ڪتاب جو نالو: جهان آرا
مصنف: عبدالرزاق عبدالسلام
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 1965
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 521 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 417 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي مشهور ناول ”جهان آرا“ 1931ع ۾ ڇپيو هو. 1965ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران وري ڇپايو ويو ۽ هيل تائين ڪيترائي ايڊيشن اچي چڪا آهن. هي ڪتاب انٽرميڊييٽ جي نصاب ۾ شامل هجڻ ڪري شاگر دوست ان جي گهُر ڪري رهيا هئا ته ڪتابي صورت ۾ ۽ پي ڊي ايف ۾ رکيو وڃي.
هي ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ تي به موجود آهي. ٿورائتا آهيون محمد قاسم سومري جا جنهن ڪتاب کي سهيڙي اسان ڏانهن موڪليو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ديباچو
  • نئين ڇاپي جي پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ
  • باب پهريون : وڇڙيا ملڻ
  • باب ٻيو : دربار عالي
  • باب ٽيون : بادشاهه سلامت جو باغ- ڊاک جو مَنهن
  • باب چوٿون : حامد جو احوال
  • باب پنجون : زاهد جي حالت
  • باب ڇهون : عابد جو احوال
  • باب ستون : عابد جي بادشاهه سان ملاقات
  • باب نائون : عابد جو گم ٿيڻ
  • باب ڏهون : حامد جي عابد واسطي ڳولا
  • باب يارهون : جهان آرا ۽ جهان خان مڪتب ۾
  • باب ٻارهون : زاهد کي خط پهچڻ ـــ اميد
  • باب تيرهون : جهان آرا پردي ۾
  • باب چوڏهون : عابد جو سفيد پوش سميت اچڻ ۽ ٻنهي ڀائرن جي ڳوٺ جي تياري ۽ واپس رونق آباد اچڻ
  • باب پندرهون : جهان آرا جي حالت
  • باب سورهون : جهان خان جي شادي ۽ جهان آرا جو موت

  • ديباچو

    پر سال اسڪول جي مئگزين ۾ انگريزي مضمون کٽي پيا. ڊاڪٽر رابند ناٿ ٽئگور جي ”پوسٽ ماستر جي ڳالهه“ پڙهي ۽ پڙهائي هيم. دل جي راز،(Mystery of the heart) جي سري هيٺ ”جهان آرا“ جي ڳالهه لکي ويٺس. خيال ڪيم ته اهڙا واقعا سچ پچ دنيا ۾ گهڻائي پيا ٿين؛ پوءِ ڇو ويچاري عورت کي ”بيوفا“ لفظ سان ننديو وڃي ٿو؟ هوءَ ته بي زبان عصمت جي ديوي آهي ۽ ڪجهه به ورائي نٿي چوي؛ مگر اسان کي ائين ڪرڻ لائق نه آهي. اسان کي هن ڏانهن سچي محبت ۽ عمدو خلوص هئڻ گهرجي.
    هيءَ جهان آرا ڪا سچي پچي لطيف مالهيءَ جي ڌيءَ ڪانه آهي، ۽ جيڪي به ماڻهو هن افساني ۾ آيا آهن، اهي ڪي سچيون هستيون به ٿوريون ئي آهن. اهي سڀ منهنجي دل جي رونق آباد جا باشندا آهن ۽ نه ڪنهن ٻيءَ ولايت جا. دل ۾ خيال آيم ته ڪنهن ڏينهن انهيءَ دلڙيءَ جي رهاڪن جو قصو دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪيان. گهڻن دوستن به ترغيب ڏني ته ڪو ناول لکان.
    آخر ڪمر ڪشيم ۽ اهو خيال ڪيم ته لکان اهڙيءَ طرح، جو نوجوان شاگرد پڙهي نه رڳو مزو وٺن، پر ڪجهه پرائين به. انهيءَ ڪري ضروري هو ته هن ناول جو نمونو ٻين افسانن کان قدري ٻئي رنگ ۾ هجي. انهيءَ ويچار ڪري گهڻن نقطن تي زياده زور ڏنو ويو آهي، جيئن ته اتفاق جي ضرورت تي ڇهين باب ۾، انهيءَ لاءِ ته ڀل ته هندو ۽ مسلمان شاگرد پاڻ ۾ اتفاق، محبت ۽ خلوص سان هلن. قدرت جي عجيب ۽ من موهيندڙ نظارن جو ذڪر به گهڻن هنڌ آندو ويو آهي ۽ انساني امنگن ۽ جذبن جو به خاص انهيءَ مقصد تي جوڳو اپٽار ڪيو ويو آهي. سچي بادشاهه ۽ سچي وزير جو فوٽو به ڏنو ويو آهي. سچن فقيرن جي پڻ تصوير ڪڍي ويئي آهي، ۽ ڏيکاريو ويو آهي ته سچن فقيرن جي صحبت ائين آهي جيئن پارس پٿر جي، جو ٽامي کي به سون ڪيو ڇڏي. دنيا اهڙن نيڪ هستين کان خالي نه آهي، پر ڪو ڳولا ڪري!
    هن ڪتاب ۾ گهڻو خوض ۽ خيال ڪري، ڏکيا عربي ۽ پارسي لفظ گهٽ ڪم آندا ويا آهن، جنهنڪري اميد اٿم ته ڪوبه دوست دليئون ڏوراپو ڪونه ڏيندو. اصطلاحن ۽ مروج محاورن جي پاڪائي جو ويچار به وس آهر ڪيو ويو آهي. اڻ سڌي گفتي کي رواج ڏيڻ واسطي، ڪٿي ڪٿي اهو به ڪم آندو ويو آهي. جي هيءَ ناچيز خدمت به قبوليت جي درجي کي پهتي، ته اهڙي ڪا ٻي عزت؟
    آخر ۾ آئون هي ناچيز نذرانو پنهنجي پياري ڀاءُ مرحوم عبدالفتاح، (جو پڻ ارڙهن ورهين جي ننڍڙيءَ ڄمار ۾، ”جهان آرا“ وانگر سڀ آسون ۽ اميدون دل ۾ پائي، حقيقي زندگيءَ جو جامو پهري ويو) جي يادگيريءَ ۾ سچيءَ سڪ ۽ محبت سان پيش ڪيان ٿو، ۽ ان تي ۽ ”جهان آرا“ تي هي ماتم ڪيان ٿو ته:
    ڦول تو دو دن بهارِ جانفرزا دکلا گئي،
    حسرت ان غنچون په هي جو بن کلي مرجها گئي.

    خيرپورميرس،
    اپريل 1931ع
    احقرالعباد عبدالزاق


    نئين ڇاپي جي پهرئين ايڊيشن جو پيش لفظ

    ڪتابي ادب جي حفاظت ۽ بقا جو دارومدار ڪتابن جي عام موجودگيءَ تي آهي. ڪي ڪي مذهبي ڪتاب برزبان ياد به ڪرايا ويندا آهن، ۽ انهن جي بروقت حفاظت جو اهو به هڪ طريقو آهي، پر ڪتاب، مذهبي هجن يا علمي ۽ ادبي، هڪ دفعو جيڪڏهين ڇپيا ۽ پوءِ ائين گم ٿي ويا جو عام پڙهندڙن کي وقت سر انهن جو ملڻ ناممڪن ٿي پوي، ته چئبو ته اهي ڪتاب ۽ منجهن جيڪو ادبي سرمايو موجود هو، سو هميشه لاءِ ڄڻ فنا ٿي ويو.
    زندهه ٻوليون پنهنجي ادبي سرمايي کي ڪڏهن به ائين بيدرديءَ سان فنا ٿيڻ نه ڏينديون آهن، سندن ادبي شاهڪارن جا نوان نوان ڇاپا باقاعدگيءَ سان ۽ نهايت آب تاب سان هميشه نڪرندا ئي رهندا آهن. افسوس آهي، جو اسان جي سنڌي عالمن ۽ اديبن، ادبي جماعتن ۽ علمي ادارن ان طرف اڄ ڏينهن تائين ايترو ڌيان نه پئي ڏنو آهي، جيترو کين ڏيڻ گهربو هو، نتيجو هي نڪتو آهي، جو اڄ سَوَن اهڙن بيمثل سنڌي ڪتابن جا نالا وٺي سگهجن ٿا، جيڪي ڪنهن به قيمت تي پڙهندڙن کي هٿ نٿا اچي سگهن، ۽ ائين پيو ڀانئجي ته ڄڻ اهي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪڏهين لکيائي ڪونه ويا هئا. ظاهر آهي ته پنهنجي هن عظيم ادبي ورثي ڏانهن ايتري سرد مهري ۽ ان کان ايتري غفلت ۽ لاپرواهي نه ڪڏهين معافيءَ لائق ٿي سگهي ٿي، ۽ نه وري ان جي ڪڏهين ڪا مناسب پوراءُ ئي اسان کان ٿي سگهندي. پنهنجن وڏن جي ميڙيل چونڊيل املهه ماڻڪن کي ائين هٿن جي وِٿين مان واريءَ وانگر جيڪڏهن هميشه وڃائيندا ئي رهنداسين، ته آخر ۾ سواءِ خالي هٿن جي باقي اسان وٽ ڇا وڃي بچندو، سا ڳالهه سڀڪو سمجهي سگهي ٿو.
    سنڌي ادبي بورڊ، انهن ڳالهين کي محسوس ڪندي، هڪ بنيادي مقصد پنهنجي سامهون هي به رکيو آهي ته پنهنجي ٻوليءَ جا پراڻا ڇپيل ڪتاب جنهن عزت ۽ احترام جي لائق آهن، تنهن عزت ۽ احترام سان ٻيهر ڇپائي شايع ڪيا وڃن، ته جيئن سنڌي ادب ۾ انهن ڪتابن جي هڪ دائمي حيثيت باقي رهي سگهي. انهيءَ مقصد جي پوئواريءَ ۾، بورڊ طرفان پنج ڪتاب، گل شڪر، حيات النبي، سير ڪوهستان، بلو کوکر ۽ گل ڦل شروع ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا، ۽ ان ساڳئي سلسلي جو هي ڇهون ڪتاب ٿي، 1956ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو هي چوٿون ڇاپو هاڻي خدمت ۾ پيش ٿي رهيو آهي.
    هيءُ ناول سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي اصلوڪن ناولن منجهان هڪڙو آهي، ۽ زبان ۽ پلاٽ جي لحاظ کان هڪ مڪمل ۽ ڪامياب ناول آهي. جيتوڻيڪ عام پڙهندڙن لاءِ ان ۾، هڪ حد تائين فقير پرستيءَ جا سڌا سبق موجود آهن، تنهن هوندي به ڪتاب ۾ جابجا جيڪي ناصحانه محقولا ۽ ادبي املهه ماڻڪ پکڙيا پيا آهن، تن ان کي سنڌي ادب ۾ تحقيق هڪ لافاني جڳهه ڏني آهي.
    سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب جي لائق مصنف جي لائق پٽ محترم ظفرالحق صاحب، سپرنٽيڊنٽ پوليس، دادو (سنڌ) جو شڪريو ادا ڪرڻ آئون پنهنجو فرض ٿو سمجهان، جو هن صاحب پنهنجي علمي ذوق ۽ ادب شناس نگاهه جو ثبوت ڏيندي، پنهنجي والد مرحوم جي هن ادبي شاهڪار کي ٻيهر ڇاپي پڌري ڪرڻ جي اجازت وڏيءَ خوشيءَ سان بورڊ کي ڏيڻ فرمائي آهي. اميد آهي ته سنڌ جي ٻين فوت ٿي ويل عالمن ۽ اديبن جا وارث پڻ ساڳيءَ طرح پنهنجن بزرگن جي قلمي توڙي ڇپيل علمي ۽ ادبي خزانن کي منظرعام تي آڻڻ لاءِ بورڊ سان تعاون ڪرڻ فرمائيندا.

    اعزازي سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ
    حيدرآباد سنڌ.
    15- مارچ 1965ع


    باب پهريون : وڇڙيا ملڻ

    صبح جو سهائو وقت آهي ۽ اڃا آفتاب عالمتاب پنهنجي روزاني سواريءَ تي جلوه افروز نه ٿيو آهي. ٿڌڙي مٺڙي هير لڳي رهي آهي ۽ سڀ حيوان ۽ انسان خوشيءَ وچان پيا ٻهڪن. فرشته خصلت انسانن واسطي ته هِي بادِ صبا گويا ميثاق جو نياپو آڻي رهي آهي، ۽ هو انهيءَ ئي ڪري پنهنجي ربّ جي اڳيان سِر نمائي رهيا آهن. ڪي ته پکين ۽ پرندن سان گڏ تسبيحون پيا پڙهن ۽ ڪي مالهائون پيا ڦيرائين. ويچارا عاشق وري هن هير کي پنهنجي ”هير“ جو قاصد سمجهي، ”رانجهن“ واريون رمزون لايو، ڌما ڌم ساز ۽ سرود کنيو ويٺا چوڪيون ڏين. ننڍا ۽ وڏا درياهه شاهه جي ڪپ تي سنان ڪري، نوان ويس وڳا پهريو، عطر ۽ مشڪ مليو، هار ۽ جنسار ڪيو، ميڙن جا ميڙ گڏجي پيا پنهنجن گهرن ڏي وڃن. خود اهي جي راتين جا ٿڪل، حيوان مثل انسان، جيڪڏهين به ساجهر سوير ڪونه اُٿن، سي به اڄ سوير ئي اٿي تيل ڦليل، هار سينگار ڪيو سنڀريا بيٺا آهن.
    اڄ هي غير معمولي شغل ۽ شادمانو ته الاجي ڇا جو آهي! اسان ويڳاڻا ته وتون ٿا هنڌ هنڌ ڀٽڪندا: نه دنيا جي ڌنڌن جي خبر آهي ۽ نه ماسوا جي ڦندن جي پرچار. سج به اچي ڪَني ڪڍي آهي ۽ چؤطرف شغل ۽ شادمانا پيا ٿين. هزارين نازنينيون قطارون ڪيو هڪ طرف وٺيو پييون وڃن ۽ انهيءَ ساڳئي پنڌ ۽ پيچري تان ننڍا توڻي وڏا، امير توڻي فقير جلوس ڪيو پيا وڃن. سڙڪن جي صفائيءَ ۽ ڇڻڪار ۽ اُتن جهنڊين جي جهرمر، هڪ پُر رونق بازار لڳائي ڏني آهي ۽ انهن تي وري جو حسن ۽ هُڳسان جا بادشاهه ۽ سونهن ۽ سوڀيا جون راڻيون رمي رهيون آهن، تن ته منهنجي دل کي سوين شگاف ڏيئي ڇڏيا آهن. شهر ۾ ته ڪا عجيب شادي آهي، مگر اسان جي واسطي ته هميشه جي دستور وانگر، اهوئي ماتم ۽ اهائي تعدي.
    رمضان جو مهينو هو ته ڪونه، پوءِ اڄ هيءَ عيد ڇاجي آهي! نه وري ڪو حج جو مهينو آهي جو پنهنجي دلبر جو درشن ڪري، عيد قربان ملهائي وڃي. اسان جي واسطي ته اهوئي حشر لڳو پيو آهي، پر هت جا اَنيڪ خوشي اچي پيدا ٿي آهي انهيءَ جو آخر ڪو ته سبب هوندو، ۽ سبب به ته ضرور ڪو قوي ئي هوندو، جنهنڪري هيءَ اَڻ مندائتي عيد پيئي ملهائجي. خير، پر اهو سبب پڇجي ڪنهن کان؟ هت ته نڪو دوست آهي ۽ نڪو همدرد، جو اسان واٽهڙن کي واٽ لائي. سڀڪو پنهنجيءَ ۾ پورو آهي ۽ اسان کي ته ڪير پڇندو ئي ڪونه. سچ چيو اٿن ته ”پڇندو نه منجهندو“، پر پڇجي ڪنهن کان؟
    اهي پهه پچائيندو هڪڙي گهر جي دڪيءَ تي ويهڻ ۾ هوس، ته ايتري ۾ ڪنهن شخص پٺيان منهنجي ڪلهي تي اچي هٿ رکيو. هڪدم پٺتي نهاريم، مگر نه سڃاتم ته ڪير آهي. هن يار ته گهڻيءَ حب ۽ پيار کان مون کي ڀاڪر وڌو ۽ ڏٺم ته سندس ڳلن تان لُڙڪ پئي ٽميا. هو مون کي ڪمال سڪ ۽ محبت سان پيش آيو، مگر مون کي ڪابه اهڙي يادگيري ڪانه آئي ته آخر هِي حسين ۽ خليق نوجوان مون اڳي به ڪڏهن ڏٺو هو يا نه. جڏهن انسان جي قسمت بُري ٿِي ٿئي، ۽ هو پنهنجين ڳڻتين ۾ سدائين متفڪر ۽ پريشان رهي ٿو، ته ٿورڙي ئي عرصي ۾ هن کان پنهنجا پيارا به وسريو وڃن. مون کي ڪهڙي خبر ته هيءُ منهنجو پيارو ڀاءُ حامد آهي، جو ڪيترن سالن کان وٺي گم ٿي ويو هو، جنهن جو ڪوبه پتو ۽ نشان ڪونه پئي پيو، ۽ جنهن کي آخر اسان وساري ويهي رهيا هئاسين.
    جڏهن ڪجهه وقت گذريو ته گهڻيءَ سڪ سان مون کي مخاطب ٿي هن شخص چيو ته ”ادا عابد، ڇا اوهين مون کي بلڪل نٿا سڃاڻو؟ ڪين هي منهنجي ڪيل گناهه جي مون کي سيکت ملي رهي آهي؟ سچ ته مون توهان جي اجازت کان سواءِ پنهنجو ديس ڇڏيو ۽ اوهين ضرور انهيءَ ڳالهه تي مون تي رنج هوندؤ، مگر هاڻي جڏهن وڇڙين جي ملائيندڙ وري پنهنجو ڪرم ڪري اسان کي ملايو آهي، ته مهر ڪري توهان به پنهنجيءَ نوازش سان هن پنهنجي ٻانهي کي معافي ڏيئي نوازيو. برابر آئون ڪنهين به نرميءَ جو لائق نه آهيان، پر توهين بزرگ آهيو ۽ مون تي نوازش ڪندؤ ته احسان مند رهندس.“
    اتي منهنجي دل ۾ خيال آيو ته هيءُ متان منهنجو وڇڙيل ڀاءُ حامد هجي، جو ڪيترن سالن کان اسان کي جدائيءَ جي داغ سان رڱي، فراق جو صدمو چکائي هليو ويو هو. البت منهن به ڪجهه ڪجهه پياري حامد سان پيو لڳيس ۽ اهي پيارا ۽ مٺڙا ٻول هئا به ته انهيءَ جا. پر دل کي اعتبار نه پيو اچي، جو اسان گهڻن معتبر ماڻهن کان ٻڌو هو ته اسان جو مٺڙو حامد ته اَجل جو شڪار ٿي بقا جي ملڪ ڏي سِڌاري ويو هو. تنهن کان سواءِ، اهو به خيال آيم ته بعضي بعضي وڏن شهرن ۾ ٺڳي به ڏاڍي هوندي آهي، ۽ متان هي ڪو حريف ڳنڍڙي ڇوڙ هجي، جنهن پنهنجيءَ حرفت ۽ چالاڪيءَ سان اڳي ئي اهي حال احوال ورتا هجن ۽ هاڻي مون کي دلبي ڏيڻ لاءِ آيو هجي. رات جو قافلي سراءِ ۾ برابر ويٺي پنهنجو حال ڏنم ۽ دردن جو داستان سڻايم، پر اتي ته هيءُ ماڻهو موجود ئي ڪونه هو. متان ڪنهن شاهينگ اهو احوال ٻڌي، مون کي موڙهل ڏسي، هيءَ حرفت اٿاري هجي. قدم ضرور سنڀالي کڻڻ گهرجي جوآخر ته پرائو ملڪ آهي.
    آئون انهن اونهن ۽ باريڪ خيالن ۾ هوس ته ويچارو حامد محبت جا مينهن وسائي، نيڻ نوائي، منهنجي پيرن تي ڪِري پيو ۽ زارو زار روئڻ لڳو. چيائين ته ”ادا، اهو برابر آهي ته اوهين منهنجي بدعملن تي رنج ٿيا آهيو، پر هاڻي مون تي ٻاجهه ڪريو ۽ مون کي بخشيو. مان توهان جي گفتگوءَ واسطي حيران ۽ معافيءَ لاءِ پريشان آهيان. نوازش فرمائي مون تي احسان ڪريو ۽ مون اَڀاڳي سان ٻه- چار صرف ڳالهايو.“
    ائين چئي هو اٿيو، ۽ ڏاڍي سوز ۽ درد مان آهون ڀرڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. منهنجي دل به ذرو ڀِڳي. پر هوڏانهن جيتوڻيڪ ڪمال درجي جي سچائي ظاهر ظهور نظر پئي آئي، ته بدگماني مون وٽ به ڪمال هئي. خير، نيٺ چپ چوريم ۽ چيم ته ”پيارا سڄڻ، اوهين ڪير آهيو، ڪٿان آيا آهيو ۽ هيءَ نيزاري ۽ آهو زاري ڇو ٿا ڪريو؟ مان ته ڪجهه به سمجهي نٿو سگهان.“
    تڏهن هڪ ڳنڀير ۽ ٿڌو ساهه کڻي مون کي چوڻ لڳو ته ”ڇا! اوهين مون کي نٿا سڃاڻو؟ افسوس! آءُ اوهان جو ننڍو ڀاءَ حامد ڪين آهيان، ۽ توهان منهنجا بزرگ ڀاءَ عابد نه آهيو؟ آئون اوهان جو غريب الوطن تابعدار ڀاءُ آهيان. جيڪڏهن زماني جي گردش ايترو وقت اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪيو هو، ته به آءُ ته اوهان کي هڪدم سڃاڻي ويس، توهين الاجي مون کي ڇو نٿا سڃاڻو! ڇا توهان مونکي پنهنجي دل جي پٽيءَ تان بلڪل ميٽي ڇڏيو آهي؟ ۽ آءُ اوهان کان بلڪل وسري ويو آهيان؟ ڌڻيءَ جي نالي هن بندي کي ڪجهه تسلي ۽ تسڪين بخشيو.“
    مگر منهنجيءَ دل ۾ ايقان ۽ ايفان ڪٿي ٿو اچي؟ جيب ۾ ڪجهه پئسا به هئم، جنهنڪري ايمان گهٽ هوم ۽ اڃا به پڪائي ڪرڻ چاهيم. جواب ۾ چيم، ته ”اي دوست، منهنجو نالو ته عابد نه آهي، نه مون کي ڪو حامد نالي ڀاءُ آهي، ۽ نه آئون توکي سڃاڻان. تون ڀُلو آهين ۽ اهو تنهنجو ڀاءُ عابد، ڪو ٻيو هوندو. هاڻي مهرباني ڪري مون کي اجازت ڏي ته آئون پنهنجي واٽ وٺي وڃان. “ اڃا مون ايترو ڪڇيو ئي مس ته هو هڪدم شل ٿي ڪِري پيو ۽ يڪدم بيهوش ٿي ويو! مون پنهنجي کيسي کي مضبوط ڪري هن کي هوش ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هو جلد ئي سامت ۾ آيو.
    اي ”زر“! تون اها مڪار ۽ بيدرد معشوق آهين جو ڪهڙا نه خراب ڪم ٿي ڪرائين. توکي ڪوبه ترس ڪونه اچڻو آهي ۽ تون اسان آدمزاد جي ڪَڍ هٿ ڌوئي لڳي آهين. تنهنجي ڪري اسان دين ۽ ايمان لوڙهيو وَتون ۽ اُهي مڪر ۽ حيلا پيا هلايون، جن جو ڪو اَنت يا پرو ڪونه آهي. تون اسان جي جسم جي هر رڳ تي قادر آهين، بلڪه جيڪا به روحاني طاقت اسان ۾ موجود آهي، تون انهيءَ تي به قابض آهين. هيئن جان جگر، عزيز ڀاءُ پيو ڦٿڪي، روئي ۽ رڙي مگر تون پنهنجا تير هلائي رهي آهين. پر، اي بيدرد، توکي به ڪهڙو ڏوهه ڏجي! دنيا ۾ جنهن سان به محبت ۽ عشق رکبو آهي ته خواريءَ ۽ رسوائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه اجورو ڪونه ملندو آهي. تون ئي ستار، سترپوش آهين ۽ تون ئي اسان جي عيبن جي ڍڪيندڙ، پوءِ ڇونه تون ايتري حڪومت ڪرين!
    خير ڪيئن به هجي، پر رت چوندا آهن ته دانگيءَ تي به وري پوي. هن جوان کي ڦٿڪندو ڏسي منهنجي به دل نرم ٿي پئي ۽ هن جي سامت ۾ اچڻ تي مون کڻي کيس گلي سان لاتو ۽ پوءِ زارو زار رنم. آخر جڏهن اسان ٻيئي روڄ ۽ راڙي کان فارغ ٿياسين، ته ڪجهه وقت هڪٻئي سان دل جو حال اوريوسين.“ مگر اها زر، جيڪا پيارن ڀائن جي مٿان نثار ڪبي آهي، سا اڃا به مون کي تنگ پيئي ڪري ۽ آئون پنهنجي کيسي کي مضبوط پيو جهليان! منهنجو ڀاءُ مون کي سمجهي ويو ۽ مون کي چوڻ لڳو ته ”ادا، اوهان مڙيو ئي ڪنهن اجائي خيال ۾ ورتل پيا ڏسجو، ۽ مون ۾ اوهان جو پورو اعتبار اڃا نه پيو ڄمي. خير، هاڻي مهرباني ڪري اندر هلو ۽ هلي پهرين ته هٿ منهن ڌوئي، نوان ڪپڙا پهري، اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ شامل ٿيو: هتان جي بادشاهه کي اولاد ڪونه ٿي ٿيو. خدا جي فضل سان ڪلهه شام جو هن کي پٽ ڄائو آهي، جنهنڪري هنڌ هنڌ شادمانيءَ جو حڪم آهي. اسان کي به حضور بادشاهه سلامت جي دعوت تي ضرور هلڻو آهي، جتان موٽي اچي پنهنجي حقيقي خوشي ملهائينداسون.“
    هاڻي انڪار ڪرڻ مون به مناسب نه سمجهيو، جو منهنجي دل جا اُمنگ به اُڀري آيا ۽ مون کي خاطري ٿي ته جي هي منهنجو پيارو ڀاءُ حامد نه آهي ته ٻيو ڪير هوندو، جو منهنجي واسطي هن غريب الوطنيءَ ۾ پيو ڦٿڪندو؟ آخر ڪنهن جو جان جگر پيارو ڀاءُ سالن جي وڇوڙي کان پوءِ ملي ته ڪهڙو نه چڱو! جدائيءَ جي ايام کان پوءِ، جيڪڏهن يار جو وصال ميسر ٿي پوي ته ڇو ارهو ٿجي؟ دل ۾ ويچار ڪيم ته بابو سائين ته حامد جي فراق ۾ حضرت يعقوب وانگر پنهنجين اکين جي روشنائي به وڃائي ويهي رهيو آهي، ۽ پنهنجي يوسف جي وڇوڙي ۾ بلڪل جلد پوڙهو ٿي، حال ۽ قال کان نڪري ويو آهي. اسان جي والده محترمه به تمام حيران ۽ پريشان آهي. ٻيئي ڪجهه ڪڇندا ته نه آهن، پر سندن دل ڀُري پيئي هوندي آهي. جيڪڏهن انهن کي خبر پوي ته جيڪر ڪهڙو نه خوش ٿين.
    اهي پور پچائيندو، ساڻس سڪ ۽ پياس منجهان ڳالهيون ڪندو، اندر ويس. هڪ ننڍو محل هو، جنهن کي بلڪل عمديءَ طرح سينگاريو ويو هو. منجهس عمدا ۽ عجيب فرش ۽ فروش، گلم ۽ غاليچا، طول ۽ وهاڻا وڇايا پيا هئا. عاليشان پلنگن تي خوب بسترا لڳا پيا هئا ۽ اتن سفيد گلدار چادرون وڇايون پيون هيون. ڀر واري ڪمري ۾ ننڍڙو ٻار ويٺو هو، جنهن جي اڳيان قسمين قسمين رانديڪا رکيل هئا ۽ اسان جي اندر لنگهڻ تي هو ”بابا، بابا،“ ڪري اچي حامد سان ڳلي لڳو. اهو آواز ٻڌي سندس ماءُ ٻئي ڪمري مان نڪتي، پر مون کي ڏسي پوئتي هٽي. حامد سڏ ڪري چيس ته ”پياري، هيڏي اچ. هي منهنجو موڀي ڀاءُ عابد آهي، جنهن جو آئون وقت بوقت توسان ذڪر ڪندو هوس. اڄ اوچتو مون دريءَ کان ڏسي ورتو. ٻاهر ويس ۽ وڃي کيس وٺي آيس.“
    ايتري ۾ منهنجي ڀاڄائي، جا بلڪل سلڇڻي ۽ سوڀيا واري هئي، آئي ۽ اچي مون کي پيرين پئي چوڻ لڳي ته ”الحمدالله جو اسان جي نيڪ قسمت جا دروازا اڄ کُليا ۽ مون پنهنجا پيارا عزيز پنهنجي اکئين ڏٺا. ادا، منهنجي سس ۽ سهرو ۽ ڏيرياڻي ته خوش هئا؟ قسمت اسان کي ايترا ڏينهن هڪٻئي کان پري رکيو هو، مگر هاڻي ته خدا جي فضل ۽ ڪرم سان پاڻ ۾ گڏياسين. مون کي قوي اميد آهي ته اوهين اسان کي معاف ڪندؤ ۽ ٻين عزيزن ۽ قريبن کان به معافي وٺي ڏيندؤ.“ اتي آقي باقي به بدگماني لهي ويم ۽ مون سمجهيو ته جو ماڻهو ههڙي عاليشان مڪان ۾ رهي ٿو، جنهن کي هِي ساز ۽ سامان موجود آهي ۽ جو پنهنجن ٻارن ٻچن سان هن ريت رهي ٿو، اهو ڪو بدمعاش، ڳنڍڙيڇوڙ ڪونه هوندو. برابر هِي حامدِ ئي آهي ۽ هو هتي گهر ٻار ڪريو ويٺو آهي.
    پنهنجي سلڇڻيءَ ڀاڄائيءَ جا اهي ٻول ٻڌي، مون وراڻي ڏني ته ”منهنجي پياري ڀاڄائي! قسمت برابر اسان کي هڪٻئي کان جدا ڪيو هو ۽ عرصو به ضرور گهڻو ئي لنگهي ويو آهي، مگر اڄ آءٌ سمجهان ٿو ته مون کي پنهنجو ڀاءُ نئون ڄائو آهي، ۽ اوهان سڀني کي ڏسي مون کي جا خوشي ٿي آهي، تنهن جو مان بيان ڪري نٿو سگهان.“ ائين چئي، مون ٻار کي کڻي ڇاتيءَ سان لاٿو ۽ منهنجي اکين مان خوشيءَ وچان لڙڪ وهڻ لڳا. ايتري ۾ حامد چيو ته ”ادا، غسلخاني ۾ سڀ تياري آهي، اوهان تڙ ڪري، ڪپڙا بدلائي نڪرو جو باقي دربار عالِي ۾ فقط اڌ ڪلاڪ آهي.“
    آئون ٻار کي ڇاتيءَ تان لاهي سڌو غسلخاني ۾ داخل ٿيس، جتي ڏٺم ته عجيب سرهاڻيون موجود هيون ۽ جنهن پاڻيءَ سان مون کي تڙ ڪرڻو هو، انهيءَ ۾ به گلاب جو پاڻي پيل هو. جلدئي تڙ ڪيم ۽ ڪپڙا ڍڪيم. اتي مون کي خيال آيو ته منهنجي ڀاڄائي، منهنجي زال کان البت چار-پنج سال ننڍي ٿي ڏسڻ ۾ اچي، پر آهي ٻه هٿ، ٻه پير اهڙي. خير، آءٌ وهنجي سهنجي، اَڇو اُجرو ٿي ٻاهر نڪتس ته ڪجهه ناشتو تيار ڏٺم، جو اسان سڀني گڏجي کاڌو. کاڌي کان فارغ ٿياسين ته حامد پڇيو ته ”سواري حاضر آهي؟“ نوڪر جواب ڏنو ته ”هائو، جيئندا قبلا!“ اسين اٿياسين ۽ هڪ عاليشان چو- گهوڙيءَ بگيءَ تي سوار ٿي هلياسين. پٺيان جو نظر ورايان ته ڇا ڏسان ته رسالي جا سپاهي گهوڙن تي بگيءَ جي پٺيان پيا اچن. اتي خيال آيم ته منهنجو ڀاءُ ڪنهن وڏي عهدي تي ممتاز آهي، ورنه هي جلوس ساڻ نه هجي ها.


