ڪتاب جو نالو: مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)
مصنف: عزيز رانجهاڻي
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: تاريخ، فلسفو ۽ سياست
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 14 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 815 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 297 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي. 07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • ٻه اکر
  • مهاڳ
  • اخباري خبرون
  • تاثرات/ڊائري/مشاهدو
  • هي ڳالھ آهي زماني جي تنهنجي نه!
  • دادوءَ ۾ دنگل
  • ڪالم

  • هيل سنڌو نه، پر آبپاشي کاتو سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندو! عرفان علي ٻگهيو
  • ٻوڏ: “ٻڏي جا ٻيڻا” يا انساني الميو؟ امداد علي سومرو
  • سنڌو سمهندو ناهي.... ممتاز بخاري
  • پاڻي ڙي پاڻي….. عبدالقادر جوڻيجو
  • سنڌ ۾ سپر فلڊ جو پهچڻ…. محمد ادريس راجپوت
  • ڪڇان ته ڪافر دريا بادشاهه جي واپسي ۽ شهيد ڀٽي جو دور…. لياقت عزيز
  • هي ماڻهو اسان جي مدد جا منتظر آهن…. امتياز جوڻيجو
  • اچو ته ٻوڏ جي آئيني ۾ سنڌ جو عڪس ڏسون.....امر سنڌو
  • صديءَ جي وڏي ٻوڏ ۽ سنڌ.....دلشاد ڀٽو سينيئر
  • 69 سالن کان پوءِ هڪ وڏي ٻوڏ (1942-2010) عزيز ڪاڇيلو
  • سنڌ کي ڪيئن بچائجي؟ دلشاد ڀٽو سينيئر
  • ٻوڏ جي تباهي: سنڌ جي متاثرين جي ڪراچيءَ ۾بحاليءَ وارو سوال….بئريسٽر ضمير گهمرو
  • سنڌ جا لٽيل صبح ۽ اجڙيل شامون….شبنم گل
  • سپر فلڊ ۽ حيدرآباد شهر جي سلامتي…محمد ادريس راجپوت
  • ڪوٽريءَ ڏانهن وڌندڙ وهڪرو، ڪني تار ٿيل منڇر ۽ آر بي او ڊي… امداد علي سومرو
  • ٽائٽانڪ بڻجي ويل منهنجو ڳوٺ….دودو چانڊيو
  • منڇر واري ٻوڏ کان بچڻ لاءِ دعا سان گڏ ڪهڙي دوا ممڪن آهي؟ اختيار کوکر
  • ٻوڏ ڪٿي دنگ ڪندي؟ محمد ادريس راجپوت
  • هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي؟ اشفاق آذر
  • ٻوڏ جا سبب ۽ دربدر ٿيل سنڌ واسين جو مستقبل…ڊاڪٽر مير عالم مري
  • سنڌو، چانڊوڪيون راتيون ۽ سمنڊ ۾ وڏي وير جو چڙهڻ…نواز خان زئور
  • ٻوڏن ۾ مهاڻا زندگيون بچائيندڙ مسيحا…عزيز رانجهاڻي
  • ڇا سنڌ خلاف ٿيندڙ گناهن به آب حيات پيتو آهي؟
  • بگ بينگ کان پوءِ واري سنڌ!
  • اچو ته ماڻهن لاءِ دربدريءَ جا در بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون…ماروي ميمڻ
  • سنڌ کي ڌنڌوڙي نه پر حقيقي هيروز گهرجن….اشفاق آذر
  • ٻوڏ ڪٿي پهتي؟..محمد ادريس راجپوت
  • پهاڙي وهڪرن ۽ دريائي پاڻيءَ جو ميلاپ منڇر کي ڪهڙو روپ ڏيندو….عزيز رانجهاڻي
  • جيئرن کان خالي ٿيندڙ شهر… ڊاڪٽر ايوب شيخ
  • ڪراچي پهتل ٻوڏ سٽيلن جي آبادڪاري لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟…اختيار کوکر
  • سنڌ ۾ ٻوڏ جا هاڃا….. محمد ادريس راجپوت
  • سنڌ کي ٻوڙيندڙ “ڌنڌوڙين” کان حساب ڪير وٺندو؟…امداد علي سومرو
  • ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ جنم وٺندڙ دردناڪ قصا…سهيل ميمڻ
  • ٻوڏ سبب تباه ٿيل سنڌ ۽ سرڪار جي ذميواري….سوڀو گيانچنداڻي
  • سنڌ جي تباهي: وفاق ڪٿي آهي؟…علي قاضي
  • ڇا سنڌ “جوهي” کان سکي سگهي ٿي؟
  • ٻوڏ کان پوءِ تبديل ٿيل سنڌ…علي قاضي
  • ڇا سنڌ سرڪار وٽ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ ذريعا ڪونهن؟ بئريسٽر ضمير گهمرو
  • جوهي ته هر حال ۾ ٻڏندو!....محمدا دريس راجپوت
  • ٻڏيءَ کان پوءِ!...عبدالقادر جوڻيجو
  • ٺٽي کان پوءِ دادو!...انجنيئر ظفر علي شاهه
  • ٻوڏ مان اسان ڪهڙو سبق پرايو؟…محمد ادريس راجپوت
  • تاريخ مان سبق نه پرائڻ جا نتيجا….محمد ادريس راجپوت
  • منهنجو شهر….منظور ميراڻي
  • سياسي تنظيمون ۽ ويلفيئر جو تصور…حفيظ ڪنڀر
  • سنڌ ۾ قدرتي آفت جي تباهڪاريءَ پٺيان غير قدرتي فيڪٽرز جو ڪردار….نصير ميمڻ
  • دريا جا بند ضرور ٽٽا آهن پر اسان جا حوصلا نه!...علي قاضي
  • ڇا منڇر ٽٽڻ کان بچي ويندي؟….محمد ادريس راجپوت
  • يا ته مفاهمت رهي سگهندي يا وري ڪراچيءَ ۾ ٻوڏِ متاثر!.....نواز ڪنڀر
  • ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ جو اڻانگو سفر….نصير ميمڻ
  • ٻوڏ کان پوءِ “نئين سنڌ” جي تعمير لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي…..ڊاڪٽر ايوب شيخ
  • سنڌ جو آئيندو- سکر بئراج….اختصار ۽ ترجمو- عبدالقادر جوڻيجو
  • سنڌ کي مليل نياپو….نثار کوکر
  • لاڙ ۾ ٻوڏ لٿي جون سرگرميون….محمد ادريس راجپوت
  • سنڌ جي سوناميءَ جو ذميوار ڪير آهي؟… مير محمد پرهياڙ
  • خيرپور ناٿن شاهه: ٻوڏ ۾ ٻڏل هڪ لاوارث شهر جي درد ڪٿا….سهيل ميمڻ
  • نئين سنڌ جي تعمير جا خد و خال واضح ٿيڻ گهرجن….منوج ڪمار
  • هيءَ مها ٻوڏ قدرتي آهي يا هٿرادو؟…رسول بخش پليجو
  • ٻڏل سنڌ جي نقصان جو ڪاٿو ۽ زميني اپت….محمد ادريس راجپوت
  • ڇا اسان آمريڪا جي تيار ڪيل موسمي هٿيار هٿان ٻڏا آهيون؟…رسول بخش پليجو
  • خوف کي فتح ڇو نه ڪجي؟…علي قاضي
  • سنڌ ٻڏڻ کان بچائي نه پئي سگهجي؟….امداد علي سومرو
  • سنڌو ندي ڇو نه سنڀالجي سگهي…...علي گوهر تنيو
  • هڪ انجنيئر جي ٻوڏ دوران بند تي لکيل ڊائري….اشتياق انصاري
  • چونڊيل نمائندا ۽ قومپرست ڪٿي گم ٿي ويا آهن؟….همسفر گاڏهي
  • متاثرن تي ٿيندڙ لٺبازي ۽ “نادرا” آڏو بي وس بڻيل سنڌ حڪومت!....اختيار کوکر
  • پاڻيءَ سان “پاڻي” ٿي ويل شهر کي “نئون” ڪيئن ڪجي؟…ڊاڪٽر ايوب شيخ
  • کنڊن جي جاچ بابت اڀرندڙ ڪجھ سوال…..محمد ادريس راجپوت
  • ڪنهن نجات ڏياريندر جو انتظار ڪندڙ سنڌ!....شبنم گل
  • سنڌ جي ٻڏل شهرن مان پاڻي ڪڏهن نڪرندو؟…محمد ادريس راجپوت
  • سنڌ جي ٻڏل ايراضين مان پاڻي ڪيئن ڪڍجي؟…محمد ادريس راجپوت
  • هڪ اجڙيل شهر جي سار….منوج ڪمار
  • ايندڙ سال واري ٻوڏ ۾ سنڌ ٻڏڻ کان بچي ويندي؟…. محمد ادريس راجپوت
  • منڇر گدلاڻ کان آجي ڪيئن ٿي سگهندي؟….محمد ادريس راجپوت
  • منڇر جي ڳنڀير صورتحال!....محمد ادريس راجپوت
  • هن مخلوق جي سار ڪير لهندو؟….مير محمد پرهياڙ
  • گهارن بابت عدالتي ڪميشن جي رپورٽ!....محمد ادريس راجپوت
  • ٻڏل علائقن مان پاڻي نيڪال جو ڪم ڪٿي پهتو؟…محمد ادريس راجپوت
  • جاچ ڪميشن جي سفارشن تي عمل ڪير ڪرائيندو؟….اختيار کوکر
  • وارثيءَ جي آس ۾ ڏکن هٿان پيڙجندڙ خلق!...مختيار چانڊيو خيرپور ناٿن شاهه
  • دردن جو ديس بڻيل شهر سان وس وارن جي ٻه اکيائي!...مختيار چانڊيو خيرپور ناٿن شاهه
  • ڪئمپ ڪهاڻي

  • ڪئمپ ڪهاڻي -1 ... عرفانه ملاح
  • ڀاڳان جو اڀاڳ
  • ڪئمپ ڪهاڻي -2
  • ڪئمپ ڪهاڻي-3
  • ڪئمپ ڪهاڻي- 4

  • حق ۽ واسطا

    سڀ حق ۽ واسطا ڇپائيندڙ وٽ محفوظ

    پهريون ڇاپو: 2011ع
    ڪتاب جو نالو : مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو)
    ليکڪ: عزيز رانجهاڻي
    ڪمپيوٽر لي آئوٽ: محمد ارشد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : 400/= رپيا

    “Maha Bodd 2010”
    (Super Flood 2010)
    By: Aziz Ranjhani
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road,
    Karachi-74400 Phone:021-32737290
    www.sindhica.org
    Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: 071-5628368،
    سنڌيڪا بوڪ شاب، جتوئي منزل حيدر چوڪ حيدرآباد فون: 03013594679 –
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، روم نمبر1، مهراڻ هوٽل، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻوفون: 03468960942
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-3431115
    ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، سکر- ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، قاسميه لائبريري ڪنڊيارو - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- رحيم ڪتاب گهر مهراڻ چوڪ بدين-جنيد بوڪ اسٽور ۽ رشيد بوڪ اسٽور نئون چوڪ- ممتاز ڪتاب گهر دادو-حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - سعيد بوڪ اسٽور، گل ڪتاب گهر لکي در شڪارپور- المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- سرتاج ۽ گلزار بوڪ اسٽور، ڪنڌڪوٽ- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- ڪنول ڪتاب گهر، مورو- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ٿر ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، جنيد بوڪ اسٽور، دادو، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو،

    لکپڙهه ۽ وي پيءَ ذريعي گهرائڻ لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ، ڪراچي74400


    سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ” مها ٻوڏ 2010 (جيڪي سنڌ سان ٿيو) “ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز رانجهاڻي آهي.
    07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
    هي ڪتاب 2011ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    سنڌ جي انهن لکين ٻوڏ متاثرين جي نانءُ جيڪي وس وارن جي بي حسي ۽ سياست جي بي رحم راند ۽ چالبازين سبب پنهنجي پڊن تان دربدر ٿي پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن حوالي ٿيا ۽ اڄ 10 مهينا گذرڻ جي باوجود هو جنگي قيدين وانگر اذيتون، مصيبتون، ڏک، اهنج، ايذاءُ ۽ تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجن وستين ۽ واهڻن ۾ واپس ورڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن، ۽ سنڌ جي انهن هزارين ٻيڙيءَ وارن ملاحن، مهاڻن، ميربحرن (ناکئائن) جي نانءُ جن هن انتهائي ڏکي گهڙيءَ ۾ لوڀ، لالچ، دڙڪي ۽ دهمان کان مٿانهون ٿي پنهنجي ديس واسين کي پاڻيءَ جي سمونڊ مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن کي لڳاتار ڇهه مهينا ڪچي، ڪاڇي ۽ پڪي ۾ جاري رکي هڪ عالمي رڪارڊ قائم ڪيو.
    ڪاوش گروپ جي سرواڻ علي قاضيءَ جي نانءُ به جنهن جوسگهارو آواز ٻوڏ متاثرين جي حقن، مدد ۽ سهائتا لاءِ ميديا ذريعي ڏيهه پرڏيهه گونجندو رهيو.
    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي
    متان سمجهين ويا مور سارا مري

    - عزيز رانجهاڻي


    ٻه اکر

    مها ٻوڏ 2010
    جيڪي سنڌ سان ٿيو

    07 آگسٽ 2010 تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ واري هنڌ تان سنڌوءَ جي بچاءُ بند کي گهارو ڇا لڳو، ڄڻ سنڌ ۾ قيامت اچي وئي. شير درياهه سنڌو مستيءَ ۾ اچي سنڌ جي ميدانن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪاهجي پيو ۽ ٻوڙان ٻوڙ ڪري ڇڏي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي بلوچستان جي حدن کان وٺي سنڌي سمونڊ تائين هڪ ٻيو سمونڊ ڪري ڇڏيو. جتي 10 کان وٺي 16 فوٽن تائين ڪيترائي ڏينهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ رهي ۽ اڌ سنڌ جي آبادي سر ۽ مال متاع بچائڻ لاءِ سرگردان رهي ۽ پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي صدين کان آباد هي ڌرتي ڌڻي بي گهر ٿي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڪئمپن جي حوالي ٿيا. سنڌوءَ جو پاڻي سندن پويان ائين پئجي ويو جيئن ڪو حمله آور لشڪر اوچتو ڪنهن علائقي ۾ ڪاهجي پوي ۽ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ۽ هو ساهه بچائڻ لاءِ برمنهن ڪندا هجن. ڪٿي جيڪب آباد، ڪشمور، ٺل، شهدادڪوٽ، ڳڙهي خيرو ۽ ڪٿي ڪراچي، سانگهڙ، ٽنڊو باگو، نئون ڪوٽ ۽ حيدرآباد، ساهه بچائڻ لاءِ هي ڌرتي ڌڻي، سنڌ جي هڪ ڪنڊ کي ڇڏي ٻئي ڪنڊ تي وڃي ڪئمپن ۾ پهتا ۽ دربدر ٿي مصيبتن ۽ عذاب ۾ اچي ويا.
    انساني تاريخ جو هي سڀ کان وڏو الميو به اڳيئي ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جي حصي ۾ آيو. گڏيل قومن جي سربراهه سميت، عالمي نشرياتي ادارن ۽ ٻين ايجنسين ايڏي وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ، تباهي ۽ نقصان کي ڏسي هن سانحي کي تاريخ جو سڀ کان وڏو ۽ ڏکوئيندڙ سانحو ۽ الميو قرار ڏنو.
    سنڌ واقعي پنهنجي هزارين سالن جي تاريخ ۾ ايڏو نه ڀوڳيو هوندو جهڙو 2010 جي مها ٻوڏ ڪري ڀوڳيو. سوين ماڻهو لڙهي سنڌوءَ جي لهرن حوالي ٿيا. اک ڇنڀ ۾ هزارين ڳوٺ، وستيون واهڻ، شهر خالي ٿي ويا ۽ سندن هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال به لڙهي ويو. سڄي زندگيءَ جي گڏ ڪيل موڙي اک ڇنڀ ۾ لڙهي لهرن حوالي ٿي وئي. لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويا. سندن اکين اڳيان گهر محل، ماڙيون، دوڪان، ڪارخانه ۽ ٻيون جايون لڙهي رهيون هيون. اسڪول، روڊ، رستا، پليون، ڪئنال ، واهه، شاخون سڀ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا. فقط سر بچائي ماڻهو بندن، ٿلهن، ٽٻن، ڇتين، وڻن، پهاڙن، پلين ۽ ٻين مٿانهين هنڌن تي پناهه لاءِ پهچي ويا. لکن جي تعداد ۾هي بي يارومددگار ڌرتي ڌڻي واقعي فقط پنهنجو سر بچائڻ لاءِ هٿين خالي گهرن مان نڪري سگهيا. سندن ووٽن جي نتيجي ۾ اقتدار ۾ آيل حڪومت کي پنهنجي ئي هڪ اتحادي ڌر ان سموري سانحي دوران بجاءِ متاثرين جي مدد ڪرڻ جي، وزارتون ڇڏڻ، گورنري ڇڏڻ، انقلاب، مارشلا، ٽيڪس ۽ ٻين معاملن ۾ ڌمڪائي، هيسائي، منجهائي، بليڪ ميل ڪري ساڻو ۽ موڳو ڪري ڇڏيو ۽ هو اقتدار وڃڻ جي خوف کان بجاءِ پنهنجي ماڻهن، ووٽرن ۽ مصيبت جي ماريل انسانن جي هن ڏکي ۽ مشڪل گهڙيءَ ۾ پرگهور، سهائتا ۽ حقيقي سار لهڻ ۽ واهر ڪرڻ جي 90 نائين زيرو جي ياترا ڪرڻ ۽ کين هر طرح سان خوش رکڻ۾ پورا هيا ۽ ٻئي پاسي هي ڌرتي ڌڻي، سندن ووٽر ۽ شهيد راڻيءَ جا سپاهي پاڻيءَ ۾ لڙهي رهيا هئا ۽ ڪئمپن ۾ بک ۽ بيمارين سبب مري رهيا هئا.
    سنڌ جا ماڻهو هڪ وڏي الميي ۽ سانحي پٺيان هڪ ٻيو سانحو ڏسي رهيا هئا. يعني وس وارن جي بي حسي ۽ سانگ سياست جا ۽ افعال وڏيرن ۽ چونڊيل نمائندن جا، لکن جي تعداد ۾ (اڌ سنڌ) ڌرتي ڌڻين ٻه عيدون ڪئمپن ۾ سڏڪن، لڙڪن، آهون، دانهن ۽ ماتم ۾ گذاريون. سندن اکين اڳيان علاج نه ٿيڻ ۽ ڪئمپن ۾ سهوليتون نه هئڻ سبب پنهنجا پيارا مرندي ڏسي رهيا هئا. معصوم ٻالڪ کير لاءِ تڙپي رهيا هئا. عورتون حمل دوران مري رهيون هيون. گيسٽرو کانئن حياتي کسي رهي هئي . شروع ۾ ڪئمپن ۾ گهٽ، ٻوسٽ، گرمي، بک ۽ بيمارين سندن ساهه ڪڍيو ۽ بعد ۾ سخت سيءُ ۽ برساتن به کين سٽي کانئن خوب پلاند ورتو. سندن مٿان لڳل ٽينٽ ٽمي رهيا هئا، نه ڪمبل نه بوڇڻ، نه راشن نه دوائون، ڪيترن ئي هنڌن تي ته متاثرين پنهنجي گلن جهڙن معصوم ٻارن ۽ پيارن ۽ پاڻ مٿان سخت سيءُ کان بچڻ لاءِ پلال وجهي راتيون جاڳي گذاريون. هن جديد دنيا ڏکويل سنڌ جا هي منظر پنهنجي اکين سان ڏٺا ۽ سياست جي سانگن ۽ بي رحمين ڪري ڪنهن ۾ به همت نه ٿي جو صحت جي اتحادي وزير کان پڇاڻو ڪري ته علاج نه هئڻ سبب هي خدا جي خلق مري رهي آهي سو ڇو؟ ان جو ذميوار ڪير آهي؟ سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو سنڌ جي فضائن ۾ هيليڪاپٽر تي لاماره ڏيئي رهيو هو ۽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پهتل هزارين ڌرتي ڌڻي ننڌڻڪا ۽ خوف واري صورتحال ۾ ڪئمپن ۾ هيسيل، مايوس، پريشان، بدحال، بي حال ۽ بي يارومددگار واڙيل هئا. سندن ڪو به وس نه پيو هلي، جيڪي کين مليو ۽ جنهن جيڪو ڏنو سو سندن لاءِ غنيمت. هنن جون اکيون هر وقت انهن چهرن کي ڳولينديون ۽ تاڙينديون رهيون جيڪي سندن ئي ووٽ سبب سوڀارا ٿي ميمبر ۽ وزير بڻيا، پرکين ڪو به نظر نه آيو.
    ڪراچي، سکر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ٻين هنڌن تي هنن متاثرين لاءِ آيل سامان پئي پراڻو ٿي ويو ۽ بعد ۾ اڇلايو ويو ۽ سيءُ کان بچڻ لاءِ آيل ڪمبل ۽ ٻيا بوڇڻ به وس وارن کان وسري ويا ۽ سامان سان ٿيل ڪنٽينر بندر گاهه تي بيٺا/ پيل رهيا.
    لکين ماڻهن کي بي رحم سياست جي آڙ ۽ نعريبازي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ ٻين هنڌن تي وڃڻ لاءِ اُڪسايو ويو ۽ جڏهن هو اٻوجهه ۽ مصيبتن جا ماريل اُت پهتا ته ساڻن دوکو ئي ٿيو ۽ اهي ڪردار ئي گم هيا جن کين سبز باغ ڏيکاري سوين ميل ڏور پهچايو. واقعي شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي چواڻي ته سياست جي اندر ۾ دل نه هوندي آهي. شايد اهو سچ هجي، ورنه مصيبت جي ماريلن، لٽيل ۽ ڦريل قافلن سان ڪير اهڙي مذاق نه ڪري ها، يا شهيدن سان اهڙي مذاق جي ڇا ضرورت هئي؟
    هنن اکين گنجو ٽڪر حيدرآباد، ڄامشورو، ڪراچي، دادو، لاڙڪاڻو، خيرپور، جوهي، ميهڙ، رتوديرو، سيوهڻ، ڪاڇو ۽ ٻين ڪيترن هنڌن تي ڪئمپن ۾ پهتل ڌرتي ڌڻين جي جيڪا حالت ڏٺي سا قلم سان لکڻ کان قاصر آهيان ۽ جيڪي داستانِ غم ۽ قصه ٻڌا سي هانءُ ڏاري وجهن ٿا.
    هزارين اسڪول، ڪاليج تباهه ٿيا يا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا ۽ سنڌ جو مستقبل به ڄڻ انهن سان گڏپاڻيءَ هيٺ اچي ويو. لکين شاگرد تعليم کان محروم ٿي ويا. بيشمار ٻار توڙي ٻڍا لڏپلاڻ، ڀاڄ ۽ سفر دوران پنهنجن پيارن کان وڇڙي ويا. لکين دل جا مريض، بڪين جي عارضي جا مريض ڪئمپن ۾ علاج کان محروم ٿي رهجي ويا.
    ميڊيا رپورٽن ۾ اچي رهيو آهي ته بااثر ماڻهن جون اوطاقون اڃان تائين متاثرين جي لاءِ آيل امداد جي سامان سان ڀريون پيون آهن. سنڌ پنهنجي تاريخ ۾ Bad governance خراب حڪمرانيءَ جو شايد سڀ کان وڏو تجربو ڏسي چڪي آهي.
    عالمي ادارن اهي ڳالهيون به ميڊيا تي آنديون آهن ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڏو نقصان هر حوالي سان سنڌ جو ئي ٿيو پر سنڌ ئي عالمي ادارن کي صحيح، درست ۽ وقتا انگ اکر ۽ تفصيل ڏيڻ ۾ دير ڪئي آهي جنهن سبب متاثرين جي حقيقي واهر ۽ امداد نه ٿي سگهي. ائين ڇو ٿيو؟سنڌ جو والي ٽوڙي وٽان لڳل گهاري کان وٺي اڃان تائين اهو چوندو پيو اچي ته ”شڪر آهي سنڌ ۾ ايڏو وڏو جاني نقصان نه ٿيو آهي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ وغيره وغيره“ ڇا ائين سنڌ جي واليءَ کي چوڻ گهربو هو؟
    اڃان تائين لاش ملي رهيا آهن. پاڻيءَ ۾ ڪيترا لڙهيا، ڪئمپن ۾ ڪيترا مئا، لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ دوران ڪيترا مئا، حمل دوران ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون، گيسٽرو، گرمي، ٿڌ، بک ڪيترن کان حياتي کسي؟ نانگن جي ڪکڻ سبب ڪيترا مئا، پاڻي پار ڪندي ڪيترا لڙهي ويا؟ پناهه لاءِ ٻيڙين ۾ سوار ٿي ڪيترن انسانن ٻڏي جانيون وڃايون؟ ڪئمپن ۾ ڪيترن کي بجليءَ جا ڪرنٽ لڳا؟ بک سبب پاهه ٿي ڪيترا مئا؟ علاج نه ملڻ سبب ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون؟ صدمي سبب ڪيتريون حياتيون اجهامي ويون. لڏپلاڻ دوران روڊ رستن تي حادثن ۾ ڪيترا ماڻهو مئا؟ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ پاڻيءَ هيٺ آيل جاين جڳهين، دوڪانن، ڪارخانن، اسڪولن ۽ ٻين عمارتن جي ڇتين ۽ ڀتين ڪرڻ سبب ڪيترا ماڻهو مئا يا اڃان ڪيترا دٻجي مرندا؟ وغيره وغيره جي حساب ڪجي ته اهو تعداد هزار کان به وڌيڪ تي پهچندو. ٻوڏ ۾ لڙهي ويل ماڻهن جا لاش ته اڃان ملي رهيا آهن. تازو تاريخ 2011-2-14 تي ٺل شهر مان ڪاوش جي عيوضي ٺل شهر ويجهو ٻوڏ ۾ لڙهي ويل هڪ عورت سميت ٽن ماڻهن جي لاشن ملڻ جي رپورٽ فائيل ڪئي آهي. خاطوءَ پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته مليل لاش سڙيل، ڳريل ۽ سڃاڻپ ۾ نه اچڻ جهڙا آهن. اڃان ڪيترا گمنام سڙيل ۽ ڳريل لاش 7 مهينن گذرڻ کان پوءِ ملندا؟ سو وقت ٻڌائيندو. پر سنڌ سرڪار وٽ فقط 50 جانين جي ضايع ٿيڻ جي رپورٽ آهي. هي سڀ ڇا آهي؟
    اڄ به ست اٺ مهينا گذرڻ باوجود سنڌ جو منظر اهو ساڳيو آهي، يعني 7 آگسٽ کان پوءِ وارو. اڄ به لکين ماڻهو پنهنجن اجهن کان محروم ڪئمپن ۾ عذاب ۽ ذلت واري زندگي گذاري رهيا آهن ۽ 20 هزارن جي وطن ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ راشن لاءِ دربدر ٿي لٺيون کائي رهيا آهن ۽ ڪٿي ته جانيون به ضايع ڪري چڪا آهن ۽ اڄ به ڪئمپن ۾ ڪيتريون ئي ساهه جون تندون ٽٽي رهيون آهن ۽ هزارين ماڻهو ڏوڪڙ پئسو نه هئڻ سبب پنهنجن اُجهن ڏانهن واپس ورڻ کان قاصر آهن ۽ اڄ به دادو، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سيوهڻ، جوهي ۽ ڪاڇي ۾ هيليڪاپٽر ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ متاثرين لاءِ راشن پهچائي رهيا آهن ۽ مٿي ڄاڻايل علائقن ۽ ڪجهه ٻين هنڌن تي جهڙوڪر ٻوڏ ختم ئي نه ٿي آهي ۽ اڄ به لکين ٻوڏ متاثرين سموري سنڌ ۾ نقصان جي ازالي ۽ اجها ٺاهي ڏيڻ لاءِ وس وارن ڏانهن واجهائي رهيا آهن ۽ کين هڪ ٻي ايندڙ ٻوڏ ۽ ان سبب ٿيندڙ تباهيءَ جو خوف ورائي ويو آهي ۽ هو ٻيهر موت جي منهن ۾ وڃڻ بجاءِ ڪئمپن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيئي رهيا آهن ڇو ته اڃا بندن کي لڳل گهارا بند به نه ٿي سگهيا آهن. تازو سپريم ڪورٽ سنڌوءَ جا بند ٽٽي پوڻ جي معاملي جي جانچ لاءِ جيڪا ڪميشن ٺاهي هئي ان پنهنجي حتمي رپورٽ به جمع ڪرائي ڇڏي آهي. 200 صفحن تي مشتمل رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪچي جي علائقن ۾ هزارين ايڪڙ زمينن تي بااثر ماڻهن جي قبضن ۽ ٽوڙي بند جي ڪيترن ئي سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب بند ٽٽو ۽ وڏي تباهي ٿي. ڪميشن ٽوڙي بند ٽٽڻ جو ذميوار ان وقت جي آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو بئراج جي چيف انجنيئر کي قرار ڏنو آهي. ڪميشن سفارش ڪئي آهي ته آبپاشي سيڪريٽري ۽ گڊو برائج جي چيف انجنيئر خلاف هاءِ ڪورٽ جي نگرانيءَ ۾ جانچ ڪرائي وڃي ته هو ڇو ناڪام ٿيا. 200 صفحن جي رپورٽ ۾ گهڻو ڪجهه آهي. ڪيتريون ئي تلخ حقيقتون ۽ سچايون آهن. ۽ ڪيترن ئي لڪل پاسن کي ظاهر ڪيو ويو آهي. مٿي ڄاڻايل عملدارن کان علاوه به ڪيترن ئي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ۽ آئينده وڏي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ تجويزون پڻ ڏنيون ويون آهن. هاڻي ڏسون ته ان ڪميشن رپورٽ تي وس واريون اختياريون ڇاٿيون ڪن ۽ آئينده سنڌ کي ٻوڏن ۽ تباهين کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کڻن ٿيون. اهو وقت ٻڌائيندو. هي منهنجو پورهيو شال قبول پوي!
    عزيز رانجهاڻي
    مهراڻ هائوس دادو
    تاريخ: 2011-6-10
    Ranjhaniazeez@hotmail.com


    مهاڳ

    هيبتناڪ حادثي جي تاريخ

    سنڌ ۾ آيل هن مها ٻوڏ دوران، عزيز رانجهاڻي ۽ مان ڪافي وقت گڏ هياسين. ان موتمار مصيبت جو پاڻ اکين سان صورتحال ڏسڻ لاءِ گڏجي مختلف بندن کان سواءِ منڇر ڍنڍ، جوهي، ايم اين وي ڊرين تي بار بار وڃڻ ٿيو. ساڳي وقت ٻوڏ متاثر ماڻهن جي پنهنجي وت وس آهر مدد لاءِ ڪراچي، حيدرآباد دادو ۽ ڪاڇي جي ڪيترين ڪئمپن جا به ڀيرا ڀريا. اهڙي سفر دوران سنڌ ۾ آيل هن قيامت برپا ڪندڙ ريلي جي باري ۾ پنهنجي سمجهه مطابق تبصرن ۽ تجزين سان گڏ، حڪمرانن جي ڪن لاٽار تي به ڪڙهندا ۽ پڄندا هئاسين. خاص ڪري ان هنگامي حالتن وقت جڏهن نام نهاد پاڻي جا ماهر مختلف ٽي وي چئنلن تي ويهي ابتاسبتا تجزيا پيش ڪندا هئا ته انهن جي اڻڄاڻائي تي افسوس ٿيندو هو.
    مون کي ياد آهي ته ٽوڙي بند ٽٽڻ بعد منهنجي عزيز رانجهاڻي سان ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻڌايو هو ته ان بي مهار پاڻي جو آخري انت منڇر ئي آهي. هن تمام سولي نموني سمجهايو ته اهو وهڪرو ڪهڙا ڪهڙا گهٽ گهيڙ گهوٽيندو، منڇر ۾ اچي ڪرندو، پوءِ منڇر بم جيان ڦاٽڻ بعد جيڪا قيامت آڻيندي، اها ڏسڻ وٽان هوندي. عزيز رانجهاڻي جا اهي انديشا واقعي هر هڪ وک تي صحيح ثابت ٿيا.
    مان جنهن شعبي ۾ نوڪري ڪيان ٿو، ان جو تعلق به پاڻي سان ئي آهي. ٽيهن سالن کان ڪيترن ڊيمن آبي ذخيرن، ڪئنالن جي اڏاوتن کان سواءِ ٻوڏن دوران به ڏکين ۽ نازڪ مرحلن مان گذريو آهيان. تازي ٻوڏ دوران به بندن تي دل و جان سان قومي فرض سمجهي مهينن جا مهينا ايمرجنسي ڊيوٽيون ڏنيون آهن.
    انهن ٻوڏن دوران جتي حڪمرانن جي بي حسي، چونڊيل نمائندن جي اقربا پروري، اعليٰ عملدارن جي اک ٻوٽ ڏٺي، اتي ڪن محڪمن جي نااهلي به بي مثال آهي. گذريل ٻوڏ دوران هڪ هنڌ گهارو لڳي ويو جيستائين مشينون اچن هڪ آرمي جو ميجر ۽ مان ڪاڙهي ۾ اُڀي پيرين، اُڃ ۽ بک تي گهارو بند ڪرائڻ جا جتن ڪري رهيا هياسين، ته اوچتو اسان کي مٿان حڪم مليو ته هاڻي گهاري کي بند ڪرڻ جو ڪم آبپاشي کاتو ڪندو. ان حڪم ملڻ سان ڏٺوسين ته اتي ديومالائي انداز ۾ ڄڻ ڪنهن تهوار جي تياري شروع ٿي وئي، اک ڇنڀ ۾ شاميانا ۽ قناعتون لڳي ويون. ٽيبل ڪرسيون اچي ويون اعليٰ قسم جي ڪراڪري ۾ ڪيڪ پيسٽريون، ڊرائي فروٽ سجائي رکيا ويا. ڇيلا ڪسجڻ ۽ ديڳن کي دَم اچڻ لڳا. منگلي ٻڌڻ لاءِ ٽوٻن جا ٽولا پهچي ويا، هزارن جي تعداد ۾ ٻاچڪا ڳوڻيون ۽ لڪڙن جا ڍير لڳي ويا. مطلب ته گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشش گهٽ پر عياشي ۽ ٻي بندوبست ڏي توجهه گهڻو هو.
    اسان ڳاٽي ٽوڙ گرمي ۾ به پنهنجي حصي ۾ آيل ڪم جي نگهباني ڪري رهيا هياسين. اسان جي سامهون منهن جي عهدي جيترو آبياري کاتي جو آفيسر، ڪار اندر ويٺو، ايئرڪنڊيشن هلايون ڪم جي نگهباني ڪري رهيو هو، هو تپش ڪري، ڪار مان ٻاهر پير به هيٺ نه پيو لاهي، هو ٿڌي ڪار ۾ ليٽيو، يخ مشروبات سان لطف اندوز به ٿي رهيو هو.
    بهرحال ان ڪارروائي دوران مشينون پهچڻ سان منهنجي هڪ ايڪسيڪيويٽر جو آپريٽر ٻه ٽي دفعا، وڏي اعتماد سان مون کي اچي چيو ”سائين خوامخواهه وقت ٿا وڃايو. مون کي صرف ڪلاڪ ڏيو ته مان اهو بند ٻڌي ڏيانوَ.“
    مان آرمي آفيسر سان ذڪر ڪيو، جنهن پاڻي کاتي جي هڪ عملدار سان ڳالهه ڪئي، جنهن وڏي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو، ”هي اسان جي اداري جو مسئلو آهي، ٻي ڪنهن جو نه وڃي“ لڳي پيو ته هو شايد اهڙو سڻڀو گرهه هٿان وڄائڻ نه پيا چاهن.
    چوويهه ڪلاڪ گهاري کي بند ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي. پر ڪوبه کڙتيل نه نڪتو. ٻڌل منگلي لڙهي وئي، يار صفا ڏئي وٺي بيٺا، ڀرسان وارا علائقا ٻڏندا پي ويا. تڏهن فوجي آفيسرن به اک پٽي هنن رابطو ڪري ان آپريٽر کي گهرايو. يقين ڪيو ته ان آپريٽر چند ڪلاڪن ۾ ٻن ٽن مشينن جي مدد سان ساڳيو گهارو ٻڌي ڏنو. خبر نه آهي ته الائي ڇو اسان جي ماهرن ٻه ڏينهن ۽ لکين رپيا هروڀرو ايئن پاڻي ۾ وهايا. سنڌ ۾ آيل اٿلن دوران سوين اهڙا نااهلي جا مثال موجود هوندا. پرڏٺو وڃي ته هن ٻوڏ دوران اهڙن ادارن کان علاوه سنڌ جي ماڻهن مال ملڪيت سان گڏ پنهنجو صدين جو وقار به ڄڻ وڃايو آهي. حڪومت هن آفت وقت ڄاڻي ٻجهي وزيرن ۽ وڏيرن کي مان ڏئي، انهن جي معرفت امداد ورهائي. جيئن عوام وري وڏيرن جو ڳيجهو رهي ۽ انهن جي درن جا ڌڪا کائي. ٻين لفظن ۾ ورهاست جي اهڙي ڪبيهه طريقيڪار ۾ عوام جي خودداري کي ڌوئي، کين پينو بڻايو ويو. ٿوري گهڻي امداد جيڪا ملي به ان ۾ به اقربا پروري ڪئي وئي. ايتري قدر جو ڪيترو امدادي سامان اڄ به وڏيرن جي اوطاقن ۽ گودامن ۾ سڙي رهيو آهي.
    هن مها ٻوڏ دوران البت اهو سٺو سبق مليو ته جن به شهرن جي ماڻهن درياهن سان مهاڏو اٽڪايو اهي پنهنجا وستيون ۽ واهڻ بچائي ويا. ان جو مثال شهدادڪوٽ، هالا، لاڙڪاڻو ۽ جوهي وغيره آهي. ٻين هنڌن تي درياهه جي بندن تي اتان جا وزير، چونڊيل نمائنده ۽ سرڪاري عملدار موجود هئا. پر جوهي ۾ صرف هٿين خالي عوام ۽ مڇريل سمنڊ جو جهيڙو هيو. اهڙي موقعي تي جوهي جي دوستن جي همت افزائي لاءِ، عزيز رانجهاڻي سان گڏجي، ڇنڊڻ وٽان ٻيڙي تي چڙهي، ڇوليون هڻندڙ سمنڊ جهاڳي وڃي جوهي پتڻ تي پير ڇنڊيا هئا، اتي چوڦير پاڻي جو آڙاهه ڏسي حيران ٿي وياسين. بند تي راتن جون راتيون جاڳيل سرويچ ڪوڏريون ڪلهن تي لڙڪايون چوڪسي ڪندي نظر آيا. اتي ٻورين، ٻاچڪن ۽ پٿرن جي ڪمي ڪري ماڻهن پنهنجي گهرن جو رليون ۽ چادريون، بند تي وڇائي ان کي کاڌ ۽ لهرن کان بچايو هو، مردن سان گڏ ڪيتريون پردهه دار عورتون به ڇليون ۽ ٻاچڪا ڀري بند بيهاري رهيون هيون، معصوم ٻارڙا به جذبي ۾ سرشار پنهنجي وس آهر مائرن ۽ ڀينرن جو هٿ ونڊائي رهيا هئا.
    جوهي جي ڪونڌرن جو اهو مثالي ڪارنامو ڏسي، هاڻي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ماڻهن کي جيڪڏهن صحيح ليڊر شپ ملي ته ٻوڏ ته ڇا، هو دنيا جي هر مصيبت سان منهن ڏئي سگهن ٿا. ٻين لفظن ۾ ماڻهن کي پنهنجي سگهه جو اندازو ٿيو ۽ هنن کان کسيل اعتماد کين وري موٽي مليو.
    سنڌ ۾ سالن کان وٺي الائي ڪيتريون سياسي تحريڪون، آفتون ۽ ٻوڏيون آيون آهن. پر بدقسمتي سان، اسان وٽ انهن تحريڪن، مصيبتن ۽ ٻوڏن جو ڪوبه باضابطه ريڪارڊ موجود ڪونهي، پر هن ڀيري جس آهي عزيز رانجهاڻيءَ کي جنهن وڏي ذميواريءَ سان هن ٻوڏ جي روزمره جي ڊائري لکڻ سان گڏ ان دور ۾ مختلف رسالن، اخبارن ۾ ڇپيل مضمون ۽ ڪالم به هٿ ڪري، سنڌ جي هن هيبتناڪ حادثي کي تاريخ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي.


    اشتياق انصاري
    دادو
    2011-04-19


    اخباري خبرون

     حيدرآباد: سنڌ ۾ برسات جو سلسو جاري، ڪيترائي گهر ڊهي پيا، 13 ماڻهو فوت، نئه گاج وهي اچڻ ڪري بند جو اندريون حصو لڙهي ويو. 100 ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو. بلوچستان ۾ به وسڪارو، ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ٽنڊو محمد خان، هالا، جيڪب آباد، ڪنڌڪوٽ، دادو، ڪوٽڙي ۾ برسات پئي.
     اسلام آباد: ٻوڏ وارن علائقن ۾ فوري طور دوائون فراهم نه ڪيون ويون ته وڏي تباهي ايندي (سنڌ سرڪار)
     جنيوا/ اسلام آباد: ٻوڏ سٽيل 5 لک ڳورهاري عورتن کي طبي سهولتون فراهم نه آهن، خيمن ۾ ٻارڙا پيدا ٿين ٿا. مائرن جو ن غذائي ضرورتون پوريون نه پيون ٿين. (گڏيل قومون)
     ڪراچي: سنڌ جي 40 لک ٻوڏ متاثرن ۾ 10 لک ماڻهو بيمار، ڪئمپن ۾ 5 لک ٻار پيدا ٿي سگهن ٿا. 5 لک عورتون حمل سان آهن.
     سکر: سنڌ تباهه ٿي وئي ۽ جمالي ائين پيو ڳالهائي ڄڻ علي واهڻ ۾ جانور ٿا رهن (وزيراعليٰ) ٽوڙي بند ۽ دادو، مورو روڊ کي هٿرادو گهارا ناهن هنيا ويا. آبپاشي کاتي ۽ پاڻي ماهرن جا ٻوڏ بابت اندازه غلط ثابت ٿيا.
     نوشهروفيروز: مورو ڀرسان ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌ ڏانهن کڻي ويندڙ ٻيڙي اونڌي، عورت ۽ 3 ٻارڙا ٻڏي فوت
     ڪراچي: گڙهي خيرو جا شهري ٻڏا ته ڪيس ڌاريجي تي داخل ڪرائبو (غلام محمد شهلياڻي)
     ڳڙهي خيرو/ شهدادڪوٽ: گڊو ۽ سکر وٽ لاٿ، ڪوٽڙي وٽ واڌ، ڳڙهي خيرو شهر ٻڏي ويو، 3 عورتون لڙهي ويون، قبو سعيد خالي ڪرڻ لاءِ آخري وارننگ.
     سيوهڻ: منڇر ڍنڍ جي سطح 111.5 آر ايل ٿي وئي. ٻوڏ جو پاڻي 10 ڏينهن اندر ڇوڙ ڪندو.
     حيدرآباد: ٻوڏ متاثر ٿيلسيميا ۾ مبتلا ٻارڙي جو رت تبديل نه ٿيو.
     قمبر/ نصير آباد: قمبر جي غيبي ديري، جاگير ۽ حمل ڍنڍ وارن عائقن مان لڏ پلاڻ شروع.
     ڪراچي: سنڌ ۾ 938 امدادي ڪئمپون قائم ڪيون آهن. وزيراعليٰ
     ڄامشورو: ڄامشورو ٻوڏ سٽيل پيرسن بک وگهي فوت.
     حيدرآباد: ڪوٽڙي وٽ وڏي ٻوڏ، ڳڙهي خيرو کي ٻوڙڻ بعد پاڻي قمبر-شهدادڪوٽ ضلعي ۾ داخل، سجاول جوڻيجو خالي، حمل ڍنڍ جا دروازا کوليا ويا.
     حيدرآباد: بيگاري ڪئنال کي گهارو هڻي پاڻي شڪارپور طرف ڇوڙ، وڌيڪ 100 ڳوٺ ٻڏي ويا. 3 عورتون ۽ 2 ٻار لڙهي ويا.
     حيدرآباد: سنڌ ۾ گيسٽرو سبب وڌيڪ 18 جانيون ضايع، سوين ماڻهو وبائي مرض ۾ مبتلا
     ڄامشورو: ڄامشورو ۾ ٻوڏ سٽيل علائقن مان آيل هزارين ماڻهو بي يارو مددگار، ٻه ٻارڙا بک وگهي زندگيون وڃائي ويٺا.
     حيدرباد: آر بي او ڊي 2 شهر ٻوڙيندي، واپڊا جي اعتراضن باوجود سنڌ حڪومت 36 ارب خرچ ڪيا. واپڊا اختياريون
     حيدرآباد: سائيٽ ايريا ۾ 500 سرڪاري فليٽن ۾ ترسايل ٻوڏ سٽيلن کي بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش
     خيرپور/ پير جو ڳوٺ: خيرپور ضلعي م ٻوڏ هيستائين 214 ڳوٺن جو نالو نشان مٽائي ڇڏيو.
     خيرپور: ٻوڏ سبب سنڌ جا 10 هزار ڪلوميٽر روڊ رستا تباهه ٿي ويا. (منظور وساڻ).
     حيدرآباد: ٽوڙي بند جو گهارو ٻڌڻ جي منظوري، کيرٿر ڪئنال کي وڌيڪ گهارا، رتوديرو ۽ نئون ديرو ۾ افراتفري، شهدادڪوٽ کي خطرو برقرار.
     حيدرآباد: گيسٽرو معصوم ٻارڙن سميت وڌيڪ 15 حياتيون کسي ورتيون.
     دادو: منڇر ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ، 24 ڪلاڪن ۾ ٻوڏ جو پاڻي حمل کان دادو پهچندو، ايم اين وي ڊرين جا بند مضبوط نه ٿيا.
     لاڙڪاڻو: علي واهڻ وٽ بند ٽٽي ها ته تمام گهڻو نقصان ٿئي ها (خورشيد شاهه)
     سيوهڻ : آمري ۾ انڊس هاءِ وي ڀرسان ستل ٻوڏ متاثرن مٿان ڪار چڙهي وئي، 5 ڄڻا فوت، عورت مرڻينگ.
     واشنگٽن/ اسلام آباد: 8 لک ماڻهن کي فوري امداد نه ملي ته اهي ڏڪاريا بيمارين سبب مري سگهن ٿا. اقوام متحده
     ڪراچي: ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته به ٻوڏ کي ڪنٽرول نه ڪري سگهي ها: (مشرف)
     سکر: سکر جي ڪئمپن ۾ ترسيل 13000 ڳورهارين عورتن جي حالت خراب (سرڪاري اداره)
     ٺٽو: ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائي کين هراسان ڪيو پيو وڃي (بشير قريشي)
     ڄامشورو: ڄامشورو ۾ 50 هزار ٻوڏ سٽيل بک ۽ بدحالي جي ور چڙهيل
     خيرپور: خيرپور انتظاميه کي روزانو 22 لک ملڻ باوجود ٻوڏ سٽيل بکون ڪاٽڻ تي مجبور.
     خيرپور: خيرپور ۾ ٻوڏ کان پوءِ جهنگلي جانور پڪي تي نڪري آيا، نسل ڪشي
     هرڻ، ڦاڙها، سوئر، گدڙ، ۽ تتر مري ويا. شڪاري جانورن کي مارڻ لڳا. 50 کان وڌيڪ ڦاڙهن ۽ 100 سوئرن ۽ گدڙن کي ماريو ويو. جهنگلي جيوت کاتو خاموش تماشائي بڻيل.
     ڄامشورو: ڄامشورو ڀرسان ڪچي مان آيل مُرن جانور حملو ڪري معصوم نينگري ۽ همراهه کي زخمي ڪري ڇڏيو.
     حيدرآباد: سنڌ حڪومت پاران ٻوڏ متاثر ٻارن لاءِ شام جا ڪلاس هلائڻ جو فيصلو.
     ڪراچي: ٻوڏ متاثرن جو تعداد 60 کان 70 لک ٿي سگهي ٿو. 4 هزار 4 سئو ڳوٺ لڙهي ويا آهن. ساڍا 500 ارب جو نقصان، 25 شهر ٻڏي ويا ۽ 14 لک گهر تباهه، ڊونرز ڪانفرنس گهرائڻ تي غور.
     ٺٽو: ٺٽي ۾ سنڌوءَ جي ايم ايس ۽ پي بي لوڪابندن کي 3 گهارا، ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. ٺٽو، دڙو، سجاول، جاتي، بٺورو ۽ شاهبندر ٻڏڻ جو خطرو. لڏ پلاڻ شروع.
     اسلام آباد: امداد جو هڪ هڪ پئسو ٻوڏ متاثرن تي خرچ ٿيندو: صدر زرداري
     دادو: دادو ۾ ٻوڏ متاثرين يوٽيليٽي اسٽور جي سامان سان ڀرجي آيل ٽرڪ تي ڪڙڪي پيا. ڦرلٽ، پوليس جي لٺ بازي، ڪيترائي زخمي.
     شڪارپور: شڪارپور کان جيڪب آباد ۽ ڪشمور تائين 19 ڏينهن گذرڻ بعد ماڻهن جي اچ وڃ شروع. وڏين گاڏين ذريعي سفر
     لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ آيل لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرن جي حالت رحم جوڳي، نه کاڌو ٿو ملي نه علاج، انتظاميه لاپتا.
     حيدرآباد: قاسم آباد جي ڪئمپ ۾ پناهه ورتل ٺل واسڻ جا 2 ٻارڙا فوت.
     اسلام آباد: سنڌ ۾ ٻوڏ سبب 40 لک 15 هزار ماڻهو متاثر ٿيڻ ۽ صرف 116 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق.
     ڪراچي: رليف ڪئمپن تي چونڊيل نمائندن ۽ وزيرن جون ڊيوٽيون لڳائڻ گهرجن (علي قاضي)
     عالمي برادريءَ جو ضمير ته سنڌ وارن لاءِ نه ٿو جاڳي پر اسلام آباد وارن جو ڪڏهن جاڳندو. رڳو ڪئمپن ۽ بندن جا دورا ڪرڻ سان ٻوڏ سٽيلن جي مدد نه ٿي سگهندي. هاڻي ٺٽي ضلعي سميت سنڌ ٻوڏ سبب هڪ هزار ارب رپين جو نقصان ڀوڳي چڪي آهي. سواءِ دورن جي وفاقي حڪومت سنڌ ۾ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي. سنڌ ۽ ٻين ٽن صوبن کي هڪ نظر سان نه ڏٺو وڃي. هي ٻن يا چئن ماڻهن نه پر 50 لک ماڻهن جو مسئلو آهي. سڄو انفرااسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي. سنڌ حڪومت کي هاڻي صرف وفاقي حڪومت جي اشارن ڏانهن نه ڏسڻ گهرجي (علي قاضي)
     ڪراچي: ڪراچي ويندڙ ٻوڏ متاثرين جي حالت 1947ع جي مهاجرن کان به خراب آهي( سردار احمد) ايم ڪيو ايم کان ڪراچي پهتل ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪرڻ ۾ دير ٿي آهي (سردار احمد)
     ٺٽو: ٻوڏ متاثرن کي مڪلي ۽ ڪراچي ۾ ترسايو ويندو (ذوالفقار مرزا)
     نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ حفاظتي بند ٻڌڻ جو ڪم شروع.
     ڪراچي: صحافي علي قاضي ٻوڏ متاثرن ۾ رانديڪا ۽ ٻيو سامان ورهايو.
     سکر: بک کان تنگ آيل سوين ٻوڏ متاثر سکر ۾ پچندڙ ديڳين وٽ پهچي ويا. منٿن ۽ احتجاج بعد ماني فراهم.
     فريد آباد: فريد آباد ۽ ڀرپاسي گيسٽرو ۽ مليريا پکڙجي وئي. 50 ڄڻا اسپتال داخل.
     روهڙي: سنڌوءَ ۾ لٿل مينهن ڪڍندي، چڱو مڙس ٻڏي فوت.
     گاجي کهاوڙ/ ميهڙ: پاڻي گاجي کهاوڙ ۾ داخل، وڌيڪ شهرن کي خطرو، قمبر ۽ دادو ضلعن جي چونڊيل نمائندن ۾ ڇڪتاڻ تيز، نصير آباد ۽ ميهڙ ۾ هڙتال.
     ڪراچي: عالمي امداد صوبن کي نه ڏني ويندي، وفاقي سرڪار پاڻ ورهائيندي (رحمان ملڪ)
     حيدرآباد: گيسٽرو وگهي 10 ٻارڙن سوڌو وڌيڪ 21 ماڻهو فوت.
     ڪراچي: ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن م گهر اڏي ڏيئي آباد ڪرڻ جي سفارش. (روينيو کاتو)
     ڪراچي: حڪومت پاران ٻوڏ متاثر ساڍا 8 هزار عورتن کي هنري سکيا ڏيڻ جو فيصلو.
     اسلام آباد: لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، دادو، ڪشمور ۽ شڪارپور ۾ ريل رستا بند آهن (بلور)
     ڪراچي: گهارن تباهي آندي آهي، ٻوڏ کان بچڻ لاءِ سنڌوءَ مان ڇنڊڻ ڪڍي وڃي. متاثرن کي پڪا گهر تعمير ڪرائي ڏبا: (آصف زرداري)
     اسلام آباد: ٻوڏ متاثر علائقن ۾ گيسٽرو جا 5 لک مريض آهن. (گڏيل قومون)
     ميهڙ/ جوهي: ايم اين وي ڊي جا گهارا بند نه ٿيا. ڪي اين شاهه ۽ جوهي جا 120 ڳوٺ ٻڏي ويا. هزارين ماڻهو ڦاٿل. ٻوڏ جوهي واسين جو به ساهه سڪائي ڇڏيو.
     حيدرآباد: سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي مستقل آبادڪاري جو انتظام ڪري. (اياز پليجو)
     سکر: سکر ضلعي جي ڪئمپ ۾ 370 ٻوڏ سٽيلن کي ارڙي ٿيڻ جو انڪشاف
     دادو: دادو، ميهڙ، جوهي، ۽ ڪي اين شاهه کي بچائڻ جو ڪوششون جاري آهن (مظهر/جمالي)
     ڪراچي: بندن کي لڳل گهارن جي سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جاچ ڪرائي وڃي. (ايس ٽي پي)
     ڪراچي: صوبن کي امداد آبادي جي بنياد تي نه پر ٿيل نقصان تحت ڏني ويندي، ٻوڏ سٽيلن کي گهرن جي تعمير لاءِ سرن ۽ سيمينٽ سميت ٻيو سامان به ڏينداسين. (صدر آصف)
     دادو: ٻوڏ وهڪرن جو وارهه، نصير آباد، جاتي ۽ چوهڙ جمالي ڏانهن رخ، دادو بچائڻ لاءِ جي او سي پهتو. سوين ڳوٺ ٻڏي ويا.
     حيدرآباد: گيسٽرو جي وبا وڌيڪ 28 حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون. ٻارڙي سميت سوين اسپتالن ۾ داخل.
     شهدادڪوٽ: همسفر ۽ ٻن نوجوان پٽن جي وڇوڙي شهدادڪوٽ واسڻ جو جيءُ جهوري ڇڏيو! اهي ٻوڏ ۾ لڙهي ويا هئا.
     خيرپور: خيرپور ۾ انتظاميه ٻوڏ ستايلن کي ملندڙ خوراڪ بند ڪري ڇڏي. لکين رپيا هڙپ ٿيڻ لڳا.
     ٺل: ٺل تعلقي ۾ ٻوڏ جي تباهي. 5 شهرن سوڌو 1000 ڳوٺ ٻڏي ويا. 4 چار لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر. بيمارين ۾ 50 ماڻهو فوت ٿيا. جن ۾ اڪثريت گيسٽرو ۾ مبتلا هئي.
     ڌاٻيجي: گهاري کان گهگهر تائين هزارين ٻوڏ سٽيل قومي شاهراهه ڀرسان ويٺل
     ميهڙ: ڌامراهه واهه ۽ سپريو بند کي ڪٽ ڏيڻ جي گنجائش ناهي. (جي او سي حيدرآباد)
     ٽنڊو محمد خان : ملاڪاتيار ۽ ملوڪ شاهه واسي جون رونقون بحال، 30 هزار شهرين جي واپسي
     حيدرآباد: حيدرآباد جي رليف ڪئپن ۾ ٻوڏ سٽيلن جو تعداد 33 هزار ٿي ويو.
     ٺٽو: ٻوڏ سٽيل علائقن توڙي ڪئمپن ۾ گيسٽرو جي وبا وڌيڪ 37 حياتيون کسي ورتيون، سوين اسپتالن ڀيڙا.
     واره/ نصير آباد: ايم ايس بند جو گهارو وڌي 500 فوٽ ٿي ويو. پاڻي جاتي شهر ويجهو پهتو، نصير آباد ۾ بند ٽٽي پيو، علائقا پاڻيءَ هيٺ
     ڪراچي: سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن کي رجسٽر ڪرڻ لاءِ نادره جي نظام تي اعتراض واري ڇڏيا.
     دادو: وڏي وزير جوهي برانچ کي ڪٽ هڻن کان روڪي ڇڏيو. ڇنڊڻ واهه کي گهارا، ڪي اين شاهه مان لڏ پلاڻ، ميهڙ ۾ سپريو بند اوور ٽاپ ٿيڻ لڳو. جوهي برانچ کي ڪٽ جي مامري تي ڇڪتاڻ“ هٿياربند پهچي ويا.
     حيدرآباد: ڪوٽري بئراج وٽ لاٿ، اوڀارو وهڪرو 7 لک 91 هزار ڪيوسڪ پهچي ويو.
     جيڪب آباد: بلوچستان جي سرحد تي 35000 هزار ماڻهو اڃان ڦاٿل، خوراڪ ختم 48 ڪلاڪن ۾ ڪيترائي ماڻهو مرڻ جو خدشو آهي (ڊي پي او جيڪب آباد پرويز چانڊيو)
     ڪراچي: ڪراچي ايندڙ ٻوڏ سٽيلن جو تعداد لک کان وڌي ويو. 47 رليف ڪئمپون قائم ٿيل.
     قمبر: قمبر ۾ بند تي ويٺل پيرسن عورت کاڌو نه ملڻ ڪري فوت
     ٺٽو: ٺٽي ضلعي ۾ 8 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. (سسئي پليجو)
     حيدرآباد: صحت کاتي پاران 9 لک ٻوڏ سٽيلن جي بيمار هجڻ جي تصديق
     اسلام آباد: صدر حيدر آباد جي ڪئمپن مان اقليتن جي نيڪاليءَ جو نوٽيس ورتو. جانچ جو حڪم
     واره: واره ۾ ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ ڪري 2 ڀائر ٻڏي فوت.
     جوهي: جوهي ۾ ٻوڏ جي خطري سبب سرڪاري رڪارڊ منتقل ڪرڻ جو حڪم.
     اسلام آباد: ٻوڏ ۾ به ٻه اکيائي، فلڊ ڪميشن ٻن ڏينهن اندر پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي انگ ۾ 62 لک 91 هزار جو اضافو ڪري ڇڏيو.
     ڪراچي: ٻوڏ سٽيلن لاءِ پرڏيهه مان ملندڙ امداد جي ورڇ ۾ سنڌ سان ناانصافي ٿيڻ جو خدشو (رپورٽ)
     دادو: ڪي اين شاهه ۽ جاتي ٻڏي ويا. انڊس هاءِ وي پاڻيءَ هيٺ 7 ڄڻا لڙهي ويا. جوهي برانچ کي ڪٽ.
     جوهي: جوهي شهر ۽ سوين ڳوٺ ۾ افراتفري، ماڻهو ڪاڇي ڏانهن پيادل روانا، چونڊيل نمائندن خلاف مظاهرو، هزارين ماڻهو جبلن ۾ پناهه لاءِ پهتل. ڪاڇي جي ڳوٺن ۾ سون جي تعداد ۾ ضلعي دادو جا ٻوڏ متاثرين پهتا.
     حيدرآباد: گيسٽرو وڌيڪ 24 ٻوڏ متاثرن کان حياتيون کسي ورتيون.
     ڪراچي: سنڌ ۾ گيسٽرو وگهي هڪ به ماڻهو فوت ناهي ٿيو. (صحت جو وفاقي وزير)
     ڪراچي: سنڌ جي ڊي جي هيلٿ پاران وفاقي وزير صحت جي دعويٰ رد، ٻوڏ دوران 62 ماڻهو فوت ٿيا، جن مان 31 ڄڻن گيسٽرو سبب دم ڏنو. (ڊي جي هيلٿ)
     فريد آباد: حمل ڍنڍ ۾ پاڻي جو چاڙهه برقرار، ايف پي بچاءُ بند ٽٽڻ جو خطرو.
     گولاڙچي: ٺٽي جا هڪ لک ٻوڏ متاثرين بدين پهتل، 70 هزار دربدر، اعلانيل 2000 مان فقط 200 خيما لڳي سگهيا.
     لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو انتظاميه ٻوڏ متاثرن کي به نه بخشيو، کاڌي جي اڌ رقم هڙپ، غير معياري کاڌو فراهم.
     لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي مان گم ٿيل 3 ٻوڏ سٽيل ٻارن کي وارث ملي ويا.
     سکر: سکر ۾ امدادي سامان جي ورڇ ۽ ٻارڙن تان جهيڙا، ڇهه ڄڻا فوت.
     خيرپور: مختلف علائقن ۾ کاڌو نه ملڻ ڪري ٻوڏ ستايل پنڻ تي مجبور.
     ڪوٽڙي: ڪوٽڙي کان دادو تائين ٻوڏ جي پاڻيءَ هيٺ آيل ريلوي ٽريڪ بحال نه ٿي.
     ميهڙ: ڪي اين شاهه ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب ٿيل تباهي جا ذميوار پ پ پ جا چونڊيل نمائنده آهن. (قاضي شفيق مهيسر).
     ڪراچي: ڪيٽيون ڪنهن جي ملڪيت نه آهن، اهي صرف ٻيلي کاتي جي ملڪيت آهن ڪيٽين وارن سان مون کي نه ويڙهايو. درياهه اهي ختم ڪري ڇڏيون آهن (زرداري)
     اسلام آباد: فيڊرل فلڊ ڪميشن جو ٻيو ڪارنامو، سنڌ ۾ مري ويل چوپائي مال جو انگ هڪ لک کان گهٽائي ڇڏيو. فلڊ ڪميشن ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ٻوڏ سبب مري ويل چوپائي مال جو تعداد هڪ لک 29 هزار 416 ڄاڻايو. ڪميشن طرفان ڪالهه جاري ڪيل انگن اکرن ۾ ڊرامائي تبديلي ڪندي سنڌ ۾ مري ويل جانورن جو انگ صرف 24 هزار 788 ڄاڻايل. رپورٽ ۾ پنجاب خيبر پختونخواهه، گلگت، بلتستان، آزاد ڪشمير توڙي فاٽا جي انگن اکرن ۾ ڦيرڦار نه ٿي. بلوچستان جي انگ ۾ واڌارو، سنڌ ۾ 2 لک 17 هزار گهر جزوي طور ۽ هڪ لک 25 هزار 483 گهر مڪمل تباهه ٿيا آهن. (فلڊ ڪميشن جي رپورٽ)
     ڪراچي: پنجاب طرفان ٻوڏ متاثرن جو انگ وڌائڻ وارو معاملو سي سي آءِ ۾ اٿارڻ جو فيصلو (وزيراعليٰ)
     ڪراچي: ٻوڏ بابت آرميءَ جو خرچ سنڌ سرڪار ڀريندي. (قيصر بنگالي)
     ڪراچي: الهه تلهه تباهه ٿيل متاثرين کي 6 مهينا ڪئمپن ۾ رهڻو پوندو. 55 لک ماڻهو پاڻي سڪڻ بعد پنهنجن علائقن ۾ واپس هليا ويندا (بنگالي)
     دادو: پاڻي سيتا روڊ شهر ويجهو پهچي ويو. جوهي کي به خطرو، وارهه ۽ نصير آباد کي بچائڻ لاءِ ڌامراهه کي ڪٽ جو فيصلو. ڪي اين شاهه ٿاڻو، اسپتال ۽ گرڊ اسٽيشن به ٻڏي ويو.
     مورو: دادو، مورو پل وٽ روڊ کي لڳل گهارو بند ڪرڻ لاءِ ڪم شروع نه ٿيو، زميني رابطو ڪٽيل.
     وارهه/ نصير آباد: وارهه شهر لاءِ خطرناڪ صورتحال- حمل ڍنڍ به ڀرجي وئي. حمل ڍنڍ جو بچاءُ بند ٽٽي سگهي ٿو. لاڙڪاڻي شهر کي به خطرو هوندو. (انجنيئر آبپاشي)
     حيدرآباد: ماءُ جي بک ۽ سرڪار جي بي حسي معصوم ماجد کان حياتي کسي ورتي. معصوم کي ٽن ڏينهن کان ٿڃ نه ملي ۽ نه ئي ڪو ٻيو کير سبزي منڊي حيدرآباد رليف ڪئمپ ۾ کين نه خيمو مليو ۽ نه ئي ڪٿي ڇانورو ملي سگهيو.
     دادو: ڪي اين شاهه مان لڏ پلاڻ ڪندڙ 3 لک ماڻهن لاءِ ڪا به ڪئمپ قائم نه ٿي، هزارين دربدر ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل.
     ڪي اين شاهه: ٻه نوجوان ٻوڏ جي وهڪري ۾ لڙهي ويا.
     جيڪب آباد: بلوچستان ۾ ڦاٿل هزارين سنڌ واسين جي حڪومت وارثي نه ڪئي ڪيترائي بيمارين ۽ بک سبب بدحال، 10 ٻار زندگي وڃائي ويٺا.
     حيدرآباد: سنڌ ۾ ٻوڏ سبب برصغير جي ورهاڱي ۽ افغان جنگ کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا. (قادر مگسي)
     اسلام آباد: سنڌي ايم اين ايز ٽوڙي بند ٽوڙڻ واري معاملي جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. نيشنل ڊزاسٽر اٿارٽي تي تنقيد.
     اسلام آباد: وزيراعظم طرفان سنڌوءَ جا بند ٽوڙڻ بابت جاچ جو حڪم، اي پي سي گهرائڻ جو اعلان.
     دادو/ ميهڙ/ ڪي اين شاهه/ سيتار روڊ: ڪي اين شاهه جو زميني رابطو ڪٽجي ويو، جوهي ڀان روڊ به پاڻيءَ هيٺ، ايم اين وي ڊرين تي دٻاءُ ، دادو رنگ بند جو ڪم فوج حوالي.
     دادو/ ميهڙ: سپريو بند کي گهارو، ميهڙ ۽ دادو شهرن لاءِ خطرا وڌي ويا. ڪجهه ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهن جي لڏ پلاڻ، جوهي لاءِ آخري وارننگ، ميهڙ بعد سيتا روڊ به 70 سيڪڙو خالي، ڪي اين شاهه جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويا. جوهي رنگ بند سان پاڻي ٽڪرائجڻ لڳو آخري وارننگ، ماڻهن جي لڏ پلاڻ.
     ڪراچي: صدر طرفان سنڌ ڪابينه ۾ ٻوڏ متاثرن بابت فيصلو نه ٿيڻ تي ڪاوڙ.
     ڪراچي: سنڌ سرڪار طرفان فلڊ ڪميشن جا انگ اکر رد، بند ٽوڙڻ بابت ثبوت مليا ته عدالتي ڪميشن جوڙبي، صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جو انگ هڪ ڪروڙ کان وڌي ويو آهي. سي سي آءِ اجلاس ۾ 5 کرب جي گهر ڪرڻ جي منظوري.
     ڄامشورو: ڄامشورو ضلعي اندر 50 هزار ٻوڏ سٽيل دربدر، رهائش ۽ کاڌ خوراڪ کان محروم.
     شهداڪوٽ: قبو سعيد خان کان مٿانهين وارن علائقن ۾ ويل 7 هزار کان وڌيڪ ماڻهو ڦاٿل، کاڌ خوراڪ ختم.
     حيدرآباد: پنجاب عالمي ادارن کان ملندڙ امداد ڦٻائڻ جو پروگرام رٿيو آهي. سمورن سنڌين کي ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ لاءِ خدمتون ڏيڻ گهرجن. (قادرمگسي)
     واهي پانڌي: ڪاڇي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي آمد جاري، خوراڪ جي کوٽ، انتظاميه واهر نه ڪئي، دادو، جوهي ۽ ڪي اين شاهه مان ڪيترائي ٻوڏ سٽيل خاندان واهي پانڌي پهچي ويا.
     دادو/ ميهڙ/ خيرپور ناٿن شاهه: پاڻي ميهڙ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي پهچي ويو. ايف پي بند تي به دٻاءُ، دادو ضلعي جا 8 لک ماڻهو دربدر.
     ڪراچي: صدر سنڌ سرڪار کي ٻوڏ کان بچي ويل ضلعن جي ماڻهن تي ٻوڏ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
     حيدرآباد: سنڌ ۾ وڌيڪ 17 ٻوڏ متاثر گيسٽرو وگهي فوت.
     ڪراچي: سنڌ ۾ سڀني صوبن کان گهٽ ماڻهو متاثر ٿيا آهن. وڏو نقصان ماڻهن جي ضد سبب ٿيو. سنڌ ۾ جيڪي به ماڻهو ٻڏا آهن اهي پنهنجي ضد سبب ٻڏا آهن. ماڻهن کي اڳواٽ اطلاع ڏنو يو هيو پر اهي ٻاهر نه نڪتا ۽ پاڻ کي بچائي نه سگهيا (وزيراعظم)
     ڪراچي: ڊزاسٽر اٿارٽي سنڌ ۾ ٻوڏ دوران خاص ڪردار ادا نه ڪيو. (قائم علي شاهه)
     ڪنڌڪوٽ: ٽوڙي گهارو 28 ڏينهن گذرڻ بعد به بند نه ٿي سگهيو.
     ڪراچي: ظفر الله جمالي پاران ٽوڙي بند کي گهارو لڳڻ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ جو فصيلو، جيڪب آباد ايئربيس کي بچائڻ لاءِ منظم رٿابندي تحت ٽوڙي بند کي ٽوڙيو ويو. (اڳوڻو وزيراعظم)
     خانپور: خانپور ۾ هاءِ وي وٽ هزارين ٻوڏ متاثر مهيني کان ويٺل ڪنهن به مدد نه ڪئي، انتظاميه ۽ چونڊيل نمائنده لاپته.
     ڪي اين شاهه: ڪي اين شاهه ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي مان 2 لاش مليا.
     دادو: دادو جي چونڊيل نمائندن ۽ شهرين ۾ گڏجاڻي بنا نتيجي ختم، سرندي وارا لڏي وڃن. (پ پ پ ايم پي اي).
     چونڊيل نمائندن جي خاطرين مان مطمئن ناهيون. لڙهنداسين ته پوءِ چوندا ته وڻن تي چڙهي ويهو. (شهري)
     دادو شهر کي ڪو به خطرو ناهي، ماڻهو افواهه پکيڙي رهيا آهن (جمالي)
     ماڻهن کي دوکي ۾ نه رکنداسين، محفوظ هنڌن تي منتقل ٿين (رشيده پنهور)
     سرندي وارن کي صلاح ڏيندس ته حيدرآباد ۽ ڪراچي وڃن، غريب ماڻهن لاءِ 40 ننڍيون بسون فراهم ڪيون وينديون (ڪلثوم چانڊيو)
     سانگهڙ: سانگهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي آمد جاري، وڌيڪ 50 خاندان پهتا، خيرپور ناٿن شاهه کان پهتل 200 متاثر خاندان عزيزن ۽ کليل آسمان هيٺ ويٺل.
     سکر: پاڪستان ۾ 20 لک ٻارن کي پوليو ۽ ارڙي ٿيڻ جو خدشو: (يونيسيف)
     دادو/ميهڙ/ جوهي: دادو، جوهي ۽ ميهڙ لاءِ صورتحال انتهائي خراب، ايم اين وي ڊي ۽ بندن کي روڻيون، ماڻهن کي لڏي وڃڻ جي صلاح، دادو ۾ وڌيڪ سوين گاڏيون پهچي ويون.
     ڦلجي کي به خطرو، دادو ۽ جوهي ۾ صورتحال ڏاڍي خراب آهي. خطرن کي رد نٿو ڪري سگهجي.
     دادو: رفيق جمالي، سيد غلام شاهه، سجيلا لغاري طرفان جوهي وارن کي لڏڻ جي وارننگ، پير مظهر الحق وري ڦلجي، مخدوم بلاول، پپري، موندر، خدا آباد ۽ ڦڪاجي ماڻهن کي لڏي وڃڻ جو چئي ڇڏيو. ايم اين وي ڊي کي دادو طرف گهارا پيا ته شهر ٻڏي ويندو.
     اسلام آباد: فلڊ ڪميشن هيرا ڦيري نه ڇڏي، سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جو انگ 5 لک 3 هزار گهٽايو ويو.
     جوهي: جوهي کي بچائڻ لاءِ شهرين جا اراده اٽل، بند تي ڏينهن رات ڪم، ڪامورا ۽ چونڊيل نمائنده گم.
     حيدرآباد: گيسٽرو وڌيڪ 14 ٻوڏ متاثرن کان حياتيون کسي ورتيون.
     ڪراچي: ڪراچي ۾ رهندڙ ٻوڏ سٽيلن کي نوڪريون ۽ پلاٽ ڏينداسين. روينيو کاتي کي ذميواري ڏبي: (ذوالفقار مرزا)
     ڪراچي: ڪراچي ۾ ڪئمپن ۾ ترسيل ٻوڏ متاثرن جو تعداد 76 هزار کان وڌي ويو.
     ڪراچي: ڌرتي ڌڻي ڪراچي ۾ پاڻ کي لاوارث نه سمجهن، ٻوڏ سٽيل جتي چاهين رهي سگهن ٿا، کين سهولتن سان گڏ تحفظ به ڏنو ويندو. جهڙي ريت 1947ع ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙن کي آباد ڪيو ويو، اهڙي طرح ٻوڏ سٽيلن کي به ڪراچي ۾ آباد ڪنداسين. (سنڌسرڪار)
     دادو/ جوهي/ ميهڙ: ايف پي بند کي گهارو، 40 ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ، جوهي لاءِ آخري وارننگ، ميهڙ کي بچائڻ لاءِ رائيس ڪئنال کي ڪٽ هڻڻ جو فيصلو، دادو کي خطرو ناهي، (وڏو وزير)
     اسلام آباد: ٻوڏ سٽيل اڃا 4 مهينا ڪئمپن ۾ رهندا، خوراڪ جي بحران جو خدشو آهي، ڪراچي ۾ متاثر آباد نه ٿيا ته مسئلا پيدا ٿيندا. قيصر بنگالي
     حيدرآباد سنڌ جي ٻوڏ سٽيلن ۾ گيسٽرو تي ضابطو نه آيو. وڌيڪ 19 ماڻهو فوت.
     سيوهڻ: منڇر ۾ پاڻي جي سطح 113.80 آريل تي پهچي وئي. بندن تي دٻاءُ، ڍنڍ ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ تيزي سان اضافو، هڪ ئي ڏينهن ٽي انچ جي واڌ، منڇر ۾ ايندڙ پاڻيءَ ۾ وڌيڪ اضافي جو امڪان آهي (آبپاشي عملدار) رهواسين ۾ خوف ڇانيل.
     جوهي: جوهي شهر کي بچائڻ لاءِ رهواسي پاڻمرادو رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ ۾ مصروف، انتظاميه منهن موڙي ڇڏيو.
     لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ پهتل ٻوڏ متاثرن جو انگ 2 لک ٿي ويو. ٽينٽ سٽي اڃان قائم نه ٿيا.
     پير جو ڳوٺ: احمد پور ۾ بيوس ٻوڏ ستايل ٻارڙا کڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ پهچي ويا.
     جيڪب آباد: جيڪب آباد جو زميني رابطو بحال نه ٿيو. بلوچستان ۾ 15 هزار ماڻهو اڃا ڦاٿل، وڌيڪ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا.
     هنڱورجا/ بوزدار وڏا: دادوءَ جا ٻوڏ سٽيل لڏا کڻي رسول آباد ۽ بوزدار وڏا پهچي ويا.
     حيدرآباد: بنگلاديش جي 40 ڊاڪٽرن جو وفد دادو جي ٻوڏ سٽيلن جي واهر لاءِ پهتو.
     حيدرآباد/ ڀان سعيد آباد: ڀان سعيد آباد ڀرسان ڇنڊڻ کي گهارو، منڇر ۽ درياءُ جي سطح برابر، اڙل وٽان 2 دروازا کوليا ويا. ايف پي بند کي زيرو پوائنٽ وٽان ڪٽ ڏيئي پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرايو ويو، منڇر جي سطح وڌي درياهه جي برابر ٿي وئي. اڙل ٽيل وٽان 5 دروازن مان 2 کوليا ويا. اڄ ڇوڙ شروع ٿي ويندو. ٻوڏ جو تمام گهڻو پاڻي منڇر طرف اچي رهيو آهي. منڇر 118 آريل برداشت ڪري سگهي ٿو.
     ڪراچي: وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن جا اعلان اڌورا، لکين ٻوڏ سٽيلن کي عيد کان اڳ روڪ رقم/ معاوضو نه ملي سگهيو.
     ڪراچي: وفاقي زڪوات ڪائونسل طرفان سنڌ جي ٻوڏستايلن لاءِ مليل هڪ ارب 15 ڪروڙ ورهائجي نه سگهيا.
     سکر: ”عيد خرچي ڏيو“ سکر ۾ ٻوڏ متاثرين سراپا احتجاج بڻجي ويا. گاڏين جي ڀڃ ڊاهه، 8 اهلڪار يرغمال، شهر بند
     جوهي: جوهي لاءِ آخري وارننگ باوجود معمول جي زندگي روان دوان.
     حيدرآباد: گيسٽرو وگهي وڌيڪ 18 ٻارڙن ۽ ٽن عورتن سميت 25 ڄڻا فوت
     وارهه: حمل ڍنڍ جي سطح انتهائي خطرناڪ حد تائين پهچي وئي. پنج 5 ئي دروازا کولڻ باوجود ڍنڍ جي سطح ۾ گهٽتائي نه اچي سگهي. نئين جو پاڻي ڍنڍ ۾ اچڻ ڪري روز دٻاءُ وڌڻ لڳو.
     شڪارپور: شڪارپور ۾ ٻوڏ جي وڏي تباهي، 13 سئو ڳوٺ ٻڏي ويا. 7 لکن کان وڌيڪ ماڻهن کان اجها کسجي ويا.
     ڄامشورو: ڄامشوري لڳ ٻوڏ متاثرن اٽي سان ڀريل گاڏي ڦري ورتي.
     دادو: دادو شهر کي ڪو خطرو ناهي، ماڻهو افواهن تي ڌيان نه ڏين (پير مظهر)
     حيدرآباد: حمل ڀرسان ايف پي بند کي گهارو، ميهڙ، جوهي ۽ ڪي اين شاهه لاءِ ٻيهر وارننگ، دادو بچائڻ لاءِ ڇنڊڻ کي ڪٽ جي تجويز، صوبائي وزير مراد شاهه ڇنڊڻ کي ڪرمپور وٽان ڪٽ جي مخالفت ڪري ڇڏي. اڙل ٽيل بعد اڙل هيڊ جا 2 دروازا کوليا ويا. يوسي ٽلٽي، بوبڪ، ڀان ۽ بچل چنه لاءِ ريڊ الرٽ جاري
     دادو: سڄو ڌيان منڇر تي آهي ۽ انتهائي ايمرجنسي واري صورتحال آهي. (سيف الله ڌاريجو)
     ٺٽو: سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن ۾ 20 -20 هزار وارا ”وطن ڪارڊ“ ورهائڻ شروع ڪري ڇڏيا. فلڊ ڪميشن جا انگ اکر قبول ناهن، اسان پنهنجو ڪيس گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکي ڇڏيو آهي . (وڏو وزير)
     دادو: دادو ۾ ٻوڏ بابت اهم اجلاس، ڇنڊڻ کي ڪرم پور وٽان ڪٽ جي تجويز بابت وڏي وزير کي آگاهي، چونڊيل نمائنده ڪٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندا.
     ڄامشورو: ڄامشورو ۾ سامان ورهاست دوران بدنظمي، هڪ ڄڻو فوت، 4 زخمي.
     دولتپور صفن: دولتپور صفن ۾ ٻوڏ متاثر مڇرجي پيا. ڊي ڊي او جي گهر تي ڪاهه سامان کڻي ويا.
     خيرپور: خيرپور ضلعي جي ڪچي واسين سميت پوڻا 4 لک ٻوڏ ستايل خالي هٿين لڙڪن ۽ سڏڪن سان عيد ملهائيندا.
     سانگهڙ: سانگهڙ ضلعي ۾ پهتل ٻوڏ سٽيلن جو تعداد 35 هزار ٿي ويو. ميرن ۽ ڦاٽل ڪپڙن سان عيد ملهائيندا.
     دادو: دادو مورو روڊ گهاري ٻڌڻ بعد ٽرئفڪ لاءِ کلي ويو.
     دادو/ سيوهڻ: دادو کي بچائڻ لاءِ منڇر وٽان ڇنڊڻ کي ڪٽ هڻڻ جو فيصلو، سيوهڻ جي 4 يوسيز کي خطرو، مراد شاهه جو احتجاج، وڏو وزير اعلان ڪرڻ بنا واپس.
     دادو/سيوهڻ: منڇر جي سطح 120.85 آرايل جي خطرناڪ حد تائين ٿي وئي. ميهڙ جا وڌيڪ 50 ڳوٺ ٻڏي ويا. جوهي ۽ ميهڙ جي رنگ بندن تي دٻاءُ، دادو انتظاميه ڪراچي مان گهرايل بسون ۽ ٽرڪون واپس ڪري ڇڏيون.
     بوزدار وڏا: دادو ضلعي جا 50 ٻوڏ متاثر خاندان بوزدار وڏا پهچي ويا.
     دادو: راشن ڏيئي بک مرڻ کان بچايو، دادو ۾ وڏي وزير جي آمد دوران ٻوڏ متاثرن جا ڌرڻا لٺبازي، چڪريون
     سکر: ٻوڏ سٽيلن کي سندن ڳوٺن ۾ آباد ڪري گهر ٺهرائي ڏبا. خورشيد شاهه، خورشيد شاهه ساڌ ٻيلي مندر پهتو، ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو جائزو.
     حيدرآباد: زهر بڻيل منڇر جي لوڻياٺ 50 سيڪڙو گهٽجي وئي. درياهه ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي پيئڻ لائق قرار، لوڻياٺ ويتر گهٽبي. (ماهر)
     سيوهڻ: منڇر جو گيج ٻڏي ويو. ايم ايس بند کي 300 فوٽ ڪٽ، بوبڪ، چنا، دل ۽ ٽلٽي جا علائقا ٻڏي ويندا. ڍنڍ جو گيج 121 آر ايل تائين آهي جيڪو ٻڏي وڃڻ بعد نئون گيج لڳائي سطح 125 آر ايل ڪئي وئي. رات تائين ڍنڍ جي سطح 121.5 آر ايل کان وڌي وئي. تيز هوائن سبب پاڻي اوور فلو ٿيڻ لڳو. دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ڪٽ هنيو ويو.
     سيوهڻ: منڇر جي پاڻيءَ مان سيوهڻ کي ڪو به خطرو نه آهي/قلندر به مدد ڪندو. (وڏو وزير)
     سيوهڻ: نيٺ منڇر ٽٽي پئي. تيز هوائن سبب رات دير سان ايم سي بند ٽٽي پيو. وڏي پئماني تي لڏپلاڻ. انڊس هاءِ وي بند. ڀان شهر کي خطرو. گهاري سبب 300 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ ايندا.
     ڪراچي/ ٺٽو: ٻوڏ متاثرن جي وڌ ۾ وڌ امداد، آمريڪا ڪئي آهي، پر ٽرانسپرنسي هجڻ گهرجي (هالبروڪ)
     ٺٽو: آمريڪي صدر جي نالي جي خبر ناهي. راشن ۽ پاڻي کپي، ٻوڏ متاثر.
     ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ مائٽن وٽ توڙي روڊن ۽ بندن جي ڪنارن تي ترسيل هزارين ماڻهن جي امداد کان رهجي وڃڻ جا امڪان.
     سيوهڻ/ ڀان سعيد آباد/دادو/ميهڙ: منڇر جي سطح ۾ 2 فوٽ لاٿ، سيوهڻ تعلقي جا وڌيڪ 50 ڳوٺ ٻڏي ويا. ڪرمپور وٽان پاڻيءَ جو درياءُ ۾ ڇوڙ شروع.
     اسلام آباد: اين ڊي ايم طرفان سنڌ ۾ 213 ماڻهو فوت ۽ 11 لک 10 هزار گهر ڊهڻ جي تصديق.
     ڪوئٽا: هڪ ڪروڙ ٻوڏ متاثرن کي خوراڪ جي فوري ضرورت آهي.(عالمي اداره)
     ڪنڌڪوٽ: گهوڙا گهٽ بند ٻڌڻ جو فائدو ناهي. ٽوڙي گهارو اڃان بند ناهي ٿيو. 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي پيو. وڏي وزير کي شڪايت
     حيدرآباد: ٻوڏ متاثرن جي ڪئمپ ۾ گيسٽرو وگهي وڌيڪ 9 ماڻهو فوت.
     سکر: تاريخي ساڌ ٻيلي مندر جي سرڪار مالڪي نه ڪئي. 9 ايڪڙن تي بيٺل باغ تباهه.
     سکر: سنڌ ۾ سپر فلڊ دوران به 15 ضلعن پاڻي کوٽ کي منهن ڏنو. 14 مُک ڪئنالن کي گهرج کان گهٽ پاڻي فراهم، فصل متاثر.
     خيرپور ميرس: عالمي برادري پنجاب حڪومت تي اعتبار نه ٿي ڪري. (وڏو وزير)
     نيويارڪ: 2 ٻه ڪروڙ ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي عالمي برادريءَ جي وس ۾ ئي ناهي، پاڪستان پاڻ به ڪجهه قدم کڻي: (آمريڪا)
     سيوهڻ: ٻوڏ سٽيلن کي 20-20 هزار رپيا ڏيڻ بعد ڳوٺن ۾ وڃڻ لاءِ چونداسين. بحاليءَ جو ڪم 6 مهينا جاري رهندو: (وڏو وزير)
     حيدرآباد: انتظاميه پاران 80000 ٻوڏ سٽيلن جا انگ اکر جاري ، سڀاڻي کان 12000 ڪٽنبن کي وطن ڪارڊ ملندا.
     سکر: وطن ڪارڊ لاءِ هزارين ٻوڏ سٽيل ٻيهر سکر موٽي آيا.
     شهدادڪوٽ: شهدادڪوٽ واسي مصيبتن ۽ دربدري ۾ رهڻ بعد واپس اجهن ۾ پهتا. چهرن تي اداسي، سيني ۾ وڏا درد، 20 سيڪڙو ڀاڙو نه هئڻ ۽ امداد جي آسري مختلف شهرن ۾ ترسيل.
     ڪراچي: سنڌوءَ کي لڳل گهارن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن قائم، ڪراچي ۾ ترسندڙ ٻوڏ سٽيلن کي سڀ سهولتون ڏينداسين. ڪراچي ۾ 80 هزار ٻوڏ متاثرين آيا پر اهي ڪراچي ۾ ترسڻ لاءِ تيار نه آهن: (قائم علي شاهه)
     ڪراچي: ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتي نااهلي ڏيکاري، سموري عملي کي معطل ڪيو وڃي: (ڄام مدد)
     سکر: پوليس وحشت جا ليڪا لتاڙي ڇڏيا، وطن ڪارڊ حاصل ڪندڙن تي وحشياڻي مارڪٽ، 11 ڄڻا رتو رت.
     نئون ديرو: ڳڙهي خدابخش واري وطن ڪارڊ سينٽر تي متاثرن تي لٺبازي، 6 زخمي، ڪارڊ انهن کي ملي ٿو جيڪي رشوت ڏين ٿا. اسان ڪيڏانهن وڃون. متاثر.


    تاثرات/ڊائري/مشاهدو

    • فيلڊ مان ڪي چار ڏينهن موڪل منظور ڪرائي دادوءَ لاءِ نڪتس ته جيئن اُتي روبرو وڃي صحافين، سنگت ساٿ سان ملاقات ڪري ٽوڙي گهاري مان ڌوڪي/هلان ڪري ايندڙ پاڻيءَ سبب دادو، سيوهڻ ،ڀان سعيد آباد، بوبڪ، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، ڪاڇو، ايف پي بند، منڇر ڍنڍ، منڇر بند ۽ ايم اين وي ڊرين کي ٿيندڙ امڪاني نقصان بابت صحيح صورتحال کان آگاهه ٿجي ۽ پڻ ڪالهه دادو مورو پل ويجهو دادو مورو روڊ تي لليا پتڻ وٽ جيسرن جي ڳوٺ وٽان لڳل يا هٿراڌو هنيل گهاري جو جائزو وٺي سگهجي ۽ گهاري سبب پاڻيءَ جي گهيري ۾ آيل پنهنجي دوست عبدالله جيسر سان روبرو ملي سگهجي. جنهن رات ئي فون تي ٻڌايو ته هو انهي لڳل گهاري سبب فقط خاندان تڙ تڪڙ ۾ ڪڍي سگهيو آهي ۽ پاڻ بي يارومددگار گهر ۾ ٽپڙن ۽ پنهنجي لائبريري جي سنڀال لاءِ ويٺو آهي. فيلڊ مان سڌو حيدرآباد حسين آباد اشتياق انصاري ڏي هليو ويس جيڪو پاڻ ان پريشانيءَ ۾ هيو ته ڪوٽڙي بئراج تي مسلسل پاڻيءَ جي سطح وڌڻ سبب قاسم آباد، حسين آباد، لطيف آباد ۽ ڪوٽري وٽ بندن تي سخت دٻاءُ آهي ۽ اهي افواهه گردش ۾ آهن ته شايد لطيف آباد کي هڪ مخصوص گروهه جي خواهش ۽ انگل سبب بچائڻ لاءِ قاسم آباد وٽان بند کي گهارو هنيو ويندو يا ٿي سگهي ٿو ته ڪٿان به بند پاڻ ئي ايڏي وڏي وهڪري جو دٻاءُ برداشت نه ڪندي ٽٽي پون. هن اهو به ٻڌايو ته اهڙي اوچتي صورتحال يا مصيبت کي نظر ۾ رکندي پنهنجي گهر جو ضروري سامان مٿي ڇت تي رکي ڇڏيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته هو اهڙي خطري کان بچڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن لاءِ ڀاءُ اسحاق وٽ ڪراچي هليا وڃن. ٿوري دير ٻوڏ سبب پيدا ٿيل يا اڳتي پيدا ٿيندڙ صورتحال تي پنهنجا تبصره ڪري بندن ۽ بئراج تي وهڪري جي صورتحال معلوم ڪرڻ لاءِ نڪري پياسون. ويجهو ئي ڪجهه عرصو اڳ حسين آباد ۾ درياهه ڪناري ٺهيل پارڪ ۾ پهتاسين ته ان جو هڪ وڏو حصو پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيو ۽ ماڻهو خوف ۾ نظر آيا. بعد ۾ جڏهن ڪوٽڙي پل تي هلندڙ گاڏيءَ مان ئي پل تان هيٺ وهندڙ ان تاريخي وهڪري جو نظارو ڪيو جتي ماڻهو هجومن جي صورت ۾ ڪوٽڙي طرف کان بيهي سنڌوءَ جي ان تاريخي وهڪري جو لقاءُ ڏسي رهيا هئا. واقعي ايڏو تيز وهڪرو هيو جو ڪيترائي ماڻهو فقط ان خوفناڪ وهڪري کي ڏسي ئي دهلجي پئي ويا. اشتياق کي گهر ڇڏي آفتاب عزيز سان پنهنجي گاڏيءَ ۾ دادو لاءِ روانو ٿيس. پيٽارو کان ٽوڙي ڦاٽڪ تائين ريلوي لائين جي ٻئي ڀر مورين مان پاڻي ڪاهي اچي انڊس هاءِ وي ويجهو پهتو هيو ۽ ٽوڙي ڦاٽڪ پل کان وٺي سيوهڻ تائين ته صورتحال انتهائي خراب ۽ خطرناڪ نظر آئي ڪيترن ئي هنڌن تي اربين رپين سان ٺهندڙ آر بي او ڊي بند تي گهارا لڳي چڪا هيا ۽ پاڻي انڊس هاءِ وي جي ٻي ڀر مورين ۽ پلين وسيلي اولهه ۾ ٽڪرين تائين هڪ وڏي ڇر ڪري چڪو هيو. آمري شهر ته مڪمل پاڻيءَ جي گهيري هيٺ آهي پر افسوس جو موهن جي دڙي کان به قديم ”آمري تهذيب“ جا آثار به مڪمل طور پاڻيءَ ۾ ٻڏي چڪا هيا ۽ ۽ آمري شهر جي ٻئي ڀر آمري ريلوي اسٽيشن ويجهو قائم آمري ميوزيم پاڻي هيٺ هيو. آمريءَ کان سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن پاڻي گهڻو جمع ٿي چڪو هيو جيڪو وڌي وڃي لڪي سلسلي جي ٽڪرين تائين پهتو ۽ لڪي ريلوي اسٽيشن هيٺان گذرندڙ انڊس هاءِ وي مٿان پاڻي پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو ۽ سيوهڻ شهر ۾ لعل باع ۽ دانستر ٽيل Tail وٽ ته اڃان بدتر صورتحال نظر آئي جو سنڌوءَ جو پاڻي ايترو چڙهي چڪو هيو جو دانستر جي پل کي پائي رهيو هو ۽ ان ويجهو ئي سيوهڻ شهر طرف وڃڻ جي ناڪام ڪوشس ڪري رهيو هو. ڄامشورو کان سيوهڻ ۽ دادوءَ تائين ٻوڏ متاثرين سان ڀريل ٽرڪون، ٽرالا، ٽراليون، ويگنون، بسون، ڊاٽسنون ۽ ٻيو گاڏيون نظر آيون جيڪي پنهنجي حيثيت ۽ گنجائش کان وڌيڪ لڏيل/ ڀريل ۽ سٿيل نظر آيون ۽ انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن کاڻوٺ، آمري هوٽل، لڪي جبل تي واقع لڪي ريلوي اسٽيشن سيوهڻ شهر ۽ ٻين هنڌن تي هلان ڪري ايندڙ پاڻيءَ کان پنهنجون فقط جانيون بچائي نڪتل ماڻهن جا انبوهه بي يارو مددگار ويٺل نظر آيا ۽ ڪشمور جيڪب آباد ۽ شڪارپور مان پنهنجن اباڻن پڊن تان سر بچائي نڪتل متاثرين کي ته منزل جي به سڌ نه هئي ته کين ڪيڏانهن وڃڻو آهي بس جتي کين سمجهه ۾ آيو يا بهتر محسوس ٿيو اُتي هي پنهنجي ئي ديس ۾ ڪئمپن حوالي ٿي سرڪار ۽ اين جي اوز جي رحم و ڪرم تي هوندا.
    دادو ويندي بوبڪ وٽان منڇر بند تي وڃڻ لاءِ مڙڻو پيو. واٽ تي مون موبائيل تي پنهنجي دوست ۽ پي ايف ايف ايف پاڪستان فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مصطفيٰ ميراڻي سان رابطو ڪيو. ان ٻڌايو ته هينئر هو صوبائي وزير مراد علي شاهه سان گڏ ٽلٽي ويجهو بند تي موجود آهن جتي روڻيون پئجي رهيون آهن ۽ بند ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي پيو آهي. منڇر بند تي پهتس ته مصطفيٰ جو ئي هڪ عزيز جيڪو آبپاشي کاتي جو ملازم آهي ۽ منڇر بند تي سندس ڊيوٽي آهي تنهن ٻڌايو ته هينئر ڍنڍ جي ليول 110.9 تي پهتل آهي ۽ اها سطح مسلسل وڌي رهي آهي. مون کي اهو ڏسي حيرانگي ٿي ته بند تي ڪو به آبپاشيءَ جو ذميوار اهلڪار موجود نه هيو حالانڪه هنن ڏينهن ۾ ته ڪو ذميوار ماڻهوءَ جو موجود هجڻ انتهائي ضروري آهي جو هاڻي ٿورن ئي ڏينهن ۾ ٽوڙي گهاري وارو پاڻي منڇر ۾ ئي داخل ٿيندو جتي ان جو آخري دنگل ٿيندو. سو ان صورتحال کي نظر ۾ رکندي منڇر بند کي وڌ کان وڌ محفوظ بنائڻ لاءِ ضروري سامان جو هن مرحلي تي بند تي هئڻ اشد ضروري آهي جو ٿي سگهي ٿو ته ڪو اوچتو گهارو پئجي وڃي يا هلان ڪري ايندڙ ٽوڙي وارو پاڻي ڪٿي اڙل ۽ دانستر جا دروازه نه لوڙهي وڃي جيئن 1995ع واري ڪاڇي ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيو هو. بند تي ئي هوس ته پروفيسر اعجاز قريشي جو فون آيو ته هو پاڻ پنهنجي فيملي سان ٿورو دير اڳ اتان ڀيرو ڪري ويو آهي ۽ هن به انتهائي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، منڇر تي ٿيندڙ امڪاني صورتحال ۽ آخري دنگل تي ۽ پڻ آبپاشي کاتي جي لاپرواهي تي. دادو پهتس ته اها سُڌ پئي ته ڪجهه ماڻهو جن جا عزيز مٽ مائٽ ڪراچي ۾ هئاسي ته ان امڪاني خطري سبب في الحال نڪري ويا آهن ۽ باقي ماڻهو ٻڏتر ۾ آهن ته ڇا ڪجي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سنڌو واري وهڪري ۽ ٽوڙي گهاري سبب ٿيل نقصان جي ڪوريج ۾ مصروف آهي پر هاڻي گذريل هڪ ٻن ڏينهن کان منڇر ۽ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيندڙ امڪاني صورتحال بابت ٻڌائڻ شروع ڪيو اٿن. امڪاني متاثر ٿيندڙ علائقن جا ماڻهو اهو سوچين ٿا ته ٽوڙي واري گهاري مان هڪ لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ مسلسل هلندڙ وهڪري ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور شهدادڪوٽ قمبر ۾ ايڏا ڪيس ڪيا آهن ۽ ڳڙهي خيرو شهر ۾ 8 کان 10 فٽ پاڻي وهي رهيو آهي ته اهو ڪاڇي ۽ منڇر ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن ڍنڍ جو پاڻي درياهه جي سطح انتهائي وڌي وڃڻ ڪري سنڌوءَ ۾ ڇوڙ نه ڪري سگهندو ته پوءِ بندن جو ٽٽڻ يا هٿراڌو ٽوڙڻ جي صورت ۾ ته هت به اهڙو ئي ڀيانڪ منظر يا صورتحال ٿي سگهي ٿي.
    • دادو شهر ۾ مختيارڪار آفيس ٻاهران منڇر جي مهاڻن جي وڏي رش نظر اچي پئي. وڏي تعداد ۾ ضلعي انتظاميه منڇري مهاڻن جون ٻيڙيون ڊاٽسنن ۾ لڏي/ کڻي هت آفيس ويجهو روڊ ۽ گهٽين ۾ ڦٽو ڪيون آهن آفيس چوڌاري گهٽين ۽ روڊ تي ڪي 50 کان مٿي ٻيڙيون رکيل نظر اچي رهيون آهن سج لٿي جو وقت آهي ويچارا ٻيڙين جا مالڪ مهاڻا پاڻيءَ کانسواءِ پنهنجن ٻيڙين تي ويهي رکوالي ڪري رهيا آهن. سندن چهري تان پريشاني نظر اچي رهي آهي. هو گهٽين ۾ رکيل ٻيڙين هڙين ۽ گالين جي آڳل ۽ ٻيڙيءَ اندر تري ۾ سوير ئي سمهڻ جي تيارين ۾ آهن. هنن کي انتظاميه دادوءَ جي ڪچي ۽ پڪي ۾ امڪاني ٻوڏ واري صورتحال ۾ ماڻهن کي ڪڍڻ ۽ محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ هتي آندو آهي. شهري ماحول سندن لاءِ اوپرو محسوس ٿي رهيو آهي. جنهن سبب ئي هو پريشان آهن ۽ ٻي پريشاني اها به اٿن ته شايد سرڪار اڳواٽ طئه ٿيل ڏهاڙيءَ جا پئسه ڪم لهڻ کان پوءِ ادا ڪري يا نه ۽ ڪم ختم ٿيڻ کان پوءِ وري هي ٻيڙيون کين منڇر تائين پاڻيءَ ۾ پهچائي به ڏئي يا نه کين کين. ان حوالي سان ماضي جا تجربه ذهن ۾ آهن جنهن ڪري ويچارا هت اچي مصيبت ۾ ڦاٿل آهن. پر ڇا ڪن سرڪار ته زوراور آهي ۽ ٻيو سندن روزگار به ته اهو ئي آهي.
    هو ٻڌائن ٿا ته کين 2 هزار ڏهاڙي تي هت آندو ويو آهي پر کين اڃا تائين ڪجهه به نه ڏنو ويو آهي. هنن جي ماني ۽ رهائش جو بندوبست به نه ڪيو آهي ۽ کين پئسا به نه آهن جو وڃي ويجهو هوٽل تي کائين يا سرڪار کين کارائي ڪيترا ته پنهنجن هڙهين جي آڳيلن ۽ پاڇيلن تي نالين جي بدبوءِ ۾ بکئي پيٽ سمهي رهيا آهن. ڪي اڃان ماني جي انتظار ۾ جاڳي رهيا آهن ته متان ڪنهن کي ڪا ڪهل اچي ۽ ماني ڀور ملي.
    مون کي ڏسي ڪيترائي واقف مهاڻا اچي مليا ۽ پنهنجو ڏک بيان ڪيائون ۽ حجت ڪيائون. منڇر ۾ 1990 کان وٺي مسلسل سوين ڀيرا وڃڻ سبب اهي منڇري مهاڻا واقف ٿي ويا آهن. مون کان ان وقت سندن لاءِ جيڪو ٿي سگهيو مون ڪيو ۽ مختيارڪار آفيس مان کين ڪجهه رقم پڻ وڏي مشڪل سان وٺي ڏني سرڪار جو هنن مهاڻا سان هن ڏکي ويل هي رويو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. هي مهاڻا ته سرڪار وڏيرن ۽ ڏاڍن جي ڏاڍ جو هميشه شڪار ٿيندا آيا آهن سندن تنظيم فشرفوڪ فورم جي وجود کان پوءِ کين ڪجهه تحفظ ۽ حقن جو احساس سندن منجهه پيدا ٿيو آهي.
    منجهند جو فيلڊ مان حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ نڪري پيس. سحرش نگر قاسم آباد ويجهو بچاءُ بند جي اندر سنڌوءَ جي پيٽ ۾ جيڪا آبادي هئي سا هاڻي مڪمل پاڻيءَ هيٺ اچي تباهه ٿي چڪي آهي ۽ ماڻهو پنهنجا گهر ڇڏي اچي بندن تي ويٺا آهن. فقط ٻه ڏينهن اڳ اهي ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ هئا تن کي سنڌوءَ ڪاوڙ ۾ اچي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ڪوٽڙيءَ واري پل تان گذر ٿيو ته ان وقت پل هيٺان 9 لک 38 هزار واڌو وهڪرو گذري رهيو هئو جنهن کي هزارين ماڻهو حسين آباد ۽ ڪوٽڙي ڪنارن وٽان پسي رهيا هئا. وهڪري ۾ غضب جي دهشت ۽ ڏهڪاءُ هيو ۽ تيزي سان ڌوڪيندو سنڌي سمنڊ سان ڪيئي سالن کان پوءِ ملڻ لاءِ واقع بي تاب نظر آيو. ٻه ٽي ڏينهن کان وٺي اهي خبرون آهن ته چانڊوڪين راتين سبب سنڌي سمونڊ به وڌي اچي پنهنجي محبوب شينهن درياهه سنڌو ۽ مهراڻ جي آڌر ڀاءُ لاءِ نيڻ وڇايا آهن. هي عجيب ملن آهي. جيڪو هنن چانڊوڪي راتين ۾ ٿي رهيو آهي جنهن ۾ شڪوه شڪايتون، سسڪيون، آهون دانهون به هونديون ته انهن سازشن جو به ذڪر جن ذريعي کين ملڻ ۾ سال لڳي ٿا وڃن.
    چنڊ ڪر چانڊاڻ منهنجا پرين آهن پنڌ ۾
    اچن مون اوطاق پوءِ لهي وڃ لطيف چئي.

    (شاهه)
    هي درياهه ضرور سنڌي سمونڊ کي ٻڌائيندو ته مان هيڏي وڏي تباهي ڪري هت تو وٽ پهتو آهيان پر پوءِ به ڪو هڪ ماڻهو به مون اهڙو نه ڏٺو جنهن منهنجي اهڙي رويي خلاف شڪايت ڪئي هجي. دانهيو هجي يا مون کي پٽيو هجي. هو مون کي اڄ به سگهارو ۽ شينهن جي لقب سان پڪارين ٿا. ڪوٽڙي پل تان ٿيندو جڏهن ڪوٽڙي ڦاٽڪ واري رستي سان ڪوٽڙي بئراج ڏسڻ لاءِ وڃي رهيو هوس ته ڪوٽڙي ڄامشورو ٽول پلازه، ڄامشورو ڦاٽڪ ۽ ايل ايم سي اسپتال ويندڙ رستي تي هزارين متاثرين بي يارومددگار کليل آسمان هيٺ نظر آيا. انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ درديلا منظر هيا. ننڍڙا معصوم ٻارڙا واقع پٿريلي زمين تي ستي روئندي رڙندي ڪيهندي نظر آيا ۽ سندن مٿان مکيون ڀڻ ڀڻ ڪري رهيون هيون ۽ ائين محسوس ٿي رهيو هو ته کين سرڪار يا ڪنهن ٻي ڌر کان کين ڪجهه به نه ٿو ملي يا کين سار ئي نه ٿي لهي وڃي. سمورن کي اهو لباس پاتل نظر آيو جيڪي هو اتان پنهنجن اجهن مان پائي ڀڄي نڪتا هيا. عورتن جا وار وکريل، مردن جي چهرن تي خوف جا نمايان آثار فقط ان ڪري ته جيڪي ويجهي آباديون ۽ عاليشان سوسائٽي ۽ يونيورسٽين جا بنگلا نظر اچي رهيا هئا جيڪي سندن ئي ٻولي ڳالهائيندڙ ۽ ساڳي قوم جا ماڻهو آهن سي به سندن هن مشڪل گهڙيءَ ۾ کين ا ئين بي يارومددگار حالتن جي رحم ڪرم تي ڇڏي بنگلن ۾ عيش و آرام ڪري رهيا.
    حقيقت هن حال جي، جي ظاهر ڪريان ذري
    ته لڳي ماٺ مرن کي، ڏونگر پون ڏري
    وڃن وڻ ٻري، اوڀر اُڀري ڪين ڪي.

    (شاهه)
    • ڄامشورو ڦاٽڪ تي پوليس جي اٽالن بيراج طرف ويندڙ گاڏين کي روڪي ڇڏيو ڇو ته هينئر اتي پاڪستاني فوج جو سربراهه جنرل ڪياني ڪوٽري بئراج جو معائنو ڪرڻ وارو آهي سندس هيليڪاپٽر آسمان تي لامارا ڏيئي رهيو آهي. آءٌ گاڏي واپس ڪري موٽي حيدرآباد وڃڻ لاءِ بائي پاس واري پل تي پهتس جتي پل جي ٻنهي پاسي سنڌوءَ جي پيٽ ۾ آباد ڪيترائي ڳوٺ مڪمل ٻڏل نظر آيا ۽ ڇتين تائين پاڻي پهچي چڪو هو ۽ قاسم آباد واري پاسي ماڻهن جا هشاءَءُ بند تي بيهي صورتحال جو جائزو وٺي رهيا هئا. درياهه جي دهشت سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس نظر آيو ڇو ته ايڏي وڏي وهڪري جي دوران قاسم آباد وٽان بند ٽٽڻ جي صورت ۾ لکين ماڻهن کي نڪرڻ جو موقعو به شايد نه ملي. حيدرآباد ۾ هالا ناڪه ويجهو نئين سبزي منڊي ۾ قائم هڪ وڏي متاثرين جي ڪئمپ ڏسڻ لاءِ جڏهن مين گيٽ وٽ پهتس ته اتي ئي بيهي ويس ۽ اندر وڃڻ جي پاڻ ۾ همت نه سمجهيم ڇو ته ان وقت ڪي نالي جا بکيا ماڻهو متاثرين ۾ ڪي چند پيڪيٽ ڪنهن مٿانهين تان بيهي ائين اڇلائي رهيا هئا ڄڻ ته ڪي اهي ماڻهو ٻوڏ جا متاثرين نه هجن ڪي جنگي قيدي هجن. اهي نالي بکيا ماڻهو هينئر سڄي حيدرآباد شهر ۾ به شاميانه هڻي متاثرين جي امداد جي نالي ۾ وڏو سامان ڪٺو ڪري هڙپ ڪن ٿا ۽ فقط ڏيکاءُ لاءِ ڪي چند پيڪيٽ چانهه جا يا بسڪوٽن جا پري کان اڇلائي انهن تي متاثرين جي هلان ڏسي واقع تسڪين حاصل ڪن ٿا. اهي ڪير آهن؟ ها اهي ئي آهن جيڪي فقط ڪي ڇهه ڏهاڪا اڳ پاڻ هن سنڌ جي ڏکايل ماٿري ۾ اچي ڪئمپن ڀيڙا ٿيا هئا.
    وڏيري هياس چنيسر جي راڄ ۾
    دهلين دمامين نقرين ٿي پلپل پڇياس
    ڍولي ڍيلياس، ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾.
    (شاهه)
    مون سان گڏ هڪ انجنيئر دوست گهڻو ئي اصرار ڪيو ته اندر هلي متاثرين جي حالت زار ڏسون، مون چيو ته اهو بي مقصد ۽ فضول ٿيندو ڇو ته اسين انهن جي مدد ته ڪري نه سگهنداسون باقي هلي سندن تماشو ڏسون اهو مناسب نه آهي. ڳوڙها ڳاڙيندا سڪتي جي حالت ۾ وڃي فيلڊ پهتاسون. زبان مان بي اختيار رڙ نڪتي ته يا حسين گهوڙا هي ڪهڙو ظلم ڌرتي ڌڻين سان، درياهه ته هنن کي بي دخل ڪيو پر هت ته هي موت جي منهن ۾ آهن. ڪراچي جي ته ٻي ڳالهه آهي پر ويجهو قاسم آباد حيدرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ رهندڙ هزارين سنڌي ڇو هنن لاءِ اجنبي بڻجي ويا آهن جو تازو ئي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي لڳ قائم هڪ ڪئمپ ۾ هڪ ڳڀرو جوان فقط بک وگهي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو جي اسين واقع سار لهون ها ته سنڌو ڪناري اهو وڏو انياءُ نه ٿئي ها. ڇا هي آفريڪا آهي جتي خانه جنگي سبب سوين ماڻهو بک وگهي مئا هئا.؟
    حضرت عمر رضه چيو هو ته جي فرات نديءَ ڪناري ڪو ڪتو به بکيو رهيو ته ان جي ذميواري وقت جي خليفي تي هوندي. سو ٻڌايو ته سهي سنڌو ڪناري بک وگهي مرندڙ هن نوجوان جي قتل جي ذميواري ڪير قبول ڪندو ۽ ان جي ايف آءِ آر ڪنهن جي خلاف ڪٽجي؟
    اڄ هزارين سنڌي ٻالڪ بکيا، اگهاڙا، يتيم، بيمار ڪئمپن ۾ پيا آهن. ڇا ننڍا ٻالڪ ڪڏهن وڏا نه ٿيندا؟
    • صبح جو اسين فيلڊ مان ڪي سينئر آفيسر فيلڊ مئنيجر جي اڳواڻيءَ ۾ گنجي ٽڪر لاءِ روانا ٿياسين جتي هزارن جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثرين ڪجهه ڏينهن کان ترسيل آهن. ڪمپني پاران اُتي هڪ هفتي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي پئي وڃي. گنجو ٽڪر تاريخي حوالي سان هڪ وڏي اهميت رکي ٿو جتي سنڌوءَ جي کاٻي ڪپ تي حر ڪئمپ حيدرآباد کان وٺي سعيد پور ٽڪر ٽنڊ محمد خان تائين ڦهليل ۽ سنڌوءَ جي کاٻي ڪناري سان گڏوگڏ هلندڙ هيءَ جوءِ ايامن کان، کاهوڙين، جوڳين، سامين، ڪاپڙين، سنياسن، مستن، ملنگن، فقيرن، صوفين، ساڌوئن ۽ اوليائن جو مسڪن ۽ پناهه گاهه رهي آهي، ٻيو ته ٺهيو خود سنڌ جي ساهه، سنڌ جي شاهه، ڀٽ جي گهوٽ فلسفي ۽ شاعر شاهه عبداللطيف پڻ جڏهن پنهنجي ديس جي حالتن کان مايوس ۽ ڏکارو ٿي ڀٽ کي خير آباد چيو ته هن کي به پناهه لاءِ هي جاءِ ئي موزون لڳي جتي هو سڀ ويڇا، فرق، نظر، يا ۽ دين ڌرم جي چڪرن کان بالاتر ٿي هت اچي جوڳين ۽ سنياسين سان مليو ۽ سندن رنگ ۾ رلجي ويو ۽ ساڻن گڏ هتان ئي هڪ وڏو، ڏکيو ۽ اڙانگو سفر ڪري وڃي هنگلاج ۽ لاهوت نڪتو ۽ پنهنجي زندگيءَ جا اهي اهم مشاهده ماڻيائين جن سندس ڏات ۽ ڏاهپ ۾ نه صرف اضافو ڪيو پر کيس هڪ وڏي همت، طاقت، جوش ۽ ولولو عطا ڪيو ۽ کيس اها حاصل ٿيل ڏاهپ ۽ حوصلو اڄ اسان وٽ ”شاهه جي رسالي“ جي صورت م موجود آهي جنهن مان هن ڏکايل ماٿريءَ جا هزارين ماڻهو ٽي سئو سالن کان فيض ۽ سبق حاصل ڪري پاڻ جاکوڙي، ڏاها ۽ همت ڀريا انسان، لوچيندڙ ۽ سوچيندڙ بڻيا آهن جن سنڌ ۾ مذهبي اوچ نيچ بجاءِ انسانيت ۽ وطن دوستيءَ کي ترجيح ڏني. اڄ انهيءَ گنجي ٽڪر تي هزارن جي تعداد ۾ ٽولين جي صورت ۾ وک وک تي کلي آسمان هيٺ هن ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جا قديم رهواسي اچي گڏ ٿيا آهن.
    اچوڙي سورن واريون ڪريون سور پچار

    (شاهه)
    ڇاهي محض اتفاق آهي جو اڄ اسين متاثرين جي صورت ۾ ڌرتي ڌڻين کي هت ٽولين ۽ لڏن جي صورت ۾ ائين ويٺل ڏسي رهيا آهيون جيئن لطيف جي دور ۾ ديس جي حالتن تي پچي کامي پڄري ڪي وطن دوست ۽ مانجهي مڙس هت اچي پناهه وٺندا هيا.؟
    ڄامشوري کان سيوهڻ ۽ دادو تائين اشتياق انصاري سان هي سفر زندگيءَ جو يادگار سفر ثابت ٿيو. ڄامشوري ڪئمپن ۾ خلق خدا جي اهنجن ۽ مصيبتن ڏسڻ کان پوءِ سڄي واٽ دادوءَ تائين متاثرين جا قافله ئي قافلا گاڏين تي پنڌ، چوپائي مال سان نظر اچن پيا جيڪي اڃان ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن ڏانهن وڃي رهيا آهن. روڊ جي ٻنهي پاسي انڊس هاءِ وي تي کاڻوٺ کان وٺي سيوهڻ تائين ٻوڏ متاثرين اجها اڏي ويهي رهيا آهن سنڌوءَ جو پاڻي اچي انڊس هاءِ سان لڳو آهي ۽ مانجهند کان وٺي لڪي سيوهڻ تائين ته اهو روڊ جي ٻئي پاسي به ڇرڪيو بيٺو آهي ۽ وڌي رهيو آهي. آمريءَ جي آثارن تي به متاثرين جي هڪ ڪئمپ پاڻي جي گهيري ۾ دڙي تي نظر اچي رهي آهي جڏهن اسين آمري ٽپي لڪي ءَ ويجهو پهتاسين ته اوچتو منهنجي نظر لڪي جي جبلن تي هڪ اڇي پٽيءَ تي پئي ته مون اشتياق کي چيو ته اهو پٽو ته اتي ائين نظر نه ايندو آهي ۽ اهو ڇا ٿي سگهي ٿو.؟ شام جو وقت آهي ڪا سج جي رفليڪشن به نه آهي اڃان اڳتي هلي ئي رهيا هئاسين ته ڪيئي اهڙا پٽا لڪيءَ تي نظر اچڻ لڳا آخر اسان اهو اندازو ڪيو ته شايد لڪي تي سخت برسات پئجي رهي آهي ۽ اهي پٽا ته تيز برسات سبب مٿان لهندڙ آبشار ئي ٿي سگهن ٿا ان وقت لڪي جبلن تي هلڪو جهڙ به محسوس ٿي رهيو هو جنهن سبب جبل جو اهو حصو باقي حصي کان ڪجهه Dark نظر اچي هيو هو جڏهن لڪي جي پل پار ڪري سنڌو جو تيز ۽ وڏو وهڪرو پل تان اکين سامهون ويجهو ڏسي هيٺ لٿاسين ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي پهرين آهستي پوءِ وئي تيز ٿيندي. جڏهن لڪي جبلن جي بلڪل پاڙ سان روڊ تي هلي رهيا هئاسون ته سوين آبشار جبلن جي چوٽيءَ تان ڪرندي هيٺ روڊ تائين وهندي ڏسي رهيا هئاسين. لڪيءَ تي اهڙا منظر زندگيءَ ۾ هي پهريون ڀيرو اسين ٻئي ڏسي رهيا هئاسون. اکين تي يقين نه پئي آيو ته ايڏي وڏي تعداد ۾ آبشار ايڏي وڏي اوچائي تان وڏي شور ۽ گوڙ سان هيٺ لهي رهيا هئا. اسان ڪيترن ئي ننڍن وڏن آبشارن کي ڪئميرا جي اک ۾ گاڏي تان ويهندي محفوظ ڪيو ڇو ته ٻاهر بارش پئجي رهي هئي. ڇا ته منظر هيا شايد ورهين کان پوءِ لڪي تي ايڏي برسات پئي جو ائين اسان کي محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ گاڏي مٿان لڪي جي چوٽين تان ڪي ماڻهو بالٽيون ڀري يا وڏن پائيپن سان هيٺ اسان ڏي پاڻي اڇلائي رهيا آهن. لڪيءَ جي اهڙن منظر اسان کي پاڻ ڏانهن ايترو ته ڇڪيو جو ڄڻ وقت بيهي ويو هجي ۽ اسان کي اهو به احساس نه پئي ٿيو ته روڊ سان گڏ درياهه ٻئي پاسي وهي پيو ۽ تيز بارش سبب آبشار هت اچي روڊ کي ٻوڙي رهيا آهن. اسان ڪوشس ڪئي ته سمورن آبشارن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيون ۽ اسان ڪيو به پر پوءِ به ڪي رهجي ويا هوندا. ايڏي برسات لڪيءَ جي جبلن تي جو صدين کان موجود لڪي ۾ آبشارن جا اهي وهڪره گس ۽ نشان پلٽا کائي وهي رهيا آهن ۽ هڪ اهڙو منظر ڏسي رهيا آهيون جيڪو شايد اسان پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻيهر ڏسي سگهون يا نه؟ اشتياق چوي ٿو ته ڪاش ڪا مووي ڪئميرا هجي ها ڪو چينل وارو هجي جيڪو انهن سمورن آبشارن جي فلمبندي ڪري سنڌ ملڪ ۽ دنيا کي ڏيکاري ها ڇو ته هي وري الائي ڪڏهن ائين وهن ۽ جي وهن به ته اسان ڏسي سگهون يا نه.هي ته محض هڪ اتفاق هيو جو اسان هينئر اکين سان ڏسون پيا. فوٽو گرافي ڪندي جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيا آهيون ته برسات به تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ روڊ تي پاڻيءَ جي سطح به وڌي رهي آهي بلڪه روڊ جي ساڄي طرف درياهه جي پاڻيءَ سان ملي روڊ تي بيهي رهيو آهي ۽ هاڻي اسان جي گاڏي ڪٿي اڌ فوٽ ته ڪٿي هڪ فوٽ پاڻيءَ ۾ جهڙو ڪر درياهه جي وهڪري ۾ هلي رهي آهي ۽ سامهون تيز بارش سبب بلڪل ويجهو ايندڙ ۽ ڪراس ڪندڙ گاڏي به نظر نه ٿي اچي. گاڏين بتيون (هيڊلائٽس) روشن ڪيون آهن پر پوءِ به هڪ ميٽر جي فاصلي تي به اها روشني نظر نه پئي اچي ۽ آسمان تان پاڻي ڪير ڄڻ بالٽيون ۽ ڊرم ڀري زمين تي اڇلائي رهيو آهي. اڳتي هلڻ انتهائي مشڪل آهي پر پوئتي موٽڻ به ناممڪن. جي بيهي رهجي ته پوءِ لڙهڻ جو خطرو. سڌو سنڌوءَ حوالي، آخر ڪجي ته ڇا ڪجي؟ سامهون ڪي 2 ڪلوميٽرن تي سيوهڻ جو شهر پر هتي ته اسين ڪي فرلانگ اڳتي نه ٿا هلي سگهون، تيز بارش روڊ تي پاڻي سامهون ايندڙ گاڏين جو ڪو اندازو نه ٿو ٿئي، هڪ هلڪو خوف ۽ پريشاني اسان جي چهرن تي واضع نظر اچي ٿو.
    اشتياق پڇي ٿو ته هاڻي ڇا ڪيون؟
    بيهجي رهجي، پوئتي هلجي يا ائين اڳتي هلندو هلجي؟
    سائين واڳ اوهان جي وس آهي جيئن مناسب سمجهو؟
    هو منهنجي اکين ۾ ڏسي ٿو شايد ڪا هلڪي پريشاني محسوس ڪري ٿو. چڱو اڳتي وڌڻ ئي بهتر آهي پوءِ ڏٺو ويندو باقي بيهڻ جو مطلب ته ڦاسڻ آهي پوءِ ته گاڏي به ڇڏڻي پوندي ۽ پوءِ جبل جي ڪڙ وٺي سيوهڻ هلي سگهبو. بارش بجاءِ گهٽجڻ جي تيز ٿيندي پئي وڃي ۽ هاڻي ته بالٽيون نه بلڪه ڊرم ڀري ڪير ڄڻ هاري رهيو هجي. جبل تي آبشار وڌي اٿل کائي هڪ وڏي اڇي پٽي يا وهڪرو ٺاهي رهيا آهن ۽ اسين ڪوشش ڪيون ٿا ته انهن کي ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ڪيون.
    مان ڊرائيونگ ٿو ڪيان تون ڪوشش ڪر ته ڪو به آبشار ڪئميرا جي اک ۾ محفوظ ٿيڻ کان بچي نه وڃي. هي منظر وري ڏسڻ لاءِ ڪڏهن نه ملندو. آءٌ سوچيان پيو ته هي اهو اشتياق جاکوڙي آهي جيڪو زندگيءَ جي الائي ڪيترن ڏکين مشڪلاتن مان لنگهي پار پيو آهي سو هن مشڪلات مان به ڪڍي سيوهڻ تائين پڄائيندو. اشتياق جو سڄو زور ان تي آهي ته فوٽو ڪڍندو وڃ ۽ منهنجو زور ان تي ته تون هلندو هل نه ته سيوهڻ تائين پهچڻ ناممڪن ٿي ويندو. سنڌو ۽ لڪي آبشارن جو پاڻي پاڻ ۾ ملي صلاح ڪري انڊس هاءِ وي کي ڪيترن ئي هنڌن تان لڪائي ڇڏيو آهي. بارش اڃان به تيز ٿي رهي آهي. ايڏي برسات جو شايد اڳ ڪڏهن اسان پوندي نه ڏٺي جيڪا هن لڪي جبل جي 20 ڪلوميٽرن جي ٽڪري تي پئجي رهي آهي. اوچتو هڪ ٽرڪ بلڪل سامهون اچي وئي اشتياق انتهائي خبرداري سان گاڏيءَ کي موڙيو ۽ حادثي کان بچي وياسون. هاڻي ته سخت بارش سبب آبشار ته اڃان به تيز وهي رهيا آهن پر اسان کي نظر نه اچي رهيا آهن. آهستي آهستي هلندي هلندي لعل باغ سامهون پهتاسين جتي روڊ مٿي هيو ۽ سامهون سيوهڻ شهر هيو، سيوهڻ پهچي هڪ ٻئي ڏي گهوري رهيا هئاسين ۽ هڪ پمپ تي بيهي لڪيءَ طرف نهاري رهيا هئاسين. هي منظر هي سفر زندگي ڀر ياد رهندو ڪاش ان وقت ڪامووي ڪئميرا هجي ها. ته سموري دنيا کي لڪي تي وهندڙ سوين آبشارن جو پتو پئجي سگهي ها. مون چيو سائين لعل بچايو نه ته وڃون ها مري. اشتياق کلي ڏنو. قاسم آباد سحرش نگر وٽان سنڌوءَ جو کاٻو بند ٽٽڻ واري خطري سبب ڪيئي خاندان قاسم آباد حسين آباد لطيف آباد، حيدرآباد ۽ ٻين هنڌن تان امڪاني خطري سبب گهر خالي ڪري ويا هيا. اشتياق انصاري به ڪي چار ڏينهن اڳ پنهنجا ٻار وٺي پنهنجي ڀاءُ اسحاق انصاري ڏي هليو ويو ۽ فيملي اتي ڪراچي ڇڏي اڄ صبح اتان دادوءَ لاءِ روانو ٿيو آهي جتي سندس پوسٽنگ آهي. آءُ به ڪجهه ڏينهن موڪل تي دادو گهر پيو وڃان رات ئي اشتياق سان ڄامشورو ۾ سنڌالاجي ۾ ملڻ جو پروگرام ٺاهيو هو. صبح جو مان فيلڊ مان روانو ٿي ڄامشورو ڦاٽڪ پهتس ته اشتياق فون ڪئي ته هو سنڌ الاجي ۾ منهنجو انتظار ڪري رهيو آهي. گڏجي دادوءَ لاءِ روانا ٿياسين. ڇا ته دردناڪ منظر هيا سنڌ الاجي کان وٺي ڄامشورو پاور هائوس جي گيٽ تائين هزارين متاثرين روڊ جي ٻنهي پاسن انهي ٻن ڪلوميٽرن جي ٽڪري ۾ بي يارومددگار ويٺل نظر آيا معصوم ابهم ٻارڙا ڪي ته واقعي نوان ڄاول ڄامشوري جي پٿريلي زمين تي ليٿڙيون پائي رهيا هئا يا کرڙيون هڻي رهيا هئا نه پاڻي نه کير نه دوا نه ڪو اوهي نه واهي نه سامان نه سڙو نه ڏوڪڙ نه پئسو نه ڪپڙو نه لٽو، نه ڇت نه ڇپر يا الله هي ڇا؟ هيڏو ڪيس ۽ ڪلور آخر ڪهڙو هنن جو ڏوهه؟ سامهون ڄامشوري سوسائٽي ڏي نظر ڦيرايم هزارين گهر پر سڀ بي خبر ۽ لاتعلق ڪالهه ئي سوسائٽي ڀرسان ٽول پلازه ويجهو هڪ نوجوان بک وگهي مري ويو اڄ هنن وٽ ڪير به نه ٿو اچي ڪيڏانهن ويا سنڌ جا جوڌا هوشو‏ هيمو، دولهه درياهه خان، جيڪي هر قومي ڪم ۾ اڳڀرا هوندا هئا. شاگرد نڪري پوندا هئا پر اڄ ڪير به ويجهو نه ٿو اچي هي ڇا ٿي ويو آهي سنڌي سوسائٽي کي. ايل ايم سي ۾ ڪيترا ڊاڪٽر ڪيترا وارڊ آهن ڪيتريون دوائون آهن پر هنن لاءِ ڪجهه به نه آهي. ڪير آهي صحت جو وزير؟ ڪير آهي سنڌ جو وزيراعليٰ ۽ هي متاثرين ڪير آهن؟ ڄامشورو پاور هائوس ڀرسان ڪي جهوپڙيون نظر اچن ٿيون جيڪو تازو ئي ڪن متاثرين اتي موجود ديوين کي ڪٽي ٺاهيون آهن جيڪي قديم غارن واري دور جي جهلڪ پيش ڪن ٿيون. هي ته شهر آهي ويجهو حيدرآباد آهي ڪراچي آهي، ايل ايم سي آهي سنڌ يونيورسٽي ۽ مهراڻ يونيورسٽيون آهن هتي اهي منظر، مايوس ئي ڪن ٿا.
    سنڌي صنعتڪار جبار ميمڻ چوي پيو ته فورن چونڊيل نمائنده پنهنجا فنڊ ٻوڏ متاثرين کي ڏين. هن چيو ته پيپلز ورڪس پروگرام جا پئسا به ملندا آهن سي به اربين رپيا ٻوڏ متاثرين کي ڏنا وڃن. صوبو پنهنجا پئسا وفاق کان وٺي جيڪي مختلف مد ۾ ان ڏي رهيل آهن سي به ٻوڏ متاثرين تي خرچ ڪيا وڃن. هن ٻڌايو ته سنڌ م 35 ارب رپيا فقط لائيو اسٽاڪ جو نقصان ٿيو آهي.
    بئريسٽر ضمير گهمرو چوي ٿو ته 25/20 سيڪڙو سنڌي مڊل ڪلاس اڳتي اچي. هن ٻڌايو ته انڊس رائٽ بئنڪ تي ڪشمور کان ڪيٽي تائين هڪ ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ متاثرين جون فوري ضرورتون پوريون ڪيون وڃن.
    جبار ميمڻ وڌيڪ چوي ٿو ته سنڌ سرڪار قرض وٺي 20 هزار سوزوڪيون خريد ڪري روزگار واسطي ٻوڏ متاثرين ۾ آسان قسطن تي ورهايون وڃن. اسٽيل مل کان سنڌ حڪومت پنهنجي زمين واپس وٺي متاثرين ۾ ورهائي يا اسٽيل مل جي سهڪار سان متاثرين لاءِ هفتي جي ٽريننگ جو پروگرام شروع ڪري جنهن ۾ ويلڊنگ سيکارڻ کان وٺي ٻيا هنر شامل هجن ته جيئن متاثرين پنهنجو روزگار پاڻ ڪري سگهن. ڪي ٻه لک ماڻهو تيار ڪجن ته جيئن اهي پنهنجو روزگار پاڻ ڳولي سگهن. هن چيو ته هينئر نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ ڪٿي به نظر نه ٿي اچي.
    اڪثر متاثرين اهو ٻڌائي رهيا آهن 6/5 ڏينهن کان هت اسان وٽ ڪير به نه آيو فقط اوهان صحافي ئي آيا آهيو.
    • اڄ لاڙ ٻڏي رهيو آهي. هي اهي ماڻهو پيا ٻڏن جن سان آءٌ ساندهه ڪي چار سال گڏ رهيس انهن کي پرکيم ۽ انهن جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيس. ٽنڊي محمد خان، ملاڪاتيار، سعيد پور ٽڪر، ماتلي، شاه ڪريم بلڙي، بٺورو، جهوڪ شريف، جاتي، سجاول، چوهڙ جمالي، ٺٽو، کور واهه، گولاڙچي، ٻارڻ ۽ بدين. انهن سڀني علائقن ۾ سخت سردين ۽ ڪاڙهن ۾ آءٌ ساڻن گڏ رهيس ۽ سموري علائقي ۾ پنهنجي نوڪريءَ جي حوالي سان ذميواريون نڀائيندو رهيس. هي سڄو علائقو منهنجي آپريشنل ايريا جو حصو رهيو آهي. سادا ماڻهو آهن، پرکين وقت جي وير ڌڪي (بلڪه کين سادگيءَ) پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. سندن زمينن جا مالڪ اڄ ٻيا آهن ۽ هي هزارين ساده لاڙي انهن وٽ نوڪر ۽ غلام بڻجي ويا آهن.


    هي ڳالھ آهي زماني جي تنهنجي نه!

    سنڌ ۽ پاڪستان ۾ چونڊن جو پنهنجو هڪ الڳ جهان آهي. سنڌ ۾ چونڊن کان اڳ رئيس مير، پير، وڏيرا (شهري توڙي ٻهراڙيءَ جا) ڪي ڇهه مهينا اڳ تياريون شروع ڪري ڏيندا آهن. ڪي 1000 کان وڌيڪ ڪردار ڏينهن رات هڪ ڀوتار کي کٽرائڻ لاءِ پنهنجا سڀ ڪم، گهر، زمينون، ٻار، ٻچا، ڇڏي پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. ڪي ووٽر لسٽن جي هيرا ڦيري ۾ ته ڪي ماڻهن کي ڌمڪائڻ، ڪي لالچون ڏيڻ، ڪي ڌڙابندي ڪرڻ، ڪي خلق خداجي ٻڌڇوڙ ڪرائڻ، ڪي خودساخته چوري، اغوا ۽ قتل جون وارداتون ڪرائڻ، ڪي تڪ جي سکين ستابن ماڻهن ۽ اقليتن کان زبردستي رقم وٺڻ يا ڀتا خوري واري ڪم ۾ جنبي ويندا آهن ۽ ڀوتار پاڻ اليڪشن جا خرچ برداشت ڪرڻ لاءِ بئنڪن کان قرض وٺڻ، علائقي جي اقليتن کان وياج کڻڻ ڪنهن کي اليڪشن کٽڻ کان پوءِ نوڪري، پرمٽ، پلاٽ، زمين، ٺيڪا ۽ ٻيون سهولتون ڏيڻ جا وچن واعدا ۽ اقرار ڪري اليڪشن ۾ خرچ ايندڙ گهربل رقم به حاصل ڪريو وڃن. اهڙي طرح ڪي ڇهه مهينا سڄي سنڌ ۽ ملڪ اهو تماشو پنهنجين اکين سان ڏسندي رهندي آهي. اليڪشن ورڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪي هزار کان وڌيڪ ڪردار ۽ ”واٺا“ ۽ وري انهن جي به واٺن لاءِ ماني، پاڻي، گاڏي ۽ جيب (کيسي) خرچي جو پڻ ڀوتار جوڳو بندوبست ڪندو آهي. اليڪشن ويجهي اچڻ تائين سوين بسن جي لاءِ اڳواٽ ائڊوانس ڏيئي ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي بڪ ڪرائي ڇڏبو آهي، تڪ ۾ ڪي سئو کن ڪئمپون لڳي وينديون آهن جن ۾ ڪرسيون، ٽيبلون، پوسٽر لائوڊ اسپيڪر رکيا ۽ لڳايا ويندا آهن. پوءِ شروع ٿيندي آهي. جئي جئي، جيڪو فلاڻي جو يار آ غدار آ، غدار آ، جيئي سائين قاضي الله راضي، ڏسندي ڏسندي سڄو ملڪ اليڪشن مهم حوالي ٿيو وڃي ۽ پوءِ اليڪشن وارو ڏينهن به اچي وڃي. هڪڙا ڪامياب ته ٻيا ناڪام، ڪرندڙ اميدوار جا ته ڪي هڪ ڪروڙ کان 5 ڪروڙ ته ان جوا جي نظر ٿي ويندا آهن. پر هن ڀيري سنڌ م محترمه جي شهادت کان پوءِ چونڊجي آيل حڪمران ڌر جي ميمبرن کي اهڙيون ڏکيائون ڏسڻيون نه پيون ۽ سندن جا ڪروڙين رپيا بچي ويا ۽ مفت ۾ ميمبر ٿي ويا. اليڪشن وڙهڻ مهل ته نه سندن حڪومت هوندي آهي ۽ نه ڪي ٻيون سهولتون پر ان جي باوجود به هو هي هيڏو وڏو شو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا آهن ۽ سوين هزارين ماڻهو هٿ ڪري وٺندا آهن. پر هن ڀيري ٽوڙي جي ٽٽڻ کان پوءِ انهن ڀوتارن کي ڪهڙي نانگ سنگهيو يا ڪنهن روڪيو؟ آمريڪا، وفاقي سرڪار، ايم ڪيو ايم، پ پ پ حڪومت يا دنيا ۾ موجود ڪنهن وڏي پير، مرشد ۽ وليءَ؟ جواب آهي ته کين ڪنهن به نه روڪيو. ووٽر بيوقوف ۽ نمائنده واقعي چالاڪ هوندا آهن اهو ئي سبب آهي جو هزارين ماڻهو کين ووٽ ڏين ۽ چونڊجي هڪڙو اچي. ڇا اهو ڪو معمولي ڪردار ٿي سگهي ٿو؟ جواب آهي ته اهو شخص واقعي غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ٿي سگهي ٿو جيڪو پنهنجي تڪ جي لکين ماڻهن جي منهن ۾ ڌوڙ ۽ اکين ۾ مرچ وجهي يا پٽيون ٻڌي يا ٽوڻا، ڦيڻا، سڳا ڪري کانئن اڳتي نڪري وڃي ٿو ۽ پوءِ ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ ۽ ان جو نتيجو ۽ ثبوت اوهان ٽوڙي ٽٽڻ کان پوءِ ڏٺو، ڏسي رهيا آهيو ۽ ڏسندا ئي رهندا. شهري وڏيرا ته پنهنجن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪندا آهن، پر اسان جي رورل وڏيرن ڇا ڪيو؟ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر -شهدادڪوٽ، دادو، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، ٺٽو، مٽياري، نوابشاهه، نوشهروفيروز، خيرپور سکر، گهوٽڪي ۽ ٻين ضلعن ۾ اسان ڇا ڏٺو؟ سنڌ واسيو اهي منظر نه وسارجو ۽ پنهنجن ئي چونڊيل نمائندن پاران مصيبت کان اڳ مصيبت وقت ۽ مصيبت کان پوءِ ڪا واهر نه ڪرڻ واري دانهن ٻيو ڪنهن کي نه ته خدا کي ضرور ڏجو!
    هي منهن ڏيئي ٻن تون وهه کائي نه مرين
    توسين ملير ڄايون ڪڏهن سنڱ نه ڪن
    تون ڪيئن منجهان تن، پاڻ ڪوٺائين مارئي.

