ڪتاب جو نالو: حضرت محمد ﷺ انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل
مصنف: ڪانسٽينٽن ورجل جارج / غلام محمد گلشن ڪنڌر
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2013
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 23 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1280 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 592 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي.هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا محفوظ
  • سنڌ سلامت پاران
  • تعارف
  • دنيا جو عظيم ماڻهو
  • عظيم ترين هيرو
  • مَتَن

  • پاڻ سڳورنﷺ جن جو ننڍپڻ
  • حضرت عبدالله جن جي زندگيءَ جو مختصر احوال
  • مڪي تي حملي جو سال ۽ عربن جي قبائلي زندگي
  • حضرت محمد ﷺ امين
  • حلف الفضول يا رضاڪار تنظيم
  • حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت خديجه الڪبريٰ جي شادي
  • گهريلو زندگيءَ جو دور
  • غارِ حرا
  • الله تعاليٰ جو پيغام
  • رسالت جو آغاز
  • يتيمن ۽ غريبن جو فڪر
  • پهريون مسلمان
  • مشرڪن جا ايذاءَ رسائڻ
  • دورِ جهالت ۾ عربن جي نفسياتي ۽ اخلاقي خصوصيتون
  • اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ واري پهرئين عورت
  • حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه
  • جزيرھ عرب جي قدآور شخصيت عمر بن خطاب ڪيئن مسلمان ٿيو
  • عتبه بن ربيعه
  • پهريون دفعو جڏهن مسلمان هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا
  • شعب ابي طالب ۾
  • علمي نقطي نظر ۾ معراج جي وضاحت
  • جڏهن نظر نه اچڻ وارن ايمان آندو
  • اسلام ۾ امت جي معنيٰ ڇا آهي
  • هجرت جي شروعات
  • سرڪار دوعالم حضرت محمد ﷺ جن جي وڏي ۾ وڏي قرباني
  • هجرت
  • دنياءِ اسلام ۾ هجرت جي اهميت
  • قبا کان روانگي ۽ مديني ۾ آمد
  • اسلام جو پهريون بنيادي آئين
  • مديني کان گذرندڙ مڪي جي قافلن تي پابندي
  • ماهه حرام ۽ عبدالله بن جحش جو حملو
  • جنگ بدر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي حڪمت عملي
  • جنگي قيدين سان حسن سلوڪ
  • مڪي ۾ جنگ بدر جي واپسي
  • مديني کان يهودين جو نڪرڻ
  • جنگ اُحد ۾ مسلمانن جي بهادري
  • جنگي نقطي نظر کان غزوه احد جو مطالعو
  • يهودين جون سازشون ۽ قريش وارن جي بي رحمي
  • رسول الله ﷺ جن خلاف قريش وارن جي نئين چال
  • جزيرھ العرب ۾ پهريون دفعو خندق کوٽي وئي
  • رسول الله ﷺ جن جو عمري جو فيصلو
  • حضرت علي ۽ جنگ خيبر
  • “هي دين دوکو نٿو ٿي سگهي” خالد بن وليد جو قول
  • لشڪر روم سان مقابلو
  • مڪي جي فتح
  • وادي حنين
  • عام سفيرن جي وفدن سان ملاقات جو سال
  • رسول الله ﷺ جن جي بيماري
  • رحلت

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا محفوظ

    ڪتاب نمبر
    321
    ڇپائيندڙ جا حق ۽ واسطا محفوظ
    ڪتاب جو نالو: حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل
    ليکڪ: ڪانسٽينٽن ورجل جارج
    سنڌيڪار؛ استاد غلام محمد گلشن ڪنڌر
    پهريون ڇاپو: 2013ع
    ٻيون ڇاپو: 2016ع
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي

    قيمت : 350/= رپيا


    “Hazrat Mohammad (PBUH)”
    By: Constantin Virgil Gheorghiu
    Translated by: Ghulam M. Gulshan Kandhir
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سلمان ڪتاب گهر پنوعاقل - ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور، خيرپور بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - مشعل ڪتاب گهر پڊعيدن 03063291657 - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل: sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ”حضرت محمد ﷺ: انسانيت لاءِ روشنيءَ جو دليل“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ”ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي، بعد ۾ فرانس جي شهريت حاصل ڪيائين، ويهه سال جزيره عرب ۾ رهي تحقيق مطابق، اسلامي علماءِ ڪرام جي ڪتابن، اسلامي دانشورن جي لکيل مواد، قرآن ۽ حديث جي پيش نظر همدردانه ۽ عقيدتمندانه انداز ۾ سيرت نبوي ﷺ کي مغربي انسانن جي آڏو فرانسيسي زبان ۾ تحرير ڪري پيش ڪيو. هن ڪتاب جو نالو (محمد ﷺ - اهڙو پيغمبر آهي، جن جي سڃاڻ لاءِ ساري زندگي ڪوشش ڪرڻ گهرجي) رکيائين، بعد ۾ هن ڪتاب جو انگريزي، عربي، فارسي زبانن ۾ به ترجمو ڪيو ويو، اردو زبان ۾ ترجمو ٿيل هي ڪتاب ”عڪس سيرت“ جي نالي سان لاهور ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جو سنڌيڪار غلام محمد گلشن ڪنڌر آهي.

    ڪتاب جو پهريون ڇاپو 2013ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 2016ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    تعارف

    حضرت محمد ﷺ جن جي سيرت پاڪ جي باري ۾ صدين کان وٺي بزرگان دين، علماءِ اسلام، اسلامي دانشورن مفڪرن ۽ اديبن قرآن مجيد ۽ حديث پاڪ جي روشني ۾ پنهنجي پنهنجي ڄاڻ مطابق بيشمار ڪتاب لکي چڪا آهن ۽ اهو سلسلو دنيا جي انتها تائين جاري رهندو. اسلامي مفڪرن کان علاوه غيرمسلم، مشرقي ۽ مغربي زبانن جي علم جي ماهرن به سيرت پاڪ ﷺ جي باري ۾ ڪيئي ڪتاب تحرير ڪيا آهن.
    هي ڪتاب به رومانيه جي هڪ دانشور، مشرقي زبانن جي علم جي ماهر ” ڪانسٽينٽن ورجل جارج “ جيڪو پنهنجي ملڪ جو وزيرخارجه به رهي چڪو آهي، بعد ۾ فرانس جي شهريت حاصل ڪيائين، ويهه سال جزيره عرب ۾ رهي تحقيق مطابق، اسلامي علماءِ ڪرام جي ڪتابن، اسلامي دانشورن جي لکيل مواد، قرآن ۽ حديث جي پيش نظر همدردانه ۽ عقيدتمندانه انداز ۾ سيرت نبوي ﷺ کي مغربي انسانن جي آڏو فرانسيسي زبان ۾ تحرير ڪري پيش ڪيو. هن ڪتاب جو نالو (محمد ﷺ - اهڙو پيغمبر آهي، جن جي سڃاڻ لاءِ ساري زندگي ڪوشش ڪرڻ گهرجي) رکيائين، بعد ۾ هن ڪتاب جو انگريزي، عربي، فارسي زبانن ۾ به ترجمو ڪيو ويو، اردو زبان ۾ ترجمو ٿيل هي ڪتاب ”عڪس سيرت“ جي نالي سان لاهور ۾ ڇپيو.
    مون هي ڪتاب عڪس سيرت ٻه دفعا پڙهيو، مون کي پنهنجي ڀاءُ محترم استاد شريف الله چيو ته اوهان هن ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪريو. مون اها راءِ پنهنجي محسن عالم دين حضرت مولانا غلام محمد ميمڻ جن جي آڏو پيش ڪئي. مان پنهنجي محسن جو وڌ ۾ وڌ ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ همدردانه مدد ڪئي. مون الله جو نالو وٺي ڪتاب جو ترجمو شروع ڪيو، الله جي فضل و ڪرم سان ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ دوران ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس نه ڪيم ۽ خداوند ڪريم جا مون ناچيز تي احسان ٿيا جو تمام ٿوري وقت ۾ ڪتابت ذريعي ترجمو پورو ڪيم. آءٌ بارگاه الاهي ۾ دعاگو آهيان ته مون ناچيز کان ڪا غلطي ٿي هجي ته معاف فرمائي.
    هن ڪتاب جي سنڌي ترجمي جي نظرثاني سنڌ جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ سيد گل محمد شاهه رضوي شهدادڪوٽي وڏي محبت ۽ عرق ريزيءَ سان ڪرڻ فرمائي، جنهن سان ڪتاب جي رواني ۽ سونهن ۾ اڃا به ويتر اضافو ٿيو آهي. ان لاءِ آئون سندس بيحد شڪرگذار آهيان.

    استاد غلام محمد گلشن ڪنڌر
    ايم- اي سنڌي، رٽائرڊ ايڇ ايس ٽي
    گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول
    پريالوءِ ضلع خيرپور


    دنيا جو عظيم ماڻهو

    دنيا جو عظيم ماڻهو






    مان اهڙن هڪ سؤ ماڻهن جي فهرست ٺاهي، جن دنيا تي سڀ کان وڌيڪ اثر وڌو آهي. پر منهنجي اڳيان هي سوال ڪر کڻي بيهي رهيو ته انهن مان ڪنهن کي اول نمبر تي رکان. انهيءَ لاءِ مون ڪي اصول ٺاهيا جن جو تفصيلي ذڪر اڳتي هلي ايندو. انهن اصولن جي روشنيءَ ۾ مون محمد ﷺ کي ان فهرست جي منڍ ۾ رکيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪي ماڻهو منهنجي چونڊ تي حيران ٿين ۽ ڪي ان تي اعتراض به ڪن. پر تاريخ ۾ مون کي اهائي هستي نظر آئي آهي جيڪا مذهبي توڙي دنياوي معاملن ۾ حد کان وڌيڪ ڪامياب ٿي ۽ مون کي جنهن جو ٻيو ڪو به مَٽ نه مليو.
    مائيڪل ايڇ هارٽ
    ڪتاب The 100 جو مصنف


    عظيم ترين هيرو

    عظيم ترين هيرو







    “هي ڪهڙو بادشاهه آهي، جيڪو پورهيت به آهي ۽ پورهيت انسانن جو مرڪز، محور ۽ مقناطيس به! ٽيويهن سالن جي نبوت واري دور ۾ عربن جهڙي مٿي ڦريل قوم، رات ڏينهن سندس اک جي اشاري جي منتظر رهي پئي. جنگجو، مهم جو، ڀڙڪيلا، جهيڙيڪار ماڻهو جيترو هن هستيءَ کي ويجهو هئا، اوترائي اڃا وڌيڪ ويجهو ٿيندا پئي ويا، وري ايترا ئي عقيدتمند ۽ پتنگن وانگر ٻلهار ٿيندا پئي رهيا، ڪا ته مڻيا هئي ان هستيءَ ۾.”
    ٿامس ڪارلائل
    ڪتاب هيرو ۽ هيرو ورشپ جو مصنف


    مَتَن

    پاڻ سڳورنﷺ جن جو ننڍپڻ

    پاڻ سڳورنﷺ جن جو ننڍپڻ

    “پيغمبر اسلام، خاتم النبين، رحمة العالمين”
    حضرت محمد ﷺ بن حضرت عبدالله حقيقت ۾ نهايت پرڪشش شخصيت هئا. دنيا جي تمام نامور شخصيتن ۾ ڪوبه اهڙو شخص ٿي نه گذريو آهي، جنهن ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ اهڙا مختلف ڏک ۽ صدما سٺا هجن، جهڙيءَ طرح پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ ۾ تڪليفون، پريشانيون ۽ ڏک برداشت ڪيا ۽ صدما سٺا آهن.
    جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي ولادت ٿي ته سندن والد صاحب وفات ڪري چڪو هو، جيتوڻيڪ پاڻ سڳورنﷺ جن جو تعلق قريش نالي هڪ قبيلي سان هو جيڪو مڪي ۾ وڏي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هو، پر ان جي باوجود سندن والده ان ڳالهه تي مجبور هئي ته پنهنجي والدين ۽ عزيزن ڏانهن مديني وڃي رهان اتي شايد انهن جي مدد سان پنهنجي فرزند جي پرورش ڪري سگهان، ڇو ته حضرت عبدالله رضي الله جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جي والده وٽ ڪابه مالي طاقت ڪانه رهي هئي. پاڻ سڳورنﷺ جي والده جو نالو حضرت آمنه  هو، جيڪا پنهنجي يتيم ٻچي سميت اچي مديني پهتي. پنهنجي مڙس جي وفات جي صدمي، مفلسي حال، اڪيلائيءَ ۽ غم کي مٽائڻ خاطر پنهنجي عزيزن وٽ رهائش ڪيائين.
    اسلامي تاريخ لکندڙن مان ٽن شخصيتن ”سيوطي“ ابن سعد ۽ حميدالله لکن ٿا ته جڏهن پاڻ سڳوراﷺ مديني پهتا ته هڪ اهڙو واقعو پيش آيو جو پاڻ سڳورنﷺ جن جي ٻالڪپڻ ۾ بلڪل نئون هو.
    اهو واقعو هن ريت هو ته مديني پهچڻ کان پوءِ پاڻ سڳوراﷺ پهريون دفعو پاڻيءَ جي هڪ تلاءَ ۾ گهڙيا ۽ پهريون دفعو پنهنجي بدن کي چئني طرفن کان پاڻيءَ ۾ ڏٺائون. ڇو جو مڪي ۾ پاڻيءَ ۽ کاڌي پيتي جي شين جي قِلت هئي ۽ نه وري ڪو پاڻيءَ جو تلاءُ موجود هو ٻار ڪپڙا لاهي تلاءَ ۾ گهڙي گرميءَ سبب پاڻيءَ جي ٿڌڪار ۽ خشڪيءَ جي احساس کان مزو ماڻيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پاڻ سڳوراﷺ به تلاءَ ۾ گهريا پر زندگيءَ ۾ پهريون دفعو.
    حضرت عبدالله جي بيوه حضرت آمنه  جي عزيزن ۽ رشتيدارن سندس هر ممڪن مدد ڪئي پر افسوس جو حضرت آمنه  مديني پهچڻ کان بعد بيمار رهڻ لڳي ۽ جلدي ئي سندس حالت تمام بگڙي وئي. سڀني کي اهو يقين ٿي ويو ته سندس بچڻ محال آهي.
    عرب قوم ۾ هيءُ رواج هيو ته جڏهن به ڪنهن جي مرڻ جي گهڙي عنقريب ڏسندا هئا ته ان جا پنهنجا عزيز رشتيدار ان وٽ اچي گڏ ٿيندا هئا ۽ مرڻ واري سان مسلسل گفتگو شروع ڪندا هئا ته آخري گهڙين ۾ هو پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري ۽ نه وري خوفزده ٿئي.
    جيڪي رشتيدار عزيز حضرت آمنه  جي چوڌاري ويٺل هئا، سي لڳاتار ان سان ڳالهائيندا رهيا ته جيئن هوءَ پاڻ کي اڪيلو محسوس نه ڪري ۽ نه خوفزده ٿئي. حضرت آمنه  به جيڪا تمام عليل حالت ۾ هئي، ڪنهن ڪنهن مهل پنهنجا چَپ چوريندي نظر اچي پئي، پاڻ سڳورنﷺ جن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن پنهنجي والده سان ڳالهائڻ ۽ سڏ ڪرڻ شروع ڪيا پر خدا تعاليٰ سندن والده کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو. روح پرواز ٿيڻ بعد اهي عورتون جيڪي حضرت آمنه  جون ويجهيون رشتيدار هيون تن کيس غسل ڏياري ڪفن پهرايو، پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي والده کي ڪفن پهريل ڏٺو، بعد ۾ حضرت آمنه  کي ”ابوا“ نالي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
    جزيزة العرب ۾ اهو رواج نه هيو ته ميت کي ڪنهن ٺهيل تابوت ۾ وجهي دفنايو وڃي ڇو جو ڪاٺيءَ جي تمام قلت هئي ۽ تابوت ڏاڍو مهانگو پوندو هو، حضرت آمنه  کي به بغير تابوت جي ئي عام ماڻهن جي جنازي طرح دفنايو ويو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن جي سِرَ تي هي اهڙي گهڙي آئي جنهن کين ڏکائي ڇڏيو. جڏهن ته پاڻ سڳورنﷺ جي ولادت کان اڳ ۾ ئي سندن والد وفات ڪري چڪو هو؛ ۽ هاڻي سندن والده جيڪا سندس سهارو هئي سا به ڇهن سالن جي عمر ۾ جدا ٿي وئي. پاڻ سڳوراﷺ هن ننڍڙيءَ عمر ۾ والدين کان محروم ٿي ويا. سارو ڏينهن اڪيلائيءَ ۾ گذارڻ لڳا. پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي هم عمر وارا ٻار کين راند روند لاءِ چوندا هئا ته انهن کي اهو جواب ڏيندا هئا ته مون کي منهنجي حال تي ڇڏي ڏيو، مان توهان سان نٿو کيڏي سگهان.
    والده جي وفات جي صدمي پاڻ سڳورنﷺ جن کي ايترو ته اُداس ڪري ڇڏيو جو کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏنائون. بيبي آمنه  جي رشتيدارن کي شدت سان اهو احساس ٿيندو ويو ته ننڍڙو يتيم (حضرت) محمد (ﷺ) ڏينهون ڏينهن اُداس رهڻ سبب ڪمزور ٿيندو وڃي ٿو. کاڌي پيتي نه کائڻ سبب سڀ رشتيدار پريشان ٿي ويا.
    حضرت محمد ﷺ جن جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب جنهن جي عمر هڪ سؤ اٺ سال ٿي چڪي هئي. هن پوڙهي جي رهائش ان وقت مڪي ۾ هئي. حضرت آمنه مرحومه جي رشتيدارن ننڍڙي يتيم حضرت محمد ﷺ جن کي مڪي پنهنجي پوڙهي ڏاڏي حضرت عبدالمطلب ڏانهن ڏياري موڪليو. جڏهن سندس ڏاڏي پاڻ سڳورنﷺ جي اُداسي ۽ ڪمزور حالت ڏٺي ته ساڻس ايتري ته محبت ٿي وين جو پاڻ سڳورنﷺ کي ”دارالندوه“ ڏانهن به ساڻ وٺي ويندا هئا.
    ”دارالندوه“ دراصل مڪي جي مجلس شوريٰ جو نالو هو. ان مجلس ۾ صرف قريش قبيلي جي مردن کي اچڻ جي اجازت هئي. سي به چاليهن سالن جي عمر کان وڏا مرد گڏ ٿيندا هئا. ايتري عمر لاءِ مجلس شوريٰ جو شرط هو. ان شرط جي باوجود حضرت عبدالمطلب پاڻ سڳورنﷺ کي پاڻ سان گڏ ”دارالندوه“ مجلس شوريٰ وٺي ويو. مجلس شوريٰ پهچڻ سان حضرت عبدالمطلب تي مجلس جي رڪنن اعتراض ڪيو ته هي ننڍڙو ٻار وڏن جي مجلس ۾ ڇو وٺي آيو آهين. پر ڪجهه عرصي کان پوءِ سڀني مجلس جي رڪنن ۾ پاڻ سڳورنﷺ لاءِ دل ۾ ايتري ته محبت پيدا ٿي وئي جو جڏهن به پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي ڏاڏي سان گڏ مجلس ۾ ويندا هئا ته قريش بزرگ ۽ مجلس جا رڪن سڀ محبت سان پيش ايندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي تحفه به ڏيندا هئا.
    پر افسوس جو حضرت عبدالمطلب به ٻن سالن گذرڻ بعد هڪ سؤ ڏهن سالن جي عمر ۾ وفات ڪري ويو. پاڻ سڳوراﷺ وري هن بزرگ جي سهاري کان به محروم ٿي چڪا، جيڪو والده جي وفات کان پوءِ سهارو بڻيو هو.
    ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر اٺ سال هئي. ڏاڏي جي وفات کان پوءِ پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب جي نگرانيءَ ۾ رهيا.
    ”حضرت ابو طالب“ پاڻ سڳورنﷺ جي چاچي جي ڪُنيت هئي. اسلام جي اچڻ کان پهريان عرب جا ماڻهو ڌيءَ جي پيدا ٿيڻ تي سخت نفرت ڪندا هئا. ايتري قدر جو پنهنجي ڌيئرن کي جيئري دفن ڪري ڇڏيندا هئا ته متان انهن جي پرورش ڪرڻي پوي. ڌيئرن جي پالڻ جو ٻوجهه انهن عربن لاءِ شرمناڪ ڳالهه هئي. پر جيڪڏهن پٽ جي پيدائش ٿيندي هئن ته بيحد خوشيءَ جو اظهار ڪندا هئا. ڇو ته ڪنهن عرب وٽ پٽ جو پيدا ٿيڻ سربلندي ۽ فخر جي نشاني هئي. ايتري قدر جو ان جو نالو پنهنجي نالي جي بدران استعمال ڪندا هئا. ان کي ”ڪنيت“ چيو وڃي ٿو. جهڙي طرح ابوطالب جو اصل نالو عبدالمناف هيو، سندس هڪ پٽ جنهن جو نالو طالب هو، جنهن جي نالي سان پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندا هئا. ابوطالب يعني طالب جو پيءُ. تاريخي روايت مطابق پاڻ سڳورنﷺ جي ڏاڏي جو نالو عامر هيو ۽ کيس شيبه جي لقب سان سڏيو ويندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جي ڪنيت به ابوالقاسم هئي جيئن ته پاڻ سڳورنﷺ جو قاسم نالي هڪ فرزند هو جيڪو ننڍڙيءَ عمر ۾ وفات ڪري چڪو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو حضرت ابوطالب هڪ مفلس، غريب حال ۽ شريف انسان هو. هڪ وڏي خاندان جي سنڀال مٿن ذمي هئي. پاڻ سڳورنﷺ جن جي ٻالڪپڻ جي سنڀال ۽ ضروريات زندگي پوري ڪرڻ جي لائق نه هئا، تنهن ڪري پاڻ سڳوراﷺ اٺن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي پنهنجي زندگي جي بار کڻڻ خاطر محنت ۽ مزدوري ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا. جيتوڻيڪ حضرت ابوطالب پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو هو بظاهر سندن سرپرستي ڪندو رهيو، پر پنهنجي وڏي خاندان جي معاشي ضرورتن جي پيش نظر حضرت محمد ﷺ جن جي مدد ۽ عام ضرورتون پوريون ڪري نه پئي سگهيو نه ئي ڪپڙا خريد ڪري ڏئي پئي سگهيو نه ئي ننڍڙي يتيم جي پيرن ۾ ڪا جُتي خريد ڪري ڏئي پئي سگهيو. ان ڪري ان ننڍڙيءَ عمر ۾ پاڻ سڳوراﷺ، جتي ٻيا ٻار هر وقت راند روند ۾ گذاريندا هئا، پاڻ مجبور هئا ته پيٽ گذر ۽ ٻين ضرورتن خاطر سارو ڏينهن ڪم ڪار ڪن ۽ اهو ڪم به سخت محنت وارو. ٻيو ته گرميءَ جي موسم ۾ عرب جي ريگستان ۽ گرم بيابانن ۾ چوپائي مال جي چارڻ جي سنڀال ڪرڻ.
    پاڻ سڳورنﷺ جي ان ننڍڙيءَ عمر ۾ جڏهن سندن اُٿڻي ويهڻيءَ جي تصديق ڪجي ٿي ته سندن قابليت ۽ لياقت ڏسي ائين معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ سڳورنﷺ ۾ پيغمبريءَ ۽ نبوت جي صلاحيت ننڍي هوندي کان ئي موجود هئي. ان زماني ۾ جڏهن ان گرم ريگستان ۾ مال چاريندا هئا ته سندن اها عادت بڻجي وئي هئي ته هميشه سوچ ۽ فڪر ۾ گذاريندا هئا ۽ اهي بيابيان غور فڪر ڪرڻ لاءِ بهترين جڳهون هيون.
    انهيءَ ڪري ئي دنيا جا قديم ۽ عظيم مذهب به انهن گرم ريگستانن ۽ بيابانن مان اُڀريا. انهن مذهبن کي آڻڻ وارن ماڻهن ۾ اها صلاحيت موجود هئي جو انهن بي انتها وسيع ۽ اڻ کٽ بيابانن ۾ گذاري، الله ۽ ان جي تخليق ۽ انسانيت جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪري سگهن.
    جيستائين ڪوئي عام انسان جزيرة العرب يا يورپ جي قريب ريگستانن ۾ ڪجهه عرصو نه گذاريندو تيستائين انهن بي پناهه بيابانن ۽ ريگستانن جي ڊيگهه يا خاموشيءَ کي پروڙ نه سگهندو ته ڪهڙي انداز ۾ اتي سوچ ويچار جو فڪر پيدا ٿئي ٿو ۽ سوچن ۾ ڪيتري قدرت مضبوطي زور وٺي ٿي.
    جيئن ته جزيرة العرب ۽ يورپ قريب جي ريگستانن جا گل ڦل، ٻوٽا ۽ گاهه به يورپي ملڪن کان مختلف آهن؛ انهن گرم ريگستانن ۾ اهڙو ڪوبه ٻوٽو نه آهي جيڪو خوشبودار نه هجي. پر جزيرة العرب جي ريگستان جا ڪنڊا جن کي ”خارمغيلان“ چيو ويندو آهي، اهي به دل پسند خوشبودار هوندا هئا. جيڪڏهن يورپ جو ڪوئي ننڍي ۾ ننڍو ٻوٽو بغير خوشبو وارو عرب جي ريگستان ۾ لڳائجي ته هڪ ٻن نسلن کان پوءِ ان ننڍڙي بغير خوشبودار ٻوٽي ۾ خوشبو پيدا ٿي ويندي هئي جيڪا يورپ جي هڪ ننڍڙي ٻوٽي مان هڪ وڏي وڻ جو روپ اختيار ڪري سگهي ٿي.
    جيڪي ماڻهو جزيرة العرب ۽ يورپ جي نزديڪ ريگستان ۾ زندگي بسر ڪندا هئا، جيڪڏهن اهي ڪوبه عقيدو اختيار ڪندا هئا ته ان ۾ ڪوبه فريب ۽ منافقت اختيار نه ڪندا هئا. ان ئي عقيدي تي مضبوطي سان قائم رهندا هئا ۽ ثابت قدم رهڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا.
    فرقه بنديون ان وقت شروع ٿيون جڏهن دنيا جا عظيم مذهب ريگستان کان ٻاهر نڪتا ۽ اهڙين جڳهن تي پهچي ويا جتي ريگستان جو نالو ئي نه هو. ان وقت جن ماڻهن ان مذهب کي ريگستان ۾ سڃاتو ۽ اختيار ڪيو هو، انهن اعتراض ڪرڻ شروع ڪيو ۽ افراتفري ڦهلجي وئي، ماحول منتشر ٿي ويو اهڙي طرح يهوديت، عيسائيت (مسيحت) ۽ اسلام ۾ تمام گهڻن فرقن جنم ورتو.
    بهرحال پاڻ سڳورنﷺ اٺن سالن جي ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ريگستانن ۾ مال چارڻ شروع ڪيو. صبح کان شام تائين انهن ريگستانن ۾ اڪيلي سر وقت گهاريندا هئا. گهڻو وقت آسمان جي اوچائي ۽ اڻ کٽ اُفق ڏانهن نظرون ڄمائي ويهي رهندا هئا ۽ سج لهڻ کان پهريائين مال ڪاهي واپس گهرن ڏانهن آڻيندا هئا ۽ رات گذارڻ لاءِ پنهنجي چاچي ابوطالب وٽ هليا ويندا هئا.
    اها به حقيقت واضح آهي ته يتيم ٻار عقل ۽ سمجهه ۾ عام ٻارن کان وڌيڪ هوندو آهي ۽ هو پيش ايندڙ ڏکين حالتن کي مُنهن ڏئي ويندو آهي. ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته مون کي ڪو پيار ۽ لاڏ ڪوڏ ڏيندڙ ڪو ئي نه آهي، ۽ نه ئي منهنجي مُنهن تان ڪو مٽي يا ڌوڙ صفا ڪرڻ وارو آهي ۽ نه وري ڪوئي گود ۾ ويهاري پيشانيءَ کي چمندو يا عيد برات تي ڪو مون کي پيار سان نوان ڪپڙا به خريد ڪري ڏيندو.
    جنهن ٻار جو اٺن سالن ۾ پيءُ ۽ ماءُ نه هجي ۽ سارو سارو ڏينهن پنهنجي ضرورتن لاءِ محنت ۽ مزدوري ڪندو رهي اهو ان حقيقت کي سهڻي نموني سمجهي ويندو ته پنهنجي جان کان وڌيڪ ڪنهن تي ڀروسو ڪري ۽ پنهنجي مشڪلاتن جو حل خود تلاش ڪري.
    پاڻ سڳوراﷺ ان ننڍڙيءَ عمر ۾ گرم ريگستان ۾ پيرين اگهاڙو گرم واريءَ ۾ مال چاريندا هئا. انهن بي پناهه مشڪلاتن، اڪيلائيءَ ۽ ذميوارين پاڻ سڳورنﷺ کي ننڍڙيءَ عمر ۾ اهڙو ته فهم وارو ، سنجيده ۽ مضبوط ارادي وارو بڻائي ڇڏيو جو جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي عمر ٻارهن سال ٿي ته سندن چاچي حضرت ابوطالب پاڻ سان گڏ شام ملڪ ڏانهن واپاري سفر ۾ وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو حضرت ابوطالب تجارت ڪندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جن کي پاڻ سان گڏ شام وٺي ويو. شام جي شهر بصره جي ويجهو ان قافلي منزل ڪئي. اتي هڪ گرجا گهر ”عبادت گاهه“ هو، ان گرجا گهر ۾ هڪ ”بحيراءِ“ نالي دانشور بزرگ شخص زندگي بسر ڪندو هو. ان وقت اهو بزرگ دنيا جي مسيحت جو وڏي مرتبي وارو عالم هو. هڪ عرب ”سيرت نگار“، ”ابن هشام“ ان بزرگ جي باري ۾ لکي ٿو ته عام ماڻهن جي چوڻ مطابق ”بحيراءِ“ دراصل مسيحي نه هو پر هڪ ”مانوي“ زاهد هو.
    ”مانوي“ يعني هڪ ”ماني“ نالي اهڙي شخص جي پيروي ڪندڙ هو جنهن ساسانين جي دور ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي ۽ ساساني سلسلي جي بادشاهه بهرام اول ان کي 276ع ۾ ايران جي هڪ صوبي خوزستان جي هڪ شهر ”جندي شاپور“ جي دروازي تي سوليءَ چاڙهي ڇڏيو هو. ”ماني“ جنهن نبوت جي دعويٰ ڪئي هئي قديم ايران جو مصور هو. 216ع ۾ مشهور شهر بابل جي ويجهو هڪ ڳوٺ ۾، جنهن جو نالو ”مارڊيز“ هو، اتي پيدا ٿيو. سندس پيءُ جو نالو بابڪ بن ابو بزرام ۽ ماءُ جو نالو مريم هو. هن جو سلسلو نسب مشهور ”اشڪاني“ سلسلي سان ملي ٿو. ”ماني“ روحاني طبيب به پاڻ کي تصور ڪندو هو. هڪ تاريخي روايت جي مطابق هن شاهي خاندان جي هڪ فرد کي، جيڪو خطرناڪ بيماريءَ ۾ مبتلا هو، سندس بيماريءَ جي خاتمي جي دعويٰ ڪئي پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿيو. انهيءَ سبب وقت جي بادشاهه بهرام اول کيس ڪجهه عرصو جيل ۾ رکيو. آخرڪار هن جو سِرُ قلم ڪرائي باقي جسم کي شهر جي دروازي تي ٽنگرائي ڇڏيو. اسلام جي ابتدائي دور ۾ ابه اهو دروازو ”باب ماني“ جي نالي مشهور هو.
    ”ماني“ جيڪو نبوت جو دعويدار هو، ”بحيراءِ“ به ان جي پيروي ڪندڙ هو. هي ان ڳالهه تي يقين رکندا هئا ته خدا ڪنهن خاص اُمت جي لاءِ نه آهي. پر دنيا جي سڀني قومن لاءِ آهي. هن دنيا جي هر قوم خدا جي مخلوق آهي. خدا جنهن قوم ۾ گهري ان قوم ۾ پيغمبر انهن جي زبان وارو؛ جيڪو انهن سان ڳالهه ڪري سگهي موڪلي سگهي ٿو. جيڪو خدا جا حڪم انهن تائين پهچائي ۽ يهودين يا عيسائين کي اهو حق نه ٿو پهچي ته هو پاڻ کي خدا جي سڀني قومن کان وڌيڪ ويجهو سمجهن ۽ اهو يهودين ۽ عيسائين جو چوڻ به غلط آهي ته ٻيون قومون به اسان جو دين قبول ڪن. ”بحيراءِ“ پنهنجي عبادتگاهه کان ٻاهر قدم نه رکيو هو نه وري ڪنهن قافلي جي ماڻهوءَ سان ڪڏهن ڳالهه ٻولهه ڪئي هئائين.
    ”بحيراءِ“ هڪ خواب ڏٺو هو ۽ جيتري قدر هن پنهنجن ڪتابن ۽ مسيحي ڪتابن ۾ پڙهيو هو ته هت هڪ قافلو ايندو جنهن قافلي ۾ هڪ ٻار شامل هوندو. ان ٻار جي وڻ ٽڻ به سلامي ڪندا. عرب قوم ۾ جيڪو آخري پيغمبر پيدا ٿيندو سو ان قافلي ۾ شامل هوندو، هي پنهنجي گرجا گهر ۾ مٿي ويٺو ان انتظار ۾ زندگي بسر ڪندو هو ته ڪڏهن ٿو اهو قافلو اچي ۽ اهو ٻار جيڪو پيغمبر اسلام هوندو اهو ڪهڙي قافلي ۾ شامل ٿي اچي ٿو جنهن کي وڻ به سلامي ڪندا.
    هڪ ڏينهن جڏهن حضرت ابوطالب جو قافلو ان گرجا گهر جي نزديڪ پهتو ته ان بحيراءِ کي ڪجهه عجيب تاثرات نظر آيا. هن ڏٺو ته واقعي هڪ قافلو پهتو آهي، هي گرجا گهر کان هيٺ لهي قافلي وارن وٽ اچي پهتو، ڏٺائين ته واقعي ئي ان قافلي ۾ هڪ ننڍڙي عمر جو ٻار آهي. حضرت ابوطالب سان ملاقات ڪري عرض ڪيائين ته اوهان منهنجي دعوت قبول فرمايو. دعوت جي ماني جڏهن قافلي وارن وٽ پهتي ته انهن هڪ وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ دعوت کائڻ جو پروگرام بڻايو، سڀ قافلي وارا جڏهن وڻ جي هيٺان ڇانوَ ۾ گڏ ٿيا ته، ”بحيراءِ“ ڏٺو ته اهو ٻار ته هنن سان آهي ئي ڪونه. پُڇا ڪيائين ته توهان سان هڪ ٻار هيو اهو ڪيڏانهن ويو؟
    پاڻ سڳوراﷺ اُٺن ۽ سامان جي سارسنڀال سان هئا. ان وقت پاڻ سڳورنﷺ کي سڏ ڪرايو ويو. پاڻ سڳوراﷺ اچي انهن قافلي وارن کان ٿورو پري اچي اُس ۾ ويهي رهيا. جنهن وڻ جي ڇانوَ ۾ قافلي وارا ويٺا هئا سا ڇانوَ ڦِري پاڻ سڳورنﷺ جي مٿان ٿي ۽ اهي سڀ اُس ۾ ويٺا رهيا. ”بحيراءِ“ کي بلڪل يقين ٿي ويو ته بيشڪ اهوئي پيغمبر اسلام آهي. ”بحيراءِ“ قافلي جي سردار حضرت ابوطالب کان پُڇا ڪئي ته هي ٻار ڪنهن جو پٽ آهي؟ حضرت ابوطالب فرمايو ته هي منهنجو پٽ آهي. بحيراءِ چيو ته اهو ٿي ئي نٿو سگهي جو هي اوهان جو پٽ هجي. تڏهن حضرت ابوطالب فرمايو ته منهنجو ڀائٽيو آهي، بحيراءِ چيو بلڪل ٺيڪ.
    بحيراءِ چيو: ”مان اوهان کي هڪ حقيقت پيش ٿو ڪريان ته مان گهڻي عرصي کان هن قافلي جي انتظار ۾ گرجا گهر کان ٻاهر نه نڪتو هيم. اڄ جنهن حقيقت لاءِ مان اوهان جي آڏو آيو آهيان، اها حقيقت هيءَ آهي ته هي ٻار يتيم آهي ۽ هي عرب ۾ پيغمبر ٿيڻ وارو آهي. اسان جي ڪتابن ۽ منهنجي خواب جي تعبير مطابق سڀ نشانيون مون کي هن ٻار ۾ ملي ويون آهن، هڪ نشاني ته عرب قوم ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيندو جيڪو الله جي طرفان پيغمبر مقرر ٿيل هوندو ۽ اهو عربي زبان ۾ سڀني ماڻهن کي الله جي ڏنل هدايت ۽ حڪم ٻڌائيندو. اوهان سڀ يهودين ۽ عيسائين جي دين مڃڻ تي مجبور نه ٿيو، ڇو ته خاتم النبين پيغمبر اسلام عرب قوم ۾ عربي زبان ۾ الله جون هدايتون ڏيڻ لاءِ پهچي چڪو آهي، جنهن جي وڻ به سلامي ڪندا.“
    بحيراءِ وڌيڪ چيو: ”مون پنهنجي ساري حقيقت اوهان جي آڏو پيش ڪئي. تنهن ڪري اوهان مهرباني فرمائي هن ٻار کي واپس پنهنجي گهر پهچايو. ڇو ته يهودين ۽ عيسائين کي اها خبر پئجي چڪي آهي ته جزيرة العرب ۾ هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو خاتم النبين ۽ پيغمبر اسلام آهي. ان ڪري يهودي ۽ مسيحي سندس دشمن آهن. تنهن ڪري هن ٻار جي حفاظت ڪريو ته جيئن اهي يهودي يا عيسائي کيس ڪو نقصان نه رسائن.“ آخرڪار اها ڳالهه ٻڌي حضرت ابوطالب قافلو مڪي ڏانهن واپس آندو.
    هيءَ ساري حقيقت هڪ روايت طور لکيل آهي. جيئن ته اسلامي تاريخ جو ابتدائي دور روايتن تي ٻڌل آهي، جيڪڏهن اسان انهن اسلامي روايتن کي نه مڃينداسين ته اسان کي اسلام جو ابتدائي دور سمجهه ۾ نه ايندو ۽ نه وري ڪجهه ابتدائي دور لاءِ لکي سگهجي ٿو.


