ڪتاب جو نالو: کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾
مصنف: مزمل سائر
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 30 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1533 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 248 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شاعريءَ جو هي ڪتاب ”کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾“ خوبصورت شاعر مزمل سائر جي تخليقن جو مجموعو آهي. هي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  •   شروعاتي صفحو
  •   ارپنا
  •   سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه اکر
  • شانت مان سُرڪَ
  • ڪي گيت امر ڇڏي ويندس
  • مهاڳ
  • مومل (بيت – وائيون)

  •   -
  • مومل (بيت)
  • مومل (وائيون)

  • (1)
  • (2)
  • (3)
  • (4)
  • (5)
  • (6)
  • (7)
  • (8)
  • (9)
  • (10)
  • (11)
  • گيت _ غزل _ وائي _ نظم _آزاد نظم _نثري نظم

  •   -
  • لمحن جي تاندورن سان مون احساسن جو ڀرت ڀريو آ
  • رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويسَ تان
  • او جيئَڙا، او جيئَڙا
  • موکِي، تنهنجي محفل ۾
  • ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي
  • پورنماسيءَ ڪالڪا ديويءَ مندر پاسي ٽڪريءَ تان تارن جو ميڙ، اکڙين جوت، اُجارو.
  • بزم ۾ انءَ پير ڪو آيو ڀري
  • ڏِيا جلائي، شراب پي پي، رباب ڇيڙي ته ڪانه ٿيندي
  • ڏيئا به ٻرن، سُرندا به وڄن، جي دل نه لڳي، پو ڇا ٿيندو
  • جو به تنهنجي نهار ۾ آهي، سو سدائين قرار ۾ آهي
  • هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾ ــــــ
  • لڳن توسان لڳي اهڙي، لڳن ڪنهن سان لڳي ناهي
  • ڪٿي ڪاليداس ۽ ڪٿي پريتما
  • هوءَ، ڄڻ ڏاڙهونءَ وڻ ۾ پهريون پهريون گُلُّ ڦٽيو آ
  • ڏور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي
  • ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
  • ڊُڪي ٿي موهه ۾ هرڻي
  • موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري
  • دنبورو سياري رُت ۾ دَرَ چانئٺَ آڏو سانتيڪو آ
  • تنهنجو، منهنجو رنگ الڳ آ
  • جيڪِي تو ۾ آهه
  • تو چيو، ڇا ته تو چيو آهي
  • پروهتو، پروهتو
  • منهنجو من نادان
  • جِيوَن هڪڙو فِلَرٽ آهي
  • ڇا جي آ آلاڻ
  • پرين، تون نه موٽئين، نه آيون نه آيون
  • ها، پرين، باهه ڪو نه ٺَرڻي آ
  • ڪئين درد، دارون ضروري اڃا
  • ٻُري تَندَ تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن
  • کُڙکُٻيتا، کُڙکُٻيتا
  • تنهنجي من جي چانئُٺَ تي مان بِينَ وڄايان ويٺو
  • اي ماڻِڪَ ، تنهنجي ميلي ۾
  • پنهنجيءَ منزل جي رستي تي
  • جِيوَن پَڄري سِگرِٽ وانگي
  • نظم هڪڙو ڍَڪّ جي بازار ۾ گم ٿِي وَيو
  • هُن جا نيڻ ته سنڌو آهن
  • سندوري آ شام
  • انءَ واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا
  • او بانوِرا، رِيسائِتا
  • هيءَ ڇا ته اڀي آ ڌرتيءَ تي
  • رُت سانوڻ جي آ وري
  • منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي
  • راڻا، تو بن رات نه گذري
  • يادن آندي آ برسات
  • پورٽريٽ ٿي چِٽيم:
  • پرين نيڻ منهنجا صدين کان اڃارا
  • سرد ڏيئڙا، سرد ڳوڙها، سرد راتيون، ڇا ڪجي
  • آس، نراسائيءَ جي سوريءَ دل تڙپي يا ڳائي
  • مومل راڻي ڪارڻ مندر جاڳي ٿو
  • جيءَ جيارا، آءُ تڙ
  • تون انبر جو اجرو تارو
  • اڃا تاءِ منزل نه آئي، نه آئي
  • ٻيڙيون، ٻيڙا ڪيٽِي بندر نارُن مان ائن ٿا اُهرن،
  • سُهڻي، آرسيءَ ۾ تون پاڻ ڏسي شرمائين
  • وري واءَ ساڳيا نماڻا، نماڻا
  • هِي پڙاڏا، ٻُڌ، پروهِت، گهنڊ ڪوئي آ گُڙيو
  • ورهه دل جو ديپ تنهنجي پيار ۾ ٻرندو رهيو
  • موکِي، مڌ جي ماٽين مان
  • ارجن حاسد
  • امداد حسيني
  • سائر ـــ سُر ۽ سونهن جو شاعر

  • ترتيب

    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر
    369
    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2014ع
    ڪتاب جو نالو : کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾
    سرجيندڙ: مزمل سائر
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: فهيم سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : /= 300 رپيا

    ISBN 978-969-9866-26-5

    “KHATHURI KHEP KHETER MEN”
    By: Muzamil Syre
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone: 021-32737290
    website: www.sindhica.org,
    Email:sindhica_academy@yahoo.com


    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاب: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو


    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400


      شروعاتي صفحو

    ڊُڪي ٿي موهَه ۾ هرڻي
    ڊُڪي تنءَ مِرگهه پيو تَرَ ۾
    کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

    (سائر)


      ارپنا

    جنهن مِيرا جو پوش اوڍي
    من جي برندابن ۾
    جيءَ جي ڪرشنا کي چيو:

    شايد آڪاسَ جي نراڙ تي وکرندڙ ڌنڪ جا رنگ
    منهنجي من ۾ لياڪا پائي پروڙي سگهن
    ته حقيقي رنگ ديوتا اِندر جي ڪمان ۾ نه
    منهنجي آتم ۾ سمايل آهن
    جڏهن کان تو منهنجي زندگيءَ ۾ پير پاتو آهي.


      سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (254) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. شاعريءَ جو هي ڪتاب ”کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾“ خوبصورت شاعر مزمل سائر جي تخليقن جو مجموعو آهي.

    هي ڪتاب 2014ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ٻه اکر

    مون شيمَس هيني Seamus Heaney کي لنڊن جي ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ ڏٺو، ان سان ٻه چار ڳالهيون به ڪيون، پر اوچتين گڏجاڻين ۾ ٿيندڙ ٻه چار ڳالهيون به ڪڏهن ڪڏهن پکين جي پَرَن جي ڦڙڦڙ جا پڙلاءَ ٿي پونديون آهن، ڪڏهن جهيڻيون ته ڪڏهن ٻل واريون! اهي پڙلاءَ دماغ جي تندن ۾ ڪنهن مڌر سُر جيان گونجندا رهندا آهن. هائو، گونج اُٿي ٿي؛ اڄ به اُٿي ٿي. شيمَس هيني سان اها ته اتفاقي ملاقات هئي، پر هاڻوڪي دور جي انگريزي جي هن وڏي شاعر سان ٻي ملاقات منهنجي ڪتاب Silence of the Piano Sings تي ٿيڻي هئي. هن کي ٻه اکر لکڻا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻه اکر لکجڻ به اوکو ڪم ٿي پوندو آهي. هي عظيم ماڻهو سيموئيل ڪالرج جي ايلبٽراس Albatross وانگي هوائن جي اڏامن ۾ ئي رهيو؛ هو اڏامن ۾ ئي هئو ۽ آءٌ سَري يونيورسٽي مان ايم ايس سي مينيجمنٽ ڪري چڪو هوس؛ هو اڏامن ۾ ئي هئو ته آءٌ پورو هڪ سال گذاري انگلينڊ کان واپس پاڪستان به اچي پهتو هوس. هو اڏامن ۾ ئي هئو ته منهنجو ڪتاب آمريڪا جو پبلشر سندن انگلينڊ جي آفيس مان ڇپرائي پڌرو ڪري چڪو هئو. نيٺ هن پنهنجين اڏامن ۾ ڪالرج جي ايلبٽراس مان مٽجي فارسيءَ جي عنقا جي شڪل اختيار ڪئي. اهو سال هئو 2013، جڏهن هيءَ خبر ميڊيا تي باهه جيان پکڙجي وئي ته 1995 ۾ ادب جو نوبل انعام ماڻيندڙ آئرلينڊ جو انگريزيءَ جو شاعر شيمَس هيني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه خبرون من کي وڪوڙي ويهنديون آهن؛ پوءِ خيال ايئن اچي گهيرو ڪندا آهن، جو اندر جي انسان جي حالت، منهنجي پياري دوست شاعر آغا سجاد زائر جي هڪ سِٽ “ٻالِڪ جيئن بارات ۾ گُم” وانگي ٿي پوندي آهي! پوءِ انهن جي وزن کي هلڪو ڪرڻ لئه ارسطوءَ وارو نه ته ڪو به ڪيٿارسز Catharsis ضروري ٿي پوندو آهي. مون کي محسوس ٿيو ته شايد ٻه اکر شيمَس هيني کي مون تي نه، بلڪه مون کي هن تي لکڻا هئا. ان ڏينهن مون پنهنجي ويبسائٽ www.msyre.com تي شيمَس هيني تي ٻه اکر لکيا هئا. شايد شيمَس هيني منهنجا لکيل ٻه اکر ٻيءَ دنيا ۾ پڙهيا هجن ۽ غالب جي مصرع “میری آہِ آتشیں سے بالِ عنقا جل گيا” حقيقت اختيار ڪئي هجي! ان ساڳئي ليک ۾ مون اينا مينڊلزن Anna Mendelssohn تي به ڪجهه لکيو هئو. اينا مينڊلزن انگلينڊ جي هڪ Political Activist، ليکڪ ۽ ترقي پسند شاعره هئي، جيڪا Grace Lake جي نالي سان لکندي هئي. Left Wing سياسي نقطئه نظر رکڻ ڪري ۽ ڪجهه خاص سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ سبب کيس جيل به ڪاٽڻي پئي. جيل مان آزاد ٿيڻ کانپوءِ هُنَ Mendelssohn جي نالي سان شاعري ڇپرائي. هوءَ به هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪي آهي؛ پر سندس لاڏاڻي کان تقريبن ڏيڍ ٻه سال پهرين منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي ڪيمبرج يونيورسٽي جي پارڪ ۾، جتي مون هن کي پنهنجي ڪتاب Silence of the Piano Sings جو مينيو اسڪرپٽ ڏنو هئو؛ هن مون کي ٻه اکر لکي ڏنا هئا، جيڪي اُن ڪتاب جي بئڪ ڪَوَر تي ڇپيل آهن.
    وقت وڏو کيڏاري آهي. کنَ جي به خبر نه ٿو ڏئي. اها به پروڙ نه ٿو ڏئي ته جَيوَن جي هن منڊليءَ ۾ ڪهڙا ڪردار اوهان کان وڇڙي ٿا وڃن ۽ ڪهڙن ڪردارن جو قرب نصيب ٿي ٿو سگهي. شيمس هيني ۽ اينا مينڊلزن کي ته وقت پنهنجي واءَ سان گڏ کڻي ويو پر قرب ڏئي ويو هڪ خوبصورت انسان جو، جنهن کي هندوستان وارا ارجن حاسد جي نالي سان سڃاڻين ٿا. ارجن حاسد هڪ بهترين شاعر آهي. هُن هن ڪتاب تي مون کي ٻه اکر لکي ڏنا آهن. ان لئه آءٌ هن جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان. ان ڏِسَ ۾ پياري دوست ناز سهتو جو سهڪار شامل هئو، جنهن جي ذريعي منهنجو رابطو ارجن حاسد سان ٿيو. هڪ سينيئر شاعر جي حيثيت سان حاسد صاحب ٻن اکرن جي صورت ۾ بهترين رهنمائي به ڪئي، شاعريءَ جي رمز کي پروڙڻ جو ٻاڻيون به ڪيون، جن لئه هن پاڻ ئي چيو آهي ته “ڪا ڳالهه ڪَنَ ۾ چوڻي هئي”؛ ۽ ان ڪَنَ ۾ چوڻ واري ڳالهه کان علاوه اها رهاڻ به ڪئي جيڪا هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
    انهن ٻن اکرن لکڻ جي حوالي سان سنڌ ڄائي، خوبصورت لفظن جي ڌڻي سائين امداد حسيني جو ذڪر نه ڪريان ته بيان پورو نه ٿنيدو. آئون نهايت ئي ٿورائتو آهيان ته سائينءَ دل سان هن ڪتاب جو ڪافي مواد پڙهيو ۽ ان تي لکيو. ان دوران اسان جون ڪافي ڪچهريون ٿيون، شاعري ۽ ادب تي کوڙ ساريون ڳالهيون ٿيون. سندن تازي ڇپيل ڪتاب “تنهنجي ساگر نيڻن ۾” تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي، جيڪو امداد صاحب جو فيض احمد فيض جي شاعريءَ جو ڪيل سنڌي ترجمو آهي. امداد صاحب جي شخصيت ۾ مون کي شاعر کان علاوه هڪ ڪهاڻيڪار به نظر آيو، جنهن جي سندس اندر پساهه کڻندڙ شاعر کي شايد پروڙ هجي. مثال طور آءٌ جڏهن هن ڪتاب تي سندن لکيل رايو وٺڻ ويس ته منهنجي هڪ نظم “جَيوَن هڪڙو فلرٽ آهي” جي پاسي تي سندن مارڪنگ ٿيل هئي، اها ڪجهه هن ريت هئي: “هيءَ ڪَوِتا پڙهندي آءٌ وِساميل سگريٽ ٻيهر دُکايان ٿو”. منهنجي نظر ۾ هيءَ سِٽَ هڪ شاعر ۽ نقاد جي بيخودي ۽ هڪ ڪهاڻيڪار جو رنگ ٿي ڏيکاري. امداد صاحب جون هن انداز جون ڪيتريون ئي ٻاڻيون ڪيل آهن. ننڍڙي زندگي، ننڍڙيون ڪچهريون، ڊگهيون ڪهاڻيون! امداد حسيني صاحب سان رهاڻين دوران مون کي گهڻو ڪجهه نئون، ساءُ ماڻڻ وارو مليو آهي.

    ڪيترائي اهڙا دوست آهن، جن هن ڪتاب ۾ شامل شاعري ٻُڌي به ۽ ان تي تنقيدي نظر به رکي آهي. ڪن صرف ٻُڌو ، ڪن ٻُڌي پنهنجي خيالن جو اظهار به ڪيو آهي؛ ڪن گهٽ ته ڪن وڌيڪ! انهن ۾ گهڻو ڪري منهنجا ويجها دوست آهن، جيئن زاهد علي جتوئي، عبدالغفار لاکير، آغا سميع الله، غلام نبي شيخ، سراج پنهور ۽ رشيد ڪلوڙ! سراج لکندو ته ناهي پر پڙهندو گهڻو آهي؛ لطيف ۽ سنڌ سان نينهن لڳل اٿس؛ ڪتابن بابت سندس نرالو نقطئه نظر آهي؛ وٽس تنقيد جو هڪ ڏانءُ آهي، جنهن ۾ ڪات ڪهاڙن جو جوڳو استعمال آهي. جيڪڏهن هو بنيادي طرح هڪ ادبي نقاد هجي ها، شاعر شاعريءَ تان ۽ اديب ادب تان هٿ کڻي وڃن ها؛ ۽ شايد ان ڪري ئي هن ادبي نقاد هجڻ جي قرباني ڏني آهي! رشيد ڪلوڙ به بنيادي طرح ڪو شاعر ڪونهي پر ويٺي ويٺي ڪي شعر چئي وٺندو آهي، جن ۾ تخيل ڀريو پيو هوندو آهي؛ ڪجهه ڏينهن اڳي هن اردوءَ جون ٻه سٽون ٻُڌايون هيون:
    ہے آفریں صنم برق و جوہر کے دم،
    خلوت میں بھی تیری محفل رہی جواں۔
    ٻيا دوست اهي آهن جن ۾ ڪجهه پاڻ به شاعر آهن ۽ ڪجهه جو نثر طرف لاڙو آهي: انهن مان هڪ آهي ساحل فراز (وحيد ڪرن شورو)، جنهن جي هڪ نثري نظمن جي “وکريل سوچون” ڪتاب جو آءٌ اڄ کان پندرهن سال پهرين Scattered Thoughts جي نالي سان انگريزي ترجمو ڪري چڪو آهيان ۽ منتظر آهيان ته اهو ڪتاب پهرين سنڌيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿئي ته جيئن منهنجي ڪيل ترجمي جي واري اچي؛ ساحل هڪ بهترين شاعر آهي؛ هت سندس هڪ شعر ڏيان ٿو جيڪو تقريبن پندرهن سورهن سال پهرين جو لکيل اٿس “وري ڪي گهڙيون آ گذاري هليو وڃ، وري منهنجي دنيا اُجاڙي هليو وڃ!” انهي غزل جو هڪ ٻيو شعر به ڏيندو هلان: “وري ٿي ڪو موسيٰ، وري ٿي ڪو درشن، وري طور سينا کي ساڙي هليو وڃ!” آغا سجاد زائر، جنهن جو تازو شعري مجموعو “خوابن جو پڙاڏو” خيرپور مان شايع ٿيو آهي؛ سندس هڪ شعر هميشه منهنجي ذهن جي تندن ۾ ڦرندو رهيو آهي جيڪو هن اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ پندرهن سال پهرين ٻُڌايو هئو “اسان جون تياريون ارادن جي ويجهو، زمانو پُڄي ويو ستارن جي ويجهو!” سردار شاهه، جيڪو پاڻ به هڪ بهترين شاعر آهي؛ هن مون کي مارچ 2014 ۾ سندس نثر تي لکيل ڪتاب “مِي رقصم” جي ڪاپي ڏني هئي، جيڪو سندس ڪالمن ۽ ٻين مختلف لکڻين تي ٻَڌل آهي؛ پنهنجي نوعيت جو نهايت ئي سٺو ڪتاب آهي؛ ايوب خاصخيلي، جنهن يورپ جو سفرنامو “موناليزا جي مُرڪ” (1998) ۽ ٻيو نائن اليون واري واقعي تي آمريڪا جو سفرنامو “هڪ واقعو جنهن دنيا کي جهنجهوڙي ڇڏيو” (2006) لکيو آهي؛ ايوب مختلف سنڌي اخبارن ۾ ڪيترائي ڪالم لکيا آهن؛ کيس اردوءَ کان ويندي سنڌي شاعريءَ جا هزارن نه ته سون جي تعداد ۾ شعر ياد آهن، جن سان هو اسان کي محظوظ ڪندو رهندو آهي؛ آغا سليم صاحب، جنهن سان چند يادگار رهاڻيون ٿيون، لطيف جي شاعريءَ کان ويندي ٽي ايس ايليٽ جي Objective Corelative تائين ڪيئي تنقيدي بحث ٿيا ۽ گڏوگڏ مون پنهنجا ڪجهه غزل ۽ گيت سائين سان جهونگارن ذريعي ونڊيا؛ مشتاق راڄپر، اسان جو “مُشِي” جنهن جي ادبي ۽ تنقيدي ڪامينٽس سان فيس بُڪ ۽ ٽوئيٽر ڀريو پيو هوندو آهي؛ مشتاق ڪيترين ئي اخبارن ۾ سماجي ۽ سياسي موضوعن تي ڪالم به لکندو رهيو آهي؛ زاهد علي جتوئي، سنڌيءَ ۾ گهٽ، انگريزيءَ ۾ وڌيڪ لکندو آهي، خاص ڪري ڪهاڻيون، تنقيدي ۽ تحقيقي مضمون؛ منهنجي انگريزي شعري مجموعي Silence of the Piano Sings جي ڇپجڻ کان پهرين زاهد ۽ مون وچ ۾ ڪيئن تنقيدي بحث ٿيا، گهڻيون رهاڻيون ٿيون، جنهن جو ذڪر مون ان ڪتاب ۾ به ڪيو آهي؛ عامر لطيف صديقي، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن گيت يا غزل سان ڇرڪائي ڇڏيندو آهي؛ ويجهڙائيءَ ۾ مون سندس هڪ غزل جي ڌُن به ٺاهي آهي، ان غزل جو پهريون شعر هت ڏيان ٿو “ميندِي هٿن کي لائي هر هر ڏسين تون ڇو ٿي، ايندا ڪڏهن نه موٽي، راهون تڪين تون ڇو ٿي!” اڃا هڪ ٻيو ڇرڪائيندڙ نالو آهي پيارو دوست، قادر بخش قادر شر. قادر جي شاعريءَ ۾ مزاح جو رنگ هوندو آهي، عام واهپي واري ٻوليءَ ۾ به قافيا ڀريا پيا هوندا اٿس. اڄ هن هڪ شعر ٻُڌايو “مشورن ئي قوم کي قادر ڪيو برباد آ، جو به ڄاڻي ڪجهه نه ٿو، سو ئي وڏو نقاد آ.” آءٌ انهن مڙني دوستن ۽ احبابن جو ٿورائتو آهيان!
    اٺين ڪلاس ۾ مون زندگيءَ جو پهريون شعر لکيو هئو. باقي ته وسري ٿو وڃي پر ان جي پهرين سِٽَ ياد آهي: “سنڌو درياههَ مٿان پوڙهو چَنڊُ”! تنقيد جو سلسلو به ان سِٽَ سان ئي شروع ٿي ويو. چيو ويو ته چنڊ ته سونهن، جوت، سوڀيا، عشق ۽ مجاز جي علامت رهيو آهي، ان کي پوڙهو ڪرڻ دنيا جي سمورن شاعرن جي تخيل جي کنڀڙاٽين کي چهڪ رسائڻ برابر آهي. منهنجي ذهن ۾ شايد هن خيال ٿي ڦيريون کاڌيون ته اهو چنڊ تڏهن کان موجود آهي جڏهن کان هيءَ ڪائنات، هي پورو نظام موجود آهي! اٺين ڪلاس ۾ مون کي چنڊ پوڙهو ئي نظر آيو هئو ۽ سندس پِيرِي سنڌوءَ سان جُڙيل ٿي لڳي؛ زمان ۽ مڪان اندر وقت جي انسان ۽ حيوان کان وڌيڪ ٻل رکڻ جي نشاني هئي؛ ڪيئي سهڻيون گذري چڪيون هيون، ڪيئي ميهار مري چڪا هئا پر سنڌوءَ مٿان چنڊ جو ڦرڻ ائين ئي هئو جيئين هزارين لکين سال اڳي هئو؛ سو اٺين ڪلاس جي ٻار لئه چنڊ پوڙهو به ٿي سگهيو ٿي. تنقيد جو سلسلو جيڪو منهنجي شاعريءَ جي ان پهرين سِٽَ سان شروع ٿيو، اڄ تائين جاري آهي ۽ ان جي ابتدا منهنجي پنهنجي گهر مان ئي ٿي. منهنجو والد، جيڪو والد هجڻ سان گڏوگڏ منهنجو دوست به آهي، عبدالحفيظ هاليپوٽو، جيئن ته پاڻ به هڪ شاعر آهي، سندس ڪتاب “من اندر جا لوچ” پڻ ڇپيل آهي، مون کي شروع کان ئي شاعريءَ جي اصولن بابت سمجهايو، مرزا قليچ بيگ جا شاعريءَ تي لکيل ڪتاب ڏنا، علم عروض جي گهاڻيٽن بابت ٻُڌايو ۽ لفظن اندر منعائون ڳولڻ ۽ احساسن کي پوئڻ سيکاريو! “سنڌو درياههَ مٿان پوڙهو چنڊ” کان ويندي هن ڪتاب “کٿوريءَ کيپَ کيتَر ۾” تائين بابا سائين هميشه تنقيدي نگاهه سان منهنجي شاعري کي پرکيو آهي ۽ مون کي اتساهه ڏنو آهي. اِن ڏِس ۾، آءٌ فقط اهو چوندس ته “ڪوبه نه راڻي روءِ ٿيو، ڪريان ڪيئن ورونهه”!

    مزمل سائر
    ڪراچي، سنڌ، 2 نومبر، 2014
    http://www.msyre.com


    شانت مان سُرڪَ

    شانت مان سُرڪَ

    هيءُ شاعر دوست مزمل سائر هڪ بيوروڪريٽ آهي، مان کيس سڃاڻان به ڪو نه، سندس نالو به ڪونه ٻُڌو اٿم، نه پڙهيو اٿم. هيءُ دستخط مون وٽ پهتو آهي، پڙهان ويٺو. عجب ٿو لڳي سنڌ ۾ اهڙا بيت، ان شاهه سائينءَ واري ويس وڳي ۾، اڄ به لکيا ٿا وڃن، اُهائي نياز نوڙت واري ٻولي، اُهو ئي لهجو! هونئن سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جو مهانڊو ته اڄ ڪلهه اردوءَ وارو ٿيندو ويو آهي. بيت ڏسو:
    تو بن، راڻا، ڪئن ڪري، مومل ڇانگارا
    هوءَ ڄڻ رڻ جي راڄ ۾، ڪا وڇڙيل ڌارا
    ڪونهي تنهنجو ڪو پتو، پوءِ پڻ آسارا
    ڪاڪ محل وارا، تو لئه تڙپن؛ آءُ، ڙي
    مون کي ته چُپُ لڳي ويئي آهي، “پوءِ پڻ آسارا” ۾ ڪيڏي تانگهه آهي. پوئين پد ۾ پويان لفظ، “آءُ ڙي!” ڪيڏيءَ محبت وارو ڏوراپو آهي. ڇا اهڙي ٻولي سنڌ ۾ اڄ به پسند ڪئي ٿي وڃي، پڙهندڙ پڙهن ٿا، پوءِ ته سنڌ سڀاڳي آهي، سندس ٻچڙا اڄ به سندس پوتيءَ ۾ پلجن ٿا.
    آءُ به، ڍاٽِي، ڪاڪ ڏي، وٽيان وِرهه وِرُونههَ
    تو بن ڪهڙي سُونههَ، تو بن ڪهڙي جندڙي
    ــــ
    آءٌ اُڪنڊي، مينڌرا، اچ، مون کي ڳَر لاءِ
    راڻا، منهنجا پريتڻا، هئه، ٻانهون ڦَهلاءِ
    اهڙو ڀاڪر پاءِ، وڇڙي وڇڙون ڪينڪي
    شاعري سمجهائڻ لاءِ ڪا نه هوندي آهي، جيڪو پڙهي سو پاڻ کي ڳولهي، جنهن کي اهڙي لوري لڳي هجي. ‘پريتڻا’ اکر کي ڪيڏي چڀ چڀ آهي، ڪهڙي هرکر ۽ ڀڻ ڀڻ آهي، ڪيئن ڪيئن ساهه ۾ سس پس سس پس ٿي ٿئي. هر ڪنهنجو مزاج پنهنجو، شعور پنهنجو. ذهن ۾ معنائون به ڪيتريون ڪيتريون اڀرن. اڪيلائپ کي ماڻڻ لاءِ ڪا کنَ، ڪا گهڙي، سامهون اچي ويهي رهندي آهي، پوءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذريو وڃن. سڀ بيت “سر مومل” جي ڇانو هيٺان لکيل آهن. مجموعي ۾ ڪجهه غزل به آهن. غزل جا هي ٻه شعر ڏسون:
    پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهر چوٽيءَ ليٽي، ‘سائر’
    سنڌ اَنگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو
    ــــ
    جِيوَن سترنگ اجرڪ منهنجو، مون آ توکي آڇيو
    هرڪو چاهي پائڻ، وو، وو، پاڻ لنوايان ويٺو
    ٻه چتر آهن. ڪيترا رنگ آهن، آڇڻ جي آرزو پڻ، لنوائڻ وارو ناز به. ماترڪ ڇند تي غزل آهي. گيت وانگر لذيذ چشڪي وارو. سنڌ جو اڪثر هرڪو شاعر اهو ڏيک به ڏيڻ چاهيندو آهي ته مون وٽ سنڌ جي ساڃاهه واري اُڻ تُڻ به آهي، اجرڪ به آهي، اها کسڪ، اهو ڊيڄو به، ان سان گڏ اهو ٻَلُ به ته مان پنهنجي وراثت پاڻ وٽ سوگهي رکندس، ڪنهن کي ڦري وڃڻ نه ڏيندس. ڦرمار وارو زمانو ويو، ته به پنهنجي ننڊاکڙي معاشري کي آگاهه ڪندو رهندو آهي ته سجاڳ رهجو، متان ڪو پنهنجو ئي، اهو ڪارنامو ڪري نه وجهي. پنهنجا، ڪڏهن ڪڏهن پڳ ٻڌڻ جي آسرن تي، ڪمزور بڻجي پوندا آهن. اسانجو هتي حال نه پڇو، ڍَوَن تي آهيون، منهن تي مکڻ به مکي هلندا آهيون.
    هيءُ غزل به ڏسندا هلون:
    ائن واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا
    ڪئين گُلّ ڇڻي ويا، ساٿيئڙا
    ـــ
    اڌ رات جهُڳيءَ جي سپني ۾
    ڪي محل ڀري ويا، ساٿيئڙا
    ڏاڍو چڀندڙ ڇهاءُ آهي، ڪيترو نه سنهڙو، جهيڻو “ائن واءَ وڙهي ويا، گُلّ ڇڻي ويا” جنهن وٽ اهڙو ماحول، سواءُ ماڻڻ واري سوچ هجي. پويون شعر اڌ رات وارو ولولو آهي، سپنو آهي، محل کي ڀوري ٿو وجهي: شاعر ته وڄندڙ ساز آهي؛ پرلاءُ پري پري تائين؛ سُر انيڪ؛ آلاپ سوين.
    هيٺيان غزل جا شعر ڏسون، جيڪي من کي چهنڊڙي پائن ٿا:
    ڇا ته جهونگار آ سُريلي، ڙي
    ڪونج ڪائي هتي به لهڻي آ
    ـــ
    رنگ بدران چُهي وئي دلڙي
    هيءَ تصوير ڇو ته مرڻي آ
    ـــ
    ڇانگ هرڻي جيان هڻي ويٺي
    ڏات جهرڻي جيان به وهڻي آ
    هن دستخط سان گڏ مزمل سائر جو انگريزي ڪويتائن جو مجموعو Silence of the Piano Sings به پهتل آهي. ڪويتائون به پڙهندس. پيانو اميرن جي گهرن جي سونهن ليکي ويندي آهي، ڦل ــ سوٽ پائي، جوان، نٽکٽ ٻار پيانو سان هٿ چراند ڪري پنهنجي اڪيلاين سان ڇيڙ ڇاڙ کي برداشت ڪرڻ سکي وٺندا آهن. پيانو جا سُر ان ۾ پيهي ويندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڏکندڙ من وارا حياتيءَ جي پوئين پهر ۾ ريشمي گائون پائي، هن ساز سان حياتيءَ جا ڏک اوريندا رهندا آهن. هيءُ شاعر چوي ٿو ته پيانو جي ماٺ ڳائيندي آهي. جڏهن هو گهر ۾ اڪيلو هوندو آهي، ماٺ جا سوکيم ڇهاوَ پير پير کڻي، سندس ڪلهي تي هٿ رکي اکين سان ڳائيندا رهندا آهن، ائين جئن اڌ رات جو هوا جي لهرن تي بانسريءَ جي مڌر، ٻاجهاري پيڙا دور دور ڦهلجي ويندي آهي، ڪيڏو سک ڏيندو آهي. انڀَوَ جون ننڊاکڙيون اکيون، ڪائنات کي چميون ڏيئي، الوليون ڪنديون رهنديون آهن.
    وقت ڪيترا نه بدلاءَ کڻي آيو آهي. شاعر پنهنجي وقت جو شاهد آهي، سندس مشاهدا، اولڙا، اکر اکر، سٽ سٽ مان به لياڪا ٿا پائن. پنڌ هر ڪنهن کي پاڻ ڪرڻو آهي. انڌڪار ۾ پيچرا سَڏَ ڪندا آهن، هٿ کان وٺي ٻه وِکون گڏ کڻندا به آهن، پوءِ اڪيلو ڇڏي هليا ويندا آهن، ته هاڻي ٽانڊاڻن جي ٽم ٽم ۾ تون پاڻ وڃي پاڻ کي ڳولهه؛ هر ڪنهن اک ۾ انيڪ شرارتون ڏسندين، اهي سڀ تولاءِ آهن، تنهنجي اوسيڙي ۾ آهن.
    مجموعي ۾ نظم ڊگها ڊگها آهن، جئن بازار ۾ ماڻهن جي پيهه لڳي پيئي هوندي آهي، ڪير ڪنهن کي سڃاڻندو به ڪونهي. مال ٿورو هجي، سيبائتو هجي، جيئن هيٺيون سٽون آهن:
    سيج هوندي تارڙن جي، رنگ هوندا ڀُونءِ جا...
    ـــ
    پر جڏهن هيءَ ڀونءِ پوري ماڪ بڻجي مُرڪندي...
    ـــ
    جيئن اوڀر سجّ جا ڪرڻا ڇٽيندو کيت ۾...
    ـــ
    تو ڄڻيا ڪردار ڪيڏا، تو گهڻا هيرا جڙيا
    پر الا، ڪجهه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڀُري ويا، سنڌڙي
    هيءَ وائي وري ڪنهن ٻئي هنڌ وٺي ٿي وڃي؛ لڳي ته اُها ئي مومل ٿي:
    ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
    مور مري ويا، مينڌرا
    تو بن ولها ديس کي، ڇا ته لڳي آ لَتِ
    ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
    مور مري ويا، مينڌرا
    پرڙا، کنڀڙا ويا ڪٿي، مئلن ڪهڙي مَتِ
    ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
    مور مري ويا، مينڌرا
    هنج لُڊاڻو ويا ڇڏي، کوهي پوريءَ پَتِ
    ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
    مور مري ويا، مينڌرا
    ٻُوسٽ، لَٽَ لَڙي آئي، ڌُوڙ ڪئي آ ڌَتِ
    ڪاڪ رُئي ٿي رَتِ
    مور مري ويا، مينڌرا
    شاعر وٽ اوهان سان اورڻ جهڙو ٻيو به ڪيترو ئي قرب آهي. مون ته هڪڙي لپ ڀري آهي، ها ڪٿي ڪٿي هي اهڃاڻ به ڏنا اٿم، صرف اهو چوڻ لاءِ نه، ائين ئي فن ۽ فنڪار پاڻ سان رهاڻ ڪندا آهن. توهان پڙهندا ته ڪنهن شانت مان سُرڪَ ڀري وٺندا. مون ته ڄڻ هن مجموعي جي اوٽ ۾ پنهنجي جهريل جيءَ کي ويهي وائکو ڪيو آهي. ڪا ڳالهه ڪن ۾ چوڻي هُئي.


    ارجن حاسد
    نيل ڪنٺ، هندوستان





    ڪي گيت امر ڇڏي ويندس

    ڪي گيت امر ڇڏي ويندس

    Socrates
    Killed
    Hemlock!