    (شاهه)


    دادوءَ ۾ دنگل

    ٽوڙي کان هلندڙ پاڻيءَ ڪشمور، شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر- شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ۾ لکين ماڻهن سان ڪيترائي کيڏ کيڏي دادوءَ ۾ اچي آخري دنگل شروع ڪيو آهي. ٽوڙيءَ مان ته پاڻي مذڪوره ڄاڻايل ضلعا ٻوڙيندو اڳتي هلندو رهيو پر هاڻي دادوءَ ۾ کيس درياهه ۽ منڇر ۾ چاڙهه سبب کيس ڪو به گس نه آهي ۽ سمورو ضلعو ان پاڻيءَ آڏو هڪ ڊيم مثل آهي جنهن جي اولهه ۾ کير ٿر جو فطري بند، اوڀر ۾ ايف پي بند ۽ ايم اين وي ڊي ڏکڻ ۾ ايف پي بند جو ڪجهه حصو ۽ منڇر ڪيٽنگ بند ۽ سنڌوءَ جو ساڄو بند آهي فقط هڪ پاسو اُتريون کليل آهي جنهن ذريعي هن ڊيم ۾ موتمار پاڻيءَ مسلسل داخل ٿي رهيو آهي ۽ کيس ٻاهر نڪرڻ جو ڪو به رستو نه آهي. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪي باخبر ماڻهو ته ڪافي ڏينهن اڳ سموري ضلعي مان لکن جي تعداد ۾ لڏ پلاڻ ڪري حيدرآباد ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين محفوظ علائقن ڏانهن روانا ٿي ويا آهن. هن دنگل جو اختتام ڪٿي ٿيندو تنهن بابت سوچڻ سان ئي لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. جي درياهه جي پاڻيءَ منڇر کي پاڻ ۾ ملڻ جي اجازت ڏني ته ٺيڪ! نه ته کير ٿر کان وٺي سنڌوءَ جي ساڄي بند تائين هيءَ ضلعو هن موتمار پاڻيءَ ۾ چيڀاٽجي هڪ وڏي سانحي جو شڪار ٿي سگهي ٿو.
    • دادوءَ جي حدن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان پوءِ جا منظر
    دادو جو هي روڊ تي ڇنڊڻ ايم اين وي ڊي پل تان ٽوڙي وارو پاڻي دادو جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ الهندي ناري ذريعي منڇر ۾ وهي رهيو آهي. اهو منظر ڏسڻ لاءِ دادو جوهي کان سوين ماڻهو ڇنڊڻ پل تي گڏ ٿيا آهن. لڏ پلاڻ شروع ٿي ويئي آهي. دادو مان بسن، ٽرڪن، ٽرالين ۽ ٻين گاڏين ذريعي ماڻهو جو هي طرف وڃي رهيا آهن. هو ٻڌائن ٿا ته اسين ڪاڇي ۽ کير ٿر ٿا وڃون. اهڙن هنڌن تي جت پاڻي جي پهچ نه هجي. ٻئي پاسي جو هي مان ايندڙ ڪي گاڏيون دادوءَ طرف روانيو آهن.
    جوهي شهر ۾
    اڄ منجهند جو مختيارڪار جوهي پاران شهر ۾ لائوڊ اسپيڪر ذريعي شهرين کي 24 ڪلاڪن ۾ شهر خالي ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي. شهر مان وڏي پئماني افراتفري ۽ خوف واري ماحول ۾ لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ ٿي رهي آهي. آءٌ جڏهن جوهي شهر ٻاهران اولهه ۾ جوهي واهي کي ملائيندڙ رستي ۾ ايف پي بند تي پل وٽ بيهي لڏ پلاڻ ۽ ڀاڄ جا اهي منظر ڏسي رهيو هوس ته سخت صدمو رسيو ته ماڻهو پنهنجن گهرن جون ڇتيون پٽي سمورو سامان ساڻ ڪري واهي روڊ سان کيرٿر جي ويجهو وارن ڳوٺن ۽ علائقن ۾ وڃي رهيا هئا. ائين لڳي رهيو هو جو ڄڻ اسين پٿر جي دور مان جيڪو سفر شروع ڪيو ۽ 5000 سال اڳ موهن تهذيب جا وارث بڻياسون ۽ ان بعد 5000 سال هن ئي ڏکايل ماٿريءَ ۾ گذاريا هاڻي وري ٻيهر اسين پٿر جي دور يا جبلن ۾ وڃي رهيا آهيون. هي ڇا؟ هن جو ذميوار ڪير؟ خدا يا اسان جا پنهنجا چونڊيل نمائنده، ماهر يا ٻي ڪا مخلوق؟
    جوهي ڀان روڊ تي ڪمال خان موري وٽ
    جوهي کان ڪمال خان موري تائين لڏ پلاڻ جا اهي ساڳيا منظر. هڪڙا جوهي مان ڀان رستي سامان کڻي گاڏين تي ڀان روڊ تي وڃي رهيا هيا ته ٻيا وري جوهي روڊ تان جوهي شهر طرف اچي رهيا هيا ۽ اتان ڪاڇي طرف. ڪا به سرڪاري واهر يا مدد نظر نه پئي اچي. ڪمال خان موري ويجهو ڏکڻ ۾ ايم اين وي ڊي ڊرين کي اولهه ۾ جوهي طرف ٻه وڏا گهارا لڳي چڪا هيا. ٿورو دير اڳ ۽ هينئر اسين اهي گهارا ايم اين وي ڊي جي ساڄي بند تان ڳوٺ صالح جمالي ۽ ڇپر جمالي وٽان ڏسي رهيا آهيون. ايم اين وي ڊي جو پاڻي بجاءِ منڇر ۾ وڃڻ جي ٻنهي گهارن ذريعي تيزيءَ سان جوهي طرف وهي رهيو آهي. جوهي لاءِ خطرو نظر اچي رهيو آهي. ڪير گهارن کي ٻڌندو؟
    • سنڌ ٽي وي تي وزيراعظم گيلاني ٻڌائي پيو ته عالمي اداره سڌيءَ ريت پاڪستان کي امداد نه ڏيندا، اها پنهنجي اين جي اوز جي معرفت ڏيندا جيڪي اڌ کائيندا ۽ اڌ ورهائيندا. وزيراعظم سچ چيو يا ڪوڙ سو وقت ٻڌائيندو.
    • ٺٽي ضلعي جي هڪ ڪئمپ ۾ عورت ٻڌائي ٿي ته ”ڪا شيءِ نه بچي سڀ درياهه کڻي ويو. اڳ ابا چار ٻوڏون ڏٺم اهي خطرناڪ نه هيون هاڻي ته اسان کي درياهه ڪڍي ٻاهر ڪري ڇڏيو.
    • ڪئمپن ۾ سنڌ اندر ماڻهن کي مرندي ميڊيا ڏيکاري رهي آهي.
    ڪيڏانهن ويا سنڌي ڊاڪٽر ۽ انهن وٽ رکيل وڏي تعداد ۾ سيمپل، هي ته سڀ متاثرين سندن مريض آهن جي بچيا ته سندن روزگار رهندو جي مئا ته پوءِ کين ڪير فيس ڏيندو جنهن مان محل ماڙيون ٺاهيندا. ڇا اهي مسيحا نه آهن؟ جي هجن ها ته پوءِ پنهنجي ڀرسان روڊ رستي پاڙي ڳوٺ شهر ۾ خلق خدا کي ائين تڙپندي مرندي نه ڇڏين ها.
    سنڌ جو صحت کاتو ڪنهن جي ماتحت آهي؟ ڪير ان جو وزير آهي؟ ڇاپيو ڪري؟ ڪنهن جي حڪم ۽ اشاري تي پيو هلي؟ ڇو نه ٿو ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري؟ ڇو وڏو وزير خاموش آهي صحت جي وزير آڏو؟ هزارين بلڪه لکين متاثرين مريضن کي ڇو نه ٿو ڄامشورو ايل ايم يو شفٽ ڪيو وڃي؟ ڇو ڪجهه وارڊ سندن لاءِ مخصوص نه پيا ڪيا وڃن؟ ڇو کين ائين ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڪير ڏيندو؟ شايد وقت ٻڌائيندو ته اتحاد ۽ سياسي مفاهمت جي نالي ۾ متاثرين سان ڪهڙا ڪلور ٿيا. ڪاش سگا سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي متحرڪ هجي ها ته به ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺي ها. ڪيڏانهن ڊاڪٽر سليمان شيخ ويو. عبدالستار ايڌي ڪٿي آهي.؟ آغا خان جون اسپتالون ڇاپيون ڪن؟ هي وڏو سانحو آهي سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انسانيت جي ناتي ئي.
    • ڪئمپن ۾ لکين ماڻهو پهچي چڪا آهن ۽ ڪرب واري زندگي گهاري رهيا آهن. سڄي سنڌ سڪتي ۾ آهي سڀ نفسياتي ۽ ذهني مريض پيا نظر اچن جيڪي متاثر ٿيا اهي ۽ جيڪي ڪجهه بچيا سي به. ها ڪي چند آهن سنڌ م ڪي متاثرين ۽ ٻيا جن پنهنجو حوصلو قائم رکيو آهي ۽ حالتن جو مڙس ٿي مقابلو ڪري رهيا آهن. ميڊيا جو هڪ مخصوص ۽ روايتي ٽولو، ڪجهه انسان دشمن سياستدان، ۽ ليڊر جيڪي هن ڏکي مهل تي به متاثرين کي طعنا ۽ مهڻا ڏين ٿا ۽ انسانيت بجاءِ ٻولي، گروهن، قبيلن، قومن، ذاتين ۽ علائقن ۾ ورهائين ٿا ۽ انهن جي بحالي ۾ سياست ۽ مذهب جي نالي ۾ رڪاوٽ وجهن ٿا. ڇا اهي چرين ، پاڳلن، ذهني ۽ نفسياتي مريضن کان گهٽ آهن؟ شايد سڀني کان وڏا متاثرين هجن جن کي قدرت ۽ فطرت انڌو ۽ پاڳل بڻائي ڇڏيو آهي. ها اهي مخصوص ميڊيا ئي گروپ، سياستدان ۽ مذهبي ملا هڪ ئي ڳالهه هئا، آهن ۽ رهندا.
    هئا اڳي ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

    (شاهه)
    • هڪ ڪروڙ کان مٿي متاثر ٿيندڙ هن خلق خدا جي لکين ٻارن جي مستقبل ۽ تعليم جو ڇا ٿيندو آهي؟ ڪو سوچي. اسڪول ته ڊهي ويا ۽ ٻار ڪئمپن حوالي آهن ڪير سندن تعليم جاري رکڻ ۾ مدد ڪري يا منصوبابندي ڪري. ڏسون ڪير ٿو ڪري.
    • خدا جي گهر مسجدن مان لائوڊ اسپيڪرن تي ملن جي ڌم لڳل آهي ته متاثرين تي خدا جو قهر ۽ ڏمر نازل ٿيو آهي. نماز نه پڙهندا هئا، روزا نه رکندا هئا، زڪوات نه ڏيندا هئا. حج نه ڪندا هئا وغيره وغيره. هن ڏکي ۽ مصيبت واري گهڙيءَ ۾ بجاءِ متاثرين جي لاءِ امداد ڪٺو ڪرڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ جي اهي دشمن جا ماڻهو يا ايجنٽ بڻجي اهڙي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن سو به مفت ۾. هي ٻوڏ انهن کي به لوڙهي ۽ ناس ڪري ويندي. اهي ملا هيا جن هن سرزمين تي ڪشميرين، بوسنيا وارن، فلسطينين ۽ افغانين لاءِ کلون ۽ چندا گڏ ڪيا پوءِ اڄ انهن کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ۽ سچ پچ هن ٻوڏ ۾ متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهو سڀني کان پنهنجا حساب ڪتاب چڪتو ڪندا. ڊڄو ان ڏينهن کان.
    • الطاف لنڊن مان ويهي چوي پيو ته وڏيرن جي گهرن ۽ محلن تي قبضا ڪريو ته جيئن هڪ سول وار سنڌ ۾ ٿئي سو به ڪراچيءَ کانسواءِ باقي سنڌ ۾ جنم وٺي ۽ متاثرين وڌيڪ اهنجن ۾ هليا وڃن. جيڪا ساهه جي تند بچيل اٿن سا به جلد ٽٽي پوي. دنيا ۾ اهڙو ڪو مثال ملي ٿو ته ڪو ليڊر هن مصيبت واري گهڙيءَ ۾ بجاءِ متاثرين جي مدد ۽ بحاليءَ جي خانه جنگي واريون ڳالهيون ڪري؟ ڇا وڏيرا شهري نه ٿيندا آهن ڇا دهستگردن وٽ محل ۽ ماڙيون ۽ خزانه نه آهن؟ انهن جو ذڪر پوءِ ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ هي چالاڪي هرڪو سمجهي ٿو. ڪن مخصوص ڌرين پاران واويلا ڪئي پئي وڃي ان آڙ ۾ ته سموري سنڌ مان پنهنجي ئي گاديءَ واري شهر ۾ ايندڙ متاثرين کي روڪيو وڃي ڇو ته انهن جي اچڻ سان ڪراچيءَ جو ماحول خراب ٿيندو ۽ ڏوهه وڌندو. هڪ مخصوص ميڊيائي گروپ انهن جي سُر ۾ سرملائي رهيو آهي. اهڙي گندي سوچ رکندڙ لاءِ عرض آهي ته هي متاثر ٿيندڙ مخلوق ۽ ان ۾ شامل ڪجهه ماڻهو واقع ڊاڪو يا ڌاڙيل ۽ چور ٿي سگهن ٿا پر ايڏا خطرناڪ نه جهڙا ڪراچيءَ شهر ۾ هزارن جي تعداد ۾ اڳي موجود آهن جيڪي جيئري ماڻهوءَ جي کل لاهي کيس ٻورين ۾ بند ڪري لاش گهٽين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيندا آهن. هي ته فقط پروپيگنڊا آهي ته جيئن هن ڌرتيءَ جا اصل وارن پنهنجي ئي وڃايل شهر ۾ نه وڃن ڇو ته قبضا گير هميشه اصل مالڪ کان خوفزده هوندو آهي. باقي ٻيا ڀلي هزارين اچن. اهو سموري دنيا ۾ هڪ طئه ٿيل اصول آهي ۽ قبضا گيرن جو خوف ته متان مالڪ پنهنجو حق گهري يا ڇني نه وٺي.
    • هي ان سانحي جيترو ئي وڏو سانحو آهي جيڪو ٻوڏ متاثرين سان ٿيو آهي. ته پاڪستان ۾ 20 کان وڌيڪ مذهبي چئنل ڪيبل تي هلي رهيا آهن پر افسوس جو اڃان تائين ڪنهن هڪ چئنل تائين به اها سُڌ نه پئي آهي ته ڪي هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ڏک ۽ تڪليف ۾ آهن. ڇا مذهب انسان لاءِ نه هوندو آهي يا هي چئنل ماڻهن جي لاءِ نه آهن. انهن مذهبي چئنلن جي اڻ ڄاڻائي تي سواءِ کل جي ٻيو ڇا ٿو چئي سگهجي؟
    • 1947ع ۾ لکن جي تعداد ۾ هندستان مان پناهگير سنڌ پهتا ته سنڌ واسين نه فقط انهن کي کارايو، آڌر ڀاءُ ڪيو، پنهنجا گهر، بنگلا، محل ماڙيون، زمينون، نوڪريون ۽ شهر حوالي ڪيا پر انهن جا ناجائز انگل به برداشت ڪيا، ٿيڻ ته ائين گهر جي ها ته هو سنڌين تي آيل هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ موٽ ۾ متاثرين جي سڀ کان وڌيڪ مدد ۽ سهائتا ڪن ها پر افسوس جو ان جي الٽ ٿيو يعني کين طعنه مهڻا، ڪراچي اچڻ کان روڪڻ کين بيمار، ڌاڙيل ۽ ڌاريا سمجهيو ويو ۽ کين ڌڪاريو ويو. ڪئمپن ۾ پاڻي بند ڪيو ويو. مئلن کي غسل لاءِ پاڻي نه پيو ملي عيد موقعي تي ماڻهن کي وهنجڻ لاءِ پاڻي نه پيو ملي. ڇا هي سنڌين کي مهمانوازيءَ جي تاريخ وڏي سزا ڏني آهي ڇا؟
    حيدرآباد تعلقي جي ٻهراڙيءَ مولان ۾ قائم هڪ ڪئمپ ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر عورت مائي بيگم ٻڌائي ٿي ته دڙي مان پيرين پنڌ اگهاڙي مٿي ڀڳاسين اسان کي پاڻي پڳو پوءِ وٺي ڀڳاسين. چئي ٿي ته اسين هت بيوس ٿي پهتا آهيون ڪو شوق سان ڪو نه آيا آهيون. انسانيت جي دشمنن لاءِ مائي بيگم جو اهو جملو ئي ڪافي آهي جيڪي ٻوڏ متاثرين جي امداد، بحالي ۽ آبادڪاريءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن.
    • قاضي علي به اڄ ڪراچي جي هڪ ڪئمپ ۾ ٻارن ۾ رانديڪا ورهايا. ڪي ٽي اين تي ان جا فوٽيج هلي رهيا آهن. حيدرآباد جي هڪ ڪئمپ ۾ سحر رضويءَ سان گڏ ڪراچيءَ مان آيل هڪ نينگريءَ به کوڙ سارا رانديڪا ورهايا. ڪيڏا نه ٻار خوش نظر اچي رهيا هئا انهن ٻنهي ڪئمپن ۾. ڀلا کن پل لاءِ ئي خوشي ته کين ملي.
    • قيصر بنگالي ڪي ٽي اين تي ٻڌائي پيو ته ٽوڙي وارو ايندڙ پاڻي دادوءَ ۾ داخل ٿيندو پر اهو دادو شهر ۾ داخل نه ٿيندو. وري هو چوي ٿو ته جيڪڏهن درياهه جي ليول جلد گهٽ نه ٿي ۽ منڇر ان ۾ ڇوڙ نه ڪيو ته پوءِ خطرا وڌي سگهن ٿا. عجيب منجهيل بيان آهي. هاڻي ماڻهو ڇا سمجهن اهڙي ڏکي صورتحال ۾؟
    ڪي ٽي اين نيوز الرٽ ۾ خبر بريڪ ڪئي ته ٽوڙي بند وارو گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪم شروع ٿي ويو، هي ٻوڏ متاثر علائقن جي ماڻهن لاءِ آٿت واري خبر آهي.
    • قاضي علي ڪي ٽي اين تي چوي پيو ته سنڌ ۾ صحت کاتي ۽ اريگيشن کاتي جي ڪارڪردگي مايوس ڪندڙ آهي. هاڻي جي 100 کان وڌيڪ ٻارڙا گيسٽرو ۾ مرن ٿا ۽ سنڌ صحت کاتو چوي ته اسان ڪوششون نه وٺون ها ته 1000 مرن ها ۽ ٽوڙي جي گهاري ۽ ٺٽي ۾ لڳل گهارن سبب جيڪا تباهي ٿي آهي تنهن بابت آبپاشي کاتو جي چوي ته اسان ڪوششون نه ڪيون ها ته 100 کان وڌيڪ گهارا لڳن ها. هاڻي ڪير هنن سان مقابلو ڪري. سنڌ کي درياهه ڪو نه ٻوڙيو آهي بلڪه ادارن جي ناقص ڪارڪردگي ٻوڙيو آهي. ڪي ٽي اين تي قاضي علي چوي پيو ته سنڌ ۾ ڪيترائي ڪردار اُڀري نروار ٿيا آهن جن بغير ڪنهن لالچ لوڀ ۽ ميڊيا ۾ اچڻ جي شوق کان بالاتر ٿي پاڻ ملهايو ۽ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. جن ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٻه نوجوان جبار ملاح ۽ جبار ڪانڌڙو به آهن جن گهارن بند ڪرڻ ۽ ڳوٺ کي بچائڻ واسطي پنهنجون جانيون قربان ڪيون آءٌ انهن کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ انهن ماڻهن کي به جن اڃان تائين پنهنجن پيارن کي بند ۾ دفن ٿيڻ کي ترجيح ڏني. ڇو ته جي انهن جا لاش ڪڍجن ٿا ته وري گهارو پئجي ڳوٺ ٻوڙي سگهي ٿو. انهن جون قربانيون نه وسارڻ جوڳيون آهن جن پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ سان وفاداري ڪندي راتيون جاڳي سنڌ بچائڻ جي ڪوشس ڪئي. هي هيرو آهن سنڌ انهن کي هزارين سالن تائين ياد ڪندي.
    • قاضي علي چوي پيو ته سڄي ٻوڏ ۾ آبپاشي کاتو ڪٿي به نظر نه آيو. ڪٽ ڏيارڻ ايريگيشن جو ڪم هيو. ڊي سي او يا ڀوتارن جو نه. ڀوتارن درياهه کي ائين ڪٽ ڏنا جيئن ڪنهن واٽر ڪورسن کي ڏاڍ جي زور تي ڏيندا آهن پنهنجون زمينون اباد ڪرڻ لاءِ ۽ غريبن جو زمينون تباهه ڪرڻ لاءِ. هي ته درياهه هو هن کي ڪٽ ڏيئي هنن سموري سنڌ ٻوڙائي ڇڏي.
    • هڪ عورت مڪلي قبرستان مان ٻڌائي پئي ته هت جيڪي به لکين ماڻهو موجود آهن سي اڌ مرڻينگ آهن. نه جيئرا آهن نه مئل آهن. جي هڪ ماڻهوءَ جي قتل جي سزا ڦاهي آهي ته پوءِ لکين ماڻهن کي ٻوڙيندڙن ۽ ماريندڙن جي ڪهڙي سزا؟ هو سوال ڪري ٿو؟
    • قاضي علي چوي پيو ته سسئي پليجو هاڻي ٿي چوي ته منهنجي سرڪار نه ٻڌي ته پوءِ وڃي ماڻهن سان عوام سان پنهنجن سان مڪليءَ تي ويهي ۽ ائين سڀ ڪشمور کان وٺي ڪن. پر يقين آهي ته ائين ڪير نه ڪندو؟ سڀ هاڻي چوندا ته نه ٻڌي وئي. ته پوءِ وڃي پنهنجن ووٽرن سان ويهن، پر هو ائين نه ڪندا. هاڻي متاثرين لاءِ چون پيا ته بي صبرا آهن. اسين پاڻ ڇا ٿا ڪيون؟ شادين ۾ اسان ته گهران به کائي ايندا آهيون يا وڃي کائينداسون پر هنن جو ته ڪو به گهر نه آهي. جيڪي ٽرڪون هو ڦرين ٿا سي آهن به ته انهن جون نه. هن چيو ته مون پنهنجي ڪي ٽي اين وارن کي چيو ته اهڙي صورتحال ۾ پري ٿي بيهن. هنن جو سامان آهي ڀلي هو ڦرين جي اسين Manage نه ٿا ڪري سگهون ته پوءِ ائين ئي ٿيندو نه. اي سي ڪمرن ۾ ويهي ڊي سي او منظم هئڻ جا درس ڏيئي رهيا آهن. سا شرم جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته ٺٽي جي ماڻهن کي ڪراچيءَ جي ڪئمپن جي ايڊريس ڏني وڃي ته هو اوڏانهن وڃن.
    • حيدرآباد جون اين جي اوز ڪيڏانهن ويون؟ ۽ اين جي اوز سان لاڳاپيل ڳريون شخصيتون اڄ ڪٿي آهن؟ سندن ڀرسان ئي ڄامشورو ۽ڪوٽري ۾ هزارين ماڻهو بي يارومددگار اچي پهتا آهن .ڪا ته سندن واهر ڪريو.
    • قاضي علي خدشو ڏيکاري ٿو ته جيڪي هن خراب ڪلچر ۽ تباهيءَ جا ذميوار آهن. اين جي اوز، مختيارڪار، روينيو کاتو، تپيدار ۽ ٻيا. وري به سروي جو ڪم انهن کي ڏيندا ته پوءِ سمجهبو ته وڏي تباهيءَ کان پوءِ به اسان ڪجهه نه سکيو، ته پوءِ وڏي تباهي اسان جو مقدر آهي. قاضي علي واقعي اڄڪلهه بي ڊپو ٿي ڳالهائي ٿو ۽ هن هيڏي وڏي تباهيءَ تي انتهائي ڏکارو نظر اچي ٿو ۽ هئڻ به گهرجي. هو چوي ٿو ته ڇاهي ماڻهو سڄي زندگي هنن ڪئمپن ۾ رهندا ڇا؟ جلدي ڪريو مليريا ٻين هنڌن تي کين زمين ڏيو ته هو پنهنجي لاءِ گهر اڏين، ڪالونيون ٺاهين ۽ آباد ٿين. ڇا سڄي زندگي ڪئمپن ۾ رهندا ڇا؟ ڇا هي حُر ڪئمپ آهن جن ۾ ڌرتي ڌرڻين کي انگريزن واڙيو هو. ۽ انهن جي وڃڻ بعد به هو ڪيئي سال ان ديس ۾ قيد هئا جنهن کي ٺاهڻ لاءِ هنن انگريزن خلاف ويڙهه ڪري کين ڀڄايو؟
    • ڪي ٽي اين تي ٺٽي شهر جا فوٽيج هلي رهيا آهن. بادشاهي مسجد ويجهو چوڪ تي هڪ پراڻي ماڊل جي جيب هلندي نظر اچي پئي. ويجهو ئي هڪ ڪتو گهمي رهيو آهي. بادشاهي مسجد کي فوڪس ڪيو پيو وڃي. شهر بلڪل سنسان آهي. هي منظر ڪشي اهڙي پئي محسوس ٿئي جهڙو ڪر پورچوگيز اچي هاڻي ئي شهر کي لٽي ويا هجن يا ترخانن جي ڪارروائي هجي ڪي ارغون يا ڪي مغل لشڪر، ڪي منگول اچي شهر ۾ قتل عام ڪري ويا هجن ۽ هاڻ ڪو به شهر ۾ موجود نه هجي. هي ڇا ٿيو؟ ڪير هتي آيو اوچتو؟ ڪنهن ماڻهن کي ڀڄايو؟ اهو ته وقت ۽ تاريخ ٻڌائيندي ته رات جي انڌيري ۾ کين ڪنهن ننڊ مان اٿاري ائين کين مڪلي طرف ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ڄڻ ڪو پاڻي نه بلڪه ڪو حمله آور لشڪر ڪن ساعتن ۾ شهر ۾ داخل ٿيڻ وارو هجي ۽ ماڻهو قتل عام جي خوف کان سر بچائي نڪتا هجن. ڊي سي او رات جو بي گاهه وقت شهر ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ۽ شهري وڃي مڪليءَ تي پهتا جتي بي يارو مددگار ڪئمپن ۾ سٿيل آهن ۽ سامهون سندن شهر ۽ گهر نظر اچي رهيا آهن بس ڇا لکجي وڌيڪ هن سانحي تي ۽ڊي سي او جي اعلان تي.
    • اوچتو دادو ۾ شهر بند ٿي ويو ڀاڄ پئجي وئي هي ساڍي ٽين وڳي منجهند جو ٽائيم هيو. ڪي نوجوان موٽر سائيڪلن تي منهن تي ڍڪيل ڪپڙي سان زبردستي شهر بند ڪرائي رهيا هئا. چي ڇا؟ غنويٰ ڀٽو تي لاڙڪاڻي ۾ حملو ٿيو آهي. ڇا هي صورتحال هاڻ هٿ وٺي بگاڙي پئي وڃي؟ جو هن مصيبت واري گهڙيءَ ۾ به اهڙيون حرڪتون؟
    • لنڊن ۾ پاڪستاني ٽيم جي مئچ فڪسنگ جو اسڪينڊل ڇا سامهون آيو سنڌ دشمن ميڊيا کي ڄڻ موقعو ملي ويو. ڇاجي ٻوڏ؟ ڇا جا متاثر؟ ڇاجي تباهي؟ لڳي وئي آهي مئچ فڪسنگ اسڪينڊل پويان. هي آهي قومي ميڊيا ۽ هي آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم، سڀ هڪ ٻئي سان ٻٽُ ۽ مليل آهن.
    • وزيراعليٰ ٺٽي جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو، سجاول پل ويجهو بريفنگ ورتائين سسئي پليجو به ڀرسان اداس ۽ بغير ميڪ اپ جي بيٺل نظر اچي رهي آهي. کيس ڪارو جوڙو پاتل آهي. بس ايترو لکڻ ڪافي آهي.
    • سنڌ مان بلوچستان ويل ٻوڏ متاثرين شڪايتون ڪري رهيا آهن ته سندن ڪا به سار نه پئي لڌي وڃي. هو ٻڌائين ٿا ته سندن سان فرق رکيو پيو وڃي. ڇا هي ان بيان جو ته رد عمل ناهي جيڪو ظفر الله جمالي ڪجهه ڏينهن اڳ ڏنو ته سنڌ حڪومت يا سنڌ وارن اسان کي هٿ وٺي ٻوڙايو. بحرالحال هي سٺو سنوڻ ناهي. ائين نه هئڻ گهرجي. هڪ عورت ٻڌائي پئي ته ڪوئٽا جي ڪئمپن ۾ نه پاڻي آهي نه ماني مرون ٿا بک، اُس ۾ ويٺا آهيون. تنبو به ڪو نه ٿا هڻي ڏين. ٻار مرن پيا. هي ته بلوچستان جي ڪئمپ جي صورتحال آهي جتي سنڌ جي سرحدي شهرن جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن جا رهواسي پهتا آهن. ڇا سنڌ ۾ ان کان بهتر صورتحال آهي ڪئمپن جي؟
    • وزيراعظم بار بار پيو چوي ۽ عالمي ادارن کان مدد پيو گهري ته ٽينٽ کپن. هو چوي ٿو ته منهنجي معرفت دنيا کي پيغام ڏيو ته ٽينٽ کپن، سوال آهي ته جڏهن ڪي سال اڳ اُترين علائقن مظفر آباد ۽ آزاد ڪشمير ۾ وڏو زلزلو آيو هو ته ان مان به اسان سبق نه سکيو ڇا؟ جو ٻيهر ايندڙ ڪنهن امڪاني مصيبت واسطي پلاننگ ڪيون ها ۽ ٽينٽ گڏ ڪري رکون ها. ڪٿي آهي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو کاتو.؟ ان کان ته ڪير پڇي به نه ٿو. سنڌ ۾ ته ان جو اڃان تائين ڪو وجود نظر نه پيو اچي.
    • آواز ٽي وي تي صحافي طارق لغاري ٻڌائي پيو ته دادو شهر به خاموشيءَ ۾ اڌ خالي ٿي ويو آهي. ڪي 15 ڏينهن کان وٺي ماڻهو شهر خالي ڪري رهيا آهن. هو چوي ٿو ته عيد جي موقعي تي به شهر جي مصروف چونڪ تي عام ڏينهن کان به گهٽ رش ۽ رونق آهي.
    گهرو کاتي جي وفاقي وزير رحمان ملڪ ٺٽي جو دورو ڪيو ۽ چيو ته هاڻي متاثرين کي ٽن ويلن جي ماني باقاعده ملندي. هاڻي ڏسون ته واقعي ٽي ويلها ٿي ملي يا..... ”وه وعده جو ڪيا وفا هو“
    • ڪروڙين ٻوڏ متاثرين جو نه صرف وڏو نقصان ٿيو آهي جاني ۽ مالي پر ڪئمپن ۾ هو هاڻي وڌيڪ ڀوڳي رهيا آهن. سندن زندگي ته زهر بڻجي رهجي وئي آهي. ٻار رلي ويا پر هاڻي ته هو پاڻي ۽ ماني ڳڀي لاءِ صبح کان رات تائين انتظار ڪن ٿا. نواز شريف کي عوام ”قرض اتارو ملڪ سنوارو“ ۾ اربين رپيا ڏنا. پر هينئر ڪٿي آهي نواز شريف يا ان جهڙو ڪو ليڊر جيڪو ٻوڏ متاثرين لاءِ به نعرو هڻي ته ”سيلاب متاثرين کي مدد ڪرو اور سيلاب سي بچي هوئي لوگ ان کا قرض اتارين“
    ڪي ٽي اين تي اڄ علي قاضيءَ جي چهري جي ريڊنگ، لهجي ۽ ڳالهائڻ مان لڳي ٿو ته کيس ڪي ڌريون ڌمڪائي رهيون آهن ته هو پنهنجو پروگرام بند ڪري يا متاثرين بابت سرڪاري پاليسي سان هلي. شايد ائين جيئن هڪ ٻيو سنڌي چئنل سنڌ جي نالي ۾ ڪري رهيو آهي. ان چئنل جي به ساک آهي پر هاڻي لڳي ٿو ته هو به پنهنجي ساک خراب ڪرڻ جي پويان پيل آهي. هينئر متاثرين جي حوالي سان اسڪرين تي واحد آواز علي قاضيءَ جو آهي جيڪو گهڻو ٻڌو وڃي ٿو. سو متاثرين جي بي دخلي، امداد، بحالي، تڪليفن، اهنجن، نقصانن مطلب ته هر حوالي سان ۽ هر اينگل کان ڳالهائي پيو بي ڊپو ٿي.
    • اڄ هڪ سنڌي چئنل هڪ ٻئي چئنل لاءِ کلي عام چئي رهيو آهي ته هو Panic پيا ڦهلائين. هي ڇا؟ هي ڪهڙي قسم جو پروفيشنل ساڙ آهي. اهو چئنل هڪ ٻي مشهور چئنل لاءِ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ جميل سومرو واتان به اهو ئي پيو چورائي ته Exegervation ڪن ٿا ۽ Panic ڦهلائين ٿا. افسوس جو ان چئنل جو هڪ اينڪر چوي پيو ته سرڪار ته ويچاري پاڻ مظلوم آهي ڇا ڪري ٻوڏ متاثرين ته تمام گهڻا آهن. ڇا هي پروفيشنلزم آهي. افسوس صد افسوس. هي ڪنهن جي خدمت ڪري رهيا آهن؟.
    • هن هيڏي وڏي مصيبت ۾ سنڌ جو 25 سيڪڙو رهيل مڊل ڪلاس اڳتي اچي، سنڌ جا وڏا زميندار، وڏيرا، ۽ سيٺيون اڳتي اچن. پئسي وارا شيخ، ميمڻ، هندو، ڪاٺياواڙي، بوهري، خواجه، اسماعيلي اڳتي اچن. هن مها ٻوڏ ۾ سجاول، جاتي ۽ چوهڙ جمالي ۾ اسماعيلي سنڌي به ته تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. سندن سربراهه ۽ عالمي اڳواڻ پرنس ڪريم آغا خان آهي. تنهن کي گهڻو اڳتي اچڻ گهرجي. ملڪ جي ڪنهن عالم فتويٰ جاري ڪئي ته حج ۽ عمري تي ويندڙ ماڻهو هن ڀيري جي نه وڃن ۽ اهو پئسو متاثرين کي ڏين ته ان کان وڌيڪ ڪو افضل حج ۽ عمرو ڪو نه ٿيندو. ڏسون ته ڪير ٿو ان تي عمل ڪري. هن وقت تائين ته ڪو مرد مجاهد سامهون نه آيو آهي شايد ڪو اچي يا ڪو به نه ايندو “
    اهو اسان جي مسلمانيءَ جو امتحان آهي ۽ پڻ انسان دوستيءَ جو به.
    شابس آهي ان عالم کي جنهن اهڙي فتويٰ جاري ڪئي. تاريخ کيس ياد رکندي. پر تاريخ انهن کي به ياد رکندي جن هن عالم جي فتويٰ ڏانهن ڌيان نه ڏنو. کين ڪهڙو ڏوهه ۽ ثواب منلدو. سو ته خدا ۽ بندي جي وچ ۾ معاملو آهي. اسين فقط راءِ ڏيئي سگهون ٿا. اسين وري به جس ان عالم کي ئي ڏينداسين جنهن بهادري واري فتويٰ جاري ڪئي نه ته هتي فتوائن تي هنگامه برپا ٿي ويندا آهن ۽ عالم خوف وچان فتويٰ ڏيڻ کان لنوائيندا آهن.
    • وفا برهماڻي جوهي مان ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته جوهيءَ م ٻوڏ نه ايندي جو انهي کي سمجهڻ لاءِ علائقي جي ٽوپو گرافي سمجهڻ ضروري آهي. مان دادوءَ لاءِ ته يقين سان نه ٿو چئي سگهان جو هتي فيلوئر جي ڪري 2 يا 3 فٽ پاڻي اچي سگهي ٿو پر جوهي ۾ هن طرف کان ناممڪن آهي.
    • ممتاز بخاري ٻوڏ کان پوءِ پهريون ڀيرو تاريخي ساڌ ٻيلو جي صورتحال ڏيکاري رهيو آهي. توقع کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي پاڻي سموري ساڌ ٻيلي ۾ گهڙي وڏو نقصان ڪيو آهي. ڪا به واهر نه ٿي، پارڪ تباهه، راڄ گهاٽ تباهه، ها فقط تاريخي لائبريري اوچائي يا ٿلهي تي هئڻ سبب بچي وئي جيڪو خوشيءَ جي ڳالهه آهي.
    • ڪنهن ڪئمپ ۾ موجود هڪ عورت روئي ٻڌائي رهي آهي ته ڪجهه ڪو نه ٿو ملي پيٽ ۾ ساهه ئي نه آهي. اسان کي ڪجهه ڪو نه کپي سرڪار جو. فقط پاڻي لپ ئي ڏين ته ڀلو.
    • سنڌ ٽي وي تي حر جماعت پاران اشتهار هلي رهيو آهي ته پير صاحب پاڳارو جي عقل فهم ۽ دانشمندي سبب سنڌو جي کاٻي پاسي گهارا نه لڳا ۽ لکين آبادي ٻوڏ کان بچي وئي. اشتهار ۾ ڪن شهرن ۾ ان حوالي سان پير صاحب جي مريدن پاران جلوس ۽ جلسا به ڏيکاريا پيا وڃن ۽ خوشيون ڪيون پيون وڃن. جيئي پير صاحب پاڳارو. اهڙي طرح سکر ۾ به سيد خورشيد شاهه جي حق ۾ ڪن مظاهرن ۽ ريلين جو خبرون شايع ٿيون ته شاهه صاحب علي واهڻ کي ڪٽ ڏيڻ کان بچائي ورتو ۽ لکين ماڻهن کي عذاب ۽ مصيبت مان نجات ڏياريو. جيئي سيد خورشيد شاهه.
    اڄ گهر ۾ ننڍڙي ابير جو جذبو ڏسڻ وٽان هيو، ٽي وي اسڪرين تي ٻوڏ سٽيلن جا مسلسل اهنج ۽ آهون ڏسي ۽ ٻڌي پنهنجي امڙ ۽ سنڌوءَ کي چيو ته منهنجا سمورا ڪپڙا ۽ بوٽ مون کي ڏيئي ته مان وڃي متاثرين ۾ ورهايان ۽ مون کي منهنجا جهومڪ ۽ والا به ڏي ۽ پئسا به. هن واقعي سڄي گهر ۾ ڦڙڦوٽ ڪري الماڙي مان سامان ڪڍي سڀني کي نه صرف حيران ڪري ڇڏيو پر افسرده به ڪري ڇڏيو. ڇا ته ننڍڙي جو جذبو آهي ان وقت تائين سڪون سان نه ويٺي جيسين ڪجهه نه ڪجهه کڻي هلي هڪ ڪئمپ ۾ ڏيئي آئي. واهه ابير واهه ڪاش اهو جذبو انهن ۾ اچي جن کي وڏي تعداد ۾ سامان سموري دنيا مان ٻوڏ متاثرين ۾ ورهائڻ لاءِ ملي ٿو پر هو بجاءِ ان کي حقدارن ۽ وارثن حوالي ڪن پر پنهنجن گهرن ۽ گودامن ۾ لڪائي رکيو ويٺا آهن جن مان ڪيترو ته خراب به ٿي ويندو آهي. ڇا هو خدا جي خوف کان نه ٿا ڊڄن يا کين خدا جي آڏو جوابده ناهي ٿيڻو يا کين ڪا ڪهل ۽ رحم نه ٿو اچي.؟
    حسين آباد ۾ ڪوٽڙي پل ويجهو درياهه ڪناري ويٺل هڪ اقليتي سنت چوي پيو ته مان پنهنجو ڌرم نه ڇڏيندس، مندر نه ڇڏيندس، گهر نه ڇڏيندس، گهر ٻڏي وڃي ڌوڙ پائي، پر مندر ويو ته مري ويندس: مان مندر ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏيندس ڀلي ٻڏي وڃان، ڇو ته اهو منهنجو ڌرم آهي. مان گيتا روز پڙهان ٿو ان ۾ ائين لکيل آهي اسين گوشت خور نه آهيون پر هت سرڪار اسان کي جيڪا ماني ڏني آهي ان ۾ گوشت آهي تنهن ڪري پنهنجو پاڻ پچائي هت ويٺا آهيون اسان کي متاثرين ۽ انسان ته سمجهيو ئي نه ٿو وڃي. اسان جا به ڪي حق آهن پر هي ان جا انڪاري آهن.
    • ڪي ٽي اين تي مڪلي ڪئمپ بابت رپورٽ ڏيکاري پئي وڃي. سواءِ ماتم ڪرڻ جي ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي ۽ نه لکي ٿو سگهجي. اڍائي سال پورا سسئي پليجو وزير رهي آهي پر مڪليءَ کي لوڙهو به نه ڏياري سگهي.
    لکين ٻوڏ متاثرين پناهه لاءِ اچي مڪلي پهتا آهن. هاڻي سنڌ جي انهن عالمي معيار جي آثارن ۽ ورثي جو ڇا ٿيندو؟ سو وقت ئي ٻڌائيندو. اهو فقط اسان جي غلط منصوبابنديءَ سبب پيو ٿئي. سنڌ هاڻي پنهنجي ماڻهن جي جاني ۽ مالي نقصان کان پوءِ آثارن ۽ تاريخي ماڳن جو نقصان به برداشت ڪندي. سنڌي عوام وانگر سنڌ جا آثار به ننڌڻڪا ۽ لاوارثي جو شڪار آهن، مڪليءَ جي تباهيءَ تي اڳتي هلي عالمي سطح تي جيڪا سنڌ ۽ ملڪ تي ڦٽڪار ٿيندي ان جي ذميواري ڪنهن تي هوندي، آمريءَ جي آثارن تي ته مورڳو متاثرين جي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي جيڪا پڻ چوڌاري پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي وئي آهي. هي ڪهڙي منصوبابندي آهي ساڌ ٻيلي ۾ هڪ فوٽ کان مٿي پاڻي داخل ٿي ويو آهي. هن ٻوڏ ۾ سنڌ جي آثارن کي به وڏو نقصان پهتو آهي، سي رپورٽون اڃان اچڻيون آهن.
    • سنڌ ٽي وي تي مڪلي ڪئمپ ۾ موجود هڪ متاثرين ٻڌائي پيو ته اسان جي واهر ڪير ڪري؟ هت ته هينئر هرڪو پاڻ متاثرين بڻجي پيو آهي. هو روئي ٻڌائي رهيو آهي ته نه ڄاڻ ڇو امداد وٺندڙن کي هي سنڌ جي پوليس ڄاڻي ٻجهي زور سان مٿن تي لٺيون وسائي رهي آهي. هي ڀڄائڻ نه پر متاثرين کي مارڻ آهي. هي ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪري رهيا آهن؟. ڇا هي پوليس ڪنهن دشمن ملڪ جي آهي يا اسين ڪي ملڪ دشمن آهيون؟ يا هي پوليس يهودين ۽ اسرائيلن جي آهي ۽ اسين ڪي فلسطيني هجون؟ هو پوليس جي اهڙي رويي ۽ ڪردار تي ڪيئي شڪ ۽ خدشا ڏيکاري رهيو آهي.
    • ڪراچي جي هڪڙي شهري تنظيم ۽ ان جي ساٿاري نا م نهاد قومي ميڊيا متاثرين جي تڪليفن، دردن جي ڪهاڻي بيان ڪرڻ يا انهن جي امداد ۽ مدد ڪرڻ بجاءِ اهو راڳ الاپي رهي آهي ته وڏيرن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ ماڻهن کي ٻوڙايو. هي ميڊيا ۽ سنڌ سرڪار جي اتحادي تنظيم ان کان هڪ انچ اڳتي وڌڻ لاءِ تيار نه آهي. اها حقيقت آهي ته وڏيرن جو ڪردار سڄي ٻوڏ ۾ ڪو مثبت نه رهيو پر اهي پوءِ جون ڳالهيون آهن هينئر ته انهن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي ڪيس کي عالمي سطح تي پهچائڻ جو مسئلو آهي انهن جا اهنج گهٽائڻ جو مسئلو آهي آبادڪاري جو مسئلو آهي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪئمپن ۾ انهن جي علاج جو مسئلو آهي. اڃان ته ٻوڏ هلي پئي ۽ لکين ماڻهو دربدر ٿين پيا پر هنن کي اچي هيءَ مشڪري لڳي آهي. هنن کي پنهنجا شهري وڏيرا ۽ دهشتگرد ته نظر ئي نه ٿا اچن. انهن لاءِ ته ميڊيا اف به نه ٿي ڪڇي.
    • آواز ٽي وي تي 10 سالا ٻار مسڪرائيندي ٻڌائي ٿو ته ”ها روزو رکيو آهي“ ڇا سان رکيو اٿئي؟ ڪجهه سان به نه بس توڪل سان رکيو آهي. ڇا ته خود اعتمادي آهي ان ٻار جي ڳالهائڻ ۾، ڪئمپن ۾ اهڙا هزارين ٻار موجود آهن جن کي حالتن ڌڪي لاوارث ۽ ننڌڻڪو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي هو اسڪول وڃڻ بجاءِ ماني ڳڀي لاءِ آتا آهن ”هي ٻالڪ نيٺ ته وڏڙو ٿيندو ۽ ويندو توکان گوءِ کڻي“ مخالف چون پيا ته هي قوم تباهه ٿي ويندي ۽ جبلن ۾ پناهه وٺي خانه بندوش بڻجي هڪ طرف ويهي رهندي ۽ پنهنجا وڏيرا ۽ ليڊر کين هڙپ ڪري ويندا ڇو ته هنن جو ايمان ڪمزور آهي ۽ ملڪ سان ايترا سچا نه آهن جيترا اسان آهيون. ڇا ملڪ سان سچائي جو معيار اهو آهي ته مسلسل 30 سالن کان ملڪ جي هڪ وڏي شهر ۾ بغير وقفي سان قتل عام جاري رکجي؟ هزارين سالن کان آباد ماڻهن جا ڳوٺ ڊاهجن ۽ لکين ڪروڙين ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ ڪجي؟ 12 مئي جهڙا واقعا ڪجن؟ جي اهي معيار آهن ته پوءِ هو درست آهن. پررب العزت وٽ ته ڪجهه ٻيائي معيار آهن.
    • مهراڻ ٽي وي تي نويد قريشي ايف پي بند ۽ منڇر ڪنٽيننگ (ايم سي) بند تي منڇر ۽ سيوهڻ جي ٻوڏ متاثرين کان حال احوال وٺي رهيو آهي ”هو چون پيا ته ايمرجنسي ۾ 25000 هزار ڪرايو ڀري پير گاجي وڃون پيا. جي وقت تي ٻڌائن ها ته اهو ڪرايو 5000 هزار ڀرڻو پئي ها. جي هي ايم اين وي ڊي يا منڇر بند ٽٽندو ته وزير سيد مراد علي شاهه جو پنهنجو ڳوٺ واهڙ به ٻڏندو. هڪڙا چون پيا ته اسان کي ڪير جلد هتان ڪڍي. اوهان صحافي پهتا آهيو باقي ڪير به سار لهڻ نه آيو آهي. اسان کي پڪ نه آهي ته ٻار ٻچا ڪڍي سگهنداسين يا نه، منڇر ڀرجي وئي آهي باقي ٽي فٽ رهي ٿي اسان جي بدن ۾ ساهه نه آهي خدا جي واسطي اسان جي ٻچن کي ڪڍو. سيوهڻ، ڀان، بوبڪ، ٽلٽي، دادو سڀ ٻڏندا اسان ڏسون پيا پاڻي اڳي کان مختلف آهي.
    • ڊيلي ڊان جي ليڊ آهي ته:
    “Breache made to save warah at Dadu`s Cost”
    “400000 Lake People Shelter in Makli”
    • تصوير سنديلو رپورٽر سنڌ ٽي وي هاڻي گاجي کهاوڙ مان واپس ٿي هت دادو پريس ڪلب پهتو آهي. ميهڙ خيرپور به ڏسي آيو آهي، چوي پيو ته دل رت جا ڳوڙها پئي ڳاڙي. جيتري تباهي ٿي آهي سو بيان کان ٻاهر آهي. هو انتهائي ڏکايل آهي چوي ٿو ته ڪي 8 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ هڪ لک کان وڌيڪ پاڻيءَ جي گهيري ۾ آهن جن کي بروقت ڪڍڻ جي ضرورت آهي.
    • قادرمگسي چوي ٿو ته ڪجهه چئنلن الطاف جي بيان کي اهميت ڏيندي ٻوڏ جي صورتحال کي نظر انداز ڪيو آهي جيڪا بي ايماني ۽ بدديانتي آهي پنهنجي صحافتي ذميوارين جي حوالي سان. هو چوي ٿو ته سنڌين کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ڪيو وڃي.
    • ٽنڊو محمد خان ۾ بشير قريشي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته متاثرين کي فورن مصيبتن کان بچائي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو وڃي ۽ سندن پر گهور لڌي وڃي.
    • ڪراچيءَ جي هڪ شهري تنظيم، اي اين پي، جماعت اسلامي، سني تحريڪ پ پ پ ۽ ڪراچيءَ جي ٻين فلاحي ۽ سماجي تنظيمن متاثرن جي مدد واسطي ايترو نه ڪيو آهي جيترو کين ڪرڻ گهرجي ها. شابس آهي آرٽس ڪائونسل ڪراچي، چيمبرس آف ڪامرس ڪراچي، عقيل ڊيڊي ۽ ڪجهه ٻين کي جن ٿورو ڪي گهڻو متاثرين لاءِ ڪيو. ايڌي الائي ڇو نظر نه پيو اچي، ڪنهن روڪيو اٿس، يا ڪنهن مصلحت جو شڪار آهي.
    ڪي ٽي اين فوٽيج ڏيکاري رهي آهي ته ماڻهو چوهڙ جمالي ۽ جاتيءَ مان پيرين اگهاڙا پنڌ نڪري رهيا آهن. کين محفوظ رستو نه ملي رهيو آهي. هو ڏاڍا پريشان آهن ميڊيا رپورٽ ڪيو آهي ته سرڪار پاران مليل 42 بسن ۾ اثر رسوخ وارين ڌرين فقط پنهنجا ماڻهو ڪڍيا آهن. واقعي قيامت جهڙو منظر آهي انهن علائقن ۾. جيئن چوندا آهن ته هڪ پاسي باهه ۽ ٻئي پاسي پاڻي. هنن لاءِ ته مصيبت آهي. هڪ طرف سنڌو جو پاڻي ڌوڪيندو پيو اچي ۽ ساحلي علائقن جا ماڻهو لڙهي سمنڊ حوالي ٿي سگهن ٿا يا وري درياهيءَ پاڻيءَ جو مقابلو ڪري نڪري اچن. بس ميدان ڪارزار آهي. هزارين ماڻهو پناهه جي تلاش ۾ ڊوڙي رهيا آهن. هن ڀاڄ ۾ ڇا هزارين ماڻهو هڪ ٻئي کان الڳ ٿي ويندا.
    • ڇا هن مها ٻوڏ سبب سنڌي ٻولي ۽ ثقافت کي به خطرو پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي؟ ڇا سنڌ جو ڳوٺاڻو ڪلچر تبديل ٿي ويندو؟ لکين ٻار هاڻي سنڌي بجاءِ ڪا ٻي تعليم حاصل ڪندا؟ ڇا ٿيندو آخرڪار؟ ڇا واقعي سنڌو اسان کي پوئتي وٺي ويو آهي؟ يا اسان کي هن وقت تي جاڳايو آهي؟ ڌونڌاڙيو آهي. پنهنجن ۽ پراون سڀني کي ننگو ڪري، اسان جي سامهون بيهاريو آهي. ماڻهن جي منهن تي چڙهيل منافقت جا پردا لاهي ڇڏيا آهن، ڇا سنڌوءَ اسان جا صدين جا سفر سالن يا ڏهاڙن ۾ طئه ڪرايا آهن؟ اهو وقت ٻڌائيندو.
    • ڪي ٽي اين تي منور سليم خاصخيلي چوي ٿو ته سجاول واسي واهر نه ٿيڻ جي شڪايت ڪري رهيا آهن. هنن کان پڇيو ويو ته ڇا ڊي سي او منظور شيخ ڪا مدد نه ٿو ڪري ڇا؟ وراڻيءَ ۾ هنن ڏکاري انداز ۾ چيو ته ان ئي ته اسان کي تباهه ڪيو ۽ ان ئي ته اسان کي ٻوڙايو.
    ڪي ٽي اين تي خيرپور ناٿن شاهه جي متاثرين سان رپورٽر مختيار چانڊيو حال احوال ڪري رهيو آهي. ”منهنجا جانب منهنجا پنهل اسان ڏي ڪير به نه آيو آهي. روزگار رب جي هٿ ۾ آهي الائي ڏيندو الائي نه.“
    ڪي ٽي اين نيوز پروگرام ۾ اقتصادي ماهر ڊاڪٽر شاهده چوي پئي ته هن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ڊڪٽيٽر شپ ٻئي فيل ويا آهن.
    مڪليءَ مان ڪي ٽي اين تي ناز سهتو متاثرين سان حال احوال ڪري رهيو آهي. هڪ عورت ٻڌائي ٿي ته ”اسان کي ڪنهن نه ڪڍيو، پاڻ مڙسي ڪري نڪتا آهيون. ڀت اڇليو ڏين، ڪو اسين جانور آهيون ڇا؟ ڪتي وانگر اڇلين ٿا، ماڻهو آهيون جانور نه.“ سموري مڪلي تي قبرن ويجهو مزارن اندر لکين انسان مئلن سان گڏ رهي رهيا آهن. سنڌ اهڙا منظر شايد هن کان اڳ نه ڏٺا هجن.
    مقبول پنهور ٻڌائي ٿو ته سنڌ جي يونيورسٽين جي چانسلر سڀني يونيورسٽين کي حڪم ڪيو ته امداد گڏ ڪن. حڪم جي تعميل ٿي، ٽرڪون ڀرجي سنڌ نه پر ڪنهن ٻئي ڏيهه ڏانهن روانو ڪيون ويون. جي واقعي ائين ٿيو آهي ته هي به هڪ وڏو سانحو آهي جيڪو مفاهمت ۽ اتحاد جي نالي ۾ ٿي رهيو آهي.
    • آربي او ڊي ڪالونيءَ ۾ اشتياق سان روزاني روٽين واري ڪچهري جاري آهي. ايم اين وي ڊي جي حالت ۽ ٻين موضوعن تي ڳالهه روز جو معمول آهي. دادو شهر مان لڏ پلاڻ جو سلسلو جاري آهي. پندرهن وار افيئر جو ٻوڏ نمبر مليو جنهن ۾ منهنجا ٻه مضمون ڪاڇي ۾ ٻوڏ ۽ ”68 سالن کان پوءِ“ ”2010-1942“ مضمون ڇپيا آهن. پوئين مضمون ۾ مون دادو ۾ ٻوڏ سبب منڇر، ايف پي بند، ايم اين وي ڊي ۽ منڇر ڍنڍ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تجزيو ڪيو آهي. اهي ٻئي مضمون مون 10-8-15 تي لکي اشتياق صاحب جي حوالي ڪيا هئا رسالي کي موڪلڻ لاءِ.
    • ٺٽي جي ڊي سيءَ او جي اعلان کي ٺٽي شهر جي ماڻهن ائين ورتو ڄڻ پاڻي نه ڪا دشمن جي فوج کن پل ۾ شهر ۾ داخل ٿي ماڻهن جون سسيون لڻي ويندي يا ڪنڌ ڪپيندي . ڊي سي او جي ان اعلان لکين ماڻهن کي منٽن ۾ وڃي مڪليءَ تي مُردن سان ملائي ڇڏيو.
    • آواز ٽي وي تي ايوب کوسو ۽ قيصر نظاماڻي مسلسل اسٽوڊيو ۾ ويهي دنيا کي سنڌ م ٻوڏ جي تباهڪارين بابت اپ ڊيٽ ڪري رهيا آهن. ايوب کوسو ٻڌايو ته مان پاڻ متاثرين منجهان آهيان ۽ ڳوٺ ڇڏي ٻار وٺي ڪراچي پهتو آهيان.
    • ڪي ٽي اين تي گاجي کهاوڙ وارا رڙيون ڪري رهيا آهن ته بچايو، ڌامراهه واهه کي ڪٽ هڻو، نادر مگسي واهر ڪر نه ته باڊهه، لاڙڪاڻو، وارهه، وڳڻ ٻڏي ويندا.
    • ڪٿي آهي ايم ڪيو ايم جي خدمت خلق ڪميٽي جيڪا زلزلي دوران وڃي ڪشمير پهتي هئي جنهن لاءِ خاص مخصوص ميڊيا به ڏينهن رات ڪم ڪيو. هو ته سوين ميل پري هيا پر هت ته پنهنجي صوبي ۾ مصيبت اچي وئي آهي. ڪٿي آهي خدمت خلق ڪميٽي، ڳوليوس ته سهي.
    ايم اين وي ڊي تي جوهي واسي ٻڌائن ٿا ته اسين ڄڻ پاڪستاني نه آهيون جو ڪير واهر به نه ٿو ڪري ۽ ڪير گهارا به نه ٿو ٻڌي ايم وي ڊي جا جيڪو پاڻي جوهي ڏانهن ڌوڪيندو پيو وڃي.
    • جي او سي حيدرآباد ميجر جنرل شوڪت اقبال سپريو بند ميهڙ جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي جوانن کي ٻوڏ متاثرن کي محفوظ هنڌن ڏانهن ڪڍڻ جون هدايتون ڏنيون.
    آرمي کي سنڌ م ٻوڏ دوران موبلائيز ته ڪيو ويو پر محدود پئماني تي نه ڄاڻ ڇو؟ ضرورت هئي ته وڏي تعداد ۾ آرمي کي ريسڪيو ۽ امدادي ڪمن ۾ شامل ڪيو وڃي ها ته جيئن متاثرين جي بر وقت ريسڪيو ٿي سگهي ها پوءِ به آرميءَ پنهنجا فرض ادا ڪيا ۽ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي پهچائڻ لاءِ جاکوڙ ڪئي.
    • وڏي عذاب ۾ آهن، متاثرين ڪئمپن ۾، ڪي ٽي اين ٻڌائي پئي ته عورتن لاءِ نه ٽوائليٽ آهن نه وهنجڻ لاءِ پاڻي. پاڻيءَ بنان هو ڪيئن ٿانو ڌوئن، ڪپڙا ڪيئن ڌوئن وغيره وغيره. مردن کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻار ڪئمپن ۾ عذاب ۾ اچي ويا آهن. معصوم ٻارن لاءِ ڪي سندن وٽ رلڪا يا ڪپڙا نه آهن. گندگيءَ سبب بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن.
    ميڊيا تي متاثرين جي صحيح حالت زار ۽ انهن جي حق ۾ هڪ وڏو آواز قاضي علي جي روپ ۾ گونجي پيو. هاڻي هڪ پاسي هو اڪيلو ۽ ٻئي پاسي هن جا مخالف ميڊيائي گروپ. پر هو لڳو پيو آهي مڙي نه ٿو ۽ چوي ٿو ته آءٌ اهو ئي چوندس ۽ ٻڌائيندس جيڪو ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو ڏسي رهيو آهيان.
    آءٌ اڪيلو ڪيئي سٿ، خنجر خنجر ڪيئي هٿ.

    (اياز)
    • سنڌ ۾ مها ٻوڏ سبب آيل مصيبت ۾ به سمورن سنڌي چئنلن تي ساڳئي نموني سان لاڙڪاڻي واسي حاجي ڳهڻو خان سنڌي بلوچ جو اشتهار هلي رهيو آهي. پلاٽن جو اشتهار ته لاڙڪاڻي جي پل سٺي، حاجي ڳهڻو خان سٺو، شايد کيس اڃان سنڌ ۾ آيل هن تباهيءَ جي هن شريف ماڻهوءَ کي سُڌ نه پئي آهي. جو وڏي ڌوم ڌام سان اهو اشتهار چئنلن تي هلي رهيو آهي. ماڻهو هينئر مصيبت ۾ آهن ۽ هن کي لڳي آهي پلاٽن جي وڪري جي.
    گاجي کهاوڙ وارا ميڊيا تي ٻڌائي رهيا آهن ته فوجي جوان ريسڪو ۾ رڌل آهن متاثرين ٻار ٻڍا عورتون ٻڌائن ٿيون ته پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ هاڻ ته ڀڄي ڀڄي اسان جا مٿا ئي سور ٿا ڪن ساڻا ٿي پيا آهيون. گاجي کهاوڙ ۾ 10 سالا نينگر تصوير سنديلو کي ٻڌائي رهي آهي ته ڀڄي ڀڄي اسان جا مرد، مايون ۽ اسان سامان کڻي اڌ مئا ٿي پيا آهيون هر پاسي پاڻي ڦري ٿو اچي. اڃان ڪٿي ساهه ٿا پٽيون ته اچيو پاڻي ويجهو پوي. ان جو ڪڻو به نه آهي. نينگر جڏهن ڳالهائي رهي آهي ته سندس ڀرسان هڪ وڏو قافلو مٿن تي سامان سميت گذري رهيو آهي. حيران، پريشان، بيزار، اڌ مئا، ٽٽل، کين ڪا به زمين جي ٽڪري نه ٿي ملي جتي هو ڪي ساعتون ويهن يا دم پٽين،.
    • اسلام جا ٺيڪيدار ۽ انسانيت جا ويري، متاثرين تي هر قسم جي تنقيد ته ڪن پيا پر اهو ٻڌائن ته هنن رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ ڪئمپن کان ٻاهر روزي رکرائڻ يا روزي کولرائڻ جو سندن لاءِ ڇا بندوست ڪيو. جمعي نماز پڙهائڻ لاءِ ڪهڙا انتظام ڪيا، ڪئمپن ۾ مسجدون ٺاهي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ واسطي ڇا ڪيو. عورتن جي غسل ۽ حاجت واسطي ڇا ڪيو ؟ پوءِ به چون ٿا ته متاثرين تي خدا ڏمريو آهي. ٽوڙيءَ وٽان گهارو ان ڪري لڳو ته ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ اقليتون رهنديون آهن. هي انهن سان گڏ رهن ٿا کائين ٿا ۽ ڏک سک ۾ شريڪ ٿين ٿا تنهن ڪري سندن مٿان مصيبت آئي آهي. اي انسانيت جا دشمنؤ خدا کان ڊڄو، هي برو وقت ڪنهن تي به اچي سگهي ٿو. ڪجهه عقل کان ڪم وٺو. ميڊيا جا اهي گروپ ۽ ٽولا به خدا کان ڊڄن جيڪي هر وقت سڄو ڏينهن ڪوڙ ۽ بڪواس بڪي رهيا آهن ۽ خلق خدا کي گمراهه ڪري رهيا آهن.
    هن هيڏي وڏي مصيبت ۾ ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو سنڌ ۾ سرڪار سرڪاري ڊاڪٽرن جي پرائيويٽ ڪلينڪس هلائڻ تي ڪي سال ڇهه مهينا پابندي هڻي کين متاثرين جي سار لهڻ لاءِ پابند ڪري ها. پرائين نه ٿيو. شايد ان ڪري جو متاثرين سان ڪا همدردي ئي نه آهي.
    • ٻوڏ متاثرين کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪا تنظيم سازي ڪري پنهنجي لاءِ ايندڙ امداد کي حقيقي متاثرين ۾ ورهائڻ کي يقيني بڻائين ۽ ان امداد ۽ بحالي واري ڪم ۾ پاڻ کي شامل ڪن ورنه ڪجهه به کين نه ملندو. لکين متاثرين ۾ هزارين ته اعليٰ تعليم يافته، ڊاڪٽر، انجنيئر، پروفيسر ۽ پنهنجن شعبن جا ماهر ۽ پي ايڇ ڊي به هوندا تن جو فرض آهي ته اڳتي اچن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪن ۽ آل سنڌ ٻوڏ متاثر اتحاد نالي سان تنظيم جوڙي سرڪار سان اين جي اوز سان ۽ عالمي ادارن سان گڏ ڪم ڪن ۽ پڻ فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙين. هي وقت آهي جو هو ڪجهه ڪن ورنه ٻين جي آسري تي ويهي بکون ڪاٽيندا ڇو ته هتي امداد ۽ ان جي ورهاست جي تاريخ ئي ڪجهه مايوس ڪندڙ آهي.
    • ڪي ٽي اين ٽي تي پ پ پ اڳواڻ تاج حيدر واضح لفظن ۾ پيو ٻڌائي ته هينئر ڪراچي ۾ ٻه شيون خطرناڪ ٿي سگهن ٿيون هڪ طرف متاثرين آهن ۽ انهن جا همدرد ۽ ٻئي طرف هڪ شهري ۽ دهشتگرد تنظيم. آءٌ واضع ڪيان ٿو ته سڀاڻي ڪنهن به ڪئمپ ۾ خدانخواسته ڪنهن وڏي پئماني تي دهشتگرد اچي ڪا ڪارروائي ڪئي ته ان جي ذميواري مون تي عائد نه ڪجو يا آءٌ اهو رسڪ نه ٿو کڻي سگهان ڇو ته انهن کي اوهين سڀ سڃاڻو ٿا.
    هي اقبال حيدر واقع اهو شخص آهي جنهن جي دل ۾ مون متاثرين لاءِ ۽ ڌرتي ڌڻين لاءِ حقيقي درد محسوس ڪيو. ڪراچي پ پ پ ۾ هي هڪ سمجهو ماڻهو ثابت ٿيو آهي. ٻيا به ڪي هوندا.
    • اڄڪلهه جيڪي به سنڌ ۾ چونڊيل نمائنده آهن انهن جي وڏن يقينن 47ع ۾ ايندڙ پناهگيرن کي ويلڪم ڪيو هوندو پنهنجون زمينون گهر، مال ملڪيتون ڏنيون هونديون ۽ هو اڄ هن ملڪ جي اڇي ڪاري جا مالڪ آهن پر هن ڀيري هنن جي پوئين نسل ته ان کان به وڌيڪ پناهگير ٿيل سنڌ واسين لاءِ ڪجهه به نه ڪيو نه ڪئمپون قائم ڪرايون نه پنهنجن ڪوٽن ۾ رهايو نه پنهنجا گهر ڏنا نه پنهنجون ملڪيتون ڪي ٽي اين ته ٻڌائي رهي آهي ته سموري سنڌ ۾ ڪنهن به چونڊيل نمائندي يا وڏيري مير پير متاثرين لاءِ ڪا به ڪئمپ پنهنجي طرفان قائم نه ڪئي. هن زيادتيءَ کي ڪهڙو نالو ڏجي؟
    • دادو پريس ڪلب ۾ هڪ صحافي چئي رهيو آهي ته هاڻي ته واقع هي ڄٽ اسان کي ٻوڙائيندا. هينئر ته اڃان پنهنجي گهرن ۾ آهيون، ايندڙ ڏينهن م ڪٿي هونداسون، هي فيصلو هاڻي پاڻي نه بلڪه هي ماهر ڄٽ ڪندا. جيڪي ٻين کي ٻوڙائي يا پاڻ کي بچائي هاڻي اسان جي ڪڍ لڳا آهن. الائي ڇا ٿيندو دادوءَ جو؟
    • چوڻي آهي ته جڏهن روم سڙي رهيو هو ته نيرو بانسري وڄائي رهيو هو. هي چوڻي هت سچ پئي ثابت ٿئي. وڏي وزير دادو جي سمورن چونڊيل عيوضين کي ڊي سي او سميت نوابشاهه گهرايو آهي. سو به هن ڏکي وقت ۾ جڏهن شهرين ۾ خوف ڇانيل آهي. دادو ۽ مورو روڊ بند آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته قبله نوابشاهه پهچڻ لاءِ ته رستو بند آهي ته پوءِ وري کين سکر گهرايو آهي. خدا ڄاڻي هي ڪهڙي حڪمت عملي آهي. بس شاهه صاحب پاڻ ئي ڄاڻي ٿو يا اهو به نه ٿو ڄاڻي اڃا ڪو ٻيو آهي جيڪو کيس مشورا ڏيئي رهيو آهي.
    شهر جي ماڻهن جو ساهه مٺ ۾ آهي ۽ هت روز ميٽنگون، فضائي دورا، ميڊيا کي بريفنگ، ماڻهو هاڻي بي زاري ڏيکاري رهيا آهن سرڪار جي اهڙي رويي تي.
    • او پينين وٿ علي قاضي پروگرام ۾ مڪليءَ مان هڪ ڪالر ٻڌائي رهيو آهي ته 3 ڏينهن اڳ وفاقي وزير رحمان ملڪ هن ڪئمپن ۾ اچي ٽي ويلها ماني ڏيڻ جو واعدو ڪري ويو پر ٽي ويلها ته ڇا هڪ پاڻيءَ جو گلاس به نه مليو. ”اٺ تڏهن ٿي رڙيا جڏهن ٻورا ٿي سبيا“ منهنجي دوست ڊاڪٽر اسلم خواجه سجاول واري ٻڌايو ته هو ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ڪسمپرسي واري حالت ۾ گذاري رهيو آهي پر انهن حالتن ۾ به هن چيو ته ٺٽي ۽ سجاول وارا گهارا بند ڪيا وڃن. ڊاڪٽر همت وارو انسان آهي. 1990ع ۾ جڏهن آءُ مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو هوس ۽ هو لياقت ميڊيڪل ڪاليج ۾ ته اسين ٻنهي گڏجي ڄامشورو پريس ڪلب جو بنياد وڌو. هو ڄامشوري مان اخبار جنگ لاءِ ڪم ڪندو هو ۽ مان جاڳو اخبار لاءِ. اسان گڏجي مهراڻ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر احد ابڙو کان هڪ پئنل انٽرويو به ڪيو هو جيڪو جنگ مڊويڪ اسپيشل ۾ ڇپيو هو. مان ڄامشورو پريس ڪلب جو پهريون صدر بڻيس ۽ هو جنرل سيڪريٽري، ڊاڪٽر سان سجاول واري گهر ۾ هڪ ٻه ملاقات ٿي آهي. انتهائي همت ڀريو ۽ بهادر ماڻهو آهي.
    فضل الله قريشي چيو ته قاضي صاحب اوهان ڪالهه ڪراچيءَ ۾ صدر آصف زرداريءَ سان ملاقات ڪئي؟ ڇا هن کي اندازو هيو ته ڪير متاثرين جي امداد ۽ بحاليءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آهي؟ علي قاضيءَ جواب ۾ کيس چيو ته صدر ايڊمٽ ڪيو ۽ چيو ته هو اهڙن ماڻهن جي سمورن حرڪتن کان واقف آهي ۽ هن کي احساس آهي.
    قاضي عليءَ چيو ته صحت ۽ ٽرانسپورٽ واريون وزارتون اتحادين وٽ آهن ان ڪري حڪمران انهن کان پڇاڻو نه ٿا ڪري سگهن. جنهن سبب ماڻهو مري رهيا آهن ۽ مدد نه پئي ٿئي. هن اهو پڻ چيو ته جيڪي کاتا پ پ پ وٽ آهن سي ته ڀلا ڪجهه ڪن.؟
    • ڪي ٽي اين جي هڪ ٽاڪ شو ۾ ادريس راجپوت چوي ٿو ته هن منجهيل صورتحال بابت هن لاڙڪاڻو ۾ موجود انجنيئر شفقت حسين وڌو کان راءِ ورتي آهي تنهن جو چوڻ آهي ته ڌامراهه وڌندڙ پاڻيءَ جو دٻاءُ جهلي نه سگهندو، سو ان کي ڪٽ هنيو وڃي. هن چيو ته صورتحال انتهائي منجهيل ۽ ڳنڀير آهي جنهن ڪري هو ڪا به حتمي راءِ نه ٿو ڏيئي سگهي. ادريس وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۽ ٻين پاسن جا ماڻهو پوکيءَ لاءِ پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ مظاهرا ڪري رهيا آهن. تنهن ۾ ايريگيشن کاتي جي نااهلي آهي باقي ٻيو ڪو ٽيڪنيڪل معاملو نه آهي.
    • گنجي ٽڪر تي قائم ڪئمپ ۾ سليم ملاح متاثر عورتن کان انٽرويو ڪري پيو، سڀ پنهنجو ظلم ڪٿا بيان ڪري رهيون آهن. 7 عورتن مان 6 جا مڙس ۽ پٽ لڙهي ويا آهن. ڇا اهي موت ڪٿي ڪنهن اخبار يا چئنل تي رپورٽ به ٿيا يا هينئر پهريون ڀيرو ٿي رهيا آهن.؟ اهڙا سوين موت آهن جيڪي اڃان چئنلن ۽ اخبارن ۾ رپورٽ ٿيڻا آهن ۽ ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪي سوين ماڻهو سيلاب ۾ لڙهي ويا آهن يا گم ٿي ويا آهن. سو وقت ئي ٻڌائيندو باقي سنڌ جو وڏو وزير الائي ڇو بار بار ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته شڪر آ سنڌ ۾ جاني نه مالي نقصان ٿيو آهي. هو اهو ائين بار بار ڇو ٿو ٻڌائي ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪري رهيو آهي.؟ سو وقت ٻڌائيندو. ائين ڪرڻ سان ته ويچارا متاثرين معاوضن کان به محروم رهجي ويندا.
    صبح جو ڇهين بجي اشتياق انصاري ايم اين وي ڊرين تان (جتي ان جي ڊيوٽي آهي) ٻڌايو ته ايم اين وي ڊي کي خانپور سامهون رات جو چئين بجي وڏي روڻ پئجي وئي آهي، جيڪو دادوءَ لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي.

    ڇنڊڻ موري دادو جوهي روڊ تان:
    ايم اين وي کي اولهه طرف لڳل ڪيترن ئي گهارن جو پاڻي هاڻي ڇنڊڻ کان جوهي ويندڙ روڊ مٿان گذري رهيو آهي. ننڍيون گاڏيون ته نه پر اڃان وڏيون گاڏيون گذري رهيون آهن. وڏي پئماني تي ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري ايم اين وي ڊي بند طرف اچي رهيا آهن يا دادو وڃي رهيا آهن. جوهي ۾ روڊ بند ٿيڻ سبب خوف وڌي ويو آهي.

    ڪاري موري جوهي برانچ
    ۽ جڏهن ڪاري موريءَ کي ڪٽ هنيو ويو!
    عجيب منظر آهي هتي. سون جي تعداد ۾ ڪاري موري تي جوهي برانچ کي ڪٽ هڻڻ جا حمايتي جديد هٿيارن سان ويٺا آهن ۽ ٻئي پاسي ڪٽ هڻڻ جا مخالف جوهي واسي. وڏي خونريزي جو خطرو آهي. جوهي واسين جو موقف آهي ته ان ڪٽ هڻڻ سان جوهي جو وجود ميسارجي ويندو ۽ جيڪي علائقا ٻڏا آهن سي ته ٻڏا هاڻي اسان کي ڇو موت جي منهن ۾ ڏنو ٿو وڃي. ڪٽ هڻڻ جا حامي چون ٿا ته جي ڪٽ نه لڳو ته سندن علائقي ۾ ڪجهه نه بچندو ۽ علائقي جو وجود ختم ٿي ويندو. اوچتو هڪ گاڏين جو وڏو قافلو ڪاري موريءَ طرف ايندي نظر اچي ٿو جن وٽ برانچ کي ڪٽ لڳائڻ واري مشينري به موجود آهي. قافلي ۾ چونڊيل نمائنده ايريگيشن جا اهلڪار، ضلعي انتظاميه جا ماڻهو، روينيو، پوليس، آرمي اهلڪار ۽ گاڏيون ڪاري موري تان پار ڪري جوهي برانچ تي ڳوٺ لليا پاسي بيهي رهيا آهن. اهو منظر ڏسي جوهي طرف جي ماڻهن ۽ لليا ڳوٺ ۽ چانڊيه ڳوٺ جي ماڻهن جو ساهه سڪي ويو. طئه ٿيل فيصلي موجب ڪٽ هنيو ويو. هڪڙن خدا جو شڪرانو ادا ڪيو ۽ ٻين ان کي خدا پاران عذاب نازل ٿيڻ سمجهيو. ڪير ڪامياب ٿيو ڪير ناڪام، اها ڪهڙي پلاننگ هئي سو وقت ٻڌائيندو.

    دادو شهر:
    خيرپور ناٿن شاهه ۽ آسپاس وارن علائقن جا لکين ماڻهو گاڏين تي لڏپلاڻ ڪري انڊس هاءِ وي ذريعي ڄامشورو ۽ ڪراچي وڃن پيا. ڪي هزارين ماڻهو دادو شهر جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ بي يارومددگار ويٺل آهن. هن عيد جي موقعي تي به دادو شهر ۾ ڪا رونق نه آهي اڌ شهر اڳواٽ خالي ٿي چڪو آهي. جنهن کي هي متاثرين ڀري رهيا آهن. شهر جو مصروف چوڪ تي شام جو جيڪا رواجي رونق هوندي آهي سا اڌ رهجي وئي آهي. شهر جي مصروف بازارن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان کليل آهن. شهر ۾ موجود ڪئمپن ۾ خدا جي هن خلق ۽ پ پ پ جي ووٽرن سان جيڪا ويڌن ٿئي پئي سا ساڳي آهي جيڪا ڪراچيءَ سميت پوري سنڌ ۾ نظر اچي پئي.
    • شڪارپور جي هڪ ڪئمپ ۾ ماڻهو چئي رهيا آهن ته کين فقط ڇانو کپي، ٻن هفتن کان اُس تي ويٺا آهيون.
    • سنڌ ۾ جي بهتر حڪومت هجي ها ته شايد ذري برابر به نقصان نه ٿئي ها يا ڪنهن قدر ان نقصان کي گهٽائي سگهجي ها. گڏيل حڪمت عملي، ڏاهپ، ٿڌي دماغ سان، سوچ ويچار سان، عقل ۽ علم سان، فني طريقن، خلوص ۽ سچائي سان پر ڇا ڪجي هت ته ڍينگو ئي ڍيري ٿي پيو آهي. شهري بابو ته اصل سنڌ سرڪار کي چرڻ به نه پيا ڏين ۽ متاثرين سان همدردي جي ته ڳالهه ئي نه پڇو، هو ان تي خوش نه آهن ته اهي ڪراچي اچن يا سندن ڪا واهر ٿئي. هي عجيب صورتحال آهي هن ڏکايل ماٿريءَ جي ماڻهن سان. هن ڏکايل گهڙيءَ ۾ هن شهري تنظيم جو جيڪو رويو ۽ ڪردار رهيو سو تاريخ جي صفحن ۾ لکجي ويو آ. سنڌ جي قومپرستن جو به ڪو سرگرم ڪردار نظر نه پيو اچي. هو به بس خانه پوري ڪري رهيا آهن.
    • ڪي ٽي اين جي نيوز ايڪسٽرا پروگرام ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته هيڏي وڏي تباهي کان پوءِ به چونڊيل نمائنده ماڻهن کي ٻوڏ جي پاڻيءَ مان ڪڍڻ ۽ واهر ڪرڻ بجاءِ گهارن جي سياست ۾ سرگردان آهن.
    • ڪشمور ۽ غوثپور واسي ٻڌائن پيا ته پ پ پ ماڻهن کي نلڪا، راشن، پاڻيءَ جون ٽانڪيون ۽ ٻيو سامان ڏنو سو ته پ پ پ وارا پنهنجن عزيزن، مائٽن ۽ واقف ڪارن ۾ ورهائي رهيا آهن. ڀيا ڀين کي ڀيا ڏين ته پٺاڻ پٺاڻن کي. هنن چيو ته جي ٽوڙي بند پاسي سمورا چونڊيل عيوضي ڌيان ڏين ها ته اهو سانحو ڏسڻو نه پئي ها. هنن چيو ته سرڪار اسان کي (مال) جانورن جيتري به حيثيت نه پئي ڏيئي. هنن چيو ته مالڪ مال کي به ڪٿي ڇڏيندو آهي يا واڙي ۾ بند ڪندو آهي ته باقاعده چاري ڏيڻ يا بڙي بيماري ۾ سار لهندو آهي. پر اسان ته جانورن کان به بدتر ٿي ويا آهيون. شايد ان لاءِ ته محترمه کي ووٽ ڏنوسين. ماني هلائين ٿا ته پڪي ۾، چون ٿا ته ڪچي ۾ ڪو به متاثرين موجود نه آهي. اوهان صحافي آيا آهيو ۽ ڏٺو آهي ته اسين هت ڪهڙي حال ۽ حالت ۾ آهيون
    • ٽوڙي گهاري وٽ آرمي اهلڪار امانت علي ٻڌائي پيو ته اسان هت اچي ڏٺو ته سنڌو ٻن حصن ۾ وهي رهيو آهي. جيترو Main Course ۾ پيو وهي اوترو ئي هن گهاري مان.
    ناز سهتو جاتيءَ مان ٻڌائي رهيو آهي ته پاڻي جاتيءَ شهر ۾ داخل ٿي ويو آهي چونڊيل نمائنده ۽ ايريگيشن اهلڪار گم آهن، ماڻهو مدد لاءِ آرميءَ کي پڪاري رهيا آهن. پاڻي جاتي شهر جي مختلف وارڊن ۾ تيزيءَ سان وڃي رهيو آهي. سوين ماڻهو ڦاٿل آهن. جاتيءَ ۾ صورتحال تمام خراب آهي.
    تڙ خواجه شهر خالي ٿي ويو آهي. جتان رات جو ٻيڙين تي چڙهي ماڻهن چوريون ڪيون آهن ۽ سجاول ۾ به ائين ئي ٿيو. هن ٻڌايو ته پنياري ڪئنال کي گهارو لڳو آهي سو به پاڻي جاتيءَ ۾ داخل ٿيندو.
    • بلوچ اڳواڻ حاصل بزنجو ڪي ٽي اين تي هوسٽ منظور شيخ کي هڪ پروگرام ۾ ٻڌائي رهيو آهي ته حب ۾ 60 هزار متاثرين آهن ۽ ڪيترائي خضدار ۾ آهن اوسته محمد، جيڪب آباد، شهدادڪوٽ ۽ ٻين علائقن کان آيل آهن. هنن کان ٻوڏ سڀ ڪجهه کسي ڇڏيو آهي، ماحول، مٽ مائٽ، علائقا، اميري، غريبي، سک، سڪون، مال ملڪيت سڀ کسي ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀلا متاثر ٿيندڙ کڻي سڀ امير نه هئا پر غريب ئي سهي گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڳوٺ ۾ پنهنجي حال سان سڪون سان ته رهيا پيا هئا ۽ پنهنجن سان گڏ هيو، ڪو ماني ٽڪر ته ڏيندو هوندن ڪو ڏک درد ته ٻڌڻ وارو هوندن، پر هتي ته هو اڪيلو، لاچار ۽ مجبور آهي.
    ڪي ٽي اين تي ٺٽي ويجهو چليا تي قائم ڪئمپ ۾ متاثرين اهي ئي داستان ٻڌائين پيا جيڪي سموري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ موجود متاثرين ٻڌائين ٿا. يعني واهر نه ٿيڻ ۽ سار سنڀال نه لهڻ.
    • ٻوڏ متاثر ٻار گيسٽرو ۽ ٻين بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن. هزارين ٻار ڪئمپن ۾ ٿيليسيميا جا مريض آهن انهن بابت اڃان شايد ڪنهن سوچيو به نه آهي، انهن جو ڇا ٿيندو، اهي اٽينڊ به ٿيندا يا مري ويندا. هزارين ماڻهو هيپاٽائيٽس سي ۽ ٻين خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا آهن انهن جو ڇا ٿيندو؟ هزارين ماڻهو دل جي مرض ۾ مبتلا هوندا تن کي ڪئمپن ۾ ڪير دوائون ڏيندو. هزارين ماڻهو ڊائيلاسز تي هوندا تن کي ڪير اٽينڊ ڪندو. ڇا اهي سڀ موت جي منهن ۾ آهن. هئڻ ته ائين گهرجي جو سرڪار ڪراچي ۾ جناح اسپتال، حيدرآباد ۾ لياقت ميڊيڪل ڄامشورو ۽ سکر ۾ ڪنهن اسپتال ۾ ڪي خاص ايمرجنسي وارڊ فقط ٻوڏ متاثرين لاءِ مخصوص ڪري جتي انهن جو علاج ٿئي، ڏسون ته سرڪار ڇا ٿي ڪري؟
    • ڪي ٽي اين رپورٽ ڪيو آهي ته محرابپور ۾ خان محمد چانڊيو ۽ سندس زال هير ڪيترن ئي ٻوڏ متاثرين کي اجهو ۽ کاڌو فراهم ڪري هڪ روايت قائم ڪئي آهي. ڪاش سڄي سنڌ ۾ ائين ٿئي؟
    اڃان رڃ مان رڙ اچي پئي،
    متان سمجهين ويا مور سارا مري.

    • سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ اي اين پي ڇا پئي ڪري جيڪا پڻ سرڪار جو حصو آهي سنڌ ۾ آباد پٺاڻ وڏا مالدار آهن، ڪراچي م ته تمام سکيا ستابا آهن ، سنڌ هنن کي ورهين کان پناهه ڏيئي پالي رهي آهي. هت ڏکي گهڙي ۾ هنن ڪا سٺي موٽ نه ڏني آهي. انهيءَ جا سبب ڳولڻا پوندا.
    • نظام شيخ جوهي برانچ تي موجود سوين هٿياربندن کان انٽرويو ڪري رهيو آهي، جيڪي چون پيا ته ڪجهه به ٿئي سڀ مري وڃون، پر پنهنجا گهر، ٻار ٻچا ٻوڙڻ ۽ لوڙهڻ نه ڏينداسين. ٻئي ڌريون ساڳي زبان پيون ڳالهائن. هاڻي ڪير سچ تي ۽ ڪير ڪوڙ تي؟
    نظام پڇين ٿو ته هنن هٿيارن کڻڻ جي نوبت ڪيئن آئي؟ وراڻي ۾ چون ٿا ته سرڪار گم آهي، نمائنده گم آهن، ايريگيشن گم آهي پوءِ جنهن کي جيئن سمجه ۾ ايندو تيئن ڪندو.
    ٻوڏ متاثرين هر هنڌ اهي دانهون پيا ڪن ته چونڊيل نمائنده واهر نه ٿا ڪن، موبائيل فونون بند ڪيو ويٺا آهن. خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ مان هزارين ماڻهو ٻوڏ ۾ ڦاٿل آهن پر ڪير به سندن سار نه ٿو لهي نه ئي ڪار رسيڪيو پئي ٿئي نه ڪو راشن پيو ملي.
    • دادو پريس ڪلب ۾ صحافي صابر ڀنڊ پيو چوي ته حيرانگي ٿئي پئي ته سنڌ جون مذهبي تنظيمون هن ڏکيءَ گهڙي ۾ گم ٿي ويون آهن، بوسنيا، ڪشمير، افغانستان، فلسطين، سوات ته کين ياد آهي پر پنهنجي گهر م ڪلور ٿيو آهي تنهن بابت هو بجاءِ ٻاهر نڪري ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي مسجدن مان واعظن ذريعي متاثرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪي رهيا آهن، ڇا اهي خدا وٽ جواب نه ڏيندا؟
    • ڪي ٽي اين تي ايم پي اي مهرين ڀٽو چوي پئي ته هينئر لکين ماڻهن جو وجود سخت خطري ۾ آهي هو اڳتي هلي اهو سوال ڪندا ته اسين ڪير آهيون،؟ اسان جي ڪهڙي سڃاڻپ آهي؟ ۽ هينئن پنهنجي ديس ۾ ڪئمپن ۾ ڪيترو عرصو گذارينداسون.؟
    بلوچ اڳواڻ حاصل بزنجو چوي ٿو ته وفاق کي متاثرين بابت سنجيده ٿي سوچڻو پوندو ۽ انهن جي بحاليءَ جو ڪم مڪمل ڪرڻو پوندو.
    • سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ پ اتحاد سبب متاثرين جي بحالي ۽ امداد ۾ وڏيون پيچيدگيون پيدا ٿي رهيون آهن ۽ لڳي ٿو ته انهيءَ غير فطري اتحاد سبب متاثرين گهڻو ڀوڳيندا.
    • ڪي ٽي اين تي ٽوڙي واسي ٻڌائين ٿا ته هت اسان وٽ بند ٻڌڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ فوجي ساٿ ڏين پيا. ۽ آبپاشي کاتي وارا ساٿ ته پري جي ڳالهه، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هتي ڳوٺاڻن جي هڪ ٻيڙي ٻڏي رهي هئي ته اهي بجاءِ مدد ڪرڻ جي ٺٺوليون ڪري رهيا هئا.
    • ناز سهتو مڪليءَ تي ڪئمپ ۾ موجود ٻوڏ متاثرين سان حال احوال ڪري رهيو آهي.
    ناز: هت ته مئل ماڻهو رهندا آهن پوءِ اوهان هت ڇو رهيا آهيو؟
    جواب: اسين به مئل آهيون.
    ناز: هت ته مئل ستا پيا آهن اوهان انهن سان گڏ ڪيئن ستا پيا آهيو؟
    جواب: اسين مئلن کان به وڌيڪ آهيون ۽ انهن کان به وڌيڪ بدتر زندگي گهاري رهيا آهيون.
    • متاثرين جي حق ۾ قاضي عليءَ جو آواز گونجي رهيو آهي. هو چوي پيو ته هي ڌرتي ڌڻي آهن هنن کي ائين ننڌڻڪو نه ڇڏيو وڃي.
    اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي،
    متان سمجهين ويا مور سارا مري

    مهراڻ ٽي وي تي ناصر مورائي ۽ هاشم لغاري چون ٿا ته حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ايم ڪيو ايم پ پ پ وارن کي چوي ها ته اوهين ڇڏيو، پري ٿيو هنن جي مدد، خدمت ۽ سنڀال اسين ڪنداسين ڇو ته هنن ئي ماڻهن 1947ع ۾ ۽ ان کان پوءِ اسان جي دل کولي مدد ڪئي پنهنجا گهر اسان کي ڏنا، ملڪيتون ڏنيون، زمينون ڏنيون، شهر ڏنا، اجهو ۽ پناهه ڏني، اڄ هي تڪليف ۾ آهن ۽ ساڳي وانگر اسان جي اڪثريتي شهر ۾ آيا آهن لحظه اهو اسان تي فرض آهي ته اسين اهو قرض موٽايون پر افسوس جو انهن ائين نه ڪيو، الٽو ڪيئي رڪاوٽون وڌيون، مسئلا پيدا ڪيا جنهن سبب متاثرين ڪراچي ۾ رولڙي جو شڪار ٿيا ۽ تڪليفن ۾ اچي ويا آهن هاءِ ڙي زمانه، اڙي آسمان حيف ٿئي
    سنڌين کي واقعي مهمانوازي جي ايڏي وڏي سزا ملي آهي جو هنن ڪڏهن تصور به نه ڪيو هوندو. اڃان به ڪي سنڌي هوندا جيڪا پاڻ کي مهمانواز سڏائيندي فخر محسوس ڪندا هوندا. آءٌ نه ٿو سمجهان. يا مان غلط هجان. اهو وقت ٻڌائيندو؟
    ڪي 20 ڏينهن اڳ اشتياق انصاري ۽ بدر ابڙو کي مون ٽوڙيءَ مان ايندڙ پاڻيءَ جي آخري ڇوڙ منڇر ۽ دادو ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ امڪاني خطرن ۽ دنگل بابت آگاهه ڪيو هو ۽ پڻ ٻين ڪيترن دوستن ۽ ساٿين ۽ مهربانن پروفيسر اعجاز قريشي، نوراحمد ميمڻ، نوراحمد جهنجهي، ڊاڪٽر ايوب شيخ،عثمان ميمڻ، نصير ميمڻ، ادريس راجپوت، الطاف ابڙو، ناصر پنهور، حاڪم علي شاهه بخاري، گل محمد عمراڻي، حفيظ ڪنڀر، منظور ميراڻي، ڊاڪٽر علي احمد رند، مصطفيٰ ميراڻي، همسفر گاڏهي، معشوق شابراڻي، ذوالفقار شيخ، نظام شيخ، گلڻ ڀنڊ، صابر ڀنڊ، نصير اعجاز، قربان خشڪ، وفا برهماڻي، ڊاڪٽر حميد سومرو، اڪبر لاشاري، معشوق برهماڻي، مرتضيٰ سيال، ناز سهتو ۽ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ٻين ڪيترن شخصيتن ۽ سڄاڻ ڌرين کي فقط ان نيت سان ته جيئن هو بروقت پنهنجن لکڻين يا اثر رسوخ کي استعمال ڪندي اختيارين تائين دادوءَ کي امڪاني سخت خطرن بابت آگاهه ڪن ۽ بروقت ڪي فيصلا ڪري ڪنهن وڏي نقصان کان بچي سگهجي.
    مون مختصر اهو ئي تجزيو ڪيو هو ته ٽوڙيءَ مان ايندڙ پاڻي دادوءَ ۾ هڪ وڏو دنگل ڪندو، نقصان ڪندو ۽ مبادا اهو پاڻي سيوهڻ کان لاڙڪاڻي جي حدن تائين علائقا ٻوڙيندو ڇو ته دادو جي جاگرافي حيثيت ٽوڙي پاڻيءَ لاءِ هڪ ڊيم مثل هوندي جنهن ۾ مسلسل هڪ طرف کان (اُتر کان) ڪيترن ئي ڏينهن تائين هڪ ٻيو متبادل درياهه وهندو رهندو /داخل ٿيندو رهندو جنهن سبب منڇر ڀربي، ڪاڇو ڀربو، ايم وي ڊرين تي دٻاءُ ٿيندو، ايف بي بند تي دٻاءُ ٿيندو، حمل تي پڻ وزن پوندو پوءِ منڇر، ايف پي، ايم اين وي يا حمل ڪنهن وقت ڪٿان ٽٽا ته وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
    • اڄ جڏهن شام جو آر بي او ڊي ڪالوني ۾ اشتياق سان سندس ڪمري ۾ روز شام واري گپ شپ ۾ ويٺو هوس ته بدر صاحب جو فون آيو ته عزيز تنهنجو اندازو 100 سيڪڙو درست ثابت ٿئي پيو ۽ هاڻي دادوءَ لاءِ فقط دعا ئي ڪري سگهجي ٿي. بدر اشتياق سان به ڳالهايو تنهن پڻ بدر کي اهو ئي ٻڌايو ته عزيز جيڪو 17.8 تي ڪاوش لاءِ ٻه ڪالم لکي منهنجي حوالي ڪيا تن ۾ جيڪا صورتحال بيان ڪئي وئي آهي. حالات ان طرف پيا وڃن ۽ ساڳي صورتحال ٺهي پئي يا نظر اچي پئي. ٻن مضمونن مان هڪ مضمون ڪاوش ۾ ڇپيو .
    مون اشتياق ۽ بدر صاحب کي ٻڌايو ته 1997 ۾ نئه گاج جي موتمار وهڪري سبب دادو ضلعي ۾ ان وقت ڪي 300 کان وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيون هيون، ايف پي بد هنڌان هنڌان ٽٽي پيو، يعني نئه گاج ايف پي بند کي ڳوٺ الهبچايو جمالي وٽان (گاج جي قديم وهڪري وارو هنڌ) ٽوڙيو هو ۽ وري ايف پي واري گهاري سڌو اچي هٽ ڪيو هو ايم اين وي ڊي کي ۽ پوءِ جڳ ڏٺو ته دادو شهر ٻاهران ڪي لمحن ۾ انڊس هاءِ وي تي پاڻي وهي رهيو هو ۽ انڊس هاءِ وي بند ٿي ويو. هوڏانهن منڇر کي نه صرف گهارا لڳا پر دانستر ريگيوليٽر به لڙهي ويو. ڪي 2 لک ماڻهو رات پيٽ ۾ ايف پي بند، ايم اين وي ڊي بند، منڇر بند ۽ ٻين هنڌن تي پناهه لاءِ اچي پهتا هئا. 4 لک ايڪڙن تي بيٺل تباهه ٿيا هئا هڪ وڏي تباهي هئي جيڪا فقط نئه گاج جي وهڪري سبب ٿي هي. جنهن ۾ مون هڪ انگريزي اخبار جي (خاطوءَ) نمائندي طور رپورٽ ڪيو هو ۽ ڪي 18 ڏينهن مسلسل ليڊ ورتي هئي. پاڻي ته ان وقت دادو شهر ٻاهران نور واهه تائين اچي پهتو هو ۽ شهر ۾ افراتفري مچي هئي سو هاڻي ته هي هڪ ٻيو درياهه پيو دادو ڏانهن ڌوڪيندو اچي. خدا خير ڪري
    اشتياق جي ڊيوٽي جيئن ته دادو شهر کان ويجهو الهندي طرف الهندي ناري ايم اين وي ڊي جي ڪناري تي آهي جتي هو ايمانداريءَ سان رات ڏينهن اوجاڳا ڪري ڊيوٽي ڪري ٿو. بقول ان جي ته جي منهنجن اوجاڳن ۽ ڪوششن ڪري دادو شهر بچي ٿو ته اها منهنجي لاءِ زندگيءَ جي شاندار اچيومينٽ هوندي. آءٌ اشتياق ڏي گهوري ڏسان پيو ۽ کيس يقين سان اهو چوان ٿو ته تنهنجي ان جذبي جي ڪري ئي شايد دادو بچي پوي.
    • دادو بس اسٽاپ تي ڪي هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو شهر خالي ڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي وڃڻ لاءِ انبوهن جي صورت ۾ سامان سميت انتظار ۾ آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ گم آهي. ٽرانسپورٽرن ماڻهن جي اهڙي خوف ۽ پريشانيءَ کان ڀرپور فائدو وٺندي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ لاءِ روٽين جي سروس بند ڪري ڇڏي آهي ۽ جي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون ننڍيون ۽ وڏيون هلي به رهيون آهن ته سندن ڪرايا آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. حيدرآباد لاءِ 120 رپين بجاءِ هڪ هزار کان 1100 سئو تائين ۽ ڪراچيءَ لاءِ 250 رپين بجاءِ 3000 هزار رپين تائين وصول ڪيو پيو وڃي پوءِ به ماڻهو وڃن پيا. ڇا ڪن سر ته بچائڻو آهي. ٻچن کي محفوظ هنڌن ڏي ته موڪلڻو آهي. نجي الڳ سواري جو ڪرايو ته جهڙوڪر عمري جي ڪرائي جيترو وصول ڪن پيا يعني حيدرآٻاد لاءِ وين 15000 کان 2000 هزار ۽ ڪراچيءَ لاءِ 50000 هزار تائين. هي پنهنجائي ڄاتل سڃاتل ٽرانسپورٽر ۽ مالڪ آهن جيڪي هينئر شهرين سان هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ هي ڪيس ۽ ڪلور ڪري رهيا آهن. ڇا ته ڏکائينداڙ منظر آهن بس اسٽاپ تي هڪ طرف دادوءَ جا شهري شهر مان وڃڻ لاءِ آتا ته ٻئي طرف خيرپور ۽ ميهڙ مان متاثر ٿي آيل ماڻهو پڻ دادو شهر پهچي ۽ اُتان حيدرآباد ڪراچي وڃڻ لاءِ بيچين. ڇا ته هن ٻوڏ ماڻهن کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو آهي.
    • دادو پريس ڪلب ۾ به صحافي دوستن ۾ اڄ ڪجهه بيچيني وڌيڪ پئي محسوس ٿئي. هو پنهنجون هن مشڪل گهڙيءَ ۾ صحافتي ذميواريون نڀائين يا پنهنجا ٻار ٻچا شهر مان ڪڍي ٻئي پاسي وڃن. کين ڪجه سمجهه ۾ نه ٿو اچي.
    ميڊيا تي شهر مان چونڊيل ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي شهر واسين کي شهر جلد ڇڏڻ جي صلاح کان پوءِ جيڪا شهر ۾ ڀاڄ پئي آهي سا ڏسي دل روئي پئي. هڪ پاسي شهر مان جيترا ماڻهو نڪري رهيا آهن ٻئي پاسي اوترائي متاثرين ٻين پاسن کان شهر کي ڀري رهيا آهن. ريلوي اسٽيشن، روڊ، فٽ پاٿ، پئٽرول پمپ ويجهو پيل زمين، شهر جي اردگرد زمين جي ڪجهه ٽڪرن تي اسڪولن ۾ سرڪاري عمارتن ۾ متاثرن ئي هر طرف نظر اچي رهيا آهن. اوچتو تيل جي اگهن ۾ واڌ ٿي وئي آهي. شهري پنهنجن گاڏين ۾ تيل ۽ گئس وجهرائڻ لاءِ پئٽرول پمپن تي اچي قطارون ڪري بيٺا آهن کين اهو ڊپ آهي ته اهڙي ڀاڄ کان پوءِ شايد کين ايمرجنسي ۾ تيل يا گئس به کين نه ملي.
    • شام جو جڏهن آر بي او ڊي ڪالوني ۾ اشتياق سان ملڻ ويس ته ان شهرين جي اهڙي ڀاڄ ۽ ايم اين وي ڊي بندن جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مون کي دوستانه صلاح ڏني ته مان به پنهنجي فيملي وٺي سندس حيدرآباد واري گهر ۾ وڃان. هن چيو ته هاڻي هت رهڻ هڪ وڏو رسڪ هوندو. ٿي سگهي ٿو ته پوءِ شهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ ڪو رستو به نه بچي. ڇو ته دادو مورو روڊ به بند آهي. مون سندس آڏو وري به اها ڳالهه رکي ته گهر وارا ايڏو سولائي سان پنهنجو گهر ڇڏڻ نه ٿا چاهين ۽ ٻيو ته اسان پورو هڪ مهيني جو راشن وٺي رکيو آهي، جيڪڏهن شهر طرف ڪو گهارو لڳو يا پاڻي پهچڻ جي ڪندو ته اسان کي ڪي ڪلاڪ يا ڏينهن ملي ويندو ۽ اسين هتان نڪري وينداسين باقي گهاري لڳڻ ۽ شهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان پهرين نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو پيو لڳي ۽ بابا به چوي ٿو ته اوهان ڀلي سڀ هليا وڃو آءٌ گهر اڪيلو ۽ خالي نه ڇڏيندس ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ اسان کيس ڪئين اڪيلو ڇڏي وڃون. اشتياق جي صلاح ته عقل واري آهي پر اسان سخت مونجهاري جو شڪار آهيون. واقعي سڀني جو ننڊون حرام آهن ۽ ٿوري ٿوري دير کان پوءِ شهر ۾ خوف وارو ماحول ڇانئجي ٿو وڃي. اڌ کان وڌيڪ شهر ته خالي ٿي ويو آهي. شهر جي مين چونڪ تي شام جي وقت ۾ ٿيندڙ رونق ختم ٿي وئي آهي. ورلي ڪو واقف شهر ۾ نظر اچي ٿو نه ته اڪثر ويچارا ٻوڏ متاثرين ئي شهر ۾ نظر پيا اچن. گلڻ ڀنڊ، صابر ڀنڊ، نظام شيخ، ولي محمد لنڊ، فريد شيخ ۽ ٻين صحافين چيو ته هنن پنهنجون فيملون شهر مان ڪڍي ٻاهر موڪلي ڇڏيون آهن ۽ شهر تيزيءَ سان خالي ٿي رهيو آهي. انجنيئر صدام رانجهاڻي به آيو ته هاڻي ٻڌايو ته اسين ڇا ڪيون ڪيڏانهن وڃون. مون کين ٻڌايو ته في الحال اهو ئي ڪيو جيڪي اسين پيا ڪيون يعني انتظار. بهتر جي اميد ۽ بدتر لاءِ تيار. مهتاب عزيز شهر مان جائزو وٺي ٻڌايو ته شهر ۾ مسلسل ايم اين وي ڊي کي گهارن لڳڻ جي افواهن کان پوءِ تيزيءَ سان ڀاڄ پئي آهي، سو بهتر ٿيندو ته اسين به شهر کي ڇڏي حيدرآباد هلون. سنڌو ٽيوش سينٽر تان واپس اچي ٻڌايو ته سندس سمورن سهيلين جون فئمليون شهر مان نڪري ويون آهن ۽ هاڻ پاڻ کي به حيدرآباد يا ڇني هلڻ گهرجي.
    ڪي ٽي اين تان خبر هلي ته لاڙڪاڻي مان ڪا خاص ريل رواني ٿي راڌڻ پهچي ٻوڏ متاثرين کي ايمرجنسي ۾ کڻي لاڙڪاڻي پهچايو. هي سٺو عمل آهي شايد ميهڙ ۽ خيرپور وارن کي به فائدو رسي.
    • وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ميڊيا کي ٻڌائي رهيو آهي ته سنڌ سميت ملڪ ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي ٿي آهي سا ڪره ارض تي سڀ کان وڏي تباهي آهي. يو اين به هن تباهيءَ کي دنيا جي وڏي تباهي قرار ڏنو آهي.
    • ڪي ٽي اين تي جوهي مان حاڪم لغاري ٻڌائي پيو ته جوهي جي مختيارڪار عبدالفتاح پنهور پاران شهرين کي شهر خالي ڪرڻ جي آخري وارننگ جاري ڪئي وئي آهي ۽ ٻوڏ جو پاڻي شهر ٻاهران رنگ بند سان اچي ٽڪرايو آهي ۽ شهر ۾ ڀاڄ پئي آهي. جوهي شهر ۾ قائم ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين، خوف ۾ ورتل ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون واهر لاءِ اپيل. هن ٻڌايو ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ واهي پانڌي، ڇني، حاجي خان ۽ ٻين رستن ذريعي ڪاڇي طرف پناهه لاءِ وڃي رهيا آهن جتي نه ڪئمپون موجود آهن نه علاج جون سهولتون ۽ نه راشن ته پوءِ ڪاڇي طرف ويندڙ هزارين ماڻهن جي زندگين جو ڇا ٿيندو؟ فوٽيج ۾ ماڻهن کي ڏيکاريو پيو وڃي ته اهي پنهنجن گهرن جون ڇتيون پٽي ۽ ٽيئر گارڊر ڪڍي وڃي رهيا آهن ڄڻ ڪي انهن کي هاڻي ٻيهر هتي موٽڻو ئي ناهي.
    • ڪي ٽي اين تي منجهند 3 وڳي ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو جي حوالي سان خبر هلي ته دادو جا شهري محفوظ هنڌن ڏانهن هليا وڃن.
    پير مظهر اسڪرين تي ٻڌائي پيو ته دادو شهرين لاءِ بهتر آهي ته اهي پنهنجون فيمليون ڪڍي وڃن.
    • صبح جڏهن گهران پريس ڪلب وڃي رهيو هوس ته واٽ تي هڪ دوست چنه ٻڌايو ته پير صاحب رات فون ڪري چيو ته پنهنجا ٻار ڪڍي وڃي باقي پاڻ ڀلي شهر ۾ گهر جي سنڀال لاءِ هجي. پريس ڪلب پهتس ته صحافين ۾ به پير مظهر جي حوالي سان اها ساڳي ڳالهه ٻڌائي ته پنهنجون فيمليون شهر مان ڪڍي وڃو.
    دادو شهر جي مين چوڪ تي سخت رش ۽ پيهه آهي. افراتفري جو ماحول آهي. هڪڙا دادو ڇڏين پيا ۽ ٻيا دادو اچن پيا. عجيب پريشاني ۽ ڏک وارا منظر ڏسڻ وٽان ملي رهياآهن، ماڻهو پنهنجن فيملين ۽ سامان کي گاڏين ۾ سٿي شهر خالي ڪري رهيا آهن. سڀني جا هوش حواس ختم. کين ڪا سنڌ نه آهي ته ڪير ڪيڏانهن پيو وڃي.
    ناميارو صحافي علي قاضي ڪي ٽي اين تي پنهنجي مشهور پروگرام اوپينيئن وٿ علي قاضي ۾ چوي ٿو ته ”انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندن جي نااهلي سبب خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، سيتا، ڦلجي، جوهي ٻڏي رهيا آهن ۽ هاڻي دادوءَ جو تاريخي شهر به ٻڏڻ جي خطري هيٺ آهي. هن چيو ته هن مها ٻوڏ ۾ سنڌ اندر انتها درجي جي مس مئنيجمينٽ ڏٺي وئي.
    • ٻوڏ سٽيلن علائقن ۾ هوا ۾ اڏامندڙ هيليڪاپٽرن کي زمين تي موجود خلق خدا ڪنهن چڱي نظر سان نه پئي ڏسي هو سمجهن ٿا ته چونڊيل نمائنده، انتظامي عملدار يا ٻيا جيڪي انهن ۾ سوار آهن سي خلق خدا جي لاءِ ته ڪجهه به نه ڪري سگهيا ٺلهو رڳو دورن ۾ پورا آهن ۽ خوامخواهه وڏو عوامي پئسو ضايع ڪري رهيا آهن. ماڻهن جو واقعي انهن تان اعتماد کڄي ويو آهي جو مصيبت وقت ۽ ان کان پوءِ هاڻي امداد ۽ بحالي واري مرحلي ۾ کين ڪو به سار لهڻ وارو نظر نه پيو اچي. سو هو هاڻي اهڙن دورن کي وقت ۽ پئسي جو زيان سمجهي رهيا آهن. ماڻهو چون ٿا ته 1976ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ اهي هيليڪاپٽر سندن لاءِ آٿت ثابت ٿيندا هئا جن ۾ بروقت سندن واهر ٿيندي هئي، ريسڪيو ٿيندي هئي ۽ امداد ملندي هئي پر هن ڀيري صورتحال مختلف آهي. ماڻهو اهو به چون ٿا ته جي شهيد بينظير زنده هجي ها ته شايد ڪا واهر ٿئي ها پر هاڻ ان جي پارٽي نه ڄاڻ ڇو ۽ ڪهڙين مصلحتن ۽ معاهدن ۾ ڦاسي پنهنجن ووٽرن جي سار نه ٿي لهي.
    • گڏيل قومن ۽ دنيا جي ٻين ادارن چيو آهي ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جيڪو نقصان ٿيو يا جيڪو ڊزاسٽر ٿيو آهي سو تاريخ جو سڀ کان وڏو الميو آهي جنهن ۾ ڪي ڪروڙ ماڻهو پنهنجن علائقن مان ڌڪجي دربدر ٿيا لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال ۽ جايون جڳهيون ڊهي پٽ پئجي ويون. اناج جا ذخيره تباهه ٿي ويا ۽ مختلف قسم جون ملڪيتون جن ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل، دڪان، ڪارخانا، روڊ، رستا، پليون، اسڪول ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه پاڻي لوڙهي ويو يا ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا ۽ لکين ماڻهو پنهنجن عزيزن، مٽن مائٽن کان جدا ٿي ٽڙي پکڙي ويا ۽ تقريبن هن ڏکايل سنڌو ماٿريءَ جو ساڄو پاسو پنهنجو وجود ئي وڃائي ويٺو ۽ سواءِ جبلن ۽ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ شهرن جي ڪا اهڙي زمين نه بچي جتي ٻوڏ متاثرين پناهه وٺن. هن هيڏي وڏي سانحي ۾ سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار يا اڃا به ڪي عالمي اداره ۽ ملڪ جيڪا به مدد ڪن سو وقت ٻڌائيندو پر سنڌ تي آيل هن ڏکي گهڙيءَ ۽ مصيبت ۾ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ ۽ سنڌ م موجود ڪي اهڙين سخصيتن جو به فرض آهي جيڪي پنهنجي فيلڊ ۾ هڪ سٺي ريپوٽيشن رکن ٿا يا دنيا جي واءُ سواءُ، اوڀارين ۽ لهوارين، سياسي سماجي، اقتصادي تبديلين تي نظر رکن ٿا ۽ دنيا گهمن ٿا تن جو به فرض آهي ته هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ديس ۽ وطن جي انهن ماروئڙن لاءِ ڪجهه ڪن جيڪي هينئر سڀ ڪجهه پنهنجو لٽائي ڦرائي بي يارو مددگار پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر ڪئمپن جي زندگي گهاري رهيا آهن. ان سلسلي ۾ پير صاحب پاڳارو، ڊاڪٽر سليمان شيخ، عبدالستار ايڌي، پرنس ڪريم آغا خان، علي قاضي، شيري رحمان، حسن مجتبيٰ، عادل راشدي، سني پنهور، اقبال ترين، منور لغاري، جاويد سومرو، ميتلو فيملي، مسعود انصاري، ڊاڪٽر ايوب شيخ، قاضي اسد عابد، ڄام ساقي، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادرمگسي،بشير خان قريشي، اياز لطيف پليجو، نصير ميمڻ، ڊاڪٽر سونو کنگهاراڻي، پروفيسر اعجاز قريشي،يوسف ميمڻ، سوڀو گيانچنداڻي، سسئي پليجو، حميره علواڻي، ناصر پنهور، ناصر مورائي، ڊاڪٽر ڪريم راڄپر، حسين هارون، سومره فيملي، کهڙو فئملي، آفندي فيملي، ماروي ميمڻ، نثار ميمڻ، مصطفيٰ قريشي، عابده پروين، عتيقه اوڍو، سڪينه سمون ، حميره رحمان، امر جليل، ظفر جوڻيجو، عرفانه ملاح، مظهر الحق صديقي، بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، آصفه ڀٽو زرداري، فاطمه ڀٽو، غنويٰ ڀٽو، ممتاز ڀٽو، جتوئي فيمليز، هالا جا مخدوم، ڀٽ شاهه، سچل سرمست، قلندر لعل شهباز، صوفي عنايت جا گادي نشين، ٽنڊي محمد خان جا سرهندي، ارباب رحيم، گل محمد مستوئي، ناز سهتو، گل محمد جکراڻي سميت سنڌ ۽ ملڪ ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ هزارن جي تعداد ۾ سنڌ ڄاوا، سنڌو دوست انسان دوست شخصيتون ۽ خاندان جيڪي ڪنهن به شعبي سان تعلق رکندڙ هجن تن کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ متاثرين جي بحاليءَ تائين پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر رهندڙ سنڌ ڄاوا هندو به تمام گهڻو ڪجهه ڪري سگهن ٿا. اهو اسان سڀني جو فرض آهي ته اسين انهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪيون. مثلن سنڌ م يا سنڌ کان ٻاهر فنڊريزنگ لاءِ مهم هلائڻ يا ميڊيا ۽ ٻين وسيلن ذريعي سنڌ جي حقيقي متاثر ٿيندڙن جو ڪيس پيش ڪري کانئن مدد يا امداد حاصل ڪجي.
    • ڪي ٽي اين ويجهي ايندڙ عيد جي حوالي سان ڪئمپن ۾ وڃي حال احوال وٺي رهي آهي. سڀ روئن پيا ٻار ٻچا، مرد، عورتون ڇاجي عيد؟ ڪنهنجي عيد؟، سڏڪا، رڙيون، دانهون، ڪوڪون، آهون ڳوڙها پٽڪا، يا الله هي ڇا هيڏو ڪِيس؟
    ڪنهن سان عيد ڪن؟، ڪٿي ڪن؟ هتي ته گهر گهر مان ڪنهن جو ڪو نه ڪو ڀاتي وڇڙي ويو آيا موت جي منهن ۾ هليو ويو آ. عيد جي لفظ ٻڌڻ سان ئي هو پنهنجا لڙڪ ۽ سڏڪا نه ٿا روڪي سگهن. هينئر به ڪي ڌريون سنڌ ۾ هن هيڏي وڏي سانحي کي لڪائڻ يا ان جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ميدان تي لهي پيون آهن ۽ شروع کان پنهنجي ڪرت کي لڳيون پيون آهن. ڇا هن سانحي جي شدت کي لڪائڻ، حقيقي جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر يا تفصيل لڪائڻ يا انهن ۾ هيراڦيري ڪرڻ هڪ سفاڪي، بيحيائي، انسان دشمني، ڪميڻائپ کانسواءِ ٻيو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.؟ مثلن ڪي ڌريون بار بار اهو ورجائين ٿيون ته سنڌ ۾ جاني نقصان گهٽ ٿيو، سنڌ ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نقصان گهٽ ٿيو. شڪر آهي جو سنڌ ۾ فقط چند جانيون ضايع ٿيون. ڇا هي متاثرين جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ برابر نه آهي.
    • رات جو هڪ وڳي اشتياق بند تان پنهنجي ڪئمپ ويجهو ايم اين وي ڊي ۾ روڻ پوڻ جو اطلاع ڏنو. اهڙيون روڻيون دادو لاءِ انتهائي خطرناڪ آهن ۽ بند جي مذڪوره پوزيشن مان ئي دادوءَ کي وڌيڪ خطرو آهي.
    • بدر ابڙو ايس ايم ايس ڪري ٻڌايو ته ميهڙ ويجهو سندس اباڻو ڳوٺ 12 فٽ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو آهي. بعد ۾ هن فون ڪري ٻڌايو ته کيس سخت صدمو رسيو آهي ان ڪري ته ان ڳوٺ سان سندس جون ڪيئي ننڍپڻ جون يادون وابسته آهن. هو سوال ڪري ٿو ته ڇا عزيز دادو به ائين 12 فٽ پاڻيءَ هيٺ هوندو ۽ پوءِ پاڻ ئي جواب ۾ چوي ٿو ته نه خدا نه ڪندو ۽ اهو منظر هڪ صدمي کان گهٽ نه هوندو. هو اميد ڪري ٿو ته دادوءَ کي اعليٰ اختياريون جي بچائڻ چاهين ته اهو ممڪن آهي.
    • دادو پريس ڪلب ۾ صحافي دوستن ٻڌايو ته تازو اطلاع اهو آهي ته ڊسٽرڪٽ جيل دادو مان قيدين کي حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي ۽گڏوگڏ نادرا آفيس دادو به پنهنجو سمورو رڪارڊ ڪنهن محفوظ هنڌ ڏانهن منتقل ڪيو آهي ۽ پڻ ضلعي جي روينيو رڪارڊ سميت ٻيو اهم رڪارڊ پڻ ٻوڏ جي خطري ۽ شهر جي ٻڏڻ جي خطري سبب محفوظ هنڌ تي منتقل پيو ٿئي. اهڙي خبر صحافين سميت شهرين کي ان وقت سخت مونجهاري ۽ ٻڏتر ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن نظام شيخ دادو مان ڪي ٽي اين تي اهڙي خبر بريڪ ڪئي جنهن سبب وڏي تعداد ۾ شهرين جي لڏ پلاڻ محسوس ڪئي وئي.
    دادو پريس ڪلب به هن ٻوڏ ۾ هڪ اهم حيثيت رکي ٿي جو سموري ضلعي جو سمورو احوال سرڪاري توڙي غير سرڪاري هت ميڊيا کي مليو وڃي ۽ انهن ذريعي سموري دنيا کي. هر روز وڏا وڏا تبصرا ۽ بحث پيا هلن. صحافين جو به پنهنجو هڪ الڳ جهان ۽ دنيا آهي احساس آهن وابستگيون آهن. هڪڙا پ پ پ جا حمايتي ته ٻيا وري لياقت جتوئي جا هڪڙا پير مظهر جا جذباتي حد تائين حامي ته ٻيا وري رفيق جمالي ۽ ٻين جا. دادو ميڊيا جا ڪجهه دوست ته هن ٻوڏ ۾ مسلسل ڏينهن رات ڪري اوجاڳا ڪاٽي رپورٽنگ ڪري رهيا آهن ۽ ٻيڙين ذريعي ڏکين هنڌن تي وڃي پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي رهيا آهن. منهنجو به گهڻو وقت ساڻن پريس ڪلب ۾ گذري ٿو، جتي نظام شيخ ، گلڻ ڀنڊ، قربان خشڪ، صابر ڀنڊ، فتاح شيخ، ولي محمد لنڊ، ولي محمد چانڊيو، نصير ڀنڊ، نويد قريشي، طارق لغاري، سعيد سنڌي، هوت ڏاهري ۽ ٻين صحافين سان دنيا جهان جا حال احوال ڪندي گذري ٿو. پريس ڪلب ۾ اچڻ جو وڏو فائدو اهو ٿئي جو ماڻهو هر خبر کان باخبر ٿيو وڃي. بحرحال صحافي به هن معاشري جو حصو آهن پر هي پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي ٻين جي ڏکن ۽ دردن جون ڪهاڻيون دنيا وارن آڏو پيش ڪن ٿا.
    • سکر مان ڪي ٽي اين تي ممتاز بخاري ٻڌائي ٿو ته ساڌ ٻيلو ٻوڏ سبب سخت متاٿر ٿيو آهي ۽ اڃان تائين ڪنهن به واسطيدار نقصان جي ازالي يا مندر جي مرمت لاءِ ڪي ڪوششون نه ڪيون آهن. تاريخي ساڌ ٻيلي ۾ ٻوڏ جو پاڻي ڪاهجي پيو ۽ تاريخي باغ به سخت متاثر ٿيو آهي پر شڪر آهي جو قديم ڪتابن واري لئبريري بچي وئي آهي.
    • مڪلي مان ناز سهتو ٻڌائي رهيو آهي ته هزارين جيئرا ماڻهو مردن سان گڏ پاسي ۾ ائين ستا پيا آهن جيئن هو به زندهه لاش هجن. کين ڪجهه به نه آهي نه کائڻ لاءِ نه پهرڻ لاءِ بس ڏک، سور ۽ اهنج ئي سندن جا ساٿي آهن. هن تاريخي ۽ عالمي ورثي کي هزارين ماڻهن سبب سخت نقصان جو انديشو آهي تنهن لاءِ واسطيدار ادارا فورن هن ورثي کي بچائڻ لاءِ جوڳا بندوبست ڪن.
    • ڪي اين شاهه مان اصغر شاهه رپورٽر ڪي ٽي اين ٻڌائي ٿو ته شهر ۾ ماڻهو جهڙوڪر موڳا ٿي پيا آهن کين ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي. شهر پاڻيءَ سان ڀرجي ويو آهي ڪو نيڪال نه آهي هر طرف ويراني آهي.
    • ڀان سعيد آباد مان ڪاوش عيوضي پرديپ ڪمار ٻڌائي ٿو ته ڀان ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيترن ڳوٺن ۽ ڪئمپن ۾ 10 کان وڌيڪ ٻار، مرد ۽ عورتون گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويا آهن. انڊس هاءِ وي بند آهي، منڇر مان ڇوڙ گهٽ آهي. جيڪو وڌايو وڃي.
    • آبپاشي وزير سيد مراد علي شاهه چوي ٿو ته منڇر ۾ چار ايم اي ايف پاڻي جمع ٿيو ۽ هن ڍنڍ دنيا جي وڏي ڍنڍ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي.
    • نوشهروفيروز مان قاضي ذوالفقار ٻڌائي ٿو ته سوين ٻوڏ متاثرين وطن ڪارڊ نه ملڻ خلاف سخت احتجاج ڪندي. ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي.
    • ڪي ٽي اين تي فيض کوسو ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب انڙپور شهر تباهه ٿي ويو آهي. هڪ پوڙهي ٻڌائي پئي ته سندس پٽ ٻوڏ وهڪري ۾ لڙهي ويو.
    • ڪئمپن ۾ موجود متاثرين ڪي ٽي اين کي ٻڌائي رهيا آهن ته سرڪار زوري پئي ڪڍي پر اسين نه نڪرنداسين، گهر ٻڏل آهن ڳوٺ ۽ ٻنيون ٻڏل آهن سرڪار ڪئمپن ۾ پاڻ گهرايو هاڻ ڪيئن ٿي چوي ته نڪري وڃو. جي زوري ڪڍيائون ته روڊ تي ٻچا وٺي پاڻ کي گاڏيءَ هيٺان ڏينداسين. ٺل مان بنگلاڻي ٻڌائي ٿو ته ٺل تعلقي جي هڪ ڳوٺ جا 44 ماڻهو لاپته آهن يا ته لڙهي ويا يا مري يا وري گم ٿي ويا آهن .سندن وارثن کي ڪو اتو پتو نه آهي.
    • مختلف شهرن ۾ حجامن سوين ٻوڏ متاثرين جي مفت ۾ سنوارت ڪري سندن سان يڪجهتي ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. واقعي متاثرين وٽ ايتري به سگهه نه آهي. جو هو پنهنجي سنوارت ڪن يا کين ايترو به وقت نه مليو آهي جو سنوارت جو سوچين. مسلسل اهنجن، سورن، ڏکن ۽ عذابن ۾ آهن. ڪٿي آهن اهي بليڊ ڪمپنين وارا جن انهيءَ ئي خلق خدا کان ڪروڙين رپيا ڪمايا آهن.
    • سنڌ ۾ هن ڀيري مها ٻوڏ سبب جيڪا تباهي بربادي ۽ لڏ پلاڻ ٿي آهي سا تاريخ ۾ اڳ ڪڏهن به ڪٿي ايڏي تباهي نه ٿي. بدقسمتي سان تاريخ جي سڀ کان وڏي تباهي سنڌ جي مقدر ۾ لکيل هئي ۽ انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي لڏ پلاڻ سنڌين جي پلئه پوڻي هئي. هي جيڪي رات پيٽ ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو شهرن، ڳوٺن ۽ ميدانن ۾موتمار پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا تن کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ ڪچي ۽ پڪي تي سڄي سنڌ مان مهاڻا، ملاح، ميربحر ميدان تي اچي ويا. دنيا جي سڀ کان وڏي ريسيڪو آپريشن ۾ پاڻمرادو بغير ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي پنهنجا ٻار ٻچا گهر تڙ ڇڏي پنهنجا ونجهه سنڀالي ٻيڙيون ڪاهي هن مها ٻوڏ ۾ پاڻي جي موتمار وهڪرن ۾ ڪاهي پيا. دنيا جي هن سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن ۾ سنڌ جي درياهي، منڇري ۽ ٻين پاڻين جي مهاڻن مڙسي ڪري ڪي لکن جي تعداد ۾ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري پنهنجو پاڻ ملهايو ۽ اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. اهو واقع عجيب اتفاق آهي ته سنڌ جي مهاڻن جن ڪيترن ئي سالن کان درياهه ۽ ڍنڍن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب پنهنجي گذر جو اهم وسيلو ٻيڙيون بيهاري ڇڏيون هيون ۽ هاڻي تازي مها ٻوڏ سبب اوچتو بجلي جي رفتار سان هنن جيڪو هي ڪارنامو ڪري لکين ماڻهن کي نه صرف بچايو پر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٻيڙين وسيلي ماڻهن جي آمد رفت جاري رکيو پيا اچن ۽ پڻ سامان جي رسد ۽ پهچ کي يقيني بنايو آهي سو واقعي هڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن لاءِ کين عالمي سطح تي مڃتا ملڻ ضروري آهي. اسان ڪاڇيلن کي ته منڇري مهاڻن جي اهڙي تڪڙي ريسڪيو آپريشن جي ته شروع کان سُڌ آهي جو جڏهن نئه گاج ۽ کير ٿر جابلو سلسلي ۾ برساتن سبب جڏهن ڇڙواڳ نيون لهنديون آهن ته رات پيٽ ۾ فريد آباد حمل ڍنڍ کان وٺي ڇني، لڪي، جهانگارا، سيوهڻ تائين منڇر کي هڪ ڪريو ڇڏين ۽ اهڙي صورت ۾ هميشه هزارن جي تعداد ۾ ڪاڇيلا رات جي اونداهيءَ ۾ پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويندا آهن پوءِ ٿينديون آهن رڙيون، واڪا، دانهون، ڪوڪون بچايو بچايو پاڻي ڙي پاڻي. بچايو بچايو. پوءِ اهڙي وقت ته نه سرڪار هوندي آهي نه ڪو اڳواٽ ڪو ريسڪيو پلان، پوءِ اهي ئي منڇر جا مهاڻا ۽ انهن جون سوين ٻيڙيون هونديون آهن جيڪي کيرٿر ۽ ڪاڇي ۾ برساتن پوڻ سان ئي ڪاڇي ۾ اڳواٽ خطري کي محسوس ڪندي ٻيڙيون ڪاهي ماڻهن کي لڙهڻ کان بچائڻ لاءِ تيار هوندا آهن ۽ جيئن ئي وشال منڇر ۾ ڪو، کامون، ڪو ڍورو ڇوڙ ڪري ۽ ٻيڙين لاءِ ڪو گس ٺهي ته منڇري مهاڻا اهو گس وٺي ونجهه سنڀالي ٻيڙيون هاڪاري ڪاڇي جي ميدانن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڦاٿل انسانن انهن جي مال متاع ۽ سامان کي ڏينهن هجي يا رات ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائيندا آهن ۽ اهو سلسلو منڇر ۽ ڪاڇي ۾ صدين کان ائين جاري وساري آهي. هن ڀيري ته سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ سبب سمورو ڪچو ته پاڻي هيٺ اچي ويو. جتان ملاحن ماڻهن کي بروقت ڪڍي پڪي تي پهچايو پر اوچتو سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ٽوڙيءَ وٽان گهاري پوڻ سبب جيڪو موتمار پاڻي هلان ڪندو، ڌوڪيندو، ماڻهن کي ٻوڙيندو، شهرن ۽ ڳوٺن کي مسمار ڪندو اڃا تائين وهندو پيو اچي ۽ هاڻي ڄامشوري ضلعي جو سيوهڻ تعلقو ٻڏي رهيو آهي ۽ منڇر ۾ سطح انتها دردرجي تائين پهچڻ بعد ان کي گهارا پئجي ويا آهن.
    انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي هن بوٽ ريسڪيو آپريشن جيڪو بغير ڪنهن سرڪاري، خانگي ملڪي توڙي عالمي سهڪار کان سواءِ اوچتو ۽ پاڻ مرادو ڪيو ويو تنهن ۾ هڪ اندازي موجب 3000 هزار کان مٿي ٻيڙين، 9000 کان مٿي ملاحن حصو ورتو ۽ ڪي 10 لک کان وڌيڪ انساني جانيون بچايون ۽ اربين روپين جو چوپايو مال ۽ متاثرين جو ٻيو سامان محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ هينئر تائين سنڌوءَ جي سموري ساڄي ڪپ تي روڊ نيٽ ورڪ تباهه ٿيڻ سبب ۽ شهر ۽ رستا پاڻيءَ هيٺ هئڻ سبب هي مهاڻا سموري نظام کي هلائي رهيا آهن جيڪو هڪ عالمي ڪارناموئي ٿي سگهي ٿو. سنڌ ۾ ٻيڙين جي ذريعي ايڏي وڏي آمدرفت کي نظر ۾ رکندي ۽ ڦيٿي کي مفلوج ڏسندي ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن واتان اهي جملا ٻڌايا ويا ته ”هاڻي روڊ رستا ته ويا ٻڏي ۽ ڊهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي ڦيٿو ته هلي نه ٿو سگهي سو ڇو نه روزگار واسطي گاڏيون وڪڻي ڪي ٻيڙيون وٺجن“
    • سنڌ جا ماڻهو سوچين ٿا ته جي گڊو ۽ سکر بئراج وٽان سنڌوءَ جي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ڪي ٻه وڏا فلڊ ڪئنال يا ڇنڊڻيون هجن ها ته هن مها ٻوڏ ۾ به سواءِ ڪچي کان باقي سموري سنڌ سڪون سان هجي ها ۽ نه ئي بئراجن کي خطرو هجي ها ۽ نه ئي ايڏي وڏي پئماني تي هي خلق خدا آزار ۾ اچي وڃي ها ۽ نه اڌ سنڌ تباهه ٿئي ها.
    اهي وهڪرا ڀلي سنڌوءَ جي قديم وهڪرن الهندي ناري ۽ اڀرندي ناري يا علي واهڻ کي منصوبابندي ڪري جوڙيا وڃن ها ته جيئن مها ٻوڏ اچڻ جي نتيجي ۾ سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن کان انهن قديم وهڪرن ذريعي پاڻي کاٻي پاسي کان سڌو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿئي ها ۽ ساڄي پاسي ۾ اهو منڇر ۾ اچي وري ٻيهر سيوهڻ وٽان سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ڪري سنڌي سمونڊ ۾ هليو وڃي ها. اها منصوبابند ڪير ڪري ها؟ ڪنهن کي ڪرڻي هئي؟ آيا پاڪستان کان پهرئين اهو ٿيڻ گهربو هو يعني انگريز دور ۾ يا ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ان منصوبابنديءَ کي مڪمل ڪجي ها؟ اهو اڃان تائين ڇو نه ٿي سگهيو؟ اهڙن سوالن جا جواب ته وقت ئي ٻڌائيندو؟
    اوهان ٿو رو سوچيو ته سنڌوءَ جي ٻنهي پاسن اهي وڏيون ڇنڊڻيون ”يا هي قديم وهڪرا يا فلڊ ڪئنال ڪچا يا پڪا موجود هجن ها ته ڇا ايڏي وڏي تباهي سنڌ ڏسي ها؟ جواب آهي نه. بلڪه سنڌ ته اهڙن ڪئنالن کان سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏ هٽڻ کان پوءِ ڊيمن جو ڪم به وٺي سگهي ها. ها اهي ٻه سنڌو جي سيني تي کاٻي ۽ ساڄي پاسي ملڪ جا وڏا ڊيم پڻ هجن ها. اڃا به وقت نه ويو آهي جو مستقبل ۾ سنڌوءَ ۾ مها ٻوڏن کي نظر ۾ رکي اهڙي منصوبابندي فورن ڪرڻ کپي. ان کان اڳ جو سنڌوءَ جو کاٻو پاسو به ڪڏهن اسان جي سستي، نااهلي، غفلت ۽ غلط منصوبابندي سبب ساڄي ڪناري وارو منظر پيش ڪري يا مورڳو سکر بئراج کي ئي لوڙهي وڃي. هي وقت آهي ته ائين ڪجي سنڌ لاءِ ملڪ لاءِ ۽ پڻ دنيا لاءِ به اهو بهتر، ڪارگر ۽ مفيد ثابت ٿيندو ڇو ته سنڌ هڪ زرعي صوبو آهي. دنيا گلوبل وليج ۾ تبديل ٿي چڪي آهي ۽ هاڻي وسيلا هڪ علائقي جا نه پر دنيا جي مشترڪه ۽ گڏيل ملڪيت آهن. اوپن مارڪيٽ سبب به اهو ايڏو ڏکيو يا مهانگو به نه آهي. جڏهن اسين سنڌوءَ جي کاٻي پاسي ايل بي او ڊي ۽ ساڄي پاسي آر بي او ڊي جهڙا منصوبا اربين رپيا خرچ ڪري مڪمل ڪري سگهون ٿا ته پوءِ ڪروڙين جانيون ۽ کربين رپين جو ملڪيتون ۽ مال بچائڻ لاءِ ڄاڻايل ڪئنال ڇو نه ٿا ٺاهي سگهون؟ ڏسون ته ان سلسلي ۾ ڪير ٿو اڳڀرائي ڪري.
    • جوهي مان امر لاشاري ايس ايم ايس ڪري ايف پي بند کي جوهي ويجهو ڳوٺ الهبچايو جمالي وٽان گهاري جو اطلاع ڏنو، هي اطلاع هن رات جو 2 وڳي ڏنو. هي گهارو جوهي لاءِ بنهه خطرناڪ آهي ۽ ايف پي بند کي هي پهريون لڳل گهارو آهي. منڇر زيرو پوائنٽ کان وٺي حمل ريگيوليٽر تائين. ڇا هاڻي حمل کان ڪاڇي رستي منڇر ويندڙ پاڻي به جوهي ۾ ڪاهي ايندو؟ يا الله خير. هي گهاري جو اهو ئي هنڌ آهي جتي 1995ع ۾ نئه گاج جي موتمار وهڪري ۾ گهارو لڳو هيو جنهن سبب مذڪوره سڄو ڳوٺ تباهه ٿي يا لڙهي ويو هو ان وقت 1995ع ۾ بروقت مان ۽ نظام شيخ دادو مان گهاري واري هنڌ پهچي رپورٽنگ ڪئي. دردناڪ منظر هيا. سمورو ڳوٺ لڙهي ويو هو.
    • صوبائي وزير پيرمظهرالحق ٽي وي تي ميڊيا کي ٻڌائي پيو ته نادر مگسي چوي ٿو ته پاڻي تمام گهڻو آهي. پير صاحب جي ان جملي تي ميڊيا تبصرو ڪندي چيو ته ڇا پاڻيءَ جي خبر فقط نادر مگسي کي آهي، پير صاحب خود دادو ۽ سنڌ جو رهواسي نه آهي؟ ڇا کيس نادر مگسي کان وڌيڪ پنهنجون صوبائي اختياريون کيس اهڙو اطلاع نه ٿيون ڏين يا سندن وفاق ۽ ان جا مواصلاتي اداره کين پاڻيءَ بابت سنڌ کي صحيح معلومات فراهم نه ٿا ڪن جو سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير کي پاڻي جي مقدار بابت هڪ ٻئي صوبائي وزير نادر مگسي کي ڪوٽ ڪرڻو پيو آهي. ڇا سرڪاري مشينري ناڪام پئي وڃي يا هن هيڏي وڏي ڊزاسٽر ۾ سڀ منجهي پيا آهن. بحرالحال ڇا به هجي.
    سنڌ ٽي وي تي منظور سولنگي ٻڌائي پيو ته ٻوڏ متاثرين جو نقصان ٻڌايل انگ اکرن کان گهڻو وڌيڪ ٿيو آهي ۽ کوڙ شيون ۽ اسم ته رپورٽ به نه ٿيا آهن. هو چوي ٿو ته سَوَن جي تعداد ۾ فش فارم لڙهي ويا انهن جو معاوضو ڪير ڏيندو؟ رکيل اناج لڙهي ويو، ڳهه، ڏاج، مال متاع، نقد، سڀ لڙهي ويا انهن جو معاوضو ڪير ڇا لڳائيندو؟ هو ڳڻتي ظاهر ڪري ٿو ته متاثرين ڪٿي سڄي زندگي متاثرين ئي نه رهجي وڃن.
    • دادو شهر واسين کي اڄ هڪ خوشخبري ملي ته دادو مورو روڊ تي لڳل گهارو بند ٿيڻ سبب دادو مورو جو روڊ رابطو بحال ٿي ويو آهي. دادو وارن لاءِ واقعي هي خبر ان Sense ۾ اهم ترين آهي ته شهر ۾ ٻوڏ جي پاڻيءَ جي داخل ٿيڻ سبب شهر کي جلدي ۾ ڇڏڻ ۽ محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ لاءِ سولو ۽ آسان رستو آهي. اها به ميڊيا رپورٽ ڪئي ته ٽرانسپورٽر ۽ ٻيڙي وارن جو جهيڙو جنهن م 6 ماڻهو زخمي ٿيا. جهيڙو ڇاتي؟ ان ڳالهه تي ته اڃان اتان ٽرئفڪ نه هلي ۽ هر روز سون جي تعداد ۾ مورو کان دادو ايندڙ ۽ ويندڙ مسافرن کي ٻيڙين رستي پار ڪرائجي ۽ مال ڪمائجي، واهه ڙي حضرت انسان واهه، واهه تنهنجو عقل، تنهنجي ڏاهپ تنهنجي سوچ
    • ڪي ٽي اين تي ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ٻوڏ متاثر ڪئمپ جي ماحول ۽ ڪراچي واسين جي رويي ۽ بي حسيءَ کي نظر ۾ رکندي چوي ٿو ته ”اسان کي ڪجهه نه کپي، نه امداد، نه 20 هزار، نه راشن فقط واپسيءَ جو ڪرايو کپي ته ههڙي زندگي گهارڻ کان بهتر آهي ته ڳوٺ ۾ واپس وڃون پوءِ مرون يا بچون هت ته ڪير سار لهڻ وارو به نه آهي.
    • ڪي ٽي اين تي قيصر بنگالي ڏاڍو سٺو پيو ڳالهائي ته متاثرين جو وڏو نقصان ٿيو آهي جاني ۽ مالي ٻئي سو کين ڏيڻو پوندو. هو چئي پيو ته ”فصل تباهه ٿيا تن جو معاوضو، ڪو دڪان هيو اهو بند ڪري مالڪ محفوظ هنڌ تي هليو ويو ۽ اهو تباهه ٿي ويو تنهن جو معاوضو ڏيڻو پوندو. ڍور ڍڳن جو معاوضو، انساني جانين جو معاوضو، ڊهندڙ گهرن ۽ ملڪيتن جو معاوضو ڏيڻو پوندو“ اهو ڪيئن ٿيندو سو حڪومت کي سوچڻو پوندو. لکين ماڻهو ڪئمپن کان ٻاهر روڊن تي ۽ عزيزن ۽ واقف ڪارن وٽ ترسيل آهن تن جي معاوضي جو ڇا ٿيندو؟ انهن کي ڪيئن ۽ ڪٿان معاوضو ملندو؟ اهو سڀ اسان کي سوچڻو پوندو.
    • رات جو 2:50 منٽن تي اشتياق ايم اين وي ڊي تان دادو جوهي روڊ تي ڇنڊڻ ويجهو گهاري جو اطلاع ڏنو. اشتياق جي گذريل 13 ڏينهن کان ايم اين وي ڊي بند تي رات جو ڊيوٽي آهي. هو انهن لاپرواهه آفيسرن مان نه آهي جيڪي رات جو سمهي رهن. هو سڄي رات جاڳي ٿو بندن جي چوڪي ڪري ٿو ۽ انهن کي مضبوط بنائڻ ۽ انهن جي حفاظت پنهنجو انساني، اخلاقي، قانوني ۽ قومي قرض سمجهي ٿو. اهو ئي سبب آهي جو رات دير تائين به سنگت سان رابطي ۾ رهي ٿو.
    • قاضي علي ڪي ٽي اين تي چوي پيو ته ڏوهه درياهه جو نه بلڪه بيڊ گورننس جو آهي جنهن سبب بند ٽٽا. ٻيو سنڌ ۾ متاثرين کي امداد عيد کان پهرين ڪير ڏيندو ۽ انهن متاثر ماڻهن کي معاوضو ڪير ڏيندو جيڪي پنهنجي مٽن مائٽن وٽ وڃي پناهه ورتي آهي ۽ جن انهن کي پناهه ڏني آهي سي به ته هڪ سينس ۾ متاثرين ئي ٿيا تن کي ڪير معاوضو ڏيندو جيڪي انهن کي پالي رهيا آهن؟ هن چيو ته وڏي تعداد ۾ متاثرين ڪئمپن جي حالت زار کي ڏسي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پنهنجن مائٽن وٽ وڃي رهيا آهن سي به برابر جا امداد ۽ معاوضي جا حقدار آهن .
    • اڄ عيد جو ڏينهن آهي پر سنڌ ۾ ڇا جي عيد؟ اڌ آبادي ته پنهنجا اجها ڇڏي مٽ مائٽن کان وڇڙي دربدر ٿي، ڪک پن ٿي ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ٺٽو، ڄامشورو، ڪوٽري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين ڪيترن ضلعن ۾ ذلت واري زندگي گذاري پئي. ڪيترن کي ته واقعي پائڻ لاءِ به ڪو وڳو نه آهي سواءِ سندن بدن تي پيل وڳي جي ڇو ته هو فقط جانيون بچائي خشڪيءَ تي پهتا. ميڊيا ڏيکاري پئي ته متاثرين جي ڪئمپن جا منظر ڪهڙا آهن، رڙين، دانهن، ڪوڪن، ڳوڙهن، لڙڪن، سڏڪن، آهه زاري کانسواءِ اتي ڪجهه به نه آهي، هن مذهبي ڏڻ تي کين پنهنجن مسلمان ڀائرن کي ڪنهن به پنهنجو نه ڪيو ۽ خوشين ۾ شريڪ نه ڪيو نه سرڪار نه مذهب جون دعوائون ڪندڙ تنظيمن، نه شهري وڏيرن، نه انساني حقن جي علمبردارن ۽ نه ئي نه ڪنهن ٻئي، سنڌ جو وڏو وزير آهي. سو هر وقت ۽ سنڌ جي فضائن ۾ هيليڪاپٽر تي لامارا ڏيئي رهيو آهي. نتيجو سنڌ جو عوام ڏسي رهيو آهي.
    هن عيد جي موقعي تي ڪراچي جي متاثرين لاءِ نه سفاري پارڪ، نه ڪلفٽن، نه ٻين تفريحي ماڳن ۽ پارڪن ۾ ڪا مفت سهولت رکي وئي ۽ نه ئي ڪي پروگرام رٿيا ويا.
    جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءِ ورتي سومرا
    وئي ويچارن وسري، خوشي ۽ خريد
    سڪڻ ڪيا شهيد مارو ملڪ ملير جا

