ڪتاب جو نالو: ڪيمياگر
مصنف: پائولو ڪؤلهو / احرار يوسف
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 20 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 977 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 683 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڪيمياگر
  • ارپـنـا
  • سنڌ سلامت پاران
  • احرار يوسف جو تعارف
  • سنڌيڪار پاران
  • ليکڪ پاران
  • باب پهريون
  • باب ٻيو
  • باب ٽيون
  • باب چوٿون
  • باب پنجون
  • باب ڇهون
  • باب ستون
  • باب اٺون
  • باب نائون
  • باب ڏهون
  • باب يارهون

  • ڪيمياگر

    دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ
    جڳ مشهور ناول AL Chemist جو ترجمو

    ليکڪ
    پائولو ڪؤلهو

    سنڌيڪار
    احرار يوسف


    ڪتاب نمبر
    312
    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2012ع
    ڪتاب جو نالو : ڪيميا گر
    ليکڪ: پائولو ڪؤلهو
    سنڌيڪار: احرار يوسف
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 100/= رپيا


    “KEEMIYAGAR”
    By: Paulo Coelho
    Translated by: Ahrar Yousif
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.org
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،


    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ
    ڪراچي74400


    ارپـنـا

    منهنجا

    پـيءُ مــاءُ

    جَن مون کي انسان بنائڻ جو مشڪل ترين مقصد پنهنجي زندگيءَ ۾ شامل ڪيو ۽ انهن نوجوانن کي به ارپڻ چاهيان ٿو، جن وٽ ديانتداريءَ جي بنيادن تي ڪي مقصد آهن.


    سنڌ سلامت پاران

    دنيا جي 60 ٻولين ۾ ترجمو ٿي ڪروڙن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ پائولو ڪؤلهو جي جڳ مشهور ناول AL Chemist جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ”ڪيمياگر“ جي نالي سان احرار يوسف ڪيو آهي. هن ڪتاب جون سڄي دنيا ۾ تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو.
    هي ڪتاب 2012ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    احرار يوسف جو تعارف

    احرار هڪ دفعي مونکي ٻڌايو هيو ته هو جڏهن سائين امر جليل سان مليو هيو ته آٽوگراف ڏيڻ وقت سائين امر جليل لکيو هيو: “ڪجهه لکڻ ايتري قدر ڏکيو هوندو مون ڪڏهن سوچيو نه هو.” آئون حيران ٿي ويو هيس ته ايڏو وڏو ليکڪ آٽوگراف جي ٽڪري تي ڪجهه نه لکي سگهيو! اڄ جڏهن احرار مون کي پنهنجي تعارف لکڻ لاءِ چيو ته منجهي پيس. ڪيڏو نه ڏکيو آهي احرار لاءِ لکڻ. احرار ميهڙ ۾ ناهي ڄائو. احرار سنڌ ۾ ڄائو آهي. ڪمپيوٽر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ڊگري ۽ CSS ۽ PCS امتحانن لاءِ تيارين جي دؤران به اخبارن ۾ ڪالم لکڻ ۽ ادبي سرگرمين ۾ هجڻ ڪيترو نه ڏکيو هو پر احرار چريو آهي. احرار واقعي صفا چريو آهي. احرار محنتي تمام گهڻو آهي پر ان کان وڌيڪ جيڪا پنهنجائپ ڏيکاريندو آهي ان ۾ آئون پنهنجي زندگي۾ جن به ماڻهن سان مليو آهيان، احرار سڀن کان مٿانهون ڏٺو اٿم. احرار يوسف کي سنڌ جي نوجوان نسل جي لاءِ هميشه سنجيده ڏٺو اٿم. اهو ئي سبب آهي جو هو سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ڪيريئر ڪائوسلنگ ڪندو رهندو آهي. انهيءَ ڪري احرار پنهنجي پهرين ڪتاب جي شروعات اهڙي ڪتاب سان ڪئي آهي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ فائدو نوجوانن کي ئي ٿيندو.

    ممتاز ميمڻ
    جوائنٽ سيڪريٽري،
    حيدرآباد پريس ڪلب


    سنڌيڪار پاران

    گهڻن انسانن کي ڪنهن شاهڪار کي تخليق ڪرڻ ۾ پوري زندگي لڳي وڃي ٿي پر ڪجهه ماڻهو لمحن ۾ پنهنجي سوچ جي سمنڊ مان اهڙا موتي چونڊي اسانجي سامهون آڻن ٿا جن جي واکاڻ صديون هلي ٿي. اهو ڄاڻڻ تمام ضروري آهي ته ائين آخر ڇو آهي؟ تخليق ته تخليق آهي پوءِ اها گهٽ ۽ وڌ اهميت جي حامل ڇو آهي. هتي مون کي جڳ مشهور ناول نگار اِي. ايم فاسٽر جا لفظ ياد اچن ٿا، جيڪي هن بي. بي. سي B.B.C جي نمائندي کي انٽرويو ڏيندي چيا هئا. نمائندي اهو پڇيو هو ته هن انگريزي ڪلاسڪ ادب ۾ پنج تمام بهترين ناول لکيا ۽ ان کانپوءِ اوچتو لکڻ ئي بند ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو سبب ڇا آهي؟ اِي. ايم فاسٽر وراڻيو: ”آءُ هڪ عهد (زمان) جو ليکڪ هيس. جڏهن آءُ اهو ڄاڻي ورتو ته بدلجندڙ وقت جي تقاضائن مطابق آءُ ناول نه لکي سگهندس ته آءُ انهيءَ ۾ بهتري ڄاتي ته آءُ لکڻ بند ڪيان.“
    ههڙا لفظ اوهين لک دفعا ڪوشش ڪيو اوهان کان وسري نه سگهندا. اهڙي طرح ليکڪ جڏهن پنهنجي تخليق پنهنجي ذميداري ۽ وقت جي تقاضائن کي سمجهي ڪري وجود ۾ آڻي ٿو ته هو صديون زنده رهي ٿو. اڄ اسين جهڙي نموني سان سنڌي ادب جي اوسر ڪيون پيا يا ائين کڻي چئجي ته سنڌي ادب جو رهيل نور به چٽ ڪريون پيا، انهيءَ منجهان ته صرف اهوئي اخذ ڪري سگهجي ٿو ته ليکڪ ٻيون سڀ ڳالهيون ڇڏي پئسي کي اڳيان رکي لکي پيو. اهڙي ليکڪ ۾ ڪڏهن اِها اميد ئي نه ٿي رکي سگهجي ته ڪو هو ماڻهن جي سوچ ۾ انقلاب آڻيندو.
    هي “الڪُوئمستا” ناول برزايل جي ليکڪ پائلو ڪؤ لِهو جو لکيل، جنهن جو ترجمو دنيا جي 60 (سٺ) مختلف ٻولين ۾ ٿي چڪو آهي. هن ڪتاب جون تقريبن چار ڪروڙ ڪاپيون فروخت ٿي چڪيون آهن. هِن ناول کي لاطيني ٻولي منجهان انگريزي ۾ ايلن آر ڪلارڪ ترجمو ڪري “الڪيمسٽ” جي نالي سان پڙهندڙن اڳيان آندو. آءُ هن ناول کي ڪيترائي ڀيرا پڙهڻ کانپوءِ هن جي ڪجهه ٽڪرن کي ترجمو ڪيو. ان کان پوءِ اهو ضروري ڄاتم ته هي پورو ناول ترجمو ٿيڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح سان هي ناول انگريزي منجهان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيم.
    هر انسان جي زندگيءَ ۾ ڪي مقصد ضرور هجن ٿا ۽ جڏهن انسان اهو سڃاڻي وٺي ته نيڪ نيتي ۽ سچائي جي بنياد تي ڪهڙا مقصد آهن تڏهن هُن تي اهو لازم ٿي وڃي ٿو ته هو انهيءَ منزل ڏانهن وڌي. ظاهري ڳالهه آهي، جنهن انسان جو مقصد جهڙو هوندو انهيءَ کي ان جو سلو ضرور ملندو. ۽ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته جيترو مقصد وڏو هوندو تڪليفون به اوتريون وڏيون هونديون. جڏهن ڪو انسان سچي نيت سان، ڪوشش سان، جذبي سان ۽ همت سان منزل طرف هڪ مستقل مزاجي پنهنجي اندر ۾ رکي وڌي ٿو ته قدرت جو تخليق ڪيل هر حصو هن کي منزل تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح سان قدرت به ساٿ ڏيئي ٿي. پر شرط اهو آهي ته انسان ۾ منزل ماڻڻ جي لگن هجي ۽ ارادن جي پختگي هجي. اها ئي اصل ڪيمياگري آهي. هڪ بهترين ڪيمياگر اهو آهي جيڪو پنهنجي وجود کي سڃاڻي ٿو. پاڻ کي سڃاڻڻ کانپوءِ انسان هن دنيا ۾ موجود احساسن، علامتن ۽ عبارتن جا مرڪب سڃاڻي ٿو. زندگيءَ جو فلسفو سمجهڻ به هڪ داناءَ ڪيمياگر جي وس جي ڳالهه آهي.
    دؤرِ حاضر ۾ سنڌ جو هر طبقو (خاص طور تي نوجوان طبقو) پنهنجي اندر ۾ ٻه ئي ڪمزوريون رکي ٿو. ڪنهن به مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ نيڪ نيتي ڪونهي ۽ ٻيو مستقل مزاجي ته بلڪل ڪونهي. صبح جو نوجوان وٽ هڪڙا ارادا آهن ته شام جو ٻيا. اهڙي صورتحال ۾ اسين قدرت واري جي تعاون جي اميد ڪيئن ٿا رکي سگهون. اسين پاڻ ئي پنهنجي حالت نه ٿا بدلائڻ چاهيون ته قدرت وارو اسانجي حالت ڇو بدلائي. لڳي ته ائين ٿو ته اسان جي پڙهيل لکيل طبقي يعني ليکڪن ۾ به مستقل مزاجي ڪونهي. انهيءَ ڪري سنڌي ادب ۾ ناول وارو ڀاڱو ڪافي ڪمزور رهيو آهي. هونئن اها به حقيقت آهي ته ناول لکڻ تمام ڏکيو ڪم آهي ۽ اهڙو ڏکيو ڪم ڪرڻ کانپوءِ اهو مانُ حاصل ڪونه ٿو ٿئي، جيڪو ٻاهرين ملڪن جي ليکڪن کي انهن جا ماڻهو ڏين ٿا. پر پوءِ به، ليکڪن تي ڄڻ ته هڪ قسم جي ذميداري عائد آهي ته هو ناول واري ڀاڱي تي ضرور گهري نگاهه وجهن.
    سنڌي ادب جي ڪافي ناولن کي پڙهڻ وقت اهو محسوس ٿئي ٿو ته ليکڪ جي هٿان سلسلن جي زنجير ٽٽي پئي آهي ۽ ٽڪرن ٽڪرن ۾ ناول ورهائجي ويو آهي. انهيءَ جي ابتڙ انگريزي يا فرانسيسي ادب ۾ تخليق ڪيل ناول هڪ مضبوط زنجير وانگر لکيا ويا آهن، جو پڙهندڙ ناول شروع ڪرڻ کانپوءِ هڪ ئي ويهڪ ۾ ختم ڪرڻ چاهي ٿو ۽ اڌ ۾ ڇڏڻ تي هن جي دل ئي نه ٿي چوي.
    “ڪيمياگر (الڪيمسٽ)” به هڪ اهڙو ناول آهي جنهن کي اوهين هڪ ئي مهل ۾ پڙهڻ چاهيندؤ. تڏهن ته دِي ٽائمز (آمريڪا جي مشهور اخبار) هن ناول لاءِ چيو آهي ته “هن ناول کي نظرانداز ڪرڻ تمام ڏکيو آهي ڇاڪاڻ ته الڪيمسٽ ماڻهن کي زندگيءَ سان ڀريل رستو ٻڌائي ٿو.” تمام گهڻين اخبارن ۽ مختلف ٻولين جي ليکڪن هن ناول تي تمام سهڻا تاثرات بيان ڪيا آهن. انهن منجهان ڪنهن “ڌاتو منجهان سون ٺهڻ”، “ياقوت ۽ مرجان”. انهن منجهان ايڪسپريس (لنڊن) اخبار ڪجهه هيئن لکي ٿي، “هي ناول ماڻهن ۾ هڪ نئين اميد جاڳائي ٿو ۽ پڙهندڙ ايترو ته اطمينان محسوس ڪري ٿو، جن ازخود هُن جي چپن تي مُرڪ تري اچي ٿي.”

    ناول جو پس منظر

    هيءَ ڳالهه تعارف ۾ ڄاڻائڻ تمام ضروري آهي ته هن ناول جو پس منظر ان وقت جو ڏنل آهي، جڏهن اسپين تي مسلمانن جي حڪومت هئي ۽ اسپين جو نالو “اندلس” هيو. انهيءَ ڪري ڪردارن کي هميشه اٺن ۽ گهوڙن جي ذريعي سفر ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. ان کان علاوه آفريڪا جي شهرن کي تاريخ جي لحاظ کان بيان ڪيو ويو آهي. شهرن جا نالا انهيءَ وقت جي لحاظ کان ڏنا ويا آهن. ان کان سواءِ ڪجهه اهڙا واقعات به بيان ڪيل آهن جن جي ماضيءَ ۾ تمام گهڻي اهميت هئي. جهڙوڪ: “آب حيات جو استعمال”، ڪنهن ڌاتو منجهان سون جو ٺهڻ ۽ “ياقوت ۽ مرجان پٿرن جو استعمال”.


    ليکڪ پاران

    آءُ اوهان کي هِن ناول بابت ڪجهه ٻڌائڻ اُن لاءِ به چاهيان ٿو ته هِن ناول ۾ آءُ ڪافي اهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن جن جو حقيقت سان سڌو سنئون تمام گهٽ ئي واسطو آهي.
    آئون پنهنجي پوين يارنهن سالن ۾ ڌاتن ۽ ان جي علم کي پڙهيو آهي. اسان لاءِ سون جو ٺهڻ يا آب حيات جو هجڻ يقينن هڪ حيرت انگيز شيون آهن، ۽ شايد آڳاٽي زماني ۾ اهي جادو مڃيون وينديون هيون. پر هن وقت ته اسين آب حيات کي ڏسون به ڪونه ٿا. ۽ جهڙي نموني آءُ سون ٺاهڻ جي ترڪيب درج ڪئي آهي اها صرف هڪ پراڻي زماني منجهان اخذ ڪيل ترڪيب آهي.
    انهيءَ جي باوجود به، جو آءُ مڃان ٿو ته آبِ حيات اڻلڀ آهي ۽ موت برحق آهي پر انسان جڏهن موت جي خوف ۾ هوندو آهي ته ضرور هن کي ڪنهن اهڙي شيءِ جي ڳولها هوندي آهي جيڪا هن کي موت کان بچائي سگهي. انهيءَ ڪري مونکي آب حيات بابت پنهنجي ناول ۾ لکڻ جو خيال آيو.
    جيستائين منهنجو علم ڪم ڪري ٿو ته  برازيل ۾ ڪنهن به اهڙو ڪتاب نه لکيو آهي، جنهن مان ڌاتن بابت صحيح ڄاڻ مليل هجي. انهيءَ ڪري مون کي پنهنجي ناولن جي ڪردارن لاءِ ٻاهران ڪافي ڪتاب گهرائڻا پيا. آءُ ڪافي ماڻهن سان انهيءَ سلسلي ۾ مدد ورتي. ڪِن ته انڪار به ڪيو. مختلف ملڪن جي ڪيمياگرن سان به مليم ته جيئن آءُ اهو ڄاڻي سگهان ته ڌاتن جي ملائڻ ۽ ڌار يعني صاف ڪرڻ جي عمل ۾ ڇا ٿيندو آهي. تمام گهڻو ڏکيو ڪم هيو ڌاتن جي نشانين کي سمجهڻ ۽ ان کان به وڌيڪ، يعني منهنجي نوڪري به هلي رهي هئي، جنهن کي وقت ڏيڻ به تمام ضروري هيو. آءُ ليڪچرر به هيس. ڊرامو لکڻ ۽ ان جون هدايتون ڏيڻ، اهو به شاگردن کي ڪو سؤلو ڪونه هيو. ڪنهن ڪنهن وقت ته ائين لڳندو هو ته آءُ آب حيات ۽ ڌاتن جي علمَ بابت ڪجهه به نه لکي سگهندس. پر خدا جي ذات ڏاڍي رحم واري آ جو منهنجي لاءِ اهڙا اسباب پئدا ٿيا جو آءُ ڪم جاري رکي سگهان.
    1981ع ۾ آءُ پنهنجي هڪ محترم استاد سان مليس جنهن مونکي وري رستي سان لاٿو. هن مونکي ٽيلي پيٿي ڪرڻ جا گُر ٻڌايا، جن کي ڄاڻڻ کانپوءِ مون کي ناول جو چڱو خاصو حصو لکڻ جو حوصلو ٿيو. هڪ رات اسين (يعني آءُ ۽ منهنجو استاد) ڪچهري ڪري رهيا هئاسين ته مونکي استاد چيو ته:
    ”دنيا ۾ ٽن قسمن جا ڪيمياگر آهن؛ هڪ اُهي جيڪي ڪجهه به نٿا ڄاڻن ته ڌاتن سان اصل ڪجي ڇا، ٻيو؛ اهي جيڪي ڪيمياگري ڄاڻين ته ٿا پر ان کي دل جي اک سان ڏسن ٿا دماغ جو استعمال نٿا ڪن. جڏهن دل هر معاملي ۾ اچي وڃي ٿي ته اُهي لالچي ٿيو وڃن. ٽيان اهي آهن جن کي اها خبر ته نه هوندي آهي ته ڪيمياگري اصل آهي ڇا، پر انهن وٽ اهڙا گُر هوندا آهن جن سان هو خبر ناهي ڇا ڇا تخليق ۽ تحقيق ڪري سگهن ٿا.
    مونکي منهنجي استاد ڪافي شيون سيکاريون، جن ۾ ڪافي ڳالهيون تمام گهرائي ۾ هونديون هيون. ان ڪري انهن کي سمجهڻ ۾ ڪافي دقت ٿيندي هئي، پر اهوئي دنيا جو هڪ قسم جو روح آهي جنهن کي سمجهڻ تمام ضروري هجي ٿو. مون پنهنجي حاصل تجربي مان خدا جي طرفان موجود نشانين ۽ خوبصورتين کي به سمجهيو ۽ قدرت اسان سان ڪيئن سهڪار ڪري ٿي ۽ اهو به ڄاتو ته ماڻهو ڪيئن هن دنيا ۾ بي مثال ڪم سرانجام ڏين ٿا.
    هنن سڀن ڳالهين جي ڄاڻڻ کانپوءِ جڏهن آءُ ناول لکڻ ويٺس ته ان جو يقينن نتيجو اهو نڪرڻو هو ته هُن ۾ گهڻيون ڳالهيون آفاقي ۽ مافوق الفطرت آهن. اهڙيون ڳالهيون ليکڪ ڏاڍو سنڀالي لکن ٿا، منهنجي به اهائي ڪوشش رهي. آءُ ضروري ٿو سمجهان ته هتي انهن ليکڪن کي نه وساريان جيڪي ادب جي دنيا جا انمول هيرا آهن. هيمنگوي، بليڪ، بورگز، ملبا، تهان ۽ ٻيا ڪيترائي اهڙا ليکڪ آهن، جن جا ڪتاب هڪ استاد جي حيثيت رکن ٿا ۽ جن کي نه پڙهڻ هڪ غلطي آهي.