    ‘سائر’ جي انگريزي شعري مجموعي Silence of the Piano Sings جو اهو مختصر ترين نظم آهي. ان ٽه ــ لفظي، ٽه ــ سٽي نظم جو ترجمو ڏُکيو آهي. سقراط سچ ڪارڻ وِههُ ــ وَٽو پِي، موت کي مات ڏني ۽ امر ٿي ويو. ‘سائر’، ان انگريزي نظم جو شاعر، جڏهن پنهنجو ڪجهه سنڌي ڪلام کڻي آيو، تڏهن اسان کوڙ ساريون ڳالهيون ڪيون ــــ سنڌ، سنڌي ٻولي، لوڪ، ڪلاسيڪل، روايتي، ترقي پسند، جديد شاعري ۽ شاعر ــــ اسان جا موضوع هئا. ان ڏِس ۾ هُن جو هڪ نڪتئه نظر هو ۽ منهنجو به. ڪٿي اسين ڏکڻ اتر هئاسين ته ڪٿي ساڳئي صفحي تي.
    لعل پشپ مون کي چيو هو ته “هر ليکڪ، ڄاتي اَڄاتي، پاڻ کي امر ڪرڻ لاءِ لکي ٿو.” ‘سائر’ ساڳي ڳالهه مختلف انداز سان ڪري ٿو:
    مان به ڪي گيت امر ڇڏي ويندس
    مــوت کان ڪا به شيءِ ته کسڻي آ
    ‘سائر’ امر گيت جي ڳالهه غزل جي شعر ۾ ڪئي آهي. گيت جو سنٻنڌ سُر سان آهي. سُر شاعريءَ جو آڳاٽو ۽ اُوچو سرشٽو آهي. سنڌي لوڪ ۽ ڪلاسيڪي شاعري ان جو مثال آهي. ناظم حڪمت چئي ٿو:
    “شعر جيئن ته ســــنگيت جي ڪُــــک مان جنم ورتو آهي، انڪري پهريون شرط به اهو ئي آهي ته ڪنهن مخصوص رڌم، لئه ۽ آهنــــگ جـــو پــابند هئڻ کپي، جيڪو شعر جي مــوضوع ۽ ڪيفيت وٽــــان هجي.”
    (“تنهنجي ساگر نيڻن ۾ 2009)
    سو ‘سائر’ جهُونگارن سان به جُڙيل آهي ته اها ڳالهه شاعريءَ جي حق ۾ وڃي ٿي. هُن اهڙا امر گيت ڇڏيا آهن يا نه، ان جو نبيرو ته سمئه تي آهي، پر جيڪا ڳالهه ڳڻڻ جي آهي، سا اها ته هُن اهڙو اُدم ضَرور ڪيو آهي. هر شاعر کي اهڙو اُدم زندگيءَ جي آخري پساهه تائين جاري رکڻو آهي. اڻ ٿيڻيءَ کي ٿيئڻي ڪرڻ جو معجزو صرف ۽ صرف شاعريءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿو:
    موت کان ڪا به شيءِ ته کسڻي آ
    ۽ اُها شيءِ زندگي آهي. امرتا آهي. سُر آهي. سُونهن آهي. شاعري آهي. سچ ته اهو آهي ته ‘سائر’ جي شاعري پڙهي سُر، سُونهن ۽ شاعريءَ ۾ ويساهه جاڳي ٿو:
    پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهَرَ چوٽيءَ ليٽي ‘سائر’
    سنــڌ انگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو
    ـــ پورنماسي، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ليٽي، سنڌ انگيءَ تي تارن کان ڀرت ڀرائڻ ـــ هڪ اَڇُهيو خيال آهي. اها پوسٽ ماڊِن غزل جي روپ ريکا آهي. ان غزل جو ٻيو شعر، بنا ڪنهن ٽيڪا ٽپڻي جي:
    تنهنجي من ۾ منهنجي چاهت جا گهنگهرو ڇن ڇن ڪن
    لـــــوڪ ته ڄاڻـــــي وٺندو، مــــان ڪيڏو به لڪايان ويٺو
    غزل جي هن لڄالٽ واري دور ۾ ‘سائر’ غزل جي لڄ رکي آهي:
    هــي ڪوٽ اَڏي ڪيڏي نِيندين
    ڪئين ڪوٽ اَڏِي ويا، ساٿيئڙا
    مڙهه جهڙي ماٺ ۾، هڪ شاعر جو آواز ٻُري ٿو. هڪ سوال آهي. واڪو. رڙ. ‘مور’ جيڪو سُونهن ۽ آواز (ٽهوڪي) جو اهڃاڻ آهي، اُهو ڊنر ٽيبل تي هڪ ڊش جي طور آهي. ڇرين ۽ ڪانٽن سان، هر ڪو اُن مان حصا پتيون ڪري، رڙڪي رهيو آهي! باقي مور بيماريءَ وِگهي ٿر ۾ موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن. ‘سائر’ جي غزل جي هيءَ مقطع، ان صورتحال جو نوحو آهي، جيڪا رڳو ٿر تائين محدود نه آهي (شاهه سائينءَ به چيو آهي “ويا مور مري، هنج نه رهيو هيڪڙو”):
    ‘سائر’ هي ماٺ نه، موت آهي
    ڇــا مــور مـري ويا، ساٿيئڙا
    شاعر مختلف وقتن، ڪيفيتن ۾ لکن ٿا ۽ آءُ به کين مختلف وقتن، ڪيفيتن ۾ پڙهان ٿو. مون ڏٺو آهي ته ائين اثر به مختلف ٿين ٿا. جيئن ‘سائر’ جو نظم “ڪوٽَ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارُئي”! اهو اڳي به ڪٿي پڙهيو اٿم. ان تي مارڪنگ به ٿيل آهي، پر اڄ 2014ــ6ــ19 جي پرڀات سمئه ان جون هي سِٽون اُجاگر ٿي ويون آهن:
    سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏَئي ڀُڻندو جڏهن...
    چنگ جان اُن ٻاٽَ جي ماٺارَ ۾ ڪرڻا ڇَٽي
    سانت جي انڪار جو آوازُ ٿِي ويندو تڏهن...
    سج، چنگ، ٻاٽ، سانت، آواز مُک استعارا آهن. آزاديءَ جي سج جو لمڪو ڏئي ڀڻڻ، ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇٽڻ، اَڇُهيو خيال آهي. ‘اڄ’ کي سڀاڻي سان ‘جڏهن’ ‘تڏهن’ جا لفظ جوڙين ٿا. نظم ۾ هر استعارو، اهڃاڻ ٻئي ۾ مَٽجي ٿو. ٻاٽ، ماٺار..چنگ، ڪرڻا...مارئي، سنڌڙيءَ...ان ريت پورو نظم اهڃاڻي، استعاراتي بڻجي ٿو وڃي. نظم آد کان انت تائين يڪو هلي ٿو. ڪٿي به ٽُٽي نه ٿو. بندن ۾ ورهايل نه آهي. ‘چينجهه’ (موتين جي مڙهيل مَڙهه) وانگر آهي. ‘سائر’ وٽ پنهنجو شبد ـــ ڀنڊار آهي. هن جو لهجو (ڊڪشن) نيارو آهي. نظم مهڙي ٻن سٽن:
    ڪـــوٽَ ۾ تاريخ جي ڏَنجهن ڏريل، او مارُئي!
    ڇو اداسي جيءَ چُهٽيل آهه تنهنجي، سنڌڙي!؟
    کان پُڄاڻيءَ جي ٻن سٽن:
    مان به توسان ئي ته هوندس، سنڌڙي، جِنءَ آهِيان!
    تو سـوا مـــــان ڇاهِيان، چئو تو سوا مان ڇاهِيان!
    تائين هڪ ڀرپور تاثر ڇڏي ٿو. اهڙي ڳوڙهي ڳتيل نظم مان سٽ، سٽون ڌار ڪرڻ، ڌارا مان لهر، لهرون ڌار ڪرڻ وانگي آهي، پر هڪ سٽ ضرور ڏيندس، جنهن ۾ ‘وقت’ جو استعارو اَڇُهي انداز ۾ آيل آهي:
    وقت تنهنجو، صرف تنهنجو گهوٽ ٿي ايندو ڪڏهن!
    شاعريءَ لاءِ هڪ لامحدود ٻولي درڪار هوندي آهي. لفظ جو صحيح اُچارُ ۽ تز واهپو ئي ان کي معنيٰ ڏئي ٿو. ان لاءِ مطالعو ۽ عوام سان لهه وچڙ واهر ڪن ٿا. ڪيترا لفظ واهپي ۾ نه هئڻ ڪري وسري ويندا آهن. انهن تي ڪَٽُ چڙهي ويندو آهي. هڪ شاعر جو اهو به ڪم آهي ته ڪٽُ لاهي، انهن لفظن کي چمڪائي ۽ رواج ۾ رکي، ‘سائر’ اهڙا ڪيترا ئي لفظ واپرايا آهن، جهڙوڪ: چينجهڙو، آڀامڙو، اُوڻ، ڀُوڻ، اَروٽ وغيره. انهن جي معنيٰ به ڏيڻ کپي. ‘سائر’ لفظن تي اعرابون ڏنيون آهن ۽ بيهڪ جي نشانين کان به جوڳو ڪم ورتو آهي. اهو به سوال آهي ته ڇا هر صنف لاءِ مخصوص لفظيات، اصطلاح، محاورا، ڪردار، اهڃاڻ، موضوع، ورتا ورڻ...آهي؟ مثال طور بيت سنڌين جي سُڀاءَ وٽان آهي. لوڪ جُڳ کان، بيت هڪ ڊگهو پنڌ پٽي، ‘سائر’ تائين پڳو آهي. بيت هر جُڳ ۾ جيوت رهيو آهي. ‘سائر’ جو بيت ڏانهن لاڙو هڪ سٺو سوڻ آهي. ‘سائر’ جا بيت سُر مُومل راڻو مان آهن:
    ساڳيو پنهنجو ساههُ، اچ، وٽيون وِرِههَ وِرُونههَ؛
    مــــون ۾ تنهنجي سُونههَ، تــــو ۾ منهنجو پـريتڻو.
    ۽ جڏهن مومل ۽ راڻو...سُونهن ۽ پريتڻو...وڇڙن ٿا، تڏهن ڪاڪ ڪيئن ٿي ٿي وڃي، ان جو چِٽُ ‘سائر’ هيئن ٿو چِٽي:
    ساري سانوَلَ رُوءِ، ڪِنجَهن ڪوٺيون ڪاڪ جون؛
    پَٽّ کُـــــوري ماڳَ جـــــيئن، واءَ وريــــا ٿِـــــي لُوءِ؛
    ڀونر اُوجهَل ۽ ڪونرَ، رَنـــــــگُ، نه آهي بُـــــــــوءِ؛
    هَنجَن، ڪُونجُن، ڪويَلُن، جِهـــــــــڄندي ڇَڏِي جُوءِ؛
    مورَ، نه هرڻيون، ڇيلِڙيون، ڪاڪ لَــڳِي ڪا سُوءِ؛
    ڪــــاپڙي! اچ ڪُـــوءِ؛ مــــــــــاڳُ نه رهندو تو بنا.
    يا هي بيت:
    راڻا، سانوَلَ، مينڌرا، سوڍَلَ، منهنجــــا راوَ!
    جـــــيڏا تارا اُڀّ ۾، تـــــيڏا تنهنجــــــــا نانوَ،
    اُهري تنهنجي سَمنڊَ ۾، منهنجي مَنَ جي ناوَ،
    ٽيپو ٽيپو رَتّ جو، ڀُوڻي تو لئه هانــــــــــــوَ،
    تن کي ڇا جا ڀاوَ، جن جو جِيئَڻُ تو ڪــري!
    ڪٿا ۽ ڪردار ـــ مومل، راڻو، سُومل، ناتر ـــ آڻا ٽاڻا، ٽڪ ساٽ، اڳيئي موجود ۽ معلوم آهن، پر هڪ شاعر جڏهن انهن کي منظوم ڪري ٿو، تڏهن انهن کي نئين سر تخليق ڪري ٿو ۽ سڄو مانڊاڻ ٻيهر منڊي ٿو. ڪردارن ۾ روح ڦوڪي ٿو ۽ لفظن ۾ معنيٰ. ان ريت هو ڪٿا پنهنجي ڏانوَ ۽ نڪتئه نظر سان اسان جي آڏو پيش ڪري ٿو. ‘سائر’ به ائين ئي ڪيو آهي ۽ منهنجي راءِ ۾ هُو ان ڏس ۾ سڦل آهي.
    ‘سائر’ وٽ ڪلاسڪ (بيت، وائي)، روايت (غزل) ۽ جدت (نظم)، ٽنهي ڌارائن جو سنگم آهي. آءُ ٻه وِکون اڳتي وڌي هُن جي آجيان ڪريان ٿو.

    امداد حسيني
    ڪراچي، سنڌ
    05-07-2014


    مهاڳ

    مهاڳ

    اُڃ جنين جي سَيڻ

    (1)

    ڇا ڪاڪ محل ۽ ڍَٽَ جو سنڌ، اينٿيموئيسا Anthemoessa ۽ ٿريس Thraceجي يونان سان لاڳاپيل آهي؟
    جڏهن يوناني ڏند ڪٿا جي کنڀڙاٽين کي ڇهاءُ ڏبو ته کَنڀَ کَنڀَ، پورَ پورَ مان انيڪ ورلاپ اٿندا؛ مٺڙي آلاپَن ۾ من موهيندڙ گيت گونجندا ۽ وايومنڊل ۾ موسيقيءَ جا پڙلاءَ اهڙيءَ ريت پکڙجي ويندا ڄڻ ته ڪائنات ۾ سواءِ سُرَ ۽ سازَ جي ٻيو ڪو وجود جنميو ئي نه هجي. انهيءَ سر سنگيت جي مانڊاڻ ۾ ميُوزِز Muses (ڏات جون ديويون) به نظر اينديون، ته سائرَنز Sirens (سُريلي آواز واريون جَل پريون) به ڏسڻ ۾ اينديون.
    زِيوس Zeus (سڀني ديوتائن جو مُک ديوتا؛ آسمانن ۽ برساتن جو ديوتا) ۽ نيموسِينِي Mnemosyne (يادگيريءَ جي ديوي) جون نَوَ ڌيئرون هيون جن کي Muses سڏيو ويندو آهي. اهي پيريا Pieria ۾ پيدا ٿيون هيون. اهي ديويون فن جو اتساهه ڏيڻ لئه هر وقت آتيون آهن. جنهن کي به هي نوازين، اهي امر ٿيو وڃن. لفظ “ميوزِڪ” (موسيقي) به ان ئي لفظ “ميُوز” مان نڪتو آهي، جنهن جو مطلب آهي “ديوين جو فن”. يونان جي اوائلي شاعر هيسوئِڊHesoid پنهنجي ڪتاب ٿيوگنيTheogony ۾ انهن ڏات جي ديوين جو ذڪر ڪيو آهي. هيسوئڊ ئي انهن نون ڀيڻن جا نالا ڏنا آهن، جن کي تاريخ ٻين جي ڀيٽ ۾ مستند سمجهي ٿي. انهن مان هڪ آهي ڪِلاءِ يو Clio جيڪا تاريخ جي ڏات جي ديوي آهي. هوءَ تاريخدانن کي اتساهيندي آهي. ائين ئي ميلپومَنِي Melpomene ٽريجڊيءَ جي ديوي آهي. ساڳيءَ ريت يُوٽَرپِي Euterpe (بانسري وڄائڻ، غنائيه شاعري ۽ موسيقيءَ جي ديوي)، ايرَٽو Erato (رومانوي شاعري، غنائيه شاعري ۽ مذهبي شاعريءَ جي ديوي)، ڪيلي اَپِي Calliope (ايپڪ شاعريءَ جي ديوي)، پولِي همنِيا Polyhymnia (اداڪاري، ناچَ، غنائيه شاعري، مذهبي شاعري، ڊرامي، گيت، موسيقي ۽ فصاحت و بلاغت جي ديوي)، ٽَرپ سِڪَرِي Terpsichore (ناچَ، بانسري وڄائڻ، غنائيه شاعري ۽ گيتن جي ديوي)، ٿيلِيا Thalia (مزاح ۽ فطرت جي شاعريءَ جي ديوي) ۽ يورينِيا Urania (علم نجوميات جي ديوي) به آهن.
    Sirens (جَل پريون) جو ذڪر نه ڪجي ته يوناني ڏندڪٿا جو هيءُ ڇيڙيل داستان اڌورو هوندو. هي اُهي وِينگسون هيون جن جي آواز ۾ سُر ۽ مَڌرتا جو راڄُ هو. هُو اُن دور جي يوناني سمنڊ ۾، جيڪو هاڻوڪي دور ۾ ميڊيٽيرينين سمنڊ آهي، هڪ ٻيٽَ اينٿيموئيسا تي رهنديون هيون ۽ پنهنجي جادو ڀريل گيتن سان سندن ٻيٽ ويجهو گذرندڙ مڙني سامونڊي ٻيڙن کي اهڙو مست ڪنديون هيون جو اُهي ڀنڀولجي، رستو ڀُلجي هنن جي ٻيٽ ويجهو لنگرانداز ٿيندا هيا. اُهي جَل پريون پنهنجي آواز سان گڏوگڏ پنهنجي سونهن جي ڪانن سان کين گهائي ويهنديون هيون ۽ اُهي ڀونڀوليا ڀونر انهن جَل پرين جو واسُ وٺندي پنهنجي ٻيڙن کي ڇيهون ڇيهون ڪرائي پنهنجين حياتين کي اَڏين تي رکي ماريئَڙن جي هٿئون اَجل جو جام پيئندا هئا. جيئن يوناني ڏندڪٿائن ۾ سائرَنز جو ذڪر آهي، ايئن ئي “نارس ڏندڪٿائن” ۾، جن کي اسڪينڊينيوِيَن ڏندڪٿائون به چيو ويندو آهي، بنيادي طرح پراڻي جرمن قصن تي ٻڌل آهن، هڪڙي ديوي رَئنRan نالي هئي جيڪا ناکئن کي پاڻ ڏي ساڳيءَ ريت ڇڪيو کين ڄار ۾ ڦاسائي تباهه ڪندي هئي، پر سائرَنز جي ڪٿا ۾ ڪا هڪ ديوي نه هئي؛ هي کوڙ مُنڌون هيون جن جا جسم پکين جهڙا ۽ چهرا خوبصورت عورتن جهڙا هيا؛ بعد وارن قصن ۾ کين مڪمل عورتون ڏيکاريو ويو آهي. ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: ايگلوپِي Aglaope (خوبصورت مُنهڙو)، ايگلوفونوس Aglaophonos (من موهيندڙ آواز)، لُوڪوسِيا Leucosia (اَڇيرڙي)، لِگِيا Ligeia (تُندُ آواز جيان)، مولپِي Molpe (موسيقي)، پارٿِينَپِي Parthenope (ڪُنوار جهڙي)، ريڊنِي Raidne (سُڀاءُ)، ٽيلِيز Teles (مڪمل)، ٿيلسِيپِيئا Thelxepeia (من لُڀائيندڙ لفظ) وغيره. هنن مڙني مان ٽي جَل پريون سڀ کان وڌيڪ مشهور هيون: پارٿِينَپِي، لُوڪوسِيا ۽ لِگِيا. ڪيڏي نه مماثلت آهي هنن ٽن جَل پرين جي مشهور هجڻ جي مومل، سومل ۽ ناتر سان، جيڪي ڪاڪ محل ۾ هنن جئن تباهيون ڪنديون هيون! خير، هنن جَل پرين کي پَرَ به هوندا هيا پر ڏات جي ديوين (Muses) سان موسيقيءَ جي مقابلي ۾ هارجي وڃڻ کانپوءِ ديوين سندن پَرَ ساڙي ڇڏيا ۽ تنهن کانپوءِ هو اينٿيموئيسا ٻيٽ تي رهڻ لڳيون جتي هو جهازن کي ڦُري تباهه ڪنديون هيون. هومَر لکي ٿو: هڪ ڀيري اوڊيسِيئَس Odysseus جَل پرين وٽان گذرندي پنهنجي سڀني ساٿين جي ڪنن ۾ ميڻُ وِجهي ڇڏيو ته جيئن اُهي سندن آلاپ نه ٻُڌي سگهن ۽ پنهنجو ٻيڙو سڌو هلائي سندن قهر کان بچي نڪري وڃن ۽ پاڻ کي ٻيڙي سان ٻَڌرائي ڇڏيائين ته جيئن هو جَل پرين جي آواز مان مزو وٺندي گذري سگهي. اوڊيسِيئَس جو اهڙي ريت جَل پرين جي ٻيٽ کان بچي نڪري وڃڻ جَل پرين کي ايترو ته ڏُکيو لڳو جو هنن پاڻ کي سمنڊ جي لهرين ۾ ڇڏي ڏنو ۽ ٻُڏي سمنڊ جا پٿر ٿي ويون.
    ٿورو ڌيان ڏجي ته ائن لڳندو ڄڻ اسان يونان جي ڏندڪٿائن واري علائقي نه پر سنڌ ڌرتيءَ جي ميرپورماٿيلي ۾ مومل جي ماڙيءَ جي پَڊَ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، يا وري ٿورو ئي اڳتي، اوڀر واري پاسي، هندوستان جي جيسَلمِيرَ جي حدن ۾ لُڊاڻي يا لَڊُوري جي ڀَنَن جو ذڪر ڪري رهيا آهيون. ائين لڳندو ته اسان ڪاڪ محل جو داستان پڙهي رهيا آهيون، جنهن ۾ ناتر جي اڳواڻيءَ ۾ مومل جون ٻانهيون ايندڙ جوڳين ۽ عاشقن کي لُٽي برباد ڪيو ڇڏين. جَل پرين جا هٿيار سندن سُرَ، مٺڙيون ٻوليون ۽ آلاپَ هئا، پر ڪاڪ محل جي ماريئَڙَن مومل جي مشهور ڪيل سونهن، جادومنترن ۽ ناتر جي ڇَلَن، مَڪرن، دولابن، چالُن تي ٿي ڀاڙيو. سونهن اهو هٿيار آهي جيڪو يونان ۽ سنڌ پنهنجن قصن ۾ ڀريو آهي، جنهن جي لهرين ۽ ليٽُن ۾ ٻئي (يونان جا ناکئا ۽ سنڌ جا جوڳي) تباهين جو منهن چُمن ٿا. جادوءَ جو ورجاءُ ٻنهين ڪٿائن ۾ موجود آهي، فرق صرف اهيو آهي ته يونانين وٽ جَل پريون ان عمل پويان ڪارفرما آهن، سنڌ ۾ اهي عام انسان ئي آهن. لُٽجڻ جو داستان به ٻنهين ڪٿائن ۾ آهي؛ ڪُسجي مري وڃڻ به ٻنهين ۾ ساڳيءَ ريت آهي. لطيف فرمائي ٿو:
    گُجَرَ کي گَجويلَ جون تارَنِ ۾ تَبَرُون
    هَڻِي حاڪِمَنِ کي زورَ ڀريون زَبَرُون
    ڪاڪ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِين جُون.
    بلڪل ايئن جيئن اوڊيسيئس جَل پرين کان پاڻ بچائي نڪري ٿو وڃي، ڪجهه جوڳي ڪاڪ جي ماريئَڙَن کان پنهنجي جان بچائي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. اهڙي هڪ ڪامياب جوڳيءَ لئه لطيف چيو هو:
    ڪالههَ گڏيوسُون ڪاپَڙِي، بابُو بانَ بَرِي
    سائِي سالَ ڪُلهَن ۾، سامِيءَ سونَ سَرِي
    ڏيهُون خَبَرَ کَرِي، ڪا مومَلَ جي مَجازَ جي.

    ڪالههَ گڏيوسوُن ڪاپَڙِي، پَهَرَ ڏِينهان پوءِ
    ساميءَ سونُ ڪَنَن ۾، رَتَ وَرَنو روءِ
    ڪَرِئو ڳالهيون ڪاڪ جِيون، چِٽيون اُڀو چوءِ
    “جو مُنهن مومل پوءِ، تنهن جو موٽَڻُ ئي مَسَ ٿئي.”

    بيکاريءَ کي بَرَ ۾ وِئو ڪَيفُ چَڙهِي
    ڳالهِيون ڪَندي ڪاڪ جِيون ڳوڙها پِيَس ڳَڙِي
    ڪا جا اَنگههَ اَڙِِي، جِئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙِي پِيا.
    هڪ ڀيري آرگوناٽَ Argonaut (آرگو Argo نالي ٻيڙي جا ٻيڙياتا جيڪي گولڊن فليس Golden Fleece “سوني اُنَ” جي تلاش ۾ نڪتا هئا) پنهنجي ٻيڙي کي جيئن ئي جَل پرين واري پاسي کان گذارڻ لڳا، ته هوائن ۾ ڦيريون اچي ويون؛ مَڌرتا، ميٺاڄ، گيتن جا پڙلاءَ سمنڊ جي ڇوليءَ ڇوليءَ کي مست ڪرڻ لڳا ۽ ٿيندي ٿيندي ٻيڙياتا سندن ٻيڙي کي جَل پرين جي ٻيٽَ اينٿيموئيسا ڏي ڇِڪِيندا ويا. هوڏانهن هو جَل پريون انهن ناکئن جي تباهيءَ جون تياريون ڪري رهيون هيون.
    پر هن ڀيري جَل پَرين جي وَسُ ڪجهه نه هئو، ڇو ته آرگو ٻيڙي ۾ هن ڀيري آرفِيئَس Orpheus به موجود هئو. آرفيئس هڪ ڏات جي ديوِي، پولي هيمنِيا جو ۽ ڪن روايتن ۾ ڪيلي اَپِي جو پٽ هو. آرفيئس اُهو موسيقار هئو جنهن کي اپولو Appolo (سورج ديوتا) هڪ لائِرُ Lyre (يوناني تاريخ ۾ بانسريءَ کان به بهتر سمجهيو ويندڙ هارپ Harp ساز سان مشابهت رکندڙ تارُن وارو ساز) تحفي ۾ ڏنو هئو ۽ ڏات جي ديوين کيس موسيقي سيکاري هئي. آرفِيئَس اُهو موسيقار هئو، جنهن جون آڱريون جيئن ئي لائِرَ کي ڇُهنديون هيون، فضا ۾ لمحا تانڊَو ناچُ ڪرڻ لڳندا هئا. هُن جي موسيقيءَ ۾ ايترو ته سوز هئو جو سندس ساز جي گونج تي پکي پرند، جانار بلڪه وَڻَ ٽِڻَ ٻوٽا به سرڪي وٽس ويندا هئا. ڏسو ته شيڪسپيئر آرفيئس بابت ڇا ٿو چئي:
    Orpheus with his lute made trees,
    And the mountain tops that freeze,
    Bow themselves when he did sing:
    To his music plants and flowers
    Ever sprung; as sun and showers
    There had made a lasting spring.
    Everything that heard him play,
    Even the billows of the sea,
    Hung their heads, and then lay by.
    In sweet music is such art,
    Killing care and grief of heart
    Fall asleep, or hearing, die.
    (King Henry VIII, Act III, Scene I)
    هڪ ٻئي ڊرامي، “ٽُو جينٽلمين آو ويرونا” ۾ به شيڪسپيئر آرفيئس تي لکي ٿو:
    For Orpheus’ lute was strung with poets’ sinews,
    Whose golden touch could soften steel and stones,
    Make tigers tame, and huge leviathans
    Forsake unsounded deeps to dance on sands.
    ڇا ته مماثلت آهي هن ذڪر ۾ آرفِيئَس جِي، ڏياچَ جي ڪنڌ کي ڌَڙَ کان الڳ ڪرائيندڙ ٻِيجل سان! ٻِيجل جي ڪُماچَ جي گونجن تي به ائين ئي پکي پرند ۽ جانار محو ٿِي ٻِيجل جي چوڏس بيهندا هئا ۽ کيس مست ٿي ٻُڌندا هئا. خير، جيئن ئي آرفِيئَس، جَل پَرين جي آلاپن تي رستو مٽيندڙ جهاز “آرگو” کي ڦيرِي کائيندي ڏٺو، هن لائِرَ ۾ هٿ وِجهي ٻُرائڻ شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ ريت ٻُرائيندو رهيو جو سندس سُرَ جَل پَرين جي سُرن جي اثر کي ٽوڙي ويٺا. ناکئا جَل پَرين جي گيتن کي ڇڏي آرفِيئَس جي آلاپن ۾ مگن ٿي ويا ۽ واپس پنهنجي مارڳ ڏانهن اُسريا بغير ڪنهن تباهيءَ جي بلڪل ائين جيئن اوڊيسِيئس ۽ ان جا ساٿي. اهڙي موقعي تي لطيف ڪجهه هيئن فرمايو آهي:
    ڪاڪ نه جهَلِئا ڪاپَڙِي، موهيا ڪنهن نه مالَ
    سوڍيون سِجهائي هَلئا، هَهَڙا جَنِي حالَ
    جي ڇورين ڏنا ڇالَ، ته پِه لاهُوتِي لنگهي وئا.

    ڪاڪ نه جهَليا ڪاپَڙِي، موهيا نه مَحَلَن
    ٻائِن ۽ ٻانهِين جي ٻَنڌَڻ ڪِينَ ٻَجهَن
    لَکين لاهوتِين، اِهَڙِيون اوريان ڇَڏيون.


    اِهَڙِيون اوريان ئي ڇَڏي وِئا لاهُوتِي لَکَ
    پايو پِٽِينِ ويٺِيون ڪاڪ ڌَڃاڻِيون ڪَکَ
    پيئِي ايءَ پَرَکَ، ته سوڍيون سِجهائي وِئا.
    راڻي مينڌري به آرفِيئَس وانگي ئي ڪاڪ محل جي جَل پَرين کي ٻوڙو ڪيو هئو ۽ انهن جا وِڇايل سمورا ڄارَ ٽوڙيا هئائين. هيءُ هڪڙو ئي اهڙو جُنگ جوان هو جنهن ناتر جي چالُن کي هلڻ نه ڏنو ۽ وڃي هنڌ ڪيائين، جنهن تي مومل ناتر کان ٿي پُڇيو:
    ڪهڙو جُنگُ جَوانُ، جَنميو آ هِنَ جُوءِ ۾؟
    ڪَنهنجو هُوڙو ڪانُ، گهائي ويٺو ڪاڪ کي؟

    ڪهڙي باناڦاڙَ، مارِيئَڙَن ڏي ڪاههَ ڪئي؟
    هَهڙِي اَرتِي ڳاڙَ! ڪنهن باناريو ڪاڪ کي؟