    (شاهه)
    • ڪراچي سائيٽ جي ڪئمپ جي حوالي سان ميڊيا تي ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي انتظاميه ڪالهه کان کين پاڻي نه پئي پهچائي جنهن سبب هو اڄ عيد نماز به نه پڙهي سگهيا، قومپرستن مان به ڪو لڙي نه آيو. دودو چانڊيو ٻڌائي رهيو آهي ته هنن ڪئمپن جي ذميواري ڊي سي اوز، مختيارڪار ۽ ڊي ڊي اوز تي آهي پر انهن مان ڪنهن کي به ان ڳالهه جو احساس نه ٿيو ته سڀاڻي ڪا عيد به آهي. هي واقعي مسلمانيءَ جي دعويٰ ڪندڙ ڪراچي انتظاميه جي منهن تي به چماٽ آهي. ڪيڏانهن وئي سندن مسلماني، انسان دوستي ۽ اسلامي دعوائون. لڳي ٿو سڀ ڪوڙ آهي. متاثرين پنهنجو ڏکيو وقت گذاري ويندا پر سڀني جو اصل چهرو ظاهر ڪري ويندا دنيا آڏو.
    • ڪي ٽي اين تي جوهي شهر ۾ گڏيل قومن جي امداد کڻي ايندڙ هيليڪاپٽر تي ماڻهن جي ڪاهه جا منظر/ فوٽيج هلي رهيا آهن. ماڻهو زبردستي هيليڪاپتر تي چڙهي سامان جي ڦرلٽ ڪري رهيا آهن ۽ هر ڪو پنهنجي لاءِ وڌ کان وڌ سامان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ڇو ته هو ڪيترن ڏينهن کان شهر ۾ زمين جي ڪجهه ٽڪري تي محصور ٿيل آهن. سندن چوڌاري 10 کان 12 فٽ پاڻيءَ جو گهيرو آهي ۽ فقط پنهنجي مدد پاڻ تحت ڏنل شهر کي رنگ بند سبب ٻڏڻ کان بچيل آهن. هو پراميد آهن ته سندن رنگ بند جي شڪل ۾ اها محنت، جستجو ۽ جاکوڙ کين ٻڏڻ کان بچائيندي، اهو ئي سبب آهي جو ماڻهو وڌ کان وڌ راشن يا سامان حاصل ڪرڻ جي چڪر ۾ هيليڪاپٽر لهندي ئي ان مٿان ڪڙڪي پيا آهن. انتظاميه نالي شايد جوهي ۾ ڪنهن شيءِ جو وجود نه رهيو آهي جو کين ائين ڪرڻ کان روڪي يا پنهنجي نگرانيءَ ۾ اها ورهاست ڪري.
    • ڪي ٽي اين تي ميهڙ شهر مان اڳوڻي ايم پي اي قاضي شفيق مهيسر جو آواز گونجي پيو ”نادرمگسي دادوءَ کي ٻوڙايو ۽ هاڻي اهو ڪير ٿيندو آهي جو کيس دادو کي بچائڻ جو چيف منسٽر ٽاسڪ ڏيئي رهيو آهي.“
    قاضي اها ڳالهه وزيراعليٰ جي ان بيان جي رد عمل ۾ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ هن چيو ته دادوءَ کي بچائڻ جو فيصلو سيد مراد علي شاهه، نادرمگسي ۽ سيڪريٽري آبپاشي شجاع جوڻيجو هڪ فضائي دوري کان پوءِ ڪندا ۽ پنهنجي رپورٽ ڏيندا ته هاڻي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ دادوءَ کي ڪيئن ايم اين وي ڊي جي امڪاني خطري کان بچائجي.
    • ڪي ٽي اين تي غوثپور واسي عورتون ٻڌائن ٿيون ته ”ڪو هت ڪراچي جي ڪئمپن ۾ سڪ مان نه پهتا آهيون، ٽوڙي سامهون ٽي ڳوٺ هيا جن کي پاڻي وڻن سميت پاڙئون پٽي ويو ۽ پاڻي ٻيٽ ڪري ويو جي اُتي زمين جو ٽڪرو به هجي ها ته اسين هت نه اچون ها. هن چيو ته اسان جا ڏوڪڙ آهن جيڪي سرڪار کي مليا آهن ۽ سرڪار اسان کي هڪ روپيو به نه ٿي ڏيئي جو ٻارن کي ڪو بسڪوٽ يا پاپو وٺي ڏيون. اها حالت رهي ته جهيڙو ٿيندو پوءِ جيڪو بچيو جيڪو مئو.
    • ڪڍ واهه اٿلڻ سبب جهانگاره شهر جو قبرستان ۽ شاهي بازار پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. ڇا هاڻي ڪاڇي جي شهرن ۽ ڳوٺن سان دادو سيوهڻ ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جو جيڪو رابطي واسطي آخري رستو بچيو هيو سو به بند ٿيڻ وارو آهي؟ جي ائين واقعي به ٿيو ته اهو سانحي کان گهٽ نه هوندو ڇو ته واهي پانڌي، ڇني، ٽنڊو رحيم خان، شاهه حسن، گاجي شاهه، علي مراد شاهاڻي ۽ ڪاڇي کير ٿر سميت ڪيترن ئي هنڌن تي جوهي، دادو سميت ڀان ۽ مختلف علائقن مان هزارين ماڻهو لڏ پلاڻ ڪري اتي ترسيل آهن، تن جو ڇا ٿيندو؟ کين ڪهڙي رستي سان ۽ ڪيئن امداد ڪئي ويندي؟ ڇا اهي ماڻهو بکون ڪاٽي مري ويندا يا سرڪار هيليڪاپٽرن ذريعي سندن سار لهندي، ڏسون ته ڇا ٿي ڪري سرڪار .
    ڪي ٽي اين تي فيض کوسو گنجو ٽڪر واري ڪئمپ ۾ متاثر ماين کان حال وٺي رهيو آهي ”اسين ڪٿان آيا آهيون، اهو ئي درياهه جي وچوڙ مان آيا آهيون. هن ڀونگي ۾ ويٺا آهيون ماڻهو ڀلي جهجهو کائين، اسان وٽ ڪجهه به نه آهي“ هوءَ وراڻي ٿي ”درياهه مان کي اچي ٻچن ۾ پيو، درياهه جو ڏوهه ناهي، اسان جو پنهنجو ڏوهه آهي“
    ”ڪئمپن ۾ ڪجهه ماڻهن جي گفتگو، لهجو، جملن، لفظن جي ادائيگي حيران ڪري ٿي. انهن ۾ هڪ نواڻ ۽ سچائي ڇلڪي ٿي. ڪي ڪمال جا نوان ۽ عجيب جملا ۽ اصطلاح پڻ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا جيڪي هن وقت تائين ادب ۾ شايد لکت ۾ نه آيا هجن.
    گنجي تي فيض سان هڪ مري عورت مخاطب آهي
    ”اسان کي ٻروچ ۽ مري سمجهي ڌڪارين ٿا ۽ امداد نه ٿا ڏين، وٺڻ لاءِ ڀڄون ٿا ته چون ٿا ته ڀڄو اوهين مري آهيون، ابا ڪولهين ، باگڙين ۽ ٻين کي ڏين ٿا پر اسان کي نه ٿا ڏين، اسين مسلمان آهيون“
    هي ڇا؟ جي واقعي سنڌ ۾ ڪو ائين ڪري رهيو آهي ته اهو سواءِ انسانيت کي لڄائڻ ۽ بي شرميءَ جي ٻيو ڪجهه به نه آهي. ڇا جو سنڌي ڇا جو مهاجر ڇاجو پٺاڻ ڇاجو پنجابي، ڇاجو بلوچ، ڇاجو ڪشميري ٻوڏ ته اها تميز نه رکي پوءِ هي ڪهڙا ڄٽ آهن جيڪي اهو فرق رکي رهيا آهن. ڪاش اهو سچ نه هجي؟
    • دادو شهر جي مٿان هينئر صبح جو شايد اهو ئي هيليڪاپٽر اڏامندي نظر اچي ٿو جنهن ۾ 3 رڪني ڪميٽي دادوءَ جي مستقبل (ٻڏڻ يا نه ٻڏڻ) جو فيصلو ڪرڻ لاءِ فضائي جائزو وٺي رهيو آهي. 1976ع جي ٻوڏ ۾ ياد آهي ته جڏهن ڪاڇي جي شهر ڇنيءَ ۾ اهي هيليڪاپٽر آسمان تي اڏامندي نظر ايندا هئا ته ماڻهو خوش ٿيندا هئا ۽ هن ڀيري هن ٻوڏ ۾ ماڻهو هيليڪاپٽرن جي لامارن تي خوشيءَ بجاءِ ڳڻتيءَ ۾ نظر آيا. سو ڇو؟
    • ڪي ٽي اين تي اسلام آباد مان محسن ٻٻر انهن ماڻهن جي خاندانن جا انٽرويو ڪري رهيو آهي جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن مان ٻوڏ کان متاثر ٿي سخت تڪليفن مان پار پئي اسلام آباد تائين وڃي پهتا آهن. هن ٻوڏ به ڪي وڏا ڪيس ۽ ڪلور ڪيا آهن ۽ ماڻهن کي پناهه وسطي سوين ميلن جو مفاصلو طئي ڪرڻو پيو آهي. متاثر ٿيندڙن مان ڪن چيو ته اسان سنڌ ۾ ڪئمپن ۾ رهڻ کان موت کي ترجيح ڏني ڇو ته اتي جيڪا ذلالت ڏسڻ وٽان ملي سا بيان کان ٻاهر آهي. ٺل مان اسلام آباد پهتل هڪ خاندان ٻڌائي پيو ته هو پهرئين ڪوئٽا ويا جتي سندن ڪنهن به سار نه لڌي. ڪوئٽا جي ڪئمپن ۾ ڪا به سهوليت نه هئي بلڪه جڳهه ئي نه هئي. پوءِ اُتان ڊيره بگٽي ذريعي جابلو سفر ڪري صادق آباد پهتاسين جتان ريل رستي اچي لاهور ۽ اسلام پهتاسين پنهنجن ڪن عزيزن وٽ. وڏا خرچ ٿيا پر اها ته پڪ آهي ته هتي ماني ٽڪر ته ملندو.
    • امر لاشاري جوهي مان ٻڌائي ٿو ته 8 فوٽ وارو رنگ بند (جوهي شهر کي) شهرين پنهنجي مدد پاڻ ڪري ڏينهن رات اوجاڳا ڪري هاڻي 13 فٽ تائين پهچايو آهي ۽ هاڻي لڳي ٿو ته جوهي واسي ڪامياب ويندا يعني ٻڏڻ کان بچي ويندا. ڇنڊڻ کان جوهي تائين هلندڙ ڏينهن ۾ ڪي 100 کان وڌيڪ ٻيڙين جي حوالي سان ٻڌائي ٿو ته انهن جو ڪرايو 100 رپيا آهي جيڪو غريبن جي پهچ کان وڌيڪ آهي ۽ سرڪار جوهي واسين جي اچ وڃ لاءِ اڃان تائين ٻيڙين جو ڪو به بندوبست نه ڪيو آهي.
    ملاح به ڇا آهن سڄي زندگي هو روڊن تي هلندڙ گاڏين جا روز وڌندڙ ڳرا من پسند ڪرايا ڀري ڪنگال ٿي پيا آهن ۽ هاڻي جڏهن اڌ سنڌ تي ڦيٿو نه ٿو هلي سگهي ته هو به ماڻهن کان شايد پنهنجو قرض چڪائي رهيا آهن يا انتقام وٺي رهيا آهن. عجيب مڪافات عمل آهي. بحرالحال ويچارن مهاڻن جا ته ڪي هي ٻه ٽي هفتا پوءِ ته ٽرانسپورٽر کين هر وقت لٽيندا ۽ ڦريندا.
    • لاڙڪاڻي مان ٽن سالن جي معصوم ٻارڙي پروين جي گيسٽرو وگهي فوت ٿيڻ جي خبر رپورٽ ٿي آهي. والدين کي ڪفن جا پئسا ۽ ٽرانسپورٽ جي وسعت نه هئڻ سبب ڪفن ته ايڌي وارن ڏنو ۽ لاش ڪيئي ڪلاڪ ماءُ ۽ پيءُ آڏو جناح باغ لاڙڪاڻي ۾ روڊ تي پيل رهيو. بيوسيءَ جو عجيب عالم آهي. لاڙڪاڻي واسي فقط تماشو پيا ڏسن. ميڊيا رپورٽ ڪيو ته پوري شهر ۾ ڪنهن به کين مدد نه ڪئي نه ٽرانسپورٽ ۾ نه ڪفن ۾.
    • هي سنڌ جي راڻي بينظير شهيد جو شهر آهي، هي ايشيا جي عظيم اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي جو شهر آهي هي پ پ پ جو مضبوط قلعو آهي ۽ اڄ پ پ پ جا ووٽر ڪفن ۽ دفن لاءِ پنهنجا مئل ٻچا پنهنجي سامهون روڊ تي رکي روئي رهيا آهن. هن جو ذميوار ڪير؟ انتظاميه، پ پ پ حڪومت، لاڙڪاڻي جا ڊاڪٽر، لاڙڪاڻي جون سيٺيون، سياستدان ناميارا وڪيل، ها سڀ ذميوار آهن. ڇا هي متاثر ٿيندڙ ڪي جنگي مجرم آهن يا دشمن ملڪ جا ماڻهو آهن جو کين خسيس ڪفن لاءِ به ڪير هتي اڳتي نه ٿو اچي ۽ کين ڪا گاڏي نه ٿي ڏني وڃي ته هو پنهنجي جگر جي ٽڪري کي پنهنجي ڳوٺ جي قبرستان ۾ دفنائي اچن. هي آهي اسان جو حال ته پوءِ غيرن تي ڪهڙي ميار؟
    • خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ تعلقن مان فوجي گاڏين ۾ متاثرين سٿجي دادو شهر ۾ ڪئمپن ۾ اچي رهيا آهن. دادو شهر کان ڪڪڙ تائين سون جي تعداد ۾ موٽر سائيڪلن، چنگچي رڪشائن، ڪارن، ٽرڪن، بسن ويگنن، پنڌ پيادل قافلا ۽ وڏي تعداد ۾ ماڻهو ۽ چوپايو مال پناهه لاءِ ان شهر ۾ اچي رهيا آهن. جنهن جا رهواسي پاڻ پناهه لاءِ ڪنهن ٻئي پاسي وڃي رهيا آهن. هي واقعي حيران، پريشان ۽ دل ڏاريندڙ منظر آهي. ڪيترن ئي قافلن سان ته اهو ظلم به ٿيو ته هو تڪڙ ۾ ڪي 15/10 هزارن ۾ سواري ڪري اچي دادو شهر پهتا ۽ سامان مس لاٿائون ته وري کين ڪنهن اطلاع تي ٻيهر ڪا ٻي سواري ڪري ڪنهن ٻي منزل ڏانهن روانو ٿيڻو پيو ۽ ائين لٽيل قافلا ٻيهر لٽبا ويا.
    • هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال دادو شهر جي ٻاهران جمع ٿي ويو آهي جتي مالڪ کليل آسمان هيٺ انهن جي رکوالي ڪري رهيا آهن. کين مال کي چارو ڏيڻ جي به وسعت نه آهي. بلڪه کين پاڻ کي به کائڻ لاءِ ڪجهه نه ٿو ملي ته هو هيڏي وڏي ڌڻ کي ڪيئن کارائيندا. انهيءَ ڌڻ مان ڀڳڙن مٺ تي ڪي سفاڪ قسم جا ماڻهو 20 هزارن جي قيمت وارو مال 10 يا 5 هزارن ۾ کانئن وٺن ٿا ۽ هو انهن پئسن سان پاڻ به کائين ته مال به کائي. انسانيت جو ڀيانڪ روپ هن صورت ۾ ظاهر ٿي پيو آهي. متاثر علائقن جي ڪيترن ئي ماڻهن ايمرجنسي ۾ پنهنجي شهر ۾ يا دادو اچي 40 هزارن وارو سون 10 هزارن ۾ به کپائي ڪا سواري ڪري محفوظ هنڌن تي منتقل ٿيا يا پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا به اطلاع آهن ته وياج خور به پنهنجي ڪرت سان اڳي کان اڳڀرا نظر اچن پيا. هي ڇا ٿي ويو آهي. سنڌ ۽ سنڌين کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي ۽ هن جو نتيجو ڇا نڪرندو. سو وقت ئي ٻڌائيندو.
    • عجيب سنڌ جا هينئر منظر آهن. هڪ طرف غوثپور جيڪب آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ماڻهو واپس پنهنجن اجهن ڏي اچي رهيا آهن ته ٻئي طرف دادوءَ م ٻوڏ هلي رهي آهي شهر ۽ ڳوٺ ٻڏي رهيا آهن ۽ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن. ڪئمپون ڀرجي رهيون آهن ۽ رستا بند ٿي رهيا آهن ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ ڀان ۽ سيوهڻ جا رهواسي ٻوڏ جو انتظار ڪري رهيا آهن.
    • اڄ ڳوٺ ڇني مان نوجوان معشوق رانجهاڻيءَ جي بجليءَ جي پول تان ڪري فوت ٿيڻ جو اطلاع مليو، ڳوٺ ويجهو ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب بجليءَ جو لڳل ٿنڀو بنياد کان ڪمزور هئڻ سبب اوچتو سندس مٿان ڪريو کيس دماغ ۾ ڌڪ لڳا رستا بند هئڻ ڪري وڏي مشڪل سان کيس سخت زخمي حالت ۾ ٻيڙي ذريعي بوبڪ بند تائين نيو ويو جتان حيدرآباد ويندي سيوهڻ ويجهو دم ڌڻي حوالي ڪيائين. ٻوڏ جتي ڪيترائي راڱا ڪيا آهن اتي ڪن هنڌن تي بجلي جي ٿنڀن ڪرڻ ۽ اوچتو ديوارن ۽ جاين ڪرڻ سبب به ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿيون آهن.
    • دادو شهر ۾ اڃا تائين ماڻهو گهرن، گهٽين، دڪانن، پاڙن، ڪارخانن، آفيسن ۽ ٻين هنڌن تي 6 کان 10 فٽ تائين پڪيون ديوارون ڏيارڻ واري ڪم ۾ رڌل آهن. کين يقين آهي ته ايم اين وي ڊي تي سخت خطري سبب گهارن لڳڻ ڪري اهو پاڻي شهر ۾ ڪا هجي ايندو جنهن سبب هو پنهنجي ملڪيتن کي بچائڻ لاءِ ائين ڪري رهيا آهن ۽ گڏوگڏ شهر مان وڏي پئماني تي لڏ پلاڻ پڻ جاري آهي. عجيب صورتحال آهي هڪڙا ماڻهو ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه، جوهي ۽ دادو تعلقي جي علائقن مان ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب متاثر ٿي دادو پناهه لاءِ اچي رهيا آهن ته ٻئي پاسي دادو شهر جا رهواسي ٻوڏ کان بچڻ لاءِ حيدرآباد ڪراچي ۽ ٻين شهرن جو رخ ڪري رهيا آهن. عجيب افراتفري وارو ماحول آهي. ڪيترائي مهربان جن ۾ بدر ابڙو، اشتياق انصاري، غلام شبير شيخ ۽ ٻيا دوست دادوءَ کي خطرن ۾ ڏسي مون کي فيملي ڇني، حيدرآباد يا ٻئي ڪنهن هنڌ شفٽ ڪرڻ جو چئي رهيا آهن ۽ منهنجو کين اهو ئي جواب آهي ته پنهنجو گهر ڇڏڻ ڏکيو آهي گهڻا ڀاتي آهيون ڪيڏانهن وينداسون. جڏهن ڪو گهارو لڳو ۽ شهر ۾ پاڻي داخل ٿيندو ڏسي ايمرجنسي ۾ نڪري وينداسون ۽ مون اهو ئي سوچيو آهي. اشتياق انصاريءَ ته اهو به چيو آهي ته حسين آباد ۾ ڀائو اخلاق جو گهر جيڪو خالي پيو آهي ان ۾ اوهان رهي سگهو ٿا يا منهنجي گهر ۾ ڏکيو سکيو رهي اوهان هي وقت ڪڍي سگهو ٿا. واقعي هي اشتياق صاحب جو خلوص آهي آءٌ ان خلوص جي موٽ ۾ فقط ايترو چوندس ته هو مهل جو مڙس ماڻهو آهي دوست جي تڪليف ۽ پريشانيءَ کي پنهنجو سمجهندو آهي ۽ هر ممڪن ساٿ ڏيندو آهي. ڀلا جاکوڙي جو ٿيو.
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا.

    • گهڻن ڏينهن کان اشتياق انصاري جي خواهشن هئي ته جوهي هلي سنگت سان ملجي، منهنجي به ساڳي ئي خواهش هئي ته ٻوڏ کان پوءِ ۽ جوهي دادو رستو بند ٿيڻ کان پوءِ جوهي جي دوستن، ڊاڪٽر حميد سومرو، اڪبر لاشاري، ذوالفقار برهماڻي، معشوق برهماڻي، وفا برهماڻي، عزيز ڪنگراڻي، فتاح ڏاهري، غلام نبي رستماڻي، سائين بخش رند، نقاد ٿهيم ۽ بخت جمال سومرو ۽ ٻين ساٿين سان وڃي ملجي ۽ هنن جوهيءَ کي مڙسي ڪري رات ڏينهن اوجاڳا ڪري رنگ بند ڏيئي شهر کي بچايو ۽ پنهنجن ملڪيتن کي محفوظ ڪيو ۽ پاڻ کي دربدر ٿيڻ کان بچايو. ايم اين وي ڊي تي اشتياق جي مسلسل ڊيوٽي هئڻ سبب اهو خيال ٻوڏ جو پاڻي لهڻ تائين خواب پئي معلوم ٿيو. صبح جو سوير ايم اين وي ڊي تان اشتياق فون ڪيو ته عزيز اڄ تون فيلڊ ڊيوٽي لاءِ شام جو هليو ويندين سو پوءِ آءٌ اڪيلو رهجي ويندس ڇو نه اڄ ئي هلي ٿي اچون. پنهنجي گاڏيءَ ذريعي دادوءَ کان ڇنڊڻ موري پهتاسين. آفتاب رانجهاڻي به اسان سان ساٿ ۾ هيو جنهن گاڏي ڊرائيو ڪري اسان کي ڇنڊڻ تي پهچايو. جتي وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون بيٺل هيون جيڪي جوهيءَ کان ڇنڊڻ تائين دادو ۽ جوهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي صبح ساجهر کان سج لٿي تائين پهچائي رهيون هيون. ڇنڊڻ اڄ دادو ۽ جوهيءَ جو هڪ وڏو پتڻ وارو ڏيک ڏيئي رهيو هو. ڇنڊڻ کان جوهيءَ جو ڪرايو 50 رپيا في ماڻهو وصول ڪيو پئي ويو ۽ نجي ٻيڙيءَ جا ڪي 6 کان 7 سئو رپيا وٺي رهيا هئا. هڙيي تي ويهي اسان جوهيءَ ڏانهن رخ رکيو. هڙيي ۾ موٽر لڳل هئي جنهن ڪري اهو 10 ڪلوميٽرن وارو پنڌ 45 منٽن ۾ ڪيوسين ورنه ونجهه ذريعي ته شآيد ٻيڻو يا ٽيڻو وقت لڳي وڃي ها. ٻيڙي جوهي دادو روڊ جي کاٻي ڪناري سان هلندي رهي. سڄي واٽ ڏکوئيندڙ ۽ تڪليف ڏيندڙ منظر هيا. جيستائين نظر پئي وئي اوسيتائين ڳوٺ، گهر، آباديون، سرڪاري عمارتون، ڪارخانه سڀ ڇتين تائين پاڻيءَ هيٺ نظر آيا جنهن مان محسوس ٿيو ته ڪي 10 کان 12 فٽن تائين ڇنڊڻ ۽ جوهي وچ ۾ پاڻي جمع ٿي ويو هيو ۽ اڃان تائين منڇر طرف وڃي رهيو هو. اهي ڳوٺ ۽ عمارتون جيڪي 20 ڏينهن اڳ اسين پنهنجن اکين سان ڏسي وياسين سي اڄ پاڻيءَ ۾ ايستائين ٻڏل نظر اچي رهيا آهن جو سندن سڃاڻپ به مشڪل ٿي پئي آهي. واٽ تي هڪ بس ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ڦاٿل هئي جنهن جي فقط هڪ ڪني يا معمولي لوهه جو ڪو حصو يا ٽڪرو ئي نظر اچي رهيو هو. جڏهن جوهيءَ ويجهو پهتاسين ته شهر کي ڏنل رنگ بند ٻاهران ڊگري ڪاليج جو هي مڪمل ڇتين تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيو. رنگ بند ٻاهران پئٽرول پمپ، ڪارخانه ۽ گهر مڪمل پاڻي ۾ ٻڏل هيا. رنگ بند تي پهتاسين ته سوين ماڻهو ڇنڊڻ وانگر هن جوهي پتڻ تي ٻيڙين ۾ چڙهندي ۽ لهندي نظر آيا. پتڻ ويجهو ئي رنگ بند جي پاسي ڪجهه دير هڪ دڪان تي ويٺاسين جتي ڊاڪٽر حميد اسان کي وٺڻ لاءِ پهچي ويو. ڏاڍو خوش ٿيو. سڌو وڃي سومره محلي ۾ رنگ بند ڪنڌيءَ قائم ان بيس ڪئمپ ۾ وٺي ويو جتي شهر جي رنگ بند کي مضبوط ڪرڻ لاءِ جوهي واسي اچي گڏ ٿيندا هيا. ڪئمپ تي لاهور ۾ ڪاوش جو رپورٽر امداد سومرو، سائين بخش رند، نقاد ٿهيم ۽ صبح جو جوهي آيل سنڌي ادبي سنگت جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦل پڻ موجود هيو. اسان دادوءَ مان ورتل ڪجهه اخبارون ۽ ٻيو سامان ڊاڪٽر حميد حوالي ڪيو جنهن وري اهو ڪئمپ ۾ موجود ساٿين حوالي ڪيو. ڊاڪٽر اسان کي ويجهو ئي ڪجهه والن جي مفاصلي تي رنگ بند تي وٺي ويو. رنگ بند ڇا هيو ڄڻ ڪنهن وڏي قلعي جي ديوار هئي شايد هت ان جي اوچائي 14 فٽ هئي ۽ ٻئي طرف ٻوڏ جو پاڻي بند سان اڃان ٽڪرائجي رهيو هو ۽ سامهون حد نظر تائين ڳوٺ ۽آ باديون پاڻيءَ ۾ ٻڏل نظر آيون. رنگ بند ڏيئي جوهيءَ کي بچائڻ واقعي جوهي واسين جو وڏو گڏيل ڪارنامو آهي. بند تان ٿي ڊاڪٽر اسان کي شهر جي اولهه ۾ ايف پي بند تي واهي کان جوهي واري پل تي وٺي ويو جتي هزارن جي تعداد ۾ ٻوڏ متاثرين بند تي ويٺل نظر آيا جتي هڪ ميڊيڪل ڪئمپ به نظر آئي. وڏي تعداد ۾ خيما هئڻ سبب هڪ وڏي خيما بستي جو ڏيک هيو. ڊاڪٽر ٻڌايو ته هي متاثرن جوهي شهر کانسواءِ باقي جوهي چوڌاري پاڻيءَ ۾ ٻڏل ڳوٺن مان هت پناهه لاءِ آيا آهن. ايف پي بند سان حمل ڍنڍ مان ايندڙ پاڻي واهي جوهي پل هيٺان ايف پي بند سان گڏ منڇر طرف وهي رهيو هو ۽ جوهي کان واهي تائين روڊ رستو اڃان بحال هيو. ايف پي بند تان ٿي ڊاڪٽر جي گهر ۾ منجهند جي ماني کائي ساڳي طرح ٻيڙيءَ ۾ جوهي پتڻ تان روانا ٿي ڇنڊڻ پتڻ تي پهتاسين. هن موٽ واري سفر ۾ ڊاڪٽر مشتاق ڦل ۽ ان سان گڏ ڪجهه دوست به ساڳي ٻيڙيءَ ۾ سوار هياسين. ڇنڊڻ پهچي اتان گاڏيءَ ۾ چڙهي دادو واپس پهتاسين. اهو زندگي جو يادگار ۽ ڏکوئيندڙ سفر هيو. ڇنڊڻ کان دادو ويندي وفا برهماڻيءَ جو ايس ايم ايس مليو ته ڀان سعيد آباد کان سيوهڻ تائين ماڻهو انڊس هاءِ وي تي سفر نه ڪن ڇو جو منڇر کي لڳل گهارن سبب اوچتو انڊس هاءِ وي تي پاڻي هلندڙ گاڏين کي لوڙهي سگهي ٿو ڇو ته منڇر جي گهارن مان پاڻي تيزيءَ سان انڊس هاءِ وي طرف اچي رهيو آهي. گهر پهچي سامان کڻي آءٌ شام جو 6 بجي دادوءَ مان حيدرآباد لاءِ ساڳي انڊس هاءِ وي تان سفر شروع ڪيو. دادوءَ ۾ ئي اهي افواهه هلي رهيا هئا ته انڊس هاءِ وي ڀان ڀرسان بند ٿي ويو آهي يا بند ٿيڻ وارو آهي. آءٌ تڪڙ ۾ روانو ٿيس ته جيئن روڊ بند ٿيڻ ۽ ان مٿان پاڻي وهڻ کان پهرين سيوهڻ پهچان. ڀان سعيد شهر ٻاهران انڊس لنڪ پل تي چڙهيس ته ٽريفڪ جام هئي ۽ سامهون روڊ جي ساڄي پاسي واهڙ ڳوٺ طرف ۽ پري تائين پاڻي ڌوڪيندو انڊس هاءِ وي طرف ايندي نظر پئي آيو ۽ محسوس ٿيو ته شايد اڳيان ايئرپورٽ ويجهو روڊ تي پاڻي ڪراس ڪيو هجي. اوچتو گاڏين روڊ تي هلڻ شروع ڪيو آءٌ به انهن جي پويان. شهباز ايئرپورٽ بوبڪ ويجهو ته سج لٿي مهل روڊ تي پاڻي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو وڏي افراتفري هئي ۽ گاڏيون ان ٽڪري تي تيزيءَ سان اچي وڃي رهيون هيون ته جيئن موتمار پاڻيءَ مان نڪري سيوهڻ ڀان تائين جان بچائي پهچي وڃجي. هڪ وڏو رسڪ هيو جيڪو هينئر ان روڊ تان سفر ڪندڙ ماڻهن کنيو. شهباز ايئرپورٽ کان وٺي سيوهڻ تائين انڊس هاءِ وي جي ٻنهي پاسن پاڻي روڊ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو پر اڃان ڪٿي هن روڊ تان اوور ٽاپ يا اوور فلو نه ڪيو هو. سيوهڻ اچي دم پٽيوسين. هي آهي مها ٻوڏ 2010 جيڪا ماڻهن کي سنڌوءَ جي ساڄي طرف هر هنڌ اڃان تائين ڊوڙائي پئي ، سهڪائي پئي، ٻوڙي پئي، لوڙهي پئي ۽ دربدر ڪري پئي. انڊس لنڪ تي ڀان ويجهو پل تي صوبائي وزير سيد مراد علي بيٺو هيو جيڪو خاموشيءَ سان پنهنجي اباڻي ڳوٺ سيد مراد علي شاهه واهڙ کي ٻڏندو ڏسي رهيو هو. ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ سامهون روڊ تان نظر ايندڙ شهباز ايئرپورٽ اندر پاڻي داخل ٿي چڪو هيو ۽ انڊس لنڪ جي ساڄي پاسي وارن بندن کي ڀان سعيد آباد کي بچائڻ واسطي اوچو ڪيو پئي ويو انڊس لنڪ تي ئي ڪامريڊ روشن ٻرڙو، مولابخش لغاري، حاجي نثار لنڊ، ظفر رانجهاڻي ۽ ٻيا ڀان واسي پريشان نظر اچي رهيا هئا.
    • ڪي ٽي اين تي نفسياتي ماهر ڊاڪٽر ڪمال حسين چوي ٿو ته ٻوڏ متاثرين ۾ 38 سيڪڙو نفسياتي بيمارين جو شڪار آهن. جنهن سبب سندن منجهه، چڙ، بخيلي، ڊپريشن ۽ ٻيون علامتون ۽ حرڪتون واضع نظراچن ٿيون.
    • سجاول مان ناز سهتو پبلڪ لائبريري جي رپورٽ ڏيکاري رهيو آه. لائبريري جو انچارج/ سنڀاليندڙ عزيز مينڌرو چوي ٿو ته مون ٻوڏ کان اڳ ڪتاب ٻڏڻ کان بچائڻ لاءِ مٿي ڪٻٽن ۾ رکي ڇڏيا. هو چوي ٿو ته مون ارادو ڪيو ته منهنجو گهر ٻڏي وڃي پر لائبريري بچي وڃي ۽ مون ان مقصد لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو.
    • سڄي ملڪ ۾ مولوي ۽ انهن جا حمايتي آمريڪا ۾ عافيه صديقي کي سزا خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن. جلسا ۽ جلوس ٿي رهيا آهن. سياستدان عمران خان ۽ شيخ رشيد ۽ ٻيا وات ڦاڙي زوردار تقريرون ڪري رهيا آهن، پر سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ سندن وٽ ڪجهه به نه آهي. ڇا اهي انسان نه آهن؟
    • مشهور سرجن ڊاڪٽر اديب رضوي چوي ٿو ته ٻوڏ متاثرين ۾ هزارين ماڻهو اهڙا آهن جن جي بڪين جو علاج هلندڙ آهي ۽ ڪيترا ته ڊائيلاسز تي آهن، هاڻي اهي دربدر ٿي ڪئمپن ۾ رهن ٿا سو انهن جي علاج ۽ ڊائيلاسز جو سرڪار بندوبست ڪري نه ته هزارين مريض زندگيءَ جي جنگ هارائي ويهندا.
    • لاڙڪاڻي جي ڪئمپن ۾ موجود هزارين ٻوڏ متاثرين چون ٿا ته مال لڙهي ويو، گهر تباهه ٿي ويا ۽ هاڻي لڳي ٿو ته هت سخت سرديءَ ۾ اسين سڀ مري وينداسين. معصوم ٻارن کي گرم ڪپڙا نه آهن، ڇا ڪيون، ڪيڏانن وڃون، سخت سيءُ سبب سڄي رات جاڳي گذاريون ٿا، سيءُ ته هڏ ئي ڀڃي ڇڏيا آهن، ڪو بوڇڻ ڪو نه آهي، معصوم ٻچا ڇاتيءَ سان لڳايو صبح ٿا ڪيون. هاڻي ته خيما ۽ تنبو به ٽمن ٿا، هڪ عذاب مان نڪري ٻئي عذاب ۾ اچي ويا آهيون. ڪير به سار نه ٿو لهي. هن زندگيءَ کان خدا موت ڏيئي ته بهتر آهي. ڪٿي آهي. حڪومت ڪٿي آهي انسانيت، بس اسان جو ڪير به نه آهي. نه کائڻ لاءِ آهي ۽ نه پائڻ لاءِ ۽ نه پاڻ کي لڪائڻ لاءِ.
    • ڪي ٽي اين تي نظام شيخ سخت سردي سبب ڪئمپن ۾ ترسيل متاثرين جي اهنجن بابت ٻڌائي رهيو آهي. هو ٻڌائن ٿا ته هي سيءُ ته اسان کي ماري ڇڏيندو. اسان جا ٻچا اسان کان کسي وٺندو. پهرئين ته بک پئي مئاسون هاڻي ته لڳي ٿو سيءُ وگهي مري وينداسون. ڪيڏانهن وئي امداد، ڪٿي آهي انسانيت، نه هنڌ نه بسترا نه باهه نه ماني نه ڪپڙا وڃون ته ڪيڏانهن وڃون. هڪ پلال آهي جيڪو ٻچن جي مٿان پيا وجهون ۽ پاڻ سڄي رات جاڳي صبح ٿا ڪيون. خدا جي واسطي اسان جي ڪير وارثي ڪري اسين آخر انسان آهيون. ڪير اسان جي ٻچن تي رحم ڪري.


    ڪالم

    هيل سنڌو نه، پر آبپاشي کاتو سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيندو! عرفان علي ٻگهيو

    سپر فلڊ ملڪ جي مٿانهن علائقن ۾ سوين حياتيون ڳڙڪائڻ، لکين ماڻهو بي گهر ۽ اربين رپين جو نقصان ڪرڻ کان پوءِ سنڌ طرف رخ رکيو آهي.
    هڪ طرف جتي هن خطرناڪ ٻوڏ ڳوٺن جا ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا آهن، لکين سنڌ واسي بي گهر ٿي ويا آهن، سنڌ جي زراعت کي اربين رپين جو نقصان رسيو آهي، آبپاشي کاتي جي بچاءَءُ بندن سان ٿيل مهربانين سبب وڏي جاني نقصان جو انديشو آهي. ڪچي توڙي پڪي جا بي گهر ٿيل ڳوٺاڻا سرڪاري رليف ڪئمپن ۾ ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن ته ان وقت ڪي روشني ڪوڏيا سنڌوءَ ۾ آيل چاڙهه تي جهمريون هڻندا وتن ڪي ته وري سنڌ تي آيل هن قدرتي آفت کي سندن دعائن جو نتيجو قرار ڏيندي، پنهنجي مهم کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوش پيا ڪن. سمجهه ۾ نٿو اچي ته هيءَ خطرناڪ ٻوڏ سنڌ کي ڪيئن خوشحال ڪندي هي سپر فلڊ ته سواءِ بربادي جي ٻيو ڪجهه نه ڏيندو! سو سنڌو بادشاهه ۾ آيل خطرناڪ چاڙهه ته ٺينگ ٽپا عقلمندي آهي؟
    سنڌ لاءِ ٻوڏون ڪا نئين ڳالهه ڪونهن، پر هيل صورتحال ان ڪري خطرناڪ آهي جو اتر کان وٺي لاڙ تائين بچاءَ بند هنڌان هنڌان مڪمل طور تباهه ٿيل آهن. لاڳاپيل کاتن کي هر سال بچاءَ بندن جي مرمت ڪرائڻي هوندي آهي. جنهن لاءِ ڪروڙين رپيا بجيٽ رکي وڃي ٿي، پر آيل بجيٽ جي رقم ڪامورن بندن جي مرمت ڪرائڻ بدران پنهنجي کيسي ۾ وڌي. آبپاشي کاتي سنڌ واسين کي هن خطرناڪ ٻوڏ ۾ ٻوڙي مارڻ لاءِ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي. ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين حالت اها آهي جو ڪٿي بندن ۾ روڻيون پيل آهن ته ڪٿي زرعي پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ غير قانوني طور بندن اندران وڏا وڏا پائيپ هنيا ويا آهن. ته ڪٿي وري بچاءَ بند کي ڪٽي رستا ٺاهيا ويا آهن. مٽياريءَ ۾ ته حالت اها آهي جو لڳ ڀڳ سوين ميلن تي پکڙيل ايس ايم بچاءَ بند تي 70 ڪلوميٽرن جي ايريا ۾ 12 کان 15 فوٽ جا 50 کان مٿي ڪٽ هڻي رستا ٺاهيا ويا آهن. آبپاشي کاتي جي سنڌ تي ڪرم نوازيون ته ڏسو جو جنهن بچاءَ بند تي پاڻيءَ جي زوردار وهڪري کي روڪڻ لاءِ بند مٿان 40 فوٽ پٿر وڇائڻو هو اتي فقط 5 فوٽ پٿر وڇائي باقي رقم هڙپ ڪئي وئي.
    ٻوڏ جي ابتدائي وهڪرن سبب ئي سکر ضلعي جا ڪچي وارا سمورا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن. بخشاپور، بڊاڻي، شاهه ٻيلو، سعيد آباد، باگڙجي، الف ڪچو، پنهواري، کڏهري، ڪچو ٻنڊي، قادرپور، رضا ڳوٺ، سڌوجا ۽ ٻيا علائقا مڪمل طور ٻڏل آهن. انهن علائقن جا ماڻهو زندگيون بچائڻ لاءِ پريشان آهن. هنن علائقن جا هزارين ماڻهو ڪامورن جي دعوائن جي ابتڙ بي يارومددگار آهن. سنڌ جي زراعت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي واري حيثيت رکندڙ سکر بيراج زبون حالي جو شڪار آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پڻ ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿو ته سکر بيراج 9 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻيءَ جو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهندو، اندازو آهي ته سپر فلڊ جو 12 لک وارو وهڪرو، سکر بئراج وٽان گذرندو. هاڻ جيڪڏهن خدانخواسته سنڌ جي زراعت لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ سکر بئراج کي هيءَ خطرناڪ ٻوڏ ڪو نقصان پهچائي ٿي ته پوءِ اسان وٽ بچندو ڇا؟ چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن ٻوڏ سبب سکر بئراج کي ڪو نقصان پهتو ته سنڌ جي زراعت جا ترا نڪري ويندا. سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته سرڪار آخر هن وقت ئي حرڪت م ڇو آئي آهي، هيترن سالن کان بچاءَ بندن توڙي بئراجن جي مرمت لاءِ ڇو نه سوچيو ويو ۽ انهن جي مرمت لاءِ رکيل رقم ڇو نه خرچ ڪئي وئي؟ سنڌ ۾ ٻوڏ جي هن خطرناڪ صورتحال پيدا ٿيڻ کان پوءِ آبپاشي کاتي توڙي سيڊا وارن جي ڄڻ عيد ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته بچاءَ بندن جي مرمت لاءِ سنڌ سرڪار پاران جاري ٿيل 44 ڪروڙ رپيا صحيح جاءِ تي خرچ ڪرڻ بدران ڪامورن توڙي سندن بالا اختياريون پنهنجا کيسا ڀريون رهيون آهن. آبپاشي کاتي وارن کي سنڌ جي ماڻهن تي ڪو قياس ئي نٿو اچي. جو انهن هن خطرناڪ حالتن ۾ سنڌ جي عوام کي ٻڏندو ڇڏي ڏنو آهي. ڪيڏي نه ناانصافي آهي جو سنڌ سان هيڏي ويڌن تي کانئن ڪو پڇڻ وارو به ناهي. ڪراچيءَ ۾ ڪا ٽارگيٽ ڪلنگ ٿئي ٿي ته وفاقي توڙي صوبائي مشينري حرڪت ۾ اچي وڃي ٿي. پر ڪچي توڙي پڪي جي لکين ماڻهن جون جانيون داءَ تي لڳائڻ تي ٻيو ته ٺهيو ڪنهن هڪ به ڪرپٽ ڪاموري خلاف ڪارروائي نه ٿي آهي! هر سال بندن جي مرمت جي نالي ۾ ڪروڙين رپيا خرچ ته ڏيکاريا ويندا آهن، پر بندن جي حالت ڏسي اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته گذريل 8 سالن جي عرصي دوران مٽيءَ جو هڪ لپو به بندن تي نه لڳايو ويو.
    گڊو بئراج کان ايندڙ پاڻيءَ جو وڏو وهڪرو گهوٽڪي طرف اچڻ کان پوءِ وڏي تباهي ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو پيو وڃي، هڪ طرف سپر فلڊ جي خوف ۾ ورتل ڳوٺاڻا اهي دانهون ڪري رهيا آهن ته پاڻيءَ جو اهو وهڪرو وڏي تباهي مچائي سگهي ٿو، پر ضلعي انتظاميه توڙي آبپاشي کاتي جا ڪامورا ٺلهين بيان بازين واري دلپشوري ۾ پورا آهن.
    ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوشهروفيروز، دادو، مٽياري، حيدرآباد توڙي ڄامشوري جا لڳ ڀڳ سمورا بند تمام خراب حالت ۾ پيل آهن، جنهن سبب هزارين ڳوٺ خطري هيٺ اچي ويا آهن. ان صورتحال سبب هن وقت سڄي سنڌ ۾ شديد خوف هراس ڇانيل آهي. ڪچي ۾ ڦاٿل ڳوٺاڻا ان پريشانيءَ ۾ آهن ته سندن ڪچن گهرن مان انهن جا ٻار ٻچا ۽ مال متاع ڪيئن محفوظ هنڌن تي پهچائجن؟
    سنڌ ۾ ڊيم نه هئڻ ڪري ٻوڏ جو اهو پاڻي سواءِ ٻوڙڻ جي ڪو فائدو نه ڏيندو. خطرناڪ ٻوڏ سنڌ اندر داخل ٿي وئي آهي. سنڌ جا سمورا بچاءَ بند ڪيترن ئي هنڌن تان مڪمل طور تباهه ٿيل آهن، جنهن سبب عوام کي ڳرو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. آبپاشي کاتي جي ڪامورن پاران جيڪڏهن هر سال بندن جي مرمت ڪرائي وڃي ها ته سنڌ ۾ اڄ هيءَ خطرناڪ صورتحال پئدا نه ٿئي ها. هي ڪرپشن جو هڪ وڏو اسڪينڊل آهي، جيڪو ٻوڏ اچڻ سبب سامهون آيو آهي. وڏي عرصي کان ٻوڏ نه اچڻ ڪري بچاءَ بندن طرف ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويو. آبپاشي کاتي جي ڪامورن ۽ وزيرن مشيرن اهو سمجهيو ته سنڌ ۾ هاڻ ٻوڏ ايندي ئي ڪا نه، تنهن ڪري جيترو مال ميڙڻو اٿوَ ميڙيو، آبپاشي توڙي سيڊا وارن ته مال ميڙي پنهنجا گهر ڀريا، پر سنڌ واسي موت جي منهن ۾ ڌڪجي ويا.


    ٻوڏ: “ٻڏي جا ٻيڻا” يا انساني الميو؟ امداد علي سومرو

    سنڌ واسيو! ”هو جمالو“ ڳايو، جهمريون پايو، ٻئي ٻانهون کولي آجيان ڪريو، گڊو تي، سکر، موري، ڪوٽڙيءَ واري پل تي بيهي گلن جي ورکا ڪريو، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جو جوڀن ڪيترن ئي سالن بعد موٽي آيو آهي. چيچڪا ڇٽي ٻيلا آباد ڪريو، ڪچو وسايو، خوشيون ملهايو، ڇو ته پهاڙ لتاڙي، جهر جهنگ جهاڳي گجندڙ سنڌو سنڌ اچي رهيو آهي، بلڪل ان ڪنڌار جيان، جنهن جي هڪڙي هڪل سان سڀ بندي خانا کلي ويندا آهن، ائين ئي سنڌوءَ جي هڪ گجگوڙ سان سڀني بندن جا در کلي ويا. ڊئمن بئراجن جا ڦاٽڪ مٿي ٿي ويا ۽ هر هنڌ اها رڙ ٻڌي وئي ته پري ٿيو. سنڌو اچي رهيو آهي، سو سنڌ واسيو، سنڌو سڀ لڪ، سڀ لنگهه سڀ ميدان لتاڙي اڄ يا سڀاڻ سنڌ ۾ داخل ٿيندو ۽ پوءِ مهراڻ جي موجن سان سنڌ واسين جي موج ٿي ويندي، سنڌو ڏهه لک ڪيوسڪ جي وهڪري سان پنجاب جي پهاڙن ۽ ميدانن کي لتاڙي سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي، پهرين مون سوچيو ته ٻوڏ جي امڪاني تباهڪارين تي لکان، سنڌ واسين کي خبردار ڪريان، ڪچي وارن کي ڊيڄاريان، پڪي وارن کي راتيون جاڳي رهڻ جي صلاح ڏيان پر پوءِ منهنجي ذهن ۾ ”ٻڏي جاا ٻيڻا“ واري ڪچي جي چوڻي اچي وئي، ان ڪري خبردار ڪرڻ کان اڳ مون کي خيال آيو ته جيڪڏهن آئون دادو ۾ هجان ها ته پڪ سان دادو- موري پل تي وڃي سنڌوءَ جي ان تاريخي موجن کي ڏسڻ ۽ سنڌو جي آجيان ڪرڻ لاءِ بيهي رهان ها ۽ جيڪڏهن حيدرآباد ۾ هجان ها ته پڪ سان ڄامشوري واري پل تي بيهي سنڌوءَ جي اها گجگوڙ ٻڌان ها، جنهن ميان والي ۽ ڊيرا غازي خان جي شهرين کي راتين جو سمهڻ ئي نه ڏنو.
    ”سائين، درياهه تمام گهڻو مڇريل آهي، جناح بئراج جي پل ائين لڏي رهي آهي، جيئن تيز هوا ۾ وڻ جون ٽاريون لڏنديون آهن ۽ پاڻيءَ جو گوڙ پنج ڪلوميٽرن تائين ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، ائين ٿو لڳي ڄڻ هڪ ئي وقت ڪيترائي شينهن گڏجي گجندا هجن.“ ميان والي جي محمد رفيق مون کي ڪالاباغ يا جناح بئراج وٽان سنڌوءَ جي وهڪري ۽ علائقي ۾ ٻوڏ جي صورتحال کان آگاهه ڪندي فون تي ٻڌايو. مون کي يقين نه آيو ته پاڻيءَ جو شور پنجن ڪلوميٽرن تائين ٻڌي سگهجي ٿو، ان ڪري ورائي پڇيم ته، يار ايترو پري تائين پاڻيءَ جو آواز ڪيئن ٻڌجي رهيو آهي؟ ورنديءَ ۾ رفيق چيو ته، ”اوهان کي يقين نٿو اچي پر هتي ماڻهو پڪي تي به پريشان ويٺا آهن ۽ پاڻيءَ جو شورانهن کي سمهڻ نٿو ڏئي، منهنجو گهر دريا کان پنج ڪلوميٽر پري آهي ۽ گهر ويٺي پاڻيءَ جو شور چٽو ٻڌجي رهيو آهي.“ سو ماڻهن ۾ دريا جي دهشت به آهي پر ”ٻڏي جا ٻيڻا“ واري چوڻي به ياد رکڻ گهرجي، جيڪا صدين جي تجربن بعد تخليق ٿي هوندي.
    ٻوڏ جي نقصانن کان ڪو به انڪار ناهي، خيبر پختونخواهه م ٻوڏ انساني حياتين جو جيڪو نقصان ڪيو آهي، ان جو ته ڪو تدارڪ نٿو ڪري سگهجي، ان جو جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، سوين ماڻهن کي دريائن ۽ نئن، ندي نالن ۾ آيل پاڻي لوڙهي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، انهن جو افسوس سڄي ملڪ ۾ هر ڪنهن کي آهي پر اها به حقيقت آهي ته ٻوڏون انساني المين کي ضرور جنم ڏينديون آهن پر ٻوڏون قدرتي عمل آهن، جنهن سان زمينون سيراب ٿينديون آهن، ٻيلا ٻيهر جنم وٺندا آهن، جر ڀرجي ويندو آهي ۽ زير زمين پاڻيءَ جي سطح وڌي ويندي آهي. ڪچي ۽ پڪي ۾ هڪ اهڙي خوشحالي ايندي آهي، جنهن جو اثر سالن تائين برقرار رهندو آهي.مجموعي طور تي زمين جو جيڪو به نظام آهي اهو نوبنو (ريچارج) ٿي ويندو آهي ۽ ٻوڏ ڪجهه ڏينهن جي تڪليف ڏيڻ بعد سالن جا سک ڏئي ويندي آهي. پر ان جو مطلب اهو قطعي نه وٺڻ گهرجي ته سنڌ جي حڪومت، انتظاميه، آبپاشي کاتو ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار ننڊ پيا هجن ۽ اهو سوچين ته ٻوڏ خوشحالي لاءِ اچي رهي آهي. ان صورت ۾ ٻوڏ اچي خوشحالي کان اڳ تباهي ڏئي ويندي. جيڪڏهن اڳواٽ مڪمل بندوبست ڪيا وڃن ته سنڌوءَ ۾ ايندڙ وهڪرو، جيڪو اڄ يا سڀاڻي تائين ڪنهن به وقت گڊو بئراج وٽان گذرندو، سنڌ لاءِ صرف ۽ صرف خوشحالي ئي کڻي ايندو پر جيڪڏهن اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا ويا ته پوءِ جيڪو نقصان ٿيندو، اهو بعد ۾ ايندڙ خوشحالي سان به وسري نه سگهندو، ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ ۾ ڏهاڪن بعد ايترو پاڻي اچي رهيو آهي. سالن تائين سنڌوءَ جو پيٽ سڪل رهڻ سبب هڪ ته ان ۾ واريءَ دڙا ٺهي ويا آهن. ٻيو وري انهن دريا جي پيٽ ۾ رهائش اختيار ڪري ٻنيون پوکي ڇڏيون آهن. مون کي ان ڏينهن هڪ نجي ٽي وي تي خبر ٻڌي حيرت ٿي ته سنڌوءَ مان سکر بئراج وٽان گذرندڙ ڏيڍ لک ڪيوسڪ جي وهڪري سان پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي. پهرين مون کي لڳو ته اها خبر ائين ئي هلائي وئي آهي، فوٽيج به هلي پر مون کي يقين نه آيو پر پوءِ پاڻ ان جي تصديق ڪيم ته حيرت ٿي ته سکر بئراج وٽ ماڻهو دريا جي بند اندر جهوپڙيون ۽ ڪچا گهر اڏي ويهي رهيا آهن، جنهن ڪري اتان دريا مان ڏيڍ ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ به مسئلو بڻجي ويو آهي، ان ڪري ئي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي ۽ ٻيو سبب اهو معلوم ٿيو ته ڊائون اسٽريم سکر ۾ واريءَ جي دڙن سبب دريا جي وهڪري ۾ رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. ان ڪري پاڻي هيڏانهن هوڏانهن ٽڪر هڻي ڪنارن تي پهچي ويو آهي. يعني سنڌوءَ کي پنهنجي ئي پيٽ مان لنگهه نه مليو ۽ صرف ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي بئراج مان گذرڻ کان اڳ گهرن ۾ داخل ٿي ويو، هاڻي جيڪڏهن ان کي ڪير قدرتي آفت چئي ته ان کان وڏو ”داناءُ“ ٻيو ڪو چئبو ڀلا؟ سو اصل مسئلو انتظامن جو آهي، پڪ سان سنڌوءَ جي ڪنڌين جي سالن کان مرمت نه ٿي هوندي. بند ڪمزور هوندا، ماڻهن بندن تان مٽي روڙي ڇڏي هوندي ۽ جيڪڏهن بندن جي ڪمزور حصن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته پوءِ ته سنڌوءَ جو 8، 9 لک ڪيوسڪ جو امڪاني وهڪرو نه رڳو ڪچو ٻوڙيندو پر بند ٽوڙي پڪي ۽ مٿانهين وارن شهرن ۾ به داخل ٿي سگهي ٿو.
    ڄامشوري بئراج کان وٺي گڊو پل تائين ۽ پوءِ اڳتي لطيف آباد وارن علائقن جي پاسي مان گذرندڙ سنڌوءَ سان واريءَ مافيا جيڪو حشر ڪيو آهي، ان سان سنڌوءَ جا ڪنارا ڪمزور ٿي چڪا آهن. سڄو ڏينهن سوين ٽريڪٽر ٽرالين جي بچاءَ بند لهي دريا جي پيٽ ۾ لهڻ سان سوين جاين تان دريا جي بند ۾ ڪيترن ئي فوٽن جا چرا لڳل آهن، سکر، لاڙڪاڻي، نوشهري فيروز، نوابشاهه، دادو، ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ٺٽي ضلعن ۾ به پڪ سان دريا جي ڪنڌين جو ساڳيو حشر ڪيو ويو هوندو ۽ جيڪڏهن بندن ۾ لڳل چرن سبب دريا بي قابو ٿي ٻاهر اچي وڃي ۽ ٻوڏ انساني المين کي جنم ڏئي ته پوءِ ڇا ان کي قدرتي آفت قرار ڏيڻ جائز هوندو؟
    هن وقت تائين جي خبرن مطابق، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي صورتحال سبب صوبي ۾ ريڊ الرٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پر اهو ريڊ الرٽ جيڪڏهن بندن تي ڪئمپون قائم ڪري ۽ اربين رپيا فنڊ کائڻ تائين محدود رهيو ته پوءِ سنڌ کي وڏي تباهيءَ کان بچائڻ ممڪن نه هوندو، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي تاريخ آهي ته هڪ هڪ بند، هڪ هڪ منصوبي تي ڏهه ڏهه ڀيرا فنڊ کاڌا ويندا آهن، سدائين آبڪلاڻي جي مند ۾ ان قسم جا بند ٻڌڻ جي نالي ۾ پهرين ڪروڙين رپيا وڏن پيٽن ۾ هليا ويندا آهن ۽ پوءِ وري ڪاڳرن ۾ اهو ٻڌايو ويندو آهي ته نئون ٺهيل يا مرمت ڪيل بند ٻوڏ لوڙهي ڇڏيو ۽ وري ٻيهر ان بند جي نالي ۾ ڪروڙين رپيا کاڌا ويندا آهن، آبڪلاڻي يا ٻوڏ سنڌ جي آبپاشي کاتي کي الرٽ ضرور ڪندي آهي پر ان لاءِ نه، ته ڪهڙي ڪهڙي بند کي مضبوط ڪجي، ڪٿي ڪٿي بند کي روڻيون لڳل آهن جيڪي ڀرجن، ڪٿان ڪٿان پاڻي بند کي گهارا هڻي سگهي ٿو، انهن کي اڳواٽ ٻڌو وڃي پر ان لاءِ ته ڪهڙي بند جي نالي ۾ ڪيترو فنڊ کائي سگهجي ٿو ۽ ڪيترا ڀيرا کائي سگهجي ٿو، پٿر جي پيچنگ جي نالي ۾ کائي سگهجي ٿو يا ڪچي بند جي نالي ۾، سو جيڪڏهن صورتحال ائين رهي ته پوءِ پڪ سان سنڌو سنڌ ۾ خوشحاليءَ بدران وڏي انساني الميي جو سبب بڻجي ويندو، سنڌوءَ ۾ ايندڙ وهڪرا سنڌ جي خوشحالي لاءِ هوندا آهن، ڪوٽ مٺڻ بعد سنڌ م داخل ٿيڻ کان وٺي ڊيلٽا وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ تائين هر پاسي جڏهن سنڌو خيريت سان گذري وڃي ته پوءِ جيڪا خوشحالي ايندي آهي، اها سالن تائين برقرار رهندي آهي. ان ڪري صرف فوج کي سنڌ جي بندن تي بيهارڻ بدران آبپاشي جي اڪثر ڪرپٽ ۽ راشي عملي مٿان نگران به ويهاريا وڃن ته اهي جنهن جنهن بند جي نالي ۾ اهي فنڊ وٺن ٿا، اهي فنڊ انهن بندن تي استعمال ٿين.
    خبرن مطابق، سنڌ حڪومت ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کي نظر ۾ رکندي آبڪلاڻي جي نالي ۾ ڪروڙن رپين جا فنڊ جاري ڪيا آهن، سنڌو جي ڪنڌين سان گڏ ان فنڊ جي به نگراني ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سنڌوءَ جي بندن سان گڏ اهي ڪروڙين رپيا به سنڌوءَ جي وهڪري ۾ لڙهي وڃي سمنڊ ۾ ڪرندا ۽ پوءِ ڪير به اهو ثابت نه ڪري سگهندو ته ڪنهن بند تي ڪيترو فنڊ لڳو ۽ ڪنهن بند جي آڙ ۾ ڪيترو فنڊ کاڌو ويو. ان بعد ٻيهر اربين رپيا ايندا، جيڪي پڻ بندن تي مٽيءَ جون ٻه ٽي ٽراليون لهرائي کاڌا ويندا نه رڳو سنڌ حڪومت بندن ۽ فنڊن جي نگراني ڪري صوبي کي ٻوڏ جي تباهڪارين کان بچائي، بلڪه حڪومت کي گهرجي ته اها سرڪاري سطح تي ڊيلٽا کان ڪشمور تائين سڄي ڪچي ۾ چيچڪا ڇٽرائي ته جيئن اهي ٻيلا، جيڪي ڪڏهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن جي نالي ۾ وڍيا ويا، ته ڪڏهن وري ٻيلي کاتي جي واڍي مافيا جي ور چڙهيا، سي ٻيلا ٻيهر زندهه ٿي سگهن، عام طور تي ته مينهن بعد پاڻ ئي سلا ڦٽندا آهن، ڇاڪاڻ ته وڻن جا ٻج مند ۾ ڇڻي اتي ئي ڪرندا آهن ۽ مينهن پوڻ بعد انهن مان پاڻمرادو ڪروڙين وڻ ڦٽي نڪرندا آهن پر سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن جي ٻيلن کي ميدانن ۾ تبديل ڪيو ويو. ان ڪري اهو امڪان گهٽ آهي ته ڪچو ٻڏڻ بعد هيل پاڻمرادو سلا ڦٽندا، ان ڪري ضروري آهي ته سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي ٻٻرن، ٽالهين، نمن، ٻيرن، ڪنڊي ۽ ٻين قسمن جي وڻن جا ٻج ڇٽيا وڃن، ان ڪم ۾ سنڌ حڪومت کي هڪ ڏينهن به نه لڳندو. اهو ڪم هيلي ڪاپٽر ذريعي ڪجهه ڪلاڪن اندر ڪري سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪرڻ جي نيت هوندي ته اهو ڪم ٿي ويندو، پوءِ ڪچي مان پاڻي لهڻ بعد هڙيون ٿينديون ۽ اهي وڌي ٻيلا بڻجي وينديون، جيڪي ٻيلا مستقبل ۾ بندن سان گڏ ٻوڏن کان بچاءَ جو وڏو هٿيار ثابت ٿيندا.
    سو مجموعي طور تي جيڪڏهن بهترين حڪمت عملي سان سنڌوءَ ۾ ڏهاڪن بعد آيل هن وڏي ٻوڏ کي منهن ڏنو وڃي ته سڄي سنڌ ان جو ڦل سالن تائين کائيندي، مهاڻا خوسحال ٿيندا، ڪچو آباد ٿيندو، تمر جا ٻيلا وڌندا، ڊيلٽا تي لٽ مليل پاڻي سمنڊ کي پٺتي ڌڪي ڇڏيندو، پلو ڄامشوري پل تائين اچي پهچندو، جنهن سان نه رڳو مهاڻن جو روزگار کلندو، بلڪه دريا جي ڪنارن تي ننڍين وڏين هوٽلن تي ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪاروبار هلندو، سو مجموعي طور تي ٻوڏ سنڌ کي خوشحالي ئي ڏئي ويندي.ا ن ڪري مون شروعات سنڌ واسين ۾ ٻوڏ جو خوف ويهارڻ بدران سنڌ واسين کي ايندڙ خوشحاليءَ جون واڌيون ڏئي سنڌوءَ جي آجيان ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي. نه رڳو عوام، بلڪه انتظاميه ۽ حڪومت به نعريبازي بدران هڪ بهتر حڪمت عمليءَ سان ٻوڏ کان ٻيڻ وصول ڪري سگهي ٿي. سنڌوءَ جي ڪنڌين، ڪچي ۽ هيٺاهين وارن علائقن ۾ آباد ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ ڪجهه ڏينهن پڪي ۽ مٿانهين وارن علائقن ڏانهن لڏي وڃن، ڍور، ڍڳا، اناج ۽ بيو قيمتي سامان به محفوظ هنڌ منتقل ڪن. حڪومت صحيح معنيٰ ۾ بندن کي مضبوط ڪري، مجموعي طور تي سڄي سنڌي قوم هڪ اجتماعي سوچ سان ايندڙ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏئي ته اڄ يا سڀاڻي تائين گڊو وٽان گذرندڙ 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي ڪچي ۽ ڀرپاسي جي علائقن کي ٻوڙڻ بعد سمنڊ ۾ وڃي پوندو ۽ اهو پاڻيءَ جو دٻاءُ هر بئراج تي ڪجهه ڪلاڪن تائين برقرار رهندو، ان بعد پويان کان ايندڙ وهڪرا اڌ جيترا به نه هوندا، ان ڪري جيڪو پاڻي اچي رهيو آهي، ان کي خيرن سان سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ حڪومت، انتظاميه ۽ عوام ميدان ۾ ڪڏي پئي، ان صورت ۾ ئي سنڌ کي ٻڏي جا ٻيڻا ملي سگهندا ۽ پوءِ سڄي سنڌ سرويچ سجاولي جا ٻول به ڳائڻ ۾ حق بجانب هوندي ته، ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون.“


    سنڌو سمهندو ناهي.... ممتاز بخاري

    بس اجهو ٿا بند سنڌو جاءِ ٻئي ڪنارا بڻجن ۽ وري گجگوڙ ڪندڙ سنڌو جي موسيقي ماحول ۾ گونجڻ واري آهي ۽ اجهو ٿو سنڌو پنهنجي ٻيٽ مٿان ستل ڪچي واسين کي جاڳائي..... پر هڪ ڀؤ... هڪ دهشت.... الاءِ ڇو اها دهشت درياهه بادشاهه کنيو ٿو اچي، اصل ۾ اهو ڀؤ ۽ اها دهشت درياهه جي ناهي پر درياهه جي نالي تي جيڪو ڊيڄاريو ٿو وڃي، ان جي آهي ۽ اها به ان ڪري آهي، جوا سان جو آبپاشي کاتو اهو وساري ويٺو آهي ته ڪو ڪڏهن سنڌو بادشاهه وري جاڳندو ۽ پنهنجي وطن جي ماڻهن لاءِ مستقبل ۾ مرڪن ۽ آسيس جو سبب بڻبو، ميانوالي کان ڳاڙهسرو پاڻي گڊو تائين ميٽڙو ٿي پهچي رهيو آهي، پر رڳو ٻه هفتا اڳ اسان جا سرڪاري کاتا جاڳيا آهن، هڪ هفتي ۾ انگ اکر گڏ ٿيا آهن ۽ ٻئي هفتي ايترا دورا ٿيا آهن، جنهن مان لڳي پيو ڄڻ سندن اصل ڪم ئي اهي دورا آهن، پر حقيقت اها آهي ته وزيرن، مشيرن ۽ سرڪاري عملدارن جا اهي دورا آبپاشي، روينيو ۽ زراعت کاتي جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن فرض شناس ڪم وارن ماڻهن کي پروٽوڪول ۾ اهڙو ٿا ڦاسائي وجهن، جو اهي رڳو بريفنگس تيارڪرڻ ۾ پورا نظر اچن ٿا. سرڪار جيڪڏهن امڪاني ٻوڏ دوران رڳو بريفنگس لاءِ سمورن ڪم وارن ماڻهن کي وزيرن سان ڦاسائي ڇڏيو ته ان سان ڪم ڪندڙ ماڻهن جي صلاحيت ڪٿي ڪتب ايندي؟ ڏينهن جو ۽ شام جو دورا ته ٿي رهيا آهن ۽ ان جو هڪڙو فائدو اهو آهي ته گوسڙو ۽ گهٽ ڪم ايندڙ ۽ رڳو پگهارون کڻڻ لاءِ ڀرتي ٿيل ڪجهه ملازم انهن ڏينهن ۾ روزي حلال ڪرڻ لاءِ موجود هجن ٿا، هڪ ريٽائرڊ آبپاشي عملدار موجب، ”اهڙا ملازم ته ان لائق ناهن جو ڪٿي بند ۾ واريءَ جي ٻوريءَ طور انهن کي ڪم آڻجي.“
    سنڌوءَ ۾ ايندڙ اها ٻوڏ، جيڪا امڪاني طور ”سپر فلڊ“ به ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ سواءِ انگن اکرن ۽ حساس جاين جي نشاندهي، ۽ ڪجهه جاين تي مشينون پهچائڻ واري ڪم جي ٻيو ڇا ٿي سگهيو آهي؟ ۽ پوءِ ملڪ جي فوج، نيوي ۽ رينجرز کي به انهن ڪمن ۾ پاڻ سان شامل ڪيو وڃي.
    ڇا اها انتهائي وڏي ٻوڏ آهي؟ ان حوالي سان به ڪجهه آبپاشي ماهرن جا متضاد رايا آهن، ڇو ته خيال اهو پيو ڪيو وڃي ته سنڌو ۾ ايندڙ اها ٻوڏ 9/8 لک ڪيوسڪس جي آهي ته پوءِ ان کي انتهائي خطرناڪ ڇو پيو ڄاڻايو وڃي. ڇاڪاڻ ته 2005ع ۽ 2006ع ۾ سکر بئراج وٽ پاڻي 5 لک ۽ ساڍا 5 لک ڪيوسڪ کان مٿي رهيو آهي ۽ ان کان پوءِ وارن ٽن سالن ۾ سکر ۽ گڊو بئراجن وچ ۾ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال به مشڪل سان رهي آهي. ان ڪري ان جهوني آبپاشي ماهر جو خيال آهي ته ٻوڏ 9 لک ڪيوسڪ تائين هوندي پر ان کي ان ڪري وڌيڪ ڄاڻايو پيو وڃي. ڇو ته گذريل 14 سالن ۾ سنڌو جي بندن تي ڌيان نه ڏنو ويو آهي، جن سان جانورن ۽ ڪوئن ته ويڌن ڪئي ئي آهي پر ماڻهن به وسان ڪين گهٽايو آهي، جو بندن جي مٽي به کڻي ويا آهن ان صورتحال ۾ آبپاشي کاتو ايڏي واويلا ڪري پيو، جيئن اهي ڄاڻائين ته پاڻي 10 لک ڪيوسڪ کان مٿي هو، اسان ڇا ٿا ڪري سگهون؟ جيڪڏهن ان جهوني آبپاسي ماهر جي اها راءِ صحيح آهي ته پوءِ ان مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته سنڌ ۾ ايندڙ امڪاني سپر فلڊ سان جيڪڏهن ڪي وڏا نقصان ٿين ٿا ته پوءِ سنڌوءَ جو تارو تار پڻي ڄاڻائي ۽ قدرت پاران آيل آفت جو سهارو وٺي جان ڇڏائي ويندا.
    گڊو کان وٺي سمنڊ تائين جيڪو ڪچو 16 لک چورس ايڪڙن تي پکڙيل آهي ۽ جنهن ۾ 10 لک چورس ايڪڙن تي ڦهليل ڪچي جي زندگي ڪيئن آهي. اهڙي صورتحال ۾ انتظامن جي حتمي شڪل ڪيئن اهو سمجهڻ ايترو مشڪل نه آهي؟ ۽ مٿان سنڌو جي بندن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسن کان ڪيترائي شهر ۽ ڳوٺ آباد آهن، جيڪي به بندن ٽٽڻ جي صورت ۾ خطري هيٺ آهن. ائين اهو خطرو ان دور جا ماڻهو نٿا وساري سگهن، جڏهن 1976ع ۾ سکر وٽان 12 لک ڪيوسڪس پاڻي گذريو هو پر اصل ۾ اهو پاڻي ان کان وڌيڪ هو، ڇو ته سکر بئراج صرف ان صورت ۾ بچي سگهيو هو، جڏهن علي واهڻ وٽان بند کي گهارو هنيو ويو ۽ لڳ ڀڳ هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي علي واهڻ واري علائقي ۾ ڦهلجي ويو. جتي ماڻهن جي سانڀر ٻڌائي ٿي ته تمام گهڻو مالي نقصان ٿيو هو، چوپايو مال لوڙهي ويو هو، ربڏنو جاگيراڻي اهو قصو ٻڌائيندي چئي ٿو ته، ”مان ڪچو بيلدار هئس، اسان کي اها خبر ئي نه پئي ته اهو گهارو ڪيئن پيو. پر هڪڙي اڳوڻي چيف انجنيئر جو اهو خيال آهي ته ان وقت جي وزير اعليٰ ۽ ٻن ٻين ماڻهن اهو فيصلو ڪيو هو ته سکر بئراج کي بچائڻ لاءِ علي واهڻ وٽ گهارو ضروري آهي. عوامي حڪومت هجڻ جي ڪري عوام کي آگاهه نه ڪيو ويو هو ته متان ماڻهو اٿي کڙا ٿين. هن جو خيال آهي ته سنڌ جي زرعي زندگي لاءِ اها قرباني ڏني وئي پر جڏهن هن وقت آبپاشي کاتي جي اختيار ڌڻين کان اهو سوال ڪجي ٿو ته، آخر انهن ڪا ”ٻي رٿا“ جوڙي وئي آهي، جنهن سان ڪنهن امڪاني تباهي کان بچي سگهجي؟ ان سوال تي لڳ ڀڳ سڀ ڪامورا خاموش آهن، ڇو ته جيڪڏهن موسميات کاتو، آبپاشي کاتو ۽ ارسا وارا اهو چئي رهيا آهن ته پاڻي 10 لک ڪيوسڪ تائين ايندو ته ڇا انهن وٽ ڪو ”سيڪنڊ پلان“ آهي، جنهن سان شهرن توڙي بئراجن کي بچائي سگهجي؟ پنجاب ۾ بهرحال اهو پلان آهي ته بندن کي اهڙين جاين تان ڪٽ ڏنو ويندو آهي، جتان پڻي وهي وري بئراجن جي هيٺين پاسي کان دريائن ۾ شامل ٿي ويندو. ان سلسلي ۾ سنڌ جي آبپاشي ماهر نور محمد بلوچ جو چوڻ آهي ته سنڌ وٽ درياهه جي صورتحال اها آهي جو پنجاب رٿا سنڌ ۾ استعمال نٿي ڪري سگهجي، ته پوءِ آخر سنڌ جي آبپاشي کاتي وٽ ٻي رٿا ڪهڙي آهي؟ ان جو جواب شايد ڪنهن وٽ ناهي، ڇو ته جڏهن پاڻي مٿي چڙهي آيو آهي ته امڪاني تباهين کان پوءِ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ئي تياريون ڪيون پيون وڃن، جنهن مان لڳي رهيو آهي ته شايد ڪا اهڙي ”رٿا“ آهي، جو ڪٿي نه ڪٿي بند ٽٽن ۽ ڪو نه ڪو نقصان ٿئي، ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه مڪمل غلط هجي ۽ ڪيترن ئي ماهرن جو اهو خيال به آهي ته ائين نه ٿئي جو سنڌو درياهه نقصان ڏئي، پر اها آس ضرور آهي ته سنڌو وهندو رهي ۽ پنهنجا ڪنارا برقرار رکي پر آبپاسي کاتي وارن کي ڪير سمجهائي ته آڌيءَ رات جي ڪا به غفلت نقصان ڏئي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته وهندڙ سنڌو درياهه کي ڪڏهن به ننڊ ناهي ايندي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي ته جڏهن به ڪا ٻوڏ آئي آهي يا گهارا پيا آهن ته انهن جو پهر گهڻي ڀاڱي آڌي رات گذرڻ کان پوءِ وارو ئي هوندو آهي. سنڌو جي پاڻيءَ ۾ ٻوڏ جي صورتحال وقت جهلم ندي جو پاڻي به ايندو آهي ته ٻين ندين جو پاڻي به مختلف رستن کان ٿيندو پنجند تائين پهچندو آهي، جتان مٺڻ ڪوٽ وٽان سنڌو جي پاڻي سان ملي ويندو آهي ته ان جي زور ۾ اڃا به واڌارو ٿي ويندو آهي. هن ڀيري به چشما ۽ تربيلا وٽان سنڌو جي پاڻي ۾ برسات پوڻ جي ڪري واڌ آئي آهي ته پنجند وٽ ايندڙ ٻين ندين جو پاڻي ڪاهيندو پيو اچي، جيڪي وهڪرا مٺڻ ڪوٽ وٽ جيڪڏهن ساڳي وقت گڏجن ٿا ته پوءِ شايد 9 کان 10 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿي وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن وهڪرا اڳتي پوئتي ٿين ٿا ته پوءِ پاڻي 8 لک کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿي وڃي، ٻي صورت ۾ جيڪڏهن وهڪرا اڳتي پوئتي ٿين ٿا ته پوءِ پاڻي 8 لک کان 9 لک ڪيوسڪس هوندو جيڪڏهن ان پاڻي وڏو نقصان پهچايو ته پوءِ ڇا ڇئجي ته ڪير ستل هو ۽ ڪير جاڳندو رهيو؟


    پاڻي ڙي پاڻي….. عبدالقادر جوڻيجو

    اٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن ٻورا پئي سباڻا، هيءَ بندو هن ئي اخبار ۾ گذريل چئن سالن کان رڙيون ڪندو پيو اچي. پر ڪو به بااختيار بندو انهن رڙين تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، هونئن به ڀلا خدا ڪارڻ ڏنل مفت جي مشورن تي ڪير ڌيان ڏئي ته ڇو ڏئي، مشورن ته انهن تي ڌيان ڏنو ويندو آهي، جن تي ٽڪا خرچ ٿيندا آهن، اهي ٽڪا وري مدي خارج، نصابي علم جي ليڪن ۾ ڦاٿل ڪامن سينس کان وانجهيل ۽ ماضيءَ جي لوڪ ڏاهپ توڙي حال جي جديد ريسرچ کان اڻ واقف رهندڙ اهڙن ماهرن مٿان خرچ ڪيا ويندا آهن، جن کي عرف عام ۾ سينيئر انجنيئر ڪري ڪوٺيو ويندو آهي. انهن قيمتي مشورن جي قيمت وري اڳ ۾ ئي ستايل مسڪين ماڻهن جي چلهه، دل ۽ جان کي چڪائڻي پئجي ويندي آهي.
    قدرتي آفتون دنيا ۾ جتي ڪٿي اينديون رهنديون آهن، اهو ڪو نئون مسئلو ناهي، پر اصل مسئلو اهو آهي ته انهيءَ مسئلي کي منهن ڪيئن ڏجي، جو گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿئي. اڄ جڏهن هي ٻه اکر لکڻ ويٺو آهيان، انهيءَ کان ٻه ڏينهن اڳ تائين نالي ۾ نهال ماهرن اهي دم دلاسا پئي ڏنا ته سکر روهڙيءَ واري پل هيٺان ڇهه ست لک ڪيوسڪ پاڻي لنگهندو ۽ ڪوٽريءَ واري پل تائين اهي مڙيئي ٻه ٽي لک ڪيوسڪ بڻجي ويندا سو ڏيئي وٺي ڪچو ٻڏندو ۽ ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا. سنڌ کي سدائين ڏٽن ۽ ڪوڙن آسرن مارايو آهي. سيزن ڪمائڻ وارا مڙيئي ڏٽا هڻي غريب جو پيٽ ڪاٽي پنهنجو ڀڀ ڀريندا رهيا آهن، پر پهرئين آگسٽ جي ڪاوش جي ريهون ڪندڙ وڏي ۾ وڏي سرخي سڀني جا پول پڌرا ڪري وڌا آهن. سرخي ڪجهه هن ريت آهي، ”سنڌ ۾ خطرناڪ ترين ٻوڏ جي وارننگ، پاڻيءَ جو ريلو ساڍا ڏهه لک ڪيوسڪ هوندو: سکر بيراج ۾ ايتري سگهه ناهي: قائم علي شاهه.“ ظاهر آهي ته جيڪا خبر سنڌ جي وزير اعليٰ کي هوندي، اها ته پڪي پختي هوندي. هونئن به سائين قائم علي شاهه فطرت کي ويجهو رهندڙ جهونو مڙس آهي. تنهن کان پوءِ کيس وزيراعليٰ جي حيثيت م ڪٿان نه ڪٿان خبر پيئي آهي. سندس ئي لفظن ۾، چلڪي تي بندوق ڪو نه هنئي اٿائين، کيس درياهه جا بچاءَ بند به سڌا پيا آهن ته اهي بند پاڻيءَ جي ڪيتري دٻ سهي سگهندا. پاڻ ته انهيءَ بيان کي لوهه تي ليڪو سمجهون ٿا، باقي سينيئر انجنيئر اجايون ڇڙيون پيا هڻن ۽ مال پاڻيءَ جي انتظار ۾ آهن، پاڻ کي پاڻيءَ جي اصلي حقيقت تي نظر وجهڻي آهي. حضرت نوح عليه السلام ٻيڙيءَ تي چڙهڻو ناهي.
    خيبر پختونخواهه جي ساکائتي سياستدان بشير احمد بلور جو چوڻ آهي ته سندس صوبي ۾ 1929ع ۾ ايترو نقصان نه پهتو هوندو، جيترو هينئر پهتو آهي. ڀلا جي ايترو نقصان ٿيو به هوندو ته پوءِ پڪ سان 15 انچن کان تمام گهڻو وڌيڪ مينهن پيو هوندو، ڇاڪاڻ جو انهيءَ زماني ۾ ماڻهو جابلو نئين جا گهٽ گهيڙ خالي ڇڏيندا هئا ته جيئن پاڻي ڀلي پنهنجي واٽ وٺي وڃي درياهن ۾ ڪري. پر اڄڪلهه حال اهو لڳو پيو آهي جو سڄي ملڪ ۾ جتي ڪٿي پاڻيءَ جي اصلي واٽن تي ماڻهن پنهنجيون وسنديون وسائي ڇڏيون آهن. ٻني ٻارو ته پنهنجيءَ جاءِ تي، پر انهن واٽن تي ماڻهن ڪچا پڪا گهر ۽ اڃا به وڌي ڪري ننڍا وڏا واهڻ ٺاهي ڇڏيا آهن. جتان ڪوڪ ۽ چپس به وٺي سگهجن ٿا. پڪين اوطاقن ۾ مڙسن جو ٺڪاءُ پيو پوي ۽ بازار ۾ لانگ پيئي لڳي. اصل ۾ وڏو نقصان تڏهن ئي ٿو ٿئي. جڏهن پاڻيءَ جي رستا روڪ ٿي ٿئي. سو انجنيئرنگ جو علم پنهنجي جاءِ تي، پر جي اسان انجنيئرنگ جي علم کي سوشل ائنٿراپالاجي انسان بابت علم جي علم سان ٺهڪائي نه ڏسنداسين ته اوندهه ۾ هٿوراڙيون ڏيندا رهجي وينداسين، پاڻيءَ جي چرپر پنهنجي جاءِ تي، پر ماڻهن جي لاڳيتي چرپر کي به اک م رکبو. تڏهن ڪجهه چئي سگهبو.
    جي بلوچستان جي ماضيءَ ۽ حال تي نظر وجهبي ته اڳي جڏهن اڄوڪن مينهن کان وڏا مينهن وسندا هئا ۽ جابلو نئيون گهوگهٽ ڪري اٿنديون هيون ته انهن نئين جا به لنگهه خالي هوندا هئا، تنهن ڪري هڪڙيون نئيون ڪوهن جا ڪوهه سٽينديون ڏکڻ طرف سمنڊ ۾ وڃي ڪرنديون هيون، ٻيون نئيون وري اوڀر طرف رخ رکي اچي سنڌو درياهه ۾ ڪرنديون هيون. ٽيون نئيون وري اتر اوڀر طرف منهن ڪنديون هيون، پنجاب وٽان سنڌو درياهه ۾ ڪرنديون هيون. ها البته جي ڪو اجگر مينهن وسندو هو ته ڪجهه ڌراڙ ۽ ڪجهه مال انهن نئين جي رهڙي ۾ اچي ويندا هئا ۽ اٽي ۾ لوڻ برابر نقصان ٿيندو هو، پر هاڻي ماڻهن انهن نئين جا گهٽ بند ڪري ڇڏيا آهن، تڏهن جابلو علائقو هوندي ڪري به ٻوڏ هيٺ اچيو وڃي، رهي ڳالهه جابلو نئين جي اسپيڊ جي، ته اها ته درياهه جي اسپيڊ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهي جو رب پيو ڏئي پناهه الائي ڪهڙي پاڻيءَ جي ماهر کي الائي ڪنهن صلاح ڏني ته پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪنهن جابلو نئين جي لنگهه تي جلال ڊيم ٺاهيو ته جيئن اڳيون سوجهرو به چٽ ٿئي. ظاهر آهي ته ڊيم ۾ ضرور اهڙو مٽيريل استعمال ڪيو ويو هوندو، جو وهڪري جي دٻ جهلي وڃي. پر تازو جابلو نئين هڻي جلال ڊيم جون کنڌيون کڻي ڇڏيون جو اک نه ڏسي گوڏي کي، انهيءَ ڊيم ٽٽڻ کان پوءِ جيڪو نقصان ٿيو آهي. تنهن هڻي ڀينگ ڪري ڇڏي. ڌر ڌڻين کان وڃي پڇي ته ڏسو ته ڊيم ڪهڙا ڪيس ڪيا آهن. ڊيم ٺاهڻ وارن کي چئجي ته ڇا چئجي! اڙي بابا، هي جديد دور آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي بالر جي اڇلايل بال جي اسپيڊ ته ڪٿي سگهجي ٿي، پر جابلو نئين جي اسپيڊ نٿي ڪڇجي، هن دور ۾ اهو کوڙو ئي نٿو لڳي. سو بابل سائين، پهرئين نئين جي اسپيڊ ته ڪٿيو، پوءِ وڃي پنهنجو شوق پورو ڪريو.
    جيڪڏهن خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ايڏو مينهن ٿو پوي ته سنڌ جو جابلو علائقو مٿان ڪو نه لهي آيو آهي. جو ايترو مينهن نه پوي، اڀ تي ڪهڙو اعتبار! ڪٿي به ڦاٽي سگهي ٿو، جن يارن کي اهو شوق کڻيو بيٺو آهي ته سنڌ جي جابلو علائقي، خاص ڪري دادو، ڄامشوري ۽ ٺٽي ضلعي جي جابلو علائقن ۾ پاڻيءَ جو ذخيرو ڪرڻ لاءِ ڊيم ٺاهيا وڃن (ڪجهه ته ٺهي به چڪا آهن ۽ ڪن جي پلاننگ جاري آهي) انهن کي عرض آهي ته نام نهاد ماهرن جي چئي تي لڳي اهڙو ڪم نه ڪن جو وٺڻ جي بدران ڏيڻو پئجي وڃي ۽ اڳيون سوجهرو به چٽ ٿي وڃي، فطرت سان کس ڪبي ته هڪ نه هڪ ڏينهن فطرت به اهڙي کس ڪندي جو چئي کڻي بس ڪر.
    اهي ته ٿيون جابلو ئيون هاڻي اچجي درياهه شاهه بادشاهه تي، جيڏا اٺ اوڏا لوڏا، جيڏو وڏو درياهه، اوڏا وڏا مسئلا. نواب آف ڪالاباغ جڏهن پنهنجو محل نما بنگلو پئي ٺاهيو، تڏهن سندس تصور ۾ به نه هو ته ڪو اهڙو ڏينهن به ايندو، جو سنڌو درياهه اٿل کائي سندس محل جا ترا ڪڍي ڇڏيندو. جنهن زماني ۾ سکر بيراج وٽان ٻارهن تيرهن لک ڪيوسڪ لنگهند هو، تڏهن به ميانوالي جو اهو محل سلامت هوندو هو، ننڍڙو کوڙو هڻي ڏسو ته جڏهن ميانواليءَ وٽان محل کي ڇهڻ بدران ئي جيڪو پاڻي اتان ٽٽندو هو، اهو ساڳيو پاڻي تيرهن لک ڪيوسڪ بڻجي سکر روهڙيءَ وٽان لنگهندو هو، هينئر ته اهو محل ٻڏي به چڪو ته سکر روهڙيءَ وٽان ڪيترو پاڻي لنگهندو؟ اهو سوال وڃي پڙهندڙ ڀڃن، باقي ڪالاباغ جي محل جي باري ۾ پوڙهي مهاڻي جا اهي ئي لفظ ورجائي ٿو سگهان، جنهن چيو هو ته، ”بادشاهه درياهن جا سودا نه ڪندا آهن، پر درياهه بادشاهن جو سودو ڪري ڇڏيندو آهي“ رب جي مهندان توبهن
    اڳي جڏهن درياهه ۾ ٻارهن کان وٺي پندرهن لک ڪيوسڪ جون جيڪي قهري ٻوڏيون اينديون هيون، تڏهن سنڌ ۾ هڪ فطري بچاءَ هوندو هو، جيڪو روهڙيءَ وٽان هوندو هو، انهيءَ زماني ۾ روهڙيءَ وٽان هڪ وڏي ڇنڊڻ هوندي هئي، اتان سنڌو درياهه جو ڳچ پاڻي ڇنڊجي وڃي مري ويل هاڪڙي درياهه جي پيٽ ۾ پوندو هو. پوءِ اهو پاڻي باقاعدي درياهه جي صورت ۾ سر ڏکڻ طرف وهندو هو، سانگهڙ ضلع پار ڪندو، ٿر جي واريءَ جو ڪس ڏيندو وڃي ڪنري تعلقي جي چيلهه بند وٽان اولهه طرف مڙندو هو ۽ بدين ضلعي جي ڏکڻان ڏيپلي تعلقي جي ٻنهين الهندينءَ ڪنڊ ۾ سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو هو. باقي جيڪو پاڻي بچندو هو، اهو ٻارهوئي مهينا هڪ ڊگهي ڍنڍ جي صورت ۾ موجود هوندو هو، جيڪڏهن ڪنهن کي پڪ وٺڻي هجي ته اهو قرب ڪري کپري تعلقي ۾ اڃا تائين انگريز جي دور جون اهي شاهي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ لوهي پلون وڃي ڏسي، جيڪي انهيءَ ڇنڊڻ عرف مرحوم هاڪڙي جي مٿان اڏيل آهن ۽ اڃا صحيح سلامت آهن. جي ڪنهن کي اعتبار نه اچي ته اهو ٻئي ڪنهن کان نه، پر خود چيف منسٽر جي صلاحڪار سرفراز راڄڙ کان پڇي سگهي ٿو، مون اهو سڄو ڪَس ڏٺو آهي ۽ ڊڄيو ڊڄيو ڳالهه ٿو ڪريان ته ٻه ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي انهيءَ ڇنڊڻ ۾ وهي هڪ پاسي اڇڙي ٿر جون ڪيئي ڍنڍون ڀريندو هو، آخري ڍنڍ جو نالو رتڙائو ڍنڍ آهي، جيڪا بارڊر سان لڳي بيٺي آهي. 1965ع ڌاري تائين ته مون پاڻ اها ڇنڊڻ ڏٺي، جنهن جو پيٽ منهنجي پنهنجي ڳوٺ جي ڀر ۾ لڳ ڀڳ سنڌو درياهه ئي جيترو هو، ننڍي هوندي انهيءَ پاڻيءَ وانڪل جي گهيڙ وٽ راند ڪندا هئاسين جو اتان وارياسو پيٽ بنهين سوڙهو به هوندو هو ۽ مٿاڇرو به باقي ٻئي هنڌ ته سياري ۾ به اٺ ٻوڙ پاڻي هوندو هو، اسان جي ڳوٺ جي ڀر ۾ ئي الهندئين پاسي عقلان جو ڪن هوندو هو، جنهن ۾ جيڪو ويو سو ڇٽو.
    هن وقت ڪيترن ئي زميندارن انهيءَ پيٽ ۾ ٻنيون پوکي ڇڏيون آهن،اها ئي حالت سانگهڙ ضلعي ۾ آهي. روهڙيءَ وٽ اوڀر طرف انهيءَ ڇنڊڻ جي ڪهڙي حالت آهي، اها ته ڪو اتان جو ئي ڪاوش جو نمائندو خبر ڏيئي سگهي ٿو، پر پنهنجي پٽ جو حال ڏسي اها ڳالهه پڪ سان چئي سگهجي ٿي ته، اها ڇنڊڻ پوکن سان ۽ ماڻهن جي آبادين سان ڍڪجي چڪي هوندي. مطلب ته ٻيءَ سنڌ کي ٻوڏ کان بچائڻ وارو گهٽ به بند ٿي چڪو. هاڻي ڏهه لک ڪيوسڪ ته ڇا، مورڳو ڇهه ست لک ڪيوسڪ پاڻي به وڏو حشر مچائيندو جو بچاءُ بندن جو به حال ناهي ته ٻئي پاسي ماڻهن جي لڏ پلاڻ جي ڪري ڪچو به ماڻهن سان سٿجي چڪو آهي. آباديون وڌي ويون آهن، روڊ رستا ٺهي چڪا آهن، سو پاڻيءَ جي اڇل ته ڪو نه ماريندي، پر ماڻهن جي اٿل هڻي ساڙي وجهندي، سورهن جا ويهه آنا تباهيءَ جا امڪان آهن ۽ مينهن جي مند اڃا باقي آهي، سرڪار جون حق تي رڙيون پيون پون. سو سواءِ مهاڻن جي ٻين ماڻهن کي عرض آهي درياهه کان ڀڄي پاسو ڪن، باقي مهاڻن غريبن ته سوڪهڙي جي ڪري ايترو سٺو آهي جو اهي ته حضرت نوح عليه السلام جي ٻيڙيءَ تي به چڙهڻ لاءِ تيار آهن.
    درياهه جي اک ڪڪڙي آهي، مستيءَ ۾ آهي، مدد لاءِ واجهائڻ جي ضرورت ناهي. پنهنجن پيرن تي زور رکڻ جي ضرورت آهي، باقي رب سوائي سڻائي ڪندو.


    سنڌ ۾ سپر فلڊ جو پهچڻ…. محمد ادريس راجپوت

    مون ڪاوش ۾ هڪ مضمون ”ٻوڏ کي ڪيئن منهن ڏجي؟“ جي عنوان هيٺ لکيو، جيڪو 5 آگسٽ تي ڇپيو آهي. انهيءَ ۾ مون ٻڌايو هو ته سنڌ ۾ گڊو بئراج وٽ وڌ ۾ وڌ پاڻي 8 لک ڪيوسڪ ايندو ۽ سنڌ ۾ سپر فلڊ ايندي، منهنجي اها اڳڪٿي فيل ٿي وئي ۽ 6 آگسٽ تي گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 9 لک 62 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو. ياد رهي ته 9 لک ڪيوسڪ کان مٿي واري ٻوڏ کي سپر فلڊ چئجي ٿو ۽ ائين چئجي ته سنڌ ۾ سپر فلڊ اچي وئي، اردو جي شاعر چيو آهي ته:
    هوئي تاخير تو ڪجهه باعث تاخير بهي تها
    يعني جيڪڏهن مان دير سان پهتس ته انهيءَ جو ڪو سبب به هوندو، هن وڌيڪ پاڻي اچڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ درياهن جي وهڪرن جي صورتحال هر ڏينهن مٽجندي رهي ٿي، تنهن ڪري هر ڏينهن پاڻي اچڻ جي اڳڪٿي ڦرندي رهي ٿي، پاڻي جڏهن ڪنهن بيراج کان هلي ٿو ته ٻئي بيراج تائين پهچڻ ۾ وقت ٿو وٺي. رستي تي اهو پاڻي درياهه جي پيٽ ۾ ڦهلجي ٿو ۽ کڏون ۽ کوٻا ڀري ٿو، تنهنڪري ٻئي بيراج تي پهچڻ تي انهيءَ جي شدت گهٽجي وڃي ٿي. وري جيڪڏهن رستي تي ڪو کنڊ پئجي وڃي ٿو ته اهو پاڻي اڃا گهٽجي وڃي ٿو. ان جي ابتڙ وري اها صورتحال ٿئي ٿي ته ڪيتريون نيون رستن تي ملن ٿيون، جيڪڏهن انهن نين جي واٽر شيڊ ۾ مينهن پون ٿا ته اهي نيون ٻن بيراجن جي وچ ۾ ڪافي پاڻي کڻي اچن ٿيون، تنهنڪري ٻي بيراج تي پهچندڙ پاڻي مٿين بيراج کان ايندڙ پاڻي کان وڌي وڃي ٿو. مٿين ڳالهين جي سمجهاڻي لاءِ مان سنڌ مان سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج جو مثال ڏيندس. سال 1976ع واري ٻوڏ ۾ سکر بيراج کان چوٽي وارو وهڪرو اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ هيو، پر انهيءَ جي نتيجي ۾ ڪوٽڙي تي چوٽيءَ وارو وهڪرو ست لک 91 هزار ڪيوسڪ پهتو يعني 66 سيڪڙو پاڻي پهتو ۽ باقي 34 سيڪڙو رستي تي کڏن کوٻن ڀرڻ رهجي ويو. سال 1956ع ۾ سکر بيراج کان چوٽي وارو وهڪرو 9 لک 79 هزار ڪيوسڪ هليو، پر ڪوٽڙي بيراج تي 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ پهتو، يعني ذري گهٽ ساڳيو. حقيقت ۾ ٻه هزار ڪيوسڪ وڌيڪ اهو انهيءَ ڪري ممڪن ٿيو، جو ان سال سن واري نئين وهي آئي جو جبلن تي تمام گهڻا مينهن پيا.
    اچو هن سال واري صورتحال تي، گڊو بيراج تي 6 آگسٽ تي 9 لک 62 ڪيوسڪ پاڻي پهتو، اهو اثر آهي ٻه ڏينهن اڳ پنجند ۽ ٽي ڏينهن اڳ هليل تونسا واري پاڻي جو، ڇو ته تونسا کان پاڻي گڊو پهچڻ ۾ ٽي ڏينهن ۽ پنجند کان گڊو پاڻي پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳن ٿا. ٽي ڏينهن اڳ يعني 3 آگسٽ تي تونسا جي هيٺين ڀر وهڪرو هو 7 لک 69 هزار ۽ 4 آگسٽ تي پنجند کان هيٺ وهڪرو هو 64 هزار. ٻئي جوڙ ٿا ڪريون ته ڪل ٿئي ٿو 8 لک 31 هزار ڪيوسڪ پر گڊو بيراج تي 6 آگسٽ پاڻي پهتو 9 لک 62 هزار، اهو ڪيئن ممڪن ٿيو؟ وچ مان ڊيرا غازي خان جون نيون وهي آيون، جو انهن جي جبلن تي تمام گهڻا مينهن پيا انسان جو حساب ڪتاب ٻه جوڙ ٻه يعني چار واري نموني ٿئي ٿو، پر الله سائين جو پنهنجو نظام آهي، هو قادر آهي ۽ هو اهو ڪري سگهي ٿو، جيڪو اسان سوچي به نٿا سگهون، وري جيڪڏهن تونسا بيراج جي کاٻي پاسي واري مارجينل بند کي کنڊ نه لڳي ها، جنهن مان اٽڪل ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي نڪري ويو ۽ جنهن ڪوٽ ادو جي شهر کي ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهو پاڻي هيٺ اسان وٽ اچي ها ته سنڌ م ٻوڏ جي صورتحال اڃا خراب ٿئي ها. هاڻي اچو ته ڏسون ته آبپاسي کاتي وارا ٻوڏ کي ڪيئن منهن پيا ڏين ۽ اڳتي هنن کي ڪيئن محنت ڪرڻ کپي ته ٻوڏ بنا ڪو نقصان ڏيڻ جي سمنڊ ۾ هلي وڃي، گڊو بيراج کان هيٺ ساڄي پاسي ٻه ڳالهيون ٿيون آهن. هڪڙي ته بيگاري جي بند سلوس جو هڪڙو در ڪري پيو. رات جو ٻارهين بجي انهيءَ جي خبر پئي. تنهن وقت کان ئي وٺ وٺان شروع ٿي وئي. پهرين اتان پاڻي جو وهڪرو ڪنٽرول ڪيو ويو. هيٺيون سلوس بند ڪري انهيءَ نقصان ٿيل گيٽ جي جاءِ تي ٻيو گيٽ هنيو ويو. ٻي اها ته ٽوڙي بند جي هڪ ٽڪري ۾ فري بورڊ ڇهن فوٽن بدران هڪ فوٽ بچيو. اتي واري جون ڳوڻين سان 111 حساس جاين جي نشاندهي ڪئي وئي. هونءَ ته سڄا بند حساس آهن، پر انهن جاين تي خاص توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، گڊو ۽ سکر بيراج جي وچ ۾ قادر بند جتي قادر پور گئس فيلڊ آهي، اتي حساس آهي. اتي پٿر جي پچنگ ۽ ايپرن ٺهيل آهي. اتي کاڌ ٿئي ٿي پئي ۽ صورتحال کي پٿر وجهي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته پنو عاقل وارو فوجي علائقو به انهيءَ ڪري متاثر ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن اتي ڪجهه ٿيو ته وري اچو سکر بيراج تي، جتي مان جڏهن 6 آگسٽ تي پهتس ته وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ هو، عبدالعزيز انسپيڪٽر ٽيليفون بيراج مون کي ٻڌايو ته هن مهل تائين سکر بيراج مان پاڻي پاس ڪرڻ ۾ هنن کي ڪا تڪليف نٿي ٿئي. جو واهه گهٽ ڪرڻ ڪري پانڊ ليول گهٽ پئي رکي وڃي ۽ هو بيراج جا گيٽ کولي پاڻي پاس ڪن ٿا. ٻئي پاسي هنن ٻنهي پاسن جا گيٽ به کولي ڇڏيا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته ايندڙ سپر فلڊ به بيراج مان بنا ڪنهن خطري جي پاس ٿي ويندو، سکر بيراج ۽ ڪوٽڙي بيراج وچ ۾ ڪيتريون جايون حساس آهن، جيڪي ماضي ۾ ڪو نه هيون ۽ تازو ٺاهيون پيون وڃن. هڪڙي آهي لاڙڪاڻو- خيرپور واري پل جنهن جو ڪم پورو نه ٿيو آهي، جيتوڻيڪ پل ٺهي وئي آهي ۽ انهيءَ تان ٽريفڪ هلي ٿي پئي. اها پل لاڙڪاڻي واري پاسي ٺاهي وئي آهي ۽ اتي ٻه اسپر ۽ هڪڙو اسٽڊ ٺاهڻو هو. اهو ڪم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ڪرڻو آهي. پاڻيءَ جو دٻاءُ لاڙڪاڻي واري پاسي آهي. پل به لاڙڪاڻي واري پاسي ٺاهي وئي. جنهن ڪري لاڙڪاڻي پاسي بندن تي اڃا پريشر وڌندو. مون آبپاشي جي ايس اي عبدالرحمان نظاماڻي سان فون تي رابطو ڪيو. جنهن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وارن جو ڪم مڪمل ناهي، پر هو پنهنجن خاص بندوبستن سان هن ٻوڏ کي منهن ڏئي ويندا. ٻي آهي آر بي او ڊي اها ڊرين سيوهڻ کان مٿي ڪرمپور ڳوٺ وٽان شروع ٿئي ٿي، ۽ درياهه سان لڳو لڳ ويندي گهارو کوري وسيلي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي، سيوهڻ کان ڄامشورو تائين اها ڪن هنڌن تي درياهه جي ويجهو اچي وڃي ٿي. جتي ان جي کاٻي بند کي درياهه واري بند طور ٺاهي پٿر جي پچنگ ۽ اپرن ٺاهي وئي آهي. پر هي صفا نئون بند آهي. جنهن کي درياهه جو ٻوڏ وارو پاڻي نه لڳو آهي. گڊو تي سپر فلڊ پاس پئي ٿئي. جنهن جي ڪري انهيءَ هنڌ اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيندو. جيڪو ان نئين بند کي لڳندو ۽ نقصان ڏئي سگهي.

    ڪوٽڙي بيراج تي گهڻو پاڻي پهچندو؟
    گذريل سپر فلڊن جي رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته جيڪو پاڻي گڊو بيراج کان هلي ٿو، ذري گهٽ اوترو ئي يا انهيءَ کان ڪجهه ٿورو گهٽ پاڻي سکر بيراج تي پهچي ٿو. پر ڪوٽڙي بيراج تي اهو ڪافي گهٽ پهچي ٿو، مثال طور سال 1976ع ۾ سکر کان هليو اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽڙي تي پهتو اٽڪل 8 لک. سال 1978ع م سکر بيراج کان هليو اٽڪل 11 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽڙي بيراج تي پهتو اٽڪل سوا ست لک ڪيوسڪ، سال 1988ع ۾ سکر بيراج تان هليو اٽڪل 11 لک ڪيوسڪ، پر ڪوٽري بيراج تي پهتو اٽڪل ساڍا ڇهه لک ڪيوسڪ سال 1992ع ۾ سکر بيراج کان هليو اٽڪل پوڻا 11 لک ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پهتو اٽڪل پوڻا ست لک ڪيوسڪ هن سال سکر بيراج تان هلندو اٽڪل ساڍا نو لک ۽ جيڪڏهن وچ ۾ نين جو پاڻي نٿو ملي ته ڪوٽڙي بيراج تي پهچندو اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ. اهو پاڻي پهچڻ ۾ هفتو کن وٺندو، جيڪڏهن سکر بيراج تي وڏي ٻوڏ 7 آگسٽ تي پهچي ٿي ته ڪوٽڙي تي اها اٽڪل 14 آگسٽ تي پهچندي.


    ڇا ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته ٻوڏ جي شدت گهٽجي وڃي؟
    پنجاب جي گورنر سلمان تاثير چيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته ٻوڏ سبب آيل بربادي ۽ ٿيل نقصان تمام گهڻو گهٽجي وڃي ها. پهرين ڳالهه اها ته ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪرڻ بدران جيڪڏهن گورنر صاحب چوي ها ته ”جيڪڏهن ڀاشا ڊيم ٺهيل هجي ته نقصان تمام گهڻو گهٽجي وڃن ها“ ته ساڳي ڳالهه ٿئي ها- پر ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. جو پنجاب وارن مطابق هر هڪ خرابي جو علاج ڪالاباغ ڊيم آهي. اها ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته پاڻي گڏ ڪرڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ وارن ڊيمن ۾ ٻوڏن کي گهٽ ڪرڻ جي صلاحيت نالي ماتر يا ڪجهه به نه هوندي آهي. اسان وٽ ڊيم ٻوڏ اچڻ کان اڳ ڀريا وڃن ٿا. ڇو جو ٻوڏ دير سان اچي ٿي جڏهن سانوڻيءَ جون برساتون پون ٿيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن سانوڻيءَ جون برساتون فيل ٿيڻ جي صورت ۾ جيڪڏهن ڊيمن ۾ اڳ ۾ پاڻي نٿو ڀريو وڃي ته اهي نه ڀرجي سگهندا. هن سال جو مثال اسان جي سامهون آهي. تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1525 فوٽ ٿي وئي. جڏهن پهرين آگسٽ تي سنڌو ۾ چوٽي وارو وهڪرو آيو. انهيءَ ليول تي ڊيم جي سلامتي جي خيال سان ان جي ڏينهن ۾ ليول هڪ يا ٻن فوٽن کان مٿي نٿي وڌائي وڃي. پهرين آگسٽ تي تربيلا ۾ رڳو 26000 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو ڪيو ويو، جڏهن ته چوٽي وارو وهڪرو چار لک 46 هزار ڪيوسڪ هو. 26000 ڪيوسڪ ايتري مقدار ڪونهي جو انهيءَ ڪري ٻوڏ تي خاص فرق پوي، تنهنڪري وڏا ڊيم ٻوڏ جي شدت خاص گهٽائي نٿا سگهن.
    وري اچو ڪالاباغ ڊيم جو اثر خيبر پختونخواهه جي شهر نوشهري مٿان پوڻ واري مامري تي، جيڪو هن سال ڪابل درياهه جي ٻوڏ ڪري ٻڏو، جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته انهيءَ جي 915 فوٽ ليول جو ابتو اثر نوشهره شهر تائين پهتل هجي ها ۽ اهو پاڻي ٻوڏ واري پاڻي کي نيڪال ٿيڻ نه ڏئي ها، جنهن ڪري نوشهره شهر ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي صورت ۾ وڌيڪ نقصان ٿئي ها. ڪالاباغ ڊيم ڪا امرت ڌارا دوا ڪونهي، جو هر هڪ بيماري جو علاج ڪري. جڏهن انهي جي ٺهڻ تي ملڪ ۾ اتفاق راءِ ڪونهي ته انهيءَ جو گهڙي گهڙي ذڪر ڇو ٿو ڪيو وڃي؟
    سنڌ ۾ هن سال وڏي ٻوڏ آيل آهي. بند مٽيءَ جا ٺهيل آهن ۽ پاڻي مٽي وارن بندن تي صحيح گشت نه هجڻ جي صورت ۾ نقصان پهچائي سگهي ٿو، دعا ٿا ڪريون ته آبپاشي وارا صحيح ڊيوٽي ڏيندا ۽ هن سال ٻوڏ ڪو نقصان ڪرڻ بنا سمنڊ ۾ هلي ويندي. آمين!


    ڪڇان ته ڪافر دريا بادشاهه جي واپسي ۽ شهيد ڀٽي جو دور…. لياقت عزيز

    هن جيون جا هزارين رنگ آهن. وقت سان گڏوگڏ اهي بدلجندا رهن ٿا. زندگيءَ جا 61 سال گذرڻ کان پوءِ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته انسان ائين بدلجي ٿو، جيئن موسمون بدلجن ٿيون. فطري طور تي چار موسمون آهن. اونهارو، سيارو، سرءُ ۽ بهار پر انسان انهيءَ فطري موسمن کان وڌيڪ موسمن مان گذري ٿو.
    انسان ته ڪنهن به موسم تي راضي نٿو رهي. جيڪڏهن اونهارو نه اچي ته ماڻهو ڏکن جي گرمي ڪيئن محسوس ڪري؟ اونهاري جي موسم ۾ انب پچن ٿا، ماڻهو پنهنجي دوستن، عزيزن، مٽن مائٽن ۽ سرندي وارن کي انبن جون پيٽيون پهچائين ٿا. ڪي قربدار دوست قرب ۽ سڪ سان انب پهچائيندا آهن، ڪي مجبوري وچان پهچائيندا آهن ته من يار راضي ٿين، اهي يار جيڪي سڻڀين ڪرسين تي هوندا آهن، يا جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن يار جو مطلب هوندو آهي. مطلب نڪرڻ کان پوءِ پنهنجي يارن کي انب جيان چوسي گندگيءَ جي ڍير تي اڇلائيندا آهن، ائين زندگيءَ جو ڪاروان هلندو رهي ٿو.
    سياري جي موسم ۾ ٿڌ پوي ٿي، ته هرڪو ماڻهو ٿڌو ٿي وڃي ٿو. سياري جي رات ڊگهي هوندي آهي، انسان مزي سان ننڊ ڪندا آهن، پر ايڏي ننڊ به نه ڪرڻ گهرجي، جو ڪير پيرن مٿان پيل سوڙ لاهي وٺي، سياري جي ڊگهي رات ۾ خبردار رهڻ کپي، هن موسم ۾ غفلت جي ننڊ سمهڻ ڪري سڀ ڪجهه چوري ٿيڻ جو خطرو هوندو آهي، ان ڪري ماڻهو چوڪيدار رکندا آهن، ته اهو چوڪي ڏيندو رهي ۽ هوڪو ڏيندو رهي، سياري ۾ اونچن ڊگهن پهاڙن تي برف ڪري ٿي ۽ پهاڙ ڄمي وڃن ٿا. سياري کان پوءِ سرءُ جي مند ايندي آهي، ٽاريون ٽٽنديون آهن. پن ڪرندا آهن، پر مضبوط ٿڙ باقي بچندو آهي، وري بهار جي موسم ايندي آهي، وڻن ۾ ٻور ٿيندو آهي، پن ساوا ٿيندا آهن، گل ڦٽندا آهن، جن جي سرهاڻ سان هر هنڌ خوشبو خوشبو هوندي آهي، جيڪا گدلاڻ جي جاءِ والاريندي آهي.
    چڪر جيان ڦري وري اونهارو ايندو آهي، سج جي تپش سان برف ڳرندي آهي. سنڌ ۾ پنهنجي سانڀر ۾ مون پرائمري تعليم دوران ٻوڏ ڏٺي، جڏهن دريا جا بند ٽتي پيا هئا ۽ پاڻي ٽنڊو محمد خان جي ويجهو ٽنڊو سائينداد وٽ پهتو هو. سڄو شهر خوف ۾ مبتلا هو، ٻوڏ جي پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ مسجدن ۾ دعائون گهريون ويون. ان وقت سڀ کان وڌيڪ کٽڪو سرندي وارن کي هوندو هو. ان کان پوءِ مون ٻوڏ جو پاڻي 1973ع ۾ ڏٺو هو، جڏهن سنڌو دريا ۾ ڪابل ندي جو پاڻي ڪابل مان آيو هو ۽ ڀارت مان وهندڙ چناب نديءَ جو پاڻي پڻ سنڌو ۾ داخل ٿيو هو، ان وقت پاڪستان ۾ پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو سربراهه هو، هو جيڪو بنگالين کي ”حق حاڪميت“ نه ڏيڻ ڪري مشرقي پاڪستان جي عليحدگي کان پوءِ باقي بچيل پاڪستان جو سربراهه ٿيو، سنڌ ۾ آبپاشي ۽ بجلي جو ايڊوائيزر مير اعجاز علي خان ٽالپر هو ۽ سيڪريٽري آبپاشي عبدالوهاب شيخ هو، جيڪو هن وقت گورنر سنڌ جو ايڊوائيزر آهي. عبدالوهاب شيخ به ادريس راجپوت جيان سنڌ جي مٽي سان محبت ڪئي آهي. شهيد ذُالفقار علي ڀٽو سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي پيش نطر هيلي ڪاپٽر، ڪار، ٻيڙي ۾ سفر ڪيو ۽ ڪٿي ڪٿي پنڌ به بندن جو معائنو ڪيو. ٻوڏ جي پاڻي صرف ڪچي جي علائقن کي ٻوڙيو، ان جي سار سنڀال لاءِ ڪيمپون قائم ڪيون ويون. ماڻهن کي رڌ پچاءُ جي سامان سان گڏوگڏ دوائون ۽ رهڻ لاءِ تنبو پڻ فراهم ڪيا ويا، اهڙي طرح سنڌو جو پاڻي ڪنهن وڏي نقصان پهچائڻ کانسواءِ سمنڊ جي پيٽ ۾ آرام سان هليو ويو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مستقل طور تي پاڪستان جي ٻين وفاقي وحدتن سان گڏ سنڌ کي بچائڻ لاءِ هڪ مستقل منصوبو جوڙيو، جنهن ۾ بندن کي پٿرن سان مضبوط ڪرڻ، انهن مان نڪرندڙ ڪينالن، واهن، شاخن ۽ اڏن کي پڪو ڪرڻ شامل هو، ڪجهه واهن جي ڪنارن تي پڪا رستا پڻ ٺهيا.
    شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سڀ کان وڏي اها خوبي هئي، جو رات جو ڪنهن وقت فون ڪري صوبائي وزيرن، مشيرن کان سنڌ جي عوام جي مسئلن متعلق ڄاڻ حاصل ڪندو هو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي انهيءَ فوجي ڪمانڊر ان چيف هٽايو، جنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سينيئر جنرلن کي ڇڏي ترقي ڏيئي فور اسٽار جنرل بنايو، پاڪستان جي 63 سالن جي دور ۾ ٽيهه سال فور اسٽار جنرلن، يعني ايوب خان، ضياءُ الحق ۽ پرويز مشرف حڪومت ڪئي.
    اڄ خيبر پختونخواهه جا گهڻا علائقا ٻڏي ويا آهن ۽ پنجاب ۽ سنڌ جا به ڪيترا علائقا ٻوڏ هيٺ اچي ويا آهن سنڌو درياهه موجون هڻندو سمنڊ ۾ لهندو وڃي. هڪ عجيب قدرت جو رنگ آهي، دريا کي هٿرادو زنجيرون وجهڻ وارن جي ڪوششن جي باوجود دريا بادشاهه جهل نٿو ڏي.
    مالڪ ڪائنات کان اهائي دعا آهي ته شال سنڌو دريا ائين ئي وهندو رهي ۽ سنڌ آباد ٿئي. بقول لطيف سائين:
    ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
    دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.“


    هي ماڻهو اسان جي مدد جا منتظر آهن…. امتياز جوڻيجو

    سنڌوءَ ۾ جڏهن واري پئي اڏامي، تڏهن به سنڌ جا ماڻهو رب مٺڙي جي آسري هئا، ۽ اڄ جڏهن ٻوڏ جي ٻوڙان ٻوڙ آهي، تڏهن به عام خلق کي آسرو رب مٺڙي جو آهي، باقي وس وارن جا هٿ مٿي تي آهن ۽ اها ئي وائي سندن وات تي آهي ته، اسان کي اندازو ئي نه هو ته ڪا ايڏي تباهي ٿيندي.“ ڳالهه اها ناهي ته ٻوڏ سنڌ ۾ ڪيتري تباهي مچائي آهي، پر اصل ڳالهه اها آهي ته وس وارا هن مشڪل گهڙيءَ م ٻوڏ متاثرين جي ڪيتري واهر ڪري رهيا آهن؟ خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ ته اوچتو اڀ ڦاٽو ۽ ٻنهي صوبن جا پٽا ڪڍي ڇڏيائين، پر سنڌ ۾ اٺ تڏهن پئي رڙيا، جڏهن خيبر پختوانخواهه جو شهر نوشهرو پئي ٻڏو! وس وارن کي اها ڳالهه ته ڪکي پئي ته بندن جا حال پورا آهن ۽ پاڻي ٻوڙا ٻوڙ ڪندو، ان صورتحال ۾ يقينن بندن تي ڪنٽرول وس کان ٻاهر هو، اهڙي صورتحال ۾ ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته سرڪار جو سڄو زور ٻوڏ متاثرين کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري کين ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪرڻ سان گڏ ٻوڏ سبب جيڪي امڪاني بيماريون ظاهر ٿينديون، ان لاءِ پڻ ميڊيڪل ڪئمپون قائم ڪيون وڃن ها. ٻوڏ ۾ لکين ماڻهو دربدر ٿيا آهن، جن جي اڪثريت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي، انهن ماڻهن کي امڪاني بيمارين کان بچاءَ لاءِ ميڊيڪل موبائل سروس جو بندوبست ڪيو وڃي ها، پر اهڙا انتظام پري پري تائين ڏسڻ ۾ نٿا اچن، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جون سياسي پارٽيون به صرف بيانن تائين محدود ڏسڻ ۾ آيون آهن، حالانڪه سنڌ جي سياسي پارٽين وٽ ڪارڪنن جو وڏو انگ آهي. انهن کي جيڪڏهن هن مشڪل گهڙي ۾ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ اڳتي آندو وڃي ها ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها. پر جڏهن چئني پاسن کان رڳو بيانن تي زور هو، تڏهن ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ٻوڏ متاثرين جي سهائتا لاءِ ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ ڪيمپون قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسان ماڻهو اڪثر اهو چوندا آهيون ته اسان مشڪل وقت ۾ عملي طور ڪجهه ڪرڻ بجاءِ ٻين کي ڏس ڏيندا آهيون ته هيئن ڪريون، هونئن ڪريو، پر ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين اسان سڀني کي هن مشڪل گهڙي ۾ عملي مظاهري جي دعوت ڏني آهي. جيڪڏهن اسان سڀ گڏجي ٻوڏ متاثرين جي واهر لاءِ اڳتي اچون ته هزارين، لکين انسانن کي هن مشڪل گهريءَ ۾ بک، بيمارين ۽ پريشانين کان بچائي سگهون ٿا. پوءِ اچو ته جيجل سنڌ جي پريشان ٻچڙن جي واهر لاءِ اڳتي اچون ۽ جيڪي وس ۾ هجي اوترو سهڪار ڪريون، ان عمل سان گهٽ ۾ گهٽ اسان جا ضمير مطمئن رهندا ته مشڪل گهڙيءَ ۾ اسان وسان ڪين گهٽايو، ٻي ڳالهه ته ان عمل سان سنڌين ۾ قومي ٻڌي جو احساس به وڌندو، جنهن جي هن وقت اشد ضرورت آهي .


    اچو ته ٻوڏ جي آئيني ۾ سنڌ جو عڪس ڏسون.....امر سنڌو

    هيلوڪي ٻوڏ هن سنڌ ۾ رڳي سڌا پٽ، وسندڙ وسنديون ۽ آباد و شاد آباديون ئي نه ٻوڙيون آهن، پر هن ٻوڙ ٻوڙان ۾ دل جي ڌرتي به هيل آلي آلي آهي، ٻوڏ جي هن قدرتي تباهي جي آئيني ۾ سنڌ جو جيڪو ڀڳل ٽٽل، مجروح ٿيل عڪس نظر اچي ٿو، سو دل جي ڌرتي کي اڃا به وڌيڪ نپوڙيندڙ، اڃا به وڌيڪ سوڙهو ڪندڙ آهي، هن ٻوڏ جي آئيني ۾ سموري جذباتيت، سموري حساسيت کي کن پل لاءِ پاسيرو ڪري ٻين جا نه، آڙي پاڙي جا نه، آس پاس جا نه، اچو ته پنهنجا پنهنجا عڪس ڏسون، پنهنجي پنهنجي روش سياست، روش جذبات جو جائزو وٺون!
    سنڌ، واليان سنڌ، عاشقان سنڌ ۽ دعويدارين سنڌ جي دل جي ڌرتي به اسان جو سياسي مزاج ائين سخت، ڪرخت ۽ ٺوٺ ڪري ڇڏي هوندي، ان انڪشاف تي، آئيني جي ان عڪس تي دل جي ڌرتي اک سميت آلي آهي. ‘‘یہ سیاست گورک دندہ ہے’’ جي ٻڏندڙ سنڌ جي آئيني ۾ پاڻ وٽ مروج سياست جي سخت گيري قابل حيرت آهي. بلڪه قابل ڏک آهي. بس هن کي سياست ڏسي توهان کي انهن عادي فقيرن، پيشه ور پينو فقيرن جي زخم سان کيڏڻ واري حرڪت ياد نٿي پئي، جيڪي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ پڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي زخمن سان کيڏن ٿا، ڇُٽا ڦٽ ڏيکارين ٿا ۽ پوءِ ڦٽن تان وهندڙ رسندڙ زخمن تان لٽو مٿي ڪري صدا ڏيڻ شروع ڪن ٿا. هن آفت تي، هن ٻوڙ ٻوڙان ۾، هن ڇتي تباهي ۾ سنڌ سان عشق جا دعويدار سنڌ جي وهندڙ زخمن تي پها رکي، طبيب ٿيڻ بجاءِ سياست جي دڪان جا نوان شٽر کولي سجائي متوجهه ڪرڻ واري ڌنڌي جي سيٽ سنڀالي چڪا آهن، پيشور پينو فقير واري صداگيري شروع آهي. هوڏانهن حڪومتي ڪارندا، سرڪاري اهلڪار پنهنجي مٿي کي هٿ ڏيو ويٺا آهن. بيشڪ ته هيءَ قدرتي آفت سندن هٿ تري سان نه روڪڻ جهڙي، نه ئي ڪنٽرول جهڙي، پر پنهنجي پيشورانه ڪٿ ۾ هو ڪيترا اهل آهن، ٻوڏ سندس پول کولي ٿي، پاڻي جي سياست تي بيشڪ ته سڄي سنڌ ٻارين ٻچين سيٽلائيز ٿيل، پر ڇا پاڻ کي ڪٿي اهو ياد پوي ٿو ته پاڻي سياست تي مچي مواڙ ٿيندڙ ڌرين مان ڪڏهن ڪنهن به سنڌ جي آبپاشي کاتي جي عملدارن سان ڪرپشن جي مامري تي ڪو وڏو جهيڙو کاڌو هجي. ”پاڻي جي سياست“ سنڌ ۾ اڄ به ائين بڻيل آهي. جو ان جي آڙ ۾ سڄي سماج جو ڍينگو ڍيري ٿيل ڀاسجي ٿو. پاڻي جي سياست تي سياستدانن کان ويندي آبپاشي کاتي جي عملدارن، ويندي داروغن تائين ڪنهن ڪنهن پنهنجا کيسا ناهن ڀريا... اڄوڪي ٻوڏ ڏسو، سنڌ ۾ آبپاشي کاتي جي عملداري ڏسو ۽ سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ڏسو، پوءِ سنڌ جي سياست م مٿا اڇا ڪندڙن جو ٽريڪ رڪارڊ ڏسو.... صاحبو.... هتي ئي اردو محاوري جيان ”دودهه کان دودهه اور پاني کان پاني“ ٿيڻ جو لقاءُ هوندو... دوستو! هو درست ته پاڻي جي سياست مان پنجاب جي ڏاڍائي جو عنصر نٿو ڪڍي سگهجي. پر پنهنجي پاڻي کاتي جا ماهر، پنهنجي زراعت جا ماهر جيڪي رٽائرمينٽ کان پوءِ قومپرستي جي نئين جمادي ۾ سياسي تجزيه ڪار بڻجي روزميڊيا تي ڏسڻ ۾ اچن ٿا، ڪير ٻڌائي ته اسان جي قومپرستي واري سياست مٿن ڪپڙو رکندي ڇو ٿي نظر اچي، چيف انجنيئر کان ويندي واهن تي مقرر ڪيل آبپاشي جي انجنيئرن پاران ڪجهه سياسي پارٽين جي ڪارڪنن، ڪجهه صحافتي دوستن جي مهيني جي خرچ پکي، داڻي پاڻي جا حساب جيڪڏهن مقرر نه هجن ها ته يقين ڪريو هن وقت سياسي قيادت سنڌ کي آيل هن وڏي زخم تي سياست جي نئين دڪان کولڻ بجاءِ آبپاشي کاتي جي اهلڪارن جي وٺ ڪندي نظر اچي ها. اهو ئي کاتو ئي جيڪو سوڪهڙي وارن ڏينهن ۾ واٽر ڪورس جي وارابندي کان ويندي شاخ ۽ واهه کولڻ/ نه کولڻ تي پنهنجي ٻچن جو مستقبل محفوظ ڪرڻ جو سامان پيو گڏ ڪندو آهي، سياسي ليڊر شپ جڏهن پاڻي کوٽ/ فلڊ ڪئنال کلڻ تي پنجاب لاءِ مارچ ڪري رهي هوندي آهي. ٺيڪ انهن ئي ڏينهن م داروغي کان چيف انجنيئر تائين آبپاشي کاتي جي اها مخلوق واهن جي کوٽائي، بندن جي حفاظت ۽ واٽر ڪورسن جي مرمت لاءِ مختص ڪيل رقم جي خرد برد جا حساب لکڻ ۾ پوري هوندي آهي. مجموعي طور اهي بچاءُ بند، اهي واهه، اهي واٽر ڪورس.... اهي پنهنجي مقامي سياست جو حصو ناهن... ٻيلي کاتي ۾ ٻيلن جي سار سنڀال پنهنجي ايجنڊا جو حصو ڪڏهن به نه رهي آهي، ڪچي ۾ مستقل طور ٻيلا ڪٽرائي ڪيٽيون آباد ڪرائيندڙن تي پنهنجي سياست ڪڏهن به نظر نه وڌي آهي. درياهه جي پيٽ ۾ باقائده بجلي جا پول لڳائڻ، رستا پڪا ڪرائي ٻنيون آباد ڪندڙن لاءِ به ڪڏهن پنهنجي آڱر اڀي نه ٿي. قدرتي ماحوليات ڪهڙي پکي، ڪهڙي نر مادي جو نانءُ آهي، پاڻ ان کان به بيخبر آهيون. اسان ڪيترائي دفعا ”پاڻي کوٽ“ لاءِ مارچ ڪندا رهياسين. ٺرندي سياري ۽ ڪڙهندڙ ڪاڙهن ۾ اسان پاڻي پاڻي ڪندا رهياسين... اسان جي سياست جو ڪاروبار ئي انهن مارچ جي ريلين سان هلڻو هو، ها پر ڪڏهن ٻڌو ته اسان ڪنهن آبپاشي عملدار خلاف ماڻهن کي سياسي طور بيهڻ، گهيراءُ ڪرڻ سيکاريو هجي، جيڪو اسان جي پيئڻ واري ڍڪ پاڻي کي به ڏوڪڙ ڏيندڙ آبادگارن کي وڪڻي ڏيڻ واري ڌنڌي ۾ ملوث هجي؟ اسان جي سموري سياست جا قبلا ۽ مرڪز ٻاهرين، ڌارين جي ڌاڙيوالي تي فوڪس رهيا آهن، اسان سچ پچ ته ماڻهن کي ڪڏهن به اهو ٻڌائي. سچ ٻڌائي نه سگهياسين ته ڌاڙيلن جي پيداگيري کان ٻيلن تائين جي ڪٽائي واري سياست کي ضياءَ ڪيئن مضبوط ڪيو. اسان ڪڏهن به پنهنجن ماڻهن کي ڪو نه ٻڌايو ته ٻيلا ڪاٽي اسان آفتن، قدرتي سيلابن کان پناهه وارا پر ڪاٽي رهيا آهيون. اسان کين ڪو نه ٻڌايو ته ٻيلا ڪٽي ٻنيون آباد ڪرڻ ۾ اسان هٿ وٺي پنهنجي قدرتي ماحول کي تيلي ڏئي رهيا آهيون. اسان کين ڪڏهن به ڪو نه ٻڌايو ته ٻيلا ڪٽجڻ کان پوءِ ٻيو دفعو پوکڻ بعد به پنجاهه سالن ۾ اسان وڃايل ٻيلن جو هڪ سيڪڙو آباد مس ڪري سگهنداسين.
    اسان جي سياست جو محور ”ڌاريا“ ۽ ”پنجاب دشمني“ رهي ۽ اسان ڄاڻي واڻي اهي انگ اکر پنهنجي ماڻهن کان لڪائيندا رهياسين ته پاڻي ۾ کوٽ هئڻ باوجود جڏهن پاڻي سنڌ جي سرحدن ۾ داخل ٿئي ٿو، تڏهن به 20 کان 40 سيڪڙو پاڻي آبپاشي کاتي جي نااهلي، واهن جي مرمت ۽ کوٽائي نه هئڻ ڪري ضايع ٿئي ٿو، اسان جي سياست جو محور جيئن ته قومپرستي هئي. ان ڪري اسان لاءِ اهو اعتراف ڏاڍو ڏکيو هو ته سنڌ ۾ پاڻي اچڻ کان پوءِ به وڏن زميندارن پاران واٽر لفٽر مشينون لڳائي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو ۽ ان پاڻيءَ جي چوري کان پوءِ نه رڳو سنڌ جو اڪثريتي ننڍو آبادگار متاثر ٿئي ٿو، پر سنڌ جي پڇڙي وارن علائقن يعني بدين، عمرڪوٽ وغيره تائين انساني آباديون پيئڻ جي پاڻي جي شديد قلت جو شڪار آهن. توهان بدين، عمرڪوٽ جي ڳوٺن تائين وڃي ته ڏسو ڪيئن ڳوٺن جا ڳوٺ پيئڻ واري پاڻي جي قلت جي بحران ۾ آهن. ميلن جا ميل هو پيئڻ واري پاڻي جي ڳولا ۾ ڦٿڪن ٿا ۽ ٻئي پاسي وڏا آبادگار سندن پيئڻ جي پاڻي جي چوري، لفٽنگ مشين وسيلي ڪري پنهنجا فصل بچائين ٿا. اسان جي سنڌ وستيءَ جي نالي ۾ ٿيندڙ سياست اهڙن پاڻي چور زميندارن ۽ آبپاشي کاتي جي عملدارن جي ان چوري ۾ شرڪت تي ڪک رکندي پئي اچي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهڙن پاڻي چورن جو گهيراءُ ٿيڻ شروع ٿيو ۽ آبپاشي کاتي جي ڪرپٽ ترين، بدعنوان ۽ رشوت خور عملي پاران منٿلين وارو سلسو ته بند ٿئي ئي ٿئي، پر دڪان به سدائين لاءِ بند ٿيڻ جو امڪان ٿي سگهيو ٿي.
    ”یہ سیاست گورگ دھندا ہے“ هن پنهنجي ئي سياست جو نرالو اندازو هو، جنهن فقط نعرن جي آڌار تي وڏا ڏاها ۽ قومي هيرا پيدا ڪيا. اها پنهنجي ئي گورک سياست هئي. جيڪا ”قومي سوال“ تي ته مٽيءَ ۾ لٺيون هڻندي رهي. پر انساني حقن واري سوال کان سدائين وانجهيل رهي آهي. پنهنجا ئي سياسي ڏاها، قومي هيرا ۽ آجپي جي جنگين جا اڳواڻ هئا، جيڪي جڏهن سياست جي سفر تي هليا هئا ته سندن کيسا خالي هئا ۽ اڄ جڏهن سندن مال ملڪيت، اڪائونٽن جو حساب ڪتاب کولجي ته سچ پچ هڪ وڏو سوال اچي سگهي ٿو..... پنهنجي قومي سياست ۾ مال ملڪيت، ڪيئن ٺهيا؟ وارو سوال پڇڻ Taboo آهي، هتي ”ڏوهارين“ جي سرپرستي وارو سوال به ممنوع آهي. هتي رائج سياست ۾ ”سهائتا“ جو سوال اٿڻ ممڪن ناهي. پنهنجي ديس جي سياست ۾ ”عوام جي فلاح“ به فقط حڪمرانن جي ڪلهن تي اڇليل آهي. عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ جو ساهس پنهنجي نالي ۾ نهال قيادت ۾ توهان کي ڪو نظر اچي ٿو؟ جيڪڏهن انهن جون پنهنجون ٻنيون ٻڏنديون هجن. جيڪڏهن پنهنجا وٿاڻ لڙهندا هجن يا پنهنجي لوڙهن کي ڪو سيڪ ايندو هجي ته ڪيئن نه ڪارڪنن جي فوج ڪٺي ڪري وجهن. هن ٻوڏ جي آئيني ۾ انهن جا سياسي بيان اها اداڪاري آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي عيال سميت فلاپ آهن.
    هيءَ سنڌ ٻڏي پئي ۽ سندن کي ڪو لوڏو ڪونهي. هي نعرن ۾ مارچ ڪرائڻ جا شوقين، ڪراچي ۾ لکين سنڌي گڏ ڪرڻ جا سپنا سجايا ڪندڙ سڀ سياستدان ٻڌائين ته هن مشڪل جي گهڙي ۾ سندن ڪيترا هزار ڪارڪن لڙهندڙ سنڌ مان ٻڏندڙن جي بچاءَ جا بند بڻيل آهن. ڪيترا ڪارڪن بکين کي کارائڻ لاءِ مينهن وڏ ڦڙي ۾ بيٺل آهن.. هزارين گاڏين جو جلوس ۾ ڊسپلي ڪندڙ سياستدان ٻڌائين ته سندن ڪارڪنن جون ڪيتريون گاڏيون ڪچي مان بي يارو مددگار مخلوق کي محفوظ ماڳ مڪان تي پڄائڻ جو ڪم ڪري رهيون آهن. سياستدانن وٽ قوم سڌارڻ، قوم ٺاهڻ ۽ وطن پرستي جا وڏا نعرا آهن، ان ڪري مٿن ميار به وڏي رکبي. کانئن ضرور پڇاڻو ڪبو ته ڪير ڪير آهي، جو هن ڏکي ترين گهڙي ۾ سنڌ جي هن خلق جو ڀرجهلو ٿيڻ لاءِ اڳتي ٿو اچي.... ڏسو ڪهڙي وطن پرست، قومپرست پارٽي جا ڪارڪن آهن، جيڪي پنهنجي قيادت جي سڏ تي لبيڪ چئي پنهنجي هم وطنن جي سهاري لاءِ پنهنجا ڪلها آڇين ٿا؟ وقت ماتم ڪرڻ جو ناهي. وقت مدد ڪرڻ، مددگار بڻجڻ جو آهي، Charity کان وانجهيل سياست کي چيئرٽي ڏانهن آڻڻ جو وقت آهي، منهنجي قومپرست اک انساني اذيت، مصيبت ۽ ڏک جي گهڙي کي قوم جي خاني ۾ نٿي رکي. ان ڪري صوبي خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب جي تباهي تي گڏوگڏ ڏک ڪري ٿي، پر سنڌ ۾ آيل مصيبت ان ڪري به سوائي ٿي ڀاسي، جو سنڌ جو عام ماڻهو، ان سياست جي بيرحمي جو شڪار آهي، جيڪا زخمن جي طبيب ٿيڻ بجاءِ پينو فقير بڻيل آهي، اهو ئي سبب آهي جو ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ خطري جي اڳواٽ خبر هئڻ باوجود اسان جو ماڻهو ڪچي مان تڪڙو لڏ پلاڻ لاءِ راضي نه ٿيو.“ ”سنڌ ٻوڙڻ جي سازش“ جهڙي سياست رهندو انهن مڪسينن جا ترا ڪڍي ڇڏيا، جيڪي بئراج بچائڻ لاءِ بند کي ڪٽ ڏيڻ واري حڪمت عملي کي سازش قرار ڏيندا رهيا. هيل تائين سنڌ ۾ بي گهر ٿيندڙن جو تعداد لکن ۾ ٿي چڪو آهي. جيڪڏهن حڪومت اهو گهربل رليف ڏيڻ کان حقيقتا قاصر آهي ته ان وقت ۾ مخير ادارن کي، ماڻهن کي، سياسي جماعتن کي، پروفيشنل ادارن کي اڳيان اچي هن مشڪل گهڙي ۾ عوام جو ڀرجهلو ٿيڻ کپي. سنڌ م حقيقتاً اهو رليف نظر نٿو اچي. جيڪو ٻين صوبن ۾ ٻيا غير سرڪاري ادارا، سياسي جماعتون ڪري رهيون آهن، گهوٽڪي ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جي ٽرسٽ ته ڪئمپ لڳائي سگهي پئي. پر چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جا ينگ گريجوئيٽ، انڊر گريجوئيٽ ۽ ماهر ڊاڪٽر رليف لاءِ ٽيم جوڙي لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي نٿا وڃي سگهن، اهڙي ريت پيپلز ميڊيڪل ڪاليج مان ڇا ڪي چند شاگردياڻيون به اهڙيون ناهن. جيڪي پنهنجي استادن/ دوائن وارين ڪمپنين کان رليف لاءِ آمادي پيڪيج گهري قاضي احمد ۽ ڀرپاسي رليف لاءِ هليون وڃن؟ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جا ڊاڪٽر اغوا ٿيڻ تي لکين رپين جو ڀنگ ڀرين ٿا، سي هن وقت ٻاهرين ملڪن جي دورن ۽ عمرن جي پيڪيج وٺڻ بجاءِ دوائن وارين ڪمپنين کان رليف پيڪيج وٺي جان بچائڻ واريون، بارشن کان پوءِ وبائي بيمارين کان بچاءُ واريون دوائون کڻي، پنهنجي وطن واسين جي امداد لاءِ ڇو نٿا نڪري پون؟ ڪٿي آهن شاگرد جماعتون.... سنڌ جي شاگرد جماعتن کي ڇو نٿو ياد پوي ته دنيا ڀر ۾ قدرتي آفتن لاءِ شاگرد ئي رضاڪارن جا جٿا جوڙي ڏتڙيلن جي واهر لاءِ واهرو بڻبا آهن. سنڌ جي شاگرد جو ان حوالي کان مجموعي رول ڏسجي ته يقينن ڪو ساراهه جوڳو نه هوندو. اهو شاگرد ٿيڻ ائين کپي ها ته سنڌ تي آيل هن وڏي آفت ۾ سنڌ جي بي يارو مددگار ماڻهن جو ٻيلي ٿيڻ لاءِ پاڻ مرادو نڪري پوي ها. هن مصيبت جي گهڙي ۾ مدد لاءِ وڌايل هٿ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو سهارو کپي.
    هيءَ ميار ناهي. پر مذمت آهي سنڌ جي ان نام نهاد ڊياسپورا لاءِ، جيڪو روزگار، ڪاروبار لاءِ سنڌ کان ٻاهر ٻين ملڪن جو شهري ٿيل آهي. هوءَ مختلف حوالن سان تنظيمي ڍانچا ٺاهي سنڌ جي نالي جي ورد جو وروڌي به بڻيل آهي، پر افسوس ته اهو آهي ته ٻاهر رهندڙ ان سنڌ جي ڊياسپورا کي ”سنڌي مائنڊ سيٽ“ جي مرض مان نڪرڻ لاءِ ڪي سال کپن. جنهن ۾ ”وطن پرستي“ ۾ نه انساني حقن جو ڪو نقطو شامل آهي ۽ نه ئي سندس سياسي ذهن ۾ سياست ۾ ”چيئرٽي“ جي ڪا گنجائش آهي، نه ته انهن قدرتي آفتن ۾ اها اڄ به ڪک پتي مان لک پتي ٿيل سياسي ليڊرن، ٻن ڪالمي، ٻه ڪالم لکي سگهندڙ دانشورن جي دورن لاءِ ته پئسا خرچ ڪري سگهي ٿي، پر ڏکي گهڙي ۾ پنهنجي ماڻهن لاءِ سهائتا جو سامان موڪلڻ وارو اعلان سندن پاران پاڻ ڪو ورلي ٻڌو هوندو... ديس جي خدمت، ديس واسين جي سهائتا ۽ امداد سان سلهاڙيل آهي، اهو سبق سکڻ ۽ سيکارڻ لاءِ شايد هن ڀيري هيءَ قدرتي آفت، هي ٻوڏ به ناڪافي ٿئي.