    حضرت عبدالله جن جي زندگيءَ جو مختصر احوال

    حضرت عبدالله جن جي زندگيءَ جو مختصر احوال

    پيغمبر اسلام جو تعلق مڪي جي قريش قبيلي سان هو، مڪي جا قريش ڏهن پاڙن تي مشتمل هئا. هر هڪ قبيلو پنهنجي پر ۾ خودمختيار هو ۽ ڪو قبيلو ڪنهن به ٻئي قبيلي جي اندروني معاملن ۾ دخل اندازي نه ڪندو هو. انهن ڏهن قبيلن مان هڪ قبيلو ”بنوهاشم“ نالي هيو. حضرت محمد ﷺ جن جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب هن قبيلي جو سردار هو ۽ مڪي ۾ زندگي بسر ڪندو هو.
    ان وقت مڪي جي سرزمين ٻه سؤ چورس ڪلوميٽر ايراضي تي پکڙيل هئي. هيڏي وڏي علائقي ۾ هڪ به وڻ نظر نه ايندو هو. مڪي جا رهاڪو ٻن طريقن سان پنهنجون معاشي ضرورتون پوريون ڪندا هئا. ڪي تجارت ڪندا هئا ته ڪي چوپايو مال پاليندا هئا جن ۾ خاص ڪري اُٺ (وڌيڪ شوق سان) پاليندا هئا. نه صرف مڪي جا ڏهه قبيله پر عرب جي ٻين علائقن ۾ به اُٺ پالڻ معاشي لحاظ کان وڏي اهميت وارو سمجهيو ويندو هو ۽ جنهن وٽ اُٺ هوندا هئا ته ان گهراڻي کي خانداني اعزاز ۽ ڪامياب زندگيءَ جي علامت سمجهيو ويندو هو.
    هڪ بدوي عرب يعني (بيابانن ۽ ريگستانن جو رهاڪو) جيستائين اُٺن جي پرورش ۽ سارسنڀال لهڻ کي پنهنجو پيشو سمجهندو هو تيستائين ان دور جي معاشري ۾ ان کي اعليٰ ۽ معزز طبقي جي فرد جي حيثيت حاصل هوندي هئي. جيڪڏهن ڪو رڍون يا ٻڪريون پالڻ ۾ مشغول هوندو هو ته پنهنجو وقار وڃائي ويهندو هو ۽ هو درمياني طبقي جو ماڻهو سمجهيو ويندو هو. ڪو عرب ريگستان ۾ زندگي بسر ڪندو هو ۽ اُٺن جي پالنا ڪندو رهندو هو ته اهو هڪ خاص قبيلي سان تعلق رکندڙ هوندو هو. عرب قوم ۾ شروع کان ئي انفرادي زندگي گذارڻ جو تصور به موجود نه هو، هر هڪ عرب پنهنجي پنهنجي قبيلي سان واسطو رکندو هو.
    جيڪڏهن ڪنهن جو ڪڏهن قتل ٿي پوندو هو ته مقتول جي قبيلي وارا صرف قاتل کان خون بها (قصاص) وٺڻ جي بجاءِ قاتل جي سڄي قبيلي کان بدلو وٺندا هئا.
    جيتوڻيڪ هر هڪ قبيلي جي سردار جي حيثيت هڪ بادشاهه وانگر هوندي هئي يعني اهو پوري قبيلي جو خودمختيار هوندو هو. پر تنهن هوندي به ان وٽ اُٺن کان سواءِ ڪا شان شوڪت واري ٻي ڪابه شيءِ نه هوندي هئي.
    حضرت عبدالمطلب جيڪو قبيلي بني هاشم جو سردار هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جو تعلق به ان قبيلي سان هو. شروعاتي زندگي ۾ حضرت عبدالمطلب کي ڪابه نرينه (پُٽاڻين) جي اولاد ڪونه هئي. پاڻ پٽ جي اولاد خاطر الله تعاليٰ کان دعائون گهرندا هئا ۽ باس به باسيائون ته جيڪڏهن الله تعاليٰ مون کي ڏهه پٽ عطا ڪيا ته مان پنهنجو هڪ پٽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ قربان ڪندس.
    الله تعاليٰ سندس دعا قبول فرمائي ۽ کيس ڏهه پٽ عطا ڪيا. انهن ڏهن پُٽن ۾ آخري پٽ جنهن جو نالو عبدالله هو، ٻين پٽن جي مقابلي ۾ وڌيڪ سهڻو ۽ ڏيکاءَ وارو هو. حضرت عبدالمطلب پنهنجي ڏهن پٽن جي پيدائش کان پوءِ آخري پٽ حضرت عبدالله جي بالغ ٿيڻ جو انتظار ڪندو رهيو. ڇو ته قرباني ڪرڻ جو هڪ شرط اهو به هيو ته پٽ بالغ هجي ۽ ان وقت حضرت عبدالمطلب پنهنجي پُٽ جي گلي تي پاڻ ڇُري هلائي قربانيءَ جو فرض ادا ڪري. جيئن جيئن حضرت عبدالله وڏو ٿيندو ويو تيئن تيئن سندس خوبصورتي ۽ چهري جي رونق ۾ به اضافو ٿيندو پئي ويو. بهرحال حضرت عبدالله جي بلوغت تي پهچڻ بعد سندس والد پنهنجي واعدي پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
    جزيرة العرب جا ماڻهو قريش قبيلي جا هجن يا ٻئي قبيلي جا، جو واعدو ڪندا هئا ته اهو پوري طرح نڀائيندا هئا. ايتري قدر جو جڏهن هڪ ٻئي کان قرض طور ڪجهه وٺندا هئا ته اهو به مقرر وقت ۾ واپس ڪندا هئا. ڪهڙو به واعدو ڪندا هئا ته انهن ۾ ان کي پوري ڪرڻ جي فطرت سمايل هئي ۽ جڏهن ڪو بدوي عرب جيڪو ڪجهه سوچيندو هو اهو زبان تي آڻيندو هو، ان جي سوچ ۽ زبان ۾ ڪوبه فرق نه ايندو هو.
    اهڙي طرح حضرت عبدالمطلب به پنهنجو واعدو پوري ڪرڻ لاءِ فيصلو ڪري ڇڏيو. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته حضرت عبدالمطلب هڪ ”حنيف“ انسان هو، جيڪو سچي خدا ۽ آسمانن زمين جي حقيقي خالق جي تلاش ۾ رهندو هو. ان وقت چند ماڻهو مڪي ۾ ”ثبت“ جي نالي سڏيا ويندا هئا، جن ۾ حضرت عبدالمطلب جو نالو به روشن هو. هنن جو شمار حنيفن ۾ ڪيو ويندو هو. حضرت عبدالمطلب جيتوڻيڪ حنيف سڏيو ويندو هو تڏهن به پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدائن کان انڪار به نه ڪندو هو ۽ انهن کي احترام جي نظر سان ڏسندو هو.
    حضرت عبدالمطلب کي پنهنجي پٽ جي قربان ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي رستو نه هو، ته به دل ئي دل ۾ اهو سوچيندو رهندو هو ته جنهن مالڪ حقيقي جي تلاش منهنجي دل ۾ سدائين رهي ٿي، اهو بيشڪ وڏو عظيم ۽ بي نياز آهي ۽ مان به ان جو بندو آهيان ۽ مان پنهنجي واعدي پوري ڪرڻ جي قابل نه آهيان ۽ پنهنجي واعدي کان مايوس آهيان ته ڇا اهو الله جو هن زمين آسمان جو مالڪ هڪ بندي جي ڪيل واعدي کي معاف نٿو ڪري سگهي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه ڪيئن ڄاڻي ته الله ان جي قربانيءَ کي معاف ڪندو يا نه. ان ڳالهه جي وضاحت خاطر حضرت عبدالمطلب اهو فيصلو ڪيو ته ڇو نه ڪنهن ”عارف“ شخص کان مدد ورتي وڃي، جيڪو آسمانن جي راز کي ڄاڻندو هجي.
    انهن ڏينهن ۾ يثرب (موجوده مديني شريف) جي شهر ۾ هڪ عارف رهندو هو جيڪو آسماني حڪمن ۽ اشارن کي سمجهڻ جي صلاحيت رکندو هو. حضرت عبدالمطلب هڪ اُٺ تي سوار ٿي يثرب ڏانهن روانو ٿيو. پاڻ ڏاچيءَ تي سوار نه ٿيا ڇو جو اُن وقت ڏاچيءَ جي ڪابه حيثيت نه هئي، صرف اُٺن جي ڊوڙ ۾ استعمال ڪندا هئا. پر ان وقت سفيد ڏاچيءَ جي قيمت تمام گهڻي هئي. بهرحال حضرت عبدالمطلب اُٺ تي سوار ٿي يارنهن ڏينهن جي سفر کان پوءِ يثرب پهتا ۽ بنادير وڃي ان عارف شخص وٽ حاضر ٿي پنهنجي حقيقت پيش ڪيائون. ان عارف شخص آسمان جي ستارن تي نظر رکي چيو ته جنهن الله کان تو ڏهن پُٽن جي گهر ڪئي هئي اهو ان شرط تي راضي ٿيندو ته تون ڏهن پٽن جو خون بها ادا ڪر.
    جزيرة العرب ۾ انساني خون جي بها هڪ اُٺ برابر سمجهي ويندي هئي. حضرت عبدالمطلب عارف کان اهو سوال ڪيو ته ڇا مان جيڪڏهن ڏهن پٽن جي بجاءِ ڏهه اُٺ خون بها لاءِ قربان ڪيان ته الله راضي ٿي ويندو؟ عارف شخص وري آسمان ڏانهن نهاريو ۽ جواب نهَ ۾ ڪنڌ لوڏيائين. حضرت عبدالمطلب آهستي آهستي اُٺن جو تعداد وڌائيندو وڃي هڪ سؤ اُٺن تائين پهچايو ته عارف شخص چيو ، ”الله تنهنجي التجا پوري ڪري ڇڏي.“
    حضرت عبدالمطلب يثرب کان مڪي روانو ٿيو ۽ مڪي ۾ پهچي پنهنجي پٽ حضرت عبدالله جي بدلي سؤ اُٺ الله جي راهه ۾ قربان ڪيا. سالن گذرڻ بعد جڏهن حضرت عبدالله جي فرزند حضرت محمد ﷺ کي پيغمبري عطا ٿي ۽ قرآن مجيد نازل ٿيو ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هڪ قتل جو خون بها سؤ اُٺ مقرر ڪري ڇڏيا. پر اهو قتل ڪنهن قبائلي منصوبي جي تحت ٿيل نه هجي.
    جڏهن حضرت عبدالله جي جان الله تعاليٰ جي طرفان بخش ٿي وئي ۽ ان جي بدلي ۾ سؤ اُٺ قربان ڪيا ويا، ته ان کان ڪجهه عرصي بعد حضرت عبدالله جي شادي حضرت آمنه سان ٿي ۽ الله تعاليٰ کين حضرت محمد ﷺ خاتم المرسلين عطا فرمايو. پر جڏهن پاڻ سڳورنﷺ هن دنيا ۾ اکيون کوليون ته ان کان اڳ حضرت عبدالله وفات ڪري چڪا هئا.