    باب پهريون

    ناصر جنهن وقت رڍن جي ڌڻ سان گڏ پراڻي قلعي وٽ پهتو، ان وقت ان ڏينهن جو سج پنهنجي آخري پساهن ۾ هيو. قلعي جي ڇت گهڻو اڳ جي ڪريل ٿي لڳي ان ڪري جهنگلي وڻ ڇت جي حد کان مٿي اڀري ويا هئا. رڍون قلعي جي اندر اچي رهيون هيون. ناصر قلعي کي پوريءَ طرح جاچيو. صدر دروازو بلڪل زبون حالت ۾ هيو، جنهن کي دروازو نه بلڪه ڀت ۾ ٿي ويل وڏو سوراخ چئجي ته بهتر ٿيندو. جڏهن ناصر ڏٺو ته هن قلعي ۾ خطري جي ڪا ڳالهه ناهي، تڏهن رات اِتي ئي گذارڻ جو فيصلو ڪيو. رڍن جي ڌڻ جي چؤطرف ڪنڊيدار ٻوٽا وڇائي ڇڏيا، انهيءَ خيال کان ته متان هو ننڊ پيو هجي ۽ ڪي رڍون هيڏانهن هوڏانهن ٿڙي نه وڃن. رڍن جي ٿڙي وڃڻ جي صورت ۾ سڄو ڏينهن انهن کي ڳولهڻ ۾ لڳيو وڃي.
    رات آهستي آهستي ڦهلجي رهي هئي. چنڊ جون وچيون تاريخون هيون ۽ آسمان به صاف هيو. ناصر ڪتاب کي وهاڻي طور ڏيئي ليٽيو. ڪتاب تمام سنهو هيو، انهيءَ ڪري ڪنڌ کي بار بار ٻانهن سان مٿي کڻي سڪون ٿي ڏنو ۽ ارادو ڪيو ته هاڻي هو ڪو ٿلهو ڪتاب خريد ڪندو، جيڪو پڙهڻ ۾ به گهڻو وقت هلي ۽ وهاڻي جو ڪم به ڏيئي سگهي. اهو سوچيندي هن کي ننڊ کڻي ويئي.
    اچانڪ اڌ رات جو هن کي جاڳ ٿي. اڄ وري هن اهوئي خواب ڏٺو جيڪو هفتو اڳ ڏٺو هو. ڪجهه سمجهه ۾ نه اچڻ ڪري ڪي گهڙيون هو سوچ ۾ ٻڏتر آسمان ڏانهن گهورڻ لڳو. ٻئي دفعا ائين ئي ٿيو ته خواب جي اڌ ۾ هن کي سجاڳي ٿي ۽ عجيب تجسس ۽ نراسائي واري حالت طاري ٿي ويندي هئي.
    ٿوري دير کانپوءِ اُٿي ٿو ۽ رڍن کي لڪڻ جي مدد سان جاڳائي ٿو. هن کي ائين لڳو ته ڪجهه رڍون ان وقت جاڳي پيون هيون جنهن وقت هُن کي جاڳ ٿي هئي. شايد جانورن ۾ اها هڪ قدرتي سگهه آهي ته هو مالڪ جي هر ڳالهه جو ڌيان رکن. ناصر کي هنن رڍن سان ٻه سال گذريا آهن. هينئر ته هُن هر رڍ تي نالا به رکيا آهن ڇو ته هن جو اهو يقين آهي ته جانور خاص طور رڍون پنهنجي مالڪ جي ٻولي سمجهن ٿيون. انهيءَ ڪري ڪتاب جا ڪافي حصا هنن کي پڙهي ٻڌائيندو آهي. هنن سان هر خوشي ۽ غم ونڊي ٿو. گذريل ڪافي ڏينهن کان هو رڍن سان هُن ڇوڪريءَ جو ذڪر ڪري رهيو آهي جيڪا اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ هئي.
    پوئين سال جڏهن هُن جون رڍون اُنَ ڏيڻ لاءِ بلڪل تيار هيون ته هن جي دوست هُن کي انهيءَ واپاريءَ جو ڏس ڏنو. هي اُنَ جو واپاري ٻين کان ڪجهه وڌيڪ قيمت ڏيئي رهيو هو پر هُن جو شرط اهو هو ته ريڍار جنهن وقت رڍ تان اُن روڙي لاهي ان وقت هو (دڪاندار) موجود هجي، انهيءَ سان بي ايماني جو ڪو امڪان نه ٿو رهي.
    انهيءَ ڪري پوئين سال ناصر انهيءَ دڪان تي ويو هو. هو جڏهن اُتي پهتو هو ته واپاري مصروف هو ان ڪري هن کي انتظار ڪرڻو پيو. وقت گذارڻ لاءِ هو دُڪان جي پاسي ۾ هڪ سِرن جي ٺهيل ڏاڪي تي ڪتاب پڙهڻ ويهي رهيو هو.
    “مونکي خبر نه هئي ته ريڍار به پڙهڻ ڄاڻيندا آهن!” ڪنهن ڇوڪريءَ ناصر جي پٺيان بيهي هي لفظ چيا. هوءَ اُنَ جي واپاري جي ڌيءُ هئي.
    ناصر پوئتي ڪنڌ ورائي ڏٺو ته هن کي ڪارن ۽ گهاٽن وارن ۽ نيڻن واري ڇوڪري نظر آئي.
    ”حقيقت ته اها آهي ته آءُ ڪتابن کان وڌيڪ رڍن کان گهڻو ڪجهه سکندو آهيان. ڪتاب صرف زندگيءَ کي وڌيڪ سمجهڻ ۾ مدد ڪن ٿا.“ ناصر وراڻيو.
    ان کان پوءِ هنن ٻنهي جي گفتگو شروع ٿي. ٻئي هڪ ٻئي کي پنهنجي زندگيءَ بابت احوال ڏيندا رهيا. ناصر کي هيترن سالن ۾ اڄ محسوس ٿيو هو ته رڍن کان وڌيڪ خوبصورت مخلوق به هن دنيا ۾ آهي. سڄو ڏينهن رڍن سان گڏ رهڻ وارو شخص هِن تبديلي، جيڪا ٿوري دير لاءِ ئي هئي، تي خوش هيو.
    هن ڇوڪريءَ ناصر کان پڇيو ته هن پڙهڻ ڪٿان سکيو.
    ناصر وراڻيو: “جتان سڀ سکندا آهن. يعني اسڪول مان.”
    “جيڪڏهن تون پڙهڻ ڄاڻين ٿو ته هي ريڍار وارو ڪم ڇو پيو ڪرين” ڇوڪريءَ پڇيو هو.
    ناصر هن سوال تي ڪجهه منجهي پيو هو ڇو ته ان سوال جو هن وٽ ڪو معقول جواب ڪونه هيو ۽ جيڪا حقيقت هئي اُها ڇوڪري نه سمجهي سگهي ها. هو ڳالهه ٽارڻ لاءِ ۽ ريڍار جي اهميت ٻڌائڻ لاءِ ڇوڪريءَ کي پنهنجي زندگيءَ جا دلچسپ ۽ حيرت انگيز واقعا ٻڌائڻ لڳو. اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جنهن وقت ڪو حيرت وارو واقعو ٿي ٻڌو ته هن جا نيڻ پورا کلي ٿي ويا. جيڪي ناصر جي دل ۾ محبت ڀريو احساس پئدا ڪري رهيا هئا. ناصر چاهيو ته شل اُنَ جي واپاري کي ڪڏهن به واندڪائي نه ملي ۽ هو انهن ڪارن نيڻن ۾ سدائين گم رهي.
    ايتري ۾ واپاريءَ کي واندڪائي ٿي ويئي هئي، ۽ هُنَ ناصر کي چئن رڍن تان اُنَ روڙي لاهڻ لاءِ چيو. اُنَ جو وزن ڪرڻ کانپوءِ واپاريءَ ناصر کي پئسا ڏنا ۽ مٿين سال وري اچڻ لاءِ چيو. هاڻي وري وقت اچڻ وارو هو.
    هو پراڻي قلعي مان سڀ رڍون ڪڍي اچي ٿو. “باقي چار ڏينهن بچيا آهن اُنَ جي واپاريءَ وٽ وڃڻ لاءِ” ناصر رڍن سان ڳالهائي ٿو، “انهيءَ وچ ۾ ڪيئي ريڍار آيا هوندا ان دُڪان تي جيڪي شايد گهڻا امير به هوندا. آءُ الائجي هن کي ياد هوندس الائي نه؟” رڍن کي چئي ٿو.
    دل ئي دل ۾ پاڻ کي آٿت ڏئي ٿو ته هو ڇوڪريءَ کي ضرور ياد هوندو. “ڪاش ائين ٿئي ها ته هوءَ ڇوڪري به هنن رڍن وانگر هجي ها. رڍن کي آءُ جيئن چوان ٿو تيئن ڪن ٿيون ۽ هو مون کي جيڪي ڪجهه چون ٿيون آءُ ڪيان ٿو. هو ڪڏهن به ڪو طرف چونڊي اوڏانهن هلڻ نه ٿيون شروع ڪن بلڪه منهنجي اڳيان پويان ڦرن ٿيون، ته جيئن آءُ هنن کي هلڻ لاءِ صحيح سمت ٻڌايان.” ناصر رڍن کي هڪليندو هلي ٿو ۽ سوچيندو به هلي ٿو “رڍن ۾ خراب ڳالهه اها آهي ته هو صرف کائڻ پيئڻ ڄاڻن ٿيون. رڍن جا ڏينهن ۽ راتيون ساڳيا آهن. سج اڀرڻ کان سج لهڻ تائين کين هڪ ئي تات رهي ٿي- کائڻ، پيئڻ ۽ سمهڻ. هو نه ڪتاب پڙهن ۽ نه ئي وري ڪا انساني ٻولي ڳالهائين. هو صرف کاڌي پيتي جي هنڌن تائين پهچڻ لاءِ انسانن سان منسلڪ رهن ٿيون.” وري ناصر کي خيال اچي ٿو ته رڍون گوشت، کير ۽ اُنَ به ته ڏين ٿيون. ان کان وڌيڪ اِهو ته هو پنهنجي مالڪ سان دوستي به ڪن ٿيون. اچانڪ هن کي خيال اچي ٿو ته جيڪڏهن هن وقت هو وحشي ٿي رڍن کي مارڻ شروع ڪري ته رڍن کي تمام دير سان خبر پوندي ته آءُ اهو ساڳيو آهيان، جيڪو هنن کي چارڻ لاءِ وٺي ويندو آهي. هو مونکان پري ان ڪري نه ٿيون ڀڄن، جو هو مون تي اعتبار ڪن ٿيون. “هي ڪهڙو نه عجيب خيال هو مونکي ڇا ٿي ويو آهي.”
    هن کي لڳي ٿو ته پراڻي قلعي ۾ ضرور ڪا غيبي قوت لڪيل هئي، جيڪا هن جي خيالن ۾ منفي اثرات وجهي رهي آهي. نه ته هن کي رڍن تي سدائين پيار ڀريا احساس ايندا آهن، وحشي ٿيڻ جو ڪڏهن به نه سوچيو هو. اڄ هن کي خبر ناهي ڇو ائين خيال آيو.
    هو جلدي جلدي رڍن کي هڪلي رهيو هو. هڪ ته هن چاهيو ته هو پراڻي قلعي کان گهڻو پري هليو وڃي ۽ ٻيو اونهاري جي موسم هئي ٿڌيءَ ۾ ئي رڍن کي ڪنهن گاهه واري زمين تائين پهچائڻ چاهيو. رڍون هن جي ٻڌايل طرف ڏانهن تيز تيز هلڻ شروع ڪن ٿيون. هلندي هلندي هن کي ڇوڪريءَ جو سوال ياد اچي ٿو “تون پڙهيل لکيل هئڻ جي باوجود به ريڍار واري ڪرت ڇو پيو ڪرين.” ناصر دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته هو هُن کي ضرور ٻڌائيندو ته هُن ريڍار ٿيڻ ڇو پسند ڪيو.
    گذريل ٻن سالن ۾ هُن گهڻو ڪجهه گهميو هو ۽ هُن پنهنجو گهر صرف اُنهيءَ مقصد خاطر ڇڏيو هو ته هو خدا جي خلقيل دنيا ڏسي. اهو ئي سبب هيو جو هُن پنهنجي والد جي خواهش کان انڪار ڪيو هو. ناصر جي والد چاهيو هو ته هو هڪ ديندار ۽ دين کي پکيڙڻ وارو هڪ اعلى انسان ٿئي. انهيءَ لاءِ ناصر جي پيءُ هن کي سورنهن سالن جي عمر تائين مختلف درسگاهن ۾ موڪليندو رهيو. توڙي جو هو ٻولين ۽ انهن جي ثقافتن کي پڙهي چڪو هو پر هن دراصل اهي سڀ قومون ۽ انهن سان جڙيل ثقافتون پنهنجي اکين سان ڏسڻ ٿي چاهيون. انهيءَ ڪري هُن هڪ شام پنهنجي پيءَ کي چيو ته هو دنيا ڏسڻ چاهي ٿو. هن کي هڪ هنڌ ويهي رهڻ سان بيقراري ٿي ٿئي.
    “پٽ! ڪيترائي ماڻهو دنيا جي مختلف هنڌن تان اسان جي ڳوٺ اچن ٿا ۽ ڪيترائي ڏينهن هتي رهن ٿا ۽ نيون شيون ڏسن ٿا، پر جڏهن هو هتان وڃن ٿا ته هنن ۾ ڪوبه بدلاءُ نه ٿو اچي. ايتري قدر جو انسان جا شاهڪار نمونا ڏسن ٿا، جبلن جي چوٽين تي بادشاهن جا ٺهيل محل ڏسن ٿا ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پرکين ٿا. پر آخر ۾ تت اهو ڪڍن ٿا ته اسان جو ماضي اسان جي حال کان بهتر هيو. انهيءَ جو مطلب ته اسين ڪجهه به ڪريون پر وڌون بگاڙ جي طرف ٿا.” ناصر جي پيءُ هن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “پر آءُ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ڏسڻ چاهيان ٿو. آءُ اهو ڄاڻڻ چاهيان ٿو هنن اسانجي ريتن رسمن کي ڏسي پاڻ ۾ ڪهڙو بدلاءُ آندو.” ناصر محسوس ڪيو ته هن پنهنجي پيءُ کي دليل ڏيئي گهڻو مطمئن نه ڪيو.
    “پر پٽ! گهمڻ ڦرڻ لاءِ پئسي جو هجڻ لازمي آهي. صرف اهي ماڻهو گهمي ڦري سگهن ٿا جن وٽ جهجهو پئسو هجي.” ناصر جي پيءُ هُن کي حقيقت کان اگاهه ڪيو.
    “جيڪڏهن ائين آهي ته آءُ ڌنار ٿيڻ پسند ڪندس.” ناصر پنهنجو آخري فيصلو ٻڌايو.
    ناصر جو پيءُ چپ ٿي ويو.
    ٻئي ڏينهن جي صبح جو ناصر کي پيءُ ڪجهه پئسا ڏنا ته جيئن هو انهن مان رڍن جو ڌڻ خريد ڪري سگهي. پنهنجي ڳوٺ کان رخصت ٿيڻ کانپوءِ هن ڪافي جڳهيون ڏٺيون ۽ ڪيترن ئي ماڻهن سان مليو هو. هينئر هو انهيءَ زندگيءَ مان تمام گهڻو خوش هيو. سندس جي اها خواهش ريڍار ٿيڻ کانپوءِ پوري ٿي. پنهنجي پيءُ جي ڏنل پئسن مان هن هڪ ڪتاب، هڪ صَدري ۽ رڍن جو ڌڻ ورتو هو. ڪجهه ئي عرصي ۾ هُن ايترو ڪجهه ڪمائي ورتو هو جو سمنڊ پار ملڪن کي آسانيءَ سان گهمي ٿي سگهيو.
    هن وقت ناصر کي پنهنجي پيءُ جي سوچ تي تعجب ايندو هو. ڪيتري نه خوبصورت دنيا آهي ۽ ماڻهو انهن کي ڏسڻ نه پيا چاهين. ايتري قدر جو ڪير رڍن کي به ٿورو کُليو ڇڏي ته پڪ سان ڪنهن نه ڪنهن نئين ۽ اڻڄاتل جڳهه تي پهچي ويندو. خدا تمام سهڻو جهان خلقيو آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن هو پنهنجي پيءُ جي ويچارن کي صحيح به سمجهندو آهي. خاص طور تي جڏهن کان هو هُن اُن جي واپاريءَ جي ڌيءُ سان مليو آهي، ان کان پوءِ ته هن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو گهر جوڙڻ جو خيال آيو آهي. ڇاڪاڻ ته عورت هڪڙي گهر ۾ رهڻ پسند ڪري ٿي.
    ناصر خيالن جي سلسلي مان نڪري اچي ٿو.
    هو جڏهن سج جي طرف نهاري ٿو ته پنهنجي مخصوص آوازن سان تيز تيز هلڻ لاءِ هوڪارا ڪري ٿو ۽ رڍون تيز هلڻ شروع ڪن ٿيون.
    ناصر کي سج لهڻ کان پهرين سِڦار جي ڳوٺ پهچڻو هو. ان ڳوٺ ۾ هُن کي اُن عورت سان ملڻو هو، جنهن کي خوابن جي تعبير ڪرڻ جو علم آهي ۽ ٻيو ڪتاب به بدلائڻو هيو. ڏاڙهي ڏانهن ڌيان ڏنو ته اها به وڌي آئي هئي ان کي لاهڻ جو ارادو ڪيو. ڇاڪاڻ ته هُن اهو سوچيو ته واپاريءَ جي اڳيان جيڪڏهن هو صاف سٿرو ۽ معزز ٿي ويندو ته واپاري هن کي پنهنجي ڌيءُ جي سنڱ ڏيڻ کان انڪار نه ڪندو.
    سِڦار جي ڳوٺ پهچڻ شرط هو پهريان اُن عورت سان ملڻ وڃي ٿو. خواب هُن کي گهڻو بيتاب ڪيو هو. عورت جي گهر جي پٺئين پاسي کان هڪ ننڍو ڪمرو ٺهيل هو جنهن جو ڏيک تمام گهڻو عجيب هيو. ڪمري جي چئني پاسن جي ڀتين تي مختلف رنگ جا پڙدا لڳل هئا ۽ پوري ڪمري ۾ بلڪل وچ تي هڪ ننڍي ٽيبل ۽ آمهون سامهون ٻه ڪرسيون پيون هيون.
    عورت ناصر کي سامهون واري ڪرسي تي ويهاري هُن جا ٻئي هٿ پڪڙي ٿي ۽ آهستي آواز ۾ ڪجهه پڙهي ٿي. ائين لڳي ٿو ڄڻ اها عورت ناصر جي دماغ مان ڪا شيءِ تلاش ڪندي هجي. ڪجهه گهڙي کان پوءِ ناصر جي اکين ۾ اکيون وجهي چيو، “اهو سچ آهي ته آءُ خوابن جي تعبير ٻڌائيندي آهيان ۽ هي به هڪڙو ذريعو آهي جنهن کي استعمال ڪندي قدرت انسانن سان مخاطب ٿئي ٿي. خدا جنهن ٻولي ۾ اوهان سان ننڊ ۾ مخاطب ٿئي ٿو انهيءَ کي آءُ پنهنجي علم جي ذريعي پڙهڻ ڄاڻان ٿي. پر هتي ڳالهه اها آهي ته خدا ڪڏهن ڪڏهن صرف انهيءَ انسان سان مخاطب ٿئي ٿو جنهن کي هو ڪا ذميداري سونپڻ چاهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ آءُ به ڪجهه نه ڪري سگهندي آهيان. آءُ پنهنجي علم سان جڏهن تنهنجي ذهن جا سڀ طبق جاچيم ته مونکي ڪو اهڙو خاص خواب نظر نه آيو.” هن عورت ناصر کي چيو.
    ٿوري دير لاءِ ڪمري ۾ بلڪل خاموشي ٿي ويئي. ناصر هڪ لمحي منجهي پيو. ايتري ۾ اُن عورت ناصر کان پئسن جي گهر ڪئي.
    ناصر کي پئسن ڏيڻ کان انڪار ڪونه هيو بس هن تعبير ڄاڻڻ ٿي چاهي. ٻه دفعا بلڪل ساڳيو خواب اچڻ، پريشاني ۽ سوچڻ جي ڳالهه هئي. ناصر عورت کي چيو ته:
    “مون کي هي خواب ٻه دفعا نظر آيو آهي. آءُ ڏٺو ته هڪ سرسبز ميدان ۾ رڍون چري رهيون آهن، ايتري ۾ هڪ ننڍڙو ڇوڪرو نمودار ٿئي ٿو ۽ رڍن سان کيڏڻ شروع ڪري ٿو ۽ رڍون به هن سان مانوس ٿي وڃن ٿيون. مون عمومن ائين ڏٺو آهي ته رڍون ڪنهن اجنبي جي ڌڻ ۾ داخل ٿيڻ سان شور ڪن ٿيون پر هتي:”
    “تون خواب پورو ڪر هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون نه ڪر. مونکي ماني به پچائڻي آهي.” ان عورت ناصر جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو.
    “ان کانپوءِ رڍن سان کيڏندڙ اهو ٻار مون ڏانهن اچي ٿو ۽ پنهنجي ٻنهي هٿن سان مون کي مصر جو ڪو ملڪ آ جتي تمام وڏا ڪي محراب ٺهيل آهن اوڏانهن وٺي وڃي ٿو.”
    ناصر پنهنجو خواب پورو ڪري ٿو. هو اُن عورت کان گهٽ ۾ گهٽ اها ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته واقعي ڪو مصر جو ملڪ آهي ۽ ان ۾ ڪي محراب آهن يا وري اهو سڀ ڌوڪو آ.
    “ٻيو دفعو خواب ۾ تون اڃان ڪجهه وڌيڪ ڏٺو؟” عورت ناصر کان پڇي ٿي.
    “ٻئي دفعي خواب ۾ اهو ڇوڪرو مصر جي محرابن وٽ بيٺو هو ۽ اهڙي طرح سان سڏي رهيو هيو، جنهن مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته مصر جي محرابن تائين وڃڻو پوندو.” ناصر سڀ ڪجهه خواب بابت ٻڌائي ڇڏيو.
    “آءُ توکان هِن خواب جي تعبير جا پئسا ته ڪونه وٺندس، پر هڪڙي ڳالهه جو واعدو ڪرڻو پوندو ته تون جيڪڏهن ڪو خزانو ماڻين ته ان جو ڏهه فيصد مون کي ڏيندين.” هُن عورت ناصر کي چيو.
    ائين پئي لڳو ڄڻ اها عورت خواب جي حقيقت کي سڃاڻي ويئي هئي.
    ناصر اهو سوچيو ته خواب ته خبر ناهي ڪوڙو آ يا سچو پر هن وقت پئسا نه ڏيڻا پوندا اها اهم ڳالهه آهي. ان ڪري جڏهن خزانو ملڻو ئي ناهي ته ڏهه فيصد حصو ڪٿان. ان ڪري واعدي ڪرڻ ۾ ڇاهي.
    “چڱو آءُ توکي تنهنجو حصو ڏيندس پر خواب جي تعبير ته ٻڌاءِ” ناصر هُن عورت کي چيو.
    ان عورت ناصر جا ٻئي هٿ پڪڙيا ۽ وري ڪجهه پڙهڻ لڳي. هن ڀيري ڪجهه وڌيڪ پڙهيو ۽ اکيون بلڪل بند ڪري ڇڏيون. جنهن منجهان لڳو ته هوءَ عورت ناصر جي دماغ جي گهرائين ۾ هلي ويئي آهي.
    اچانڪ عورت اکيون کوليون ۽ عمل پڙهڻ بند ڪيو. “هن خواب جي تعبير ٺيڪ ٺيڪ معلوم ڪرڻ تمام ڏکي ڳالهه آهي. پر آءُ پنهنجي علم جي ذريعي انهيءَ نتيجي تي پهتي آهيان، توکي خواب ۾ نظر ايندڙ اُن ٻار جي ڳالهه ضرور مڃڻ گهرجي. آءُ ۽ تون نه ٿا ڄاڻون ته مصر جا محراب ڪٿي آهن پر ايتري ضرور پڪ اٿم ته اها جڳهه دنيا جي ڪنهن نه ڪنهن حصي ۾ ضرور آهي. تون جڏهن اوڏانهن ويندين ته پڪ ڄاڻ ته توکي ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملندو.” عورت، ناصر کي چيو.
    “پر اهي سڀ وقت ضايع ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون آهن. تون پاڻ ٻڌاءِ ته ڇا اها بيوقوفي نه ٿيندي ته آءُ انهيءَ جڳهه جي سفر لاءِ نڪري وڃان جنهن کي ڪڏهن مون ٻڌو ئي ڪونهي.” ناصر حقيقت واضح ڪئي.
    “مون کي تنهنجي ڳالهه کان ڪو انڪار ڪونهي پر آءُ توکي اڳ ۾ ئي چيو ته خدا ڪجهه خاص ماڻهن کي ڪجهه خاص ذميداريون سونپيندو آهي. اهي خاص ماڻهو ڏاها ٿين ٿا ۽ ڏاهن جو ڪم آهي ته هو خدا جي طرفان مليل هدايتن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن، ڇاڪاڻ ته هر شيءِ پهريان اڻ ڄاڻ هوندي آهي ۽ انهيءَ کي ڄاڻڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻي پوندي آهي” عورت ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “پر آءُ وڃان ڪهڙي طرف، مصر ڪهڙي طرف هوندو؟” ناصر هُن عورت کان پڇيو.
    “اها ته مونکي به خبر ناهي، پر مان اهو ضرور ڄاڻان ٿي ته تون جڏهن مصر مان ڪو خزانو ماڻيندين ته ان جو ڏهه فيصد مونکي ملندو.” عورت هاڻي ناصر مان جان ڇڏائڻ جي ڪئي. ڇو ته ناصر هن جو تمام گهڻو وقت ورتو هو ۽ ٻيو ته انهيءَ وقت جي بدلي هُن کي ڪجهه ملڻو به نه هيو.
    “پر آءُ جيڪڏهن مصر وڃان ئي نه ته پوءِ؟” ناصر هاڻي آخري وار ڪيو. هُن اهو خيال ڪيو ته عورت پنهنجي ڏهه فيصد جي لالچ ۾ ڪجهه وڌيڪ احوال ڏيندي.
    “ته پوءِ ڇا. جيڪڏهن تون مصر نه ٿو وڃين ۽ تون ڪجهه نه ٿو ماڻين ته آءُ ڏهه فيصد تان هٿ کنيو.” عورت هاڻي صفا بيزار ٿي ناصر کي چيو ۽ گهر واري دروازي ڏانهن هلي ويئي ۽ ناصر به ٻاهر نڪري آيو.
    ناصر کي ڏاڍي مايوسي ٿي. هُن کي خواب جي تعبير ڄاڻڻ جو اتساهه ئي ختم ٿي ويو. هُن کي ائين لڳو ڄڻ خواب سڀ ڪوڙا ٿين ٿا ۽ انهن جو حقيقت سان ڪو واسطو ئي نه هجي ٿو. هي خوابن جي تعبير ٻڌائڻ وارا صرف پئسن ڪمائڻ جي چڪر ۾ ماڻهن کي ٺڳين ٿا. هن جو هٿ ڏاڙهي تائين کڄي وڃي ٿو ۽ هن جي خيالن جو سلسلو ٽٽي وڃي ٿو. هن کي واپاري وٽ وڃڻو آهي ۽ ڪو ٿلهو ڪتاب خريد ڪرڻو آهي. هن رڍون پنهنجي هڪڙي ريڍار دوست وٽ ڇڏيون هيون، اهي هن کي واپاري جي ڳوٺ ڪاهي وڃڻيون هيون. ريڍارن کي هر ڳوٺ ۾ پاڻ جهڙن دوستن جي ضرورت پوي ٿي. انهيءَ ڪري ناصر جا به ڪافي ڳوٺن ۾ ڪافي دوست هئا جن سان هو گاهي به گاهي ملندو رهندو هو.
    هو سوچي ٿو ته دنيا ڪيتري نه وسيع آهي. هڪ ئي هنڌ کوهه جي ڏيڏر وانگر زندگي گذاريندڙ ماڻهو ڪيترا نه غلط آهن. انسان جيڪڏهن پوري دنيا جو نه تڏهن به ڪجهه حصن جو سير ضرور ڪري. ناصر جو پنهنجي پيءُ ماءُ جي ڳوٺ کان روح به ان ڪري کڄيو ته هو روز هڪڙي ئي ڪرت ڪندو هو ۽ هڪڙن ئي ساڳين ماڻهن کان ساڳيون ڳالهيون ٻڌندو هو. ان کان وڌيڪ تنگ ڪندڙ ڳالهه هن لاءِ اها هئي ته هُن جو استاد هميشه اها ڪوشش ڪندو رهندو هو ته شاگردن کي پنهنجي سوچ مطابق ڪيئن هلائي. استاد پاڻ کي ڪڏهن به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. ناصر هِن وقت تائين اهو ئي ڄاتو هو ته هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کي بدلائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري، ايتري قدر جو اسان جا پيءُ ماءُ به اولاد کي پنهنجي سوچ مطابق هلائڻ چاهين ٿا.
    “ڪيڏانهن پيو وڃين؟” ڪتابن جي دڪاندار ناصر کي رڙ ڪري چيو ۽ ناصر جي خيالن جو سلسلو ٽٽي پيو. هُو ڪتابن جي دُڪان ۾ اندر گهڙي ٿو ۽ هڪ ٿلهو ڪتاب کڻي، سنهو ڪتاب دڪان واري سان تبديل ڪري ٿو ۽ بقايا جيڪي پئسا لڳنس ٿا اهي ڏيئي، ريڍار دوست وٽ اچي ٿو. رڍون ڪاهي اچي هڪ وڏي وڻ جي ڇانو هيٺان ٿائنيڪو ٿئي ٿو. اونهاري ۾ ڏينهن جي وچ واري حصي ۾ ڄڻ هر شي بيهي وڃي ٿي. اس جي تپش کان هرڪو ڇانوري واريون جڳهيون ڳولهي ٿو.
    ناصر نئون خريد ڪيل ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ٿو. ڪتاب جي شروعات ۾ ئي ڪنهن جي تدفين جو ذڪر آهي ۽ انهيءَ رسم ۾ موجود ماڻهن جا نالا به ليکڪ ڳڻايا آهن. هڪ ته ايترا گهڻا نالا ٻيو وري انهن کي اُچارڻ ايترو ڏکيو. ڪتاب جو پهريون صفحو به پورو نه ٿيو جو ناصر تنگ ٿي ڪتاب بند ڪري ڇڏيو. هُنَ پهه ڪيو ته جيڪڏهن هُن ڪڏهن زندگيءَ ۾ ڪو ڪتاب لکيو ته ان ۾ صرف هڪڙو ئي نالو هوندو جنهن کي ماڻهو پڙهڻ ساڻ ئي ياد ڪري وٺن.
    ناصر کي وري اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو خيال اچي ٿو. هُن جي وارن ۽ ڪارن گهاٽن نيڻن جي خوبصورت خيالن هن (ناصر) کي پنهنجي آسپاس کان ڪٽي ڇڏيو.
    “هو ماڻهو ڇا پيا ڪَن” ناصر کي ڪنهن آواز ڏنو، ڇوڪريءَ جا خيال ٽٽي وڃڻ ڪري ريڍار کي ڪاوڙ آئي.
    آواز ڏيندڙ هڪ بزرگ شخص هيو.
    “ڏسو ڪونه پيا ته ماڻهو ڪنهن نئين جڳهه جي تعمير لاءِ ڪم پيا ڪن.” ناصر ٿورو رُخو ٿي جواب ڏنو. جنهن تي هن کي ڪجهه پشيماني ٿي. پر هُن جي دماغ ۾ هينئر صرف اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ ڇانيل هئي. ناصر ڇوڪريءَ جو سنڱ گهرڻ جي منصوبه بندي ڪرڻ ٿي چاهي. اِها ڳالهه هو پاڻ سان ڪيترائي دفعا ڪري چڪو آ پر وري وري ورجائڻ سان هُن کي عجيب سُرور ٿي آيو.
    “مونکي ڪجهه پاڻي ملي سگهندو؟” هن بزرگ شخص چيو. هو اڃان ويو ڪونه هو شايد هُن کي اُڃ لڳي هئي انهيءَ ڪري ناصر سان هروڀرو ڳالهايو هو. ڌنار کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ هن بزرگ کي پاڻي ڏنو.
    “هي ڪتاب پڙهڻ ۾ ڪيئن آهي؟” بزرگ ناصر کان پڇيو.
    ناصر هڪ ته هُن پوڙهي مان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ٻيو وري ڪتاب اڃان هُن پڙهيو ئي ڪونه هو ته ان بابت ڇا ٻڌائي ان ڪري چپ ڪري ويٺو.
    “هي ڪتاب سٺو ته آهي پر ڏاڍو منجهائيندڙ آهي.” بزرگ ڪتاب بابت ناصر کي ٻڌايو.
    ناصر دنگ رهجي ويو. هُن سمجهيو ته بزرگ شخص اڻپڙهيل هوندو، پر هي لفظ ٻڌي حيران ٿي ويو.
    پوڙهي شخص ريڍار کي تعجب ۾ ڏسي وري ڳالهايو: “هي ڪتاب سڀن ڪتابن وانگر هڪ عام ڳالهه سمجهائڻ لاءِ لکيل آهي.”
    “عام ڳالهه! ڪهڙي عام ڳالهه؟” ناصر بزرگ مان متاثر ٿيندي پڇيو.
    “اها ئي ته انسان پنهنجي منزل تائين تيستائين نه ٿو پهچي سگهي جيستائين قدرت نه ٿي چاهي.” بزرگ ريڍار کي ٻڌايو. بزرگ ٿوري دير لاءِ چپ رهي وري چيو:
    “اهو هڪ وڏو ڪوڙ آهي ته منزل طرف ويندڙ هر راهه جو تعين انسان پاڻ نه پر انسان جي قسمت ڪري ٿي.”
    “پر مون ته ائين ڪڏهن نه سوچيو آهي. منهنجي پيءُ ماءُ مون لاءِ ڪجهه ٻيو سوچيو هو پر آءُ اُهائي راهه چونڊي جيڪا مونکي صحيح لڳي.” ريڍار بزرگ جي ڳالهه کي رد ڪندي چيو.
    “اها ڳالهه تعريف جوڳي آهي ته تون مختلف راهون چونڊين ٿو ۽ انهن جو تعين به پاڻ ڪرين ٿو.” بزرگ ناصر کي چيو.
    ناصر پهريون دفعو هُن بزرگ کي غور سان ڏٺو. هو ڪنهن عرب ملڪ جو باشندو ٿي لڳو. هن پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪافي عرب تاجر ڏٺا هئا، جيڪي پنهنجي ملڪ مان کڻي آيل شين جي تجارت ڪندا هئا. هي بزرگ به انهن جهڙو ٿي لڳو.
    “اوهين ڪهڙي ملڪ کان آيا آهيو؟” ناصر پڇيو.
    “ائين سمجهه آءُ ڪيترين ئي جڳهين جو رهاڪو آهيان.” بزرگ وراڻيو.
    “مون سمجهيو ڪونه، هر ماڻهو ڪنهن هڪڙي جڳهه تي ڄمي ٿو، جيڪو هن جو ديس هجي ٿو پوءِ چاهي هو ڪيترائي ديس ڇو نه گهمي.” ريڍار بزرگ کي چيو.
    “ها ڄمڻ جو جيستائين تعلق آهي ته آئون سَيلم ۾ ڄائو هئس.” بزرگ چيو.
    ناصر جو تجسس وڌي ويو. سَيلم مُلڪ جو نالو هُن پنهنجي پوري زندگيءَ ۾ نه ٻڌو هو. پر هُن بزرگ کان ان ملڪ جي باري م پڇڻ نه چاهيو ڇاڪاڻ ته هن کي گفتگو ختم ڪرڻي هئي. پر مسئلو اهو هو ته بزرگ ڄڻ وڃڻ لاءِ تيار ئي نه هو ۽ ناصر اخلاقي طور تي هن سان رخو ٿيڻ نه ٿي چاهيو. “اوهين ڇا ڪندا آهيو؟” ناصر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي گفتگو جاري رکي.
    “آءُ سَيلم ملڪ جو بادشاهه آهيان ۽ منهنجو نالو عبدالله آهي.” بزرگ وراڻيو.
    عجيب ڳالهه هئي پر ناصر کي ڳالهه ٻڌي تعجب نه لڳو، ڇاڪاڻ ته هو عجيب ڳالهين ٻڌڻ جو ۽ عجيب خواب ڏسڻ جو ڪجهه عرصي کان عادي ٿي ويو هو. ان ڪري هِن ڳالهه کي به عام ڳالهه وانگر ڏٺو.
    “تو وٽ رڍون ڪيتريون آهن؟” بزرگ پڇيو.
    “منهنجي گذاري لاءِ ڪافي آهن.” ناصر هاڻي بلڪل گفتگو کي وڌائڻ نه ٿي چاهيو.
    “جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ آءُ تنهنجي ڪابه مدد نه ٿو ڪري سگهان. تون پاڻ ئي نه ٿو چاهين ته ڪنهن وڏي منزل کي حاصل ڪجي.” بزرگ ريڍار کي چيو.
    “مونکي ڪنهن جي مدد جي ضرورت ناهي. آءُ هاڻي هلان پيو.” ناصر ائين چئي رڍن کي هڪلڻ لڳو ۽ بزرگ کان ڪجهه اڳڀرو نڪري آيو.
    “جيڪڏهن تون هنن رڍن منجهان پنج رڍون مونکي ڏين ته آءُ توکي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته مصر ڏانهن ڪيئن وڃجي.” بزرگ ناصر کي تيز آواز ڏيئي چيو ۽ آهستي آهستي ناصر ڏانهن وڌڻ لڳو.
    ناصر ڪجهه لمحن لاءِ ڄمي بيهي رهيو. هن کي لڳي ٿو ته بزرگ شايد خوابن بابت علم رکندڙ عامل آهي يا وري اُن پوڙهي عورت جو مڙس آهي، جيڪا پئسن وٺڻ لاءِ هيءَ سڀ چالاڪي ڪري رهي آهي.
    ناصر ڪجهه چئي، ان کان اڳ بزرگ ناصر کان رڍن کي هڪلڻ وارو لڪُڻ وٺي، واريءَ تي ڪجهه لکڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ وقت هڪ عجيب روشني ڦهلجي وڃي ٿي، جو ناصر کي ڪجهه لمحن لاءِ واريءَ تي ڪا شيءِ نظر نه ٿي آئي پر جڏهن روشني ختم ٿئي ٿي ته واريءَ تي بزرگ پاران لکيل عبارتون صاف نظر آئيون. ريڍار بلڪل حيران ٿي وڃي ٿو، واريءَ تي هن جي پيءُ ماءُ جا نالا لکيل هئا ۽ وڌيڪ حيرت ڪندڙ اهو نالو هو جيڪو هن کي به معلوم نه هو. اهو نالو اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو هو. بزرگ اهي ڳالهيون به لکيون هيون جيڪي ناصر اُنهيءَ ڇوڪريءَ لاءِ سوچيندو هو. اُهي ڳالهيون ته هُن ڪڏهن به ڪنهن ريڍار دوست سان نه ڪيون هيون.
    ”هي سڀ ڳالهيون اوهين ڪيئن ڄاڻيو ٿا؟“ ناصر حيرت مان بزرگ کان پڇيو.
    ”آءُ سَيلم ملڪ جو بادشاهه آهيان ۽ مون کي سڀ خبر آهي.“ بزرگ چيو.
    ”پر ڪنهن ملڪ جو بادشاهه مون کي ڪنهن اهڙي هنڌ جو ڏس ڇو ڏيندو، جتي مون کي ڪا نه ڪا شيءِ ملندي هجي. بادشاهه ته اِهو چاهيندا آهن ته دنيا جا سڀ خزانا هنن وٽ هجن.“ ناصر دراصل ڳالهه اڻ سڌيءَ طرح ڪئي پر هن بزرگ کان مصر بابت ڄاڻڻ لاءِ اها ڳالهه ڪئي.
    “ڪيترائي سبب آهن جن کي وقت گذرڻ سان ڄاڻي سگهندين. هن وقت تو لاءِ اهو ضروري آهي ته تون پنهنجي منزل تائين پهچڻ جو طريقو ڄاڻي سگهين.” بزرگ ناصر کي چيو.
    پر ريڍار کي اڃان تائين اها ڄاڻ نه ملي ته هن جي منزل اصل آهي ڇا. انهيءَ کان اڳ جو ناصر ڪجهه چئي بزرگ وري ڳالهايو:
    “تنهنجي زندگيءَ جو اهو ئي مقصد هيو نه ته تون پنهنجي منزل ماڻي سگهين، انهيءَ ڪري تون هڪ هنڌ ويهڻ بدران سفر ڪرڻ کي ترجيح ڏني. جيڪا هڪ تمام سٺي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته منزل طرف سفر ڪرڻ ڪنهن پوڙهي جو نه پر نوجوان جو ڪم هوندو آهي. جوانيءَ واري دؤر ۾ ارادا مضبوط هجن ٿا ۽ ڪابه شيءِ ڄڻ ناممڪن نه ٿي لڳي. هڪ اڻ ڄاتل پر مضبوط سگهه هجي ٿي، جيڪا نوجوانن کي خوابن کي ساڀيان ڪرڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي، پوءِ چاهي هنن جي زندگيءَ کي ڪيترو به خطرو ڇو نه هجي. انسان جيئن جيئن عمر رسيده ٿيندو وڃي ٿو ته هُن منجهان منزل کي حاصل ڪرڻ جي اميد ختم ٿيندي وڃي ٿي. آخرڪار هو منزل ماڻڻ کان بغير زندگي گذاري ٿو ۽ انهيءَ کي قسمت جو لکيو چئي ٿو.”
    ناصر اهو سڀ ٻڌڻ کانپوءِ به اهو نه ڄاڻي سگهيو ته هُن کي منزل ڪيئن ملندي ۽ خزانو مصر جي محرابن تي ڪٿي ملندو. هينئر ته هُن اهو ڄاڻڻ چاهيو ته اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ کي متاثر ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقو پاڻ ۾ آڻجي ۽ اها خزاني واري ڳالهه ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڪيئن ٻڌائي جو هو اها ڳالهه ٻڌي پنهنجي ڌيءُ جو هَٿُ هُن جي هٿ ۾ ڏئي.
    “انسان اِها اڻ ڄاتل قوت پنهنجي لالچ جي طور تي به استعمال ڪري سگهي ٿو ۽ جنهن کي استعمال ڪرڻ سان پنهنجو مقصد حاصل به ڪري سگهي ٿو پر غلط نموني سان استعمال ڪيل دل ۽ ذهن سدائين غلط صلاحون ئي ڏيندو.” بزرگ ڄڻ ته ناصر جو ذهن پڙهي ورتو هو. بزرگ ريڍار کي وڌيڪ چيو ته:
    “اسين ڪير به هجون ۽ ڇا به ڪيون پر جنهن مقصد لاءِ سچي دل سان محنت ڪيون ٿا اهو ضرور ماڻيون ٿا. هن دنيا ۾ انسان جي اچڻ جو هڪڙو ئي مقصد آهي ته هو مسلسل جدوجهد ڪري. جيڪڏهن جدوجهد ڪنهن سٺي مقصد لاءِ آهي ته نتيجو يقينن سٺو نڪرندو.” بزرگ ڪجهه لمحي لاءِ وڏو ساهه کنيو.
    هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ کانپوءِ وري چيو ته:
    “تون کڻي واپاريءَ جي ڌيءُ سان شادي ڪرڻ چاهين، سفر ڪرڻ چاهين يا وري خزاني جي تلاش لاءِ نڪري وڃين. تون جهڙي طرح سان به خوش ٿيڻ چاهين ٿو ٿي سگهين ٿو يا وري پريشانين ۾ مبتلا رهي ۽ بغض ۽ ڪينو دل ۾ رکي زندگي گذاري سگهين ٿو. هي سڀ انسان جي اندر جا احساس آهن، جيڪي هُن کي هُن جي مقصد ماڻڻ ۾ مدد ڏين ٿا. ياد رک! جڏهن به ڪو منزل طرف وڌي ٿو ته ڪائنات ۾ موجود هر شيءِ هُن جي مدد ڪري ٿي.”
    هڪ عجيب خاموشي ڇائنجي ويئي. پريان جيڪي ماڻهو ڪم ڪري رهيا هئا انهن جي شايد منجهند جي مانيءَ جو وقفو هيو. انهيءَ ڪري هو دڪانن تان ۽ بيڪري تان ڪجهه کائڻ لاءِ وٺي وڻن جي ڇانو هيٺان ويهي کائي رهيا هئا ۽ پاڻ ۾ حال به اوري رهيا هئا. ناصر جي دماغ ۾ بزرگ جا آخري لفظ “ياد رک” هر هر ٻُرڻ لڳا.
    “تون رڍون ان ڪري پاليون آهن ته تون نيون نيون جڳهيون گهمي سگهين ۽ ڪجهه ڪمائي به وٺين” بزرگ خاموشي ٽوڙي ٿو ۽ چئي ٿو:
    “هو بيڪري وارو ڏس.” بزرگ ٿورو پريان بيڪري جي مالڪ ڏانهن اشارو ڪندي ناصر کي چيو.
    ناصر بيڪريءَ جي مالڪ ڏانهن نهاريو جيڪو ڪنهن مزدور کي کائڻ لاءِ ڪا شيءِ ڏيئي رهيو هو.
    “هو بيڪري وارو جڏهن ننڍو هيو ته هن کي نين نين جڳهين گهمڻ جو تمام گهڻو شوق هيو، پر هُن اهو سوچيو ته پهريان ڪجهه ڪمائڻ جو ذريعو ڪجي. هن ڪجهه پئسا ڪمايا ان کان پوءِ هُن بيڪري خريد ڪئي. هن سوچيو ته بيڪريءَ منجهان ڪمايل پئسن مان ڪجهه پئسا بچائيندو ويندو ۽ پوءِ ڪيڏانهن گهمڻ ويندو. هينئر هو پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ هن ۾ گهڻي سفر ڪرڻ جي همت به نه رهي آهي. هو صرف ڪن بيجان شين ۽ جڳهين کي ڪنهن هنڌ وڃي ڏسي اچي ته سگهي ٿو، پر هن منجهان ڪنهن بي مثال ڪم ڪرڻ جي اميد ئي نه ٿي ڪري سگهجي.” بزرگ بيڪري واري جي زندگيءَ بابت ناصر کي ٻڌايو.
    “پوءِ هُن مون وانگر ڌنار ٿيڻ يا اهڙو ئي ڪو ٻيو ڪم ڇو نه ڪيو؟” ناصر پڇيو.
    “بيڪريءَ ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪمائي آهي. آءُ توکي اڳ ئي ٻڌايو نه ته انسان پنهنجا احساس پنهنجون خواهشون ۽ ڪوششون هر طرح سان استعمال ڪري سگهي ٿو پر جڏهن لالچ لاءِ استعمال ڪري ٿو ته هُن کي هڪ محدود دائري ۾ گهمڻو پوي ٿو. بيڪريءَ ۾ ڪمائي آهي، هڪ هنڌ وٿاڻ آهي ان جي ابتڙ ريڍار جابلو علائقا ته ڪڏهن پراوا ڳوٺ گهمندو وتي ٿو. ڇوڪريون انهن ماڻهن سان شادي ڪرڻ پسند ڪن ٿيون جن جو هڪ هنڌ ڪو ٺڪاڻو هجي.”
    بزرگ جيئن ئي اها ڳالهه پوري ڪئي ته ناصر جو ڌيان اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ ڏانهن ڇڪجي ويو. هُن کي خيال آيو ته هُن ڇوڪريءَ جي ڳوٺ ۾ پڪ ڪونه ڪو بيڪريءَ وارو هوندو جنهن سان هن اپسرا شادي ڪري ڇڏي هوندي.
    “آءُ سڀ توکي اُن ڪري ٻڌائي رهيو آهيان ته ڪا منزل تنهنجو انتظار ڪري رهي آهي. تون جيڪڏهن هُن اپسرا (اُنَ جي واپاري جي ڌيءُ) سان شادي ڪري ڇڏيندين ته پنهنجي وڏي مقصد ماڻڻ کان محروم ٿي ويندين.” بزرگ ريڍار جي خيالن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو.
    “تون ڇا سڀن ماڻهن ڏانهن وڃي اهو ٻڌائين ٿو ته منزل جو تعين ڪيئن ڪرڻو آهي؟” ناصر ڪجهه ڪاوڙ مان چيو. هُن کي اپسرا سان شادي کان جهلڻ واري ڳالهه پسند نه آئي.
    “آءُ ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ماڻهن جي مدد ڪرڻ چاهيندو آهيان. ڪڏهن ڪنهن مشڪل ڪم کي آسان ڪرڻ لاءِ ته ڪڏهن سٺن خيالن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ. پر ماڻهن کي اهو احساس گهٽ هوندو آهي ته هنن کي منهنجي مدد جي ڪيتري نه شديد ضرورت آهي.” بزرگ ريڍار کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انسان کي هرهنڌ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان مدد جي ضرورت پوي ٿي.
    “مونکي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ کاڻ جي مزدور ڏي موڪليو ويو جنهن کي هڪ انمول هيري جي تلاش هئي. هُن چاهيو ٿي ته هُن کي اهڙو ڪو هيرو ملي جيڪو بلڪل اڻ ڏٺل هجي ۽ تمام گهڻو قيمتي هجي. هن شخص پورا پنج سال دل و جان سان هيرن جواهرن جي کاڻين ۾ ڪم ڪندو رهيو. هُن هيري کي ڳولهڻ لاءِ تمام گهڻو ڪجهه وڃايو. بس هتان کان منهنجو ڪم شروع ٿيو. هڪ ڏينهن جڏهن هو هڪ نديءَ وٽ پٿر جي تلاش ۾ هيو ته آئون هُن جي پيرن کي اچي ڪوهه نور جي روپ ۾ لڳس.”
    “پوءِ ڇا ٿيو؟” ناصر صبر نه پئي ڪري سگهيو.
    بزرگ ٿورو مرڪيو ۽ چيو ته: “هن پريشاني جي عالم ۾ اهو سمجهيو ته هي به ڪو عام پٿر آهي ۽ ڏسڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ڪيائين. هُن انهيءَ ڪوهه نور کي کڻي ايترو ته زور سان اڇليو جو پٿرن سان ٽڪرائڻ جي ڪري ڪوهه نور ذريون ذريون ٿي ويو. هيري جي ذرين کي ڏسڻ کانپوءِ هن کي خبر پئي ته هي دنيا جو قيمتي هيرو هيو.” ٻئي ڄڻا چپ ٿي ويا.
    “ڪڏهن ڪڏهن انسان منزل جي ويجهو پهچي به منزل نه ماڻي سگهندو آهي ڇو ته قدرت آخري لمحن تائين انسان جو صبر آزمائڻ چاهي ٿي ۽ جيڪي انسان صبر جي امتحان ۾ ڪامياب وڃن ٿا اهي ئي منزل ماڻن ٿا.” بزرگ ڳالهه ختم ڪئي.
    “آءُ اوهان جي ڳالهين کان انڪار نٿو ڪري سگهان ڇاڪاڻ ته اوهان جيڪي ڪجهه هينئر چيو اهو بلڪل سچ آهي. اوهان منهنجي منزل بابت ڇا چوندؤ. آءُ اوڏانهن ڪيئن وڃان جنهن جي مونکي خبر ئي ناهي؟” ناصر بزرگ کان متاثر ٿيندي چيو.
    “توکي آءُ تنهنجي منزل جو راز تڏهن ٻڌائيندس جڏهن تون پنجن رڍن کي منهنجي حوالي ڪندين.” بزرگ ريڍار کي چيو.
    “آءُ خزاني جو ڏهه فيصد حصو ڏيڻ لاءِ هڪ عامل عورت سان واعدو ڪري آيو آهيان.” ناصر چيو.
    “ياد رک! جيڪڏهن تون ڪنهن شيءِ کي ماڻڻ کان اڳ ئي ورهاست جون ڳالهيون ڪندين يا ايتري قدر واعدا ڪندين ته تون ان شيءِ جي حاصل ڪرڻ جو اتساهه وڃائي ويهندين. ڇو ته توکي اهو لڳندو ته تون ڪجهه حاصل ئي نه ڪري رهيو آهين. هن عورت پنهنجي حاصل ڪيل علم جي ذريعي توکي همت ڏياري ته تون منزل طرف وڌين. هاڻي تنهنجو به فرض ٿئي ٿو ته تون پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪرين.” بزرگ ڌنار کي سمجهايو.
    “سڀاڻي هن ئي جڳهه تي پنجن رڍن ساڻ اچجانءِ آئون توکي تنهنجي منزل ٻڌائيندس.” بزرگ هليو وڃي ٿو.
    ناصر کي بزرگ جون ڳالهيون سچيون ته لڳيون هيون پر پوءِ به هُن کي اڻ ڄاتو شڪ اچي ويٺو هو. هو بيڪريءَ تائين وڃي ٿو کائڻ لاءِ ڪجهه وٺي ٿو، مالڪ کي پئسا ڏئي ٿو. هڪ لمحي لاءِ هن کي خيال آيو ته هو بيڪريءَ واري کي ٻڌائي ته سير سفر لاءِ جيڪي پئسا هن جمع ڪيا آهن، اهي هينئر ڪنهن ٻئي ڪم آڻي ڇڏي. ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن جو ڪم نه رهيو آهي. پر وري اهو سوچيائين ته ڪي شيون انهيءَ حالت ۾ ڇڏي ڏجن، جنهن ۾ هو آهن. ڀل اهي ڪارگر نه به هجن پر انهن جو ٿيڻ ضروري هجي ٿو. انهن ڳالهين منجهان ٻين کي سبق حاصل ٿئي ٿو. هو بيڪري کان نڪري اچي ٿو.
    رڍن جي آواز تي هو انهن بابت سوچڻ لڳي ٿو. پورن ٻن سالن ۾ رڍن بابت حاصل ڪيل معلومات بابت سوچي ٿو. رڍن جي اُنَ ڪيئن روڙي لاهجي ۽ ڪٿي کپائجي. رڍن جي ٻچن ڏيڻ جي ڪهڙي مند هجي ٿي ۽ انهيءَ لاءِ ريڍار کي ڇا ڪرڻو پوي ٿو وغيره. هي سڀ ڳالهيون ناصر انهيءَ ڪري سوچي ٿو ته متان سڀاڻي هو رڍون کپائي نه ڇڏي. هن کي بزرگ اشارن ئي اشارن ۾ ايترو ته ٻڌائي ڇڏيو هو ته مصر آفريڪا ۾ آهي. پر اوڏانهن ڪيئن وڃڻو آهي ۽ ڇا ڪرڻو آهي ان جي ڄاڻ هُن کي سڀاڻي ملڻي هئي.
    ناصر اوچائي واري جڳهه تي چڙهي آفريڪا نهاري ٿو. هن ٻڌو هو ته آفريڪا سڄو صحرا آهي. صحرا ۾ رهڻ ڪيترو نه مشڪل هوندو. هن ساڄي پاسي ڏٺو ته هُن کي اها جڳهه نظر آئي، جتي هو بزرگ سان مليو ۽ ان جي ڳالهين ۾ اچي رڍن کپائڻ جو ارادو ڪيو. رڍن هن جو هر وقت ساٿ ڏنو آهي. ايتري تائين جو رڍن کي ڪتابن پڙهڻ سان ڪوبه لڳاءُ ڪونهي، پر پوءِ به جڏهن هن رڍن جي اڳيان ويهي ڪجهه پڙهيو آهي ته رڍن خاموشي سان ويهي ٻڌو آهي. جيڪڏهن هو رڍن کي کپائي ٿو ته هُن کي سڄي زندگي پڇتاءُ ٿيندو. ناصر دل ۾ سوچي ٿو.
    آخر هو فيصلو ڪري ٿو ته رڍون ئي هن لاءِ سڀ ڪجهه آهن. هُن جو اصل خزانو آهن. بس! هڪ ٻي ڳالهه جيڪا هن جي دل ۾ جاڳي اها هئي اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ سان شادي جنهن لاءِ هن کي ريڍار جي ڪرت ڇڏڻي هئي. ڇوڪريءَ جو خيال به دل مان لاهي ڇڏيائين ڇاڪاڻ ته هُن جي حاصل ڪرڻ لاءِ به رڍون کپائڻيون هيون. هو سوچي ٿو ته انسان ڪڏهن ڪڏهن جانورن سان قائم ٿيل رشتن کي نه ٿو سڃاڻي سگهي. هن وقت هو پنهنجي پيءُ ماءُ کي به ڏاڍو ياد ڪري رهيو هو. انهن جو به هِن سان رشتو هو پوءِ اهو ڇو ڇني انهن کان ڏور هليو آيو. هن کي احساس ٿيو ته رشتا ڇا ٿيندا آهن.
    هوا جو تيز جهونڪو لڳو ته هُن کي خيال آيو ته هو سڦار ڳوٺ جي اوچائي واري هنڌ تي بيٺو آهي. ناصر چارئي طرف نهاري ٿو، اندلس جي ٻين ڳوٺن تي به نظر پئيس ٿي. وري هو آفريڪا جي طرف ڏسي ٿو ۽ انهن ماڻهن بابت سوچي ٿو جيڪي هيرا ۽ جواهر هٿ ڪرڻ لاءِ آفريڪا ويندا هئا. مصر ۾ به ضرور ڪجهه نه ڪجهه هوندو. هو پاڻ کي هڪ طرح سان آٿت ڏيندي چوي ٿو ته “جڏهن انسان ٻئي انسان سان جڙيل رشتي جي باوجود به هڪ ٻئي کان ڌار رهي سگهي ٿو ته هي رڍون ڇو نه ٿيون رهي سگهن.”
    هو بنا ڪنهن فيصلي جي رڍن ڏانهن وَري ٿو.

    ______
     سڦار ڳوٺ اندلس ملڪ ۾ ڄاڻايل آهي. اُندلَس اصل ۾ اسپين جو پراڻو نالو آهي. مسلمان جڏهن هن ملڪ تي حڪومت ڪندا هئا ته اسپين جو نالو اندلس هو.


