪيت ڇڏڻ ۽ امام اعظم ابوحنيفه جي فيصلي مطابق مزارعت يعني هارپو ڇڏڻ تي مجبور ڪندي. زميندارن کي فقط گورنمينٽ ايجنٽ جي طورتي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويندو. (جنهن کي پگهار گورنمينٽ ادا ڪندي).
    (ب) اهڙو ئي طرز عمل ”سروراجي هند“ جي انهن سڀني جمهوريتن ۾ اختيار ڪيو ويندو، جتي اڪثريت جو مذهب ان اصول جي تائيد ڪري ٿو يا سياسي بيداري عام ٿي چڪي آهي.
    (ج) جن جمهوريتن ۾ اڪثريت جو مذهب ان جي تائيد نه ٿو ڪري ۽ اتي سياسي بيداري به عام نه ٿي آهي ته انهن جمهوريتن ۾ پهريائين زمين جي ملڪيت محدود ڪئي ويندي ۽ سياسي بيداري عام ٿيڻ تي ايراضي جي انفرادي ملڪيت منسوخ ڪئي ويندي.
    (د) هر هاري خاندان کي ايتريقدر زمين ضرور ڏني ويندي، جيتريقدر پاڻ کيڙي سگهي. ان زمين تي انهيءَ خاندان جو دائمي کيڙڻ جو حق اهڙي قانون هيٺ محفوظ ڪيو ويندو جيڪو ”هاري سنگتن“ جي ڪائونسل جي مشوري سان ٺاهيو ويندو.
    (هه) حڪومت هاريءَ کان ڪل پيداوار جو 5/1 حصو هاري سنگتن جي واسطي سان خراج طور وصول ڪندي.
    (و) قومي ملڪيت ۾ ڏنل زمين جو انتظام حڪومت هاري سنگتن جي ڪونسلن جي نگراني ۾ ٿيندو.
    (ز) هاري سنگتن کي سرڪاري امداد بنا وياج قرضن جي صورت ۾ ڏني ويندي ۽ انهن لاءِ زرعي مشينري ادائگي جي نرم شرطن تي مهيا ڪئي ويندي.
    (23) وياج جي ڏي وٺ بلڪل بند ڪئي ويندي، پورهيت طبقي جا پراڻا قرض معاف ڪيا ويندا. ضرورتمندن کي امداد يا قرض بنا وياج ڏيڻ جو مستقل انتظام هوندو.
    (24) اندروني واپار ”سروراجيه ڪوآپريٽو بينڪ“ سوسائٽين جي وسيلي ۽ ٻاهريون واپار حڪومت وفاقي جمهوريه هند جي واسطي سان عمل ۾ ايندو. (يعني سودو وفاقي حڪومت جي واسطي سان طئه ٿيندو ۽ ناڻو متعلقه رياستن کي ملندو.) واپاري ماڻهن کي انهن سوسائٽين ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو ڏنو ويندو.
    (25) قومي ملڪيت ۾ ڏنل ڪارخانا ۽ فيڪٽريون مزدور انجمنن جي ڪائونسلن جي نگرانيءَ ۾ هلايون وينديون ۽ مزدورن کي نفعي ۾ حصو ڏنو ويندو.
    (الف) مزدورن جي ڪم جو هڪ ڏينهن ڇهه ڪلاڪ سمجهيو ويندو. هندستاني مزدورن کي ٿڌن ملڪن جي مزدورن وانگر ڇهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو ويندو. مهاڀارت سروراجيه پارٽي دماغي پورهيو ڪندڙن ۽ جسماني پورهيو ڪندڙن ۾ وڇوٽي کي سوسائٽيءَ لاءِ نقصانڪار سمجهي ٿي.
    (ب) مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ مزدوريءَ جي شرح حڪومت جي قانون سان ٿيندي ۽ انهيءَ ريت ٻارن ۽ عورتن جي ڪم جا وقت، ڪراڙپ، بيماري، حادثي، حمل ۽ بيروزگاري جا الائونس خاص قانون هيٺ مقرر ڪيا ويندا. انهن قانونن تي مزدورن جي انجمنن جي مطالبي تي نظرثاني ٿيندي رهندي.
    (ج) مزدورن جي خاندان لاءِ حڪومت مفت طبي امداد مهيا ڪندي ۽ انهن لاءِ سٺن گهرن جو بندوبست ڪندي.
    (26) غيرمستقيم محصول، مثلاً، ريل جو ڪرايو، پوسٽ جو محصول، لوڻ جو محصول وغيره مستقل طور محدود ڪيا ويندا. ضروريات زندگي ۽ اعليٰ تعليم سستي رکڻ حڪومت جو فرض هوندو.
    (27) هند تي رهيل برطانوي قرض مان پنهنجي اقتصادي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ آزادي ٽيڪس هر هڪ ماڻهو ادا ڪندو.
    (28) جيڪڏهن ڪنهن سروراجي جمهوريه ۾ هڪ مکيه اقليت رهي ٿي جيڪا پنهنجي الڳ قوميت قائم رکڻ ضروري ٿي سمجهي ته، مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي ان اقليت کي پنهنجي جدا جمهوريت ٺاهڻ جو اختيار ڏئي سگهي ٿي. انهيءَ صورت ۾ ان جمهوريت کي ان قوم جي اصل آباديءَ کان وڌيڪ ايتري قدر علائقو ضرور ڏنو ويندو جنهن سان پنهنجي اقتصادي ۽ تمدني ضرورتن جي حفاظت ڪري سگهي. اهڙي قسم جي اقليت جو مثال پنجاب ۾ سک قوم آهي، جنهن لاءِ ”ڪانگريس ڪميٽي ڪابل“ امرتسر جي جمهوريه جدا ڪري ڇڏي آهي.
    (29) هر هڪ سروراجي جمهوريه پنهنجي اڪثريت واري آباديءَ جي مذهب کي پنهنجو اسٽيٽ مذهب بڻائي سگهي ٿي، جيڪڏهن ان مذهب جا اڳواڻ پنهنجي مذهب جي حڪمن جو اهڙو مجموعو پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، جيڪو ”مهاڀارت سروراجيه ڪميٽي“ جي فيصلي ۾ سروراجيه جمهوريه جي بنيادي سياسي ۽ اقتصادي اصولن جي خلاف رجعتي مواد کان پاڪ هجي. ان صورت ۾ لازمي طور ان جمهوريت جو پريزيڊنٽ ان مذهب جي پوئلڳن مان چونڊيو ويندو.
    (الف) جنهن صورت ۾ اڪثريت واري آباديءَ جو مذهب، سرڪاري مذهب ٿي ويو، انهيءَ صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن اقليت جو مذهب به ”مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي“ جي فيصلي مطابق انهيءَ شرط کي پورو ڪري ٿو ته ان کي به پنهنجن پوئلڳن جي آباديءَ جي تناسب سان مذهبي معاملن ۾ سرڪاري امداد حاصل ڪرڻ جو حق حاصل هوندو.
    (ب) اهڙن مذهبن کي جيڪي پارٽي پروگرام ۾ سروراجي جمهوريه جي سياسي ۽ اقتصادي بنيادي اصولن سان ساٿ نه ٿا ڏيئي سگهن، فقط انهيءَ صورت ۾ مذهبي تعليم جي آزادي ڏني ويندي، جڏهن ان جا پوئلڳ مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي کي پڪ ڏيارن ته هو سياسي معاملن ۾ حصو نه وٺندا.
    (ج) بنا ڪنهن فرق جي سڀني مذهبن جي مقدس جاين کي قانوني طور احترام لائق سمجهيو ويندو. انهن محدود ايراضين لاءِ مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي خاص قانون ٺاهيندي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪنهن قوم جي مرڪزي تعليم گاهه ڪنهن ٻي قوم جي علائقي ۾ هوندي ته اها به خاص قانون هيٺ احترام لائق قرار ڏني ويندي.
    (30) هڪ سروراجي جمهوريه جيڪڏهن ڪنهن مذهب کي سرڪاري مذهب بڻائي ٿي يا جيڪڏهن ڪنهن مذهب کي تسليم ڪري وٺي ٿي ته:
    (الف) انهن مذهبن جي تعليم گاهن ۽ مذهبي مقدس جاين کي انهن جي آباديءَ جي تناسب جي مطابق سرڪاري امداد ڏني ويندي.
    (ب) انهن مذهبن جي ڏڻن تي سرڪاري موڪل ڪئي ويندي.
    (ج) جيڪڏهن انهن مان ڪنهن مذهب جا پوئلڳ پنهنجي مرضيءَ سان ڪنهن خاص ضرورت لاءِ پنهنجي مٿان ڪا ٽيڪس لاڳو ڪن ته حڪومت ان ٽيڪس جي گڏ ڪرڻ ۾ ساڻن مدد ڪندي.
    (د) مذهب جي اشاعت لاءِ ڪنهن به مذهب کي سرڪاري امداد نه ڏني ويندي.
    (31) هندستاني مذهبن جي وچ ۾ جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ ”مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي“ هر هڪ سروراجي جمهوريه ۾ عدالتي قانون مطابق هڪ ثالثي پنچائت ٺاهيندي.
    (الف) جيڪڏهن هڪ خاندان مان هڪ عورت پيءُ مڙس يا ڌيءَ (پٽ) جي همراهي کان سواءِ پنهنجو مذهب تبديل ڪري ٿي ته انهيءَ عورت جو ان پنچائت جي سامهون بيان ٿيندو ۽ اها ان برادريءَ جي فيصلي کان سواءِ الڳ نه ٿي سگهندي.
    (ب) جيڪڏهن ان برادريءَ جي سامهون ڪنهن مذهب جي پوئلڳن تي مذهب جي نالي تي عورتن کي اغوا ڪرڻ جو الزام ڪيترائي ڀيرا ثابت ٿي چڪو هجي ته ان مذهب جي سرڪاري امداد (جيڪڏهن ان کي امداد ملندي آهي) بند ڪئي ويندي، جيستائين ان مذهب جا پوئلڳ مرڪزي ڪميٽي کي مطمئن نه ڪن.

    حڪومت متوافق سروراجيه جمهوريات هند
    (وفاقي هند جي سروراجي جمهوريتن جي حڪومت)
    (32) هر هڪ سروراجي جمهوريه پنهنجي اقتصادي، تمدني ۽ سياسي آزاديءَ کي محفوظ رکندي ”وفاقي هند جي سروراجي جمهوريتن جي حڪومت“ جو آزاد رڪن رهندو.
    (الف) ”وفاقي هند جي سروراجي جمهوريتن جي حڪومت“ جي گاديءَ جو هنڌ دهلي هوندو. پهريائين سروراجي هند ۾ ان حڪومت جا ٻه ثانوي مرڪز لاهور ۽ آگرو بڻايا وڃن ٿا. تان ته انهيءَ نموني تي اتر اڀرندي هند ۽ دکن ۾ انهيءَ فيڊريشن جا ثانوي مرڪز ٺاهڻ ۾ آساني ٿئي.
    (ب) سروراجي هند جون جمهوريتون ڪشمير، اتر الهندو پنجاب، ڏکڻ الهندو پنجاب، پشتانيه (پختونستان)، بلوچستان ۽ سنڌ، جن جي آبادي ٽي ڪروڙ ]ان وقت[ آهي، لاهور سان تعلق رکن ٿيون. انهن جي رابطي جي ٻولي هندستاني اردو هوندي ۽ ڀارت جون جيڪي جمهوريتون راجپوتانا، گجرات ۽ آگري جي حلقي ۾ داخل آهن، تن جي رابطي جي ٻولي هندستاني (اردو- هندي) هوندي.
    (ج) انهيءَ فيڊريشن جا مرڪز مقامي جمهوريتن کان الڳ رکيا ويندا. انهن جي حڪومت لاءِ خاص قانون ٺاهيا ويندا.
    (33) انهيءَ فيڊريشن ۾ هر هڪ سروراجي جمهوريه کي ان جي آباديءَ جي تناسب، اقتصادي، تمدني ۽ فوجي اهميت جي لحاظ کان نمائندگي جو حق ڏنو ويندو. وفاقي هند جي جمهوريتن جي حڪومت ۽ سروراجي جمهوريتن جي وچ ۾ لاڳاپن مقرر ڪرڻ لاءِ ”مهاڀارت سروراجيه ڪانگريس“ هڪ خاص قانون ٺاهيندي.
    (34) ”وفاقي هند جي سروراجي جمهوريتن جي حڪومت“ ۾ مذهب کي حڪومت کان الڳ ڪيو ويندو ۽ انهيءَ حڪومت جو نه ڪنهن خاص مذهب سان تعلق هوندو ۽ نه ان کي پنهنجين لاڳاپيل جمهوريتن جي مذهبن ۾ دخل هوندو جيڪي انهن شرطن کي پورو ڪنديون رهنديون هجن جن کي مهاڀارت سروراجيه پارٽي تسليم ڪيو آهي.
    (35) هڪ خاص وقت تائين هندستاني رياستون به وفاقي جمهوري حڪومت هند ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون. جيڪڏهن انهن جا حڪمران پنهنجي حڪومت جا اختيار پنهنجي ملڪ جي سروراجي پارٽيءَ جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏن ۽ پاڻ وٽ فقط ايترا اختيار رکن جيڪي هڪ قانوني حڪمران کي گهٽ ۾ گهٽ درجي تي حاصل آهن.

    سروراجي وفاقي ايشيائي نظام
    (سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن)
    (36) مهاڀارت سروراجيه پارٽيءَ کي يقين آهي ته آزاد هندستان ۾ ڪوبه حڪومتي نظام ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي جيستائين ايشيائي قومون عام طور انهيءَ نظام کي مڃي نه وٺن. انهيءَ ڪري مهاڀارت سروراجيه پارٽي شهنشاهيت ۽ سرمائيداري خلاف وفاق پيدا ڪرڻ جي ضرورت سمجهي ٿي. مهاڀارت سروراجيه پارٽي انهيءَ تحريڪ ۾ مرڪزي جماعت جو ڪم ڪندي.
    (الف) مهاڀارت سروراجيه پارٽي روس کي اڌ ايشيائي ملڪن ۾ شمار ڪري ”ايشياٽڪ فيڊريشن“ جو ميمبر مڃي ٿي.
    (ب) غيرايشيائي، پوئتي پيل ملڪ مصر ۽ مراڪش به سروراجيه پارٽين جي واسطي سان، جيڪي شهنشاهيت جا مخالف بڻجن ته ايشياٽڪ فيڊريشن ۾ شامل ٿي سگهن ٿيون.
    (ج) جن ايشيائي ملڪن ۾ هن وقت شاهي حڪومتون قائم آهن جيڪڏهن اتي به شهنشاهيت ۽ سرمائيداريءَ خلاف پارٽيون حڪومت ۾ اچي وڃن ته ان حالت ۾ اهي به ايشياٽڪ فيڊريشن ۾ شامل ٿي سگهن ٿا.
    (37) مهاڀارت سروراجيه پارٽي انهيءَ مقصد جي پورائي لاءِ ايشيائي ملڪن جي سوشلسٽ پارٽين تي ڀروسو ڪندي. يا اهڙين پارٽين تي جيڪي هارين، مزدورن ۽ دماغي پورهيو ڪندڙ طبقن جي طبقاتي مفاد جون محافظ هجن:
    (الف) مهاڀارت سروراجيه ڪانگريس جا اجلاس جيڪي ايشياٽڪ فيڊريشن لاءِ خاص هوندا، انهن ۾ جهڙيءَ ريت انهن هندستاني پارٽين جا نمائندا ميمبر طور شريڪ ٿي سگهندا، جن سان پارٽي سهڪار جو فيصلو ڪري چڪي آهي، تهڙيءَ ريت ايشيائي ملڪن جي (شهنشاهيت ۽ سرمائيداريءَ خلاف) پارٽين جا نمائندا ميمبر طور شريڪ ٿي سگهندا.
    (ب) مهاڀارت سروراجيه ڪانگريس جا اجلاس جيڪي ايشياٽڪ فيڊريشن لاءِ خاص هوندا، انهن ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي سوشلسٽ پارٽين يا پورهيتن جي محافظ پارٽين جا نمائندا پڻ صلاحڪار طور شامل ٿي سگهن ٿا، پر کين راءِ ڏيڻ جو حق نه هوندو.
    (38) مهاڀارت سروراجيه پارٽي پنهنجي ٻئي مرڪز لاهور کي ايشياٽڪ فيڊريشن جو مستقل مرڪز قرار ڏئي ٿي. جيڪڏهن افغانستان ”سروراجيه ايشياٽڪ فيڊريشن“ تحريڪ کي منظور ڪري ته لاهور جو ڪم هڪ خاص وقت تائين ڪابل کان ورتو ويندو:
    (الف) مهاڀارت سروراجيه مرڪزي ڪميٽي سڀني ايشيائي ملڪن ۾ پنهنجا سروراجيه مرڪز بنائڻ لاءِ جدوجهد جو سلسلو جاري رکندي جنهن سان هوءَ انهن ملڪن جي سوشلسٽ پارٽين يا پورهيتن جي محافظ پارٽين سان گهرائي پيدا ڪندي.
    (39) مهاڀارت سروراجيه پارٽي ايشياٽڪ فيڊريشن جي باقاعده نمائندگي حاصل ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به انٽرنيشنل جماعت ۾ بحيثيت ميمبر جي شريڪ نه ٿيندي.
    (40) مهاڀارت سروراجيه پارٽي ڪنهن به انٽرنيشنل مذهبي اجتماع مثلاً ”خلافت اسلاميه“ وغيره کي تسليم نه ڪندي، جيستائين جو ان مذهب جي احڪامن جو رسمي مجموعو پارٽيءَ جي انٽرنيشنل سياست (يعني شهنشاهيت ۽ سرمائيداري خلاف) جي مخالفانه مواد کان پاڪ نه ثابت ڪيو وڃي.


    (صحي) عبيدالله
    پريزيڊنٽ ڪانگريس
    سروراجيه ڪميٽي ڪابل
    هندستاني منزل
    آق سراءِ، استنبول
    2 ميزان 1344- 15 سيپٽمبر 1924ع


    وطن واپسيءَ تي ڪراچيءَ ۾ هڪ تاريخي تقرير

    عزيزانِ گرامي
    1915ع ۾ مون کي حضرت شيخ الهند افغانستان موڪليو هو، اوهان جي بزرگن مون کي ٻاهر موڪليو هو، ٻاهر رهي ڪري مون کان جيترو پڄي سگهيو، مون اسلام جي خدمت ڪئي. ان وچ ۾ مون گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ عجيب عجيب حالتن مان مون کي گذرڻو پيو. منهنجي آڏو جبل آيا شڪست کائي، ويا، موت آيو هار کائي ويو، مان اهڙن سپهه سالارن سان گڏ رفاقت ۾ رهيو آهيان جن دنيا جا وڏا وڏا ميدان کٽيا آهن. ان کان سواءِ مان جنهن به ملڪ ۾ ويس ۽ جتي به رهيس مون اتان جي هر شيءِ اکيون کولي ڏٺي. مان انهن ملڪن جي تاريخ جو مطالعو ڪيو ۽ اتان جي رهاڪن جي حالتن کي به سمجهڻ جي ڪوشش ڪيم. منهنجو هي مطالعو سرسري ناهي، اوهان منهنجي ڳالهين کي وقتي اثرن ۽ عارضي اُڀارن جو نتيجو نه سمجهجو. منهنجي پويان تجربن ۽ مشاهدن جي هڪ وسيع دنيا آهي، مون قومن جي تاريخ جي اونهائين ۾ وڃڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. منهنجا احوال مون کان کوٽي کوٽي پڇو ۽ منهنجي نتيجن کي ڌيان سان ٻڌو ۽ انهن تي غور ڪيو. مان ڪا به ڳالهه توهان کان لڪائڻ نه ٿو گهران. منهنجي ڄاڻ، منهنجو مطالعو، منهنجا تجربا ۽ منهنجو فڪر وقفِ عام آهي. هاڻي مان صبح وارو وِهائو تارو آهيان، چاهيان ٿو ته مرڻ کان اڳ هن پيغام کي هندستاني نوجوانن تائين پهچايان. جيڪڏهن اهي حالتون رهيون ته مون کي خطرو آ ته بنگال ورهائجي نه وڃي. منڍ منڍ ۾ هن انقلاب جي لپيٽ ۾ افغانستان ايندو.
    آءٌ انقلاب جو پيغامبر بڻجي هندستان موٽيو آهيان. اُهو ڏينهن پري ناهي جو برطانيه ۽ آمريڪا وارن کي به پاڻ سنڀارڻ مشڪل ٿي پوندو. هن انقلاب کي قيامت کان گهٽ نه سمجهو. مون وڏن وڏن عالمن ۽ وڏن وڏن اميرن کي پنندي ڏٺو آهي. عزتن کي لٽجندي ڏٺو اٿم، هي سيلاب ڪو موسمي ڇوهو ناهي جو آيو ۽ ويو. هيءَ موجوده دور جي تاريخي گهرجن جو قدرتي نتيجو آهي. انقلاب جو هي سيلاب پوئتي هٽڻ وارو ناهي، ديوار چين هجي يا سڪندري ڀت، هيءُ سيلاب سڀني کي ڪک ڪهڄر جيان لوڙهي ڇڏيندو. دنيا هڪ نئين طوفان نوح سان ٽڪرجڻ گهري ٿي. جهڙ ڀرجي چڪو آهي، ڪڪر وسڻ وارا آهن، طوفانن کي اٿندي هاڻي دير ڪانه لڳندي. پر مان ڏسان ٿو ته توهان کي نه انهن طوفانن جي خبر آ ۽ نه توهان هي ڄاڻو ٿا ته جيڪڏهن هي طوفان وهي هليا ته توهان جو حشر ڇا ٿيندو؟ ۽ توهان جا عالم آهن جن جون نظرون اڳين لکيل ڪتابن ۾ بند ٿي ويون آهن، هو ٻاهرين دنيا ڏي تڪڻ جي تڪليف به نه ٿا ڪن ۽ جيڪڏهن کڻي ڏسن به ٿا ته بس ”ڪتابي“ نظر سان. هو زندگيءَ کان ڪٽجي چڪا آهن. ان ڪري جن علمن کي هو پڙهن ۽ پڙهائين ٿا، انهن ۾، ان لحاظ کان سندن زندگيءَ ۾ نه ڪو پساهه باقي آهي ۽ نه اُهي علم، پڙهڻ ۽ پڙهائڻ وارن ۾ جياپي جي ڪا گرمي ۽ تڙپ پيدا ڪن ٿا. توهان جا سياستدان وڏيون وڏيون اسڪيمون ٺاهن ٿا پر سندن نظر خاص طبقن کان اڳتي نه ٿي وڌي. هو قوم ۽ وطن جو نانءُ ٿا کڻن، مذهب ۽ ڪلچر تي زور ٿا ڏين، پر انهن جي قوم، وطن، مذهب ۽ ڪلچر جو تصور يا ته منڍ کان ئي خيالي آهي يا نه ان جو لاڳاپو هڪ خاص طبقي جي غرضن ۽ مصلحتن سان هوندو آهي. هي ماڻهو فقط پنهنجو پاڻ ڏانهن ڏسندا آهن ۽ دل ئي دل ۾ اِهوئي سمجهندا آهن ته زمانو انهن جي اشاري تي سدائين پيو چرندو پرندو ۽ ماڻهو هميشه انهن ڏي ئي پيا تڪيندا.
    قوم جا متوسط طبقا آهن جيڪي روزمره جي مادي ضرورتن ۽ رسمي مذهب جي ڪجهه روزاني عبادتن کان سواءِ جن مان کين ٿورو گهڻو سڪون ملي ٿو، ڪنهن ٻي شيءِ سان ڪوبه واسطو نه ٿا رکن. باقي رهيو عوام، قوم جو گهڻائيءَ وارو حصو، قوم جي جسم جا هٿ ۽ پير، انهن کي توهان ”عوام کا الانعام“ چئي صدين کان چوپاين جي درجي تي رکيو آهي. توهان پنهنجي هڪ محدود دنيا ٺاهي آهي. ان دنيا ۾ خوش آهيو ۽ ڪنهن ٻئي طبقي، قوم، فڪر ۽ خيال جي پرواهه نٿا ڪريو. توهان کي سانوڻ جي انڌي وانگر خير سان پنهنجي اهل قلم ”مجددن ۽ حڪيمن“ جي صدقي هر طرف سرءُ ۾ به ساوڪ ئي ساوڪ نظر ٿي اچي. بهار جو دور ڪڏهوڪو گذري ويو پر توهان خوش اعتقاديءَ ۾ پاڻ وٽ اڃا تائين بهار جوئي عمل دخل ڏسي رهيا آهيو. دنيا ۾ زلزلا ٿا اچن پر توهان گهرن ۾ اکيون ٻوٽيون پيا آهيو. جياپي جون قهري قوتون پنهنجي پوري شدت سان انسانيت جي ڪُکِ مان ٻرندڙ جبل وانگر ڦٽي نڪتيون آهن. انهن هٿان پراڻي دنيا تي جو ڪجهه به ٿئي، گهٽ آهي.
    قرآن حق آهي، انجيل حق آهي، تورات حق آهي. جيڪڏهن انجيل کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان نصارو ڪافر ٿي سگهي ٿو ته هن ملڪ جا مسلمان قرآن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪرڻ سان ڪيئن ٿا مسلمان رهي سگهن. هاڻي انقلاب جي گهڙي مٿان اچي بيٺي آهي. پاڻ سنڀاريو نه ته ميسارجي ويندؤ!!
    هن اجمال جو تفصيل هيءُ آهي ته ڪالهه هڪ طبقو طاقت ۽ بخت جو مالڪ هيو. هاري ۽ مزدور جيڪي پورهيو ڪندا هئا، کين کاڌي لاءِ ڪجهه به نه ملندو هيو. جيڪي سندن ڪمائيءَ تي پلبا هئا سي ڪمائڻ ذلت سمجهندا هئا. ڪمائيندڙ طبقا پٺتي پيل ۽ کائو طبقا اخلاق کان ڪري پيا. جيڪڏهن برڪتون پيون ته سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي محلن ۾، ذهني ترقي ٿي ته به انهن جي، اسلام جون ڀلايون نصيب ٿيون ته به سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي، زمانو هلندو رهيو، سرمائيدار، مزدورن ۽ هارين تي ظلم ڪندا رهيا. انهيءَ دور ۾ مشيني دور اچي ٿو اڳتي هلي مزدورن مشينن تي قبضو ڪري ورتو ۽ جاگيرداري نظام ختم ٿي ويو.
    هي انقلاب جنهن کي مان پنهنجي اکين سان عمل ۾ ايندي ڏسي آيو آهيان، اهو انسانيت جي انهن پيڙهيل طبقن کي للڪار آهي ته اٿو! غاصبن کان پنهنجا حق ڇني وٺو ۽ جيڪي ظلم تي جيئي رهيا آهن، انهن کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيو. هن انقلاب جو نعرو هي آهي ته مزدورؤ ۽ هاريو! پورهيتؤ! مستقبل توهان جو آهي. توهان پورهيو ڪريو ٿا ۽ توهان جي پورهئي جوئي نتيجو هي آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ عمارتون، روزيءَ جي هيءَ گهڻائي، آرام ۽ آسائش جاهي ذريعا ۽ دنيا جي هيءَ سڄي دولت آهي، جنهن کان توهان اڃا تائين محروم رکيا ويا آهيو، اصل ۾ هيءَ سموري ملڪيت توهان جي آهي، اٿو! پنهنجو پاڻ کي منظم ڪيو. اڳتي وڌو ۽ جيڪو توهان جو حق آهي، ان تي قبضو ڪريو. ان ۾ جيڪو شخص توهان جي اڳيان اچي (رڪاوٽ بڻجي) ان کي ختم ڪري ڇڏيو. جيڪو علم، ڪلچر، مذهب ۽ اخلاق توهان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي، ان جو انڪار ڪري ڇڏيو. اهو علم اعتبار جوڳو نه آهي، اهو ڪلچر بيڪار ۽ فرسوده آهي، اهو مذهب غلط آهي ۽ اخلاق جو اهو نظام بي معنيٰ آهي.
    جيڪڏهن زنده رهڻ گهرو ٿا ته اهڙي فلسفي کي قبول ڪيو، جنهن سان خدا تي ايمان به رهي ۽ غريبن جو ڀلو به ٿئي، جنهن جي ترجماني امام ولي الله دهلويءَ حجة الله البالغه ۾ ڪئي آهي.
    جيڪڏهن توهان جي اميرن، غريبن جا حق ادا نه ڪيا ته توهان جو حشر اهو ٿيندو جيڪو بخارا جي مسلمانن جو ٿيو. بخارا جي شهر شهر ۾ عربي يونيورسٽي هئي جنهن ۾ ستر هزار عربي علم پڙهڻ وارا موجود هئا. ترڪيءَ جي جيڪا سياسي طاقت هئي، اوهان جي ملڪ کي اها سياسي طاقت نه آهي. جنهن انقلاب جي آڏو بخارا جي مذهبيت نه بيهي سگهي، ترڪيءَ جي سياست نه بيهي سگهي، ان جي آڏو توهان ڇا دم هڻي سگهندؤ؟
    جڏهن انقلاب غريب جي جهوپڙيءَ کان اٿندو آهي ته اهو اميرن جي محلاتن کي به زمين ۾ ملائي ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن اوهان انقلابي بڻجڻ گهرو ٿا ته قرآن ۽ سنت جي طريقي سان انقلابي بڻجو.
    جيڪڏهن مان مري وڃان ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ ٽن سالن تائين انگريز هندستان مان نه نڪري وڃي ته منهنجي قبر تي اچي چئجو ته انگريز هتي اڃا ويٺو آهي، آءٌ توهان کي قبر کان جواب ڏيندس ته مون انگريز جي پاڙ بنياد کان ئي اکيڙي ڇڏي آهي. هينئر هو هندستان ۾ نه ٿو رهي سگهي ۽ جلد اوهان مون کي ياد ڪندؤ، آءٌ پنهنجي معاملي کي الله جي حوالي ڪيان ٿو.


    صدارتي خطبو جمعيت علماء صوبو بنگال

    3 جون 1939ع

    الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ
    اما بعد- هند جي مسلمانن، هن زماني ۾ جيڪي پنهنجون مختلف جماعتون جوڙيون آهن، انهن مان هڪ جماعت جمعيت علماء هند آهي. ان جي شروعات ڪيئن ٿي ۽ ڪهڙيءَ ريت هيءَ جماعت اڄ تائين پنهنجي وجود جو ثبوت ڏيندي رهي، ان جي تاريخ کان اوهان ايتريقدر واقف آهيو جنهن ۾ مان ڪوبه واڌارو نه ٿو ڪري سگهان.
    انهيءَ قسم جي جماعت جي هڪ ٻي صورت ان کان پهريائين ظاهر ٿي چڪي آهي جنهن کي جمعيت الانصار چيو ويندو هو. هاڻي ٻڌان ٿو ته هي نالو ڪنهن ٻيءَ جماعت پنهنجي لاءِ پسند ڪيو آهي، پر منهنجي نظر ۾ اهڙي نوعيت جي ان جماعت جو عام پسند نانءُ جمعيت علماءِ هند آهي.
    ان کان پهريائين (هن) جماعت سان منهنجو خصوصي واسطو هيو. حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه جي خادمن سان گڏ مان به عمل ۾ شريڪ رهيو آهيان. ان قسم جي جماعت ۾ شڪل ۽ صورت جي بدلجڻ سان اصلي مقصد تي گهڻو اثر نه ٿو ٿئي، ان ڪري مان هن جماعت جي نقطه نظر کان اڻڄاڻ نه آهيان.
    مون حضرت شيخ الهند جي حڪم سان 4 شوال سن 1333هه تي هندستان ڇڏيو. حضرت مولانا حسين احمد جي خواهش تي 1358هه جي شروعات ۾ واپس ٿيس. ان عرصي ۾ اهڙين حالتن مان گذريو آهيان جو ڪڏهن موت جي منهن مان وڃي بچي نڪتس ۽ ڪڏهن نااميديءَ جي غلبي جي بُرن اثرن کان بچڻ لاءِ اهڙين جماعتن سان گڏجي ڪم لاءِ سوچيندو رهيس، جن سان شايد اطمينان واري حالت ۾ معمولي طورتي ملڻ به جائز نه سمجهان ها.
    هتي مثنويءَ جا ڪجهه شعر لکان ته منهنجي ڪيفيت وڌيڪ وضاحت سان سمجهه ۾ اچي سگهندي.
    من بہر جمعیتے نالاں شدم، جفت خوشحالاں وبد حالاں شدم
    ہر کسے ازظن خودشد یا رمن، وزد دروں من نجست اسرار من
    سرمن ازنالہءِ من دور نیست، لیک گوش و چشم زا آن نورنیست
    هن بيان ۾، مان پنهنجي خاص دوستن کي نينڍ ڏيان ٿو ته هو اسان جون شخصي حالتون چڱي طرح معلوم ڪن.
    ان في ذالڪ عبرت الاولي الباب
    (معنيٰ: بيشڪ ان ۾ عقل وارن لاءِ عبرت آهي.)
    مون کي وطن اچڻ جي اجازت ملي، مان ان کي الله جي رحمت جو خاص ڪرشمو مڃان ٿو، هوريان هوريان منهنجي دماغ تان وحشت دور ٿي رهي آهي. واپسيءَ جي اميد ختم ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جي ويجهو پهچڻ سان وڌيڪ برا اثر دل ۽ دماغ تي حاوي ٿي رهيا هئا. الله جي رحمت اُن ڏکيائيءَ ۾ واهر فرمائي ۽ اُن برداشت کان ٻاهر مصيبت کان ڇوٽڪارو مليو.
    حمد ربي عليٰ ذالڪ حمد الشاڪرين
    منهنجا ڪجهه محترم دوست هيءُ به خيال ڪندا رهيا ۽ ان تي کين ضد هئي ته مون کي واپس نه اچڻ گهرجي، گهڻو ڪري هو اهڙن وهمن ۾ مبتلا هئا ته مان آزاد زندگي گذاريان ٿو، ان ڪري هتان جي غلاميءَ ۾ اچي وڪوڙجي ويندس. ان وهم سندن دماغ ۾ مختلف روپ ڌاريا هئا پر مون ان کي سختيءَ سان ناپسند ڪيو. مون سان ڇاوهيو واپريو سو سندن سمجهه ۾ نه ٿو اچي سگهي.
    کجادا نند حال ماسبکسا ان ساحلها
    مان وري به الله رب العزت جو شڪر ڪريان ٿو ته سمنڊ جي ڪناري تي پير رکڻ واري وقت کان اڄ تائين مون، انهن وهمن جو ڪوبه اثر نه ڏٺو. فالله الحمد واولاً واخراً
    ”لم شڪرالله من لم شڪرالناس“ جي اصول تي توهان مون کي اجازت ڏيو ته جن ماڻهن منهنجي واپسيءَ لاءِ جاکوڙ ڪئي آهي، انهن جا ٿورا مڃان. ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريائين منهنجي محترم دوست چوڌري غلام رسول مهر ۽ منهنجي پراڻي مهربان سر عبدالله هارون مون لاءِ ڪوشش شروع ڪئي. اها تحريڪ ان وقت ڪجهه عارضي ڪارڻن جي ڪري ڪامياب نه ٿي سگهي، پر ڪوششون ڪندڙن کي داد نه ڏيڻ هڪ قسم جي بزدلي ۽ انسان فراموشي آهي. ان ڪري مان هن اجلاس ۾ انهن لاءِ دعا ٿو ڪريان، جزاهم الله احسن الجزا.
    ٻئي ڀيري ان تحريڪ کي انڊين نيشنل ڪانگريس، مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ ۾ هلايو ۽ منهنجي دوستن هندستان جي هر ڪنڊ کان تائيد ڪئي جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو هند جي گورنمينٽ مون کي واپسيءَ جي اجازت ڏني. ان تحريڪ جي تائيد ۾ هر هندستانيءَ بهرو ورتو. سياسي نظريي جي اختلاف جو ڪو به اثر نه ٿيو. پوءِ به مون سان خصوصي واسطو رکندڙ جماعتون جهڙوڪ دارالعلوم ديوبند ۽ جمعيت علماءِ هند جون شاخون ۽ سنڌ جون سياسي ۽ غيرسياسي جماعتون خاص طور تي قابل ذڪر آهن.
    ان اجازت جي مسئلي کي جيڪڏهن اونهي نظر سان ڏٺو وڃي ته توهان کي معلوم ٿيندو ته ان فيصلي ۾ هز امپيريل مئجسٽيءَ جي هندستاني وزير جي منظوري حاصل ڪئي وئي آهي ۽ هي به چٽيءَ طرح سامهون اچي ويندو ته جيڪڏهن سنڌ گورنمينٽ پنهنجي اجازت نه ڏئي ها ته هوند هي معاملو ظاهر ئي نه ٿئي ها. ٿورو اڳتي ڏٺو وڃي ته هيءُ به ممڪن آهي ته سنڌگورنمينٽ کي ان ضمانت تي تيار ڪرڻ لاءِ جدي جي رهواسي برطانوي وزارتِ مختار ۽ ان جي مددگار انڊين وائس ڪائونسل خاص بهرو ورتو هجي.
    ان ڪري مان (1) هز امپيريل مئجسٽي ۽ برٽش ڪئبنٽ کان پوءِ (2) هز ايڪسيلينسي وائسراءِ ۽ انڊين گورنمينٽ کان پوءِ (3) هز ايڪسيلينسي گورنر سنڌ ۽ سندس گورنمينٽ جي معزز اراڪين جيئن سر غلام حسين هدايت الله (4) کان پوءِ جدي جي برٽش قائم مقام ۽ پنهنجي محترم دوست سيد لال شاهه (جدي جي انڊين وائيس ڪائونسل) جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو.
    اهڙيءَ طرح، ان سان گڏوگڏ بلڪ هڪ حيثيت سان پهريائين پنهنجي ديس جي سڀ کان وڏي فلاسافر مهاتما گانڌي ۽ پنهنجي قومي جماعت انڊين نيشنل ڪانگريس، جنهن جو مان سورنهن ورهين کان ميمبر آهيان ۽ پنهنجي ٻاهرين زندگيءَ ۾ ان جي لاءِ ڪم ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪانگريس جي سرگرم ميمبرن جو عام طور ۽ پنهنجي معزز دوست شري يت برج لال بياني ميمبر ڪائونسل آف اسٽيٽ ۽ ڊاڪٽر چوئٿ رام پريزيڊنٽ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي جو خاص طور ۽ پوءِ عام مسلمان جماعتن جو ۽ عام هندستانين جو شڪريو انهيءَ قدر دل جي گهراين سان ادا ڪريان ٿو.
    جن مانوارن جو شڪريو ادا ڪري رهيو آهيان، انهن جي اها وچور فقط ظاهري حيثيت کان آهي، هتي مان ان جي اندرئين پاسي ڏي به اشارو ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو.
    اُن معنوي لحاظ کان سڀ کان پهريائين حضرت مولانا حسين احمد صاحب مدظله العالي جو نانءُ اچي ٿو جيڪي منهنجي استاد شيخ الهند جا جانشين يعني ”شيخ الهند ثاني“ آهن. جيڪڏهن مولانا حسين احمد جن منهنجي واپسيءَ جي خواهش ظاهر نه ڪن ها ته مان مشڪل سان ان ڳالهه تي راضي ٿيان ها ته گورنمينٽ هند آڏو واپسيءَ ۾ سهوليت ڏيڻ لاءِ درخواست ڪريان.
    منهنجي نظر ۾ ان درخواست کي موڪلڻ جي ڇو ضرورت پئي؟ ان جي وضاحت لاءِ مان ڪجهه جملا عرض ڪريان ٿو.
    منهنجي خيال ۾ جيستائين منهنجو محترم ساٿي مولانا منصور (مقيم ڪابل) ۽ منهنجو محترم دوست راجا مهندر پرتاب اهڙي درخواست هندستان گورنمينٽ جي خدمت ۾ نه موڪليندا ۽ مهاتما جيءَ جي عدم تشدد واري مسئلي تي پابنديءَ جو يقين نه ڏياريندا ۽ ان سان گڏ پنهنجي فيصلي سان مون وانگر پرڏيهي تحريڪن کان واسطو نه ٽوڙيندا تيستائين گورنمينٽ هند ڪنهن معاملي تي نظرثاني ڪرڻ منظور ڪندي.
    اوهان جو ايترو وقت وٺڻ لاءِ معافي ٿو وٺان ۽ اُن شڪريي واري قصي کي پورو ڪري اڳتي وڌان ٿو. مان اُن کان غافل نه آهيان ته منهنجا ڪيترائي گهڻ گهرا دوست منهنجي ايتري ڊگهي شڪريي کي خوشيءَ سان نه ٻڌندا پر منهنجو فرض جي ادائگيءَ تي مجبور هجڻ کين تکيون ڳالهيون ٻڌائڻ آهي. مان کانئن ٻيهر معافي ٿو وٺان ۽ اڳتي هلان ٿو.
    مانوارؤ! مان پنهنجي فيصلي سان ڪابل ڪونه ويو هوس، مون کي حضرت شيخ الهند جو ناقابل تنسيخ حڪم مليو ۽ منهنجي ساٿين جي مرڪزي جماعت به اِهوئي فيصلو ڪيو. مان الله جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جو ڌڻيءَ مون کي حڪم جي تعميل جي توفيق ڏني.
    منهنجو ارادو نه هيو ته مان برطانوي گورنمينٽ جي پاڇي هيٺ وري هن ملڪ ۾ ايندس. ان ڪري دارالسلطنت ڪابل ۾ مون تي ڀرپور اعتماد ڪيو ويو. اوهان کي ڄاڻ آهي ته مون کي اعليٰ حضرت امير امان الله خان جي فيصلي تي ڪابل ڇڏڻو پيو.
    ان کان پوءِ مان سوويت رشيا ۾ عارضي قيام جي لاءِ مجبور ٿيس. اسان جي سمجهه ۾، اسان جي ديس ڇڏڻ کي اُن کان اڳ جيڪڏهن هجرت واري مقدس نالي سان ڄاتو ويندو هو ته (پوءِ) جيحون (درياءَ) پار ڪرڻ کانپوءِ اُها حيثيت ختم ٿي وئي.
    هاڻي منهنجي حالت اِها آهي، جنهن ڏانهن هن آيت ۾ اشارو ڪيو ويو آهي، ”وَلَوْلاَ نَفَرٌ مّنِ کُلِّ فِرْقَۃٍ طَائِفَۃٌ“
    منهنجو فرض اُن صورت ۾ فقط ايترو آهي ته مان پنهنجي معلومات پنهنجي جماعت آڏو پيش ڪريان ۽ جيڪڏهن هو مناسب سمجهن ته ان مان فائدو وٺن.
    هن موقعي تي مان جميعت علماءِ بنگال جو خاص شڪريو ادا ٿو ڪريان جو هن مون کي اهڙو موقعو ڏنو، جتان مان پنهنجا مختصر خيال پنهنجي قوم ۽ ملڪ آڏو پيش ڪريان.
    مانوارؤ! مان اهڙي زماني ۾ هندستان کان ٻاهر رهيو آهيان، جنهن کي انقلاب جو دؤر چوڻ گهرجي. وڏيون وڏيون بادشاهيون موت جي منهن ۾ وڃي رهيون هيون انهن جي جاءِ تي قوم جي دليرن جو اهو دستو جيڪو سڄي ڄمار تڪليفون سهندو رهيو، هاڻي پارٽي پاليٽڪس جي اصول تي پنهنجي ٿوري جماعت جي زور تي نيون حڪومتون ٺاهي رهيو آهي. اهڙي زماني ۾ نون ۽ پراڻن چوٽيءَ جي سياستدانن کان پرائڻ جو موقعو ملندو رهيو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته اسان اُن عالمگير انقلاب جي حقيقت ۽ ان جا بنيادي اسرار سمجهڻ لائق ٿي وياسين.
    مانوار‍ؤ! توهان کي ڄاڻ آهي ته مان ڪابه يورپين ٻولي نه ٿو ڄاڻان، ان ڪري اُن ڪم ۾ پنهنجي نوجوان دوستن جي مدد جو ٿورائتو آهيان. منهنجا هي نوجوان دوست هندستاني هئا. يعني انهن آڏو هندو ۽ مسلمان، نيشنلسٽ ۽ سوشلسٽ جو ڪوبه تفاوت نه هيو. مان بنگال جو خاص شڪريو ادا ٿو ڪريان جو منهنجا محترم دوست پنڊت شب ناٿ بينرجي به انهن نوجوانن جي فهرست ۾ شامل هئا.
    مانوارؤ! جڏهن اسان اُن عالمگير انقلاب جي حقيقت کان واقف ٿي وياسين ته بعد ۾ مان ان کان وڌيڪ پنهنجي ديس ۽ دين جي ڪابه خدمت نه ٿو ڪري سگهان جو کين ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪريان ته هندستان جو اُن عالمگير انقلاب کان متاثر نه ٿيڻ اڻٿيڻو آهي. ۽ انهن جماعتن کي جيڪي مون تي اعتماد ڪري سگهن ٿيون، اهڙا طريقا ٻڌايان جنهن سان هو نقصان جي مقابلي ۾ وڌيڪ فائدو ماڻي سگهن.
    هن وقت مان پنهنجي مختصر عنوانن جو ذڪر ڪريان ٿو. مان جڏهن کان هندستاني سمنڊ جي ڪناري تي لٿو آهيان، (هينئر تائين) مون کي آرام جو ڪوبه موقعو ڪونه مليو آهي. منهنجي طبعي ڪمزوري ۽ سفر جي تقاضا سبب هن وقت تائين مان پنهنجا فڪر من موهيندڙ صورت ۾ پيش ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگهيو آهيان. جيڪڏهن مون کي چڱي فرصت ملي ته مان وڌيڪ دليلن سان ۽ واضع شڪل ۾ پنهنجو فڪر اوهان کي ٻڌائيندس، پر هينئر ان کان وڌيڪ توقع مون جهڙي عاجز کان نه ڪرڻ گهرجي:
    (1) جيڪڏهن منهنجو ديس اُن انقلاب جي نقصانن کان بچڻ گهري ٿو ته ان کي يورپين اصول تي نيشنلزم کي هٿي ڏيڻ گهرجي، پوئين زماني ۾ اسان جو ملڪ جيتري قدر ناميارو رهيو آهي ان کي دنيا ڄاڻي ٿي پر اسان ان مان ڪوبه فائدو نه ٿا ماڻي سگهون، جيستائين اسان اڄوڪين قومن ۾ پنهنجو وقار نه ٿا ثابت ڪري سگهون، ڄاڻڻ گهرجي ته هي انقلاب نئين صورت ۾ پيدا ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ يورپ جي ٻه سؤ سالن جي ترقي ڪم ڪري رهي آهي ۽ ان کان اسان جو عوام بلڪل اڻ ڄاڻ آهي.
    اسان جي هندوستاني تهذيب جو قديم دور جيڪو هندو تهذيب سڏجي ٿو ۽ جديد دؤر، جنهن کي اسلامي تهذيب سمجهيو ويندو آهي، ٻئي مذهبي سکيا گهر آهن ۽ اڄڪلهه جو يورپين سکيا گهر، مذهب کان بلڪل اڻڄاڻ آهي. ان جو مدار فقط سائنس ۽ فلسفي تي آهي، تنهن ڪري اسان جي وطن ۾ جيڪڏهن اُن انقلاب کي سمجهڻ جي لياقت پيدا نه ٿي ته ڏينهون ڏينهن گهاٽو ئي گهاٽو اسان جي پلئه پوندو.
    (2) ان (نيشنلزم جي ترقيءَ جي) مقصد جو پورائو منهنجي خيال ۾ ان صورت کان سواءِ ٿي ئي نه ٿو سگهي ته انڊين نيشنل ڪانگريس کي سموري هندستاني سياست جو مرڪز بڻايو وڃي.
    مون کي افسوس آهي ته منهنجي محترم دوستن جو نوي سيڪڙو حصو مسلم ليگ ۾ شامل آهي ۽ هو اها اميد رکن ٿا ته دنيا ليگ کي ڪانگريس جي برابر مڃيندي، تنهنڪري هو اُهي پروپيگنڊا پارٽيون ڏيهه ۽ پرڏيهه اماڻڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. مان کين ان حقيقت کان واقف ڪرڻ گهران ٿو ته جڏهن کان برطانوي گورنمينٽ، منٽو مارلي اسڪيم سڌارن جي مقدمي ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جو ذڪر ڪيو ان وقت کان دنيا گورنمينٽ آف انڊيا کان پوءِ نيشنل ڪانگريس کي سڃاڻي ٿي. ان کان پوءِ خلافت واري دؤر ۾ جنهن زور سان نان ڪوآپريشن عمل ۾ آئي، ان به ملڪ جي طاقت انڊين نيشنل ڪانگريس کي مڃرائڻ ۾ مدد ڏني. ايتريقدر گهرن اثرن جي موجودگيءَ ۾ ماڻهو ملڪ کي دوکو ڏيڻ گهرن ٿا ته هو ليگ کي ڪانگريس جي برابر ڪري ڏيکاريندا. مان پنهنجي دوستن جي نيت ۽ خلوص تي ڪوبه حملو نه ٿو ڪرڻ گهران. مان پنهنجي ملڪ کي اڻڄاڻ رهڻ نه ڏيندس ۽ کين حقيقتن کان جاهل رکي ڪنهن کي فائدو حاصل ڪرڻ نه ڏيندس.
    اُن ڪري مان پارت ٿو ڪريان ته نيشنل ڪانگريس جا ڪرتا ڌرتا يورپين نيشنلزم ڦهلائڻ کي پنهنجو نصب العين بڻائين. هو فقط اقتصادي ترقيءَ کي آزاديءَ جو بنياد قرار ڏين (۽) اسان جي ملڪ جي محترم فلاسافر مهاتما گانڌيءَ جي طبعي خاصيتن ۽ سندس رجعت پسند (مذهبي) لاڙي کي قوم جو عملي دستور بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪن.
    مان مهاتما جن جو نان وائيلينس (عدم تشدد) واري پوليٽيڪل پروگرام ۾ اعليٰ درجي جو احترام ڪريان ٿو پر سندن نظريي ۽ فلسفي سان پوريءَ ريت متفق نه آهيان. منهنجو خيال آهي ته اصلي نقطي کان هٽي وڃڻ جو پهريون نتيجو هي نڪتو ته اسان جي وطني تحريڪ مان پهرئين نمبر تي مولانا شوڪت علي مرحوم ۽ سندس ساٿي ۽ ٻئين نمبر تي محترم سڀاش بابو ۽ سندس دوست غيرمطمئن ٿي ويا.
    يورپ سياست ۾ مذهب جو واهپو ڇڏي ڏنو آهي ليڪن فلسفي کي پارٽيءَ جو بنياد بڻائڻ لاءِ مجبور آهي. منهنجو خيال آهي ته اسان جي ملڪ جي هندو، مسلمان ۽ سک وغيره ٽولن ۾ اهڙن عالمن جي کوٽ نه آهي ته هو پنهنجي مذهبي روح (يعني فلسفي) سان يورپين اقتصاديات کي مطابقت ڏين. (يعني انهن ۾ موجود هم آهنگي وارن نڪتن کي اجاگر ڪن) ان سان هو عوام کي جلدي سجاڳ ڪري سگهندا پر مذهبي ريتن رسمن کي نيشنل تحريڪ جو جزو بنائڻ، (ڀلي اهو ڪنهن نيڪ نيتيءَ سان ئي ڇو نه هجي) ملڪ کي تباهيءَ کان نه بچائيندو.
    (3) مان جمعيت علماءِ هند کي هڪ پهرئين درجي جي انقلابي جماعت بنائڻ جو مشورو ڏيندس. ان لاءِ ضروري ٿيندو ته هو اسلام جي شارحن مان هرهڪ ڌر جي پيروي نه ڪن، ڪنهن غيرانقلابيءَ تي ڀروسو نه ڪن، جيستائين ان جي مذهبي ڄاڻ ۽ سندس زندگيءَ جو نمونو، اطمينان جوڳو ثابت نه ٿي چڪو هجي.
    ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ مان پنهنجو امام، شاهه ولي الله دهلويءَ کي بڻائي چڪو آهيان، جيڪو پنهنجي انقلابي سياست ۾ اسلام جي صورت ۽ معنيٰ جو مڪمل ڀرجهلو آهي.
    يورپين انقلابي اُن امام جي نظرين کان اڳتي نه وڌي سگهيا ۽ اسلامي علمن ۽ فنن، فقهه ۽ حديث، تفسير ۽ تصوف ۽ حڪمت ۾ سندس امامت مڃيل آهي. جيڪڏهن اسين سندس سياست جي وضاحت ڪري سگهياسين ته جمعيت علماءِ هند يورپ جي انقلاب کي سمجهڻ ۽ هلائڻ جي اهليت سولائيءَ سان پيدا ڪري سگهندي.
    (4) مان پارت ٿو ڪريان ته اسان جا اڳواڻ مذهب ۽ ملت ۽ وطن لاءِ برٽش گورنمينٽ جي ٻن سون سالن جي دور يعني سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ حڪومتي سرشتي مان پرائڻ جي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪن. جهڙيءَ طرح اسان يورپ کان نفرت ڪري پنهنجي ترقيءَ کي محدود ڪري ڇڏيو آهي، اُن (طريقي) کي هاڻي الله واهي چئون. مان چاهيان ٿو ته اسان جي هاريءَ ۽ مزدور جي زندگيءَ جو معيار به يورپ واسين کان گهٽ نه ٿئي ۽ ملڪي ترقي ڪندڙ پارٽيون ان کي پنهنجو نصب العين بڻائين.
    (5) مان چاهيان ٿو ته يورپ جي انٽرنيشنل ادارن ۾ اسان جو وطن هڪ معزز ميمبر طور مڃيو وڃي. ان لاءِ اسان کي پنهنجي سماج ۾ انقلاب جي ضرورت پوندي. مان ڪنهن آل انڊيا تحريڪ شروع ڪرڻ لاءِ پنهنجي طبيعت ۾ عملي صلاحيت نه ٿو ڏسان. ان ڪري سنڌ ۾ نموني طور ان ڪم کي شروع ڪندس.
    جيڪو انقلاب مان آڻڻ گهران ٿو ان جا ڪجهه مثال ٻڌايان ٿو:
    (الف) سنڌي ٻولي، جنهن کي هر هڪ سنڌي پنهنجي مادري زبان جي حيثيت ۾ ڳالهائي ٿو رومن اکرن ۾ لکندو. ان سان ٽائيپ رائيٽر مان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو جلدي ملندو ۽ يورپ جا ماڻهو اسان جي ٻولي سولائيءَ سان سکي سگهندا.
    (ب) سنڌي پنهنجي ديس جو ٺهيل ڪپڙو پائيندو پر اهو ڪوٽ يا پتلون جي شڪل ۾ هوندو يا ڪالر واري قميص ۽ ڪڇي جي صورت ۾. مسلمان پنهنجا ڪڇا گوڏن کان هيٺ تائين استعمال ڪري سگهن ٿا. ٽوپلو ٻنهي صورتن ۾ بي حجاب استعمال ڪندا.
    (6) مان ڪوشش ڪندس ته جمعيت علماءِ هند جا ٻه ڀاڱا ڪيا وڃن. پهريون ڀاڱو مسلمانن جي علمن جو محافظ هجي. سمورا ديني مدرسا ۽ تبليغي ادارا ان سيڪشن کي رهنما بڻائين. ان صنف جي عالمن لاءِ مان پنهنجو تجربو ۽ سوچيل سمجهيل راءِ اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو ته جيئن غور، فڪر ۽ فيصلي ۾ مدد ڏيئي سگهان.
    هندستان جي مسلمانن کي ديني تعليم ڏيڻ جا ٽي درجا آهن:
    (الف) پهريون درجو هي آهي ته ڏيهي ٻولين ۾ ديني اصول عوام آڏو پيش ڪيا وڃن. هي طئي ٿيل مسئلو آهي ته ڪنهن قوم جي عام تعليم ان جي مادري زبان کان سواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ ناممڪن آهي. ان ڪري جمعيت لاءِ ضروري آهي ته هندستان جي هرهڪ قوم کي جيڪا هڪ مستقل ٻولي ڳالهائيندي هجي. جيئن سنڌي، پشتون، ڪشميري، بنگالي، انهن جي ٻوليءَ ۾ اسلام جي پنجن شروعاتي علمن سيکارڻ تي بس نه ڪري پر قرآن عظيم جي چونڊيل سورتن جو ترجمو ۽ حڪمت ڀريو تفسير ٻڌائي کين دين جي مٿانهن مقصدن کان واقف ڪري.
    ان سان گڏ هتي هڪ مسئلي جو ذڪر ضروري سمجهون ٿا ته مسلمانن جون ٻوليون عام طور تي عربي رسم الخط ۾ لکيون وينديون آهن. ان ڪري هر هڪ اکر مختلف صورتن ۾ لکڻو پوندو آهي. ڪاروباري عوام لاءِ اها رسم الخط سکڻ سولي ناهي، انهن لاءِ خاص طورتي جدا جدا حرفن واري رسم الخط ايجاد ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا اعرابن ۽ بيهڪ جي نشانين واري سڌاري کانپوءِ سمورن ملڪن ۾ رواج پذير ٿي سگهي ٿي، سا بهترين رسم الخط هوندي ۽ افغانستان، ترڪستان، ايران ۽ عربي ملڪن ۾ شايع ٿي سگهي ٿي.
    (ب) ٻيو درجو: هندستاني مسلمانن کي ٻئي درجي تي اڙدوءَ وسيلي اسلامي تعليم ڏيڻ جمعيت علماءِ هند جو اهم ڪم آهي. ان درجي تي فارسي، اخلاق ۽ تصوف جا ڪتاب ۽ شروعاتي ادب سيکارڻ به ضروري ٿيندو.
    تنبيهه: مان هتي ٻڌائڻ گهران ٿو ته، اڙدو چڱيءَ طرح ڪوبه نٿو لکي سگهي، جيستائين هو ”گلستان“، ”بوستان“ ۽ ”ڪافيي“ تائين پڙهيل نه هجي. ان ڪري اڙدو سيکڙاٽن کي ٿورو فارسي گرامر ۽ ادب ڄاڻڻ ضروري آهي ۽ منهنجو خيال آهي ته هندستان جي ان ٻوليءَ ۾ بين الملي زبان بڻجڻ جا سڀ کان وڌيڪ امڪان آهن، ان ڪري ٻوليدان عالمن جو فرض آهي ته ان ٻوليءَ کي سکڻ جون سڀئي ضرورتون هڪ ڪتاب ۾ گڏ ڪن ته جيئن مختلف قومن کي سکڻ ۾ سهنج ٿئي.
    اڙدوءَ ۾ قرآن عظيم جو تفسير، حديث، فقهه، تاريخ ۽ تصوف جا اعليٰ مضمون هندستان جي مسلمانن کي گڏيل طريقي سان سيکاريا وڃن ۽ مان انهن ديني خادمن جي واکاڻ ڪرڻ تي مجبور آهيان، جن قرآن جو پهريائين اڙدوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ”مشڪواة، ”مشارق الانوار“، ”دُرِ مختار“ ۽ ”احياءُ العلوم“ جهڙن ڪتابن جو گذريل صديءَ ۾ ترجمو ڪيو.
    (ج) ٽئين درجي تي ديني تعليم عربي ٻوليءَ وسيلي ٿئي. دارالعلوم ديوبند جو عربي نصاب هندستان لاءِ هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ان سان فقهه، حديث، تفسير، فلسفو ۽ ڪلام سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ٿئي ٿي. ان کي ديني علمن جو تڪميلي نصاب سمجهڻ تمام ڳري غلطي آهي.
    ان کان پوءِ ان صنف جي عالمن کي مشورو ڏيان ٿو ته هو ديني علمن جي پورائي جا دارالتڪميل کولين. دارالعلوم ديوبند ۾ فقط علم حديث جي تعليم هڪ حدتائين تحقيق ۽ تڪميل واري ٿيندي رهي آهي، باقي هنر فن (ڳڻپ) واري درجي کان اڳتي نه وڌيا آهن. منهنجو ذاتي تجربو آهي ۽ جمعيت الانصار ان کي قبول ڪيو هو ته دارالتڪميل ۾ امام ولي الله جا ڪتاب پڙهايا وڃن. اڄ مان ان جي وضاحت ڪرڻ لاءِ اوهان آڏو بيٺو آهيان ته حديث ۽ فقهه ۾ امام ولي الله دهلويءَ جي جيتري ضرورت آهي، ان کان وڌيڪ اسان سندس حڪمت، فلسفي ۽ سياست سمجهڻ جا ڪاڻيارا آهيون.
    منهنجو ذاتي تجربو آهي ته يورپ جو فلسفو سمجهڻ لاءِ ۽ انقلابي سياست تي قابليت سان غور ڪرڻ لاءِ يا پنهنجي قومي ۽ مذهبي خودي قائم رکڻ لاءِ هن امام جي ڪتابن جي بيحد ضرورت آهي. ان جي جُتيءَ ۾ ٻيو ڪوئي ليکڪ پير پائي نٿو سگهي.
    مان پارت ڪريان ٿو ته تفسير ۾ ”فتح الرحمان“ جيتوڻيڪ فارسي ترجمو آهي پر ضرور پڙهايو وڃي. اهو ايتريقدر فائديمند آهي جو ڪوبه تفسير ان جو مٽ نٿو ٿي سگهي.
    نحوي عالمن جهڙيءَ ريت عربي گرامر کي هروڀرو استعمال ڪري قرآن کي سمجهڻ ۾ شڪ شبها پيدا ڪري ڇڏيا آهن، فتح الرحمان ان کان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو. جيئن ته مان پهريون ئي عرض ڪري چڪس ته اڙدوءَ جي حفاظت لاءِ فارسيءَ جي ضرورت آهي. هي ترجمو جيڪڏهن سبقن ۾ داخل رهيو ته اهو مطلب به پورو ٿي ويندو.
    اصول التفسير ۾ ”فوزالڪبير“ ۽ علم حديث جي اصولي ۽ وقتي تشريح ڪرڻ ۾ ”حجة الله البالغه“ بي مثال ڪتاب آهن.ساڳيءَ ريت اهلِ سنت جو مجتهداڻو فقهه سمجهڻ ۾ ”مسويٰ“ مدد ڏئي ٿو. ان کان پوءِ ”ازالة الخفاء“ مهڙئين دور جي تاريخ جو فلسفو ۽ سياست جا اصول سيکاري ٿو. ”البدور بازغه“ نيچرل حڪمت سيکاري ٿو ۽ ان اصول جي تشريح ۾ اڻ مٽ ڪتاب آهي ته انساني فطرت خدائي دينن جو معيار ٺاهي وئي. ”الخير الڪثير“، الاهيات جي فلسفي کي ڪتاب ۽ سنت جي شرح ۾ استعمال لائق بڻائي ٿو. مان سفارش ٿو ڪريان ته هي سمورا ڪتاب دارالعلوم ديوبند جهڙن مرڪزي مدرسن جي سبقن ۾ شامل ڪيا وڃن.

    ٻن شبهن جو ازالو:
    هتي پهچي ضروري سمجهان ٿو ته هڪ ٻن شبهن جو جواب ڏنو وڃي.
    پهريون شبهو- هي آهي ته مصر ۾ عربيءَ جي نواڻ (تجديد) ٿي رهي آهي. سمورن هنرن جي سؤلي سمجهاڻيءَ وارا ڪتاب ٻيهر لکجي رهيا آهن. علماءِ هند کي پنهنجو عربي ڪورس انهن جي پيرويءَ ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي. مان ان تبديليءَ جو مخالف آهيان ۽ مون تي رجعت پسند هجڻ جو الزام لڳائڻ کان اڳ منهنجو جواب ٻڌڻ گهرجي.
    نئين شڪل ۾ سڌاريل عربي مدرسن مان جيڪي شاگرد نڪري رهيا آهن سي پنهنجي تاريخ ۽ فلسفي کان اڻڄاڻ ٿيندا ٿا وڃن ۽ يورپين فلاسافي انهن جي ذهنن تي غالب ٿي رهي آهي، مثال لاءِ سعودي حڪومت جي شاگردن کي وٺو. هو عقيدي جي لحاظ کان شيخ الاسلام ابن تيميه جي پيروڪارن مان آهن ۽ انهيءَ جي پيرويءَ جي دعوت کي سلغيت (وڏن جي پيرويءَ) جو نالو ڏين ٿا پر حالت هي آهي جو انهن مان هڪڙو عالم به اِها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هو شيخ الاسلام جي ”منهاج السنته“ يا ”عقل و نقل“ (ڪتابن) کي سمجهي سگهي ٿو، ٻئي کي سمجهائڻ ته پري رهيو.
    منهنجو خيال آهي ته اهڙيءَ طرح جيڪڏهن سڌاريل عربي نصاب اسان جي مدرسن ۾ غالب ٿي ويو ته يقين ڪريو ته اسان ”حجة الله البالغه“ جهڙو ڪتاب سمجهڻ کان عاري ٿي وينداسين ۽ اسان جو پنهنجو فلسفو جڏهن ذهن مان نڪري ويو ته اسين هر طرح ٿيڙجي سگهون ٿا.
    ٻيو شبهو- چيو وڃي ٿو ته ڇا اسان يورپين سائنس ۽ صنعتن سکڻ جا محتاج نه آهيون؟ ان ڪري اسان کي سؤلي عربيءَ مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي.
    منهنجو جواب هي آهي ته مان سائنس سکڻ جو ڪنهن به صورت ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهان، پر ان لاءِ عربيءَ کي ذريعو نه بنائڻ گهرجي، بلڪه انگريزيءَ ذريعي ان جو پورائو ضروري آهي.
    عربي لکڻ وارن ۾ نقل ۽ ترجمي ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ڪمال ناهي. ان ڪري مسلمانن کي نقل در نقل جو هيراڪ نه بڻايو وڃي.
    البته مان جنگي ڄاڻ سکڻ لاءِ ترڪي ٻوليءَ کي سمورين يورپين ٻولين تي ترجيح ڏيان ٿو. ان جو گرامر ڏاڍو سؤلو آهي. هڪ هندستاني چئن مهينن ۾ هڪ ڪلاڪ روزانو خرچ ڪري ان قابل ٿي وڃي ٿو جو هو ڪاليج جو ليڪچر ٻڌي سگهي. اهڙيءَ طرح طبي هنرن (سکڻ) لاءِ به ترڪي ٻوليءَ کي ترجيح ڏيان ٿو. عثماني بادشاهن جنگي ۽ طبي ڪاليج استنبول ۾ ٺاهي سمورن مسلمانن تي تمام وڏو احسان ڪيو آهي.
    (7) جمعيت العلماءِ جو ٻيو سيڪشن اسلامي فلاسافيءَ جو ڀرجهلو ٿئي. هيءَ اسلامي فلاسافي اصل ۾ ساڳي هندو فلاسافي آهي، جنهن کي مسلمان صوفين هند ۾ تڪميل جي درجي تائين پهچايو آهي. انهيءَ تڪميل واري درجي جو استاد ۽ مرشد وري به امام ولي الله دهلويءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه ٿي نٿو سگهي.
    هي ياد رکڻ گهرجي ته هن قسم جي عام لفظن مان اسان جي مراد اهي رباني عالم آهن جيڪي ٻين هزارين هجريءَ دوران هند ۾ پيدا ٿيا. اسان امام ولي الله دهلويءَ کي انهن ۾ سڀ کان وڏو امام مڃون ٿا.
    مان اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته مان دهليءَ جي جامعه مليه ۾ ان امام جي فلاسافي سيکارڻ لاءِ هڪ مدرسو ٺاهڻ گهران ٿو جيڪو منهنجي استاد شيخ الهند مولانا محمود حسن جو يادگار هوندو. غالباً جمعيت علماءِ بنگال هن تحريڪ کي چڱي نظر سان ڏسندي. هن مدرسي ۾ امام ولي الله جي فلاسافي انگريزي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪئي ويندي. مسلم ۽ غيرمسلم هر هڪ کي هڪ جيتري درجي تي سيکاري ويندي.
    ترڪن، ترڪي مسلمانن کي نيشنلسٽ بنايو، ته ان ۾ يقين سان هڪ درجي تائين بي ديني به اچي وئي. جيڪڏهن اسان اسلامي فلاسافيءَ جو اسڪول قائم ڪري سگهياسين ته هند جي مسلمانن کي نيشنلسٽ بڻجڻ ۾ اسلام ڇڏڻو ڪونه پوندو ۽ هندو فلاسافرن سان هم خيال ٿي يورپين معاشي انقلاب ۾ هو مذهب کي گهڻو اڳتي وٺي ويندا.
    (8) جمعيت علماءِ هند جو هي سيڪشن (Section) جيڪو حڪمت ۽ فلسفي لاءِ خاص هوندو، مان ان جي هر هڪ ميمبر کي دعوت ڏيندس ته هو انڊين نيشنل ڪانگريس جو ميمبر ٿئي. ۽ پهرين سيڪشن جي ميمبرن کي سڌوسنئون سياست ۾ حصو نه وٺڻ گهرجي. هو رڳو ٻئين سيڪشن جي ماتحت رهي ان جي تائيد لاءِ عوام کي ڪٺو ڪن ۽ اهڙيءَ طرح جمعيت العلماءِ ذهني انارڪزم مان ڇوٽڪارو ماڻيندي.
    (9) مان صلاح ٿو ڏيان ته انهن فلاسفرن جي ذميداريءَ تي سندن نگرانيءَ ۾ پهرين قسم جي عالمن ۽ شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي وڃي جنهن کي ”خدا مِ خلق“ سڏيو وڃي. هو هر هڪ انسان جي گهرج پوري ڪري سواءِ ڪنهن مذهبي فرق جي خدمت ڪن. انهيءَ خدمت جي زور تي قوم ۾ جمعيت علماءِ هند جي سياسي عزت مڃيل رهندي.
    (10) مان جمعيت علماءِ کي مشورو ٿو ڏيان ته ان جا حڪيم ۽ فلاسفر ان پاسي ڌيان ڏين ته هو قرآن عظيم جو حڪمت ڀريو تفسير، مسلم ۽ غيرمسلم سڀني آڏو پيش ڪرڻ کي پنهنجو فرض قرار ڏين.
    مان هن (ڳالهه) جو اطلاع ٿو ڏيان ته امام ولي الله جي حڪمت جو اهو مدرسو جنهن جو جاري ڪرڻ اسان جامعه مليه ۾ تجويز ڪري رهيا آهيون، ان تحريڪ کي هلائيندو ۽ هن خدمت کي ادا ڪندو رهندو.
    **