    مڪي تي حملي جو سال ۽ عربن جي قبائلي زندگي

    مڪي تي حملي جو سال ۽ عربن جي قبائلي زندگي

    عربن جي چوڻ مطابق ڪعبة الله ۾ ٽي سؤ سٺ بت هئا، جڏهن ته بُتن جو تعداد اڃا گهڻو هيو. انهن کان علاوه ٻين قومن ۽ قبيلن جي مذهب جا نشان به ڪعبي ۾ موجود هئا. جيئن ڪعبي ۾ پهچي ڪري هر شخص پنهنجي مخصوص خدا جي عبادت ڪري سگهي. ايتري قدر جو حضرت عيسيٰ ؑ ۽ حضرت مريم  جون خيالي تصويرون يا بت به ڪعبي ۾ موجود هئا.
    ڪعبة الله جي صحن کي حرم پاڪ چيو ويندو آهي يعني محفوظ جڳهه اسلام کان اڳ عرب به حرم جي ايتري عزت ۽ احترام ڪندا هئا جو ڪنهن کي اجازت نه هئي ته ڪوئي حرم جي اندر ڪنهن سان جهڳڙو يا بدڪلامي ڪري سگهي، ايتري قدر جو هڪ ٻئي جا ذاتي دشمن به جيڪڏهن حرم ۾ گڏ داخل ٿي ويندا هئا ته انهن کي به عارضي طور اها دشمني دور ڪرڻي پوندي هئي. ڪوئي مسافر يا ڪو قافلو ڪٿان به اچي حرم ۾ داخل ٿئي ته کيس پنهنجي خدائن جي عبادت ڪرڻ جي مڪمل آزادي هوندي هئي. خاص ڪري هر قوم يا هر قبيلي لاءِ الڳ الڳ حجرو يا جڳهون مقرر ٿيل هونديون هيون، جتي هر ڪو پنهنجي پنهنجي خدا جي سارسنڀال لهندو هو.
    جزيرة العرب جي ڏکڻ ۾ ملڪ حبش (اڄ جو يمن جيڪو ان وقت حبش جي ماتحت هو) جي گورنر ابرهه خانه ڪعبه کي ڊاهڻ جو منصوبو بڻايو. هو تمام ڊگهو سفر ڪري مڪي جي ويجهو اچي پهتو. اتي هڪ ننڍي شهر طائف ۾ داخل ٿيو جيڪو اڄ به طائف جي نالي سان موجود آهي. طائف جي رهواسين ان جو وڏو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ اتان جي ماڻهن کيس چيو ته اي ابرهه! توکي اسان اهو اختيار ڏيون ٿا ته ڀلي خانه ڪعبه کي ڊاهي ڇڏ مگر اسان جي خدائن جا حجرا ويران نه ڪجانءِ، ابرهه ظاهر ۾ اها ڳالهه قبول ڪئي.
    طائف جو شهر سمنڊ جي سطح کان ٻه هزار پنج سؤ ميٽر بلنديءَ تي آهي. ان دور ۾ به اتي پاڻي، وڻ ٽڻ ۽ سرسبز فصل ٿيندا هئا. هينئر به طائف ۾ سرسبز فصل، ميوا ۽ وڻ ٽڻ گهڻي تعداد ۾ موجود آهن. طائف جا ماڻهو ان وقت مڪي جي رهواسين جي اڳيان فخر محسوس ڪندا هئا، ته اسين ڪڻڪ جي ماني کائيندا آهيون.
    اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته مڪي جا ماڻهو مانيءَ جو استعمال تمام گهٽ ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ کين ٻين علائقن کان آڻڻي پوندي هئي. مڪي وارن جي عام غذا کارڪون، اُٺ جو کير، ريگستاني جانورن جو گوشت ۽ سڪل مڇي هوندي هئي. ان ڪري جو مڪي جو شهر بحريه احمر جي ويجهو هيو.
    بهرحال ابرهه، جيڪو مڪي تي حملي جي لاءِ سنڀري اچي نڪتو هو سو هڪ وڏو موقعي پرست ۽ شان شوڪت جو بُکيو انسان هو. هن پهريائين پنهنجي ملڪ ۾ غداري ڪري پاڻ کان اڳ واري گورنر کي قتل ڪرائي، پاڻ گورنري حاصل ڪئي هئي. ان خودغرض شخص بين الاقوامي تجارت جو مرڪز عرب جي ريگستاني ڏاکڻي حصي ”صفا“ نالي شهر ۾ قائم ڪيو ۽ اتي هڪ نئون ڪعبو جوڙايائين. جيڪو ابرهه جو ڪعبو تيار ٿيو سو گرجا گهر جي شڪل ۾ هو. جڏهن ابرهه جو نئون ڪعبو مڪمل ٿي چڪو تڏهن کيس تمام گهڻي حيرت ۽ مايوسي ٿي ته هن جي سمورين ڪوششن جي باوجود مڪي ۾ قائم خانه ڪعبه جي اهميت ۽ تقدس ۾ ذري جيترو به فرق نه آيو آهي جنهن ڪري هن جو قائم ٿيل تجارت جو مرڪز، جيڪو هن ”صفا“ شهر ۾ ٺهرايو هو، سو به ناڪام ٿي ويو. ان ناڪاميءَ کان پوءِ هو هڪ وڏي فوج وٺي مڪي جي طرف روانو ٿيو ته پنهنجي خواري ٿيڻ کان خانه ڪعبي کي ڊاهيو وڃي.
    ابرهه جو لشڪر هاٿين تي سوار هو. مڪي جي رهواسين هاٿين جي حملي ٿيڻ واري رستي جو نالو ”صراط فيل“ رکيو ۽ جيڪي رستي ۾ چشما هئا انهن کي ”عين فيل“ جو نالو ڏنو. جنهن رستي سان لشڪر مڪي ۾ داخل ٿيو. سو ”باب الفيل“ سڏيو ويو. آخرڪار 570ع ۾ جڏهن ابرهه مڪي ۾ داخل ٿيو ته اهو سال عرب ۾ ”عام الفيل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. اهوئي سال هو جو حضرت محمد ﷺ جن جي مڪي ۾ ولادت ٿي.
    حضرت محمد ﷺ جن جي خاتم النبين جون ڪيئي بشارتون ”انجيل“ ۾ آيل آهن جيڪو الله تعاليٰ جو نازل ڪيل ڪتاب آهي هي ڪتاب حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيو هو . انجيل ۾ جيئن ”يوحنا“ حضرت عيسيٰ  جو مددگار هو، تنهن لکيو آهي ته حضرت عيسيٰ فرمايو ”جيڪڏهن اوهان مون سان محبت ڪريو ٿا ته منهنجي پيغام کي غور سان ٻڌو ۽ ذهن ۾ رکو ۽ مان به الله جي بارگاهه ۾ اوهان لاءِ دعاءِ خير گهرندس ۽ الله مون کان بعد توهان لاءِ ”فار قليط“ موڪليندو ۽ مان توهان کي يتيم ٿيڻ نه ڏيندس. يعني توهان کي سرپرست بنا نه ڇڏيندس. ”فار قليط“ يوناني زبان جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”تسلي ڏيڻ وارو، همت ڏيڻ وارو ۽ حمايت ڪرڻ وارو.“
    هن وقت چار انجيل موجود آهن. يوحنا جي چوڻ مطابق، جيڪو هڪ انجيل جو لکندڙ آهي، سو چوي ٿو ته: ”حضرت عيسيٰ پنهنجي پوئلڳن کي چيو هو ته مون کان بعد هڪ اهڙو شخص ايندو جيڪو توهان جي مدد ۽ حمايت ڪندو.“
    عيسائين جو چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ جي وفات کان پنجاهه ڏينهن بعد ”فار قليط“ ظاهر ٿيو جيڪو ان وقت کان اڄ ڏينهن تائين الله ۽ عيسائين جي وچ ۾ واسطو بڻيل آهي.
    بهرحال مسلمانن جو چوڻ آهي ته حضرت عيسيٰ  جي ڪلام ۾ ردوبدل ڪئي وئي آهي. ڇو ته حضرت عيسيٰ جو فرمان آهي ته مون کان پوءِ ”پريڪليطاس“ ايندو. يوناني ٻوليءَ ۾ ان لفظ جي معنيٰ آهي ”احمد“؛ يعني جنهن جي تعريف ڪئي وئي هجي ۽ ”محمد “ جنهن جي تمام گهڻي تعريف ۽ ساراهه ڪيل هجي.
    ان روايت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته يهودين به ”پريڪليطاس“ ئي پڙهيو هو ۽ اهي ڄاڻن پيا ته حضرت عيسيٰ  جيڪا بشارت ڏني آهي ته ”احمد“ ايندو.
    هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته جنهن رات پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ولادت ٿي، تمام يهودي سخت پريشان، بي چين ۽ بيحال هئا. يعني حضرت آمنه جي فرزند جي پيدائش سان يهودي خوفزده ٿي ويا هئا.
    روايت ۾ آهي ته حضرت آمنه پيغمبر اسلام ﷺ جي والده جو چوڻ هو ته حمل جي دوران ٻار جو وزن محسوس نه ٿيندو هو ۽ اها به روايت ظاهر ٿي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي ولادت ٿي ته سندن طهر ٿيل هو.
    جيتوڻيڪ يهودي اهو سمجهي ويا هئا ته جنهن شخص جو ذڪر يوحنا جي لکيل انجيل ۾ آيو آهي، سو هن دنيا ۾ قدم رکي چڪو آهي، پر پيغمبر اسلام جن جو هن دنيا ۾ تشريف فرما ٿيڻ کان پوءِ به مڪي ۽ ٻين ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ عربن جي رهڻي ڪهڻي ۾ ڪائي تبديلي نه آئي. ڇو جو جزيرة العرب ۾ هڪ پيعمبر جو پيدا ٿيڻ ڪا غيرمعمولي ڳالهه نه هئي.
    روايت موجب جزيرة العرب ۾ هڪ لک چويهه هزار پيغمبر ظاهر ٿيا، ۽ هن دنيا جا ٽي توحيدي مذهب ”يهوديت“، ”مسيحت“ ۽ اسلام به جزيرة العرب مان ئي ظاهر ٿيا، پر ان شرط سان ته اسان روم جي درياءَ جي اوڀرندي علائقن کي به جزيرة العرب جو حصو سمجهون. اها حقيقت آهي ته اسين سڀني پيغمبرن جي باري ۾ ڪجهه نٿا ڄاڻي سگهون پر انهن مان سؤن جي تعداد ۾ انهن جي نالن کان واقف ڪاري ملي ٿي ۽ انهن جي زندگيءَ جي باري ۾ روايتون ملن ٿيون.
    جنهن جزيرة العرب ۾ ايترا پيغمبر پيدا ٿيا هجن، ان علائقي ۾ رهندڙ عرب هڪ پيغمبر جي پيدا ٿيڻ تي حيرت يا تعجب نه ڪندا هئا؛ ڇو جو اهڙي قسم جي واقعن کي پنهنجي تاريخ ۾ مختلف روايتن ذريعي ڏسي چڪا هئا. جيتوڻيڪ حضرت آمنه کي اهو پتو پيو ته جيڪو سندس پيٽ ۾ ٻار موجود آهي، اهو پيغمبر آهي تڏهن به ان تي زياده حيرانيءَ جو اظهار نه ڪيو ويو، ڇو ته هيءَ هڪ سرزمين هئي جتي نه صرف پيغمبر جي پيدائش جو واقعو ڪو انوکو نه سمجهندا هئا، پر الله ۽ انسان جي پاڻ ۾ رابطي هئڻ کي به حيرت جي ڳالهه نه سمجهندا هئا. سڀئي پيغمبر جيڪي جزيرة العرب ۾ نمايان ٿيا سي سڀ بالواسطه يا بلاواسطه الله جي هم ڪلام ٿيندا رهيا.
    ڪائنات جو ڌڻي الله تعاليٰ هر جڳهه موجود آهي، پر اڄ به جيڪي ماڻهو الله جو راضپو چاهن ٿا اهي جزيرة العرب جي طرف روانا ٿيندا نظر ايندا. يهودي ڪنعان جي طرف، عيسائي بيت المقدس جي طرف ۽ مسلمان خانه ڪعبي ڏانهن روانا ٿين ٿا.
    پر سڀ کان وڌيڪ حيرت انگيز حقيقت هيءَ آهي ته جزيرة العرب جي ريگستان ۽ بيابانن تي نظر وجهبي ته دنيا جو هڪ انوکو علائقو نظر ايندو جتي چؤطرف آسمان ئي آسمان نظر ايندو. اتي انسانن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سوچ فڪر باقي دنيا جي انسانن کان بلڪل مختلف هو اهڙي صورت ۾ يقيناً هڪ پيغمبر جي پيدائش به ڪا حيرانيءَ جي ڳالهه نٿي ٿي سگهي.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن کي سڀ رشتيدار ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن جي والده سمجهي چڪي هئي ته پاڻ خدا جا پيغمبر ٿي آيا آهن.پر ان جي باوجود به ڪنهن تعجب سان پاڻ سڳورنﷺ کي نه ڏٺو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي پالنا يا سارسنڀال به عام ٻارن جي سارسنڀال کان مختلف نه هئي.
    جزيرة العرب ۾ هڪ لک چوويهه هزار نبي پيدا ٿيا، ليڪن انهن مان جن مڪمل منزل ماڻي ۽ پنهنجي پروگرام ۾ ڪامياب ٿيا انهن جو تعداد تمام ٿورو آهي. اهي سڀ عرب جي ريگستان ۾ ئي پليا ۽ پيغام ڏنائون.
    شروعات ۾ عرب جزيرة العرب جي ڏکڻ طرف زندگي بسر ڪندا هئا، جيڪو علائقو تمام سرسبز هوندو هو. ان علائقي کي عربستان ۾ ”خفيب“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو، يوناني ان علائقي کي ”بارونق بلاء عرب“ جو نالي سان سڏيندا هئا.
    مختلف جنگين، ڏڪار ۽ پاڻيءَ جي ڪميءَ سبب جزيرة العرب جي ڏاکڻي حصي مان عرب لڏڻ تي مجبور ٿي ويا. ڏکڻ طرف سمنڊ هئڻ سبب اترطرف ان ريگستان جو رخ ڪيائون. پوري ريگستان ۾ عرب قوم ڇائنجي وئي جتي کين خشڪ ۽ تمام وڏي ريگستان ۾ زندگي گذارڻ، مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ ۽ ٻيون زندگيءَ جو ضرورتون پوريون ڪرڻ خاطر پنهنجو اهڙو ته ذهن ٺاهي ڇڏيائون جو هر مشڪل گهڙي پار ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي جانيون وڃائي ڇڏيون. جيڪي زندهه هئا سي سڀ مضبوط ارادي ۽ باصلاحيت زندگي بسر ڪرڻ لڳا.
    حقيقت آهي به ائين ته مشڪلاتن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ بردباري ۽ ماحول کي منهن ڏيڻ لاءِ انسان ۾ صلاحيت هئڻ گهرجي. اهڙي طرح عرب ريگستان ۾ به اهڙا ئي ماڻهو زندهه رهن پيا جن جي اندر جسماني استقامت ۽ روحاني پائداري موجود هئي. جيڪي بک ۽ اُڃ برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکن پيا. ريگستان ۾ رهي بکيو ۽ اڃيو رهڻ سندن فطرت بڻجي ويئي. ايتري قدر جو عام طور هر عرب مرد يا عورت پيٽ سان ڪپڙو ٻڌندا هئا ته بک جو احساس گهٽجي. ڪڏهن ڪڏهن ان ڪپڙي سان پٿر به ٻڌندا هئا ته جيئن پٿر جي وزن سبب پيٽ وزن سان محسوس ٿئي ۽ بک جو احساس گهٽجي وڃي. بهرحال بک ۽ اُڃ جي برداشت ايتري هُين جو ٻين علائقن جا ماڻهو اهڙو تصور به نٿا ڪري سگهن. جانورن ۾ ايتري ته بک محسوس ٿيندي هئي جو هڪ اُٺ پنهنجي بدن جا وار به کائي ڇڏيندو هو.
    جزيرة العرب ۾ بهار جي موسم ۾ ربيع جو فصل صرف ٽن هفتن تائين قائم رهندو هو، انهن ٽن هفتن دوران برسات پوندي هئي، جنهن علائقي ۾ واري گهٽ هوندي هئي اتي سرسبزي ۽ تازگي اچي ويندي هئي ۽ گرمي اچڻ سان سرسبزي سڪل ڪنڊن جي صورت اختيار ڪري ويندي هئي. ربيع جي پوکيءَ وارن ڏينهن ۾ ريگستاني هرڻ خوراڪ جي تلاش ۾ ايندا هئا، تن جو شڪار ڪري ماڻهو گذر سفر ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪوئي ريگستاني عرب شهر ۾ اچي گهر آباد ڪندو هو ته به هو پنهنجي ساڳيءَ فطرت سان زندگي بسر ڪندو هو. صرف گهر جي رهائش تبديل ڪندو هو، مڪي، يثرب ۽ طائف جا ماڻهو به جيڪي جزيرة العرب جي شهرن ۾ ليکيا ويندا هئا سي به ريگستان ۾ رهڻ وارن وانگر پنهنجي حد اندر زندگي بسر ڪندا هئا ۽ نه ڪنهن ٻئي قبيلي سان گڏجي رهندا هئا. جيڪو عرب اُٺن پالڻ وارو هوندو هو سو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه ڏانهن لڏپلاڻ ڪندو هو کيس گهرو سامان به مختصر هوندو هو، ڪوئي وزن وارو سامان به پاڻ وٽ نه رکندو هو.
    مڪي جا بزرگ به اهڙي ئي زندگي بسر ڪندا هئا ڇو ته انهن وٽ به اُٺن کان سواءِ ٻيو روزگار جو ذريعو نه هو ۽ نه وري کين ڪو شان شوڪت وارو ٻيو سامان هوندو هُين. قريش جا قبيله جيڪي مڪي ۾ رهائش اختيار ڪري چڪا هئا، انهن به پنهنجي زندگيءَ جي حالتن ۾ ڪابه تبديلي نه آندي هئي، مڪي جي قريش خاندان ۾ جيڪڏهن ڪو ٻار پيدا ٿيندو هو ته اهو ٻار پالڻ جي لاءِ ڪنهن دائيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيندا هئا. عرب ٻارن کي دائين جي حوالي ان ڪري به ڪندا هئا ته جيئن ريگستان جي آبهوا ۾ سندن پالنا ٿئي ۽ اتان جي ماحول ۾ ئي جُوان ٿين. ٻارن کي دائين جي حوالي ڪرڻ جا ٻه سبب ٻڌاياو وڃن ٿا.
    هڪ ته مڪي جي آبهوا کان بهتر ريگستاني آبهوا ٻارن لاءِ فائديمند هئي ڇو ته مڪي ۾ پالنا وٺندڙ ٻار يا ڪمزور رهندا هئا يا اڪثر ڪري ننڍپڻ ۾ ئي فوت ٿي ويندا هئا.
    ٻيو سبب هي به هيو ته ٻارن کي پالڻ خاطر دائين جي حوالي ڪرڻ سان مختلف قبيلن ۾ تعلقات وڌن پيا. ڇو ته کير پيارڻ واري دائي ٻار کي پنهنجي ڇاتيءَ جو کير جيترن به ٻارن کي پياريندي هئي، اهي سڀ پاڻ ۾ رضائي ڀائر سڏائيندا هئا. عربن ۾ اهڙي ڀاءُ کي حقيقي ڀاءُ جي نظرن سان ڏٺو ويندو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن جي ولادت کان پوءِ قريش جي رسم مطابق سندن مٿي مبارڪ جا وار لاٿا ويا ۽ انهن وارن جي وزن برابر فقيرن ۾ سون ورهايو ويو. هڪڙي ننڍڙي ڄاول ٻار جا وار وزني ته نه هوندا آهن، پر قريش وارا ان رسم جي سختيءَ سان پابندي ڪندا هئا. جيڪڏهن دنيا ۾ ڪنهن به علائقي اندر جيڪڏهن ڄاول ٻار جا وار ڪُوڙي وارن جي وزن مطابق سون ورهايو وڃي ته سمجهيو وڃي اها رسم عربن قائم ڪئي هئي.
    عربستان جي معمول مطابق ڪجهه عرب عورتون ريگستان مان سال جي مختلف مهينن ۾ مڪي جو رُخ ڪنديون هيون ۽ مڪي مان کير پياڪ ٻار کڻي وڃي پنهنجي ريگستاني گهرن ۾ رهائي پنهنجي ڇاتيءَ جو کير پياري سندن پالنا ڪنديون هيون. ان ذريعي سان مستقبل ۾ مڪي جي قريش خاندان سان مضبوظ تعلق ٿي ويندو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن جي ولادت جي سال به ريگستان جي ”سعد بن بڪر“ قبيلي جي عورتن جو ٽولو به مڪي مان ٻارن کي وٺي کير پيارڻ لاءِ پهتو ۽ جن ٻارن کي کير پيئڻ جي ضرورت هئي، سي وٺي ريگستان ڏانهن ورانيون ٿي ويون. انهن مان ڪنهن به عورت (دائيءَ) حضرت محمد ﷺ جن کي قبول نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته هي يتيم ۽ غريب ٻار آهي، صرف هڪ دائيءَ جنهن جو نالو ”حليمه“ هو، ان پاڻ سڳورنﷺ ﷺ کي گود ورتو.
    دائي حليمه جو چوڻ آهي ته ان سال ربيع جي پوک جي موسم ۾ برساتون نه پيون. اسان وٽ ڪوبه معاشي ذريعو ڪونه هو. مون پنهنجي مڙس جي سامهون اها تجويز پيش ڪئي ته ڇو نه اسان به مڪي هلون ۽ ڪنهن بزرگ جو کير پيئندڙ ٻار وٺي اچي پاليئون. پالي وڏو ڪنداسين ته ان جي بدلي ۾ ان جا والدين مزدوري ڏيندا جنهن مان اسين پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري وٺنداسين. منهنجي مڙس منهنجي ڳالهه مڃي ورتي. جيتوڻيڪ مون کي پنهنجو ٻار کير پيئندڙ به هو، پنهنجيءَ ڪمزور ڏاچيءَ تي سوار ٿي مڪي ڏانهن روانا ٿياسين. منهنجو ٻار بک سبب روئندو رهندو هو، ڇو ته منهنجي ڇاتي کير کان خالي هئي. ڏڪار ۽ گاهه جي قلت جي ڪري ڏاچي به کير ڪونه ڏيندي هئي. معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ٻئي زال مڙس به اڪثر ڪري بکون ڪاٽيندا هئاسين.
    جڏهن اسين مڪي پهتاسين ته اسا ن جي قبيلي بنو سعد جون عورتون خوشحال ماڻهن جا ٻار کڻي واپس وڃي رهيون هيون. انهن سڀني کي ٻارڙن جي والدين طرفان مناسب انعام به حاصل ٿيا، پر اسان کي هڪ يتيم ۽ غريب ٻار مليو جنهن جو نالو (حضرت محمد ﷺ) هو. اهو اسان جي نصيب ۾ آيو جو وارثن اسان کي ڪوبه انعام يا تحفو به نه ڏنو. مون پنهنجي مڙس کي چيو ته خالي هٿين موٽڻ کان بهتر آهي ته اهو ٻار ئي مالڪن کان وٺون، ڇو ته پوءِ به ان ٻار جو تعلق قريش قبيلي سان آهي ۽ جڏهن هو وڏو ٿيندو ته ان ٻار جو شمار قريش جي بزرگن ۾ ٿيندو. اهڙي طرح اسان کي ان ذريعي سان مستقبل ۾ ڪونه ڪو فائدو حاصل ٿي ويندو. منهنجي مڙس منهنجي اها صلاح قبول ڪئي ۽ اسان هو يتيم ٻار هنج وٺي واپس ٿياسون. اڃا اسين مڪي کان اڌ منزل به پري نه ٿياسين ته مون کي هڪ بيپناهه تعجب واري ڳالهه محسوس ٿي ته منهنجي ڇاتي اهڙي طرح کير سان ڀرجي وئي جو مان پنهنجي ٻار کي به پيٽ ڀري کير پياريم ۽ (حضرت) محمد (ﷺ) جن کي به.
    جڏهن اسين پنهنجي گهر پهتاسين ته منهنجي مڙس حيرت منجهان ڏاچيءَ جي ٿڻن ڏانهن اشارو ڪري چيو ته حليمه اسان جي ڏاچيءَ جي ٿڻن ۾ به کير ڀرجي آيو آهي. اسان ٻنهي پنهنجي سخت بک مٽائڻ لاءِ ڏاچيءَ جو کير مزي سان پيتوسين ۽ اهڙي طرح اسان جي اها رات ڏاڍي سڪون ۽ آرام سان گذري. صبح ٿيو ته مون کي پنهنجي مڙس چيو ته حليمه هي ٻار جيڪو قريش قبيلي جو اسان هنج ۾ ورتو آهي، بيشڪ وڏي برڪت وارو آهي ۽ اهو ٻار يقيناً اسان جي قسمت بدلائي ڇڏيندو.