    باب ٻيو

    ٻئي ڏينهن تي ناصر پنهنجون سڀ رڍون کپائي باقي پنج رڍون کڻي اچي ان جڳهه تي پهچي ٿو، جتي هو ڪالهه بزرگ سان مليو هيو. ٿوريءَ دير ۾ سيلم جو بادشاهه عبدالله به اُتي پهچي ٿو.
    “منهنجي دوست مون کان سڀ رڍون خريد ڪيون، هي پنج رڍون آءُ اوهان لاءِ آنديون آهن.” ناصر، بزرگ کي چيو.
    “تنهنجي دوست رڍون صحيح قيمت ۾ خريد ڪيون؟” بزرگ پڇي ٿو.
    “آءُ حيران آهيان ته منهنجي دوست مون کان ايتري سٺي قيمت ۾ رڍون ڪيئن ورتيون.” ناصر وراڻيو.
    “انهيءَ کي چوندا آهن قدرت جو مهربان ٿيڻ. منزل کي سڃاڻڻ وارن لاءِ راهون آسان ڪري ڏيڻ قدرت جي اولين ترجيح هوندي آهي. راهن جي ٿورڙي به آساني انسان جي اندر منزل کي ماڻن جو جذبو پيدا ڪري ٿي.”
    اهو چئي بزرگ رڍن کي ڏسڻ لڳو. انهن پنجن رڍن منجهان هڪڙي رڍ هڪ اک کان خراب هئي. بزرگ ڇوڪري ڏانهن ڏٺو، ۽ ڇوڪري کيس ٻڌايو ته هي رڍ ڀل ڪاڻي ڇو نه هجي پر اُنَ ڏيڻ ۾ هن جو ڪو مقابل ناهي.
    “هاڻي توهان مون کي خزاني بابت ٻڌايو.” ڇوڪري پنهنجي مطلب جي ڳالهه چئي.
    “اهو توکي مصر جي محرابن ڀرسان ملندو.” بزرگ هڪ غير مطمئن جواب ڏنو.
    “هن پوڙهي عورت به ساڳيو جواب ڏنو ۽ اوهين هي پنج رڍون وٺي ساڳيو ڏس ڏئي رهيا آهيو، ان مان فائدو ڪهڙو؟” ڇوڪري احتجاجن چيو.
    “تون هاڻي صرف ئي صرف انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي جيڪي غور طلب آهن. قدرت طرفان جلد توکي اهڙيون نشانيون ملنديون، جن کي تون سڃاڻڻ کانپوءِ منزل طرف گامزن ٿي ويندين.” بزرگ ناصر جي تجسس کي اڃان وڌائي ڇڏيو.
    ان کان اڳ جو ڇوڪرو قدرت جي نشانين کي سڃاڻڻ بابت ڪجهه پڇي هڪ رنگ برنگي پوپٽ هُنن ٻنهي جي اڳيان اڏامندو اچي ٿو. ناصر کي پنهنجي ڏاڏي جي ڳالهه ياد اچي ٿي جنهن کيس جانورن جي بابت ٻڌايو هو ته ڪهڙا ڪهڙا جانور انسانن جي لاءِ قدرت جي طرفان ڪو پيغام کڻي اچن ٿا. پوپٽ جو اڳيان گذرڻ معنى قسمت جو کلڻ آهي، ۽ ڪانوءُ ڪنهن گهر ۾ گهڻي دير تائين آواز ڏيئي ته معنى مهمان اچڻو هوندو آهي. ٻڪرين ۽ رڍن جو ڪنهن زلزلي يا آفت اچڻ کان ٿوري دير پهرين پريشاني ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ به قدرت وٽان هڪ نشاني آهي.
    “تنهنجي ڏاڏي توکي صحيح ٻڌايو هو، پر حقيقت ۾ اهو سڀ محض نشاني لاءِ آهي. اهڙن طريقن سان قدرت انسان سان مخاطب ٿئي ٿي.” بزرگ ڇوڪري جو ذهن پڙهندي چيو. ان کان پوءِ اهو بزرگ پنهنجي مٿي تان عربن وارو رومال لاهي ٿو ته ڇوڪرو هن جي مٿي تي پيل تاج ڏسي وٺي ٿو ۽ هن کي يقين اچي ٿو ته بزرگ واقعي سيلم جو بادشاهه آهي. هن جي تاج ۾ تمام قيمتي هيرا ۽ پٿر جڙيل هيا.
    بزرگ پنهنجي تاج منجهان ٻه پٿر هڪ اڇي رنگ جو ٻيو ڪاري رنگ جو پٿر ڪڍي ٿو ۽ ڇوڪري کي ڏيندي چوي ٿو ته:
    “هي ڪارو پٿر ياقوت آهي ۽ اڇو پٿر مرجان آهي. ٻئي پٿر توکي ان وقت ڪم ايندا جڏهن قدرت طرفان مليل ڪنهن نشاني کي سڃاڻڻ ۾ مونجهاري جو شڪار ٿيندين.” بزرگ ساهي پٽي ٿو ۽ وري چئي ٿو:
    “جڏهن به تون مشڪل ۾ ڪو فيصلو ڪرين ۽ جيڪڏهن هنن پٿرن کان ڪجهه ڄاڻڻ چاهين ته هو يقينن فيصلي ڪرڻ ۾ تنهنجي مدد ڪندا. ياقوت اها نشاندهي ڪندو ته تنهنجو ڪيل فيصلو “صحيح” آهي ۽ مرجان تنهنجي فيصلي جي “غلط” هجڻ جي آگاهي ڏيندو.” بزرگ ڪجهه لمحن لاءِ ساهي کڻي ٿو ۽ وري چئي ٿو:
    “تون جيڪي ڪجهه ڪرين ۽ ڪيڏانهن به وڃين پر اهو ياد رکجانءِ ته تنهنجي منزل مصر جي محرابن ڀرسان آهي ۽ قدرت تنهنجي منزل کي تڏهن آسان ڪندي جڏهن تون ان جي ماڻڻ جي ڪوشش ڪندين.”
    ڇوڪرو ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پٿرن کي پنهنجي قميص جي کيسي ۾ رکي ٿو ۽ دل ۾ اهو ئي ارادو ڪري ٿو ته فيصلا سڀ آءُ پنهنجا پاڻ ڪندس پٿر مون کي ڇا ٻڌائيندا.
    بزرگ ڇوڪري جي ڪلهي تي هٿ رکي چوي ٿو، “ويندي ويندي آءُ هڪ ڪم جي ڳالهه ٻڌائڻ ٿو چاهيان. هڪ ڳوٺ جي دڪاندار هڪ ڏينهن پنهنجي پٽ کي هڪ ڪم سونپيو، ڪم اهو هو ته هو دنيا جي ذهين ترين شخص کان اهو معلوم ڪري اچي ته خوشي ڪيئن حاصل ڪجي؟” دڪاندار جو پٽ ڪيئي شهر لتاڙي اچي هڪ محل جي اڳيان بيهي ٿو. اهو محل جبل جي اوچائي تي قائم هيو، اهو ڇوڪرو جڏهن محل اندر پهچي ٿو ته بانسري جو بلڪل هلڪو آواز ٻڌڻ ۾ اچيس ٿو ۽ ماڻهن جي اچ وڃ لڳي پئي هئي. هڪڙو شخص نظر اچي ٿو جيڪو سڀن کي دُعا يا مشورا ڏيئي رهيو هو. اهوئي ڏاهو شخص هو. دڪاندار جو پٽ ان ڏاهي جي ڀرسان وڃي پنهنجي اچڻ جو سبب ٻڌائي ٿو. ڏاهي شخص دڪاندار جي پٽ جي ڳالهه غور سان ٻڌڻ کانپوءِ هڪڙو تيل سان ڀريل چمچو آڻائي ٿو ۽ ڇوڪري کي اهو چمچو ڏيندي چوي ٿو تون منهنجو هي محل گهمي اچ پر اهو احتياط ڪجانءِ ته هن چمچي منجهان تيل نه ڪري.”
    ڇوڪرو محل گهمڻ وقت ڪيترين ئي ڏاڪڻين تي لهي چڙهي ٿو ڪٿي ڪٿي تڪڙو به هلڻو پئيس ٿو پر هن جي ڪوشش اها ئي هجي ٿي ته چمچي منجهان تيل نه ڪري ۽ جڏهن ٻن ڪلاڪن کانپوءِ واپس هُو ڏاهي شخص ڏانهن پهچي ٿو ته چمچي تي تيل اوترو ئي هجي ٿو، جيترو شروع ۾ هن ڇوڪري کي ڏنو ويو هو.
    ڏاهو شخص ڇوڪري کي آرام سان ويهڻ لاءِ چوي ٿو ۽ پڇي ٿو ته “ڇا تون منهنجي محل جي ڀتين تي ايران جا قالين ڏٺا؟ ۽ هو باغ ڏٺو جنهن جي خوبصورتي لاءِ آءُ ڏهه سال لڳايا آهن؟ ۽ ها هو جيڪي منهنجي ڪتب خاني ۾ خوبصورت رحل رکيل هئا ڇا تون اهي به ڏٺا.”
    ڇوڪرو دنگ رهجي وڃي ٿو ۽ پنهنجي وائڙائپ تي ندامت جو احساس ٿئي ٿو. هو اهي سڀ شيون ان ڪري نه ڏسي سگهيو جو هن جو سڄو ڌيان صرف چمچي جي طرف هيو ته متان تيل هارجي نه پئي. آءُ اوهان جي محل جون اِهي سڀ شيون نه ڏسي سگهيس.” ڇوڪرو ڪنڌ هيٺ ڪري چئي ٿو.
    ڏاهو شخص ٿورو مشڪي ٿو ۽ شفقت ڀريل لهجي ۾ ڇوڪري کي چئي ٿو ته: “ڪنهن به ماڻهوءَ تي تيستائين اعتبار نه ڪريو جيستائين هن جو گهر چڱي نموني نٿا ڏسو ڇاڪاڻ ته گهر جو ڏيک ان ماڻهوءَ جي عڪاسي ڪري ٿو. گهَر سدائين اهڙي نموني سجايل هجن ٿا جهڙو ماڻهوءَ جو ڪردار هجي ٿو.”
    ڏاهو شخص ڇوڪري کان ورتل تيل سان ڀريل چمچو واپس ڏيندي هُن کي چئي ٿو: “هاڻي هينئن ڪر! هي تيل سان ڀريل چمچو کڻ ۽ اهي سڀ شيون ڏسي آ جيڪي منهنجي محل ۾ رکيل آهن. پر چمچي منجهان تيل نه ڪري.”
    ڇوڪرو وري وڃي ٿو. محل ۾ ايران جا خوبصورت قالين جن تي نهايت ئي ڪاريگري سان چِٽ چِٽيل هئا ۽ محل ۾ قائم باغيچو تمام خوبصورت گلن سان ڀريل هو. آخر ۾ هو ڪتب خانو به ڏسي ٿو.
    ڇوڪرو موٽي اچي ڏاهي شخص کي سڀن شين جو حال احوال ڏيئي ٿو.
    ڏاهو شخص پڇي ٿو: “چمچي تي جيڪو تيل پيل هو اهو ڪيڏانهن ويو؟”
    ڇوڪري کي ان وقت خيال اچي ٿو ته هن چمچي تي رکيل تيل ڏانهن ته ڌيان ئي نه ڏنو.
    “خوشي انسان تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن دنيا جي خوبصورتين ۾ رهي ڪري به خدا کي نه وساري. آءُ توکي چمچي تي تيل رکي انهن سڀن شين کي گهمڻ دؤران به تيل نه هارجڻ جو حڪم ان ڪري ڏنو جو تون اهي سڀ شيون ڏسي ايترو مَحو نه ٿي وڃين، جو منهنجي حڪم جي ئي پاسداري نه ڪرين.”
    “ڏاهي شخص جي مثال منجهان ڇوڪرو چڱيءَ ريت ڄاڻي ويو ته خوشي ڪيئن حاصل ڪجي.” سيلم جي بادشاهه ناصر کي چيو.”مونکي اميد آهي ته تون پنهنجي اصلي مقصد ۾ ڪامياب ويندين.” بزرگ شخص ريڍار کي ائين چئي اتان وڃي ٿو.
    بادشاهه عبدالله رڍن کي ڪاهي ٽڪرين ڏانهن وڃي ٿو. گاهه واري هنڌ تي رڍن کي چرڻ لاءِ ڇڏي ٿو. ۽ سوچي ٿو ته هن ڪيترن ئي ماڻهن جي ناصر وانگر مدد ڪئي آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه هن صرف قدرت واري جي حڪم جي تعميل ڪندي ڪيو آهي. هڪ لڱا هن کي خيال اچي ٿو ته ريڍار وقت گذرڻ سان هُن جو نالو ۽ هن جي عهدي (سيلم جو بادشاهه) کي وساري ڇڏيندو. وري اندران آواز اچيس ٿو ته “ريڍار نالو ۽ عهدو ياد ڪري ڪندو به ڇا؟” ها واقعي اها به هڪ حقيقت هئي. پر هو هڪ بادشاهه آهي ۽ بادشاهن جي هميشه اها خواهش هوندي آهي ته هُن جو نالو سدائين ياد ڪيو وڃي. بادشاهه عبدالله ڪنهن ٻئي حڪم ملڻ تائين رڍن جي سارسنڀال بابت سوچي ٿو.


    باب ٽيون

    ناصر ياقوت ۽ مرجان کي ساڻ ڪري آفريڪا جي سفر لاءِ نڪري ٿو. اڃان تائين هو ڪافي منجهيل هيو، ڇاڪاڻ ته هو بلڪل اڻ ڄاتل سفر تي نڪتو هيو. اندلس کي ڇڏي ناصر آفريڪا جي پهرين شهر تنجير ۾ پهچي ٿو. ٿورو هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ کانپوءِ هو تنجير جي هڪ هوٽل تي اچي ٿائنيڪو ٿئي ٿو. هوٽل منجهه هڪ عجيب خوشبوءِ هئي. ماڻهو هڪ نڙ پنهنجي وات ۾ وجهي هڪ صراحي جهڙي شيءِ منجهان نڪتل دونهون پهرين پاڻ ڏانهن ڇڪي پوءِ ان کي ٻاهر ڪڍي رهيا هئا. ناصر تمام غور سان ڏسي رهيو هو. ان دونهين ۾ جيڪا خوشبوءِ هئي سا سڄي هوٽل ۾ پکڙيل هئي. ناصر تماڪ جا ڪيئي قسم ڏٺا هئا پر هي طريقو هُن کي نئون لڳو. هُن بيري کي اشاري سان چانهه آڻڻ لاءِ چيو. آفريڪا اچڻ کان اڳ هن کي ڌيان ۾ ئي نه رهيو ته هِن خطي ۾ عربي کانسواءِ ٻه ڪا ٻولي نٿي ڳالهائي وڃي. اها ڳالهه هُن لاءِ اندر ۾ عجيب پريشاني جو سبب بڻجي رهي هئي.
    “عربي ٻوليءَ کي سکڻ کانپوءِ ئي منزل طرف وڌي سگهجي ٿو. پر خير مون وٽ ايترا پئسا آهن جو آءُ پنهنجي مشڪل آسان ڪري سگهان. ڪجهه ئي ڏينهن ۾ مونکي گهڻو ڪجهه ملي ويندو ۽ پوءِ ته هيڏانهن اچڻ جي ضرورت ئي نه پوندي. پر جي هن بادشاهه ڪوڙ ڳالهايو هجي ته پوءِ! نه ائين نه ٿو ٿي سگهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هو گهڻين رڍن جي گهر ڪري ها.
    هن قدرت جي نشانين کي پڙهڻ جو به ته گس ڏنو، جيڪو منهنجي سفر لاءِ هڪ اهم ذريعو آهي. آءُ به ته جهر جهنگ جهاڳي اهو سکي ويو آهيان ته رستا ڪيئن ڳولهجن. جهڙي طرح سان سدائين قدرت واري منهنجي مدد ڪئي آهي هاڻي به ڪندو.” ناصر چانهه پيئڻ دؤران پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي ٿو.
    “اوهين اندلس کان آيل آهيو. نه؟” هوٽل جي ڪُنڊ ۾ ويٺل هڪ شخص ناصر جي ٽيبل وٽ خالي پيل ڪُرسي تي ويهندي چوي ٿو.
    ناصر جو هن شخص کي اندلسي ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندي ٻڌو ته هُن کي ائين لڳو ڄڻ قدرت واري هُن جي لاءِ ڪو مددگار موڪليو آهي. هڪ اهڙي شهر ۾ جتي هر ڪو عربي پيو ڳالهائي اتي هُن جي ديس جي ٻولي ڳالهائيندڙ جو ملڻ وڏي غنيمت هئي.
    “تون اندلسي ٻولي ڪيئن ڄاڻين؟” ناصر هُن اجنبي شخص کان پڇيو.
    “اندلس هن شهر کان گهڻو پري ڪونهي ۽ ٻيو آءُ اوڏانهن ويندو رهندو آهيان، ان ڪري سکي ورتي اٿم. پر تون اهو ٻڌاءِ ته هتي ڪهڙي ڪم سانگي آيو آهين؟” اجنبي شخص ناصر کان پڇيو.
    “مصر جي محرابن کي ڏسڻ جو ڪنهن وقت کان شوق جاڳيو هو، هينئر موقعو مليم ته نڪري پيس. هتي اچي پريشاني اها ٿيم ته عربي ٻولي ڳالهائيندڙن سان ڪيئن منهن ڏجي. پر هاڻي تون مليو آهين ته آءُ پئسن عيوض پنهنجي رهبري لاءِ سفر ۾ توکي ساڻ کڻڻ چاهيان ٿو. تنهنجو ڇا خيال آ؟” ناصر ٿورو ڪوڙ ڳالهايو.
    هوٽل جو مالڪ جيڪو پرڀرو گراهڪن کان پئسا وصول ڪري رهيو هو، اُهو اچي ناصر ۽ اجنبي شخص جي ڀرسان ويٺو. ناصر جي مرضي هُئي ته هو اُتان اٿي وڃي پر مجبور رهيو ڇاڪاڻ ته هو هڪ اجنبي شهر ۾ هيو.
    “مصر جي محرابن تائين پهچڻ آسان ناهي. آفريڪا جو خونخوار صحرا پار ڪرڻو پوي ٿو. اُن لاءِ ماڻهوءَ وٽ جهجها پئسا هجڻ لازمي آهي. آءُ توسان گڏ هلڻ لاءِ تيستائين راضي نه ٿو ٿي سگهان جيستائين اها تصديق نه ٿي ٿئي ته تو وٽ پئسا ڪيترا آهن.” اجنبي شخص ناصر کي چيو.
    هوڏانهن هوٽل جو مالڪ ڳالهه جي سمجهڻ لاءِ ناصر جي بلڪل ويجهو ڪرسي رکي ويهي ٿو.
    ناصر هوٽل جي مالڪ جي سامهون ئي سڀ پئسا ڪڍي ٿو ۽ اجنبي شخص کي ڏيکاري ٿو.
    هوٽل جو مالڪ پئسا ڏسندي ئي اجنبي شخص کي پاسيرو وٺي وڃي ٿو ۽ عربيءَ ۾ ڪجهه چئي ٿو. گفتگو ايتري ته شدت اختيار ڪري وڃي ٿي جو هوٽل جو مالڪ هن شخص سان تلخ لهجي ۾ ڳالهائي ٿو.
    اجنبي شخص ناصر ڏانهن اچي ٿو ۽ پاڻ سان گڏ هلڻ لاءِ چئي ٿو.
    ناصر جڏهن هوٽل جي مالڪ کي چانهه جا پئسا ڏئي ٿو ته هوٽل جو مالڪ ناصر جي ٻانهن کان جهلي عربي ۾ ڪجهه چئي ٿو. ناصر ٻانهن ڇڏائي اجنبي شخص سان وڃڻ لڳو. هوٽل جو مالڪ پوءِ به عربيءَ ۾ رڙيون ڪندي ڪجهه چوندو رهيو.
    هو ٻئي هوٽل کان ٻاهر نڪري آيا.
    “هوٽل جي مالڪ مونکي پاڻ سان ڪري تنهنجا پئسا ڦٻائڻ ٿي چاهيا. پر آءُ اُن ڪري به راضي نه ٿيس ته آءُ به ٻين ملڪن جي شهرن ۾ ويندو رهان ٿو ۽ مونکي هميشه اهو احساس هجي ٿو ته ماڻهو ڪنهن اڻڄاتل شهر ۾ وڃي ڪيترو نه اڪيلو محسوس ڪري ٿو ۽ اتي جيڪڏهن ڪو پنهنجي ٻولي ڳالهائڻ وارو ملي وڃي ٿو ته ڪيتري نه خوشي ٿئي ٿي.” اجنبي شخص چيو.
    “صحيح ٿا چئو.” ناصر چيو.
    “اسان کي ٻه اُٺَ خريد ڪرڻا پوندا ۽ ڪجهه کاڌي پيتي جو سامان وٺڻو پوندو. سڀاڻي اسين نڪري هلنداسين. اوهين مون سان گڏ هلو ۽ پئسا مونکي ڏيو. ڇاڪاڻ ته آءُ اٺن وارن کي ۽ بازار مان شيون خريد ڪرڻ وقت دڪاندارن کي پنهنجي لاءِ چوندس ته هو ڪجهه رعايت ڪندا.” اجنبي شخص ناصر کي چيو.
    ناصر کي دل سان ڳالهه لڳي. هُن کي ڪجهه پئسا بچائڻا به هئا ڪٿي به ضرورت پئجي ٿي سگهي. ناصر پنهنجا سڀ پئسا هُن اجنبي شخص کي ڏنا.
    هو ٻئي تنجير جي بازار وٽ پهتا جتي ننڍا وڏا مختلف شين جا دُڪان هئا. پر سڀ کان گهڻا دُڪان تلوارن ۽ خنجرن جا ٿي لڳا. اجنبي شخص ۽ ناصر بازار ۾ هلندا رهيا. ناصر کي ڪافي شيون خوبصورت لڳيون. هن سوچيو ته مصر جي محرابن وٽان ضرور خزانو هٿ ايندو پوءِ هو هتان ضرور ڪجهه شيون خريد ڪري اندلس ويندو. هُن کي هڪ چانديءَ جي ٺهيل خوبصورت تلوار نظر اچي ٿي. هو اُتي بيهي ٿو ۽ خوبصورت تلوار کي ڏسي ٿو. ناصر انهيءَ تلوار جي قيمت ڄاڻڻ لاءِ اجنبي شخص جي مدد وٺڻ چاهي ٿو. جڏهن ناصر پوئتي نهاري ٿو ته هُن کي اجنبي شخص نظر ئي نٿو اچي.
    ناصر سوچي ٿو ته هو اجنبي شخص ضرور اٺن وارن سان ڳالهائي هتي ئي موٽي ايندو. ان ڪري هن کي هتي ئي انتظار ڪرڻ گهرجي.
    ڪافي وقت گذري ويو پر هو شخص نه موٽيو. سج هينئر پنهنجو اڌ حصو واريءَ جي دَڙن پٺيان لاڙي چڪو هو. جڏهن سج لٿو ته نماز جو وقت ٿيو. ڪافي سالن کانپوءِ ناصر نماز ادا ڪئي ۽ هُن کي سڪون مليو. پر جڏهن هن دڪانن کي بند ٿيندي ڏٺو ته هن جي پريشاني وڌي وئي. دُڪان خيمن ۾ ٺهيل هئا. بانس جي لڪڙن تي ويڙهيل ڪپڙو ڪڍي دڪانن جا مالڪ رکيل شين جي مٿان وجهي رهيا هئا. ناصر لاءِ اهي سڀ شيون نيون هيون ۽ هو نيون شيون سکڻ جو تمام گهڻو شوقين هيو پر هينئر هُن کي صرف پنهنجن پئسن جي لڳل هئي. هو ڪڏهن به زندگيءَ ۾ ايترو مايوس نه ٿيو هو جيترو اڄ هيو. هن کي هينئر ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته هوٽل جي مالڪ هُن جي پئسن خاطر هُن چور سان جهڳڙو ڪيو.
    ناصر کي هن وقت ڏاهي شخص جي ڳالهه به ٺيڪ ٺيڪ سمجهه ۾ آئي. تيل سان ڀريل چمچي ۽ دنيا ۾ پيل شين کي توازن سان ڪيئن رکڻو هو، هن کي هينئر سمجهه ۾ آيو.
    “پر هاڻي ڇا ٿئي؟ پئسا ته هو چور کڻي ويو ۽ رات ٿيندي پئي وڃي” ناصر پاڻ سان ڳالهايو.
    هو روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ هن جون اکيون ڀرجي آيون. هڪ اڻڄاتل شهر ۾ پئسا نه هجڻ ۽ ڪوبه وسيلو نه هجڻ جو احساس هن کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ٿيو هو. جڏهن هن وٽ رڍون هيون ته هن کي ڏک جو ڪو ڪڏهن احساس پئدا نه ٿيو هو. ڪيئي سال گذري ويا ڪڏهن رنو نه هو.
    “هينئر آءُ بلڪل بي يارو مددگار ٿي ويو آهيان. آءُ ته بس اهو چاهيو ته مون کي منهنجي حصي جو نصيب ملي پر جيڪڏهن خدا ان ۾ راضي ناهي ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ، اي خدا! مونکي هتان واپسيءَ جو ڪو ذريعو ڏيار.” ناصر خدا کي ٻاڏايو.
    اچانڪ هن کي ياقوت ۽ مرجان جو خيال آيو. هُن پنج رڍن عيوض اُهي ٻئي پٿر ورتا هئا. ڪانه ڪا ته شيءِ هنن ۾ ضرور رکيل هوندي جو هُن بزرگ هن کي ڏنا هئا. هُن پٿرن کي صَدريءَ جي کيسي مان ڪڍڻ کان پهرين هيڏانهن هوڏانهن نهاريو. ڇاڪاڻ ته هي شهر چورن سان ڀريل ٿي نظر آيو. هوٽل جي مالڪ به شايد اها ئي ڳالهه ٿي سمجهائڻ چاهي هئي، جنهن تي بي اعتباري ۽ نه سمجهڻ جو نتيجو هو ڀوڳي رهيو هو.
    هُن کيسي ۾ هٿ وجهي پٿرن کي هٿ گهمايو ۽ چپن ۾ ڀڻڪيو ته: “آءُ به انهن ئي ماڻهن جهڙو آهيان، جيڪي صرف انهن ڳالهين کي مڃيندا آهن، جيڪي هنن سان ٿيندي آهي. ٻين جي تجربن منجهان نه سکي سگهندا آهن.”
    هن پٿرن کي ٻاهر ڪڍي هٿ ۾ جهلي ڏٺو. انهن تي غور ڪيو ۽ اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخر هنن پٿرن ۾ اهڙي ڪهڙي قوت آهي، جيڪا هن جي مدد ڪري سگهي ٿي. اتي ناصر جي اندر ۾ سيلم جي بادشاهه عبدالله جا چيل لفظ گونجڻ لڳن ٿا ته:
    “جڏهن انسان پنهنجي مقصد لاءِ نڪري ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن کي منزل تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.”
    هو پٿر کيسي ۾ رکي ٿورو هيڏانهن هوڏانهن جو چڪر هڻي ٿو. تنجير هُن لاءِ بلڪل نئون هيو ۽ جتان جي ٻولي به اڻڄاتل هئي ۽ هڙ ۾ صرف ٻه پٿر پيا هئا، جيڪي به هن لاءِ ايترا فائديمند نه هئا.
    ناصر کي خيال آيو ته ڇو نه هنن پٿرن منجهان گهٽ ۾ گهٽ ايتري مدد وٺي ته اڃان به هو مصر جي محرابن ڏانهن وڌي يا پوئتي موٽي.
    “مونکي اڳتي مصر جي محرابن ڏانهن وڌڻ گهرجي؟” هن پنهنجي اندر ۾ سوال ڪيو ۽ کيسي ۾ هٿ وجهي هڪ پٿر ڪڍيو. هن جي کيسي مان ڪاري رنگ جو ياقوت نڪتو جنهن جي معنى هئي ‘ها هن کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ مصر جي محرابن تائين پهچڻ گهرجي.’
    ان کان پوءِ هُن جيئن ئي ياقوت کيسي ۾ اندر وڌو ته اُهي ٻئي پٿر کيسي ۾ پئجي ويل ڇيد منجهان هيٺ واريءَ تي اچي ڪريا. هو حيران ٿي ويو هن کي خبر ئي نه پئي هئي ته هُن جي صدريءَ ۾ ڇيد پئجي چڪو آهي. ناصر پٿرن کي کڻڻ لاءِ جيئن ئي جهڪيو ته هُن کي سيلم جي بادشاهه جي ڳالهه ياد آئي ته “هر جاءِ تي ڪانه ڪا قدرت جي نشاني توکي ضرور ملندي ۽ اها نشاني تنهنجي رهنمائي ڪندي.” هُن پٿرن جو واريءَ تي ڪرڻ به هڪ قدرت جي نشاني ڄاتي پر هُن اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اها نشاني آهي ڇا جي باري ۾. ٿوري دير کانپوءِ ناصر ٿورو مشڪيو ائين لڳو ڄڻ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي هجي. هن جي پريشاني ڪجهه گهٽ ٿي ۽ هن محسوس ڪيو ته اُهو بزرگ (سيلم جو بادشاهه عبدالله) هن جي هروقت رهنمائي ڪري رهيو آهي.
    ناصر هڪ جڳهه تي وڃي ويهي رهيو. هِن شهر جي بازار ۾ ڪافي خوبصورت پڪا دڪان به ٺهيل هئا. انهن منجهان هڪڙي جڳهه تي وڃي ويٺو. هن کي وري تلوار ياد آئي جيڪا تمام گهڻي خوبصورت هئي. حالانڪه انهيءَ تلوار جي ڪري هو هينئر هِن حال ۾ هيو. پر هن سوچيو ته ايترو ضرور آهي جو ڪي نيون شيون جيڪي تمام گهڻيون خوبصورت آهن ۽ نيون جڳهيون به ڏسڻ لاءِ مليون، جيڪي ڪهڙي به ريڍار نه ڏٺيون هونديون. ائين سوچيندي هُن کي ننڍ کڻي ويئي.
    ٻئي ڏينهن جي صبح ٿيڻ شرط دڪاندارن دڪان کولڻ شروع ڪيا. جنهن دڪان اڳيان ناصر سمهيو پيو هو ان جي مالڪ ناصر کي اٿاريو. هو اڃان پوري طرح جاڳيو نه هو. هُن جي ذهن ۾ اهو خيال آيو ته هن کي رڍون ڪنهن گاهه واري هنڌ تي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃڻيون آهن. پوري طرح سان سجاڳ ٿيڻ شرط هن کي ڪلهه واري وارتا ياد پئي. هن کي بک به لڳي هئي ۽ واپس وڃڻ جو به فڪر لڳو. نه ٻولي ڄاڻي ۽ نه شهر ۾ هن جو ڪو سڃاڻو هيو. هن ڪتابن ۾ اهڙا قصا پڙهيا هئا ۽ هينئر هن کي يقين آيو ته ڪتابن ۾ لکيل ڳالهيون غلط نه هونديون آهن.
    تنجير جي شهر جي بازار آهستي آهستي کُلڻ شروع ٿي. تنبن وارا دڪان به جڙڻ شروع ٿيا. ناصر ڏٺو ته هڪڙو ضعيف شخص جنهن کي بانس جي لڪڙن کڻڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ٿي رهي هئي، هو ان پوڙهي شخص ڏانهن ويو ۽ دڪان جي تنبو ٻڌڻ ۾ مدد ڪئي. تنبو ٻڌڻ وقت ضعيف شخص ناصر ڏانهن نهايت ئي تشڪر آميز مرڪ مرڪيو. ناصر کي ياد پيو ته اُها اِهڙي ئي مرڪ هئي جهڙي سيلم جي بادشاهه عبدالله جي چپن تي هوندي هئي.
    دڪان جڏهن پوريءَ طرح جڙي ويو ته دڪاندار ناصر کي ڪجهه کائڻ لاءِ ڏنو. ناصر اشارن سان ئي ضعيف شخص جو شڪريو ادا ڪيو ۽ اتان هليو ويو.
    ناصر کي هلندي هلندي اِهو خيال پيو ته هُن ۽ ضعيف دڪاندار جي وچ ۾ ڪانه ڪا ٻولي ضرور هئي، جيڪا هنن ٻنهي جي وچ ۾ رابطي جو سبب بڻي. دڪاندار ته صرف عربي پئي ڄاتي ۽ هُن اندلسي. پوءِ هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪهڙي ٻولي هئي.
    “اشارن جي ٻولي” هن کي اندر مان آواز آيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي ته ٻن انسانن جي ٻولي ڀل مختلف ڇو نه هجي پر هو اشارن جي ذريعي ڳالهائي سگهن ٿا. مطلب رابطو هر حال ۾ ممڪن آهي. اهي ڳالهيون جيڪي هُن جي علم هيٺ ڪڏهن به نه آيون هيون، انهن کي هر لمحي سکي رهيو هو.
    “جيڪڏهن آئون اهڙي ٻولي سکي وٺان جيڪا بنا لفظن جي ڳالهائي وڃي ۽ ٻڌي وڃي ته آءُ پڪ سان پوري دنيا کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهان ٿو.” ناصر پنهنجو پاڻ کي چيو.
    هو شهر جي بازار ۾ اجايا چڪر هڻڻ لڳو. هن کي اهڙي شخص جي تلاش هئي جيڪو اندلسي ٻولي سمجهي سگهي يا ڪجهه پئسا ملن. هلندي هلندي هو هڪ اهڙي دڪان جي سامهون پهتو جتي شيشي جون ٺهيل مختلف شيون پيل هيون پر اهي سڀ ايتريون ته مٽيءَ سان ميريون ٿي ويون هيون جو انهن تي چڙهيل مٽي شين جي پوري خوبصورتي وڃائي ڇڏي هئي. ناصر ان دڪان جي اندر وڃڻ چاهيو پر ٻولي نه اچڻ ڪري هو اُتي بيٺو رهيو. دڪان کي ٻاهران پوريءَ طرح سان ڏسڻ وقت هُن کي هڪ تختي نظر آئي جنهن تي مختلف ٻوليون لکيل هيون. انهن ٻولين مان هڪ ٻولي اندلسي به هئي. ان تختي تي لکيل هو ته “ٻين ملڪن مان آيل سياح هن دڪان ۾ اندر اچڻ کان نه گهٻرائين ڇو ته هن دڪان جي مالڪ کي ڪيتريون ئي ٻوليون اينديون آهن.” ناصر اهو پڙهندي ئي دڪان ۾ اندر وڃي ٿو.
    دڪان جو مالڪ هڪ پوڙهو شخص هيو. تقريبن سٺ سالن جي عمر جو ٿي لڳو. ناصر هُن جي ويجهو وڃي هُن کي چيو ته “آئون اوهان جي دڪان ۾ رکيل سڀن شين کي صاف ڪندس ۽ ان جي بدلي اوهين مونکي هڪ ويلو ماني کارائجو.”
    دڪاندار هڪ نظر کڻي ناصر ڏانهن ڏسي ٿو ۽ ڪجهه ڳالهائڻ بنا ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهي ٿو. ناصر ڪپڙو کڻي شيشي جي ٺهيل شين کي صاف ڪرڻ شروع ڪري ٿو. شيشي جا ٺهيل گلاس، جڳ، پليٽون ۽ گلدان وغيره تمام خوبصورت هئا. مٽي صاف ٿيڻ سان هنن جي خوبصورتي موٽي آئي. صفائي ڪرڻ دؤران ناصر کي دڪاندار ڪجهه به نه ٿو چئي. جنهن وقت منجهند جي مانيءَ جو وقت ٿئي ٿو ته دڪاندار ناصر کي پاڻ سان گڏ هلڻ جو اشارو ڪري ٿو. دڪان جي دروازي تي هو شخص “منجهند جي ماني جو وقفو” واري تختي لٽڪائي ٿو ۽ ناصر کي ساڻ ڪري هڪ هوٽل ۾ وڃي ويهن ٿا. شيشي جي دڪان وارو مالڪ بيري کي ڪجهه آڻڻ لاءِ چئي ٿو. ان کانپوءِ ناصر کي مخاطب ٿيندي چئي ٿو ته:
    “اسان جو خدا قرآن جي ذريعي اسان کي اها تاڪيد ٿو ڪري ته ضرورت مند جو خيال رکجي ۽ بکايل کي ماني کارائجي. اهو ڪو احسان ناهي پر اهو باعث رحمت آهي انهيءَ مسلمان لاءِ جيڪو ائين ڪري ٿو.”
    ناصر هن پوڙهي شخص واتان هيتري دير کانپوءِ اندلسي زبان ۾ ڪجهه لفظ ٻڌا ته خوش ٿيو.
    “مون تي به اهو فرض آهي ته آئون بنا ڪنهن ڪم وٺڻ جي ڪنهن ضرورت مند جي ضرورت پوري ڪيان.” شيشي جي دڪان جي مالڪ چيو.
    “پوءِ اوهان صفائي ڪرڻ کان مونکي جهليو ڪونه؟ جڏهن ته اوهان کي اها به خبر هئي ته آءُ ڇو پيو صفائي ڪيان.” ناصر چيو.
    “ها مونکي ڄاڻ هئي پر آءُ پوڙهو ٿي چڪو آهيان ۽ پاڻ ۾ هاڻي ايتري همت به نه ٿو ڀانيان ته روز دڪان کوليان. انهيءَ لاءِ مونکي اهڙي ماڻهوءَ جي مدد جي ضرورت هئي جيڪو انهن شين کي صاف ڪري ۽ تون پاڻ اهو ڏسي چڪو آهين ته شيون ڪيتريون نه مٽي ۾ خراب ٿي ويون هيون. آئون هي دڪان ٽيهن سالن کان هلائي رهيو آهيان ۽ منهنجو دڪان اهڙي هنڌ تي آهي جتي ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ اچن ٿا. آءُ ڪنهن وقت ۾ دڪان بدلائڻ جو سوچيو هو پر ائين نه ڪري سگهيس ۽ هاڻي ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي جو دڪان بدلائڻ ته ڇا پر سوچي به نه ٿو سگهجي.” شيشي جي دڪان جو مالڪ ناصر کي ڏسندي چوي ٿو.
    “شروع شروع ۾ هيڏانهن ڪافي پرڏيهي ماڻهو جن ۾ فرانسيسي، اندلسي، انگريز ۽ جرمن وغيره هئا، منهنجي دڪان تي ضرور ايندا هئا ۽ پنهنجن مٽن مائٽن لاءِ شيشي جا ٺهيل گلدان، گلاس ۽ ٻيون خوبصورت شيون خريد ڪري ويندا هئا. انهن ڏينهن ۾ آئون امير ٿيڻ جا تمام گهڻا خواب ڏسندو هيس. اچانڪ ائين ٿيو جو هِن شهر کان پرڀرو هڪ ٻئي شهر ۾ هڪ تمام خوبصورت بازار جُڙي. ان کانپوءِ آهستي آهستي هِن شهر جي بازار پنهنجا گراهڪ وڃائي ويٺي ۽ آئون امير ٿي نه سگهيس.”
    دڪان جي مالڪ پنهنجي حياتيءَ جي گذريل سالن جو ڪجهه حال احوال ڪيو. بيرو ماني کڻي آيو هيو ناصر صرف ڳالهه پوري ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. ڳالهه پوري ٿيڻ شرط ماني کائڻ لڳا. ماني کائڻ دوران دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو ته “مونکي خوشي ٿيندي جيڪڏهن تون منهنجي دڪان تي ڪم ڪندين.”
    “آئون اڄ پورو ڏينهن اوهان جي دڪان تي ڪم ڪندس جيڪڏهن رات جو به ڪم ڪرڻو پيو ته پوري رات ڪندس. ان جي بدلي اوهين مونکي صرف ايترا پئسا ڏجو جو آئون مصر جي محرابن تائين پهچي سگهان.” ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو.
    دڪاندار ناصر جي ڳالهه ٻڌي مسڪرايو. هن جي مسڪراهٽ اهو ٻڌائي رهي هئي ته هن جي سامهون ويٺل ڇوڪرو جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهي اهو ممڪن ناهي.
    “توڙي جو تون سڄو سال ڪم ڪرين ۽ شين کپائڻ لاءِ نفعي منجهان ڪجهه فيصد تون پاڻ لاءِ مون سان طئه ڪرين، تڏهن به تون ايترو نٿو ڪمائي سگهين جو مصر جي محرابن تائين پهچين. تون نٿو ڄاڻين ته مصر پوري صحرا کي پار ڪرڻ کانپوءِ آهي، ۽ صحرا پار ڪرڻ ايترو سؤلو ناهي.” دڪاندار ناصر کي حقيقت کان اگاهه ڪري ٿو.
    ناصر کي ائين ٿو لڳي ڄڻ بلڪل خاموشي ڇائنجي ويئي آهي ۽ سڄو شهر سمهي پيو آهي. سڀ ڪجهه سانت ٿي ويو آهي. ناصر ائين محسوس ڪيو ڄڻ هُن جون سڀ اميدون، خواب ۽ منزل ماڻڻ جون خواهشون ڪنهن اڻڄاتل مقام تي هليون ويون آهن. جتان هاڻي هنن جي موٽ نه ٿيندي ۽ نه ئي هو انهن تائين پهچي سگهندو. ناصر جي دل چيو ته ڪاش هو هينئر جو هينئر مري وڃي.
    ناصر جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي پوڙهي شخص کي رحم اچي ويو. هُن ناصر کي چيو ته “تون چاهين ته آئون توکي ايترا پئسا ڏيئي سگهان ٿو جو تون واپس پنهنجي شهر وڃي سگهين.”
    ناصر دڪان جي مالڪ ڏانهن ڏسي ٿو ۽ پاڻي جو گلاس ڀري پيئي ٿو. هڪ نئين عزم ۽ جوش سان دڪان جي مالڪ کي چئي ٿو “جيڪڏهن آءُ نيون شيون سکڻ چاهيان ٿو ته مون تي اهو لازم آهي ته آئون اوهان جي دڪان تي ڪم ڪيان.” ان کانپوءِ ٻئي ڄڻا دڪان تي وڃن ٿا. ناصر دڪان جي ڀرسان ٺهيل ننڍڙو ڪمرو (جيڪو دڪان جو ئي حصو هيو) صاف ڪري پنهنجي رهڻ جو بندوبست ڪيو. ڪجهه ڏينهن جي محنت کانپوءِ ناصر دڪان جو ڄڻ نقشو ئي ڦيرائي ڇڏيو.
    ناصر دڪان تي رکيل سڀني شين کي بلڪل صاف ڪري اهڙي نموني سان سجائي رکيون جو انهن راهگيرن جن کي ڪجهه وٺڻو به نه هجي انهن به نظرانداز نٿي ڪيو. دڪان جو مالڪ صرف ناصر کي هدايتون ڏيندو رهندو هو.
    ناصر کي جيتوڻيڪ هيءَ نوڪري نه وڻندي هئي ڇاڪاڻ ته هن ڪڏهن هڪ هنڌ ويهي ڪنهن جي هدايتن تي ڪم ڪرڻ سکيو ئي نه هيو پر هن کي پئسن جي گهرج هئي. هن اڻڄاتل شهر ۾ پئسا ڪمائڻ جو، ٻيو ڪوبه ذريعو نه هو. دڪان جو مالڪ ناصر جي محنت جي ڀرپور تعريف ڪندو هو. مهينو گذرڻ تي دڪان جي مالڪ ناصر کي پگهار کان علاوه شين تي مليل منافعي منجهان ڪجهه فيصد به ڏنو. ناصر مليل سڀ پئسا جمع ڪندو ويندو هو، ته جيئن سڀاڻي هو انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ ڪم آڻي.
    هڪ ڏينهن ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو ته “آئون هڪ اهڙي شيءَ ٺاهڻ چاهيان ٿو جيڪا اسين دڪان جي ٻاهران رکون ۽ انهيءَ شيءِ ۾ اهڙي ته ڪشش هجي جو اها پري کان واٽ ويندڙن جو ڌيان ڇڪائي. منهنجي خيال ۾ اهڙي طرح سان اسين ڪيترائي گراهڪ ٺاهي سگهون ٿا.”
    “اها ته ڳالهه صحيح آهي پر جي تون اهڙي ڪا شيشي جي شيءِ ٺاهي دروازي ٻاهران رکي ڇڏين ۽ ڪڏهن ڪو گراهڪ تڪڙ تڪڙ ۾ دڪان ۾ اندر داخل ٿئي ۽ اها شيءِ ڀڃي وجهي ته ڪيترو نه نقصان پئجي ويندو.” پوڙهي دڪاندار چيو.
    “آئون پورا ٻه سال رڍون چاريون. اسين ڌنار ڪنهن اهڙي هنڌ به هليا ويندا هئاسين، جتي تمام گهڻا نانگ هوندا هئا يا خونخوار جانور هوندا هئا. جيڪي رڍن کي ماري به وجهندا هئا. پر تنهن هوندي به اسين حوصلو نه هاريندا هئاسين ۽ انهن جڳهين ڏانهن وٺي ويندا هئاسين، جتي گاهه جهجهو هجي ڀل اوڏانهن ڪهڙا به جانو هجن.” ناصر پنهنجو مؤقف بيان ڪيو.
    انهيءَ وچ ۾ ڪجهه گراهڪ اچن ٿا جن کي ناصر ڪجهه شيون ڏيکاري ٿو ۽ هو ڪجهه شيون وٺن به ٿا. آهستي آهستي هن دڪان جي شين جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو هو.
    “هينئر ته دڪان ڄمندو وڃي ٿو ۽ ڪمائي به سٺي ٿئي ٿي. تون ايترا پئسا جلد ئي ڪمائي ويندي جو پنهنجي ڳوٺ وڃين رڍون خريد ڪري وري پنهنجي سُکي زندگي گذاري سگهين. پوءِ تون گهڻن گراهڪن جي لالچ ڇو پيو ڪرين؟” دڪاندار ناصر سان اڌ ۾ ڪٽجي ويل ڳالهه وري ڪڍي.
    ائين سمجهو ته اها به قدرت واري جي طرفان هڪ خاص مهرباني آهي جو اسان کي اهڙو موقعو مليو آهي جو اسين گراهڪ وڌائي سگهون.” ناصر دڪان جي مالڪ کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    دڪان جي مالڪ کي ڳالهه دل سان لڳي. هُن اهو به محسوس ڪيو ته جڏهن کان هِن جي دڪان تي هو ڇوڪرو آيو هو تڏهن کان ڪو ڏينهن گراهڪ کانسواءِ نه گذريو هو. پر اهو به خيال ٿيس ٿو ته ڇوڪرو گرهاڪن کي وڌائڻ جي ڳالهه شايد ان ڪري پيو ڪري ته جيئن هو گهڻي کان گهڻا پئسا ڪمائي سگهي ۽ جلد وطن واپس وڃي سگهي.
    “تون هڪ ٻه دفعا مون کي مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ جو خيال ڏيکاريو هو. تون اوڏانهن ڇو پيو وڃڻ چاهين؟” دڪاندار ڳالهه مٽائيندي ناصر کي چيو.
    “ها. مصر جا محراب. آئون تمام گهڻن ماڻهن کان انهن جي باري ۾ تعريف ٻڌي آهي سو شوق ٿيم ته انهن کي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو ڏسي اچان.” ناصر خواب واري ڳالهه دڪاندار کان لڪائيندي چئي.
    “اڄ تائين مون اهڙو شخص نه ڏٺو آهي جيڪو اهڙي خطرناڪ خواهش رکندو هجي. ڇاڪاڻ ته آفريڪا جو صحرا جنهن کي اسين ‘صحارا’ سڏيون ٿا اهو پار ڪرڻ تمام ڏکيو آ. ان کان وڌيڪ اهو ته محراب ڪجهه به ناهن، بس سِرن جي مٿان سِرون رکيل آهن.” دڪاندار چيو.
    “اوهان کي ڪڏهن شوق نه جاڳيو ڪيڏانهن وڃڻ جو؟” ناصر دڪاندار جي مصر جي محرابن واري ڳالهه تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڳالهه مٽائي.
    دڪان جو مالڪ اداس ٿي ويو. ناصر هُن جي وراڻيءَ جو انتطار ڪندو رهيو پر دڪان جو مالڪ بلڪل خاموش رهيو.
    ان کان پوءِ ٻن ڏينهن تائين هنن ٻنهي جي وچ ۾ ناصر جي پيش ڪيل تجويز جي باري ۾ ڪا گفتگو نه ٿي.
    “ناصر هڪڙي ڳالهه آئون توسان ٻن ڏينهن کان ڪرڻ ٿي چاهي. اُها اِها آهي ته آئون هن وقت گهڻي تبديلي نٿو چاهيان، جيڪا شيءِ جيئن هلي پئي ان کي ائين هلڻ ڏجي.” دڪاندار ٻه ڏينهن اڳ واري رهيل ڳالهه وري کولي. ڇاڪاڻ ته هُن محسوس ڪيو ته ناصر ٻن ڏينهن کان اطمينان ۽ سڪون واري حالت ۾ نه هو.
    “اسين سڀ هُنَ پاڙي واري دڪاندار وانگر نه ٿا ٿي سگهون.” دڪان جي مالڪ ناصر کي پرڀرو ٻئي شيشي جي شين وارو دڪان ڏيکاريندي چيو.
    “هُن دڪان جي مالڪ جو نالو حَسن آهي. هو سدائين خريداري ڪرڻ وقت غلطيون ڪندو رهندو آهي، ڪافي دفعا هُن کي ڀڳل ۽ ٽٽل سامان لڳي ويو آهي. پر هُن تي انهيءَ جو اثر نه ٿيندو آهي ڇو جو هو هاڻي تمام گهڻو امير ٿي چڪو آهي. اسان جي حالت اها آهي ته غلطيءَ جي ڄڻ ڪا گنجائش ئي ڪونهي.” دڪاندار ٻئي دڪان واري جو مثال ڏئي ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ناصر ڳالهه ٻڌي دڪان جي مالڪ کي ڪجهه نه چيو ۽ پنهنجي ڪم سان لڳو.
    “وري به آئون تنهنجي راءِ ڄاڻڻ چاهيان ٿو ته تون ڇا ٿو چاهين ناصر پٽ!” دڪاندار ناصر کي بي چين ڏٺو ان ڪري ائين چيو.
    “آءُ چاهيان ٿو ته منهنجي زندگي اڳ جيان گهمڻ ڦرڻ واري ٿي وڃي. انهيءَ ڪري آءُ جلد کان جلد پئسا ڪمائي پنهنجي ڳوٺ پهچي، رڍون خريد ڪري پنهنجي پسند جي زندگي گذارڻ چاهيان ٿو.” ناصر پنهنجو مقصد بيان ڪيو. ناصر ٿوري دير چپ رهي وري ڳالهايو ته: “اوهان سڄي زندگي هتي ئي گذاري ۽ ڪيڏانهن وڃڻ جو خيال به نه آيو. هر ماڻهوءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن هڪ جڳهه گهمڻ جو شوق ضرور هوندو آ. ائين اوهان کي ڇو نه ٿيو؟” ناصر دڪان جي مالڪ کان اڳ پڇيل سوال جو جواب ٻڌڻ چاهي ٿو.
    “حضرت محمد صلي الله عليه وسلم اسان جو آخري نبي جنهن الله جي طرفان خلقيل ڪلام قرآن شريف جي ذريعي اسانکي اهو سيکاريو ته الله هڪ آهي ان جو ڪو معبود ڪونهي. ان کانپوءِ پنج وقت نماز پڙهڻ، روزا رکڻ، زڪوات ڏيڻ ۽ حج ڪرڻ” ... دڪان جي مالڪ جڏهن آخري لفظ “حج ڪرڻ” چيا ته هُن جي اکين مان امالڪ لڙڪ لڙي پيا.
    “اسان تي فرض آهن. ناصر پٽ! تون ان ڏينهن به مون کان پڇيو هو ته مونکي ڪيڏانهن وڃڻ جو ڪو شوق ڇو نه آهي. آءُ جڏهن نوجوان هيس ته مونکي مڪي ڏانهن وڃي حج ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق هيو. ڏينهن رات اها ڪوشش هوندي هئي ته پئسا گڏ ٿين ته حج جو فريضو ادا ڪيان. آءُ ڪجهه پئسا گڏ ڪري هي دڪان خريد ڪيو. دڪان تمام سٺو هلندو هيو. انهيءَ وچ ۾ آئون ڏسندو هيس ته مونکان وڌيڪ غريب مڪي ڏانهن حج لاءِ ويندا هئا. آءُ بس ان وهم ۾ هوندو هيس ته مون جهڙي طرح دڪان چمڪايو آهي اهڙي سنڀال ۽ ڪمائي منهنجي دڪان جي ٻيو ڪو ماڻهو ڪندو الاءِ نه. حج ڪرڻ لاءِ مهينا لڳي وڃن ٿا ۽ انهيءَ عرصي دؤران منهنجو دڪان ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ الاءِ جي ڪيئن هلي. بس ائين وقت هٿن مان نڪري ويو.” دڪان جي مالڪ چپ ڀيڪوڙي ڪجهه گهڙي خاموش ٿي ويو.
    انهيءَ دؤران ڪجهه گراهڪ دڪان ۾ آيا.
    “منهنجي پاڙي ۾ هڪڙو موچي هيو جيڪو سڄو سال سفر ڪري واٽ تي ڪجهه پئسا ڪمائيندو ۽ ريگستان کي پار ڪري وڃي مڪي پهتو ۽ حج ادا ڪري واپس آيو. هتي پهچڻ تي آئون هُن کان پڇيو ته هُن ايترو پنڌ ڪيئن ڪيو. تنهن تي موچيءَ مونکي چيو ته هن سڄي تنجير ۾ ڌاڳي ۽ چمڙي جي ڳولا ۾ ڪافي پنڌ ڪيا ۽ انهيءَ پنڌ ۾ هو جلد ٿڪجي پوندو هو پر جڏهن هو مڪي ڏانهن حج ڪرڻ لاءِ ويو ته سڄو سال پنڌ ڪرڻ جي باوجود به هن کي ڄڻ ڪنهن به قسم جو ڪو ٿڪ ئي نه ٿيو هو.” هو ٻئي هوٽل تي منجهند جي ماني کائيندي گفتگو ڪري رهيا هئا. ۽ دڪان جي مالڪ پنهنجو شوق ۽ موچيءَ جي مقصد ۽ منزل جي حاصلات بابت ٻڌايو.
    ناصر دڪان جي مالڪ جي ڳالهه ٻڌندي چيو ته:
    “هاڻي اوهين مڪي ڏانهن وڃي سگهو ٿا ۽ منهنجي خيال ۾ ته اوهان کي مون تي ايترو اعتبار ته ٿي ويو هوندو ته آئون دڪان جي ڪيئن سنڀال ڪندس” ناصر چاهيو ته دڪان جي مالڪ جي مڪي وڃڻ واري آس پوري ٿئي.
    دڪان جو مالڪ ٿورو مشڪيو. هنن ٻنهي ماني کائي پوري ڪئي هئي ۽ حڪو ڇڪڻ لڳا.
    “ناصر پٽ! جنهن تصور جي ڪري آئون زنده آهيان اهو جيڪڏهن ختم ٿي وڃي ۽ مڪو آءُ جيڪڏهن حقيقت ۾ ڏٺو ته منهنجي لاءِ جيئڻ ۽ ڏکين ڏينهن کي سهڻ جي تمنا ئي ختم ٿي ويندي. هي روز ساڳي ڪِرت، دڪان تي اچڻ، منجهند جي ماني کائڻ، دڪان بند ڪرڻ، رات جي ماني وڃي کائڻ، هي سڀ ڳالهيون تنگ ڪرڻ جهڙيون آهن. هاڻي آءُ صرف تصور ۾ ڪعبو چمڻ چاهيان ٿو ۽ ان جو طواف ڪرڻ چاهيان ٿو. بس! انهيءَ کي وهم سمجهه يا ارادي جي ڪمزوري پر آئون ائين ئي زندگي گذارڻ چاهيان ٿو.” دڪان جي مالڪ پنهنجا ارادا ٻڌايا.
    هو هوٽل مان نڪري آيا ۽ دڪان جي ڪم ڪارين ۾ لڳي ويا. دڪان بند ڪرڻ وقت دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو ته “پٽ! تون مون کان مختلف آهين، تون پنهنجو شوق پورو ڪرڻ چاهين ٿو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته تون نوجوان آهين انهيءَ ڪري تون پنهنجي ارادن ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندين. هڪڙو فرض مون تي به عائد ٿئي ٿو ته آئون تنهنجي اڏار ۾ مدد ڪيان. تنهنجا پَر نه ڪٽيان. ان ڪري تون دڪان ۾ گراهڪن کي وڌائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿو، توکي منهنجي طرفان اجازت آهي.”
    ٻئي ڏينهن تي ناصر هڪ شيشي جو وڏو گلدان ٺاهي ان تي سهڻا چٽ چٽي دڪان جي در جي ٻاهران لٽڪائي ڇڏيو. گلدان ايترو ته وڏو هيو جو واقعي پري کان ماڻهو ان کي ڏسي دڪان تي ايندا هئا. اهڙي طرح خريدارن جو تعداد وڌندو ويو.
    ناصر کي هِن شهر ۾ ڇهه مهينا گذري ويا. ٿورڙي عرصي ۾ هُن دڪان کي خوب ڄمايو هو. هو سوچيندو هو ته جيڪڏهن ائين ڪم هليو ته باقي ڇهن مهينن ۾ هُن وٽ ايتري رقم جمع ٿي ويندي جو هو آساني سان رڍن جو ڌڻ وٺي طرفه  ۾ سٺي زندگي جي شروعات ڪري سگهي ٿو. هاڻي ته هُن کي عربن سان به ڪاروبار ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿيندي ڇو ته عربي هُن مڪمل طور سکي ورتي هئي.
    ناصر جي دل و دماغ ۾ مصر جا محراب، ياقوت ۽ مرجان پٿرن جا خيال ڌنڌلا ٿي چڪا هئا. هو هر وقت پنهنجي ڳوٺ ڏي هڪ ڪامياب ماڻهوءَ طور واپسي جا خواب ڏسندو هو. هن ائين سمجهڻ شروع ڪيو هو ته سيلم جي بادشاهه عبدالله هن کي جنهن رستي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لاءِ چيو هو اُهو هيءُ ئي رستو آ. هي شيشن جي ٺهيل شين جو فن، عربي سکڻ ۽ ڪو پئسو نه هوندي هيڏو وڏو ڪاروبار ڄمائي وڃڻ، آسان ناهي. انسان جو حوصلو ۽ ارادو اصلي خزانا آهن. هي سفر به انهيءَ ڪري نصيب ٿيو.
    وقت ائين گذرندو رهيو. دڪان جي رونق وري موٽي آئي هئي. ناصر سان سياح ۽ شهر جا گراهڪ پنهنجي دل جو حال به اوريندا هئا. ناصر ڪجهه مهينن کان اها شڪايت عام ٻڌندو هو ته هن ڳوٺ جي واري جي دڙن وارن حصن تي چانهه نه ٿي ملي. واريءَ جو دڙو چڙهي اچڻ کانپوءِ چانهه وغيره جي ضرورت پوي ٿي.
    هڪ ڏينهن ناصر پنهنجي دڪان جي مالڪ کي چيو:
    “اسين هِن اوچائي واري جڳهه تي چانهه وڪڻون ته ڪيترو نه سٺو ٿئي؟”
    “هاڻي بيوقوفي واريون ڳالهيون ڇڏ. اوچائي تي چانهه جو ننڍڙو دڪان خوامخواهه پئسن جو نقصان آهي.” شيشي جي دڪان واري مالڪ ناصر جي ڳالهه هڪ مذاق سمجهي ٽاري ڇڏي.
    ٻئي ڏينهن تي جڏهين هنن دڪان مس کوليو ته ناصر دڪان جي مالڪ کي چيو “اسين جيڪا چانهه وڪڻنداسين اُها شيشي جي ننڍڙن خوبصورت گلاسن ۾ وڪڻنداسين.”
    “ناصر آخر تون ايترو بضد ڇو آهين. تون ڇا ٿو چاهين؟” دڪان جي مالڪ ٿورو خفي ٿيندي چيو.
    “آءُ بس جلد کان جلد واپس ورڻ ٿو چاهيان. هڪ هنڌ ويهڻ واري زندگي مزو نه ٿي ڏيئي.” ناصر دل جي ڳالهه ڪئي.
    “اهو ته صحيح آهي پر تون منهنجي سڄي زندگي تبديل ڪري ويندين. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ آئون هي سڀ ڪيئن سنڀالي سگهندس.” دڪان جي مالڪ به حقيقت بيان ڪئي.
    “هاڻي ته مونکي پئسن ڪمائڻ جي ڪا لالچ به نه رهي آ. ڪيڏانهن وڃڻو به نه اٿم.” دڪان جي مالڪ ناصر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “ها پر، هي اسان جي لاءِ ڄڻ هڪ قدرت واري جي طرفان اشارو آهي ته اسين اهو ڪجهه ڪري سگهون ٿا جيڪو اڳ ڪنهن به نه ڪيو آهي.” ناصر پنهنجي نئين خيال کي حقيقت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هي ڳالهه چوي ٿو.
    “ها اها حقيقت آهي ته تون جلد ئي ڪجهه ڳالهيون سمجهي وڃين ٿو ۽ انهن جي ڪرڻ تي اسان کي فائدو به تمام گهڻو ٿئي ٿو. آئون انهيءَ ڳالهه مڃڻ کان انڪاري ناهيان ته تون اهڙيون شيون ڪري ڏيکاريون جن کي آئون ناممڪن سمجهندو هيس. هينئر جنهن حالت ۾ دڪان آهي اُهي سڀ الله سائين تنهنجي مدد سان ڪيو. پر انهن سڀن ڳالهين جي باوجود آئون گهڻيون تبديليون نه ٿو گهران مٺا!” دڪان جي مالڪ ناصر جي طرفه واپس وڃڻ کان پوءِ جي صورتحال ڏسندي چوي ٿو.
    هو ٻئي اِها سڄي گفتگو عربي ۾ ڪري رهيا هئا. ناصر ڏاڍو خوش هيو. هُن چڱي چوکي عربي سکي ورتي هئي. هُن رڍن سان گڏ رهي گهڻو ڪجهه سکيو هيو. پر نئين ٻوليءَ جو سکڻ تمام گهڻو خوبصورت ۽ منفرد عمل هيو. ناصر ٻيون سڀ ڳالهيون في الحال لاءِ بند ڪري دڪان جي مالڪ سان ٻوليءَ جو سکڻ ۽ شيشن جي شين جي سکڻ جي عمل جي ڳالهه ڪئي.
    “اها ڪاتب جي درسگاهه آهي.” دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو.
    “ڪاتب جي درسگاهه! اهو ڇا آهي؟” ناصر حيران ٿيندي پڇيو.
    “اسان جيڪي ڪجهه ڪيون ٿا، سکون ٿا، حاصل ڪيون ٿا ۽ وڃايون ٿا، اهو سڀ الله سائين ڪنهن بهتريءَ لاءِ اسان کي سيکاري ٿو. اسين سڀ ڪجهه مقرر وقت تي حاصل ڪيون ٿا.” دُڪان جي مالڪ ڪاتب جي درسگاهه بابت ناصر کي ٻڌايو.
    “انهيءَ جي معنى ته آئون جيڪا شيشي جي گلاسن ۾ چانهه وڪڻڻ واري ڳالهه سکي آهي اها به ضرور ڪاتب وٽان لکيل آهي؟” ناصر وري پنهنجي ڳالهه ڪئي.
    “معنى ته تون نه مڙندين، چڱو بابا جيڪي وڻئي سو ڪر” دڪان جي مالڪ ناصر کي دل سان اجازت ڏني.
    ناصر پنهنجي مالڪ وٽان اجازت ملڻ شرط ئي ڪارخاني ۾ پوري رات ويهي شيشي جا گلاس ٺاهيا ۽ انهن تي گل پاشي ڪئي. صبح جو هو چانهه جي ڀريل ڪٽلي ۽ ڪافي ننڍڙا گلاس کڻي اچي دڪان تي پهتو. چانهه جي ڀريل ڪٽلي ۽ ننڍڙا گلاس کڻي هو واريءَ جي مٿانهن دڙن تي ايندڙن کي چانهه آڇيندو رهيو. ڪيترن ئي ماڻهن هُن کان چانهه صرف اُن ڪري ورتي ته اها منفرد گلاسن ۾ آڇي ٿي وئي. چانهه پيئندڙن ناصر کان اُن دُڪان جو ڏس گهريو جنهن تي اهي ننڍڙا سهڻا گلاس ملي رهيا هجن. ناصر سڀن کي پنهنجي دڪان جو ڏس ڏنو. ڪيترائي ماڻهو ننڍڙا گلاس پنهنجن گهرن لاءِ وٺي ويا.
    اهڙي منفرد ڳالهه گھڻن ماڻهن تائين پهتي. هو اِهو پهريون دفعو ڏسي رهيا هئا ته چانهه ٺڪر جي ڪوپن ۾ نه پر شيشي جي ننڍڙن خوبصورت گلاسن ۾ وڪامجي رهي هئي. انهن گلاسن ۾ هڪ ته چانهه جو خوبصورت رنگ به ظاهر ٿي ٿيو ٻيو خوشبو به گھڻي دير تائين ٿي هلي. دڪان ۾ گراهڪن جو تعداد تمام گهڻو وڌي ويو. ان لاءِ ٻه ٻيا به ڇوڪرا رکيا ويا. تمام گهڻي ڪمائي ٿي رهي هئي.