    باب ٻيو : دربار عالي

    رونق آباد جو شهر جيڪا اڄوڪي ڏينهن رونق وٺي بيٺو هو، تنهن جي ڪهڙي تعريف ڪجي! سارو شهر سينگاريو ويو هو ۽ هرهنڌ خوشي ۽ شادمانا لڳا پيا هئا. جيئن اسان دربار عاليءَ ڏي رخ رکيو پئي وياسين ته مون واٽ تي پئي ڏٺو ته جيڪي به ماڻهو پئي لنگها، تن حامد جو نوڙي سلام پئي ڪيو، تان جو اسين بادشاهه سلامت جي محلات وٽ پهتاسين، جتي خوب بگل ۽ باجا، دهل ۽ شرنايون پئي وڳيون. چؤطرف ماڻهن جا ميڙ لڳا پيا هئا، جن شيرنيون ۽ مٺايون پئي کاڌيون ۽ عمدا صندل ۽ گلاب ۽ ڪَرني جا شربت پئي پيتا. اڄ بادشاهه سلامت جو لنگر خوب پئي هليو، ۽ فقير فقرا کائي پِي خوب پيا بادشاهه عاليجاهه کي دعائون ڪن.
    جڏهن اسين محل جي دروازي تي پهتاسين ته خوب تماشو ڏٺوسين. دروازي کي قسمين قسمين جهالرن ۽ جهنڊين سان سينگاريو ويو هو ۽ ٻه چوبدار زري ۽ زربفت پايو، سونيون عصائون هٿ ۾ جهليو بيٺا هئا. اسان اتي گاڏيءَ تان لٿاسين ۽ اڳتي وڌياسين ته چوبدارن نوڙي سلام ڪيو. ساڻن گڏ ٻه خليق ۽ حسين نوجوان بيٺا هئا، جن پڻ نوڙي سلام ڪيو ۽ انهن مان هڪڙو اسان جو پيشوا ٿي دربار معليٰ ۾ هليو. واٽ تي جيڪا آرائش ۽ رونق لڳي پيئي هئي، تنهن جو بيان ڪرڻ سٿرو ۽ سهنجو نه آهي: چوڌاري جهنڊين جِي جهرمر ۽ گلن جي گلڪاري لڳي پيئي هئي. رستي جي وچ تي حلواڻ ۽ ڳاڙهي بنات جا ڪپڙا وڇايا پيا هئا. خير، هلندي هلندي، دربار عاليءَ ۾ پهتاسين.
    شاهي دربار لڳي پيئي هئي ۽ سوين امير باادب پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي ويٺا هئا. بادشاهه سلامت جن اڃا تخت تي جلوه افروز ڪونه ٿيا هئا، ۽ شهزادي عاليجاهه وٽ حرامسراءِ ۾ هئا. اسان دربار ۾ پهتاسين ته سڀئي امير باادب اٿي کڙا ٿيا. تسليم ۽ آداب جو هل مچي ويو ۽ اسان جهان پناهه، بادشاههِ دوران جي تخت مبارڪ جي سڄي پاسي کان ويٺاسين. آءٌ اتي زياده حيران ٿيس، پر چوڻ لڳس ته خدايا، تنهنجا لک بار شڪرانا آهن، جو تو منهنجي ڀاءُ جي ههڙي عزت ڪئي آهي، ضرور هو ڪو خاص وزير آهي، جنهن ڪري هن جي تعظيم ٿي آهي، ۽ منهنجي به عزت هن جي ڪري ئي ٿِي آهي، نه تو مون جهڙي مسڪين ۽ غريب الوطن کي ڪير پڇي ها؟
    حامد به گهڻي خُلق سان سڀني کي پيش آيو ۽ جيڪي امير ڀرسان ويٺا هئا، تن سان منهنجو تعارف ڪرايائين. هنن مون کي تمام گهڻي عزت ۽ تعظيم ڏني ۽ آءٌ به انهن سان سندن عهدي مطابق باعزت پيش آيس. ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهه سلامت جن درٻار عاليءَ ۾ رونق اَفروز ٿِيا. سڀ حاضرين اٿي کڙا ٿيا ۽ بادشاهه سلامت تي تصديق ٿيڻ لڳا، جيئن بلبل گل تي ٿئي يا پروانو شمع تي. حامد اڳتي وڌي حضور انور جو خير مقدم ڪيو ۽ سرڪار معليٰ تخت شاهيءَ تي جلوه اَفروز ٿيا. تنهن کان پوءِ حامد مون کي حضور انور جي اڳيان پيش ڪيو ۽ عالي بارگاهه ۾ عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا! هِي منهنجو ڀاءُ عابد آهي، جو ڪيترن سالن جي وڇوڙي کان پوءِ اڄوڪي سدوري ڏينهن مون سان مليو آهي. هي سڀ شهزادي عاليجاهه، عفت پناهه، بخت بلند جو ستارو آهي، جنهن اسان سڀني جا درد دور ڪيا آهن، ۽ اسان سڀني کي هر طرح خوشي بخشي آهي.“ حضور انور جن تمام خوش ٿيا ۽ مون کي گهڻيءَ تعظيم سان ويهڻ جو ارشاد فرمايائون. اتي چؤطرف ”مبارڪ، مبارڪ“ جو آواز اچڻ لڳو ۽ بادشاهه سلامت جن سڀني جي عاليشان مرحبا ڪئي.
    هاڻي منهنجو خيال ڪجهه دربار عاليءَ جي آرائش ۾ گم ٿي ويو. ڇا ڏسان ته بادشاهه سلامت جي سنگ مرمر جي سفيد تخت تي عجيب زريفت ۽ ڪيمخاب وڇايا پيا آهن، ۽ ٽن پاسن کان عاليشان طول به رکيا ويا آهن، جن مان هڪڙي تي حضور پُر نُور جن ٽيڪ ڏيو ويٺا آهن. مٿان بخمل جو شاميانو تجمل ڪيو بيٺو آهي، جنهن تي زريءَ ۽ سلمي جو ڪم تمام عجيب ۽ عمدو ٿيل آهي. منجهس سونا شمعدان محض سونهن جي خاطر ٽنگيا پيا آهن ۽ چوڌاري مزيدار جهالر جهلي رهي آهي. تخت جي هيٺان قيمتي ايراني قالين وڇايا پيا آهن. امير ۽ درباري سڀ پڻ عمدن ايراني قالينن تي ويٺا آهن. اڳيان چاندي جي گلاسن ۾ گلدستا رکيا ويا آهن ۽ انهن جي ڀرسان اگربتيون پييون ٻرن. مٿان تمام عمدو منقش شاميانو ٽنگيو پيو آهي، جنهن ۾ ننڍڙا چانديءَ جا شمعدان پيا لٽڪن. چوڌاري گلن جون ڪونڊيون رکيون آهن، ۽ گلاب- دانين جي آبپاشيءَ ۽ ڇڻڪار سڄيءَ دربار ۾ هڳسان پيدا ڪري ڏنو آهي.
    بادشاهه سلامت جن سڀني کي مبارڪ باد چئي فرمايو ته ”اڄ اسان سڀني جي خوشيءَ جو موقعو آهي، جو هيترن سالن کان پوءِ ڌڻيءَ اسان کي نوازيو آهي، ۽ هن سلطنت کي وليعهد عطا فرمايو آهي. لک بار شڪرانا انهيءَ قادر ڪارساز جا آهن، جنهن پنهنجو لطف ۽ ڪرم، عطا ۽ احسان، اسان نڌر نماڻن تي ڪيو آهي، ۽ انهيءَ ئي خدا ۾ اميد آهي ته هيءَ خوشي دائم قائم ڪندو (اُتي سڀ آمين چوڻ لڳا). مون کي چيو ويو آهي ته نجومين کان اسطرلاب جي وسيلي شهزادي جو مستقبل مقرر ڪرائجي، مگر منهنجو ڀروسو انهيءَ مستقبل جي مالڪ تي آهي ۽ منهنجو تڪيو انهيءَ ئي ربّ رحيم تي آهي. ڌڻي پنهنجي مهر سان هن کي حيات اَبدي بخشيندو ۽ صالح ڪندو. انسان جي توڪل پنهنجي ربّ تي هجي ته بهتر. اهڙي ٻي ڪابه ڳالهه نه آهي. اهوئي ربّ آهي جنهن اسان کي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ مان آس ۽ اميد بخشي آهي ۽ آءٌ توڻي اوهين، جيڪي به منهنجا مصاحب آهيو، اسان کي گهرجي ته انهيءَ قادر مطلق جا ٿورا مڃيون ۽ شڪرانا بجا آڻيون.
    ”اڄوڪيءَ خوشيءَ ۾ اسان هي اعلان ٿا ڪريون ته اڄ کان وٺي هڪ مهينو سڀڪو امير يا فقير اسان جي شاديخانن يا بورچيخانن تان گهربل ڪچو سيڌو يا رڌل طعام وٺي. جيڪو ماڻهو پنهنجي هڪ دمڙي به هن مهيني ۾ خرچ ڪندو ته اسان کي سخت رنج پهچندو ۽ جيڪڏهن اسان جي ڪارندن انهيءَ ڪم ۾ ڪابه گهٽتائي ڪئي ته هنن کي جوڳي سيکت ڏني ويندي. تنهن کان سواءِ جيڪي به سرڪاري ملازم آهن، انهن کي ٽن مهينن جو پگهار انعام طور شاهي خزاني مان ڏنو ويندو، ۽ اسان جي جن به مصاحبن اسان کي وقت بوقت نيڪ صلاح پئي ڏني آهي ۽ جن صاحبن عدالت يا روينيو يا ضابطي يا تعليمات جي ڪمن ۾ ايمانداري ۽ جفاڪشي ڏيکاري آهي، انهن کي سرڪاري دربارشاهيءَ جي برخواست ٿيڻ تي جوڳا انعام، تمغا ۽ آفرين ناما عطا ڪندي.
    ”هن کان سواءِ، سڄي ملڪ تان هن سال سڀ محصول ۽ ڍل معاف آهي. اسان جي ملازمن تي فرض آهي ته هو ڪنهن به رعيتي ماڻهوءَ سان سختيءَ سان پيش نه اچن ۽ هنن جي چڱيءَ طرح خاطرخواهه عدالت ۽ خدمت ڪن. اسان جو جيلن تي حڪم ڪيو وڃي ته جيڪي به قيدي پنجن سالن کان مٿي سزا ڀوڳي چڪا آهن، انهن کي هڪدم آزاد ڪيو وڃي، ۽ جن جو گناهه هلڪو آهي سي پڻ رِها ڪيا وڃن. باقي جيڪي بچن انهن تان به ٻن سالن جي قيد جي گهٽائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ مهينو سٺو کاڌو ڏنو وڃي.
    اهڙيءَ شاهاڻي شفقت جو سڀني اعتراف ڪيو ۽ سڀ گڏجي بادشاهه سلامت ۽ شهزادي عاليجاهه کي دعائون ڪرڻ ۽ خوشيءَ وچان نعرا هڻن لڳا. شاعرن پنهنجا شعر پيش ڪيا، جن کي خوب داد ڏنا ويا. گوَين واه جون تانسين واريون تانون هنيون ۽ عجيب ٺمريون ۽ غزل ڳايا، خوب جهمريون لڳيون. مطلب ته جيڪي به خوشيءَ جا ترانا هئا، سي ٻڌايا ويا ۽ سڀني ماڻهن واسطي هڪ عجيب عيد ٿي وئي. اتي حاضرين سڀئي حامد ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ سَس پُس ڪرڻ لڳا ته ”اوهين مهرباني فرمائي ٻه- چار ڪلما، اسان سڀني جي طرفان بارگاهه عالي ۾ چئو.“ اتي حامد اٿيو ۽ پهريائين دربارين ڏي نظر ڪري ۽ پنهنجي ڪُڙتي کي درست ڪري، بادشاهه جهان پناهه کي نوڙي سلام ڪري، الف قد ٿي بيٺو. سڄيءَ دربار ۾ چپ چپاپ لڳي وئي ۽ سڀ گوش ڏئي باادب ويٺا هئا.
    حامد بارگاهه عاليءَ ۾ عرض ڪيو ته ”شهنشاهه عاليجاهه، جهان پناهه، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم بارگاهه عاليءَ ۾ پنهنجي خوشيءَ ۽ مسرت ملهائڻ، ۽ پنهنجي قبلي ۽ ڪعبي بادشاهه معظم ۽ مرڪم جي ڪمال مهربانيءَ ۽ شفقت، لطف ۽ ڪرم جو اعتراف ڪرڻ ۽ شڪريي بجا آڻڻ واسطي حاضر ٿيا آهيون. جهان پناهه، حضور جي سلطنت جي دور ۾، اسين سڀ حضور اَنور جا خادم ۽ تمام رعايا، پنهنجي محسن مالڪ جي احسان جي زير بار آهيون ۽ حضور عفت پناهه جي اَيام شاهيءَ ۾، جيڪي به اسان کي ۽ جملي رعيت کي سک ۽ آسائشون نصيب ٿيون آهن، انهن جو اقرار ڪرڻ واجب ۽ شڪريو ادا ڪرڻ ضروري آهي.
    ”غريب پرور، حضور جي بادشاهيءَ ۾ سڄيءَ رعيت کي جو آرام ۽ عيش نصيب آهي ۽ جيڪي دعائون حضور انور کي اسين خادم ۽ ساري رعيت ڪري رهيا آهيون، انهيءَ کان ٻيا بادشاهه محروم آهن. ساري ملڪ ۾ سانت لڳي پيئي آهي ۽ رعيت، چورن يا ڌاڙيلن، خونين يا بدمعاشن، لچن يا لفنگن کان آجي ۽ آزاد آهي. سڀ پنهنجي ڪمن ۽ ڪارين کي جهٽيا ۽ چنبڙيا پيا آهن، ۽ ڪوبه سائل اُتاهون بي مراد نٿو موٽي، پوليس پنهنجو ضابطو حضور جي سايي هيٺ تمام عمدو ۽ تحسين جوڳو رکيو ويٺي آهي، ۽ رعيت ۾ امن امان آهي. روينيو عملدار، شهنشاهه جهان پناهه جي هشمت ۽ رعب کان مرعوب ٿي، پنهنجن معمولي ڪمينين حرڪتن ۽ رعيت آزاريءَ کان خداحافظ پڙهي، رعيت سان ڪمال همدرديءَ سان پيش اچن ٿا، ۽ هنن جي ڪارسازيءَ ۾ رات ڏينهن ڪوشش وٺي پاڻ کي پنهنجي عهدي جا لائق ثابت ڪري رهيا آهن. اعليٰ تعليم يافته عملدار جتي ڪٿي مقرر آهن، جن سڀني حضور انور جي احتشام هيٺ پنهنجا پنهنجا فرض باخوبي پئي بجا آندا آهن.
    ”حضور انور جي خاص لطف ۽ مهربانيءَ سان سٺا سٺا واهه کوٽايا ويا آهن ۽ هنڌ هنڌ پاڻيءَ جون نهرون جهلڪا ڏيو پييون وهن. چؤطرف آباديءَ جي بوءِ اچي ٿي ۽ وڻ ٽڻ، پکي پکڻ اهڙيءَ سهڻيءَ آبياريءَ ڪري خوش پيا نظر اچن. هاري توڻي زميندار سڀ خوش آهن، ۽ نه داروغن جي دانهن آهي، نه سرويرن ۽ منشين جي مروڙ.
    ”جا خاص دلچسپي حضور انور جي تعليم جي صيغي سان آهي، اُها انهيءَ مان ظاهر آهي ته حضور جي آيامڪاريءَ ۾ هنڌ هنڌ مڪتب ۽ مدرسا برپا ٿيا آهن، جتي سٺا سٺا اديب ۽ سائنسدان، مورخ ۽ منطقي مقرر آهن، ۽ هر صيغي ۾ ڪمال درجي جي تعليم ڏني وڃي ٿي. رعيت علم جي تحصيل ڏانهن تمام گهڻو مائل آهي ۽ تعليم جا شائق هرهنڌ ڪماليت حاصل ڪري رهيا آهن. علم جي وسيلي ساري ملڪ ۾ سوجهرو ۽ روشني پيدا ٿي آهي، جنهن ڪري رعيت مشڪور ۽ ممنون آهي.
    ”ازان سواءِ، هر فرقي جا ماڻهو حضور عدل پرور جي رعيت آهن، مگر انهن ۾ ڪنهن به قسم جو جهيڙو يا جنگ ڪانه آهي. هو سڀ هڪٻئي سان نيڪ صحبت ۾ رهن ٿا، ۽ منجهن ڀائرن کان به وڌيڪ محبت آهي. سڀڪنهن فرقي جي ماڻهن جا حق تسليم ڪيا ويا آهن ۽ ڪنهن کي به ڪا ٿوري ئي شڪايت ڪانه آهي. ڪوبه ماڻهو بيڪار نه آهي ۽ سڀ ڪنهن کي پنهنجو پورهيو ڪار هيو ۽ سٺو گذران نصيب آهي، انهيءَ ڪري ساريءَ سلطنت جا ماڻهو خوش گذران آهن، ۽ منجهن حسد يا بغض جي ڪابه بوءِ ڪانه آهي.
    ڪير نه اهڙيءَ سلطنت ۾ خوش هوندو، جتي شينهن ۽ ٻڪري پاڻ ۾ ڳيچ ڳائيندا پيا وتن؟ خدا اهڙي عادل رعيت پرور بادشاهه کي سدا سلامت ۽ خوش رکي، جنهن پنهنجي رعيت تي ايتري ڀلائي ڪئي آهي (سڀ آمين چون ٿا). جهان پناهه، آءٌ حضور جي سڀني خادمن ۽ ساريءَ رعيت جي طرفان، حضور انور جي اهڙين شفقتن ۽ مهربانين جو مڪمل اعتراف ۽ ازحد شڪريو ادا ڪريان ٿو. پڻ حضور کي يقين ڏيان ٿو ته اسان سڀني جو روح، شهنشاههِ عالي آهي، جنهن کان سواءِ اسان سڀ جيڪر بيجان بت هجون. خداوند ڪريم اسان آڌينن تي شل سدائين اهو ربي سايو رکي ۽ حضور کي پنهنجي نيڪ نيتيءَ جو بهرو عطا فرمائي (آمين جو نعرو لڳي ٿو).
    ”الحمد الله، جو اڄوڪو متبرڪ ڏينهن اسان سڀني جي واسطي نيڪ اڀريو، ۽ هن سلطنت عاليءَ جي دائمي بقا جو سلسلو نمودار ٿيو. حضور انور جن کي ته ضرور مسرت ۽ خوشي ٿي هوندي، مگر جا خوشي اسان سڀني کي ٿي آهي، انهيءَ جو به اندازو ڪرڻ محال آهي، خداوند ڪريم هن نيڪ مظهر شهزادي کي حضور انور ۽ جملي سلطنت واسطي سعيد ۽ نيڪ ثابت ڪندو (سڀ آمين پڪارين ٿا)، هن سلطنت آَبد قرار کي هميشه بارونق ڪندو (آمين)، ۽ حضور شهزادي صاحب کي عمر دراز بخشيندو ۽ نيڪ ۽ صالح ڪندو (آمين). آخر ۾ آءٌ وري به حضور انور، رعيت پرور جي شڪر ادائي ڪريان ٿو ۽ مبارڪ باد پيش ڪري ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ سوال ڪيان ٿو ته ’گلِ اقبال تو دائم شگفته باد‘.“
    سڀ حاضرين آمين چوڻ لڳا، ۽ بادشاهه سلامت کي ڏسي پيا حامد ڏي ڏسن، ۽ حامد ڏي نهاري پيا بادشاهه سلامت جو فرحت بخش ديدار ڪري خوش ٿين. حامد به سلام ڪري ويٺو. بادشاهه سلامت جن خوشيءَ ۾ نه پيا ماپن ۽ سڀني ڏانهن متوجهه ٿي، سڀني کي آفرين ۽ تهنيت پيا ڪن. مون به ڪورنش بجاءِ آندي ته حضور انور جن مون ڏانهن مشڪي نهاريو ۽ فرمايو ته ”اسان اوهان کي ڏسي ازحد خوش ٿيا آهيون، ۽ اميد آهي ته ڪنهن خلاصي وقت وري ملنداسين. اوهين اسان جا خاص مهمان آهيو، ۽ جي سرڪاري مهمان خاني ۾ رهو ته به وس وارا آهيو. سرڪاري اصطبل مان اوهان لاءِ خاص بگي صبح ۽ شام ايندي، ۽ توهان هواخوري ڪري، پنهنجي دل بهلائجو.“ مون نِوڙي سلام ڪيو ۽ منهنجي چپن مان فقط هي لفظ نڪتا ته ”حضور جي عنايت.“
    تنهن کان پوءِ، خلعتن جا بُجڪا اچي ويا ۽ انهن سان گڏ نقد پئسا ۽ ڪجهه هيرا ۽ جواهر. بادشاهه سلامت سڀني کان اڳ منهنجي ڀاءُ کي خلعت پهرائي،۽ ڪيمخاب ۽ زربفت عطا ڪيا. هڪ سائي پَٽ جي ڳوٿريءَ ۾ ڪجهه اشرفيون، هيرا ۽ جواهر ڏيئي، حضور عاليءَ فرمايو ته ”اوهان جي خدمتن ۽ ڪوششن جيڪا ترقي اسان جي سلطنت کي بخشي آهي، انهيءَ جا اسين تمام گهڻو معترف آهيون، ۽ اوهان جي نيڪ نيتيءَ جا ثناخوان. اميد ته ربّ جي بارگاهه مان اوهان کي سٺو بهرو عطا ٿيندو.“ حامد نِوڙي سلام ڪري عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، هي سڀ حضور پُرنُور جو اقبال آهي، نه ته بندي کي ڪهڙي طاقت آهي!“
    تنهن کان پوءِ بادشاهه سلامت مون کي به اهڙيءَ طرح نوازيو، ۽ سڀني اميرن ۽ دَبيرن کي پڻ خلعتون ۽ انعام ڏنا، ۽ پنهنجي خاص منشيءَ کي حڪم فرمايو ته ”ڀر وارن بادشاهن کي مبارڪ باديءَ جا خط، رسمي سوکڙين سان گڏ وڃن، ۽ هنن کي دعوت ڏجي ته هو اسان سان انهيءَ خوشيءَ ۾ اچي شامل ٿين. بادشاهه سلامت جن اٿڻ تي هئا، ته هڪ چوبدار اچي حاضر ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”جهان پناهه، انور جان ڪڃري ملتجي آهي ته کيس اندر سڏيو وڃي ته هوءَ شهزادي جي خوشيءَ ۾ غزل ڳائي، انعام وٺي، خوش ٿي، دعائون ڪري واپس وڃي.“ اڄوڪي ڏينهن ته بادشاهه سلامت سڀني کي راضي رکڻ وارو هو، تنهن هڪدم حڪم ڏنو ته ”ڀلي.“ هڪ لمحي ۾ انورجان حاضر ٿي ۽ توڙي سلام ڪري بادشاهه سلامت ۽ اَمراءُ کي مبارڪباد چوڻ لڳي. سندس سپڙتائن به خوب مبارڪباد جو غل مچايو، ۽ جلد ئي سڀ سنڀري ويٺا، ۽ انور جان غزل شروع ڪيو:

    غزل
    چهچايو بلبلن اندر چمن ٿي عيد اڄ،
    شاهزادي جي ڄمڻ جي در صحن ٿي عيد اڄ.

    ناز جي اڄ آ کُلي، بازر سڄي اي شاهه من،
    مه جبينا، مه لقا، در انجمن ٿي عيد اڄ.

    صد مبارڪ! صد مبارڪ! شاهه عاليجاهِ ما،
    درمڪان و لامڪان، دشت و دمن ٿي عيد اڄ.

    صد مبارڪ! صد مبارڪ اي اميرانِ وطن،
    باغ ۽ بستان ۾ آ پُر جشن ٿي عيد اڄ.

    ”رفعتا“ سهرا ٻڌي شاههِ زمن کي ڪر نذر،
    در يمن آبي محن، بهرِ سخن ٿي عيد اڄ.

    انور جان اڃا غزل پورو ڪندي پئي ويئي ته چؤطرف واه واه اچڻ لڳي، ۽ سڀ حاضرين تحسين ڪرڻ لڳا. بادشاهه سلامت انور جان ۽ سپڙ تائين کي خوب پهرايو ۽ سٺا انعام ڏيئي، پاڻ حرمسراءِ ڏي منزل انداز ٿيا، ۽ ٻيا سڀ پنهنجن پنهنجن جاين ڏي روانا ٿيا.


    باب ٽيون : بادشاهه سلامت جو باغ- ڊاک جو مَنهن

    رونق آباد کي جا رونق وري بادشاهه سلامت جي باغ عطا ڪئي آهي، انهيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! چوڌاري گلڪاري ۽ گلزاري لڳي پيئي آهي، ۽ جا هوا اُتاهون لانگهائو ٿئي ٿي، اها پاڻ سان اها خوشبوءِ کنيو ٿي وڃي، جو جرٿر سڀ هڳسان سان ڀريا پيا آهن: جيڪو ماڻهو ڀرسان لنگهندو، انهيءَ کي مشڪ ۽ عطر هيچ نظر ايندا. گهڻائي بيمار هت اچيو، بيماريءَ کي بيمار ڪيو ڇڏين ۽ ايترو ته جلد صحت حاصل ڪيو وڃن، جنهن جو ڪو اندازو ڪونه آهي. هي باغ شداد واري باغ کان ڪو گهٽ نه آهي، ۽ فردوس برين جو ثاني آهي- قسمين قسمين گل ٽڙيا بيٺا آهن، ڇا گلاب ڇا موتيو، ڇا چمبيلي ڇا چمپڪ، ڇا سوسن ڇا سمن، ڇا نرگس ڇا لالا، سڀئي دماغ کي ته معطر ڪيو پيا ڇڏين، پر دلين کي پڻ پيا داغين. ڪٿي ته سروَ جا وڻ الف قد ٿيو بيٺا آهن، ته ڪٿي وري گهمندڙ سروَ پيا ٽلن ۽ ٽمڪن. ڪٿي سنوان سڌا رستا، ته ڪٿي عمدا عمدا چوسول، مزو رکيو بيٺا آهن. هرهنڌ پاڻيءَ جي چشما جاري آهن ۽ نهرن ۽ ڪسين جي آبداري به اهڙي ته وڻندڙ لڳي پيئي آهي، جو برهه جي باريءَ جي شدت به هڪواريءَ ته گذر ڪيو وڃي. واهه، وري هي سبزيءَ جا تونگ بيٺا آهن، تن جي نشي ته شراب جي دونگن جي نشي کي به مات ڪري ڇڏيو آهي. جو غسل ڪرڻ جو حوض آهي، جنهن ۾ مٿان ڇَر ڇَر ڪري پاڻي پيو اچي، انهيءَ ته شاهه جهان بادشاهه جي شالامار واري حوض کي به شهه ڏيئي ڇڏي آهي. چوڌاري رستن تي ميويدار وڻ بيٺا آهن، ۽ ڪٿي ته وري ٻارن تي ميويدار وڻ بيٺا آهن، ۽ ڪٿي ته وري ٻارن جا ٻارا اهڙن وڻن سان ڇانيا پيا آهن. رستن ۽ چوسولن تي سنگ مرمر جون بيٺڪون رکيون آهن ته ڀلي ماڻهو ويهي آسائش ڪن، رات جي واسطي بتين جو ساز ۽ سامان موجود آهي.
    اهڙي عجيب ۽ پُر زينت باغ ۾ وري جي ڊاک جا مَنهن آهن، انهن جي رونق به پنهنجي آهي. انهن جي هيٺان ويهڻ يا سمهڻ ۾ جا فرحت انسان کي اچي ٿي، انهيءَ جو ڪهڙو بيان ڪجي! مگر اڄ جو هڪ حسين نوجوان عورت هڪڙي مَنهن هيٺان تڏي تي ليٽي پيئي آهي، سو سڀ ڪنهن کي اهو ئي خيال هوندو ته اهڙي فرحت بخش هنڌ تي ضرور هوءَ خوشيءَ وچان گد گد هوندي، پر جان جو ڀرسان ويس ته هڪ سنهون آلاپ ٻڌڻ ۾ آيم، جنهن ڄڻ ته هن جو هيانءُ ئي چيري پئي ڇڏيو.
    اي درد! تون ڇو اهڙو بيدرد ٿيو آهي، جو جتي ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته توکي اندر اچڻ لاءِ نه در آهي نه دري، تڏهن به ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ضرور اندر هليو اچين! ڀلا توتي ڪهڙو فرض يا قرض اچي پيو آهي، جو تون انهيءَ ڳالهه تي محڪم ٿي بيهين ٿو؟ جڏهن ويچارا انسان تنهنجي انهيءَ بيجا روشن تي توکي سدائين پيا نندين، ته پوءِ ڇو تون پنهنجي اجائيءَ هوڏ تان نٿو لهين؟
    اڃا آءٌ انهن ئي ويچارن ۾ هوس، ۽ اهو خيال پئي ڪيم ته اهو انسان جيڪو پنهنجي سونهن ۽ سوڀيان جي ڪري پاڻ ٻين جو درد به دفعي ڪري ڇڏي، اهو ڪيئن پاڻ ڪنهن درد ۾ ڦاٿل آهي، ته ايتري ۾ هڪ گُهٽيل رڙ ٿي، جنهن تي ڏسان ته هڪڙي ماڻهوءَ کي رنبو هٿ ۾ آيه ۽ ڏانهنس ڊوڙندو پيو وڃي. آءٌ جو ڀرسان موجود هوس، ويجهو ٿيس ۽ هڪل سان انهيءَ ماڻهو کي چيم ته ”ادا، جيڪا مدد گهرين سا آءٌ توکي ڏيان، تون رڳو حڪم ڪر.“ انهيءَ تي هن چيو ته ”سائين، منهنجي زال ويم جا سور پيئي کائي، آءٌ هت اڪيلو آهيان، سو جي توهين مهرباني ڪري ڪا دائي گهرائي ڏيو ته احسانمند رهندس.“
    آءٌ هوس ته واقف ڪين، پر هڪدم بگيءَ تي سوار ٿيس ۽ پنهنجي ڪوچبان کي چيم ته ”ڪنهن چڱيءَ دائيءَ جي گهر هل، جو هن باغ ۾ ڪنهن مالهيءَ جي زال ويم تي ويجهو آئي آهي، ۽ هن جو مڙس اڪيو آهي، تنهنڪري اسان کي ضرور هن کي مدد ڏيڻ گهرجي.“ ڪوچبان هڪدم گهوڙن کي ٽاپ ٽاپ ڪرائي اچي هڪڙي گهر وٽ پهتو، جتان دائيءَ کي پاڻ سان وٺي اچي باغ ۾ پهتاسين. ويچارو مالهي اسان جا شڪرانا مڃڻ لڳو ۽ پڻ سندس زال ڏاڍو خوش ٿي ۽ دعائون ڪرڻ لڳي. مون کي اڃا ڪجهه وقت باغ ۾ رهڻو هو، سو مالهيءَ کي چيم ته ”بابا، آءٌ ڪجهه وقت اڃا به هت باغ ۾ آهيان ۽ توهان کي ڪابه ضرورت هجي، ته آءٌ مهيا ڪرڻ واسطي تيار آهيان. سڀ ڪنهن انسان جو فرض آهي ته هو ٻئي انسان کي اوکيءَ ويل مدد ڪري، نه ته هو انسان سڏجڻ جولائق نه آهي.“
    مالهيءَ چيو ته ”سائين مهرباني.“
    ائين چئي هو سلام ڪري، پنهنجي گهر واريءَ جي ڀرسان ويو، جتان هڪ لحظي اندر ’اَوان، اَوان‘، جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ خبر پيئي ته مالهيءَ کي ڌيءَ ڄائي آهي، مگر ڏسڻ پسڻ جهڙي. مون سندس ماءُ جو ماهتاب جهرو منور منهن ته اڳيئي ڏٺو هو، مگر هاڻي هن شمسي شعاع جي زيارت لاءِ پڻ دل ۾ شعلا پيداٿيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ مالهي ڀڄندو آيو، چي، ”سائين، تڪليف معاف ڪري ڇوڪرِ جي ڪَن ۾ بانگ پڙهو ته مهرباني.“ مون ته اڳيئي واجهه پئي وڌا، سو هي موقعو وٺي ويس. ڏسان ته سندس ماءُ هاڻي فرحت سان مَنهن هيٺان تڏي تي سنئين سڌي ليٽي پيئي آهي، ۽ ٻار کي دائي وهنجاري رهي آهي. ماءُ کي ڏسي ڌيءَ ڏي نهاريان، ڌيءُ ڏي نهاري ماءُ ڏي ڏسان- ڪا عجيب قدرت هئي، ڪو اِلاهي حسن جو تجلو هو، يا بجليءَ جي چمڪ هئي، غرض ته ٻنهي جي حسن منهنجي عقل ۽ هوش تي مهر هڻي ڇڏي ۽ آءُ هاڻي وائڙن وانگي نهارڻ لڳس.
    دائيءَ جڏهن ڇوڪريءَ کي وهنجاري بس ڪيو ته انهيءَ خلخال جي ماتم کي ۽ مون کي ڏٺائين. مون هڪ لنبي چؤڙي بانگ پڙهي ته ڀل ڪجهه وقت هي حسن جو هيج منهنجي هنج ۾ هجي، مگر آخر ته بانگ پوري ٿي ۽ مون اهو روشن چوڏهينءَ جو چنڊ پنهنجي هٿن سان دائيءَ کي ڏنو ۽ ڪجهه پئسا ڇوڪريءَ کي ۽ ڪجهه دائيءَ کي ڏيئي روانو ٿيس. ويچارو مالهي چوڻ لڳو ته ”سائين، مون کي خبر هجي ها، ته اوهين ايتري تڪليف وٺندؤ، ته مان جيڪر اوهان کي هرگز نه سڏيان ها. اسان غريب، اوهان اميرن جو ڪيئن ٿورو لاهينداسون!“ ويچاري مومن کي خبر ئي ڪانه هئي، ته جيڪي مون ڏنو انهيءَ جو، بلڪ انهيءَ کان به وڌيڪ، مون کي ته اُجورو ملي ويو ۽ ڪيئن مون پنهنجي تاس ۽پياس اهڙي حسن جي مشاهدي سان مَٽائي ڇڏي هئي. چوندا آهن ته ”لعل لِڏ ۾ به نه لڪي.“ ديهائي ماڻهن ۽ غريبن ۾ به حسن ٿيندو آهي ۽ بعضي ته ديهاتي حسن پنهنجي دستوري سادگيءَ ڪري ئي زياده چُڀندڙ ٿيندو آهي. تمام سهڻي ۾ سهڻا ۽ سندر موتي سمنڊ جي اونهي تري ۾ پيدا ٿا ٿين، جتان زبردست ۾ زبردست غواص کي به انهن جي ڪڍڻ جي طاقت نه آهي. بعضي بعضي ڪيترا سهڻا سهڻا گل ۽ ٻوٽا جهنگلن ۽ جبلن ۾ پيدا پيا ٿين، جتي ڪنهن آدمزاد جوپتو به ڪونهي ۽ هو اتي ئي سُڪي سڙي برباد ٿي پيا وڃن. ڪو داد ڏيڻ وارو ڪونهي ۽ ڪو انهن کي پائڻ يا سُنگهڻ يا ڪم آڻڻ وارو ڪونهي. واهه ڙي دنيا! تنهنجي پيٽ مان الاجي ڪهڙيون ڪهڙيون نفيس شيون پيون پيدا ٿين، پر تون اها ماءُ آهين، جو اهي سڀ سهڻيون شيون ڄڻي، پوءِ خود تون ئي انهن کي مات ڪيو ڇڏين، ۽ آخر خاڪ ۾ ملائي خاڪ ڪيو ڇڏين! مٺڙيءَ ماءُ جي مِهر تو ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيڻي آهي. تون اهائي ماءُ آهين، جو پيدا ڪندڙ به آهين ۽ ماريندڙ به آهين، ۽ مارڻ کان پوءِ سانڍيندڙ به آهين!
    لطيف مالهيءَ جي گهر اڄ اهو موتي پيدا ٿيو آهي، جو جيڪر ڪنهن بادشاهه جي گلي جي هار ۾ سونهي. سندس سوڀيا واري زال، جا هن مالهيءَ تي پتنگ وانگر پيئي پچي پڄري، کامي ۽ سڙي، انهيءَ کي ته ڪو اهڙو خواب و خيال به ڪونهي. هن جي خيال جو پرواز پنهنجي هم جنس کان سواءِ ٻيو ڪاڏي ويندو؟ مون کي ته گهڻائي خيال پيا ويڙهيو وڃن، ۽ هنن کي ڇڏڻ مهل مون هنن کي چيو ته ”توهان اجازت ڏيو ته مان هن ڇوڪريءَ تي ڪو نالو رکي وڃان؟“ هو ته اڳيئي مون ڏانهن گهڻو مشڪور هئا، سو هڪدم اهڙي اجازت ڏنائون. مون انهيءَ جهان جي سينگار ۽ سونهن تي نالو رکيو ”جهان آرا.“ منهنجو اهو نالو ڪڍڻ ۽ هو زال مڙس وائڙا ٿي ويا ۽ چوڻ لڳا ته ”سائين، اسان جهنگ جي جهانگي، مزور ماڻهو، اسان کي ڪٿي ٿا اهڙا نالا سونهن! اهي نالا امير ۽ بادشاهه رکندا آهن، اسان غريبن واسطي ڪو سادو سودو نالو ڪافي آهي. اسان اهو نالو رکنداسين، ته سڄو جهان اسان تي چٿر ۽ ٺٺول ڪندو. مهرباني ڪري ڪو ٻيو نالو رکو.“ مون جواب ۾ چيو ته ”آءٌ ته ضرور اهو ئي نالو رکندس ۽ جڏهن به منهنجي اچڻ جو موقعو ٿيو، تڏهن آءٌ انهيءَ نالي سان هن پياريءَ ڇوڪريءَ کي سڏيندس. توهان کي جيڪو نالو وڻي سو رکوس. مون کي يقينآهي ته جو نالو مون رکيو اٿس، هوءَ آخر ائين ثابت ٿيندي.“ ائين چئي آءٌ اتاهون روانو ٿيس ۽ سوار ٿي پنهنجي پياري ڀاءُ حامد وٽ آيس، جتي رات جو اسان اڳيئي پاڻ ۾ پهه پچايو هو، ته هڪٻئي کي پنهنجا حال احوال ڏينداسين.


    باب چوٿون : حامد جو احوال

    موٽيس ته ڏسان ته حامد دالان ۾ ويٺو اخبار پڙهي. آءٌ به اتي ويهي ويس ۽ ڀاڄائي به پنهنجي ڪڪي کي کڻي آئي. مون ”ماجد، مامد!“ ڪري سڏيس، ته هُو مون ڏي اُلر ڪرڻ لڳو. مون اڃا ڏانهنس هٿ ڊگهيريو ئي ڪين، ته هو هڪدم مون ڏي هليو آيو. هن کي ڪهڙي خبر، ته آءٌ سندس چاچو هوس، پر رت آخر رت آهي ۽ ڪيئن به هجي ته رت کي ضرور ڇِڪي اچڻي آهي. مون ويهي ٻار سان وندر ڪئي، تان جو رات ٿي ۽ دسترخوان وڇائجي ويو ۽ کانو اچي ويو. کانو کائي، ٻار دائيءَ جي حوالي ڪري، اسين ٽيئي يڪ جان ٿي ويٺاسين، ته ويهي هڪٻئي کي حال احوال ڏيون . حامد چوي ته ”ادا، توهين پنهنجو حال ٻڌايو،“ مگر مون زور ڪيو ته اڳ ۾ پاڻ پنهنجو احوال ٻڌائي، جو نيٺ هن قبول ڪيو ۽ اسان سنڀري ويٺاسين هن جو احوال ٻڌڻ.
    حامد چيو ته ”ادا، جڏهن آئون اوهان وٽ هوندو هوس، تڏهن منهنجي هڪڙي فقير سان تمام گهڻي صحبت هوندي هئي. شام جو آءٌ مڪتب کان فارغ ٿيندو هوس، ته سڌو انهيءَ الله لوڪ وٽ ويندو هوس. هن جي صحبت مون کي ڏاڍي وڻندي هئي، ۽ هو صاحبِ ڪمال به مون تي گهڻو راضي هوندو هو. انهيءَ ڳالهه جو ذڪر مون ڪنهن به بني بشر وٽ نه ڪڍيو، ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ يا عزيز خويش کي انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪانه هئي. آءٌ انهيءَ فقير کي تمام بزرگ ۽ سهڻي هستي سمجهندو هوس، ۽ جا گهڙي آءٌ وٽس هوندو هوس، سا پنهنجي واسطي سعادت ليکيندو هوس. فقير صاحب ايڪانت پسند هوندو هو. مگر آءٌ جڏهن به وٽس ويندو هوس ته مون کي تمام گهڻو قرب ۽ پيار ڏيندو هو. آءٌ ڏهن ورهين جي ڄمار کان وڃي هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪندو هوس. پنج سال برابر هن فقير جي صحبت ۾ رهيس، مگر پنهنجو ڪم ڪار اهڙو باقاعدي ڪندو هوس، جو اوهان سڀني کي ڪوبه شڪ يا شبهو ڪونه هوندو هو.
    فقيرن جي صحبت هڪ اُتم صحبت آهي، ۽ جي هُو ڪنهن کي به نوازڻ تي اچن ته هنن جي واسطي مشڪل نه آهي. جڏهن آءٌ پندرهن ورهين جو ٿيس ته هڪڙي ڏينهن فقير صاحب مون کي چوڻ لڳو ته ”ابا، جيڪا تو منهنجي خدمت ڪئي آهي ۽ جنهن خلوص ۽ محبت سان تون مون سان هليو آهين، انهيءَ جو اُجورو توکي الله سائينءَ وٽان ضرور ملندو، مگر جي منهنجيءَ حياتيءَ ۾ اهو نه مليو ته مون کي ڪهڙي فرحت ايندي؟ منهنجي اهائي مرضي آهي ته آءٌ توکي ڪنهن چڱي هنڌ ڏسي وڃان! خبر نه اهي ته حياتي ڪيتري آهي ۽ جيترو جلد ائين ٿئي اوترو چڱو. پر بابا، توکي باقي گهڻو پڙهڻو آهي؟“
    مون عرض ڪيو ته ”قبلا، مون اوهان بزرگن جي ڪهڙي خدمت ڪئي آهي، جنهن جو مون کي اُجورو ملڻ گهرجي. پاڻ، وقت بوقت هن گولي تي اوهان جي هزار بار عنايت آهي، جنهن جو رڳو مناسب طرح شڪريو ادا ڪرڻ اَهنجو آهي. باقي خداوند ڪريم اوهان کي حيات اَبدي بخشي ۽ اوهان جو سايو شل سدائين اسان نڌر نماڻن تي هجي، ڇاڪاڻ تي سائينءَ کان پوءِ اسان جي ڪهڙي زندگي ٿيندي؟ خدا شل اسان کي سائينءَ جي هٿن ۾ سُرهو ڪري ته بهتر. باقي رهي پڙهڻ جي ڳالهه، اها به داتا جي هٿ ۾ آهي: اڄ بند ڪرايو، تڏهن به وس وارا آهيو، ۽ جي اڃا هلايوس، تڏهن به مالڪ آهيو. مون کي جنهن علم جي ضرورت آهي، اهو شل اوهان بزرگن جي مهر سان ڌڻي مون کي عطا ڪري. مون کي ته صرف پنهنجي آقا جي منهن مبارڪ جو مصحف پڙهڻو آهي ۽ سائينءَ جي دل ۾ جو خزانو موجود آهي، اُتاهون جيڪڏهن ڪو هڪڙو موتي به هٿ اچي وڃيم، ته اهڙي سعادت ٻي ڪهڙي ٿيندي؟“
    اتي فقير صاحب مشڪي فرمايو ته ”بابا، هاڻي توهان تان پڙهڻ ڳڙهڻ معاف آهي. هاڻي اهو وقت جيڪو اوهين مڪتب ۾ وڃو ٿا، اُهو به اسان وٽ ايندا ڪريو.“ آءٌ به حڪم جي تعميل خاطر، مڪتب کي خدا حافظ پڙهي، فقير صاحب جي خدمت ۾ رهيس، پر جا تعليم مون کي اتان نصيب ٿي، اها آءٌ اڃا پندرهن سال مڪتب ۾ رهان ها ته به نصيب نه ٿئيم ها، تاريخ منطق، ماليات، سياسيات ۽ علم اَدب ۾ جو بهرو مون کي پنهنجي مربيءَ کان عطا ٿيو، اهوجيڪر ڪٿؤن به نه مليم ها. فقير صاحب ته ڪو وڏو عالم ۽ فاضل هو ۽ رڳو ڳالهين مٿان ڳالهيون ڪندي، هو ڪيترا نُقتا مون کي اهڙيءَ طرح ته سمجهائيندو هو، جو هڪدم منهنجي دل تي چهٽي ۽ چنبڙي ويندا هئا. ڇهن مهينن جي تعليم منهنجو دماغ بلڪل چِٽيءَ طرح کولي ڇڏيو. جڏهن فقير صاحب کي منهنجي علمي لياقت ۽ فضيلت تي پڪو ويساهه ٿيو، ته مون کي چيائين ته ”بابا، هاڻي هتي رهڻ اجايو آهي. ڪيترو به ماڻهو قابل هجي ته به پنهنجي وطن ۾ هن کي گهڻي عزت نصيب نه ٿيندو. ’گهر جو پِير، چُلهه جو مارنگ،‘ هڪ مشهور پهاڪو آهي. گل جيستائين باغ ۾ هوندا اهن، ته کڻي ڪيترو به خداداد حسن ۽ هُڳسان هجين ته به ڪنهن جي گلي جا هار تڏهين ٿيندا، جڏهن اُتاهون ڇِنا وڃن. سمنڊ جي تر ۾ قيمتي ۽ سهڻا موتي هوندا آهن، مگر انهن جي عزت ۽ قدر تڏهن ٿيندو، جڏهن اُتاهون ڪڍيا وڃن. پوءِ هو بادشاهه جي تاج ۾ سونهن، يا راڻين جي ڳچيءَ جا زيور ٿين.“
    مون عرض ڪيو ته ”قبلهء عالم، مون کي سائينءَ جو حڪم برچشم آهي، پر البت پيءُ ماءُ کي ڇڏڻ ڏکيو ٿو لڳيم. هو موڪل ته هرگز ڪانه ڏيندا.“ اتي فقير صاحب ڪجهه وقت مونن ۾ مينهن هڻي ويٺو ۽ صبر ۾ رهيو. جڏهن ڪنڌ مٿي کنيائين ته چيائين ته ”بابا، جڏهن هو وري توکي گهڻن سالن کان پوءِ ڏسندا ته سمورو ڏک لهي ويندن.“ مون اتي ماٺ ڪئي ۽ دل ۾ اهو پهچايم ته هاڻي جيڪا هن الله لوڪ جي مرضي هوندي، ائين ڪندس.
    اسان صبح جو رواني ٿيڻ جو قصد ڪيو. آءٌ سڄي رات پنهنجي گهر هوس. صبح جو ٻه- چار ڪپڙن جا ويس کڻي وڃي خدمت ۾ حاضر ٿيس. فقير صاحب به پنهنجو خرقو ۽ ڪشتو کنيو، ۽ اسان سفر ڪندي ڪندي اچي رونق آباد پهتاسين ، جتي هڪڙيءَ سراءِ ۾ منزل ڪئيسين. رات جو خوب آرام ڪري، صبح جو اٿي شهر جي رونق ڏٺيسين، ۽ وري به اچي سراءِ ۾ ٽڪياسين.
    اسان اڃا سراءِ پهتاسين ئي مس، ته هڪڙو ماڻهو سفيد پوش اسان وٽ آيو ۽ اچي فقير صاحب سان مليو. هنن ڳچ وقت پاڻ ۾ ملاقات ڪئي ۽ هو رڳو مون ڏي نهاري هليو ويو. مون کي طاقت نه هئي ته آءُ فقير صاحب کان پڇان ته هي ڪهڙو شخص هو، ۽ نه اڄ تائين مونکي ڪو انهيءَ ماڻهوءَ جو پَرو پيو آهي. فقير صاحب مون کي چيو ته ”بابا، انشاءَالله ڪم ٿي پوندو.“ مون کي ته درحقيقت ڪنهين به ڳالهه جو فڪر ڪونه هو- ۽ اسان اتي ڪجهه کائي آرام ڪيو. جان جو جاڳيس ته ڏسان ته فقير صاحب آهي ئي ڪونه، ۽ نه خرقو آهي نه ڪشتو. پرائي ملڪ ۾ آءٌ ته وائڙو ٿي ويس ۽ ڪابه خبر ڪانه رهيم ته هاڻي ڇا ڪرڻو آهي. سراءِ ۾ توڙي شهر ۾ ڀٽڪڻ لڳس، ۽ سڀڪنهن کان ڏس پتو پڇڻ لڳس، مگر ڪوبه مون کي دڳ لائي نه سگهيو. اهڙيءَ حالت ۾ مون واپس موٽڻ جو خيال ڪيو- ۽ اڃا انهيءَ فڪر ۾ هوس ته مون کي ساڄي ڳل تي هڪ سخت چماٽ لڳي ۽ آواز ٿيو ته ”اٿي همت ڪر ۽ همت سان سچو ڄڳ پنهنجو ڪر!“ همت ڪيان ته سهي، پر ڪيان ڪيئن؟ خيال ڪيم ته هت نه واقف نه وَڙو، نه يار نه دوست، ڪير مون کي مدد ڏيندو ۽ آءُ ڇا ڪري سگهندس؟ تنهن کان سواءِ جنهن شخص تي ٽيڪ هئي، اهو به ڇڏي ويو!
    نيٺ مون خيال ڪيو ته ويٺي وڌندس ته ڪونه، سو اٿي سرڪاري دفتر ڏانهن روانو ٿيس ته ڪنهن نوڪريءَ جي تلاش ڪريان. هيٺين ڪامورن سان مليس، مگر ڪٿئون به دلاسو ڪونه مليو. آخر وزيراعظم وٽ ويس. هن مون سان ڳچ وقت گفتگو ڪئي ۽ مون کان انيڪ سوال پڇيا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته هن مون کي پنهنجو خاص منشي مقرر ڪيو. اڃا هفتو کن گذريوئي ڪين، ته هو مون تي تمام راضي ٿيو ۽ منهنجي ڪم جي ساراهه سڀني درٻارين ۽ خود بادشاهه سلامت سان به ڪيائين. مون کي هڪدم اضافو مليو ۽ ساري دفتر جو ڪم منهنجي سپرد ڪيو ويو. منهنجو پير هاڻي ارڙهن ورهين ۾ هو، مگر آءٌ سڀني سان اهڙي مزي ۽ محبت سان پئي هليس، جو سڀ مون ڏانهن راضي هئا ۽ ڪوبه مون تي رنج نه هو. وزير صاحب کي پُٽاڻو اولاد ڪونه هو ۽ هُو مون تي ايترو ته مهربان ٿي ويو، جو مون کي کڻي پنهنجو پُٽيلو ڪيائين. هن کي جاچيندو هوس ته سچ پچ پنهنجي پيءُ جون سڪون لاهيندو هوم، ۽ آءٌ ايترو به محسوس ڪندو هوس ته هن جي شڪل منهنجي پيءَ سان گهڻي لڳندي هئي. ساڳيءَ ريت هو به مون کي چتائي ڏسندو هو، پر ڪڇندو ڪين هو. اتي ڪجهه سال گذري ويا ۽ آءُ بادشاهه سلامت جي خاص درٻارين ۾ شمار ٿيندو هوس، ۽ مون کي نائب وزارت جو عهدو مليو. ڪجهه عرصو گذريو ۽ مون پاڻ کي ايترو ته لائق ثابت ڪيو، جو مون کي وزير اَمور خارجه مقرر ڪيو ويو ۽ بادشاهه سلامت ۽ ٻين بادشاهن جي وچ ۾ جيڪا به خط و ڪتاب هلندي هئي، يا جيڪي به سياسي معاملا هوندا هئا، اُهي آءٌ طع ڪندو هوس، ۽ وزراءِ جي مجلس ۾ منهنجيءَ راءِ کي گهڻو وزن ڏيندا هئا.
    اتي ٻن- چئن- دوستن مون کي شاديءَ جي ترغيب ڏني، مگر آءٌ جو وزيراعظم صاحب کي پنهنجي حقيقي والد کان گهٽ نه سمجهندو هوس، تنهنڪري مون چيو مانِ ته پاڻيهي هُو منهنجو بندوبست ڪندو. هنن اهو مذڪور وڃي اتي ڪيو. تنهن تي جواب ملين ته ”آءٌ پاڻ انهيءَ ويچار ۾ آهيان ۽ اميد ته جلد اهو بندوبست تمام خاطريءَ جهڙو ڪندس. مون کي فقط هڪ خاطري کانئس ڪرڻي آهي ۽ جي اها پوري ٿي ته پوءِ هڪدم اهو انتظام ڪبو. توهين مهرباني ڪري هن کي مون ڏانهن موڪليو.“ هنن يارن اچي مون سان ڳالهه ڪئي ۽ مون ترت حڪم جي تعميل ڪئي. آءٌ جڏهن اتي پهتس ته وزير صاحب مون کي ڀاڪر پائي کڻي ڳلي لاتو ۽ مون سان گفتگو شروع ڪيائين.
    چوڻ لڳو ته ”بابا، مون کي هڪ ڀاءُ زاهد نالي هوندو هو ۽ هن کي ٻه پٽڙا هئا. آءٌ کانئس رُسي هت آيس ۽ ٿوري وقت ۾ خدا جي فضل سان هن عهدي تي مقرر ٿيس. مون پنهنجي وڏي ڌيءُ سندس پٽ عابد کي ڏني هئي. انهيءَ کي به اتي ڇڏيم ۽ ڪيترائي سال ٿيا آهن ته مون کي سندس ڪوبه پتو ڪونه آهي. هاڻي البت دل ڇڪيون پئي ڏئي.“
    آءٌ اها ڳالهه ٻڌي حيران ٿي ويس، ۽ عرض ڪيم ته ”قبلا، هڪڙي زاهد جو پٽ ۽ عابد جو ڀاءُ ته آءٌ به آهيان، ۽ ننڍو هوس ته منهنجو چاچو برابر اسان وٽان رسي ويو هو ۽ اڄ تائين بابو سائين انهيءَ ڀاءُ جي يادگيريءَ ۾ پيو جهڄندو ۽ جهرندو آهي. هاڻي ته ويتر آءٌ به هليو ويو آهيان، سو هن جو الاجي ڪهڙو حال هوندو!“
    اتي هو اٿي مون کي ڀاڪر پائي، نراڙ تي چميون ڏيڻ لڳو ۽ چيائين ته ”برابر، آءٌ تنهنجو چاچو آهيان.“ اسان ٻنهي کي اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. ڪجهه وقت ته ماٺ هئي. نيٺ چيائين ته ”چڱو، هاڻي تياري ڪجي ته آءٌ توکي تنهنجيءَ سڳيءَ سؤٽ سان پرڻايان.“
    اتي حامد جي زال اَڇانگ ڀري اُٿي ته ”ڇا توهين ٻيئي منهنجا سؤٽ آهيو ۽ هاڻي مان پنهنجي وَڏهر ڀيڻ سان به ملي سگهنديس!“ خوشيءَ وچان ٽنهي کي اکين مان آب پئي آيو ۽ ڪجهه وقت ته هيءُ رقت آميز ڳالهه بند ٿي ويئي. نيٺ حامدشروع ڪيو ته ”پوءِ اهو راز ٻئي ڏينهن تي چاچي سائينءَ، حضور بادشاهه سلامت ۽ وزراءِ جي اڳيان کوليو ۽ هو سڀ تمام خوش ٿيا. منهنجي شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي، جا جلدئي وڏن شادمانن سان ٿي گذري. مهينو کن گذريو ئي مس ته چاچو سائين اسان کي وڇوڙي جي داغ سان رڱي، بقا جي ملڪ ڏي راهي ٿي ويو. اسان کي تمام گهڻو صدمو پهتو ۽ منهنجي ٽيڪ به هلي ويئي. آءٌ بلڪل نراس ٿيس ۽ ڊپ هوم ته هاڻي ضرور ڪي حاسد پيدا ٿيندا. مگر ڌڻيءَ جي مهر ٿي ۽ هفتي کان پوءِ بادشاهه سلامت مون کي پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو، ۽ سڀ امير ۽ وزير تمام خوش ٿيا. ڪنهن کي به حسد يا بغض ڪونه ٿيو ۽ مون مان سڀ بلڪل خوش هئا ۽ اڄ تائين راضي رهندا آيا آهن.
    گهڻا ڏينهن گذريا ۽ هڪڙي ڏينهن آءٌ جو گهر کان ٻاهر نڪران ته جان ڏسان ۽ ته ٻاهر فقير صاحب ويٺو آهي. آءٌ وڃي قدمن پيومانس ته هن به مون کي ڀاڪر پائي نراڙ تي چمي ڏيئي چيو ته ”هاڻي ته بس: هاڻي بابا اسان جو فرض پورو ٿيو ۽ اسان کي موڪل ڏيو ته وڃي پنهنجي يار سان رهاڻيون ڪريون.“ مون پيرين پئي عرض ڪيو ته ”قبلا، هن نڌر ۽ عاجز کي ائين نه ڇڏجو ۽ هن محتاج جي لڄ رکي هاج پوري ڪجو ۽ ضرور پاڻ سان نجو. اڳئي هڪ صدمو پهتل آهي ۽ توهان به گهڻو وقت وساري هليا ويا هئو. قسمت سانگي اڄ هتي آيا آهيو ۽ ڀلائي ڪري ڪجهه وقت ته رهو، ته بندو به ڪا خدمتگذاري ڪري.“ فقير صاحب ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. پوءِ چيائين ته ”ابا، اسان جي حياتيءَ جو ماڻ ڀرجي آيو آهي ۽ موت کان ڪنهن به نبيءَ يا وليءَ، فقير يا امير، شاهه يا گدا کي ڪڏهن به مهلت نه ملي آهي. خدا کي ته وڏي طاقت آهي، جيئن چاهي تيئن ڪري سگهي ٿو، مگر هن گڏهڙيءَ کي وڌيڪ بوجو نه کڻڻو آهي ۽ نه کڻي سگهندي. هاڻي اوهين خوشيءَ سان موڪل ڏيو ته تمام چڱو.“
    مون ته آه ۽ زاريءَ سان هڪواريءَ ته کڻي آسمان ئي مٿي تي کنيو، مگر هو يار مڙڻ وارو نه هو. اتي مون عرض ڪيو ته ڀلا پڇاڙيءَ ۾ مون سان هڪ ڀلائي ته ڪريو. اسان جي بادشاهه سلامت کي اولاد ڪونه آهي. نوازش ڪري بارگاهه ربيءَ ۾ عرض ڪيو ته ڌڻي هن کي هڪ فرزند ارجمند عطا ڪري، جو هن سلطنت، جنهن جي آءٌ نمڪخور آهيان، انهيءَ جو سلسلو هميشه تائين قائم رهي. اِتي فقير صاحب مُرڪيو، جنهن مان مون هڪدم سمجهيو ته هن جي دل ۾ منهنجي واسطي اڃا به ڪو ٻيو خيال هو. آءٌ عاجزيءَ سان عرض ڪرڻ لڳس ته ”قبلا، اها نوازش ضرور ٿئي. هي بندو زياده بار کڻڻ جو لائق نه آهي. مهر ۽ لطف ڪري درگاهه حق جي التجا ڪيو ته هي عرض قبول پوي.“ فقير صاحب ارشاد فرمايو ته ”چڱو، اسان کي بادشاهه سلامت وٽ وٺي هلو.“
    اسين هڪدم سوار ٿي محلات وٽ پهتاسين ۽ عرض ڪرايوسين. بادشاهه سلامت اسان جي ڪمهلي اچڻ تي حيران ٿي ويو ته خدا ڄاڻي شل ڪو خير هجي. حڪم ٿيو ته حرمسراءِ ۾ پردو ڪيو وڃي ۽ هڪدم فقير صاحب کي پٺتي ڇڏيم. بادشاهه سلامت ڌرتيءَ جو مون کي ڏسي وائڙو ٿي ويو ۽ چيائين ته ”وزير صاحب، ٻيو ته سڀ سک سانت آهي؟“ مون ساري حقيقت پيش ڪئي ۽ جيتوڻيڪ بادشاهه سلامت جن جي توڪل فقط پنهنجي ربّ تي هئي، تڏهن به منهنجي عرض تي فقير صاحب جي اندر اچڻ جي طلب ڪيائين. آءٌ ٻاهر آيس ۽ فقير صاحب کي اندر وٺي ويس. جان اندر لنگهيس ته ڇا ڏسان ته سلطان عالم، فقيراڻي لباس ۾، فقير صاحب جي استقبال واسطي دروازي تي منتظر بيٺو آهي! آءٌ ڏسي حيران ٿي ويس- پاڻ فقير صاحب جي تمام گهڻي تعظيم ڪيائون ۽ مون ڏي مخاطب ٿي فرمايائون ته ”ابا، فقيرن کان پنڻو هجي ته پينو ٿي سندن پيش اچجي.“
    مون کي برابر جواب ملي ويو ۽ آءٌ چپ رهيس. بادشاهه سلامت فقير صاحب کي مٿي ويهاريو ۽ پاڻ گهڻي ڪوشش ڪيائين ته پَٽ تي ويهي، پر فقير صاحب زور ڪري کيس پاڻ سان گڏ ويهاريو. اِتي فقير صاحب فرمايو ته. ”الحمدلله جو وري به حياتيءَ ۾ ميلو ته ٿيو. ڪڏهن ته هڪٻئي کان هڪ دم به پري نه هوندا هئاسين، پر قسمت ورهين جو وڇوڙو ڏئي ڇڏيو هو.“ اتي بادشاهه سلامت جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته سندس بزرگ ڀاءُ آهي، جو پنهنجي والد جي زماني ۾ دنيا کي تياڳ ڏيئي فقير بڻجي، ملڪ ڇڏي ويو هو. بادشاهه سلامت اٿي کڙو ٿيو ۽ هڪدم پيرين پيو، پر فقير صاحب کڻي ڀاڪر وڌس. بادشاهه زارو زار روئڻ لڳو ۽ چيائين ته ”اوهين منهنجا ڪعبه ۽ قبلا آهيو. هي تاج ۽ تخت اوهان جو آهي ۽ آءٌ اوهان جو خادم.“ فقير صاحب کي ڀاڪر وجهي وري کٽ تي ويهاريو ۽ چيو ته ”ادا سائين، هي سلطنت ۽ هي تاج ۽ تخت خداوند ڪريم اوهان کي عطا ڪيو آهي. توهان کي جو احساس ۽ ادب منهنجي واسطي آهي، ۽ جنهن ُمنگ ۽ شوق سان اوهين مون سان مليا آهيو، انهيءَ جو نيڪ بهرو ڌڻي اوهان کي ڏيندو. منهنجي فقط اها پارت اٿوَ، ته هن منهنجي ٻچڙي تي سدائين مِهر ڪجو. خدا ڪريم، پنهنجو ڪمال لطف ۽ ڪرم ڪري اوهان جي سلسلي کي تا اَبد برقرار ڪندو، ۽ هي اوهان جي چڱي خدمت ڪندو.“ بادشاهه سلامت مون کي ڀاڪر پائي فقير صاحب ڏي مخاطب ٿيو ته ”قبلا، جي هي اوهان جو ٻچو آهي ته منهنجو به جگر جو ٽڪرو آهي. اوهين هر طرح خاطري ڪريو.“ ائين چئي بادشاهه سلامت جن، فقير صاحب کي انداز حرمسراءِ ڏي وٺي ويا، جتان گهڻيءَ دير کان پوءِ ٻيئي واپس آيا ۽ رات سڄي فقير صاحب بادشاهه سلامت وٽ رهيو.
    صبح جو جڏهن آءٌ سندن خدمت ۾ ويس ته فقير صاحب وري به چيو ته ”ابا، هاڻي اسان کي خوشيءَ سان موڪل ڏيو.“ مون گهڻي ئي عاجزي ڪئي مگر ڪجهه نه وريو. بادشاهه سلامت جن به آيا ۽ فقير صاحب هن کان موڪلائڻ جي ڪئي ۽ اڃا رد ڪد ۾ هئا، ته فقير صاحب جن جو روح عالم بالا ڏي پرواز ڪري هليو ويو. ۽ پاڻ سنوان کٽ تي پيا هئا. بادشاهه سلامت ۽ مون ته حشر برپا ڪري ڏنو، مگر آخر ته صبر اختيار ڪرڻو هو. فقير صاحب جي جنازي کي سينگاري پنهنجي والد بزرگوار جي ڀرسان دفن ڪيو ويو ۽ سڀ ماتمداريءَ جون رسمون پوريءَ طرح ادا ڪيون وييون.
    انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هيڪاري بادشاهه سلامت مون کي وڌيڪ محبت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. ٻئي ٽئين ڏينهن مون کي هي فرزند عطا ٿيو ۽ بادشاهه سلامت جن هن تي ”ماجد“ نالو رکيو. ڏهن مهينن بعد بادشاهه سلامت کي ڌڻيءَ فرزند عطا ڪيو، جنهن جي خوشي پيا ملهايون.
    ”ادا سائين، هينئر رات گهڻي گذري ويئي آهي ۽ اوهانکي ننڊ کنيو بيٺي آهي. بهتر آهي ته اوهين آرام ڪيو. سڀاڻي جون ڳالهيون سڀاڻي سان.“