    صدارتي خطبو جمعيت علماءِ سنڌ

    آڪٽوبر 1939ع

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ
    اما بعد! جمعيت علماءِ سنڌ جيتوڻيڪ بظاهر جمعيت علماءِ هند جي هڪ شاخ آهي پر جيڪڏهن عالمن جي اجتماعي تحريڪ جي تاريخ تي نظر وجهجي ته ان کي جمعيت علماءِ هند لاءِ هڪ طرح جي مرڪزيت حاصل آهي.
    1327هه (1909ع) ۾ جمعيت الانصار قائم ٿي جيڪا جمعيت علماءِ لاءِ ابتدائي تصور جو ڪم ڏئي ٿي. جمعيت الانصار قائم ڪرڻ جي پهرين رٿ جنهن بنيادي اجلاس ۾ حضرت مولانا شيخ الهند آڏو پيش ٿي ان ۾ مولانا محمد صادق صاحب اڳواڻ جمعيت علماءِ سنڌ شريڪ هيو. مون کي ياد آهي ته جمعيت الانصار جو قانون مون سنڌ جي دارالرشاد مدرسي ۾ لکيو هو ۽ پهريون ڀيرو اهو الحق پريس سکر مان ڇپرائي ديوبند جي مرڪزي مجلس ۾ پيش ڪيو هو. ان کان پوءِ جمعيت الانصار جو مددگار ادارو جنهن جو نالو قاسم المعارف هيو ان جي پهرين شاخ قاسم المعارف ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي جنهن جو دستور مطبع قاسمي ديوبند مان شايع ٿيو.
    حضرات! اسان جي جمعيت علماءِ جيتوڻيڪ جمعيت الانصار جو ٻيو ايڊيشن آهي پر ٻنهي جي پروگرام ۾ هڪ بنيادي فرق موجود آهي جنهن جي وضاحت اوهان آڏو پيش ڪريان ٿو.
    حضرات! جمعيت الانصار منهنجي استاد مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند قدس سره جي سياست ۾ هڪ خاص قسم جي سياست جو مرڪز هئي جنهن کي مختصر طور سمجهڻ لاءِ حضرت شيخ الهند جي شخصيت تي غور ڪرڻ ئي ڪافي آهي. اوهان ڀليءَ ڀت ڄاڻو ٿا ته حضرت شيخ الهند نورالله قدره واعليٰ في العليين مقامه طريقه امداديه قاسميه رشيديه جا اڪيلا قائم مقام هئا. هي پڻ اوهان کي خبر آهي ته طريقه امداديه جي نسبت ولي اللهي ۽ عزيزي طريقي سان ان قسم جي آهي جيڪا هڪ عارضي نالي جي حقيقيءَ سان هوندي آهي.
    حضرات! هيءَ حقيقت پڻ اوهان کان ڳجهي ڪونهي ته جمعيت الانصار (پهرين) عام جنگ وارن ڏهاڙن ۾ سرگرم ٿي ۽ ان دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهم مقام پنهنجي لاءِ حاصل ڪري ورتو هو. ان کان پوءِ ڪافي عرصو گذري چڪو آهي جو ان جي سرگرمي ختم ٿي وئي. هن وقت جمعيت الانصار جي ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ذڪر ڪرڻ منهنجو مقصد ڪونهي، پر مقصد هيءُ آهي ته اسين دنيا کي ٻڌايون ته هن جمعيت علماءِ جو مقصد اهو ناهي جيڪو جمعيت الانصار جو هيو. ٿي سگهي ٿو ته تمام پري وڃي ٻنهي جا رستا ملي ويندا هجن پر هينئر اڄوڪي نسل آڏو جنهن عملي حيثيت ۾ هيءُ معاملو بحث هيٺ آهي ان ۾ ٻنهي جا پروگرام بلڪل مختلف آهن.
    حضرات! جمعيت الانصار پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد تي يقين رکندي هئي ۽ ٻين قومن جي جهڳڙن ۾ پنهنجي لاءِ ڪاميابيءَ جا موقعا ڳوليندي هئي، ان جي ابتڙ جمعيت علماءِ اهنسا (عدم تشدد) تي يقين رکي ٿي. ان کي پنهنجي ملڪ ۽ پنهنجي قوم ۾، پنهنجي سگهه ۽ ڏاهپ تي الله جي فضل سان پورو ڀروسو آهي. اُها جڏهن پنهنجي عدم تشدد ۽ حڪمران قوت جي مصلحت شناسيءَ جو گهرائيءَ سان اڀياس ڪري ٿي ته ان کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابيءَ جو جلوو نظر اچي ٿو.
    حضرات! اوهان پڇي سگهو ٿا ته ايتريقدر عظيم الشان تبديليءَ جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ اسان جي خيالن ۾ اها تبديلي ڪيئن آئي ۽ پوءِ ڪيئن اسين ان ٻي صورت تي قائم رهڻ جو يقين ڏياري سگهون ٿا؟ اهو تيستائين معلوم نه ٿيندو جيستائين اسان اوهان کي پنهنجي سفر جو قصو نه ٻڌايون:
    وہ حضر بے برگ و سامان، و سفر بے سنگ و میل
    حضرات! جڏهن اسان حضرت شيخ الهند جي پروگرام کي پنهنجي حيثيت آهر آخري منزل تائين پهچائڻ جي ويجهو پهتا هئاسين ته قدرتي اسباب اهڙا پيدا ٿيا جو اسان کي مڪمل شڪست آئي ۽ مزي جي ڳالهه ته ان کان پوءِ به اسان موت جي منهن مان بچي نڪتاسون. ان حالت ۾ هڪ عرصي تائين اسين پريشان حاليءَ ۾ مبتلا رهياسين مولانا روم جو هيءُ شعر
    من بہر جمیعتے نالاں شدم جفت خوش حالاں و برتالاں شدم
    (ترجمو: مون هر قسم جي ماڻهن کي پنهنجو داستان ٻڌايو، اميرن جي مجلسن ۾ شريڪ ٿيس ۽ غريبن سان به ويٺس.)
    ان حالت جي ترجمانيءَ لاءِ ڪافي آهي. اسان کي ان اعتراف ڪرڻ ۾ بيحد خوشي حاصل ٿئي ٿي ته حضرت مولانا شيخ الهند جي صحبت مان جيڪو ٿورو گهڻو اثر اسان جي طبيعت قبول ڪيو هو الله جي فضل سان اهوئي اسان جي ڪم آيو ۽ مايوسي ۽ خودڪشي کان بچي وياسين. الله رب العزت جو هزار ڀيرا شڪر آهي جو آخرڪار اسان کي راهه نظر اچي ويئي. جيڪڏهن مختصر طور تي ان کي بيان ڪجي ته ان جو عنوان ٿيندو:
    ”امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جي پيروي“
    اهو گهڻو ڪري سن 923هندي جو واقعو آهي. ان کان پوءِ به اسان ڇنڊڇاڻ کي ختم نه ڪيو. اسان کي جيڪي به دانشور ماڻهو ملي سگهيا اسان ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪندا رهياسين ۽ اسان کانئن مطالبو ڪندا رهياسين ته هو اسان کي ان کان بهتر راهه ٻڌائين. اسان جن به مسلمان قومن جي مفڪرن سان مذاڪرو ڪيو مثال طور ترڪ، مصري وغيره انهن مان ڪنهن به ان جو متبادل نه ٻڌايو ۽ اُهي صاحب هي به منظور نه پيا ڪن ته سندن ملڪ ۾ اسان اهو پروگرام جاري ڪريون. غيرمسلم قومن مان ڪجهه مفڪر ته حيران ٿي ويا ته ڇا مسلمانن ۾ اهڙو به حڪيم (ڏاهو) موجود آهي. هو چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا سوسائٽي ان حڪيم (فيلسوف) جي پروگرام تي عمل ڪندي هجي ها ته اسان ان کي قبول ڪري وٺون ها.
    حضرات! هاڻي اسان جي مشڪلاتن جو ٻيو ڏاڪو شروع ٿئي ٿو. پهرين ته ان حقيقت کان ڪنهن به ريت غفلت نٿي ڪري سگهجي ته هن فلسفي جي هندستان ۾ اشاعت ۽ وري ان جي پيرويءَ ۾ ڪنهن هندستاني قوم جي تنظيم لاءِ هڪ ڊگهي عرصي جي ضرورت آهي.
    ٻيو هيءَ ڳالهه پڻ پڌري آهي ته هن پروگرام کي هلائڻ لاءِ مرڪزي سگهه جمعيت علماءِ هند ئي بڻجي سگهي ٿي.
    حضرات! اسان هندستان ۾ واپس اچڻ جي اميد نه پئي ڪئي، تنهن ڪري جمعيت علماءِ هند کي متاثر ڪرڻ لاءِ حجاز ۾ ويهي عربيءَ ۾ ان قسم جو مواد گڏ ڪرڻ ۾ مصروف رهياسين جنهن مان امام ولي الله جي حڪمت جي فوقيت ۽ شيخ الهند جي جماعت جو ان سان ڳانڍاپو واضح ٿيندو رهي.
    اسان جون ان قسم جون تحريرون ڇاڪاڻ ته ڪنهن خاص سياسي پروپيگنڊا سان تعلق نه پيون رکن تنهن ڪري عرب، ترڪي ۽ هندستان جي علمي حلقن ۾ مقبول ٿيون ۽ بغير اسان جي خاص ڪوشش جي اُهي هندستان ۾ پهچي ويون. اسان جو خيال آهي ته ڪجهه ماڻهو ته ضرور ڪاوڙيا هوندا، پر اهڙا اهل علم پڻ موجود آهن جن کي ان قسم جي مضمونن سان هڪ قسم جي دلچسپي هجي.
    ٻي ضرورت کي ڪنهن نه ڪنهن رنگ ۾ اسان پورو ڪندا رهياسين، پر پهرين ڳالهه لاءِ اسان ڪوبه موقعو پيدا نه پئي ڪري سگهياسين سواءِ ان جي ته اسان عدم تشدد تي پنهنجي پروگرام جو بنياد رکون ۽ مستقل طور تي ڪانگريس سان وابسته ٿي وڃون.
    حضرات! انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ اهڙيون پارٽيون موجود هيون جن جو پروگرام هڪ خاص معنيٰ ۾ انقلابي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اُهي عدم تشدد جون پابند هيون تنهن ڪري هو ملڪ جي سياست ۾ پنهنجي مرضيءَ مطابق انقلاب آڻڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيون هيون. اسان انهن مان سبق سکيو ۽ جرائت ڪري عدم تشدد کي پنهنجي پارٽيءَ جي پروگرام ۾ داخل ڪري ورتو ۽ پنهنجي ڪجهه تيزگام نوجوان ساٿين کان الڳ ٿي وياسين.
    حضرات! اوهان ڀليءَ ڀت ڄاڻو ٿا ته ڪابل ۾ پهچي جڏهن اسان جو حڪومت سان سٺو تعارف ٿي ويو ته اسان اعليٰ حضرت امير حبيب الله جي رهنمائيءَ سان انڊين نيشنل ڪانگريس جا طرفدار ٿي وياسين ۽ اسان ان جي نالي سان پنهنجو ڪم لڳاتار سرانجام ڏنو. اُها ڳالهه وڌندي اعليٰ حضرت امير امان الله خان جي زماني ۾ هن درجي تي پهچي وئي جو اسان ڪابل ۾ ڪانگريس ڪميٽي ٺاهي ۽ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ان جو الحاق قبول ڪري ورتو.
    حضرات! اوهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن کان اسان جي ملڪ جو هڪ وڏو سياسي فلاسافر ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. هن ڏاڪي بڏاڪي ڪانگريس کي عدم تشدد جو پابند بڻايو. انهيءَ دؤر کان اسان جي ملڪ جي ترقي هڪ نئين اسلوب ۾ شروع ٿئي ٿي، تنهن ڪري اسان جي ملڪ جي انٽرنيشنل عزت ۾ گهڻو واڌارو ٿيو آهي.
    حضرات! اوهان ڄاڻو ٿا ته حضرت مسيح عليه الصلواة والسلام عدم تشدد جو پيغام ڏيئي، تورات جي پروگرام کي ڪامياب ڪرڻ چاهيو پئي ۽ اسان اهو به ڄاڻون ٿا ته اسان جي امام سيدالمرسلين صه جن مڪي زندگيءَ ۾ هڪ ڊگهي عرصي تائين ان تي عمل ڪيو، پر اسان پنهنجي فقهي ذهنيت سان ان کي هڪ منسوخ شريعت مڃي بي توجهيءَ سان ٽاريندا رهياسين.
    جنهن زماني ۾ اسان هر پاسي کان مايوس ٿي وياسين ۽ اسان عدم تشدد کي هڪ سياسي پروگرام جي شڪل ۾ منظم ٿيندي ڏٺو ته اسان جي حڪمت جي ذهنيت سجاڳ ٿي يعني جڏهن حالتون اهڙيون ٿي وڃن جيئن هڪ منسوخ شريعت جي ڏينهن ۾ ظاهر ٿينديون آهن ته عقلمنديءَ جي تقاضا هيءَ آهي ته پنهنجي راءِ پنهنجي ذميداريءَ سان انهيءَ منسوخ شريعت پٽاندڙ ٺاهي ان تي عمل ڪرڻ گهرجي، اهڙيءَ ريت اسان عدم تشدد (اهنسا Non violence) کي پنهنجي پروگرام ۾ اهم جڳهه تي رکيو.
    حضرات! ان کان پوءِ اسان جي مشڪلاتن جو ٽيون مرحلو اسان جي آڏو اچي ٿو. عدم تشدد جو سياسي نظريو قبول ڪرڻ پنهنجي اندر ڪابه ڏکيائي نٿو رکي پر ان سان گڏ هندستان جي ڪامل آزاديءَ کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائڻ هڪ مفڪر لاءِ سؤلو ڪونهي. اسان جي ان اڀياس مان سمجهي سگهجي ٿو ته:
    (1) اسان پنهنجي اندر وڙهي ڪري آزادي حاصل ڪرڻ جي طاقت نه ڏسي عدم تشدد کي قبول ڪيو آهي.
    (2) اسان ڪنهن ٻاهرئين طاقت جي شرڪت سان آزادي حاصل ڪرڻ جا روادار نه آهيون.
    اسان جي خيال ۾ عدم تشدد جي پابنديءَ سان اهائي آزادي حاصل ٿي سگهي ٿي جيڪا ڏاڪي بڏاڪي هجي. سڀ کان پهريائين ”ڊومينين اسٽيٽس“ جي درجي جو هوم رول ٿيندو ۽ ڪافي زماني تائين هندستان برٽش ڪامن ويلٿ جي اندر رهندو. ان کانپوءِ معاهدي سان خارجي ۽ جنگي اختيار منتقل ٿيندا. انهن اختيارن تي مڪمل قبضو حاصل ٿيڻ کان پوءِ ڪامل آزاديءَ جو لفظ اصلي معنيٰ ۾ صحيح ٿيندو. عدم تشدد جي پابنديءَ سان هيءُ درجو حاصل ڪرڻ هند واسين لاءِ عقلمندي ۽ برطانيه جي مصلحت شناسيءَ کان پري ڪونهي. ان امڪان کي لحاظ ۾ رکندي اسان عدم تشدد کي پنهنجي پروگرام ۾ قبول ڪري ورتو.
    حضرات! اسان جو خيال آهي ته ڪامل آزادي حاصل ٿيڻ بعد به ڪافي عرصي تائين هندستان برطانيه جو حليف بڻجي رهندو ۽ حڪمران قوت سان معاهدي سان ڏاڪا طئي ڪيا ويندا.
    حضرات! اسان عدم تشدد کي ان جي ضرورتن جي اڀياس ڪرڻ کانپوءِ قبول ڪيو آهي. اسان کي پنهنجي ان ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته اسان سياسي جهالت ۽ غرور ۾ مبتلا رهڻ کي سڀ کان وڏو ڏوهه سمجهون ٿا. پر اهڙو هندستاني جنهن کي هندستان کان ٻاهر رهي سياست جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو ناهي مليو اهو عدم تشدد سان هڪدم آزادي حاصل ٿيڻ جو يقين رکندو هجي اسان ان کي ناممڪن نٿا سمجهون. اسان سمجهون ٿا ته ڪيترائي نوجوان انهيءَ رنگ ۾ عدم تشدد کي قبول ڪري مهاتما گانڌيءَ سان گڏيا هئا ۽ ٿورو اڳتي هلي کين پشيمان ٿي رستو بدلائڻو پيو، پر مهاتما عقلمنديءَ سان پاڻ کي بچائيندو رهيو مثال طور هو بار بار چوندو رهيو ته اهنسا (عدم تشدد) جو فلسفو فقط مان ئي ڄاڻان ٿو. گهڻو ڪري هو نوجوانن جا غلط گمان ڏسي ان وضاحت جي ضرورت محسوس ڪندو هو.
    حضرات! مون جمعيت العلماءِ جي نصب العين جي تشريح ۾ اوهان جو گهڻو وقت ورتو، جيڪڏهن ان ۾ ڪجهه قدر ڪاميابي ٿي آهي ته الله جو شڪر ڪرڻ گهرجي ته هڪ اهم مسئلي جي بنيادي بحث مان فراغت ملي، هينئر فروعي بحثن ۾ ايتريقدر ڏکيائي پيش نه ايندي.
    حضرات! ان کان پوءِ منهنجو فرض آهي ته جمعيت علماءِ سنڌ کي نيشنل ڪانگريس جي اندر عدم تشدد جي پابنديءَ سان ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام ٺاهڻ ۾ مدد ڏيان. مان ان کان ڪڏهن به غافل نه ٿيس. جيترو به سوچي سگهان ٿو مشوري طور اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو.
    گذريل رمضان (1357هه) جي آخري هفتي (14 نومبر 1938ع) جو واقعو آهي، جڏهن مان مڪي معظمه ۾ رهيل هوس ۽ وطن واپسيءَ لاءِ تياري ڪري رهيو هوس، اوهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ مون ان وقت پارٽي پروگرام جو مسودو تيار ڪيو ۽ ان جو هڪ نقل پوسٽ جي ذريعي پنهنجي پهچڻ کان اڳ جامعه مليه دهليءَ موڪليو هو جيڪو جامعه ۾ محفوظ آهي. جڏهن ضرورت پوندي اهو مفصل پروگرام اوهان جي آڏو پيش ڪندس. هن مجلس ۾ ان جو اختصار ذڪر ڪريان ٿو. هن وقت منهنجو ڀروسو حافظي تي آهي تنهن ڪري ان مسودي سان ڪجهه لفظي اختلاف بعد ۾ درست ڪيا ويندا.
    (1) جمعيت علماءِ سنڌ جو اهو حصو جيڪو انڊين نيشنل ڪانگريس جو مستقل ميمبر آهي اهو نيشنل ڪانگريس جي نصب العين يعني هندستان جي ڪامل آزادي (عدم تشدد سان گڏ) کي تسليم ڪندي ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل نيشنل پارٽي ٺاهي ٿو جنهن جو نالو سنڌ ساگر پارٽي هوندو.
    (2) سنڌ ساگر پارٽي هندستان جي هڪ محدود سرزمين ۾ رهندڙ قومن جي انٽرنيشنل پارٽي آهي. انهن مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن جي علمي، اقتصادي ترقي ان جو خاص مقصد آهي.
    (3) سنڌ ساگر پارٽيءَ جو حلقه اثر چئن حصن ۾ ورهائجي ٿو:
    (الف) سنڌ ساگر پارٽيءَ جي حلقه اثر جو پهريون حصو صوبو سنڌ آهي، ان جو مرڪزي شهر ڪراچي آهي.
    (ب) هن پارٽيءَ جي حلقه اثر جو ٻيو حصو اُها سرزمين آهي جيڪا سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار دريائن سان سيراب ٿئي ٿي. ان جا مرڪزي شهر لاهور ۽ پشاور آهن.
    (ج) ان پارٽيءَ جي حلقه اثر جو ٽيون حصو اُها سرزمين آهي جيڪا طبعي ضرورتن سبب ان سان ڳنڍيل هجڻ گهرجي ان جا وڏا شهر دهلي، آگرو، لکنؤ ۽ الهه آباد آهن.
    (د) ان پارٽيءَ جي حلقه اثر جو چوٿون حصو اُها سرزمين آهي جيڪا هن پارٽيءَ سان ڳنڍجڻ پسند ڪري.
    (4) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر ۾ رهندڙ قومن جي هر فرد کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ سيکاريندي. جيڪڏهن اُها ٻولي عربي ۽ هندي اکرن ۾ لکجي ٿي ته پارٽي ان ٻوليءَ جو رومن اکرن ۾ لکڻ به جائز قرار ڏئي ٿي.
    (الف) پارٽيءَ جي دفترن ۾ هر هڪ مقامي ٻولي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکي ويندي.
    (ب) پارٽي هر قوم کي انٽرنيشنل ٻوليون اردو ۽ انگريزي ضرور سيکاريندي.
    (5) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر جي ذهنيت واضح رکڻ لاءِ امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي کي پنهنجو بنيادي اصول قرار ڏئي ٿي.
    (الف) هي فلسفو ويدانيت فلاسافيءَ جو اسلامي ايڊيشن آهي.
    (ب) ترقي يافته انسانيت جي عقلي تشريح ڪرڻ ان جو بنياد آهي.
    (ج) عالمي مذهبن جي تطبيق ان جو لازمي نتيجو آهي.
    (د) ان جو اقتصادي فلسفو انسانيت جي تڪميل لاءِ بهترين اسڪيم پيش ڪري ٿو.
    (6) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي حلقه اثر جي اقتصادي ترقيءَ کي پنهنجو اصلي مقصد قرار ڏئي ٿي.
    (الف) ان جو عملي طريقو اهو هوندو ته پارٽي عام حالتن جو اندازو ڪري زندگيءَ جو معيار مقرر ڪندي ۽ اجتماعيت جي شروعاتي طبقن مثال طور هاري ۽ مزدور جي هر هڪ فرد کي ان معيار تي رسائڻ جي ڪوشش ڪندي.
    (ب) پارٽيءَ جي حلقه اثر ۾ فقط پهريون حصو يعني سنڌ صوبو پارٽيءَ جي اقتصادي پروگرام جو اصل ميدان هوندو.
    سمجهاڻي: پارٽي پنهنجي اقتصادي پروگرام جي تڪميل ۾ سنڌ گورنمينٽ ۽ هر اُن جماعت کان امداد حاصل ڪندي جنهن کي اُن مقصد سان همدردي آهي.
    (ج) سنڌ صوبي کان سواءِ سنڌ ساگر پارٽي جا جيتريقدر به حلقه اثر هوندا جيڪڏهن اُهي پسند ڪندا ته کين پڻ ان پروگرام ۾ پارٽي شامل ڪندي.
    (7) سنڌ ساگر پارٽي هاري ۽ مزدور جي زندگيءَ جي معيار کي يورپي هاري ۽ مزدور جي معيار تائين پهچائڻ ضروري سمجهي ٿي، تنهن ڪري کين ان يورپي لباس جو عادي بڻائيندي جنهن کي ترڪ، افغاني، ايراني، مصري، شامي ۽ عراقيءَ پسند ڪيو آهي.
    (8) سنڌ ساگر پارٽي اردو زبان جي حمايت ۽ ان جي پرچار کي پنهنجو اهم مقصد قرار ڏئي ٿي.
    (الف) اردو دراصل ناگري، فارسي، عربي، ترڪيءَ جي ميلاپ مان پيدا ٿي ڇاڪاڻ ته هيءَ ٻولي هندستان جي هڪ عظيم الشان تاريخي انٽرنيشنل اجتماع جي يادگار آهي تنهن ڪري پارٽي ان بي مثال نموني جي دعوت دنيا جي قومن کي ڏيڻ گهري ٿي.
    (ب) پارٽي ان جي هاڻوڪي رسم الخط کي تسليم ڪري ٿي، تنهن ڪري ان جا بهترين ٽائيپ مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي.
    (ج) پارٽي اردو کي ديوناگري اکرن ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي تنهن ڪري اردو جا بهترين ڪتاب ان ٽائيپ ۾ ڇاپي ڪري شايع ڪندي.
    سمجهاڻي: پارٽي اردوءَ جي هاڻوڪي رسم الخط ۽ ديوناگري رسم الخط جو مرڪز جامعه مليه دهليءَ کي قرار ڏئي ٿي.
    (د) پارٽي اردوءَ لاءِ عربي رسم الخط جي ٽائيپ استعمال ڪرڻ جائز سمجهي ٿي، ان سان اسلامي دنيا کي ان جي پڙهڻ ۾ سولائي ٿيندي.
    (هه) پارٽي اردوءَ کي ”مقطع“ اکرن ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي جيڪڏهن ان تي زير، زبر، پيش، جزم، شد ۽ وقفي جا نشان لڳايا وڃن ته هيءُ رسم الخط دنيا جي آسان ۽ بهترين رسم الخطن جو مقابلو ڪري سگهندي. اڳتي هلي عربي رسم الخط استعمال ڪندڙ سموريون ٻوليون انهيءَ رسم الخط ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون.
    (و) سنڌ ساگر پارٽي اردوءَ کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ جائز سمجهي ٿي ان سان هيءَ ٻولي يورپين ملڪن ۾ رائج ٿي سگهي ٿي.
    سمجهاڻي: سنڌ ساگر پارٽي اردوءَ جي اشاعت نسخ لکيت (Script) ۽ ”مقطع“ اکرن ۽ رومن اکرن جو مرڪز ڪراچيءَ کي قرار ڏئي ٿي.
    (ز) سنڌ ساگر پارٽي اردو ٻوليءَ کي پنهنجي حلقه اثر ۾ انٽرنيشنل ٻولي مڃي ٿي، ان سان مقامي نيشنل (قومي) ٻولين مثال طور سنڌي، پشتو، ڪشميري ۽ پنجابي کي صدمو پهچائڻ ناجائز سمجهي ٿي.
    (ح) سنڌ ساگر پارٽي جتي اردوءَ مان انٽرنيشنل فائدو حاصل نٿي ڪري سگهي اتي انگريزيءَ کي پنهنجي انٽرنيشنل ٻولي مڃي ٿي.
    (ط) نيشنل ازم جي وڌاءَ ۾ جيڪڏهن هيءَ ڪوشش ڪئي وڃي ته پرائي مذهبي زبان کي انٽرنيشنل بڻايو وڃي ته سنڌ ساگر پارٽي ان رجعت پسند تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ کان انڪار ڪري ٿي.
    (9) سنڌ ساگر پارٽي ڪانگريس وانگر پنهنجو نصب العين ڪامل آزادي مڃي ٿي پر جيڪڏهن ان نصب العين کي عدم تشدد سان تطبيق ڏني وڃي ته ٺاهه جي وچين منزل ”ڊومينين اسٽيٽس“ جيئن هوم رول کي مڃڻ ضروري آهي، تنهن ڪري سنڌ ساگر پارٽي عملي طور تي هڪ زماني تائين برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ منظور ڪري ٿي.
    (10) ڪنهن ايندڙ دؤر ۾ جيڪڏهن هندستان کي برٽش طاقت کان ڪامل آزادي حاصل ٿي وڃي ته سنڌ ساگر پارٽيءَ جي فيصلي مطابق ان کان پوءِ به هڪ زماني تائين برٽش طاقت جو حليف رهڻ ضروري آهي.
    حضرات! اهو ان سياسي پارٽيءَ جي پروگرام جو خاڪو آهي جنهن جي منظم ڪرڻ جو مان جمعيت علماءِ سنڌ کي مشورو ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهان ٿو. اوهان جيئن خلافت ڪميٽيءَ جون شاخون سڄي ملڪ ۾ قائم ڪيون هيون ساڳيءَ همت سان هينئر ڪانگريس ۾ سنڌ ساگر پارٽيءَ جون ڪميٽيون هر ننڍي وڏي آباديءَ ۾ منظم ڪريو. جيڪڏهن اوهان ان کي منظور ڪريو ٿا ته مان الله جي فضل سان ان کي ڪاميابيءَ سان هلائڻ ۾ اوهان جي خدمت ڪري سگهان ٿو. اهڙيءَ ريت پارٽي قائم ٿيڻ تي جمعيت علماءِ جي فردن لاءِ ڪم جو ڪشادو ميدان نڪري ايندو.
    (الف) وچئين درجي جي اهل علم لاءِ:
    (1) سنڌ جي هر هڪ مرد ۽ عورت کي ان جي ٻوليءَ ۾ ئي سياست جي بنيادي ڳالهين کان واقف ڪرڻ ۽ سنڌي ٻولي سيکارڻ.
    (2) هر مسلمان مرد ۽ عورت کي سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن عظيم جو ترجمو ۽ ديني ضرورتن جي تعليم ڏيڻ ڪيتري قدر ضروري ۽ عظيم الشان ڪم آهي.
    (ب) مٿئين درجي جي اهلِ علم کي:
    (1) امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي ۾ مهارت پيدا ڪرڻ ۽ ان کي اديان (مذهبن) ۾ تطبيق ڏيڻ لاءِ هر انساني طبقي ۾ رائج ڪرڻ.
    (2) قرآن عظيم جو تفسير، ان جي حڪمت جي موافق مسلمانن ۽ غيرمسلمن لاءِ شايع ڪرڻ.
    هن پارٽيءَ جا اُهي فرد جيڪي علماءِ جي طبقي ۾ شمار نٿا ٿي سگهن اُهي پڻ هڪ ترقي ڪندڙ سياسي پروگرام جي پيرويءَ سان قومي ادارن ۽ سرڪاري ادارن ۾ اعليٰ عزت جا درجا حاصل ڪري سگهن ٿا، ان ۾ مسلمان ۽ غيرمسلم جو ڪوبه فرق ڪونهي. ان نيشنل پروگرام جي خصوصيت هيءَ آهي ته اُهو هندستاني مسلمان جي وجدان ۽ حسن جو ڪانگريس ۾ رهي ڪري پورو احترام ڪري ٿو.
    حضرات! ڪانگريس جي ان دؤر ۾ جيڪو خلافت تحريڪ جي خاتمي سان شروع ٿئي ٿو مهاتما گانڌيءَ جي رهنمائيءَ سان هندو سوسائٽيءَ جو هڪ خاص فلسفو ۽ خاص رجعتي پروگرام هوريان هوريان ڪانگريس تي قابض ٿي رهيو آهي. ان کان رڳو مسلمان ئي ڪاوڙيل ڪونهي پر هندن جون سڀ ترقي پسند سياسي جماعتون پڻ ناراض آهن. هيءَ پارٽي پراڻي مذهب کي زنده ڪرڻ جي دعويٰ سان هندو مهاسڀا کي ۽ سياسي رشوتن سان پارٽيءَ جي ترقي ڪندڙ نوجوانن کي پاڻ سان ملائي رهي آهي.
    مان اوهان کي اطلاع ٿو ڏيان ته مون ڪابل ڇڏڻ بعد فقط ان تحريڪ جي اڀياس کي پنهنجي لاءِ سڀ کان اهم سياسي مقصد قرار ڏنو.
    حضرات! هتي مان پنهنجي شخصيت کي نمايان ڪرڻ گهران ٿو. مان هڪ نومسلم آهيان، اهو منهنجي پيدا ڪندڙ پروردگار جي خاص عنايت ۽ فضل هيو ته مان اسلامي تعليم جي مطالعي بعد پنهنجي سمجهه ۽ فيصلي سان مسلمان ٿيس. اهو پڻ ان جي ئي فضل کان پوءِ ٻيو ڪرم هيو ته اُن مون بي يارو مددگار لاءِ تعليم ۽ تربيت جو اهڙو نظام بڻايو جيڪو گهٽ ماڻهن کي ئي ملي سگهندو آهي. الحمدلله جو مون عمر جو ڳچ حصو اسلامي علمن جي تحقيق ۾ خرچ ڪرڻ کان پوءِ مان امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي تي مطمئن ٿي ويس.
    آءٌ ان جو اظهار پڻ ضروري ٿو سمجهان ته ان اعليٰ فلسفي تائين منهنجي رسائي حضرت مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي واسطي سان ممڪن ٿي جيڪو منهنجي استاد حضرت مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند جو استاد، مربي ۽ مرشد هيو. مون حضرت استاد جي واسطي سان سڌوسنئون جيڪو ڪجهه سکيو آهي ان کان وڌيڪ مون مولانا محمد قاسم رحه جي تصنيفن کان متاثر ٿيو آهيان. هيءُ منهنجو اسلام منهنجي پنهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ مون کي پيارو آهي. مون ان تي پنهنجو سڄو خاندان قربان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان جي خدمت جي شوق ڪنهن دنياوي مال دولت هٿ ڪرڻ ڏانهن متوجه ٿيڻ نه ڏنو.
    حضرات! هينئر هڪ جملو معترضو ٻڌو. مهاتما گانڌي ٽالسٽاءِ جي فلسفي کان متاثر ٿي هندو فلسفي جي ان اسڪول کي زنده ڪري ٿو جنهن سان سندس طبعي لاڳاپو آهي. جيئن سندس گيتا جي شرح ڏسي هر ماڻهو يقين ڪري سگهي ٿو ته مهاتما گانڌي پنهنجي خاص خيالن کي هندو ازم جو پهراڻ پارائي ٿو. مهاتما اڄ ڪانگريس جو ڊڪٽيٽر آهي، هو نيشنل ڪانگريس کي (جيڪا سياسي هندستان جو ٻيو نالو آهي) پنهنجي خاص فلسفي (جي اشاعت) لاءِ استعمال ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪانگريس جي ان نئين زندگيءَ ۾ سندس خاص هٿ آهي.
    حضرات! ڇا عبيدالله کي جيڪو اسلامي فلسفي تي يقين رکي ٿو هيءُ حق ڪونهي ته هو ڪانگريس ۾ پنهنجي سياسي ۽ فلسفي نظريي جي پارٽي ٺاهي؟ عبيدالله اُهو شخص آهي جيڪو ويهن سالن کان پنهنجي خاص سوسائٽيءَ سان گڏجي انڊين نيشنل ڪانگريس جي خدمت ڪندو رهيو آهي، ان جون خدمتون اڄ جيڪڏهن هند واسي نٿا ڄاڻن ته سڀاڻي جي تاريخ کين ٻڌائيندي.
    هتي هينئر مان ڪانگريس جي ذميدار حلقن کان پڻ سوال ڪرڻ گهران ٿو ته ڇا هو سڀ جا سڀ ان تي اچي بيٺا آهن ته پروفيسر جيوت رام ڪرپلاڻيءَ کي ته ڪانگريس جو سيڪريٽري بڻائي سگهن ٿا پر سندس وڏي ڀاءُ شيخ عبدالمجيد ڪرپلاڻيءَ کي نيشنل ڪانگريس ۾ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهڻ نه ڏيندا؟ رڳو ان ڏوهه ۾ ته هو پنهنجي ضمير مطابق اسلام جو معتقد ۽ خادم بڻجي ويو.
    حضرات! 3 جولاءِ 939هندي تي مون جمعيت علماءِ بنگال جي جلسي ۾ چيو هو ته مان چاهيان ٿو ته:
    (1) انڊين نيشنل ڪانگريس کي سموري هندستان جي سياست جو مرڪز بڻايو وڃي.
    (2) مان پنهنجي ملڪ جي محترم فلاسافر مهاتما گانڌيءَ جو نان وائلنس جي پوليٽيڪل پروگرام ۾ اعليٰ درجي تي احترام ڪريان ٿو، پر سندس ذاتي رجعت پسند لاڙن يا سندس فلسفي سان پورو متفق ناهيان. مان ڪانگريس کي سفارش ڪندس ته هوءَ ان کي قوم جو دستورالعمل بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪري.
    (3) آءٌ جمعيت علماءِ هند کي هڪ پوئين درجي جي انقلابي جماعت بنائڻ جو مشورو ڏيان ٿو. جيڪڏهن هو انقلابي بڻجڻ گهري ته کين امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي کي پنهنجو بنيادي اصول بنائڻ گهرجي.
    (4) امام ولي الله جو فلسفو اُهائي ويدانيت فلاسافي آهي جنهن کي مسلمان صوفين مڪمل ڪيو آهي.
    (5) اسان جامعه مليه دهليءَ ۾ هڪ مدرسو قائم ڪرڻ گهرون ٿا، ان ۾ امام ولي الله جو فلسفو، انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويندو ۽ مسلمان ۽ غيرمسلمان هر هڪ کي مساوي درجي تي سيکاريو ويندو.
    (6) ان مدرسي مان فارغ ٿيندڙ مسلمان ۽ هندو هم خيال بڻجي يورپين معاشي انقلاب جي مقابلي ۾ هندستان کي گهڻو اڳتي وٺي ويندا.
    ان کان پوءِ آگسٽ ۾ آچاريه ڪرپالاڻي جي واسطي سان مون کي هيءُ جواب ملي ٿو، مان شديد حيرت ۽ عجب سبب هوش ۾ نٿو رهان جڏهن مان آچاريه ڪرپالاڻيءَ جي مقالي جو هيءُ حصو پڙهان ٿو. ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري فرمائي ٿو:
    ”ستيه، اهنسا يا عدم تشدد جي صداقت هڪ قسم جا مذهبي اصطلاح آهن پر اسان کي انهن اصطلاحن کي قوم جي زندگيءَ جي هر شعبي ۾ عمل ۾ آڻڻو آهي. روحاني اصول زندگيءَ جي سمورن پهلوئن تي حاوي ٿين ٿا، انهن کي زندگيءَ جي ڪنهن هڪ پهلوءَ سان ڳنڍي باقي پهلوئن کي انهن کان بي نياز ڪرڻ ناممڪن آهي. مقصد هيءُ آهي ته گانڌي جن اسان جي زندگيءَ لاءِ عملي ڪم جو جيڪو پروگرام پيش ڪيو آهي اسان کي فقط ان کي ئي هلائڻو پوندو.
    انهن ڳالهين کي سمجهڻ کانپوءِ هندو مسلم اتحاد جي سوال کي سمجهڻ نهايت سؤلو آهي. گانڌي جيءَ اسان کي سمجهايو آهي ته اهو سوال حل ڪرڻ جو طريقو اهو ڪونهي ته اسان مسلمانن کي رعايتون، نشستون ۽ سياسي حق ڏيون يا مسلمان عوام سان سڌوسنئون رابطو قائم ڪرڻ جون اسڪيمون هلائي ڪانگريس جي رجسٽر ۾ مسلمان ميمبرن جو ڳاڻاٽو وڌايون. گانڌي جي جيڪو عوامي رابطو گهري ٿو اهو ايئن نه ٿو حاصل ٿي سگهي. هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ نفرت ۽ بداعتماديءَ جا تمام پراڻا ۽ تاريخي ڪارڻ آهن. جيڪڏهن نفرت ۽ بداعتماديءَ جي انهن ڪارڻن کي ختم ڪرڻ کان سواءِ مسلمانن کي ڪانگريس جو ميمبر بڻايو وڃي ته هو ڪانگريس اندر هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بڻجي ويندا، پر مسلمانن جو ڪانگريس کان ٻاهر رهي هڪ نه حل ٿيندڙ مسئلو بڻجڻ ايترو خراب ڪونهي جيترو خراب اهو آهي ته هو ڪانگريس ۾ اچي ڪانگريس اندر هڪ اڻ سلجهيل ڳنڍ بڻجي وڃن. تنهن ڪري گانڌي جيءَ هندو مسلم اتحاد جو جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي اهوئي سڀ کان بهتر آهي، جيڪو سندن بنيادي اصولن يعني عدم تشدد ۽ صداقت تي ٻڌل آهي.
    بهرحال هينئر تائين اسان جيڪو ڪجهه چيو آهي ان مان هيءُ ڀليءَ ڀت ظاهر ٿئي ٿو ته ڪانگريس جي عقيدي ۽ پروگرام ۾ گهرو تعلق آهي، گڏوگڏ ان جا مختلف پروگرام پڻ هڪ ٻئي سان ايئن ڳنڍيل آهن جيئن جسم سان جسماني عضوا ڳنڍيل آهن تنهن ڪري ڪنهن هڪ پروگرام کي ٻئي پروگرام کان جدا ڪرڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن روح واري جسم جي عضون کي چيري ڦاڙي جدا جدا ڪرڻ. عقيدي ۽ پروگرام جو هيءُ اتحاد ئي هر اصل گانڌي جيءَ جي فلسفه حيات جو ٻيو نالو آهي. هيءُ فلسفو پنهنجي صفتن جي لحاظ کان انقلابي آهي پر ان انقلاب ۾ تشدد جو لحاظ ڪٿي به نٿو اچي.
    هتي هيءَ ڳالهه سمجهڻ کپي ته ڪانگريس جي هر اسڪيم گانڌي جيءَ جي فلسفي جي ماتحت هلائي ويندي. اهو هرگز ممڪن ڪونهي ته اوهان ڪنهن کي ڪنهن ٻئي فلسفه زندگيءَ جي اصول تي هلائي سگهو. ڪانگريسي اسڪيمن جو قلم ڪنهن ٻئي فلسفي تي نٿو لاڳو ڪري سگهجي. اهو فلسفه زندگي دنيا جي ڪنهن ٻئي فلسفه زندگي جي ماتحت نٿو ٺاهي سگهجي.
    تنهن ڪري سوشلسٽن کي پڻ اهو سمجهڻ گهرجي ته سوشلزم ۽ گانڌي ازم بلڪل الڳ الڳ شيون آهن جن ۾ ڪابه مطابقت پيدا نٿي ڪري سگهجي.“
    ڇا اهو منهنجي ان خطبي جو جواب آهي جيڪو مون جمعيت علماءِ بنگال جي اجلاس ۾ پڙهيو هو؟ ظاهر آهي ته آچاريه ڪرپالاڻي جيڪو مون کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ٿو ۽ منهنجو خطبو ڪافي عرصو اڳ شايع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ گانڌيءَ جي فلسفي جو انڪار ۽ امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جو اثبات موجود آهي ته اهو ان جوئي سياسي جواب آهي، ان ڪري ئي هن سوشلسٽن کي پڻ ڌار مخاطب ڪيو.
    مان مهاتما جي کان نهايت ادب ۽ احترام سان هيءُ پڇان ٿو ته ڇا عبيدالله جي سنڌ ساگر پارٽيءَ کي ڪانگريس کان روڪڻ لاءِ ڪانگريس جي ان سياسي پوزيشن مان فائدو وٺڻ ”ستيه ۽ اهنسا“ (عدم تشدد) جي خلاف ناهي؟
    مان پنهنجي دوست آچاريه ڪرپالاڻي جي ڏاهپ مان توقع رکان ٿو ته هو پاڻ ئي منهنجي پارٽيءَ لاءِ دروازو کوليندو، نه ته کين مطمئن رهڻ گهرجي ته سندس بدران ڪو ٻيو جنرل سيڪريٽري اسان جي آجيان ڪندو.
    حضرات! اوهان جيڪڏهن منهنجي هن مشوري تي عمل ڪيو ۽ سنڌ ساگر پارٽي ٺاهيو ته هينئر مان اوهان سان سياسي معاملن ۾ شريڪ رهندس. مون ارادو ڪيو آهي ته سنڌ کان ٻاهر ڪنهن عوام جي تحريڪ سان ڪوبه لاڳاپو قائم نه ڪندس. جيڪڏهن اوهان کي ان طرح جي سياست ڪامياب بنائڻ منظور ناهي ته مان امام ولي الله جي فلسفي جي تعليم ۾ پنهنجو وقت خرچ ڪندس.
    والله الموفق وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين


    افتتاحي تقرير : ضلعي ڪانگريس ڪاميٽي ڪانفرنس

    ٺٽو- 12جولاءِ 1940ع

    بسم الله الرحمان الرحيم
    اللھم مالک تؤتی الملک من تشآءُ وتنزع الملک ممن تشآءُ وتعز من تشآء وتذل من تشآء بیدک الخیر انک علیٰ کل شیءٍ قدیر
    ڀائرو ۽ ڀينرو! اوهان مان هر اُهو مرد ۽ عورت جيڪو دين ڌرم کي مڃي ٿو ۽ پنهنجي خالق ۽ پنهنجي سرجڻهار تي يقين رکي ٿو، هڪڙي منٽ لاءِ کيس ياد ڪري ۽ پنهنجي ارادي قوت کي گڏ ڪري کانئس دعا گهري، پرارٿنا ڪري ته هو اسان کي سڌي واٽ ڏيکاري.
    الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
    اما بعد! مان ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪارڪن ميمبرن جو دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جو هنن مون کي هن ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني ۽ سڀ کان پهريائين تقرير ڪرڻ جو موقعو ڏنو. مان سمورن ويٺلن کي ان مهربانيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ گهران ٿو جو هو منهنجي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ گڏ ٿيا. مان انهيءَ يقين سان هن ڪانفرنس جي شروعات ڪريان ٿو ته اوهان جنهن نيڪ مقصد لاءِ ايتريون تڪليفون ڪاٽي رهيا آهيو، ان ۾ ضرور ڪامياب ٿيندؤ. جيڪڏهن ڪجهه گهڙين جي دير ٿي وڃي ته ڪا وڏي ڳالهه ناهي. لڳاتار ڪم ڪرڻ وارن جي ڪاميابيءَ کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. منهنجي دل خوشيءَ سان ڀريل آهي ته سنڌ جي هڪ تاريخي شهر ۾ ضلعي ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ڪانفرنس جو افتتاح ڪري رهيو آهيان. هيءَ مون لاءِ تمام وڏي عزت آهي جيڪا مون کي پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن پاران ملي آهي.
    ايتري قدر خوشيءَ جا ٽي ڪارڻ آهن:
    (1) مون کي سنڌ سان محبت آهي. هي منهنجي ديني ابي جو ديس آهي. مون ان کي پنجاهه ورهين کان پنهنجو وطن بڻايو آهي. هن ڌرتيءَ کي سرسبز ڪندڙ درياءَ جي اسان جي مذهبي ڪتابن ۾ پاڪائي بيان ڪئي وئي آهي. مون ان جي ڪناري تي ننڍپڻ کان پرورش ورتي آهي.
    (2) مون کي هن شهر سان محبت آهي. هن ۾ مقدس عالمن ۽ عارفن جو وڏو ميڙاڪو رهيو آهي. پوئين زماني ۾ مخدوم محمد معين جو گهر هن شهر ۾ هيو. هو شاهه عبداللطيف جو هم صحبت بزرگ هيو ۽ هن اسان جي امام ولي الله دهلويءَ مان پرايو آهي. اهڙيءَ ريت هي شهر شروعات کان وٺي اسان جي حڪمت جي کاڻ آهي.
    (3) مون کي نيشنل ڪانگريس سان محبت آهي ڇاڪاڻ ته دنيا جي نظر ۾ اُها اسان جي ملڪ جي مانواري مجلس آهي. مان سورنهن سترنهن ورهيه ڪانگريس ۾ ڪم ڪندو رهيو آهيان. ان جي خادم هجڻ جي ناتي سان مون کي ڏاڍا فائدا پهتا آهن. مان ان سياست جو مطالعو ڪري سگهيس جنهن کان پوءِ مون کي امام ولي الله جي حڪمت ۽ قرآن مجيد سمجهڻ ۾ سولائي ٿي.
    مان گهڻي وقت کان وٺي آسائتو رهيو آهيان ته اهڙي قسم جي ميڙ ۾ شرڪت نصيب ٿئي، جڏهن اهڙي مايوسيءَ کان پوءِ خواهش پوري ٿيندي آهي ته ان خوشيءَ جو هر ماڻهو اندازو نٿو ڪري سگهي.
    دوستؤ! اڪثر سياسي جماعتون هن قسم جو مانُ انهن ماڻهن کي ڏينديون آهن، جنهن سان انهن جي طاقت ۾ اضافو ٿئي، مان انهيءَ ڳالهه کي پڌري نموني واضح ڪرڻ گهران ٿو ته مان هن وقت ان پوزيشن ۾ نه آهيان جو مون سان گڏ گهڻا ماڻهو ڪانگريس جا ميمبر ٿين ۽ منهنجي ڪري ڪانگريس ڪاميٽيءَ کي مالي مدد ملي. مان هن وقت اهوئي ڪري سگهان ٿو ته پنهنجو سياسي مطالعو اوهان آڏو پيش ڪريان.
    مون کي هي به اوهان جي خدمت ۾ عرض ڪري ڇڏڻ گهرجي ته مان هر دلعزيز بڻجڻ جي ڪوشش به نه ٿو ڪريان. مان اڃا تائين ڪانگريس جو پرائمري ميمبر به نه ٿيو آهيان. مان چاهيان ٿو ته پنهنجا مشورا آزاديءَ سان ٻڌائي سگهان. ڪنهن اصطلاحي قانون جي پابندي نه ڪرڻ ڪري مان ڪانگريس کان جدا نه ٿو ٿي سگهان. مان نيشنل ڪانگريس جو آهيان ۽ نيشنل ڪانگريس منهنجي آهي.
    جيڪڏهن اُهو پارٽي پروگرام ڪانگريس ڪاميابيءَ سان هلائي، جيڪو اسان جمنانربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي نالي سان شايع ڪيو آهي ته اسان ڪانگريس کي گهڻو اڳتي وٺي وينداسين.
    اوهان جي اجازت سان، اسان پنهنجي ڄاڻ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا. پڇاڙيءَ ۾ ٻڌائينداسين ته اسان ڇا ٿا ڪرڻ گهرون؟
    اسان جي مطالعي جو پهريون ڀاڱو اهو آهي جيڪو هندستان ڇڏڻ کان اڳ حاصل ڪيو. مان پنجاب جي ضلعي سيالڪوٽ ۾ پيدا ٿيس ۽ ننڍپڻ کان سنڌو درياءَ جي ڪناري ڄامپور ضلعي ديري غازي خان ۾ پرورش ورتم ۽ هتي ئي مون اسلام جي تعليم حاصل ڪئي. اوهان کي عجب لڳندو ته اسلام مون هڪ پنڊت کان سکيو. اسان جي ملڪ ۾ برطانوي قبضي کان پوءِ ٻه ڀيرا هندو سوسائٽيءَ جو سڌارو شروع ٿيو. ٻنهي ۾ ايترو فرق آهي جيترو ايڪسٽريمسٽ ۽ ماڊريٽ ۾ ٿيندو آهي.
    پهريون ڀيرو پنڊٽ اننت رام، پرانن جي شرڪ آميز تعليم جو اسلامي توحيد سان مقابلو ڪيو ۽ پڇاڙيءَ پاڻ مسلمان ٿي ويو. هو مسلمانن ۾ ”پنڊت مولويءَ“ جي نالي سان مشهور آهي. سندس تحريڪ هندستان ۾ خوب پکڙي، سوين هندو نوجوان مسلمان ٿي ويا. مان سورنهن ورهين جي ڄمار ۾ 1887ع ۾ ان جي ڪتاب ”تحفة الهند“ جي وري وري پڙهڻ سان اسلام تي ايمان آندو. مون پاڻ پنهنجو نالو عبيدالله پنڊت مولويءَ جي نالي تي رکيو آهي. مون پنهنجي هم ڪلاسي شاگردن کان نماز پڙهڻ سکي. ان زماني ۾ جڏهن مان گهر ۾ اڪيلائيءَ ۾ نماز پڙهندو هوس ته ايترو ته سرور حاصل ٿيندو هو جو اڃا تائين ايتري قدر علم پڙهڻ جي ۽ عمر گذارڻ جي باوجود ڪڏهن ڪڏهن اُها ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي. هن تحريڪ کي (هندو سوسائٽيءَ جي حوالي سان) انتهاپسند سمجهڻ گهرجي.
    ٻئين تحريڪ پنڊت ديانند سرسوتيءَ واري آهي. هو آريا سماج لاءِ مرڪز ڳولهڻ ۾ ملڪان ملڪ گهميو پر سندس پنجاب کان سواءِ ڪٿي به چڱو آڌرڀاءُ ڪونه ٿيو. پنجاب جي سموري هندو سوسائٽيءَ پنڊت مولويءَ جي تحريڪ لاءِ آريا سماج جي تائيد ۾ متحد ٿي وئي. پنڊت مولويءَ جو هي ڪمال ته دشمن به مڃين ٿا ته پرانڪ شرڪ کان هندو سوسائٽيءَ کي انهيءَ بچايو. آريا سماج به سندس همزباني اختيار ڪئي. اسان ان کي (هندو سماج ۾) اعتدال پسند سڏيون ٿا.
    هتي اوهان کي هڪ ڳالهه ٻڌايان ٿو، جنهن مان ٻنهي تحريڪن جي بنيادي هيڪڙائي اوهان کي ڏسڻ ۾ اچي.
    جڏهن مان استنبول (ترڪيءَ) ۾ هيس. منهنجي هڪ معمولي ٽپال واري سادي خط لکڻ تي لالالجپت راءِ مون سان اتي ملڻ لاءِ پهتو. هن استنبول پهچڻ لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڊپلوميٽڪ حيلا هلايا، مان ان تي بحث نٿو ڪريان. ڳالهين ڪندي مون (کيس) چيو ته منهنجي امڙ هڪ ڏينهن رني پئي ته منهنجي مرڻ کان پوءِ ڳئون بخشڻ وارو ڪوئي ڪونهي. مون کيس چيو ته تون پاڻ ئي برهمڻ کي ڳئون ڏئي ڇڏ. هوءَ حيران ٿي چوڻ لڳي ته تون مون کي ڳئون وٺي ڏيئي سگهين ٿو؟ مان هن لاءِ ڳئون خريد ڪري آيس ۽ هوءَ برهمڻ کي ڏئي آئي ته خوش ٿي وئي.
    لالا چيو، جڏهن مان آريا سماج ۾ داخل ٿيس ته منهنجي امڙ به ساڳئي خيال کان روئڻ لڳي ۽ مون به اِهوئي علاج ڪيو جنهن سان هوءَ خوش ٿي وئي.
    مان اسلام تي ايمان آڻڻ کان پوءِ ديوبند واري مدرسي ۾ داخل ٿيس. منهنجا ديني استاد مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند آهن. تعليم کان واندو ٿي مان پنهنجي استاد جي سياسي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويس.

    ديوبندي سياسي تحريڪ
    هتي ديوبند جي سياسي هلچل سمجهائڻ لاءِ ڪجهه جملن لکڻ جي اجازت ڏيوم.
    دهليءَ جا مسلمان ليڊر 1857ع کانپوءِ ٻن سياسي جماعتن ۾ ورهائجي ويا: ڪوآپريٽر ۽ نان ڪوآپريٽر- پهرين جماعت جو ليڊر سر سيد احمد خان آهي. عليڳڙهه يونيورسٽي سندن مرڪزي تعليم گاهه آهي. ٻئين جماعت جا سرواڻ مولانا محمد قاسم ديوبندي آهن. دارالعلوم ديوبند سندن علمي ۽ سياسي مرڪز رهيو آهي. ديوبندي اسڪول، هند کي ڇا ٿو سمجهي؟ ان لاءِ هند جي عربي تاريخ ”سبحة المرجان“ پڙهڻ گهرجي. هند جي قديم مذهبن بابت سندن نظريا مرزا مظهر جانجانان ۽ امام عبدالعزيز دهلويءَ جي مڪتوبات ۾ ملندا.
    مان انهن جي ترجماني مختصر لفظن ۾ ٻڌايان ٿو. اسان جو هندستان، دنيا جي تاريخ ۾ عظيم الشان درجي جو مالڪ آهي. پهرين دؤر ۾ هن سنسڪرت جهڙي ٻولي پيدا ڪئي، ”ڪليلا و دمنا“ جهڙو حڪمت وارو ڪتاب لکيو. فوجي مشقن واري راند شطرنج ايجاد ڪئي. رياضيءَ ۾ يونان سان ڪن هنيائين. الاهيات ۾ ويدانت فلاسافي سيکارڻ ۾ جڳت گرو بڻيو. ان سان ويدڪ ڌرم ۽ ٻڌ ڌرم پکڙيا. هن مهاراجا اشوڪ جهڙا حڪمران پيدا ڪيا. ٻئين دؤر ۾ قديم انسانيت جي علمبردار سوسائٽيءَ کي اسلام جهڙي انٽرنيشنل پروگرام کان واقف ڪرڻ وارو جلال الدين اڪبر پيدا ڪيو. هن ڏکڻ ايشيا جي ٻولين کي ملائي اردوءَ جهڙي انٽرنيشنل ٻولي پيدا ڪئي. جنهن محي الدين عالمگير جهڙو سلطان پيدا ڪيو، جيڪو هن جي سمورن ملڪن کي هڪ قانون جو پابند بڻائڻ سيکاري ويو. جنهن امام ولي الله جهڙو فلاسافر پيدا ڪيو.
    تاريخ جي ٻنهي دؤرن ۾ اسان جي ملڪ جي ايتري بيعزتي نٿي ٿي سگهي جو ڪا قوم ٻاهر ويهي اسان تي حڪومت ڪري، يعني جڏهن کان دهليءَ تي برطانوي والار ٿي، اسان جي ملڪ جي نوراني چهري تي غلاميءَ جو ڪارو داغ لڳي ويو.
    ديوبندي اسڪول جو نصب العين هي آهي ته (هو) اُن ٽڪي (داغ) کي ختم ڪرڻ واري جدوجهد ۾ رڌل رهيو آهي. هي اسڪول اڄ تائين ٽي ڀيرا پنهنجي پروگرام ۾ مناسب وقت تي تبديلي ڪري چڪو آهي. يورپ جي اڄوڪي سائنٽيفڪ اصطلاح ۾ ان سياسي گروپ کي هڪ سياسي پارٽي نه سڏيو وڃي ته اسان ان کي تسليم ڪريون ٿا، پر ملڪ ۾ ان جي قوت ۽ طاقت جو انڪار نٿو ڪري سگهجي. خلافت تحريڪ ۾ ان جو مظاهرو ٿي چڪو آهي.

    ديوبندي اڳواڻ
    ماڻهن کي شايد ڄاڻ نه هجي ته حڪيم اجمل خان ۽ ڊاڪٽر انصاري به منهنجي استاد واري جماعت سان واسطو رکندا هئا. مولانا محمد عليءَ کي ڊاڪٽر انصاريءَ شيخ الهند سان ملايو. ان کان پوءِ شيخ الهند پنهنجي جماعت کي مولانا محمد عليءَ جي تابع ڪري ڇڏيو. ان ڏينهن کان هُو هند جي مسلمانن جو اڪيلو اڳواڻ بڻيو ۽ دهليءَ جا ٻئي اسڪول گڏجي هڪ ٿي ويا. ان گڏيل طاقت، نيشنل ڪانگريس کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. ان ۾ مرڪزي فڪر انهيءَ نان ڪوآپريٽر ديوبندي اسڪول وارو غالب رهيو.
    انهيءَ مجموعي ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جي شخصيت مستقل حيثيت رکندي هئي، جيڪو حڪيم اجمل خان سان گڏ مٽجي ويل دهليءَ جو هڪ اهڃاڻ هيو. ماڻهن کي شايد هيءَ به خبر نه هجي ته مولانا شيخ الهند جو سنڌ ۾ ڪيترو اثر هيو. منهنجي مرشدن واري سلسلي ۾ مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حضرت پير جهنڊي وارو پير رشدالله شاهه ۽ ڪراچيءَ جي مدرسي مظهرالعلوم ۽ ڳوٺ پير جهنڊي واري مدرسي دارالرشاد سان واسطيدار عالمن جون جماعتون، سموريون ديوبندي اسڪول سان واسطو رکن ٿيون.
    جمعيت علماءِ سنڌ جو سرواڻ مولانا محمد صادق ۽ سندس ڀاءُ شيخ محمد ابراهيم ايم اي ديوبندي اسڪول جا خاص ڪارڪن رهيا آهن.

    نان ڪو آپريشن ۽ ديوبند
    ماڻهن کي حيرت ٿيندي ته نان ڪوآپريشن واري تحريڪ جيڪا خلافت واري دؤر ۾ ڪانگريس قبول ڪئي آهي، اُها مدرسي دارالرشاد جي هڪ ديوبندي استاد مولانا نورالحق جي تجويز هئي. مولانا نورالحق جناب پير صاحب جهنڊي واري جو هڪ سيڪريٽري هيو.
    مان (1897ع) کان ان ديوبندي اسڪول جو سياسي ڪم ڪندو رهيو آهيان. 1915ع ۾ مون کي شيخ الهند ڪابل وڃڻ جو حڪم ڏنو. جتي مان آزادي پسند هندو دوستن سان گڏجي هندستاني ڪم ڪندو رهيس. برٽش امپائر کان ٻاهر سڀ کان پهرين ڪانگريس ڪاميٽي، ڪابل ۾ مون قائم ڪئي. گياسيشن ۾ ان جو الحاق ڪانگريس قبول ڪيو. ڪابل ڪانگريس ڪاميٽيءَ کي ديوبندي اسڪول هلائيندو رهيو آهي. داخلي معاملن ۾ مولانا ڪفايت الله جهڙا عقلمند عالم ۽ مولانا حسين احمد جهڙا ثابت قدم مسلسل ڪم ڪندا رهيا آهن. هي سڀئي حضرت مولانا شيخ الهند جا خادم آهن.
    پنهنجي تعليم ۽ پنهنجي سياسي نظريي سمجهائڻ کان پوءِ هاڻي اسان پنهنجي مطالعي جو ٻيو حصو شروع ڪريون ٿا. يعني ٻاويهه ورهيه ٻاهر رهي هندستان ۽ يورپ مان اسان ڇا سکي سگهياسين؟
    اسان مهاتما جيءَ کان نان وائيلينس سکيو. اسان پنڊت موتي لال نهروءَ کي اتر هند ۽ لوڪمانيه تلڪ مهاراج کي دکن ۾ نيشنل ڪانگريس جو مستقل رهنما مڃيون ٿا.
    يورپ ۾ ٻه تحريڪون ڪم ڪري رهيون آهن: لبرل ازم ۽ مڪينيڪل ازم. پهرين تحريڪ جو هي نتيجو نڪتو ته يورپ جا اڪثر ملڪ جمهوري بڻجي ويا. حڪومت بادشاهه جي نالي سان هجي يا چونڊيل رئيس جي نالي سان، ٻنهي صورتن ۾ ملڪ جو ڪم پارليامينٽ جي راءِ ڏيندڙ (ميمبرن) جي مشوري سان ٿي رهيو آهي. اهڙي نموني جي حڪومت ۾ برطانيه يورپ لاءِ استاد وارو ڪم ڪندو رهيو آهي.
    ٻئين تحريڪ بابت ڪجهه وضاحت سان بيان ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل صديءَ کان يورپ فقط اسان جي ملڪ کان نه پر اڪثر اوڀر وارن ملڪن کان تمام گهڻي ترقي ڪري چڪو آهي. اوهان ڄاڻو ٿا ته هيءَ ترقي مذهب يا تهذيب جي نه ٿي آهي. ڏسو! اسان جو ملڪ اڄ تائين هزار ڪوششن باوجود هن معاملي ۾ هار نٿو مڃي. يورپ جي هيءَ ترقي اصل ۾ مڪينيڪل ازم ۾ آهي.
    يورپي قومن، ننڍي وڏي ڪم لاءِ ايتريون ته مشينون ٺاهيون آهن، جو اوڀاريان ملڪ ان جي مقابلي کان لاچار ٿي پيا آهن.
    ظاهر آهي ته هي مشينون ڪاريگرن کان سواءِ ڪم نه ٿيون ڪن، انهن ڪاريگرن کي يورپ ۾ مزدور چيو ويندو آهي. اوهان انهن کي پنهنجي ملڪ وارو اڻ سکيل مزدور نه سمجهجو. ان مزدور جماعت جو هڪ نمائندو برٽش ايمپائر جو پرائيم منسٽر به رهي چڪو آهي.
    مشين جي خاص ڳالهه هيءَ آهي ته اُها ڪاريگرن کي منظم ڪري ٿي ڇڏي. هڪ مشين سان ڪم ڪندڙ مزدورن جي جماعت جيستائين ايڏي متحد نه ٿئي ڄڻ هڪڙو فرد هجي، تيستائين ڪنهن ڪاريگر کي مانيءَ ڳڀو به نصيب نٿو ٿئي.
    مانوارؤ! اوهان ڄاڻو ٿا ته هڪ صديءَ کان اسان جي ملڪ تي برطانيه حڪومت ڪري رهي آهي. هن پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ جيڪي ڪم ڪيا آهن، هن وقت ٿوريءَ دير لاءِ انهن کان واسطو ٽوڙي ڇڏيو. پر جڏهن هن (اسان جي) ملڪ تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ورتي ته هن اسان کي جمهوريت سيکارڻ شروع ڪئي. هن جي ٺاهيل يونيورسٽين اسان جي نوجوانن کي جمهوريت پسند بڻائي ڇڏيو. اسان جي ملڪ ۾ اسيمبلي ۽ ڪائونسل انهن جمهوريت پسند ماڻهن کي راضي ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي. اوهان ڏسي رهيا آهيو ته هاڻي هندستاني راجا ۽ نواب جي حڪومت به پنهنجي ملڪ جي پارليامينٽ جي صلاحڪار کان سواءِ نه ٿي هلي سگهي. هيءَ سموري انهيءَ جمهوريت پسنديءَ جي برڪت آهي. جيئن برطانيه اسان کي لبرل ازم سيکاريو، اهڙيءَ ريت هنن اسان جي ملڪ کي مشين کان به واقف ڪري ڇڏيو آهي. مشين جو سڀ کان وڏو ڪارخانو اسان جي ملڪ ۾ ريلوي جو ڄار آهي، جيڪو هر پاسي وڇايو ويو آهي. هن اسان جي ملڪ ۾ به مشين سان ڪم ڪندڙ جماعتون پيدا ڪيون آهن.
    اسان جا نوجوان جيڪڏهن دنيا جي قومن سان گڏجي هلڻ گهرن ٿا ته کين هن معاملي ۾ برطانيه جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. اسان پنهنجي سفر ۾ ڏٺو ته ترڪ، ايراني، افغاني ۽ عرب پنهنجن ملڪن ۾ جمهوريت ۽ مشين کي ترقي ڏئي رهيا آهن. اسان جو ملڪ هندستان کانئن هن معاملي ۾ گهڻو اڳتي آهي.
    هيءُ يورپ جي ترقيءَ جو روشن پهلو هيو. هاڻي ان جو ٻيو پاسو به ٻڌي ڇڏيو.
    هن ترقي يافته يورپ کي اسان هڪ مصيبت ۾ مبتلا ڏسون ٿا. يورپ جون جيتريون به قومون جمهوريت پسند آهن ۽ مشين جي واهپي سان دنيا تي برتري حاصل ڪري ورتي اٿن، جيڪڏهن انهن جي پارليامينٽ ۾ محافظن ۽ لبرلن (وچٿري سوچ وارن) جي گهڻائي آهي ته انهن قومن کي هڪ خطرناڪ انقلاب ڊيڄاري رهيو آهي ته انهن جي پارليامينٽ ۾ ڪاريگرن جو غلبو ضرور ٿيندو. ڇاڪاڻ ته هي ڪاريگر ۽ مزدور گهڻي وقت کان ڪنزويٽو ۽ لبرلن جي ظلم جو شڪار ٿيندا رهيا آهن، تنهن ڪري انهن کان بدلي وٺڻ وارو جذبو مزدورن ۾ پيدا ٿيڻ ضروري آهي.
    هيءُ به ياد رهي ته جن ملڪن ۾ مشين تي ڪم ڪندڙ (پورهيت) انقلاب آڻيندا، ان وقت جيڪڏهن ملڪ جا هاري به منظم ٿي چڪا هوندا ته هو به ساڻن گڏجي ويندا.
    ان ڪري اُن قسم جي انقلاب جو اثر پهرئين درجي جي تي نه، پر ٻئين يا ٽئين درجي تي اسان جي ملڪ ۾ ايندو. جيتوڻيڪ اسان انقلاب جي سلسلي ۾ اڄ پهرين قطار ۾ بيهي نه ٿا سگهون، پر ٻئين يا ٽئين ڏينهن اسان تي اهو سڀ ڪجهه لاڳو ٿي سگهي ٿو جيڪو يورپ جي جمهوريت پسند قومن تي اڄ وارد ٿيندو.
    ايتري قدر ڄاڻڻ کان پوءِ اسان جي راءِ ۾ هاڻي ڪوبه شڪ شبهو نه رهيو آهي. اسان ”مڪينيڪل ازم“ جي مخالفت نٿا ڪري سگهون نه ته مالي ترقيءَ کان اسان جو ملڪ محروم ٿيندو ۽ ٻين جو اڇوت ۽ غلام ٿي ويندو. البت يورپين قومن لاءِ جيڪا مصيبت اچي پئي، ان کان اسان ڪي قدر محفوظ آهيون.
    ليڪن هڪ اهڙي انسان لاءِ، جيڪو مذهبي جماعتن جي نمائندگي ڪري ٿو، ساڳي مصيبت هڪ ٻي واٽ کان اچي ٿي. سائنس جي ترقيءَ سان گڏ مذهبي قانون ته جدا رهيو، منڍان خدا جو انڪار به عام طور تي ضروري ٿي پيو آهي. مان جيئن ته مذهب کي نه ٿو ڇڏي سگهان، ان ڪري انهيءَ مشڪل جو علاج برابر سوچيندو رهيو آهيان. مون کي ان سلسلي ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻيو ڪوبه ذريعو نه مليو جنهن سان هڪ سائنسدان کي خدا جي وجود جو يقين ڏياري سگهجي.
    جيئن ته هي مسئلو هندو فلاسافيءَ جو بنيادي اصول آهي، اهڙيءَ ريت امام ولي الله انهيءَ کي مڃي ڪري حڪمت ۽ فلسفي جو هڪ اهڙو اسڪول قائم ڪري ٿو جنهن مان سمورا مذهب پنهنجي اڃ اجهائي سگهن ٿا، ان ڪري منهنجي مستقل راءِ هيءَ آهي ته:
    (1) مادي ترقيءَ لاءِ اسان کي يورپ جي لبرل ازم ۽ مڪينيڪل ازم ٻنهي کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ گهرجي. جيئن ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿي رهيو آهي. مان انهيءَ مجموعي کي ”يورپين ازم“ چوان ٿو. جيئن ڪمال پاشا پنهنجي ڳوٺاڻن کي استنبولي شهرين جي برابر ڪري ڇڏيو، مان اهڙيءَ طرح پنهنجي هارين کي عليڳڙهه سوسائٽيءَ واري اعليٰ درجي تي آڻڻ گهران ٿو.
    جڏهن اميرن جي اولاد يورپين ازم سکيو ته گهر وڪڻي يورپ مان عياشيءَ جو سامان وٺي آيا. نه هنن علم سکيو نه هنر، جنهن سان ڪا قوم جي ترقي ٿئي ها، هيٺيون طبقو جيڪڏهن يورپين معاشرت اختيار ڪندو ته ڏاڍو ڪمائيندو ۽ پنهنجي ڪمائي پاڻ کائيندو. جيتوڻيڪ مٿين طبقي کي اها ڳالهه نه وڻندي، پر هن انقلابي دور ۾ کين سڀ ڪجهه مڃڻ گهرجي.
    (2) روحاني يا مذهبي حفاظت لاءِ امام ولي الله جو فلسفو پڙهڻ گهرجي، جيڪي به هندو ويدانت فلاسافيءَ کي مڃين ٿا، کين ڪجهه منٽن ۾ ولي اللهي فلسفو سيکاري سگهجي ٿو.
    اسان جي ان مطالعي جو ئي نتيجو آهي جو اسان سنڌ ساگر پارٽيءَ جي پروگرام ۾ انهن ٻنهي ڳالهين کي بنيادي اصولن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.
    هاڻي هتان کان مان پنهنجي مطالعي جو ٽيون حصو شروع ٿو ڪريان.
    هندستان ۾ واپس اچڻ کان پوءِ اسان ڇا سمجهيو آهي، ان کي چئن نمبرن ۾ جدا جدا ٻڌايون ٿا:
    (1) سڀ کان پهريائين اسان تي هيءُ ڪڙو سچ ظاهر ٿيو ته مسلمانن جا ديوبندي ۽ عليڳڙه ٻئي اسڪول پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن. ايئن ڇو ٿيو؟ اوهان جي اجازت سان، پهريائين مهاڳ طور نيشنل ڪانگريس جا ڪجهه تاريخي واقعا ياد ٿو ڏياريان، ان کان پوءِ سمورا ويڇا واضح ڪندس.
    ڪانگريس ۾ انقلابي تحريڪ ٻه ڀيرا جاري ڪئي وئي آهي. پهريون ڀيرو بنگال جي ورهاڱي کي رد ڪرائڻ لاءِ، ان جو مرڪز ڪلڪتي جو بنگالي نوجوان هيو. يعني ڪم ڪندڙ پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم ڪندا هئا. اها ايجي ٽيشن بنگال واري سوڀ تي پوري ٿي. ان کان پوءِ حالتون معمولي رفتار سان هلنديون رهيون.
    ٻيون ڀيرو خلافت کي جيارڻ لاءِ. هن ايجي ٽيشن جو مرڪز دهليءَ جو مسلمان آهي، جيڪو ديوبند ۽ علي ڳڙهه جي اتحاد ۽ ميلاپ مان پيدا ٿيو هو. هيءَ تحريڪ ناڪاميءَ تي ختم ٿي.
    ان جو اصلي ڪارڻ جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته ان کان سواءِ ٻيو ڪو به نظر نه ايندو ته ڪم ڪرڻ وارن پنهنجي ملڪ لاءِ ڪم پئي ڪيو. انهيءَ ٻئي ملڪ ۾ انقلاب آيو پراڻو ترڪ هارائجي ختم ٿي ويو هو. نئين ترڪ لاءِ نئين زندگيءَ سان گڏ خلافت جو سنڀارڻ ناممڪن هيو. هن خلافت کي رد ڪري پنهنجي قومي حڪومت يورپي نموني سان ٺاهي ۽ پنهنجي گهرجي ترقيءَ ۾ مصروف ٿي ويو. خلافت رد ٿيڻ تي هندستاني مسلمانن ۾ ڦوٽ پئجي وئي.
    هندو مسلم ٺاهه (ميثاق لکنؤ) ۾ پهريون هڪ غلطي رهجي وئي هئي ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي، تن مان ڪجهه حصا وٺي، ٿورائيءَ وارن صوبن کي عام طور تي ۽ يوپيءَ جي اقليت کي خاص طور تي وڌيڪ حق ڏنو ويو هو. اهڙيءَ طرح مسلمان هندستان جي هر حصي ۾ اقليت بڻجي ويو. جيئن هو سموري هندستان جي مجموعي آباديءَ ۾ ستر ملين هجڻ جي باوجود به اقليت ۾ شمار ٿئي ٿو. خلافت جي ڪاميابيءَ جي اميد تي هو ان وقت ته راضي ٿي ويو، پر جڏهن خلافت جي تحريڪ ٽٽي وئي ته هر مسلمان ان ٺاهه تي نظرثاني ڪرائڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ لڳو. ان مقصد لاءِ ڪائونسل ۽ اسيمبليءَ ۾ وڃڻ گهربو هو. علي ڳڙهه پارٽي نئين نموني تي منظم هئي. اها ٿورو پوئتي موٽي وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿي ۽ هندو اڪثريت خلاف محاذ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي.
    ديوبند جي پراڻي مذهبي تنظيم تي به انهيءَ ديوبندي جماعت جا رجعت پسند• ماڻهو غالب ٿي ويا ۽ مسلم ليگ سان ملي ويا. اهڙيءَ طرح عام مسلمانن جو ڪانگريس سان ڪو واسطو نه رهيو. فقط ديوبند جو ترقي پذير عنصر جمعيت العلماءِ يا احرار ۾ وڌي رهيو آهي ۽ ڪجهه لبرل مسلمان به ڪانگريس ۾ نيشنل پروگرام جا حامي آهن.
    (2) مسلمانن جي ان متڀيد کي نيشنل ڪانگريس جي هلت، گهٽائڻ بدران اڃا به وڌائي ڇڏيو. اوهان جيڪڏهن اجازت ڏيو ته ان کي ڪجهه واضح ڪري ڇڏيان.
    جڏهن خلافت ٽٽي ته ڪانگريسي رهنمائن پنهنجي ڊپلوميٽڪ عقلمنديءَ سان ڏاڪي بڏاڪي ڪانگريس کي سوراج لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو. پر ان سان گڏ هي به ٿيو ته انهن تي خلافت تحريڪ يا مسلمانن جي نيشنل خدمتن جو ايترو به اثر نه ٿيو ته هو مسلمانن کي هندستاني وطنيت ۾ انهن جي ڳاڻاٽي جيترو ئي انصاف سان حق ڏين ها يا ڏيڻ لاءِ تيار هجن ها. جتي مسلمانن جي گهڻائي هئي اُتي جيڪڏهن ڪانگريس، هندن کي اڳرائيءَ واري ڪارروائيءَ کان روڪي سگهي ها، ته معاملو ايڏو خراب نه ٿئي ها. ڪانگريس جي تيزگام ۽ فلاسفر ليڊرن، انٽرنيشنل ازم کي آڏو رکي هندستاني مسلمانن جي مسئلي ۾ نيشنل انصاف ڪرڻ ۾ غفلت کان ڪم ورتو. اهڙيءَ طرح هندو ازم جي جارحاڻي اڪثريت لاءِ انهن ڪانگريس جي نالي ۾ رستو صاف ڪري ڇڏيو. انهيءَ حرڪت، معاملي کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو. ايستائين جو جمعيت العلماءِ ۽ احرار جا ديوبندي ليڊر به عوام آڏو ڪانگريس جو نالو اڄ نٿا وٺي سگهن.
    ياد رکڻ گهرجي ته هي اُهي ماڻهو آهن جيڪي شروع کان اُن ايجيٽيشن ۾ ڪانگريس جي عام نيشنلسٽ ليڊرن سان گڏ خلافت ۽ سوراج لاءِ شامل ٿيا هئا. پر اڄ هو ڪنهن خاص پروگرام کان سواءِ سردار پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ هيٺان چيڀاٽجي رهيا آهن.
    (3) ان کان پوءِ ٻي حقيقت ان کان به وڌيڪ ڪڙي ظاهر ٿي، اجازت ڏيو ته ان جو به تفصيل ٻڌايان.
    انڊين نيشنل ڪانگريس جي ترقي اصل ۾ لبرل (ماڻهن) جي دل ۽ دماغ جي لڳاتار ڪوششن جو نتيجو آهي. سورت واري اجلاس کان ڪانگريس ۾ انقلابي آيا ۽ خلافت ايجيٽيشن جي شروعات ۾ مهاتما جيءَ، انقلابين جي ڪري لبرل (ماڻهن) کي ڪانگريس مان ڪڍي ڇڏيو. اسان جي خيال ۾ هاڻي ان انقلابيءَ ۾ ڪانگريس کي سنڀارڻ واري سگهه نظر نه ٿي اچي ۽ لبرل ئي هڪ خاص رنگ ۾ انقلابي فلسفي جو ويس ڍڪي ان تي ڇانئجي ويا آهن. چرخو، کاڌي ۽ سردار پٽيل جي ڊڪٽيٽرشپ ان کي هاڻي اڳتي نه ٿي وڌائي سگهي، ڊپ اٿم ته بنگال نه جدا ٿي وڃي. هن وقت اتفاق سان ڪانگريس کي مهاتما جيءَ جي تاريخي عظمت ۽ پنڊت جيءَ جي اڳتي وڌڻ کان نه بيهندڙ همت اتفاق سان ملي وئي آهي ۽ انهيءَ طاقت سان ڪانگريس ساهه کڻي رهي آهي.
    مون لاءِ هيءُ ڏاڍو ڀوائتو انڪشاف آهي ته مسلم ليگ جي ڪانگريس سان ويڙهه به اصل ۾ هڪ لبرل ليڊر جي انتقامي جذبي جو مظاهرو آهي.
    (4) يورپ جي جنگ کي جيتوڻيڪ اڃا ڪجهه هفتا گذريا آهن پر اسان ان بابت ٻاهر رهي گهڻو ڪجهه ٻڌندا ۽ معلوم ڪندا رهيا آهيون. اسان جي پڪي راءِ آهي ته اسان کي هن وقت برطانيه جي، ڪنهن شرط کان سواءِ امداد ڪرڻ گهرجي. مان برطانيه سان وڙهندڙ طاقتن سان گڏ شامل رهي چڪو آهيان. ان وقت مان مذهبي نقطه نظر کان اهو پنهنجو فرض سمجهندو هوس. (جيتوڻيڪ) اسان ان جنگ ۾ هارائجي وياسين پر پنهنجي مذهبي فيصلي جي صحيح هجڻ جو اڄ به يقين رکون ٿا.
    ليڪن اڄ حالتون مختلف آهن. برطانيه جي مسلمانن سان ڪا مذهبي جنگ ناهي، اسان پنهنجي سياسي مطالعي موجب پنهنجي ملڪ لاءِ برطانيه سان اڻبڻت هن وقت غلط سمجهون ٿا.
    ان ايجي ٽيشن جو مطلب ٻيو ن قومون صحيح نه ٿيون سمجهي سگهن. اسان کي عدم تشدد جي پابنديءَ سان ترقيءَ جو جيڪو موقعو برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهي ملي سگهي ٿو، ٻي صورت ۾ نظر نه ٿو اچي.
    حضرات! منهنجي مطالعي جا ٽيئي ڀاڱا ڪجهه مختصر ڪجهه مفصل اوهان آڏو اچي ويا. هاڻي مان اوهان کي اڳتي لاءِ پنهنجا ارادا ٻڌايان ٿو.
    اوهان کي ڄاڻ هوندي ته مون نيشنل ڪانگريس ۾ نئين پارٽيءَ جو بنيادي نظام شايع ڪيو آهي. اهو سنڌي، اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ڇپجي چڪو آهي. بهتر ٿيندو ته اوهان ان کي پڙهو. ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيتري به بي انصافي ڪنهن هندستانيءَ سان ٿي سگهي ٿي (توڙي اهو مسلمان هجي يا اينگلو انڊين، يعني هر اهو ماڻهو جنهن هندستان ۾ مستقل طور رهڻ جو فيصلو ڪيو هجي) ان جي معاملن ۾ بي انصافيءَ جي خاتمي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    مسلمانن کي پنهنجي اڪثريت وارن صوبن ۾ مطمئن ڪرڻ نيشنل ڪانگريس جو فرض هيو ۽ آهي. انٽرنيشنلزم ۽ فلسفي جي خاص اصول ۽ ٻولين جي ٻڌيءَ وارن وڏن وڏن نالن سان ان کي پريشان ڪيو ٿو وڃي، اسان جي پارٽيءَ جي پروگرام ۾ ان جو پورو دفاع ڪيل آهي.
    اهڙيءَ ريت هر هڪ سنجيدي ۽ سمجهو مسلمان کي مطمئن ڪري اسان نيشنل ڪانگريس ۾ آڻينداسين.
    حقيقت هيءَ آهي ته هي ڪم گهڻو اڳ ٿيڻ گهربو هو.

    هاڻي ڇا ٿيندو؟
    هاڻي مان اوهان کي هي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪانگريس ۾ رهي مان ڪهڙو ڪم ڪرڻ گهران ٿو ۽ نوجوانن کان ڪهڙي مدد جو گهرجائو آهيان. ان کي به مان ٽن مرڪزن بابت جدا جدا ذڪر ڪريان ٿو.
    منهنجي پارٽيءَ جو پهريون مرڪز ڪراچي آهي. هتان کان مان چاهيان ٿو ته هر سنڌيءَ کي لکڻ پڙهڻ سيکاريان، کيس نيشنل تعليم ڏيئي، پنهنجي وؤٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ جو طريقو ٻڌايان. هي منهنجو پهريون قدم آهي.
    منهنجو پروگرام مستقل آهي جنهن کي مان ستن سالن ۾ پورو ڪري سگهان ٿو. موجوده ريفارم اسڪيم کي مان تمام وڏي نعمت سمجهان ٿو، جيڪڏهن اسان ملڪ جي عام آباديءَ کي ان وسيلي فائدو ماڻڻ جي سمجهه ڏيئي سگهون.
    منهنجي گذارش آهي ته هر سنڌي مون تي اعتماد ڪري، مان کين دوکو نه ڏيندس. هو مون کي هن ستن سالن واري پروگرام جو تجربو ڪرڻ ۾ مدد ڏين. حڪومت ڪهڙي به پارٽيءَ جي هجي. مان ساڻس ڪوآپريٽ ڪندس. مان اليڪشن واري ويڙهه ڪونه وڙهندس.
    ان قسم جو ڪم ذميداريءَ سان پورو ڪرڻ ۾ هڪ ڀيرو امتحان ڏيئي چڪو آهيان. مون ڪابل ۾ ست سال مستقل پروگرام تي عمل ڪيو آهي. امير بدلجي ويا، نوان وزير آيا، انقلاب آيا، پر منهنجي پروگرام بدلجڻ جو ڪنهن کي خيال به ڪونه آيو. ڪابل ۾ شاهي حڪومت اندر هندوستاني قومي ڪم ستن سالن تائين جاري رکڻ معمولي ناهي. مان جيتوڻيڪ ضعيف آهيان، پوڙهو آهيان، پر مان پنهنجو ڪم تمام جلد نوجوانن کي سيکاري ڇڏيندس.
    مانوارؤ! انهيءَ ڪم کي شروع ڪرڻ جون تدبيرون ڪري رهيو هوس ته سکر (مسجد منزل گاهه جي خوني فساد) وارو واقعو پيش آيو. جيڪڏهن مان ان جي سڌاري ۾ حصو نه وٺان ها ته مان پنهنجو پروگرام جاري نٿو ڪري سگهان، ان ڪري مون دارالرشاد جي مرڪز مان 10 جنوري (1940ع) ضلعي حيدرآباد جي ڳوٺن ۾ والنٽيئر موڪلڻ شروع ڪيا جيڪي ڳوٺاڻن کي گڏ ڪري کين آمادهه ڪن ته هو ان ڳوٺ جي رهندڙ هندن کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي، سندن حفاظت اهڙيءَ طرح ڪندا جيئن اسان پنهنجن ۽ عزيزن جي ڪندا آهيون. مان انتظام ڪندس ته ان اقرار جا ٽي ڪاغذ لکيا وڃن. ان تي ان ڳوٺ جي چڱن مڙسن جون صحيحون هجن. هڪ ڪاغذ منهنجي پارٽيءَ جي دفتر ۾ رهندو، ٻيون نقل ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ وٽ موڪلينداسين. ٽيون ڪاغذ ڪانگريس جي دفتر ڏانهن ويندو. مون 10 جنوريءَ تي ”هندو“ (اخبار) ۾ پروفيسر نارائڻ جون تجويزون پڙهيون آهن. غالباً هي اهوئي پروفيسر آهي جنهن سان اسان دهليءَ ۾ مليا هئاسين، پڪ اٿئون ته اسان کي ضرور ڪاميابي ٿيندي.

    هجرت
    جيڪڏهن منهنجو آواز مهاتما جيءَ تائين پهچي ٿو ته مان کيس التجا ڪندس ته هو ڪنهن به سنڌيءَ کي لڏپلاڻ جي صلاح نه ڏي. مان هجرت جو تجربو پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪو آهيان. مان هندستاني مهاجرن کي ڪابل ۾ ۽ بلگيريا (بلغاريه) ۽ سرديا جي ترڪ مهاجرن جي استنبول ۾ پريشاني ڏسي چڪو آهيان. مهاتما جيءَ منهنجي خيال ۾ ان لفظ لڏپلاڻ (هجرت) جو پسمنظر خواب ۾ به ڪونه ڏٺو هوندو. مان سنڌي آهيان ۽ سنڌين کي سڃاڻان ٿو. هو جيڪڏهن غلطي ڪن ته هڪ سنڌي کين سنئين واٽ تي آڻڻ جي ڪوشش ۾ سولائيءَ سان ڪامياب ٿي سگهي ٿو. هو عام طور نيڪ طبع انسان آهن. منجهن هندو ۽ مسلمان جو ڪوبه فرق ڪونهي. تنهن ڪري غيرسنڌي ماڻهو مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏين، هڪ ملڪ جي اندرين مسئلن ۾ ٻاهرين مداخلت مفيد ثابت نه ٿي ٿئي.
    منهنجو پروگرام ڏاڍو چٽو آهي. مان ڪوشش ڪندس ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان، ڪنهن هندوءَ جو مال ڦريو آهي ته ان کي واپس ڪرايو وڃي. جيڪڏهن مسلمان ڪنهن هندؤ کي قتل ڪيو آهي ته عدالت ۾ وڃي پنهنجو ڏوهه باسي.
    هيءُ ياد رهي ته هن وقت مان شهري فسادن جي ذميواري نه ٿو کڻي سگهان، ان لاءِ گورنمينٽ جي ذميدار آفيسرن کي ڪم ڪرڻ گهرجي، ٻهراڙيءَ جي سڌارن ۾ مان گورنمينٽ جو هڪ مددگار بڻجي ڪم ڪندس.

    مسٽر محمد علي جناح سنڌي آهي.
    مون ٻڌو آهي ته مسلم ليگ جو ڊڪٽيٽر مسٽر محمد علي جناح صاحب بالقابه سنڌي آهي. مان سندس خدمت ۾ آل انڊيا ليڊر جي حيثيت سان نه پر هڪ سنڌي لبرل جنٽلمين جي حيثيت سان عرض ٿو ڪريان، ته جيڪڏهن مون کي ساڻس ملڻ جو موقعو مليو ته مان کيس ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.
    (1) کيس ڪرسي ڇڏي ڌرتيءَ تي ڇو ويهڻ گهرجي؟
    (2) فيڊريشن مان اسان جي مراد ڇا آهي؟ مان ڇو فيڊريشن کان سواءِ هندستان جي ترقيءَ جو ٻيو ڪوبه امڪان ڪو نه ٿو سمجهان؟ افسوس آهي جو اسان جي نظر ۾ فيڊريشن کي نه ڪو ڪانگريس ٿي سمجهي ۽ نه ليگ. ڪانگريس کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان کي تڪڙ آهي، پر ليگ کي پنهنجو نقطه نظر سمجهائڻ اسان ضروري سمجهون ٿا.

    لاهور
    منهنجي پارٽيءَ جو ٻيو مرڪز لاهور آهي. مهاتما جي واضح ڪري چڪو آهي ته سندس ذاتي فيصلو اهوئي آهي ته هن ويڙهه ۾ برطانيه کي بنا شرطن جي امداد ڏني وڃي. مان سندن هن فيصلي جو احترام ٿو ڪريان. هوم رول کي ترت ماڻڻ جو اهوئي طريقو آهي. جنهن تي عدم تشدد واري پابنديءَ سان عمل ڪري سگهون ٿا، ان ڪري مان سر سڪندر جي فيصلي جي تائيد ڪريان ٿو. ان کانپوءِ کين يقين ٿو ڏياريان ته جيڪڏهن اوهان (برطانيه جي) بنا شرطن جي امداد جو نتيجو هوم رول سمجهو ٿا ۽ انهيءَ اميد تي اوهان هيءَ جرائت ڪئي آهي ته اوهان هوم رول هرگز حاصل نه ڪري سگهندؤ، جيستائين نيشنل ڪانگريس اوهان جي تائيد نه ڪري.
    مان پنهنجي احراري دوستن کي التجا ڪندس ته هو جنگ وارن ڏينهن ۾ ايجي ٽيشن ضرور بند ڪن. جنگ ختم ٿيڻ تي جيڪڏهن هوم رول نه مليو ته اڄوڪي هڪ قربانيءَ عيوض پنهنجا ڏهه ماڻهو قربان ڪرڻ جي تياري ڪن. ڪاش! هو منهنجي گذارش تي غور ڪرڻ منظور ڪن.