    باب چوٿون

    ناصر کي آفريڪا جي هِن ملڪ ۾ آئي يارنهن مهينا ۽ نَو ڏينهن گذري ويا. اڄ صبح جڏهن اڃان فجر جي آذان به نه آئي هئي ته ناصر کي جاڳ ٿي. هن عربن وارو جبو ۽ مٿي تي عربي پٽڪو پاتو. هُن پنهنجي ڪمري جي دريءَ منجهان ليئو پائي ٻاهر ڏٺو، شهر اڃان سمهيو پيو هو. هُن پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي ۽ حُڪو به ٺاهيو. ڪُرسي سوري اچي دريءَ جي سامهون ويٺو. هوا جي جهونڪن ۾ صحرا جي خوشبو پئي آئي. ناصر پنهنجي قميص جي کيسي ۾ هٿ هنيو ته هن جي هٿ کي ڪيترائي پئسا محسوس ٿيا. جيڪي هن گذريل يارنهن مهينن ۾ ڪمايا هئا. انهن پئسن مان هو س‍ؤ رڍن جو ڌڻ آساني سان خريد ڪري ٿي سگهيو.
    فجر جي نماز کانپوءِ هو جنهن وقت دڪان جي مالڪ سان دُڪان کولڻ لاءِ وڃي رهيو هو ان وقت پنهنجي مالڪ کي چيو ته “اڄ آءُ اندلس واپس وڃي رهيو آهيان.” دڪان جي مالڪ ناصر ڏانهن ڏٺو پر ڪجهه نه ڪُڇيو.
    “اوهين مون کي اجازت نه ڏيندا؟” ناصر دڪان جي مالڪ جي مرضي پڇي.
    “پٽ! منهنجون دعائون توسان گڏ آهن. تون منهنجي لاءِ هڪ نئين تمنا وانگر آئين، منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ بهترين انقلاب آندو. هڪڙي ڳالهه جيڪا آئون توکي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان اُها اِها ته: “نه آئون حج تي ويندس ۽ نه تون طرفه موٽي رڍن جو ڌڻ خريد ڪري وري ساڳي زندگي شروع ڪندين.” دڪان جي مالڪ ناصر کي چيو.
    “جڏهن اوهان وٽ ايترا پئسا آهن جو اوهين آساني سان حج لاءِ مڪي وڃو ۽ مون وٽ ايترا پئسا آهن جو آئون رڍون خريد ڪري پنهنجي ڳوٺ ۾ خوش زندگي گذاري سگهان ته پوءِ اوهان اهو ڪيئن ٿا چئو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي؟” ناصر دڪان جي مالڪ کان پڇيو.
    “مڪتب! آءُ پنهنجي تجربي جي آڌار تي ڪافي شين جو ٺيڪ ٺيڪ اندازو لڳائي سگهان ٿو ۽ سکڻ جي هِن عمل کي مڪتب چئبو آهي.” دڪان جو مالڪ چئي ٿو.
    ناصر، دڪان جي مالڪ کان موڪلائي سڌو پنهنجي ڪمري ۾ آيو. سڀ شيون سهيڙڻ لڳو. جنهن وقت هن پنهنجو سامان وڏي پيتيءَ مان ڪڍيو ٿي ته پيتيءَ جي تري ۾ هُن جي صَدري پئي هئي جيڪا هن پنهنجي پيءُ طرفان مليل آخري پئسن مان ورتي هئي. هن صدري ڏسي سوچيو ته هاڻي اِها پراڻي ٿي چڪي آ ان ڪري ڪنهن فقير کي ڏجي. جيئن ئي هُن صدريءَ کي هٿ وجهي ٻاهر ڪڍيو ته ان مان هڪ اڇو ۽ هڪ ڪارو پٿر هيـٺ اچي پٽ تي پيا. “انسان خواب ڏسڻ ڪڏهن ڪو نه ڇڏيندو آهي پر خواب انهن جا سچا ٿين ٿا جيڪي انهن کي سڃاڻن ٿا ۽ قدرت طرفان مليل نشانين جي مدد سان انهن کي سچائيءَ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.” ناصر پٿرن کي ڏسندي ئي سيلم جي بادشاهه عبدالله جا لفظ پڙاڏي وانگر پنهنجي ذهن ۾ ٻڌي ٿو.
    “ڀل ڇا به هجي پر آئون طرفه واپس ويندس.” ناصر ٻنهي پٿرن کي هٿ ۾ جھلي چيو.
    “آئون مڃان ٿو ته رڍون مونکي گهڻو ڪجهه نه ٿيون ڏين. هي جيڪا عربي سکي يا شيشن جو شيون ٺاهڻ سکيم اهي سڀ ماڻهن سان ميل جول جي ڪري ممڪن ٿيون. پر رڍن مونکي اهڙي ٻولي سيکاري جيڪا بنا آواز جي هجي ٿي ۽ جنهن ۾ پيار خلوص، اعتبار، ڏک ۽ خوشي هجي ٿي.” ناصر پاڻ کي واپس وڃڻ لاءِ آماده ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    “جڏهن انسان منزل ماڻڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هُن جي مدد ڪري ٿو.” ناصر جي ڪنن ۾ سيلم جي بادشاهه جا لفظ گونجڻ لڳا.
    “ڪائنات جي هر ذري اهڙي مدد ڪئي جو آفريڪا اچڻ شرط ئي چورن سان ملرايو ۽ وچ بازار ۾ روئي ويٺو هيس. ان کان علاوه صحرا جي خوفناڪ هجڻ جو صحيح پتو اڃان هاڻي پيو اٿم. مصر جي محرابن تائين پهچڻ ۾ ڪيتري نه تڪليف آهي اُها هُن بادشاهه عبدالله کي به خبر نه هئي. ان کان علاوه مصر جا محراب آهن رڳو سِرون. هيءُ ئي خزانو آ منهنجو، اڳي ٿوريون رڍون هيون هاڻي سئو کان به مٿي ٿي وينديون.” ناصر طرفه ڏانهن واپس وڃڻ لاءِ پاڻ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ناصر سامان سهيڙڻ کانپوءِ شهر جو آخري چڪر هڻڻ لاءِ ٻاهر نڪري آيو. هن جو ڪمرو دڪان جي بلڪل ڀرسان هيو. هُن ڏٺو ته ماڻهو ننڍڙن شيشن جي گلاسن ۾ چانهه پي رهيا هئا ۽ حُڪو به ڇڪي رهيا هئا. اهي ڳالهيون ناصر لاءِ ڪي نيون نه هيون پر هو اِهو سڀ ڪجهه ڇڏي اڄ وڃي رهيو هو. هو انهيءَ ڪري ٿورو ڏک ۾ هيو. خوشي هُن کي انهيءَ ڪري ٿي رهي آهي ته هاڻي هو طرفه ۾ هڪ امير ريڍار طور سڃاتو ويندو.
    ريڍار ٿيڻ هن جو خواب نه هو. هن بس گهمڻ ڦرڻ لاءِ پنهنجو اباڻو گهر ڇڏي هي ڌنڌو سنڀاليو هو. هن ٻين ملڪن جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي کي پسڻ ٿي چاهيو.
    ياقوت ۽ مرجان هن جي ساڄي هٿ ۾ مضبوطي سان پڪڙيل هئا. هو شهر جو چڪر لڳائي رهيو هو. سچ ته اهو هو ته هو اڃان اِهو فيصلو نه ڪري سگهيو هو ته واپس طرفه وڃي يا مصر جي محرابن ڏانهن پنڌ پئي. هو هلندو هلندو وڃي ان هوٽل وٽ بيهي ٿو جتي هو پهرين ڏينهن تي آيو هو ۽ هُن کي جتي چور مليو هو. ناصر هوٽل ۾ گهڙندي شرط هيڏانهن هوڏانهن نهاريو ته متان اهو چور نظر اچي وڃي. پر اهو شخص نظر نه آيس. بيري ناصر لاءِ چانهه آندي. ناصر چانهه جون سرڪيون به ڀريندو رهيو ۽ سوچڻ جي عمل کي به جاري رکيو.
    هن کي واپس وڃڻ ۾ هر لحاظ کان آساني نظر اچي رهي هئي. پر هن وقت جڏهن هو عربي سکي چڪو هو ته هن کي مصر جا محراب به ايڏا ڏکيا نه لڳي رهيا هئا ۽ هن سوچيو ته هيءُ ئي موقعو آهي جو آئون ڪا نئين منزل ماڻي سگهان ٿو.
    “پر آفريڪا جو صحرا مون لاءِ دشمن به ٿي سگهي ٿو ۽ منهنجي زندگيءَ جو خاتمو به آڻي سگهي ٿو پوءِ آئون خزاني يا مال دولت کي ڇا ڪندس. طرفه هتان بلڪل ويجهو آهي جتي پهچڻ کان پوءِ آءُ امير ٿي ويندس.” ناصر پنهنجو پاڻ سان ڳالهايو.
    “پر گذريل يارنهن مهينن ۾ آئون اِهو به ته سکيو آهي ته مشڪلاتن سان منهن ڪيئن ڏجي ۽ جيڪڏهن هڙ مان سڀ پئسا نڪري وڃن ته ڇا ڪجي جو پنهنجي ديس واپس پهچي سگھجي”. ناصر چانهه پيئڻ دؤران پاڻ سان مسلسل الجهيل رهيو.
    هوٽل کان ٻاهر نڪرڻ وقت هن جي چهري تي نئون رنگ هيو.