    صديءَ جي وڏي ٻوڏ ۽ سنڌ.....دلشاد ڀٽو سينيئر

    سنڌ تاريخ جي بدترين ٻوڏ مان گذري رهي آهي. هن وقت تائين 1942ع ۾ ايندڙ ٻوڏ کي سڀ کان وڏي ٻوڏ ليکيو ويندو هو پر هيءَ ٻوڏ 1942ع واري ٻوڏ کان به وڌيڪ شديد آهي. گذريل اڌ صدي ۾ سنڌ اندر جيڪي به ٻوڏيون آيون آهن، انهن جا وهڪرا چند ڏينهن اندر بيراجن وٽان گذري ويندا هئا، پر 3 آگسٽ کان وٺي سنڌ ۾ ايندڙ هن ٻوڏ جو وهڪرو اڃا تائين جاري آهي. ٻوڏ جي وهڪري ۾ لاٿ اچڻ بجاءِ مسلسل واڌ اچي رهي آهي. جڏهن گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو ساڍا 8 لک ڪيوسڪ هيو، ان وقت پنجاب ۾ ٺهيل تونسا بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو 7 لک ڪيوسڪ هيو. اميد اها هئي ته ساڍا 8 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ کان پوءِ پاڻي جي وهڪري ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي ويندي پر وهڪري ۾ لاٿ اچڻ بجاءِ 12 ڪلاڪن جي اندر گڊوءَ وٽ وهڪرو ساڍا 10 لک ڪيوسڪ ٿي ويو هي سٽون لکجڻ تائين گڊو وٽ وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ کان وڌي چڪو آهي. جيڪو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ يا ان کان به وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، ڇو ته پنجاب جي سرحدن تي چاچڙان ريگيوليٽر وٽ پاڻيءَ جو آخري وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو هيو، جنهن کان پوءِ وهڪرن جو وڌيڪ تفصيل اچڻ بند ٿي ويو آهي. وهڪرن ۾ ايندڙ واڌ جو بنيادي سبب پنجاب جي سرحدن ۾ راجن پور جي پهاڙن مان ايندڙ پاڻي ۽ پنجاب جي ندين مان ايندڙ پاڻي آهي. راجن پور جي پهاڙن کان لهندڙ پاڻي ۽ پنجاب جي ندين جو پاڻي ملي سنڌو درياهه ۾ چاڙهه پئدا ڪري رهيا آهن. راجن پور وٽان ايندڙ پاڻيءَ جو ڪو به باضابطا رڪارڊ ڪونهي. ان پاڻيءَ جو اندازو 2 کان اڍائي لک ڪيوسڪ آهي. جيڪڏهن ان پاڻيءَ يا پنجاب جي ندين مان ايندڙ پاڻيءَ ۾ اضافو ٿو ٿئي ته سنڌ اندر ٻوڏ جو ايندڙ وهڪرو 13 لک ڪيوسڪ يا 13 لکن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ايڏي وڏي وهڪري کي نه سنڌ جا بند برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. نه سنڌ جا بيراج برداشت ڪري سگهن ٿا. گڊو بيراج شايد ان وهڪري کي برداشت ڪري وڃي پر سکر بيراج ايڏي وڏي وهڪري کي برداشت ڪري نه سگهندو. جيڪڏهن ڪوٽڙي بيراج وٽ وهڪرو 8 لک يا 8 لک ڪيوسڪ کان وڌي ويو ته ڪوٽڙي بيراج کي به خطرو ٿي سگهي ٿو. ان وهڪري جي دٻاءَ جيڪڏهن درياهه جا بند ٽوڙي وڌا ته پوري سنڌ ٻڏندي ۽ ان سان گڏ سنڌ جا شهر به ٻڏندا. ان ڳالهه جو به ڪو اندازو ڪونهي ته سنڌو درياهه ۾ اهي وهڪرا ڪيترو وقت هلندا. ڇو ته سنڌو درياهه ۾ اهي وهڪرا پهاڙن تي ٿيندڙ مون سون جي بارشن سبب آهن. مون سون جي بارشن جي موسم جون کان سيپٽمبر تائين هوندي آهي. ان حساب سان آگسٽ جو پورو مهينو بارشون هلي سگهن ٿيون. بارشن جو سلسلو اڃا جاري آهي. انڪري سنڌو درياهه ۾ چاڙهه به جاري آهي. ڪشمير کان وٺي هماچل پرديش تائين پوري پهاڙي سلسلي ۾ بارشون جاري آهن.
    انهن سمورين بارشن جو پاڻي مختلف ندين وسيلي، سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي. ندين کان علاوه برسات نالا به سمورن پهاڙن جو پاڻي کڻي سنڌو درياهه ۾ شامل ڪري رهيا آهن. راجن پور وٽ برساتي پاڻي نالن جي شڪل ۾ سنڌو درياهه اندر ڪري رهيو آهي ۽ صوبي سرحد ۾ آيل ٻوڏ ۽ بارشن جو پاڻي ڪالاباغ وٽ برساتي نالن جي شڪل م ڪري رهيو آهي. هماچل پرديش ۾ ٿيندڙ بارشن جو پاڻي پنجاب جي ندين وسيلي ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ بارش جو پاڻي گلگت- بلتستان جي ندين وسيلي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي رهيو آهي، جيستائين بارشن جو سلسلو ختم نٿو ٿئي. ان وقت تائين سنڌو درياهه جي وهڪري ۾ لاٿ جو امڪان ڪونهي. اهو وهڪرو 5 ڏينهن به جاري رهي سگهي ٿو ۽ 15 ڏينهن به جاري رهي سگهي ٿو. ڪوٽڙي بيراج وٽ پهچڻ کان پوءِ سمنڊ ۾ ڪرڻ تائين ٻوڏ جي ان پاڻيءَ کي گهٽ م گهٽ هڪ مهينو لڳي سگهي ٿو. ان حساب سان سنڌ اندر ٻوڏ مهيني تائين جاري رهي سگهي ٿي. هن صديءَ جي بدترين ٻوڏ سنڌ ۾ ڪيتري تباهي آڻيندي ڪا خبر ناهي. سنڌو درياه جا بند انتهائي ڪمزور حالت ۾ آهن. ڇا اهي بند ايڏي وڏي عرصي تائين سنڌو درياهه ۾ ايندڙ ٻوڏ جي وهڪري کي برداشت ڪري سگهندا يا ڦاٽي پوندا؟ سنڌ جي آبپاشي وزير پريس ڪانفرنس ڪندي اهو اعتراف ڪيو آهي ته گذريل 15 سالن کان سنڌو درياهه جي بندن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي. سنڌ حڪومت 15 سالن کان مرمت نه ٿيڻ جي ڳالهه ڪري ٿي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته گذريل 35 سالن کان سنڌو درياهه جي بندن جي ڪا به مرمت نه ٿي آهي. درياهه جي بندن جي مرمت ان وقت ٿي هئي. جڏهن 1973ع ۾ سنڌ اندر وڏي ٻوڏ آئي. ان وقت ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت هئي. ذوالفقار علي ڀٽو سنڌ اندر بندن جي مرمت جي نگراني ڪشمور کان وٺي ٺٽي تائين هيليڪاپٽر وسيلي پاڻ ڪئي هئي. هن وقت بندن جي نگرانيءَ جو ڪم يا ته چند وزير ڪري رهيا آهن يا اسيمبلي ميمبر ڪري رهيا آهن.
    گذريل 15 سالن کان سنڌو درياهه ۾ ڪا ٻوڏ نه اچڻ ڪري تر جي وڏيرن ۽ سردارن سنڌو درياهه مان لفٽر ذريعي پاڻي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن لفٽ جي پاڻيءَ مان پورت نه ٿي ته مختلف جاين تان درياهه جا بند ٽوڙي پاڻي کنيو ويو، انهن 14 سالن تائين سنڌو درياهه کي لٽ جو مال سمجهيو ويو ۽ جڏهن ٻوڏ آئي ته حڪمرانن بدحواسيءَ ۾ بندن جي چڪاس ڪئي. خبر پئي ته پاڻي چورائڻ لاءِ ڪئنالن ۽ شاخن جي بندن کي هنڌان هنڌان ٽوڙيو ويو آهي. 15 سالن کان سنڌ جا وڏيرا، مير ۽ سردار درياهه جا بند ٽوڙي پاڻي کڻندا رهيا. پر نه ڪنهن حڪومت ان جو نوٽيس ورتو ۽ نه ئي آبپاشي کاتي جي عملدارن ان عمل خلاف ڪارروائي ڪئي. ان کي چوندا آهن .ننڌڻڪا گهوڙا غيباڻا سوار“ صرف اهو چئي ڇڏڻ سان ته درياهه جا بند هنڌان هنڌان ٽٽل آهن. سنڌ حڪومت جي ذميواري ختم نٿي ٿئي. پر حڪومت جي ذميواري ته اتان کان ئي شروع ٿئي ٿي.
    ٻوڏ جو خطرو گذريل ٻن مهينن کان موجود هيو، قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ اداري طرفان اهو اطلاع ڏنو ويو هو ته هنزه جي علائقن ۾ ٺهندڙ ڊيم جي ٽٽڻ جو خطرو موجود آهي، جيڪڏهن ڊيم ٽٽي ته خطرناڪ ٻوڏ ايندي. گذريل ٻن مهينن کان ٻوڏ جو خطرو موجود هجڻ باوجود سنڌ حڪومت بندن جي مرمت ۾ مجرمانه غفلت ڇو ڪئي؟ اها ڳالهه به ذهن نشين ڪري ڇڏجي ته اڃا ته هنزه نه ٽٽي آهي. هي صرف انهن بارشن جو پاڻي آهي، جيڪو پهاڙن کان هيٺ لهي رهيو آهي. جيڪڏهن بارشن هنزه کي ڦاڙي وڌو ته پوءِ اڃا وڏي تباهي اچي سگهي ٿي. ڇا سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي آبپاسي ماهرن کي اها ڄاڻ نه هئي ته هندستاني ڪشمير جي لداخ واديءَ ۾ جون کان پوندڙ برساتن ۽ ٻوڏن جا وهڪرا سنڌو درياهه تي ڪهڙا اثر ڇڏيندا؟ گذري ڏيڍ مهيني کان لداخ واديءَ ۾ برسات ۽ ٻوڏ هلي رهي آهي. ڇا سنڌ جي آبپاشي ماهرن کي اها ڄاڻ نه آهي ته لداخ وادي ۽ سنڌو درياهه جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي؟ ڇا انهن کي خبر نه آهي ته سنڌو درياهه لداخ مان گذري ٿو ۽ لداخ ۾ ايندڙ ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ لهندو؟ جڏهن لداخ مان لهندڙ پاڻي گلگت نديءَ کي ڦاڙي وڌو، ان وقت به سنڌ جي آبپاسي عملدارن کي اها ڄاڻ نه پئي ته سنڌ ڏانهن ڪهڙي تباهي اچي رهي آهي. لداخ ته هندستان ۾ آهي، پر گلگت ته پاڪستان ۾ آهي، ڇا آبپاشي کاتي کي پاڪستان جي ندين جي به ڄاڻ ناهي ته گلگت ۽ هنزه سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪنديون آهن؟ جيڪڏهن سنڌ جي آبپاسي کاتي کي سنڌو درياهه جي جاگرافيءَ جي ڄاڻ ناهي ته پوءِ سنڌ کي ااهڙي کاتي رکڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ٻوڏ جو پاڻي گذريل هڪ ڏيڍ مهيني کان پهاڙي علائقن ۾ تباهي مچائيندو رهيو، پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جا آبپاشي عملدار ستل رهيا. انهن کي جاڳ ان وقت ٿي جڏهن پاڻي ڪالاباغ وٽ پهچي ويو. جڏهن تربيلا جا منهن کلي ويا. جڏهن ساڍا 10 لک پاڻي سنڌ ڏانهن وڌڻ لڳو اهو به ان وقت جڏهن موسميات کاتي اطلاع ڏنو ته ٻوڏ جو پاڻي سنڌ ڏانهن وڌي رهيو آهي حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن. جيڪڏهن موسميات کاتو اطلاع نه ڏي ها ته سنڌ حڪومت اڃا تحرڪ ۾ نه اچي ها. درياهه جي بندن جي مرمت ان وقت شروع ڪئي وئي. جڏهن پاڻي سر تي پهچي ويو. هاڻي سنڌ جو آبپاشي وزير پريس ڪانفنرس ڪري چوي ٿو ته اسان بي وس آهيون. اسان ڪجهه ڪري نٿا سگهون .جيڪو کاتو انگريزن جي ڏنل بهترين آبپاشي نظام کي سنڀالي نه سگهيو. اهو ڪڏهن به اهل ٿي نٿو سگهي. آبپاشي کاتي جي نااهليءَ جو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي سگهي ٿو، جو ان طرفان ٻوڏ جي وهڪرن جا ڏنل انگ اکر غلط ثابت ٿي چڪا آهن. جيڪي ماهر ٻوڏ جو صحيح اندازو لڳائي نٿا سگهن. اهي سنڌ کي ٻوڏ کان ڪهڙو بچائي سگهندا؟ جڏهن اليڪٽرانڪ انجنيئر کي آبپاشي جو چيف انجنيئر بڻايو ويندو ته ائين ئي ٿيندو، جيڪو ٿي رهيو آهي. تارن مان اليڪٽرڪ ڪرنٽ ٽپائڻ واري کي ڪهڙي خبر ته بيراج مان پاڻي ڪيئن گذاربو آهي. اسان نوان بند تعمير ڪري نٿا سگهون، پر جيڪڏهن اڳ موجود بندن جو تحفظ به نٿا ڪري سگهون ته پوءِ باقي ڇا ٿا ڪري سگهون؟ اسان جي بيراجن جا دروازا مٽيءَ ۾ پورجي ويا آهن. انهن کي صاف ڪرڻ لاءِ اسان وٽ نه وسيلا آهن نه جديد مشينون آهن. 1932ع ۾ ٺهندڙ سکر بيراج کي لڳ ڀڳ 70 سال پورا ٿيڻ وارا آهن. پنهنجي فطري عمر پوري ڪرڻ کان پوءِ سکر بيراج آخري پساهه کڻي رهي آهي. بيراج جي اسٽرڪچر ۾ ڏار پئجي ويا آهن. ديوارن جا پلستر اکڙي چڪا آهن، بيراج جا 13 دروازا مٽي ۾ پورجي مڪمل طور تي بند ٿي ويا آهن، سکر بئراج جنهن تي سنڌ جي 50 سيڪڙو معيشت جو دارومدار آهي. ان بئراج کي آثار قديمه ۽ فالتو شيءِ سمهجي نظر اندر ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن اهو بيراج ٽٽي پيو ته سنڌ قحط جو شڪار ٿي ويندي. سکر بيراج مان 11 لک ڪيوسڪ پاڻي جو گذرڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي. اهو وهڪرو سکر بيراج جي اسٽرڪچر کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.
    پنجاب ۾ بيراجن کي بچائڻ لاءِ هڪ جديد آبپاشي نظام موجود آهي. جڏهن پنجاب جي درياهن ۾ پاڻيءَ جو وهڪرو بيراج جي گنجائش کان وڌي ويندو آهي ته اضافي پاڻيءَ کي هڪ الڳ چينل ذريعي بيراج جي پاسي کان گذاري ٻيهر درياهه ۾ داخل ڪيو ويندو آهي. جيئن اضافي پاڻيءَ جي دٻاءَ سبب بيراج جي اسٽرڪچر کي نقصان نه پهچي، پر سنڌ ۾ بيراجن کي بچائڻ لاءِ اهڙو ڪو به انتظام ڪونهي. انگريزن جڏهن سکر بيراج ٺاهيو هو ته ان وقت سکر بيراج مان 15 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرڻ جي گنجائش موجود هئي. سنڌ ۾ ايندڙ 1976ع واري وڏي ٻوڏ ۾ سکر بيراج وٽان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي آساني سان گذري ويو هو، پر اڄ جڏهن سکر بيراج جي گنجائش 15 لک ڪيوسڪ مان گهٽجي صرف 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي آهي ته اها به پنجاب جي مهرباني آهي. ڇو ته سکر بيراج ۾ وهڪرن جي گنجائش ان وقت گهٽجي وي. جڏهن تربيلا ڊيم جي تعمير ٿي. پنجاب جي آبپاشي ماهرن جو چوڻ هو ته ٻوڏ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڪري اجايو زيان ٿي رهيو آهي. ان ڪري ان پاڻي کي ڊيم ٺاهي روڪڻ سان زمينون آباد ڪري سگهجن ٿيون. تربيلا ڊيم جي پاڻي مان زمينون ته پنجاب جون آباد ٿيون، پر سزا سنڌ کي ملي. ٻوڏن جو پاڻي جڏهن درياهن مان گذرندو آهي ته اهو پاڻي بيراجن جي درن ۾ ڦاٿل مٽي کي ڌوئي پاڻ سان گڏ کڻي ويندو آهي. تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ آهستي آهستي مٽي سنڌ جي بيراجن جي دروازن ۾ ڦاسندي وئي ۽ تربيلا ڊيم ٺهڻ کان پوءِ سکر بيراج جا 13 دروازا مٽيءَ ۾ پورجي بند ٿي ويا. جنهن ڪري سکر بيراج جي گنجائش گهٽجي وئي. درياهن ۾ پاڻيءَ جا تيز وهڪرا جڏهن ايندا آهن ته پاڻ سان مٽي به کڻي ايندا آهن. اهي وهڪرا ان مٽيءَ کي لوڙهي وڃي سمنڊ ۾ اڇليندا آهن. تربيلا ٺهڻ کان پوءِ جڏهن ان ۾ پاڻي روڪيو ويو ته درياهه جا اهي وهڪرا گهٽجي ويا . انهن وهڪرن ۾ اها سگهه نه رهي ته مٽيءَ کي ڌڪي سگهن. ان ڪري ڪمزور وهڪرن پاڻ اسان آندل مٽي درياهه جي پيٽ ۾ ڇڏڻ شروع ڪئي. بيراجن وٽ درياهه جي پيٽ ۾ مڙندڙ ان مٽيءَ درياهه جو پيٽ ايترو مٿي ڪري ڇڏيو، جو اتان پاڻي گذرڻ جي گنجائش گهٽجي وئي. 1976ع ۾ سکر بيراج وٽ پاڻي گذرڻ جي گنجائش جيڪڏهن 12 لک ڪيوسڪ تصور ڪجي ته تربيلا ٺهڻ کان پوءِ 3 لک ڪيوسڪ جيتري مٽي درياهه جي پيٽ ۾ جمع ٿيڻ سان هن وقت سکر بيراج جي گنجائش صرف 9 لک ڪيوسڪ رهجي وئي آهي. پاڻيءَ جي وهڪرن جڏهن درياهه جي پيٽ ۾ مٽي اڇلڻ شروع ڪئي ته ان مٽيءَ جي نتيجي ۾ درياهه اندر مختلف جاين تي پيٽ ۾ ٺهندڙ ٻيٽ تربيلا ڊيم جو تحفو آهن. درياهه جي پيٽ ۾ ٻيٽ ٺهڻ سان پاڻي گذرڻ جي گنجائش گهٽجي ويندي آهي ۽ گهٽ پاڻي به وڌيڪ چاڙهه ڏيکاريندو آهي. هڪ طرف درياهه جي اندر ٻيٽ ٺهي رهيا آهن ته ٻئي طرف پلاٽ مافيا ناجائز قبضا ڪري درياهه اندر غيرقانوني تعميرات ڪري رهي آهي. جنهن سبب ٻوڏ جي وقت جڏهن درياهه مان پاڻي گذري ٿو ته ٻوڏ جو پاڻي هڪ طرف بچاءَ بندن تي دٻاءُ وڌائي ٿو ته ٻئي طرف پاڻي گذرڻ وقت بيراجن مٿان دٻاءُ پوي ٿو. سنڌو درياهه جي ڪنارن تي سکر ۽ حيدرآباد سميت ڪيترائي شهر آباد آهن، انهن ٻيٽن ۽ ناجائز تعميرات مان ٻوڏ جي وقت سنڌ جي شهرن کي خطرو ٿي سگهي ٿو، سنڌ کي ٻوڏن کان بچائڻ جو ڪو به انتظام ڪونهي، تربيلا ڊيم، جيڪا ان دعويٰ سان ٺاهي وئي هئي ته سنڌ کي ٻوڏ جي پاڻي کان بچائيندي. پر اها ڊيم خود سنڌ کي ٻوڙڻ جو سبب بڻجي چڪي آهي. هن وقت سنڌ طرف جيڪا ٻوڏ اچي رهي آهي. جيڪڏهن تربيلا ڊيم کي خالي رکيو وڃي ها ته شايد سنڌ ۾ ايڏي شديد ٻوڏ نه اچي ها، پر تربيلا ڊيم کي خالي رکڻ بجاءِ ان کي ڀريو ويو، تربيلا ڊيم کي ان وقت ڀريو ويو، جڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ هئي. جيتوڻيڪ پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جون زمينون سڪي رهيون هيون ۽ ٻج سڙي رهيا هئا، ٺٽي ۽ بدين جي علائقن ۾ پيئڻ جو پاڻي ڪو نه هيو، پر ان جي باوجود به پنجاب جي آبپاسي ماهرن پاڻي سنڌ ڏانهن موڪلڻ بجاءِ پاڻي کي روڪي تربيلا ڊيم کي ڀريو، جيتوڻيڪ قدرتي آفتن سان منهن ڏيندڙ اداري طرفان اهو چيل هو ته هنزه ڦاٽڻ جي خطري سبب مئي ۽ جون جي مهيني ۾ تربيلا ڊيم ۾ پاڻي جو مقدار گهٽ کان گهٽ رکيو وڃي، پر پوءِ به پنجاب جي آبپاشي ماهرن سمورين سفارشن کي نظر انداز ڪندي تربيلا ڊيم کي چوٽي تائين ڀري ڇڏيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي آيو ته ان پاڻي کي روڪڻ لاءِ تربيلا ۾ ڪا به گنجائش نه هئي. ٻوڏ جي پاڻي مان صرف 27 هزار ڪيوسڪ پاڻي روڪي باقي سمورو پاڻي سنڌ ڏانهن ڇڏيو ويو. تربيلا کان پوءِ ڪالاباغ جي پهاڙن وٽ صوبي سرحد مان لهندڙ ٻوڏ جو پاڻي شامل ٿيڻ کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي ليول خطرناڪ حد تائين وڌي وئي. تربيلا ۽ ڪالاباغ مارن خارج ٿيندڙ ساڍا 10 لک ڪيوسڪ پاڻي جڏهن پنجند وٽ پهتو ته باقي ڪسر پنجاب جي درياهه پوري ڪئي. باوجود ان جي ته موسميات کاتي اها وارننگ جاري ڪئي هئي ته بارشن پوڻ سبب درياهه ۾ پاڻي جي ليول وڌندي، ان ڪري منگلا ڊيم کي نه ڀريو وڃي، پر پنجاب ان وارننگ کي به نظر انداز ڪري تربيلا سان گڏ منگلا ڊيم کي به ڀري ڇڏيو، جڏهن ٻوڏ آئي ته تربيلا ۽ منگلا ٻنهي ڊيمن مان پاڻي سنڌو درياهه ۾ ڇڏيو ويو. هن وقت پنجاب جي ندين جو سيلابي پاڻي ۽ منگلا ڊيم جو پاڻي جڏهن پنجند وٽ سنڌو درياهه ۾ شامل ٿئي ٿو ته ان سموري پاڻيءَ جو رخ سنڌ طرف آهي.
    پنجاب ۾ راجن پور ۽ مٺڻ ڪوٽ وٽ بند ٽٽڻ جي باوجود گڊو بيراج وٽ پاڻيءَ جو وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ آهي، جيڪڏهن اهي بند نه ٽٽن ها ته گڊوءَ وٽ وهڪرو 13 يا 14 لک ڪيوسڪ هجي ها. گڊوءَ وٽ مسلسل ساڍا 11 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ظاهري ڪري ٿو ته پويان اڃا 13 کان 14 لک پاڻي اچي رهيو آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ اها اميد هئي ته سکر بيراج تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽبو، پر ٽوڙي بند جي ٽٽڻ کان پوءِ به سکر بيراج تي پاڻيءَ جو دٻاءُ برقرار آهي. سکر بيراج وٽ پاڻيءَ جي سطح ۾ واڌ ۽ سيپيج سبب پاڻي سکر شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ سان سکر بيراج کي ته ڪو فائدو نه ٿيو، البته پنجاب جي درياهن مان ايندڙ پاڻي کي سنڌو درياهه ۾ اچڻ جو رستو ملي ويو. جيڪڏهن راجن پور، مٺڻ ڪوٽ ۽ ٽوڙي بند نه ٽٽن ها ته سنڌو درياهه ۾ موجود پاڻيءَ جو چاڙهه پنجاب جي درياهن مان ايندڙ پاڻيءَ کي قبول ڪرڻ بجاءِ واپس ڌڪي ڇڏي ها. پاڻي واپس ڌڪڻ سان پنجاب جا درياهه ڦاٽي پون ها ۽ پنجاب جا شهر ٻڏن ها. پهرين پنجاب کي ترقي ڏيارڻ لاءِ سنڌ جا وسيلا استعمال ٿيا. هاڻي پنجاب جي شهرن کي بچائڻ لاءِ سنڌ جا شهر ٻڏي رهيا آهن. ٽوڙي بند سان گڏ پنجاب جا مٺڻ ڪوٽ ۽ ڀونگ وارا بند ٽٽڻ کان پوءِ اتان جو پاڻي به سنڌ طرف اچي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي بيراجن تان دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ سنڌ جا سڀ ڪينال فل وهايا ويا آهن. سيلاب بيراجن جي وسيلي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي ويو آهي.
    انگريز بي وقوف ڪو نه هئا، جو انهن ڪينالن جي بندن تي وڻ پوکرايا هئا. وڻ بندن کي مضبوط ڪندا آهن. پر انگريز جي وڃڻ کان پوءِ انگريز جي سموري نظام کي سبوتاج ڪيو ويو . ڪينالن جا سڀ وڻ ڪپي هڪ هڪ ڪري وڪيا ويا. ڪينال جا ڪمزور بند پاڻيءَ جي دٻاءَ تي ڦاٽندا ۽ سيلاب سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ڪاهي پوندو. ڪينالن جا وڻ آبپاشي عملي جي اهلڪارن تباهه ڪيا ۽ سنڌ جا ٻيلا ملڪ جي حڪمرانن ڪپي ناس ڪيا. ٻيلا ڪپڻ سان درياهه جا بند طاقت وڃائي ويٺا آهن. سنڌ ۾ ڪو به اهڙو هنڌ محفوظ ناهي. جتي ٻوڏ جو خطرو نه هجي، هن وقت تائين سنڌ ٻين کي پناهه ڏني آهي، حڪومت ٻيو ته ڪجهه ڪري نه سگهي. پر ايترو ته ڪري سگهي ٿي ته ڪراچيءَ جي علائقن ۾ ڪيمپون هڻي سنڌ جي متاثر ماڻهن کي پناهه ڏيڻ جو بندوبست ڪري ۽ عالمي ادارن کان مدد طلب ڪري متاثر ماڻهن جي خوراڪ ۽ رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي يا حڪومت اڃا ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي پناهه ڏيڻ بجاءِ ٻين صوبن جي ماڻهن کي پناهه ڏيندي؟


    69 سالن کان پوءِ هڪ وڏي ٻوڏ (1942-2010) عزيز ڪاڇيلو

    شير درياهه سنڌوءَ ۾ ڪجهه ڏينهن کان انتهائي مٿاهين درجي جو وهڪرو جاري آهي، جنهن سنڌ جي حدن ۾ سنڌوءَ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي وارن حفاظتي بندن جي اندر گڊو بئراج کان وٺي سنڌوءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ ايندڙ ڪچي جي هزارين ڳوٺن ۽ شهرن کي گهيري ۾ آڻي لکين ماڻهن کي ڪچو ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي تاريخ جي هن بدترين ٻوڏ سبب ٻه سو کان مٿي انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. وڏي پئماني تي چوپايو مال لڙهي سنڌوءَ جي لهرن جي حوالي ٿي چڪو آهي. لکين ايڪڙن تي بيٺل اربين رپين جا فصل لڙهي چڪا آهن ۽ کربين رپين جو متاثرين جو مالي نقصان پڻ ٿيو آهي. گڊوءَ کان سنڌي سمونڊ تائين اهو وهڪرو پنهجي مستيءَ ۾ اڃا جاري آهي ۽ نه ڄاڻ اڳتي سکر کان ڇوڙ واري علائقي تائين ڪيترو نقصان ڪري سو ته وقت ٻڌائيندو. پر ٻئي پاسي ٽوڙي وٽ بند کي لڳايل هٿراڌو گهاري سبب سنڌ جي سيني تي هڪ ٻئي درياهه وهڻ شروع ڪيو آهي. جيڪو ڌوڪيندو شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙيندو لکين ماڻهن کي دربدر ڪندو ڪاڇي جي علائقي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ پراڻا (قديمي) ۽ نوان گس، پيچرا ۽ وهڪرا ڳولهي رهيو آهي. جنهن سبب شهدادڪوٽ کان وٺي لاڙڪاڻو، دادو، ڄامشورو ۽ ڪاڇي جي سموري آبادي سڪتي ۾ اچي وئي آهي، ڇو ته پاڻيءَ جو اهو وستار بقول سنڌ جي وزيراعليٰ جي ته ”اهو پاڻي اُتر سنڌ جي جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، دادو ۽ ڄامشورو ضلعن جي ڪيترن ئي علائقن کي ٻوڙيندو اچي منڇر ۾ دم پٽيندو.“ مذڪوره ڄاڻايل ضلعن جا ماڻهو اڳي ئي سنڌوءَ ۾ هلندڙ مٿانهين درجي جي وهڪري سبب ڊنل هئا سي هاڻي ته واقعي اهڙي خبر ۽ اطلاع کان پوءِ سڪتي ۾ اچي ويا آهن ته جي سنڌوءَ جي لهرن کان بچياسين ته جيڪب اباد ۽ شڪارپور مان ايندڙ هڪ لک ڪيوسڪ واري وهڪري کان ڪيئن بچي سگهنداسون. جيڪو منڇر ۽ ڪاڇي ۾ جڏهن داخل ٿيندو ته ڇا ايف پي بند ۽ منڇر بند پاڻي جو ايترو وهڪرو برداشت ڪري سگهندا؟ سو به اهڙي حالت ۾ جو جڏهن منڇر جي سطح 110 آر ايل تي پهرين پهتل آهي ۽ ان جو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ به هينئر ناممڪن آهي ته پوءِ اهو پاڻي ڪيڏانهن ويندو. جنهن جو آسان جواب اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته منڇر بند، ايف پي بند سيوهڻ کان وٺي حمل ڍنڍ تائين ڪٿان به ٽٽي سگهي ٿو ۽ اهڙي صورت ۾ هڪ ٻيو ڀيانڪ انساني الميو جنم وٺندو. جنهن ۾ ايف پي بند جي اندر ڪاڇي جي علائقي ۾ موجود هزارين ڳوٺ ته ٻڏي سگهن ٿا، پر ايف پي بند ۽ سنڌو درياهه جي ساڄي ڪپ جي وچ ۾ آيل لاڙڪاڻي کان وٺي سيوهڻ تائين سمورن شهرن جو ۽ انهن ۾ رهندڙ ڪي پندرنهن لک کان وڌيڪ انساني آبادي ۽ ملڪيتن جو ڇا ٿيندو؟ اهڙن سوالن جي جوابن لاءِ هينئر ڪير به موجود نه آهي، ڇو ته سمورن اختيارين جو ڌيان فقط سنڌوءَ جي وهڪري تي آهي ۽ ان جي ٻنهي پاسن آباد لکين ماڻهن ۽ شهرن کي سنڌوءَ جي بندن تي هٿرادو گهارو هڻي وڏي نقصان کان بچائڻ تي آهي، پر واقعي هينئر اهڙي صورتحال پيدا ٿي پئي آهي جو سمورا ادارا بيوس بڻيل آهن. کين ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڇا ڪجي؟ اهڙي صورتحال ۾ ڪاڇي ۾ پيدا ٿيندڙ هڪ ٻي متبادل ٻوڏ يا انساني المئي پيدا ٿيڻ کان اڳ ڪا منصوبابندي ڪجي ته جيئن وڌ کان وڌ نقصان کان بچي سگهجي. تنهن بابت اڃا تائين ڪٿان به ڪا اميد، ڪا سوچ، ڪو آواز ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. هڪ نجي ٽي وي چئنل تي آبپاشي ماهر ادريس راجپوت جڏهن اهو واضح لفظن ۾ چيو ته ٽوڙي واري گهاري مان جيڪو پاڻي وهي رهيو آهي. سو سنڌ جي لينڊاسڪيپ تي هڪ ٻيو درياهه وهندي نظر اچي ٿو، جيڪو گهڻو ممڪن آهي ته منڇر ۾ وڃي ڇوڙ ڪري، ميڊيا جي اهڙن اطلاعن کان پوءِ واقعي اهڙي امڪاني المئي سبب متاثر ٿيندڙ آبادين ۾ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ، علائقا ڇڏڻ يا اتان لڏڻ بابت سُس پس شروع ٿي وئي آهي ۽ جيڪي ڪاڇي ۽ منڇر جي جاگرافي کان واقف آهن، سي ته پهرئين ئي سمجهيو ويٺا آهن ته 1942ع جهڙي ڪاري ٻوڏ وانگر ايندڙ ساڳين رستن ۽ گسن سان اهو وستار سواءِ تباهي کان ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهندو. ها ڪو معجزو ئي ان المئي کان بچائي سگهي ٿو. يعني جي ان وهڪري جو رخ تبديل ٿي وڃي پر ان جا امڪان گهٽ ئي نظر اچن ٿا، ڇو ته پاڻي کي وهڻ لاءِ هميشه هيٺاهين جي گهرج هوندي آهي، سو شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ پهتل اهو پاڻي ڪاڇي ۾ ڪاهي ايندو، نه ڪي مٿي بلوچستان جي علائقن ڏانهن ويندو. واقعي صورتحال انتهائي ڳنڀير ۽ ڏکائيندڙ آهي، ته جي ايف پي بند يا ايم سي منڇر ڪنيٽنگ Containing بند ٽٽو ته پوءِ اهو وهڪرو وڃي سنڌوءَ جي ساڄي بندن سان ٽڪرائبو ۽ اهڙي صورت ۾ اهي بند به اهڙي وهڪري جي سٽ سهي نه سگهندا، ڇو ته اهي اڳي ئي ڪمزور ۽ پُسيل (آلا) آهن ۽ خدا نه ڪري جي اهي بند ٽٽا ته پوءِ کير ٿر جبل کان وٺي سنڌوءَ تائين اها به سُڌ نه هوندي ته درياهه ڪٿان پيو وهي، اهو سڄو ڪي 60 يا 70 ڪلوميٽرن واري پٽي درياهه جو ئي ڏيک ڏيندي ۽ ان جي گهيري ۾ ايندڙ شهر ڳوٺ ڇا ڏيک ڏيندا؟ تنهن بابت سوچيندي به لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ کان پهرئين مرڪزي سرڪار، صوبائي سرڪار ۽ عالمي ايجنسيون گڏجي ڪا حڪمت عملي جوڙين ته جيئن ڪنهن وڏي المئي کان بچي سگهجي يا امڪاني متاثر ٿيندڙن کي صورتحال بابت صحيح آگاهي ڏئي کين مصيبت کان پهرئين پنهنجون جانيون بچائي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جو مشورو ڏنو وڃي. يا جيڪڏهن واسطيدار ادارا ۽ ايجنسيون اهو سمجهن ٿيون ته اهڙي ٻوڏ يا وهڪري کي ٽارڻ ناممڪن آهي ته پوءِ اهڙي صورتحال ۾ وڌ کان وڌ نقصان کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ئي مذڪوره علائقن ۾ ريسسڪيو آپريشن شروع ڪيو وڃي. جنهن م وڏي تعداد ۾ ٻيڙيون اسٽينڊ باءِ ڪري رکجن. وڏي پئماني تي کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪري ڇڏجي ۽ ٻيا ايمرجنسي پلان جوڙي رکجن ته جيئن ڪنهن قدر نقصان کي گهٽائي سگهجي.
    سنڌوءَ ۾ مٿاهين چاڙه سبب ۽ منڇر جي مڪمل ڀرجڻ کان پوءِ جي منڇر بند ڪٿان به ٽٽو ته اهو منظر قيامت کان گهٽ نه هوندو، ان علائقي وارن لاءِ جيڪي سڌا ان جي زد ۾ ايندا. هي صورتحال واقعي منجهائيندڙ آهي ته آخرڪار اهڙي مصيبت کان بچڻ لاءِ ڇا ڪجي؟ڇو ته ٽوڙي واري لڳل گهاري کي فورن بند ڪرڻ ته شايد هاڻ ايستائين مممڪن نه رهيو آهي. جيستائين سنڌوءَ ۾ پاڻيءَ جي سطح تمام گهٽجي. هي اسٽوري/ رپورٽ لکڻ تائين ٽوڙي واري گهاري مان وهندڙ پاڻي شڪارپور ۽ جيڪب آباد جي علائقن کي ٻوڙڻ کان پوءِ ڪاڇي ۾ اچڻ جا افواهه زور وٺي رهيا آهن ۽ ماڻهو سخت مونجهاري جو شڪار آهن.


    سنڌ کي ڪيئن بچائجي؟ دلشاد ڀٽو سينيئر

    گلگت- بلتستان ۾ شروع ٿيندڙ بارشن سبب هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه ۾ چاڙهه اچي رهيو آهي بلتستان جي ضلعي اسڪردو ۾ سنڌو درياهه اندر پاڻيءَ جي سطح وڌڻ کان پوءِ هڪ نئين ٻوڏ سنڌ طرف اچي رهي آهي. گلگت ۽ هنزه نديءَ جو پاڻي شامل ٿيڻ کان پوءِ اسڪردو کان هيٺ درياهه جا وهڪرا ساڍا 4 لک ڪيوسڪ هئا، ديامير ۽ ڪوهستان تائين پهچندي اهي وهڪرا 5 لک ڪيوسڪ کان وڌي چڪا آهن. ڪوهستان ۽ تربيلا جي وچ ۾ سوات ۽ ڪابل نديون سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪن ٿيون، تربيلا تائين پهچندي انهن وهڪرن ۾ برسات جو ڪيترو وڌيڪ پاڻي شامل ٿيندو، ڪا پڪ ناهي، تربيلا اڃا ڀريل آهي، مسلسل هلندڙ ٻوڏين جا وهڪرا تربيلا کي خالي ٿيڻ نٿا ڏين. 13 آگسٽ تي گڊوءَ وٽ جڏهن ٻوڏ جو پهريون وهڪرو پهتو هو، ان وقت تونسا بئراج وٽ وهڪرو 10 لک ڪيوسڪ هيو ۽ سنڌ پهچندي پهچندي چاچڙان ريگيوليٽر وٽ وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ ٿي ويو هو ان وهڪري ۾ پنجاب مان ايندڙ ندين مان صرف 60-70 هزار ڪيوسڪ پاڻي شامل هيو. جيڪو بعد ۾ وڌي 2 کان اڍائي لک ڪيوسڪ تائين پهتو، هن وقت پنجاب جي ندين مان 3 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو جاري آهي. اسڪردو کان ايندڙ نئين سيلابي وهڪري کي جيڪڏهن تونسا وٽ 9 لک ڪيوسڪ به تصور ڪجي ته به پنجاب جي ندين مان 3 لک ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کان پوءِ اهو وهڪرو 12 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو. جيڪڏهن راجن پور جي پهاڙن مان اضافي پاڻي شامل ٿيو ته وهڪرو 13 کان ساڍن 13 لکن تائين ٿي سگهي ٿو. ان حساب سان گڊو وٽ پهچندڙ وهڪرو هڪ دفعو ٻيهر 11 کان ساڍا 11 لک ڪيوسڪ هوندو.
    گڊو وٽ وهڪرو ساڍا 11 لک ڪيوسڪ ٿيڻ کان پوءِ سکر بئراج تي ٻيهر دٻاءُ وڌندو. ان ڳالهه جي به ڪا ضمانت موجود نه آهي ته وڌيڪ بارشون ٿينديون ۽ ٻوڏ جا وڌيڪ وهڪرا سنڌ طرف نه ايند.ا محترم عبدالقادر جوڻيجو جي چوڻ موجب اڀ ڦاٽي پيو آهي، جيستائين آسمان وسڻ بس نه ڪندو ٻوڏ بند نه ٿيندي، آگسٽ جو پورو مهينو بارشون هلڻ جو امڪان آهي، بار بار ٻوڏ جا وڏا وهڪرا سکر بئراج برداشت ڪري نه سگهندي، سکر بئراج سان گڏ سکر شهر کي به خطرو آهي. پاڻيءَ جي ليول وڌڻ سان شهر جي بندر وال تي به دٻاءُ وڌندو آهي. سکر بئراج ۽ بندر وال پاڻيءَ جا اهي وڌندڙ وهڪرا ڪيترو وقت برداشت ڪندا. خبر ناهي. ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ بند ۾ پوندڙ شگاف تيزيءَ سان وڌندو رهيو آهي. اهو شگاف هڪ ميل تائين ويڪرو ٿي چڪو آهي. هڪ ميل جي ويڪر ۾ وهندڙ پاڻي بذات خود هڪ درياهه جي حيثيت رکي ٿو، جيئن جيئن اهو شگاف ويڪرو ٿيندو ويو، تيئن تيئن پڻي تيزي سان جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جو رخ ڪيو، ان پاڻيءَ کي واپس درياهه تائين پهچائڻ لاءِ جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر- شهدادڪوٽ کان ڦيرائي منڇر ڍنڍ تائين پهچايو ويندو. شهدادڪوٽ وٽ بلوچستان جي پهاڙن کان لهندڙ برسات جي اندازن ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻيءَ جو رخ به منڇر طرف آهي. جيڪڏهن ٽوڙي بند کان ايندڙ پاڻي جو وهڪرو 50 هزار ڪيوسڪ تصور ڪجي ته بلوچستان جي پهاڙن کان ايندڙ ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاڻي ان ۾ ملي 2 لک ڪيوسڪ ٿي ويندو. اهو 2 لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر مان سنڌو درياهه ۾ ان وقت داخل ٿيندو، جڏهن سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ جو ستن کان اٺ لک ڪيوسڪ وهڪرو ڪوٽڙي بئراج طرف جاري هوندو، 2 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج وٽ درياهه جو وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ يا ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.
    ٻيو خطرو انڊس ڊيلٽا کي آهي. گذريل 15 سالن کان انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي ويو ئي ڪونهي، يا نه وڃڻ جي برابر ويو آهي. ان ڪري ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سنڌو درياهه جي بندن جي حالت سڀ کان وڌيڪ نازڪ آهي. 8 کان 9 لک ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذرڻ وقت انڊس ڊيلٽا کي ٻوڏ جو شديد خطرو رهندو. اهو نه وسارڻ کپي ته ڀنڀور وٽ سنڌو درياهه گهارو ڪريڪ مان گذري سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو آهي. سنڌو درياهه ۾ موجود چاڙهه جي پيش نظر ان امڪان کي رد ڪري نٿو سگهجي ته گهاري وٽ ايندڙ پاڻي ڪراچي جو رخ ڪري، ڇو ته ڪراچيءَ جا گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جا علائقا ڀنڀور کي انتهائي ويجهو آهن. حيدرآباد جي شهر ڪوٽري ۽ سکر بئراج کي بچائڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ کي ورهايو وڃي. هن وقت سنڌو درياهه ۾ ٻن درياهن جو پاڻي موجود آهي ۽ ٻن درياهن جي وهڪري کي ملائي هڪ درياهه مان گذاري نٿو سگهجي. ان سموري پاڻيءَ کي جيڪڏهن هڪ ئي درياهه مان گذارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته بي تهاشا تباهي ايندي. ماضيءَ ۾ سنڌو درياهه ٻن وهڪرن جي شڪل ۾ وهندو هو، هڪ وهڪرو سنڌ جي وچ مان وهندو هو. سنڌ جي وچ مان وهڻ ڪري ان وهڪري کي سنڌ جي سينڌ سڏيو ويندو هو. سينڌ مان وهندڙ پاڻي سنڌ لاءِ سنڌور جي حيثيت رکندو هو، ان ڪري سنڌ واسي ان وهندڙ پاڻيءَ کي سنڌور يا سنڌو سڏيندا هئا. ٻيو وهڪرو ٿر جي ريگستانن مان وهندو هيو، جنهن کي هاڪڙو سڏيو ويندو هو. هاڪڙي کي مهراڻ جي نالي سان به سڏيو ويندو آهي. اڄ به ٿر جي مقامي آبادي هاڪڙي جي ڦٽل پيٽ کي مهراڻو سڏيندي آهي. لفظ مهراڻو جي لغوي معنيٰ آهي وڏو پڻي يا مهاجل (مها معنيٰ وڏو ۽ ارڻو معنيٰ پاڻي) هاڪڙو پنجند جي درياهن جو پاڻي کڻي بهاولپور رياست مان گذري سنڌ جي ٿر مان وهندو راجستان ۾ داخل ٿيندو هو ۽ سنڌو درياهه هماليه جي پهاڙن ۽ ندين جو پاڻي کڻي سنڌ جي ميداني علائقن مان هندو هو، جيستائين هاڪڙو وهندو رهيو، ان وقت تائين ٿر جو ڪافي علائقو زرخيز ۽ سر سبز رهيو، پر شايد جاگرافيائي ۽ جيولوجيڪل تبديلن سبب درياهن جي وهڪرن ۾ گهٽتائي اچي وئي. ان ڪري پنجند جا وهڪرا به سنڌو درياهه ۾ شامل ٿي ويا ۽ هاڪڙو آهستي آهستي ڦٽي ويران ٿي ويو. هن وقت به هاڪڙي جو ڦٽل پيٽ پوري ٿر مان گذري ٿو، جيڪو ڇنڊڻ جي نالي سان روهڙي وٽان نڪري اڇڙي ٿر کان ٿيندو رتڙائو تائين وڃي ٿو. رتڙائو وٽ واري رت مائل ڳاڙهي هجڻ ڪري ان علائقي کي رتڙائو سڏيو ويندو آهي. خيرپور، کپرو، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر کي لتاڙيندي ڇنڊڻ بدين جي علائقن م سمنڊ وٽ پهچي ٿي.
    هڪ دفعو ٻيهر سنڌو درياهه جا وهڪرا ان حد تائين پهچي ويا آهن، جتي سنڌو درياهه جي اڪيلي پيٽ ۾ ماپي نٿا سگهن، ان ڪري انهن وهڪرن کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ٻن رخن ۾ ورهائڻ ضروري آهي. صرف هڪ رخ تي وهائي سموري پاڻيءَ کي سمنڊ تائين پهچائي نٿو سگهجي. ڪنهن وڏي تباهيءَ کان بچڻ لاءِ سنڌو درياه کي ٻن حصن م ورهائڻو پوندو. 1942ع ۾ جڏهن وڏي ٻوڏ آئي هئي ته ان وقت انگريزن سنڌو درياهه جي پاڻي کي تقسيم ڪرڻ لاءِ پاڻي جو وڏو مقدار ڇنڊڻ ۾ ڇڏيو هيو. 1942ع جي ٻوڏ کان پوءِ انگريزن جو اهو منصوبو هيو ته ڇنڊڻ يا هاڪڙي کي مستقل فلڊ ڪئنال جي حيثيت ڏني وڃي. ان مقصد لاءِ ڪم به شروع ڪيو ويو ۽ کپري وٽ ڪجهه لوهيون پليون هاڪڙي جي پيٽ مٿان ٺاهيون ويون، پر 1947ع ۾ انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اهو ڪم اڌ ۾ رلي ويو ۽ ڇنڊڻ مستقل فلڊ ڪئنال ۾ تبديل ٿي نه سگهي. 1976ع ۾ جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت به درياهه کي ڪٽ ڏئي پاڻي ڇنڊڻ مان گذاريو ويو هيو، هن وقت موجوده حڪومت، سنڌو درياهه جي پاڻي کي ڇنڊڻ مان گذارڻ جي بجاءِ درياهه جي پاڻي کي ورهائڻ لاءِ ڪئنال ۽ شاخون کولي ڇڏيون آهن. حڪومت جو چوڻ آهي ته ڇنڊڻ ۾ پاڻي ڇڏڻ سان علي واهڻ جا علائقا ٻڏندا. علي واهڻ جي علائقن کي ڇنڊڻ کان وڌيڪ ناري ۽ مٺڙائو ۽ لڳندڙ گهارن مان خطرو آهي، اهي ٻئي ڪنيال ڀرپور وهي رهيا آهن ۽ انهن ۾ پوندڙ گهارا علي واهڻ جي علائقي کي ٻوڙيندا. مٺڙائو ۽ نارو ڪينال فل وهائڻ سان علي واهڻ کي بچائي نٿو سگهجي. علي واهڻ کي صرف ان وقت بچائي سگهجي ٿو، جڏهن ڇنڊڻ کي وهايو وڃي. ڇنڊڻ کي وهائڻ سان علي وهائڻ سميت سموري سنڌ کي بچائي سگهجي ٿو. ڇنڊڻ وهائڻ سان علي واهڻ کي خطرو صرف ان وقت ٿي سگهي ٿو، جڏهن آبپاشيءَ جا عملدار نااهليءَ جو مظاهرو ڪن. جيڪڏهن ڇنڊڻ کي پوري احتياط سان وهايو وڃي ته علي واهڻ کي ڪو به خطرو ڪونهي. خطرو صرف انهن زمينن کي آهي، جيڪي ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ آهن. اهي زمينون چند بااثر زميندارن ۽ وزيرن جون آهن، وزيرن جي انهن زمينن کي بچائڻ لاءِ ڇنڊڻ کي وهائڻ کان ڪيٻايو پيو وڃي. ڇنڊڻ ٿر جي ريگستان ۾ وڃي ٿي. هن وقت سنڌ کي بچائڻ لاءِ درياهه جو پاڻي ريگستانن ۾ ڇڏڻ کان علاوه ٻيو ڪو بهتر حل ڪونهي، ڇنڊڻ روهڙيءَ مان نڪري اڇڙي ٿر ۾ داخل ٿئي ٿو. اڇڙو ٿر عام ٿر کان مختلف آهي. اڇڙي ٿر ۾ واريءَ جي ڌٻڻ آهي ۽ واريءَ جي اها ڌٻڻ درياهه جو وڏو پاڻي پي جذب ڪري سگهي ٿي. ٻيو اڇڙي ٿر ۾ واريءَ ۾ گهمڻ انتهائي مشڪل آهي. ان ڪري اڇڙو ٿر انتهائي غير آباد علائقو آهي. جتي آبادي نه هجڻ جي برابر آهي. جيڪڏهن پاڻي اڇڙي ٿر ۾ ڇڏيو ويو ته آبادي به متاثر نه ٿيندي. ٻيو پاڻي جو اهو عام قانون آهي ته پاڻي وهڻ وقت زمين ۾ جذب ٿيندو آهي ۽ سج جي تپش تي بخارات جي شڪل ۾ اڏامندو به رهندو آهي.
    ان سموري عمل کي آبپاشيءَ جي اصطلاح ۾ واٽر لاسز يا پاڻيءَ جو زيان چوندا آهن. ميداني علائقن ۾ وهڻ وقت پاڻي 55 سيڪڙو زمين ۾ جذب ٿي يا بخارات جي شڪل ۾ اڏامي ويندو آهي. وارياسي علائقن ۾ پاڻي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ زمين ۾ جذب ٿي ويندو، صرف 35 يا 40 سيڪڙو وهڪري جي شڪل ۾ بچندو، ٻوڏ جو پاڻي جيترو زمين م جذب ٿيندو. اوترو زير زمين پاڻيءَ جي ذخيرن کي وڌائيندو ۽ جيترو ٻاهر وهندو، اوتري تباهي آڻيندو. سنڌو درياهه ۾ مسلسل ٻوڏ ۽ بارشن سبب واٽر لاسز گهٽجي 15 يا 20 سيڪڙو رهجي ويا آهن. جو ڀريل هجڻ ڪري زمين پاڻي جذب نٿي ڪري. انڪري پاڻي زمين اندر گهٽ ۽ زمين مٿان گهڻو وهي ٿو، ٿر ۾ ويندڙ پاڻي زمين اندر وڌيڪ ويندو ۽ زمين مٿان گهٽ وهندو، زمين ۾ ويندڙ پاڻي ٿر جا جر ڀريندو اڇڙي ٿر جي رستي سان لڳ ڀڳ 120 ڍنڍون موجود آهن. انهن 120 ڍنڍن ۾ به درياهه جو پاڻي ڀري سگهجي ٿو، اڇڙي ٿر کان پوءِ هٿونگو وٽ 90 ڍنڍون ٻيون آهن، جيڪي به ڪافي پاڻي روڪي سگهن ٿيون. کپري ۽ عمرڪوٽ وٽ ڇنڊڻ جي پيٽ ۾ ڪجهه آباديون آهن. پاڻي ڍنڍن ۾ ڀرجڻ ۽ زمين ۾ جذب ٿيڻ کان پوءِ ايتري مقدار ۾ نه بچندو، جو کپري ۽ عمر ڪوٽ جي آبادين کي متاثر ڪري سگهي. ان جي باوجود به احتياطن انهن آبادين کي ڪجهه وقت لاءِ لڏائڻو پوندو. سانگهڙ ضلعي ۾ مشهور مکي ڍنڍ آهي. اضافي پاڻيءَ جو رخ ان ڍنڍ طرف به ڪري سگهجي ٿو. مکي طرف رخ ٿيڻ کان پوءِ سمنڊ ڏانهن ويندڙ پاڻيءَ جو مقدار ڪو خاص نه بچندو.
    ٿر ۾ آبادي انتهائي ڇڊي آهي. ان آباديءَ کي سنڌ جي وڏن شهرن ۾ منتقل ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن وڏا شهر ٻڏا ته انهن جي آباديءَ کي منتقل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو. سنڌ جا بئراج ٽٽي پيا ته ٻوڏ جو پاڻي ضابطي مان نڪري ويندو. سکر بئراج ٽٽڻ سان ٻوڏ جو پاڻي سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، نوابشاهه، سانگهڙ ۽ حيدرآباد تائين ويندو، حڪومت جيڪڏهن چاهي ته پوري سنڌ کي وڏي تباهيءَ کان بچائي سگهي ٿي، صرف احتياط ۽ عمده منصوبابنديءَ جي ضرورت آهي.


    ٻوڏ جي تباهي: سنڌ جي متاثرين جي ڪراچيءَ ۾بحاليءَ وارو سوال….بئريسٽر ضمير گهمرو

    گذريل صدي کان پوءِ هن صدي جي هي پهرين ٻوڏ آهي، جنهن سنڌ ۾ ڳوٺ، فصل، شهر تباهه ڪري ڇڏيا آهن، هونئن ته سنڌ لاءِ ٻوڏ خوشحالي ۽ ترقي جي علامت رهي آهي. پر جڏهن اها ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري وڃي ته پوءِ آفت ۾ تبديل ٿيو وڃي. هينئر به ڪجهه ائين ٿيو آهي. اهڙيون آفتون هميشه قومن کي هڪ ته گڏ ڪنديون آهن ۽ ٻيو ته سندن کي سوچڻ تي مجبور ڪنديون آهن. بينظير جي شهادت واري سانحي جيئن سموري سنڌ کي گڏ ڪيو هو، يا نسل پرستي خلاف ملهايل سنڌي ٽوپي ڊي ۽ سنڌو ڊي جيئن سنڌين کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيو هو، هي مصيبت به کين اهڙي ٻڌيءَ جو چتاءَءُ ڏئي رهي آهي. هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ بي مثال ٻڌي، ايثار، قرباني ۽ رٿابندي جي ضرورت آهي.
    هونئن ته ٻوڏ جي ڪري صرف ڪچو متاثر ٿيندو آهي، جيڪو هڪ فطري عمل آهي، پر هينئر جيڪو پڪو ٻڏو آهي. ان ۾ سنڌ جا ڪچي سميت سٺ کان ستر لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. اڃا مٿيون وهڪرو عروج تي آهي ۽ جيڪڏهن ڏهه پندرهن ڏينهن ساڳي صورتحال رهي ته سنڌ ۾ انساني تباهي جو اهو وڏي ۾ وڏو سانحو هوندو، جتي بک ۽ بيماري ۾ لکين ماڻهو پاهه ٿي ويندا. هينئر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻن قسمن جي رٿابندي ڪجي. هڪ ته ٻوڏ متاثرن جي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ علاج جو بندوبست ۽ ٻيو گهڻ مدي واري رٿابندي، جنهن هيٺ سنڌ جي 25 کان 30 لک جي متاثر آبادي تي ڪراچي ۾ هڪ نئون شهر اڏي آبادي ڪجي، ڇو ته ٻين جڳهن تي عوام کي مستقل آباد ڪرڻ لاءِ نه صرف وڌيڪ خرچ ايندو، پر سندن روزگار لاءِ مستقل بنيادن تي وڏو مسئلو رهندو، ان ڪري سرڪار کي فوري طور هڪ ته ٻوڏ ستايل ماڻهن جي کاڌ خوراڪ، رهائش ۽ علاج جو بندوبست ڪرڻ گهرجي ۽ ٻيو وري ميگا رٿابندي ذريعي ڪراچي ۾ 25 کان ٽيهه لک آبادي جو نئون شهر تعمير ڪيو وڃي. ان کي قائم ڪرڻ لاءِ هيٺيان دليل آهن.
    ڪچي جي آبادي جي بحالي:
    هينئر ايڪهين صدي ۾ ندي جي پيٽ ۾ ماڻهن کي مستقل طور رهڻ جي اجازت ڏيڻ انهن کي بلا ڊزاسٽر جي منهن ۾ ڏيڻ جي برابر آهي. ڇو ته دنيا ۾ ڪٿي به هاڻي ماڻهن کي ندي جي پيٽ ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي ڪا به رياست اجازت نٿي ڏئي سگهي. سنڌ ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان پاڻي نه اچڻ ڪري ڪچي ۾ وڏي پيماني تي گهر، ٽيوب ويل ۽ ٻي اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي. جيڪا سڀ جو سڀ تباهي جي نذر ٿي وئي. جيڪڏهن اها سموري سيڙپڪاري ذهانت ۽ رٿابنديءَ سان ڪئي وڃي ها ته هينئر ڪچي جي اٽڪل 35 (پنجٽيهه) لک ماڻهن کي دربدريءَ ۽ تباهي جو منهن نه ڏسڻو پوي ها. ان ڪري ڪچي ۾ ماڻهن کي مستقل رهائش اختيار ڪرائڻ دراصل ماڻهن جي تحفظ ۽ آبادڪاري کان ڪن لاٽار ڪرڻ آهي. ڇو ته سنڌو ڪنهن به وقت اربين رپين جي پڪين اڏاوتن، گهرن، سامان ۽ سموري الهه تلهه کي ٻهاريو وڃي. ان لاءِ سرڪار جو اهو فرض آهي ته ڪچي جي زمين کي وڏي پيماني تي ماحوليات ۽ جهنگلي جيوت جي تحفظ لاءِ استعمال ڪري، اتي صرف پاڻي ۾ مهارت حاصل ڪندڙ بردارين جهڙوڪ ملاحن کي گذر سفر ڪرڻ ۾ سو به وڏي تحفظ سان جي اجازت ڏني وڃي ۽ ڪچي جي 35 لک ماڻهن کي مستقل طور تي آباد ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺي ڇو ته ڪنهن به ايڏي وڏي آبادي کي بلا ڊزاسٽر جي منهن م ڏيڻ رياست جي ناڪامي آهي. ان ڪري ئي سنڌ جي اضافي آبادي پنهنجي راڄڌاني ڪراچي رخ ڪرڻ بدران اتي رهڻ کي ترجيح ڏني آهي. ان جا ڪيترائي سبب آهن جنهن ۾ سڀ کان وڏو سبب لاڙڪاڻي، سکر ۽ ڪراچي ۾ فاصلي کي هٿرادو وڌائڻ وارو عنصر ڪارفرما آهي.

    سکر ڪراچي مفاصلو:
    پهرين نواز شريف سرڪار جڏهن ملڪ ۾ موٽر وي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ته هنن چيو هو ته اسين موٽر وي اهڙين جاين کان شروع ڪنداسين جتي سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ هوندي، جيئن ته ملڪ جي سڀ کان وڌيڪ ٽريفڪ ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ آهي ۽ ان کان پوءِ ڪوئٽا، پشاور ۽ لاهور ڏانهن ڇڊي ٿي وڃي ٿي. ان ڪري پهريون موٽر وي ڪراچي ۽ سکر وچ ۾ ٺاهڻ بدران لاهور ۽ پنڊي ٻيو پشاور پنڊي ٽيون لاهور- فيصل آباد ۽ هينئر چوٿون فيصل آباد- ملتان وچ ۾ ٺهي رهيو آهي. ملڪ جي نام نهاد نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، پنجاب هاءِ وي اٿارٽي ٿي وئي آهي ۽ انتهائي چالاڪي ڪري اڄ ڏينهن تائين سکر ۽ ڪراچي کي ويجهو ڪرڻ لاءِ موٽر وي ٺاهڻ کان ڪن لاٽار ڪئي وئي ته جيئن سکر کان ڪراچي اچڻ لاءِ سنڌي عوام مصيبت ۾ هجي. لاهور ۽ راولپنڊي وچ ۾ مفاصلو چار سئو نوي (490 ڪلوميٽر آهي. جيڪو ڪوچ تي چئن ڪلاڪن ۽ ڪار تي ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ طئه ٿئي ٿو، جڏهن ته ٽول پلازا ڪراچي کان سکر جو 430 ڪلوميٽر آهي. جيڪڏهن موٽر وي ٺهيل هجي. ٽن کان چئن ڪلاڪن ۾ سکر کان ڪراچي پهچڻ جي سنڌي عوام کي سهولت ڏني وڃي ته سنڌين جو رخ ڪراچي هجي ها. ان سبب ڪري اڄ ڏينهن تائين توڙي جو ڪراچي- حيدرآباد موٽروي منظور به ٿي چڪو آهي، پر ڪم اڃا تائين شروع نه پيو ڪيو وڃي. لاهور کي پنڊي تائين پهچڻ لاءِ هڪ موٽر وي ۽ ٻيو جي ٽي روڊ آهي، پر سکر کان ڪراچي لاءِ هڪ روڊ آهي. جنهن جي ٻارنهن مهينا مرمت هلندي رهندي آهي. ڪراچي- سکر موٽر وي نه ٺاهڻ، سنڌين کي پنهنجي راڄڌاني کان ڪٽڻ برابر آهي ۽ ٿيو به ائين آهي. ڪراچي ويجهو هجڻ باوجود ڄڻ اسان لاءِ تمام ڏور آهي. ٺٽي ۽ ڪراچي وارو روڊ به هميشه خراب رهي ٿو. اهڙي طرح بدين ۽ ٺٽو به جهڙو گڏ هوندي به ڪراچي کان ڏور آهن.

    لاڙڪاڻو- ڪراچي مفاصلو:
    جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته انگريز آفيسر اٺن ذريعي گڏاپ کان نئنگ ۽ فريد آباد وارو رستو وٺي لاڙڪاڻي پهچندا هئا. گڏاپ کان نئنگ ۽ فريد آباد (لڳ ميهڙ) وارو رستو ٺاهيو وڃي ته لاڙڪاڻي کان ڪراچي اڍائي ڪلاڪن ۾ پهچي سگهجي ٿو، گڏاپ کان نئنگ کي ملائڻ لاءِ وچ ۾ رڳو هڪ جبل جي بلاسٽنگ ڪرڻي پوندي ۽ بهترين روڊ ٺاهڻ لاءِ اوهان کي ڪا ايڏي وڏي رقم درڪار به نه هوندي. وڌ ۾ وڌ پنج ارب رپيا. اوهين لاڙڪاڻي کان ڪراچي تائين سنڌو جي سموري ساڄي ڪناري کي ڪراچي سان ڳنڍي ان سموري علائقي کي واپار جو مرڪز بڻائي سگهو ٿا، جيڪو انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ ۽ سنڌو تي بئراجن ٺهڻ کان پوءِ پستي جو شڪار رهيو آهي.

    لاڙڪاڻو- گڏاپ رستو ۽ هل اسٽينشز:
    لاڙڪاڻو، دادو، گڏاپ رستي سان سنڌ جون چار وڏيون هل اسٽيڻشز آهن. جن ۾ ڪتي جي قبر، ڪرچاٽ، گورک ۽ بڊو جبل مشهور آهن. ڪتي جي قبر تائين جيڪڏهن پنڊي- مري جهڙو رستو ٺاهيو ڃي، اهو فاصلو صرف چاليهن منٽن جو هوندو. لاڙڪاڻي جو ڪليڪٽر توڙي ان علائقي ۾ مختيارڪار رهندڙ جڳ مشهور شخصيت مرزا قليچ بيگ اونهاري ۾ ٽي مهينا ڪتي جي قبر تي رهندا هئا. سنڌ جو ڪمشنر به اونهاري ۾ ڪتي جي قبر تي قيام ڪندو هو، پر هي ملڪ ٺهڻ کان پوءِ ان تي ڪڏهن به نه سوچيو ويو ته لاڙڪاڻي- ڪراچي کي ملائي اتر سنڌ کي ڪراچي ڏانهن اسيس (رسائي) ڏجي ته جيئن اتر جو ماڻهو پنهنجي راڄڌاني کان اوپرو نه رهي. اهڙي رٿابندي ذريعي اتر سنڌ جا لکين ماڻهو ڪراچي جي مارڪيٽ سان مليل هجن ها ۽ لاڙڪاڻي جو واپاري ساڳي ڏينهن ڪراچي مان موٽي اچي ها. 1948ع ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري مرڪز جي تابع ڪيو ويو ته ڪراچي مان سنڌين جي بي دخلي ۽ پنهنجي راڄڌاني تي مالڪي نه هجڻ ڪري کين سياسي يتيم ٿيڻو پيو ۽ مرڪز ڌارين جي آبادڪاري ڪرائي سنڌين کي سياسي طور بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو. سنڌ جي راڄڌاني سان بهتر مواصلاتي نظام ذريعي لاڙڪاڻي سکر جو رابطو هجي ها ته اڄ ڪراچي جي حيثيت اهڙي نه هجي ها. جو برسات سٽيل ماڻهن تي هتي ڌاريا حملو ڪن ها. اسان کي لاڙڪاڻي کان گڏاپ تائين جبل سان گڏ ڪيترائي شهر، هل اسٽيشنس ۽ ڪراچي تائين لاڙڪاڻي کان اڍائي ٽن ڪلاڪن ۾ رسائي هجي ها ۽ هينئر ٻوڏ ستايل عوام کي آساني سان ڪراچي ۽ ٻين جاين تائين پهچائي سگهجي ها. لاڙڪاڻو- حيدرآباد رستو يا لاڙڪاڻو- ڪوٽڙي رستو تڏهن استعمال ٿيڻ لڳو. جڏهن انگريزن ڪوٽڙي- دادو ريلوي سرشتو وڌايو. جنهن ڪري دادو، ڦلجي ۽ راڌڻ شهر اڳتي وڌيا. پر فريد آباد، ماڏو، جوهي، نئينگ پوئتي هليا ويا. لاڙڪاڻي کان سنڌين کي پنهنجي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ ست اٺ ڪلاڪ لڳيو وڃن. ڇو ته پهريون لاڙڪاڻو کان ڄامشوري اچڻو پوي ٿو، جڏهن ته لاڙڪاڻو، جوهي، ڇني يا نئينگ واري رستي تان ڪراچي گڏاپ تائين اڍائي سئو ڪلوميٽر جو رستو آهي. اسان ته سنڌ جي مارڪيٽ، رستن هل اسٽيشنس تي ريسرچ ڪئي آهي، نه وري سنڌ جي ڊيمو گرافي کي پرکيو آهي. جنهن ڪري سامراج ڊيمو گرافي کي استعمال ڪري سنڌي سمنڊ پنهنجي هٿ ڪري ڇڏيو آهي.

    گڏاپ- سونمياڻي:
    ويهين صدي جي شروعات يا اڳ ۾ گڏاڻي ۽ سونمياڻي تائين به سنڌين جي رسائي عام هوندي هئي ۽ دريجي توڙي لسٻيلي جنهن ۾ هاڻي به نوي سيڪڙو سنڌي رهن ٿا. اسان جو تڪڙو رابطو هوندو هو، دريجي ۾ ته هينئر به جوهي جا- فون نمبر ڪم ڪن ٿا، اهي ان ڪري تهذيبي طور ان رستي کي ڇڏي لسٻيلي، دريجي، گڏاڻي ۽ سون مياڻي واري سمنڊ کان به ڪٽجي وياسين. ان ڪري تمام وڏو مارڪيٽ، جيڪو ان سموري علائقي تي مشتمل هجي ها ۽ سنڌ جي خوشحالي جي ضمانت هجي ها، نه رڳو وڃائي ويٺاسين، پر ڪراچي تي رسائي نه هجڻ ڪري اتان دربدر ٿي وياسين، نئينگ ۽ گڏاپ وچ ۾ ٿورو مفاصلو آهي ۽ هينئر به ماڻهو پٿريلن رستن مان سوا ڪلاڪ ۾ گڏاپ پهچيو وڃن. سنڌ سرڪار يا ٽوئرزم واري ڊپارٽمينٽ ان تي سيڙپڪاري سان اسين ڪيترا مارڪيٽ، هل اسٽينشن ۽ خوشحالي جا انبار آڻي سگهون ٿا. سنڌ جي ڊيمو گرافي کي ڪڏهن به سياست سان نه جوڙيو يو آهي. ايڪوهين صدي ۾ لاڙڪاڻي جو ماڻهو ڇهن کان اٺن ڪلاڪن ۾ ڪراچي رسي ٿو، جنهن کي اڍائي ڪلاڪن ۾ رسڻ گهرجي.

    ڪراچي تائين رسائي
    ڪراچي تائين رسائي ٿر ۽ بدين کي به وڏي عرصي ۾ حاصل ٿي آهي. ڇو ته صوبي ۾ رهندڙ ڌارين آفيسرن ۽ هينئر به رٿابندي ڪندڙن جي وڏي ڪوشش آهي ته بدين. سکر ۽ لاڙڪاڻي کي ڪراچي رسائي نه هجي. ان ڪري ٺٽي- ڪراچي وارو روڊ تباهه آهي سکر- ڪراچي موٽر وي ڄاڻي واڻي نٿو ٺاهيو وڃي ۽ لاڙڪاڻي کي گڏاپ سان ملائڻ لاءِ سنڌ سرڪار وٽ ڪا به رٿابندي نه آهي. پنجاب ۾ ملتان کان فيصل آباد تائين موٽر وي ٺهڻ سان ملتان- پنڊي مفاصلو گهٽجي چار ڪلاڪ ٿي ويندو، ڇو ته کين پوءِ لاهور نه وڃڻو پوندو، پر اسين ته سانگهڙ- خيرپور کي به چڱي نموني نه ملائي سگهيا آهيون. اسان جي صدر جو لاڙڪاڻي جي ترقي تي خاص ڌيان آهي. ان ڪري ڪتي جي قبر تي بهترين رستو ٺاهي ۽ لاڙڪاڻي کي گڏاپ سان ملائي هو سنڌ تي وڏو احسان ڪري سگهي ٿو، پ پ سرڪار جيڪڏهن اهو ڪم ۽ سکر کان ڪراچي موٽر وي ٺهرائي ته به سنڌي ڪراچي کي ويجها ٿي سگهن ٿا. پر حيدرآباد- ڪراچي موٽر وي منظور ٿيڻ باوجود ان تي ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي ۽ اين ايڇ اي رڳو پنجاب ۾ موٽر وي ٺهرائي رهي آهي.

    ڪراچي ۽ آفت سٽيل علائقا
    هينئر آفت سٽيل علائقن مان ڪراچي پهچڻ ۽ ماڻهن کي سفري سهولتون نه هجڻ ڪري سخت ڏکيائي اچي رهي آهي. پوءِ به ٻن لکن کان مٿي ماڻهو ڪراچي پهچي چڪا آهن. پر اهي مختلف علائقن ۾ پنهنجي پنهنجي مائٽن، دوستن يا واسطيدارن وٽ رهيل آهن. سرڪار ڪراچي ۾ ٽينٽ سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. جيڪو تمام سٺو عمل آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ روزگار جا ذريعا آهن. زمين آهي. ان ڪري ٻوڏ متاثرين کي اتي آباد ڪرڻ ۾ سرڪار کي نه ته تڪليف ايندي ۽ نه وري ٻوڏ متاثرين کي جيڪب اباد کان روهڙي تائين ته ٽرين سروس شروع ڪئي وئي آهي. پر روهڙي کان ڪراچي لاءِ جوڳا بندوبست نه آهن. سرڪار کي سياسي تنظيمن کي ٻوڏ سٽيلن لاءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪرڻ کي اوليت ڏيڻ گهرجي ۽ ڪراچي ڏانهن ئي کين آباد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته هونئن به ههڙي وڏي آفت جي ڪري ڏهه پندرهن لک ماڻهو ڪراچي ايندا پر سرڪار جيڪڏهن کين پلاٽ ڏيڻ“ روزگار ڏيڻ لاءِ بندوبست ڪري جيڪو هروڀرو ايڏو مشڪل هرگز نه آهي ته 25 کان 30 لک سنڌين کي ڪراچي ۾آباد ڪري آباديءَ کي توازن ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ ماڻهن کي مصيبت کان به بچائي سگهجي ٿو. ان ڪري سرڪار کي ماڻهن کي ٻي هنڌ آباد ڪرڻ بجاءِ ڪراچي ۾ ميگا سٽي ٺاهڻ جو اعلان ڪرڻ گهرجي. ڇو ته جنهن طريقي سان جڙتو طريقا استعمال ڪري ڪراچي کي سنڌين کان ڏور رکيو ويو آهي. فطرت هن آفت ۾ سنڌين کي پنهنجي راڄڌاني ۾ آباد ڪرڻ ۽ ان جي مالڪي ڪرڻ جو بهترين موقعو ڏنو آهي. سرڪار جيڪڏهن ان موقعي کي غنيمت سمجهي استعمال ڪري ٿي ۽ سنڌي عوام جي ابادڪاري لاءِ هڪ ڪابينا ڪميٽي جوڙي مڪمل رٿابندي ڪري ٿي ته سموري سنڌ سندن ڳڻ ڳائيندي، نه ته اربين رپيا ايندڙ امداد ڪامورن ۽ وچوارن جي حوالي ٿي ويندي، ۽ ٻوڏ مان سنڌين کي مستقل نقصان رسندو.

    اسلام اباد ۽ امداد
    اسلام آباد کي هن مهل تائين آمريڪا، ورلڊ بئنڪ، آءِ ايم ايف ۽ ٻين ڪيترن ملڪن کان ٻه سئو ارب کان وڌيڪ رقم ملي چڪي آهي. اندرون ملڪ پڻ جيڪي فنڊ قائم ڪيا ويا آهن. انهن مان سرڪار کي سوين ڪروڙ ملڻ جو اندازو آهي، پر هينئر تائين سنڌ سرڪار کي پائي به نه ملي آهي. وفاقي سرڪار کي گهرجي ته مختلف ملڪن مان سندس مليل رقم جا انگ اکر عوام آڏو پڌرا ڪري ۽ اهي مختلف صوبن کي حوالي ڪرڻ وقت انصاف ڀريو اصول اپنائي پنجاب ۽ سرحد ۾ به ٻوڏ تباهي آندي آهي. ظاهر آهي اتي به رقم درڪار آهي. پر هن دفعي سنڌ سان هميشه وانگر ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي. ٻه سئو ارب رپين مان گهٽ ۾ گهٽ ستر ارب فوري طور سنڌ حوالي ڪيا وڃن ته جيئن سنڌ سرڪار فوري طور پنهنجي ماڻهن جي نه رڳو واهر ڪري، پر انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي. سرڪار کي گهرجي ته ڪراچي ۾ پيل لکين ايڪڙ سرڪاري زمين ٻوڏ متاثرين ۾ پلاٽن جي صورت ۾ ورهائي ۽ بهتر پلاننگ ذريعي انهن کي بهترين شهري سهولتون فراهم ڪري اهائي سنڌ جي وڏي خدمت هوندي. ان کانسواءِ آبپاسي ۽ شهري نظام کي مڪمل طور بهتر بڻايو وڃي ۽ ڪچي بابت پاليسي جو اعلان ڪيو وڃي.


    سنڌ جا لٽيل صبح ۽ اجڙيل شامون….شبنم گل

    سنڌ جي ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ اسان ڪيئي خوبصورت منظر ڏٺا آهن. سرسبز ٻنين جي وچ ۾ ڪچا گهر، جن جي اڱڻن ۾ کٽن تي وڇايل ٽڪ جون خوبصورت رليون. ماٽي ولوڙڻ جا آواز، مال جي ڳچين ۾ ٽلين جي موسيقيءَ سان گڏ مٽي ۽ وڻن جي بيخود ڪندڙ خوشبوءِ.... عورتون ڦٽيون چونڊڻ وڃن يا کوهه تان پاڻي ڀرڻ، سندن چهرن تي پرهه ڦٽيءَ جو منظر ۽ سريلا ٽهڪ پيا فضائن ۾ ترندا هئا. عورتون گهرن ۾ ٽڪ جون رليون ٺاهين. ڀرت ڀرين، سلائي ڪن يا ٻنين ۾ پوک ۾ رڌل نظر ايندين هيون. حالتن ۾ بهتري هئي. ٽي ويلا ماني کائي سگهندا هئا. کير، مکڻ ۽ ڏڌ جي اڻاٺ نظر نه ايندي هئي.
    پر اهي سمورا منظر سڪل گل جي پنکڙين جيان وکري ويا آهن. سنڌ جا ڪيترائي سرسبز آباد علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. اهي منظر ياد ڪيون ٿا ته لڳي ٿو. اکين پٺيان جهليل برسات ۾ سنڀالي رکيل حوصلو به لڙهي ويندو جن جي مرڪن ۾ پنهنجون مرڪون ۽ لڙڪن ۾ پنهنجا لڙڪ پسندا رهيا آهيون. اهي سٻاجها، پيارا جهنگن جا جهانگيئڙا پنهنجا گهر ۽ وٿاڻ ڇڏي دربدر ٿي چڪا آهن. گهر هر ڪنهن کي پيارو ٿئي ٿو. اباڻا ڪک اکين ۾ روشنين کي جيئرو رکندا ايندا آهن. جن سان انسان جي هڪ عجيب انسانيت ٿئي ٿي. گهر به ماءُ جي جهوليءَ جيان ٿئي ٿو، پيار جو هڪ گهاٽو ڇانورو، چاهي ٽٽل ڦٽل ڪکن پنن جو ٺهيل ڇو نه هجي. اهو آسرو کسجي وڃي ته انسان لاءِ زمين تي ان کان وڏو ڪو ٻيو هاڃو نٿو ٿي سگهي. اهي نڪور صبحون، سرسبز ۽ ساوا منظر، زندگيءَ جا پڙلاءَ، پيار جي پنهنجائپ وڃائجي وڃي ته زندگي وقت جي رک ۾ چڻنگ بڻجي ٻرڻ اجهامڻ لڳي ٿي. ڏک ته ڏک آهن پر بي آسرا ٿي وڃڻ جو ڏک ئي عجيب ٿئي ٿو، چوندا آهن ته ڏک ان وقت دل جي گهراين کان محسوس ٿيندو آهي. جڏهن ٻنهي ماڻهن جا تجربا ساڳيا هجن. گهر جي گرمي ۽ پناهه ۾ رهندڙن کي پنهنجي اجهي کان محروم ماڻهن جي ڏک جي ڪهڙي پروڙ....!؟ ڳالهه اجتماعي شعور جي آهي. لڙڪن ۾ پنهنجا لڙڪ، ۽ مرڪن ۾ پنهنجون مرڪون پسڻ جو هنر ئي ته آهي. جيڪو هڪ انسان کي ٻئي انسان سان تعلق جي ڏور ۾ ڳنڍي ٿو ڇڏي. ڳالهه انفرادي سوچ، سک ۽ فائدي جي ناهي، انفرادي سوچ رکندڙ قومون سدائين اڪيلون ۽ ڇڙ وڇڙ رهن ٿيون، ٻڌي ۾ جيڪو ذهني سڪون ۽ محبت ۾ ميٺاج آهي. اهو ورهائجي وڃڻ ۾ نه آهي. اسان کي اهي سمورا سادا، سکيا ستابا علائقا ٿا ياد اچن ته دل ٻڏندي محسوس ٿئي ٿي. مرڪون وڃائجي ويون آهن. اکين ۾ درياهه اٿلي پيا آهن. ماڻهو بي يارومددگار آهن. امدادي ڪارروايون ناڪافي لڳن ٿيون. هن وقت ماڻهن کي هر قسم جي امداد جي شديد ضرورت آهي. چيو وڃي ٿو ماڻهن ۾ اهو جذبو نه رهيو آهي. سياسي پارٽين ۾ به اهو دم خم ڪونهي، حڪومت جي عملدارن جا لهجا به خالي لڳن ٿا. ڪا تڙپ، ڪو پڇتاءَ يا احساس ندامت ڪونهي، نه ئي ڪوتاهي کي مڃڻ جي جرئت محسوس ٿئي ٿي، نه ڪٿي پڇتاءَ جي تلافي ڪرڻ جي ڌن باقي آهي. پنهنجن جي درد کي ڪو پنهنجو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو، چاهي تجربن م هڪجهڙائي نه هجي. اسان ڪڏهن ٻن ڏينهن جي بک نه ڪاٽي هجي. ڪڏهن بي گهر نه ٿيا هجون ڪڏهن ڪنهن ڏانهن آس وندين اکين سان نه ڏٺو هجي، چاهي ذات جي غرور ۾ گم هجون پر آهيون ته سنڌ واسي... اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سنڌوءَ جو پاڻي رڳن ۾ ڊوڙندو هجي ۽ صوفين جي سرزمين تي ساهه کڻندا هجون، ماءُ جي هنج جهڙي ڌرتي تي رهندي، ڌرتيءَ جي ڏکن کان غافل ٿي وڃون!... ڪيئن مممڪن آهي ته پنهنجي اٻوجهه، مسڪين ۽ محبت ڪندڙ آس وندين اکين کي وساري ويهون! سنڌ جا ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون خلوص ۽ محبت جي جذبن سان سرشار آهن. اتي شهرن ۾ رهندڙ ڪاغذي گلن جهڙا جذبا نه آهن. بلڪه اهي هڪ تازي گلاب جيان مهڪندا رهندا هئا. اڄ اها خوشبوءِ ڪٿي وڃائجي وئي آهي. ائين اسان اڃا تائين غفلت جي ننڊ ۾ پيا آهيون. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته وڃائڻ لاءِ اڃا ڇا باقي آهي؟ آبپاشي کاتي جي نااهلي سراسر نظر اچي ٿي. ايندڙ خطري جي پيش نظر جيڪڏهن وقت سربندن کي مضبوط ڪيو وڃي ها ته ڇا صورتحال اڄ ايتري بدتر هجي ها!؟ ڪجهه وقت اڳي قاسم آباد جي سحرش نگر وٽ ٻه هزار فوٽ جو بند ڏنل هو، جتي چار ايڪسڪويٽر ۽ ٽريڪٽر بند جي پاڙن مان مٽي ڍوئيندي نظر ايندا هئا. فقط چند پئسن جي لالچ ۾ ان مضبوط بند کي کوکلو ڪيو ويو. ڪير به ان عملدار کان پڇا ڪرڻ وارو نه آهي ته هن فقط چند پئسن جي لالچ ۾ به هزار فوٽ ويڪرو بند ڇو کوٽائي ڇڏيو؟ هاڻي جيڪڏهن حيدرآباد کي ڪو نقصان پهتو ته ان جو ذميوار اهو آفيسر هوندو، هتي جنهن کي جيڪو وڻي ڪري ٿو، ادارن تي ڪا نظر ثاني ڪونهي، ماتحت اعليٰ عملدارن کي رشوت ڏيئي خوش ڪري ويٺا آهن، هر غلط ڪم رشوت جي آڙ ۾ ٿي رهيو آهي. اسان جي ادارن ۾ نظم و ضبط، ايمدانداري ۽ وقتائتي منصوباندي جي کوٽ آهي. سنڌ جا علائقا ٻوڏ جي حوالي سان خطرناڪ ڄاڻائڻ باوجود، انهن علائقن ۾ ريسڪيو ٽيمون ڏکيءَ ويل نه پهچي سگهيون. ماڻهن کي جيڪڏهن گاڏيون مهيا ڪري کين محفوظ جڳهه تي منتقل ڪجي ها ته شايد سندن ايترو جاني يا مالي نقصان نه ٿئي ها.!
    سنڌ جي عوام ۽ سياستدانن ۾ فاصلا سدائين کان رهيا آهن. عوام هر دور ۾ بدحال ۽ حڪمران خوشحال ۽ بي خبر هوندا آهن. اها روش تاريخ جي صفحن ۾ پڻ بند آهي. چارلس نيپئر جي سنڌ اچڻ واري دور ۾ سنڌ جي عوام ۽ ان وقت جي حڪمرانن ۾ ڪو به عوامي رابطو نه هو، محمود غزنوي به ان سوچ تي پنهنجي هنن لفظن جي مهر هڻي ڇڏي ته ”عوام جو ڪم رڳو اطاعت ڪرڻ آهي، نه ڪي وڙهڻ.“ سنڌ جو عوام هر دور ۾ حڪمرانن جي اطاعت ڪرڻ تي مجبور آهي. شايد سنڌ جي سياستدانن جي سوچ به محمود غزنوي جي خيالن سان متفق هجي! ٻاهران آيل حڪمرانن سنڌي ماڻهن کي پنهنجي تسلط هيٺ آندو ۽ هر دور ۾ اٻوجهه سنڌي اها برتري تسليم ڪندا پيا اچن. هو پنهنجن ۽ پراون جي ذهني غلاميءَ جي اثر کان اڄ تائين آجا نه ٿي سگهيا آهن. هن ملڪ جي جمهوريت اسان لاءِ ڪارلائل جي واري اصطلاح مطابق، سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ ڏائڻ جو ڏيک ڏيندي رهي آهي. ڇو ته سندن حقن جا ترجمان وڏيرا ۽ زميندار آهن. جيڪي ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ عوام تي اطاعت جي مهر هڻي پنهنجي فرضن کان غافل ٿي وڃن ٿا. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ سنڌ جو عوام ائين لاوارث بڻجي نه ٻڏي ها! قدرتي آفت پنهنجي جڳهه تي، پر ان کان بچڻ لاءِ ترت اپاءَ نه وٺڻ، هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ جي سگهه نه هجڻ، بي گهر عوام جي درد کي دل جي گهراين سان نه محسوس ڪرڻ ۽ سندن نقصان جي تلافي بروقت نه ڪري سگهڻ وارو رويو ڇا ان ڳالهه جي نشاندهي نٿو ڪري ته عوام جا چونڊيل نمائندا انفرادي سوچ ۽ ذاتي فائدن کي ترجيح ڏين ٿا! ذُالفقار علي ڀٽو اهو واحد سياستدان هو. جنهن پورهيتن ۽ محنت ڪندڙ طبقي جي حقن جي ڳالهه ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ ڀٽو صاحب ۽ ايوب کهڙو اليڪشن جي مهم تي نڪتل هئا ته ڪنهن کهڙي صاحب کي ٻڌايو ته ڀٽو صاحب باگڙين جي وچ ۾ ويٺو اهي. اهو ٻڌي هن ذهني شڪست قبول ڪئي ته جيڪو ماڻهو ڇڳل کٽن ۽ پراڻن تنبن ۾ ويٺو آهي. اهو واقعي عوامي نمائندو ٿي سگهي ٿو. اڄ جا هي عوامي نمائندا متاثرين جي دلجوئي لاءِ گاڏين ۽ گارڊن جي جلوس ۾ نڪرن ٿا. عوام جي سهائتا لاءِ نڪرندڙ انهن عوام جي چونڊيل ڪامورن جو پروٽوڪول ۽ ڏيکاءُ ڏسڻ وٽان آهي. توهان هڪ رات کليل آسمان هيٺان عوام سان گڏ گذاري ته ڏسو! عوامي ڪپڙا پائي عوامي ميڙن ۾ زمين تي ويهي ساڻن ڪچهري ته ڪيو جيئن اٻوجهه عوام کي يقين اچي ته توهان سندن حقن جي تحفظ لاءِ معمور ڪيا ويا آهيو، سندن رهبر، ڀرجهلو ۽ هڏ ڏوکي آهيو.
    اڄ جڏهن سموري سنڌ ۾ روڄ راڙو متل آهي. ماڻهن جا مال مويشي لڙهي ويا آهن. قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي. اهڙي وقت ۾ لطيف آباد، قاسم آباد ۽ سحرش نگر جا ماڻهو بندن تي پهرا ڏيئي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪچي واري علائقي ۾ سرڪار کان کڻت واري زمين تي رٽائرڊ ڪامورا پنهنجا ووٽ ۽ ڪيلي جي فصلن کي بچائڻ لاءِ هيوي مشينن ۽ سوين ٽريڪٽرن جي مدد سان پنهنجا باغ بچائڻ جا جتن ڪري رهيا آهن. ڪچي وارو اهو علائقو اڳي سنڌوءَ جو وسيع پيٽ هو، اتي درياهه ورهائجي ويندو هو ۽ پاڻيءَ جو زور گهٽجي ويندو هو. سرڪاري کڻت جي ڪري ٻيلا ۽ سنڌوءَ جو پيٽ ڪٽي هٿرادو بند ٻڌايا ويا آهن. اتي ڪيٽين ۾ روڊ رستا، عاليشان عمارتون ۽ ٽرانسفارمر هڻايا ويا آهن. هاڻ جڏهن سنڌ ٻڏي رهي آهي ته اهي بااثر ماڻهو پنهنجا باغ، ڪيٽيون بچائڻ لاءِ ڳورين مشينن ۽ سوين ٽريڪٽرن سان سنڌوءَ جي بندن کان به وڏا بند ٻڌي پنهنجا اثاثا بچائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. ڇا اها مشينري هن خطري جي وقت شهرن کي بچائڻ لاءِ استعمال نٿي ٿي سگهي!
    ٻوڏ جا ستايل تڪليف ۾ آهن. کين ڳالهين بدران عملي طور مدد جي ضرورت آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جا سجاڳ ذهن، اين جي اوز ۾ ڪم ڪندڙ نوجوان، شاعر ۽ اديب اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هنن اڄ ڏکيءَ ويل ۾ سنڌي قوم لاءِ ڪجهه نه ڪيو ته عوام جو سندن لفظن تان به اعتبار کڄي ويندو.!


    سپر فلڊ ۽ حيدرآباد شهر جي سلامتي…محمد ادريس راجپوت

    گڊو بيراج تي چوٽيءَ وارو وهڪرو 11 لک 48 هزار ڪيوسڪ 8 آگسٽ تي 12 بجي منجهند ٿيڻ کان پوءِ شام 4 بجي لهي 11 لک 33 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو. انهيءَ حساب سان اتي چوٽيءَ وارو وهڪرو 28 ڪلاڪ هليو، سکر تي چوٽيءَ وارو وهڪرو 24 ڪلاڪن کان پوءِ 9 آگسٽ تي منجهند 12 بجي پهتو ۽ اهو 11 لک 30 هزار ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو. اهو پاڻي سکر بيراج تي 60 ڪلاڪ هلڻ کان پوءِ 11 آگسٽ تي رات 12 بجي گهٽجي 11 لک 13 هزار ڪيوسڪ رهجي ويو. معنيٰ ته گڊو تي چوٽيءَ وارو وهڪرو 24 ڪلاڪ رهيو ۽ سکر تي 60ڪلاڪ اهو پاڻي 24 ڪلاڪن م سکر پهتو، گڊو بيراج جي کاٻي مارجينل بند ۾ کنڊ ۽ ٽوڙي بند ۾ کنڊ کان پوءِ به 98 سيڪڙو پاڻي سکر تي پهتو. ٻنهي کنڊن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهيو هوندو. معنيٰ ته گڊو بيراج تي اٽڪل 12 لک ڪيوسڪ پاڻي هيو هاڻي اچو ڏسون ته ڪوٽڙي بيراج تي گهڻو پاڻي پهچڻ جي اميد آهي. اهو ڪڏهن پهچندو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي اهو چوٽي وارو وهڪرو گهڻا ڏينهن هلندو؟
    مستقبل جي اڳڪٿي 2 جوڙ 2 برابر 4 واري ڳالهه ناهي. انهيءَ ۾ ڪيترا Variable اچي وڃن ٿا. جن جي ڪري اڳڪٿي 100 سيڪڙو صحيح نٿي ٿي سگهي. مثلن وچ ۾ نين جو پاڻي اچڻ، درياهه ۾ ڪي رنڊڪون اچڻ جيئن پل، ڪچا بند وغيره، مان ان اڳڪٿي لاءِ گذريل سپر فلڊن جو تجزيو ڪندس ۽ انهيءَ جي بنياد تي مٿين ٽن سوالن جا جواب ڏيڻ جي ڪوش سڪندس.

    ڪوٽڙي بيراج تي گهڻو پاڻي پهچڻ جي اميد آهي؟
    ٻوڏ وارا سال جن م تمام گهڻو پاڻي آيو آهي. 1955-1956-1958-1973-1975-1978-1986-1988-1992- ۽ 1995ع سالن دوران سکر کان هيٺ گهڻو پاڻي هليو، ڪوٽڙي تي گهڻو پهتو ۽ پهتل پاڻي جو سيڪڙو ڇا رهيو، جا تفصيل هن ريت آهن. سال 1955ع ۾ سکر کان هليو 7.65 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري تي پهتو 8.04 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي جو سيڪڙو ٿيو 105 ڪيوسڪ معنيٰ وچ ۾ برساتن سبب نين جو پاڻي به مليو هو، سال 1956ع ۾ سکر کان هليو 9.79 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري پهتو 9.81 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي ٿيو 100 سيڪڙو، معنيٰ ان سال به رستي ۾ نين جو پاڻي مليو، سال 1958ع ۾ سکر کان هليو 10.5 لک ڪيوسڪ، ڪوٽڙي تي پهتو 7.64 ۽ پهتل پاڻي 73 سيڪڙو ٿيو. سال 19732ع ۾ سکر کان هليو 10.76لک ڪيوسڪ ، ڪوٽڙي کي پهتو 8.11 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي ٿيو 75 سيڪڙو سال 1975ع ۾ سکر کان هليو 10.24 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري تي پهتو 4.90 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل سيڪڙو ٿيو .48 سال 1976ع ۾ سکر کان هليو 11.61لک ڪيوسڪ، ڪوٽڙي تي پهتو 7.65 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي هيو 68 سيڪڙو ، ياد رهي ته سکر بيراج تي 1976ع ۾ وڌ ۾ وڌ چوٽيءَ وارو وهڪرو رڪارڊ ٿيو هو، سال 1978ع ۾ سکر بيراج تان هليو 10.92 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري بيراج تي پهتو 7.22 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي ٿيو 66 سيڪڙو، سال 1986ع ۾ سکر بيراج کان هليو 11.66 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري بيراج تي پهتو 6.02 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي جو سيڪڙو ٿيو .45 سال 1988ع ۾ سکر بيراج کان هليو 10.69 لک ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج تي پهتو 6.60 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي هو 62 سيڪڙو ياد رهي ته انهيءَ سال 17 آگسٽ تي ساڳي ڏينهن سرجاني بند کي کنڊ لڳو هو، جنهن ڏينهن ضياءُ الحق جو جهاز ملتان کان اڏڻ تي ڦاٽي پيو هو. سال 1992ع ۾ سکر بيراج کان هليو 10.22 لک ڪيوسڪ، ڪوٽري بيراج تي پهتو 6.89 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي ٿيو 67 سيڪڙو، سال 1995ع ۾ سکر بيراج کان هليو 9.39 لک ڪيوسڪ، ڪوٽڙي بيراج تي پهتو 7.89 لک ڪيوسڪ ۽ پهتل پاڻي جو سيڪڙو ٿيو .85.
    مٿين تجزئي مان خبر پئي ته مٿين وڏي ٻوڏ وارن سالن ۾ سکر بيراج کان هليل پاڻي ڪوٽري بيراج تي 45 کان 105 سيڪڙو پهتو، جيڪڏهن سراسري ٿا ڪڍون ته ٿئي ٿو 72 سيڪڙو، جيڪڏهن کيرٿر جبلن ۾ مينهن پون ٿا ته نين جو پاڻي اچڻ ڪري ڪوٽڙي تي ذري گهٽ سئو سيڪڙو پاڻي پهچي ٿو اتي هڻبو ڌڪو مان سمجهان ٿو ته جبلن تي مينهن نه پوندا ۽ نين جو پاڻي نه ايندو ۽ سکر جو هليل پاڻي 60 کان 70 سيڪرو پهچندو سکر مان وڏو وهڪرو هليو هو 11.24 لک ڪيوسڪ انهيءَ حساب سان ڪوٽڙي تي پهچندو 6.74لک ڪيوسڪ يا 7.86 لک ڪيوسڪ معنيٰ ته ڪوٽري بيراج تي 8 لک کان مٿي پاڻي نه پهچندو.

    چوٽيءَ وارو وهڪرو ڪوٽري بيراج تي ڪڏهن پهچندو؟
    انهيءَ تجزئي ۾ به مٿيان ٻوڏ وارا سال وٺي اهو ڏسبو ته سکر بيراج کان هليل وهڪرو ڪڏهن ڪوٽري بيراج تي پهتو هو؟ سال 1955ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو سکر کان 30 آگسٽ تي هليو ۽ ڪوٽڙي تي 6 سيپٽمبر تي پهتو، يعني 7 ڏينهن ۾ سال 1976ع م چوٽي وارو وهڪرو 10 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 14 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، معنيٰ چئن ڏينهن ۾ سال 1958ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 18 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 24 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، معنيٰ ڇهن ڏينهن ۾ سال 1973ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 22 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 30 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، معنيٰ 8 ڏينهن ۾ سال 1975ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 2 سيپٽمبر تي سکر کان هليو ۽ 9 سيپٽمبر تي ڪوٽري پهتو. يعني 7 ڏينهن م سال 1976ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 17 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 24 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو. يعني 8 ڏينهن ۾ سال 1978ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 20 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 27 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، يعني 7 ڏينهن کان پوءِ سال 1986ع م چوٽيءَ وارو وهڪرو 15 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 25 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، يعني 10 ڏينهن کان پهتو، سال 1988ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 31 جولاءِ تي سکر کان هليو ۽ 18 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو، يعني 18 ڏينهن کان پوءِ سال 1992ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 20 سيپٽمبر تي سکر کان هليو ۽ 30 سيپٽمبر تي ڪوٽري پهتو. يعني 10 ڏڌينهن کان پوءِ سال 1995ع ۾ چوٽيءَ وارو وهڪرو 7 آگسٽ تي سکر کان هليو ۽ 19 آگسٽ تي ڪوٽري پهتو. يعني 12 ڏينهن کان پوءِ پهتو. سکر کان ڪوٽري چوٽي واري وهڪري جي پهچڻ جو وقت 4 کان 22 ڏينهن آهي. تازن سالن ۾ اهو ٽائيم انهيءَ ڪري وڏڌي ويو آهي جو رستي تي دادو- مورو پل ٺهي وئي آهي ۽ ڪيترا زمينداري بند ٺهي ويا آهن. جيڪي پاڻي جي وهڪري کي روڪين ٿا. وري تازو لاڙڪاڻو- خيرپور پل ٺهي وئي آهي. جنهن ڪري اهو ٽائيم اڃا وڌندو هن سال چوٽيءَ وارو وهڪرو سکر کان 11 آگسٽ تي هليو آهي. اڃان اهو دادو- مورو پل تي نه پهتو آهي. جنهن کي 4 ڏينهن گذري ويا آهن. منهنجي حساب ۾ اهو ذهن ڏينهن ۾ سکر کان ڪوٽري پهچندو، يعني 21 آگسٽ تي.
    چوٽيءَ وارو وهڪرو ڪوٽري بيراج تي گهڻا ڏينهن هلندو؟ انهيءَ جي پوري ڊيٽا نه ملي سگهي آهي. پر جڏهن گڊو تي چوٽي وارو وهڪرو هڪ ڏينهن. سکر تي ٻه ڏينهن هليو آهي ته هتي اهو ٻن ڏينهن کان وڌيڪ هلندو. منهنجي خيال ۾ اهو هتي چئن کان پنج ڏينهن هلندو.

    ڪوٽري بيراج تي چوٽيءَ وارو وهڪري جو اثر:
    ڪوٽري بيراج جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش پوڻا نوَ لک ڪيوسڪ آهي. جڏهن ته 1956ع ۾ اتان 9.81 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ٿي چڪو آهي. تنهن ڪري اتان 8 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ڪرڻ ۾ خاص تڪليف نه ٿيندي. هن سال آيل ٻوڏ ڪري بيراجن جي مارجينل بندن کي کنڊ لڳا آهن. پهرين پنجاب جي تونسا بيراج جو ليفٽ مارجينل بند 52 فٽ ويڪر ۾ ويهجي ويو. جنهن ڪري اتي کنڊ لڳو، جنهن ڪري ڪوٽ ادو، مظفر ڳڙهه واريون ايراضيون ٻڏي ويون، ڪوٽ ادو شهر ٻڏي ويو ۽ مظفر ڳڙهه جي چوڌاري پاڻي ڀرجي ويو. تنهن کان پوءِ گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي 13 هين ميل تي کنڊ لڳو. جنهن ڪري ڀنگ جي مشهور مسجد سوڌو ڪيترا ڳوٺ ٻڏي ويا. چون ٿا ته پاڻي قومي شاهراهه ڪراس ڪري ويو آهي، جنهن ڪري پنجاب ۽ سنڌ ۾ٽريفڪ بند ٿي وئي آهي. ان ڪري ڪوٽري بيراج جي مارجينل بندن جي زبردست سار سنڀال جي ضرورت آهي ۽ ان سان آفيسرن جي رات جي وقت نظرداري سپر ويزن کپي.

    ٻوڏ جو حيدرآباد شهر تي اثر
    حيدرآباد شهر سنڌو درياهه جي هٽ تي آهي. جنهنجي بچاءَءُ لاءِ ڳهليان بند، ڄامشورو فرنٽ بند، گدو مل (لطيف آباد) بند ۽ ڪوٽري بند ٺهيل آهن جيڪڏهن هن ٻوڏ ۾ انهن بندن کي ڪجهه ٿيو ته حيدرآباد شهر ٻڏي سگهي ٿو، بند جو بچاءُ آهي ڏينهن رات پهرو ۽ مناسب بندوبست مان انهيءَ جي اهميت ٻڌائڻ لاءِ سنڌ جي بندن جي بائيبل جنهن کي ”بند مينوئل“ چئجي ٿو، هيٺيون پيراگراف نقل ڪندس:
    “The First line of defence when the river is in floods, requires crose and constant patrol and unremitting supervision, both by day and night, by adequate trained staff, A stitch in time saves nine, timely warning and timel action, which efficient undermitting patrolling alone can provide, will save a dangerious situation while complacency born of a false sence of security following a series of low rivers, may lead to sisaster” (Para 105, Page 117 “Bound Manual”_1954)
    ترجمو: ٻوڏ جي وقت م پهرين بچاءَ واري لائن جي تجربيڪار ۽ ڪافي تعداد ۾ رکيل ماڻهن جي مدد سان مستقل گشت ۽ نه گهٽجندڙ جانچ کپي، جو چوندا آهن ته هڪ وقتائتو ٽاڪو پوءِ وارن نون ٽاڪن کان بچائي ٿو، وقتائتو چتاءُ ۽ وقتائتو عمل جيڪو مستقل ۽ نه گهٽجندڙ گشت پهري سان حاصل ٿي سگهي ٿو، سو ڪنهن به خطرناڪ صورتحال کان بچائي سگهي ٿو، جڏهن ته اهو اطمينان ته ” سڀ خير آهي، جو ڪيترا سال ٻوڏ نه آئي آهي“ بربادي آڻي سگهي ٿو.
    ڪيترا سال ٻوڏ نه اچڻ ڪري بندن جي حالت خراب آهي، پراڻو اسٽاف جيڪو بندن جو ڪم ڄاڻندو هو، رٽائر ٿي چڪو آهي، نئين اسٽاف کي بندن جي ڄاڻ ڪونهي ۽ هنن جو حال به پورو سارو آهي. وري ڦليلي ڊويزن جيڪا انهن بندن جي انچارج آهي، سا سيڊا جي ماتحت ته آهي، جتي آبپاشي وارن ماڻهن کان علاوه ٻيا به ماڻهو آهن، جن کي بندن جي ڄاڻ ڪونهي ۽ انهيءَ صورت ۾ پهري ۽ بندوبستن وارو ڪم صحيح ٿيندي نٿو ڏسان انهيءَ لاءِ مان حيدرآباد، قاسم آباد جي قومپرستن ۽ لطيف آباد جي ايم ڪيو ايم وارن جو ڌيان ڇڪائڻ ضورري سمجهان ٿو ته هو رات جو ٻي بجي کان پنجين بجي تائين مٿين بندن تي هلن ۽ ڏسن ته ڇا ماڻهو بندن تي گشت ڪن ٿا ۽ بندوبست صحيح ٿيل آهن يا نه؟ جيڪڏهن هو انهن م ڪجهه گهٽتائي ڏسن ٿا ته پنهنجا ماڻهو ڏين، جيڪي رات جو سيڊا وارن سان گڏجي گشت ڪن، بندن ۾ پيل کنڊن جي رڪارڊ مان خبر پئي ٿي ته کنڊ گهڻو ڪري رات جي پوين پهر ۾ پيا آهن، جو انهيءَ وقت گشت ڪندڙ عملو سست پئجي وڃي ٿو ۽ رات جو روشنيءَ جو انتظام به صحيح نٿو رهي.
    جيڪڏهن سڀني انهيءَ ڪم ۾ حصو ورتو ته انشاءَ الله حيدرآباد شهر بچي ويندو. نه ته ڪا به اوچتي صورتحال خرابي پيدا ڪري سگهي ٿي.


    ڪوٽريءَ ڏانهن وڌندڙ وهڪرو، ڪني تار ٿيل منڇر ۽ آر بي او ڊي… امداد علي سومرو

    ٻوڏ هونئن ته قدرتي آفت آهي. پر اها نساني الميو تڏهن بڻجي ويندي آهي. جڏهن قدرت جي نظام سان هٿ چراند حد کان وڌي وڃي ۽ جڏهن انسان قدرت جي نظام ۾ حد دخليون ڪرڻ لڳي. ٻوڏ جي عام وهڪرن ۾ به سنڌوءَ جون ڇوليون ڪنهن کان جهليون ناهن ٿيون. هن وقت به سنڌو مان جيڪا ٻوڏ گذري رهي آهي، ان بابت هر ماهر جو چوڻ آهي ته اهڙي ٻوڏ سوين سالن جي تاريخ ۾ سنڌو ۾ اڳ ڪڏهن به ناهي آئي. وڏڙن واتان اسان 1942ع واري ٻوڏ جو ذڪر ٻڌندا رهندا آهيون ۽ ان ٻوڏ کي ڪاري ٻوڏ چئي ياد ڪيو ويندو آهي، پر هن ٻوڏ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سمورن ماهرن ۾ اتفاق آهي ته هيءَ سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ بدترين ٻوڏ آهي. يعني 1942ع واري ڪاري ٻوڏ کان به وڏي ٻوڏ آهي.
    هن وقت سنڌو خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب بعد سنڌ ۽ بلوچستان ۾ جيڪا تباهي پکيڙي ڊيلٽا ڏانهن وڌي رهيو آهي. ان جو هڪ ڪارڻ ته ماضي جي مقابلي ۾ سنڌو جي ڪيچمينٽ ۾ هر سانوڻي جي مينهن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ وٺل برساتون آهن ته ان کان به وڏو ڪارڻ سنڌو اندر ڪيل حددخليون ۽ سنڌو جي نظام سان ڪيل هٿ چراند آهي. جنهن قدرتي آفت جو زور ۽ اثر ايترو ته وڌائي ڇڏيو آهي جو سنڌو جي پاڻي کان نه ڪي بلوچستان جا علائقا محفوظ آهن نه ڪي سنڌ جا مٿانهين وارا ضلعا بچي سگهيا آهن. امڪان اهي به آهن ته نه ڪي سنڌو جي ڇولين کان حمل ڍنڍ محفوظ رهي سگهندي. نه ڪي منڇر ڏانهن وڌندڙ وهڪرا ان کي بچائي سگهندا. سنڌو ۾ حد دخلي ۽ هٿ چراند سالن کان جاري هئي ۽ اڃا تائين جاري آهي، پر ڪنهن به حڪومت ڪنهن به وس واري ان معاملي تي ڪڏهن آواز نه اٿاريو. ڪنهن به اسيمبلي ان جي حوالي سان قانونسازي نه ڪئي ۽ نتيجو اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي. پهرين ته سنڌو جي ڪناري تي آباد ٻيلا، پوءِ اهي گلگت- بلتستان ۽ خيبر پختونخواهه جي حدن ۾ جهنگن جي صورت ۾ هجن يا پنجاب ۽ سنڌ اندر هجن، انهن جو ڪڏهن تحفظ ئي نه ڪيو ويو ۽ سنڌو جي ٻنهي ڪنارن تان وڻ وڍي، ٻيلا پٽي چٽ ڪيا ويا ۽ سنڌو جي ڪنارن کي ٺوڙهو ڪيو ويو، جنهن ڪري هيلوڪي ٻوڏ جو پاڻي بي قابو ٿي ويو، ٻيلا درياهه جي بندن جو ڪم ڪندا آهن. درياهه جي وهڪري ۽ ڇولي جو زور ٽوڙيندا آهن ۽ پاڻي جي رفتار گهٽائيندا آهن. جنهن ڪري دريائن جي مستي انهن ٻيلن ۾ داخل ٿيڻ بعد اڌو اڌ ختم ٿي ويندو آهي ۽ درياهه ڪچي کان ٻاهر نڪري ناهن سگهندا. زور آور ناهن رهندا ۽ ٻيلن جي موجودگي ۾ ٻوڏن جو خطرو اڌو اڌ گهٽجي ويندو آهي. پر ڊيلٽا کان ويندي ڪالاباغ تائين جتان سنڌو ميدانن ۾ داخل ٿئي ٿو، اتان سفر ڪريو ته خبر پئجي وڃڄي ٿي ته سنڌو جا ٻئي ڪنارا خالي آهن. وڻن نالي اتي ڪا به شيءِ ناهي، ٻيلن جو نالو نشان ئي ڪونهي ۽ زور آور سنڌو يا تبتين جي زبان م شير درياهه جي ڇولين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مٽي جا بند باقي بچيا. جيڪي به انتهائي ڪمزور حالت ۾ هئا. جنهن ڪري سنڌو کي ڪچي ۾ داخل ٿيندي ان جو زور ٽوڙڻ وارا وڻ موجود نه هئا ۽ ڇولين بندن کي ڪک پن ڪري اڏائي ڇڏيو. نتيجو اهو نڪتو، جيڪو اڄ سڄو ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، پنجاب جي مقابلي ۾ سنڌ وڌيڪ ڀوڳي رهي آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ م ته بندن ۽ ٻيلن جي حالت پنجاب کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. ان کان پوءِ حددخلين تي اچو ته سنڌو جهڙي درياهه ۾ جيڪي اڏاوتون ڪيون ويون ، اهي ان جي تاريخي وهڪرن ۽ هاءِ بئنڪس يعني آخري ڪنارن کي نظر انداز ڪري ڪيون ويون. پوءِ بئراجن جي اڏاوت هجي يا بندن جي، پلون هجن يا آر بي او ڊي (ٽو) جهڙا منصوبا ڪٿي به سنڌو مٿان اڏاوت ڪندي دريائن بابت عالمي اصولن ۽ قانونن کي خاطر ۾ نه آندو ويو ۽ هر سال درياهه اندر ڪا نه ڪا حد دخلي ڪئي وئي. ڪچي م زرعي بند ۽ ڪيٽين کي بچائڻ لاءِ جوڙيل هٿرادو بند انهن کان سواءِ آهن،ز رعي بند يا ڪيٽين جا بند ته خير انفرادي ڏوهن ۾ شامل ٿين ٿا، پر جيڪي حڪومتي سطح تي درياهه اندر حد دخليون ڪيون ويون انهن جو حساب ڪيو ڏيندو؟
    هتي اهو به واضح ڪندو هلجي ته دريائن بابت عالمي اصول ۽ قانون انسان نه، پر دريائن جا وهڪرا پاڻ متعين ڪندا آهن ۽ دريائن جا هاءِ بئنڪس درياهه جي آخري چاڙهه کي نظر ۾ رکي وجود ۾ آندا ويندا آهن، يعني درياهه سڀ کان وڏي چاڙهه دوران ڪيستائين پاڻي جي ڇر ڪئي؟ جيستائين درياهه ڇر ڪندو، اهو علائقو درياهه جي حد تصور ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان سنڌو جا آخري ڪپر يا هاءِ بئنڪس ٻنهي پاسي گهٽ ۾ گهٽ پنج ۽ وڌ ۾ وڌ ويهه ميل آهن. پر اسان جيڪڏهن سمورن بئراجن ۽ پلن جو جائزو وٺون ته ڇاا اهي درياهه جي ڪپرن کي نظر ۾ رکي اڏيا ويا آهن يا نه؟
    وڏي ۾ وڏي پل يا بئراج جي ڊيگهه ٽي ڪلوميٽر مس هوندي، يعني پلن يا بئراجن وارن علائقن مان درياهه جو ميلن ۾ پکريل وهڪري کي هڪ ڏيڍ ميل تائين سوڙهو ڪري گذارڻ جي حماقت مسلسل ٿي رهي آهي. جنهن سبب درياهه جا وهڪرا رڪجي وڃن ٿا ۽ ڪنڌين تي وهڪرن جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو. جنهن سان درياهه ڪنڌين، پلن، روڊن ۽ رستن تي ٽڪر هڻي رستو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪٿان ڪو بند لڙهي وڃي ٿو، ڪٿي ڪنهن بئراج لاءِ خطرو پئدا ٿي وڃي ٿو، (جيئن سکر بئراج تي ٿيو) ۽ ڪٿي درياهه پنهنجي پيٽ مان وڏا بند توڙي اڏيل روڊ لوڙهي وڃي ٿو. جيئن دادو- مورو روڊ کي درياهه بادشاهه جو پاڻي لوڙهي ويو آهي. صاف نظر اچي رهيو آهي ته اهڙا منصوبا اڏڻ وقت درياهه جي چاڙهه ۽ آخري وڏي وهڪري کي نظر ۾ ناهي رکيو ويندو. جيڪڏهن دريائي وهڪرن يا درياهه جي حدن کي نظر ۾ رکي ان قسم جا منصوبا اڏيا وڃن ها ته شايد جيڪا تباهي اڄ سنڌ سميت ملڪ جا ٻيا صوبا ڀوڳي رهيا آهن ان جي شدت تمام گهڻي گهٽ هجي ها. دريائن تي پلون ٺاهڻ وقت گهٽ ۾ گهٽ درياهه بادشاهه جي پيٽ ۾ جيڪي بند ٻڌي روڊ اڏيا وڃن ٿا، انهن روڊن جي هيٺان ڪجهه ڪجهه وٿي تي ننڍيون ننڍيون موريون به جوڙيون وڃن ها ته اڄ درياهه هڪ هفتي تائين دادو- مورو پل وٽ يا مٿي لاڙڪاڻو- خيرپور پل وٽ ڦاٿل نه رهي ها. عام حالتن ۾ سنڌو جا وهڪرا سکر کان نڪرڻ بعد ڪوٽري بئراج يعني ڄامشوري واري پل تائين 78 ڪلاڪن يا وڌ ۾ وڌ پنجن ڇهن ڏينهن تائين پهچي ونيدا آهن. اڄ ڏيڍ هفتو گذري وڃن باوجود وڏو وهڪرو ڪوٽڙي بئراج تائين ناهي پهتو ۽ آخري اطلاعن مطابق سکر مان هليل ساڍا يارنهن لک ڪيوسڪ پاڻي مان پوڻا چار لک ڪيوسڪ پاڻي به ڪوٽڙي بئراج تائين مس پهتو هو. يعني جنهن وهڪري کي چار پنج ڏينهن اڳ ۾ ڪوٽري بئراج وٽان لنگهڻو هو، اهو وهڪرو رستي ۾ مختلف هنڌن تي سنڌو ۾ ٿيل حد دخلين سبب ڦاسندو اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ درياهه کي جيڪا رواني گهرجي. اها ان کي نه پئي ملي. نتيجي ۾ درياهه جو بندن تي دٻاءُ وڌڻ سان بند ٽٽڻ سبب وڏن وڏن شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو به وڌي رهيو آهي.
    مٿي دادو- مورو ۽ خيرپور- لاڙڪاڻو پل جو مٿاڇرو احوال لکي آيو آهيان پر ان کان هيٺ درياهه سيوهڻ پهچڻ بعد درياهه ڇو ڦاسي پيو، اتان ڇو درياهه جي وهڪرن لنگهندي ڏينهن لاتا آهن، ان جو ڪارڻ ٻڌائڻ کان اڳ مان موسميات کاتي جي فلڊ فورڪاسٽ ڊويزن جي انهن اڳڪٿين بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو. جيڪي انهن سنڌ ۾ ٻوڏ جي داخل ٿيڻ بعد بئراجن ۽ خاص ڪري ڪوٽري تائين وهڪرن جي پهچڻ جي حوالي سان ڪيون. سڀ کان پهرين اها وارننگ ڏني وئي ته سکر مان گذرڻ بعد پاڻي جا وڏا وهڪرا يعني سپر فلڊ نائين ۽ ڏهين آگسٽ تائين يعني هي سٽون لکڻ کان اٺ ڏينهن اڳ ڪوٽڙي بئراج تي پهچندا ۽ پهرين وارننگ مطابق پهريون وڏو وهڪرو 14 هين آگسٽ تي سمنڊ ۾ وڃي ڪرڻو هو، خيرپور- لاڙڪاڻي ۽ دادو- مورو پل کانسواءِ سکر کان دادو- مورو پل تائين ڪيتريون ئي ڪيٽيون آهن، جن جي بندن به پاڻي جي وهڪري ۾ رڪاوٽون پيدا ڪيون، سيوهڻ کان هيٺ ته ڪا ڪيٽي ناهي. ڪا پل ناهي. پوءِ اتي ڇو پاڻي بيهي رهيو ۽ ڇو وهڪرا ڦاسي پيا؟ هيءُ اهو سوال آهي. جيڪو اڪثر ماڻهن جي ذهنن ۾ آهي. ان سوال جو جواب آر بي او ڊي منصوبو آهي. آر بي او ڊي (ٽو) ڀان سيد آباد ۽ سيوهڻ کان هيٺ درياءَ سان گڏوگڏ هلي ٿو. ان منصوبي تي 30 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، پر لڳي ٿو ته هن ٻوڏ ۾ اهي 30 ارب رپيا ان ڪري ٻڏي وڃڻ جا امڪان آهن، جو ڊزائين ئي غلط ڪئي وئي. ان سان نه رڳو سنڌو سوڙهو ٿيو، بلڪه ان ڪيترن ئي اهڙن ڳوٺن ۽ شهرن جي ٻڏڻ جو خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪي اڳ ڪڏهن به ناهن ٻڏا. الله ڪري اهي شهر بچي وڃن، پر ان منصوبي جو حساب سنڌ جي آبپاشي ماهرن ۽ ڪنسلٽنٽس کان نه وٺڻ سنڌ سان تاريخي زيادتي هوندي، جن ماهرن ايم اين وي ڊرين ذريعي پهرين منڇر ڍنڍ جهڙي مٺي پاڻي جي ايشيا جي سڀ کان وڏي ڍنڍ کي گدلو ڪري لکين ميربحرن کي دربدر ڪري ڇڏيو. انهن ئي ماهرن ۽ انهن جي پيروڪار ماهرن وري هڪ نئين سازش سٽي سنڌو کي سوڙهو ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو. جنهن تحت ايم اين وي يعني مين نار ويلي ڊرين ذريعي منڇر ۾ ڇوڙ ٿيندڙ گدلي پاڻي کي رائيٽ بئنڪ آئوٽ فال ڊرين (ٽو) يعني آر بي او ڊي ٽو ذريعي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي وئي.
    هن منصوبي لاءِ ايم اين وي يعني ڇنڊڻ جو پاڻي ٻوڏ جي ڏينهن ۾ سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ عبدالله شاهه جي دور ۾ جوڙيل انڊس لنڪ واري منصوبي کي به روڪيو ويو. انڊس لنڪ بنيادي طور تي اڄ جهڙين حالتن ۾ جڏهن منڇر نئين گاج ۽ ٻين جابلو نئن جي وهڪرن سبب ڀرجي ويندي آهي. ان ۾ ڇنڊڻ جو پاڻي پوڻ سان منڇر جي سطح خطرناڪ حد تي پهچي ويندي آهي. جيئن اڄڪلهه پهتل آهي. ان ڪري منڇر جي سطح کي مينٽين رکڻ لاءِ انڊس لنڪ جو منصوبو اڏيو ويو ته جيئن منڇر جي ڪني تار ڀرجي وڃڻ بعد انڊس لنڪ ذريعي ڇنڊڻ جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي ٻوڏ جي حالتن ۾ جڏهن سنڌو تار ٿي ويندو آهي ته منڇر جا ڪئنال يعني اڙل ۽ دانستر ابتا وهڻ شروع ڪندا آهن ۽ منڇر جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ بدران آهي ڪئنال سنڌو جو پاڻي منڇر ۾ کڻي ويندا آهن. جنهن ڪري انڊس لنڪ جو متبادل منصوبو جوڙيو ويو هو. گهڻي ڀاڱي اهو منصوبو مڪمل ٿي ويو هو، پر آخري حصي ۾ اچي مشرف حڪومت ۾ آر بي او ڊي (ٽو) جو موتمار منصوبو جوڙيو ويو ۽ انڊس لنڪ جو ڪم ڪرمپور وٽ بند ڪري اتان کان آر بي او ڊي (ٽو) کي کوٽڻ شروع ڪيو ويو. سيوهڻ کان سمنڊ تائين نالي هن منصوبي جي اڏاوت شروع ڪرڻ وقت ڪل لاڳت 14 ارب رپيا ٻڌائي وئي. بعد ۾ ان جي لاڳت منهنجي اطلاعن مطابق 34 ارب رپيا ٿي وئي ۽ منصوبي تي سٺ کان ستر سيڪڙو رقم خرچ به ڪئي وئي. ان هوندي به منصوبي جو ڪٿي به ڪو وڏو اسٽرڪچر مڪمل ناهي ٿيو ۽ ڪاغذن ۾ آر بي او ڊي (ٽو) جو سٺ سيڪڙو ڪم مڪمل ڄاڻايو ويو. سٺ سيڪڙو مڪمل ٿيل ڪم جي نالي ۾ ڀڳي ٽوڙي کان وٺي گهاري ڪريڪ تائين سنڌو جي ساڄي ڪنڌي تي مٿي جا وڏا ڍير ڪري رکيا ويا آهن ۽ ڊرين جي کوٽائي ڪئي وئي آهي. جيڪا ٻوڏ جي هن صورتحال ۾ اهي تباهيون آڻيندي، جيڪي تباهيون شايد 2003ع ۾ ايل بي او ڊي جي ڪري لاڙ ۾ آيون هيون. آر بي او ڊي (ٽو) جو منصوبو سنڌو جي ڪناري سان سنڌو جي هاءِ بئنڪس کي نظر انداز ڪري ڊيزائن ڪيو ويو. جڏهن ته سيوهڻ کان هيٺ ٻوڏ جي حالتن ۾ سنڌو کاٻي پاسي به ڪيترن ئي ميلن تائين پکيڙ ڪري ويندو آهي. آر بي او ڊي (ٽو) جو گهڻو حصو سنڌو سان لڳو لڳ ڊيزائين ڪيل آهي. خاص ڪري ڀڳي ٽوڙي کان ڄامشوري تائين ۽ حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ساڄي ڪنڌي وارا سمورا وڏا شهر آمري. سن، مانجهند ۽ ٻيا درجنين ننڍا وڏا ڳوٺ آر بي او ڊي (ٽو) جي بند ۽ سنڌو جي وچ ۾ آهن. جنهن ڪري هن وقت مانجهند ۽ سن شهر ته پاڻي جي گهيري ۾ آهن ۽ پاڻي آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن سبب ڇر ناهي ڪري سگهيو، ان ڪري انهن شهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ جو خدشو آهي، جيڪي اڳ شايد ئي ڪڏهن ٻڏا هجن، پهرين ته جڏهن مون اها خبر رپورٽ ڪئي ته وڏن وڏن ماهرن ترديدون ڪيون ته آر بي او ڊي (ٽو) سبب ڪا تباهي نه ٿيندي، نه ئي سنڌو جا وهڪرا هن ڊرين جي بندن کي لوڙهيندا پر جيئن ئي سنڌو جي وهڪرن آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن کي لوڙهڻ ۽ ان سبب پاڻي ڳوٺڻ ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿيو ته انهن ماهرن کي چپ لڳي وئي آهي. ڇو ته سنڌو سان اهڙو ڪيس ڪرڻ بعد اهي چوندي نه پئي ٿڪا ته آر بي او ڊي (ٽو)/ تباهي نه ڪندي؟ ڀلي هو ڀڳي ٽوڙي کان مانجهند تائين سفر ڪري ڏسن ته اتي آر بي او ٽي (ٽو) ڪهڙا راڱا ڪيا آهن. اڃا ته اهو پاڻي جڏهن ڪوٽڙي بئراج وٽ پهچندو ته ان جي پويان آر بي او ڊي (ٽو) جي بندن سبب ڄامشوري جو جيڪو حشر ٿيندو، اهو به ڏسڻ باقي آهي. منهنجي دعا آهي ته ڄامشوري کي الله آر بي او ڊي (ٽو) جي تباهين کان محفوظ رکي. ٻي صورت ۾ پاڻي سپر هاءِ وي کي ٻوڙي وڃي ڪراچي واهه سان گڏوگڏ نه ڄاڻ ڪيستائين تباهي پکيڙيندو. ڇاڪاڻ ته آر بي او ڊي جو سم نالو ڄامشوري ڪالوني ۽ ڦاٽڪ جي آبادي جي وچان ڪڍيو ويو آهي. سپر هاءِ وي تائين بند جا ڍير ته ڪيا ويا آهن. پر سپر هاءِ وي وارو حصو اڃا ناهي ٺهيو، ان ڪري بند سان ٽڪرائجي پاڻي ڄامشوري ڪالوني کي ٻوڙي سگهي ٿو ۽ ان بعد سپر هاءِ وي ۽ ڪراچي واهه جي بندن جي وچان گذري نه ڄاڻ ڪيستائين وڃي پهچندو. هن وقت سنڌو، جيڪا به تباهي پکيڙي آهي. ان جو ڪارڻ سنڌو اندر حد دخلي آهي. ان ڪري جهوپڙي اڏڻ وقت به خيال ضرور رکڻ گهرجي ته سنڌو رحم دل سان گڏ هڪ زور آور درياهه به آهي. جنهن سئو سالن دوران پنهنجي حدن اندر ڪيل حددخلين لوڙهي ڇڏيون آهن. سرڪار ۽ وس وارا هن ٻوڏ کي سبق بنائي مستقبل جي رٿابندي ڪن ته جيئن اڳتي سنڌو ڪا ايڏي تباهي نه آڻي، ويندي ويندي ڏاهن جي هڪ ڳالهه ورجائيندو هلان ته هڪ صدي ۾ ڏهه سال ڏڪار جا ۽ ڏهه سال ٻوڏ جا هوندا آهن. ڏڪار وارا ڏهه سال اسان ڀوڳي چڪا آهيون. ٻوڏ وارن ڏهن سالن جي شروعات ٿي چڪي آهي. ان ڪري ٻوڏ متاثرن جي واهر سان گڏ درياهه کي بحال ڪرڻ جو به ڪم تيزيءَ سان شروع ڪيو وڃي ته جيئن آئندا امڪاني ٻوڏ جي تباهڪارين کان سنڌ کي محفوظ بنائي سگهجي.