    ڪيئِي ڪُٺا ڪاڪ ۾، ڪيئِي اَنگهَنِ پيا
    پَرَ ههڙا ته نه ٿيا، جن واڍوڙيو ڪاڪ کي!
    راڻي کان پهرين ڪاڪ ۾، لطيف چواڻيءَ، جوڳين جون قبرون ئي قبرون هيون. راڻي نه رڳو اوڊيسِيئس وانگي ناتر ۽ سندس سنگتياڻين جي رمز پروڙي، بلڪه آرفِيئَس وانگي سندن زور ڀڃي لاتو. هيءُ ڪو ٿريس جو رهاڪو نه هئو، هي ته ڍاٽِي هئو، جيڪو “بابو بانَ بريءَ” جي داستان ٻُڌي، مومل جي مجاز جا ڪانَ پنهنجي روح ۾ محسوس ڪرڻ کانپوءِ همير سومري، ڏونئري ۽ هڪ ٻئي سنگتيءَ سِينهَڙي ڌماچاڻيءَ سان گڏ ماريئَڙَن جي ڪاڪ ڏانهن روانو ٿيو هئو. هيءُ آرفِيئَس وانگي غلطيءَ سان جَل پَرين ڏانهن نه ويو هئو؛ هي ته پڪي پرياڻ سان ڪاڪ ڏي اُسريو هئو. راڻي سوڀ ماڻِي، مومل کي پنهنجو ڪيو، مجاز جي گلڙن مان واس ورتو، وکرائيءَ جا وارَ سَٺا، ويندي عشق جي داستان جي پڇاڙي ڪندي باهه جي مچ ۾ مومل پويان ٽَپو ڏنو ۽ اَجل کي چُميو.
    آرفِيئَس بابت تاريخ ٻه رايا ڏئي ٿي: هڪ ته هو ديوتا هئو ۽ ايئن هو ڏندڪٿا جي ايجاد آهي؛ ٻيو بلڪل ان جي ابتڙ: هو هڪ عام ماڻهو هئو جيڪو نه رڳو هڪ بهترين موسيقار هئو بلڪه هڪ عظيم شاعر هئو. هن جي شاعريءَ جي بنياد تي آرفِڪ مسٽسزم Orphic Mysticism يا آرفِزِم Orphism (آرفيئس جو تصوف) نالي مذهبي فرقو يا گروهه ٺهيل آهي (اهڙا ڳجها مذهبي گروهه اڄڪلهه به موجود آهن، جيئن فِرِي ميسن Free Mason ، جيڪو هندوستان توڙي پاڪستان ۾ به موجود آهي). ان ڳجهي مذهبي گروهه کي اڳتي وڌائڻ ۾ آرفِيئَس جي ثنائن جو وڏو هٿ آهي. اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته اونوميڪرِيٽَس Onomacritus نالي ايٿنز جي هڪ شخص جي باري ۾ اهيو مشهور آهي ته آرفِيئَس جي ڪلام مان ڪيترا ئي نظم هن جا لکيل آهن. اهيو ان ڪري جو اونوميڪريٽس جو دور ڇهين صدي قبل مسيح ڏيکاريل آهي ۽ آرفيئس جو ڪلام به ساڳئي دور ۾ مليل ٻُڌايو وڃي ٿو. آرفيئس جون لکيل ثنائون اڄوڪي وقت تائين ملن ٿيون ۽ پڙهيون وڃن ٿيون. هن جون ثنائون ديوتائن، ديوين وغيره تي لکيل آهن، جن ۾ ميوسيس، هيڪيٽ، پروٿيريا جي ديوي، رات، جنت، ايٿر، پروٽوگونس، تارا، سج، چنڊ، فطرت، هرڪيوليز، سيٽرن (زحل)، رِيئا، جيوپيٽر (مشتري)، جُونو، نيپچون، پلوٽو، بادل، ٽِيٿِيس، نيرِيَس، نيرِيڊز، پروٽِيئس، ڌرتي، خدائن جي ماءُ، بيڪس (ڊايوني سس) وغيره به شامل آهن. مون اهي ۽ ٻيا سمورا نظم پڙهيا آهن. انهن نظمن ۾ ترجمي جي باوجود به هڪ موسيقي آهي، جنهن کي ٻُڌڻ وارو روح نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي. مثال خاطر هڪ نظم جيڪو هن ڊائنا ديوي تي لکيو هئو:
    Hear me, Jove’s daughter, celebrated queen,
    Bacchian and Titan, of a noble mien:
    In darts rejoicing, and on all to shine,
    Torch-bearing Goddess, Dictynna divine.
    O’er births presiding, and thyself a maid,
    To labour pangs imparting ready aid:
    Dissolver of the zone, and wrinkled care,
    Fierce huntress, glorying in the silvan war:
    Swift in the course, in dreadful arrows skill’d,
    Wand’ring by night, rejoicing in the field:
    Of manly form, erect, of bounteous mind,
    Illustrious daemon, nurse of humankind:
    Immortal, earthly, bane of monsters fell,
    ‘Tis thine, blest maid, on woody mounts to dwell:
    Foe of the stag, whom woods and dogs delight,
    In endless youth you flourish fair and bright.
    O universal queen, august, divine,
    A various form, Cydonian pow’r, is thine.
    Dread guardian Goddesss, with benignant mind,
    Auspicious come, to mystic rites inclin’d;
    Give earth a store of beauteous fruits to bear,
    Send gentle Peace, and Health with lovely hair,
    And to the mountains drive Disease and Care.
    (From “The Mystical Hymns of Orpheus” translated from Greek by Thomas Taylor)
    راڻي مينڌري باري ۾ اهڙو ڪو به رايو ناهي ته هو ڪو ديوتا، موسيقار يا شاعر هئو. جيئن آرفيئس جو بهترين هٿيار هئو سندس موسيقي، تيئن راڻي مينڌري وٽ هوشياري ۽ چالاڪي هئي، جنهن کيس ناتر تي سوڀ ڏني. ان کان علاوه اهو رومانوي داستان ۽ ماحول آهي جيڪو راڻي کي اهميت وٺرائي ٿو. راڻو، راڻو ٺهي ٿو مومل جي ڪري، جيئن مومل، مومل ٿي ٺهي راڻي جي ڪري. هتي ڪو به ديوتائي رنگ ناهي. هتي سڀ پُرش ئي پُرش آهي.
    آرفيئس جي داستان ۾ ان ڍنگ واري رومانوي شيءَ ناهي. باقي آرفيئَس جي موت جي باري ۾ يوناني ڏندڪٿا ۾ اهيو ٻُڌايو ويو آهي ته هو پنهنجي زال يورِيڊِيسEurydice سان تمام گهڻو پيار ڪندو هئو ۽ جڏهن نانگ کيس ڪکي وڌو ۽ هوءَ مري وئي، ته آرفيئس هيڊِيز Hades (يوناني ڏندڪٿا ۾ “انڊر ورلڊ” يا ٻيءَ دنيا کي چون ٿا جنهن ۾ مُڙدن جي روحن جو آسٿانو به آهي؛ هيڊيز ان انڊر ورلڊ جي ديوتا کي به چيو ويندو آهي) وڃي ٿو ۽ پَرسِيفَنِي Persephone (هيڊِيز جي اڳواڻ) کي مڃرائي پنهنجي زال کي واپس وٺي اچي ٿو. واپسي دوران پرسيفني کيس چوي ٿي ته جيسيتائين هيڊيز کان ٻاهر نه ٿو نڪرين تيسيتائين واپس مڙي نه ڏسندين. آرفيئس کي اها ڳالهه وسري ٿي وڃي ۽ هڪ جڳهه تي تجسس ۾ واپس مُڙي ڏسي ٿو (اووِڊ Ovid پنهنجي شعري مجموعي ميٽامورفَسِز Metamorphosis۾ ٻُڌائي ٿو ته پنهنجي زال جي سڪ ۾ هو کيس مُڙي ڏسي ٿو)، تنهن تي سندس زال هن کان هميشه لئه کسجي وڃي ٿي. ان کانپوءِ آرفيئس ان جي غم ۾ ديوداس ٿي وڃي ٿو. ڪا به چندرمُکي کيس نه ٿي وڻي، جڏهن ته پورو ٿريس، سندس شهر، چندرمُکي لڳو پيو آهي ۽ هر چندرمُکي هن ديوداس کي ماڻڻ چاهي ٿي، مگر ديوداس آهي پارو ۾ مگن. کيس پارو کان علاوه ڪا ڪامڻي موهي ئي نه ٿي. ان تي ٿريس جون عورتون هيلا وسيلا هلائڻ کانپوءِ به ڪجهه نه ورڻ تي ڪاوڙ ۾ اچي کيس ٽُڪر ٽُڪر ٿيون ڪري ڇڏين. هڪ خيال اهيو آهي ته آرفيئس ڊايوني سس Dionysusجي مقابلي ۾ اپولو (سورج ديوتا) کي وڏو ديوتا مڃيندو هئو ۽ ان ڪري پرهه ڦٽيءَ جو اٿي مائونٽ پينگيئان Pangaion تان سج جو اڀرڻ ڏسندو هئو، جيڪو ڊايوني سس کي بلڪل به نه آئڙندو هئو ۽ ان لئه سندس پوڄارڻين، مينيڊز Maenads، آرفيئس کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو. جنهن به حوالي کان ڏٺو وڃي ته آرفيئس کي هر ڪنهن پاڻ ڏانهن ڇڪيو ٿي ۽ نتيجي ۾ کيس اجل جو جام پيئڻو پئجي ويو. آرفيئس جي ڪَٽيل مُنڍِي هيبرُوس Hebrus نديءَ ۾ ترندي لهرين سان لُڙهندي وڃي ٿي ۽ سندس آواز جا پڙلاءَ سُرَ سُرَ جي ونگن ۾ فضائن ۾ گونجندا رهن ٿا. آخرڪار مُنڍِي ليسبوس Lesbos شهر ۾ پڄي ٿي ۽ اُتي ئي دفن ٿي ٿئي. هي اُهو ئي شهر آهي جنهن ۾ يونان، بلڪه پوريءَ دنيا جي، تاريخي حوالي سان، پهرين شاعره سئفو Sappho پيدا ٿي هئي. آرفيئس جي مُنڍيءَ جو اُتي پورجڻ پونيرن لئه موسيقي ۽ شاعريءَ جو بنياد بڻيو ۽ واقعي به ليسبوس غنائيه شاعريءَ جي آماجگاهه رهيو آهي. آرفيئس جي جسم جا ٻيا حصا ڏات جي ديوين کڻي پيريا ۾ پوريا، جتي، چون ٿا، ته بلبل جنهن سوز ۾ ڳائيندي آهي، ان سوز ۾ بلبل دنيا جي ٻئي ڪنهن به هنڌ نه ڳائيندي آهي. آرفيئس جو ساز “لائر” زيوس کڻي آسمان ۾ ڪانسٽيليشن لائرا Constellation Lyra (نکٽ) جي صورت ۾ چنبڙائي ڇڏيو ۽ هن جي آتما سندس زال يوريڊيس ڏي هلي وئي ۽ اتي ئي آهي.
    آرفيئس ۾ ٻيجل ۽ راءِ ڏياچ ٻئي گڏجي ٿا وڃن. ان کان علاوه راڻو مينڌرو ۽ ديوداس به. پهرين هو صرف راڻو آهي جيڪو جَل پَرين جي سحر کي ٽوڙي ٿو؛ پوءِ هو پنهنجي لاڏيءَ (ونيءَ) جي غم ۾ ديوداسُ ٿي پوي ٿو؛ بعد ۾ ان غم کي وسارڻ لئه ڳائي ٿو ۽ ڳائيندو ٿو وڃي، تان جو کيس ٽُڪر ٽُڪر ڪيو وڃي ٿو؛ پر سندس ڪپيل مُنڍي به ڳائي ٿي جيسيتائين هو پوريو نه ٿو وڃي. هوڏانهن ٻِيجل پنهنجو ڪُماچُ ٻُرائي ڏياچَ جي ڪنڌ کي سِسيءَ کان ڌار ڪرايو هئو؛ هِتي وري آرفِيئَس جو پنهنجو ڪنڌ ڪپجي وڃي ٿو پر سندس ڪپيل مُنڍيءَ جي لبن تي گيتن جي گونج آهي ۽ سُر سُر هيبرُوس نَديءَ ۾ پنهنجو وجود پوکيندو وڃي. سورٺ ڪٿي به ناهي، مومل ڪٿي به ناهي، يا ته راڻو مينڌرو آهي، يا ته ٻِيجل يا وري آرفِيئَس. جيڪو رنگ آرفيئس جو آهي، سو اسان جي قصن ۾ ذرڙي برابر به ناهي. پر سنڌ جو هيءُ اهو رومانُ آهي جيڪو مومل کي مومل ٺاهي ٿو ۽ کيس امر ٿو ڪري ڇڏي. ان ئي مومل جي ڪري راڻو راڻو ٿو بڻجي ۽ ويندي آرفِيئَس سان روح رهاڻيون ڪري ٿو. مومل، اينٿيموئيسا ٻيٽ وانگي ڪاڪ محل جوڙائي ٿي. سومل، ناتر ۽ ٻيون ٻانهيون جَل پَرين وانگي پنهنجا ڄارَ وڇائين ٿيون ۽ جوڳين جي تباهيءَ جا داستان لکن ٿيون. مومل راڻي جي ڪهاڻيءَ جو هيءُ سبب کيس نرالو ٺاهي ٿو ۽ يوناني ڏندڪٿا جي ويجهو آڻي بيهاري ٿو. اتان ئي مماثلت شروع ٿي ٿئي. اتان ئي جادوءَ ۽ سونهن جي ڪٽارُن جا مثال جُڙن ٿا. اتان ئي تباهين جا داستان وکرن ٿا ۽ اتان ئي اوڊيسيئس ۽ آرفيئس گذرن ٿا، راڻا مينڌرا لنگهن ٿا. جيئن اوڊيسيئس جي گذري وڃڻ تي جَل پريون پاڻ کي سمونڊ ۾ اڇلين ٿيون، تيئن راڻي جي وڃڻ تي ڪاڪ آتَڻَ اُجهاڻا ٿي پون ٿا. پر سڀ کان اهميت واري ڳالهه آهي راڻي ۽ مومل جو رومان. اهيو رومان ئي آهي جيڪو ان ڪهاڻيءَ جو روح آهي.
    يوناني ڏندڪٿائون يوناني سماج جي سوچ جو وقت جي آرسيءَ تي آندل تصويرن جي ڪولاج جو نانءُ آهي. سو آهي سنڌ جي آکاڻين، ڏندڪٿائن يا حقيقت سان جُڙيل قصن جي پرتوو ۾. انهن ٻنهي تهذيبن جي ڪٿائن اندر هڪجهڙائي انساني سوچ جي هڪجهڙائيءَ جو ورلاپُ آهي. ڪير به ڪنهن کان متاثر ٿي سگهي ٿو ۽ بغير متاثر ٿئي به هڪجهڙائي رکي سگهي ٿو. آرفِيئَس ۽ راڻي مينڌري، تان جو ٻِيجل اندر ملندڙ هڪجهڙايون، منهنجي نظر ۾، انساني سوچ جي هڪجهڙائيءَ جو نتيجو آهن، بلڪل ائين جئن جَل پَرين جو نارس ڏندڪٿا جي ديوي “رَئن” سان، يا يوناني ديوي ايفروڊائٽي Aphrodite جي هندوستان جي سَرَسوَتيءَ سان، جنهن جي “وينا” جي تارن مان به سُرَ ايئن وکرن ٿا، جيئن ايفروڊائٽيءَ جي لِڱ لِڱ مان سونهن بکي ٿي ۽ سُڳنڌ وکري ٿي! اهيو سڀ ڪجهه ان ڪري ائين آهي، ڇو جو اهي انساني آتم کي ڇُهن ٿيون.
    جيڪو فنڪار يا ليکڪ آتم کي ڇُهندو، اُهو بنا ڪنهن گمان جي انساني بنياد کي ڇُهي رهيو هوندو. رَهڙَ يا گهاءُ اچڻ تي، ڌَڪُ لڳڻ تي ايزاءُ اچي ٿو؛ پيار تي ساءُ، سُکُ، ڪلياڻ اچي ٿو؛ واکاڻ تي سَرهائي ٿي ٿئي؛ آزادي دولت ٿي ڀانئجي؛ بَندَ، جاڙَ؛ جنسي آڳ، رمز ۽ لطف؛ بُک، گرمي، سيءُ، ٿَڪ، ننڊ، جاڳ، پريتڻو، جُدائي، اڪيلائي، غم، خوشي! اهيو سڀ آتم آهي، انساني جبلت جو پرتوو، فطرت جو آلاپ! ان آتم ٻاهران، ان جبلت جي پرتوو ٻاهران، ان فطرت جي آلاپ ٻاهران هڪ اَکُٽُ سَپاٽُ آهي؛ هڪ مٿاڇرو، مَٿُ آهي، جتي سماج جون ليٽون، لهريون ۽ وِيرون جِيوَن جي مهاساگر جون موجون ماڻين ٿيون. رسمون، رواج، ٻوليون، ويس، پئسو، جڳهيون، وڻج واپار، رهڻي ڪهڻي، شاعري، فن، نظريا، مذهب وغيره سڀ سَپاٽ آهن. اهيو سَپاٽ تهذيب ۽ تمدن تي رنگ وکيري ٿو. انسان ان سَپاٽ ڪري هڪ ٻئي کان الڳ ۽ نيارا آهن. جتي فن ۽ ليک آتم کي ڇُهي ٿو، اُتي هڪجهڙائي فطري آهي ۽ اُتي آفاقيت جي جهنڊي جي ڦڙڪڻ جا امڪان جُڙي پون ٿا؛ جتي جتي سپاٽ کي گاٺَ پوي ٿي، تفاوت فطري آهي ۽ اُهي پوءِ مخصوص سپاٽَ يا مٿاڇري يا مٿ سان مٿو ٽيڪي بيهن ٿا. پر ٻنهي جو ميلاپ هڪ نئون رنگ ٿو پيدا ڪري. ڏانءُ يا سکيا ۽ اندر جي آڳ جيڪا سپاٽن کي ڀوريندي آتم ۾ کُپي سگهي، اوتري ئي ضروري آهي جيتري آتم کي ڇُهڻ جي اِڇا ۽ خواهش. انهي ريت ڏسبو ته يوناني ڏندڪٿائن جو سنڌ جي ڪهاڻين سان هڪجهڙائيءَ وارو رنگ آتم کي ڇُهڻ وارن پهلوئن ڪري محسوس ٿيندو؛ پوءِ اهو جَل پَرين جي هٿئون تباهه ٿيڻ جي صورت ۾ هجي يا ناتر ۽ سومل جي ٻانهين هٿان؛ پوءِ اهو مومل ۽ راڻي جي روماني داستان جي صورت ۾ هجي يا آرفيئس جي يوريڊيس سان عشق جي ڪيفيت وارو داستان؛ ڳالهه مڙيئي ساڳي آهي. اهي هڪجهڙائيون نه رڳو آتم کي ڇهڻ جي ڳالهه کي ورجائين ٿيون، بلڪه آفاقيت جي رمز کي پروڙڻ ۾ به اڳتي آهن ۽ ڏسين ٿيون ته ڪيئن هڪ ٻئي کان زمان و مڪان جي حالتن کان ڌار ٿيندي به ٻنهي جي ڪٿائن ۾ هڪجهڙا رنگ آهن.
    “سُر راڻو” لطيف جي رومانوي سُرن مان هڪ آهي. ان ۾ راڻي مينڌري جو ڪردار اُتم ڏيکاريل آهي. راڻو ناتر جا وڇايل ڄارَ ٽوڙي، سڄو طلسمي مَنڊُ ڀڃي مومل جي ماڳ تائين پڄڻ ۾ سوڀ ماڻي ٿو؛ ان ڪري راڻي جو ڪردار مومل کان وزنائتو ٿي ٿو پوي. اهيو ڪردار ويتر وزنائتو ٿي ٿو پوي جڏهن مومل غلطي ڪري سومل کي مرداڻن ڪپڙن ۾ پاڻ سان گڏ ٿي سمهاري. راڻي جي ڪردار ۾ اڃا وزن پيدا ٿئي ٿو جڏهن هو مومل کان رُسي وڃڻ باوجود به مومل جو ٻئي ڪنهن ڪانڌ (سومل) سان سمهڻ وارو راز راز ئي ٿو رکي؛ کيس لڄي نه ٿو ڪري. پوري سُر ۾ وکرائيءَ جي عالم ڪري مومل راڻي مينڌري جون آزيون، منٿون ٿي ڪري ۽ پنهنجي ڪيل غلطيءَ کي ميٽڻ جي ڪوشش ٿي ڪري. ان ڪري راڻي جو ڪردار اُتم ٿي ٿو پوي. سڄي سُر ۾ مومل لِيلائي ٿي، معافيون ٿي گهري؛ انتظاريءَ، اوسيڙن ۽ ڳڻتين ۾ ڏيکاري وئي آهي. مومل کي اهڙي رنگ ۾ جڪڙيو ويو آهي، جو هوءَ راڻي کان پاڻ کي الڳ نه ٿي ڪري سگهي؛ ۽ ڪندي به ڪيئن؟ راڻو ته منزل آهي ۽ منزل ماڻڻ وارا مدام ئي واٽهڙوئن جئن ڏنجهن ۾ رهندا آهن. مومل پيڙائن مان گذري ٿي، پر واقعي، اگر راڻو ايترو مانائتو نه هجي ته مومل جي پيڙائن جي به ڪا حيثيت نه ٿي رهي.
    جهڙو محرڪ هوندو، تهڙي شڪل مضمون جي. جهڙو ڍنگ هوندو مضمون سان نڀائڻ جو، تهڙو ئي مضمون سرجي هٿن ۾ ايندو. لطيف جي سُر راڻي پويان، ٻين ڪيترن ئي محرڪن کان علاوه، ساهه کڻندڙ محرڪ وحدت الوجود آهي. ان محرڪ ڪارڻ، پوءِ ڀلي سندس ڪردار جي وِينا ۾ آروهي ۽ امروهي، سُرن جي سرگم ۾ اُڄهي نه سگهن، گهُمي ڦِري راڻو مينڌرو وحدت الوجودي منزل بڻجي ٿو پوي ۽ مومل هڪ هيڻو ۽ گنهگار انسان جيڪو ان منزل تي پڄڻ لئه جاڙون سهندو، هيلا وسيلا ڪندو ٿو رهي؛ پوءِ کيس هر جڳهه تي راڻو ئي راڻو ٿو نظر اچي: “راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي ڪِين ناهه ٻيو” (لطيف). دلچسپ ڳالهه هيءَ آهي ته لطيف جو محرڪ سَپاٽ وارو آهي، جڏهن ته سندس مضمون جي چونڊ آتم کي ڇهڻ واري آهي. ان ڪري سُر راڻو ٻنهي ڌارائن جو سنگم آهي. جتي جتي وحدت الوجود جي وڻڪَ اُٿندي، اُتي فقط ئي فقط ان نظرئي ۾ دلچسپي وٺڻ وارن لئه ڪو رنگ هوندو، ڪو ساءُ هوندو، ڪو هڳاءُ هوندو؛ پر جتي جتي وڇوڙي جو ورجاءُ ٿو ٿئي، وکرائي وارَ ٿي ڪري، جتي جتي اوسيڙا هانوَ جي تَندن کي ڳارين ٿا، جتي جتي شڪ ۽ گمان ڪنهن ڪان جيان جگر ۾ ٽُنبجي ٿا وڃن، جتي جتي سونهن آئڙي اچي ٿي، جتي جتي پريت جون ڪٽارون آتم کي ڪورين ٿيون، جتي جتي اُلن، آرانڀن ۽ لُڪن ۾ مومل جي ڏاچي راڻي کي وَوڙِيندي ڊڪي ٿي، پاڻ کامي ٿي ۽ مومل به ساڻس پَڄري ٿي، اُتي اُتي آتم، جبلت، فطرت سَپاٽ کي ڀوريو انسان جي روح ۾ سمايو وڃن؛ اتي نظريا ڇڻيل ڪک پن ٿيو وڃن، فلسفا بي معنيٰ؛ فقط انسان جي روح جون ڌمائون ۽ مرڪون جاڳن ٿيون، جهرڻن وانگر جهرڪن ٿيون؛ اُتي لطيف جي اندر جو ڪَوِي سڀاويڪ نموني فن جي اوج تي پڄي انساني آتم جي جهنڊي کي جهولائي ٿو.
    ڪيترن ئي “سُر مومل” يا “سُر راڻو” يا “سُر مومل راڻو” لکيو آهي. انهن سڀني جي محرڪن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته اُهي هڪ ٻئي کان پنهنجي محرڪن جي ڪري، پنهنجي ڏِسَڻ جي انداز ڪري الڳ آهن. انهن جي دنيا الڳ آهي، رنگ الڳ آهن، ويندي جو سندن مومل ساڳي مومل ناهي، نه ئي راڻو ساڳيو راڻو آهي. هن ڪتاب ۾ بيتن جي صورت ۾ هڪ ئي سُر ڏنل آهي: مومل. ان کي پڙهڻ کانپوءِ انهيءَ پٺيان ساهه کڻندڙ محرڪ به پَسجي سگهبو. هن سُر ۾ راڻو مينڌرو پنهنجين سوڀ ماڻڻ واري خصلتن ۾ ته اهو ئي آرفِيئَس آهي، پر ڪردار جي لاهن چاڙهن ۾ کيس مومل کان وزنائتو ٿيڻ ۾ پنهنجي جهوني ڏاچيءَ تي سوڙهين گهٽين مان گذرڻو پوندو، ڏِنگين ڀِٽن تان چڙهڻو ۽ لهڻو پوندو! باقي رهي مومل، ته هن سُر جو نالو ئي آهي: مومل!

    (2)
    ٻولِي وقت جي ڪنهن واديءَ ۾ ڪيل ڪُوڪ يا آلاپ جو پڙاڏو آهي؛ هڪ راڳ آهي، جنهن جي آروهيءَ جي گونج سُمَهلي آ ته سندس امروهيءَ جو پڙلاءُ ڪُمَهلو، جنهن جو “اَچل سُر” پورو آ ته سندس “سَم” اَڻپورو. ڪجهه آهي جو ٻوليءَ جي روح ۾ اُوڻ ڇڏيو، اُلَٿو وڃي اُن اُجهاڳَ ڏانهن جا ڪيترين ئي ڪوششن بعد به لڙاٽيل رهجيو وڃي. اُن اُجهاڳَ جي پنڌ اُتي ڪوهيڙو درٻار لڳائي ويهي ٿو. اُتي ڪوهيڙي سان گڏ مينهوڳيءَ جي ڪڻ ڪڻ سوچن جي پانڌين کي سرڪڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي؛ واچوڙن جي ڀُوڻِ، جهَڪن جا سرڙاٽَ، وِڄن جا وَرَ، وراڪا، ڌنڌ، ڌُڌَڙ، احساسن جي ڪانن کي به پنهنجي آچامن کي ڇهڻ کان ڏُور ڪريو ڇڏين، تان جو تخيل آڏو اهڙو وايو منڊل جُڙيو پوي جنهن ۾ اَڇَ، اَڇاڻِ، ميراڻ، بُڀُڙ، کيههَ، سڀ چيڙهه ورتل وارن وانگي هڪ ٿيو وڃن؛ تخيل جون اَڌوتيون چڳون، احساسن جون ميرانجهيون ماڙيون؛ هاءِ! هيڏي ڪارونڀار ۾ کنوڻين جي چمڪاٽون ڏيڻ تي اندر ۾ اَرڪَ اُسريو اچن؛ اُهي اَرڪَ جنهن سان ڪاراڻ ڪلهو ڪلهي سان ملايو هلي. ٻولِي رُڃ جيان جهرڪي به ٿي ته ڪارونڀار وانگي اکين آڏو ڪاراڻ به ڦهلايو ڇڏي. ٻولِي مصوريءَ وانگي ڪَويءَ جي آڱرين ۾ پَبلُو پِڪاسو جو مُوقلم (بُرش) ڦاسائي، ذهن جي تَندن کي رنگن جي اهڃاڻن ۾ غرق ڪيو ٿي ڇڏي، ته ڪڏهن وري موسيقيءَ وانگي موزارٽ جي سنفنين کي ڪَويءَ جي زبان تي ماکيءَ جيان ڳاڙيندي رهي ٿي ۽ هُو اُن ميٺاڄ ۾ وڪڙيو وڃي ۽ نتيجي کان پهرين سرگم کان ٿڙيو وڃي. ٻولِي آتم جي بَڙ جي لاهَن مان اُسرندي سندس ٿُڙ مان راهون ڪڍندي، لام لام، پالُر پالُر، پَن پَن، گُونچ گُونچ، گُل گُل، سُڳنڌ سُڳنڌ مان جندڙي ڇِڪي ڪنهن پرئين پارَ جي پنڇيءَ جيان اُڏريو وڃي پر پنهنجي کنڀڙاٽين جي پڙلاءَ کي وايو منڊل ۾ ڦهلايو وڃي. ٻولي جيڪو ٻُڌائي ٿي، ان جي پويان نچندڙ دل جون تندون ۽ اُڏندڙ دماغ جون رڳون ايتريون ته تصويرون جوڙي ٿيون ڇڏين، جو ڪنهن هڪ کي چونڊڻ ٻين مڙني تصويرن سان ٻيائي ڪرڻ برابر ٿيو پئي. ٻوليءَ سان چُهٽيل اهيو خيال هر صنف تي ساڳيءَ ريت ٺَهڪي اچي ٿو، پر شاعريءَ تي ان جو اثر گهڻ رخو آهي، پوءِ اُها ليسبوس جي شهر ۾ سئفو جي چيل ڪويتائن جي صورت ۾ هجي، يا مالِني جي ڪنڌين سان لاڳاپيل ڪاليداسَ جي شَڪُنتل جي نظم جي شڪل ۾؛ اها ابنِ زيدون، ڪيٽيولَس، وَرجل، بائرن، اليگزينڊر پُشڪن، دانتي، گوئٽي، والٽيئر، ڊائلن ٽامس جهڙن شاعرن جي شعر ۾ هجي، يا ڪارلائل جي اُصولن کي ڇيهون ڇيهون ڪندڙ ازرا پائونڊ يا ٽي ايس ايليٽ جي ماڊِنِزِم جي شاعريءَ جي صورت ۾، يا وري هلندڙ ٽهيءَ کان پهرين ڪَرُ کڻندڙ پوسٽ ماڊِنِزِم ۽ هاڻوڪي انٽرنيشل شاعريءَ جي صورت ۾ هجي. پر اهيو ڪوهيڙو، جيڪو ٻوليءَ جي نس نس ۾ ڀُوڻي ٿو، تخليق جو سترنگي سبب آهي. اهيا ڌُنڌ ئي آهي جيڪا ٻوليءَ جي سونهن کي ويتر اُجرو ڪري ٿي، گهڻ رُخو ٺاهي ٿي ۽ پکيءَ وانگي پَرَ کِنڊاري هوا جي لهرين ۾ اَلُوپُ ٿيو وڃي. ٻولِيءَ جي انهيءَ ئي رُخَ تي Imagism جو پڙلاءُ اچي ٿو. Symbolism، Collage Technique، Surrealism، Impressionisn وغيره ان ئي خيال جي پيداوار رهيا آهن؛ ۽ نهايت ئي روايتي مزاج جي شاعري به انهيءَ رنگ سان چُهٽيل آهي، جنهن جي نتيجي ۾ شاعريءَ جو ڀاڪر وڏو ٿي ٿو پوي. جيڪڏهن ٻوليءَ ۾ اها اوڻ نه هجي ته جيڪر تخليق، نواڻ، ٻوليءَ جي واڌ ويجهه، تخيل جي اُڏار وغيره ممڪن نه ٿي سگهن. جن ليکڪن، خاص طرح شاعرن ان اوڻ جي شهرڳَ کي ڇُهيو، انهن ٻوليءَ جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀري ڇڏيو، خيال جي اُڏار لئه جهرڪيءَ جي پرن ۾ بازَ جي سَگههَ ڏئي ڇڏي، احساسن جي بليڪ اينڊ وائٽ تصويرن ۾ سترنگي منظَرَ اُڻي ڇڏيا! جن به ٻوليءَ جي هجڻ نه بلڪه نه هجڻ واري رمزي جڳهه کي ووڙي لٿو، انهن ٻوليءَ جي ناتر جهڙي چالين کي ٻَلَ کان سَکڻو ڪري ڇڏيو.
    ٻوليءَ جي انهيءَ خيال کان اڳتي وڌبو ته ڪيترائي اهڙا گهاڻيٽا نظرن اڳيان ايندا جن جي پينگهن ۾ ٻوليءَ کي انسان ۽ انسان کي ٻوليءَ سدا جهولايو آهي. ٻولي ته هڪ ويس آهي ۽ ان ويس لئه ڀانت ڀانت جو سُٽُ يا پٽ پٽيهر ڪتب ايندو رهيو آهي؛ ان ويس جا وري ڪئين ويس آهن؛ چرخي اندر ڪيئي چرخا آهن؛ ڪئين ڍنگ آهن، ڪئين گلڪاريون، ڪئين رنگ آهن. ان ڏِس ۾، بين الاقوامي شاعريءَ جو اڀياس ڪبو ته اسان آڏو وڏي ليکي ٻن قسمن جي شاعري ايندي: خارجي يا معروضي شاعري ۽ داخلي يا موضوعي شاعري. خارجي شاعريءَ جا ٻه قسم آهن: بيانيه (نيريٽِو) ۽ ڊرامائي. بيانيه شاعريءَ ۾ بيلَڊ (منظوم ڪهاڻي) ۽ ايپِڪ (بيانيه نظم، جيئن هومر جو ايليڊ ۽ اوڊيسي، ورجل جو اينيڊ وغيره) اچي وڃن ٿا. ٻين قسمن جهڙوڪ ماڪ ايپڪ، منظوم رومانوي شاعري وغيره کي ڄاڻي ٻُجهي نه ڇهيو ويو آهي، ڇو ته هتي مقصد شاعريءَ جي صنفن تي لکڻ نه پر خاڪو ڏيڻ آهي. ڊرامائي شاعريءَ ۾ غنائيه ڊرامو (ڊرامائي لِرِڪ) ۽ ڊرامائي مونولاگ اچي وڃن ٿا.
    اسان جي ٻوليءَ ۾ گهڻي ڀاڱي شاعري نه ئي بيانيه آهي ۽ نه ئي ڊرامائي. ڊرامائي شاعريءَ ۾ نه ئي غنائيه ڊرامو ٿو ملي ۽ نه ئي بظاهر ڪو ڊرامائي مونولاگ. باقي ڪجهه منظوم ڊراما ملن ٿا، جن ۾ شيخ اياز جا منظوم ڊراما (ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، دودي سومري جو موت، رني ڪوٽ جا ڌاڙيل) به اچي وڃن ٿا. ڪجهه اهڙا ڪتاب منهنجي نظر مان گذريا آهن جن ۾ اياز جي انهن منظوم ڊرامن کي “اوپرا” لکيو ويو آهي، بلڪه هڪ ڪتاب ۾ ته شيڪسپيئر ۽ يوناني منظُوم ڊرامن کي به “اوپرا” چيو ويو آهي. ڪنهن منظوم ڊرامي کي “اوپرا” چوڻ بلڪل ايئن آهي جيئن ڪنهن بيت کي “ٺُمري” چئجي. حقيقت ۾ ماسڪ Masque، بيلي Ballet، اوريٽوريو Oratorio، ميوزيڪل Musical، ڪينٽاٽا Cantata، اوپرا Opera وغيره موسيقيءَ جي صنفن جا نالا آهن، نه ڪي شاعريءَ جا! ماسڪ 16 ۽ 17 صديءَ ۾ انگلينڊ ۾ مشهور هئا. اهي منظوم ڊراما هئا، جن ۾ ناچ ۽ موسيقي بنيادي هئا. اهي خاص طور تي درٻاري فن جو نمونو رهيا آهن. ماسڪ جو عروج 17هين صديءَ ۾ ئي ختم ٿي چڪو هئو، بدترين “انگلش سِوِل وار” (1642ــ1651) جي نتيجي ۾؛ بعد وارا ماسڪ ڪجهه کي ڇڏي ايترا اهم نه رهيا آهن. بيلي، جيئن ته نالي مان ظاهر آهي ناچ سان متعلق رهيو آهي پر هاڻوڪي بيلي ناچ ۾ مائم (اهو ڊرامو جنهن ۾ ڊائلاگ نه هجن) ۽ اداڪاري به اچي وئي آهي. اهڙيءَ طرح اوريٽوريو بائبل مان کنيل ڪهاڻيءَ تي جوڙيل منظوم قصو هوندو آهي، جنهن ۾ آرڪيسٽرا ۽ ڳائڻن جو وڏو هٿ هوندو آهي. ميوزيڪل اهو منظوم ڊرامو آهي، جنهن کي گيتن ذريعي ٻُڌايو وڃي ۽ جنهن ۾ ناچ جو وڏو حصو هوندو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ آيل هڪ هاليووڊ جي فلم لي مزغبل (لي مزريبل) ۽ مُولان غُويُ (مُولن رائوج) ان جا مثال آهن. ڪينٽاٽا گهڻي ڀاڱي مذهبي ميوزيڪل آهن جن ۾ هڪڙو ئي ڳائڻو هوندو آهي. رهيو اوپرا ته اهو هڪ ٿِيئٽَر (ناٽڪ منڊلي) تي ادا ڪرڻ جي موسيقيءَ جي اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڳائڻا (راڳي) ۽ موسيقار هڪ اهڙو ڊرامو ڳائي ادا ڪندا آهن، جنهن ۾ اداڪار هوندا آهن، “ميوزيڪل آنسامبل” (سازيندڙن جو گروپ) هوندو آهي، ڪاسٽيومز هوندا آهن ۽ هڪ (نثر وارو يا منظوم) “ٽيڪسٽ” يا ڊرامو هوندو آهي، جنهن کي “لبريٽو” چيو ويندو آهي. ان لبريٽو جي ليکڪ کي “لبريٽِسٽ” چيو ويندو آهي. هڪ اوپرا ۾ ٻه اسڪرپٽ هوندا آهن: هڪ “ميوزيڪل شيٽ” يا ائن چئجي ته موسيقيءَ جي نوٽيشن (راڳن ۽ سُرن جي سرگم؛ آروهيون، امروهيون؛ سُرن جا لاها چاڙها وغيره) هوندي آهي، جيڪو هڪ ڪتابڙو هوندو آهي جنهن ۾ ان اوپرا جي پوري موسيقيءَ جو اسڪرپٽ لکيل هوندو آهي ۽ ٻيو هوندو آهي لبريٽو جيڪو اوپرا جي ڪهاڻي ٻُڌائيندو آهي، گهڻو ڪري منظوم هوندو آهي. لبريٽو نه رڳو اوپرا لئه لکيو ويندو آهي پر مٿي ڄاڻايل مڙني صنفن لئه به لکيو ويندو آهي، جيئن ميوزيڪل، ڪينٽاٽا، اوريٽوريو وغيره. شاعريءَ سان تعلق رکندڙ شيءَ اوپرا نه پر لبريٽو آهي. دنيا جو پهريون اوپرا 1598 ۾ اٽليءَ جي شهر فلورنس ۾ ادا ڪيو ويو هئو، جنهن جو نالو هئو ڊَئفنِي. ان کانپوءِ ئي لبريٽو به وجود ۾ آيو. ان کان پهرين جيڪي به منظوم ڊراما هئا، اهي لبريٽو نه هئا، اهي گهڻي ڀاڱي اسپوڪن (ڳالهايا ويندڙ) منظوم ڊراما هئا، جيئن شيڪسپيئر جا منظوم ڊراما يا يونان جي ايسڪيلس، يوريپِيڊِيز، سافوڪ لِيز ۽ ايرِسٽو فنِيز جا لکيل منظوم ڊراما. ان ڪري هر منظوم ڊرامو لبريٽو به ناهي. جي منظوم ڊراما اياز لکيا آهن، اُهي لبريٽو آهن، نه ڪي اوپرا. ان ڏِس ۾ هو هڪ لبريٽسٽ هئو. اسان جي ٻوليءَ ۾ نه ئي ڪو موزارٽ پيدا ٿيو آهي، نه ئي ڪو باخ، بيٽووِن، ويگنر يا مونٽي وَردِي؛ ان ڪري اسان وٽ اوپرا به ڪڏهن نه ٿي سگهيا آهن. ها جنهن وقت اهڙي ڪنهن منظوم ڊرامي يا لبريٽو کي ڪنهن موسيقيءَ سان سينگاريو ويو ۽ اهو به بلڪل ان جي بنيادي گهاڻيٽن کي سامهون رکي جيئن پوئتي بيان ڪيو ويو آهي، ته اهي ڊراما پوءِ اوپرا ٿي سگهن ٿا.
    اسان جي شاعريءَ ۾ نه رڳو منظوم ۽ غنائيه ڊرامن، بلڪه بيانيه شاعريءَ جي به تمام اوڻ آهي. اسان ڏي اڃا تائين هومر جي اوڊيسي ۽ ايليڊ، وَرجِل جي اينيڊ، دانتي جي ڊوائن ڪاميڊي يا جان ملٽن جي پيراڊائز لاسٽ وغيره جهڙا نظم نه سرجيا آهن. البت اسان وٽ بيت شاعريءَ جو نهايت ئي نيارو نمونو رهيو آهي، جنهن کي اسان پنهنجي تخيل جي وسعت لئه ڏاڍي بهترين نموني استعمال ڪري سگهون ٿا. پر آءٌ صرف بيت جي صنف جي ڳالهه نه پيو ڪيان؛ بلڪه بيت جي صورت ۾ چيل داستان يا سُرَ جي ڳالهه پيو ڪيان، بلڪل ائين جئن لطيف يا ان کان اڳ وارن يا پونيرن جا سُرَ آهن: سُر راڻو، سُر سورٺ، سُر مارُئي وغيره. اهڙي نوعيت جي شاعري ٻوليءَ ۽ بيان کي وڌائي ويجهائي ٿي. اسان بيت جي داستانن کي ڳوپي لوپي بيانيه شاعريءَ جي ذمري ۾ آڻي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته اهي به خارجي شاعريءَ جو مثال آهن، اها هڪ ٻي ڳالهه آهي ته سنڌي شاعريءَ جو هيءُ نمونو بنهه ئي مختلف آهي ۽ عالمي شاعريءَ جي گهاڻيٽن ۾ نه ٿو ماپي. پر ان اندر جا موسيقي ۽ خيال جي اظهار لئه وسعت آهي، سا گهڻي ئي شاعريءَ جي گهاڻيٽن ۾ ناهي. اگر رڳو علم عروض سان ئي ڀيٽا ڪجي ته فرق محسوس ٿيندو. عروض جي موسيقي ڇن ڇن ڇن ڇن يا ڇنن ڇنن ڇنن ڇنن يا ڇن ڇنن ڇن، ڇن ڇنن ڇن يا ڇنن ڇناڇن ڇنن ڇناڇن، وغيره يعني ڌڪ ڌڪ ڌڪ ڌڪ واري تبلي جي ڌمڪ ۽ هارمونيم جي وڄت واري آهي. بيت جي موسيقي جهرڻي جي آواز جهڙي آهي جيڪو پاڻيءَ وانگي جبلن مان ڪرندو پٿرن سان ٽڪرائجي هوري هوري، وري تيزيءَ سان، وري ڌيرج سان پنهنجي جاءِ ٺاهيو، ڪڏهن ڪڙڪي سان، ڪڏهن ميٺاڄ سان پيو گذرندو، جيڪو تندن واري سازن، جهڙوڪ، وينا يا ستار ۾ به ملندو ته وري بانسريءَ جي آلاپ ۾ به! انهيءَ موسيقيءَ واري ڀيٽا کي نظر ۾ رکبو ته خيال جي وسعت جو اندازو ڪري سگهبو.
    ٻئي قسم جي شاعري آهي غنائيه يا لِرِيڪَل؛ اها موضوعي شاعري جي زمري ۾ اچي ٿي. ان تي لِرِيڪَل شاعريءَ جو نالو ان ڪري پيو، جو يوناني اهڙي قسم جي شاعريءَ کي “لائِر” سازَ تي ڳائيندا هُيا. اها شاعري ننڍن نظمن يا گيتن تي ٻڌل هوندي آهي ۽ سولائيءَ سان ڳائي سگهبي آهي. بين الاقوامي سطح تي ان شاعريءَ جي قسمن ۾ “اوڊ”، “ايلِجِي” ۽ “سانيٽ” اچي وڃن ٿا. اسان جي خطي جي حساب سان ان ۾ غزل، گيت، وائي، نظم وغيره ڳڻي سگهجن ٿا. ان شاعريءَ سان پوريءَ ڪائنات جو ادب ڀريو پيو آهي، پر اسان جي شاعري ته آهي ئي غنائيه، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو منظوم قصو، منظوم ڊرامو يا بيانيه شاعري جو رنگ به ملي وڃي ٿو.
    هن مجموعي ۾ “مومل” جي بيتن کي خارجي شاعريءَ ۾ ڳڻي سگهجي ٿو؛ باقي، نثري نظمن کي هٽائي ڪري، تقريبن پوري شاعري بين الاقوامي گهاڻيٽن جي حساب سان غنائيه شاعري آهي، پوءِ اُهو غزل هجي، نظم هجي، آزاد نظم هجي، وائي هجي يا گيت.



    (3)
    ٻاٻِيهل، ٻاٻِيهو، پَپِيهو، مِينهَڻُ، مِينهَل يا تاڙو انهن پکين مان آهي جن جو نالو ذهن ۾ ايندي ئي منهنجو من سنڌ جي مٽيءَ ڏانهن ڇڪبو ويندو آهي. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ تاڙي جي تُند تنوار تي ڪڪرن منجهه وِڄن وراڪا ڪري جهُڙ ۾ پَرُوڻ ٺاهي اُن مان نرمل مينهن ڪڻين کي ڇاڻي، سنڌ جي مِٽيءَ مٿان ورسايو آهي ۽ مِٽيءَ انهن ڪڻين کي پنهنجي سڳنڌ ڏئي وايو منڊل کي واسي ڇڏيو آهي. هيءَ اُها لڳن آهي، جنهن جو ڪو نانءُ ناهي. هيءَ لڳن تاڙي پکيءَ مان اُٿندي منهنجي روح مان ٿيندي هن مٽيءَ جي واسَ سان گڏوگڏ ڀُون جي تند تند مان گذرندي ڪائنات جي ڪُک ۾ ڪنهن هُوڙي ڪانَ جيان کُپيو ٿي وڃي.
    اِها لڳن، اِها هُٻڪار، شايد ان ڪري به هجي ته تاڙي جي تنوار اُڃ جو نانءُ آهي، سِڪ ۽ ڇِڪ جو نانءُ آهي، وکرائيءَ، ڦوڙائي جو نانءُ آهي، وصل، ميلاپ جو نانءُ آهي، پاڻي، يعني جندڙيءَ جو نانءُ آهي، تازگي، رنگن، ٻوٽن، گلڙن، پکين جي ولرن جي چون چون، تلين، ترائين، ڏهرن جو ساوڪ سان ڀرجڻ جو نانءُ آهي، ملير جو نانءُ آهي، مارئيءَ جي حب جو نانءُ آهي، ٿر جي پوٺن، ڀِٽن جو نانءُ آهي، ان پڪار جو نانءُ آهي جيڪا هيءَ ڌرتي ورهين کان ڪري رهي آهي پنهنجي وجود جي گهڙيل خالن کي ڀرڻ لئه جيڪي وقت جي وائن سان سِنجري پيا آهن.
    ڪـــري وٺ پيار دل کــولي! نه ٻاٻِيهل وري ٻولي.
    گهڙي جا وئي رمي، ‘سائر’ گهڙي پوءِ سا وَسي ناهي.
    ــــ
    ڪٿي ڪالداس ۽ ڪٿي پريتما!
    شَڪـــــنتل اڌوري اڌوري اڃــــــــا!
    وَراڪــــــا ڪري وِڄّ وانگي اچي،
    ڪــــڏهن مور وانگي ڀِٽن تي نچي،
    ڪـڏهن مِينهڻن جيئن چانگارَ ۾...
    ــــ
    ڪـــويلَ ڪُوڪُو، ڳيري گهُو، ٻاٻِيهَل ٻَروڙَ،
    پاڻيءَ جهُر جهُر، نارن ڀُوڻِ، روجهن ڊوڙَ ئي ڊوڙَ،
    پانڌياڻــــــيءَ پَـــــــهوڙَ، راڻـــــي جــا ورلاپ ٿيا!
    ــــ
    مِينهڻ ڄَرڪي تانگهه ۾؛ تئن ٿي مان ڄَرڪان!
    هاڻ مان ڪو نه بچان! ــــ
    چَتونءَ جي چانگار، لا، تاڙي تند تنوارَ!
    ــــ
    ڪپار آ سج، ٻَري رڻ پٽ، نه ڪو بادل، نه ڪو آسر؛
    سڙي ويا پَرَ، ڇِڄن کنڀڙا، مگر مِينهل ڇڏي ناهي!
    ــــ
    آشا، جڏَهين مِينهڻ ور چانگاريندا!
    ويـــرو تارُ اُڪنڊيو ٿر بر جاڳي ٿو!
    هيءَ ٻاٻيهل جي ٻروڙ رڳو پکيءَ جي جهونگار ناهي، هيءَ زندگيءَ جي رڙ آهي؛ ڪا صدا آهي، ڪو ورلاپُ آهي، ڪا ڪُوڪ آهي، جيڪا سنڌ جي مٽيءَ مان به اُٿي ٿي ۽ تيئن ئي هن مجموعي جي هڪ هڪ سِٽَ مان؛ پوءِ اُها سِٽَ ڪينجهر تي چيل هجي يا ڪنهن پراڻي ڀَنَ، ٿَرڙَ، پَڊَ، ماڳَ، ڪنهن قصي يا سمبارا جهڙي ڪردار سان منسوب ٿيل هجي! ڏسڻو اهو آهي ته ٻاٻيهل جي هيءَ ٻروڙ وقت جي ڪُک ٿي وٺي يا وايومنڊل ۾ کٿوريءَ جيان کيپ ڪندي، وقت جي ساهه سان هڪ ٿي اَلُوپُ ٿي ٿي وڃي.