    باب پنجون

    ناصر هڪ اهڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي ٿو جيڪو سدائين هُن جي دڪان تان ڪجهه شيون خريد ڪري صحرا جي ٻين علائقن ۾ وڃي کپائي ايندو هو. ناصر هُن شخص کان مصر تائين ڪو قافلو وڃڻ جو پڇي ٿو. هو همراهه ناصر کي سامان کڻي اچڻ لاءِ چوي ٿو ڇاڪاڻ ته اڄ الفيوم ڏانهن قافلو نڪرڻو هيو.
    ناصر جڏهن سامان کڻي اچي ٿو ته همراهه هُن کي اُٺن جي تنبيلي ڏانهن وٺي وڃي ٿو. تنبيلي ۾ اڳ ئي هڪ انگريز شخص ويٺو هو جيڪو تنبيلي ۾ اٺن جي بدبوءَ ۽ گاهه ۽ ڇيڻن جي بدبوءَ جي ڪري چڙ منجھان ڳالهائي رهيو هو.
    انگريز، ڪيمياگري جو ڪو ڪتاب پڙهڻ ٿي چاهيو پر بدبوءِ جي ڪري هن جي دماغ ۾ ڪا به شيءِ ٺيڪ طرح سان نه ٿي ويٺي. هو هي سڀ ڪجهه ان ڪري برداشت ڪري رهيو هو ته هن سڄي زندگي ڪيمياگري جي مشاهدن لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ڪافي درسگاهن ۾ ۽ تجربي گاهن ۾ علم پرايو، تمام گهڻيون ٻوليون به سکيون ۽ هاڻي هو وڏو ڪيمياگر ٿيڻ چاهي ٿو. هو مختلف ملڪن جو سفر ڪندو رهي ٿو ته جيئن هو ڄاڻي سگهي ته دنيا اندر ڪيمياگري جا ڪهڙا ڪهڙا طريقا آهن. هن وقت تائين هو گهڻو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي. هن جي خيال ۾ ته ڪيمياگر سدائين ڳالهيون لڪائيندا رهن ٿا. شين جو اصل فلسفو ڪيمياگر ڪنهن سان به نٿا ونڊين. هو هاڻي صحرا ۾ هڪ ماڻهو سان ملڻ پيو وڃي جيڪو هڪ عرب ڪيمياگر آهي. جنهن وٽ اهڙا ڪيميائي فلسفي جا راز آهن جن کي ڪو به ماڻهو نٿو ڄاڻي. سڀ کان وڏو راز هُن عرب ڪيمياگر وٽ اهو آهي ته هو ڪهڙي به ڌاتوئي شيءَ کي سون ۾ تبديل ڪرڻ ڄاڻي ٿو. ٻي وڏي راز جي ڳالهه اِها آهي ته هُن عرب ڪيمياگر کي “آب حيات” جي مرڪب جي ڄاڻ آهي. اهي ڳالهيون ڏسڻ کانسواءِ يقين ڪرڻ جهڙيون ئي ناهن. انهيءَ ڪري هيتري ڌپ ۽ گندي ماحول ۽ صحرا جي ڏکيائي سهي انگريز ڪيمياگر هُن عرب وٽ پهچڻ چاهي ٿو، جيڪو الفيوم ڏانهن ڪٿي رهي ٿو.
    ناصر تنبيلي کان ٻاهر ڏسي ٿو ته قافلو پنهنجي تيارين ۾ رڌل هيو. قافلي جي هلڻ ۾ اڃان دير هئي. ان ڪري ناصر اُهو پراڻو ڪتاب ڪڍيو جيڪو هُن ٻارنهن مهينا اڳ ورتو هو. اُن ڪتاب جي پهرين ئي صفحي تي ڪنهن جي تدفين جو ذڪر آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا نالا ڄاڻايل آهن. ناصر ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيو پر هن کي پنهنجو ڪيل فيصلو اندر ۾ آنڌ مانڌ مچائي رهيو هو. اڃان تائين هو ٻڏتر ۾ هو ته مصر جي محرابن ڏانهن وڃي يا نه. فيصلو ڪرڻ ڪڏهن ڪڏهن وڏو عذاب ٿي پوي ٿو پر ايترو ضرور آهي ته فيصلي ڪرڻ سان زندگيءَ جو وهڪرو جاري رهي ٿو. نه ته فيصلي ڪرڻ کان بنا زندگي هڪ بيٺل پاڻيءَ جي دُٻي وانگر ٿي وڃي ٿي. جنهن ۾ ڪافي بيماريون اچي واسو ڪن ٿيون.
    “جيڪڏهن هڪ دفعو آئون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته پوءِ هَر هَر مونجھارن جو شڪار ڇو ٿي رهيو آهيان. ڀل ايندڙ لمحا ڪيترا به نوان ڇو نه هجن منهن ڏئي وٺندس.” ناصر دل ئي دل ۾ پاڻ کي سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    انگريز ڪيمياگر جو ناصر جي هٿ ۾ اندلسي ٻولي ۾ ڪتاب ڏٺو ته هُن کي تسلي ٿي ته ڪو اهڙو ماڻهو به هُن سان سفر ۾ ساڻ هوندو، جنهن کي هُن جي تَر جي ٻولي اچي ٿي.
    “ياقوت ۽ مرجان” انگريز ڪيماگر ناصر جي هٿ ۾ ٻئي پٿر ڏسي رڙ ڪئي. ناصر تڪڙ ۾ ٻئي پٿر کيسي ۾ وجهي ڇڏيا.
    “اهي پٿر اوهان کي ڪيئن ۽ ڪٿان مليا؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کان پڇيو.
    “هي پٿر هڪ بادشاهه وٽان مونکي سوکڙيءَ طور مليل آهن.” ناصر وراڻيو.
    انگريز ڪيمياگر پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ بلڪل ساڳيا پٿر ڪڍيا ۽ ناصر کي چيو:
    “اهي ڪي ايترا قيمتي پٿر ناهن، هي جابلو علائقن ۾ عام جام ملن ٿا. هتي صحرا ۾ اهي اڻلڀ آهن، ان ڪري حيران ٿيس. پر وڌيڪ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اهي پٿر توکي ڪنهن بادشاهه ڏنا آهن. اها ڳالهه ڄڻ اعتبار جوڳي ناهي.”
    “توهان صحيح ٿا چئو، ڀلا هڪ عام ريڍار جي پيشي واري ماڻهو سان هڪ بادشاهه ڇو ڳالهائيندو”. ناصر چيو.
    “نه ائين ناهي. بادشاهه ريڍارن، ڌنارن ۽ ڪڙمين سان محبت ڪن ٿا ۽ انهن جي ڪمن کي ساراهه ڪندي ياد ڪن ٿا. هي پٿر بادشاهه گهٽ، ديندار ماڻهو گهڻا رکندا آهن. هنن پٿرن جو ذڪر خدا طرفان نازل ڪيل تقريبن هر ڪتاب ۾ آهي. هي پٿر ايترا ته اهم آهن جو خدا طرفان مليل اشارن کي سمجھڻ ۾ مدد ڏين ٿا.” انگريز ڪيمياگر پٿرن بابت ناصر کي ٻڌايو. “اوهان کي ڪيئن خبر پئي هنن جي اهميت جي؟” ناصر کي کٽڪو ٿي پيو ته متان انگريز ڪيمياگر هن جي ئي پٿرن کي صحيح سڃاتو هجي ۽ چالاڪي سان مون کان ڦري نه وڃي.
    “هڪ ته هي پٿر هر ڪنهن کي مدد ڪو نه ڪندا آهن. ٻيو اهو ته اوهان اِنهن کي ڪهڙي نيت سان استعمال ڪيو ٿا هِن ڳالهه جو وڏو عمل دخل هجي ٿو.” انگريز ڪيمياگر چيو. ناصر کي تسلي ٿي ته هِن وٽ موجود پٿر هي انگريز ڪيمياگر هٿڻ جي ڪوشش نه ڪندو.
    “دنيا ۾ هر شيءَ چاهي اها خرابي طرف هجي يا سٺائي طرف، خدا طرفان انسان کي عنايت ٿئي ٿي. اِهي سڀ حالتون انسان لاءِ هڪ مثال ۽ نشاني طور آهن. هيءَ هڪ اهڙي زبان آهي جيڪا خدا استعمال ڪندي پنهنجي مخلوق سان ڳالهائي ٿو ۽ خدا اهڙيون شيون به خلقي ٿو جن جي مدد سان اسين خدا جي ڳالهايل ٻولي سمجهي سگهون. سمجهه ته هي ٻئي پٿر به انسان جا مددگار آهن ۽ .... ” انگريز ڪيمياگر اڃان ڳالهائي رهيو هو ته هڪ عرب اندر آيو ۽ چيائين ته قافلو بس الفيوم جي علائقي ڏانهن نڪرڻ وارو آهي. تنهن تي ناصر هن عرب کي چيو ته:
    “مونکي الفيوم نه پر مصر ڏانهن وڃڻو آهي.”
    “الفيوم، مصر جو ئي علائقو آهي. تون ايتري سٺي عربي ڄاڻيندي ۽ عربن سان گڏ رهندي به اهو معلوم نه ڪري سگهيو آهين ته الفيوم ڪٿي آهي. عجيب ماڻهو آهن هن دنيا ۾.” عرب ناصر کي ٿورو تکو ٿي چيو.
    هنن ٻنهي تياري وٺڻ شروع ڪئي. انهيءَ دؤران انگريز ڪيمياگر چيو:
    “شڪر آ جو قافلو هلڻ وارو آهي. نه ته قافلن جڙڻ ۾ به ڪافي ڏينهن لڳيو وڃن. اها به خدا جي خاص مهرباني آهي جو اسان کي اتفاق سان دل ۾ وقتائتو خيال ڏياريو. جيڪڏهن آئون ڪو ڪتاب لکندس ته ان جو نالو “قسمت ۽ اتفاق” رکندس.”
    “تون هي مرجان ۽ ياقوت ڇو کنيا آهن. ڇا تون به مون وانگر ڪيمياگر ٿيڻ چاهين ٿو؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کان پڇيو.
    “نه آئون خزاني جي ڳولا ۾ آهيان.” ناصر تڪڙ ۾ چيو. ناصر کي اٻهرائپ ڪرڻ تي پاڻ تي وڏي ڪاوڙ آئي. ڇاڪاڻ ته هو خزاني بابت يا پنهنجي هِن سفر جي ڪنهن به ڳالهه جو ذڪر ڪنهن سان به ڪرڻ نٿي چاهيو.
    “هر انسان ڪنهن نه ڪنهن خزاني جي ڳولا ۾ رهي ٿو. مون کي ئي ڏس آئون مختلف شين کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جا گُرَ ڄاڻڻ لاءِ الفيوم هڪ عرب ڪيمياگر سان ملڻ پيو وڃان. پر تون ڪيئن خزانو ڳولڻ پيو وڃين؟” انگريز ڪيمياگر ناصر کي چيو.
    ان کان اڳ جو ناصر ڪو هيڏانهن هوڏانهن وارو جواب ڏي. اڳ جيڪو عرب تنبيلي ۾ هنن کي تياري پڪڙڻ لاءِ چئي ويو هو اهو وري آيو ۽ هنن ٻنهي (ناصر ۽ عرب ڪيمياگر) کي ٻاهر هلڻ لاءِ چيو.
    هنن ٻنهي پنهنجو پنهنجو سامان کنيو ۽ ٻاهر نڪتا. ٻاهر ميدان تي هڪ واريءَ جي ننڍڙي دڙي تي هڪ وچولي عمر جو شخص بيٺو هو. جيڪو هن قافلي جو رهنما ۽ سردار چونڊيو ويو هو. هُن قافلي جا چار ماڻهو مقرر ڪيا ته اُهي قافلي جا سڀ ماڻهو ڳڻن ته جيئن ڄاڻ پوي ته قافلي ۾ ڪيتريون عورتون، ڪيترا ٻار ۽ ڪيترا مرد آهن. جڏهن سڀ ماڻهو ڳڻجي ويا ته قافلي جي سردار وڏي آواز ۾ چيو ته:
    “آئون هن قافلي جو اڳواڻ آهيان. آئون اوهان کي اهو ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجھان ته سفر دؤران ڪنهن به ماڻهوءَ جيڪڏهن ڪا گڙٻڙ ڪئي ته ان کي آئون مارڻ جي اجازت رکان ٿو. هي صحرا هڪ خوبصورت پر رنگ بدلائيندڙ عورت وانگر آهي. صحرا ڪنهن وقت به ڪنهن کي به چريو ڪري سگهي ٿو. هيءَ ڳالهه شايد اوهان کي هن وقت سمجهه ۾ نه اچي پر آهستي آهستي اوهين چڱيءَ ريت ڄاڻي وٺندؤ. آءُ پنهنجي پاران اوهان کي اِها تسلي ڏيارڻ ٿو چاهيان ته آءُ اوهان کي هر ممڪن ڪوشش ڪري منزل تائين رسائڻ چاهيان ٿو. هيءَ ڳالهه آءُ پنهنجي الله کي، جنهن کي هر گھڙي ٻاڏايان ٿو ان کي حاضر ناظر ڄاڻي چئي رهيو آهيان. اوهان کي اها گذارش آهي ته اوهين به قافلي هلڻ کان پهريان خير و عافيت جي دعا گُهري ڇڏيو.”
    انهيءَ کانپوءِ قافلي مان ڀڻڪن جا آواز اچن ٿا. قافلي ۾ تقريبن ٻه سئو ماڻهو هئا ۽ چار سؤ جي قريب جانور جن ۾ ٻڪريون، اٺ، مرغيون وغيره هئا. قافلي ۾ عورتون ۽ ٻار ڪافي هئا. باقي جيڪي به مرد هئا، انهن سڀن کي تلوار ۽ ڪلهي تي بندوق رکيل هئي.
    اٺن آهستي آهستي اٿڻ شروع ڪيو. ناصر ۽ انگريز ڪيمياگر ۽ ڪجهه ٻين اٺ ڇڪڻ لاءِ ماڻهو رکيا هئا. ناصر کي انگريز ڪيمياگر جي اٺ تي ڏاڍو رحم آيو. ڇاڪاڻ ته ان تي ڪتابن جو تمام وڏو وزن رکيل هيو. اٺن، ٻين جانورن ۽ ماڻهن جي آوازن عجيب شور پئدا ڪيو هو. قافلو تنجير کان اوڀر طرف هلڻ شروع ٿيو.
    اٺن جي اڳتي پوئتي ٿي هلڻ ڪري ناصر ۽ هو ڪيمياگر گفتگو نه ڪري سگهيا. ناصر آسپاس جو جائزو ٿي ورتو. جائزو وٺندي هن کي خيال آيو ته انسان منزل ماڻڻ لاءِ ڪٿي کان ڪٿي وڃي پهچي ٿو. حالانڪ اِها خبر به ناهي ته واقعي منزل تي ڪو خزانو يا مال دولت هٿ اچڻي آهي يا نه. ماڻهو اميد ڪري بس ڪجهه حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. انهيءَ ڪوشش دؤران واقعا واقعن سان جڙن ٿا. سڀ واقعا زنجير وانگر جڙي اسان کي منزل تائين پهچائن ٿا.”
    منجھند جو وقت اچي چڪو هو. انهيءَ ڪري قافلي جي اڳواڻ هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ حڪم ڏنو. انهيءَ د‍ؤران ناصر جي ڪيمياگر سان ڳالهه ٻولهه ٿي. سفر جنهن وقت وري شروع ٿيو ته هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿي سگهي. ناصر خاموشي سان سفر ڪري رهيو هو ۽ آسپاس تي غور به ڪري رهيو هو. قافلي هلڻ دؤران جيڪي مختلف آواز اڀريا ٿي اهي هينئر بلڪل سانت ٿي چڪا هئا هينئر جيڪڏهن ڪو آواز آيو ٿي ته اهو صرف تيز هوا جو هيو. صحرا تي سج لهڻ جو منظر ناصر ڪيئي دفعا ڏسي چڪو هو پر هينئر هو هڪ هڪ لمحو سج کي لڙندي ڏسي رهيو هو.
    سج لهي وڃڻ ۽ رات ڇائنجڻ جي ڪري اڳواڻ آرام ڪرڻ لاءِ قافلي کي هڪ جڳهه تي خيمن هڻڻ جو حڪم ڏنو. ناصر اڄوڪي سفر کانپوءِ اهو ضروري سمجھيو ته صحرا بابت ڪنهن کان پوريءَ طرح ڄاڻ وٺي ته جيئن باقي ڏينهن جي سفر ۾ هو صحرا کي ٺيڪ ٺيڪ سمجهڻ جي ڪوشش ڪري. هو پنهنجي اٺ ڇڪڻ واري سان وڃي ويهي ٿو ۽ صحرا بابت حال احوال پڇي ٿو. اٺ ڇڪيندڙ همراهه ناصر کي چئي ٿو:
    “سائين! آفريڪا جو هي صحرا تمام وڏو صحرا آهي. آئون هن کي ڪيترائي دفعا پار ڪيو آهي پر هر دفعي هِن صحرا جي اڳيان آءُ پاڻ کي تمام ننڍڙو محسوس ڪيو آهي. هن ۾ وفا ۽ دغا ٻئي خصوصيتون آهن. هن جي طاقت جو ٺيڪ ٺيڪ اندازو اوهان کي ڪير به نه ٿو ٻڌائي سگهي.”
    رات گذري ۽ صبح ٿيو ته قافلي وري سفر کي جاري رکيو. ناصر اڪثر چپ رهيو. هُن صحرا منجھان سکڻ ٿي چاهيو. هن کي ائين سمجهه ۾ آيو ته جهڙي طرح رڍن جي هڪ مخصوص ٻولي هئي اهڙي طرح صحرا به ضرور ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انسان سان ڳالهائيندو هوندو، بس انسان کي صحرا جي ٻولي اچڻ گھرجي.
    ڏينهن پٺيان راتيون ۽ راتين پٺيان ڏينهن گذرندا رهيا. سفر دؤران اڪثر انسان کي پنهنجو ماضي ياد ايندو آهي. ناصر کي پنهنجيون رڍون تمام گهڻو ياد اينديون هيون. هو انهن جي چَرڻ ۽ سمهڻ بابت خيال ڪندو هو، هن کي اِهو کٽڪو آيو ٿي ته نئون ريڍار الائجي هنن رڍن جو خيال رکندو هوندو الاءِ نه. وري هُنَ اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جو به خيال ايندو هيس. ان کانپوءِ سيلم جو بادشاهه، آفريڪا ۾ پهريون ڏينهن، چور ۽ بازار ۾ رات گذارڻ کانپوءِ شيشن جي دڪان تي ڪم ڪرڻ هي سڀ ته هن جي ذهن ۾ تازا هئا.
    ناصر جي ماءُ انهن کي “ماضي جو مينهن” سڏيندي هئي. واقعي انسان جو ماضي لاشعور منجھان ڪڻيون ڪڻيون ٿي شعور جي اڱڻ تي وسي ٿو ۽ پوءِ يادن جو هڪ وڏو تلاءُ ٺهي ٿو. مختلف واقعا جڙن ٿا پر اهي واقعا ڪيئن جڙن ٿا؟
    “مڪتب” ناصر کي سدائين اهڙن سوالن تي هي لفظ ياد ايندو هو، جيڪو هن شيشي جي شين واري دڪان جي مالڪ کان سکيو هو. “ڪاتب سڀ واقعا اڳ ئي لکي رکي ٿو پر اهي انسان جي زندگيءَ ۾ آهستي آهستي اچن ٿا. ڇاڪاڻ ته هر واقعي جو هڪ مقرر وقت هجي ٿو.”
    قافلو الفيوم ڏانهن وڌي رهيو هو. گذريل ڏينهن ۾ ڪافي نيون شيون ناصر کي سکڻ لاءِ مليون. قافلي ڪجهه ڏکيائيون به ڏنيون. برسات پوڻ جي ڪري ڪي واريءَ جا دڙا تمام ترڪڻا ٿي ويا هئا جن تي چڙهڻ ناممڪن هيو ان ڪري ڪافي وڏو پنڌ ڪري ٻئي پاسي کان اچي وري سفر کي جاري رکيو. تَرائيون به ڪافي هيون. ڪافي ترائيون جتان پاڻي سڪي ويو هو ۽ سِم ۽ ڪلر جي ڪري رڳو لوڻ ۽ ترڪڻ هئي ان جاءِ کي پار ڪرڻ لاءِ اٺن تان سڄو سامان لاهي، اٺن کي آهستي آهستي پار ڪرايو ٿي ويو. ههڙين ترڪڻ واري جڳهين تان اٺ کي جيڪڏهن وزن سان يا تيز تيز ڊوڙائڻ سان پار ڪرائجي ٿو ته اُٺ جي ترڪڻ ۽ ٽنگون ڀڄي پوڻ جو خطرو رهي ٿو. سفر د‍ؤران جيڪڏهن هڪ به اُٺ ڪنهن ڳالهه جي ڪري گھٽجي وڃي ٿو ته وڏي مشڪل کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ان ڪري هر ننڍي ننڍي ڳالهه کي صحرا ۾ اهميت ڏيڻي پوي ٿي.
    ڪجهه به هيو، ڪيتريون ئي تڪليفون ڇو نه هيون پر جڏهن اهي گذري ٿي ويون ته وري هر شيءَ معمول مطابق ٿي آئي. قافلي جو اڳواڻ هڪ ڏاهو ۽ هوشيار ماڻهو هيو. هر هڪ شيءَ جو، سج لهڻ، اڀرڻ جي طرفن جي جاچ، تارن جي بيهڪ، وڻن ۽ واٽ تي ايندڙ ڳوٺن کي ڌيان ۾ ٿي رکيو ته متان ڀلجي نه وڃون.
    اڳواڻ سان گڏوگڏ سڀن ماحول جو پئي جائزو ورتو. صرف انگريز ڪيمياگر هيترن ڏينهن جي سفر ۾ رڳو ڪتابَ پڙهندو رهيو. ڇاڪاڻ ته هن کي اِهو ذهن ۾ هيو ته عرب ڪيمياگر (جنهن سان هو ملڻ وڃي رهيو هو) اهو هِن جي ڄاڻ جو امتحان نه وٺي. باقي ناصر وٽ جيڪو ڪتاب هيو اُهو هن هڪ ٻه ڏينهن پڙهيو پوءِ صحرا کي ئي پڙهڻ جي ڪوشش ڪئي. صحرا کي سمجھڻ ۾ ناصر جي هُن جي اُٺ ڇڪڻ واري تمام گهڻي مدد ڪئي. هنن ٻنهي جي پاڻ ۾ سٺي گهرائپ ٿي وئي.
    اٺ ڇڪڻ واري ناصر کي پنهنجي زندگيءَ جو سڄو حال احوال ٻڌايو هو. هو الخُبر جي علائقي جو رهاڪو هيو. ڪنهن زماني ۾ هُن وٽ تمام سٺي زرعي زمين هئي. اهي ڏينهن هن لاءِ تمام گهڻا سکيا ڏينهن هئا. ان وقت هن کي لڳندو هو ته هُن جو مستقبل به حال وانگر ڏاڍو خوشحال هوندو. پر، بندي جي من ۾ هڪڙي ۽ الله وٽ ٻي، سو هڪ ڏينهن هنن جي ڳوٺ ۾ اهڙو خوفناڪ زلزلو آيو جو ڀرسان واري نديءَ جا بند ٽٽي پيا ۽ سڀ ڪجهه لڙهي ويو. هُن پنهنجي زندگي وري نئين سِري سان شروع ڪئي ۽ هينئر هو هي اٺ ڇڪڻ جي ڪِرت سان وابسته آهي.
    ناصر پنهنجي اُٺ ڇڪڻ واري کان هڪ دفعي پڇيو هو ته “تون ٻوڏ مان ڪهڙو سبق حاصل ڪيو؟” وراڻيائينس ته: “ٻوڏ سڀ ڪجهه کسي ويئي اڃان ڪهڙو سبق پرايان ها. پر وقت گـذرڻ کانپوءِ مونکي اهو سمجهه ۾ آيو ته الله تعالي انسان کي ڏاڍو مضبوط ۽ وڏيءَ دل وارو ڏسڻ ٿو چاهي. انسان کي اهو سيکارڻ ٿو چاهي ته مشڪل کان مشڪل گھڙي ۾ به حوصلو تمام گهڻو بلند هجي. انسان کي هميشه پنهنجي استعمال هيٺ آيل شين کي وڃائڻ جو خوف رهي ٿو. پنهنجي زندگي ۽ مال و دولت ۽ جايون جڳهيون بچائڻ لاءِ ڇا ڇا نه ٿو ڪري. انهيءَ لالچي ۽ لوڀي انسان مان اهو خوف تڏهن نڪري ٿو جڏهن هو ڄاڻي وٺي ٿو ته انسان جي هر هڪ ساهه تي قدرت وارو قادر آهي.”
    ناصر جڏهن اهڙيون ڳالهيون ٻڌندو هو ته هُن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. هن به پنهنجي زندگيءَ ۾ ائين پاڻ سان ٿيندي ڏٺو هو. هو پئسا کڻي آفريڪا جي شهر ۾ آيو هو ۽ ان ئي ڏينهن هو چور جي هٿان لٽجي ويو هو ۽ وري هن وٽ پئسا اچي ويا.


    باب ڇهون

    قافلو صحرا جي انهن حصن ۾ داخل ٿي چڪو هيو جتي قبائلي جھڳڙا ۽ چور تمام گھڻا هئا. ڪافي دفعا بَدُو قافلي جي اڳواڻ کي انهن رستن جي آگاهي ڏني هئي جتان قافلي کان ڦريندڙ چور هئا.
    اڄ سفر کي ڪافي ڏينهن گذري چڪا هئا. رات جو وقت هو ۽ ٿڌي موسم هجڻ ڪري ننڍڙا ننڍڙا باهه جا مچ مچايا ويا هئا. انگريز ڪيمياگر ۽ ناصر به هڪ باهه جي مچ وٽ وڃي ويٺا ۽ گذريل ڏينهن بابت هڪ ٻئي سان حال اوريندا رهيا. ناصر، انگريز ڪيمياگر کان پڇيو ته: “گذريل ڏينهن ۾ قافلي سان الاءِ ڇا ڇا وهيو واپريو پر اوهين رڳو ڪتابن ۾ گم هئا ڇو؟”
    “ناصر! ڪتاب اهڙين ڪيترين ئي دنيائن بابت ٻڌائن ٿا جيڪي اسان نه ڏٺيون نه ٻڌيون. تون پنهنجي اردگرد ڏسڻ جو شوقين...” انگريز ڪيمياگر اڃان ڪجهه وڌيڪ چيو ٿي ته وچ ۾ ناصر جو اٺ ڇڪڻ وارو همراهه آيو ۽ چيائين ته هتان کان ٿورو اڳيان گھمسان جي قبائلي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي، جنهن ڪري اسين في الحال اڳتي نه وڌي سگهنداسين. ڳالهه ٻڌي ناصر ۽ ڪيمياگر خوف ۾ ويڙهجي ويا.
    ناصر پنهنجي همراهه کان پڇيو ته “هِن مصيبت مان نڪرڻ جو آخر ڪو ته رستو هوندو نه!”
    “صبر، اوهان کي صبر کان ڪم وٺڻو پوندو. الله سائين تي ڀروسو ڪيو جيڪو هر لمحي جو ڪاتب آهي. ڪجهه لمحا صبر ڪرڻ لاءِ به انسان جي زندگي ۾ اچن ٿا.” اٺ ڇڪڻ وارو همراهه ائين چئي اتان هليو ويو.
    پورا ٻه ڏينهن هنن کي انتظار ڪرڻو پيو. ان کانپوءِ وري قافلو هلڻ شروع ٿيو. اڳواڻ اٺن کي ٿورو تيز ڊوڙائڻ لاءِ چيو، ڇاڪاڻ ته هن قافلي کي ڪنهن مصيبت جي منهن ۾ نه ٿي وجھڻ چاهيو. ڏينهن ۽ راتيون خاموشي سان ڪٽجي رهيون هيون. قافلو ڏينهن جي بنسبت رات جو گھڻو سفر ڪري رهيو هو. رات جو ڪنهن وقت جيڪڏهن ٿائينڪو به ٿيا ته باهه نه ٿي ٻاريائون، چوڌاري اٺن کي ويهاري وچ ۾ سڀن ماڻهن کي آرام ڪرڻو ٿي پيو ۽ ڪجهه ماڻهن کي چؤڪيداري لاءِ مقرر ڪيو ٿي ويو. باهه ٻارڻ سان روشني ٿي ٿئي. جنهن سان پري کان ماڻهن کي خبر ٿي پئي ته اتي ڪو قافلو آهي انهيءَ ڪري چور باهه جي روشني ڏسي حملو ڪري ٿي سگهيا.
    هڪ رات انگريز ڪيمياگر کي ننڊ نٿي آئي. هو ناصر ڏانهن ويو ۽ ساڻس گڏ هلڻ لاءِ چيائين. ناصر ننڊ ڪرڻ ٿي چاهي پر پنهنجي نئين دوست جو لحاظ ڪندي هو گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿيو. هو ڀرسان ئي هڪ واريءَ جي دڙي تي ويٺا. هوا ۽ ٿڌ ماحول کي بلڪل سانت ڪري ڇڏيو هو.
    انگريز ڪيمياگر ناصر کي چيو “ناصر! تون ڪڏهن ڪا نئين شيءِ ٺاهي جنهن تي توکي وڏو ناز هجي.”
    “ها! آئون شيشن جي گلاسن ۾ چانهه کپائڻ جو هڪ نئون طريقو آندو.” ناصر پوءِ سڄو سربستو احوال ڏنو. انگريز ڪيمياگر ناصر جي دڪان ۾ آندل نون نون طريقن کان تمام گھڻو متاثر ٿيو.
    “ڪنهن به ڪاروبار هلائڻ لاءِ نون طريقن کي ڳولهڻ ۽ لاڳو ڪرڻ وارو عمل تمام مفيد ثابت ٿئي ٿو. مختلف طريقا پروڙڻ ئي دنيا ۾ انسان جي هجڻ جو اصل مقصد آهي، ۽ اِهو مقصد اسين تڏهن ماڻي سگھون ٿا جڏهن اسين ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچي دل سان ڪوشش ڪريون”. ڪيمياگر چيو.
    “اوهان کي ائين نه ٿو لڳي ته هر ذري ۾ جان آهي؟” ناصر پڇيو.
    “بلڪل هر ذري ۾ جان آهي. هي دنيا صرف انسان ذات جي روح سان آباد ناهي بلڪه هن زمين تي رهندڙ هر شيءِ ۾ پنهنجي پنهنجي حساب سان روح ڦوڪيل آهي. ايتري قدر جو اسانجي ذهن ۾ جيڪي خيال اچن ٿا انهن ۾ به روح آهي. هيءَ دنيا نين نين شين سان ڀرجڻ واري عمل ۾ مسلسل هلندي رهي ٿي. ڪي شيون پنهنجو مقرر وقت پورو ٿيڻ ڪري هن دنيا منجھان ڪنهن ٻئي عالم ۾ هليون وڃن ٿيون.” ڪيمياگر وراڻيو.
    “اهو ته صحيح آهي پر هيءَ دنيا اسانجي ڪهڙي طرح مدد ڪري ٿي، توڙي جو اسين نيڪ نيتي سان هر ڪم سرانجام ڏيون؟” ناصر پنهنجن پوين تجربن کي ذهن ۾ رکي پڇي ٿو.
    انگريز ڪيمياگر ٿورو مشڪي ٿو ۽ ناصر کي چئي ٿو ته “اسانجا نيڪ مقصد پورا ڪرڻ لاءِ هيءَ دنيا هر حال ۾ اسانجي مدد ڪري ٿي، پر اسان کي محسوس ان ڪري نه ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته اسين هِن جو ئي حصو آهيون. جهڙي طرح اسين پنهنجن هٿن، پيرن، اکين وغيره جيڪي اسان لاءِ ڪهڙا نه عظيم ڪم ڪن ٿا، پر اسين انهن تي ڌيان نٿا ڏيون ڇو جو اهي اسانجو حصو آهن. جڏهن انهن عضون مان ڪو عضوو خراب ٿي وڃي ٿو ته اسان کي پوءِ احساس ٿئي ٿو. اهڙي طرح سان هيءَ دنيا اسانجي اردگرد ڪيترائي ماڻهو مدد لاءِ مقرر ڪري ٿي. جيئن ماءُ پيءُ هو اسان لاءِ وڏا مددگار آهن اسانکي انهن جي اهميت جو صحيح اندازو تڏهن ٿئي ٿو جڏهن هو هن دنيا مان هليا وڃن ٿا.” ڪيمياگر ائين چئي آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. هن جون اکيون ڀرجي آئيون هيون، ڇاڪاڻ ته هن جا پيءُ ماءُ هاڻي هن دنيا ۾ نه رهيا هئا.
    ناصر چاهيو ته هو اڃان ڪجهه وڌيڪ پڇي پر ان ڪري چپ هيو جو ڪيمياگر ٿورو غمگين ٿي ويو هو.
    ٿوري دير ماٺ کانپوءِ ناصر چيو ته: “توهان اِهو محسوس ڪيو ته هي قافلو جڏهن صحرا ۾ داخل ٿيو ته صحرا جو حصو ٿي ويو. صحرا ۾ به ڪافي نشانيون رکيل آهن جيڪي خدا جي طرفان خلقيون ويون آهن. اسانجي قافلي جو اڳواڻ انهن نشانين جي مدد سان قافلي کي منزل تائين وٺي وڃڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. ايتري قدر جو هو تارن جي بيهڪ کي به ڌيان ۾ رکي ٿو.”
    ناصر دراصل چاهيو ته هو ڪيمياگر کي اهو ٻڌائي ته رڳو ڪتاب سان نه پر ماحول جو جائزو وٺڻ سان ماڻهو سکي ٿو.
    “واهه! اهي ڳالهيون ته مون ڪڏهن سوچيون به ناهن. مونکي ضرور ڪجهه وقت ڪڍي قافلي ۽ صحرا ۾ ڇا وهي واپرائي پيو ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ گھرجي.” انگريز ڪيمياگر کي به محسوس ٿيو ته هو پنهنجي آسپاس ڪجهه وڌيڪ ئي نظرانداز ڪري رهيو آهي.
    “بلڪل، ۽ مونکي اوهانجا ڪتاب به پڙهڻ گھرجن.” ناصر چيو.
    هو واپس پنهنجي خيمي ۾ آيا ۽ ڪيمياگر ناصر کي ڪجهه ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا.
    ناصر ڪيمياگر جي طرفان مليل ڪتابن کي سفر دؤران پڙهڻ جي ڪوشش ته تمام گھڻي ڪئي پر ڌاتن ۽ انهن جي مرڪبن جون عجيب نشانيون هُن کي اصل سمجهه ۾ نه آئيون. بس ايترو سمجهه ۾ آيو ته ڪيمياگري اِها آهي ته ڪيترائي ڌاتو ملي ڪري هڪ مرڪب جي صورت وٺن ٿا ۽ اها هڪ نئين تخليق هجي ٿي پر ان جي اهميت ماڻهو پاڻ وڌائن ۽ گھٽائن ٿا. انهن ڪتابن ۾ هڪ ڪتاب ڪيمياگرن جي زندگيءَ بابت هيو جيڪي پنهنجي سڄي حياتي تجربي گاهن کي ارپن ٿا. سڀ کان وڏو ڪارنامو ڪيمياگرن جو اهو رهيو ته هنن پنهنجي محنت سان اهو ڄاڻڻ ۾ ڪامياب رهيا ته هيءَ دنيا ٺهيل ڪهڙي مادي جي آ. هو هِن نتيجي تي پهتا ته دنيا پاڻياٺ ۽ سخت مادن جو مرڪب آهي.
    هڪ ڏينهن ناصر، ڪيمياگر کان پڇيو ته: “توهان کي ائين نٿو لڳي ته ڪيمياگرن ڄڻ خدا طرفان قائم شين کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟”
    “تون هر شيءِ کي صرف هڪ ئي پاسي کان ڇو جاچڻ شروع ڪيو آهي. تنهنجي ڳالهه کي آءُ پوريءَ طرح سان رد نه ٿو ڪيان، پر آءُ صرف اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪيمياگرن سوين سالن جي محنت کانپوءِ، ڌاتن جي مرڪبن منجهان هڪ اهڙو پاڻي ٺاهيو جنهن جي پيئڻ سان انسان پوڙهو يا بيمار نه ٿو ٿي سگهي، جنهن کي هو “آب حيات” سڏين ٿا. سخت گير مادن منجھان ڪيمياگرن هڪ اهڙو “اعليٰ پٿر” ٺاهيو جيڪو ڌاتن سان ملڻ کانپوءِ ان کي سون ڪري ڇڏي ٿو. ناصر! سڀ کان وڏي ڳالهه جيڪا آءُ توکي ٻڌائڻ ٿو چاهيان اُها اِها آهي ته ڪيمياگر ڌاتن کي ڳارڻ ۽ پچائڻ سان گڏ پاڻ به ڳرن ۽ پچن ٿا. ته جيئن هنن جي ذهنن منجھان لالچ جو گند نڪري وڃي”.
    ناصر، ڪيميا گر جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ دل ۾ ارادو ڪري ٿو ته مصر جي محرابن مان موٽي اچي هو ڪيمياگري سکندو. هو “اعليٰ پٿر” جي ڪرشمي مان تمام گهڻو متاثر ٿيو. هُن کي پهريون دفعو اها خبر پئي ته ڪي اهڙا به طريقا آهن جيڪي ٿوري صبر ڪرڻ سان هٿ اچي وڃن ٿا ۽ پوءِ ماڻهو امير ٿي وڃي ٿو. ڪيمياگرن جي زندگيءَ وارن واقعن جي ڪتاب ۾ ڪيئي ڪيمياگر ڏنل هئا: جابر بن حيان، ابن الهيشم، الياس وغيره. انهن ڏاهن پنهنجي تجربي گاهن ۾ ڪيئي سال تمام گھڻو ڳوڙهو مشاهدو ڪيو هو.
    ناصر جڏهن ڪيمياگر کي ڪجهه ڪيمياگري سيکارڻ لاءِ چيو ته انگريز ڪيمياگر هن کي عجيب انگ اکرن، ڌاتن جي تَڪ تورَ ۽ عجيب شڪلين وارا ڪتاب ڏنا. ناصر جي اتي ئي دل کڄي ويئي. ڇاڪاڻ ته هي ڪتاب ته انهن کان به ڏکيا هئا جيڪي هُن پوين ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪيمياگري بابت پڙهيا هئا.
    “هي ڏاڍا الجھائيندڙ ۽ عجيب ڪتاب آهن. مونکي ڪي آسان ڪتاب ڏيو.” ناصر چيو.
    “هي ڪتاب ڪيمياگري سکڻ لاءِ پهريون سبق آهن. جن ماڻهن کي مشڪل شين سکڻ جو شوق هوندو آهي اُهي ئي هي ڪتاب هضم ڪري سگهندا آهن.” انگريز ڪيمياگر چيو.
    “هي سڀ ڳالهيون ڪيمياگرن هروڀرو ڏکين طريقن سان لکيون آهن ته جيئن هو پنهنجي اهميت ٻڌائي سگهن. خدا جي طرفان جيڪي نشانيون ملن ٿيون يا ملي چڪيون آهن اهي ته انسان تمام سادي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ٻولي ۾ لکي سگھي ٿو.” ناصر وري پنهنجي ڳالهه ڏانهن ڦري آيو.
    انگريز ڪيمياگر، ناصر جون ڳالهيون ٻڌي مايوس ٿيو. ڪجهه گھڙيون ٻڏتر ۾ هيو پوءِ چيائينس ته:
    “تون ڪيمياگرن جا ڪتاب پڙهڻ ڇڏي ڏي ۽ قافلي ڏانهن ڌيان ڏي.”
    ڪيمياگر، ناصر کان ڪتاب وٺي پنهنجي ٿيلهي ۾ وجھي ڇڏيا.
    قافلو تقريبن هر روز ڪنهن نه ڪنهن ننڍي يا وڏي مصيبت جي منهن ۾ ضرور پوندو هيو. اهڙي صورتحال ۾ اڳواڻ آرام ڪرڻ لاءِ گھٽ ۽ سفر ڪرڻ لاءِ گھڻو وقت رکندو هو. مسافرن کي ڳالهائڻ کان به منع ڪيو ويو هو ۽ جنهن جانور تمام گهڻو گوڙ ٿي ڪيو ان کي ضبح ڪري کاڌي لاءِ ڪم آندو ٿي ويو. رات جي وقت جيڪڏهن قافلي منجھان ڪنهن اٺ آواز ڪڍيو ٿي ته سڀن تي حملي جو خوف طاري ٿي پي ويو۔
    هنن خوف وارين حالتن ۾، ناصر ڏسندو هو ته هُن جو اٺ ڇڪڻ وارو همراهه ڪنهن به طرح سان پريشان نه ٿيندو هو. هن ناصر کي هڪ دفعي چيو هو ته هو هاڻي ڪنهن به خطري کان پريشان نه ٿيندو آهي. ٻوڏ ۾ سڀ ڪجهه وڃائجي وڃڻ کانپوءِ الخبر ۾ هو کجور ۽ پاڻي تي گذارو ڪندو هو. راتيون تارن جي هيٺان گذاريون ۽ ڏينهن تپندڙ سج هيٺان گذريا. اهي ڏينهن به جڏهن گذري ويا ته خطري وارا ڏينهن به گذري ويندا. جيڪڏهن وڙهڻ جو وقت آيو ته وڙهبو. هن جو ماضي ۽ مستقبل ته نه بلڪ حال تي گهڻو ڌيان هيو. ڇاڪاڻ ته هن جو خيال آهي ته جيڪو لمحو انسان زندهه آهي بس اهو ئي لمحو هن جو پنهنجو آهي.
    ناصر، اٺ ڇڪڻ واري کي چيو هو ته “هي قبائلي جھڳڙا ته تمام برا لمحا آهن انسان جا، پوءِ به ماڻهو خوشي خوشي اهو ڪم ڪن پيا، ڇو؟”
    اٺ ڇڪڻ واري همراهه مشڪندي وراڻيو هو ته “قبائلي جھڳڙا هتان وارن ماڻهن جي لاءِ هڪ قسم جو ميلو آهن ڇو جو هنن کي گھڻو ڪجهه ڪرڻ لاءِ آهي ڪو نه. هو بس زور آزمائي ڪري پنهنجي اهميت مڃائڻ چاهن ٿا ۽ اِهائي هنن لاءِ وڏي خوشي آهي.”
    ناصر کي هن همراهه جون ڳالهيون سچيون ۽ صحرا جي رنگ جي عڪاسي ڪندي ملنديون هيون جيڪا هُن لاءِ هڪ نئين ڄاڻ هئي. صحرا بابت اٺ ڇڪڻ واري همراهه کي پوري پوري ڄاڻ هئي.
    اڄ رات هڪ هنڌ تي اڳواڻ آرام ڪرڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ جڳهه کان ٿورو پريان ناصر کي ڪافي کجين جا وڻ نظر آيا. هن اٺ ڇڪڻ واري همراهه کان پڇيو ته هو هوڏانهن هلي ڇو نه پيا ٿائينڪو ٿين.
    “جنهن جڳهه تي اسين آهيون اُتي ڪو به خطرو ناهي. ٻيو هينئر آرام ڪرڻ جي مهل آهي انهيءَ ڪري سڀن کي آرام ڪرڻو آهي. صبح جا ڀاڳ صبح سان، هينئر اوهين آرام ڪيو.” اٺ ڇڪڻ واري همراهه چيو.
    ناصر کي گھڻو سمجهه ۾ ته نه آيو پر انهيءَ ۾ بهتري ڄاتي نه خيمي ۾ آرام ڪري. پر هو خيمي ۾ وڃڻ کان پهرين آسمان ۽ اوس پاس جو جائزو وٺي ٿو. اوماس رات ۾ آسمان ۾ رڳو تارا ئي تارا هئا پر منظر تمام خوبصورت هيو. ناصر انهيءَ خوبصورت منظر کي اکين ۾ رکي خيمي ۾ ويو ۽ سمهي پيو.
    صبح ڏاڍو خوبصورت هيو. ناصر کان اڳ هو ڪيمياگر جاڳيل هيو. ڪيمياگر، ناصر کي جاڳندو ڏسي چيو:
    “ائين ٿو لڳي ڄڻ هزار ڏکيون راتيون پار ڪري هِن صبح تائين پهتا آهيون. ناصر، منهنجي منزل هن کجين جي وڻن وٽ اٿئي.”
    قافلو پنڌ ئي پنڌ پريان کجور جي وڻن تائين پهتو. اهو علائقو پورو نخلستان هيو. ناصر جو زرخيز زمين ۽ چؤڌاري سوين وڻ ڏٺا ته حيران ٿي ويو. هي سڀ هُن صرف ڪتابن ۾ پڙهيو هو. هيڏي وڏي ريگستان ۾ هي خوبصورت نخلستان ڪنهن عجوبي کان گھٽ نه هو. ناصر کي هي لمحا ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. نخلستان جا سردار قافلي جي اڳواڻ سان تمام گھڻي گرمجوشي سان ملي رهيا هئا ۽ هُن کي واٽ تي پيش ايندڙ تڪليفن بابت به حال احوال وٺي رهيا هئا. ٻار ٻين ٻارن سان ملي ٻهڪي پيا هئا، ويچارن هيترن ڏينهن ۾ رڳو سفر ۽ چپ ڪرڻ جو هدايتون ٻڌيون هيون. عورتون به عورتن سان ملي حال اورڻ لڳيون. انهن منجھان صرف هڪ شخص الڳ ٿلڳ ٿيو بيٺو هيو، اُهو انگريز ڪيمياگر هو. هن جو خيال هو ته هي عام معمول جون ڳالهيون آهن. ائين صحرا ۾ ٿيندو رهندو آهي.
    ناصر کي معلوم ٿيو ته هن نخلستان ۾ تقريبن ٽي س‍ؤ جي قريب کوهه ۽ هزار جي تعداد ۾ وڻ آهن. هن اهڙا رنگ برنگي سجاوٽ سان ڀريل خيما اڳ ڪڏهن نه ڏٺا هئا جيڪي هن نخلستان ۾ هئا. هن کي خدا جي قدرت ڏسي يقين ٿيو ته واقعي گپ ۾ به ڪنول جو تحفو ڏيڻ وارو ڪيرُ آهي.
    قافلي جي اڳواڻ سڀن مسافرن کي آگاهه ڪيو ته جيستائين قبائلي جهڳڙا ڪجهه ڏينهن لاءِ هلن ٿا اهي ڏينهن اسين هتي نخلستان ۾ گذارينداسين. هن نخلستان جي ماڻهن سان ڀرپور تعاون ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ۽ سڀن کي حڪم ڏنو ته پنهنجا پنهنجا هٿيار جمع ڪرائن جيڪو هتان جو اصول آهي. جنهن وقت نخلستان مان قافلو رخصت ٿيندو ته سڀن کي هٿيار واپس ملندا.
    ناصر ڏٺو ته انگريز ڪيمياگر هڪ پستول پنهنجي چمڙي واري بوٽ مان ڪڍيو ۽ هٿيارن گڏ ڪرڻ واري کي ڏنو.
    “هي ڇا؟ اوهان پستول ڇو کنيو هو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇيو.
    “هٿيار جي هجڻ سان ماڻهو ڪنهن ماڻهوءَ لاءِ ڪوبه کٽڪو نه ٿو رکي. ڇاڪاڻ ته ٻنهي وٽ هٿيار هجڻ ڪري طاقت جي حساب سان برابر رهن ٿا ان ڪري هڪ ٻئي تي اعتبار ڪن ٿا.” انگريز ڪيمياگر چيو.
    ناصر وڌيڪ ڪجهه به نه پڇيو ۽ هُن کان موڪلائي هليو آيو. ناصر کي چئن نوجوانن سان گڏ خيمو ڏنو ويو هو. هو خيمي ۾ پهچي نوجوانن سان ڪجهه حال احوال ڪري ليٽي پيو. هن کي اُٺ ڇڪڻ واري جي ڳالهه ياد آئي ته “صحرا به هڪ عجيب هنڌ آهي. هن جڳهه تي انسان کي لازمي طور تي اِهو ڌيان ۾ رکڻو آهي ته ڪنهن وقت سمهڻو آهي، ڇا کائڻو آهي ۽ ڏينهن جو ڇا ڪرڻو آهي، ڪهڙي وقت سفر موزون ٿيندو ۽ ڪهڙي وقت صبر جو پلئه پڪڙڻو آهي.”
    ليٽندي هُن کي ڪيئي خيال اچن ٿا. سيلم جي بادشاهه عبدالله جون به ڪيئي ڳالهيون ياد اچنس ٿيون. جن منجهان هڪڙي ڳالهه: “انسان جڏهن منزل طرف وڌي ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن جي مدد ڪري ٿو.” هي ڳالهه هن جي ڪنن ۾ مسلسل گونجي ٿي. ائين ناصر کي ٿوري دير لاءِ ننڍ اچي وئي.
    انگريز ڪيمياگر اچي ناصر کي جاڳائي ٿو ۽ پاڻ سان هلڻ لاءِ چوي ٿو. خيمي مان ٻاهر نڪري انگريز ڪيمياگر، ناصر کي عرب ڪيمياگر جو ڏس پتو معلوم ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. ڇاڪاڻ ته عرب ڪيمياگر هن نخلستان جي ويجهو ئي ڪٿي رهندو آهي. هو ٻئي گهمندا ڦرندا هڪڙي کوهه جي ڀرسان وڃي ويهن ٿا. هڪڙي عورت چمڙي جي پکال کڻي کوهه وٽ اچي ٿي.
    “اسلام عليڪم” ناصر هُن عورت کي سلام ڪري ٿو. عورت هُن کي ڪوبه جواب نه ٿي ڏئي. ناصر وري چئي ٿو “دراصل اسانکي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي ڳولا آهي جيڪو ڪيمياگري جي طريقن جي مهارت ڪري سڃاتو ويندو هجي. ڇا اوهان کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ بابت خبر آهي؟”
    هن عورت ناصر ڏانهن غور سان ڏٺو. ناصر کي عجيب لڳو.
    “پهرين ڳالهه ته اها آهي ته هتي ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪونه ٿو رهي. ٻيو، اهو ڄاڻڻ اوهان لاءِ تمام ضروري آهي ته هتي جنهن عورت کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا پاتل هجن ٿا انهيءَ سان غير مرد کي ڳالهائڻ نه گهرجي. ڇاڪاڻ ته اها شادي شده هجي ٿي ۽ اها عورت جيڪڏهن ڪنهن غير مرد سان ڳالهائي ٿي ته هُن جو پنهنجو مرد انهيءَ ڳالهه کي تمام خراب محسوس ڪري ٿو.”
    انگريز ڪيمياگر ڏاڍو مايوس ٿيو. هُن عورت جو چيو ته هتي ڪوبه ڪيمياگر نٿو رهي ته انگريز ڪيمياگر کي ڄڻ سڄو پنڌ اجايو لڳو. ڪجهه دير ملول ٿي ويو. ٿوريءَ دير ۾ پاڻ ئي ٻهڪندي ناصر کي چيو ته “ڇو نه اسين ائين پڇون ته هتي وڏي ۾ وڏو حڪيم ڪير آهي، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن کي اها خبر ئي نه هوندي ته ڪيمياگر ڇاهي.”
    هو ٻئي کوهه جي ڀرسان بيٺا رهيا. انهيءَ وچ ۾ ڪيئي عورتون ڪاري رنگ واري ڪپڙن سان آئيون. ۽ انگريز ڪيمياگر، ناصر کي زور ڀريو ته هنن کان پڇي پر ناصر نٿي چاهيو ته ائين ڪرڻ سان ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي. انهيءَ وچ ۾ هڪ ضعيف ماڻهو به آيو جنهن اهڙي حڪيم جي نفي ڪئي ۽ هنن ٻنهي کي منع ڪيو ته نخلستان جي ماڻهن سان گهڻو نه ڳالهائن ٻولهائن. هو وري ساڳي کوهه تي پهتا ۽ انتظار ڪرڻ لڳا ته ڪا اهڙي عورت جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا نه پهريل هجن ته انهيءَ کان ڏس پڇن.
    ڪافي دير کانپوءِ هو پريان کان هڪ عورت ايندي ڏسن ٿا جنهن کي ڪاري رنگ جا ڪپڙا نه هئا. هن جي مٿي تي ٻه مٽ ۽ چيلهه تي هڪ مَٽڪُو رکيل هو. ناصر ٿورو اڳتي وڃي جڏهن پتو پڇڻ لاءِ هُن ڇوڪريءَ جي ويجهو پهتو ته ڄڻ خاموش ۽ سُن ٿي ويو. بلڪل چپ ٿي ڪي لمحا ڇوڪريءَ کي تڪيندو رهيو. هن جا ڪارا نيڻ ناصر جي اندر ۾ عجيب احساس پئدا ڪري رهيا هئا. اها ڪهڙي ٻولي هئي جيڪا ناصر ۽ هن ڇوڪريءَ جي وچ ۾ بنا لفظن جي هينئر ڳالهائي وڃي رهي هئي.
    انسانذات جي وجود کان به پهريان شايد هيءَ ٻولي تخليق ٿي هئي. ٻن انسانن جي اکين ۾ اهڙو سهڻو اظهار ۽ خوبصورت گفتگو جنهن کي سڃاڻڻ به وڏو فن آهي. ٻنهي جي چپن تي هلڪي مسڪراهٽ ڄڻ زندگيءَ جي پوين سڀني غمن کي ڌڪاري ڪڍي رهي هئي. هنن ٻنهي کي زبان سان ڄڻ اها ٻڌائڻ جي ضرورت ئي نه هئي ته هو هڪٻئي لاءِ ڇا محسوس ڪري رهيا آهن. هنن ٻنهي ڄڻ هڪ ٻئي جي من ۾ جهاتي پاتي هئي.
    هنن ٻنهي جي خاموشي جو سلسلو تڏهن ٽٽي ٿو جڏهن انگريز ڪيمياگر ناصر کي جنهجهوڙيندي عرب ڪيمياگر جي ڏس پڇڻ لاءِ چوي ٿو. ناصر سلام ڪري هُن ڇوڪريءَ کان هن جو نالو پڇي ٿو.
    “فاطمه” ڇوڪري چئي ٿي.
    “ڪيترو نه خوبصورت نالو آهي. هن نالي ۾ هڪ طرح جي عظمت به رکيل آهي.” ناصر چئي ٿو.
    ڪيمياگر کي سخت چڙ وٺي ٿي ۽ هو ناصر کي ڪجهه چڙ منجهان ڏس پڇڻ لاءِ چوي ٿو.
    “منهنجي هن دوست کي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي تلاش آهي جيڪو هڪ قابل حڪيم يا دنيا جي ڪيئي راز ڄاڻيندڙ، يا جيڪڏهن اوهان کي خبر هجي ته هو هڪ وڏو ڪيمياگر آهي. ان شخص بابت اوهين ڪجهه ڄاڻيو ٿا؟” ناصر، فاطمه کان پڇيو.
    فاطمه ڏکڻ طرف جو اشارو ڪيو ۽ چيو ته “اوڏانهن هو ماڻهو رهي ٿو.”
    ناصر اتي ئي بيهي رهي ٿو ۽ ڪيمياگر ڏکڻ طرف پنڌ پئي ٿو. ناصر پهريون دفعو محسوس ڪيو ته ڪجهه خاص معاملن ۾ ڪجهه خاص لفظ ڳالهائڻا پون ٿا، جيڪي هن ڪڏهن سکيا ئي ناهن. انهيءَ ڪري هو فاطمه سان ٻيو ڪجهه ڳالهائي نٿو سگهي ۽ فاطمه پاڻي ڀري هلي وڃي ٿي.
    ٻئي ڏينهن تي ناصر جلدي اٿي کوهه طرف وڃڻ لڳي ٿو. هن فاطمه سان اڄ ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ جو ارادو ڪيو. واٽ تي هن کي انگريز ڪيمياگر ملي ٿو. ناصر هن کي ڏسي عرب ڪيمياگر سان ملاقات بابت پڇي ٿو.
    انگريز ڪيمياگر چئي ٿو “آءُ هن سان ملي ڏاڍو خوش ٿيس ڇو جو هو مونکي سون ٺاهڻ جا ڪافي طريقا ٻڌائي ٿي سگهيو. پر عرب ڪيمياگر مونکي هڪ به طريقو نه ٻڌايو ۽ محنت ڪري اُهي راز هٿ ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه اڃان وڌيڪ شيون سکڻ لاءِ چيو.”
    “پوءِ اوهين ڪوشش ڪيو اوهين ضرور ڪامياب ٿيندا.” ناصر چئي ٿو.
    “ها ڪوشش ته ضرور ڪندس. منهنجي محنت دير يا سوير ضرور رنگ لائيندي.” ڪيمياگر چئي ٿو.
    ناصر اتان وڃي ٿو ۽ کوهه وٽ وڃي فاطمه جو انتظار ڪري ٿو. ڪافي دير کان پوءِ فاطمه کي ايندو ڏسي ٿو. هو ڪيترائي لفظ ڳولي جملا ٺاهي ٿو. پر هن کي لڳي ٿو ته ڪو اهڙو جملو ناهي جيڪو هن جي اندر کي فاطمه اڳيان بيان ڪري سگهي.
    ناصر فاطمه جي ويجهو پهچڻ تي سلام ڪري ٿو. “وعليڪم سلام” فاطمه سليقي سان سلام جي وراڻي ڏيئي ٿي ۽ کوهه ۾ پاڻي ڀرڻ لاءِ ٿانو وجهي ٿي. ناصر کي ٻيو نه ٿو سجهي هو فاطمه جي پاڻي ڀرڻ ۾ مدد ڪري ٿو. جڏهن مٽن ۾ پاڻي ڀرجي وڃي ٿو ته فاطمه وڃڻ لڳي ٿي.
    “ٿورو ترسو.” ناصر فاطمه کي چئي ٿو.
    “مونکي لڳي ٿو ته محبت ٿي وڃڻ لاءِ ڪي پل درڪار هجن ٿا ۽ اهي پل مون لاءِ اوهين کڻي آيا. مونکي اوهان سان محبت ٿي وئي آ ۽ آءُ توهان سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو.” ناصر کي پهريون دفعو اهو محسوس ٿيو ته هو رڍن سان رهي پاڻ به رڍ ٿي ويو آهي ۽ هن کي ڪو ڳالهائڻ جو ڍنگ ئي نه ٿو اچي.
    فاطمه، ناصر جا لفظ ٻڌي بلڪل چپ ٿي وڃي ٿي. هن جي چهري تي حيرت ۽ خوشيءَ جا ٻئي رنگ هيا.
    “اوهين هتي نخلستان ۾ هڪ پرديسي وانگر آهيو ۽ اوهان جي منزل ته ڪا ٻي آهي پوءِ مونسان شادي ڪيئن ڪري سگهندا؟” فاطمه پنهنجي همت گڏ ڪري چئي ٿي.
    “ها اهو سچ آهي ته منهنجي منزل مصر جي محرابن ڏانهن آهي ۽ هي سڀ تڪليفون مون انهيءَ منزل تائين پهچڻ لاءِ برداشت ڪيون پر هينئر مونکي ائين ٿو لڳي ته تون ئي مون لاءِ سڀ ڪجهه آهين.” ناصر چئي ٿو.
    “اسين صحرا جون عورتون اُن ماڻهوءَ کي پسند ڪنديون آهيون جيڪي پنهنجي منزل ماڻڻ لاءِ ارادا اٽل رکن ٿا.” فاطمه چئي ٿي ۽ اتان وڃڻ لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته هن کي گهر وڃڻ ۾ دير نه ڪرڻي هئي.
    ٻئي ڏينهن تي وري ناصر فاطمه سان ساڳي کوهه وٽ ملي ٿو ۽ چئي ٿو ته:
    “فاطمه هي جيڪي قبائلي جهڳڙا هلن ٿا تون سمجهي ٿي ته ڪنهن به طرح جو ڪو موقعو ملندو جو آءُ وڃي مصر جي محرابن تائين رسندس.”
    “ها پر پوءِ به تنهنجي ذهن ۾ تنهنجو مقصد اولين ترجيح تي هجڻ گهرجي. مونکي خبر ناهي ته تون مصر جي محرابن مان ڇا حاصل ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهين پر ايترو ضرور آهي ته تو وٽ ڪو مقصد ضرور آهي.” فاطمه چئي ٿي.
    ناصر هن کي پنهنجي پوئين زندگيءَ جو پورو احوال ڏيئي ٿو. مصر جي محرابن تائين پهچڻ جي حقيقت به ٻڌائي ٿو. فاطمه هُن جون ڳالهيون ٻڌڻ کانپوءِ ناصر کي منزل تائين پهچڻ جي همت ٻڌائي ٿي. هو ٻئي روز ملڻ جو واعدو به ڪن ٿا.
    ناصر جيئن جيئن فاطمه جي ويجهو ٿي ويو تيئن تيئن فاطمه هُن کي وڌيڪ خوبصورت لڳڻ لڳي. محبت جو رنگ ئي الڳ ٿئي ٿو. ناصر کي پنهنجي پيءُ هڪ دفعي چيو هو ته ڪنهن انسان کي جڏهن پيار ٿي وڃي ٿو ته هو گهڻيون راهون ڇڏي صرف ان پيار جي راهه تي هلي ٿو. پوءِ چاهي هُن کي هڪ هنڌ ويهي ڇو نه رهڻو پئي پر هن کي صرف هڪڙي شيءِ نظر اچي ٿي- پيار.
    “دنيا واقعي وڏي درسگاهه آهي. (مڪتب) جتي سڀ ڪجهه ڪاتب لکي ٿو.” ناصر فاطمه جو ملڻ به هڪ خوبصورت واقعو تسليم ڪري ٿو.
    فاطمه جي حالت به ناصر جهڙي ئي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ ناصر هن جو اهو خواب حقيقت جي روپ ۾ آهي جيڪو هر ڇوڪري شادي ڪرڻ کان اڳ ڏسي ٿي.
    اڄ کوهه جي ڀر ۾ کجيءَ جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺا هئا. پنهنجي زندگيءَ جا واقعا اوري رهيا هئا.
    “فاطمه تون اهو نٿي چاهين ته آئون تنهنجو ٿي رهان. ائين به ته ٿي سگهي ٿو نه ته آئون مصر جي محرابن طرف ويندي ڪيڏانهن گم ٿي وڃان.” ناصر چئي ٿو.
    “تون مونکي پنهنجو سڄو ماضي ٻڌايو ۽ مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ جي حقيقت به ٻڌائي. مونکي ائين لڳو ڄڻ جتي جتي تون هئين اتي آءُ توسان ساڻ هيس. شايد آءُ تنهنجي ئي وجود جو حصو آهيان. مونکي تنهنجي وڃائجي وڃڻ جو ايترو ڊپ ناهي جيترو تنهنجي ارادن جي ڪمزوريءَ جو آهي. آءُ چاهيان ٿي ته تون پنهنجي منزل ماڻ.” فاطمه چئي ٿي.
    ناصر اهڙا همٿ ڀريا لفظ ٻڌي ڪي گهڙيون آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. ڄڻ آسمان واري کي چوندو هجي ته اسين تنهنجي وجود جو حصو آهيون ۽ تون تمام گهڻو عظيم آهين. هڪ عورت مرد کي همٿ ڏياري رهي آهي.
    ناصر هر روز زور ڀريندو هو ته ڪنهن طرح سان فاطمه هن سان شادي ڪرڻ ۽ هن جي مصر ڏانهن نه وڃڻ ۾ راضي ٿئي پر فاطمه سدائين ائين چيو ته:
    “آءُ صحرا جي نياڻي آهيان ۽ صحرا مونکي پهريون سبق انتظار ڪرڻ جو ڏنو آهي. اسين عورتون اهو چاهيون ٿيون ته اسان جا وَر مسلسل ڳولا جي عمل ۾ رهن. جيڪڏهن هو ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ دؤران اسان کان وڇڙي وڃن ٿا تڏهن به اسان کي غم نه ٿو ٿئي.”