    حضرت محمد ﷺ امين

    حضرت محمد ﷺ امين

    حضرت محمد ﷺ جن کي دائي حليمه پرورش ڪري واپس پنهنجي والده حضرت آمنه وٽ پهچايو. مٿي بيان ٿي چڪو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن جي ولادت کان پهريائين سندن والد صاحب وفات ڪري چڪو هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي والده به اهڙيءَ طرح دائي حليمه وٽان سندن واپس پهچڻ کان پوءِ سال ٻن ۾ وفات ڪري وئي. بعد ۾ ٻه سال پاڻ سڳورنﷺ جي پالنا سندن ڏاڏي ڪئي. ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر اٺ سال ٿي چڪي هئي. جڏهن ڏاڏي جي وفات کان پوءِ سندن چاچي حضرت ابوطالب جي سنڀال هيٺ آيا، ٻارهن سال عمر ٿيڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ جن کي سندن چاچو حضرت ابوطالب واپار سانگي پاڻ سان گڏ شام ملڪ ڏانهن وٺي ويو. پر پهرئين سفر کان پوءِ وري کين ٻيهر مال چارڻ جي خاطر ريگستان ڏانهن روانو ڪيو ويو. پاڻ سڳوراﷺ روزانو صبح جو ٻڪريون ۽ رڍون ڪاهي ريگستان طرف نڪري ويندا هئا. جتي جزيرة العرب جي ساڙيندڙ اُس ۾ مال چاريندا رهيا.
    پاڻ سڳوراﷺ ٻڪرين ۽ رڍن جي کير سان پيٽ ڀريندا هئا. جڏهن رڍن ۽ ٻڪرين جو کير خشڪ ٿي ويندو هو ته پاڻ ريگستاني ٻوٽن ۽ انهن جي رَسُ تي گذارو ڪندا هئا. جڏهن پاڻ سڳوراﷺ بلوغت تي پهتا ته پنهنجي ساٿين کي ريگستان ۾ اهي جڳهون ٻڌائيندا هئا ته هتي آءٌ ٻڪريون ۽ رڍون چاريندو هوس ۽ هنن ٻوٽن سان مان پنهنجي بک اجهائيندو هوس.
    اها حقيقت آهي ته عرب جا رهاڪو سال ۾ چار مهينا هڪ ٻئي سان ڪوبه جهڳڙو نه ڪندا هئا ۽ حج جي وقت اُهي ريگستاني ڦورو حج ڏانهن ويندڙ ماڻهن کان نه ڦرلٽ ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن واپاري قافلي کي تنگ ڪندا هئا. عربن جي قول مطابق ته انهن مهينن ۾ نه ”حاج“ تي حملو ٿيندو هو نه ”راج“ تي.
    حج دوران مڪي جي ويجهو هڪ وڏي بازار لڳندي هئي، جهڙي طرح اسلام کان پهريائين، ”عڪاظ“ نالي بازار لڳندي هئي. جزيرة العرب جي هر خطي کان ماڻهو ضرورت جون شيون بازار مان خريد فروخت ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. اها بازار مڪي جي ويجهو هڪ ننڍي شهر ۾ لڳائي ويندي هئي. عڪاظ بازار جي صحيح جڳهه جي ڪابه معلومات ملي نه سگهي آهي ته ڪهڙي ننڍي شهر ۾ لڳندي هئي.
    جزيرة العرب تمام وسيع علائقي تي ڦهليل آهي پر هن جو وڏو حصو ريگستان تي مشتمل آهي. جيڪڏهن ساري دنيا جي واري گڏ ڪري ڍير لڳائجي ته به جزيرة العرب جي وار ي ڪيترا حصا وڌيڪ آهي. انهن گرم ريگستانن ۾ هڪ عرب جي بنيادي ملڪيت هڪ تنبو هوندو هو جيڪو کيس گرم اُس کان بچاءَ لاءِ هوندو هو. هڪ اُٺ يا ڏاچي جنهن وسيلي سفر ڪندا هئا ۽ ڏاچيءَ جي کير سان پيٽ گذر ڪندا هئا. هڪ تلوار جيڪا پنهنجي حفاظت خاطر اوزار هيو. انهن سڀني شين ۾ ڪابه هڪ شيءِ محض شوقيه ڪانه هئي. رنگ روپ به استعمال نه ڪندا هئا جنهن سان ڪنهن شيءِ جي سونهن وڌيڪ ثابت ٿئي. عربن جو ڪم عام اهو به هو ته هو شاعري ڪندا هئا. عرب جا ماڻهو ٻيو ڪو ڪم نه ڪري سگهيا هئا ڇو جو کين ڪوبه اهڙو ٻيو اوزار يا سامان مهيا نه هيو. باقي شاعريءَ جي تخليق ۾ ڪامياب هئا. پراڻي دور ۾ عربن جو سرمايو شاعري رهيو آهي، جيڪو ثقافتي ۽ قومي سرمايو تصور ڪيو ويندو هو. جيڪڏهن عربن جي شاعريءَ جي باري ۾ ڄاڻ وٺبي ته ٻين جڳهن تي صرف هڪ اديب يا شعر ملندو پر جزيرة العرب ۾ هڪ شاعر صرف شاعري نه پر هڪ حڪيم، هڪ مذهبي پيشوا، هڪ معزز ۽ دانشور تصور ڪيو ويندو هو، جيڪو پنهنجي شاعريءَ وسيلي دشمن تي ڪاري ضرب لڳائيندو هو ۽ ڪي ته اهڙا به خيال پيش ڪندا هئا جو ڪنهن بيمار کي صحتيابي حاصل ٿي ويندي هئي.
    حضرت محمد ﷺ جن جي اعلانِ نبوت کان پوءِ هڪ جنگ دوران حضرت حسان بن ثابت رضي الله نالي هڪ شاعر جيڪو جنگ ۾ شامل هو، ان سان مخاطب ٿي پاڻ سڳورنﷺ جن کيس فرمايو ته حسان بن ثابت رضي الله تنهنجي شاعري دشمن لاءِ هڪ قهر آهي، جيڪا هڪ تير کان به وڌيڪ اثرائتي آهي، جيڪا دشمن طرف اڇلائي وڃي ته يقين ڄاڻ ته جبرائيل به تنهنجي مدد ڪندو. بهرحال عرب قبيلن وٽ شاعري سج ۽ هوا جي ضرورت وانگر زندگيءَ ۾ شامل هئي. زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪم ايندڙ شاعري جو ذخيرو؛ خوشي، غمي، جنگ امن، شادي غمي لاءِ خاص طرح جمع هوندو هو. جڏهن ڪو به غمگين حال هوندو ته ، ”زهير“ جا شعر پڙهندو هو. جيڪڏهن ڪنهن خوف ۾ هوندو هو ته، ”نابغه“ جا شعر پڙهندو هو، پر جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان مقابلي ۾ ايندو هو ته ”عنتره“ جا شعر پڙهي حملو ڪندو هو. پراڻي دور ۾ عام شاعر ريگستان ۾ گذر سفر ڪندا هئا. ڪيترائي بکن ۾ مري ويندا هئا ته ڪي وري رستي ويندڙ قافلي جي ڦر ڪري پنهنجو گذران ڪندا هئا.
    بهرحال عڪاظ جي بازار ۾ هر سال عرب شاعرن جي وڏي گڏجاڻي ٿيندي هئي ۽ اتي وڏيون وڏيون شاعريءَ جون محفلون ڪندا هئا. جيڪو شاعر پهريون نمبر ايندو هو اهو وڏا انعام اڪرام حاصل ڪندو هو ۽ ان جا شعر سونهري لفظن ۾ ريشمي ڪپڙي تي لکي ڪعبي جي ديوار تي لٽڪائيندا هئا، ڇو ته ٻين عرب قومن جا ماڻهو جڏهن ڪعبي ڏي اچن ته انهن شعرن کي پڙهي لطف حاصل ڪن. اهي شعر سارو سال ڪعبي جي ديوار تي لٽڪيل هوندا هئا جن کي ”معلقات“ سڏيو ويندو هو.
    عرب شاعرن جو شعر ايترو ته اثر ڪندڙ هو جو هڪ شخص وٽ سَت بدصورت نياڻيون هيون، جن جي باري ۾ هڪ شاعر کي چيائين ته انهن ڇوڪرين جي باري ۾ اهڙي شاعري ڪر جنهن ۾ انهن جي تعريف ٿيل هجي جو مرد اها شاعري ٻڌي ته شادي لاءِ رضامند ٿي وڃن. ان شاعر ڇوڪرين لاءِ شاعري ۾ اهڙا ڪمال ڀريا الفاظ لکيا جو هر هڪ ڇوڪري لاءِ ڪيترائي شادي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا.
    عڪاظ جي بازار جي هڪ خاص ڳالهه هيءَ به هوندي هئي ته جڏهن ڪو بادشاهه پنهنجي ڪا قيمتي شيءِ بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ موڪليندو هو ته عربن جي رسم مطابق انهن شين کي اهوئي خريد ڪندو هو جيڪو ٻين عام عربن کان برتر ۽ افضل (وڏي مرتبي وارو) هوندو هو. خريداريءَ جو طريقو ايئن هوندو هو ته مستحق، مسڪين يا حقدار لائق ماڻهو واري واري سان قدم اڳتي وڌائيندو هو ۽ هڪ خاص جڳهه تي بيهي شاعريءَ جي رنگ ۾ پنهنجو ”تعارف“ واقفيت ڪرائيندو هو. پنهنجي حسب نسب جو بيان ڪندو هو ۽ پنهنجي شان ۾ شعر چوندو هو. جيڪڏهن ڪو خريدار شعر نه چئي سگهندو هو ته ڪنهن شاعرکان بيان ڪرائيندو هو. پوءِ ججن جي فيصلي مطابق جو وڌيڪ حقداريءَ جي لائق هوندو هو ته ان کي خريداري جي اجازت ڏيندا هئا.
    عربن ۾ علم بيان ڪرڻ جي ايتري اهميت هئي جو هر قبيلي جو سردار ٿيڻ لاءِ ضروري هوندو هو ته هو شاعر ضرور هجي. قبيلي جو سردار”امير“ يا ”سيد“ اهڙو ماڻهو ٿيندو هو جيڪو شاعري جي ڄاڻ رکندڙ هجي.
    عربن جي مشهور شاعرن ۾ هڪ ”امري القيس“ نالي شاعر ٿي گذريو آهي، جيڪو انهن ستن مشهور شاعرن ۾ شامل آهن، جن جي شاعري ڪعبي جي ديوارن تي لٽڪائي ويندي هئي. ”امري القيس“ جو نالو انهن شاعرن ۾ گهڻو مشهور هو. انهن ستن شاعرن جي شاعري ايتري ته مقبول هئي جو اڄ به جاهل ريگستاني عرب اهي شعر پڙهندو رهي ٿو.
    ”ابن هشام“، ”ابو داؤد“، ”امام بن حنبل“، ”حميد الله“ ۽ ”ابن سعد“ جن جو شمار اسلامي مورخين ۾ ٿئي ٿو. ان ڳالهه جي تصديق ڪئي آهي ته حضرت محمد ﷺ جن کي به شعر پسند ايندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جڳهه تي اهي عربن جا صاف سٿرا شعر پيش ڪندا هئا. عرب جا ماڻهو حضرت محمد جن کي نبوت عطا ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ”امين“ ڪري مڃيندا هئا. ”امين“ لفظ جي معنيٰ امانتداري ۽ وفاداري سان واسطو رکي ٿي. حضرت محمد ﷺ امانتداريءَ سان گڏوگڏ صبر ۽ تحمل تي قائم رهندا هئا. الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن کي قرآن مجيد ۾ ساراهيو آهي، عرب قوم ۾ صبر ڪرڻ ايترو پسند ڪيو ويندو هو جو ان وقت جي عربن جو چوڻ هوندو هو ته دنيا جي مال متاع کان محروم ٿي وڃڻ ڪو عيب نه آهي پر انسان مشڪلاتن ۾ صبر ۽ استقامت کان هٽي وڃي ته اهو وڏي ۾ وڏو عيب سمجهيو ويندو هو.
    پيغمبر اسلام جي استقامت، دوستي، وفاداري، عهد جي پابندي ۽ امانت داري جا قصا نبوت عطا ٿيڻ کان به پهريائين دنيا ۾ پري پري تائين پهچي چڪا هئا. هڪ عرب ليکڪ ”ابو داؤد“ پنهنجي ڪتاب ”سفن“ ۾ لکي ٿو ته جڏهن رسول الله تقريباً ٽيهن سالن جي عمر جا هئا ته هڪ سوداگر پاڻ سڳورنﷺ سان هڪ جاءِ تي ملڻ جو واعدو ڪيو ته تجارت جي باري ۾ گفتگو ڪجي. اهو سوداگر مقرر واعدي مطابق ان جڳهه تي حاضر نه ٿيو. ان سوداگر کان واعدو وسري چڪو هو. ٽن ڏينهن گذرڻ بعد جڏهن اهو سوداگر اتان گذريو ته حضرت محمد ﷺ جن کي ڏسي حيران ٿي ويو، پاڻ سڳوراﷺ مسلسل ٽي ڏينهن اتي واعدي مطابق انتظار ڪندا رهيا.
    ان زماني ۾ جزيرة العرب ۾ خاص طور ۽ عام طور تي ساري دنيا ۾ سون تمام اڻلڀ هيو. سون جو هڪ سڪو جنهن جو وزن پنج گرام هوندو هو، عرب وارن لاءِ هڪ وڏي دولت سمجهي ويندي هئي. دنيا ۾ سون جي آمد دراصل براعظم آمريڪا کان ٿيندي هئي. هسپانيه وارن آمريڪا پارن کي سون ڏيڻ بعد هن براعظم جو سون پهريون يورپ موڪليو ويو، بعد ۾ آفريقا ۽ ايشيا ۾ برآمد شروع ٿي.
    حضرت محمد ﷺ جن جوانيءَ ۾ هڪ سوداگر جو ڪم ڪار ڪندا هئا، ان سوداگر جو نالو ”قيس بن زيد“ هيو. اهو سوداگر پنهنجو سامان پاڻ سڳورنﷺ جي حوالي ڪندو هو. پاڻ سڳوراﷺ اهو سامان دور دراز ٻين علائقن تائين سفر ڪري واپار ڪندا هئا. وڪاميل سامان جي رقم ڏيڍ هزار تائين سونا سڪا وصول ٿيندا هئا. هيءَ وڏي رقم پاڻ سڳوراﷺ ديانتداري ۽ ايمانداريءَ سان سوداگر وٽ پهچائيندا هئا. جيڪڏهن ايڏي وڏي رقم پاڻ سڳوراﷺ کڻي ڪنهن ٻي علائقي ۾ وڃي پنهنجي زندگي بسر ڪن ها ته ڪري سگهن پيا، پر پاڻ ”امين“ هئا. ڪڏهن به سوداگر سان حساب ڪتاب ۾ ڪمي پيشي نه ڪيائون، جڏهن پاڻ سڳورنﷺ ”قيس بن زيد“ سوداگر جي ڪم ڪار کان آزاد ٿيا ته قيس بن زيد پاڻ سڳورنﷺ کي چيو ”يا محمد “ منهنجي جان اوهان تان قربان، اوهان جهڙو مون کي ديانتدار ۽ شريف انسان ڪڏهن به نه ملندو.
    پاڻ سڳوراﷺ جڏهن تجارت لاءِ سفر تي ويندا هئا ته ٻيا سوداگر پاڻ سڳورنﷺ جن جي ديانتداري ڏسي چوندا هئا ته اوهان اسان جو به سامان کڻي وڃو ۽ پنهجو اجورو اسان کان وٺو. پاڻ سڳوراﷺ انهن جو به سامان کڻي ويندا هئا، ليڪن قيس بن زيد جو چوڻ آهي ته پاڻ انهن کان مزدوري نه وٺندا هئا.
    ”ابن حنبل“ پنهنجي ڪتاب ”السند“ ۾ لکي ٿو ته پاڻ سڳوراﷺ جڏهن سفر کان واپس ايندا هئا ته سڀني دوستن کا ن خيريت جو حال احوال معلوم ڪندا هئا. جڏهن ڪنهن دوست جي مالي حالت ڪمزور هوندي هئي، ته ڪمائيءَ مان ڪجهه حصو ضرورتمندن ۾ ورهائيندا هئا. اهو عمل تجارت ڪرڻ واري لاءِ مثالي ثابت ٿئي ٿو.
    ان دور ۾ قريش جي ڏهن قبيلن ۽ ريگستان ۾ رهندڙ ڏاکڻي علائقي وارن ماڻهن سان جنگ لڳي، جنگ جو سبب هي هيو ته سال جي چئن مهينن ۾ معاهدي تحت ڪابه جنگ جهڳڙو يا قافلن جي لٽ ڦر يا حج تي ويندڙ ماڻهن کي تنگ ڪرڻ بلڪل منع هو. ريگستاني عربن اهو معاهدو ٽوڙيو، جنهن سبب قريش قبيلن ۽ ريگستاني عربن ۾ جنگ لڳي، پاڻ سڳوراﷺ پهريون دفعو ان جنگ ۾ شامل ٿيا.
    مڪي جي ماڻهن جو معاشي زندگيءَ لاءِ گهڻو دارومدار بازار عڪاظ تي هوندو هو، جيڪڏهن سال ۾ امن وارا مهينا مقرر نه ڪيا وڃن ها ته ماڻهو ڪعبي جي زيارت لاءِ به نه اچي سگهن ها ۽ نه وري عڪاظ جي بازار لڳي سگهي ها.
    سال جي باقي مهينن ۾ جڏهن قافله ريگستان مان گذر ڪندا هئا ته اهي رهزن ماڻهن کي ٽيڪس ڏيڻ تي مجبور هوندا هئا. پر ماهه حرام ۾ ڪنهن کي به ٽيڪس وٺڻ جي مجال نه هئي. جيڪڏهن ڪنهن به قافلي تي حملو ماهه حرام ۾ ٿيندو هو ته قريش جا سڀ قبيلا وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. پاڻ سڳوراﷺ به پهريون دفعو پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب سان گڏجي جنگ ۾ شريڪ ٿيا هئا. ڪن عرب تاريخدانن لکيو آهي ته پاڻ سڳوراﷺ ننڍا هئا پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب کي تيراندازيءَ ۾ مدد ڪيائون،. ڪن جو چوڻ آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جي هٿ ۾ شمشير (تلوار) هئي ۽ واعدي ٽوڙڻ وارن جي قبيلي جي اڳواڻ ”بوبره“ کي زخمي به ڪيو هو.


    حلف الفضول يا رضاڪار تنظيم

    حلف الفضول يا رضاڪار تنظيم

    دنيا جي هر خطي ۾ عوامي نوجوانن جون تنظيمون قائم ڪيون وينديون آهن، جيڪي خدمت خلق جو فرض ادا ڪنديون رهنديون آهن. اهي جماعتون يا تنظيمون نه ڪنهن قوم خاطر، نه مذهب خاطر، نه سياسي لحاظ کان ڪم ڪنديون آهن، مگر صرف عام خلق جي خدمت، ظلم جي خلاف ۽ عام ڀلائيءَ خاطر تقريباً دنيا جي هر علائقي ۾ هينئر به موجود آهن. مڪي جي نوجوانن به هڪ اهڙي ”حلف الفضول“ نالي رضاڪار تنطيم جوڙي هئي.
    جيئن ته پهريائين اهو ذڪر ٿي چڪو آهي ته جزيرة العرب ۾ جيڪڏهن ڪو قتل ٿي پوندو هو ته ان قاتل گهراڻي کان نه پر قاتل جي پوري قبيلي کان انتقام ورتو ويندو هو، پر جڏهن بدوي عرب، يعني جيڪي ريگستاني علائقي ۾ رهندڙ هئا ۽ آهستي آهستي شهر ڏانهن رخ ڪيو، جڏهن شهر جا عام رهاڪو ٿي رهيا ته اهي پراڻيون رسمون يعني قتل جي بدلي پوري قبيلي کان انتقام ورتو وڃي، اهڙي ڳالهيون شهر ۾ ختم ٿيڻ لڳيون ڇو ته جيڪڏهن مڪي ۾ بدوي آيل هاڻي مڪي جو رهاڪو آهي ان کان ڪوئي قتل يا ظلم ٿي پوندو هو، ته مڪي ۾ ڏهن قريش قبيلن سان منهن ڏيڻو ٿي پيو. مڪي ۾ نه پوليس هئي نه عدالت، هر قبيلو پنهنجا اختلاف پاڻ ئي نبيريندو هو ۽ هر قسم جا اختلاف ان قبيلي جي حدن کي نه اورانگهيندا هئا. جيڪڏهن ڪو ٻاهران دشمني تحت ڪو حملو ٿيندو هو ته سڀ قبيلا متحد ٿي ويندا هئا ۽ دشمن ڪامياب نه ٿيندو هو. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن ڪو به ريگستاني عرب مڪي ۾ ايندو هو ۽ ان سان ڪو ظلم ٿيندو هو ته اهو واپس وڃي پنهنجي ريگستاني قبيلي کي متحد ڪري مڪي تي حملي لاءِ ايندا هئا. پر قريش جي ڏهن قبيلن سان منهن ڏئي نه سگهندا هئا. اهڙيءَ طرح ريگستاني عرب نه انصاف حاصل ڪري سگهندا هئا نه بدلو وٺي سگهندا هئا.
    هڪ عرب ليکڪ ”سهيلي“ لکي ٿو ته هڪ دفعو ڪعبي جي زيارت جي ڏينهن ۾ ڏاکڻي ريگستاني علائقي کان هڪ شخص هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ساڻ وٺي مڪي آيو ته مڪي جي هڪ مالدار واپاري ڇوڪريءَ کي اغوا ڪرايو. ڇوڪريءَ جي پيءُ وٽ ٻيو ڪوبه رستو ڪونه هو، صرف ريگستاني علائقي وڃي قبيلي وارن کي اطلاع ڏنو ته اهي اچي مالدار تاجر وٽان ڇوڪريءَ کي آزاد ڪرائن. پر مالدار تاجر اهو ڄاڻي پيو ته ڇوڪريءَ وارن جو قبيلو تمام ننڍو آهي جيڪو قريش جي ڏهن قبيلن سان وڙهڻ جي جرائت نٿو رکي سگهي.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي ان واقعي جي خبر پئي ته پاڻ سڳورنﷺ قريش جي نوجوانن کي چيو ته اهي سڀ ان ڳالهه تي رضامند ٿين ته اهڙن واقعن جو مڪي ۾ رواج نه پئجي وڃي. قريش جا ڪجهه نوجوان ان ڳالهه تي رضاڪارانه طور راضي ٿيا ۽ ظلم جي مخالف ۽ مظلومن جا حامي بڻيا ۽ انهن سڀني گڏجي هڪ عهد ڪيو ته، ”اسان قسم کڻون ٿا ته مظلوم جي اهڙي طرح حمايت ڪريو جو ظالم مجبور ٿي پوي ۽ مظلوم جو حق ادا ڪري. اسان قسم کڻون ٿا ته ان راهه ۾ اسان کي ڪنهن به شيءِ جي لالچ نه آهي، جيتوڻيڪ مظلوم مالدار هجي يا غريب.“
    ان حلف نامي ۾ پاڻ سڳوراﷺ به شامل هئا، حلف نامي کڻڻ کان بعد سڀني نوجوانن حجرالاسود کي آب زم زم سان ڌوئي، پاڻي پيتو ته جيئن سندن قسم مضبوط رهي ۽ متحد ٿيڻ جو عهد قائم رهي.
    سڀ نوجوان جن ۾ پاڻ سڳوراﷺ به شامل هئا، ان ڇوڪري اغوا ڪندڙ مالدار تاجر جي گهر ڏانهن روانا ٿيا. مالدار تاجر جي گهر جو محاصرو ڪري کيس چيو ويو ته بنا دير جي اغوا ٿيل ڇوڪري سندس والد جي حوالي ڪري. مالدار تاجر هڪ رات جي مهلت ورتي ۽ چيائين ته ايندڙ صبح جو مان ڇوڪري سندس پيءُ جي حوالي ڪندس. پر پاڻ سڳوراﷺ ۽ ٻيا نوجوان ان ڳالهه تي بلڪل راضي نه ٿيا ۽ مالدار تاجر کي چيائون ته هاڻي ۽ هن ئي گهڙيءَ ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي حوالي ڪر. آخرڪار هو بلڪل مجبور ٿي پيو ۽ ڇوڪري انهيءَ ئي وقت پيءُ جي حوالي ڪيائين.
    هڪ دفعو ابوجهل هڪ اجنبي سوداگر کان مال خريد ڪيو، پر ان جي قيمت ادا نه ڪيائين. اجنبي سوداگر کي اها خبر نه هئي ته مڪي ۾ ڪا رضاڪار تنظيم ”حلف الفضول“ جي نالي سان موجود آهي، جيڪا هن جي مدد ڪري سگهي ٿي پر هو مايوس ٿي مڪي کان واپس هليو ويو، هن جو قبيلو به ايترو ننڍو هو جو قريش جي ڏهن قبيلن سان زور آزمائي نه پيو ڪري سگهي.
    ان واقعي جي جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي خبر پئي ته پاڻ سڳوراﷺ ابوجهل وٽ پهتا ۽ ابوجهل کي چيائون ته اجنبي سوداگر کان خريد ٿيل سامان جي قيمت ادا ڪري، ابوجهل ان قيمت ڏيڻ تي مجبور ٿي پيو، ان واقعي کان بعد ڪوبه اجنبي سوداگر يا ڪوئي عام ماڻهو مڪي ۾ ايندو هو ۽ ان سان جيڪڏهن ظلم ٿيندو هو ته رضاڪارن جي تنظيم بنا ڪنهن دير ۽ بنا غرض جي سندس مدد ڪندي هئي. پاڻ سڳوراﷺ ان وقت ائين فرمائيندا هئا ته مون کي هن رضاڪار تنطيم حلف الفضول ۾ حصو وٺڻ تي بيحد پُرسڪوني ۽ سربلندي حاصل ڪرڻ جو ايترو احساس ٿيندو هو جو جيڪڏهن ڪو شخص مون کي چوي ها ته هڪ سؤ ڳاڙهن وارن وارا اُٺ وٺ ۽ ان جي بدلي ۾ ان رضاڪار تنظيم جي سپاهه گيري ڇڏي ڏي، تڏهن به مان تنظيم جي رضاڪاري نه ڇڏيان ها.
    پيغمبري عطا ٿيڻ کان اڳ حضرت محمد ﷺ جن جي طرف کان ”حلف الفضول“ رضاڪار تنظيم جي قائم ٿيڻ جو مسئلو وڏي اهميت رکندو هو ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ ﷺ پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان عرب قبيلن جي عدالتي نظام ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو . اهڙي طرح قبيلن جو گڏجي انتقام وٺڻ وارو اصول ختم ٿي ويو. الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ان رسم کي باطل قرار ڏئي ڇڏيو.
    مظلومن جي حمايت لاءِ قائم ٿيل رضاڪار تنظيم جو قائم ٿيڻ هڪ معمولي واقعو تصور ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ جن ان تنظيم ذريعي ان وقت جي معاشري ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو هو. ان وقت جزيرة العرب ۾ ڪوبه سوچي نه پيو سگهي ته ڪنهن ڏاڍي مڙس کان ان جي زيادتيءَ جي ڪائي پُڇاڳاڇا ٿيندي يا ان ظالم کان ظلم جو بدلو به ورتو ويندو. جيڪڏهن ڪنهن مظلوم قبيلي ۾ جرائت هوندي هئي ته ٻين سان مقابلو ڪري پنهنجو حق وٺنداسين ته اهي پنهنجو حق حاصل ڪري ويندا هئا نه ته پنهنجي حق تان هٿ کڻي ويندا هئا. اهڙي طرح جيڪڏهن مقتول جو قبيلو طاقتور نه هوندو هو ته ان جو خون به لڙهي ويندو هو. هن وقت جي حالتن تحت سڀ ماڻهو خاص طورتي اهي ماڻهو جن تي ظلم ٿيندو هو ۽ ظالم کان پنهنجو حق گهري نه سگهندا هئا، اهي سمجهندا هئا ته اهڙي صورتحال هڪ عام ڳالهه آهي ۽ ڪوبه ائين نه سوچيندو هو ته سماجي نظام کي بدلائي سگهجي ٿو.
    حضرت محمد ﷺ جن ”حلف الفضول“ تنظيم جي هڪ خاص طريقي ڪار سان هلڻ جو درس ڏنو ته ظالم جي مقابلي ۾ هميشه مظلوم جي حمايت ڪرڻي آهي، چاهي ڪنهن مظلوم جو قبيلو ڪمزور هجي ۽ ڪوبه ان جو جان ڏيڻ لاءِ تيار نه هجي.
    حضرت محمد ﷺ جن نبوت جي اعلان کان اڳ ۾ ئي اهڙا قدم کنيا، جن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ لياقت ۽ صلاحيتن جي لحاظ کان بلڪل ٻين کان بالاتر هئا. پاڻ سڳوراﷺ سماجي، سياسي، معاشي ايتري تائين جو عدالتي نظام جا مسئلا به اهڙي طريقي سان حل ڪندا هئا جو عام ماڻهن جو عقل دنگ رهجي ويندو هو.
    حضرت ابوطالب جيتوڻيڪ پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي بيحد چاهيندو هو ته به پاڻ سڳوراﷺ ان موقعي مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪندا هئا. مڪي جا ٻيا تاجر واپاري پاڻ سڳورنﷺ جي ديانتداري ڏسي حيران هئا ۽ چاهيندا هئا ته حضرت محمد ﷺ جن انهن وٽ ملازمت ڪن.
    مڪي جي مشهور واپارين ۾ هڪ عورت به هئي جنهن جو نالو خديجه هيو. ان وقت سندس عمر چاليهه سال هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ ان وقت پنجويهن سالن جا هئا.
    حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن اهو پيغام موڪليو ته جي اُهي چاهن ته منهنجي واپاري قافلي سان گڏجي وڃن ۽ اهو سارو ڪم سنڀالن. حضرت محمد ﷺ جن ان تجويز کي پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب جي اڳيان پيش ڪيو ۽ مشورو ورتائون ته اها خاتون جي تجويز قبول ڪجي يا نه؟ حضرت ابوطالب مشورو ڏنو ته حضرت خديجه مالدار عورت آهي ۽ مزدوري به سٺي ڏئي سگهي ٿي، تنهن ڪري ان تجويز کي قبول ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج نه آهي.
    حضرت خديجه جون ان وقت تائين ٻه شاديون ٿي چڪيون هيون ۽ ٻئي مڙس وفات ڪري چڪا هئا. حضرت خديجه هونئن ته پاڻ سوداگر هئي پر واپار جي لحاظ کان تاجرا مشهور ٿي وئي هئي ۽ مڪي جي بهترين جڳهن ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪندي هئي. بهرحال پاڻ سڳوراﷺ حضرت خديجه وٽ ويا ۽ سفر تي وڃڻ لاءِ پنهنجو رضا نامو ظاهر ڪيائون. حضرت خديجه چيو ته اوهان منهنجي قافلن سان سفر ۾ شام ڏانهن وڃو ۽ منهنجا ٻه قريبي ماڻهو اوهان سان ساڻ هلندا. هڪ منهنجو ڀائيٽو ”خديمه“ ۽ ٻيو منهنجو غلام ”ميسره“ هوندو.
    حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه جي قافلن جي سربراهي طور سفر تي روانا ٿيا ۽ شام ۾ داخل ٿي بصره جي ويجهو پهتا. اڳ ۾ هي بيان ٿي چڪو آهي ته بصره جي ويجهو هڪ ”مانوي“ بزرگ رهندو هو، جنهن جو نالو بحيراءِ هو. اهو هاڻي فوت ٿي چڪو هو ۽ ان جي جاءِ تي هڪ ٻيو ”راهب“ جنهن جو نالو ”ناسٽوريس“ ه، ان ساڳئي عبادتگاه ۾ زندگي بسر ڪري رهيو هو.
    ”ناسٽوريس“ جي باري ۾ تاريخ مان پتو نٿو پوي ته اهو ”مانوي“ فرقي جو هيو يا نه، پر جڏهن پاڻ سڳوراﷺ اتي پهتا ۽ ان سان سندن ملاقات ٿي ته ان به بحيراءِ وارا لفظ اچاريا. چيائين ته، ”الله ڪنهن خاص قوم جي لاءِ نه آهي ۽ يهودين جو هي چوڻ آهي ته قوم يهودي دنيا جي سڀني قومن کان بالاتر آهي، اها انهن جي پنهنجي خيام خيالي آهي. خدا جو تعلق دنيا جي سڀني قومن سان آهي پوءِ ڀلي ڪو يهودي هجي يا عرب قوم يا ٻي ڪائي قوم.
    ”ناسٽوريس“ به پاڻ سڳورنﷺ کي ٻڌايو ته عرب ۾ هڪ پيغمبر اچڻ وارو آهي، جيڪو بت پرستي ۽ باطل عقيدن کي هڪ سچي دين ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو.
    جڏهن پاڻ سڳوراﷺ شام ملڪ جي سفر کان واپس آيا ته حضرت خديجه ان سفر جي مزدوريءَ جي عيوض هڪ اُٺ ڏنو، ان وقت مڪي ۾ اُٺ جي قيمت چار سؤ درهم هوندي هئي. هڪ غلام هڪ سؤ پنجاهه کان وٺي اٺ سؤ درهم تائين وڪرو ٿيندو هو. ان جي باوجود هڪ غلام جي قيمت ان جو جواني، پوڙهائپ، خوبصورتي يا بدصورتي جي پيش نظر طئي ڪئي ويندي هئي. مڪي جي بازار ۾ هڪ نيزي جي قيمت چار درهم هوندي هئي ۽ هڪ اٺ جي ڪجاوي جي قيمت تيرهن درهم هئي. هڪ ڪوڏر يا بيلچي جي قيمت ڇهه درهم هئي ۽ مڪي جي بازار ۾ هڪ مانيءَ جي قيمت ڇهه درهم هوندي هئي. ڏٺو وڃي ته ماني ڏاڍي مهانگي هئي. صرف مڪي جا امير ماني کائيندا هئا ۽ عام ماڻهو ڪڻڪ جي مانيءَ کان محروم هئا. صرف ڏاچيءَ جو کير ۽ کارڪون کائي پيٽ گذر ڪندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن شام ملڪ جي سفر کان پوءِ مزدوري حاصل ڪئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ ان مزدوري ۾ راضي ٿي ويا ۽ حضرت خديجه به پاڻ سڳورنﷺ جي ڪم مان خوش هئي. بعد ۾ وري پاڻ سڳورنﷺ کي سفر لاءِ روانو ڪيو ويو.


    حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت خديجه الڪبريٰ جي شادي

    حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت خديجه الڪبريٰ جي شادي

    حضرت محمد ﷺ جن جڏهن ٻئي سفر کان واپس موٽيا ۽ واپار جي حاصل ٿيل رقم جي حساب ڏيڻ لاءِ حضرت خديجه جن وٽ پهتا ته ان وقت حضرت خديجه هڪ اهم فيصلو ڪري چڪي هئي ۽ پاڻ سڳورنﷺ تي گهرائيءَ سان هڪ نظر وڌائين. پاڻ سڳورنﷺ جي اکين مان مبارڪ نور چمڪي رهيو هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جا وار مبارڪ ڪنڌ تائين پکڙيل هئا ۽ رسم مطابق وارن ۾ سينڌ ڪڍندا هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ڪڏهن مرڪندا هئا ته موتي جيئان سندن ڏند مبارڪ به چمڪندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جي چهري مبارڪ جي خوبصورتي اهڙي طرح هئي جو جيڪو ڏسندو هو دنگ رهجي ويندو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جي حسن و جمال کان علاوه بدن مبارڪ مان هڪ دل پسند خوشبو نڪرندي هئي. ان تحت اڪثر ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ سان ملڻ جا خواهشمند رهندا هئا. ان زماني ۾ اڪثر عرب جا ماڻهو گهڻي مقدار ۾ عطر استعمال ڪندا هئا. مڪي ۽ مديني ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ پنهنجي بدن کان علاوه ڪعبي ۽ ٻين آرامده جڳهن کي به مختلف خوشبو لڳائڻ جو رواج هو. حضرت محمد ﷺ جن کي عطر جي خوشبوءِ تمام گهڻي پسند هئي. عرب جزيره جا مورخين لکن ٿا ته حضرت محمد ﷺ جن اهڙو عطر استعمال نه ڪندا هئا جنهن جي خوشبوءِ تيز ۽ شوخ نه هوندي هئي.
    پاڻ سڳوراﷺ هميشه آهستي ۽ اهڙي انداز سان گفتگو ڪندا هئا جو ٻڌڻ وارو بلڪل آسانيءَ سان ڳالهه سمجهي وٺندو هو. اهوئي سبب هو جو پاڻ جيڪي ڪجهه به ڳالهائيندا هئا، ٻڌندڙ جي دل تي اثر ٿي ويندو هو ۽ اهو شخص اهي الفاظ وساري نه سگهندو هو.
    بهرحال جڏهن پاڻ سڳوراﷺ حضرت خديجه  وٽ واپار جي حساب ڪتاب ڏيڻ لاءِ پهتا ته حضرت خديجه  ڪجهه سوال ڪنهن جي معرفت پڇا ڪيا ته حضرت محمد ﷺ جن شادي ڪرڻ جو ارادو رکن ٿا يا نه. پاڻ سڳورنﷺ جي جواب مان اهو معلوم ٿيو ته پاڻ کي اڃا شاديءَ جو ڪوبه ارادو نه اٿن، حضرت خديجه به فطري حيا جي سبب پنهنجي شاديءَ جي ڳالهه نه پئي ڪري سگهي.
    پاڻ سڳورنﷺ ۽ حضرت خديجه  جي شادي ۾ ٽي رڪاوٽون سامهون هيون، هڪ اها ته حضرت خديجه  چاليهن سالن جي بيوهه عورت هئي ۽ کيس هڪ وڏو پٽ ۽ ڌيءَ به هئي. جڏهن ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي. ٻيو اهو ته حضرت خديجه  هڪ مالدار عورت هئي ۽ سندن مقابلي ۾ پاڻ سڳوراﷺ تمام غريب هئا. ٽئين رڪاوٽ اها هئي ته پراڻيءَ رسم رواج مطابق ٻنهي قبيلن جي رضانامي جي ضرورت هئي ۽ حضرت خديجه  جو قبيلو يقيناً دلچسپي نه وٺندو.
    آخرڪار حضرت خديجه  پنهنجي غلام ”ميسره“ کي پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن روانو ڪيو ته پاڻ سڳورنﷺ سان ان باري ۾ گفتگو ڪري. غلام ”ميسره“ بنا تاخير حضرت محمدﷺ جن کان پڇيو ته منهنجي مالڪياڻي حضرت خديجه  هڪ بيوه عورت آهي، ڇا ان سان اوهان شادي ڪرڻ پسند ڪندا؟
    پاڻ سڳوراﷺ ميسره جي ان ڳالهه تي ڏاڍا حيران ٿيا ۽ فرمايائون ته حضرت خديجه هڪ مالدار عورت آهي ۽ مان هڪ غريب انسان آهيان. منهنجي ۽ ان جي حالتن ۾ وڏو فرق آهي ۽ فرمايائون ته مڪي جا وڏا وڏا مالدار، امير، حضرت خديجه سان شادي جا خواهشمند آهن ۽ انهن جي اڄ تائين درخواست قبول نه ٿي آهي، پوءِ ڪهڙي ريت مون غريب سان شادي تي راضي ٿيندي.
    ميسره غلام اهو احوال حضرت خديجه  تائين پهچايو ۽ چيائين ته آخر ڪار مان اهو نه سمجهي سگهيم ته اوهان سان شادي لاءِ رضامند آهن يا نه.
    ٻيو دفعو حضرت خديجه  هڪ عورت نالي ”نفيسه“ کي پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن روانو ڪيو ته هوءَ بنا ڪنهن گهٻراهٽ جي پاڻ سڳورنﷺ سان اها گفتگو ڪري. ”نفيسه“ نالي عورت جو تعلق ”مولوه“ نالي هڪ طبقي سان هو، يعني ان جا والدين عرب نه هئا. ان ڪري اها عربن سان ڳالهائڻ کان نه گهٻرائيندي هئي. يعني بنا پردي پنهنجي ڳالهه ٻئي تائين پهچائيندي هئي.
    پاڻ سڳورنﷺ کي رستي سان ويندي ”نفيسه“ ڏٺو ۽ يڪدم وڃي پهچي چيائين ته، اي محمد! (ﷺ) اوهان هڪ خوبصورت ۽ خوب سيرت انسان آهيون. اوهان شادي ڇو نه ٿا ڪريو؟ پاڻ سڳورنﷺ جواب ۾ فرمايو ته مان هڪ غريب انسان آهيان، ٻچن ٻارن جون ضرورتون ڪٿان پوريون ڪري سگهندس. منهنجو هڪ چاچو آهي حضرت ابوطالب جيڪو هينئر تمام پوڙهو ٿي چڪو آهي ۽ مالي حالت به ٺيڪ نه اٿس جڏهن آءٌ ننڍو هيس ته انهن منهنجي پرورش ڪئي، هينئر منهنجو فرض آهي ته هن وقت مان انهن کي ان حال ۾ ڪيئن ڇڏيان جو ڪجهه ڪمائيندو آهيان، انهن کي پهچائيندو آهيان.
    نفيسه هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪندي، پاڻ سڳورنﷺ کي چيو ته اوهان هي هڪ رشتو قبول ڪيو، جنهن جي رضامندي اوهان کي حاصل ٿي چڪي آهي. پاڻ سڳوراﷺ ان عورت جون ڳالهيون ٻڌي سوچڻ لڳا، ان موقعي مان فائدو وٺي وري نفيسه چيو ته اي محمد! (ﷺ) اوهان اصول پسند شخصيت آهيو ۽ حضرت خديجه  جي دل ۾ اوهان لاءِ نيڪ جذبات موجود آهن. اوهان کي ان جي دل نه ٽوڙڻ گهرجي. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اها خبر پئجي وئي ته حضرت خديجه  ساڻن رشتي ڳنڍڻ لاءِ رضامند آهي ته ان وقت نفيسه کي پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته مان ان باري ۾ حضرت خديجه  سان پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهيان ٿو.
    ٻئي ڏينهن پاڻ سڳوراﷺ حضرت خديجه  وٽ ويا ۽ نفيسه عورت جي ڳالهين بابت ڳالهه ٻولهه ڪيائون، حضرت خديجه  نفيسه جي ڳالهين جي تصديق ڪئي ۽ پاڻ رضانامو ظاهر ڪيائون.
    حضرت خديجه  جي عمر چاليهه سال هئي، پاڻ بيوه هئڻ جي باوجود به کيس پنهنجي قبيلي جي رضامندي جي ضرورت درپيش هئي. ڇو جو عرب ۾ رسم رواج هو ته شاديءَ کان پهريائين قبيلي جي رضامندي ضروري سمجهي ويندي هئي. حضرت خديجه  جو تعلق قبيله ”بنو اسد“ سان هو.
    قبيلي ”اسد“ جي سربراهه عمرو بن اسد چيو ته مان مڃان ٿو ته حضرت محمد ﷺ جن امين ۽ ديانتدار آهن، پر مالي حالتن کان تمام غريب آهن. جڏهن ٻين قبيلن کي اها خبر پوندي ته حضرت خديجه  هڪ غريب مرد سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي ته اهي اسان کي طعنا ڏيندا ۽ اسان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا ته مڪي ۾ مردن جي کوٽ ٿي وئي هئي ڇا جو حضرت خديجه  حضرت محمد ﷺ جن سان شادي ڪرڻ چاهي ٿي؟
    حضرت ابوطالب جڏهن اها ڳالهه ٻڌي تڏهن اسد قبيلي جي سربراهه ۽ اسد قبيلي جي ٻين ماڻهن کي دعوت ڏنائون، دعوت ختم ٿيڻ بعد حضرت ابوطالب گفتگو جو آغاز ڪيو:
    ”جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ غريب آهي، پر ان جي نيڪ نيتيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي. پاڻ هاشمي خاندان سان تعلق رکندڙ آهن ۽ حسب نسب ۾ قيبلي اسد کان بالاتر نه آهن ته ان کان گهٽ به نه آهن. ان کان علاوه جوان آهن. خوبصورت ۽ خوب سيرت به. جواني ۾ خوبصورتي ۽ خوب سيرتي هڪ سرمايو آهي ۽ جيڪڏهن تون ”عمرو بن اسد“ ان رشتي جي مخالفت ڪندين ته نه صرف حضرت محمد ﷺ جي دل ٽوڙيندين پر حضرت خديجه  جي دل ٽوڙڻ تنهنجي مخالفت جو سبب بڻبو. ٿي سگهي ٿو ته حضرت خديجه  کي ڪو مالدار شخص مڙس ملي وڃي پر حضرت محمد ﷺ جهڙو نيڪ دل ۽ خوبصورت جوان ڳولهڻ سان به نه ملندو.“
    حضرت ابوطالب جي ڳالهه عمرو بن اسد جي دل تي تمام گهرو اثر ڪيو ۽ شادي جي باري ۾ رضامندي جو اظهار ڪيائين.
    عرب جي رسم رواج مطابق مڙس کي شاديءَ جي موقعي تي حق مهر ادا ڪرڻو پوندو هو. ان وقت پاڻ سڳورنﷺ حضرت خديجه  کي پنج سو درهم ڏنا، ان رقم ۾ ان وقت ٻه اٺ به خريد نه پيا ٿي سگهن.
    حضرت محمد ﷺ جن جي شاديءَ جي موقعي تي ريگستان کان دائي حليمه به مڪي پهتي. حضرت خديجه  دائي حليمه کي پنج اُٺ تحفي طور ڏنا. ٻيو دفعو جڏهن دائي حليمه مڪي آئي ته پاڻ سڳورنﷺ کان هڪ اُٺ ۽ چاليهن رڍن جي گهر ڪئي. دائي حليمه جڏهن به مڪي ايندي هئي ته ان جي هر خواهش پاڻ سڳوراﷺ پوري ڪندا هئا ۽ سندس هر طرح جي مدد ڪندا هئا.
    پاڻ سڳورنﷺ جي شادي کان بعد مالي حالت سُڌري وئي. سڀ کان پهريون ڪم اهو ڪيائون جو پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب جي فرزند حضرت علي ڪرم الله کي پنهنجي نگراني هيٺ رکيائون بعد ۾ هڪ عيسائي غلام ”زيد بن حارث“ جنهن جو تعلق شام ملڪ سان هو، حضرت خديجه  کيس بخش ڪري ڇڏيو پر پاڻ زيد بن حارث آزاد ٿيڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ کان جدا ٿيڻ گوراه نه سمجهو.
    زيد بن حارث جي والدين کي اهو پتو نه هيو ته اسان جو پٽ زنده آهي. جڏهن کين خبر پئي ته اهي کيس شام ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ مڪي پهتا پر زيد بن حارث والدين سان وڃڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. چيائين ته مون کي پنهنجي والدين کان وڌيڪ حضرت محمد ﷺ جن عزيز آهن.
    پاڻ سڳوراﷺ شادي کان بعد غريبن ۽ يتيمن جو ڏاڍو فڪر ڪندا هئا ته جيئن اهي تنگ دستي کان آزاد ٿي وڃن. هرحال ۾ غريبن ۽ يتيمن جو تمام گهڻو خيال رکندا هيا. پاڻ سڳورنﷺ تي نازل ٿيل قرآن مجيد ۾ به غريبن ۽ يتيمن جو تمام گهڻو تاڪيد ٿيل آهي. پهريان آيل آسماني ڪتابن ۾ ايترو تاڪيد ٿيل نه هو. ساري زندگي پاڻ سڳورنﷺ کي اهو فڪر هوندو هو ته دنيا ۾ ڪو غريب بي سهارا بک تي نه هجي. پاڻ سڳوراﷺ هميشه قناعت سان زندگي بسر ڪندا رهيا.
    ان دور ۾ عام ماڻهو عطر جو گهڻو استعمال ڪندا هئا. ڪجهه عرب ته پاڻيءَ ۾ به خوشبو ملائي پيئندا هئا. عطر پاڻ سڳورنﷺ کي بيحد پسند هوندو هو. هڪ بدوي عرب پنهنجي غذا ڏاچيءَ جو کير استعمال ڪندو هو. عرب جي زندگي ڏاچيءَ جي کير سان وابسطه هئي.
    ريگستان جي مشڪل حالتن ۾ هڪ اُٺ نه صرف پنهنجي زندگي جاري رکي سگهندو هو، پر مالڪ جي زندگيءَ جو به سبب بڻبو هو. اُٺ هڪ اهڙو جانور آهي، جيڪو ريگستان جي گرمي ۽ بغير پاڻي پيئڻ جي ٿڪاوٽ محسوس نه ڪندو آهي ۽ بغير کاڌي پيتي جي ڏهه ڏينهن زنده رهي سگهندو آهي.
    عام ماڻهن جي بدن مان هڪ ڪلاڪ ۾ چاليهه گرام پگهر خارج ٿيندو آهي، جيڪڏهن هڪ يورپ جو رهاڪو جنهن کي هتان جي ريگستان ۾ رهڻ جو ڪوبه تجربو نه آهي، گرميءَ جي موسم ۾ ريگستاني علائقي عرب جو سير ڪري ته ان جي بدن مان هڪ ڪلاڪ ۾ پگهر هڪ هزار ٻه سؤ گرام يعني هڪ ليٽر کان به ڪجهه وڌيڪ وهي سگهي ٿو. اهوئي سبب آهي جو يورپ جا رهاڪو ريگستان ۾ سفر ڪندي ساڻا ٿي پوندا آهيون، ڇو جو اسان جي بدن مان تيزي سان پگهر نڪرندو آهي. اهڙيءَ صورت ۾ جيڪڏهن پنج فيصد پاڻي بدن مان گهٽ ٿي وڃي ته اسان جي اکين آڏو اونده طاري ٿي ويندي ۽ شديد بخار ٿي سگهي ٿو ۽ بار بار پگهر اچڻ سان يورپي ماڻهو جلد بيهوس ٿي ويندو ۽ پاڻي نه ملڻ سبب سندس موت به ٿي سگهي ٿو.
    پر هڪ اُٺ جي بدن مان جيڪڏهن شديد گرميءَ ۾ پنجٽيهه في صد پاڻي به گهٽ ٿي وڃي ته به هو ٿڪاوٽ محسوس نه ڪندو آهي ۽ پنهنجو سفر جاري رکندو آهي. ان جي هوش حواس ۾ به ڪائي تبديلي نه ايندي آهي. اُٺ ريگستان ۾ پاڻي پيئڻ کان سواءِ به ڏهه ڏينهن سفر ڪري سگهي ٿو. اهو ضروري آهي ته سندس مالڪ کيس هڪ ٻئي ڏينهن آزاد ڇڏي ڏي جيئن هو ريگستان ۾ ڦٽندڙ ڪنڊن وارا ٻوٽا کائي پنهنجو ڀيٽ ڀري. ڏهه ڏينهن ۽ راتيون مسلسل سفر ڪندي اُٺ ننڊ به نه ڪندو آهي. صرف آرام ڪرڻ خاطر ويهي رهندو آهي. جيڪڏهن اتان کيس نه اُٿاريو وڃي ته بغير بک جي هو ويٺل جڳهه تان بلڪل نه هٽندو آهي. ريگستاني ماڻهو ئي ان اُٺ جون خصوصيتون بهتر ڄاڻي سگهي ٿو پر جيڪي اُٺن سان ريگستان ۾ گڏ زندگي گذارن ٿا ته انهن جي بردباري يعني انهن جي زندگي ۾ همت ۽ حوصلو بلند رهي ٿو.
    حضرت محمد ﷺ جن به ننڍپڻ ريگستاني علائقي ۾ گذاري، ڏاچيءَ جو کير غذا لاءِ استعمال ڪندا هئا. جڏهن شهر مڪي ڏانهن واپس ايندا هئا، ته کارڪون يا ماني کائيندا هئا پر کارڪون ۽ ماني ڪڏهن گڏ نه کاڌائون. پاڻ سڳوراﷺ فرمائيندا هئا ته انهن ٻنهي مان هڪ چيز پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪافي آهي اهڙي ريت قناعت جو درس ڏنائون.
    پاڻ سڳوراﷺ ساري زندگي هڪ ئي غذا کائيندا رهيا يعني کارڪون يا ماني. اهڙي ريت جيڪڏهن ڪجهه به هوندو هو ته به هڪ چيز سان پنهنجي ضرورت پوري ڪندا هئا. پاڻ هميشه زمين تي کجيءَ جي ڦرهن مان ٺهيل تڏي تي ويهي ماني کائيندا هئا.
    حضرت عائشه  ٻڌائي ٿي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زندگيءَ ۾ وٽن هڪ اٽي ڇاڻڻ جي ڇاڻي به نه هوندي هئي. پاڻ سڳورنﷺ جي غذا جي باري ۾ کارڪن کان سواءِ هڪ ٻي غذا به ٻڌائي وڃي ٿي. ڪڻڪ ۽ مهريءَ جي دال پاڻيءَ ۾ اُٻارڻ سان حليم جهڙي هڪ غذا ٺهي پوندي هئي، جڏهن پاڻ سڳوراﷺ اها غذا کائيندا هئا ته کارڪون ۽ ماني نه کائيندا هئا.
    پاڻ سڳورنﷺ جن جي دور ۾ گوشت هڪ وڏي غذا سمجهي ويندي هئي. پاڻ ﷺ جي گهر سال ۾ هڪ دفعو گوشت پچندو هو. مڪي ۾ اهو رواج هوندو هو ته صرف ڪعبي جي زيارت جي موقعي تي قرباني ڪئي ويندي هئي. سال ۾ گوشت قربانيءَ واري ڏينهن ۾ صرف مڪي ۾ استعمال ٿيندو هو. پاڻ سڳوراﷺ به اهڙي ريت قناعت سان زندگي بسر ڪندا هئا. مڪي ۾ گوشت تمام مهانگي اگهه سان وڪامندو هو پاڻ هميشه تڏي تي ويهندا ۽ آرامي ٿيندا هئا. ميز يا ڪرسيءَ جو سندن گهر ۾ ڪو نالو نشان به ڪونه هو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي نقش قدم تي هلندي خلفاءِ راشدين به هڪ ئي غذا استعمال ڪندا هئا. هي اهو زمانو هو جڏهن اسلام آئي ڏهه سال گذري ويا هئا. ان ٿورڙي عرصي ۾ دنيا جي ٽن عظيم سلطنتن ايران، شام ۽ مصر جو تختو انڌو ڪيو ويو ۽ ٽئي ملڪ اسلامي سلطنت جي ماتحت بڻايا ويا.
    پاڻ سڳوراﷺ شاديءَ کان اول به تجارت ڪرڻ لاءِ سفر تي ويندا هئا ۽ شاديءَ کان بعد به. ان ڪري جزيرة العرب جي مختلف قبيلن جا ماڻهو پاڻ ﷺ جن جي ديانتداريءَ کان واقف ٿي چڪا هئا ۽ سندن ڏي وٺ وڌي. جنهن نئي جڳهه جو نالو ورتو ويندو هو ته پاڻ سڳوراﷺ ان جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪندا هئا.