    ٽائٽانڪ بڻجي ويل منهنجو ڳوٺ….دودو چانڊيو

    ”تو ٽائٽانڪ فلم ڏٺي آهي؟“ ڪراچي جي مروت باغ واري علائقي ۾ هڪڙي نوجوان مون کان اهو سوال ان وقت ڪيو، جڏهن آئون ڪي ٽي اين جي مائيڪ هٿ ۾ کڻي انتهائي بي رحم انداز ۾ ٻوڏ متاثرين کان ”ٻوڏ ڪيئن آئي؟“ وارو سوال ڪري رهيو هئس. مون ان نوجوان طرف ڏسي ڪنڌ ”ها“ ۾ لوڏيو، منهنجو ڪنڌ ”ها“ ۾ لوڏڻ ڇا هو، ڄڻ هن کي پنهنجي اندر جو سمورو درد اوڳاڇڻ جي اجازت ملي وئي. ”اسان جو ڳوٺ بلڪل ٽائٽانڪ وانگي ٻڏو، اسان پنهنجو مال پاڻي ۾ ٻڏندي، مرندي اکين سان ڏٺو، اسان پنهنجو سامان لڙهندي ڏٺو، هر شيءِ اکين آڏو وهڪرن ۾ وهندي ڏٺي، اسان چاهيندي به ڪجهه به بچائي نه سگهياسين ڪو بکيا ماڻهو ناهيون. الله پاڪ سڀ ڪجهه ڏنو هو، هتي رات کان ڪجهه ناهي کاڌو.“ هو ڳالهائيندو رهيو. آئون ٻڌندو رهيس، ”هاڻي الاءِ ڳوٺ وڃي سگهنداسين يا نه. پر پاڻي ته ڳوٺ ۾ نقشو ئي تبديل ڪري ڇڏيو هوندو.“ هو مون سان ڳالهائيندو به رهيو ۽ پنهنجي ڳوٺ جون حسين يادون به بيان ڪندو رهيو. مون کي اهو نوجوان ميلي ۾ وڃائجي ويل ان ٻار وانگر لڳو. جيڪو ماڻهن کي پنهنجي مائٽن جون نشانيون ٻڌائيندو هجي. اوچتو، ”ٺا ٺا ٺا ٺا“ فائرنگ شروع ٿي وڃي ٿي. هو پنهنجي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ڊوڙي وڃي ٻه پٿر هٿ ۾ کڻي ٿو، سامهون فائرنگ ڪندڙن کي سنڌي گاڏڙ اردو ۾ چوي ٿو ”هي به منهنجي ڌرتي آهي، مجبورن پنهنجا ويڙها ڇڏيا اٿئون هتان ڪو نه لڏينداسين.“
    آئون رڪارڊنگ اڌ ۾ ڇڏي آفيس ڏانهن روانو ٿيان ٿو، ڪجهه هٿيار ۽ ڪجهه گوليون منهنجو به پيڇو ڪن ٿيون آئون پنهنجي اداري سان گڏ حڪومتي اختيارين کي به صورتحال جي آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، ٻئي هنڌان ته ڪٿان به ڪا موٽ نٿي ملي. پر اوچتو ذوالفقار مرزا جو فون اچي ٿو وڃي، ”دودا انهن ماڻهن کي منهنجو نياپو ڏي ته اوهان لاوارث ۽ ننڌڻڪا ناهيو، ڪراچي به اوهان جي ڌرتي آهي. ڪنهن جي پيءُ جي ناهي. آئون ٺٽي جي سجاول بند تي آهيان. سڌو اوهان ڏي اچان ٿو، ”ذوالفقار مرزا جي انهيءَ ڳالهه تي منهنجون همٿون وڌي وڃن ٿيون. مٿان وري علي قاضي ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي اسٽوڊيو ڏانهن اٿي ٿو ته منهنجي همتن کي چار چنڊ لڳي وڃن ٿا. آئون ٻيهر مروت باغ جي انهن گهٽين ڏانهن رخ ڪريان ٿو، جتي چند گهڙيون اڳ گوليون انهن ٻوڏ متاثر ماڻهن سان گڏ منهنجي به ڳولا ڪري رهيون هيون.
    مروت باغ ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن جي پهرين ڪيمپ هئي، جيڪا ڳوٺاڻن پاڻمرادو مڙسي ڪري قائم ڪئي هئي. رات جي 12 وڳي ٻوڏ متاثر ۽ آئون فائرنگ واري واقعي بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئاسين ته ذوالفقار مرزا به اچي پهتو. ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي اهو پهريون سهارو هو، جنهن کان پوءِ ڏسندي ڏسندي صورتحال وڃي اها بيٺي آهي ته هڪڙي صحافي چيو ”ڪراچي ۾ ماڻهو بلڪل ائين اچي رهيا آهن جيئن 1947ع کان پوءِ آيا هئا. هن وقت ڪئمرائون رنگين آهن. ان وقت بليڪ اينڊ وائيٽ هيون. هاڻوڪن فٽيجز تان ڪلر هٽرائي ڏسو ته بلڪل هڪ جهڙي صورتحال نظر ايندي. اهي ئي ٽرينون ڀريل، اهي ئي قافلا، اها ئي دربدي، اهي ئي لٽجڻ جون ڪهاڻيون ۽ اهائي اجهي جي ڳولا.“ بلڪل صحيح آهي. بس فرق رڳو اهو آهي ته اهي واقعي پناهگير هئا. هي ڌرتي ڌڻي آهن، پر هنن کي به پناهه گيرن وانگي پنهنجي ڌرتي تي ڪيمپن ۾ رهڻو پيو آهي. ڄڻ هن شهر ۾ رهندڙ ماڻهو دلي طور خوش ناهن ته ٻوڏ متاثر وٽن اچي رهن. اهو ئي سبب آهي ته ذوالفقار مرزا ۽ جميل سومري کي ڪئمرائن آڏو شڪايتي انداز ۾ چوڻون پيو ته ”ڪراچي جا رهواسي هنن ٻوڏ متاثرن لاءِ پنهنجي دلين ۽ گهرن جا دروازا ائين کولين، جيئن 1947ع ۾ کان پوءِ اسان جي وڏن هنن لاءِ دلين ۾ گهرن جا دروازا کوليا هئا. ڪراچي جي اڪثريتي رهواسين دلين ۽ گهرن جا در الاءِ کوليا يا نه، پر ڪراچي جي سنڌين جهڙي ريت ڪراچي شهر ۾ پنهنجي ٻڌي ۽ سجاڳي جو ثبوت ڏنو آهي. وقت جو ڪو به مورخ انهيءَ کي وساري نٿو سگهي. آئون ڪنهن ڪنهن جا نالا کڻان، ڪهڙا ڪهڙا حوالا ڏيان؟ رات ڏينهن ڪيمپن ۾ انهن جي سار لهندڙ ڊاڪٽر نجمه طارق جو نالو کڻان يا ابراهيم حيدري، ڀٽائي آباد، سچل، چڪرا ڳوٺ، ڀٽائي ڪالوني، ڪيٽل ڪالوني، پپري، گلشن حديد، جوهر، سفوران چورنگي، ماڙي پور کان ملير تائين انهن گمنام هيرن جو ذڪر ڪريان، جن انساني سمنڊ آڏو خدمت جون ٻانهون کولي رات ڏينهن هڪ ڪري ڇڏيو آهي. مون کي ته شهيد فاضل راهو جي ان ننڍڙي ڏهٽي جو به نالو ياد ناهي. جنهن ويسٽ پوائنٽ ٽاور جي هڪ هڪ فليٽ تي وڃي هزارين رپين جو سامان گڏ ڪيو ۽ نه وري مون کي ميڊم ممتاز ڀٽو جي ان ڌيءَ جو نالو ياد آهي. جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايل ڀينرن لاءِ ڪپڙا گڏ ڪيا. اکين جو نور وڃائي ويٺل بشير چانڊيو به جڏهن سامان کڻي امدادي ڪيمپن تي پهتو ته دل باغ بهار ٿي وئي.
    مون ڪراچي جي قديمي سنڌين (ڪڇين، ميمڻ، گجراتين) کي پنهنجي ڀائرن جي مدد ۾ مصروف ڏٺو ته مون سڌير ميراڻي، ممتاز ڪنڌر، شبير سنجراڻي جهڙا کوڙ نوجوان رات ڏينهن پنهنجي ڀائرن جي مدد ۾ پنهنجا سمورا سک قربان ڪندي ڏٺا، ڪراچي ۾ رهندڙ سمورن سنڌين جي عجيب ڪيفيت آهي.
    هو ٻوڏ جي تباهين تي ته ڏکارا آهن. پر ڪراچي ۾ لکين سنڌين جي آمد تي خوش آهن. مون هر سنڌيءَ جي زبان مان اهو لفظ ٻڌو ته ”ٻيلي هاڻي واپس نه وڃجو، هتي ئي رهجو، “ مون ۽ نور جوکئي ڪي ٽي اين آفيس جي هيٺان هڪ ٽيبل رکي جڏهن امدادي ڪئمپ هنئين ته چند ڪلاڪن ۾ اسان کي ايترو سامان مليو. جنهن جو اسان تصور به نه ڪيو هو، ڄڻ ڪراچي جو هر سنڌي چاهي پيو ته هو پنهنجو سمورو الهه تلهه انهن ٻوڏ متاثرن کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن، پر اهي ٻوڏ متاثر رڳو هڪڙو واعدو ڪن ته هو واپس نه ويندا. هتي ئي رهندا مون کي نثار احمد کهڙي جا مذاق ۾ چيل اهي لفظ ياد اچن ٿا ته: ”آئون امداد ان کي ئي ڏيندس، جيڪو هتي گهر ٺاهيندو.“ مون خوش نه ڏٺو ته رڳو باچا خان جي پيروڪارن ۽ اسان جي جديد سنڌين کي نه ڏٺو، باقي ڪراچي جي هر ماڻهو هن وقت پنهنجون ٻاهون کولي ڇڏيون آهن. هڪ هفتي کان آئون امدادي ڪيمپن تي ويٺو آهيان. انتهائي ذميواري سان اها ڳالهه ڪندي نٿو ڊڄان ته ڪراچي جي سنڌين جي وس ۾ جيڪو آهي. اهو هو ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪري رهيا آهن. ڀلي اهو آفيسر هجي، پوليس وارو هجي، دڪاندار هجي، عورت هجي يا ٻار هجي، هر ڪو هن وقت ان ڪوشش ۾ آهي ته ٻوڏ متاثرن جي جيترو ڪم اچي سگهجي ٿو، اوترو اچجي. مون ننڍڙن ٻارن کي پنهنجون خرچيون ڪيمپن تي جمع ڪرائيندي ڏٺو آهي، مون رضوان ميمڻ کان وٺي ممتاز شاهه تائين سيڪريٽري سطح جي ڪامورن کي ماڻهن جا هٿ ڌوئاريندي ڏٺو آهي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڪراچي ۾ اسان جي قومپرست جماعتن جي ڪارڪنن تي هميشه تنقيد ٿيندي آهي، انهن جي محنتن جو جيڪڏهن ذڪر نه ڪبو ته ناانصافي ٿيندي. سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسم، عوامي تحريڪ، سنڌ نيشنل پارٽي جا ڪارڪن رات ڏينهن انهن ٻوڏ متاثرن جي پرگهور لهڻ ۾ مصروف آهن.
    ڏک ماڻهن کي گڏيندا آهن، ڏک ماڻهن ۾ برداشت ۽ سهپ پيدا ڪندا آهن. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ سنڌ جي ماڻهن کي هڪ ڇٽي هيٺ گڏ ڪري ڇڏيو آهي. آئون جڏهن ڪراچي جي ڪيمپن ۾ ڏسان ٿو ته مهر هجي يا جتوئي، اڄڻ هجي يا ڪليري، لنڊ هجي يا پتافي، اوڳاهي هجي يا تيغاڻي، هڪ ئي شامياني هيٺ نه رڳو پڻ ويٺو آهي. پر پنهنجي مائرن، ڀينرن سوڌو امداد لاءِ آيل ڀت به گڏجي کائي ٿو، ڪيڏانهن ويو قبيلائي جهيڙن جو زهر، ڪيڏانهن ويو نام نهاد غيرت جو تصور، ڪنهن کي به ڪنهن کان ڪا شڪايت ناهي. مون جڏهن اڪثر ڪيمپن تي وڃي ماڻهن سان ڪچهريون ڪيون ته اڪثر ماڻهن جي اهائي راءِ هئي ته هاڻي واپس ڪجهه به ناهي رهيو، وڃي ڇا ڪينداسين؟
    سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته ڪراچي ۾ پهتل لکين ماڻهن لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. هن شهر ۾ 10 هزار وڏيون فيڪٽريون آهن. هزارين ملٽي نيشنل ڪمپنيون آهن. لکين دڪان، هوٽلون ۽ ٻيا ڪاروباري مرڪز آهن. ڪنسٽرڪشن جون ڪمپنيون آهن. سيڪيورٽي گارڊ ڀرتي ڪرڻ جون ڪمپنيون آهن. 18 ٽائونز آهن. جيڪڏهن واقعي رٿا بندي ڪجي نه ته 3-4 لک ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري ڏيڻ ڪو ڏکيو ڪم ناهي. ڪراچي جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال 15 ڏينهن ۾ هڪ لک کوکا ٺهرائي هڪ لک ماڻهن کي روڊن جي ڀر ۾ روزگار کولي ڏنو. ان کانسواءِ انهن ماڻهن کي ڪورنگي، بلديه ٽائون، گلشن حديد، اورنگي ۽ ٻين صنعتي علائقن جي ويجهو رهائڻ گهرجي، جيئن هو خود به روزگار هٿ ڪري سگهن. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي، سمورن وزيرن کي ذوالفقار مرزا وانگر ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. جيئن مورڙي جي ماڳ تي مورڙا موٽي ٻيهر آباد ٿي سگهن.


    منڇر واري ٻوڏ کان بچڻ لاءِ دعا سان گڏ ڪهڙي دوا ممڪن آهي؟ اختيار کوکر

    سنڌ ۾ آيل وڏي ٻوڏ هن وقت تائين درياهه جي ساڄي ڪپ وارن چئن اترين ضلعن ڪشمور، جيب آباد، شڪارپور ۽ قمبر-شهدادڪوٽ ۾ وڏي تباهي آڻي چڪي آحي. ٻوڏ جو اهو پاڻي تيزي سان دادو ۽ ڄامشوري ضلعن ڏانهن وڌي رهيو آهي. جيڪو ايندڙ چند ڏينهن م منڇر ڍنڍ ۾ اچي ڇوڙ ڪندو. جيڪا ڍنڍ پهريان ئي ڀري بيٺي آهي. منڇر ۾ پاڻي ڀرڻ جي وڌ ۾ وڌ گنجائش 116 فٽ آهي، جڏهن ته 18 آگسٽ تائين ان جي ليول 111.5 فٽن تائين پهريان ئي پهچي چڪي هئي. ٽوڙي بند ٽٽڻ سان قمبر-شهدادڪٽ ضلعي ۽ حمل ڍنڍ کان ٿيندو منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ تيزي سان وڌندڙ پاڻي جو اٽڪل هڪ لک ڪيوسڪ وارو وهڪرو ماهرن جو اندازو آهي ته اٺن کان ڏهن ڏينهن اندر منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جمع ڪرڻ واري گنجائش جي آخري حد کي پار ڪري ويندو. منڇر ڍنڍ مان پاڻي ٻاهر ڪڍڻ جو صرف هڪ ئي رستو آهي ته سيوهڻ شهر جي اترين پاسي کان منڇر مان نڪرندڙ ڇنڊڻ واهه ذريعي پاڻي کي درياهه م داخل ڪيو وڃي، جڏهن ته سيوهڻ جي هيٺين پاسي کان منڇر ڍنڍ ۽ درياهه کي ملائيندڙ اڙل واهه ذريعي درياهه جو پاڻي منڇر ڍنڍ م داخل ڪيو ويندو آهي. حيرت جهڙي ڳالهه اها ٿي آهي جو ٽوڙي بند ٽٽڻ ۽ ٻوڏ جو وڏو وهڪرو ڦري منڇر ڍنڍ ۾ اچي پوڻ واري صورتحال پيدا ٿي وڃڻ کان پوءِ به ان پاڻي لاءِ گنجائش پيدا ڪرڻ، ڍنڍ کي خالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران صوبائي آبپاشي کاتي جي انتظاميه اڙل واهه جا دروازا کولي رکيا ۽ درياهه جي پاڻي سان ڍنڍ کي ڀريندي رهي. حالت نيٺ حالت اها وڃي بيٺي جو ٻوڏ جو پاڻي پهچڻ کان پهرين جبلن تان وهي آيل نئين ۽ درياهه مان پيل پاڻي سبب ڍنڍ پهريان ئي ڀرجي وئي. آبپاشي کاتي پنج ڏينهن اڳ اڙل واهه جا دروازا بند ڪري درياهه جو پاڻي ڍنڍ ۾ پوڻ کي روڪيو آهي.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي وارو خطرو ڍنڍ ڏانهن وڌي رهيو هو ته پوءِ ڍنڍ ۾ پهريان موجود پاڻي خارج ڪرڻ بدران درياهه جي پاڻيءَ سان ڍنڍ کي مسلسل ڇو ڀريو ويو؟ پاڻي معاملن جي ماهر محمد ادريس راجپوت جو چوڻ آهي ته منڇر ڍنڍ تار ڀرجي وڃڻ باوجود ان جو پاڻي درياهه ۾ ان ڪري داخل نه ڪري سگهبو، جو هن وقت درياهه جي وهڪري جي سطح منڇر ڍنڍ جي سطح کان گهڻي مٿي آهي. جيڪا ايندڙ اٺن ڏهن ڏينهن تائين به ان سطح تي نه اچي سگهندي، جو منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهجي. ان وقت به درياهه جي پاڻي جي سطح اٽڪل 119 فوٽ هوندي. جنهن ۾ منڇر جو 116 فٽ اونچائي وارو پاڻي داخل ٿيڻ ممڪن ناهي. هو چوي ٿو ته منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ان وقت داخل ٿي سگهندو، جڏهن سيوهڻ وٽ درياهه جو وهڪرو ست اٺ لک ڪيوسڪ کان گهٽجي اٽڪل 2 لک ڪيوسڪ تي اچي. ان وقت درياهه منڇر جي پاڻي کي پنهنجي پيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيندو، ان ڪري منڇر جي ٻوڏ واري صورتحال تمام گهڻي خطرناڪ بڻجي وئي آهي. هو چوي ٿو ته منڇر واري ٻوڏ کان بچڻ لاءِ هن صورتحال ۾ صرف دعا ئي ڪري سگهجي ٿي اهو ائين آهي. جيئن ڪنهن مريض کي ڪو ڊاڪٽر لاعلاج قرار ڏئي ڇڏي ۽ وارثن کي چيو وڃي ته سندس وڌيڪ علاج ڪرائڻ بدران گهر م سندس سار سنڀال رکو ۽ سندس لاءِ دعا گهرو، ٻين لفظن ۾ ان جو مطلب اهو ٿيو ته پاڻي جي وهڪرن جي موجوده صورتحال موجب منڇر ڍنڍ جو بند ٽٽڻ اڻٽر آهي. منڇر ڍنڍ جي بند ٽٽڻ سان جيڪا تباهي ايندي. اها ٽوڙي بند ٽٽڻ سان آيل تباهي کان گهٽ نه هوندي ماهرن جو چوڻ آهي ته منڇر جو بند ٽٽڻ سان بوبڪ، ڀان سعيد آباد، ٽلٽي، سيوهڻ شريف، دادو کان وٺي خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ تائين جو سڄو علائقو ٻڏي سگهي ٿو ۽ اهو پاڻي وڃي جڏهن درياهه واري بچاءَ بند سان ٽڪرائبو ته ان بند کي پڻ ٽوڙي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن اهو بند ٽٽو ته پوءِ درياهه جي مٿين سطح وارو پاڻي وهڪرو پڻ ٻوڏ کي وڌائي ڇڏيندو. الله سائين خير ڪري ٻوڏ جي هڪ اهڙي وڏي ۽ خطرناڪ تباهي واري صورتحال نظر اچي رهي آهي. صوبي جا وڌيڪ لکين ماڻهو ٻوڏ کان متاثر ٿيندا ۽ وڌيڪ هزارين ڳوٺ ۽ شهر تباهي جي لپيٽ ۾ اچي ويندا. پر برباد ٿيندڙ علائقي جي بحالي پڻ سالن تائين مسئلو بڻيل رهندي، سوال اهو آهي ته ڇا اسان کي سامهون نظر ايندڙ ان تباهي جي اچڻ جو صرف هٿ ٻڌي ائين انتظار ڪرڻ گهرجي. جيئن ڪو ڪنهن لاءِ علاج مريض جي فوت ٿيڻ جو انتظار ڪندو هجي؟ يا ان تباهي کان بچڻ جون ڪوشسون ڪرڻ گهرجن ۽ هر قسم جي تدبيرن ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ سان گڏ معاملي کي حل ڪرڻ ۽ ان مصيبت کان بچڻ لاءِ دعا سان گڏ دوا به ڪرڻ گهرجي ۽ سڀ هيلا وسيلا ڪتب آڻن کان وسئون نه گهٽائڻ گهرجي؟ اها مصيبت صرف ان وقت ٽري سگهي ٿي، جو هڪ ته ٻوڏ جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ پهچڻ ۾ دير ڪري ۽ منڇر ڍنڍ جي سطح تار ٿي وڃڻ کان پهرين درياهه جي سطح هيٺ لهي وڃي. نمبر ٻه سست رفتاري جو شڪار ٿي ويل درياهه جي پاڻي جو وهڪرو تيز ٿئي ۽ منڇر جي تار ٿيڻ کان پهرين سيوهڻ وٽ درياهه جي سطح مناسب حد تائين هيٺ لهي اچي. انهن ٻنهي آپشنز مان ٻوڏ جي پاڻي جي منڇر ڏانهن وهڪري جي رفتار کي گهٽائڻ ڏاڍو ڏکيو نظر اچي رهيو آهي. جڏهن ته درياهه جي وهڪري جي رفتار کي تيز ڪرڻ لاءِ هڪ تدبير موجود آهي.
    آبپاشي کاتي جي رڪارڊ موجب 1975ع ۾ سکر بئراج کان نڪتل درياهه جو وڏو وهڪرو اٺن ڏينهن ۾ ڪوٽري بئراج وٽ پهتو. 1978ع ۾ ان وهڪري ست ڏينهن ورتا، پر 198/6ع ۾ دادو- مورو پل تعمير ٿيڻ کان پوءِ سکر کان ڪوٽڙي تائين پهچڻ ۾ ٻوڏ جي وڏي وهڪري 10 ڏينهن لڳائي ڇڏيا. وهڪري ۾ اها سستي دادو- مورو پل اڏڻ لاءِ درياهه جي پيٽ ۾ تعمير ڪيل ايپروچ بند سبب ٿي. گذريل سال هڪ ڪلوميٽر ڊيگهه واري لاڙڪاڻو- خيرپور پل اڏڻ لاءِ درياءَ جي 15 ڪلوميٽر پيٽ کي بند ڪرڻ لاءِ اڏيل نون ايپروچ بندن وهڪري جي انهي رفتار کي وڌيڪ سست ڪري ڇڏيو آهي. دادو- مورو ۽ لاڙڪاڻو- خيرپور پلين جي ايپروچ بندن ۾ مختلف هنڌن تان پاڻي جي نيڪال جو ڪو به نظام نه رکڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي، جو نه صرف سکر بئراج مان پاڻي جي نيڪال جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آهي. بلڪه سکر بئراج کان نڪرندڙ پاڻي جو وهڪرو ڪوٽڙي بئراج تائين پنجن کان ڇهه ڏينهن وڌيڪ دير سان پهچي ٿو، پاڻي جي وهڪري جي رفتار ۾ آيل ان گهٽتائي جي نتيجي ۾ خاص ڪري سکر بئراج کان لاڙڪاڻو- خيرپور پل تائين بچاءَ بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ پڻ زبردست وڌي ويو آهي. رفتار ۾ آيل گهٽتائي ڪوٽڙي بئراج تائين سڀني بندن تي پاڻي جو دٻاءُ پڻ زبردست وڌي ويو آهي. رفتار ۾ آيل گهٽتائي ڪوٽڙي بئراج تائين سڀني بندن تي پاڻي جو دٻاءُ پڻ وڌايو آهي. اهو مسئلو پنهنجي جاءِ تي، پر سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري ويل منڇر ڍنڍ جي ٻوڏ واري مسئلي جو پڻ وڏو تعلق درياهه جي پاڻي جي وهڪري جي سست رفتاري سان آهي، ان ڪري هڪ اهم تجويز اها آهي ته جيڪڏهن لاڙڪاڻو- خيرپور پل ۽ دادو- مورو پل جي ايپروچ بندن کي ڇهن کان اٺن هنڌن تي هٿرادو گهارا ڏجن ته درياهه جي پاڻي جي رفتار تمام گهڻي تيز ٿي سگهي ٿي ۽ جيئن ته درياهه جي مٿين وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي. ان ڪري ايندڙ اٺن کان ڏهن ڏينهن اندر جيستائين ٽوڙي واري ٻوڏ جو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ پهچندو ۽ منڇر تار ٿيندي ان وقت تائين سيوهڻ وٽ درياهه جي پاڻي ۾ پڻ وڏي لاٿ اچڻ جا امڪان پيدا ٿي سگهن ٿا ۽ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو رستو کلي سگهي ٿو.
    ان معاملي تي مون پاڻي واري ماهر جناب ادريس راجپوت کان جڏهن راءِ گهري ته هن چيو ته هو اصولي طور تي پلين جي ايپروچ بندن کي هٿرادو گهارا هڻڻ کي ٺيڪ نٿو سمجهي. پر ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايپروچ بندن کي گهارا ڏيڻ سان سنڌو جي پاڻي جي وهڪري جي رفتار تيز ٿي ويندي ۽ پاڻي جو پويون وهڪرو سيوهڻ تائين پهچڻ ۾ چئن ڏينهن جو پئجي ويندو. هو چوي ٿو ته ڏسڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا پاڻيءَ جي وهڪري ۾ ايندڙ ان تيزيءَ جي نتيجي ۾ ايندڙ اٺن ڏهن ڏينهن اندر سيوهڻ وٽ منڇر جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ لاءِ سنڌو وٽ وهڪرو گهربل ٻه لک ڪيوسڪ تي اچي ويندو. هو چوي ٿو ته پاڻي جي مٿين وهڪرن کي نظر ۾ رکندي سندس اندازو آهي ته انهيءَ عرصي دوران سيوهڻ وٽ پاڻي جي وهڪري جي سطح شايد گهربل حد تي نه اچي سگهي. پر اها ڳالهه طئه آهي ته انهيءَ تجويز تي عمل ٿيڻ سان سيوهڻ وٽ پاڻي جي وهڪري ۾ لاٿ آڻڻ ۾ چئن پنجن ڏينهن جو فرق پئجي ويندو.
    ڏٺو وڃي ته جڏهن هڪ وڏي ۽ اڻٽر مصيبت کان بچڻ لاءِ ڪو به آپشن موجود نه هجي. ان حالت ۾ درياهه جي سطح ۾ چارج پنج ڏينهن پهرين گهٽائي اچڻ پڻ ڪا گهٽ ڳالهه ناهي. ان جو مطلب اهو ٿيندو ته جيڪڏهن خدا نه ڪري منڇر ڍنڍ جو بند اوور ٽاپ به ڪري وڃي ۽ ان کان پوءِ جلد درياهه جي سطح گهربل حد تائين هيٺ لهي وڃي ۽ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ وهائڻ جو رستو کلي وڃي ته پوءِ به هڪ وڏي علائقي کي تباهي کان بچائي سگهجي ٿو. ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻي جي مٿين وهڪرن جي رفتار کي نظر ۾ رکندي ان تجويز تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ان تجويز تي عمل ڪرڻ سان منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جو ڪو رستو وقت اندر نڪري سگهي ٿو يا ٻيو نه ته دادو ۽ ڄامشورو ضلعن ۾ ايندڙ ممڪن تباهي جي نقصانن کي گهٽائي سگهجي ٿو ته اها به هڪ وڏي ڪاميابي هوندي.


    ٻوڏ ڪٿي دنگ ڪندي؟ محمد ادريس راجپوت

    ٻوڏ جو چوٽيءَ وارو وهڪرو گڊو ۽ سکر بيراجن تي لهڻ کان پوءِ هاڻي ڪوٽڙي براج تي پهچي رهيو آهي ۽ 21 آگسٽ 12 بجي ڏينهن جو اتي 7 لک 75 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو هو، گذريل 55 سالن ۾ ڪوٽري بيراج کان مٿين ڀر رڳو 8 سال اهڙا رهيا آهن. جڏهن اتي 7 لک ڪيوسڪ کان مٿي پاڻي آيو هجي. سال 1995ع ان پوءِ اتي ڪا وڏي ٻوڏ نه آئي آهي. جيڪا بندن جي لحاظ کان خطرناڪ آهي. جو انهيءَ عرصي ۾ بند سيڪجي نه سگهيا آهن، وري چاڙهه ايترو تکو آهي. جو پوين ٽن ڏينهن ۾ اٽڪل سوا چار لک ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙي بيراج تي چڙهيو آهي. انهيءَ تڪڙي چاڙهه ڪري بندن ۾ روڻ پوڻ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. خبر پئي آهي ته هالا ۽ مٽياري ۾ ڪيتريون روڻيون پيون آهن. جيڪي وقت تي لڀي وڃڻ ۽ ڏينهن رات پهري سبب ڪنٽرول هيٺ اچي ويون آهن. جيڪڏهن روڻ ڪنٽرول نٿي ٿئي ته اها کنڊ ۾ بدلي وڃي ٿي. جيتريون روڻيون ڪنٽرول ڪيون ويون آهن .سمجهو ته اوترا کنڊ پوڻ کان بچي ويا، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.
    بندن ۾ کنڊ پوڻ جا 89 سبب بند مينوئل ۾ ڄاڻايل آهن. اهي آهن درياهه جي پاڻيءَ جو بند مٿان ورڻ، يعني اوور ٽاپنگ روڻ پوڻ، بلو آئوٽ، ڇولين ڪري بند جو کاڄڻ درياهه جي کاڌ بندن جو سيمو ڪرڻ، بندن جو ويهي وڃڻ ۽ بند سلوس جو فيل ٿيڻ انهيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ روڻ آهي. بند مينوئل ۾ روڻ پوڻ جا سبب هن ريت ٻڌايل آهن. پهري ڏيندڙ بيلدار جي لاپرواهي. ليڪ کي بند ڪرڻ لاءِ ضروري سامان جي گهٽتائي اڻ سڪيل بند تي پاڻي جي تڪڙي چاڙهه، سيمي ٿيندڙ لائين مٿان مٽي گهٽ هجڻ، خراب مٽي واري بند ۾ حفاظت لاءِ Sand diapharm core جو نه هجڻ، بند مينوئل ۾ اهو به لکيل آهي ته جيڪڏهن نگراني ڪندڙ عمل جهجهو آهي. هوشيار رهي ٿو ۽ سڀ شيون اٿن ۽ اهي روڻ ڳولهي وٺن ٿا، انهيءَ جو رخ ڳولي وٺن ٿا ۽ روڻ بند ڪري وٺن ٿا ته کنڊ پوڻ کي ڪاميابي سان روڪي سگهجي ٿو، هن سال آيل ٻوڏ ۾ بند اڻ سيڪيل آهن ۽ پاڻيءَ جو چاڙهه تمام تڪڙو آهي. تنهن ڪري خطرناڪ آهي. انهيءَ کي سٺي بندوبستن ۽ صحيح پهري سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو.
    ٻوڏ جي وقت ۾ ٻين شين جو فڪر رهندو آهي. هڪڙو پاڻي گهڻو ٿو پاس ٿئي. يعني اخراج ٻيو گيج يا ليول گهڻي رهي. بيراجن جي پاڻي پاس ڪرڻ جي لحاظ کان اخراج اهم آهي. جڏهن ته بندن جي لحاظ کان گيج يا ليول اهم هجي ٿي. جيئن بندن تي پاڻي جي ليول مٿي. تيئن بند کي وڌيڪ خطرو، ڪوٽڙي بيراج کان هيٺين بندن لاءِ ڪوٽري گيج اهم آهي. 16 فوٽ گيج تائين حيدرآباد جي بندن تي ڪو خطرو ناهي، جو انهيءَ گيج تي پاڻي جي ليول ۽ زمين جي ليول هڪ ٿئي ٿي. انهيءَ کان مٿي گيج معنيٰ پاڻي جو عميق، بندن تي جيترو گيج هجي، انهيءَ مان 16 فوٽ ڪٽي باقي عميق ليکبو. 21 آگسٽ تي ڪوٽري گيج 20.2 فوٽ هيو، معنيٰ ته بندن تي لڳل پاڻي 4.2 فوٽ جو زور ڏيون بيٺو آهي. تاريخي رڪارڊ موجب وڌ ۾ وڌ ڪوٽري گيج سال 1956ع ۾ 26.4 فوٽ هيو. ٻيو نمبر سال 1973ع ۾ 25.4 فوٽ ۽ ٽيون نمبر سال 1976ع ۾ 25.3 فوٽ هيو هينئر هي 1956ع واري 26.4 کان 4.2 فوٽ گهٽ آهي. معنيٰ اڃان بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ گهٽ آهي. پر پوءِ به تمام خطرناڪ آهي. جو ڪيترن سالن کان بندن کي پاڻي نه لڳو آهي ۽ بند اڻ سيڪيل آهن.
    ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ تائين جي بندن لاءِ 5 سببن ڪري نقصان ٿي سگهي ٿو. هڪڙو روڻ سبب ٻيو بلو آئوٽ ڪرڻ، ٽيون سيمي ڪرڻ، چوٿون Wave wash ڪرڻ، ۽ پنجون چانڊوڪي راتين ۾ سمنڊ جي وير چڙهي اچڻ ڪري روڻ ۾ ميرو پاڻي بند مان زمين واري پاسي نڪري ايندو آهي. بلو آئوٽ ۾ بند کان پري زمين واري پاسي پاڻي ٻڙڪا ڏئي نڪري ايندو آهي. سيمي سبب پاڻي بند کي زمين واري پاسي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. هوا جي ڪري ڇوليون پيدا ٿينديون آهن. جيڪي بند جي مٽيءَ کي کائن ٿيون. وير چڙهڻ جي ڪري سمنڊ درياهه جي پاڻي کي روڪي بيهي ٿو. جنهن ڪري بندن تي پاڻيءَ جو دٻاءُ وڌي وڃي ٿو ۽ بندن تي پاڻي ليول چڙهي وڃي ٿي. روڻ کي منهن تان بند ڪبو آهي، بلو آئوٽ لاءِ يا ڊرم رکي ڇڏبو آهي يا وري پويان مٽيءَ جي منگلي ڏبي آهي. سيمي لاءِ بند تي زمين واري پاسي مٽي چاڙهبي آهي. ڇولين جي کاڌ لاءِ مهاڙيون ٺاهبيون آهن. سامونڊي وير جي ڪري بندن کي اوورٽاپ ٿيڻ کان بچائبو آهي. يعني يا مٽي جو ٻنو ڏبو آهي يا ڳوڻيون مٽي سان ڀري رکبيون آهن.
    الله جي فضل ۽ ماڻهن جي ڪوششن سان ٻن کنڊن کان پوءِ (جن جي ڪري وڏي تباهي آئي آهي) باقي سنڌ محفوظ رهي آهي. اميد آهي ته هيءَ ٻوڏ باقي وارو سفر به بنا ڪنهن نقصان ڪرڻ جي سمنڊ ۾ لهي ويندي.

    ٽوڙي واري کنڊ جا هاڃا:
    ٽوڙيءَ واري کنڊ ملڪ ٻوڙي ڇڏيا آهن ۽ اڃان انهيءَ جو سفر جاري آهي. کنڊ بند نه ٿيو آهي ۽ انهيءَ مان پاڻي هينئر به وهي پيو ۽ انهيءَ وقت تائين وهندو رهندو، جيستائين کنڊ بند نٿو ڪيو وڃي. بند مينوئل ۾ 1942ع واري کنڊ ٻڏڻ جو ذڪر آهي. اهو تڏهن بند ڪرڻ شروع ڪيو ويو هيو، جڏهن درياهه جو وهڪرو گهٽجي اڍائي لک ڪيوسڪ ٿيو هو، اهو ايف پي بند کان مٿي ورايل پاڻي وري حمل ڍنڍ ۾ گڏ ٿي ايم اين وي ڊرين وسيلي منڇر ڏي روانو ٿيو. جنهن ايم اين وي ڊرين کي ٽوڙي ڇڏيو. وري باقي بچيل پاڻي هيٺ هليو ۽ گهاڙ مين ڊرين ۽ ڌامراهه برانچ ڊرين کي ڪٽي ميهڙ سامهون سپريو بند کي اچي لڳو. سپريو بند ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه کي بچائي ٿو. سپريو بند کان هيٺ هليل پاڻي ايم اين وي ڊرين کي ٽوڙيو، جيڪو جوهي برانچ تي پهچي ويو، پر ان کي اتي روڪيو ويو ۽ جوهي شهر ٻڏڻ کان بچي ويو. اهو پاڻي منڇر کان مٿي اٿلي پيو ۽ منڇر جي زيرو پوائنٽ تائين ڀريل رهيو ۽ نيٺ منڇر ۾ ويو.
    شهدادڪوٽ کان هيٺ زمين جو سلوپ ايف پي بند سان لڳو لڳ منڇر ڏي آهي. ٽوڙي بند جو پاڻي به ساڳيو رستو وٺندو ۽ منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو. ڏسڻو اهو آهي ته منڇر تائين پهچڻ تائين انهيءَ کي ڪيترو گهٽايو وڃي ٿو، جيئن سال 2007ع ۾ ڪيو ويو هو، جو ڪجهه پاڻي ايف پي بند کي ڪٽ هڻي حمل ڍنڍ ۾ اماڻيو ويو هو، پر ڀلي پاڻي ايف پي بند کان مٿان وڃي يا هيٺ انهيءَ جو پڇاڙيءَ وارو ڇوڙ جو هنڌ منڇر آهي. جنهن تي دٻاءُ وڌندو، هينئر منڇر جي ليول 111 فوٽ آهي ۽ درياهه جي ليول 120 فوٽ. هينئر منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ نٿو ڪري سگهجي. ٽوڙي واري پاڻي اچڻ ڪري منڇر جي ليول وڌندي، پر درياهه جي ليول گهٽبي. درياهه جي ليول اٽڪل 110 فوٽ تڏهن ٿئي ٿي. جڏهن سکر بيراج کان هيٺ وهڪرو اٽڪل 2 لک ڪيوسڪ ٿئي ٿو، منهنجي خيال ۾ 15 ڏينهن تائين ته سکر بيراج تي وهڪرو 2 لک ڪيوسڪ ٿيڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن ٽوڙيءَ جو پاڻي پندرهن ڏينهن ۾ منڇر پهچي وڃي ٿو ۽ منڇر جي ليول وڌي ٿي ۽ اهو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ نه ڪري سگهجي ته منڇر جو بند ٽٽي سگهي ٿو، جنهن ڪري ڀر وارا علائقا ٻڏي سگهن ٿا.
    چوندا آهن ته مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڌيڪ طاقتور آهي. جيڪڏهن هو ٻاجهه ڪري ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي سگهي ٿو، ائين به ٿي سگهي ٿو ته منڇر جي ليول ايتري نه چڙهي ۽ درياهه تڪڙو لهي وڃي ۽ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهي.
    جي ليلائي نه لهين ته پڻ ليلائيج،
    آسرو نه لاهيج سڄڻ ٻاجهارو گهڻو!

    (شاهه)


    هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي؟ اشفاق آذر

    جيتوڻيڪ درياءَ جي هن بي رخي ۽ ڪاوڙ جا ذميوار رڳو چند ماڻهو آهن، پر توهان ڏسو ته درياءَ پنهنجي دوستي ۽ دشمني برابري سان ورهائيندو آهي، هو ڪا تفريق ناهي رکندو. هن ديس جا جهونا به ڪنن کي هٿ هڻي چون ٿا ته هنن اهڙي ٻوڏ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي. جن جي درياءَ سان سنگت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين محيط آهي. اهي به هيل درياءَ جي دهشت کان خوفزده آهن. هي قصو ٽوڙي بند کي لڳل/ هنيل گهاري کان شروع ٿيو ۽ پوءِ هر گذرندڙ ڏينهن پاڻ سان گڏ ٻوڙ ٻوڙان جا ڪيترائي داستان کڻي ايندو رهيو، اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. هن ٻوڏ ڇا ڇا نه ٻوڙي ڇڏيو آهي، ماڻهن جا ڪچا گهر، گهرن جا اڱڻ اڱڻ ۾ وکريل ننڍپڻ جون يادون، رانديون کيڏڻ جا ميدان، اهي گهٽيون، جن تي هاڻ پيرن جا نشان به ناهن رهيا، مال مويشي، هنڌ ٽپڙ، اکين جو نور نچوئي ٽاڪيل رليون، ڦڙي ڦڙي ڪري گڏ ڪيل مال متاع.... جيڪي بچيو سو سکڻا سر هئا، جيڪي کڻي ماڻهو ڪي ڪيمپن تائين پهتا، ڪي اڃان دربدر آهن.
    گڊو کان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور کان ويندي شهدادڪوٽ پير جو ڳوٺ کان ويندي مانجهند تائين هزارين ڳوٺ آهن، جن ۾ رهندڙ لکين ماڻهو پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن آهن. هن ٻوڏ ڀلي ڀت سرڪاري اهليت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي. هاڻي ماڻهن کي چڱي ريت اهو اندازو ٿي چڪو آهي ته سرڪار هنن جي لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿي؟ سرڪار کين نه رڳو خطري کان اڳ آگاهي نٿي ڏيئي سگهي، کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نٿي ڪري سگهي، سندن لاءِ بروقت ڪيمپن جو بندوبست نٿي ڪري سگهي پر سندن سار سنڀال به نٿي ڪري سگهي، ڪجهه آفيسرن کي ڇڏي ڪري عوام جي ئي ٽيڪسن جي پيسي مان ڳرين پگهارن ۽ مراعاتن تي رکيل ڪامورن توڙي لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪارڪردگي تي هن ٻوڏ جي پاڻي چڱي نموني پاڻي ڦيري ڇڏيو. حالت اها رهي ته وزير هجن يا ڪامورا سڀ پاڻي جي پويان ڊوڙندا رهيا ۽ پاڻي کين ڊوڙائيندو رهيو، پوءِ جنهن کي جتان سمجهه ۾ پئي آيو، اتان پاڻي کي ڪٽ ڏيڻ شروع ڪري ڏنائون. هڪ علائقي کي بچائڻ لاءِ ٻيا علائقا ٻوڙڻ شروع ڪري ڏنائون. توهان غور ڪيو ته پاڻي ايترو ناهي ٻوڙيو، جيترو انهن همراهن جي ”عقل ۽ دورانديشي“ انهن علائقن کي ٻوڙيو آهي. اهو ياد ڪرڻ کانسواءِ ته پاڻي پنهنجا گس پاڻ ٺاهيندو آهي هو ڪٽ لڳائيندا ويا، نتيجي ۾ ڳوٺ ۽ شهر ماڻهن کان خالي ٿيندا ويا، ماڻهن جون مال ملڪيتون پاڻي جي قبضي هيٺ اچي ويون ۽ سرنديءَ وارن وڏن شهرن ۾ قائم ڪيل بنگلن ۾ پناهون وٺي خلق کي چورن، لٽيرن ۽ بي رحم لهرن جي رحم وڪرم تي ڇڏي ڏنو، ماڻهو ڀڳڙن مٺ تي پنهنجا زيور ۽ ڳهه ڳٺا کپائي ٽرانسپورٽ جا ڳرا ڀاڙا ڀري نڪرڻ لڳا ۽ سرڪار اهي اعلان ڪندي رهي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري وڃن! هينئر به ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو ڦاٿل آهن جن لاءِ ڪا واهر ڪانهي. هنن کي پاڻي نه، پر بک ماري رهي آهي! توهان نٿا سمجهو ته هن ٻوڏ ۾ سرڪار جي اها ”گڊ گورننس“ به لڙهڻ گهرجي؟
    هن پاڻي نه رڳو آبپاشي کاتي جي ”بند مينوئل“ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي پر کين اهو به يادگيرو ڏياريو آهي ته جڏهن درياءَ سان کئونس ڪئي ويندي آهي ته درياءَ جو انتقام ڪنهن به بند يا ڪٽ کي مڃڻ جو محتاج نه هوندو آهي. هن ٻوڏ ۾ جيڪڏهن ٻڏڻ گهرجي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي اها بي حسي ٻڏڻ گهرجي. جيڪا هو بندن سان روا رکندا آيا آهن. سندن اها غفلت لڙهڻ گهرجي. جنهن جي ڪري اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. سندن اها روش لڙهڻ گهرجي. جنهن ۾ هو نوڪري بچائڻ کي ترجيح ڏيڻ بدران بندن ۽ ڪنارن کي بچائڻ تي ڌيان ڏين. هن ٻوڏ ۾ هنن جي سرڪاري جي حضوري ۽ ها ۾ ها ملائي ماڻهن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ وارو رويو ٻڏڻ گهرجي. توهان کي ٽي وي اسڪرين ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مليا هوندا. جنهن ۾ غلط تجزيا، سڀ خير هجڻ جون دعوائون ۽ ميڊيا کي هراس نه پکيڙڻ جون هدايتون ٿيل هونديون پر پاڻي انهن سمورين دعوائن ۽ تجزين کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو، هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ هاڻي اها ”سرڪاري حقيقت پسندي“ به ٻڏڻ گهرجي.
    جيڪڏهن اهو سوچجي ته ٻوڏ کان اڳ واري سنڌ ڪيئن هئي ته اها قبائلي جهيڙن ۾ ورتل نو گو ايرياز واري سنڌ به هئي. اتر سنڌ جا اهي علائقا جتي برادرين جا هٿياربند هڪٻئي جي علائقن ۾ وڃڻ کان لنوائيندا هئا. پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچابند ٿي رهندا هئا. انيڪ بردارين جا سردار پنهنجي انا ۽ ضد سبب انهن قبائلي جهيڙن کي هٿي ڏيندا هئا. سرڪاري سرپرستي ۾ جرڳا ٿيندا هئا. خير ٿيڻ بعد وري رتو ڇاڻ ٿي ويندي هئي. ويگنن، بسن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين مان ماڻهن کي لاهي گولين جو بک بڻايو ويندو هو. انهن ئي نو گو ايرياز ۾ ٻوڏ جي پاڻي نه رڳو داخل ٿي ڏيکاريو، پر انهن برادرين کي بي دخل ٿيڻ تي پڻ مجبور ڪري ڇڏيو، پاڻي لاءِ ڪو به نو گو ايريا نه هوندو آهي، پاڻي پنهنجا ايريا پاڻ طئي ڪندو آهي. ڪو ئي ٻڌائي ته ڇا پاڻي اهو فرق رکيو ته فلاڻو اوڳاهي آهي، تيغاڻي، لنڊن، بوزدار، مهر، جتوئي آهي يا ڪو ٻيو... ڇا پاڻي اها تميز رکي ته فلاڻي برادري جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ فلاڻي برادري کي بخش ڪري ڇڏڻو آهي..؟ پاڻي سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪيو. اهي ماڻهو جيڪي هڪٻئي جي ڳوٺن ڏانهن منهن نه ڪندا هئا. سي پنهنجا سر بچائي هڪٻئي سان گڏجي ٻوڏ مان نڪتا. مون کي خبر ناهي ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لهندو ۽ سمورين برادرين جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس ورندا ته ڇا وري هو ساڳين ئي نو گو ايرياز ۾ قيد ٿي ويندا. ڇا وري هنن جي زندگي ۾ سردارن جي انا رڪاوٽ بڻجي ويندي؟ پر منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت آهي ته هو درياءَ مان سبق سکن ۽ هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ اهو ضد، اهي قبائلي جهيڙا، اهو جرڳائي نظام ۽ اهي فرسوده ريتون رسمون به لوڙهي ڇڏين، جن ورهين کان هن سماج کي انساني، اخلاقي قدرن کان کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جڏهن اهي ماڻهو واپس پنهنجي تر موٽين ته اسان کي اهي منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته انهن برادرين جي ماڻهن جي هٿن ۾ هٿيارن بدران ڪوڏرون ۽ تغاريون هجن ۽ بنا فرق جي هڪٻئي جي گهرن جي تعمير ۾ حصو وٺن. اسان کي اهي به منظر ڏسڻ ۾ اچن ته سمورين برادرين جا سردار بنا ڪنهن تفريق جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهن. اها مدد جيڪا هو ٻوڏ کان اڳ نه ڪري سگهيا. تنهن کي هو پنهنجو ڪفارو سمجهي ادا ڪن، جن ڪاٽڪوئن کي هو پنهنجي پناهه ۾ رکندا آيا آهن. تن کان دستبردار ٿين ۽ جيڪي به قبائلي جهيڙا هلندڙ آهن، تن جي هميشه لاءِ خاتمي جو اعلان ڪن.
    هن ٻوڏ هاڻي يادگيري ۾ فقط پاڻيءَ جي تيز وهڪرن، لڙهندڙ لوڙهڻ پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي صدائن، ڪيمپن ۾ سٿيل بيمارين وگهي مرندڙ ماڻهن جي داستان کانسواءِ ڪجهه ناهي ڇڏيو. سنڌ جي ڳوٺن مان ٿيندڙ هجرتن جا منظر ڄڻ ته هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن. 47ع کان پوءِ ورهاڱي سبب جيئن سنڌ جي شهرن جي ڊيمو گرافي تبديل ٿي. امن ۽ سڪون برباد ٿيو، قبضا خوري، ڀتا خوري جا نوان داستان جنم وٺڻ لڳا. تن ڄڻ ته ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ئي ديس ۾ اجنبي بڻائي ڇڏيو هاڻي هي ٻوڏ لڏ پلاڻ جا نوان منظر ڏيکاري رهي آهي. انهن ئي شهرن ۾ جتي ڪڏهن سنڌين جي اڪثريت هوندي هئي، تن جي سيني تي اردو جي محاوري وانگر .سانپ لوٽ رهي هين“ مختلف طريقن سان کين تنگ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي ته هڪ خاموش مهم به هلندڙ آهي ته ڪنهن طريقي سان انهن ٻوڏ متاثرن کي انهن شهرن ۾ آباد ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ جيڪي اچي چڪا آهن. تن جي جلد کان جلد واپسي ممڪن بڻائي وڃي. توهان جيڪڏهن خبرداري سان مختلف چينلن جو جائزو وٺندئو. اخباري خبرن کي ڌيان سان پڙهندئو ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي، توهان ان رويي جي هڪ جهلڪ ڪراچي جي مروت باغ ۾ ٿيندڙ واقعي مان به ڏٺي هوندي ته مختلف چينلس تي سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن سان منسوب ڪيل بي بنياد بيانن مان به اندازو لڳائي سگهو ٿا. جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن جي آمد ڪراچي م روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي وڏن شهرن ۾ قائم ڪيمپن ۾ متاثرن جي زندگي ان حد تائين مشڪل بڻائڻ واري روش هلي رهي آهي ته جيئن اهي تنگ ٿي جلد کان جلد پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس وڃڻ جو مطالبو ڪن. اهي ڳوٺ جيڪي هاڻي هنن جا پنهنجا ناهن رهيا. پر سنڌ جي سڄاڻ حلقن م اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته جڏهن هي ڌرتي ٻاهران ايندڙ غيرن کي پناهه ڏيئي سگهي ٿي. کين روزگار ۽ گهر ڏيئي سگهي ٿي ته پوءِ هن ئي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ هتي ڪا گنجائش ڇو نه هجڻ گهرجي؟ انهن وڏن شهرن ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ٻوڏ متاثرن جون باقاعده وسنديون قائم ٿيڻ گهرجن، جتي کين گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. کين روزگار ڏنو وڃي ته جيئين هو پنهنجا ڪٽنب پالي سگهن. هن ٻوڏ ۾ هاڻ اها تعصب پرستي، ٻه اکيائي ۽ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ويڳاڻپ جو رويو به لڙهڻ گهرجي. جنهن سنڌ کي ڪن ڏهاڪن کان وٺي ٻولي جي بنياد تي ورهائي رکيو آهي. ڪياماڙي ٽائون ۾ ورهاڱي کان اڳ آيل هڪ پناهگير ميرپور ٻرڙو جي ٻوڏ متاثرن کي پناهه ڏيڻ وقت چيو هو ته، ”اسان جا وڏا جڏهن لٽجي هتي سنڌ پهتا هئا ته سنڌين کين پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، اسان سندن ٿورو ته ڪڏهن به نٿا لاهي سگهون پر هڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور ڪري سگهون ٿا ته هن مشڪل جي گهڙي ۾ هنن لاءِ به پنهنجي دلين جا دروازا کوليون، پر تنهن هوندي به هنن جا انيڪ احسان اسان جي ٿوري نيڪي مٿان ڳرا آهن! هن ٻوڏ ۾ هاڻ اهي سموريون تلخيون ۽ نفرتون ٻڏڻ گهرجن. جن جي ڪري سنڌ جا وڏا شهر سنڌين لاءِ اوپرا بڻجي ويا آهن، جتي مفاد پرست ٽولا ڏينهن رات رڳو پنهنجي فائدي لاءِ سرگردان آهن. هن ڌرتي پنهنجن ۽ پراون سڀني کي نوازيو آهي. هاڻ هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪوٽا سسٽم به لڙهڻ گهرجي ته ڊوميسائيل جو شرط به ٻڏڻ گهرجي!.


    ٻوڏ جا سبب ۽ دربدر ٿيل سنڌ واسين جو مستقبل…ڊاڪٽر مير عالم مري

    تازو سنڌ ۾ شديد برساتن سنڌو ندي جي ڏن ڀروندين ۾ آيل سيلابن سبب، سنڌو درياهه ۾ تمام وڏي ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي آهي. آيل خبرن ۽ تجزيه نگارن جي تجزين موجب ٻوڏ جو بنيادي سبب مون سون جون تمام گهڻيون برساتون آهن. اسان جي نظر ۾ اهو سبب درست آهي پر اهو اڪيلو سبب ڪونهي. ٻوڏ ۽ ان جي نتيجي ۾ خاص طور تي سنڌ اندر ٿيل تباهي جا بنيادي سبب ڪجهه ٻيا آهن. جن تي يا ته ڳالهايو ڪو نه پيو وڃي يا وري انهن سببن کي گهربل اهميت نه پئي ڏني وڃي. اهي سبب هي آهن.
    (1) سنڌ کان ٻاهر، بالخصوص پنجاب اندر جيڪي ڊيم يا فلڊ ڪئنال ٺاهيا ويا آهن. انهن جو بنيادي مقصد ئي اهو هو ته ٻوڏ ۾ جڏهن سنڌو ندي اندر سيلابي پاڻي جو مقدار وڌي وڃي، تڏهن اهي ڊيم/ فلڊ ڪئنال وغيره ڀريا/ وهايا وڃن. پر پنجاب پنهنجو روايتي مظاهرو ڪندي اهي ڊيم (تربيلا ۽ منگلا وغيره) ان وقت ئي ڀري ٿو ڇڏي. جڏهن سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو مقدار ملڪي ضرورتن لاءِ ئي ناڪافي هوندو آهي. نتيجي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي کوٽ پيدا ٿيو پوي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته موجوده ٻوڏ کان ڪجهه هفتا اڳ م ئي پنجاب تربيلا ۽ منگلا ڊيم ڀرڻ کان علاوه چشما- جهلم ڪئنال وغيره زوري زبردستي تار ڪري/ وهائي ڇڏيا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ اندر پيئڻ جي پاڻي جي به کوٽ پيدا ٿي پئي هئي. جنهن بعد جيئن ئي مون سون جي شديد برساتن جو سلسلو شروع ٿيو ته جيئن ته سڀ ڊيم، ڪئنال وغيره اڳي ئي پنجاب حڪومت ڀري ڇڏيا هئا. تنهن ڪري سيلابي پاڻي کي روڪڻ جي پنجاب وٽ گنجائش ئي نه رهي ۽ پنجاب سيلاب جو سمورو پاڻي، سنڌ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو ۽ سنڌ ٻڏڻ لڳي آهي. يعني پنجاب جي پاليسين سبب سڪي به سنڌ ته ٻڏي به سنڌ. وفاقي حڪومت توڙي (انڊس رور سسٽم اٿارٽي) ارسا فقط نمائشي ادارا ئي آهن.
    (2) 1976ع کان پوءِ سنڌو درياهه ۾ هي ٻي وڏي ٻوڏ آهي. 35 سالن جي انهيءَ عرصي دوران اربين رپين جا فنڊز، سنڌو درياهه جي ڪپرن، بندن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پچنگ لاءِ جاري ڪيا ويا، پر آبپاسي کاتي جا رشوتخور ۽ بدعنوان ڪامورا، انهن فنڊن تي هٿ صاف ڪندا رهيا آهن، نتيجي طور نه ته بندن، بيراجن جي ڪا جوڳي مرمت ٿي آهي ۽ نه ئي بهتر طريقي سان ڪا پچنگ ٿي آهي. آبپاشي کاتي جي اهڙي عوام آزار ڪردار جو اعتراف تازين ٻوڏن دوران، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه به ڪري چڪو آهي. پر صورتحال جي سنگيني جي پيش نظر، انهن خلاف ٺوس جاچ ڪرڻ ۽ سخت ڪارروائي ڪرڻ جي به ضرورت آهي.
    (3) مختلف زميندارن، سنڌو درياهه جي پاڻي مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ يا پنهنجون ڪيٽيون ۽ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هڪڙا بند ڊاٿا آهن ته ٻيا بند ڏياريا آهن، جنهن ڪري به درياهي ٻوڏ تباهي مچائي آهي.
    هن وقت پنجاب وري نوان ڊيم ٺاهڻ جو راڳ آلاپڻ شروع ڪندي انهن موجوده سيلاب کي دليل طور استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم سميت ٻيا ڊيم ٺهيل هجن ها ته ٻوڏ جو هي پاڻي نه ضايع ٿئي ها ۽ نه ايترو نقصان ٿئي ها. ان سلسلي ۾ اسان جو موقف واضح آهي. جيئن ته پنجاب جي حدن ۾ ٺهيل ڊيمن ۾ پاڻي ڀرڻ يا خارج ڪرڻ جو فيصلو سنڌ جي مفادن ۽ ضرورتن مطابق نٿو ٿئي. پنجاب ڪنهن به معاهدي يا واعدي تي قائم نٿو رهي ۽ ڏاڍ مڙسي جي ذريعي سنڌو درياهه جي پاڻي سان هٿ چراند ڪندو، زوري يا چوري ڪندو ٿو رهي. تنهن ڪري سنڌ کان ٻاهر (پنجاب يا پاڪستاني ڪشمير جي جاگرافيائي حدن اندر) ڪو به ڊيم يا ڪينال وغيره جو منصوبو نه ٺاهيو وڃي. جيڪڏهن پاڻي جا ڪي ذخيرا بجلي، زراعت يا ٻين ضرورتن لاءِ ٺاهڻ ضروري آهن ته پوءِ اهي سنڌ اندر ٺهڻ گهرجن ته جيئن انهن تي اختيار به سنڌ جو هجي. موجوده صورتحال جو ٻيو پاسو اهو آهي ته موجوده سيلاب جي ڪري سکر، ڪشمور، جيڪب آباد يا شڪارپور ضلعن ۾ جيڪو وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي. ان جو سبب بيراج بچائڻ لاءِ درياهه کي هٿرادو ڪٽ هڻڻ آهي. اهي ڪٽ هڻن سان انهن ضلعن جا هزارين ڳوٺ ۽ ڪيترائي شهر ٻڏي ويا آهن. سوين انساني جانيون ضايع ٿيون آهن. هزارين جانور مري ويا آهن ۽ اربين رپين جون ملڪيتون، گهر، زرعي زمينون، روڊ، ريلوي لائينون ۽ بجلي جو نظام تباهه ٿي ويو آهي، چيو پيو وڃي ته ان صورتحال جا ذميوار وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جا پنج وزير آهن. جن پنهنجون زمينون شهر بچائڻ لاءِ ٻين کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. انهيءَ معاملي جي غير جانبدار جاچ ڪرائڻ لازمي آهي.
    سيلاب کان پوءِ سنڌ اندر وڏي پيماني تي، خاص طور تي اتر سنڌ ۾ وڏي تباهي آئي آهي. جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت هن وقت تائين ابتدائي طور تي 19 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پر ڪيترو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي. ان جو مڪمل سروي نه ٿي سگهيو آهي. سنڌ حڪومت عوامي دٻاءُ تي ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي سنڌ جي وڏن شهرن خاص طور تي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ موڪلڻ جو اعلان ۽ بندوبست ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڌاري آبادڪاري جي لحاظ سان موجوده ٻوڏن ۾ هڪڙي ڳالهه اها ٿي آهي ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا زميني رابطا گهٽجي ويا آهن، نه ته پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه جا لکين ٻوڏ متاثر به سنڌ ڏانهن رخ ڪن ها. هن دفعي ۽ شايد تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٻوڏ سبب سنڌ جي متاثر ماڻهن ڪراچي ڏانهن رخ ڪرڻ شروع ڪيو آهي، ان جا بنيادي سبب هي آهن.
    (1) ڪراچي ۾ روزگار جا ذريعا وڌيڪ آهن، تنهنڪري ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي گذر معاش جي سهولت ڪراچي ۾ وڌيڪ نظر اچي ٿي.
    (2) جديد مواصلات ۽ آمدرفت جي ذريعن جي ترقي سبب ماڻهن سنڌ جي شهرن ڏانهن رخ ڪيو آهي. نه ته ماضي ۾ آيل ٻوڏن جي نتيجي ۾ ايئن نه ٿيو هو.
    (3) گذريل ٽن ڏهاڪن دوران سنڌ جي شهرن خاص طور تي ڪراچي ۾ جيڪي لکين پنجابي، پٺاڻ، افغاني، بنگالي ۽ ٻين قومن جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچي آباد ٿيا آهن. ان جي نتيجي ۾ سنڌين ۾ اهو احساس پيدا ٿيو آهي ته ڪراچي جو شهر عملي طور سنڌين جو شهر ناهي رهيو، تنهن ڪري وڏي پئماني تي، سنڌين کي ڪراچي ڏانهن رخ رکڻ، آباد ٿيڻ ۽ پنهنجن شهرن جي مالڪي ڪرڻ گهرجي.
    (4) سنڌ جي قومپرست جماعتن جو موقف ۽ جدوجهد به اها رهي آهي. تنهنڪري قومپرست ڪارڪنن جي حيثيت ۾ اهو اسان جو فرض آهي ته وڌ کان وڌ سنڌين کي ڪراچي ۾ آباد ڪريون.
    (5) ان سان سنڌ جي شهري، لساني ۽ مذهبي جماعتن جي به پرک ٿي ويندي ته اهي دهشتگردي، بدامني يا روزگار سبب ملڪ جي جي ٻين صوبن يا پاڙيسري ملڪن مان ايندڙ ماڻهن کي جتي ڪراچي ۾ برداشت ڪندا آيا آهن ته ڇا اهي سنڌين کي برداشت ڪندا؟ حالانڪه سنڌي ته سنڌ جا مالڪ آهن. اهي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ، هڪ ضلعي کان ٻئي ضلعي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين، جڏهن به ۽ جتي به رهڻ يا آباد ٿيڻ چاهين ته ٿي سگهن ٿا ۽ ان لاءِ سنڌين کي ڪنهن کان اجازت وٺڻ جي ضرورت ڪونهي.
    موجوده صورتحال کان پوءِ مستقبل جي حوالي سان اهو ضروري آهي ته: (1) سڄي سنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏئي سمورا زرعي قرض ۽ ڍلون معاف ڪيون وڃن (2) جاني ۽ مالي نقصانن جو سرڪار معاوضو ادا ڪري (3) ڊگهي مدت وارا ۽ آسان قسطن ۽ وياجن وارا قرض (زرعي توڙي صنعتي) ڏنا وڃن (4) پرڏيهه مان ٻوڏ سٽيل ماڻهن جي سهائتا لاءِ ملندڙ امداد سان سنڌ کي ان جو جائز حصو ڏنو وڃي ۽ سماجي ۽ معاشي ترقي جو وسيع پروگرام شروع ڪيو وڃي. (5) ڪراچي ۾ سرڪاري زمين تي سنڌين کي پلاٽ ڏنا وڃن ۽ کين سرڪاري خرچ تي گهر ٺهرائي ڏنا وڃن (6) جيڪڏهن حڪومت ذوالفقار آباد جي نالي سان نئون شهر جوڙڻ ۾ سنجيده آهي ته اهو شهر مڪمل طور سنڌين جي حوالي ڪري (7) ڪراچي جي صنعتي (سرڪاري توڙي نجي) ادارن کي پابند ڪيو وڃي ته اهي نوڪريون ترجيحي بنيادن تي ٻوڏ سٽيل سنڌ واسين کي ڏين ۽ ڪل ملازمن جو 90 سيڪڙو سنڌين کي ڏين، ٻي صورت ۾ انهن کي ٽيڪس يا ڪنهن ٻئي قسم جي ڏنل رعايت ختم ڪري اهڙن ڪارخانن کي سنڌ حڪومت جي تحويل ۾ ورتو وڃي (8) جيڪي به وفاقي ادارا آهن. انهن ۾ ڪوٽا ۽ قانون جي ٻين شرطن کي معطل ڪري سنڌين کي 70 سيڪڙو نيون ڀرتيون ڪري نوڪريون ڏنيون وڃن (9) سنڌ اندر ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ جي منصوبابندي ڪئي وڃي ته جيئن پاڻي ذخيرو ڪري انساني مفادن لاءِ استعمال ڪري سگهجي. (10) سنڌ حڪومت، جلد ڪل جماعت ڪانفرنس سڏائي ٻوڏ جي سببن، امدادي ڪاررواين ۽ مستقبل جي منصوبن بابت سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺي.


    سنڌو، چانڊوڪيون راتيون ۽ سمنڊ ۾ وڏي وير جو چڙهڻ…نواز خان زئور

    سنڌو دريا پنهنجي جوڀن تي آهي، وڏا وهڪرا گڊو بئراج ۽ سکر بئراج سان منهان منهن ٿيڻ کان پوءِ ڪوٽڙي بئراج سان برسر پيڪار آهن ۽ اتان لنگهي پاڻي تيزي سان وهندو سمنڊ ڏانهن ڌوڪيندو وڃي. ڪوٽري بئراج کان مٿي توڙي هيٺ بندن تي اڃا پاڻي جو دٻاءُ جيئن جو تيئن موجود آهي. جيڪو مٿئين پاسي جي بندن تان ته هاڻي آهستي آهستي گهتجندو ويندو، پر هيٺئين پاسي جي بندن تي تيزي سان وڌندو. حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ دريا جا جيڪي بند اڳيئي ڪمزور ڄاڻايا پيا وڃن. تن جو اصل امتحان ته اڃا هاڻي تڏهن ٿيڻو آهي، جڏهن سمنڊ ۾ وڏي وير جوار ڀاٽا، جنهن کي عام طور تي جوار چئبو آهي. جي چڙهڻ سان دريا ۽ سمنڊ جي وچ ۾ جهيڙو مچندو. هي جهيڙو هينئر ان ڪري به چوٽان چوٽ ٿيندو جو دريا پنهنجي پوري جوڀن تي هجڻ سان گڏوگڏ ڪئين سالن کان پوءِ پيو اچي سمنڊ، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان دريا جي روڪ ٽوڪ نه هجڻ سبب بنا اٽڪاءَ جي اڳتي وڌندو آهي. سو هينئر به ساڳيو ئي جوش ڏيکاريندو، وڇڙيلن جو ميلاپ هميشه جذباتي، جوشيلو ۽ گرمي ڀريو هوندو آهي. سو هيڏانهن دريا مستيءَ مان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ هوڏانهن سمنڊ سندس سامهون ٿيڻ لاءِ ڪنهن تجربيڪار کيڏاري وانگر هوريان هوريان سندرو ڇڪي رهيو آهي. ٻئي ان مهل هڪٻئي سان منهان منهن ٿيندا. جنهن مهل وڏو وهڪرو سمنڊ جي عين اڳيان هوندو ۽ سمنڊ ۾ وري جوار ڀاٽا پنهنجي پوري اوج تي هوندي.

    ڇوليون ڇو ٿيون پيدا ٿين؟
    چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ موجود ڪشش ثقل جي نتيجي ۾ سمنڊ جي پاڻي ۾ ڇوليون پيدا ٿينديون آهن، جن ڇولين کي ٻن درجن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ ننڍيون ڇوليون، ٻيون وڏيون ڇوليون، ننڍين ڇولين جا به وري ڪيترائي نمونا ٿين ٿا، جن مان هڪڙيون ڇوليون اهي هجن ٿيون، جيڪي هر ڏهين سيڪنڊ ڇُلنديون ساحل سان ٽڪرائجنديون رهن ٿيون هي ننڍيون ڇوليون سمنڊ تي گهلندڙ وڏي واءُ يا هلڪن طوفانن جي نتيجي ۾ اڀرن ٿيون. سج جي ڪشش جي ڪري به سمنڊ ۾ ڇوليون اٿن ٿيون. پر سج جي ڌرتي کان تمام گهڻو پري هئڻ ڪري اهي بنهه ننڍيون هونديون آهن. تنهن ڪري انهن کي ڪمزور لهرون چيو ويندو آهي. اهڙيون ئي لهرون رومي ڏند ڪٿا ۾ پيار ۽ سونهن جي ديوي وينس جي نالي سان سڏجندڙ شمسي منڊل جي سڀ کان روشن سياري زهرا ۽ ساڳي رومي ڏند ڪٿا جي جنگي ديوتا جي نالي واري سياري مريخ جي اثر سبب پڻ پيدا ٿين ٿيون. خود سمنڊ جي پاڻي ۾ موجود تحرڪ، وهڪ ۽ ڪشمڪش جي نتيجي ۾ به اهي لهرون اڀرن ٿيون. اهڙي طرح ڌرتي تي موجود وڏن توڙي ننڍن سمنڊ ۾ ننڍين وڏين لهرن جا لڳ ڀڳ ٽي سئو قسم ڳڻيا ويا آهن. جن مان مکيه ڇوليون اهي آهن. جيڪي چنڊ سان تعلق رکن ٿيون.

    چنڊ سان تعلق رکندڙ ڇوليون
    چنڊ سان تعلق رکندڙ ڇولين کي به ساڳئي ئي طريقي سان ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. پنجويهن ڪلاڪن دوران ٻه ننڍيون ۽ ٻه وڏيون لهرون واري واري سان چڙهن ۽ لهن ٿيون، هر ساڍي ٻارهين ڪلاڪ وڏي لهر چڙهي ٿي. جنهن جي لهڻ سان ننڍي لهر اڀري ٿي. جنهن جي پٺيان وري وڏي لهر ۽ ان کان پوءِ وري ننڍي لهر جو وارو اچي ٿو، اهي عام لهرون آهن. جن ۾ چنڊ جي گهٽ وڌائي ۽ ڏينهن رات جي حساب سان گهاٽي واڌي اچي ٿي ۽ وڏي لهر بنهه وڏي ۽ ننڍي لهر صفا ننڍي ٿي وڃي ٿي. ان حد تائين جو سمنڊ بلڪل سانت ٿي وڃي ٿو. دنيا جا ڪجهه بندر اهڙا به آهن، جتي ان وڏي لهر جي چڙهڻ سان ئي سامونڊي جهازن تي مال لڏيو ۽ لاٿو وڃي ٿو، ننڍي لهر دوران اهي جهاز اتي بندر سان لڳا دڪي کان هيٺ بيٺا رهن ٿا ۽ مٿن مال چاڙهڻ يا لاهڻ ممڪن نه ٿو هجي.

    وڏي وير/ جوار ڀاٽا
    جڏهن چنڊ نئون يا مڪمل (پورڻماس) هوندو آهي. تڏهن چنڊ ۽ سج جي ثقلي ڇڪ پاڻ ۾ گڏجي پوندي آهي. انهن ڏينهن ۾ سج، چنڊ توڙي ڌرتي هڪ ئي سڌ ۾ اچي ويندا آهن ۽ چنڊ ڌرتي جي مدار جي ويجهو هوندو اهي. ان ويجهڙائي جي ڪري چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ ڇڪ وڌي ويندي آهي ۽ اهي هڪٻئي کي چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪندا آهن. پوري ڇنڊ سان جيئن ته سج جي قوت گڏ هوندي آهي، تنهنڪري اهو ڏرتي کان وڌيڪ سگهارو ٿي پئي ٿو ۽ ڌرتي تي موجود هر شئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو، ڌرتي پنهنجي ڪنهن به شئي کي پنهنجي قوت سان روڪي رکندي آهي. پر پاڻي جيئن ته متحرڪ هوندو آهي، ان ڪري اهو ڌرتي جي ضابطي ۾ نه ايندو آهي ۽ چنڊ جي ڇڪ تي مست ٿي ڏانهنس اڀرڻ الرڻ لڳندو آحي. جنهن جي نتيجي ۾ وڏي وير چڙهي ٿي، پر سج، چنڊ ۽ ڌرتي ٽئي متحرڪ عنصر آهن ۽ لڳاتار نظام شمسي جي مدار ۾ چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، تنهن ڪري انهن جي بيهڪ ۾ ڦير ڦار ايندي رهي ٿي. اهي پهرين ۽ وچين تاريخن وارين سڌائين دوران پنهنجيون جڳهيون بدلائين ٿا. پهرين تاريخن دوران سج ۽ چنڊ ڌرتي جي هڪڙي ئي پاسي هوندا آهن ۽ وچين تاريخن دوران اهي ڌرتي جي ٻنهي پاسان اچي ويندا آهن. جنهن ڪري ڌرتي ۽ سج ۽ ڌرتي ۽ چنڊ جي وچ ۾ موجود مفاصلو ساڳيو نه ٿو رهي. ان ڪري خود پهرين تاريخن ۽ وچين تاريخن (پورڻماسي) وارين ويرن جي شدت ۽ اڀار ۾ به فرق هجي ٿو مختلف سمنڊن ۽ ساحلن تي انهن ڇولين توڙي وڏين ويرن جي جسامت، تيزي ۽ شباهت ۾ فرق هوندو آهي. انهيءَ تفاوت جو ڪارڻ زميني بيهڪ، آبهوا، ماحول، دريائي وهڪرا. سامونڊي ڪنارن جي گهرائي، سامونڊي پاڻي ۾ موجود تک، ڏڪاڻي ۽ چرپر جا انداز، موسمون، گرمي پد ۽ ٻيا عنصر هجن ٿا.

    سنڌو دريا ۽ جوار ڀاٽا
    وير چنڊ جي پهرين رات سان چڙهڻ شروع ٿيندي آهي. انهن ڏينهن ۾ چنڊ سج ۽ ڌرتي هڪٻئي جي سڌ ۾ هجن ٿا، پر اها سڌ جلدي ختم ٿيو وڃي ۽ سج ۽ چنڊ ڌرتي جي ساڄي پاسي ڏانهن لڙي وڃن ٿا. نتيجي ۾ پهرين چوٿائي ۾ سمنڊ صفا ماٺو ٿي وڃي ٿو. نائين جي رات کان وري وير چڙهڻ لڳي ٿي. جيڪا تيرهينءَ جي رات تائين پڄندي پڄندي جوان ٿي وڃي ٿي. جوار چنڊ جي تيرهينءَ جي رات کان سورهينءَ جي رات تائين جاري رهي ٿي. اهي چار راتيون دريا ۽ سمنڊ جي وچ م تمام وڏي ويڙهه هلي ٿي. جوار دريا جي اڳيان ڪنهن ڀت وانگر ٿي بيهي رهي ٿي ۽ دريا کي سمنڊ ڏانهن لنگهه نه ٿو ملي. اهو جهيڙو ايڏو زور آور ۽ سخت هوندو آهي جو جيڪا به شئي ان جي وچ ۾ اچي ٿي، سا چيڀاٽجيو ختم ٿيو وڃي، ان حد تائين جو جيڪڏهن وڏي مڇي به ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي ته اتان نڪري نه ٿي سگهي ۽ مريو ٿي وڃي. ساندهه چئن راتين تائين هلندڙ ان ويڙهه ۾ فاتح آخرڪار سنڌو درياهه ٿئي ٿو. هونئن ته وڏي وير جو چاڙهه ارڙهينءَ تائين هوندو آهي پر سنڌو دريا ان کي سورهينءَ تائين مات ڏيو آلڙ ڪريو ڇڏي. پوءِ جيئن ئي وير آلڙ ٿئي ٿي ته سنڌو دريا ڪنهن فاتح وانگر ميلن جا ميل سمنڊ ۾ ڪاهيندو ويندو آهي.

    وير ۽ آلڙ جي وچ ۾ واريون چار راتيون
    چانڊوڪي سدائين جادو ڀري هوندي آهي. سنڌ جي سينڌ چانڊوڪي ۾ ته اڃا وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ ٿي پوندي آهي پر هينئر جڏهن سنڌ جي آسمان تي چانڊوڪي پنهنجي آب تاب سان هوندي. تڏهن چانڊوڪين راتين ۾ چاندي جيان جرڪندڙ لاڙ پٽ جي ماڻهن ۾ ٿورڙي پريشاني پڻ هوندي. ان ڪري جو انهن راتين ۽ ڏينهن دوران سمنڊ سنڌو دريا جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ ڪو نه ڏيندو ۽ ان کي پاڻ ۾ سمائجڻ کان روڪي رکندو هڪ پاسي ڪوٽري بئراج مان پاڻي جو وڏو وهڪرو تيزي سان سمنڊ ڏانهن وڌندو رهندو ۽ ٻئي پاسي ڇوڙ واري ماڳ تي پاڻي جي سمنڊ ۾ داخلا بند هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڀراءُ ڪندو، جنهن جو دٻاءُ هڪ پاسي دريا جي بندن تي گليل ۽ منارڪي کان وٺي ملاڪاتيار تائين پوندو. ته ٻئي پاسي پاڻي اڳتي وڌڻ لاءِ نوان گس ۽ چارا ڳوليندو.
    جوار ڀاٽا جي انهن چئن ڏينهن ۽ راتين دوران سنڌوءَ جو پاڻي گهوڙا ٻاري، شاهبندر، ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ تعلقن جي پڪي وارن علائقن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندو پنهنجا نوان پيچرا ڳوليندو، جمنا سر ۽ جنگي سر جي وچ ۾ خير شاهه ڳوٺ تائين اچي دريا جا بند ختم ٿي وڃن ٿا. خير شاهه واري ماڳ کان دريائي پاڻي جهالو، ٻگهاڻ، ڌانڌاري، ڪيٽي بندر ۽ ٻين علائقن ڏانهن وهڪ ڪري سگهي ٿو اهو به امڪان آهي ته گهارو ڦاٽ ۾ پاڻي ڀرجي ابتي وهڪ ڪري ۽ ميرپور ساڪري تعلقي ۽ گهاري شهر کي اچي ويجهو پوي. جنگي سر کان اڳتي دريا تي ڪو به بند ڪونهي. سنڌو دريا، جنهن کي پورالو دريا سڏيو ويو آهي. ان جا پور ڇوڙ واري علائقي ۾ به ساڳيا رهيا آهن. اهو ڇوڙ جي علائقي ۾ به پنهنجا وهڪرا ۽ رخ مٽائيندو رهيو آهي. هينئر جتي اهو امڪان آهي ته دريا جا ڪجهه پراڻا ڦاٽ وري وهي سگهن ٿا. اتي ان ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگهجي ته جيڪڏهن دريا جا بند جوار ڀاٽا ۽ دريا جي جهيڙي جي سٽ سهي وڃن ٿا ته پوءِ درياهه جنگي سر کان هيٺ پنهنجو ڪو نئون ڦاٽ پڻ ٺاهي سگهي ٿو.


    ٻوڏن ۾ مهاڻا زندگيون بچائيندڙ مسيحا…عزيز رانجهاڻي

    اڳوڻي دادو ۽ هاڻوڪي ڄامشوري ضلعي جي سيوهڻ تعلقي ۾ واقع سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي ۽ منڇر ڍنڍ جي اوڀر ۾ انڊس هاءِ وي سان لڳ بوبڪ نالي سان هڪ قديم وسندي ايامن کان پنهنجي منفرد رنگ ڍنگ ۽ مهاڻي ڪلچر سان هڪ وڏي ٿلهي يا دڙي تي ڪر کنيو بيٺي آهي. سندس اتر پاسي سنڌو منڇر جو قديم وهڪرو اڙل ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياهه ۽ اولهه ۾ منڇر ڍنڍ کيس هڪ ٻيٽ وانگر بڻائي ڇڏيو آهي. بوبڪ سنڌ ۾ شايد مهاڻن جي وڏي وسندي هجي، پر اها حقيقت آهي ته سنڌ ۽ ملڪ جي حوالي سان جڏهن به مهاڻن جو ذڪر ٿيندو ته اهو بوبڪ کانسواءِ اڌورو هوندو ۽ اهڙي طرح بوبڪ جو ذڪر مهاڻن کانسواءِ پڻ. بوبڪ نه صرف مهاڻن جي قديم وسندي رهي آهي. پر سنڌو تهذيب جو هڪ عاليشان ۽ مشهور شهر به رهيو آهي، تعليم ۽ وڻج واپار جي حوالي سان به ۽ سنڌ ۾ انهن هنڌن ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. جتي اڄ به مهاڻن (ملاحن) ۽ ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهن جي لاءِ ٻيڙيون ٺاهڻ وارو فن ۽ هنر جاري آهي. بوبڪ ۾ ئي ملاحن جي هڪ پاڙي پارهيڙي سان واسطو رکندڙ ملاح هي مخصوص فن ڄاڻن ٿا ۽ ان کي زندهه رکندا آيا آهن. سنڌوءَ ۾ تازو 7 آگسٽ تي سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي واقع بچاءَ بند کي ٽوڙي وٽان جيڪو گهارو لڳو تنهن اڌ سنڌ کي دربدر ۽ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سنڌوءَ جي ساچي پاسي اڌ سنڌ پاڻيءَ سان ڀرجي وئي آهي ۽ ڪي هڪ ڪروڙ ماڻهو پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويا، جن کي مصيبت ۾ بروقت سنڌ جي درياهي ۽ منڇري مهاڻن ئي ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچايو. سنڌ ۾ اڃا به موجود هزارن جي تعداد ۾ ڪچي ۽ پڪي ۾ ٻيڙين ۽ انهن کي هلائيندڙ /ڪاهيندڙ مهاڻن پنهنجي جان جوکم ۾ وجهي سنڌوءَ جي لهرن ۽ خطرناڪ وهڪري سان مهاڏو اٽڪائي لکين ماڻهن جي زندگي بچائي ورتي، سنڌ جي مهاڻن جو هي ڪارنامو صدين تائين سنڌ واسين کي ياد رهندو. منڇر کان وٺي سموري ڪاڇي ۾ غيبي ديرو شهدادڪوٽ تائين ايف پي بند ۽ کيرٿر جابلو سلسلي جي وچ ۾ هر سال جابلو نين نئين گاج ۽ ٻين وهڪرن سبب جيڪا اوچتو ٻوڏ ايندي آهي، تنهن ۾ هزارين ڪاڇيلن کي رات پيٽ ۾ اهي منڇر جا مهاڻا ئي پاڻيءَ جي گهيري مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي پهچائين ٿا.
    سنڌي مهاڻن جي اهڙي عالمي ڪارنامي سبب اڄ ڏينهن تائين کين ڪڏهن ڪا مڃتا نه ملي آهي، جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي. هن مها ٻوڏ ۾ ته واقعي منڇر سميت سنڌ جي درياهي مهاڻن بروقت پنهنجون سون جي تعداد ۾ ٻيڙيون ڪاهي لکين ٻڏندڙ ماڻهن کي ڪڍي رات پيٽ ۾ محفوظ هنڌن تي پهچايو ۽ هي ٻوڏ آپريشن اڃا سوڌو جاري آهي ۽ اڄ به دادو ضلعي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊ رستا ۽ ڳوٺ پاڻيءَ جي گهيري ۾ هئڻ سبب ٻيڙي ئي واحد ذريعو آهي، جنهن ۾ ماڻهن ۽ مال جي اچ وڃ ٿئي. هي حقيقت آهي هن وڏي ٻوڏ ۾ سنڌ جي مهاڻن هزارين ماڻهن کي لڙهڻ ۽ مرڻ کان بچايو ۽ پنهنجي جان کي جوکم ۾ وڌي ۽ بغير ڪنهن خان يا سرڪار جي حڪم، ڪنهن دٻدٻي يا لالچ جي پاڻمرادو پنهنجي ديس جي ماڻهن جي حياتين ۽ مال ملڪيتن ۽ چوپائي مال کي بچائڻ لاءِ سنڌو جي زوردار وهڪري ۾ گهڙي پيا ۽ اڄ چار مهينا گذرڻ باوجود هو تاريخ جي سڀ کان وڏي بوٽ ريسڪيو آپريشن کي ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ جاري رکندا پيا اچن، هن آپريشن ۾ 5000 ٻيڙين ۽ 40000 کان وڌيڪ مهاڻن حصو ورتو. هي واقعي هڪ غير معمولي ڪارنامو آهي، جيڪو سنڌ جي مهاڻن جي حصي ۾ آيو آهي. هاڻوڪي ٻوڏ ۾ جڏهن اڌ سنڌ پاڻيءَ هيٺ هئي ته تاريخ 2010-8-26 تي دادو شهر ۾ باءِ پاس وٽ آرمي پبلڪ اسڪول سامهون روڊ سائيڊ تي هڪ هوٽل جي کليل ميدان تي اشتياق انصاري سان گڏ ويٺو هئس ته سامهون صندل تي ويٺل ڪي چار نوجوان (شايد ٽرانسپورٽر هجن) پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته يار هاڻي روڊ ته ويا ٻڏي ۽ بند ٿي ويون. پنهنجون گاڏيون ڇا هاڻي پاڻي ته هلنديون ڇا؟ سو هاڻي واقعي سوچيو ته ڪا گاڏي وڪڻي ڪي ٻيڙيون وٺجن ۽ ٻه ٽي مهينا خيرپور، جوهي ۽ سيوهڻ ۽ ڪاڇي ۾ هلائجن ڇو ته نه ڄاڻ ڪيترا مهينا پاڻي بيٺل رهي ۽ روڊ بند هوندا، پوءِ ڇا پاڻ بک مرنداسين ڇا؟ انهن نوجوان ٽرانسپورٽرن جو فڪر ڪا مذاق نه بلڪه حقيقي فڪر محسوس ٿي رهيو هو. اشتياق انصاري مون ڏي ڏسي چوي ٿو ته پاڻ ٻئي به مشترڪه هڪ ٻيڙي وٺون ته جيئن مصيبت ۾ يا هاڻي اچ وڃ لاءِ ڪم اچي!
    بهرحال ڪجهه به هجي، سنڌ ۾ تاريخ جي هن وڏي ٻوڏ نه صرف ٻيڙين جي اهميت کي وڌائي ڇڏيو آهي، پر مهاڻن لاءِ به روزگار جا نوان گس پيدا ڪيا آهن ۽ سندن اهميت ۽ ڪارنامن کي دنيا اڏو آڻي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ ٻوڏن جي خطرن کي نظر ۾ رکندي سنڌ سرڪار، اين جي اوز ۽ عالمي ادارن کي سنڌ جي ملاحن کي همٿائڻ لاءِ کين ڪي انعام ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ ڪي پروگرام ڪري کين مان ڏنو وڃي ته جيئن هو مستقبل ۾ ريسڪيو آپريشن به ساڳئي جذبي سان بلڪه اڃا وڌيڪ جاري رکن، جيڪو وقت جي ضرورت آهي، ڇو ته سرڪار ته ايڏي وڏي ريسڪيو آپريشن ڪرڻ جي اهل نه آهي ۽ نه ئي ان وٽ ڪا منصوبابندي آهي.


    ڇا سنڌ خلاف ٿيندڙ گناهن به آب حيات پيتو آهي؟

    سنڌ ۾ هونئن ته فرشتا ته پري ماڻهن جو به ڏڪار آهي، پر هاڻ جڏهن درياهه بادشاهه جو پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو جهر جهنگ ۽ واهڻ وستيون لٽيندو، پنهنجي پٺيان بربادين جا مينار ڇڏيندو اڳتي وڌي رهيو آهي ته الائي ڇو دل ۾ اهو خيال اچي ٿو ته سنڌ ۾ هاڻ لومڙ، گدڙ ۽ ڳجهن بجاءِ ڪي ماڻهو به پيدا ٿين. نيٺ ماڻهن جو ڪهڪاءُ ڪنهن ماڻهوءَ کي ئي ايندو. بگهڙ گدڙ کي نه!
    نه ته، سنڌ ته گدڙ، بگهڙ ۽ لومڙ گڏجي کائي ويا آهن ۽ جيڪو بچيو آهي ان تي ڳجهن جي اک آهي. اهي گدڙ، جيڪي آبپاشي کاتي ۾ تڏهن ڀرتي ٿيا هئا جڏهن بيراجن جي بندن ۽ واهن جي ڪڙن تي انگريز انجنيئرز هٿان لڳل ٽالهي جا وڻ ڪچڙي جواني ۾ هئا ۽ واهن ۾ کاٽي هر سال ٿيندي هئي. کين مجال ڪو نه هئي ته پڇڙي جي شاخ جو پاڻي ڪنهن مهڙ جي زميندار کي وڪڻي ڏين. يا اهي بگهڙ جن کي سياست جو چوغو پاتل هو ۽ سياست کي گورک ڌنڌي بنائڻ کان اڳ هو نظرين ۽ انقلابن جون ڳالهيون ٻڌائي خلق ڪٺي ڪندا هئا ۽ لومڙ؟ اها مخلوق هر کاتي ۽ هر شعبي ۾، تپيدار، مختيارڪار، صوبيدار جهڙين شڪلن ۾ موجود رهي آهي. موجوده ٻوڏ سندن ڪرتوتن ۽ دعائن جو نتيجو آهي.
    چون ٿا ته سنڌ جو آبپاشي جو نظام جي ايشيا نه ته، ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان منظم نهري نظام آهي. سکر کان نڪرندڙ روهڙي ڪئنال سوين ڪوهه پري لاڙ واري سنڌ جون زمينون سيراب ڪري ٿو. پر بقول جوهي جي فقير موسي بروهي جي ته:
    انگريز ڳئي ڇوڙ،
    ڀاڙئي گهن ڳئي زور.

    هي جي اوهان کي آبپاشي کاتي جي رٽائر ۽ حاضر سروس ڪامورن ۽ عملدارن جا ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڏ بنگلا نظر اچن ٿا، سي کين سنڌ جي ان نهري نظام جي تباهي جي قيمت ادا ڪري مليا آهن. 1942ع، 1956ع ۽ 1976ع جي ٻوڏن جي سٽ سهندڙ سنڌ جي نهري نظام کي لڳل ڪامورڪي اڏوهي اڄ اڌ سنڌ کي گهران ڪڍي ڪئمپن ۾ ڌڪي آڻي بيهاريو آهي.
    هي عجيب مخلوق آهي، جيڪا مرڻو به کائي ته پرڻو به. انهن گڏجي سنڌ ٻوڙي، هاڻ ٻوڙڻ کان پوءِ تارڻ لاءِ جيڪي ڏوڪڙ ايندا، سي به هي ونڊي کائيندا. هي ڊي سي اوز، مختيارڪار، مقامي سياستدان، وزير ۽ مشير اڳواٽ ئي امداد جي تصور تي به قربان وڃن ٿا، جيڪا کين غريبن ۾ ورهائڻ لاءِ ملندي ۽ جنهن مان هو دبئي ۽ ملائيشيا ۾ ٿڪ ڀڃڻ ۽ مالش ڪرائڻ جا ڏوڪڙ ڪڍڻ لاءِ ايترو ته دماغ وڙهائي چڪا آهن.
    هاڻ اوهان سوچيندا هوندئو ته باقي ڳجهون ڪير آهن؟ ته سائين منهنجا اها مخلوق اوهان کي ان انتظار ۾ ملي ته سرڪاري مشنري مخلوق مان هٿ ڪڍي ته باقي رهيل مال اسان کائون ته ان مخلوق کي پاڻ ڳجهه سڏينداسين. اوهان کين ڀل سماج سڌارڪ ڪوٺيو. جي ايئن ناهي ته پوءِ هي جي سنڌ ۾ سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جيان بيشمار سماج سڌارڪ آرگنائيزيشن آهن، سي ٻوڏ کان پوءِ ماڻهن جي مالڪي ڪنديون نظر اچن ها، سندن بحالي لاءِ مليل امداد کي ڪوڙين رسيدن رستي خرچ ڪندي نظر نه اچن ها.
    بقول وسعت الله خان جي ته هي همراهه ٻوڏ کان پوءِ ايندڙ ٻوڏ- ڊالرن جي ٻوڏ، جي تصور تي في الحال ته عطر هنيو گهمن ٿا، ايندڙ مهينن ۽ هفتن ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سڄي ملڪ سميت سنڌ ڏي به ڊالر منهن ڪندو، ڇا ڪو اهڙو معجزو به ٿي سگهي ٿو ته هي مخلوق جن وٽ ماڻهن جو مرون جيترو ئي ڪهڪاءُ آهي، سا پاڻ به ماڻهو ٿي پوي؟
    آخر سئو ڪوئا کائڻ کان پوءِ ٻلي کي، ڀلي پار جي زيارت ڪرڻ جو شوق جاڳندو آهي، هي مخلوق هيل ڇو نه ٿي ٻلي جيان ثواب کٽي؟
    سنڌ خلاف ٿيندڙ گناهه جي به هڪ عمر ۽ حد هجڻ کپي.


    بگ بينگ کان پوءِ واري سنڌ!

    افيئر جي گذريل شماري جي تياري کان پوءِ آخري گهڙي ۾ تيار ڪيل ٽائيٽل تي اسان جيڪا مجذوبانه سٽ ”ٽوڙي بند ٽوڙي، سنڌ ڇڏيائون ٻوڙي“ لکي هئي، تنهن لکڻ وقت اسان جي تحت الشعور جي ڪنهن به ڀٽڪيل گليءَ ۾ ان ڀوائتي گمان جو اندازو نه هو ته واقعي به هڪ بند کي ٽوڙي اسان جا وس ڌڻي سڄي سنڌ ايئن دربدر ڪندا، جيئن گذريل مهيني کن کان سنڌ ٿي رهي آهي.
    اها قوم، جنهن کي ٽرڙا حڪمران پنهنجي ڳوٺ کان ڏهه ميل جي فاصلي تي پرديس ڪوٺڻ جو مهڻو ڏيندا رهيا ۽ ان مزاج کي سندس ترقي آڏو وڏي رڪاوٽ ڪوٺي، دفاع ۽ ٻين ادارن ۾ سندس اٽي ۾ لوڻ برابر نمائندگي کي پنهنجي تعصب بجاءِ سندس ڪمزوري ڪوٺيندا رهيا، سا قوم غوث پور کان وٺي جاتي تائين، درياهه جي ٻنهي ڪپرن تي لُٽيل قافلن جي بچيل راهگيرن جيان دربدر آهي. سنڌ سندن لاءِ سوڙهي ٿي چڪي آهي.
    ٿورو تصور ته ڪيو ته اهي لکين ماڻهو، جن جا ڪچا گهر پاڻيءَ ۾ گم ٿي ويا ۽ جن جا فصل پاڻي ڀيل ڪري ڇڏياسي ڪنهن مٽ مائٽ جي در تي، يا سرڪاري ۽ غير سرڪاري ڪيمپ تي ڪهڙي اذيت جي زندگي گذاريندا هوندا؟ سنڌين جي تاريخ جي اها سڀ کان وڏي لڏپلاڻ آهي. ان لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ جيڪا به ڀوڳندا اسان جا ماڻهو ڀوڳيندا، پر هڪ ڳالهه طئي آهي ته سنڌ ان گهڙي کان پوءِ ساڳي نه رهي آهي. هي هڪ تبديل ٿيندڙ سنڌ لاءِ ”بگ بينگ“ جهڙي گهڙي آهي.
    صدين کان پنهنجي صوفي مزاج جي اثر هيٺ Status quo کي چهٽيل سنڌ لاءِ هي گهڙي Shock therapy ٿي سگهي ٿي، بشرطيڪه سنڌ کي تبديلي جي گس تي گامزن ڪرڻ جي نيت ۽ همت رکندڙ قوتون هن ٻوڏ سبب دربدر ٿيل سنڌين جي بي وسي ۽ ڪروڌ کي ڪو سياسي ۽ انقلابي دڳ ڏين، سنڌي سماج جي بيٺل پاڻيءَ ۾ هي واقعو پٿر نه، پر هڪ پهاڙ ٿي ڪريو آهي. اهي ماڻهو جيڪي ڪڻڪ جي ماني سان بصر ڀڃي کائڻ تي رب جو شڪر بجا آڻيندا رهيا، تن کي دربدريءَ ۽ ٺوڪرن ۾ مليل گرهه تبديل ڪري رهيو آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر جي ڪيمپن توڙي واهن ۽ روڊن تي رهيل سنڌي ماروئڙن کي هاڻ ٻيو نه ته اها ضرور خبر پوندي ته گهڻي ويهين سئو آهي ۽ اسان جي خيال ۾ اهو ليکو سکڻ تمام ضروري هو. نه ته، هي درويشن جي ڌرتي، يا جيئن ڌاريا چوندا آهن ته ”سائين لوگون ڪي ڌرتي“ پنهنجي درويشائپ ۾ اڃا الائي ڪيتريون صديون گذاري ڇڏي ها. سنڌ ۾ نڪرندڙ تيل ۽ گئس، اين ايف سي ۾ ڏنل ناڻي ۽ سنڌ جي اقتدار اعليٰ تي غير سنڌين جي مالڪي سان سندن سروڪار ئي نه هو. کين ٿلهو ليکو ڪرڻ ئي نه اچي. ان ليکي نه ڪرڻ ڪري هو هميشه سنڌ جي قومي مفاد کي آڏو رکي نه پر ڪي خاندان ۽ نظريا آڏو رکي فيصلا ڪندا رهيا ۽ حد ته ڏسو، ته اهي پارٽيون جيڪي سندن ووٽ جي مجاوري ڪندي بنگلن ۽ ماڙين جون مالڪ بڻيون، سي ٽرڙائپ ۾ اهو به چونديون رهيون ته اسان جيڪڏهن ڪنهن بجلي جي ٿنڀي کي به اليڪشن جي ٽڪيٽ ڏيون ته اهو ٿنڀو اليڪشن کٽي ويندو ۽ واقعي به اها پارٽي ”ٿنڀا“ ئي سندن نرڙ ۾ هڻندي رهي. ائين نه هجي ها ته ڇو سنڌي ماڻهو ايئن دربدر ٿين ها جو کين ٻوڏ کان بچائڻ يا پاڻي لهڻ کان پوءِ اجها اڏي ڏيڻ ته پري، اهي ”ٿنڀا“ انهن ماڻهن کي ملندڙ امداد ۾ به اکيون وجهيو ويٺا آهن. ماڻهن کي ٻن ويلن بجاءِ هڪ ويلو ملي ٿو ته هڪ ويلو ايندڙ اليڪشن جي خرچ واري اڪائونٽ ۾ منتقل ٿئي ٿو. ڪشمور ضلعي کان هيل پاڻي دادو پهتو آهي، پر انهن ”ٿنڀن“ کي ڪو پتو ڪونهي ته ان پاڻيءَ کي ڪهڙو گس ڏجي جنهن سان اهو پاڻي گهٽ ۾ گهٽ انساني آبادي جو نقصان ڪري مٿان شيرازين جي تڪ کي لوڙهي اتي هيرو ٿيڻ جي چڪر ۾ ٺٽي ضلعي مٿان هڪ غير ضروري ٻوڏ مڙهي وئي آهي. ڪيولين جيان گهرن مان نڪتل اهي ماڻهو هاڻ بدين ۽ مڪلي جي قبرستان ۾ پناهه وٺيو ويٺا آهن، کين سمجهه ۾ نٿو اچي ته مهينو اڳ درياهه ۾ چاڙهه اچڻ کان پوءِ ٻه درياهه جا بند ايئن ڪمزور ڇو ڇڏيا ويا جو پاڻي جي وهڪري جي سٽ ئي سهي نه سگهيا؟ هي ڪا اوچتو آيل قيامت ته ڪا نه هئي؟ اڃا ته سنڌ لاءِ ڌڪ گرم آهي،، ان ڪري سور جو احسا گهٽ آهي، جيئن جيئن ڌڪ ٺرندو کين سور ياد پوندا ويندا. علي واهڻ کي ڪٽ نه ڏيڻ جا سبب سوچيا ويندا، ۽ سرڪاري ڪيمپ ۾ نڌڻڪائپ جي نتيجن تي به ويچاربو ۽ اهي ماڻهو ان ڳالهه تي به سوچڻ لڳندا ته هو جن ”ٿنڀن“ کي ووٽ ڏين ٿا سي سندن ووٽ جي لائق آهن يا نه، ان تبديل ٿيل سنڌ جي سرواڻي ڪنهن جي مقدر ۾ لکجي ٿي. اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو. جي تخليق ڪنهن شئي مان ڪجهه نئين ٺهڻ جو نالو آهي ته پوءِ يقين ڄاڻو ته هي به اها ئي گهڙي آهي. تخريب کان پوءِ ئي تعمير ٿئي ٿي. هاڻ ڏسون ته ان تخليق کي ڪهڙي هنرمند جا هٿ نصيب ٿين ٿا.


    اچو ته ماڻهن لاءِ دربدريءَ جا در بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون…ماروي ميمڻ

    خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ سنڌ ۾ ايندڙ خطري جو اڳواٽ اندازو هڻي مون ٻه آگسٽ تي اتر سنڌ جو دورو ڪري روهڙي، سکر، عاقل آگاڻي، لاڙڪاڻو، خيرپور- لاڙڪاڻو پل ۽ موئن جو دڙو وٽ سنڌوءَ جي بندن جو دورو ڪري ماڻهن کي وري وري پئي ٻڌايو ته بابا. پاڻي تمام گهڻو پيو اچي. پنهنجا سڙهه سنڀاليو، ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ٻوڙان ٻوڙ آهي. سياسي وابستگين کان هٽي ۽ ڪنهن ڪهڙي بند کي ڪٽ هڻايو يا ڪنهن نه هڻايو وارين ڳالهين کي ڇڏي، مون ٻوڏ متاثرين لاءِ پنهنجو ذاتي رليف فنڊ قائم ڪيو ۽ گذريل ٽن هفتن ۾ ٻه ڀيرا سنڌ ۽ هڪ ڀيرو بلوچستان جي ماڻهن سان تڪليفون ونڊڻ لاءِ ويس بلوچستان ۾ مون ٻوڏ جي تباهين کي، سياستدانن پاران بندن کي ٽوڙڻ ۽ سرداري نظام جي بي رحميءَ سان سلهاڙيل ڏٺو، ڪوئيٽا کان ڊيرا الهيار تائين روڊن جي ٻنهي پاسن ماڻهو پنهنجي بچيل سچيل کٽن جي اوٽ ٺاهي، لٽيل الهه تلهه جي ڏکويل تصوير بڻيل نظر آيا. هنن جي ڏکن کي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن، ان سڄي سفر ۾ عوامي نمائنده مون کي ڪٿي به نظر نه آيا. جن بابت چئي سگهجي ته هو پنهنجن ووٽرن، يا سياست کان هٽي ڪري سڀني انسانن جي هن مصيبت جي گهڙيءَ ۾ ڪا واهر ڪندا هجن، ڊيرا مراد جمالي ۽ ڊيرا الهيار ۾ جيڪي کارڪون، بسڪوٽ، پاڻي، داليون ۽ ڪپڙا مون ورهايا، اهي قطعي طور تي ناڪافي ۽ اڻ پورا هئا، پر ڇا ڪجي؟ انهن علائقن ۾ غوثپور، ٺل، جيڪب آباد جا ماڻهو به ڪيمپن ۾ آيل هئا ۽ مقامي ماڻهو به هئا. ڪوئيٽا ۾ ڪجهه سردار ٽائيپ ماڻهن سان منهنجيون گڏجاڻيون ٿيون، سيلاب متعلق کين ڄاڻ سرسري هئي ۽ درد انهن جي اکين کان دور هو ته ڪيئن سندن ماڻهو روڊن تي بي يارو و مددگار پيا آهن، ڊيراالهيار ۾ پاڻي گندو ۽ بدبودار ٿي سائي رنگ ۾ تبديل ٿي چڪو هو. ڪو عملدار اهڙو نظر نه آيو، جيڪو مئل ڍورن کي تلف ڪرائڻ جو ئي ڪم ڪري ته جيئن بيماريون نه ڦهلجن. اهو ساڳيو مرده جانورن وارو الميو، هر ان شهر ۾ نظر آيو، جتي ٻوڏ آئي آهي. يا جتان ٻوڏ گذري وئي آهي. پر حڪومت اها صفائي جيڪا انساني صحت لاءِ تمام ضروري آهي. ڪرڻ ۾ رڌل ڪٿي به نظر نه آئي. ٻوڏ بابت منهنجو سنڌ جو دورو ان ڪري وڌيڪ اهم هو، جو اهو دورو مون پاڻي سنڌ ۾ پهچڻ کان اڳ ڪيو هو ۽ پنجاب ۾ ڏٺل تباهين ۽ حڪومتي غلطين جي نشاندهي، ٻوڏ اچڻ کان اڳ ڪري مون حڪومت توڙي وزيراعظم آڏو هر گهڙي پئي رکيون جن کي نظر ۾ رکي پلاننگ ڪئي وڃي ها ته سنڌ ۾ شايد تباهي ڪجهه گهٽ ٿئي ها.
    سنڌ ۾ مون ٻيو دورو ٻوڏ کان پوءِ ڪيو ته نظر آيو ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ خيبر پختوانخواهه کان وڌيڪ تباهي آئي آهي. شايد ٻوڏ نه، پر حڪومت جي ريسڪيو ۽ رليف واري نااهلي مظلوم ماڻهن لاءِ دربدريءَ جا دروازا کولي ڇڏيا آهن. سنڌ ۾ مون شروعات ڪراچي ۾ ڊالميا جي علائقي ۾ قائم ڪيمپ کان ڪئي. جتي مون کي سنڌ جا اصل وارث گندگيءَ جي ڍير تي بغير ڪنهن ڇت جي نظر آيا، الائي ڪهڙين مصيبتن ۽ ڪشالن بعد پنهنجا دڍور ڍڳا وڪڻي ڀاڙو ڪري سنڌ جي گاديءَ واري هنڌ پهتل مظلوم ماڻهن کي، گند جي ڍير تي جڳهه ڏني وئي هئي. مون اتي اهي جملا ٻڌا، جيڪي ملڪ لاءِ خطرناڪ آهن. 1947ع ۾ هندستان مان آيل مسلمانن کي اسان گند جي ڍير تي رهايو هيو؟ اسين ڪنهن ٻئي ملڪ يا ٻئي صوبي مان ته نه آيا آهيون؟ چوهٺ سال کان پوءِ ڇا اسان سان اهو سلوڪ ئي ڪيو وڃڻو هو؟ اسين پاڻي کان ڀڄي آيا آهيون، پر لڳي ٿو ته اسين هتي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ بيمارين سان مري وينداسين.“ مان هڪ مخالف ڌر جي ايم اين اي هجڻ ڪري مان اهڙا جملا ٻڌي حڪومت کي ٻڌائي سگهان ٿي ته جيئن اسان سڀ گڏجي ماڻهن کي خراب صورتحال مان ڪڍي اهڙا جملا ٻڌڻ کان بچي سگهون، مان ڊالميا ڪيمپ ۾ صرف پاڻي ئي ورهائي سگهيس. منهنجو پرائيويٽ ڊونيشن فنڊ هڪ علامتي ئي آهي. 20 لک ماڻهن جي امداد لاءِ ڇا وسيلا هجن اها حڪومت کي چڱي ريت خبر آهي. پرڏيهي امداد کي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪئي ويندي، اهو نظر اچڻ گهرجي. شفاف طريقي سان متاثرن جي مدد نه ٿي ته تباهي حدون ٽپي ويندي، ڪراچي بعد ڄامشورو پهتيس ته خطرناڪ ۽ ڪمزور بند آبپاسي کاتي جي ڪارڪردگي ٻڌائي رهيا هئا. مٽياري، هالا ۽ ڀٽ شاهه پهتس ته لطيف سرڪار جي نگريءَ ۾ آهه نڪري وئي ته لطيف جي سنڌ جو ڇا حال ٿي ويو آهي! لطيف جي در تي مان پنهنجو درد وڌيڪ سانڍي نه سگهيس ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها ۽ زبان تي سندس لفظ تري آيا.
    ڪنڌي جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري،
    تو ڪيئن ٻوڙي سهڻي، ٻيلي منهنجي ٻانهن،
    درياهه توتي دانهن ڏيندس ڏينهن قيام جي!

    سياستدانن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ بندن سان اٿل پٿل ڪري سنڌ ٻوڙي ڇڏي. بدترين ڳالهه اها ته حڪومت نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ کي تعلقي سطح تي ٿيل تباهي جا انگ اکر به فراهم نه ڪيا آهن. وفاقي صوبائي ۽ ضلعي حڪومتون هڪ ٻئي سان تعاون نه ٿيون ڪن. سڀئي وائڙا لڳا پيا آهن. ڀٽ شاهه کان نوشهري فيروز پهچي امدادي سامان ورهائي سڄي رات هڪ بند تي پهري وارو ڪم ڪري، ڪچي جو دورو ڪيم ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته ماڻهو اڃا تائين پنهنجا گهر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن ڇو نه پئي آيا. شايد هو ڪيمپن جي سرڪاري انتظامن کان ڊنل آهن. خيرپور ضلعي م ساڳيا ڏک ۽ منظر نظر آيا. ماڻهو پاڻيءَ جي هڪ ڍڪ لاءِ سامان ورهائڻ وارين هڪ ٻه ٽرڪن پٺيان ڊوڙي رهيا هئا. اسان ان جاءِ تي اهو راشن ورهايو، جيڪو ڪراچيءَ جي واپارين منهنجي رليف فنڊ ۾ جمع ڪرايو هو.
    سکر بئراج پهتيس ته ڪجهه ڏينهن اڳ واري سکر بيراج ۽ هاڻي واري سکر بيراج ۾ زمين آسمان جو فرق هو، پاڻي اڃا تائين سمنڊ وانگر موجون هڻي رهيو هو. سکر بئراج کان راتو رات واپس ڪوٽڙي بئراج پهتيس جتي هاءِ الرٽ واري پوزيشن هئي. سيلاب جو ايندڙ شڪار ٺٽو ٿيندو، جيڪو شايد سنڌوءَ جي پاڻي سبب نه، پر Flood flow management ۾ ناڪاميءَ سبب ٿيندو. ڪوٽڙي تي مون کي سيلاب جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي ته مون انتظاميه کان انهن علائقن جي لسٽ ورتي. جيڪي وڌيڪ متاثر ٿيندا ته جيئن مان اتي خيما پهچائي سگهان. بلوچستان ۽ سنڌ جي ان دوري ۾ مون کي مجموعي طور خبر پئي ته حڪومت اڃا تباهيءَ جا ڪاٿو ناهي لڳايو. ان ڪري امدادي ڪمن ۾ ڪو ربط نه آهي. ان کان اڳ جو پر تشدد احتجاج شروع ٿي وڃن. پرڏيهي ادارن کي جلد امداد شروع ڪرڻ گهرجي. بکيا ماڻهو وڙهندا نه ته ٻيو ڇا ڪندا؟ اسان جا حڪمران هڪ رات ته، ڇت کان بغير رهي ڏيکارين، ست ڏينهن ته بکيو رهي ڏسن! 2005ع جي زلزلي جي تباهيءَ ۾ Unity of command جي کوٽ هئي ۽ هاڻي Unity of executive branch جي کوٽ آهي. اسان کي وزير، وزيراعظم ۽ صدر ٻڌائي ته هو ذاتي طور ڪيترو پيسو عوام تي خرچ ڪرڻ لاءِ تيار آهن؟ مون 2 آگسٽ تي عاقل بند جو دورو ڪري بند پڪو ڪرڻ لاءِ حڪومت کي چيو هو، پر انهن ڌيان نه ڏنو ۽ هاڻي بند ڪمزور ٿي چڪو آهي. 24 ڪلاڪ ٽرڪون بند مضبوط ڪرڻ ۾ پوريون آهن.


    سنڌ کي ڌنڌوڙي نه پر حقيقي هيروز گهرجن….اشفاق آذر

    اهو سنجها جو وقت هو، جڏهن راڌڻ کان ڪجهه ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي سيري بند کي روڻ پوڻ شروع ٿي. روڻ پوڻ جو اطلاع ملڻ تي ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا. جن ۾ ڳوٺاڻا به هئا ته ڪي آبپاشي عملدار ۽ سرڪاري ماڻهو هئا. سڀئي ان روڻ کي بند ڪرڻ ۾ جنبي ويا ته جيئن پاڻيءَ کي آبادي ۾ گهڙڻ کان بچائي سگهجي. انهي ڪم ۾ رضا ڪاراڻا طور تي ڳوٺاڻا به آبپاشي عملدارن جو هٿ ونڊائڻ لڳا، جن ۾ 3 ڳوٺاڻا بند جي هيٺئين پاسي بند ٻڌن ۾ مصروف هئا ته ٻئي پاسي پاڻي بند کي کائڻ ۾ مصروف هو، ايتري ۾ اوچتو مٽي جي هڪ ڀڪ ڌماڪي سان انهن ٽنهي ڳوٺاڻن مٿان ڪري پئي. هڪ ڳوٺاڻي کي ته ماڻهن بچائي ورتو، جڏهن ته ٻه ڄڻا انهيءَ ڀڪ ۾ دٻجي ويا. اهي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو هئا، جن جا نالا به هڪجهڙا هئا، زندگيون ۽ سندن موت به هڪجهڙو هو، سنجها ٽاڻي پيل انهي روڻ کي ٻئي ڏينهن اسر ويل بند ته ڪيو ويو پر انهي روڻ سان گڏ ٻنهي نوجوانن جا ساهه به بند ٿي ويا. سيهڙ وليج جا اهي رهواسي ڳوٺاڻا پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا. هو نه ته ڪنهن ڀتا خوري کان واقف هئا، نه ئي هنن وٽ ڪي قبضي جا پلاٽ هئا، هي سنڌ جا اهي گمنام سپاهي هئا، جيڪي اڄ تائين انهيءَ بند ۾ دفن آهن. سندن مڙهه ان ڪري نٿا ڪڍيا وڃن ته ان سان بند کي نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ان بند کان پاڻي ٽپيو ته سيهڙ ۽ سرگاڻي سميت انيڪ ڳوٺن ۽ راڌڻ، سعدي موساڻي، ٻيٽو جتوئي، ميهڙ ۽ خبر ناهي ته ڪيترن علائقن کي ٻوڙي ڇڏي. اهي علائقا سنڌ جي انهن گمنام سپاهين جا اڃا تائين ٿورائتا آهن، جن پنهنجي جانين جا نذرانا ڏيئي پاڻي کي اڃان روڪي رکيو آهي! انهي بند مٿان ٻنهي ڄڻن جون عارضي قبرون ٺاهيون ويون آهن. مٽي جي انهن بٺين مٿان روزانو اگربتيون ٻاريون وڃن ٿيون، انهن نوجوانن جي مائٽن ۽ جهور والدين کي پنهنجي پٽن جي قرباني تي فخر آهي، جن پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي ڪيترن ئي ڳوٺن کي ٻڏڻ کان بچائي ورتو! منهنجي نظر ۾ هي سنڌ جا اهي حقيقي هيروز آهن، جن جا مڙهه جڏهن انهي بند مان ڪڍيا ويندا ته پوري سنڌ کين سلام پيش ڪندي.
    هن ٻوڏ جتي درياهه جي بندن سان گڏ اکين جا بند به ڀڃي ڇڏيا آهن، جتي دلين کي روح تائين گهارا پئجي رهيا آهن ۽ جتي ساهه ساهه کي روز روڻيو پون پيون، اتي بدقسمتي سان ڪي اهڙا گروهه به آهن جيڪي انهن ٻوڏ متاثرن جي اهنجن ۽ ايذائن کي ڪيش ڪرائڻ ۾ مصروف آهن. آئون هتي انهن ڌرين جو ذڪر ڪرڻ نٿو چاهيان، جن سنڌ ۽ سنڌين کي ڪڏهن دل سان قبوليو ئي ناهي، جيڪر اهي سنڌ جا سڄڻ هجن ها. سنڌ واسين سان مخلص هجن ها ته صوفين جي هيءَ ڌرتي ڪڏهن دهشتگردي جو منهن نه ڏسي ها، هتي ايئن بي گناهن جو رت وهندي نظر نه اچي ها، هو ڪالهه به پراوا هئا ۽ اڄ به ڌاريا ئي آهن، جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته جيئن ڌرتي ڌڻين هنن جي آجيان لاءِ پنهنجي دلين جا در کوليا هئا، تيئن اڄ اهي ڌرتي واسين جي آجيان لاءِ هنن جي اکين جون پنبڙيون وڇايل هجن ها، پر ايئن ڪونهي، ڪالهه جي سچ ۽ اڄ جي حقيقت ۾ وڏو فرق آهي. اڄ جي حقيقت اها آهي ته اڄ اهي ڌرتي واسي پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر آهن، جن جي زخمن مٿان پراون سان گڏ ”پنهنجا“ به لوڻ ٻرڪي رهيا آهن.
    هن ڀيري جتي هڪڙي پاسي سيهڙ وليج جي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو جي بي مثل قرباني جهڙا وقعا آهن ته ٻئي پاسي وري سنڌ جي انهن ”جوڌن“ جا ڪارناما آهن، جيڪي انهن ٻوڏ متاثرن جي دم تي به دمڙي ڪمائڻ چاهين ٿا. ڪراچي اڄڪلهه انهن ڌنڌوڙي ماڻهن لاءِ آئيڊيل شهر بڻيل آهي. جيڪي پنهنجي ڳلي ۾ سنڌ سان سڄڻائپ جو ڪارڊ وجهي گهمائيندا وتن ٿا، پر پردي جي پويان سندن حريس نگاهون فقط قبضي گيري ۽ ڀتا خوري جي داستانن کي جنم ڏينديون رهن ٿيون، بجاءِ ان جي جو هو هن مها مصيبت جي گهڙي ۾ سمورا فرق، سمورا ويڇا، سمورا نظرياتي توڙي سياسي اختلاف هڪ پاسي رکي هڪڙي ئي جذبي سان انهن جي مدد ڪن، هو انهن متاثرن کي به ”غيبي امداد“ سمجهي ايئن استعمال ڪرڻ ۾ چهٽي ويا آهن جيئن ڄورون ڪنهن بيمار جسم کي چنبڙنديون آهن. پاڻ کي عظيم فڪر ۽ فلسفي جا پوئلڳ سڏائيندڙ انهن ماڻهن جي درپرده قصن جي انهن معصومن کي ڪل ئي ڪانهي، جن جي ڪلهي تي بندوق رکي هو هلائي رهيا آهن. پر هي دور ڪو بي خبري جو دور ڪونهي جتي کين هر اره زورائي، هر ٺڳي ۽ هر چور بازاري ڦٻي وڃي. ڪراچي اهو شهر آهي، جنهن ۾ سنڌ جي دل ڌڙڪي ٿي، هن شهر پراون کي ايترو ئي نوازيو آهي، جيترو پنهنجن کي محروم رکيو آهي، تنهنڪري هي شهر جتي لکين پناهگيرن، افغانين، بنگالين، برمين کي پناهه ڏيئي سگهي ٿو ته اتي پنهنجن لاءِ گنجائش نه هجڻ جو ته ڪو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. انهي ڳالهه کي هڪ ”سياسي حقيقت“ طور مڃرائڻ هر سنڌ واسي جو فرض آهي پر انهي فرض ۾ ”مال ميڙڻ“ واري نيت سان کاٽ هڻن کي ڪو به حقيقي سنڌ واسي ڪيئن ٿو برداشت ڪري سگهي!؟ ڪراچي جي بلال ڪالوني ۾ 5 هزار رپين عيوض ٻوڏ متاثرن ۾ پلاٽ ورهائيندڙ ڪي ڌاريا ته ڪو نه هئا، ليبر ڪالوني ۾ ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ پنهنجن ماڻهن کي ويهاريندڙ به ڪي پراوا ته ڪو نه هئا، خانگي بلڊر جي فليٽن تي قبضا ڪندڙ به ڪي غير ڪو نه هئا!؟ سو قبضا مافيا ۽ لينڊ مافيا جا جيڪي اصطلاح پاڻ فقط ڌارين جي حوالي سان مخصوص ڌرين بابت ٻڌندا پئي آياسين، هاڻي ان ۾ ”پنهنجن“ به هٿ ٻوڙڻ شروع ڪري ڏنا آهن. پر افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو ڌنڌو سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران انهن مسڪين، مجبور ۽ بي وس ماڻهن جي قيمت تي ٿي رهيو آهي، جيڪي هن شهر کي پنهنجو شهر سمجهي آيل آهن، جن کي جيڪو به ڪلهو ملي ٿو ته هو ان تي پنهنجو ڪنڌ رکي ٻوڏ جي ڀيانڪ يادگيرين جو غم هلڪو ڪن ٿا، هو ٻهراڙي جا راهڪي ڪندڙ ماڻهو جن کي اها خبر ناهي ته هتان جي ”شهري بابوئن“ جو پنهنجو لائيف اسٽائيل ڪهڙو آهي ۽ هو ڪيئن انهن ماڻهن جي اوچتو مالڪيءَ لاءِ نڪري پيا آهن، جن ڪڏهن هنن جي علائقن ۾ پهچي کانئن ڪڏهن حال حوال به ناهن اوريا، اهي ڌنڌوڙي ماڻهو وقت جي سرڪار مٿان پريشر رکڻ، وسنديون جوڙائي کين آباد ڪرڻ، انهن جي کاڌ خوراڪ، ڪپڙي لٽي ۽ ٻين ضرورتن جو خيال رکڻ ۽ انهن جي زخمن تي پها رکڻ بدران جن ڪرتوتن ۾ ملوث آهن، تن کي ڪهڙو نالو ڏيئي سگهجي ٿو؟
    جڏهن کان ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي آمد جو سلسلو شروع ٿيو آهي، تڏهن کان توهان ڏسو ته انهن جي آمد آڏو دهشت جا بند ٻڌا پيا وڃن، شهر ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو ان ئي دهشت جي ڪڙي آهي ته جيئن ان کان گهٻرائجي ٻوڏ متاثر پنهنجين اونداهين زندگين ۾ روشنين جي شهر جو اجالو آڻي نه سگهن. ظاهر آهي ته ڪا به ڌر جنهن جا مفاد هن شهر سان وابسته آهن، سا هن مشڪل جي گهڙي ۾ کليل نموني پنهنجا ڪارڊ استعمال نه ڪندي، نه ئي انهن وٽ ايتري جرئت ٿي سگهي ٿي، جو اهي علي الاعلان انهن ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي آمد جي مخالفت ڪري سگهن، هو اهڙا ئي هٿڪنڊا استعمال ڪنديون ۽ ايئن ئي اڻ سڌي ريت پنهنجو پيغام واضع ڪرڻ چاهينديون. ان پيچيده صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بصيرت ۽ فهم جي ضرورت هجي ٿي، ڪردار جي مضبوطي ۽ موقف جي سچائي گهربل هوندي آهي، پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ ۽ ان کي مڃرائڻ جي ڏانءُ جي گهرج هوندي آهي، پر اها سمجهه اسان جي ”سڄڻن“ کي بدقسمتي سان ناهي، جنهن ڪري هڪڙي پاسي ڌرتي ڌڻين جي پنهنجي ئي ديس ۾ عزت سان رهڻ وارو مسئلو هڪ ڀيانڪ خواب ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي. مون پنهنجي گذريل آرٽيڪل ۾ به اها ڳالهه چئي هئي ته ”سنڌ جي سڄاڻ حلقن ۾ اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته جڏهن هي ڌرتي ٻاهران ايندڙ غيرن کي پناهه ڏيئي سگهي ٿي، کين روزگار ۽ گهر ڏيئي سگهي ٿي ته پوءِ هن ئي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ هتي ڪا گنجائش ڇو نه هجڻ گهرجي؟ انهن وڏن شهرن ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ٻوڏ متاثرن جون باقاعده وسنديون قائم ٿيڻ گهرجن، جتي کين گهربل بنيادي سهوليتون فراهم ڪيو وڃن. کين روزگار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجا ڪٽنب پالي سگهن. هن ٻوڏ ۾ هاڻ اها تعصب پرستي، ٻه اکيائي ۽ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ويڳاڻپ جو رويو به لڙهڻ گهرجي. جنهن سنڌ کي ڪن ڏهاڪن کان وٺي ٻولي جي بنياد تي ورهائي رکيو آهي.... ”آئون اڄ به اها ڳالهه ورجائڻ چاهيان ٿو ته هي وقت هڪ منظم ۽ مربوط حڪمت عملي جوڙڻ جو آهي، نه ڪي ٺلهي شعبدي بازي ۽ نعريبازي جو آهي، نعريبازي ۾ اسان اڳ ئي پنهنجا نسل وڃائي چڪا آهيون. سو هن وقت جيڪي به توتڙيون، بينيون ۽ باجا آهن، تن کي هڪ پاسي رکي اهو سوچڻ جو وقت آهي ته اها سنڌ، جنهن جي پيرن جي هيٺان به پاڻي آهي ۽ اکين ۾ به پاڻي آهي، تنهن کي ٻيهر ڪيئن پنهنجي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو؟ هن وقت جڏهن هڪ انتهائي مشڪل صورتحال درپيش آهي ته اهو وقت حساب ڪتاب ۽ ليکا ڪرڻ جو ناهي، اهو وقت پنهنجون حدون جاچڻ ۽ هڪٻئي ڏانهن آڱريون کڻڻ جو به ناهي، هي وقت ميڊيا کي ”حدود اربع“ سمجهائڻ جو وقت به ناهي ته ميڊيا فقط پنهنجي دائري ۾ رهي فقط رپورٽنگ ڪري، اهو نه ڏسي ته ڪير ڪٿان ڪهڙي بدمعاشي ڪري رهيو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جتي به جنگيون ۽ قدرتي آفتون اينديون آهن ته ميڊيا رڳو بي حس بڻجي ”اڻ ڌرئي“ هجڻ واري خول ۾ ناهي رهندي، اها پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ماڻهن سان گڏ بيهندي آهي، جيڪي ماڻهو انهي نقطي سان اختلاف رکندڙ آهن، سي مهرباني ڪري آمريڪا کان وٺي برطانيا ۽ جاپان کان وٺي چين تائين جي ملڪن جي ميڊيائي ڪردار جو مطالعو ڪن ته کين خبر پئجي ويندي ته آفتن جي گهيري ۾ آيل انهن ملڪن جي ميڊيا اتان جي مصيبت سٽيل ماڻهن جي واهر پئي ڪئي يا ”ڌنڌوڙي“ ماڻهن جو ساٿ پئي ڏنو!؟ شابس آهي انهن ڌرين کي، جيڪي هن ڏکئي وقت ۾ به اخباري خبر جي سنگل، ڊبل ڪالم ۽ اليڪٽرونڪ ميڊيا جي ڪوريج جي فرمائش کان وڌيڪ ان ڳڻتي ۾ آهن ته ميڊيا ذريعي کين جيڪا خبريت ۽ خطرن کان آگاهي ملي رهي آهي تنهن جي آڌار هو انهن ٻوڏ متاثرن جي ڪيئن مدد ڪن، جڏهن ته ٻئي پاسي اهي به آهن، جيڪي فقط انهي ڏک ۾ ڏٻرا ٿي رهيا آهن ته ميڊيا ڪڌا ڪم ڪندڙن کي هيروز ڪري ڇو نه پئي پيش ڪري؟ هي وقت انتهائي ذميواري ۽ فهم جو وقت آهي، هي وقت دردن کي توانائي ۾ بدلائي ڪمزور ۽ ڪنجهندڙ ماڻهن کي سگهارو ڪرڻ جو وقت آهي، کين سندن چهرن تان کسجي ويل مرڪون موٽائي ڏيڻ جو وقت آهي، هن قهري وقت ۾ به جيڪڏهن اسان جا ڪي ناخدا ڀريل ٻيڙي کي ڪن ۾ اڇلائي پنهنجا پاند پسائڻ کان آجا ڪرڻ چاهيندا ته ڇا تاريخ ڪڏهن انهن کي معاف ڪري سگهندي؟
    هيءَ اها سنڌ آهي، دريا جنهن جي نئين تاريخ لکي رهيو آهي. هي پاڻي لهي به وڃي، گهارا ۽ روڻيون بند به ڪري وٺجن پر پاڻي جي انهن بي رحم تحريرن سان جيڪي واقعا ۽ داستان جنم وٺي رهيا آهن، تن جو سيمو نه ڄاڻ ڪيترن سالن تائين روح کي پائيندو رهندو، هن وقت اسان کي سيهڙ وليج جي عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو جهڙن ڪردارن جي ضرورت آهي، سنڌ کي اهڙن هيروز جي ئي ضرورت آهي، جيڪي ڪنهن به مفاد ۽ لالچ کان مٿانهان ٿي فقط پنهنجي ديس جو درد رکن. سنڌ ۾ پاڻي لهڻ کان اڳ ئي جن ماڻهن جي اکين جي حيا ۽ شرم جو پاڻي لهي ويو آهي، سي پنهنجن خسيس مفادن کان مٿڀرو ٿي سوچين ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۽ ڪنهن جي لاءِ ڪري رهيا آهن!؟ سڀاڻي واري سنڌ غيرن ۽ ڌارين کان ته هونئن ئي پڇڻو ڪندي پر ڪٿي ايئن نه ٿئي ته ڪجهه ”پنهنجا“ به انهيءَ قطار ۾ بيٺل نظر اچن.


    ٻوڏ ڪٿي پهتي؟..محمد ادريس راجپوت

    گڊو ۽ سکر بيراجن تي چوٽي وارا وهڪرا ترتيب وار گهٽجي 26 آگسٽ تي ساڍا ڇهه لک ۽ ست لک ٿي ويا آهن. دادو- مورو پل تي گيج 132.3 مان گهٽجي 131.6 فوٽ ٿي ويو آهي. معنيٰ هنن هنڌن تان چوٽي وارو وهڪرو گذري چڪو آهي، ۽ هينئر هو ڪوٽڙي بيراج تان پاس ٿي رهيو آهي. جتي 24 آگسٽ کان 26 آگسٽ تائين چوٽي وارو وهڪرو 9 لک 38 هزار ڪيوسڪ آهي، جيڪو اڃان ڏينهن ٻه هلندو، ياد رهي ته ڪوٽڙي بيراج تي وڏي ۾ وڏو وهڪرو سال 1956ع ۾ آيو هو، جيڪو 9 لک 81 هزار ڪيوسڪ هو، معنيٰ ته ڪوٽڙي بيراج تي آيل هن سال واري ٻوڏ پاڻي جي وهڪري جي لحاظ کان ٻيو نمبر رهي، ڪوٽڙي بيراج جي پاڻي پاس ڪرڻ جي ڊيزائن گنجائش 8 لک 75 هزار ڪيوسڪ آهي. هيٺين ڀر وهڪرو 9 لک 16 هزار ڪيوسڪ آهي. معنيٰ ڪوٽڙي بيراج پنهنجي ڊيزائين گنجائش کان 5 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي پاس پيو ڪري.
    هاڻي اچو گيج تي، بيراج جي لحاظ کان ڊسچارج اهم آهي، پر بندن جي لحاظ کان گيج اهم آهي. جيترو بندن کي مٿي پاڻي لڳو اوترو بندن لاءِ وڌيڪ خطري وارو نٿي ٿو، ڪوٽڙي کان هيٺ بندن لاءِ ڪوٽڙي گيج اهم آهي. اهو وڌ ۾ وڌ 1956ع ۾ 26.4 فوٽ رڪارڊ ٿيو هو، هن سال اهو 26.5 فوٽ رڪارڊ ٿيو آهي. يعني تاريخي طور وڌ ۾ وڌ رڪارڊ ٿيل گيج کان اٽڪل هڪ انچ مٿي، تنهن ڪري بندن تي دٻاءُ تمام گهڻو آهي. الله سائين جي فضل ۽ عوام جي محنت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ حيدرآباد وارا بند محفوظ آهن. پر بدقسمتي سان ڪوٽڙي کان هيٺ کاٻي پاسي دڙو شهر سامهون ايم ايس بند جي 18 ميل 2 فرلانگ وٽ رات جو ٽئين وڳي کنڊ لڳي ويو. اتي هڪ لوپ بند به هو، جيڪو پڻ ٽٽي پيو، ۽ پاڻي اٽڪل 50 فوٽ ويڪري گهاري مان دڙو شهر ڏانهن وڌي رهيو آهي. درياهه جو لڳل گهارو جڏهن درياهه ۾ 9 لک ڪيوسڪ پاڻي هجي. تڏهن يڪدم گهارو بند ڪرڻ ڏکيو آهي. اهو تڏهن بند ٿي سگهندو، جڏهن درياهه ۾ وهڪرو گهٽجي ڏيڍ ٻه لک ڪيوسڪ ٿيندو، بند مينوئل مطابق کنڊ لڳڻ کان پوءِ پهريون ڪم کنڊ جي سيرن (Ends) کي وڌڻ کان روڪڻ جو بندوبست ڪرڻو ضروري آهي ته جيئن کنڊ وڌي نه ۽ کنڊ مان نڪرندڙ پاڻي به نه وڌي. ٽوڙي واري واقعي ۾ به ائين نه ڪيو ويو ۽ کنڊ وڌي 3000 فوٽ ٿي ويو آهي. ان ڪري انهيءَ مان لک ڏيڍ لک وهڪرو پاس پيو ٿئي. جنهن اتي تباهي مچائي ڇڏي آهي. انهيءَ مقصد لاءِ بند جي ويجهو عمودي نموني جڪ ورڪ ڪبو آهي، بند مينوئل ۾ انهيءَ جي هڻڻ جو طريقو ٻڌايل آهي. زمين جي ليول مطابق اهو پاڻي شهر ٻوڙيندو جاتي تائين ويندو ۽ تنهن کان پوءِ شاهه بندر وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، رستي تي جيڪي مکيه شهر اچن ٿا، سي آهن ميرپور بٺورو، سجاول ۽ جاتي، اهو سجاول- بدين رستي کي به ڪٽيندو، جنهن ڪري انهن شهرن وچ ۾ ٽريفڪ به بند ٿي ويندي.
    هينئر ڪوٽڙي بيراج تي وهڪرو 9 لک ڪيوسڪ آهي، انهيءَ کي گهٽجي ٻه لک ڪيوسڪ ٿيڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن لڳندا، تنهن ڪري کنڊ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ڏينهن وهندو رهندو ۽ سڄو ضلعو ٻوڙيندو رهندو. سال 1988ع ۾ 17 آگسٽ تي، جنهن ڏينهن ضياءُ الحق جو جهاز ملتان کان اڏامن تي هوا ۾ ڦاٿو هو، هن سال پيل کنڊ کان ڪجهه ميل هيٺ سورجاڻي بند کي کنڊ لڳو هو، جنهن تمام گهڻي تباهي آندي هئي. پر ان مهل درياهه ۾ ڊسچارج اٽڪل 6 لک ڪيوسڪ هو، هينئر ڊسچارج 9 لک ڪيوسڪ هو، جنهن ڪري نقصان وڌيڪ ٿيندا. 1988ع واري کنڊ کان پوءِ سجاول شهر کي بند ڏئي بچايو ويو هو. هن سال مون کي اهو شهر بچائڻ ڏکيو لڳي ٿو. الله سائين سڀني کي بچائي. (آمين)

    ٽوڙي واري کنڊ جي صورتحال:
    اخباري خبرن مطابق چيف منسٽر صاحب ٽوڙي واري کنڊ کي بند ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. کنڊ ايف ڊبليو او ۽ آرمي ڪور آف انجنيئرنگ جي مدد سان نبري ويندا. چون ٿا ته اهو گهارو هڪ هفتي ۾ بند ڪيو ويندو. سنڌ بند مينوئل ۾ 1942ع واري سال ۾ سکر بيگاري بند کي لڳل کنڊ کي بند ڪرڻ جو ذڪر ٿيل آهي. اچو ڏسون ته اهو ڪهڙين حالتن ۾ ۽ گهڻي وقت ۾ بند ڪيو ويو. اتي ٽي کنڊ هئا. جن جي ڪل ڊيگهه 2650 فوٽ هئي. کنڊ بند ڪرڻ وقت درياه ۾ وهڪرو اڍائي کان ساڍا ٽي لک ڪيوسڪ هو ۽ کنڊن مان 50.000 ڪيوسڪ پاڻي وهي رهيو هو. کنڊ بند ڪرڻ جو ڪم 22 آگسٽ 1942ع تي شروع ڪيو ويو هو. پهريون کنڊ 23 آڪٽوبر 19742ع تي يعني ٻه مهينن 2 ڏينهن کان پوءِ بند ڪيو ويو، ٻيو کنڊ 22 نومبر 1942ع تي يعني ٽي مهينن ۽ هڪ ڏينهن کان پوءِ بند ڪيو ويو، ٽيون کنڊ 26 سيپٽمبر 1942ع تي يعني هڪ مهيني 4 ڏينن کان پوءِ بند ڪيو ويو، کنڊن کي بند ڪرڻ لاءِ ٺاهيل منگلي جي ڊيگهه 7500 فوٽ يعني اٽڪل ڏيڍ ميل هئي.
    جڏهن کنڊ بند ٿيا ته درياهه ۾ ڊسچارج اٽڪل 50 هزار ڪيوسڪ ۽ کنڊن مان ڊسچارج 1500 کان ٻه هزار ڪيوسڪ پاس پئي ٿي. اسان وٽ 26 آگسٽ تي گڊو وٽ ڊسچارج 6 لک 40 هزار ڪيوسڪ آهي، کنڊن مان اٽڪل لک کان ڏيڍ لک ڪيوسڪ پاس پيو ٿئي. ۽ کنڊن جي ڊيگهه اٽڪل ٽي هزار فوٽ آهي. پهرين اسان جي گڊو وٽ ڊسچارج ٽي لک ڪيوسڪ ٿيڻ کپي. تنهن کان پوءِ کنڊن ۾ ڊسچارج گهٽجي 50 هزار ڪيوسڪ ٿيڻ کپي ۽ درياهه ۾ مسلسل لاٿ هجڻ کپي، تنهن کان پوءِ کنڊ کي ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪري سگهبو. وري ٽنهي کنڊن کي بند ڪرڻ ۾ ڪل ٽي مهينا لڳا. انهيءَ زماني ۾ سڄو ڪم آبپاشي کاتي وارن ڪيو هو، پر انهيءَ زماني ۾ ايتريون مشينون ڪو نه هيون، ٽرانسپورٽ ايتري تڪڙي نه هئي. هينئر آبپاشي جي مدد لاءِ ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرنگ ڪور وارا به آهن، ٽرانسپورٽ به تڪڙي ٿي سگهندي ۽ تمام وڏي مٽي کڻڻ ۽ ڍوئڻ واريون مشينون آهن، پر کنڊ بند ڪرڻ هڪ صبر آزما ڪم آهي. منهنجي خيال ۾ هي ڪيتري به تڪڙ ڪن. ته به کنڊ مهيني تائين يعني سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين مشڪل سان بند ٿي سگهندو، تيستائين کنڊ مان نڪرندڙ پاڻي جي ٻوڙ ٻوڙان هلندو رهندو. هوڏانهن وري ٽوڙي مان نڪرندڙ پاڻي وڌيڪ تباهي مچائي رهيو آهي. ڪاوش مطابق ٻوڏ واري پاڻي قبو سعيد خان شهر جي 60 سيڪڙو علائقي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي. آر بي او ڊي ۽ شهدادڪوٽ ڊرين کي وڌيڪ گهارا لڳڻ سبب قمبر ۽ ميرو خان جا وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا. کير ٿر ڪينال کي گهارن سبب پاڻي جو رخ ڳڙهي خيرو ۽ شهداد ڪوٽ طرف ٿي ويو. انهن سڀني وهڪرن جو پڇاڙي وارو ڇوڙ منڇر آهي. هينئر تائين ايف پي بند کي زيرو پوائنٽ تي ڪراس ڪري پاڻي شهدادڪوٽ ڊرين ۽ ميروخان ڊرين وسيلي ايف پي بند جي مٿان حمل ۾ پيو وڃي، جتان هي ايم اين وي ڊرين وسيلي ۽ سڌو مٿان ڦري منڇر ۾ ويندو ۽ اڃان تائين پاڻي ميرو خان ڊرين کان هيٺ قمبر واري پاسي نه ويو آهي. پر شهداد ڊرين ۾ کنڊ پوڻ ڪري جڏهن ميرو خان ڊرين تي دٻاءُ وڌندو ته پاڻي اتان هيٺ وڃڻ شروع ڪندو ۽ سال 2007ع جي ٻوڏ وارو رستو وٺندو. يعني قمبر، وارهه، ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه وارو رستو وٺي ايم اين وي ڊرين جي ٻنهي پاسي ڦهلجي منڇر ۾ ويندو، پر انهيءَ ۾ ڪجهه وقت لڳندو.
    26 آگسٽ تي منڇر جي ليول 111.40 فوٽ ٿي وئي آهي. 115 فوٽ ليول تائين منڇر کي ڪو خطرو ناهي. جنهن سست رفتاريءَ سان منڇر ۾ پاڻي چڙهي رهيو آهي ته 115 جي ليول تي پهچڻ ۾ ڏهه ڏينهن لڳندا سکر بيراج تي درياهه روز لهي رهيو آهي. انهيءَ حساب سان 10 ڏينهن ۾ درياهه لهي وڃڻ ڪري درياهه جي ليول منڇر سامهون ايتري گهٽجي ويندي، جو منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. ۽ منڇر وارا ماڻهو وڏي مصيبت کان بچي وڃن.
    هن سال سنڌ کي جياپو ڏيندڙ سنڌو درياهه سنڌ وارن کي چٿي ڇڏيو آهي. ۽ رحمت بدران زحمت بڻجي ويو آهي. انهيءَ ۾ گهڻي ڀاڱي اسان جون ڪوتاهيون به شامل آهن. دعا ٿا ڪريون ته سنڌ وارن تان اهي عذاب جون ساعتون جلد ختم ٿين ۽ سنڌ وارا وري سکي ٿين. (آمين).