    باب پنجون : زاهد جي حالت

    اسين ته خوشين ۽ شادمانن ۾ اهڙا ته محو ٿي وياسين، جو ويچاري زاهد جي ته نه خبر رکيسين نه چار. هن کي حامد جي فراق ته اڳيئي نهوڙي ڇڏيو هو، ويتر هاڻي ته عابد به هن کي ڇڏي ويو. ويچاري ماءٌ پيءُ تي اولاد جو وڇوڙو هڪ زبردست صدمو آهي، ۽ اها جدائي هن کي ڳاهي ٿي ڇڏي. هو سدائين پيا مون وانگر پِگهلن، ۽ سندن اکين مان هميشه جَرَ جاري هوندا آهن. اولاد جيڪڏهن پنهنجن اکين اڳيان فوت ٿيو وڃي، ته پيءُ ماءُ واسطي ڪهڙو نه ماتم ٿيو پوي؟ هنن کي ڪابه شيءِ مٺي ڪانه ٿي لڳي، ۽ جيتوڻيڪ اهو داغ ڪڏهن به لهڻو نه آهي، ته به ويچارا سهسايو وڃن ۽ دنيا جي ڌنڌن سان وڃيو لڳن. ڪڏهن ڪڏهن يادگيري اچيو وڃين، ته هنجون پيا هارين ۽ نيڻن مان آب پيا آڻين. مگر موجوده حالت هن کان وڌيڪ نازڪ آهي: اولاد جو گم ٿي وڃن ۽ ان سان گڏ هزارين خيال، ڪڏهن ته موتمار نراسائي ۽ ڪڏهن وري اميد جي سنهڙي ليڪ.ويچارن مائٽن جي دل مان اُڌ مان پيا نڪرن. ڪڏهن موت جون خبرون پيون اچن، ته ڪڏهن حياتيءَ جي اميد پئي ظاهر ٿئي. ڪڏهن صاف سڃائيءَ، بک ۽ ڏک جي خبر ٿي پهچي، ۽ ڪڏهن ته تونگري، سک ۽ خوشيءَ جي خوشخبري پيئي ملي. ڪنهن به ڳالهه تي يقين ڪونه آهي ۽ ويچارو انسان وسوڙهلن وانگر پيو هلي چلي.
    اهڙين حالتن ۾ اميد مان به نااميدي ٿيو پئي، پوءِ انسان کي اهڙيءَ ڳالهه تي ڪيترو ڀروسو ٿيندو؟ ڀروسو انهيءَ ڳالهه تي هوندو آهي، جا پڪي هجي، ۽ جنهن ۾ نه ڀؤ نه ڀولو. جنهن ڳالهه تي انسان جي دل سدائين بيد جي وڻ وانگر پيئي ڌڏي ۽ ڪنهن ڳريءَ لغزش ۾ اچي وڃي، ته اهڙيءَ حالت ۾ اميد جو تسلط هوندو، يا نااميديءَ جو؟ پر اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن اميد جو قطرو به کڻي هجي، ته به انهيءَ کان نراسائي بهتر آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو هڪ مَنو ته هوندو. هونئن جو ڪڏهن ڪنهن خيال ۾ هجي ڪڏهن ڪنهن ۾، ڪڏهن ڪهڙي برج تي هجي ڪڏهن ڪهڙي تي، ۽ ڪڏهن ٿورڙي وقت واسطي ڪجهه اميد ۽ آس آهي، ته ڪڏهن وري هڪدم نراسائيءَ جي نينهن ۾ انسان گرفتار ٿيو وڃي، ۽ اهڙيءَ حالت کي وڃيو پهچي، جتان هن جو ڀرڻ محال ٿيو پوي، تنهن کان ته انسان ڇُٽي پوندو.
    ويچاري زاهد سان به اهائي ويڌن هئي. ڪڏهن ته اها خبر پيئي پويس ته حامد خوش خورم آهي ۽ خدا جي فضل ۽ ڪرم سان هن جي حالت ممتاز آهي. پوءِ ته اهي خيال، اميدون ۽ آسرا پيا دل ۾ سمائجنس ته ”الحمدلله، جي ائين آهي ته ڌڻي جلد اسان سان ميلو ڪندس ۽ اسان کي کيس ڏسي پنهنجا ڏک ۽ درد ميٽي ڇڏينداسين.“ اڃا انهن خيالن ۾ هجي ته يڪدم هڪ موتمار خبر پئي پهچيس، جا سندس هيانءُ ئي کايو ڇڏي- جي، حامد ڪنهن جهاز تي سوار هو، جو ڪنهن ٽَڪر سان لڳي ڀڄي، پرزا پرزا ٿي پيو، ۽ سارو اسباب سمنڊ جي تري ۾ وڃي داخل ٿيو ۽ ماڻهو سمنڊ جي مڇين ۽ مانگرن جو شڪار ٿي ويا، جن ۾ حامد به هو.چي، حامد ڪنهن تمام گهاٽي جهنگ مان پئي لنگهيو، جتي ڪنهن شينهن اُتس حملو ڪري، ڦاڙي پرزا پرزا ڪري، کائي ڇڏيس: چي، رستي تان پئي ويو ته واٽ تي ڪا ڦورن جي ٽولي هن سان ملاقاتي ٿي ۽ هن کي ماري، سڀ نقدي پئسه ڪڍي، هُو رمندا رهيا!
    اهڙي نموني جون ڪيئي خبرون پئي آيون، جن ويچاري زاهد جي دل کي پئي ڏکويو، ۽ هن کي نراسائيءَ جي نِير سان پئي رڱيو. تڏهن به بعضي بعضي ائين به پئي خيال ڪيائين ته من ائين نه هجي. ڌڻي مالڪ آهي ۽ انهيءَ ربّ رحيم مان ڪير اميدون لاهيندو؟ هُو ته ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ ڌُوڙ مان ڌن، اوندهه مان سوجهرو، ڏک مان سک، تڪليف مان تفريح ۽ نراسائيءَ مان آس ۽ اُميد پيدا ڪيو ڇڏي- اهڙن خيالن ۾ ويچارو ڇا ڪري؟ ڪاڏي ٿي ڪاڏي وڃي! اولاد سان ڪنهن جي نه خاطر هوندي! ۽ اهڙيءَ حالت ۾ اهو ڪهڙو مائٽ هوندو، جنهن جي دل مان آهون ۽ دانهون نه پيون نڪرنديون هونديون، ۽ هُو جَرَ پاڻينِ جا نه پيو وهائيندو هوندو؟ ڪنهن چيو نه آهي ته:
    ”لاله جي دل تي داغ، جي آهي ته هڪڙو آهي،
    آهن هزار داغ، هن دل داغدار تي.“
    حضرت يعقوب جو پٽ، لاثاني يوسف هن کان گم ٿي ويو، ته جيتوڻيڪ هُو خدا جو پيارو پيغمبر هو ۽ اگرچ پيغمبرن تي هر حالت ۾ فرض آهي صبر ۽ شڪر ڪرڻ، تڏهن به هُو انهيءَ فراق ۾، اکين مان آب وهائي، آخر نابين ٿي پيو، ۽ جڏهن حضرت يوسف جي ملاقات جي پڪ پيس ۽ يقين ٿيس ته گم ٿيل يوسف وري شان ۽ شوڪت سان واپس اچي ٿو، ۽ جڏهن سندس موڪليل قميص مان يوسف جي پگهر جي بوءِ کيس آئي، ته خوشيءَ وچان، ۽ خدا جي ڪرم سان، هن جون ٻيئي اکيون وري روشن ٿي پييون!
    ويچارو زاهد به يعقوبيءَ ۾ گرفتار هو. هن کي رات ڏينهن، نه ننڊ هئي نه آرام، ۽ ڪابه راحت ۽ خوشي نصيب نه هئي. هو سدائين انهيءَ سوز ۽ فراق ۾ پيو پچندو ۽ پڄرندو هو ۽ رات ڏينهن رڳو روئندو ۽ رڙندو هو- هن کي نه حامد جي قميص پئي پهتي، ۽ نه هن جي موٽڻ جي ڪا خبر پئي ملي. هو ته ڪاڪ جا ڪانوَ اُڏائي اُڏائي ٿڪجي پيو هو، مگر فائدو ته ڪوبه ڪونه پئي ٿيس. نراسائي بلڪل ويڙهي ويئي هيس، ۽ رات ڏينهن رڳو پنهنجيءَ دل سان جهيڙو ۽ جهوراڻو هوس- اهڙيءَ حالت ۾ وري آقي باقي هڪڙو ٻچو اکين اڳيان هوس اهو به گم ٿي ويو ۽ عابد به حامد وارو پيچرو وٺي ويو! مصيبت تي مصيبت اچي ويئي، ۽ الوداع ۽ الفراق جو نعرو لڳي ويو.
    ويچاري زاهد جي حالت اڳيئي خراب هئي ۽ هاڻي ته ويتر خراب ٿي ويئي. دنيا دورنگيءَ قهر ۽ ستم جو ساز ۽ سامان کڻي کڙو ڪيو، ۽ ڪابه دلداري ۽ ڪوبه دل کي آرام نصيب ڪونه هوس. آه ۽ زاري، روڄ ۽ راڙو لڳي ويو ۽ سڄو گهر هڪ ماتمخانو بڻجي پيو- اگرچ هينئر زاهد جي واسطي عابد جو سلڇڻو نونهال پٽ راشد، هن جي هِنئين جو هار ۽ اکين جو ٺار هو، مگر مڙس جي دل ڇڄي پيئي هئي! هن کي ماتم کان سواءِ ڪوبه ڪم ۽ ڪار ڪونه هو ۽ هُو رات ڏينهن پئي ڳريو.
    ”هاءِ قسمت، تنهنجي شومي، تو ڪيو مون کي خراب!“ اهو ئي آواز هو جو ننڍو توڻي وڏو، زاهد جي زبان مان پيو ٻڌندو هو. سچ پچ جڏهن انسان جي قسمت خراب ٿي ٿئي، ته هُن کي رُڳي پنهنجي قسمت روئڻي ٿي پوي. هُو ڪنهن کي به انهيءَ ڳالهه واسطي مجرم بڻائي نٿو سگهي، ۽ نڪي پنهنجي مالڪ ۽ خالق کي هُو ڪو ڏوهه ڏيئي سگهي ٿو. ويچارو زاهد به ڪاڏي وڃي؟ هن کي به پنهنجي قسمت روئڻي آهي- ۽ روئڻي به ائين اٿس جو زمين ۽ آسمان هڪ ٿي وڃي. هو پنهنجي آه آسمان تي پهچائڻ گهري ٿو، ۽ جي واٽ تي بادل آهن ته زور سان پڪاري چوي ٿو ته ”هٽو ۽ انهيءَ کي مٿي وڃڻ جو رستو ڏيو.“
    ڇا نراسائيءَ ۾ انسان کان اهڙي زبردستي پهچي سگهي ٿي، جو هڪ ڪڪرن تي به حڪم پيو هلائي؟ ڇو نه، نراسائيءَ کي اها طاقت آهي، جو انسان کي هڪدم اهڙو تيار ڪيو ڇڏي، جو هو شينهن سان به مقابلو ڪري سگهي ٿو. هُو اڳيئي پنهنجي جُثي ۽ جان کان بيجان ٿيو وتي، پوءِ هُو، تار هجيس يا تانگهو، گهڙي پوندو، ۽ يا ته گهوتن ۾ گهوتا پيو کائيندو، يا ته وڃي ڪنڌيءَ تي سنئون ۽ سڌو پهچندو ۽ پنهنجي ميهار سان رهاڻيون ڪندو.
    زاهد جي انهيءَ حال تي سڀني ماڻهن کي ڏک هو، هُو تمام چڱن ۽ سکرن ماڻهن مان هڪڙو هو. ۽ هن سڄي شهر ۽ راڄ سان چڱو منهن ڏنو هو. سڀ ڪنهن فرقي جا ماڻهو هن وٽ اچي هن کي دلداري ڏيندا هئا. مگر هن کي ته هيڪاري مصيبت پئي لڳندي هئي. شهر جي ماڻهن ويچارن گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو ۽ جتي به سندن واقفيت ۽ آسنائي هئي، ساريءَ هِند ۽ سنڌ ۾، هنن ڳولا ڪئي. ڪٿي پنهنجا خط موڪليائون، ته ڪٿي پنهنجا قاصد ۽ ڪٿي ته وري پاڻ پئي ويا، مگر ڪنهن به قسم جي خبر ڪانه پئي پوين. ويچارن گهڻائي وس هلايا ۽ پئسا هاريا، مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو.
    ڀلا اهڙي چڱي ماڻهوءَ سان هُو ڪيئن نه اهڙو قدم کڻن؟ هن به سڄي شهر تي هٿ ڏنا هئا ۽ سڀني سان چڱيون وکون کنيون هيون. ساري شهر جا ماڻهو هن کي عزت ۽ مانُ ڏيندا هئا ۽ سڀني جي دلين ۾، هن واسطي تمام گهڻو وَقار هوندو هو. ازان سواءِ، هن شهر جا ماڻهو نه حاسد هئا نه طامع، ۽ نه منجهن ڪو بغض يا ساڙو هوندو هو. سڀني ماڻهن ۾ اتفاق هوندو هو، ۽ هو هڪٻئي سان اوکيءَ ويل مددگار ٿي بيهندا هئا ۽ نيڪ ۽ بد، خوشيءَ ۽ غم ۾ هڪٻئي تي جان به نثار ڪرڻ واسطي تيار هوندا هئا.
    پوءِ ڇو نه هو پتنگ وانگر پنهنجي شمع جي چوڌاري طواف ڪري پاڻ کي پچائينِ ۽ پياري زاهد تي جان فدا ڪن؟ ويچاري شمع، پتنگ جي فراق ۾ صبح جو وسامي وڃي ٿي يا هن جي روشنائي منتقل ٿي وڃي ٿي: اگرچ ظاهريءَ طرح هن کي ڪوبه احساس ڪونه آهي ۽ هوءَ پتنگ جي ڀٽڪڻ پچڻ ۽ پڄرڻ جي ڪابه پرواهه نٿي رکي. زاهد جو حال شمع وانگر نه آهي. هن ۾ احساس جو مادو آهي ۽ هو ازحد شڪرگذار آهي، پر ڇا ڪري؟ هو پنهنجو ڏک ميٽي نٿو سگهي. جيتوڻيڪ انسانذات جي همدردي گهڻو ڪري ڏک جي چوٽ کي ڌڪ هنيو ڇڏي، مگر هي اهو زبردست ڌڪ آهي جو ڪوبه بني بشر ڪهڙي به ڪوشش ڪري ته گهٽجي نٿو سگهي. زاهد جي بي نشان زخم جو مرهم فقط قدرت جي دستگيريءَ تي منحصر آهي، ۽ جي اتاهون ڪو علاج ٿيو ته بهتر، نه ته هي مرض لا دوا آهي ۽ انهيءَ جو علاج ڪوبه حاذق حڪيم ڪري نه سگهندو.
    انهيءَ حالت ۾ زاهد اهڙو ته غم ۽ ماتم ٿو ڪري، جو هن جا ٻيئي نُور نظر تي گهڻي وقت کان هن کان جدا ٿي ويا آهن، مگر هاڻي اکين جا تارا به اجازت گهري رهيا آهن ته ”هاڻي اسان جو هتي رهڻ اجايو آهي. اسان هاڻي ڇا ڏسون ۽ ڇا پسون؟ اي بدنصيب زاهد، اسان جي رهڻ مان توکي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ پاڻ تون پنهنجي اکين جا ماڻڪ نه ڏسندين، ته هيڪاري ڏک ٿيندءِ تنهنڪري هاڻي اسان به رخصت ياب آهيون.“
    اڃا زاهد وٽان ڪوبه جواب ڪونه مليو آهي ته اکيون جواب ڏيئي ويهن ٿيون ۽ نيڻن جا نار بند ٿي وڃن ٿا ۽ آقي باقي ماتم جي زياده ڌم مچي وڃي ٿي. سڄو شهر نوح خواني ڪري ٿو ۽ عبرت ۾ آهي ته هي ڪهڙي ويڌن ٿي! ننڍڙو راشد ”ڏاڏا، ڏاڏا“ پڪاريندو اچي ٿو، مگر هو بدنصيب پيرسن هاڻي هن کي ڪيئن ڏسي! زاهد هاڻي پنهنجي سٺي خوشي وڃائي ويهي رهي ٿو ۽ هاڻي انهيءَ هر دلعزيز موت جو منتظر آهي، جو تڪليف ۽ تصديع ۾ گذارڻ وارن کي اچي آزاد ڪندو آهي. هُو انهيءَ آخرين دوست کي گهڻو سڏي ٿو، مگر هن کي ڪوبه جواب ڪونه ٿو ملي ۽ هُو تمام پريشان ٿو گذاري ۽ ٻيو ڪوبه وسيلو نه ڏسي، پنهنجي قادر ڏي متوجهه ٿئي ٿو ۽ الاهي بارگاهه ۾ ملتجي ٿئي ٿو.
    سائينءَ جي سرڪار مان نااميد ٿي موٽڻ جو کوڙو ئي نٿو لڳي. هو ته ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ هن جو رحم ۽ ڪرم ساري جهان تي آهي. فقط اهو ضروري آهي ته بندو پنهنجي مالڪ ڏي هٿ کڻي عاجزي ڪري. زاهد به هاڻي پنهنجي ساري ڪاروبار انهيءَ ٻاجهاري ٻهڳڻ تي رکي آهي، جنهن جي درٻار مان ڄاڻ سخا جو سنيهو زاهد جي ڪن تي پيو ۽ ڄاڻ هن جي مئل دل جيئري ٿي. ڌڻيءَ جا تماشا وتن ساريءَ دنيا ۾ گشت ڪندا ۽ پنهنجي داتا جو گنج تقسيم ڪري، بيواهن جي واهه پٽيندا. هاڻي دربار الاهيءَ جي رحمت ۽ سخا جو دروازو کلي ٿو ۽ اوچتو هڪڙو درويش سَين هڻي هي غزل پڙهي ٿو:

    جانِ من ايندا پرين آخر، پيارا غم نه ڪر،
    هي الم پورو سگهو ٿيندو، پيارا غم نه ڪر.
    تو نه ڄاتو يوسفم ڪنعان ڏي هو موٽيو،
    ٿي سندس يعقوب لئي راحت، پيارا غم نه ڪر.
    ڪاروان ايندو مٺا پرين سان ڀرجي سيگهڙو،
    سربان جو سڻ صدا آواز، پيارا غم نه ڪر.
    تو پچايو پاڻ کي آهي عجيبن لئي عجب،
    پڻ عجيبن تات تنهنجي آ، پيارا غم نه ڪر.
    ”رفعتا“ ڏي تون مبارڪ، دل منجهان کي دوستن،
    سي سڄڻ سهڻا اچن ٿا، ڪو پيارا غم نه ڪر.

    اڃا فقير غزل پڙهي پوروئي ڪين ڪيو ته زاهد جو ڄڻ ته هيانءُ ئي ڇڄي پيو ۽ هو زارو زار روئڻ لڳو. انهن لفظن ڪجهه اميد ۽ آسرو ته ڏيکاريو هوس، پر هن جي حالت هينئر اهڙي هئي جواميد جو ڳروبار به هو کڻي نه پئي سگهيو. آخر دل جهلي لٺ هٿ ۾ کڻي، ڀِت جو پاسو وٺي ٻاهر نڪري آيو، جتي هڪ ويهڻ جي ڪوٺي ۽ دالان هوس. اُتي هن فقير کي وٺي ويٺو ۽ هن جي واسطي ڪجهه مانيءَ ٽڪر گهرايائين، جو کاڌو ۽ پوءِ پاڻ ويهي رهاڻيون ڪرڻ لڳا. فقير جي صحبت مان زاهد کي لذت اچي ويئي. ڀلا خدا جي نيڪ ٻانهن ۽ الاهي عشق جي مخمور بندن جي رهاڻ مان به لذت ۽ مزو نه ايندو ته ٻيو ڪنهن جي صحبت مان ايندو؟ هي فقير ڪو رواجي پينو نه آهي، بلڪه هُو هڪ مردِ خدا آهي، جنهن واسطي فقر، فخر ۽ ڏاج هو. اهڙي مرد جي صحبت ته ٽامي کي سون بڻايو ڇڏي ۽ پارس پٿر وارو ڪم ڏيئي سگهي ٿي.
    زاهد جي دل تي تمام چڱو اثر ٿي ويو، جو هو ڳچ وقت تائين هن فقير کان حال احوال وٺڻ لڳو ۽ پڻ اهو به پڇڻ لڳو ته هن ڪهڙين ڪهڙين ولايتن ۾ سير ڪيا آهن. هن جو مطلب اهو هو ته هو عابد ۽ حامد جو ڪو پتو لهي، جو هن کي اُڻتڻ ئي اها هئي- اها ته خبر ڪانه هئس، ته انهن ٻنهي جي جدائيءَ جو ڪارڻ ئي هي فقير بي پير آهن. آخر اشارن ۾ فقير صاحب جواب ڏيڻ لڳو، ۽ اشارا به اهڙا هئا جو زاهد کي گهڻي تسڪين اچي ويئي. فقير صاحب موڪلائڻ لڳو، مگر زاهد زور ڀريس ته ائين هرگز نه ٿيندو، ۽ فقير صاحب کي ڳچ ڏينهن رهائي ڇڏيائين.
    جيڪي ڏينهن فقير صاحب زاهد وٽ رهيو، اهي ڏينهن زاهد جي طبيعت ٻي ٿي پيئي ۽ هو هاڻي گهڻو خوش گذاريندو هو. فقير جي صحبت مان هن کي پنهنجي وڇڙيل پٽن جي بوءِ ايندي هئي، ۽ هو انهيءَ ڪري فقير صاحب کي اجازت ڏيڻ کان عاري هو. مگر آخر فقير صاحب به زور ڀريو ۽ زاهد ڏٺو ته هاڻي هن کي وڌيڪ روڪڻ نه ٺهندو، تنهنڪري هن کي اجازت ڏنائين، پر حامد ۽ عابد جو سنئينءَ سڌيءَ طرح پڇيائينس ته ”مهرباني ڪري چٽيءَ طرح خبر ڏيو ته هو ڪٿي آهن، هاڻي ڇا ٿا ڪن ۽ مون سان ڪيئن ۽ ڪڏهن ملي سگهندا؟ توهين ته خدا جا نيڪ ٻانها آهيو ۽ اوهان کي ضرور زياده خبر آهي، جا اوهان جي گفتگو منجهان ظاهر آهي. وڙ ڪري ڪا خبر به ڏيوم ۽ مون کي انهن سان ملائڻ جي تڪليف به وٺو،جي نه ته آءٌ هرگز اوهان جي دامن نه ڇڏيندس ۽ ضرور اوهان جي چرنن ۾ گذاريندس، ڇاڪاڻ ته مون کي اوهان ۾ ئي اميد ۽ آسرو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آءٌ اوهان کي اهڙيءَ حالت ۾ ڪيئن ڇڏيان؟“ اتي فقير صاحب هن کي تسلي ڏني ۽ چيائينس ته ”اوهان بلڪل خاطري ڪيو ۽ صبر ۽ شڪر ڪيو. صبر برابر ڪؤڙو آهي، ليڪن ڦل مٺو اٿس ۽ تحمل ۽ صبر جهڙي ٻي مفيد شيءِ ڪانه آهي.“ ائين چئي هو اجازت پذير ٿيو ۽ زاهد وري ماتم برپا ڪري ڏنو.