    مزمل سائر
    ڪراچي، سنڌ
    2 آگسٽ، 2014
    http://www.msyre.com


    مومل (بيت – وائيون)

      -

    مومل ڏنو ڪاڪ کي پنهنجو واسُ، وَرَن
    چوڏس ڀُون چَندَن، مَحلُ، لُڊاڻو موج ۾



    مومل (بيت)

    مومل (بيت)
    (1)

    مومل ماڙيءَ ور اُٺو سانوڻ ويرون تارُ؛
    اڄ به ته ڪارونڀارُ، اڄ به نه مومل، مينڌرو.

    ناتر، سومل، ناهه ڪو، کنڊر ڪِنجهي ڪاڪَ؛
    جوڳي ناهن ٿاڪَ، اڄ به نه مومل، مينڌرو.

    ورهئه گذريا، ڪاڪ اڄ اُٺ نه چندن پَن؛
    ناتر، ٻانهيون، ڀينرون، مور نه ڊيل نه بَن؛
    ڪنهن ڪنهن ويلي مَن ساري مومل، مينڌرو.

    (2)

    آءٌ ته تنهنجي ڪاڪَ، مومل، تو، مون کي ڄڻيو!
    ڀل ڏي مون چُگهَه، چاڪَ، ڀل ٺِڪري جئن ٽوڙ مون!

    مومل ڏنو ڪاڪ کي پنهنجو واسُ، وَرَن؛
    چوڏس ڀُون چَندَن، محلُ، لُڊاڻو موج ۾.

    ٽِلڪِي مومل تَڙَ وئي، چِينجهِڙو چانڊاڻِ،
    لڱ لڱ پَدِمَڻِ ائن ٻَريو تَنُ ڄڻ ڏِيَڙن کاڻِ،
    جا به تَرِي ٿي ڪاڪ ۾ ٻُڏندي وئي ڪاراڻِ،
    جي به سُمهيا ٿي جيئڙا سي نه سُتا ٿي هاڻِ،
    نيڻن، هينئڙن جيئڙن، مومل تَنَ آلاڻِ،
    ‘سائر’ اَڇّ، اَڇاڻِ، چوڏس جهلڪا، روشني!

    مان ڪويل سِرَ، ساهه جي، ڪوڪون ڪاتيءَ ڌارَ،
    مان چنبيليءَ چَنگ ٿِي تاڻيان سُرَهي تارَ،
    مان گلڙن جو واس، مان ڪنڊن سان تلوارَ،
    مان چِکيائُن آڳَ، مان اَنگهَن، ڪاتين آرَ،
    مان تارن جي سيج، مون واڳون ڪارونڀارَ،
    مان سامونڊن سِير، مان بَر پَٽ، مون وڻڪارَ،
    مون جوڙيو آ ڪاڪ کي، مون ڪارڻ سنسارَ،
    جو به اچي هن پارَ، گهوري پهرين جندڙي!

    اَنگهنِ ڪُوڪارا مارِيئَــڙَن جي ڪاڪ ۾،
    مئلن لئه هِن ماڳ ۾ ڇا جا اوسارا!؟
    پوءِ به ‘سائر’ پرهه مان جوڳين اُمارا،
    عاشق ويچارا اُسرن اَنگهَنِ آرَ لئه.

    ماريئڙن جي ڪاڪ ۾ اَنگهَن جون آهُون،
    ريٽيون، ‘سائر’ رَتِّ رَتِ پروانن راهُون،
    جوڳين جون ڪاهُون پوءِ به ته مئلن ماڳَ ڏي.

    دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، مَجُوسِي سَڙَن،
    ‘سائر’ چکيائون ته ڏِس اُت پريم پوڄارَنِ؛
    پوءِ به پتنگ وَرَن، ڪاڪ اَڳن ڏي، اڻجهليا.

    دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، چکيائون چوڌارُ،
    پريم پوڄارا سَڙَن، ڪو به نه موٽي يارُ،
    پوءِ پڻ ويرون تارُ، عاشق اُسرن ڪاڪ ڏي.

    دونهون دُکي ڏاگههَ ڏاگههَ، چکيائون چوڦيرُ؛
    ناتر، ڏِس، ور ڪيرُ، ديوانو هن ديس ۾!

    ڪهڙو جُنگ جوانُ جنميو آ هن جُوءِ ۾؟
    ڪنهنجو هُوڙو ڪانُ گهائي ويٺو ڪاڪ کي؟

    ڪهڙي باناڦاڙَ ، ماريئڙن ڏي ڪاهه ڪئي؟
    ههڙي اَرتِي ڳاڙَ! ڪنهن باناريو ڪاڪ کي؟

    ڪيئي ڪُٺا ڪاڪ ۾ ڪيئي اَنگهَنِ پِيا،
    پر ههڙا ته نه ٿِيا جن واڍوڙيو ڪاڪ کي!

    ڪيئي مُئا ڪاڪ ۾ ڪيئي ڏاگهُن پيا؛
    پر ههڙا ته نه ٿيا جن پڄرايو ڪاڪ کي!

    ناتر، تنهنجا ناٽَ ، ڪئن ٿيا اهڙا بي اثر؟
    راڻي جِي هڪ ڪاٽَ، تو کي ڄڻ ڊاهي وڌو!

    جَنين مومل موههُ، تَنين اَنگههَ ۽ آڳ ڇا!؟
    تَن هڪڙو اَندوههُ، مومل رِي ڪئن موٽندا!

    جَنين مومل موههُ، تَنين ناتر ڇا ڪندي!؟
    تَن ڇا باهه ۽ لوههُ، تَن ڇا موت ۽ جندڙي!

    ناتر چاليون وئي ڀُلِي ڏِسي راڻي رُوءِ،
    راڻي ۾ خوشبُوءِ مومل جي احساس جِي!

    ناتر! تون نِرڇَل ، تو ڇا پرک پريتڻي!
    جَن جا من گهايَل، تَن کي اَنگههَ نه آڳ جِي!

    ناتر وِسُوڙَل ، هاءِ، نه پروڙيو پريت کي!
    نه ته هُن اهڙي جهَل، وارُ نه ڏي ها مينڌري!

    مَڻيا، مَڻڪا، مالائون، ڳهڻا ڳَٺا، رُوپُ،
    ٿِي ويا سڀ اَلُوپُ ، آڏو سانول رُوءِ، لا!

    ڍَٽَ ڌَڻِي، تون راءُ، ڌُوڃُ ، تون ئي مومل گهوٽُ،
    ور ور مون ڏي موٽُ، ور ور توتان واريان.

    مُــــــنـدرا نه لاهيان، چَڳ چَڳ واسيان ڳَچ؛
    عنبر مَڙهي انگ مان ڪو نه ٿيان ٿي هَچ؛
    لِڱُ لِڱُ منهنجو، سَچ! موٽِي ڇُهندو مينڌرو.

    لُون لُون ٿِي ڪانڊارجي، سوچي هِي، سومَلَ!
    لَڄّ نه ايندي مون جڏهن انگ ڇهيو سانوَلَ؟
    اندر من جو ڪِينَرو ڪَنبي ٿو پَلَ پَلَ؛
    هئه، ڙِي، نينهن اُڇَلّ! هاءِ، ڙِي، منهنجو مينڌرو!

    جَهل هيءَ لُچِي آرسي، هيءَ نه ٻَڌي ٽِڪ؛
    هٿڙا ڪنبن هانوَ جئن، ڇا ته سَٽيو آ ڇِڪ!
    لِڱُ به لَرزي؛ ڪاڪ، ڀُونءِ؛ ناتر! هيءَ نه هِڪ؛
    الاّ! سانوَلَ سِڪ، جهوري ڪاڪَ، جهانُ، مون.

    مومل، راڻي هنجهه ۾، آئي انگَ اَويسُ؛
    راڻو اوڍَرَ، ويسُ، باقي سڀ ڪجهه ڌوڙ آ.

    نِيل ڪَنٺ آ موج ۾، ڇا ته ڪري ٿو ناچُ!
    ڊيلَ به ڄڻ ته ڪُماچُ ، تُند ٻُري ٿِي موهه ۾!



    آبَسُ ۽ آبِيسُ ، مومل منهڙي، تو ڪري؛
    تون ئي مُنڌَ لَبِيسُ ، تون ئي اوڍَڻُ، مينڌرا!

    (3)

    ناتر، ننڊ رتول ۾ ڪو نه اچي ڪنهن ساههَ؛
    جنهن ڏي جِيءُ، پَساههَ، ڄرڪي ويٺو جاڳ ۾.

    ناتر، ننڊ رتول ۾ ڇو ته اچي ڪنهن ساههَ؟
    هر ڪنهن جِيءُ، پَساههَ، هر ڪو ڄَرڪي جاڳ ۾.

    ياد پَيو آ انگ کي، سانولَ هٿ، ڇُهاءُ،
    سامونڊن جو واءُ، ڍاٽيءَ وانگي آچمي .

    راڻا، سانوَلَ، مينڌرا، سوڍَلَ، منهنجا راوَ،
    جيڏا تارا اُڀ ۾، تيڏا تنهنجا نانوَ،
    اُهري تنهنجي سَمنڊ ۾ منهنجي من جي ناوَ،
    ٽيپو ٽيپو رَت جو ڀُوڻي تو لئه هانوَ،
    تن کي ڇا جا ڀاوَ، جن جو جيئڻ تو ڪري!

    اوڍَڻَ لاهي اونَ جا، آجو ڪيم مَن؛
    پوءِ به وَيو جوڀَن، پِگهري پِگهري تانگهه ۾.
    چوڏَس ميگهه ملهارَ، کِوڻيون ڪڙڪن ڪاڪ تي،
    پورب پاتي آ چپن، سُرَ سُرَ جي جهنڪارَ؛
    سانوَلَ، تنهنجي سارَ، آگَمُ اڄ به نه آئُڙي.

    چَتونءَ جي چانگار آ، تاڙي تُند تَنوارَ؛
    گونرو گم آ گوڙَ ۾، ڪَرَهي ٻَڙهڪا ڌارَ؛
    ٻَرَهڙو ٻولي ڍنڍ تي، ڪويَلَ گونجَ ديارَ؛
    بازن سُرپُر بَڙَ مٿي، مور مگن جهُونگارَ؛
    واهُوندن جو ونگ آ، ٿڌڙي هيرَ، بَهارَ؛
    ڀُڻُ ڀُڻُ وَڻَ وَڻَ ۾، اَلا، آسَرُ آ وَسڪارَ؛
    ڳِيچَ نڙيءَ ۾ ٿا ڀُڻن، ڳايان ڪيئن ته، يارَ!
    سانوَلَ، تو نه مَيارَ، مُندَ نه منهنجي تو بنا.

    رُتِ آئي آ، مينڌرا، وِرُونههَ ڪرڻ جي، وَر!
    ميگهن جي هن مَنڊَ ۾، وِڄَ جيئن ڀاڪر ڀَر!
    پانهنجو مون کي ڪَر، راهه تڪيان ٿِي، ترت آ.

    کِوڻيون ڪڙڪن ڪاڪ تي، اُڀ وڏي آڪَڙ؛
    پنڇيئڙا لامُن لِڪن، ڪا به نه ٿي ڦَڙ ڦَڙ؛
    پالُرَ پَلٽن جهَڪ سان جهَڙ جهَڙ جهَڙ جهَڙ جهَڙ؛
    وَڻُ وَڻُ ڌُوڻي واءُ، ٿي ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ ڌَڙ؛
    ٿانوَ اڱڻ ۾ پيا ٿِڙن کَڙ کَڙ کَڙ کَڙ کَڙ؛
    وارُ ڪري ور وڏُ ڦڙو دَرَ دَرَ ڪَڙ ڪَڙ ڪَڙ؛
    آب وهي ٿو نار مان پَٽ مٿي ڇَڙ ڇَڙ؛
    وهندو وهندو ٿو وڃي غَڙ غَڙ غَڙ غَڙ غَڙ؛
    ناتر چانگن سان ڇڏي بي رُت جي بَڙ بَڙ؛
    هاڻ ته واڍي جي به وئي مَنجين تي گهَڙ گهَڙ؛
    سانوڻ جي سَڙ سَڙ، تو بن تِرُ به نه آئُڙي!

    وِڄ وَراڪا ڪاڪ تي، سُر سُر ٿيو سانوَڻ؛
    پُورَبُ، پَڇمُ ڪِينَرا ، ميگهه ميگهه چارَڻ ؛
    ڀيرُون، آسا، ڀيرِوِي ، بوندون سُرَ سُرَ ڪَڻ؛
    ڌَرتيءَ ڇيرون ڇن ڇنن آيون مَنَ ڀاوَڻ؛
    لامون، ٽاريون، ڏارَ، ٿُڙَ، وڄيو وڄي هر وَڻ؛
    گهنن گهنن جي گونج ۾ بوند بوند هَڻ کَڻ ؛
    سومل، ڪيڏو جيءُ جَلي، وو، ڍاٽيءَ ڪارَڻ!
    پَل پَل ٿيو راوَڻ، راڻو جي هِت ناهه، ڙِي!

    ڇاجِي ڀُڻ ڀُڻ ڪاڪ ۾؟ آههِ وريو سوڍَل؟
    هاءِ، پَسي سانوَل، ساهه نه رهندو ساههَ ۾!

    تو بن، راڻا، ڪئن ڪري مومل ڇانگارا ؟
    هوءَ ڄڻ رڻ جي راڄَ ۾ ڪا وڇڙيل ڌارا؛
    ڪونهي تنهنجو ڪو پتو، پوءِ پڻ آسارا؛
    ڪاڪ محل وارا، تو لئه تَڙپن؛ آءُ، ڙي!

    موملَ، کِيهون کَٽُن تان ور ور ويٺي لاهِه!
    گلَ ڦلَ ٻوٽا ڇانگِ، پوءِ، ور ڦَلواڙيءَ ٺاهِه!
    کَٿُّوريون کَٽُن، اَگَــر ، ڪمرن لئه تون ساهِه!
    دَرَ دَرَ واسائي، وري، ڀِت ڀِت ڏي تون ڪاهِه!
    خوشبوءَ ساڻ نِباههِ، راڻو ورڻو آهه، ڙِي!

    راڻا، سُکَ جا ڏينهڙا موٽن شالَ، پِرِين!
    سوڍَلَ، ور تون ساهه تي ڀونري وانگِ ڀِرِين!
    ڪڙڪي ساڻ ڪِرِين مينهڙو بڻجي مُنڌَ تي.

    ڊيلَ وساري ٽورَ ڪيئن ڊڪي ٿي تانگهه ۾!
    ڄڻ ته نه ورندو ماڳَ ڏي، لَڄ نه ايندي مورَ!
    کنڀڙا ڀورَ ڀورَ؛ ڪاڪ سموري ڊيلَ آ.

    هَاءِ، ڙِي! مَحَلَ بسترا، ڄڻ ڪي اَجگَرَ، سَپ!
    مُور نه جهٽيان جهَپ، پر ڪيسين، او مينڌرا!؟

    اَرڪَ اٿن ٿا اُڀ مان، مِينهَنِ، منجهان ٻاٽَ،
    پر مون لئه تون لاٽَ، تون ئي مون لئه مينهڙو!

    نانگ سُجهي مون چَنڊُ، چانڊوڪي وِههُ ٿي وئي،
    راڻا، ڏُکيو ڏَنڊُ، وِکرائِيءَ جو وئين رَکي.

    اَرَکِّ آهي هانءُ، پَچّي پَچَري هر پَلَڪ،
    جيسين لَبَ تو نانءُ، شايد تيسين زندگي!

    ڪو به نه راڻي رُوءِ ٿيو، ڪريان ڪيئن وِرُونههَ! آساري آ سُونههَ، مومل، ڪاڪ، لڊاڻي جي!

    آءُ به، ڍاٽِي، ڪاڪ ڏي، وٽيان وِرِههَ وِرُونههَ،
    تو بن ڪهڙي سُونههَ؟ تو بن ڪهڙي جندڙي!؟

    ساڳيو پنهنجو ساههُ، اچ، وَٽيون وِرِههَ وِرُونههَ!
    مون ۾ تنهنجي سُونههَ، تو ۾ منهنجو پريتڻو!

    اکين آڳَ، اَروٽَ ، تِرُ نه وڻي مون جندڙي؛
    تُرت وري آ، گهوٽَ! رَت رُئان ٿي؛ آءُ، ڙي!

    تَڙَ تي اُپَٽ پُڙَ، پُڙيون، پل پل واسِجِ بَنُ؛
    گُلَ گُلَ جند ڇڪي ڇڪي، چُوهِجِ واسُ، وَرَن؛
    چنبيليءَ جي چَسَ ڏِجِ، مهٽي مهٽي تَن؛
    ويسُ اَگَرَ سين واسُ؛ ڀَر، چوٽين ۾ چَندَنُ؛
    ساري جنهن تو مَن، آيو آيو مينڌرو.
    ڀِنجَرَ ڀارِي، نيڻَ جَل، آتَمَ اٿم آڳَ؛
    تَن آ پوههُ، مٿان ور مَنَ، اوسيڙي جا راڳَ؛
    راڻا، واري واڳَ، هاڻ ته موٽِجِ ڪاڪ ڏي!

    پُر ٿيندو پولارُ ، موٽيو جنهن پل مينڌرو؛
    کولي رَک دِلِ دُوارُ، اُپَٽي رک اَکِ جون دريون.

    آءٌ اُڪَنڊِي، مينڌرا، اچ مون کي ڳَرِ لاءِ،
    راڻا، منهنجا پريتڻا، هئه، ٻانهون ڦَهلاءِ،
    اهڙو ڀاڪر پاءِ، وڇڙي وڇڙون ڪينڪي!

    گهُڻو لڳو آ هانوَ کي، ڇو موٽيو ناهي!؟
    سڀ گهَنگهَر آهي، راڻي بن هن جُوءِ ۾.

    (4)

    ڪاڪئون ڪنءَ ويو چُپ ۾؟ ڇو نه وريو رانوَل؟
    ڀينر! مون وَرناءِ تون، تَندُنِ ناهي ٻَل!
    مومل، ڪاڪ مَحَل، پِگهرن ويٺا ميڻَ جئن!

    ڇو نه وريو سوڍَل؟ ڪاڪئون ڪئن ويو ماٺ ۾؟
    ساهه ته ڄڻ جَلُ ٿَل، آهي، ناهي، ڪئن چوان!؟

    ڪامَ ڇڏي ويو ڪاڪ ۾، ڇو ته رُسيو رانوَل؟
    ڪجهه ته چوي ها مينڌرو، ڪجهه به پڇي ها ڀَل!
    زَهَرَ ڀريو بادَل، هاڻ پيو وَسندو ڍَٽَ تي!
    ڪامَ ڇڏيئي ڇو ڪاڪ ۾، ڇو نه اٿاريئي مون؟
    ڏوهه ڪيم، پر تون، ائن نه وڃين ها، مينڌرا!

    ڪامَ ڇڏي ويو ڪاڪ ۾، ڇو نه وريو راڻو؟
    هونئن ته هو ڳاڻو، سومَلَ، منهنجو سوڍِڙو.

    ڪامَ ڪَکي ٿِي ڪاڪ کي، پل پل ڏَنگَ، زَهَرَ؛
    ننڊ، نه آهه ڳَهَرَ، ڪاڪ اُجهي ٿِي، آءُ، ڙي!

    تِتر کِيتِي کيت ۾، ڪويل بَڙَ جي لامَ،
    مِينهَڻِ ماندِي منگهه تي، چوڏس چِين چِين جامَ،
    سانوَڻَ ڪڪرين پوءِ به هئي، ڏُوران ڏور اڏامَ،
    پر راڻا، تو ڪامَ، مومل کي ماري وڌو.

    ڪامَ ڪَکي ٿِي ڪاڪ کي، بڻجي ڪارِيهَرُ!
    ڪوٺي ڪوٺي ٿي ڏَري، راڙن ۾ دَرُ دَرُ؛
    مِرگههَ ته ٿا ڪرندا وتن، تُرَنگن گهورئو تَرُ؛
    مورَ به ٿا مرندا وڃن، پَنکَ، نه پارِيهَرُ؛
    تَڙ به زهر ٿيو، ور مٿان، ڪو نه بچيو آ جَرُ؛
    موٽي آءُ، ڙي، گهَرُ، راڻا، تو بن موتُ آ.

    راڻا، نيڻَ ته جهانوِرا ، مَنَ سان ڇو نه پَسيئي؟
    مومل جاڙ ڪيئي، سومل سمجهي ڪانڌ، الا!

    راڻا، نيڻَ ته جهانوِرا، ڇو نه ڪئي تو پَڪ؟
    دل نه هنيا تو چَڪ، ڪامَ ڇڏيئي ڪئن پرينئَڙا؟

    عشق نه ايئن ڪري، جئن تو مومل گهائِيو!
    راڻا، پنڌ پري، تون ته اڃا آڀامِڙو !

    تون ته اڃا آڀامِڙو، ڄَرَ جِي تو ۾ اُوڻِ !
    وَهمَنِ مَنَ تو ڀُوڻِ ، عشق نه اُڄَهي تَندَ تو.

    مَپُ نه توکي، مينڌرا، عِشقُ نه پالي شَڪ!
    تو ته ڪئي به نه پَڪ، تون ته اڃا آڀامِڙو!

    ڀوري شَڪ، گُمانَ، گهاتُو، گهِڙ پوءِ گهيڙَ ۾،
    محبت ماڳَ، مڪانَ، وَهمَ مٿاهان، مينڌرا!

    ڪَرَههِ اُجهامي ڪا نه ٿِي، روح اندر، راڻا!
    تَن مَن اڄ آڙاههُ آ، ٽانڊا ٿيا ڀاڻا؛
    مومل اُڏاڻا، ساههَ؛ وري آ، مينڌرا!

    آتَڻ اُجهاميو، اَلا، ڪيئن نه ڪِنجهي ڪاڪ؟
    راڻا، وَرُ تون ٿاڪَ، محل نه منهنجو تو سوا!

    راڻا، رُسُ ته نه مُنڌَ کان، پيارا، پرچي وَڃ!
    موملڙيءَ جي مَڃ، جوڀن بس ڪي ڏينهڙا.
    راڻا، توريءَ ڪاڪ تي واسينگنِ برساتِ؛
    پل پل، ڏِڻ ۽ راتِ، وِههَ ۾ ويٺا واپرن.

    وقت ته پل پل ٿو ٽِمي وِههَ جئن سوچن تي؛
    مان نه جيئان ٿي، ڙي! مان نه مَران ٿي، مينڌرا!

    ٻَٻُّرَ ٻُريُون پَٽ تي، نِمّان ڇڻيو ٻُورُ؛
    پَن پَن ڀُوڻيو جهَڪ تي، وَڻان کَريو تُورُ ؛
    پالُرَ ٽٽا؛ لامن ور، ٻُريو هر هڪ پُورُ؛
    لُڪُن، راڻا، ٿاڪ کي، کاڻيو ڄڻ ڪو کُورُ؛
    ڪاڪ کُهيَلَ، چَڪچُورُ، وقت نه منهنجو تو بنا.

    ساري سانوَلَ رُوءِ، ڪِنجهن ڪوٺيون ڪاڪ جون؛
    پَٽ کُوري ماڳ جيئن، واءَ وريا ٿِي لُوءِ؛
    ڀونر اوجهل ۽ ڪونرَ، رنگ نه آهي بُوءِ؛
    هَنجن، ڪُونجن، ڪويلن، جِهڄندي ڇڏي جُوءِ؛
    مورَ، نه هرڻيون، ڇيلڙيون، ڪاڪ لڳي ڪا سُوءِ؛
    ڪاپڙي! اچ ڪُوءِ؛ ماڳ نه رهندو تو بنا.

    اجل به آ اَڙٻنگُ ، وڇوڙو ته وڏاندرو،
    مون لئه منهنجي جندڙي، سانوَلَ، تنهنجو سَنگُ،
    موت به آ بي رنگُ، جي تون ناهين سامُهُون!


    ساري سوڍَلَ سنگ هوءَ، بڻجي ويئي چَنگُ؛
    سُرَ سُرَ آڻي ڪاٽ هوءَ، نانگ نه اهڙو ڏَنگُ؛
    ورسن نيڻ ملهار ٿي، چوڏس ٿيو سارنگُ؛
    لُڙڪن لارن جون جهڙيون، ڄڻ واسينگن وَنگُ؛
    ڪنڌيون ڇا، ڀاڻا ٻُڏن، لڙڪ نه ڄاڻن ڍَنگُ؛
    پاڻي، پاڻي ڪاڪ ٿِي، شهر، لڙهي ٿو جَهنگُ؛
    پاڻ اچي ڪر دَنگُ؛ مُلڪ ٻُڏي ٿو، مينڌرا!

    پاڻ بڻجي ديپڪ تون، جَل پيئي، مومَلَ!
    يادگيريءَ پَلَ، ڄڻ ته ڪائي ٻاڏَ، ڙِي!

    مينڌري لئه جَلِ، پاڻ بڻجي ديپڪ تون!
    پنهنجو اوجَرُ مَلِ، ڪاڪ جي ڪاراڻ ۾.

    چنڊ نه ئي چانڊاڻِ، اَنڌارِي آڪاسَ ۾،
    ٻاري من جا ديپَ مون ميٽِي آ ڪاراڻِ،
    اکڙيون روئي رڻ ٿِيَن، ور سنڌوءَ آراڻِ ،
    جيءُ جلي جنهن ڪاڻِ، سو ڄڻ ناهي موٽڻو!

    آئون ڌَڃاڻي ڪاڪ جِي، چئو ڪئن آهيان، ڙِي!
    ڪجهه به ته ناهيان، ڙِي! ڌُوڃُ ته هڪڙو مينڌرو.

    نادين نِنديو نينهن کي، ته گُگهين ڏنا گهاءَ؛
    تو وئي راتيون، ڏينهڙا، وڙهيا مون سان واءَ؛
    راڻا، ڏس ته لَقاءَ، ڪاڪ به مون کي اوڌلي!
    رُنيس راتو ڏينهُن، نِيرَ ڇُڙيا وسڪار جان،
    پوءِ نه پاڻي اکڙينِ، رَتُ ڳڙيو جئن مِينهُن،
    هاڻِ سُڪي ويو نِينهُن، ڪو به نه ڳوڙهو، رَتَ ڦڙو!

    آهوءَ وانگي تانگهه ۾، رَت ڊُڪي تَندنِ،
    ڏينهنِ ۽ راتينِ، فرق نه ڪو ئي، سوڍڙا!

    اُڪرِي آسمانُ، نيڻ وڌا مون ناههَ ۾،
    ڪجهه نه مليو؛ مَنَ منجهان، ڀُريو شڪ، گُمانُ،
    جو آهي، آ هانوَ ۾، پريتم، پريت، جَهانُ،
    تون ئي آن دَرمانُ، درد به تون ئي آنههِ، ڙي!

    چندن چِکيا وانگيان، ساڙي منهنجو ماسُ،
    اَگَرَ دونهين ۾ دُکِي، جهِڄي لِڱُ، لِباسُ،
    چانڊوڪيءَ جي چمڪ ۾، ٿي نه وڃان مان ناسُ؛
    راڻا، آيو راسُ، مون کي ڪجهه به نه تو بنا.

    ڄِڀِي، ڄَرَ، ڄَراٽَ ، لُڊاڻي جو لِڱُ لِڱُ
    جيسين مَنَ ٻُوساٽَ، جيسين ڏُکُ وِرُون ڪري!

    وِرِههَ ويڙهيو آهه مون، پَڄِران، آئون ڌَڳان ،
    چُئانتيءَ، اُماڙيءَ جئن، کامان، هاءِ، سَڙان،
    سانوَلَ، تنهنجي سِڪَ ۾، ڪَڙهان، پئي ٻَران،
    دُکان، پئي پَچان، سار لهي وڃ، مينڌِرا!

    (5)

    آجاڙي آءٌ اُٺَ کي، ڍَٽَ واريان واڳَ،
    هئه، ڙي، منهنجا ڀاڳَ، نيٺ ته ملندس مينڌري!

    آجههَ نه آئي آٽِ ۾، هڏن، سنڌن سُورَ،
    آتَمَ اُڀريا پُورَ، پوءِ به رڙهان ٿي، مينڌرا!

    آجههَ واجههَ وِجهي آءٌ اُسران راڻي ماڳَ،
    اُجهي آتَمَ آڳَ، هاءِ، پَسي شل سوڍِڙو!

    جانارَن جون ڀَڀڪَرُون، چوڏس ڪارونڀارُ؛
    ڀَئو مَنَ ويرون تارُ، ڍَٽُ به ڏورانهون اڃا!

    اُڀُ آڀيو آهي، نيڻن جئن هن واٽ تي،
    مان ڇا ڄاڻان ڇا اڳيان، آهي، ڇا ناهي،
    نَيڻَنِ جو ساهي، سو ٻوڙيندو لوڪ کي!

    وَوڙيان پَنڌَ پَهوڙَ، جهُران، جهِڄان، جهِمڪان،
    ٻُڌِي گونري گوڙَ، چاڪَ چِڪياهن چِتِ ۾.

    ڇا جِي ٻَڙها ٻُٽّ ؟ چوڏس ڇو ماٺار آ؟
    راڻا، تنهنجي رُوءِ لئه، پَٽيان پئي جهُٽّ ،
    مَنَ ۾ وڌي گهُٽّ، ڌوڙ به چُپّ چُپاتِ، وو!

    سِجُ وريو آ راههَ تي مرندڙ مرگهه جِيان،
    آيو ۽ ويو سوجهرو، وِڄَ، وَٽِ وانگِيان،
    تو بن اُڻ تُڻ هانوَ ۾، ڄڻ ٿي زهر پِيان،
    اَچ وَڃ اَچ وَڃ ساههَ ۾، اُجهندِي آءٌ جِيان،
    مون ڏي آءُ، مِيان! مون ڏس مرندو پاڻَ کي.

    ڊوڙون، ڊُڪون اُسَ ۾، اُڻ تُڻ ۾ آ جِيءُ؛
    آڇي نيڻن نَئن سڄي، پاڻ چوي ٿي، پِيءُ!
    ڊيل نه ڄاڻي هِيءُ، مور اساٽيل آڳ جو!

    رُڃَ نه ڀانئي رُڃَ، آب نه سمجهي آب هوءَ؛
    هُن آ جنهنجي اُڃَ، سوڍَلُ ڏاڍو ڏور ٿيو!

    ڏَنءُ نه ڏي مون، مينڌرا! مان ته راهُنِ رَکَ
    ڪاڪ سندا ڪَکَ، وَيا اڀاڳڻ سان سَڙِي.

    پاڻ بڻجي ديپڪ تون، پنهنجي من کي ڇولِ!
    اندر ئي تون ڳولِ، راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي!

    راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي! راڻو دل ڌَڙڪو!
    هانوَ ڪَنائي، ڌِيانُ ڏي! سوڍَلَ جو ڪَڙڪو!
    ويٺو ڏئي ڀَڙڪو، مومل، تنهنجي جيءَ ۾!

    راڻو ٻاهر ناهه، ڙِي! راڻو آ آتَمُ!
    جو ٿو گُونجي جيءَ ۾، سو آتَمَ سَرگَمُ!
    تَنهن کي ڪهڙو غَمُ، جنهن جو اندر مينڌرو!؟
    ڪَتِيون ڪَرُ رَکِي وَيون ، وِڇُون اُڀريو آههِ؛
    چَنڊَ نه چانڊوڪي اُها، سِجَ نه ساڳي باههِ؛
    ڀونءِ نه ڀاسي ڀونءِ ور، نَڀُ به ساڳيو ناههِ؛
    راڻا، نينهن نِباههِ، هاڻ ته ساههُ نه ساههَ ۾!

    اُلا، آڳَ، آڙاههُ، پَنڌَ پَهَڻَ ڄَرَ ناچَ ۾!
    منهنجو راڻي ساههُ، لِڱَ ڀَلِي پيا آڳَ ٿين!

    مون کي ڏُونگر ڇا ڪندا، ڪيڏو وڙهندي باههِ؟
    ساههُ ته راڻو آههِ، تَنَ ڀل ساڙي باهڙي!

    لِڱَ ڀَلِي پيا آڳَ ٿين، منهنجو سانوَلَ ساهُه!
    راڻو جِيءُ، پَساههُ، تَنَ ڀَل ساڙي باهڙي!

    لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، سانوَلَ آ آتَمُ!
    ڀل ته پچي پيو دَمُ، ڇو ته ڪيان ورلاپَ مان؟

    لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، ساههُ ته سانوَلَ ٿِيو!
    هو ته نه آيو، وِيو؛ مان ته نه موٽان ان سوا!

    لِڱَ به رِجهي ڀل رَسِ ٿين، سانوَلَ منهنجو مَن!
    راڻو اٿم دَرسَن، اُلن ويڙهيل واٽ تي!

    راڻو اٿم دَرسَن، اُلَن ويڙهيل واٽ تي!
    راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي دَرسِنِي!

    آئون راڻي دَرسِنِي، راڻو ٿيم دَرپَن!
    مان، راڻو، دَرسَن، باقي ڪجهه به ته ناهه، وو!

    راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي دَرسِنِي!
    جوڀَنَ ۾ جوڀَن، آڳَ ته وَسندي واٽ تي!

    راڻو ٿيم دَرپَن، آئون راڻي آرِسِي!
    ڀل ته پَيا وَرسَن، آڳَ ۽ اُلا راهه ۾!

    راڻا، رِڻُ نه ڪَر، مومل اڳ ئي رُڃَ ۾،
    ٽاڻِ ڀَڃي تون وَر، آءُ هلي او ويسِرا!

    مومَلَ، ڦُوڪ نه ڏيئڙا، اوندهه آ چوڌارُ!
    اڃا ته انڌوڪارُ، اڃا ته اڳتي سوجهرو!

    رنگ رُئن ٿا رُڃَ ۾، نينهن اساٽيل نَيڻَ!
    اُڃَ جنين جي سَيڻَ، آب ڇا، ڪجهه به نه آئُڙي.

    ڪَنٺِ ڪَيا تو هانوَ سان، وِڇوڙي جا وارَ؟
    جَن مَنَ تانگههَ اَپارَ، پاڻي تَن لئه اوپرو!

    ديپڪ منهنجي جندڙي، هاڻ ٻَران ٿي مان!
    وَوڙيان ٿي جئن واٽَ، الا، تُند به تئن پِگهِران،
    جلد نه مان وِگهِران، دير نه ڪر، مِل، مينڌرا!


    ڪويَلَ ڪُو ڪُو، ڳيري گهُو، ٻاٻِيهَلَ ٻَروڙَ ،
    پاڻيءَ جهُر جهُر ، نارُنِ ڀُوڻِ، روجههَ ته ڊوڙَ ئي ڊوڙَ،
    پانڌياڻيءَ پَهوڙَ، راڻي جا ورلاپ ٿيا!

    ڏاگهي اُها ڏاگههَ ، ڄڻ ڪو ڏاگهي ڏاگههَ کي،
    نه ڪو ڏاگههُ ، وِرانگههَ، ڄڻ ٿيو گهايَل ڏاگههُ ڪو!

    سِجُ اَٻاجهو آ ڪَپارَ، پَٽُ نِسورو نانگُ،
    سوڍَلَ، تو لئه سانگُ، تو لئه گهوريم جندڙي!

    مينڌرا، لِڱَ لُوڻُ ٿيا، جهوريءَ آئون جهِڄان؛
    اکڙيون جهورَ جهَڪورَ ۾، هينئڙي آڳَ پَچان؛
    جيڪر مان نه بَچان، ڏِج نه مَيارون مُنڌَ کي!

    ڏِج نه مَيارون مُنڌَ کي، جي مان واٽَ مَران!
    تو لئه ئي ته جِيان، تو لئه ايندو موتُ مون!

    چِکيا، تنهنجي هنجهه ۾، آئون اچان ٿِي، ڙِي!
    ڀاڪر ڀر، مٺڙِي! سانوَلَ گهوريم جندڙي!

    چِکيا، تنهنجي چپڙن مان، ڇا ته اُٿي ٿِي آڳَ!
    هئه، ڙيِ، منهنجا ڀاڳَ، هئه، ڙِي، منهنجي زندگي!

    اگنِي، تنهنجي اَنگَ ۾، آهه اگهور اگن!
    تنهن ۾ هي جوڀَن، ويتر ٿيندو ڄَرَ، ڄِڀِي!

    چِکيا، تنهنجي چِتِ ۾، ڇا ته پَيو ڀَڙڪي؟
    مون جئن ٿو ڄَرڪي، يا بس چُئانتين ڍيرُ آ؟

    چِکيا، تنهنجي هنجهه ۾، چُئانتيون، اُماڙيون!
    سَتِيون تو ساڙيون، مومل ساڙيو آڳَ کي!

    اَگنِي، مون اندر نِئي، هُئن به ته پَڄري جِيءُ!
    مان تو، تون مون پِيءُ، آڳَ اُجهائيون آڳَ سين!