    دهلي
    منهنجي پارٽيءَ جو وڏو مرڪز دهلي آهي. هتي مان پنڊت جواهر لعل نهروءَ جي خدمت ۾ عرض ڪندس ته انقلابي ضرورت خاطر پوئتي هٽڻ انقلاب جي خلاف ڪونهي. ڪامريڊ لينن جڏهن جرمنيءَ وارن جو فتح ٿيل علائقو کين واپس ڪري ٺاهه نه ڪري ها ته هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿئي ها. اوهان جيڪڏهن مسٽر جناح سان ٺاهه ڪرڻ گهرو ٿا ته مان اوهان کي اهڙو در ڏسيندس جنهن سان مسٽر جناح ڪانگريس ۾ اچي ويندو. مان هن (ڳالهه تي) يقين نٿو رکان ته هڪ انقلابي ڪانگريسي هڪ غير ڪانگريسيءَ سان ٺاهه نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن منهنجي ٻڌايل رستي کان اوهان مسٽر جناح سان ملي سگهيئو ته ان کان پوءِ ٻيئي گڏجي مهاتما جيءَ کي پاڻ سان کڻو ۽ وائسراءِ جي واسطي سان برٽش نيشن سان هڪ ڊگهي عرصي جو پروگرام طئي ڪرايو. ملڪ جي شڪست کاڌل فوج، انقلاب جي معنيٰ سمجهڻ وارو سَت ئي وڃائي ويٺي آهي. بيشڪ ڪجهه نوجوان پنهنجي محدود ٽولين کان انقلابي نعرا لڳرائي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پنڊت جن سان ملي سگهياسين ته اسان کين 1930ع ۽ 1940ع وارو فرق سمجهائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسان جي خيال ۾ برطانيه کان وضاحت ڪرائڻ يا فيصلائتي اسيمبليءَ جي گُهر تي ملڪ کي سول نافرمانيءَ جي دعوت ڏيڻ ”جبل کوٽي گاهه ڪڍڻ“ جي برابر ٿيندو.
    البته مهاتما جن پنهنجي فيصلي سان، پنهنجي ذميداريءَ تي ڪانگريس کي سول نافرمانيءَ جو حڪم ڏين ٿا ته مان مٿن ڪابه پابندي نه وجهندس، ان صورت ۾ مان پنهنجو پاڻ کي ۽ درجن کن پنهنجن دوستن کي (ان فيصلي کان) الڳ ڪرائيندس. مان محترم سوڀاش بابوءَ کي عرض ڪندس ته هو بنگال ۾ سول نافرماني جاري نه ڪن. بنگال جي پهرين سوڀ سندس اعزاز لاءِ کوڙ آهي. هن وقت مهاتما جيءَ جي پيروي ڪريو.
    مانوارؤ! مان اوهان جو شڪريو ادا ٿو ڪريان جو ايترو وقت منهنجون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ڌيان ڏنو. منهنجي خيالن کي ڪو صحيح سمجهي يا غلط، اسان پڇاڙيءَ تائين ملڪ جي ترقيءَ ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي استاد مولانا محمود حسن شيخ الهند جي طريقي تي ڪم ڪندي مرنداسين. الله اسان کي توفيق بخشي. بس اهڙيءَ طرح جيئڻ عبادت آهي ۽ انهيءَ ڌُن ۾ مرڻ شهادت آهي.
    (هاڻي) مان اوهان کان موڪلايان ٿو، اوهان پنهنجي ڪانفرنس جو ڪم سنجيدگيءَ سان شروع ڪريو ۽ ڪاميابيءَ سان فيصلا ٺاهيو.
    وآخر دعوانا ان الحمدلله رب العالمين
    **


    هندستان جي قومن جو اجتماع : نيشنل آهي يا انٽرنيشنل؟

    نيشنل ڪانگريس جڏهن شروع ڪئي وئي هئي ته ان جو مقصد هي قرار ڏنو ويو هو ته اينگلو انڊين طبقي سان گڏ انگريزي ڳالهائيندڙ هندستاني گڏجي هڪ نئين قوميت جي پيڙهه رکندا، جيڪا انگريزن سان سماجي لاڳاپن ۾ وابسته رهندي، ته جيئن برٽش گورنمينٽ جي لاءِ هڪ اعتبار جوڳي سوسائٽي ٺهندي رهي. ان ريت جڏهن به هندستاني مطالبن کان مجبور ٿي ڪري حقوق بخشيءَ جي ضرورت پوندي ته انهيءَ سوسائٽيءَ کي هندستان جو قائم مقام مڃيو ويندو. برٽش ڪامن ويلٿ جون حالتون ڏسڻ سان سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي سگهي ٿو ته ان قسم جي پاليسي برطانيه سلطنت جي اصول ۾ خاص اهميت رکي ٿي.
    ڪانگريس جي بانيڪارن جو اصلي نصب العين ته تڏهن ئي پورو ٿي سگهيو پئي جڏهن اينگلو انڊين ان جماعت تي حاڪم رهن ها، پر بنگالي نيشنلسٽن هندستان جي نمائندگيءَ ۾ اهڙيءَ ريت پيش قدمي شروع ڪري ڏني، جنهن جو مقابلو اينگلو انڊين نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ انهيءَ سلسلي ۾ بنگال ۽ بمبئيءَ جا نيشنلسٽ اڳتي وڌندا ويا، اها به هڪ حقيقت آهي ته جيتري قدر منجهن هندوسانيت وڌندي وئي اوترو گورنمينٽ، ڪانگريس کي ناپسند ڪرڻ لڳي.
    اسان ان ٻئي دور کي بنگال جي ورهاڱي جي رد ٿيڻ تائين پکڙيل مڃون ٿا. ان زماني تائين دهلي ۽ ان جي واسطيدار اتر- اولهندي هند، ڪانگريس ۾ گهڻي همت سان بهرو نه ورتو ۽ ان جو ڪارڻ (به) واضح آهي ته يوپي ۽ پنجاب انگريزي ڄاڻڻ ۾ ڪلڪتي، مدراس ۽ بمبئيءَ جو مقابلو نه پئي ڪري سگهيا.
    عام جنگ (پهرين عالمي جنگ) جي پڄاڻيءَ تي مهاتما گانڌي ڪانگريس ۾ ظاهر ٿيو، ان کي اسان ٽئين درجي جو عروج سمجهون ٿا، ان زماني کان ڪجهه عرصو پهريائين مون ڪانگريس جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي جيتوڻيڪ ان وقت آءٌ هندستان ۾ ڪو نه هيس. منهنجي خدمتن جو ڪاٿو لڳائڻ کان پهريائين هيءَ ڳالهه هميشه ياد رکڻ گهرجي ته وطن ڇڏڻ کان پوءِ مون لاءِ (ڪي) قدرتي ڪارڻ پيدا ٿي ويا هئا جو مان يورپ جي برطانيه مخالف قوتن کان سواءِ ٻئي ڪنهن سان به واسطو رکي ئي نه ٿي سگهيس.
    روس کي جيڪڏهن يورپ کان جدا ڪيو وڃي ته اسان جو هندستان به پکيڙ، آبادي ۽ قسمين قسمين ٻولين وغيره جي حيثيت سان هڪ ننڍي يورپ جي برابر آهي. ان ڪري حقيقتون ۽ واقعا ڪجهه وڌيڪ مختلف نه آهن. مگر هڪ اهڙو مسئلو آهي جو جنهن سان اسان جو ۽ يورپ جي تعبير جو طريقو مختلف نظر اچي ٿو جنهن لفظي اختلاف جو روپ اختيار ڪري ورتو آهي. مان ماڻهن کي ان مسئلي ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهران ٿو.
    اڄڪلهه يورپ جي علمي مجلسن ۾ لفظ ”قوم“ جي وصف ان ريت بيان ڪئي ويندي آهي ته نيشن (Nation) اهو انساني ميڙ آهي، جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندو هجي ۽ ان جي معاشرت ۾ ڪنهن حدتائين هڪجهڙائي ڏٺي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان آباديءَ ۾ هڪ فڪر جلدي پکڙجي سگهي ٿو ۽ ناڻي جي مٽاسٽا به سولائيءَ سان ٿي سگهي ٿي، ان ڪري ان کي هڪ وحدت مڃڻ ضروري آهي.
    منهنجي خيال ۾ ان اصطلاح تي سمورا هندستاني هڪ قوم نٿا مڃجي سگهن پر سنڌي، ڪشميري، بنگالي ۽ مرهٽي جدا جدا قومون چورائينديون. مون کي مڪي معظمه ۾ رهڻ دوران ڪيترائي ڀيرا تجربو ٿيو ته هڪ بنگالي حاجيءَ جي واهر ڪرڻ کان مان عاجز ٿيس. ڇاڪاڻ ته هو منهنجي ٻولي نه سمجهي سگهندو هو. منهنجي خيال ۾ جهڙيءَ طرح يورپ ۾ انگريز، فرانسيسي، جرمن ۽ اٽالين قومون مڃيون وڃن ٿيون، ساڳي حالت اسان جي هندستان ۾ به موجود آهي.
    اها به هڪ حقيقت آهي ته مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن کي جيڪڏهن سمنڊ ۽ پهاڙ جهڙيون قدرتي حدون جدا نه ٿيون ڪن، جو پاڻ ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح گڏيل فڪر پيدا ڪرڻ لاءِ مجبور آهن. هي فلسفي وارو فڪر ڪڏهن ته الاهيات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن وحدت الوجود جو عقيدو. ۽ ڪڏهن اقتصاديات سان لاڳاپو رکي ٿو، جيئن اسان جي زماني ۾ اشتراڪيت ۽ ڪڏهن ته هڪ ديني تنظيم ۾ ٻئي ڳالهيون گڏجي وڃن ٿيون. اسان جي خيال ۾ ان قسم جي فڪري ڳانڍاپن سان جيڪا وحدت پيدا ٿئي، ان کي انٽرنيشنل طاقت جو بنياد مڃيو وڃي. ان قسم جي اشتراڪ سان ويهين صديءَ جي عام اصطلاح مطابق هڪ قوم هرگز نه ٿي بڻجي سگهي. هيءَ ڳالهه به اهم آهي ۽ اسان ان کي به ممڪن نه ٿا سمجهون ته ڪنهن غيرمعمولي اثر سان ڪا خاص ٻولي هندوستان جي رهاڪن کي سيکاري وڃي جنهن سان اڳتي هلي اڄوڪي اصطلاح ۾ قوميت پيدا ٿي وڃي.
    هندستان جي تاريخ ۾ هندو فلاسافيءَ، اترين هند کي مرڪز بڻايو ۽ دکن فتح ڪيو، ان ريت ويدڪ دؤر ۾ ۽ ان کان پوءِ ٻڌن جي حڪومت ۾ انهن فڪري ڳانڍاپن سموري هندستان کي هڪ رسيءَ سان ٻڌي ان کي هڪ انٽرنيشنل طاقت ته ضرور بڻايو پر اسان ان کي نيشنل طاقت نه ٿا چئي سگهون.
    ڏسو! هندو فلاسافيءَ انهيءَ مرڪز تان گهڻن ايشيائي ملڪن کي فتح ڪيو، بلڪ يونان جي وسيلي يورپ تي به غلبو ماڻيو. اڄ به يورپي قوتون ان کي مڃين ٿيون، ته ڇا ڪنهن علمي اصطلاح ۾ به انهن ملڪن کي نيشنل طاقت سان تعبير ڪرڻ ممڪن آهي؟
    اسان جو خيال آهي ته اسلامي دؤر ۾ به هندستان جي انٽرنيشنل ازم کي ڪو صدمو ڪونه رسيو. ان کان پوءِ هاڻي انگريزي دؤر به ان جي پيروي ڪري رهيو آهي. ان ڪري پنهنجي ملڪ جي مفڪرن کي پرزور اپيل آهي ته هو ان مسئلي تي ڌيان ڏيئي ان علمي غلطيءَ جي درستي ڪن.
    اسان کي ڄاڻ آهي ته ترڪن ۾ ڪجهه سياسي ليڊر اهڙا پيدا ٿيا جيڪي اسلامي ڳانڍاپن کي به هڪ نيشنل (National) تحريڪ مڃين ٿا ۽ ان کي اسلامي قوميت جو نالو ڏين ٿا. اسان کي هيءَ به ڄاڻ آهي ته ان جي پيرويءَ ۾ اسلامي قوميت جو اصطلاح نوجوان مسلمانن، هندستان ۾ به استعمال ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي.
    جيستائين اسان ترڪيءَ جي عملداريءَ تي غور ڪري سگهياسين، اسان کي صاف نظر آيو ته ترڪيءَ جي قومي تحريڪ لاءِ هيءَ هڪ خاص قسم جي پروپيگنڊا هئي. ترڪ ڇاڪاڻ ته ان تحريڪ کي ان جي مرڪز تي قبضو ڪري هلائي رهيا هئا، انهن لاءِ ته اهوئي موزون هيو ته ٻين اسلامي قومن جي قوميت جو اعتراف نه ڪيو وڃي ۽ انهيءَ تمام گهڻي مبالغي جو هي نتيجو نڪتو ته عرب ترڪن جا قومي مخالف بڻجي ويا.
    انهيءَ قياس تي اسان جو خيال آهي ته گهڻو ڪري هندو سوسائٽي به پنهنجي سياسي غلبي جي زماني ۾ هندستان جي باقي قومن جو اعتراف ڇڏي ڏنو هوندو.
    اسان جي گذارش آهي ته هندستاني مفڪر، اڄوڪين حالتن تي غور ڪري، اُهي ڊپلوميٽڪ اصطلاح ڇڏي ڏين. ان سان پروگرام ۾ ڪو وڏو انقلاب نه ايندو. مثال طور بنگال ڪانگريس ڪميٽيءَ جو نالو بنگال نيشنل ڪانگريس رکيو وڃي ته بنگال جي ذهنيت تي وڌيڪ ٺهڪندو، ان ريت مهاراشٽر، گجرات، سنڌ ۽ پنجاب جي انهن قومي جماعتن کي نيشنل ڪانگريس سان تعبير ڪيو وڃي، ان کان پوءِ اڄوڪي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس صحيح معنيٰ ۾ آل انڊيا انٽرنيشنل ڪانگريس بڻجي ويندي ۽ فيڊريٽ انڊيا سان وڌيڪ گهرو لاڳاپو پيدا ڪندي.
    فيڊريشن جي موجوده اسڪيم مان هزار نقص ڪڍيا وڃن ۽ ان جي اصطلاح جا مختلف طريقا غور هيٺ هجن، ان جو اسان جي مسئلي سان ڪوبه واسطو ڪونهي پر اصل فيڊريشن تي سڀني جو متفق ٿيڻ ئي اسان جي نظريي کي ثابت ڪري ٿو. اڄوڪي حالت اها آهي ته پهريائين برٽش پارليامينٽ ۽ ان کان پوءِ هند جي سڀني سياسي جماعتن اصل فيڊريشن کي تسليم ڪيو آهي. بحث رڳو تفصيلن ۾ آهي، ڇا ڪانگريس لاءِ ان لفظي سڌاري تي غور ڪرڻ جو وقت ناهي آيو!؟
    (آگسٽ 1940ع)


    اسان ڇا ٿا گهرون؟

    اسان هندستان جي سياست ۾ هڪ نئين پارٽي قائم ڪرڻ گهرون ٿا جنهن جو ڍانچو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي جي نالي ۾ تيار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هن وقت اسين ان جي مقاصد تي ڪجهه روشني وجهڻ گهرون ٿا. ان سان گڏ هي به ٻڌائڻ گهرون ٿا ته هي پارٽي ڪيئن قائم ٿي سگهي ٿي ۽ ان جي طاقت جو سرچشمو ڇا هوندو؟
    انقلاب 1857ع کان پوءِ هندستان جي مسلمانن جي طاقت ٻن ڀاڱن ۾ ونڊجي وئي. هڪ جو مرڪز عليڳڙهه ٻئي جو مرڪز ديوبند ٿيو.عليڳڙهه مسلم ليگ پيدا ڪئي ۽ هيءَ سياست ان جو فوٽو آهي. ديوبند جمعيت العلماءِ هند پيدا ڪئي جنهن جي سياست کي هن جماعت جي شڪل ۾ ڏسي سگهجي ٿو. هن وقت هي ٻئي جماعتون حقيقت ۾ رڪجي چڪيون آهن ۽ مسلمانن جي ٻيڙي کي منزل مقصود جي ڪنڌيءَ تائين پهچائي نه سگهيون.
    اسان کي هي به معلوم آهي ته مسلم ليگ جي جماعت ۾ هڪ مفڪرن (سمجهدارن) جو چڱو جٿو موجود آهي جيڪو مسلم ليگ جي پروگرام مان مطمئن نه آهي، پر پنهنجي خاص ضرورتن ڪري لاچار ٿي مسلم ليگ سان ساٿ ڏيندو اچي ٿو. اهڙيءَ طرح جمعيت العلماء هند جا ڪيترا علماء جمعيت جي پروگرام کان نااميد ٿي چڪا آهن. اسان انهن روشن خيال ۽ پريشان دماغ طاقتن جي آڏو پنهنجو پروگرام پيش ڪرڻ گهرون ٿا.

    پروگرام جو اهم جزو
    اسان جي پروگرام جو سڀ کان اهم جزو هي آهي ته هندستان جي سياسيات ۾ اسين پنهنجي ڀاڱي تي پاڻ قبضو ڪرڻ گهرون ٿا ۽ هاڻي کان ئي ان جي تياري ڪرڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ اسان کي هندستان کان ٻاهرين مسلمانن جي ڪنهن به قسم جي امداد وٺڻ جي ڪابه اميد نه آهي، ايستائين جو جيڪڏهن ڪنهن به ٻاهرين طاقت هندستان تي حملو ڪيو ته اسان ان جو پوري طاقت سان مقابلو ڪنداسون، توڙي جو حملو ڪندڙ مسلم حڪومت ئي ڇو نه هجي، اسان سمجهي چڪا آهيون ته ڪنهن به مسلمان طاقت کي اهو حق نه آهي ته اسان جي موجودگي ۾ هو اسلام جي نالي ۾ هندستان تي حملو ڪري هندستان جي سرزمين کي پائمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ڇا اسان مسلمان نه آهيون؟ ڇا اسان کي پنهنجي وطن ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جو حق نه آهي؟ هن ۾ شڪ نه آهي ته ٻاهرين مسلم حڪومتن کي پنهنجن حڪومتن منظم ۽ مضبوط ڪرڻ جو هر ڪو حق حاصل آهي پر اسان انهن جي انهيءَ حق کي ڪڏهن به قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون ته هُو هندستان تي حملو ڪري کيس فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
    هي اسان جو حق آهي ته اسان هندستان ۾ پنهنجي هندستاني حڪومت قائم ڪريون. انهيءَ فڪر تي اسين ڪافي روشني وجهي سگهون ٿا ۽ پنهنجي ڏيڍ سو سالن جي سياسي غنودگي کي پري ڪري سگهون ٿا.

    هندستاني مسلمان ۽ اسلامي حڪومتون
    اسان کي هتي اهو بحث ڪرڻ مقصود نه آهي ان ڪري فقط اشارو ڪرڻ ڪافي سمجهون ٿا. سلطنت مغليه جي آخري دور ۾ جڏهن شاهه عبدالعزيز ؓ جي جماعت (پارٽي) دهليءَ جي حڪومتي ڪمزورين کي پري ڪرڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪتي ته انهن کي ڪنهن به ٻاهرين مسلم حڪومت مدد نه ڪئي. جڏهن اسان جا اڳيان بزرگ پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ شهيد ٿي چڪا آهن ته پوءِ انهيءَ بلند تخيل کان سواءِ ڪابه شيءِ آڏو اچڻ نه ڏينداسون. اسان جا هندستاني اڳواڻ ڪيتري وقت کان وٺي چئي رهيا آهن ته:
    شد پریشان خواب من از کثرت تعبیر با
    (ترجمو: نين نين تعبيرن سان منهنجي خواب جو بنيادي مقصد ئي وکري ويو آهي.)
    پر افسوس آهي ته هو پنهنجي پريشان خيالي جي مٿان پوري طرح غور ۽ فڪر ڪري نٿا سگهن. اسان جو علم ۽ تجربو هن ڳالهه جو شاهد آهي ته ان جو سبب فقط هڪ ئي آهي يعني هميشه هندستان جي مسلمانن جو توجه ٻاهرين امداد جي طرف رهيو آهي يا رهايو ويو آهي. انهن کي پنهنجي فيصلي سان پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ جي طرف سندن خيال کي نه آندو ويو يا اچڻ نه ڏنو ويو. جن ماڻهن مٿئين غلط رويي ۾ حصو ورتو انهن کي پهرئين دور ۾ ته قابل معافي سمجهي سگهجي ٿو پر اڄوڪي بيداري جي زماني ۾ جڏهن هيءَ ڳالهه سج وانگر روشن ٿي چڪي آهي ته ٻاهرين طاقت تي ڀروسو ڪرڻ اسان جي لاءِ زهر قاتل آهي. پوءِ اهڙي شخص کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو جيڪو اڄ به انهيءَ غلط خيال ۾ مسلمانن کي مبتلا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

    حقيقي هندستاني
    اسان جو فڪر عوام (عام ليڊرن) جي فڪر کان هڪ قدم اڳتي آهي. جيئن ته اسان جڏهن به هندوستاني جو لفظ چوندا آهيون ته اسان وٽ ان جو ٺيڪ مصداق هندستاني مسلمان هوندو آهي، تنهن ڪري اسان کي هندستاني سان گڏ لفظ مسلمان چوڻ جي ايتري ضرورت نه ٿيندي آهي. ٺيڪ معنيٰ ۾ هندستاني اهو آهي جنهن هندستان جي تفرقه بازي کي ڪڍي ڇڏيو هجي ۽ ان جي اندر ايڪو آڻي ان کي هڪ پروگرام تي هلايو هجي. انهيءَ نظريي جي قبول ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن هندستان جي تاريخ تي نظر وڌي ويندي ته صاف معلوم ٿيندو ته پهريائين هندستان ۾ ڀيل ۽ گوند قومون رهنديون هيون. انهن جي تاريخ جو اسان کي ڪو علم نه آهي. اسان هن وقت فقط ايترو ڄاڻون ٿا ته آريا قوم ئي آهي جنهن هندستان ۾ هڪ قسم جو ايڪو پيدا ڪيو ۽ اشوڪ اعظم جهڙو شهنشاهه پيدا ٿيو، جنهن تقريباً ساري هندستان ۾ هڪ مرڪزي حڪومت پيدا ڪري اندروني تفرقه بازي کي تڙي ڪڍيو. آريا قوم پهرين هندستاني قوم آهي جنهن ڀيل ۽ گونڊ قوم جي هندستانيت کي ختم ڪيو، بشرطيڪ هنن ڪائي هندستانيت پيدا ڪئي هجي. ان کان پوءِ اسلام پنهنجي پهرئين دور ۾ هندستان جي سرحدن تائين پهچي ويو. ڪابل ۽ غزني جيڪي تاريخي لحاظ کان هندستان جا آخري ضلعا هئا، حضرت عثمان رضي الله تعاليٰ عنه جي زماني ۾ فتح ٿي چڪا هئا، پر هندستان ۾ هڪ نئين تحريڪ جي حيثيت سان اسلام چار سو سال کان پوءِ داخل ٿيو.
    موجوده هندستان ۾ آرين جي حيثيت
    غزني جي مرڪز کان محمود غزنوي وڌڻ شروع ڪيو ۽ مسلمانن 600 سالن اندر هندستان جي جدا جدا طاقتن کي نئين سر ايڪي ۾ آندو ۽ اشوڪ اعظم کان پوءِ ٻيهر هندستان ۾ عالمگير جهڙو هندستان گير بادشاهه پيدا ٿيو، جنهن سڄي ملڪ ۾ پنجاهه ورهين تائين حڪمراني ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ هڪ قانون جاري ڪري ڏيکاريائين. هي ٻي هندستاني طاقت آهي جنهن آريا قوم جي هندستانيت کي ايئن ختم ڪيو جيئن انهن گونڊ ۽ ڀيل قوم جي هندستانيت کي ختم ڪيو هو. مگر آريه قوم جي هندستانيت جو ختم ٿيڻ اهڙو نه هو جهڙو ڀيل ۽ گونڊ قوم جو. انهيءَ ڪري هي چوڻ بلڪل ٺيڪ آهي ته مسلمان پهرئين درجي جا هندستاني آهن ۽ هندو ٻئي درجي جا. عالمگير جي دور حڪومت کان پوءِ وري تفرقه بازي ۽ بدانتظامي پيدا ٿي. انهيءَ تفرقه بازي ۽ بدانتظامي کي برطانيه سرڪار اچي هٽايو. هاڻي جيڪڏهن برطانيه پاڻ کي هندستاني چوائڻ تي راضي ٿئي ته هن جو هڪ ڀاڱو ائنگلو انڊين وانگر هندستان کي پنهنجو وطن ڪري وٺي ۽ اهو ئي ان اجتماعيت جو مرڪز ٿي وڃي ته اڄ هي ماڻهو اول درجي جا هندستاني چئبا ۽ مسلمان ۽ هندو ٻئي ۽ ٽئين درجي جا هندستاني ڪوٺبا. پر جڏهن اڃا تائين برطانيه طاقت هندستانيت کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ان ڪري هن وقت مسلمانن ئي اول درجي جو هندستاني چئي سگهجي ٿو.

    هندستان اسان جو آهي
    پوءِ جڏهن مسلمان چوندو آهي ته هندستان اسان جو آهي ته انهيءَ ۾ عظيم الشان حقيقت جلوه گر هوندي آهي. مگر وڏي افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان جا پراڻا ۽ نوان تعليم يافته انهن ڳالهين تي غور ڪرڻ کان بلڪل عاري ٿي چڪا آهن. اهي فقط پنهنجي آدم شماري جي ڌنڌي ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ هندستاني هجڻ جي اعتبار سان جيڪي حق اٿن انهن جي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. مسلمانن کي پنهنجي فڪر تعداد جو آهي انهن کي سوچڻ گهرجي ته ڇا انگريز هندستان تي پنهنجو گهڻائي ڪري حڪومت ڪري رهيا آهن؟ اصل حقيقت هي آهي ته حڪومت جو گهڻائي ٿورائي تي دارومدار نه آهي صحيح بلڪ فڪر (ٺيڪ پروگرام) هجڻ تي آهي، جيڪڏهن ڪنهن به قوم وٽ انسان ذات لاءِ صحيح فڪر (پروگرام) موجود هجي ۽ تنظيم به مڪمل ۽ مضبوط هجي ته اها قوم حڪومت ڪندي آهي. اهو استعداد (قوت) اڄ به هندستاني مسلمانن ۾ موجود آهي ۽ هندن ۾ نه آهي ڇو ته انسانيت جو صحيح فڪر هر هڪ مسلمان کي ٿورن ڪلاڪن ۾ سيکاري سگهجي ٿو مگر هندن ۾ ڪي ڪي افراد (ماڻهو) اهڙا ملندا جو انهيءَ فڪر کي سمجهڻ جي لياقت رکندا هوندا، ڇاڪاڻ جو مسلم قوم اصولي طرح انسانيت کي جدا جدا درجن ۾ ورهايل ڪونه آهي پر هن وٽ سڀ هڪ جهڙا انسان آهن جن سان برابر هڪ جهڙو انصاف ڪرڻ گهرجي پر هندو قوم ۾ انسان ذات کي جدا جدا ورنن ۽ ذاتين ۾ ورهايو ويو آهي جنهن ڪري هنن وٽ ڇوت ڇات جي بيماري پيدا ٿيل آهي تنهن ڪري هو انسانيت جي صحيح فڪر کان محروم ٿيل آهن.

    فڪري تنظيم جو لائق ڪير آهي
    حڪومت هلائڻ لاءِ فڪر صحيح (ٺيڪ پروگرام) جي تنظيم ضروري آهي. مسلمانن اڃا تائين تنظيم (نظام قائم ڪرڻ) جا رستا وساريا ڪين آهن مسلمان پنهنجي تنظيمي طاقت سان گڏ يورپ جي هٿيارن هلائڻ جو ڪم به سکي چڪو آهي، انهيءَ ڪري مسلمانن کي هلندڙ دؤر ۾ فڪر صحيح جي هلائڻ جا بهترين موقعا حاصل آهن.
    چئي سگهجي ٿو ته هندو به يورپين نظام کي قبول ڪري پنهنجي سوسائٽيءَ کي اڳتي وڌائي رهيا آهن. جيتري قدر موجوده واقعات جو تعلق آهي انهيءَ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي. هي ٺيڪ آهي ته هندو به يورپين نظام جي ڪن شين کي اپنائي چڪا پر اسان پوري علم ۽ يقين سان چئون ٿا ته مسلمان وٽ جيڪو فلسفه عمل آهي ۽ جنهن جي زور تي هو دنيا جي قومن جي اڳواڻي ڪري سگهي ٿو اهڙو فلسفه عمل هندو سوسائٽي وٽ هرگز نه آهي.
    مٿين ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ هڪ ننڍو مثال اوهان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪانگريس يورپين طريقه فڪر مان پيدا ٿي ۽ انهيءَ آب وهوا ۾ طاقت ورتائين. جيستائين هوءَ مفڪرين جي جماعت هئي ان ۾ ارتجائي (پوئتي هٽندڙ) گروپ بلڪل گهٽ داخل ٿيو پر جڏهن کيس حڪومت جو هڪ ننڍو ڀاڱو ڏنو ويو ته ارتجائي ٽولو مٿس ڇانئجي ويو. ڇا ڪانگريس يورپين طريقي تي حڪومت هلائي سگهي ٿي؟ بلڪل نه. حقيقت ۾ هندو سرمايه دار طاقت کي راضي ڪرڻ کان سواءِ سندن ڪوبه نصب العين نه آهي.

    سرمايه داري ۽ هندو
    هندو جڏهن به ڪو نظام پيدا ڪندو آهي ته ان جو بنياد سرمايه داري تي هوندو آهي، تنهنڪري مهاتما گانڌي جهڙي شخصيت پڻ جيڪو انسانيت جو ايترو وڏو نمائندو ٿي ڪري به سرمايه داريءَ کان هڪ انچ به اڳتي وڌي نه سگهيو آهي. اهڙي طرح جواهر لال نهرو ڪميونسٽ آهي پر تڏهن به سرمايه دار آهي ان جي مقابلي ۾ مولانا حسرت موهاني کي ڏسو جنهن ڏينهن هن اشتراڪيت قبول ڪئي ان وقت ئي پنهنجي سموري ملڪيت ختم ڪري ڇڏيائين ۽ هن وقت هو هڪ ڪوڏيءَ جو به مالڪ نه آهي. جواهر لال يورپ ۽ سوشلسٽن سان گڏ رهي سوشلزم سکيو مگر مولانا حسرت موهاني پنهنجي ذاتي فڪر سان انهيءَ مرتبي کي پهتو آهي. هي فرق آهي مسلم سوسائٽي ۽ هندو سوسائٽي جي وچ ۾. مسلمان جنهن وقت پنهنجي اصلي نظام يعني قرآني فڪر تي ايندو ته ان وقت سرمايه داري جي بت کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيندو ۽ اڄ سرمايه داري جي بت کان سواءِ ٻيو ڪهڙو وڏو بت آهي جنهن جي ڀڃڻ جي ضرورت آهي.

    مسلمان سرمايه داريءَ جو دشمن آهي
    مسلمان هندستاني آهي ۽ هو ان سان گڏ سرمايه داري جو دشمن آهي ۽ هر انهيءَ ماڻهو سان جو سرمايه دار نه آهي جيتوڻيڪ مسلمان نه به هجي انسانيت جو سلوڪ ڪرڻ ڄاڻي ٿو. هن وقت تائين هندستان ۾ اهڙيون هزارين خدا جي بزرگن جون (جن انسان ذات جي خدمت سواءِ ڪنهن لالچ ۽ متٿڀيد جي ڪئي هجي) قبرون موجود آهن جن جي زيارت ڪئي وڃي ٿي.
    خداوند پاڪ جو شڪر آهي جو مسلم نوجوان قرآن حڪيم جي طرف متوجه ٿي چڪو آهي ۽ قرآن حڪيم جي تعليم موجوده سرمايه داري جو ضد آهي.
    اسيمبلي جي موجوده ميمبرن جي سرمايه داريءَ کان مرعوب ٿي ڪري مسلم نوجوان گهڻي دير تائين صبر ڪري نه سگهندو. ان جو مطلب ته هندستان جي مسلمانن ۾ مستقبل جي سنڀالڻ جي پوري صلاحيت ۽ طاقت موجود آهي. جڏهن هندستاني تفرقه بازي کي برطانيه جي جاءِ نشينيءَ ۾ مسلمان مٽائي سگهي ٿو ۽ اتي اجتماعي عادلانه نظام (ايڪو) پيدا ڪري سگهي ٿو، ان ڪري گذريل زماني وانگر ايندڙ زماني ۾ به هندستاني لفظ جو صحيح مصداق فقط مسلمان ئي ٿي سگهي ٿو.

    هڪ هندستاني جو نصب العين
    مٿئين ساري ذڪر جو مطلب هي آهي ته هندستاني مسلمان عالمگير جي فڪر کي نه وسارن پر سندس سلطانيت (بادشاهي نظام) کي پنهنجو نصب العين نه بڻائن بلڪ انهيءَ زماني ۾ جيڪا اسلامي فلسفي جي ارتقائي شڪل شاهه ولي الله دهلوي رحه جي والد بزرگوار ۽ سندس چاچي بزرگوار ٻڌائي جنهن کي امام الهند امام ولي الله محمد شاهه جي زماني ۾ ترتيب ڏيئي مڪمل پروگرام بڻايو ان کي عالمگير جو ورثو سمجهن. مطلب ته انهن کي ٻاهرين مسلمانن جي پريشان ڪندڙ پروگرامن ڏي متوجه ٿيڻ نه گهرجي بلڪ هنن کي پنهنجي (ملڪ) تي پنهنجي قبضي ڄمائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو رهڻ گهرجي جيتوڻيڪ هنن کي پنهنجي ڪاميابي ۾ سو سال به ڇو نه لڳي وڃن، تڏهن به پروگرام جي تبديل ڪرڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي.
    ان کان پوءِ شاهه ولي الله جي طريقي پٽاندڙ جيڪو اسان پروگرام سوچيون ٿا ان جا ٻه حصا واضح ڪرڻ گهرون ٿا. اسان جو هندستاني هجڻ، هن مان ظاهر آهي ته اسان انڊين نيشنل ڪانگريس جو رڪن بڻجڻ گهرون ٿا ڇو ته هاڻي دنيا جو سياسي مرڪز يورپ ۾ منتقل ٿي چڪو آهي. اسان مان ڪنهن به هندستاني کي يورپ ۾ تعارف ڪرائڻ گهربل هجي ته ان جي لاءِ ڪانگريس بهترين عنوان آهي.

    عدم تشدد
    اسان جي خيال ۾ ڪانگريس جي عدم تشدد واري پاليسي ان وقت تائين هندستان جي لاءِ لازم آهي جيستائين انهن کي هي يقين ٿئي ته اسان لڙائي ڪري پنهنجو ملڪ فتح ڪري سگهون ٿا. هي اصول تياري ڪرڻ لاءِ بهترين رستو آهي، انهيءَ تي استقلال سان عمل ڪرڻ گهرجي ڇو ته جيستائين ملڪ آخري موقعي لاءِ تيار نه هجي ان کي ننڍين لڙائين ۾ حصو وٺڻ نه گهرجي. ان سلسلي ۾ اسان جو فڪر گانڌي جي فلسفي جو پابند نه آهي بلڪ اسان جي فڪر جو بنياد حضرت محمد رسول الله ﷺ جي تيرهن ورهين جي مڪي زندگي تي آهي. جيتوڻيڪ نبي ڪريم ﷺ جي سيرت مبارڪ جي انهيءَ پهلو جي طرف گانڌي جي پروگرام جي اشاعت کان پوءِ اسان جو توجهه ٿيو.

    درجه نو آباديات
    عدم تشدد کان پوءِ اسان جي پروگرام جو ٻيو ڀاڱو آهي درجه نو آباديات تي برطانيه سان صلح ڪرڻ.
    ڪانگريس جي اندر هندستاني مسلمان نوجوان اهڙي پارٽي ٺاهيندو جيڪا برطانيه کان درجه نو آباديات حاصل ڪندي. جن شرطن تي به آزادي ملي سگهندي سي سڀ قبول ڪرڻ لاءِ تيار هوندي. ان ڪري برطانيه سان اسان جو جهڳڙو ختم ٿي ويندو ۽ اسان کي پنهنجي عمومي طاقت کي منظم ڪرڻ ۽ عمومي سياسي نظام ۽ عمومي تعليم جي لاءِ پورو موقعو ملي ويندو. ان هوم رول ۾ اسان جو ڪجهه حاصل ڪرڻ گهرون ٿا ان ۾ هندو ۽ مسلمان برابر شريڪ هوندو ۽ هندو ۽ مسلم صوبا برابر درجي تي هوندا مگر صوبن جي اڪثريت پنهنجن پنهنجن صوبن ۾ قانون هلائڻ تي يقيناً قابض هوندي. جيڪڏهن مسلم نوجوان پنهنجي اڪثريت واري صوبي ۾ سرمايه داري کي فنا ڪرڻ گهرندو ته ان کي ڪابه طاقت روڪي نه سگهندي ۽ ان جو فائدو هر هڪ مسلمان ۽ هندو کي برابر پهچندو. هن آخري اصول کي واضح ڪرڻ لاءِ اسان هڪ ٻيو اصول واضح ڪرڻ گهرون ٿا.

    گڏيل انتخابي طريقه ڪار
    مسلم اڪثريت جي صوبن ۾ اسان جي پارٽي ڪوشش ڪندي ته مسلمانن جو ووٽ ان کي ملي پر چونڊ گڏيل طريقي تي هوندي. جيڪڏهن مسلم نوجوان ايترو بزدل آهي ۽ اعتماد علي النفس قطعاً ڇڏي چڪو آهي ۽ پنهنجي اڪثريت واري صوبه ۾ طاقت وٺي نٿو سگهي ته اسان جي قوميت جو اهو ڀاڱو فنا ڪري ڇڏڻ جي قابل آهي پر اسان کي يقين آهي ته هندو ۽ مسلمان اسان جي پارٽي جي نمائندن کي گڏيل ووٽن سان ضروري ڪامياب بڻائيندا ۽ مسلم نوجوان يقيناً برسراقتدار ايندو پر هو پنهنجي اقتدار کي فقط قانون سازي ۾ بند رکندو ۽ ڪوبه قانون اڪثريت جي مرضيءَ خلاف تيار ٿي نه سگهندو. جيئن ته ووٽرن جي تعليم انسانيت جي صحيح اصولن تي هوندي ان ڪري مسلم اڪثريت فقط نالي جي اڪثريت هوندي، نه ته حقيقت ۾ اُها انسانيت جي نمائنده هوندي. هر ڪو ووٽر پنهنجي صحيح ذهنيت جي مطابق ووٽ ڏيندو ۽ ان جو نمائندو صحيح انسانيت جي اصولن مطابق پنهنجي ووٽ کي امانت سان استعمال ڪندو. مسلم نوجوان پنهنجي قانون سازي واري حق جي حفاظت لاءِ ساري طاقت کي خرچ ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو پر قانون جي هلائڻ ۾ ملڪ جي بهترين طاقت کي هڪ جهڙو حصو ڏيندو. ان ۾ هندو مسلم جو فرق ڪجهه به نه رکندو تنهن هوندي به ايترو خيال ضرور رکندو جو قانون جو روح گم نه ٿي وڃي.

    غير متضاد اصول
    انهن اصولن تي اسان جي پارٽي اسلامي اڪثريت جي صوبن ۾ صحيح اسلامي ۽ انساني فضا پيدا ڪرڻ گهري ٿي. هيءَ فضا نه ته هندوستانيت جي خلاف آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪو هندو ۽ سک قوم سان جهڳڙي جو امڪان آهي. ۽ نه ته ڪو انگريز جي برخلاف آهي. جيڪڏهن انهيءَ قسم جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ ڏهه ويهه سال لڳي وڃن ته اسان کي صبر کان ڪم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جو مقصد (پروگرام) ناڪام ٿيڻ وارو نه آهي. هي اهو پروگرام آهي جنهن کي اسان جمعيت العماءِ ۽ ليگ جي غيرمطمئن ماڻهن جي توجهه ۾ آڻڻ گهرون ٿا ۽ اسان ملڪ جي حڪمران طاقت کان به لڪائڻ نٿا گهرون ۽ پڻ هن پروگرام جي تڪميل لاءِ اقليت (ٿورائي وارين قومن) کي به شريڪ ڪرڻ گهرون ٿا، هن شرط سان ته هو هن پروگرام تي ڀرپور غور ۽ ويچار ڪري هن ۾ شريڪ ٿيڻ پسند ڪن. اسان هن تحريڪ کي لاهور کان شروع ڪرڻ گهرون ٿا. هن جو ٻيو مرڪز لکنؤ هوندو ۽ ٻنهين کي دهليءَ ۾ گڏ ڪنداسون.

    غيراختلافي تخيل
    هڪ آخري ڳالهه به لکڻ ضروري آهي ته جڏهن اسان غيرمسلم قومن کي هن پارٽيءَ ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ان ڪري فڪري وحدت لاءِ غيرمسلم قومن کي اهڙي فلسفي جي طرف دعوت ڏيون ٿا جيڪو مسلم ۽ غيرمسلم ٻنهين لاءِ هڪ جهڙو مڃڻ جي لائق آهي.
    ان سلسلي ۾ هي به ياد رکڻ گهرجي ته جيتوڻيڪ اسان اشتراڪيت جي انتهاپسندانه اقتصادي پروگرام جي قابل نه آهيون پر اسان محنت ڪندڙ ٽولي (هاري وغيره) لاءِ روٽي، ڪپڙي، تعليم ۽ صحت جي اصلاح کي نظرانداز ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، انهيءَ ۾ به اسان مسلم ۽ غيرمسلم جو ڪو به فرق نه رکنداسين. ڇو ته هي ڳالهه مٿئين فلسفي فڪر جو جزو لازم آهي جنهن جي طرف اسان اشارو ڪيو آهي.

    مسلم ليگ جي توجه لاءِ
    مسلم ليگ جي ميمبرن آڏو هڪ خاص مسئلي تي روشني وجهڻ گهرون ٿا. اسان جا ليگي دوست فيڊريٽيڊ گورنمينٽ جي مرڪزيت کي گهڻو شبهي جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ان ڪري هو 1935ع جي تجويز اصلاحات کي رد ڪرڻ ضروري سمجهن ٿا انهن کي معلوم هئڻ گهرجي ته پارليامينٽ جو هي فيصلو آساني سان رد ڪري نٿو سگهجي البته اسان ان ۾ هڪ ترميم پيش ڪرڻ تي زور ڏيون ٿا جنهن جي منظوري کان پوءِ اميد ڪامل آهي ته انهن جا سڀ خطرا ۽ شبهات دور ٿي ويندا.

    هڪ دستوري اصلاح
    اسان گهرون ٿا ته پارليامينٽ انهن قانوني اصلاحات ۾ هڪ دفعي (فقري) جو اضافو ڪري ڇڏي جنهن جو مطلب هجي ته جن علاقن کي اڳي صوبو چيو ويندو هو ان کي اسٽيٽ مڃيو وڃي. انهيءَ ۾ نه پارليامينٽ کي ڪوئي اعتراض ٿيندو ۽ نه ڪانگريس کي، ڇو ته انهيءَ ۾ نه ته ڪا نظام ۾ تبديلي ڪرڻ جي ضرورت ٿئي ٿي ۽ نه وري ڪو خرچ ۾ ڪو اضافو ٿئي ٿو. جيڪو پرڳڻو هڪ زبان ڳالهائي ٿو ۽ ڪاروباري سلسلي ۾ ويجهڙائي اٿن ان کي هڪ ملڪ يا اسٽيٽ مڃڻ حقيقت جي قريب آهي ۽ جديد نظام ۾ ان کي صوبو چوڻ بلڪل بي معنيٰ آهي بلڪ ان ملڪ جي رهاڪن جي بيعزتي آهي.

    (2- سيپٽمبر 1940ع)
    **


    جامعه مليه دهليءَ ۾ “يادگار شيخ الهند” جو افتتاحي خطبو

    (22 نومبر 1940ع)

    اِنَّ ولیّی اللھ الذی نزَّل الکتٰب وَھُوَ یتولیّ الصالحین
    بسم اللھ الرحمٰن الرحیم
    تمهيد
    مون کي سڃاڻيندڙن وساريو نه هوندو ته مون جون 1940ع تي ”يادگار شيخ الهند“ لاءِ مختصر پروگرام ڇپايو هو جنهن ۾ مسلمانن جي مالدار طبقي کي اپيل ڪئي وئي هئي ته جيترا به ماڻهو هن اسڪيم جي مقصد کي سمجهي سگهن ٿا ۽ ان کي هندستان ۾ رهندڙ مسلمانن لاءِ مفيد سمجهن ٿا اهي دوست هڪ خاص مقدار ۾ پئسا جامعه جي خزاني ۾ جمع ڪرائين ته جيئن مون کي عمر جي هن آخري مرحلي ۾ (علم جو) شوق رکندڙ نوجوان عزيزن کي پنهنجي علم ۽ تجربي کان واقف ڪرائڻ ۾ سؤلائي ٿئي.
    اڄڪلهه حالتون اهڙيون آهن جو ڪنهن امتحاني اسڪيم تي پئسا خرچ ڪرڻ جي دعوت پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي پوري سگهه نٿي رکي، گهڻو ڪري انهن سببن مسلمانن کي هن ڪم ڏانهن متوجه ٿيڻ نه پئي ڏنو. اهو به ٿي سگهي ٿو ته منهنجي سرگرمين ۽ منهنجا مختلف مقالا پڙهي ماڻهو مون کان بدظن ٿي ويا هجن، ته پوءِ مان شايد پنهنجو ڪم ڄمي نه ڪري سگهان. اهو به ڄاڻان ٿو ته بدظني وڌائڻ جا ٻيا به سبب پيدا ٿيندا رهيا، پر مون انهن ڏانهن ڌيان نه ڏنو. مان جيڪڏهن ڪنهن کي پنهنجو مقصد سمجهائي پنهنجي ساٿ يا سهڪار لاءِ تيار نٿو ڪري سگهان ته وڙهي ۽ جهيڙو ڪري راهه ڪڍڻ جي سهوليت پيدا ڪرڻ هينئر منهنجي وس کان ٻاهر آهي. تنهن ڪري توڪلاً علي الله، جيترو به ڪم ڪري سگهان ٿو رٿ پٽاندڙ نصاب مڪمل ٿيڻ (يعني ڏهه عربي ۽ ڏهه انگريزي پاس شاگردن جي ضرورت مهيا ٿيڻ) کان اڳ تمهيد طور شروع ڪريان ٿو.
    مان ڪجهه دوستن جي مشوري سان جن مان محترم خواجه عبدالحي صاحب جو نالو وٺي سگهان ٿو. رمضان 1359هه جي آخري هفتي ۾ دهليءَ ۾ پهتس. اڄ 16 شوال 1359هه (17 نومبر 940 هندي) کان جيترا به ڪارڪن پنهنجو خرچ پاڻ برداشت ڪري سگهن ٿا رڳو انهن جي ساٿ سان جامعه مليه جو بيت الحڪمت شروع ڪريان ٿو، جنهن کي اڳتي هلي ”يادگار شيخ الهند“ ۽ ولي الله اڪيڊمي جي نالي سان سڏيو ويندو.
    منهنجي لاءِ ضروري آهي ته محترم ڊاڪٽر ذاڪر حسين خان شيخ الجامعه ۽ سندس ساٿين جي شڪرگذاريءَ جو هن موقعي تي اظهار ڪريان. انهن پهرئين ڏينهن کان تمام گهڻي فراخ دليءَ سان هن تحريڪ جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي ۽ هينئر پڻ جامعه اسان کي هر قسم جي مالي امداد ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر مان اشد ضرورت کان سواءِ ٻئي ڪنهن قسم جو بار وجهڻ پنهنجي مصلحت جي خلاف سمجهان ٿو. اسان جي درسگاهه اندروني بيهڪ قائم رکڻ بعد اهڙيءَ ريت جامعه مليه جي ملڪيت بڻبي جيئن ”بنيادي تعليمي اسڪيم جو ٽريننگ اسڪول“ جامعه جو حصو آهي.

    يادگار شيخ الهند ۾ شاهه ولي الله جو فلسفو
    ياد رهي ته اسان ان کي ڪنهن عارضي تحريڪ يا وقتي جوش کان متاثر ٿي شروع ڪرڻ نٿا چاهيون، پر اسان پنهنجي علم ۽ تجربي جو عملي نمونو قائم ڪريون ٿا. شاهه ولي الله جي فلسفي سان اسان جو تعلق پنجاهه سالن کان دنيا ڄاڻي ٿي، هينئر اسان پنهنجي تحقيقات جو تت ايندڙ نسل آڏو آڻڻ گهرون ٿا.
    اسان چاهيون ٿا ته هندستاني قومي فڪر ۾ هڪ معقول خيال جو اضافو ڪريون، جنهن سان هڪ مسلمان به پنهنجي هندستاني هجڻ تي ايترو ئي فخر ڪري سگهي جيئن دنيا جا عقلمند محب وطن (مسلمان هجن يا غيرمسلم) پنهنجي پنهنجي وطن جي عزت تي ناز ڪن ٿا. اهو خيال دنيا جي هڪ غير معروف پر تمام وڏي فلاسافر امام ولي الله دهلويءَ جو فلسفو آهي. اها حڪمت جيئن مسلمانن جي ٻن مشهور فلاسافرن شيخ اڪبر ابن عربي ۽ امام رباني مجدد سرهندي جي پيروڪارن کي مطمئن ڪري سگهي ٿي، ان کان وڌيڪ هندو فلسفي جي مختلف اسڪولن جي نظرين کي گيتا جي اسلوب تي گڏ ڪري رهي آهي. جيترا به اهل علم ولي الله فلسفي ۾ تبحر (مهارت) حاصل ڪندا اُهي پنهنجن هم خيال هندستانين (هندو هجن يا مسلمان) تي هڪ جيترو اعتماد ڪندا.
    مسلمانن جي اڪثريت جيڪڏهن نيشنل ڪانگريس کان علحدگيءَ تي زور ڀريندي رهي ته ڪانگريس هڪ پارٽي ڪانفرنس بڻجي ويندي ۽ اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون. ان سان اسان جي هڪ خاص قسم جي پنجاهه ساله ملڪي ڪوشش بيڪار ٿي ويندي، جنهن جا اسين حقيقي ڀائيوار آهيون. مسلم ليگ جي ليڊرن جي رويي کان جيڪڏهن کڻي قطع نظر ڪريون ٿا ته احرار ۽ جمعيت العلماءِ جو معاملو ان کان وڌيڪ ناقابل فهم آهي. هو ڪانگريس جا همدرد ۽ وفادار بڻجي به ڪانگريس کان ٻاهر پنهنجي لاءِ مستقل سياسي پروگرام تجويز ڪن ٿا. اسان ان پريشان خياليءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ انهن جماعتن کي ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل پارٽيءَ جي صورت ۾ تبديل ڪرڻ گهرون ٿا. اسان کي ان لاءِ شاهه ولي الله جي فلسفي کان بهتر نصب العين نٿو ملي سگهي.
    ان فلسفي جي تعليم مان اسان کي هڪ ٻيو فائدو حاصل ڪرڻ به گهربل آهي. اسان پنهنجي ان نئين جماعت کي سرڪاري يا مذهبي خدمتن لاءِ تيار نه پيا ڪريون. تنهن ڪري اسان انهن کي خدمتِ خلق جو پروگرام ئي ڏئي سگهون ٿا. شاهه ولي الله جو فلسفو جيئن ته سڀني دينن جو سرچشمو ”انسانيت“ ۽ ان جي تڪميل کي قرار ڏئي ٿي. اسان يقين رکون ٿا ته اهو فڪر جيترو به ڪنهن ذهن ۾ پختو ٿيندو اوترو اهو الله جي خلق جو سٺو خادم بڻجي سگهندو.

    يادگار شيخ الهند رحه ۽ برٽش ڪاملن ويلٿ
    جهڙيءَ ريت هندستاني قومي فڪر ۾ اسان امام ولي الله جي فلسفي کي مرڪزي درجو ڏيارڻ گهرون ٿا، اهڙيءَ ريت اسان عملي پروگرام لاءِ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪندڙ پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر ٺاهڻ ضروري سمجهون ٿا. اهو ڪم جيتوڻيڪ لبرل اسان کان وڌيڪ چڱيءَ طرح ڪري سگهن ٿا، پر هو ڪانگريس جو نصب العين قبول نٿا ڪن، تنهن ڪري الڳ ٿي ويا ۽ اسان عدم تشدد سان ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ جو مقصد پنهنجي اصلي فڪر ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ قبول ڪيو آهي، تنهن ڪري آسانيءَ سان ڪانگريس ۾ اهڙي پارٽي ٺاهي سگهون ٿا، جيڪا عملي طور هوم رول حاصل ڪرڻ تي پنهنجي سموري طاقت استعمال ڪندي. ان ۾ اسان پنهنجن نوجوانن جي انقلابي فڪر کي منظم ڪنداسين. هو تشدد پسندي ۽ اشتراڪيت کان پنهنجو پاڻ کي بي پرواهه سمجهندا. ڪانگريس ڪريڊ مڃڻ لاءِ مڪمل آزادي اسان جو نصب العين ته رهندو پر جيستائين برطانوي طاقت اسان جي ملڪ تي قابض آهي اسان عوام لاءِ ڪوبه اهڙو پروگرام نٿا ٺاهي سگهون جيڪو هوم رول کان اڳتي قدم وڌائي. ان حالت ۾ نه اسين ان کان ناتو ٽوڙي سگهون ٿا جيئن گذريل پنجاهه ورهين ۾ غلطيءَ سان ايئن ڪندا رهياسين ۽ نه انهن کي بنا ڪنهن پروگرام جي جذبات جي تابع ڪري سگهون ٿا. نه ته خواهش پرست ليڊر.
    ”هر هو سناڪي جام وسندان باختن“
    (هر خواهش پرست ليڊر جو هڪ ٻهروپ ٿيندو آهي.)
    (جي مصداق ٻهروپ پائي عوام کي جيڪي اسان جي ريڙهه جي هڏي آهن پريشان ڪندو رهندو.
    اسان جي پروگرام تي ڏاهپ سان عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ اسان جو نوجوان جيئن عدم تشدد جو پابند رهندو، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن کيس ضرورت محسوس ٿيندي ته هو گورنمينٽ پارٽيءَ سان تعاون ڪرڻ کان به لنوائيندو.

    يادگار شيخ الهند ۽ دهليءَ جو ولي اللهي اسڪول ۽ مرحوم دهلي ڪاليج
    دهليءَ سان اسان جي فڪر ۽ عمل جو تاريخي تعلق آهي. امام ولي الله جي پيرويءَ جو مرڪز امام عبدالعزيز ۽ سندس جانشين الصدر الحميد مولانا محمد اسحاق جي آخري وقت تائين دهليءَ ۾ ئي رهيو. ديوبندي جماعت جو باني حاجي امدادالله پڻ مولانا محمد اسحاق جي مدرسي جو فيض يافته هيو ۽ سندن ئي سياسي رهنمائيءَ پٽاندڙ حاجي صاحب انهن کان پوءِ دهليءَ ۾ پنهنجو اجتماعي مرڪز ٺاهيو جيڪو 857 هنديءَ جي ناڪام انقلاب کان پوءِ ديوبند منتقل ڪيو ويو.
    دارالعلوم ديوبند جي بانين مولانا محمد اسحاق، مولانا رشيد احمد، مولانا محمد يعقوب دهلي ڪاليج ۾ مشرقي علمن جي شعبي جي صدر مدرس مولانا مملوڪ علي کان تعليم ورتي. ديوبند جو پهريون صدر مدرس مولانا محمد يعقوب استاد الاساتذه مولانا مملوڪ علي صدر مدرس جو فرزند هو ۽ مولانا محمد قاسم رشتي ۾ مولانا مملوڪ عليءَ جو ڀائٽيو آهي.
    شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبندي دهليءَ ۾ نظارة المعارف کي پنهنجو هڪ مرڪز بڻايو، پوءِ جامعه مليه جو افتتاح سندن هٿن سان ٿيو، آخر ۾ هڪ امير الجامعه ڊاڪٽر انصاريءَ جي گهر تي دهليءَ ۾ وفات ڪيائون. هينئر جيڪڏهن شيخ الهند جو يادگار دهليءَ ۾ قائم ٿيو ته اهو اسان جي سڀني بزرگن جي سلسلي جو يادگار ٿيندو.

    شيخ الهند رحه ۽ جامعه مليه
    اسان مڪي معظمه ۾ اندازو ڪري ورتو هو ته جيڪڏهن اسان ڪڏهن وطن پهتاسين ته اسان پنهنجو ڪم جامعه مليه کان ٻاهر شايد جاري نه ڪري سگهنداسين. انهيءَ مطالعي جو نتيجو هيو جو اسان شيخ الجامعه جي خدمت ۾ درخواست موڪلي هئي، ان سان گڏ اسان جي دوستن ٻين مرڪزن مان پڻ دعوت ڏني ته اسان سندن ساٿ ۾ پنهنجو ڪم شروع ڪريون. هڪ سال کان وڌيڪ وقت اسان انهن معاملن کي سمجهڻ ۾ لڳايو، پر نتيجو اهوئي نڪتو جيڪو اسان اڳ ۾ ئي فيصلو ڪيو هو.
    اسان نظريا ته اُهي ئي مڃيون ٿا جيڪي امام ولي الله دهلويءَ کان وٺي شيخ الهند تائين اسان جن بزرگن مقرر ڪيا پر اڄوڪي انقلابي دؤر ۾ انهن عظيم مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام اسان يورپ کان سکڻ ضروري سمجهون ٿا. جيئن سڀني مشرقي ملڪن ۾ هڪ صديءَ کان ٿي رهيو آهي. جاپان، ترڪي ۽ گذريل جنگ کان پوءِ ايران، افغانستان ۽ سڀني عرب ملڪن ۽ آخر ۾ نيشنل ڪانگريس جا رهنما سڀ يورپ کان سکندا رهيا، تنهن ڪري اسان نوجوانن کي پنهنجن علمي نظرين سان گڏ عملي تجربن سکڻ لاءِ کين يورپين بڻجڻ جي دعوت ڏيون ٿا. تنهن ڪري جامعه مليه جو ساٿ ئي ممڪن ۽ پوءِ مفيد ثابت ٿيندو.

    يادگار شيخ الهند ۽ سنڌ جا راشدي بزرگ
    مان اهو واضح ڪرڻ گهران ٿو ته منهنجي زندگيءَ جو سنڌ ۽ ديوبند سان خاص تعلق آهي. مون دارالعلوم ديوبند ۾ تعليم پرائي ۽ منهنجي علمي ۽ سياسي تربيت ۾ حضرت شيخ الهند منهنجو خاص مُربي هو جنهن سان منهنجو رابطو 899 هنديءَ کان شروع ٿي سندس وفات جي سال 919هندي تائين لڳاتار قائم رهيو. ان کانپوءِ ارشاد ۽ طريقت، تربيت ۽ صحبت ۽ عملي زندگي سنڌ جي راشدي مرشدن جي ٻاجهاري ڇانو ۾ شروع ٿي ۽ الله جي فضل سان منهنجو هي تعلق اڄ تائين قائم آهي.
    ياد رکڻ گهرجي ته امام ولي الله دهلوي جي مرشدين جي حلقي ۾ سنڌ جا نامور عالم شامل هئا. مثلاً مخدوم محمد معين ٺٽوي جيڪو شاهه عبداللطيف ”صاحبِ رساله توحيد“ جو ساٿي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي بزرگن مان هيو، اهو شاهه ولي الله کي پنهنجو امام مڃي ٿو. جڏهن امام عبدالعزيز جي جماعت سنڌ مان گذري ته راشدي بزرگن مان شيخ شيخنا مولانا سيد محمد حسين جيلاني ۽ مولانا سيد صبغت الله لڪياري ان حلقي ۾ شامل ٿيو. آخر ۾ منهنجو مرشد حضرت حافظ محمد صديق (ڀرچونڊي شريف) جا ٻئي وڏا خليفا مولانا غلام محمد (دينپور) ۽ مولانا تاج محمود (امروٽ) ۽ سيد صبغة﷦ الله جي خاندان مان مولانا رشدالله صاحب العلم حضرت مولانا شيخ الهند سان ڳنڍجي ويا. مولانا شيخ الهند جي يادگار سان جيئن ديوبند ۽ دهليءَ جي سلسلي جي ياد تازي ٿيندي، اهڙيءَ طرح دهلوي، ديوبندي ساٿين ۽ راشدي اخوان طريقت وارن کي پڻ منهنجي پرزور درخواست آهي ته هو پڻ يادگار شيخ الهند کي ئي پنهنجي بزرگن جو يادگار سمجهن ۽ جامعه مليه دهليءَ جي ان مرڪز کي مضبوط بڻائين ۽ ان جون شاخون پاڻ وٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.

    ابتدائي ڪارروائي جو پروگرام
    هينئر اسان پنهنجي ڪم جو مختصر پروگرام لکون ٿا. بيت الحڪمت جو نصابِ تعليم ته اسان اڳ ۾ ئي ڇپرائي چڪا آهيون. يعني شاهه ولي الله جي فلسفي سان قرآن عظيم کي سمجهڻ ۽ انسانيت جي اصولن تي هارين ۽ آبادگارن جي علمي ۽ عملي خدمت ڪرڻ.
    ان تعليم ڏيڻ ۾ عملي طور اسان سان گڏ جامعه جو هڪ پروفيسر شامل رهندو ۽ ٻيو مددگار اسان جو هم مسلڪ هڪ مولوي هوندو. جيڪڏهن الله کي منظور آهي ته جامعه جو بيت الحڪمت جيڪو شروع ڪريون پيا، امام ولي الله دهلوي جي حڪمت جو مرڪزي ڪاليج بڻبو. ان سان لاڳاپيل ابتدائي ۽ مٿيان اسڪول ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ قائم ٿيندا رهندا. مثال طور سنڌ جي مدرسي دارالرشاد ۽ مظهرالعلوم ۾ جيترو به ڪم ٿي رهيو آهي يا دينپور (رياست بهاولپور) ۽ لاهور ۾ جنهن ڪم جي شروعات ٿي چڪي آهي هي مختلف تعليم گاهون ترقي ڪري جامعه جي هن مرڪز جون شاخون بڻبيون.

    مرڪزي تعليم گاهه جي اڏاوت
    جامعه نگر ۾ ”يادگار شيخ الهند“ جي مستقل عمارت جو خاڪو ايئن سمجهڻ گهرجي ته وچ ۾ هڪ خوبصورت مصفيٰ مسجد هوندي، ان جي چوڌاري ميدان ڇڏي ڪري چئني پاسن کان تعليم گاهه ۽ ان کان ٻاهر وري ميدان ڇڏي ڪري چئني پاسن کان دارالاقامه (هاسٽلون) ٺهندا.
    في الحال جامعه نگر جي ويجهو ڪنهن ڳوٺ ۾ شاگردن جي رهڻ لاءِ جيڪو گهر ملي سگهيو مسواڙ تي ورتو ويندو ۽ نهايت جلد الله تعاليٰ جي فضل سان جامعه نگر جي احاطي ۾ ضرورت آهر دارالاقامة ٺاهيو ويندو. تعليم لاءِ جامعه جي عمارت ۾ ڪجهه ڪمرا استعمال لاءِ ملي ويندا. تنهن ڪري ٽئين منزل تي اترئين گنبذ واري ڪمري ۾ تعليم شروع ڪئي ويئي آهي.

    جامعه نگر ۾ منهنجي رهائش
    جيستائين منهنجي صحت برداشت ڪري سگهي ٿي، مان ڪراچيءَ کان دهليءَ تائين هن تحريڪ جي مرڪز ۽ ان جي شاخن جي خدمت لاءِ سفر ڪندو رهندس ۽ جڏهن به حالتون مناسب ٿيون دهليءَ جي اوڀر واري علائقي ۾ (جنهن جا مرڪز لکنؤ، بنارس ۽ پٽنه آهن) ۽ ڏاکڻين علائقي ۾ (جنهن جو مرڪز اجمير آهي) ان تحريڪ جون شاخون قائم ڪرڻ لاءِ سفر جون حدون وسيع ٿينديون وينديون.
    في الحال پنهنجي وقت کي ان ريت ورهائڻ جو ارادو ڪريان پيو: هر ٻه مهينا جامعه ۾ رهڻ کان پوءِ هڪ مهينو سنڌ ويندس. شاگرد ان مهيني ۾ ضبط ۽ مطالعي ۾ مصروف رهندا، پروفيسر ۽ استاد سندن نگراني ۽ معاونت ڪندا. ان ريت اٺ مهينا مسلسل ڪم کان پوءِ هڪ مهينو موڪل هوندي ۽ ٽن مهينن لاءِ سڀ شاگرد فائدي ۽ استفادي لاءِ ملڪ ۾ هڪ خاص پروگرام جي پابنديءَ سان دورو ڪندا. هي چار مهينا منهنجن ٻين مشغلن لاءِ فارغ هوندا.

    منهنجي دلچسپيءَ جو سامان
    اسان هڪ ڊگهو عرصو ٻين قومن جي ترقيءَ جو سامان ڏسندي ڏسندي پهرين حسرت ۽ پوءِ وحشت جي غلبي کان پريشان ٿي ويا هئاسين. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن وڌيڪ ايئن رهون ها ته هوند دماغي توازن وڃائي ويهون ها. وطن پهچڻ سان آخري صدمي جو خوف ته ختم ٿيو البته هينئر تائين ڇاڪاڻ ته اسان جي مرضيءَ موجب ڪم جو ڪوبه فيصلو ڪونه ٿيو هو اسان جي وحشت تي ڪو مستقل اثر ڪونه ٿيو آهي.
    ”يادگار شيخ الهند“ جو ڪم شروع ڪرڻ جي ارادي سان جڏهن اسان جامعه نگر پهتاسين ته سڀ کان پهريائين جامعه جي شاندار عمارت کان اسان متاثر ٿياسين. اسان استنبول ۾ باسفورس (درياءَ) جي ڪناري تي ڪاليجون ڏٺيون آهن اسان کي اهوئي مزو جمنا جي هن واديءَ ۾ نظر آيو. جڏهن اسان ان کي پنهنجي شيءِ سمجهون ٿا ته دماغ جي گهرائين تائين سرور محسوس ڪريون ٿا.
    اسان الله جو شڪر ڪريون ٿا ته ان اسان جي نوجوان کي توفيق عنايت ڪئي جنهن پنهنجي همت سان قوم ۾ معياري زندگيءَ جو بنياد قائم ڪري ورتو. خدا ڪري ته جامعه جا مخلص قوم جي هيٺئين طبقي کي ان معيار تائين وٺي اچڻ ۾ ڪامياب ٿين. مون فاضل استادن کي ٻارن سان کيڏندي ۽ پڙهائيندي ڏٺو. اسان جون اکيون ۽ ڪن جڏهن دهليءَ جي شسته زبان ۾ هڪ اعليٰ فڪر ٻارن جي ذهن ۾ راسخ ٿيندي محسوس ڪن ٿا ته اسان کي ايتري ته راحت ٿي ملي جيڪا اسان بيان نٿا ڪري سگهون.
    اسان جي طبيعت جڏهن کان اسان وطن ۾ آياسين ساوڪ ۽ ٻارن کي ڏسي رڳو سرور حاصل ڪندي رهي. الحمدالله جو جامعه نگر ۾ اسان کي ٻئي شيون مليون.
    یہ جھاڑیاں چمن کی یہ میرا آشیانہ
    جامعه جا استاد ۽ منتظم جيستائين اسان سمجهي سگهون ٿا هو هن تحريڪ سان همدرديءَ سان ٽمٽار آهن. ان کي اسان الله رب العزت جي هڪ وڏي نعمت سمجهون ٿا.

    والله الموفق والہادي واٰخر دعوانا ان الحمدللہ رب العالمین

    22 نومبر 940 هندي
    بيت الحڪمت جامعه نگر دهلي


    صدارتي تقرير اينٽي سيپريشن ڪانفرنس

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ

    اما بعد
    توهان جي ڪانفرنس مون کي دعوت ڏني آهي ته آءٌ هن دور جي نئين نظريي متعلق توهان کي پنهنجا خيال ٻڌايان ان لاءِ شڪريو قبول فرمايو.
    منهنجا خيال اتر هندستان ۾ ته عام مسلمانن کي ڪنهن قدر معلوم آهن، شايد ڏکڻ هندستان جا مسلمان ايترو نه ڄاڻندا هجن. اجازت ڏيو ته ڪجهه لفظ چئي آءٌ پنهنجي سڃاڻپ ڪرايان. اميد ته منهنجا ڪي ويچار ان کانپوءِ صفائيءَ سان سمجهي سگهبا.

    ديوبندي جماعت
    آءٌ نو مسلم آهيان. علمي ۽ سياسي خيالن ۾ ديوبندي جماعت سان واسطو رکان ٿو. هيءَ جماعت امام ولي الله دهلويءَ جي طريقي جي محافظن جي هڪ مستقل پارٽي آهي، جيڪا هندستان جي مڪمل آزادي (پورن سوراج) کي پنهنجو ڪريڊ مڃي ٿي ۽ انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هر هڪ آزادي پسند جماعت (مسلم هجي توڙي غيرمسلم) سان متحد ٿي سگهي ٿي. مسلمانن جي ٻاهرين ملڪن ۾ هن (ديوبندي پارٽيءَ) جي ڪافي سڃاڻپ آهي.

    شيخ الهند
    شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبندي منهنجو استاد هن پارٽيءَ جي مرڪزي طاقت ۾ وڏو مرتبو رکندا هئا. آءٌ انهن جي حڪم پٽاندڙ 18 سال هندستان ۾ ڪم ڪندو رهيس. پوءِ سندن حڪم سان ڪابل هليو ويس. آءٌ اسلامي تعليم جي تحصيل لاءِ عمر جو وڏو حصو خرچ ڪري چڪو آهيان. هندستان جي اندر ۽ اسلامي ملڪن ۾ اسلام جي واڌاري جي ڪيترين اسڪيمن ٺهڻ ۽ انهن جي ڊهڻ جو تجربو رکان ٿو.
    يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ملڪن ۾ پراڻي بادشاهي حڪومتن جي تباهي ٿيندي ڏسي چڪو آهيان. انقلاب کان پوءِ نوجوانن جي ڪمزور جماعتن کي ڪاميابيءَ سان طاقتور حڪومتن ٺاهڻ جو به ڪافي مشاهدو رکان ٿو. آءٌ جنهن ڪم کي پنهنجي نالي چوان ٿو حقيقت ۾ اهو نوجوانن جي جماعت جو ڪم آهي، جنهن سان گڏجي ڪم ڪندو رهيو آهيان. منهنجا ڪن، اکيون ۽ هٿ پير هي نوجوان هندستاني آهن. انهيءَ ۾ عربي مدرسي جا طالب ۽ ڪاليج جا تعليم يافته شاگرد هڪ ئي درجي سان (مساوي) شريڪ رهيا آهن.
    ساڳئي طرح تعليم يافته طبقي مان هندو ۽ سک به اسان جي ڪم ۾ شريڪ هئا. توهان کي تعجب ٿيندو ته هن وقت تائين آءٌ هڪ به يورپين ٻولي نه ڄاڻان، رڳو منهنجي مطالعي لاءِ انهن رفيقن هزارين صفحن وارا ڪتاب يورپين زبانن مان ترجما ڪيا.
    منهنجي استاد پنهنجي جماعت جي نظرين جي اشاعت (پروپيگنڊا) لاءِ هڪ اجتماعي انجمن ٺاهي هئي. آءٌ ان جمعيت الانصار جو ناظم (سيڪريٽري) رهيو آهيان. ان کانپوءِ جمعيت علماءِ هند ۽ جامعه مليه دهليءَ جو افتتاح به منهنجي استادن جي نالي ٿيو.

    ڪاليج پارٽي
    ديوبندي جماعت جي مقابلي ۾ اهي لبرل (نرم خيالن وارا) آهن جن عليڳڙهه ڪاليج کي پنهنجو مرڪز بڻايو. ”ڪاليج پارٽي“ مسلم ليگ پيدا ڪئي. آءٌ تقريباً 20 سالن تائين پنهنجي استاد جي حڪم سان ڪاليج پارٽيءَ سان ملندو رهيو آهيان. منهنجي استاد منهنجي سڃاڻپ ڊاڪٽر انصاريءَ سان ڪرائي، ڊاڪٽر صاحب مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا محمد عليءَ سان ملايو.
    هڪ دفعو ان کان اڳ ديوبند ڇڏڻ تي مجبور ٿيس ته پنهنجي استاد جي لاڳاپي سبب حڪيم اجمل خان اسان جو مربي بڻيو ۽ مون کي نواب وقارالملڪ ۽ نواب محمد اسحاق خان سان ملايائين. (اهي ٻئي علي ڳڙهه تحريڪ جا سيڪريٽري هئا)
    هاڻي آءٌ هيءَ تمهيد ختم ڪريان ٿو ۽ پنهنجا خيال مختصر لفظن ۾ توهان کي ٻڌايان ٿو.
    (1) نظام (حيدرآباد دکن) هڪ مسلمان حڪمران آهي، جيتري قدر سياسي ذميداري هو سمجهي سگهن ٿا، شايد هندستان ۾ رهندڙ ڪو به مسلمان ان کي محسوس به نٿو ڪري سگهي. هو جڏهن حڪومت هلائين ٿا ته ان حالت ۾ پنهنجو مسلمان هجڻ وساري ڪو نه ٿا ڇڏين پر هو پنهنجي حڪومت کي اسلامي نٿا چون (بلڪ هندن ۽ مسلمانن جي گڏيل حڪومت.) سندن ان سڃاڻپ واري فيصلي جو قدر ڪيو ۽ هندستان جي ڪنهن به حصي کي پاڪستان چوڻ صفا ڇڏي ڏيو.
    (2) دهليءَ جو رهندڙ مسلمان جيڪڏهن گنگا ۽ جمنا جي دوآبي کي پنهنجو چوڻ لڳي ته هو سچو آهي ۽ هن پنهنجي حقن جو اعلان ڪيو آهي. ساڳيءَ طرح هت جيڪڏهن مدراسي مسلمان مدراس کي ۽ بمبئيءَ جو رهندڙ بمبئي کي پنهنجو بڻائي ته ان تي ڪو به اعتراض نٿو ٿي سگهي.
    ليڪن ڇا ڪوبه سياڻو ماڻهو اهو فيصلو به ڪري سگهي ٿو ته دهلي، بمبئي يا مدراس کي پنهنجو بنائڻ ۾ فقط مسلمان کان سواءِ ٻيو ڪوبه شريڪ نه آهي. ان قسم جون ڳالهيون هڪ فاتح يا ان جو جائز وارث حڪمران ڪري سگهندو. ڇا هن وقت هن ملڪ هندستان جو ڪوبه مسلمان پنهنجي پيءُ ڏاڏي جو سچي معنيٰ ۾ وارث بڻجي ڪنهن خطي جو مالڪ چوائي سگهي ٿو؟ (هرگز نه) ان ڪري ”پدرم سلطان بود“ (منهنجو پيءُ بادشاهه هو!) جو فڪر دماغ مان ڪڍي ڇڏڻ گهرجي. توهان يقين رکو ته جيڪڏهن ان قسم جي فڪر ۾ ڪي قدر به سچائيءَ جو وزن هجي ها ته نظام (حيدرآباد دکن) پنهنجي مملڪت کي ”اسلامي حڪومت“ جي نالي سان سڏڻ پنهنجو فرض سمجهي ها.
    (3) هندستان جو مسلمان ٻن سؤ سالن کان سمهيو رهيو آهي. هن پنهنجي اعليٰ درجي جي مفڪرن جي بي قدري ڪئي. هن پنهنجي خيرخواهن کي دشمن جي هٿان قتل ڪرايو، اهڙيون غلطيون اتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جي مسلمانن کان گهڻائي دفعا ٿينديون رهيون آهن نه ته جيڪر ٽيپو سلطان ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جون جماعتون ايئن شهيد نه ٿين ها. انقلاب جي مرڪز بنجڻ جي جيڪا قدرتي صلاحيت هندستان جي مسلمانن ۾ لڪل هئي انهن غلطين سبب سندن اها انفرادي ڏات برباد ٿي ويئي.
    (4) گذريل پنجاهه سٺ ورهين کان وٺي هندستاني مسلمان انقلابي خوداعتمادي (پاڻ تي ڀاڙڻ جي طاقت) وڃائڻ کان پوءِ ٻاهرين مسلمانن جي پٺي ٺپڻ ڪري وڌيڪ غلط سوچڻ لڳا آهن. ٻاهريون مسلمان عام طرح يورپ جي زير اثر ٿي ڪري هندستان جي مسلمانن جو ليڊر بڻبو رهيو آهي. جنهن انقلاب يورپ جي زمين ۽ آسمان کي بدلائي ڇڏيو آهي يا بدلائي رهيو آهي ان جو اثر اسلامي سلطنت تي به پيو آهي. تنهن ڪري هو پنهنجي بچاءَ جي فڪر ۾ آهي. ان ڪري هو هندستاني مسلمان کي صفا وساري ڇڏيندا.
    (5) آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته هندستان به انهيءَ انقلاب جي اثر کان متاٿر ٿيڻ کان رهي نه سگهندو. يورپ جي وڏي سلطنت سؤ سال کان حڪومت ڪري رهي آهي: جا پنهنجي بادشاهه جي نالي ڊڪٽيٽر بڻجي ملڪ جي سڀني قوتن جي اڪيلي مالڪ آهي. ان جا ڪم ڪندڙ پنهنجي پاليسي يورپ جي انقلابي شڪنجي مطابق ٺاهڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ انهن انگريزن جي رستي تي هندستان ۾ انقلاب ايندو.
    (6) جيڪڏهن توهان پنهنجي نوجوانن کي (جيڪو ايندڙ انقلابي يورپ (روس) کان واقف ٿي چڪو آهي) پنهنجو رهنما نه مڃي هن ايندڙ انقلاب کان پاڻ کي غافل رکندا ته توهان جو اهو حشر ٿيندو جو بخارا جي مسلمانن جو ٿي چڪو آهي. ان کي ڏسو، ان (بخارا) جي لٽڻ ۾ ڪيتري قدر مسلمانن حصو ورتو آهي.
    انقلاب جڏهن ظاهر ٿيندو آهي ته هڪ مفلس عيسائي مالدار عيسائيءَ تي ۽ هڪ مفلس مسلمان مالدار مسلمان تي رحم نه ڪندو آهي. توهان مالدارن جي اهڙي جٿي تي ڀروسو نه ڪريو جو نه ته فوجي طاقت جو مالڪ آهي، نه قانوني اقتدار رکي ٿو ۽ نه ڪنهن انٽرنيشنل باڊيءَ سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي سگهي ٿو. توهان رڳو پنهنجي نوجوانن جو ساٿ ڏيو، اهو پنهنجي ملڪ ۾ قومي حڪومت پيدا ڪندو. ان کي معلوم آهي ته هندستان ۾ اشوڪ يا شاهجهان جي حڪومت کي جيئري ڪرڻ جو امڪان نه رهيو آهي.
    آءٌ توهان کي عاجزانه اپيل ٿو ڪريان ته پراڻي بادشاهي زماني جي واپس موٽڻ کان مايوس ٿي وڃو.
    (7) جيڪڏهن ڪو به هندستاني مسلمان (عالم هجي يا ليڊر) توهان کي هي چوي ته ”هندستان جي جنهن به ٽڪري ۾ اسان جي چڱي چوکي اڪثريت آهي. اچو ته اسان ان تي پنهنجو بادشاهي نظام جاري ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. ان سان اسان جو ڪلچر به محفوظ ٿي ويندو ۽ اسلام جي به خدمت قوم جي گهڻائي رکندڙ افرادن لاءِ آسان ٿي ويندي. مثلاً سنڌ، سرحد ۽ پنجاب جي ڪن حصن کي ملائي اسان حڪومت بڻايون. ان ۾ رڳو اها محنت ڪرڻي پوندي جو پنهنجي نوجوانن ۾ پروپيگنڊا ڪري کين انهيءَ ڪم لاءِ تيار ڪيو وڃي. جيڪڏهن دنيا ۾ لاديني نظام نوجوانن جي طاقت سان پيدا ڪري سگهجي ٿو ته اسان کي هڪ نئين نظام جي پيدا ٿيڻ کان مايوس نه ٿيڻ گهرجي. وغيره.“
    انهن ماڻهن جو خيال آهي ته ”جيڪڏهن هندستان جي ڪهڙي به ڪنڊ ۾ اهڙي اسلامي حڪومت قائم ٿي ويئي ته ٿورائي وارن پرڳڻن ۾ رهندڙ مسلمان به غيرمسلمانن جي اسلام ڪش جذبي جي خونخواريءَ کان محفوظ ٿي ويندو ۽ ممڪن آهي ته هند ۾ اسلامي تاريخ پنهنجو پاڻ کي وري دهرائڻ لڳي.“
    ان جي جواب ۾ آءٌ توهان جي خدمت ۾ اهو مشورو عرض رکندس ته توهان اهڙين اسڪيمن بنائيندڙن جي ڪابه ڳالهه نه ٻڌو ۽ ان کي به مشت بعد از هنگامه جنگ (جنگ کان پوءِ ٻانهون کنجڻ) سمجهي ڪري ٽاري ڇڏيو.
    جڏهن ترڪش ايمپائر جهڙي مسلمانن جي هڪ مرڪزي سلطنت موجود هئي ته اسان خود ان قسم جون اسڪيمون بڻائيندا رهندا هئاسين. اسان سان گڏ نوجوانن جي هڪ انقلابي جماعت ان جي پوئواريءَ ۾ ڪوشش ڪندي رهي آهي. اسان کي بين الاقوامي سهولتون به مهيا ٿينديون رهيون آهن مگر جڏهن کان ترڪيءَ کي شڪست ٿي چڪي آهي، اسين ان قسم جي انقلاب انگيز تجويز جو خواب به نٿا ڏسي سگهون. اسين گويا پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ته هيءَ تجويز (جدا اسلامي حڪومت ٺاهڻ واري) جو اثر برطانيه ۽ رشيا ٻنهين سلطنتن تي تمام خراب پوندو ۽ انهيءَ جو نتيجو سڀ کان اول افغانستان جهڙي هڪ ننڍي اسلامي سلطنت کي ڀوڳڻو پوندو ۽ ان کانپوءِ جيڪو انقلاب ٿيندو سو بنهه لاديني ٿيندو.
    هڪ سياسي ڄاڻوءَ جي نظر ۾ هن قسم جي تجويز لاءِ فقط هڪ سبب هن جي جائز ٿيڻ جو ڏيئي سگهجي ٿو ته سڀ کان پهريائين هيءَ تحريڪ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ پيش ڪئي وڃي. ڪانگريس هن ۾ جيتري قدر ڪاٽ ڪوٽ ڪري ترميم تجويز ڪري اهو فيصلو مڃڻ گهرجي. ان کان پوءِ انڊين نيشنل ڪانگريس جي نالي سان هن فيصلي کي برٽش پارليامينٽ جي سامهون آندو وڃي، جيتريقدر ترميمون گورنمينٽ ضروري سمجهي اهي به سڀ منظور ڪيون وڃن.
    ڇا توهان سمجهو ٿا ته مسلم ليگ جو ڪرتا ڌرتا، جيڪو اڄ ڪلهه هنن تجويزن جو مرڪز آهي، ان ۾ هن قسم جي ڳڻ ڳوت جو ڪو لاڙو آهي؟ جي اهو ناهي ته بابا اهي سکڻيون ڳالهيون آهن.
    (8) ان کان پوءِ جيڪڏهن توهان اسان کان مسلمانن جي ترقيءَ جو پروگرام پڇو ته اسان هن وقت ان کان زياده نه ٻڌائينداسين ته توهان پنهنجي نوجوانن تي جيڪو انقلابي يورپ کان واقف آهي ۽ هر قدم جي ڦيري کي نهايت غور سان ڏسندو آهي ان تي پورو ڀروسو ڪريو.
    اسان هن جي قوت اجتهاد تي اعتماد ڪريون ٿا ته هو هر قسم جي حالتن جي مطابق پنهنجي لاءِ رستو ڳولي ڪڍندو. اسان ڏهن ويهن نوجوانن سان گڏجي ڪم ڪري چڪا آهيون. هو جيڪڏهن افغان نوجوانن سان ملي ڪري ڪم ڪندا آهن ته انهن کان اڳرا رهندا آهن. ان کان پوءِ يورپ جي مسلم ۽ غيرمسلم قومن جي ڊوڙ ۾ اهي ڪنهن کان به پٺتي نه رهيا.
    منهنجو خيال آهي ته رڳو لاهور مان اسان کي ويهه هزار نوجوان اهڙا ملي سگهن ٿا جيڪي انهن نوجوانن وانگر ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي سگهن ۽ اهڙيءَ طرح اڪيلو ديوبندي نظام ان قسم جا چاليهه هزار نوجوان مهيا ڪري سگهي ٿو جيڪي انهن نوجوانن سان گڏجي ڪم ڪري سگهن.
    پروگرام جي تفصيلات کي آخري شڪل ۾ متعين ڪرڻ جو ته هي وقت نه آهي پر اسان ڪجهه اهڙا اهم نڪتا ضرور بيان ڪرڻ گهرون ٿا، ته جيئن اسان جو نوجوان دوکو نه کائي.
    (الف) اسلام حقيقت ۾ هڪ انٽرنيشنل پروگرام آهي جو انسانيت لاءِ ضروري آهي. قرآن عظيم عربي نيشن (قوم) کي واسطي طور استعمال ڪيو آهي. تنهنڪري سندس ٿڪجڻ کان پوءِ عجمي قومن اهو بار پنهنجي مٿي تي کنيو. حجاز ۽ دمشق کان پوءِ بغداد، بخارا، غزنيءَ ۽ دهليءَ جي تاريخ انهيءَ تي شاهد آهي پر هاڻي اسين پنهنجي نوجوانن کي انٽرنيشنلسٽ بنجڻ کان روڪيون ٿا. ڇاڪاڻ ته اسلامي انٽرنيشنلزم جو ڪو به اجتماعي مرڪز نه رهيو آهي ۽ لاديني انٽرنيشنلزم جي زورشور سان منظم پروپيگنڊا ٿي رهي آهي. اهي ماڻهو پنهنجي مطلب ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ نهايت گهريون چالون هلي رهيا آهن. اسين ڊڄون ٿا ته اسان جو نوجوان ڌوڪي سان لاديني نه بڻجي وڃي. انهيءَ معاملي ۾ اسان پنهنجو تجربو رکون ٿا.
    ساڳيءَ طرح اسان هڪ هندستاني عالم کي ان کان روڪيون ٿا ته هو ڪنهن مسلمان بادشاهه جو انتظار ڪري جيڪو ٻاهران ايندو. اسان ڄاڻون ٿا ته اهڙو ڪو به مسلمان بادشاهه ٻاهران نه اچي سگهندو ۽ هيءُ سادو مسڪين ڪنهن لاديني حڪومت جي چڪر ۾ نه ڦاسي وڃي.
    (ب) اسان جو نوجوان جمهوري نظام کان سواءِ ٻئي ڪنهن نظام کي نه مڃي، قوم جي سڀني فردن جي پوري طاقت استعمال ڪرڻ کان سواءِ ان نظام تي قبضو ڪرڻ ممڪن نه آهي. اسان جي قوم جو اعليٰ طبقو عام طرح برباد ٿي ويو آهي. سواءِ انهن چند نيڪ ماڻهن جي، جيڪي پسمانده جماعت کي اٿارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. انهيءَ نظام کي اسين جمهوري (لوڪ شاهي) مڃون ٿا. بيڪار شاهوڪارن ۽ گوشه نشيني سيکاريندڙ عالمن جو هن نظام ۾ دخل نه آهي.
    (ج) اسان جي تلقين (سمجهاڻي) جي موافق (پٽاندڙ) جنهن جماعت نيشنلزم (قوميت) ۽ جمهوريت (لوڪ شاهي) تي يقين پيدا ڪيو هجي ان کي پوري ذميداري سان اسان يقين ٿا ڏياريون ته انڊين نيشنل ڪانگريس جو نظام لادينيت کان بچڻ لاءِ هڪ مضبوط قلعي جو ڪم ڏيندو. ان جو تجربو اسان پنهنجو پاڻ تي ڪري چڪا آهيون. اسان جي خيال ۾ لادينيت جي پروپيگنڊا عام طرح هن غرض سان ڪئي ويندي آهي ته پنهنجي سياسي مرڪز جي ڊڪٽيٽرشپ کي وسيع ڪيو وڃي. ليڪن جڏهن هڪ نيشنلسٽ کي هي ماڻهو (لادين) پنهنجي اندر شامل ڪرڻ کان مايوس ٿي ويندا آهن ته ان پروپيگنڊا جو رخ به ڪمزور ٿي ويندو آهي. انڊين نيشنل ڪانگريس لادينيت جي اثر کان بلڪل پاڪ آهي. هو هر ڪنهن سوشلسٽ کي قبول ڪندا آهن پر جن ماڻهن ڪانگريس اندر پنهنجي پارٽي ٺاهي هجي انهن کي هو پنهنجي مرڪز سان نه ڳنڍيندا آهن.
    (د) جڏهن توهان نيشنل ڪانگريس ۾ وڃڻ جو ارادو ڪيو ته اسان جو مشورو توهان لاءِ هي آهي ته توهان پنهنجي مستقل پارٽي بڻائجو. نه گانڌيءَ جي پارٽيءَ جي پٺيان هلي اسان جهڙو هڪ مسلمان ڪامياب ٿي سگهي ٿو ۽ نه سوشلسٽن سان گڏجي ڪري هو عام مسلمانن ۾ پنهنجي تحريڪ آسانيءَ سان هلائي سگهي ٿو. ان ڪري پنهنجي پارٽيءَ کي انهن اعليٰ اصولن تي منظم ڪيو جتي اوهان جو مذهب ۽ دنيا جو اقتصادي نظام پاڻ ۾ ملي وڃن ٿا.
    ان پارٽيءَ جو آئيڊيا (تخيل) نهايت معقول ۽ نظام نهايت مضبوط هجي، ميمبرن جي گهاٽي واڌي تي نظر نه رکي وڃي. هندستاني مسلمان جي طاقت تمام زياده آهي، جنهن کي هو خود محسوس نٿو ڪري. هڪ عقلمند اقليت به پنهنجي پارٽيءَ کي ملڪ جي رهنما جماعت بڻائي سگهي ٿي ۽ هندستان جي ٻين قومن کان مسلمانن ۾ هيءَ صلاحيت زياده آهي. انهيءَ سان گڏ اسين نوجوانن کي وصيت ڪريون ٿا ته هم خيال نيشنلسٽ (مسلم ۽ غير مسلم) هندستانين کي پنهنجي پارٽيءَ ۾ گڏ ڪندا رهن ۽ نڪمي مالدارن کي ويجهو نه اچڻ ڏين ۽ ڪجهه ڏينهن جي بک کان نه گهٻرائين.
    (هه) اها پارٽي اڳتي وڌي انگريز سرڪار کان ”ڊومينن اسٽيٽس“ جي چارج حاصل ڪري.
    (و) اها پارٽي جرئت ڪري نيشنل ڪانگريس کي اندروني نقطه نظر کان انٽرنيشنل ڪانگريس بڻائي. هر اهڙو اجتماع جيڪو هڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ معاشرت ۾ هڪ ٻئي جي ويجهو آهي ان کي هڪ قوم تسليم ڪري، ان جي زمين کي صوبو نه چوي پر ان کي ”اسٽيٽ“ بنايو وڃي. اهڙي طرح آباديءَ ۾ مذهبي گهڻائي ٿورائي (اقليت ۽ ڪثرت) جو اثر رڳو صوبن تائين محدود ٿي ويندو. هر هڪ اسٽيٽ ۾ قانوني طاقت ته اڪثريت جي قبضي ۾ هوندي، مگر قوت تنقيد (نڪته چيني ۽ مخالفت) ۾ ٿورائيءَ جا لائق فرد پوري عزت ۽ مرتبي سان شريڪ ٿيندا. اهڙيءَ طرح ٿورائيءَ ۽ گهڻائيءَ جي نفرت هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي.
    (ز) فيڊريشن جي مرڪز ۾ برطانوي طاقت سان گڏ هر هڪ اسٽيٽ جا نمائندا شامل ڪيا ويندا جن کي اسٽيٽ ملڪ جي مرڪزي پارليامينٽ ۾ موڪليندي. مرڪز جي قبضي ۾ فقط ڊفينس (بچاءُ) ۽ ٻاهريان معاملات هوندا.
    (8) (الف) مگر ان کان اڳ ۾ ضروري آهي ته هيءَ پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کي ان سموري قرض کي مڃائڻ لاءِ تيار ڪري جيڪو انگريز سرڪار تي هندستان جي نالي سان لاڳو آهي.
    (ب) ڪانگريس کي هيءَ ڳالهه پڻ مڃائي وڃي ته ڊفينس (دفاع) لاءِ ملڪ کي تيار ڪرڻ جي زماني ۾ فوجي آفيسر انگريزن کان ئي گهرايا ويندا.
    اسان جي خيال ۾ جيستائين ڪانگريس هن قسم جا جيتري قدر ضروري فرض آهن انهن کي پوري ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندي، تيستائين فقط سول نافرماني ڪرڻ سان ڊومينن اختيار نه ملندا.
    (9) اسين چاهيون ٿا ته نيشنل ڪانگريس ۾ هڪ نئين پارٽي کڙي ڪريون، جيڪا مٿين اصولن جي پابنديءَ سان ملڪ لاءِ ترقيءَ جو رستو ڳولهي، ڇو جو اسان ”نان وائيلنس“ عدم تشدد جي پروگرام ۽ انقلاب ۾ مذهب جي احترام انهن ٻنهي اصولن کان سواءِ گانڌي جي ڪنهن پروگرام کي نٿا مڃون ۽ نه اسين سوشلسٽن جي لادينيءَ کي برداشت ڪري سگهون ٿا. انهن مصلحتن کي نظر ۾ رکندي اسين ”ولي الله فلاسافي“ کي پارٽيءَ جو عقلي اساس (بنياد) قرار ڏيون ٿا. بيت الحڪمت ۾ اسين اها ئي فلاسافي سيکاريون ٿا.
    (10) جيڪڏهن اسان جي پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس کي هن جمود (ماٺائي) مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ته:
    (الف) اسين پنهنجي معاشي نظام جا مالڪ ٿي وينداسون. ريزرو بئنڪ تي اسان جو قبضو ٿيندو. اسين پنهنجي بجيٽ آمدني سان برابر بڻائينداسون. اسين هر هڪ هندستانيءَ کي اٽو لٽو مهيا ڪري ڏينداسين. اسين پنهنجي ڪاشتڪار (هاري/ آبادگار) کي يورپ جي مزدور ۽ ڪاشتڪار کان معاشي حالت ۾ پوئتي رهڻ نه ڏينداسون.
    (ب) اسين پنهنجي هندستاني ٻولين کي رومن صورت خطيءَ ۾ لکڻ ضروري بڻائينداسون. ان سان گهڻائي اجايا جهڳڙا ختم ٿي ويندا.
    (ج) اسين هر مرد ۽ عورت لاءِ ان جي مادري زبان ۾ لکڻ پڙهڻ ۽ هر مرد ۽ عورت جو ملڪ جي بچاءَ ۾ حصو وٺڻ ضروري قرار ڏينداسون.
    (د) اسين يورپ جي مختلف قومن مان جيتري قدر به نيڪ انسان اسان جي ملڪ جي ترقيءَ جي امداد لاءِ اسان جي ملڪ ۾ اچڻ چاهيندا اسين انهن کي پنهنجي اختيار سان ملڪ ۾ اچڻ جي اجازت ڏيئي سگهنداسون.
    (11) هاڻي آءٌ پنهنجي تقرير ختم ڪريان ٿو، هن وقت گهڻين تفصيلي ڳالهين جو ذڪر هن پليٽ فارم تان مناسب معلوم نٿو ٿئي، ورنه جنهن قسم جي تجربن جو آءٌ مالڪ آهيان سي ننڍي وڏي کي سمجهائي ڇڏيان ها ته هندستان ۾ اسلام جي بچاءَ لاءِ انڊين نيشنل ڪانگريس کان سواءِ ٻيا سڀ رستا ڇو بند ٿي ويا آهن ۽ ڪيئن ڪانگريس ۾ غيرمسلم مئجارٽيءَ جي هوندي به خدام خلق جي تحريڪ سان اسلام جي واڌاري جو رستو کولي سگهجي ٿو.
    اسان الله جا لک لک ٿورا مڃيون ٿا ته خدام خلق يا خدام انسانيت تيار ڪرڻ لاءِ اسان شيخ الهند جي يادگار جي نالي سان خدا تي ڀروسو رکي جامعه مليه ۾ ”بيت الحڪمت“ کوليو آهي. جيڪڏهن خدا کي منظور آهي ته اسين پنهنجي نوجوانن کي تمام جلد پنهنجو مطلب سمجهائي ڇڏينداسين.
    صلی اللہ تعالیٰ علیٰ سیدنا محمد خاتم النبیین وسیدالمرسلین وعلیٰ آلہٖ واصحابہ وسلم
    وآخر دعوانا ان الحمدللہ رب العالمین