    پهاڙي وهڪرن ۽ دريائي پاڻيءَ جو ميلاپ منڇر کي ڪهڙو روپ ڏيندو….عزيز رانجهاڻي

    سنڌ ۾ ٻوڏن جي حوالي سان ڪچو ۽ ڪاڇو سنڌو ماٿريءَ جا اهي علائقا آهن، جيڪي صدين کان شير درياهه سنڌو ۽ کيرٿر ڪاڇي جي درياهه (سگهاري نئين گاج) ۽ ٻين جابلو نين سبب پاڻيءَ جي گهيري ۾ اچي ويندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ هزارين ماڻهو ۽ چوپايو مال مصيبت ۾ اچي لڏپلاڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويندا آهن، ڪي مهينن جا مهينا ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ آمدرفت جا رستا بند ٿي ويندا آهن. مختلف بيماريون منهن ڪڍنديون آهن ۽ ڪڏهن ته ڪچي ۽ ڪاڇي ۾ وڏين ٻوڏن ۽ اوچتو جابلو نين جي وهڪرن سبب وڏو مالي نقصان پڻ ٿيندو آهي ۽ لکن جي تعدا د۾ ماڻهو مفلسي جو شڪار ٿي ڪيمپن ۾ دربدريءَ واري زندگي گهارڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن، پر پوءِ به صدين کان هن ڏکايل سنڌو ماٿري ۾ جڏهن سوڪهڙو ٿئي ٿو ته ڪچي، ڪاڇي، ڪوهستان ۽ ٿر جا مسڪين ماروئڙا مينهن، برسات، ٻوڏن لاءِ ڌڻيءَ در ٻاڏائين ٿا. صدين کان اهو سلسلو ائين جاري ۽ ساري آهي.
    ڄامشورو، دادو، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ واقع کيرٿر جابلو سلسلي جي هنج ۾ 1932ع ۾ انگريزن پاران بئراجن جي تعمير کان پوءِ سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ تي زرعي زمينن کي ۽ آبپاشي نظام کي بي قابو ۽ ڇڙواڳ جابلو نئن، جنهن ۾ اهم نئن گاج آهي، کان بچائڻ لاءِ منڇر کان شهدادڪوٽ تائين ايف پي بند (بچاءُ بند) جي تعمير ڪئي وئي، جنهن بعد منڇر ڍنڍ کان وٺي شهدادڪوٽ تائين کيرٿر جابلو سلسلي ۽ ايف پي بند جي وچ ۾ آيل ڀوري مٽيءَ واري ديس کي ڪاڇو سڏيو ويو، نه ته ان ايف پي بند اچڻ کان اڳ ڪاڇي جون حدون ان کان اڳتي وسيع ۽ ويڪريون هيون. سچ پچ ڪاڇي جي باراني زمين تي رهندڙ 3 لک کان وڌيڪ ابادي به صدين کان برسات جي رحم ۽ ڪرم تي هوندي آهي، جيڪڏهن سوڪهڙو ٿيندو آهي ته بدترين ڏڪار ڏسندا آهن ۽ ڪاڇو ڇڏي پڪي تي اچي پکڙا اڏين ٿا. جيڪڏهن جابلو نيون وهي اچن ته اچڻ وڃڻ کان لاچار ٿي ويندا آهن، پر ايترو آهي ته جڏهن ٻوڏ ۽ نئن جو پاڻي لهي ويندو آهي ته پوءِ ڪاڇي ۾ گل و گلزاري ٿي ويندي آهي، سندن چهرن ۽ چپن تي جيڪا مرڪ ۽ خوشي هوندي آهي،، يا سندن هلڻ جو اندازو هوندو آهي، سو ڪو شاعر ئي بيان ڪري سگهي ٿو، سنڌ ۾ تازين برساتن ۾ کيرٿر جابلو سلسلي ۾ برساتون پوڻ جي نتيجي ۾ نئين گاج سميت ڪاڇي کي سيراب ڪندڙ ۽ منڇر کي ڀرندڙ ٻيون نيون، جن ۾ نئينگ، نئين انگئي، نئن ڪڪڙاني، نئين نلي، نئن سول، نئن تقي ۽ ٻيون نيون وهي اتر ڪاڇي جي ڀوري مٽي جي اُڃ اجهائڻ کان پوءِ هڪ مهينو گذرڻ باوجود منڇر ۾ ايئن داخل ٿي رهيون آهن. جيئن سنڌو درياهه سمنڊ سان ميلاپ لاءِ سنڌ جي حدن ۾ تڪڙي وک يا ڊوڙ ڀريندو وڃي رهيو هجي.
    نئن گاج ۽ کيرٿر جي ڪجهه ٻين نين جو پاڻي ۽ بلوچستان جي حدن مان ايندڙ پاڻي ته ڪن مهينن تائين منڇر ۾ ڇوڙ ٿيندو رهندو آهي، جيتوڻيڪ کيرٿر ۽ ڪاڇي ۾ برساتن جي هن تازي لهر سبب ڪو وڏي پيماني تي جاني نقصان نه ٿيو آهي، جيئن 1995ع ۾ اوچتو نئين گاج جي تيز وهڪري سبب فقط ڪاڇي جي ميدانن ۾ موجود ڪي 200 کان وڌيڪ ماڻهو لڙهي ويا هئا ۽ هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال لڙهي ويو هيو، 300 کان وڌيڪ ڳوٺ ڪي مهينن تائين پاڻيءَ جي گهيري ۾ هيا ۽ گجندڙ نئين گاج پنهنجو رخ مٽائي 1932ع ۾ کان پهرئين واري گس تي وهي ايف پي بند ۽ مين نارا ويلي ڊرين (الهندي ناري) جابند ٽوڙي دادو شهر کان ڪي 15 ڪلوميٽر اتر طرف کان وهي وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪيو هيو، اهڙي تباهيءَ ۽ ٻوڏ سبب ڪاڇي ۾ چار لک ايڪڙن تي بيٺل فصل ته تباهه ٿيا هئا، پر هڪ لک کان وڌيڪ انساني آبادي رات پيٽ ۾ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مال متاع ڇڏي ايف پي بند، ايم اين وي ڊرين جي ٻنهي ڪنارن وارن بندن ۽ منڇر ڪنيڪٽو بند تي کليل آسمان هيٺ بي يارو مددگار ويهي رهيا. هنن تازين برساتن سبب ڪاڇي ۾ اهڙي صورتحال ته نه ٿي. پر پوءِ به منڇر ڍنڍ کان وٺي فريد آباد ويجهو حمل ڍنڍ تائين نئين گاج ۽ ٻين جابلو نين جي پاڻيءَ جوهيءَ کان واهي پانڌي، ڊرگهه بالا، حاجي خان، علي مراد شاهاڻي، ڇني، ٽندو رحيم خان ۽ ٻين سوين ڳوٺن کي ملائيندڙ روڊ رستن کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ايف پي بند کان ڇنيءَ تائين اچ وڃ ٻيڙين رستي ٿئي پئي.
    تازي صورتحال ائين آهي ته منڇر ڍنڍ جي سطح جيڪا نئين جي پاڻيءَ سبب تيزيءَ سان وڌي آهي ۽ هاڻي سنڌو ۾ سپر فلڊ سبب ڍنڍ مان پاڻي درياهه ۾ نيڪال ڪرڻ ته ممڪن نه رهيو، پر الٽو سنڌوءَ جو پاڻي سيوهڻ شهر ويجهو منڇر ۽ سنڌوءَ کي ملائيندڙ قديم وهڪرن اڙل ۽ دانستر ذريعي منڇر ۾ تيزي سان داخل ٿي ان جي سطح وڌائي رهيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ٻيهر کيرٿر ۽ ڪاڇي ۾ ڪو وڏو وسڪارو ٿيو ته پوءِ جيڪا صورتحال جنم وٺندي، سا 1995ع واري صورتحال کان مختلف نه هوندي، هينئر به منڇر کان وٺي ڇني شهر ۽ ان کان به اڳتي اتر اولهه طرف ڪاڇي جي ڪيترن ئي ڳوٺن تائين منڇر جا مهاڻا ٻيڙيون ڪاهي ماڻهن جي اچ وڃ کي جاري رکيو ويٺا آهن. هينئر به پورو ڪاڇو خوف ۾ آهي ته جيڪڏهن ٻيهر برساتون ٿيون ۽ نيون وهي آيون ته پوءِ منڇر جي پاڻيءَ جي سطح بلند ٿيڻ سبب اهو پاڻي هڪ وڏي المئي کي جنم ڏيندو.


    جيئرن کان خالي ٿيندڙ شهر… ڊاڪٽر ايوب شيخ

    سورجاڻي کي پيل گهاري جي ڪري ڪيترو نقصان ٿئي ٿو، ان جو اندازو لڳائڻ مشڪل آهي، پر درياءَ کي گهارو لڳل آهي ته اهو ايترو ئي نقصان ضرور ڪندو، جيترو نقصان ”ٽوڙي بند“ جي ڪري ٿيو آهي، پنهنجي سڄي ڄمار قمبر، لاڙڪاڻو، شهدادڪوٽ، رتوديرو، وارهه، دڙو، سجاول، ميرپور بٺورو، ”ڪشمور“ ڪنڌڪوٽ ۽ جيڪب آباد پيرين پنڌ جهاڳي ڏٺاسين. قمبر ته پنهنجي جنم ڀومي آهي، جنهن ۾ منهنجي پڙ ڏاڏي دين محمد شيخ کان وٺي وڏن جون، مائٽن ۽ منهنجي والده جي قبر آهي. اهي سڀ شهر جيئرن کان خالي ڪرائي کين چيو پيو وڃي ته ”پنهنجو خيال ڪجو“ اسان جي ڪٽنب ۾ منهنجي پڙڏاڏي کان اڳ سڀ هندو هئا. سندس ڀاءُ پريم چند مسلمان ٿيڻ بدران ڀارتي شهر ممبئي هليو ويو هو، مرڻ تائين پريم چند جو ڪو به پريم پتر نه آيو، ايوب خان جي دور ۾ هڪ ڏينهن ڀارت مان آيل ڪنهن ماڻهوءَ اسان جي وڏن کي ٻڌايو هو ته ”پريم چند خوش ۽ خاموش هوندو هيو، آخر ۾ بخار ٿيو هيس. مون کي قمبر جي ايڊريس ڏئي چيائين ته فلاڻي نالن ۽ پارن سان ماڻهن سان ملي کين ٻڌائجانءِ ته پريم چند مري ويو،“ ان ئي قمبر ۾ اسان پنهنجي والده کي ٻه سال اڳ ۽ ان کان ٻه شهر پري محترمه بينظير ڀٽو کي اٽڪل ٽي سال اڳ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو هو، ويرم ئي ڪا نه گذري آهي ته سڄي سنڌ موت جي منهن ۾ پئي آهي. سنڌ سرڪار وس ڪيا آهن، ڪجهه ”ماڻهن جهڙا ماڻهو“ آفيسر، ايم پي اي ۽ ايم اين اي بندن تي بيٺا آهن. ڪن جا نالا اچن ٿا ڪن جا نالا ميڊيا تي اچن ئي نه ٿا. وڏي ۾ وڏي محنت ۽ رلڻ جو ڪم سيد قائم علي شاهه صاحب ڪيو آهي. ميڊيا ۾ انفرميشن پهچائڻ جو شاندار ڪم ڪي ٽي اين ڪيو آهي. پر اردو ٽي وي ”دنيا“ ۽ ”سما“ وارن به ڪمال ڪري ڇڏيو آهي. بحراني دورن م سنڌي ميڊيا جو هڪ حصو ته پنهنجي ڌرتي ماءُ سان گڏ هجي ٿو، پر اردو ميڊيا جي ڪري ڳالهه سڄي ملڪ تائين پکڙي ۽ پهچي ٿي. ڪي ٽي اين جي جان محمد مهر، سرڪش، سڌايو، ممتاز بخاري ۽ ٻين دوستن جي رپورٽن جي ڪري الاهي مثبت اثر پيا آهن. الاهي ڄاڻ ملي سگهي آهي، پر انهن سمورن رپورٽن کي ايڏي تباهي ۾ ”ڇا ڪري سگهي ٿو“ جهڙو عنصر پڻ ڏيڻ گهري ته جيئن ڪنهن به انتهائي وڏي ۽ خطرناڪ خبر يا اونداهه ۾ ڪي اميد جا ڪرڻا اسان جي ماڻهن کي نظر ۾ اچن.
    منهنجي ڳوٺائي ايريگيشن جي سپهه سالار ادريس راجپوت صاحب جي سمورين اڳڪٿين غلط ٿيڻ سان ئي مون کي محسوس ٿيو هيو ته ”پاڻي سر کان چڙهيل آهي.“ ان ڪري آبپاشي جي سمورن ماهرن، سنڌ جي سرڪار، سنڌ جي ميڊيا ۽ سنڌ توڙي ملڪ جي ٽي وي تي تبصرا ڪندڙ ائنڪر پرسن کي گهرجي ته اهي اها ڳالهه پنهنجي ذهن ۾ رکن ته هي درياءَ جي ”بي مهار ٻوڏ“ هڪ صديءَ کان پوءِ پاڻ مٿان آيل سمورن الزامن، درياءَ مٿان اڏيل هوٽلن ۽ عمارتن، درياءَ کي روڪيندڙ زمينداري بندن، بنگلن ۽ ماڙين، ڪيٽين ۽ شڪار گاهن کي پاڻي ڪندي شهرن جا شهر ٻوڙيندي مسڪين ناراض ڪندي هتي پهتي آهي. ان سانحي جي سمورن پاسن تي غور ڪرڻ جي گهرج آهي. علي قاضي چواڻي ته ”هڪ وڏي ٻوڏ بيمارين جي ايندي“ ته ان تي به غور ڪرڻو آهي. سياسي ۽ سماجي مامرن کي به ڏسڻو آهي. سپر هاءِ وي تي افغاني بستي جي ويجهو سرڪاري خوراڪ کاتي جي گدامن جي زمين تي قبضو ڪري اتي نوان دڪان اڏيا پيا وڃن روينيو وارا ٻوڏ جي ڪم سبب خاموش آهن ۽ قابض ٻوڏ جي صورتحال مان فائدو وٺي يا ته سرڪار جي پٺي ۾ خنجر هڻن ٿا يا وري مسڪينن جو مال ڦٻائين ٿا. لاڙڪاڻي ۾ اسٽيشن روڊ تي ڊاڪٽرن جي گهرن تي قبضا ڪرڻ جو داداگيري وارو ڌنڌو عروج تي آهي. پوليس ۽ روينيو.، ڊي سي او عاقل بند کي ڏسن يا انهن قبضن کي ڏسن؟ بحراني حالتن مان ماڻهو پنهنجي فراڊ جو ڪيئن پيا پيٽ ڀرين؟ ڪراچي ۾ هڪڙا فراڊي هر فليٽ تي ”پنج پنج هزار“ ماهانو وٺڻ جي ”قومي ڪم“ سان لڳا پيا آهن، هڪڙن وري فليٽن تي قبضا ڪري ان تمام وڏي انساني سانحي کي پنهنجي ”پيداگيري“ ۾ بدلائي ان سڄي مقصد جا لاهه ڪڍڻ شروع ڪيا آهن ته جيئن سڄي خلق خدا سنڌين تان کلي.
    سڄي سنڌ جنهن نموني تباهه پئي ٿئي. انهن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته سنڌين کي اڪيلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سنڌين کي اڪيلو ڪرڻ جو مقصد انهن کي بي واهو ڪرڻ جي برابر هوندو، عالمي قوتن کان ويندي لوڪل صاحب سنڌ جي سمورن ڏکن سورن کان لاپرواهه ۽ بي نياز ٿيا ويٺا آهن. ڪوئي به ڪنهن کان نٿو پڇي ته آخر انهن لکين سنڌين کي ٻوڏ جي ڪري لڳل بيمارين جو علاج ڪير ڪندو؟ صحت کاتو ڪٿي آهي؟ منهنجي گذارش آهي ته سنڌين کي پنهنجي مڙسي پاڻ ڪرڻي پوندي، سنڌ جي سرڪار کي پنهنجي سموري ايڪشن م ربط ۽ ضبط پيدا ڪرڻو پوندو، ماڻهن جي آبادڪاري لاءِ ضروري آهي ته کين ”امداد جي آسري تي جيئڻ“ بدران پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو فن سيکاريو وڃي، اهي ٻوڏ ستايل ڪهڙي به ڏک ۽ درد جي واديءَ کي ڪراس ڪري وڏا وڏا لڪ لنگهي مصيبتون سهي اتي پهتا آهن. انهن کي امدادون ڏيڻ بدران انهن کي هنر سيکاريو. انهن کي ڪئمپن ۾ رهائڻ بدران انهن واسطي ”بينظير بستيون“ ٺاهيون، هڪ ڀيري شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچي م چيو هو ته ”ڪراچي جي جياپي لاءِ ”ايگروول“ (زرعي ڳوٺ) ۽ ميٽروول (شهري ڳوٺ) جو پاڻ ۾ ملڻ ضروري آهي.“ سندس اهو خيال ضيائي قوتن جي اچڻ جي ڪري پورو ٿي نه سگهيو هو، هاڻي تاريخ جي بدترين سانحي جي ڪري ڪجهه هزار سنڌي اچي ويا آهن. ڪجهه ٻيا به اچي ويندا، اهي جيڪڏهن سيڪيورٽي گارڊ هوندا، اهي جيڪڏهن سٺا توبچي هوندا، اهي بئرا ۽ بورچي هوندا، اهي واڍا ۽ کٽون واڻيندڙ ۽ ڊکاڻڪو ڪم ڪندا، اهي سڀ ڳوٺن جي ڪلچر کي ڪراچي ۾ متعارف ڪرائي هتان جي سونهن وڌائي سگهن ٿا. انهن ماڻهن کي عام طريقن سان ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ آباد ڪرائجي. انهن ماڻهن سميت سڄي سنڌ ۾ جيڪي لکين بي گهر ٿيل سنڌي آهن، جيڪي دربدر آهن، تن جي مٿان بيمارين جي ڪري لٽڪندڙ موت جي تلوار هٽائي وڃي.
    سنڌ سرڪار کي گهرجي ته قمبر، لاڙڪاڻي، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، گهوٽڪي، ٺٽي، ڄامشوري ۽ ٻين علائقن ۾ ڪئمپن جو جيڪو به کين ”تجربو“ حاصل ٿيو آهي. انهن ۾ موجود ڪميون پيشيون بنا دير ختم ڪرڻ گهرجن، سنڌ سرڪار ان سلسلي ۾ چونڊيل عيوضين، اين جي اوز، خيرات ڪندڙ ادارن سان گڏ ويهي انهن کان سکي صورتحال کي بهتر بنائين. اچو ته ”ربط ۽ ضبط“ سان انهن ٻوڏ سٽيل سنڌين جي زندگين ۾ ڪي اميدون پيدا ڪريون. انهن جا ڪي علاج ڪرايون، گيسٽرو کي پاڙئون پٽڻ جون ڪوشسون ڪرڻ گهرجن ڪجهه وقت کان پوءِ سياري جي خنڪي ۾ وري ساهه ۽ سهڪي جون بيماريون پيدا ٿينديون. ان لاءِ سمورن سنڌين کي گڏ ٿيڻو پوندو. ڪنهن آسري تي نه، پر اميد وڌائڻ لاءِ.


    ڪراچي پهتل ٻوڏ سٽيلن جي آبادڪاري لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي؟…اختيار کوکر

    ڪراچي شهري حڪومت پاران 24 آگسٽ 2010ع تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب حڪومت پاران شهر جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ قائم ڪيل 29 امدادي ڪئمپن ۾ 32 هزار متاثرين رجسٽر ٿي چڪا آهن. جڏهن ته اي ڊي او روينيو ڪراچي جو چوڻ آهي ته ڪراچي پهتل اٽڪل 15 هزار متاثرين اهڙا آهن، جيڪي شهر اندر پنهنجي مٽن مائٽن يا مختلف خانگي تنظيمن پاران قائم ڪيل امدادي ڪئمپن ۾ ترسيل آهن، مطلب ته اٽڪل 10 هزار خاندان ڪراچي پهچي ويا آهن. شهر اندر ٻوڏ ستايلن جي آمد جو سلسلو اڃا جاري آهي. جيڪو سلسلو هاڻي اڃا ان ڪري به وڌندو، جو ٺٽو ضلعو به خالي ٿي رهيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت پڻ پارٽي جي صوبائي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر جي اڳواڻيءَ ۾ پيپلزپارٽي ڪراچي جي اڳوڻن جي هڪ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي. انهي کانسواءِ شهر جي مختلف علائقن لاءِ پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن تي ٻڌل ڪاميٽيون پڻ جوڙيون ويون آهن. انهن ڪاميٽين جي ذميواري آهي ته هو امدادي ڪئمپن جا معاملا ڏسندڙ انتظاميه جي ان ڏس ۾ رهنمائي ڪن. ڪراچي ايندڙ ٻوڏ ستايلن کي سرڪاري ڪئمپن ۾ ضروري سهولتون ڏيارڻ کي يقيني بڻائن، شايد صوبي جي ٻين علائقن کان صوبي جي راڄڌاني ڏانهن سنڌي ماڻهن جي هيءَ پهرين وڏي ۽ تاريخي لڏ پلاڻ آهي. جيڪڏهن سنڌي ماڻهن ڪراچي ۾ رهڻ ۽ آباد ٿيڻ جو گر سکي ورتو ته ڪراچي شهر اندر روزگار جا موجود وسيع ذريعا يقينن صوبي جي معاشي تباهي جو شڪار ٿيل وڌيڪ آبادي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندا.
    سنڌ جي زراعت کاتي پاران تيار ڪيل ابتدائي رپورٽ موجب ٻوڏ سبب 16 لک 22 هزار ايڪر آباد زمين پاڻي هيٺ اچي وئي آهي ۽ زراعت جي شعبي کي اٽڪل 76 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. هن سال 15 لک ايڪڙ زمين تي چانور پوکيا ويا. جن مان ساڍا 8 لک ايڪڙ فصل ٻوڏ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. صوبي جي چئن اترين علائقن جي روڊن رستن، آبپاشي، پبلڪ هيلٿ، صحت، تعليم جو تقريبن سڄو بنيادي ڍانچو تباهه ٿي ويو آهي. ٻوڏ سبب صرف هائوسنگ واري شعبي يعني ماڻهن جي گهرن جو اٽڪل 200 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. چاليهه لکن کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي آهي. صوبائي حڪومت جو اندازو آهي ته اٽڪل 500 ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان ڀيانڪ تباهي جي بحالي ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿيندي؟ ملڪ ۽ سنڌ ۾ ماضي ۾ زلزلي ۽ سامونڊي طوفان جهڙين قدرتي آفتن وارو تجربو ته اهو ٿو ٻڌائي ته آفتن جي ستايلن جي بحالي جا صرف اعلان ٿيندا آهن يا چند هزار سندن هٿ ۾ ڏئي حڪومت پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏيندي آهي. سوچ چوڻ جو مطلب اهو آهي ته تازي ٻوڏ کان پوءِ سنڌ جي ٻهراڙي جي ماڻهو لاءِ جيئڻ مسئلو بڻجي ويو آهي. صوبي جي ٻين ضلعن ۾ صنعتڪاري يا وڻج واپار جي به اهڙي صورت نظر نٿي اچي، جو ماڻهن کي پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي هنڌ روزگار جا ذريعا ملي سگهن.

    ڪراچي جي ٻوڏ ستايلن جي ڪئمپن جي حالت:
    ڪراچي جي امدادي ڪئمپن جي دوري دوران اهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪراچي پهتل اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي، جن جو ٻوڏ ۾ الهه تلهه چٽ ٿي ويو آهي، انهن م وڏو تعداد ، ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ننڍو ڪاروبار ڪري گذر سفر ڪندڙ يا محنت مزدوري ڪري پيٽ پاليندڙن جو شامل آهي. جڏهن ته ڪجهه ننڍا آبادگار يا مالوند ماڻهو پڻ انهن متاثرين ۾ شامل آهن. هتي پهتل 80 سيڪڙو ماڻهو اهڙا آهن جن جون پوئتي سڀ ٻيڙيون ٻوڏ ٻوڙي ڇڏيون آهن. انهن ماڻهن مان اڪثريت جي ڪل ملڪيت سندن ڪجهه گهر يا چند ڍور هئا. سندن ڍور مري ويا ۽ گهر مٽي جو ڍير بڻجي چڪا آهن. هنن وٽ ايتري طاقت ڪونهي. جو واپس وڃي اهو اڏائي سگهن. ان ڪري جيڪڏهن سندن ٻڏي ويل ڳوٺ يا شهر مان پاڻي سڪي به ويو ته پوءِ به هنن جي واپسي جو رستو في الحال بند ٿيل نظر اچي ٿو. ڪراچي شهر سڄي ملڪ جي ماڻهن کانسواءِ لکين غيرقانوني پرڏيهين کي پالي رهيو آهي. ملڪ جهان جا لکين ماڻهو هتي اچي آباد ٿين ٿا پر تڪليف ۽ معاشي بدحالي جي باوجود ڌرتي ڌڻي پنهنجي راڄڌاني واري شهر کي پنهنجو ڇو نه ڪري سگهيا آهن. اهو هڪ الڳ بحث آهي. جيڪو پڻ ٿيڻ گهرجي پر جيستائين مو کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهو جي ٽڪي رهڻ ۾ هڪ وڏي رڪاوٽ اسان جي ماڻهن جو مزاج آهي. جيڪو هن شهر جي مزاج سان نٿو ملي ۽ ظاهر آهي ٻهراڙيءَ ۾ پلجندڙ ماڻهو شهري زندگي ۾ ايترو آساني سان ايڊجسٽ نٿو ڪري سگهي، پر حالتن جو جبر انسانن کان گهڻو ڪجهه ڪرائي ٿو وٺي. ٻوڏ کان سٽجي ڪراچي پهتل تقريبن سڀني ماڻهن کي يقين آهي ته ڪراچي پهچڻ تي حڪومت سندن واهر ڪندي. 80 سيڪڙو ماڻهو اهو بيان ٿا ڏين ته هو هتي هميشه لاءِ رهڻ آيا آهن .تقريبن سڀني ماڻهن جو هڪ جهڙو مطالبو آهي ته حڪومت کين روزگار ۽ رهڻ جي سهولت ڏي، باقي هو پاڻ سنڀالي وٺندا. ٿي سگهي ٿو ڪراچي ۾ مستقل آباد ٿيڻ جي حقيقي خواهش رکندڙن جو انگ 80 سيڪڙو بدران 50 سيڪڙو هجي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سرڪار سنجيده ڪوششون وٺي. ڪراچي ۾ مستقل رهائش جي خواهش رکندڙ کي روزگار ڏياري سگهي ٿي. خانگي شعبي ۾ انهن ماڻهن کي کپائڻ لاءِ هڪ وڏي فيسلٽيٽر جو پڻ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. ڪراچي جي امدادي ڪئمپن جو انتظام سنڀاليندڙ آفيسرن ۽ پ پ اڳواڻ تاج حيدر ان جي تصديق ڪئي آهي ته ڪراچي جي امدادي ڪئمپن مان ماڻهو واپس پنهنجي علائقن ڏانهن وڃڻ شروع ٿيا آهن. هو چوي ٿو ته، سندس خيال آهي ته ايندڙ هڪ ٻن هفتن اندر جيئن ئي ٻوڏ وارن علائقن م پاڻي هيٺ لهڻ شروع ٿيندو، ڪراچي پناهه لاءِ پهتل ماڻهن جو وڏو تعداد واپس روانو ٿي ويندو، هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوئتي سڀ ڪجهه پاڻي ۾ ٻڏي وڃڻ جي باوجود ۽ ڪراچي ۾ مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جي ارادي سان آيل ماڻهو پاڻي سڪڻ کان پهرين ئي واپس ڪيئن پيا وڃن؟
    ڏٺو وڃي ته اها واپسي ماڻهن جي مايوسي جو اهڃاڻ پڻ آهي. ڪراچي ۾ قائم ڪيل امدادي ڪئمپن جي حالت اهڙي آهي. جو ٻارن ٻچن واري ڪنهن خاندان لاءِ انهن ڪئمپن ۾ هڪ هفتو به رهڻ مشڪل آهي. مون ڪراچي جي اڪثر ڪئمپن ۾ پاڻ وڃي حالتون ڏٺيون آهن. مختلف اسڪولن، سرڪاري عمارتن ۽ فليٽن ۾ قائم ڪيل ڪئمپن جي حالت جيڪڏهن اهڙي هجي، جو هڪ ئي وقت هڪ ڪمري ۾ مختلف خاندانن جا چاليهه پنجاهه ماڻهو رهايا وڃن، جن ۾ نوجوان عورتون ۽ مرد، ٻار ٻچا، ٻڍا ۽ بيمار به شامل هجن ته تصور ڪيو ته اهڙي حالت ۾ ڪو شريف خاندان ماڻهو ڪيترا ڏينهن رهي سگهي ٿو. اڪثر ماڻهن کي ڪئمپن ۾ پنهنجي نياڻين جي پردي، عزت جو خيال رهجي ٿو، حڪومت جي امدادي ڪئمپن ۾ ڪا به ڪئمپ اهڙي ڪونهي، جنهن ۾ هڪ ڪمري اندر 25 کان 30 ماڻهن کان گهٽ ماڻهو ترسيل هجن. انهي کانسواءِ ڪئمپن ۾ غسل خانن ۽ بيت الخلا جي اڻاٺ هڪ وڏو مسئلو آهي. وچڙندڙ بيمارين ۾ واڌ اچي رهي آهي. اهڙين حالتن ۾ ماڻهن جي ننڊ آرام حرام ٿيل آهي. کاڌو به وقت ته نٿو ملي.رات جو ماني ملڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن ٽئين چئين وڳي ماني ملي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته صرف هڪ ويلو ماني ملي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن ته صرف هڪ ويلو ماني تي کين گذارو ڪرڻو پئجي ٿو وڃي. اهو ممڪن ئي ناهي ته ماڻهو گهڻا ڏينهن اهڙي حالت ۾ امدادي ڪئمپن ۾ ترسي رهي سگهن. اها ڳالهه جڏهن مون اڳوڻي سيينٽر تاج حيدر کان پڇي ته اوهان کي اندازو آهي ته جن حالتن ۾ ماڻهن کي امدادي ڪئمپن ۾ رهايو ويو آهي. انهن حالتن ۾ هو گهڻا ڏينهن ترسي سگهن ٿا. هو پڻ مڃي ٿو ته انهن حالت ۾ ماڻهو گهڻا ڏينهن نٿا رهي سگهن. ان ڪري وري نئون فيصلو ٿيو آهي ته اسڪولن، ڪاليجن، ٻين سرڪاري عمارتن ۾ ورڪرز ويلفيئر بورڊ وارن فليٽن ۾ ترسايل ماڻهن کي پڪين عمارتن مان ٻاهر ڪڍي کليل ميدانن تي ٽينٽ ۽ پال هڻي انهن ۾ رهايو ويندو، هو چوي ٿو ته اهو ڪم جلد شروع ٿيڻ وارو آهي. پر ٽينٽ ۽ پالن ۾ ٻوڏ ستايل هزارين ماڻهن کي ترسائڻ سان ڇا هو محفوظ ٿي ويندا، چوماسي جي برساتن جي موسم هلندڙ آهي. ان صورت ۾ ماڻهو ڪيڏانهن ويندا؟

    ٻوڏ سٽيلن جي روزگار جو مسئلو:
    حڪومت کي ان معاملي تي سنجيده ٿيندي مسئلي جي اصل حل طرف اچڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي. ڪراچي پهتل ماڻهن کي روزگار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ سندن مستقل رهائش جو بندوبست ڪرڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن. جيڪڏهن اهي ماڻهو ڪراچي ۾ ڪنهن ڌنڌي سان لڳندا ويندا ته شهر جي زمين تي سندن پير ڄمڻ شروع ٿيندا. ظاهر آهي هزارين ماڻهن کي حڪومت هڪ ئي وقت سرڪاري کاتن ۾ نٿي کپائي سگهي. صنعتن واري صوبائي کاتن جي رڪارڊ موجب ڪراچي شهر اندر 10 هزارن کان وڌيڪ صنعتون آهن. انهن ڪارخانن جا ڪيترائي معاملا صنعتن ۽ محنت وارن کاتن جي ڪنٽرول هيٺ اچن ٿا، جيڪڏهن هر ڪارخاني واري کي پابند بڻايو وڃي ته هو پنهنجي ڪارخاني ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنجن ٻوڏ ستايلن کي نوڪري ڏيندا ته هزار ماڻهن کي روزگار ملي سگهي ٿو، حڪومت جو پنهنجو هڪ روپيو به خرچ نه ٿيندو، انهي کانسواءِ ڪراچي سٽي پوليس، جنهن ۾ صوبي جي ٻين علائقن جي نوجوانن جي ڀرتي جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اهي دروازا کولي، شهري پوليس ۾ خالي ست هزار جاين مان شهري ٻهراڙي واري ڪوٽا موجب گهٽ ۾ گهٽ چار هزار نوجوان ڀرتي ڪري سگهجن ٿا. اهو ڪم جيڪڏهن ڪرڻ چاهي ته ڪراچي ۾ ٻه ڪروڙ سنڌين کي آباد ڪرڻ جا اعلان ڪندڙ گهرو کاتي وارو وزير ڪري سگهي ٿو، انهي کانسواءِ بينظير يوٿ ڊيولپيمنٽ پروجيڪٽ هيٺ چئن پنجن هزار نوجوانن کي تربيت ڏئي کين سٺي روزگار جي لائق بڻائي سگهجي ٿو. انهيءَ سان نوجوانن کي ماهوار ست هزار رپيا ملندڙ وظيفي سان سندن خاندان جي مالي سهائتا به ٿي پوندي. انهيءَ کانسوءِ مختلف هنر ڄاڻيندڙن جهڙوڪ موچين، حجامن، درزين، ڊکڻن وغيره کي پنهنجا ڌنڌا کولي ڏئي سگهجن ٿا. ٻيو نه ته ڪراچي ۾ سبزي ۽ فروٽ جي ريڙهي هلائيندڙ به روزانو پنج سئو کان هزار رپيا ڪمائي ٿو. جيڪي ماڻهو ٻيو ڪو ڪم نٿا ڪري سگهن ۽ سخت پورهيو ڪرڻ کان به لاچار آهن. حڪومت انهن جي ٿوري مالي ۽ رابطي واري مدد ڪري کين اهڙا ڌنڌا کولي ڏئي سگهي ٿي. اهو ڪم هاڻي کان ئي شروع ٿيڻ گهرجي ته پهرين فرصت ۾ وڏي وزير کي ڪراچي جي صنعتڪارن جي نمائندن سان گڏجاڻي ڪري کين ٻوڏ سٽيل ماڻهن کي شهر جي ڪارخانن ۾ روزگار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺن گهرجن. ان لاءِ حڪومت جي نمائندن کي جيڪڏهن صنعتڪارن جي تنظيمن جي دفترن فيڊريشن هائوس ۽ ڪراچي چيمبر ۾ به وڃڻو پوي ته پير ڀري وڃن. ٻيو اهو ته امدادي ڪئمپن ۾ ويٺل ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ انهن کي ڪراچي ۾ ترسائڻ ۾ دلچسپي وٺندڙ يا سرگرمي ڪندڙ ٻيون سياسي ۽ سماجي تنظيمون ۽ فرد پڻ پنهنجي سطح تي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڪراچي ۾ رهندڙ هر سنڌي انهيءَ ڪم ۾ ڪردار ادا ڪري ته گهڻا ماڻهو روزگار سان لڳي سگهن ٿا. هي شهر ملڪ جهان جي ماڻهن کي پالي رهيو آهي. چاليهه پنجاهه هزار ماڻهن کي ايڊجسٽ ڪرڻ ڪو ايڏو وڏو مسئلو به ڪونهي، جو سڀ ڪجهه لٽائي صرف اميد ۽ آسرو کڻي هتي پهتل ڌرتي ڌڻي بي يارو مددگار بڻجي واپس هليا وڃن ۽ ڳوٺ واپس وڃي به هو ڇا ڪندا؟ جيڪڏهن کين پيٽ پالڻ لاءِ جائز روزگار نه مليو ته پوءِ ناجائز رستو اختيار ڪندا.

    ٻوڏ سٽيلن جي اجهي جو مسئلو:
    پنهنجي اجهي کانسواءِ ڪو ماڻهو پليٽ فارم تي ويٺل مسافر مثل آهي. پنهنجي اجهي جو صرف احساس ئي ڪنهن هنڌ تي ماڻهو جي ٽڪي پوڻ لاءِ ڪافي ٿئي ٿو. سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ ستايلن کي ٻن ڪمرن وارا گهر ٺهرائي ڏيڻ جو اعلان ڪري، ماڻهن کي هڪ ڀلو دلاسو ڏنو آهي. پر جيڪڏهن حڪومت ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايلن لاءِ صرف فوري طور تي زمين الاٽ ڪري ڇڏي ته دلاسو ماڻهن جي يقين ۾ تبديل ٿي ويندو. ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۾ مدد ڪرڻ سان گڏ جيڪڏهن کين گهر ملڻ جو يقين ٿي وڃي ته ضمانت سان چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ ستايل ڪراچي مان واپس وڃڻ بدران وڌيڪ متاثرين ماڻهو ڪراچي اچڻ کي ترجيح ڏيندا. اچو ته سوچون ته اهو ڪم ڪيئن ٿي سگهي ٿو. سنڌ حڪومت سنڌ ڳوٺ آباد اسڪيم هيٺ ڪوآپريٽو سوسائٽين کي رهائشي مقصدن لاءِ زمين ڏئي سگهي ٿي. سرڪاري رپورٽ موجب ڪراچي ۾ 40 هزار ايڪڙ زمين تي لينڊ مافيا جا ناجائز قبضا آهن. اهي قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه ڏينهن اڳ حڪومت پاران اينٽي انڪروچمينٽ مهم پڻ شروع ڪئي وئي ته ڇا ڪراچي ۾ 240 چورس والن وارا پنج ڇهه هزار پلاٽ ڪڍڻ حڪومت لاءِ ڪو مسئلو آهي؟ ڪراچي جي سٺي شهري رٿابندي واري علائقي گلشن حديد جي رٿابندي ۽ لي آئوٽ پلان موجب 240 گزن جي ڇهه هزار پلاٽن لاءِ صرف 500 ايڪڙ زمين گهربل آهي. ان ۾ روڊن رستن ۽ راندين جي ميدانن، تعليمي ادارن ۽ ڪميونٽي سينٽرن جي زمين به شامل آهي. 500 ايڪڙ زمين حڪومت لاءِ ڪو مسئلو ناهي. ٻيو نه ته شهري حڪومت تازو هلايل اينٽي انڪروچمينٽ مهم دوران لينڊ مافيا 800 ايڪڙ زمين ڇڏائي ورتي آهي،. اها موجود آهي. جيڪڏهن دلچسپي وٺي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪيو وڃي ته زمين جي الاٽمينٽ ۽ ڊيمارڪيشن لاءِ صرف هڪ هفتو گهربل ٿئي ٿو. انهي زمين تي ٻن ڪمرن وارو هڪ گهر اڏائي ڏيڻ جو اٽڪل خرچ ٻه لک رپيا ٿئي ٿو. اهڙي طرح سان پنج هزار گهرن جي اڏاوت جو ڪل خرچ هڪ ارب رپيا بڻجي ٿو. هاڻي اچو ته اوهان کي ٻڌايون ته اهي پئسا ڪٿان اچي سگهن ٿا؟
    سنڌ حڪومت جا مختلف تجارتي بئنڪن ۾ مختلف فنڊن جي مد ۾ هن وقت به 45 ارب رپين کان وڌيڪ پئسا پيا آهن انهن پئسن ۾ اٽڪل ڏهه ارب رپيا سنڌ سوشل رليف فنڊ جا پڻ شامل آهن. پيپلزپارٽي هائوسنگ فنڊ جي اڪائونٽ ۾ هڪ ارب رپيا پيل آهن. جڏهن ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ فنڊ جي اڪائونٽ ۾ پڻ اٽڪل ڏيڍ ارب رپيا، سنڌ بئنڪ واري فنڊ ۾ پنج ارب رپيا پيل آهن. انهي کانسواءِ ملازمن جي پينشن ۽ جي پي فنڊ جي اڪائونٽن ۾ حڪومت جون رقمون رکيل آهن. انهن رقمن مان سوشل رليف فنڊ جا 10 ارب رپيا اهڙي رقم آهي، جيڪا گذريل ڪيترن ئي سالن کان هر سال صوبائي بجيٽ مان ٻه ٽي ارب رپيا بچائي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ انهي فنڊ ۾ رکي گڏ ڪيا ويا آهن. پر وڏي حيرت ۽ ڏک جهڙي ڳالهه اها آهي ته گذريل سالن دوران صوبي ۾ ٻوڏ ۽ سمونڊي طوفان جهڙيون وڏيون آفتون اچڻ ۽ لکين ماڻهن جي متاثر ٿيڻ جي باوجود انهيءَ فنڊ کي ماڻهن جي سهائتا لاءِ استعمال نه ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن ماڻهن جي امداد لاءِ بئنڪ اڪائونٽن ۾ رکيل اها رقم اڄ به استعمال نه ٿي ته پوءِ ڪڏهن استعمال ٿيندي. بئنڪ ۾ رکيل ان رقم مان صوبائي حڪومت کي هر سال اٽڪل هڪ ارب رپيا نفعو ملي رهيو آهي. جيڪڏهن سوشل رليف فنڊ جي هڪ سال جي منافعي واري رقم به استعمال هيٺ آندي وڃي ته ڪراچي ۾ ٻوڏ ستايلن جا پنج هزار گهر اڏجي ويندا. اسان ان بحث ۾ ڪو نه ٿا وڃون ته 45 ارب رپين جي فنڊ واريون اهي رقمون ڪهڙين تجارتي بئنڪن ۾ ڪهڙن شرطن تي رکيون ويون آهن ۽ ناڻي کاتي جا ڪامورا ۽ ٻيا انهن اڪائونٽن جي بدلي بئنڪن کان ٻيون ڪهڙيون مراعتون وٺندا رهيا آهن، پر جڏهن اڌ صوبو ٻڏي ويو آهي. لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گذاري رهيا آهن. هاڻي ته گهٽ ۾ گهٽ ان سماجي فنڊ تي ويٺل واسينگ نانگ کي ڀڄائڻ گهرجي. هن وقت سنڌ حڪومت اهڙي مالي پوزيشن ۾ آهي. جو سوشل رليف فنڊ، پيپلز هائوسنگ فنڊ، ڊزاسٽر مئنجمينٽ فنڊ ۽ سنڌ بئنڪ قائم ڪرڻ لاءِ رکيل فنڊ جا بئنڪن ۾ پيل ساڍا سترنهن ارب رپيا هڪ ڏينهن اندر اڪائونٽن مان ڪڍرائي ٻوڏ متاثرين جي واهر ۽ بحالي تي خرچ ڪري سگهي ٿي. پر جيڪڏهن اڃا به ماڻهن کي صرف آسرن ۽ دلاسن تي رکيو ويو ته شايد ان کان وڏي بي حسي ۽ ظلم ٻيو نه ٿيندو.





    ٻوڏ، امدادي ڪيمپون ۽ عزت نفس

    نثار کوکر

    ان ڏينهن ڪراچي جي علائقي رزاق آباد ۾ سرڪاري سرپرستيءَ هيٺ قائم امدادي ڪئمپ ۾ داخل ٿيس ته ٻوڏ متاثرين جو هڪ ٽولو چوگرد ڦري آيو. گاڏيءَ جو شيشو هيٺ ڪرڻ سان ئي هنن جا ڪجهه ڏينهن کان رٿيل سنڌي گاڏڙ اردو وارا جملا ٻڌڻ ۾ آيا.“ سائين هماري کو ڪجهه ديدو، همارا تو سڀ ڪجهه ٻوڏ ۾ لڙهه گيا هي.“ گاڏيءَ ۾ ئي ويٺي مون کين سمجهايو ته بابا مون وٽ امدادي سامان ناهي. مان صرف توهان جون ڳالهيون ٻڌڻ ۽ فوٽو ڪڍڻ آيو آهيان. سنڌيءَ ۾ اهڙي ورندي ٻڌي، ٻوڏ متاثر ٽولي جا نوجوان مايوس ٿي ۽ ٺٺوليون ڪندي پوئتي هليا ويا، باقي ٻارڙن ضد ڪيو ته ”ماما اسان جا فوٽو ڪڍ.“ انهن کي ريجهائي انهن جا فوٽو ڪڍي اڃا واندو ئي ٿيو هئس ته ان ”حملي آور“ ٽولي ۾ شامل هڪ اڌڙوٽ عورت چيو، ”جيڪو ٿو ماريو اچي فوٽو ڪڍي هليو ٿو وڃي. امداد ڏي نه ته ڀڃانءِ نه ڪئميرا.“ عورت جي اهڙي ڪاوڙ ڏسي فوٽو ڪڍڻ بند ڪيم ۽ خاموشيءَ سان گاڏي کڻي پوليس جي گاڏين وچ ۾ بيهاريم. رزاق آباد ڪيمپ ۾ ٻوڏ متاثرين جو هڪ مخصوص انداز آهي. امداد وٺڻ جو امداد کڻي ايندڙ گاڏيءَ مان امدادي سامان يا ته ڇني وٺن ٿا يا پني وٺن ٿا. امدادي ڪئمپ هلائيندڙ سرڪاري ڪاموري مهدي علي شاهه ٻڌايو ته امداد کڻي ايندڙن کي هو چون ٿا ته سرڪاري عملدارن وٽ جمع ڪرايو ته جيئن سرڪار انهن کي منظم انداز ۾ سامان ورهائي ڏيئي. پر مخير حضرات جي اڪثريت ائين ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي ۽ هو پنهنجي هٿن سان پاڻ امداد ورهائڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
    رزاق آباد ڪيمپ جي انچارج سان ڳالهيون ڪري اڃان سندس ڪيمپ آآفيس کان ٻاهر آيس ته هڪ مزدا گاڏيءَ تي ٻوڏ سٽيلن جو هڪ هجوم نظر آيو، مزدا ٽرڪ مان مزدور بريانيءَ جون ٿيلهيون کڻي ان هجوم طرف اڇلي رهيا هئا ۽ هجوم هڪٻئي کي ڌڪا ڏئي گهڻي کان گهڻيون بريانيءَ جون ٿيلهيون کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. ان مزدا ٽرڪ واري بريانيءَ جي امداد کڻي ايندڙ برگر، پر ”مخير حضرات“ جي نوجوان اولاد پري کان پنهنجي گاڏيءَ وٽ بيهي اهو لقاءُ ڏسي رهيو هو، ۽ جيڪب آباد نه پر هنن جي لفظن مان سنڌ کان آيل ٻوڏ سٽيلن جي غربت ۽ بدنظميءَ تي افسوس ڪري رهي هئي. انهن ويچارن کي ته کائڻ جي به تميز به ناهي.“ برگر مخير حضرات مان هڪ ڀڻڪيو. رزاق آباد ۾ ست هزار ۽ ڪجهه سئو ماڻهن کي سرڪاري انتظام هيٺ ترسايو ويو آهي. سنڌ سرڪار جنهن جي سموري ساک پت درياهه جي ٻوڏ ۽ بندن کي پيل گهارن سان گڏ لڙهي وئي آهي. تنهن رزاق آباد ڪيمپ ۾ ٻن ڏينهن کان پوءِ متاثرين کي مانيءَ کان جواب ڏئي ڇڏيو هو. ڪراچي جي هڪ تاجر عقيل ڪريم ڊيڊيءَ ۽ سيلاني ٽرسٽ ان ڪيمپ کي سرڪاري ناڪاميءَ کان پوءِ کاڌ خوراڪ جي حساب سان اپنايو. ڪئمپ انچارج موجب سحري افطاري جو کاڌو عقيل ڪريم طرفان اچي ٿو. پاڻي ڪنهن ٻئي اداري طرفان اچي ٿو. باقي سموريون ضرورتون سرڪار پوريون ڪري ٿي. باقي ڪهڙيون ضرورتون آهن. جيڪي سرڪار پوريون ڪري ٿي؟ تنهن جي ورنديءَ ۾ هنن صرف دوا درمل جو نالو ورتو. سنڌ سرڪار ۾ شامل ڪجهه وزيرن جا اهي بيان ته ٻوڏ سٽيلن کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو. امداد ڏبي. انهن جي مالڪي ڪبي. سي نعره ته کوکلا ۽ خالي نظر اچن ٿا. جڏهن تين تلوار ٽريفڪ چوراهي تي جيڪب آباد جي گگهي پاتل ”آئي“ هر رڪندڙ ڪار جو شيشو کڙڪائي، ٻاڏائيندڙ آواز ۾ چوي ٿي ”ابا هم ني تو ڪراچي ڏٺا هي نه ٿا، ٻوڏ تباهه ڪر ديا هي.“ پاڻي ته سنڌو ۾ گهڻو اچي ويو آهي. پر سنڌ جي نام نهاد ايليٽ ڪلاس جي اکين جو پاڻي ايترو سڪي ويو آهي. جو هو آرامده گاڏين ۾ انهن چوراهن تان ”ڪال گرلز کي ته لفٽ ڏين ٿا. پر ٻوڏ سٽيل عورت کي ڏهه رپيا به نٿا آڇين.
    ان ڏينهن فيس بڪ تي هڪ اهل دل سنڌيءَ پنهنجو درد روئيندي چيو ته ”جيڪڏهن ڪراچي رزاق آباد ۾ عقيل ڪريم جهڙو سيٺ ست هزار ماڻهن کي ٻه ويلا ماني کارائي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن کان هر سال ووٽ وٺندڙ ڀوتار ڪٿي گم آهي؟ سنڌي امدادي ڪم به اهڙي غير منظم ۽ ذلت آميز طريقي سان ڇو پيا ڪن.“ ان وقت مون کي ڪجهه ڪاوڙ آئي ۽ ان جي ڳالهه سان به آئون سهمت نه هيس. پر ڪالهه ڄامشوري پهچي امدادي ڪيمپن جا حال احوال وٺي لڳو ته ان اهل دل سنڌيءَ جي ڳالهه هروڀرو سئو سيڪڙو غلط به ناهي. ڄامشوري پهچڻ کان پوءِ رزاق آباد ڪراچي ڪيمپ جو اهو جهونو مڙس بار بار ياد آيو. جنهن موڪلائ مهل روايتي سنڌي انداز ۾ هٿ ٻڌندي چيو هو. ”ابا هڪ ڳالهه چوانءِ ڪاوڙ ته ڪا نه لڳندءِ“. مون وراڻيو ”نه نه سائين حڪم ڪريو.“ ڳاڙهي ٽوپي مٿي تي ۽ اڇو رومال ڪلهي تي رکيل همراهه جو ننڍو پٽ ڪيمپ جي خيمي اندر برياني واري ٿيلهي مان چانور ڪڍي کائي رهيو هو جهوني مڙس ان ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”ابا هي امداد ائين ورهائيندا ته مون کي هڪ ڊپ ٿو لڳي اسان جو نئون نسل هتي مهينو ٻه ترسڻ کان پوءِ يا ته ڦورو ٿيندو يا فقير ٿيندو.... ابا سرڪار کي چئه ته ائين فقيرن وانگي امداد نه اڇلائين.“ جيڪب آبادي ٻوڏ متاثر جهوني جي اها التجا ڄامشوريءَ ۾ پهچي منهنجي ڪنن ۾ گونجڻ لڳي. سرڪاري امداد جا اهي حال ڏسي ڪجهه ٻوڏ متاثرين ته ڄامشورو ٽول پلازه وٽ امدادي نه، پر فقيراڻيون ڪيمپون هڻي ڇڏيون آهن ۽ هر ايندڙ ويندڙ کان هٿ جهلي خيرات گهرن ٿا. انهن ڪيمپن ۾ نه ته خيما ملن ٿا. نه منظم امداد. ”ڄامشوري ضلعي حڪومت سمورين امدادي ڪيمپن جو انچارج حڪمران جماعت جي يوٿ ونگ جي هڪ عهديدار کي بڻايو آهي. جنهن کي هڪ پوٽوهار گاڏي به مليل آهي. روزانو ڏيڍ سئو لٽر پيٽرول سميت ان ماڻهوءَ جي مرضي آهي ته پندرهن سئو ماڻهن لاءِ ٻه ديڳيون ڏئي يا ٽي...“ ڄامشورو ۾ هڪ امدادي ڪئمپ ۾ رضاڪارانه ڪم ڪندڙ هڪ نوجوان ٻڌايو، ”حيدرآباد ۾ امير ڀوتارن يا سيٺين جي ڪا ڪمي ته ڪونهي، پوءِ اهي ڪراچيءَ جي سيٺين جيان متاثرن جي ڪيمپن کي خوراڪ جي حساب سان ڇو نٿا اپنائين؟“ هڪ حساس دل دوست اهڙو سوال پڇيو، جنهن جو سچ پچ ته مون وٽ ڪو به جواب نه هو، سنڌ هڪ طرف پنهنجي تاريخ ۾ ورهاڱي کان پوءِ ٿيل وڏي ۾ وڏي لڏپلاڻ کي منهن ڏئي رهي آهي ته ٻئي طرف ڏهاڪن کان پوءِ آيل وڏي ۾ وڏي ٻوڏ يا قدرتي آفت کي منهن ڏئي رهي آهي. هڪٻئي منجهان جنم وٺندڙ انهن ٻنهي آفتن کي منهن ڏيڻ سنڌ سرڪار يا ڪنهن نجي اداري جي وس جي ڳالهه ناهي. پر ڇا سنڌي سماج اندر چند اهڙا فرد به ناهن، جيڪي منظم انداز ۾ ”هنن ڌرتي ڌڪاڻن“ جون مهاجر ڪيمپون هلائي سگهن؟ اهي ڌرتي ڌڪاڻا، جيڪي ڪيترن نسلن کان صرف ڀوتار جون اوطاقون ۽ جيل ٿاڻا ڏسي چڪا آهن، پر هاڻي شهرن ۾ هو هيسيل، ڊنل، ذلت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. جتي مدد خان جو اولاد به هنن کي ٽيڏي اک سان ڏسي ٿو ۽ يو پي سي پي وار ڪلچرڊ ذهن به انهن جي موجودگيءَ کان خائف آهن. اهڙي ڏکي گهڙيءَ ۾ حڪمران جماعت جو نيٽ ورڪ ڪٿي آهي؟ حڪمران جماعت جي ڳالهه بار بار ان ڪري به ٿئي ٿي. جو سنڌي ماڻهو نسلن کان ان جو ووٽر رهيو آهي، هن ڪڏهن به اليڪشني ڀوتارن جو ڳلو پڪڙي ڳوٺ لاءِ اسڪول ۽ اسپتال جي گهر ناهي ڪئي.
    ڄامشوري ۾ هڪ امدادي ڪيمپ اهڙي به نظر آئي.“ جتي ”ڇنڻ يا پنڻ“ وارو تصور نظر نه آيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ڪالونيءَ جي گرلز هاءِ اسڪول واري ڪيمپ تي اسان جيئن پهتاسين ته ان جو ٻاهريون دروازو بند نظر آيو. ڪجهه مردن آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ اسڪول جي بينچن تي وڃي ويٺاسون. جيڪو امدادي سامان هو. سو ڪنهن گاڏيءَ يا ه هٿن مان نه ڦريو، پاڻ کڻي وڃي اسٽور ۾ جمع ڪرايائون. اها ڪيمپ ڳڙهي خيرو جي ارڙهن سو ماڻهن تي مشتمل آهي. ڪئمپ سرڪار وٽ رجسٽر ٿي آهي. پر سرڪار انهن کي ڪو خيمو به نه ڏنو آهي ۽ نه وري ڪو راشن. ان ڪيمپ کي سنڌ يونيوسٽيءَ جو هڪ آفيسر حبيب بروهي پنهنجي پٽن ۽ محمود مغل جهڙن ساٿين جي مدد سان هلائي رهيو آهي. حبيب بروهي ۽ ان جا پٽ 24 ڪلاڪ واري واري سان ڪيمپ ۾ موجود رهن ٿا. انهن اسڪول اندر هڪ ننڍڙي ڪمري کي اسٽور بڻائي رکيو آهي. جتي کير، او آر ايس، منرل پاڻي ۽ اٽي جو ڪجهه ڏينهن وارو اسٽاڪ رکيل اٿن. هنن ڪيمپ منجهان ئي ڪجهه پڙهيل لکيل نوجوانن کي رضاڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ڳڙهي خيرو جي انهن ٻوڏ متاثرين ۾ ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ ڊسپينسر يا ڪمپائونڊر به شامل آهن. جيڪي ٻارڙن کي دوائون ڏيڻ جي ذميواري کڻن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جا ڪجهه نوجوان استاد به شام جو ڪيمپ تي اچي رضاڪارانه ڪم ڪن ٿا. ان ڪيمپ ۾ هنن هڪ ننڍڙو رجسٽر به رکيو آهي. جنهن ۾ جمع ٿيندڙ شيون ۽ روزانو استعمال ۾ ايندڙ شيون لکيون وڃن ٿيون. سرڪاري خوراڪ هنن کي ڪڏهن ملي ٿي ته ڪڏهن نه ( ۽ خدا ڄاڻي سرڪاري وزيرن ۽ ڪامورن لاءِ ڪنهن ٻڌايو آهي ته ٻوڏ متاثر صرف چانور يا ڀت کائيندا آهن) ان ڏينهن ڪنهن پڇيو ته جڏهن ٽوڙي بند کي گهارو پوڻ نه پوڻ جو اعليٰ سطحي غور پئي ٿيو ته ان ڏينهن وزيرن ۽ ڪامورن جي لنچ سکر جي واحد ڪي ايف سي تان آئي هئي. پر ان گهاري جي پاڻيءَ ۾ جيڪي لڙهي. مري ۽ بچي نڪتا آهن. انهن جي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کي خيرات جي مانيءَ جهڙو ڀت يا چانور ڏنا ٿا وڃن. ڄامشورو جي سنڌ يونيورسٽي ڪالوني ڪيمپ ۾ ان شام اسان داخل ٿياسين ته ڄڻ ڳڙهي خيرو جي ڪنهن ويڙهي ۾ داخل ٿيا هجون. مرد پنهنجي روايتي ڪچهرين، سرٻاٽن ۽ سگريٽ ڦوڪڻ ۾ پورا هئا، ته عورتون ڪاٺين واري چلهه ٻاري چانورن ۽ ڪڻڪ جون مانيون پچائڻ ۾ رڌل هيون.
    ڪيمپ انچارج حبيب بروهي ٻڌايو ته چوويهه ڪلاڪ چانورن وارو هڏو ڀت ماڻهن کي ڪو نه ٿو وڻي. ان ڪري ڪجهه راشن ڏيئي هو سندن وات جو ذائقو تبديل ڪن ٿا. ڄامشورو ڪمپ ۾ ارڙهن ماڻهو رهن ٿا. پر ايڌي هجي يا عمران خان، يا وري دنيا جهان ۾ ٻوڏ متاثرين جي نالي ۾ چندو گڏ ڪندڙ گرهه، هنن جي در تائين ڪو به نه پهتو آهي. امدادي ڪيمپ جي اسٽور واري ڪمري ۾ ڪچهري ڪندي سهڻو رائيٽر، ڪمپير ۽ استاد محمود مغل به اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيو. محمود ٻڌايو ته سڀ ڪجهه هو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪن ٿا. ان دوران حبيب کيس دريءَ ۾ پيل تيل جي ٻن ٿيلهين ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته ”سائين تيل ختم ٿي ويو اٿوَ.“ محمود پنهنجي موبائيل تان ڪنهن ڄاڻ سڃاڻ واري کي فون ڪيو. حجت به ڪيائين. گذارش به ته سڀاڻي تيل پهچڻ کپي درياهه جي دهشت کان متاثر ٿي لڏ پلاڻ ڪندڙ لکين سنڌين جي دربدريءَ ۾ ڄامشوري جي هڪ اسڪول واري هيءَ ڪيمپ برابر ته اٽي ۾ لوڻ برابر آهي. بيشڪ محدود آهي. پر منهنجي هڪ دوست چواڻي ”منظم انداز ته آهي. ماڻهن کي اعتماد ته آهي. متاثرين ڦرين يا پنن ته نٿا.“ ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ سياست ۽ قبضا گيريون به اڃا گهڻو قت هلنديون پر هي وقت حبيب بروهي ۽ محمود مغل جيان منظم ڪيمپون هلائيندڙن جا هٿ مضبو ط ڪرڻ جو آهي. انهن کي دل کولي ڏيو ته جيئن هو ٻين ڪيمپن ۾ به هٿ وجهي سگهن.“ سنڌي سرنديءَ وارا ڪٿي آهن. اهي اڳتي اچي متاثرن جي ڪيمپن کي منظم انداز ۾ ڇو نٿا کاڌ خوراڪ پهچائين.“ ڪيمپ کان واپسيءَ تي حساس دل دوست چيو. ان وقت اسان دهشت واري درياهه جي ڄامشورو پل ٽپي رهيا هئاسين. مان خاموش رهيس. پر اهو احساس ضرور ٿيو ته هن ٻوڏ سان گڏ سنڌي سماج جو گهڻو ڪجهه لڙهي ويو.


    سنڌ ۾ ٻوڏ جا هاڃا….. محمد ادريس راجپوت

    گڊو ۽ سکر بيراجن تي وهڪرا گهٽجي رهيا آهن، ڪوٽڙي بيراج تي به 26 آگسٽ تي وهڪرو نوَ لک 64 هزار جي چوپٽ چڙهي 27 آگسٽ تي گهٽجي 9 لک 50 هزار ٿي ويو، ڪوٽڙي گيج 26 آگسٽ تي 626.8 فوٽ ٿي 27 آگسٽ تي هڪ ڊيسيمل گهٽجي 26.7 فوٽ ٿي ويو آهي. ياد رهي ته ڪوٽري گيج وڌ ۾ وڌ سال 1956ع ۾ 26.4 فوٽ ٿيو هو. يعني هن سال وڌ ۾ وڌ گيج کان اٽڪل 5 انچ مٿي رڪارڊ ٿيو، جيڪو کنڊن جي لحاظ کان تمام خطرناڪ آحي. انهيءَ جو اثر ڪوٽڙي کان هيٺ ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن 24 ۽ 25 آگسٽ جي رات مولچند شاهه بندر بند جي 18 ميل چوٿين فلرناگ تي بند کي کنڊ لڳو ۽ پاڻي ٻيلو شهر ٻوڙي دڙو ۽ سجاول طرف وڌي رهيو هو، جيڪو ڪالهه وارين خبرن موجب ٺٽو-سجاول روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو هو، پاڻي سجاول کان ٻه چار ڪلوميٽر جي فاصلي تي هو. ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هن کنڊ جو پاڻي سجاول بدين روڊ کي ڪٽي جاتي طرف رخ ڪندو ۽ شاهه بندر ويجهو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، ان دوران رستي تي جيڪا تباهي آڻيندو، سا ٻڌائڻ کان مٿي آهي. وري 26 ۽ 27 آگسٽ جي رات سنڌو جي ساڄي ڪپ تي بگهاربند جي چوٿين ميل ۽ چوٿين فلرناگ تي هڪ آبپاشي ماڊول ڀرسان کنڊ لڳو، جنهن جو پاڻي پويان ڪلري بگهاڙ فيڊر لوئر کي لڳو، جيڪو ان جو کاٻو ڪپ توڙي انهيءَ ۾ گهڙي ويو، آبپاآشي وارن ڪلري بگهار فيڊر جي ساڄي ڪپ کي مضبوط ڪرڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر انهيءَ فيڊر جو ساڄو ڪپ کنڊ مان نڪري ايندڙ پاڻيءَ جو دٻاءُ جهلي نه سگهيو ۽ انهيءَ ۾ ٽن هنڌن تي کنڊ پئجي ويا، هڪڙو 12 آر ڊي تي، ٻيو 22 آر ڊي تي ۽ ٽيون 54 آر ڊي تي انهن ٽنهي کنڊن جي هٿ ۾ ٺٽي جو قديم ۽ تاريخي شهر آهي. پهريون کنڊ ڪلري بگهار فيڊر لوئر جي قومي شاهراهه واري ڪراسنگ کان اٽڪل ڏيڍ ميل هيٺ آهي، ٻيو ٺٽي شهر جي ذري گهٽ سامهون آهي ۽ ٽيون جتي ٺٽو سجاول روڊ ڪلري بگهار فيڊر لوئر کي ڪراس ڪري ٿو، انهيءَ کان اٽڪل منو ميل هيٺ آهي.
    کنڊن جو اثر:
    ٽنهي کنڊن جو پهريون اثر ته ٺٽي شهر تي ٿيندو، جيڪو ٻڏي ويندو، آر ڊي 12 کنڊ جي ڪري جيڪڏهن قومي شاهراهه ٽٽي پوي ٿو ته هڪ ته ڪراچي ۽ حيدرآباد وايا ٺٽي واري ٽريفڪ بند ٿي ويندي ۽ ٻيو اهو پاڻي هاليجي ڍنڍ ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو، رستي ۾ ڪراچي جي واٽر سپلاءِ واري لائين به آهي. جيڪا ڪينجهر ڍنڍ مان پاڻي ڪراچي کڻي وڃي ٿي، يعني ڪينجهر- گجو ڪينال، جيتوڻيڪ اهو پڪو واهه آهي ۽ ليول به مٿي آهي. پر ٻوڏ واري پاڻي جي اثر جو ڪجهه چئي نٿو سگهجي. جيڪڏهن ڪينجهر- گجو ڪينال کي ڪجهه ٿيو ته ڪراچي وارن کي پيئڻ جي پاڻي جي سپلائي تي اثر پئجي سگهي ٿو. آر ڊي 22 جي کنڊ جي پاڻي سڌو ٺٽي شهر ۾ داخل ٿيندو، آر ڊي 54 جو پاڻي ٺٽي ڏي به ايندو، پر مڪلي کان هيٺ پير پٺو، وَر، غلام الله کان لگهندو، ڪيٽي بندر ڏي رخ ڪندو، رستي تي آيل شهرن، ڳوٺن ۽ فصلن کي ٻوڙيندو، غريب ماڻهن جي تمام گهڻي لڏ پلاڻ ٿيندي.

    تجزيو:
    ٽن بيراجن جي ڪري سنڌو درياهه ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. پهريون حصو گڊو بيراج کان سکر تائين اٽڪل 100 ميل ٻيو حصو سکر بيراج کان ڪوٽڙي بيراج تائين اٽڪل 200 ميل ۽ ٽيون حصو ڪوٽڙي بيراج کان سمنڊ تائين اٽڪل 100 ميل سنڌو درياهه جي پهرين ۽ پڇاڙي وارن حصن ۾ کنڊ پيا ۽ وچون حصو، جيڪو ٻنهي باقي حصن جي برابر آهي خير ٿيو جيتوڻيڪ درياهه جو مارو اڃا آگاڻي عاقل ۽ ٻين هنڌن تي جاري آهي. پاڻي ته سڀني هنڌن تي سکر فلڊ وارو هو، پوءِ ڪهڙو سبب هو. جو وچون حصو بچيو ۽ مٿيون ۽ هيٺيون حصو ٻڏو؟ اهو ٻڌائيندو هلان ته سڀني هنڌن تي بند جي ٽاپ وڌ ۾ وڌ آيل پاڻيءَ جي ليول کان 6 فوٽ مٿي ٺاهي وئي هئي. چون ٿا ته ٽوڙي تي بند اوور ٽاپ ٿيو، پر اهو اڃا ثابت ڪرڻو آهي. معنيٰ ڪٿي به بند اوور ٽاپ نه ٿيو آهي. ٻيو ته کنڊ پوڻ جو مکيه سبب روڻ آهي. ڏينهن شينهن آهي. ڏينهن جي ٽائيم ۾ پيل روڻ جو پتو پئجي وڃي ٿو ۽ اها ڪنٽرول ٿي وڃي ٿي. رات جو ٽائيم اهڙو آهي. جڏهن عملو غفلت ڪري ٿو يا گشت نٿو ڪري يا سمهي پوي ٿو، جنهن ڪري روڻ جي وقت سر خبر نٿي پوي جيڪا وڏي کنڊ ۾ مٽجي وڃي ٿي. گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند، مولچند شاهبندر ۽ بگهار بند کي کنڊ رات جي وقت لڳا آهن. معنيٰ اتي روڻ پئي. جيڪا وقت سربند نه ٿي ۽ کنڊ ۾ مٽجي وئي. معنيٰ انهي هنڌن تي غفلت ٿي، جنهن ڪري کنڊ پئجي ويا. هاڻي اچو ٽوڙي بند تي. اتي ڏينهن جو ٽين وڳي کنڊ لڳو، جيڪو چون ٿا ته اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري پيو، چون ٿا انهيءَ بند جي اوور ٽاپ ٿيڻ جي خبر هنن کي ٻه ڏينهن اڳ ۾ هئي. جنهن جو بندوبست ڪري سگهجي ها. منهنجي حساب ۾ چئني کنڊن ۾ عملي جي غفلت ۽ لاپرواهي کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
    سکر کان ڪوٽري واري ٻن سئو ميلن جي حصي ۾ به مسئلا اٿيا. ساڄي پاسي راڌڻ ڀرسان هڪ زبردست بلو آئوٽ ٿيو ۽ رات جو ٿيو، پر ماڻهو هوشيار هئا ۽ صورتحال کي منهن ڏئي ويا، سڳيون- مٽياري بند تي به روڻيون پيون. پر ماڻهو الرٽ هئا ۽ زميندارن مدد ڪئي. مون سان پاڻ هڪڙي ڏينهن درٻيلي جي ايم اين اي ظفر علي شاهه بند تان ڳالهايو. خيرپور ۾ پير پاڳاري صاحب پنهنجي حرن کي بند سنڀالڻ جي هدايت ڪئي. هالا ۽ مٽياري ۾ مخدوم صاحبن پنج سئو کن ماڻهو ڏنا. جن ڪيتريون روڻيون بند ڪيون ۽ ڪيترن هنڌن تي کاڌ کي روڪيو خاص طرح پاڻوٽ بند وٽ، بدقسمتيءَ سان اهي ڳالهيون گڊو سکر حصي ۽ ڪوٽري کان سمنڊ واري حصي ۾ زوردار طريقي سان نه ٿي سگهيون ۽ نتيجو اسان ڏسون پيا. غريب ماڻهو دربدر آهن، جيئن لاءِ ماني ۽ صاف پاڻي لاءِ هٿ ٽنگيو بيٺا آهن. الهه تلهه لڙهي ويا.

    لڳل گهارن جو ٻڌجڻ:
    پهريون گهارو ٽوڙي بند کي 7 آگسٽ تي لڳو هو، گهاري لڳڻ کان پوءِ آبپاشي کاتي جو عملو اتان غائب ٿي ويو ۽ گهاري جي Ends کي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪو ڪوشش نه ڪئي وئي. جنهن ڪري اهو 50 فوٽن مان وڌي ٽي هزار فوٽ ٿي ويو. نتيجي ۾ اٽڪل هڪ لک ڪيوسڪ پاڻي گهاري مان نڪري ٻوڙ ٻوڙان ڪري پيو، ڪيترا ڳوٺ پاڻي ۾ ٻڏي ويا، ڪيترن شهرن جي چوڌاري پاڻي بيٺو آهي. افراتفري جي فضا آهي ۽ هرڪو ڏاڍو پنهنجي ايراضي بچائي ٻين کي ٻوڙي ٻيو، جيڪڏهن ٻوڏ واري پاڻي جو صحيح نيڪال ڪيو وڃي ها ته ايتري تباهي نه ٿئي ها، جيتري هينئر پئي ٿي. هاڻي چون ٿا ته کنڊ ٻڌڻ جو ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏنو ويو آهي. جنهن تي 20 ڪروڙ خرچ ايندا. جنهن مان 10 ڪروڙ هنن کي يڪدم ڏيڻ جو چيو وڃي ٿو. اتي مشينون پهچائڻ لاءِ پهريون روڊن کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، تنهن کان پوءِ کنڊ ٻڌڻ جو ڪم شروع ڪيو ويندو منهنجي خيال ۾ ٽوڙي وارا کنڊ سيپٽمبر جي پڇاڙي تائين مس بند ٿي سگهندا.
    ٻيو کنڊ گڊو بيراج جي ليفٽ مارجينل بند کي 8 آگسٽ تي پيو، اها پنجاب جي ايريا هئي. انهيءَ ڪري قومي شاهراهه به ڪجهه وقت بند ڪرڻو پيو، اتي ڀر واري زمين مٿي هجڻ ڪري کنڊن مان پاڻي ڊسچارج لهڻ کان پوءِ ڪافي گهٽجي ويو ۽ اتي لڳل کنڊ بند ڪيا ويا آهن.
    وري اچو ڪوٽڙي کان هيٺ مولچند شاهه بندر ۽ پنا- بگهاربندن کي لڳل کنڊن تي اهي 26 ۽ 28 آگسٽ تي لڳا آهن، انهن جو ٻڌجڻ درياهه جي لهي وڃڻ تي آدار رکي ٿو، منهنجي خيال ۾ ايندڙ پندرهن ڏينهن ۾ انهن جو ٻڌجڻ ممڪن ناهي ۽ انهن مان نڪرندڙ پاڻي اتي هيٺين آبادين کي ٻوڙيندو رهندو.

    ٽوڙي واري کنڊ جي پاڻي جو احوال:
    اهو پاڻي ننڍن وڏن شهرن جي چوڌاري پکڙجي پنهنجي آخري منزل ڏانهن وڌي رهيو آهي. ايف پي بند جي اولهه ۾ اهو حمل ڍنڍ ۾ پهچي پيو، جتان ايم اين وي ڊرين وسيلي اهو منڇر اماڻيو پيو وڃي. جنهن ڪري منڇر جي ليول وڌي پئي ۽ 28 آگسٽ تي اها 111.90 فوٽ ٿي وئي آهي. ٻئي پاسي شهدادڪوٽ، قبو سعيد خان آيل پاڻي ايف پي بند سان لڳو. اهو پاڻي شهدادڪوٽ ۽ ميروخان ڊرين کي ٽوڙي پنواري شاخ کي ٽوڙي نصير آباد ويجهو گهاڙ ڊرين تي پهچي ويو آهي، خبر پئي آهي ته فوج وارن جي مدد سان گهاڙ ڊرين کي ڪٽ ڏنا ويا آهن. اهو پاڻي هيٺ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ويجهو سپريو بند ۽ ايف پي بند جي وچان هيٺ منڇر ڏي ويندو.
    هڪڙي پاسي منڇر جي ليول چڙهي پئي ته ٻئي درياهه جي ليول لهي پئي، پر هينئر به درياهه جي ليول منڇر کان اٽڪل ڇهه فوٽ مٿي آهي. الله ڪري منڇر جي ليول هوريان چڙهي ۽ درياهه جي ليول تڪڙي لهي ته جيئن منڇر جي پاڻيءَ جو درياهه ۾ ڇوڙ ممڪن ٿي سگهي ۽ منڇر وارا منڇر ٽٽڻ جي عذاب کان بچن. هن سال درياهه جي ٻوڏ جيڪا تباهي آندي آهي. تنهن جو ماضي ۾ ڪو مثال ڪونهي. اتر ۽ لاڙ وارا ماڻهو مصيبت ۽ عذاب ۾ آهن. وچولي جا ماڻهو بچي ويا آهن. وچولي وارن ماڻهن کي کپي ته مصيبت سٽيل ماڻهن جي واهر ڪن ته هو پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن!


    سنڌ کي ٻوڙيندڙ “ڌنڌوڙين” کان حساب ڪير وٺندو؟…امداد علي سومرو

    ٻوڏ زندگي جي نشاني جل کي اجل بنائي ڇڏيو ۽ ڌنڌوڙي ان کي پنهنجي ڌنڌي جو طريقو بنائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جو جنهن ۾ مفاد آهي. هو اهڙي تجويز ڏئي ان کي حتمي سمجهي عمل درآمد لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري رهيو آهي. ڌنڌوڙي سياستدان، ڪامورا ۽ ماهر ان معاملي ۾ سڀ کان اڳڀرا آهن. ڪو تجويز ڏئي رهيو آهي ته صوبن کان سمورا پئسا وٺي وفاقي حوالي ڪيا وڃن ۽ پوءِ اتان واپس صوبن ۾ ورهايا وڃن. ڪير وري لنڊن مان ويهي فوج کي مارشل لاءِ لڳائڻ جو دعوتون ڏئي رهيو آهي. آبپاشي جا ماهر وري هاڻي نيون نيون تجويزون پيش ڪري ڪالر ڇنڊي هلي رهي آهن. ٻئي پاسي ٻوڏ متاثر آهن. جيڪي سڪي تي به غوطا کائي رهيا آهن. انهن جو ڇا ڪرڻو آهي. ان پاسي ڪير اچي ئي نٿو، سياستدانن کي ته چاهيندي نه چاهيندي عوام ۾ وڃڻو ئي پوندو آهي. ان ڪري اهي عوام ۾ موجود آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ چونڊيل نمائندا پنهنجي پنهنجي ٻڏل علائقن ۾ موجود نظر اچي رهيا آهن. خيبرپختونخواهه وارا به ڪنهن حد تائين متحرڪ نظر اچن پيا، پر پنجاب ۽ بلوچستان ۾ ته جهڙوڪر ست ئي خير لڳا پيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کي ته هر هنڌ ڏٺو ۽ ٻڏو وڃي ٿو عملي طور تي پنجاب جي حڪومت جهڙوڪر ان کان شروع ٿي ان تائين ختم ٿي وڃي ٿي. ڪير پنهنجي مهارت جي ثابتيءَ لاءِ ڪيتريون به فني ڳالهيون ڪري متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هجي. پر پاڻ عمل جا قائل آهيون ته سرزمين تي ڇا ٿي رهيو آهي. ڇا ٿيڻ گهربو هو ۽ ڇا ڪيو ويو ؟ هي اهي سوال آهن جيڪي ٻوڏ کان اڳ ۽ ٻوڏ کان پوءِ اٿاريا ويندا رهيا، پر ڪڏهن به انهن ماهرن ۽ خاص ڪري سنڌ آبپاشي جي ڪن تي جونءِ نه سري، اربين رپين جا فنڊ آيا ويا، اربين رپين جون مشينون زنگجي ويون، آئون گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي مضمونن ۾ سنڌ جي آبپاشي نظام جي تباهي جي حوالي سان رکي رکي لکندو پيو اڃان. مون ڪيترائي ڀيرا هنن پنن ۾ اهو لکيو آهي ته سنڌ جو آبپاشي نظام ختم ٿي چڪو آهي. سنڌو ته سنڌو ان جا ننڍا وڏا واهه به تباهه ٿي ويا آهن. سالن کان انهن جي کاٽي ناهي ٿي. ننڍين ننڍين شاخن کي ته ڪپر ئي ناهن رهيا، پر انهن جي کاٽي جي نالي ۾ هر سال پاڻي جي وارابندي وقت اربين رپيا هڙپ ڪيا وڃن ٿا، کاٽي ڪندڙ مشينون آبپاشي جي آفيسن ٻاهران بيهي بيهي زنگجي ويون آهن. اڪثر مشينون ته ڪيترن ئي فوٽن تائين زمين اندر دٻجي ويون آهن. جيڪڏهن ڪنهن کي منهنجي هنن ڳالهين جي پڪ نه ٿئي ته وڃي پنهنجي پنهنجي علائقي جي آبپاشي آڦيسن جي ٻاهران بيٺل اربين رپين جي انهن مشينن جو ٿيل حشر پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسي.
    هيءَ سلسلو ڪو مهينن جو نه، سالن جو آهي، سنڌ جي ضمير زنگيل آبپاشي ڪامورا شاهي اهڙو حشر ڪيو آهي. جيڪو ڏسي ڪنن کي هٿ لائڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي. ويهه پنجويهه سال اڳ جيڪڏهن شاخن، واهن ۽ برانچن جي ڪنارن تي وڃبو هو ته اهي ٽالهين، ٻٻرن، نمن، سرينهن جي وڻن سان سٿيون پيون هونديون هيون، پر هاڻي ڪنهن ميهار کي انهن شاخن ڪناري ڪجهه گهڙيون ساهه پٽڻ لاءِ وڻ جي ٿڌي ڇانءِ به نٿي نصيب ٿئي. اهو حشر ظاهر آهي ته انهن آبپاشي ڪامورن ڪيو، وڻ ته مٽي جي بندن لاءِ سريي جهڙو ڪم ڪندا آهن، وڻن جون پاڙون بندن کي انٽيڪٽ رکنديون آهن ۽ جڏهن وڻ ئي نه هوندا ته بند ڪيئن ٻڌل رهندا ۽ ڪيئن مضبوط رهندا. آبپاشي جي مجموعي نظام تي ڳالهائبو ته ڳالهه ڊگهي ٿي ويندي. ان ڪري اهو معاملو ٻئي ڪنهن ڀيري هن وقت مسئلو آهي، ٻوڏ جي صورتحال جو.
    سنڌو درياهه مجموعي طور تي تبت ۽ لداخ کان جيڪي تباهه ڪاريون شروع ڪيون. اهي پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهن ۽ درياهه جو خطرناڪ وهڪرو هاڻي ڪوٽڙي بئراج وٽان لنگهي سمنڊ ڏانهن پنهنجو سفر شروع ڪري چڪو آهي. الله لاڙ کي تباهڪارين کان محفوظ رکي، ڇاڪاڻ ته لاڙ سنڌ جو اهو علائقو آهي، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان آفتن جو شڪار ٿيندو پيو اچي. ڪڏهن لاڙ کي ايل بي او ڊي ٻوڙي ڇڏيو ته ڪڏهن وري سائيڪلون سانورن لاڙين کي تباهه ڪري انهن جا اجها اڏائي ڇڏيا. لاڙ واسي اڳ ئي آبپاشي ۽ واپڊا جي ماهرن جي مهارتن جو شڪار ٿيندا رهيا آهن ۽ هاڻي وري اهو خطرو هو ته ڪٿي انهن جا لوڙها هڪ دفعو وري نه لڙهي وڃن. ۽ ٿيو به ائين ئي . هن وقت ٺٽي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي. ان تباهيءَ کان هرڪو واقف آهي.
    ڪجهه ڏينهن کان منڇر ۽ حمل ڍنڍ جو چرچو ٿي رهيو آهي. منڇر ۽ حمل سنڌو درياهه جي ساڄي ڪنڌي تي ٻه وڏا قدرتي ڊئم آهن. جن مان منڇر کي ته آر بي او ڊي ذريعي تباهه ڪيو ويو، جنهن جو ذڪر اڳ به گهڻو ٿي چڪو آهي پر منڇر ۽ حمل ڍنڍن مان ٻوڏ جي ڏينهن ۾ پاڻي نيڪال ڪرڻ جو سرشتو ڇو موجوده جديد دور ۾ اختيار نه ڪيو ويو، منهنجو سوال اهو آهي ته جيڪي ڪامورا سنڌ جي غريب ماڻهن جي ڪروڙين رپيا پگهارن جي مد ۾ ۽ اربين رپيا آبپاشي نظام جي نالي ۾ کائي هڙپ ڪري رهيا آهن، انهن کي ڇو نه گهر موڪلي ڇڏجي؟ منڇر ۽ حمل ۾ ڪو پهريون ڀيرو اهڙي خطرناڪ صورتحال پيدا ناهي ٿي، ماضي ۾ انهن ٻنهي ڍنڍن جي سطح ريڊ زون کان ٿيندي رهي آهي. پر ٻوڏ ٽري وڃڻ بعد آبپاشي کاتي پئسا هڙپ ڪري ونڊي ورهائي کائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪيو ۽ مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا. گهڻو پري نٿا وڃون. آگسٽ جو ئي مهينو 2007ع جو سال هو، جڏهن منڇر ۽ حمل جي اها ساڳي صورتحال ٿي هئي. حمل پنهنجي آخري حد ڪراس ڪري پاڻي جيو هڪ وڏو ريلو ماڏي ۽ فريد آباد وٽان ڪاڇي ۾ ڇنڊڻ شروع ڪيو ۽ پاڻي آهستي آهستي ڪاڇي جا پٽ ٻوڙي منڇر ۾ وڃي پهتو ته منڇر ٽٽڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو. ان وقت به ايم اين وي يعني آر بي او ڊي ون يا ڇنڊڻ ۾ حمل جو پاڻي ڇڏيو ويو. جنهن سان ڇنڊڻ کي کنڊ لڳڻ سبب لاڙڪاڻي ۽ دادو ضلعن جا ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏي ويا. وڏي ٻوڏ ٽري وئي پاڻي آهستي آهستي سنڌو درياهه ۾ لهي ويو، پر ڇنڊڻ جون ڪڙون جتان ٽٽيون انهن کي ٻڌو ئي نه ويو. واپڊا وارا چپ ڪري گهرن ۾ وڃي سمهي رهيا. جوهي لڳ ڳوٺ ڪمال خان کان وٺي منڇر جي زيرو پوائنٽ تائين ڇنڊڻ کي اولهندي ڪڙئي باقي نه هئي. جنهن ڪري ڇنڊڻ اتي لکين ايڪڙن تي ٻڌل علائقا ٻوڙي ڇڏيا، پر ٻيهر ڪنهن به وڃي اها ڪڙ ٻڏڻ جي ڪوشش نه ڪئي. جيڪا اڄ به جيئن جو تيئن پئي آهي. ڇنڊڻ جو پاڻي منڇر بدران سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڀان سيد آباد شهر جي مٿان عبدالله شاهه جي دور ۾ انڊس لنڪ نالي نئون ڊرين نالو کوٽيو ويو، اڳتي هلي ان کي آر بي او ڊي (ٽو) جو حصو بنائڻ سبب ڪرم پور تائين کوٽي ان جو ڪم بند ڪيو ويو ۽ سنڌو جي پيٽ مان موتمار آر بي او ڊي ٽو جي کوٽائي شروع ڪئي وئي جنهن سنڌ ۾ آيل تباهي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. منڇر 2007ع ۾ ٽٽندي ٽٽندي بچي هئي. ان بعد ته انهن کي ڪو هوش اچڻ گهرجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ ٻوڏ جي مند ۾ منڇر جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ڇنڊڻ کي منڇر بدران سنڌو ۾ اڇلائڻ جو ڪو بندوبست ته ڪيو وڃي ها، ٻيو ته ٺهيو انڊس لنڪ نالي تي جيڪو ڪم ٿيو پئي. حڪومتن کي ابتا سبتا مشورا ڏئي اهو به روڪرايو ويو. اها حقيقت آهي ته عام ڏينهن ۾ ڇنڊن جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ جو مطلب سنڌو کي گدلو ڪرڻ آهي. پر معاملو عام ڏينهن جو ناهي. سوال آبڪلاڻي جي مند جو آهي، جڏهن سنڌو به ڪنارن کان ٻاهر اچي ويندو آهي ۽ منڇر به ڪني تار ٿي ويندي آهي اهڙي مند ۾ جڏهن حمل به ايم اين وي کي ان جي ڊيزائين ڪيل گنجائش کان وڌيڪ ڀري ڇڏيندي آهي ۽ نئن گاج، نئن نلي، نئن سوري سميت نه ڄاڻ ڪيتريون جابلو نديون جبلن تي پوندڙ مينهن جي پاڻي جو هڪ هڪ ڦڙو کڻي اچي منڇر ۾ ڇنڊينديون آهن ۽ منڇر ان ڪيفيت ۾ اچي ويندي آهي ، جنهن ۾ هن وقت آهي اهڙن ڏينهن ۾ ته منڇر جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرڻ لاءِ ڪو ڪئنال هجڻ گهرجي ها. ڇاڪاڻ ته جڏهن سنڌو ۾ چاڙهه ايندو آهي ته منڇر جا ٻئي ڪئنال اڙل ۽ دانستر ابتا وهڻ شروع ڪندا آهن. سو 2007ع ۾ جڏههن اهڙي صورتحال پيد اٿي ته اهڙا ڪئنال ڇو نه کوٽيا ويا. جيڪي منڇر جو پاڻي کڻي وڃي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪن؟ هڪ نه ڪيترائي ڪئنال کوٽي سگهجن ٿا. پر ڇا ڪاڻ ته اهڙا ڪئنال ٻوڏ ٽاري ڇڏين ها ۽ آبپاشي جي ڪامورن جا پيٽ خالي رهجي وڃن ها. ان ڪري انهن اهڙي ڪا صلاح سامهون ئي نه آندي ۽ حڪومتن کي آر بي او ڊي (ٽو) جهڙي موتمار منصوبي ۾ الجهائي ڇڏيو. جنهن جي آڙ ۾ آهي هر سال اربين رپين جا فنڊ کائي سگهن. سو منڇر جو ڪو نه ڪو آئوٽ ليٽ ڪڍڻو پوندو ۽ حڪومت به هن ٻوڏ کي منهن ڏئي اهڙا ٻه چار منصوبا شروع ڪري جن ذريعي حمل ۽ منڇر کي خطرناڪ حد تائين پهچڻ کان اڳ خالي ڪري سگهجي.
    هاڻي ڪجهه ٻوڏ تي ٿيندڙ سياست جو ذڪر، جنهن ذريعي متاثرن جي واهر ڪرڻ بدران ملڪ جا چوٽي جا سياستدان پنهنجو پنهنجو حصو وصول ڪرڻ جي چڪر ۾ پئجي ويا آهن. 14 هين آگسٽ تي مسلم ليگ نون جي قائد نواز شريف وزيراعظم سان ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات بعد وزير اعظم ۽ نواز شريف اهو اعلان ڪيو ته هڪ آزاد، خودمختار ڪميشن قائم ڪئي ويندي ۽ سمورا صوبا پنهنجي پنهنجي سالياني ترقياتي بجيٽ مان 30 سيڪڙو ڪڍي ان فنڊ ۾ جمع ڪرائيندا. وفاق به ان ۾ حصو وجهندو ۽ مجموعي طور مقامي سطح تي 350 ارب رپين جو هڪ فنڊ قائم ڪيو ويندو. پرڏيهه مان ايندڙ فنڊ به ان ۾ شامل ڪيا ويندا ۽ ان بعد اهي فنڊ صوبن ۾ ورهايا ويندا. يعني اين ايف سي جي موجوده ايوارڊ کان اڳ واري ناڻي ورڇ جي شڪل ٻيهر بحال ڪرائڻ جي هڪ ڪوشش هئي. جيڪا ٻين صوبن جي وڏن وزيرن وزيراعظم سان ٿيل ملاقات ۾ رد ڪري ڇڏي. اصل ۾ ان تجويز جو ڪارڻ اهو هو ته پنجاب شهباز شريف حڪومت جي ناقص مالي پاليسين سبب ڪنگال ٿي چڪو آهي. صوبو اوور ڊرافٽ تي هلي رهيو آهي ۽ ٻوڏ جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومت وٽ اضافي پئسو ناهي، جيڪو خرچ ڪري سگهجي. نواز شريف اصل ۾ ڀاءُ جي قيادت ۾ ڪنگال ٿيل پنجاب جي معيشت کي ٻوڏ جي هن صورتحال جو فائدو وٺي ڪجهه پيرن تي بيهاري سگهي. ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي سگهڻ جي صورت ۾ پنجاب حڪومت سڄي جو سڄو ملبو پيپلزپارٽي جي وفاقي حڪومت مٿان وجهي سگهي ها. ڇاڪاڻ ته منهنجي اطلاعن مطابق پنجاب حڪومت جو خزانو خالي ٿي ويو آهي. جنهن ڪري شهباز شريف پنهنجو پسنديده ”سستي روٽي“ منصوبو ختم ڪري ڪجهه ارب رپيا ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ رکيا آهن. ٻيو اهو ته پنجاب ۾ ست ضلعا ٻڏا آهن ۽ سنڌ جيتري نه سهي. پر وڏي تباهي ٿي آهي. پر شهباز شريف کانسواءِ صوبائي ڪابينا جو ڪو وزير ۽ نواز شريف کانسواءِ مسلم ليگ نون جو ڪو اڳواڻ ميدان تي نظر ئي نٿو اچي. باوجود اردو ميڊيا جي حمايت جي پنجاب ۾ ڪٿي به امدادي ڪم اهڙو ناهي. جنهن تي متاثر ٿورا به مطمئن هجن. ان جو هڪ ڪارڻ پنجاب جو ڪنگال هجڻ آهي. جنهن سبب صوبي جا چونڊيل نمائندا انهن تڪن ۾ هٿين خالي وڃڻ جي صورت ۾ عوام جي رد عمل جو شڪار ٿيڻ کان ڊڄي رهيا آهن ۽ جيڪا رقم آهي. اها شهباذ شريف پنهنجي هٿن سان خرچ ڪرڻ چاهي ٿو. ان جو پنهنجي ڪنهن وزير تي اعتبار ناهي. ان ڪري هو پاڻ اڪيلو ڦرندو پيو وتي.
    ٻئي پاسي سياست آهي، جيڪا ٻوڏ تي به ڪئي پئي وڃي. مارشل لا لڳائڻ جا مطالبا به ٿي رهيا آهن. شايد اهڙين ڌرين کي ڪراچي ۾ سنڌين جي آبادڪاري جو جيڪو خوف ورائي ويو آهي. ان جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ بهرحال اهي ڌريون هٿ پير ته هڻندا. پر سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام کي عرض آهي ته اهڙين چالبازين جو شڪار ٿيڻ بدران اهي پنهنجي شهر ڪراچي وڃي آباد ٿيڻ کان نه ڪيٻائن. عوام ڪراچي وڃي ۽ حڪومت انهن جي واهر ڪري، انهن جي آبادڪاري جو بندوبست ڪري، شهر ۾ لکين ايڪڙ زمين غيرآباد پئي آهي. اتي ٻوڏ متاثرن لاءِ پڪيون ڪالونيون ٺاهيون وڃن. سنڌ جي تباهه ٿيل هڪ ڪروڙ مان جيڪڏهن 20 لک ماڻهن کي به ڪراچي ۾ اهڙي نموني آباد ڪيو ويو ته ڪراچي جي مالڪي واپس ورائڻ سولي ٿي پوندي. ڊڄڻ بدران مضبوط حڪمت عملي ذريعي ماڻهن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ جا منصوبا جلد کان جلد شروع ڪري ۽ جن ماهرن ۽ ڪامورن جي ڪري ٻوڏ جون تباهڪاريون وڌيون آهن. انهن خلاف به ڪا ڪميشن قائم ڪري انهن کي سزائون ڏنيون وڃن.


    ٻوڏ جي تباهيءَ کان پوءِ جنم وٺندڙ دردناڪ قصا…سهيل ميمڻ

    صرف چار مهينا اڳ مان ٿائي لينڊ ۽ برما جي سرحد تي، برمي پناهگيرن جي ڪئمپن ۾ ڪيس اسٽڊي ڪندي سندن تڪليفن ۽ اهنجن جو جائزو وٺي رهيو هيس ته منهنجي خواب خيال ۾ به نه هو ته رڳو چار مهينا پوءِ، منهنجو پنهنجو وطن، انهن برمي پناهگير ڪئمپن، کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ تعداد ۾ ڪئمپن ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ لکين سنڌي ٻارين ٻچين سنڌ جي شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ، هر رستي، هر پاڙي، هر گهٽي، هر روڊ، هر وڻ هيٺيان ٻارين ٻچين، سڪايل ۽ اڃايل چپن، روئيندڙ ۽ رڙندڙ انگ اگهاڙن، بيماري بکايل ٻارن سميت پيا هوندا. سنڌي ماڻهن جي فلاح لاءِ قائم ڪيل ڪئمپن جي حالت، برمي پناهگيرن جي قائم ڪيل ڪئمپن کان هزارين ڀيرا بري، بدتر ۽ ڏکوئيندڙ آهي. سنڌوءَ جي سيلاب سان درياهه سان ڳوٺ ڳوٺ سفر ڪندي اهڙا داستان نظر آيا. جن جيءُ جنجهوڙي وڌو آهي.
    شهدادڪوٽ جي منهنجي ماءُ کان به وڏي سنت مگسي، منهنجا ۽ منهنجي پرڏيهي ميڊيا ٽيم جي عملدارن جا پير پڪڙي ۽ چنبڙي پئي. هن بکايل ۽ اڃايل هوندي نه ماني گهري، نه پاڻي، هوءَ صرف اسان کان اهو گهري رهي هئي ته وٽس نه ڪرايو آهي. نه سگهه جو اڳ م ئي ميل پنڌ ڪري آئي هئي. ان ڪري کيس ۽ سندس ٻارن کي کڻي ڪنهن محفوظ هنڌ پڄايون . هن جون منٿون ۽ زاريون دل ڏارڻ لاءِ ڪافي هيون. هوءَ جنهن زميندار جي هارياڻي هئي. سڄي عمر جنهن جي زمين ڪاهي کيس ڪمائي ڏنو هئائين، اهو زميندار کيس ۽ سندس ٻچن کي پنج ميل پري، محفوظ هنڌ تي پڄائڻ جي تڪليف به نه ڪري سگهيو.
    سکر جي هڪ ڪئمپ ۾ ٻن جاڙين ڌيئرن کي جنم ڏيندڙ هزارو شيديءَ جي زال ڪريما پنهنجي ٻن ڌيئرن کي سيني سان سانڍي روئيندي ٿي رهي ته، هنن نياڻين جا نصيب ڏسو، گهر هوندي ڪئمپن ۾ ڄايون آهن، نالن جي معنيٰ جي خبر نه هوندي به ردا ۽ ندا جا نالا نياڻين کي ڏيندڙ ماءُ کي اهو خوف به آهي ته اهي معصوم گل ڪٿي ڪئمپن ۾ تيزي سان ڦهلجدڙ ڪالرا، گيسٽرو، فلو، يا ٻين بيمارين جي ور نه چڙهي وڃن. ننڍڙين معصوم نياڻين کي اجرڪ سان ٺهيل ڪپڙا ڪرتا پڻ ڪئمپ واري اسڪول جي ماسترياڻي ٺهرائي ڏنا آهن. غوث بخش چاچڙ اسان جي سي اين اين جي ٽيم کي لنڊي شاخ ڪرمپور وٽ پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ مليو. ٻنهي جي مٿي تي ٻه ڀريون هيون جنهن ۾ ٻارن لاءِ پاپا، ۽ ڪجهه اڌ ڦاٽل ڪپڙا هئا. انهن ٻنهي زال مڙس جو بس اهو ئي ڪجهه بچيو هو، غوث چاچڙ سکر واري ڪئمپ کان تڪليفون ڪٽي، ٻار پويان ڇڏي، ڳوٺ پئي ويو ته ڏسان ته ڇا بچيو آهي. ڪرمپور سيلاب کان هٽ ٿيل شهر آهي. سندس چوڌاري اڃان ته پاڻي آهي. ان ڪري لنڊي شاخ کان پوءِ ٽريڪٽر ئي واحد سواري هو، جنهن تي اچي وڃي پئي سگهيو. زال نصيبن سان گڏ پيرين پنڌ چيلهه جيڏي پاڻي ۾ ڪرمپور ڏانهن هليو ويو. جڏهن اسان ٽريڪٽر اچڻ بعد اڌ پنڌ تي پهتاسين ته غوث ۽ سندس زال کي اڌ مئي حالت م ٿڪل ٽٽل هڪ مٿانهين تي ساهه پٽيندي ڏسي کين پاڻ سان کڻي، پراڻي بيگاري وٽ لاٿوسين، سندس ڳوٺ سامهون هو، پر وڏي پاڻي ۾ ٻيڙي ڪرائي غوث ۽ سندس زال کي کڻي اسان سندس ڳوٺ حاجي شاهنواز بنگلاڻي پهتاسين ته ڳوٺ ۾ سواءِ ٻيڙي هلڻ جي ٻيو ڪو رستو بچيل نه هو، غوث چاچڙ جو گهر جهري چڪو هو، سندس زال چيلهه کان وڏي پاڻي ۾ پنهنجو ٻن ڪمرن واري گهر مان تمام ٿورو بچيل سچيل پر برباد ٿيل سامان ٻاهر ڪڍندي پئي رهي ۽ روئيندي به پئي رهي گهر ويا، سامان ويا، ان ويا، لٽا ڪپڙا ويا، روزگار ويا، ٻچا ٻار رلي ويا ۽ مستقبل جي خبر ناهي ته ڪيڏانهن وينداسين ۽ ڇا ٿيندو.؟
    ٽريڪٽر ذريعي ئي، پر ڏاڍي خطرناڪ سفر بعد ڪرمپور پهتاسين. اجڙيل هر هنڌ، سائو، بدبودار پاڻي بيٺل، گند ڪچرو ۽ سرڪاري ڪارڪردگي سواليه نشان بڻيل شهر جي ٻن پاسن کان زبردست سيلابي ريلا گذري رهيا هئا ۽ شهر جي ڪيترن رستن تي مئل ڍور مستقبل ۾ وچڙندڙ بيمارين جي اڳڪٿي ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. ڪرمپور جي ڪجهه مٿانهن علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا بچيل سچيل سامان ۽ ڌنڌا ڌاڙي ٻيهر استعمال جي لائق بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئا. ڪرمپور ۾ اسان جي رهنمائي ڪندڙ اڪبر نصيراڻي ٻڌايو ته، تباهي تصور کان وڌيڪ آهي ۽ ڪرم پور ۾ به ماڻهو راتيون جاڳي گذارين ٿا.
    سکر جي هڪ ڪئمپ ۾ رحمت الله چاچڙ جا سور ڪيئن سلجن، صرف پندرهن ڏينهن ۾ ڪيمپ ۾ سندس اڳ ۾ ڪجهه مهينن جو پٽ گذاري ويو. اڃان ان جي ڏک ۾ گهر جي ڀاتين جا ڳوڙها ئي نه سڪا هئا ته، سندس چئن سالن جي نياڻي گيسٽرو جي ڌڪ ڳڙڪائي ڇڏي. اهو سور به نه ڇٽو هو ته، سندس ٽيون ٻار ڇهه سالن جي نياڻي پڻ نازڪ حالت ۾ آهي ۽ هو، اسپتالن توڙي رليف ڪئمپن ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپن مان سندس علاج ڪرائي ڪرائي ٿڪجي پيو آهي.
    هي قصا نه پر حقيقتون بلڪه قيامتون آهن. جيڪي غوث چاچڙ، رحمت الله ۽ نصيبان شيدڻ جيان هزارين نه، پر لکين ماڻهن تي روزانو گذري رهيون آهن. ننڍڙن گلن جهڙن ٻارن جي جسمن تي چنبڙيل مکيون ۽ سندن ڦٽن مان نڪرندڙ رت ۽ پونءِ هانءُ ڏارڻ لاءِ ڪافي آهي. اسان جي انتظاميه جي عملي وٽ اهڙين تباهين سان منهن ڏيڻ جي تربيت جي کوٽ ۽ رهي سهي قصر ڪرپشن جي ڪڍي ڇڏڻ ڪري حالتون سنگين کان سنگين پيون ٿينديون وڃن.
    سکر شهر ۾ بيراج تان پاڻي ڪافي هيٺ لهي ويو آهي. سيلاب آيو ۽ گذري ويو. پر هاڻي مظلوم ماڻهن جي جيڪا ٻوڏ آئي آهي. اها گهٽ ٿيڻ واري نظر نه پئي اچي. آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس کان علاوه سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن پاران نيون قائم ٿيندڙ ڪئمپن جو صاف مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته کين اڃا به متاثر اچڻ جي توقع، بلڪه پڪ آهي. معنيٰ ٽوڙي بند واري تباهي اڃان وڌندي رهندي.
    ائين به سنڌو درياهه مٿي ۽ زمين هيٺ هجڻ ڪري درياهه وارو ٻاهر نڪتل پاڻي درياهه ۾ واپس نه ايندو. جيترو پاڻي ڌرتيءَ کي پيئڻو هو. ان پي ڇڏيو. معنيٰ هاڻي صرف هڪ ئي رستو آهي ته اهو پاڻي خشڪ ٿئي. اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اهو پاڻي خشڪ ٿيڻ ۾ ڪيترو وڏو ٽائيم لڳائيندو. معنيٰ متاثرين گهٽ ۾ گهٽ 6 مهينا ته پنهنجي گهرن ڏانهن شايد ئي وڃي سگهن.


    ٻوڏ سبب تباه ٿيل سنڌ ۽ سرڪار جي ذميواري….سوڀو گيانچنداڻي

    ٽوڙي بند جي حوالي سان ڏسيندو هلان ته، ان لاءِ هڪ انگريز رٿ ڏني هئي ته، ”سکر بئراج کي موجوده هنڌ تي ٺاهڻ بدران ٽوڙي بند وٽان ٺاهيو وڃي، جيئن درياءَ ۽ جبلن مان وهي ايندڙ نئين جو پاڻي مڪمل طور تي قابوءَ ۾ رهي ۽ اولهه سنڌ کي سمنڊ تائين سرسبز بڻائي.“ ان انگريز جي رٿ کي نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ٻين اوڀر وارن ضلعن جي انجنيئرن رد ڪيو. اهڙي طرح سکر بئراج ته ٺهي ويو، پر اسان کي يعني اولهه وارن کي امڪاني ٻوڏ کان بچاءَ جو ڪوبه دڳ ٺهي ملي نه سگهيو.
    ياد پيو اچي ته، هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد کان پڇيو هيم ته، ”عبدالستار پيرزادي گڊو بئراج رٿ تي ڇو زور ڏنو هو؟“ ته سائينءَ وارڻيو هو، ”سکر کان مٿان وارا وڏيرا ڇتا ٿي پيا هئا ۽ چون پيا ته، اسانکي هر صورت ۾ سکر بئراج جهڙو بئراج ٺاهي ڏنو وڃي، جنهن کانپوءِ ئي گڊو بئراج ٺاهيو ويو.“
    “Water water every where, but no a glass to drink” . انگريزيءَ جي ان چوڻيءَ جو ترجمو ٿيندو،”هر هنڌ پاڻي ئي پاڻي آهي، پر پيئڻ لاءِ هڪ گلاس به پاڻيءَ جو ڪونهي.“ اها چوڻي مونکي انڪري ياد پئي اچي، جو هندستان ۾ به اڄڪلهه ٻوڏ آهي ۽ هزارين ماڻهو ان ۾ ٻُڏي رهيا آهن. بادلن مان وڄ پئي ڪري ۽ سوين ماڻهو اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن. ساڳي صورتحال پاڪستان جي ۽ خاص طور تي سنڌ جي به آهي.
    جواهر لال نهرو وڏو عالم ماڻهو هو، جنهن دنيا جي مختصر تاريخ به لکي. هو جڏهن وزيراعظم هو ته هڪ رٿ ڏنائين، جنهن کي پاڳل پڻي جي حد چئي رد ڪيو ويو. اُها رٿ اِها هئي ته، ”اتر هندستان ۽ پاڪستان جو پاڻي مڌيا پرديش جي چوڌاري ڦيرائي ڏکڻ هندستان تائين نجي، ۽ پوءِ ان مان واهه ڪڍجن، جيڪي سڄي هندستان کي سرسبز ڪن.“ هو خواب ڏسندڙن شخص هو ۽ پڇاڙيءَ ۾جڏهن چين، هندستان تي حملو ڪيو ته، ان وقت هو بيهوش ٿي ڪري پيو هو ۽ سندس مٿو ”سِري ساشڻ“ ۾ هيو ۽ ساڳي گهڙيءَ موت جي مُنهن ۾ هليو ويو.
    ”سري ساشڻ“ اها ورزش آهي، جنهن ۾ مٿو هيٺ زمين تي رکي، پير مٿي هوا ۾ لوڏبا آهن. اهڙيون ٻه ٽي ڪسرتون ان قسم جون ڪيون وينديون آهن، جيڪي مون پڻ پنهنجي جوانيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ڪيون هيون.
    ته، مون پئي چيو ته، جواهر لال نهرو هڪ خواب لهندڙ شخص هو ۽ اسان جو ايوب خان هڪ حقيقت پسند ماڻهو هو. چين طرفان هندستان تي حملي کان اڳ اُن جواهر لال نهروءَ کي گڏيل بچاءَ جي رٿ ڏني هئي، پر جواهر لال کيس وراڻيو هو ته، ”منهنجو ڪوبه دشمن ڪونهي.“
    هتي اها ڳالهه به ڪندو هلان ته، اها خبر ايوب خان کي ڪانه هئي ته، سندس پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي جا لاڳاپا چين سان ايترا گهرا هئا، جو چين جي آسري تي پنهنجا ڏهه هزار فوجي ڪشمير ۾ بغاوت ڪرڻ لاءِ موڪلي ڏنا هئائين. پوءِ جڏهن لڙائي هلي ته هندستان جا جنرل پاڪستان پهچي ويا ۽ لاهور جا ڦيرا ڏئي وڃي پنهنجي فوجين کي لڙائيءَ لاءِ تيار ڪيائون. ڳالهه ايستائين وڌي وئي، جو ايوب خان نيٺ ڀٽي صاحب کي چئي ڏنو ته، ”هاڻِ ڀلا ڏي مُنهن.“ ڀٽي صاحب ايئرمارشل اصغر خان کي موڪليو ته چين سان ڳالهائي، ۽ چين وارن موٽ ۾ چيو ته، ”جي حڪم ڏيو ته سڌو ٿُٻيٽ مان ڪشمير ۾ پهچون.“ ”ايوب خان ان تي سوچيو ۽ انديشو ڏيکاريائين ته، جي چيني هتي هڪ وار آيا ته انهن کي ڪڍندو ڪير؟“
    بعد ۾ هڪڙي ڳالهه ٻڌايانوَ، جنهن جو تعلق هن ڳالهه سان پڻ آهي ته، چيني جتي به ويا آهن، اتان ڪڏهن به موٽيا ناهن. ان سلسلي ۾ هڪ واقعو ٻڌايانوَ ته، هڪ ڀيري اسٽالن، مائوءَ کي چيو، ”اسان جو اوڀر سائبيريا وارو علائقو واندو پيو آهي.“ مالوٽو، اسٽالن جو پرڏيهي سيڪريٽري هيو، تنهن اسٽالن کي خبردار ڪندي چيو ته، ”ڪامريڊ، چيني هڪ وار آيا ته انهن کي واپس ڪير موڪليندو؟“ ائين پوءِ اسٽالن کڻي ماٺ ڪئي. آمريڪا هڪ ڀيرو جيئن افغانستان جي چڪر ۾ ڦاسي چڪو آهي ته اتان نڪرڻ جي واهه ڪانه ٿي سُجهيس ۽ پيو ٿو پاڪستان مان ڪسرون ڪڍي.
    هيلوڪي ٻوڏ برڪت چئجي يا سزا، جڏهن ته ان کان اڳ پنجاب، سنڌوءَ مان اسان جو پاڻي سينا زوري ڪري چورايو پئي ۽ ڪوبه کيس روڪڻ ٽوڪڻ وارو ڪونه هيو. پوءِ جڏهن الله جي عدالت حرڪت ۾ آئي ۽ پٺاڻن کي ٻوڙڻ بعد پنجاب کي به سٽڪو ڏنائين ته، ان کڻي سموري ٻوڏ جي پاڻيءَ جو رخ ورائي سنڌو درياءَ ڏانهن ڪري ڇڏيو. اِن وڏي پئماني تي پهتل پاڻيءَ لاءِ ڪن چيو پئي ته، ”هماليا جبل جون برفاني چوٽيون رِجيون آهن،“ ته ڪن پئي چيو ته، ”هندستان پنهنجي ٻوڏ جو پاڻي اسان ڏانهن موڪليو آهي.“ تازي صورتحال اها آهي ته، اتر اکنڊ مان هندستان جا وهي ايندڙ درياءَ اڄڪلهه ڪنارا لوڙهي چؤطرف ٻوڏ ئي ٻوڏ ڦهلايو بيٺا آهن.
    پنهنجي ملڪ جو ۽ خاص ڪري سنڌ جو جائزو وٺجي ته، ٻوڏ کان بچاءَ جي ڪابه واهه ڪونه هئي. درياءُ ايڏي جنون ۾ پئي آيو، جو ماڻهو ڏينهن رات پهرا ڏئي پنهنجن علائقن کي بچائڻ ۾ پورا هئا، تنهن هوندي به ٽوڙي بند کي جو گهارو پيو ته، سنڌ جو هڪ وڏو حصو ٻوڙي، پاڻي اچي منڇر ۾ پيو ۽ منڇر کي به ٻوڙي، ان جي زهريلي پاڻيءَ کي مٺو ڪري، ڪپر ۽ ڪنارا ڪوريندو ۽ وڏي تباهي ڦهلائيندو سنڌوءَ ۾ ڇوڙ پيو ڪري.
    ٽوڙي بند جي حوالي سان هتي اوهان کي اها آگاهي به ڏسيندو هلان ته، ان لاءِ هڪ انگريز رٿ ڏني هئي ته، ”سکر بئراج کي موجوده هنڌ تي ٺاهڻ بدران اتان يعني ٽوڙي بند وٽان ٺاهيو وڃي، جيئن درياءَ ۽ جبلن مان وهي ايندڙ نئين جو پاڻي مڪمل طور تي قابوءَ ۾ رهي ۽ اولهه سنڌ کي سمنڊ تائين سرسبز بڻائي.“ ان انگريز جي رٿ کي نوابشاهه، سانگهڙ ۽ ٻين اوڀر وارن ضلعن جي انجنيئرن رد ڪيو. اهڙي طرح سکر بئراج ته ٺهي ويو، پر اسان کي يعني اولهه وارن کي امڪاني ٻوڏ کان بچاءَ جو ڪوبه دڳ ٺهي ملي نه سگهيو.
    ياد پيو اچي ته، هڪ ڀيري سائين جي ايم سيد کان پڇيو هيم ته، ”عبدالستار پيرزادي گڊو بئراج رٿ تي ڇو زور ڏنو هو؟“ ته سائينءَ وارڻيو هو، ”سکر کان مٿان وارا وڏيرا ڇتا ٿي پيا هئا ۽ چون پيا ته، اسانکي هر صورت ۾ سکر بئراج جهڙو بئراج ٺاهي ڏنو وڃي، جنهن کانپوءِ ئي گڊو بئراج ٺاهيو ويو.“ منهنجي خيال ۾ گڊو بئراج ئي بلوچستان جي جعفرآباد کي ٻوڙڻ جو زميوار يا ڪارڻ آهي ۽ اڄڪلهه جعفر آباد ۾ چؤطرف پاڻي ئي پاڻي آهي.
    موجوده حڪومت کي هتي ٻوڏ ڏاڍي مهانگي پئي آهي، ايتري قدر جو الطاف ڀائي ته غير جمهوري راڄ لاءِ بندوق بردارن کي دعوتون ڏئي رهيو آهي، ڇو ته کيس خوف آهي ته جيڪڏهن ٻوڏ ستايل لکين ماڻهو ڪراچيءَ ۾ مستقبل رهائش لاءِ پهچن ٿا ته، هُن جي من مانيءَ کي ٻنجو اچي سگهي ٿو.
    مان پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي پنهنجي طرفان اها تجويز ڏيان ٿو ته، اها ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ ۾ هڪ ذوالفقارآباد نه، پر ٽي ذوالفقار آباد شهر ٺاهڻ جو اعلان ۽ انتظام ڪري، جنهن سان نه صرف ٻڏل ۽ لڙهيل سنڌين جي تباهيءَ جو ازالو ٿيندو، پر ان جو سڌو سنئون فائدو وري به موجوده حڪومت کي ئي ٿيندو ۽ ان جو ووٽ بئنڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ گهڻو وڌي ويندو ۽ مهاجر پڻ ڏيهه واسين سان کير کنڊ ٿيڻ تي مجبور ٿيندا.
    هيءَ ٻوڏ اسان لاءِ وڏا سبق ۽ امتحان کڻي آئي آهي، جنهن مان عقل سان پار پوڻ لاءِ اسان کي ڏاڍي خبرداريءَ سان سوچڻو ۽ هلڻو پوندو، نه ته ٿي سگهي ٿو ته هيءَ ٻوڏ سڄي ملڪ کي هڪ نئون مُهين جو دڙو بڻائي ڇڏي.


    سنڌ جي تباهي: وفاق ڪٿي آهي؟…علي قاضي

    اسان وٽ سنڌ لاءِ عالمي امداد جون صرف ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ ڪٿي عالمي امداد پهتي به هجي، پر سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿي چڪو آهي. اسان وٽ اهو چيو پيو وڃي ته، ”عالمي ضمير ڪڏهن جاڳندو؟“ پر عالمي ضمير جڏهن جاڳي، ان کان اڳ ۾ ڏسجي ته اسلام آباد جو ضمير ڪاڏي ويو؟ وفاق ڪٿي آهي؟ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب سميت سڀني کي مدد ملڻ کپي ۽ سرڪار انهن ڏانهن به توجهه ڏئي، پر سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي ٿي آهي. ان ڪري سنڌ، وفاقي سرڪار جي وڌيڪ توجهه جي گهرجائو آهي.
    ٽوڙي بند ٽٽڻ وقت اسان جي صحافي دوستن جڏهن خبرون ڏئي سنڌ واسين کي خبردار پئي ڪيو ته ان وقت چيو پئي ويو ته، ”ماڻهن کي پريشان نه ڪيو ۽ panic پيدا نه ڪيو،“ ۽ اسان سڀني ڏٺو ته ٽوڙي بند کان ڪاهي ايندڙ ٻوڏ جي پاڻيءَ سبب تباهي ٿيندي رهي ۽ اسان رڳو ڏسندا رهجي وياسين، ته پوءِ اهي دعوائون خبر ناهي ڪيڏانهن ويون، جيڪي حڪمرانن ڪيون پئي ته ڪو مسئلو ناهي.
    ٻوڏ ڪٿان اچي پئي؟ ڪيڏانهن ويندي ؟ ڪيترو نقصان ڪندي؟ اهي اندازا ۽ نقشا ڪڍڻ ڏاڍا سولا آهن، پر ٻوڏ وارن علائقن ۾ هزارين خاندان پريشان آهن. هر ڪٽنب جو ٻار گھر ڇڏڻ وقت پنهنجن رانديڪن کي حسرت ڀرين نگاهن سان ڏسندي گھر ڇڏيندو هوندو. هر گهر جو هر ڀاتي پنهنجو سر بچائڻ لاءِ تڙ تڪڙ ۾ نڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. اهڙي طرح هزارين ماڻهو پريشان آهن ۽ اهڙن علائقن جون هزارين ڪهاڻيون هونديون. اهو سڀڪجهه سرڪار جي ناقص مشينري جي ڪري ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو هِن وقت لڳ ڀڳ سموري سنڌ پريشان آهي. شهدادڪوٽ کان ‎ٺٽي تائين اڃا به خطرا موجود آهن، پوءِ به چيو وڃي ٿو ته خبرون هلائي ماڻهن کي پريشان نه ڪيو وڃي. هن وقت لڳي ٿو ته ٻوڏ متاثرن جو تعداد 40 لکن مان وڌي لڳ ڀڳ 50 لکن تائين پهچي چڪو آهي.
    ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ ڪافي نقصان ٿيو آهي، پر اڃا تائين چيو پيو وڃي ته، ”سروي ٿيندي ۽ پوءِ ڏسبو ته ڇا ڪرڻ گهرجي،“ پر اهو ڪنهن به ڄاڻڻ جي ڪوشش ناهي ڪئي ته، اتي ڇا ٿيو؟ ۽ ٽوڙي بند ڇو ٽٽو؟ ڪا خبر نٿي پوي. ٺٽي ۾ به ايئن ئي ٿئي پيو. هتي به خبر نٿي پوي ته سورجاڻي بند جي ٽٽڻ وقت اتي مشينري ۽ عملو ڇو موجود نه هو؟ اتي شرپسندن جي ڪاررواين جون خبرون به آيون آهن. اکين ڏ‎ٺا شاهد شاهديون ڏين پيا، ڳو‎ٺاڻا چون پيا ته مشين گهارو هنيو. اهي سڀ ڳالهيون تقاضا ڪن ٿيون ته ان جي ڪا اعتبار جوڳي جاچ ڪرائي وڃي. مون ٻڌو آهي ته ڪنهن مختيارڪار وٽ چار سوزوڪيون آيون، جن مان ٻه ڪو صاحب ڪاهي ويو ۽ ٻيون ٻه اچن پيون. اها حالت آهي سرڪار جي طرفان مهيا ٿيندڙ ٽرانسپورٽ جي سهولت جي. جڏهن ته ٻوڏ هيٺ آيل مختلف جاين تي ٻيڙيون به نه پيون پهچايون وڃن. ان سان مسئلا حل نه ٿيندا. ماڻهن کي ٽرانسپورٽ جي سخت ضرورت آهي ۽ ان ڏس ۾ اهي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٺٽي ۾ سامهون آيل صورتحال جي جاچ ٿئي ۽ ايم ايس بند کي لڳل گھاري جي ڪري ٿيندڙ تباهي ۽ هن کان اڳ ٿيل تباهي آبپاشي کاتي جي نااهليءَ ڪري ٿي آهي.
    اسان وٽ سنڌ لاءِ عالمي امداد جون صرف ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ٿي سگهي ٿو ته پنجاب ۾ ڪٿي عالمي امداد به پهتي هجي، پر سنڌ لاءِ قيصر بنگالي چوي ٿو ته،” سنڌ جو ساڍا پنج سئو ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي،“ پر نقصان ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ جو سنڌ سنڌ جو سمورو رائيٽ بينڪ تباهه ٿي ويو آهي ۽ هاڻي ٺٽي جو وارو آهي. هوڏانهن دادو ضلعو ۽ منڇر ڏانهن ايندڙ پاڻي ڪهڙا نتيجا ڏيندو؟ اهو اڃا ڏسڻو آهي. اسان وٽ اهو چيو پيو وڃي ته، ”عالمي ضمير ڪڏهن جاڳندو؟“ پر عالمي ضمير جڏهن جاڳي، ان کان اڳ ۾ڏسجي ته اسلام آباد جو ضمير ڪاڏي ويو؟ وفاق ڪٿي آهي؟ خيبر پختونخوا ۽ پنجاب سميت سڀني کي مدد ملڻ کپي ۽ سرڪار انهن ڏانهن به توجهه ڏئي، پر سنڌ ۾ تمام وڏي تباهي ٿي آهي. ان ڪري سنڌ، وفاقي سرڪار جي وڌيڪ توجهه جي گهرجائو آهي.
    اهو ائين آهي جيئن ڪنهن ڊاڪٽر وٽ چار مريض داخل هجن ۽ انهن مان هڪ کي بخار، هڪ کي مٿي ۾ سور، هڪ کي ڪا ٻي تڪليف ۽ هڪ انتهائي نازڪ حالت ۾ هجي، ته ڊاڪٽر ان مريض ڏانهن وڌيڪ توجهه ڏيندو، جنهن جي زندگي وڌيڪ خطري جي ور چڙهيل هوندي. ساڳئي نموني وفاقي سرڪار توڙي سنڌ سرڪار کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهين کي روڪڻ ۽ متاثر ماڻهن جي بحاليءَ ڏانهن توجهه ڏيڻ کپي. ڇاڪاڻ جو ٻين صوبن ۾ ته ٻوڏ بند ٿي ويئي آهي، پر اها سنڌ ۾ جاري آهي.
    اسان وٽ گولي غلام واري صورتحال هئي. اڄ مس مس سنڌ حڪومت ڊونرس ڪانفرنس سڏائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پختونخوا اهڙي ڪانفرنس ڪرائي چڪو آهي. اسان سمجهون ٿا ته سنڌ حڪومت سان ان جي capacity جو مسئلو آهي، پر سنڌ حڪومت کي وفاق جي هدايت جو انتظار ڪرڻ بجاءِ لکين ماڻهن کي آٿت ڏيڻ گهرجي ۽ اڳتي وڌي کين کاڌ خوراڪ ۽ ضرورت جي ٻين شين جو بندوبست ڪري ڏيڻ گهرجي. ماڻهو اهو به صحيح ٿا چون ته، ”آفيسر اي سي ڪمرا ڇڏي ٻاهر نڪرن.“ ائين ٿيڻ ضروري آهي، ڇاڪاڻ جو مسئلو واقعي سنگين آهي، پر اهڙي ڪوشش ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، باقي اهو چئي ڇڏڻ ته مريض تمام گهڻا آهن ۽ اسان وٽ ايترا ڊاڪٽر ڪونهن يا لکين ماڻهو آهن، اُنهن کي ماني نٿا کارائي سگهون يا گهارو بند ڪرڻ وس جي ڳالهه ناهي. ائين چئي بس ڪري ويهي رهڻ مناسب ناهي.
    اهو نه سمجهيو وڃي ته هيءَ ٻوڏ ڏهه پندرهن ڏينهن هلندي، پوءِ معاملو ٺيڪ ٿي ويندو. اهو صحيح ناهي. انهن ڏهن پندرهن ڏينهن کان پوءِ ٻيون ٻوڏون اينديون. سماجي ۽ معاشي مسئلا ڪَرُ کڻندا. تنهنڪري سنڌ حڪومت کي هاڻي اهو نه ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙو وزير ڪنهن جي پرچيءَ تي آيل آهي، چاهي ڪهڙي به پرچيءَ تي آيل هجي، پر هر وزير کي ڪارڪردگي جي بنياد تي پرکيو وڃي ۽ جيڪو ڪم نٿو ڪري، ان کي هٽايو وڃي. ِماڻهن کي معاوضو ڏيڻ ۽ سندن بحالي وارو معاملو به اڃا رهيل آهي. اها ساڳي مشينري ان دوران به ڪم ڪندي، جنهن جا حال هن وقت ڏسون پيا. هن ٻوڏ کان پوءِ جيڪا سنڌ جڙندي، ان سنڌ جا ماڻهو پنهنجو ووٽ ڀوتارکي ڏسي ڪونه ڏيندا، پر ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ووٽ حاصل ڪري سگهبا. اسان جيڪا تبديليءَ جي ڳالهه پئي ڪئي، اُها هاڻي هنن حالتن کي ڏسي ماڻهن کي سمجهڻ گهرجي. ان ڪري ڀوتارن کي اڳتي وڌي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. هر ڪيمپ تي وزير جو هجڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ جو مختيارڪار يا ڊي سي او جو محدود اختيار آهي ۽ وزير ڪيمپ تي هوندو ته ميڊيا وارا ۽ ٻيا واسطيدار ان سان ڳالهائي سگھندا ۽ هو موقعي تي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.
    اها ڳالهه به درست آهي ته ٻوڏ قدرتي آفت آهي، جنهن کي نٿو روڪي سگهجي، پر ڪئمپن ۾ ڦهليل بيمارين جي ٻوڏ ته روڪي سگهجي ٿي، جتي به غير سرڪاري طور ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪئمپون قائم ڪيون آهن، اتي منظم نموني ڪم ٿئي پيو، پر جتي سرڪاري ڪئمپون قائم ٿيل آهن، اتان دانهون اچي رهيون آهن. آئون ڪراچيءَ جي هڪ ڪئمپ ۾ ويس، اتي زمين تي پيل پٿرن جي ڪري مان انهن پٿرن تان هلي نه پئي سگهيس، ته پوءِ اُتي ٻار، عورتون ۽ مرد ننڊ ڪيئن ڪندا هوندا؟ جنهن زمين تي پنڌ هلي نه سگهجي، جتي پٿر پيل هجن، اتي چادر وجهي ڪيئن آرام ڪري سگهبو؟ هن وقت ماڻهو اهڙين حالتن ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، جتي جانور به نه رهي سگهن. سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کان محفوظ گهراڻا اڳتي وڌن ۽ ٻوڏ ستايل ماڻهن جي مدد ڪن. جيڪڏهن هڪ گهراڻو هڪ ٻوڏ ستايل گهراڻي جي مدد ڪري ته، اهڙي نموني سمورن ٻوڏ ستايل خاندانن جي سهائتا ٿي سگهي ٿي ۽ سنڌ واسي هڪٻئي سان جڙي سگهن ٿا ۽ کين جڙڻ گهرجي.


    ڇا سنڌ “جوهي” کان سکي سگهي ٿي؟

    جوهي شهر هونئن ته قومي ۽ کاٻي ڌر جي ڪارڪنن جي حوالي سان ۽ بعد ۾ اخباري ڪارڪنن ۽ اين جي اوز جي تعارف سان سڄي سنڌ ۾ سڃاتو ويندو هو، پر تازي ٻوڏ کيس هڪ نئون تعارف ڏيئي وئي آهي. هڪ باغي شهر جو تعارف، بغاوت روايت کان انڪار جو نالو آهي. سنڌ جا ڪمزور شهر ٻوڙڻ جي روايت تازي ٻوڏ وڌي جوهي هڪ ننڌڻڪو شهر، جنهن جا چونڊيل نمائندا به مقامي ڪو نه هئا. تنهن ٻڏڻ جي روايت کان انڪار ڪيو ان انڪار کان اڳتي اها تاريخ آهي، جيڪا ان شهر پاڻ پنهنجي لڦون پيل هٿن سان لکي سنڌ کي اهو اتساهه ڏنو ته سنڌ جو هي نسل پنهنجي تقدير جو پاڻ مالڪ ٿي سگهي ٿو.
    ٽوڙي بند کي کاٽ هڻي نڪتل پاڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪندو سيپٽمبر جي پهرين تاريخن ۾ جوهي جي بچاءُ لاءِ ٺاهيل اوڏڪي ڀت جهڙي رنگ بند کي لڳو ته هڪ پاسي سنڌ حڪومت کي پاڻيءَ جي مامرن تي صلاحون ڏيندڙ ادريس راجپوت ڪاوش اخبار ۾ ڪالم لکيو ته ”جوهي ٻڏي ئي ٻڏي“ ٻئي طرف سنڌ جي وزيراعليٰ جوهي کي ٻڏڻ کان بچائي نه سگهڻ جو اعلان ڪندي جوهي واسين کي سر بچائي ڀڄڻ جي صلاح ڏني. جوهي مان چونڊيل ايم اين اي کين شهر خالي ڪرڻ جي صلاح ڏيندي جوهي جي رنگ بند تي ڪم ڪندڙ ٻه چار سرڪاري ٽريڪٽر به ڀڄائي ڇڏيا، پر اڄ ٽي هفتا گزرڻ کان پوءِ به جوهي ٻڏڻ لاءِ تيار ناهي. آبپاشي جا اڪابر ۽ سرڪاري ڪارندا هاڻ کين خراج تحسين موڪلي پنهنجي عقلي ڪوتاهي جو اعتراف ڪن ٿا. سنڌ ٻوڙائي ناس ڪندڙ حڪمرانن کان هاڻ هر جاءِ تي اهو سوال ٿئي ٿو ته جڏهن جوهي شهر کي اتان جا ماڻهو خالي هٿين بچائي سگهن ٿا ته پوءِ باقي سنڌ کي اوهان ڪروڙين رپين جي بجيٽ هوندي ڇو نه بچائي سگهيا؟
    جوهي شهر کي بچائڻ ۾ ڪي به ڪوهه قاف جا جن ۽ پريون نه، پر عام انسان وارا ڪردار هئا. جن سان اسان روزمره جي زندگي ۾ ملون ٿا. ڊاڪٽر، ماستر، صحافي، سياسي ڪارڪن، دڪاندار، هاري، مزدور ۽ بي روزگار نوجوان، کين سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ هڪ مقصد ته پنهنجو شهر پاڻي کان بچائڻو آهي، گڏ ڪيو ۽ کين حڪومت جي هٿ ڪڍي وڃڻ کان پوءِ يتيمي جي احساس پاڻ تي اعتماد ڪرڻ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ سيکاريو.
    ان لمحي کان اڳتي جيڪو ٿيو تنهن سنڌ جي هڪ نئين تاريخ جوڙي ڇڏي آهي. جوهي کي حالت جنگ ۾ جنهن نه ڏٺو تنهن زندگيءَ ۾ ڪجهه ناهي ڏٺو.
    اجگر پاڻي، جهن اڌ سنڌ ٻوڙي منڇر سان ملڻ لاءِ جوهي جو دڳ ورتو، تنهن کي جوهي ان ريت رستو ڏنو ته پنهنجي بچاءَ لاءِ اتر ۽ اوڀر ۾ بند ٻڌي، ان تي ڏينهن رات ايئن پهر ڏنا، جيئن نيرون ڪوٽ وارا دشمن لشڪر جي حملي کان پوءِ قلعي ۾ پناهه وٺي قلعي جي برجن تي نه رڳو اوجاڳا ڪري پهرا ڏيندا هئا، پر ان کي هر لمحي مضبوط به ڪندا هئا. اهو بند، جيڪو سيپٽمبر جي ٽين تاريخ، جڏهن ٻوڏ جو پاڻي جوهي جي اوڀر پاسي کي لڳو، اوڏڪي ڀت مثل، ڪي ٻه چار فٽ مٿانهون هو، سو اڄ درياهه جي پاڻي کي روڪڻ جيترو اوچو ۽ مٿانهون ٿي چڪو آهي، اوهان يقين ڪريو ته اهو بند ٺاهڻ لاءِ جيڪڏهن آبپاسي کاتي کي چئجي ها ته اهي سرڪار تي ٻه چار ڪروڙ رپين جو بل ڪڍن ها.
    جوهي جي شهرين کي ان بغاوت جي سزا سرڪار پاران ان ريت ملي رهي آهي ته اڄ به جوهي شهر جو ٻاهرين دنيا سان رابطو سواءِ ٻيڙين جي ٻيو ڪونهي- شهر ۾ کاڌي جي شين جي کوٽ آهي. ٻيڙي وارا مهاڻا جوهي اچڻ ۽ وڃن لاءِ من پسند ڀاڙو وٺن ٿا. جوهي شهر ۾ سرڪاري کاڌ خوراڪ جو ٺيڪو جنهن مختيارڪار حوالي هو، تنهن جو شمار انهن ڪامورن ۾ ٿيندو آهي، جن جي گهرن ۾ پگهار مان ڪُني چڙهڻ تي گهر ڀاتين کي دست الٽيون ٿي پونديون آهن.
    جوهي سنڌ جي ڪنهن به شهر کان مختلف ڪونهي- نه ئي اتان جا ماڻهو باقي سنڌ کان نرالا آهن- سواءِ ان جي ته سياسي شعور رکندڙ، هيٺين وچولي ڪلاس جي ان شهر ”پاڻ کي سڃاڻي ورتو“ کين پنهنجي اندر ۾ لڪل ان سگهه ڳولي لهڻ ۾ هڪ ته پاڻي جي للڪار مدد ڪئي ٻئي چونڊيل نمائندن پاران ٿيل دغا. اڄوڪي سنڌ کڻي ٻوڏ جي پاڻي نه سهي، پر ان جهڙن ٻين انيڪ خطرن جي ور چڙهيل آهي. مٿان کين منزل جي راهبرن رڻ ۾ رلائي ماريو آهي. اڄوڪي سنڌ جيڪڏهن پاڻ سڃاڻي. پاڻ تي اعتماد ڪري، پنهنجي تاريخ پاڻ لکڻ لاءِ تاريخ جي بي رحم وهڪري ۾ لڙهي وڃن بجاءِ بند ٻڌي بيهي رهي ته سنڌ ايئن ئي بچي سگهي ٿي. جيئن جوهي تري پار ٿي آهي.
    اچو ته اسان اڄوڪي سنڌ جي هيروز کي ڪن ديومالائي ڪهاڻين بجا روزمره جي ننڍڙين نيڪين ۽ ڪاميابين ۾ ڳولڻ شروع ڪيو- اوهان ڏسندئو ته اوهان تي صبح جي هير جهڙي فرحت ڀري اميد جا تاڪ کلڻ لڳندا ته ها، اسان سنڌ نه رڳو بچائي سگهون ٿا، پر ان کي پنهنجو قابل فخر تعارف به بڻائي سگهون ٿا.
    سال 2010ع کان پوءِ جوهي جو نالو سنڌ جي تاريخ جي انهن جنگن جي ميدانن جيان ورتو ويندو، جتي سنڌي لشڪر ايرانين، عربن، مغلن، ترخانن ۽ انگريزن سان چوٽون کاڌيون- ۽ پنهنجي تاريخ جوڙي!