    مومل (وائيون)

    (1)

    هوري واڳون وارِ
    گونرو تنهنجو جهانوِرو

    دل ته چوي ٿي: ‘تُند ٿِي’، سوچون: ‘ڌِيرَ به ڌارِ’
    هوري واڳون وارِ

    اَڄِ ته اُماس آ، سوڍڙا، چِتِ جو چَنڊُ اُڀارِ
    هوري واڳون وارِ

    آءُ، وَسِي پئو مون مٿي، تون ٺَر، مون کي ٺارِ
    هوري واڳون وارِ

    مان به ته توسان ڀُوڻِ ۾، دل جو ديپڪ ٻارِ
    هوري واڳون وارِ

    واريءَ سمجهي سمنڊ تون من جي ناوَ نه تارِ
    هوري واڳون وارِ

    سيگههُ ته تو لئه موت آ، ڌِيرَجَ سان تَنهن مارِ
    هوري واڳون وارِ

    واريءَ گِرَڻيون ائن ڳِهَنِ ڄڻ ڪوراڙنِ ڪارِ
    هوري واڳون وارِ


    (2)

    (2)

    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ
    کِوَڻِ کِجِي آڪاسَ تي

    سَر سَر جي سَرڙاٽَ سين واءَ به ڪن ٿا وارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    ميگهن جي مانڊاڻ ۾ چوڏَس انڌوڪارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    جهَڙ جهَڙ جهُوٽا جهانءِ جا، ڪَڻ ڪَڻ ٿِي جهنڪارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    جيئن وُٺو آ وَڏُ ڦُڙو، موٽي آئي سارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    هَرَڻُ ڊڪيو آ تيرَ جان، چِيتي جِي چِنگهارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    ڪارا بادل بي سِرا، تَن تي بوندون بارَ
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ

    ڪڏَهين ايندين مون اَڱَڻَ؟ سانوَلَ، لهندين سارَ؟
    ڪاڪ ڊِڄي ٿِي، يارَ


    (3)

    (3)

    تو بِن، جِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا !؟

    هَرَ هَرَ پايان ڪاڪ مان بس تو لئه لِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    پاڻَ ويڙهيو پاڻَ کي مان ڪاٽيان سِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    ڪاڪ اَڱَڻَ لئه ٿا رُئَن، هئه اُڀَ ۾ ڏِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    ناتر، چئو، آيا ڪَهِي پيارا پانڌِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    راڻا، وَرُ، مون ڏي ڇڏي سڀ ئي ساٿِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    وِرههُ وَٽِن جي سانگَ سان، ها، سي سانگِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    رَتّ وِلوڙِن پَلَ ائين ڄڻ ٿيا مَنڌِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    ويرانِيءَ جي واءَ ۾ پَلَ ٿيا ڪورِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    ڪاڪ ڪَڪورِن ڪي اچِي منهنجا جوڳِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    ڏَنجهَن مون کي ائن کنيو ڄڻ ڪي ڪانڌِيئَڙا!
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟

    هَنجون هارن تو ڪري سڀ ئي جهانگِيئَڙا؛
    مومل ڇا جا ڇانگِرا!؟


    (4)

    (4)

    ڇو نه وَريو راڻُو؟
    ڪاڪِ ڇڏي ويو ماٺِ ۾!

    ڪو ته ٻُڌائي مون چَريءَ، ڪو ته هجي ڄاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    چَنڊَ، چَئي ڏي تون کڻي، اڄ بڻجي ڳاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    ڇو نه ٻُڌائين، ڪانگَ، مون، تون ته وڏو سِياڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    ڪانگَلَ، چئي ڏي، پوءِ ڀل، چَر ويٺو ڏاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    تَندون پل پل ائن ڇِڄَن ڄڻ داڻُو داڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    ياد نه پئجي جيءَ کي ڪو ٽاڻُو ماڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    چَندن چَرندڙ ڪئن چري، ڀِٽَ ڀِٽَ تان لاڻُو؟
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    اُنَ ري اَرتو پيو ڌُڏي، ڀُون نه بِهي ڀاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟


    ڏينهن جُڙِي ٿو جَنڊُ ٿي، رات ٿِئي گهاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    وِهَه ۾ ويٺو واپري، ڪوٺيءَ هر ٽاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟

    پِگهري پيئِي جِندِ انءَ جنءَ مَکَڻَ جو چاڻُو!
    ڇو نه وَريو راڻُو؟


    (5)

    (5)

    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    تو بن وَلَها، ديس کي، ڇا ته لَڳِي آ لَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    پرڙا، کنڀڙا ويا ڪٿي؟ مُئَلَن ڪهڙي مَتِ؟
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    راڻا، چوڏس رُڃَ آ، آڳَ اُٿي ٿِي اَتِ!
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    ڏُکَ وڇوڙي جي ڏنا، ڀُلجان ڪهڙيءَ ڀَتِ؟
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    هَنجَ لُڊاڻو ويا ڇڏي، کوهي پُورِيءَ پَتِ!
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    لُڪَ اهڙي وئي لڳي، جَهنگُ، ته ڄَرڪي ڄَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!
    ٻُوسَٽَ، لَٽَ لَڙِي آئي، ڌُوڙِ ڪئي آ ڌَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    رَنگَ مَحَلَ ۾ تو سوا، دلڙي جهَتَرِ جهَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    پَل پَل مَنَ ۾ ائن کُپي، ڄڻ ڪا ماريءَ ڇَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    ڍِينگَرَ اُڏندا لُوءِ ۾، ڪَرَهَن لئه ڄڻ نَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    ڌُڌَڙ تن لئه ڏُٿُ ٿي، پَگهَر تنين لئه وَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!

    هوري هوري ٿو ڪپي، وقتَ وڏي آ ڏَتِ !
    ڪاڪ رُئي ٿِي رَتِ!
    مورَ مَرِي ويا، مينڌِرا!


    (6)

    (6)

    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ،
    ساري سانوَلَ سَنگُ، وو!

    هڪ هڪ پَل آ ساههَ کي، ڄڻ واسينگن وَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگ!

    هانءُ به اَرتو آهه، ڙي! رُوءَ ته ريٽو رَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!

    سُر سُر اوتي آڳَ جو، چِينئَن تي ڄڻ چَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!

    آ جي ساههُ سَرِيرَ ۾، دردن ناهي دَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!

    پل پل سوچُنِ چُلهه تي، مَنُ ڄڻ ڪو آونگُ ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!

    ڦَٿِڪي هَڏَن، ماسَ مَنجهِه، ساهُه سمورو تَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!

    اَجَلَ کان اَرڏو ڪَکي، جُدائيءَ جو ڏَنگُ؛
    اَنگهَن اَڙيو اَنگُ!


    (7)

    (7)

    جيءُ جَلي بَنواسَ
    اَنگُ اُجهي ٿو ڪاڪ ۾

    ڌانڌُولن ڌَڙ، لُوءِ، لَٽِ، مون ته اُها ئِي آسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    ڍَٽَ ڍَري ورکا جهُڙئون، تو بن ڪاڪ اَڀاسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    ڀونر وانگي ڀُون ڀِريو، اَنگههَ اَڙيا آڪاسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    چَنڊُ ته چمڪي ڍَٽَ تي، ڇو آ ڪاڪ اُماسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    واٽَ، الا، ڏي مينڌرو، پوءِ ڀَلي ڦَٽِ ماسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    نَيڻَ ٻُوٽيل، ڌُنڌِ، ڌُوڙِ، وَڙَ ته ڪيا وِشواسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    آءُ، راڻا، ڳَرِ لڳاءِ، مَڃ ته اِها اَرداسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ

    پنڇي ڏِين ٿا جهانوِرا ، تِنِ به ته مون جئن تاسَ
    جيءُ جَلي بَنواسَ


    (8)

    (8)

    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    مومل کِسڪيو ٿي وڃي، آڇي مون تَن مَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    ناتر، ٻانهيون، ڀينرون، مورُ، نه ڊيلَ، نه بَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    پِيڙهيون پِگهريون، ڪاڪ اَڄِ، اُٺُ، نه چَندَن پَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    ساري مومل، مينڌرو، ڪنهن ڪنهن ويلي مَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    جن جي سِڪَ ٿي تِرڪڻي، ناتر تَن لئه ڀَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان

    ڏِيئو ڏِيئو ڪاڪ جو، مومل جو جوڀَنُ
    گذري منهنجو مَنُ
    اَڄِ به ته اُنَ ئِي ڪاڪ تان


    (9)

    (9)

    اَڄ به ته ڪن راڙا
    جادُو، مَنتَرَ ڪاڪ جا

    سامِي لُٽجيا پاڻَ ئِي، ڪنهن نه هنيا ڌاڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا

    مومل جي آلاپَ ۾، اَهَنجَن جا آڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا

    ڪارا ڪَڪَرَ ڪاڪ تي، جهُونگارِن تاڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا

    مومل لَبَ تان رَس ڳَڙي، ڄڻ ماکيءَ ڳاڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا

    چوماسي جي چَنگَ ۾، سُر سُر سڀ ماڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا

    مُنڌَ هَلِي آ، مينڌِرا! لَنگههَ لَنگهِي گهاڙا
    اَڄ به ته ڪن راڙا


    (10)

    (10)

    ڪنءَ ته وساريندين؟
    تنهنجو مون سان پيچ آ!

    مان ساريان تو هر گهڙي، نيٺ ته ساريندين!
    ڪنءَ ته وساريندين؟

    ساههُ اُٻَکرو جسم ۾، واڳَ نه واريندين؟
    ڪنءَ ته وساريندين؟

    اوسيڙي آ مَنُ وَڍيو، مومل ماريندين!
    ڪنءَ ته وساريندين؟

    راڻا، چوڏهينءَ، وصل جو، وعدو پاريندين!
    ڪنءَ ته وساريندين؟

    ڪارونڀارُ آ چو طرف، جوتِ نه ٻاريندين؟
    ڪنءَ ته وساريندين؟

    انءَ رَهِي تون ڏُورُ ڏُورُ، مومل ڳاريندين!
    ڪنءَ ته وساريندين؟


    (11)

    (11)

    دير نه ڪر، مِل، مينڌِرا!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    ڏِيَڙي جِي وَٽِ وانگِيان پل پل پئي پَڄران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    ميڻ جنءَ مان ڪاڪ ۾ رات ڏينهن پِگهران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    مان چِکيا جي چِيئَن تي ٻاريان ڏاگههَ، ٻَران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    يادُن کُوري ۾، پِرِين! پٿرن وانگِ پَچان!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    تو بن ٺانٺي ٿانوَ جئن کڙڪيو ٿي کڙڪان!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    تڪڙِي تڪڙِي موت ڏي، راڻا، آءٌ سُران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    مَکڻَ چاڻي وانگي مان، سانوَلَ! پئي وِگهران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    مِينهَڻُ ڄَرڪي تانگههَ ۾؛ تئن ٿي مان ڄَرڪان!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!


    ٽهڪيل پاڻيءَ جنءَ، الا، ٻاڦَ ٺهيو اُڏران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    پل پل وِههَ جئن ٿو وٺي، مان پيئان، نه پِيان!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!

    پَنَ پَنَ وانگي جهَڪ تي، مان ته پَئِي وِکران!
    هاڻ مان ڪو نه بَچان!




    گيت _ غزل _ وائي _ نظم _آزاد نظم _نثري نظم

      -

    اَکَرَ ڪِيمَ چئو، دل جَڙيم شاعريءَ ۾
    مگر ڌڙڪنون پو به پوريون نه آيون









    لمحن جي تاندورن سان مون احساسن جو ڀرت ڀريو آ

    لمحن جي تاندورن سان مون احساسن جو ڀرت ڀريو آ
    جذبن، اُڌمن، اوراڻن سين ڏُکڻا، ڪومل موتي وِنڌي
    اَندَرَ جي گلڪاري ڪئي آ، رنگَن جي وڻڪاري ڪئي آ
    اُجرا، اُجرا چانڊوڪيءَ جنءَ، اڇڙا، اڇڙا هَنجن وانگي
    نيل ڪمل جنءَ نيرا نيرا، چانگَنِ وانگي مٽيءَ هاڻا
    ٽانڊاڻي جنءَ روشن روشن، مينهن ڪڻين جنءَ نرمل نرمل
    ساوا ساوا وَلهارن جنءَ، ڀُورا، ناسي، کُهُنبا لمحا
    هوري هوري ميڙي ميڙي، يادن ۽ سپنن کي جوڙي
    سيبا ڏيئي، تاڳي تاڳي، دلڙيءَ جو هي محل گهڙيو ٿم
    سنهڙن ڌاڳن، ٽاڪن سان هي ڀرت سمورو سِنجريو آهي
    هِن ۾ منهنجي سَرهائي آ، هِن ۾ منهنجو گهَنگهر آهي
    هِن ۾ پُوري دنيا آهي، جيڪِي منهنجي دنيا آهي
    هِن ۾ وايون، گيت، ڪهاڻيون، هِن ۾ منهنجون سڀ تنهائيون
    هِن ۾ آسا، وصل، وڇوڙو، هِن ۾ دل جي تند ٻُري ٿي
    ساٿي، مڙني رنگن ۾ مون جذبا اوتي، اُڌما اوتي
    جولانن جي جُوالا پلٽي، احساسن جو ٻج ٻج پوکي
    تو لئه جهيڻو ڀرت ڀريو آ، تو لئه هي سنسار جَڙيو آ


    رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويسَ تان

    رنگ وکري ته ويا ڏينهن جي ويسَ تان
    اُسّ آڪاس ۾ تِروِرا ٿي وَئي
    رات ڄڻ بيوَسيءَ جي فضا ٿي وَئي
    آسَ، اُميد ڄڻ ڪا سزا ٿي وَئي
    تون نه آئين ته هينئڙو ڍرو ٿي وَيو
    ڪو نه ڏونگر هيو، پر ذرو ٿي وَيو
    ڪي ته سپنا هيا، جي وَيا پَنّ ٿي
    رات جي لام تان سي ڇڻيو ٿي ڇڻيا
    تون نه آئين ته ارمان جهُرندا رهيا
    ڪِينَرو ٿي سڄي واٽ ٻُرندا رهيا
    تو پُڪاري هِيُون سمنڊَ رُئندو رهيو
    پو ته لارون ائين هر پَهر ٿي وَيو
    اکڙِين جو ته سنڌو به ٿَر ٿي وَيو
    ها مگر ويسِرا، تون نه آئين، الا
    تون نه آئين، نه آئين، نه آئين، پرين
    رات آئِي، وَئِي، ڏينهن اُسريا ڪئين
    هاءِ مُندون مٽيون، وَرِههَ گذري به ويا
    اڄ به انءَ ٿو لڳي رات ساڳي اُها
    پَرَ کِنڊاري کِنڊاري اُڏي ٿي پَئي
    تون نه ايندين، لڳي ٿو، نه ايندين پرين
    پر لڳي ٿو ايامن جهُريل رات سا
    ڄڻ ته سُرندي پَئي، ڄڻ ته ٻُرندي پَئي
    ڄڻ ته جلندي پَئي، راتِ هلندي پَئي


    او جيئَڙا، او جيئَڙا

    او جيئَڙا، او جيئَڙا
    هئه، هئه، مسافر جيئَڙا
    هيءَ زندگي پئي ٿي ايامن کان تري
    ڪنهن ناو جنءَ
    ونجهن بنا
    ساٿيءَ بنا
    هر هڪ پهر، هر هڪ گهڙي
    يا واءُ آ يا وهڪرو
    جيڪو ڌِڪي ٿو ناو کي
    اڳتي اڃان، اڳتي اڃان
    او جيئَڙا، او جيئَڙا
    اُهري پَئِي هيءَ زندگي
    ونجهن بنا
    ساٿيءَ بنا
    ڪنهن ڇوڙ ڏي
    ڄاڻان نه مان

    او جيئَڙا، سانگيئَڙا
    هئه، هئه، مسافر جيئَڙا
    وو، جيئَڙا، او جيئَڙا
    هر موج تي ٻي موج آ
    ٻيءَ موج تي ٽين موج آ
    ڪنهن کي خبر
    ڪنهن موج اندر
    ڪُنّ ٿا ڪارا وَسن
    ڪنهن ڪُنّ جا واڪا وڏا
    ڪنهن ڪُنّ جا گهيرا وڏا
    ڪنهن موڙ تي لُڙُ ٿو وَسي
    ڪنهن موڙَ ڪارونڀارُ آ
    آنڌيون، ڪئين طوفانَ ڪَرُ
    پنهنجو کنيو مرڪن، الا
    پر پوءِ به اُهري ناو، هئه
    ڀيرَن ، نِڪُونجَن ۾ لُڙهيو
    هِن موج کان هُن موج ڏي
    ونجهن بنا
    ساٿيءَ بنا
    ڪنهن ڇوڙ ڏي
    ڄاڻان نه مان

    او جيئَڙا، جوڳيئَڙا
    هئه، هئه، مسافر جيئَڙا
    وو، جيئَڙا، او جيئَڙا
    ڪا لهر ٿي اُسري جڏهن
    هيءَ ناو پوءِ اُسريو پوي
    ور ليٽ لائي ٻل جئين
    هيءَ ناو پوءِ لڙهندي وتي
    هن ناو جي هر تند مان
    آلاپ پوءِ ڪيئي اُٿن
    هن جي سڙهه مان، انگ مان
    چيڪاٽ پوءِ ڪيئي اُٿن
    پر آرُ پوءِ ڦيرا وجهي
    يا ليٽ موڙي وهڪرن
    لهريون ورن، ريلا ورن
    يا ڪُنّ گهيرا تنگ ڪن
    هيءَ ناو ٿي وڌندي وتي
    ونجهن بنا
    ساٿيءَ بنا
    ڪنهن ڇوڙ ڏي
    ڄاڻان نه مان
    ڄاڻان نه مان



    موکِي، تنهنجي محفل ۾

    موکِي، تنهنجي محفل ۾
    روح اُڃارو آ
    هڪ روح اُڃارو آ

    دنيا جي ميخانن جي
    پِي پِي مَي جي هر ماٽي
    آيس تنهنجي ساک سُڻين
    اڄ آ تنهنجي پرک، پرين
    من ريسارو آ
    ها، من ريسارو آ
    روح اُڃارو آ
    هڪ روح اُڃارو آ

    دنيا جي مَي تياڳي ٿم
    جو تو آڇيو، سو پيتم
    ور آيو هان تنهنجي دُوار
    هاءِ، ڙِي، تنهنجا نيڻ، خمار
    جيءُ اُڌارو آ
    هيءُ جيءُ اُڌارو آ
    روح اُڃارو آ
    هڪ روح اُڃارو آ


    مَڌ ماٽيءَ سان ڇُلڪين ٿي
    سهڻي، جنءَ تون ڍُرڪين ٿي
    اوتيندي وڃ جام ئي جام
    آتم سانڍي اُڃّ مدام
    مَڌُ جِيارو آ
    ها، مَڌُ جِيارو آ
    روح اُڃارو آ
    هڪ روح اُڃارو آ

    موکِي، تنهنجي محفل ۾
    روح اُڃارو آ
    هڪ روح اُڃارو آ


    ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي

    ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي
    ڇو اداسي جيءَ چُهٽيل آهه تنهنجي، سنڌڙي
    سچ، ته مٺڙي، ڏينهن ڀِرندو، رات پوءِ ويندي لَڙي
    سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏئي ڀُڻندو جڏهن
    وقت جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀَري ويندو تڏهن
    چنگ جان ان ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇَٽي
    سانت جي انڪار جو آواز ٿي ويندو تڏهن!
    ڪوٽ ۾ تاريخ جي ڏنجهن ڏريل، او مارئي
    تو نه ڪي ماڻا ڪيا، ڪاڍا، نه ڇانگارا ڪيا
    تو نه مومل وانگيان ڪي ڪاڪ جا جلوا ڏٺا
    تو نه ڪي موتي ڇُهيا، مڻڪا مڻيا، زيور ڀَريا
    تو ته جِيوَن ٻارِ ۾ تنها، ٽُٽل ٻيڙيءَ جِيان
    ڌنڌ، ڪوهيڙا ڏٺا، خوفائتيون لهريون ڏٺيون
    ڪُنّ ڏاريندا ڏٺا ۽ لُڙ مٿي کِوڻيون ڏٺيون
    تو ته بيوس روح وانگي جسم ٿي ڳوليو سدا
    جسم جنهن ۾ زندگيءَ جو ٻجّ تون پوکي سگهين
    جسم جنهن مان زندگيءَ جا گُلّ تون چونڊي سگهين
    تو ته من جي مُرڪ جون سهڻيون اکيون ٻوريءَ وجهي
    رُڃّ جي اوڙاهه ۾، اي سنڌڙي، اوتي ڇڏيون
    تو ته سڏڪن کي به ٺانٺي ٿانوَ جئن ڀوري ڇڏيو
    تو ڇَڙي ڇُڙمل، اڪيلي سِر اٻاجهي ڪوٽ ۾
    عِشقَ جا سپنا اُڻيا ٿي، سونهن جا چهرا گهڙيا
    تو ڄڻيا ڪردار ڪيڏا، تو گهڻا هيرا جَڙيا
    پر الا، ڪجهه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڀُري ويا، سنڌڙي
    تو نه پاتا پَٽَ پَٽِيهَرَ، ٻانڌِڻا، پَٽچير، ڙِي
    تو ته پنهنجو تن، الا، هر پل ڍڪيو لوئي کڻي
    پر، الا، لوئيءَ اٿي چَتِّيون لڳل، ڌاڳا ٽُٽل
    هاءِ، جوڀن انتظاريءَ ۾ سَريئي، پر غم نه ڪر
    سِجّ آزاديءَ جو لَمڪو ڏئي ڀُڻندو جڏهن
    وقت جو ڀڙڀانگ جهرڻن سان ڀَري ويندو تڏهن
    چنگ جان ان ٻاٽ جي ماٺار ۾ ڪرڻا ڇٽي
    سانت جي انڪار جو آواز ٿي ويندو تڏهن!
    سنڌ، تنهنجي سينڌ ۾ سندور مُرڪن جو ڀَري
    وقت تنهنجو، صرف تنهنجو گهوٽ ٿي ايندو ڪڏهن
    اوڀر ۽ اولهه نه ڄاڃي ٿِينِ، ڪهڙي ڳالهه آ
    هر جڳهه، هر پيچري تي موتيا، هوندا ڪنول
    سِجّ هوندو هر تِريءَ تي، چنڊ هر هڪ هنجهه ۾
    سيج هوندي تارڙن جي، رنگ هوندا ڀونءِ جا
    راتِڙيون تنهنجين اکين وجهنديون ڪجل، منهنجي مٺي
    گل گلابي ڪونپلن جا ويس هوندءِ، مارئي
    مرڪ چپڙن، رنگ هٿڙن، مهڪ هوندءِ چِينجهِڙي
    زندگيءَ جو ناچ هوندو، مان نه هوندس، سنڌڙي
    پر جڏهن هيءَ ڀونءِ پوري ماڪ بڻجي مُرڪندي
    مان تڏهن ان ماڪ جي هر هڪ ڦڙي ۾ مُرڪندس
    جيئن ڳاڙها گُلّ کيتر ۾ سڳنڌون ٻُرڪندا
    تيئن مان پڻ ڀونءِ مان ڪنهن گُلّ جان ئي ٻَهڪندس
    جيئن اوڀر سِجّ جا ڪرڻا ڇٽيندو کيت ۾
    تيئن مان پڻ کيت ۾ ڪرڻي جِيان ئي سرڪندس

    چنڊ جئن ڪنهن نياڻ ۾ کيچل ڪندو ڪنهن ٻار جان
    مان به لهرن منجهه، مٺڙي، ٻار ٿي پيو کيڏندس
    مان به توسان ئي ته هوندس، سنڌڙي، جنءَ آهِيان
    تو سوا مان ڇاهِيان، چئو تو سوا مان ڇاهِيان


    پورنماسيءَ ڪالڪا ديويءَ مندر پاسي ٽڪريءَ تان تارن جو ميڙ، اکڙين جوت، اُجارو.

    پورنماسيءَ ڪالڪا ديويءَ مندر پاسي ٽڪريءَ تان تارن جو ميڙ، اکڙين جوت، اُجارو.
    اُماس ۾ چندرما جي هجر جو اولاڻو ؛ چُوڙيو جبل کان ڪارونجهر ڏي، پهي پنڌ ۾؛ راتاهو.
    اولو اولو پوک ۾، جهار اچرج ۾، هاريءَ هٿڙا ڪڻڪ جي سون وَرني سِٽَن ۾.
    ڪوٽ ڏجيءَ جي ويرانيءَ ويڙهيل ڀتين جي سر سر ۾
    اوتيل پگهر جي سڳنڌ، وقت گيت ورجائي.
    مَکڻي، ڀُرٽ، ڪِرِنگهه، ڪوڍير، گولاڙو، لَيار، سانئون پُسي، مانڌاڻو، ڏونئرا... : ڏُٿُ ڏنگي پر ڀال ڪري.
    اُلا، ڪاڙهو، اک ٿي نڪري، کانڀاڻيءَ جو ڳوڙهو ڳوڙهو هاريل هاريل، پيهي اوڙو مُرڪن ۾.
    کانٽا، کانٽيون، کانچا، کڏون، کائِرُ، ننگر، نارو، ڪوههَ، سڀ ٻولن ٿا مِينهَڻَ ساڻ، پوءِ به نه مينهڙن جو پتو، ها پر ڏور اُتي ڪڪري آ، جا سِرڪي ٿي هوري هوري!
    پرڏيهي پنڇي لَڙيا، پاڙهيري تاڪ ۾، واهُڙن ماٺ، سنڌوءَ چپ چپات، موت نچي ٿو ٿاڪ ۾.
    ڪُميتَ جي ڊُکَ تي ڌُڌَڙ سهرا ڳائي.
    هاٿيءَ لُرُون، وستيءَ ۾ اُڻ تُڻ، هُر کُر، اورا کورا.
    موهه مُٺل ڪارايل ٽور، ڊيل ٽلي ٿي، بَنُ ڀُڻ ڀُڻ ۾!
    نينگَر تڙ تي ٽِلڪي آئي، اوڍَرَ لاٿئين، انگ اَويس، مينهوڳيءَ ۾ تڙ تي ترڪڻ، پرتان ديوين ۾ سَر سَر!
    موهن جي دڙي جي ميرانجهين ماڙين تي سرڪندڙ مٽيءَ جي ذرڙن جو سانوڻ جي ڦُڙين ۾ واسجي وڃڻ.
    آرهڙ ڏَنگ، رُڃَ ڪڇيل،آڏو نار، سنڌي وِينگَس، لَپَ چُرُون.
    ڪامَڻ ويٺي رَنڍا روڙهي، هَيٻڙ، هَڙ ٻَڙ، سيگهه.
    ٻڪريءَ ٿڻ مان کيرَ جي رُنگَ، گُوها منهن ۾، ٽِپ ٽِپ کِير ٽمي هٿڙن تي.
    ڊَنبَرَ، چَڙا، کُرڪا، سانڀَرَ ـــ مڙيئي گِهنڊڻا ڏاچين ڳچين ۾ ٻُرن؛ ڍَٽُ سڄو سنگيت.
    گاهه جي چِلَ آڻي گونري ڀَر ۾ ڇوڙي اٿس؛ ٽَليارا پيا گُڙن.
    مڌ سان ماٽِي ٽِلُ، موکيءَ نيڻان مَي ڇُڙي!
    تتيءَ اُسَ ۾ ڪوهستان جي لَڪَن تي باهه ڪڍندڙ پٿرن جي تنهائيءَ جو پڙلاءُ.
    کائر جي ڳِهندڙ واريءَ تي سَپَ جو واريءَ تي سِرڪڻ.
    پوکَ جي ٽُڪريءَ ـــ بَگهڙِيءَ ـــ تي جُهڙِي ڦُڙِي، ناري جي نينگرين بَڙ بَڙ، مستيون، چِلولايون.
    مهاڻا جُهڳن (رَڇُن) کي پنهنجين ٺونٺين تي رکي پاڻيءَ ۾ اُڇلين؛ مڇيون نادان، ويسليون، اَساريون.
    بَگيون منجهه بَگولن ، ڌَراڙُ رڙهي ڌُوڙ ۾.


    بيکاريءَ جي بگريءَ ۾ آسائُن جا آندولا .
    جَهڳَڙُ ڪارونجهر جي ڪور تي جُهونگارُن ۾.
    دنبوري جي تندن ۾ صدين جو آلاپ مهلن نه اُڄهي!
    ڪُڙميءَ ڏاٽو، ڪوڏر، رت، ڀئو، آسائون!
    ٻه پُڙو، ڪَڪَرُ چِٽيل اجرڪ، ڪشمور کان ڪارونجهر، ڪيٽي بندر تائين هڪ ٽڪنڊو نقشو، پاسن کان دٻليءَ تي چِٽَ، سنڌ اَجرَڪاري...

    سنڌ ڪُماچ آ، پاڻ ٻُري ٿي، پاڻ ئي آ ورلاپ!
    تون، مان ان جي تانُن گونجون، جڳ جڳ، ويرون تار!


    بزم ۾ انءَ پير ڪو آيو ڀري

    بزم ۾ انءَ پير ڪو آيو ڀري
    دل لڳيءَ جي هئه ورِي ٿي رُت وري

    نيڻ ميخانا، ڳڙي ٿي مَي رڳو
    جامَ پِيئان پيو، الا، ماٽيون ڀري

    هوءَ نهاري بي حجابيءَ سان جڏهن
    هاءِ دل کي ڪير پو قابو ڪري

    ڌڙڪنون شعلا بڻن مومل ڇُهي
    تن ٻَري ٿو ڄڻ سُتل جُوالا ٻَري

    ڪنءَ ته مهلون بي چَيون ٿينديون وَڃن
    وقت اڏندو ٿو وڃي مون کي ڏري

    شامَ جَلوَن ۾ ٻُڏي گذريو وڃي
    باکَ موٽي درد ۽ يادون ڌري

    تو تصور کي ڏنو جِيوَن ڀري
    تو ڪري ئي تو سوا پئي ٿي سري

    لفظ جنءَ لڙندا اچن يادون کڻي
    تنءَ پنا ڀِڄندا وتن لارون ڪري

    اڄ به تنهنجي ڪاڻ من چانئٺ اُتي
    ياد جو ڏيئو برابر پيو ٻري

    گُلَ ٽڙيل ‘سائر’، سڳنڌون کيپَ ۾
    ڀونءِ هيٺان درد جو ٿو مَچ ٻري


    ڏِيا جلائي، شراب پي پي، رباب ڇيڙي ته ڪانه ٿيندي

    ڏِيا جلائي، شراب پي پي، رباب ڇيڙي ته ڪانه ٿيندي
    جنون ڀي جي وَيو پرين جنءَ ته زندگي انءَ وفا نه ٿيندي

    ڪٿي ته آهين، اُماسَ موٽي، جتي ڪٿي رات ٿي نهوڙي
    ٻه نيڻ تنهنجا نه جوت ڏيندا ته هاءِ اهڙي سزا نه ٿيندي

    ڪلال تنهنجو شراب خانو ڀريو پَيو آ ته ڪر نوازش
    سڀن ته ڏين پيو، اسان به ڏي تون، سخاوتون ڪر، گلا نه ٿيندي

    شراب ڏيندو به ڇا ته مون کي، نشو ته مون ۾ ڀريو پَيو آ
    وجود اوتيو خمار اهڙو، ڪڏهن به مستي جدا نه ٿيندي

    ڀري ڀري پي، وري وري پي، شراب جو اڄ سمونڊ آهي
    متان چوين تون ته مَي نه اوتيم، سدا ائين ئي سخا نه ٿيندي

    نه تون ٻُڌين جي ته ساز ڪهڙا، ته تانَ ڪهڙي، ته راڳ ڪهڙا
    نه چنگ چُرندا، نه تند ٻُرندي، وري نئين ڪا صدا نه ٿيندي
    نه ٻول ٻولين ته آڳ ڪهڙي، ته خواب ڪهڙا، ته جاڳ ڪهڙي
    نه ساز ڇڙندو، نه روح رجهندو، نئين ته ڪا ماجرا نه ٿيندي

    نه تون وڌين جي ته زندگي ڇا، ته ڇاهه منزل، ته راهه ڇا جي
    نه ڊوڙ ٿيندي، نه ڌوڙ اُڏندي، نه ابتدا، انتها نه ٿيندي

    نه تون ڏسين جي ته سونهن ڪهڙي، ته رنگ ڪهڙا، گلاب ڪهڙا
    نه ڀونر ڀرندا، نه ديپ ٻرندا، کِوَڻ نه کِجندي، گهٽا نه ٿيندي

    جُنونَ سپنا نڪور آندا، اڏار آندي، چڪور آندا
    هلي هليو آ وري مسافر، اُجهاڳ پوري اڃا نه ٿيندي

    ڪئين بتن کي ڦٽي ڪري تو ڪئين بتن کي چريو ڪيو آ
    ائين هلئين جي، جنون وارا، خلاف تنهنجي هوا نه ٿيندي؟

    لکي لکيو ٿو لکان ڪهاڻي، مگر اڌوري، سدا اڌوري
    نه تون ملين جي ته هيءَ ڪهاڻي تمام تو کان سوا نه ٿيندي

    ڪيئي محبت ته درد سهه تون، سراب سهه تون، عذاب سهه تون
    رڳو گهرين ٿو قرار دل جو، ائين محبت روا نه ٿيندي

    ڪٺور ڪويل، ڪٺور سُرندو، ڪٺور پر ياد آهه ڏاڍي
    پرين، ائين جي رهيو وڇوڙو، ته درد جي ڪا دوا نه ٿيندي

    سڪون نيڻن، نه چين دل کي، پرين جدا آ، ڪٿي ته ڳوليان
    ڪٿي ته هوندو، ڪڏهن ته ملندو، تلاش ‘سائر’ سدا نه ٿيندي


    ڏيئا به ٻرن، سُرندا به وڄن، جي دل نه لڳي، پو ڇا ٿيندو

    ڏيئا به ٻرن، سُرندا به وڄن، جي دل نه لڳي، پو ڇا ٿيندو
    تون وڃ ته ڀلي پر تو کان پو ڌڙڪن نه هلي، پو ڇا ٿيندو

    جيون جي نياري سپني مان، جي ننڊ ڦٽي، پو ڇا ٿيندو
    جي جاڳ ملي، پو ڇا ٿيندو، جي ڪا نه ملي، پو ڇا ٿيندو

    اڻڄاڻ سمن، مگرا، ڏاڙهونءَ گل تو منهنجا متوالا، ڙي
    اي، پريتم، پنهنجي پريم سندي ڪا ڳالهه هُلي، پو ڇا ٿيندو

    پو ڇو ته تماچي ورندو، چئو، پو ڇو ته قصا ڀُڻندا جڳ ۾
    اي ڪينجهر، تنهنجي ڪنڌيءَ تان گندري نه مٽي، پو ڇا ٿيندو

    تو رات چَڳُن، مِينڍَن اوتي ٿي جوت؛ پرين ٿي ياد آيو
    اي چنڊ، نه ڄاتئي من اندر ڪا آڳ اٿي، پو ڇا ٿيندو

    اي سِجّ ستايل پانڌي، چئو، تو رات پنارو ڪئن ڄاتو
    تُنهنجي سوچن جي پنڌ اُتي جي رات کُٽي، پو ڇا ٿيندو

    منهنجي ٻولن کي ڀالا چئي، ڪئي ڍال ڪنن تو هٿڙن جي
    چئو، من اندر جي ڪوٽ منجهان ڪا گونج اٿي، پو ڇا ٿيندو


    اي ڏيئَڙا، جهوني جهوپي ۾ تو ڦَڙ ڦَڙ ڇا جي لاتي آ
    ڪنهن ڪانيءَ، ڪام لڳيون چڻگون، اُت باهه لڳي، پو ڇا ٿيندو

    ‘سائر’ ڇڏ پنڌ آ عشق سندو، ان ۾ ڇا ٿيڻو، ناهه پتو
    جي پرهه ڦٽي، پو ڇا ٿيندو، جي رات ڀڙي، پو ڇا ٿيندو


    جو به تنهنجي نهار ۾ آهي، سو سدائين قرار ۾ آهي

    جو به تنهنجي نهار ۾ آهي، سو سدائين قرار ۾ آهي
    جو نه آهي نهار ۾ تنهنجي، سو ته بس انتظار ۾ آهي

    جستجو ۾ ڦُٽي پون باکون، آرزوءَ ۾ سدا جهُرن راتيون
    تو پُٺيان چنڊ، چنگَ، ميخانا؛ بيقراري بهار ۾ آهي

    تو سوا آڳ آهه ميخانو، جامَ، شيشا، شراب اُٻرن ٿا
    هڪ نظر ڪر ته زندگي پلٽي، وقت هر پل شرارَ ۾ آهي

    بانورو ٿيو، اُهو ته ڪُسجي ويو، جو به اُسريو مقام ڏي تُنهنجي
    جنهن ڏٺيون مست تو سنديون اکڙيون، سِيسُ تَنهنجو ڪٽار ۾ آهي

    سچ ته پاٻوههَ سان چئي ڏي ڪجهه، پو ته سُر، ساز آ سڄي دنيا
    لطف تنهنجي نفيس گفتن جو، سچ، نه ڪنهن ڀي ستار ۾ آهي

    زخمَ تنهنجي ڇُهاوَ تي ڀرجن، درد ڪي پيار جا نوان پلجن
    ساءُ جو بزم ۾ اوهان جي آ، سو نه ڪنهن ڀي دَيار ۾ آهي

    بي خبر، ڪر پري شرابن کي، ڀور گلڙا، ڏِيا اُجهائي ڇڏ
    ٽوڙ سُرندو، نِهوڙ چانڊوڪي، سوز ۽ سونهن يار ۾ آهي

    تون جُدا ٿي وَئين ته رِڻ ٿي ويو، نيڻ راهون تڪينِ ٿا تو لئه
    رات گذريو وڃي ستارن ۾، ڏينهن هر ڪو ميار ۾ آهي

    تون نه آهين، نه چنڊ اڀريو آ، دوست، دشمن، نه اجنبي آ ڪو
    اڄ نه سُرندو، نه مَي، نه جهونگارون، سُڃّ چوڏس پٿار ۾ آهي

    رات ۽ ڏينهن اينءَ گذرن ٿا، ڄڻ ته اُڀ کي کڻي هليو آ ڪو
    جنهن ڪيو انتظار آ تنهنجو، سو سدا انتظار ۾ آهي

    رنگ ويٺا پِيون نظارن مان، جوت پيا ٿا ڀريون ستارن مان
    ڏس ته مُرڪون به پيا، ملهايون پيا، هونءَ جِيوَن ته ڄارَ ۾ آهي

    اڄ ته آڪاس ۾ پڙاڏا هن، اڄ ته تَندون ٻَرن پَيون ‘سائر’
    اڄ ته ورلاپ آهه دنبورو، اڄ ته راڳي شرارَ ۾ آهي


    هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾ ــــــ

    هڪ نظم ڏٺو مون ميلي ۾ ــــــ
    تنها، تنها، ڄڻ مندر هو
    چُوڙيو ٽڪريءَ جي ڇاتيءَ تي!
    ڄڻ گوپين ڌاران ڪشنا هو
    ڄڻ مومل ڌاران ڍَٽّ طرف
    رڙهندو، ڪڙهندو ڪو راڻو هو
    ڪو ڳاڻو هو جو لوڪ ڇڏي
    رڻ جي ڀاڪر ۾ ڀٽڪيو ٿي
    تن گهايل ٿر جي روجهه جِيان
    چپڙن ۾ رُڃّ، رڙيون، راڙا
    نيڻن ۾ ڄَرّ، ڄراٽ، ڄڀي
    هر سٽ ۾ ويڙهون ۽ ڪاهون
    هر سٽ ۾ درد ڀريل دانهون
    هر سٽ ۾ ٻيجل تند هئي
    هر سٽ ۾ ڏياچ به اَرتو هو
    جنءَ جيئن وراڻي ٿي آئي
    تنءَ تيئن متو ٿي جهڙ منڊل
    پو وڄ وڄ جا سرڙاٽ هيا
    پو پورب، پڇم پاڻي هو
    پو ميلو صرف ڪهاڻي هو
    بس نظم هيو جو چوڏس هو
    باقي جو هو، آکاڻي هو


    لڳن توسان لڳي اهڙي، لڳن ڪنهن سان لڳي ناهي

    لڳن توسان لڳي اهڙي، لڳن ڪنهن سان لڳي ناهي
    بهي ويو وقت انءَ ڄڻ مون ڪٽي ڪائي گهڙي ناهي

    رُساما ڇڏ پرين پيارا، هلي آ درد ساري تو
    محبت جي بهارن لئه حياتي ڪا وڏي ناهي

    وري آ ڳر لڳايان تو، اجهايان آڳ دردن جي
    وئي جا مرڪ تو سان گڏ، پرين ٻيهر وري ناهي

    الڳ آهين، مگر آهين، اسان جو تون؛ اسين تنهنجا
    هلي آ ڏيهه ساري ٿو؛ گهڙي تو بن سري ناهي

    ڪهي آ او پرين پيارا! نسورو مَي متو مارڳ
    نه آ جو مَنڌ متوالو، هتي اهڙو ولي ناهي

    ڍري آ ڍنڍ تي نِيرڳ، لٿي اڄ سانجهه سندوري
    جڏهن کان ڪئي پَروڪن ڦَر، تڏهن کان ور لٿي ناهي

    ڪپار آ سج، ٻري رڻ پٽ، نه ڪو بادل، نه ڪو آسَر
    سڙي ويا پر، ڇِڄن کنڀڙا، مگر مِينهل ڇڏي ناهي


    مسافر تون ڪٿي آهين، وري آ، وو، جتي آهين
    جتان وڇڙي وڃن پيارا، اُجهاڳ اهڙي چڱي ناهي

    ڪري وٺ پيار دل کولي، نه ٻاٻيهل وري ٻولي
    گهڙي جا وئي رمي ‘سائر’، گهڙي پو سا وسي ناهي.