    باب ڇهون : عابد جو احوال

    ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اسين سڀ اٿياسين. بهار جي موسم هئي ۽ ڏکڻ جي هير پئي جسم ۽ جان کي تازو ڪيو ۽ فرحت بخشي. لطيف مالهي هميشه ٻه وڏا گلدستا ۽ هڪ ننڍو کڻي ايندو هو. اڄ پنهنجي معمولي روش جي خلاف، هڪ وڏو گلدستو وڌيڪ کڻي آيو. حامد پڇيس ته ”ڇو، اڄ هڪ وڌيڪ آندو اٿئي؟“ چيائين ته حصور انور جن ارشاد فرمايو ته اڄ کان وٺي هڪ ٻيو به وڏو گلدستو کڻي وڃ، ۽ اهو اسان جي طرفان ميان محمد عابد کي پيش ڪندو ڪر.
    آئون ته حيرت ۾ اچي ويس ته ڇا آءٌ، ڇا بادشاهه دوران جي عنايت؟ بيشڪ حامد جي ڪهڙي به سٺي ۽ آتم خدمت هجي، مگر هرهڪ ڳالهه ۾ ايترو خيال ۽ هر نقطهء نظر تي ايترو ويچار، ۽ هر ڪنهن بشر جي ايتري تعظيم ڪرڻ، اها ته مَدَڪي صفت چئبي ۽ ڪوبه بشر ڪڏهن به ايترو توجهه ڪري نه سگهندو. خصوصاً بادشاهه گهڻو ڪري عيش پسند هوندا آهن، ۽ انهن کي انهن ڳالهين ڏانهن ڪوبه خيال نه ٿيندو آهي. ازان سواءِ ڪنهن کي دل ۾ ٿيندو ته بادشاهه عاليجاهه اسان جو ڇو خيال نه ڪيو؟
    مگر هي بادشاهه ته پنهنجي ساري رعيت ۽ جملي خدام جو مالهي آهي، ۽ هنن جي دلين کي اهڙي ته آبياري ڪري تر ۽ تازو ٿو ڪري، جنهن جو ڪو آنت ڪونه آهي. هُو نه ڪنهن ذاتي عيش ۾ مشغول آهي ۽ نه اجاين خيالن ۽ اجاين ڪمن ۾ محو. هو ته انهيءَ ۾ آهي ته ڪيئن به ڪري پنهنجي رعيت ۽ نوڪرن چاڪرن کي عيش ۽ آرام ۾ رکي، جو هُو سندس سايي هيٺ امن ۽ امان ۾ رهي، هن کي دعائون ڪن، جو به خادم حسن خدمتي ڪري ٿو، انهيءَ جو هو به ائين خيال رکي ٿو، جيئن ڪنهن خاص محبت ۽ دوست جو، يا جيئن پنهنجي عزيز يا اولاد جو.
    تحقيق بادشاهه، ربي سايو آهي ۽ انهيءَ سايي هيٺ سڀ امير ۽ فقير گذارين ٿا، مگر ربّ جي ربوبيت، ڪڏهن قهر ۽ جبر مان ظاهر ٿئي ٿي، ته ڪڏهن وري رحم ۽ سخا جي پَلٽ ٿئي ٿي. هت آهي رحم ۽ سخا، لطف ۽ ڪرم جي پلٽ، پر پلٽ به پلٽن جهڙي ۽ بادشاهه سلامت جو عالي وجود، انهيءَ سخا جا عجيب ۽ نجيب نشان ظاهر ظهور ڏيکاري رهيو آهي.
    خير، لطيف مالهي گلدسته پيش ڪري سلام ورائي هليو ويو. هڪ گلدستي سان حامد جي ميز کي سينگاريو ويو، هڪ سندس گهر واريءَ کنيو، هڪ مون تي باقي هڪ ننڍو حامد جو دائيءَ جي حوالي ڪيو ويو. مان ڪجهه وقت ته پنهنجي گلدستي ۾ اکيون وجهيو ويٺو هوس ۽ ڪوبه خاص خيال ڪونه هوم. آخر نرگس جي نيڻن جي نماڻائيءَ، لاله جي لالائيءَ، چنبيليءَ جي چوپچو، چمپڪ جي چمڪ، سورج مکيءَ جو سوز، ڪرنٻي جي ڪرنن، موتيي جي موتين ۽ مالهائن، منهنجي آبدار اکين کي انهن جي نينهن جي ناوڪ ۾ ڦاسايو، ۽ انهن جي مشاهدي منهنجي من کي ماندو ۽ منهنجي دل جي طنبور جي تارن کي خوب واڄٽن سان وڄايو.
    گلن ۾ به جيڪو خدا داد حسن موجود آهي، اهو اهڙو ته زبردست آهي جو هنن جي چمڪاٽ، انسان جي عقل ۽ هوش کي چماٽ هڻي، مات ڪيو ڇڏي. وري جڏهن هر ڪنهن قسم جا گل گڏجي، هڪ گلدستي ۾ ٻَڌجي وڃن ٿا، ته انهن جي اهڙي جوڙ جي جنسار تي ته هوند هزار جانيون قربان ۽ ٻلهار ٿي وڃن. ڀلي ته ڪوبه اهڙي سهڻي ۽ من موهيندڙ اتفاق تي هلان ڪري، پر جڏهن ويجهو ايندو ته ڏسندو ته هت به هٿن جون صفايون لڳيون پيون آهن. سڀيئي گل هڪٻئي جي بچاءَ ۾ جوڌن جوانن وانگر جڪڙيا بيٺا آهن، ۽ اهڙي اتفاق تي ڪير نه دهلجي ويندو؟ نه رڳو ائين، پر اهڙيءَ حالت ۾ سڀڪو اچي سلامي ٿيندو، ۽ انهيءَ اتفاق مان خوشبوءِ ۽ هُڳسان حاصل ڪري، پنهنجي دل کي خوشيءَ ۽ راحت سان مالا مال ڪري ڇڏيندو.
    اتي خيال آيم ته انسان به گلن جي مثال آهن. سچ پچ ته هُنن مان گلن کان به وڌيڪ خوشبوءِ اچي ٿي، جنهن سان نه تاتار جو مشڪ بيهي سگهندو ۽ نه استنبول جو عطر. پر جيڪڏهن هو گڏجي ڪنهن هنڌ جماعت يا جلسو ڪن ٿا ته انهن جي اهڙي ميڙ مان اها لذت اچي ٿي، جا هونئن ڪجهه به ڪجي ته حاصل ٿي نه سگهندي. جيڪڏهن دنيا ۾ هر مذهب، هر فن ۽ هر قوم جا ماڻهو گڏ ٿين، ۽ پاڻ ۾ ڀائپيءَ کان به وڌيڪ سلوڪ ڪن، يعني ته مختلف گلن وانگر پاڻ ۾ ملي هڪ گلدستو ٺهي پون ۽ پاڻ ۾ ميل جول ڪري يڪدل ٿي وڃن، ته جيڪر هماليه جهڙي زبردست جبل کي به ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏين، ۽ انهن ريزن ريزن سان خوب پنهنجون سڙڪون کڻي سينگارين.
    مگر افسوس جو ساريءَ مخلوقات جي اشرف مظهر، پاڻ ۾ جنگيون ۽ فساد ڪري، پاڻ کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. ڪيتري به ڪوشش ڪئي ٿي وڃي، ته به هو هڪٻئي کان پري پيا گذارين. هڪٻئي سان ٻانهن ٻيلي ٿي گذارڻ جي عيوض، هو هڪٻئي کي ناس ڪرڻ جو ساز ۽ سامان تيار ڪري رهيا آهن. جي انسانن ۾ اتفاق ۽ اتحاد هجي، ۽ جي هو پنهنجا اجايا ضد ڪڍي يڪمشت ٿي هلن، ته جيڪر آخرين نتيجو تمام سهڻو ۽ سڦلو نڪري پوي. پوءِ انهن انسانن مان انهيءَ کان به وڌيڪ عنبرين بوءِ اچي، جيڪا ڪنهن گلن جي گلدستي مان اچي ٿي.
    هت ڪو عيسائي آهي ته ڪو يهودي، ڪو مسلمان آهي ته ڪو هندو، ڪو آتش پرست آهي ته ڪو سورج پرست، ڪو پٿر جا بت ٿو پوڄي ته ڪو وري انساني بتن تي ٻلهار پيو وڃي، ڪو وادي نشين آهي ته ڪو جبلن جي چوٽين تي مڪين آهي، ڪو اُوچيون محلاتون ٺاهي هن دنيا جي جنسار ۾ خوب غرق آهي ۽ ڪو ته دنيا جي عيش ۽ آرام، راحت ۽ نعمت کي ترڪ ڪري، جنهن پاسي ڏانهن سج آهي، اوڏانهن وقتي اولو ڪري، پنهنجي جسماني قيد جا ڏينهن گذاري رهيو آهي ۽ فقط پنهنجي ميهر يار سان تار لائي رهيو آهي- آهي ته سچ سڀني کي پنهنجي يار جي تار، پوءِ ڪنهن کي گهڻي ۽ گهاٽي ڪنهن کي ٿوري ۽ اڻپوري.
    ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ جيڪو به مذهب آيو آهي، انهيءَ جو آخرين مقصد ۽ نشان آهي حق کي ڄاڻڻ ۽ حق جي پرستش ۽ پوڄا ڪرڻ. سڀڪو ماڻهو، پوءِ هو ڪهڙي به فرقي جو هجي، حق جو طالب آهي، رڳو رواجن ۽ رسمن ۾ اختلاف آهي. ڪو مسجدن ۾ سجدا پيو ڏئي، ڪو ديول ۾ پوڄا پيو ڪري، ڪو ٽڪاڻن ۾ پيو مٿو ٽيڪي، ته ڪو وري آتشڪدي ۾ پنهنجي پاڻ کي، حق جي ڳولا ۾ پيو پچائي. آخر ته سڀني جو نشان هڪ آهي. سمجهجي کڻي ته حق جي بارگاهه هڪڙي بادشاهه جي دربار جي محل وانگر آهي. هن کي ڪيئي دروازا آهن، جي سڀ کليل آهن ۽ جن تي ڪو دربان به مقرر نه آهي، جو ڪنهن کي اچڻ کان روڪي. پوءِ سڀڪو سندس جيءُ چاهي ته ڪنهن به دروازي کان وڃي درٻار ۾ شامل ٿئي. آخر ته سڀ انهيءَ حقيقي مالڪ وٽ پهچندا.
    ڪاشي ڏي ڪي سڪايل ٿا وڃن، ته اتي وڃي گنگا جي جَل سان پاڻ کي پوتر ۽ پاڪ ڪن ۽ ڪجهه اتاهون پِي پنهنجي اُڃ لاهين. پوءِ ڪي دکن کان اچن ٿا ته ڪي اتر هندستان کان، ڪي اولهه سنڌڙيءَ کان ٿا وڃن، ته ڪي اوڀارون پيا اچن، ڪي ريلن، موٽرن ۽ گاڏين ۾ سوار ٿي پيا وڃن، ته ڪي وري سڪ منجهارؤن پيرين پنڌ، ڪي ويجهاهين هنڌ کان ٿا اچن ڪي ڏورانهان ڏيهه، ڏاگهن تي چڙهي ڏونگرن تان لتاڙيندا پيا وڃن، ۽ نيٺ وڃي، ديدار ڪري، پاڻ کي اڳين گناهن کان پيا آجو ڪن. آخر ته سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهچن ٿا. ساڳيءَ طرح جي مڪي وڃبو يا جيروسلم (بيت المقدس) يا روم.
    آخر ته سڀڪو پنهنجي پنهنجي مقصد تي پهچڻ واسطي ڪوشش ڪري ٿو ۽ هر ڪنهن جو آخرين نشان اهو ساڳيو آهي. پوءِ فقط ٿورين ڳالهين تي پاڻ ۾ لڙي، فرقيبنديءَ جو شڪار ٿيڻ اجايو آهي. مگر خبر نه آهي ته انسان ڪڏهن اهي خيال ڇڏيندا ۽ ڪڏهن هڪٻئي سان ملي ڀائن وانگر هلندا! لڙاين ۽ خانه جنگين مان ڪجهه به پراپت ٿي نه سگهندو، مگر يڪشت ٿي رهڻ سان سڀڪجهه حاصل ٿي سگهي ٿو.
    آءٌ انهن ويچارن ۾ هوس ته حامد چيو ته ”ادا، اڄ توهان مهر ڪري پنهنجو ۽ ابي سائينءَ ۽ اما سائڻ جو احوال ٻڌايو. مون کي تمام گهڻي سڪ آهي ۽ وڌيڪ ترسي نه سگهندس.“ آءٌ سجاڳ ٿيس ۽ پنهنجو احوال هن ريت شروع ڪيم:
    ”ادا، اهي درد جا داستان جيڪڏهن نه پڇو ها ته چڱو هو. منهنجي دل ته نٿي باسي جو آءٌ اوهان کي ڪي اهي ڏکن ۽ ڏاکڙن جا ڏوهيڙا، ۽ محنت ۽ مشقت جون مرليون ٻڌايان، مگر پڪ اٿم ته اوهان هرگز نه مڙندؤ، تنهنڪري لاچار سرسري احوال عرض رکان ٿو.
    ”منهنجا پيارا ڀاءُ، جڏهان ڪر توهين اسان کي جدائيءَ جي جولانن ۾ بيتاب ۽ بي آب ڪري هليا ويؤ، تڏهان ڪر ته اسان جي گهر ۾ حضرت يعقوب وارو ”بيت الحزن“ (ماتمخانو) بڻجي ويو. انهيءَ ماتمخاني ۾ سڄو گهر ماتم ڪرڻ لڳو ۽ پنهنجي درد جا دونهان دکائي ويهي رهيو. وِره جي برهه جي بازار گرم ٿي ويئي، وڇوڙي جي نينهن جي ناؤڪ اسان جو سينو ۽ جگر شگاف ڪري ڇڏيو، واويلا جي ڌم مچي ويئي ۽ سڄو شهر نوح خوانيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
    ”ويچاري امڙ ته سڄو ڏينهن صبر ۾ هوندي هئي، ۽ ڪنهن سان به نه ڳالهائيندي هئي ۽ هوءَ پنهنجي من جي مونجهه ۾ گذاريندي هئي ۽ پنهنجي دل سان جهيڙو جهڳڙو لڳو پيو هوندو هوس. هن جي انهيءَ ماٺ مان اهي ته بيان پيا بکندا هئا ۽ اهي باب پيا ظاهر ٿيندا هئا ۽ اها فصاحت ۽ بلاغت پيئي ڏسڻ ۾ ايندي هئي، جو سوين ڪتاب لکجن ته به پوري نه پون.
    بيشڪ انسان کي جڏهن سخت ۾ سخت ڌڪ لڳي ٿو، ته پوءِ هن کان نه ڪُڇڻ ٿو پڄي ۽ نه پڇڻ. هو پوءِ خوشيءَ جي زبان سان اها گفتگو ڪري ٿو، جنهن تي تڪلم ۽ گويائي خود حيران آهن، ۽ جڏهن به هو ڪنڌ کڻي ڪجهه زبان هلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، تڏهن شرمساريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نصيب نٿو ٿئين. اها آهي مايوسيءَ ۽ نااميديءَ جي آخرين منزل ٻڌوڪين اٿوَ ته:
    قطعو
    ’خموشيءَ ۾ لڪل آهن هزارين خواهشون دل جون،
    غريبن جي مٿي تربت سدائين گل ڏيو آهي.
    هزارين حسرتون آهن، دل بيتاب جي اندر،
    نٿو ڪڇجي، مگر ڏاڍو صبر جو هل پيو آهي.
    سڄوئي کيت خواهش جو، ويو خس ٿي ادا هاري،
    هينئر تو جهار جهرڪيءَ جو، اجايو غل وڌو آهي.
    جتي آهي رڳي واري ۽ بربادي سندو ڪلر،
    اتي ”رفعت“ ڪڏهن سبزي، نه ٻوٽو گل ٿيو آهي.‘
    ”ادا توهان هت اچي عيش ۽ آرام ۾ ويهي رهيؤ ۽ نه خبر ڏِنوَ نه چار. اسان ته هزارين حيلا هلايا، ڪئين قاصد ڀڄايا، ڪئين هنڌ پچايا، مگر ڪوبه پتو ڪونه پيو: گهر جو سارو ڪاروبار منهنجي هٿ ۾ هو ۽ دڪان جو ڪم به منهنجي گردن تي، مگر يڪدل ۽ هزار آفت، ڪنهن کي منهن ڏيئي ڪنهن کي ڏيان؟ بابو سائين ته بلڪل ڪم کان ويهي رهيو. هن جي محبت جيڪا اوهان سان هئي، اها ڪا اوهان کان ڳجهي نه آهي. گهڻائي ماڻهو اچي پيا دلداري ڏينس ۽ پرڀائينس، مگر ڪوبه اثر ڪونه ٿيو. جن جي هنجن مان هوت ٿا وڃن، انهن کي ئي سور جي سڌ هوندي. جنهن کان پنهنجو يوسف جدا ٿيو هوندو، انهيءَ کي ئي خبر هوندي. هن جي دل کي تمام گهڻو صدمو پهتو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ مون کي پٽڙو ڄائو. انهيءَ ۾ بابي سائينءَ پنهنجو ساهه کڻي وڌو، مگر انبن جي بوءِ ڪا انبڙين مان ايندي؟
    ”مون کي اڳيئي پنهنجي سر گهڻو خيال هو. مگر هنن ٽنهي کي ڏسندو هوس، تڏهن ته هيڪاري ڏک ٿيندو هوم. پر ڇا ڪجي، ڪوبه چارو ڪونه هو. آخر هڪڙي ڏينهن دڪان تي هڪ سفيد پوش شخص آيو، جنهن جي منهن ۾ اهڙيءَ طرح ته نُور پئي چمڪيو، جو مون کي پڪ پئجي ويئي ته هو ڌڻيءَ جو ڀلارو ٻانهون آهي. مون هن کي تعظيم ڏيئي ويهاريو ۽ هن جي ٿوري گهڻي خدمت ڪئي. مان هن کان حال احوال پڇڻ لڳس، مگر هن مون کي ڪوبه احوال خاطريءَ جهڙو نه ڏنو. مون سمجهيو ته هو پاڻ کي لڪائي ٿو. مون کي همت نه ٿي جو مان هن کان وڌيڪ پڇان. توهان جو احوال پڇيومانس ۽ پَتا نشان ڏنامانس. هو رڳي مرڪي ماٺ ڪري ويهي رهيو. فقط ايترو چيائين ته ’گهر ويٺي ميهر ملي ها، ته ڇو مهراڻ جي موجن سان منهن ڏجي ها.“ خير، هو ٿورو وقت ويهي هليو ويو ۽ وري سڄي شهر ۾ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو.
    ”مون کان ته سارو ڪم ڪار وسري ويو ۽ پيءُ- ماءُ جو خيال به ڇڏي ويو. منهنجي دل ۾ ته ڪي اهڙا گهاوَ وجهي ويو جو ڇٽڻ جا نه هئا. آءٌ تمام حيران ۽ پريشان ٿيس ۽ هيڏي هوڏي ڀٽڪڻ لڳس، مگر ڪو فائدو ڪونه پيو. هو ته الاجي ڪاڏي رمندو رهيو، مگر مون کي رڻ ۾ رلائي ويو.
    ”اتي مون خيال ڪيو ته آءٌ ضرور هن کي ڳولي لهان، پر اهو خيال دل تي چڙهي آيم ته ابي امان جي حالت الاجي ڪهڙي ٿيندي. هو اڳيئي ڦٽيا ويٺا آهن، ويتر آءٌ به جو هليو ويندس ته نهايت ئي پريشان ٿيندا. تنهن کان سواءِ مون کان وڌيڪ هنن جي خدمت ڪير ڪندو ۽ اهڙيءَ حالت ۾ مان انهن کان جدا ڪيئن ٿيان؟
    ”اهي خيال ڪري وري انهيءَ ارادي کان پاڻ کي روڪيان ته گهڻوئي پيو، پر جيئن پاڻ کي وڌيڪ روڪڻ جي ڪوشش ڪيم، تيئن منهنجي واسطي وڌيڪ مصيبت پيدا ٿيو پئي وڃي. نه رات جو ننڊ پيئي اچيم ۽ نه ڏينهن جو آرام. وائڙن وانگر وتان هلندو. خلق جي خواريءَ کان به پيو ڊڄان، ته چوندا ڇا ته هنن ٻنهي ڀائرن سان ڪهڙي ويڌن ٿي! گهڻوئي پاڻ کي روڪيم مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿيو ۽ آءٌ ڏاڍو تنگ ٿي پيس. ٻيو ڪونه چارو ڪوبه سجهيم ۽ آءٌ به وٺي نڪتس!
    ”سال کن ته مون کي به رلندي ٿيو آهي. جتي وڃان ٿو اتي ڪوبه پتو يا نشان ڪونه ٿو مليم. گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو اٿم، گهڻائي ڏونگر ڏوريا اٿم، گهڻائي لڪ لنگها اٿم، مگر مايوسي روز وڌندي پيئي وڃي. توهان جي ڳالهه مان سمجهيم ته اوهان هت اچڻ سان هڪ سفيد پوش سان ملاقاتي ٿيا هُئو. مون کي قوي گمان آهي ته اهو ئي سفيد پوش آهي جنهن مون کي رلايو آهي، مگر توهان به ته وري ڪڏهن ئي ڪونه ڏٺوآهي، ۽ نه توهان کي خبر آهي ته هو هتي ٿو رهي يا زمين جي ڪنهن ٻئي خطي ۾.
    ”خير وري به هيئن ته ٿيو ته اسين انهيءَ ڪري ئي پاڻ ۾ ملياسين، مگر هاڻي جيستائين آءُ هن کي ڳولهي لهان، تيستائين مون کي آرام ڪونه ايندو. دل ته گهڻوئي ٿي چوي ته اڳ ۾ بابي جن کي وڃي اوهان جي خبر ڏيان، پر قسمت جو ٻئي پاسي آهي. چڱو ائين ٿيندو ته اوهين به مون کي مدد ڏيو ته آءٌ انهيءَ شاهباز کي ڳولي وٺان، پوءِ اميد ته سڀ سڻائي ٿي پوندي.“


    باب ستون : عابد جي بادشاهه سان ملاقات

    ڳچ ڏينهن گذري ويا. شغل ۽ شادمانا پورا ٿيا. ٻين بادشاهن جي سفير به مبارڪباد ڏيئي موٽي ويا. بادشاهه سلامت به فارغ ٿيو ۽ هڪڙي ڏينهن حامد کي حڪم ٿيو ته هو مون کي ساڻ وٺي، حضور ۾ حاضر ٿئي. مون ته ڪڏهن به بادشاهن سان محفلون ڪين ڪيون هيون. درٻار واري موقعي تي پڻ آءٌ حامد جي چوڻ تي ويو هوس، پر اتي گهڻا ماڻهو هئا. اڄ ته شاهي حضور ۾ رڳو حامد سان گڏ وڃڻو هوم، تنهنڪري ڏاڍيون دليون هينم، مگر ڇاڪاڻ ته ٽاري نه سگهيس، تنهنڪري لاچار تيار ٿيس.
    نيٺ اسان ٻيئي، بارگاهه معليٰ ڏي سوار ٿي وياسين. واٽ تي آءٌ نه ڪڇان نه پڇان. فقط اهي ڌنوَ ڌَئيندو پيو وڃان ته آءٌ بادشاهه کي ڪيئن پيش ايندس، ۽ هن سان ڪهڙي نموني سان گفتگو ڪندس. اهي خيال ڪندو، موڙهو سوڙهو، وڃي محلات جي در تي پهتس. ٿوريءَ ئي دير ۾ اسان ٻنهي ڀائرن کي سڏ ٿيو ۽ اسين ٻيئي شاهي حضور ۾ با ادب حاضر ٿياسين.
    بادشاهه سلامت اسان جي گهڻي مرحبا ڪئي ۽ اسان ٻنهي کي پنهنجي ڀرسان جاءِ ڏنائين. خيروعافيت پڇي، مون ڏي مخاطب ٿي چي ائين ته ”ميان محمد عابد آءٌ اوهان کي ڏسي تمام خوش ٿيو آهيان. وزير صاحب اوهان جو سمورو احوال مون کي ڏنو آهي ۽ اوهان جي والد بزرگوار جي سوڳواريءَ جي پڻ مون کي خبر آهي. آءٌ جيڪر اوهان کي اجازت ڏيان ته سال کن ڀلي پنهنجي آقا سان ملي، پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي ساڻ وٺي اچو. انهيءَ ۾ هو به خوش ٿيندا ۽ اوهين به راضي رهندؤ، پر آءٌ ڪجهه وقت وزير صاحب کي ڇڏي نه سگهندس، ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ ملڪ جو ڪاروبار چڱيءَ طرح نه هلي سگهندو. منهنجو هن تي تمام گهڻو ڀروسو آهي، ۽ سڄيءَ سلطنت جو نيڪ ۽ بد هن جي ذمي آهي.
    ”بهتر ائين ٿيندو ته اوهين هتان ڪجهه سپاهه ۽ گهوڙيسوار ساڻ ڪري، پنهنجي وطن وڃي هنن سڀني کي وٺي اچو. آءٌ توهان جي رهائش وغيره جو جوڳو بندوبست ڪندس. توهان کي هر طرح خاطري ڪرڻ گهرجي ته آءٌ توهان کي پنهنجن پيارن عزيزن وانگر ڪري رکندس، توهين مون کي پنهنجن قريبن جيان آهيو، جو مون کي ڪوبه عزيز قريب ڪونه آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيستائين شهزادو عاقل ۽ بالغ ٿئي، تيستائين ضروري آهي ته وزير صاحب اسان وٽان هڪدم به نه وڃي. مون کي يقين آهي ته اوهين منهنجي راءِ سان شامل ٿيندؤ. توهان پاڻ اهو سمورو ڪم لاهي موٽي اچو ته آءٌ اوهان کي لشڪر جو سپهه سالار ڪندس.“
    مون ۽ حامد نِوڙي سلام ڪيو ۽ شڪرانو بجا آندو. تنهن کان پوءِ مون عرض ڪيو ته ”جهان پناهه! حضور جو حڪم برچشم آهي، ليڪن قصوروار اسين ٻيئي آهيون، جن پنهنجي والدين ۽ ٻين عزيزن کي رنج ڪيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ اسان ٻنهي تي فرض آهي ته اسين وڃي معافي پِنون ۽ تنهن کان پوءِ هنن کي هيڏي آڻڻ جي ڪوشش ڪريون. حضور انور کي روشن هوندو ته آءٌ ڪنهن خاص ڪم جي خاطر نڪتو آهيان ۽ اهو ارادو مون ڪيتري به ڪوشش ڪئي آهي ته تبديل ڪريان، مگر نٿو ٿي سگهي. جيسين آءٌ انهيءَ سفيد پوش کي هٿ نه ڪندس، تيسين مون کي ڪوبه آرام ڪونه ايندو. مون کي جيڪڏهن سلطان جهان پناهه جي عنايت سان اها آس مهيا ٿي پوندي ته پوءِ آءٌ واپس وڃي سگهندس، اڳ ۾ منهنجو وڃڻ محال آهي. دل ته گهڻو ئي ٿي چويم ته ائين ڪريان، مگر ائين ڪرڻ ڏکيو ٿو لڳيم. آءٌ انهيءَ ڪري لاچار آهيان ۽ اوڏانهن وڃڻ کان قاصر.“
    بادشاهه سلامت کي ان سفيد پوش شخص جي خبر ڪانه هئي، تنهنڪري مون کان ان جي حقيقت پڇيائين، جا مون سموري بيان ڪري ٻڌائي. تنهن کان پوءِ بادشاهه سلامت حيران ٿي فرمايو ته ”اوهان ٻنهي جي قسمت ۾ ٻن فقيرن گهڻو حصو ورتو آهي. انهن مان هڪ ته منهنجو بزرگ ڀاءُ نڪتو، جو جڏهن حامد کي رونق آباد وٺي آيو، تڏهن هڪ سفيد پوش فقير سان مليو هو.. مون کي انهيءَ سفيد پوش ۾ اهو شڪ آهي، ته هو متان منهنجو ننڍو ڀاءُ هجي، ڇاڪاڻ ته هو ٻيئي دنيا جي خيالن کان آزاد هوندا هئا ۽ سدائين فقيرن جي صحبت ۾ رهندا هئا. اسان جو والد بزرگوار انهيءَ ڳالهه تي سخت رنج هوندو هو، مگر هو نه مڙيا ۽ آخر الاجي ڪاڏي جو ڪاڏي هليا ويا.
    ”مون کي هاڻي اهو گمان آهي ته اهو سفيد پوش شايد منهنجو ننڍو ڀاءُ آهي، تنهنڪري ضروري آهي ته هن جي واسطي ڪا سخت ڳولا ڪجي. توهين هاڻي مهرباني ڪري هتي رهو ۽ ڪاڏي به انهيءَ جي ڳولا واسطي نه وڃو. آءٌ پنهنجا ماڻهو ڀڄايان ٿو، ۽ پڻ ڀر وارن بادشاهن کي لکان ٿو ته جيڪڏهن اهو سفيد پوش هنن کي لڀي ته مون کي اطلاع ڏين.
    توهين خاطر جمع ڪريو ۽ هي پنهنجو ملڪ سمجهو. مون کان جيڪا خدمت ٿي سگهندي، سا اَوس ڪندس.“
    اسان ٻنهي بادشاهه سلام جي اهڙين مهربانين جو اعتراف ڪيو ۽ حامد چيو ته ”حضور فيض گنجور! جڏهان ڪر هي نڌر نماڻو حضور جي خدمت ۾ رهيو آهي، ته جيڪا به عنايت بادشاهه جهان پناهه جي هن پنهنجي حقير خادم تي ٿي آهي، اها ڪا وسرڻ جي ڪانه آهي. نه رڳو ائين، مگر منهنجي عزيزن کي نوازي، منهنجي جا عزت ۽ وقعت حضور والا ڪئي آهي، اها يقين آهي ته حضور پُرنُور جي طرف مون کي زياده ڇڪيندي. آءٌ نه رڳو حضور عاليءَ جو زرخريد ٻانهون آهيان، مگر ڳُڻن ڳڌو به آهيان. زر خريد ٻانهي کان ڳُڻن ڳڌو ٻانهون زياده سهڻي خدمت ڪندو آهي. مون کي اميد آهي ته جيسين منهنجي رڳن ۾ ساهه آهي، تيسين حضور پُرنُور جي خدمت اهڙي ته ڪندس جو اميد آهي ته حضور جن خوش ٿيندا. آءٌ حضور جن جو ۽ حضور شهزادي صاحب جو فدائي آهيان ۽ اهڙو ته صادق ۽ سچو فدائي آهيان، جيئن پتنگ شمعِ تي هوندو آهي، يا بلبل گل تي، يا قمري سور تي. مون کي پنهنجي ربّ تي ڀروسو آهي ته جيسين مون ۾ جان آهي، تيسين هو مون کي نمڪ حلال ڪري هلائيندو.“
    بادشاهه سلامت مرڪي فرمايو ته ”اسان کي اوهان جي صداقت تي پورو يقين آهي. جڏهان ڪر اسان اوهان جو عمدو ڪم ۽نيڪ خدمت ڏسڻ لڳا آهيون، تڏهانڪر اسان کي يقين رهيو آهي ته اوهين بيشڪ شريف آهيو: شريفن کان سواءِ ٻئي مان صداقت ڳولڻ سراسر حماقت آهي. آءٌ انهن بادشاهن منجهان نه آهيان، جن وٽ بنسبت شريفن جي، رذيلن جو قدر زياده هجي. مون وٽ شريف، شريف آهي ۽ رذيل، رذيل ۽ ذليل. اهو ئي سبب آهي جو مون وٽ رذيل نوڪر ۽ ڪميڻا ماڻهو موجود نه آهن.
    جيڪڏهن آءٌ ڪنهن جي ڪميڻپ ڏسندس ته منهنجو فرض آهي ته هن کي سزا ڏيان ۽ پوءِ اهڙي شخص جي سزا مون وٽ تمام گهڻي آهي.
    ”خدا جي مهر ۽ فضل سان اوهين شريف ۽ شريفن جو اولاد آهيو. اوهان ڏانهن منهنجو بلڪل سهڻو خيال آهي. مون کي اوهين اهڙا پيارا آهيو، جهڙو ڪنهن کي پنهنجا جان جگر عزيز يا پيارا ڀائر هجن. آءٌ اوهان کي انهيءَ ئي نگاهه سان ڏسان ٿو، ۽ نه ڪنهن ٻيءَ سان. انهي ڪري جيڪڏهن آءٌ اوهان کي وڌيڪ قرب يا محبت ڏيندس ته ڪا وڏي ڳالهه نه آهي. اوهين مون کي ازحد پيارا آهيو ۽ مون کي قوي اميد آهي ته اِهو پيار هميشه رهندو.“
    آءٌ بادشاهه سلامت جا اهي سهڻا سخن ٻڌي اهڙو ته خوش ٿيس جو اکين مان آب اچڻ لڳم. زبان سان ڪجهه به چوڻ جي طاقت نه رهيم، مگر دل اهي آلاپ کڻي شروع ڪيا هئا، جو ڪو ٻڌڻ وارو هجي. اسان نيٺ بادشاهه سلامت کان موڪلائڻ لڳاسين، مگر اسان کي اجازت نه ملي.
    انهيءَ وقت محرر سڏيا ويا، جن مختلف بادشاهن ڏي خط لکيا. انهن بادشاهن واسطي سوکڙيون پاکڙيون پڻ گهرايون ويون ۽ هڪدم سفير روانا ڪيا ويا. گهوڙيسوارن کي حڪم ڏنو ويو ته آسپاس سفيد پوش جي ڳولا ڪن. ننڍن علائقن ۾ جتي جتي سرڪاري حاڪم مقرر هئا، انهن ڏي پڻ اهڙي قسم جي فرمائش لکي ويئي. غرض ته ٻن ڪلاڪن جي اندر جيڪي به انهيءَ ڳالهه بنسبت حڪم احڪام ڪڍڻا هئا، اهي ڪڍيا ويا.
    آءٌ غريب هن کان وڌيڪ ڪهڙي ڳولا ڪريان ها؟ دل ۾ آيم ته اهڙي ڳولا ۾ ته ضرور هي فقير ڪٿي به هوندو ته لڀي سگهندو. خير، اهي سڀ ماڻهو روانا ٿيا ۽ بادشاهه سلامت کي اسان وٽ ويٺي گهڻو وقت ٿيو هو. انهيءَ ڪري اسين اجازت گهرڻ لڳاسين، مگر حڪم ٿيو ته کانو کائي پوءِ وڃون.
    ٿوريءَ دير ۾ دسترخوان وڇايو ويو. ڪئين قسم جا کانا اچي ويا: ڪورما، ڪباب، ڪوفتا، قسمين قسمين ٻوڙ، پلاءُ، برياني، حلوو ۽ چاشني، تتر، ڪڪڙيون ۽ رانون پڪل، مربا ۽ چٽڻيون، سڀ دسترخوان تي آندا ويا. نان ۽ پراٺا به جام هئا. چانديءَ ۽ سونجي ورقن جي ڪمي ڪانه هئي. سُڪا ۽ آلا ميوا به چڱيءَ تعداد ۾ رکيا ويا هئا.
    اسان جا هٿ ڌئاريا ويا ۽ بادشاهه سلامت پاڻ به دسترخوان کي شرف ڏنو. طعام اڳيان ڏسي بک ئي لهي وئي ۽ هرهڪ شيءِ مان ٻه يا ٽي لقما مس کنياسين ته وڌيڪ اشتها بلڪل ڪانه رهي. نيٺ ماني کائي بس ڪئيسين ۽ هٿ ڌوئي ويهي ڪجهه سوپاري چٻيسين.
    ٿوري وقت کان پوءِ، بادشاهه سلامت اسان کي عمديون خلعتون پهرائي اجازت ڏني. اهڙي شاهاڻي شفقت جو شڪريو ادا ڪري، اسان موڪلائي اچي سوار ٿياسين. ساري واٽ اسان پاڻ ۾ ڪابه گفتگو ڪانه ڪئي ۽ بلڪل چپ رهياسين. دل ۾ اسان ٻنهي کي اهو خيال هو ته بادشاهه سلامت جي عنايت جي ڪا حد ڪانه هئي، ۽ هن جيڪا شفقت اسان تي ڪرڻ فرمائي هئي، اها ايتري ته گهڻي هئي جنهن جو عيوضو ڏيڻ اسان جي طاقت ۽ لياقت کان ٻاهر هو.
    گهر جو پهتاسون ته ڇا ڏسون ته اتي به شاهي دسترخوان تي جيڪو طعام هو، اهو موجود هو. گهر جي ماڻهن به اسان جي انتظار ۾ ماني ڪانه کاڌي هئي، نه پنهنجي نه بادشاهه سلامت وٽان آيل. مان ته حيران ٿي ويس ته هيءَ هيڏي نوازش جا اسان تي ڪئي ٿي وڃي، اها ته ڪا ڌڻيءَ جي ڏياري آهي، نه ته ڪيئن ائين ٿئي!
    حامد مون کي موڙهل ڏسي سڄي ڳالهه سهي ڪري ويو. مون کي چيائين ته ”ادا، اوهان اڃا گهڻيون عبرت جهڙيون ڳالهيون ڏسندؤ. هي اسان جو بادشاهه اسان سڀني نوڪرن تي تمام مهربان آهي. هو اسان کي پنهنجي اولاد وانگر سمجهي ٿو ۽ اسين سڀ هن کي پنهنجو مربي سمجهو ٿا. اهوئي سبب آهي جو جيڪي به نوڪر آهن، اهي هن جي مٿان جان تائين نثار ڪرڻ واسطي تيار آهن. اهو بادشاهه جو پنهنجن نوڪرن ۽ رعيت جو گهڻو خيال ڪري ٿو، اهو پاڻ به خوش آهي. هن کي ڪڏهن به اهو خيال ڪونه ٿيندو ته ڪوبه غنيم هن تي حملو ڪري ايندو، ڇاڪاڻ ته عادل شهنشاهه واسطي ساري رعيت لشڪر آهي.“
    مون کي به يقين ٿيو ته سچ پچ آهي به ائين، ته هي بادشاهه پنهنجن نوڪرن تي تمام گهڻو مهربان آهي- اتي خيال ٿيو ته بعضي ڪي نوڪر انهيءَ مهربانيءَ جو وجهه وٺي رعيت کي تنگ ڪندا آهن. گهڻن هنڌ ته ائين ئي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر هت الاجي قصو ڪيئن آهي. آخر سڀئي نوڪر ته ڪي نيڪ نيت به ڪونه هوندا!
    مون اهو ذڪر حامد سان ڇيڙيو، مگر هن جواب ڏنو ته ”جيتوڻيڪ هي بادشاهه پنهنجن نوڪرن تي گهڻو مهربان آهي، پر بيدار به هڪ ئي آهي. هرهڪ کي هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هنن واسطي ڪابه شڪايت پهتي ته هو تمام سختيءَ سان پيش ايندو. هو سڀ ڪنهن جو ڪم پاڻ تپاسيندو آهي ۽ ڪم جي تفحص وقت هو اهڙو ته سخت هوندو آهي، جو سڀني جي حياتي پيئي ڪنبندي آهي، ۽ ڪوبه ماڻهو هن جي دهشت کان بي ايماني ڪري نه سگهندو آهي- سڀ نوڪر هن کي چڱيءَ طرح سڃاڻي ۽ سمجهي ويا آهن، تنهنڪري هو رعيت آزاريءَ کان بلڪل پري آهن.“
    آءٌ اتي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ عجز ۽ نياز سان عرض ڪرڻ لڳس ته ههڙي رعيت پرور ۽ عادل بادشاهه کي خدا شل سدائين توفيق بخشي ته هو پنهنجي رعيت امن ۽ امان ۾ رکي، دعا کٽي. اهڙي بادشاهه مان ڪير ناراض هوندو؟ هو پنهنجا فرض بخوبيءَ سرانجام ڪري ٿو، جنهنڪري ڌڻي هن تي سدائين راضي آهي. اهو بادشاهه جيڪو پنهنجي رعيت جي اهڙي پالنا ڪري ٿو، جيڪو انهيءَ تي مهربان ۽ ايماندار عملدار مقرر ڪري ٿو، جيڪو هميشه باقاعدي هنن جو ڪم تپاسي ٿو ته متان ڪنهن سان ظلم يا بي ايماني ٿيندي هجي، يا ڪنهن سان خاص رعايت ڪئي ويندي هجي ۽ جيڪو سڀني جي داد رسي ڪرڻ واسطي پنهنجي ڪمر ڪشيو بيٺو آهي، اهو پنهنجو دين ۽ دنيا ٻيئي ٺاهي ٿو. اهڙي بادشاهه جي زيارت ڪرڻ ئي اڪبري حج آهي ۽ هن جي نوڪري ڪرڻ عزت ۽ شرف جو سبب آهي. خدا شل اهڙي همدرد ۽ مهربان بادشاهه کي هميشه دنيا جي گردشن کان بچائي ۽ دائما هن جو سايو هن جي رعيت تي قائم هجي. باب اٺون