    شهدادڪوٽ ۾ محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل اسڪول جي افتتاحي تقرير

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدلله وسلام عليٰ عباده الذين اصطفيٰ-
    اما بعد
    اسان هند جي يارهين صدي هجري جي تاريخ پڙهائڻ گهرون ٿا. مسلمانن جي تاريخ جو اهو سنهري دور آهي. انهيءَ ۾ چار اولو العزم بادشاه گذريا جن جو مثال تاريخ ۾ گهٽ ٿو ملي.
    (1) جلال الدين محمد اڪبر- جنهن نئون منڊل ٺاهيو ۽ ان ۾ نورتن وهاريا. سندس مددگار دهلي جا علماءَ هئا. ابوالفضل ۽ فيضي هڪ طرف ۽ خواجه محمد باقي جي اولاد ۽ پوئلڳ ٻئي طرف. انهيءَ تحريڪ جي شروعات شيخ شهاب الدين سهروردي کان هلندي پئي اچي. هُن تيمور کي دهليءَ موڪليو، پوءِ خواجه عبيدالله احرار جنهن جو مولوي جامي هن طرح تعارف ڪرايو آهي:
    چو فقر اندر قبائے شاہی آمد
    بتدبیر عبیداللھی آمد
    ان جي پوئلڳ خواجه محمد باقي کي سڏائي خصوصي هدايتن سان دهليءَ ۾ ترسايو، هي اڪبر اعظم جو مرشد هو.
    (2) نورالدين جهانگير: هو نئين مندر کي مسجد بنائڻ جي تحريڪ شروع ڪري ٿو. هو ابوالفضل کي قتل ڪرائي ٿو، شراب پيئي ٿو، هندو جوڳين سان ملي ٿو. پر بخاري ترڪن جو وڏو عالم شيخ عبدالحق محدث دهلوي جهانگير جو مددگار آهي. هو (پنهنجي ڪتاب) ”اخبار الاخيار“ ۾ دهلي جي وڏن اڪابر عارفن جون سوانح عمريون گڏ ڪري ٿو ۽ جهانگير ان کي قبول ٿو ڪري. اڪبر اعظم دهليءَ تي ٻاهرين سياسي اثرن کي ختم ڪري ڇڏيو هو. جهانگير هندستاني ديسي تحريڪ کي ٻاهرين اثرن کان بي پرواهه ڪرڻ شروع ڪيو. ٻاهريان جيڪي اهل علم اچن سي هندي سوسائٽي ۾ رل مل ٿي وڃن. هو انصاف کي هندستاني حڪومت لاءِ ڪسوٽي بنائڻ گهري پيو ۽ پنهنجي پيءُ جي جمهوري تحريڪ لاءِ ماڻهن جي تربيت ڪري رهيو هو ۽ آصف جاه جهڙو مدبر سندس مددگار هو.
    (3) سلطان شهاب الدين شاهه جهان: هو هند جي مهذب سوسائٽيءَ لاءِ شاهه جهان آباد (دهلي) ٺاهي ٿو. هو هند ۾ نئين زبان، نئين تهذيب، هند جي ديني تعليمات جو جوهر فقه حنفي ۽ نقشبندي طريقو جيڪو امام رباني مجدد الف ثاني شيخ احمد سرهنديءَ منظم ڪيو، جاري ڪري ٿو. هُن پنهنجي اولاد ۽ پوئلڳن کان ان جي تڪميل ڪرائي. اهي هن نواڻ جو......
    شاهجهاني مسجد کي انهيءَ جو مرڪز بنايو، اسان لاءِ شاهجهاني مسجد بيت الله ۽ مسجد قدس (بيت المقدس) کان پوءِ ٽيون ديني مرڪز آهي، ان جو تفصيل امام عبدالعزيز دهلوي کان ٻڌندا.
    (4) سلطان محي الدين اورنگزيب عالمگير: هن هند جي ديني تحريڪن کي مسلمان قومن مان ڪمزوريون ختم ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي مرڪز سان ملائڻ گهريو، ان ڪري هن فتاويٰ عالمگيري لکرائي ۽ مسلم سوسائٽي کي غيرمسلم مداخلت کان پاڪ رکيو. پنجاه سال هند ۾ حڪومت ڪيائين جيڪا عدل ۽ انصاف لاءِ هڪ نمونو آهي. ٻارهين صدي جي منڍ ۾ سلطان محي الدين عالمگير وفات ڪئي.
    دهليءَ ۾ انهيءَ روشني وسامڻ کان پوءِ جيڪي نتيجا پيدا ٿيا، اسين هاڻ انهن جي سڃاڻ ڪرايون ٿا: عالمگيري تحريڪ وڏي زبردست هئي. دهلي جي سوسائٽي انهيءَ بار کي نه سنڀالي سگهي، محمد شاهه جي زماني ۾ نادر شاهه جي حملي سبب سلطنت جو وقار ختم ٿي ويو. امام عبدالعزيز سنه 1233هه کان اڳ ۾ دهليءَ جي دارالحرب هجڻ جو حڪم ڏنو، جنهن جو ذڪر اشاري طور مولانا شاه اسماعيل شهيد ”صراط مستقيم“ ۾ ڪيو آهي ۽ ”صراط مستقيم“ ۾ ئي مولانا عبدالحي جن لکن ٿا ته سلطنت شاهجهان آباد ”اسم محض بلا حقيقت است کہ اصلا معنی از سلطنت نماندہ”
    (ترجمو: شاهجهان آباد جي حڪومت حقيقت کان سواءِ رڳو هڪ نالو آهي. ڇاڪاڻ ته حڪومت نالي جي ڪا شئي موجود ڪونهي.)
    جيڪڏهن اوهان معلوم ڪرڻ گهرو ته ٻارهين صدي ۾ امام عبدالعزيز ڪيئن ملت کي سجاڳ ڪيو ته ”صراط مستقيم“ جيڪو امام عبدالعزيز جي ڪارڪنن گڏجي ڪري لکيو آهي ان کي غور سان پڙهو ته ڪيئن انهن مهذب پبلڪ کي ظاهر ۾ ڊڪٽيٽرشپ ۽ اندر ۾ جمهوريت سيکاري آهي. جيئن امام ولي الله پهرين دور جي بادشاهن کي جمهوريت ماب بنايو هو. اسان جي امام ولي الله جي ڪتابن کان پوءِ ”صراط مستقيم“ اسان جو لبرل ازم ئي آهي جو هن ۾ لکيو ويو آهي ته-
    الحمدللہ الذی ھدانا لھذا۔
    (ترجمو: سڀ ساراهون الله لاءِ آهن جنهن اسان کي ان جي هدايت ڏني آهي.)
    انهيءَ وچ ۾ نه ڪو تيموري، عالمگيري، هندي نيشنلزم کي انٽرنيشنل بنائي سگهيو ۽ نه ڪوئي عثماني پنهنجي خلافت کي يورپ وارن کان مڃائي سگهيو. انهن جي مقابلي ۾ نيپولين جي زماني کان يورپ وارن پنهنجي نيشنل تهذيب کي انٽرنيشنل بنايو. ڄڻ ته دهلي يورپ کان هار کائي وئي. اناللہ وانا الیہ راجعون۔ يورپ پنهنجي غلبي سان چئن تحريڪن جو تعارف ڪرائي ٿو:
    (1) لبرل ازم (2) انڊسٽري ازم (3) ملٽري ازم (4) آخر ۾ سوشلزم جنهن ۾ مذهب کي قطعي طور خارج ڪيو ويو آهي.
    اسان پنهنجي اڀياس مطابق جيڪو فيصلو ڪيو آهي، ان جو خلاصو هي آهي ته لبرل ازم کي اسان امام عبدالعزيز دهلوي جي (ڪتاب) صراط مستقيم (کي) سمجهون ٿا ۽ انڊسٽري ۽ ملٽري ازم يورپ وارن جوئي قبول ڪيون ٿا. ۽ سوشلزم ۾ اسان جو امام ولي الله دهلوي آهي جيڪو فلسفي ۽ اڪانامڪس ۾ وڏي مٿاهين مرتبي وارو آهي. ان ڪري امام ولي الله جو سوشلزم اسلام سان موافق آهي. انهيءَ کي مڃيندي اسان پنهنجي تحريڪ کي آل انڊيا تحريڪ نٿا سڏيون بلڪ دهلي کي پنهنجو مرڪز بنائي اتر الهندي هند ۾ پنهنجي قومن کي تربيت ڏيون ٿا ۽ برٽش گورنمينٽ جي هٿ هيٺ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ سٺي پوزيشن حاصل ڪرڻ لاءِ ڏهه ويهه سال امن جي زندگي گذارڻ گهرون ٿا. هي اسڪول ۽ ڪاليج اسان ان ڪري شروع ڪيون ٿا ته پنهنجي نوجوانن ۾ سياسي شعور پيدا ڪيون. واللہ المستعان ولہ الحمد.
    (ب) اسان هاڻ وري دهليءَ جي تاريخ جو ورق ياد ڏياريون ٿا. جڏهن سلطنت قائم هئي ته عالمگير جي دور ۾ ملت کي سنڀالڻ وارا ٻه امام پيدا ٿين ٿا: (1)امام ابو الرضا محمد ۽ (2) امام عبدالرحيم. ٻئي ڀائر شيخ وجيهه الدين عمري جا اولاد آهن. ۽ امام محمد باقيءَ جهڙي تربيت يافته بزرگن جي اثر هيٺ رهڻ سان اولوالعزمي حاصل ڪري چڪا آهن. امام عبدالرحيم جي اولاد مان ٻه صاحبزادا آهن: اسان جو امام الائمه امام ولي الله دهلوي جن پهريون دور پاڻ هلايو ٻيو دؤر سندن فرزند امام عبدالعزيز هلايو. هي دور 27 ذوالقعد سنه 1246هه (1831ع) ۾ بالاڪوٽ ۾ ختم ٿيو. امام عبدالعزيز کانپوءِ امام محمد اسحاق ۽ امام محمد يعقوب تحريڪ کي اڳتي وڌايو مگر ڪمزوري ختم نٿي سگهي ته ان کي عثماني سلطنت سان ملايو ويو. وڏي جنگ ۾ ترڪيءَ جي هارجڻ ۽ خلافت جي خاتمي سان هي پروگرام به هار کائي ويو. حفيدين (شاهه محمد اسحاق ۽ شاهه محمد يعقوب) هي ڪم دهلي جي هڪ ٻي صديقي جماعت (مولانا مملوڪ علي نانوتوي، مولانا محمد قاسم نانوتوي وغيره) جي حوالي ڪيو، جيڪا امام امدادالله جي ماتحت مولانا محمد قاسم جي رهنمائيءَ ۾ ڪم ڪندي رهي. آخري شڪست کان اڳ ۾ ئي دهلي جي مفتوح ٿيڻ تي هيءَ تحريڪ ٽڙي پکڙي ٻن حصن ۾ ورهائجي ويئي: (1) علي ڳڙهه پارٽي ڪوآپريٽر، سر سيد احمد ان جو ليڊر هو. (2) ديوبند پارٽي نان ڪوآپريٽر، مولانا محمد قاسم ۽ پوءِ مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبندي، ان جا اڳواڻ هئا.جڏهن هيءَ اسڪيم به فيل ٿي وئي ته مولانا شيخ الهند آئيندي لاءِ ڪجهه اشارا ڏئي ويا آهن، آءٌ پنهنجي ذميداريءَ تي تحريڪ جو ٽيون دور هلائڻ گهران ٿو.
    واللھ المستعان ولا حول ولا قوۃ الا باللہ۔
    ياد رکڻ گهرجي ته اسان دهليءَ جي تاريخ پڙهائڻ لاءِ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج محمود نگر کي شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جي يادگار طور قائم ڪيو آهي، انهيءَ ساري اداري جو نالو سنڌ ساگر انسٽي ٽيوٽ رکيو آهي. ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ پنهنجا 3 مرڪز ٺاهيندي:
    (1) بيت الحڪمت جيڪو محمد قاسم ولي الله ڪاليج جو جزو بنجي ويندو.
    (2) سنڌ ساگر اڪيڊمي جيڪو ڪاليج لاءِ (الف) نشر و اشاعت (ب) شاگردن کي گڏ ڪرڻ (ج) فارغ شاگردن جي تنظيم، هي ٻئي مرڪز خالص علمي آهن.
    (3) جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي: هيءَ خالص سياسي جماعت آهي. انهيءَ لاءِ تعليم ڏني ويندي پر پارٽي ڪانه ٺاهي ويندي. جيڪڏهن اسيمبلي ۾ انسٽيٽيوٽ جو اجمالي تعارف ٿي ويو، ته ان جي مدد لاءِ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل اسڪول شهدادڪوٽ ۾ مولانا غلام مصطفيٰ ۽ سندس ساٿي قاضي عزيزالله جي همٿ سان کوليو وڃي ٿو. اسان ان جو هي مطلب سمجهون ٿا ته ڪاليج تحريڪ سنڌي نوجوانن ۾ پهچي وئي. والحمدللہ علی ذالک۔
    پارٽيءَ جي نالي ۾ هڪ قسم جو اشڪال محسوس ٿئي ٿو. ان کي هن طريقي سمجهڻ گهرجي ته نربدا ۽ سنڌ ساگر جو ذڪر ته اتر اولهه هند جي نواڻ لاءِ آهي ۽ جمنا جي ڪناري تي آگري ۾ اڪبراعظم ۽ دهليءَ ۾ شاهجهاني تحريڪ وڌي ويجهي. اهو اسان جي قومي پيڙهه جو سامان آهي. هاڻ اسان الله جو نالو وٺي هن تحريڪ کي شروع ڪيون ٿا.
    وآخر دعوانا ان الحمدللہ رب العالمین وصلی اللہ علی سیدالمرسلین وعلی آلہ و اصحابہ وجمیع الصالحین اجمعین۔
    12 شعبان 1363هه/ 2 آگسٽ 944 هندي


    صدارتي تقرير جميعته طلبه سنڌ

    نحمدہ ونصلی علیٰ رسولہ الکریم۔
    اما بعد
    آءٌ سورهن سالن جو هوس ۽ اردوءَ ۾ ميٽرڪ تائين تعليم پڙهي چڪو هوس جو آءٌ مسلمان ٿيس. مون کي توحيد جو ڪلمو حضرت حافظ محمد صديق قدس سره ڀرچونڊي وارن پڙهايو. اهي منهنجي لاءِ ماءُ پيءُ جي جاءِ تي هئا، ۽ مون لاءِ ماءُ پيءُ وانگر مربي بنيا. انهن جي دعا جي اثر سبب، مون پاڻ ۾ وڏيون برڪتون محسوس ڪيون آهن. مون ڪيتريون ئي غلطيون ڪيون هونديون پر حافظ صاحب جي دعا جي برڪت سان مون کي خدا تعاليٰ انهن جي شر کان بچايو. آءٌ پاڻ کي حضرت صاحب جي جماعت جو هڪ فقير سمجهان ٿو. ان جي دعا سان آءٌ علم جي ڳولا ڪندي ڪندي حضرت مولانا شيخ الهند ؓ جي خدمت ۾ پهتس. انهن جي جماعت جو هڪ طالب علم بنجي سگهيس. منهنجي حيثيت حضرت مولانا شيخ الهند جي جماعت جي هڪ طالب علم کان زياده نه آهي. منهنجو علمي تعلق بنيادي طور تي حضرت مولانا شيخ الهند سان آهي. منهنجو استاد، مولانا محمد قاسم قدس سره جي شاگردن مان هڪ خاص مرتبي جو مالڪ هو. آءٌ پنهنجي استاد جي انهيءَ مرتبي کي سڃاڻان ٿو ۽ منهنجي اها ڪوشش آهي ته حضرت جي انهيءَ مرتبي کي زنده رکان. کين مولانا محمد قاسم (نانوتوي) جي واسطي سان جيڪو علم ورثي طور امام ولي الله قدس سره کان مليو هو، خدا جي فضل سان انهيءَ جي مون کي به گهڻي ڪجهه پروڙ حاصل آهي. منهنجي زندگيءَ جو مقصد هي آهي ته هي علم هندستان جي مسلمانن ۾ عام طور ۽ دهلي ۾ جتي جتي اردو ڳالهائي وڃي ٿي ۽ سنڌ ۾ خاص طور محفوظ ٿي وڃي.
    منهنجي طبيعت کي سڀ کان زياده پسند، قرآن شريف جي معنائن ۽ مطلبن سمجهڻ وارو علمي موضوع رهيو آهي. ۽ جيئن ته قرآن شريف جي تعليمن ۾ سڀ کان اهم مسئلو توحيد جو اثبات ۽ شرڪ جو انڪار آهي، ان ڪري مون کي ان مسئلي سان خاص دلچسپي هئي. مون اسلام جي اعلان ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ سلسلي ۾ پنهنجي گهر ۾ جيڪو مطالعو ڪيو هو، ان ۾ مون تي هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي ته فقط اسلام ئي توحيد جي تعليم صحيح صحيح ڏئي ٿو ۽ انهيءَ بنياد تي ئي مون ٻين مذهبن کان اسلام کي ترجيح ڏيئي پسند ڪيو. بيشڪ هندو مذهب عيسائيت ۽ يهوديت وانگر پراڻي زماني ۾ سچائي جو مالڪ هو، پر مون ڏٺو ته ان ۾ هاڻ شرڪ ملي ويو آهي. اوهان کي جيڪڏهن هندو مذهب جي حقيقت معلوم ڪرڻي هجي ته حضرت مرزا مظهر جان جانان جي مڪتوبات پڙهو، جيڪا ”ڪلمات طيبات“ نالي ڪتاب ۾ اوهان کي ملي سگهندي.
    قرآن شريف جي تعليمن جي منڍ ۽ پاڙ يعني توحيد جو مسئلو صحيح طرح سمجهڻ ۾ مولانا شاهه اسماعيل شهيد جي ڪتاب ”تقويت الايمان“ منهنجي رهنمائي ڪئي. ان ڪري حضرت مولانا شهيد ؓ کي آءٌ شروع کان پنهنجو هادي ۽ مرشد مڃيندو آيو آهيان. پوءِ جڏهن مون توحيد جي مسئلي ۾ پنهنجو مطالعو وڌايو ته مون کي خبر پئي ته هن توحيد جي مسئلي سبب مسلمانن ۾ وهابي ۽ غيروهابي جو جهڳڙو وڏن زورن تي پيو هلي. مون کي مسلمانن جو اهو اختلاف پسند نه آيو. پوءِ مون انهيءَ جو حل هي ڳولي لڌو ته آءٌ قادري طريقي جو هڪ فقير آهيان، حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني قدس سره جي ڪتاب ”فتوح الغيب“ کي مڃان ٿو. انهيءَ ۾ توحيد جو تفصيلي بيان آهي ۽ حضرت شيخ عبدالقادر جي ان ڪتاب جو وهابيت سان پري جو به واسطو ڪونه آهي. هاڻي جيڪڏهن آءٌ توحيد جي سمجهائڻ لاءِ ”فتوح الغيب“ کي پنهنجي لاءِ مرڪزي ۽ بنيادي ڪتاب بنايان ته ان جو مطلب هي نڪرندو ته سنڌ مان توحيد جي مسئلي جي سلسلي ۾ وهابيت جو سوال ئي گم ٿي ويندو. آءٌ ايئن نٿو چوان ته منهنجي طرز فڪر سان سڄي سنڌ مان اهو اڻ وڻندڙ بحث ختم ٿي ويو پر ايترو ته ضرور ٿي ويو جو منهنجي ساٿين ۽ مون سان گڏ ڪم ڪرڻ وارن ۾ وهابي ۽ غير وهابي جو جهيڙو زور وٺي نه سگهيو. منهنجو پنهنجو هي حال آهي ته آءٌ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني جي ڪتاب ”فتوح الغيب“ کي وڏي محبت سان پڙهان ٿو ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جي ڪتاب ”تقويت الايمان“ کي انهيءَ جو ترجمو سمجهان ٿو.
    اسلام جي بنيادي مسئلي توحيد جي باري ۾ ته منهنجو اهو مسلڪ آهي جيڪو هينئر بيان ٿيو، پنهنجي استاد شيخ الهند کان اسان جيڪي خاص ڳالهيون سکيون آهن، انهن مان هڪ اهم شيءِ جهاد جو مسئلو آهي. اسان جي شاگرديءَ جي زماني ۾ انهيءَ مسئلي تي وڏا وڏا بحث ٿي رهيا هئا. عليڳڙهه پارٽي جهاد جي معنيٰ نئين طريقي تي ڪندي هئي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ اهڙا شبها پيش ڪندي هئي، جن جو جواب ڏيڻ آسان نه هو. خدا جي فضل سان اسان کي حضرت شيخ الهند جي صبحت جي فيض سبب انهيءَ مسئلي ۾ پورو اطمينان حاصل ٿي ويو هو. ان ڪري عليڳڙهه جي شاگردن سان ان معاملي ۾ جيڪڏهن اسان جي گفتگو ٿيندي هئي ته اسان انهن کي جهاد جو اصلي مقصود صحيح طريقي سان سمجهائي سگهندا هئاسين.
    قرآن مجيد جو ترجمو، فتوح الغيب جي توحيد ۽ جهاد پنهنجي اصلي معنائن ۾: هي هو اسان جو مقصد، جنهن تي اسان علمي سرگرمين جو مدار رکيو. امروٽ (ضلع سکر ۾) اسان اهائي شيءِ پڙهائيندا رهياسين. جهاد جي مسئلي جي چٽائي ۽ ان جي عملي تعبير لاءِ اسان کي امام ولي الله- امام عبدالعزيز ۽ شاهه اسماعيل شهيد ۽ ان جي ساٿين جي تاريخ ۽ انهن جو احوال پڙهائڻ جي ضرورت پئي. ڳالهه هيءَ هئي جو جهاد کي خالي عقلي طور تي سمجهائڻ اسان وٽ ڪافي نه هو. اسان گهرون پيا ته شاگردن جي سامهون ان جو عملي طريقو پيش ڪيون ۽ سڀئي ڄاڻن ٿا ته امام ولي الله کان وٺي مولانا اسماعيل جي شهادت تائين هن خاندان جو جهاد جي واقعن سان خصوصي ڳانڍاپو رهيو آهي. اسان ديوبند ۾ شاگردي جي دوران هن خاندان جون حالتون بزرگن کان ٻڌندا هئاسين. انهيءَ ڪري هاڻي اسان جيڪو تعليم جو سلسلو شروع ڪيو، ته اسان هيئن ڪيوسين جو اڳ ۾ ته قرآن مجيد منجهان جهاد جو مسئلو شاگردن کي سمجهايون پيا، پوءِ وري صحيح حديثن ذريعي انهيءَ تي روشني وجهون پيا. پوءِ صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين جي انهيءَ باري ۾ زندگي پيش ڪيون پيا. ۽ ان کان پوءِ امام ولي الله جي طريقي مطابق جهاد جا احڪام بيان ڪيون پيا ۽ پڇاڙيءَ ۾ شاگردن تي هي واضح ڪيون پيا ته ڪهڙي طريقي سان اڄ جي زماني ۾ هاڻوڪين حالتن هيٺ جهاد جو حڪم قابل عمل ٿي سگهي ٿو.
    توحيد ۽ جهاد، هي ٻه شيون هيون جن تي اسان شاگردن کي تعليم ڏيڻ وقت خصوصي توجهه ڏيندا هئاسين. توحيد ۽ جهاد جي انهيءَ نموني تعليم ڏيڻ هر مسجد ۽ مدرسي ۾ آسان نه هئي. امروٽ ضلع سکر ۾ حضرت مولانا تاج محمود ؓ اسان لاءِ پيءُ جي مثال هو. ان ڪري اسان اُتي آرام سان ۽ اطمينان سان منشا مطابق تعليم ڏيندا رهياسون. امروٽ ۾ ڪجهه عرصو پڙهائڻ کان پوءِ حضرت شيخ الهند پنهنجي مشن ۾ اسان جو درجو وڌايو، ۽ پاڻ اسان کي سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ جو ٻيو به طريقو سيکاريو ۽ اسان انهن جي حڪم مطابق ڪم شروع ڪيو. ۽ ڪنهن کي به اهو ڪونه ٻڌايو ته هي ڪم حضرت شيخ الهند جو ٻڌايل ڪري رهيا آهيون. ظاهر ۾ اسان اهو ڪم پنهنجي نالي سان ڪري رهيا هئاسون. منهنجي مهربان بزرگ حضرت امروٽي صاحب کي انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ پسند نه آيو. ان ڪري اسان مجبور ٿي امروٽ جي بجاءِ ڳوٺ پيرجهنڊي ضلع حيدرآباد سنڌ ۾ دارالرشاد نالي سان هڪ مدرسو ٺاهيو ۽ اسان کي انهيءَ مدرسي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائڻ ۾ پورو اختيار هو ۽ پير صاحب جهنڊي وارن سان اسان جو هي فيصلو ٿي چڪو هو ته هو اسان جي ڪم ۾ بلڪل دخل نه ڏيندا، ۽ انهن انهيءَ واعدي کي سچي دل سان نڀايو.
    دارالرشاد ۾ جڏهن اسان پنهنجي ڪم کي سهڻي نموني ڪري ڏيکاريو ته حضرت شيخ الهند اسان جو درجو اڃا به وڌايو ۽ مون کي ديوبند گهرائي ورتائون ۽ مدرسي ديوبند جي پاليسيءَ بابت اسان جا مشورا ٻڌڻ لڳا. انهيءَ زماني ۾ حضرت شيخ الهند اسان کي جهاد جي حقيقت جي ٻي پيڙهه سمجهائي. عام طور تي جهاد لاءِ هي شرط آهي ته مسلمان بادشاهه هجي ۽ ڪافرن سان مقابلي جو ڪوئي امڪان نظر اچي ته پوءِ جهاد فرض ٿي پوي ٿو. پر ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مسلمانن ۾ انهن جو ڪو بادشاهه نه رهي، ۽ نه انهن وٽ فوجي طاقت موجود هجي ته اهڙين حالتن ۾ ڇا جهاد جو حڪم کڄي ويندو؟
    حضرت شيخ الهند اسان کي اهڙو مشڪل مسئلو سمجهايو ۽ ان لاءِ ارشاد فرمايائون ته اهڙين حالتن ۾ هر هڪ مسلمان مٿان فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري. حضرت شيخ الهند اسان کي سنڌ ۾ انهيءَ نموني ڪم ڪرڻ جو حڪم فرمايو هو ۽ اسان ڪجهه انهيءَ طريقي ڪار کان واقف به ٿيا هئاسون ۽ جڏهن اسان سنڌ مان ديوبند پهتاسون ۽ جميعت الانصار جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيوسون تڏهن به اسان جي سامهون حضرت شيخ الهند قدس سره جو اهو فرمان هو.
    جهاد جي متعلق اهو نقطه نظر ۽ انهيءَ مطابق ڪم ڪرڻ اها اسان جي خصوصيت هئي، جا اسان حضرت شيخ الهند جي صحبت ۾ رهي حاصل ڪئي هئي سون. ان کان پوءِ حالتون اهڙيون ٿيون جو حضرت جن کي، اسان کي ڪابل موڪلڻ جي ضرورت پئي. اتي اسان شروع شروع ۾ جهاد جي پهرين پيڙهه کي پنهنجو مقصود بنائي ڪم ڪيو. يعني مسلمان بادشاهه جي موجودگي ۽ مسلمانن جي فوجي طاقت جي هوندي جهاد جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ اهڙيون حالتون ظاهر ٿيون، جو اسان کي ڪابل ڇڏڻو پيو. ان ڪري اسان اتاهون روس هليا وياسون، روس جي سياست جو اسان مطالعو ڪيو ته اسان کي هيءَ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته جهاد جي ٻي پيڙهه جا اسان کي حضرت شيخ الهند سيکاري هئي، يعني جڏهن مسلمانن جي حڪمران طاقت ۽ انهن جي فوجي طاقت موجود نه هجي ته ان وقت هر مسلمان تي فرض آهي ته پنهنجي جماعت ٺاهي ۽ جهاد ڪري، انهيءَ کي يورپ ۾ ”انقلاب“ جي نالي سان سڏن ٿا. انهيءَ زماني ۾ روس يورپ جي انقلاب جو مرڪز هو، اسان اتي ست مهينا رهياسين ۽ يورپ جي انقلاب جو چڱي طرح اڀياس ڪيوسون. انهيءَ مطالعي اسان جون اکيون کولي ڇڏيون ۽ اسان ڏٺو ته جهاد جي ٻي پيڙهه جنهن جو مڪمل بيان حجة الله البالغه ۽ ازالة الخفاء عن خلافة الخلفاء ۾ اسان بار بار پڙهي آيا هئاسين، ان کي اڄ جي اصطلاحي زبان ۾ ”انقلاب“ چون ٿا، ان ڪري آءٌ هاڻي انقلابي آهيان.
    آءٌ پنهنجي هن انقلاب کي پنهنجي وطن ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ نيشنل ڪانگريس جي اندر پنهنجي هڪ مستقل پارٽي جو بنياد وجهي چڪو آهيان. جڏهن اسان وطن کان ٻاهر هئاسين ته اسان جي حيثيت ٻي هئي پر جڏهن کان وطن واپس موٽيا آهيون ته، اسان پنهنجي ٻاهرين ساٿين کان ڪٽجي چڪا آهيون. هاڻي اسان جي سموري ڪوشش هيءَ آهي ته پنهنجي هن فڪر جو، حضرت شيخ الهند جي جماعت ۾ جيڪي ترقي پسند نوجوان آهن انهن سان تعارف ڪرايون. پر ڪانگريس جي اندر رهي ڪري ڪم ڪرڻ جي هن دعوت ڏيڻ مان ڪوبه هي ڌوڪو نه کائي ته اسان نيشنل ڪانگريس ۾ مولانا حسين احمد مدني ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد وانگر گانڌي جي جا تابع آهيون. نيشنل ڪانگريس ۾ اسان جي ڪمن جي هڪ مستقل حيثيت آهي. گانڌي جي جو ان سان ڪوبه تعلق نه آهي. انهن ڪمن تي روشني وجهڻ جو وقت اڃا نه آيو آهي. اسان جو ۽ گانڌي جي جو هن سلسلي ۾ رڳو هڪ ڳالهه تي ميلاپ آهي، اهو آهي عدم تشدد (اهنسا) جو مسئلو، پر ان ۾ به اسان جي ۽ گانڌي جي جي وچ ۾ فرق آهي. هو ڪنهن به صورت ۾ تشدد ڪرڻ کي جائز نٿو سمجهي، پر اسان ضرورت جي وقت تشدد ڪرڻ جي اعلان ڪرڻ جي حق ۾ آهيون. شروع شروع ۾ عدم تشدد جي پنهنجي هن فڪر کي بيشڪ اسان گانڌي جي جو اثر سمجهندا هئاسين پر پوءِ اسان کي معلوم ٿيو ته رسول الله ﷺ مڪي معظمه جي قيام واري زماني ۾ عدم تشدد جا پابند هئا. اصل ۾ امام ولي الله جي تحقيقات هن مسئلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. ان ڪري اسان جنهن وقت عدم تشدد جي دعوت ڏيون ٿا، ته اهو ظاهر ۽ باطن ۾ فقط امام ولي الله جي اتباع جي دعوت ڏيئي رهيا آهيون. جيئن يورپي قومن پنهنجا انقلاب منظم ڪيا آهن اهڙي نموني آءٌ امام ولي الله جي انقلابي دعوت کي منظم ڪندس. روس جي انقلاب جون ٻه مرڪزي شخصيتون هيون: ڪارل مارڪس ۽ ڪامريڊ لينن. مون پنهنجي انقلابي دعوت لاءِ ٻه امام چونڊيا آهن: امام ولي الله ۽ امام محمد قاسم، روسي انقلاب لاديني هو ۽ منهنجو انقلاب امام ولي الله جي تعليمات جو خلاصو ۽ نچوڙ آهي.
    انقلاب هڪ ڏينهن ۾ مڪمل نه ٿيندا آهن، انقلابن جو ڪم ڏاڪي به ڏاڪي ٿيندو آهي. هن وقت اسان رڳو انقلابي فڪر جو تعارف ڪرائي رهيا آهيون. ديوبند ۾ عالمن جي هڪ وڏي جماعت آهي جيڪا جهاد جي مسئلي ۾ حضرت شيخ الهند سان متفق نه آهي. اسان انهن جي علم ۽ تقويٰ جي ته عزت ڪيون ٿا، پر انهن جي ڪمن جي پوئواري نه ڪنداسين. ديوبند ۾ حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارا ۽ هم فڪر عالم به ٻه حصا ٿي ويا آهن. هڪ گروهه هن انتظار ۾ آهي ته ڪوئي مسلمان بادشاهه جهاد ڪري ته اسان انهيءَ جهاد ۾ شريڪ ٿيون. اسان انهيءَ گروهه کي به نٿا مڃون. حضرت شيخ الهند جي مڃڻ وارن مان ٻيو حصو انقلابي آهي. اسان جي نظر ۾ اهي ماڻهو ئي حضرت جا صحيح جانشين آهن.
    اسان جو هي بيان ڪيون پيا ته حضرت شيخ الهند، جهاد جي معنيٰ انقلاب ڪئي آهي، ته هتي ان جي ڪجهه وضاحت ضروري سمجهون ٿا. اسان امروٽ ۾ چئن شاگردن جي هڪ جماعت ٺاهي جنهن جو مقصد هو جهاد ڪرڻ. آءٌ انهيءَ جماعت جو امير هئس. هيءَ جماعت مولانا اسماعيل شهيد جي طريقي جهاد مطابق ٺاهي وئي هئي. اسان انهيءَ جماعت سان جهاد جو ڪم شروع ڪري ڏنو، پوءِ جڏهن آءٌ ديوبند ويس ۽ حضرت شيخ الهند سان ڳالهين ڪندي انهيءَ جماعت جو ذڪر ڪيم ته حضرت قدس سره انهيءَ تي تمام گهڻي خوشيءَ جو اظهار فرمايو ۽ پاڻ مون کي پنهنجي خصوصي جماعت ۾ داخل فرمايو.
    مٿئين ڳالهه جو ڪجهه وڌيڪ تفصيل بيان ڪريون ٿا. حضرت شاهه اسماعيل شهيد هڪ جاءِ تي بيان فرمايو آهي ته جهاد کي قائم رکڻ فرض ڪفايه آهي. جيڪڏهن طاقت جي زور سان نه ٿي سگهي ته شهيد ٿي به جهاد قائم رکي سگهجي ٿو. اهو هر هڪ مسلمان ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ هڪ جماعت ٺاهي وڃي ته ان جو اڳواڻ به چونڊيو وڃي جيئن نماز لاءِ امام چونڊيو ويندو آهي. حضرت شاهه شهيد جو هي اشارو منهنجي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ مون انهيءَ جي مطابق امروٽ ضلعي سکر ۾ هڪ جماعت ٺاهي ۽ اسان فيصلو ڪيو ته اسان شهيد ٿي ڪري جهاد کي زنده رکنداسين. پوءِ جڏهن اهو تذڪرو حضرت شيخ الهند جي سامهون ٿيو ته اهي ڏاڍو خوش ٿيا ۽ فرمايائون ته توکي انهيءَ جماعت جي به ضرورت نه آهي، تون اڪيلو به جهاد ڪري سگهين ٿو ۽ فاتح به ٿي سگهين ٿو ۽ گڏوگڏ حضرت جن فرمايو ته اها منهنجي راءِ آهي، منهنجي استاد جي سمجهايل نه آهي ۽ مون اها فلاڻي حديث مان اخذ ڪئي آهي.
    جيڪڏهن جهاد جو مطلب اهو آهي جيڪو مون کي شيخ الهند رحه ٻڌايو ته انهيءَ جو نالو انقلاب آهي. ان ڪري آءٌ انقلابي آهيان ۽ جيڪو طريقو شيخ الهند مون کي سمجهايو آءٌ انهيءَ طريقي جو انقلابي آهيان. منهنجو استاد حضرت شاهه شهيد، امام عبدالعزيز ۽ حضرت امام ولي الله قدس الله اسرارهم جي مسلڪ تي عامل هو. پوءِ منهنجي زندگي جو به اهوئي مسلڪ آهي ۽ انهيءَ کي حاصل ڪرڻ منهنجي سموري جدوجهد جو خلاصو آهي.
    اسان ٻه مسئلا ٻيا به هتي بيان ڪري ٿا ڇڏيون. سڀ کان پهريون سوال ته هي آهي ته حضرت شيخ الهند جو هي انقلاب ڪيئن عمل ۾ آندو وڃي؟ منهنجو چوڻ هي آهي ته انهيءَ لاءِ اسان کي يورپ مان سکڻ ضروري آهي. اسان جا پراڻا هٿيار هن زماني ۾ ڪنهن ڪم جا نه رهيا آهن. ڪمال پاشا ۽ امان الله خان انهيءَ ڳالهه کي ڏاڍو سمجهي ويا هئا ۽ اسان ٻاهر رهي ڪري انهيءَ حقيقت کي چڱي طرح سمجهي وياسين. يورپ جي سائنس ۽ يورپ جا جنگي هنر اسان کي يورپ کان سمجهڻا پوندا، پر اسان جي انقلابي جماعت جو پروگرام امام ولي الله جي فڪر تي جوڙيل هوندو. جڏهن اسان پنهنجي ملڪي ماڻهن کي چئون ٿا ته ”يورپي بنجو“ ته اسان جي چوڻ جو اصل ۾ اهوئي مطلب آهي.
    جڏهن هي مڃيو ويو ته اسان لاءِ يورپ جي سائنس ۽ هنرن (ٽيڪنالاجي) کي حاصل ڪرڻ ضروري آهي ته انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته انهن شين کي اسان انگريزن کان وڌيڪ سهڻي طريقي سان سکي سگهون ٿا. تنهن ڪري منهنجي راءِ مطابق مناسب ۽ موزون ٿيندو ته انگريزي ٻولي ڳالهائڻ وارين قومن سان اسان گڏ رهڻ جو فيصلو ڪيون، انهيءَ ۾ اسان جو فائدو آهي ۽ مصلحت به انهيءَ کي چاهي ٿي. انهيءَ کي مان برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ٿيڻ سڏيان ٿو. اسان سنڌ کي ڊومينن اسٽيٽ بنايون ٿا ۽ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شريڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيون ٿا. هيءَ جيڪا ڳالهه آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو اها منهنجي پنهنجي آهي منهنجي استاد جي ٻڌايل نه آهي، پر پوئين (عالمگير) جنگ ۾ ترڪي جي شڪست ۽ مسلمانن جي بين الاقوامي مرڪز ٽٽڻ کانپوءِ آئندي لاءِ (پاڻ) ڪجهه هدايتون فرمايون هيون جن مان انهيءَ قسم جو مطلب وٺي سگهجي ٿو.
    هڪ ٻي ڳالهه جيتوڻيڪ آهي ته موضوع کان جدا پر هن موقعي تي چئي ٿا ڇڏيون، اها هيءَ ته هن جلسي ۾ ڪيترن دوستن هاري ۽ زميندار جو مسئلو ڇيڙيو آهي، اسان هارين جا طرفدار آهيون، اسان هارين کي تعليم ڏيڻ گهرون ٿا، انهن جي سياسي تربيت ڪرڻ گهرون ٿا، اسان انهن کي هن لائق بنائڻ گهرون ٿا ته هو اسيمبلي جا نمائندا بنجي ڪري اسيمبلي ۾ ويهي سگهن، اسان هارين لاءِ سڀ ڪجهه گهرون ٿا، پر انهن کي زميندارن سان ٽڪرائڻ نٿا گهرون. اسان جي ملڪ ۾ زميندارن جو هڪ درجو آهي، اهي هارين کان ڍلون وٺي حڪومت کي پهچائن ٿا، جڏهن اسان حڪومت سان ئي نٿا لڙون ته هارين کي زميندارن سان ڪيئن لڙايون، اسان کي ڄاڻ آهي ته ڪيئن اسيمبلي ۾ وڃي زميندارن کان هارين جا حق وٺي سگهبا آهن. اها اسان جي خصوصي ڳالهه آهي. انهيءَ لاءِ اسان هڪ مستقل سياسي پارٽي ٺاهيون ٿا. اسان هارين جي حقن تان هٿ کڻڻ وارا نه آهيون، پر ڳالهه هيءَ آهي ته اسان جي ملڪ ۾ روس کان آيل هڪ تحريڪ هلي رهي آهي، انهيءَ تحريڪ ۾ ڪم ڪرڻ وارا ڪامريڊ هارين کي زميندارن سان ويڙهائڻ گهرن ٿا. ۽ آءٌ به روس کان ٿي ڪري آيو آهيان، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته ڪن ماڻهن جو خيال هجي ته اسان به هارين کي زميندارن سان وڙهڻ لاءِ دعوت ڏينداسون، سو اسان جي باري ۾ ايئن سمجهڻ ٺيڪ نه آهي. اسان جو پروگرام وقتي نه آهي. اسان هڪ ڊگهي عملي واٽ جي طرف سڏيون پيا.
    اڄ اهو ممڪن نه آهي ته اسان پنهنجو سمورو پروگرام شاگردن کي ٻڌائي سگهون. هن وقت خالي اوهان کي اسان ايترو چئون ٿا ته اوهان انگريزي پڙهو، تان ته اڄڪلهه جيڪا يورپ ۾ هلچل آهي ۽ اتي جيڪو انقلاب برپا آهي، انهن جي حالتن کان سڌوسنئون اوهان واقف ٿي سگهو. اسان عربي شاگردن کي ٻڌائڻ گهرون ٿا ته انهن کي سڀ کان پهريائين ديوبند جو نصاب پورو ڪرڻ گهرجي. انهن کي ان نصاب جي عقليات کي به ايئن پڙهڻ گهرجي جيئن ديني حصي کي پڙهن ٿا. انهيءَ مان هي فائدو ٿيندو ته هو امام ولي الله جي حڪمت کي چڱي طرح سمجهي سگهندا. ان کان سواءِ اسين اوهان کي هڪ ٻيو به مشورو ڏيون ٿا ته عربي شاگردن کي گهرجي ته هو سنڌي فائنل جو نصاب به پورو ڪن، ۽ ان جي امتحان ۾ ويهڻ جي ضرورت نه آهي کين رڳو انهيءَ نصاب ذريعي پاڻ ۾ لياقت پيدا ڪرڻ گهرجي، انهيءَ جو فائدو هي ٿيندو ته هو مولانا محمد قاسم جي ڳالهه سولي نموني سمجهي سگهندا. آخر ۾ اسان هن ڳالهه جي تاڪيد ڪيون ٿا ته توهان ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جي شهري آبادي جي اڳواڻي مسلمانن جي هٿان نڪري چڪي آهي، مگر پاسن ۽ ٻهراڙين ۾ مسلمانن جا اشراف گهراڻا اڃا تائين موجود آهن. انهن ۾ چڱا پير ۽ چڱا زميندار ۽ نيڪ علماءَ به آهن انهن ماڻهن جا وڏا وڏا خاندان آهن جن جو گذر زمينداريءَ تي آهي، انهن ۾ ديني علم شايع ڪرڻ جو موقعو آهي. انهن کي انگريزي زبان کان واقف ڪرڻ به سخت ضروري آهي. جيڪڏهن اسان جا نوجوان شاگرد همت ڪري اهو ڪم پنهنجي ڪلهن تي کڻن ته هو سنڌ ۾ اسلاميت کي نئين زندگي ڏئي سگهن ٿا، والله المستعان.
    اوهان مون کان پڇندا ته موجوده سياسي هنگامن کان جدا رهي عربي شاگردن لاءِ سياست سکڻ جو آسان رستو ڪهڙو آهي؟ سو انهيءَ باري ۾ منهنجي راءِ آهي:
    (الف) عربي ڄاڻندڙ شاگرد کي انگريزي زبان سکڻ گهرجي، انهيءَ جو سولو طريقو هي آهي ته اڳ ۾ هو اردو ۽ سنڌي کي رومن ڪيريڪٽر ۾ لکڻ پڙهڻ جي مشق ڪري ۽ پوءِ انگريزي جا اکر سکي. ٿوري محنت ۽ اڀياس سان ايتري لياقت حاصل ڪري ويندو جنهن سان اردو ۽ سنڌي کي انگريزي اکرن ۾ لکي پڙهي سگهي. اهڙي شاگرد جي اها حالت هوندي جا هڪ عاميءَ ماڻهوءَ جي جيڪو قرآن مجيد قرائت سان پڙهڻ سکندو هجي. جيتوڻيڪ اهو معنيٰ نٿو ڄاڻي پر عربي جا لفظ اچاري سگهي ٿو. اهڙو شاگرد انهيءَ حالت ۾ سولائيءَ سان ٽائيپ رائٽر جو استعمال سکي سگهي ٿو. تنهنڪري هڪ مقرر اردوءَ ۾ تقرير ڪري يا سنڌيءَ ۾ اهو ٽائيپ رائيٽر جي ذريعي ان کي انگريز حرفن ۾ لکي سگهندو. انهيءَ ڪم لاءِ نه درجي بندي جي ضرورت آهي ۽ نه باقاعدي ڪنهن استاد کان پڙهڻ جي، هر شخص پاڻ ذاتي محنت سان هي ملڪو حاصل ڪري سگهي ٿو.
    (ب) ان کان پوءِ انگريزيءَ جا ست ڪتاب جيڪي ميٽرڪ تائين پڙهايا ٿا وڃن انهن کي ”ڪريما“ ۽ ”نام حق“ وانگر پڙهائي انهن جي صورتخطي پنهنجي هٿ سان لکڻ جي مشق ڪجي ۽ انگريزي ڳالهائڻ وارن جي مجلس ۾ ويهي ۽ انگريزي الفاظ صحيح صحيح اچارڻ ذهن نشين ڪري ۽ جيڪڏهن موقعو مليس ته پاڻ به انگريزي ڳالهائي. انگريزي جا پنج ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ ڊڪشنري جي مدد سان هو انگريزي اخبار جو مطالعو شروع ڪري ۽ جيڪو وقت انگريزي سکڻ لاءِ ڪڍي انهيءَ ۾ ٻيو ڪوبه ڪم نه ڪري، نه حساب نه سائنس نه جاگرافي انهيءَ وقت ۾ هو رڳو انگريزي صحيح لکڻ ۽ ڳالهائڻ جو خيال رکي. هڪ ذهين ۽ محنتي عربي دان شاگرد ڇهن مهينن ۾ هي ڪم ڪري سگهندو ۽ زياده وقت لڳو ته تڏهن به هڪ سال ان لاءِ ڪافي آهي.
    مثال طور مولانا مودوديءَ کي ڏسو، هو دينيات جو هڪ وڏو فاضل آهي ۽ انگريزي به ڄاڻي ٿو. هن انگريزي ڪنهن کان به پڙهي ناهي، پر جيڪو ڪجهه به هن سکيو آهي اهو پنهنجي محنت سان سکيو آهي. اهڙيءَ طرح سنڌ ۾ سيد علي محمد راشدي هڪ سٺو نمونو آهي. هو معمولي انگريزي ڄاڻيندو هو پر پاڻ پنهنجي محنت سان هن وڏي ترقي ڪئي آهي. اسان جي راءِ آهي ته شاگرد کي ان سلسلي ۾ امتحان ڏيڻ جو خيال ذهن ۾ نه آڻڻ گهرجي. هو امتحان جو خيال ڪندو ته هڪ مهيني جي ڪم ۾ هڪ سال لڳي ويندو.
    عربي دان شاگرد فقط سياسي تربيت لاءِ انگريزي سکي ٿو کيس ڪا نوڪري ڪانهي ڪرڻي جنهن لاءِ کيس ڊگريءَ جي ضرورت پوي. هي شاگرد انگريزي جي ذريعي جڏهن يورپ جي نئين تحريڪ يعني روس جي سوشلسٽ پروگرام جي تاريخ ۽ ان جي ڪاميابي وارين حالتن کان واقف ٿيندو تڏهن وڃي مٿس هيءَ حقيقت کلي سگهندي ته امام ولي الله جي حڪمت، جنهن تي سندن ڪتابن حجة الله البالغه ۽ ازالة الخفاء عن خلافة الخلفاء جو دارومدار ۽ بنياد آهي ۽ جنهن حڪمت سان هو قرآن مجيد، صحاح سته ۽ چئن امامن جي مذهبن ۽ محقق عالمن جي سياست کي حل ڪن ٿا اها ولي اللهي حڪمت اڄ به يورپ جي انهيءَ انقلابي تحريڪ کان اڳري ۽ مٿاهين آهي ۽ آءٌ جو هي ٿو چوان ته اڄ جي يورپ کي سمجهڻ کان سواءِ حضرت امام ولي الله جي فلسفيءَ جو مرتبو سڃاڻڻ مشڪل آهي سو انهيءَ جو مطلب به اهوئي آهي.
    اسلامي تاريخ جي پهرئين هزار سال ۾ ترقي جا ڪيترائي رستا هئا، ۽ امام ولي الله جا بزرگ به انهن رستن مان هڪڙي طريقي جا پانڌيڙو هئا. ٻئي هزار سال ۾ جنهن جي شروعات هندستان ۾ اڪبر جي حڪومت سان ٿي ۽ امام رباني مجدد الف ثاني انهيءَ نواڻ جو بنياد رکڻ وارا هئا، انهيءَ نواڻ جي تڪميل ڪرڻ وارو امام ولي الله دهلوي آهي ۽ انهيءَ ڪم لاءِ الله جل و عليٰ فقط کين ئي چونڊيو.
    هن وقت هندستان ۾ مسلمانن جي ترقيءَ لاءِ امام ولي الله جي طريقي کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو ڪونهي. ڳالهه هيءَ آهي ته هندستان تي هن وقت يورپ جي هڪ وڏي طاقت جو جبري قبضو آهي. اسان جيستائين يورپ جي عام سياست کي نه سمجهنداسين تيستائين برطانيه کي نه سمجهي سگهنداسين. ٻين لفظن ۾ جيستائين اوهان برطانيه کي نه سمجهي سگهندؤ تيستائين اوهان لاءِ هندستان جي سياست کي سمجهڻ مشڪل آهي. نتيجو هي نڪتو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪ جي سياست سمجهڻ گهرو ٿا ته برطانيه کي سمجهو ۽ جيستائين اوهان يورپ کي سمجهي نه سگهندؤ تيستائين برطانيه کي سمجهي نه سگهندؤ. ان ڪري ضروري آهي ته توهان يورپ جي سياست کي سمجهو، پوءِ پنهنجي ملڪ جي سياست تي غور ڪيو.
    امام ولي الله جي سياست، فڪر ۽ ان جي ٻڌايل عملي رستي جي سڌي هجڻ ۽ انهيءَ کي چونڊيل سمجهڻ جو سبب هي آهي ته سلطان محي الدين احمد اورنگزيب عالمگير ؓ کان پوءِ جڏهن اسلامي سلطنت ۾ انتشار شروع ٿيو، ۽ هن ملڪ تي يورپي طاقتن جي غلبي جي شروعات ٿي ته عين انهيءَ موقعي تي شاهه صاحب پنهنجي سياسي تحريڪ جو بنياد رکي ٿو ۽ هو ان نئين سياسي نظام جي ضرورت به بيان ڪري ٿو ۽ ان لاءِ سائنٽيفڪ يعني حڪيمانه بنياد به جوڙي ٿو، انهيءَ نموني سان شاهه صاحب اسان جي ملڪ جو سياسي سلسلو ٽٽڻ نه ڏنو آهي ۽ هو هڪ آزاد هندستاني حڪومت جي شڪست سان گڏوگڏ هڪ ٻئي سياسي نظام جو نعم البدل پيش ڪري ٿو. ان ڪري آءٌ چوندو رهان ٿو ته پهريائين يورپ جي سياست جو مطالعو ڪيو پوءِ امام ولي الله جي سياست جو گهرو اڀياس ڪيو. انهيءَ نموني سان توهان هڪ طرف يورپ کي سمجهي ويندا ۽ ٻئي طرف هندستان جي سياست کي. اسان جو بيت الحڪمت ۽ محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج امام ولي الله جي حڪمت جي پرچار ۽ ان جي تعليم جو انتظام ڪندو.
    اسان پنهنجي نوجوان شاگردن کي وڏي نرمي سان هن طرف ڌيان ڇڪايون ٿا، ۽ بيشڪ هي ڪم مشڪل ضرور آهي پر اسان جا نوجوان شاگرد خدا جي فضل سان وڏي همٿ جا مالڪ آهن، هو جيڪڏهن گهرن ته پنهنجي همٿ ۽ حوصلي سان انهيءَ مهم کي سولائي سان کٽي سگهن ٿا.
    اسان کولي ڪري چئون ٿا ته اسان برطانيه سان جنگ جهيڙي جو خيال ڇڏي چڪا آهيون، اسان في الحال ڊومينن حڪومت حاصل ڪرڻ گهرون ٿا. اسان سنڌ جي عام ماڻهن کي ووٽ جي قيمت ٻڌائڻ گهرون ٿا، ۽ انهيءَ نموني اسيمبلي ۾ عوام جي طاقت گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيون. ان کان سواءِ اسان کي هتي هن ڳالهه جي به چٽائي ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اسان سنڌ ۾ سنڌين جي مستقل طور حڪومت چاهيون ٿا، اسان انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه مذهبي سوال پيدا ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ اسان هن براعظم جي باقي ملڪن سان فيڊريشن جي ذريعي شريڪ ٿينداسين. اسان سڄي هندستان کي هڪ ملڪ تصور ڪري ان تي وحداني (يونيٽري) طرز جي حڪومت ڪرڻ جو سختيءَ سان انڪار ڪريون ٿا. جيڪڏهن هندستان کي هڪ ملڪ نه سمجهيو وڃي ۽ هن براعظم جو هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي آزاد هجي ته انهيءَ طريقي سان هندو مسلم مسئلو به حل ٿي ويندو ۽ اسان برطانيه سان سمجهوتو به ڪري سگهنداسين.
    پر اسان کي هي مڃڻو پوندو ته هي فڪر جيڪو اسان پيش ڪري رهيا آهيون سو بلڪل نئون آهي. ان ڪري ان کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ هڪ مستقل سياسي پارٽي جي ضرورت آهي. هي پارٽي نيشنل ڪانگريس جي اندر رهي ڪري ڪم ڪندي. اسان سنڌ ۾ هن پارٽي جي تشڪيل به ڪري چڪا آهيون. ان پارٽيءَ وٽ قوم مان مراد اهو سياسي تصور آهي جنهن کي اڄ يورپ جي سياست به مڃي رهي آهي ٻوليءَ جي وحدت ۽ تمدن ۽ معاشرت جو هڪ هجڻ، اهو بنياد آهي قوم جي ان سياسي تصور جو ۽ اهڙي نموني پنجابي، پشتو، ڪشميري، گجراتي، مرهٽي ۽ هندستاني ڳالهائڻ وارن کي مستقل قومن جو درجو ڏيون ٿا. اسان هي به مڃون ٿا ته انهن سڀن قومن جي انٽرنيشنل زبان اردو ۽ انگريزي هوندي. اهي علائقا جن ۾ هي قومون آباد آهن انهن جون حدون بِهار کان اتر ۾ پشاور تائين ۽ نربدا کان ڪشمير تائين ڦهليل آهن، اسان هن سموري ايراضي کي پنهنجو قومي وطن مڃون ٿا. هن رقبي ۾ رهڻ وارين قومن جا پاڻ ۾ تعلق هڪ انٽرنيشنل نظام هيٺ هوندا. اسان هن جا ته حامي آهيون جيئن اڳ ۾ چئي آياسون ته ”سنڌ سنڌين جي آهي“ پر اسان جو هي اصول ان وقت ئي عمل لائق ٿي سگهي ٿو جڏهن هنن سڀني علائقن کي اسان جي اصول تي هڪ انٽرنيشنل نظام جي تابع ڪيو وڃي ان ڪري انهيءَ خيال جي پيش نظر اسان پنهنجي پارٽي جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي رکيو آهي. اسان هي گهرون ٿا ته هن ساري علائقي تي اسان جي سنڌ ساگر پارٽيءَ حڪومت ڪري. ڇو ته اسان جي خيال ۾ صرف هيءَ پارٽي ئي صحيح معنيٰ ۾ انهن علائقن ۾ هڪ اهڙو انٽرنيشنل نظام قائم ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ هر قوم آزاد هجي ۽ هر ملڪ پنهنجي جاءِ تي مستقل هجي. هي آهي مختصر لفظن ۾ اسان جو نصب العين ۽ انهيءَ لاءِ اسان سياسي جدوجهد ڪري رهيا آهيون.
    اڳتي هلي جيڪڏهن بنگال ۽ دکن اسان سان سمجهوتو ڪندا ۽ اسان جي پارٽيءَ ۾ شرڪت ڪرڻ گهرندا ته اسان وڏي خوشيءَ سان انهن کي قبول ڪنداسين. پر هن وقت اسين پنهنجي سموري طاقت نارٿ ويسٽرن انڊيا کان سواءِ ٻي جاءِ تي خرچ ڪرڻ نٿا گهرون.
    (ج) اسان جي هيءَ پارٽي سنڌ جي ڪنهن به پارٽيءَ سان جيڪا ان اصول کي پنهنجو بنياد مڃيندي ته ”سنڌ سنڌين جي آهي“ اختلاف نه ڪندي. بلڪ اهڙي پارٽي سان اسان سمجهوتو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته جيئن سڀ گڏجي ڪري ترقي جي مٿين منزلن کي پهچي سگهون.
    آخر ۾ آءٌ هر شاگرد کي وڏي تاڪيد سان وصيت ڪيان ٿو ته جيستائين هو سنڌ ساگر پارٽي جي نظرين کي پوري يقين سان نٿو مڃي ايتري تائين هو ان تي نه عمل ڪري نه ٻين کي ئي دعوت ڏئي. پر جيڪڏهن ڪنهن درسگاهه جا استاد ۽ منتظم هن پارٽي جي نظرين کي مڃين ٿا ته اسين انهن کي مشورو ڏيون ٿا ته هو پنهنجي درسگاهه جو نالو محمد قاسم ولي الله ٿيالاجيڪل ڪاليج رکن. اسان لڳاتار انهن کي پنهنجي ڪارائتن مشورن سان مدد ڪندا رهنداسين. والله المستعان
    **


    سنڌ ساگر پارٽيءَ جا اصول ۽ پروگرام

    24 رمضان 1357هه / 14 نومبر 938 هندي

    بسم اللھ الرحمان الرحیم
    الحمدلله رب العالمین والعاقبۃ اللمتقین وصلی اللہ علیٰ سیدنا محمد وآلہٖ وصحبہ وبارک وسلم
    اما بعد-
    هي ڪجهه اصول آهن جيڪي هڪ هندي مسافر هندستان جي مستقبل بابت حرم جي سرزمين ۾ ويهي لکي ٿو. حسبنا الله ونعم الوڪيل
    (1) اسان جي سڀني ڪوششن جو سرچشمو هيءُ آهي ته اسان پنهنجي وطن ۾ ترقيءَ جي اعليٰ اصول تي هڪ نيشنل پارٽي قائم ڪرڻ لاءِ رستو صاف ڪريون.
    (الف) ان پارٽيءَ جو نالو سنڌ ساگر پارٽي هوندو.
    (ب) ان پارٽيءَ جو ميدانِ عمل اتر اولهندو هندستان آهي. جنهن جي اوڀارئين ۽ ڏاکڻين حد ان ليڪ سان مقرر ٿئي ٿي جيڪا مانسرور ڍنڍ کان شروع ٿي الهه آباد کان لنگهندي نربدا سان وڃي ملي ٿي ۽ انهيءَ جي متوازي عربي سمنڊ تي وڃي ختم ٿئي ٿي.
    سمجهاڻي: اهو ياد رکڻ کپي ته سنڌو درياءَ مانسرور کان نڪري ٿو ۽ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.
    (2) ان پارٽيءَ جي ميدان عمل کي اسان ٽن حصن ۾ ورهايون ٿا:
    (الف) پهريون حصو اڄڪو صوبو سنڌ آهي جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچي آهي (جيڪو تاريخي شهر ديبل جو ٻيو نالو آهي) ان پارٽيءَ جو مرڪز هوندو.
    (ب) ٻيو حصو اهي ملڪ آهن جن جي سرچشمن جو پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. هزار سال اڳ اهو سمورو پرڳڻو ڪشمير، ڪابل ۽ غزنيءَ سميت سنڌ سڏبو هو جنهن جو ثبوت عربي تواريخن مان ملي ٿو. اسان لاهور کي ان حصي جو مرڪز مڃون ٿا.
    (ج) ٽيون حصو اُهي لاڳيتو ملڪ آهن جن جو سنڌ ساگر ۾ شامل رهڻ اهم سياسي مصلحتن جي لحاظ کان ضروري آهي. ان حصي جو مرڪز دهلي آهي. دهلي سڀني سنڌ ساگر (پرڳڻن) لاءِ انٽرنيشنل مرڪز هوندو.
    سمجهاڻي: پارٽيءَ جو سياسي گهيرو اوڀر پاسي جمنا ۽ راجسٿان تي ختم ٿئي ٿو. مانسرور، نربدا خطو دهليءَ لاءِ اردوءَ جي لساني حلقي جو تعين ڪري ٿو.
    (3) ان پارٽيءَ جي جوڙجڪ اقتصادي اصول تي ٿيندي. وچولي درجي جي ترقي يافته انسان جي زندگيءَ جي ضرورتن جي معيار تي پنهنجي سياسي اثر واري حلقي جي هر فرد لاءِ سندس ضرورتون مهيا ڪرڻ پارٽي جو مقصد آهي.
    (الف) پارٽي قومن جي سياسي نمائندگيءَ لاءِ سندن ورڇ صنفي اقتصادي اصول تي ڪندي. گڏيل مفاد رکندڙ صنفن جا حلقا جدا جدا ٺاهيا ويندا. مثلاً (1) سرمائيدار (2) هنرمند مزدور (3) زميندار (4) آبادگار/ هاري.
    (ب) سياسي نظام اهڙو جوڙيو ويندو جو هڪ حلقو ٻئي حلقي تي زيادتي نه ڪري سگهندو. پارٽي سڀني صنفن جي مفادن جي حفاظت ڪندي.
    (4) سنڌ ساگر پارٽي هر هڪ مذهب کي مڪمل آزادي ڏئي ٿي ۽ هر هڪ مذهب جي مقدس شين جو احترام ڪري ٿي.
    (الف) پارٽي هر مذهب جي نمائندگي ان مذهب جو سڌارڪ ترقي ڪندڙ فرقي لاءِ مڃيندي.
    (ب) ٽڪرائيندڙ مذهبي رسمن جي حدن مقرر ڪرڻ جو حق ان ڪانفرنس کي حاصل هوندو جيڪا مڃيل مذهبي فرقن جي اشتراڪ سان منعقد ٿيندي. جيڪڏهن اُها ڪانفرنس فيصلو نه ڪري سگهي ته سنڌ ساگر پارٽي جي مرڪزي جماعت نيشنل ڪانگريس جو فيصلو مڃڻ واجب هوندو.
    (5) سنڌ ساگر پارٽي حڪيم الهند امام شاهه ولي الله دهلويءَ جي هندستاني فلسفي کي پنهنجو عقلي بنياد قرار ڏئي ٿي. پارٽيءَ جي مرڪزي جماعت جي جوڙجڪ انهيءَ ذهنيت جي ميمبرن مان ٿيندي. يعني مختلف ذهنيتن جي فلسفين کي ان جي مرڪزي مجلس ۾ شرڪت جو حق نه ڏنو ويندو.
    (الف) هيءُ فلسفو هندستاني ذهنيت جي ڏاڪي بڏاڪي ترقيءَ جو اعليٰ مثال آهي. ان ۾ پراڻي هندو فلسفي جا سمورا ضروري اصول مڃيل آهن ۽ ان جي متوازي اسلامي دؤر جي ذهني ارتقا جي تڪميلي شڪل پڻ موجود آهي. ان ۾ فلسفي جي ٻن مختلف اسڪولن وحدة الوجود ۽ وحدة الشهود جو پراڻو تاريخي تضاد ختم ڪيل آهي.
    (ب) ان جي فلسفه الاهيات جي تعليم رياضيءَ جي مثالن سان واضح ٿي سگهي ٿو. جنهن جو نمونو ان فلسفي جي ٽئين شارح مولانا محمد قاسم باني دارالعلوم ديوبند جي تصنيفن ۾ موجود آهي.
    سمجهاڻي: ان فلسفي جو پهريون شارح امام عبدالعزيز ۽ ٻيو شارح مولانا محمد اسماعيل شهيد دهلوي آهي.
    (ج) ان جو اجتماعي فلسفو اهڙو مڪمل آهي جو انساني عقل اڄ تائين ان کان اڳتي وڌي ناهي سگهيو.
    (د) ان فلسفي سان سمورن عالمي مذهبن جي تشريح ۽ تطبيق ٿي سگهي ٿي.
    (6) ان پارٽيءَ جي آخري فيصلائتي اداري جو نالو سنڌ ساگر نيشنل ڪانگريس هوندو. ان جا سمورا فيصلا پارٽيءَ لاءِ آخري هوندا.
    (الف) ان ڪانگريس ۾ شرڪت جو حق هر ميمبر کي فقط سندس اقتصادي، صنفي حلقي جي نمائندگيءَ جي اصول تي حاصل ٿيندو. ڪنهن به مذهبي جماعت کي مذهبي حيثيت سان نمائندگي نه ڏني ويندي.
    (ب) سنڌ ساگر پارٽي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس کي آل انڊيا انٽرنيشنل ڪانگريس جي درجي تي مڃي ٿي.
    سمجهاڻي: سڄو هندستان هڪ کنڊ آهي. مختلف قومن ۽ ملڪن جو مجموعو آهي. جيڪڏهن روس کي جدا فرض ڪجي ته پکيڙ ۽ آبادي يورپ جي ويجهو ٿيندي، تنهن ڪري ڪنهن آل انڊيا سياسي جماعت کي نيشنل جماعت مڃڻ هڪ اصطلاحي غلطي آهي. سڄي هندستان جي انٽرنيشنل فيڊريشن ۾ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي سياسي اثر جي حلقي ۽ ان جي نيشنل ڪانگريس کي هڪ مڃيل وحدت ۽ ايڪو مڃيو ويندو.
    (7) سنڌ ساگر پارٽيءَ جي عام حلقه اثر ۾ هر فرد لاءِ سندس مادري ٻوليءَ ۾ لکڻ پڙهڻ ضروري آهي.
    (الف) ميدانِ عمل جي پهرئين حصي ۾ سنڌي ٻولي عربي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي. سنڌ حڪومت جي ان تجويز کي پارٽي مڃي ٿي ۽ بالغن لاءِ تعليم ۾ سولائي پيدا ڪرڻ لاءِ ان کي جدا جدا اکرن ۾ لکڻ تجويز ڪري ٿي.
    (ب) رسم الخط (لپي) بابت هندستاني قومن وچ ۾ جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ پارٽي هر فرد لاءِ ضروري قرار ڏئي ٿي ته هندي ۽ رومن لپيءَ ۾ پڻ سنڌي لکڻ سکي.
    (ج) پارٽي پنهنجي حلقه اثر جي ٻين حصن ۾ پڻ مقامي ٻوليءَ کي مڃي ٿي ۽ ان کي انهن ٽن لپين ۾ لکڻ ضروري قرار ڏئي ٿي.
    سمجهاڻي: پنجابيءَ لاءِ هندي لپي، گرمکي ۽ اردوءَ لاءِ ناگري.
    (8) پارٽيءَ جي عام حلقه اثر ۾ اهڙيون قومون رهن ٿيون، جن جي عظيم الشان تاريخي انٽرنيشنل اجتماع اردوءَ جهڙي آسان ۽ ترقي ڪندڙ ٻولي يادگار ڇڏي آهي. ان اجتماع ۾ هندي، فارسي، عربي، ترڪي قومون شامل آهن. اردو هندستان جي انٽرنيشنل اجتماع لاءِ گڏيل ٻولي بڻجڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي، تنهن ڪري انگريزي حڪومت پنهنجي پهرئين دور ۾ ان (اردو/ هندستاني) کي اتر هند جي بين الاقوامي ٻولي مڃي ورتو هو. دهلي ۽ ڪلڪتو ان جا سرڪاري مرڪز هئا. ان کان پوءِ ٻئين دؤر ۾ دهليءَ بدران لاهور کي مرڪز بڻايو ويو ۽ دهليءَ جون ٻه يا ٽي شاخون پهرئين دؤر ۾ پيدا ٿي چڪيون هيون: لکنؤ، رام پور، حيدرآباد (دکن). آخر ۾ انگريز حڪومت وري دهليءَ جي مرڪزيت ٺاهي رهي آهي. پارٽي هندستان جي ان اڻلڀ خوبيءَ ”اردو هندستاني“ جي حفاظت ۽ ترقي ضروري سمجهي ٿي.
    (الف) پارٽي ان کي پنهنجي عام حلقه اثر لاءِ ”انٽرنيشنل ٻولي“ مڃي ٿي.
    (ب) پارٽيءَ جي حلقه اثر جون مقامي ٻوليون فقط شروعاتي ۽ وچئين درجي تائين تعليم جو ذريعو مشڪل سان بڻجي سگهن ٿيون. ان دؤر ۾ ”اردو هندستاني“ ٻوليءَ طور لازمي هوندي. جتي مقامي ٻوليءَ جي حد ختم ٿي اتي سموري تعليم ان ”اردو هندستاني“ جي ذريعي ڏني ويندي ۽ جامعه مليه دهلي اهڙي تعليم جو مرڪز هوندو.
    (ج) اردوءَ جي ترقيءَ لاءِ پارٽي پنهنجي تعليمي مرڪزن ۾ هيٺين چئن ٻولين جي تعليم جاري ڪندي: (1) فارسي، (2) عربي (3) ناگري (4) انگريزي
    (9) هندستان جي ٻين حصن سان ملڻ لاءِ جتي اردو بين الاقوامي فائدو نٿي ڏئي سگهي، انهن هندستاني ملڪن لاءِ پارٽي انگريزي ٻوليءَ کي پنهنجي انٽرنيشنل ٻولي مڃي ٿي.
    (الف) ۽ اهڙيءَ ريت ٻاهرين ملڪن لاءِ پڻ ان کي پنهنجي بين الاقوامي ٻولي بڻائي ٿي.
    سمجهاڻي: انگريزي ٻولي اندازاً ٻن سون سالن کان هندستان ۾ ڏاڪي بڏاڪي حڪومت ڪري رهي آهي. ڏکڻ هندستان جا ڪجهه حصا ان کي پنهنجي ٻوليءَ طور استعمال ڪن ٿا. تنهن ڪري ان کي نيم هندستاني ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ انصاف ۽ مصلحت ٻنهي جي روءِ سان ضروري آهي.
    (ب) پارٽيءَ جي حلقه اثر ۾ انگريزي ٻوليءَ جي تعليم هر فرد لاءِ درجن آهر ضروري آهي.
    سمجهاڻي: سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي پهرئين دؤر ۾ خارجي مصلحت لاءِ انگريزيءَ کي پهرئين درجي تي رکندي ۽ اردو هندستانيءَ کي ٻئي درجي تي. ان کان پوءِ ٻئين دؤر ۾ اردو هندستانيءَ کي پهرئين درجي تي رکندي ۽ انگريزيءَ کي ٻئين درجي تي، پر انگريزيءَ کي پنهنجي حلقه اثر مان نه ته خارج ڪندي ۽ نه ان جي اهميت کي گهٽائيندي.
    (10) سنڌ ساگر پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس اندر هڪ مستقل پارٽي آهي، تنهن ڪري ان جو نصب العين ساڳيو انڊين نيشنل ڪانگريس جو نصب العين آهي يعني سڄي هندستان جي ڪامل، مڪمل آزادي ۽ استقلال.
    (الف) سنڌ ساگر پارٽي آزادي حاصل ڪرڻ ۾ هندستاني ملڪن جي انفرادي ذميداريءَ کي سڄي هندستان جي ذميداري کان مٿانهون مڃي ٿي.
    سمجهاڻي: جيڪڏهن هندستان جي ڏکڻ ۽ وچ وارا ملڪ آزادي حاصل ڪرڻ ۾ سستي ڪن ته اتر اولهه انڊيا کي پنهنجي پيش قدمي جاري رکڻ گهرجي. پارٽي اکين ڏٺي ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ٻاهرئين انقلاب جون لهرون پهريائين انهيءَ حصي سان ٽڪرائينديون. انقلاب جنگ جي اعلان جي شڪل ۾ هجي يا تخريبي پروپيگنڊا جي شڪل ۾، تنهن ڪري ٻين حصن پويان لڳڻ پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪرڻ برابر آهي. انهيءَ سنڌ ساگر پارٽيءَ جي حلقه اثر جي جنگي ۽ خارجي مصلحت پهريائين سنڌ ساگر نيشنل ڪانگريس جي قبضي ۾ هوندي. ان کان پوءِ آل انڊيا نيشنل (يا انٽرنيشنل) ڪانگريس جي هٿن ۾، ڇاڪاڻ ته اسان پنهنجو مستقبل وچئين ۽ ڏاکڻين ملڪن جي فيصلي تي نٿا ڇڏي سگهون.
    (ج) سنڌ ساگر پارٽي فيصلو ڪري ٿي ته ڪافي زماني تائين اسان کي برٽش ڪامن ويلٿ جي اندر رهڻو پوندو ته جيئن گڏيل ٺاهه سان جنگي ۽ خارجي مصلحتن تي قبضو ڪري سگهجي.
    (د) سنڌ ساگر پارٽي فيصلو ڪري ٿي ته جنگي ۽ خارجي (مصلحتن) تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ ڪافي عرصي تائين اسان کي برطانيه سان گڏ رهي ان جي دوستيءَ مان استفادو حاصل ڪرڻ جي ضرورت پوندي.
    (هه) سنڌ ساگر پارٽي مستقل اڀياس سان ان نتيجي تي پهتي آهي ته هندستان جي آزادي پسند ۽ انقلابي جماعتون عام طور جيتريقدر برطانيه جون محتاج نظر اچن ٿيون، حقيقت ۾ برطانيه کي ان کان گهڻو وڌيڪ انهن هندستاني جماعتن جي گڏيل عمل جي ضرورت آهي. تنهن ڪري پارٽي جي نظر ۾ ناممڪن ناهي ته عدم تشدد جي مسلڪ تي عزم ۽ احتياط سان عمل ڪرڻ جو نتيجو مڪمل آزادي نڪرندو. ان امڪان تحت پارٽيءَ عدم تشدد جو مسلڪ پنهنجي سياسي پروگرام ۾ شامل ڪيو آهي. هندستان جي وچئين ملڪن وانگر اسان ان کي هڪ مذهبي عقيدو نٿا مڃون.
    حسبی اللھ لااِلٰہ اِلاَّ ھُوَ علیہ توکلت وھو رب العرش العظیم
    وآخر دعوانا ان الحمدللھ رب العالمین۔
    **


    جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنيادي پروگرام

    اِن ولیی اللہ الذی نزل الکتاب وھو یتولی الصالحین
    بسم اللہ الرحمٰن الرحیم
    الحمدللہ رب العالمین وصلی اللہ علیٰ سیدنا محمد سیدالمرسلین و خاتم النبیین وعلیٰ اٰلہٖ واصحابہٖ واتباعہٖ من ائمۃ الدین وعباد اللہ الصالحین وبارک وسلم۔ اما بعد۔

    اڄ اسان خدا جو نالو وٺي ۽ ان جي ئي مدد تي ڀروسو ڪري اتر اولهندي هندستان جي نئين سياسي جماعت ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي“ جي پهرئين حصي جو ڪم سنڌ ۾ شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي.
    پارٽيءَ جا ڪجهه بنيادي قاعدا اسان لکي ورتا آهن ته جيئن خاص ماڻهن کي دعوت ڏيڻ ۾ سهوليت ٿئي. ان ۾ اڪثر اُهي ئي ڳالهيون آهن جيڪي سياسي مطالعو ڪندڙن جي نظر ۾ تعارفي عملن جو درجو رکن ٿيون. تنهن ڪري ان جي وڌيڪ تشريح جي هن مقدمي ۾ ضرورت ناهي. البته پارٽيءَ جي ميدان عمل کي محدود ڪرڻ جو مسئلو وضاحت جوڳو آهي.
    جنهن مبصر جي نظر ۾ گذريل ٽيهن ورهين جي تاريخ آهي اهو سمجهي سگهي ٿو ته هندستان جو سياسي تقدم ايترو ڏکيو ڪونهي، جيئن ان کي اڳ سمجهيو ويندو هو. پر گڏوگڏ اها ڳالهه پڻ پڌري ٿئي ٿي ته اها راند جڏهن به ٺهي وري ڊهندي آهي ته ان جي اندر ۾ هندو مسلم اختلاف ئي نقصان جو سبب نظر ايندو آهي. ان اختلاف کي حل ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي نظريا جوڙيا ويا پر عملي طور ”ويران وير وڌ“ وارو منظر آڏو اچي ٿو.
    اسان عملي اشتراڪ سان گڏ فڪري اتحاد جو ضميمو پڻ ڳنڍيو آهي، ان ريت هڪ نئون تجربو ڪرڻ گهرون ٿا، ان لاءِ اسان هڪ اهڙو پرڳڻو چونڊيو آهي جيڪو ٻنهي تهذيبن جو مرڪز آهي.
    جيئن گنگا جمنا دوآبو هندو تهذيب جو سرچشمو آهي ساڳيءَ ريت سنڌ ساگر مسلم تهذيب جي کاڻ آهي.
    جيڪڏهن اسان انهن ٻنهي عظيم الشان پرڳڻن جو پنهنجي نظرين تي ٺاهه ڪرائي سگهياسين، سندن دلي تسڪين تي قادر ٿي سگهياسين ته ان نه حل ٿيندڙ ڏکيائيءَ جي ڪنجي ملي ويندي.
    اهل علم ڄاڻن ٿا ته اسڪندريه ۾ حڪيمن (ڏاهن) جو هڪ ٽولو نيو فلاطوني پيدا ٿيو هو. انهيءَ انداز تي مسلمانن ۾ ڪيترائي ڏاها پيدا ٿيا جن مان شيخ اڪبر محي الدين ابن عربي ۽ شيخ الاشراق شيخ شهاب الدين سهروردي مشهور عالم آهن.
    هندستان ۾ سلطان محمود غزنويءَ جي زماني کان صوفين سڳورن جي آمد شروع ٿي. سلطان شهاب الدين غوريءَ کان پوءِ ان مٽيءَ مان تصوف جي چئني طريقن ۾ ڪثرت سان معرفتِ الاهي ۾ ڪامل انسانيت جا خادم پيدا ٿيا. اُهي سڀ انهيءَ اشراقي حڪمت جا امام هئا پر اهڙو عالم جيڪو پنهنجن انڪشافن ۽ نظرين جي سهيڙ ۽ سموهه تي قادر هجي، امام ولي الله دهلويءَ جهڙو پيدا ناهي ٿيو.
    انهن سڀني تصوف جي امامن جو مرڪزي فڪر وحدة الوجود آهي جيڪو ويدانت فلسفي جو بنيادي اصول آهي. شاهه ولي الله انهيءَ جي ئي تهذيب ۽ تڪميل سان انسانيت جي تشريح ڪئي ۽ ان کي ڪتاب ۽ سنت جو باطن ٻڌايو. جيئن ته سندن معرڪة الآراء ڪتاب ”حجة الله البالغه“ ۽ سندن فلسفيانه تصنيفن ”البدور بازغه“ ۽ ”التفهيمات الاهيه“ مان واضح ٿئي ٿو.
    اسان جي خيال ۾ جيڪڏهن ٻنهي مذهبن جا خادمِ انسانيت انهيءَ فلسفي کي اڳواڻ بنائي اڳتي وڌڻ جي جدوجهد ۾ مصروف ٿين ته هندستان هڪ ڀيرو ٻيهر مجمع البحرين بڻجي دنيا جي رهنمائي ڪري سگهي ٿو.
    اسان جي پراڻن ساٿين مان جيڪڏهن ڪو بزرگ اسان جو نئون انداز ڏسي پريشان ٿئي ٿو ته سندس خدمت ۾ مختصر عرض آهي:
    کیسے تیرانداز ہو سیدھا تو کرلو تیر کو
    اسان جو اصل مخاطب فقط هندستاني نوجوان آهي.
    نصيحت گوش کن جاناں کہ از جاں دوست تردارند
    جوانانِ سعادت مند پندپیر دانارا
    (ترجمو: اي منهنجا پيارا دوست منهنجي نصيحت کي غور سان ٻڌ، سعادتمند نوجوان پوڙهي عقلمند جي نصيحت کي غور سان ٻڌندا آهن.)

    جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو پروگرام
    (1) دارالرشاد، اسوادالاعظم ۽ قاسم المعارف جا پراڻا ڪارڪن ۽ سندن ساٿي جيڪي وطني خدمت کي پنهنجو مذهبي فرض سمجهن ٿا، انڊين نيشنل ڪانگريس جي اندر هڪ مستقل پارٽي تشڪيل ڏين ٿا جنهن جو تعلق اتر اولهندي هندستان جي محدود پرڳڻن سان هوندو.
    (الف) پارٽيءَ جو نالو جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي هوندو.
    (ب) ان پارٽيءَ جو ميدانِ عمل چئن ڀاڱن ۾ ورهايو ويندو:
    (1) اڄوڪو صوبو سنڌ جنهن جو مرڪز ڪراچي آهي.
    (2) سنڌو درياءَ ۽ ان جي مددگار دريائن جي زمين جنهن جو مرڪز لاهور آهي.
    (3) دوآبو گنگا جمنا ۽ ان جي اثر هيٺ اجميري بنارسي علائقو جنهن جو مرڪز دهلي آهي.
    (4) هندستان جو اهو حصو جيڪو پنهنجي فيصلي سان پارٽيءَ ۾ شامل ٿئي.
    (2) ان پارٽيءَ جا نظري بنيادي اصول هي آهن:
    (الف) عدم تشدد جي پابنديءَ سان ڪامل آزادي حاصل ڪرڻ. ان تاريخي حقيقت کي ياد رکڻ گهرجي ته عيسائيت عدم تشدد جي پابنديءَ سان ٽن سو ورهين ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.
    (ب) آبادگار، هنرمند ۽ پورهيت جي معاشي حالت سڌارڻ ۽ ان کي ترقي ڏيئي يورپ جي پورهيت جيتري بنائڻ. جيستائين ملڪ جي عام آباديءَ جي معاشي حالت ترقي نه ڪندي (تيستائين) سياسي ترقي ناممڪن آهي.
    (ج) هندستان کي هڪ ملڪ نه پر يورپ وانگر ملڪن جو مجموعو مڃڻ، ٻولي ۽ معاشرت کي ملڪي ونڊورڇ جو بنياد بنائڻ.
    (د) هر هڪ هندستاني ملڪ يعني جنهن ۾ هڪ ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ ان جي معاشرت ۾ تقريباً هڪجهڙائي آهي، منجهس مستقل رهاڪو هر مرد ۽ عورت جو هڪ جيترو حق مڃڻ ۽ جمهوري نظام تي بنيادي قوميت کي ترقي ڏيڻ. نسل، مذهب ۽ قدامت کي وڏائيءَ جو ذريعو نه بنائڻ.
    (هه) هڪ هندستاني ملڪ جي عام آباديءَ کي سندس مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيئي ووٽ جي اهميت سمجهائڻ.
    سمجهاڻي: جيڪي هندستاني ٻوليون عربي اکرن ۾ لکجن ٿيون انهن جي تعليم هاڻوڪي لپي (رسم الخط) جي وسيلي نهايت ڏکي آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته يا ته اکر جدا جدا لکڻ جو رواج وڌو وڃي يا رومن اکرن ۾ لکڻ شروع ڪن. ٻي صورت ۾ ٽائيپ رائيٽر مان سؤلائيءَ سان استفادو ڪري سگهن ٿا. اسان ڇاڪاڻ ته جبري قوت استعمال نٿا ڪري سگهون، تنهن ڪري سمجهائي ڏاڪي بڏاڪي ڪاميابي حاصل ڪنداسين.
    (و) ترقي يافته يورپ جي هنرن کي اسان جي ملڪ ۾ هلائڻ لاءِ ۽ وطن جي خدمت ۽ حفاظت ۾ مرد ۽ عورت کي جوان مردي سيکارڻ لاءِ يورپين معاشرت (يعني صنعتي ترقي ۽ فوجي تنظيم) اختيار ڪرڻ.
    سمجهاڻي: يورپين قومن جي سياسي برادريءَ ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ نه ايشيا جي سياسي ترقي سؤلي آهي ۽ نه هندستان جي، تنهن ڪري معاشرتي انقلاب خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي نه ته رجعت پسند قوتون ملڪ کي رک بڻائي ڇڏينديون.
    (ز) فڪر، اخلاق ۽ سياست ۾ هڪجهڙائي پيدا ڪرڻ لاءِ امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت ۽ فلسفي کي پارٽيءَ جو عقلي بنياد مڃڻ ۽ ان رستي سان انسانيت جي خدمت لاءِ تيار ڪرڻ.
    سمجهاڻي: ٻين هزارين هجريءَ جي شروعات کان يعني جلال الدين اڪبر جي دؤر کان هندستان جي مفڪرن جو هڪ طبقو ابن عربيءَ جي فلسفي يا ويدانيت فلسفي جي اصلاح ۽ تڪميل ۾ ان ڪري مصروف رهيو جو ان کي هندستاني زندگيءَ لاءِ سياسي بنياد بڻائي. امام ولي الله دهلويءَ جو فلسفو انهن سڀني ڪوششن جو نچوڙ آهي. ان سان سڀني دينن ۾ تطبيق ڏئي سگهجي ٿي ۽ انسانيت جي ارتقائي تاريخ جي تشريح ٿي سگهي ٿي.
    (ح) هندستان جي وحدت جو دارومدار وفاق (Federation) کي سمجهڻ. هندستان کي هڪ ملڪ سمجهڻ اوتري قدر غلط آهي، جيئن ڪو روس کي ڪڍي باقي يورپ کي هڪ ملڪ چوي.
    (ط) فيڊريشن جي تڪميل لاءِ هڪ ڪافي ڊگهي عرصي تائين برٽش ڪامن ويلٿ ۾ رهڻ جو فيصلو ڪرڻ.
    (ي) فيڊريشن جي ٻولي ترقي يافته هندستاني (اردو) ۽ انگريزيءَ کي مڃڻ.
    سمجهاڻي: اردوءَ کي رومن اکرن ۾ لکي يورپين قومن ۾ رواج ڏيڻ ۽ مقطع اکرن ۾ لکي ايشيائي قومن ۾ پهچائڻ ان مقصد جي پورائي لاءِ ضروري آهي.
    (3) پارٽيءَ جا عملي سياسي اصول هي آهن:
    (الف) پارٽي پنهنجن نظرين کي ڦهلائڻ لاءِ خاص تعليم گاهن ۾ خلق جا خادم تيار ڪندي. فقط اهي ئي ماڻهو پارٽيءَ جا ميمبر ٿي سگهندا جيڪي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو فرض قرار ڏيندا. ۽ عدم تشدد جي پابنديءَ سان ان فرض ادا ڪرڻ لاءِ هر قسم جي تڪليف سهڻ جو اهو وچن ڪندا ته هو تڪليف ڏيندڙن کان ڪنهن به صورت ۾ بدلو نه وٺندا.
    (ب) پارٽيءَ جا جيترا به ميمبر حڪومت ۾ شامل ٿيندا، اُهي پنهنجي ڪُرسيءَ تي ملڪ جي هر فرد سان هڪ جهڙو ونهوار ڪندا ۽ رشوت وٺڻ بند ڪرائيندا.
    (ج) پارٽيءَ جا واپاري ميمبر ماپ تور ۾ گهٽ وڌائي نه ڪندا، حساب لکڻ ۾ خيانت نه ڪندا، وياج بند ڪرائيندا.
    (د) پارٽيءَ جا زميندار ميمبر هاري/ آبادگار سان جيڪو معاهدو ڪندا ان جا پابند رهندا. هاري/ آبادگار جي خاندان جي ترقيءَ جي ضرورتن مهيا ڪرڻ ۾ پوري مدد ڏيندا.
    (هه) پارٽيءَ جا هاري / آبادگار ميمبر حڪومت جي ڍل ۽ زميندار جو حصو معاهدي جي پابنديءَ سان پورو ادا ڪندا.
    (و) پارٽيءَ جا هاري/ آبادگار ميمبر جنهن سان ونهوار ڪندا، امانت کي پنهنجو شعار بڻائيندا.
    (ز) پارٽيءَ جا جيترا به ميمبر علمي يا اخلاقي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص آهن اُهي پنهنجي ملڪ مان جهالت ختم ڪرڻ لاءِ سخت جدوجهد ڪندا. هو (پنهنجي لاءِ) زندگيءَ جي ننڍين ضرورتن تي گذارو ڪندا.
    (ح) پارٽيءَ جي هر تعليم يافته ميمبر جو فرض آهي ته هر مرد ۽ عورت کي لکڻ پڙهڻ سيکاري:
    (1) پنهنجي ملڪي ٻوليءَ ۾.
    (2) پنهنجي بين الاقوامي ٻولي ۾.
    (3) هر مذهبي پابند کي سندس ملڪي ٻوليءَ ۾.
    (ط) پارٽيءَ جي هر ان ميمبر (جيڪو اخلاقي استاد يا مرشد مڃجي ٿو) جو اهو فرض هوندو ته هو پنهنجي ملڪي ڀائرن کي حقن جو احترام سيکاري. ايستائين جو سندن ملڪ جو هر شخص ڪنهن جي جان ۽ مال، عزت کي نقصان پهچائڻ اخلاقي طور حرام سمجهي.
    (ي) پارٽيءَ جو هر ميمبر پنهنجي زندگيءَ جون ضرورتون پاڻ ڪمائي حاصل ڪندو. ان جو فرض هوندو ته ملڪ مان بيڪاريءَ جي زندگيءَ کي ختم ڪري. هر امير ۽ غريب کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پورهيت بڻايو ويندو.
    وآخر دعوانا ان الحمدالله رب العامين۔

    دارالرشاد سنڌ ساگر
    10 ڊسمبر 939 هندي


    جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي سرگذشت

    اسان 910 هندي ۾ وطن ڇڏيو ۽ 939 ۾ ٻيهر وطن آياسين، پنجويهه ورهيه ٻاهرين ملڪن جي سياحت ۾ مصروف رهياسين. اسان کي ڪنهن به ملڪ ۾ آرام سان باقاعدي زندگي گذارڻ جو ڪڏهن به موقعو نه مليو، ان ڪري ان ڊگهي عرصي ۾ اسان پنهنجي ملڪ جي حالتن کان ناواقف نه ٿي رهي سگهياسين. هميشه پنهنجي انقلابي مطالعي ۾ اهڙو پروگرام سوچڻ ۾ مصروف رهياسين جنهن کي پنهنجي ملڪ ۾ سولائيءَ سان فٽ ڪري سگهون.
    جيتوڻيڪ اسان جو آواز ملڪ ۾ نه ٿي پهچي سگهيو، تنهن هوندي به اسان هن اميد ۾ رهندا هئاسين ته جڏهن به ملڪ ۾ ڪم ڪرڻ جي قابل ٿياسين، ته پنهنجي ٻين ساٿين جي مقابلي ۾ اسان پنهنجي پروگرام کي سولائيءَ سان ڪامياب بڻائي سگهنداسين، ڇاڪاڻ ته ان کان پهريائين ديوبند کان فارغ ٿي اسان هڪ علمي سياسي جماعت جي سؤ ساله طئه ٿيل پروگرام تي پنجويهن سالن تائين تعليمي ڪم ڪندا رهياسين. اسان کي يقين آهي ته اسان کي پنهنجي انهيءَ محنت جي نتيجن تي نئين عمارت مڪمل ڪرڻ ۾ گهڻي آساني ٿيندي. ان ڪري اسان پنهنجو عملي ميدان سنڌ ۽ دهليءَ کان ٻاهر تجويز ڪرڻ جي ڪڏهن به جرئت نه ڪئي.
    مارچ 1939ع ۾ اسان واپس آياسين ۽ 10 ڊسمبر 1939ع تي اسان جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو بنيادي پروگرام شايع ڪيو. ڪم شروع ڪرڻ کانپوءِ اسان جي اکين تان غلط فهميءَ جو پردو آهستي آهستي هٽڻ شروع ٿيو.
    (1) سڀ کان پهريائين جنهن وڏي مصيبت سان اسان کي منهن ڏيڻو پيو، اهو هڪ اهڙو دردناڪ واقعو آهي جو، گفتن نه توانيم و هفتن نتوانيم.
    اسان جي وطني تحريڪ (انڊين نيشنل ڪانگريس) جنهن کي اسان ڪابل پهچي امير حبيب الله خان جي مشوري سان اپنايو هو ۽ ٻاهرين دنيا ۾ ان جو تعارف ڪرائڻ لاءِ ڪانگريس ڪميٽي ڪابل ۾ مستقل پارٽيءَ جو پروگرام به هلايو، جنهن کي اڪثر جلاوطن هندستانين قبول ڪيو هو. ۽ گيا سيشن ۾ اسان جي ڪميٽيءَ جو الحاق به منظور ٿيو. ان کان پوءِ ماسڪو ۽ انگورا ۾ ڪانگريس جو تعارف ڪرائڻ ۾ اسان پنهنجي پوري طاقت استعمال ڪئي. اسان ان ڪاميابيءَ تي ڏاڍو خوش رهياسين، پر اسان جي هيءَ وطني تحريڪ عارضي طور تي هڪ اهڙي ليڊر جي قبضي ۾ اچي وئي، جنهن اسان جي سڄي ڪم کي ڪالعدم (نه جهڙو) بڻائي ڇڏيو آهي. اسان جي ملڪ جو هي وڏو ماڻهو پنهنجي سياسي عقلمنديءَ جي ذريعي دنيا جي پهرئين درجي جي ماڻهن ۾ ڪامياب مڃيو ويو آهي. پر اسان کي ان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه سال پوئتي اڇلي ڇڏيو آهي. اسان لاءِ مصيبت اها آهي ته نه ڪانگريس کي ڇڏي ٿا سگهون ۽ نه پنهنجي ان ليڊر جي ڊڪٽيٽرشپ کي مڃي ٿا سگهون، ان ڪري مجبور ٿياسين ته امام ولي الله جي فلاسافيءَ تي نئين نموني سان ڪانگريس ۾ هڪ مستقل پارٽي آرگنائيز ڪيون. اهو ڪم ڪيترو مشڪل آهي، اسين چڱيءَ طرح ان کي سمجهون ٿا، پر اسان جي لاءِ جيڪڏهن ڪم جو ڪو رستو آهي ته صرف اهو ئي هڪ پروگرام آهي. جيڪڏهن ايندڙ پنجاهه سالن جي محنت سان به اسين اهو پروگرام هلائي سگهياسين تڏهن به پاڻ کي پوري طرح ڪامياب سمجهنداسين.
    (2) ان کان پوءِ ٻي مصيبت اسان کي هيءَ نظر آئي، ته اسان پنهنجي ذاتي محنت سان هندستاني تحريڪ لاءِ جيڪو ميدان تيار ڪيو هو، اهو به اسان جي هٿن مان نڪري ويو. دنيا ڄاڻي ٿي ته اسان ديوبند جي شاگرديءَ جي زماني ۾ امام ولي الله جي فلاسافيءَ تي مولانا محمد قاسم جي توسط سان يقين حاصل ڪري ورتو هو، ان کان پوءِ ان ئي جماعت جي استادن ۽ مرشدن جي نگرانيءَ ۾ اسان مسلسل ڪم ڪندا رهيا هئاسين، اهو سڄو پروگرام هڪ پروبرٽش طاقت جي مدد سان مسخ ڪيو ويو آهي. توهان حيران ٿي اسان جي مظلوميت تي ڳوڙها ڳاڙيندؤ، جڏهن توهان کي معلوم ٿيندو ته ان ڏکئي ڪم کي سولو بنائيندڙ ان اجتماع (ديوبند) جو هڪ اهڙو ميمبر آهي، جيڪو ڪامل مڪمل سمجهيو ويندو آهي، پر حقيقت ۾ اهو دل سان ڪڏهن به ان نظام جو قائل نه ٿيو هو ان پنهنجي ايمانداريءَ سان سڄي ڪم جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا. ”حتي خر عليهم السقف“.


    سنڌ ساگر نيشنل بورڊ جا بنيادي اصول

    (1) جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي سنڌ لاءِ نيشنل بورڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿي.
    (الف) هي نيشنل بورڊ سنڌ تي ٻاهرين حملي جي صورت ۾ دفاع ڪندڙ، برطانوي فوجي آفيسرن کي هر قسم جي امداد ڏيڻ پنهنجو فرض قرار ڏئي ٿو، سنڌ ۾ فوجي آفيسرن کي جيترن والنٽيئرن ۽ ڏوڪڙن جي ضرورت پوندي، سنڌ ساگر پارٽيءَ جو نيشنل بورڊ پوري ذميداريءَ سان ان کي پورو ڪندو.
    (ب) هي نيشنل بورڊ سنڌ جي اندرئين گهوٽالي کي ختم ڪرڻ لاءِ ملڪي ذميدار آفيسرن سان گڏ پنهنجا بهترين ڪارڪن شامل ڪندو، جيڪي پوري ذميداريءَ سان مشورو ۽ تعاون پيش ڪندا رهندا ۽ مستقل امن قائم ڪرائڻ ۾ پڪ سان سوڀارا ٿيندا.
    (2) هن نيشنل بورڊ ۾ سنڌ جي هر هڪ سياسي پارٽيءَ جي شرڪت حاصل ڪئي ويندي، جن ۾ هڪ طرف نيشنل ڪانگريس، مهاسڀا، آريا سماج، اڪالي سورما وغيره ٻئي پاسي مسلم ليگ، جميعت العلماء، احرار، خاڪسار وغيره پارٽين جا نمائندا گڏ ڪيا ويندا.
    (الف) ان سان سنڌ جي مقتدر مشائخ طريقت، جي انهن فعال جماعتن جا نمائندا به خاص احترام سان گهرايا ويندا جن جو ملڪ جي عوام تي گهرو اثر آهي پر گورنمينٽ جي اعليٰ آفيسرن کي سندن جذبن ۽ صلاحن جو صحيح اطلاع تمام گهٽ ملندو آهي.
    (ب) سنڌ ساگر پارٽي ملڪي قوت کي انتشار کان بچائڻ لاءِ هن قسم جي علحدگي پسند (هندو مسلم) جماعتن بابت غلط فهمين کي ختم ڪرڻ واري ڪوشش ڪري خلق جي خدمت واري اصول کي پنهنجو خاص فرض سمجهي ٿي.
    (3) نيشنل بورڊ جو اجتماع ٻن مجلسن ۾ منعقد ٿيندو:
    (الف) مجلس عوام؛ جنهن ۾ پارٽين ۽ جماعتن جا چونڊيل فرد گڏجاڻي ڪندا. حقيقت ۾ اها مجلس بورڊ جي ذميدار آهي.
    (ب) پارٽين ۽ جماعتن جي سرواڻن ۽ سردارن جي مجلس، جنهن کي مجلس خواص جو نالو ڏنو ويندو.
    (4) جيتريون به جماعتون هن نيشنل بورڊ ۾ شرڪت اختيار ڪنديون، انهن جي مجلسن جا اُهي چونڊيل رُڪن جيڪي اجلاس ۾ گڏ ٿيندا، سندن اڪثريت راءِ سان مجلس عوام جا فيصلا ترتيب ڏنا ويندا. هر هڪ جماعت پنهنجي پنهنجي حلقي ۾ هن فيصلي جي تعميل ڪرائڻ جي ذميدار هوندي:
    (الف) جيڪڏهن ڪا پارٽي پنهنجي ڪجهه ميمبرن کان پنهنجو فيصلو نه ٿي مڃائي سگهي ۽ ان سان بورڊ جي ڪم کي نقصان پهچڻ جو خطرو آهي ته ان صورت ۾ اها پارٽي انهن ميمبرن جي معاملي کي گورنمينٽ جي حوالي ڪري سگهي ٿي.
    (ب) مجلس عوام جي نظام کي مستحڪم بنائڻ لاءِ ان جي ميمبرن مان هڪ ڊسپلن ڪميٽي ٺاهي ويندي جنهن ۾ انصاف ۽ انتظام جا بهترين تجربو رکندڙ لائيف ميمبر چونڊيا ويندا، هن ڪاميٽيءَ جا ميمبر ٽن يا پنجن کان وڌيڪ نه ٿا ٿي سگهن. هو پنهنجن مخصوص ذريعن سان هر جماعت جي عملن جو احتساب ڪندا رهندا. هو ڪنهن ميمبر يا ڪنهن پارٽيءَ جي هڪ حصي کي نيشنل بورڊ مان ڪڍي سگهن ٿا، سندن فيصلو آخري ۽ قطعي هوندو.
    (5) جيتريون به جماعتون هن بورڊ ۾ شامل ٿينديون، سندن ليڊرن ۽ سردارن لاءِ مجلس اعليٰ الڳ ٺاهي ويندي جنهن ۾ سردار پاڻ شامل هوندا يا ان اجلاس لاءِ خصوصي اختيار ڏئي پنهنجو وڪيل موڪليندا.
    (الف) مجلس عوام جا سمورا فيصلا تصديق لاءِ مجلس اعليٰ ۾ پيش ٿيندا، هيءَ خاص ماڻهن جي مجلس پنهنجي پاران ڪا به نئين تجويز پيش نه ڪندي.
    (ب) جيڪڏهن مجلس اعليٰ ڪنهن فيصلي ۾ ترميم ڪري ٿي ته اُهو فيصلو نظرثانيءَ لاءِ مجلس عوام ۾ موڪليو ويندو، جيڪڏهن مجلس عوام جي اڪثريت اُنهن ترميمن کي قبول نه ٿي ڪري ته اُهو فيصلو قابل قبول نه رهندو.
    (ج) مجلس عوام جو اُهو فيصلو جنهن کي مجلس خواص هڪ ڀيرو رد ڪري ڇڏيو آهي اهو ٽن مهينن کان پوءِ ٻيهر مجلس عوام ۾ پيش ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن مجلس عوام ٻئي ڀيري به ساڳيو فيصلو قائم رکي ٿي ته ان کان پوءِ مجلس اعليٰ ان کي روڪي نه ٿي سگهي.
    (6) هندستان ۾ جيترا به آل انڊيا نظام (يعني سموري هندستاني جا وحداني نظام) قائم آهن انهن جون سنڌي برانچون ۽ سنڌي ڪاميٽيون پنهنجي مستقل ذميداريءَ تي پنهنجي مرڪز کان موڪل وٺي، هن نيشنل بورڊ ۾ شامل ٿينديون، پر غير سنڌي ميمبرن کي هن بورڊ ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت جو حق نٿو ڏئي سگهجي.

    استثناءَ: هن عام قاعدي ۾ فقط هڪ مخصوص صورت مستثنيٰ آهي: جڏهن بورڊ جا سمورا ميمبر يعني ٻئي مجلسون ڪنهن خاص محترم شخصيت جي شامل ٿيڻ تي متفق ٿي وڃن.
    (7) سنڌ ساگر پارٽي پنهنجي بنيادي اصول ”خلق جي خدمت“ کي هميشه نظر ۾ رکڻ ضروري سمجهي ٿي. اُها هن نيشنل بورڊ جي گڏ ڪرڻ ۾ عام سهولتن پهچائڻ جو ڪم ان اصول جي رهنمائيءَ ۾ ڪري رهي آهي، ان جو لازمي نتيجو ٿيندو ته نيشنل بورڊ جي پهرين اجلاس منعقد ٿيڻ کان پوءِ سنڌ ساگر پارٽيءَ جو هن تحريڪ تي ڪوبه مؤثر حق نه رهندو، البت جيڪڏهن بورڊ ڪا خدمت پارٽيءَ جي حوالي ڪندو ته پارٽي پنهنجي انهيءَ اصول ”خلق جي خدمت“ پٽاندڙ اُها (خدمت) پوري ڪندي رهندي.
    (8) 24 مئي 942 هندي تي سنڌ ساگر پارٽيءَ جي انتظامي ميمبرن ڀرچونڊيءَ کان سنڌ جو دورو شروع ڪيو آهي، هو پارٽيءَ سان همدردي رکندڙ دوستن سان ملي، ملڪ جي عام راءِ جو لاڙو ڏسڻ گهرن ٿا. جيڪڏهن اُميد جو پاسو غالب ڏسڻ ۾ آيو ته هڪ عارضي ڪاميٽي ٺاهي ويندي، جيڪا ڪيبنٽ جي ميمبرن سان ملي، گورنمينٽ آڏو درخواست پيش ڪندي ته آل انڊيا نيشنل ڪانگريس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ وغيره پارٽين جي باهمي فيصلي تائين اسان جي ملڪ ”سنڌ“ جو معامو مؤخر نه ڪيو وڃي، بلڪ گورنمينٽ جلد کان جلد هن نيشنل بورڊ کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ سهولتون ميسر ڪري ڏئي ته جيئن مستقل امن جي ڪا صورت نظر اچي. ٿي سگهي ٿو ته اسان جو هي فيصلو آل انڊيا مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي. (والله المستعان)


    عبيدالله سنڌي
    بيت الحڪمت دارالرشاد
    سنڌ ساگر- ڳوٺ پيرجهنڊي وارو
    ضلعو حيدرآباد سنڌ
    2 جون 942 هندي

    **


    جميعت خدام الحڪمت

    اڄ ڏينهن ڇنڇر 12 ذوالقعد الحرام 1358هه (24 ڊسمبر 939 هندي) دارالرشاد ۾، ۽ 16 ذوالقعد تي مظهرالعلوم ڪراچيءَ ۾ جميعت العلماءِ جو هڪ مستقل شعبو قائم ڪيو ٿو وڃي جيڪو اسلامي فلسفي جو خادم ۽ ڀرجهلو هوندو. جيڪڏهن خدا کي منظور آهي ته اهو هڪ سوچيل سمجهيل ديني پروگرام تي هلي مسلمانن جي پريشاني ضرور ختم ڪندو. والله الموفق والمعين.

    جميعت خدام الحڪمت جا اصول
    (1) جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جي ميمبرن مان دارالرشاد جا عالم ۽ ساڻن مظهرالعلوم ڪراچيءَ جا عالم، جميعت علماءِ سنڌ ۾ هڪ مستقل شعبي جو بنياد رکن ٿا، جنهن جو نالو جميعت خدام الحڪمت هوندو.
    (2) خدام الحڪمت جا بنيادي نظري ۽ عملي اصول هيٺيان هوندا:
    (الف) امام ولي الله دهلوي (حڪيم الهند) کي شريعت جي سمورن علمن جيئن ڪتاب ۽ سنت، حڪمت ۽ سياست ۾ 1144هجري (731هندي) کان امام الهند تسليم ڪرڻ.
    (ب) سندس ڪتاب (1) فوزالڪبير، فتح الرحمان، ازالة الخفاء (2) حجة الله البالغه، مسويٰ، مصفيٰ (3) قول جميل، الطاف القدس، همعات، (4) سطعات، لمعات، البدور بازغه، الخير الڪثير، تاويل الاحاديث (5) فيوض الحرمين، التفهيمات الاهيه وغيره انهن جي اصلي ٻولين ۾ پڙهڻ، پڙهائڻ پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بنائڻ.
    (ج) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جي تشريح ۾ امام عبدالعزيز دهلويءَ کي امام مڃڻ ۽ مولانا رفيع الدين جو تڪميل الاذهان، مولانا شاهه اسماعيل شهيد جو عبقات، مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جو تقرير دلپذير ۽ حديث جي ”شرح ابي رزين“ ۽ ”قبله نما“ کي شروعاتي طور پڙهڻ ۽ پڙهائڻ.
    (د) هندي سياست کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ ساگر پارٽيءَ يا انهيءَ انداز جي مستقل پارٽيءَ کي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ قائم رکڻ ۽ مولانا محمود حسن ديوبندي شيخ الهند کي انهيءَ سلسلي جو استاد مڃڻ.
    (هه) ج- ن سنڌ ساگر پارٽيءَ جا سياسي مرڪز جهڙوڪ دهلي، لاهور ۽ ڪراچي ۽ علمي مرڪز جهڙوڪ: دارالرشاد، مظهرالعلوم ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ جميعت خدام الحڪمت جا مرڪز هوندا.
    (ر) دارالرشاد جي مرڪز ۾ جميعت خدام الحڪمت جي صدارت پير صاحب جهنڊي وارو دامت برڪاتهم ۽ مظهرالعلوم ۾ هن شعبي جي صدارت جناب مهتمم صاحب زيد مجدهم ۽ دارالعلوم ديوبند ۾ جناب مهتمم صاحب زيد مجدهم ڪندا.
    (ز) هن جمعيت خدام الحڪمت جي جڳهه ۽ جاءِ کي بيت الحڪمت چيو ويندو.
    (ح) بيت الحڪمت ۾ قرآن عظيم جو حڪمت ۽ ڀريو تفسير پڙهايو ويندو.
    (ط) بيت الحڪمت ۾ فقط امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جي تعليم ٿي سگهي ٿي.
    (ي) بيت الحڪمت ۾ اهڙو ڪتب خانو گڏ ڪيو ويندو جنهن جي مدد سان امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي جو هندستان ۽ يورپ جي ڏاهن (فيلسوفن) سان مقابلو ڪري سگهجي.
    وآخر دعوانا ان الحمدللھ رب العالمين۔


    بيت الحڪمت

    اسان هندستاني سياست جي هن دؤر کي جيڪو رولٽ ايڪٽ (Rowlett Act) جي ايجيٽيشن (Agitation) کان شروع ٿيو، شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه ديوبنديءَ جو دؤر مڃون ٿا. ڇاڪاڻ ته اسان ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن گورنمينٽ کي شيخ الهند جي ڪاررواين جي خبر نه پوي ها ته رولٽ ڪميشن نه ويهي ها، نه ڪانگريس جي تيزگام پارٽيءَ کي اهڙي طرح ترقيءَ جو موقعو ملي ها.
    اسان جي دماغي تڪليف انتها تي پهچي ٿي وڃي جڏهن اسان ڏسون ٿا ته اسان جا ڏاها ۽ ترقي پسند نوجوان شيخ الهند جو ذڪر ڪرڻ به وساريندا ٿا وڃن. اسان کي ڊپ آهي ته اهڙيءَ طرح اسان هندستان جي سياست جي ميدان مان ڏاڪي بڏاڪي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيندا وينداسين. تنهن ڪري اسان مڪي معظم ۾ فيصلو ڪري ورتو هو ته جڏهن به اسان وطن پهتاسين يا اسان جي رهنمائيءَ ۾ ڪوبه ڪم هلي سگهيو ته اسان جامعه مليه دهليءَ ۾ ”يادگار شيخ الهند“ ضرور قائم ڪنداسين. جيئن ته اسان جي شخصيت جي سموري علمي ۽ سياسي اوسر هن مردِ خدا جي ويجهڙائيءَ سان وابسته آهي، تنهن ڪري ضروري آهي ته هيءَ تحريڪ اسان لاءِ به اڳتي وڌڻ جو رستو صاف ڪندي. جيتوڻيڪ اسان جي خلاف هيءَ بدگماني پيدا ٿي سگهي ٿي پر هن وقت اسان جو نقطه نظر پنهنجي شخصي انا کان مٿڀرو آهي.
    اسان جي سوچيل سمجهيل مستقل راءِ آهي ته جيڪڏهن هندستان جا مسلمان پنهنجو لاڳاپو حڪيم الهند امام ولي الله دهلويءَ جي ترقي پسند پروگرام سان نه جوڙيندا ته سندن قومي تحريڪ پنهنجي تاريخي عظمت وڃائي ويهندي. جيڪڏهن مفڪرن جو ڪو جٿو اسان جي هن فڪر کي مڃڻ جوڳو سمجهي ته ان کان پوءِ اسان دنيا کي مڃائي سگهون ٿا ته اسان جي دؤر کي ”فتاوا عالمگيري“ (ڪتاب) جي سهيڙ واري زماني سان ملائڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو ”عروة وثقيٰ“ (مضبوط سلسلو) ملي سگهي ٿو ته اهي فقط حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن رحه ديوبندي ئي ٿي سگهن ٿا.
    اسان هندستان ۾ پهچي پريشان حاليءَ کان جيتريقدر واندڪائي ڪڍي سگهياسين ان ۾ ”يادگار شيخ الهند“ جي فڪر کان هڪ پل به غافل نه ٿياسين، تنهن ڪري اسان:
    (1) سڀ کان پهريائين انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ پنهنجي مستقل پارٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو.
    (2) ان پارٽيءَ جي بنيادي اصولن ۾ حڪيم الهند امام ولي الله دهلويءَ جي فلسفي کي هڪ مستقل اڻمِٽ اصول قرار ڏنو.
    (3) هي فلسفو پڙهائڻ لاءِ بيت الحڪمت جي تحريڪ شروع ڪري ڏني. بيت الحڪمت جو نصاب اسان مڪي معظم ۾ ئي پڙهائڻ شروع ڪيو هو ۽ گذريل سال گهڻو تڻو اهي ئي شاگرد پنهنجي رهيل نصاب جي تڪميل جي لاءِ دهليءَ ۾ ڪٺا ٿيا هئا.
    (4) ان علمي تحريڪ کي ان وڏي استاد (شيخ الهند) جو يادگار ٺاهيو.
    (5) ان تحريڪ کي مستقل طور تي هلائڻ لاءِ جميعت خدام الحڪمت جو نظام به تجويز ڪيوسين.
    اسان پنهنجي موجوده حالتن ۾ هن راهه ۾ ڌيرج سان هلڻ کان سواءِ ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهياسين. پر اسان جڏهن به جامعه مليه وياسين، بيت الحڪمت ٺاهڻ جي دعوت ڏيندا رهياسين. آخرڪار 17 نومبر 1940ع تي جامعه نگر ۾ بيت الحڪمت (يادگار شيخ الهند) جو افتتاح ٿي ويو.
    ان مرڪزي بيت الحڪمت جي تمهيد ۽ حمايت لاءِ اسان دارالرشاد (ڳوٺ پيرجهنڊو)، مظهرالعلوم (ڪراچي) دينپور ۽ لاهور ۾ جيترو به موقعو ملندو رهيو، بيت الحڪمت جون شاخون قائم ڪندا رهيا سين. تنهن ڪري 10 ڊسمبر 939هنديءَ تي جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو دارالرشاد ۾ اعلان ٿيو. 28 ڊسمبر تي مظهرالعلوم ڪراچيءَ ۾ بيت الحڪمت قائم ٿيو. ان وقت خدا جي فضل و ڪرم سان دينپور جي بيت الحڪمت کلي (جيڪا) مستقل آمدنيءَ جي مالڪ آهي. لاهور ۾ مولانا احمد علي سلمه جي جوان شاگردن نومبر 940 هندي تي فاروق گنج ۾ بيت الحڪمت جو بنياد وڌو.
    اسان بيت الحڪمت ۾ قرآن عظيم سان گڏ حضرت حڪيم الهند امام ولي الله جو فلسفو ۽ حضرت مولانا محمد قاسم رحه جا ڪتاب پڙهايون ٿا. اسان حضرت شيخ الهند جو خطبو جيڪو انهن مولانا محمد قاسم جي ڪتاب ”حجة الاسلام“ جي شروع ۾ لکيو هيو، کي آڏو رکي هن بيت الحڪمت کان بهتر سندن لاءِ يادگار سوچي به نه ٿا سگهون. حضرت شيخ الهند فرمائن ٿا:
    ”هاڻي حقيقت جي طالبن ۽ اسلام جي حامين جي خدمت ۾ هيءَ درخواست آهي ته حضرت خاتم العلماء (قاسم العلوم والخيرات سيدي و مولائي حضرت مولانا مولوي محمد قاسم متعنا الله بمعلومه ومعارفه) جي ڪتابڙن جي مطالعي ۾ ڪجهه وقت ضرور خرچ ڪيو ۽ سموري غور کان ڪم وٺو ۽ انصاف سان ڏسو ته موجوده دؤر لاءِ اُهي مٿانهان، مختصر، بهتر ۽ مفيد آهن يا نه. باقي مدرسه عاليه ديوبند جي خادمن خدا جو نانءُ وٺي اهو پڪو ارادو ڪيو آهي ته موصوف جي تاليف ۽ ان سان گڏ حضرت شاهه ولي الله قدس سره جون ۽ ڪجهه ٻين (مثال مولانا رفيع الدين ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد) جون تاليفون تعليمي نصاب ۾ شامل ڪري انهن جي اشاعت ۾ جيڪڏهن حق تعاليٰ توفيق ڏئي ته سرٽوڙ جاکوڙ ڪئي وڃي ۽ الله جو فضل حامي هجي ته اهو نفعو جيڪو سندن ذهن ۾ آهي ٻين کي به ان جي جمال سان ڪامياب بڻايو وڃي.
    کیا فائدہ بیش وکم سے ہوگا
    ہم کیا ہیں جو کوئی کام ہم سے ہوگا
    جو کچھ ہوا، ہوا کرم سے تیرے،
    جو کچھ ہوگا تیرے کرم سے ہوگا،

    10 فيبروري 942 هندي
    بيت الحڪمت قاسم العلوم لاهور


    بيت الحڪمت جامعه مليه دهلي

    دوستن جي خواهش آهي ته بيت الحڪمت جو مقصد صاف لفظن ۾ ظاهر ڪيو وڃي جيئن همدرد صاحبن کي هڪ مرڪز تي آڻڻ ۾ آساني ٿئي.

    نڪتهءِ حڪمت
    جيڪڏهن ڪو شخص فقط انساني عضون جا جدا جدا نالا وٺي هر هڪ عضوي جا فائدا ٻڌائي وڃي ته ان کي طبيب ڪوٺي نه سگهبو. مگر کيس حڪيم تڏهن چئي سگهبو جڏهن هو سڀني عضون جي اندر عضون کي هلائيندڙ جزو مشترڪه قبول ڪري ۽ کيس انهن جزن جي ترقي ڪندڙ تدبيرن جو علم به هجي. ان طرح جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن جماعت، ڪنهن قوم، ڪنهن ملڪ يا قومن بابت انهن کي ترتيب وار جمع ڪري ته ان کي ايستائين مورخ چئي نه سگهبو جيستائين هو انهن واقعن اندر اجتماعي روح ثابت نه ڪري جو جماعت کي وڌائيندو رهي ۽ جيڪا اڳيان مشڪلات پيدا ٿئي ته ان کي هٽائي اڳتي وڌي سگهي.

    اسلام جو پهريون انقلابي دور
    اڄ کان چوڏهن سو ورهيه اڳ دنيا ۾ هڪ جماعت ظاهر ٿي، جا پوءِ قوم ٿي، پوءِ اها هڪ محدود علائقي ۾ قومن جو مجموعو ٿي، اهي ان جماعت جي زندگيءَ جا شروعاتي 48 سال هئا، جن ۾ نهايت اعليٰ اصول قائم ڪيا ويا. ان جماعت مان مراد حضرت محمد ﷺ جي بعثت کان اميرالمؤمنين حضرت عثمان رضه جي شهادت تائين وارو زمانو آهي. هيءَ چڱي طرح سمجهڻ گهرجي ته هيءَ حجازي تحريڪ هئي، جنهن جي شروع ۾ مڪي معظمه جا قريش پوءِ مدينه منوره جا انصار جمع ٿيندا ويا. اها تحريڪ 13 سالن تائين مڪه معظمه ۾ پکڙندي ۽ زور وٺندي رهي، پوءِ 35 سالن تائين مديني منوره ۾ مضبوط ٿيندي رهي. ان زماني ۾ اها جماعت سڄي جزيره عرب، مصر، شام ۽ عراق ۾ ڪاميابيءَ سان بين الاقوامي حڪومت قائم ڪري سگهي ۽ ايتري طاقت حاصل ڪري سگهي جو سندس سيلاب کي ڪابه طاقت روڪي نه سگهي ۽ جنهن به طرف اڳتي وڌڻ چاهيائين ته ڪابه رڪاوٽ آڏو نه آئي. ان سلسله واقعات جي ان دور جي تاريخ اسان جي بحث جو موضوع آهي.

    تاريخ، فلسفه تاريخ ۽ امام ولي الله
    صحيح معنيٰ ۾ تاريخ ان صورت ۾ مرتب ٿي سگهي ٿي ته اول اجتماعي اصول طئي ڪيا وڃن ۽ پوءِ سڀ واقعا درجه بدرجه ان اصول سان ٺهڪايا وڃن. ان دستور مطابق ان زماني جي اسلامي تاريخ لکڻ وارو هڪ شخص به ڪونه آهي. ڪنهن به مبالغي کان سواءِ چئي سگهجي ٿو ته اسلامي تاريخ سوين دوستن ۽ دشمنن سندن پنهنجي پنهنجي انداز ۾ خوب لکي آهي، پر جيڪڏهن واقعات جمع ڪرڻ وارن مصنفن کي نظر انداز ڪيو وڃي ته تاريخ جي روح ۾ سلسلو پيدا ڪندڙ مفڪرين جا ڪتاب جيتري قدر به موجود ٿي سگهيا آهن، انهن جو اسان پوري قوت سان مطالعو ڪيو آهي. انهن ۾ ڪوبه شخص انهن 48 سالن جي تاريخ لکڻ ۾ حضرت حجة الاسلام امام ولي الله جو مقابلو ڪري نٿو سگهي.

    صدر اول جي تاريخ جا ٽي حصا:
    ان تاريخ جي فڪري نظريات جا ٽي حصا آهن:
    (1) الهامي تعليمي مجموعو، جنهن کي قرآن عظيم چيو ٿو وڃي.
    (2) ان نئين سوسائٽيءَ جي عملي زندگيءَ جا واقعا جي حديث جي سڀني صحيح ڪتابن موطا امام مالڪ، بخاري، مسلم، ابو دائود، ۽ ترمذيءَ ۾ نروار ڪيل آهن، بقول امام ولي الله.
    (3) رسول الله ﷺ کان پوءِ حضرت ابوبڪر صديق، حضرت عمر ۽ حضرت عثمان جي زماني ۾ جيڪي فيصلا اجتماعي طور ٿيا هئا جن جو تجاء ڪتاب ازالة الخفاء (مصنف امام ولي الله) ۾ ڏسڻ ۾ ايندا.

    امام ولي الله جون خدمتون
    امام ولي الله مغليه دور حڪومت جي زوال واري زماني ۾ اٿيو ۽ هو ڏسي رهيو هو ته دهليءَ جي سوسائٽي سلطنت جي بار سنڀالڻ کان عاجز اچي چڪي آهي ۽ شخصي حڪومتن جو دور ختم ٿي رهيو آهي، آئينده جمهوري بنياد تي حڪومتون قائم ٿينديون ۽ انهن کي نج اسلامي طرز تي هلائڻ لاءِ هن بزرگ خلفاء راشدين جي دور کي ازالة الخفاء ۾ ترتيب وار بيان ڪيو. ان کان پوءِ دمشق، بغداد، بخارا ۽ دهليءَ تائين جيڪي جيڪي حالتون بدلبيون رهيون آهن تن کي تاريخي سلسلي وار سامهون رکي آئينده لاءِ قدم وڌائڻ جو رستو صاف ڪيو. سندس تصنيفات ۾ وڏو حصو تصوف ۽ روحانيت تي شامل آهي، ڇاڪاڻ جو روحانيت کان سواءِ خدا جو انڪار لازم اچي ٿو. شاهه صاحب جي اولاد ۽ خلفاءِ جون خدمتون به ساڳي رنگ ۾ رڱيل آهن.
    هن زماني ۾ جو جمهوريت ۽ سوشلزم جو زمانو آهي تنهن ۾ لادينيءَ جو گهيرو وڌل آهي. بيت الحڪمت ۾ شاهه صاحب جي ڪتابن پڙهائڻ سان هڪ طرف نوجوانن ۾ آئينده جمهوري ڪم جو حوصلو ٿيندو، ٻئي طرف الله تعاليٰ جي ڄاڻ کان به غافل نه هوندا ۽ لادينيءَ جي بڇڙي بيماريءَ کان ڇوٽڪارو لهندا.

    بيت الحڪمت جي ضرورت
    امام ولي الله جي حڪمت جو اجمالي تعارف ڪرائڻ بعد بيت الحڪمت جو مقصد آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو. اڄوڪي دنيا ڪنهن به پراڻي تحريڪ کي سندس جماعتي تاريخ سمجهڻ کان سواءِ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿي. اسان اسلام جي ان پهرئين دور جي تاريخ بيت الحڪمت ۾ اهڙن مصنفن جي معرفت پڙهايون ٿا، جن جي برابر لکڻ وارو مسلمانن ۾ ڪوبه پيدا نه ٿيو آهي.

    بيت الحڪمت جا مقصد
    بيت الحڪمت ۾ اهي ڪتاب اصلي زبان ۾ پڙهايا وڃن ٿا، پر اسان جي ملڪ ۾ ٻه سؤ سال ڌارين جي حڪومت جي انقلاب جو نتيجو هي نڪتو آهي جو عربي ۽ فارسيءَ جي جاءِ، اردو ۽ انگريزي زبان ورتي آهي. ان ڪري بيت الحڪمت ۾ ان فلسفه ۽ تاريخ جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمي ڪرڻ جو ڪم به پنهنجي مقصد ۾ شامل ڪري چڪا آهيون. اها تحريڪ ڪيتري قدر اهميت رکي ٿي، ان تي زياده روشني وجهڻ جي ڪابه ضرورت ڪانه آهي.
    اسان جامعه مليه دهليءَ کي بهترين ميدان عمل سمجهون ٿا، جتي اڄوڪا مؤرخ ۽ طالب علم گڏ ٿي سگهن ٿا. ان ڪري اسان بيت الحڪمت جو مرڪز جامعه مليه سان ملائڻ گهرون ٿا ۽ ان جون شاخون سنڌ ۽ پنجاب ۾ قائم ڪرڻ به ضروري آهن. هي ڪم نڪي مشڪل آهي، نڪي گهڻو وقت گهري ٿو. اعليٰ فڪر نوجوانن کي اهو ڪم پنهنجو نصب العين بنائڻ گهرجي. جيڪڏهن ان ۾ ڪاميابي ٿي ويئي ته هندستاني مسلمانن جو خيال ٿورن ئي ڏينهن ۾ بي دينيءَ کان پاڪ ٿي ويندو. (والله المستعان)


    سنڌ ساگر اڪيڊمي

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
    اما بعد-
    اسان جڏهن وطن واپس پهتاسين ته اسان مقرر ۽ طئي ٿيل پروگرام جو تڪڙو تعارف ڪرائڻ ممڪن ڄاتو ته اسان اهو تقسيم ڪيو. مارچ 1939ع ۾ اسان ڪراچيءَ ۾ لٿاسين. اسان انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ اڳتي وڌڻ وارن جو نالو وٺي ڪانگريس پارٽيءَ کان الڳ ٿي وياسين. فقط انهن جي عدم تشدد، وطني اتحاد ۽ عوام جي سجاڳيءَ جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي سين. جيڪڏهن ڪو اسان جي شخصي راءِ پڇي پيو ته اسان پنهنجي زندگيءَ جو مقصد فقط حضرت مولانا شيخ الهند محمود حسن ديوبنديءَ جو يادگار قائم ڪرڻ تي دارومدار رکون پيا. تفصيلي بحث ۾ اسان سڀ کان پهريائين شيخ الهند جو هند کان ٻاهر ڪيل ڪم جو تعارف ڪرايون پيا، سمجهدار حيران پيا ٿين. ان کان پوءِ شيخ الهند جو اهو فيصلو جيڪو حضرت مولانا محمد قاسم (باني دارالعلوم ديوبند) جو سوسائٽي جي پيروي ڪرڻ بابت آهي اهو واضح ڪريون پيا، داناءَ ۽ ڄاڻو حيران پئي ٿيا. انهن فقط جهاد ۽ ويڙهه جا واقعا ته ٻڌا هئا پر جهاد جو فلسفو ۽ فتح ۽ شڪست کانپوءِ جي پروگرام تي ڪڏهن غور ئي نه ڪيو هو. اسان جڏهن پنهنجن دوستن کي مولانا شيخ الهند جي انهن مقولن جو مطلب ٻڌايو، جيڪي هنن پاڻ به حضرت جن کان ٻڌا هئا ته اسان جي تعريف پئي ڪيائون.
    مولانا محمد قاسم جي سوسائٽيءَ بابت ٻڌايل فيصلي کان اڳتي وڌي اسان حضرت حاجي امدادلله ۽ حضرت مولانا مملوڪ علي ۽ مولانا مظفر حسين (ڪانڌلوي) ۽ مولانا عبدالغني ۽ مولانا محمد يعقوب دهلوي ۽ ان دور جي ڪجهه ٻين حضرتن جو نالو وٺي سندن فيصلا ٻڌايون پيا جيڪي الصدر العميد مولانا محمد اسحاق کان پوءِ دهليءَ ۾ سندن جانشين هئا جنهن جا پورگرام بالاڪوٽ جي شڪست کانپوءِ طئي ٿيا. تڏهن اسان جا ڪجهه دوست اسان تي ملامت ڪري ڇڏي پيا ڏين. پر سو مان پنج به اهڙا نه مليا جيڪي آخر تائين اسان جي ڳالهه رڳو ٻڌن. اسان جي آڏو ان کان سواءِ ٻيون به ڏکيائون هيون:
    (1) ضرورت آهر پئسن جو نه هجڻ.
    (2) گورنمينٽ طرفان نگراني ڪندڙن کي ناراض نه ڪرڻ.
    (3) ۽ پنهنجن ماڻهن ۾ ويهي صحيح غلط الزام لڳائڻ، برٽش حڪومت کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ، جهاد سمجهڻ وارن جو ضرورت آهر ساٿ ڏيندو رهڻ، نه ته ان ڳالهه جو خوف هيو ته اسان کي اسلام کان ئي خارج ڪيو ويندو. ان حالت ۾ پنهنجو اصلي پروگرام به ڪٿي نه ڪٿي ٻڌائيندا رهياسين. ايئن اسان ٽي سال وڃايا.
    بحمده تعاليٰ جڏهن اسان انهن خرافاتن کان واندا ٿياسين، ته اسان پنهنجي مستقل پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. هاڻي ياگار شيخ الهند جي تفصيل لاءِ هڪ موقعو ملي ٿو. اسان پارٽي امام ولي الله جي فلسفي تي ٺاهينداسين، ان کي ملڪ ۾ تمام گهٽ ماڻهو ڄاڻين ٿا، تنهن ڪري اسان يادگار شيخ الهند هڪ تعليم گاهه جي صورت ۾ پهريائين قائم ڪنداسين، اها آهي بيت الحڪمت- سڀ کان پهريائين اسان دارالعلوم ديوبند جي پهرئين دوري ۾ پنهنجي شاگرديءَ واري تجربيگاهه ۾ ويهي پنهنجي هڪ ٻن مخصوص عزيزن ۽ دوستن سان ان جو ذڪر ڪيو. اها آهي ”بيت الحڪمت“ جي پيڙهه. نه اسان دارالعلوم ۾ اعلان ڪيو غالباً نه اڄ تائين اسان ڪنهن سان ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو.
    ان کان پوءِ دهليءَ ۾ جامعه مليه جي فضا ڏسي آياسين ته سنڌ ۾ پهچي پنهنجي دارالرشاد (ڳوٺ پير جهنڊو) جي هڪ ڪمري ۾ پنهنجي هڪ ٻن ساٿين سان گڏ ويهي، بيت الحڪمت قائم ڪري ڇڏيو ۽ ان جو اعلان ڪراچيءَ جي اخبارن ۾ شايع ڪرائي ڇڏيو. مولانا محمد صادق مظهرالعلوم ڪراچيءَ ۾ بيت الحڪمت ٺاهيو، مهينو چاليهه ڏينهن اسان اتي به ڪم ڪندا رهياسين.
    ان کان پوءِ اسان جامعه مليه پهتاسين ۽ بيت الحڪمت جو مستقل مرڪز ٺاهڻ ۾ پراڻي نظارة المعارف القرآنيه دهلي کي نئين سرجيئارڻ ۾ لڳي وياسين.
    هاڻي اسان جا پروگرام سياسي لاهن چاڙهن کان متاثر ٿي چڪا آهن، تنهن ڪري عام طور شاگرد نه پئي مليا، پوءِ به اسان ٽن سالن تائين ڪم ڪندا رهياسين. جيڪي شاگرد تيار ٿين پيا کين عملي خاڪو ٻڌايون پيا. اسان وري سنڌ موٽياسين ۽ (ڳوٺ پير جهنڊي ۾) دارالرشاد سان لڳو لڳ هڪ زمين جو ٽڪرو پنهنجي ملڪيت ۾ حاصل ڪرڻ ۾ گهڻو ڪري ٽي سال مصروف رهياسين. جولاءِ 1943ع ۾ اهو ٽڪرو اسان کي ملي ويو. اسان هاڻي پنهنجي پروگرام تي ان ۾ مستقل يادگار شيخ الهند قائم ڪرڻ گهرون ٿا. ان نئين ڳوٺ جو نالو اسان ”محمود نگر“ رٿيو آهي. محمود نگر ۾ اسان جو جيترو به ڪم آهي اسان ان کي سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جي ضابطي هيٺ آڻي امام ولي الله جي فلسفي تي سوسائٽيءَ ۾ انقلاب آڻڻ گهرون ٿا. جيترا به ٻئين درجي جا ڪم آ هن اسان انهن کي سنڌ ساگر اڪيڊمي جو نالو ڏيون ٿا.
    اهڙيءَ ريت اسان جو علمي مرڪز بيت الحڪمت جامعه مليه دهليءَ ۾ ۽ اسان جو علمي ادارو (سنڌ ساگر اڪيڊمي) ”محمود نگر“ (ضلعو حيدرآباد سنڌ) ۾ آهستي آهستي ترقي ڪندو رهندو.
    واللہ ھوالموفق وھو المستعان ولاحول ولاقوۃ الا باللھ العلی العظیم وصلی اللہ علیٰ سیدنا محمد واٰلہٖ واصحابہٖ واتباعہٖ اجمعین وآخر دعوانا ان الحمدللہ رب العالمین۔

    عبيدالله سنڌي
    12 جولاءِ 1943ع هندي
    دفتر سنڌ ساگر اڪيڊمي،
    لياري- ڪراچي


    محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ ۽ ان جي ذريعي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو لاهور ۾ قيام

    محمد قاسم ٿيالوجيڪل ڪاليج جا بنيادي اصول
    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
    اما بعد: لاهور ۾ محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جي بنيادي اصولن جو هي مختصر مسودو آهي. نوجوانن جي باشعور عنصر تائين جيڪڏهن هيءُ آواز پهتو ته هو ان جي پورائي لاءِ پوري جدوجهد ڪندا. والله المستعان
    الله رب العالمين ارحم الراحمين کان ان جي هڪ عاجز ٻانهي جي دعا:
    رَبِّ اِنِّیۡ وَہَنَ الۡعَظۡمُ مِنِّیۡ وَ اشۡتَعَلَ الرَّاۡسُ شَیۡبًا وَّ لَمۡ اَکُنۡۢ بِدُعَآئِکَ رَبِّ شَقِیًّا
    ترجمو: (اي) منهنجا پروردگار! منهنجو جسم ڪمزور ٿي پيو آهي، ۽ منهنجي مٿي جا وار بلڪل اڇا ٿي پيا آهن، اي منهنجا پروردگار! ڪڏهن به منهنجي دعا تنهنجي درگاهه ۾ ناقبول نه ٿي آهي. (پارو ١٦، سورة مريم، آيت ٤)

    (الداعي عبيدالله سنڌي)

    محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جي تخيل جي شروعات ۽ ان جي ارتقا
    مان هڪ عاجز ٻانهو هيس، تو مون کي سمجهه ڏني، طالب علميءَ جي توفيق ڏني، علمي خزانن جا در کوليا، انهن مان استفادي جون مون لاءِ اهڙيون آسان صورتون ميسر ٿينديون رهيون جن تي شايد هڪ تمام وڏو بادشاهه به قادر نه ٿي سگهي ها. رڳو تنهنجي فضل ۽ تنهنجي واهر سان مان پنهنجو مطالعو وڌائيندو رهيس.
    مون کي ”حجة الله البالغه“ چڱيءَ ريت ذهن نشين ٿي وئي، ان کان هيٺين سطح تي ”ازالة الخفاءَ“ ۽ ”المسويٰ من الموطا“ ظاهر ٿيا، انهن جي مطالعي سان مان فقهه ۽ حديث جي هڪ ٻئي سان مطابقت ڪرڻ تي قادر ٿيس. اهل سنت جي محققن ۽ انهن کان پوءِ حنفي محققن جو مسلڪ مقرر ڪري سگهيس. منهنجي تحقيق ۾ ڪنهن حديث سان انهن امامن جو مسلڪ ٽڪراءَ ۾ نٿو اچي. صحيح حديث ۽ فقهه جي مطابقت ڪرڻ ۾مون کي ست سال لڳا.
    ”حجة الله البالغه“ کان مٿين سطح تي ”فتح الرحمان“ ۽ ”الفوز الڪبر“ ۽ ان سان گڏ ”تاويل الاحاديث“ ظاهر ٿيا. (هي ڪتاب فصوص الحڪم جو جواب آهي پر اهل علم ان جي شان کي سمجهي نه سگهيا.) انهن جي وسيلي قرآن عظيم جي حڪيمانه تفسير جو دروازو کليو، ان جو پهريون مرحلو ڏهن سالن ۽ ٻيو مرحلو گهڻو ڪري ويهن ورهين ۾ طئي ٿيو. ٽئين مرحلي جو سير اڃا جاري آهي. بحمده تعاليٰ سمجهه وڌي رهي آهي ۽ پنهنجي گذريل غلطيءَ جي درستگيءَ ۾ ججهڪ محسوس نٿي ٿئي.
    منهنجي ننڍپڻ جي تعليم سٺي هئي، رياضي ۽ تاريخ سان خاص دلچسپي پيدا ٿي چڪي هئي. اسلام قبول ڪرڻ کان هڪ سال بعد ۾ ڪافيو پڙهندي دارالعلوم ديوبند ۾ داخل ٿيس.

    مولانا محمد قاسم جي علمي ڪمالن ۾ دلچسپي
    عربيت ۽ معقول ۽ فقهه ۽ اصول، معاني ۽ بيان مان فارغ ٿيڻ جي ويجهو پهچي حضرت مولانا محمود حسن شيخ الهند جي سبقن ۾ شامل ٿيس. سندن صحبت ۾ علمي ذوق جو مزو محسوس ٿيو. ان کان پوءِ جيترن به استادن کان پڙهندو رهيس اُهي ڪتاب پڙهائيندا هئا.
    حضرت شيخ الهند جي ان خوبيءَ جو سرچشمو ڳوليوسين ته حضرت مولانا محمد قاسم جو نالو آڏو آيو. سندن ڪتاب ”قبله نما“ پڙهيم ته اُهو منهنجي دل ۽ دماغ تي حاوي ۽ حاڪم ٿي ويو. مون کي ايئن محسوس ٿيڻ لڳو ته جنهن علم جو ٻج منهنجي فطرت ۾ مستور آهي ان جي آبياري انهيءَ درياءَ سان ٿيندي.
    منهنجا ساٿي شاگرد ڪجهه بزرگ استادن ۽ ڪن ٻين امامن جا نالا محبت ۽ تعظيم سان کڻندا هئا. منهنجي آڏو جيڪڏهن استاد هيو ته محمود حسن ۽ امام هيو ته محمد قاسم. مان هر بزرگ جو ادب انهن جي واسطي سان ڪندو رهيس. سندن مخالفن جي عظمت يا احترام منهنجي دل مان نڪري ويو يا ڪڍايو ويو.
    (هڪ استثناء: هتي جملي معترضي طور ياد رکڻ گهرجي ته مان پنهنجي خيال ۾ ان منزل کي پنهنجي رتبي کان گهڻو مٿانهون مڃيندو هوس، تنهن ڪري سمجهندو هوس ته هيءُ سڀ ڪجهه منهنجي مرشد سيدالعارفين حضرت حافظ محمد صديق سنڌيءَ جي دعا جي هڪ برڪت آهي. حضرت حافظ صاحب مون کي سڀ کان پهرين توحيد جو ڪلمو تلقين ڪيو ۽ هڪ موقعي تي فرمايو ته عبيدالله پنهنجو ماءُ پيءُ الله خاطر ڇڏيو آهي، هينئر سندس ماءُ پيءُ اسين آهيون، انهيءَ نسبت سان مان سنڌي بڻيس.)

    امام الائمه امام ولي الله دهلويءَ تائين پهچڻ
    حضرت مولانا محمد قاسم جي ڪتابن ۽ حضرت شيخ الهند جي صحبت مونکي مولانا محمد اسماعيل شهيد ۽ سندن ساٿين جي تحريڪ کان واقف ڪري ڇڏيو. ديوبند جي خاص حلقي ۾ مولانا محمد قاسم مولانا محمد اسماعيل جي تصوير مڃيا ويندا آهن. سندن استاد کين ”اسماعيل ثاني“ چوندا هئا.
    انهن کان اڳتي وڌي مان امام الائمه امام ولي الله دهلوي ۽ امام عبدالعزيز دهلويءَ تائين پهچي ويس. امام ولي الله جي طريقي کي قائم ڪندڙ امام عبدالعزيز ئي هيو. ”قبله نما“ ۾ جنهن ”تجلي الاهي“ جو مولانا محمد قاسم تعارف ڪرايو هو ان جي تحقيق مولانا محمد اسماعيل، امام عبدالعزيز، امام الائمه امام ولي الله جي وسيلي تڪميل تي پهتي.

    هندستان جي مسلمانن لاءِ دهليءَ کي هڪ مقدس هنڌ سمجهڻ
    امام ولي الله پنهنجي والد شاهه عبدالرحيم بن وجيهه الدين دهلويءَ جا جانشين آهن جيڪي فتاويٰ عالمگيريءَ جي ليکڪن ۾ شامل آهن. ان ريت منهنجي علمي تاريخ جو سلسلو سلطان عالمگير تائين پهچي ويو ۽ مان شاهجهان آباد کي پنهنجو علمي سياسي ۽ هڪ مقدس مرڪز (آئيڊيل سينٽر) سمجهڻ لڳس.
    هن سفر ۾ رستي جي ٻنهي پاسي مون کي وڏا وڏا علمي مرڪز نظر آيا، پر مان امام الائمه امام ولي الله جي تطبيق جي طريقي کان هٽي پنهنجي لاءِ دلي تسڪين حاصل نه پئي ڪئي. تنهن ڪري انهن ئي امامن جي مسلڪ تي هلندو رهيس، ٻئي پاسي رخ بدلائي نه سگهيس. هتي پهچي جيڪڏهن ڪو طالب علم منهنجو ساٿ منظور ڪري ته کيس مولانا محمد قاسم جي امامت ۽ شاهه ولي الله جو مجدد ۽ امام الائمه هجڻ سمجهائيندس، جيڪڏهن هو ان کي قبول نه ڪري سگهي ها ته اسان جو ساٿ جٽادار نه ٿئي ها.

    ٻاهرين سياحت جي دوران امام الائمه جي مٿانهين سياسي اصول تي چتاءُ
    مان 887 هندي (1887ع) ۾ مسلمان ٿيس، 1915ع ۾ ڪابل ويس، ان وچ وارا ٽيهه ٻٽيهه سال مون گهڻو ڪري سنڌ، ديوبند ۽ دهليءَ جي آس پاس گذاريا. پر پنجاب، پشاور ۽ لاهور کان بلڪل ڪٽجي ڪونه ويس. منهنجي پيدائش جو ضلعو سيالڪوٽ آهي ۽ منهنجي مٽي مائٽي ۽ دوستي پنجاب ۾ مسلسل قائم رهي آهي.
    ان کانپوءِ ويهه ٻاويهه ورهيه ٻاهرين ملڪن ۾ رهيس. جڏهن موٽيس ته مون محسوس ڪيو ته مختلف صحبتن جي اثر ڪري ذهنيت ۾ ڪافي تبديلي اچي چڪي آهي. پر ”حجة الله البالغه“ جو علم ۽ حڪمت پنهنجي اصلي شان سان محفوظ ۽ قائم آهي. بلڪ ان ۾ وڌيڪ پختگي نصيب ٿي چڪي آهي. ان سان گڏ يورپ جي سياحت امام ولي الله جي حڪمت جو نئون باب پڙهايو، جنهن کي اقتصاديات ۽ اجتماعيت يا سياسيات چيو ويندو آهي.
    (1) امام ولي الله اخلاقيات کي اقتصاديات سان ڳنڍين ٿا.
    (2) رسول الله ﷺ جي مڪي زندگيءَ ۾ حڪومت جو بنياد رکڻ مڃين ٿا.
    (3) خيرالقرون جو تفسير مدني خلافت جي اتفاقي دؤر تي ختم ڪن ٿا.
    (4) بعثت کان وٺي اسلام جي پهرين 48 ورهين جي دؤر کي قرآني تعليمات جو عملي نمونو ٻڌائين ٿا.
    ان نظريي جي تدوين ۾ هو منفرد آهن. جيڪڏهن هڪ ذهن ان فڪر تي ٺهي وڃي ته اُهو اڄ به قرآني تعليم کي بين الاقوامي رهبريءَ ۾ امام سمجهي سگهي ٿو ۽ اهو پڻ مڃي سگهي ٿو ته ٻيو ڪوبه پروگرام ان جو مقابلو نٿو ڪري سگهي. ”حجة الله البالغه“ جو روح اهوئي مسئلو آهي جنهن کي بحمده تعاليٰ ان سياحت ۾ اسان ڀليءَ ڀت سمجهي سگهياسين.
    امام ولي الله جي سياست جو تعارف ڪرائڻ لاءِ بيتابي
    مان ٻاهرين سياحت جا آخري ٻارنهن ورهيه مڪي معظمه ۾ رهيس، ان وقت سياسي جهيڙن کان پري رڳو پنهنجن تجربن جو جائزو وٺندو رهيس. امام ولي الله جي مقرر ڪيل نصب العين تي هندستان لاءِ پنهنجو پروگرام سوچيندو رهيس. اتر اولهه هندستان جيڪو اسان جو وطن آهي انهيءَ کي پنهنجو عملي ميدان سمجهي اهڙي پارٽي ٺاهڻ جي فڪر ۾ رڌل رهيس جيڪا امام ولي الله جي حڪمت کي پنهنجو بنياد سمجهندي هجي. جيئن پهرئين دؤر ۾ اسلامي اتحاد لاءِ ”شرعي قانون“ تي اجتماعيت سوچيندا هئاسين هينئر حڪمت ۽ فلسفي تي انسانيت کي گڏ ڪرڻ لاءِ غور فڪر ڪري رهيا آهيون.

    قرآن عظيم جي تفسير تي نظرثاني
    امام ولي الله جي ٻڌايل نموني تي جيئن امام عبدالعزيز پنهنجي زماني جي ذهنيت جو لحاظ ڪري ”فتح العزيز“ لکيو، سندس پيرويءَ ۾ مون پنهنجي تفسير تي نظرثاني شروع ڪري ڏني. قرآن عظيم جي عموم (عام احڪامن ۽ ڳالهين) کي جن به حديثن سان ڳنڍيو ويو اُهي هينئر عموم جا مثال بڻجي ويون. ڪيتريون ئي اسرائيلي روايتون جيڪي غلطيءَ سان ڪن محدث امامن جي ڪتابن ۾ شامل ٿي ويون هيون، اُهي سڀ ڀور ڀور ٿي ويون. پهرئين مرحلي ۾ جيڪي مقام ويهن سالن تائين سمجهه ۾ نه آيا هئا ۽ ان ڪري ئي شاگردن کي ڪڏهن به انهن تي بحث جي اجازت نه ڏيندو هوس اُهي ڏکيائيون الله تعاليٰ جي فضل سان سڀ حل ٿي ويون. تفسير جي مطالعي لاءِ ڪافي سامان ملندو رهيو ۽ مقدس هنڌ جي برڪت پڻ شامل حال رهي. عالمن سان رهاڻيون ٿيون. جيڪي ماڻهو اسان وانگر ڏکيائين جو منهن ڏسي چڪا هئا سي اسان جي مطالعي جو تمام گهڻو قدر ڪندا رهيا، انهن ۾ موسيٰ جارالله آفنديءَ جو نالو وٺي سگهجي ٿو.

    اسان جي مطالعي جي ضرورت ايندڙ نسل محسوس ڪندو
    هندستان کان ٻاهرين ديوبندي دهلوي استادن جي تقليد نٿو ڪري سگهان. اسان ڄاڻون پيا ته اسان جا همعصر عالم ته گهڻو ڪري سمجهي به ڪونه سگهندا. ساڳيءَ ريت جن دوستن اسان کان اڳ قرآن جو ترجمو پڙهيو آهي اهي به نه مڃيندا پر سندن اولاد ان جو قدر ڪندي ۽ هندستاني نوجوان جيڪو ڪاليجن مان نڪرندو ان کي سڀ کان وڌيڪ ضرورت پوندي. کيس اسلامي تعليمات جو رستو صاف ۽ چٽو نظر ايندو.
    اسان جي نظريي ۾ هڪ خاص امتياز آهي ته اُهو هندستاني مسلمانن جي وسيلي قومي قانون بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو. اسان پنهنجو سمورو فڪر ۽ پنهنجي تاريخ، پنهنجي مرڪز شاهجهان آباد (دهلي) کان وٺون ٿا. ٻين قومن جي علمن ۽ تجربن مان اسان ٻئين درجي تي استفادو ڪنداسين. ان جو پهريون فائدو اسان کي اهو ٿو ملي ته اسان جي قوميت ۾ ۽ اسان جي مذهب ۾ ٽڪراءُ پيدا نٿو ٿئي. اهڙيءَ ريت اسان عام مسلمان قومن سان گڏجي سؤلائيءَ سان هلي سگهون ٿا.
    مولوي حبيب الله ان وقت ديوبند کان فارغ ٿي اسان سان مڪي معظمه ۾ اچي مليو. اسان کيس حجة الله پڙهائڻ شروع ڪئي. اسين دعا ڪندا رهياسين ته شال هيءُ نوجوان اسان جي استادن جي پيروڪارن تائين اسان جي مطالعي جي جهلڪ پهچائي.

    اسان پنهنجي پراڻي سياسي فڪر ۾ تبديليءَ لاءِ مجبور ٿي چڪا هئاسين، اها ئي تبديلي اسان جي وطن واپسيءَ جو ذريعو بڻي.
    مڪي معظمه ۾ اسان جي زندگي نئين ڍنگ تي شروع ٿي هئي. اسان پراڻي پروگرام جي شڪست ترڪيءَ جي مطالعي کان پوءِ مڃي چڪا هئاسين. ترڪيءَ جي نئين نظام جي حقيقت کان ضرورت آهر اسين ماسڪو ۾ واقف ٿي چڪا هئاسين. اسان پنهنجو بنيادي فڪر جيڪو ”حجة الله البالغه“ مان ورتو هو ان کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو.ا سان ٻين مسلمان قومن وانگر پنهنجي لاءِ نئون پروگرام ٺاهڻ پئي چاهيو. ان ۾ هندستان جي تاريخ ۽ حجة الله البالغه جو فلسفو ته ڪم اچي سگهي ٿو پر هندستان کان ٻاهرين مرڪزن کان ڪٽجڻ ضروري هيو. نه ته مڪي معظمه ۾ اسان جي رهائش ناممڪن ٿي وڃي ها. ان اسان جي طرزِ فڪر کي بدلائي ڇڏيو. اسين ”پين اسلامسٽ“ مان ”هندستاني نيشنلسٽ“ بڻجي وياسين. بلڪ اسين نيشنلزم جا علمبردار بڻجي وياسين ۽ شدت سان ان جي پرچار شروع ڪئي. مسلمانن جي مختلف جماعتن جي پاڻ ۾ جهيڙن جهٽن کان الڳ رهڻ اهڙيءَ ريت اسان لاءِ سؤلو ٿي پيو.
    جيتوڻيڪ هندستاني نيشنلزم اسان ڪابل ۾ اختيار ڪري چڪا هئاسين پر اسان جا هندستاني عام طور ان کان واقف نه ٿي سگهيا هئا يا ان کي اسان جو بهانو سمجهندا هئا. پر هينئر اسان جي پرچار کان واقف ٿي سخت مخالف بڻجي ويا. ان کان پوءِ جيترا به دوست اسان کي مڪي معظمه ۾ مليا نه اُهي اسان مان مطمئن ٿيا ۽ نه اسان جو فڪر سندن واسطي سان ملڪ ۾ پهچي سگهيو.
    اسان جو خيال آهي ته اسان جي ان تبديليءَ کان متاثر ٿي برطانوي گورنمينٽ اسان کي وطن واپسيءَ جي اجازت ڏني. اسان پنهنجي فيصلي سان انهن سڀني شرطن جي پابندي پنهنجي لاءِ لازمي قرار ڏني هئي جيڪي هر گورنمينٽ ضروري سمجهندي آهي.
    اسان واپسيءَ کان پوءِ پنهنجي پوزيشن دوستن کي سهڻي نموني سمجهائي ۽ جن ايئن نه پئي سمجهڻ چاهيو اسان اتي سختي پڻ اختيار ڪئي. نتيجو اهو نڪتو ته جيتوڻيڪ پنجن سالن کان اسان بحمده تعاليٰ وطن جي قدرتي برڪتن کان مستفيد ٿي رهيا آهيون پر اسان کي سمجهڻ وارا دوست آڱرين تي ڳڻي سگهجن ٿا.

    بيت الحڪمت جي حقيقت
    ان حالت ۾ اسان پنهنجو فڪر هيٺين ٽن علمي، سياسي مسئلن ۾ ماپايو جن جي اهميت اسان سڀ کان وڌيڪ محسوس ڪريون ٿا:
    (1) امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت ۽ سياست جو تعارف
    (2) ان سياسي فلسفي جي بنياد تي انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ مستقل پارٽيءَ جو بنياد رکڻ.
    (3) ڊومينن اسٽيٽس جنهن به قيمت تي ملي، حاصل ڪري برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿجي.
    عجيب ڳالهه آهي ته پهريون مسئلو جنهن کي اسان پنهنجي جماعت لاءِ بديهيات (پڌرين ڳالهين) مان مڃيندا هئاسين اهوئي سڀ کان وڌيڪ، ڌيان جوڳو ۽ عجب جوڳو بڻجي ويو. ايستائين جو ديوبند سان لاڳاپيل علمي مرڪزن ۾ سياسي رهنما پڇن ٿا ته ڇا شاهه ولي الله يا مولانا شيخ الهند ڪو سياسي مسلڪ به رکندا هئا؟ اسان کين ان جهالت مان ڪڍڻ لاءِ خاص جماعتون ٺاهيون. بيت الحڪمت جي نالي سان کين هڪ سلسلي ۾ ڳنڍيو ۽ مرڪزي بيت الحڪمت جامعه مليه دهليءَ ۾ ٺاهيو.
    بيت الحڪمت جي ٻن ٽن سالن ڪم ڪرڻ ڪري اسان کي ان فلسفي جا پڙهائيندڙ استاد پڻ ملي ويا ۽ هم فڪر دوست پڻ وڌندا رهيا.
    ٻئين ۽ ٽئين اصول بابت هينئر اسين اهوئي ٻڌائي سگهون ٿا ته اسان جو پارٽي نظام سنڌ اسيمبليءَ ۾ ظاهر ٿيندو. اسان جو هيءُ ڪم وڌي رهيو آهي پر تمام هوريان هوريان.

    محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جي ضرورت
    بيت الحڪمت جي حقيقت کان واقف ٿيڻ بعد ڪاليج جي اسڪيم سؤلائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿي. اسان چاهيون ٿا ته بيت الحڪمت لاءِ شاگرد ملن ۽ تمام گهڻا ملن، جن ۾ هيٺيون ٽي وصفون ضرور هجن:
    (1) هو فلسفي سان دلچسپي رکندڙ هجن.
    (2) هو اڄوڪي انقلابي يورپ کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندڙ هجن.
    (3) هو شاهجهان آباد جا تاريخي علم به پڙهي چڪا هجن. (ساڳيا علم دارالعلوم ديوبند جو نصاب آهن) ته جيئن امام ولي الله ۽ سندن بزرگن جي اصطلاحن کي صحيح طورتي سمجهي سگهن.
    هيءَ هڪ حقيقت آهي ته ملڪ جون نيون پراڻيون تعليم گاهون ان قسم جا شاگرد مهيا نه پيون ڪن تنهن ڪري اسان کي بيت الحڪمت جي تعمير لاءِ ان قسم جي تعليم جو بندوبست پاڻ کي ئي ڪرڻو پوندو. اسان جو خيال آهي ته ان ضرورت کي لاهور ۾ پنهنجو مخصوص ڪاليج کولڻ کان سواءِ پورو نٿا ڪري سگهون.

    محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج لاءِ لاهور جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟
    هندستاني مسلمانن جي ٻين مرڪزن کان لاهور کي اسان رڳو ان ڪري مقدم سمجهون ٿا جو:
    (1) فعال مسلمانن جو نوجوان عنصر لاهور ۾ وڌيڪ ملي ٿو.
    (2) پنجاب يونيورسٽي پنهنجي شروعاتي دؤر کان اورينٽل علمن کي اؤسر وٺرائيندي رهي آهي، تنهن ڪري اسان جو فڪر هتي وڌيڪ نشونما ماڻي سگهي ٿو.
    (3) لاهور ۾ مختلف قومن جا مذهبي ادارا پنهنجا مرڪز قائم ڪري چڪا آهن، تنهن ڪري مذهبن جي آزاديءَ جو روح هن فضا ۾ وڌيڪ ملي ٿو، نه ته ان قسم جا ڪاليج اسان چاهيون ٿا ته سنڌ ۽ دهليءَ ۾ به ضرور قائم ٿين.

    محمد قاسم ولي الله سوسائٽي لاهور
    ڪاليج جي اسڪيم کان اڳ سوسائٽي قائم ڪرڻ ضروري آهي. ان مان مختلف شعبا (1) ٿيالوجيڪل (2) ايجوڪيشنل (3) پوليٽيڪل نڪرندا رهندا ۽ هڪ ٻئي جي جهيڙن کان بچي پنهنجن پنهنجن مقصدن جي خدمت ڪندا رهندا. هن وقت محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ جو پهريون ڪم محمد قاسم ولي الله سوسائٽي ٺاهڻ قرار ڏنو ويو آهي.
    توڪلاً علي الله 15 مارچ 944هندي (1944ع) تي اسان پنهنجي هڪ گريجوئيٽ ساٿيءَ کي محمد قاسم ولي الله سوسائٽي لاهور جو سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو آهي. لاهور ۾ اسان جي بيت الحڪمت جي شاخ ڪافي عرصي کان قائم آهي ۽ اڃا تائين ابتدائي حالت ۾ آهي، ان محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو مرڪز بڻجي ڪم ڪرڻ منظور ڪري ورتو آهي.
    (محمد قاسم ولي الله سوسائٽي دراصل امام ولي الله جي تجديد ۽ تحريڪ جي ان ٻئين دور جي ترجمان آهي جنهن کي اسان ديوبندي سياسي تحريڪ چئون ٿا. هي ٻيو دؤر بالاڪوٽ جي حادثي کان پوءِ سندن ڏوهٽاڻ (نياڻي جي اولاد) الصدر الحميد مولانا محمد اسحاق ۽ الصدر العميد مولانا محمد يعقوب جي صدارت ۾ منظم ٿي ڪري خلافت جي خاتمي تائين جاري رهيو. شيخ الهند مولانا محمود حسن جي پيرويءَ ۾ اسان ان تحريڪ کي نوجوان تعليم يافته جي مزاج سان مناسب بڻائي ٽيون دؤر شروع ڪريون ٿا. اسان جي اصطلاح ۾ محمد قاسم ولي الله سوسائٽي ان ٽئين دؤر جو نالو آهي.)

    هيءُ آهي اسان جي دعا جو خلاصو: اللہم تقبل منا انک انت السمیع العلیم
    مابدیں منزل عالي نتوانيم م رسيد۔ یہاں مگر لطف شما نمدگامے چند
    (ترجمو: اسان پاڻ ان بلند منزل تائين نٿا پهچي سگهون، پر اي رب تنهنجو لطف ۽ ڪرم ڪجهه دير تائين اسان جي رهنمائي ڪري.)

    عبيدالله سنڌي
    24 مارچ 944 هندي قاسم العلوم لاهور


    ٿيالوجيڪل ڪاليج جو نصاب, متا ۽ مقصد

    اسان جي تجويز جو ٻيو اهم حصو آهي محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جو:
    (الف) نصاب ۽ دستورالعمل
    (ب) ان جو مقصد ۽ نتيجو

    ڪاليج جو نصاب ۽ دستورالعمل (ڪاليج جو درجو)
    (1) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج کي اسان يورپ جي پهرئين درجي جي ڪاليجن جي برابر بنائڻ چاهيون ٿا. ان قسم جون ڪاليجون اسان ڏسي چڪا آهيون، جيڪي عثماني بادشاهن باسفورس جي ڪناري تي ٺاهيون آهن. ظاهر آهي ته ان تحريڪ کي پنهنجي تڪميل لاءِ ڊگهو عرصو کپندو. اسان جو ڪم فقط اهو آهي ته اسين ان کي هينئر شروع ڪري ڏيون ٿا، انتظار نٿا ڪريون.
    داخلا جا شرط
    (2) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج لاءِ داخلا جو خاص امتحان ٿيندو.
    (الف) اهڙي مئٽرڪ پاس شاگرد کي ترجيح ڏني ويندي جنهن جي ٻي زبان عربي هجي.
    (ب) نوجوان مسلمانن جو اهو فرقو جيڪو پنهنجي وطن سان وابسته رهي صحيح معنيٰ ۾ اسلام سکڻ گهري ٿو، اسان جو ڪاليج ان قسم جي نوجوانن کي آئيڊيا ۽ پروگرام ٺاهڻ ۾ بهترين رهنما ثابت ٿيندو.
    (ج) اهڙا نوجوان جيڪي اسلامي اتحاد يا انٽرنيشنلزم کي وطني تحريڪ کان اڳ شروع ڪرڻ گهرن ٿا اهي اسان جي بيت الحڪمت ۾ ته شامل ٿي سگهن ٿا پر هن ڪاليج ۾ قبول نه ڪيا ويندا.
    (د) ضرورتمند شاگردن کي دارالعلوم ديوبند وانگر امداد ڏني ويندي. ڪورس ڇهن سالن جو آهي، پر جيڪي محنتي شاگرد ٿوري وقت ۾ پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺندا، انهن جو خاص امتحان وٺي سند ڏني ويندي. سڀني شاگردن جو هاسٽل ۾ رهڻ ضروري آهي.
    (3) سياسيات جي مڪمل تعليم ڏئي سگهجي ٿي، پر ڪابه سياسي پارٽي نه ٺاهي ويندي. خاص موڪل کان سواءِ ڪنهن سياسي مظاهري ۾ شرڪت منع آهي.
    (4) مسلمانن جي اجتماعي تاريخ جو هندستاني حصو جيڪو ست س‍ؤ سالن تائين جاري رهيو آهي، جن ۾ ديني امام، صوفي سڳورا، بادشاهه ۽ شاعر عوام سان گڏجي ڪم ڪندا رهيا آهن. اهو اسان جي ڪاليج ڪورس جو آئيڊيل حصو هوندو. اسين ڄاڻون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي نوجوان جي ذهنيت قومي تاريخ کان ڪٽجي وئي ته هو پنهنجي هستي سنڀاري نه سگهندو.
    (خاص طور تي ياد رکڻ جي ضرورت آهي ته عربن جي تاريخ جو بهترين حصو پڻ ست سؤ ورهين کان وڌيڪ ناهي.)
    (الف) اسان هندستاني مسلمانن جي تاريخ 1001 عيسويءَ کان شروع ڪريون ٿا، ان سال سلطان محمود غزنويءَ ”هنڊ“ جو قلعو يعني هندستان جو پهريون قلعو فتح ڪيو ۽ هڪ نومسلم راجا کي ان جو حڪمران بڻايو. اسلامي انٽرنيشنل ازم جي اثر سان اسان جي وطن جي هيءَ شاندار ترقي ۽ ان جو اجتماعي دؤر ست سؤ سالن تائين جاري رهيو.
    (ب) ان جي آخري ڪڙي اهو اوالوالعزم بادشاه آهي:
    (1) جيڪو پنجاهه ورهين تائين سڄي هندستان کي هڪ قانون جي تابع بنائڻ ۾ ڪاميابيءَ سان مصروف رهيو.
    (2) جيڪو سڄي انساني دنيا کي پنهنجو پيغام نجات (امام رباني مجدد الف ثاني جو فلسفو) پهچائڻ گهري پيو.
    اُهو خاتم السلاطين سلطان محي الدين اورنگزيب عالمگير آهي. هو 1707ع ۾ فوت ٿيو.
    (ج) جيڪي تاريخدان هندستان جي پهرئين دؤر جي مهاراجا اشوڪا کي ۽ ٻئين دؤر ۾ سلطان عالمگير کي ”فخرِ هند“ شمار نٿا ڪن اسان کين هندستاني نٿا مڃيون.
    (د) ان نئين هندي تاريخ جي جنتري ٺاهڻ لاءِ اسان مهينا ۽ تاريخون انگريزي تقويم مان وٺون ٿا. انگريزي سنن مان پهريون هزار حذف ڪرڻ سان اسان جي هندي تقويم بڻجي ويندي.