    ڪٿي ڪاليداس ۽ ڪٿي پريتما

    ڪٿي ڪاليداس ۽ ڪٿي پريتما
    شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا
    وَراڪا ڪري وِڄّ وانگي اچي
    ڪڏهن مور وانگي ڀِٽُن تي نچي
    ڪڏهن مِينهَڻَن جيئن چانگار ۾
    ڪڏهن وِينجهرن وِنڌَ ۾، هار ۾
    ڪڏهن سِڙههَ کولي، سُکاڻن ڇِڪي
    ڪڏهن اوٽَ مڪليءَ لُڪُن کان لڪي
    ڪڏهن انگ نِيرڳ بڻي نياڻ ۾
    ڪڏهن ليٽَ، لُڙُ، ونجهه مهراڻ ۾
    ڪڏهن ڪِينَري ۾ ڳُتي راڳڻيون
    ڪڏهن پوههَ آڻي اُماڙيُن ڀَريون
    ڪڏهن ڀرت جي ڦُلّ چِلڪِي اُٿي
    ڪڏهن مَنڌَ جو سمنڊ بڻجي ڇُلي
    مگر ڀونءِ ماپي نه پوري اڃا
    کڻي ٿي وڃي ڪجهه ضروري اڃا
    الا، نِمّ، ٿيندي نموري اڃا؟
    شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا
    مگر پوءِ به ڪامَڻ اُٿِي آهه، ڙي
    تخيل وڌو آهه هن ساهه، ڙي
    نه پورب، نه پڇّم، نه رات ۽ نه شام
    شَڪُنتل ڪيو آهه هر ويل رام
    نه ئي گهاٽ جمنا، بخارا، نه ڍٽ
    نه بر، بن، نه لهريون، ڇڏي ڪو نه پٽ
    شَڪُنتل گهڙيءَ ۾ هِتي، ور هُتي
    اچي ٿي، وڃي ٿي، نه ڪنهن جي ٻُڌي
    چوي ٿي: “حقيقت به مايا ته آ
    مٿان هيءَ مايا به ڇايا ته آ
    وري هيءَ مايا حقيقت به آ
    لُڙاٽيل سمنڊ آ، ته پربت به آ
    اَماوَس رڳو ناهه ڪاراڻ پل
    نه گنگا، نه جمنا رڳو آب، جل
    نه رڻ آ بيابان، وَڻُ ناهه ڦل
    نه دل آهه ڌڙڪو، نه اکڙيون ڪجل”
    جنم هيءُ پورو نه ٿيو، ڪالِيداس
    جتي چنڊ اونداهه، اوجَر اُماس
    اِهو مَنڊُ ناهي ته پو آهه ڇا
    ڪٿي ابتدا ٿي، ڪٿي انتها
    نه جنمي، نه جنمي به جنمي اٿي
    شَڪُنتل اُٿِي پر اڌوري اُٿِي
    شَڪُنتل مڪمل ٿيڻ ڪاڻ ئي
    وڌائي وڌائِي به مانڌاڻ ئي
    ڪڏهن هوءَ مريم جيان ماءُ ٿِي
    ڪڏهن هوءَ لَيلا جيان ساءُ ٿِي
    ڪڏهن هوءَ راڌا، ته مِيرا ڪڏهن
    ڪڏهن هوءَ سِيتا، ته لِيلا ڪڏهن
    ڪئين تانِ سينا، ڪئين ڪالِيداس
    ڪِرِشنا، پِڪاسو؛ ڪئين ٿيا نراس
    ڪئين تَندَ تاڻِينِ پل پل هِتي
    ڪئين اوڙِ آڻِينِ ور ور پَني
    ڪئين بانسريءَ جي سُرن ۾ مگَن
    چِتِرڪار ويٺا محبت چِٽَن
    مگر ڪنهن به پوري ملي ڪا نه ٿِي
    ڏسي ٿي اگر، پو ٻُڌي ڪا نه ٿِي
    ٻُڌي ٿي اگر، پو چَوي ڪا نه ٿِي
    چَوي ٿي اگر، پو بِهي ڪا نه ٿِي
    نه کُهُنبي، نه ڪوجهي، نه ڀُوري اڃا
    نه ورکا، نه سيجا، نه سُوري اڃا
    نه سورٺ، نه سهڻي، نه نُوري اڃا
    شَڪُنتل اڌوري اڌوري اڃا


    هوءَ، ڄڻ ڏاڙهونءَ وڻ ۾ پهريون پهريون گُلُّ ڦٽيو آ

    هوءَ، ڄڻ ڏاڙهونءَ وڻ ۾ پهريون پهريون گُلُّ ڦٽيو آ
    هوءَ، ڄڻ پَٽَ پٽيهر تي ڀرتياريءَ ڦُلُّ چٽيو آ
    هوءَ، ڄڻ سچ ٽڙي پوندو آ ٻالڪ مرڪن اڻ جهل
    هوءَ، ڄڻ سونهن ڇُڙي پوندي آ ڪڻڪ سِٽَن ۾ پل پل
    هوءَ، ڄڻ سياري راتين ۾ ڦوڪن سان ڌڳندڙ سگري
    هوءَ، ڄڻ ساگر لس ۾ چانڊوڪيءَ جي چادر اجري
    هوءَ، ڄڻ هِمَ جي ٻڪ ۾ ڪوئي رنگ برنگي ٽانڊو
    هوءَ، ڄڻ مونجهه، اٻس ۾ وائن جهوٽو ٿڌڙو آندو
    هوءَ، ڄڻ مڇِّي ڀَنَ کي ٽوڙي ناچ ڪري موجن ۾
    هوءَ، ڄڻ رنگ محل آ ڪنهن جي پريت ڀريل سپنن ۾
    هوءَ، ڄڻ مايوسيءَ جي ڪَتبي ڀٽ واري جي وائي
    هوءَ، ڄڻ پن ڇڻ جي موسم ۾ ٽاري بلڪل سائي
    هوءَ، ڄڻ ننڊن در تي خوابن جو ڪو وڻندڙ کڙڪو
    هوءَ، ڄڻ ڪُهندڙ ويرانيءَ ۾ ڄاتل ڪو ئي ٻَڙهڪو
    هوءَ، ڄڻ ڪارونجهر چوٽيءَ تي وڄ جو وَرّ، وراڪو
    هوءَ، ڄڻ موهن دڙّي اندر يُگ يُگ جو ڪو ڏاڪو
    هوءَ، ڄڻ ڏک جي ميخاني ۾ سُک جي ڪا مڌ ماٽي
    هوءَ، ڄڻ تنهائيءَ جي اس ۾ محفل جي ڪا ڪڪري

    هوءَ، ڄڻ ڪيٽيءَ سمنڊ اتي ٻيڙي جي ڌَڄَ جون وَڙڪون
    هوءَ، ڄڻ چُوڙيو جبل مٿي ڪڻ ڪڻ ڪڻ وَرسن بوندون
    هوءَ، ڄڻ ڪارين ڪڪرين وچ ۾ چوڏهينءَ جي چانڊوڪي
    هوءَ، ڄڻ دل جي دنيا ۾ دل جي سپنن جي موکِي
    هوءَ، ڄڻ ڍاٽيءَ جي چانگن لئه ڍَٽَ جو سرکنڊ، چندن
    هوءَ، ڄڻ مومل جي مرڪن لئه ڪاڪ محل جو درپن
    هوءَ، ڄڻ گهگههّ اونڌاهيءَ ۾ اوکن سان ووڙيل ڏيئڙو
    هوءَ، ڄڻ پڃري مان اڏريل پهريون پهريون پنڇيئڙو
    هوءَ، ڄڻ ڪينجهر ڪڙ تي گندريءَ لئه گل، گل جو پاڻي
    هوءَ، ڄڻ ڇيرن ڇن ڇن ڇن، ڇم ڇم ڇم تُند وراڻي


    ڏور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي

    ڏور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي
    سِيرُنِ اُهري ناوَ
    کنيا ٿِي هانوَ الا ڇو ڀاوَ
    هليو هل لهرين سين

    لهرين لهرين کيپَ چڙهيل ٿي
    سج به اڃا ٿِي ساڻ
    اڃا ٿِي کيجَ ڀريل مهراڻ
    هليو هل لهرين سين

    ساگر مڌ مرلي ٿي مُرڪي
    بوند بوند آ جام
    اڃا ٿِي رمز رتو سنگرام
    هليو هل لهرين سين

    وهم وِلوڙي پاسي ڪر تون
    جهاتي من ۾ پاءِ
    او مانجهي، اڄ ته نه تون گهٻراءِ
    هليو هل لهرين سين

    ڏور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي
    سِيرُنِ اُهري ناوَ
    کنيا ٿِي هانوَ الا ڇو ڀاوَ
    هليو هل لهرين سين


    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي

    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
    هڻ تانَ مڌر اهڙي، ڪا شيءِ نه رهي ساڳي

    اڄ دُهل ڪري ڌرتي، آڪاس ڪري مُرلي
    هن وقت مروڙي تون، هر تند ايامن جي
    ها ڇيڙ اُهي تارون، هر تار پوي جاڳي
    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
    هڻ تانَ مڌر اهڙي، ڪا شيءِ نه رهي ساڳي

    ڇاڇول سڄو سنڌو: لَس، ليٽ، چڪرَ، وَرَ، ڇَل
    سامونڊ سُرن سندو، جهاڳوڙ ائين پل پل
    سي راڳ نچن هتڙي، ڪنهن ڪو نه ڇهيا جهاڳي
    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
    هڻ تانَ مڌر اهڙي، ڪا شيءِ نه رهي ساڳي

    ڌونڌاڙ سڄو اولهه، ڌانڌول سڄو اوڀر
    سڀ هانو کڻي پهچن؛ پو ڪو نه وڃن ٻيهر
    اڄ تاڻ اُهي تندون، ٿي ڪو به نه ويراڳي
    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
    هڻ تانَ مڌر اهڙي، ڪا شيءِ نه رهي ساڳي


    چانڊاڻ چُڳي سُر سُر، ڪاراڻ اجهامي پئي
    هر پلٽ پکيءَ وانگي، چوڌار اڏامي پئي
    انءَ وقت ڇهي هر ڌُن، ٿي ڪو نه ائين ڀاڳي
    ڪو راڳ اڳن وارو، اڄ ڇيڙ ته اي راڳي
    هڻ تانَ مڌر اهڙي، ڪا شيءِ نه رهي ساڳي


    ڊُڪي ٿي موهه ۾ هرڻي

    ڊُڪي ٿي موهه ۾ هرڻي
    ڊُڪي تنءَ مرگهه پيو تَرَ ۾
    کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾

    ائين ئي مور جي رڙ تي اڪنڊي ڊيل آ ٽلڻي
    اڏن ٿا آس ۾ ڪاڳر، الا، ڙي، ڪلڪ آ ڇلڻي
    جئين هيءَ باک مرڪي پئي، تئين ئي سانجهه آ کلڻي
    ڪڏوڪو موت باهي ٿو، لکي وٺ جوت ۾ لکڻي

    ڊُڪي ٿي موهه ۾ هرڻي
    ڊُڪي تنءَ مرگهه پيو تَرَ ۾
    کٿوريءَ کيپَ کيتر ۾


    موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري

    موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
    اَيّامن جي پيشانيءَ پنهنجا پيرا چنبڙائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ

    موهن جون ميرانجهيون ماڙيون، سَرلي سَرلي دهڪن واريون
    ڇيرن تي هي ٻَهڪڻ واريون، ڇن ڇن ڇن تي ٻَرڪڻ واريون
    اڄِ به ته آسائيون آسائيون؛ ڄڻ ڪو تن ۾ ڪيئي وائيون
    آتيون ڀَنَ جي جوڳياڻيءَ لئه، سنڌوءَ جي تنهن آرياڻيءَ لئه
    جنهن جا گل گل ڪورا ڪورا، پل پل جن تي ڀُوڻن ڀونرا
    جنهن جي نَچَ تي واءُ گهلي پئي، موجن ۾ مهراڻ ڇُلي پئي
    سازيندڙ جو ساز ٻُري پئي، سج جي آڪڙ، ٽاڻِ ڀُري پئي
    سَنکن ۾ سنگيت جُڙي پئي، ڪڻ ڪڻ سان ملهار ڇُڙي پئي
    صدين جو پڙلاءُ وري پئي، وقت وسايل ديپ ٻري پئي
    اَيّامن ڦيرائڻ واري، تالُ، تانَ وَرنائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ


    اڄِ موهن جي ٿَرڙَ مٿي اچ، سمبارا، تون چِينههَ جيان نچ
    دنيا گاجُن وانگ گجي اڄ، وِڄ وِڄ جي ڪڙڪاٽ جيان وڄ
    کِوَڻين ۾ چمڪاٽ بڻي پئو، ساگر ليٽن وانگ لَڙي پئو
    ڌونڌاڙي ڇڏ اولهه، اوڀر، ايّامن جا کيت، کنڊر، گهر
    پير ائين ڌر اڄ، سمبارا، گونجن جڳ جا ڪُنّ، ڪنارا
    مستيءَ وارين تندن تاڻي، ڇيرن ڇاتيءَ آڳ لڳائي
    تالُ مِلا انءَ، ڌرتي ڌڙڪي، ڌُن جهونگاري، مُرڪي، مَرڪي
    آڏو تنهنجي سنڌو ڀڙڪي، تنهنجي تالن ڪنڌين ڪڙڪي
    موهن جي درٻار سجائي، لمحن جي جهڻڪار بڻائي
    ڌرتيءَ ڌڪ ڌڪ لائڻ واري، جيوَن کي ٻَهڪائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ

    موهن جي مٽيءَ تي ڇم ڇم ڇيرن کي ڇمڪائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ
    ايّامن جي پيشانيءَ پنهنجا پيرا چنبڙائڻ واري
    هيل به ڇيرون پاءِ، الا، تون هيل به ڇيرون پاءِ


    دنبورو سياري رُت ۾ دَرَ چانئٺَ آڏو سانتيڪو آ

    دنبورو سياري رُت ۾ دَرَ چانئٺَ آڏو سانتيڪو آ
    ٿڌ ۾ ڏيهه ته لرزي ويٺو، ڪنبي ويٺو، ٿڙڪي ويٺو
    پر رهواسِي بوتا بوتا، گهر گهر اندر خاموشي آ
    دنبوري جون تارون سِيٽيل، ڄڻ ڪنهن تن کي تاڻيو آهي
    نيٺ ته تارون ڪنبيون آهن، تندن ديپڪ راڳ ڇهيو آ
    سُرَ جي آڳ وَسي ٿي چوڏس، هاڻ ته سُرَ جا ٽانڊا ورسن
    چوڏس ڏيهه ته شعلا شعلا، پو به ته گهر گهر آهه نِوائِي
    بوتن ۾ ڪا جان نه آئي، بوتن ۾ ڪا جان نه آئي
    دَرَ خاموشي، ڪُنڍيءَ، چانئُٺَ خاموشي ئي خاموشي آ
    پر ديپڪ جي تانُن ٻُرندو دنبورو ئي ڄَرڪي ويٺو
    دنبورو ئي ڀڙڪي ويٺو، دنبورو ئي ڌڙڪي ويٺو


    تنهنجو، منهنجو رنگ الڳ آ

    تنهنجو، منهنجو رنگ الڳ آ
    ڍنگ الڳ آ، ونگ الڳ آ
    تنهنجي، منهنجي لات الڳ آ
    جيت الڳ آ، مات الڳ آ
    تنهنجو جوڙيل بوتو تنهنجو
    منهنجو جوڙيل بوتو منهنجو
    تنهنجو، منهنجو پيار الڳ آ
    پنهنجو ڄڻ سنسار الڳ آ
    پوءِ به ته من جي آکيري ۾
    تون، مان، پنڇي پنڇي آهيون
    جهڙي ٻوليءَ ٻوليون، ڳائيون
    جيون ڌُن ۾ ساڳيا آهيون
    ڪجهّه ته آ جو تنهنجيءَ منهنجيءَ
    نس نس سُر جنءَ ڊوڙون پائي
    ڪجهّه ته آ جو مَي جنءَ ڇلڪي
    توکي، مون کي، ناچ نچائي
    تو، مون ۾ او سُرَ جا ساٿي
    ڪجهّه ته آ جو ساڳيو آهي


    جيڪِي تو ۾ آهه

    جيڪِي تو ۾ آهه
    سو ئي مون ۾ آهه
    ويراڳيءَ جي وائي تو ۾
    ويراڳيءَ جي وائي مون ۾
    تون تنبوري تانن تڙڦين
    مان به ته انءَ ئي تڙڦيو تڙڦان
    تون جي ساٺِيڪا سِنجين، ڙي
    مان پڻ نارن وانگي ڀوڻان
    تون به ته ڪويل جي ڪوڪن ۾
    صدين جو پڙلاءُ، پرينئڙا
    مون به ته اهڙو ساءُ، پرينئڙا
    وِينگس جي وارن جا گهيرا
    چپڙن جا، نيڻن جا ڦيرا
    تو به ته مون جنءَ بانارن ٿا
    مون به ته تو جنءَ بانارن ٿا
    ٻيڙيءَ ڀاو اڀين سيرن جا
    من تي گهاو مٺين يادن جا
    تو، مون وٽ ور ور موٽن ٿا
    جيون جو هر رنگ آ تو ۾
    جيون جو هر رنگ آ مون ۾
    پر تو ۾ ۽ مون ۾، پريتم
    ڪجههّ ته آ جو ساڳيو ناهي
    ڪجههّ ته آ جو وڄّن وانگي
    ڪڙڪي ٿو من مندر منهنجي
    ڪجههّ ته آ جو ڀنڀٽ بڻجي
    مون ۾ پل پل ڀڙڪي ٿو
    جنهن جي ڀڀڪي، ڀڀڪي سان
    پڄران ٿو، مان پڄران ٿو...
    ڪجههّ ته مون ۾ آهه
    جيڪو تو ۾ ناهه


    تو چيو، ڇا ته تو چيو آهي

    تو چيو، ڇا ته تو چيو آهي
    مون ٻُڌو، ڇا ته مون ٻُڌو آهي

    رُوپ، هئه، ڇا ته رُوپ ڏيکارئي
    مون ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو ته رُوپ آ تنهنجو
    مون ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو ته رُوپ آ تنهنجو
    مون ٻُڌو ڇا ته، ڇا ڏٺو آهي

    رُوپ منهنجو به رُوپ آ تنهنجو
    تو ڏٺو، ڇا ته تو ڏٺو آهي

    رُوپ منهنجو به رُوپ آ تنهنجو
    تو ڏٺو ڇا ته، ڇا ڏٺو آهي

    رُوپ منهنجو به رُوپ آ تنهنجو
    مون ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي
    رُوپ منهنجو به رُوپ آ تنهنجو
    تو ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي

    رُوپ منهنجو به رُوپ آ تنهنجو
    مون ڏٺو، ڇا ته تو ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو به رُوپ آ منهنجو
    مون ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو به رُوپ آ منهنجو
    مون ڏٺو ڇا ته، ڇا ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو به رُوپ آ منهنجو
    تو ڏٺو، ڇا ته تو ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو به رُوپ آ منهنجو
    تو ڏٺو، ڇا ته مون ڏٺو آهي

    رُوپ تنهنجو به رُوپ آ منهنجو
    مون ڏٺو، ڇا ته تو ڏٺو آهي

    درد، هئه، ڇا ته درد آ تنهنجو
    مون کنيو، ڇا ته مون کنيو آهي

    درد تنهنجو ته درد آ تنهنجو
    تو کنيو، ڇا ته تو کنيو آهي
    درد تنهنجو ته درد آ منهنجو
    مون کنيو، ڇا ته مون کنيو آهي

    درد منهنجو ته درد آ تنهنجو
    تو کنيو، ڇا ته تو کنيو آهي

    ياد، هئه، ڇا ته ياد آ تنهنجي
    مون سٺو، ڇا ته مون سٺو آهي

    ياد تنهنجي ته ياد آ تنهنجي
    تو سٺو، ڇا ته تو سٺو آهي

    ياد تنهنجي ته ياد آ منهنجي
    تو سٺو، ڇا ته مون سٺو آهي

    ياد تنهنجي ته ياد آ منهنجي
    مون سٺو، ڇا ته مون سٺو آهي

    ياد منهنجي ته ياد ته آ تنهنجي
    مون سٺو، ڇا ته تو سٺو آهي

    ياد منهنجي ته ياد آ تنهنجي
    تو سٺو، ڇا ته تو سٺو آهي

    تو وڪيو، ڇا ته تو وڪيو من کي
    ڇا کتو، ڏس ته ڇا کتو آهي

    ڇو ته ٿو تون ڦٽي ڪرين جيون
    مون لڌو، ڇا ته مون لڌو آهي

    تو چيو، تو ته ٿي چيو پل پل
    مون ڪيو، ڇا ته مون ڪيو آهي

    مون نه ورتو ته ڇا نه مون ورتو
    تو ڏنو، ڇا ته تو ڏنو آهي

    نيڻ تنهنجا، خمار ۾ ‘سائر’
    ڇا ڀلا ٻيو به ڪو نشو آهي


    پروهتو، پروهتو

    پروهتو، پروهتو
    الا، سُڄاڻ پروهتو
    نه وينتي، سوال ڪو
    اِڇا، نه سَڌّ، چاهِنا
    گمان سڀ ختم ڪري
    خيال سڀ دفن ڪري
    اچو، بهو، نه سوچجو
    نه چورجو زبان بي زبان کي
    ڏسو، ڏسو
    مجسمو چُري پَيو
    الا، الا، سُري پَيو
    نه ڪنهن به ڇيڙ ڪئي اٿس
    نه ڪنهن به کيس آ ٿڏيو
    چُري چُري پَيو سُري
    سُري سُري پَيو چُري
    ٿڙي پَيو اڳنڌ مرمريءَ مٿي
    ائين لڳي: نچي پَيو
    ڪُماچُ ٿي ٻُري پَيو
    ڏِياچ وانگ ڪنڌ تي ترار ڄڻ جهلي پَيو
    جهُري پَيو
    جهُري جهُري ڦري پَيو
    ڦري ڦري جهُري پَيو
    اجهو ڪريو ٽڙڪ ڪري
    اڳنڌ مرمري سڄو ذرا ذرا هِتي هُتي
    پروهتو، پروهتو
    الا، سڄاڻ پروهتو
    نه وينتي، سوال ڪو
    اِڇا، نه سَڌّ، چاهِنا
    گمان سڀ ختم ڪري
    خيال سڀ دفن ڪري
    اچو، بهو، نه سوچجو
    نه چورجو زبان بي زبان کي
    ڏسو، ڏسو
    مجسمو چُري پَيو
    مجسمو چُري پَيو


    منهنجو من نادان

    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان
    جِيوَن جو ڪُنُ ڪُنُ ڇاڇوليان، وَههُ مون تي حيران
    مان لڙهندو منجهڌارَ ڪيان ٿو ساگرَ تي دهمان
    ڪوهيڙي ۾ پاڻ پتوڙيان، ڇو ته کڻان احسان
    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان

    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان
    مان هستيءَ لئه جَر، بَر ووڙي ، موٽيس منجهه پِران
    پريتم مون ۾، پريت به مان ئي، مان ئي حق، گمان
    مان ئي ماڳ، ته مان ئي مارڳ، مان ئي نيچ، مهان
    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان

    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان
    مان جِيوَن جي رنگ محل ۾ توڻي هڪ مهمان
    واس وکيريان سپنن جو، آڇيان محبت ۽ مان
    پل پل رنگ ڇٽيان گلڙن سان، ڀون نه رهي ويران
    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان

    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان
    من پياسو ٻاٻيهل، آڏو ماروٿل ، ميدان
    جلندو، جهُرندو پنک پکيڙيان، اُڃّ اٿم ايمان
    جاکوڙو ۽ ٿَڪّ اساٽن ۾ بڻجيا درمان
    منهنجو من نادان
    پرين، وو، منهنجو من نادان


    جِيوَن هڪڙو فِلَرٽ آهي

    جِيوَن هڪڙو فِلَرٽ آهي
    ڪچڙو، اُوڻو اَرٽ آهي
    ان جي تاڃِي پيٽي ۾
    پَٽَ پَٽِيهَرَ تاندورا
    سُٽَ جون تندون ۽ تارون
    سترنگي ڌاڳا آهن
    سترنگي سيبا آهن
    کُڻَ ڏيئي، هئه کُڻَ ڏيئي
    جن ڏورُن هي جوڙي ٿو
    تن کي پاڻ اُڊيڙي ٿو
    تن کي پاڻ اُکيڙي ٿو
    هئه، هئه، پوءِ سڀ آسائون
    لِيڙون لِيڙون ۽ لِينگهون
    اَڳڙيون ٿِڳڙيون، ڇيهاڙيون
    ها، جِيوَن ته فِلَرٽ آهي
    لُڳِڙو ڪوئي وَرت آهي
    واري واري وَرت، الا

    ساٺِيڪن مان ناهه نجات
    لَپّ چُرُون، ور اُڃّ، اُساٽ
    ان سان سِنجَڻ ڪهڙو، يار
    ڪير به واري ويٺو، يار
    سچ، جِيوَن ته فِلَرٽ آهي
    ڦيٽهڙو ڪو ڀَرت آهي
    هن جا قسم ٻَهون آهن
    ڪن ۾ آسُن جون رِيڙون
    ڪن ۾ سُر سُر جون ڏورون
    ڪن ۾ محبت جون تندون
    ڪن ۾ مُرڪن جون ليرون
    ان جا سڀ تاڻا ٻاڻا
    ان جا سڀ ٽوپا، ٽاڪا
    پاڻهي ٿا اُکلن، اُڊڙن
    پاڻهي ٿا نڪرن، اُڊمن
    رِيڙون توڙي رنگ ڪچا
    ڦيٽوهَڙَ، هئه، ڦيٽَهڙا
    جِيوَن وقت ڪَڪوري ٿو
    جوڙي ٿو، ور ڀوري ٿو
    جذبن کي دونهائي ٿو
    سوچن کي ته اُٻاٽي ٿو
    سپنا ڏئي ته جياري ٿو
    سپنا ٽوڙي ماري ٿو
    اڄ هن جي مون سان ياري

    ٿينديس پوءِ تو سان ياري
    ڪنهن سان ڪينَ نڀائي ٿو
    هر ڪنهن کي بهلائي ٿو
    جِيوَن هڪڙو فِلَرٽ آهي
    ڪچڙو، اُوڻو اَرٽ آهي
    لُڳڙو ڪوئي وَرت آهي
    ڦيٽَهڙو ڪو ڀَرت آهي


    ڇا جي آ آلاڻ

    ڇا جي آ آلاڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ
    پنڇي، پنک وڃائي ويٺين
    ڇا ته وڃايئي هاڻ

    ڪڪريون ڪڙڪيون، وَرکا وَرسِي
    سارين گنگا ڪنڌيءَ تَرسي
    سنڌوءَ جي آراڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ

    سِج جنءَ اُلَٿو، ٿي انڌاري
    ڀونءِ سموري ڪاري ڪاري
    اُڀّ ته ڏيئڙن کاڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ

    هاڻي هت ناهي ڪوهياري
    ڪنهن لئه آ تو سگري ٻاري
    ڪِنجهين ڪنهنجي ڪاڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ


    رُڃّ نچي ٿي رڻ ۾، بر ۾
    باهيون تن ۾، اُڃّ اندر ۾
    پر ڏِس، ناهين ٻاڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ

    ڇا جي آ آلاڻ
    اکين ۾ ڇا جي آ آلاڻ
    پنڇي، پنک وڃائي ويٺين
    ڇا ته وڃايئي هاڻ


    پرين، تون نه موٽئين، نه آيون نه آيون

    پرين، تون نه موٽئين، نه آيون نه آيون
    گهڙيءَ لئه به جيءَ ڏي بهارون نه آيون

    ائين دل ڌُڏِي، ڌڙڪنون ٿيون پڙاڏا
    تهان پو ته جَڳ جون صدائون نه آيون

    اَکَرَ ڪِيمَ چئو، دل جَڙيم شاعريءَ ۾
    مگر ڌڙڪنون پو به پوريون نه آيون

    اسان هٿ وٿيءَ تي وڇوڙيل رهياسي
    جڏهن ته سدا جِيئَن دوريون نه آيون

    اهو عشق ڇا آهه جنهن جي سفر ۾
    نه هنجون، نه جاڙون، جدايون نه آيون

    ٻُرايم حياتي ائين ڪِينَري جنءَ
    ڪڏهن وقت ڏي تيئن تانون نه آيون

    اها سيج سُوري جتي روح جي لئه
    پرينءَ جون جٽادار ٻانهون نه آيون

    وئين تون ته مندون به موٽِي نه موٽيون
    اهي راتڙيون، هاءِ، شامون نه آيون

    گهڻا ئي وريا گهاوَ ۽ داغَ جاچڻ
    نه آيون ته تنهنجون نگاهون نه آيون

    رَڙِيو روح انءَ ٿي بدن منجهه ‘سائر’
    ٻُڌڻ ۾ هِيين جون به دانهون نه آيون


    ها، پرين، باهه ڪو نه ٺَرڻي آ

    ها، پرين، باهه ڪو نه ٺَرڻي آ
    تون نه ايندين ته دل ته جَلڻي آ

    تون نه آهين ته پو خيال آهن
    زندگــــــي تو سوا نه سرڻي آ

    هوءَ جا هوش وئي کڻي آهي
    سِڪَ جــي سوز ساڻ ورڻي آ

    گُلّ ڀل چور چور ڪــر ويٺو
    پوءِ به هٿڙن سڳنڌ رهــــڻي آ

    ڇا ته جهونگار آ سريلي، ڙي
    ڪونج ڪائي هتي به لهڻي آ

    رنگ بدران چُهي وئي دلڙي
    هيءَ تصوير ڇو ته مرڻي آ

    مان به ڪي گيت امر ڇڏي ويندس
    موت کان ڪا به شيءِ ته کسڻي آ

    ڇانگ هـرڻي جيان هڻي ويٺي
    ڏات جهــرڻي جيان به وهڻي آ

    ڪوهه، ڪڪرا، اڀا پٿر، ڪاڙهو
    ڪا ته ڪڪري هتي به رسڻي آ

    پيار ڪر، پيار، پيار ڪر ‘سائر’
    وير موٽي وري نه اچڻي آ


    ڪئين درد، دارون ضروري اڃا

    ڪئين درد، دارون ضروري اڃا
    حياتي سوا تو اڌوري اڃا

    اڃا کوڙ منظر ته ڪردار ڪئين
    ڪهاڻي نه ٿي آهه پوري اڃا

    ڀريو جامَ؛ اوتيو اڃا سوجهرو
    الا، ڏينهن ڪئي آهه دوري اڃا

    ڊُڪِي جيئن هرڻي، هرڻ ڀي ڊُڪيو
    بيابانَ ۾ آ کٿُوري اڃا

    وڄي ڪِينَرو پر نٿو سُر بهي
    نه پئي تَند دل جي سموري اڃا

    ٽِلي ڊيل انءَ، مور ويچار ۾
    الا، نمّ، ٿيندي نموري اڃا

    اڃا سڃّ ڪينجهر؛ تماچي نه تڙ
    نه جوڀن سَڃِي سونهن نوري اڃا

    سڪو زندگيءَ جو فضا ۾ ڦري
    اکر ناهه، ‘سائر’ نه ڀوري اڃا


    ٻُري تَندَ تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن

    ٻُري تَندَ تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن
    ڀٽائي، سڄي ڏيهه تنهنجي لڳن
    سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مَڳن!
    اِهي سُر لڳاتار چوڏس ٻُرن
    ڪٿي ڇير وانگي ڇنن ڇن ڇنن
    ڪٿي ڄڻ ته ڪنگڻ کنن کن، کنن
    ڪٿي ڄڻ ته جهانجهر جهنن جهن، جهنن
    ڪٿي ڪن گهنن گهن، گهنن گهن، گهنن
    ڪٿي واچَ واري پنن ۾ ڇڻن
    اُتي ئي پنن جي ڇڻڻ تي جهُرن
    ڏِسي ڏکّ جهانگيئڙن جا مرن
    مگر پو به عنقا جِيان ٿا وَرن
    ڪڏهن پانگڙن جئن لُڏيو ٿا لُڏن
    ڪڏهن ٻالڪن جئن ڪڏيو ٿا ڪڏن
    ڪڏهن روجهه وانگي رڃن ۾ ڊڪن
    ڪڏهن هي کِکِيءَ جنءَ، ڪڏهن ڄڻ ته ڀَن
    ڪڏهن هي چڪورن جِيان پَرَ هڻن
    ڪڏهن چنڊ وانگي گگن ۾ کِڙن
    ڪڏهن ڪاتَ بَڻجَن، ڪڏهن ٿا ڪُسن
    ڪڏهن ماڳ ماڻن، ڪڏهن پيچرن
    جئين اوڀرن، تنءَ وَسن اولهن
    ڪڏهن سادڙو ويس پائي اچن
    ڪڏهن ڀرت اندر جٽادار فن
    ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
    سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
    ڪڏهن هي ڪُماچن جِيان ٿا وڄن
    ڪڏهن بانسريءَ جي سُرن ۾ جُڙن
    ڪڏهن چنگ وانگي هِيين ۾ هُرن
    ڪڏهن سرمنڊل ٿي ايامن ڇهن
    ڪڏهن ڄڻ ته وِينا سُرن جو وطن
    ڪٿي ڀيرويءَ ڀونر ٿي ٿا ڀِرن
    ڪٿي ڀُڻڪ ڀيرون نه چاهي به ڪن
    ڪٿي ڪوهه جا راڳ بڻجيو ڇُڙن
    ڪٿي راڳ سورٺ وجهيو ڏنءُ ڏِين
    ڀلا ڪنڌ وارين، سُر انءَ گهُمن
    رُسي ڪاڪ ڪائي ته راڻا رَچن
    اُتي راڳ راڻو ٻُرائي ڀِڙن
    مچي جيئن سنڌو ته سهڻيون تَرن
    ڪُنن ۾ ڪئين مورڙا ٿي گهِڙن
    رُئي جيئن ڀنڀور، آريا رَسن
    ڪٿي مارويءَ جون مرادون سُڻن
    ڪٿي ٿر بڻي نيٺ سارَنگِجن
    ڪٿي نينهن نوريءَ وٺي واسِجن
    ڪٿي ور تماچيءَ جِيان هي نَمن
    جتي نيڻ ڪاهيون ته سُر سُر سَمن
    نه مُگرا، نه ڏاڙهون، نه موتيا ڪُڇن
    سڳنڌون ته پل پل ڀُڻيو ٿيون ڀُڻن
    دنبورو سُرن جو مڻيادار بَن
    ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
    سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
    ڀٽائي، مگر ڏس اُلا ٿا اُٿن
    ڄِڀِي، جهڪّ، ڀنڀٽ، ڄَراٽ آ لَڪن
    ٻَنيون ۽ جُهڳيون ڄڻ ته کُورا پچن
    لُڪن تي الا پَٽَ، ڇَپَرَ ٿا سڙن
    هجي واٽَ يا آٽِ، پٿر ٻَرن
    نه آسر، اميدون، نه بادل رمن
    مگر پو به جهڙ ڦڙ اوهان جي سخن
    سخن، جو رچايل رسالي سُرن
    سڀئي مچّ، آڙاهه انءَ پو اُجهن
    اُهي ڄڻ ته ڪي آڳ قصّا هجن
    نچي هِير سُر سُر، پنن ۽ وڻن
    ٿڌيري ٿڌيري هوا پئي ڪکن
    ڏِيا آسرن جا نه ڪنهن پل وِسن
    بَرن ۾، بنن ۾ پکي کيتِرَن
    مُٺا مور ڊيلن پٺيان پو نچن
    محبت ڪٺل پو پڪا ڪن وچن
    ڀٽائي، سڀن آهه تنهنجي لڳن
    سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!
    الا، انءَ مڳن ڄڻ ته تون سَنڌَ تن
    هڏن، ماس ۾ تون، ٻنيءَ ۾، هَرن
    پَهڻ تون، هَرڻ تون، چُرين تون اَڪن
    اُڏين تون ائين بازَ ٿا جنءَ اُڏن
    ڦُٽين گلّ وانگي، بڻي سنگ، اَن!
    جتي آنهه تون بس اُتي ئي اَمن
    اُتي ئي ته، اي يار، ميلا مچن
    سڀئي سنڌ واسي اُتي ئي مِڙن
    سدا آهه پڙلاءُ تنهنجي سڏن
    ڀٽائي، ڪَوي، عشق وارا ته مَن
    کڻي ٿا ڪَويءَ جي سُرن لئه جِيَن
    سڀئي نِينهن وارا ڪَويءَ ڏي لَڙن
    ڪَويءَ کي ٻُڌائن، ڪَويءَ جي ٻُڌن
    ڀٽائي، ڪَوِي، ڏيهه تنهنجي لڳن
    ٻُري تَند تنهنجي اَڄاتيءَ اڳن
    سڄو سنڌ تنهنجي سُرن ۾ مڳن!