    باب ستون

    ڪافي ڏينهن کانپوءِ ناصر کي انگريز ڪيمياگر جو خيال آيو. هو هُن جي خيمي ۾ وڃي فاطمه جو حال اورڻ چاهي ٿو. ناصر، ڪيمياگر جي خيمي اندر عجيب ماحول ڏسي ٿو. بلڪل وچ تي گاسليٽ سان ٻرندڙ چلهو پيو آهي، جنهن مٿان شيشي جو وڏو گلاس ۽ ان جي اندر ڌاتو ٽهڪي رهيو هو. انگريز ڪيمياگر ڪنهن ڪتاب پڙهڻ ۾ مشغول هيو. ڪيمياگر ناصر کي ڏسي چوي ٿو “سلڦر جو هڪ ڌاتو ٿئي ٿو جنهن کي صاف ڪرڻ جو عمل پيو ڪريان. هي ڪم مونکي اڳ سکڻو هيو. پر خير هاڻي به گهڻي دير ناهي ٿي.”
    ناصر ڪيمياگر سان ٿوري دير ويهي هن جي خيمي مان ٻاهر نڪري اچي هڪ وارِيءَ جي دڙي تي ويهي رهي ٿو. هوا زور سان ٿي لڳي ۽ کجي جي وڻن جو آواز به ٿي آيو. ناصر واريءَ تي هٿ ڦيريا ۽ اتي ئي سڌو ليٽي آسمان ۾ نظرون کپائي ٿو ۽ فاطمه بابت سوچي ٿو.
    انهيءَ گم سم حالت ۾ هو ڏسي ٿو ته ٻه باز عجيب نموني سان اڏاميا ٿي. هن جي سوچن جو سلسلو ٽٽو ۽ هُن بازن ڏانهن ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. هن کي لڳو ته ٻئي باز شايد نر ۽ مادي آهن ۽ اِها عجيب اڏار هنن جي محبت جو هڪٻئي سان اظهار آهي پر ٻئي گهڙيءَ ۾ هڪ باز ٻئي باز تي حملو ڪري ٿو. حملي ڪرڻ دؤران ناصر کي آسمان ۾ هڪ اهڙو خاڪو نظر اچي ٿو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو تلوارون ۽ بندوقون کڻي هن نخلستان ڏانهن وڌندا اچن ٿا. ناصر پهريان ته انهيءَ کي نظرن جو ڌوڪو ڀانيو پر پوءِ سڪون ڪين آيس.
    ناصر سڌو پنهنجي اٺ ڇڪڻ واري همراه ڏي وڃي ٿو ۽ هُن کي چئي ٿو ته “هن نخلستان کي خطرو آهي. ماڻهن جو وڏو جٿو سڀاڻي هن نخلستان تي حملو ڪندو.”
    “سائين اوهان ضرور خواب ڏٺو هوندو.” اٺ ڇڪڻ واري چيو.
    جڏهن ناصر هُن همراهه کي پوري ڳالهه ٻڌائي ته هن کي اعتبار آيو. ڇاڪاڻ ته هُن جو هِن صحرا ۾ رهندي ايترو تجربو ضرور ٿي ويو هو ته ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجهه خلقيل آهي، اهو هن زمين جي اتهاس جوڙڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ماڻهو ڪنهن جي هٿ ڏسڻ سان يا ايتري قدر جو تاش جي پتن سان ڪنهن کي قسمت ٻڌائن ٿا ته ضرور هنن ٻنهي بازن جي ٺهيل خاڪي ۾ ڪا حقيقت هوندي.
    اٺ ڇڪڻ واري ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ جي باوجود به ان کي رد ڪري ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته هو مستقبل جي پرواهه ئي ڪو نه ڪري. هن ناصر کي چيو:
    “تون اِها ڳالهه دل تان لاهي ڇڏ جيڪو ٿيندو ڏٺو ويندو.”
    ناصر کي اطمينان نه آيو. هن اهو به سوچيو ته جيڪڏهن حملو ٿيو ته فاطمه جو ڇا ٿيندو. هو سڌو نخلستان جي وڏي سردار جي خيمي وٽ ويو. خيمي جي در تي هڪ محافظ بيٺو هو. ناصر، محافظ کي اندر وڃڻ لاءِ چيو پر محافظ هٿ جي اشاري سان هن کي پاسي کان رکيل ڪرسي تي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اندر ويو. هو موٽيو ته هُن سان گڏ هڪ ٻيو عرب ساڻ هيو. هن عرب ناصر کان اچڻ جو سبب پڇيو. ناصر هن کي سڀ ڪجهه ٻڌايو. عرب ڳالهه ٻڌي حيران ٿيو ۽ ناصر کي خيمي جي در وٽ انتظار ڪرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ اندر ويو.
    ڪافي انتظار کانپوءِ هن عرب، ناصر کي وڏي سردار جي خيمي ۾ اچڻ لاءِ چيو. ناصر جي خيمي جي اندرين حصي ۾ جيئن نظر پئي ته هو پل لاءِ سڀ ڪجهه وساري ويٺو ته هو هتي ڇو آيو آهي. خيمي جي اندر فرش تي ايراني قالين، سون جو پاڻي چڙهيل فانوس خيمي ۾ اهڙي طرح لٽڪي رهيا هئا جيئن آسمان ۾ تارا لٽڪيل هوندا آهن ۽ حُڪي جي خوشبو سڄي خيمي ۾ پکڙيل هئي. وڏو سردار وچ تي ويٺو هو باقي ٻيا سڀ پاسن کان ويٺا هئا.
    انهن ٻين – ننڍن سردارن منجھان هڪ ناصر کي چيو ته “تون هڪ اجنبي آهين ۽ هڪ اجنبي کي اسان جي نخلستان بابت قدرت وارو ڇو نشاني ڏيکاريندو؟”
    ٿوري دير چپ رهي وري ٻئي سردار چيو:
    “ٻيو اهو ته نخلستان هڪ امن جي جڳهه آهي. اسين ڪنهن به قبيلي جو جهڳڙي ۾ ساٿ نه ڏئي رهيا آهيون ته پوءِ ڪو هتي ڇو حملو ڪندو؟”
    “آءُ اهو ئي ڪجهه ٻڌائي رهيو آهيان جيڪو آءُ ڏٺو آهي. اڳتي اوهان جي مرضي.” ناصر ائين چئي وڃڻ لڳو. هو در وٽ پهتو ته خيمي جي در تي بيٺل محافظ هن کي روڪيو. ناصر کي لڳو ته سردار ضرور ڪو برو سلوڪ ڪندا.
    ٿوري دير کانپوءِ وڏي سردار هن ڏانهن ٿورو مشڪي ڏٺو، تڏهن وڃي ناصر کي ڪجهه اطمينان ٿيو ته هو محفوظ آهي. سردارن جي وچ ۾ گفتگو هلي رهي هئي. هنن جي عربي ايتري ته ڏکي هئي جو ناصر هنن جي گفتگو سمجھي نه سگھيو. گفتگو جيئن ئي ختم ٿي ته وڏو سردار ناصر سان مخاطب ٿيو:
    “تقريبن ٻه هزار سال اڳ هڪ ڇوڪري کي صحرا جي ڪنهن هنڌ تي ڀائِرَ اڪيلو ڇڏي ويا هئا. هن وٽ خوابن جي تعبير ٻڌائڻ جي عظيم صلاحيت هئي. تنهن هوندي به هو غلام ٿي وڪرو ٿيو. انهيءَ ڇوڪري کي مصر جي هڪ تاجر خريد ڪري، مصر آندو. انهيءَ ڇوڪري خوابن جي ذريعي ڪيئي مسئلا حل ڪيا، توڙي جو هو اجنبي هيو پر مصر جو بادشاهه هن کي مانُ ڏيندو هو. هن جو نالو يوسف هيو ۽ عمر به تو جيتري جو هيو پر خوابن جي ٻولي ڄاڻيندو هو.” وڏي سردار هڪ پل لاءِ چپ رهي وري چيو:
    “پر ڪجهه به ٿي پئي اسان پنهنجي ٺهيل ريتن رسمن جو به قدر ڪيون ٿا. اسان ڪنهن کي به هن نخلستان جي معاملن ۾ دخل اندازي جي اجازت نٿا ڏيون. پر انهن سڀن ڳالهين هوندي به توتي ٿورو گھڻو اعتبار ڪرڻ تي دل چوي ٿي.” وڏو سردار ائين چئي اٿي بيهي ٿو ۽ ٻيا سردار تعظيماً اٿي بيهن ٿا. وڏو سردار اعلان ڪري ٿو ته:
    “سڀاڻي سج اڀرڻ کان اڳ ماڻهن کي هٿيار ڏنا ويندا ۽ سڄو ڏينهن اسين حملي جو انتظار ڪنداسين. جيڪڏهن حملو ٿئي ٿو ۽ دشمنن جا ماڻهو مرن ٿا ته هر ڏهن ماڻهن تي توکي (ناصر کي) هڪ سوني اشرفي ڏني ويندي. پر جيڪڏهن حملو نه ٿو ٿئي ته انهن هٿيارن مان هڪ هٿيار توتي استعمال ٿيندو”.
    ناصر وڏي سردار جي خيمي کان ٻاهر نڪري ٿو ۽ هن جي ذهن ۾ سردار جا آخري لفظ ٻُرن ٿا. انسان کي جڏهن جان جي وڃڻ جو خطرو هوندو آهي ته هو صرف ان جي ٽري وڃڻ جا گس يا انتظار ڪندو آهي. هن کي خيال اچي ٿو ته اندلس مان نڪرڻ کان پوءِ هن رڳو خطرا ئي ته ڏٺا آهن پوءِ هي خطرو هن کي ايترو پريشان ڇو ڪري رهيو آهي. هُن کي اٺ ڇڪڻ واري جي ڳالهه بلڪل سچ لڳي رهي هئي ته “انسان جڏهن ڄاڻي وٺندو آهي ته سڀاڻي هو مرندو ته اڄ جو هر لمحو هن لاءِ موت برابر هوندو آهي.”
    ناصر پنهنجن خيالن ۾ گم واريءَ جي دڙي تان وڃي رهيو هيو جو اچانڪ گهوڙي جي گجگوڙ ڪندڙ آوازن هن جو سلسلو ٽوڙي ڇڏيو. گھوڙو هن جي ايترو ته ڀرسان گذريو جو هو ٿاٻڙجي ڪري پيو. ڌوڙ جي ڪري سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويو هو. ناصر چٽيءَ طرح نٿي ڏسي سگھيو. ڌوڙ ڪجهه گھٽ ٿي ته ناصر کي سفيد رنگ جو گھوڙو ۽ ڪارن ڪپڙن ۽ ڪاري دستار سان هڪ ماڻهو نظر آيو. دستار جي ڪپڙي سان هن ماڻهوءَ اکين کان سواءِ باقي سڄو چهرو ڍڪي ڇڏيو هو.
    ان ماڻهوءَ مياڻ مان تلوار ڪڍي ۽ تلوار جو اشارو ڪندي ناصر کان پڇيو “اهو ڪهڙو اجنبي شخص آهي جنهن کي هن نخلستان تي ايندڙ خطري جي نشاني ملي آهي.”
    ناصر سمجھيو هي ماڻهو شايد سردارن وٽان هُن کي مارڻ لاءِ موڪليو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته هُن نخلستان جي سردارن جي ڪم ۾ دخل اندازي ڪئي هئي.
    وري هن کي خيال آيو ته ڪجهه به هجي هو گھٽ ۾ گھٽ سچ ته ڳالهائي رهيو آهي نه.
    “آءُ ئي اهو شخص آهيان. جنهن خطري جي نشاني سڃاتي.” ناصر بردباري سان چيو.
    گھوڙي سوار ناصر جي کاڄيءَ تي تلوار رکي. چنڊ جي روشني ۾ جهڙي نموني سان تلوار چمڪي رهي هئي ان منجھان اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه هيو ته اُها ڪيتري تکي هوندي. ناصر جي کاڄيءَ تي هلڪو چير آيو پر ناصر مطمئن هيو ڇو جو هو هڪ ته سچ ڳالهائيندي جان وڃائي رهيو هو ٻيو فاطمه جي لفظن مطابق ته “عورتون انهن ماڻهن سان تمام گهڻو پيار ڪنديون آهن، جيڪي پنهنجي مقصد جي حاصلات لاءِ جان قربان ڪندا آهن.”
    “تون ڪير ٿيندو آهين جو قدرت جي لکئي کي ڦيرائي سگھين؟” گھوڙيسوار، ناصر کي چيو.
    “آءُ سدائين اها ڳالهه مڃيندس ته هن دنيا ۾ سڀ ڪجهه الله ئي خلقيو آهي ۽ جن بازن مونکي نشاني ڏيکاري انهن جو خالق به الله آهي. آءُ به اهو ئي ڪجهه ٻڌايو آهي جيڪو قدرت واري مونکي ڪنهن نشاني وسيلي ٻڌايو.” ناصر ڪنهن به طرح پاڻ کي ڪمزور يا ڊڄ واري حالت ۾ نه ٿي ڏيکارڻ چاهيو.
    “ان نشاني جي آگاهي تنهنجي لاءِ نقصانده به ٿي سگهي ٿي.” گھوڙي سوار، ناصر جي کاڄيءَ تان تلوار هٽائيندي چوي ٿو. “آءُ هن نخلستان کي خطري جي آگاهي ڏني ته جيئن هو پنهنجو بچاءُ ڪن باقي حملي کانپوءِ ڇا ٿيندو اها ته ڪنهن کي به خبر ناهي.” ناصر وراڻيو.
    “ٺيڪ آهي. تنهنجو هيڏانهن اچڻ ڪيئن ٿيو آهي؟” گھوڙي سوار پڇيو.
    “آءُ پنهنجي حصي جي خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ نڪتو آهيان پر اها سڄي ڪهاڻي شايد تون سمجھي نه سگھين.”
    گهوڙي سوار منهن تان ڪپڙو لاٿو ۽ ٿورو مشڪيو تڏهن وڃي ناصر سک جو ساهه کنيو.
    “آءُ هي سڀ ڪجهه صرف تنهنجي همٿ آزمائڻ لاءِ ڪيو. همٿ، انسان جي اها خاصيت آهي جيڪا دنيا جي هر واقعي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڏيئي ٿي.” گهوڙيسوار چيو.
    ناصر کي سيلم جو بادشاهه عبدالله ياد اچي ويو. جنهن به هن طرح جون سياڻپ واريون ڳالهيون ڪيون هيون.
    “صحرا ۾ ڪجهه به نه هجڻ جي باوجود به عجيب ڪشش آهي. انسان هِن جو ٿي وڃڻ پسند ڪري ٿو. پر ان جو مقصد اهو ناهي ته اسين پنهنجيون منزلون وساري ويهون. انهيءَ ڪري توکي منزل جي حاصلات تي ڌيان ڏيڻ گھرجي نڪي صحرا ۽ انهن جي ماڻهن تي.” گھوڙيسوار ناصر کي وري پنهنجي منزل چڱيءَ طرح سان ياد ڏياري.
    “سڀاڻي جيڪڏهن تو جھيڙي ۾ جان بچائي وڃين ته مونسان ملڻ اچجانءِ.” گھوڙيسوار گهوڙي کي هڪل ڏيندي چيو.
    “اهو ته صحيح آهي پر اوهين رهندا ڪٿي آهيو؟” ناصر گھوڙيسوار کان هُن جو ڏس پڇيو.
    گھوڙيسوار ڏکڻ طرف اشارو ڪيو ۽ تيز گھوڙو ڊوڙائيندو هلي ويو.
    ناصر هاڻي ڄاتو ته هو گھوڙيسوار دراصل عرب ڪيمياگر هيو.
    ٻئي ڏينهن تي سڀن کي هٿيار ڏنا ويا ۽ هر ڪنهن لاءِ جڳهه مقرر ٿي. صبح کان وٺي اڌ ڏينهن تائين ڪجهه به نه ٿيو. ناصر کي ٿورو کٽڪو ٿيو. سج جڏهن ٻن پهرن جي مهل تي پهتو ته پريان چار پنج سؤ ماڻهن جو قافلو نخلستان ڏانهن ايندي نظر آيو پر انهن مان ڪنهن وٽ به هٿيار ڪو نه هئا. هو به ٻين وانگر مسافر ٿي لڳا. انهن ماڻهن جو قافلو نخلستان ۾ پهتو ۽ جڏهن هو وڏي سردار جي خيمي وٽ پهتا ته پنهنجن ڪپڙن مان لڪيل هٿيار ڪڍي حملو ڪيائون. خيمو اڳ ۾ ئي خالي ڪيو ويو هو ۽ عورتن ۽ ٻارن کي محفوظ جڳهه ڏانهن منتقل ڪيو ويو هو. حملي ڪندڙن کي اهو وهم و گمان به نه هو ته نخلستان وارا ايتري ڀرپور تياري ۾ هوندا. حملو ڪندڙ سڀ مارجي ويا ۽ سپہ سالار کي گرفتار ڪيو ويو.
    گرفتار ڪيل سپہ سالار کان جڏهن وڏي سردار هِن امن واري جڳهه تي حملي ڪرڻ جو سبب پڇيو ته هن ٻڌايو ته قبائلي جھڳڙن جي ڪري هو ٽي ڏينهن کان سخت اڃ ۽ بک جي حالت ۾ هئا. انهيءَ ڪري حملو ڪيو. وڏي سردار کي احساس ٿيو ته ماڻهو بک ۽ اڃ ۾ مري رهيا آهن پر پوءِ به قبائلي جھيڙا نه ٿا ڇڏين. ان هوندي به وڏي سردار کي اصولن جو مان رکڻو هو ان ڪري هن سپہ سالار کي کجيءَ جي وڻ تي ڦاسي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ لاش ٽي ڏينهن لٽڪائڻ جو حڪم ڏنو.
    ناصر کي باعزت نموني سان وڏي سردار جي خيمي ۾ آندو ويو. پنجاهه سونيون اشرفيون ڏنيون ويون ۽ وڏي سردار جو خاص صلاحڪار وارو عهدو به ڏنو ويو.
    حملي جي آفت ٽري ته هر ڪنهن جي چهري تي سرهائي آئي. هر ڪوئي پنهنجا پنهنجا ڪارناما ٻڌائڻ لڳو ۽ گڏوگڏ ناصر جي تعريف به هلي. ان ڏينهن شام جو نه چاهيندي به ناصر، عرب ڪيمياگر جي خيمي جي در وٽ وڃي ويٺو. هن ڄاڻڻ ٿي چاهيو ته آخر عرب ڪيمياگر هُن سان وري ملڻ جو اسرار ڇو ڪيو. نخلستان جا ڪجهه ماڻهو اتان لانگهائو ٿيا ۽ ناصر کي منع ڪيائون ته هِن خيمي ۾ رهندڙ شخص سان نه ملي ڇو جو هو هڪ جادوگر آهي. ناصر ان جي باوجود به ويٺو رهيو.
    چنڊ پنهنجي روشني وڇائڻ شروع ڪئي هوندي جو عرب ڪيمياگر ساڳي سفيد گھوڙي تي پنهنجي خيمي وٽ آيو. هن جي هٿ ۾ شڪار ٿيل ٻه پکي هئا ۽ ڪُلهي تي هڪ سهڻو عقاب ويٺو هو. صحرا ۾ عقاب جي مدد سان ماڻهو شڪار آساني سان پڪڙي ٿو، ان ڪري عرب ڪيمياگر به عقاب پاليو هو.
    “آئون ڪافي دير کان اوهان جو انتظار پئي ڪيو.” ناصر، عرب ڪيمياگر کي چيو.
    “توکي انتظار صرف منزل جو هجڻ گھرجي ۽ انهيءَ کي هر وقت ڌيان ۾ رک.” عرب ڪيمياگر گهوڙي تان لهندي چيو ۽ ناصر کي خيمي اندر هلڻ جو اشارو ڪيو.
    “ها پر آئون هنن قبائلي جھيڙن دؤران مصر ڏانهن هڪ قدم به نه ٿو وڌائي سگهان.” ناصر حقيقت بيان ڪئي.
    ناصر اندر خيمي جو جائزو ورتو ته هُن کي ڪا عجيب شيءِ نظر نه آئي. عام خيمن وانگر هي به خيمو هيو بس ڪجهه حڪمت جا ڪتاب پيا هئا.
    “چڱو تون هتي ويهه ته آءُ هي شڪار ڪيل پکي پچائي تو لاءِ ماني جو بندوبست ڪيان.” ڪيمياگر چيو.
    ناصر انهن ٻنهي پکين ڏانهن غور سان ڏٺو ته هُن کي اهي ٻئي ساڳيا پکي لڳا جيڪي ڪالهه هن آسمان ۾ عجيب اڏار اڏندي ۽ خاڪو ٺاهيندي نظر آيا هئا. پر پوءِ پاڻ ئي خيال ڪيائين ته متان اهو وهم هجي.
    “پر اوهان مونسان ڇو ملڻ چاهيو؟” ناصر ملڻ جو سبب ڄاڻڻ ٿي چاهيو.
    عرب ڪيمياگر ڪجهه نه ڪڇيو. پکين جا کنڀ لاهي انهن کي صاف ڪرڻ کانپوءِ ٻن الڳ الڳ شيخن ۾ وجھي باهه مٿان لٽڪايو.
    “مونکي توسان ڪا گفتگو نه ڪرڻي هئي پر مونکي پنهنجي حاصل ڪيل علم ذريعي اهو معلوم ٿيو آهي ته توکي منهنجي مدد جي ضرورت آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
    “هاڻي سمجھيم. توهان کي سمجھڻ ۾ غلطي ٿي آهي. مونکي اوهان جي ضرورت نه پر هو جيڪو انگريز ڪيمياگر آهي ان کي اوهانجي مدد جي تمام گھڻي ضرورت آهي.” ناصر چيو.
    “ها هو ڪيمياگر! هو مون وٽ آيو هو هن کي آءُ ڪجهه شيون سکڻ لاءِ چيون آهن. هُن کي هِن صحرا بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ به چيو اٿم. هو ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ هو ڪامياب ضرور ٿيندو. هن وقت مونکي تنهنجي مدد ڪرڻي آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
    “پر مونکي اوهانجي ڪهڙي مدد گھربل آهي. آئون ته تمام گھڻو خوش آهيان.” ناصر چيو.
    باهه تي رکيل پکي پچي راس ٿيا ته عرب ڪيمياگر هڪڙو پنهنجي پليٽ ۾ وڌو ۽ هڪڙو ناصر جي پليٽ ۾. کائڻ دؤران هنن ڪا به گفتگو نه ڪئي. ماني کائڻ کانپوءِ، عرب ڪيمياگر ناصر کي قهوي جي پيالي ڏني. ناصر جڏهن قهوي جي سپ ڀري ته هُن کي قهوي جي خوشبو ۽ ذائقو ڏاڍو وڻيو.
    “انسان جڏهن منزل ڏانهن نڪري ٿو ته ڪائنات جو هر ذرو هن جي منزل تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري ٿو.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
    ناصر کان ڇرڪ نڪري وڃي ٿو ۽ ماضيءَ جون سڀ ڳالهيون ۽ سيلم جو بادشاهه عبدالله جو هڪ هڪ لفظ ياد اچيس ٿو. ناصر کي پڪ ٿي ته عرب ڪيمياگر واقعي ڪو ڏاهو شخص آ ۽ هن جو علم تمام گھڻو وسيع آ.
    “منزل طرف وڃڻ تمام ڏکيو لڳي رهيو آهي. قبيلن جي وچ ۾ گھمسان جي ويڙهه هلي رهي آهي. جان وڃڻ جو تمام وڏو خطرو آ. ٻيو اهو ته هاڻي آءُ امير ٿي ويو آهيان. مون وٽ پنجاهه سونيون اشرفيون، پهريان ڪجهه ڪمايل پئسا ۽ وڏي سردار جي خاص صلاحڪار جي نوڪري به آهي. انهن سڀن کان وڌيڪ قيمتي سرمايو فاطمه جيڪا منهنجي زندگيءَ ۾ تبديلي جو سبب آهي، انهن سڀني کي ڇڏي آءُ موت جي منهن ۾ ڇو پوان؟” ناصر چيو.
    “پر تون ان کان به وڌيڪ مصر جي محرابن وٽ پهچي ماڻي سگهين ٿو. تون اهو سوچ ته جنهن وقت تون منزل کي ماڻڻ لاءِ نڪتو هئين ان وقت تو وٽ ڇا هيو. ان وقت تو صرف اهو ذهن ۾ رکيو ته توکي مصر جي محرابن تائين پهچڻو آهي. توکي صحرا، نخلستان ۽ فاطمه جي ڪا خبر هئي؟ توکي ته اهو سمجھي وڃڻ گھرجي ها ته اُها منزل ڪيتري نه خوبصورت هوندي جنهن پنهنجي راهه ۾ هي خوبصورت شيون رکيون آهن.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھائي ٿو.
    ناصر پل کن لاءِ چپ ٿي ويو. هن کي ڪيمياگر جون ڳالهيون بلڪل سچ لڳيون پر هِن وقت هن جي ذهن ۾ وڃائجي وڃڻ جو خوف اچي ويٺو هو. هر شيءِ حاصل ڪرڻ کانپوءِ هن وڃائي هئي ۽ هاڻي به جيڪڏهن هو مصر طرف وڃي ٿو ته سڀ ڪجهه وڃائجي سگھجي ٿو. پر هن جي ذهن ۾ فاطمه جا لفظ گونجڻ لڳن ٿا: “صحرا جون عورتون انهن مردن تي فخر ڪن ٿيون جيڪي منزل جي ڳولا ڪن ٿا. جيڪڏهن ڳولا ۾ هو وڇڙي وڃن ٿا تڏهن به غم نٿو ٿئي.”
    “اڄ رات جو سڪون جي ننڊ ڪر، سڀاڻي پنهنجو اٺ کپائي هڪ گھوڙو خريد ڪجانءِ. اٺ صحرا تي هلي تمام سٺو ٿو پر هو ٿڪجڻ جي ڪڏهن به آگاهي نٿو ڏئي بس ڪنهن موڙ تي هو گوڏا کوڙي ويهندو آهي ۽ مري ويندو آهي. گھوڙو صحرا تي هلندي ٿڪجي ته جلدي پوندو آهي پر گھٽ ۾ گھٽ هو ٻڌائيندو آهي ته هو ٿڪجي پيو آهي. ان ڪري هن منجھان وچ صحرا تي ڌوڪو نه ملندو آهي.” عرب ڪيمياگر ناصر کي نئين ڳالهه سيکاري.
    ناصر موٽي اچي پنهنجي خيمي ۾ ليٽي ٿو. اهڙين حالتن ۾ ننڊ ڪٿان اچي ٿي. هو سڄي رات سوچڻ ۾ لڳائي ٿو. صبح جو نماز پڙهي سمهي پوي ٿو.
    ٻئي ڏينهن رات جو هو پنهنجي نئين ورتل گھوڙي تي عرب ڪيمياگر جي خيمي وٽ وڃي ٿو. عرب ڪيمياگر اڳ ئي تيار ويٺو هو. هو پنهنجي سفيد گھوڙي تي چڙهي ٿو ۽ عقاب کي پنهنجي کاٻي ڪلهي تي رکي ٿو.
    “صحرا ۾ به هڪ روح آهي. تون اڄ صحرا ۾ ڦوڪيل روح جي باري ۾ مونکي ڪجهه ڏيکار ۽ ٻڌاءِ.” ڪيمياگر ناصر کي چئي ٿو.
    “هن ريگستان ۾ ڪهڙو روح. ايتري قدر جو هتان جا ماڻهو جن ۾ روح ڦوڪيل آهي، سي سڄي زندگي وڙهندي گذارن ٿا.” ناصر چئي ٿو.
    “مونکي لڳي ٿو اسين ڪجهه خاص نه ماڻي سگهنداسين صحرا مان.” ناصر وري چئي ٿو.
    “ته پوءِ ڏسون ٿا، تون گهوڙي جون ٿوريون واڳون ڍليون ڪَر.” ڪيمياگر چئي ٿو.
    ناصر جيئن ئي گهوڙي جون واڳون ڍليون ڪري ٿو ته گهوڙو هڪ پاسي تيز تيز ڀڄڻ شروع ڪري ٿو. ڪيمياگر به هن جي پٺيان پٺيان اچي ٿو. گھوڙو ڊوڙندي اچانڪ هڪ هنڌ بيهي رهي ٿو. ناصر هيڏانهن هوڏانهن نظر ڦيرائي ٿو پر کيس ڪو جانور يا ڪا شي نظر نه ٿي اچي، جنهن کي ڏسي گهوڙو هيئن اچانڪ بيهي رهيو هجي.
    “هتي ضرور ڪو خوفناڪ جانور آهي.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
    “پر مونکي ته ڪجهه به نظر نه پيو اچي.” ناصر چيو. هو ٻئي گھوڙن تان لٿا.
    عرب ڪيمياگر هڪ وڏي سوراخ ڀرسان بيهي ٿو ۽ پنهنجو هٿ اندر وجھي ٿو. اندر ٻرڙ ۾ ضرور ڪو جانور هيو جيڪو ڪيمياگر کي سولائي سان پڪڙجڻ نه ڏئي رهيو هو. ان ڪري ڪيمياگر پنهنجي سڄي ٻانهن ان ٻرڙ ۾ وجھي سخت رساڪشي کان پوءِ تقريبن ڇهن ستن فوٽن جو نانگ ٻرڙ مان ڪڍيو. نانگ ڪاريهر ٿي لڳو. ڪيمياگر هن کي پڇ کان پڪڙيو ۽ نانگ هن کي ڏنگي به ٿي سگهيو. ناصر ٿورو پري ٿي بيٺو.
    “گھٻراءِ نه. آئون نانگن جي فطرت چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو” ڪيمياگر، ناصر کي چيو.
    ڪيمياگر پنهنجي تلوار سان واريءَ تي هڪ وڏو دائرو ٺاهي ٿو ۽ ان مٿان ڪجهه پڙهي ٿو. نانگ کي جيئن ئي دائري ۾ وجھي ٿو، نانگ بلڪل سانت ۾ اچي وڃي ٿو ڪا چرپر نه ٿو ڪري.
    “نانگ هن دائري کان ٻاهر نه نڪرندو.” ڪيمياگر چئي ٿو.
    “پر هن ڳالهه جو اصل مقصد ڇاهي. مطلب اوهين مونکي ڇا ٻڌائڻ چاهيو ٿا.” ناصر پڇي ٿو.
    “آءُ اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته انسان جي زندگي به دائري اندر ئي آهي. هيءَ سڄي ڪائنات قدرت واري وٽان هڪ ٺهيل دائرو آهي. جنهن ۾ اسين زندگي گذاريون ٿا ۽ هن دائري مان ٻاهر نڪرڻ انسان جي وس ۾ ناهي. انسان هن ڪائنات جي دائري ۾ رکيل منزلون ماڻڻ ۽ انهن جي حاصلات لاءِ موڪليو وڃي ٿو.” عرب ڪيمياگر تلوار کي مياڻ ۾ وجھندي چوي ٿو.
    “پر جي آءُ اوهان جي ڳالهه نه مڃان ۽ هتي نخلستان ۾ ئي رهي پوان ته پوءِ.” ناصر پنهنجي دل جي ڳالهه ڪري ٿو.
    “ناصر تون ٻڌڻ چاهين ٿو ته تنهنجي هتي رهڻ سان ڇا ٿيندو ته ٻڌ. تون صلاحڪار جي عهدي تي رهي گھڻو ڪجهه ڪمائيندين. فاطمه سان تنهنجي شادي به ٿي سگهندي. تون صحرا جي هر شيءِ بابت پهرين سال ۾ ڄاڻي وٺندين. ٻئي سال ۾ تنهنجي زندگي نخلستان ۾ هڪ باعزت ماڻهوءَ وانگر گذرندي. انهيءَ دؤران توکي مصر جي محرابن بابت ڪيئي خواب به ايندا پر تون انهن تي ڌيان نه ڏيندين. ٽئين سال توکي خواب ايترو ته ستائيندا جو ڪڏهن ڪڏهن تون اڌ رات جو اٿي واريءَ تي اجايا چڪر ڪاٽيندين. ان وقت فاطمه کي تمام گھڻو افسوس ٿيندو ڇو جو هوءَ اهو محسوس ڪندي ته هوءَ تنهنجي منزل جي حاصل ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهي. پر تون هُن سان محبت ۾ ڪا گھٽتائي نه آڻيندين ۽ خوابن سان وڙهڻ واري تنهنجي جستجو هلندي رهندي. منزل حاصل ڪرڻ کان اڳ ئي موت ۽ قبائلي جھيڙن جو ڊپ توکي مصر جي محرابن ڏانهن وڃڻ کان روڪيندو. آخر خزاني جو ڪو به خواب توکي نه ايندو.” ڪيمياگر ٿوري ساهي کڻي وري چوي ٿو:
    “نخلستان ۾ تنهنجو جڏهن چوٿون سال ايندو ته توکان قدرت جي نشانين کي سمجھڻ واري صلاحت کسي ويندي، ڇاڪاڻ ته توکي اها صلاحيت ملي ئي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ هئي. تون وڏي سردار جي صلاحڪار واري نوڪري تان لاٿو ويندين. توکي جيڪو پئسو هوندو انهيءَ مان تون ڪاروبار شروع ڪندين پر پوءِ باقي سڄي زندگي توکي اهو پڇتاءُ رهندو ته جيڪر تون مصر جي محرابن ڏانهن وڃين ها.” ڪيمياگر چيو.
    هو ٻئي خاموش ٿي ويا. ناصر کي ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿي آيو. پر هُن ڪيمياگر جي هر ڳالهه کي سچو مڃيو، ڇو جو اها هڪ حقيقت هئي ته قدرت واري وٽان مليل نشانيون هُن تڏهن کان سڃاڻڻ شروع ڪيون آهن، جڏهن کان هو منزل طرف هليو آهي.
    “توکي اهو سمجھڻ گھرجي ۽ چڱيءَ طرح دل سان هنڊائڻ گھرجي ته ڪنهن جي چاهت منزل ڏانهن وڃڻ لاءِ روڪي نه ٿي بلڪه جوش ڏياري ٿي ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ.” عرب ڪيمياگر ائين چئي نانگ جي اردگرد دائري ڀرسان ويو ۽ دائرو ڊاهي ڇڏيو. نانگ وري ساڳي ٻرڙ ۾ هليو ويو.
    هو ٻئي گھوڙي تي چڙهيا ۽ گھوڙن کي نخلستان ڏانهن آهستي آهستي هلائڻ شروع ڪيائون. ناصر اڃان تائين سوچ ۾ گم هيو.
    “اوهان منهنجي ڪهڙي مدد ڪندا.” ناصر پڇيو.
    “سڀاڻي سج اڀرڻ وقت اسين نڪري هلنداسين. تيستائين تون ضروري ڪم ڇڏاءِ ۽ آرام ڪر.” ڪيمياگر چيو.
    ناصر پنهنجي خيمي تائين اچي ٿو. گھوڙو ٻڌي خيمي جي ٻاهران ويهي رهي ٿو. هيءَ اهڙي ٻي رات هئي جنهن ۾ ناصر سخت پريشان ۽ ڪا به شي نه سمجهه ۾ ايندڙ واري حالت ۾ هيو. ههڙي پهرين رات هن جي آفريڪا اچڻ شرط ئي گذري هئي.
    ناصر اتان اٿي تڪڙا تڪڙا قدم ڀري پنهنجي هڪڙي دوست وٽ اچي ٿو، جيڪو هِن نخلستان جو اصل رهاڪو هو. هو پنهنجي دوست کي فاطمه جي خيمي تائين وٺي هلڻ ۽ ان (فاطمه) کي خيمي کان ٻاهر وٺي اچڻ لاءِ منٿ ڪري ٿو ۽ ان ڪم جي بدلي ۾ هو هُن کي ٻن رڍن جيترا پئسا آڇي ٿو. هن جو دوست فاطمه کي خيمي مان ٻاهر وٺي اچي ٿو ۽ اتان هليو وڃي ٿو.
    فاطمه ۽ ناصر انهيءَ کجيءَ جي وڻ هيٺان ويهن ٿا جتي هو سدائين ويهندا آهن. فاطمه سمجھي وڃي ٿي ته هي وقت هنن ٻنهي جي وچ ۾ عارضي طور وڇوڙي جو وقت آهي. ڪي گھڙيون هو ٻئي بلڪل چپ هئا. ناصر چئي ٿو:
    “فاطمه مونکي منزل جي ڳولا لاءِ وڃڻو آهي پر آئون موٽي ضرور ايندس. مونکي توسان بيحد پيار....”
    “ڪنهن سان پيار ٿي وڃي ٿو ته بس ٿي وڃي ٿو ان لاءِ ثابتيون ضروري ناهن هونديون. چاهت اعتبار تي قائم هوندي آهي ۽ آئون توتي ڀروسو ڪيان ٿي.” فاطمه ناصر ڏانهن ڏسندي چوي ٿي.
    “مونکي پڪ آهي ته آئون ضرور واپس ايندس.” ناصر چئي ٿو.
    “اڳي آءُ صحرا ڏي خالي نظرن سان ڏسندي هيس ۽ هاڻي اکيون ڪنهن آس ۽ اميد کي کڻي صحرا ڏانهن ڏسنديون.” فاطمه اڃان ڪجهه چئي ها پر هن جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا.
    “تون ايتري همت واري عورت هجڻ جي باوجود به روئين ٿي.” ناصر فاطمه کي روئڻ کان روڪڻ ٿي چاهيو.
    “عورت ڪيتري به سخت دل ڇو نه هجي پر محبت هن کي ڪمزور ڪري وجھي ٿي.” فاطمه کي وقت جو احساس ٿئي ٿو ۽ ٻيو هوءَ نه ٿي چاهي ته هن جا وڌيڪ ڳوڙها وهن ۽ ناصر اهي ڏسي پنهنجا ارادا بدلائي ڇڏي. ان ڪري هوءَ اٿي ٿي ۽ ناصر کان موڪلائي هلي وڃي ٿي.
    فاطمه سڄي واٽ روئندي آئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ نخلستان ۾ هن لاءِ ڪجهه به نه بچيو هو. توڙي جو هُن سڄي زندگي هتي گذاري هئي پر ناصر جي ملڻ کانپوءِ هن جي دنيا صرف ناصر ئي هو. هن خيمي جي در وٽ بيهي ناصر جي حفاظت لاءِ ڪيئي دعائون ڪيون.