    گهريلو زندگيءَ جو دور

    گهريلو زندگيءَ جو دور

    حضرت خديجه  مان نبي ڪريم ﷺ جن کي ٽي فرزند ٿيا، جيڪي ننڍڙيءَ ئي عمر ۾ وفات ڪري ويا هئا، باقي سندن نياڻيون حضرت رقيه ، حضرت زينب، حضرت اُم ڪلثوم ۽ حضرت فاطمه  (وڏيون ٿيون سندن شاديون به ٿيون ۽ اولاد به ٿي) ليڪن سندن چئني نياڻين مان صرف حضرت فاطمه جي اولاد دنيا ۾ باقي رهي.
    پاڻ سڳوراﷺ جن بيبي خديجه  سان شادي ڪرڻ کانپوءِ گهر جا ڀاتي بڻجي ويا. حضرت خديجه  جي قيبلي جا ماڻهو اخلاق، ڪردار ۽ خلوص عمل جي لحاظ سان سڃاتا ويندا هئا ۽ سندن شمار ”حنيف“ ۾ هوندو هو. حنيف اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو هو، جيڪي بت پرستيءَ جي مخالفت ته نه ڪندا هئا پر بتن تي يقين به نه رکندا هئا. اهڙا ماڻهو سڀ حقيقت جي تلاش ۾ هوندا هئا ۽ ڪوشش ڪندا هئا ته اهڙن خدائن جي عبادت ڪئي وڃي، جن جي حقيقت ۾ ڪوئي شڪ شبهو نه هجي.
    اهڙن ماڻهن ۾ هڪ شخص ”ورقه بن نوفل“ به هيو، جيڪو حضرت خديجه  جو سوٽ سڏرائيندو هو. پاڻ سڳورنﷺ جي شاديءَ کان پوءِ ورقه بن نوفل پاڻ سڳورنﷺ جو دوست ٿي ويو هو. پاڻ سڳورنﷺ جن سان واقفيت وڌائڻ ۾ عبدالله بن جحش، عثمان بن حواريه ۽ زيد بن عمرو به هئا. اهي ماڻهو يا ٻيا حضرت خديجه  جي قبيلي جا ماڻهو جڏهن پاڻ ۾ ملندا هئا ته مذهبي ڳالهيون ڪندا هئا. ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي چوندا هئا ته اوهان به حنيفن جي جماعت ۾ شامل ٿي وڃو. ان وقت پاڻ سڳوراﷺ جواب ۾ فرمائيندا هئا. ”لاَاِلھَ اِلاَالله“ يعني الله کان سواءِ ڪوبه معبود نه آهي. هڪ دفعي پاڻ سڳورنﷺ انهن ماڻهن کي فرمايو ته حقيقت وقت تي ظاهر ٿي ويندي ۽ جنهن کي به چاهيندي پنهنجو چهرو ڏيکاري ڇڏيندي.
    جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ حضرت خديجه  کان مالي حالت ۾ تمام ڪمزور هئا، پر ان وفادار گهرواريءَ ڪجهه اهڙي نموني پنهنجي مڙس جو خيال رکيو جو هڪ ليکڪ، ”ابن سعد“ حضرت آدم جي زباني هن ريت لکي ٿو ته،
    حضرت آدم بهشت ۾ حوا کي چيو ته، ”سڀ کان وڏي نعمت الله تعاليٰ جيڪا رسول الله ﷺ جن کي عطا ڪئي، اها هيءَ ته کين حضرت خديجه  جهڙي گهرواري نصيب ڪئي، جنهن الله جي حڪمن کي مڪمل ڪرڻ خاطر حضرت محمد ﷺ جن جي هرممڪن مدد ڪئي ۽ حوا ان ڳالهه جو سبب ٿي جو مان بهشت ۾ خدا جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃان.“
    سن 605ع ۾ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي عمر پنجٽيهه سال ٿي، تڏهن مڪي ۾ ٻه اڻ وڻندڙ واقعا پيش آيا، هڪ ڪعبي ۾ باهه لڳي ۽ ٻيو ٻوڏ اچي وئي جنهن ڪعبي جي ڪجهه حصي کي لوڙهي ڇڏيو، مڪي ۾ مينهن تمام گهٽ پوندو هو، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو هو جو اهڙو ته وڏڦرو مينهن پوندو هو جو ٻوڏ اچي ويندي هئي. ان سال به ايئن ئي ٿيو جنهن ڪري ڪعبة الله کي وڏو نقصان رسيو. قريش جي ڏهن قبيلن اهو فيصلو ڪيو ته ماڻهن کان چندو جمع ڪيو وڃي ۽ عوامي چندي سان ڪعبة الله جي مرمت ڪئي وڃي.
    هڪ طرف مڪي ۾ چندو جمع ڪرڻ شروع ٿيو ته ٻئي طرف هڪ ٻيڙي جيڪا روم صغريٰ (اڄ جي ترڪيءَ) کان يمن وڃي رهي هئي. شعيبش جي بندرگاهه (اڄ جي جده) وٽ سمنڊ ۾ ٻڏي وئي.اها ٻيڙي پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ بجاءِ واريءَ ۾ ڦاسي پئي ۽ آهستي آهستي ٻڏڻ لڳي. ان ٻيڙيءَ ۾ هڪ گرجا گهر جي تعمير لاءِ ضروري سامان ڀريل هو، جيڪو گرجا گهر يمن ۾ تعمير ٿي رهيو هو. ان ٻيڙيءَ ۾ سنگ مرمر، سرون، ٽائلس، ڪاٺ ۽ لوهه جو سامان سٿيل هو ۽ گهڻي مقدار ۾ عمارتي سامان ڀريل هو. ان کان علاوه هڪ تجريبڪار مستري به ان ٻيڙيءَ جي ذريعي يمن وڃي رهيو هو جنهن جو نالو ”بڪوم“ هو.
    بڪوم جيڪو هڪ مسيحي هو، عربن کيس چيو ته واريءَ ۾ ڦاٿل ٻيڙي جيڪا هينئر ٻڏندي وڃي ٿي، ان مان سامان ڪڍڻ ممڪن نه آهي، ڇو ته اها ٻيڙي جنهن ۾ وڏي انداز سان سامان ڀريل آهي. عنقريب سمنڊ جي تري تائين پهچندي، جيڪڏهن تون اجازت ڏئين ته اهو عمارتي سامان اسان لاهي خانه ڪعبه جي مرمت ۽ تعمير لاءِ استعمال ڪريون، ان کان علاوه تون هڪ تجربيڪار مستري به آهين، اسين توکي خانه ڪعبه جي مرمت ۽ تعمير جو ڪم به حوالي ڪريون. ان اها تجويز قبول ڪئي اهڙي طرح اهو سامان ٻڏندڙ ٻيڙيءَ مان لاهي مڪي ڏانهن روانو ڪيو ويو.
    مڪي پهچڻ کان بعد بڪوم خانه ڪعبي جي باقي حصي کي به ڊاهڻ شروع ڪيو ته جيئن مڪمل تعمير ٻيهر شروع ڪئي وڃي. قريش جي ماڻهن جڏهن اهو ڏٺو ته اعتراض ڪيائون ۽ چيائون ته هي گهر ويران ٿيڻ نه گهرجي جيڪڏهن تون هن کي ويران ڪندين ته اسان سڀني تي غضب نازل ٿيندو ۽ اسان مڪمل طور تباهه ٿي وينداسين.
    بڪوم جواب ڏنو ته هن عمارت ۾ هڪ دفعو باهه لڳي آهي ۽ ٻيو هن جو حصو سيلاب نقصان ڪري ويو آهي، انڪري جيڪا به هينئر هن عمارت جي مرمت ٿيندي سا ناڪام ثابت ٿيندي. بهتر ائين آهي ته هن عمارت کي مڪمل ڊاهي انهيءَ ئي جڳهه تي نئين سر نئين عمارت تيار ڪئي وڃي. اسان جو مقصد خانه ڪعبه جي تعمير ڪرڻ آهي. منهنجي خيال ۾ عذاب اچڻ جو ڪوبه سبب نظر نٿو اچي، پر قريش جي بزرگن بڪوم جي اها ڳالهه نه مڃي ۽ ڪعبي کي مڪمل ڊاهڻ جي منع ڪري ڇڏيائون. ان وقت خانه ڪعبي جي ڀرسان هڪ کوهه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ ازدها نانگ رهندو هو، جيڪو ڪڏهن ڪڏهن کوهه کان ٻاهر پاڻ سيڪڻ لاءِ اُس ۾ ليٽندو هو. مڪي جا ماڻهو جيتوڻيڪ ان بلا کان ڏاڍو ڊڄندا هئا پر کيس مارڻ جي ڪوشش به نه ڪندا هئا.
    جڏهن مڪي وارن جي منع مطابق بڪوم مستريءَ ڪعبي جي تعمير جو ڪم بند ڪيو ته هڪ ڏينهن اها بلا کوهه کان ٻاهر نڪري اُس ۾ ليٽندي رهي. اتفاق سان ان وقت آسمان کان هڪ باز (عقاب) ظاهر ٿيو، جنهن ان بلا تي حملو ڪري پنهنجن چنبن ۾ کڻي گم ٿي ويو. ان واقعي کان پوءِ مڪي جي بزرگن اها سوچ ڪئي ته آسمان کان ايندڙ عقاب ۽ ازدها بلا کي کڻي گم ٿي وڃڻ، مڪي وارن ماڻهن کي ان بلا کان نجات حاصل ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته خدا پنهنجي گهر جي ڊاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ان ڪري انهيءَ جڳهه تي نئين عمارت تعمير ڪئي وڃي.
    مڪي جي بزرگن بڪوم کي ڪعبي جي رهيل حصي کي ڊاهڻ جي اجازت ڏني ۽ ان ڪنهن ڍر کانسواءِ پنهنجو ڪم شروع ڪري ڏنو. جڏهن خانه ڪعبه جي تعمير مڪمل ٿي وئي تڏهن بهشتي پٿر حجرالاسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو وقت آيو، جڏهن خانه ڪعبه کي ڊاهيو ويو هو تڏهن حجرالاسود کي هڪ الڳ جڳهه تي رکيو ويو هو. ان ڪري ته ڪعبي جي تعمير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر انهيءَ جاءِ رکيو ويندو. پر ان وقت حجرالاسود کي ان ساڳيءَ جاءِ تي رکڻ لاءِ قريش جي ڏهن قبيلن ۾ اختلاف پيدا ٿي پيو. ته هر قبيلي جي خواهش هئي ته هو حجرالاسود کڻي ڪعبي ۾ لڳائي.
    آخرڪار جهڳڙي کان بچاءَ خاطر قريش جي بزرگن اها تجويز پيش ڪئي ته اڄ رات ڪعبي ۾ ترسو صبح سوير جيڪو به شخص خانه ڪعبي ۾ سڀ کان اول داخل ٿئي، اسين سڀ فيصلو ان جي حوالي ڪنداسين. اها تجويز سڀني قبول ڪئي. ساري رات ڏهن ئي قبيلن جا بزرگ ڪعبي ۾ ترسيا. صبح سوير پهريون شخص حضرت محمد ﷺ جن خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيا. سڀني کين فيصلي جو ”امين“ قبول ڪيو. حضرت محمد جن هڪ چادر آڻڻ لاءِ فرمايو. ان وقت هڪ تنبوءَ جي چادر آندي وئي. پاڻ سڳورنﷺ حجرالاسود کڻائي چادر جي وچ تي رکرايو ۽ قريش جي ڏهن قبيلن جي اڳواڻن کي فرمايو ته چادر جي چئني ڪنڊن کان جهلي حجرالاسود کي ڪعبي تائين آندو وڃي، پاڻ سڳورنﷺ به چادر جي هڪ ڪنڊ ۾ هٿ مبارڪ وڌو ۽ قريش جي ٻين ماڻهن جي مدد سان حجرالاسود ڪعبه تائين آندو ويو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ حجرالاسود کي چادر مان کڻي ديوار تي رکيو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي ان حڪمت عمليءَ نه صرف قريش قبيلن جي دلين کي موهي وڌو پر پاڻ سڳورنﷺ جي عزت ۽ احترام ۾ به گهڻو واڌارو اچي ويو ۽ قريش جا سڀ قبيله کيس تمام وڏي محبت جي نظرن سان ڏسڻ لڳا. بهرحال ڪعبة الله نئين سر تعمير کان پوءِ پنهنجي اصل صورت ۾ مڪمل تيار ٿي ويو. جزيرة العرب جي سڀني مذهبن جي بتن ۽ تصويرن کي پهريون وانگر ٻيهر خانه ڪعبه ۾ رکيو ويو. عڪاظ جي بازار به هر سال وانگر ٻيهر شروع ٿي وئي. ان بازار ۾ شاعرن جي شاعري به پهريون وانگر ڪعبي جي ديوارن تي لٽڪائڻ شروع ٿي وئي.
    610ع ۾ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جي عمر چاليهه سال ٿي تڏهن پاڻ سڳورنﷺ ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏيڻ شروع ڪئي. ان کان پهريان پاڻ سڳوراﷺ پنج سال مسلسل غار حرا جي طرف وڃي وقت گذاريندا هئا ۽ اڪيلائي ۾ ويهي غور فڪر ڪندا هئا.


    غارِ حرا

    غارِ حرا

    مڪي جي ماڻهن لاءِ ڪنهن غار ڏانهن وڃڻ ۽ اتي اڪيلائيءَ ۾ وقت گذارڻ ڪا عجيب ڳالهه نه هوندي هئي.
    جهڙي ريت قديم دور ۾ هندستان ۾ جڏهن مرد اولاد وارو ٿيندو هو، ته اهو پنهنجو خاندان ڇڏي جهنگ ۾ وڃي رهندو هو. جيترو وقت هو جهنگ ۾ رهندو هو ته هو ڪنهن سان به ميل ميلاپ نه ڪندو هو ۽ اهو عجيب منظرن بابت سوچيندو رهندو هو. اهڙي ريت مڪي ۾ به ڪجهه شادي شدهه مرد جڏهن ٻارن ٻچن وارا ٿيندا هئا ته هڪ مهيني لاءِ پنهنجي گهر واريءَ ۽ ٻارن کان پاسي مڪي جي ويجهو وڃي ڪنهن غار ۾ مهينو کن وڃي اڪيلو رهندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ پاڻ سڳورنﷺ جو ڏاڏو حضرت عبدالمطلب به هڪ مهينو هر سال انهيءَ غار حرا ۾ گذاريندو هو ۽ ٻيا بزرگ به جيڪي عمر رسيده هوندا هئا سي به مڪي جي ويجهو ڪنهن غار ۾ وڃي ڪجهه عرصو اڪيلائي ۾ رهندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن رمضان مهيني ۾ غار حرا ڏانهن ويندا هئا، ڇو ته رمضان مهيني ۾ هڪ اهڙي رات به آهي، جنهن رات ۾ انسان خدا جي وحدانيت کي سڏيندي، جيڪو ڪجهه چاهيندو ته الله تعاليٰ ان جي ان چاهت کي پورو ڪندو.
    هڪ ترڪ ليکڪ ”اسد بيگ“ جنهن حضرت محمد ﷺ جن جي زندگي تي تحقيقي ڪتاب لکيو آهي، لکي ٿو ته، ”عربن جو اهو عقيدو هيو ته شب قدر واري رات ۾ خدا جي ساري ڪائنات آرام ڪندي آهي، دريائن جو پاڻي بيهجي ويندو آهي، هوائون هلڻ بند ٿي وينديون آهن. اهڙي طرح ساري دنيا ۾ سڪون ڇائنجي ويندو آهي. انسان زمين مان ڪنهن ٻوٽي جي نڪرڻ جو به آواز ٻڌي سگهي ٿو ۽ جيڪي ماڻهو شب قدر رات جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ ساري رات جاڳندا آهن، اهي جيڪو چاهيندا سو تن کي نصيب ٿي ويندو آهي.•
    رومانيه جو دانشور ”ڪرنسٽن ويرزيل“ لکي ٿو ته مان سعودي عرب ۾ رهي ”غار حرا“ جو مشاهدو ڪيو، جيڪو بيان ڪجي ٿو.
    مڪو هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن جي چوگرد ڪيتريون ئي پهاڙيون موجود آهن، انهن پهاڙن کي جبل سڏيو ويندو آهي، انهن جبلن ۾ هڪ جبل جو نالو آهي. ”جبل نور“ ۽ غار حرا به انهيءَ ئي جبل ۾ آهي. حضرت محمد ﷺ جن جي گهر کان جبل تائين ڏيڍ ڪلوميٽر فاصلو هيو.
    غار حرا وڏن وڏن پٿرن جي ڇِپن ڪرڻ سبب وجود ۾ آئي ۽ ان جا ٽئي پاسا ۽ ڇت انهن پٿرن سان جڙيل آهي. غار جي اوچائي ايتري آهي جو ماڻهو مٿي ٽڪرائڻ کان بغير آسانيءَ سان بيهي سگهي ٿو ۽ ڊيگهه ايتري اٿس جو ماڻهوآسانيءَ سان ليٽي آرام ڪري سگهي ٿو ۽ غار جو منهن خانه ڪعبه جي طرف آهي، غار ۾ داخل ٿي ڪعبي جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. غار جو فرش ان جي ديوارين ۽ ڇت جي مقابلي ۾ صاف سٿرو آهي، ماڻهو چادر وڇائي ليٽي آرام ڪري سگهي ٿو.
    اڄ غار تائين پهچڻ لاءِ پٿرن کي ڪٽائي ڪري ڏاڪڻ ٺاهي وئي آهي. ان ڏاڪڻ تان پار ٿي غار تائين ماڻهو آسانيءَ سان پهچي سگهي ٿو. عرب جي ماڻهن جو خيال آهي اهو ڏاڪڻ وارو رستو حضرت محمد ﷺ جن جي وقت ۾ ڪونه هو، بهرحال غار ۾ انسان چاهي ته ليٽي آرام ڪري يا خانه ڪعبه جو ويهي ديدار ڪري سگهي ٿو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي باري ۾ ڪوئي به نٿو ڄاڻي ته غار جي اندر ڪهڙي سوچ ويچار ڪندا هئا. پر جيئن ته ”ابن هشام“ جي لکت آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت خديجه  کي ٻڌايو ته غار ۾ دنيا جي باري ۾ ڪجهه به نه سوچيندا هئا. هڪ رات جڏهن پاڻ سڳوراﷺ غار حرا ۾ پنهنجي چادر مبارڪ ويڙهي سُتا پيا هئا. پاڻ سڳورنﷺ کي نه ننڊ هئي نه جاڳ. اهڙي حالت ۾ هڪ شخص پاڻ سڳورنﷺ کي جاڳايو. ”ابن هشام“ جي تحرير مطابق پاڻ سڳورنﷺ کي هڪ ڪپڙو ڏيکاريو ويو، اهو ريشمي ڪپڙي جو ٽڪرو هيو، جنهن تي سونهري لفظن ۾ ڪجهه لکيل نظر آيو، جنهن شخص پاڻ سڳورنﷺ کي جاڳايو ان جي بدن مان نور چمڪي رهيو هو.
    جڏهن پاڻ سڳوراﷺ اُٿي ويٺا ته ان شخص ريشمي ڪپڙو نظرن اڳيان آڻي چيو ”اِقراء“ يعني ”پڙهه“. ان شخص جي هٿن جي زور سبب پاڻ سڳورنﷺ کي ايتري تڪليف پهتي جو تڪليف سبب بيهوش ٿيڻ جهڙا ٿي ويا، پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ”مون کي پڙهڻ نه ايندو آهي“ بعد ۾ ان شخص پاڻ سڳورنﷺ کي چيو ”اقراء باسم ربک الذي خلق“ يعني پڙهه ان رب جي نالي سان جنهن پيدا ڪيو آهي.
    اهو ضروري نه آهي ته ٻيو ڪوئي انسان حضرت محمد ﷺ جي جڳهه تي غار حرا ۾ هجي پوءِ ان جملي جي اثر کي محسوس ڪري سگهي، هن جملي جو اثر ايترو زياده آهي جو انسان جڏهن به ان ڪلام کي پڙهي ته متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهي، پر ان شرط سان ته عربي زبان کي بخوبي سمجهندو هجي.
    عربي زبان تي عبور حاصل ڪرڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جي ڪلام کي سمجهڻ مشڪل آهي. اهوئي سبب آهي ته قرآن مجيد جا ترجما انگريزي، جرمني، اٽلي ۽ ٻين زبانن ۾ ٿيل آهن، جنهن سبب پڙهڻ وارن تي ايترو اثر نٿو ٿئي ۽ انهن ماڻهن کي اها حيرت ٿيندي آهي ته ان زماني ۾ عرب جا ماڻهو ڇاجي ڪري ان ڪلام کي ٻڌي پيغمبر اسلام ﷺ تي ايمان آڻيندا هئا. هي قرآن مجيد به ٻين آسماني ڪتابن وانگر هڪ خاص نموني جي تخليق آهي ۽ قرآن مجيد ۾ ڪي ڳالهيون ۽ جملا بار بار دُهرايا ويا آهن. جڏهن ته فرانسيسي يا انگريزي پڙهڻ واري جي نقطه نظر ۾ مختلف جملن جو دهرائڻ مٿس اثرگهٽ ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو. پر جيڪو ماڻهو عربي زبان سمجهندڙ آهي، جڏهن اهو ”بسم الله الرحمان الرحيم“ کان بعد قرآن مجيد جي ڇهانوي سورت ”العلق“ جي پهرئين آيت پڙهندو يا ٻُڌندو آهي ته فوراً سمجهي ويندو آهي ته انهن لفظن ۾ ڪيترو اثر ۽ ڪيتري سچائي موجود آهي.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن اهي جملا ٻُڌا ۽ پنهنجي ذهن ۾ ياد ڪيا ۽ ان شخص جي چوڻ مطابق دهرايا به.
    سڀ مسلمان دانشور ۽ مفڪر ان ڳالهه تي متفق آهن ته ”اقراء باسم ربک الذي“ مان مراد آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جڏهن به الله تعاليٰ جي ڪلام کي زبان تي آڻن ته ان کان پهريان الله جو نالو زبان تي آڻن. ان سبب قرآن مجيد جي سڀني سورتن (سواءِ سورة توبھ) جي شروعات ۾ الله جو نالو يعني ”بسم الله الرحمان الرحيم“ آيل آهي.
    سورت ”العلق“ اڻويهن آيتن تي مشتمل آهي ۽ تمام دانشورن جي تصديق مطابق هي قرآن جي پهرئين سورت آهي، جيڪا غار حرا ۾ حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي، معنيٰ ۽ مفهوم جي لحاظ کان قرآن جي مشهور ۽ نمايان سورتن مان هڪ آهي. هن سورت جي ٻي آيت ۾ فرمايو ويو آهي ته، ”خلق الانسان من علق“ يعني الله تعاليٰ انسان کي خون جي لوٿڙي مان بڻايو ۽ چوٿين آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”الذي علم بالقلم“ يعني الله انسان کي قلم ذريعي علم ڏنو ۽ پنجين آيت ۾ آيل آهي ته، ”علم الانسان مالم يعلم“ يعني انسان جيڪو نٿو ڄاڻي الله ان کي سيکاريو. انهن آيتن جو هڪ دفعو ٻڌڻ حضرت محمد ﷺ جن کي ياد ڪرڻ لاءِ ڪافي هو، جڏهن ته پاڻ سڳوراﷺ ”اُمي“ يعني پڙهڻ لکڻ نه ڄاڻندا هئا. جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اُمي هئا مٿين نازل ٿيڻ واري پهرئين ئي آيت ۾ علم ۽ قلم يعني لکڻ ۽ لکائڻ علم حاصل ڪرڻ ۽ علم کي ڦهلائڻ جو ذڪر ٿيل آهي.
    دنيا جو ڪوئي به دين علم حاصل ڪرڻ لاءِ ايتري اهميت جو قائل نه آهي ۽ اسلام کان سواءِ ٻيو ڪوئي مذهب اهڙو نه ملندو، جنهن جي شروعات ۾ علم ۽ معرفت کي ايتري اهميت ۽ فوقيت حاصل ٿي هجي.•
    بهرحال جنهن شخص سورة ”العلق“ حضرت محمد ﷺ کي ٻڌائي، ڪجهه دير بعد نظرن کان غائب ٿي ويو.
    هڪ ليکڪ ”طبري“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه  کي ٻڌايو ته (سورة العلق ٻڌائڻ کان پوءِ) اهو شخص هليو ويو، پاڻ سڳوراﷺ فرمائن ٿا ته مان اُٿڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڄنگهون ايتريون ته سُست ٿي چڪيون هيون، جو گهڻي مهل بيهي نه سگهيم ۽ ٻيهر زمين تي ويهي رهيم. ڪجهه دير تائين اهڙيءَ حالت ۾ ويٺو رهيم، جڏهن مان پنهنجي گوڏن ۾ قوت محسوس ڪئي ۽ پاڻ کي اُٿڻ جي قابل سمجهيم ته پوءِ گهر ڏانهن روانو ٿيم. پر منهنجا ڪُلها اڃان تائين ڏڪن پيا، اڃان اڌ رستي تي پهتم ته مون کي هڪ آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو چئي رهيو هو، ”يا محمد! تون الله جو رسول آهين ۽ مان ان جو فرشتو جبرائيل آهيان.“
    اهو آواز آسمان کان اچي رهيو هو، مان پنهنجو مُنهن مٿي ڪري ڏٺو ته اهو شخص جنهن جا چپ انسان جهڙا هئا، آواز ڏئي رهيو آهي. ”يا محمد ! تون الله جو رسول آهين ۽ مان ان جو فرشتو جبرائيل آهيان.“ منهنجا قدم هڪ جاءِ تي ڄمي ويا ۽ مان ان کي حيرت جي نظرن سان ڏسڻ لڳم. مان نه ته اڳتي هلي سگهان پيو نه پوئتي هٽي سگهان پيو، مان پنهنجي نظرن کي ٻي هنڌ ڦيريو پر اُتي به جبرائيل کي انهيءَ حالت ۾ بيٺل ڏٺم، پوءِ مان آسمان ۾ ٻئي طرف نظر ڦيريم ته اتي به جبرائيل کي موجود ڏٺم.
    ”بهرحال مان جيڏانهن به نظر ڦيريان پيو، اوڏانهن جبرائيل کي موجود ڏسان پيو. ايتري تائين جو هو آهستي آهستي نظرن کان غائب ٿي ويو. ان کان پوءِ مون کي ايتري ته ٿڪاوٽ محسوس ٿي جو وڏيءَ مشڪل سان گهر تائين پهچي سگهيم.“
    حضرت خديجه  کان روايت آهي ته جڏهن پاڻ سڳوراﷺ گهر پهتا، مون ڏٺو ته پاڻ سڳورنﷺ جو چهرو مبارڪ ڦڪو ۽ ايترو ته ٿڪيل نظر آيو، جو ڀت سان ٽيڪ لڳائي آهستي آهستي منهنجي طرف پئي آيا.
    اها رمضان جي هڪ رات هئي، حضرت محمد ﷺ جن جي ان بيحاليءَ تي حيرت ڪرڻ نه گهرجي، ڇو ته الله جو ڪلام ٻڌڻ انسان جي لاءِ هڪ تمام وڏو واقعو آهي ۽ اها مهل اهڙي آهي جو ان گهڙيءَ تمام وڏو زور پوي ٿو جيڪو انسان کي مدهوش ڪري ڇڏي ٿو. دراصل جا شيءِ انسان جي قوتِ برداشت کان وڌيڪ هوندي آهي، سا ان کي ٿڪاوٽ پيدا ڪندي ۽ مدهوش ڪري ڇڏيندي، پوءِ ڇو نه الله جو آواز ٻڌي يا تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي.
    انسان ۾ فطرت جون ڪجهه حدون مقرر ٿيل آهن، ان ڪري انساني هڏيون يا عضوا اهڙي زور کي برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي انسان جي فطرت کان زياده هجن. جيتوڻيڪ اڄ جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان اسان انسان اهڙيون شيون ٺاهي سگهون ٿا، جو پکين کان زياده تيز رفتاريءَ سان اسان کي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين پهچائي سگهن ٿيون. هونئن به انسان جي اهو وس ۾ ناهي ته هڪ گهوڙي سان گڏ ڊوڙي سگهي يا پکين وانگر هوا ۾ اڏامي سگهي. الله جو ڪلام ته اهڙي هستيءَ جو ڪلام آهي جنهن کي ٻڌڻ انسان جي طاقت کان ٻاهر آهي. جيڪو الله نه ڪنهن جاءِ جو پابند آهي ۽ نه وقت جو. جنهن جي نه ابتدا آهي نه انتها، اها ان جي طاقت آهي ۽ هو هر شيءِ کي خود وجود ۾ آڻڻ وارو آهي.
    جڏهن اسان زلزلي جو آواز يا وڄ جي ڪرڻ جو ڌماڪيدار آواز ٻڌندا آهيون، ته اسان جي جان ڏڪي ويندي آهي. جيتوڻيڪ اهي آواز اسان جي پنهنجي ماحول جا آواز هوندا آهن، جتي اسان زندگي گذاريون ٿا: جيتوڻيڪ اسان اهو ڄاڻون ٿا ته اها وڄ ڪهڙي سبب ڪڙڪندي آهي يا زمين هلندي آهي يا اها کنوڻ زمين تي ڪرندي آهي.
    ان ڪري اسان کي ان صورت ۾ حيرت نه ڪرڻ گهرجي ته جبرائيل جو آواز ٻڌڻ سان حضرت محمد ﷺ جن جي جسم مبارڪ ۾ ڏڪڻي ٿي ۽ جبرائيل جي وڃڻ کان پوءِ ٿڪاوٽ محسوس ڪيائون.