    کُڙکُٻيتا، کُڙکُٻيتا

    کُڙکُٻيتا، کُڙکُٻيتا
    تون اَوَسٿا، تون نه گيتا
    پو به تنهنجي ڏياٽڙيءَ مان
    راهروئَن جام پيتا

    رات کيتر ڏي لڙي
    يا ٻاٽ ٻاٽُن ۾ جَڙي پئي
    تون کِڙين ڄڻ پتڪڙو ڪو
    چنڊ ڌرتيءَ تي ڍري پئي
    ٻاٽ ڇاهي، رات ڇاهي
    ٻاٽ لئه ڪو ڪات آهين
    رات لئه تون مات آهين
    روپ تنهنجو، رنگ تنهنجو
    ڍنگ تنهنجو، انگ تنهنجو
    شيام جي لئه روپ راڌا
    رام جي لئه ڄڻ ته سيتا

    کُڙکُٻيتا، کُڙکُٻيتا
    تون اَوَسٿا، تون نه گيتا
    پو به تنهنجي ڏياٽڙيءَ مان
    راهروئَن جام پيتا

    *

    ٿا ياد اچن پيارَ پراڻا ڪڏهن ڪڏهن
    ڪي نيڻَ، دِليون، درد ٺڪاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    جا راهه اسان عشق سندي هئي هلي ڪڏهن
    اُت موڙ مُڙن ٿا ته نماڻا ڪڏهن ڪڏهن

    جو وقت اسان پيار ڪري هو ڌري رکيو
    لمحا به اتان ٿينِ اُڏاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    ڪا هيرَ جڏهن ياد کڻي در ٽپيو اچي
    ٿا سَرس ٻرن ديپ اجهاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    هينئڙو ته جَلي ياد ڪري وقت بي چيو
    آغوشَ، مٺيون، زلفَ، سراڻا ڪڏهن ڪڏهن

    جن درد ڏنا، روح رنجيو، بي رخي ڪئي
    ٿا پارَ پڇن سي به اياڻا ڪڏهن ڪڏهن

    جنءَ پير کڻان، دور وڃان، ور وريو اچان
    رستا به لڳن ڄارَ ته گهاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    تون دور وئين، دور وئين، دور ڇو وئين
    ڪن ياد پرين تو به ته ڀاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    ڏيئا به سدا ڪو نه ٻرن آرزو رکي
    تارا به ٻرن ٿا ته وِساڻا ڪڏهن ڪڏهن

    سهڻيون ته ڪئين ڪينَ ٻُڏيون، ڪئين تري پڳيون
    ميهار ٻُڏا وقت وڪاڻا ڪڏهن ڪڏهن

    ڪيئي ته هَوَس ڪاڻ مري موملون وَيون
    پر پو به ڏٺا ڪاڪ ته راڻا ڪڏهن ڪڏهن

    مالها ته جُڙي وصل، وڇوڙا ڀري ڀري
    ٿي پو به ڇڄي ياد ته داڻا ڪڏهن ڪڏهن

    ‘سائر’ نه سڳنڌون به رهيون وصل جون اُهي
    پو گُلَ به ٿِيَن ڇو نه ڪُماڻا ڪڏهن ڪڏهن


    تنهنجي من جي چانئُٺَ تي مان بِينَ وڄايان ويٺو

    تنهنجي من جي چانئُٺَ تي مان بِينَ وڄايان ويٺو
    ها بِينَ وڄايان ويٺو، توکي ئي ڳايان ويٺو

    منهنجي من ۾ تنهنجي چاهت جا گهنگهرو ڇن ڇن ڪن
    لوڪ ته ڄاڻي وٺندو، مان ڪيڏو به لڪايان ويٺو

    جيون سترنگ اجرڪ منهنجو، مون آ توکي آڇيو
    هرڪو چاهي پائڻ، وو، وو، پاڻ لنوايان ويٺو

    موهن جي سمبارا تون آ، ريت نئين ڪا جوڙيون
    مان ڳايان، تون چِينههَ جِيان نَچ، چنگ ٻُرايان ويٺو

    وِههَ جهڙي ماٺار ته من جي ڪويل کي ٿي ماريو
    تو مون کان آواز کسيو، مان ڪلڪ هلايان ويٺو

    جِيوَن ساگر جي انڌاري ۾ مان سِٽ سِٽ اوتي
    ڪَوِتا جي ڪرڻن ڇوڙي لهريون جرڪايان ويٺو

    باک ڦٽيءَ کان باک ڦٽيءَ تائين مان تانون پَلٽي
    ڌرتيءَ ويراني ۾ سُرَ جا رنگ رچايان ويٺو

    سُگهڙن جي هن محفل ۾ جهونن کان ساز وٺي، مان
    تندون تاڻي، نئين سِر ڇيڙي، راڳ مٽايان ويٺو

    اونداهيءَ پوڄي پوڄي، تون اوندهه ٿي ويو آهين
    ڏينهن ته ٿيندو، ڀل مان تو لئه ديپ اجهايان ويٺو

    ڏات ته ساگر آهي، ناوَ به لهرين منجهه هلي پر
    ويري ننڊ ته ايندي، مان ڪيڏو به نٽايان ويٺو

    پل تولو، پل ماسو، پل پاروٿو، پل ۾ تازو
    وقت رٻڙ آ، تنهن کي هر هڪ هنڌ چٻايان ويٺو

    پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهر چوٽيءَ ليٽي ‘سائر’
    سنڌ انگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو


    اي ماڻِڪَ ، تنهنجي ميلي ۾

    اي ماڻِڪَ ، تنهنجي ميلي ۾
    هيءُ پُورو سنڌ سڏايل هو
    ها، پُورو سنڌ ئي آيل هو
    تو پنهنجي فن جي چَڳّ ڪپي
    جنءَ وقت محل تي ٿي ڦيرِي
    چوڌار سحر، ڪامِڻ، جادو
    ميلو ڄڻ ٿيو ٿي بي قابو
    پو جنهن پل تو سُرندو ڇيڙيو
    هر آيل ڪَنّ کنهڻ نڪتو
    پو هر ڪنهن ڪَنّ پَٽي لاٿا
    تون سُرَ ۾ لنوندو لنوندو وئين
    جيوَن ۾ رنگّ ڀريندو وئين
    پر ڪنهن نه ٻڌو، هئه، ڪنهن نه ڏٺو
    هو سُرندو ڪهڙو سُرندو هو
    هو سازيندڙ هو ڪير اتي
    هو ڪهڙو چنگ چڙهيو گذريو
    پر اڄِ به ته تُنهنجي سُرندي جو
    آلاپ اُٿي ٿو ميلي ۾
    هِن ميلي ۾، هُن ميلي ۾
    يا ڏوران ڏور، اڪيلي ۾
    انءَ مون جهڙا ۽ تو جهڙا

    پو توکي ياد ته ڪن ٿا، ڙي
    تون ڏور ته آهين پو ڇا ٿيو
    ويجهو به ته تيڏو آهين، ڙي
    اي ماڻِڪَ، دل جي ميلي ۾


    پنهنجيءَ منزل جي رستي تي

    پنهنجيءَ منزل جي رستي تي
    پاڻ ئي تون ديوار
    ٽوڙ انهيءَ کي، يار

    تو هڪ ڪاڪ اَڏي سوچن جي
    ناتر کي ڇڙواڳ ڇڏيو آ
    ناتر رمزي، کيڏاري آ
    من سَپ، منهن ۾ ويچاري آ
    ناتر تو تي چال هلائي
    توکي ئي ريڙهي، ڀٽڪائي
    تنهنجي من جي پانڌيئڙن کي
    هر پل واٽن ۾ وچڙائي
    آتش جا تنهنجو جيوَن آ
    تنهن تي وهمن کي وَرسائي
    ناتر کي بس ڌيان آ هڪڙو
    ڪنءَ هوءَ تنهنجي آڳ اجهائي!
    سُهڻا، سُهڻا، او من مُهڻا
    تو جي منڊ مَنڊيا آهن، ڙي
    تن جو سحر به تو تي ئي آ
    تو جي جيئڙا جوڙيا آهن
    تن جو ساهه به تو ۾ ئي آ
    تون ئي سومل، تون ئي مومل
    سُهڻا، تون ئي راڻو آهين
    تون ئي سومل جي سوچن ۾
    جادوءَ جا منتر جوڙائين
    تون ئي مومل جي سيرانديءَ
    دل جي مُگرن سان مهڪائين
    تون ئي راڻي کي کِيڪارين
    تون ئي پو وِکرائيءَ وارين
    تون ئي رنگ رتول آهين، ڙي
    تون ئي ڏاگهو، ڍٽ، پرينئڙا!
    سوچن جا جي ڄار وڇايئي
    تن جون ڏورون پاڻ ڪپي ڇڏ
    تو سوچن جي سِر سِر ڀِيڙي
    جيڪا ڀِتّ لڳائي آهي
    ٽوڙ انهيءَ کي، يار
    ٽوڙ انهيءَ کي، يار

    پنهنجيءَ منزل جي رستي تي
    پاڻ ئي تون ديوار
    ٽوڙ انهيءَ کي، يار


    جِيوَن پَڄري سِگرِٽ وانگي

    جِيوَن پَڄري سِگرِٽ وانگي
    ڪَشَ ڪَشَ تي هي ڦُلّو ٿي ٿو
    تُند ڌڳي ٿو، تُند ڇڻي ٿو
    هر ڪَش دونهون دونهون ٿِي ٿو
    وايو منڊل کي دونهائي
    هر پل دونهون، هر دم دونهون
    اُتر، ڏَکڻ دونهون، دونهون
    اوڀر، اولهه دونهون، دونهون
    منهنجي چوڏس دونهون دونهون
    منهنجي ئي جيوَن جو دونهون
    مان پنهنجي ئي جيوَن جي اِن
    دونهي جي چنبي مان اڪثر
    ڌرتي ۽ آڪاس ڏسان ٿو
    يُگ يُگ سڙندڙ ماس ڏسان ٿو
    دونهاٽيل ٿِي دنيا پَسجي
    دونهاٽيل آڪاس لڳي ٿو
    سڀ منهنجو ئي ماس سجهي ٿو
    اِن دونهين سان ڇار ڇڻي ٿي
    جيڪا من جي ڪِينَرڙي جي
    تانَ ٺهي ٿي، راڳ بڻي ٿي
    ڪِلڪ بڻي ٿي، تار بڻي ٿي
    ڪَوِتا جي جهنڪار بڻي ٿي
    شعرن جي وسڪار بڻي ٿي

    پَڄري پَڄري، ڌڳندي ڌڳندي
    منهنجي جِيوَن سِگرِٽ وانگي
    جِيءَ جي لمحن جي چپڙن تي
    پنهنجو ديرو جوڙيو آهي!
    جِيوَن پڄري سِگرِٽِ وانگي!


    نظم هڪڙو ڍَڪّ جي بازار ۾ گم ٿِي وَيو

    نظم هڪڙو ڍَڪّ جي بازار ۾ گم ٿِي وَيو
    مون گهڻو ڳوليو، گهڻو ڦوليو، الا، نڪري وَيو
    نيڻ پنهنجا مسڪرائي ويو کڻي
    ڪانُ ڄڻ ڪو هانوَ ۾ ويئڙو هڻي
    هاءِ، ڇا سهڻا هيا سي پيرڙا
    هاءِ ڇا ڇن ڇن ڇنن گهنگهرو هئا
    مون جئين ئي ڇير سان ڇيڙون ڪيون
    نظم پو سانڍيون اڏارون ڪونج جان
    پر هوا جي زور تي ڌونڌاڙجي
    وارَ هڪڙي هار تي ڇوڙي وَيو
    ڇا ته چڳ چڳ واس ٿي اوتيو اُتي
    چوطرف چندن هئو، هٻڪار هئي
    ٿورڙي ئي دير ۾ آنڌي اُٿِي
    نظم جو هر لفظ وکري ويو اُتي
    ڪئين چپن تي لفظ ڪئين آيا نظر
    ڪئين ڳلن تي ڪئين سِٽون آيون نظر
    ڪئين اکيون مرڪيون رديفن وانگِيان
    زلف ڪيئي قافِيا ٿيندا وَيا
    پوپِري هڪڙي عروضن تي نَچِي
    جهنجهڻو سُر تي سَرل وڄندورهيو
    نيڻ هرڪو استعارو هو اُتي

    جسم هر هڪ ڏات جو ديدار هو
    پر، الا، آنڌي ائين آئي اُتي
    ذهن جون تندون سڀئي جهوري وڌئين
    نظم جو هر لفظ انءَ وکري وَيو
    مون گهڻو ڳوليو، گهڻو ڦوليو، الا، نڪري وَيو
    نظم هڪڙو ڍَڪّ جي بازار ۾ گم ٿي وَيو


    هُن جا نيڻ ته سنڌو آهن

    هُن جا نيڻ ته سنڌو آهن
    مان به ته آهيان مانجهي، ڙي
    مان به ته آهيان مانجهي
    او، مان به ته آهيان مانجهي
    ڙي، مان به ته آهيان مانجهي

    هُن جا نيڻ ته ڪاريهر ٿيا
    مان به جُڳن جو جوڳي، ڙي
    مان به جُڳن جو جوڳي
    او، مان به جُڳن جو جوڳي
    ڙي، مان به جُڳن جو جوڳي

    هُن جا نيڻ ته ميگهه ملارون
    مان به رُتُن جو راڳي، ڙي
    مان به رُتُن جو راڳي
    او، مان به رُتُن جو راڳي
    ڙي، مان به رُتُن جو راڳي

    هُن جا نيڻ ته روهن چوٽيون
    مان به ته ڪو روهاڪي، ڙي
    مان به ته ڪو روهاڪي
    او، مان به ته ڪو روهاڪي
    ڙي، مان به ته ڪو روهاڪي

    هُن جا نيڻ ته آڳ، ارانڀا
    مان به ته مند ملاري، ڙي
    مان به ته مند ملاري
    او، مان به ته مند ملاري
    ڙي، مان به ته مند ملاري

    هُن جا نيڻ ته اُسّ اُلن سين
    مان به ته ڪڪري گهاٽي، ڙي
    مان به ته ڪڪري گهاٽي
    او، مان به ته ڪڪري گهاٽي
    ڙي، مان به ته ڪڪري گهاٽي

    هُن جا نيڻ ته مَي جا جهرڻا
    مان به ته مَي جي وادي، ڙي
    مان به ته مَي جي وادي
    او، مان به ته مَي جي وادي
    ڙي، مان به ته مَي جي وادي

    هُن جا نيڻ ته گهنگهرن داڻا
    مان به ته ڇيرن ڇاتي، ڙي
    مان به ته ڇيرن ڇاتي
    او، مان به ته ڇيرن ڇاتي
    ڙي، مان به ته ڇيرن ڇاتي



    هُن جا نيڻ ته پنڌ اڻانگا
    مان به ته رمتو جوڳي، ڙي
    مان به ته رمتو جوڳي
    او، مان به ته رمتو جوڳي
    ڙي، مان به ته رمتو جوڳي


    سندوري آ شام

    سندوري آ شام
    سموري سندوري آ شام
    ڌرتي مَي لئه آتي، آتي
    اڀ ڇلڪائي جام
    سموري سندوري آ شام

    پهر پهر ٿيو چارڻ، سُرندو
    تَندَ ٻُرائي، ٻُرندو، ٻُرندو
    ورهن جي ورلاپن جُهرندو
    اوتي اَتّ ڪلام
    سموري سندوري آ شام

    نرمل، نرمل، ڳهريون، ڳهريون
    مَي سان اوتيل، مٺڙيون، چهريون
    ڪينجهر ڪَرَ تي ڪومل لهريون
    ڄڻ راڌائون، شيام
    سموري سندوري آ شام

    ونجهه چُري ڄڻ دل کي ڪوري
    ڏور پتڻ، وَههُ ٻيڙيءَ جهوري
    ناو سري ٿي هوري هوري
    ٻوڙي ڪئين وريام
    سموري سندوري آ شام

    جَرَ تان پنڇي پرڙا کولي
    ڏاڻو ڏاڻو ڳولي ڦولي
    لاتون لنوندي، ٻولي ٻولي
    ڪن ٿا نيٺ اڏام
    سموري سندوري آ شام

    سندوري آ شام
    سموري سندوري آ شام
    ڌرتي مَي لئه آتي، آتي
    اڀ ڇلڪائي جام
    سموري سندوري آ شام


    انءَ واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا

    انءَ واءَ وڙهي ويا، ساٿيئڙا
    ڪئين گُلّ ڇڻي ويا، ساٿيئڙا

    چئو! مرگهه کٿوريون ويون ڪيڏي
    ڇو کيت سڙي ويا، ساٿيئڙا

    ڀڙڀانگ اَکُٽ، حيران نظر
    ڇو پير ڏڪي ويا، ساٿيئڙا

    ڇو آهه نماڻي ڪينجهر ڪَڙَ
    ڪيڏانهن پکي ويا، ساٿيئڙا

    اڌ رات جهُڳيءَ جي سپني ۾
    ڪي محل ڀري ويا، ساٿيئڙا

    ٿيو رين بسيرو، موٽي ويا
    پر مرڪ کڻي ويا، ساٿيئڙا

    هو سانگي آهن، سانگ ڪندا
    ڇو لڙڪ لڙي ويا، ساٿيئڙا

    هي ڪوٽ اڏي ڪيڏي نيندين
    ڪئين ڪوٽ اڏي ويا، ساٿيئڙا

    جنءَ سورج اُلَٿو، رات وري
    ڪئين ديپ ٻري ويا، ساٿيئڙا

    ڪي ننڊ ڦٽائي ويٺا ٿي
    ڪي خواب رسي ويا، ساٿيئڙا

    هن پانڌياڻيءَ ڀنڀور ڇڏي
    ڇو ڪيچ وري ويا، ساٿيئڙا

    ڪي ٻيڙا گهيڙيو گهيڙ وڃن
    ڪي ڪُنّ لڙهي ويا، ساٿيئڙا

    ڪي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ تي سوکا
    ڪي گهيڙ گهڙي ويا، ساٿيئڙا

    ڪي ڪنڌيءَ ڪنڌيءَ تي سوگها
    ڪي ڪُنّ تري ويا، ساٿيئڙا

    هيءَ سانت سمئه جي ڇا ٿي چئي
    ڇو ڏور ڪهي ويا، ساٿيئڙا

    ‘سائر’ هيءَ ماٺ نه موت آهي
    ڇا مور مري ويا، ساٿيئڙا


    او بانوِرا، رِيسائِتا

    او بانوِرا، رِيسائِتا
    او بي خبر، تو ڇا خبر
    تنهنجي وئي، وو، ڏيهه ۾
    بن بن هئا جي پيار جا
    چلڪا، ڌَمائون، سونهن، سُرَ
    ڦيرا هئا جي نار جا
    وڻڪار جا، منجهڌار جا
    وسڪار جا، چانگار جا
    سي سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!
    جي مور ڀيٽيندا هئا
    تنهنجي سَرِيکيءَ ٽور کي
    ڪنهن ڊيل سان؛ هئه، مور سي
    تنهنجي وکن، قدمن اُتي
    جي لوڏ سان ٽلندا هئا
    سي سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!
    جهرڻا تڏهن سُرندا هئا
    جُهر جُهر ڪيو ٻُرندا هئا
    سنڌو نديءَ جي ڪپّ ڏي
    لهريون سدا لڙنديون هيون
    وڄنديون هيون ڪنهن تند جان
    ورنديون هيون، وڻنديون هيون
    هر نياڻ هندورو هئو
    هر جوت بس چانڊاڻ هئي
    هر گل، ڪليءَ تي مرڪ هئي!
    هن کيت ۾، هن نار تي
    جيڪا به هئي وِينگس، پرين
    تَنهنجي چڳن ۾ واس هو
    چندن، اگر، لوبان جو
    تَنهنجي چپن ۾ ڳاڙ هئي
    مگرو، ڪمل جي رَسّ جي
    وڻ وڻ هئو بن بن تڏهن
    هر شيءِ هئي آتم تڏهن
    مندون هيون رنگَن ڀريون
    ڦڙ ڦڙ هئي چت، سونهن جي
    منهنجا پرين، جهرڻا اُهي،
    سنڌوءَ ڪپن لهريون اُهي
    سي نياڻ، ور چانڊاڻ سا
    گل ڦل، ٻنيون، ناريون اُهي
    مندون اُهي، سونهون اُهي
    هئه، سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!

    آڙَنگَ، ٻوسٽ، رُگههّ جي
    ويرم جڏهن ورندي هئي
    مانڊاڻ جي ڪوٽن ڀڃي
    جهڙ مان جهٽي ٿڌڙيون ڪڻيون
    سانوڻ جڏهن وسندو هئو
    تنهنجي اُجَل جوڀن مَٿي
    تنهنجو بدن ٿڌڪار تي
    ڪومائجي ويندو هئو
    ڏڪڻي وٺي ويندي هيئي
    پر پو به ڪا ڪوساڻ هئي
    تنهنجي بدن ۾، پرينئَڙا
    جنهن تي ڦڙا مدهوش ٿي
    پگهري پٽن پوندا هئا
    سو سونهن جو سانوڻ سڄو
    آلاڻ سا، ڪوساڻ سا
    سي جهڙ اُتان آيل ڦڙا
    پِگهري ويل، نرمل ڦڙا
    هئه، سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!

    ها، ياد هوندءِ، بانورا
    جا رات سنڌوءَ جهول ۾
    تو، مان ڪٽي هڪ ناو تي
    مهراڻ مڌماتو هئو
    هڪ لهر، لهرون ٿي سُجهِي
    هڪ ليٽ، ليٽون ٿي سُجهِي
    هڪ ناچ هو درياهه ۾
    پاڻي هئو ڄڻ باهه ۾
    ها، ياد هوندءِ، بانورا
    مانجهيءَ هئو هٿ ونجهه ۾
    پر پو به هو ڪنهن ڏنجهه ۾
    وَههَ تِکّ هئي، وَههَ آرُ هو
    پر ناو اُهرِي سِير تان
    ڪنهن ڌير سان، هئه، ڌير سان
    پر تون ڊنئين ٿي سير کان!
    تنهنجو اٿي مون ڏي وڌڻ
    تنهنجي ڪرائيءَ مان جهلي
    توکي ڇڪي، منهنجو ڏسڻ
    ڀاڪر ڀرڻ، سوچون سبڻ
    ڪو ڀئو اکين تنهنجين، پرين
    پل پل چَرُون کڻندو ويو
    پر پو به نيڻن آسرا
    امّيد جا ڏيئا هئا
    جي پيار سان ٻرندا ويا
    هئه، ڇا ته هُو رُومان هو
    جنهن جو اسان ارمان هو
    اک ڇِنڀَ ۾ ڀئو ويو ڳري
    نيڻن تپش ڏاڍي گهڻي
    پر هاءِ، ڙي، پيارا، پرين
    ان وقت جيڪي رات هئي
    ليٽون هيون، سنڌو هئو
    ڀئو، ڊڄّ، آسانگا هئا
    جهرمر هئي، ڏيئا هئا
    رُومان جا لمحا هئا
    سي سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!

    اي پرينئَڙا، اي بانورا
    چئو ياد آ تو کي اِهوـــ
    جنءَ ٿي ڪپار آيو اُتي
    ٿي چنڊ ڪارونجهر چميو
    چوڏهينءَ چٽاڻو پارڪر
    انءَ ٿي سُجهيو ڄڻ چنڊ ۽
    آڪاس ڏِيَڙن مَي چُڪيون
    ڌرتيءَ لبن اوتي ڇڏيون
    ڄڻ رات جون ڪاريون چَڳُون
    ڪنهن نار ۾ ڀِڄنديون وَيون
    ڄڻ ڪِينَرو هو پارڪر
    ٻُرندو ويو راڳن کڻي!
    تُنهنجي هٿن جي آڱرين
    هئه، آڱريون منهنجون هيون
    جنءَ آڱرين ۾ رات جي
    چانڊاڻ جون منڊيون هيون
    تُنهنجي اکين جي لام تي
    جيڪي به لمحا ٿي لڏيا
    تن آرسيون منهنجون هيون
    تون، تون، نه ئي مان، مان هيس
    بي سُڌ هئاسين رنگ ۾
    هڪ چنڊ هو، ٻيو ٿر هئو
    مستيءَ مگَن ننگَر هئو
    او بانورا، او بانورا
    سا لات ٿر جي چنگ جي
    سا بات ننگَر دنگ جي
    سا رات دلڙين سنگ جي
    توکان پڄاڻان، پرينئَڙا
    سي سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!

    او پرينئَڙا، رِيسائتا
    مان راتڙيءَ جي رنگ ۾
    رنگجي چڪو آهيان، مگر

    تنهنجي قدم لئه، وِکّ لئه
    هئه، ڙي، ڪَنائي پيرڙا
    چوڏس جلائي ڏيئَڙا
    من لِيئَڙا پائي هِتان
    تنهنجي اکين جي جوت لئه
    تون آءُ، ڙي، او پرينئَڙا
    سَچُ، آءُ موٽي، بانورا
    تنهنجا اسان کي آسرا
    توکان سوا ڇا ڇانورا
    تُنهنجي اچڻ تي، او پرين
    ايندا وري سڀ ڏيهه ڏي
    جي سڀ ڇڏي ويا لوڪ کي!


    هيءَ ڇا ته اڀي آ ڌرتيءَ تي

    هيءَ ڇا ته اڀي آ ڌرتيءَ تي
    مڌماتي ويرم ۾ سندري!
    هيءَ رات، ڪَتِي، چنڊ ۽ آڪاس
    هيءُ اِٽليءَ جو تاريخي واس
    هيءَ پِيسا ڄڻ ته ڪَلِيسا آ
    فن جي پانڌين جي پيڙا جي
    هيءَ فن جي چپڙن مرڪ جيان
    هيءَ سينڌن ۾ سندور جيان
    هيءَ سانت به آ، هيءَ گيت به آ
    هيءَ سرندي جو سنگيت به آ
    هيءَ يُگ تي فن جي جيت به آ
    هيءَ انگ به آ، هيءَ رنگ به آ
    هيءَ فن جي، من جي ريت به آ
    هن سندر پِيسا جي اک سان
    ڪا جوت سمئه ۾ سمپورن
    ڪا آڳ لڳائي ويٺي آ
    هڪ آڳ اجهائي ويٺي آ
    هڪ آڳ لڳائي ويٺي آ
    هن آتش ۾ دل کامي ٿي
    ڪو پل به نه مور وسامي ٿي
    ان آڳ اندر دل ٻولي ٿي

    “هيءَ پِيسا انگَ ته آڏِي آ
    پر وقت نڙيءَ تي ڪاتي آ
    هيءَ پيڙهين کان ٽيڏي ڦيڏي
    هر يُگ سان لڏندي آئي آ
    اي ڪاش! ته ڌرتيءَ جا واسي
    ٽيڏا ڦيڏا ٿين پِيسا جان
    هن پِيسا جي هر وَرَن جيان
    هي وکرن پورب، پڇم تي
    هر يُگ جي چپ تي مرڪ جيان”


    رُت سانوڻ جي آ وري

    رُت سانوڻ جي آ وري
    اکڙيون جهور جهڪور، الا
    اکڙيون جهور جهڪور

    ٻيهر من جي ماڳ تي
    درد گهٽا گهنگهور، الا
    درد گهٽا گهنگهور
    اکڙيون جهور جهڪور

    موکي، مڌ ماٽيءَ اندر
    ٻڏ تر ۾ ڀنڀور، الا
    ٻڏ تر ۾ ڀنڀور
    اکڙيون جهور جهڪور

    لهرين سُس پُس، ماٺڙي
    منجهه شرارا، شور، الا
    منجهه شرارا، شور
    اکڙيون جهور جهڪور

    سڙهه هوا سان ويڙهه ۾
    وڪڙن ۾ هر ڏور، الا
    وڪڙن ۾ هر ڏور
    اکڙيون جهور جهڪور


    چنڊ چُري آڪاس ۾
    پڃري منجهه چڪور، الا
    پڃري منجهه چڪور
    اکڙيون جهور جهڪور

    جهولن جهوريو ڊيل کي
    پٽّ پيو آ مور، الا
    پٽّ پيو آ مور
    اکڙيون جهور جهڪور

    رڃّ وسي؛ ڪونهي ڪٿي
    ڪو به پکيئڙو، ڍور، الا
    ڪو به پکيئڙو، ڍور
    اکڙيون جهور جهڪور

    مرڪون، ماڻا، پريتڻا
    دور ويو سو دور، الا
    دور ويو سو دور
    اکڙيون جهور جهڪور

    پيڙائن سان پيچ ۾
    دل تي ڪنهن جو زور، الا
    دل تي ڪنهن جو زور
    اکڙيون جهور جهڪور


    درد پراڻا ساهه ۾
    ڳوڙها نت نڪور، الا
    ڳوڙها نت، نڪور
    اکڙيون جهور جهڪور

    رُت سانوڻ جي آ وري
    اکڙيون جهور جهڪور، الا
    اکڙيون جهور جهڪور


    منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي

    منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي
    تون ئي ڏيئڙو، تون ئي ڏياري
    نِهَٺي، نِهَٺي نيڻن واري

    منهنجي ڏات ته هرڻيءَ وانگي
    رڻ ۾، بر ۾ ڇال هنيا ٿي
    ويرم، ويرم، سال ڪيا ٿي
    چوڏس اُسّ تتي ٿي ڏاڍي
    تنهن تي واءَ وريا ڪيهر ٿي
    تون جو آئين، اوڀر، اولهه
    ڇمر ڇمر ٿي ڦڙ ڦڙ آندي
    ان ڦڙ ڦڙ تي ڏات سرن سان
    من اندر جي اُڃّ اجهائي
    آتم ٺاريو، دلڙي ٺاري
    هاڻ نه ڪوئي رڻ، ڪا واري
    واءُ نه ڪيهر، اُسّ نه ماري
    هاڻ ته گلڙا ٽاري ٽاري
    نِهَٺي، نِهَٺي نيڻن واري

    ڪَوِتا جڳ جا پنڌ اڻانگا
    ڇا جا پانگر، ڇا جا چانگا
    تن تي ڪَڪرا، ٻاٽ، انڌاري
    ان ڪَوِتا جا پنڌ ڪندي، مون

    ڀٽ جي موڀيءَ جو مڌ پيتو
    حافظ سان پڻ جوڙي ياري
    جڏهين تنهنجا نيڻ نمي پيا
    سڀني سان مون ٽوڙي ياري
    پنهنجي ڪَوِتا جي هيءَ دنيا
    تنهنجي نيڻن سان ئي ٻاري
    تون آن منهنجي من جي ناري
    جيءَ جي مُرلي، ڏات ڀلاري
    فن جو ساگر، ناوَ به نياري
    نِهَٺي نِهَٺي نيڻن واري

    منهنجي ڪَوِتا جي ڪَنٺي تي
    تون ئي ڏيئَڙو، تون ئي ڏياري
    نِهَٺي نِهَٺي نيڻن واري


    راڻا، تو بن رات نه گذري

    راڻا، تو بن رات نه گذري
    ساهُه سڙي پر ڏينهن نه اسري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري
    ڪاڪ محل جي راهه نه نڪري
    راڻا، تو بن رات نه گذري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري

    ڪاڪ رُئي ٿِي، ڏنجهه لُڊاڻي
    مومل ناهي مومل هاڻي
    دل جا دکڙا ڪو به نه ڄاڻي
    جانارن جئن پل پل الري
    راڻا، تو بن رات نه گذري
    ساهُه سڙي پر ڏينهن نه اسري

    ڍاٽِي تنهنجو بَندنِ گهاري
    لڙڪ نه لاڙي، رت ٿو هاري
    هاءِ، وڇوڙو ڳاري، ماري
    ساهه نه نڪري، درد نه نبري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري
    ڪاڪ محل جي راهه نه نڪري

    راڻا، هئه، ڙي، ڪجهه به نه ٿيندو؟
    تون به نه ايندين، دم به نه ويندو؟
    وقت اسان کي پل به نه ڏيندو؟
    شال وصال سندو سج اڀري
    راڻا، تو بن رات نه گذري
    ساهُه سڙي پر ڏينهن نه اسري

    جنڊ جيان ڏِڻ، رات ته گهاڻو
    تو لئه ماندو تنهنجو راڻو
    وِکرائيءَ ۾ جيئڙو ساڻو
    ساهه ائين ڄڻ مالها وکري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري
    ڪاڪ محل جي راهه نه نڪري

    راڻا، تو بن رات نه گذري
    ساهُه سڙي پر ڏينهن نه اسري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري
    ڪاڪ محل جي راهه نه نڪري
    راڻا، تو بن رات نه گذري
    مومل، تنهنجو ماڳ نه وسري


    يادن آندي آ برسات

    يادن آندي آ برسات
    جذبا جاڳيا ڀاتون ڀات
    جذبا ڀاتون ڀات

    ڇا ته چوي ٿو ديوانو
    ڪو به نه سمجهي بات
    جذبا ڀاتون ڀات

    رات وڌا جي جهوليءَ ۾
    رنگ ڪڍيا پرڀات
    جذبا ڀاتون ڀات

    جن لئه جِيوَن جاڳي ٿو
    تن پڻ تنهنجي تات
    جذبا ڀاتون ڀات

    موهه مٺن لئه ڪجهه ناهي
    ڀونگي ڇا محلات
    جذبا ڀاتون ڀات

    ڇا ته گهري ٿي هستيءَ کان
    سونهن اڃائي ڏات
    جذبا ڀاتون ڀات

    ميخاني جي چانئٺ تي
    ڪا به نه نيچي ذات
    جذبا ڀاتون ڀات

    روز اچي ٿي رنگ کڻي
    سپنن جي بارات
    جذبا ڀاتون ڀات

    ڏينهن نه آهي جوڳيءَ لئه
    رات نه آهي رات
    جذبا ڀاتون ڀات

    عشق پَچيو جنهن ڪاڻ انهي
    سونهن نه ايندي مات
    جذبا ڀاتون ڀات


    پورٽريٽ ٿي چِٽيم:

    پورٽريٽ ٿي چِٽيم:

    سوجهرو،
    ڪيٽي بندر جي سمنڊ جي لَسَ منجهه
    جولان سان ڀريل سج جي پرتوو جنءَ؛
    رَنگَ، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي
    راسيون ڪڍندڙ سج جي ڪرڻن جيان،
    انڊلٺ جيان،
    راڳ ملهار جي سرگم جيان؛
    آڱريون، “اونداهي ڌرتي روشن هٿ” جي
    سارنگ جي آڱرين مثل؛
    مُوقلم (بُرشُ)، مومل جي چنبيليءَ ڳُتيل چَڳن جيان،
    پَٽَ پَٽيهَرَ جي تاندورن وانگيان؛
    ڪَئنوَسُ، اُساٽيل روجهه جيان، چاتِرَڪ جيان، تاڙي جيان؛
    پر لمحا، هڪ ٻئي کي ترارون هڻڻ ۾ مگن!

    ٻالاپڻ ۾ ۽ ان کان ٿورو پوءِ،
    تخيل، ڀونرن جنءَ اڏامندو ڪاڪ محل جي اڳنڌن مان
    چندن، اگرَ، گُگُر ۽ لوبان سان پاڻ واسي ايندو هو
    ۽ ڀنڀورين جنءَ ان رنگ رتول کي ويتر رنگي ايندو هيو؛
    ڪڏهن چڪورن کان به اڳڀرو ٿِي
    چنڊ جي نرڙ تان سرڪندڙ چانڊاڻ سان کيچلون ڪندو هيو،
    ڪڏهن تارڙن جي پوئتان ساهه کڻندڙ
    ڪهڪشائن جي ڇاتين مٿان پيو ڦرندو هيو؛
    اَکُٽ رنگ ڇٽيندو هيو،
    اَکُٽ تصويرون جوڙيندو هيو:
    ڪاڪ محل جي گلڙن کي ڪينجهر جي هندورن سان،
    ڀنڀورين جي رنگن کي ڪهڪشائن جي رنگن سان،
    شيڪسپيئر کي ڀٽائيءَ سان،
    ڪلوپَئٽرا کي شڪنتلا سان،
    مونالِيزا کي مارئيءَ سان...
    پر ڪن جي انفراديت ڪل ۾ گم ٿي ٿي وئي،
    ڪن جي چهرن مان نوان رنگ ٿي ڦُٽِي نڪتا،
    ڪن مان نوان ڪردار ٿي پيدا ٿيا!
    ڪولاجَ ٽيڪنيڪ جي پَرُوڙَ نه هوندي به
    ڪيڏيون ئي ڪولاجيل تصويرون جوڙيون هيون!
    پر مون هيل تصويرون نٿي جوڙيون؛
    پورٽريٽ ٿي چِٽيم!