    لطيف مالهيءَ جو گهر ۽ جهان آرا جي تربيت
    لطيف جيتوڻيڪ بادشاهه جو مالهي هو ۽ هن وٽ ڪا دنيا ۽ دولت ڪانه هئي، تڏهن به هو سٺو وقت گذاريندو هو. هن جي گهر ۾ تمام گهڻي خوشي هوندي هئي ۽ هو سڀ ڀاتي پنهنجي سادي گهر ۽ سادي گذران تي راضي هوندا هئا. هڪ پاڻ، ٻي سندس سوڀيا ۽ سونهن ڀري زال ۽ ٽين سندن ڌيءَ جهان آرا، جا هينئر سال کن جي ٿي آهي ۽ هاڻي ڪي ڪجهه بيهي سگهي ٿي يا ريڙهيون پائي ٿي ۽ جا سندن خوشي ۽ راحت وڌائي ٿي، اهي فقط ٽي ماڻهو لطيف جي گهر ۾ هئا.
    لطيف سڄو ڏينهن باغ جو ڪم ڪندو هو، سندس زال به بعضي بعضي کيس مدد ڪندي هئي. منجهند جو گهر مان ماني ٽڪر ٺاهي، ڌيءَ کي ڪڇ تي کڻي باغ ۾ ايندي هئي ۽ ٽيئي گڏجي ڊاک جي مَنَهن هيٺان ويهي ماني کائيندا هئا، ۽ هڪٻئي کي انهيءَ باغ ۾ ڏسي پاڻ به پيا باغ باغ ٿيندا هئا. جهان آرا ڪڏهن رانديون پيئي ڪندي هئي، ته ڪڏهن وري راند ڪندي ڪندي ڌڪا کائيندي هئي، پوءِ ڪڏهن مالهي وڃي کڻندو هوس ته ڪڏهن پاڻيهي روئندي روئندي هلي ايندي هئي ۽ هي ٻيئي ويٺا کلندا هئا. هن جي واسطي جهان آرا هڪ سٺي ۾ سٺو رانديڪو هوندي هئي. ڪڏهن هن سان مسخريون ڪندا هئا، ڪڏهن هن کي روئاڙي پيا خوش ٿيندا هئا، ۽ ڪڏهن ته وري هن کي ڇاتيءَ سان لائي پيا گهمندا هئا.
    گهر ۾ اسباب پورو سارو هون: ٻه کٽولڙا هوندا هئن، جن تي پاڻ سمهندا هئا، هڪ ننڍڙو پينگهو، جنهن ۾ جهان آرا کي آرام ڪرائيندا هئا، ڪجهه رکيون ۽ گودڙيون، جن جي وسيلي هو پاڻ کي سيءَ کان بچائيندا هئا. هڪڙي ڪاٺ جي پيتڙي، جنهن ۾ سڀني جا ڪپڙا ۽ پڻ سندن ساري دولت رهندي هئي، هڪ ٺڪر جي دانگي، هڪ ٺڪر جو ڪُنو ۽ ڪجهه ٿورا برتن، جيڪي سندن بورچيخاني جا زيب ۽ زينت هئا. هڪڙو تڏو، جنهن تي هو چلهه جي چوڌاري ويهي آسائش ڪندا ۽ ماني کائيندا هئا، اِهائي دنيا ۽ اهائي دولت هنن وٽ هوندي هئي، مگر جيڪي به هونِ انهيءَ جي هُو چڱيءَ طرح نگهباني ڪندا هئا ۽ انهيءَ کي هُو سدائين صاف رکندا هئا.
    جيتوڻيڪ هُو غريب هوندا هئا، تڏهن به هنن جي گهر ۾ گند ڪچرو ڪونه هو. جهڙيءَ طرح هُو باغ جي صفائي ڪندا هئا، تهڙيءَ طرح پنهنجي ننڍڙيءَ لانڍڙيءَ کي به صاف رکندا هئا. هنن جي لانڍيءَ کي فقط هڪ ٻرٽ هو، ٻيو در نه دري. ڇِت ڪکائين هئس، جنهن ۾ لئي جا پڃر، باهڻ جا وَرا ۽ مٿان ٽُئا ڏنل هئا.ڀتيون اوڏڪيون هيون. ڇت ۽ ڀت جي وچان گهڻيون ئي ڳڙکيون هيون، جن مان هوا توڻي روشنائي اڻمئي پيئي ايندي هئي. ٻاهر صحن ۾ هڪ گُندڙو پيو هو، جنهن ۾ ڪجهه اَن رکيل هو. پڌر به اهڙو ئي صاف هو، جهڙو اندران گهر. بيشڪ غريباڻو خسخانو هو، جو خود هنن جي ملڪيت نه هئي، بلڪ بادشاهه جي هئي ۽ مالهيءَ واسطي ٺهيل هئي. مگر انهيءَ ۾ اندر ايتري ته خوشي هئي، جو محلاتن جي خوشي هن جي اڳيان شرمندي هجي.
    هُو انهيءَ ساديءَ زندگيءَ ۾ ايترو ته خوش هوندا هئا، جو هنن مان ڪنهن به قسم جو ڪڏهن به دک ڪونه بکندو هو. هنن کي ڪا دنيا ۽ دولت جي لالچ ڪانه هئي. جيڪي به هنن کي بادشاهه سلامت وٽان پگهار طور ملندو هو، اهو هنن جي احتياجن واسطي ڪافي هوندو هو. پاڻ ڪي ڪجهه پاڇي رکندا ويندا هئا. زال ۽ مڙس ڪڏهن به اهو خيال ڪونه ڪندا هئا، ته ڪو هنن وٽ دنيا ۽ دولت ڪانه هئي ۽ نه ڪا هئڻ کپندي هئي. هُو پنهنجيءَ حلال جي ڪمائيءَ تي راضي رهي ۽ قناعت ڪري، سدائين خوش گذاريندا هئا.
    اڄڪلهه ته دنيا ۾ اها حالت آهي ته جيترو به ماڻهن کي گهڻو هوندو، اوترو هنن ۾ طمع وڌيڪ هوندي. جيئن دولت گهڻي، تيئن خوشي گهٽ ۽ ماڻهو زياده دولت کي هٿ ڪرڻ واسطي ماندا هوندا ۽ پاڻ کي پيا سخت پتوڙيندا. اهڙا ماڻهو هرگز قانع ٿي نٿا گذارين ۽ افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي، ته پوءِ نتيجو اهو ٿو نڪري ته هُو ڪڏهن خوش نٿا رهن.
    سچي خوشي ڪا دنيا ۽ دولت تي منحصر نه آهي. جيئن گهڻي دنيا هوندي، تيئن لازم آهي ته وڌيڪ چنتا ۽ ڳڻتي هجي. ويچارن غريبن وٽ مسڪينيءَ ۽ تنگدستيءَ جي دولت کان سواءِ ڪوبه قاروني گنج ڪونه هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ به هُو وتن خوشيءَ جا خزانا لُٽيندا. جيڪي غني ۽ مالدار آهن، اهي ڏسبو ته ڏاڍا ڏکي ٿا گذارين. هنن کي اهو ڀروسو اصل ڪونه آهي ته ڪو اها اُڏامڪ دولت جا ڪڏهن ڪنهن وٽ ڪڏهن ڪنهن وٽ، جا سدائين پَر ڪريو پيئي اُڏامي، اها ڪا وٽن هميشه هوندي. پوءِ هو سدائين انهيءَ فڪر ۾ ٿا گذارين ته ڪيئن هن کي پاڻ وٽ رکن ۽ ڪيئن وڌائين، ته ڪڏهن به هن ۾ گهٽتائي نه ٿئي. جنهن ماڻهوءَ کي ايتري چنتا هوندي، ان کي ڪهڙو آرام هوندو ۽ هو رات جو سپنا ئي اهڙا پيو لهندو، جي هن کي پيا تنگ ڪندا، هو ويٺي ويٺي ڳڻتين ۾ اچي ويندو ۽ چوندو ته ”هاءِ! هيءَ منهنجي دولت ڪيئن ٿيندي؟“
    اهڙي اڀاڳي واسطي اها دولت ٿي يا ڪا مصيبت؟ خوشيءَ جڙي ٻي دولت ڪانه آهي. سڀ کان وڌيڪ دولتمند اهو ماڻهو آهي، جنهن کي سچي خوشي نصيب آهي، پوءِ هن وٽ ڪجهه هجي يا نه. هو بلڪل لاپرواهه آهي. تنهنڪري خواهه مخواهه دولت جي ڪڍ لڳي، خوشي جهڙي دولت وڃائي ڇڏڻ چڱي ڳالهه نه آهي. تنهن هوندي به ڏسجي پيو ته ماڻهو اجايو گهڻي دولت جي پويان لڳي، پنهنجي حقيقي خوشي مات ڪيو ڇڏين ۽ پاڻ کي هروڀرو پيا دُکي ڪن.
    لطيف جي گهر به جيڪا خوشي آهي سا ڪنهن امير کي به نصيب نه هوندي. هنن کي معمولي خوشي ته ڪانه آهي، بلڪ سچي خوشي. لطيف کي دنيا ۽ دولت آهي ئي اها. هو پنهنجي لانڍيءَ جي ننڍڙيءَ دنيا جو خودمختيار بادشاهه هوندو هو، جنهن تي ڪوبه حملو ڪونه ڪندو هو. نه هنن وٽ ڪي ٻيا ماڻهو ايندا هئا ۽ نه هو به ڪاڏي ويندا هئا. هو پنهنجيءَ ۾ مست هوندا هئا ۽ پنهنجي ننڍڙيءَ سلطنت جو ڪوبه الڪو ڪونه هون.
    جهان آرا ننڍي ئي کان زِيرڪ ۽ چالاڪ ڏسڻ ۾ پئي آئي. انهيءَ ننڍيءَ عمر ۾ سندس سونهن ۽ سوڀيا اهڙي هئي، جو يقين هو ته وڏي هوندي ته جهڙس ٻيو ڪونه لڀندو. ڪڏهن ڏسبو هو ته لطيف هن کي ڪلهي تي کڻي، باغ ۾ آڻي، ڪنهن چڱيءَ هنڌ ويهاري، پاڻ پيو پنهنجو ڪم ڪندو هو ۽ هوءَ انهيءَ جاءِ تي پيئي رانديون ڪندي هئي. هن کي ڪو اميرن ۽ سکرن جي ٻارن وانگر ڪي رانديڪا ڪين هوندا هئا، جن سان هوءَ کيڏي ها، مگر سڄو باغ هن جي واسطي هڪ رانديڪو هوندو هو.
    ڪڏهن ته ڏسبو هو ته ڪهن ڪسيءَ جي مٿان ويٺي پاڻيءَ ۾ هٿن ۽ پيرن سان ٿاڦوڙا هڻي ۽ پاڻي، جو مٿي چڙهيو پيو اچي ۽ وري ڪسيءَ ۾ پيو ڪِري، ان کي ڏسي خوشيءَ ۽ حيرت وچان پئي ٻهڪي. ڪڏهن ته اتانهون مٽيءَ ذرو کني، وتي ان مان رانديڪا ڍاهيو پاڻ کي وندرائيندي، ڪڏهن ته وري ڏسجي، ته گلن ۾ پيئي گهمي ۽ اها خبر ئي ڪانه اٿس، ته ڪو هوءَ پاڻ خود هڪ ٻهڪندڙ مکري آهي ۽ ڪنهن ڏينهن اهو گل ٿي پوندي، جو اِهي گل پڻ هن جي گَلي جي پرستش ۽ پوڄا ڪرڻ واسطي هرا بڻجڻ جي خواهش ڪندا.
    گلن جي آبياري به لطيف پيو ڪري ۽ جهان آرا جي پالنا به لطيف جي حوالي آهي. زندگي گلن کي به پاڻي هوئي ٿو ڏئي ۽ موتيي ۽ گلاب، چنبيلي ۽ چمپڪ کي تر ۽ تازي ڪرڻ جي به هن کي ئي ڌُن لڳي پيئي آهي. آخر ته سڀڪو گل پنهنجي پنهنجي چمڪ ڏيکاريندو ۽ پنهنجو پنهنجو واس ڏيندو، مگر جهان آرا جي چمڪ ۽ خوشبوءِ نرالي ٿيندي. مالهي ته ساڳيوئي آهي، مگر جنس جنس جو ڦير آهي، ۽ جڏهن جهان آرا ٽڙي گل ٿي پوندي ۽ پنهنجي جوڀن ۽ جوانيءَ کي پهچندي، ته نرگس ۽ ريحان هن جي حسن تي شيدا ۽ حيران ٿي پوندا.
    ڪڏهن ڪري ائين پيو ڏسجي ته جهان آرا ڪنهن ڏاڙهونءَ جي درخت هيٺان وڍي آهي ۽ اتي پيئي ٿي کيڏي ۽ خوش ٿئي. ڏاڙهونءَ ته اڃا رڳا گل ڪڍيا آهن، جن مان ڪي ڇڻن پيا ۽ ڪي پختا ۽ مضبوط بيٺا آهن. هيٺ به هڪ اَناري گل آهي ۽ ان مان اهائي لالائي پئي ڏسڻ ۾ اچي، جا حيران ڪريو ڇڏي، پر اڃا ڪٿي ڳالهه ٿي!
    وري جو کڻي نهارجي، ته جهان آرا انب جي درخت هيٺان پيئي ٽِلي ۽ ڪِريل پن کڻي پئي انهن سان رانديون ڪري، اها ته بلڪل خبر ڪانه هيس، ته ڪنهن ڏينهن منجهس انب کان به وڌيڪ رس ۽ ميٺاج پيدا ٿيندو. انهيءَ عمر ۾ ڪنهن کي اهڙي خبر پئجي سگهندي؟ نه رڳو ائين، مگر ٻيا ماڻهو به انهيءَ جذبن، جولانن ۽ اُمنگن جو شڪار هوندو.
    جهان آرا انهيءَ باغ کي سچ پچ پنهنجي واسطي رانديڪو سمجهندي هئي. ڪڏهن ته ڪسيون، گلن جا ٻوٽا، ڏاڙهونءَ ۽ انب جا وڻ ڇڏي، صاف ۽ سئين سڙڪن تي پيئي گهندي هئي، ۽ رستي جي ڀر تي رکيل گلن جي ڪونڊين مان هٻڪار ۽ هُڳسان پئي حاصل ڪندي هئي. ڪڏهن وري ڏسجي پيو، ته سائي گاهه تي پيئي ليٽيندي هئي- مطلب ته باغ ۾ اهو هنڌ ڪونه هو، جنهن تي جهان آرا جو قدم نه آيو هو.
    اچي به ڇو نه؟ قدرت جي من موهيندڙ ۽ نرمل نظارن کي هن جي پالنا ڪرڻي هئي. جهان آرا جي آئيندي صورت ۽ سيرت انهيءَ ئي ميل جول تي منحصر هئي. حقيقي تعليم ۽ تربيت به هن کي اتانهون حاصل ٿيڻي هئي، ۽ پاڪائيءَ ۽ آزاديءَ جا خيال جيڪي هن جي ايندڙ زندگيءَ ۽ زيست جو زيور بڻبا، سي پڻ هن کي اتانهون ئي ملندا.
    دنيا ۾ تعليم ۽ تربيت رڳو گهر يا درسگاهن يا سنگتين ۽ ساٿين مان نٿي ملي. قدرت جا جيڪي به تماشا آهن، سي سبق کان خالي نه آهن ۽ اهي نظارا اسان کي تمام پاڪ ۽ سهڻي تعليم ۽ تربيت عطا ٿا ڪن. آسمان جي تارن جي جهڳمڳ ڪيئن نه اسان جي دلين کي روشن ڪريو ڇڏي! ڇا انهن مان اسان ڪوبه سبق ڪونه ٿا وٺون، يا وٺي نٿا سگهون؟ ڇا سج، چنڊ، تارا، ۽ ڪَتيون ۽ خود آسمان اسان جي واسطي هڪ روشن ڪتاب نه آهي؟ ڇا گهٽ ۾ گهٽ انهن مان اسين اهو سبق نٿا پرايون، ته ڪيئن نه هو پنهنجي پوري وقت تي پنهنجو ڪم سر انجام ڪن ٿا، ۽ اسان کي به ائين ئي ڪرڻو آهي؟ ڇا تارن جي جهڳمڳ اسان کي اهو نٿي سيکاري، ته اسين انسان، جيڪي هن زمين جا روشن ستارا آهيون، اهي به پاڻ ۾ ملي جُلي، اها جهڳمڳ لايون، جو آسماني ستارا به اسان تي فخر ۽ ناز ڪن؟ چنڊ، پهرينءَ تاريخ کان وٺي پنهنجو اوج شروع ڪري، چوڏهينءَ تاريخ پنهنجيءَ ڪماليت کي پهچي، وري مهيني جي آخر ۾ گهٽجي ناپيد ٿو ٿئي، اها انساني حياتيءَ جي تصوير نه آهي ته ٻيو ڇا آهي؟ ڇا وڻ ۽ ٽڻ، گل ۽ ٻوٽا، باغ ۽ بستان، پوکون ۽ راهيو، جهنگ ۽ جبل، درياءَ ۽ سمنڊ ۽ جيڪي به قدرت جا عجيب کيل آهن، انهن مان انسانن کي ڪوبه سبق نٿو ملي؟
    ها، انهن سڀني مان اسان انسان گهڻوئي ڪجهه پرائي سگهون ٿا، مگر اسان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ۽ اسان سڀني شين کي حقير سمجهي، هنن ڏي ڪوبه توجهه ڪونه ٿا ڪريون. اهي شيون ته درحقيقت اسان جي روح جي رهاڻ هئڻ گهرجن، ۽ اسان کي گهرجي ته رات ڏينهن اسان انهن سان رهاڻ ڪري، پنهنجي ماندي من کي تازو ڪريون.
    جهان آرا جو گهڻو وقت ننڍي هوندي کان ئي باغ ۾ گذردو هو ۽ باغ جي سبزي ۽ تازگي هن کي هميشه تازو ۽ خوش رکندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن لطيف سندس ڀرسان ڪم لاهي اچي ويهندو هو ۽ پنهنجو ٿَڪ، پنهنجي پياريءَ ڌيءَ جي ڏسڻ سان لاهيندو هو. بعضي لطيف جي زال به اچي ويهندي هئي- پوءِ ته هو سمجهندا هئا ته هو ساريءَ دنيا جا مالڪ هئا.
    ڪجهه عرصو گذريو، جهان آرا ٽن سالن جي ٿي: هيڏي هوڏي پنهنجي مرضيءَ سان پيئي گهمندي ۽ ڦرندي هئي. لطيف کي خدا جي مهربانيءَ سان هينئر پٽڙو به ڄائو. جهان آرا، پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ خليل کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندي هئي. ڪڏهن ڏيندا هئس ته هنج ۾ کڻي ويهندي هئس. ڪڏهن چيچ کان وٺي پيئي کيڏائيندي هئس. جي سمهيو پيو هوندو هو ۽ هوءَ پنهنجي ماءُ کي نه ڏسندي هئي، ته محبت کان هن جو سمهڻ نه وڻندو هوس، ۽ بعضي هن کي چهنڊڙيون پائي جاڳائيندي هئي. پوءِ هن جي جاڳڻ تي ماڻس ڊڪندي ايندي هئي، مگر پنهنجي سلڇڻيءَ ۽ سوڀيا واريءَ ڌيءُ کي ڪجهه به نه چوندي هئي.
    ستن- اٺن مهينن کان پوءِ، هو ويهڻ جهڙو ٿيو. پوءِ ته هيڪاري جهان آرا واسطي مزو اچي ويو. سڄو ڏينهن ڀاءُ سان خوش هوندي هئي ۽ هن کي پيئي راند روند ڪري ريجهائيندي هئي. هوءَ ايترو ته پنهنجي ڀاءُ جو خيال ڪندي هئي، جو سندس ماءُ کي پڪ هوندي هئي، ته سندس ننڍڙو ٻچڙو ڀيڻ وٽ بلڪل خوش هوندو.
    آخر خليل ريڙهيون ڏيڻ ۽ کٽولي کي وٺي بيهڻ لڳو. جهان آرا به چئن سالن جي ٿي. عابد ڪڏهن ڪڏهن باغ ۾ ويندو هو ته جهان آرا کي ڏسندو هو. هوءَ به پنهنجي ماءُ- پيءُ کان سواءِ فقط عابد کي پنهنجو مائٽ ڪري سمجهندي هئي، ۽ هن سان تمام گهڻي گستاخ هوندي هئي. عابد جيڪڏهن ڪجهه پئسا يا رانديڪا هن جي واسطي آڻيندو هو ته لطيف اصل نه وٺندو هو. لطيف کي اهو خيال هوندو هو ته ڪنهن جو به ٿورو کڻڻ نه گهرجي: هو غريب هو، مگر لالچي اصل نه هو.
    لطيف کي پنهنجي عزت ۽ خودداريءَ جو گهڻو خيال هوندو هو، تنهنڪري جيتوڻيڪ هو سمجهندو هو ته عابد جي ڏانهنس سچي محبت آهي- ۽ خاص ڪري جهان آرا سان ته هن جي گويا پدري شفقت آهي- تڏهن به هو اها ڳالهه اصل گوارا ڪري نه سگهندو هو، ته ڪو هن جو ئي احسان يا ٿورو کڻي.
    بيشڪ، انسان مسڪين ۽ ڪنگال هجي، مگر جيڪڏهن هو انهيءَ حالت هوندي به خودداريءَ جو مادو رکندو، ته سڀڪو پيو هن کي چاهيندو- عزت وارو ماڻهو اهو آهي، جو پنهنجيءَ ڪمائيءَ تي ڪفايت ڪري، ۽ ڪنهن ۾ به ڪابه لالچ نه رکي: اهو ماڻهو سدائين سکي گذاريندو. هو لوڪ جي طعنن ۽ تنڪن کان آزاد هوندو. هو جتي به ويندو، اتي هن کي عزت ۽ مانُ ڏيندا ۽ سڀ ڪنهن هنڌ هن کي پيا ڀانئيندا. هو پنهنجو ڪنڌ سدائين اوچو جهليندو ۽ ڪنهن جي به پرواهه نه ڪندو، جيتوڻيڪ هو گهٽ درجي جو هوندو.
    لطيف کي جيڪي به ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاڻيندا هئا، اهي هن کي ديانتدار، سمجهو ۽ خوددار ڄاڻي، هن کي گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪوبه ائين ڪونه سمجهندو هو ته هو مالهي آهي، ۽ تنهنڪري ڪو نيچ ماڻهو آهي- انسان ڪهڙو به نيچ ڌنڌو اختيار ڪري، مگر جيڪڏهن هو چڱيءَ طرح پنهنجو اهو سادو سودو پورهيو ئي ڪندو، تڏهن به هن کي جَڳ کان پيو مانُ ملندو. لطيف جي هلت ۽ ڪم ڪار اهڙو تحسين جوڳو هوندو هو، جو هن جي سٺيءَ روشن تي بادشاهه به خوش هوندو هو- ۽ هن کي انعام ڏيندو هو.
    بادشاهه سلامت به هڪ ڏينهن پاڻ باغ ۾ تشريف فرما ٿيو. اتي جهان آرا ڏٺائين ۽ سمجهيائين ته هوءَ سٺن لڇڻن واري سونهن ڀري ڇوڪري هئي. اهو به خيال پيس ته جهان خان جي همعصر آهي. جهان خان کي راند روند واسطي ڪو پنهنجيءَ عمر جو ٻيو ٻار ڪونه هو. بادشاهه سلامت مالهيءَ کي چيو ته ”ابا، هن ڇوڪرِ کي روز، صبح ۽ شام، حرامسراءِ ڏي موڪليندو ڪر، ته هوءَ شهزادي سان راند روند ڪري.“ مالهيءَ کي اها ڳالهه نه وڻي، مگر بادشاهه جي حڪم موٽائڻ جي طاقت ڪانه هيس.
    ٻئي ڏينهن کان جهان آرا اندر حرامسراءِ ۾ وڃي جهان خان سان رانديون ڪرڻ لڳي. جهان خان به سلڇڻو ۽ سوڀيا وارو ڇوڪر هو. فقيرن جي ڏياري سدائين سهڻي هوندي آهي. هنن ٻنهي جي طبيعت هڪٻئي سان اهڙي ته ملي ويئي، جو هو هڪٻئي کان سواءِ رهي نه سگهندا هئا. سدائين پاڻ ۾ گڏ ڏسبا هئا، ۽ جي هنن کي نه سڃاڻندا هئا اهي سمجهندا هئا ته هو ٻيئي پاڻ ۾ جاڙا ڀاءُ ڀيڻ آهن.
    جهان آرا کان خليل به وسري ڪونه ويو هو، ۽ هوءَ جهان خان سان گڏ خليل کي به اچي ڏسندي هئي، ۽ ٻيئي هن کي رانديون ڪرائيندا هئا. ٿوري ئي وقت ۾ هي ٻيئي ننڍڙا شهسوار هڪ جسم ۽ هڪ جان ٿي پيا ۽ پاڻ ۾ به انت محبت ٿي پين.


    باب نائون : عابد جو گم ٿيڻ

    چار ــ پنج سال گذري ويا. بادشاهه سلامت جا ماڻهو هر ملڪ مان ڦري واپس آيا. ڪٿي به سفيد پوش جو پتو ڪونه پين ــ ڪي ته عابد جي ڳوٺ منجهان به ٿي آيا هئا، جتي هنن پنهنجين اکين سان زاهد جي حالت ڏٺي هئي؛ مگر ڇاڪاڻ ته هنن کي اهڙو حڪم ڪونه هو، ۽ پڻ اهو خيال ٿين ته متان احوال ڏيڻ ڪري هي ٻيئي ڀائر رنج ٿين، تنهنڪري هنن ڪوبه احوال ڪونه ڏنو. دلداري گهڻي ڏنائون، مگر انهيءَ مان زاهد کي به تسڪين ڪانه آئي.
    هو اهو دل ڏاريندڙ احوال پاڻ سان کڻي آيا، جو ٻڌي هنن ٻنهي ڀائرن کي تمام گهڻو ڏک ٿيو. ننڍڙي راشد کي به ڏٺو هئائون، جو هاڻي مڪتب ۾ پڙهڻ ويندو هو. سڄو ڪم ڪار نوڪر هلائيندا هئا. دڪان به انهن جي بلي هوندو هو، تنهنڪري فائدو پورو سورو نڪرندو هو. زاهد اکين کان ويهي ويو هو، ۽ پٽن جي جهوراڻي هن کي بلڪل ضعيف ڪري ڇڏيو هو. هن کي ڪابه ڳالهه ڪانه مٺي لڳندي هئي.
    هو، جيڪي به ٻاهران شهر ۾ ماڻهو ايندا هئا، انهن کي دعوت ڏيندو هو، ته من انهن مان ڪو پٽن جو احوال مليس: هنن سڀني تي هو اهو بار رکندو هو، ته جيڪڏهن ڪڏهن به هنن يک ڪو پتو پوي ته هن کي اطلاع ڏين؛ مگر انهيءَ مان به ڪجهه نه وريو ۽ هن جو ڏک ڪڏهن به نه گهٽيو. بعضي راشد اچي ڀرسان ويهندو هوس، ته هن کي ڇاتيءَ سان لائيندو هو، مگر پوءِ وٺي دانهون ۽ ڪيڪون ۽ روڄ ۽ راڙو ڪندو هو؛ جنهنڪري اها ڪوشش ڪئي ويندي هئي ته راشد هن وٽ وڃي ئي نه. ڪڏهن ڪڏهن ته هو پاڻ سڏيندو هوس؛ ته پوءِ ضرور هن کي وڃڻو پوندو هو. پر جي ويندو هو ته اهائي حالت ٿيندي هئي ـــــ اهو احوال انهن ماڻهن آندو.
    هي ٻيئي ڀائر اهي ڳالهيون ٻڌي تمام غمگين ٿيا ۽ ويهي پاڻ ۾ پهه پچائڻ لڳا ــــ هڪڙي کي سفيد پوش جي لنءُ لڳل هئي، ٻيو وري بادشاهه سلامت کي ناراض نٿي ڪري سگهيو. اهو خيال آين ته ڪيئن به ڪري هو پنهنجي پيءُ کي ۽ ٻين گهر جي ڀاتين کي گهرائي وٺن؛ مگر جيستائين پاڻ ٻيئي يا منجهائن ڪو هڪڙو نه وڃي، تيستائين انهن جو اچڻ ٺهي ئي نه پيو. کين ته گهڻو ئي خيال ٿيو، مگر حامد جي زال به هاڻي کين گهڻو تنگ ڪرڻ لڳي، ته ڪيئن به ڪري هوءَ پنهنجي ڀيڻ سان ملي.
    آخر خيال ڪيائون، ته ڪي ماڻهو انهن ڏانهن تسليءَ واسطي ضرور موڪلجن ۽ پنهنجو سمورو احوال پنهنجي پيءُ ڏي ۽ پنهنجن عزيزن ڏي لکن ۽ هنن جي دل کي تسڪين ڏين. وري ائين پيا سمجهن ته متان انهيءَ مان هنن جي دل کي يقين نه اچي ــ نيٺ انهيءَ ڳالهه تي بيٺا، ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجو احوال ضرور موڪلين. ٻنهي ڀائرن ڪجهه ڏينهن پاڻ ۾ ردوڪد ۾ وڃايا، ته ڪير خط لکي. نوبت آخر حامد تي آئي، جنهن هي خط پنهنجي ڪعبي ۽ قبلي والد بزرگوار ڏي لکيو:
    ”قبله گاها! اقدامبوسيءَ بعد عرض ته اول ته اسان عاصين ۽ گنهگارن کي پنهنجي ڪيل خطا جي معافي ملي، جنهن جا اسين ٻيئي ڀائر دست بسته خواستگار آهيون. بيشڪ اسان جو گناهه وڏو آهي ۽ اسان پنهنجي والدين ۽ ٻين عزيزن کي سخت رنج ڪيو آهي، مگر ’ازخوردگان خطا و از بزرگان عطا.‘ توهين اسان تي پدري شفقت ڪري اسان کي معافي ڏيو، ڇاڪاڻ ته جيسين اوهين اسان کي سچيءَ دل سان معافي نه ڏيندؤ، تيسين اسين پاڻ اچي پيش پوڻ جا لائق نه ٿينداسين.
    ”اسان جي قسمت اسان جي هٿ ۾ نه هئي. ڪنهين به انسان جي قسمت پنهنجي هٿ ۾ نٿي رهي. جي انسانن جي قسمت پنهنجي قبضي ۾ هجي، ته هينئن پنهنجن پيارن کان جيڪر نه وڇڙن. اسان ٻيئي ڀائر قسمت جي زبردست پنجي ۾ اچي وياسين ۽ تنهنڪري اوهان جي خدمت ۽ زيارت کان محروم رهياسين. اهڙيءَ حالت ۾ اسان ڪريون سو ڪريون ڇا؟ دل ۾ ته رات ڏينهن اهائي تمنا آهي ته اچي آستان بوسي ڪري معافي وٺون، مگر قسمت نٿي ڇڏي.
    قسمتِ بد کان، زماني ۾ ڪڏهن مون کي نصيب،
    آستانِ يار جي، هرگز جبين سائي نه هئي.
    عابد به اڃا اچڻ جهڙو ڪين آهي. هن کي جنهن ڳالهه ڇڪيو آهي، اها اڃا تڪميل کي نه پهتي آهي، تنهنڪري هو به لاچار آهي. پنجون سال آهي جو هو مون وٽ رهي ٿو.
    ”قبله گاها! اسان ٻنهي توهان جو رنج پنهنجي سر تي کنيو آهي. جناب والده صاحبه به اسان تي بيحد رنج هوندي ۽ ٻيا عزيز ۽ قريب به اسان جي نالائقيءَ ۽ ناخلفيءَ تي افسوس ڪندا هوندا، مگر جيتوڻيڪ وڏا عاصي آهيون، تڏهن به اسان جي دلين ۾ اوهان سڀني واسطي تمام گهڻي سڪ ۽ محبت آهي. بادشاهه سلامت جي خدمت مون کي نٿي ڇڏي، نه ته ڪجهه وقت آءٌ اچان. هن جي اها خواهش آهي ته اوهين سڀ هيڏي اچو. اسين جيتوڻيڪ توهان جي هيڏي اچڻ ۾ ازحد خوش ٿينداسين، پر اهو چڱو نه آهي ته بيفرمان اولاد ڏي پيءُ ــ ماءُ پاڻيهي هليو اچي. نافرمان اولاد جو فرض آهي ته اول هو وڃي پنهنجي ماءُ ــ پيءُ کي راضي ڪري انهن کان معافي وٺن.
    ”اسان کي خيال آهي ته جلد اچي قدمبوسي ڪريون. جڏهن هيترو وقت گذريو آهي، ته باقي وقت به گذري ويندو ۽ اسين اميد ته روبرو اچي معافي پننداسين؛ جا اميد ته اوهين مهرباني ڪري اسان کي ڏيندؤ. تنهن کان پوءِ اميد آهي ته اوهين سڀ گڏجي اسان سان هيڏي ايندؤ. آءٌ هينئر رونق آباد ۾ وزيراعظم آهيان ۽ بادشاهه سلامت جو اهو خيال آهي ته هو عابد کي لشڪر جو سپہ سالار مقرر ڪري، مگر عابد جو خيال نٿو ٻَجهي.
    ”اسان ٻنهي جو هيڏي اچڻ، اسان جي وس ۾ نه هو ۽ نڪو اسان ڪو اهڙو ارادو ڪيو هو، ته ايترو وقت اسين اوهان جي سايي کان پري رهون؛ پر، ’هو مقدر ۾ مقرر، ڪنهن جي خود رائي نه هئي‘، وارو مثال آهي، تنهنڪري مون کي قوي اميد آهي ته اوهين اسان ٻنهي کي معافي ڏيندا ۽ جناب والده صاحبه ۽ ٻين عزيزن ۽ قريبن کان پڻ معافي وٺي ڏيندا. برخوردار محمد راشد کي اسان سڀني جي پاران گهڻو پيار ڪندا ۽ کيس ماجد جي طرفان گهڻا سلام ڏيندا، جو نه رڳو سندس سڳو سوٽ آهي، بلڪ سڳو ماسات به آهي.
    ”آخر ۾ اسين وري به معافيءَ جا عرضدار آهيون. زياده خير والسلام.
    بنده حامد“
    اهو خط لکي، بند ڪري، مراسلو وجهي، حامد هڪ گهوڙيسوار جي جمعدار کي ڏنو ۽ هن کي ڪجهه پئسا ڏيئي، پتا نشان سمجهائي، حڪم ڏنائين ته چار ڄڻا گهوڙيسوار ساڻ ڪري وڃي، ڇاڪاڻ ته مسافري لنبي هئي ۽ شايد واٽ تي تمام گهڻيون تڪليفون درپيش اچن. اهو به حڪم ڏنائين ته هو پاڻ سان تراريون وغيره کڻي وڃن، متان ڪي ڦورو هنن کي واٽ تي ورائين، جو گهڻن هنڌ رستي تي اهو خوف به هو. بعضي ڀيانڪ مرون به رستي تي ملندا هئا، تنهنڪري پڻ احتياط ضروري هو.
    جمعدار خط وٺي، سموريون فرمائشون سمجهي، سلام ڪري هليو ويو. اسين ٻيئي ڀائر ويهي رهياسين ۽ ويهي اهي ويچار ڪياسين ته هن خط جو نتيجو ڇا نڪرندو ۽ هو سچ سمجهندا يا نه؟ خير، ڪجهه وقت اهي ڳالهيون ڳڻي ۽ پهه پچائي، حامد ته پنهنجي ڪم ڪار کي وڃي لڳو ۽ آءٌ اڪيلو رهجي ويس.
    هن اڪيلائيءَ ۾ جيڪي منهنجي دل تي خيال آيا، اهي اڳي ڪڏهن به نه آيا هئم. پيءُ ــ ماءُ جي سڪ ۽ عيال جي وڇوڙي منهنجي دل کي هينئر اهڙو ته موم ڪيو، جو مان اوڇنگارون ڏيئي ويهي روئڻ لڳس. منهنجي روئڻ تي حامد ۽ ڀاڄائي، توڻي ننڍڙو ماجد سڀ ڊڪندا آيا. ماجد ته کڻي مون کي ڀاڪر وڌو ۽ هنن ٻن به مون کي گهڻو سرچايو. کڻي جو مٿي نهاريان، ته ڇا ڏسان ته هو به جر پاڻين جا پيا هارين. هڪ کي پيءُ ــ ماءُ جو خيال هو ته ٻئي کي پنهنجي ڀيڻ ۽ چاچي جو اوراڻو هو. نيٺ اسان ٽيئي چڱو موچارو ماتم ڪري سامت ۾ آياسين. ماجد به اسان ٽنهي کي روئندو ڏسي پاڻ به روئڻ لڳو. هن کي به پرچايوسين ۽ پوءِ هٿ منهن ڌوئي ماٺ ڪري ويٺاسين.
    دل کي گهڻو خيال بيٺو هو ۽ هڪٻئي سان ڳالهايوسين ئي ڪين. آءٌ ته انهيءَ ويچار ۾ محو هوس ته منهنجي قسمت ڪيئن ڦِري، جو آءٌ سفيد پوش جو شڪار ٿيس، جنهن کي ڳولڻ واسطي خود زماني جي بادشاهه ڪيتري ڪوشش ڪئي، جا ڪارگر نه ٿي. خدا ڄاڻي الاجي حيات به آهي يا مماتيءَ وارن سان ميلو اٿس. وچ تي آءٌ رُلي دربدر، خاڪ بسر ٿيو آهيان، جو پنهنجن پيارن کان وڇڙي، وتان ٿو ڀٽڪندو. اگرچ هي به ته ڀاءُ جو گهر آهي ۽ منهنجي هر طرح خاطري ٿئي ٿي، پر آخر ته پنهنجو وطن ۽ پنهنجو گهر ۽ عيال ته سڀڪنهن کي پيارو هوندو.
    اهي خيال ڪندي هڪڙو خيال اچي منهنجي دل کي قابو ڪرڻ لڳو ته جيڪڏهن گهر ويٺي ميهر ملي وڃي ها ته پوءِ دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پوڻ، ڪُنن جي خوف ۽ خطري جو ڪوبه خيال نه ڪرڻ، پنهنجي عزت ۽ ماڻهن جي چؤپچو جي پرواهه نه ڪرڻ، انهن سڀني ڳالهين جو ضرور ئي ڪونه هجي ها. آءٌ رڳو گهر ويٺي پيو ”ميهر ميهر“ ڪريان. پنهنجو ميهر ٻيا لهي ڪونه ڏيندا، پاڻ کي ئي درياءَ ۾ گهڙڻ گهرجي. جڏهن سر تان آسرو لاهي درياءَ ۾ گهڙبو، تڏهن ته ساهڙ سنوت ڏيندو.
    اهو خيال منهنجي دل تي ٻَجهي ويو ۽ مون ارادو ڪيو ته هاڻي سفيد پوش جي پٺيان مون کي پاڻ وڃڻ گهرجي ـــ مگر پنهنجو ارادو پورو ڪرڻ ڏکيو پيو لڳيم. گهڻوئي خيال ڪيم ۽ آخر انهيءَ ڳالهه تي آيس، ته موڪل ته ملندي ڪانه، تنهنڪري ڪنهن ڏينهن وجهه وٺي هليو وڃان؛ پر اِهو وجهه وٺان به ڪيئن؟ ڪڏهن به ٻاهر نڪرندو هوس ته سواريءَ کان سواءِ نه ويندو هوس. ويچار ڪيم، ته بنا سواريءَ مون کي نوڪر ئي نه وڃڻ ڏيندا. منهنجي پٺيان گهوڙيسوار لڳندا. مون کي هٿ ڪرڻ لاءِ حامد به ويهن ئي نُنهن جا زور لائيندو. بادشاهه به منهنجي لهڻ واسطي وس ڪندو ۽ پوءِ شايد هو مون کي لهي وجهن ۽ انهيءَ وڃڻ مان ڪهڙو فائدو پوندم؟
    اهي ڌُنڌَ ويٺي ڌُنيم ۽ نيٺ اهو خيال ڪيم ته پوشاڪ بدلائي، پوءِ شايد وڃي سگهان، ته ٿي سگهي ٿو. پر مصيبت اها هئي، ته اها پوشاڪ ٺهرايان ڪيئن؟ ڪوبه ماڻهو ڪونه سجهيم، جنهن ۾ ڪا اميد رکي سگهان، ته هو ڪو اهو ڪم ڪندو ۽ ڪندو به ائين، جو حامد کي خبر ئي نه ڏيندو. نيٺ خيال ڪيم ته لطيف مالهي هڪ سادو ماڻهو آهي. هن جو حامد سان گهڻو تعلق ڪونه آهي ۽ نڪي هو سمجهندو ئي ته مون کي اها خاص پوشاڪ ڇا جي ڪري گهرجي. هو مون کي ضرور اهو ڪم ڪري ڏيندو.
    شام جو سوار ٿي باغ ۾ ويس ۽ لطيف سان مليس. هن کي رواجي طرح چيم ته ”هي پئسا اٿيئي. جوڳين جي پوشاڪ ٺهرائي پاڻ وٽ رک، آءٌ پاڻيهي اچي کڻندس.“ مون هن کي معمولي طرح اهو ڪم چيو ـــ خاص انهيءَ ڪري، ته جي چوندوسانس ته ڳجهو رکي، ته هو شايد خيال ڪري ته ڇو، ۽ پوءِ ڪنهن سان ڳالهه ڪري وجهي ـــ بسمون، صندل وغيره هٿ ڪرڻ جو به هن کي سمجهايو ويو.
    هفتو کن لطيف انهيءَ ڪم ۾ ورتو. هفتي کان پوءِ جڏهن باغ ۾ ويس، ته لطيف چيو ته ”سائين سڀ ڪجهه تيار آهي. مون کي پنهنجي لانڍيءَ ڏي وٺي ويو. سندس گهر واريءَ اٿي سلام ڪيو. خليل به ڏٺم. جهان آرا حرمسراءِ ۾ هئي. سڀ ٽپڙ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس. باقي ڪجهه رهيل هئا، اهي به چيامانس ۽ وري آءٌ سوار ٿي واپس آيس. ٻئي ڏينهن خبر ورتيم ته سڀ سامان تيار هو.
    هاڻي خيال ڪيم، ته جيڪڏهن باغ تائين سوار ٿي ويندس ته پوءِ ڪم ڪين ٺهندو. حامد سواريءَ کان سواءِ مون کي ڪاڏي به وڃڻ جي اجازت نه ڏيندو. نيٺ خيال ڪيم ته شهر جا ماڻهو ته عام طرح گهڻو ڪري مون کي ڪونه سڃاڻن. هڪڙي ڏينهن صبح جو بگيءَ تي سوار ٿيس ۽ بازار ۾ ويس. اتانهون بگيءَ واري کي حڪم ڏنم ته هو واپس وڃي، جو آءٌ ٻه ــ ٽي ڪلاڪ رکي پاڻيهي موٽندس. بگيءَ واري زور ڀريو ته هُو رهي ــ کڻي ڪيترو به وقت لڳي، ڇاڪاڻ ته هن کي خيال هو ته متان ڪو سخت پڇاڻو ٿئيس ــ مگر منهنجو حڪم به هن کي ضرور مڃڻو پيو، هُو لاچار واپس ويو. آءٌ تمام تيزيءَ سان لطيف ڏانهن ويس ۽ سڄو سامان وٺي آءٌ پاڻ کڻي آيس. هن گهڻو ئي زور ڪيو ته پاڻ کڻائي اچيم، مگر مون هن کي صفا روڪي ڇڏيو. نيٺ هو اتي رهي پيو ۽ آءٌ اهو سامان کڻي سڌو شهر ۾ آيس، جتان ڪنهن بگيءَ تي سور ٿي ڀر وارا ننڍڙا ڳوٺ لتاڙي هڪ چڱيءَ وسنديءَ تي آيس، جتي پڻ سواريون ملي سگهيون ٿي. اتانهون ٻي سواري هٿ ڪيم ۽ سڌو اڳتي رخ رکيم ـــ اهڙيءَ طرح ٻئي ڏينهن صبح تائين آءٌ گهڻو ئي پنڌ ڪري هليو ويس.
    اڃا باک نه ڦُٽي هئي، ته آءٌ هڪڙي واهڻ جي نزديڪ آيس، جتي انهيءَ سواريءَ کي ڇڏيم. اتانهون ٿورو اڳتي هلي، جوڳيءَ وارو لباس ڪڍي پاتم:لڱن تي بسمون لاتم، پيشاني صندل سان چِٽيم، بيراڳڻ جو بيک ڪيم. ڪفني ڳچيءَ ۾، سڄو انگ ڀڀوت ڪري هليس. هٿ ۾ وٽو جهلي، ڪڇ ۾ سونٽو ڪري، چيلهه ۾ چمٽو چُهٽائي، زنجيرن سان ڪِشتو ڪَڙي، در در بين وڄائيندو ۽ پانڌي پڇائيندو پيو وڃان. پيرن ۾ گهنگهرو وجهي هيڏي هوڏي بازارين ۾ گهڻ گهڻ ۽ ڇم ڇم لايو پيو هلان. تخت هزاري ڇڏي، گيڙوءَ رتا ڪپڙا پائي، هاڻي خوب ساجن جي ڪڍ لڳس ۽ عشق جا واڄٽ وڄائيندو ويس. اهو هنڌ ۽ مڪان نه ڇڏيم، جتي پنهل جي جاچ نه ڪيم. مون کي ناٿ سان ناتو نباهڻو هو، تنهنڪري ڪيچيئڙن ڪاڻ ڏاڍا ڏونگر ڏوريم، گهڻائي ڀاڻ ڀيٽيم ۽ طالب تياڳي ٿيس.
    اهوئي خيال هوم، ته من ڪڏهن نه ڪڏهن ڪا پرين وٽئون ڀَلي ڀاڄي نصيب ٿئيم. لوڪ جا سڀ لاڳاپا لاهي، جتن سان جيئڙو کڻي جڙيم. ڄڻ گولن جي گولي ٿي، ٻانهپ واري ٻولي ڪري، آءٌ عيبن هاڻي ننڊ نهوڙي، خان ٻاروچي جي ڳولا ۾، ڳوٺن جا ڳوٺ لتاڙيندو پئي ويس، ته ”اي سهڻا سڄڻ جيتوڻيڪ مون ۾ ”عيب اپار“ آهن، تڏهن به مون کي هيئن نه ڇڏج. دل ۾ آرزو ته اها اٿم، ته ساري ڄمار، پنهنجي هوت ٻاروچي کان ڌار نه ٿيان ۽ هن تي پاڻ کي گهوري، نثار ۽ ٻلهار ڪري ڇڏيان.“
    سر تي سوز ۽ فراق جا بار چاڙهيو، جانب جي جار دل ۾ ڪيو، شهر ڀنڀور جي ماڻهن جا مهڻا جهليو، وِرهه جون واڳون هٿن ۾ کنيو، برهه جي بازار مان لنگهي، ڪيچ ڏي ڪاهيو پيو وڃان، مگر پنهل جي پرچار ڪانه پيئي پويم. واٽ تي گهڻن هنڌ پوٿيون پٽايم ۽ ڪانگ اڏايم، مگر فائدو ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پايو، پورهيائت ٿي، ڪيچ ۾ هزارين هاجون ڪندو، انهيءَ لالڻ تي پنهنجي لڄ رکيو، ٻاروچي جي ٻاجھ لاءِ هِتي هُتي واجهه وجهندو پيو وڃان. اها اميد هنئين تي تري آيم ته جن محبت جو مچ مچايو آهي، درد جو دونهون دُکايو آهي ۽ نينهن جو نشان لڳايو آهي، اهي ڪيئن نه توڙ نباهيندا!
    اهي خيال ڪندو. ڏاڍا ڏونگر ڏوريم ۽ ڪشالا ڪٽيم؛ پورب جا پنڌ پڇايم ۽ هنگلاج جا هنڌ، مگر جيئن اڳتي هلندو وڃان ته معمولي طرح ته جيڪر نراسائي ۽ نااميدي ڳاري ڇڏيم ها، مگر هت ته قصو ئي ٻيو هو. جيئن گهڻا ڏک پيو ڏسان، تيئن زياده اميد پيئي ٿئيم. جيئن وڏي ۾ وڏا برپٽ پيو لتاڙيان، جتي نه اَنّ ملي نه پاڻي، تيئن ائين پيو سمجهان ته ڄڻ پنهنجي منزل کي ويجهو پيو سمجهان. ائين برابر آهي ته جيئن منزل ڏورانهين هوندي آهي، رستي جي مسافري وڌيڪ ڪٺن لڳندي آهي، بک ۽ ڏک گرفتار ڪري ڇڏيندا آهن، تيئن جيڪر آخر انهيءَ مقصد کي پهچبو، ته تمام گهڻي ۽ گهاٽي خوشي ٿيندي. مگر آءٌ ته اهڙي منزل ته اکين سان ڏسان ئي ڪونه پيو، پوءِ به دل کي راحت پئي آيم.
    اهڙيءَ حالت ۾ سمجهيم ته هينئر اميد جو دروازو ۽ آسري جو ايوان شايد پيش اچڻو آهي. زياده اورچ ٿي هلڻ لڳس، تان جو هڪ هنڌ آيس، جتي هڪ سبز چراگاهه نظر آيم، جنهن تي ڏٺم ته هڪ ماڻهو ڳئون پيو چاري. ڳنوار کي ڏسي هيڪاري خيال آيم ته الاجي انهيءَ شخص سان ڪڏهن ملاقي ٿيندس، جو سچائيءَ ۽ حق جي راهه ۾ منهنجي به ائين پالنا ڪندو، جيئن هي ڳنوار پنهنجي ڳئن جي ٿو ڪري. اهو خيال ڪري آءٌ ان سبزيءَ تي پري ليٽي پيس، جتي ننڊ کڻي ويم.