    دارالعلوم ديوبند جو نصاب تعليم ڪاليج ۾ ڇو ٿو رکيو وڃي؟
    (5) اسين ڄاڻون ٿا ته دارالعلوم ديوبند جو نصاب شاهجهاني دؤر جي صالح باقيات آهي، تنهن ڪري اسان ان جي حفاظت تي زور ڏيون ٿا.
    (الف) پر اسان پنهنجي دؤر جي ترقي يافته تحريڪن جي مطالعي لاءِ حاشيو ڇڏيون ٿا. اردو، عربي ۽ انگريزيءَ جا بهترين ڪتاب مطالعي لاٰءِ گڏ ڪيا ويندا.
    (ب) ان لاءِ ٿي سگهي ٿو ته اسان کي وقت ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پوندو. اسان جي خيال ۾ ان اهم معاملي ۾ وقت جو سوال ٻئين درجي تي اچي ٿو.

    حنفي فقهه ڪاليج ڪورس ۾ ڇو لازمي بڻايو ويو؟
    (6) هندستان ۾ اسلامي تاريخ جي شروعات کان وٺي حنفي مذهب ئي ”قانوني تنظيم ۽ انصاف“ ۾ بادشاهن جو رهنما بڻيل رهيو. ايستائين جو سلطان عالمگير ان کي قومي قانون بڻائي ڇڏيو، جيڪو ان کان پوءِ به پنجاهه سال هلندو رهيو. نادر شاهه جي حملي سان اهو نظام معطل ٿيو.
    (الف) تنهن ڪري اسان هندي قانون کي حنفي فقهه ۾ متعين ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا. امام ولي الله علم حديث جي تجديد سان اسان جو رستو آسان ڪري ڇڏيو. اسان حنفي فقهه ۽ صحيح حديث کي گڏ ڪري سگهون ٿا. دارالعلوم ديوبند ان تطبيق جو بي مثال مرڪز آهي.
    (ب) فقهه حنفي کي جيئن صحيح حديث سان تطبيق ڏئي سگهجي ٿو، ان جي اندر عقلي نظامِ قانون پڻ سمورو موجود آهي.
    امام ولي الله جي حڪمت هندستان جي اسلامي تاريخ جي روح جو خلاصو آهي.
    (7) اسان ڄاڻون ٿا ته امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت جو باني سندن والد شيخ عبدالرحيم بن وجيهه الدين العمري ۽ سندن چاچو شيخ ابوالرضا محمد بن وجيهه الدين آهن.
    (الف) امام ولي الله ”انفاس العارفين“ ۾ سندن علمي افادات سهيڙيا آهن ۽ پنهنجي حڪمت جي استنباط جو نمونو پڻ لکي ڇڏيو آهي.
    (ب) شاهه عبدالرحيم ۽ شيخ ابو رضا عالمگيري دؤر جي اڪابرن ۾ ڳڻجن ٿا، تنهن ڪري اسان امام ولي الله جي حڪمت کي عالمگيري دؤر جو نتيجو مڃيون ٿا. جيتوڻيڪ ان جي تدوين محمد شاهي دؤر يعني دهليءَ جي زوال کان پوءِ شروع ٿي.
    (ج) اسان ان ڪاليج جي ذريعي امام ولي الله جي حڪمت کي هندستاني مسلمان جي قومي عقليت جو سرچشمو بنائڻ گهرون ٿا. والله المستعان.

    ڪاليج جا ٽي درجا
    (8) محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جا ٽي درجا آهن: (1) شروعاتي (2) وچون (3) مٿيون. هر درجي جي تعليم مڪمل ڪرڻ تي سند ملي سگهي ٿي.

    (پهريون درجو)
    (9) پهرين ٻن سالن ۾ شاگرد دارالعلوم ديوبند جا سڀ ڪتاب اردوءَ ۾ پڙهندا.
    (الف) منطق، فلسفو، فقهه ۽ اصول فقهه، معاني ۽ بيان، حديث ۽ تفسير هر قسم جا ڪتاب اردوءَ ۾ پڙهي باقاعدي امتحان ڏيڻو پوندو.
    (ب) ان سان گڏ هڪ ڪلاڪ عربي سکڻ لاءِ ۽ هڪ ڪلاڪ انگريزي ٻوليءَ جو لازمي هوندو.
    (ج) مولانا محمد قاسم جو ”تقرير دلپذير“ وغيره پڙهايا ويندا. سندن همعصر عالمن جا بهترين ڪتاب پڻ مطالعي هيٺ رهندا.

    (ٻيون درجو)
    (10) ٻئين درجي ۾ اهي سمورا ڪتاب عربيءَ ۾ پڙهايا ويندا. ان سان شاگرد ان قابل ٿي ويندا ته انهن ڪتابن جي شرحن ۽ حاشين مان استفادو ڪري سگهن. فنن جي محققن ۽ امامن جي کين سڃاڻپ حاصل ٿيندي.
    (الف) ان سان گڏ هڪ ڪلاڪ جديد عربي سکڻ لاءِ ۽ هڪ ڪلاڪ انگريزيءَ جو روزانو لازمي هوندو.
    (ب) جيڪڏهن شاگرد پسند ڪري ته ان درجي جي آخر ۾ مولوي فاضل جو امتحان ڏيئي، بي اي جي ڊگري وٺي سگهندو.
    (ج) ان زماني جا عرب مفڪر جيڪو ڪجهه لکن ٿا سندن بهترين ڪتاب ۽ انگريزيءَ ۾ اسلامي تحريڪ بابت جيڪي سٺا ڪتاب ملي سگهن ٿا مطالعي لاءِ گڏ ڪيا ويندا.

    (ٽيون درجو)
    (11) ان ۾ بيت الحڪمت جو نصاب شروع ٿيندو.
    (الف) حجة الله البالغه، ازالة الخفاء، فتح الرحمان، فوزالڪبير، المصفيٰ، المسويٰ، تڪميل الاذهان، فقهه ۽ حديث جا مختلف رسالا.
    (ب) سطعات، عبقات، لمحات، همعات، تاويل الاحاديث، خيرالڪثير، بدوربازغه.
    (ج) امام عبدالعزيز جا سمورا ڪتاب، مولانا رفيع الدين، مولانا محمد اسماعيل شهيد، مولانا محمد قاسم جا سمورا ڪتاب
    (د) انگريزي ٻوليءَ جي واسطي سان يورپ ۽ هندستان جي مختلف فلاسافرن جي تعليمات جو مطالعو ۽ مقابلو.
    هي حصو پڻ ٻن سالن ۾ پورو ٿيندو.

    مقصد ۽ نتيجو
    (12) هن ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ شاگرد محمد قاسم ولي الله سوسائٽيءَ سان سڄي ڄمار لاڳاپيل رهندا سواءِ ان جي جو پاڻ موڪل وٺڻ چاهين.
    سوسائٽي شاگردن کي ٻن حصن ۾ ورهائيندي:
    پهريون حصو
    (13) اُهي استاد جيڪي قرآن عظيم ۽ ان سان گڏ دنيا جي دينن (مذهبن) جي تعليمات کي انساني فطرت جي عقلي بنياد سان تطبيق ڏيئي پڙهائڻ لاءِ دنيا جي تعليم گاهن ۾ پکڙجي ويندا.
    (الف اسين اميد ڪريون ٿا ته محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج جي فلاسافرن لاءِ هندو، عيسائي، نيچرل ڪاليجن ۾ پڻ فلسفي جي چيئر اعزازي طورتي محفوظ رهندي.
    (ب) اسان الله رب العزت کان دعا ڪريون ٿا ته اسان جا استاد دنيا جي ديندار ڏاهن کي شاهجهان آباد ۾ مجتمع الاديان (سڀني مذهبن کي گڏ ڪرڻ) جي دعوت ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. يورپ سائنس ۽ صنعت جي ترقيءَ ۾ جيڪڏهن لاديني اجتماع قائم ڪري ٿو ته شاهجهان آباد انساني نظر و فڪر کي ديني اجتماع ۾ منظم ڪري ٿو. ان نقصان جو ان طريقي سان ازالو ٿي ويندو. محمد قاسم ولي الله سوسائٽي سائنس جي ترقيءَ ۾ يورپ کي پنهنجو مرڪز قبول ڪري ٿي.
    ٻيون حصو
    (14) سوسائٽي ڪاليج جي انهن استادن کي جيڪي سياسيات ۾ دلچسپي رکن ٿا هن ٻئين حصي ۾ گڏ ڪندي:
    (الف) ڪاليج مان فارغ ٿيندڙ سياسي ماهر محمد قاسم ولي الله جي نالي سان هڪ نئين سياسي جماعت ٺاهيندا. اها هندستان جي مرڪزي طاقت ان پارٽيءَ کي ڏياريندي جيڪا امام ولي الله جي اصولن تي انسانيت جي خدمت کي پنهنجو نصب العين ٺاهيندي.
    (ب) هيءَ پارٽي انڊين نيشنل ڪانگريس جي اندر مڪمل سياسي پارٽيءَ جي طور تي ڪم ڪندي.
    (ج) عالمن جو طبقو انهن سياسي ماڻهن جي رهنمائيءَ ۾ خدمت خلق جون پارٽيون ٺاهيندو. ملڪ جي هيٺين طبقي کي مذهبي ۽ سياسي تعليم ڏيندو. سندن اقتصادي حالتن کي درست ڪرڻ لاءِ ڪوآپريٽو سسٽم جاري ڪندو.
    (د) هيٺين طبقي کي وؤٽ جي اهميت سمجهائيندو ۽ ڪنهن به پارٽيءَ کي سندن وؤٽ مان ناجائز فائدو وٺڻ نه ڏيندو.
    (هه) ان حصي ۾ سياسي رهنمائي انهن سياسي ڪارڪنن لاءِ مخصوص هوندي، جيڪي يورپي ملڪن ۾ رهي چڪا آهن.
    والله المستعان۔ وصلی اللھ علیٰ سیدالمرسلین وعلیٰ اٰلہٖ واصحابہٖ اجمعین۔
    وآخر دعوانا ان الحمدللھ رب العالمین

    عبيدالله سنڌي
    22 مارچ 944 هندي قاسم العلوم لاهور


    سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جو عملي ڪم

    (محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج ۽ ان جون شاخون)

    دهليءَ جي جامعه مليه ۾ بيت الحڪمت قائم ڪرڻ کان پوءِ اسان ان جي هڪ شاخ لاهور ۾ کولڻ لاءِ گذريل مارچ 1944ع ۾ ڪجهه هفتا اچي رهياسين. لاهور جي نوجوان طبقي اسان جي اسڪيم سمجهڻ کان پوءِ ”محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج“ قائم ڪرڻ لاءِ آمادگي ڏيکاري ۽ اسان نوجوانن جي خاطر ڪاليج جي مختصر اسڪيم لکي، تيار ڪري ڏني جا هنن ڇپائي پڌري ڪئي آهي.
    اسان جو ارادو آهي ته اهڙا ڪاليج سنڌ ۽ دهليءَ ۾ به قائم ڪريون.
    آءٌ بيماريءَ جي حالت ۾ جڏهن سنڌ جميعت طلباء جي صدارت لاءِ حيدرآباد ۾ آيس. تڏهن حيدرآباد مان ڪم لاهي دارالرشاد ڳوٺ پيرجهنڊي ۾ پهتس. سنڌ ۾ جيڪي اسان جا دوست سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ جو ڪم ڪندڙ هئا تن جناب پير ضياء الدين شاهه (صاحب العلم) کي آماده ڪيو ته هو دارالرشاد (ڳوٺ پيرجهنڊي) جي نئين عمارت ۾ ”محمد قاسم ولي الله ٿيالوجيڪل ڪاليج“، ”سنڌ ساگر سوسائٽي“ جي الحاق ۾ شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي. 24 اپريل 1944ع تي پير ضياء الدين شاهه جي زيرصدارت دارالرشاد جي عمارت ۾ جلسو ٿيو ۽ ڪاليج جو افتتاح ڪيو ويو. في الحال تعليم لاءِ مولوي بشير احمد بي، اي لڌيانويءَ کي لاهور مان گهرائي ڪاليج جو وائيس پرنسپال ۽ ڪاليج سان ملحق اسڪول جو هيڊماستر مقرر ڪيو ويو آهي.

    طريقه تعليم
    هن ڪاليج ۾ بنيادي طرح شاه ولي الله جي فلاسفي سيکاري ويندي جنهن جي نوعيت جا ٻه رنگ هوندا: (1) سلطان عالمگير جي زماني کان وٺي دهلي جي مفتوح ٿيڻ تائين جيترا ڪتاب لکيا ويا آهن ۽ جيترا به انهن مان ملي سگهندا تن سڀني جي مطالعي جو طالب علم کي موقعو ڏنو ويندو. (2) دهليءَ جي ختم ٿيڻ سان عربي ۽ فارسي زبانن جو دور ختم ٿئي ٿو. مولانا محمد قاسم دهليءَ جي نئين زبان اردوءَ ۾ ولي اللهي فلاسفي جو ترجمو ڪري ديوبند کي مرڪز بڻائي ٿو. انهيءَ ڪري تعليم جي ٻنهين رنگن کي سمجهڻ لاءِ مولانا محمد قاسم جا ڪتاب يا شيخ الهند جي صحبت مان جيڪو طريقو معلوم ٿيو آهي سو شاگردن کي سيکاريو ويندو. ان سان گڏ عربي ۽ انگريزي تعليم جو به اعليٰ پيماني تي انتظام رکيل هوندو.
    هن ڪاليج جي فلسفيانه تعليم جي بنياد تي ئي هڪ پوليٽيڪل پارٽي ٺهندي جا مسلمانن جي زندگيءَ جي ترجمان رهندي ۽ گانڌي ازم جي چڪر کان نجات ڏياريندي.

    گانڌي ازم ۽ برطانيه
    اسان جي سمجهه ۾ گانڌي ازم ۽ ڪانگريس ٻه جدا شيون آهن. اسان هن وقت گانڌي ازم جي تنگ دائري اندر ڪم ڪرڻ کان مجبور آهيون. جنهن ۾ اسان لاءِ ڪابه گنجائش ڪانه آهي پر برطانيه امپيريلزم سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڇاڪاڻ ته ان جو ايڏو وسيع دائرو آهي جنهن جي ضمن ۾ اسان کي ڪم ڪرڻ جي گنجائش آهي يعني ته جڏهن به گانڌي ازم ۽ برٽش امپيريلزم جو مقابلو ٿيندو تڏهن اسان برٽش سان گڏجي ڪم ڪنداسين نه گانڌي ازم جا تابع ٿينداسين. اسان ڪابل ۾ ۽ ڪابل کان ٻاهر انڊين نيشنل ڪانگريس جون وڏيون وڏيون خدمتون ڪيون آهن، جن خدمات کان ڪڏهن به دستبردار ٿي نٿا سگهون. تنهن ڪري ڪانگريس ۾ رهي ولي الله فلاسفيءَ جي بنياد تي مستقل پروگرام هلائينداسين ۽ ان ريت انڊين نيشنل ڪانگريس کي برطانيه سان مصالحت ڪرائي ويندي. ان پروگرام جو مرڪز اسان سنڌ کي بڻايو آهي. جتي محمد قاسم ولي الله ڪاليج ۽ اسڪول قائم ڪري هڪ سوسائٽي قائم ڪئي ويندي، جا باقاعده ڪم ڪندي رهندي.
    هنن درسگاهن جي ذريعي شاگردن کي هندستان ۾ 7 سؤ سالن جي حڪمرانيءَ جي نتيجي جي سڌ پئجي ويندي. جنهن ڪري اسان هن تحريڪ کي هندستاني مسلمانن جي نيشنل (قومي) تحريڪ سڏيون ٿا. جنهن ۾ ڪوبه هندو يا عيسائي بنا ڌڙڪ شريڪ ٿي سگهي ٿو.
    اسان جي هن قومي تحريڪ جي درسگاهن ۾ تعليم سان گڏ عملي ڪم به رٿيل آهي. جيئن ته، (1) زرعي ڪم کي جديد طريقي ۾ سيکارڻ. (2) اسيمبليءَ ۾ ڪم ڪرڻ. (3) بين الاقوامي تحريڪن ۾ پنهنجي هستيءَ جو ثبوت ڏيڻ.

    اتر سنڌ ۾ تحريڪ جون شاخون
    اسان جو خيال هو ته سنڌ ساگر انسٽيٽيوٽ پيرجهنڊي جي ڳوٺ جون ڪجهه شاخون شمالي (اتر) سنڌ ۾ قائم ڪيون وڃن جن جو نالو ”سنڌ ساگر اڪاڊمي“ رکيو وڃي. ڪيتري زماني کان خواهش هئي ته امروٽ تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ جتي اسان جي مرشدن جو مرڪز آهي، اتي سنڌ ساگر اڪادمي قائم ڪئي وڃي. 25 مئي 1944ع تي انهيءَ ڪم لاءِ وڏيري مستي خان جي پوٽي وڏيري هدايت الله خان دل زمين ٽڪرو عطا ڪيو جتي اميد ته سنڌ ساگر اسڪول کوليو ويندو ۽ انهيءَ اسڪول جي ذريعي امروٽي جماعت هڪ مرڪز تي جمع ٿي ويندي. اميد آهي ته دارالسعادت گورو پهوڙ جا شاگرد ۽ قاسم العلوم ٿريچاڻي جون تحريڪون به شريڪ ٿي وينديون. هن اسڪول جي زمين کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويندو:
    (1) لطف الله زرعي فارم
    (2) محمد قاسم ولي الله اڪاڊمي
    هن ڪم ۾ اسان جا ڪيترا دوست هم خيال آهن، جن مان مولانا دين محمد صاحب وفائي عملي طرح ڪم ۾ شرڪت ڪندو ٿو رهي. يقين آهي ته هيءَ تحريڪ ملڪ ۽ ملت لاءِ ڏاڍي مفيد ثابت ٿيندي.

    جامعه مليه دهلي
    آءٌ بيمار آهيان ۽ عمر ۾ به وڏو آهيان. مگر منهنجي موت سان هيءَ تحريڪ مري ڪانه ويندي. جامعه مليه دهليءَ ۾ بيت الحڪمت قائم ڪري اتي تعليم جو ڪم اسان شروع ڪري ڏنو آهي. اسان جو ارادو آهي ته سنڌي شاگردن لاءِ جامعه مليه ۾ بورڊنگ هائوس به قائم ڪيو وڃي، جتي سنڌي نوجوان تعليم پرائي سنڌ ۾ اعليٰ پيماني تي ڪم ڪندا رهن. جامعه ۾ فقط ابتدائي تعليم ڏياري ويندي. ڇاڪاڻ جو جامعه جهڙي ابتدائي تعليم ڪٿي به ڪانه ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن هن سنڌ جي اميرن جا ٻار جامعه ۾ ابتدائي تعليم پرائڻ ويا ته اهي بهترين شاگرد ثابت ٿيندا.
    اسان مٿي ڏيکاري آيا آهيون ته هن بيماريءَ جي حالت ۾ سنڌ جو سفر نوجوان عربي شاگردن جي جلسي جي صدارت لاءِ ڪيو ويو آهي. اسان تازو دارالسعادت ۾ رهي شاگردن کي هدايتون ڏئي آيا آهيون. هيءَ جماعت اسان جي مقصدن سان متفق آهي، تنهن ڪري بزرگن جو فرض آهي ته شاگردن جي حوصلا افزائي ڪن ۽ هنن جي ڪمن ۾ رنڊڪون نه وجهن. جيڪڏهن هنن کان ڪا غلطي ٿئي ته ان کي فراخدليءَ سان معاف ڪن. سنڌ جي نوجوان شاگرد ۾ پورو استعداد موجود آهي، جنهن تي زنگار چڙهي چڪو آهي. ان جي چمڪائڻ لاءِ ڪوشش ورتي وڃي.
    **


    قاسم المعارف سنڌ جا قانون

    تمهيد
    (1) دارالعلوم ديوبند (Muslem Arbic University) محرم سنه 1283هه 1867ع کان مولانا محمد قاسم قدس سره جو ديوبند ۾ قائم ڪيل عربي مدرسو (University College) جيڪو عربي ٻوليءَ ۾ مذهبي تعليم ۽ تربيت جو مرڪز ۽ زهر الهند جي لقب سان مشهور آهي، پنهنجي دارالتڪميل ۽ سڀني شاخن سميت دارالعلوم ديوبند آهي.
    (2) الجامعته القاسميه (High Council Arbic University) مولانا محمد قاسم جي جاءِ نشينن يعني دارالعلوم ديوبند جي انتظام ڪندڙن جي جنهن اعليٰ جماعت عربي ٻولي ۽ مذهبي تعليم ۽ تربيت جو هندستان جي مسلمانن جي سڀني درجن ۾ رواج ڏيڻ پنهنجو پهريون مقصد ٺهرايو آهي ۽ دارالعلوم جي سڀني معاملن ۾ انهن جو فيصلو آخري آهي سا جماعت الجامعته القاسميه آهي.
    (3) جميعت الانصار (Old Boys Association) الجامعة القاسميه جي مددگاري واسطي جيڪا انجمن سنه 1327هه 1909ع کان قائم ٿي، جنهن جا ميمبر ۽ معاون (الف) دارالعلوم ديوبند جا پراڻا طالب علم (ب) انهن جا هم خيال عالم ۽ (ج) دارالعلوم جي بزرگن کان طريقت حاصل ڪرڻ وارا ۽ (د) دارالعلوم کي مالي مدد ڏيڻ وارا صاحب آهن، اها جماعت جميعت الانصار آهي.
    (4) موتمرالانصار (Conference of the ansar) جميعت الانصار جو ساليانو علمي جلسو جنهن ۾ علمي مضمونن کان سواءِ دارالعلوم جي تڪميل جي ضرورتن تي ڌيان ڏجي ۽ اصلاح ٿئي موتمر الانصار آهي.
    (5) قاسم المعارف: موتمرالانصار جي رٿن کي عملي صورت ڏيڻ واري ۽ اسلام جي اشاعت ۽ اُن جي حفاظت جي فرض ادا ڪرڻ واري مجلس جو نالو ”قاسم المعارف ديوبند“ آهي.
    الجامعته القاسميه جي فيصلي موجب 20 ربيع الاول 1331هه 27 فيبروري 1913ع کان جميعت الانصار جو مرڪز ثانوي (Secondary centre) ۽ قاسم المعارف جو مرڪز اصلي دارالسطنت دهلي آهي تنهن ڪري قاسم المعارف سنڌ ۽ ٻين سڀني صوبن ۾ جيڪي شاخون قاسم المعارف جون قائم ٿينديون تن جو تعلق دهليءَ سان رهندو.



    ڪراچي
    11 ربيع الاول 1331هه مولوي عبيدالله
    20 مارچ 1913ع ناظم قاسم المعارف سنڌ


    قاسم المعارف سنڌ جا قانون ۽ مقصد

    بسم الله الرحمان الرحيم
    الحمدللہ وسلام علیٰ عبادہ الذین اصطفیٰ
    اما بعد

    (1) جنهن علمي جماعت جو مقصد سنڌ جي مسلمانن ۾ عربي ٻوليءَ کي عام رواج ڏيڻ ۽ ان جي وسيلي سان اسلامي علمن جو پڌرو ڪرڻ ۽ نئين نسل کي اسلامي لڇڻن ۽ عادتن جي پابند ڪرڻ واري تربيت هجي. ۽ انهيءَ مقصد جي پورائي ڪرڻ لاءِ الجامعت القاسميه الديوبنديه (دارالعلوم ديوبند جي انتظام هلائيندڙ جماعت) جي هٿ هيٺ آهي. جميعت الانصار جي قانونن موافق رڳو مسلمانن جي قومي چندي منجهان، دارالعلوم ديوبند جون شاخون سنڌ جي سڀني شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ڪري ۽ مؤتمرالانصار جي ٺهرائن تي عمل ڪري ان جو نالو ”قاسم المعارف سنڌ“ ٿيندو.
    (2) برٽش گورنمينٽ (سرڪار) جي عام امن ۽ آسائش ۽ رعيت پروري ۽ مذهبي آزادي جي برڪتن مان فائدي وٺڻ جي عوض سرڪار جو دل جي سچائيءَ سان وفادار رهڻ ۽ مسلمانن کي ان جي چڱن نتيجن کان مذهبي طرح خبردار ڪرڻ ۽ ملڪي معاملن کان هميشه الڳ رهڻ قاسم المعارف سنڌ جي لاءِ لازم رهندو.
    (3) قاسم المعارف سنڌ جو هيڊڪوارٽر ڪراچي رهندو ۽ ان جون شاخون سنڌ جي سڀني ضلعن ۽ خيرپور ميرس ۾ قائم ٿينديون.
    (4) قاسم المعارف سنڌ پنهنجن مقصدن جي پورائي ڪرڻ ۾ مناسب وسيلن (مثلاً وعظ ڪندڙن ۽ سفيرن جي مقرري ۽ مقرر وقت تي پڌرن ٿيندڙ رسالن ۽ اخبارن جي جاري ڪرڻ ۽ علمي مجلسن جي مقرر ڪرڻ) سان مدد وٺندو.
    (5) هر هڪ سنڌي مسلمان قاسم المعارف جو ميمبر ٿي سگهي ٿو.
    (6) قاسم المعارف سنڌ جي عام انتظام جون اختياريون هڪ مجلس کي ملنديون جنهن کي مجلس شوريٰ چيو ويندو.
    (7) قاسم المعارف سنڌ جي سڀ کان وڏي اختياري هلائيندڙ جماعت الجامعته القاسميه الديوبنديه رهندي.
    (8) قاسم المعارف سنڌ جو خزانو جميعت الانصار جي قانون 49 موجب مدرسه عاليه ديوبند ۾ خزينة الانصار جي پيتي امانت جي کاتي جمع رهندو.
    (9) قاسم المعارف سنڌ پنهنجي آمدنيءَ جو 10/1 حصو جميعت الانصار جي قانون 110 موجب دارالعلوم ۾ ڏيندو رهندو.
    (10) قاسم المعارف سنڌ جي سموري ملڪيت متحرڪ خواه غيرمتحرڪ وقف سمجهي ويندي ۽ ان جي متولي (ٽرسٽي) الجامعة القاسميه الديوبنديه هوندي ۽ اُهي ماڻهو خدانخواسته قاسم المعارف سنڌ جي قائم نه رهڻ جي صورت ۾ سنڌ جي مسلمانن مذهبي علمي ضرورتن ۾ خرچ ڪرڻ واسطي پوري اختياري وارا رهندا.
    (11) ايڪٽ نمبر 21 سال 1860 موجب قاسم المعارف سنڌ هڪ جماعت طور رجسٽر ڪرائي ويندي.

    ميمبر
    (12) هر هڪ سنڌ جو رهندڙ مسلمان جنهن کي قاسم المعارف سنڌ جي مقصدن سان همدردي هجي، جو 4 آنه ماهوار جي حساب سان چندي جي ادا ڪرڻ جو انجام ڪري سو قاسم المعارف سنڌ جو ميمبر سمجهيو ويندو.

    (نياري ڳالهه)
    مجلس شوريٰ خاص حالتن ۾ ڪنهن ميمبر کي چندي ڏيڻ جي شرط کان نيارو ڪري سگهي ٿي.
    (13) هر هڪ ميمبر کي هيٺيان حق ملندا:
    (الف) عام قانونن جو سڌارو ۽ انهن جو رد ڪرڻ ان جي راءِ گهرائڻ ڌاران ٿي نه سگهندو.
    (ب) آمدني ۽ خرچ جي ساليانه تخمينه (بجيٽ) منظور ڪرڻ کان اڳ ان جي راءِ گهرڻ ۾ ايندي.
    (ج) مجلس شوريٰ ۽ ان جي هٿ هيٺ مجلسن (ڪاميٽين) جو ميمبر ٿي سگهندو.
    (د) مجلس شوريٰ جي ميمبرن جي هڪ مقرر تعداد جي چونڊ ۾ ان جي راءِ وٺبي.
    (هه) قاسم المعارف سنڌ جي سڀني معاملن مان واقفيت وٺي سگهندو.
    (و) قاسم المعارف سنڌ جي لاءِ ڪوبه فائدي وارو ٺهراءُ مجلس جي ڪنهن ڪم تي اعتراض مجلس شوريٰ ۾ پيش ڪري سگهندو.
    (ز) قاسم المعارف سنڌ جو رسالو ان کي مفت ڏنو ويندو.
    (14) ميمبري جا حق هيٺين سببن جي ڪري بند ٿيندا:
    (الف) ٻن سالن کان زياده چندي جو بقايا ان جي ذمه هجي.
    (ب) مجلس شوريٰ جا 3/1ڀاڱي ميمبر يا جميعت الانصار ان کي ناپسند ڪري.

    مجلس شوريٰ
    (15) قاسم المعارف سنڌ جو سمورو بندوبست ۽ ان جي هر هڪ محڪمه جي نظرداري هڪ جماعت جي حوالي رهندي جنهن جو نالو مجلس شوريٰ آهي.
    (16) قاسم المعارف سنڌ جي سموري ملڪيت متحرڪ ۽ غيرمتحرڪ الجامعة القاسميه الديوبنديه جي زيردستي ۾ مجلس شوريٰ جي حوالي ۽ نظرداري هيٺ رهندي ۽ مجلس شوريٰ هلندڙ وقت جي قانونن جي پابندي سان ان جي ذميدار هوندي.
    (17) قاسم المعارف سنڌ جي مجلس شوريٰ ۾ 99 ميمبر رهندا، اُنهن مان 33 الجامعة القاسميه مقرر ڪندي. 33 جميعت الانصار پنهنجن ميمبرن مان چونڊ ڪندي ۽ 33 عام ميمبرن جي طرفان چونڊ ٿيندا ۽ مجلس شوريٰ جا جيترا ميمبر چونڊ کان اڳ جميعت الانصار ۾ شامل نه هوندا انهن جو جميعت جي قانون 106 موجب معاون مقرر ٿيڻ ضروري آهي.
    (18) مجلس شوريٰ جو نصاب (ڪورم) ميمبرن جو 3/1حصو رهندو.
    (19) شروع ۾ مجلس شوريٰ جي ميمبرن منجهان 3/1 حصو ميمبر هڪ سال لاءِ ۽ 4/1 حصو ميمبر ٻن سالن لاءِ ۽ 3/1 حصو ميمبر 3 سالن لاءِ چونڊ ٿيندا ۽ آئنده سڀ ڪنهن سال جي پوري ٿيڻ تي 4/1 حصو ميمبرن جو ٽن سالن لاءِ چونڊ ٿيندو رهندو.
    (20) مجلس شوريٰ جو ميمبر ميمبري جي مدت پوري ٿيڻ تي ٻيهر ميمبر ٿي سگهي ٿو.
    (21) مجلس شوريٰ جو ميمبر ميمبريءَ جي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ جيڪڏهن
    (الف) استعيفا ڏي يا
    (ب) ان جي ذمه هڪ سال کان وڌيڪ مدت جو مجلس جو چندو رهيل هجي يا
    (ج) مجلس شوريٰ جي ميمبرن يا الجامعة القاسميه جي راءِ ۾ ان جو شامل هجڻ مجلس جي مطلبن جي برخلاف هجي ته ميمبريءَ کان ڪڍي ڇڏيل سمجهيو ويندو.
    (22) قاسم المعارف سنڌ جو ناظم مدرسه عاليه ڪراچي جو مهتمم پنهنجي عهدي جي ڪري الجامعة القاسميه جي طرف کان ۽ سڀ ڪنهن مدرسه ثانويه جا مهتمم ۽ قاسم المعارف جا سڀئي نائب ناظم ۽ مدرسه عاليه جا سڀيئي نائب مهتمم پنهنجي عهدن جي ڪري جميعت الانصار جي طرف کان مجلس شوريٰ جا ميمبر ٿيندا.
    (23) مجلس شوريٰ پنهنجن ميمبرن منجهان ٽن سالن واسطي هڪ صدر ۽ ٻه نائب صدر ۽ هڪ ناظم ۽ هڪ نائب ناظم اول ۽ هيٺين ستن مجلسن لاءِ ست نائب ناظم مقرر ڪندي. ناظم هميشه الجامعة القاسميه جي مقرر ڪيل جماعت مان هوندو. اڳوڻا عهديدار ٻيهر چونڊجي سگهندا.
    (24) سڀيئي فيصلا گهڻن راين موجب ٿيندا ۽ صدر جي راءِ هلندڙ رواج موجب ٻن جي برابر ٿيندي.
    (25) مجلس شوريٰ جا فيصلا منظوري واسطي الجامعة القاسميه ڏانهن موڪلڻا ٿيندا، الجامعة لاچاري حالتن کان سواءِ مجلس شوريٰ جي گهڻن راين سان ٿيل فيصلا منظور ڪندي رهندي.
    (26) مجلس شوريٰ جا ميمبر جڏهن شوريٰ واسطي گهرايا وڃن تڏهن انهن کي مسافريءَ جو خرچ ڏنو ويندو.
    (27) مجلس شوريٰ مسلمانن جي ڪنهن به معزز (عزت، ديني هجي يا دنيوي) ميمبر کي پنهنجو مربي ٺهرائي سگهي ٿي. مربي عام ماڻهن (پبلڪ) ۽ گورنمينٽ جي تسليٰ هجڻ جي سبب ٿيندا. مربي پنهنجي تسليٰ ڪرڻ لاءِ مجلس جي ڪنهن به معاملي بابت لاڳاپو رکندڙ ڪيفيت گهري سگهن ٿا. جيڪڏهن ڪوئي ڪم اعتراض جوڳو نظر اچي ته مجلس شوريٰ کي خبردار ڪري سگهن ٿا. پر مجلس شوريٰ انهيءَ صلاح تي عمل ڪرڻ جي واسطي ٻڌل نه آهي. پر جن سببن جي ڪري عمل ڪرڻ ۾ نه اچي سي تفصيل وار ظاهر ڪيا ويندا.
    (28) جيڪڏهن موقعي تي مجلس شوريٰ جا ميمبر 99 کان گهٽ ٿي وڃن ته ضرور ٿيندو ته پهرين ڪاميٽي ۾ انهيءَ کوٽ جي پورائي ڪندا. ۽ انهيءَ عرصي ۾ باقي رهيل ميمبر سڀ فرض ادا ڪندا ۽ اختياريون عمل ۾ آڻي سگهندا. شروع مجلس شوريٰ جي مقرر ڪرڻ جي وقت توڻي جميعت الانصار جا اُهي ميمبر ۽ معاون، جي سنڌ ۾ رهن ٿا سي هن مجلس ۾ قائم مقام رهندا.
    (29) مجلس شوريٰ جي ڪميٽي سالياني آمدني ۽ خرچ جي تخميني منظور ڪرڻ واسطي پهريون ڀيرو مهيني شوال ۽ ٻيو ڀيرو عام ميمبرن کان راين گهرائڻ کان پوءِ ذي الحج ۾ ضرور گڏ ٿيندي ۽ سڀيئي ضروري حڪم انهن اجلاسن ۾ فيصلا ٿيندا رهندا.

    تشريح
    هٿ هيٺ واريون مجلسون آمدني ۽ خرچ جو ساليانو تخمينو شعبان مهيني ۾ تيار ڪري ناظم ڏانهن موڪلينديون، جو ناظم پنهنجي راءِ سميت رمضان جي پهرين ڏهي ۾ سڀني اهل شوريٰ ڏانهن موڪليندو. شوال ۾ مجلس شوريٰ گڏ ٿي اهو پهرين ڀيري منظور ڪندي. ان کان پوءِ سڀني ميمبرن قاسم المعارف ڏانهن موڪليو ويندو. ذي الحج جي پهرين ڏهي ۾ مجلس شوريٰ ۾ ميمبرن جي راءِ ملڻ تي وري ٻي نظر ڪندي. ان کان پوءِ الجامعة القاسميه الديوبنديه ڏانهن موڪليوويندو. جتان 25 ذي الحج جي اندر منظور ٿي موٽي ايندو.
    (30) جيڪڏهن الجامعة القاسميه ذي الحج ۾ مجلس شوريٰ جو رٿيل تخمينو (بجيٽ) سڌار ڪندي ته جيستائين الجامعة جي حڪم تي عمل ڪرڻ ناممڪن هجي تيستائين جيڪي خرچ ٿين سي الجامعة پاڻ تي کڻندي.
    (31) الجامعة القاسميه الديوبنديه جڏهن قاسم المعارف سنڌ جي آمدني ۽ خرچ جو تخمينو منظور ڪندي، تڏهن جميعت الانصار جي قانون 103 موجب جيتري کوٽ رهجي ويندي تنهن کي پنهنجي خزاني مان پورو ڪندي.
    (32) جيڪڏهن سال جي اندر ناظم ضرور سمجهي ۽ ڏهه ميمبر ان جي تائيد ڪن ته الجامعة القاسميه جي اجازت سان هڪ مهيني جي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ تي مجلس شوريٰ گڏ ٿي سگهي ٿي.

    قاسم المعارف سنڌ جي هٿ هيٺ مجلسون ۽ عهدا
    (33) مجلس شوريٰ جي هٿ هيٺ قاسم المعارف سنڌ جي معاملن هلائڻ لاءِ ست ڪاميٽيون هيٺين کاتن بابت جدا جدا قائم ٿينديون:
    (الف) ادارة المدرسته العاليه
    (ب) ادارة المدارس
    (ج) ادارة المڪاتب
    (د) ادارة المؤتمر
    (هه) ادارة المڪتبت
    (و) ادارة التعمير
    (ز) ادارة المال
    (34) (الف) ادارة المدرسه العاليه، مدرسه عاليه ڪراچي ۽ ان سان تعلق رکندڙ بورڊنگ هائوس جو بندوبست ڪندي.
    (ب) ادارة المدارس سنڌ جي هر هڪ ضلعي ۽ رياست خيرپور ۾ سيڪنڊري تعليم جا مدرسا ۽ تعلقن ۾ ابتدائي تعليم جا مدرسا قائم ڪندي.
    (ج) ادارة المڪاتب محلن جي مسجدن ۽ ننڍن ڳوٺن ۾ ابتدائي مڪتب ۽ وڏن ڳوٺن ۾ سيڪنڊري تعليم جا مڪتب قائم ڪندي.
    (د) ادارة المؤتمر جي ذمه مؤتمر الانصار جي ٺهراون کي سنڌ ۾ جاري ڪرڻ ۽ جميعت الانصار جي ٻين کاتن جو جيتريقدر انهي ملڪ سان لاڳاپو هجي ان جو انتظام ڪرڻو آهي.
    (هه) ادارة المڪتبت جو ڪم مدرسه عاليه ۽ مدرسن ۽ مڪتبن لاءِ ڪتب خانو گڏ ڪرڻو آهي.
    (و) ادارة التعمير جي قاسم المعارف سنڌ جي هٿ هيٺ جيتريون مجلسون ۽ مدرسا هوندا اُنهن لاءِ عمارتون موجود ڪري ڏيڻ (پنهنجيون عمارتون ٺهرائڻ يا مسواڙ تي وٺڻ) ٿيندو.
    (ز) ادارة المال کي قاسم المعارف جي سڀني آمدني جي رقمن جي وصول ڪرڻ ۽ هر هڪ محڪمه جي خرچ جو انتظام رکڻو پوندو.
    (35) اُنهن ستن ئي ادارتن جو بندوبست ۽ جوڙجڪ هن طرح ڪيو ويندو جو:
    (الف) مجلس شوريٰ هر هڪ ادارة جي واسطي نائب ناظم، جو پنهنجي کاتي جو ناظم هوندو اهل شوريٰ مان چونڊيندي.
    (ب) مجلس شوريٰ هرهڪ ادارة جي واسطي 10 ميمبر مقرر ڪندي جن جو اهل شوريٰ مان هئڻ هروڀرو ضروري نه آهي.
    (ج) هر هڪ ادارة جا ميمبر 3 سالن جي مدت لاءِ پنهنجو صدر ۽ نائب صدر چونڊيندا.
    (د) هر هڪ ادارة جي ڪورم واسطي ميمبرن جي مقرر تعداد جو 3/1 ڀاڱو هوندو.
    (و) دفتر جي ذميداري لاءِ هرهڪ ادارة مددگار ناظم ۽ محرر موجود ڪندي.
    (36) هر هڪ ادارة پنهنجي آمدني ۽ خرچ جو تخمينو (بجيٽ) پاڻ تيار ڪري ادارة المال ۾ پيش ڪندي. ادارة المال کي ان ۾ دست اندازي ڪرڻ جو اختيار رهندو. ناظم ادارة المال جي تصديق ڪيل تخمينو اهل شوريٰ ۽ قاسم المعارف سنڌ جي قانون 29 موجب پيش ڪندو.
    (37) ناظم کان سواءِ ڪوبه ميمبر 2 کان وڌيڪ ادارتن جو ميمبر ٿي نه سگهندو.
    (38) هٿ هيٺ وارين مجلسن ۽ نائب ناظم جي اختيارين جي حد مجلس شوريٰ سڀ ڪنهن ٽن سالن جي مدت لاءِ مقرر ڪندي رهندي.
    ناظم
    (39) قاسم المعارف سنڌ ۽ ان جي هٿ هيٺ سڀني مجلسن جا سڀ نوڪر ناظم قاسم المعارف سنڌ جي هٿ هيٺ رهندا.
    (40) ناظم عام ڪمن جو ذميدار ۽ هٿ هيٺ وارين مجلسن جي نظرداري ڪندو رهندو.
    (41) ناظم کي دفتر جي ذميداري لاءِ هڪ نائب ناظم (جو ضرورت جي وقت ناظم جو قائم مقام رهندو) ۽ ٻه مددگار ناظم ڏنا ويندا.
    (42) ناظم قاعدن قانونن جي پابندي سان مجلس شوريٰ جو پورو قائم مقام ڄاتو ويندو تنهن ڪري عدالت جون سڀئي ڪارروايون ناظم جي نالي سان ٿينديون.
    (43) ناظم کي قاعدي موجب عام خاص مختيار هڪ يا وڌيڪ رکڻ جو اختيار رهندو.
    (44) ناظم جي ڪم ڇڏڻ جو اثر مختيارن جي اختيارين تي ڪجهه به نه پوندو.
    (45) ناظم جي اختيارين جي حد 3 سالن لاءِ مجلس شوريٰ مقرر ڪندي رهندي.
    (46) قاسم المعارف سنڌ جا سڀيئي عهديدار پگهار کڻندا بلڪ اهل شوريٰ جي لاءِ به پگهار مقرر ڪئي ويندي.
    دفتر
    (47) دفتر ۾ سڀ ڪنهن کاتي ۽ سڀ ڪنهن ادارة جي تفصيل وار آمدني ۽ خرچ جا عام رجسٽر ۽ سڀيئي لکپڙهون ۽ عام ميمبرن ۽ منتظمن ۽ نوڪرن ۽ مربين جون فهرستون ۽ سڀني مجلسن جون ڪارروايون هميشه لاءِ سنڀالي رکبيون.

    دارالرشاد جو سلسلو
    (48) دارالعلوم ديوبند جون جيتريون شاخون مدرسن ۽ مڪتبن جي صورت ۾ سنڌ منجهه قائم ٿينديون انهيءَ ساري سلسلي جو نالو دارالرشاد رکيو ويندو.


    مدرسه عاليه (دارالرشاد) ڪراچي
    (49) سنڌ جو هيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ دارالعلوم ديوبند جي متعلق هڪ مدرسه عاليه رهندو، جنهن ۾ دارالتڪميل ديوبند جي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جيتري قدر تعليم ضروري آهي اوتري پوري ڪرائي ويندي. ان کان سواءِ طب، هنر، واپار ۽ پوک جي تعليم جو به بندوبست ڪيو ويندو.
    (50) مدرسه عاليه ڪراچي ۾ علمن ۽ هنرن جا ڌار ڌار ٻه کاتا ٿيندا:
    (51) علمي کاتي ۾:
    (الف) مدرسه عاليه ديوبند جي خاص مذهبي عربي تعليم.
    (ب) ديوبند جي سنه 1283هه واري ٺهرايل عربي جي مقرر انداز پڙهائيءَ سان گڏ انگريزي.
    (ج) نئين عربي سان گڏ انگريزي.
    (د) انگريزي تعليم ورتلن لاءِ عربي
    (هه) عربي پڙهيلن لاءِ انگريزي
    (و) خاص انگريزي سائنس سميت

    هنرن جي کاتي ۾
    (ز) مدرسه طبية (طب)
    (ح) مدرسه صنعتيه (هنري)
    (ط) مدرسه تجارتيه (سوداگري)
    (ي) مدرسه زرعيه (پوک)
    ڪل 10 شاخون رهنديون

    تعليم جو مقرر انداز
    (52) مدرسه عاليه جي شاخ (الف) ۾ هيٺيان تفصيل وارا ڪتاب 8 سالن ۾ پڙهايا ويندا:
    گلستان، بوستان پڙهيل طالب علم هن ڀاڱي ۾ داخل ٿي سگهي ٿو. شروعات ۾ قرآن جو ترجمو ۽ لکڻ پڙهڻ جو استعمال ۽ حساب ڪرڻ سڀني طالب علمن جي ذمي رهندو. عام طرح درجن ٺاهڻ جي ڪوشش رهندي پر سڀڪو ڪتاب ڌار به پڙهي سگهجي ٿو.

    پهريون سال
    ميزان منشعب-شرح ماته عامل
    صرف مير- پنج گنج مصباح- هدايت النحو
    دستور المبتدي-الياث جي قال اقول
    زرادي مراح الارواح-مرقات ميزان منطق
    مقول اڪبري-نحومير- ماته عامل
    تهذيب

    ٻيو سال
    شافيه مفيد الطالبين-شرح جامي- مير قطبي- سلم الطوم
    نفحت اليمن- منيته المصلي- قدوري
    ڪافيه- شرح تهذيب- قطبي- اصول الشاشي

    ٽيون سال
    عروص المفتاح- تلخيص المفتاح
    مقامات حريري- مختصر معاني
    تصورات ملامبين- ملاحسن
    مير زاهد رساله- غلام يحيٰ
    ڪنزالدقائق
    شرح وقاية

    چوٿون سال
    ديوان متنبي- عبدالعلي- مير زاهد رساله- ملاجلال
    سبعه معلقه- مير زاهد- ملاجلال
    مطول- عبدالعلي
    رشيديه ميبذي- نورالانوار
    شرح عقائد- حسامي
    خيالي- خلاصة الحساب


    پنجون سال
    حماسه- نخبته الفڪر حمدالله سراجي
    تاريخ يميني مشڪواة قاضي هداية جلد اول

    ڇهون سال
    جلالين هداية ثاني توضيح تلويح طحاوي
    مدارڪ مسلم الثبوت بيضاوي در مختار

    ستون سال
    صدرا مير زاهد اقليدس
    شمس بازغه عبدالعلي مساحت
    شرح موافق امور عامه جبرو مقابله تصريح شرح چغميني- سبع شداد

    اٺون سال
    موطا امام مالڪ ابن ماجه نساني
    موطا امام محمد ترمذي مسلم
    شمائل ترمذي ابوداؤد بخاري شريف
    ۽ مدرسه عاليه جي شاخ (ب) ۾ هيٺين تفصيل وارا ڪتاب 10 سالن ۾ پورا ٿيندا. انهيءَ ڀاڱي ۾ سڀ ڪنهن سال جي جماعت ڌار ڌار ٿيندي ۽ چار درجا سنڌي يا اردو پڙهي ان ۾ شامل ٿي سگهي ٿو.

    پهريون سال
    ميزان منشعب تدريب الطلاب- 3/1 عم
    صرف مير اربعين نودي- پهريون ڪتاب انگريزي

    ٻيو سال
    دستورالببتدي- شرح مانه درايته الادب- ترجمواهم 4/3 عم
    2/1 عمدة الاحڪام
    ٻيو ڪتاب انگريزي

    ٽيون سال
    هداية النحو- ايساغوجي منية المصلي- مراح الارواح-
    اڌ عمدة الاحڪما
    سلم الادب ترجمه 3 پاره
    ٽيون ڪتاب انگريزي

    چوٿون سال
    ڪافيه- تهذيب قدوري- منتخبات عربيه جلستان
    6 منزل قرآن شريف اڌبلوغ المرام چوٿون ڪتاب انگريزي

    پنجون سال
    اڌ شرح ملا- شرح تهذيب ڪليله منه اصول شاشي
    ابوالعتاهيه 4 منزل قرآن شريف اڌ بلوغ المرام
    پنجون سال انگريزي

    ڇهون سال
    اڌ شرح ملا- اڌ شرح وقاية قطبي- مير قطبي- نورالانوار
    پنجون حصو مقامات حريري سبته معلقه
    1-2 منزل قرآن شريف موطا امام محمد
    ڇهون ڪتاب انگريزي

    ستون سال
    ميبذي- شرح عقائد سراجي- متبني مصابيح السنته
    الفوزالڪبير ستون ڪتاب انگريزي

    اٺون سال
    جلالين- مشڪوة يميني- توضيح تلويح سائينس

    نائون سال
    هداية- ابو داؤد نسائي- ترمذي سائينس
    ڏهون سال
    بيضاوي- موطا صحيح بخاري صحيح مسلم

    سائنس
    شاخ (ج) ۾ انگريزي سان گڏ مصر ۽ شام جي اسلامي يونيورسٽيءَ جا نوان ٺهرايل ڪتاب پڙهايا ويندا ۽ شاخ (د) ۾ مدرسي ثانويه جيتري عربي 3 سالن ۾ ۽ شاخ (هه) ۾ انٽرنس تائين انگريزي 3 سالن ۾ پڙهائي ويندي. (و) ۾ انگريزي هاءِ اسڪول ۽ سائنس ڪاليج جي پيروي ڪئي ويندي.
    باقي شاخن جي پڙهائي جو انداز جڏهن انهن کاتن جي جاري ڪرڻ جو وقت ايندو تڏهن ٺهرايو ويندو.
    (53) الف ڀاڱي جي تعليم جي مقرر انداز ۾ ڦيرگهير ڪرڻ جو اختيار فقط الجامعته القاسميه کي هوندو. حصي ب جي پڙهائيءَ جي انداز ۾ جميعت الانصار الجامعة القاسميه جي منظوريءَ سان ڦيرگهير ڪندي رهندي. حصه (ج، د، هه ۽ و) جي پڙهائي جو انداز مقرر ڪرڻ قاسم المعارف سنڌ جي وس ۾ رهندو مگر الجامعت القاسميه کان منظوري ضرور وٺڻي پوندي.
    (54) مدرسه عاليه ۽ ان جي شاخن جا نوڪر دارالعلوم ديوبند جي طرف کان جميعت الانصار جي قانون 115 موجب پينشن وٺڻ جا حقدار ٿيندا.
    (55) مدرسه عاليه ۽ ان جي شاخن جا امتحان جميعت الانصار جي قانون 114 موجب دارالعلوم ديوبند جي طرف کان ٿيندا رهندا.
    (56) مدرسه عاليه ۽ ان جي دارالاقامه جي متعلق بندوبست جي قانونن ٺاهڻ جو حق ادارة المدرسه العاليه کي هوندو.

    مدرسه عاليه جون شاخون
    (57) مدرسه ثانيه (جنهن ۾ مدرسه عاليه جي شاخ (الف) جي 6 سالن ۽ شاخ (ب) جي 7 سالن ۽ شاخ (و) جي 5 سالن جي تعليم ٿيندي.) هر هڪ ضلعي ۽ خيرپور ميرس ۾ قائم ٿيندو.
    (58) مدرسه ابتدائيه (جنهن ۾ مدرسه عاليه جي شاخ (الف) جي 2 سالن واري ۽ شاخ (ب) جي 4 سالن واري ۽ شاخ (و) جي ٻن سالن واري تعليم هوندي) هر هڪ تعلقه ۾ قائم ڪيو ويندو.
    (59) مدرسه ثانويه ڪنهن اهڙي شهر ۾ جو ضلعي جو هيڊڪوارٽر نه هجي ۽ مدرسه ابتدائيه ڪنهن اهڙي ڳوٺ ۾ جو تعلقه هيڊڪوارٽر نه هجي اتي جي مسلمانن جي خواهش موجب قائم ٿي سگهي ٿو.
    (60) مدرسه ابتدائيه ۽ ثانويه سان گڏ هڪ دارالاخبار ۽ مدرسه ليليه (جتي ڌنڌي وارن ماڻهن کي دين جون ضروري ڳالهيون ۽ قرآن شريف جو ترجمو سيکاريو ويندو) قائم ڪرڻ ۾ ايندو.
    (61) مدرسه ابتدائيه ۽ ثانويه جي لاءِ انتظامي قانون ادارة المدارس ٺاهيندي.
    (62) ادارة المدارس جي طرف کان نائب ممتحن مقرر ٿيندو جو سڀ ڪنهن 3 سماهي ۾ پنهنجو گشت پورو ڪري سگهندو.

    مڪتب (اسڪول)
    (63) (الف) ادارة المڪاتب سان تعلق رکندڙن اوائلي مڪتبن ۾ قرآن شريف ۽ سنڌي چوٿين درجي تائين پڙهائي ويندي ۽ ان سان گڏ چار مذهبي رسالا پڻ پڙهائبا.
    (ب) هيءُ مڪتب زنانا ۽ مردانا ڌار ڌار رهندا.
    (ج) انهن مڪتبن ۾ 6 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار وٺڻ ۾ نه ايندا.
    (د) هي مڪتب ٻارن جي مسجدن ۽ ڳوٺن ۾ جڏهن اتي جا مسلمان خرچ جو ضروري انداز گڏ ڪري پهچائيندا تڏهن قائم ٿيندا.
    (هه) اُنهن مڪتبن سان گڏ مڪاني ضرورتن سارو هڪ هنري ڪلاس به کوليو ويندو.
    (و) تعليم جي مدت 4 ورهين کان وڌيڪ نه ٿيندي.
    (ز) اُنهن مڪتبن جو نظرداري ڪندڙ ادارة المڪاتب جي طرف کان هڪ ممتحن رکڻ ۾ ايندو جو سڀ ڪنهن مهيني ۾ هڪ ڀيرو ڏسي سگهندو.
    (ح) ادارة المڪاتب جو فرض ٿيندو جو انهن ڪمن جو ضرور خيال رکي جو جيڪڏهن پرائمري تعليم لازمي ٺهرائي وڃي ته اُهي مڪتب پرائمري اسڪولن جي درجي تي قبول ڪري سگهجن.
    (ط) ادارة المڪاتب جي ڪوشش رهندي ته جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر مسلمانن جو ڪو ٻار هن تعليم کان خالي نه رهي.
    (ي) جيستائين اُنهن مڪتبن سان گڏ يتيم خانا ٺهن تيستائين ادارة تي فرض آهي ته يتيمن جي رهڻ جو بندوبست آسودن مسلمانن جي گهرن ۾ ڪري.
    (64) (الف) ادارة المڪاتب جي متعلق ثانويه مڪتبن ۾ اردوءَ جا چار ڪتاب، فارسي جا چار ڪتاب، قرآن شريف جو ترجمو، آلجبرا مساحت اُقليدس جو پهريون ڪتاب، دنيا جي جاگرافي ۽ اسلام جي تاريخ پڙهائي ويندي.
    (ب) تعليم جي مدت 4 سال ٿيندي.
    (ج) ثانويه مڪتب ۾ اُهي شاگرد داخل ٿي سگهندا جي اوائلي مڪتبن جي تعليم کان واندا ٿيندا يا ڪنهن سرڪاري اسڪول ۾ 4 درجي تائين پڙهي چڪا هوندا.
    (د) جي ڪنهن سرڪاري اسڪول جو پڙهيل شاگرد داخل ٿئي ۽ اُن قرآن شريف اڃا نه پڙهيو هجي ته کيس قرآن شريف پڙهڻ ضروري ٿيندو.
    (هه) هڪ ابتدائي هنري مدرسو ثانيه مڪتبن سان گڏ رهندو.
    (و) ادارة المڪتب جي طرف کان هڪ ممتحن، جو اُنهن مڪتبن جي نظرداري ڪري سو مقرر ٿيندو.
    (ز) وڏن ڳوٺن ۾ جتي ضروري خرچ گڏ ٿي سگهندا اُتي مڪتب ثانويه قائم ڪيا ويندا.
    (ح) مڪتبن ثانويه سان گڏ مڪتب ليليه (جن ۾ نماز جي ترتيب ۽ ضروري مسئلا ۽ ابتدائي حساب سيکاريو ويندو.) قائم ٿيندا.
    (65) مڪتبن ۾ ڏينهن جي تعليم جا ڇهه گهنٽه ٿيندا، جنهن مان هڪ حصو هنري تعليم ۾ ويندو.
    (66) مڪتب جي انتظامي قانونن ٺاهڻ جو حق ادارة المڪاتب کي هوندو.

    ادارة المؤتمر
    (67) مؤتمر الانصار ۾ جيتريون رٿون منظور ٿيون يا ٿينديون، تن کي سنڌ ۾ جاري ڪرڻ ادارة المؤتمر جو ڪم هوندو. مرڪزي مدرسه عاليه ديوبند يا دارالعلوم ديوبند جون جيتريون خدمتون جميعت الانصار جي طرفان سنڌ تي جاري ٿينديون تن جي تعميل به ادارة المؤتمر جي ذمي رهندي.
    (تشريح)
    مؤتمر الانصار جي رٿن جي ياداشت
    رٿ پهرين
    انگريزي مدرسن ۾ مسلمانن شاگردن جي مذهبي تعليم ۽ انهن جي دارالاقامة ۾ مذهبي تربيت جي لاءِ جيڪي جميعت الانصار جا ميمبر ۽ مددگار وقف ٿين تن جي ضرورتن جي جميعت پورائي ڪري.

    رٿ ٻي
    هر هڪ انگريزي مدرسه (اسڪول ۽ ڪاليج) ۾ گهٽ کان گهٽ في صدي 25 اهڙا شاگرد هجن جن جي ٻي زبان عربي هجي ته انهن جي لاءِ جميعت انعامي اسڪالر شپون جاري ڪري ۽ بندوبست ۽ سهوليت پيدا ڪرڻ لاءِ لائق استاد موجود ڪري.

    رٿ ٽين
    اهڙا منتهي طالب علم (گريجوئيٽ يا انڊر گريجوئيٽ) جن جي ٻي زبان عربي هجي تن لاءِ مدرسه عاليه ديوبند ۾ ديني تعليم جو خاص انتظام هجي ۽ جميعت 30 يا 40 روپيا ماهوار جي اسڪالرشپ جاري ڪري.

    رٿ چوٿين
    جميعت مدرسه عاليه ديوبند ۾ ٻن سالن لاءِ هڪ اهڙي جماعت کولي جا قرآن شريف تي اسلام جي مخالفن جي اعتراضن جو جواب ڏيئي سگهي ۽ جيترا ڪتاب هن وقت تائين انهيءَ بابت لکجي رهيا آهن سي انهن جي مطالع هيٺ هجن ۽ انهن کي 10 کان 20 روپين تائين اسڪالرشپ ڏني وڃي.

    رٿ پنجين
    مسجدن جي بندوبست ۾ جنهن هنڌ ڪٿي ضرورت هجي ۽ اُتي جا مسلمان جميعت کان گهرن ته جميعت انهن لاءِ لائق عالم امامت ۽ واعظ جي لاءِ موجود ڪري ڏئي.

    رٿ ڇهين
    جميعت پنهنجن ميمبرن ۽ مددگارن ۾ اميد رکي ٿي ته قرآن شريف ۽ ٻين ديني ڪتابن جي ڇاپائڻ ۽ واپار ۾ مسلمانن کي ٻين قومن جو محتاج رهڻ نه ڏيندا.

    رٿ ستين
    جميعت اهڙا ننڍا ننڍا ڪتاب گهڻا مفت پڌرا ڪندي جن ۾ اسلامي عقائد جي تعليم ۽ آرين ۽ٻين معترضن جي جوابن ۽ گورنمينٽ جي وفاداري جون هدايتون هونديون.

    رٿ اٺين
    دارالتڪميل ديوبند مان جيترا به اهل ڪمال نڪرن سي جيڪڏهن مددگار دارالعلوم جا شرط الجامعة القاسميه وارا ٺهرايل پورا ڪندا ته جميعت انهن کي پگهار ڏيندي رهندي، جنهن جو تعداد پنجويهن روپين کان هڪ سو روپين ماهوار تائين هوندو. جيترا اهل فضل هن وقت تائين دارالعلوم سان لاڳاپي رکندرن مدرسن عاليه مان پيدا ٿيا آهن اُهي الجامعه جي چونڊ تي انهيءَ وظيفي ملڻ جا حقدار ٿي سگهن ٿا.

    رٿ نائين
    جيترا گريجوئيٽ رٿ نمبر 3 جي موجب حديث شريف کان فارغ ٿي دارالتڪميل ۾ داخل ٿيندا تن کي جميعت چئن سالن تائين گهٽ کان گهٽ (50) روپيا ماهوار وظيفو ڏيندي ۽ انهن کي وجهه (موقعو) ڏنو ويندو ته عربي ايم اي پاس ڪري وٺن.

    رٿ ڏهين
    درجي تڪميل جا فارغ ٿيل فاضل ۽ گريجوئيٽ جيڪڏهن دارالعلوم جي خدمت لاءِ وقف ٿين ته ڪن فنن جي تڪميل واسطي ڌارين ملڪن ۾ ٻن سالن لاءِ موڪليا ويندا ۽ جميعت انهن کي ويهه پائونڊ (ٽي سو روپيا) جي حساب سان مسافري جي خرچ کان سواءِ وظيفو ڏيندي.

    رٿ يارهين
    دارالعلوم جي مقصد جي پورائي تي قاسم المعارف جي وسيلي سان جميعت مڪتب ۽ ڌار ڌار قسمن جا مدرسا قائم ڪندي. رڳو اسلام جي پڌرائي لاءِ هندستان ۽ ٻين ملڪن واسطي واعظ مقرر ڪندي.

    رٿ ٻارهين
    مدرسن ۽ ڪاميٽين سان گڏ جميعت، اسلامي دارالاخبار ۽ رات جا مدرسا قائم ڪندي.

    رٿ تيرهين
    جميعت پنهنجن مقصدن جي پڌرائيءِ لاءِ هڪ اردو اخبار به جاري ڪندي جنهن جو نالو الانصار ٿيندو، ان جو ضميمو عربي ۽ انگريزيءَ ۾ پڌرو ڪبو ۽ گهرج آهر ٻين ٻولين ۾ به ان جا ضميما ٿي سگهندا.

    رٿ چوڏهين
    جميعت الانصار ۽ ان سان تعلق رکندڙ مدرسن ۽ مڪتبن ۽ ڪاميٽين جي نوڪرن کي باقاعدي اضافا ۽ پينشن ڏني ويندي.

    ادارة المڪتبه
    (68) ادارة المڪتبه جو فرض ٿيندو ته مدرسه عاليه ڪراچي ۾ هڪ اهڙو ڪتب خانه قائم ڪري جنهن ۾ ملڪ جي مسلمانن جي پراڻي علم جون گڏ ڪيل موڙيون حفاظت ۾ رهي سگهن ۽ اُن سان گڏ دارالمطالع ۽ دارالتصنيف ٺاهين جتي علم وارا آسانيءَ سان رهي سگهن.
    (69) ادارة المڪتبه تمام وڏي درجي جو دارالاخبار مدرسه عاليه ڪراچي ۾ قائم ڪري جنهن ۾ سڀني زبانن جون چڱيون اخبارون ۽ رسالا ۽ اسلامي ملڪن جون ترڪي، عربي، فارسي اخبارون ۽ هندستان جون سڀئي اسلامي اخبارون اينديون رهن.
    (70) مدرسه ثانويه ۽ ابتدائيه سان گڏ هڪ اهڙو ڪتب خانو قائم ڪرڻ جنهن ۾ عام طرح استادن جون ضرورتون پوريون ٿين سو پڻ ادارة المڪتبه جي ذمي رهندو.
    (71) سلسلي دارالرشاد لاءِ سڀيئي ڪتاب ۽ تعليمي سامان (شاگردن جي ڪم آڻڻ لاءِ بهاتي) گڏ ڪري پهچائڻ ادارة المڪتبه جي فرض ۾ داخل ٿيندو. قاسم المعارف سنڌ جي متعلق سڀني مدرسن ۽ مڪتبن ۾ ادارت المڪتبه جا موجود ڪيل ڪتاب ۽ سامان ئي ڪم ۾ آڻبو.
    (72) ڪتب خانن جي متعلق بندوبست جا قانون ادارة المڪتبه ٺاهيندي.

    ادارة التعمير
    (73) سڀني مدرسن ۽ مڪتبن لاءِ جايون ملڪيت ڪيل يا اڌاريون ورتل يا ڪرائي تي ورتل موجود ڪرڻ کان سواءِ ادارة التعمير جو فرض آهي ته مدرسه عاليه ۽ مدرسه ثانويه سان گڏ ايتري قدر عمارتن جو سلسلو جاري ڪري جو انهن جي ڪرائي مان انهن مدرسن جو ضروري خرچ پيدا ڪري سگهي.
    (74) قاسم المعارف يا سلسله دارالرشاد جي متعلق جيتري قدر زرعي زمين وقف ٿي ملي يا ڪرائي تي ملي ان جو بندوبست به ادارة التعمير جي ذمه رهندو.

    ادارة المال
    (75) ادارة المال سڀني مڪتبن (اوليه ۽ ثانويه) ۽ سڀني مدرسن (اوليه ۽ ثانويه) جي سموري موڙي مان پنجون حصو وٺي، اڌ مدرسه عاليه ڪراچي کي ۽ اڌ دارالعلوم ديوبند کي ڏيندي رهندي.
    (76) ادارة المال مدرسه عاليه ڪراچي جي آمدني جو ڏهون حصو دارالعلوم ۾ ڏيندي رهندي.
    (77) قاسم المعارف سنڌ جي متعلق جيتري قدر هنر، واپار ۽ پوک وغيره جا ڪارخانا هجن تن سڀني ۾ دارالعلوم ديوبند ڏهين ڀاڱي جو حصيدار رهندو. ادارة المال سڀني جي موڙيءَ جو ڏهون حصو ۽ وري نفع جو ڏهون حصو دارالعلوم ديوبند ۾ ڏيندي.
    (78) قاسم المعارف سنڌ جي عام چندي جو اڌ مدرسه عاليه ڪراچي ۾ خرچ ٿيندو ۽ باقي اڌ مان هر هڪ ادارة کي سندس ضرورتن آهر حصو ملندو رهندو پر انهيءَ مان گهٽائڻ يا وڌائڻ جو اختيار ادارة المال کي رهندو.
    (79) قاسم المعارف سنڌ کي جيتري قدر خاص مطلبن لاءِ چندو ملي ان جو انهيءَ خرچ ۾ ڪم آڻڻ ادارة المال جو فرض رهندو.
    (80) قاسم المعارف سنڌ جا روپيا ادارة المال ڪنهن شخص يا جماعت کي قرض ڏيئي نه سگهندي پر هڪ ادارة ٻئي ادارة کان قرض وٺي سگهي ٿي.
    (81) قاسم المعارف سنڌ جي متعلق اول شوريٰ کي وظيفن ڏيڻ ۽ نوڪرن ۽ بندوبست ڪندڙن جي پگهارن ۽ اضافن ڏيڻ ۽ پينشن سان لاڳاپي رکندڙن بابت قانونن ٺاهڻ جو حق ادارة المال کي رهندو.

    قاسم المعارف سنڌ جي قانونن ۾ ڦيرگهير ڪرڻ يا اُنهن جو رد ڪرڻ
    (82) قانون نمبر 1، 2 ، 7، 8، 9، 10، 11، 16، 17، 21، 22، 23، 25، 28، 29، 30، 31، 32، 52، 53، 54، 66، 74، 75، ۽ 76 انهن پنجويهن قانونن ۾ جيتري قدر گورنمينٽ يا الجامعة القاسميه الديوبنديه يا جمعيته الانصار يا عام ميمبرن جي لاءِ جي حق قبول ڪيا ويا هجن سي ڪڏهن به ڦري نه سگهندا. ان کان سواءِ باقي سڀيئي قانون الجامعة القاسيمه جي منظوري سان اهل شوريٰ ڦيري گهيري ۽ رد ڪري سگهندا.
    وآخرين ان ان الحمدلله رب العالمين-

    ڪراچي ذي الحج سن 1329هه
    عبيدالله
    ناظم جمعيت الانصار ديوبند ۽ قاسم المعارف سنڌ


    انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ انڊين مسلم ليگ

    هندستاني قوم جي ان حصي کي ڇڏي جيڪي مڪمل آزاديءَ جي خيال کان هيٺ نٿا لهن، باقي اڪثر آبادي، برٽش گورنمينٽ سان گڏيل عمل جي حامي آهي.
    ڪامل آزاديءَ جو صحيح خيال رکڻ وارا هندستاني، شروعات ۾ صرف مسلمانن جي هڪڙي جماعت هئا، جيڪا مجاهدين آزادي ۽ استقلال هند جي پيروڪار آهي. اها شهادت يا آزاديءَ جي وچ ۾ ڪائي ٻي تجويز نه ٿي ڪري. جهاد ۽ استقلال ۾ شڪست کائڻ تي انهن مان بقيه السيف وري مناسب وقت جي پروگرام مطابق تياري ۾ مصروف رهندا هئا. ان ڪوشش کي جاري رکڻ لاءِ جيڪڏهن انهن کي گورنمينٽ سان وفاداريءَ جي اقرار ۽ اظهار جي ضرورت پوندي هئي ته هو جماعت جي مرڪزي فيصلي مطابق ڪشمڪش جي حالت ۾ شرعي حڪمن تي قياس ڪري وفاداريءَ جي فتويٰ ڏيندا هئا. اهو ڪم گهڻو ڪري پريس ۾ نه ڇپبو هو.
    دراصل ان جماعت جا ٻه مرڪز هئا: (1)دهلي، (2) عظيم آباد. دهليءَ کان ديوبند پيدا ٿيو ۽ عظيم آبادي ياغستان پهتا. ان جنگ ۾ جڏهن ديوبندي ڪابل پهتا ته سڀ ملي ويا. ان ۾ هندو آزادي پسند به افغان حڪومت جي اجازت سان شامل ٿي ويا. پوءِ ڪابل صرف ان جماعت جو مڪمل مرڪز بڻجي ويو. هي ماڻهو اصل ۾ ڪابل کي هندستان ۽ دهليءَ جو مرڪز ثانوي مڃيندا هئا.
    ڪجهه عرصي کان پوءِ هندو سوسائٽيءَ ۾ يورپين تعليم ڦهلجڻ لڳي، ان ڪري انهن تي قومي هستيءَ جو احساس غالب اچڻ لڳو ۽ هندو نوجوانن ۾ ڪامل آزاديءَ جا جو ذهن ۽ نظريو پيدا ٿيو. (ان کان سواءِ) انهن نوجوانن جي سياسي تربيت انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ ٿيڻ لڳي. بنگال ۽ مهاراشٽر جا قابل استاد انهن جا رهنما هئا.
    ان جو اثر يو پي، مدراس ۽ پنجاب ۾پکڙيو ۽ پوءِ ڪانگريس ۾ هڪ اڪسٽريمسٽ پارٽي پيدا ٿي. بنگال جو ورهاڱو منسوخ ڪرائڻ ۾ ان جماعت ڪافي جهاد ڪيو ۽ ڪامياب ٿي. گورنمينٽ هندستان کي اصلاحات ڏيڻ جو فيصلو ڪيو، اهو سڀ جو سڀ ڪانگريس جي ان تيز رفتار گروپ جي محنت جو نتيجو هو.
    ان موقعي تي برٽش گورنمينٽ سان وفاداريءَ جو عهد ڪرڻ وارا هندستاني مسلمان جن جو مرڪز علي ڳڙهه ڪاليج هو (جهڙيءَ طرح هندستاني مسلمان جهاد پسند جو مرڪز ديوبند هو) اڳتي وڌيا ۽ اصلاحات ۾ مسلمانن جو حق هندن جي برابر هجڻ جا دعويداربڻيا.
    عليڳڙهه پارٽي پهرئين وائسراءِ وٽ وفد وٺي ويئي ۽ پوءِ ان وفد کي انڊين مسلم ليگ جي شڪل ۾ منظم ڪيو. انگريزن مسلم ليگ کي نيشنل ڪانگريس جي برابر ته ڇا مڃيو، انهن اڪسٽريمسٽ ڪانگريس جي خلاف برٽش گورنمينٽ جي تائيد جو هڪ محاذ بڻايو ۽ ان جي سگهه کي تحريڪ آزاديءَ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو.
    ترڪي سرڪار مسلمانن جي مذهبي مرڪز جي نمائنده هئي. نوجوان ترڪ، جرمن سان دوستي رکڻ ۾ اتحاد اسلام جي پروپيگنڊا، هندستاني مسلمانن ۾ انگلستان جي مرڪز کان ڦهلائن ٿا، ان سان به مسلم ليگ ۾ انگريزن کان متنفر گروپ پيدا ٿي پيو. هي هندستاني مسلمانن جو نئون حصو آهي، جيڪو آزادي ۽ استقلال جو حامي آهي. ان جو مرڪز پهريائين عليڳڙهه (جامع مليه) پوءِ دهلي منتقل ٿي ويو، نه هتي ديوبند پارٽي ان نوجوان پارٽي سان گڏجي دهليءَ ۾ آزادي پسندمسلمانن جي تنظيم بڻائي، ان جو تعلق بظاهر ترڪي ۽ خلافت سان وڌيڪ هو. هي نوجوان مسلم جي ذهنيت جو اثر هو، جيڪو سڀني تي غالب اچي ويو ته ديوبند پارٽي سواءِ آزاديءَ جي ٻيو ڪوبه مقصد نه رکندي هئي. هوءَ پنهنجي مقصد کي پورو ڪرڻ ۾ ترڪيءَ سان هڪ قسم جو تعلق رکندي هئي. مگر پنهنجي مرڪزي طاقت ڪنهن به حالت ۾ ان جي سپرد ڪرڻ جي قائل نه هئي.
    ديوبند پارٽي ڪابل گورنمينٽ ۽ سرحدي افغاني قومن کي پنهنجي هندستاني تحريڪ جو ٻيو مرڪز مڃيندي آهي. ترڪيءَ جي شڪست جو هندستان ۾ مسلمانن تي ڏاڍو گهرو اثر پيو، انهن جي ڪابل واري مرڪز پنهنجي تحريڪ کي ختم ته نه ڪيو، بلڪ ديوبند پارٽيءَ جي توسط سان افغانستان جي هڪ هلڪي جنگ انگريزي حڪومت سان ٿي پئي. ان جي پڄاڻيءَ تي هندستاني مسلمانن جي دهليءَ واري مرڪز ۾ هڪ طوفان کڙو ٿي پيو. ڪانگريس جو هڪ تيز رفتار گروپ انهن سان شامل ٿي پيو. هاڻي هڪ خالص آزادي پسند جماعت پهريون دفعو ظاهر ٿي، جيڪا پهريائين ڪابل ۾ ٺهي چڪي هئي.
    ڪجهه مدت اُميد ۽ آسري ۾ گذري. ترڪيءَ ۾ نئين جمهوريت خلافت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. هندستاني مسلمان نوجوانن جو ڪجهه حصو مايوس ٿي ويو، جن ۾ هندستان جي آزادي جو خيال مستحڪم نه هو. نه انهن کي ڪو اهڙو پروگرام ئي سمجهه ۾ پئي آيو، جنهن وسيلي هندو اڪثريت جي غلبي کان محفوظ رهي سگهن.
    ان جي ابتڙ مسلمانن جو جهاد پسند طبقو يا ديوبند پارٽي تحريڪ آزاديءَ کي لڳاتار هلائڻ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي. پنهنجي نوجوان گروپ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هڪ پروگرام به تجويز ڪيو، پر ان کي عليڳڙهه جي پراڻي ذهنيت رکڻ وارا هضم نه ڪري سگهيا، انڪري ان ۾ موثر حرڪت پيدا نه ٿي سگهي.
    ديوبند جا رهنما حڪيم اجمل خان، ڊاڪٽر انصاري، مولانا ڪفايت الله، مولانا حسين احمد مدني، جيڪو مولانا شيخ الهند ڏانهن نسبت رکي ٿو، ڪانگريس ۾ شامل رهيا ۽ هميشه منفي اثرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، آخر نئون اصلاحي دور آيو. ان وقت مسلمانن جو ڪافي حصو ڪانگريس کي ڇڏي چڪو هو.
    ديوبند پارٽيءَ جي مرڪزي جماعت ۽ ان جي اول درجي جا ساٿي، جيڪي مسلمانن جي اقليت واري حيثيت رکندڙ هئا، سي ڪانگريس ۾ ئي رهيا.
    اصلاح جو عمل 1935ع وارو ايڪٽ نافذ ٿيڻ شروع ٿيو. هندستان جي يارنهن صوبن مان ستن تي ڪانگريس جي حڪومت رهي. بنگال، آسام، پنجاب ۽ سنڌ ۾ مخلوط حڪومت قائم ٿي، جنهن ۾ اڪثريت مسلمانن جي هئي. آهستي آهستي اُهي حڪومتون مسلم ليگ ۾ نالي ماتر شامل ٿيڻ لڳيون.
    مسلمان عام طور اعتراض ڪن ٿا ته ڪانگريسي صوبن ۾ هندو مهاسڀا جا ماڻهو پنهنجو پروگرام هلائي رهيا آهن، جيڪي مسلمانن جي، قومي، مذهبي ۽ سياسي وجود جا بلڪل مخالف آهن، ان ڪري مسلمانن کي ڪانگريس کان جدا رهڻ گهرجي.
    جيستائين اسان جي سمجهه ۽ سياسي واقفيت مدد ڏئي سگهي آهي، اسان ان اعتراض کي صحيح مڃون ٿا ۽ انهن صوبن جي ڪانگريس ۽ هندو مهاسڀا جي اتحاد ٿيڻ کي حقيقت تسليم ڪري سگهون ٿا، پر اسان وٽ ان عمل کي روڪڻ جي ڪا طاقت ڪانهي. نه برطانيه حڪومت ان معاملي ۾ مسلمانن جي مدد ڪندي نه مسلمانن جي اقليت ڪانگريس يا مهاسڀا کي مجبور ڪري سگهندي.
    اسان جي نظر ۾ ان جو جواب اهو هجڻ گهرجي ها ته جن صوبن ۾ مسلمانن جي گهڻائي آهي، جيئن پنجاب ۽ بنگال، اتي مسلمانن جو ڪانگريس جي صوبي وار نظام تي قبضو هئڻ گهربو هو ۽ انهن صوبن ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس اهڙيءَ طرح متحد ٿي وڃن، جيئن هندو سڀا ۽ ڪانگريس يارنهن صوبن ۾ متحد ٿي سگهن ٿيون.
    مقصد هي آهي، ته صوبه سرحد ۽ سنڌ ۾ اسان جي تخيل جو نمونو موجود ٿي وڃي. پر عليڳڙهه پارٽيءَ جي دل ۾ انگريزن سان وفاداري ۽ هندن سان نفرت ۽ گڏوگڏ هندستان ۾ علي ڳڙهه پارٽي جي ڊڪٽيٽرشپ (انگريزن جي امداد سان) ايتري قدر اثر پيدا ڪري چڪي آهي، جو اها هندستان ۾ پنهنجو استقلالي وجود ۽ ان جو تخيل فنا ڪري چڪي آهي ۽ ان جو ظاهري سبب هي به آهي ته اُهي پنهنجي مرڪز ۾ هندو اڪثريت جو مقابلو نٿا ڪري سگهن، ان ڪري هو يوپي ۾ پنهنجي مرڪزي قوت بحال رکڻ لاءِ هميشه برٽش طاقت طرف ڏسن ٿا. اِها حالت مسلمان هندستاني نوجوان لاءِ جذام ۽ تپ دق آهي، جنهن کان هن کي جلد شفا حاصل ڪرڻ گهرجي. بلڪه مسلمانن کي ان ناپاڪ مرڪز کان نجات حاصل ڪرڻ خاطر هڪ جهاد ڪرڻو پوندو.
    اڄڪلهه هندستاني مسلمانن جي آزادي پسند جماعت، اشتراڪي خيالن ڏانهن لاڙو رکي ٿي، ۽ ڇاڪاڻ ته امام ولي الله دهلويءَ جو فلسفو ان جي تائيد ڪري ٿو، جيڪو هندستاني مسلمانن جو پهريون باب آهي. ان ڪري هو امام ولي الله دهلويءَ جي اشتراڪيت کي اسلام جو مخالف نٿا سمجهن ۽ ڪانگريس جو سوشلسٽ گروپ ان جي تائيد ڪري ٿو. مسلم ليگ اڄڪلهه ان اشتراڪيت واري مسلمان کي فنا ڪرڻ لاءِ جهاد ڪري ٿي ۽ سموريون رجعت پسند طاقتون ان جي مدد ڪن ٿيون. جيڪڏهن خدا کي منظور آهي ته امام ولي الله جو اتباع غالب ۽ سوڀارو ٿيندو.
    ويجهڙائي ۾ مسلمانن جي ان آزادي پسند جماعت جو اڳواڻ مولانا محمد بن قاسم ديوبندي آهي.
    اللهم ار ناالحق حقاً وارزقنا اتباعه –
    11 جمادي الثاني 1357هه – 7 آگسٽ 938 هندي


    هندستاني يونيورسٽي ڪابل جو دستورالعمل

    (1919ع ۾ جڏهن سردار امان الله خان افغانستان جو امير ٿيو ته هندستان جي انقلابين (جن ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا برڪت الله ڀوپالي، راجا مهندر پرتاپ ۽ ٻيا شامل هئا). کي پنهنجي وطن جي آزادي لاءِ افغان سرزمين تي منصوبه بندي ڪندي چئن سالن جو عرصو گذري چڪو هو. آخرڪار سردار امان الله پنهنجي سپه سالار کي حڪم ڏنو. اهڙي طرح 27 مئي 1919ع تي ٺل جي قلعي تي حملو ٿيو. اڃا قلعو فتح ٿيو ئي ڪونه هو ته انگريزن جنگ بندي ۽ صلح جو اظهار ڪيو. اهڙي طرح 8 آگسٽ 1919ع راولپنڊيءَ ۾ صلح نامو مڪمل ٿيو جنهن جي توثيق دير سان ٿيڻي هئي. ان جا امڪانات روشن هيا ته هندستان جي برطانوي حڪومت افغانستان جي خود مختياري تسليم ڪندي ۽ آئينده تعلقات برابريءَ جي بنياد تي قائم ٿيندا. ان صورتحال ۾ افغانستان کي پنهنجو بنيادي مسئلو يعني خودمختياري جو تسليم ٿيڻ حل ٿيندو نظر آيو ۽ انهيءَ لاءِ ئي حڪومت انقلابين سان گڏ جنگ ۾ حصو ورتو هو. صورتحال بدلجڻ سان ئي هندستاني ۽ انقلابين سان افغان حڪومت جو عملي تعاون ختم ٿي ويو فقط زباني همدردي باقي رهجي وئي. ان سرد مهريءَ واري صورتحال ۾ مولانا سنڌي پنهنجي لاءِ ٻيو ميدان عمل تلاش ڪيو پاڻ جيئن ته ديني علمن ۽ مشرقي زبانن جا بلند مرتبي جا عالم، ديوبند جا تعليم يافته ۽ شيخ الهند جا تربيت يافته هئا، افغانستان ۽ هنسدتان وچ ۾ مستقل فڪري ۽ ذهني هم آهنگي پيدا ڪرڻ خاطر هڪ هندستاني يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان جو دستورالعمل جوڙي حڪومت جي منظور حاصل ڪرڻ لاءِ خارجي امور جي وزير سردار محمد بيگ طرزي جي حوالي ڪيو. هي منصوبو تذبذب جو شڪار رهيو. مولانا جي خواهش تي سردار محمد نادر خان پنهنجي علائقي قلعي علي آباد ۾ هڪ مدرسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني. اهڙي طرح مولانا پهريائين فقط هندستاني زبان (اردو) سيکارڻ جي لاءِ مدرسو قائم ڪيو. خيال اهو هو ته شاگردن کي زبان تي عبور حاصل ٿي وڃي ته ان کي تعليم جو ذريعو بنائي مضمون پڙهايا وڃن. سردار محمد نادر خان مدرسي جي خرچن جو ڪفيل هو. مدرسو سال ڏيڍ ڪاميابيءَ سان هلندو رهيو. 22-1921ع ۾ سردار نادر خان جي علائقي جي آمدنيءَ ۾ گهٽتائيءَ ٿي پئي جنهن ڪري هو پوريءَ طرح امدا ڏيڻ کان قاصر رهيو. مولانا سنڌيءَ رحه خوشي محمد جي ذريعي ڪابل ۾ روس جي مقرر ٿيل سفير رشيولينڪوف (Rusholinikov) کان مالي مدد حاصل ڪئي. انهن مالي پريشانين جي ڪري صورتحال هيءَ ٿي جو مدرسو بند ٿي ويو.
    مدرسي جي بند ٿيڻ کان پوءِ مولانا سنڌي سردار طرزيءَ تي لاڳيتو دٻاءَ وجهندا رهيا ته سردار امان الله خان کان هندستاني يونيورسٽيءَ جي ٺاهڻ جي منظوري حاصل ڪري، امير سياسي مصلحتن جي ڪري مسئلي کي ٽاريندو رهيو. اصل ۾ هو انقلابين جي افغانستان ۾ هجڻ کي سياسي حربي طور استعمال ڪري رهيو هو ته جيئن انگريز مستقل معاهدو ڪري افغانستان جي خودمختاري قبول ڪن. اهڙيءَ طرح 22 نومبر 1922ع تي معاهدي تي صحيح ٿي وئي. ڪابل جي امير جو هي مطالبو مڃيو ويو ته افغانستان هڪ آزاد ۽ خودمختار ملڪ سمجهيو ويندو ان جي عيوض امير انگريزن جي ڳالهه مڃي ورتي ته افغانستان جي حڪومت انقلابين جي سرپرستيءَ تان هٿ کڻي وڃي. معاهدي کان پوءِ انگريزن کي ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪائڻ لاءِ انقلابين جي ضرورت باقي نه رهي، ان ڪري امير سردار طرزيءَ جي ذريعي مولانا سنڌي جي هندستاني يونيورسٽيءَ جي منصوبي کي ڪنهن سبب ٻڌائڻ کان سواءِ رد ڪري ڇڏيو.
    جيتوڻيڪ مولانا سنڌي ؓ جو يونيورسٽي ٺاهڻ جو خواب عمل ۾ نه اچي سگهيو پر انهن يونيورسٽي جو جيڪو دستورالعمل ٺاهيو هو ان جي تاريخي اهميت جو انڪار به نه ٿو ڪري سگهجي. هي دستاويز گهڻي وقت تائين نامعلوم رهيو. ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ جي مهربانيءَ سان منظرعام تي آيو آهي. سندس بيان آهي ته دستورالعمل جي انگريزيءَ ۾ ٽائيپ ٿيل هڪ ڪاپي شيخ بشير احمد جي هٿ آئي. موصوف مولانا جي جلاوطني ختم ڪري واپس اچڻ کانپوءِ سندن سيڪريٽريءَ جي طور تي ڪم ڪندو رهيو. ڊاڪٽر محمد حاجن شيخ ان کان حاصل ڪري ان کي پنهنجي انگريزي ڪتاب مولانا عبيدالله سنڌي اي ريووليشنري اسڪالر (Sindhi Revolutionary Scholar Maulana Ubaidullah) ۾ شامل ڪيو. ان جو ترجمو هيٺ ڏنو ٿو وڃي. سنڌيڪار)

    هندستاني يونيورسٽيءَ ڪابل جو دستورالعمل
    (1) هي هندستاني يونيورسٽي ڪابل جو بنيادي قانون آهي.
    (2) هندستاني يونيورسٽيءَ ڪابل المغازي افغانستان هز ميجسٽي امير امان الله خان جي سرپرستيءَ ۾ قائم ڪئي وئي آهي.
    (الف) هن قانون جو نفاذ يونيورسٽيءَ جي ٺاهڻ لاءِ جاري ٿيندڙ شاهي فرمان جي جاري ٿيڻ واري تاريخ سان ٿيندو.
    (ب) هز ميجسٽي امير افغانستان کي يونيورسٽيءَ جي سرپرست هجڻ جو اعزاز بخشيو ويندو.