    باب اٺون

    ناصر سج اڀرڻ وقت عرب ڪيمياگر جي خيمي وٽ پهتو.
    ڪيمياگر جو ناصر کي اداس ڏٺو ته آٿت ڏيڻ لاءِ چيو: “ڪڏهن ڪڏهن اسين ڪنهن موڙ تي ائين محسوس ڪندا آهيون ڄڻ اسان سڀ ڪجهه وڃائي ويٺا آهيون. حقيقت ته اها آهي ته اڳتي وڌڻ لاءِ ڪجهه وڃائڻ اسانجي بهتري ۾ هوندو آهي.”
    “هر ماڻهو هميشه حاصل ڪرڻ جا خواب ڏسي ٿو، آءُ نه ٿو سمجھان ڪو وڃائڻ جي بابت سوچيندو به هوندو. انهيءَ ڪري اچانڪ جڏهن اسان کان ڪي شيون ۽ ماڻهو وڇڙي وڃن ٿا ته ڏک ٿئي ٿو.” ناصر ٿورو غمگين ٿيندي چوي ٿو.
    “ناصر اهو ياد رک ته وڃائيندا اهي ماڻهو آهن، جن جو هر قدم اونداهن لاڙن طرف هجي. سچ جي تلاش ۾ نڪتل ماڻهو سدائين دائمي روشني حاصل ڪندو آهي ۽ اهڙو ئي شخص سدائين دلين ۾ زنده رهي ٿو.” ڪيمياگر چئي ٿو.
    هنن ٻنهي جا گهوڙا آهستي آهستي نخلستان کان پري وڃي رهيا هئا. ناصر ٿوري ٿوري گهڙي کانپوءِ ڪنڌ ورائي نخلستان طرف ڏسي رهيو هو. هن کي سڀ ڳالهيون ڏاڍيون ياد اچي رهيون هيون ۽ خاص طور تي فاطمه ته هن کان پل لاءِ به نه وسري.
    سڄو ڏينهن هو ٻئي سفر ڪندا رهيا. رات ٿيڻ تي هنن ٻنهي هڪ هنڌ آرام ڪرڻ لاءِ واريءَ ۾ هڪ ننڍڙو کڏو کوٽيو ۽ انهيءَ ۾ باهه ٻاري ته جيئن باهه جي روشني دٻيل رهي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ ڪا خاص ڳالهه نه ٿي. آرام ڪرڻ کانپوءِ صبح جو اٿي وري سفر ڪرڻ لڳا. ڇهن ڏينهن تائين هنن مسلسل سفر ڪيو ۽ عرب ڪيمياگر ناصر سان صرف هدايتن ڏيڻ وقت ڳالهايو، وڌيڪ هنن جي وچ ۾ ڪنهن به طرح جي خيالن جي ڏي وٺ نه ٿي.
    ستين ڏينهن، اڃان سج مس لٿو هو جو عرب ڪيمياگر هڪ هنڌ پڙاءُ وجهڻ جو چيو. ناصر ننڍو کڏو کوٽيو ۽ ڪيمياگر ٿوريون ڪاٺيون کڻي آيو. باهه ٻاري هو کڏ جي ڀرسان ٿي ويٺا.
    “تون آهستي آهستي منزل جي ويجهو پهچندو پيو وڃين.” ڪيمياگر ناصر کي چيو.
    “اهو ته صحيح آهي پر اوهان سفر دؤران پنهنجي وسيع علم منجهان مونکي ڪجهه به نه سيکاريو. هيترن ڏينهن ۾ صرف اوهان هدايتون ڏنيون.” ناصر چيو.
    عرب ڪيمياگر ان وقت عقاب ڏانهن ڏسي رهيو هو جيڪو آسمان ۾ ڪنهن شڪار جي تلاش ۾ اڏامي رهيو هو. بيابان کي شايد ٺيڪ ٺيڪ عقاب ئي ڄاڻي ٿو. هو گول گول چڪر ڪاٽي رهيو هو. عرب ڪيمياگر جو عقاب شڪار پڪڙڻ جو تمام گهڻو ماهر هيو.
    “انسان تجربن جي آڌار تي گهڻو ڪجهه سکندو آهي ۽ تون به گهڻو ڪجهه سکي چڪو آهين. بس هڪڙي ڳالهه آئون توکي ٻڌائڻ ضروري ٿو سمجهان.” ڪيمياگر ٿوري دير لاءِ عقاب مان نظرون هٽائي ناصر کي چئي ٿو.
    ڪيمياگر ناصر کي ضروري ڳالهه ٻڌائڻ کان پهريان عقاب جي اڏار کي پرکي ٿو. اڄ عقاب ڪجهه وڌيڪ ئي دير لڳائي هئي شڪار هٿ ڪرڻ ۾. ناصر بي تابي سان انتظار ڪرڻ لڳو ته ڪيمياگر هن کي اُها ضروري ڳالهه ٻڌائي. انتظار هن کان ٿي نه سگهيو ۽ بي صبرو ٿي عرب ڪيمياگر کي چيو ته:
    “اوهان ڪيمياگر ٿيڻ ڇو پسند ڪيو؟”
    ڪيمياگر جون نظرون مسلسل آسمان طرف عقاب ۾ هيون ۽ ناصر کي وراڻيو ته:
    “منهنجو پڙ ڏاڏاو، ڏاڏو ۽ والد سڀ هن ڪِرت جا بادشاهه هئا. شيشن ۾ بند ڌاتو ۽ انهيءَ جا مرڪب ننڍڙي هوندي کان ڏٺا. آهستي آهستي ڪيمياگري منهنجو دلچسپ مشغلو بڻجي وئي. هاڻي ته آئون سون ٺاهڻ جا ڪيترائي طريقا به ڄاڻيان ٿو.”
    “اوهان جهڙا ٻيا به ته ڪيترائي ڪيمياگر آهن، انهن ڇو نه سون ٺاهڻ جو ڪو طريقو سکيو آهي؟” ناصر پڇيو.
    “ڇاڪاڻ ته ڪافي ڪيمياگر انهيءَ علم کي لوڀ ۽ لالچ لاءِ سکن ٿا. هن علم ۾ نيت جو سچو هجڻ تمام گهڻو لازمي آهي.” ڪيمياگر عقاب تان نظرون هٽايون.
    “ڪيمياگري ايتري پيچيده ڇو آهي؟ ايتريون نشانيون انسان سمجهي ڪيئن؟” ناصر جيڪي انگريز ڪيمياگر کان ڪتاب وٺي پڙهيا هئا انهن کي ذهن ۾ رکي پڇيو.
    “ڪو وقت هو جو مرڪبن جا طريقا، چاهي اُهي ڪيترا به اهم ڇو نه هجن پر سادي نموني سان لکيا ويندا هئا. ايترا سولا ۽ سادا جو ڪنهن هيري جي مٿان اهو طريقو لکجي ته به لکجي وڃي. پر جيئن جيئن گهڻا ماڻهو هن ڪرت سان وابسته ٿيا، انهن پنهنجي پنهنجي فلسفي کي اڳيان آندو. هر ڪيمياگر ڪونه ڪو پيچيده طريقو آندو. پر، آئون اڄ به چوان ٿو ته هيرن تي جيڪي طريقا لکيا ويا اهي تمام گهڻا ڪارآمد آهن.” عرب ڪيمياگر، ناصر کي ڪيمياگري بابت ٻڌايو.
    عقاب کي شڪار ۾ هڪ سهو هٿ آيو. هن ڪيمياگر جي اڳيان اڇليو. ڪيمياگر سهي کي چڱي طرح ضبح ڪري مٿان کل لاٿي ۽ صاف ڪيو. باهه لاءِ کوٽيل ننڍڙي کڏي جي مٿان ڪاٺيون اهڙي طرح رکيون ته جيڪڏهن سهي کي ڪاٺين تي رکجي ته ان کي باهه جو سيڪ ملندو رهي ۽ پچي وڃي.
    “آخر انهن هيرن تي ڇا لکيل آهي؟” ناصر پڇيو.
    عرب ڪيمياگر مياڻ مان تلوار ڪڍي ۽ واريءَ تي ڪجهه لکڻ لڳو. ان وقت ناصر کي سيلم جي بادشاهه عبدالله ياد آيو، جنهن به لڪڻ جي مدد سان زمين تي هن جي پيءُ ماءُ ۽ هُن اُنَ جي واپاريءَ جي ڌيءُ جا نالا لکيا هئا.
    “هيرن مٿان هي شيون درج ٿيل آهن.” ڪيمياگر تلوار جي مدد سان اشارو ڪندي ناصر کي چيو.
    “پر هي ته ڪو راز آهي جيڪو آئون انگريز ڪيمياگر جي ڪتابن ۾ به ڏٺو هو.” ناصر چيو.
    “نه اِهو اهڙو ئي خاڪو آهي جيڪو تون نخلستان ۾ ٻن پکين جي اڏار ۾ ڏٺو هو. بس هن خاڪي کي پڙهڻ لاءِ هن جي مطابق علم جو اچڻ ضروري آهي.” ڪيمياگر چيو.
    ڪيمياگر باهه تي رکيل سهي کي اٿلايو ۽ ٻيو پاسو باهه جي منهن ۾ ڏنو ته جيئن پوريءَ طرح سان هن جو گوشت پچي.
    “الله تعالى هن دنيا کي انهيءَ ڪري خلقيو ته جيئن هن جي تخليق جي خوبصورتيءَ جي جهلڪ انسان ڏسي سگهي. اصل دنيا ته الله اسانجي نظرن کان اوجهل رکي آهي. ان دنيا ۾ دوزخ به آهي ۽ جنت به آهي. هيءَ دنيا بس انهن دنيائن جي سمجهڻ خاطر خلقي ويئي آهي. انهيءَ ڪري هن دنيا ۾ انسان جو هر عمل ڳڻيو وڃي ٿو ۽ لوح و قلم ۾ محفوظ ڪيو وڃي ٿو. جن به انسانن هِن دنيا جي رازن کي صحيح نموني سان سڃاتو، انهن هن دنيا ۾ پنهنجي عملن کي نيڪ نيتي سان ادا ڪيو آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
    “ان جو مطلب ته هيرن تي لکيل طريقا، زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ سکڻ گهرجن.” ناصر چيو.
    “هر ماڻهوءَ جي ڪرت مطابق رستا هجن ٿا. جيڪڏهن تون ڪيمياگر هجين ۽ تنهنجي زندگي ڪيمياگري جي اردگرد گهمي ها ته تنهنجي لاءِ هي هيرن تي لکيل خاڪا ڄاڻڻ تمام ضروري هجن ها. پر هينئر تنهنجي زندگي صحرا جي اردگرد گهمي رهي آهي، انهيءَ ڪري تون صحرا منجهان سکڻ جي ڪوشش ڪر.” ڪيمياگر چيو.
    “آءُ صحرا منجهان ڪيئن سکي سگهان ٿو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇيو.
    “تون پنهنجي اندر ۾ اٿندڙ آوازن کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪج. ڪنهن وقت توکي خوشي جا آواز ايندا ۽ ڪنهن وقت غم جا. ڪنهن ڪنهن وقت اندر بلڪل سانت رهي ٿو. اهي سڀ اندر جا رنگ آهن ۽ اهي ساڳيا ئي رنگ صحرا جا آهن. تون دل جي ٻڌندو رهه صحرا پاڻهي سمجهه ۾ اچي ويندوءِ.” ڪيمياگر ناصر کي پچيل سهي جو گوشت کائڻ لاءِ ڏنو.
    هنن ٻنهي ماني کاڌي ۽ ليٽي پيا. اڃان ننڍ نه آئي هئي ٻنهي کي.
    “اوهان ضروري ڳالهه ته ٻڌائي ڪونه جنهن جو آئون هن مهل تائين انتظار پئي ڪيم.” ناصر کي ڳالهه ياد آئي.
    “تنهنجي دل ڇا ٿي چئي ته اها ڪهڙي ڳالهه هئي جيڪا ڄاڻڻ ضروري هئي.” ڪيمياگر چيو.
    ناصر ٿورو مشڪيو. هن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويئي. هنن ٻنهي جي وچ ۾ زندگي بابت جيڪي ڳالهيون ٿيون اهي سڀ ناصر جي لاءِ نيون هيون ۽ سکڻ تمام ضروري هيون.
    هو ٻئي سمهي پيا.
    صبح ٿيڻ تي وري سفر جاري رکيو. ٻه ڏينهن وڌيڪ گذري ويا. هو ٻئي ڪجهه اهڙن علائقن کان به گذريا جنهن بابت ڪيمياگر ناصر کي ٻڌايو ته اتان جا ماڻهو بلڪل وحشي آهن جيڪي انسان کي مارڻ کان پوءِ خوشي ڪن ٿا.
    انهن ٻن ڏينهن ۾ ناصر کي پنهنجي دل ڪيترائي آواز ٻڌايا. ڪنهن وقت خوف کان ٿي ڌڙڪي، ته ڪنهن وقت فاطمه جي ياد ۾ اداس ٿي ۽ ڪنهن وقت مصر جي محرابن جي ويجهو پهچڻ جي خوشي ۾ ڌڙڪي. مختلف حالتن ۾ اندر جا آواز بدلجندا رهيا.
    هو هڪ واريءَ جي دڙي جي ڀرسان اچي ويٺا. ٻن ڏينهن جي مسلسل سفر هنن کي ٿڪائي وڌو هو. گهوڙن تان لهڻ شرط ناصر چيو:
    “اسان کي دل جي ڇو ٻڌڻ گهرجي؟”
    “ڇاڪاڻ ته اهو ئي انسان جو اصل خزانو آهي.” عرب ڪيمياگر وراڻيو.
    “پر دل ته موراڳو ئي تنگ پئي ڪري. هن جا پنهنجا احساس آهن. ڪڏهن صحرا جي محبوبه جي ياد ۾ مونکي سمهڻ ئي نه پئي ڏي ته ڪڏهن وري خزاني جي حاصل ڪرڻ لاءِ نئون جذبو پئي ڏي. دل ايترا ته رنگ مٽائي ٿي جو آئون بي چين ٿي وڃان ٿو.” ناصر دل جو حال ٻڌايو.
    “اها ته ڏاڍي چڱي ڳالهه چئبي جو تنهنجي دل زنده آهي. هن دنيا ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي دل خالي خالي ڌڙڪي ٿي. هن جي دل هنن ماڻهن سان ڪجهه نه ٿي ڳالهائي ۽ انهن ماڻهن جي زندگي بلڪل بي مقصد گذري ٿي.” عرب ڪيمياگر ناصر جي همٿ وڌائي ٿو.
    “منهنجي دل ڪڏهن ڪڏهن خوف کان ايترو ته ڌڙڪي ٿي جو ڄڻ آواز ڏيندي هجي ته اڳتي نه وڌ. اهڙي صورت ۾ آئون منزل طرف وڌڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪيان ٿو.” ناصر چيو.
    “تنهنجي انهيءَ ڳالهه کي مڃڻ کان مان انڪار نه ٿو ڪريان پر ايترو ضرور چوندس ته جيڪڏهن تجربن جي آڌار تي دماغ جي مدد سان تون اهو ڄاڻي چڪيو آهين ته تنهنجي لاءَ ڇا صحيح آ ۽ ڇا غلط آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ دل کي سمجهائي ڇڏيندو ڪر. پر جي دل جي بلڪل ٻڌڻ بند ڪندين ته پوءِ دل به توسان ڳالهائڻ بند ڪندي ۽ پوءِ تون به عام ماڻهن وانگر هڪ عام زندگي گذاريندين.” ڪيمياگر چيو.
    ناصر کي اها ڳالهه وڻي. هو هينئر صحرا بابت گهڻو ڪجهه سکي چڪو هو. ايتري قدر جو صحرا جي مختلف علائقن ۾ مختلف ماڻهن جون ريتون رسمون ڪيئن آهن اهو به هِن هاڻي سکي ڇڏيو هو. هو ٻئي هر علائقي جي قاعدن قانونن جي پاسداري ڪندا هئا. ناصر کي هاڻي مصر جي محرابن تائين پهچڻ سؤلو ٿي لڳو.
    ڪنهن وقت ناصر کي اندر مان آواز ايندو هو ته جيڪڏهن هو ايتريون تڪليفون سهي مصر جي محرابن تائين پهچي به وڃي ۽ اُتي هن کي ڪجهه به حاصل نه ٿئي ته اِها هڪ وَڏي ۾ وڏي تڪليف هوندي.
    هو ٻئي جيئن ئي هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ ويٺا ته ناصر دل جي ڳالهه ڪندي چيو “منهنجي دل کي اچي خوف ويٺو آهي ته ايترين تڪليفن سهڻ کانپوءِ به ڪجهه حاصل نه ٿئي اِها ته هڪ وڏي تڪليف آهي.”
    “ناصر! ڪابه تڪليف ايترو درد نه ڏيندي آهي جيترو انهيءَ جو خوف انسان کي درد ڏئي ٿو. اهو ياد رک ته انسان کي ڪا تڪليف نه ٿي اچي هو ته بس رستي تي پيل ڪنڊا صاف ڪري ٿو ۽ خدا جي قريب پهچڻ جي ۽ اُن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.” عرب ڪيمياگر چيو.
    ناصر انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪري ٿو. اڄ چنڊ جي نه هجڻ ڪري ۽ ڪڪرن جي تارن جي اڳيان هجڻ ڪري روشني بلڪل نه هئي. ناصر کي لڳو ته خوف به انسان جي زندگيءَ ۾ ڪڪرن وانگر آهي جيڪو ڪجهه گهڙين لاءِ اچي ٿو ۽ هليو وڃي ٿو. سوچيندي سوچيندي هن کي ننڍ کڻي وئي.
    صبح جو ناصر پاڻ کي ڏاڍو مطمئن ۽ پرسڪون محسوس ڪري ٿو. هن جي دل ۾ ويٺل خوف نڪري ويو هو ۽ منزل طرف وڌڻ جو نئون جوش ڀرجي آيو.
    “هر انسان لاءِ هن دنيا ۾ ڪٿي نه ڪٿي ڪو خزانو ضرور رکيل آهي بس انسان جي ثابت قدم ۽ پنهنجي دل و دماغ کي هر وقت چوڪس رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو اشارن کي سمجهي سگهي. ان هوندي به انسان منزل کي ماڻڻ لاءِ ڪيٻائي ڇو ٿو؟” ناصر ڪيمياگر کان پڇي ٿو.
    “انهيءَ ڪري ته ڪيٻائيندڙ انسانن کي تڪليفن جو خوف اڳتي وڌڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ هو همٿ نه ساري دل کي چپ ڪرائي هڪ ئي هنڌ زندگي گذارن ٿا.” ڪيمياگر چيو.
    “آءُ هاڻي بلڪل ارادن کي اٽل ڪري ڇڏيو آهي. ڪنهن ڪنهن وقت جيڪڏهن ڪو خوف اچي به ٿو ته آءُ پنهنجن ارادن جي ذريعي ان کي ڌڪاري ڇڏيان ٿو. هاڻي آءُ بس مصر جي محرابن تائين پهچڻ چاهيان ٿو،” ناصر چيو.
    “اها ته ڏاڍي خوشي جي ڳالهه آهي.” عرب ڪيمياگر چيو.
    هو ٻئي گهوڙن تي چڙهيا ۽ سفر شروع ڪيائون. رات ٿيڻ تي وري هڪ هنڌ ساهي پٽڻ لاءِ ويٺا.
    “اوهين ڇا ٿا سمجهو ته اڃان ڪجهه آهي جيڪو مون لاءِ سکڻ ضروري آهي؟” ناصر باهه جي ڀر ۾ ويهندي چيو.
    “نه. هاڻي بس تون پنهنجي منزل ڏانهن وڌندو رهه. انسان جڏهن پنهنجي منزل ۽ رستا سڃاڻي وٺندو آهي ته هن کي وڌيڪ سکڻ جي ضرورت نه ٿي هجي. پر پنهنجي منزل ماڻڻ کانپوءِ سکڻ جو عمل نه ٿو هجي.” ڪيمياگر چيو.
    هو ٻئي ڳالهيون ڪندي سمهي پيا.
    صبح جو اٿي هو جنهن وقت گهوڙن تي سنج رکي رهيا هئا ته ٽي ماڻهو جن وٽ بندوقون به هيون، هنن سان اچي مليا ۽ هتي اچڻ جو سبب پڇيائون.
    “اسين عقاب جي مدد سان هتي شڪار ڪرڻ آيا آهيون.” عرب ڪيمياگر چيو.
    ڪيمياگر جي ڪلهي تي هنن ٽنهي همراهن هڪ چست عقاب ويٺل ڏٺو.
    “اسان اوهان جي سامان جي تلاشي وٺڻ چاهيون ٿا.” هنن ٽنهي منجهان هڪ چيو.
    “ٺيڪ آهي.” ڪيمياگر چيو ۽ سامان اڳيان وڌائي ڏنائين.
    “هي سونيون اشرفيون اوهان ڇو کنيون آهن.” هڪ همراهه ناصر جي سامان کي جاچڻ کانپوءِ چيو.
    “آءُ سير ڪرڻ جو شوقين آهيان ۽ مونکي مصر جا محراب گهمڻا آهن. توهان کي ته خبر آهي ته اوڏانهن پهچڻ لاءِ ڪيترو پئسو گهرج ۾ هجي ٿو.” ناصر ٿورو ڊڄ ۾ جواب ڏنو.
    جيڪو همراهه ڪيمياگر جو سامان جانچي رهيو هو ان کي پاڻيءَ سان ڀريل هڪ شيشي جي برني ۽ هيري جهڙا شفاف پٿر مليا.
    “هي ڇا آهن؟” همراهه ڪيمياگر کان پڇيو.
    “شيشي جي برني ۾ آبِ حيات آهي جنهن جي پيئڻ سان ماڻهو بيمار نه ٿو ٿئي. ۽ هو جيڪو هيڊي رنگ جو پٿر آهي، اهو سون ٺاهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.” عرب ڪيمياگر چيو.
    هيءَ ڳالهه ٻڌي هنن ٽنهي همراهن هڪ ٻئي جو منهن تڪيو ۽ عرب ڪيمياگر جي بيوقوفي واري جواب تي کِلي ويٺا. هنن کي لڳو ته هو ماڻهو (ڪيمياگر) خوف کان اهڙي قسم جو جواب ڏئي رهيو آهي. هنن ٽنهي ناصر کي ۽ عرب ڪيمياگر کي سامان واپس ڏنو ۽ وڃڻ لاءِ چيو.
    ٿورو اڳتي هلي ناصر ڪيمياگر کي چيو: “اوهان ته ذري گهٽ مارايو هو. هن پاڻيءَ ۽ پٿر جي باري ۾ سچ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.”
    “ناصر! هي به تنهنجي لاءِ هڪ مثال اٿئي. ماڻهن کي جيڪڏهن تون ڪنهن خزاني بابت سچ سچ ٻڌائيندي نه ته هو تو تي اعتبار ئي نه ڪندا. ڇاڪاڻ ته ماڻهن لاءِ خزانو صرف پئسو ڏوڪڙ هجي ٿو.” ڪيمياگر ناصر کي حقيقت ٻڌائي.
    هنن ٻنهي جو سفر وري اڳ وانگر منزل طرف هيو. ناصر انهيءَ وچ ۾ اندر مان آيل آوازن کي ٻڌندو رهيو. ڪيتريون ئي ماضيءَ جون ڳالهيون هن کي ياد اچي رهيون هيون. پيءُ ماءُ کان موڪلائڻ، ريڍار ٿيڻ ۽ رڍن جي سارسنڀال، آفريڪا ۾ پهريون ڏينهن، شيشي جي دڪان تي ڪم ڪرڻ ۽ فاطمه. ايتريون ڳالهيون هوندي به ڪنهن وقت وري هن جي دل بلڪل خاموش هئي.
    منجهند جو هڪ اهڙي قبيلي جي اڳيان لانگهائو ٿيا جتي ٿوري ٿوري فاصلي تي مورچا لڳل هئا. هو ڪيترن ئي قبيلن وٽان گذري آيا هئا پر هي قبيلو ٿورو ويڙهاڪ وڌيڪ ٿي لڳو.
    “منهنجي دل ٿي چئي هتي ڪو خطرو ناهي.” ناصر کي جيڪو اندر مان آواز آيو هن ڪيمياگر کي ٻڌايو.
    “بيوقوف! آءُ توکي دل جي ڳالهه هر وقت ٻڌڻ لاءِ چيو هو، هر وقت اعتبار ڪرڻ لاءِ نه. هي صحرا آهي ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. هتان جي ماڻهن کي نتيجن جي پرواهه گهٽ هجي ٿي. هو بس اهو ڪجهه ڪندا آهن جيڪو هنن کي سمجهه ۾ ايندو آهي.” ڪيمياگر، ناصر کي دڙڪي جي انداز ۾ چيو.
    هو اڃان ڳالهائيندا وڌي رهيا هئا جو پٺيان ٻه گهوڙي سوار آيا.
    “اوهين اڳتي نه وڃو، ڇو جو اڳيان ويڙهه هلي رهي آهي.” انهن مان هڪڙي ناصر ۽ ڪيمياگر کي پٺيان تيز آواز ۾ چيو.
    هو ٻئي بيهي رهيا. ڪيمياگر هنن ڏانهن اکيون اکين ۾ ملائي چيو “اسين گهڻو اڳتي ڪونه وينداسين.”
    ناصر، ان وقت ڪيمياگر جي اکين ڏانهن ڏٺو. انهن ۾ عجيب طاقت سمايل هئي، هو ڄڻ ڪا عجيب ٻولي ڳالهائي رهيون هيون. هنن گهوڙيسوارن هنن کي وڃڻ ڏنو.
    هو ٿورو اڳتي هليا ته ناصر چيو:
    “هن ماڻهن سان ڳالهائيندي مون اوهان جي اکين ۾ هڪ اٿاهه سمنڊ جهڙي گهرائي ۽ طاقت ڏٺي.”
    “ناصر! اکيون انسان جي من جي عڪاسي ڪن ٿيون. انسان جو مَن جڏهن مطمئن ۽ اڇو اجرو هجي ٿو ته اکيون به انهيءَ جي طاقت جي عڪاسي ڪن ٿيون. اندر ۾ هيڻي ۽ ٽٽل انسان جون اکيون بلڪل ڪمزور نگاهه رکن ٿيون.” ڪيمياگر وراڻيو.
    هو ٻئي پنڌ ڪندا رهيا. ناصر، ڪيمياگر جي ڳالهين کان تمام گهڻو متاثر ٿيو هو. هُن چاهيو ٿي ته اڃان به ڪجهه وقت وڌيڪ ڪيمياگر سان گڏ گذري.
    “باقي ٻه ڏينهن جو سفر آهي.” ڪيمياگر هڪ واريءَ جي وڏي دڙي تي چڙهندي چيو.
    “آءُ جڏهن خزانو حاصل ڪري وڃان ته اوهين مونکي ڪيمياگري سيکاريندؤ.” ناصر چيو.
    “تون اڳ ئي زندگي جي ڪيمياگري ڄاڻين ٿو.” ڪيمياگر چيو.
    “آءُ زندگيءَ جي ڪيمياگري نه بلڪه ڌاتن کي سون ۾ بدلائڻ جي ڪيمياگري جي ڳالهه پيو ڪريان.” ناصر چيو.
    “سياڻن ماڻهن اڳيان سون هڪ لوهه جي ٽڪري جي برابر آهي ڇو ته هو ڄاڻن ٿا ته هر شيءِ کي فنا آهي. خبر ناهي ڇو اسين سون جي ايترو پٺيان آهيون، اها خبر هوندي به ته سون سدائين جهيڙي جو بنياد رهيو آهي.” ڪيمياگر ناصر جي دل ۾ ٿوري لالچ ڏسندي چيو.
    “اوهين ڪيمياگر سون جي پٺيان ڇو هوندا آهيو.” ناصر پڇيو.
    “ائين ناهي. آءُ پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙا ڪيمياگر به ڏٺا جن پنهنجي سڄي عمر تجربيگاهن کي ڏني ته هو مختلف مرڪب ڳولهي لهڻ ۾ ڪامياب ويا. سون کي ته تجربن ڪندي ڳولهيو، خاص ان لاءِ محنت نه ڪئي وئي. ڪي ماڻهو وري اهڙا به آهن جن کي خدا وڏي ڏات ڏني. هو کوڙ اهڙا طريقا ڄاڻن ٿا جن سان تمام قيمتي ڌاتو ٺهي سگهن پر هي انهن کي دنياوي شيون سمجهي اهميت ئي نه ڏيندا آهن.” ڪيمياگر چيو. ٿوري دير خاموش رهي وري چيو:
    “ڪافي ڪيمياگر اهڙا به آهن جيڪي صرف سون ٺاهڻ جي ترڪيب ڄاڻڻ لاءِ تجربيگاهن ۾ محنت ڪن ٿا، پر انهن جي مَن ۾ لالچ هجڻ ڪري هنن کي ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي.”
    ناصر سمجهي ويو ته ڪيمياگري لالچ جي بنياد تي نه ٿي سکي سگهجي. هو ٻئي واريءَ جي وڏن دڙن تان گذري ميدان تي هلڻ لڳا. سج لهي چڪو هو. ناصر جي دل ان وقت ڪو اڻڄاتل خوف محسوس ڪيو پر هن ڪيمياگر سان ڳالهه نه ڪئي ڇو جو اِهو هر وقت جو معمول هيو ۽ ڪيمياگر ڪاوڙجي به ٿي سگهيو.
    اچانڪ هنن ٻنهي جي اڳيان ڪاري رنگ جي دستار ٻڌل چار گهوڙيسوار آيا ۽ هنن کي سردار ڏانهن هلڻ جو چيائون.
    هو جڏهن قبيلي جي سردار جي خيمي ۾ اندر گهڙيا ته چئن منجهان هڪ ڄڻي چيو ته “هي ٻئي جاسوسي ڪرڻ لاءِ هتي آيا آهن.”
    “اسين مسافر آهيون. جاسوسي ڪرڻ نه آيا آهيون.” عرب ڪيمياگر سردار کي چيو.
    “ٻه ڏينهن اڳ اوهان ٻئي اسان جي دشمن قبيلي جي ماڻهن کان ڪجهه هدايتون وٺي هيڏانهن نڪري آيا. اوهان ضرور جاسوسي واري مقصد سان هتي آيا آهيو.” هن همراهه هن قبيلي جي پئي ڳالهه ڪئي جتي تمام گهڻا مورچا لڳل هئا ۽ ٻن گهوڙيسوارن هنن سان ڪجهه دير ڳالهايو هو.
    “توهان کي غلط فهمي ٿي آهي. اسانجو ان قبيلي جي علائقي کان لنگهڻ ضرور ٿيو هو پر هنن به اوهان وانگر پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ وڃڻ ڏنو.” ڪيمياگر چيو.
    “هي ڇوڪرو ڪير آهي.” قبيلي جي سردار ناصر ڏانهن اشارو ڪري ڪيمياگر کان پڇيو.
    “آءُ هن کي صحرا پار ڪرڻ ۾ رهنمائي ڪري رهيو آهيان. هي هڪ تمام وڏو ڪيمياگر آهي. هن وٽ تمام وڏي ڏات آهي. اهڙي ڏات جنهن سان هو قدرت جي طاقتن کي سمجهي سگهي.” ڪيمياگر چيو.
    ناصر هينئر تائين ته ٻڌندو آيو پر ڪيمياگر جي آخري ڳالهه هن تي خوف طاري ڪري ڇڏيو.
    “تو هن ڇوڪري کي ٻڌايو ڪونه ته هيڏانهن قبائلي جھيڙا هلي رهيا آهن؟” سردار ڪيمياگر کي چيو.
    “ٻڌايومانس پر هِن جو شوق هيو ته هو گھڻي کان گھڻا ۽ هر جڳهه تي وڃين تجربا ڪري. هِن ڇوڪري اوهان لاءِ سونين اشرفين جو تحفو به آندو آهي.” ڪيمياگر ناصر جي ٿيلهي مان اشرفيون ڪڍي سردار کي ڏنيون. سردار اشرفيون ڏسي خوش ٿيو.
    “ڪيمياگري ڇا ٿيندي آ؟” سردار پڇيو.
    “ڪيمياگري اهڙي ڏات آهي جنهن سان هي ڇوڪرو اهڙو ته زوردار طوفان آڻي سگھي ٿو جو اوهان جا خيما پاڙؤن اکڙجي وڃن.” عرب ڪيمياگر چيو.
    خيمي ۾ موجود سڀ ماڻهو ڪيمياگر جي ڳالهه ٻڌي ٽهڪ ڏيڻ لڳا. هنن وڏيون وڏيون آفتون ڏٺيون هيون پر هيءَ ته هڪ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي.
    “آءُ چاهيان ٿو ته هي ڪيمياگر اهڙو طوفان اٿاري جو اسانجا خيما اکڙجي وڃن.” سردار چيو.
    “ان لاءِ هن کي ٽن ڏينهن جي مهلت ڏيو.” عرب ڪيمياگر چيو.
    “ٺيڪ آهي ته پوءِ ٺيڪ ٽن ڏينهن کانپوءِ اسان ڇوڪري جو ڪمال ڏسنداسين.” سردار چيو.
    ناصر خوف کان بلڪل هيڊو ٿي ويو. سردار جي خيمي مان نڪرڻ وقت هو عرب ڪيمياگر جي ڪلهي تي زور سان ٻانهن رکي آيو.
    “تون هنن کي اهو ظاهر ٿيڻ نه ڏي ته تون خوف کان ڊڄي رهيو آهين. ڊڄڻي شخص کي ماريندي هي دير ئي نه ڪندا آهن.” ڪيمياگر ناصر کي چيو.
    “اوهان منهنجي سڄي ڪمائي هنن کي ڏئي ڇڏي اهو ڇا ڪيوَ.” ناصر چيو.
    “جيڪڏهن جان ئي نه هجي ها ته سونيون اشرفيون ڪاڏي ڪرين ها.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھايو.
    ناصر اڃان تائين سخت خوف واري حالت ۾ هيو. عرب ڪيمياگر سردار جي هنن مٿان مقرر ڪيل خادم کي چانهه آڻڻ لاءِ چيو. چانهه اچڻ کان پوءِ، عرب ڪيمياگر چانهه جو اڌ ڪوپ ٿورو ٿڌو ڪري ناصر جي ساڄي ٻانهه مٿان هاريو ۽ ڪجهه پڙهيو. ناصر کي تمام گھڻو سڪون آيو.
    “جيڪڏهن خوف کي هر وقت پنهنجي مٿان طاري ڪندين ته دل جو آواز نه ٻڌي سگهندين.” ڪيمياگر ناصر کي سامت ۾ آڻيندي چيو.
    “پر اوهان کي ته خبر آهي نه ته آئون اهڙي قسم جو ڪو طوفان نه ٿو اٿاري سگھان.” ناصر چيو.
    “انسان سڀ ڪجهه ڪري سگھي ٿو پر هُن کي ناڪاميءَ جو خوف ڪجهه ڪرڻ نه ٿو ڏئي.” عرب ڪيمياگر ناصر کي سمجھايو.
    “مونکي ناڪاميءَ جو خوف ناهي پر جيڪو ڪم آئون ڪرڻ پيو وڃان ان بابت ڪا ڄاڻ به ته هجي نه.” ناصر چيو.
    “اهو تون ڄاڻي وٺندين” ڪيمياگر چيو.
    “پر جيڪڏهن نه ڄاڻي سگهيم ته پوءِ” ناصر خوف کان چيو.
    “پوءِ تون منزل جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندي اڌ راهه تي ماريو ويندين ۽ تڏهن به لکين ماڻهن کان چڱو هوندين.” عرب ڪيمياگر ائين چئي ناصر ڏانهن ڏسي ٿو.
    “ٽي ڏينهن تمام گھڻا آهن. انسان کي جڏهن موت جو خطرو رهي ٿو ته هو زندگيءَ طرف ويندڙ سؤ‍ رستا ڳولهي ڪڍي ٿو.” ڪيمياگر ناصر جي همٿ وڌائي ٿو.
    هن خونخوار قبيلي ۾ ناصر جو پهريون ڏينهن ڏاڍو بي چيني ۾ گذريو. سڄو ڏينهن ويڙهه ۽ ويڙهه جون ڳالهيون هليون. سڄي ڏينهن جي ويڙهه ۾ جيڪي قبيلي جا ماڻهو مُئا انهن کي دفنايو ويو ۽ زندگي وري معمول مطابق ٿي وئي. ناصر سڄي ڏينهن کي هنن لفظن سان پنهنجي ذهن ۾ نقش ڪيو ته: “موت جو مثال انسان کي بدلائي نه ٿو سگھي.”
    رات جو ناصر، عرب ڪيمياگر وٽ ويو ۽ سڄي ڏينهن جو حال احوال ڏيڻ کانپوءِ اندر ۾ ويٺل خوف جو ذڪر ڪيائين ته هو ڪيئن اهڙو وڏو طوفان پئدا ڪري سگهندو جنهن ۾ خيما اکڙجي وڃن.”
    ڪيمياگر ساڳيو جواب ڏنس: “انتظار ۽ صبر ڪر.”
    ٻئي ڏينهن تي ناصر ڪجهه پرڀرو وڃي واريءَ جي دڙي تي ويٺو. پنهنجو ماضي ياد آيس. هو صحرا کي دل ڀري ڏسي رهيو هو ڄڻ پويون دفعو ڏسندو هجي. فاطمه جون ڳالهيون هن کي ڏاڍيون ياد آئيون. پورو ڏينهن صحرا تي گذاري پنهنجي خيمي ۾ واپس وريو.
    ٽيون ڏينهن صبح جو سوير اٿي هو وري واريءَ تي چڪر هڻڻ ۽ صحرا ڏانهن ڏسڻ لڳو. شام جو هو پنهنجي خيمي ۾ آيو ته سردار ۽ ان جا ڪجهه ساٿي ۽ عرب ڪيمياگر اڳ ئي ويٺا هئا. ناصر هنن سڀن کي ساڻ ڪري واريءَ جي انهيءَ دڙي تي وٺي آيو. جتي هو ٻه ڏينهن مسلسل ويٺو هو.
    ناصر واريءَ جي دڙي تي بيهي چيو: “اوهان کي ڪجهه انتظار ڪرڻو پوندو.”
    “ڪا ڳالهه ئي ناهي. اسين صحرا جا ماڻهو ته انتظار جا هيراڪ آهيون.” سردار مشڪندي چيو.
    ناصر صحرا ڏانهن ڏسي، دل ئي دل ۾ الله سائين کي زور سان ٻاڏايو. هن محسوس ڪيو ته هن پنهنجي زندگي ۾ ايترو شدت سان ڪڏهن به نه ٻاڏايو هو جيترو اڄ ٻاڏائي رهيو هو. خدا جي قدرت ايتري ڌيان سان سڏ کي سڏ ضرور ڏئي ٿي.
    “وري ڇو آيو آهين. ٻه ڏينهن توکي منهنجو جائزو وٺندي پيٽ نه ڀريو ڇا؟” ناصر کي پنهنجي اندر ۾ صحرا طرفان آواز گونجيو. ناصر اکيون بند ڪري مراقبي جهڙي حالت ۾ هيو. هن کي آسپاس جي ڪا به خبر نه هئي. هُن بس پنهنجي اندر ۾ پئي جھاتيون پاتيون ۽ ڪلام ڪيو.
    “اي صحرا اڄ آءُ وڏي مشڪل ۾ آهيان. آءُ الله سائين کان تنهنجي مدد گُھري آهي. تون خدا جي عظمت جو بي مثال نمونو آهين ۽ تون منهنجي مدد ڪري سگھين ٿو.” ناصر دل ۾ چيو.
    “تون هينئر تائين مون لاءِ ڇا ڪيو آهي جو آءُ تنهنجي مدد ڪريان.” ناصر جي اندر ۾ صحرا جو آواز آيو.
    “آءُ توسان محبت ڪئي آهي. تنهنجي هر خاصيت تي غور ڪيو آهي. توڙي جو توڏانهن منهنجو پهريون ڏينهن خراب گذريو پر پوءِ به آءُ توکي پوريءَ طرح ڏسڻ جو ارادو ڪيم. تنهنجي بهادر نياڻي فاطمه سان منهنجي محبت ٿي.” ناصر چيو.
    “تنهنجي خيال ۾ اها ئي محبت آهي.” صحرا جو آواز ناصر جي اندر ۾ آيو.
    “تنهنجي محبت اسان انسانن کان وڌيڪ آهي. تون پنهنجن ماڻهن لاءِ نخلستان به رکين ٿو ته انيڪ جانورن جو ذخيرو به. رڳو واريءَ هوندي به ماڻهو تومان بيزار نٿا ٿين. اڄ تائين آءُ ماڻهن کي صحرا تي فخر ڪندي ڏٺو آ نه ڪي بيزارگي.” ناصر صحرا کي مدد لاءِ مڃائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    “آءُ اڃان به نه ٿو سمجھان.” صحرا، ناصر جي اندر ۾ چئي ٿو.
    “پر تون ايترو ته سمجھين ٿو نه ته مون لاءِ تنهنجي نياڻي انتظار ڪندي آ ۽ دعائون ڪندي آ. جيڪڏهن ان ڏانهن آءُ واپس نه ويم ته هوءَ ضرور توکي شڪايت ڪندي.” ناصر پنهنجي دل ۾ چئي ٿو.
    “ٺيڪ آهي آءُ مدد ته ڪندس پر واريءَ کي اٿارڻ لاءِ توکي هوا جي ضرورت آهي”. صحرا جو آواز آيو.
    ناصر اکيون کولي آسمان ڏانهن ڏٺو. الله سائين کي وري ٻاڏايو. هاڻي ناصر تيز ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    “هوا! تون هزارين سال انسان جي مدد ڪئي آهي. ٻيڙا جڏهن سمنڊ ۾ هجن ٿا ته تون الله جي رضا سان انهن کي ڪنارن سان لائين ٿي. ڪڪرن کي پنهنجي طاقت جي وسيلي گڏ ڪري مينهن وسائين ٿي. اڄ آءُ به انسان سان تنهنجي محبت ڏسڻ چاهيان ٿو.”
    زوردار هوا شروع ٿيڻ لڳي ٿي. آهستي آهستي هوا واچوڙي جي شڪل اختيار ڪري ٿي ۽ ايتري ته واري پاڻ سان گڏ کڻي ٿي جو خيمن ۾ پيل ٿانو واري ئي واري ٿي وڃن ٿا. هوا اڃان تيز ٿئي ٿي خيما اکڙڻ شروع ٿين ٿا ته سردار جا ساٿي سردار کي منٿون ڪن ٿا ته ڇوڪري کي وڌيڪ طوفان اٿارڻ کان روڪي. پر سردار نه ٿو مڃي. هو طوفان کي اڃا تيز ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو.
    ناصر واريءَ جي وچ ۾ نظر ئي نه ٿي آيو. ائين لڳو ڄڻ هو پاڻ طوفان ٿي ويو هجي. هي طوفان جنهن به ٿي ڏٺو دنگ رهجي ٿي ويو. هنن ماڻهن ڪڏهن به اهڙو زوردار ۽ خوفناڪ طوفان نه ڏٺو نه ٻڌو. هر ڪوئي خوفزده ۽ پريشان هيو. صرف ٻه شخص هئا جيڪي نه خوفزده هئا ۽ نه وري پريشان: هڪ؛ عرب ڪيمياگر ۽ ٻيو؛ قبيلي جو سردار. هنن ٻنهي کي خدا جي عظمت تي پورو پورو اعتماد هيو.
    طوفان رڪيو ته هر ڪنهن سک جو ساهه کنيو. هر شيءِ ٽڙي پکڙجي وئي هئي. هر ڪنهن کي اعتبار آيو ته ڇوڪرو (ناصر) پنهنجي اندر ۾ تمام وڏي قوت رکي ٿو.
    قبيلي جي سردار ناصر ۽ ڪيمياگر کي باعزت نموني سان الوداع ڪيو ۽ هو ٻئي پنهنجي منزل طرف روانا ٿيا.