    باب ڏهون : حامد جي عابد واسطي ڳولا

    شام ٿي ويئي ۽ عابد ڪونه موٽيو. ڏينهن جو حامد هڪ ته ڪم ۾ هو ۽ ٻيو ته اهو خيال ڪيائين ته پاڻيهي موٽي ايندو. رواجي طرح هڪ ٻه ماڻهو شهر ڏي روانا ڪيا هئائين. مگر هيڏي ساري شهر ۾ ڪنهن جو لڀڻ ڪو چرچو ڪونه هو. حامد کي اهو خيال ته ڪونه هو، ته عابد ڪاڏي هليو ويندو ۽ کيس خبر به ڪانه ڏيندو.
    کاني جو وقت ٿيو، جو ترسايو ويو. سمهڻ جي وقت تائين عابد ڪونه آيو. اتي حامد جي دل ٿڙڪڻ لڳي ۽ بيقراري اُتس قبضو ڪري ويئي. ڏاڍو اچي موڙهو. گهڻائي ماڻهو ڀڄايائين، گهوڙيسوار ڊڪايائين، مگر ڪنهن به هنڌ پرو ڪونه پيو. ساري گهر ۾ هينئر ياس ۽ فڪر گهڙي آيو ۽ ڪنهن کي به ڪا ڳالهه مٺي ڪانه پيئي لڳي.
    حامد جي دل تي هزارين خيال آيا. هو ڀاءُ سان تمام چڱيءَ طرح هليو هو، تنهنڪري اهو خيال ڪونه بيٺس، ته ڪو هو ناراض ٿي نڪتو هوندو! عابد جي چال چلت تمام سٺي هئي ۽ شهر ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان هو گهرو ڪونه هوندو هو، تنهنڪري اهڙي قسم جي ويچارن کان به حامد جلد ئي فارغ ٿيو. پوءِ ويهي پهه پچائڻ لڳو، ته آخر هن جي نڪرڻ جو سبب ڇا هوندو؟ سفيد پوش واريءَ ڳالهه کي ته سال گذري ويا هئا ۽ ڪڏهن به گهر ۾ اهڙو ذڪر ڪونه ايندو هو، تنهنڪري اها ڳالهه ته اصل نه پئي سُجهيس.
    ڀلا هُو موٽي ڳوٺ ويو ڇا؟ جي ائين هجي ها، ته اها ڪهڙي ڳالهه! کيس حامد سان اهڙي ذڪر ڪرڻ کان روڪي سگهي ها؟ حامد توڻي بادشاهه سلامت، ٻنهي جو رايو اهو هو ته عابد ڳوٺ وڃي ۽ وڃي پنهنجي پيءُ ــ ماءُ ۽ ٻين عزيزن سان سمورو احوال ڪري، ته هنن جي دلين تان غم ۽ ڏک لهي وڃي. کڻي هن کي پنهنجي عيال جي سڪ به لڳي هجي، پر انهيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ به ته اهم ئي ڪونه هو. هو چٽيءَ طرح ٻڌائي ها ته پاڻ هن کي سواري ملي ها، ماڻهو ساڻ ڏنا وڃنس ها ۽ اهڙو بندوبست ڪيو وڃي ها، جو هُو پاڻ جلد وڃي ڳوٺ پهچي ها، ۽ واٽ تي ڪابه تڪليف نه ٿئيس ها. شايد هو شهر ۾ منجهي پيو هجي، پر جي ائين هو ته حامد جو ڏس ڪير نه ڏئيس ها؟
    اهي خيال حامد کي گرفتار ڪريو بيٺا هئا. نيٺ اهو خيال آيس ته عابد بگيءَ کي ڇو ڇڏي ڏنو؟ هڪدم ڪوچبان کي گهرائي، هن کان سبب پڇيو ويو. ويچارو ڪوچبان آويءَ ۾ اچي ويو. هن کي ڇا مجال هئي، جو حامد جي حڪم جي برخلاف وڃي ها، پر جي عابد جو حڪم نه مڃي ها، ته عابد ناراض نه ٿئيس ها ڇا؟ ڪو هن کي اهڙو حڪم ته ڪونه مليو هو ته هو عابد تي پهرو رکي؛ نڪي ڪو هن کي اهو خيال هو ته عابد ڪو حريف ڀاڄوڪڙ هو ۽ هُو سڄي جهان، بلڪ آسمان کي به ٺڳڻ وارو هو. خير، ويچاري ڪوچبان ته اهي ڳالهيون ڪري پنهنجي جان ڇڏائي.
    حامد شهر ۾ ڍنڍورو ڏياري ها، يا شهر جي آسپاس هڪدم سوار ڀڄائي ها، پر اهو خيال پيو ٿئيس ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت عابد اچي ويو، ته ماڻهن ۾ ڏاڍي کل ٿي پوندي، ۽ تنهن کان سواءِ عابد جي شهر ۾ وقعت نه رهندي، جا ڳالهه هن جي خيال ۾ چڱي نه هئي. ويچاري جي سڄي رات انهن ويچارن ۾ ويٺي گذري، ۽ هن هڪ لمحو به آرام ڪونه ڪيو.
    صبح ٿيو ۽ لطيف هميشه موافق گل ۽ گلدستا کڻي آيو، مگر حامد کي ڪهڙي خبر ته لطيف منجهان ڪا خبر پئجي سگهندي؟ لطيف کي پڻ اها خبر ڪانه هئي ته عابد ڪاڏي هليو ويو آهي يا هليو ويندو. جي اها خبر هجيس ها ته جيڪر جوڳين وارو ويس ئي هن کي نه وٺي ڏئي ها، ۽ اهڙي حالت ۾ هو ضرور حامد کي آگاهه ڪري ها. لطيف به موٽي هليو ويو، ۽ هن کي عابد جي وڃڻ جي خبر ڪانه پيئي.
    جڏهن گهر پهتو ته دل ۾ خيال آيس، ته وزير جي گهر ۾ پوري خوشي نه هئي! پر هو روز ته ڪٿي به خوشي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. هُو انهيءَ ڳالهه کي معمولي سمجهي ماٺ ڪري پنهنجي ڪم ۾ لڳي رهيو. شام جو جڏهن گهر ويو، تڏهن سندس گهر واريءَ پڇيس ته ”عابد کي جوڳين جي پوشاڪ ڇا جي واسطي کپندي هئي؟“ اتي هن ڪن سَرلا ڪيا ۽ خيال ڪيائين ته کيس انهيءَ ڳالهه تي اڳيئي ويچار ڪرڻ کپندو هو. مگر انهيءَ مان ڪو هنن ٻنهي کي اهو خيال ڪونه آيو، ته عابد ڪي اهي نڪري وڃڻ جا سانباها ڪيا هئا، ۽ نڪا اها خبر هين ته ڪو هُو، نڪري ويو آهي. هنن کي فقط انهيءَ ويس وٺڻ جي ڳالهه نه وڻي ۽ سبب به هٿ نه آين.
    حامد ٻئي ڏينهن بادشاهه وٽ ويو. هڪ رات جو اوجاڳو، ٻي دل ۾ اُڻتڻ. سندس منهن مان بلڪل ظاهر هئي. بادشاهه سڄي ڪيفيت پڇيس. حامد خلوت ۾ سڄو احوال پنهنجي آقا کي ڏنو. ٻيئي منجهي پيا. گهڻائي خيال ڊوڙايائون، مگر برابر ڪوبه ڪونه بيٺو. اهو پڻ خيال هونِ، ته جيئن اهڙي ڳالهه هروڀرو فاش نه به ٿئي، جو اڃا ڪو عرصو به ڪونه گذريو هو ۽ تنهن کان سواءِ گهٽتائي به هئي. نيٺ اهو خيال ڪيائون ته ڳجهيءَ طرح جاچ شروع ڪجي. پنهنجا ايماندار نوڪر گهرائي ڪن کي شهر ۾ ۽ ڪن کي ٻاهر روانو ڪيائون. سڄو قصو موڙ هل هو. ڀلا ڇا ڪن؟ آخر هڻندي ماريندي بادشاهه کي اهو خيال آيو ته متان هو سفيد پوش جي پٺيان ويو هجي!
    بادشاهه ته سفيدپوش جي ڳولا ۾ گهٽايو ئي ڪونه هو، مگر ڪوبه پتو نه مليو هوس. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن وقت جي بادشاهه جي ڪوشش ڪارگر نه ٿي هئي، عابد جو خاص انهيءَ ڳالهه لاءِ وڃڻ، سندن ڌيان تي چڱيءَ طرح نه پيو ويهي، مگر ٻيو سبب ته اصل ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. نيٺ انهيءَ ڳالهه تي بيٺا، ته عابد جو ائين نڪري وڃڻ جو ٻيو سبب ڪونه هوندو.
    حامد به موٽي پنهنجي ماڳ تي پهتو. دل سخت پريشان ۽ من تمام ماندو هوس. کيس دل ۾ ته سفيد پوش تي لعنتون جُڙي پئي آيون، پر پنهنجي روش به وسري ڪانه هئس، تنهنڪري نه عابد کي ڏوهه ڏيئي پيو سگهي ۽ نه سفيد پوش کي ڪا ملامت. هو سجھوئي ڏوهه قسمت کي پيو ڏئي.
    اهو سچ آهي، ته جڏهن انساني تدبيرون ۽ ڪوششون ڪارگر نٿيون ٿين ۽ انسان پنهنجا وس هلائي ٿو بيهي ۽ سمجهي ٿو ته هاڻي منهنجي سعيي مان ڪي ورڻو نه آهي ۽ منهنجا سڀ خيال اجايا آهن، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ هو سڄو بار قسمت تي اڇلائي ڇڏيندو آهي. گويا انسان جي ازحد ڪوشش ۽ انتها سعيي مان جڏهن ناڪاميابيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پراپت نه ٿيندو آهي، تڏهن ڏوهه ايندو آهي بخت جي ناهنجاريءَ تي. اهڙيءَ حالت ۾ روئڻي پٽڻي پنهنجي قسمت تي پوندي آهي.
    قسمت، چئي اٿن ته اها چيز آهي، جو جيڪي پاڻ ئي گڏ ڪري؛ اهو به ضايع ڪيو ڇڏي. قسمت سانگي عابد، نه اچڻو نه وڃڻو، اوچتو ئي اوچتو حامد سان ايتري وڇوڙي کان پوءِ اچي گڏيو. ڪنهين کي به اها اميد نه هئي، ته ڪو ائين ٿيندو، مگر خوش قسمتيءَ سان ائين ٿي پيو. هُو ڪيترا سال هڪٻئي سان گڏ رهيا ۽ حامد کي ته ڪڏهن به اهو خيال ڪونه هو، ته ڪو عابد ائين هليو ويندو. اڄ اهائي قسمت آهي، جنهن هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن کي ائين ڪرڻ کان ڪوبه ترس يا رحم ڪونه آيو.
    اڄ حامد جي اميدن تي هڪ اونداهو ڪڪر اچي ويو، ۽ هن جي دل ۾ اوندهه جي اونداهيءَ اوندهه پيدا ڪري ڏنو. هو ازحد مايوس ٿي پيو. ڀلا مايوس به ڪيئن نه ٿئي؟ اڳيئي، پيءُ ــ ماءُ ۽ ٻين پيارن جي وڇوڙي سندس دل دکائي ڇڏي هئي. پاڻ اڪيلو هو ۽ ڪوبه قريب ويجهو ڪونه هوس. اهڙيءَ حالت ۾ وڇڙيل ڀاءُ اچي مليو هوس. جو پنج سال کن وٽس رهيو هو ۽ هن جي ڏکايل دل تي گهڻو ڇنڊو پيل هو. ويٺي ئي ويٺي هو الاجي ڪاڏي هليو ويو، جو نه پنهنجو پتو نه ڪوئي نشان ڇڏي ويو. خدا جي ڏياري برڪت هٿن مان هلي ويئي. ويچاري سسئي ننڊ ۾ ئي رهي، پنهون ڏاگهن تي چڙهي ڏاڍ ڪري هليو ويو. ڏيرن جو ڏمر صاف ظاهر هو. اهو سفيد پوش ئي هو، جنهن عابد کي اهي ڏونگر ڏيکاريا!
    حامد هاڻي تمام نااميد ٿي پيو. کڻي هو ڪيتري به ڳولا ڪري، مگر جنهن کي پَر ڪرڻا هوندا، اهو ڪيئن به اڏامي ويندو ۽ پنهنجو پيرو کڻڻ هرگز نه ڏيندو. ڪهڙي خبر، هو ويس بدلائي ڪٿئون جو ڪٿئون پيو ويندو هجي؟ هو پنهنجو نالو نشان بدلائي ڇڏي ۽ هو الاجي ڪهڙي قسم جي زندگي اختيار ڪري، پوءِ ڇا ٿيندو؟ هٿئون هاج هلي ويئي هئي، جنهن جو دارو ملڻ، مشڪل بلڪ محال هو.
    حامد انهن اونهن خيالن ۾ هو، ته هن جي دل ۾ هڪ لهر پيدا ٿي، جنهن کيس چيو ته ٿورو تحمل ڪرڻ ضروري آهي. اونداهيءَ رات کان پوءِ ضرور روشن ڏينهن ٿيندو آهي. نه رڳو ايترو، پر جيئن نااُميديءَ جي رات زياده اونداهي هوندي آهي، تيئن اميد ۽ آسري جا تارا وڌيڪ چمڪندا آهن. ڏک کان پوءِ سک، اونداهيءَ کان پوءِ سوجهرو، خزان کان پوءِ بهار ضرور اچڻو آهي. انسان کي خدا اها زبردست طاقت ڏني آهي، جو پنهنجون سڀ مصيبتون ۽ درد پائمال ڪري، پنهنجي سگهه ظاهر ڪري سگهي ٿو. پوءِ ڇو پاڻ کي ڏکي ڪري پنهنجو جيءُ پيو جلائي؟ اهو انسان ئي نه آهي، جو هن دنيا جي ٿڌي ڪوس نٿو ڏسي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪابه تڪليف سر تي اچي، ته بردباريءَ کان ڪم وٺجي ۽ صبر کي سيڻهه ڪري، تانگهي ۽ تار مان تري وڃي پار پئجي.

    بيت

    ”پتنگ وانگر، پچِي پڄري، پلئه پرين پيس جي مان،
    ڀلي شمعا! سڄو سارو، جلايو، آستان منهنجو.“

    جڏهن حامد جي دل تي اهو خيال آيو، تڏهن ڪجهه اميد ٿيس ۽ ڇاڪاڻ ته اميد ايمان جي نشاني آهي. انهيءَ ڳالهه تي محڪم ٿي بيٺو، ته انهيءَ خدا، جنهن کيس ڪهڙين حالتن ۾ عابد ملايو هو، اهو وري ڪيئن ڇڏي ڏيندس! تنهن کان سواءِ اهو خيال ٿيس، ته عابد رڳو سفيد پوش جي پٺيان ويو هو ۽ جڏهن هو جاچ ڪري تسليٰ ڪندو، تڏهن جي هٿ آيس ته بهتر، نه ته به گهڻو ڪري پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندو.
    اهو خيال هاڻي حامد جي دل تي برابر ويهي ويو، ۽ هو پنهنجو چهرو چڱو ڪري هلڻ لڳو. پنهنجو ڪم ڪار به برابر ڪندو هو ۽ اڳئين وانگر کل ڀوڳ ۾ به شامل ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ جو به خيال پوندو هوس، مگر اهو ڪو دل ڪانه ڏکوئيندو هوس. بادشاهه به هن جي چهري ۾ هميشه واري خنڪي ڏسي خوش ٿيندو هو. حامد پنهنجي منهن عابد جي ڳولا پيو ڪندو هو. سڄي ملڪ ۾ هن جي هٿ پڄندي گهڻي هئي، تنهنڪري واجهه پيو وجهندو هو، ته من ڪٿان نه ڪٿان پتو ملي پوي. اگرچ ظاهر ته عابد جي گم ٿي وڃڻ جي ڳالهه تي سدائين پردو ڏيندو هو.
    خون ۽ کٿوري ته لڪن ئي ڪين؛ تنهن وانگر ههڙي ڳالهه به ڪيترا ڏينهن پردي ۾ رهي سگهندي؟ آخر دُکي دُکي ٻاڦ نڪتي. پهرين ٿورن ۾، پوءِ گهڻن ۾، تان جو هلندي هلندي ڳالهه عام ٿي ويئي، ته گهڻن ڏينهن کان عابد گم ٿي ويو آهي. لطيف کي به خبر پيئي. هڪدم پنهنجي گهر واريءَ کي وڃي ٻڌايائين. هن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو. جهان آرا کي به انهيءَ ڳالهه جو پرو پئجي يو، جنهن ته ماتم مچائي ڏنو. جڏهن عابد جي جهان آرا سان اهڙي دل هئي، ته هن جي ڪيئن نه هن سان محبت هوندي، خاص ڪري جڏهن هوءَ اڃا ٻار هئي؟ ننڍي ٻار کي جيڪو پيار ڏيندو، اهو ان جو وڏو عزيز آهي.
    لطيف ۽ سندس گهر واريءَ هاڻي سهي ڪيو ته عابد جي جوڳيءَ جي لباس جو خريد ڪرڻ، ڪهڙي معنيٰ رکندو هو. ڏاڍو ڏک ٿين ۽ پنهنجي سادگيءَ تي هزار لعنتون وڌائون، پر هاڻي ويل دل ڪٿئون ورندي؟ پاڻ ته عابد جو پتو ڪنهين به حالت ۾ ڪڍي نٿي سگهيا. هو هنن تي ڏاڍو مهربان هو، تنهنڪري سندن دل ائين پئي گهريو ته عابد لڀي پوي ته تمام چڱو. ٻنهي صلاح ڪري هي فيصلو ڪيو ته حامد کي اها ڳالهه ضرور ٻڌائي وڃي. من انهيءَ وسيلي سان هو هن جي وڌيڪ جاچ ڪري، هن کي هٿ ڪري وجهي.
    ٻئي ڏينهن جڏهن لطيف گل ۽ گلدستا کڻي آيو، ته عرض ڪرايائين، ته هو وزير صاحب کي ڪجهه خلاصو ۽ عرض ڪندو. حامد وٽ ته انڪار ته هوندو ئي ڪونه هو. هو جيتوڻيڪ سڄيءَ سلطنت جو وزيراعظم هو، تڏهن به ننڍي توڻي وڏي، فقير توڻي امير، غريب توڻي شاهوڪار سان ملڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو. هن ۾ وڏائي ۽ هٺ ڪونه هئا. هڪدم لطيف کي سڏايو ويو، جنهن ساري حقيقت کولي بيان ڪئي ۽ انهيءَ جوڳيءَ واري لباس جي چڱيءَ طرح اُپٽار ڪئي.
    حامد سڄو قصو ڪن لائي ٻڌو. هاڻي هيڪاري گهڻي اميد ٿيس، ته هو ضرور پنهنجي ڀاءُ کي ڳولي وجهندو. بادشاهه جي خدمت ۾ عرض ڪيائين، جنهن هڪدم سڄي ملڪ ۾ اشتهار ڦيرائي ڇڏيو ته جيڪو به جوڳي، سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ ملي، اهو حاضر ڪيو وڃي. سڀ جوڳي هٿ ڪيا ويا. هڪڙي خاص جاءِ جوڳين واسطي مقرر ڪئي ويئي. انهيءَ جوڳي آباد جي حفاظت واسطي جوڳا حڪم ڪڍيا ويا. جيئن ڪوبه جوڳي هليو نه وڃي. هنن واسطي سٺو انتظام ڪيو ويو ۽ سڀ جوڳي شاهي مهمان ٿي رهيا.
    جيڪڏهن ڪو ٻيو بادشاهه هجي ها، ته جوڳين کي جيڪر جان جو ڊپ وٺي وڃي ها. مگر هاڻي ته پڪ ئي ته ضرور ڪو سٺو انعام ملندن، تنهنڪري بنا تڪليف، جوڳي پاڻ به گهڻائي اچي حاضر ٿيا. بادشاهه ۽ حامد ٻيئي گڏجي، روز جوڳين سان ڪجهه وقت ملاقات ڪندا هئا ۽ انهن کان پنهنجا توڻي ٻين جوڳين جا احوال پڇندا هئا. هنن جو مقصد اهو ئي هو، ته هو ڪنهن به طرح عابد جو ڪو پتو ڪڍن.
    ڇهه مهينا برابر هيءَ ڪار هلي. عابد جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. سڀني جوڳين کي انعام ۽ اڪرام مليا ۽ هو خوش ٿي پنهنجين پنهنجين جاين ڏي هليا ويا. بادشاهه ۽ حامد اهو نتيجو ڪڍيو، ته عابد ڪنهن ٻيءَ ولايت هليو ويو آهي، يا ته ڪو ٻيو لباس اختيار ڪيو اٿس.
    حامد کي جيڪي وس هلائڻا هئا، سي هلايائين. بادشاهه کي جيڪا به تڪليف وٺڻي هئي سا ورتائين. گهڻو ئي سعيو ۽ ڪوشش ڪيائون، مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿين. آخر هو ربّ تي توڪل ڪري ماٺ ڪري ويٺا. ڪڏهن ڪڏهن پڇا به پيا ڪرائيندا هئا. مگر هاڻي گهڻو آسرو ڌڻيءَ جي مهر تي رهيو هونِ ۽ نه پنهنجيءَ ڪوشش تي.


    باب يارهون : جهان آرا ۽ جهان خان مڪتب ۾

    جهان آرا ۽ جهان خان ٻيئي، پنجن سالن کان مٿي ٿي ويا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ملان ايندو هون، جو باب پڙهائي ويندو هون. ملان ويندو هو ته هي ٻيئي پنهنجا باب شروع ڪري ڏيندا هئا. جتي ڏسبو هونِ، اتي يا ته ويٺا راند ڪندا هئا، يا پاڻ ۾ مٺڙيون مٺڙيون ڳالهيون ويٺا ڪندا هئا. محلات ۾ اندر هڪ ايڏو اتانهون ٿلهو هوندو هو، جهڙو روهڙي اسٽيشن جو پلئٽفارم هو. ڪڏهن ڏسبو هو، ته ان جي ڪناري تي ڄنگهون لڙائي ويهي رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ جيئن ڳالهڙيون ويٺا ڪندا هئا، تيئن انهيءَ ڍار تي ڄنگهون به پيا لوڏيندا هئا. هُو پنهنجين ڳالهين ۾ اهڙا ته محو هوندا هئا، جو ٻي ڳالهه جي خبر ئي ڪانه هوندي هين. ڳالهيون وري ڪهڙيون هونديون هين؟ ڪڏهن گُڏين جون ڳالهيون ڪندا هئا، ته ڪڏهن ڪنهن ٻيءَ راند جي پاڻ ۾ تجويز ڪندا هئا. انهيءَ ۾ هڪٻئي جي راندين تي بحث ڪندا هئا. ڪڏهن اهو فيصلو ڪرڻو هون ته ڪٿي ۽ ڪهڙي راند ڪجي. ايڏڙيءَ عمر ۾ هو ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون ڪن ها؟
    اهوئي سلسلو رهيو. نيٺ بادشاهه خيال ڪيو ته جهان خان کي آخر ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن سلطنت جو ڳرو بار کڻڻو آهي، جنهنڪري هن کي علم حاصل ڪرڻ ضروري آهي. جاهل بادشاهه مان ڪهڙي خوبي رسڻي آهي؟ دنيا ۾ علم سکڻ سڀ کان وڌيڪ ضروري آهي ـــ بادشاهن ۽ اميرن جي اولاد لاءِ. جيڪڏهن انهن کي تعليم ۽ تربيت نه هوندي، ته هو دنيا ۾ ڪهڙو سوجهرو ڪندا؟ پوءِ هنن ۽ وحشين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت ٿيندو؟ بلڪ انهن جاهلن کي وري جو اَڻ مَئِي دنيا مٿي اچي ويندي، پوءِ ته هُو ڪنهن به طرح باز اچي نه سگهندا. هو اهي وحشتناڪ ڪم ڪرڻ شروع ڪندا جو سڄو ملڪ تنگ اچي ويندو.
    اَڻ گهڙيل ڪاٺ، ڪڏهن به دروازي يا دريءَ، ميز يا ڪرسيءَ جو ڪم ڏيئي نه سگهندو. اهو ضروري آهي، ته ڪاٺ کي پهرين گهڙجي، پوءِ ان کي چيرجي. چيري پوءِ ان مان جيڪي ٺاهڻو آهي انهيءَ موجب ٽڪرا ٽڪرا ڪجي. تنهن کان پوءِ ان کي رندي سان صاف ۽ لسو ڪري جيئن ملائڻو هجي، تيئن ميخن سان ملائجي. جڏهن ميز يا ڪرسي ٺهي وڃي، پوءِ جتي ضرورت هجي، اتي رندي سان زياده لسو ڪجي. پاوا ته اڳيئي جنڊيءَ جو تاب جهلي آيا هوندا. جڏهن سجھو ڪم پورو ٿي ويو هجي، تڏهن روغن سان صاف ۽ ’پلئسٽر آف پئرس‘ سان پالش ڪري ان کي چمڪايو وڃي. جڏهن اهي سڀ ڳالهيون ٿي ٿيون وڃن، ته شيءِ ڪهڙي نه پيئي سيبائي ۽ دل کي وڻي؟ ماهيت ۾ ته اصل ڪاٺ آهي.
    انسان کي به اڻگهڙيو ڪاٺ بڻجي هلڻو نه آهي. هن کي به چڱيءَ طرح گهڙڻ گهرجي ۽ جڏهن هن کي چڱيءَ طرح علم جي جنڊيءَ تي چاڙهبو، رندو هڻبو، پالش ڪبو ۽ پوءِ ماهر استاد هن کي تربيت جي ميخن سان جَڙيندو، تڏهن هو هڪ چڱو انسان بڻجي پوندو. انسان جي تعليم ۽ سڌاري جي ڪوشش تمام ضروري آهي. علم کان سواءِ ماڻهو آهي جهڙو انڌو: هو اکين سان کڻي ڏسي به سگهندو هجي، پر دل جي اکين سان ڏسي نه سگهندو، ته ڪهڙو فائدو؟
    هي ته هڪڙي رواجي ماڻهوءَ واسطي اهم ۽ ضروري آهي، ته هو علم حاصل ڪري، پاڻ کي چڱيءَ طرح هلائي سگهي؛ پر اهو ماڻهو جنهن کي نه رڳو پاڻ کي هلائڻو آهي، بلڪ هو لکن ۽ ڪروڙن جانين جو محافظ ۽ هلائيندڙ ٿيڻو آهي، انهي واسطي ته فرض آهي، ته هُو علم حاصل ڪري ۽ اهو علم، جو کيس پنهنجي ڪاروبار هلائڻ لاءِ ڪارائتو ثابت ڪري. جهان خان به ڪنهن ڏينهن تخت تي ويهندو ۽ تاج پهريندو؛ تنهنڪري ضروري آهي ته هن کي اُها سکيا ملي، هُو اهو ادب ۽ اها تهذيب حاصل ڪري، ۽ هن کي ائين گهڙي، رندو هڻي ۽ روغن ڏيئي چمڪائجي، جو هو هڪ عمدو نمونو ٺهي وڃي.
    اها سکيا ڪا هڪ ڏينهن ۾ ميّسر نه ٿيڻي آهي؛ اها سالن جا سال گهُري، ڪئين ماهر پنهنجو مٿو ماريندا. حڪيم سنائي غزنويءَ جي قول وانگر ته ’ڏينهن جا ڏينهن بيشمار انتظار ڪڍڻ کان پوءِ، مينهن جو ڦڙو سپن ۾ داخل ٿي، سچو موتي بنجي پوي ٿو هفتن جا هفتا کپن ته ڪپهه پيدا ٿئي، پڃجي سٽ ٿئي ۽ تنهن کان پوءِ يا ته ڪنهن سهڻي ماڻهوءَ جي سينگار جو ڪپڙو ٺهي پوي، يا ڪنهن شهيد جو ڪفن ٿئي؛ مهينن مٿي مهينا کپن، جو رڍ جي اُن مان ڪنهن بزرگ جو خرقو ٺهي يا گڏهه جو رسو جڙي؛ صديون کپن، جو سج جي اثر ڪري ڪو اصل پٿر بدخشاني لعل ٿي پوي يا يمني عقيق بڻجي پوي‘ ــ ساڳيءَ طرح سالن جا سال کپن، جو ڪو ٻار پنهنجي سٺيءَ طبع جي ڪري عالم ۽ عاقل فائق ۽ اضل ٿئي، جنهن جي گفتگو تي سوين حيران هجن ۽ جنهن جي ڪردار تي سندس عزيز ۽ خويش ناز ڪن.
    علم پرائڻ ڪو سٿرو ڪم نه آهي: ٿلهي تي ويهي ڄنگهن لوڏڻ ۾ علم حاصل ٿي ڪونه سگهندو. تنهنڪري، جهان خان واسطي ضروري آهي، ته هو هاڻي علم حاصل ڪري ۽ ننڍي لاڪرئي انهيءَ ڳالهه جي پٺيان لڳي ته چڱو ـــ پر ڌار جيڪڏهن استاد اچي پاڙهيس ها ته اهو نوڪر بڻجي پويس ها. تنهن کان سواءِ ٻين ٻارن سان گڏ پڙهڻ ۾ ريس ۽ شوق پيدا ٿو ٿئي؛ خود استاد کي پاڙهڻ مان لذت اچي ٿي. هرهڪ ٻار کي علم حاصل ڪرڻ واسطي گڏ پڙهڻ ۾ زياده اُمنگ پيدا ٿي پوي ٿي. پهرين تعليم ته سڀني ٻارن کي ساڳي ئي ملڻي آهي. اڃا ڪي سال ته جهان خان کي لکڻ، پڙهڻ ۽ حساب سکڻا آهن، جي ٻين سان گڏ سکندو ته بهتر.
    انهيءَ ڪري بادشاهه سلامت هن کي هڪ سٺي مدرسي ۾ موڪليو، جتي گهڻو ڪري سٺيءَ تعليم جي ڪري اميرن جا ٻار پڙهندا هئا. بادشاهه کي اهو به خيال آيو، ته جيڪڏهن جهان آرا به ساڻس گڏ ويندي ته پاڻ وڌيڪ شوق ٿيندس؛ تنهنڪري ٻنهي کي گڏ ساڳئي مدرسي ۾ موڪليو ويو.
    هنن ٻنهي کي مدرسي تائين ڪا بگي يا سواري ڪانه ملي ۽ نڪو ڪو نوڪر ڪتاب کڻڻ واسطي مليو. بادشاهه کي اهو يقين هو، ته ائين علم حاصل ٿي نه سگهندو. ائين وڏن ماڻهن جي اولاد جا خيال خراب ٿين ٿا: هو پنهنجن هم سبق شاگردن جي صحبت کان عاري رهن ٿا. هنن جي دماغ کي اجايا وڏائيءَ جا خيال وڪوڙي وڃن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن سواري دير سان آئي، ته مدرسي ۾ به دير سان ويندا. سبق جو خيال هنن کي پورو سورو هوندو آهي:هو رڳو پنهنجيءَ وڏائيءَ ۾ پورا هوندا آهن. ڪلاس ۾ به ٻين شاگردن سان گڏ ويهڻ نه چاهيندا آهن، ۽ انهن کان پاڻ کي اُتم سمجهي رواجي طرح نه ويهندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪجهه به پرائڻ محال آهي. جنهن ماڻهوءَ علم جي نهٺائيءَ جو پهريون سبق نه سکيو، اهو ڄڻ ڪجهه به نه سکيو ـــ آخر استاد خود به ڪي امير يا بادشاهه ڪونه هوندا آهن. هو گهڻو ڪري غريب ۽ رواجي ماڻهو هوندا آهن، جيتوڻيڪ کڻي هو علم ۽ فضيلت جا بادشاهه هجن. انهيءَ حالت ۾ اهڙن ماڻهن کي استاد جي اها عزت نه هوندي، جيڪا هئڻ گهرجي.
    بادشاهه اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي هنن کي مدرسي ڏانهن موڪليون. مدرسي جي مدير کي گهرائي حڪم ڏنائين ته جهان خان سان ڪابه رعايت نه ڪئي وڃي، ۽ هن کي عام ٻارن وانگر هلايو وڃي. فرمايائين ته جيڪڏهن هن سان ڪابه رعايت ٿي، ته سمجهبو ته هن سان دشمني ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه تي سخت رنجش پيدا ٿيندي ــ اهو شرط مڃيو ويو. جهان خان ۽ جهان آرا روز گڏجي مدرسي ۾ ويندا هئا ۽ گڏ موٽندا هئا. ويندا هئا ته به پاڻ ۾ ڳالهيون ڪندا ويندا هئا ۽ موٽندا هئا تڏهن به ائين. ڪڏهن سبق جي ڳالهه ڪندا هئا، ڪڏهن استادن جي ۽ ڪڏهن وري پنهنجي همسبق سنگتين جي ــ هنن جي پٺيان پري کان هڪ خاص ايماندار نوڪر هنن جي جاچ رکندو ايندو هو.
    جهان آرا ۽ جهان خان کي پڙهڻ جو ڏاڍو شوق هو. هو موٽندا هئا ته به گڏجي ويهي پڙهندا هئا. ڪا دقت هوندي هين، ته ڪنهن کان به پڇي حل ڪندا هئا. ٿوري ئي عرصي ۾ هُو سڄي ڪلاس جي ٻارن کان گوءِ کڻي ويا، ۽ پنهنجي استاد جا دلخواهه شاگرد بڻجي پيا؛ هُو پڻ ڏانهنِ زياده توجهه ڏيڻ ۽ هنن ٻنهي جي لياقت تي فخر ڪرڻ لڳو.
    سڄي مدرسي ۾ هنن جي هوشياريءَ ۽ قابليت جي خبر پکڙجي ويئي. سڀ استاد ڏاڍا خوش ٿيا، ته جيڪڏهن سچ پچ جهان خان ڪو چڱو نالو ڪڍيو، ته هنن تي بادشاهه سلامت ڏاڍو راضي ٿيندو، ۽ کين چڱو انعام ڏيندو.
    جهان خان ۽ جهان آرا جلد ئي فارسيءَ ۾ چڱا ماهر ٿي ويا. حساب به چڱا ايندا هئن؛ خاص ڪري جهان خان ته حسابن جو ڪوڏيو هو. سڀ استاد ائين چوندا هئا، ته رياضيءَ ۾ اهڙو شاگرد هنن نه ڏٺو نه ٻڌو. جلد عربي سکڻ شروع ڪيائون، ۽ صرف ۽ نحو جا قاعدا ۽ گردان به برزبان ڪري ڇڏيائون. حافظو ته اهڙو سٺو هونِ، جو ڪجهه به ياد ڪرڻو هوندو هونِ، ته ويرم ئي ڪانه ڪندا هئا. خدا سمجهه وري اهڙي سٺي ڏني هينِ، جو استاد هڪ دفعو سمجهائيندو هونِ، ته دلين تي نقش ٿي ويندو هون ـــ ڪيئن نه پوءِ اهڙا شاگرد جلد سکن ۽ پنهنجن استادن جو فخر ۽ ناز ٿئين؟
    بعضي بادشاهه سلامت حساب وٺندو هونِ ۽ سندن ڪم ڏسي دل ۾ گهڻو خوش ٿيندو هو. ڪڏهن حامد به سندن امتحان وٺندو هو، ۽ هُو به هنن جي هوشياري ۽ قابليت ڏسي ڏاڍو سرهو ٿيندو هو. لطيف کان خبر پئي هئس؛ ته عابد جي جهان آرا سان ڏاڍي محبت هوندي هئي؛ تنهنڪري هن کي ڏسي خوشي ٿيندي هيس ـــ جهان آرا مان گويا هن کي پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ جي بوءِ ايندي هئي ۽ هن کان اهائي سڪ لهندي هئي.
    ڳچ ڏينهن گذريا، جهان خان ۽ جهان آرا جي قابليت وڌيڪ شهرت وٺندي ويئي. شهر ۾ ٻيا به مدرسا هئا جن ۾ گهڻائي قابل شاگرد هئا؛ اهي بعضي پاڻيهي، بعضي پنهنجن استادن سان گڏجي، هن مدرسي ۾ ايندا هئا ۽ اچي ڀيٽ ڪندا هئا، مگر هنن ٻنهي کان ڪير گوءِ کٽي؟ رفتي رفتي اها خبر بادشاهه سلامت کي پهتي، جنهن انهن سڀني شاگردن ۽ استادن کي سڏايو ۽ پنهنجي روبرو امتحان وٺرايو. حامد موجود هو، جنهن هنن جو امتحان ورتو. هي ٻيئي ڄڻا ڏاڍو چمڪيا ۽ سڀني کي شهه ڏيئي ڇڏيائون. بادشاهه ڏاڍو خوش ٿيو:جهان خان جي استادن کي خلعتون ۽ انعام ملي ويا؛ ٻين شاگردن ۽ استادن کي به نوازيو ويو ـــ ۽ حڪم ڪيو ويو ته اهي سڀ قابل شاگرد هڪ هنڌ ڪٺا ڪيا وڃن ۽ انهن کي قابل استاد ڏيئي عمدي ۾ عمدي تعليم ۽ تربيت ڏني وڃي ۽ انهيءَ مدرسي جو سڌو تعلق وزير صاحب سان رهي.
    شاهي حڪم موجب هڪدم هڪ ننڍو مدرسو برپا ٿي ويو ـــ تمام ماهر عالم مقرر ڪيا ويا؛ سڀ تيز ۽ زِيرڪ شاگرد گڏ ڪيا ويا ـــ مدرسو ڏاڍي رونق وٺي ويو ۽ سڀڪو ڏسڻ لڳو ته هاڻي هن ڪسوٽيءَ ۾ ڪير ٿو زياده چمڪي. جهان خان ۽ جهان آرا جي طبع ۾ جو جوهر هو انهيءَ سان ڪير پڄي سگهندو؟ جهان خان ته خير، هڪڙي بادشاهه جو پٽ هو، جنهنڪري اهڙو تيز نڪتو هو، پر هوءَ غريب مالهيءَ جي ڌيءَ به ته ڪيئن ٿي اُڏاڻِي؟
    هاڻي هو تواريخ، علم ادب، منطق ۽ فلسفن جا ڪتاب به پڙهڻ لڳا. هئا سي نوَن سالن جا، مگر علم ۾ يڪتا گوهر هئا. هو ٻين سڀني شاگردن کي لتاڙي پاڻ اڳتي وڌي ويا. هنن ۾ ايتري ته سمجهه ۽ هوشياري هئي، جو ويهن ورهين واري طالب علم ۾ نه هوندي. حامد سدائين هنن جي سنڀال ڪندو هو، ۽ هنن جي هوشياري ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو.
    خدا جي قدرت، جو هن ٻنهي کي شڪل ۽ شبيهه به اهڙي سهڻي ۽ شاندار عطا ٿيل هئي جو جهڙنِ ٻيو ڪونه هو. قد سروَ وانگر ڊگهو ۽ سڌو، بدن مضبوط ۽ ڊولائتو، اکيون نرگس وانگر نشيدار ۽ ڪاريون جهڙا ڀؤنر، ڀرون جاڙا جهڙو مسجد جا محراب، پيشاني کليل، چپ سنهان ۽ سهڻا، نڪ چهنب وارو ڊگهو، ڏند موتين جهڙا دلبند، چهرو گول ۽ ڪنول گل جهڙو، ڳچي ڊگهي ۽ سهڻي ـــ مطلب ته ٻيئي چوڏهينءَ جا چنڊ هئا.
    خدا اهڙيءَ سهڻيءَ صورت سان گڏ، جا سهڻي سيرت عطا ڪئي هئن، اها ته ڪنهن ٻئي کي نصيب نه هئي. هو تمام سهڻن لڇڻن وارا هوندا هئا ۽ سڀڪنهن کي پيا سيبائيندا هئا. سونهن ۽ سوڀيا سان گڏ جيڪڏهن انسان جا لڇڻ به سهڻا ٿا ٿين ۽ من موهڻي منهن سان گڏ جيڪڏهن سيرت به سهڻي شامل آهي ته ڪهڙو نه مزو! انهن ٻنهي شين سان گڏ ڌڻيءَ وري هنن کي علم به سٺو عطا ڪيو هو، تنهنڪري هنن ۾ ڪابه ڪمي ڏسڻ ۾ ڪانه ايندي هئي.
    ڪير نه انهن ٽنهي ڳالهين جي اهڙي سهڻي ميلاپ تي خوش هوندو؟ بادشاهه سلامت ته قادر جي قرب تي قربان ۽ ٻلهار ويندو هو. مالهي ۽ سندس زال به تمام خوش ٿيندا هئا، حامد ته انهن کي ڏسي اهڙو خوش ٿيندو هو، جو ڪلاڪن جا ڪلاڪ هنن سان گڏ گذاريندو ۽ پاڻ وندرائيندو هو. ڏاڍي خواهش هوندي هيس ته جيئن جهان خان ۽ جهان آرا پاڻ ۾ گڏ گذارين ٿا، تيئن جيڪر وڏي هوندي به هو هڪ جسم ۽ هڪ جان ٿي وڃن ــــ مگر هو اهڙي ڳالهه ڪڍي نٿي سگهيو: خيال هوس ته گهڻا ماڻهو نه چاهيندا ته بادشاهه جو پٽ مالهيءَ جي ڌيءَ سان شادي ڪري. خود بادشاهه کي شايد اها ڳالهه نه وڻي. انهيءَ ڪري هو ماٺ ۾ رهيو.