    عام مقصد
    (3) هندستاني يونيورسٽي عالمي نوعيت جو هڪ اهڙو ادارو هوندو جو رنگ، نسل، قوميت جي فرق کان سواءِ سڀني عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم جو انتظام ڪندو ۽ سائنس ۽ آرٽس جي ترقيءَ جو سبب بڻجندو. گويا انساني دنيا جي ارتقائي عمل ۾ هر ممڪن طريقي سان جاکوڙيندو رهندو.

    خصوصي مقاصد
    (4) (الف) هندستاني زبان (اردو/ هندي) کي تعليم جو ذريعو بڻائڻ.
    (ب) آرٽس ۽ سائنس جي تعليم جو انتظام رهائشي طورتي ڪرڻ.
    (ج) پري پري جي مردن ۽ عورتن کي خطن يا سفري استادن جي ذريعي تعليم ڏيڻ.
    (د) غريب شاگردن لاءِ تعليم شروع ڪرڻ ۽ جاري رکڻ لاءِ ضروري امداد ڪرڻ.
    (هه) هندستان جي نوجوانن کي اتان جي اهم مذهبن اسلام يا هندومت جي تعليم ڏيڻ.
    (ز) آرٽس ۽ سائنس جي اهم ڪتابن جا ترجما ڪرائڻ
    (ح) آرٽس ۽ سائنس جي ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ يونيورسٽي پريس قائم ڪرڻ.
    (ط) يونيورسٽيءَ جي اغراض ۽ مقاصد جي تشهير لاءِ جنرل پمفليٽ ۽ اخبارون جاري ڪرڻ.
    (ي) آرٽس ۽ سائنس جي شاگردن کان ڪنهن قسم جو معاوضو نه وٺڻ.

    طريقه ڪار
    (5) مذڪوره مقصدن جي حصول لاءِ هندستاني يونيورسٽي:
    (الف) سڄي دنيا کان چندو وصول ڪندي.
    (ب) دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان ماهر ۽ قابل پروفيسرن جون خدمتون حاصل ڪندي.
    (ج) مختلف درجن جا تعليمي ادارا مثلاً ڪاليج، پرائمري اسڪول، سيڪنڊري اسڪول قائم ڪندي.
    (د) دنيا جي جيڪا به يونيورسٽي هندستاني يونيورسٽيءَ سان هم آهنگ هوندي ان سان انهن ادارن جو الحاق ڪندي.
    (ح) دنيا ۾ ايجنٽ ۽ وفد موڪليندي.

    مالي وسيلا
    (6) يونيورسٽي انهن سڀني ماڻهن کان جيڪي تعليم جي واڌاري جا حامي آهن، انهن جي هر قسم جي تحفن ۽ چندن جي ڀليڪار ڪندي ڀلي کڻي اهي ڪيترا به معمولي ڇو نه هجن. ان سان ڪوبه غرض نه هوندو ته چندو ٿوري رقم جو آهي يا گهڻي رقم جو.
    (7) هندستاني يونيورسٽيءَ کي مناسب طريقي سان شروع ڪرڻ لاءِ ٻه سؤ هزار پائونڊ گهربا ۽ ان کي معياري طريقي سان هلائڻ لاءِ هڪ ملين پائونڊ کان گهٽ ڪونه گهربا.
    (8) يونيورسٽيءَ جون سموريون رقمون افغانستان جي شاهي خزاني ۾ امانت جي طور تي (ٽرسٽ) جمع ٿيندو.
    (9) هندستاني يونيورسٽي هلائڻ لاءِ ٻه تنظيمون (Bodies) يعني يونيورسٽي فائونڊيشن ڪميٽي ۽ فيلوز (Fellows) هونديون ۽ يونيورسٽي فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ميمبرن جو تعداد 20 هوندو جيڪا قانوني، مالياتي ۽ انتظامي ڪنٽرول ڪندي. يونيورسٽي جي فيلوز جو تعداد هڪ سؤ هوندو جن جي حيثيت فائونڊيشنل ڪميٽيءَ جي صلاحڪارن جي هوندي.
    (10) يونيورسٽي فائونڊيشن ڪاميٽي جي ڪم جي مدت ڪاليج جي ٺهڻ جي تاريخ کان پنج سال هوندي.
    (11) پنجن سالن کان پوءِ ڪاميٽي ٽٽي پوندي ۽ سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ان جي جڳهه وٺندا، جيڪي يونيورسٽي جي سڀن ڪمن جا ذميدار هوندا.
    (الف) سينيٽ کي يونيورسٽيءَ جي سڀني قانوني ۽ مالياتي ڪمن تي پورو اختيار هوندو ۽ سينڊيڪيٽ جي ڪم جي نگراني ڪندو.
    (ب) انتظامي اختيارن جي معاملي ۾ سينڊيڪيٽ سينيٽ جي تابع هوندي.
    (12) سينيٽ هيٺين پنجن اسيمبلين جي نمائندن تي مشتمل هوندي، هي اسيمبليون فائونڊيشن ڪميٽي جي ڪم جي مدت دوران وجود ۾ اچي وينديون: (1) يونيورسٽي جا باني (2) فيلوز (3) پروفيسر (4) يونيورسٽي گريجوئيٽ (5) يونيورسٽي جا ملازم.
    (13) سينڊيڪيٽ جي ميمبرن جي چونڊ سينيٽ ڪندو.
    (14) فائونڊيشن ڪميٽي ٽٽڻ کان پهريائين سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ جي قائم ڪرڻ جا اصول متعين ڪندي ۽ ان جي ڪارڪردگيءَ جا قاعدا جوڙيندي.
    (15) فائونڊيشن ڪميٽي جي 20 رڪنن مان ٽي چوٿايون هندستاني هوندا باقي افغاني جن جو تقرر افغان حڪومت ڪندي. ڪميٽي پنهنجي رڪنن ۾ انهيءَ تناسب سان اضافو ڪري سگهندي پر تعداد ۾ گهٽتائي ڪنهن به صورت ۾ نٿي ڪري سگهي.
    (16) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جو هر رڪن هيٺئين قسم نامي مطابق صحيح ڪندو:
    ”مان خدا مطلق ۽ برتر ۽ ڪتاب مقدس (قرآن) جو قسم کڻي عهد ڪيان ٿو ته مان افغانستان ۽ هندستان جي ڀلائي لاءِ پنهنجي سٺين صلاحيتن کي ڪم ۾ آڻيندس ۽ انهن ٻنهي ملڪن جي پاڻ ۾ رشتن جي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو رهندس. مان افغانستان جي سياست ۾ ڪنهن به طرح ملوث نه ٿيندس.“
    (17) ڪميٽيءَ جي هندستاني ميمبرن ۾ نو (9) اهي هوندا جيڪي ڪابل ۾ رهندڙ آهن باقي ڇهه هندستان جي علمي حلقن مان چونڊي آندا ويندا.
    (18) رڪنيت جي مدد دوران سمورا ميمبر دارالحڪومت (ڪابل) ۾ رهندا. جيڪڏهن ڪو ميمبر ڇهن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين دارالحڪومت (ڪابل) کان ٻاهر رهندو ته ڪميٽي ان کي هٽائڻ جي مجاز هوندي سواءِ ان جي جو يونيورسٽيءَ ان کي ڪنهن خاص ڪم لاءِ مقرر ڪيو هجي.
    (19) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ڪنهن ميمبر جي انتقال، استعيفا يا هٽائڻ جي صورت ۾ فائونڊيشن ڪميٽيءَ جا باني ميمبر ان جي جاءِ تي نئون ميمبر چونڊي سگهندا. فائونڊيشن ڪميٽي جي انهن رڪنن کي جن کي افغانستان جي حڪومت مقرر ڪيو هجي حڪومت جڏهن گهري پنهنجي پاليسيءَ مطابق هٽائي سگهندي.
    (20) ڪم پوري ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن ڪميٽيءَ کي صدر،سيڪريٽري، مالياتي سيڪريٽري، چانسلر ۽ رجسٽرار جي ضرورت پوندي، ان ڪري هوءَ رڪنن مان هڪ صدر، هڪ نائب صدر چونڊيندي. نائب صدر چانسلر جي حيثيت سان ڪم ڪندو. هڪ سيڪريٽريءَ ۽ هڪ نائب سيڪريٽري به چونڊيندي جيڪي رجسٽرار ۽ مالياتي سيڪريٽريءَ جا فرائض پورا ڪندا.
    (21) ڪميٽيءَ جا عهدا هندستاني ۽ افغاني رڪنن لاءِ سواءِ فرق جي کليل رهندا.
    (22) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ڪم جي مدت دوران انهن ڇهن عهدن لاءِ ٻه ڀيرا چونڊ ٿيندي.
    پهرئين چونڊ ابتدائي قسم جي ڪم جاري ڪرڻ لاءِ ٿيندي جيڪا پهرئين ڪاليج ٺهڻ تائين هوندي.
    ٻي چونڊ پهرئين ڪاليج قائم ٿيڻ کان پوءِ فائونڊيشن ڪميٽي جي ٽٽڻ تائين يعني پنجن سالن تائين هوندي. انهيءَ چونڊ جي ذريعي مستقبل جي چانسلر ۽ رجسٽرار جو تقرر ٿيندو. ان ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هوندي ته هڪ ئي ماڻهو ٻه ڀيرا ڪنهن عهدي لاءِ چونڊجي وڃي.
    (23) صدر، سيڪريٽري ۽ مالياتي سيڪريٽري اعزازي طور ڪم ڪندا. نائب صدر ۽ مالياتي سيڪريٽريءَ جو نائب پگهاردار هوندا.
    (24) سڀ قانوني دستاويز جن کي فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي منظوري حاصل هجي صدر، سيڪريٽري ۽ چانسلر جي صحيحن سان جاري ٿيندا.
    (25) مالياتي ۽ انتظامي مامرن سان تعلق رکندڙ دستاويز جن کي فائونڊيشن ڪميٽي جي منظوري حاصل هجي سيڪريٽري جي صحيح سان جاري ٿيندا. فقط سيڪريٽري يونيورسٽيءَ جي ٺپي استعمال ڪرڻ جو مجاز هوندو.
    (26) فائونڊيشن ڪميٽي ۽ حڪومت جي خزاني جي وچ ۾ ڪاروباري لکت سيڪريٽري ۽ فنانس ڪنٽرول جي صحيحن سان ٿيندي.
    (27) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر ميٽنگ ۾ سيڪريٽري گذريل ڪارروائي جي پٺڀرائي ڪرائڻ کان پوءِ صدر کان ميٽنگ شروع ڪرڻ جي موڪل حاصل ڪندو.
    (28) غيرمعمولي خرچن مهيا ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن ڪميٽي وقت بوقت رقم مقرر ڪري خرچ ڪرڻ جو اختيار سيڪريٽريءَ کي ڏيندي.
    (29) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر مهيني ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميٽنگ ضرور ٿيندي.

    غيرمعمولي صورتحال ۾ هنگامي ميٽنگ
    (30) ڪنهن ميٽنگ ۾ صدر يا نائب صدر جي غير موجودگيءَ جي صورت ۾ موجود رڪن پاڻ مان ڪنهن کي به صدارت لاءِ چونڊي سگهندا.
    (31) فائونڊيشن ڪميٽيءَ ۾ سڀ قراردادون موجود رڪنن جي گهڻائي سان منظور ٿينديون.
    (32) فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ميٽنگ لاءِ ميمبرن جي ٽهائي يعني ستن رڪنن جو هجڻ ضروري هوندو.
    (33) ان بنيادي قانون ۾ وڌاءَ يا ان جي تشريح ۽ قانون جي منظوري لاءِ اڌ کان وڌيڪ يعني 12 رڪنن جو هجڻ ضروري هوندو.
    (34) بنيادي قانون جي ڪنهن حصي کي مٽائڻ يا ڪنهن رڪن کي هٽائڻ لاءِ پندرهن ميمبرن جي راءِ جو متفق هجڻ ضروري هوندو.

    فائونڊيشن ڪميٽي جا اختيار
    (35) فائونڊيشن ڪميٽي کي سڀ قانوني، مالياتي ۽ انتظامي اختيار حاصل هوندا. ان ڪري هو بنيادي قانون ۾ ترميم يا تنسيخ ڪري سگهندي پر هوءَ نه يونيورسٽيءَ جو نالو مٽائي سگهندي ۽ نه ان جي زبان جي ذريعي (اردو/ هندي) کي مٽائي سگهندي.
    فائونڊيشن ڪميٽي يونيورسٽيءَ جي نالي تي امداد حاصل ڪري سگهندي ۽ قرض وٺي سگهندي ۽ هوءَ يونيورسٽي جي اوقاف جي طور تي ڪم ڪندي، هو ٽرسٽ جا حساب مقرر ڪيل قاعدن هيٺ رکندي. تحفي ۽ ٽرسٽ (وقف) جي باري ۾ مقرر شرطن ۽ قاعدن ۾ مٽاسٽا نه ڪري سگهندي.
    (36) ڪميٽي پنهنجي قبضي ۾ ڏهه هزار رپيا رکندي باقي رقم افغانستان جي خزاني ۾ امانت طور تي گڏ ڪرائيندي.
    (37) فائونڊيشن ڪميٽي يونيورسٽي سان لاڳاپيل ادارن لاءِ نصاب مقرر ڪندي ۽ سائنس ۽ آرٽس جي ضمني شعبن لاءِ جدا جدا فيڪلٽيون قائم ڪندي.
    (38) ڪميٽي خاص وقت مطابق شاگردن جا امتحان ڪرائيندي ۽ سرٽيفڪيٽ، ڊپلوما ۽ ڊگريون جاري ڪندي.
    (39) ڪميٽي هندستان ۽ افغانستان جي تعليم يافته فردن ۽ يونيورسٽي جي غرضن ۽ مقصدن سان همدردي رکندڙن کي يونيورسٽي فيلوز ڪندي، ماهر ۽ قابل فيلوز کي اعزاز ڏيندي.
    (40) الحاق جا سڀ شرط پورا ڪندڙ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو الحاق ڪندي.
    (41) ڪميٽي ”هندستاني يونيورسٽي“ جي ڪارڪردگيءَ جي رپورٽ هر سال شايع ڪندي.

    هندستاني يونيورسٽيءَ جا فيلوز
    (42) فائونڊيشن ڪميٽي جي هر رڪن وانگر فيلوز لاءِ به ضروري ٿيندو ته هيٺئين قسم نامي تي صحيح ڪن.
    ”مان الله تعاليٰ ۽ پاڪ ڪتاب جو قسم ٿو کڻان ته هندستان ۽ افغانستان جو وقار بلند رکندس. مان هندستاني يونيورسٽيءَ جي اعليٰ انساني قدرن وارن مقصدن حاصل ڪرڻ لاءِ طاقت آهر ڪوشش ڪندس، مان افغانستان جي رياست جي حدن ۾ رهي اتان جي سياست ۾ حصو نه وٺندس.“
    (43) يونيورسٽي فيلوز جو تعداد هڪ سؤ هوندو جنهن جي چونڊ پنجن سالن لاءِ ٿيندي. فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي ختم ٿيڻ سان ان جي مدت پوري ٿيندي.
    (44) فائونڊيشن ڪميٽي سال ۾ هڪ ڀيرو فيلوز کي طلب ڪري سالياني رپورٽ پيش ڪندي. ان موقعي تي جيڪي تجويزون پيش ٿينديون انهن تي فائونڊيشن تفصيلي سوچ ويچار ڪندي.
    (45) يونيورسٽي جي انتظامي مامرن کي هلائڻ لاءِ فقط هڪ فيلو فائونڊيشن ڪميٽي سان گڏ ڪم ڪندو.
    (46) يونيورسٽيءَ جي تعليمي مامرن کي هلائڻ لاءِ ٻه شعبا داخلي ۽ خارجي هوندا. داخلي شعبو سڀني فيڪلٽين جي نگراني ڪندو جن ۾ ٽيڪنالوجي، دينيات، قانون، آرٽس، ميڊيڪل، ڪامرس ۽ زراعت جون فيڪلٽيون شامل هونديون. هي سڀ فيڪلٽيون چانسلر جي ماتحت هونديون. جيڪو شعبو خارجي امور جو ذميدار هوندو خارجي شعبو سڏيو ويندو.
    (47) جن ادارن ۾ شاگرد داخلا وٺندا اهي انهن جي رهائش گاهن ۾ رهندا. جيڪي رهائشگاهن ۾ نه رهندا اهي سفري استادن يا خاص طور تي مقرر استادن جي ذريعي تعليم حاصل ڪندا. ان قسم جي تعليم خارجي شعبي سان لاڳاپيل هوندي جنهن تي وائس چانسلر جو ڪنٽرول هوندو.
    (48) ٽيڪنيڪل فيڪلٽي هڪ ٽيڪنيڪل ڪاليج قائم ڪندي جنهن جو نالو راجا مهندر پرتاب جي بندرابن ۾ قائم ڪيل ”پريم مهاوديا“ جي نموني تي ”دارالمحبت“ هوندو. يونيورسٽي ان جي نالي کي مٽائي نه سگهندي.
    (49) دينيات فيڪلٽي هڪ ديني مدرسو قائم ڪندي جنهن جي تعليمي نصاب ۾ قرآن شريف، الفوزالڪبير، حجة الله البالغه لازمي طور تي شامل هوندا. ڪاليج جو نالو مولانا عبيدالله جي حيدرآباد ۾ قائم ڪيل ”دارالرشاد“ جي نالي تي هوندو.
    (50) قانون جي فيڪلٽي هڪ لا ڪاليج قائم ڪندي جنهن ۾ محمدي قانون جي تعليم پوري دنيا ۾ موجود بهترين تقابل سان ڏني ويندي.
    (51) آرٽس فيڪلٽي لسانيات جو هڪ ڪاليج قائم ڪندي جنهن ۾ اردو، هندي، افغاني (پشتو)، فارسي، ترڪي، عربي، ڀاشا، سنسڪرت، جرمن، انگريزي، روسي، يوناني ۽ لاطيني زبانون پڙهايون وينديون.
    (52) ميڊيڪل فيڪلٽي هڪ ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪندي.
    (53) ڪمرشل فيڪلٽيءَ هيٺ ”دهلي ڪابل سوڊيشي اسٽور“ جي نالي هڪ ڪاروباري ادارو قائم ڪندي.
    (54) زرعي فيڪلٽي هڪ زرعي ڪاليج قائم ڪندي.

    مذهب جي باري ۾ يونيورسٽيءَ جي پاليسي
    (55) يونيورسٽيءَ جي حدن ۾ هر فرد کي پنهنجي مذهب تي ڪاربند رهڻ ۽ ان جي طريقي مطابق عبادت ڪرڻ جي اجازت هوندي.

    حڪومت افغانستان سان يونيورسٽيءَ جو تعلق
    (56) افغانستان جو وزيرخارجه يونيورسٽيءَ جو نگران هوندو. هو ڏسندو ته يونيورسٽي افغان حڪومت جي پاليسيءَ جي خلاف ته ڪم نه ڪري رهي آهي.
    (57) جيڪڏهن هز ميجسٽي جي حضور ۾ وزيرخارجه هي ثابت ڪري ته فائونڊيشن ڪميٽي يا ڪا ٻي ڪميٽي افغان حڪومت جي پاليسين خلاف مسلسل ڪم ڪري رهي آهي ته شاهي فيصلي مطابق افغان حڪومت فائونڊيشن ڪميٽي يا ان ڪميٽيءَ جي ختم ڪرڻ جي مجاز هوندي ۽ يونيورسٽيءَ جي چارج وزير تعليم يا خصوصي طور تي مقرر وزير جي حوالي ڪندي. يونيورسٽي ايستائين حڪومت جي نگراني ۾ رهندي جيستائين فيلوز ڪابل ۾ گڏ ٿي يونيورسٽيءَ جي امور هلائڻ جي قابل نه ٿين. عارضي ڪنٽرول دوران افغانستان جي حڪومت يونيورسٽيءَ جو نالو يا ان جي تعليم جي ذريعي ۾ تبديلي ڪرڻ جي مجاز نه هوندي.
    (58) فائونڊيشن ڪميٽي ۾ افغان حڪومت جا مقرر ڪيل 5 رڪن هوندا. فائونڊيشن ڪميٽيءَ جي جڳهه جيڪا مئنيجنگ ڪميٽي وٺندي ان ۾ انهيءَ ئي تناسب سان افغان رڪن هوندا.
    (59) يونيورسٽيءَ جون رقمون، وزيرخارجه جي واسطي سان افغان خزاني ۾ جمع ڪرايون وينديون.
    (60) جيڪڏهن حڪومت يونيورسٽي جي معاملات جي نگراني لاءِ ڪنهن وزير جو تقرر ڪري ته ان کي اهي اختيار حاصل هوندا جيڪي وزيرخارجه کي حاصل آهن.
    (61) يونيورسٽي جا سڀ ڪاليج ۽ مدرسا افغان وزيرتعليم جي نگرانيءَ هيٺ هوندا.
    (الف) يونيورسٽيءَ افغانستان حڪومت جي حدن ۾ ڪوبه تعليمي ادارو ايستائين قائم نه ڪندي جيستائين ان جي پروگرام کي افغانستان حڪومت جي وزيرتعليم جي منظوري حاصل نه هجي.
    (ب‌) يونيورسٽيءَ جي قائم ڪيل ڪاليجن ۽ مدرسن جي معاملات ۾ وزيرتعليم جي احڪامات جي يونيورسٽي ان وقت پابند هوندي جڏهن هزميجسٽي انهن جي پٺڀرائي ڪئي هجي.


    منهنجا محسن ڪتاب

    منهنجا محسن
    اسان جي ڪجهه دوستن ”منهنجا محسن ڪتاب“ جو عنوان جوڙيو آهي ۽ ان تي مضمونن جو سلسلو شروع ڪرايو آهي.
    اسان جي خيالن ۾ انهن مضمونن جي اهميت تاريخ جي فلسفي سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو ان وقت وڌيڪ محسوس ڪندا، جڏهن کين نئين دور جي مسلمان مفڪرن جي حقيقت سمجهڻ ۽ سمجهائڻ لاءِ هندي مسلمانن جي ارتقائي فڪر جو مستقل نظريو بنائڻ جي ضرورت پيش ايندي. انهيءَ جي پيرويءَ ۾ اڄ اسين هن نئين عنوان تحت ٻه سٽون لکون ٿا.
    ”منهنجا محسن“ جي هيٺيان هر اهي شخص اچي سگهن ٿا، جن جي محبت انهيءَ شخص جي تربيت ۾ امتيازي حيثيت پيدا ڪئي هجي. ان ۾ ماءُ، پيءُ، استاد، مرشد، حڪمران سڀ اچي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان جا دوست پنهنجن ذهنن کي کولي پنهنجن محسنن جو تعارف ڪرائيندا جيئن:
    (1) پيءُ بنيادي فڪر پيدا ڪرڻ ۾
    (2) استاد علمي تحقيق جو ذوق پيدا ڪرڻ ۾
    (3) مرشد ۽ انبياء للّهيت (خلوص) ۽ بلند همت پيدا ڪرڻ ۾
    (4) حڪمران سياسي تجربن جو رستو کولڻ ۾.
    جيڪڏهن انهن جي محبت خاص فائدو پهچايو هجي ته اهي هڪ جهڙا ڳڻي سگهجن ٿا.
    جيڪڏهن اسان جا دوست پنهنجا ذهن کولي، پنهنجن محسنن جو تعارف ڪرائيندا ته ان سان اسان جي سوسائٽيءَ ۾ اجتماعي مرڪز پيدا ڪرڻ ۾ سولائي ٿيندي.

    منهنجا محسن ڪتاب
    سڀ کان پهريائين جنهن ڪتاب مون کي اسلام بابت صحيح ڄاڻ ڏني ۽ هندو سوسائٽيءَ ۾ رهندي آءٌ سورهن سالن کان پهريائين مسلمان ٿيس، اهو ڪتاب ”تحفة الهند“ آهي. تحفت الهند جي (منهنجي نالي ڀائي) مصنف هندو مذهب جي مشرڪاڻين رسمن کي نقل ڪرڻ کان پوءِ هندن جي طرفان هڪ اعتراض ڄاڻايو آهي ته مسلمانن ۾ به مشرڪاڻيون رسمون ۽ ريتون ڏٺيون وڃن ٿيون. ان جو مختصر نموني مصنف اهو جواب ڏنو آهي ته اسان هندو مذهب جي متعلق جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو انهن جي مستند مذهبي ڪتابن مان ورتل آهي پر ان جي جواب ۾ جو ڪجهه پيش ڪيو ٿو وڃي اهو اسلام جي مستند ڪتابن مان ورتل ناهي، بلڪ مسلمانن جا عمل ۽ رسمون آهن جن جو ذمو اسلام تي نه ٿو پوي ۽ قرآن ۽ حديث مان انهن جي ڪابه سند پيش نه ٿي ڪري سگهجي. ان وقت منهنجي ساٿيءَ جيڪو مون وانگر نئون مسلمان هو کي انهيءَ ڳالهه جي تحقيق ڪرڻ جو خيال آيو ته ڏسجي ته ڇا واقعي ئي اسلام جا مستند ڪتاب انهيءَ مسئلي تي بيداغ آهن ۽ انهن ۾ انهن ريتن رسمن جو ڪٿي ذڪر ڪونهي. انهيءَ موقعي تي اهڙي ڪتاب جي ضرورت هئي جنهن ۾ رڳو قرآن شريف ۽ حديث جي حوالي سان اسلامي توحيد جو بحث پيش ڪيو ويو هجي. خوشقسمتيءَ سان ”تحفة الهند“ کانپوءِ ٻيو ڪتاب جيڪو اسان کي هٿ آيو اهو شاهه اسماعيل شهيد جو ڪتاب ”تقوية الايمان“ هيو، جيڪو انهيءَ سوال جو تسلي بخش جواب هو. جنهن مان اسان کي پتو پئجي ويو ته اسلامي توحيد خالص آهي ۽ قرآن، حديث مسلمانن جي انهن عملن کان بلڪل پاڪ آهن.
    انهن ٻنهي ڪتابن مان اسلام جي باري ۾ اهڙو صحيح عقيدو پيدا ڪري سگهيو آهيان جو اڄ تائين شايد ان ۾ هڪ اکر جو به واڌارو نه ڪري سگهيو آهيان.
    ديوبند جي طالب علميءَ جي زماني کانپوءِ مولانا محمد قاسم نانوتويءَ رحه جو ڪتاب ”قبله نما“ مون لاءِ هڪ وڏي محسن شيءِ آهي. مون پنهنجي دل ۾ ته اهو اعتراض ڪڏهن ڪونه آندو هو ته بيت الله جي سجدي ۽ بت پرستيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ البت اهو اعتراض جڏهن منهنجي سامهون آيو ته منهنجي طبيعت پوريءَ طرح ان جي حل ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏنو. مون جڏهن ”قبله نما“ پڙهيو ته ڄڻ منهنجو سڄو بدن نئين ايماني نور سان ڀرجي ويو. ان جا ڪجهه چونڊ حصا اڄ تائين مان بيمثال سمجهندو آهيان. ان ڪتاب منهنجي ذهن ۾ هڪ ٻي تبديلي پڻ پيدا ڪئي. دانشمندي حاصل ڪرڻ لاءِ جن مصنفن جا ڪتاب مدرسن ۾ پڙهايا ويندا آهن، انهن مصنفن جو شاگردن تي هڪ خاص قسم جو اثر پوندو آهي ۽ انهن جي تحقيقن کي شاگرد اڻلڀ سمجهڻ لڳندو آهي جنهن کانپوءِ انهن جي تحقيقن جي روشنيءَ ۾ هو ڪتاب ۽ سنت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. مولانا محمد قاسم کي سندس ڪتاب ”قبله نما“ منجهان مون اهو سڃاتو هو ته علامه تفتازاني، مير سيد شريف ۽ ٻين اهڙن بزرگن کان هو تمام وڏو ماڻهو آهي. مولانا محمد قاسم جيڪڏهن انهن جي تحقيق کي نه ٿو مڃي ۽ پنهنجو مسلڪ ڌار ٿو مقرر ڪري ۽ پنهنجي مسلڪ جي پابنديءَ ۾ ايڏي وڏي ڏکئي مسئلي کي حل ٿو ڪري ڇڏي ته منهنجي خيال ۾ ته سندن مسلڪ تفتازانيءَ ۽ سيد شريف کان گهڻو مٿانهون، صاف ۽ صحيح آهي. اهي ئي جراثيم هئا جيڪي اڳتي هلي مون کي شاهه ولي الله صاحب تائين پهچائڻ جو سبب بنيا. جيڪڏهن مان انهن درسي ڪتابن جي مصنفن جي تقليد کان آجو نه هجان ها ته شاهه ولي الله کي ڪڏهن به پنهنجو امام نه مڃان ها.
    ان کانپوءِ منهنجي محسن ڪتابن منجهان ”حجة الله البالغه“ آهي، جنهن جي زور سان قرآن سمجهي سگهيس، فقهه سمجهي سگهيس. حجة الله کي مان هڪ مرڪزي حيثيت سان پنهنجو محبوب ڪتاب مڃان ٿو. هونئن ته شاهه صاحب جي هر سٽ منهنجي محسن آهي. حجة الله کان پوءِ شاهه صاحب جي ڪتابن مان الفوزالڪبير، فتح الرحمان (قرآن جو فارسي ترجمو) ۽ ”بدور بازغه“ جي تمام گهڻي اهميت منهنجي ذهن ۾ موجود آهي. انهن ڪتابن کان پوءِ ڪو ڪتاب محسن لکرائي سگهان ٿو ته اهو مولانا شاهه اسماعيل شهيد جو ”عبقات“ آهي، جنهن مون کي حجة الله جي مقدمي جو ڪم ڏنو.

    شاهه صاحب جي ڪتابن جي مطالعي جي ترتيب ۽ انهن جا مهاڳ
    جنهن ”سلم“ جا شرح پڙهيا هجن، ان جو درجو اڄڪلهه اهوئي آهي جيڪو پهريائين ”شرح مطالع“ پڙهڻ وارن عالمن جو هو. هڪ ذهين شاگرد جڏهن درجي (ڪورس) مان فارغ ٿئي ته ان کي سڀ کان پهريائين شاهه رفيع الدين صاحب جو ڪتاب ”تڪميل الاذهان“ پڙهڻ گهرجي. ان کانپوءِ ”عبقات،“ پوءِ ”سطعات“، ان کان پوءِ ”البدور بازغه“ (مقدمو ڇڏي)، ان کان پوءِ ”حجة الله البالغه“، پوءِ ”الفوزالڪبير“ ۽ پوءِ ”فتح الرحمان“ پڙهڻ گهرجي. فتح الرحمان پڙهڻ وقت سڀ تفسير جيڪي ممڪن ٿي سگهن سامهون رکڻ گهرجن، ان کان پوءِ فتح الرحمان جو جيڪڏهن ڪو اهڙو فائدو، جيڪو نئون ۽ عام مفسرن کان هڪ ڌار شيءِ معلوم ٿئي ان کي خاص طور توجهه لائق سمجهيو وڃي. ان نڪتي تي سمورا تفسير مطالعو ڪيا وڃن، ان کان پوءِ اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ڪهڙو سبب هو جو شاهه صاحب عام مفسرن جو مسلڪ ڇڏي ڏنو، جيڪا ڳالهه سمجهه ۾ اچي ان کي مستقل طور محفوظ ڪيو وڃي، ڪڏهن به ڪنهن مخالف جي ڳالهه نه مڃي وڃي.
    ان سلسلي ۾ مولانا محمد قاسم جا ڪتاب به اسان جي خيال ۾ انهن بزرگن جي ڪتابن ڏانهن ويجهڙائي پيدا ڪن ٿا. ڪاليج جو شاگرد پهريائين اهي ڪتاب ڏسي ۽ جيڪي حصا کيس ڏکيا لڳن انهن کي ڇڏيندو وڃي ۽ وري وري ڏسندو رهي ۽ ايئن هو پاڻ ۾ شاهه صاحب جي ڪتابن سمجهڻ جي صلاحيت پيدا ڪري وٺندو. آخر ۾ ”تفهيمات الاهيه“ دنيا جي مختلف مشهور مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ اهم تصنيف سمجهڻ گهرجي. پر ان وقت ماڻهوءَ جي ذهنيت ايتري وسيع هجي جو شيطان کان به سبق سکي سگهي.

    شاهه صاحب جو سياسي نظريو ۽ ”ازالة الخفاءِ.“
    اسان سڀ کان پهريائين ”ازالة الخفاءِ“ ۾ هن آيت جو تفسير وڏي ويچار سان پڙهيو ”هوالذي ارسل رسوله بالهديٰ ودين الحق ليظهره علي الدين کله ولو ڪره المشرڪون.“ شاهه صاحب جي ڪتابن ۾ اسان جيترو به غور ويچار ڪيو آهي، ان مان اسان کي اهو معلوم ٿيو آهي ته اهوئي تفسير سندس سياسي حڪمت جو مرڪزي نڪتو آهي.
    شاهه صاحب جي ازالة الخفاءِ ۾ فاروق اعظم جي مذهب جو جيڪو باب آهي اهو هڪ بينظير ڪتاب آهي. آءٌ ”صحاح سته“ منجهان پنجن ڪتابن کي مؤطا جو شرح ٿو سمجهان. ان کان پوءِ مؤطا کي فاروق اعظم رحه جي مذهب جو شرح قرار ڏيان ٿو. ان سان منهنجا سڀ مونجهارا حل ٿي ويا ۽ قانون کي مختلف زمانن ۾ مٽ سٽ ڪرڻ جي ضرورت صاف معلوم ٿي وئي.
    فاروق اعظم جي دؤر ۾ جيڪا شيءِ هئي (يعني ديني نظام هو) ان بني اميه جي دؤر ۾ مؤطا جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ مؤطا عباسين جي دؤر ۾ بخاري، مسلم، ابودائود ۽ ترمذيءَ جي شڪل ۾ تبديل ٿي وئي. اسان هنن چئن حديثن جي ڪتابن کي چئن انجيلن جيان الاهي صحيفن ۾ شمار ڪيون ٿا. اهي تورات جي تشريح ڪن ٿا ۽ هيءَ (مؤطا) قرآن جي تشريح ڪري ٿي. پر ان ۾ احتياط جي ضرورت آهي ته حجة الله جي قاعدي مطابق تلقيءَ جي ٻنهي طريقن کي هر روايت ۾ جمع ڪيو وڃي ان کان پوءِ آحاد خبرن (سند حديث جو هڪ قسم) کي راءِ جي درجي تي ڇڏيو وڃي، ان ۾ ضرورت آهر آسانيءَ سان تبديلي ڪري سگهجي ٿي.
    ازالة الخفاءِ ۾ شاهه صاحب، ”قرون ثلاثه“ (ٽن دؤرن) جو تفسير ڪيو آهي. اسان اڄ تائين ٻئي ڪنهن به عالم کان اهڙو تفسير نه ٻڌو آهي. اسان ان کي شاهه صاحب جي تمام وڏن علمن ۾ شمار ڪيون ٿا.
    مون کان يورپ ۾ کوڙسارا سوال ڪيا ويا ته توهان وٽ قرآن جو ڇا مطلب آهي؟ يعني مان پنهنجي فلسفياڻي انداز ۾ ڪهڙيءَ طرح تفسير ڪيان ٿو. منهنجو جواب اهو هوندو هو ته حضرت عثمان رضه جي شهادت تائين مسلمانن جيڪو ڪجهه ڪيو اهو قرآن جو مقصد آهي. ان جي تشريح مان جنهن فلسفي سان چاهيان ڪري سگهان ٿو. متن اهو آهي، قرآن جو مقصد اهو آهي.
    شاهه صاحب پنهنجي زماني جي رويي کي ڏسي شيعي سنيءَ جو مسئلو هٿ ۾ کنيو ۽ ان کي پنهنجي حڪمت بيان ڪرڻ جو هڪ عنوان بڻايو. شاهه صاحب جو چوڻ آهي ته شيخين (ابوبڪر رضه، عمر رضه) انبياءَ کان پوءِ سڀ کان افضل آهن، ڇاڪاڻ ته هو نبيءَ سان گهڻي مناسبت رکن ٿا. هاڻي ضرورت پيدا ٿي ته ٻڌايو وڃي ته نبوت ڇا ٿي ڪرڻ گهري ۽ شيخين (ابوبڪر رضه، عمر رضه) ڇا ڪيو؟ ايئن حڪمت جا ٻه باب حل ٿي ويا، نبوت جو مطلب به متعين ٿي ويو ۽ خلافت راشده جو مضمون به صاف ٿي ويو.
    شاهه صاحب جي انداز مان اهو ٿو معلوم ٿئي ته هو ابوبڪر رضه جي دؤر کي عمر رضه جي دور جي تمهيد ٿو سمجهي ۽ عثمان رضه جي دؤر کي ان جو نتيجو يا تڪميل. ۽ انهيءَ سڄي خلافت ۾ هو اصلي شيءِ فاروق اعظم رضه تي توجهه ٿو ڏئي ۽ فاروق اعظم رضه ڇاڪاڻ ته قيصر ۽ ڪسريٰ جي حڪومت فتح ڪري هڪ حڪومت جوڙي هئي، جيڪو شاهه صاحب جي تفسير مطابق قرآن جي نازل ٿيڻ جو مقصد هو، ان ڪري هو فاروق اعظم جي ڪم کي نبوت کان پوءِ قرآن جو بهترين مصداق ٿو سمجهي ۽ انهيءَ تي پنهنجي سموري طاقت خرچ ٿو ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته شاهه صاحب فاروقي آهي، تنهن ڪري پوريءَ همت سان ان مسئلي کي واضح ڪرڻ جي طبعي صلاحيت رکي ٿو ۽ جڏهن صديق اعظم رضه جي سيرت هڪ صديق لکي ته پوءِ نبوت کان پوءِ وارن بزرگن جو معيار سمجهڻ ۾ سولائي ٿي وڃي ٿي.
    شاهه صاحب جي ڪتابن مان صاف واضح آهي ته کين جيترا به وجداني فيض سندن والد سڳوري جي ذريعي حاصل ٿيا آهن انهن ۾ گهڻو ڪري حضرت عليءَ جو واسطو آهي. ان ڪري پاڻ صحيح معنيٰ ۾ ائمه اهل بيت سان محبت رکن ٿا. البت انهن جي طريقي کي جيتريقدر تفصيل سان بيان ڪرڻ جي ضرورت هئي، ان ڏانهن پاڻ متوجهه نه ٿيا آهن. مون شاهه صاحب جي پوئلڳيءَ ۾ انهيءَ حصي کي پورو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو منهنجي علمي خصوصيتن مان آهي.

    ٻه ٻيا محسن ڪتاب
    منهنجو هڪ محسن ڪتاب ”احڪام القرآن“ ابوبڪر رازيءَ جو آهي. اسلامي سياست جا ڪي اهڙا اجتماعي مسئلا جيڪي حجة الله ۾ رهجي ويا هئا انهن کي آءٌ احڪام القرآن مان حل ڪري سگهيس.
    يورپ ۾ منهنجي سياحت لاءِ مولوي الياس برنيءَ جو ”علم المعيشت“ پڻ هڪ محسن ڪتاب آهي، جيڪڏهن اهو ڪتاب مون کي نه ملي ها، ته مان ڪنهن به يورپيءَ جي اقتصادي پروگرام کي سمجهڻ لائق نه ٿي سگهان ها.
    **


    شاهه ولي الله ؓ جي حڪمت جو مختصر تعارف

    امام الائمه حضرت امام ولي الله بن عبدالرحيم رحمهما الله تعاليٰ باالطافه العميم، جهڙيءَ ريت تفسير، فقهه ۽ حديث جا امام آهن، اهڙيءَ طرح تصوف ۽ سلوڪ جا به امام آهن. پاڻ انسانيت بابت جيتريقدر علم ۽ فن جي سڃاڻپ جون نشانيون تاڪيد فرمائين ٿا انهن کي انسان جي ٽن شين يعني عقل (جنهن جو واسطو دماغ سان آهي)، ارادو (جنهن جو واسطو دل سان آهي) ۽ بدن جي تدبير (جنهن جو تعلق جگر سان آهي.) جي مطابق ٽن ڀاڱن ۾ ورهايون ٿا. هر هڪ انسان جو فرض آهي ته هو ٽنهي قوتن کي عام انسانيت واري اصول تي مڪمل ڪري. خدا تعاليٰ انساني نوع جو جيڪو نمونو قائم ڪيو آهي ان جي ويجهو پهچڻ هر هڪ انسان جو طبعي فرض آهي، تنهن ڪري جيڪو انسان ان نموني جي جيترو ويجهو هوندو اوترو ئي سٺو هوندو ۽ جيڪو انسان ان نموني کان جيترو پري هوندو اوترو ئي خراب سمجهيو ويندو. اهوئي سبب آهي جو ولي اللهي حڪمت ۾ تمدن به انسانيت جو لازمي جزو قرار ڏني وئي آهي ۽ موت تي انسان جي پڄاڻي نه ٿي مڃي وڃي، پر ان کان پوءِ به ان جي خوبين جي تڪميل جو سامان ملندو رهي ٿو.
    انهن مسئلن کي عنوان جو اصول تسليم ڪيو وڃي ته حڪمت پسند دماغن کي بحث ۽ فڪر لاءِ جدا موقعا ڏنا ويندا ۽ ان اصول کي مڃڻ وارا جيڪڏهن پنهنجي نفسي تڪميل کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد قرار ڏين ته ان کي سلوڪ چئي سگهجي ٿو.
    حضرت امام ولي الله، سلوڪ تي ڪجهه ڪتاب لکيا آهن. تنهن ڪري اُهي ذڪر ۽ طور طريقا جيڪي هڪ سالڪ کي سڀ کان پهريائين ڪرڻ گهرجن، سي ”القول الجميل“ ۾ ذڪر فرمائين ٿا. هڪ ترقي يافته دماغ کي سلوڪ جي تڪميل يعني انساني نوعن جي ديس حظيرة القدس سان ويجهڙائي سمجهائڻ لاءِ پاڻ ”سطعات“ تحرير فرمايو اٿائون.
    انسان جي اندرين نفسي قوتن يعني عقل، ارادي ۽ نفس جي تدبير تي سلوڪ جو ڪهڙو اثر ٿو پوي؟ ۽ هڪ قوت ٻي قوت مان ڪهڙيءَ طرح ڦٽي نڪري ٿي، ان جو بيان پاڻ ”الطاف القدس“ ۾ ڪيو اٿائون. سلوڪ جي راهه جا جيڪي وڏا پانڌيئڙا گذريا آهن، انهن مان شروعاتي دؤر ۾ حضرت جنيد بغدادي ۽ بايزيد بسطامي ؓ ۽ پڇاڙيءَ واري دور ۾ حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني، حضرت شيخ معين الدين چشتي ۽ حضرت شيخ بهاؤالدين نقشبندي رحمهم الله تعاليٰ تمام وڏا بزرگ آهن. انهن سلوڪ ڪهڙيءَ ريت مرتب ڪيو ۽ سندن صحبت مان ڪامل (انسان) ڪهڙيءَ طرح پيدا ٿيا اهو حڪمت جي تاريخ جو هڪ مستقبل باب آهي جنهن کي امام الائمه حضرت امام ولي الله همعات ۾ ضبط فرمايو آهي. ان کي تصوف جي تاريخ جو فلسفو سمجهڻ گهرجي.
    اڳتي هلي انسانيت، ان فڪر کي عقلي درجي تي ڪهڙيءَ طرح قبول ڪندي، پراڻا يوناني ۽ هندي حڪماءَ انسانيت بابت ڪهڙا خيال رکندا هئا، هو پنهنجن خيالن کي انسانن جي عام سمجهه سان ڪيتري قدر موافق بڻائي سگهيا ۽ هڪ حڪيم ان کي تسليم ڪري پنهنجي سلوڪ کي ڪهڙيءَ طرح معقول طور پيش ڪري ٿو، ان لاءِ پاڻ ”لمحات“ لکيائون. سندن پوٽي مولانا اسماعيل شهيد، انهن ڪتابن جي تمهيد ”العبقات“ جي نالي سان لکي.
    جيڪڏهن انهن پنجن ڪتابن کي ٿوري محنت ڪري غور سان پڙهيو وڃي ته امام ولي الله جي سيکاريل سلوڪ جو طريقو چڱيءَ طرح ذهن نشين ٿي وڃي ٿو. ولي اللهي حڪمت ۾ هي ڪتاب شروعاتي قاعدن جي طور تي پڙهايا ويندا آهن. ان کان پوءِ امام ولي الله جي حڪمت جي تعليم شروع ڪئي ويندي آهي.
    7 اپريل 944 هندي
    قاسم العلوم لاهور


    قوم، ٻولي ۽ مذهب

    هڪ ملڪ ۾ گهڻيون قومون نه پر مذهب گهڻا هوندا آهن. قوم هڪ ئي رهندي آهي. (مثال طور) سنڌي هڪ قوم آهي جيڪا ڪيترائي برهمڻ، ٻڌ ۽ جيني ڌرم رکندي هئي. انهن مان ڪجهه ماڻهن مسلمان ٿي ڪري پنهنجو ڌرم ۽ مذهب بدلائي اسلام ڪري ڇڏيو، پر قوم انهن جي ساڳي سنڌي آهي. جيئن پهريون سنڌي هئا هاڻي به اهڙائي سنڌي آهن. ۽ سندن هندو مائٽ ڏاڏا ۽ ڀائر ۽ ٻيا هندو آهن، انهن مسلمان ٿي ڪري پنهنجي قوم نه مٽائي، سنڌي هجڻ کان انڪار نه ڪيو پر رڳو مذهب ۽ ڌرم بدلايو آهي. هاڻي هڪ ملڪ جي هڪ قوم ٻه يا وڌيڪ مذهب ته اختيار ڪري سگهي ٿي مگر پنهنجي قوميت ختم ڪندي يا ورهائيندي نه آهي. عربن سنڌ فتح ڪئي ته انهن سنڌ جي مسلمانن کي سنڌ ۾ الڳ قوم ۽ هڪ زبان عربي ڏئي نه پر انهن کي نج سنڌي رهڻ ڏنو ۽ عربن اڳتي هلي سنڌين کي قرآن سيکارڻ لاءِ سموري دنيا ۾ قرآن جو پهريون ترجمو سنڌي زبان ۾ ڪرايو. جيئن ماهنامه العزيز بهاولپور بحواله دلگداز سن 942 هندي ۽ ”تاريخ سنڌ“ ابو ظفر ندوي دارالمصنفين اعظم ڳڙهه ص 357 ۾ آهي ته 270هه ۾ جڏهن سنڌ جو دارالخلافه منصوره هيو ۽ خليفي طرفان سنڌ جو حاڪم (گورنر) امير عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز هيو هن سنڌ جي هڪ راجا مهروڪ عرف رائي بن راءِ تي اسلام جي تبليغ ۽ اسلام جي حقيقتن تي روشني وجهڻ جي غرض سان هڪ هندو نزاد، عراق جي ويٺل وقت جي علامه کي ان راجا وٽ موڪليو جنهن عالم راجا جي خدمت ۾ پهچي سنڌي زبان ۾ هڪ مضمون لکي پيش ڪيو جنهن ۾ راجا جي عقل ۽ فهم مطابق اسلام جي عظمت ۽ حقانيت تي گهڻو ڪجهه مواد گڏ ڪيو هو. وري هن راجا جي درخواست تي قرآن مجيد جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو. هيءَ مسلمانن جي پهرين تصنيف سنڌي زبان ۾ آهي. هي هندستان ۾ قرآن مجيد جو پهريون ترجمو هو.
    هن مان معلوم ٿئي ٿو ته عربن ۾ قومن جي قوميت ۽ انهن جي زبانن ۽ ٻولين جو ڪيترو احترام هو. جيڪڏهن عرب گهرن ها ته سنڌي ماڻهو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ سنڌي نه رهن ۽ عربي سکن ته سنڌي، عربي ٻولي سکن ها ۽ اڄ سنڌي زبان جو هڪ اکر به باقي نه رهي ها.
    اڄڪلهه هي جيڪو اردوءَ جو ڀوت سوار ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن کي اردوءَ جي زور زور سان ترغيب ڏياري سنڌين جي گهرن ۾ انهن جي معصوم ٻارن تي مڙهي پئي وڃي بلڪل تمام وڏو ظلم آهي، ٻارن ۽ انهن جي مائرن جو ناحق خون آهي. والعياذبالله اسان ان ڀوت کان خدا تعاليٰ جي پناهه ۽ اوٽ ۾ اچون ٿا. آمين يا الاهي العالمين.
    **


    ديوبندي جماعت

    دهليءَ جي شڪست (1857ع) کان پوءِ ان دهلوي جماعت جا فرد ٽڙي پکڙي ويا، ايستائين جو امير امدادالله مڪي معظم پهتو ۽ مولانا محمد قاسم به نالو بدلائي حج لاءِ نڪتو. مولانا محمد يعقوب جي مڪتوبات ۾ ان سفر جو پورو ذڪر موجود آهي.
    (1) امير امداد، مڪي ۾ فيصلو ڪيو ته امام عبدالعزيز جي مدرسي وانگر دهليءَ کان ٻاهر مدرسو ٺاهيو وڃي ۽ امام محمد اسحاق جي طريقي تي نئين جماعت ٺاهي وڃي.
    (2) مولانا محمد قاسم ڪجهه سال محنت ڪري ديوبند ۾ مدرسو ٺاهيو ۽ ديوبندي جماعت ٺاهڻ شروع ڪري ڏني.
    (الف) ديوبند جي مدرسي جون ساليانون رپورٽون لڳاتار ملن ٿيون. مولانا محمود حسن جي شاگردي ۽ پوءِ استادي ۽ پوءِ ڪنهن قدر صدارت ۽ پنهنجي ٽن استادن جي خلافت جا واقعا مشهور معروف آهن. آءٌ چاهيان ٿو ته مولانا شيخ الهند سان پنهنجو تعلق واضح ڪري ڇڏيان.
    (ب) گهڻو ڪري پنجاهه سالن کان وڌيڪ عرصو گذاري الله تعاليٰ جي توفيق سان ديوبند مدرسي کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ مون امام ولي الله رحه جي درجي وار مطالعي کي پنهنجي زندگيءَ جو مقصد بڻائي ورتو. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جوڳي آهي ته ان سموري سفر ۾ منهنجي رهنمائي حضرت شيخ الهند مولانا محمود حسن جي ارشاد سان ٿيندي رهي.
    (ج) ان سفر جي پهرين منزل مون ستن سالن ۾ طئي ڪئي. مولانا محمد قاسم جي نظرين کان وٺي. (مولانا) محمد اسماعيل شهيد (2) مولانا رفيع الدين (3) امام عبدالعزيز جي ذريعي اسان امام الائمه امام ولي الله جي حجة الله البالغه تائين پهچي وياسين. اسان جي دل ۾ هن ڪتاب جي مطلبن تي آهستي آهستي يقين ۽ پوءِ ان يقين ۾ پختگي ٿيندي وئي. ان سان اسان ڪتاب ۽ سنت کي اطمينان سان سمجهڻ لائق ٿي وياسين. شاگردن جي ڪيترن ئي ٽولن کي مون حجة الله البالغه پڙهايو. ان کان پوءِ اسان کي حضرت شيخ الهند کان به هن ڪتاب جي ڪجهه سبقن ٻڌڻ جو موقعو مليو.
    (د) ان ۾ وڌاءُ نه سمجهيو وڃي ته اسان کي حضرت شيخ الهند جي علمي مقام جي حقيقت ان کان پوءِ ڪنهن قدر (وڌيڪ) نظر اچڻ لڳي. هو ظاهر ۾ ته قاسمي سيرت جا نمونا آهن پر باطن ۾ امام ولي الله جي حڪمت جا چوٽيءَ جا آرگنائيزر ۽ ترجمان آهن.
    حضرت شيخ الهند جن پنهنجي ”موضح فرقان“ جي مقدمي ۾ امام ولي الله جو نالو ڪيتري نه مزي سان وٺن ٿا: ”حجة الله علي العالمين شاهه ولي الله قدس سره.“
    اسان شاگرديءَ جي شروعات کان حضرت شيخ الهند بابت هي شعر پڙهندا هئاسين.
    ولما رایت الجہل فی الناس ونسیا
    تجاھلت حتی قیل انی جاھل۔
    ان کان پوءِ هر ماڳ تي اسان ان کي دهرائيندا رهيا آهيون.
    اسان جيستائين سمجهي سگهون ٿا ته هن جماعت جا مهڙيان باني امير امدادالله ۽ سندن ٻه ساٿي مولانا محمد قاسم ۽ مولانا رشيد احمد آهن. امير امدادالله کان سواءِ هن جماعت جي ربط کي وڌيڪ مضبوط بنائيندڙ مولانا مملوڪ علي ۽ مولانا عبدالغني به آهن.
    (ج) هن جماعت جي امتيازي وصفن ۾ اسان (1) وحدت الوجود (2) حنفي فقهه سان وابستگي (3) ترڪي خلافت سان ويجهڙائي مقرر ڪري سگهون ٿا. جنهن سان امير ولايت عليءَ جي جماعت کان ان کي جدا ڪريون ٿا.
    (3) (الف) حجة الله البالغه جي اصولن سمجهڻ سمجهائڻ ۾ اسان (1) سر سيد ۽ سندن ساٿين جون تحريرون (2) مولانا محمد حسين بٽالويءَ جو ”اشاعت السنت اور الاقتصاد (في مسائل الاجتهاد)“ نظر ۾ رکندا رهيا آهيون.
    (ب) اسان جي خيال ۾ متڪلمين جون هي جماعتون ديوبندي اڪابرن کانسواءِ امام ولي الله جي سمورن اصولن کي نه ٿيون مڃين، ان جو نتيجو هي آهي ته اسان ديوبندي جماعت جي حڪمت ۽ سياست کي امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت ۽ سياست جو مقدمو ٺاهيون ٿا.
    (ج) جيترو به عرصو اسان هندستان ۾ ”علمي“ ڪم ڪندا رهياسين. دارالرشاد سنڌ، جميعت الانصار ديوبند، نظارت المعارف دهليءَ ۾ اسان جو فڪري مرڪز حجة الله البالغه ئي رهيو آهي. ان کان پوءِ ٻاهرين سياحت جي مختلف جاين ۾ ڪابل، ماسڪو، انقره، روم، لوزان ۾ به اسان حجة الله البالغه جي عقلي اصولن کان ٻاهر نه وياسين.
    (د) مڪي مڪرمه ۾ ويهي اسان پنهنجو نئون پروگرام ٺاهيو ته هنن بدليل حالتن ۾ اسان ڪهڙيءَ طرح حجة الله البالغه جي شرعي ۽ عقلي اصولن جي هندستاني نوجوانن کي سڃاڻپ ڪرائي سگهون ٿا. جيترو به موقعو ملي ٿو اسان انهيءَ ئي رستي تي ٿڙندا ٿاٻڙندا قدم وڌائيندا رهيا آهيون. اسان پنهنجي هر هڪ غلطيءَ جي سڌاري لاءِ سدائين آماده رهندا آهيون. والله المستعان
    **


    شيخ الهند مولانا محمود حسن ديوبنديءَ جو علمي ۽ سياسي يادگار

    مهاڳ
    سرحد صوبي ۽ افغانستان ۾ ديوبندي تحريڪ جي اثرن جي مطالعي جو اسان کي ڪابل جي ستن سالن جي رهڻ دوران سٺو موقعو مليو. ان سلسلي جي عملي تحقيقن جو ذوق اسان مولانا شيخ الهند جي صحبت ۽ تربيت سان حاصل ڪيو هو. ان سان گڏ مولانا شيخ الهند پنهنجي جماعتي تنظيم جو ڪم به اسان کان جميعت الانصار ۾ ڪرايو هو، ان کان پوءِ پاڻ اسان کي پنهنجي حڪم سان ڪابل موڪليو، ۽ ڪابل حڪومت سان اسان جو تعارف سندن ئي جماعت جي ڪري ٿيو، ان طرح اسان جي سياسي ذوق جي تربيت امير ڪابل جي خاص ماڻهن ۾ رهي مڪمل ٿي. ان کان پوءِ اسان کي ديوبندي تحريڪ جي تاريخ سمجهه ۾ اچڻ لڳي. اسين هن حقيقت کان واقف ٿي چڪا آهيون ته پهرئين دور ۾ امام ولي الله علمي صديق آهن ۽ امام عبدالعزيز عملي شهيد، ان کانپوءِ ٻئي دور ۾ جيڪڏهن مولانا محمد قاسم علمي صديق مڃيا وڃن ته منهنجو استاد مولانا محمود حسن عملي شهيد جي مرتبي تي تسليم ڪيا ويندا.
    منهنجي استاد جي وفات جي جڏهن ڪابل ۾ خبر پهتي، ته امير امان الله خان، مون کي وزارت خارجه ۾ گهرايو ۽ تعزيتي ڪلمن سان مون کي دلداري ڏيندا رهيا. ان کانپوءِ سلطنت طرفان رسمي طور فاتحه خواني جي گڏجاڻي ڪرايائين. لڳ ڀڳ چاليهه هزار ماڻهن کي ماني کارايائين، ۽ سلطنت جي اميرن ۽ رئيسن جي هڪ ميڙ کي تقرير ڪيائين، ان تقرير جو سندس هڪ جملو تاريخ ۾ ياد رکڻ جهڙو آهي: ”مولانا محمود حسن هڪ نور هو، آءٌ چاهيان ٿو ته ان نور مان ڪيترائي نور پيدا ٿين. مولانا محمود حسن هڪ ڪم جي شروعات ڪئي، اسان ان ڪم کي پورو ڪنداسين.“
    ان وقت کان وٺي منهنجي هيءَ خواهش لاڳيتو زور وٺندي رهي ته مولانا شيخ الهند جو علمي ۽ سياسي يادگار ضرور قائم ڪرڻ گهرجي. علمي يادگار جو خاڪو اسان جي ذهن ۾ هي پڪو ٿيو، ته امام ولي الله دهلويءَ جي حڪمت، مولانا محمد قاسم ديوبنديءَ جي طريقي تي سيکارڻ جي هڪ مرڪزي درسگاهه هجي (بيت الحڪمت)، ان کان پوءِ پهرئين نمبر تي ان جون شاخون هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ته ٻئي نمبر تي اسلامي ملڪن ۽ يورپ ۾ ڦهلايون وڃن. اسان ان درسگاهه کي هڪ هندستاني سياسي پارٽيءَ جي سرپرستيءَ ۾ ڏئي ڇڏينداسين ته جيئن ٻئي مسلڪ جي ماڻهن جو ان علمي تحريڪ تي قبضو نه ٿي سگهي ۽ هندستاني نيشنل تحريڪ ۾ ڏاڪي بڏاڪي انٽرنيشنل لاڙو پيدا ٿيندو رهي.
    اسين مارچ 939 هندي ۾ ڪراچيءَ پهتاسين، اسان پنهنجو علمي ۽ سياسي جدوجهد جو پروگرام پڇاڙيءَ تائين سوچي چڪا هئاسين، الله جي فضل سان ٻاهرينءَ دنيا ۾ ان غور ويچار جي پورائي لاءِ هندستاني دوست ۽ مسلمان توڙي غيرمسلم دوستن جا مشورا ملندا رهيا. ان ڪري اندرون هند جي جماعتن وٽان ڪا نئين ڳالهه سکي ان مطابق پروگرام تبديل ڪرڻ جو اسان کي ڪڏهن به خيال نه آيو.
    البته پنهنجو ڪم ڪهڙيءَ طرح ۽ ڪٿان شروع ڪجي؟ ان جي باري ۾ اسان کي ملڪ جي عام حالتن جو اندازو ڪرڻ ضروري هو، ان سلسلي ۾ سڀ کان پهريون اسان جو ڪم حڪومت کي مطمئن ڪرڻ هو ته اسين ڳجهيءَ يا ظاهريءَ طرح گورنمينٽ جي خلاف ڪنهن به تحريڪ ۾ حصو نه وٺنداسين، ان کانپوءِ اهو طئي ڪرڻو هو ته ڪهڙا دوست اسان جو تعاون ڪري سگهندا ۽ پڇاڙيءَ تائين اسان جا رهي سگهندا ۽ گڏ هلي سگهندا.
    اسان سنڌ گورنمينٽ کي سڀ کان پهريائين يقين ڏياري ٿي سگهياسين ڇاڪاڻ ته اسيمبلي ءَ ۾ اسان جا همدرد ميمبر کوڙسارا موجود هئا، منسٽرن کي اسان تي ڀروسو هو، پهريون دفعو جڏهن اسان گورنر سنڌ سان ملياسين ته اسان ڪنهن حدتائين تفصيل سان پنهنجو پروگرام بيان ڪري ڇڏيو، جنهن تي ان کي تسلي ٿي، گڏوگڏ پنهنجو تبديل ٿيل نقطه نظر به پيش ڪري ڇڏيو، پر دهلي ۽ لاهور جون حڪومتون اسان جي ٻاهرين معاملن کان پوريءَ طرح واقف ناهن. انهن کي ٿورو ٿورو ڪري ذهن نشين ڪرائڻ ۾ اسان جا ڪيئي سال خرچ ٿيا. هندستان جي ڪنهن به حصي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي مرڪزي حڪومت جو فيصلو اسان جي موافق هئڻ گهرجي. دينپور، رياست بهاولپور سان اسان جو خصوصي تعلق ۽ اسان جي مولانا احمد علي جو پنجاب ۾ موجود مرڪز، اسان کي لاهور جي حڪومت ۾ پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ تي مجبور ڪندو رهيو.
    دهليءَ جي حڪومت ۾ جيڪڏهن اسان جامعه مليه جي صدر (ڊاڪٽر ذاڪر حسين) ۽ ان جي دوستن جي مدد حاصل نه ڪيون ها ته اسان جو معاملو صاف نه ٿي سگهي ها، اسان زندگيءَ جي پڄاڻيءَ تائين انهن دوستن جا هميشه ٿورائتا رهنداسين. اهڙيءَ طرح لاهور جي حڪومت ۾ جيڪڏهن ڪجهه سرڪاري آفيسرن جي همدردي نه هجي ها ۽ سر سڪندر جي دوستن مان مولانا غلام رسول (مهر) سان اسان جي ذاتي دوستي ۽ محبت جو ڊگهي عرصي کان سلسلو نه هجي ها ته شايد اسان گهڻيءَ پريشانيءَ ۾ ورتل هجون ها.
    رياست بهاولپور جا حڪمران به اسان سان سهڻي هلت هلندا رهيا، انهن کي اسان جي ڪجهه دوستن جي واسطي سان اسان جي فڪرن، سوچن، خيالن ۽ حالتن جي صحيح ڄاڻ ملندي رهي. ان معاملي ۾ اسان پنهنجي عزيز دوست جو ٿورو ظاهر ڪرڻ جا محتاج ناهيون، ڇاڪاڻ ته اهو اسان جي ئي مرشد جي مريدن مان آهي.
    الحمدلله، جو اسان انهن حدن ۾ رهي ڪنهن حدتائين ڪم ڪرڻ جي لائق ٿي پياسين. اسان جي انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ اسان جي پراڻن دوستن منجهان تمام گهٽ اهڙا دوست ملي سگهندا، جيڪي ڪجهه وقت ڏئي سگهن. عام طور ماڻهن جي خواهش اها آهي ته جيڪو پروگرام انهن پنهنجي حال سارو اختيار ڪيو آهي ۽ ان ۾ انهن تڪليفون سٺيون آهن، اسان به ان ئي رستي تي انهن سان گڏجي پئون، ڪاش! انهن کي اسان جي مشڪلاتن، ڏکيائين ۽ اسان جي زندگيءَ جي حالتن جو ڪو خاص علم هجي ها ته انهن کي يقين ٿي وڃي ها ته اهو اڻ ٿيڻو آهي.
    اسان اهو پهريان ئي فيصلو ڪري چڪا هئاسين (1) ته پنهنجو علمي مرڪز دهليءَ ۾ قائم ڪنداسين، ان معاملي ۾ اسان دهليءَ جي دوستن سان مڪي شريف جي وقت کان ئي خط و ڪتابت شروع ڪري ڇڏي هئي. (2) هي معاملو اسان پڇاڙيءَ تائين سوچي چڪا هئاسين ته پنهنجي سياسي پارٽيءَ جو مرڪز سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ ۾ قائم ڪري ڪم شروع ڪنداسين ۽ پارٽيءَ جا ٻيا مرڪز ڪراچي، لاهور ۽ دهليءَ ۾ ٺاهينداسين.

    عملي جدوجهد
    اسان سنڌ جي ان ڳوٺ جي نشاندهي ڪرڻ ۾ ۽ هندستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پنهنجي ٽڙيل پکڙيل دوستن سان ملڻ ۾ اندازاً ڏهه مهينا خرچ ڪيا. دينپور، لاهور، ديوبند، دهلي، مراد آباد، ڪلڪتو، بنارس، الهه آباد، سرائي مير، لکنؤ ۾ اسان خاص ڌيان سان ڪم ڪندا رهياسين. اڳتي هلي اسان کي مدراس، بمبئي، ڊاڀيل، رانڌير، احمد آباد ڏسڻ جو به موقعو مليو، ان سير سفر سان اسان کي جيڪا واقفيت حاصل ٿي ان بنيادي ۽ شروعاتي پروگرام تجويز ڪرڻ ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي.
    اسان محسوس ڪيو ته اسان کي پنهنجي پروگرام جو سياسي حصو پهريائين شروع ڪرڻ گهرجي. مراد آباد ۽ ڪلڪتي جي تجربي مان اسان ڏٺو ته اسان جي خواجه تاش علم وارن ماڻهن مان به فقط اهي ماڻهو اسان جي علمي پروگرام جي تائيد ڪندا، جيڪي سياست ۾ اسان جا هم فڪر هجن. اسان سنڌ ۾ پنهنجي پراڻن دوستن جو هڪ چڱو چوکو حصو تيار ڪري ورتو جيڪي اسان جي سياسي پروگرام جي تائيد ڪندا.
    اسان پنهنجي نيشنل تحريڪ جي عمارت امام ولي الله جي فلسفي ۽ حڪمت جي بنيادن تي تعمير ڪرڻ گهرون ٿا، ان لاءِ اسان کي هڪ اهڙي زمين جي ٽڪري جي گهرج ۽ ضرورت آهي جنهن ۾ ان فلسفي جي حنيفي شڪل مطابق نموني جي هڪ سوسائٽي قائم ٿي سگهي. ان ڪري اسان سنڌ کي پنهنجي تحريڪ جو مرڪز بنايون ٿا. سنڌ اسان جي اسلامي زندگيءَ جو وطن آهي، ان ڪري اسان سنڌ کي پنهنجي نيشنل تحريڪ جو مرڪز بنايو آهي. اسان ڇاڪاڻ ته سنڌي سوسائٽيءَ جي پوئتي پيل حصي کي سجاڳ ڪرڻ گهرون ٿا، ان جون ضرورتون مهيا ڪرڻ کي پنهنجي حياتيءَ جو مقصد بڻائي چڪا آهيون، ان ڪري اسان جو مرڪزي ڪاروبار ٻهراڙيءَ جي آباديءَ ۾ هئڻ گهرجي، پوئتي پيل سوسائٽيءَ جي لاءِ ترقيءَ جو سامان ۽ نموني جي زندگي، ترقي ڪندڙ شهري سوسائٽي ۾ ملي سگهي ٿي، ان ڪري سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچيءَ کي ٻيو مرڪز بنائڻو پوندو.
    پنجاب منهنجي ڄمڻ جو هنڌ آهي اسان جو تعلق ان سرزمين سان ڪڏهن به قطعي طور تي منقطع نه ٿيو آهي ان ڪري ڪراچي جيان ٻئي درجي تي لاهور به اسان جو مرڪز آهي. مون شروعاتي تعليم پنجاب جي اسڪولن ۾ رهي حاصل ڪئي. اسلام جي حقانيت اسان پنجاب ۾ رهندي سڃاتي، البت اسلام آڻڻ کان پوءِ اسان جو گهڻو تڻو تعلق سنڌ، ديوبند، دهليءَ سان پيدا ٿيو، پر جيستائين منهنجي والده مون سان گڏ رهي، اسان پنهنجي مائٽن کان ڪونه ڇناسين. هندستان ڇڏڻ جي زماني ۾ اسان جا مائٽ وري پنجاب ۾ وڃي رهيا. پوئين سال ڪجهه نوجوانن اسان کي گمنام خط لکيا انهن هڪ طرح جي اسان کي ڌمڪي ڏني ته لاهور ۾ پنهنجي تحريڪ ڦهلائڻ کان پاسو ڪيو. اسان پنهنجي خاص دوستن ۾ اها ڳالهه ڪئي ته لاهور ۾ خدا جي فضل سان اسان جي عزيز ڀائٽين جا ٻه گهر آهن مولانا احمد علي ۽ حڪيم رشيد احمد ۽ جيڪڏهن ڪنهن مصلحت جي ڪري پنهنجي انهن گهرن کي استعمال نه ڪرڻ گهرون، ته منهنجي ماروٽ سردار منگل سنگهه جو گهر موجود آهي. مان اتي رهي به پنهنجي علمي ۽ سياسي تحريڪ کي بنا خطري جي جاري رکي سگهان ٿو.
    دهلي اسان جي ديوبندي اسڪول جو علمي ۽ سياسي مرڪز آهي ۽ هندستان جي ڪنهن به حصي ۾ ڪوبه ڪم جنهن جو دهليءَ سان تعلق نه هوندو ڪامياب نه ٿي سگهندو. ان ڪري ان جي مرڪزيت هميشه قائم رهندي. اسان جي ذهنيت مولانا محمد قاسم جي ديوبندي اسڪول ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪري شاهه ولي الله جي حنفي اسلامي رنگ کي اپنايو آهي. (هن صفحي ۾ هڪ هنڌ مولانا هي جملو لکي وري نامناسب هجڻ ڪري ڊاهي ڇڏيو آهي اهو هن جڳهه تي مناسب ٿو لڳي جنهن سان ”حنيفي اسلامي رنگ“ جي وضاحت ٿئي ٿي اهو هيءُ آهي: ”شاهه ولي الله جو فلسفو صابي دينن توڙي حنيفي دينن ٻنهي جي تشريح ۾ برابر طريقي تي استعمال ٿي سگهي ٿو پر شاهه ولي الله پنهنجي فلسفي فڪر جا مثال عام طور حنيفي دينن مان پيش ڪندو آهي. اسان دينن جي حنيفي طريقي جو انٽرنيشنل پروگرام قرآن شريف ۾ عمر جو ڊگهو عرصو خرچ ڪري سمجهي سگهيا آهيون.“-سنڌيڪار) اسان مولانا محمد قاسم جي واسطي سان ئي امام ولي الله جي اعليٰ (انٽرنيشنل) فلاسافيءَ کي هندستاني نيشنل ازم جي صورت ۾ قابل عمل بڻائي سگهون ٿا. ان ڪري جنهن استاد جي صحبت ۾ اسان هي علم سکيو ان جي ئي علم ۽ عمل کي ان جو يادگار بنائڻ چاهيون ٿا. سندن ئي نالي تي اسان جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
    (الف) 10 ڊسمبر 939هندي ڳوٺ پيرجهنڊي ۾ پارٽيءَ جو مرڪز قائم ڪيو. دارالرشاد جي ويجهو پارٽيءَ جي هيڊڪوارٽر جي لاءِ هڪ زمين جو ٽڪرو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏي ان جاءِ جو نالو سنڌ ساگر تجويز ڪيو ويو.
    (ب) 10 ڊسمبر تي پير جهنڊي ۾ ويهي پارٽيءَ جو بنيادي ۽ اساسي قانون بنايو، ۽ پنهنجي پراڻن دوستن کان ان جي تصديق ڪرائي ۽ ڪانگريس جي سنڌي مسلمان ڪارڪنن کان (جيڪي اسيمبليءَ جا ميمبر به آهن) تصديق ڪرائي.
    (ج) 28 ڊسمبر تي ڪراچي ۾ ج-ن سنڌ ساگر پارٽيءَ جو ٻيو مرڪز قائم ڪيو ويو.
    (د) دارالرشاد جي چاليهه ساله اجلاس 12 جنوري 940 هندي ڪراچيءَ ۾ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي.
    (هه) ان کان پوءِ سنڌ ڪانگريس ڪاميٽي ٺٽي جي ڪانفرنس ۾ اسان کي خطاب ڪرڻ جو موقعو مليو، اسان پنهنجي افتتاحي خطبي ۾ (پنهنجا خيال پيش ڪيا.)
    (ل) پارٽيءَ جي ڪراچي مرڪز پارٽيءَ جو بنيادي پروگرام اردو، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ شايع ڪيو.
    (د) لاهوري مرڪز پارٽي جو اردو پروگرام شايع ڪيو.
    (ج) دهليءَ جي مرڪز مان اسان جو رسالو ”اسان ڇا ٿا گهرون“ شايع ٿيو.
    (ز) 10 جون 940 هندي تي لاهور واري مرڪز جو ڪم شروع ڪيو ويو جنهن ۾ خدام خلق جو پروگرام شروع ڪيو ويو. لاهور ۾ آهستي آهستي اسان جو مضبوط مرڪز جڙي رهيو آهي.
    (ح) لاهور جي دوستن جي مدد سان اسان امام ولي الله جي علمي ۽ سياسي تحريڪ جي تعارف ڪرائڻ لاءِ ٻه رسالا شايع ڪري سگهياسين. ان لٽريچر تيار ڪرڻ ۽ شايع ڪرڻ ۾ اسان جي لاهور جي دوستن جو تعاون ساراهه جوڳو آهي.
    (ط) دهليءَ ۾ علم دوست ماڻهن جي ڪانگريسي گروپ مان ڪجهه دوستن سنڌ ساگر پارٽيءَ جي شاخ کولڻ جو فيصلو ڪيو.
    جامعه نگر مان اسان جو رسالو ”اسين ڇا ٿا گهرون“ شايع ٿيو. دارالرشاد جي ويجهو جناب پير صاحب العلم دامت برڪاتهم جن اسان کي گهر ٺاهڻ ۽ ان سان گڏ پارٽي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ زمين جو ٽڪرو ڏنو، جيڪو پهرئين زماني ۾ اسان هالن واري مخدوم صاحب کان حاصل ڪيو هو، ان زمين ۾ ”سنڌ ساگر نيشنل اسڪول“ ۽ پارٽيءَ جو هيڊڪوارٽر ٺهندو ۽ ان سان گڏ ”بيت الحڪمة“ جي شاخ هوندي. 10 جمادي الثاني 1316 هجري ۽ 20 جون 942 هنديءَ ۾ ”سنڌ ساگر نيشنل اسڪول“ جي شروعاتي درجن جو افتتاح عمل ۾ آيو.
    10 رجب 1361هجري ۽ 25 جولاءِ 942 هندي تي سنڌ ساگر ۾ ”بيت الحڪمة“ جي شاخ ”ولي الله اڪيڊمي“ جو افتتاح ڪيو ويو.
    والله هوالموفق.


    حضور اڪرم ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت

    نبوت جا ٻه درجا
    حضور جن جي نبوت جا ٻه درجا آهن:
    (1) درجو ته اهو آهي ته پاڻ سڀني نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن. پاڻ عرب جي صحرائي علائقي ۾ پيدا ٿيا ۽ عرب قوم کي سنئين دڳ سان لڳايائون.
    (2) ٻيو درجو اهو آهي ته پاڻ سموري دنيا جي لاءِ نبي الانبياء، سيدالمرسلين ۽ خاتم النبيين آهن ۽ هڪ عالمگير انقلاب کي ڪامياب بنائڻ سندن فرضن ۾ داخل آهي ۽ پاڻ سڳورن ۽ سندن خليفن هي انقلاب نموني جي طور ڪامياب ڪري به ڏيکاريو.

    غيرمسلمن جا اعتراض
    عام طور تي عالم سڳورا حضور جن جو ٻيو درجو غيرمسلم قومن ۾ پهريائين متعارف ڪرائيندا آهن. اهي قومون عام طور نبوت جو هڪڙو مفهوم پنهنجي ذهن ۾ رکنديون آهن، جيڪو انهن پنهنجي نبي کان ورتو هوندو آهي ۽ هو حضور صه جن کي پڻ انهيءَ معيار تي جاچينديون آهن ۽ پوءِ اعتراضن جو هڪ طوفان کڙو ڪري ڏينديون آهن. مثال طور پاڻ سڳورا جيڪڏهن سڄي دنيا جي لاءِ نبي بڻجي آيا آهن ته پوءِ سندن زبان عربي ڇو آهي؟ جڏهن سندن تعليم عربي ٻوليءَ ۾ آهي ته ان کي عالمگير ڪيئن چئبو، اها خاص عربن لاءِ مخصوص سمجهڻ گهرجي؟ دشمن سان جنگ ۽ ويڙهه نبوت جي منصب ۾ ڪيئن داخل ٿي؟ پاڻ سڳورن جي تعليم منجهان دنيا کي فائدو به ٿيو پر گهڻن شاهي خاندانن ۽ مذهبي مرڪزن کي نقصان به پهتو، انهن عملن جو نبوت سان سڌوسنئون تعلق ڪيئن ٿو ثابت ڪري سگهجي؟

    اسان جو نئون علم ڪلام
    اهڙي قسم جي سوالن جو يورپ ۾ گهڻو رواج آهي ۽ پوئين صديءَ ۾ عالم سڳورا انهن اعتراض ڪندڙن جو وات بند ڪرڻ لاءِ جواب سوچيندا رهيا آهن ايتري حدتائين جو اسان وٽ فقط انهيءَ هڪڙي مسئلي سمجهائڻ لاءِ علم ڪلام جو الاهي ذخيرو گڏ ٿي ويو آهي.

    انهيءَ مسئلي جو هڪ نئون حل
    انهيءَ مونجهاري جو اسان جيڪو حل سوچيو آهي، ان گهڻن جهڳڙن کان جان آجي ڪرائي ڇڏي آهي. اسان سڀ کان پهريائين حضور اڪرم ﷺ جن جو عرب لاءِ نبي هجڻ پيش ڪيون ٿا. اڄ تائين اسان ڪنهن به دنيا جي عقلمند کي هي اعتراض ڪندي ناهي ٻڌو ته عرب ۾ نبي ڇو آيو. اهڙي طرح جيئن ٻين ملڪن ۾ نبي ظاهر ٿيا ۽ انهن پنهنجي پنهنجي قوم کي سڌو رستو ڏيکاريو. اهڙي طرح نبي ڪريم ﷺ جن عرب سرزمين ۾ پيدا ٿيا ۽ عربن کي هدايت جي تعليم ڏني. انهيءَ حيثيت ۾ پاڻ ٻين نبين جي جماعت منجهان هڪ نبي آهن ۽ کانئن انهن ڳالهين جي ئي توقع رکڻ گهرجي جهڙي ڪنهن قومي نبيءَ کان توقع رکبي آهي. جيئن مثال طور هر قوم جو نبي پنهنجي پنهنجي قومي زبان جو پابند هوندو آهي. حضرت محمد ﷺ جن به عرب قوم جو نبي هجڻ جي حيثيت ۾ عرب قوم جي معاشرت ۽ انهن جي ٻوليءَ جا پابند آهن، ان ڪري ڪنهن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهو اعتراض ڪري ته سندن ڪتاب عربيءَ ۾ ڇو آهي. اهڙي طرح اهو اعتراض به کڄي ٿو وڃي ته پاڻ عربي معاشرت ڇو اختيار ڪئي. پاڻ پنهنجي قوم جي اعليٰ طبقي ۾ هڪ اعليٰ فرد جي حيثيت سان پهرئين ڏينهن کان هر ماڻهوءَ وٽ مڃيل هيا. سندن معاشرتي ڪريڪٽر تي ڪنهن به شخص کي ڪو اعتراض ڪونهي. عربن جو مرڪز قريش هئا ۽ قريش جي ذهنيت ۽ معاشرت ۾ رسول ڪريم ﷺ جن هڪ املهه ماڻڪ مڃيل هئا. ٻين قومن کي ان جي معاشرت ۽ ذهنيت تي اعتراض ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي.

    حضورﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت
    الاهي حڪمت جو ٻيو مظاهرو هي آهي ته قريش جي ذريعي سڄي جڳ جهان جي قومن جي سڌاري جو هڪ گڏيل نظام پيدا ڪيو ويو. قريش جي غلبي جي ڪري انهن جي عربي زبان جو غلبو مڃڻو پوندو. جن قومن جو قريش سان مقابلو ٿيو انهن کي جيڪڏهن شڪست ٿي ۽ ڪجهه نقصان پلئه پيو ته مفتوح کي هميشه نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي. حڪمت الاهيءَ جي تقاضا هئي ته قريش اڳتي وڌي ٻين قومن تي غلبو حاصل ڪري وٺن. انهيءَ ايندڙ واقعي جي پيش نظر نبي هجڻ جي حيثيت ۾ نبي ڪريم ﷺ جن جي مٿان هي فرض پئي لاڳو ٿيو ته پاڻ قريش کي اهڙي تعليم ڏين جو هو انهيءَ ڪم ۾ به خدا پرستيءَ جي اصولن کان نه هٽن. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ سڳورن جهڙيءَ ريت پنهنجي قوم جي رهنمائي ڪئي، اهڙي ڪنهن به نبيءَ پنهنجي قوم جي رهنمائي نه ڪئي هوندي.

    حضرت موسيٰ عه ۽ حضرت عيسيٰ عه جون ڪوششون
    حضرت موسيٰ ڪوشش ڪئي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جي نسل ۾ بين الاقواميت جو منصب کانئس پورو ٿئي. ۽ حضرت عيسيٰ به اها ڪوشش ڪئي، پر حضرت موسيٰ جيڪا جماعت تيار ڪئي اها بين الاقوامي مزاج پيدا نه ڪري سگهي ۽ حضرت مسيح جا مددگار به ان سلسلي ۾ ڪارائتا نه ٿي سگهيا پر حضرت محمد ﷺ انهيءَ مقابلي ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ پاڻ آرين ۽ سامين ٻنهين قومن ۾ تورات جا احڪام نافذ ڪري ڇڏيائون.