    رنگ الڳ الڳ دٻليءَ ۾ ڀُڻڪِي رهيا هئا:
    ڪن اَرنسٽ ٽرمپ وانگي سنڌيءَ جي وَيا ٿي ڪئي،
    ته ڪن پراڪرت، پالي، سنسڪرت جون ٻاڻيون ٿي ٻوليون!
    ڪن بيٽووِن جا سُرَ ٿي وکيريا، ڪن ويگنَر جا!
    ڪي موزارٽ جي سِنفِنِيُن ۾، ڪي آرفِيئَس جي لائر ۾ گُم!
    ڪن ڏي ڪِينَرا ٿي ٻُريا، ڪن ڏي دنبورا!
    ڪن جي زبان تي ڏُٿُ جو ڏاڻُو هو؛ ته ڪن ڏي چندن!
    ڪن بودليئر جو شراب ٿي پيتو؛ ڪن بائرَن جو!
    ڪن رابَرٽ برائُونِنگ جنءَ سِٽن ۽ تخيل جو لُڙُ ٿي جوڙيو؛
    ڪن سِسيرو ٿِي تقريرون ڪيون؛ ڪن اينٿونِي وانگي!
    ڪي پُشڪِن جي شعر ۾، ڪي تُلسيءَ جي ڪَوِتا ۾ مگن!
    ڪن جي لبن تي ايفروڊائٽِي ناچ ٿي ڪيو!
    ڪن جي زبان تي اِشتار ديوي بسنت جو جهنڊو ٿي کوڙيو!
    ڪن اووِڊ ، وَرجِل ، دانتي کي ‘ٽَڪِيلا’ ٿي ڏني!
    ڪن سموري فرش تي ووڊڪا ڦهلائي ڇڏي!
    جن بيلزاڪ جي ڪهاڻي “اَن نون ماسٽرپِيس” ٿي پڙهي،
    تن کي ٻُڌندي مون بُرشُ کڻي، هر دٻليءَ مان ٻوڙي ٻوڙي،
    ڪئنوس تي رنگن کي وکيرڻ شروع ڪيو...

    هٿ ۾ قلم هجڻ سان ڪو ڪهاڻيڪار يا شاعر نٿو ٿي!
    ڪهاڻيڪار ته “فاريسٽ گَمپ” فلم جو
    مُک ڪردار به هئو، جنهن آمريڪا جي گهٽين تي
    پنهنجي پيرن سان ڪهاڻيون لکيون!

    شاعر ته ڪُٻڙو عاشق به هو،
    جيڪو پنهنجي ڪُٻَ سان
    زمان ۽ مڪان جي بي ترتيبي ترتيب تي
    ڏوهِيڙا چوندو هئو!

    وارَ، هومَر جي اوڊيسِي نظم اندر
    ڀانت ڀانت جي قصن وانگي ننڍا، وڏا، هيٺ، مٿي؛
    منهنجي هن نظم جي جَڙاءَ وانگي ڏِنگ وِنگڙا، ڏِنگا کڙا؛
    موهن جي ڀَنَ جيان ميرانجها، ٿڪل، جهُور!
    نِراڙُ، مائونٽُ اولَمپس جي اُڀار وانگي:
    پنهنجي جاءِ تي ٽِڪي بيٺل، ٻَلَ وارو؛
    ڏکن، اهنجن، اڌمن، اندوهن، پيڙائن ۽ جاڙُن جو داستان!
    ڀرون، سڪندر جي ترار وانگي ريٽا، رت ڦڙا ڳڙندڙ،
    ماضيءِ جا وزن کڻي جهڪندڙ!
    اکيون، ڄڻ ته ڪوهيڙي ۾ ٻه ٻرندڙ ڏيئا؛
    ماضي وگهرندڙ، ٽمندڙ: ٽِپ ٽِپ ٽِپ ٽِپ!

    مون وري بُرشَ کي دٻلين مان ٻوڙڻ شروع ڪيو...

    لُووران ميوزيم ۾ رڳو مونا لِيزا ته ناهي!
    مارئيءَ جو نظر نه اچڻ، نظرن جو ڌوڪو آهي!
    ڏُٿُ، ترائيون، تليون، ڏَهَرَ، ولهارَ،
    سانبِيڙَن جي سار، وريتيُن جا ڀاڳ، پنهوارن جي پريت،
    بودليئر جي اک کي شايد ئي ڇهي سگهيا هجن،
    پر اهو جَٽاءُ جيڪو هن جي ڪويتائن ۾ آهي،
    سو ئي مارئيءَ جي ملير ۾ آهي،
    ملير ۾ ڦُٽندڙ پِپُن، ڪوڍيرن، گولاڙن ۾ آهي!
    اها موسيقي جيڪا هن جي روح ۾ آهي،
    سا ئي پورب جي چپن تي پڙلاءَ ٿي ڪري سانوڻ جي مندن ۾ کائڙَ جي جهوليءَ ۾ ڪِرڻ ۽ ڪِرڻ کان پهرين!
    ها! ائين به ناهي ته مارئي رڳو لُووران ۾ آهي!

    نَڪُ، پِيسا جي ٽاوَرَ جيان آڏو ٽيڏو؛
    پر اوڏو ئي جهونو، جَٽاءُ دار، رمز ڀريل!
    مُڇُون، ڄڻ ته اِسپارٽا جوڪانسٽِيٽيوشن
    ۽ اهڙو ڪانسٽيٽيوشن جيڪو ٻن بادشاهن جي اجازت ڏئي؛
    خبر نه پئي ته ڪير ڪنهن کان ارڏو!
    چپڙا، ڪنهن ڏيساندَرَ جي اُجهاڳ ڪري
    اساٽ ۾ سُڪل، ٺوٺ پر ڪٿي ڪٿي ڦُڪُرا؛
    رَت ۽ جوڀن کان ڏوران ڏور!

    وانگوگُ جيئن ئي در کڙڪايو،
    در تي پِيلاڻ ڦهلجي وئي!
    چيائين ته پِيلو ڇو نه ٿو رنگين!
    مون کيس هُن جا ڀِرُون ڏيکاريا، چپ ڏيکاريا ۽ آخر اکڙيون!
    ور چيائين “هيءُ ته ڀڀوت آهي! دز ۽ کِيههَ ته ڦِڪي ڪر...”
    وراڻيم “مون کي مٽيءَ جو رنگ کپي! زوري نه ڪندس!”
    چيائين “ڀلا وارن لئه ڦڪو نه ته اڇو؟ اڇو ته ست رنگي آ!”
    وراڻيم “بي رنگي ئي ست رنگي آ!”
    بَڙ بَڙ ڪندو کِسڪي ويو!
    مُرڪي، مون وري بُرشَ ۾ هٿ وڌو!

    پيٿاگورَس ڪو ڏهون ڦيرو هنيو هئو!
    آخر بيزار ٿي چيومانس: “اي عددن جا پڄاري! تنهنجو ڇا وڃي رنگن ۾؟ مصوريءَ ۾؟ ڪجھ به ٿئي، مان بغير ماپ جي پورٽريٽ چِٽيندس. ڀل ڪويتائن جيان تصويرون به عددن تي ڀاڙينديون هجن، پر اُهو ڪَوي ۽ چترڪار ئي ڪهڙو، جيڪو عددن تي ڀاڙي!؟ عدد ته ڪَوين ۽ چترڪارن تي ڀاڙيندا آهن، تن کان سکندا آهن! هاڻي جي موٽئين ته ڊايونيزين ٿِيئَٽر ۾ ڊِيماسٿِنِيز سان اوريٽريءَ جو مقابلو ڪرائيندوسئين!”
    پيٿاگورس ائين اَلُوپُ ٿي ويو،
    جيئن فارسين وٽ عنقا ۽ مصرين وٽ فِينِڪس!

    باقي سڀ وزن ۾ هئو، سڀاءَ وارو هئو؛
    پر چهري جي خالن ۾ ڏهنج ڀريل هئا؛
    نراڙ تي پيل گهنجن ۾، جن مان پِيڙا ٿي بکي،
    مرڪ جو نالو نشان به نه هئو؛
    هجي به ڪيئن؟
    پر ايڏي پِيڙا، ايڏو اهنج!؟
    مون کهري ڪينوَسَ ۾
    پورٽريٽ جي خالن کي ڀرڻ شروع ڪيو...
    ڪَينوَس رنگ چهندو ويو، مان رنگ اوتيندو ويس،
    رنگ هاريندو ويس، بُرشُ تاريندو ويس...
    نيٺ هڪ وقت آيو: بُرشُ ٿڪجي ساڻو ٿي پيو!
    رنگَن جون دٻليون هيڻيون ٿي ويون!
    آئون راڻي جي جهانوري گونري وانگي ڪينوَسَ آڏو آيس،
    ويجهو وڃي غور سان ڏٺومانس،
    ڇهيو مانس اهو ڏسڻ لئه ته اڃا به ته کهرو ناهي،
    ته ايتري ۾ آئيني اچي ڌڙام سان پٽ تي ڦهڪو ڪيو...
    هر شيءِ چور چور: ڪو ذرو هِتي، ڪو هُتي!

    ٻيو ڏينهن اُسريو:
    ڪيٽي بندر جي سمنڊ تان
    هڪ وڻجاري پنهنجي ٻيڙي جي سُکاڻ کي ٿي ڇڪيو
    لَسَ ڏانهن، اونهي کاري ڏانهن...
    سڙهه ٿي ڦَڙڪيا، بانئٽيون ٿي وَڙڪيون!
    وڻجاري جي ڊگهن وارن ۾
    وائن جي ونگَن سان زندگي ٿي جهُولِي،
    نرڙ تي آسانگا، اُميدون، آڌار، ڀروسا،
    ڳلن مان سک ٿي بکيو، چپڙن تي ترندڙ گيت،
    اکين ۾ امنگون، چهرو سمورو ڪلياڻ!

    ٻيڙي جي پِنجَرَ ۾ هڪ پانجِريءَ سان ويٺي
    مون پنهنجي آتم مان هڪ بُرشُ ڪڍيو...

    پورٽريٽ تي چِٽيم...


    پرين نيڻ منهنجا صدين کان اڃارا

    پرين نيڻ منهنجا صدين کان اڃارا
    الا، اوتِ پئي سونهن جا جامَ سارا

    وري آرزو ٿي، وري جستجو ٿي
    وري تون هليو وڃ ڏئي درد پيارا

    وري اجنبي ٿيون، وري ڪٿ ملي پئون
    وري آشنايون، وري ڪي اشارا

    وري مان شڪار ۽ وري تون شڪاري
    ڊڪان زندگيءَ لئه، وٺان ڪي پنارا

    وري مان پتنگ ۽ وري ميڻ ٿي تون
    وري مان جلي ٿيان شرارا شرارا

    ڇُليو منجهه ڌارا ائين ڇوهه سنڌو
    جُڳن بعد جهوميا، ترا، ڪپ، ڪنارا

    نه مومل، نه سومل، نه ناتر، نه راڻو
    نه چانگا، نه چندن، نه جوڳي جِيارا

    نه سهڻي، نه ماٽي، نه ميهار تڙ تي
    اُهو چنڊ اڀ ۾ اُهي ئي ته تارا


    گهٽائون گُڙن وَر، وِڄن وَرَ، وراڪا
    پهي پنڌ پنهنجي، پري پر پنارا

    ڍري آءُ، نِيرڳ، ڀلي آءُ ڪينجهر
    نه وِينجهر ، نه مارِي، هتي سيڻ سارا

    پهي ڪو نه آيو ڪهي، مند موٽي
    ڏکارا، اهنجن اڙيل ڪاڪ وارا

    ڪٿي ڪينَ بِهبو، ڪبو پنڌ پورو
    ڇمر ڇانو، ڀل ڀون شرارا، شرارا

    نديءَ آرَ اُهري ڪٿي ناوَ نيندي
    نه مانجهي، نه ڪنڌي، رڳو ڪُنّ ڪارا

    هُري هانو تي ٿي جڏهن سار ‘سائر’
    هِيُون آڳ شعلا، بدن پوهه پارا


    سرد ڏيئڙا، سرد ڳوڙها، سرد راتيون، ڇا ڪجي

    سرد ڏيئڙا، سرد ڳوڙها، سرد راتيون، ڇا ڪجي
    تون به ناهين، مَي به ناهي، ڪيئن ڪاٽيون، ڇا ڪجي

    ڪُوڪ ڪويل ڪئي ائين پِيڙا اُٿي ٿي ياد جي
    هانءُ ٻَرڪيو، ٿيون اکيون پو نيٺ آليون، ڇا ڪجي

    تون نه ايندين، تون نه ايندين، پو به ڪارونڀار ۾
    تو ڪري نيڻن جلايون، ديپ ٻاريون، ڇا ڪجي

    تون اچي وئين، وسّ ناهيون: ڏيهه واسيون، مچّ پئون
    لڙڪ ڳاڙيون، ٿيون ڪٽاريون، پاڻ ماريون، ڇا ڪجي

    ڦڙڦڙين ۾ مُنڌ ڍِرڪي، سج پائي ليئڙا
    بادلن مان ٿو ڪڍي انءَ سجّ راسيون، ڇا ڪجي

    ڇا ته لمڪو ڏئي ٽلي آ سُندري ڪينجهر ڪنڌي
    وائِڙيون هر هنڌ لهريون وات ڳاڙهيون، ڇا ڪجي

    ڇا ته پاهَڻَ هانوَ ڏارن، ڇا ته پارو، ڇا سفر
    پو به رڙهندا، گيت چوندا پريت پاريون، ڇا ڪجي

    برف ويڙهيل ڏونگَرن تي هنج هن، چانڊاڻ آ
    اڇّ سان ٿي اڇّ ٻولي ڇا ته ٻاڻيون، ڇا ڪجي

    آ نه موهن جي دڙي اڄ ڪو به واسي، مُنڌ ڪا
    پو به ٻولن دَرَ، گهٽيون، گهر، کوهه، ماڙيون، ڇا ڪجي

    ڪوٽ ٻاهر رام لِيلا ، منجهه سيتائون سڙيون
    ڪوٽ اندر ظلم جون ڪيئي ڪهاڻيون، ڇا ڪجي

    ننڊ ويري ايئن ‘سائر’ واڳ نيڻن جي جهلي
    مان ته اوتيان سونهن، سپنا ڏينهن، راتيون، ڇا ڪجي


    آس، نراسائيءَ جي سوريءَ دل تڙپي يا ڳائي

    آس، نراسائيءَ جي سوريءَ دل تڙپي يا ڳائي
    ڪجهه سمجهاءِ ته ڪيئن وڇوڙي ۾ ڪو من بهلائي

    تنهائيءَ جي محفل، يادون، هُن جا گيت، گمان
    دل دنبورو، جيڏو روڪيان، تيڏي تند وڄائي

    تون آگم ۾، رم جهم ۾، کوڻين ۾، تون منجهه لاٽ
    تون هر هنڌ آهين، پو دل ڇو ٿي هِت هُت واجهائي

    ويڄ، نه مڙندين، دل جي دُکَ جو دارون تو ڏي ناهه
    مان ته چريو هان، پر محفل ۾ ڪو تو کي سمجهائي

    موههَ کٿوريءَ ڊڪندي ڊڪندي هرڻ ڪڇيا بر، بن
    ڇا به هجي پر ويراني کي مِرگهه ته پيو مهڪائي

    پرهه ڦٽي آ، ماڪ وسي ٿي، ٿڌڙي هير گهلي
    ڀونرو من جي مرلي چوري، نيل ڪمل شرمائي

    مِيرا هئي جا شيام شيام چئي پاڻ ئي شيام بڻي
    هاڻي شيام به مِيرا مِيرا نانءُ پَيو ورجائي

    هيڻو تن آ ‘سائر’ هوش به هوش نه آ هِتڙي
    ڇا هيءَ رُڃّ ته ناهي، جيڪا مون کي پئي بهڪائي


    مومل راڻي ڪارڻ مندر جاڳي ٿو

    مومل راڻي ڪارڻ مندر جاڳي ٿو
    هاڻ به ڪاڪ محل جو کنڊر جاڳي ٿو

    ڏيهه سمورو سُڃّ، نه ڪوئي واسي آ
    وائن، واچوڙن تي در در جاڳي ٿو

    آڌيءَ پوريءَ نگريءَ نيڻن ننڊ وسي
    ڪنهن جي يادن ۾ هڪڙو گهر جاڳي ٿو

    تنهنجي خوشبوءَ جي لئه ڪمرو ڪِنجهي ٿو
    چادر گهُنج، سِراڻو، بستر جاڳي ٿو

    ناهي ڄام تماچي ڇو موٽيو تڙ تي
    نوريءَ نِينهن، نماڻو ڪينجهر جاڳي ٿو

    چنڊ اُڀو آڪاسَ اُجالو اوتي ٿو
    ماٺي ليٽن جهر مر ساگر جاڳي ٿو

    گهيڙ گهڙي پئو، جيوَن ڀل ڪوهيڙو ٿي
    ها پر سُک کان پهرين گوندر جاڳي ٿو

    ڪومل هيرن هار وِنڌڻ جي چنتا ۾
    سياري رُت رڻ ۾ هڪ وِينجهر جاڳي ٿو

    آشا، جڏهين مِينهڻ ور چانگاريندا
    ويرو تار اُڪنڊيو ٿر بر جاڳي ٿو

    ‘سائر’ ڪنءَ سپنن جي جهوُلي ۾ جهوُلي
    ڪِلڪَ به جاڳي، ڀر ۾ ڪاڳر جاڳي ٿو


    جيءَ جيارا، آءُ تڙ

    جيءَ جيارا، آءُ تڙ
    ڏِس ته ڪومايو ڪنول
    ڏِس ته مکڙي وئي سڪي
    ڏِس ته وڻ جي ڏار ۾
    وڍَّ ڪيڏا ويا لڳي
    پنّ، پالر ويا ٽٽي
    ڏِس ته ٻيڙي لُڙ لڙي
    ڪنّ اندر وئي گهڙي
    هڪ گهڙو ويو سِير ۾
    ٻيو گهڙو، ڏس، ويو ڀُري
    هيڪ سورج گل کڙيو
    ڏِس ته ٻيو هت ويو ڇڻي
    جيءَ جيارا، آءُ تڙ
    ڪجهه ته ڪر، ها ڪجهه ته ڪر
    زندگي آ مختصر


    تون انبر جو اجرو تارو

    تون انبر جو اجرو تارو
    مان ڌرتيءَ جو پنڇي پيارو
    تنهنجو منهنجو ڪهڙو ناتو
    تون ڪر ٽِم ٽِم ڏور گگن ۾
    مان ڌرتيءَ تي پنک پکيڙيان
    تو لئه آ آڪاس سمورو
    مون لئه ڌرتي ڪافي آهي


    اڃا تاءِ منزل نه آئي، نه آئي

    اڃا تاءِ منزل نه آئي، نه آئي
    مگر ڪونج اڀ ۾ اُهائي، اُهائي

    نه ڪو مور رڻ ۾، نه جهونگار ڪائي
    اويري اويري ڪٿان گونج آئي

    الا، جهنگ جنءَ آڳ مَنَ کي وڪوڙي
    نه ئي ڪنهن لڳائي، نه ئي ڪنهن اُجهائي

    اڃا تاءِ اوٺِي نه موٽيو، نه موٽيو
    اڃا تاءِ مومل نه دلڙي وِسائي

    ڪئي ڪوڪ ڪويل، ڊڪيو روجهه رڻ ۾
    اڃا تاءِ ڪڪري نه ڇانئي، نه ڇانئي

    دريءَ آهه سُرندو اَسارو اَسارو
    ڇِڳِي تند ڪائي نه ئي ڪنهن وڄائي

    الا، اون ۾ مُنڌ انگل، نه ماڻا
    نه مُنڊي، نه ڇلڙو، نه ڪنگڻ ڪرائي

    اِجهو، اوٽ مان چنڊ اڀريو ڪڪر جي
    اِجها ڀيرويءَ ۾ لنوي رات وائي

    ڇڏِي مَي ته ‘سائر’ مگر تون ته ساقي
    الا، اوتِ پيو مَي سدا جنءَ سوائي


    ٻيڙيون، ٻيڙا ڪيٽِي بندر نارُن مان ائن ٿا اُهرن،

    ٻيڙيون، ٻيڙا ڪيٽِي بندر نارُن مان ائن ٿا اُهرن،
    ڄڻ ته سڙهن پهريون ڀيرو ايڏو واءُ، ايڏو جَرُ ڏٺو هجي!
    اي ٻيڙي وارا! لڳي ٿو ته تون نه، ٻيڙو پيو توکي هلائي!
    ڏِس ته ٻيڙي توکي ڪئن آجو ڪيو آهي
    سڙهه اُتِڻِيءَ ۾ ڪرڻ کان!
    تنهنجي ٻيڙي جو کوهو، ان جي سڙهه جون سِڪيون ،
    اولن جون اَڻيون ، لاڄوبَندَ ، پِنجَر ، سُکاڻ ، ڌَڄائون،
    سڀ تُنهنجي وس کان نڪتل ٿا لڳن!
    اُجرو اُجرو سمنڊ، لهريون، ليٽ، نارون، ٻيٽ،
    ننڍيون، وڏيون مڇيون، ڏور تُڙڳندڙ ٻالڪ،
    وائن تي بانئٽين جا وڙڪا،
    ڏورانهن ٻيٽن جا لُڙاٽيل نشان،
    اوڏڙن ٻيٽن تي اُجرا هنج، ڪونجون، ٻَگها؛
    جهونگارون، چانگهارون، ٻوليون، ڀُڻ ڀُڻ؛
    مٿان وري ڪيٽي بندر جي ملاح جي مٺڙي آواز ۾
    منهنجو گيت: “ڏُور لُڙهي ويو ونجهه، او مانجهي!
    سِيرن اُهري ناوَ، کنيا ٿي هانوَ، الا، ڇو ڀاوَ!؟
    هليو هل لهرين سين!”
    زندگي سونهن جو اڻڇهيل اهڃاڻ ٿي سُجهي؛
    مرڪن ۾ مهراڻ ٿي سُجهي؛
    سنڌ جي ڳِيچن جو مانڊاڻ ٿي سُجهي!
    اي ٻيڙي وارا! ڏِس!
    ڏينهن جي ڏياٽيءَ کي اجهائيندي اجهائيندي،
    سج جي ڪَنِي به سمنڊ جي ڪک ۾ گهڙندي ٿي وڃي؛
    هوري هوري انڌيري جي ڦوڪڻي ۾ هوا ڀرجندي ٿي وڃي ٻي پرهه ڦٽيءَ سج جي ڪرڻن جي سُئڙين سان ڦاٽڻ لئه!
    هي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ، پوري ڀاڪر ۾ ڀرجڻ کان پهرين،
    ڪوهيڙي جي آڱرين ۾ ڀربا ٿا وڃن!
    انهن ٻيٽن تي وِيرُن ڪري
    پاڻي ڪجهه ويرم بيهي، ور لهيو وڃي؛
    اهي ننڍڙا ننڍڙا ٻيٽ ليٽن کان لنوائين ٿا،
    ائين اهي آڪاس جي ڏيئڙن وانگي ٿا لڳن،
    جيڪي پنهنجي وجود جو احساس ڏيارڻ لئه
    ڪڪريءَ ڪڪريءَ کي جهِڻڪن ٿا!
    نه ئي اهي تارڙا ڪڪريءَ ڪڪريءَ کان آجا آهن،
    نه ئي هي ٻيٽ سمنڊ جي وِير وِير کان!
    هُو جو لُڙ ۾، پرئين ٻيٽ تي هڪ سَگُ باهوڙون پيوڪري،
    باهي باهي ماندو ٿي پيو آهي؛
    آواز ائن پيو نڪريس،
    جيئن ٻيڙي جي سُکاڻ کي موڙڻ تي چيڪاٽ نڪريو وايومنڊل ۾ اَلُوپ ٿيو وڃي!
    ڇا چيئي، ٻيڙي وارا؟ “اهو مارِي سَگُ آهي؟”
    پر مون کي ته اهو ٻيٽ مارِي ٿو لڳي!
    هي ٻُلهڻيون پاڻ سان گڏ تُڙڳنديون، ٽٻيون هڻنديون وتن،
    ڪيڏيون نه اُڃاريون ٿيون لڳن،
    ٺيڪ تنهنجي ٻيڙي وانگي!
    اڳتي اٿاهه سمونڊ آهي، اٿاهه جيوت لئه،
    هنن اُڃايل ٻُلهڻين لئه،
    تُنهنجي ٻيڙي جي اُساٽَ لئه،
    اسان مسافرن جي اُجهاڳَ لئه،
    ۽ پوئتان ڪيٽيءَ بندر جي سانجهيءَ جي ونگ ۾،
    پتڪڙيون زندگيون
    سمهن به پيون، جاڳن به پيون!


    سُهڻي، آرسيءَ ۾ تون پاڻ ڏسي شرمائين

    سُهڻي، آرسيءَ ۾ تون پاڻ ڏسي شرمائين
    جوڀن پل کن تائين
    ڌوئي لڱ لڱ، وار تون سنڌوءَ ٿي مهڪائين
    جوڀن پل کن تائين
    ڏک جي چوليءَ تي پئي سک جو ڀرت ڀرائين
    جوڀن پل کن تائين
    چومک جيئڙو ٿو ٻُري، اهڙي تند ٻُرائين
    جوڀن پل کن تائين
    جِيوَن ڍانڍو ٿانءُ آ، سپنا پو به ته نائين
    جوڀن پل کن تائين
    کيتر اونداهو وَسي پوياڙيءَ پو، سائين
    جوڀن پل کن تائين
    موکِي، ماٽي ڏي هتي، پياليءَ ڇا تون پائين
    جوڀن پل کن تائين
    ڪِينَر چوري ڇو نه، ڙي، ڀنڀٽ تون ڀڙڪائين
    جوڀن پل کن تائين
    چارڻ، سنڌڙيءَ راڳ ۾ پل پل جندڙيءَ ڳائين
    جوڀن پل کن تائين
    لفظ ته تو لئه ٿيا لڳهه ۽ تون پاڇا کائين
    جوڀن پل کن تائين
    پانڌي، منزل آ پري، لنئون تون رستن لائين
    جوڀن پل کن تائين

    ڪُوڪي ڪُوڪي ڪارڙا، ڇمرن ڦَٽين، گهائين
    جوڀن پل کن تائين
    اهڙي مٺڙي تانَ ۾، وقت پَيو بهڪائين
    جوڀن پل کن تائين
    ڇو ته ڇِلي آ ڪِلڪ تو، ڪنهن، ڇا، ڇو ورنائين
    جوڀن پل کن تائين
    رهندا سنڌوءَ ڪَپّ ڪنءَ اِنءَ آريج سدائين
    جوڀن پل کن تائين
    هن ته ڪئي آ جاڙ پر تون به ته ڪو نه گهٽائين
    جوڀن پل کن تائين
    سمجهي، پرجهي جندڙيءَ، هاڻي تون سمجهائين؟
    جوڀن پل کن تائين
    تاڙا تو جنءَ تانگهه ۾، تن تون ڇو نه اُڏائين
    جوڀن پل کن تائين


    وري واءَ ساڳيا نماڻا، نماڻا

    وري واءَ ساڳيا نماڻا، نماڻا
    رُئي ڪاڪَ، مومل، هلي آءُ، راڻا

    وري مند موٽي اڌوري اڌوري
    وري گهاوَ اٿليا پراڻا، پراڻا

    وري درد، يادون، وري لُڙڪَ، آهون
    نه مُرڪون، نه مُشڪون، نه ٽاڻا، نه ماڻا

    وري وار اڻڀا، وري نيڻ آلا
    وري ڳلّ، چپڙا ڪُماڻا، ڪُماڻا

    نه سسئي نه آري نه ڀنڀور ڀُڻ ڀُڻ
    نه تڙ آ نه نار آ نه ڀُنگيون نه ڀاڻا

    نه ڇيليون نه ٻيريون نه ڪَٻرون نه ڳيريون
    نه نار آ نه ناري نه سرتيون اباڻا

    الا، مينڌرو ويو ته مومل به ناهي
    الا، ڪاڪ آتڻ اجهاڻا اجهاڻا

    ڳَري ٿو مَيو ڏنجهه ۾ واٽ اڪيلو
    نه اوٺي نه ساڳا نه چندن نه لاڻا

    اياڻا اياڻا مسافر رمِي پيا
    مگر هاءِ موٽيا اياڻا اياڻا

    محبّت ته وِينجهر جَڙي منجهه مالها
    ڇِڳو هار، جذبا به ٿيا نيٺ داڻا

    وري ڍنڍ ‘سائر’ اَساري اَساري
    پکي مند وارا اڏاڻا، اڏاڻا


    هِي پڙاڏا، ٻُڌ، پروهِت، گهنڊ ڪوئي آ گُڙيو

    هِي پڙاڏا، ٻُڌ، پروهِت، گهنڊ ڪوئي آ گُڙيو
    ڪئين ايامن پوءِ من ڏي سَنتُ ڪوئي آ وريو

    ڇير جي ڇَم ڇَم نه ٿِي، ٿيا ڄڻ وراڪا وڄّ جا
    ٿي ڌُڏي ڌرتي دڙي جي، هاڻ سمبارا جهليو

    منٽ جو ڪانٽو لڏيو پئي، مند موٽي، پئي لڏيو
    وقت هڪڙيءَ سوچ ۾ بيٺو رهيو، بيٺو رهيو

    آهه هيءُ آلاپ ڇا جو رڻ مٿي هن رڃّ ۾
    يا ته ڌڙڪي آهه دل يا رڻ اجل جو راڳ ٿيو

    کيڏ جِيوَن جا کٽيا ڪئين، پوءِ به رڳ رڳ تاس آ
    رنگ هو جو راند ۾، سو سوڀ ۾ ويندو رهيو

    سَين سڻ ‘سائر’ لڳائي ڪنهن هتي پوئين پهر
    يا ته دل آ، يا ته واٽهڙو هتي آهي ڀليو


    ورهه دل جو ديپ تنهنجي پيار ۾ ٻرندو رهيو

    ورهه دل جو ديپ تنهنجي پيار ۾ ٻرندو رهيو
    جوت هاريندو رهيو، جلندو رهيو، ڳرندو رهيو

    عشق جي اوڙاهه ۾ ويٺي لُڙهيو ڪنهن ونجهه جان
    مهل ڪا ترندو رهيو، مهلون ڪئين ٻڏندو رهيو

    تون نه آئين، رت رني ٿي رات تنهنجي روڳ ۾
    چنڊ ٽڪرا ٿي سڄي ڌرتيءَ مٿي ڪرندو رهيو

    انءَ لَڙيون راسيون سڌيون ڪڪرن منجهان ڌرتيءَ مٿي
    ڄڻ ته سج ڪڪريون جهلي، لِيئا وجهي، ڏسندو رهيو

    مون تو اوتيو راڳ من جو انءَ سمئه جي ساهه ۾
    چومُکو سُرندي جِيان جُهرندو رهيو، وڄندو رهيو

    مرگهه ڊڪندو ويو ائين، ٿي ڌوڙ اڏري راهه تي
    ڪانَ سانڍي پو ته ماري کيس بس ڏسندو رهيو

    جيستائين واڳ ‘سائر’ ڪانه واري مينڌري
    تيستائين هانءُ مومل جو، الا، ڇڄندو رهيو


    موکِي، مڌ جي ماٽين مان

    موکِي، مڌ جي ماٽين مان
    نيڻن جي پُر پيالين مان
    اوتيندي وڃ جام
    آتم اُڃّ مدام

    جيءَ شرارا، شَرَرَ هڻي
    سُرندي جو هر سَنڌ کڻي
    تَندَ تپاءِ تمام
    آتم اُڃّ مدام

    سِيتا سارُن سوريءَ تي
    هانءُ ڪپيندڙ دوريءَ تي
    رڻَ ٿي روئي، رام
    آتم اُڃّ مدام

    چڻگ چکائي ڏياٽيءَ کي
    ڏئي هن وِسندڙ ڀُنگيءَ کي
    اوجَرُ ؛ ڪو وِسرام
    آتم اُڃّ مدام


    من مستيءَ جي مرليءَ ۾
    آروهيءَ، امروهيءَ ۾
    سر سر جو سنگرام
    آتم اُڃّ مدام

    ڏات، ائين ئي ڪڪرن مان
    ڪَوِتا جي وڄ وڄ اندران
    اوج ئي اوج اڏام
    آتم اُڃّ مدام

    موکِي، مڌ جي ماٽين مان
    نيڻن جي پُر پيالين مان
    اوتيندي وڃ جام
    آتم اُڃّ مدام


    ارجن حاسد

    ارجن حاسد
    مزمل سائر جو هيءُ دستخط مون وٽ پهتو آهي، پڙهان ويٺو. عجب ٿو لڳي سنڌ ۾ اهڙا بيت، ان شاهه سائينءَ واري ويس وڳي ۾، اڄ به لکيا ٿا وڃن، اُهائي نياز نوڙت واري ٻولي، اُهو ئي لهجو! هونئن سنڌ ۾، سنڌي ٻوليءَ جو مهانڊو ته اڄ ڪلهه اردوءَ وارو ٿيندو ويو آهي. بيت ڏسو:
    تو بن، راڻا، ڪئن ڪري، مومل ڇانگارا
    هوءَ ڄڻ رڻ جي راڄ ۾، ڪا وڇڙيل ڌارا
    ڪونهي تنهنجو ڪو پتو، پوءِ پڻ آسارا
    ڪاڪ محل وارا، تو لئه تڙپن؛ آءُ، ڙي
    مون کي ته چُپُ لڳي ويئي آهي، “پوءِ پڻ آسارا” ۾ ڪيڏي تانگهه آهي. پوئين پد ۾ پويان لفظ، “آءُ ڙي!” ڪيڏيءَ محبت وارو ڏوراپو آهي. ڇا اهڙي ٻولي سنڌ ۾ اڄ به پسند ڪئي ٿي وڃي، پڙهندڙ پڙهن ٿا، پوءِ ته سنڌ سڀاڳي آهي، سندس ٻچڙا اڄ به سندس پوتيءَ ۾ پلجن ٿا.

    ارجن حاسد


    امداد حسيني

    امداد حسيني
    پورنماسيءَ ۾ ڪارونجهَرَ چوٽيءَ ليٽي ‘سائر’
    سنــڌ انگيءَ تي مان تارن کان ڀرت ڀرايان ويٺو
    ـــ پورنماسي، ڪارونجهر جي چوٽيءَ تي ليٽي، سنڌ انگيءَ تي تارن کان ڀرت ڀرائڻ ـــ هڪ اَڇُهيو خيال آهي. اها پوسٽ ماڊِن غزل جي روپ ريکا آهي... غزل جي هن لڄالٽ واري دور ۾ ‘سائر’ غزل جي لڄ رکي آهي... ‘سائر’ وٽ پنهنجو شبد ـــ ڀنڊار آهي. هن جو لهجو (ڊڪشن) نيارو آهي... ‘سائر’ وٽ ڪلاسڪ (بيت، وائي)، روايت (غزل) ۽ جدت (نظم)، ٽنهي ڌارائن جو سنگم آهي... سچ ته اهو آهي ته ‘سائر’ جي شاعري پڙهي سُر، سُونهن ۽ شاعريءَ ۾ ويساهه جاڳي ٿو.

    امداد حسيني


    سائر ـــ سُر ۽ سونهن جو شاعر

    سائر ـــ سُر ۽ سونهن جو شاعر

    جنهن انسان جي خواب کيتر ۾ کٿوريءَ جا کيپ هجن، نيڻن ۾ ٿر ٻاٻيهي جهڙي اڃ هجي، جيڪو دل جي جهوپي ۾ عشق جو ڏيئو ٻاري ورهه وٽڻ جي ڳالهه ڪري، جيڪو ڏات جي چڳ چڳ ڇوڙي وقت ورائڻ لئه آتو هجي، جنهن کي واءَ وڙهڻ، گل ڇڻڻ، کيت سڙڻ، پير ڏڪڻ، لڱ ٺرڻ، لڙڪ لڙڻ، ڪوٽ ڊهڻ، خواب رسڻ، مور مرڻ ۽ اجرڪ جا رنگ ڦٽڻ جو احساس هجي، جنهن جي دل ڪنهن جهوني پنساريءَ جيان آسن جا وکر کڻي هر درد جي درمان لئه سنڌ جي گهٽي گهٽي گهمي، جيڪو سنڌ ڌرتيءَ جي سينڌ ۾ مرڪن جو سندور ڏسڻ گهري، ٻاٽ جي ماٺار ۾ اميدن جا ڪرڻا ڇٽڻ گهري، جنهن جي تخليق ڄڻ ته سنڌوءَ جي ڪا وڇڙيل ڌارا لڳي، انهيءَ شخص حيدرآباد جي تاريخي پرڳڻي ۾ پتڪڙا پير پاتا، هٽڙيءَ ڳوٺ جي پٽن تي لاٽون ۽ هوائن ۾ لغڙ اڏايا ۽ پرائمري تعليم به اتان ئي حاصل ڪئي. ميٽرڪ ۽ انٽرميڊيٽ حيدرآباد، ايم اي انگريزي ادب سنڌ يونيورسٽي، ايم ايس سي مينيجمينٽ، سَري يونيورسٽي، انگلينڊ مان ڪئي. تخليق جي ته تند سندس دل جي دنبوري ۾ ازل کان آهي. پڙهن پڙهائڻ سان عملي زندگيءَ جي شروعات انهيءَ تخليق جو تسلسل آهي. ان کان علاوه هن ڪافي گهميو آهي: شهر، ملڪ، تهذيبون، تاريخي ماڳ؛ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کي محسوس ڪيو آهي؛ پراڻي يوناني ۽ رومي ادب کان ويندي، روسي، فرانسيسي، جرمن، فارسي، هندوستاني، بنگالي، چيني، آمريڪي ۽ يونائيٽڊ ڪنگڊم (برطانيه) جي ادب تائين هن نينهن سان سفر ڪيو آهي.
    مزمل سائرهڪ باشعور انسان ۽ هڪ بيمثال شاعر آهي. 2011 ۾ سندس انگريزي شاعريءَ جو مجموعو “سائلنس آو د پيانو سنگز” انگلينڊ مان ڇپيو هئو، جنهن جي مهورت آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پيمبروڪ ڪاليج ۾ ٿي هئي، جتي هن “شاعريءَ جي ارتقا” تي هڪ ليڪچر پڻ ڏنو هئو.
    سائر جي پنهنجي هڪ ويبسائٽ (بلاگ) پڻ آهي، جنهن جو نالو آهي:
    http://www.msyre.com (I HAVE POURED MY WINE)

    عامر لطيف صديقي


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340609
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