    باب ٻارهون : زاهد کي خط پهچڻ ـــ اميد

    اڄ ته نااميديءَ جو لوهائون ڪوٽ ڀڄي پرزا پرزا ٿي پيو. پر اهو ڪهڙو غنيم چڙهي آيو، جنهن اهڙي زبردست فتح ڪئي؟ اڄ ته ڄڻ يعقوب کي مصر کان خبر آئي ته سندس يوسف، جنهن جي رت ڀريل قميص کيس ڏيکاري ويئي هئي، اهو ڪنهن به درندي جو شڪار نه ٿيو هو؛ بلڪ هُو ته مصر جو بادشاهه هو ـــ اڄ زاهد کي به خبر پهتي ته سندس نونهال پٽ رونق آباد جو وزير آهي؛ ۽ نه عدم جي ملڪ جو مهمان.
    جڏهن زاهد، حامد جو خط پڙهايو، تڏهن خوشيءَ منجهان سندس رڳ رڳ بهار ٿي ويئي. هن کي پنهنجي يوسف جو پهراڻ پهچي ويو ۽ اهڙي ته خوشي ٿيس جو دل ڌڙڪڻ لڳس. آهستي آهستي اندر ويو ۽ پنهنجي گهر واريءَ کي خبر ڏنائين. راشد جي ماءُ کي به مبارڪ چيائين.
    سندس گهر واريءَ کي پڪ نٿي ٿي، پر جڏهن خبر پيس ته ڪي خاص گهوڙيسوار اهو خط کڻي آيا هئا، ۽ انهن جي زبان ئي ٻي هئي ۽ يقين هو ته ڪنهن دوست دلداريءَ ڏيڻ واسطي ڪو ٺاهه نه ٺاهيو هو ـــ جيئن اڳي گهڻن ئي ڪيو هو ـــ ته ڏاڍي خوش ٿي. سڄي گهر ۾ عيد ٿي ويئي! مبارڪن جي ڌم مچي ويئي ۽ زاهد ته ڄڻ ڪپڙن ۾ ئي نه پيو ماپي. هاڻي عابد ۽ حامد سان ملڻ جي اميد ٿين. راشد جي ماءُ کي به پنهنجي پتيءَ ۽ ڀيڻ ۽ ڀاڻيجي سان ملڻ جي گهڻي خوشي ٿي. انهيءَ سٺيءَ خبر هنن کي تهتاز ڪري ڇڏيو ۽ سڀ غم لهي وين. راشد جا ٽپا ڏيڻ ۽ خط کي هر هر چمڻ ته ڪير ڏسي ها!
    اهڙا سدورا قاصد ته شل ڪنهن وٽ اچن. زاهد ته انهن مبارڪ قاصدن تي جان ۽ جسو قربان ڪرڻ لڳو. هو ته پرينءَ جي پار کان پرت جو پيغام کڻي، ورهه ۽ وڇوڙي جو داغ ميٽڻ آيا هئا. رٺل رانجهن جي سنيهي آڻڻ واري جي ڪيئن نه عزت ۽ تعظيم ٿيندي؟ پر هنن شهسوارن جي نه رڳو زاهد ۽ هن جي گهر جي ڀاتين عزت ڪئي ٿي، بلڪ سڄي شهر جي سکرن به هنن جي تعظيم ڪئي.
    شهر جي ماڻهن جو حامد جو احوال ٻڌو، سو ڏاڍو خوش ٿيا. حامد جو استاد آيو ۽ اچي خط پڙهيائين. حامد جا اکر سڃاتائين ۽ پنهنجي شاگرد جو اهڙي اوج تي پهچڻ جو احوال ٻڌي گد گد ٿي ويو ـــ اهو ته قدرت جو قانون آهي ته جڏهن ڪو شاگرد ڪنهن سٺي درجي تي پهچندو آهي ته استاد کي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي؛ پر جي شاگرد رلي خراب ٿي ويو ته هن کي سخت ڏک ۽ رنج پهچندو آهي. سچي اُستاد جي حالت ته اها ٿيندي آهي. جيتوڻيڪ گهڻن شاگردن کي، جن کي استاد سندن چڱائيءَ واسطي کڻي تنبيهه ڪئي هوندي يا ڪندو هوندو، اهڙي قسم جو احساس ۽ پروڙ نه پوندي آهي. هو پنهنجي استاد کي خواهه مخواهه دشمن سمجهندا آهن.
    زاهد جي خوشيءَ ۾ سڄو شهر خوش ٿيو. سڀ ماڻهو هن کي اچي مبارڪون ڏيڻ لڳا. زاهد جي پيشانيءَ تي پريشانيءَ جا گهنجَ ۽ نراسائيءَ جون ليڪون، هاڻي ڏسڻ ۾ ڪين پئي آيون. اُميد ۽ آسري جي ڪري هن جي حياتي هاڻي روشن ٿي پيئي هئي. درد ۽ غم جي اونداهي ميٽجي، هاڻي سوجهرو ٿي پيو هئس. اهڙيءَ نيڪ خبر جي سڳنڌ هن کي پئي واسيو ۽ هاڻي اها اُڪير ۽ اُڪنڍ هيس ته جلد پنهنجن نورچشمن کي هٿ ڪري؛ ويل اکين جو نُور لهي. هو خدا جي مٺڙي نالي تان صدقي پئي ويو، جنهن هن جي ويل دلڙي ورائي وڌي هئي. هو پاڻ کي اَڀاڳي سڏڻ جي عيوض ڀاڳ وارو سڏڻ لڳو. غيب کان مدد ملي هيس، جنهنڪري هو شڪرانو ڪرڻ لڳو.
    قاصد جي هيترو مفاصلو لتاڙي آيا هئا، تن ڪجهه ڏينهن ساهه پٽيو. پوءِ هو عاجز ۽ ملول ٿيڻ لڳا ۽ وطن جي سڪ ۾ من ڀرجي آين. اکين مان ڳوڙها ڳڙي آين. مارئيءَ وانگر ملير جي محبت ماندو ڪري ڇڏين ۽ پنهنجن پهنوارن جي پياس اُڃائي ڇڏيو هونِ. اهڙي حالت ۾ هنن خيال ڪيو ته ڪيئن به ڪري هو وطن واپس وڃن.
    هڪڙي ڏينهن سڀ سنڀري موڪل وٺڻ لاءِ زاهد ڏانهن ويا. موڪل گهريائون، مگر زاهد ڪجهه ڏينهن منت ڪري ٽڪاين. نيٺ ته اهي ڏينهن به پورا ٿيا ۽ زاهد کي موڪل ڏيڻي پئي. زاهد سکر ۽ هوند وارو ماڻهو هو. هن پنهنجن پيارن جي پار کان آيل قاصدن کي عمدا تحفا ۽ سهڻيون سوکڙيون ڏنيون ۽ خوب پهرايو ـــ هو انڪاري هئا، پر زاهد زور ڪري ڏنن.
    عابد ۽ حامد واسطي به پدري شفقت جي ڪري ڪجهه تحفا موڪليا ويا. ماجد ۽ سندس ماءُ ڪو زاهد کان وسري ڪين ويا. هنن جي واسطي ته تمام وڌيڪ خوبصورت ۽ قيمتي شيون موڪليون ويون. ماجد جي واسطي اطلس؛ ڪيمخاب ۽ ابريشم جا ڪپڙا ۽ ڪيترا رانديڪا پڻ موڪليا ويا. سندس ڏاڏيءَ پڻ کيس اهڙيون ساڳيون شيون موڪليون، ۽ پنهنجي نُنهن ڏي به سوغاتون موڪليون. پٽن ڏي به دعا سان گڏ ڪجهه تحفا موڪليائين. ڀيڻ، ڀيڻ ڏي سوکڙيون موڪليون. راشد کي پنهنجو سوٽ ڏاڍو ياد هو، ۽ دل ائين پئي چيس ته ماجد سان اجھ ملي ته سڀاڻي تي نه رکي. هن وٽ جيڪي به پنهنجيون سٺيون شيون ۽ رانديڪا هئا، سي هن سڀ چڱيءَ طرح ٻڌي، پنهنجي پياري سوٽ ڏي موڪليا؛ ۽ پڻ ان کي، توڻي چاچي، چاچيءَ ۽ پيءُ کي پنهنجا هٿ اکري خط لکيا، جن ۾ هن پنهنجي محبت ۽ اشتياق چڱيءَ طرح ظاهر ڪيو. زاهد پٽن ڏي هن ريت خط لکايو:
    ”منهنجا پيارا جگر بندو! اوهان جي پيار ۽ پياس جي پيغام، سڪ ۽ سچائيءَ جي سنيهي، خير ۽ خوشيءَ جي خبر ۽ محبت ۽ موهه جي مڪتوب؛ منهنجي ماندي من کي قرار ڏنو. اوهان جي درد، منهنجيءَ دل کي اوندهه ۽ ماتم سان پُر ڪري ڏنو هو، ۽ نااميديءَ ۽ نراسائيءَ مون تي نه رڳو سخت حملو ڪيو هو، مگر ان سان گڏ مون کي بلڪل پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو هو. اوهان جي والده به وِره ۽ وڇوڙي وچان ڪنهن به وندر جي ويجهو نه هئي. ۽ هن جي حالت مون کان به وڌيڪ خراب هئي. اسان ائين سمجهيو ويٺا هئاسين ته يا ته اوهين نافرمان ۽ ناخلف ٿي الائي ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ وڃي گرفتار ٿيؤ، يا ته خدانخواسته تقدير اوهان کي الائي ڪهڙي بحر ۾ اڇلايو هو، جتان عبور ڪرڻ اوهان کي اهنجو پئي لڳو ـــ انهيءَ کان وڌيڪ خوفناڪ ڳالهيون اسان جي دل تي هيون، مگر خدا جو شڪر آهي جو اسان جا اهي سڀ خيال خام ٿيا ۽ منهنجا نورچشم بلڪل نرمل ۽ نروار نڪتا، جنهنڪري نااميدي ۽ نراسائي، اسان وٽان پنهنجو سارو اسباب کڻي رمندي رهي.
    ”آءٌ پنهنجي بختاور ۽ روشن اقبال اولاد جي سموري خبر پڙهي ۽ ٻڌي از حد خوش ٿيس. ساڳيءَ طرح اوهان جا سڀ عزيز ۽ دوست به اهي خبرون ٻڌي تمام مسرور ٿيا. اسان سڀني خدا جي درگاهه ۾ شڪرانو بجا آندو ۽ پاڻ اها دعا گهري ته شل اوهان کي ڪوسو واءُ نه لڳي. اسان کي اوهان جي ملڻ جي تمام گهڻي حب آهي: آءٌ ته جيڪر هڪدم هليو اچان ها، ۽ سڄي ڪٽنب کي پاڻ ان کڻان ها؛ ڇاڪاڻ ته جي موسيٰ جبل تي نه ويو ۽ جبل موسيٰ ڏي ويو ته هڪ ئي ڳالهه آهي ـــ موسيٰ واسطي طوُرسينا تي معراج لکيل هو ۽ هن کي اهو ضرور ميّسر ٿيڻو هو، پوءِ ڀل ته هو پاڻ وڃي يا ڪو طوُر وٽس اچي. مگر آءٌ ڇا ڪريان؟ آءٌ لاچار ۽ نابين آهيان. راشد اڃا ننڍڙو ٻار آهي. اهڙيءَ حالت ۾ زنانا ماڻهو ساڻ ڪري، اهڙي دور دراز سفر تي هلڻ نٿو جڳائي ــــ نه ته اسان سڀني کي جيڪا سڪ آهي، انهيءَ جو اندازو ڪرڻ محال آهي.
    ”تنهن کان سواءِ، اسان جي پنهنجو گهر ٻار ڇڏي اوهان وٽ اينداسين ته گلا ٿيندي: چوندا ته ڪي اهڙا سڃا ۽ بکيا هئا، جو هاڻي پٽن جي روشن اقباليءَ جي خبر پئي اٿن، ته سڀ اوڏانهين سڻڀا ٽُڪر کائڻ لاءِ ڀڳا آهن. خود اوهان جي به شڪايت ٿيندي ته نابين پيءُ کي رلائي ماريو اٿن ـــ اهي سڀ خيال ڪري، لوڪ جي طعنن ۽ تنڪن جو ويچار دل ۾ رکي، اسان ايڏاهين اچڻ کان عاري آهيون. خود اوهان به اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته ائين ڪرڻ مناسب نه ٿيندو.
    ”توهين ائين هرگز نه سمجهجو ته اسان کي اوهان جو خط پهتو ۽ اسان جي سڪ پوري ٿي ـــ هرگز نه. اسان اوهان جي ملڻ لاءِ پريشان آهيون ۽ اسين هاڻي اوهان جي ملڻ جي ئي اميد ۾ جيون ٿا: اسان کي قوي اميد آهي ته اوهين جلد اسان سان ملي اسان کي نهال ڪندؤ.
    ”آءٌ ٻيو اوهان کي ڇا لکان؟ فقط ايترو وري زور ڏيندس ته اوهين جيترو جلد ٿي سگهيوَ، اوترو جلد ايندا، جو انسان جي حياتيءَ تي ڀروسو نه آهي. اسان ٻيئي تمام ضعيف ۽ نحيف ٿي ويا آهيون ۽ رات ڏينهن اوهان جي جدائيءَ جي جلڻ اسان کي جلائي ڇڏيو آهي. تنهن کان سواءِ، ماءُ جنهن جي پيرن جي تريءَ هيٺان بهشت آهي، انهيءَ جي رضامندي ۽ خوشيءَ جو اوهان کي وڌيڪ خيال رکڻو آهي. ماءُ جهڙو قرب ۽ پيار ڪنهن کان به ملڻو نه آهي: ماءُ ئي بک ۽ ڏک سر تي کڻي پنهنجو ٻار پالي ٿي. هن جي ئي پياريءَ گود ۾ ٻار پلجي وڏا ٿين ٿا. تنهنڪري اوهان تي ضروري آهي ته اوهين جلد کيس ملي هن کي خوش ڪيو، ـــ ماءُ جي خوشي ربّ جي خوشي آهي.
    ”پياري ماجد سان ملڻ جي به ڏاڍي حب آهي. اميد ته اوهين سڀ خوش خورم هوندؤ ۽ جلد اسان سان ملندؤ.
    ـــ ويراڳي، زاهد“
    اهو خط بند ڪرائي زاهد انهن سوارن جي حوالي ڪيو، جي خط ۽ سوغاتون کڻي روانا ٿيا. انهن جي وڃڻ تي زاهد کي البت خيال ٿيو ۽ هو اڳئين وانگر جيڪر و ماتم برپا ڪري ڏئي ها، مگر هاڻي دل کي تسلي هئس ۽ اميد هئس ته هو پنهنجا پيارا پٽ وري ڏسندو ـــ اهوئي سبب هو جو هاڻي خوش گذارڻ لڳو ۽ جڏهن به پٽن جو خيال پوندو هوس ته چوندو هو ته ”خدا جي فضل سان جلد ميلو ٿيندو“.
    بيشڪ نااميدي کي تمام زبردست طاقت آهي ۽ جڏهن هوءَ اها طاقت ڪم آڻي ٿي ته ٻيون سڀ طاقتون مات ڪيو ڇڏي. شل نه نراسائيءَ سان ڪنهن جو پابند اَٽڪي؛ پوءِ ان کان ڇٽڻ انسان کي محال ٿيو پوي: هو ڦٿڪندو گهڻو ئي، مگر هن جو ڦٿڪڻ اجايو آهي. هتي نه پڄي سگهجي ٿو ۽ نه وري ڀڄڻ واسطي ڪو گهٽ گهيڙ آهي. جڏهن انسان انهيءَ ڄار ۾ ڦاٿو ته اتانهون نڪرڻ آسان نه آهي.
    اهڙو انسان هڪڙي جهاز جي مثال آهي، جو ڪنهن وڏي سمنڊ تي زمين جي نشان کان گهڻو پري آهي ۽ ڪنهن ڏورانهين ڏيهه ڏي پيو وڃي. اونداهي رات آهي، ۽ انهيءَ ڪاري ڪارونڀار ۾ چوطرف کڻي جو نهارجي ته آسمان ۾ ڪو تارو به ڪونه آهي. جنهنڪري ڪا اميد ٿئي ۽ هن کي ڏسي خوشي حاصل ٿئي. اهڙي انڌوڪار ۾ ڪجهه زبردست طوفان برپا ٿي ويو هجي: سڄو سمنڊ تلاطم ۾ اچي ويو هجي ۽ ماڻهو سڀ خوف ۾ پيا ڏڪندا هجن؛ جهاز هيٺ مٿي لهرن ۾ پيو لرزي، ۽ شايد ڪنهن ٽَڪر تي جلد لڳي پرزا پرزا ٿي پوي يا اونڌو ٿي ٻڏي وڃي. هزارها جانيون سمنڊ جي مڇين ۽ مانگرن جو شڪار ٿي وڃن ۽ سمورو قيمتي اسباب به سمنڊ جي تري ۾ وڃي پئي ـــ اڃا اها مصيبت پئي هلندي هجي، ته آسمان ۾ سخت گجگوڙ ۽ کِوڻ پيدا ٿي پوي. هڪدم سخت ۾ سخت بارش اچي ڪِريٖ ۽ انهيءَ سان گڏ بجلي جهٽڪا پيئي هڻي، سڀ خلاصي ۽ ٻيا ماڻهو هينئر پنهنجي حياتيءَ کان نااميد هجن ۽ پڻ جهاز جو ڪپتان پنهنجي حڪومت کان هٿ ڌوئي سڄي جهان جي حاڪم کي ٻاڏائيندو وتندو هجي. سڀ ماڻهو ويچارا دانهون ڪندا هجن ۽ پنهنجي مالڪ کي عجز ۽ نياز سان پيا وينتي ڪندا هجن، ۽ اها خبر ڪانه پوندي هجين ته جهاز ڪاڏي جو ڪاڏي پيو وڃي، ۽ باقي ڪيترو وقت آهي جو هو سڀ هلاڪ ٿين.
    اهڙيءَ زبردست ڪشمڪش ۾ ڪنهن کي اميد هوندي ته هو ٿڙي ٿڦڙي وڃي ڪنڌيءَ تي پهچندو! پر ڌڻيءَ جي اها قدرت عجيب آهي جو ايتريءَ نااميديءَ ۾ هُو ڇا ڏسندا هجن ته هڪدم آسمان صاف ٿي ويو، پرهه ڦٽي ويئي، ۽ جهاز ٿوري زخم کان سواءِ بلڪل سالم آهي؛ ڪنڌي فقط ڪلاڪن جو پنڌ آهي، ۽ بندر به هڪ عجيب ۽ پر فضا منظر آهي. چوڌاري سبزي لڳي پيئي آهي، وڻ ٽڻ راتوڪي مينهن ۾ ڌوپي صاف ٿي پيا ٻهڪن. شهر به تختگاهه شهر آهي، جنهن جون اُچيون ماڙيون اهڙي وقت تي تمام خوشنما پييون لڳن.
    اهڙيءَ شديد نااميديءَ کان پوءِ جو خدا جي اهڙي نعمت عطا ٿئي ته ڪهڙي نه خوشي ٿيندي! هو سڀ ماڻهو اهڙو ته خوش هجن، جنهن جو بيان ڪرڻ اوکو آهي. خوشيءَ وچان پيا گيت ڳائين ۽ پنهنجي بچائيندڙ جا شڪرانا پيا بجا آڻين. مبارڪباديءَ جو هُل متو پيو هجي ۽ سڀ ماڻهو ائين پيا ٻهڪندا هجن، جيئن بهار جي موسم ۾ گل. باقي فقط ڪنڌيءَ تي پهچڻو اٿن، جنهن کي جلد پهچڻ جي قوي اميد اٿن، زبردست نراسائيءَ ۾ جڏهن اهڙي اميد پيدا ٿي ويئي هجي ته نااميدي ان جي اڳيان ڇا گهري؟
    اها ساڳي زاهد جي حالت آهي. هُو پنهنجي حياتيءَ جي جهاز تي سوار آهي. اڃا حامد جي هجر جو طوفان برپا ٿيل پورو ئي نه ٿيو آهي ته عابد جو جهوراڻو لڳو آهي، ۽ اهڙو جو ڄڻ ته سخت بارش ۾ بجلي ڪِري رهي آهي، انهيءَ ۾ زاهد کي نابينيءَ جو زخم ته پهچي ويو آهي، پر جلد هي جو اميد جو سبز باغ حمد جي خط ۽ قاصدن جي ڪتابت پيدا ڪيو آهي، اهڙو خوشيءَ جو باغ ڪو ورلي لڀندو. اهڙيءَ خوشيءَ ۾ اميد، مڙس جي دل کي قابو ڪري ڇڏيو آهي. هن کي يقين آهي ته ڄاڻ سندس جهاز ڪنهن خوشنما بندر تي لنگر هڻندو ۽ سالن جا وڇڙيا پٽ هن کي ملندا.
    پوءِ نااميديءَ کي اهڙيءَ حالت ۾ ڪهڙي طاقت ٿيندي جو انهيءَ آس ۽ اميد سان مقابلو ڪري ان کي شڪست ڏيئي سگهندي؟ هرگز ڪابه نه. هينئر اميد جي سلطنت قائم آهي ۽ نراسائيءَ کي نراس رهڻو آهي. هينئر نااميديءَ کي حڪم ملي چڪو آهي ته جلد پنهنجو ٻوري بستر ٻڌي رواني ٿي وڃي. سندس وڌيڪ رهڻ جو ڪوبه ضرور ڪونه آهي. جلاوطنيءَ جو حڪم هن جي واسطي صادر ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هن کي هڪدم اوڏانهين وڃڻو آهي ۽ هن کي ڇا مجال آهي جو اهڙو حڪم نه مڃي؟


    باب تيرهون : جهان آرا پردي ۾

    ڪجهه ڏينهن گذريا، لطيف ۽ سندس گهر واريءَ کي خيال ٿيو ته جهان آرا وڏي ٿي هئي ۽ هن کي پردي ۾ ويهارڻ ضروري هو. ماڻهن ۾ به اها چؤٻول پئي هلي ۽ هُو پنهنجي معمولي دستور موجب گهڻائي بُنڊ ٻڌڻ لڳا. ڪو ڪيئن پيو چوي، ڪو ڪيئن. لطيف غيرت وارو انسان هو ۽ هن کي ماڻهن جو چؤٻول ۽ طعنيبازي ڪانه وڻي؛ پر بادشاهه سلامت کي ڪيئن چئي، اها ڳالهه ڏکي پئي لڳيس.
    نيٺ ويچار ڪري وڃي حامد کي چيائين، جنهن سڄي ڳالهه ٻڌي کيس پهرين ته وعظ ۽ نصيحت ڪئي ته سندس خيال سڀ بيجا هئا ۽ ماڻهن جو سدائين اهو ڪم ئي رهيو هو ته وتن رڳو ڊنگ ڊاهيندا. انهن جو خيال ڪرڻ اجايو هو، ۽ لطيف جي ائين ڪرڻ مان جهان آرا جي تعليم کي نقصان جو انديشو هو. تنهن هوندي به نوَ ورهيه ڪا ايڏي وڏي عمر ڪانه هئي، جو خواهه مخواهه اهڙي سلڇڻي ٻار کي پردي ۾ بند ڪجي.
    حامد گهڻو ئي پاڻ پتوڙيو، پر لطيف هڪ تي ٿي بيٺو. مجبور ٿي حامد بادشاهه سلامت کي عرض ڪرڻ واسطي وعدو ڪيو، ۽ لطيف اهو وعدو وٺي گهر ويو. حامد کي تمام گهڻا خيال وڪوڙي ويا ـــ دل ائين هرگز نٿي باسيس ته ڪو جهان آرا پردي ۾ ويهي پنهنجي تعليم کي قطع ڪري، ۽ جهان خان جي صحبت ٽوڙي. هن جي دل مان اميد ڇڏائي نه ويئي هئي. خيال هوس ته من ڪنهن ڏينهن ڪو چڱو گهاٽ گهڙجي پوي، مگر لطيف جو رايو موٽائڻ مشڪل ٿي لڳس. آخر هو پيءُ هو ۽ تنهنڪري وارث ۽ وس وارو.
    حامد بادشاهه سلامت سان اهو ذڪر ڪيو ۽ هن کي سڄي حقيقت پيش ڪئي. اهڙيءَ حقيقت ملڻ سان بادشاهه سلامت کي ڪوبه چارو ڪونه هو ــــ جيتوڻيڪ هن جي دل کي اها ڳالهه نه پئي وڻي. مجبور ٿي بادشاهه سلامت به هائو ڪئي، ۽ لطيف کي اجازت ملي ته جهان آرا کي ڀلي پردي ۾ ويهاريو وڃي.
    لطيف، جهان آرا کي پردي ۾ ويهاريو. هاڻي هوءَ گهر کان ٻاهر نڪرڻي نه هئي. چنڊ کي گرفت ٿيندي آهي ته ٿورو وقت؛ سج وٺبو آهي ته جلد ئي خلاص ٿيندو آهي، مگر هي سج ۽ چنڊ هميشہ واسطي وٺجي ويو. هاڻي هن جي روشنائي ۽ چمڪ، گرميءَ ۽ تاب مان ڪنهن کي به فائدو نه پهچڻو آهي. گهر جي چوديواري هن جو گذرگاهه بڻڻو آهي ۽ انهيءَ مہ لقا جو ديدار ڪنهن کي به نصيب نه ٿيڻو آهي.
    جهان خان کي اڪيلو مدرسي وڃڻو آهي. جهان آرا جي لاثاني صحبت جنهن جي ڪري هن جو جوهر زياده تيز ٿيو هو، هاڻي هن کي ميّسر نه ٿيڻي آهي. هو تمام مونجهو ٿئي ٿو. جهان آرا جي يادگيري هن جي دل تان نٿي وڃي. ڪجهه وقت لاءِ ته هن کان ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ٿو پڄي ۽ هُو پنهنجي اڪيلائي برداشت نٿو ڪري سگهي. هيترن سالن جي صحبت هڪ لحظي اندر پوري ٿي وڃي ٿي. تمام گهڻو ڏک ٿئيس ٿو، مگر لاچار آهي ـــ هن جي وس ۾ هجي ها ته ائين هرگز ڪرڻ نه ڏئي ها.
    خير ڪجهه عرصو گذري ٿو؛ ٻيا سنگتي ساٿي ملنس ٿا؛ اڳيون خيال ميٽجي وڃيس ٿو ۽ هاڻي هو پنهنجي ڪم ڪار تي به محڪم آهي ۽ سنگتين سان به خوش پيو هلي. ڪڏهن ڪڏهن جهان آرا جي يادگيري پئي پويس، جنهنڪري ڪجهه وقت ڏک به پيو ٿئيس ۽ پاڻ کي اڪيلو به پيو سمجهي؛ مگر جيئن وقت گذرندو وڃي ٿو، تيئن جهان آرا ڄڻڪ هن جي دل جي پٽيءَ تان ميٽجي وڃي ٿي.
    وري جهان آرا جي حالت ڏسجي، ته هن کي ته ڄڻ خبر ئي ڪانه پيئي پوي ته هي ڇا ٿيو. هوءَ ڏاڍي تعجب ۾ آهي ته هي ڇا ٿيو، ڇو ٿيو، ۽ ڪيئن ٿيو! ڪڏهن جهان خان ياد پيو اچيس؛ ته ڪڏهن استاد پيا دل تي چڙهيا اچنس؛ ڪڏهن حامد جي يادگيري پيئي پويس ته ڪڏهن بادشاهه سلامت جي. ڪڏهن ته وري اهڙيءَ ڌُن ۾ ويٺي هجي جو ڪو خاص خيال ڪونه هجيس ۽ هوءَ نسيان ۾ گرفتار هجي. اڪيلائپ ۾ هوءَ پاڻ کي زياده تنها ۽ خالي پيئي سمجهي. اهڙي حالت ۾ ڪجهه ئي نه پيو سُجهيس ته هوءَ ڇا ڪري!
    ماڻس ڪڏهن ڪڏهن اچيو ڀر ۾ ويهيس ۽ سندس مُوڙهٽ جو سبب پڇيس، مگر هوءَ ڇا سلي؟ نڪي ڪا خاص سلڻ جي ڳالهه به هجيس جو کڻي ماءُ کي ٻڌائي. لطيف هن کي ايترو موڙهل ڏسي بعضي سختيءَ سان به پيو پيش اچيس. اتي هن جي حالت رحم جهڙي ٿيو پوي. هڪدم اکين مان آب جاري آهي ۽ دل تي ڏک جو انڌوڪار اچي وڃي ٿو.
    اهڙيءَ حالت ۾ هوءَ ڪاڏي ٿي ڪاڏي وڃي. ڪوشش ته گهڻي پيئي ڪري ته سڀ ڳالهيون جيڪر دل تان لهي وڃنس، مگر اهو مشڪل هو. هن جي دل تي تمام گهڻو ڏک بيٺل هو ۽ اوچتو ئي اوچتو جو بند ٿي هئي، سو قيدين کان گهٽ پنهنجي حالت نه پئي سمجهيائين. هن جي دل جي سلي کي گهُڻو وٺي ويو هو ۽ هن جو بدن هاڻي ضعيف ٿيڻ لڳو. جهان خان جي تصوير هن جي اکين اڳيان پئي ڦِري ۽ اهڙو جو ڄڻڪ هن کي ڪو ڀوت لڳي ويو هو، جنهن کان هوءَ پاڻ ڇڏائي نه پئي سگهي.
    گهڻوئي عرصو گذري ويو: سالن جا سال لنگهي ويا، مگر اهو جهوراڻو نه ويس. وڏي مصيبت ته اها هيس جو ڪنهن سان پنهنجو درد به اوري نٿي سگهي ـــ جڏهن صفا بالغ ٿي ۽ جوانيءَ جا جوهر تيز ٿيا: ساري رنگت بدلي، ۽ هوءَ زالن جهڙي زال ٿي، ته دل جا اُمنگ زياده اُڀريس ۽ پنهنجي لالڻ جي لوُن ۽ يادگيري وڌيڪ ٿيس.
    انهيءَ وقت ڪو جهان آرا کي ڏسي ها! سج ۽ چنڊ به هن جي سونهن جي اڳيان شرمندا هئا. سونهن ۽ سوڀيا ۾ ته جهڙس ڪونه هو، مگر جهنگلي گلن وانگر کيس جهنگ ۾ ئي ڪومائجي وڃڻو هو. اهڙي سهڻي گل کي سنگهڻ يا ڇُهڻ ڪنهن کي به نصيب نه ٿيڻو هو. باوجود انهيءَ جوانيءَ ۽ جمال جي سندس منهن مان نراسائي نروار هئي، ۽ سندس نراڙ تي موڙاهٽ ۽ پيشانيءَ جا گهنج ظاهر هئا. هن کي ڪابه خوشي ڪانه هئي ۽ هن ائين ٿي سمجهيو ته هن جي قبضي مان ڄڻ سموري خوشي هلي ويئي هئي؛ ۽ اهو انسان جيڪو سڄي جهان جو سينگار هو، اهو پنهنجي واسطي ”عين عذاب“ هو.
    جهان آرا کان نه رڳو پنهنجو هار سينگار وسري ويو هو، بلڪ هن کان پنهنجو پاڻ ئي دل تان لٿل هو. هينئر جهان خان واسطي اڳئين کان زياده محبت هيس، ۽ فراق جي ڦٽن سندس دل ۾ زياده تپش ۽ جلڻ پيدا ڪئي هئي. اها باهه پئي ڀڙڪي، اهو جوش ۽ جولان طاري هو، اهو امنگ برپا هو، جنهن جي ڪابه حد ڪانه هئي. اهڙيءَ حالت ۾ جي ڪو دل جليو ڀرسان هجيس ها ته ضرور جلي ڪباب ٿي وڃي ها؛ مگر اهڙي آڙاهه جي ويجهو ڪوبه ڪونه هو.
    جهان آرا جهڙو پُرنُور انسان دنيا جي پيٽ مان خير ڪي ڄائو هو؛ مگر انهيءَ شمع مان نُور جي ملڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي. هوءَ زندگيءَ جي ساز ۽ سامان کان هاڻي بلڪل نراس هئي ۽ پنهنجي حياتيءَ تان آسرو لاهي ڇڏيو هئائين. انهيءَ ڌُن هن کي تمام تنگ ڪيو هو، ۽ سيني جي سوز هن جي جگر ۽ ساري جسم کي جلائي خاڪ ڪري ڇڏيو هو.
    ظاهر پئي ڏسڻ ۾ آيو ته جهان آرا لاچار هئي ۽ هن کي ڪا جگر جي بيماري وٺي ويئي هئي. هوءَ هاڻي بستري داخل ٿي ۽ دل ۾ يا ته جهان خان جو خيال هئس، يا ته موت جي تمنا هوندي هيس. لطيف ۽ سندس گهر واريءَ سمجهيو ته هوءَ سخت بيمار آهي؛ ۽ پاڻ به ائين پيئي ظاهر ڪري. طبيب گهرايا ويا جن علاج شروع ڪيا، مگر هو روز نجهرڻ لڳي. ملان موراڻا پڇايا ويا، جن فالون وڌيون، تعويذ ڦُل ڪيا، ڌوپ واس ڏنا؛ مگر ڪوبه فائدو ڪونه پيو؛ نه جگر جي گرمي نڪتي، ۽ نڪو جنّ يا ڀوت ظاهر ٿيو.
    جهان آرا جي حالت زياده خراب ٿي ويئي. لطيف کي هاڻي جهوراڻو ٿي پيو ۽ سندس گهر واريءَ ته خوب ماتم برپا ڪري ڏنو. خليل به هاڻي وڏو ئي ٿيو هو. هن کي به پنهنجي ڀيڻ جو خيال گهڻو هو. سڄو گهر انهيءَ ۾ هو ته ڪيئن به ڪري هوءَ تندرست ٿئي.
    لطيف شاهي حڪيم کي سڄو ذڪر ٻڌايو. هن نبض ڏٺي، مگر ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ ڪانه آيس. بلڪل حيران ٿي ويو ۽ ڳچ وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. دل جي راز جي خبر ته ڪنهن به حڪيم کي ڪانه پوي. هُو تمام منجهي ويو ۽ لطيف کي چيائين ته ”ظاهر ڪابه بيماري ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي. بهتر ائين ٿيندو ته جوگندراناٿ نجوميءَ سان صلاح ڪجي.“
    جوگندراناٿ سان صلاح ڪئي ويئي. جنهن جهان آرا جي تقويم ٺاهي تيار ڪئي، ۽ ڪن نحس تارن تي تهمت رکي. عطارد ۽ ڪيوان جي نحوست تمام گهڻي هئي ـــ جهان آرا جي قسمت تي ڪڪر اچي ويو هو، ۽ هن جي زندگيءَ جي ڌار تمام ڇوٽي ٿي ويئي هئي ۽ هن جي حياتي باقي بلڪل ٿوري ٻڌائي ويئي ـــ اصلوڪو درد نه طبيب سمجهيو ۽ نه تارن جي ڄاڻندڙ پنهنجي علم جي وسيلي هٿ ڪيو.
    اهو ٻڌي لطيف ته وائڙو ٿي ويو. گهر ۾ جڏهن ڳالهه ڪيائين ته اهڙو حشر برپا ٿي ويو، جو الامان و الحفيظ! سندن روڄ ۽ راڙي خود انهن نحس تارن کي جنبش ۾ آڻي ڇڏيو. ماءُ پنهنجين رڙين سان آسمان کڻي مٿي ڪيو. خود عطارد ۽ ڪيوان تائين هن جون رڙيون پهتيون. خليل به وڏو ئي ماتم ڪيو. جهان آرا کي به سڄي خبر پيئي، پر هن ڪڇوئي ڪين ـــ هوءَ ته جيئڻ کان تنگ هئي، انهيءَ ۾ هئي ته جي سندس حياتيءَ جو ڌاڳو ڪپجي پئي ته چڱو؛ ڇاڪاڻ ته اهڙي جيئڻ مان هن کي ڪوبه فائدو ڪونه هو ۽ ڪوبه مزو نه پئي آيس.
    خيال آيس ته پنهنجو سڄو قصو ماءُ ــ پيءُ کي ٻڌائي ـــ نه رڳو حياءُ منع ڪيس، مگر ٻيون ٻه ڳالهيون به مانع هيس: هڪ ته اهو خيال آيس ته جي ڳالهه ڪڍندي ته ڪو جهان خان کيس ملي ڪونه پوندو. هُو بادشاهه جو پٽ هو ۽ پاڻ غريب مالهيءَ جي ڌيءَ هئي؛ ٻي ڳالهه اها هئي ته سندس ماءُ ـــ پيءُ ڇا سمجهندا. سندن ٿوروئي گمان سندس عزت ۾ خلل وجهي ها، تنهنڪري ماٺ ۾ هئي ۽ ايندڙ مصيبت واسطي منتظر. رات ڏينهن ۾ اهو خيال هئس ته
    پنهل ري پهت ٻيو ڪهڙو اٿئي ڀنڀور سان ڀوري،
    جيئين ڇو ٿي جتن ڌاران، محبن ريءَ مرڻ گهرجي.
    انهيءَ ڪري هوءَ رات ڏينهن موت کي پڪاريندي هئي ته اچي انهن جهڳڙن کي ختم ڪري ـــ مصيبت زدن، ظلم رسيدن ۽ بيواهن واسطي انهيءَ مِٺي موت کان سواءِ ڪو چارو ڪونه هو، ۽ هن جي واسطي اهو مٺو موت جيترو جد اچي ها اوترو بهتر هو.
    جهان آرا هاڻي نراسائيءَ ۽ نااميديءَ جي زبردست موج ۽ گرداب ۾ هئي؛ انهيءَ موت کي پنهنجو حبيب ۽ طبيب ۽ درد جو دارون سمجهائين ٿي. انهيءَ موت ۾ ئي اميد هيس ته فراق جي ڪاري ڪارونڀار مان ڪڍي، من دل جي صدمن ۽ جگر جي جولانن کان بچائي، ڏکن ۽ ڏوجهرن کان آرام ڏئيس.
    جهان خان ۽ جهان آرا جي حالتن جي وچ ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي: جهان آرا جنسِ لطيف يعني عورت جي وفاداريءَ جو مجسم پُتلو آهي. هن جو جهوراڻو بند ٿيڻ وارو نه آهي. جهان خان، جيڪو جنس ذڪور يعني مردن مان هڪ آهي، انهيءَ جي حالت ڏٺيسون ته ڪيترو وقت جٽاءَ ڪيائين. اڃا به ويچاريءَ عورت تي اهو بدنما داغ ڏنو وڃي ٿو ته هوءَ بيوفا آهي! شيڪسپيئر کي قبر جي تاريڪيءَ کان ڪڍي ٻاهر ڪريو ۽ پڇوس ته ”اهڙيءَ حالت ۾ به تون چوندين ته بيوفائي ۽ عورت هڪ چيز جو نالو آهي؟“ سعدي کي به هن دنيا جي ميدان ۾ آڻي پڇوس ته ”اهڙيءَ حالت ۾ چئي سگهندو ته عورتن جو ڪم بيوفائي آهي؟“
    اي بيوفا مرد؟ لکين به تون ته پڙهين به تون. قلم تنهنجي هٿ ۾ آهي، پوءِ ڇو نه تون پنهنجي ساراهه سان ڪاغذ ڪارا ڪندين. تو ويچاريءَ عورت تي زبردست ظلم ڪيو آهي، ۽ پنهنجي نابڪاريءَ ۽ بيوفائيءَ جو ته ڪوبه داستان ڪونه لکيو آهي: مگر ياد رک ته هوءَ ضعيف آهي ۽ ضعيفن سان ظلم چڱو نه آهي. ڪنهن دل جليي چيو آهي ته ”ضعيف جي دل تي محبت گهڻو وقت اثر ڪري ٿي ۽ انهيءَ جو ڳرو بار آخر هن کي نوايو ڇڏي.“ جڏهن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ محبت پيدا ٿيو پوي ته جيڪو ٻنهي ۾ زياده زور وارو آهي، انهيءَ تي ڪوبه اثر ڪونه ٿو ٿئي، جڏهن هُو انهيءَ محبت کان پاڻ کي آزاد ڪرڻ چاهي ٿو ته مصيبت اچيو ويچاري ضعيف جي گردن تي پوي. جهان خان به جيڪڏهن جهان آرا وارو شيوو اختيار ڪري ها ته سڀڪجهه ٿي پوي ها، ۽ شايد اهڙو رستو گهَڙجي پئي ها جو هُو ٻيئي پاڻ ۾ هميشه واسطي گڏ هجن ها ــــ مگر افسوس جو ائين نه ٿيو.