    ٻوڏ کان پوءِ تبديل ٿيل سنڌ…علي قاضي

    ڪجهه ٻين بيمارين مان هڪ بيماري، جنهن جو نالو Herpes zoster (هرپيس زوسٽر) آهي. اها ڪنهن ماڻهو کي تڏهن ورايو وڃي، جڏهن انسان جو Immune system (مدافعاتي نظام) ڪمزور ٿيو پئي. ڊاڪٽرن چواڻي ته ان بيماري جو وائرس انسان جي اندر سالن يا ڏهاڪن تائين موجود هوندي به انسان کي تيستائين بيمار نٿو ڪري، جيستائين ان ماڻهو جو مدافعاتي نظام ڪمزور نٿو ٿئي. ان بيماري ۾ جسم جي ڪجهه حصن تي داڻا ٿيڻ سان گڏ شديد سور به ٿئي ٿو ۽ ڪا به دوا وٺو، پر اها بيماري 21 ڏينهن پنهنجو مدو پورو ڪري ختم ٿئي ٿي. انسان جو مدافعاتي نظام ڪمزور ٿيڻ جي ڪيترن ئي سببن مان به اهم ڪارڻ گهٽ غذائيت واري کاڌ خوراڪ ۽ گهڻو ذهني دٻاءُ، ٽينشن، پريشاني وغيره ٻڌايا وڃن ٿا. ان بيماري جو ذڪر صرف ان ڪري نه پيو ڪريان. جو اهو مضمون لکڻ مهل آئون پاڻ گذريل ڇهن ڏينهن کان ان بيماري ۾ ورتل آهيان پر ڏٺو وڃي ته سڄي سنڌ ۾ اهڙي ئي بيماري سبب شديد تڪليفون ۽ سور برداشت ڪري پئي. ڇاڪاڻ ته ڏهاڪن کان موجود سنڌ جي اقتداري توڙي انتظامي نظام کي ڪرپشن ۽ خراب حڪمراني ايترو ته کوکلو ڪري ڇڏيو هيو ۽ ان جو مدافعاتي نظام ايترو ته ڪمزور ٿي ويو هيو جو درياهه ۾ آيل وڏي وهڪري سنڌ جي سڄي وجود کي ان بيماري ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي ۽ الميو اهو آهي ته ماڻهو کي ته اها بيماري 21 ڏينهن ۾ پاڻمرادو ڇڏي ويندي آهي. پر سنڌ کي ان بيماري جا اثر سالن جا سال رهندا ۽ بيماري جو ڪارڻ يعني مدافعاتي نظام جي ڪمزوري، يعني خراب حڪمراني به الائي ڪيترو عرصو اڃان باقي رهندي؟ آئون پهرين ڏينهن کان اهو چوان ٿو ته سنڌ ۾ آيل تازي تباهي درياهه ناهي آندي، بلڪه ڪمزور بندن آندي آهي ۽ ڪمزور بندن جو ذميوار آبپاشي کاتو آهي ۽ آبپاشي کاتي جي خراب ڪارڪردگي معنيٰ خراب حڪمراني، ساڳئي ريت جيڪي سوين ٻوڏ متاثر گيسٽرو يا ٻين بيمارين سبب فوت ٿيا آهن. يا بيمار ٿيا آهن ته ان جو ذميوار درياهه ڪيئن ٿيو، بلڪه ان جو ذميوار صحت کاتو آهي. يعني حڪومت آهي، بلڪل ائين ئي جيڪڏهن ماڻهو ٽرانسپورٽ نه هجڻ سبب دربدر آهن يا کاڌ خوراڪ لاءِ پريشان آهن ته ان جو ذميوار درياهه ڪيئن ٿيو. ان جي ذميوار ضلعي انتظاميه آهي، يعني خراب گورننس/ حڪمراني.
    هرپيس زوسٽر جي بيماري به ماڻهو جي کاٻي يا ساڄي يعني ڪنهن هڪ پاسي کي متاثر ڪندي آهي ۽ هن مهل سنڌ ۾ به پاڻ کي وڌيڪ تباهي درياهه جي ساڄي پاسي تي ٿيندي نظر آئي آهي. پر جيئن ته مٿي چئي آيو آهيان ته ماڻهو هجي يا صوبو يا ملڪ جيڪڏهن ان جو مدافعاتي نظام ڪمزور، هوندو ته پوءِ ڪو وائرس، ڪا ٻوڏ يا ٻئي قدرتي توڙي هٿ سان آندل آفت سڄي وجود کي شديد سور ۽ تڪليف ۾ وجهي ڇڏي ٿي. اسان کي سنڌ ۾ امن و امان جي خراب حالت، برادرين جا جهيڙا، شهرن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگز، ميرٽ جي لتاڙ، انصاف ملڻ مهانگو ۽ مشڪل، ترقياتي ڪمن ۾ ڪرپشن وغيره غرض ته خراب سياسي ڪلچر سبب، خراب حڪمراني سبب ڏهاڪن کان هلندڙ معاملا اهي واضح علامتون هيون، جن ظاهر پئي ڪيو ته اسان جي حڪومتي سرشتي جو مدافعاتي نظام بنهه ڪمزور ٿي چڪو هيو/ آهي جنهن بابت رڙيون دانهون ڏهاڪن کان ڪيون پئي ويون، پر ان کي ”مخالفن“ جي ”اجائي تنقيد“ جو نالو ڏئي ڪنهن به نه ٻڌو ۽ نيٺ ٽوڙي بند ۽ پوءِ ٺٽي جي بندن جي گهارن آڏو اهو حڪومتي مدافعاتي نظام ائين ڊهي پيو، ڄڻ اهو ڪڏهن هوئي نه!! جيڪي دوست مون سان ورهين کان اهو بحٿ ڪندا هئا ته سنڌ جي سورن جو حل سٺي حڪمراني ناهي. منهنجو خيال آهي ته 50 لک کان وڌيڪ سنڌ واسين جي دربدري، لکين گهرن جي ڊهڻ، کربين رپين جي پراپرٽي جي ٿيل نقصان، سوين ماڻهن جي بيمارين وگهي فوت ٿيڻ کي ڏسي شايد هاڻ کين به چٽي ريت سمجهه ۾ اچي ويو هوندو ته جڏهن سياسي ڪلچر ۾ تبديلي وسيلي سٺي حڪمراني لاءِ دانهون ڪبيون هيون ته ان جو مطلب ڇا هيو؟ جيڪڏهن اڃان به ڪو خدا جو بندو اهو چئي ته تباهي وڏي ٻوڏ سبب ٿي آهي ۽ ان جو خراب حڪمراني سان ڪهڙو تعلق؟ ته ان الله جي نيڪ بندي لاءِ گذارش اها آهي ته ٽوڙي يا ٺٽي جا بند ان ڪري ٽٽا جو انهن جي ڏهاڪن کان ڪنهن به سار نه لڌي هئي. ظاهر آهي ته انهن جي سار سنڀال جو ڪم آبپاسي کاتي جو هيو، سو انهن بندن جو ٽٽڻ ظاهر آهي اسان جي خراب حڪمراني جو نتيجو هيو، ساڳئي ريت ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ٻيڙين جي اڻاٺ يا ٽرانسپورٽ جي اڻ هوند يا ٻوڏ هيٺ آيل شهرن مان ڦرلٽ يا مرضن جي ور چڙهيل ماڻهن جي علاج ۾ ڪوتاهي يا کاڌ خوراڪ جي کوٽ غرض ته اهو سڀ ڪجهه ظاهر آهي ته خراب گورننس جي ڪري ئي ٿيو آهي. ڇاڪاڻ ته ڏهاڪن کان اسان جي سرڪاري مشينري ڪرپشن، سياسي پسند ناپسند، ميرٽ جي لتاڙ، پڇاڻي جي کوٽ وغيره سبب ايتري زنگيل ۽ فرسوده ٿي چڪي هئي. جو ايتري وڏي چيلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل ئي نه هئي.
    ان پاڻي جي ٻوڏ جتي لکين ماڻهن کي بي گهر ڪيو، سندن الهه تلهه لوڙهي ڇڏيو، پنهنجن جو وڇوڙو ڏيکارڻ سان گڏ ڏکن ۽ تڪليفن جي هزارين قصن کي جنم ڏنو، اتي ئي ماڻهن منجهه سٺي ۽ خراب حڪمراني بابت شعور چٽو ۽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ۽ گڏوگڏ برادرين جي نالي ۾ ڀوتارن پاران پيدا ڪيل نفرتون به اها ٻوڏ پاڻ سان لوڙهي وئي آهي ۽ گڏوگڏ ووٽ وٺي وڏن شهرن ۾ پنهنجن وڏن بنگلن ڏانهن روانو ٿي ويندڙ ڀوتار جڏهن هن ڀيري به بي يارو مددگار لکين ماڻهن کي ٻڏندي ڇڏي تڪڙ ۾ انهن علائقن، ڳوٺن ۽ شهرن کي ڇڏي ڀڳا، جن علائقن کي هو پنهنجي جاگير ۽ اتي رهندڙن کي پنهنجو راڄ، برادري وغيره سڏيندا هئا ته هاڻ ماڻهن کي اها پڪ ٿي وئي ته جنهن کي هو پنهنجو ڀوتار سمجهندا هئا. اهو ان ڏکيءَ گهڙيءَ ۾ ساڻن ڪو نه بيٺو، ان ٻوڏ جتي صدي جي وڏي ۾ وڏي تباهي آندي، اتي ئي ان ٻوڏ ماڻهن جي تمام وڏي انگ جي ذهنن ۾ ڏهاڪن کان موجود ان فرسوده سياسي توڙي حڪومتي نظام بابت خوشفهميون به لوڙهي ڇڏين آهن ۽ گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بيراج مان 10 کان 12 لک ڪيوسڪ جي غير معمولي سطح جي وهڪري ماڻهن جي سوچڻ ۽ شعور جي سطح ۾ به غير معمولي طور اضافو ڪيو آهي ۽ هينئر ظاهر آهي ته ماڻهو پنهنجي افراتفري ۽ دربدري ۾ ورتل آهن. پر پاڻ سڀ ڏسنداسين ته وقت سان گڏ ماڻهن جي شعور جي مٿي آيل ٻوڏ ۾ هي روايتي، بلڪه فرسوده سياسي ۽ انتظامي سرشتو لڙهي ويندو، هتي اها وضاحت ڪندو هلان ته ظاهري طرح ٻوڏ درياهه جي ساڄي پاسي وارن علائقن کي وڌيڪ نقصان پهچايو آهي، پر سنڌو درياهه جي کاٻي پاسي رهندڙن به پنهنجن سنڌ واسين سان ٿيندڙ ان الميي کي ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي ۽ کين اها ڄاڻ آهي ته اڄ ساڄي پاسي آهي ته خدا نه ڪري سڀاڻي هي يا اهڙي ٻي ڪا آفت اتي به اچي سگهي پئي، سو ائين چئجي ته قطعي غلط نه ٿيندو ته اسان مان هڪڙن اها آفت پاڻ ڀوڳي سکيو آهي ۽ ٻين ڏسي سکيو آهي.
    تبديلي جي حوالي سان ورهين کان لکيل پنهنجين لکڻين ۾ اڪثر وقت تي زور ڀريندو هيس ته اسان وٽ وقت گهٽ آهي، ظاهر آهي ان مهل مون کي اها ڄاڻ ته نه هئي ته ڪو ٻوڏ ايندي ۽ اسان جا بند ٽٽڻ سبب ايڏو وڏو الميو جنم وٺندو. پر اها حقيقت پڌري پٽ هئي يا چئجي ته سامهون ڀت تي لکيل نظر آئي پئي ته اسان جي فرسوده سياسي ڪلچر مان جنم ورتل خراب حڪمراني ڪنهن به سياسي، معاشي، انتظامي آفت يا مشڪل يا چئلينج کي منهن ڏيڻ جي قابل نه رهي آهي ۽ اهو سمجهڻ ان ڪري ڏکيو نه هيو ته عام حالتن ۾ به اسان جي حڪومتي/ انتظامي مشينري جا افعال پاڻ سڀ ڏسندا آيا آهيون، سو ظاهر آهي ته غير معمولي حالتن ۾ اها مشينري ڇا پئي ڪري سگهي؟ مثال طور پاڻ ڏٺو آهي ته سوڪهڙي واري موسم ۾ ڪئنالن يا بندن کي گهارا لڳيو وڃن ته پوءِ وڏي ٻوڏ ۾ گهارا نه لڳڻ ڪيئن ممڪن هيو؟ عام حالتن ۾ صحت کاتي جي ڪارڪردگي پاڻ سڀني آڏو رهندي آئي آهي ته پوءِ غير معمولي صورتحال ۾ ان کان ڪنهن بي مثال ڪارڪردگي جي اميد ڪئين پئي رکي سگهجي؟ ساڳئي ريت امن و امان هجي يا رليف جو ڪم روينيو کاتي کي ڏنل هجي. انهن سڀني جو حال اڳ ۾ ئي پاڻ کي سجهي پيو، سو هاڻ ڇا توقع ڪجي ها؟ سو جڏهن لکندو هيس ته وقت گهٽ آهي ته سئو سيڪڙو اها پڪ نه هئي ته آفت جي نوعيت ڇا هوندي، پر اها پڪ ضرور هئي ته اسان جي ڏهاڪن کان تيزي سان خراب ٿيندڙ گورننس ڪنهن به آفت کي منهن نه ڏئي سگهندي. تنهن ڪري ڪنهن وڏي تباهي کان اڳ تبديلي آڻجي.
    اڳ م تبديلي پسند جو وڏو انگ اسان جي وڏن، ننڍن شهرن، ٽائونز، وڏن ڳوٺن ۾ پيدا ٿي رهيو هيو، پر هاڻ ان ٻوڏ يقينن انهن ننڍين وسندين ۽ ڪچي جي ڳوٺن م رهندڙن تائين تبديلي جي خواهش کي شديد انداز ۾ اڀاريو هوندو، جنهن تائين ميڊيا جي به رسائي نه هئي ۽ آئون وري چوان پيو ته اها هڪ ٻوڏ جي تباهي پاڻ ڀوڳي آهي، بلڪه ڀوڳيون پيا، پر ايندڙ سال (خدا نه ڪري) وري درياهه ۾ ٻوڏ اچي پئي سگهي، سڀاڻي شهرن ۾ دهشتگردي جي ٻوڏ، وبائي بيمارين جي ٻوڏ، سنڌ کي ورهائڻ جي سازش جو زلزلو، مهانگائي جو طوفان، غرض ته آفتون، مصيبتون، ٻوڏون ڪهڙيون به هجن، اهي تڏهن ئي وڌيڪ هاڃيڪار ثابت ٿين ٿيون، جڏهن اسان جو مدافعاتي نظام ڪمزور هجي، يعني خراب گورننس هجي، خراب سياسي ڪلچر هجي، سو تبديلي پسندن وٽ وقت سوڙهو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته وقت به درياهه جي پاڻيءَ جيان ڪنهن جي عمل جو انتظار نه ڪندو ۽ جيڪڏهن ان کي سولو رستو نه مليو ته هو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وٺندو آهي، ساڳئي ريت اڄ جنهن نئين سنڌ ۾ اسين رهون پيا، جنهن م ماڻهن جي سوچ ۽ جذبن جو وهڪرو تمام مٿانهين درجي تي ويهي رهيو آهي، جيڪڏهن تبديلي پسندن ان کي بروقت صحيح رستو نه ڏنو ته اهو وهڪرو به بندن کي ٽوڙي وڏي تباهي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
    گذريل سال اپريل ۽ مئي جي مهينن ۾ هڪ ٻئي جي پويان ٻه مضمون ”وقت جي ٽڪ ٽڪ“ ۽ ”جاڳندا رهجو“ ۾ وقت جي اهميت تي زور ڀريو هيم ۽ اڄ ٻوڏ جي تباهه ڪاري کان پوءِ ڪا ڊگهي ڳالهه ڪرڻ بدران صرف ان ساڳئي نقطي تي زور ڏيان پيو ته سنڌ واسي گهڻو ڪجهه وڃائي چڪا آهن ۽ ان کان اڳ جو (خدا نه ڪري) وڃائڻ لاءِ باقي ڪجهه به نه بچي تبديلي پسند ماڻهو عملي طور ڪردار ادا ڪن، جيئن سنڌ واسين جي شعور ۽ جذبن جون موجون هڻندر درياهه خير خوبي سان تبديلي جي سمنڊ تائين پهچي ۽ اسين هڪ خوشحال سنڌ ۾ رهي سگهون، جنهن ۾ جيڪڏهن سڀاڻي وڏي موجن سان سنڌو درياهه اچي ته سنڌ واسي پريشاني ۽ خوف ۾ وٺجڻ بدران يا بندن تي ڊپ وچان راتيون گذارڻ بدران درياهه ڪناري پڪنڪ ڪندي، درياهه جي موجن جو مزو وٺندي ٽي وي اسڪرينز تي نظر اچن ۽ اهو سئو سيڪڙو ممڪن آهي ۽ جڏهن لکين، ڪروڙين سنڌ واسي اهو عزم ڪري ميدان عمل ۾ آيا ته کين تبديل ٿيل سنڌ کپي ته انشاءَ الله اسين پنهنجين اکين سان اها ڏسنداسين. (آمين)


    ڇا سنڌ سرڪار وٽ ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ لاءِ ذريعا ڪونهن؟ بئريسٽر ضمير گهمرو

    فرانس جي بادشاهه لوئي پندرهن (Louis-xv چيو هو ته After me, the deluge ) مون کان پوءِ وڏي ٻوڏ ايندي. هن جو چوڻ هو ته مان رياست آهيان ۽ مون کانسواءِ ملڪ ۾ انڌيرو ڇانئجي ويندو. لوئي پندرنهن جي 1710ع کان 1774ع تائين جي چوهٺ سالا اقتدار فرانس کي کوکلو ڪري ڇڏيو، فرانس افراتفري ۽ ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيو، نتيجي ۾ ٺيڪ 15 سالن کان پوءِ 1789ع ۾ فرانس ۾ وڏو انقلاب برپا ٿيو، جنهن سڄي يورپ کي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو. لوئي پندرهين جا 64 سال ۽ هن ملڪ جا 63 سال تقريبن ساڳيو عرصو آهي، فرانس ۽ موجوده پاڪستان جي سماج ۾ ڪو خاص فرق نه آهي. اتي به عوام تي ڳري کان ڳرا ٽيڪس لڳل هئا. سرڪاري عهدا وڪرو ٿيندا هئا ۽ هينئر هن ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ به وڪرو ٿي رهيا آهن. خراب حڪمراني، بدعنوانين ۽ ابتر معاشي صورتحال جي ڪري بدعنوان عنصرن تي ته ڪا آفت نه آئي، پر فرانسيسي انقلاب جي ابتر اها آفت وري به عوام تي آئي، سنڌ جا لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو هٿرادو گهارا هڻڻ جي ڪري پنهنجن اجهن کان محروم آهن، بک ۽ بدحالي توڙي بيماريون کين ورائي ويون آهن. پهريون دفعو هو بدتر سرڪاري ڪيمپن ۾ رهڻ تي مجبور ٿيا آهن. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته بااثر ماڻهن سکر کان لاڙڪاڻي تائين پنهنجون زمينون ۽ ڪارخانا بچائڻ لاءِ ڪيترا گهارا هڻايا آهن ۽ سکر ۽ گڊو بيراجز تي پاڻي لهڻ باوجود ٺٽي کي به بچائي نه سگهيا آهن. جنهن مان سندن انتظامي اهليت ڀلي ڀت ظاهر ٿي پئي آهي. هاڻي وڏو اشو اهو آهي ته آگسٽ جي پهرين هفتي کان آيل برسات ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ دربدر ڌرتي ڌڻين لاءِ سرڪار وٽ نه ته ڪو معاشي پلان آهي، ۽ نه وري هيڏن سارن ماڻهن کي اجهو ڏيڻ لاءِ ڪو بندوبست ڏسجي ٿو. سنڌ ڪابينا جا اڪثر ميمبر وائڙائپ افراتفري جو شڪار آهن، سنڌ توڙي وفاق وٽ سوين ارب رپيا، هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين ۽ اربين رپيا ٻاهرين امداد هجڻ باوجود هو ماڻهن کي اجهو آڇڻ لاءِ صرف ڪوڙا دلاسا ڏئي رهيا آهن ته هاڻي هتي اچو ته توهان کي آباد ڪريون. نه زمين جو پلاٽ، نه روزگار جو آسرو، نه رٿابندي، بس ڪابينا رڳو عوام کي متاثرين جا انگ اکر ٻڌائڻ ۾ مصروف آهي ته هيترو نقصان ٿيو، پر الائي ڇو اهو ٻڌائڻ ۾ عار محسوس ڪن ٿا ته سنڌ سرڪار وٽ ماڻهن کي آباد ڪرڻ جا هيترا وسيلا آهن. وفاقي سرڪاري وٽ هيترا آهن ۽ ٻاهرين امداد هيتري آهي، ڇو ته اهڙي وٿي هميشه حڪمرانن ۽ عوام وچ ۾ رهي آهي ته حڪمراني ڪندڙ اشرافيه ماڻهن کي وسيلن جا تفصيل ڏيڻ کان لنوائيندي رهي آهي ۽ اهو سمجهندي آهي ته اهي اهڙا تفصيل ٻڌائڻ جي قابل نه آهن، جيئن اسان اين ايف سي جي ڪارروائي دوران ڏٺو.
    سرڪار وٽ پئسن جي ڪا به ڪمي نه آهي، رڳو متاثرين کي اربين رپين جي اهل سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ اهو هر آفت دوران سنڌ ۾ ٿيندو رهيو آهي ته عوام کي عزت، احترام ۽ قدر جي نگاهه سان ڏسڻ بدران پنج هزار ڏئي گهر روانو ڪيو ويو آهي، ملڪ جي وسيلن تي حڪمران اشرافيه عوام جو حق تسليم ڪڏهن به نه ڪيو آهي. اهڙي روش يورپ ۾ Medieval دور ۾ عام جام هئي، جتي جي اشرافيه پڻ رياست جي ڪاروهنوار تي فقط پنهنجو حق سمجهندي هئي، جنهن ڪري لفظ Snobbish ايجاد ٿيو، جنهن جي تشريح اها آهي ته اشرافيه ئي دولت، علم، ڏاهپ جي وارث آهي ۽ عام ماڻهو جو رياست جي وسيلن تي ڪو به حق نه آهي، هينئر اسان جي سرڪار وٽ پئسن جو مسئلو هرگز نه آهي، مسئلو رڳو رويي جو آهي. ته ڇا هنن بي گهر ۽ بي يارومددگار متاثرين لاءِ صرف ٻه ويلا ماني ۽ ٻه ٽي هزار ڪافي آهن؟ باقي ڄاڻن پاڻ؟ اربين رپيا جيڪي سرڪاري خزاني ۾ پيل آهن، ڇا اهي رڳو اشرافيه جي شاهه خرچين لاءِ آهن؟ اصل ۾ سنڌ جي عوام جو مسئلو پ پ سرڪار کي اهو باور ڪرائڻ آهي ته هي متاثرين اربين رپين جي نه صرف امداد، پر پلاٽن توڙي روزگار جا به اهل آهن سرڪار وٽ جيڪي وسيلا آهن، انهن کي هيٺين نموني نروار ڪري سگهجي ٿو.

    صوبائي سرڪار جا وسيلا:
    هن سال صوبائي سرڪار جي بجيٽ سوا چار سئو ارب رپيا آهي ۽ هڪ سئو پندرهن ارب جو صوبائي ترقياتي پرگرام آهي، صوبائي ملازمن جي پگهارن ۾ اضافي جي مد ۾ هن سال سرڪار ايڪٽيهه ارب (31) رپيا وڌيڪ ڀريندي، ترقياتي پروگرام مان ٽيهه ارب ۽ سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ هن سال اضافي مان رڳو ڏهه سيڪڙو ڪڍڻ سان سرڪار کي ٽي ارب کان وڌيڪ رقم مهيا ٿيندي، اهڙي طرح اختيار کوکر جي رپورٽ موجب سوشل رليف فنڊ جا ڏهه ارب، ڊزاسٽر مئنيجمينٽ فنڊ جا ڏيڍ ارب گڏائي اها رقم وڃي لڳ ڀڳ 45 ارب رپيا بيهي ٿي، پر ترقياتي پروگرام جا جيڪڏهن سرڪار هن سال پنجاهه ارب آبادڪاري لاءِ رکي ٿي ته اها رقم پنجهٺ ارب رپين تائين بيهندي.

    سروسز تي سيلز ٽيڪس:
    جيڪڏهن صوبائي سرڪار پنهنجا اختيار استعمال ڪندي سروسز تي سيلز ٽيڪس لڳائي ٿي ته ان مان کيس لڳ ڀڳ چاليهه کان پنجيتاليهه ارب ميسر ٿيندا، جنهن رقم کي به ٻوڏ متاثرن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پر هن صورتحال ۾ به جيڪڏهن صوبائي سرڪار سروسز تي سيلز ٽيڪس مرڪز حوالي ڪيو ته پوءِ اهو سمجهبو ته هو مرڪز جي غلام آهي، ڇو ته ائين ۾ هي ٽيڪس نج صوبائي آهي.

    وزيراعليٰ جو ٻوڏ وارو فنڊ:
    وزيراعليٰ جيڪڏهن فوري طور پنهنجو رليف اڪائونٽ قائم ڪري ها، اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ۾ ان ۾ رقم جمع ڪرائڻ لاءِ اشتهار ڏنا وڃن ها ۽ پنج لک سرڪاري ملازمن جي ٻن ڏينهن جي پگهار ان ۾ جمع ڪئي وڃي ها ۽ صوبي ۾ ڪم ڪندڙ هزارين ڪمپنين، ادارن، چيمبر آف ڪامرس، ايگريڪلچر کي اعتماد ڏياريو وڃي ها ته هي رقم صاف ۽ شفاف نموني سان متاثرين جي آبدڪاري تي خرچ ڪئي ويندي ته هوند سنڌ سرڪار آسانيءَ سان پنج کان ڏهه ارب رقم حاصل ڪري وڃي ها.

    قرض:
    سنڌ سرڪار کي بينڪنگ سيڪٽر مان Sovereign grantee تي آسانيءَ سان ڏهه کان ويهه ارب رپيا قرض ملي ويندو، جيڪا رقم هو آسانيءَ سان متاثرين جي آبادڪاري تي خرچ ڪري سگهي ٿي، ڇو ته وفاقي سرڪار بينڪنگ سيڪٽر مان هر سال ٻه ٽي سئو ارب جو قرض کڻندي آهي ۽ ههڙي آفت ۾ سنڌ سرڪار صوبائي سرڪار جي ڪنسوليڊيٽيڊ فنڊ جي گارنٽي تي ايتري رقم آسانيءَ سان حاصل ڪري سگهي ٿي. انهن سمورين رقمن کي جيڪڏهن جوڙ ڪبو ته اها رقم لڳ ڀڳ هڪ سئو ٽيهه ارب رپين تائين پهچي ٿي. پر سرڪار جو ناڻي وارو کاتو ۽ نام نهاد مشير شايد ئي ڪابينا کي ان پاسي وڃڻ ڏين، ان کانسواءِ سرڪار جي ٻوڏ متاثرن لاءِ پنهنجو رويو به اهڙي پلاننگ جي عڪاسي ڪندو، ڇو ته چپل سن سٽي ۾ خالي پيل فليٽن ۾ ويٺل ٽي هزار ماڻهن کي جنهن بيدردي سان اتان ڪڍي ٻن ماڻهن کي قتل ڪيو ويو، ان مان ظاهر آهي ته ٻوڏ ستايلن کي سرڪار ٽئين درجي جو شهري سمجهي ٿي. ڇو ته اهي فليٽ لينڊ مافيا غيرقانوني طور تي سرڪاري زمين تي ٺاهيون آهن، جڏهن بلڊر کي اهو پتو پيو ته هن کي ته زمين جا ڪاغذ آهن ئي ڪو نه ۽ هو ڪورٽ ۾ به وڃي نٿو سگهي ته هن سرڪاري مشينريءَ کي استعمال ڪري نه رڳو ٻوڏ متاثرين جي ٻارن ۽ عورتن تي پوليس ۽ رينجرس کان تشدد ڪرايو. پر ٻن ٻوڏ متاثرين هر هڪ غلام قمبر سومري ۽ اياز پنهور کي گولين جو بک بڻايو، بلڊر نه رڳو اسان جي سنڌي آفيسرن کي استعمال ڪيو، پر تاثر اهو ڏنو ته ڄڻ هن پنهنجي زمين تي فليٽ ٺهرايا آهن، سرڪار کي ته گهرجي ها ته اهي غيرقانوني طور سنڌ صوبي جي سرڪاري زمين تي ٺهيل فليٽ ٻوڏ متاثرين حوالي ڪري ها، ڇو ته ڀرسان ٺهيل مخدوم بلاول ڳوٺ جيڪو به ان زمين جو حصو آهي، جنهن تي به بلڊر جو ڦڏو هو، پر ان تي هاءِ ڪورٽ اسٽي جاري ڪيو آهي ۽ هاڻي بلڊر گم آهي، سنڌين جو ڳوٺ هر سهولت سان مالا مال آهي، ڪراچي جا ڪيترائي بلڊر سنڌي عوام جي سرڪاري زمين تي پراجيڪٽ ٺاهي ويٺا اهن، جيڪڏهن عارضي طور انهن ۾ ٻوڏ متاثر ويٺا ته ڪهڙي اربعا خطا آهي ۽ قانون موجب اهڙي ملڪيت سرڪار پنهنجي تحويل ۾ به وٺي سگهي ٿي. ان ڪري پ پ سرڪار چپل سن سٽي مان ڪڍيل متاثرين ٻيهر اتي ويهاري شهيد ٿيل ماڻهن سان انصاف ڪري ۽ بلڊر کي گرفتار ڪيو وڃي.

    وفاقي سرڪار جا مالي وسيلا:
    هن سال وفاقي سرڪار جي ڪل بجيٽ ٻاويهه سئو ارب رپيا آهي ۽ ڇهه سئو ارب رپين کان وڌيڪ ترقياتي بجيٽ آهي. وفاقي سرڪار اعلان ڪيو آهي ته هو ترقياتي پروگرام مان لڳ ڀڳ اڍائي سئو ارب ٻوڏ متاثرين تي خرچ ڪندي، ان کانسواءِ لڳ ڀڳ اڍائي سئو ارب کان وڌيڪ رقم کين عالمي ادارن مان ملندي، اهڙي طرح پيپلز پروگرام ۽ بينظير انڪم سپورٽ جا اربين رپيا سرڪار وٽ پيل آهن. جنهن مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته وفاقي سرڪار وٽ ٻوڏ متاثرين لاءِ پنج سئو ارب کان وڌيڪ رقم دستياب آهي. جنهن مان سنڌ کي گهٽ ۾ گهٽ وفاقي سرڪار ڏيڍ سئو ارب حوالي ڪري ڇو ته سنڌ ۾ تباهي ۽ ٻوڏ متاثرين جو انگ سمورن صوبن کان وڌيڪ آهي.
    انهن انگن اکرن موجب سنڌ سرڪار کي 280 کان ٽي سئو ارب رپيا رقم دستياب ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ان رقم کي موثر نموني سان استعمال ڪيو وڃي ته سرڪار جهوپڙيون اڏڻ بجاءِ هڪ نئون شهر به اڏي سگهي ٿي ۽ باقي متاثرين کي پنهنجي پنهنجي گهرن لاءِ ٻه کان ٽي لک رقم به ڏئي سگهي ٿي. ڇو ته هڪ لک خاندانن کي ٽي ٽي لک ڏيڻ سان سرڪار جا ٽيهه ارب رپيا خرچ ٿيندا. هڪ لک خاندان معنيٰ ڏهه لک ماڻهو آباد ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح سرڪار وٽ وسيلن جي کوٽ هرگز نه آهي، پر شايد سنڌ حڪومت جا مشير ۽ ناڻو کاتو هاڻي هن رٿابندي ۾ سرڪار کي صحيح صلاح نٿا ڏين. سنڌ سرڪار جيڪڏهن پنهنجي وسيلن ۽ وفاق پاران ملندڙ رقم هيٺ ٽي سئو ارب رپيا حاصل نٿي ڪري سگهي ته پوءِ چئبو ته اها فرانس جي لوئي پندرهين واري سرڪار آهي ۽ پوءِ غير جمهوري قوتون ان مان ضرور فائدو وٺنديون، ٽئين دنيا جي ملڪن ۾ جمهوريت ڪارڪردگيءَ سان ڳنڍيل آهي، جو اهو عوام جو آفاقي حق آهي، ان ڪري پ پ سرڪار پنهنجي ڪارڪردگي سان ئي جمهوريت قائم رکي سگهي ٿي. ان ڪري ئي چيو پيو وڃي ته لوئي پندرهين کان پوءِ جيئن فرانس ۾ انقلاب آيو هو. هتي وري مارشل لا ته انقلاب هوندي آهي. پر جي عوام لاءِ مارشل لاهوندي.ا ن ڪري پ پ سرڪار درست رخ ڏانهن وڃي. انهن جو احساس ڪري جيڪي هن وقت ٻوڏ ۾ دربدر ٿيل آهن. اها وسيلا موبائيز ڪرڻ ۾ يقين رکي ۽ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي پنهنجي طبقاتي رويي جي ڪري ٽئين درجي جو شهري نه سمجهي.

    ويهه هزار سوزوڪيون پڪ اپ:
    ڪي ٽي اين جي پروگرام ”اوپن فورم“ ۾ سرڪار کي تجويز ڏيندي مشهور صنعتڪار جاويد جبار ميمڻ چيو آهي ته سرڪار فوري طور پنج پنج لک ۾ جيڪڏهن ويهه هزار سوزوڪيون پڪ اپ خريد ڪري ته ان تي صرف ڏهه ارب رپيا خرچ ايندو، جنهن سان ڪراچي ۽ حيدرآباد ايندڙ ٻه لک ماڻهن کي روزگار سان لڳائي سگهجي ٿو. اهڙي طرح اسٽيل مل جي سرڪاري زمين تي اسٽيل مل جي جدا ڪمپني قائم ڪري لوهه جي ڪم تي سرڪار ويهه هزار کان وڌيڪ ماڻهو روزگار سان لڳائي سگهي ٿي.

    سرڪاري پلاٽ:
    ڪراچي ۾ سنڌ سرڪار جي هزارين ايڪڙ سرڪاري زمين خالي پئي آهي. جنهن مان پنج هزار ايڪڙ ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي ڏني وئي. ان زمين جا پنج ارب سرڪار کي نه مليا. جنهن ڪري اها زمين هاڻي سنڌ سرڪار جي ملڪيت آهي. ان سميت ٻي پنج هزار ايڪڙ سرڪاري زمين آرام سان ميسر ٿي سگهي ٿي ۽ ڏهه هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي لکين ماڻهو آباد ڪري ، نوان شهر قائم ڪري سگهجن ٿا. هي ڪم سرڪار آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿي، پر هن معاملي ڏانهن به سنڌ سرڪار جو رويو غير سنجيده آهي ۽ ان لاءِ نه ته ڪا ڪميٽي تشڪيل ڏني وئي آهي، نه وري روينيو کاتي کي اهڙا حڪم جاري ٿيا آهن.


    ڊيمو گرافي:
    سنڌ جي سري کي گذريل 63 سالن دوران جهڙي نموني هٿرادو فاصلا ٺاهي پنهنجي راڄڌاني يا لاڙ کان پري رکيو ويو. ان جو مثال ملڻ مشڪل آهي. ڇو ته جيڪڏهن 1990ع کان ئي ڪراچي- سکر موٽر وي ۽ لاڙڪاڻو- گڏاپ روڊ ٺاهيو وڃي ها ته هوند سکر کان ڪراچي ٽي ڪلاڪ ۽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي اڍائي ڪلاڪ جو فاصلو هجي ها. پر قدرت هاڻي ئي وڃي ڪراچي ۽ حيدرآٻاد کي باقي ڪٽيل سنڌ سان ملايو آهي. سموري آبادي هاڻي پنهنجي راڄڌاني ۽ لاڙ جو رخ ڪيو آهي، جنهن سان سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ڊيموگرافي، سياست توڙي سماجي ۽ معاشي بيهڪ تبديل ٿيندي. قبائلي جهيڙن جا متاثر ماڻهو شهرن جو رخ ڪندا ۽ رياست جيڪو سماج کي غير صنعتي رکي کين پوئتي رکيو آهي، ان مان جان آجي ٿيندي، سنڌي پهريون دفعو انڊسٽريل ايج ۾ داخل ٿيندا. جنهن ۾ ڪاروڪاري، قبائلي جهيڙا پويان پير ڪندا.
    يورپ سدائين ڊيمو گرافي ۽ سياست کي پاڻ ۾ ملايو آهي. اسين آهيون جو پنهنجن علائقن جي اهميت به نه سمجهي سگهيا آهيون. سنڌ جي راڄڌاني ڌرتي ڌڻين کان ائين ڏور ڪئي وئي. ڄڻ اها ڪنهن ٻئي گرهه تي قائم ڪيل آهي. جڏهن ته هن دور ۾ اها لاڙڪاڻي کان اڍائي ڪلاڪن جي فاصلي تي سکر کان ٽي ڪلاڪ ۽ بدين کان ڏيڍ ڪلاڪ جي فاصلي تي هجڻ گهرجي. ان لاءِ سنڌ ۾ رڳو ٽي موٽر وي گهرجن ٿا. موجوده ٻوڏ سنڌ جي ڊيموگرافي مڪمل تبديل ڪري ڇڏي آهي. پر پ پ سرڪار جيڪڏهن ڌارين جي پريشر ۾ سنڌين جي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پرگهور نه لڌي، انهن کي پلاٽ نه ڏنا ته پوءِ سنڌ ۾ بدترين سماجي ۽ سياسي بحران جنم وٺندو. جنهن ڪري ئي مارشل لا جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون آهن ڇو ته ڊيمو گرافي ۾ تبديلي سنڌ جي سياست کي تبديل ڪري ڇڏيندي.


    جوهي ته هر حال ۾ ٻڏندو!....محمدا دريس راجپوت

    7 آگسٽ تي ٽوڙي بند ۾ لڳل کنڊ جو پاڻي ٻوڙ ٻوڙان ڪندو پنهنجي آخري منزل منڇر ڏانهن وڌي رهيو آهي، هن پاڻي جو شهرن کي ٻوڙڻ کان بچائڻ لاءِ انهيءَ جو رخ ڪيترائي ڀيرا مٽايو ويو، جيڪب آباد ۽ ان جي ايئربيس کي بچائڻ لءِ نور واهه کي ڪٽ ڏئي اهو پاڻي بلوچستان ڏي ورايو ويو، جنهن ظفر الله جمالي جي ڳوٺ جعفر آباد کي ٻوڙي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ اهو ڦري قبو سعيد خان ڏي آيو ۽ انهيءَ کي ٻوڙي ڇڏيائين. وري شهدادڪوٽ ڏي لڙيو، پر نادر مگسي جي مڙسي سبب هي شهر ٻڏڻ کان بچي ويو، جو ان هن جي چوڌاري بند ٻڌرايو ۽ پاڻ انهيءَ جي ڏينهن رات چوڪسي ڪرائي. تنهن کان پوءِ هن پاڻيءَ قمبر ۽ وارهه شهرن ڏانهن رخ ڪيو، پر اهي شهر ته بچي ويا، پر انهن جا ڀر وارا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا، وارهه ويجهو نصير ڊسٽري کي ٽوڙي هي هيٺ هلي ٻن ڇاڙن ۾ ورهائجي ويو. هڪڙي ڇاڙ سپريو ۽ ايم اين وي ڊرين وچ ۾ وهي پئي ۽ ٻئي ڇاڙ گاجي کهاوڙ وارن ڳوٺن کي ٻوڙيندي ڌامراهه برانچ سان لڳي آهي. جنهن کي مضبوط ڪيو پيو وڃي ۽ جنهن جي ٽٽڻ ڪري ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه شهر ٻڏي سگهن ٿا. اخباري خبرن مطابق ڌامراهه برانچ کي کنڊ ڏيڻ تي دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ضلعي انتظاميه ۽ پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ اڳواڻن ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي. پ پ جو ميهڙ مان چونڊيل ايم پي اي فياض ٻٽ اڳوڻو ايم پي اي شفيق مهيسر، عوامي اتحاد جا سابق ايم پي اي احسان جتوئي ۽ صداقت جتوئي ڌامراهه واهه کي ڪٽ ڏيڻ جي خلاف آهن. جڏهن ته قمبر شهدادڪوٽ ضلعي وارا چاهين ٿا ته ڪنهن به نموني ٻوڏ وارو پاڻي هيٺ هلي ته انهن جي ايريا مان پاڻي جو زور گهٽجي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا ڌامراهه واهه جو بند مضبوط ڪرڻ سان اهو ٻوڏ جي اڻ ڪٿيل پاڻي جو دٻاءُ جهلي سگهندو؟ ۽ جيڪڏهن نه جهلي سگهندو ته ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏندا. ڇا ڪو اهڙو آپشن نٿو ٿي سگهي ته پاڻي هيٺ هليو وڃي ۽ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان بچي وڃن.
    مون انهيءَ سلسلي ۾ آبپاشي کاتي جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر شفقت وڌي سان ڳالهايو، جيڪو پاڻي هيٺ پاس ڪرائڻ واري ڪم جي نگراني ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته، ڌامراهه برانچ ٻوڏ جي پاڻيءَ جو دٻاءُ نه جهلي سگهندي ۽ ٽٽندي، جنهن ڪري ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏندا. هن جو خيال آهي ته ڌامراهه برانچ جو پاڻي سپريو بند کي ڪٽ ڏئي ايم اين وي ڊرين ۽ سپريو بند وچ مان لنگهايو وڃي ته جيئن ڌامراهه برانچ ٽٽڻ کان بچي ۽ ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاهه نه ٻڏن، پر اهو تڏهن ممڪن ٿي سگهندو، جڏهن ايم اين وي ڊرين ۽ سپريو بند وچ ۾ بيٺل پاڻي هيٺ لهي ۽ ڌامراهه برانچ کان ايندر پاڻيءَ کي هيٺ پاس ٿيڻ جو رستو ملي. انهيءَ سلسلي ۾ جوهي برانچ کي ايم اين وي ڊرين جي ساڄي پاسي ڪٽ ڏيڻو پوندو ته مٿيون بيٺل پاڻي ڪري. (ڏسو نقشو) پر دادو جي ضلعي انتظاميه ۽ واسطيدار ايم پي اي انهيءَ جي مخالفت ڪن ٿا. مون چيو ته ائين ڪرڻ سان جوهي شهر ٻڏندو. جو اهو ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند جي وچ ۾ آهي. شفقت وڌو ٻڌايو ته انهيءَ کي رنگ بند ڏئي بچائي سگهجي ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ايم اين وي ڊرين کي ڪيترن هنڌن تي کنڊ لڳي چڪا آهن ۽ پاڻي اڳي ئي جوهي برانچ ۽ ايم اين ڊرين وچ م پکڙجي رهيو آهي. منهنجي خيال ۾ شفقت وڌو جي آپشن ۾ جان آهي. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته ڌامراهه برانچ ٽٽڻ جي صورت ۾ ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏندا ۽ پوءِ پاڻي اچي جوهي برانچ سان لڳندو ۽ اها ٽٽندي ۽ وري ساڳي صورتحال ٿيندي، جيڪا جوهي برانچ کي هينئر ڪٽ ڏيڻ جي ڪري ٿيندي. رڳو اهو ٿيندو ته انهيءَ ۾ ٻه ٽي ڏينهن دير ٿيندي پر تيستائين ميهڙ، خيرپور ناٿن شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي ڳوٺ ٻڏي ويندا اسان وٽ سياسي وڏيرن ۽ نوڪر شاهي ۾ انا جو وڏو مسئلو آهي ۽ عام مفاد کي نٿو ڏٺو وڃي. اسان جي ڳالهه ڇو هيٺ ٿئي. اهو برداشت ناهي ڪرڻُ ڀلي ڪير ٻڏي يا بچي. سنڌ جو عوام جنهن مصيبت ۾ ورتل آهي. انهيءَ ۾ انا کي فنا ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ڪو اهڙو آپشن آهي ته ٿوري نقصان سان ملڪ بچي سگهي ٿو ته انهيءَ تي عمل ڪرڻ کپي. اهو نه ڏسڻ کپي ته ائين ڪرڻ لاءِ ڪير چوي ٿو. پر ڏسڻ اهو کپي ته هو ڪيترو صحيح چوي ٿو؟ ڀلي چوڻ وارو اوهان جي نظرن ۾ اهم نه هجي. مٿيون آپشن منهنجي خيال ۾ ٺيڪ نظر پيو اچي. دادو جي ضلعي انتظاميه ۽ فوج وارن کي انهيءَ تي سڀ ڳالهيون ڏسي غور ڪري عمل ڪرڻ کپي، ته جيئن نقصان گهٽ ۾ گهٽ ٿئي.

    منڇر جي صورتحال:
    ايم اين وي ڊرين جو پاڻي اچڻ ڪري منڇر جي پاڻي جي سطح هوريان هوريان وڌي پئي. اها پهرين سيپٽمبر تي 112.6 فوٽ هئي ۽ سراسري طور روز ٻه ڊيسيمل چڙهي پئي. انهيءَ حساب سان اها اٽڪل 12 ڏينهن ۾ 115 فوٽ ٿيڻ کپي. پر جڏهن ٻوڏ وارو پاڻي چڱي مقدار ۾ هيٺ لهندو ته اها ان کان اڳ ۾ 115 فوٽ جي ليول تي پهچي سگهي ٿي. ٻئي پاسي سکر بيراج تي وهڪرو گهٽجي پيو، پوين ڏهن ڏينهن ۾ سراسري لاٿ في ڏينهن اٽڪل ٽيهه هزار ڪيوسڪ رهي. پهرين سيپٽمبر تي سکر جو هيٺيون وهڪرو چار لک 96 هزار ڪيوسڪ هو، جنهن کي اٽڪل 2 لک ڪيوسڪ ٿيڻ ۾ مٿي سراسري لاٿ واري ريٽ سان اٽڪل ڏهه ڏينهن لڳڻ کپن ۽ چار ڏينهن سکر کان سيوهڻ پاڻي پهچڻ ۾ لڳن ٿا. معنيٰ اٽڪل 14 ڏينهن کان پوءِ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ٿي سگهندو، منهنجي خيال ۾ منڇر جي پاڻيءَ جي درياهه ۾ ڇوڙ ٿيڻ جي صورتحال ايتري خراب ناهي. جنهن نموني سان منڇر جي ليول چڙهي پئي ۽ درياهه جي ليول لهي پئي. اهو عين ممڪن آهي ته منڇر جو پڻي درياهه م ڇوڙ ڪري سگهجي، وڌ ۾ وڌ اسان کي منڇر جي 20 ميل بند تي ڪجهه ڏينهن لاءِ چوويهه ڪلاڪ پهرو ڏيڻُ پوندو.

    پنا- بگهار کنڊ جو بند ٿيڻ:
    سنڌ ۾ ڪوئي به بند جو کنڊ پاڻي لهڻ تائين بند نه ٿي سگهيو آهي. خودبند مينوئل ۾ لکيل آهي ته 1942ع ۾ سکر بيگاري بند کي لڳل کنڊ جڏهن درياهه ۾ پاڻي گهٽجي اٽڪل ٽي لک ڪيوسڪ ٿيو تڏهن بند ڪرڻ شروع ڪيو ويو. هن سال اها تاريخ لکجي وئي ته سپر فلڊ ۾ لڳل کنڊ پاڻي لهڻ کان اڳ بند ڪيو ويو . انهيءَ جا ڪجهه سبب هئا مثلن اهو ته کنڊ مکيه وهڪري کان پري لڳو. پٿر ويجهو رکيل هو. فوجي گاڏيون ۽ ماڻهو موجود هئا. مون پنهنجي هڪ مضمون جيڪو ڪاوش ۾ 31 آگسٽ تي ڇپيو، ٻڌايو هو ته اتي پٿر جي منگلي يا رنگ بند درياهه پاسي ٺهي ويو هو ۽ تمام ٿورو پاڻي انهيءَ مان سيمو ڪري پيو. انهيءَ سيمي کي گهٽائڻ لاءِ پويان هڪ ڪاٺين جي منگلي ٺاهڻ جو پروگرام هو، جنهن کان پوءِ انهن ٻن منگلين جي وچ ۾ مٽي جون ڳوڻيون ڀرڻ جو پورگرام هو، مان جڏهن ٺٽي جي انجنيئر فهيم سومري کان تازو حال احوال ورتو ته هن ٻڌايو ته انهن ٻنهي ڪمن جي ضرورت نه پئي ۽ سيمو ٽوٻن ذريعن درياهه واري پاسي پٿرن جي سوراخن ۾ مٽيءَ جون ڳوڻيون وجهڻ سان ذري گهٽ بند ٿي ويو آهي. هاڻي پوئين کنڊ واري هنڌ کي نئون ٺاهڻو آهي. جنهن لاءِ پري کان سٺي مٽي آڻڻ جو پروگرام آهي. شڪر آهي جو انهيءَ ڪم سان ٺٽو شهر ٻڏڻ کان بچي ويو ۽ ٻئي پاسي انهيءَ مصيبت مان ان ڳالهه جي به خبر پئي ته ڪن حالتن ۾ درياهه جو کنڊ پاڻي لهڻ کان اڳ به ٻڏي سگهي ٿو.


    ٻڏيءَ کان پوءِ!...عبدالقادر جوڻيجو

    درياهه جي چاڙهه کان پوءِ پاڻي پهرئين پهرئين ”کاٽ“ هڻندو آهي. جنهن ۾ پاڻي ٻنڌ جي هيٺين حصي مان ٻاهر سمڻ لڳندو آهي. کاٽ کان پوءِ ”چهڪ“ پوندا آهن، جنهن ۾ ٻنڌ جي اندران سنهيون سنهيون سيرون پونديون آهن. انهيءَ کان پوءِ چهڪ وڌي ”روڻ“ جو روپ ڌاريندا آهن. روڻيون پوڻ کان پوءِ جي درياهه پڻ ارهه زورائي ڪري ٻنڌ کي ڪنهن نه ڪنهن هنڌان ٽوڙي وجهي ته انهيءَ کي ”گهارو“ چوندا آهن، پر جي ڪي ماڻهو ٻنڌ ٽوڙين ته انهيءَ کي ”کنڌي“ چيو ويندو آهي. پر جي ٻنڌ پڪي پختي هجي ته پوءِ درياهه جو پاڻي ٻنڌ مٿان وهڻ لڳي ته انهيءَ کي ”اٿل“ چئبو آهي. پر جي اٿل وڌي وڃي ته انهيءَ کي ”اڇل“ چيو ويندو آهي. پر انهن سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ وهڪري کي ”ور“ چيو ويندو آهي. جنهن ۾ درياهه جو پاڻي اڳتي وڌڻ جي بدران ابتو وهڻ لڳندو آهي. ماضي قريب ۾ سنڌو درياهه صرف هڪڙو ڀيرو ور کاڌو آهي. پشاور گزئيٽر 1931ع موجب 1858ع ۾ جڏهين سنڌو درياهه اٽڪ وٽ پهتو ته درياه جي ڇولين 80 فوٽ مٿي چاڙهه کاڌو ته درياهه پنجاب ۽ پوءِ سنڌ ڏانهن اچڻ جي بدران ور کائي واپس وڃي ڪابل درياهه ۾ ڪاهي پيو ۽ هڻي پختونخواهه جا تڏا پٽي ڇڏيا هئائين.
    هن وقت سنڌ درياهه وانگي ئي سنڌ جي سوسائٽيءَ جا سڀيئي پهلو کاٽ، چهڪ، روڻ، گهاري، کنڌيءَ، اٿل ۽ اڇل جي مرحلن مان نڪري ور تائين پهچي چڪا آهن انهن پهلوئن مان ڪي هاڪاري ته ڪي ناڪاري آهن. سنڌ 22 Catch مان نڪري High noon تائين اچي پهتي آهي. هونئن به هڪ سج ٻه پاڇا هوندو آهي، هتي عام پڙهندڙن لاءِ اهو به عرض ڪري ڇڏجي ته 22 Catch ٻئي عظيم جنگ تي لکيل هڪ شاهڪار ناول آهي. جنهن ۾ بمباري ڪندڙ فائيٽر پائلٽ وائرليس ذريعي اهڙي گفتگو ڪندا آهن، جو لکي به الهڏنو ته پڙهي به الهڏنو، اها گفتگو هڪ مونجهاري سان ڀريل هوندي ڪري به پنهنجي پويان معنويت سان ڀرپور هوندي آهي، پر پائليٽ کي خبر نه هوندي آهي ته اهي ڇا پيا ڳالهائين. اڳتي هلي اهو ناول اخباري اصطلاح بڻجي چڪو آهي. جڏهين ته High Noon هالي ووڊ جي ڪائو بواءِ فلم آهي. جنهن م وڏو جنگاڻ متل هوندو آهي. اڳتي هلي اها فلم به اخباري اصطلاح بڻجي چڪي آهي. سو سنڌ به مونجهاري مان نڪري هاڻي جنگاڻ ۾ اچي پيئي آهي. اڃا به سوليءَ سنڌي ۾ انهن ٻنهين ڳالهين کي ائين چئي سگهجي ٿو ته ٻوڏ اچڻ وقت ”اک نه ڏسي گوڏي کي“ واري ڪيفيت آهي. جڏهين ته ٻوڏ اچڻ کان پوءِ ”هڻ ته چتي“ واري صورتحال بڻبي.
    وڻ اکڙيا، گهر اکڙيا ۽ ماڻهو اکڙيا، ڪا ڪٿي ڪري ته ڪاٿي ڪري، ڪک نه گڏيو ڪک سان سنڌو درياهه جو پاڻي هاڻي ماڻهن جي اکين مان لڙڪ بڻجي ڳڙي رهيو آهي. هاڻي وڏو سوال اهو آهي ته اکين مان وهندڙ پاڻي ڪٿي ڇوڙ ڪندو ۽ ڪهڙي ڊيلٽا ٺاهيندو. هاڻي حالت اها آهي جو ماڻهو مانيءَ ٽڪر لاءِ امدادي ٽرڪن جي پويان ڊوڙندي هڪ ٻئي کي ڇنڊي، ڪيرائي، ماري مڃائي، ماني ڳڀو ڦرڻ لاءِ هوش مان نڪري ويا آهن، بک ۽ اڃ جي انڌ ۾ ڪير اهو ڪو نه ٿو ڏسي ته ڪنهن کي ڪٿان اڳتي وڌڻو آهي ۽ ڪٿان پوئتي هٽڻو آهي. جو ننڍا ٻار ته نه چڀجن ائين ڪندي هڪڙي ئي مانيءَ جو ڪو ڳڀو ڪنهن جي هٿ ۾ اچي ٿو، ڪنهن جا ڪپڙا ڦاٽا پيا آهن، ڪو ڌڪو کائيو پٽ تي اونڌي منهن ته ڪو سڌي منهن ڪري پيو آهي. ڪنهن جا دڙڪا، دهمان گچا پيا آهن. ڪو خاموش لڙڪ ڳاڙي رهيو آهي ته ڪو وري ٻاڪاري رهيو آهي. ڪو مانيءَ جو ٽڪر کڻي ائين ڊوڙندو پيو هجي ڄڻ سندس پويان ڪتا ڪاهي پيا هجن. ڪو چرڻ جي بدران اکيون ڦوٽاري هيڏانهن هوڏانهن ڏسي رهيو آهي ته ڪو هٿ مان ڪري ويل مانيءَ جو ٽڪر ڳولڻ لاءِ ڦرموٽيءَ وانگر ڦري رهيو آهي. ڪي وري خالي ٿالهه، وٽا ۽ ديڳڙا کڻي، انهن کي کاڌي جا ٿانوَ سمجهڻ جي بدران هٿيار سمجهي هڪ ٻئي کي هڻندي وڙهي رهيا آهن. ڪنهن عورت جي ٻانهن ۾ مئل ٻار آهي ته انهيءَ کي اهو هوش ناهي ته گهٽ ٻوساٽ ۽ وڙهه وڙهان ۾ سندس ٻار مري چڪو آهي. پر پوءِ به هوءَ پنهنجي ٻارڙي لاءِ کير ڍڪ هٿ ڪرڻ لاءِ امدادي ٽرڪ جي پويان ڀڄندي وڃي ته ٻارڙي لاءِ کير ملي پر پاڻ ڀلي بک وگهي مري وڃي. ڪنهن جا پٺا اگهاڙا آهن ته ڪنهن جي سٿڻ جا پائنچا ڦاٿل آهن. ڪنهن جي پير ۾ جتي ناهي ته به کيس خبر ناهي قهر جي گرميءَ ۾ سندس پيرن ۾ لڦون پئجي چڪيون آهن ۽ مرين مان رت وهي رهيو آهي. غريب ماڻهوءَ جو وڏي ۾ وڏو ساٿ مال آهي. اهو مال وڃائڻ کان پوءِ ڳڻتين جي ڳاري ۾ ته آهي، پر کيس اها خبر ناهي ته پويان سندس مري ويل مال کي ڪتا پٽي رهيا آهن. مري ويل مال تي ڳجهون لامارا ڏينديون آهن. پر اهي به اڀ تان غائب ٿي چڪيون آهن. جنهن ٻار کان پنهنجي ڳوٺ جون گهٽيون ۽ گهٽين ۾ ٿيندڙ راند، ڪوڪريا، مائرن جا سڏ، ڊوڙون ۽ سيٽيون ڦرجي چڪيون آهن. اهو انهيءَ حيرانيءَ ۾ آهي ته اهو سڀ ڪجهه اوچتو ئي اوچتو ڪيڏانهن غائب ٿي ويو آهي، جن ماڻهن جي نظر ۾ درياهه جو پاڻي جياپو هو، اهي ماڻهو انهيءَ ڳالهه تي پريشان آهن ته جياپي جو سنيهو کڻي ايندڙ درياهه اوچتو ئي اوچتو ڇو ڪاوڙجي پيو آهي. ايڏي به ڪاوڙ ڪبي آهي ڇا جو نه گهر ٻار رهي، نه اڱڻ تي ڊوڙندڙ خوشيون رهن، نه جهوپڙيون مان شام جو نڪرندڙ دونهون رهي. نه کل ڀوڳ رهي ۽ نه ڪنڌيءَ جا ڪانهن رهن. جن کي جهلي روئجي محبتون، روساما، ڪاوڙيون، لڙڪ، ٽهڪ، ڳالهيون، پچارون، يادون، جهونگارون، اشارا، آواز، پهه، ننڊون، خواب ۽ فئنٽسيون سڀ هڪڙي ريلي ۾ لڙهي ويا، سي ته لڙهي ويا، پر جاني دشمنيون ۽ دوستيون به لڙهي ويا. همتون به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويون. ڪک نه گڏيو ڪک سان. هاڻي هڪڙي پاسي ڀڄ ڀڄان، مار ماران آهي، بکيا پيٽ آهن، جيڪي دهل وانگر وڄڻ لڳا آهن. ٻئي پاسي آحاڪمن ۽ ڪامورن جا دڙڪا آهن، الرون آهن. لٺبازي آهي، ٽيئر گيس آهي ۽ هوائي فائرنگ آهي. ڪٿي ڪٿي ائين به ٿيو آهي ته پوليس جي فائرنگ جي موٽ ۾ فائرنگ ٿي آهي. جن اکڙي آيل ماڻهن وٽ ڳراڳرا هٿيار آهن. تن کي اها خبر ناهي ته بريٽا ڇا آهي. آئوزي 9 ايم ايم ڇا آهي. سيمي مشين گن ڇا آهي ۽ جي ٿري ڇا آهي. سندن نظر ۾ وٽن موجود آهي سڀ جا سڀ هٿيار يا ته بندوقون آهن يا پستول آهن يا رائفلون آهن يا ڪلاشنون آهن. جن ماڻهن کي پنهنجي هٿيارن جا نالا نٿا اچن. انهيءَ مان ماڻهو اهو اندازو لڳائي سگهي ٿو ته سردار شاهي سندن معصوميت ۽ ذهني ليول کي ڪيئن ٿي استعمال ڪري ۽ ڪيئن کين شعور کان محروم رکي ٿي. ٻيو ته ٺهيو، پر ڄامشوري ضلعي جي ڪيمپن جو اهو حال آهي جو ڪٿي ڪٿي ڪي غير سرڪاري تنظيمون جڏهن ٻوڏ جي ستايل ماڻهن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جا ڊرم ڏيئي ٿيون وڃن ته اتي اهي ماڻهو ڪجهه پاڻي پيئي باقي رهيل پاڻيءَ سان پنهنجين مينهن کي وهنجارڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. انهن درويشن کي اها به خبر ناهي ته پيئڻ جي پاڻيءَ ۽ مال وهنجارڻ جي پاڻيءَ ۾ ڪيترو فرق اچي ويو آهي. انهن لاءِ پاڻي مڙيوئي پاڻي آهي. جيڪو يا ته تاري ٿو يا ته ٻوڙي ٿو، يا پيرن ڀر بيهاري ٿو. يا لوڙهي وڃي ٿو. سپر هاءِ وي تي ڪي ڪي ڪي اهڙا ماڻهو به پاتا وڃن ٿا. جن کي جڏهين UNDP جهڙو ڪو ادارو ماني پاڻي ڏيڻ لاءِ لنگهي ٿو وڃي ته اهي ماڻهو بکن ۾ پاهه هوندي ڪري به انهيءَ ڏکئي وقت جي امداد کي به خيرات سمجهي وٺڻ کان نٽائين ٿا. جي پڇون ته جواب ڏين ٿا، ”بابو منهنجو، اسان ڏيڻ وارن مان آهيون، وٺڻ وارن مان ناهيون، جيڪو هٿ سدائين مٿي رهيو آهي، اهو هٿ هيٺ نه هوندو آهي.“ جڏهين گهڻي هڻ وٺ ۽ بحثا بحثيءَ کان پوءِ اهي ماڻهو لاچاريءَ وچان امداد وٺن ٿا ته شرم وچان سندن ڪنڌ هيٺ جهڪيل هوندا آهن ۽ سندن ٿڌا ساهه ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. جيڪڏهن ڪنهن کي اهڙي دل ڏاريندڙ ٽريجڊي پڙهڻي آهي ته قرت العين حيدر کي پڙهي ڏسي. انهيءَ ڏس ۾ سندس لکيل ڪهاڻي ”خاندان“ پڙهڻ وٽان آهي ظاهر آهي ته پاڻي جي قلم ۾ سگهه ناهي جو ڪجهه لکي سگهجي.
    جيئن زلزلي جي ٽرمنالاجي ۾ هڪڙو ته هوندو آهي After shock اصل ۾ زلزلي جي اچي هليو وڃڻ کان پوءِ زمين اندر هيٺ کاڌ جي ڪري وڏيون ڀڪون ۽ ڇپون رهجي وينديون آهن. اهي ڪيترائي مهينا کسڪڻ ۽ ڀاڃڙ ۾ هونديون آهن ته انهيءَ جي نتيجي م رکي رکي زلزلا ايندا رهندا آهن، جن کي ئي After shock چيو ويندو آهي، پر زلزلي اچڻ کان پوءِ بچيل ماڻهن کي رکي رکي اوٿارا (ننڊ مان ڊپ وچان ڇرڪ ڀري اٿڻ) ٿيندا آهن. ڪن ماڻهن کي هلندي هلندي ڦيري اچي ويندي آهي، ڪن کي کٽ تي ليٽي ليٽي، ائين محسوس ٿيندو آهي ته ڪي ماڻهو سندس کٽ هيٺان پئجي کيس مٿي کڻي رهيا آهن. ڪن کي وري اهو محسوس ٿيندو آهي ته گهر جي ڇت مٿائنس ڪري رهي آهي. ڪن کي اهو لڳندو آهي ته اهي زمين ۾ هيٺ گهڙندا پيا وڃن .ڪي وري پاڻ کي اڏامندو محسوس ڪندا آهن. انهن نفسياتي ڪيفيتن کي Shock after shock چيو ويندو آهي. هن وقت ٻوڏ جا ڪيترائي ستايل ماڻهو گهٽ پيماني تي سهي، نفسياتي طور Shock after shock جو شڪار بڻجندا پيا وڃن. رات جي پيٽ م ٻوڙيندڙ پاڻيءَ جو اچي وڃڻ، کن پل ۾ تڏا ويڙهه ٿيڻ ۽ پنهنجا اباڻا پٽ ڇڏڻ ڪو جهڙو تهڙو عذاب ته ناهي.
    اها ته ٿي نفسياتي بيماري، پر ٻوڏ اچڻ کان پوءِ جسماني طور تي ٻوڏ جي ستايل ماڻهن ۾ (خاص ڪري ٻارن ۾) جيڪي پيٽ جون بيماريون، مليريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون ٻوڏ وانگر ئي ڪاهي پيون آهن. انهن سڀني بيمارين کي گڏ ڪري هڪ خوفناڪ وبا چئي سگهجي ٿو. جيڪا تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. اها وبا ٻوڏ کان بچيل ماڻهن کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي سگهي ٿي. انهيءَ وبا کي لنڊن مان نشر ٿيندڙ بي بي سي ٽيليويزن سڌو سڌو ”ڪالرا“ جو لفظ ڪتب ٿي آڻي. هن کان اڳ 1920ع ۾ سنڌ ۾ به لوس جي بيماري ( Yellow cholera) ڪاهي پيئي هئي ۽ ماڻهو ماڪوڙن وانگر مرڻ لڳا هئا، جو انهيءَ وقت اڃا لوس جو علاج نه نڪتو هو، پر هن وقت علاج ته موجود آهي، پر پوءِ به ماڻهن وڏي پيماني تي مها ماريءَ جو شڪار بڻجي ڌڙا ڌڙ مري رهيا آهن، ايڏين سارين مصيبتن کان پوءِ اها خبر نٿي پوي ته اها وبا، لڏ پلاڻ، بک ۽ اڃ ڪٿي وڃي دنگ ڪنديون.
    شوڪت شوري (جنهن جو ڳوٺ پڻ ٻڏي چڪو آهي) جي لفظن ۾ هاڻي اها سنڌ سنڌ نه رهندي، ٻوڏ جي ستايل قافلن جون قطارون جيئن پوءِ تيئن وڌنديون پيون وڃن، سنڌ اڃا تائين روڙجي، ڦٽجي ۽ ڦٿڪي رهي آهي، سڏڪا ۽ ٻاڪارون اڃا تائين وڌندا پيا وڃن، تازو ڄمندڙ ٻارن تي ”پرديسي“ ۽ ”پرديسڻ“ جا نالا اڃا تائين رکيا پيا وڃن. پنهنجي ديس ۾ هوندي ڪري پرديسي هئڻ جو احساس اڃا تائين زورئون زور آهي. احتجاج، مظاهرا، ڌرڻا، پوليس جي مار جو زيپٽ ۽ ڦرمار جا واقعا آهن، سي وڃن وڌندا. سرڪار سڳوريءَ طرفان، ”ڪو خطرو ناهي“ جو رينگٽ کٽڻ جو نالو ئي نٿو کڻي. آسرا، ڏٺا ۽ پوزيون جاري ساري آهن، عقل جي مار ۽ سطحي ذهنيت عروج تي آهي، پاڻيءَ کي لڳايون ويندڙ کنڌيون اڃا تائين کنڌ کنڌ ۾ آهن. جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته هيستائين جيڪي ڪجهه ٿيو، اهو درياهه نه ڪيو آهي، جيڪي ڪجهه ڪيو آهي. اهو خود اسان جي غلطين ، هوڙهاين ۽ ذهني ٿاٻن ٿيڙن جو نتيجو آهي. سو نه ته ڪا درياهه تي ميار آهي ۽ نه ئي وري ڪا بيوقوفين تي ميار آهي. جن جا هوش ئي خطا هجن، انهن تي ڪهڙيون مياريون جيڪي چالاڪ هئا، سي منڍ ۾ ئي چالاڪي ڏيکاري ويا، سرڪار جي هنج ۾ ويٺل اهي مالدار ماڻهو جيڪڏهن منڍ کان وٺي غلام مرتضيٰ خان جتوئي جيڏي دل ڌارين ها ته ڪر ايڏا هاڃا نه ٿين ها ۽ مڪليءَ جو قبرستان دلين جو قبرستان نه بڻجي ها. خير، جيڪو ٿيو سو ته ٿي چڪو، هاڻي اچون ٻوڏ جي نتيجن تي.
    انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪراچي ڌرتي ڌڻين جو شهر آهي، جتي سنڌين جي آبادڪاري ضروري آهي ۽ اها آبادڪاري ٿي به رهي آهي ۽ اڃا به ٿيندي رهندي، تنهن هوندي به جيڪڏهن اڃا به تڪڙي آبادڪاري ڪرائڻي آهي، ته پوءِ اهو ڪم عام ۽ نارمل حالتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن مهاتير محمد اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ ملائيشيا جي چينين سان سٿيل شهرن ۾ ملئي ماڻهن جي آبادڪاري ڪرائي Sleeping partnership آبادڪاريءَ جي فارمولي کان شروع ڪيل اهو ڪم هاڻي ايستائين پهچي چڪو آهي جو ملائيشيا جا شهر ملئين سان سٿجي چڪا آهن. خود بهتر تعليم ۽ مختلف ڌنڌن جي تربيت به بهتر اقتصادي حالتن ۾ ئي ڏيئي سگهجي ٿي. پر اهو سڀ ڪجهه نارمل حالتن ۾ ٿي سگهي ٿو، باقي هيڏي ساري ٻوڏ جي نتيجي ۾ ماڻهن کي پاڙان اکوڙي ۽ پاڙي جي ٻوڏ کان بچيل هنڌن کان پاسيرو ڪري هن دور جي عظيم فلم ”Stalin“ جي ڏيکن وانگيان ماڻهن کي سٿي ڪراچي کڻي وڃڻ ۽ پوءِ انهن کي اتي نڌڻڪو ڇڏي ڏيڻ هڪ اهڙو فيصلو هو، جنهن جو اختتام ٻوڏ کان به وڏي مصيبت تي ٿيڻو آهي. اهو بلڪل ائين آهي جيئن ٻڪرين جو ڌڻ گاڏيءَ ۾ سٿي وڃي ڪراچيءَ ۾ اڇلائڻ، هونئن به زور جي ميندي لڳڻي ناهي. اهي غريب ماڻهو ته لاچار هئا ۽ بيوس هئا. گهڻن کي ته ٻوڏ جي عذاب جي ڪري اها به خبر نه رهي ته کين ڪيڏانهن نيو پيو وڃي، ڪنهن جي لاچاريءَ مان سياسي فائدو وٺڻ ۽ پوءِ سندن پرگهور نه لهڻ ته هڪ قسم جي اذيت پسندي آهي.
    اذيت پسنديءَ مان فائدي جي بدران نقصان ئي ٿيڻو آهي، هاريءَ کي مزدور ۾ تبديل ڪرڻ سان هو ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر نه گهر جو رهندو، نه گهاٽ جو، انهيءَ جي بدران اتر سنڌ جي ماڻهن لاءِ اهڙي هنڌ ڪيمپون قائم ڪيون وڃن ها، جيڪي انهن ماڻهن جي راڄن ڀاڳن کي ويجهيون هجن ها، جتان ٻوڏ جي ستايل ماڻهن کي واپس پنهنجن پکن ڏانهن سهوليت سان وڃي سگهن ها ۽ پرائي ڄڃ ۾ وائڙا نه ٿين ها، جن ماڻهن کي ڄامشوري جون هوائون ئي نٿيون آئڙن، اهي ڪراچيءَ ۾ ڇا وڃي ڪندا.؟
    اتر سنڌ جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ابتڙ لاڙ جي ماڻهن کي اها خبر هئي ته ستايل، غريب ۽ بيوس ماڻهو جو هڪ ڪاسمو پوليٽن شهر ۾ ڪهڙو حشر ٿيندو آهي، ڇاڪاڻ ته لاڙ جا ماڻهو ڪراچيءَ کي ويجهو آهن ۽ ڏينهن ايندا ويندا رهن ٿا. ڪنهن به ڪم سانگي صبح جو ڪراچيءَ وڃن ٿا ۽ شام جو موٽيو اچن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لاڙ جا ماڻهو اڳتي وڌڻ جي بدران مڪليءَ جي آسپاس گهارو وغيره ۾ کپ کوڙي ويهي رهيا آهن ۽ لالچن، دڙڪن ۽ دهمانن جي باوجود اتان چرڻ لاءِ تيار ناهن. جيتوڻيڪ بکن ۾ کيرا ٿيا پيا آهن. ڪيترائي لاڙي ته موڙيو پويان پير ڪري بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ حيدرآباد ۽ ڄامشوري ضلعن ۾ اچي ويٺا آهن ته جيئن پاڻي لهڻ کان پوءِ واپس وڃي پنهنجا اجها وسائين. جو کين خبر آهي ته ڪراچي پري ناهي، وقت اچڻ تي اوڏانهن به پير ڪبا، جنهن لاءِ نئون نسل ٺهي جڙي تيار هوندو. سو ڪراچي ڪيڏانهن ڪا نه ٿي وڃي، پر وزير ڪبير انهن ٽاپين ۾ آهن ته جي اهي ماڻهو هينئر ڪراچيءَ نٿا وڃن ته کين زوري موڪلجي معنيٰ ته موچڙا هڻي اهو ڌڻ به ڪراچيءَ ڏانهن موڪلجي، پر رت ٿيل انبوهه اهو نه ڏسندو آهي ته ڪهڙو چڱو مڙس آهي ۽ ڪهڙو ناهي، تنهن ڪري اهو ڇتو ٿيل انبوهه ڪنهن جي به پٽڪي ڪو نه ڏسندو، مورڳو ڳچيءَ ۾ پئجي ويندو. سو وزير ڪبير مهرباني ڪري اهڙا موچڙا ڪٽ جا ارادا ترڪ ڪري ڇڏين. چڱي صلاح ته اها آهي. جيڪڏهن ڪي سياسي دوست سنڌ جون جيوپوليٽيڪل حالتون تبديل ڪرڻ گهرن ٿا ته انهن کي عرض آهي ته اهو ڪم نارمل حالتن ۾ ئي ٿي سگهي ٿو، سو ڪا تڪڙ ڪرڻ جي ضرورت ناهي. پهرئين ماڻهن کي ساهه پٽڻ ڏيو، پوءِ اهڙا اپاءَ وٺو، صبر به ته ڪا شيءِ ٿيندي آهي. اهو ڪم ڪنهن رٿابنديءَ تحت ڪبو. تڏهن وڃي انهيءَ جو ڦل ملندو. سنڌ کي هيءُ پهريون سبق آهي، اهو ته پڙهڻ ڏيو، باقي ڪراچي ڪنهن جي باپ جي ملڪيت ناهي جو ڦرجي ويندي. ڊڄڻ جي ضرورت ناهي. همت کان ڪم وٺڻو آهي، تڪڙي ڪتيءَ وانگر انڌا گلر ڄڻڻا ناهن.
    جڏهن درياهه ڪاوڙ ڇڏي ٿڌو ٿيندو، اتر جي ڦرڪ لڳندي ۽ سر نسرندا، ڪونجون ورنديون، اباڻن ڪکن جي ياد ستائيندي ته ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ ڏکيا ڏينهن گذاريندڙ خلقت ائين واپس ورندي جو کيس ڪا به طاقت روڪي نه سگهندي، اها خلقت به درياهه جو ”ور“ بڻجي پنهنجن اجهن ڏانهن وهڻ لڳندي. ماڻهو ڪاري مٿي جو ڌڻي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڪجهه به ڪري سگهي ٿو، ڊٺل ڦٽل گهر، هنڌان هنڌان ڦاٽل واٽر ڪورس ۽ لڙهي ويل شاخون بنا ڪنهن سرڪاري مدد جي ائين اڀا ٿي ويندا، جو اڳ ۾ نه تو ڏٺا، نه مون ڏٺا. شهر جي ماڻهن کي شايد اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي، پر ڌر ڌڻي ڄاڻن ٿا ته اهو سڀ ڪجه ڪيئن ڪبو، پر هڪ ڊگهي ۽ اذيتناڪ اجتماعي تجربي مان گذرڻ کان پوءِ عام سنڌي ماڻهن جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ اقتصادي حالتن کان وٺي سماجي روين ۽ سياسي لاڙن تائين جا رخ تبديل ٿي ويندا ۽ ڪير کوٽو ڪير سچو جي خبر پئجي ويندي. ڌڪا ڌومائي ته ماڻهوءَ جي تربيت ڪندا آهن. رولڙو ئي سڀ ڪجهه سيکاريندو آهي. پير پٿون ڪرڻ کان پوءِ ئي ته محبوب ملندا آهن. شعور ڏکن جي ڪک مان ئي جنم وٺندو آهي.


    ٺٽي کان پوءِ دادو!...انجنيئر ظفر علي شاهه

    اسان جو سنڌي ماڻهو هميشه خدا کان مينهن جون دعائون گهرندو رهيو آهي ته شال ! مالڪ رحمت جون ڪڻيون وسائي، سنڌ سڪار ڪري، پر اڄ جي حڪومت انهيءَ رحمت کي به عوام ۽ ملڪ لاءِ آفت برپا ڪري ڇڏي. اڄ سنڌ ڄڻ طوفاني ٻوڏ کي منهن ڏئي رهي آهي. پر انهيءَ ٻوڏ کي وڌيڪ شديد ۽ خطرناڪ ڪرڻ ۾ اسان جي حڪومتي ڍانچي جو وڏو حصو شامل آهي. ڇا اسان جي حڪومت ڪنهن جي آڏو به جوابده نه آهي، ڪو به ادارو عدالتي جاچ کان بالاتر آهي؟ جهڙي طرح اسان ڄاڻون ٿا ته 1990ع کان وٺي ارضياتي سائنسدان ۽ ماحولياتي سائنسدان دنيا جي حڪومتن کي خبردار ڪندا رهيا آهن ته جيڪڏهن صنعتي ترقي کي انڌا ڌنڌ وڌايو ويو ته Ozone ليئر تباهه ٿي ويندو ۽ دنيا ۾ گرمي پد جو واڌارو انسان جي حيات کي ناممڪن بنائي ڇڏيندو، سڄي دنيا اندر حڪومتن جو ڪاروهنوار انتهائي سائنسي اصولن تي هوندو آهي. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان وٽ حڪومتون فقط جڳاڙن ۽ ڌڪن تي هلايون وڃن ٿيون. اسان جي حڪومتن وٽ نااهل مشينريءَ جي فوج هجي ٿي ۽ نالائق ڪامورن کي چونڊي چونڊي ڀرتي ڪيو وڃي ٿو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان وٽ واٽر مئنيجمينٽ جو ڪو به نالو نشان ئي ڪو نه آهي. هن ٻوڏ ۾ اقوام متحده جي انگن اکرن مطابق 2 ڪروڙ انساني جانيون متاثر ٿيون آهن. اهي سماجي، معاشي، نفسياتي طبعي ۽ هر لحاظ کان آفت جو شڪار ٿيون آهن. ڇا هن حڪومت وٽ انهن 2 ڪروڙ انسانن لاءِ ڪا به همدردي نه هئي؟
    جڏهن قوم ٻوڏ ۾ زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهي رهي هئي ته اسان جا ڪجهه وزير عام معمول واري زندگي گذاري رهيا هئا. اسان جا ڪامورا پنهنجي شغلن ۾ مصروف هئا. جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ تيز برساتن مان اسان جي واپڊا جي ڪامورن کي سنجيده هئڻ کپي ها. ڇو ته پنجاب ۽ واپڊا ان وقت پنهنجا ڊيم ڀرائي رهيا هئا. جڏهن ته سنڌ شديد پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي هئي. نتيجو اهو نڪتو ته جڏهن گليشيئرن جي ڳرڻ ڪري پاڻي ۾ واڌ آئي ته ڊيمن مان پاڻي جلد نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ سنڌ ڏانهن پاڻي 11 لک ڪيوسڪ جي صورت م موڪليو ويو، جنهن سنڌ جي معيشت کان وٺي نفسيات تائين ولوڙ پيدا ڪري ڇڏي. اڄ سنڌ جي اڌ آبادي دربدري جو شڪار آهي. انهيءَ سڄي سانحي جو زميوار آخر ڪير آهي؟ ٽوڙي جي بند کي جڏهن کنڊ هنيو ويو ته اهو 50 فوٽ هو، جيڪو 3000 فوٽ تائين پهتو ۽ 80 هزار ڪيوسڪ 24 ڪلاڪن اندر ڇوڙ ڪري رهيو آهي. توڙي بند کان نڪرندڙ پاڻي آخرڪار ته منڇر ۾ پهچڻو آهي. پر انهيءَ جي باوجود ايريگيشن جا ڪامورا منڇر ڍنڍ کي خالي نه ڪرائي سگهيا. جڏهن ته منڇر جي Dead level 4 فوٽ باقي بچي آهي. هاڻي جيڪو ٽوڙي بند وارو پاڻي حمل ڍنڍ کان ٿيندو منڇر اچڻ وارو آهي ته پوءِ اسان کي ٻڌايو وڃي ته آخر منڇر انهيءَ پاڻي کي ڪيئن جهل ڏيندي. انهيءَ جو مقصد ته باقي بچيل انسانن کي به ٻوڙيو ويندو. هونءَ ئي اهي امڪان هئا ته ان صورتحال ۾ دادو، جوهي، خيرپور ناٿن شاهه، سيوهڻ، ڀان سيد آباد ٻڏندا. انهن مان ڪالهه خيرپور ناٿن شاهه ته پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. ڪو معجزو ٿي سگهي ٿو ته منڇر جو پاڻي درياءَ منجهه ڇوڙ ڪري. ٻي صورت ۾ ٽوڙي بند وارو پاڻي اٿل کائي جڏهن واپس ورندو ته اهو جوهي، دادو، ڀان، سيوهڻ کي ٻوڙي ڇڏيندو. انتظاميه جو اهو حال آهي ته ايم اين وي ڊرين کي گهارا لڳڻ کان پوءِ به جوهي شهر جي رنگ بند کي وڌيڪ مضبوط نه ڪيو ويو، سڄو دارومدار ڇنڊڻ واهه جي ڪپرن تي رکيو ويو. دادو شهر ۽ ڇنڊڻ واهه جي وچ ۾ ڪو به رنگ بند نه ڏياريو ويو آهي. ڇنڊڻ واهه جي ڪپرن تي اعتبار ڪرڻ هڪ وڏي بيوقوفي هوندي. جيڪڏهن ڇنڊڻ واهه جي ڪپرن کي ڪو به گهارو لڳي ٿو، اهو دادو شهر کي نقصان پهچائيندو، ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته ڇنڊڻ واهه جي ڪپرن تي چوڪسي ڪئي وڃي ها ۽ ان جي هائيٽ وڌائي وڃي، سيوهڻ“ ڀان سيد آباد، دادو شهرن کي رنگ بند ڏياريا وڃن ها. اڄ عوام مطالبو ڪري ٿو ته:
    (1) ٽوڙي بند ڪٽ هو يا گهارو هو؟ انهيءَ جي اعليٰ عدالتي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي (2) 7 آگسٽ تي جڏهن ٽوڙي بند کي گهارو لڳو ته منڇر جي ساڳي سطح رهي. جڏهن ته اهو پاڻي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرڻ وارو هو، انهيءَ لاپرواهيءَ جي به جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي. (3) آر بي او ڊي، جيڪا سنڌ دشمن رٿا آهي. انهيءَ لاءِ به هڪ جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، ڇو ته آر بي او ڊي سنڌ ۾ تباهي جو سبب بڻي آهي.

    ٻوڏ ستايلن جي بحاليءَ جي لاءِ ڪجهه گذارشون
    اسان جا ماروئڙا جيڪي پنهنجو الهه تلهه ڇڏي الله جي آسري تي نڪتا آهن (1) مهرباني ڪري انهن جي تذليل نه ڪئي وڃي (2) هو ڪنهن گاڏي مان زوري ڪجهه کڻن ٿا ته انهن کي ماريو ڪٽيو نه وڃي ۽ انهن کي کڻڻ ڏنو وڃي (3) ٻوڏ آيل علائقن ۾ زرعي قرض ڪهڙي به بئنڪن جا هجن، اهي وياج ۽ اصل سان معاف ڪيا وڃن (4) هائوس بلڊنگ جا ڏنل قرض به معاف ڪيا وڃن (5) ٻوڏ ستايل جيڪي ڪراچي حيدرآباد آيا آهن. انهن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۾ انهن جي اهليت مطابق نوڪريون ڏنيون وڃن (6) تڪڙي رجسٽريشن ڪئي وڃي. رجسٽريشن لءِ ووٽر لسٽون ڪم آڻي سگهجن ٿيون (7) ٻوڏ ستايلن کي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پلاٽ ڏنا وڃن (8) تيار کاڌي کان سٺو آهي ته ٻوڏ ستايلن کي ڪيمپن ۾ راشن ڪارڊ ڏنا وڃن ۽ ڪيمپن ٻاهران يوٽيليٽي اسٽور جون موبائيل وينون بيهاريون وڃن ته جيئن هو پنهنجو تازو کاڌو ٺاهي سگهن (9) بينظير سپورٽ پروگرام مان ٻوڏ ستايلن جي مالي مدد ڪئي وڃي. (10) جن ماڻهن جا ٻوڏ ۾ گهر تباهه ٿي ويا آهن. انهن جي سروي ڪرائي انهن کي اوتري رقم مهيا ڪئي وڃي (11) فصلن جي سروي ڪرائي فصلن جو جائز معاوضو ڏنو وڃي (12) مال مويشي جي مرڻ جو به معاوضو ڏنو وڃي (13) اڳتي جي لاءِ تعلقي ليول تي Disaster management unit کوليا وڃن.


    ٻوڏ مان اسان ڪهڙو سبق پرايو؟…محمد ادريس راجپوت

    سنڌ جو هر دردمند دل رکندڙ ماڻهو ٻوڏ متاثرن جو حال ڏسي پريشان آهي. سنڌ جي غريب ماروئڙن ۽ جهانگيئڙن کي ٻوڏ جيترو بيحال ڪيو آهي. انهيءَ تي هرڪو پريشان آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته هيترن لکن ماڻهن جي پنهنجن گهرن ڏي واپسي ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿيندي، پر ڪي ماڻهو آهن، جيڪي انهن ڏتڙيل ۽ برباد اڻهن جي مدد ڪري اڳتي لاءِ به سوچين ٿا. انهن مان هڪڙو سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه سيد جلال محمود شاهه آهي، جنهن مون کي دعوت ڏني ته مان ان سان گڏ بند جي ڪجهه علائقن جو دورو ڪريان ۽ ڏسان ته ٻوڏ سنڌ مان پاس ٿيڻ ۾ ڪهڙا مسئلا پيدا ڪيا، اسان جي همراهن ڪيئن منهن ڏنو ۽ ٻوڏ اسان کي ڪهڙا سبق ڏئي وئي ۽ اڳتي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙا اپاءَ وٺجن، ته جيئن هن سال واري تباهي۽ بربادي کان بچي سگهجي.
    مان هڪ غير سياسي ماڻهو آهيان، منهنجو ڪنهن به سياسي پارٽيءَ سان واسطو ناهي، پر جڏهن ڪو ماڻهو، (سياسي يا غير سياسي) سو مون کان سنڌ جي معاملن ۽ مسئلن بابت ڪجهه به مدد گهري ٿو يا ڪنهن به قسم جو تعاون گهري ٿو، جنهن مان ان جو مقصد سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ڀلائي ۽ بهتري هجي ٿي ته مان يڪدم حاضر هوندو آهيان. ڪڏهن چيف منسٽر سنڌ چشما- جهلم لنڪ ڪئنال بابت فني راءِ لاءِ گهرائي ٿو ته مان حاضر هوندو آهيان ۽ وزيراعظم جي گڏجاڻي ۾ اهو چوڻ کان به نٿو ڪيٻايان ته ارسا جي وقتي چيئرمين زوري چشما- جهلم لنڪ کولي ائين ارسا جي قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. جيئن هڪ فوجي آمر آئين جي ڀڃڪڙي ڪري مارشل لا هڻي ٿو. جيڪا ڳالهه پنجاب جي چيف منسٽر شهباز شريف کي نه وڻي ۽ انهيءَ تي اعتراض واريائين. ڪڏهن ٻوڏ جي سلسلي ۾ مان صلاح ٿو ڏيان ته چوڏهن سالن کان پوءِ ٻوڏ اچي پئي. انهيءَ کي گهٽ نه سمجهو ۽ ٻه ڳالهيون يڪدم ڪريو، هڪڙي اها ته آبپاشي کاتي وارن کي پئسا رليز ڪيو ته هو ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ ماڻهن ۽ مٽيريل جو بندوبست ڪري سگهن. ٻي اها ته بندن تي صحيح پهرو تڏهن ٿي سگهندو، جڏهن ملڪ ۾ امن امان هوندو، پوليس امن امان قائم نٿي ڪري سگهي. تنهنڪري يڪدم فوج کي گهرايو، ته بندن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو بنا ڪنهن ڀوَ جي ڊيوٽي ڏئي سگهن. ڪڏهن ٽن پراڻن سيڪريٽريز يعني مزمل قريشي، بشير احمد ڏهر ۽ مون کي گهرايو ٿو وڃي ته اسان فوج وارن کي Convince ڪيون ته انهن جو اهو ارادو هو ته سکر بيراج کي ٻوڏ واري پاڻي کان بچائڻ لاءِ علي واهڻ وٽ کنڊ ڏنو وڃي صحيح ناهي. نيٺ ا مني ڪلاڪ جي بحث کان پوءِ ڪور ڪمانڊر ۽ جي او سي پنو عاقل Convince ٿي ٿا وڃن ۽ علي واهڻ وٽ بند کي ڪٽ نٿو هنيو وڃي. مان پنهنجيون اهي Services سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت ۽ سڪ جي جذبي تحت ڏيان ٿو ۽ ڪوشش ڪندو آهيان ته سنڌ ۾ خوشحالي اچي ۽ دعا ڪندو آهيان ته سنڌ وارن کي ڪو ڪوسو واءُ به نه لڳي.
    ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته مان انهن معاملن تي سنڌ جو ڪنسلٽنٽ آهيان ۽ سنڌ سرڪار کان پگهار کڻان ٿو، مان لاهور جي هڪ ڪمپني نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽ ۾ نوڪري ڪريان پيو، جن کي ٻن ٻين ڪمپنين سان گڏ سنڌ جو هڪ آبپاشي جو پراجيڪٽ مليل آهي. مان انهيءَ پراجيڪٽ جو سنڌ ۾ پراجيڪٽ مئنيجر آهيان پگهار مٿين ڪمپنين کان کڻان ٿو ۽ جڏهن پراجيڪٽ ختم ٿي ويندو ته به مان انهيءَ ڪمپني جو ملازم رهندس. مان سنڌ جي پاڻي وارن مسئلن تي سنڌ سرڪار جو پگهار تي رکيل ملازم ناهيان ۽ اها خدمت مان سنڌ ۽ سنڌ وارن سان محبت ۽ پيار واري جذبي هيٺ ڪريان ٿو ۽ موجوده پراجيڪٽ ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڪندو رهندس، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ وارن جيڪا مون کي محبت عزت ۽ سڪ جي موٽ ڏني آهي، تنهن جو مان تمام ٿورائتو آهيان، جلال محمود شاهه صاحب جي اها ڳالهه مون کي تمام سٺي لڳي ۽ مان اها دعوت خوشي سان قبول ڪئي اسان ڇنڇر 14 آگسٽ تي پهريون سڳيون مٽياري بند تي اڏيرو لال ڇنڊڻ کان ڀاڻوٽ کان هالا تائين هلياسين ۽ تنهن کان پوءِ واپسي تي وري اڏيرو لال ڇنڊڻ کان هيٺ گهليان بند، ڪوٽڙي بيراج جو ليفٽ مارجينل بند، ڄامشورو فرنٽ بند ۽ گدو مل بند (لطيف آباد بند) توڙ تائين ڏٺوسين، انهن ٻنهي بابت تاثرات هن ريت آهن.

    اڏيرو لال ڇڏڻ کان ڀاڻوٽ بند (هالا):
    انهيءَ رينج ۾ مٽياري ۽ هالا جا شهر اچي وڃن ٿا. بند مينوئل مطابق اٺ سببن ڪري بند کي نقصان ٿي سگهي ٿو. اهي آهن بند جو اوور ٽاپ ٿيڻ، روڻ، ويو واش، بلو آئوٽ، بند سلوس جو فيل ٿيڻ، درياهه جي کاڌ، بند جو سيمو، بند جو ويجهي وڃڻ، پوين ٻن سببن کي ڇڏي مٿيان ڇهه ئي سبب اسان کي انهيءَ حد ۾ ڏسڻ ۾ آيا، پر جيڪي سڀني کان خطرناڪ سبب ڏسڻ ۾ آيا، اهي هئا اوور ٽاپ ٿيڻ ۽ ويو واش، بندن تي پاڻي جي ليول ايتري مٿي هئي. جو پڙهڻ وارا لڳل گيج ٻڏي ويا ۽ انهن تي ٻيو واڌو گيج هنيو ويو، گيج تي وڌ ۾ وڌ آيل 1976ع واري ٻوڏ جو نشان به لڳل هو. ڏٺوسين ته پاڻي انهيءَ نشان کان 5 کان 6 فوٽ مٿي آيو هو. ياد رهي ته اسان جا بند وڌ ۾ وڌ آيل ٻوڏ جي ليول کان ڇهه فوٽ مٿي ٺهيل هوندا آهن. معنيٰ بندن تي فري بورڊ جيڪو ڇهه فوٽ هجڻ کان پوندو هو. اهو ڪو نه هو ۽ بند وور ٽاپ ٿيڻ جو خطرو هو. نهيءَ سوال تي ته توهان ايتري وڏي حد ۾ بند کي اوور ٽاپ ٿيڻ کان ڪيئن بچايو؟ حد جي ايس ڊي او ٻڌايو ته انهيءَ لاءِ سرڪاري ۽ غير سرڪاري مشينري استعمال ڪئي وئي. جنهن ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ايڪس ڪيويٽر وڏو ڪم ڪيو، مان جڏهن ويو واش بابت پڇا ڪئي ته ايس ڊي او ٻڌايو ته انهيءَ لاءِ بڪ ورڪ ڪيوسين ۽ مٽيءَ جون ڳوڻيون ڀري رکيون ويون، پر جيترو ڪم ٿيل هو، اهو ريگيولر ۽ آبڪلاڻي وارن بيلدارن جي وس کان ٻاهر هو، ايس ڊي او ٻڌايو ته ماڻهن جي سلسلي ۾ لوڪل ماڻهن هنن جي ڏاڍي مدد ڪئي. مٽياري مان امير علي شاهه ۽ هالا مان مخدوم امين فهيم ۽ سندس فرزند جميل الزمان ٻوڏ واري سڄي وقت ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ بند تي موجود هئا. هنن جي سروري جماعت پنهنجي ليڊر جي قيادت ۾ جيڪا ڊيوٽي ڏني آهي. انهيءَ کانسواءِ بند بچي ئي نه سگهن ها. آبپاشي واري ايس ڊي او ٻڌايو ته ائين سمجهو ته هالا وارا بند مخدوم صاحبن ۽ مٽياري وارا بند ڄاموٽ صاحبن بچايا. اسان رڳو بندن تي مشينن وسيلي مٽي چاڙهڻ ۽ رابطي ۾ مشغول رهياسين. هن وڌيڪ ٻڌايو ته انهن ماڻهن ۾ ڪيترا تجربي ڪار ماڻهو به هئا. جيڪي روڻ ڳولهڻ ۽ ان کي بند ڪرڻ ۾ به ماهر هئا. ڀاڻوٽ وٽ اسپرن جو ٿيل ڪم به ڏٺوسين، هن ٻوڏ ۾ رڳو هڪڙي اسپر تي کاڌ ٿي. باقي ٺيڪ بيٺا رهيا. رستي تي اسان پراچا وارو ڪيلن جو باغ به ڏٺوسين. جيڪو ڪچي ۾ هيو. ان جي بچاءُ لاءِ زمينداري بند به ڏنل هو، جيڪو ٽٽي ويو. باغ ٻڏي ويو ۽ سندس ڪچي ۾ ٺهيل بنگلو به پاڻي هيٺ هو. رستي تي اهو به ڏٺوسين ته بند تي ڪيترائي گهر ۽ پڪيون جايون به ٺهيل هيون. ڪن هنڌن تي بند تي ٻنهي پاسي جهنگ ۽ ديويون بيٺيون هيون. جتي بند تي صحيح پهرو ممڪن نه هو. گهلياڻ، ڄامشورو، فرنٽ ۽ گدو مل بند .

    لطيف آباد بند:
    اهي ٽئي بند حيدرآباد شهر جي سلامتي لاءِ تمام اهم آهن. مون پنهنجي مضمون ۾ جيڪو ڪاوش ۾ 18 آگسٽ تي ”سپر فلڊ ۽ حيدرآباد شهر جي سلامتي“ جي عنوان هيٺ لکيو هو. واسطيدار عملدارن کي انهن خطرن بابت چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن هنن صحيح ڊيوٽي نه ڏني ته حيدرآٻاد شهر ٻڏي سگهي ٿو. بند جو انچارج ايس اي محمد خان نظاماڻي اسان سان گڏ هو، گهلياڻ بند تي تمام گهڻي اوور ٽاپ واري حد کانسواءِ اسان تمام گهڻي ويو واش ۽ زمين واري پاسي سيمو ڏٺوسين. اسان پاڻ ڏٺوسين ته پاڻي وڌ ۾ وڌ آيل ٻوڏ کان اٽڪل ڇهه فوٽ مٿي هو. فري بورڊ ڪو نه هو. جڳهن جڳهن تي ميلن ۾ بند تي مٽي چڙهيل هئي. ويو واش لاءِ ڳوڻيون درياهه واري پاسي سلوپ تي رکيل هيون. ايترو ڪم ٿيل هو جو اسان کي اعتبار ئي نه پئي آيو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيو. جڏهن پئسا ئي رليز ڪو نه ٿيا هئا ته ايتريون مشينون ۽ ايترو مٽيريل گهرائڻ ڪيئن ممڪن ٿيو، انچارج ايس اي ٻڌايو ته پاڻي ايترو خطرناڪ ۽ مٿي هو ته اسان سوچيوسين ته بند بچائڻ ڏکيو آهي. پر وسپ جي پي ڊي جيڪو اسپيشل ڊيوٽي م هو، تنهن هنن کي چيو ته هن مهل پنهنجي سلامتي ۽ پئسن جي ڳالهه بدران حيدرآباد جي سلامتي وڌيڪ اهم آهي. تنهنڪري پنهنجي ڄاڻ ۽ واقفيت جو فائدو وٺي سرٽوڙ ڪوشش ڪرڻي آهي. سو اسان مشينن ذريعي بند تي مٽي چاڙهيندا وياسين ۽ ماڻهن وسيلي ڳوڻيون ڀري درياهه واري پاسي سلوپ تي رکندا وياسين، ته جيئن ويو واش ڪري بند نه کاڄي. ماڻهو ۽ هر طرح جي مدد امير علي شاهه ڄاموٽ ڏني. جنهن جي مدد کانسواءِ اهو ڪم ناممڪن هو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هڪ رات صورتحال ايتري خراب ٿي ته هن سمجهيو ته بند هاڻي ٽٽي ويندو، مون بي وس ٿي بانگ ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي ۽ چئن هنڌن تي بانگ ڏنم، تنهن کان پوءِ مون ڏٺو ته پاڻي جو زور ٽٽي ويو ۽ بند بچي ويو. محمد خان نظاماڻي اهو فني مشورو ڏنو ته بند ٺاهڻ جي Specification تبديل ڪرڻ کپي بند جي ٽاپ تي ويڪر 20 فوٽن بدران 40 فوٽ ٿيڻ کپي ۽ بيڪ برم 5 فوٽن بدران 10 فوٽ رکڻ کپي، تنهن کان پوءِ اسان ڪوٽڙي بيراج جو ليفٽ مارجينل بند، ڄامشورو فرنٽ بند ۽ گدو مل بند ڏٺاسين. ڄامشورو بند تي گيج وارا پلر ٻڏي ويا هئا. فري بورڊ ڪو نه بچو هو ۽ کاڌ ٿي هئي. کاڌ لاءِ ايترا پٿر آندا ويا، جو هلڻ جو رستو ئي سوڙهو ٿي ويو هو، مشين ذريعي بند کي مٿي چاڙهيو ويو، پٿر وجهي کاڌ کي روڪيو ويو، ڪيترن هنڌن تي ماڻهن بند تي گهر ۽ اڏاوتون ٺاهي ڇڏيون هيون. خاص طرح سحرش نگر سامهون، گدو مل بند جي حالت ناجائز اڏاوتن جي لحاظ کان تمام خراب هئي. ايم ڪيو ايم وارن بند تي ڊيوٽي لاءِ تمام گهڻا ماڻهو ڏنا. پر پٿر اڻ کٽ گهرايو ويو، جتي ضرورت نه هئي، اتي به پٿر گهرايو ويو. بند تي هنڌ هنڌ ايترو پٿر پيو هو، جو هلڻ ئي ڏکيو ٿي ويو، ڪچي ۾ پارڪ ٺاهيو ويو هو جيڪو ٻڏي ويو.
    اهي بند ڏسڻ کان پوءِ منهنجي ۽ جلال محمود شاهه جي آبزرويشن اها هئي ته سيڊا وارن تمام خراب حالتن واري بندن کي اڻٿڪ ڪوشش ۽ محنت سان مشينن ۽ ماڻهن جي مدد سان حيدرآباد وارن بندن کي ٽٽڻ کان پوءِ بچايو ۽ انهن جي ڪاوش ۽ ڪوشش کي نه ساراهڻ زيادتي ٿيندي. بندن تي سوسائٽي جي ڏاڍائين ۽ ڪچي ۾ حددخلين تي تبصرو ڪندا وياسين. مستقبل ۾ ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺين ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ ضروري سمجهيو ويو.
    (1) اهو سمجهڻ ته بند سنڀالڻ رڳو آبپاشي کاتي جي جوابداري آهي. صحيح ناهي. جيستائين معاشرو سڄي جو سڄو انهيءَ ۾ شامل نه ٿيندو، بندن ۾ نقصان جو انديشو رهندو، جتي به لوڪل ماڻهن انهيءَ ڪوشش ۾ حصو ورتو. بند محفوظ رهيا، جتي ائين نه ڪيو ويو ته اتي نقصان ٿيا.
    (2) بندن تي ڪنهن به اڻٽر ۽ اوچتي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مشينن جي گهرج آهي، جيئن بندن تي مٽي چاڙهڻ، روڻ بند ڪرڻ ،بلو آئوٽ لاءِ منگلي ٺاهي سگهجي. تنهنڪري آبپاشي کاتي وارن وٽ ججهي انگ ۾ مشينون هئڻ کپن.
    (3) ڪنهن به اوچتي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آبپاشي کاتي وارن وٽ هنگامي پلان (Contingentplan) هجڻ کپي، جيئن جيڪڏهن کنڊ پئجي وڃي ته ڇا ڪرڻ کپي، جدا جدا جاين تي پاڻي کي ڪهڙو رستو وٺرائڻ کپي ته گهٽ ۾ گهٽ نقصان ٿيو، بيراج جي گنجائش کان وڌيڪ پاڻي اچي ته ڇا ڪرڻ کپي وغيره.
    (4) بند تي ڪم ڪندڙ اسٽاف کي تربيت ڏيڻ کپي ته مختلف صورتن ۾ ڪيئن بند کي بچائجي. اها ٽريننگ ٻوڏ اچڻ کان اڳ ۾ ڏجي. اپريل جي مهيني کان ئي بندن جي سار سنڀال ٿيڻ کپي.
    (5) بندن جي Specification)) ورجائڻ کپن. جنهن ۾ بند جي ويڪر، بيڪ برم جي ويڪر، فري بورڊ ۽ ٻين شين جي گهرج شامل ڪرڻ کپي.
    (6) ڪچي ۾ زمينداري بند ٺاهڻ تي بندش هجڻ کپي. ڇو جو اهي بند درياهه جي پاڻي کي مين بند کي لڳڻ کان روڪن ٿا، جنهن ڪري جڏهن اهي ٽٽن ٿا ته مين بند کي اوچتي پاڻي لڳڻ ڪري اهي به ٽٽي پون ٿا، جنهن ڪري تمام گهڻو نقصان ٿئي ٿو.
    (7) بند تي ٺهيل اڏاوتون ڊاهڻ کپن ۽ نيون اڏاوتون ٺاهڻ تي پابندي هجڻ کپي، بلڪه جيڪو ٺاهي انهيءَ تي ڏنڊ وجهڻ کپي.
    (8) سکر بيراج تي بند وال اندر ٺهيل سڀ گهر ۽ اڏاوتون ڊاهڻ کپن ته جيئن پاڻي جو رستو بلاڪ نه ٿئي.
    هي ڪجهه تجويزنون مٿيان بند ڏسڻ کان پوءِ ذهن ۾ آيون. ڪجهه بند خاص طرح آر بي او ڊي وارا اڃا ڏسڻا آهن. جيڪڏهن انهن کي ڏسڻ کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ تجويزون ذهن ۾ آيون ته سنڌ وارن آڏو پيش ڪبيون.


    تاريخ مان سبق نه پرائڻ جا نتيجا….محمد ادريس راجپوت

    دنيا جي مشهور تاريخدان پروفيسر ٽائن بي جو چوڻ آهي ته، ”تاريخ مان پرايل سبق هي آهي ته اسان تاريخ مان ڪو سبق نٿا پرايون.“ ٽوڙي جي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي صحيح نموني دڳ نه ڏيڻ ڪري جيڪي شهر ٻڏا ۽ جيڪا لڏ پلاڻ ٿي، سا تاريخ جو حصو ٿي وئي. جنهن شهر کي بچائڻ لاءِ ٻيا شهر ٻوڙيا ويا يا جن زمينن کي بچائڻ لاءِ ملڪ ٻوڙيو ويو، سي به نه بچي سگهيون آهن يا نه بچي سگهنديون. ڇا اڳي به ائين ٿيو آهي؟ اچو ته تاريخ جا ورق اٿلايون ۽ ڏسون ته اسان تاريخ مان ڪيترو سبق پرايو آهي ۽ جن نه پرايو آهي ته انهن ان جا ڪهڙا نتيجا ڀوڳيا آهن.
    هن دفعي آيل ٻوڏ هڪ مثالي ٻوڏ آهي پر تاريخ ۾ هڪ ٻي ٻوڏ جو به ذڪر آهي. جنهن کي ”ڪاري ٻوڏ“ سڏيو وڃي ٿو. اها 1942ع واري ٻوڏ آهي. جنهن ۾ سکر بيگاري بند کي چڪ ڳوٺ ويجهو کنڊ لڳو هو، جنهن جو پاڻي رستي تي ملڪ ٻوڙيندو شهدادڪوٽ پهتو هو ۽ شهدادڪوٽ کي ٻوڙي قمبر، وارهه وارو رستو ڏئي ڌامراهه ڪئنال کي لڳو هو ۽ ڌامراهه ڪئنال جي ٽٽڻ ڪري خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ کي ٻوڙيو هو ۽ پوءِ هيٺ ٻوڙ ٻوڙان ڪندو منڇر تائين پهتو هو. انهيءَ ٻوڏ جو احوال ان وقت جي هڪ انگريز سب ڊويزنل مئجسٽريٽ (SDM) پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ ڏنو آهي. جنهن جو ترجمو يا وچور قاضي آصف ڪاوش دنيا ۾ آچر واري ڏينهن قسطوار ڏئي رهيو آهي، هن انگريز آفيسر جو نالو راجر پيئرس هو ۽ هن وٽ لاڙڪاڻي ضلعي جا ٽي تعلقا شهدادڪوٽ، قمبر ۽ وارهه هئا. راجر پيئرس مطابق ٻوڏ واري پاڻيءَ شهدادڪوٽ شهر ٻوڙي ڇڏيو هو ۽ ماڻهن اهو سمجهي ورتو هو ته ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هڪڙو ته پاڻيءَ کي رستو ڏنو وڃي ته اهو تڪڙو هيٺ وهي وڃي ۽ ٻيو ته ان جو رخ هڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن موڙيو وڃي. هنن قمبر شهر کي بچايو هو ۽ ٻوڏ وارو پاڻي ڌامراهه واهه کي اچي لڳو هو، جتي ان جي روينيو حد پوري ٿي ٿئي ياد رهي ته انهيءَ زماني ۾ سپريو بند ڪو نه هو ۽ ڊرينن وارا سم نالا به ڪو نه هئا. ڌامراهه واهه دادو ضلعي جي حد ۾ هو، سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پوءِ هن ان وقت جي ڊپٽي ڪمشنر دادو کي . جنهن جو نالو گالگهر هو، تار موڪلي ته ڌامراهه واهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهو ڏنا وڃن ۽ ڪوشش اها ڪئي وڃي ته ايف پي بند کي ڪٽ هڻي ٻوڏ واري پاڻيءَ کي ان جي اولهه ۾ ورائي منڇر ڏانهن نيو وڃي، پر اتي آفيسر شاهي آڏو آئي ۽ دادوءَ جي ڊپٽي ڪمشنر انهيءَ م پنهنجي گهٽتائي سمجهي ته ٻئي ضلعي جي ايس ڊي ايم کي ماڻهو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏنا وڃن. گالگهر جواب ڏنو ته، ”ڪئنال منهنجي حد ۾ آهي. تنهنڪري اها منهنجي ذميواري آهي.“ هن ڌامراهه واهه کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ماڻهو نه ڏنا. ٻئي پاسي ڪجهه ٻيا ماڻهو ڌامراهه برانچ کي ڪٽ ڏيڻ لاءِ تيار بيٺا هئا، جن کي راجر پيئرس ڪٽ ڏيڻ کان روڪيو ۽ واعدو ورتائين ته هو ڌامراه واهه کي ڪٽ نه ڏيندا. تنهن کان پوءِ هو ايف پي بند کي ڪٽ ڏيڻ جي ارادي سان اتي پهتو پر پويان خبر پئي ته ڌامراهه واهه م کنڊ پئجي ويو ۽ اهو به اتان پيو، جتي ماڻهن کنڊ ڏيڻ جو سوچيو هو. ظاهر آهي ته خيرپور ناٿن شاهه ۽ ميهڙ ٻڏا. هن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن دادو جو ڊپٽي ڪمشنر گالگهر هن جي مدد ڪري ها ته ڌامراهه واهه جي پاڻيءَ جو رخ موڙي ايف پي بند کي ڪٽ هڻي اهو پاڻي ايف پي بند جي مٿان ورائي سگهجي ها. پر ائين نه ڪيو ويو ۽ دادو ضلعو ٻڏي ويو هو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته، وارهه شهر کي بچائڻ لاءِ هن اتر واري شاخ ۾ کنڊ هڻڻ جو چيو پر ائين ڪرڻ سان ڪجهه وڏن زميندارن جون زمينون ٻڏڻ جو خطرو هو، جن کنڊ ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ شاخ تي ماڻهو ويهاريا ۽ ڪٽ نه ڏيڻ ڏنو، جنهن ڪري وارهه شهر ٻڏي ويو.
    راجر پيئرس جي مٿين بيان مان تاريخي ٽن ڳالهين جي خبر پئي
    (1) پاڻيءَ کي وهڻ جو رستو ڏنو وڃي ته جيئن اهو تڪڙو هيٺ وهي وڃي، يا ان جو رخ هڪڙي علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن موڙيو وڃي.
    (2) سرڪاري ڪامورن انا جو مسئلو بڻائي ملڪ ٻوڙايو.
    (3) زميندارن پنهنجون زمينون بچائڻ لاءِ شاخ کي کنڊ نه ڏيڻ ڏنو، جنهن ڪري وارهه جو شهر ٻڏو.
    هاڻي اچو ته ڏسون ته مٿين تاريخي سبق جي ڀيٽ ۾ اسان ڪهڙو عمل ڪيوسين ۽ انهيءَ جا ڇا نتيجا نڪتا.
    ٻوڏ وارو پاڻي جڏهن جيڪب آباد مان ڦرندو ۽ بلوچستان کان موٽندو قبي سعيد خان شهر وٽ پهتو ته ان کي ٻوڙي ڇڏيائين. جڏهن شهدادڪوٽ ڏانهن وڌيو ته نادر مگسي جي ڪوششن سان ان کي رنگ بند اچي ويو ۽ شهدادڪوٽ شهر ٻڏڻ کان ته بچي ويو پر تنهن هوندي به لڏ پلاڻ ٿي. قمبر ۽ وارهه جو بچاءُ ٿيڻ کان پوءِ پاڻي وري ڌامراهه واهه کي اچي لڳو. انهيءَ جي ٻي ڇاڙ سپريو بند ۽ ايم اين وي ڊرين جي وچان هيٺ هلي. جنهن جو هي برانچ تي زور وڌو. جيئن ته ڌامراهه واهه تي پاڻي روڪڻ ڏکيو هو، تنهنڪري سپريو بند کي ڪٽ ڏئي اهو پاڻي سپريو بند ۽ ايم اين وي ڊرين مان گذارڻ کپندو هو، پر اهو ڪمپارٽمينٽ اڳي ئي ٻوڏ جي ٻي ڇاڙ ڪري جوهي برانچ تائين ڀريو بيٺو هو، جيستائين اهو پاڻي هيٺ نه لهي ها. مٿيون پاڻي ڪيئن هيٺ سلامتي سان لهي سگهي ها. معنيٰ جوهي برانچ کي ڪٽ ڏئي اهو پاڻي ايم اين وي ڊرين ۽ جوهي برانچ وچ ۾ هيٺ موڪليو وڃي ها. انهيءَ ڪري جوهي شهر پاڻي هيٺ اچي ها. دادو جي ضلعي انتظاميه ۽ واسطيدار زميندارن، جيڪي سياسي طرح به مضبوط هئا. تن جوهي برانچ کي ڪٽ نه هڻڻ ڏنو ۽ اتان دٻاءُ نه گهٽجڻ ڪري مٿي سپريو بند ۾ کنڊ پئجي ويو. جنهن خيرپور ناٿن شهر کي ٻوڙي ڇڏيو آهي ۽ ٽريفڪ بند ٿي وئي آهي. سپريو بند جي ٽٽڻ کان پوءِ جوهي برانچ کي کنڊ هنيو ويو ۽ اهو پاڻي پنهنجي قدرتي رستي سان هيٺ وهي پيو پر اهو زمزما فيلڊ ۽ جوهي شهر کي ٻوڙيندو. توڙي جو جوهي برانچ کي ڪٽ ته هنيو ويو پر اهو دير سان هنيو ويو، جيڪڏهن جوهي برانچ کي اڳ ۾ ئي ڪٽ هنيو وڃي ها ته ڪمپارٽمينٽ مان پريشر رليز ٿيڻ ڪري سپريو بند ۾ کنڊ نه پوي ها ۽ خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان بچي وڃي ها
    رام بيئرس جي ڪتاب ۾ جن ٽن ڳالهين جو ذڪر ٿيل آهي. جن ڪري ملڪ ٻڏو، انهن ٽنهي ڳالهين تي عمل نه ٿيو، يعني پاڻيءَ کي هيٺ وهڻ جو سلامتي وارو رستو نه ڏنو ويو، سرڪاري ڪامورن ضلعي جي بنياد تي جوهي برانچ کي ڪٽ نه ڏيڻ ڏنو ۽ زميندارن پنهنجا علائقا ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ڪٽ ڏيڻ ۾ دير ڪرائي. معنيٰ ته 1942ع کان سال 2010ع تائين جي عرصي ۾ نه آفيسرن جي عادت مٽي، نه زميندارن پنهنجو رويو تبديل ڪيو. اجتماعي سوچ بدران انفرادي سوچ جو زور رهيو، قبيلائي ۽ وڏيرڪي نظام ۾ اهي شيون اڃا تائين مٽجي نه سگهيون آهن. آفيسرن ۾ به پراڻي انا، جيڪا انگريزن جي وقت ۾ هئي. سا هينئر به آهي. انهيءَ م ڪا گهٽتائي نه آئي آهي.
    اهي ڳالهيون ڏسي پروفيسر ٽائن بي جي چيل اکرن جي صداقت ثابت ٿئي ٿي ته، ”تاريخ مان پرايل سبق هي آهي ته اسان تاريخ مان ڪو سبق نٿا پرايون.“

    منڇر تي ڇا ٿيندو؟
    ٻوڏ واري پاڻي جي آخري منزل منڇر آهي، جنهن جي سطح ذري گهٽ ٻن ڊيسيمل جي حساب سان چڙهي رهي آهي، ڪالهه اها 113.45 فوٽ هئي. ٻئي پاسي سکر بيراج تي درياهه جو وهڪرو گهٽجي رهيو آحي ۽ ڪالهه اهو ٻه لک 64 هزار ڪيوسڪ هو. انهيءَ جي نتيجي ۾ منڇر جي ليول ۽ درياهه جي ليول جو فرق گهٽجي رهيو آهي. 25 آگسٽ تي اهو فرق 7.7 فوٽ هو پر ڪالهه اهو فرق گهٽجي 2.1 فوٽ رهجي ويو آهي. يعني درياهه جي ليول منڇر جي ليول کان 2.1 فوٽ مٿي آهي. اهو فرق سراسري اڌ فوٽ جي حساب سان گهٽجي رهيو آهي. انهيءَ حساب سان چئن ڏينهن ۾ ٻنهي جي ليول هڪ جيتري ٿي ويندي ۽ تنهن کان پوءِ منڇر جو پاڻي دريا ۾ ڇوڙ ٿيڻ شروع ٿي ويندو، پر ڇوڙ جو مقدار تمام گهٽ هوندو، جو ٽن واهن جي گنجائش، جيڪي منڇر جو پاڻي دريا ۾ ڇوڙ ڪري سگهن ٿا، سا گهٽ آهي. اهي آهن دانستر، اڙل- منڇر ۽ اڙل- لڪي، منڇر جي بندن کي ٽٽڻ کان بچائڻ لاءِ منڇر مان ڪنهن به نموني پاڻي ڪڍڻ لاءِ سوچڻو پوندو، منهنجي خيال ۾ صورتحال ايتري خراب ناهي ۽ انهيءَ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو.


    منهنجو شهر….منظور ميراڻي

    اهو شهر، جنهن جي گهٽين ۾ منهنجو ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا شروعاتي ڏينهن وکريل آهن. سو شهر به ٻڏي ويو، شهر به محبوبن وانگر هوندا آهن جنهن شهر ۾ اوهان زندگيءَ جو پهريون عشق ڪيو هجي، سو شهر ڪنهن محبوب کان گهٽ ٿي به ڪيئن ٿو سگهي. گذريل هڪ مهيني کان ٻوڏ تي لکيل آرٽيڪلز کي نظر مان ڪڍندي، خبرون ٻڌندي، تباهين جا داستان سهيڙيندي، ٽي وي اسڪرين تي دل کي چيريندڙ منظر ڏسندي ڪيترائي ڀيرا اکيون آليون ته ٿي وينديون هيون، پر مون کي اها خبر نه هئي ته جن جا شهر ٻڏا آهن، سي ڪيئن محسوس ڪندا هوندا. جڏهن خيرپور ناٿن شاهه ٻڏو ته اهي کوڙ سارا ڳوڙها، جيڪي ڪيترن ڏينهن کان پنبڻين جي بند ۾ ڦاٿل هئا، انهن کي ڪرڻ کان مان روڪي نه سگهيس. توڙي جو هاڻي مان خيرپور ناٿن شاهه ۾ رهيل نه هئس. توڙي جو مان اتان نڪري ڪنهن ڪيمپ م نه پهتو هئس، پوءِ به لڳو ته ڄڻ منهنجو سڀ ڪجهه لڙهي ويو هجي. لڳو ته ڄڻ مان به ڪيمپ ۾ پهچي ويو هجان، ۽ پوءِ اهي سڀ منظر مون کي پنهنجا لڳڻ محسوس ٿيا. جيڪي هن وقت ڪيمپن ۾ ماڻهن سان ٿيندڙ جٺين جي صورت ۾ جنم وٺي رهيا آهن... پوءِ مون سمجهيو ته جن ماڻهن جا شهر ٻڏا آهن، تن ايئن ئي محسوس ڪيو هوندو ته ڄڻ انهن جا محبوب ٻڏي ويا هجن، جو هر شهر ان جي هر رهواسيءَ جو محبوب هوندو آهي، ان ڪري خيرپور ناٿن شاهه مون سميت کوڙ اهڙن ماڻهن جو محبوب هوندو، جيڪي هاڻوڪن ڏينهن ۾ توڙي جو هن شهر جو ڀيرو گهٽ ڀڃندا هوندا، انهن کي ڀلي هيءُ شهر ڏٺي ورهيه گذريا هجن، پر هن شهر جي ٻڏڻ جو ٻڌي انهن جي دل به ضرور ٻڏي وئي هوندي. وڇوڙا رڳو ماڻهن جا ناهن ٿيندا، وڇوڙا شهرن ۽ وسندين جا به ٿيندا آهن، جيڪي ماڻهن جي وڇوڙن کان وڌيڪ ڏکائيندڙ ۽ اندر کائيندڙ هوندا آهن. اوهان ڀلي ٻاهران کلندا به رهو، پر اندران ڀور ڀور ٿيل محسوس ڪندا آهيو.
    مون جڏهن خيرپور ناٿن شاهه جي ٻڏڻ جي خبر ٻڌي ته مون کي ان وقت فوري طور تي سوئيڊن ۾ رهندڙ اهو ناٿن شاهي ياد آيو، جنهن سان منهنجي ملاقات لنڊن ۾ ٿي هئي.... عبدالجبار، جنهن پنهنجي ڦوهه جوانيءَ جا ڏينهن ته يورپ ۾ گذاريا، پر خيرپور ناٿن شاهه جو ذڪر ٿيڻ تي هن جي چهري تي جيڪا رونق اچي وئي. انهيءَ ڪيفيت جي ڪو آرٽسٽ شايد ئي تصوير ڪشي ڪري سگهي. هن فوري طور پنهنجو پرس ڪڍي ڏيکاريو، جنهن ۾ عبدالجبار هن شهر جي مٽي رکي هئي. هن خيرپور ناٿن شاهه کي ايئن پئي ياد ڪيو، جيئن ورهاڱي وقت هتان ويل سنڌ ورڪي سنڌ کي ياد ڪندا آهن. مذهبي طور ماڻهو پنهنجي پنهنجي عقيدي تحت ڪنهن مخصوص ملڪ جي مٽي پاڻ سان گڏ رکندا آهن، ڪو مخصوص شهر انهن لاءِ مقدس هوندو آهي، پر هن جي پرس ۾ پنهنجي ان شهر جي مٽي پيل هئي. جنهن شهر ۾ هن پنهنجي زندگيءَ جي شعور ۽ لاشعور وارا ڏينهن گذاريا هئا... هن جو شهر سان ڪهڙو عقيدو هو، ان وقت اسان کي سمجهه ۾ نه آيو هو، پر هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو ان وقت به هن شهر سان فراق واري ڪيفيت ۾ هو، وڇوڙي واري ڪيفيت ۾ هو، اهو وڇوڙو، جنهن کي اسان هن وقت محسوس ڪري رهيا آهيون. ٻه ڏينهن پهرين مون ڪاوش ۾ اها تصوير به ڏٺي، جهن ۾ اهو هاءِ اسڪول به ٻڏل هو، جنهن جي ڪلاسن ۾ انڊس هاءِ وي پاسي کلندڙ درين مان اسان روڊ تي ڊوڙندڙ موٽر گاڏيون ڏسي سگهندا هئاسين. هاڻي ان روڊ تي هڪ ٻيڙي هلي رهي هئي. اسان ته سوچيو به نه هو، ته اسان جنهن ڪلاس ۾ پڙهندا هئاسين. ان ئي ڪلاس ڀرسان گذرندڙ انڊس هاءِ وي تي ڪڏهن ڪي ٻيڙيون به هلنديون! ٻيڙين جو اهو منظر ڏسي فوري طور تي مون کي ريڊيو جو اهو پراڻو گيت ياد اچي ويو ته
    ٻارو ڏسو نرالو کيل
    تلڪ چاڙهيءَ تي ٻيڙيون ڊوڙن
    سنڌو نديءَ ۾ ريل،
    ٻارو ڏسو نرالو کيل!
    هن شهر سان واقعي به نرالو کيل ٿيو آهي. بلڪه سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي شهرن سان به کيل ٿيو آهي. جو جيڪي شهر ٻڏڻا به نه هئا. سي ٻڏي ويا. اسان جا اسڪول، اسان جا گهر، اسان جي يادن ۾ ويڙهيل گهٽيون. اسان جا روڊ، ۽ اهي هوٽل، جن تي ويهي اسان زندگيءَ سان ڀرپور ٽهڪ ڏيندا هئاسين، سڀ پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا آهن... بس جيڪڏهن ڪير ٻڏن نٿا ته اسان جا اهي سياسي ماڻهو آهن. جيڪي پنهنجن واعدن ۽ دلاسن سان هن وقت تائين اسان جي شهرن کي سدائين ٻوڙيندا رهيا آهن ٻڏڻ وارن لاءِ ته اکين جو پاڻي ئي کوڙ هجي ٿو، باقي جنهن کي ٻڏڻو ناهي. سو شهر جي هن هيڏي ساري ٻوڏ ۾ به نٿو ٻڏي. اسان جي سياستدانن جو تعلق ووٽ سان ته هجي ٿو، پر ووٽر سان نٿو هجي، هن دور جو وڏي ۾ وڏو الميو ان کان علاوه ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو!؟
    هن وقت جهڙي نموني سان شهر ٻڏي رهيا آهن. اهو محسوس ٿي رهيو آهي. ڄڻ سموري سنڌ موهن جو دڙو بڻجڻ ڏانهن وڃي رهي آهي... موهن جي دڙي جي ذڪر تي ئي مون کي ياد اچي ٿو ته اسان جي گهر ۾ ڪتابن جو هڪ ڪٻٽ هوندو هو، ان ڪٻٽ جي هڪ تاڪ تي مون آئل ڪلر کڻي برش سان ڀٽائيءَ جي هڪ بيت جي خطاطي ڪئي هئي. ۽ ان خطاطيءَ ۾ ڀٽائيءَ جي نالي هيٺان مون پنهنجو نالو لکي تاريخ هڻي ڇڏي هئي. ڪنهن مون کان پڇيو هو ته تو پنهنجو نالو ڇو لکيو آهي، خبر ناهي ڇو ان وقت مون ان کي اهو جواب ڏنو هو ته ”ممڪن آهي هيءُ شهر ڪڏهن موهن جو دڙو بڻجي وڃي ۽ جڏهن ڪو جان مارشل هتان جي کوٽائي ڪري ته نوادرات ڪٻٽ جو هيءُ تاڪ به هو ڳولي لهن، ان ڪري کين خبر پوي ته هتي ڪو منظور ميراڻي به رهندو هو. اڄ مان پنهنجي ان جواب تي سوچيان ٿو، اها ڳالهه ان وقت منهنجي تحت الشعور مان لفظن جو روپ وٺي ڪيئن ٻاهر نڪري آئي هئي... ڪتابن جو اهو ڪٻٽ مان هن ڀيري به گهر ۾ ساڳي حالت ۾ ڏسي آيو هئس، پر جڏهن اسان جا سڀ گهر ڀاتي مختصر وقت ۾ نڪرڻ جي وارننگ کان پوءِ سڀ ڪجهه اتي ڇڏي فقط ڪپڙا کڻي نڪري آيا آهن، تڏهن مان سوچيان ٿو ته ڇا اهو ڪٻٽ ۽ ان جي تاڪ تي لکيل منهنجا هٿ اکر به منهنجي اسڪول وانگر ٻڏي ويا هوندا؟ اهو سوچڻ کان پوءِ مان وري به دعا ڪريان ٿو ته منهنجو شهر موهن جو دڙو نه بڻجي. نه وري ڪو جان مارشل اچي، نه ڪو منهنجا هٿ اکر نوادرات م ڳولي لهي.... هي گهرن جون ننڍيون ننڍيون شيون آهن، ۽ توڙي جو اهي بي جان شيون آهن، پر انهن سان گڏ گذاريندي گذاريندي ماڻهو انهن کي پنهنجي وجود جو حصو تصور ڪرڻ لڳندو آهي، انهن سان ماڻهن جي جذباتي وابستگي ٿي ويندي آهي.... هن وقت به اوهان رليف ڪيمپن ۾ وڃي ڏسو، ماڻهو اوهان سان پنهنجين ننڍين شين جو ذڪر ڪندا، ٻار اوهان سان پنهنجي معمولي قسم جي رانديڪن جو ذڪر ڪندا، مرد پنهنجي ٻڪرين، مينهن ۽ ڳئن جو ذڪر ڪري ٿڌا ساهه ڀريندا، ۽ عورتون خاص طور تي پنهنجي هٿن سان سبيل رلين جي ڳالهه ڪندي چونديون ته اسان جي هندن جي پيتي به اتي رهجي وئي... هنڌن جي پيتي ته هر گهر جي ڪهاڻي هجي ٿي، ۽ عورتون ان تي ڇو نه جذباتي هجن، جو رلين ۾ رڳو ڌاڳا ٽوپيل ناهن هوندا، انهن ۾ ته عورتن جو نور ٽوپيل هوندو آهي.
    انهيءَ محبوب شهر جو اهو ڪهڙو لمحو آهي، جيڪو اڄ مون کي ياد نه اچي رهيو هجي؟ ممڪن آهي ته اڄ پيپلزپارٽيءَ کان اهي لمحا وسري ويا هجن، جڏهن خيرپور ناٿن شاهه ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌ جو ويٽنام بڻيل هو. اسان کان نه آهي. صبح وسرندا. جڏهن پيپلزپارٽيءَ جا ڪارڪن توڙي عام شهري پتنگن وانگر ايم آر ڊي تحريڪ ڏانهن ڇڪبا پئي ويا... صبح جو روزانو انڊس هاءِ وي جي مين بس اسٽاپ تي ماڻهو پروانن وانگر گڏ ٿي ويندا هئا، پوليس گهٽ هوندي هئي، پر گرفتارين ڏيڻ وارا گهڻا هوندا هئا، جيڪي ان ڏينهن گرفتاري ڏيڻ کان رهجي ويندا هئا. آهي ائين ئي افسرده هوندا هئا، جيئن ڪو ماڻهو حج تي وڃڻ جي شديد خواهش باوجود جهاز ۾ چڙهڻ کان رهجي وڃي. ماڻهن ڀٽي صاحب جو رت ڏٺو هو، جنهن رت مان انهن کي مينديءَ جي خوشبوءِ پئي آئي. ۽ هو مقتل ڏانهن ڊوڙندا پئي ويا. جڏهن ايم آر ڊي جو ذڪر نڪري ٿو، تڏهن ڇا اسان کي اهي شهيد ياد نٿا اچن، جيڪي ان تحريڪ دوران گولين جو بک بڻيا هئا؟ انهن شهيدن کي پيپلزپارٽيءَ ته وساري ئي ڇڏيو، پر اسان کان اهي ڪيئن ٿا وسري سگهن، هو به انهيءَ تحريڪ جا اهڙا ئي هيروز آهن، جهڙا هن ٻوڏ ۾ بند هيٺان آيل عبدالجبار ملاح ۽ عبدالجبار ڪانڌڙو آهن... انهن شهيدن مان هڪ شهيد نظام نائچ مون کي اڄ به ان ڪري ياد آهي. جو هو کير کپائڻ سان گڏ اسٽيج ڊرامن جو آرٽسٽ به هو، اهي شهيد، جن جا يادگار ته جيڪي ٺهيا، سو ٺهيا، پر انهن جا پونيئر دانهون ڪندا رهيا ته شهيدن جي اولاد کي ڪو روزگار ڏيو، کين روزگار نه مليو، ۽ شهيدن جو اولاد آسرو لاهي بدحاليءَ ۾ ئي جيئڻ لڳو.... هيءُ پاڪستان آهي ۽ هيءُ پيپلزپارٽي آهي. جتي شهيدن کي ائين ئي ياد ڪبو آهي. جڏهن هيءُ شهر ٻڏي رهيو هو ته هرڪو اهي دانهون ڪري رهيو هو ته شهيدن جي شهر کي بچايو... پر شهيدن جو شهر نه بچيو... شهيدن جي اولاد کي نوڪري به نه ملي. انهن جو يادگار به نه ٺهيو، ۽ انهن جي ياد لاءِ قبرن جي صورت ۾ جيڪي يادگار هئا، سي نشان به هاڻوڪي ٻوڏ لوڙهي وئي... هيءَ پيپلزپارٽي آهي، جيڪا شهيدن ۽ انهن جي قبرن سان ايئن ئي ڪندي آهي.
    هيءُ اهو خيرپور ناٿن شاهه هو... آثم، وفا وقار، نشتر ۽ راز ناٿن شاهي جو خيرپور ناٿن شاهه... شاعرن ۽ اسٽيج ڊرامن جو خيرپور ناٿن شاهه... جنهن ۾ ناٽڪ منڊليون ايئن ئي سرگرم هيون. جيئن 16 هين صديءَ ۾ قائم ٿيل Elizabethan theatre اڄ تائين ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو رهي ٿو، ان دور جو خيرپور ناٿن شاهي واقعي به Renaissance وارو خيرپور ناٿن شاهه هو، مشاعره، موسيقيءَ جون شامون، اسٽيج ڊراما، ۽ سياست توڙي نظرين تي ٿيندڙ ڊگهيون ڪچهريون،... ڪن لاءِ سن مقدس هوندو هو ته ڪن لاءِ ڳڙهي خدا بخش... ڪي سوويت يونين جي عشق ۾ گرفتار هوندا هئا. ۽ ڪن لاءِ وري شاهراهه ريشم جو دڳ حقيقي دڳ هوندو هو، خيرپور ناٿن شاهه هوندو ته هڪ شهر هيو، پر ان کي جڏهن اسان جي ٽهي پنهنجي عمر جي فريم ۾ ڏسي ٿي ته اهو شهر نه هو، پر ڪو ڪافي هائوس هو، جنهن ۾ الڳ الڳ سوچ، الڳ الڳ شعبن ۽ الڳ الڳ نظرين جا ماڻهو گڏ ٿيندا هئا، پر پوءِ به هڪڙو نظريو رکندڙ مخالف سوچ رکندڙ جو احترام ڪندو هو، ان ڪافي هائوس جهڙي شهر سان ”ڪافي“ ٿي ويو... هاڻي پاڻي انهيءَ شهر کي ٻوڙي وڃي سيتا روڊ جي آخري ڊفينس لائين کي لڳو آهي. ۽ جڏهن مان خيرپور ناٿن شاهه ۽ سيتا کي ڳنڍيندڙ روڊ جو تصور ڪريان ٿو، تڏهن مون کي اهو قبرستان به ياد ٿو اچي. جتي 9 مهينا کن اڳ منهنجي ماءُ جي تدفين ٿي هئي.... ڇو ته اهو قبرستان ناٿن شاهه- سيتا روڊ تي ئي آهي. جيڪي ماڻهو مون سان رابطي ۾ آهن، مان انهن کان سڀ ڪجهه پڇان ٿو، پر مان ڪنهن کان اهو پڇڻ جي همت ساري نٿو سگهان ته ”ڇا شهر جو قبرستان به ٻڏي ويو؟“ جو مان ان سوال جي جواب کان ڏاڍو خوفزده آهيان. ... مان اهو ٻڌي نٿو سگهان، جو ڪير چئي ته قبرستان به ٻڏي ويو... ان قبرستان ۾ امان دفن ٿيل آهي.
    جڏهن امان گذاري وئي هئي... تڏهن مون پنهنجي لاءِ هن شهر ۾ اچڻ جو سبب تلاش پئي ڪيو، ۽ سوچيم ته هاڻي انهيءَ شهر ۾ ڪنهن لاءِ اچبو، ڇاڪاڻ جو گهر م اها هستي ته باقي نه بچي هئي. جيڪا عيد برات تي خيرپور ناٿن شاهه واري گهر پهچڻ تي ڳراٽڙي پائي مٺي ڏيندي هئي.... ”هاڻي جڏهن ناٿن شاهه ايندس ته گهر م پهچڻ تي ڪير هوندو، جيڪو ڳراٽري پائي مٺي ڏئي آجيان ڪندو؟“ امان جي وڇوڙي کان پوءِ اهو سوال مسلسل منهنجو اندر چيريندو رهيو... ۽ پوءِ مون فيصلو ڪيو ته هاڻي جڏهن به ان شهر ويندس ته پهرين امان جي قبر تي ويندس ۽ پوءِ گهر وڃبو ۽ واقعي به مان امان جي وڇوڙي کان پوءِ جڏهن به ان شهر ويس پهرين امان جي قبر جي حاضري ڀري، پوءِ ئي گهر ويس. اسان روحانيت ۾ يقين رکڻ وارا ماڻهو آهيون، ان ڪري واقعي به مون کي اهو محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ امان مون کي ڳراٽري پاتي هجي ۽ مان ان جي مٺيءَ کي به محسوس ڪندو هئس.... هن ڀيري به خيرپور ناٿن شاهه ٻڏڻ کان فقط ٻه ڏينهن پهرين مان خيرپور ناٿن شاهه ويو هئس... ۽ حسب معمول پهرين امان جي قبر تي ويس. ان کان پوءِ گهر وڃڻ ٿيو، قبرستان ۾ به مان اهو ئي سوچي رهيو هئس ته جيڪڏهن ٻوڏ آئي ته ڇا هيءُ قبرستان به ٻڏي ويندو ۽ جيڪڏهن قبرستان ٻڏي ويو ته ڇا قبرن جا سڀ نشان به ڊهي ويندا؟ پوءِ مان ڪهڙي قبر جي پيرن کان ويهي اهو محسوس ڪندس ته امان مون کي ڳراٽڙي پائي مٺي ڏئي رهي آهي؟


    سياسي تنظيمون ۽ ويلفيئر جو تصور…حفيظ ڪنڀر

    ها! تو منهنجي لاءِ صحيح ٻڌو هو ته آئون شڪارپور کان پوءِ جيڪب آباد طرف نڪري وئي هيس ۽ پوءِ سجاول کان هيٺ چوهڙ جمالي ۽ ان جاتي تائين وڃي پهتيس... جنهن جاتي کي ٻوڙڻ وقت ڀوتارن جي محتاج انتظاميه ڪا به وارننگ جاري نه ڪئي هئي. توسان فون تي رابطو ڪٿان ڪريان! منهنجو موبائيل فون به ٺل ۾ پاڻي ۾ گهيريل، رڙيون ڪندڙ عورتن، ٻارڙن کي تڙ تڪڙ ۾ ڪڍڻ دوران ڪٿي ڪري پيو هو، سڀ نمبر انهيءَ ۾ هئا. اهو ٿيلهو جنهن ۾ تنهنجا ڪجهه خط ۽ ڪجهه فون نمبر هئا، سو ٿيلهو به الائي ڪٿي لڙهي ويو، واپسي ۾ نه موبائيل وٺڻ لاءِ پئسا هئا، نه ئي وقت، نه ئي ٻوڏ جي حشر ۾ مون کي يادگيري هئي.
    ان رات پنهنجي پراڻي ڳوٺ لاءِ لڙهي ويس. ڳوٺ جي مٿان چنڊ هو چنڊ جي هيٺان منهنجي ڳوٺ جا وڏا وڻ هئا ۽ وڻن جي وچ ۾ منهنجو ڳوٺ ان پاڻي جي قبرستان ۾ دفن ٿيل هو، جيڪو پاڻي ڀوتار پنهنجي بنگلي کي بچائڻ لاءِ منهنجي ڳوٺ ڏي روانو ڪيو هو، چاچو بچايو انهيءَ ڳوٺ جي قبرستان جو مجاور ٿيو ويٺو هو.... آئون ان ٻٻر جي وڻ سان ٽيڪ لڳائي سوچيندي رهيس. سوچيندي رهيس...!! ڪجهه به ڪو نه ٿي سمجهيو. پريان چاچو بچايو چپ چاپ چنڊ ڏسندو رهيو. ڳوٺ تي نظرون اڇليندو رهيو. ”هي ٻٻر اهو ئي آهي. جنهن ۾ تون ۽ سکان لوڏ ٻڌي لڏنديون هيون.“ چاچي بچائي ان وقت خاموشي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن آئون سندس ڌيءَ سکان بابت سوچي رهي هيس. ٽي سال اڳ سکان ويم وگهي مري وئي هئي. چاچي بچائي جو هٿ جهلي پاڻي مان ٿڙندي، ٿاٻڙندي بند تائين الاءِ ڪيئن پهتيس. چاچو بخار ۾ هو، منهنجي چادر ته پهرين ئي آلي ٿي وئي هئي. پر پوءِ به کيس اهو چئي زوري ڍڪايم ته آلي چادر ڍڪيندي ته بخار جي شدت گهٽجي ويندي. هو وري انهيءَ تي ضد ڪري بيٺو ته ”امان! مٿي اگهاڙي ڪئمپ تي ڪيئن پهچندئين!؟ ماڻهو ڇا چوندا!؟ انهيءَ بحثا بحثي ۾ انهيءَ ڪئمپ تائين پهتاسون. جتي مننجي ڳوٺ جا سڀ رهواسي منتقل ٿي چڪا هئا. وڏي ڳوٺ جا ماڻهو به هتي ئي پهتل هئا. منهنجي ڳوٺ ۽ وڏي ڳوٺ وارن جي سالن کان هلندڙ دشمني هيءَ ڪئمپ دوستي ۾ تبديل ڪري چڪي هئي. سڀ گڏجي صلاح ڪري رهيا هئا ته ڍڳي گاڏي هٿ ڪجي، پر ڪيئن هٿ ڪجي!؟ ڪٿان ڪجي؟ ڇو ته لاش کي گهڻو ٽائيم ٿي چڪو هو.... لاش چاچي سومار جو هو. اسان جي ڳوٺ جو پراڻو پهريدار... ڪئمپ ۾ ئي ڪنهن زهريلي نانگ کائي ماري وڌو هئس. انهيءَ ساڳي رات ڪونئرو کي ٻارڙو ڄائو ڪئمپ ۾ منهنجي سهيلي ڪونئرو هڪ سال اڳ جڙئي سان پرڻي هئي. جنهن کي ڀوتار ٻني مان گاهه ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جهلي پوليس هٿان تشدد ڪرائي هڏ گڏ ڀڃائي ڇڏيا هئا. جڙيو ويچارو اڃا به ٽنگ کان منڊڪائي هلي ٿو. اها رات ڪئمپ ۾ آٿتن دلاسن، ڏيندي اکين مان ڪٽي، صبح جو پنهنجو ڳوٺ ڪئمپ ۾ ڇڏي، پننجي ئي ٻين ڳوٺن ڏي نڪري ويس. سجاول ڪيئن پهتيس. جاتي تائين سفر ڪيئن رهيو، اهو لکڻ جي ضرورت ناهي. هلندي هلندي مون ڪيترائي امداد جي نالي نمائشي فوٽو سيشنز ڏٺا، ڪيترائي سٺا سرڪاري ڪم ڏٺا، بندن تي ڪئمپن ۾ جهيڙا ڏٺا. اهي به ڪيترائي ماڻهو ڏٺا، جن نالي نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي ماڻهن جي مالي مدد پئي ڪئي. کاڌ خوراڪ پئي پهچائي. ڪي ماڻهو ته فقط رات جو ظاهر ٿيندا هئا. ڪنهن هڪ شخص جي حوالي سامان ڪري گم ٿي ويندا هئا. ڪيترن هنڌن تي مون اهي همدردي ۽ حوصلي وارا منظر به ڏٺا، جن کي ميڊيا ڄاڻي واڻي Black out ڪيو، ڪيتريون تنظيمون رليف جي ڪم ۾ شامل ٿي ڏينهن رات ڪم کي لڳي ويون آهن .ميڊيا اها خبر ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ميڊيا اها خبر الائي ڇو نٿي ڏي ته پنهنجي سماج ۾ سماجي بهبود جو ڪيترو حصو بچيو آهي!؟
    پر هن سڄي منظر ۾ مون کي سنڌ جي مالڪي ڪندڙ، يا دعويٰ ڪندڙ ڪنهن به پارٽي جي ڪا به ويلفيئر آرگنائيزيشن يا ويلفيئر ونگ منظم نموني ڪم ڪندي نظر نه آئي. ها! انهن جا ڪارڪن ضرور ڏٺم، جن پارٽين جي نمائندگي کي ظاهر پئي ڪيو، پر پارٽين وٽ ويلفيئر ۽ رليف جو تصور ڪهڙو آهي!؟ اهڙي صورتحال ۾ ماڻهن تائين پهچڻ کين ترت رليف ڏيارڻ لاءِ پارٽين اندر ڪو الڳ خودمختيار ادارو ڪهڙو آهي، سو مون کي ڪٿي به نظر نه آيو، جنهن جي شديد ضرورت آهي ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ سڀني تنظيمن کي هزارين ڏکيائين، وسيلن جي کوٽ جي عذر، بهانن هوندي به عام ماڻهن تائين پهچڻ جو هڪ اهم وسيلو آهي.
    آئون سوچيندي رهيس، سوچيندي رهيس ته اخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو پنهنجي پارٽين جي منشور ۾ ويلفيئر اسٽيٽ جي ڳالهه ور ور دهرائيندڙ، ان جي حق ۾ دليل ڏيندڙ سياسي پارٽيون پنهنجي صفن ۾ انهن ويلفيئر ونگن کي ڇو جاءِ نه ڏئي سگهيون آهن، جيڪي هنن ڏکين موقعن تي پارٽين جي نمائندگي به ڪن ته Rescue توڙي رليف جي مرحلي تي به اڳيان اچن. سنڌ ۾ اهڙي ڪا به تنظيم ناهي، جنهن کي پنجاهه ڪارڪن، ڊاڪٽر، يا رضاڪار ڊاڪٽر نه ملي سگهن. يا هزارين ڪارڪنن جي شڪل ۾ موجود پارٽين وٽ ايتري افرادي هوندي، جن جي تربيت ويلفيئر جي شعبي لاءِ ٿي سگهي، پر اسان وٽ ويلفيئر جو تصور شايد ”غير سياسي ٿيڻ، سان جوڙي رکيو ويو آهي. نتيجي ۾ سياسي پارٽين ۾ اهو ڪلچر جڙي ئي نه سگهيو آهي ۽ مون کي اڃا به نٿو لڳي ته اسان جون وڏيون توڙي ننڍيون پارٽيون هن آفتن جي تازي تاريخ مان ڪو سبق وٺي ان طرف وينديون به سهي. انهيءَ صورتحال ۾ تون علي قاضي جو سالن کان صحيح نموني مٿو کائي رهيو آهين ته ڪو سماجي ڀلائي جو ادارو قائم ڪر، جنهن وٽ ٻيو نه ته بيمارن کي اسپتالن تائين پهچائڻ لاءِ ايمبولينس ته هجي. ڪنهن ايمبوليسن ۾ فري موبائيل ميڊيڪل ڊسپينسري اهڙي هجي، جهڙي هن ڏکئي وقت ڊاڪٽر گلزار خواجه گهر واري سان گڏجي هڪ ڪئمپ کان ٻي ڪئمپ تائين هلائي رهيو آحي. ان ڪم جي شروعات جلال محمود شاهه ڪئي آهي. کيس جس هجي.