    الله تعاليٰ جو پيغام

    الله تعاليٰ جو پيغام

    جڏهن حضرت خديجه  جن حضرت محمد ﷺ جن کي ان حال ۾ ڏٺو ته سندن هٿ مبارڪ وٺي کين سهارو ڏنائون ۽ پاڻ کانئن کان پڇا ڪيائون ته اوهان کي ڇا ٿيو آهي جو ايڏا ٿڪل نظر اچو پيا، جيئن ڪو بيمار هجي. حضرت محمد ﷺ جن پنهنجو سمورو احوال ٻڌايو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ سان پيش آيو، پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ”مون کي ڏاڍو ڊپ لڳي رهيو آهي“ حضرت خديجه  پڇيو ته اوهان کي ڪهڙي ڳالهه کان ڀؤ ٿي رهيو آهي؟
    هتي ٻن روايتن جو ذڪر ٿيل آهي.
    ڪجهه علماءِ اسلام جو چوڻ آهي ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه  کي فرمايو ته مون تي خوف طاري ٿي ويو آهي ۽ جيڪو آواز منهنجي ڪنن ٻڌو آهي، ان آواز مون تي ايترو ته اثر ڪيو آهي جو مون کي قرار نٿو اچي، مون کي ڪٿي لڪايو يا مون کي ڪجهه ويڙهيو.
    ڪجهه ٻين اسلامي مفڪرن جن ۾ ”ابن هشام“ ۽ ”سهيلي“ به شامل آهن، لکن ٿا ته حضرت محمد ﷺ جن اڪثر وقت غار حرا ۾ گذاريندا هئا. ۽ غور فڪر ۾ محو رهندا هئا ته ان وقت سوچ ويچار سبب پريشان ٿي ويا ته جيڪو آواز پاڻ ﷺ ٻڌائون، شايد اهو پاڻ سڳورنﷺ جي سوچ ۽ خيال جو آواز هجي. ان جي باوجود ٻئي روايت ڪندڙ ان ڳالهه تي متفق آهن ته حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه  جن کي فرمايو ته مون کي ڪجهه ويڙهيو. حضرت خديجه  پاڻ سڳورنﷺ کي هڪ ”دثار“ يعني هڪ اوني ڪپڙو (ڪمبل) ويڙهيو ته جيئن پاڻ سڳوراﷺ آرام فرمائن.
    جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن خوف جي احساس کان بعد ان سوچ فڪر ۾ پئجي ويا هجن ته هيءَ به هڪ تعجب جي ڳالهه نه آهي، ڇو ته جن به پهريون دفعو الله جو پيغام ٻڌو اهي خوف طاري ٿيڻ کان پوءِ سوچ ويچار ۾ پئجي ويا آهن.
    عيسائي مذهب جي هڪ مشهور عالم ”سينٽ ٽريز“ جو چوڻ آهي ته، ”جڏهن الله جو آواز انسان جي ڪنن تائين پهچندو آهي ته ان کي يقين حاصل ٿي ويندو آهي ته اهو الله جو ئي آواز آهي،. ڇو ته ان آواز جي انداز بيان ۽ طرزعمل جي اصليت ۾ شڪ شبهو ڪرڻ جي گنجائش ئي نه هوندي آهي.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن چادر ويڙهي ليٽي ته پيا پر کين نه سمهندي آرام اچي پيو نه وري جاڳندي قرار حاصل ٿي پيو.
    ڪجهه عرب ليکڪ لکن ٿا ته انهيءَ رات جبرائيل ٻيهر حاضر ٿيو ۽ حضرت محمد ﷺ جن ڏانهن الله جو پيغام آندو. ڪجهه علماءِ اسلام جو نظريو آهي ته واقعي غار حرا کان ٽي ڏينهن بعد جبرائيل ٻيهر حاضر ٿيو ۽ اها سورة جيڪا هينئر قرآن مجيد ۾ 74 چوهتر سورت آهي حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي. ان سورت جي پهرئين آيت آهي ”ياايهاالمدثر قم فانذر“ يعني ”اي چادر ويڙهڻ وارا اُٿ ۽ انسانن کي هدايت جي واٽ ڏيکار.“
    اهي آيتون جبرائيل چوندو ويو ۽ حضرت محمد ﷺ جن کي ياد ٿينديون ويون ۽ ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جن کي يقين ڪامل ٿي ويو ته جيڪو آواز ٻڌان ٿو، اهو آواز الله جي طرفان آهي ۽ الله کان سواءِ ٻيو ڪوبه اهڙي انداز ۾ جملا پيش نٿو ڪري سگهي. بعد ۾ حضرت خديجه  پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي سوٽ درقه بن نوفل جي گهر وٺي آئي، جيڪو هڪ ”حنيف“ هو. جڏهن پاڻ سڳوراﷺ ۽ حضرت خديجه ورقه بن نوفل جي گهر ۾ پهتا ته درقه بن نوفل ۽ سندس ڀيڻ انجيل پڙهي رهيا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جن ان کي غار حرا جو سارو حال احوال ٻڌايو ۽ ان کان بعد ”ياايهاالمدثر“ جي نازل ٿيڻ جو حڪم بيان فرمايو ته ورقه بن نوفل چيو ته الله جو هي ڪلام بنا شڪ جي اهو ”ناموس“ آهي (ناموس جبرائيل جو لقب آهي) جيڪو پهريان حضرت موسيٰ  تي نازل ٿيو هو. ڪجهه اسلامي تاريخدانن جي مطابق ورقه بن نوفل اهو به چيو ته يا محمد! بيشڪ اهوئي ناموس آهي، جنهن جي اچڻ جي خبر حضرت عيسيٰ  ڏني هئي.
    لفظ ”ناموس“ جي لغوي معنيٰ الله جي انهن حڪمن جو نالو آهي جيڪي بني نوع انسان جي لاءِ واضح ڪيا ويندا آهن اهڙي جملي کي ”ناموس“ چيو ويندو آهي.
    بعد ۾ ورقه بن نوفل پاڻ سڳورنﷺ کي مخاطب ٿي چيو ته جيڪو ڪجهه اوهان آندو آهي ۽ اوهان چئو ٿا ته ان ڳالهه تي ته ماڻهو اوهان جا دشمن ٿي ويندا. ڪاش! مان ايترو وقت زنده هجان ها جو دشمنن جي مقابلي ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهان ها ڇو ته مون کي ان ڳالهه جو خوف آهي ته جڏهن اوهان دين جو اعلان شروع ڪيو ته ماڻهو اوهان کي نه مڃن يا جلاوطن ڪري ڇڏن.
    جلاوطن ٿيڻ يعني جزيرة العرب ۾ ڪنهن قبيلي جي طرفان ڪنهن شخص کي پنهنجي برادريءَ مان ڪڍڻ هڪ وڏ ي مصيبت سمجهي ويندي هئي، جيڪا ان شخص تي نازل ٿيندي هئي. جڏهن ڪنهن شخص کي پنهنجي قبيلي جي طرفان لاتعلق ڪيو ويندو هو ته ان جو قتل ڪرڻ معاف هوندو هو. يعني جيڪو شخص ان شخص کي قتل ڪندو هو ته قاتل کي ڪجهه به نه چيو ويندو هو، يا ان شخص کي پڪڙي غلام بڻائي رکيو ويندو هو. ان تڙيل شخص جي حيثيت هڪ رستي تي پيل پٿر وانگر هوندي هئي ته ڪو ڪٿي ڦٽي ڪري يا کڻي پري اڇلائي ڇڏي. حقيقت ائين هئي ته ان شخص جو هجڻ يا نه هجڻ برابر هيو.
    پر حضرت محمد ﷺ جن کي الله جي آواز جو پورو يقين حاصل هو، ۽ جلاوطن ٿيڻ يا قبيلي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏڻ جو مٿس ڪوبه خوف نه هو. ان رات کان بعد پاڻ سڳوراﷺ ٻيهر جبل النور ڏانهن ويا پر اهو شخص (جبرائيل) حاضر نه ٿيو، وري ٻي رات به غار حرا ۾ ويا ته به جبرائيل نظر نه آيو.
    حضرت محمد ﷺ جن روزانو جڏهن رات جو اونداهي ٿيندي هئي ته حضرت خديجه کي ڇڏي غار حرا ۾ اچي ويهندا هئا، اتي ان اميد سان ويهندا هئا ته شايد جبرائيل کي ڏسي سگهن پر هو پاڻ کي نظر نه ايندو هو.
    آهستي آهستي پاڻ سڳورنﷺ جن جي غمگين حالت ٿيندي وئي. حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ کي تسلي ڏيڻ ۾ ڪيتري به ڪوشش ڪندي هئي پر ڪامياب نه ٿيندي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت ائين به ٿيندو هو جو پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي گهر کان نڪري سڄي رات غار حرا ۾ گذاريندا هئا. ٻيو ڏينهن ۽ رات به اتي ئي گذاريندا هئا، جڏهن صبح جو واپس گهر پهچندا هئا ته بيحد ٿڪيل نظر ايندا هئا.
    هڪ رات جڏهن حضرت محمد ﷺ جن غار حرا ۾ ويا ته پنهنجي چادر ويڙهي ڏاڍا اُداس ٿي ويٺا رهيا ته حضرت جبرائيل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جو چئي رهيو هو ”يا محمد اوهان الله جا رسول آهيو ۽ مان جبرائيل آهيان. حضرت محمد ﷺ جن اُٿي ويهي رهيا ۽ ان ڳالهه جو انتظار ڪندا رهيا ته جبرائيل شايد اڃان ڪجهه چوي پر جبرائيل ٻيو ڪجهه به نه چيو. صبح جو جڏهن پاڻ سڳوراﷺ گهر پهتا ته حضرت خديجه جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي ڏٺو ته ڏاڍا خوش نظر آيا. پاڻ سڳورنﷺ حضرت خديجه کي فرمايو ته گذريل رات هڪ دفعو ٻيهر حضرت جبرائيل جي آواز ٻڌڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن ۽ ان ڳالهه تي خوش آهيان ته الله جي نظرن کان دور نه آهيان.
    ان کان بعد حضرت محمد ﷺ جن ٽي سال راتين جو غار حرا ۾ ويندا رهيا ۽ اهو صبح تائين اتي فقط الله جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندا رهيا. ڪڏهن ڪڏهن جبرائيل جو آواز به ٻڌندا هئا. پر صرف ايترو ”يا محمد اوهان الله جا رسول آهيو ۽ مان الله جو فرشتو جبرائيل آهيان“ پر ان جملي کان وڌيڪ جبرائيل ڪجهه نه چوندو هو. ان عرصي ۾ اهڙي ڪابه رات نه هئي جو پاڻ سڳوراﷺ صبح تائين الله جي باري ۾ غور فڪر نه ڪن ۽ رات جو روزانو انهن آيتن کي دهرائيندا رهندا هئا، جيڪي پاڻ تي نازل ٿيون هيون.
    انهن ٽنهي سالن جي مدت کي اسلام ۾ ”دورانيه فترت“ يا ”فترت الوحي“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، جنهن مدت ۾ قرآني آيتن جو نازل ٿيڻ چيو ويو آهي.
    مسلمانن جو نظريو هي آهي ته فترت الوحي ان لاءِ پيش آئي ته حضرت محمدﷺجن پنهنجي عظيم مشن کي پايهءِ تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ غور فڪر ڪري سگهن ۽ انهن ٽنهي سالن ۾ حقيقي ۽ روحاني نشونما مڪمل ٿي وڃي.


    رسالت جو آغاز

    رسالت جو آغاز

    ٽن سالن کان بعد هڪ رات جبرائيل غار ۾ حضرت محمد ﷺ جن وٽ آيو ۽ سورة الضحيٰ جي صورت ۾ جيڪا قرآن مجيد جي ٽيانوي سورة آهي، الله جو پيغام آندو. سورة الضحيٰ اها سورة آهي جيڪا پهرئين سورت جي ٽن سالن کان بعد نازل ٿي. دور فترت (وقفو) يا فترت الوحي جي باري ۾ اسلامي مفڪرن ۾ ڪجهه اختلاف راءِ موجود آهي.
    ڪجهه مفڪرن جو چوڻ آهي ته فترت جو وقت صرف چند ڏينهن رهيو ۽ زياده کان زياده ڏهه ڏينهن اها وٿي رهي. ڪجهه مفڪرن مطابق فترت جو وقت ڏهه مهينا هيو، جڏهن ته ڪجهه عالمن جو چوڻ آهي؛ جن ۾ ”طبري“، ”بيهقي“ ۽ بخاري شامل آهن، اهي انهيءَ ڳالهه جا قائل آهن ته فترت الوحي ٽي سال جاري رهي هئي.
    فترت جي زماني ۾ به حضرت محمد ﷺ هڪ نبي جي حيثيت جا مالڪ هئا ۽ مسلمانن ان مدت کي به ”دور نبوت“ جو نالو ڏنو آهي، پر سورة الضحيٰ جي نازل ٿيڻ کان بعد حضرت محمد ﷺ جن جي زندگي ۾ رسالت جو اعلانيه آغاز ٿي ويو.
    نبوت جي دوران حضرت محمد ﷺ جن صرف نبي آهن. جڏهن ته سورة الضحيٰ جي نازل ٿيڻ بعد ”رسول“ بڻجي ويا. رسول يعني الله جو موڪليل يا الله جو نمائندو. نبي يعني جيڪو خبر يا بشارت ٻُڌائي. رسول يعني جيڪو الله جي لکيل قانون کي انسانن تائين پهچائي.
    مغربي دانشور نبوت ۽ رسالت جي وچ ۾ فرق کي نٿا سمجهن ۽ انهن ٻنهي لفظن جو هڪ ئي مطلب سمجهن ٿا ليڪن اسلامي علماءِ جو چوڻ آهي ته نبي ان کي چيو وڃي ٿو جيڪو اطلاع يا بشارت ڏي، پر رسول ان کي چيو ويندو آهي جيڪو الله جي لکيل قانون کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو فرض نڀائي.
    سورة الضحيٰ جيڪا فترت الوحي کان بعد حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي. هڪ اهڙي خوشي بخشيندڙ سورة آهي. جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر سان محبت جو اظهار ڪيو آهي.
    الله کي اها ڄاڻ هئي ته فترت جا (ٽي سال ڏهه ڏينهن) يا ڏهه مهينا حضرت محمد ﷺ جن ڏاڍا غمگين ۽ بيقرار رهيا آهن. ۽ گهڻو وقت سوچ ۽ فڪر ۾ گذاريو آهي. تنهن ڪري الله تعاليٰ کين بي پناهه محبت سان سورة الضحيٰ جي اندر نوازي ڇڏيو آهي. هن سورت جي پهرئين آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر جو قسم کڻي فرمائي ٿو. ”والضحيٰ وليل اذا سجيٰ“ هن طرح جو قسم کڻڻ سواءِ قديم مصر جي مذهبي ڪتابن يا هندستان جي مذهبي ڪتاب ”ويد“، جيڪو ولادت ”مسيح“ کان چار پنج هزار سال اڳ واري دور جو آهي، ٻيو ڪٿي قسمن جو ذڪر آيل نه آهي پر ان ۾ قرآن مجيد جهڙي عمدگي، سادگي ۽ خوش ڪلامي موجود نه آهي.
    هتي الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن جي لاءِ ٻن شين جو قسم کنيو آهي. هڪ سج اڀرڻ ۽ ٻيو اونداهي رات جو جن ۾ اعليٰ درجي جي فصاحت ۽ عمدگي موجود آهي. جڏهن اها آيت انسان پڙهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ موسم بهار جي دل کي راحت ڏيندڙ صبح، جو ساوڪ سان ڀريل، اهڙي سرزمين تي جتي هر قسم جا گل ڦل ٽڙيل هجن؛ سج جي اڀرڻ جو نظارو ڪندو هجي.
    هڪ مغربي قاري جيڪو عربي زبان کي نٿو ڄاڻي اهو ” والضحيٰ “ جو سج اڀرڻ طور ترجمو ڪندو پر عربي زبان ۾ ”والضحيٰ“ جو مطلب صرف اهو ناهي، ان جي حقيقي معنيٰ وڏي وسيع آهي.
    عربي زبان ۾ ”والضحيٰ“ جو مفهوم هي آهي ”قسم ان وقت جو جڏهن سج جا شعاع افق تي ظاهر هجن ۽ آهستي آهستي اهي ڦهلجندا وڃن جو زمين جو ذرو ذرو سج جي روشنائيءَ سان چمڪي پئي ۽ پوءِ سڄي ڪائنات اکين کي حيران ڪندڙ سج جي روشني سان چمڪي وڃي.“•
    ”واليل اذا سجيٰ“ هن آيت جو ٻيو قسم آهي، پهرئين قسم وانگر هن جي حقيقي معنيٰ به تمام وسيع آهي ۽ جيڪو عربي زبان جو مفهوم چونڊيل ڪلام جي باري ۾ ظاهر ڪيو وڃي ٿو. سوڪنهن يورپ جي ماڻهوءَ کي ذهن ۾ نٿو ويهي سگهي. هڪ يورپي جڏهن هن ٻئي قسم کي يورپي زبان ۾ ترجمو ڪرڻ چاهيندو ته هن ريت ڪندو. ”۽ قسم رات جو جڏهن هر جڳهه اونداهي ڇائنجي وڃي.“ پر ”واليل اذا سجيٰ“ جو اهو مطلب نه آهي. ان جو صحيح مفهوم ڪجهه هن ريت آهي. ”قسم ان وقت جو جڏهن اونداهي ٿي ويندي آهي ۽ دنيا اونداهيءَ هيٺ اچي ويندي آهي ۽ هن جهان تي خاموشي ايتري قدر ٿي ويندي آهي جو پري کان ڪنهن چرپر جو آواز به تمام ويجهو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي.
    سچ هي آهي ته هي ترجمو به حقيقت کي پوري طرح ادا نٿو ڪري ۽ جڏهن هڪ عرب هن قسم کي پڙهندو آهي ته ان جي سامهون رات جي انڌاري ۾ جزيرة العرب جو ڪوئي بيابان سامهون اچي ويندي آهي. هو پنهنجي تصور ۾ ڏسندو آهي ته سڄي بيابان ۾ انڌيرو ٿي چڪو آهي ۽ هي آسمان جيڪو تمام وڏي ايراضيءَ واري تنبوءَ جي ڇت وانگر چئني طرفن کان اُفق تي ٻڌل آهي. ڪيترو روشن آهي، آسمان ستارن سان ڀريل آهي ۽ جزيرة العرب جي صاف آسمان تي انهن جي چمڪاهٽ ايتري وڌيڪ آهي جو انسان کي اهڙو گمان ٿي ويندو آهي ته جيڪڏهن هٿ ڊگهو ڪيان ته ستارن کي پنهنجي هٿ ۾ ڪري سگهان ٿو ۽ انڌيري ڇانئيل بيابان ۾ آسمان هيٺان ڪڏهن ڪڏهن تمام پري کان ڪو آواز به ڪنن تائين چٽو پهچندو آهي. ڇو ته هوا به بند ۽ پوري ماحول ۾ خاموشي طاري هوندي آهي ته ائين پيو لڳندو آهي ڄڻ اهو آواز بلڪل ويجهي هنڌ تان ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. اهڙن بيابانن ۾ جڏهن انسان پنهنجو پاڻ کي اڪيلو سمجهندو آهي ته ڪجهه اهڙي طرح اڪيلائي جي احساس ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي. ڄڻ تخليق جي بنياد کان اڄ تائين هن ۽ خاموش بيابان کان علاوه ٻي ڪابه چيز وجود ۾ نه آهي.
    اهڙا ۽ ان طرح جا ٻيا خيال جيڪي ”وليل اذا سجيٰ“ کي پڙهڻ کان پوءِ ذهن ۾ اڀرندا آهن. جيڪڏهن مان انهن بابت وڌيڪ لکان ته ڊپ آهي ته پڙهڻ وارا مون کي خيال پرست تصور ڪري ويهندا پر مان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو آهي، اهو انهن ٻن قسمن جي مفهوم جي طورتي آهي. انهن جي انتهائي گهرائي تائين پهچڻ جي باري ۾ نه. ڇو ته انهن ٻنهي قسمن جي خوش ڪلامي ۽ عمدگيءَ جي حقيقت کي سمجهڻ لاءِ انسان يا ته عرب هجي يا عربيءَ زبان کي مڪمل ڄاڻندو هجي.
    ذڪر ٿيل سورة جي ٽئين آيت ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي ارشاد فرمايو آهي ”ما ودعک ربک وما قليٰ“ هن آيت جي حقيقي معنيٰ به پهرئين آيت جي ظاهري معنيٰ کان تمام وڌيڪ آهي.
    الله تعاليٰ هن آيت ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي ذهن ۾ اُڀرندڙ سوچ جو جواب ڏيندي فرمايو آهي ته اوهان پريشان هئا ۽ هي تصور ڪري رهيا هئا ته الله پنهنجي سڃاڻپ ڏئي مون کي اڪيلو ڇڏي ڏنو آهي ۽ اوهان کان پنهنجي دوستي ۽ محبت واپس ڪري ڇڏي آهي. جيتوڻيڪ ائين هرگز نه آهي. الله اوهان کي هرگز نه ڇڏيو آهي ۽ اوهان بدستور الله جا محبوب آهيو.
    ذڪر ٿيل سورة ۾ الله تعاليٰ حضرت محمدﷺ جن جي پريشانيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي تمام خوش ڪري ڇڏيائون. ته جيئن الله تعاليٰ ۽ سندن وچ ۾ جنهن محبت جو بنياد پيو آهي ان ۾ خلل پئجي نه سگهي.