    نبي ڪريم ﷺ جن جي ڪاميابي
    هڪ حديث ۾ اچي ٿو ته اسان جو ۽ پهرين قومن جو مثال ايئن آهي جيئن هڪ بادشاهه محل جوڙائڻ جو ارادو ڪيو. صبح جو سوير مزدور ڪم تي لڳايائين. ٻنپهرن اچڻ تي مزدورن ڪم کان جواب ڏئي ڇڏيو، بادشاهه انهن کي ڪم تان لاهي ڇڏيو وري ٻيا مزدور بيهاريائين. انهن ٽيپهريءَ جو جواب ڏئي ڇڏيو تنهن تي انهن کي پوري ڏينهن جي مزدوري ڏئي ڪم تان لاٿو ويو. ان کان پوءِ مزدورن جي ٽين جماعت ڪم تي لڳائي وئي، انهن شام تائين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. انهيءَ بادشاهه چيو ته توهان مان مون ڪنهن جو حق ته ناهي کاڌو؟ چوڻ لڳا ته نه. بادشاه چيو ته هنن ماڻهن منهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، مون خوشيءَ وچان انهن کي ٻيڻي مزدوري ڏيئي ڇڏي. هن حديث ۾ اڳتي هلي حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته پهرين جماعت مان مراد يهودي آهن ٻيءَ مان مراد نصارا ۽ ٽئين مان اسين مراد آهيون.
    (هن موقعي تي مولانا سنڌي فرمايو ته هي حديث بخاري مسلم ۾ آهي ۽ مؤطا ۽ به آهي. مفهوم اسين يادگيريءَ جي طور لکرائي رهيا آهيون ڪو لفظ گهٽ وڌ هجي ته اصل ڪتاب تان درستگي ڪئي وڃي.)

    يهودين جي ناڪامي
    اسان ان مان سمجهون ٿا ته ٽئي قومون هڪڙو ئي محل اڏڻ تي متوجهه هيون يعني حضرت ابراهيم عليه السلام جي امامت کي دنيا جي سڀني قومن ۾ عملي طور تي قائم ڪرڻ. انهيءَ مقصد کي حضرت موسيٰ عليه السلام قائم ڪرڻ گهرن پيا پر ڪري ڪونه سگهيا، ان جي شاندار قيادت جي باوجود بني اسرائيل پنهنجي قوم کان ٻاهر جي ماڻهن کي پاڻ ۾ جذب ڪرڻ تي راضي نه ٿيا ۽ پاڻ به عالمگير فتحون حاصل نه ڪري سگهيا.
    جيتوڻيڪ حضرت مسيح جي قيادت ۾ ابراهيمي يعني حنيفي تعليم پري پري تائين پهچي وئي پر مسيح عليه السلام بني اسرائيل جي مرڪزي قوت کي انهيءَ ڳالهه تي راضي نه ڪري سگهيو ته هو پنهنجي اندر ٻين قومن کي برابر درجي تي قبول ڪري وٺن. حضرت مسيح جي انهن ڪوششن جو نتيجو اهو نڪتو جو بني اسرائيل حضرت مسيح کي پنهنجي برادريءَ مان ئي ڪڍي ڇڏيو.

    بني اسماعيل جي ڪاميابي
    رسول اڪرم ﷺ جن بني اسماعيل مان قريش کي پنهنجو مرڪز بنايو ۽ سڀني قومن ۾ انهن کي آڻي اچي بيهاريو ۽ انهن غيرملڪين کي پنهنجي ڀائرن وانگر قبول ڪيو.
    ان ڪري عربن جڏهن عراق فتح ڪيو ته سلمان فارسيءَ کي مدائن جو حڪمران بنايو ويو. اها ذهنيت سلطان محمود پڻ ظاهر ڪئي، جڏهن ان هندستان جو شهر هنڊ فتح ڪري راجا جئي پال جي پوٽي کي ان جو حاڪم بڻايو. غلامن جون حڪومتون ته مسلمانن ۾ نسل درنسل هلنديون آيون آهن ۽ قريش جا وڏي کان وڏا خانداني ماڻهو انهن جي سامهون ايئن اسلامي احڪامن جي اطاعت ڪندا هئا جيئن ڪنهن صحيح نسب واري اسماعيلي جي سامهون. اها هئي حضرت محمد ﷺ جن جي بين الاقوامي حيثيت ۽ اها هئي حضور جن جي رحمت اللعالميني.

    هڪ نتيجو
    اڄڪلهه دنيا ۾ ”انقلاب“ کي سڀ کان وڏي قوت مڃيو وڃي ٿو ۽ انسانن جي انقلابي قوت کان ڪم وٺي ڪن ماڻهن تمام وڏا ڪم ڪيا آهن، جنهن ڪري يورپ اقتصادي نظرين جو مرڪز بڻجي ويو آهي. پر جنهن پيغمبر سڀ کان پهريائين بين الاقوامي انقلاب برپا ڪيو ۽ جنهن انهن ماڻهن کي تيار ڪيو ۽ جن انهيءَ انقلاب کي چوڌاري جهان ۾ ڦهلايو. ان جي هڪ امتي حڪيم امام ولي الله دهلوي يورپ جي نام نهاد بين الاقوامي انقلابن جي سدباب لاءِ صحيح ۽ صالح بين الاقوامي انقلاب جو، جيڪو قرآن جي اصولن تي مبني هو، اهڙو دستور وضح ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کي پيش ڪري پاڻ چوي ٿو ته ڪوبه بين الاقوامي انقلاب ايستائين ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي جيستائين هو انهيءَ بين الاقواميت جي نقش قدم تي نه هلندو جيڪا حضرت ابوبڪر رضه ۽ حضرت عمر رضه جي زماني ۾ حضور صه جن جي ٻڌايل طريقن موجب متعين ٿي هئي.
    اسان يورپ جي هڪ لاديني انقلابيءَ جي عالمي تاريخ جا اهي حصا ٻڌا، جن ۾ هو حضرت ابوبڪر رضه کي حضور جن کان بهتر ماڻهو پيو مڃي. انگريزيءَ جو ناليوارو اديب ۽ مصنف ايڇ جي ويلز به انهيءَ مغالطي ۾ ڦاٿل آهي. انهن کي سمجهڻ گهرجي ته حضرت ابوبڪر رضه جي حضور اڪرم ﷺ جن سان ڪهڙي نسبت هئي. رسول اڪرم ﷺ جي نبوت جيڪڏهن انهيءَ ترتيب سان پيش ڪئي وڃي جنهن ترتيب سان اسان ٻڌايو آهي ته يورپي مصنفن جا سڀ اعتراض کڄي ويندا. رسول اڪرم ﷺ جن جي قومي نبوت ۽ بين الاقوامي نبوت کي مڃڻ کان سواءِ ڪو رستو ئي ڪونه ٿو رهي.
    **


    مسيح ۽ مهديءَ جو عقيدو

    حضرت عيسيٰ ۽ مسيح ؑ جي ٻيهر اچڻ جي مسئلي ۾ اسان جي راءِ اها آهي ته آيو ته سٺو، جي نه آيو ته ان سان ڪا مصيبت نه ايندي. ان کي عقيدو بنائڻ جي خلاف آهيان، حضرت مسيح ؑ جي ٻيهر اچڻ جي باري ۾ ڪابه صحيح حديث اسان جي نظر مان نه گذري آهي ۽ ان باري ۾ جيتريون به روايتون آيون آهن سڀ جو سڀ ”معلل“ آهن. (تعليل راويءَ جي غلطيءَ جي اعتبار کان به ٿيندي آهي ته ڪتاب الله جي عام اصولن جي خلاف هجڻ جي اعتبار کان به ٿيندي آهي. تعليل جو پهريون قسم محدثن جي حوالي کان آهي ۽ ٻيو قسم مجتهد امامن ۽ سياست ڄاڻيندڙ عقل وارن جي حوالي کان هوندو آهي. سنڌيڪار)
    مسيح جي ٻيهر اچڻ جو هي مسئلو قرآن ۾ بلڪل ڪونهي، بلڪ ان جي خلاف قرآن ۾ موجود آهي، جو حضور ﷺ جن کي خاتم النبيين چيو ويو آهي. هاڻي جا به ڳالهه ان جي ابتڙ سامهون ايندي اها رد ڪرڻ جي لائق آهي ۽ حضور ﷺ جن کي ”اليٰ ڪافة اللناس“ (سڄي انسانيت ڏانهن) موڪليو ويو آهي ۽ ان جي تعليم ۾ ”اليوم اکملت لکم دينکم“ (اڄ توهان لاءِ توهان جو دين پورو ٿي چڪو آهي) چيو ويو آهي ۽ کوڙساريون اهڙيون آيتون آهن جن مان هر عقلمند اهو نتيجو ڪڍي سگهي ٿو ته قرآن ۾ اهڙي ڪابه جاءِ ناهي جٿان ڪنهن نبيءَ يا مهديءَ جو انتظار هجي.

    قرآن کان پوءِ حديثون
    مهديءَ جي باري ۾ آيل روايتن کي غيرمعتبر (غلط) ثابت ڪرڻ لاءِ کوڙسارن عالمن، محدثن ۽ مؤرخن قلم کنيو آهي، ڇاڪاڻ ته وقت بوقت مهديت جون دعوائون ورجائبيون رهيون آهن ۽ ان سان هڪ عقل واري ماڻهوءَ کي تسلي ٿي وڃي ته هيءَ ڳالهه شيعي ازم ۾ ٺاهيل آهي جتان اهل سنت وارن ورتي آهي، پر مسيح ؑ جي ٻيهر اچڻ جي باري ۾ ڪنهن به جدوجهد نه ڪئي آهي (ڇاڪاڻ ته) مسيح هجڻ جون دعوائون گهٽ ٿيون آهن، ان سلسلي ۾ اسان جي ذهن ۾ جيڪا ڳالهه آهي اها عقل وارن آڏو پيش ڪري ٿو ڇڏيان.

    پهريون دور
    مسيح ؑ جي ٻيهر اچڻ جي باري ۾ پهرئين دور ۾ ڪوبه ثبوت نه ٿو ملي. موطا امام مالڪ جيڪو حديث جي ڪتابن جو متن آهي، ان ۾ صرف ايترو آهي ته مالڪ عن نافع عن ابن عمر: ان رسول الله ﷺ قال اراني الليلة... الخ
    ترجمو: امام مالڪ پنهنجي استاد نافع جي ذريعي ابن عمر کان روايت ڪري ٿو ته رسول الله ﷺ جن خواب ۾ ڏٺو ته هڪ ڪڻڪ رنگو ماڻهو ڪعبي جو طواف ڪري رهيو آهي، پڇڻ تي چيو ويو ته هي مسيح ابن مريم آهي. وري ان کان پوءِ هڪُ هڪ اک وارو ماڻهو ڏٺم جو طواف ڪري رهيو هو پڇڻ تي چيو ويو ته هي مسيح دجال آهي. (مؤطا امام مالڪ)
    هن حديث جي روايت جي صحيح هجڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي پر هي حضور ﷺ جن جو هڪ خواب آهي. هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪجهه خواب اهڙا ٿيندا آهن جيڪي تعبير جا محتاج هوندا آهن ۽ جهڙي شڪل ۾ هو بظاهر ڏسڻ ۾ ايندا آهن ان مان هڪ لطيف (باريڪ) اشارو هڪ ٻئي مطلب ڏانهن هوندو آهي.
    ان حديث جو مطلب اسان هي سمجهيو آهي ته هڪ زماني تائين مسلمانن جون جماعتون متفق رهنديون، پر اڳتي هلي ٻه حصا ٿي وينديون. هڪ اهڙن نيڪ ماڻهن جي جماعت هوندي جيڪي خدا پرست، ذاڪر، شاڪر، ڪنهن کي ڪو نقصان نه پهچائيندڙ مسيح ؑ جهڙا ماڻهو نظر ايندا، جيئن اسان جا صوفي متقي ۽ عالم فاضل پيدا ٿيا، ۽ ٻي انهن دنيادار ماڻهن جي جماعت جيڪي دين جو نالو وٺي حڪومت جا مزا وٺندا، ان کان سواءِ ڪجهه ڄاڻن ئي نه ٿا، اهوئي نمونو آهي جيڪو دجال جي شڪل ۾ پاڻ سڳورن تي ظاهر ٿيو ۽ هيءَ تاريخي حقيقت آهي ته مسلمان اڳتي هلي ٻه حصا ٿي ويا. صالح هڪ طرف ٿي ويا ۽ ٻئي طرف اهي دنيا طلبيندڙ ٿيا جن جو مقصد صرف دنيا ئي هو ۽ انهن جو حڪومت تي غلبو رهيو. اهو جيتوڻيڪ حضور ﷺ جن کان چار پنج سؤ سال پوءِ ٿيو، پر مسلمانن جون هي ٻئي جماعتون ڪعبي جو طواف ڪن ٿيون ۽ پاڻ کي مسلمان چونديون ٿيون رهن، انهن دنيادار بادشاهن جي شامت جي ڪري اسلام تي تاتارين جا حملا ٿيا ۽ مسلمانن ۾ هڪ وڏو انقلاب ٿيو. جيڪڏهن رسول الله ﷺ جن جي خواب ۾ ان وڏي واقعي جي طرف اشارو هجي ته اها ڳالهه ڪا پري ڪانهي. پر عالمن جي جماعت مان ڪجهه ماڻهو منڍ کان اهڙا نڪتا، جيڪي ان خواب جو مطلب حقيقي طور تي ڏيکارڻ پيا گهرن، بس اهوئي هڪ خيالي بنياد هو جنهن تمام وڏن عالمن کي غلط يا صحيح روايتن جي مڃڻ لاءِ تيار ڪيو.
    هاڻي امام مالڪ کان پوءِ بخاريءَ جو درجو آهي جنهن کي موطا جو شرح مڃيو وڃي ٿو.
    امام بخاري پنهنجي ڪتاب ۾ ان حديث کي ٻن سندن سان حضرت ابوهريره ؐ جي روايت سان لکن ٿا.
    ترجمو: خدا جو قسم ابن مريم ضرور نازل ٿيندو، اهو حڪومت ڪندو، انصاف ڪندو، صليب کي ڀڃي ڀور ڪندو، خنزير کي قتل ڪندو، ابوهريره اهي لفظ رسول الله ﷺ جن جي طرفان نقل ڪري ٿو. ان کان بعد چوي ٿو ته جيڪڏهن توهان چاهيو ته قرآن جي هن آيت کي ان جي شاهديءَ ۾ پڙهي سگهو ٿا، ته مسيح جي موت کان اڳي سڀيئي اهل ڪتاب ان تي ايمان آڻيندا، هن آيت سان ابوهريره ڄڻ ته حديث جي تائيد ڪئي آهي. اسان کي ابوهريره جو منڍان ئي طرز حديث معلوم آهي. مشڪل سان اهڙا واقعا ملندا جو هو هڪ حديث جي تائيد ۾ قرآن جي شاهدي پيش ڪري. يعني ابوهريره ؐ اهڙي ضرورت ئي ڇو سمجهي جو ان جيڪو رسول الله ﷺ جن کان ٻڌو آهي ان جي تائيد قرآن شريف کان ڪرائي مطلب ته ابوهريره کي اهڙي قسم جو خيال ئي ڪونه ايندو. اسان کي صرف هي شبهو پيدا ٿئي ٿو ته ڪٿان هي ابوهريره جو پنهنجو قول نه هجي جنهن کي غلطيءَ مان رسول الله ﷺ جو قول چيو ويو هجي ۽ جيئن ته انهيءَ لاءِ ثبوت ڪونه هو ان ڪري عرصي تائين آءٌ چپ رهيو هئس، ايتري تائين جو ذهبيءَ جي ڪتاب تذڪرة الحفاظ ۾ هڪ روايت ملي ”هاشم بن قاسم ابوهريره کان نقل ڪري ٿو ته ابوهريره چوي ٿو ته قيامت نه ايندي جيستائين عيسيٰ پٽ مريم جو نازل نه ٿيندو. امام عادل هوندو، خنزير کي قتل ڪندو صليب کي ڀڃندو، اهو ابوهريره جو قول آهي ۽ انهيءَ تي صاف لکيل آهي ته رسول الله جو قول ناهي. جن ماڻهن کي علم حديث ۾ ڪافي بصارت حاصل آهي، اهي انهيءَ کان ناواقف ناهن ته جيڪا جماعت صحابه اڪرام جي قول جي روايت ڪرڻ واري هوندي آهي انهن کان ان وقت هڪ اهڙو آواز نڪرندو آهي جيڪو غلطيءَ سان ان کي رسول الله جو قول بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ان سان گڏ اهو ماڻهو به معتبر هوندو آهي. انهيءَ قسم جي غلطي پڪڙڻ ڪامل محدثن جو ڪم آهي ۽ جنهن حديث ۾ اهڙي غلطي ثابت ٿي وڃي ان کي ”معلل“ چوندا آهن. بخاريءَ جي گهڻين حديثن کي بعد جي ڪامل ماڻهن معلل ثابت ڪيو آهي. هاڻي اسان جي هن خيال مطابق عيسيٰ جي نزول واري حديث به معلل آهي. ان طرح انهن سو معلل حديثن ۾ هڪ وڌيڪ حديث جو اضافو ٿي ويندو. مطلب ته اسان جي سمجهه ۾ هي ٿو اچي ته اهو قول ابوهريره جو آهي، اهو ان ڪنهن اهل ڪتاب کان ٻڌو هوندو. ڪعب احبار هڪ يهودي عالم هو جيڪو بعد ۾ مسلمان ٿيو هو اهو تورات جون ڳالهيون عام طور ٻڌائيندو رهندو هو ۽ ابوهريره ان کان بي تڪلف روايتون ڪندو رهندو هو يعني ان جون ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌائيندو هو پر غلطيءَ سان اهو سمجهيو ويو ته ابوهريره ڪنهن اهل ڪتاب کان ڪوبه جملو نقل نه ڪندو آهي ۽ هاڻي ته محدثن وٽ قاعدو ٿي ويو آهي ته هڪ ته جيڪا ڳالهه هڪ صحابي چوي ۽ اها عقل سان سمجهه ۾ نه ايندي هجي ۽ ٻيو اهو ته اها اهل ڪتاب کان نه ورتي وئي هجي ته اها معنيٰ جي لحاظ کان حديث مڃي ويندي ۽ اهو قول رسول الله ﷺ جن جو سمجهيو ويندو.
    نمبر اول مان مراد آهي ته ڪو فوق الفطرت ڳالهه ڪري جيئن قيامت جي باري ۾ عمومي طور نبي ئي ڳالهه ڪندو آهي، عام ماڻهو ان قسم جي اڳڪٿي نه ڪري سگهندا آهن ۽ ٻئي نمبر مان مراد ته اها اهل ڪتاب کان ڪنهن سکي ڳالهه ڪئي هجي ڇو ته اهل ڪتاب وٽ ان قسم جون اڳ ڪٿيون موجود آهن. انهن کان ٻڌي ڪو ماڻهو اهڙي ڳالهه ڪري سگهي ٿو. اسان چئون ٿا ته جن ماڻهن هي خيال ٺاهي رکيو آهي ته ابوهريره اهل ڪتاب کان روايتون نه ٿو وٺي، انهن ابوهريره جي ڳالهه کي رسول الله جي ڳالهه سمجهي روايت ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايئن ڪرڻ ۾ هو عيب به نه ٿا سمجهن. بخاريءَ جي پهرين زيربحث حديث ۾ ابراهيم بن سعد راوي آهي جيڪو صالح کان روايت ڪري ٿو. ان ابراهيم جي باري ۾ جنهن تي هن حديث جو مدار آهي حافظ ابن حجر ”تهذيب التهذيب“ ۾ لکي ٿو ته يحييٰ بن سعيد ان ماڻهوءَ کي ضعيف سڏيندو هو، هاڻي جيڪڏهن انهن سندن جو مدار ابراهيم بن سعيد تي آهي ته گهڻو ممڪن آهي ته انهيءَ صاحب غلطيءَ مان هن حديث کي مرفوع يعني رسول الله ﷺ جن جو قول بڻائي ڇڏيو هجي. انهيءَ سان گڏ ئي اسان کي هاشم بن القاسم جيڪو هڪ وڏو حافظ آهي جي ذريعي خود ابوهريره جي پنهنجي ڳالهه هجڻ جو ثبوت ملي ٿو، جنهن ۾ هو صاحب واضح طور چوي ٿو ته هي قول ابوهريره جو پنهنجو آهي ۽ رسول الله جو قول نه آهي ۽ ان سان گڏوگڏ اسان کي هي به معلوم آهي ته حضرت ابوهريره رضي الله عنه اهل ڪتاب کان به روايتون وٺندو هو. مطلب ته ان حديث جي باري ۾ اهوئي گمان گهڻو آهي ته ان جي حقيقت صرف ايتري آهي ته ابوهريره ان حديث کي اهل ڪتاب کان ٻڌو ۽ روايت ڪيائين، جا پوءِ رسول الله ﷺ جن ڏانهن منسوب ٿيڻ لڳي ۽ بس.
    مؤطا امام مالڪ ۾ آندل عبدالله بن عمر واري حديث مان ماڻهن ۾ هي خيال عام ٿي ويو ته حضور ﷺ جن خواب ۾ مسيح بن مريم کي ڪعبي جو طواف ڪندي ڏٺو، ان خيال کي نظر ۾ رکندي ماڻهو بخاريءَ جي ابوهريره واري ان حديث جي به بنا سوچڻ سمجهڻ جي تائيد ڪرڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. امام بخاريءَ ابوهريره جي جيڪا ٻي روايت لکي آهي جنهن جو مطلب آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمائين ٿا ته توهان جو ڪهڙو حال ٿيندو جڏهن ابن مريم توهان ۾ نازل ٿيندو ۽ توهان جو امام توهان مان ٿيندو. ان حديث جي روايت ڪندڙ ابوهريره جو شاگرد ابوقتاده انصاري موليٰ نافع آهي. ان جي باري ۾ حافظ ابن حجر لکي ٿو ته هي ماڻهو تمام گهٽ روايتون ڪندڙ آهي.
    سو اهڙي مسئلي جي باري ۾ هڪ گهٽ حديثون بيان ڪندڙ، ويهي روايتون ڪري ته ڪيترو نه تعجب ۽ اچرج جهڙي ڳالهه ٿيندي، ۽ مزي جي ڳالهه ته ابوهريره جي سوين شاگردن جي هوندي ٻئي ڪنهن به اها حديث بيان نه ڪئي آهي ۽ ان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته اها مهديءَ جي خيال سان به مليل ڳالهه آهي، ان ڪري چيائين ته ”ابن مريم نازل ٿيندو ۽ توهان جو امام توهان مان ٿيندو.“ يعني مهدي.
    مهديءَ جي متعلق ٺوس ثبوت بلڪل ناهن، اسلام جي پهرئين دور ۾ ان جو نالو به ڪٿي ڪونه ٿو ملي. ان دور کان پوءِ جيڪي ڪتاب صحيح ۽ ضعيف حديثن جا گڏ ٿيل آهن انهن کي ڏسڻ سان اهڙيون ڪئي حديثون نڪري ٿيون اچن، پر انهن مان هڪ به صحيح ناهي. پر جڏهن دماغن ۾ هڪ خيال پلجي رهيو هوندو آهي ته ان کي ثابت ڪرڻ لاءِ کوڙسارا اصول بنائي سگهجن ٿا. هڪ پاسي ته چيو ويو ته هي نزول مسيح جو عقيدو قرآن شريف جي مٿي ذڪر ڪيل آيت: (سورة نساء 109) مان ثابت ٿئي ٿو، جڏهن ته قرآن شريف جو جيڪو مشهور تفسير ٿيندو ٿو اچي ان ۾ لفظ ”موته“ جي ضمير جو اشارو اهل ڪتاب ڏانهن بنايو ويندو آهي، مسيح ڏانهن نه. (يعني اهل ڪتاب پنهنجي موت کان پهريائين ان تي ايمان آڻيندا. سنڌيڪار) ۽ مسلم شريف جي شرح ۾ امام نوويءَ اهو تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان ضمير جو اشارو مسيح ڏانهن سمجهڻ غيرمعروف تفسير آهي. امام مسلم جي ڪتاب صحيح ۾ هڪ ٻي روايت به آهي ته جڏهن هي ڏهه ڳالهيون ٿينديون ته قيامت ٿيندي ۽ انهن ڏهن مان هڪ عيسيٰ بن مريم جي اچڻ جي متعلق آهي ۽ حسن اتفاق سان اها حديث به صحيح ناهي. مسلم کان پوءِ ان کان هيٺئين درجي جي ڪتابن ۾ جيتريون به حديثون ملن ٿيون، انهن سڀني جون غلطيون آسانيءَ سان ڪڍي سگهجن ٿيون پر ڇاڪاڻ ته عالمن ۾ ان عقيدي جي ثابت ڪرڻ جو خيال ڄمي ويو آهي ان ڪري اهي پنهنجي طبيعت کي هي چئي خوش ڪري ٿا ڇڏين ته گهڻيون ضعيف روايتون (ڪچيون ڳالهيون) ملي ڪري ”قوي“ يعني صحيح ٿي وينديون آهن. معنيٰ ته گهڻا ڪوڙ ملي هڪ چڱو ڀلو سچ ٺهي پوندا آهن.
    اسان جي پنهنجي ڪيفيت به اهڙي رهي، جيئن ٻيا علماءَ قائل آهن اسين به قائل هئاسين، پر دل کي اطمينان نه ايندو هو، اسان کي معلوم هو ته سر سيد اهڙي قسم جو خيال نه رکندو هو ۽ مسيح ؑ جي ٻيهر اچڻ جو قائل نه هو پر اسان کي معلوم هو ته ان جي حديث کي مڃڻ جو اهو طريقو نه هو جيڪو ٻين عالمن جو حديث مان مسئلا اخذ ڪرڻ جو طريقو هو. ان کانپوءِ مرزا قادياني آيو ان انهن حديثن کي صحيح مڃي پاڻ کي انهن حديثن جو مصداق ۽ مراد بڻائي ڇڏيو. اسان ان تي ڪافي غور ڪيو ۽ ان باري ۾ مرزا صاحب جو لٽريچر پڙهيو. جنهن مان اسان کي ان ڳالهه تي شڪ ٿيڻ لڳو. مرزا صاحب جي استدلال کي ته اسين غلط ثابت ڪري ٿي سگهياسين، پر اسان ۾ اها همت نه هئي ته ڪنهن منڪر جي سامهون پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري سگهون ۽ ان جو ڪوبه رد نه ٿئي، اسان جي هر دليل جو جواب ڏئي سگهيو ٿي. اسان وٽ صرف هڪ شئي (مصيبت) هئي جنهن جو اسان ٽوڙ پيش نه پيا ڪري سگهون، اها هئي اسان جي عام اهل علم ماڻهن جو متفق عقيدو ته اهل سنت والجماعت جا عالم انهيءَ مسئلي کي عقيدي جي طور تي مڃين ٿا ۽ ان کان وڌيڪ هيءَ (مصيبت) ته اسان جي صوفي سڳورن جي ڪشف جي مشق جي به ايتري تائيد، جو ان مهدي ۽ مسيح جي اچڻ جي عقيدي جي خلاف تصور به نه ٿي ڪري سگهيو، ان ڪري تقريباً ويهن سالن تائين خاموش رهيس. جڏهن به ڪڏهن ان مسئلي جي باري ۾ ڳالهه ايندي هئي ته اسان چئي ڇڏيندا هئاسين ته آءٌ حل نٿو ڪري سگهان.
    صوفين سڳورن جي ڪشف جي مشق مان مراد آهي ته اهي پنهنجي ڪشفي حالتن جي ذريعي مهديءَ ۽ مسيح جي ٻيهر لهڻ جو عقيدو رکڻ ٿا ۽ ان کي پنهنجي ڪشف مان ثابت ڪن ٿا، ۽ هي صوفين جي جماعت جا ماڻهو الاهيات جا وڏا عالم ٿيندا آهن، سندن عالم مثال سان تعلق هوندو آهي. انهن جو عقيدو هوندو آهي ته عالم مثال جو هيٺيون طبقو اهڙو آهي جيڪو انهن الاهيات جي عالمن الله جي ولين جي خيالن جو محافظ آهي. ان جاءِ جي باري ۾ انهن جو عقيدو هوندو آهي، اهو غلط هجي يا صحيح ان سان انهن جو ڪوبه تعلق نه هوندو آهي، ته هو جنهن شيءِ کي پنهنجو عقيدو سمجهندا آهن. اها انهن کي اتاهان کان منڪشف ٿيندي آهي، ان طرح جيترا به غلط مذهب آهن انهن جي اصليت به اهائي آهي.
    اسان جي نظريي مطابق ڪشف ان صورت ۾ حجت بڻجي سگهي ٿو جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته اهو قرآن حديث جي مطابق آهي. ڇاڪاڻ ته ڪشف ته هر مذهب جي الاهيات جي ڄاڻندڙن کي ٿيندو آهي. حضرت شاهه ولي الله پنهنجي ڪتاب ۾ تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ۽ ان طرح شاهه اسماعيل شهيد عبقات ۾ پڻ لکيو آهي ته عالم مثال جا ٻه طبقا آهن. هڪ ”اعليٰ“ طبقو، جنهن ۾ شين جي حقيقت محفوظ آهي، اتي ڪابه غلط شيءِ نه آهي، اتي وهمي ڳالهين کي ڪوبه دخل ناهي هوندو ۽ ٻيو طبقو ”ادنيٰ“ ۽ هيٺيون آهي، ان ۾ هر طرح جي خيالن جو خزانو آهي، غلط عقيدا، مذهب ۽ خيال سڀ اتي محفوظ آهن ته ان طبقي جي اهل الله جا اهڙا ميل جول وارا خيال جيڪي انهن جي عقيدن ۾ شامل آهن ۽ انهن کي ان هنڌان منڪشف ٿين جتي غلط شيون، سوچون، مذهب ۽ خيال صحيح ڏسڻ ۾ اچن، ته ان طبقي جي ڪشف تي ڀروسو ڪرڻ ان ڳالهه جو دليل ناهي ته ”اها ڳالهه حق آهي.“ وڌيڪ تحقيق عبقات ۾ ڏسو. اسان جڏهن ان مسئلي کي قرآن حديث مان ثابت ڪري ٿا سگهون ته ڪشف جي ذريعي اسان تي ڪوبه الزام نه ٿو اچي سگهي. مطلب ته جيڪڏهن ڪو ڪشف وارو مسلمان ڪشف جي ذريعي ٻڌائي ته مهديءَ جي ظاهر ٿيڻ ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ جو عقيدو صحيح آهي ته اسان ان کي ايستائين نه ٿا مڃي سگهون جيستائين اهو عقيدو قرآن ۽ حديث جي مطابق نه ٿو اچي سگهي. مٿي ٻڌائي چڪا آهيون ته انهن جو عقيدو عالم مثال جي هيٺئين ”ادنيٰ“ طبقي ۾ محفوظ رهندو آهي ۽ اهي ان جي مطابق ڪشف ڏسندا آهن، ان ڪري انهن جو هر ڪشف جيستائين قرآن ۽ حديث جي مطابق نه هوندو اسان لاءِ حجت نه ٿو بڻجي سگهي.
    اسان هندستان ڇڏڻ کان پوءِ جڏهن دنيا جي سياست جو سٺي نموني مطالعو ڪيو ۽ ٻئي پاسي مسلمانن جي عام ذهني ويڳاڻپ ۽ پريشان حالت اسان جي سامهون هئي ته ان جو اسان کي ڏاڍو اثر ٿيو ته دنيا ۾ اڄ قومن جي جدوجهد جاري آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ مسلمان سيهڙ جي ننڊ ۾ پيل آهن ۽ اهي جيڪڏهن ايئن ئي پيا رهيا ته وري شايد کين ڪڏهن به اٿڻ جو موقعو ئي نه ملي سگهي. ان ڪري تن ڏينهن ۾ طبيعت ۾ سخت پريشاني هئي ۽ اتفاق سان اسان انهن ڏينهن ۾ انجيل جو مطالعو شروع ڪري ڏنو، ان کي وري وري ڏسڻ سان اسان کي سمجهه ۾ آيو ته مسيح  پنهنجي حوارين کي هيءُ يقين ٿا ڏيارين ته اسين واپس وينداسي، پر ان مضمون کي انهن ٻن طريقن سان واضح ڪيو آهي: پهريون ته جڏهن پاڻ ايندا ته هڪ وڏي عظيم الشان سلطنت قائم ٿيندي، ۽ جهڙي طرح آسمان تي خدا جي حڪومت آهي ايئن ئي زمين تي خدا جي حڪومت قائم ٿيندي، هيءَ سندن پهرين آمد آهي ۽ ٻي آمد ۾ پاڻ قيامت جون نشانيون بيان ڪن ٿا. ان بيان کان پوءِ پاڻ چون ٿا ته ابر ۾ خدا نازل ٿيندو، فرشتا ايندا ۽ آءٌ الله تعاليٰ جي ساڄي پاسي کان هوندس ۽ دشمن اسان جي اڳيان پيش ٿيندا. (مولانا سنڌي هيٺئين سڀني حوالن مان اهو ثابت ڪرڻ ٿو گهري ته تورات ۾ آيل حضرت عيسيٰ جن هن چوڻ ته مان وڃان ٿو وري ٻيهر ايندس جو حضور اڪرم جن ڏانهن اشارو آهي. سنڌيڪار)
    (الف) جڏهن هو زيتون جي جبل تي ويٺو هو ته ان جا شاگرد ان وٽ آيا ۽ چيائون ته ٻڌايو ته اهي ڳالهيون ڪڏهن ٿينديون، ۽ تنهنجي اچڻ ۽ دنيا جي پڄاڻيءَ جون نشانيون ڪهڙيون هونديون. يسوع جواب ۾ انهن کي چيو ته خبردار ڪو توهان کي گمراهه نه ڪري، ڇاڪاڻ ته گهڻائي منهنجي نالي سان ايندا ۽ چوندا ته اسين مسيح آهيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي گمراهه ڪندا ۽ توهان جنگين جا افواهه ٻڌندؤ. خبردار گهٻرائجو نه ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين جو ٿيڻ ضروري آهي ته قوم تي قوم ۽ بادشاهت تي بادشاهت چڙهائي ڪندي ۽ هنڌ هنڌ تي ڪال پوندو ۽ ڏڪر ٿيندو پر اهي سڀ ڳالهيون مصيبتن جو آغاز هونديون ۽ ڪيترائي ڪوڙا نبي اٿي بيهندا، گهڻن کي گمراهه ڪندا، ۽ بي ديني وڌي وڃڻ ڪري گهڻن جي محبت ٿڌي ٿي ويندي، پر جيڪو پڇاڙيءَ تائين بادشاهت ڪندو اهو نجات حاصل ڪندو، ۽ بادشاهت جي ان خوشخبريءَ جو سڏ سڄي دنيا ۾ ٿيندو ته جيئن سڀني قومن لاءِ گواهي هجي ۽ ان وقت پڄاڻي ٿيندي. (متي بابت 24 صه 3-14)
    (ب) يسوع چيو مون هيءَ ڳالهه توهان سان گڏ رهي ڪئي پر فارقليط جنهن کي پيءُ منهنجي نالي سان موڪليندو، اهو توهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو ۽ جيڪو ڪجهه مون توهان کي چيو آهي اهو سڀ توهان کي ياد ڏياريندو، آءٌ توهان کي اطمينان ڏئي ٿو وڃان ۽ پنهنجو اطمينان توهان کي ڏئي ٿو وڃان، جهڙيءَ طرح دنيا ڏئي ٿي آءٌ توهان کي ايئن ٿو ڏيان، توهان جي دل نه دهلجي ۽ ڊڄي، توهان ٻڌي چڪؤ ته مون توهان کي چيو ته ”وڃان ٿو توهان وٽ وري اچان ٿو.“ (يوحنا بابت 14، صفحه 25-28 -123)
    (ج) پر جڏهن فارقليط ايندو جنهن کي مان توهان ڏانهن پيءُ جي طرفان موڪليندس يعني سچائي جو روح جيڪو پيءُ جي طرفان نڪرندو آهي، ته اهو منهنجي شاهدي ڏيندو ۽ توهان به شاهد آهيو ڇاڪاڻ ته منڍ کان مون سان گڏ آهيو. (يوحنا باب 10 صفحه 26-27)
    (د) ۽ مون منڍ ۾ توهان سان اهي ڳالهيون ان ڪري نه ڪيون جو مان توهان سان گڏ هوس پر هاڻي آءٌ پنهنجي موڪليندڙ ڏانهن وڃان ٿو ۽ توهان مان ڪوبه مون کان اهو نه ٿو پڇي ته تون ڪيڏانهن ٿو وڃين، بلڪ توهان سان منهنجي هنن ڪيل ڳالهين ڪري توهان جي دل غم سان ڀرجي وئي، پر مان توهان کي سچ چوان ٿو ته منهنجو وڃڻ توهان لاءِ فائديمند آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مان نه ويندس ته فارقليط توهان وٽ نه ايندو، ۽ جڏهن ويندس ته ان کي توهان ڏانهن مون موڪلي ڇڏيندس. (7-8)
    پر هاڻي توهان ان کي برداشت نه ٿا ڪري سگهو پر اهو فارقليط ايندو ته توهان کي پوري سچائيءَ جي راهه ڏيکاريندو. ان ڪري جو اهو پنهنجي طرفان ڪجهه نه چوندو، بلڪ اهو جيڪو ٻڌندو اهوئي چوندو ۽ اهو توهان کي آئيندي جون خبرون ٻڌائيندو، ۽ منهنجو جلال ظاهر ڪندو (جلال هميشه سلطنت جي صورت ۾ استعمال ٿيندو آهي) ڇاڪاڻ ته مون کان حاصل ڪري توهان کي ٻڌائيندو، جو ڪجهه پيءُ جو آهي اهو سڀ منهنجو آهي، ان ڪري مون چيو ته اهو مون کان حاصل ڪري ٿو ۽ توهان کي خبر ڏيندو.
    (هه) يسوع اهو ڄاڻي ته مون کان هي سوال ڪرڻ گهرن ٿا، انهن کي چيو ته ڇا توهان پاڻ ۾ منهنجي هن ڳالهه جي نسبت هڪ ٻئي کان پڇو ٿا ته ٿوري دير ۾ توهان مون کي نه ڏسندؤ ۽ وري ٿوري دير ۾ توهان مون کي ڏسي وٺندؤ. آءٌ توهان کي سچ ٿو چوان ته توهان ته روئندؤ ۽ ماتم ڪندؤ، پر دنيا خوش ٿيندي، توهان غمگين ته ٿيندؤ پر توهان جو غم ئي خوشي بڻجي ويندو. جڏهن عورت ويامندي آهي ته غمگين ٿي ويندي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي ڏک جي گهڙي اچي وئي آهي، پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي ته ان خوشيءَ ۾ ته دنيا ۾ هڪ ٻيو ماڻهو پيدا ٿيو، انهيءَ سور کي وري ياد ئي نه ڪندي آهي. سو هاڻي توهان کي به ڏک آهي پر مان توهان سان وري ملندس ۽ توهان جي دل خوش ٿيندي ۽ توهان جي خوشي توهان کان ڪوبه کسي نه وٺندو. (19-22)
    مون هي ڳالهيون توهان کي تمثيلن ۾ چيون، (يوحنا 1677- 25)هنن حوالن ۾ فارقليط جي اچڻ ۽ وري خود مسيح جي پنهنجي ٻيهر اچڻ جون ڳالهيون ۽ وري اهو چوڻ ته هي ڳالهيون تمثيلي انداز ۾ آهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته ان مان مراد مسيح جو اچڻ نه پر حضور جن جو اچڻ آهي. ۽ قرآن ۾ به اهوئي لکيل آهي ته اڳين ڪتابن ۾ حضور جن جي اچڻ جي بشارت هئي، پر اهو ڪٿي به ڪونهي ته مسيح جي ٻيهر اچڻ جي بشارت به اڳين ڪتابن يا قرآن ۾ هئي يا آهي. سنڌيڪار)
    يسوع جيڪا نماز انهن کي سيکاري ٿو اها هيءَ آهي:
    ”اي اسان جا پيءُ تون جيڪو آسمان تي آهين تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي، تنهنجي بادشاهت اچي تنهنجي مرضي جيئن آسمان تي پوري ٿيندي آهي تيئن زمين تي به ٿئي.“ (باب 16، 9-10)
    ان بادشاهت مان مراد رسول ڪريم ﷺ جن آهن.
    (ح)پوءِ جيڪو به انهن ننڍن ننڍن حڪمن مان به ڪنهن کي ٽوڙيندو ۽ اهو ئي ماڻهن کي سيکاريندو آسمان جي بادشاهت ۾ سڀ کان وڌيڪ ننڍو سڏبو پر جيڪو ان تي عمل ڪندو ۽ ان جي تعليم ڏيندو آسمان جي بادشاهت ۾ وڏو سڏبو، ڇاڪاڻ ته مان توهان کي چوان ٿو ته جيڪڏهن توهان جي سچائي فقيهن ۽ فريسين جي سچ گوئيءَ کان وڌيڪ نه هوندي ته توهان آسمان جي بادشاهت ۾ هرگز داخل نه ٿيندؤ. (متيٰ باب 10، 19-27)
    حضرت عيسيٰ آسمان جي بادشاهت جي باري ۾ ٻڌائي رهيو آهي ۽ ان جي قانون جي ننڍن وڏن احڪامن جو ذڪر ڪري رهيو آهي.
    (ط) يسوع انهن کي چيو ته ڇا توهان ڪتاب غورس ۾ ناهي پڙهيو؟ ته (زبور 18، 22-23) جنهن پٿر کي معمارن روڪيو آهي اهوئي ڪنڊ جي سري جو پٿر ٿي ويو. اهو خداوند جي طرفان ٿيو ۽ اسان جي نظر عجيب آهي.
    هاڻي سيدنا عيسيٰ  ان پٿر جي تشريح ٿو ڪري:
    ان ڪري آءٌ توهان کي چوان ٿو ته خدا جي بادشاهت توهان کان کسي ويندي ۽ اها قوم جيڪا ان جو ڦل آڻيندي ان کي ڏني ويندي ۽ جيڪو ان پٿر تي ڪرندو ان جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا ۽ جنهن تي اهو ڪرندو ان کي پيهين ڇڏيندو. (متيٰ باب 11، 42-44)
    مطلب ته انجيل جي انهن آيتن ۾ مسيح جي اچڻ جو ذڪر آهي ۽ ان کي بادشاهت جي پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ۽ اها بادشاهت حقيقت ۾ رسول الله ﷺ جي ذريعي دنيا ۾ ظاهر ٿيندي.
    ان ۾ صاف ٻڌايو ويو آهي ته دنيا تي الله تعاليٰ جي بادشاهت قائم ٿيندي ۽ دنيا جي ختم ٿيڻ کان پهرين ان زبردست بادشاهت جو قائم ٿيڻ ضروري هو ۽ اهو رسول الله ﷺ جن فرمائن ٿا ته منهنجي ۽ قيامت جي وچ ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو ٻن آڱرين جي وچ ۾، هاڻي مون کان پوءِ ڪوبه نبي اچڻ وارو ناهي.
    پر جيڪي ماڻهو قرآن کي نٿا سمجهن انهن جي دل ۾ طبعي طور اهڙا خيال پيدا ٿين ٿا ته ڪو اهڙو هجي جيڪو دنيا کي ٻيهر روشني ڏئي سگهي ۽ ان لاءِ انهن نصارن جي خيال کي مڃي انهن سان گڏ پنهنجي خيال کي ملائي ورتو ته نصارن جو عيسيٰ ۽ اسان جو مهدي ٻئي ايندا. ان جو مطلب ته اهو آهي ته اسلام جي ترقي صرف رسول الله ﷺ جن جو ذاتي ڪمال هو جيڪو سندن زندگيءَ سان يا ان جي ويجهو ئي ختم ٿي ويو، هاڻي دنيا ۾ ٻئي نبيءَ کي اچڻ گهرجي جيڪو دنيا کي ٻيهر روشني ڏئي سگهي جڏهن ته بقول سيدنا عيسيٰ جي قيامت تائين ڪوبه ٻيو نبي نٿو اچي سگهي. هاڻي صرف هيءُ ئي ڪتاب قرآن مجيد آهي جيڪو دنيا کي تيرهن سو سالن کان هدايت ڏئي رهيو آهي ۽ قيامت تائين هدايت ۽ روشني دنيا کي ڏيندو رهندو.
    امام باقر بن علي بن حسين حضرت جابر بن عبدالله کان روايت ڪئي آهي ته رسول الله ﷺ جن حجت الوداع جي موقعي تي اعلان ڪيو ته آءٌ پنهنجي پويان هڪ اهڙي شيءِ ڇڏي آيو آهيان، جو جيڪڏهن ان کي جهليو هلندؤ ته گمراهه نه ٿيندؤ ۽ اهو قرآن آهي. (مسلم شريف)
    مؤطا امام مالڪ جي هڪ حديث آهي ته رسول الله ﷺ جن فرمايو ته منهنجا پنج نالا آهن: (1) محمد (2) احمد (3) ماهي، منهنجي ذريعي الله ڪفر کي مٽائيندو ۽ (5) حاشر، جيڪي ماڻهو منهنجي قدمن ۾ اٿاريا ويندا ۽ (5) عاقب، زهريءَ ان جي معنيٰ ٻڌائي ته مون کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو يعني آءُ سڀ کان آخري نبي آهيان.
    ان حديث ۾ پاڻ سڳورن پنهنجا ٻه نالا ٻڌايا آهن. هڪ هيءُ ته الله تعاليٰ منهنجي ذريعي ڪفر کي مٽائيندو. يعني بادشاهي الله جي هوندي ۽ ٻيو اهو ته مون کان پوءِ ڪوبه نبي نه ايندو، يعني ان کان پوءِ خاتمو ٿيندو. خاتمي مان مراد آهي ته قيامت (انقلاب) منهنجي ذريعي سان ايندو. اها مسيح جي پهرين آمد آهي يعني حضور ﷺ جن ئي مسيح آهن جنهن جي متعلق عيسيٰ  ٻڌائي رهيا آهن. مسيح جي معنيٰ آهي نجات ڏيندڙ.

    مسيح جي ٻي آمد جو ذڪر
    ”ابن آدم جو ظهور“ ۽ فوراً انهن ڏينهن جي مصيبت کان پوءِ سج اونداهو ٿي ويندو ۽ چنڊ پنهنجي روشني نه ڏيندو، ۽ ستارا آسمان مان ڪري پوندا ۽ آسمان جون قوتون هلاڪ ڪيون وينديون ۽ ان وقت ابن آدم جو نشان آسمان تي ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ ان وقت زمين جون سڀ قوتون ڇاتيءَ تي ڌڪ هڻنديون ۽ ابن آدم کي وڏي قدرت ۽ جلال سان آسمان کان ڪڪرن تي ايندي ڏسندا، ۽ اهو سڱ جي وڏي آواز سان پنهنجي فرشتن کي موڪليندو ۽ اهي چئني طرفن کان آسمان جي هڪ سري کان ٻئي سري تائين ماڻهن (؟) کي جمع ڪندا. (متيٰ باب 24 ص 29-41)
    ان ٻيءَ آمد ۾ محشر جو صاف نظارو آهي، شخص اڪبر جو ظهور آهي جيڪو حظيرة القدس ۾ آهي، ۽ ملاءُ الاعليٰ جو نزول آهي.
    افسوس جو نصارن ۽ مسلمانن جي مفسرن انهن ٻنهي آمدن کي ملائي ڇڏيو آهي، نه ته ڳالهه مان ظاهر ٿئي ٿو ته پهرين آمد رسول الله ﷺ جن جي بادشاهت ۾ ظاهر ٿي، ۽ ٻي آمد مان محشر جو ڏينهن ثابت ٿئي ٿو.
    هڪ ڳالهه ياد رکڻ جي قابل آهي ته مسيح  چون ٿا ته ”مان ايندس“ ته ان جو مطلب آهي ته ٻين انبيائن جيان ايندو، جهڙيءَ طرح مسيح پنهنجي امت لاءِ ايندو اهڙي طرح ٻيا انبياءَ به پنهنجي پنهنجي امتن جي لاءِ ايندا ۽ اهو محشر جو ڏينهن آهي.
    نصارن فارقليط جو غلط تعبير ڪري روح القدس قرار ڏنو پر مسلمان مناظرن انهن جي اها غلطي ثابت ڪري ڇڏي.
    ان طرح نصارن بادشاهت جو به غلط تفسير ڪيو آهي ۽ افسوس جو بدقسمتيءَ سان مسلمانن ان طرف ڌيان ئي ڪونه ڏنو. مطلب ڳالهه جو، جيئن پهريائين ٻڌايوسين ته انجيل ۾ ٻه مختلف بيان آهن. انهن مان طبيعت ۾ هڪ ڳالهه سجهي ته سلطنت ٺاهڻ وقت واري جيڪا آمد آهي، ان مان مراد حضور ﷺ جن آهن خود حضرت عيسيٰ چئي ٿو ته آءٌ توهان کي هي ڳالهيون تمثيل جي طور تي ٻڌايان ٿو. جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته ان مان مراد رسول الله ﷺ جن آهن، ته پوءِ مسئلو شروع کان ئي صاف ٿي ٿو وڃي. نصارن انجيل جي ان مطلب سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي آهي ۽ ان ڪري انهن رسول الله ﷺ جن جي اچڻ جو انڪار ڪيو ۽ پاڻ سڳورن کي ايئن نه مڃيائون جهڙي طرح انجيل جو وعدو هو جيڪو پاڻ سڳورن جي اچڻ سان پورو ٿيو. نصارن جي مٿئين سوچ جي خيال کان، اهي هاڻي به انجيل جي وعدي پوري ٿيڻ جي انتظار ۾ ويٺا آهن ته مسيح ايندو ۽ اهو وعدو پورو ٿيندو. اهڙيءَ ريت نصارن ۾ اهو خيال هلندو ٿي آيو، جڏهن شيعان علي ۾ حضرت علي جي شهادت کان پوءِ پريشاني پيدا ٿي ته هنن به اهو خيال جوڙي ورتو ته حضرت علي جيتوڻيڪ شهيد ٿي ويو آهي، پر اهو ٻيهر اچي حڪومت جوڙيندو ۽ ان خيال کي انهن بعد ۾ هنن لفظن ۾ ادا ڪيو ته حضرت علي نه ته، ان جي اولاد منجهان ڪونه ڪو ايندو ۽ پوءِ اهوئي خيال آهستي آهستي مهديءَ جي شڪل وٺي ويو.
    حضرت ابوهريره رضي الله امام حسن ۽ امام حسين رضي الله جي طرفدار ماڻهن مان هو، کيس نصارن جون هن قسم جون روايتون معلوم هيون ته حضرت عيسيٰ  ٻيهر واپس ايندو ۽ جڏهن ابوهريره ڏٺو ته سندس خيال مطابق انهن روايتن جي قرآن مان تائيد معلوم ٿئي ٿي ته ان انهن کي قبول ڪري ورتو ۽ ان مان هي اصول قائم ٿئي ٿو ته هڪ ماڻهو دنيا ۾ ٻيهر اچي حڪومت قائم ڪري سگهي ٿو ۽ جڏهن اهو اصول مڃي وٺجي ته پوءِ حضرت علي يا ان جي اولاد جي باري ۾ غلط خيال ڪرڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي.
    پوئين صديءَ ۾ سيد احمد شهيد بريلويءَ جو مثال اسان وٽ موجود آهي، ان جي شهادت تي هڪ فرقي هي عقيدو قائم ڪيو ته سيد صاحب ٻيهر دنيا ۾ ايندو ۽ جهاد ڪندو، ۽ اها جماعت اڄ تائين انتظار ۾ ويٺي آهي. جڏهن ته ان جماعت ۾ وڏا وڏا سمجهدار، عقلمند، علم وارا ۽ حديث جا متبحر عالم ماڻهو موجود آهن، پر اهو خيال ڀوت وانگر انهن جي مٿان سوار آهي، جڏهن ته انهن کي يقيني طور معلوم آهي ته حضرت سيد احمد شهيد ۽ مولانا محمد اسماعيل شهيد جون سسيون ڪٽي رنجيت سنگهه اڳيان لاهور ۾ آنديون ويون هيون. انهن وانگر ”شيعان علي“ ۾ اهو خيال ڀوٿ جيان سوار ٿي وڃي ته ڪا تعجب جهڙي ڳالهه ڪانهي.
    اسان لاءِ جڏهن حضرت ابوهريره جي حديث جو معلل هئڻ ظاهر ٿيو آهي ته، اسان هن ڳالهه تي ڪڏهن به حيران نه ٿا ٿي سگهون ته جيڪا حديث بخاريءَ ۾ قبول ٿي چڪي آهي ان جو انڪار ڪري ڇڏيون، ۽ نه ئي اسان پاڻ کي ان درجي کان به پوئتي رکڻ ٿا گهرون جو اسين بخاريءَ جي ڪنهن حديث جو ضعف به نه سمجهي سگهون ۽ علمي قاعدن ۾ اهڙو بحث نه ڪري سگهون، جنهن سان حديث جو ضعف ثابت ٿي سگهي. ان درجي تي اسان پاڻ کي ڪڏهن به فرض ڪونه ڪيو آهي. پر جڏهن اسان کي ثبوت ملندو ته ان جي صحيح ٿيل حديثن کي (انهن حديثن مان جن کي امام بخاري صحيح قرار ڏئي صحيح بخاريءَ ۾ آڻي ٿو.) ضعيف ثابت ڪري سگهون ٿا. ها ثبوت سان، بنا ثبوت جي ايئن ڪرڻ علماءِ جي مسلڪ جي خلاف آهي، اهو اسان جا حنفي فقيهه منڍ کان ڪندا آيا آهن، جو هر حديث کي تنقيد جي نظر سان ڏ سندا آهن ۽ اهو ئي عالمن جو مسلڪ آهي.
    ان کان پوءِ اسان کي هڪ ٻي شيءِ ملي. حضرت شاهه ولي الله پنهنجي چاچي ابوالرضا محمد جي سوانح لکندي هي مسئلو صراحت سان بيان ڪن ٿا ته ”هڪ ماڻهو مري وڃي ٿو ته اهو ٻيهر جسماني طور تي واپس اچي، اهو اهل سنت والجماعت جي اصول جي خلاف آهي.“ انفاس العارفين ص-118 ۾ لکن ٿا ته شيخ ابوالرضا محمد فرمائين ٿا ته ”هر ڪه بمرد و برزخ رفت، عود او در دنيا به بدن ناسوتي که قابل تجزي و تبعيض و خرق و التيام باشد ممڪن نيست“ ترجمو: ”جيڪو ماڻهو مري ٿو وڃي ۽ وڃي قبر ڀيڙو ٿئي ٿو ان جو ان طرح موٽڻ جو اهو پنهنجي ناسوتي بدن سان هڪ الڳ تشخص رکي، اهو ممڪن ڪونهي.“ حضرت شاهه ولي الله ان جي تشريح ڪن ٿا. ”ڪاتب الحروف گويد که زيراڪ عود ببدن عنصري در دنيا قبل قيام قيامت همان رجعت است که اهل سنت بربطلان (ڪوڙ) آن اتفاق ڪرده اند.“ ترجمو: هي سٽون لکندڙ (شاهه ولي الله) چوي ٿو ته بدن عنصريءَ سان قيامت قائم ٿيڻ کان اڳ موٽڻ اهو رجعت آهي. اهل سنت ان جي باطل هجڻ (ڪوڙي هجڻ) تي متفق آهن. (شاهه صاحب جي فارسي عبارت ۾ ”ڪوڙ“ جو لفظ تشريح طور مولانا سنڌيءَ جو لڳايل آهي. سنڌيڪار)
    (1) صحيح بخاريءَ جي (باب) تفسير ۾ آهي ”وکنت عليهم شهيدا مادمت فيهم فلما توفيتني ڪنت انت الرقيب عليهم انت عليٰ ڪل شيءِ شهيد.“ ۽ ان (بخاريءَ) ۾آهي ”يا عيسيٰ اني متوفيڪ“ ابن عباس ان جي هيءَ معنيٰ ڪري ٿو، ”قال ابن عباس متوفيڪ، مميتڪ“ ابن عباس چئي ٿو ته متوفيڪ جي معنيٰ آهي مميتڪ (توکي به مرڻو آهي.)
    مطلب ته ان آيت ۾ حضرت عيسيٰ فرمائي ٿو، جيستائين مان انهن ۾ رهيس آءٌ انهن جو نگران ۽ شاهد هئس، پر جڏهن مون کي موت ڏنو ويو ته ان کانپوءِ تون ئي انهن جو نگران هئين. مطلب ته عيسيٰ عليه السلام پنهنجي زندگيءَ ۾ (انهن جو نگران هو) ۽ ان جي وفات کانپوءِ الله نصارن جو نگران آهي، ڇاڪاڻ ته سندن وفات کان پوءِ عيسيٰ جي قوم ته دنيا ۾ رهي (حضرت عيسيٰ نه رهيو.)
    (2) قال الامام احمد ثلثه ابواب ليس يصح فيها حديث منها الملاهم والفتن (ذڪره شيخ الاسلام ابن تيميه في منهاج السنته)
    يعني امام احمد چون ٿا ته ٽن بابن ۾ حديثون صحيح ناهن. عيسيٰ جي باب ۾ مهديءَ جي واقعن ۽ جنگ جي باب ۾.
    (3) ان کان علاوه اسان کي هڪ ٻي شيءِ ملي ٿي. مهديءَ جي متعلق ابو داؤد ۾ هڪ صحيح حديث موجود آهي، ان کي امام ولي الله پنهنجي مشهور ڪتاب ازالة الخفاءَ ۾ مهدي عباسيءَ تي محمول ڪري ٿو. شاهه صاحب مهديءَ جو قائل هو، هڪ مهدي عباسي جيڪو حديث جي مصداق آهي ۽ ٻيو مهدي فاطمي جنهن جو امام ولي الله به انتظار ڪندو هو. تفهيمات الاهيه ۾ فرمائن ٿا ته مون کي الهام ٿيو آهي ته جيڪڏهن تون انقلاب آڻي وڃين ته تون مهدي آهين ۽ ٻئي مهدي جي ضرورت نه پوندي، ان وقت دهليءَ جي سلطنت زوال پذير هئي ۽ زمين انقلاب لاءِ تيار هئي. پر شاهه صاحب ان الهام سمجهڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ سمجهيائون ته مهدي عرب ۾ پيدا ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ مهدي آهيان ته مون کي عرب ۾ وڃڻ گهرجي ۽ عرب ڏانهن وڃڻ لاءِ شاهه صاحب تيار ٿيو، ۽ پوءِ شاهه صاحب کي سخت تڪليفون پيش آيون ۽ الهام جي معنيٰ کي نه سمجهڻ جي سببان انقلاب نه ٿيو ۽ انقلاب لاءِ هندستان جي زمين تيار هئي، جنهن مان انگريز قوم جيڪا هڪ واپاري حيثيت رکندڙ قوم هئي، ان فائدو حاصل ڪيو ۽ منهنجو خيال آهي ته انگريزن شاهه صاحب جي فلسفي منجهان فائدو ورتو آهي ۽ ان الهام کي انهن سمجهي ورتو ۽ هندستان جا مالڪ ٿي ويا ۽ موقعو هٿن مان هليو ويو. جيڪڏهن شاهه صاحب ان وقت سلطنت جي انقلاب لاءِ ڪم ڪن ها ته اسلامي سلطنت قائم ٿئي ها ۽ مهدي به شاهه صاحب ئي ٿئي ها پر افسوس جو ڪم خراب ٿي ويو، انالله وانا اليه راجعون.
    ابوداؤد جي حديث نقل ڪندي چون ٿا ته مهدي عباسيءَ جي زماني ۾ انهن حديثن جو مصداق ثابت ٿي چڪو آهي. سندن الفاظ هي آهن: ”ابن ماجه جي حديث ۾ ابو مسلم جي خراسان مان نڪرڻ جي طرف اشارو آهي ۽ ان خليفي کي مهدي چيو اٿن ۽ ان جي مدد ڪرڻ جي ترغيب ڏني اٿن. خارجين ان جي باري ۾ هڪ اعتراض ڪيو آهي، ابن ماجه علقمه جي روايت سان عبدالله بن مسعود کان روايت ڪن ٿا ته هڪ دفعي اسان رسول الله ﷺ جن وٽ ويٺا هئاسين ته بني هاشم جا ڪجهه نوجوان سامهون کان آيا، جڏهن پاڻ سڳورن انهن کي ڏٺو ته سندن اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا ۽ سندن رنگ ئي ڦري ويو. اسان ماڻهن عرض ڪيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي جو توهان جي چهري مبارڪ تي ڏک جون ريکائون پئجي ويون آهن، پاڻ فرمايائون ته اسان اهڙا ماڻهو آهيون جو الله تعاليٰ اسان جي لاءِ دنيا تي آخرت کي ترجيح ڏني آهي. منهنجا اهل بيت مون کان پوءِ آزمائش، مصيبت ۽ جلاوطنيءَ ۾ مبتلا ٿيندا. ايستائين جو ماڻهو مشرق جي پاسي کان ايندا، انهن وٽ ڪارا جهنڊا هوندا، اهي ماڻهو مال گهرندا، انهن جي جنگ ڪرڻ سان انهن کي فتح حاصل ٿيندي ۽ جيڪو ڪجهه انهن گهريو هو انهن کي ڏنو ويندو پر اهي ان کي قبول نه ڪندا ۽ انهن کي فتح حاصل ٿيندي ۽ منهنجي اهل بيت مان هڪ شخص جي حوالي ڪندا جيڪو دنيا کي انصاف سان ڀري ڇڏيندو. پوءِ جيڪو شخص توهان مان انهن ماڻهن سان ملي انهن کي گهرجي ته انهن وٽ اچي خواهه انهن کي برف تي گوڏن ڀر هلڻو پوي.
    ۽ ابن ماجه ثوبان کان روايت ڪئي آهي ته هو چوندو هو ته رسول اللهﷺ جن فرمايو هو ته توهان جي خزاني وٽ ئي ماڻهو جنگ ڪندا ۽ سڀ ڪنهن نه ڪنهن خليفي جا پٽ هوندا. جيڪڏهن اهو خزانو ڪنهن کي نه ملندو ته پوءِ ڪجهه ڪارا جهنڊا مشرق جي پاسي کان نڪرندا ۽ توهان کي ايئن قتل ڪندا جو ڪنهن به قوم ايئن ڪنهن کي قتل نه ڪيو هوندو. ان کانپوءِ پاڻ سڳورن ڪجهه ٻيو به فرمايو جيڪو مون کي ياد ڪونهي رهيو ان کان پوءِ پاڻ سڳورن فرمايو ته، ها جڏهن ان خليفي (جنهن کي ڪارا جهنڊا هوندا) کي ڏسو ته ان تي بيعت ڪجو، ڇو نه برف تي گوڏن ڀر توهان کي وڃڻو پوي ڇاڪاڻ ته اهو خدا جو خليفو ۽ مهدي آهي. ابن ماجه عبدالله بن حارث بن حزم زيدي کان روايت ڪئي آهي ته اهو چوندو هو ته رسول اللهﷺ جن فرمايو ته ڪجهه ماڻهو مشرق کان ايندا ۽ اهي مهديءَ جي سلطنت قائم ڪرڻ لاءِ ويڙهه ڪندا.
    انهن ٽنهين حديثن جي توجيهه هن فقير جي نظر ۾ هيءَ آهي ته خليفي مان مراد بني عباس جو خليفو آهي، نه امام مهدي جو آخري زماني ۾ ايندو. (جنهن جا شيعه ۽ اهل سنت وارا انتظار ڪن ٿا.)
    هتي ان خليفي کي مهدي يا خليفة الله چوڻ ۽ ان جي مدد جي ترغيب ڏيڻ رڳو ان ڪري آهي ته ان فرقي جي خلافت جو تقدير ۾ پڪو ارادو ٿي چڪو آهي ۽ ان ۾ تبديلي ۽ مٽاسٽا ٿيڻي ئي نه هئي. ان ڪري چيو ويو ته ان سان ملي وڃڻ گهرجي ۽ ان جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته شريعت جو وڏو مقصد جهيڙو ختم ڪرڻ آهي ۽ فتني فساد کي ختم ڪرڻ آهي ۽ حقيقت اها آهي ته حديث ۾ جنهن مهديءَ جو ذڪر آهي اهو مهدي عباسي آهي جنهن جي باري ۾ ازالة الخفاءَ ۾ تفصيلي بحث ڪيو ويو آهي.•
    پر هاڻي اسان لاءِ ان ڳالهه جي به ضرورت ناهي رهي ته اسين هڪ ٻئي مهديءَ جو انتظار ڪيون. شڪست کاڌل قومن جو دستور رهيو آهي ته اهي شڪست کان پوءِ هميشه هڪ خيال ٺاهي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهنديون آهن، ته انهن وٽ هڪ ماڻهوءَ جو ظهور ٿيندو ۽ اهو انهن جي نجات جو ذريعو ٿيندو، هندن ۾ ڪلنڪ اوتار جو انتظار آهي، يهودي ۽ نصارا به ان طرح هڪ اچڻ واري جي انتظار ۾ آهن. اهڙيءَ ئي طرح ”شيعان علي“ به حضرت عليءَ جي شهادت تي اهڙي قسم جو خيال جوڙي ورتو، جيڪو آهستي آهستي مسلمانن ۾ مهديءَ جي شڪل ۾ هڪ عقيدو بڻجي ويو، ۽ جهڙيءَ طرح ”شيعان علي“ شڪست کان پوءِ اهو خيال ٺاهي ويهي رهيا، اهڙيءَ طرح جڏهن اهوئي ظهور مهدي جو خيال مسلمانن ۾ عام ٿي ويو ته اهي به هٿ تي هٿ رکي ويهي رهيا، ته مهدي ايندو ۽ اهو اچي انهن لاءِ بادشاهت قائم ڪندو، ۽ سڄي دنيا کي مسلمان بنائيندو. جڏهن ته اها ڳالهه خود قرآن شريف جي خلاف آهي ڇاڪاڻ ته خود الله فرمائي ٿو ته ”سڄي دنيا کي مسلمان بنائڻ منظور ناهي“ بلڪ ظالمانه نظام ختم ڪري عدل قائم ڪرڻ مقصد آهي.
    ”مهدي“ هدايت يافته هوندو آهي، ان جي فطرت هدايت قبول ڪرڻ واري هوندي آهي. جيڪڏهن ان کي آزاد ڇڏي ڏجي تڏهن به ان جي فطرت هدايت کي ئي قبوليندي. ان جون جيتريون به سوچون هونديون اهي ٻين جي بنسبت گهڻو صحيح هونديون آهن. ”هادي“ اهو آهي جيڪو ٻين کي هدايت ڏئي يعني جنهن شخص ۾ ٿورڙي به کوٽ هوندي هو ان کي هدايت ڪندو ۽ اهو مهديءَ کان هيٺ هوندو آهي. حديث ۾ آهي ته مهدي ”خليفه راشده“ هوندو آهي. ۽ ”خليفه راشده“ جي وصف اها آهي ته اهو ملڪ ۾ جيترو به ٽيڪس وصول ڪري اهو الاهي قانون جي مطابق هجي ۽ پوءِ ان ۾ جيترو به پيسو خرچ ٿئي اهو به قانون مطابق خرچ ٿئي، اهو وقت جو مهدي آهي. ان جو نتيجو هي نڪتو ته مهدي مختلف وقتن ۾ ٿيندا رهندا ۽ ان طرح جيڪڏهن سيدنا علي جي اولاد مان به ڪو خليفو پيدا ٿيو جيئن ٻيا خليفا ٿيندا آهن ته ان کان به انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر مورڳو ذات مهديءَ کي صرف هڪ خاص شخص ۾ محدود ڪرڻ ۽ اهو چوڻ ته رڳو ان جي ئي زماني ۾ قرآن شريف جي مطابق اسلام جي ترقي ٿيندي، اهو سراسر غلط بياني ۽ نسورو ڪوڙ آهي. قرآن مجيد ۾ آهي ته اسلام ترقي ڪندو ۽ اسلام رسول الله ﷺ جن کان پوءِ صحابن سڳورن جي زماني ۾ ئي ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي ۽ ان ۾ چئني ”خلفاءِ راشدين“ جون ڪوششون شامل آهن پر بدقسمتي سان رافضين جو طبقو پهرين ٽن خليفن کي نه ٿو مڃي، جڏهن ته ٻڌائي چڪاسين ته اسلام جي ترقي انهن ۽ حضرت علي جي خلافت جي زماني ۾ شروع ٿي وئي هئي. ۽ ان وچ ۾ سيدنا علي شهيد ٿي ويو. ان ڪري انهن چيو ته انهن ٽن خليفن جي زماني ۾ اسلام جي جيڪا ترقي ٿي اها قرآن جي ترقيءَ جي مطابق نه هئي ۽ اهي ان ترقيءَ کي مڃن ته ٿا پر چون ٿا ته اهي ٽئي خليفا (نعوذبالله) منافق هئا ۽ قرآن جي مطابق اسلام جي ترقي مهديءَ جي زماني ۾ ٿيندي ۽ اهو مهدي علي جي اولاد مان ٿيندو. ان جي هٿ تي سڄي دنيا مسلمان ٿيندي ۽ اسلام جي سربلندي ٿيندي.
    مطلب ته مهديءَ جي ذات کي هڪ شخص ۾ بند ڪري ڇڏڻ جو حقيقت ۾ اهو خيال تورات مان ورتو ويو آهي ۽ مفسرن ان خيال کي قرآن شريف جي تفسير ۾ ذڪر ڪري هڪ نئين فتني جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. باقي حديث ۾ جنهن مهديءَ جو ذڪر آهي ان مان مراد مهدي عباسي آهي. هڪ سوال پيدا ٿو ٿئي ته جڏهن به ڪو نبي، مجدد يا مهدي پيدا ٿيندو آهي ته ان سان گڏ دجال به پيدا ٿي پوندا آهن. سو ڇو؟ ان جو جواب هي آهي ته جڏهن ڪنهن ڪم تي عمل ٿيندو آهي ته ضروري آهي ته ان جو ردعمل به پيدا ٿئي. ته ان صورت ۾ ڪم ڪرڻ وارو وقت جو مهدي ۽ ان جي خلاف جيڪا طاقت رجعت پسند ۽ ري ايڪشنري آهي، اها وقت جو دجال آهي. مثال طور هڪ دريا جي پاڻيءَ جي رواني گهڻو ڪري سڌي هئڻ گهرجي پر اها گهڻو ڪري ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي مڙندي رهندي آهي ته جنهن صورت ۾ درياءَ جو پاڻي سڌو ٿو وهي، ته ان جو مطلب ۽ مثال هي آهي ته دنيا پنهنجي عام حالت تي هلي رهي آهي، پر جڏهن درياءَ جو پاڻي کاٻي ساڄي مڙي ٿو ته ان صورت ۾ جڏهن ساڄي پاسي پاڻيءَ جو زور آهي ته اهو مهديءَ جو مثال آهي، پر جي کاٻي پاسي وهڪري جو زور آهي ته اهو دجال جو مثال آهي ۽ دجال جو خيال به مسلمانن مهدي جي خيال جيان تورات مان ورتو ۽ ان کي هڪ خاص شخص جي ذات ۾ محدود مڃي ڇڏيو. جڏهن ته وقت جي هر مهديءَ جي خلاف جيڪا رجعت پرست (ري ايڪشنري) قوت آهي، اها دجال آهي، يعني فتنو اٿاريندڙ ۽ دوکيباز. ان نئين تحقيق منجهان اسان جو اهو مطلب ڪونهي ته ان کي به اسلام جي عقيدي ۾ شامل ڪيو وڃي، پر مقصد هي آهي ته ان خيال ۽ عقيدي مسلمانن کي محدود بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اهي رڳو ٻئي ڪنهن جي مدد سان هلڻ گهرن ٿا، ۽ ان خيال ۾ ويٺا آهن ته مهدي ۽ مسيح جڏهن ظاهر ۽ نازل ٿيندو تڏهن اسين به چرپر ڪنداسين. نه ته ان عقيدي ۾ ٻڏل رهي سيهڙ جهڙي ننڊ مان نه جاڳنداسين، ۽ ان عقيدي جي بنياد تي جڏهن به ڪڏهن ڪنهن مهدي هئڻ جي دعويٰ ڪري مسلمانن کي اٿارڻ گهريو آهي ته مسلمان سدائين شڪ ۽ بي يقيني جو شڪار ٿي ويا آهن ته اهو مهدي موعود سچو آهي يا ڪوڙو ۽ ان تي ڪفر جي فتوائن جي بوڇاڙ لائي ڏنائون ۽ جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن مڃي به ورتو ته اهي الڳ هڪڙو گروهه ۽ ٽولو بڻجي ويا ۽ ان طرح مسلمانن جي قوت هميشه ذرا ذرا ٿي گروهن ۽ ٽولن ۾ ورهائجي، ڇڙوڇڙ، ٽڙيل پکڙيل ۽ منتشر ٿي وئي. هيءَ بلا ۽ مصيبت ان هڪ جرم ۽ ڏوهه جي سببان پيدا ٿي آهي ته مسلمانن مهديءَ کي هڪ شخص ۾ انفرادي طور مڃي ڇڏيو، نه ته اسلام جي تعليم اجتماعي آهي ۽ ڪنهن به شيءَ جي انفراديت ڏانهن اشارو به نه ٿي ڪري. جيڪڏهن مهديءَ (انقلابي قوت) ۽ دجال (رجعت پسند قوت) کي عام مڃيو وڃي ها تڏهن به مسلمانن جو اجتماع اجتماعي حيثيت سان وقت جي هر مهديءَ جو ساٿ ڏئي ها ۽ هر رجعت پسند جماعت جو مقابلو ڪيووڃي ها. اتي جنس (عموميت) مراد آهي. هڪ فرد ڪڏهن به نه.
    جيئن فرعون ۽ نمرود مان هر ظالم حڪومت، هامان ۽ شداد مان هر حڪومت پرست ظالم امير جاگيردار ۽ اڄڪلهه جو زميندار به (اڃا وڌيڪ) داخل آهن، ڇاڪاڻ ته پهرئين زماني ۾ اهو ته مڃيو ويندو هو ته زمين جي قيمت ناهي هوندي. اها هر هڪ لاءِ عام آهي، جيئن هوا هر هڪ لاءِ عام آهي.
    اڄ دنيا جون ٻيون قومون ترقيءَ جي شاهراهه تي تيزيءَ سان وکون کڻي رهيون آهن ۽ پنهنجي ترقيءَ لاءِ هر قسم جي جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ ڏينهون ڏينهن اڳڀريون ٿي رهيون آهن، پر مسلمان آهن جو روزانو پستيءَ ڏانهن لڙهندا ٿا وڃن.
    ان نئين تحقيق جو مقصد صرف اهو آهي ته مسلمانن ۾ جيڪو هڪ غلط عقيدو پڪو ۽ پختو ٿي ويو آهي ته اهي مسيح ۽ مهدي کان سواءِ ترقي نٿا ڪري سگهن. ان کي اکوڙي ڦٽو ڪري ڇڏجي. اهو عقيدو مسلمانن ۾ صرف غلط فهمي جي ڪري آيو آهي. ان جي حقيقت سمجهڻ کان پوءِ مسلمانن ۾ هوش ايندو ۽ سمجهي وٺندا ته اهي دنيا جي قومن کان ڪيترو پوئتي رهجي ويا آهن.
    ان نئين تحقيق منجهان اسان جو مطلب هي به آهي ته ان کي اسلام جو هڪ ضروري مسئلو قرار نه ڏنو وڃي ۽ پوءِ ان تي بحثن جو طوفان بيهاري نه ڇڏجي. بلڪ مسلمان ان عقيدي منجهان جاڳي اٿن ته انهن جي ترقي صرف مهديءَ ۽ مسيح جي اچڻ سان ڳنڍيل ناهي، پر هو پاڻ پنهنجي قوت تي ڀروسو ڪن ۽ الله جو نالو وٺي اڳتي وڌن. جيتوڻيڪ دنيا جون قومون اڄ تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن پوءِ به مسلمانن جو اڄ به غفلت جي ننڊ مان سجاڳ ٿيڻ تمام جلد (کين) ترقيءَ تي پهچائي ڇڏيندو. امام ابوحنيفه کان هڪ ڀيري ڪنهن پڇيو ته علي ۽ معاويه جي باري ۾ توهان ڪهڙي راءِ ٿا رکو؟ جواب ۾ فرمايائون ته جن ڳالهين جو قيامت جي ڏينهن پڇاڻو ٿيندو مون کي ته انهن جو ئي ڊپ آهي ۽ انهن واقعن جي باري ۾ مون کان ڪونه پڇيو ويندو. ان ڪري ان طرف ڌيان ڏيڻ جي ڪا ضرورت به ڪانهي. ان جو اهو مطلب نه سمجهڻ گهرجي ته امام ابوحنيفه وٽ ان بحث جي باري ۾ ڪا راءِ هئي ئي ڪانه، بلڪ سندن قول آهي ته جيڪڏهن علي جو مثال اسان جي سامهون نه هجي ها ته اسان اهو نه ٻڌائي سگهون ها ته باغين سان ڪهڙو سلوڪ ڪرڻ گهرجي ۽ اهوئي قول امام شافعيءَ جو به آهي. البته انهن ڳالهين کي اسلام جو هڪ ضروري مسئلو قرار ڏيڻ ۽ ان تي بحثن ۾ پئجي دفترن جا دفتر ڪارا ڪري ڇڏڻ هڪ فضول ڪم آهي، ان جي طرف امام ابوحنيفه اشارو ڪيو آهي. (سيرت النعمان ص 61)
    محمد مرتضيٰ قنوجيءَ جو هڪ ڪتاب حضرت حاجي اماد الله مهاجر مڪيءَ جي سوانح ۾ آهي، جنهن جو نالو آهي ”شمائل امداديه“. ان جي صفحي نمبر 209-211 تي ڪجهه سڳورن جا نالا لکيا آهن ته اهي مڪي شريف ۾ صرف امام مهديءَ جي انتظار ۾ ويٺا آهن ۽ ان جي ظاهر ٿيڻ کان پوءِ ڪم ڪندا.
    هي ڪتاب 1316 هجري ۾ ڇپيو هو ۽ اڄ (مولانا سنڌيءَ جڏهن مضمون لکيو ٿي) 1353 هجري آهي، يعني تقريبن چاليهن سالن کان اهي امام مهديءَ جي انتظار ۾ هٿ تي هٿ رکيو ويٺا آهن. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ٻين قومن کي ڏسو ته اهي ڪيڏو نه تيزيءَ ۽ جلديءَ سان ترقي ڪري رهيا آهن.
    مطلب ته ان بحث کي اسان پنهنجي هڪ ڪتابڙي ۾ تفصيل سان لکي ڇڏيو آهي، ۽ ان ۾ امام ولي الله ته پاڻ مهدي مان مهدي عباسي مراد وٺن ٿا، ۽ اسان جو پنهنجو خيال ته مهدي مان مراد صرف مهدي عباسي ئي آهي ۽ ٻيون حديثون غلط آهن، وضاحت سان بيان ڪري ڇڏيو آهي، ان کانپوءِ اسان جي طبيعت ۾ هڪ قسم جو سڪون اچي ويو آهي، اطمينان جي صورت پيدا ٿي آهي ۽ اسان پاڻ کي انهن جهڳڙن کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.
    اسان جي آخري ڪوشش آهي ته قرآن شريف کي انهن مسئلن کان مٿانهون ثابت ڪري ڇڏيو اٿئون. قرآن ۾ انهن مسئلن جو ذڪر ئي ڪونهي، جيڪي مسلمان مهدي جي ظاهر ٿيڻ ۽ مسيح جي نازل ٿيڻ وارين حديثن جي صحت تي يقين رکن ٿا اسين ان جو انڪار نه ٿا ڪرڻ چاهيون پر انهن مسئلن کي قرآن مجيد مان ثابت ڪرڻ جي دعويٰ دنيا جي آڏو پيش ڪرڻ جي سخت خلاف آهيون.
    ان کان علاوه هڪ ڳالهه ٻي به آهي، ته جڏهن خلافت جو مرڪز بني اميه مديني مان ڪڍي دمشق آندو، تڏهن دمشق کي اهڙي فضيلت ئي ڪانه هئي، جهڙي مديني کي هئي، ان ڪري دمشق کي مديني جي برابر ڪرڻ لاءِ ان وقت مسيح جي اچڻ جو خيال شروع ٿيو، ۽ دمشق تيار ٿيو ۽ اهڙيون حديثون ٺاهيون ويون ته هتي مسيح جو نزول ٿيندو، دمشق به نبيءَ جو شهر ٿيڻ وارو آهي ان ڪري برڪت وارو آهي. ان خيال کي حڪومت جي تائيد حاصل هئي، ان طرح ان خيال حڪومت جي پاڇي ۾ پرورش پاتي. ان هڪ جملي منجهان عقلمند ماڻهو نڪتي جي تهه تائين پهچي سگهي ٿو. جنهن خيال جي تائيد ۽ حمايت بادشاهن کان ٿيندي اهو خيال جلد ئي مقبول ٿي ويندو آهي ۽ اهي حديثون به اهڙيون ئي آهن، جن ۾ آهي ته ”اميرن جي اطاعت ڪيو، ڀلي اهي ظالم ڇو نه هجن.“ انهن جي اشاعت به سلطنت جي مدد سان ٿي، ان ڪري گهڻي شهرت پاتائون، نه ته اصل ۾ اهي حديثون به ضعيف ۽ موضوع آهن.
    اسان جو هي يقين آهي ته جيڪڏهن مسلمان نوجوان (گريجوئيٽ) اٿيو ته قرآن کي پنهنجو رهنما بڻائيندو، ۽ جڏهن قرآن ۾ هي جهڳڙا نه آهن ته اهي نوجوان آسانيءَ سان ترقي ڪري سگهندا، اسان کي يقين آهي ته جيڪا جماعت ان طرح قرآن مجيد تي هلندي ۽ جنهن جو تخيل اسان جي ذهن ۾ آهي. ان جي باري ۾ اسان جو يقين آهي ته انهن کي تقليدي طور تي حديثون مڃرائي نه ٿيون سگهجن ۽ ان طرح انهن جي ذهن ۾ هي عقيدو پيدا نه ٿو ڪري سگهجي، بلڪ هر حديث کي انهن جي سامهون آڻڻو پوندو ۽ ان حديث کي عقلي دليلن سان ثابت ڪرڻو پوندو تنهن کان پوءِ جڏهن انهن جو عقل مطمئن ٿي ويندو ته هي رسول الله ﷺ جن جي صحيح ڳالهه (حديث) آهي تڏهن اهي ان (حديث) کي مڃيندا. ان طبقي کي حديث پڙهائڻ لاءِ هي ضروري ٿيندو ته حديث جا استاد پهريائين پنهنجي علم تي هڪ ڀيرو نظر وجهن، ان کان پوءِ اهي ڪاميابيءَ سان نوجوانن کي مطمئن ڪري سگهن ٿا. ان کان پهريائين انهن کي مطمئن ڪرڻ ناممڪن آهي. حديث جي هر استاد کي اسان جي وصيت آهي ته اهو پنهنجي طور تي ويهي هر حديث جي صحت تي پاڻ غور ڪري. حديث جي فن ۾ ايترا قاعدا سکي سگهجن ٿا جو انسان حديثن جي تحقيق ۽ تصديق ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو امام ولي الله جي ڪتابن جو مطالعو ڪندو ته اهو سڀ کان وڌيڪ فائدي ۾ رهندو، ۽ جڏهن ڪو استاد ان طرح ڪنهن حديث جي صحيح هئڻ کي مڃي وٺي، ته ان کان پوءِ به ان کي هن ڳالهه تي سوچڻ گهرجي ته ڇا هو ان جو صحيح هئڻ ٻين کي به مڃرائي سگهندو؟ يا نه، ۽ جتي ڏسي ته ٻين کي نٿو مڃرائي سگهي ۽ کيس ان جي صحت جو يقين آهي ته پوءِ شاگردن کي سمجهائي ته مون کي ان حديث جي صحيح هئڻ تي يقين آهي پر آءٌ اها سمجهائي نٿو سگهان.
    ان قسم جا استاد نوجوان طبقي کي پڙهائي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن رڳو تقليدي طور پڙهائڻ وارو استاد اها اميد رکي ته نوجوان سندس خيال کي مڃي وٺندا، ته اهو سندس غلط خيال آهي.
    اين خيال است محال ست ونون
    اسان کي تجربو آهي، اسان مؤطا امام مالڪ جي ان درجي تي تحقيق ڪئي آهي ۽ اها اسين سمجهائي سگهون ٿا ۽ نوجوان (گريجوئيٽ) طبقي جي سامهون ان کي پيش ڪري سگهون ٿا. اسان کي هڪ به اهڙو ماڻهو نه مليو آهي جنهن ان جي باري ۾ شڪ ظاهر ڪيو هجي. ان تجربي جي بنياد تي اسين نوجوانن جي ايمان جي قوت جي شاهدي ۽ ساک به ڏئي سگهون ٿا. پر ان لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پهريائين دليلن سان ڳالهه سمجهائي وڃي. جيڪي استاد سمجهائڻ کان سواءِ اها اميد رکن ته اهي پنهنجي نوجوان کي مطمئن ڪري سگهن ٿا، ته:
    وہ قوم آج نہیں ڈوبی، تو کل ضرور ڈوبے گی۔
    (اها قوم ڪلهه نه ٻڏي ته اڄ ضرور ٻڏندي.)

    28 آڪٽوبر ڇنڇر ڏينهن 934 هندي
    19 رجب، 1353هجري، مڪه مڪرمه.
    (سنڌيڪار: محمد انس راڄپر)


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 464
    ڪتابن جو مشاهدو: 373022
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 151961
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