    باب نائون

    هو ٻئي سفر ڪندا رهيا. ٻه ڏينهن سفر ڪرڻ کانپوءِ هڪ جڳهه تي عرب ڪيمياگر گھوڙو بيهاري ناصر کي چيو:
    “محراب هتان کان ٿورو اڳتي آهن ۽ اهو سفر توکي اڪيلي طئي ڪرڻو پوندو.”
    “دنيا جي اصل روح کي سمجھڻ لاءِ جيڪي اوهان نشانيون سيکاريون يا جيڪي ڪجهه مون لاءِ اوهان ڪيو انهن جي شڪريه ادائي لاءِ مون وٽ لفظ ئي ڪونهن. طوفان وارو معجزو ته آئون ڪڏهن سوچيو به نه هو، پر اوهان ته مون ۾ هڪڙي نئين سوچ ۽ نئون روح ڀريو”. ناصر چيو.
    “اهي سڀ ڳالهيون تو ۾ اڳ ئي موجود هيون. علم ۽ عمل جي چڻنگ تو ۾ اڳ ئي لڳل هئي آءُ ته صرف ٿوري هوا ڏني.” عرب ڪيمياگر ائين چئي هڪ گھر ڏانهن وڌيو ۽ دروازو کڙڪايائين. گهر جي اندران مسجد جو پيش امام ٻاهر نڪتو. جنهن کان عرب ڪيمياگر هُن جي بورچيخاني کي استعمال ڪرڻ جي اجازت گھري. پيش امام مرڪندي هنن ٻنهي کي اندر اچڻ جي اجازت ڏني.
    ڪيمياگر بورچيخاني ۾ چلهه تي هڪ وڏو تئو رکيو ۽ پيش امام کي ٽامي جي ڪجهه ٽڪرن آڻڻ لاءِ چيو. عرب ڪيمياگر تَئي ۾ اُهو پاڻي وڌو جنهن کي هو آب حيات چئي رهيو هو. پاڻي گرم ٿيو ته ڪيمياگر ان ۾ پيش امام جا آندل ٽامي جا ٽڪرا وڌا. کيسي مان هيڊي رنگ جو پٿر ڪڍي ان جو ڪجهه حصو ڀڳو ۽ ان کي ميڻ ۾ وجھي ٻڙڪندڙ ٽامي سان ملائي ڇڏيو. سڄي پاڻياٺ جو رنگ ڳاڙهسرو ٿي ويو. ڪيمياگر تئي کي باهه تان هٽايو ۽ پاڻياٺ کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ڇڏيو، تيستائين هو پيش امام سان ڪچهري ڪرڻ لڳو.
    جڏهن ٽامي واري پاڻياٺ ٿڌي ٿي ته اها سون ۾ تبديل ٿي چڪي هئي. مانيءَ جيترو سون جو ٽڪر هيو. عرب ڪيمياگر اُن جا چار حصا ڪيا. هڪ حصو پيش اِمام کي ڏنو. پيش امام وٺڻ کان انڪار ڪيو.
    “آءُ هي مال ڪاڏي ڪندس.” پيش امام چيو.
    “هي اوهان جي خدمت جو انعام آهي. اوهين جڏهن حج تي ويندا ته هي اوهان جي ڪم ايندو.” عرب ڪيمياگر چيو.
    “ها پر هي ته تمام گھڻو آهي.” پيش امام چيو.
    “ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه به ملڻ تي ۽ ڪڏهن بلڪل ٿورو ملڻ تي توهان الله سائين جو شڪر ادا ڪيو. اڄ اوهان ڪجهه گهڻو ملڻ تي به الله سائين جو شڪر ادا ڪيو.” عرب ڪيمياگر چئي ٿو.
    هڪ ٽڪرو ڪيمياگر ناصر کي ڏي ٿو ۽ چئي ٿو: “تون واٽ تي جيڪي ڪجهه قبيلي جي سردار کي ڏنو انهيءَ جي بدلي ۾ هي وٺ.”
    ناصر سوچيو ته هو اِهو سون جو ٽڪرو وٺڻ کان انڪار ڪري ڇو جو هن سونيون اشرفيون ڏئي خدا جي قدرت سان ڪلام ڪيو هو. پر ناصر چپ رهيو. هن ڄاتو ٿي ته ڪيمياگر خوب ڄاڻي ٿو ته هي سون جو ٽڪرو هن (ناصر) لاءِ ڪيترو اهم آهي.
    هڪ حصو ڪيمياگر پاڻ کنيو ڇاڪاڻ ته واپس ويندي وري هن کي ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي سردار کي منهن ڏيڻو هو.
    “هي سون جو ٽڪرو اوهان وٽ هن ڇوڪري جي امانت آهي. اوهان وٽ جڏهن به هي (ناصر) اچي ته هي ٽڪرو سندس حوالي ڪجو.”
    “پر مونکي ته هونئن به خزانو ملڻو آهي هي ٽڪرو اوهان کي ڪم ايندو.” ناصر چئي ٿو.
    “مونکي پڪ آهي ته تون خزانو ضرور ماڻيندين. پر سفر دؤران ياد ڪر ته توکي ٻه دفعا، هڪ دفعو چور کي ۽ ٻيو دفعو سردار کي پنهنجي پوري دولت ڏيڻي پئي آهي ۽ ائين ٽيون دفعو به ٿي سگھي ٿو.” ڪيمياگر ناصر کي سمجھائي ٿو.
    هو ٻئي پيش امام جو شڪريو ادا ڪري اچي ان وڻ هيٺان بيٺا جتي هنن جا گھوڙا ٻڌل هئا.
    “ناصر آءُ توکي هڪ آخري ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو. اها هڪ آڳاٽي دؤر جي ڪهاڻي آهي.” ڪيمياگر چئي ٿو.
    ناصر پنهنجو پورو ڌيان ڪيمياگر ڏانهن ڏي ٿو.
    “گھڻو اڳي روم ۾ بادشاهه طبرس حڪومت ڪندو هو جنهن کي ٻه پُٽَ به هئا. هُن هڪ پٽ کي فوجي ڪرايو ۽ ڏورانهين علائقي ڏانهن تربيت لاءِ موڪليو هو. هڪڙو هن جو پٽ روم جو وڏو شاعر هيو.
    هڪ رات بادشاهه کي خواب ۾ فرشتو آيو ۽ کيس چيائين ته هن جي هڪ پٽ جا گيت صديون ماڻهو ڳائيندا رهندا. اتي بادشاهه کي جاڳ ٿئي ٿي. خوش به ٿئي ٿو ته هن جي پٽ سان هُن جو نالو به ڳايو ويندو. پر غم ان ڪري ٿو ٿيس ته هو اِهو سڀ پنهنجين اکين سان نه ڏسندو ڇو جو انسان جي حياتي تمام ننڍڙي آهي.
    ٿوري عرصي کانپوءِ بادشاهه طبرس مري وڃي ٿو. عالم ارواح ۾ بادشاهه جي ان فرشتي سان ملاقات ٿي. جنهن خواب ۾ اچي پٽ جي باري ۾ ٻڌايو. بادشاهه طبرس فرشتي کان ان خواب جي حقيقت گھري ٿو.
    فرشتو چئي ٿو “توکي ڇا ٿو لڳي ته تنهنجي ڪهڙي پٽ جا گيت ڳايا ويندا؟”
    “منهنجو اهو پٽ جنهن جا شعر اڄ به پوري روم ۾ مشهور آهن ۽ منهنجي ان شاعر پٽ کي وڏي مڃتا ملندي.” بادشاهه طبرس چئي ٿو.
    فرشتو بادشاهه جا لفظ ٻڌي هن جو هٿ پڪڙي ٿو ۽ هو بادشاهه کي ڪيئي سؤ سال اڳتي جي زماني ۾ وٺي اچي ٿو. جتي جا ماڻهو اهڙي ٻولي ڳالهائي رهيا هئا جيڪا بادشاهه بلڪل نه ٿي سمجھي. بادشاهه ٻن چئن ماڻهن جي واتان صرف پنهنجي سپاهي پٽ ۽ روم جا لفظ ٻڌي ٿو باقي سمجھي نه ٿو سگھي ته هو ڇا چئي رهيا هئا. بادشاهه طبرس فرشتي کان پڇي ٿو ته: “هو ماڻهو ڇا چئي رهيا آهن روم ۽ هن جي پٽ جي بابت؟”
    فرشتو بادشاهه کي چئي ٿو: “تنهنجي شاعر پٽ جي شاعري بدقسمتي سان تنهنجي وڃڻ کانپوءِ ختم ٿي ويندي پر تنهنجو سپاهي پٽ صديون ڳايو ويندو.”
    بادشاهه طبرس کي تعجب وٺي ٿو.
    “تنهنجو سپاهي پٽ جنهن کي تون تمام ڏورانهين ڏيهه ڏي موڪليو هو، هڪ ڏينهن هُن سان ائين ٿيندو جو هُن جو نوڪر تمام گھڻو بيمار ٿي پوندو ۽ ايتري ته طبيعت خراب ٿي پوندس جو هو اچي مرڻ ڪنڌيءَ تي لڳندو. تنهنجو پٽ اهڙي حڪيم جي تلاش ڪندو جيڪو هُن جي نوڪر جي طبيعت صحيح ڪري سگهي. هو حڪيم جي تلاش ۾ ڪافي ڏينهن ڀٽڪندو اچي هڪ درويش وٽ پهچي ٿو ۽ پنهنجي اچڻ جو مقصد بيان ڪري ٿو. درويش هُن سان هلڻ لاءِ تيار ٿئي ٿو. درويش کي اهو ڏسي تمام گھڻي خوشي ٿئي ٿي ته هڪ مالڪ نوڪر جي صحت لاءِ ايترو پريشان آهي. پر تنهنجو پٽ جڏهن ڏسي ٿو ته ان درويش وٽ تمام گھڻا ماڻهو شفايابي لاءِ ويٺا آهن ۽ درويش وڏي بزرگيءَ وارو شخص آهي ته هن بزرگ کي چئي ٿو: “سائين آئون نٿو سمجھان ته منهنجو گھر انهيءَ لائق آهي ته اوهان ان جي ڇت هيٺان ويهو ۽ هتي ڪيترائي ماڻهو اچن ٿا، توهان جي نه هجڻ سان هنن کي تڪليف ٿيندي. اوهين منهنجي ملازم لاءِ ڪجهه دعائون ۽ شفايابي لاءِ ڪجهه ڏيو ته آءُ اوهانجو شڪر گذار رهندس.”
    بادشاهه طبرس اهو ٻڌي روئي ويهي ٿو ۽ مڃي ٿو ته واقعي هن جو سپاهي پٽ عظيم هيو.
    “ناصر! انسان اهو آهي جيڪو ٻئي انسان جي قدر و قيمت سمجھي سگهي ۽ ڪنهن کي گھٽ نه سمجھي. اهو ضروري ناهي ته ماڻهو وٽ ڇا آهي پر اهو سمجھڻ تمام ضروري آهي ته ماڻهو پاڻ ڇا آهي.” عرب ڪيمياگر ائين چئي گھوڙي تي چڙهي ٿو.
    “الله نگهبان” ڪيمياگر چئي ٿو.
    “الله نگهبان” ناصر وراڻي ٿو.


    باب ڏهون

    ناصر اڳتي وڌيو. ٿورو اڳتي وڃڻ کانپوءِ هن کي مصر جا محراب نظر آيا. هو خزاني جي صحيح هنڌ کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
    عرب ڪيمياگر هن کي چيو هو ته جتي هن جي دل آواز ڏي اتي ئي خزانو آهي. ناصر ڪيترائي هيڏانهن هوڏانهن جا چڪر ڪاٽيا پر ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو. رات جو ٻيون پهر هيو.
    اچانڪ هڪ هنڌ هن کي لڳو ته واريءَ هيٺان ڪجهه پوريل آهي. هو جلدي جلدي گهوڙي تان لٿو ۽ واريءَ کي کوٽڻ شروع ڪيو. هو هيڏانهن هوڏانهن نگاهه به ڦيرائيندو رهيو ته متان ڪير اچي نه وڃي.
    ناصر ان جاءِ کي کوٽيندو رهيو پر اڃان تائين هن کي ڪجهه نظر نه آيو. هن جي اکين مان ڳوڙها ٿي هليا. هن کي سڄو سفر ياد آيو. رڍن جو کپائڻ، سيلم جي بادشاهه عبدالله جون ڳالهيون، چور، شيشي جي شين جو واپاري ۽ اتي جي نوڪري، انگريز ڪيمياگر، فاطمه ۽ عرب ڪيمياگر هي سڀ ناصر جي اکين اڳيان ڦري آيا. هن کي يقين ٿيو ته خواب ائين هروڀرو انسان جي نظرن جو ڌوڪو ناهن. بس خوابن کي حقيقت ۾ بدلائڻ لاءِ محنت گھرجي.
    اڌ رات ٿي وئي. ناصر جنهن جڳهه کي کوٽي رهيو هو اتي هڪ وڏو کڏو بڻجي چڪو هو.
    “تون هتي ڇا ڪري رهيو آهين؟” اوچتو ناصر جي پٺيان ڪنهن آواز ڏنو. ڇهه – ست ماڻهو هئا. ناصر کان ڇرڪ نڪري ويو. خوف کان هُن پل کن لاءِ ڪجهه به نه ڪڇيو. پوءِ همت ساري چيائين. “ڪجهه نه، اوهين هتي ڇا پيا ڪيو؟”
    “اسين قبائلي جھيڙن کان تنگ اچي هتي اچي لڪيا آهيون. اسان کي کاڌي پيتي جي سامان لاءِ پئسا گھرجن. هاڻي تو وٽ جيڪي ڪجهه آهي يا هي جيڪڏهن ڪا شيءِ لڪائي اٿئي ته اها اسان کي ڏي نه ته اسين سڀ توکي مارڻ ۾ دير نه ڪنداسين.” انهن ڇهن ستن همراهن منجھان هڪ چيو.
    “آءُ هتي ڪجهه به نه لڪائي رهيو آهيان.” ناصر سهميل آواز ۾ چيو.
    ايتري ۾ هڪڙو ماڻهو اڳيان وڌيو ۽ ناصر جي سامان جي تلاشي ورتي. سامان ۾ هن کي سون جو هڪ ٽڪرو مليو.
    “هن وٽ ته سون آهي. ان جي معنيٰ ته هتي هن سون پوريو آهي.” سامان جي تلاشي وٺندڙ همراهه چيو.
    پوءِ سڀ ان جڳهه کي کوٽڻ لڳا. سج اڀرڻ تائين هو مسلسل کوٽيندا رهيا. جڏهن هنن کي ڪجهه به هٿ نه آيو ته ناصر کي لتن ۽ مُڪن سان مارڻ لڳا. ناصر جي نڪ ۽ وات مان رت وهڻ لڳو ۽ هن جا ڪپڙا به ڦاٽي پيا. ناصر روئڻ لڳو.
    “آءُ هتي خزاني جي ڳولها ۾ آيو هيس. آءُ خواب ۾ هيءَ جڳهه ڏٺي هئي ۽ ائين ڏٺم ته هتي ڪو خزانو پوريل آهي پر مونکي ڪهڙي خبر ته هتي ڪجهه به نه هوندو.” ناصر سوچيو جان وڃائڻ کان بهتر آهي ته هنن ماڻهن کي سچ سچ ٻڌائي.
    انهن ماڻهن منجھان هڪ ڄڻي ناصر جي ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ پنهنجن ساٿين کي ناصر کي وڌيڪ مارڻ کان روڪيو. هن پنهنجن ساٿين کي سمجھايو ته هِن ڇوڪري (ناصر) وٽ ڪجهه به ڪونهي ۽ سون جو ٽڪرو به شايد ڪٿان چوري ڪيو اٿس. سون جو ٽڪرو اسين کڻون ٿا باقي هن کي ڇڏي ڏيون ٿا. سڀ راضي ٿيا.
    ناصر کي اتي ڇڏي وڃڻ لڳن ٿا. هو همراهه جنهن پنهنجن ساٿين کي ناصر کي وڌيڪ مارڻ لاءِ روڪيو اهو ناصر ڏانهن واپس اچي ٿو ۽ کيس چئي ٿو:
    “تون وڏو ڪو بيوقوف انسان آهين. جيڪڏهن تون واقعي سچ چئي رهيو آهين ته تون هڪ خواب جي پٺيان ايڏيون تڪليفون ڏٺيون ته تون پنهنجي زندگيءَ جي وڏي ۾ وڏي غلطي ڪئي آهي. مون کي به ٻه سال اڳ اهڙا خواب ايندا هئا ته اندلس جو ڪو ملڪ آهي ۽ اتي طرفه جي شهر ۾ هڪ پراڻو قلعو آهي جنهن جي ڇت ڪريل آهي ۽ ڇت کان مٿي جنگلي وڻ ڦٽي آيا آهن. انهيءَ قلعي ۾ ريڍار رڍون ڪاهي اچن ٿا ۽ رات گذارڻ کانپوءِ هليا وڃن ٿا. انهيءَ قلعي جي صدر دروازي وٽ، جيڪو بلڪل ڀڳل آهي، اتي خزانو پوريل آهي. هي خواب مون کي ڪافي دفعا آيو. مونکي اندلس ڏانهن خوابن جي ذريعي سفر ڪرڻ جا تقريبن هر روز خواب ايندا هئا. پر آئون تو وانگر بيوقوف نه هئس جو هيڏو سارو صحرا پار ڪري ڪنهن اڻڄاتي ملڪ ۾ قلعو وڃي ڳولهيان. جنهن لاءِ شايد تون به ڪڏهن نه ٻڌو هوندو.” همراهه ائين چئي هليو وڃي ٿو.
    ناصر ڪي گھڙيون آسمان ڏانهن ڏسي ٿو. ڪنهن وقت کِلي ٿو ته ڪنهن وقت روئي ٿو. سج پوريءَ طرح نڪري آيو هو. صبح ٿي چڪو هو، ناصر سج ڏانهن ڏسي چئي ٿو “انسان جي منزل ڪٿي به هجي پر سفر هن جي نصيب ۾ لکيل آهي. اسان جي منزل خدا لکي ڇڏي آهي پر هِن زندگي کي گھارڻ وارو سفر اسان کي ضرور ڪرڻو آهي.”


    باب يارهون

    ناصر سڌو پيش امام وٽ پهچي ٿو. جتي هن لاءِ سون جو ٽڪرو امانت طور پيو هو. عرب ڪيمياگر جو دل ئي دل ۾ وڏو احسانمند ٿئي ٿو. رستا سڀ هن جا ڄاتل سڃاتل هئا. پر واٽ تي هو ڪنهن سان به نه ٿو ملي. فاطمه سان به نه.
    ڪيئي ڏينهن سفر ڪندي نيٺ طرفه تائين پهچي ٿو. شام ڌاري هو قلعي جي صدر دروازي وٽ پهچي ٿو ۽ سڄي قلعي کي غور سان ڏسي ٿو. هو ساڳي جڳهه تي ويهي، جتي هن رات سمهي گذاري هئي، اتي رات ٿيڻ جو انتظار ڪري ٿو. ڇو جو شام جو ريڍارن جي اچڻ جو خدشو رهي ٿو.
    ناصر کي پهرين رات ياد اچي ٿي ۽ سڄو ماضي هر هر هن جي ذهڻ ۾ ٻُرڻ لڳي ٿو.
    رات ٿيڻ تي هو قلعي جي صدر دروازي وٽ اچي ٿو ۽ اتان واري حصي کي کوٽڻ شروع ڪري ٿو. هن جي کُرپي ڪنهن لوهه جي شيءِ سان ٽڪرائجي ٿي. هو جڏهن اها پوريل شيءِ ٻاهر ڪڍي ٿو ته اها هڪ سوني زرهه هئي، جيڪا ضرور بادشاهه پنهنجي لاءِ جوڙائي هوندي. هو اڃان وڌيڪ کوٽي ٿو. کوٽيندي پنهنجي دل ۾ چئي ٿو: “اي الله توکي خبر به هئي ته منهنجي حصي جو خزانو منهنجي بلڪل ويجھو پوريل آهي پوءِ به ايتريون تڪليفون ڇو؟”
    “جيڪڏهن ڳولا جي لاءِ سفر نه ڪرين ها ته ڇا صحرا کي ڏسي سگھين ها، مصر جا محراب ڏسي سگهين ها، جيڪي خدا جي عظمت جو انمول مثال آهن. ۽ فاطمه سان ڪيئن ملي سگھين ها.” ناصر کي پنهنجي اندر مان آواز اچي ٿو.
    ناصر ٿورو مشڪي ٿو. هو انهيءَ ڳالهه کي دل سان تسليم ڪري ٿو.
    ناصر کي کوٽائي دؤران سونو تاج به هٿ آيو. جنهن ۾ ننڍڙا ننڍڙا هيرا ۽ موتي جڙيل هئا. ان تاج ۾ پيل هيرا ۽ موتي ڏسي هو پنهنجي قميص جي کيسي مان ياقوت ۽ مرجان ڪڍي ٿو.
    “هنن ٻن پٿرن جي آءُ هِن سڄي هٿ آيل خزاني جيتري قيمت ڪيان تڏهن به سڄو خزانو گھٽ آهي.” ناصر پاڻ سان ڳالهائي ٿو.
    هن کي ڪيتريون ئي ٻيون ننڍيون سون جون ٺهيل شيون هٿ اچن ٿيون. قلعي جي زبون حالت ڏسي ڪنهن جي خواب خيال ۾ به نه هوندو ته هتي ڪو ايتريون قيمتي شيون پوريل هونديون.
    ناصر صبح ٿيڻ تي هُن عامل عورت کي خزاني جو ڏهون حصو ڏيئي اچي ٿو. ناصر سڦار جي اُن اوچي جڳهه تي بيهي ٿو جتي هو بادشاهه عبدالله سان مليو هو ۽ آفريڪا جي صحرا ڏانهن نگاهه ڪئي. “ماضي جو مينهنُ” هن جي امڙ چواڻي ته ذهن تي ماضي ڪڻيون ڪڻيون ٿي ڪري ٿو. هوا جو تيز جھونڪو لڳي ٿو ۽ ناصر کي ائين لڳو ڄڻ هوا هن جي لاءِ ڪٿان پيغام کڻي آئي هئي. ان نياپي ۾ ڪنهن جي انتظار واريون اکيون رکيل هيون.
    “آءُ تنهنجو آهيان ۽ توسان موٽي اچي ملڻ جو واعدو ضرور پورو ڪندس فاطمه!” ناصر تيز آواز ۾ چئي ٿو ۽ الفيوم ڏانهن وڃڻ جون تياريون ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته هن کي هينئر اِهو معلوم ٿي چڪو هيو ته هن ڌرتيءَ تي هڪ انسان کي ٻئي انسان جي محبت ۽ جذبن جو قدر ڪيئن ڪرڻ گھرجي. اها ئي زندگيءَ کي سڃاڻڻ جي ڪيمياگيري آهي.”


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 468
    ڪتابن جو مشاهدو: 399860
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 161586
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