    سنڌ ۾ قدرتي آفت جي تباهڪاريءَ پٺيان غير قدرتي فيڪٽرز جو ڪردار….نصير ميمڻ

    ٽن چئن ضلعن کي ڇڏي ڪري سڄي سنڌ ٻوڏ جي گهيري ۾ آهي ۽ سنڌ ورهاڱي کان پوءِ واري تاريخ جي هڪ وڏي ڌونڌاڙ مان گذري رهي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته گذريل ڇهن ڏهاڪن دوران سنڌ ۾ جيڪا اڀري سڀري ترقي ٿي هئي. اها ڇهن هفتن اندر ڌوپجي وئي آهي ۽ عملي طور سنڌ معاشي ۽ سماجي حوالي سان ڪيئي ڏهاڪا پٺتي ڌڪجي وئي آهي. مري ويلن ۽ بي گهر ٿيلن جو ماتم ته جاري رهندو، پر ان سان گڏوگڏ انهن فيڪٽرز کي سمجهڻ به انتهائي ضروري آهي ته ڪهڙي طرح غلط رٿابندي ڪمزور حڪمراني، ادارتي زوال ۽ انتظامي نااهلي هڪ قدرتي آفت کي انساني آفت م تبديل ڪري ڇڏيو، هي فيڪٽر سمجهڻ ان لاءِ به ضروري آهن ته جيئن سموري تباهڪاريءَ جو الزام رڳو قدرت جي کاتي ۾ وجهڻ بجاءِ ان پٺيان موجود انساني هٿن کي به سڃاڻي سگهجي. هن بحث جو ٻيو اهم رخ آهي هن برباديءَ کان پوءِ نئين سنڌ جي اڏاوت جو. هن وقت جاري رليف ۽ انساني همدرديءَ واري ڪم سان گڏ ايندڙ مهينن ۽ سالن تي سوچ ويچار ڪرڻ پڻ نهايت اهم آهي. جولاءِ جي پڇاڙڪن ڏهاڙن کان شروع ٿيل ٻوڏ پختونخواهه ۽ سرائيڪي وسيب کي اجاڙيندي جڏهن سنڌ جي حدن ۾ داخل ٿي ته ان بابت شروعاتي ڄاڻ کي هفتو کن گذري چڪو هئو. ان هفتي دوران سنڌ سرڪار جيتوڻيڪ بئراجن ۽ بندن جي ته ڪجهه نه ڪجهه سار سنڀال لڌي، پر ڪنهن ممڪنه انساني الميي بابت شايد ئي ڪا تياري ڪئي وئي. ميڊيا ٻڌائي ٿي ته ڪيترن بندن تي اسٽون پچنگ جو ڪم به ان هفتي دوران ڪيو ٿي ويو. جنهن مان آبپاشي کاتي جي تياريءَ جو اندازو لڳائي ٿو سگهجي. ڏکڻ پنجاب ۾ ڪوهه سليمان تان نئين واري ٻوڏ لهڻ کان اڳ ماهرن جو اندازو هئو ته سکر بئراج وٽ اٺ لک ڪيوسڪ کن جو وهڪرو پهچندو، جيڪو ايترو سيريس مسئلو نه هئو قدرتي آفتن جي جيئن ته مڪمل ۽ حتمي اڳڪٿي گهڻي ڀاڱي ممڪن ناهي هوندي، تنهن ڪري ان جي تياري ”بدترين منظر نامي“ هيٺ ڪئي ويندي آهي. سنڌ ۾ اها تياري البته بهترين منظرنامي هيٺ ڪئي وئي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ايڏي وڏي انساني الميي کي منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ ممڪن نه رهيو.
    ٻوڏ جي انتظامڪاري Flood management هڪ الڳ سائنس آهي. جنهن ۾ ٻوڏ جي بهتر اڳڪٿي، سيٽلائيٽ نقشن وسيلي انساني آبادين جي نشاندهي ۽ انتهائي صورتحال ۾ هٿرادو کنڊ وجهڻ لاءِ مناسب ماڳن جي چونڊ ڪئي ويندي آهي. جديد سائنس ان سڄي عمل کي سياسي فيصلا سازيءَ بجاءِ هڪ فني مهارت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اڄڪلهه جي دور ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ ڪا راڪيٽ سائنس ناهي. ان قسم جي ٽيڪنالاجي هاڻي سهولت سان ميسر آهي. بدقسمتيءَ سان هن ٻوڏ کان اڳ ان قسم جي جاچ ۽ گهڻ رخي تياريءَ جا ڪي چٽا آثار نه ٿا نظر اچن. اهو ئي سبب آهي جو هٿرادو کنڊ هڻڻ لاءِ فيصلا سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ بجاءِ سياست طئي ڪيا، نتيجي ۾ سڄي سنڌ ۾ هٿرادو گهارن وسيلي ۽ ٻين طاقتن سبب جيڪا ٻوڏ آئي ان بابت گهڻو ڪري ماڻهن کي ڪو به اڳواٽ اطلاع نه هئو ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهو مشڪل سان جانيون بچائي گهرن مان نڪري سگهيا آبپاشي کاتو جيڪو هاڻي هنرمند ۽ ايماندار آفيسرن کان لڳ ڀڳ وانجهو ٿي چڪو آهي، ان جي ڪمزور رٿابندي ۽ ناقص فيصلي سازيءَ پڻ علائقا ٻوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ائين سالن جي جاکوڙ کان پوءِ ماڻهن جا ٺهيل اڀرا سڀرا اجها ۽ مال ملڪيتون لڙهي ويون ۽ هڪ رات وچ ۾ لکن جي انگ ۾ ماڻهو بي يارو مددگار ٿي اجهن بجاءِ رستن تي بيٺل هئا. ۽ کين ڪو به پتو نه هئو ته سندن اڳين منزل ڪهڙي هوندي.فلڊ پلاننگ جيان ڊزاسٽر مئنيجمينٽ به هڪ مڪمڪل سائنس آهي. تباهڪاريءَ ااچڻ کان پوءِ واري انتظامڪاريءَ جا چار اهم مرحلا هوندا آهن، يعني ريسڪيو (بچاءُ) رليف (واهر) ريهيبليٽيشن (بحالي) ۽ ريڪنسٽرڪشن (نئين سر اڏاوت) انهن چئن مرحلن کي گڏائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ چيو ويندو آهي. ريسڪيو توڙي رليف وارن پهرين ٻن مرحلن ۾ اهم ترين فيڪٽر وقتائتي ۽ ٺيڪ ڄاڻ جي فراهمي هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان اهو بنيادي عنصر گهڻي ڀاڱي غائب رهيو. ڪنهن کي ڪو به پتو نه ٿي پيو ته هن آفت اچڻ کان پوءِ ماڻهن کي ڪيڏانهن وڃڻو آهي ۽ ڪيئن پهچڻو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو غوثپور بند کي کنڊ هڻڻ کان پوءِ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل ابتدائي رپورٽ ۾ اڻايو ويو ته سکر جيڪب آباد روڊ تي هزارين ماڻهو بنا ڇت جي ويٺل آهن، اهڙو ئي منظر سجاول ٻڏڻ کان اڳ ۽ پوءِ ٺٽي ضلعي ۾ نظر آيو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ ڪيمپون ۽ خاص ريل گاڏيون نظر آيون، پر تيستائين آفت سٽيل لکين ماڻهو هڪ بدترين لاوارثيءَ مان بک ۽ بدحاليءَ جو مرحلو اڪري چڪا هئا. ٽي وي اسڪرين تي انهن بي گهر ٿيل ماڻهن جا انٽرويوز ٻڌي صاف اندازو ٿي رهيو هو ته حڪومت ۽ حڪمراني نالي جي ڪا به شيءِ سندن پاسي کان نه گذري هئي. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته تباهڪاريءَ جو اسڪيل تمام وڏو آهي ۽ اڪيلي سر حڪومت جي پهچ کان ٻاهر آهي. پر تنهن هوندي به جيتريون شيون حڪومتن جي وس ۾ هونديون آهن، اهي به نظر نه ٿي آيون. مثال طور متاثرين کي پاڻيءَ مان نڪرڻ کان پوءِ محفوظ ماڳن تائين پهچائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ جو ڪو به جوڳو انتظام نظر نه ٿي آيو، سر بچائي نڪتل ماڻهن کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جا غير انساني مالڪ جيئن ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن. ان جو حڪومت وٽ ڪو به حل ناهي، جيڪڏهن چونڊن ۽ اهم سياسي جلسن وقت هفتو اڳ کان حڪومت روڊن تي چرندر پرندڙ هر گاڏيءَ کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي سرڪاري ڊيوٽين تي لڳائي ڇڏيندي آهي ته پوءِ هن غير معمولي آفت دوران ٽرانسپورٽ ڪنٽرول هيٺ آڻي متاثرين جي واهر لاءِ ڇو نه استعمال ٿي سگهي؟ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڏيڍ سئو کان ٻه سئو رپيا ليٽر پيٽرول وڪامجندو رهيو، پر حڪومت جو ان تي ڪو به ڪنٽرول نظر نه آيو، حڪومت نهايت آسانيءَ سان پي ايس او جي معرفت پيٽرول ۽ ڊيزل جي سپلاءِ تي ڪنٽرول ڪري ٿي سگهي، پر ان قسم جي آپشنز کي ڪنهن شايد ويچار هيٺ ئي نه آندو. جن ضلعن ۾ ڊي سي اوز ۾ ڪجهه اهليت يا ڪمٽمينٽ هئي. انهن پنهنجي طور تي سرڪاري ۽ غير سرڪاري وسيلا ڪتب آڻي ماڻهن جي واهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ظاهر آهي ته لکن جي انگ ۾ بي گهر ٿيل ماڻهن جي واهر ڪرڻ ڪو چرچو ناهي. حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن جي واهر لاءِ اعلانيل 10 ارب رپيا اعلان ڪئي ڏهاڙا گذرڻ کان پوءِ به ضلعن تائين نه پهتا هئا ۽ ضلعي حڪومتون مختلف مدن ۾ رکيل رقمن ۽ اوڌرن تي ڪم هلائينديون رهيون. حڪومت وٽ ايمرجنسي ۾ بروقت رقمون پهچڻ جو به ڪو فعال نظام نظر نه آيو.
    در حقيقت تباهڪاريءَ جي تياري تباهڪاريءَ کان اڳ ڪئي ويندي آهي، نه ڪي بربادي ٿيڻ کان پوءِ، ان مقصد لاءِ ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي کان پوءِ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز ۽ ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز قائم ڪيون ويون هيون، پر انهن جي ادارتي حالت ڪا خاص بهتر نه آهي، قومي سطح جي جڙيل اٿارٽيءَ جو ڪم گهڻو تڻو رابطي وارو آهي. باقي اصل ڪم صوبائي ۽ ضلعي اٿارٽيز جو هوندو آهي. بدقسمتيءَ سان صوبائي ۽ ضلعي سطح تي اهي اٿارٽيز آفتن بابت فني مهارت رکندڙ ماهرن بجاءِ سول بيورو ڪريسي حوالي آهن. جيڪي ٿوري گهڻي انتظامي ڀڄ ڊڪ جا ته شايد ماهر هجن پر آفتن واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ انهن حالتن جي انتظامڪاري سندن تربيت يا مهارت جو حصو ناهي. اهو ئي سبب آهي جو انهن اٿارٽيز وٽ ٻوڏ جي آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا به اڳواٽ رٿابندي يا وسيلا موجود نه هئا ۽ ڦري گهري زميني ۽ آبي فوج کي ٻيڙيون ۽ هيليڪاپٽر آڻي ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ريسڪيو جو ڪم ڪرڻو پيو. ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز رڳو نالي ماتر ادارا بڻيل آهن. جن وٽ گهربل انتظامي اختيار، مالي ۽ انساني وسيلن، ڄاڻ ۽ تربيت جي سخت اڻاٺ آهي. ان صورتحال ۾ انهن ادارن اندر جيڪڏهن ڪي چار چڱا آفيسر موجود به هوندا ته اهي به ڪو نتيجو ڏئي نه سگهندا.
    حڪومت نه رڳو سرڪاري ادارن ۾ اهليت ۽ ڪمٽمينٽ جي اڻاٺ سبب هن انساني الميي کي منهن نه ڏئي سگهي. پر ساڳي وقت ان جو سياسي ڍانچو به ڪو فعال ڪردار ادا ڪندي نظر نه آيو، صوبي ۽ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي پارٽي جنهن کي انهن تباهه حال علائقن جا ماڻهو چئن ڏهاڪن کان ووٽ ڏيندا رهن ٿا، ان جا لکين ورڪر ڪنهن منظم شڪل ۾ متحرڪ نظر نه آيا، اهي سڀ ماڻهو جيڪي چونڊ مهم وقت ڳوٺ ڳوٺ جي هر گهر ۽ گهٽيءَ تائين پهچي ويندا آهن اهي سواءِ انفرادي چرپر جي ڪنهن وڏي هلچل جي شڪل ۾ ڪجهه ڪندي نظر نه آيا، جيتوڻيڪ سياسي ڌريون ڪنهن منظم طريقي سان متحرڪ نه ٿي سگهيون، پر تنهن هوندي به سڄي سنڌ م سياسي ورڪرن، سماجي تنظيمن ۽ شهرن پاران ٻوڏ ستايلن جي واهر لاءِ ڪيل اڳڀرايون نهايت قدر لائق نظر آيون، ٻوڏ دوران پڪي جي علائقن مان ٿيل لڏ پلاڻ ته بندن کي لڳل کنڊن سبب ٿي، پر ڪچي وارن علائقن مان به هڪ اندازي موجب لڳ ڀڳ 20 لک ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، اصولي طور تي ڏسجي ته ڪچي جو علائقو دريائي ٻوڏ جي پٽيءَ لاءِ وقف هوندو آهي ۽ ماضيءَ ۾ اتي محدود آبادي هوندي هئي. جيڪا آبڪلاڻي طرز ۾ بندن تي منتقل ٿي ويندي هئي. آبڪلاڻي ڪچي جي ماڻهن لاءِ سرهائي کڻي ايندي هئي. ڇو ته ان کان پٺيان ڪچي ۾ زراعت، چوپائي مال، ماهيگيري ۽ ٻيلن مان ٿيندڙ اپت ۾ واڌ ايندي هئي. جيئن جيئن سنڌ اندر دريائي چاڙهه جو زمانو ختم ٿيندو ويو ۽ ٻهراڙين جي معيشت ڪمزور ٿي ته ڪچي ۾ آباديءَ ۾ اضافو ايندو ويو ۽ اتي پڪي جيان ڳوٺ ٻڌجڻ لڳا. هن ڀيري جڏهن ٻوڏ جي اڳڪٿي ٿي ۽ ڪجهه علائقن ۾ سرڪاري مشينري ڪچي ۾ ماڻهن کي علائقا خالي ڪرڻ جو چيو ته انهن تيستائين نڪرڻ کان انڪار ٿي ڪيو، جيستائين نوبت ٻيڙين تي نڪرڻ جهڙي نه ٿي.
    تربيلا ڊيم ٺهڻ کان اڳ سنڌ جي ڪچي ۾ ٽي لک ڪيوسڪ تائين جي ٻوڏ لڳ ڀڳ هر سال ايندي هئي، جڏهن ته پنج لک ڪيوسڪ جي وچولي ٻوڏ هر ڏهن مان ستن سالن لاءِ ايندي هئي، اهو ئي سبب آهي جو ڪچي ۾ ٻوڏ وهڪري وارن پيچرن ۾ مستقل انساني آبادين جو رواج نه هوندو هيو، سنڌوءَ مٿان ڊيم ۽ بئراج ٺهڻ کان پوءِ ننڍي توڙي وچولي ٻوڏ جي ورجاءَ وارن سالن جي وٿي وڌندي وئي ۽ بچاءَ بندن جي وچ ۾ هڪ مخصوص وهڪري واري پٽيءَ کي ڇڏي باقي وسيع ايراضي مستقل طور پاڻيءَ کان وانجهي ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪچي جو علائقو انساني آباديءَ جي لحاظ کان عملي طور پڪي ۾ تبديل ٿيندو ويو، ڪشمور کان ڊيلٽا تائين بچاءَ بندن جي وچ ۾ موجود لڳ ڀڳ 21 لک ايڪڙ ايراضيءَ مان ڇهه لک ايڪڙن جي لڳ ڀڳ ايراضي سنڌو جو خالي ڪيل پيٽ آهي. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن دوران ان ايراضي تي انساني آباديءَ جي والار ٿي آهي. ٻيلا ڪٽي آبادي ۽ پوکي ڪرڻ وارا انگ اکر اڃا الڳ آهن. هن ٻوڏ جي دوران جڏهن انهن علائقن ۾ ماڻهن کي گهر خالي ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو ته هو اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار ئي نه هئا ته اتي ڪا ٻوڏ به اچي سگهي ٿي. ٻيو ته اڪثر ماڻهن کي اهو به ڀروسو نه هئو ته سرڪار جي چوڻ تي علائقا خالي ڪرڻ کان پوءِ سرڪار کين ڪو عزت ڀريو ٺڪاڻو فراهم ڪري سگهندي. ساڳي طرح سنڌ مٿان راڄ ڪندڙ بدامنيءَ جي راڪاس سبب کين اها به ڳڻتي هئي ته سندن پٺيان گهرن ۽ مال متاع جو ذمو ڪير کڻندو. پاڻيءَ ۾ چاڙهه اچڻ کان پوءِ آخري وقت تي گهر خالي ڪندڙ انهن لکين ماڻهن کي سنڀالڻ خود هڪ وڏو چئلينج هئو، جنهن کي اڪيلي سر حڪومتي مشينريءَ لاءِ سنڀالڻ ممڪن نه هئو، بهرحال ان سڄي ٽريجڊيءَ کان پوءِ هاڻي اهم ترين مرحلو متاثرن جي بحاليءَ جو آهي. هن وقت اڃا علائقا ٻوڏ هيٺ آهن ۽ مڻهن جو سمورو ڌيان رليف ڏانهن آهي. جيئن جيئن ٻوڏ جو پاڻي لهندو ۽ چوماسي جون برساتون بند ٿينديون ته پوءِ انهن لکين ماڻهن جي بحاليءَ جو ڀوائتو سوال ڪر کڻندو. سون جي تعداد ۾ ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ آيل آهن. جن جي بحالي ڪو آسان ڪم ناهي. بحاليءَ جو مقصد ماڻهن جا گهر، ڪاروبار، زراعت، مال مويشي ۽ ٻهراڙين جو انفرااسٽرڪچر بحال ڪرڻ آهي. ٻوڏ سٽيل علائقن جو انفراسٽرڪچر ته هونءَ به برباديءَ واري حال ۾ هئو، هاڻي ته اهو مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي. گذريل سٺ سالن دوران انهن علائقن ۾ شرم کان ڪنڌ جهڪائيندڙ ترقي مس ٿي هئي. جيڪا هاڻي مڪمل طور لڙهي چڪي آهي. انهن سوين ڳوٺن مان بي گهر ٿيل لکين ماڻهن جي گهڻائيءَ جو گذر سفر زراعت، چوپائي مال ۽ ننڍن ڪاروبارن تي هئو، انهن جي يڪدم بحالي تمام ڏکيو ڪم آهي. سرڪار جا وسيلا سڀني کي سجهن ٿا. جيڪڏهن ٻاهرين ملڪن مان ڪا امداد اچي به وڃي ته سرڪاري مشينري انتهائي حدن کي ڇهندڙ ڪرپشن ۽ بي حسي ٻوڏ متاثرن تائين امداد جو ڪيترو لاڀ پهچڻ ڏيندي، ان جو اندازو به سڀ ڪو لڳائي سگهي ٿو. ميڊيا ۾ اهو رپورٽ ٿي چڪو آهي ته مالي واهر ڪندڙ عالمي ادارا سرڪاري مشينريءَ وسيلي امداد ڏيڻ ۾ ناخوش آهن. سنڌ حڪومت به ساک جي اهڙي ئي بحران جو شڪار آهي ۽ جنهن قسم جي گورننس موجود آهي، ان ۾ بحاليءَ واري امداد جي پٺيان جيڪي مفادن جا ٽڪراءُ ٿيندا، اهي خود هڪ وڏو ڊزاسٽر ثابت ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن بحاليءَ وارو ڪم شفاف طريقي سان مڪمل رٿابنديءَ هيٺ نه ٿيو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هڪ ٻيو سماجي ڊزاسٽر جنم وٺي سگهي ٿي. جنهن جو نتيجو خطرناڪ بدامني ۽ غربت جي نتيجي ۾ سامهون اچي سگهي ٿو، ان معاملي ۾ سنڌ سرڪار کي هڪ وڏي چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو ته ٻوڏ متاثرن جا درست انگ اکر ڪٺا ڪري ۽ ٻوڏ جي نقصانن جو صحيح ڪاٿو لڳائي. بدقسمتيءَ سان ٻوڏ جي نقصانن جي انگ اکرن ۾ سنڌ سرڪار کي جيترو سجاڳ رهڻ گهرجي ها. ان جون نشانيون گهٽ نظر اچن ٿيون. مثال طور وفاقي حڪومت جي اداري فيڊرل فلڊ ڪميشن طرفان ٻوڏ متاثرن جي جاري ڪيل انگن اکرن ۾ چٽي هيراڦيريءَ جي باوجود سنڌ سرڪار ان تي ڪو جوڳو رد عمل نه ڏيکاريو آهي. 20 آگسٽ تي فيڊرل فلڊ ڪميشن ٻوڏ متاثرن جي انگن اکرن ۾ پنجاب صوبي اندر متاثرن جو انگ 19 لک ڄاڻايو آهي. جڏهن ته 2 سيپٽمبر جي رپورٽ ۾ اهو تعداد حيرت انگيز طور 80 لک ٻڌايو ويو آهي. جيئن ته ان دوران سموري تباهي سنڌ صوبي اندر ٿي رهي هئي. بدقسمتيءَ سان سنڌ حڪومت جو هينئر تائين ڪو به باقائدي رد عمل ان تي سامهون نه آيو آهي. ساڳي طرح سنڌ جو وڏو وزير جنهن ڏينهن سنڌ اندر متاثرن جو انگ 70 لک ٻڌائي رهيو هو، ساڳي ڏينهن صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيءَ جي رپورٽ ۾ اهو اگ 47 لک ٻڌايو ٿي ويو. انگن اکرن ۾ ايڏي وڇوٽي ملڪي توڙي بين الاقوامي امداد جي معاملي ۾ سنڌ کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جامع رٿابنديءَ جو ڪم به هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ۽ ان ڪم لاءِ رڳو سرڪاري مشينريءَ تي ڀاڙڻ بدران سول سوسائٽي جي ساکائتن فردن ۽ ادارن کي گڏ کڻي ڪو اهڙو مڪينزم جوڙي، جنهن سان سنڌ جي ماڻهن ۾ اهو يقين پيدا ٿئي ته بحاليءَ وارو ڪم شفاف طريقي سان ٿيندو، اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته لکين ماڻهن جي بحالي مهينن نه، پر سالن جو ڪم آهي. ساڳي طرح ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحالي به هڪ ڊگهو پراسيس آهي ان مرحلي کي حڪومت اڪيلي سر منهن نه ڏئي سگهندي ۽ خدشو آهي ته ٻوڏ سٽيل علائقا ٻوڏ لهڻ کان پوءِ هڪ نئين سماجي بحران کي منهن ڏيندا. خاص طور تي فصل تباهه ٿيڻ سبب ڪجهه عرصي اندر خوراڪ جو بحران به ڪر کڻي سگهي ٿو، جنهن سان مهانگائي ۽ بدامنيءَ جي ڀوائتي لهر ڪر کڻي سگهي ٿي.
    اهم ترين ڳالهه اها آهي ته هن هيڏي وڏي سانحي مان سنڌ سرڪار ڇا پرائيندي؟ هڪ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته موسمياتي تبديلين جي ڪري هيءُ خطو ايندڙ سالن ۾ طرح طرح جي قدرتي آفتن کي منهن ڏئي سگهي ٿو. غير معمولي سوڪهڙو، غير معمولي چوماسو ۽ گليشيئرن جو ڳرڻ هن خطي بابت ايندڙ خطرن جي علامت آهن. ساڳي طرح ڏاکڻي سنڌ جي ساحلي پٽيءَ تي سامونڊي طوفانن جي شدت ۾ اضافي جون پڻ اڳڪٿيون آهن. سنڌ سرڪار کي گهرجي ته سنڌ اندر ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جي ڪم کي بهتر ادارتي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪا منظم حڪمت عملي جوڙي، جنهن ۾ سماج جي مختلف شعبن جي ماهرن کي شامل ڪري ايندڙ سالن ۾ هن قسم جي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ جو ڪو ماسٽر پلان جوڙي، اهو ڪم آفتن اچڻ کان پوءِ نه، پر اڳي ڪرڻ جي ضرورت آهي.


    دريا جا بند ضرور ٽٽا آهن پر اسان جا حوصلا نه!...علي قاضي

    سنڌ م لکيل تاريخ جي آيل سڀني کان وڏي تباهيءَ کان پوءِ سنڌ ڪيئن هوندي، ماڻهن جا سماجي، سياسي، معاشي رويا ڇا هوندا؟ وغيره، اهڙا سوال آهن، جيڪي سماجيات ۽ سياسيات جي موضوعن جي استادن ۽ شاگردن جي ذهنن ۾ گردش هيٺ آهن، عام طرح حال ۾ ٿيل ڪنهن واقعي ۽ سانحي جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ ان نوعيت جي ئي ماضي م ٿي گذريل ڪنهن واقعي/ سانحي کي ريفرنس يا حوالي طور سامهون رکي تجزيو ڪيو وڃي ٿو، مثال طور جيڪڏهن آمريتي دور اچي ٿو ته ماضي جي آمريتي دورن کي آڏو رکي تجزيو ڪيو آهي، ڪنهن سياسي تحريڪ کي ماضي جي تحريڪن، ڪنهن جهاز يا ٽرين حادثي کان ويندي زلزلي جي Impacts (اثرن) کي به ماضي ۾ آيل زلزلي سان ڀيٽيو ويندو آهي، پر سنڌ ۾ آيل تازي تباهي جي اثرن کي سمجهڻ لاءِ ڪو ماضي جو مثال، حوالو يا ريفرنس نٿو ملي، جنهن کي آڏو رکي پڪو پختو تجزيو ڪريون ته هاڻوڪي تباهي اسان جي سماجي، معاشي ۽ سياسي منظر تي ڪهڙي قسم جا نشان ڇڏي ويندي، پر اهو طئي آهي ته اهي نشان تمام گهرا ۽ تڪڙ ۾ مٽجڻ وارا ڪو نه هوندا ۽ اسين اڄ هڪ نئين سنڌ ۾ رهون پيا. جيتوڻيڪ اڌ سنڌ ان ٻوڏ جي تباهي کي سڌي ريت ڀوڳيو آهي ۽ اڌ سنڌ ان جي تباهي کان محفوظ رهي آهي، پر ان تباهي درياهه جي ٻنهي پاسن تي رهندڙن جي دل ۽ دماغ تي اثر ضرور ڇڏيا آهن. اهي جن جا شهر، ڳوٺ، زمينون، ملڪيتون، ڍور ڍڳا وغيره ٻڏي ويا، جيڪي هاڻ ڪئمپن ۾ دربدري جي زندگي گهارين پيا، اهي جن ٻڏڻ جي خوف سبب لڏپلاڻ ڪئي ۽ راتيون جاڳي ڪاٽيون، پر قدرت جي مهرباني سبب آخر ۾ ٻڏڻ کان بچي ويا، يا اهي جن پنهنجن سنڌ واسين کي ان تباهي کي منهن ڏيندي پنهنجي ٽي وي اسڪرينز تي ڏٺو، سڀني لاءِ هيءُ ايڏو وڏو ذهني، جسماني ۽ جذباتي جهٽڪو هو، جنهن سڄي سنڌ کي لوڏي به ڇڏيو ۽ جهنجهوڙي به ڇڏيو آهي، جنهن سبب پيڙهين کان موجود سياسي، سماجي تعلق بدلجندي صاف نظر اچي رهيا آهن. ڪٿي دوست هڪ ٻئي کان اجنبي ۽ ڪٿي دشمن ان ڏک ۾ برابر جا شريڪ نظر اچن پيا. برادرين جي نالي ۾، تڪرار ۾ آيل هاڻ هڪ ئي برادري يعني ”ٻوڏ متاثر“، جا ٿي، هڪ ٻئي جي سار لهندي نظر اچن پيا. ڪالهه تائين ڀوتار آڏو ڪنڌ هيٺ ڪري پٽ تي ويهندڙن جي اکين ۾ انهن ئي ساڳين ڀوتارن لاءِ باهه صاف نظر اچي رهي آهي. ڪالهه جنهن جي وڏين گاڏين آڏو ”جيئي جيئي“ جا نعرا هڻي پنهنجون نڙيون خشڪ ڪندڙن جي چپن تي اڄ انهن ساڳين صاحبن لاءِ اهڙو ڪجهه آهي، جيڪو اخلاقيات جي دائري ۾ نه اچڻ سبب لکي نٿو سگهجي. ان کانسواءِ ايندڙ ڏينهن ۾ ان تباهي جي After shocks (تباهيءَ کان پوءِ واري اثرن) طور تي مهانگائي، امن و امان، بيمارين ۽ مجموعي طور تي سماج ۾ سهپ جي کوٽ، پئسي ۽ اخلاقي ڪرپشن سبب جيڪا سماج ۾ ڀڃ ڊاهه ٿيندي، ان کي سوچي ڪري وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ هڪ خوشحال، پرامن، ترقي يافته سنڌ جي خواب جي ساڀيان جي ڪاوش ان تباهي سبب وڌيڪ ڏکئي سفر جو ڏس ڏئي ٿي.
    دعا ڪرڻ جي نفيس ۽ خوبصورت عمل دوران انسان پنهنجي مالڪ آڏو پنهنجي دل جو حال ته اوري رهيو هجي ٿو، پر ان سان گڏوگڏ هو اڻ سڌي ريت پنهنجي پاڻ سان به ڊائيلاگ ڪري رهيو هوندو آهي دعا گهرڻ مهل انسان جي اندر جا مونجهارا به ختم ٿي رهيا هوندا آهن ۽ کيس چٽي ريت سمجهه ۾ اچي رهيو هوندو آهي ته کيس ڇا گهرجي. سندس خواهش ڇا آهي ۽ ان سان گڏوگڏ انسان کي پنهنجين ترجيحات جي به پروڙ ٿي رهي هوندي آهي. مثال طور ڪو ٻار جڏهن هوم ورڪ ڪرڻ کانسواءِ اسڪول وڃي رهيو هوندو آهي ته سندس دعا هجي ٿي ته اڄ ڪلاس ۾ استاد کي هوم ورڪ چيڪ ڪرڻ وسري وڃي، پر جڏهن ساڳيو ٻار وڏو ٿي پاڻ والد يا والده ٿئي ٿو ته سندس دعا هجي ٿي ته سندس ٻار ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري. هڪ نوجوان اڳ ۾ نوڪري ۽ پوءِ اڃا سٺي نوڪري لاءِ دعا گهري ٿو، غرض ته انسان سڄي ڄمار پنهنجي دعائن ۾ ترجيحات به مٽائيندو رهندو آهي. دعا پنهنجي رب ۽ خود پنهنجي پاڻ سان ملڻ جو هڪ Pure (خالص) طريقو آهي، جنهن سان خود ماڻهوءَ جو اندر به ڌوپجي ويندو آهي، دعا هڪ اهڙو عمل آهي. جنهن سان ماڻهو کي آٿت به ملي ٿي ته گڏوگڏ همت ۽ حوصلو به، ڇاڪاڻ ته ڪنهن مشڪل ۾ يا ڪنهن خواهش جي تڪميل لاءِ جڏهن اسين دعا ڪريون ٿا ته اسان منجهه اها اميد هجي ٿي ته رب ڌڻي آڏو اها دعا ضرور اگهامندي، پر گڏوگڏ اسان ان مالڪ جي مدد جي اميد آڌار انهن خواهشن جي تڪميل لاءِ پاڻ به عمل ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وڃون ٿا. مثال طور ڪو به شاگرد امتحان ۾ پاس ٿيڻ جي دعا ان اميد سان نه ڪندو ته هو امتحان ڏيندو ئي نه، بس ائين ئي پاس ٿي ويندو! اهڙن کوڙ دنياوي مثالن سان گڏ اهو مثال به ڏئي سگهجي ٿو ته جڏهن ڪو آخرت ۾ دوزخ جي عذاب کان بچائڻ لاءِ دعا گهري ٿو ته گڏوگڏ هو پنهنجا اعمال ۽ افعال به بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته جيئن هو آخرت ۾ عذاب کان بچي سگهي، سو دعا نه صرف انسان کي پراميدي ڏئي ٿي، بلڪه عمل لاءِ همت ۽ حوصلو به ڏئي ٿي، پر شرط آهي ته دعا جو عمل خالص جذبي سان ڪيو وڃي.
    24 جنوري تي جڏهن لکين سنڌ واسين اها دعا پئي ڪئي ته اسان جي سنڌو ۾ ٻيهر موجون اچن ته ڪنهن پئي ڄاتو ته ان اجتماعي دعا کي اگهامڻ ۾ صرف ڇهه (6 مهينا) لڳندا ۽ سنڌو گجگوڙ ڪندي نظر ايندو، پر جيئن وڏا چوندا آهن ته جنهن شيءِ لاءِ به دعا ڪريو ته گڏوگڏ دعا ۾ ان جي سار لهڻ ۽ هضم ڪرڻ جي به رب کان دعا ڪريو، مثال طور جيڪڏهن دعا پئسي يا دولت لاءِ هجي ته خدا کان ان پئسي کان صحيح ڪتب آڻن ۽ ان ۾ برڪت جي دعا به ڪجي، جيڪڏهن دعا شهرت لاءِ هجي ته خدا کان تڪبر کان بچڻ جي دعا به ڪجي. جيڪڏهن دعا طاقت جي لاءِ هجي ته گڏوگڏ ان طاقت کي هضم ڪرڻ لاءِ به دعا ڪرڻ گهرجي.
    لکين سنڌ واسين وٽ سنڌو ۾ موجون موٽي اچڻ جي دعا اٺ مهينا اڳ به هئي ۽ اڄ به آهي، پر هاڻي ان دعا سان گڏ رب ڌڻي آڏو اها به التجا آهي ته، ”اي رب اسان کي ان رحمت کي سنڀالڻ جي سگهه ۽ اهليت به ڏي، اسان کي ها توفيق ڏي ته سنڌو جي پيٽ کي سوڙهو ڪندڙ ڪچي جي علائقن ۾ ٺاهيل سمورين رڪاوٽن کي ٽوڙي سگهون، جيئن درياهه جي وهڪري ۾ سوڙهه نه اچي، اي رب! اسان کي صلاحيت ڏي جو اسان جا بند ۽ بيراج ايترا مضبوط بڻايون جو درياهه جو موجون حفاظت سان سمنڊ تائين پهچي سگهن. انهن بندن جي سار سنڀال، مرمت ۾ ڪرپشن جو خاتمو آڻي سگهجي. اي منهنجا خدا! اسان تنهنجا شڪر گذار آهيون. جو تو اسان جي درياهه کي ٻيهر موجون بخشيون، پر اسان جي ناقص گورننس سبب بند ٽٽا ۽ تنهنجا لکين بندا دربدر ٿيا ۽ سنڌ کي ان تباهيءَ جو منهن ڏسڻو پيو. اسان کي تون حوصلو ڏي، همت ڏي جو اسين ان ڏکئي گهڙي مان پار ٿي سگهون. اسان کي ايتري سگهه ۽ صلاحيت ڏي، جو اسان ان بربادي مان نڪري ٻيهر آباد ٿيون. ان بربادي مان جيڪي ٻيون برباديون جنم وٺنديون، انهن کان اسان کي محفوظ رک ۽ انهن کي ٽارڻ لاءِ عمل ڪرڻ لاءِ فهم ڏي، يا رب العزت اسان سنڌ واسين ۾ ايڪتا ڏي، اجتماعي فهم کي وڌاءِ اجتماعي سگهه کي وڌاءِ، ۽ عمل ڪرڻ جو حوصلو ڏي، جيئن اسان هڪ تبديل ٿيل خوشحال ترقي يافته سنڌ ٺاهي سگهون، جيڪا سنڌ بند ٽٽڻ جي خوف، ڪرپشن جي ناسور، صحت جي سهولتن جي اڻاٺ، بدامني جي عذاب، غرض ته خراب حڪمراني کان آجي هجي. (آمين)
    هينئر سنڌ واسين کي جيتري حوصلي، فهم ۽ ايڪتا جي ضرورت آهي. اها شايد ئي ڪڏهن رهي هجي، اسان کي پنهنجي ڪاوڙ، ڏک ۽ تڪليفن کي سهيڙي هڪ اهڙي ڌارا ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪا خود هڪ ٻوڏ جي صورت اختيار ڪري، جيڪا تبديلي جي ٻوڏ جي صورت اختيار ڪندي سمورن فرسوده سياسي، سماجي بندن کي لوڙهي ڇڏي. اهو سمجهڻ ۾ ڪا به عربي ۽ فارسي ناهي ته اسان جي پڪي جي علائقن کي سنڌوءَ جي ٻوڏ ناهي ٻوڙيو، بلڪه اها تباهي ڪرپشن، خراب سياسي ڪلچر ۽ خراب حڪمرانيءَ جي ٻوڏن آندي آهي، سو جيستائين تبديليءَ جي ٻوڏ آڻي خراب حڪمرانيءَ جي بندن کي ٽوڙيو نه ويندو، لوڙهيو نه ويندو، تيستائين پاڻي، بيمارين، مهانگائي، بدامني وغيره جي ٻوڏن مان نڪرڻ ممڪن نه هوندو.
    هن سال اڌ سنڌ جا فصل ٻڏڻ ڪري مڪمل طور تباهه ٿي ويا، جڏهن ته ٻئي ته ٻئي اڌ جا فصل سوڪهڙي سبب شديد متاثر ٿيا پر هاڻ خريف جو فصل به ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪيئن ٿي سگهندو ۽ ايندڙ سال ربيع جي فصل تائين ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ايريگيشن جو تباهه ٿي ويل نظام ڇا بحال ٿي سگهندو، جو ايندڙ ربيع جو به فصل ٿي سگهي؟ ۽ مسئلو صرف ڪئنالن ۽ واٽر ڪورسن کي ٻيهر ٺاهڻ جو ناهي پر مسئلو اهو به آهي ته ، ماڻهو پوکي لاءِ پئسا ڪٿان آڻيندا ۽ اهو سڄو عرصو آهي ڪٿان پنهنجو گذر سفر ڪندا؟ ساڳي ريت ڀوائتي ڳالهه اها آهي ته اگر ايندڙ سال يا ان کان پوءِ واري سال ۾ به سنڌو ۾ وڏا وهڪرا آيا ته پوءِ ڇا باقي بچيل سنڌ؟؟؟ اچو ته هڪ دفعو وري لکين سنڌ واسي دعا لاءِ هٿ کڻون ته، ”يا خداٰ سنڌ کي قدرتي توڙي Man made (انسان جي آندل) آفتن کان بچائي. منهنجي خواهش آهي ته دعا جي ڏهاڙي جو سڏ ڏجي ۽ جنهن ڏينهن اسين سڀ سنڌ واسي رب ڌڻي کان گڏيل طور دعا گهرون ته هو پنهنجي ٻاجهه ڪري، اسان کي صبر ڏئي، حوصلو ۽ فهم به ڏئي ته جيئن اسين نه صرف ان مشڪل جي گهڙيءَ مان نڪري سگهون، بلڪه آئينده اهڙي تباهي ٿيڻ جي سببن کي اڳواٽ ختم ڪري سگهون، بلڪه آئينده اهڙي تباهي ٿيڻ جي سببن کي اڳواٽ ختم ڪري سگهون. انهن ڏينهن لکين سنڌ واسي پختو وچن ڪن ته هو هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ لاءِ عملي قدم ضرور کڻندا. ان ڏهاڙي تي اگر لکين سنڌ واسي ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندا ته هو هڪ ٻئي لاءِ آٿت ۽ حوصلي جو سبب به بڻبا ۽ سڀني کي نياپو به ملندو ته ايڏي تباهيءَ باوجود اسان جا حوصلا ٽٽا ناهن. اسين ٻيهر سنڌ کي ٺاهينداسين ۽ هن ڀيري اها سنڌ تبديل ٿيل سنڌ هوندي ۽ اسان کي پنهنجي ڌرتي سان به محبت آهي ۽ سنڌوءَ ۾ آ ساهه اسان جو، سو ٻوڏ جا ڊپ ڏئي ڪير سنڌو درياهه تي وري ڪو ڊيم ٺاهڻ جو رينگٽ شروع نه ڪري، منهنجي خواهش آهي ته ان تڪليف جي وقت ۾ اسان سڀ ايڪتا جو مظاهرو ڪريون ۽ دعا جي ڏهاڙي تي لکين سنڌ واسي گڏ ٿي سڄي جهان کي اهو نياپو موڪلين ته خراب حڪمرانيءَ جي ڪري اسان جي دريا جا بند ضرور ڀڳا آهن پر اسان جا حوصلا ناهن ٽٽا ۽ هڪ بدليل سنڌ جو خواب ناهي ٽٽو.
    جنهن ريت سوين جڳهين تي بندن ۾ پوندڙ روڻين ۽ رنگ بندن کي ڳوٺاڻن ۽ شهرين پنهنجي مڙسيءَ سان بند ڪيو، ساڳئي جذبي هيٺ هڪ خوشحال ۽ ترقي يافته سنڌ لاءِ سنڌ واسين کي پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، نه ته خدا نه ڪري، اسان کي خراب حڪمرانيءَ سبب پيدا ٿيندڙ مختلف ٻوڏن جو منهن، ايندڙ نسلن تائين ڏسڻو پوندو.. آئون سمجهان ٿو ته سنڌ واسين وٽ هاڻ وڃائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، سواءِ تباهين جي. سو ان کان اڳ جو اهي ٻيون ٻوڏون اچن، خدا ڪري ته سنڌ واسي پنهنجي فهم ۽ حوصلي سان تبديليءَ جي ٻوڏ ايتري وڏي ۽ مضٻوط ڪري وٺن، جنهن ۾ اهي ٻيون ٻوڏون فنا ٿي وڃن، گم ٿي وڃن (امين).


    ڇا منڇر ٽٽڻ کان بچي ويندي؟….محمد ادريس راجپوت

    ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي سڏائيندڙ ڍنڍ منڇر سنڌ ۾ سڀني جي نظرن جو فوڪس بڻيل آهي، واپڊا وارن جي مهربانين ڪري هي مٺي ته نه رهي آهي، جو آر بي او ڊي جو لوڻياٺو پاڻي ڇوڙ ڪري اها کاري پاڻي جي ڍنڍ بڻجي وئي آهي. پر پوءِ به انهيءَ ڪري فوڪس ۾ آهي جو ٽوڙي بند ٽٽڻ کان پوءِ ان جو نڪتل پاڻي ٽن رستن سان ان ۾ ڇوڙ ڪري رهيو آهي. هڪڙو ايف پي بند رستي، ٻيو ايم اين وي ڊرين رستي ۽ ٽيون زيرو پوائنٽ تي ايف پي بند کي ڏنل ڪٽ رستي، انهيءَ ڪري ان جي ليول چڙهي پئي ۽ ايم سي بند تي دٻاءُ وڌي پيو، سنڌو درياهه ۾ ٻوڏ ڪري انهيءَ جي ليول منڇر جي ليول کان مٿي هئي. جنهن ڪري منڇر جو ڇوڙ درياهه ۾ ممڪن نه هو ۽ اهو خطرو هيو ته جيڪڏهن درياهه جي ليول نه لٿي ته انهيءَ ڪري منڇر جي بندن کي ڪو نقصان نه پهچي ۽ ملڪ نه ٻڏي، منڇر جي لحاظ کان سڀني کان خطرناڪ ٻوڏ سال 1976ع ۾ آئي. انهيءَ ٻوڏ ۾ منڇر جي ليول 125 فوٽ ٿي وئي. جنهن ڪري بند ٽٽي پيا ۽ تمام گهڻو نقصان ٿيو. انهيءَ کان اڳ بند 117 جي پاڻي جي ليول لاءِ ڊيزائن ٿيل هئا. اها ٻوڏ نئين گاج ۾ اٽڪل 250000 ڪيوسڪ پاڻي اچڻ ڪري پيدا ٿي. جنهن سال درياهه جي ليول 120 فوٽ هئي. جنهن ڪري منڇر واري پاڻي جو درياهه ۾ ڇوڙ ڏکيو ٿي پيو ۽ کنڊ پيا. انهيءَ کان پوءِ ايف پي بند ۽ منڇر جي ليول 1976ع جي ٻوڏ واري ليول جي حساب سان رکي وئي. آبپاشي وارا چون ٿا ته منڇر 117 فوٽ ليول تائين هيٺ آهي. يعني جيڪڏهن منڇر جي ليول 117 فوٽ تائين رهي ته بچاءُ ٿيندو. نه ته منڇر جو بند ٽٽي تباهي آڻي سگهي ٿو. منڇر جي ليول 117 تڏهن رهي سگهي، جڏهن منڇر ۾ ايندڙ پاڻي ۽ ان مان نڪرندڙ پاڻي ۾ بيلنس رهي. 8 سيپٽمبر 2010ع صبح تائين منڇر مان درياهه ۾ ڇوڙ ممڪن نه هو، جو درياهه جي ليول منڇر جي ليول کان هيٺين ريت مٿي رهي.
    پهرين سيپٽمبر تي 4.2 فوٽ، ٻي سيپٽمبر تي 3.9 فوٽ، ٽئين سيپٽمبر تي 3.4 فوٽ، چوٿين سيپٽمبر تي 3.0 فوٽ، پنجين سيپٽمبر تي 2.7 فوٽ، ڇهين سيپٽمبر تي 2.1 فوٽ، ستين سيپٽمبر تي 1.5 فوٽ ۽ اٺين سيپٽمبر تي ان جي ليول 0.7 فوٽ رهي. خوشقسمتيءَ سان اٺين سيپٽمبر شام جو درياهه جي ليول ۽ منڇر جي ليول هڪ ٿي وئي ۽ منڇر جو ڇوڙ درياهه ۾ ممڪن ٿي ويو، 9 سيپٽمبر جي صبح ڇهين وڳي درياهه جي ليول منڇر کان 4 ڊيسيمل هيٺ ٿي وئي. جنهن ڪري اڙل ٽيل ريگيوليٽر جا پنج ئي دروازا کوليا ويا، ۽ منڇر جو پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري پيو. هن ريگيوليٽر جي پاڻي ڪڍڻ جي گنجائش چون ٿا ته، 25000 ڪيوسڪ آهي، پر اهو تڏهن جڏهن درياهه تمام هيٺ لهي وڃي. هن مهل هي ريگيوليٽر وڌ ۾ وڌ 3 کان پنج هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪڍي سگهندو هوندو، ٻئي پاسي منڇر ۾ تمام گهڻو پاڻي پيو اچي. خالد حيدر ميمڻ چيف انجنيئر، جيڪو اتي اسپيشل ڊيوٽي ڏئي رهيو آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته ايم اين وي ڊرين ۽ ايف پي بند جي زيرو پوائنٽ واري ڪٽ کان اٽڪل 20 کان 25 هزار ڪيوسڪ پاڻي اچي رهيو آهي. جنهن ڪري منڇر جي ليول تمام تڪڙي چڙهي پئي. پهرين اها ليول 0.2 فوٽ في ڏينهن جي حساب سان چڙهي رهي هئي. هينئر اها 8 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين هڪڙ ڏينهن م 0.4 فوٽ چڙهي 114.35 فوٽ ٿي وئي آهي ۽ انهيءَ ريٽ ۾ واڌ ٿيڻ واري آهي. ٻيو مسئلو خالد حيدر ميمڻ اهو ٻڌايو ته زيرو پوائنٽ تي جتي جوهي يا ڪٽ وارو پاڻي ڪٽ ڏئي منڇر ۾ ڇوڙ ڪرايو پيو وڃي. اتي تمام گهڻي کاڌ آهي ۽ خطرو آهي ته اتي منڇر جو بند نه ٽٽي پوي ۽ منڇر اٿلي نه پوي .

    منڇر مان درياهه ۾ پاڻي ڇوڙ ڪرائڻ وارا آپشن:
    منڇر جي ليول تڏهن ڪنٽرول ٿي سگهندي، جڏهن منڇر مان درياهه ۾ ڇوڙ وڌايو وڃي، جو منڇر ۾ ايندڙ پاڻي تي ڪو ڪنٽرول ممڪن ناهي، ڇوڙ ڪرائڻ جا هيٺيان آپشن ٿي سگهن ٿا.
    (1) اڙل لڪي ٽيل ريگيوليٽر: مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته انهيءَ جا پنج ئي دروازا کليل آهن ۽ پاڻي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري پيو پر ڪراس ڪٽ آف گهٽ هجڻ ڪري ايترو پاڻي نٿو وڃي ۽ ايندڙ چئن پنجن ڏينهن ۾ درياهه ۾ گهڻي لاٿ ممڪن ناهي. مٿان ايندڙ پاڻي اتان نڪرندڙ پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي.
    (2) اڙل واهه ذريعي: اڙل واهه درياهه ۾ سيوهڻ انسپيڪشن بنگلي ويجهو ڇوڙ ڪري ٿو، ان جي هينئر گنجائش 500 کان هزار ڪيوسڪ آهي، اتي اڃا درياهه جي ليول مٿي آهي. تنهن ڪري ڇوڙ ممڪن ناهي، ڏينهن ٻن ۾ اتي ڇوڙ ٿي سگهندو، پر ايترو گهڻو رليف نه ملي سگهندو.
    (3) دانستر واهه: هي بنيادي طرح ڦاٽن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ آهي. پر درياهه ۾ ڇوڙ به ڪري سگهي ٿو، پر ان جي به گنجائش تمام ٿوري آهي. وڌ ۾ وڌ 500 ڪيوسڪ تنهن ڪري اهو به خاص رليف ڏئي نه سگهندو. (4) انڊس لنڪ: ايم اين وي ڊرين جنهن کي هينئر آر بي او ڊي به چون ٿا، اها منڇر ۾ ڇوڙ ڪري ٿي، پر هڪ لنڪ ذريعي اها ڪرم پور وٽ درياهه ۾ ڇوڙ ڪري سگهي ٿي، جو انڊس لنڪ درياهه تائين ٺهيل آهن. انهيءَ جي گنجائش 3500 ڪيوسڪ آهي، پر اهو درياهه جي ليول تي منحصر آهي ته گهڻو پاڻي ڇوڙ ٿي سگهندو، اتي اڃان درياهه ايترو نه لٿو آهي، پر جيڪڏهن اهو ممڪن به ٿي سگهي ته وڌ ۾ وڌ 3500 ڪيوسڪ پاڻي ورائي سگهبو.
    (4) لال باغ واري پاسي کان درياهه ۾ پاڻي ورائڻ: لال باغ واري پاسي منڇر کي بند ناهي، اتان اڙل واهه ويجهو وهي ٿو، منڇر جو پاڻي اتان کڻي ريلوي لائن جي ڪنهن پل هيٺان لنگهائي انڊس هاءِ وي کي ڪٿي ڪراس ڪري درياهه ۾ موڪلي سگهجي ٿو. اتي زمينون مٿي آهن. ڏسڻو اهو پوندو ته منڇر جو پاڻي ڪنهن اهڙي پوائنٽ تان ورائي سگهجي. جتان زميني سلوپ درياهه ڏانهن وڃي ۽ ڪا رنڊڪ وچ ۾ نه اچي، اهو هڪ ڏکيوآپشن آهي. وچ ۾ ملٽري جي ايريا به اچي ٿي. ٻيو منڇر ڍنڍ مان انهيءَ پوائنٽ تائين وهڪري جو ستو به ڳولڻو پوندو، وري اهي ڳالهيون به ڏسڻيون پونديون ته انڊس هاءِ وي تان ٽريفڪ بند ٿيندي ۽ ريلوي لائين تان به ٽريفڪ بيهي سگهي ٿي. هي هڪ ڏکيو آپشن اهي، پر مصيبت جي وقت ۾ هر آپشن ٽرائي ڪري سگهجي ٿو.
    سڀئي آپشن ٽراءِ ڪرڻ کان پوءِ منڇر جي ليول تڪڙي چڙهندي. جو خالد حيدر ميمڻ مطابق ٽوڙي جو روڪيل پاڻي تمام تڪڙو ۽ جهجهي مقدار ۾ منڇر ۾ وري پيو. اهو پاڻي مٿي جيڪي ٻوڙ ٻوڙان ڪري آيو آهي، هاڻي انهيءَ جو حملو انهيءَ جي پڇاڙي واري ڇوڙ واري جڳهه يعني منڇر تي آهي ۽ منڇر جو ڇوڙ رڳو سنڌو درياهه ۾ آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ڏکيائيون آهن. انهيءَ صورت ۾ منڇر تي سخت Flood fighting جي ضرورت آهي. ماڻهن ۽ مٽيريل جو زبردست بندوبست ڪرڻ کپي. چوويهه ڪلاڪ سخت پهرو Patrolling کپي. مٿان آفيسر رات جي پوئين پهر بند تي نڪرن، جو اهو ٽائيم هيٺين اسٽاف طرفان غفلت ٿيڻ جو ٽائيم آهي. انهيءَ سخت ڪوشش کان پوءِ رب تي ڀاڙجي ۽ جيئن ميلن ۾ گهلياڻ بند تي مٽي چاڙهڻ ۽ سلوپ تي مٽي جون ڳوڻيون ڀري رکڻ کان پوءِ به جڏهن صورتحال ڪنٽرول ۾ ٿيندي نظر نه آئي ته انچارج سپرنٽينڊنگ انجنيئر محمد خان نظاماڻي رات جو بند تي الله جي مدد لاءِ بانگو ڏنيون ۽ رب مهربان سندس ڪم ۾ سولائي ڪئي. انهيءَ نموني الله سائين کان مدد گهرجي ۽ اميد رکجي ته اها بلا ٽري ويندي.


    يا ته مفاهمت رهي سگهندي يا وري ڪراچيءَ ۾ ٻوڏِ متاثر!.....نواز ڪنڀر

    ملڪ ۾ آيل بلڪه هلندڙ ٻوڏ جي ماڻهو ماريا، گهر تباهه ڪيا، جهنگلي، جيوت کي نقصان پهچايو زندگي جون بنيادي ضرورتون، جيڪي هتي آسائشن ۾ شمار ٿيون ٿين. انهن کي ڊاهي پٽ ڪيو آهي اتي ٻوڏ مان ڪيتريون ئي اميدون به وابسته ڪيون پيون وڃن. ”ٻڏيءَ جا ٻيڻا“ واري چوڻي ته ڀٽائي صاحب سهڻيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي حوالي سان استعمال ڪئي هئي پر هن ڀيري اها چوڻي صفا ٻئي مطلب ۽ معنائن ۾ ورتي پئي وڃي. ڪن ڌرين کي اميد آهي . بلڪه انهن جي خواهش آهي ته ٻوڏ جي ”مهرباني“ سان دربدر ۽ ڳوٺن مان نڪري ڪراچي پهتل ماڻهن جي انگ ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿئي اهي ٻوڏ متاثر مستقل طور تي ڪراچي ۾ ئي رهن. جنهن سان ڪراچي ۾ سنڌين جو تعداد وڌي ۽ پوءِ ڪراچي وري سنڌين جي مالڪي ۾ اچي وڃي. وغيره وغيره جيستائين ٻوڏ متاثر ڪراچي ۾ آباد ٿين ۽ پنهنجن پيرن تي بيهن، تيستائين انهن متاثرين جي مدد ڪراچي وارا ڪن! انهن جي کاڌ خوراڪ اٽي لٽي ۽ اجهي جو بندبست به ڪراچي وارا ڪن ۽ علاج به ڪراچي وارا ڪن، جي هو سڄو بار نٿا کڻن ته ڀاڱي ڀائيوار ضرور ٿين! ڇو جو ڪراچي سنڌ آهي ۽ اسان اڳ ۾ اهڙو جذبو ڏيکاري چڪا آهيون. جنهن تي هاڻ پريشان به آهيون. هاڻ جواب ۾ هو به اهڙو جذبو ڏيکارين! يا ته اسان صفا سادا ۽ معصوم آهيون يا ٻين ۾ اسان کي عقل جي گهٽتائي ئي نظر اچي. ٻنهي صورتن ۾ اسان خوشفهمي جو ائين شڪار محسوس ٿيون ٿا. جيئن ورهاڱي وقت، نون آيلن جي استقبال وقت هئاسين.
    اسان اهو وساري ٿا ويهون ته ان وقت جي آيلن ۽ هاڻوڪن آيلن ۾ بنيادي فرق ڪهڙو آهي؟ ان وقت آيلن جي گهڻائي انهن علائقن ۾ آندي وئي هئي. جيڪي علائقا non agreed هئا. يعني اهي علائقا جن مان لڏپلاڻ ٿي ئي ڪونه هئي، لڏپلاڻ رڳو بنگال ۽ پنجاب مان ٿي هئي.
    ڪراچي جي ڪمشنر هاشم رضا، پنهنجي ڳوٺائين لاءِ لياقت علي خان سان گڏجي ڇا ڇا نه ڪيو! نون آباد ٿيندڙن کي نه صرف ڪوڙن سچن ڪليمن ذريعي نوازيو ويو، بلڪه انهن کي هتي پلاٽن ۽ گهرن لاءِ قرض به ڏنا ويا. جيڪي پوءِ معاف ڪيا ويا. سڄي سرڪاري مشينري کي انتهائي منظم نموني، نون آيلن جي شانائتي آڌر ڀاءُ لاءِ مختلف ڊيوٽيون لڳائي مقرر ڪيو ويو. انهن جي هر طرح سان نه صرف مالڪي ڪئي وئي. بلڪه ان ئي وقت تعصب جو بنياد وڌو ويو . ان وقت هڪ ته ڪراچي جي ايتري آبادي نه هئي. روزگار جا موقعا وڌيڪ هئا ۽ آيل ماڻهو به زندگي جي مختلف ميدانن مان آيل هئا. مٿان حڪوت جو هٿ، هندن جون ڇڏيل جائيدادون ۽ ملڪيتون. رهجي ويل مقامي ماڻهو سست، سو آيلن کي آباد ٿيڻ ۾ نه ته ڪا گهڻي تڪليف ٿي ۽ نه ئي ڪو مقابلو هو. مٿان حڪومت جو هٿ! سو ڪم سولي کان سولو ٿيندو ويو. اهو جيڪو آزادي لاءِ قربانين جو ذڪر ڪيو ٿو وڃي. ان جا پيرا کڻجن ته اهي قربانيون. آزادي کان وڌيڪ آباد ٿيڻ لاءِ سفري ۽ لڏ پلاڻ جون صعوبتون هيون، جڏهن ته هاڻ ڪراچي ايندڙن لاءِ نه ته ڪليمن ۾ جائيدادون ملڻ جو آسرو آهي، نه ئي ڪو مٿي تي حڪومت جو هٿ، سرپرستي، نه ئي انهن کي ڪراچي ۾ آباد ٿيڻ ۽ ڪرڻ لاءِ حڪومت وٽ ايترا وسيلا آهن. انهن کي ته اهي به وساري ويٺا آهن. جن جا هي ووٽر آهن. رڳو گهڙي گهڙي اهي بيان ڏين ٿا ته، ڪراچي ڌرتي ڌڻين جي آهي. ڪير به انهن کي ڪراچيءَ مان ڪڍي نٿو سگهي... پر عملي طور تي انهن کي ڪراچي ۾ مستقل طور تي آباد ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ته ڪا پلاننگ نظر نٿي اچي. تبديليون خواهشن سان ته ڪو نه ايندويون آهن! رڳو عيد تي پنج کان ويهه هزار ڏيڻ سان ڪجهه ڪو نه ٿيندو.
    ورهاڱي وقت ڪراچي آيلن ۽ موجوده ٻوڏ سبب آيلن ۾ ڪيترن ئي حوالن سان وڏو فرق آهي. ٻوڏ متاثر گهڻي ڀاڱي هاري ۽ مالوند ماڻهو آهن. ٿورا گهڻا ڪاروباري يا محنت مزودري جي ٻين شعبن سان وابستا ضرور آهن پر انهن جو تعداد گهٽ آهي. ڪاروڪاري، خوني تڪرارن جي وچ ۾ پروان چڙهيلن وٽ اهي مهارتون. اهو ذهن ڪيتري قدر آهي. جنهن جي آڌار اهي ڪراچي ۾ مستقل طور تي آباد ٿي سگهن؟ (انهن جو اهو رويو امداد ورهائڻ وقت ڏسي سگهجي ٿو) ان تي سوچڻ جي ضرورت آهي. هتي هڪ اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ لازمي آهي ته سنڌي ماڻهو بنيادي طور Home sickness واري نفسيات رکندڙ آهن. انهيءَ نفسيات سبب ئي انگريزين سنڌين لاءِ ”ڪاري پاڻيءَ“ جي سزا تجويز ڪئي هئي. سو هوم سڪنيس رکندڙ ماڻهن کان پنهنجا اباڻا ڪک وسارڻ لاءِ کين ڪراچي ۾ انهن ڪکن کان وڌيڪ سهولتون ملڻ گهربيون هيون. پوءِ ئي شايد اهو اجتماعي طور تي ڳوٺ ۽ گهر وساري، ڪراچي ۾ مستقبل طور آباد ٿيڻ جو سوچين ها پر هنن حالتن ۾ سهولتون ته اسان جي خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر عملي طور ائين ٿيڻ ۾ شايد ڏکيائيون گهڻيون آهن. هي 1947ع ناهي. 2010ع آهي. دنيا گهڻي بدلجي چڪي آهي. انهن بدلين حالتن ۾ متاثرن جي آبادڪاري لاءِ جديد ذهن به کپن ته ذريعا به جيڪي هن مفاهمت واري دور ۾ مشڪل ڪم آهي. جنهن جو آسرو ڪرڻ ٻبرن مان ٻير گهرڻ برابر آهي. يا ته مفاهمت رهي سگهندي يا متاثر ڪراچي ۾؟


    ٻوڏ سٽيلن جي بحاليءَ جو اڻانگو سفر….نصير ميمڻ

    سنڌ ۾ مهينو گذرڻ جي باوجود ٻوڏ کٽڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، آگسٽ جي شروع ۾ ٽوڙي بند کي لڳل/ هنيل گهارو ڪنهن راڪاس جيان سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارن ضلعن کي ڳڙڪائي رهيو آهي. سکر، ڪشمور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ قمبر شهدادڪوٽ کان پوءِ هاڻي ٻوڏ جو بدروح دادو ضلعي ۾ ڪاهي پيو آهي. ٻئي طرف ڪراچيءَ کي ڇڏي باقي سنڌ جي ذري گهٽ اڌ آبادي بي گهر بڻيل آهي ۽ سنڌ جو عوام ٻوڏ جي برباديءَ سان گڏوگڏ هڪ احساساتي ۽ نفسياتي صدمي جو شڪار پڻ بڻيل آهي. سرڪار ۽ سول سوسائٽي جا ادارا ۽ فرد جنهن همت سان هن صورتحال کي ڪنهن حد تائين سڀنالي رهيا آهن. اها غير معمولي ڳالهه آهي. رليف معنيٰ واهر وارو هي مرحلو ٻوڏ ستايلن جي ايڏي وڏي انگ کي اجهو، کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ غير معمولي همت ۽ وسيلن جو گهرجائو آهي. تمام گهڻين ڪمزورين ۽ ڪوتاهين جي باوجود سنڌ جي ماڻهن مجموعي طور امتحان ۽ آزمائش جي هنن ڏکين لمحن جو هڪ زندهه قوم جيان مقابلو ڪيو آهي. جنهن سان سنڌي سماج جي اندروني سگهه بابت ڪيئي اتساهيندڙ تصور پڻ جنم وٺي رهيا آهن. ورهاڱي کان پوءِ سنڌي قوم هن نوعيت جي ڌونڌاڙ کي پهريون ڀيرو منهن ڏئي رهي آهي ۽ اجتماعي آزمائش اڃا تائين ان جي گڏيل حوصلي کي آڻ نه مڃائي سگهي آهي. ان دعويٰ جي دليل ۾ ننڍا وڏا سوين مثال ڏئي سگهجن ٿا. پر رڳو هڪ جوهيءَ جي شهرين جو حوالو ئي ان لاءِ ڪافي آهي جتي شهرين نه رڳو شهر کي بچائڻ لاءِ سمورا آسرا پلي پاڻ اڳڀرائي ڪئي آهي پر نيم بدحواسيءَ واري انتظامي ماحول ۾ شهر اندر ڪا ذري جيتري به انارڪي نه پکڙجي سگهي. رليف بهرحال هڪ عارضي مرحلو آهي. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ريت گذري ويندو. پر اصل ڳنڀير سوال متاثرين جي بحاليءَ جو آهي. سنڌ اندر وڏي وزير چواڻي 16 ضلعا متاثر ٿيا آهن. جن مان 8 شديد متاثر آهن. جن باقي ضلعن ۾ ٻوڏ هاڃا نه ڪيا آهن. اتي ٻوڏ سٽيلن جو هڪ تمام وڏو انگ پهتل آهي. جنهن ڪري زندگيءَ جو ڪارونهوار اتي به رواجي ناهي. ائين مجموعي طور ڏسجي ته سڄي سنڌ ٻوڏ جي اثر هيٺ آهي. اڃا متاثر علائقن مان ٻوڏ جو پاڻي ناهي نڪري سگهيو، تنهن ڪري هڪ ڪروڙ جي لڳ ڀڳ اڻهو ٻوڏ ۾ لڙهي ويل زندگيءَ جي بحاليءَ واري اوکي سفر جي شروعات ناهن ڪري سگهيا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل ٻوڏ ستايلن کي گهر اڏڻ لاءِ لک رپيا في گهر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هونءَ ته ان رقم مان اڄ جي دور ۾ ڊٺل گهرن جو ملبو هٽائڻ به مشڪل آهي ۽ اڃان اهو به پتو ناهي ته اهي پئسا حقدارن تائين ڪيئن پهچندا ۽ ان رقم اندر هٿرادو گهارا نه لڳڻ کي ڪيئن يقيني بنايو ويندو. پر هڪ ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته متاثرن جي بحالي رڳو هڪ لک رپيا ڏيڻ سان نه ٿي ويندي. ٻوڏ سٽيل علائقن جي مڪمل بحالي هڪ ڊگهو، منجهيل ۽ اوکو ڪم آهي. جنهن ۾ هيٺيان مرحلا اهم آهن.

    بحاليءَ جي جامع رٿابندي:
    هي سڀ کان اهم ۽ ترت شروع ڪرڻ وارو ڪم آهي. جنهن ۾ ڪا به دير نه ڪرڻ گهرجي رٿابنديءَ جي مرحلي ۾حڪومت کي سڀ کان پهرين متاثر علائقن جي مختلف نقصانن جا تفصيلي انگ اکر ڪٺا ڪرڻا پوندا ۽ ان لاءِ مختلف شعبن جهڙوڪ ڪميونيڪشن ريلويز، آبپاسي، صحت، تعليم، زراعت، چوپائي مال، ڪاروبار، ٽائون پلاننگ وغيره جي شعبن تي ٻڌل هڪ ٽيم گهرجي. جيڪا سيٽلائيٽ نقشن وسيلي نقصانن جو ڪاٿو لڳائي سگهي. رٿابنديءَ کي خامين کان آجو ۽ قبولڻ جوڳو بڻائڻ لاءِ بهتر اهو ٿيندو ته ان ڪم ۾ سرڪاري ادارن کان سواءِ ضلعي سطح تي بهتر ساک رکندڙ غير سرڪاري ادارن، چونڊيل عيوضين ۽ فردن کي به شامل ڪيو وڃي. نقصانن جو درست ڪاٿو بحاليءَ جي بهتر رٿابنديءَ جا بنياد رکندو. ساڳي طرح انفرادي سطح تي ماڻهن جي ذاتي ملڪيتن ۽ گذر سفر جي وسيلن جي نقصانن جو به ڪاٿو لڳائڻو پوندو ته جيئن متاثر ڪٽنب جي سماجي ۽ معاشي بحاليءَ لاءِ ڊگهي مدي واري رٿابندي ڪري سگهجي. ان لحاظ کان حڪومت کي ننڍي وچلي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪرڻا پوندا جن جي عملدارآمد ۽ ان جي نگرانيءَ لاءِ ادارتي ڍانچو طئي ڪرڻو پوندو، جيئن ٻوڏ متاثر بحاليءَ جي مرحلي تي سرڪاري دفترن ۽ وڏيرن جي اوطاقن جا ڌڪا نه کائيندا رهن. ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهن جي بحاليءَ وارو ڪم جيڪڏهن شفاف ۽ انصاف جي آڌار تي نه ٿيو ته ان جا سياسي ۽ سماجي اثر ٻوڏ کان به خراب ثابت ٿي سگهن ٿا. بحاليءَ واري رٿابنديءَ دوران ٿيل نقصانن جي ڪٿ ڪرڻ لاءِ انهن کي هيٺين ڪيٽيگريز ۾ ورهائڻ گهرجي.
    ٻوڏ کان بچاءَ ۽ آبپاسي وارو ڍانچو جهڙوڪ بچاءَ بند، ريگيوليٽر، شاخون، واهن جا ڪپر، رنگ بند وغيره فلڊ مئنيجمينٽ پلان بابت الڳ مضمون ۾ تفصيلي بحث ڪنداسين. انفرادي ملڪيتون ۽ گذر سفر جا وسيلا جهڙوڪ گهر، دڪان، ٻنيون، چوپايو مال، وٿاڻ، گاڏيون، ڪاروباري مرڪز ۽ اوزار، مڇيءَ جا تلاءُ، فصل، گودام وغيره شهري ڍانچو جهڙوڪ گهٽيون، پارڪ اسٽريٽ لائيٽس، صحت ۽ تعليم جا مرڪز، سرڪاري آفيسون، بس اڏا، ريلوي اسٽيشنون، بئنڪون، پوسٽ آفيسون، ٿاڻا، ڪورٽون وغيره
    انهن مکيه ڪيٽيگريز هيٺ نقصانن جي ڪاٿي کان پوءِ بحاليءَ جي مڪمل رٿابنديءَ ڪئي وڃي. انهن ۾ ڪجهه ڪم فوري نوعيت جا هوندا ته جيئن زندگيءَ ڏانهن واپسيءَ جو سفر شروع ٿي سگهي. ڪجهه ڪم وچولي مدي وارا هوندا. جيڪي سال ڏيڍ اندر ڪرڻا پوندا ته جيئن اجتماعي ضرورتن جو پورائو ٿي سگهي ۽ ڪجهه ڪم ڊگهي مدي وارا هوندا ته جيئن علائقن جي ترقيءَ جو رڪجي ويل ڦيٿو نئين سر روان ٿي سگهي. نائين سيپٽمبر تائين پراونشل ڊزاسٽر مئنيجينٽ اٿارٽي سنڌ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب سنڌ اندر ساڍا ست هزار ڳوٺ متاثڙ ٿيا آهن. 72 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن. 72 لک ايڪڙ ايراضي متاثر ٿي آهي. جنهن ۾ لڳ ڀڳ 26 لک ايڪڙ پوکيءَ هيٺ زمين شامل آهي. ساڳي طرح 2 لک 63 هزار ڍور به صايع ٿيا آهن. اسپتالن، اسڪولن، روڊن، رستن ۽ ڪاروبارن جا انگ اکر اڃا سامهون نه آيا آهن. ان پئماني جي بحالي ڪيڏو ڊگهو ۽ اوکو ڪم آهي. ان جو اندازو هر ڪوئي لڳائي سگهي ٿو. بحاليءَ واري ان ڪم ۾ عام شهرين کي پيرن تي ڪهڙيءَ ريت بيهاري سگهجي ٿو ۽ ان لاءِ ڪهڙا اپاءَ تڪڙن بنيادن تي وٺڻ جي ضرورت آهي. ان لاءِ ڪجهه رٿون هيٺ ڏجن ٿيون.
    ٻوڏ متاثر علائقن ۽ ماڻهن جي بحالي ٽن کان پنجن سالن جو ڪم آهي. ان ڪم جي سائنسي بنيادن تي رٿابندي، عملدارآمد ۽ نظرداري لاءِ سنڌ سرڪار کي فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽي جهڙو ڪو ادارو قائم ڪري ان جو انتظامي ڍانچو جوڙڻ گهرجي.
    ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ٿيل نقصانن لاءِ ٻوڏ کان اڳ ۽ پوءِ واري سيٽلائيٽ نقشن وسيلي انهن جو ڪاٿو لڳائي اثرائتي رٿابندي ڪئي وڃي. اهو ڪم سائنسي بنيادن تي ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي تپيدارن جي رحم ڪرم تي نه ڇڏڻ گهرجي.
    شهري ۽ نيم شهري يا ڪچي وارن علائقن ۾ عوامي بحاليءَ جي ڪم جي شروعات جو پهريون اهم ڏاڪو ڪميونيڪيشن نظام جي بحالي آهي. جن علائقن ۾ اونهو پاڻي بيٺل آهي. اتان فوري طور تي پاڻي نيڪال ڪري علائقن ۾ اچ وڃ جي نظام کي بحال ڪيو وڃي. ان سان گڏ ٽٽل رستن، پلين ۽ شاخن جي مورين کي فوري طور تي مرمت ڪري اچ وڃ جهڙو بنائڻ جي ضرورت پوندي ته جيئن ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي ممڪن بڻائي سگهن.
    ٻوڏ جي ڏهاڙن ۾ سرڪار جي اڳواٽ تياري نه هجڻ سبب ٽرانسپورٽر ۽ پيٽرول پمپن وارن ٻوڏ ستايلن جي جسم تي باقي بچيل کل به ڀاڙن وسيلي لاٿي هئي. حڪومت کي گهرجي ته ٻوڏ ستايلن جي واپسيءَ لاءِ ٽرانسپورٽ جو اڳواٽ مناسب انتظام ڪري.
    شهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن واپسيءَ کان پوءِ ماڻهن جي پهرين ضرورت روزگار ۽ اجهن جي بحالي هوندي. جيئن ته زرعي معيشت وارن هنن علائقن ۾ ماڻهن جا فصل ۽ ڍور ڍڳا ختم ٿي چڪا آهن. تنهن ڪري اهي ايندڙ ڇهن کان ٻارنهن مهينن تائين هو معاشي محتاجي ۽ مفسليءَ واري حال ۾ هوندا. نيم شهري ڪاروبار به اڻ سڌي طرح زراعت سان واڳيل آهن. تنهنڪري عملي طور انهن بدحال علائقن ۾ بيروزگاريءَ وارو ماحول هوندو، حڪومت کي گهرجي ته سخت متاثر ٿيل علائقن ۾ رهواسين کي ڇهن مهينن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ راشن سرڪاري خرچ تي فراهم ڪري ته جيئن ماڻهو اٽي جي ڳڻتيءَ کان آجا ٿي زندگيءَ جي بحاليءَ لاءِ هٿ پير هڻڻ جي قابل ٿي سگهن. هن کان اڳ خيبر پختوانخواهه ۾ دهشتگرديءَ خلاف جنگ جي متاثرين کي به حڪومت فوڊ ٽوڪن جي سهولت وسيلي ساڳي سهولت فراهم ڪندي رهي آهي. تنهن ڪري اهو سنڌ ۾ به ڪرڻ ممڪن آهي.
    متاثر علائقن بابت 9 سيپٽمبر تائين پي ڊي ايم اي سنڌ طرفان سامهون آيل انگن اکرن موجب 11 لک گهر مڪمل ۽ جزوي طور متاثر ٿيا آهن ٻيا ڪاروبار جهڙوڪ دڪان، ڪئبنون ۽ بازارون ان کان الڳ آهن. متاثرين جي واپسيءَ کان پوءِ وڏي پيماني تي نئين سر اڏاوت جو ڪم شروع ٿي ويندو. ان ڏس ۾ به ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي. زلزلي متاثر علائقن ۾ جڏهن نئين سر اڏاوت شروع ٿي هئي ته حڪومت هڪ اداري ايرا وسيلي اڏاوتن لاءِ نئون ڪوڊ متعارف ڪرايو هيو ته جيئن انهن علائقن ۾ ٻيهر ڪو زلزلو اچي ته نيون اڏاوتون ان کان محفوظ رهن. هاڻي به ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ اندر فلڊ ريهبلييٽيشن اٿارٽي سنڌ جي مختلف علائقن لاءِ اهڙو اڏاوتي ڪوڊ تيار ڪري جنهن سان ٻيهر تعمير ٿيندڙ وستيون ۽ اڏاوتون مستقبل ۾ ٻوڏ جي اثرن کان محفوظ رهي سگهن يا گهٽ ۾ گهٽ متاثر ٿين اهو ڪوڊ مقامي ماحولياتي جٽاداريءَ کي مدنظر رکي تيار ڪيو وڃي ۽ ان نئين اڏات کي ٽائون پلاننگ جي اصولن آڌار ڪيو وڃي. اهو ڪم ناممڪن ناهي پر تيز رفتاري، بهتر انتظامڪاري، سياسي عدم مداخلت ۽ سياسي توجهه جو گهرجائو آهي. ساڳي طرح نين اڏاوتن کي انرجي، ايفيشنٽ پڻ بڻائڻ جو هي هڪ بهترين موقعو آهي. اڄڪلهه اهڙا اڏاوتي نمونا عام آهن، جن سان انهن گهرن ۾ رهندڙن کي سج جي روشني ۽ تپش وسيلي ٻارڻ ۽ بجليءَ جو استعمال گهٽائڻ ۾ مدد ملي ٿي. سنڌ ۾ يو اين ڊي پي جيف پروگرام اهڙا گهر آزمائشي بنيادن تي ڪاميابيءَ سان متعارف ڪرائي چڪو آهي. ان اداري ۽ ٻين ماهرن جي مدد سان نئين اڏاوت لاءِ ان ماڊل کي عام ڪري عوامي ڀلائيءَ وارو ڪم ڪري سگهجي ٿو.
    نئين اڏاوت واري ڪم ۾ هڪ ٻيو چئلينج ايڏي وڏي مقدار ۾ اڏاوتي سامان جي رسد هوندي، تمام گهڻا امڪان آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌ اندر اڏاوتي سامان جي گهرج ۽ رسد واري فرق سبب اڏاوتي سامان جي بليڪ مارڪيٽنگ شروع ٿي وڃي. سنڌ سرڪار کي ان لاءِ هاڻي کان ئي رٿابندي ڪرڻ گهرجي ۽ يونين ڪائونسل يا تعلقي سطح تي اڏاوتي سامان جي ڪنٽرولڊ پرائيز تي فراهميءَ جا ڊپو قائم ڪرڻ گهرجن. اهو به ممڪن آهي ته ماڻهن کي نئين اڏاوتي ڪوڊ تي آماده ڪرڻ لاءِ انهن ڊيپوز تان رڳو انهن ماڻهن کي سامان ڏيڻ جي اجازت هجي. جيڪي نئين اڏاوتي ڪوڊ هيٺ اڏاوتون ڪري رهيا هجن. ان لاءِ خاص اجازت ناما جاري ڪري سگهجن ٿا. ان سان هڪ طرف عام ماڻهن کي مناسب اگهن تي اڏاوتي سامان ملي سگهندو ته ٻئي طرف نئين اڏاوتي ڪوڊ تي عملدرآمد به آسان ٿي پوندو. فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽي جهڙو ڪو ادارو هاڻي کان ئي انهن ڪمن جي رٿابندي ڪري سگهي ٿو.
    ساڳي طرح ڪچي ۽ پڪي جي علائقن ۾ زراعت جي بحالي عوامي روزگار جي بحاليءَ جو اهم قدم هوندي. مٿان ربيع جي سيزن شروع ٿيڻ واري آهي. حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زمينن جي بحاليءَ لاءِ سروي شروع ڪرائي. ان ڏس ۾ پاڻيءَ هيٺ آيل زمينن مان پاڻيءَ جو نيڪال، زمين جي بحالي، ٻج، ڀاڻ ۽ مشينريءَ جي گهرج ٿيندي، حڪومت کي گهرجي ته فلڊ ريهبليٽيشن اٿارٽيءَ وسيلي سنڌ ۾ تعلقي سطح تي زرعي بحالي مرڪز قائم ڪري ننڍن ۽ وچولن زميندارن کي زمينن جي بحالي ۽ ايندڙ فصل جي پوکيءَ جون سهوليتون فراهم ڪري. ان ڏس ۾ آبپاسيءَ جو بنيادي ڍانچو پڻ فوري طور بحال ڪرڻو پوندو ته جيئن ٻوڏ ۾ لڙهي ويل شاخون ۽ واٽر ڪورس فوري طور بحال ڪري ربيع جي فصل جي تياريءَ کي ممڪن بنائي سگهجي. ان سڄي ڪم ۾ ضرورتمند ننڍن ۽ وچولن آبادگارن کي وڏن آبادگارن جي سياسي اثر کان ڪيئن محفوظ ڪري سگهبو. ان ڏس ۾ سرڪار جو گورننس وارو تجربو گهڻو همٿائيندڙ ته ناهي. پر بهرحال ان تي ڀاڙڻ کانسواءِ ڪجهه ڪري به نٿو سگهجي. ان اٿارٽيءَ کي حڪومت جيترو سياسي مداخلت کان پاڪ رکي ڪم هلائڻ ڏيندي اوترو ئي عوام ۽ حڪومت لاءِ بهتر ثابت ٿيندو.
    ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زرعي ۽ ڪاروباري قرض مڪمل طور معاف ڪرڻ يا انهن جو ڪجهه حصو ملتوي ڪرڻ لاءِ به سوچڻ گهرجي. هن وڏي برباديءَ کان پوءِ عام ماڻهو اهي قرض لاهڻ جهڙا نه رهيا آهن. جيڪڏهن حڪومت وڏن صنعتڪارن، سيٺين ۽ سياسي اڳواڻن جا اربين رپين جا قرض معاف ڪري سگهي ٿي ته پوءِ ايڏي وڏي آفت جي ستايل ماڻهن جا قرض انهن جو معمولي حصو به نه ٿا بڻجن. ساڳي طرح ٽن کان ڇهن مهينن لاءِ انهن علائقن م يوٽيلٽيز جا بل به معاف ڪرڻ گهرجن.
    ٻوڏ ستايل ماڻهن ۾ هزارن جي انگ ۾ هنرمند مرد ۽ عورتون پڻ شامل آهن. جيڪي ٿوري گهڻي واهر سان شهري علائقن ۾ روزگار سان لڳي سگهن ٿا. ان ڏس م ٻن رخن کان سوچڻ جي ضرورت آهي. هڪ ته ان قسم جي هنرمند ماڻهن کي عالمي مارڪيٽ ۾ روزگار سان لڳائڻ لاءِ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت هنگامي بنيادن تي پيڪيج تيار ڪري، بهتر سفارتڪاريءَ وسيلي ماڻهن جي هڪ چڱي موچاري انگ کي پرڏيهه ۾ ورزگار ڏياري هزارين ڪٽنبن کي فوري طور بحال ڪري سگهجي ٿو. هونءَ به پرڏيهه ۾ روزگار جي حوالي سان سنڌ ماضيءَ ۾ نظر انداز ٿيندي رهي آهي. هن موقعي مان فائدو وٺندي ماضيءَ جيان انهن زيادتين جو به ازالو ڪيو وڃي.
    ان ڪم جو ٻيو حصو سنڌ ۽ پاڪستان جي وڏن صنعتي مرڪزن ۽ شهري مارڪيٽن ۾ پير رکڻ لاءِ انهن هنرمندن جي واهر وارو ٿي سگهي ٿو ليبر ۽ انڊسٽريز وارن کاتن وسيلي مقامي صنعتن ۾ ٻوڏ ستايل هنرمندن کي اوليتي بنيادن تي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪيمون جوڙي سگهجن ٿيون ساڳي طرح ڪراچي. حيدرآباد، لاهور، فيصل آباد ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ انهن هنرمندن کي رهائش جي بنيادي سهولت فراهم ڪري ننڍا قرض ڏئي خود روزگار لاءِ واهر ڪري سگهجي ٿي. ان قسم جي قرضن لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي آسانيءَ سان راضي ڪري سگهجي ٿو، ساڳي طرح نيشنل رورل سپورٽ پروگرام، سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ سرڪاري ۽ خانگي بئنڪ ۽ ٻين اين جي اوز وسيلي هزارين ماڻن کي ان سهولت وسيلي ڇهن مهينن اندر پيرن تي بيهاري کين سماجي بدحالي غربت ۽ ڪرائيم ۾ ڌڪجڻ کان بچائي سگهجي ٿو. جيڪڏهن ڪراچيءَ ۾ سڄي دنيا جا بيروزگار اچي گذر سفر ڪري سگهن ٿا ته سنڌ جي نوجوانن جو اتي اولين حق بڻجي ٿو. ٻوڏ ستايل علائقن ۽ متاثرن جي بحاليءَ جو مرڪز مقامي سطح تي معيشت جي بحالي هجڻ گهرجي ۽ ان ڏس ۾ ڊگهي عرصي وارن خيراتي ۽ امدادي پروگرامن کان پرهيز ڪري اهي رقمون مقامي معيشت جي بحاليءَ ۾ صرف ڪرڻ گهرجن. ان ڏس ۾ عالمي سطح تي ڪيئي ڪامياب ماڊل موجود آهن. جن کي بنياد بنائي معاشي بحاليءَ جي رٿابندي ڪري سگهجي ٿي. هتي آئون حوالي طور 1930ع واري ڏهاڪي دوران آمريڪي گريٽ ڊپريشن مان بحاليءَ واري تجربي جو مختصر حوالو ڏيڻ چاهيندس. ياد رهي ته هي رڳو هڪ حوالو آهي ۽ حڪومت کي سنڌ ۽ متاثر علائقن جي پسمنظر ۾ مقامي زميني حقيقتن کي آڏو رکي ٺهڪندڙ رٿابندي ڪرڻي پوندي. تنهن هوندي به هي ماڊل يا ان جهڙا ٻيا ماڊل تجزئي ۽ رٿابنديءَ لاءِ هڪ ڪارائتو حوالو ٿي سگهن ٿا.
    ٻين مهاڀاري لڙائي کان ڏهاڪو کن اڳي آمريڪا ۾ هڪ شديد معاشي بحران ڪر کنيو 1930ع ۾ شروع ٿيل ان بحران ڏهاڪو کن سالن تائين آمريڪا کي ڌونڌاڙيو، تاريخ ۾ ان کي great depression چيو وڃي ٿو ان دوران بين االقوامي واپار اڌ کان وڌيڪ گهٽجي ويو ۽ آمريڪا ۾ بيروزگاريءَ جي شرح 25 سيڪڙو کان وڌي وئي. يعني ڪم ڪرڻ جي سگهه رکندڙ هر چوٿون آمريڪي بيروزگار هيو. صنعت، زراعت بينڪنگ، سميت زندگيءَ جا سمورا شعبا ڊانواڊول ٿي چڪا هئا. ان وقت جي آمريڪي صدر فرينڪلن روزويلٽ جي نالي هيٺ هڪ پلان متعاف ڪرايو. جنهن جو مقصد ايمرجنسي رليف ۽ پبلڪ ورڪس پروگرام وسيلي معاشي بحاليءَ ڪرڻ هيو. ان پروگرام جو سڄو بنياد ان ڳالهه تي هئو ته سرڪاري شعبي هيٺ وڏيون رٿائون شروع ڪيون وڃن. ان سان هڪ طرف روزگار جا وسيلا پيدا ٿيندا ته ٻئي طرف سرڪاري ناڻو ملڪي انفرااسٽرڪچر جي ترقيءَ ۾ استعمال ٿي سگهندو. هي پروگرام خيرات يا امداد بجاءِ ترقيءَ واري رويي تي ٻڌل هئو. آمريڪي، صدر ان دور کي ”زمانه امن جي ايمرجنسي“ قرار ڏنو ۽ وفاقي حڪومت رياستن بجاءِ سنڌو سنئون ان ڪم جي سرواڻي ڪئي. ان مقصد لاءِ صدر روزليٽ ”فيڊرل ايمرجنسي رليف ايڊمنسٽريشن نالي ادارو قائم ڪيو. ان اداري طرفان رياستن کي رقمون فراهم ڪيون ويون. جيڪي گهڻي ڀاڱي ڪم ذريعي واهر طور استعمال ڪيون ويون ۽ ڇهن مهينن اندر چاليهه لک ماڻهن کي ڪم سان لڳايو ويو. پنجن سالن کان پوءِ اهو ڪم رياستن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ان دوران پبلڪ بلڊنگ ايڊمنسٽريشن ۽ پبلڪ روڊس ايڊمنسٽريشن کاتن وسيلي شهرن اندر روڊن، اسڪولن، پلين وغيره جا وڏا پراجيڪٽ شروع ڪيا ويا. نيو ڊيل رٿا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ان تي تمام گهڻي تحقيق پڻ ڪئي وئي آهي. هڪ ريسرچ موجب پبلڪ روڪس ۽ رليف ۾ هڪ ڊالر خرچ ڪرڻ تي ملڪ اندر 85 سينٽ آمدنيءَ ۾ واڌارو ٿيو. ساڳي طرح هڪ ٻي ريسرچ سان تعلق رکندڙ ڏوهن ۾ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي آئي. ساڳي طرح ٻارن ۽ مائرن جي موت ۽ خودڪشين تي به وڏو فرق آيو، جيڪو مختلف رسرچ پيپرز ۾ تفصيل سان موجود آهي. آمريڪا جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ان دور جا تمام وڏا پراجيڪٽ اڄ به نظر اچن ٿا.
    ان يا ان نوعيت جي مختلف ماڊلز کي ذهن ۾ رکندي حڪومت کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ سرڪاري شعبي اندر خانگي شعبي ۽ سول سوسائٽي سان گڏ وڏي پيماني تي ترقياتي پروگرام شروع ڪرڻ گهرجي. ان مقصد لاءِ صوبائي سطح تي هڪ پنج سالا ماسٽر پلان تيار ڪرڻ گهرجي. جنهن هيٺ ضلعي سطح جا ترقياتي پلان جوڙڻ گهرجن. ان پلان کي وڌيڪ اثرائتو ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ ضلعي سطح تي پلاننگ، ايگزيڪيوشن اينڊ مانيٽرنگ سيل قائم ڪيا وڃن. جن ۾ خانگي شعبي، سول سوسائٽي جي ادارن ۽ عالمي ڊونر ادارن کي به شامل ڪيو وڃي. سنڌ سرڪار کي اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته ٻوڏ ستايلن جي بحالي هڪ گهڻ رخو ۽ پيچيده ڪم آهي. جنهن ۾ سوسائٽي جي سمورن شعبن کي گڏ کڻي هلڻ سان ئي گهربل نتيجا حاصل ٿي سگهندا.


    ٻوڏ کان پوءِ “نئين سنڌ” جي تعمير لاءِ ڇا ٿيڻ گهرجي…..ڊاڪٽر ايوب شيخ

    هاڻوڪي جمهوري سرڪار جو وفاقي ۽ صوبائي حصو ان باري ۾ اها ڳالهه ضرور سوچي ته ٻوڏ کان پوءِ ڇا ڇا ڪري سگهجي ٿو؟ ان سلسلي ۾ ۽ ان باري ۾ ڪهڙي حڪمت هجڻ گهرجي؟ ٻوڏ جي سانحي جا اثر ورهين تائين رهندا. ان لاءِ ماڻهن جي گڏجي ويهڻ جي گهرج آهي، ٻه وکون اڳتي وڌڻ ۽ اڳتي وڌي فرنٽ لائين تي اچي سياسي طور کيڏڻ جي به ضرورت آهي ته سماجي طور ڪيئي مهارتون گهربل آهن اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته جيڪي به پارٽيون ۽ اين جي اوز يا صوبا ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي رفتار ۾ پوئتي رهجي ويون. سي گڻو ڪري نظرن کان اوجهل ٿينديون وينديون.

    پروپيگنڊائون:
    اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته پختونخواهه جي شهر نوشهره جي ٻڏي وڃن کان پوءِ ڪالاباغ ڊيم عملي طور هڪ خطرناڪ خيال ثابت ٿيو آهي. پنجاب کي ان ڊيم لاءِ جيڪي خواب من اندر هئا، سي سڀ جو سڀ ”دل خوش فهم ڪي اميد“ وانگر سامهون اچي ويا آهن، پر هاڻي سنڌين جي وجود جي ڪري اسان انهن صاحبن جا اهڙا بيان دل تي نه کڻنداسين. اچو ته سوچيون ڪو اڳتي قدم! جڏهن ته ٻئي طرف ڪجهه نه ٿي سگهڻ ۽ سنڌ لاءِ ڪو مناسب خيال نه هجڻ ڪري هر دم اهو خيال سندن پاسو ورائي ٿو ته ”سنڌ واپس وڃن کان پوءِ ڪجهه نه ڪري سگهڻ جو آخر ڪهڙو جواب ڏبو؟“ اصل ۾ جمهوري حڪمراني ان بيچيني جو نالو آهي جيڪا حڪمران حصي ۾ لازمي طور هجڻ گهرجي ته ”ڪيئن“ ۽ ”ڪهڙي طريقي“ سان عوام جي خدمت ڪجي ته جيئن جمهوري نظام ۾ ماڻهن جو ويساهه پختو ٿئي. اهڙي بيچيني پيدا ٿيڻ ۽ پوءِ عملي طور نظر اچڻ جمهوري سرڪار جي فرضن ۾ شامل هجي ٿو. هن سانحي ۾ لکين انسان متاثر ٿيا آهن، انهن سمورن انسانن جي باري ۾ اسان سمورن کي پنهنجو پنهنجو رول يا ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اڳتي قدم ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ ۽ ڪٿان کان شروع ڪجي؟ جا ٻه سوال هن ٻوڏ سانحي سان لاڳو ڪري ان تي بحث ڪري سنڌ ۽ سنڌين جي مدد ڪرڻ گهرجي. اچو ته ان باري ۾ خيالن کي پيش ڪري سنڌ جي باري ۾ يا کڻي ايئن چئجي ته ”نئين سنڌ“ جي اڏاوت ۽ انهن جي ”ٿي سگهڻ“ جهڙين عملي شڪلين تي غور ڪريون.

    سنڌ جي معيشت:
    معيشت جا بنياد ڪارخانا، بئنڪ، زراعت ۽ انهن سان واڳيل پرڏيهي مٽا سٽا جا واپار هجن ٿا. عوام جي هڪ وڏي انگ پاران پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار وسيلي ناڻو موڪلڻ پڻ وڏو وسيلو هجي ٿو. ذڪر ڪيل انهن سمورن اسمن مان اسان جي حصي ۾ رڳو زراعت آهي. اسان جي واپار ۽ پرڏيهي روانگي ۽ آمدني واپار جي صورتحال ذڪر ڪرڻ جهڙي به ناهي. ان ڪري جيڪي به ”سنڌ، سنڌ“ ڪن ٿا، تن کي سنڌ جي اصل بنياد يعني معاشي سرگرمين ۽ معيشت“ جي باري ۾ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. اسان وٽ نه ڀارتي امباني جهڙا قومي سرمائيدار آهن، نه مستقل مزاج مڊل ڪلاس آهي، نه ڪي وڏا واپاري سيڙپڪار آهن. ”سنڌ بئنڪ“ ٺاهڻ جو اعلان خواب مثل آهي. ”مهراڻ بئنڪ“ سياسي لالچن ۾ تباهه ٿي چڪي آهي. ”سنڌ زميندار بئنڪ“ ۽ ”سنڌ ڪوآپريٽو بئنڪون“ ڪتابن جي آخري باب ۾ ياد طور لکيل آهن. ٿورڙي سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪجي ها ته به الاهي ڪم ٿي وڃن ها. اوهان کي ياد هوندو ته ”سنڌ بئنڪ“ ٺاهڻ جو ٻن سالن کان اعلان ڪيو ويو هو، ان جي ” فزيبلٽي رپورٽ“ ڪجهه خير خواهه بئنڪن مفت ۾ ٺاهي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي. سنڌ جي ناڻي واري کاتي اها رپورٽ ٺاهڻ لاءِ اڍائي ڪروڙن ۾ ٺيڪو ڏنو، نه نه رپورٽ ٺهي، نه بئنڪ، رڳو ان ڪمپني کي ائڊوانس جا پئسا ملي ويا. باقي پئسا رپورٽ پوري ٿيڻ کان پوءِ سرڪار ادا ڪندي سنڌ زرعي پيشي سان لاڳاپيل صوبو آهي. ٻوڏ جي ڪري اها زرعي معيشت نه رڳو لڙهي وئي آهي پر ان سانحي معاسي طور غربت جي ليڪي کان هيٺ رهندڙ لکين ماڻهن جي سڄي زندگيءَ جو هساب ڊانواڊول ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي شهر ڪراچي مان جيڪا به پيداوار ٿئي ٿي. اها گڻو ڪري ”گڏيل وفاقي گودڙي“ ۾ وڃي اتان ذرو ذرو ٿي سنڌ کي ملي ٿي. جنهن ڪري ترقيءَ جو سڄو حساب ڪتاب هيٺ مٿي ٿيندو رهي ٿو سو، سنڌ ايندڙ ورهين ۾ ڇا هوندي. ان باري ۾ ڪنهن وڏي الفا بيٽا جي گهرج ناهي. پر ان سڄي تباهي جي باوجود ڪي اهڙا ڪم ٿي سگهن ٿا. جيڪي ڪري سگهڻ جهڙا آهن. جيڪي ٿي سگهن ٿا ۽ جيڪي ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ نه هجڻ گهرجي . اهو سمجهڻ گهرجي ته هي سانحو ڪا ”رت جي ڪئنسر“ ناهي. جنهن ۾ سنڌ کي اوس مرڻو ئي آهي. هي هڪڙي ٽئين درجي جي ٽي بي ضرور آهي. جنهن جو لاڳيتو ۽ مناسب علاج ٿيڻ لاءِ رٿابندي جا ڪي ضروري ۽ معياري پاسا طئي ڪري ڇڏجن. جيڪا رٿابندي ٿئي. ان ۾ ڊگهي مدي واريون پاليسيون به جڙڻ گهرجن ته ننڍي مدي واريون پاليسيون به ٺهن.

    فيصلو ۽ ايڪشن ڪرڻ جو توازن:
    اوهان کي ٽي وي ڏسندي يا اخبار پڙهندي ڇا اها ڳالهه شدت سان محسوس نه ٿي ته جيڪڏهن فيصلو ڪرڻ ۽ ايڪشن ڪرڻ ۾ مناسبت ۽ توازن هجي ها ته ڇا سنڌ ۾ ايڏي تباهي اچي ها؟ جيڪڏهن هر تعلقي ۾ فيصلي ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ ۾ توازن هجي ها ته سنڌ جا ڪيئي شهر بچي وڃڄن ها. سڀ کان اڳ اڳونو ”ڪمشنري نظام“ بحال ڪري سنڌ ۾ هڪ ڪرو سسٽم پيدا ڪيو وڃي. ان سسٽم وسيلي ڪيئي ڳالهيون از خود حل ٿي وينديون. هڪڙو اهڙو سسٽم پيدا ٿي پوندو. جنهن ۾ ”فيصلو“ ۽ ”ايڪشن“ جهڙا مونجهاري جو شڪار ٻه مرحلا بنا دير حل ٿي ويندا. اها ڳالهه هيئن سمجهي سگهجي ٿي ته ”مشرف سسٽم“ ۾ پوليس کي لٺ يا گولي رکڻ ۽ هلائڻ جو اختيار مليل آهي. جنهن ڪري سول انتظاميه ڪنهن به موقعي يا واقعي تي هٿ ڇنڊي بيهي رهي ٿي پر اڳوڻي ڪمشنري نظام ۾ پوليس وٽ برابر هٿيار ته هجي ٿو پر ان جي هلائڻ جو اختيار يا ايڪشن کڻڻ جو حڪم سول انتظاميه ڏئي ٿي. محترمه جي قتل جي ڳالهه هجي يا سيالڪوٽ جا واقعا، اوهان کي سول انتظاميه نه رڳو بيخبر نظر ايندي پر اها رڳو پوليس تي ئي ڀاڙيندي نظر ايندي. ريلوي سسٽم کي ڏسو. ڊرائيور يل جي انجڻ تي ويٺل ته آهي پر اهو گارڊ جي جهنڊيءَ جو محتاج آهي. ان ڪري جيڪڏهن ”اجازت ۽ ايڪشن“ جو توازن ٺيڪ نه ڪيو ويو ته به مسئلا صحيح نموني حل نه ٿيندا.

    ٻوڏ ستايل ماڻهن جي بحالي جي پاليسي:
    سنڌ سرڪار نعري بازي ڪرڻ ۽ جذباتي ٿيڻ بدران جيڪي به عملي ڳالهيون ڪري سگهي. سي ضرور ڪرڻ گهرجن. اها ڳالهه طئي ڪرڻ گهرجي ته انساني روئي هيٺ لکين ماڻهن جون زندگيون بدلائڻ چاهيون ٿا. اهي لکين ماڻهو ڪنهن به معنيٰ ۾ ڪچي جي علائقن ۾ نه موڪلن گهرجن. جيڪي اڄ ڪئمپن ۾ آهن. انهن جي باري ۾ ماڊرن سوچ جي گهرج آهي. ان باري ۾ هيٺ پڙهندا ان جي عورتن کي ووڪيشنل يا هنري سکيا جي ادارن ۾ موڪليو وڃي. ملڪ اندر موجود اين جي اوز ۽ سهائتا ڪندڙ ادارن سان لهه وچڙ ۾ اچي سندن خدمتون وٺي. انهن سمورين عورتن کي سماجي طور سکيو ڪرڻ لاءِ سندن زندگي بدلائڻ جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن. مختلف ضلعن ۾ مختلف اين جي اوز ڪم ڪن. ٻارن کي اسڪولن ۾ موڪلڻ لاءِ جامع رٿابندي ٺاهي وڃي. مردن کي شهرن اندر ٿيندڙ هنر سيکاري انهن جي ”ڳوٺاڻي سوچ“ کي هنر ۽ اهليت سان ”شهري سوچ“ ۾ بدلائڻ گهرجي. اهڙا هنر مزدوري، ڊکاڻڪي، لوهارڪي، ڊرائيواري، سيڪيورٽي گارڊ درزي، بورچي، بيراگيري ۽ ٻيا ٿي سگهن ٿا. روزگار جي باري ۾ جامع پاليسي هن نموني سوچي سگهجي ٿي (1) جوان ۽ باهمت مردن کي فوج ۾ هنگامي طور داخل ڪرائڻ لاءِ فوج سان ڳالهائڻ (2) سنڌ پوليس ۾ سمورن ضلعن جون ڪوٽائون انهن 15 ضلعن جي عوام لاءِ مخصوص ڪرڻ (3) بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ هيٺ نوجوانن کي هنري سکيا ڏيڻ (4) ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ملٽي نيشنل ڪارپوريشنس، نجي ادارن، تيل ڪمپنين ۾ ٻوڏ ستايلن جا ماڻهو اوليت جي بنياد تي کڻڻ.

    ٻوڏ هيٺ آيل پڪن علائقن جي تعمير ۽ مرمت جي رٿابندي
    جيڪي شهر نوان ٿي سگهن ٿا، اتي جي عوام سان گڏجي ماڊرن شهر ٺاهڻ ۽ شهرن جي اندر واپاري ۽ رهائشي ماسٽر پلاننگ سڌي، سهڻي ۽ عالمي پيماني جي هجڻ گهرجي. انهن شهرن جي اڏاوت جو خاڪو تيار ڪري اتي هڪ رفتار سان ڪم ڪري سگهجي ٿو.
    هن سڄي سانحي کان پوءِ سڀ کان ڏکيو ۽ سڀ کان وڏو ڪم آهي سنڌو درياءَ کي بچائڻ ۽ ان مان لاڀ حاصل ڪرڻ، ان ۾ وري سڀ کان ڏکيو ڪم آهي ڪچو خالي ڪرائڻ جڏهن قانون هوندو آهي ته اهو ڪمپيوٽر جي سافٽ ويئر وانگر پنهنجون حدون ٺاهي ڇڏيندو آهي. ان ڪري ان قانون ۾ ڪچي تي قبضي ڪرڻ جي ڪا به اجازت هجڻ ئي نه گهرجي. اجازت نه هوندي ته ڪو به آفيسر ان باري ۾ قانون جي سهاري هيٺ جواب ڏيڻ جي پوزيشن ۾ هوندو. سنڌ م ڌاڙيلن جي هجڻ جي آڙ ۾ 20 لک ايڪڙن تي بيٺل ٻيلن ۾ موجود ڪروڙين وڻن کي گذريل ڏينهن ورهين ۾ ڪاٽيو، ڪپيو ۽ وڪرو ڪيو ويو آهي.
    ڪيوبا، ڀارتي بنگال، لبنان وغيره ۾ موجود سسٽم جي سکيا حاصل ڪري ڪنهن به آفت سان منهن ڏيڻ لاءِ قومي بنيادن تي ٽريننگ شروع ڪرائي وڃي. جيئن ڀٽي صاحب جي دور ۾ ”قومي رضاڪار“ واسطي اسڪائوٽ ٽريننگ لازمي هئي. چون ٿا ته بنگال جي ڪميونسٽ سٽم ۾ شهر ڪلڪتي ۽ ٻين ۾ جهڙ مٿان بيٺو يا طوفان منهن ڪڍيو ته اتان جا رضاڪار ڪنهن ميونسپل جو آرڊر نه وٺندا. اهي خودڪار طريقي سان ڪم شروع ڪري ڇڏيندا. کين ڪهڙي آفت سان ڪيئن مهن ڏجي. اهو هنر اچي ٿو ان ڪري سنڌ کي ”گدڙ جي شڪار لاءِ تياري شينهن جي ڪرڻ“ گهرجي جيئن هي ٻوڏ سمورن ماهرن جي نظر ۾ هڪ گدڙ مثل هئي. پر اوچتو شينهن اچي ويو سڀ اتي جو اتي ويهجي ويا.
    ايريگيشن جي ناقص پاليسي ۽ سزائن جي مقري لاءِ جاچ ڪميشن
    پاڪستان ۽ صوبائي ليول تي ايريگيشن کاتي جي غفلتن، ڪرپشن، لاپرواهين جي باري ۾ اڀياس ڪرڻ گهرجي. ان کاتي ۾ جيڪي فنڊ مشينري وٺن ۽ بندن جي مرمت ۽ سنڀال لاءِ بجيٽ ڪيا ويا، جيترا کاتي کي مليا. جيترا کاٽي استعمال ڪيا انهن جو حساب قوم کي ٻڌايو وڃي. جيڪڏهن ان مد ۾ ڪا به رقم ئي نه رکي وئي آهي. پوءِ ته کاتي تي ڪنهن به ڏوهه جي گنجائش ئي نٿي بچي. پر جيڪڏهن پيسا به مليا ڪم به نه ٿيو ته ويهن سالن جو حساب سمورن آفيسرن ۽ وزيرن کان ورتو وڃي. ٽوڙي بند کان ويندي سمورن بندن بابت جتي به ٽيڪنيڪي فيصلن بدران ”پاڻ بچائڻ“ وارا فيصلا ڪيا ويا آهن. تن جي باري ۾ بنا دير عدالتي ڪميشن ويهاري انهن سمورن بااثر ماڻهن، سياسي ۽ غير سياسي ڌرين جي باري ۾ عوام کي ڄاڻ ڏني وڃي. عوام کي اڻڄاڻ رکڻ رڳو ڏوهه ئي ناهي. پر مونجهارا وڌائڻ جو اوزار پڻ آهي. جيڪي به ڌريون، ماڻهو، سياسي ۽ غير سياسي بااثر ملوث هجن. تن کي عدالت وسيلي ويهن ورهين لاءِ سياست، ملازمت ۽ سماجي حيثيت کان آجو ڪجي. اهو ڏوهه ”ون يونٽ جي غداري جهڙو ۽ ماڊرن دور ۾ ان کان وڏو ڏوهه آهي ان ڪري سرڪار پنهنجا ۽ تاريخ جا پاند آجا ڪرڻ لاءِ اهو فيصلو هاڻي ئي ڪرائي ڇڏي. جن آفيسر غفلتون ڪيون آهن اهڙن آفيسرن جي لسٽ ٺاهي انهن کي سزا طور اول هڪ عهدو پوئتي ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڏوهه وڏو هجي ته انهن کي سخت ترين سزائون ڏنيون وڃن.
    انهن سمورن مردن، عورتن ٻارن ۽ ٻڍن جا نالا سنڌ جي تاريخ ۾ ياد رکي وڃن جن جي محنت ۽ قرباني سان سنڌ تمام وڏين تباهين کان وري به بچي سگهي. ڪيئي علاائقا موت کان بچي ويا. اهڙن ماڻهن جي باري ۾ بنا دير هڪ سبق سنڌ جي سمورن درجن ۽ سمورين ٻولين ۾ تيا رڪري شامل ڪيو وڃي. سبقن کان ٻاهر اهي ادارا ۽ اين جي اوز به ياد رکيا وڃن. جن جي ڪري ٻوڏ سٽيلن جي سهائتا جا نوان مثال قائم ٿيا. شاهه لطيف سکن کي ڏکن کان جدا نه ٿو ڪري. بلڪه اهڙا سک ڏکن مٿان گهوري ڇڏي ٿو، سمورا صاف سٿرا گل ۽ وڏا ماڻهو ڪي صاف سٿرن ماحولن ۾ پيدا نه ٿيندا آهن. آمريڪا هجي يا آفريقا، لئٽن آمريڪا جا ملڪ هجن يا جاپان، چين هجي يا روس، ويٽنام هجي يا ڪيوبا، ايران هجي يا ترڪي انهن سمورن ملڪن ۽ انهن جي قومن جيڪي تڪليفن مان پار پوڻ جا مثال قائم ڪيا آهن. تن مٿان سڄي دنيا ۾ هزارين ڪتاب لکيل ۽ سوين فلمن ٺهيل آهن. سوا ارب انسانن جي ٻوڏ جو قافلو پالڻ ۽ دنيا جو معاشي ليڊر ٿيڻ رڳو چين جي نصيب ۾ اچي سگهيو آهي. اڄ آمريڪا به ان چين جو قرضي آهي. ائٽم بمن ۾ ڀسم ٿيڻ کان پوءِ خاڪ مٿان نئون جهان ٺاهڻ جو معجزو جپان جنهن نموني ڪري ڏيکاريو آهي. جو اڃا تائين دنيا جي انسانن جون آڱريون انهن ڏندن مان نڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن.


    سنڌ جو آئيندو- سکر بئراج….اختصار ۽ ترجمو- عبدالقادر جوڻيجو

    برطانوي حڪومت جي حڪم تي اي اي مسٽو هيءَ رپورٽ 1921ع ۾ ٺاهي. انهيءَ کان ڳچ پوءِ سال 1933ع ۾ اها رپورٽ ڪتابي صورت ۾ ٽائيمز پريس نامي وارن ڇپائي پڌري ڪئي. جيئن ته اها رپورٽ ڊگهي، تفصيلي ۽ ٿڪائيندڙ آهي. انهيءَ ڪري هتي انهيءَ رپورٽ جو اختصار پيش ڪجي ٿو

    زندگي ۽ موت جو مسئلو:
    سکر بئراج جي مقصد ۽ دائره ڪار کي سمجهڻ لاءِ اسان کي اتان جي ملڪ، ماڻهن ۽ صدين کان جاري رهندڙ آبپاشيءَ جي ڪمين پيشين کي سمجهڻو پوندو. سنڌ اولهه ۽ اتر طرف کان کير ٿر جبل جي ڊگهي سلسلي، ڏکڻ طرفان سمنڊ ۽ رڻ ڪڇ ۽ اوڀر طرف کان ٿر جي اواريءَ ۾ گهيريل آهي. جيڪي سنڌ تي نامهربان آهن، پر سنڌ جي وچ مان وهندڙ سنڌو درياهه سنڌ جو مهربان آهي. تنهن کان علاوه سنڌو درياهه جا ڦاٽ، نارو درياهه، پڃاري ڍنڍ، ڦليلي ڍنڍ ۽ گهاڙ ڍنڍ به موجود آهن. جن کي اڳتي هلي ڪئنالن جو روپ ڏنو ويو. صدين کان وٺي سنڌو درياهه پنهنجين فطري ٻنڌين مان نڪري مٿان آندل لٽاشو اڇلائيندو رهيو آهي. تنهن ڪري سنڌ جون زمينون پوک جي حساب سان امير آهن. سنڌ جي ڪل ايراضي ذري گهٽ انگلينڊ جيتري آهي. انهيءَ ايراضي 47 هزار چورس ميل مان اڌ ايراضي تي جبلن، ٽڪرين ڀورڙ دڙن ۽ واريءَءُ هيٺان اچي وڃي ٿي. باقي ڏيڍ ڪروڙ ايڪڙ زمين پوک لائق آهي. 1921ع ۾ ڪيل آدمسماريءَ موجب سنڌ جي ڪل آبادي 32 لک 79 هزار 3 سئو 77 آهي. جنهن مان 75 سيڪڙو مسلمان ۽ 25 سيڪڙو هندو آهن. انهيءَ آباديءَ جي 40 سيڪڙو ماڻهن جو گذر سفر ٻني ٻارو آهي. ڳچ حصو مالوند ماڻهن جو آهي ۽ باقي ماڻهو ٻي ڌنڌا ڪندا آهن. سنڌ جو وڏي ۾ وڏو مسئلو پڻي آهي. جو سنڌ ۾ سراسري هر سال ساڍا پنج انچ مينهن پوندو آهي. 16-1915ع ۾ گهٽ مينهن پوڻ جي ڪري ڏڪار پيو هو. جڏهن ته 18-1917ع ۾ گهاٽو مينهن پوڻ جي ڪري ٻوڏ آئي هئي. سنڌ جو ماڻهو انهيءَ تلاش ۾ سرگردان رهيو ته پڻيءَ جي حاصلات لاءِ سنڌو درياهه مان ڪم ڪڍجي، وسڪاري جي مند ۾ جڏهن درياهه 20 فوٽن کان به مٿي چاڙهه کائيندو هو ته ٻوڏ ايندي هئي. باقي سياري ۾ درياهه ماٺو ٿي رهندو هو ۽ بنا گوڙ جي سمنڊ ۾ وڃي ڪرندو هو. مسيپي درياهه وانگر سنڌو درياهه جي ٻنهي پاسان موجود زمين لهانديءَ تي آهي. انهيءَ ڪري جڏهن به ٻوڏ ايندي آهي ته ٻنهي پاسان ساٺيڪو ميلن تائين پاڻي ٻوڙ ٻوڙان ڪندو آهي. جيستائين ڪار رڪاوٽ نه اچي، درياهه جو پيٽ اڌ ميل کان وٺي 5 ميلن تائين ويڪرو آهي ۽ درياهه جي ٻنهي ڪپرن تي ڪنڊ وارا ٻيلا آهن. جيڪڏهن ڊگهيءَ نظر کان ڪم وٺبو ته ڪئنال سسٽم ٺاهي سنڌ جي زرخيز زمينن تائين پاڻي پهچائي سگهجي ٿو. خود درياهه جي لهاندي پنجاب ۾ في ميل هڪ فوٽ، جڏهن ته سنڌ ۾ سمنڊ وٽ چئن ميلن ۾ هڪ فوٽ آهي. جيڪڏهن سراسري ٻڌجي ته سڄيءَ سنڌ ۾ ها لهاندي في ميل اڌ فوٽ بڻبي. انهيءَ ڪري ڪئنال کوٽڻ وقت اهو خيال رکڻو پوندو ته ڪئنالن جو رخ ترڇو ڪرڻو پوندو. ائين جيئن ڍرڪيل ٻانهون هونديون آهن. سوين سالن کان وٺي سنڌي جن ڪڙين تي پوک ڪندا اچن. اهي ڪڙيا به ائين ٺهيل آهن اونهاري جي مند ۾ سنڌي ماڻهو ڪڙين مان سڌي طرح پاڻي کڻي پوک ڪندا هئا. جڏهن ته سياري جي مند ۾ پاڻي گهٽ ٿي ويندو هو ته سنڌي ايرانين وارو طريقو استعمال ڪندي هلرن ۽ نارن جي ذريعي ڪسين مان پاڻي مٿي ڪڍي پوک ڪندا هئا. جڏهن سکر وٽ درياهه جي پاڻيءَ جي ليول ٻارهن فوٽ يا مٿي هوندي هئي. تڏهن ڪڙين ۾ ڀرتو پاڻي هوندو هو ۽ ڪڙين جي ڪنارن سان پيو لڳندو هو. جيڪو 15 جون کان 15 سيپٽمبر تائين هلندو هو.
    ڪڙين ۾ هڪڙي ته اها خرابي هئي جو هاري ۽ سندس ڍڳن جي جوڙي صرف چئن مهينن لاءِ ڪم ۾ رڌل هوندا هئا ۽ باقي اٺ مهينا هٿ هٿ تي رکي واندا ويٺا هوندا هئا. ٻيو اهو ته جڏهن درياهه ۾ گهٽ پاڻي ايندو هو ته ڏڪار جهڙي صورتحال بڻجي ويندي هئي. ٽيون اهو ته ڪڙين جي پاڻيءَ جي پهچ تمام گهٽ ايراضيءَ تائين هوندي هئي. چوٿون اهو ته ڪڙين ۾ جيڪو پاڻي ايندو هو، اهو سڄو جو سڄو پاڻي منڍ جا زميندار کڻي ويندا هئا. پنجون اهو ته جڏهن درياهه ۾ بنهين گهڻو پاڻي اچي ويندو هو ته ڪڙيا پاڻيءَ جي دٻ جهلي نه سگهندا هئا ۽ ٻوڏ اچي ويندي هئي. ڇهون اهو ته ڪڙين جي پاڻي ڳچ مقدار ۾ ضايع ٿي ويندو هو. اهي حالتون اهڙيون هيون جن جي ڪري سڄي سنڌ جي زراعت جوا جي راند بڻجي چڪي هئي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ڪئنال سٽم جي رٿابندي ڪئي ويئي انهيءَ رٿابنديءَ تحت اهو فيصلو ڪيو ويو ته سکر روهڙي جي پٽڙين وٽ ٺاهجي. جو اتي سڄيءَ سنڌ کان درياهه مٿانهون به آهي ۽ سوڙهو به آهي. تنهن کان علاوه اهو ويچار به موجود هو ته انهيءَ هنڌان جيڪي ڪئنال ڪڍبا، انهن جي ڊيگهه به وڌيڪ هوندي ۽ ڪئنالن جو وهڪرو به تکو هوندو. انهن ڪئنالن مان جيڪو پاڻي نڪرندو. انهيءَ جي ذريعي وسيع ايراضي تي پوک پوکي سگهبي ۽ جتي اڳي ڪڏهن به پوک ٿي نه سگهندي هئي. اتي به ٿي ويندي. اها به رٿا جوڙي ويئي ته جيڪي اڳ ۾ ڪڙيا هئا. انهن کي به ڪئنالن ۾ تبديل ڪيو ويندو انهن نون ڪئنالن جي اونهائي ايتري هوندي جو سياري جي مند ۾ لٿل درياهه مان به پاڻي کڻي سگهندا انهيءَ کان علاوه ڪن ڪئنالن کي نارو درياهه جي وهڪري سان به ڳنڍي سگهبو ڪئنالن جي انهيءَ رٿا تي عمل ڪرڻ کان پوءِ جا خطرا ته موجود هوندا پر انهن خطرن کي هاڪاري خطرن ۽ نقصانن ۾ تبديل ڪرڻ جي گنجائش موجد هوندي. ائين خطرن کي ٽاري جيڪڏهن ڪئنالن جو نظام ٺاهيو ويندو ته هن ملڪ کي وڏو فائدو رسندو. اها ڳڻ ڳوت ڪري سکر بئراج جي رٿا بامبي سرڪار هٿ ۾ کڻي چڪي آهي. منهنجي خيال ۾ انهيءَ رٿا جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ زراعت چوٽ تي چڙهي ويندي ۽ پوءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو نه رهندو.

    رٿا جي مختصر تاريخ:
    1842ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ 1843ع ۾ گڏيل طور تي ڪئنال ۽ ٻيلو کاتو وجود ۾ آيو. انهيءَ کاتي جي سربراهه ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ 47-1846ع ۾ سنڌ جي سروي ڪري رپورٽ ٺاهي. جنهن ۾ هن اڳ ۾ ئي موجود ڪڙين جي نظام ۽ نتيجي ۾ ٿيندڙ پوک جو جائزو وپٺي اها راءِ ڏني ته ڪڙين کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن پنهنجي رپورٽ ۾ وڌيڪ اهو ڄاڻايو ته دنيا جي اڪثر درياهن تي ڊيم ٺاهي ۽ ڊيمن ۾ پاڻي ذخيرو ڪري پوءِ اتان ڪئنال کوٽي زمينن تائين پاڻي پهچايو ويندو آهي. اهڙا ڊيم صرف مٿانهين پٿرائين هنڌ تي ٺاهيا ويندا آهن. سنڌ ۾ صرف سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ اهڙو هنڌ آهي. پر سنڌو درياهه هڪ ڇتو درياهه آهي جنهن تي جيڪڏهن ڪٿي به ڊيم ٺاهيو ويو ته سنڌو درياهه ڪنهن به مٿانهين هنڌ وٽان اٿل کائي پنهنجو رخ بدلائي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري سنڌو درياهه تي ڊيم ٺاهڻ جي بدران اڳ ۾ ئي موجود ڪڙين جي نظام ۾ سڌارا ۽ واڌارا آندا وڃن ته جيئن درياهه پنهنجي اصلي رخ ڏانهن وهندو رهي ۽ ڪا گڙٻڙ نه ڪري. پر ليفٽيننٽ ڪرنل والٽر اسڪاٽ جي موڪليل تجويز جو ڪو کڙتيل ڪو نه نڪتو، مورڳو 1849ع ۾ اهو کاتو ئي ختم ڪيو ويو ٻه ٽي سال رکي وري ساڳيو کاتو ڪجهه تبديلين سان وجود ۾ آيو. جنهن جو سربراهه ليفٽيننٽ فائيف کي مقرر ڪيو ويو. 1985ع ۾ فائيف اڳ ۾ ئي ٺهيل رپورٽ جي آڌار تي نئين رپورٽ ٺاهي سنڌ سرڪار اڳيان رکي جنهن ۾ هن والٽر اسڪاٽ وانگر ڊيم ٺاهڻ جي تجويز کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ رد ڪيو هن ڊيم کي رد ڪرڻ جو مثال به ڏنو ته جيئن مصر ۾ درياهه جو پيٽ وارياسو هئڻ جي ڪري ڊيم ٺاهي نٿو سگهجي. ائين سنڌو درياهه تي به ڊيم ٺاهڻ خطرناڪ ثابت ٿيندو. انهيءَ کان علاوه فائيف ڪڙين جي پراڻي نظام کي ختم ڪري ڪئنالن جو نئون نظام ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي 56 عدد نوان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ گذارش ڪئي. جيڪي هن ريت هئا. (1) درياهه جي ساڄي ڪپ تي سکر کان وٺي سيوهڻ تائين هڪ وڏو ڪئنال کوٽيو وڃي. جيڪو انهيءَ پاسي جي زمينن کي آباد ڪري (2) درياهه جي ساڄي ڪپ تي سکر وٽان هڪ ٻيو ڪئنال کوٽيو وڃي. جيڪو پهرئين ڪوٽڙي ۽ پوءِ جهرڪ ۽ تنهان پوءِ سمنڊ تائين موجود زمينن کي آباد ڪري سگهي (4) درياهه جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ وٽان هڪ ويڪرو ۽ ڊگهو ڪئنال کوٽيو وڃي. جيڪو پهرئين سانگهڙ ۽ پوءِ ويندي جهڏي تائين زمينون آباد ڪري سگهي. (4) درياهه جي کاٻي ڪپ تي روهڙيءَ وٽان هڪ ٻيو ڪئنال کوٽيو وڃي. جيڪو حيدرآٻاد تائين زمينون آباد ڪري سگهي (5) درياهه جي کاٻي ڪپ تي حيدرآباد وٽان به هڪ ڪئنال کوٽيو وڃي. جيڪو حيدرآباد کان جهرڪ جي سامهون ٻئي ڪپر تائين زمينون آباد ڪري سگهي (6) درياهه جي کاٻي ڪپ تي جهرڪ جي سامهون هڪ ڪئنال کوٽيو وڃي، جيڪو سمنڊ تائين زمينون آباد ڪري.
    ليفٽيننٽ فائيف رڳو روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين کوٽجندڙ ڪئنال جي خرچ جو ڪاٿو 26 لک رپيا لڳايو. سو به اهڙي ڪئنال جو جيڪو 2200 ڪيوسڪ پاڻي کڻي سگهي. پنهنجيءَ رپورٽ ۾ هن اهو به چاڻايو ته پهرئين پهرئين اهو ئي ڪئنال کوٽيو وڃي. ڇاڪاڻ ته انهيءَ ڪئنال ٺهڻ کان پوءِ ئي ڪاميابيءَ جو اندازو لڳائي سگهبو ته سنڌ جي املهه زمين ڪيتري حد تائين اپت ڏيئي سگهي ٿي. اها رٿا بامبي سرڪار فائيف کي واپس موڪلي ڏني ته هو انهيءَ تي نظرثاني ڪري. فائيف انهيءَ رٿا تي نظرثاني ڪري 1859ع ۾ واپس بامبي سرڪار کي موڪلي ڏني. پر اها رٿا 1867ع تائين سرد خاني جو سڪار ٿي ويئي 1868ع ۾ فائيف جي ڪرسي سنڀاليندڙ کاتي جي نئين سربراهه ڪئپٽن لي ميزيوريئر ساڳئي رٿا مٿي موڪلي ڏني. پر وري به بامبئي سرڪار اها اڙي هنئي ته رٿا تي نظرثاني ڪئي وڃي. 1869ع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ اهو حڪم جاري ڪيو ته سنڌ جي آبپاشي کي بهتر بنائڻ، ڪڙين جي نظام جي بهتري ۽ روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين ڪئنال ڪڍڻ جي سلسلي ۾ کيس آگاهي ڏني وڃي ته بنا ڪنهن دير جي لي ميوزيوريئر اها رٿا ٺاهي ساڳئي سال مٿي موڪلي ڏني. پر سنڌ جي ڪمشنر انهيءَ رٿا تي اختلافي نوٽ هڻي اها رپورٽ مٿي موڪلي ڏني ۽ ائين سڄو قصو ررڪجي ويو. 1871ع ۾ انڊيا سرڪار بابمبي سرڪار کي حڪم ڏنو ته ڪڙين کي سڌارڻ لاءِ تجويزون موڪليون وڃن. 1872ع ۾ انڊيا جو وائسراءِ لارڊ نارٿ بروڪ سنڌ جي دوري تي آيو ۽ حڪم ڏنائين ته روهڙي ڪئنال جي ٻئي رٿا کي ختم ڪري رڳو جمڙائو ڪئنال جي رٿا ختيار ڪئي وڃي. انهيءَ کان پوءِ پهرئين 1877ع ۾ ئي پوءِ 1880ٿع ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ وري سنڌ ۾ آبپاشي جي نطام کي درست ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته ڪنهن به صورت ۾ اهو ڪم ڪيو وڃي. 1881ع ۾ بامبي سرڪار سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي رپورٽ موڪليندي اها گذارش ڪئي ته جيتوڻيڪ درياهه جي ٻنهي پاسن تي موجود اصلي ڪڙين کي ڪئنالن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. پر انهيءَ کان بهتر اهو ٿيندو ته پهرئين سنڌو درياهه مان روهڙي ڪئنال ۽ اوڀر ناري وٽان جمڙائو ڪئنال جو ڪم هٿ ۾ کنيو وڃي. پر پوءِ به اهو مسئلو 1890ع تائين ٽنگيو رهيو، تان جو ساڳئي سال بامبئي سرڪار جي گورنر لارڊر ري ڇا ڪيو جو ليفٽيننٽ فائيف جي ٺاهيل پراڻي رٿا جي حق ۾ نوٽ هڻي کاتي کان پڇاڻو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1892ع ۾ سنڌ جي ڪمشنر سرايوان جيمس جي سربراهيءَ ۾ ڪميٽي ٺاهي ويئي. جنهن وري اها رپورٽ ڏني ته روهڙي ڪئنال جي ڪا ضرورت ناهي. ڇاڪاڻ جو اها رٿا مهانگي پوندي. تنهن ڪري جمڙائو ڪئنال کي وڌائي اوڀر نارو جي سسٽم سان گڏي پوءِ هيٺ ڏانهن (ڏکڻ ڏانهن) کوٽائي ڪئي وڃي. انهيءَ ڪميٽي درياهه جي ساڄي ڪپ تي به ڌيان نه ڏنو، بامبي سرڪار اها تجويز مڃي. انهيءَ جي حق ۾ نوٽ هڻي انڊيا سرڪار ڏانهن موڪلي ڏني. جيڪا فائيلن جو کاڄ بڻجي وئي.
    1901ع کان 1903ع تائين انڊين ايريگيشن ڪميٽي انهيءَ نتيجي تي پهتي ته ليفٽيننٽ فائيف جي رٿا موجب سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ بئراج ٺاهي وڃي ۽ اهي ئي ڪئنال کوٽيا وڃن جيڪي فائيف پنهنجي رپورٽ ۾ لکيا آهن. اها رٿا عمل جوڳي ته آهي پر تمام ضروري ناهي، تنهن ڪري بئراج ٺاهڻ لاءِ ڪو ٻيو به هنڌ چونڊي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ تحقيقات جي ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. تحقيقات لاءِ ڊاڪٽر سمرس تي بار رکيو ويو، جيڪو انهيءَ وقت انڊس ليفٽ بئنڪ جو ايس اي هو، ڊاڪٽر سمرس سڄي سنڌ کي هنڌان هنڌان جانچي ڏٺو ۽ 1904ع ۾ اها رپورٽ ڏنائين ته سکر ۽ روهڙيءَ جي پٽڙين وٽ ئي بئراج ٺاهي درياهه جي ٻنهي پاسن کان ڪئنال کوٽي سگهجن ٿا. مارچ 1906ع ۾ گورنمينٽ کيس اها به حمايت ڏني ته حيدرآباد وٽان به درياهه جي کاٻي پاسي کان ڪئنال ڪڍي رهيل زمين به آباد ڪري سگهجي ٿي ۽ 1906ع ۾ ئي پڀبامبيئسر اڪر ڊاڪٽر سمرس جون تجويزون انڊيا سرڪار جي خدمت ۾ پيش ڪيون. جنهن ۾ خرچ جو ڪاٿو به لڳايل هو. ڊاڪٽر سرمس جي رپورٽ م چار نڪتا ڏنل هئا. جيڪي هن ريت هئا. (1) سکر وٽ بئراج ٺاهي وڃي. جتان پاڻي وڃي ڪئنالن ۾ پوي (2) اوڀر نارو جي سسٽم کي به سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڪئنالن سان ڳنڍيو وڃي (3) روهڙيءَ کان حيدرآٻاد تائين ڪئنال ڪڍيو وڃي (4) سکر وٽان درياهه جي ساڄي ڪپ تي به ڪئنال ڪڍيو وڃي.
    ڊسمبر 1906ع ۾ انڊيا سرڪار بامبي سرڪار جي انهيءَ رٿا کي ٿوريءَ ڦير گهير سان منظور ڪيو ۽ جنروي 1907ع ۾ بامبي سرڪار سنڌ جي آبپاشي کاتي کي حڪم جاري ڪيو ته سکر بئراج ۽ روهڙي ڪئنال جي رٿائن تي ڪم شروع ڪيو وڃي. پر فيبروري 1907ع ۾ بامبي سرڪار وري اهو حڪم به جاري ڪيو ته سکر وٽان درياهه جي ساڄي ڪپ تي ڪئنال ڪڍڻ ۽ کاٻي ڪپ تي موجود اوڀر نارو جي سسٽم کي بئريج سان ڳنڍڻ جي سلسلي ۾ خرچ جو ڪاٿو لڳائي موڪليو وڃي. مارچ 1909ع ۾ گورنر سرڪلئرڪ جي طرفان انڊر سيڪريٽري پبلڪ ورڪس ڊاڪٽر سمرس کي حاڪماڻو خط لکندي حڪم موڪليو ته گورنر صحب سندس جوڙيل رٿا جي ڪجهه اسمن کي ڇڏي ڪري متاثر ته ٿيو آهي. پر سکر بئراج ٺاهڻ کان اڳ ۾ روهڙي ڪئنال جوڙيو وڃي. اهو گورنر صاحب جو حڪم سمجهيو وڃي. انهيءَ حڪم جو جواب ڏيندي ڊاڪٽر سمرس اها گذارش ڪئي ته هو چئن سالن کان اهو عرض ڪندو پيو اچي ته پهرئين بئراج جوڙي پوءِ اتان درياهه جي ساڄي توڙي کاٻي پاسي ڪئنال کوٽي ڪڍيا وڃن. پر تنهن هوندي به روهڙيءَ کان حيدرآباد تائين ڪئنال پهرئين کوٽيو ويندو. جڏهن ته بئراج تمام ضروري آهي. جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.


    سنڌ کي مليل نياپو….نثار کوکر

    ان ڏينهن سکر جي ايم ڪي هاءِ اسڪول ۾ قائم ٻوڏ متاثرين جي ڪيمپ مان عورتن ۽ مردن جا انٽرويوز ڪري ٻاهر نڪري رهيو هئس ته هڪ اٺن سالن جو ٻارڙو پويان لڳو آيو. هن منهنجي ٻرانگهن سان ڊوڙندي پنهنجي رفتار هلائي ۽ نماڻيون اکيون کڻي چيائين. ”مان به ڳالهائيندس“ مون کي ٿورڙو تجسس ۽ هن جي معصوميت تي پيار آيو، پڇيومانس ”ڇا ڳالهائيندئين“ شرمائي چپ ٿي ويو. اسڪول ۾ قائم ڪيمپ مان نڪري ذري گهٽ در تي اچي پهتو هئس. ننڍڙي جي مٿي جي وارن تي آڱريون ڦيري پڇيم، ”نالو ڇاهي بابا؟“ وراڻيائين. منصب علي سومرو، ” ڪٿان آيو آهين منصب علي؟“ وراڻيائين. ٺل کان منصب جي اکين ۾ اڻ تڻ ڏسي مون سوچيو هو شايد عورتن ۽ مردن جي هجوم کان گهٻرايل هو ۽ اڪيلي سر پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ پيو چاهي. منصصب جي پتڪڙي قد سان پنهنجو قد ملائڻ خاطر مان گوڏن ڀر هيٺ ويهي رهيس. ريڊيو جي مائيڪ هن اڳيان ڪندي صحافين وارو تڪڙو تعارفي سوال ڪيم. جي منصب ڇا مسئلو آهي تنهنجو پراڻو پر صاف سٿرو پهرياڻ پاتل معصوم منصب هيڏي هوڏي ڏسي چيو. مرچائي چانور مختصر جواب ۾ ڳالهه نه سمجهي سگهيس ته وري پڇيومانس ته ”جي؟ هاڻي منصب تفصيل ٻڌائڻ لڳو.”ڪمپ تي اسان کي رڳو مرچائي چانور ٿا ڏين. روزو به ان سان ٿا رکون ۽ کوليون. اسان جو هانءُ سري ٿو. هنن کي چئو ته اڇا چانور ڏين هن کان پڇيم اڇا چانور ڇا سان کائيندين؟ منصب کلندي ٺهه پهه وراڻيو کير سان هاڻي منصب جو اهو مسئلو ڪير سمجهي. سرڪار پاران ٺيڪي ۾ مليل ديڳين کي گرم مصالحن وارا بورچي تيار ته ڪن ٿا پر سرڪار به کين اهڙا حڪم ڏيئي ٿي ته برياني پچايو ٻوڏ ۾ لڏ پلاڻ ٻهراڙي ۽ ڪچي جي انهن لکين ماڻهن ڪئي آهي. جن جي سالن کان ”ڊنر“ کير ۽ اڇا چانور رهي آهي. ان ۾ وڌيڪ لذت اها ڳڙ واري مٺائي پيدا ڪندي آهي. جيڪا اهي ماڻهو شوق سان اڇن چانورن (ڀت) جي پليٽ تي وجهي ان مٿان کير هاري گڏائي جو کائي سمهن ٿا ته هنن جو هانءُ به بقول منصب جي ٺريل رهي ٿو. پر هو دربدري واري حالت ۾ ويهن ٽيهن ڏينهن کان برياني يا مرچن وارا چانور کائي کائي اصل رت ٿي پيا آهن.
    ٻوڏ متاثر علائقن جي چڪر دوران ڪجهه اهڙا به منظر ڏسڻ لاءِ مليا. جيڪي شايد اکيون ڏسڻ نه چاهين ها. ٻٻرلوءِ باءِ پاس واري باغيچي ۾ هڪ خاندان خانه بدوشن وانگر ڪاٺين ۽ کٽن جي سهاري رليون ٽنگي مٿي تي ڇانوَ ڪري ويٺل هو. ان رلين واري ”خيمي“ اندر ٽي عورتون ويٺل هيون. جڏهن منهنجي نظر انهن تي پئي ته ان مان هڪ عورت کي قميص يا چولو پاتل ڪو نه هو، مون غير يقني واري حالت ۾ اکيون ٻوٽي ڪجهه سڪنڊن کان پوءِ گاڏيءَ جي شيشي مان وري ڏٺو ته اها ساڳي عورت هڪ ڌوتل قميص يا چولو پائي چڪي هئي ۽ وارن ۾ وهنجڻ کان پوءِ واري ڦڻي ڏئي رهي هئي. اهي عورتون گرمي جي شدت کان بيزار ٿي سهولتن جي کوٽ سبب عام چوراهن تي لڳل جر وارن نلڪن هيٺان ڪپڙن سميت تڙ ڪن ٿيون. جنهن کان پوءِ هڪٻئي جي اوٽ ۾ ويهي ڪپڙا تبديل ڪن ٿيون. ڪو وقت منهنجو غير يقيني ۽ حيرانيءَ ۾ گذريو ته وقت ڪيڏا نه حادثا ڪري ٿو. نه ته هي انهن علائقن م قبيلن جون عورتون آهن. جن ڏانهن اشارو ڪرڻ يا ڏسڻ تي به ڪاروڪاريءَ جا الزام لڳن ٿا ۽ خوني جهيڙا ٿيندا رهن ٿا.
    ٻٻرلوءِ باءِ پاس ڀرسان سرڪاري اسڪول ۾ ترسيل ماڻهن کان حال احوال وٺن دوران ٻاهر روڊ ڪناري ويٺل ماڻهن جو به هجوم اچي گڏ ٿيو. ان هجوم اهي دانهون ڪيون ته امدادي سامان صرف سرڪاري ڪيمپن ۾ ويٺل ماڻهن کي ٿو ملي. ان هجوم ۾ شامل هڪ عورت دانهون ڪري سڀني کي پاسيرو ڪيو ۽ پاڻ اڳتي اچي چوڻ لڳي. ”اسان کي ٻه وقت ڀت (مرچائي چانور) ڏئي ٿا وڃن. پر اسان کي اهو به نه کپي. ننڍڙا ٻچا اس ۾ سڙي ويا آهن. انهن کي مٿي جي ڪا ڇانوَ ڏيو. ويٺا به روڊ تي آهيون. پر اسان ڏي ته ڪو لڙي به نٿو، اسن ۾ سڙي ويا آهيون. مٿي جي ڇانوَ ڏيو. ” ٻروچاڻو گهگهي وارو پهراڻ پاتل ان عورت ۽ ننڍڙي منصب علي جو مسئلو ڪير سمجهي ۽ حل ڪري سگهي ٿو. ڪا خبر ناهي. ڇو ته سرڪار ۽ ان جا ادارا يا ته ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا آهن. يا وري امدادي ڪمن تان ملندڙ ڪميشن جي پئسن جو حساب پنهنجي ڪلڪيوليٽر تي ڪري رهيا آهن. تنهنجو مسئلو ڪير سمجهي بابا. مان ته تنهنجي لاءِ ڪجهه نٿو ڪري