    باب چوڏهون : عابد جو سفيد پوش سميت اچڻ ۽ ٻنهي ڀائرن جي ڳوٺ جي تياري ۽ واپس رونق آباد اچڻ

    عابد ننڊ مان اٿيو ته ڇا ڏسي ته اهو ڳنوار سندس ڀرسان ويٺو آهي. ڳنوار کي ڏسي ٽپ ڏيئي اٿي ويٺو. ڳنوار چيس ته ”ابا، مس اسان جي يادگيري ڪيوَ. ڀلا ڀاءُ وٽ عيش ۾ ويهجي ويؤ ۽ پنهنجي زبردستي هلائڻ لڳؤ. اسان کي پنهنجو حُليو بدلائڻو پيو ۽ توهان جي ڊپ کؤن هاڻي هي ويس اختيار ڪيو اٿئون.“
    عابد جان کڻي ڏسي ته مار! هي ته اهوئي سفيد پوش هاڻي ٻئي پوش ۾ آهي. هڪدم اٿي پيرين پيو ۽ ڏاڍو خوش ٿيو. فقير به کڻي ڀاڪر وڌس ۽ پاڻ ۾ اهڙيءَ طرح ته گڏيا جيئن ڪي ورهين جا وڇڙيل ملندا آهن. فقير صاحب ڪجهه وقت طعنيبازي ته ڪئي، مگر اها طعنيبازي به محبت جو نشان هئي.
    ڪجهه وقت کان پوءِ هو اٿيا ۽ هڪڙيءَ جهوپڙيءَ ڏانهن روانا ٿيا. اتي ڪجهه مانيءَ ٽڪر کاڌائون. رات ٿي هئي. هڪٻئي کي سڀ حال احوال ڏنائون. عابد، فقير کان بادشاهه جي رشتي بنسبت پڇيو. فقير پهريائين ته انڪار ڪيو، مگر نيٺ سچي ڪرڻي پيس ته هو بادشاهه جو ننڍو ڀاءُ هو. عابد ٻڌايس ته بادشاهه جي ڏانهنس ڪيتري حب هئي. اهو به ٻڌايائينس ته سندس وڏو ڀاءُ ڪيئن فوت ٿيو هو ۽ انهيءَ جي دعا سان بادشاهه کي هڪڙو پٽڙو ڄائو هو.
    گهڻي رات تائين حال احوال ڏيئي سمهي پيا. صبح جو اٿيا ۽ شهر جون ڳئون اچڻ لڳيون. هي ٻيئي جهنگ ۾ ڳئون چارڻ ويا. ائين ڪجهه ڏينهن گذرين. عابد جي دل هاڻي وطن واسطي وڌيڪ تانگهڻ لڳي. فقير کي عاجزي ڪيائين ته هن سان گڏ رونق آباد هلي. فقير کي گدائيءَ جي شاهي ترڪ ڪرڻ ڏکي ٿي لڳي ۽ وري پنهنجي اصلوڪي هنڌ ۽ اسلوڪي حالت ۾ گُذارڻ اهنجو پئي لڳس؛ مگر جنهن ماڻهوءَ کي سندس ايتري حب هئي ۽ جنهن ايڏا ڪشالا ڪڍي نيٺ کيس هٿ ڪيو هو، انهيءَ کي انڪار ڪرڻ به مشڪل پئي نظر آيس ـــ نيٺ هائو ڪيائين ۽ هو ٻيئي پنهنجا معمولي ويس ڍڪي روانا ٿيا.
    هينئر نه جوڳي ٿي جان کي جلائڻو هونِ، ۽ نڪو خاص حُليو اختيار ڪرڻو هونِ. جڏهن هنن کي وڃڻو ئي رونق آباد هو ته ٻِي رونق وٺڻ مناسب نه سمجهيائون. هاڻي نه فقير کي پاڻ لڪائڻو هو ۽ نه هُو جتي ڪٿي تيز سواريون هٿ ڪري، ورهيه کن ۾ تکي ۽ ڪَٺن مسافري پوري ڪري اچي رونق آباد پهتا ۽ سڌو حامد جي گهر آيا.
    سڄي گهر ۾ انيڪ خوشي برپا ٿي ويئي. حامد ته ٺهيو پر ماجد جو ننڍڙو ڀاءُ جنهن کي اڃا ڪابه خبر ڪانه هئي، اهو به ڏسجي ائين پيو ته ڏاڍو سرهو هو. حامد جي زال عابد کي ڏاڍا ڏوراپا ڏنا ۽ رُني، مگر عابد چيس ته ”هاڻي جلد وطن هلنداسين ۽ تون پنهنجيءَ ڀيڻ سان اول خير ته جلد ملندينءَ.
    اهو ٻڌي هوءَ ڏاڍو خوش ٿي. فقير صاحب، عابد ۽ حامد، ٽيئي گڏجي بادشاهه وٽ آيا. بادشاهه سلامت اها خبر ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. هڪدم ٻاهر نڪري آيو ۽ پنهنجي ڀاءُ سان اوڇنگارون ڏيئي رنو. گهڻيءَ مشڪل سان ٻنهي کي پرڀايو ويو. تنهن کان پوءِ عابد سان ڀاڪر پائي مليو ۽ هن کي نراڙ تي خوب چميون ڏنائين. عابد جي ڪري ئي هو پنهنجي وڇڙيل ڀاءُ سان مليو هو، پوءِ ڪيئن نه هو عابد سان گهڻي قرب ۽ محبت سان ملي؟
    چارئي ويٺا. ڪجهه وقت ماٺ هين. نيٺ جهان خان آيو جو چاچي کي اچي پيرين پئي مليو. هن به کڻي ڇاتيءَ سان لاتس. آخر هن جو به اولاد اهوئي هو. پوءِ جهان خان عابد سان مليو. تنهن کان پوءِ بادشاهه کي عرض ڪيائين ته قبلهء عالم، اندر حرمسراءِ ۾ سڀ ماڻهو تمام منتظر آهن ۽ عرضدار آهن ته چاچو سائين اندر آندو وڃي.“ بادشاهه، عابد ۽ حامد کي ڪجهه وقت رخصت گهري پنهنجي ڀاءُ کي اندر وٺي ويو ــــ ڪلاڪ کن کان پوءِ ٻيئي ٻاهر آيا.
    بادشاهه سلامت، عابد کان سمورو احوال ورتو ۽ اهڙو ته خوش ٿيو، جنهن جي ڪا حد ڪانه هئي. هن جي سپہ سالاريءَ جي پرواني جو حڪم ڪيائين؛ مگر عابد عرض ڪيو ته ”جيئندا قبلا، حضور جو حڪم اکين تي آهي، مگر هاڻي جيئن حضور جو ميلو پنهنجي پياري ڀاءُ سان ٿيو آهي، تيئن جيڪر اسان ٻنهي ڀائرن کي به اجازت ملي ته وڃي پنهنجي پيءُ ماءُ، عزيز خويش ۽ آل عيال سان ملون ته بهتر؛ هُو به تمام رنج هوندا ۽ اُنهن کي راضي ڪرڻ اسان جو فرض آهي.“
    بادشاهه سلامت وڏيءَ خوشيءَ سان اِجازت ڏنين، مگر ٻنهي ڀائرن کان اهو انجام ورتائين ته جلد ۾ جلد هو پنهنجي ڪٽنب جي سڀني ڀاتين کي وٺي واپس ايندا. سوارين جو انتظام ڪيائين، تنبو ۽ طولان ڏنائين، رسالي جو حڪم ڏنائين ته ويهارو کن ماڻهو هٿيارن سوڌا ساڻن وڃن، سيڌو سامان پڻ ڏنائين. مطلب ته سموري سنبت ڄڻ ته کيس ڪرڻي هئي سا ڪيائين. ٻن ــ ٽن ڏينهن اندر سمورو انتظام ٿي ويو ۽ قافلو تيار ٿي هليو.
    گهوڙيسوار اڳ اطلاع واسطي موڪليا ويا هئا. قافلو به تيز هليو ۽ ستت ئي اچي سڀ پنهنجي منزل مقصود تي پهتا. ٻيئي ڀائر اچي پنهنجي والد جي قدمن پيا ۽ هن کي ڳلي لڳا. زاهد جي خوشيءَ جو پيمانو پُر هو. اڄ هن جي دل جون اميدون پوريون ٿيون هيون. ٻنهي پٽن ۽ پوٽن ۽ پنهنجي ڀائٽيءَ ۽ ننهن سان ميلو نصيب ٿيو هوس. هو انهن سڀني تان قربان ٿيڻ لڳو. اڄ هن جي ويل دلڙي وري هئي ۽ هن کي پنهنجا اکين جا ماڻڪ عطا ٿيا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ يعقوب وانگر پنهنجي اکين جي نُور سان پنهنجا نُور نظر ڏسندو ڇا؟ ڇو نه؛ ڌڻيءَ جي قدرت جا نيارا کيل آهن. پنهنجي اولاد جي ميلي جي خوشيءَ ۾ هن جون ٻيئي اکيون روشن ٿي پييون ۽ هُو هاڻي چٽين اکين سان سڀني کي ڏسي سگهيو! سڄي هٿ جي چيچ ماجد سان هوس، کٻي ڪلهي تا واجد، ۽ کٻي پاسي انهن جي ماءُ؛ پٺيان حامد ۽ عابد پئي آيس، تان جو هو گهر ۾ اندر گهڙيو. راشد سڀني جي اڳيان خوشيءَ مان ٻهڪندو پئي ويو.
    ٻيئي ڀينر پاڻ ۾ ڳِلي لڳي مليون. حامد ۽ عابد کي ماءُ خوشيءَ منجهان نرڙ تي ۽ اکين تي چميون ڏيئي ملي. پنهنجن پيارن پوٽن کي ڀاڪر ۾ کڻي کنيائين. عابد جي زال پنهنجي ننڍي ڏير سان ملي ۽ پنهنجن پيارن ڀاڻيجن کي ڇاتيءَ سان لاتائين. انهن مان هن کي پنهنجي پيءُ جي سڪ ۽ آسيس پئي آئي.
    سڄي گهر ۾ عيد ٿي ويئي. زاهد جون اکيون کليل ۽ روشن ڏسي، سڀ شوق ۽ خوشيءَ وچان شڪرانا ڪرڻ لڳا. نه رڳو اڄ زاهد جي گهر ۾ عيد هئي، بلڪ سڄو شهر خوشيءَ ۾ نه پيو ماپي. ٻاهر ماڻهن جا حشام اچي گڏ ٿيا. مٽ مائٽ سڀ اچي حاضر ٿيا. مبارڪباد جي ڌم مچي ويئي. ٿورو وقت اندر ويهي، زاهد ٻنهي پٽن ۽ راشد ۽ ماجد سوڌو ٻاهر آيو. حامد ۽ عابد پنهنجا پراڻا سنگتي ۽ ساٿي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيا.
    شهر جي ماڻهن کي گهڻن قسمن جي خوشي هئي. هڪ حامد ۽ عابد جي مرتبي جي خوشي بلڪ فخر هونِ، ۽ ٻيو ته پنهنجي دل گهريي زاهد جي خوشيءَ ۾ هو خوش هئا. وري جو ڏٺائون ته زاهد کي اکين جي ويل روشنائي واپس مِلي، سو هُو ڏاڍو گد گد ٿيا. سڄو شهر پلٽجي پيو هو. بگل ۽ باجا بنا ڪوٺڻ جي اچي ويا هئا ۽ ڏاڍي رونق لڳي. ديڳيون چڙهي ويون ۽ عجيب جشن نظر آيو.
    اندر گهر ۾ به سڄي شهر جون زالون اچي وييون. سهرن ۽ ڳيچن جي ڌم ڌما لڳي ويئي. فقير فقرا دان وٺي دعائون ڪندا ويا. زاهد ۽ شهر جي ماڻهن خوشيءَ ڪرڻ سان ڪين گهٽايو. گهر گهر شادي ٿي ويئي. دعوتن جو وسڪارو لڳي ويو. ڪجهه ڏينهن اها خوشي هلي ـــ نيٺ جشن جو جوش هٽيو، مگر زاهد جي خوشي نه گهٽي؛ هُو خوشيءَ وچان ڄڻ جوان ٿي پيو هو.
    ڪجهه ڏينهن ٿيا ته بادشاهه سلامت بيچين ٿيڻ لڳو. هڪدم ٻه وڏا عهديدار ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو موڪليائين ۽ زاهد ڏي هيٺينءَ ريت خط لکيائين؛
    ”اخيء محترم، تسليمات بعد واضح هجي ته اوهين پنهنجو اولاد ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا هوندؤ. اوهان جي خوشي منهنجي خوشي آهي ۽ تنهنڪري لازمي آهي ته منهنجي راحت اوهان جي راحت هئڻ گهرجي. جنهن ڏينهن کان وٺي وزيراعظم ۽ ميان محمد عابد ويا آهن، انهيءَ ڏينهن کان وٺي مون کي بيقراري رهي آهي. هنن سان جيڪا منهنجي خاطر ۽ محبت آهي، اها اوهان کان ڳجهي نه هوندي. تنهن کان سواءِ خود اوهان کي ڏسڻ جو ڏاڍو شوق اٿم. مهرباني ڪري جيترو جلد ٿي سگهيوَ اوترو جلد اوهين پنهنجي ساري قبيلي سوڌو اچي مون کي خوشي ۽ راحت بخشيو؛ ۽ منهنجي دعوت قبول فرمائي مون کي سرفراز ڪيو. شهزادو صاحب به وزير صاحب کي گهڻو ياد ڪري ٿو ۽ ميان محمد عابد کي به گهڻا سلام چوي ٿو.“
    اهڙيءَ طرح حامد ۽ عابد کي به خط لکيو هئائين؛ ۽ سفيد پوش به عابد کي هڪ لنبو داستان لکيو هو. زاهد سمورو احوال پڙهيو. عابد ۽ حامد به پنهنجا خط پڙهيا. زاهد کي اهو خيال آيو ته ڪنهن به حالت ۾ بادشاهه سلامت کي راضي ڪرڻ گهرجي. شهر جي ماڻهن گهڻيئي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن ته طعنيبازيءَ جا تير به هنيا، مگر زاهد پنهنجيءَ ڳالهه تان نه مڙيو. هو بلڪل تيار ٿي بيٺو ۽ ٿورن ڏينهن جي اندر سموري تياري ٿي ويئي ـــ پٽن کان سواءِ جو زاهد اڪيلو رهي ها، سو پراڻو وقت ڪونه ٿي سجهيس ڇا؟
    بادشاهه سلامت جي قاصدن به اچي خبر ڏني، ۽ هي قافلو تمام تيز هلي اچي رونق آباد ۾ رونق پذير ٿيو. سرڪاري ڪامورا ۽ شهر جا ماڻهو استقبال واسطي شهر کان ٻاهر آيا. بادشاهه سلامت پنهنجي پاران جهان خان کي موڪليو هو. جهان خان، ماجد سان مليو ۽ راشد سان به آشنائي رکيائين. قافلو شانَ ۽ شوڪت سان شهر ۾ وارد ٿيو ۽ سڌو حامد جي رهڻ واريءَ جاءِ ۾ اچي پهتو.
    سڀ اسباب لاٿو ويو. مستورات اندر جاءِ نشين ٿيون. شهر جا ماڻهو ۽ سرڪاري ملازم به پنهنجين جاين تي ويا. جهان خان، زاهد، عابد ۽ ماجد چارئي گڏجي شاهي محل روانا ٿيا، جتي بادشاهه سلامت ۽ سندس پياري ۽ محترم ڀاءُ سان مليا. پاڻ اتي کانو کاڌائون ۽ بادشاهه سلامت ٻين ڀاتين واسطي کانو اوڏانهين روانو ڪيو ــ ڪجهه ڏينهن ته بادشاهه سلامت جا مهمان هئا.
    زاهد جي محبت مان بادشاهه سلامت کي پنهنجي پراڻي وزير جي بوءِ پئي آئي. عابد پنهنجي رهنما ۽ رهبر کي هميشه واسطي گڏيو، ۽ هاڻي لشڪر جي سپهه سالاريءَ جو عهدو هلائڻ لڳو. حامد پنهنجي ڪم سان لڳي ويو. فقيرن جي صحبت ٻنهي ڀائرن کي جوڙي ڇڏيو هو ـــ اهو حق آهي ته سچن درويشن جي صحبت انسان کي ٺاهيو ڇڏي ۽ ٺاهي به ائين ڇڏي، جيئن ٽامي منجهان سون بنجي پوي. فقط شرط اهو آهي ته سچا فقير هجن جي ڌڻيءَ جي واٽ ۾ ڪُٺل هجن ۽ نه اهي، جيڪي ڏنڊي ڪونڊي، چرس ۽ آفيم، ڪباب ۽ شراب تي جان فدا ڪريو ويٺا هجن.


    باب پندرهون : جهان آرا جي حالت

    هڪ ڏينهن عابد باغ جي سير واسطي ويو ۽ لطيف سان مليو. لطيف کان حال احوال وٺندي جهان آرا جي بيماريءَ جي خبر پيس ۽ سڄي حال کان آگاهي ٿيس. ڏاڍو ڏک ۽ ارمان ٿيس، ۽ دل ۾ خيال آيس ته جيڪر جهان آرا جو حال پاڻ خود وڃي ڏسي ۽ هن جي تندرستيءَ ۽ صحت واسطي ڪوشش وٺي. ڪجهه وقت ته ماٺ ۾ اچي ويو. جهان آرا کي گهڻن سالن کان ڪونه ڏٺو هئائين، ۽ هاڻي هوءَ پردي ۾ ويٺي هئي ۽ بلوغت کي پڻ رسي هئي. نيٺ ويچار ڪندو، خيال پچائيندو، لطيف کان موڪلائي هليو ويو.
    ٻئي ڏينهن ڪنهن لائق طبيب کي گهرايائين ۽ هن سان صلاح مصلحت ڪيائين، مگر طبيب به نبض ڏسڻ کان سواءِ، رڳو ٻُڌيءَ ڳالهه تي ته علاج نه ڪري سگهي ها؛ تنهنڪري لطيف کي گهرايائين. لطيف، عابد جي مهربانيءَ کان گهڻوئي ممنون هو؛ تنهنڪري عرض ڪيائين ته طبيب سان پاڻ به هلي جهان آرا جي حالت ڏسي. ائين به چيائين ته ”اوهان ته جهان آرا کي پنهنجي نياڻيءَ وانگر پئي هلايو آهي، ۽ ڪوبه عيب ڪونه آهي، جي اوهان پنهنجي سر به ٻه ــ ٽي قدم ڀري، هلِي پاڻ به ڏسو.“
    عابد کي ته کپندو ئي اهو هو. ٽيئي ڄڻا سوار ٿي لطيف جي گهر پهتا. لطيف اڳ ۾ اندر ويو ۽ هڪ کٽولڙي تي وڃي گودڙي وڇايائين، ۽ خليل جي مدد سان اهو کٽولڙو جهان آرا جي کٽولي جي سامهون کڻي رکيائين. سندس گهر واري به پاسيرو ٿي ويٺي. پاڻ ۽ خليل ٻاهر اچي، طبيب ۽ عابد کي اندر وٺي آيا.
    عابد جان جو اندر وڃي ته ڇا ڏسي ته هڪ هڏن جو پڃرو آهي، جنهن ۾ باقي ڪو ٿورو ساهه بچيو آهي: اکيون ڏوٻر ۽ ضعف کان ٻاهر نڪري آيون آهن، ۽ گلاب جي گل جهڙو وڻندڙ منهن هاڻي پِيلو ۽ ڀيانڪ نظر پيو اچي! تمام ڏک ٿيس ۽ اکين مان پاڻي اچڻ لڳس. طبيب نبض ۾ ضعف کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ڏٺو ۽ عابد کي ڪوبه مرض ٻڌائي نه سگهيو ـــ ايتري ضعف جي سبب جي خبر نه لطيف کي هئي ۽ نه طبيب کي ئي پيئي: دل ۽ جگر جو ضعف ته ضرور هو، مگر انهيءَ جو سبب ڇا؛ سا خبر ڪانه هين ۽ ڪانه پين.
    جهان آرا، عابد کي سبب ٻڌائڻ تي هئي؛ مگر هُو به اڪيلو نه هو. دل ڏاڍا ٽپا ٿي ڏنس ته عابد کي سڄو راز ٻڌائي، جو اُميد هيس ته عابد ۽ حامد جي وسيلي، مقصد کي شايد پهچي وڃي؛ مگر عابد کي به ڪيئن ٻڌائي؟ جي طبيب وڃي هليو ته به لطيف ته ضرور رهي ــــ اهو چارو به بند ڏٺائين، تنهنڪري سڀ اُميد قطع ڪري هاڻي موت جي اميد ۽ انتظار ۾ رهِي، ته ڀل اهو اچي سندس مشڪلون آسان ڪري، ۽ کيس ڏکن ۽ ڏوجهرن، ڏاگهن ۽ ڏونگرن کان ڇڏائي. انهيءَ کان سواءِ ڪوبه طريقو ڪونه هو؛ ڪابه تدبير ڪانه ٿي سجهيس، تنهنڪري تقدير جي پيالي پيئڻ لاءِ حيران ۽ عجز هئي ـــ موت جي پيالي مان سرڪ ڀرڻ ڪري ڪو جهان خان ڪونه مليس ها، مگر جي جيئي ها ته به جهان خان جي ملڻ جي اميد ڪانه هيس؛ تنهنڪري دکن کان آجو ٿيڻ غنيمت ٿي سمجهيائين.
    عابد ۽ طبيب جي وچ ۾ تمام گهڻو بحث هليو. طبيب نه مرض جي تشخيص ڪري ٿي سگهيو ۽ نه ڪو دارون ٿي سجهيس. نسخا لکڻ لڳو، مگر لِکِي ڦاڙيو ڇڏي: ڪنهين به هڪ تي نه پيو بيهي سگهي. عابد حيران ٿي بگيءَ واري کي حڪم ڏنو ته ٻيو ڪو طبيب وٺي اچي. ٻيو طبيب آيو، مگر هن جي به اهڙي حالت ٿي. ائين هڪٻئي پٺيان ست ـــ اَٺ طبيب اچي ويا، مگر جنهن طبيب جي ضرورت هئي ۽ جو درد جو دارون ڪري ها، اهو ته ڪونه آيو!
    خير پاڻ ۾ سڀني بحث مباحثو ڪيو ــــ جهان آرا جي ساهه جي ڪهڙي خبر، منٽن ۾ نڪري وڃي؛ پر هنن جي بحث جي ڪا حد ته ڏسڻ ۾ ڪانه پئي آئي. نيٺ سڀني گڏجي اها راءِ ڏني ته گرمي حد کان وڌيڪ ٿيڻ ڪري، جگر کي سخت لهس پهچي ويئي آهي، ۽ انهيءَ ڪري ڏاڙهونءَ جي رُب ڪجهه چَٽائي وڃي، ۽ بيدمشڪ جو شربت به پيارجي، ته نه رڳو جگر جي اصلاح ٿئي، مگر دل کي به طاقت اچي ۽ ضعف جي حالت جيڪڏهن گهڻو وڌي وڃي، ته معجون عنبريءَ جو اڌ ماسو ڏيڻ ۾ اچي. کاڌي جي واسطي غذا بلڪل هلڪي هجي، ۽ صبح جو نيراني آئُرن جي مربي مان هڪ يا ٻه داڻا روپا ورق ويڙهي کائي ڇڏجن.
    خير عابد اهي سڀ شيون گهرايون، ۽ طبيب به پنهنجي پنهنجي مڪان تي ويا ۽ عابد به پنهنجي مڪان تي. عابد کي جهان آرا جي وڌيڪ جيئڻ جي اميد ڪانه هئي، ۽ انهيءَ ڳالهه هن کي سخت پئي جهوريو. هُو تمام منجهي پيو. جهان آرا سان ڪمال محبت هيس؛ ۽ جهان آرا جو موت ڄڻ پنهنجي اولاد جو موت ٿي سمجهيائين.
    سفيد پوش، عابد کي موڙهل ڏسي چيو ته ”جا ڳالهه قضا ۽ قدر جي نشاني کي پهچي ويئي هجي، انهيءَ تي ڪوبه ڏک ڪرڻ اجايو آهي؛ ۽ ڪو ڏک ڪرڻ سان تقدير ڦري نه سگهندي.“ اهي لفظ ٻڌي عابد کي هيڪاري وڌيڪ ڏک ٿيو. فقير صاحب کي عرض ڪيائين ته ”ولين کي خدا وڏيون طاقتون ڏنيون آهن، ۽ ڇا انهن جي هوندي به جهان آرا نه بچندي؟ يا اڄ وَلين جي انسانن سان محبت ڪانه رهي آهي؟“ فقير صاحب جواب ڏنو ته ”ولين جي انسان سان سچي، صاف ۽ پاڪ محبت آهي، مگر ولين کي اها طاقت نه آهي، جو ڌڻيءَ جي قدرت ۽ رضا جي برخلاف ڪوبه ڪم ڪن. جيڪڏهن هو ائين ڪندا يا ائين ڪرڻ چاهيندا ته پنهنجي مالڪ وٽ سخت نافرمان ليکيا ويندا ۽ سزاياب ٿيندا.“ عابد عرض ڪيو ته ”عجز ۽ نياز سان پنهنجي خالق کي پيش اچڻ ۾ ڪهڙي نافرماني ٿي سگهندي؟ هو ته ڪريم ۽ ڪارساز آهي ۽ پنهنجن ٻانهن جو هو عرض نه ٻڌندو ته ٻيو ڪير ٻڌندو؟ مگر جيڪڏهن تقدير سڀ دروازا بند ڪري ڇڏيا آهن، ته پوءِ صبر کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونه آهي.
    فقير صاحب مرڪي فرمايو ته ”هر جا محبت ڪرڻ اگرچ سچن ارادن، خلوص ۽ نيڪيءَ سان هجي، تڏهن به هرجائن جو ڪم آهي. دلي خلوص ۽ محبت ڪي ونڊ ۽ ورڇ جون چيزون نه آهن ـــ ۽ رانجهن هڪڙو رکبو آهي نه سوين.“ عابد کي هي طعنو ڏاڍو ڏکيو لڳو ۽ هن هڪدم صبر اختيار ڪيو. پڪ ٿيس ته اتانهون ڪابه مدد ڪانه ملنديس.
    پنهنجي مڪان تي ويو. حامد کيس موڙهل ڏسي احوال پڇيس. جڏهن حامد، جهان آرا جي حالت جي خبر ٻڌي؛ تڏهن هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. عابد کي جهان آرا سان جا سندس دلي محبت هئي، انهيءَ جو ذڪر ڪري ٻڌايائين ۽ اهو به چيائينس ته سندس دل جي گهُر اها هئي، ته جيڪر جهان خان سان شادي ٿئيس ها. جهان خان جي نسبت هڪ امير جي گهر ۾ ٿي ويئي هئي؛ ۽ جي حامد کان انهيءَ بنسبت مشورو ڪيو وڃي ها، ته هو جهان آرا جي ڳالهه ضرور پيش ڪري ها ــ مگر موجوده حالت ۾ اهو سڀ بيڪار هو.
    عابد ۽ حامد تنهن هوندي به ائين ڪونه سمجهيو ته ڪو جهان خان ئي جهان آرا جي انهيءَ حالت ۾ اچڻ جو سبب هو. هنن ٻنهي گڏجي وري حڪيمن سان صلاح ڪئي. جهان آرا جي طبيعت اڳي کان وڌيڪ ڪمزور ڏسڻ ۾ آين. دق جو خيال آين، مگر انهيءَ جا به آثار ڪين هئا. لاچار ضعف جو علاج ڪرڻ لڳا. غذا بلڪل ڪانه هئي، تنهن جو تدارڪ ڪيائون، نه خبر پئي پينِ ته ڪهڙو مرض آهي، ۽ نه اميد هينِ ته ڪو جهان آرا هن جڳ ۾ وڌيڪ جيئندي. آخر هُو رخصت وٺي ويا.
    ٻنهي ڀائرن جوگندرناٿ نجوميءَ کي گهرايو؛ مگر انهيءَ به پهرين جيڪي چيو هو، انهيءَ کان وڌيڪ هُو ڪين چُريو. چوڻ لڳو ته ڇوڪريءَ جي قسمت ڪجهه وقت تمام چڱي هئي، مگر قسمت واري تاري جي اڳيان هڪ تمام ڀيانڪ ۽ اونداهو ڪڪر اچي ويو آهي؛ جنهنڪري هن جي قسمت نٿي کلي؛ نه هو ڪڪر هٽندو ۽ نه هن جي قسمت کلندي.“ نحس تارن جو به ذڪر ڪرڻ لڳو، ۽ گهڻو ئي پنهنجو علم هلائڻ لڳو؛ مگر ڪوبه دل کي تسلي ڏيندڙ احوال ڪونه ڏنائين.
    جهان آرا جي طبيعت وڌيڪ نٻل ٿيڻ لڳي. ٻيئي ڀائر شام جو گڏجي هن کي ڏسڻ ويا. لطيف اکين مان پاڻي آندو. خليل ڏاڍو روئڻ لڳو ۽ لطيف جي زال جو ته پنهنجي اندر سان جهوراڻو هو، تنهنڪري بلڪل ماٺ ۾ هئي. هنن ٻنهي ڀائرن تمام گهڻي دلداري ڏنن، مگر هنن جو هيانءُ ڇڄي پيو هو. هينئر پاڻ به جهان آرا جي موت واسطي منتظر هئا؛ ڇاڪاڻ ته هن جي وڌيڪ تڪليف سهڻ کين نه پئي آئڙي. عابد ۽ حامد به دل ۾ ته سمجهيو ويٺا هئا ته ”آغازِ بقا منهنجو، انجامِ فنا ٿيندو“ وارو قصو آهي؛ مگر انسان کي پنهنجي ربّ ۾ پڇاڙيءَ تائين اميد رهي ٿي، تنهنڪري حيلا حوالا ڪرڻ ضروري هينِ ۽ ڪيائون ٿي.
    شاباس آهي انهن ٻنهي ڀائرن کي، جو باوجود پنهنجي درجي جي، ڪوبه خيال ڪونه ڪندا هئا ۽ هڪڙي غريب مالهيءَ جي ايتري پرگهور لهندا هئا. اهائي آهي انسان ذات سان سچي همدردي. ڀلي ته زاهد اهڙا پٽ ڄڻيا، جن کي غريبن واسطي ايتري ڪهل ۽ خيال هو. جي اها همدردي لطيف سان نه ڪن ها، ته به سَري وڃين ها ۽ ڪوبه ماڻهو ڪو ڏوراپو ڪونه ڏئين ها؛ مگر هنن ۾ اها انسانيت ۽ شرافت هئي، جو مردانگيءَ سان، پنهنجي مرتبي، جاهه ۽ جلال جي زبردست بند کي به ٽوڙي، هنن لطيف سان وکون پئي کنيون ـــ هُو نه رڳو لطيف سان ائين هليا، پر جن به غريب ماڻهن سان هنن جي ٿوري ئي ڏيٺ هئي، انهن تي به اهڙو ئي مهربان هوندا هئا، ۽ هنن کي اوکيءَ ويل اهڙي ئي مدد ڪندا هئا.


    باب سورهون : جهان خان جي شادي ۽ جهان آرا جو موت

    شهر ۾ اَنيڪ خوشي آهي ۽ هرهنڌ بگل ۽ باجا پيا ٿا وڄن. محلات ۾ ته گانن ۽ تماشن جو هُل آهي. وليعهد جي شادي خانه آبادي آهي ۽ بادشاهه سلامت کي اها اميد پنهنجي اکين سان ڏسڻي آهي. ڪٿي رقاص پيا ناچ ڪن، ته ڪٿي گوَيا راڳ ۽ گاني ۾ محو آهن؛ ڪٿي ته نازنينيون عجيب ناز ۽ انداز سان غزل خوانيءَ ۾ مشغول آهن ۽ اهي ٺمريون پيون هڻن، جي گهڻن جي دلين تي تير جو ڪم پيون ڏين.
    بادشاهه سلامت سندس پيارو ڀاءُ، جهان خان ۽ سڀ امير اها خوشي پيا ملهائين ۽ ساز سرود مان پيا راحت ۽ سرور حاصل ڪن. حامد ۽ عابد به بادشاهه سلامت سان ساڻ آهن ۽ انهيءَ خوشيءَ ۾ شريڪ آهن؛ پر جي اڄ اها خوشي جهان آرا ۽ جهان خان جي ميلاپ جي ٿئي ها ته هُو خوشيءَ وچان زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڏين ها ـــ جيتوڻيڪ هاڻي به ظاهر گهڻي خوشي پيا ڏيکارين، مگر سندن دل ۾ ٻي حسرت هئي.
    شهر ۾ هرهنڌ آتشبازي جلائي ويئي، انهيءَ ڪري ته عام ماڻهو به لطف وٺن ۽ حظ حاصل ڪن. سڄي شهر ۾ آدمشماري ٻيڻي ٿي ويئي هئي، سوارين جي قلت پوري ڪرڻ واسطي ٻاهران سواريون گهرائي موجود ڪيون ويون هيون. ساريءَ سلطنت جي سکر ماڻهن کي ڪوٺ ڏني ويئي هئي، ۽ ڀر وارن بادشاهن کي پڻ دعوت موڪلي ويئي هئي؛ جن پنهنجا سفير موڪليا هئا ــ اهڙي خوشي، ٻِي شهر واسطي ڪهڙي ٿيندي؟
    بادشاهه سلامت پنهنجي خزاني مان وري به سڀني کي نوازيو، جيئن جهان خان جي ڄمڻ تي ڪيو هئائين؛ ۽ سڄي شهر کي انهيءَ ئي نموني ۾ کاڌو پئي کارايائين. غريب غربن پيٽ ڀري پئي شهنشاهه عاليجاهه، رفيع پائگاهه کي دعائون ڪيون، ۽ جهان خان واسطي پنهنجي ربّ کان خضري عمر گهري. اهڙي بادشاهه کي هُو ڪيئن نه دعا ڪندا؟ هو ته هنن جي هنئين جو هار هو، ۽ سندن شهزادي جهڙو قابل ۽ سلڇڻو انسان ٻيو ڪير هوندو؟ ٻيئي پيءُ پٽ هنن جي اکين جو ٺار هئا ۽ تنهنڪري هُو خوشيءَ وچان هنن کي دعائون ڪرڻ لڳا ــ خدا اهڙو بادشاهه ۽ وليعهد شل سڀني کي ڏئي!
    شاديءَ جا شادمانا گهڻن ڏينهن کان شروع هئا. حرمسراءِ ۾ اندر به عجيب رونق هئي ۽ سڀني اميرن ۽ وڏن ماڻهن جون عورتون ۽ ڌيئرون اچي گڏ ٿيون هيون. اندر پاڻ ۾ شغل ۽ شادمانا، محفلون ۽ مجلسون هين، ۽ سڀني چڱيءَ طرح پئي خوشي ملهائي. لطيف جي زال به وسريل نه هئي: هن کي ۽ جهان آرا کي به دعوت هئي، مگر جهان آرا ڪانه آئي هئي.
    شهزادي جي ماءُ، جهان آرا جو ماڻس کان پڇيو ته ڇو نه آئي هئي. هن سمورو دکدائڪ احوال پيش ڪيو، جنهن تي شهزادي جي ماءُ کي به ڏک ٿيو؛ ڇاڪاڻ ته جهان آرا سان هن جي به محبت هوندي هئي. لطيف جي زال کي چيائين ته ”بادشاهه سلامت اچي ته آءٌ ٿي چوانس ته جهان آرا جي علاج جو بندوبست ڪري ــــ ۽ جيڪي به خرچ اچي، مگر پياري ٻچڙي خوش ٿئي“.
    مگر اي راڻي! تون جهان جي بادشاهه جي راڻي آهين ۽ سڀڪجهه ڪري سگهين ٿي. توکي ويچاري غريب مالهيءَ جي ڌيءَ واسطي ڪيترو نه خيال آهي، ۽ پنهنجي دل ۾ انهيءَ پياريءَ ڇوڪري واسطي ڪيڏي نه همدردي رکين ٿي ۽ ڪيترو نه خرچ ڪرڻ واسطي تيار آهين: تون سڀڪجهه ڪري سگهين ٿي، ۽ هن وير به جيڪڏهن جهان آرا جو حبيب، طبيب ۽ درد جو دارون، تون هٿ ڪري هن ڏي روانو ڪري وجهين، ته اڃا به پري ڳالهه نه آهي ـــ مگر راڻي افسوس، جو توکي خبر نه آهي؛ نه ته شايد تون ڪجهه نه ڪجهه ڪري وجهين! جهان آرا جي هاڻي اها حالت آهي، جو ــــ ”پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.“
    خير، رات جو نڪاح پيو ۽ گهوٽ کي لائون ڏنيون وييون. گهوٽ ۽ ڪنوار جو عجيب جنسار هو: شڪل ۽ شبهات ۾ ٻه موتيءَ جا داڻا هئا، ۽ ڪنول ۽ گلاب جيان، سندن منهن پئي بکيو. سندن نراڙ تي وري جو پگهر جون بوندون پئي بتين جي روشنائيءَ تي چمڪيون، سي ته ائين پيون ڏسڻ ۾ اچن، ڄڻ گلن تي ماڪ جون بوندون هيون، جي موتين وانگر چمڪنديون آهن ۽ سج جي ڪرڻن تي شفاف وانگر روشن هونديون آهن ـــ گهوٽ ــ ڪنوار پنهنجي ڪمري ۾ اندر ڪري، سڀ ماڻهو گهر وڃڻ لڳا. لطيف پنهنجي زال جي انتظار ۾ ٻاهر ويٺو هو ۽ هو ٻئي گڏجي گهر ويا.
    جهان آرا کي جهان خان جي شاديءَ جي خبر پيئي هئي ۽ هن هاڻي پنهنجي قسمت صفا مهر ٿيل ڏٺي. اميد ته هونئن به لاهيو ويٺي هئي، مگر هاڻي ته يقين ٿيس ته هن واسطي جهان ۾ ڪجهه به نه رهيو. هن جي دل صفا ڇڄي پيئي ۽ وڌيڪ جيئڻ جي بلڪل اميد ڪانه رهيس ـــ نزع جي حالت ويجهي ٿي ۽ لطيف ۽ سندس گهر واري پهتا ئي مس، ته جهان آرا جو روح عالمِ بالا ڏي پرواز ڪري ويو: ۽ موت جي عين وقت تي ’جهان خان‘ جو مٺڙو نالو چئي، پاڻ هيءَ فاني ۽ بيوفا جهان ڇڏي، باقي ۽ باوفا عالم ڏي رواني ٿي.
    سند جهان خان جو نالو وٺڻ، ۽ لطيف ۽ سندس گهر واريءَ جو سينو پٽڻ ته ـــ ”هاءِ! هي خون اسان پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪيو! ڇا اهوئي راز هو جنهن جهان آرا کي انهيءَ حالت ۾ آڻي، آخر موت جي چاشني چکائي؟“ هڪدم ماتم برپا ڪري ڏنائون. خليل به سندس آواز تي اٿيو ۽ پنهنجي پياريءَ ڀيڻ جي موت جي خبر ٻڌي، زارو زار روئڻ لڳو ــــ هينئر نحس تارن مان پئي پڙاڏو آيو ته ’جهان خان خاطر جهان آرا پنهنجي جان ڏني.‘ هاڻي هوءَ سنئين سڌي ليٽي پيئي هئي، ۽ سندس شڪل اهڙي نُوراني هئي جو خود چنڊ شرمندو پئي ٿيو؛ مگر صبح ٿيندو ئي مَسَ، ته هي ماهتاب زمين ۾ دفن ٿيندي ۽ پوءِ سندس شعاع ڪنهن کي به نصيب نه ٿيندو.
    واه عورت! تنهنجو دل جو راز ڇپائڻ، جو آخر موت اختيار ڪري مات ٿي ويئينءَ؛ مگر جنهن بي بها ۽ سندر موتيءَ ۽ ماڻڪ واسطي تو ايترا ڪشالا ڪڍيا؛ ۽ جنهن جي جدائيءَ ڪري آخر تو موت ماڻيو، انهيءَ جو، حيا ۽ شرم کان تو ڪڏهن نالو به نه ورتو!
    هينئر جيڪي به تنهنجيءَ ذات کي بيوفائيءَ جي بري داغ ۽ بدنما رنگ سان رڱيندا آهن، انهن کان بي زبانيءَ جي زبان سان پڇ، ته ڇا هو توتي اهڙا ظلم ۽ ستم ڪري، اڃا به توکي ننديندا؟ نه، هرگز نه. تون اها پاڪ سِپ آهين، جنهن جي جيءَ جي جوت ۽ سونهن سوڀيا مان اُهي بي بها موتي، اسان انسانن اوسطي، نڪري اهڙا ته عجيب داستان کوليو ويٺا آهن، جو عبرت وٺيو وڃي ـــ پر اسان توکي ضعيف سمجهي، توسان گهڻائي ناحق ڪيا آهن، جن جو آخر اسان کي چڱو حساب ۽ ڪتاب ڏيڻو پوندو.
    صبح ٿيو ۽ عابد ۽ حامد کي به خبر پيئي، جي پڻ اچي ماتم ۾ شريڪ ٿيا. عابد ته هٿن مان پئي ويو ۽ جڏهن سڄيءَ حقيقت جي خبر پيس، تڏهن هيڪاري وڌيڪ ڏک ٿيس. جهان آرا جي موت جي خبر بجليءَ جي سرعت سان سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي، ۽ نه رڳو بادشاهه کي، پر جهان خان کي به اندر پنهنجي ڪنوار وٽ پڙلاءُ پيو، جنهن هڪ اُٻاو سان چيو ته ـــ ”هان!“ جهان خان کي هينئر دل ۾ هڪ ٻي موج جاڳي. جهان آرا جي محبت وري دل ۾ سمايس، ۽ خاص ڪري جڏهن سندس موت جي سبب جي خبر پيس ته هيڪاري وڌيڪ ارمان ٿيس، ۽ هيٺينءَ ريت پنهنجي دل سان ڌنڌ پٽيائين ته ”اي موت! توتي شل ”موت“ وارد ٿئي! تون شل هن جهان مان هميشه جي واسطي لاڏاڻو ڪري وڃين. تو ته اسان جي عيش آرام، ۽ راحت ۽ سرور کي مات ڪري ڇڏيو آهي ـــ هاءِ! تو جيڪي قهر ڪيا آهن، ۽ جيڪي ستم ويچاري انسان تي نازل ڪيا آهن، جيڪي جدائيءَ جا داغ پيدا ڪيا آهن، ۽ هجر جا هاڃا هنيا آهن، ۽ جيڪي ٽڙندڙ گل ۽ سرسبز باغ خزان ڪري ڇڏيا آهن، تن تي جيڪو به ماتم ڪجي، سو تمام ٿورو آهي: تو اسان جون دليون جلائي ڪباب ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اسان کي صبر کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونه رهيو آهي. توکي ڪنهن جو به ترس نه آهي؛ غريب سقراط کي به موت جي چاشني چکايئي، ته سڪندر جهڙي بادشاهه کي به پنهنجي حملي کان آجو نه ڪيئي.
    ”ائين ته برابر آهي، ته تو وٽ شاهه ۽ گدا جو ڪو فرق نه آهي؛ پر افسوس رڳو هي آهي ته تون جيڪي هاڃا هڻين ٿو، تن جي سهڻ جي اسان کي ڪابه طاقت ڪانه آهي ـــ پوءِ ڇو نه تون ڪنهن ٻيءَ ولايت هليو وڃين، جتي انسان جو پتو نشان ڪونه هجي؟ نه تون ڪنهن کي رنجائين، نه توکي ڪو بددعا ڏئي. جيتوڻيڪ توتي اهڙي قسم جي نوڪري مقرر ڪئي ويئي آهي، پر اها بنا پگهار ۽ بنا ڀتي، بيگر جي نوڪري، جي تون ڇڏي ويندين ته اسين انسان، جي سدائين تنهنجي خوف ۾ رهون ٿا، ضرور توکي دعائون ڪنداسين، ۽ جي ٿي سگهيو ته پنهنجي طاقت آهي تنهنجي خدمت به ڪنداسين.
    ”مگر، ’هي خيال، محال ۽ جنون آهي‘. اي موت تون اسان کي هرگز نه ڇڏيندين: کڻي اسان توکي ڪيترا به تحفا باسيون ۽ تنهنجي واسطي ڪجهه به ڪيون، پر هيءُ جو تو قهر ڪيو آهي، تنهن جي واسطي توکي ڪهڙي گتي پيئي هئي؟ ـــ ڇا جهان آرا جيڪا سڄي جهان جو زيور هئي، جو منهنجي ڳلي جو هار هئي، ۽ بدنصيبيءَ کان منهنجي پڙ نه پيئي، اها به تقدير جي تير جو شڪار ٿي؟ ڇا، اها هستي جنهن جي بدن مان هر وقت عطر ۽ عنبير، مشڪ ۽ زعفران جي بوءِ ايندي هئي، جنهن جي جسم ڪڏهن به خاڪ جو ذرو نه ڏٺو هو، هاڻي خاڪ سان خاڪ ٿي ويئي؛ ۽ اسرافيل جي صور کان سواءِ اسان جون دانهون ۽ ڪوڪون، آهون ۽ زاريون هن کي اُتانهون نه اٿاري سگهنديون!
    پر ڇا ڪجي ـــ دنيا دورنگيءَ جو دستور اهوئي آهي. موت کان ڪنهن کي به بچڻ جي طاقت نه آهي! ۽ هيءَ اهڙي قضا آهي، جا ڪنهن به حڪيم ۽ طبيب کان ٽري نٿي سگهي؛ تنهنڪري ربّ جي رضا تي راضي رهڻ ضروري آهي!“
    ڪجهه پاڻ کي به ملامت ڪيائين، ته جنهن انسان جي دل ۾ اهڙا محبت جا مچ هئا ۽ عشق جا آڙاهه پئي ٻريا، انهيءَ سان کيس ائين ڪرڻ مناسب نه هو: مگر هاڻي ڪو انهيءَ ملامت ڪرڻ ڪري جهان آرا جِي ڪانه پوندي؛ انهيءَ ڪري صبر اختيار ڪيائين، ۽ پنهنجي موجوده خوشيءَ ۽ عيش ۾ اهڙو ته محو ٿي ويو، جو ”جهان آرا“۾ جو نالو به ياد ڪونه پيس.
    واه جهان خان تنهنجي همت! جهان آرا به عدم آباد کي آباد ڪيو ويٺي آهي، ۽ هن کي به تنهنجي پرواهه نه آهي: نه تنهنجي جدائيءَ ڪري جلي ٿي ۽ نه تنهنجي بي خياليءَ تي ڪو خيال اٿس. هوءَ نه هاڻي ٻڌي ٿي ۽ نه روئي ٿي:جي سندس تربت تي وڃي سڏ ڪبو ته ڪوبه جواب ڪونه ملندو؛ تنهنڪري اي زبان تون خاموش رهه، ۽ اي قلم هاڻي اڳتي هلڻ بس ڪر! وڌيڪ رڙڻ گناهه آهي.

    ”اڄ نه اوطاقن ۾ طالِبَ تنوارين،
    آديسي اٿي ويا، مڙهيون مون مارين،
    جي جيءَ کي جيارين، سي لاهوتي لڏي ويا!“


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 347304
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 143238
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