    يتيمن ۽ غريبن جو فڪر

    يتيمن ۽ غريبن جو فڪر

    هن سورة ۾ ان جي باوجود جو هيءَ قرآن مجيد جي ٻي سورة آهي. جيڪا پيغمبر اسلام حضرت محمد ﷺ جن تي نازل ٿي آهي، ان ۾ الله تعاليٰ تاڪيد فرمايو آهي ته يتيمن ۽ فقيرن کان غافل ٿيڻ نه گهرجي.
    الله تعاليٰ اهو ڄاڻي پيو ته حضرت محمد ﷺ جن خود يتيم هئا ۽ ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ پيءُ جي شفقت کان محروم ٿيڻ ڪري پاڻ ڪيترائي ڏک ۽ غم سٺا اٿن. پاڻ سڳوراﷺ ننڍپڻ جي تمام عرصي ۾ جزيرة العرب جي ڪنڊن جي وڻن سان ڀريل ۽ گرم واريءَ جي بيابانن ۾ پيرين اگهاڙي پيادل سفر ڪندا هئا ۽ اڪثر ڪري بک ۾ به گذاريندا هئا.
    جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي يتيمن ۽ فقيرن جو فڪر نه هجي ها ته الله تعاليٰ فترت جي ٽن سالن کان بعد قرآن مجيد جي ٻيءَ سورة ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن کي تاڪيد نه فرمائن ها ته يتيمن ۽ فقيرن جي حال کان غافل نه رهو.
    سورة ”الضحيٰ“ جي ڏهين آيت ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي ۽ حقيقت ۾ پنهنجي ڪلام ۾ ٻين انسانن کي هدايت ڪئي آهي ته ”واما السائل فلاتنهر“ يعني جيڪڏهن ڪوئي سوالي اوهان وٽ اچي ته ان کي نه ڌڪاريو.
    اڄ جي دور ۾ پنڻ واري ”سوال ڪرڻ واري“ کي بيزيب يعني بيڪار عمل سمجهيو ويندو آهي. سوال ڪرڻ واري کي معاشري ۾ نالائق قسم جو ماڻهو تصور ڪيو ويندو آهي. اڄ ماڻهن جو نظريو آهي ته جو شخص پنڻ وارو آهي يا ته خود نڪمو آهي يا ڪنهن ڪم ۾ دلچسپي نٿو رکي يا ايترو نالائق ۽ مست آهي، جو ڪنهن ڪم کي ڪرڻ جي صلاحيت نٿو رکي ۽ ان جا بُرا اخلاق ۽ ناپسند عادتون ”نشو، شراب جو استعمال“ ڪم ڪرڻ جي راهه ۾ سندس رڪاوٽ بڻجڻ ٿيون.
    چوڏهن سو سال پهريون جزيره عرب ۾ پنڻ کي عار ”شرم حيا“ سمجهو ويندو هو ۽ ان وسيع سرزمين تي ڪوئي شخص پني نه سگهندو هو. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ ماڻهو مالي لحاظ کان ڪمزور هئا، پر ان جي باوجود به ماڻهو سوال نه ڪندا هئا. پر مجبور حال ۾ اهڙا واقعا ظاهر ٿيندا هئا جو ماڻهو ٻين کان امداد جي درخواست ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندا هئا.
    جڏهن ريگستاني ڦورو ڪنهن مسافر کي بيابان ۾ ڦر ڪندا هئا ته ان بدنصيب وٽ ان راهه کان سواءِ ڪوئي چارو نه هوندو هو ته ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگجي يا ٻئي ڪنهن کي مدد جي درخواست ڪجي. جڏهن ڪوئي علائقو ٻوڏ ۾ اچي ويندو هو ته اتان جي رهڻ وارن جو گهر ۽ سامان تباهه ٿي ويندو هو ته انهن ماڻهن وٽ به سوال ڪرڻ کان سواءِ ڪوئي رستو نه هوندو هو. ڇو ته ان زماني ۾ ريڊڪراس جهڙيون تنظيمون موجود نه هيون يا ڪوئي امدادي ادارو قائم ٿيل ڪونه هو جيڪو انهن ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪري ۽ مصيبت آيل ماڻهن کي کاڌ خوراڪ يا ڪپڙو وغيره مهيا ڪري.
    حضرت محمد ﷺ جن جي رسالت ۾ اهڙيون شيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جيڪي غيرجانبدار نظريا رکندڙ يا تنقيد نگارن جي نظر ۾ نهايت دلچسپ ۽ قابل تعريف آهن. حضرت محمد ﷺ جن جي رسالت صرف هڪ مذهبي رسالت نه هئي پر هڪ سماجي ۽ معاشي تحريڪ به سمجهي وڃي ٿي.
    چوڏهن سو سال پهريون جزيره عرب جي سرزمين تي اهڙيون جهالت واريون ريتون رسمون هيون، جن جو ذڪر هتي مختصر ٿيل آهي. ان ماحول ۾ هڪ سماجي ۽ معاشي تحريڪ جو آغاز هڪ بيمثال واقعو هو ۽ حضرت محمد ﷺ جن هن عظيم الشان ۽ اعليٰ رسالت کي انجام تائين پهچائڻ جو فرض خوش اسلوبيءَ سان سنڀالي ورتو هو.
    ان حقيقت کي ظاهر ڪرڻ لاءِ حضرت محمد ﷺ جي رسالت هڪ صرف مذهبي رسالت نه هئي پر هڪ سماجي ۽ معاشي تحريڪ به هئي. قرآن مجيد جي ڇهه هزار ٻه سؤ ڇٽيهن آيتن ۾ ڪيترائي دفعا ان مطلب کي دهرايو ويو آهي.•
    حضرت محمد ﷺ جن مذهبي قانونن جي مبلغ ضرور هئا پر پاڻ هڪ عظيم سماجي ۽ معاشي تحريڪ جا اڳواڻ به هئا. ان ڪري اهي جيڪي قانون الله جي طرفان ترتيب ڏنل هوندا هئا ۽ مرحيلوار نازل ٿيندا هئا ته ماڻهن کي ان ڳالهه تي حيرت به ٿيندي هئي. ڇو جو حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ جيترا به آسماني قانون آيا، اهي هڪ وقت نازل ٿيا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ ۾ جيترا به پيغمبر آيا اهي سڀ هڪ ئي وقت قانون پيش ڪندا هئا، جڏهن ته حضرت محمد ﷺ جن جيڪي قانون آندا اهي ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ 610ع کان پاڻ سڳورنﷺ جي رحلت 632ع تائين آهستي آهستي نازل ٿيندا رهيا.
    قرآن مجيد مرحلي وار نازل ٿيڻ جو سبب جيئن ته قرآن مجيد جي پنجويهن سورة ”الفرقان“ جي ٻٽيهين آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي ته حضرت محمد ﷺ جن قرآن جي آيتن کي حفظ ڪري سگهن ۽ آيتن کي پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري سگهن. ٻيو هي ته قرآني آيتون مختلف عملن جي پيش نظر ۽ وقت جي ضرورت سان نازل ٿينديون هيون.
    پيغمبر اسلام کان اڳ ۾ جڏهن پيغمبرن آسماني ڪتاب آندا، اُهي اُمي نه هئا، ان ڪري آسماني ڪتاب انهن تي هڪ ئي دفعي سان نازل ٿيندو هو. ڇو جو حضرت محمد ﷺ جن اُمي هئا.، ان تحت درجه بدرجه قرآني آيتون نازل ٿينديون هيون، جيئن ته پاڻ سڳوراﷺ انهن کي پنهنجي ذهن ۾ چڱيءَ طرح محفوظ ڪري سگهن. حضرت محمد ﷺ جن جي سربراهيءَ هيٺ شروع ٿيڻ واري مذهبي، معاشي ۽ سماجي تحريڪ مسلمانن ۾ اهڙو جذبو ۽ ولولو عطا ڪيو جو اڃا هجرت کي اڌ صدي ئي گذري هئي جو انهن دنيا جي ٽن قديم ۽ عظيم سلطنتن ايران، مصر ۽ شام کي حڪومت اسلام هيٺ آندو ۽ اتان جا رهواسي مسلمان ٿي ويا.
    دنيا ۾ ٻيو ڪو به اهڙو دين ناهي، جيڪو ايترو جلدي تيز رفتاريءَ سان ڦهليو هجي ۽ جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن جا قانون صرف مذهبي هجن ها ته اسلام ايترو تيزيءَ سان دنيا ۾ مقبول نه ٿئي ها. اسلام جي پکڙجڻ جو هڪ سبب هيءُ به هو ته اسلام سماجي ۽ معاشي تحريڪ جو علمبردار به هو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي سماجي تحريڪ ۾ هڪ اهڙو بنيادي اصول ڏسڻ ۾ اچي ٿو جو اڄ سڄي دنيا ان جي تلاش ۾ آهي ۽ اهو اصول آهي، سڀني انسانن ۾ يڪجهتي.
    قرآن مجيد ۾ ذڪر ٿيل آهي ته سڀئي انسان هڪ واحد اُمت آهن ۽ باقي دنيا جي مختلف قومن ۾ جيڪي اختلاف ۽ بدگمانيون موجود آهن، اهي خود انهن جي ظلم، ستم ۽ بي انصافيءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيون آهن.
    جنهن آيت جو اهو مفهوم پيش ٿيل آهي، اها قرآن مجيد جي ٻي سورة ”البقره“ جي تحت ٻه سؤ تيرهن آيت آهي. ”کان الناس امت واحده“ آخر تائين.
    ان ڳالهه ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته حضرت محمد ﷺ جن جو نصب العين اسلامي معاشري ۾ بني نوع انسان لاءِ وحدت ۽ يڪجهتي برقرار ڪرڻ هو. ان ڪري الله تعاليٰ پاڻ سڳورنﷺ جن جي دين جو بنياد حضرت ابراهيم جي دين تي رکيو.
    حضرت ابراهيم نه يهودي هئا نه مسيحي ۽ نه وري بت پرست. اهي حنيف مڃيا ويندا هئا. خدا واحد وحده جي عبادت ڪندا هئا. ان جي باوجود يهودي ۽ مسيحي به ان کي پيغمبر مڃن ٿا.
    حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ان لاءِ دين ابراهيم  تي مضبوط ڪيو ويو ته جيئن يهودي ۽ مسيحي قومون به پاڻ سڳورنﷺ جن جي دين کي بنا ترديد قبول ڪن. اهوئي سبب آهي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جڏهن پنهنجي رسالت جي شروعات ڪئي ته ڪنهن به توحيدي مذهب مخالفت نه ڪئي، پر پاڻ سڳورنﷺ اها دعوت ضرور ڏني ته اهي اسلام قبول ڪن.
    پيغمبر اسلام جو هي نظريو آهي ته يهودي ۽ عيسائي مذهب جي پيروي ڪندڙن، انهن حڪمن تي جيڪي الله جي طرفان حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيا هئا، صحيح طرح تي پابندي نه ڪئي جيتوڻيڪ حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ  کي مڃڻ وارن انهن ٻنهي پيغمبرن جي حڪمن کي صحيح طرح سان نه سمجهيو جنهن ڪري ئي يهودي ۽ عيسائي هدايت حاصل ڪري نه سگهيا ۽ جيڪڏهن اهي اسلام کي قبول ڪري وٺن ته انهن کي به دين ۽ دنيا جي ڀلائي نصيب ٿي ويندي.
    ”اسلام“ عربي زبان جي خوبصورت لفظن مان هڪ آهي ۽ اهڙي طرح ”قرآن“ جو لفظ به عربي زبان جي ان دور جي بهترين لفظن ۾ شمار ٿئي ٿو. جيتري قدر روايتن جو تعلق آهي ته الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کان اڳ هڪ دفعو ”اسلام“ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ اهو ان وقت جڏهن حضرت ابراهيم  جن الله جي راهه ۾ پنهنجي پٽ کي قربانيءَ طور پيش ڪري ڇڏيو.
    روايت آهي ته ان واقعي کان پوءِ الله تعالي حضرت ابراهيم کي فرمايو ته تنهنجو پٽ حضرت اسماعيل ”اسلما“ ٿي ويو يعني محفوظ، قبول ٿي ويو. الله جي ارادي جي سامهون پنهنجي ارادو ختم ڪري ڇڏڻ ۽ الله جي مرضي تي هلڻ جو نالو اسلام آهي ۽ ان تي هلندڙ جو نالو مسلمان آهي.
    قرآن مجيد کي فرقان جو نالو به ڏنو ويو آهي. فرقان جي معنيٰ آهي، عليحده عليحده يا الڳ الڳ ۽ قران کي فرقان جو نالو ڏيڻ جو سبب هي به آهي ته قرآن جا مختلف حصا لڳاتار نازل نه ٿيا پر الڳ الڳ مختلف وقفن ۾ نازل ٿيا آهن. ان کان علاوه قرآن جو مطلب سچ کي ڪوڙ کان جدا ڪرڻ وارو به آهي.
    جيئن ته اسان کي اها خبر آهي ته عربي زبان جا ڪجهه لفظ بنيادي طورتي ٻين زبانن کان ورتل اهن ۽ اهي الفاظ اسلام کان اڳ صديون پهريون عربي زبان ۾ ان کان بعد قرآن ۾ داخل ٿيا ۽ خود قرآن جو لفظ به اهڙن لفظن مان هڪ آهي.
    لفظ ”قرائت“ به قرآن سان لاڳاپيل آهي، جيڪو دراصل سرياني زبان کان عربيءَ زبان ۾ داخل ٿيو. قرآن جو مطلب آهي قرائت يا مقدس ڪلام جو بار بار پڙهڻ. اهوئي سبب آهي جو عام ڪلام کي پڙهڻ سان ان کي قرآن نٿو چئي سگهجي ڇو ته قرآن اسم خاص ”اسم معرفه“ آهي يعني اهڙي ڪلام جو مجموعو جو الله تعاليٰ جي طرفان حضرت محمد ﷺ تي نازل ٿيو. ان ڪري ڪنهن ٻئي ڪلام کي قرآن چئي نٿو سگهجي.
    ڪجهه اسلامي مفڪرن جي اها راءِ آهي ته ٽئين سورت جيڪا پاڻ سڳورنﷺ تي نازل ٿي سورة ”قيامت“ آهي، جيڪا چاليهن آيتن تي مشتمل آهي.
    جيڪي قرآني آيتون پاڻ سڳورنﷺ تي نازل ٿينديون هيون سي ڏاڍو جلدي جلدي سان پڙهندا هئا ڇو ته کين اهو احساس هو ته الله جي ڪلام کي متان وساري نه ويهان. تنهن ڪري الله تعاليٰ سورة ”القيامه“ ۾ فرمائي ٿو ته ”لاتحرڪ بھ لسانک لتعجل“ يعني اي منهنجا رسول ﷺ جڏهن قرآن کي پڙهين ته پنهنجي زبان کي تيزي سان نه هلاءِ يعني قرآن کي عجلت ۽ تڪڙ سان نه پڙهه.
    ان سورة جي سترهين آيت ۾ آهي ته، ”ان علينا جمعھ و قرآن“ يعني اسان قرآن کي تنهنجي ضمير ۾ جمع ڪري ڇڏينداسون يعني دل ۾ ويهاري ڇڏينداسون. ۽ قرآن کي تنهنجي لاءِ آسان بڻائي ڇڏينداسون.
    ارڙهين آيت ۾ ارشاد آهي ته، ”ماذا قرانا فاتبع قرانھ“ يعني صبر ڪر ته اسان قرآن جي آيتن کي تنهنجي لاءِ پڙهون ۽ جڏهن اسان پڙهي وڃون ته پوءِ تون پيروي ڪر ۽ پڙهه ۽ يقين رک ته قرآن جو حفظ ڪري ويندين.
    اڻويهين آيت آهي ته، ”ثم ان علينا بيانھ“ يعني جيڪڏهن قرآن کي حفظ ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن چيز ۾ سمجهڻ جي مشڪل ٿئي ته اسان خود ان جي وضاحت ڪري ڇڏينداسون.
    انهن آيتن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن قرآن تيزيءَ سان نه پڙهندا هئا پر آرام ۽ سڪون سان تلاوت ڪندا هئا.
    جيئن ته مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته قرآن مجيد ٽيويهن سالن ۾ وقفي وقفي سان نازل ٿيو آهي، جيڪڏهن فترت الوحي جي مدت کي ٽي سال يا ڪجهه ڏينهن يا مهينا تصور ڪيو وڃي ته سواءِ ان سورة جي جيڪا غار حرا ۾ نازل ٿي، تمام قرآني آيتن جي نازل ٿيڻ جي ڪل مدت ٻاويهه يا ٽيويهه سال سمجهي وڃي ٿي.
    جڏهن ته اڄ عرب قوم جي تاريخ اسان جي اکين آڏو آهي ۽ اها خبر آهي ته بدو عرب اسلام کان اڳ ڪهڙي ريت زندگي گذاريندا هئا ته پوءِ قرآن جي وقفي وقفي سان نازل ٿيڻ جو سبب به اسان چڱي طرح سمجهي سگهون ٿا. ڇو ته جيڪڏهن ڇهه هزار ٻه سؤ ڇٽيهه آيتون مسلسل نازل ٿي وڃن ها ته ان وقت جا جاهل، بي خبر ۽ ساده طبيعت ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي وڃن ها ۽ چون ها ته اسان کي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو آهي.
    اڄ جيئن ته ويهين صديءَ جو زمانو آهي ۽ علم ادب جي ترقي ۽ بين الاقوامي تعلق جو زياده هجڻ سبب ماڻهن جو ذهني معيار چوڏهن سؤ سال پهريون جي مقابلي ۾ وڏي ترقي ڪري چڪو آهي، پر ان جي باوجود اڄ به ڪائي حڪومت پنهنجي ماڻهن لاءِ سوين قانون هڪ دفعي سان لاڳو نٿي ڪري سگهي. ان ڪري هن وقت جي ماڻهن جي لحاظ کان چوڏهن سؤ سال پهريون جي ڳالهه ته الڳ آهي، پر جيڪڏهن قرآن مجيد لڳاتار نازل ٿئي ها ته ان وقت جي ماڻهن جو حافظو ۽ انهن جو دماغ ايڏي عظيم ڪلام کي پنهنجي ذهن ۾ سمائڻ جي گنجائش نه رکي سگهي ها. ان ڪري ممڪن هو ته اهي بددل ٿي وڃن ها ۽ قرآن جي نازل ٿيڻ جو مطلب حاصل ٿي نه سگهي ها. ان ڪري قرآن جي نازل ٿيڻ جو فطري ۽ شعوري طريقو اهوئي هو ته وقفي وقفي سان نازل ٿئي، جيئن ماڻهو آهستي آهستي الله تعاليٰ جي ڪلام ۽ ان جي حڪمن جي پيروي ڪري سگهن ۽ قرآن کي سمجهي ان تي مڪمل عمل ڪري سگهن.


    پهريون مسلمان

    پهريون مسلمان

    جيئن ته پيغمبر ﷺ تي ايمان آڻڻ واري پهرئين شخصيت سندن گهرواري حضرت خديجه هئي ۽ ان کان بعد سندن چاچي حضرت ابوطالب جي فرزند حضرت علي بن ابوطالب مسلمان ٿيو، جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي اولاد وانگر پالي وڏو ڪيو هو.
    ٽيون مسلمان حضرت محمد ﷺ جن جو غلام ”زيد“ هو، جنهن کي پاڻ ﷺ آزاد ڪري ڇڏيو هو پر هو پنهنجي والدين ڏانهن وڃڻ لاءِ رضامند نه هيو ۽ چيائين ته مان حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي پيءُ ماءُ کان وڌيڪ عزيز سمجهان ٿو، حضرت خديجه ؒ، حضرت علي ڪرم الله وجه ۽ حضرت زيد کان بعد ڪوئي ٻيو شخص حضرت محمد ﷺ جن تي ايمان آڻڻ لاءِ آماده نه هو؟
    ٽن سالن جي مدت ۾ يعني 610ع کان 613ع تائين مسلمانن جو تعداد پاڻ سڳورنﷺ کان سواءِ ٽن ماڻهن تي مشتمل هو. ان سال حضرت ابوبڪر به مسلمان ٿي ويو ۽ ان طرح مسلمانن جو تعداد چار ٿي ويو. پر حضرت محمد ﷺ انهن چئن کان سواءِ ٻين کي مسلمان بنائڻ جي جيتري به ڪوشش ڪن پيا ڪامياب نه پيا ٿين. مڪي وارا جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي نئين دين کي تسليم نه پيا ڪن ته شروعات ۾ ان جي مخالفت به نه ڪندا هئا. اهي ماڻهو جڏهن به ڏسندا هئا ته حضرت محمد ﷺ جن ٻين کي اسلام جي دعوت ڏئي رهيا آهن ته اهي دشمنيءَ جو نه مظاهرو ڪندا هئا ۽ نه پاڻ سڳورنﷺ جي ڳالهين ڏي توجهه ڏيندا هئا. شايد ان ڳالهه جو سبب هي هو ته هنن روايت موجب جزيره عرب جي سرزمين تي هڪ لک چويهه هزار پيغمبر ٿي گذريا آهن، جن کان ڪيترن سؤن جي تعداد ۾ انهن جا نالا ۽ انهن جي زندگيءَ جا واقعا تاريخ ۾ درج ٿيل نه آهن، جڏهن ته اڪثر پيغمبرن جا نالا نشان به معلوم نه آهن. ان ڪري عرب جا ماڻهو نسل درنسل پيغمبر ڏسڻ جا عادي هئا ۽ اهي ماڻهو جڏهن ڪنهن پيغمبر کي تبليغ ڪندي ڏسندا هئا ته حيرت نه کائيندا هئا ۽ نه وري سوچڻ جو جذبو سجاڳ ٿيندو هُين.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جڏهن مسلمان ٿي ويو ته ان وقت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي گهر ۾ هڪ ڌيءَ جو جنم ٿيو، جنهن جو نالو عائشه  رکيو ويو. حضرت عائشه  اها پهرئين هستي آهن جن مسلمان جي حيثيت سان هن دنيا ۾ قدم رکيو ڇو ته سندن والد مسلمان هو.
    ڪجهه عرصي بعد حضرت محمد ﷺ جن تي قرآن جي ڇويهين سورة نازل ٿي، جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي ڄاڻايو ته پنهنجي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏي.
    الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته، ”وانذر عشيرتڪ الاقربين“ يعني پنهنجي عزيز رشتيدارن کي ڊيڄار يعني انهن کي دين جي دعوت ڏي ته جيئن اهي اسلام قبول ڪن. راويت موجب هن آيت جي نازل ٿيڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي سوٽ حضرت علي رضي الله کي فرمايو ته پنهنجي سڀني چاچن ۽ سندن اولاد کي کاڌي جي دعوت تي گهرايو، هن روايت ۾ هي ذڪر ٿيل آهي ته حضرت محمد ﷺ جن انهن کي دعوت دين ڏني پر انهن مان ڪنهن به قبول نه ڪئي، صرف حضرت علي رضي الله پنهنجي جڳهه تي اُٿي بيهي فرمايو، ”يا محمد ﷺ مان اوهان جي دعوت قبول ڪريان ٿو ۽ اوهان تي ايمان آڻيان ٿو.“ هن روايت جو آخري حصو ڪجهه اسلامي دانشورن جي نظرئي مطابق نه آهي، ڇو ته حضرت علي رضي الله ان دعوت کان پهريائين اسلام قبول ڪري چڪو هو. جيئن ته بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت خديجه جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻيو شخص حضرت علي رضي الله آهي جنهن پاڻ سڳورنﷺ تي ايمان آندو هو، ان ڪري تاريخ ۽ ٻين حالتن کي مدنظر رکڻ کان پوءِ هي صورتحال سامهون اچي ٿي.
    جڏهن الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي حڪم ڏنو ته پنهنجي قريبي عزيزن کي اسلام جي دعوت ڏي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي عزيزن جي اخلاق ۽ ڪردار ۽ انهن جي فڪر جي طريقي ۽ ذهني نفسيات جي باري ۾ غور فڪر ڪرڻ شروع ڪيو. پاڻ سڳورنﷺ سڀ کان اول چاچي حضرت ابوطالب جي باري ۾ سوچيو ۽ جلدئي ان نتيجي تي پهتا ته جيتوڻيڪ حضرت ابوطالب هڪ شريف ۽ نيڪوڪار انسان آهن، پر اهي پنهنجي وڏڙن جي پراڻين روايتن تي سختي سان پابند هئڻ سبب پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ ڪڏهن به آماده نه ٿيندا.
    حضرت ابوطالب کان بعد پاڻ سڳورنﷺ جي قبيلي جي وڏي مرتبي واري شخصيت ”ابي لهب“ هو جيڪو حضرت ابوطالب جو ڀاءُ هو. ابي لهب مڪي جو هڪ مالدار تاجر تصور ڪيو ويندو هو. ان کي مذهبي ڪمن سان ڪائي خاص دلچسپي نه هئي، پر صرف ايتري تائين جو مذهبي عقيدي ذريعي تجارتي فائدو حاصل ڪري سگهي.
    قريش جا ٻيا تاجر به ائين ئي هئا ۽ اهي به مذهب سان صرف ان ڪري دلچسپي رکندا هئا ته ان سان انهن ۾ پنهنجي مفاد جي نظر هوندي هئي. انهن لاءِ مذهب جو هڪ وڏو فائدو اهو هو ته هر سال چئن مهينن لاءِ جنگ جهيڙو ۽ لٽ ڦر تي پابندي هوندي هئي، ته جيئن مختلف قافله آزاديءَ سان آمدورفت ڪري سگهن ۽ مڪي جي مشهور بازار ”عڪاظ“ جاري رهي.
    جهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي چاچي حضرت ابوطالب ۾ اميد نه هئي ته مسلمان ٿي ويندو، اهڙي طرح ابي لهب جي باري ۾ به اها اميد نه رکندا هئا ته هو الله جو دين قبول ڪندو.
    ابي لهب جي گهرواري هڪ پڙهيل لکيل مالدار عورت هئي جنهن جو نالو جميله هو، جميله ابوسفيان جي ڀيڻ هئي ۽ ابوسفيان جو شمار مڪي جي دولتمند تاجرن ۾ ٿيندو هو.
    حضرت محمد ﷺ ۽ ابي لهب جي وچ ۾ چاچي ڀائٽي جي رشتي کان علاوه هڪ ٻيو به رشتو موجود هو، ابي لهب ۽ جميله جي ٻن پٽن جي شادي حضرت محمد ﷺ جن جي نياڻين سان ٿيل هئي. اهڙي طرح ابي لهب جا ٻه پٽ پاڻ سڳورنﷺ جا نياڻا به هئا. ابي لهب جي گهرواري جميله شاعريءَ سان شوق رکندي هئي، شاعريءَ ۾ ڪنهن جي برائي ڪرڻ لاءِ کيس مهارت حاصل هئي.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن دين اسلام جي تبليغ شروع ڪئي ته جميله برائي جي لفظن کي پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي پاڻ سڳورنﷺ جي خلاف استعمال ڪندي هئي ۽ ٻين ماڻهن کي ڀڙڪائيندي هئي.
    ابي لهب ۽ سندس گهرواري دين اسلام کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا ۽ نه ٻئي ڪنهن مذهب جي عقيدن تي يقين رکندا هئا. ابي لهب هن جهان کي صرف ڪاروبار جو ذريعو تصور ڪندو هو ۽ هن جي ساري ڪائنات صرف خريد و فروخت ۽ نفعي نقصان تي ٻڌل هئي.
    حضرت عبدالمطلب جو ٽيون پٽ حمزه جي نالي سان مشهور هو، جيڪو به پاڻ سڳورنﷺ جي قريبي رشتيدار هئڻ ڪري، الله جي حڪم مطابق ان کي به دين اسلام جي دعوت ڏيڻ ضروري هئي. حضرت حمزه هڪ نامي گرامي پهلوان هو. مختلف راندين جو شوقين هيو ۽ سندس سارو ڌيان صرف راندين ۾ لڳل هوندو هو ته جيئن مختلف مقابلن ۾ شرڪت ڪيان ۽ انعام ۽ عزت حاصل ڪريان. ان وقت ملڪ جي اڪثر رانديگرن وانگر ماڻهن کي نفرت جي نظرن سان ڏسندو هو، جيڪي راندين جا شوقين نه هئا يا جيڪي انهن مقابلن ۾ شرڪت نه ڪندا هئا. پر انهن ڳالهين جي باوجود به هو دل جو سچو ۽ قول جو پڪو انسان هو. پاڻ سڳورنﷺ کي به ان جي باري ۾ فڪر رهندو هو ته شايد هي به مسلمان ٿيڻ نه قبولي، ڇاڪاڻ ته هو ظاهري مذهبي ڪمن ۾ ڪائي دلچسپي نه وٺندو هو.
    حضرت عبدالمطلب جي چوٿين پٽ جو نالو حضرت عباس هو. ان جو ڌنڌو سون ۽ وياج جو هيو، هو مڪي، مديني ۽ طائف وارن سان ملي ڪاروبار ڪندو هو. حضرت عباس جي دنيا ٻن طبقن ۾ ورهايل هئي، هڪ قرض ڏيڻ ٻيو قرض وٺڻ. حضرت عباس جي اهائي ڪوشش هوندي هئي ته جيتري تائين ٿي سگهي، پنهنجن قرضين کان سود (وياج) حاصل ڪريان ۽ ايتري تائين جو ڪنهن به ماڻهو کي بغير ضمانت قرض نه ڏيندو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن جڏهن حضرت عبدالمطلب جي پٽن تي پنهنجي نظر ڦيرائي ته پاڻ سڳوراﷺ ان نتيجي تي پهتا ته حضرت ابوطالب هڪ عمر رسيد ۽ ضعيف شخص آهي، ابولهب هڪ دولت پرست سوداگر آهي، حضرت حمزه به راندين جو شوقن آهي ۽ حضرت عباس هڪ وياج خور واپاري. انهن مان ڪوبه اهڙو نه آهي جنهن جي دين سان سچي محبت هجي. انهن جو مذهبي لاڳاپو زياده کان زياده دنيا جي معاملن تي آهي.
    جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اهو ڄاڻندا هئا ته انهن مان ڪوبه شخص الله جي ڪلام ٻڌڻ لاءِ تيار نه اهي، پر ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ الله جي حڪم کان منهن نه ڦيريو ڇو ته اهو حڪم نازل ٿي چڪو هو ته پنهنجي عزيزن قريبن کي دين اسلام جي دعوت ڏيو. پاڻ سڳورنﷺ کي جڏهن اهو احساس ٿيو ته سندن پيغام جو اثر پنهنجي رشتيدارن جي مئل روح کي راحت بخشي نه سگهندو، ته ان سوچ ۾ پاڻ سڳوراﷺ ايترو ته فڪرمند ٿي پيا جو ان غم ۽ فڪر پاڻ سڳورنﷺ کي بيمار ڪري وڌو. پاڻ سڳورنﷺ جي ٻين چاچن کين چيو ته اوهان پنهنجي دور جي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏيو شايد اهي ان کي قبول ڪرڻ لاءِ آماده ٿي وڃن. انهن کي پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته مون کي هي حڪم مليو آهي ته پنهنجي قريبي رشتيدارن کي دين اسلام جي دعوت ڏيان ۽ مان الله جي نافرماني نٿو ڪري سگهان.
    آخرڪار پاڻ سڳورنﷺ اهو فيصلو ڪيو ته پنهنجي قريبي رشتيدارن مان چاليهن ماڻهن کي جن ۾ حضرت عبدالمطلب جا چار پٽ به شامل هئا، پنهنجي گهرمانيءَ جي دعوت ڏيان.
    ان موقعي تي حضرت علي رضي الله جن ميزبانيءَ جا فرض سنڀاليا، ڇو ته پاڻ سڳوراﷺ کين پنهنجي اولاد جيئان سمجهندا هئا. انهيءَ مهمان نوازيءَ جو تفصيل هن ريت آهي ته حضرت علي رضي الله جن مختصر کاڌو آڻي مهمانن جي آڏو رکيو. پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي مهمانن کي فرمايو ته الله جو نالو وٺي کائڻ شروع ڪيو.
    جيڪو ڪجهه مهمانن جي آڏو رکيو اهو زياده نه هيو، پر اهي مهمان جيترو به کائن پيا کاڌو کُٽي نه پيو، جڏهن سڀني دعوتين پيٽ ڀري کاڌو ته ان جي باوجود به وڏي مقدار ۾ کاڌو بچي پيو. ان کان بعد پاڻ سڳورنﷺ جن مهمانن لاءِ پاڻي آڻڻ لاءِ فرمايو. حضرت علي رضي الله جن هڪ پاڻيءَ جو پيالو کڻي آيا جنهن ۾ پاڻي بس ايترو هو جو صرف هڪ ماڻهوءَ جي پياس پوري ٿئي، پر جڏهن پهرئين شخص پنهنجي پياس مطابق پاڻي پيتو ته به پاڻيءَ ۾ ڪمي نه آئي، ايتري قدر جو سڀني مهمانن پنهنجي پياس پوري ڪئي تڏهن به پاڻيءَ جي پيالي ۾ ڪائي ڪمي محسوس نه ٿي. مهمانن کي ان واقعي تي وڏي حيرت ٿي. ابي لهب اهو چئي اُٿي بيٺو ته حضرت محمد ﷺ جن اسان تي جادو ڪيو آهي. ان کان پوءِ ٻيا به مهمان اُٿي هليا ويا. پاڻ سڳورنﷺ کي اهو موقعو ئي نه مليو جو انهن مهمانن سان الله ۽ ان جي حڪمن جي باري ۾ گفتگو ڪري سگهن.
    هن دعوت بابت ٻي روايت آهي ته جڏهن کائڻ پيئڻ جو پروگرام پورو ٿيو ته پاڻ سڳورنﷺ الله ۽ الله جي حڪمن جي باري ۾ ڳالهائڻ چاهيو ته دعوت ۾ آيل ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ جي ڳالهه ٻڌڻ کان سواءِ اُٿيا هليا ويا ۽ پاڻ سڳوراﷺ انهن ماڻهن کي اهو نه ٻڌائي سگهيا ته دعوت جو مقصد ڇا هيو.


    مشرڪن جا ايذاءَ رسائڻ

    مشرڪن جا ايذاءَ رسائڻ

    جيئن ته اڳ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته جيڪي واقعا جن روايتن تي مشتمل هوندا مان انهن بابت چوندس ته اهي ان ريت روايت ٿيا آهن. هڪ مغربي تاريخ لکندڙ جڏهن واقعي کي ٻڌندو ته ان جو سبب ڄاڻڻ چاهيندو، ته ڇا جي ڪري حضرت محمد ﷺ جن جي دعوت ۾ مهمان جيترو به کائن پيا، اهو کاڌو ختم نه پيو ٿئي ۽ جيترو به پاڻي پيتو وڃي پيو ان جي باوجود پاڻي ختم نه پيو ٿئي.•
    حضرت محمد ﷺ جن جڏهن اهو ڏٺو ته قريبي رشتيدارن جي باري ۾ الله تعاليٰ جي حڪم تي عمل نه ٿي سگهيو ته پاڻ سڳورنﷺ سوچيو ته مڪي وارن کي ”جبل صفا“ ڪوهه صفا تي جمع ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي. ڪوهه صفا به جبل النور ۽ مڪي جي چؤگرد ڦهليل ٻين پهاڙن وانگر هڪ وڏو جبل هو، جنهن کي عرب ماڻهو جبل يعني ڪوهه جي نالي سان سڏيندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن اهو سوچيو ته جيڪڏهن مڪي وارن کي ڪوه صفا تي گڏ ٿيڻ جي دعوت ڏني وڃي، ته لازمي پنهنجي خاندان جا ڀاتي به اتي ايندا ۽ اهڙي ريت انهن ماڻهن کي دين اسلام جي دعوت پهچائي سگهبي.
    ان طرح پاڻ سڳورنﷺ تمام ماڻهن کي پيغام ڏنو ته اهي مقرر ڏينهن جو ”ڪوه صفا“ تي جمع ٿين. ڇو ته، مان هڪ اهم ڳالهه اوهان تائين پهچائڻ گهران ٿو. سڀني ماڻهن سان گڏ پاڻ سڳورنﷺ جا قريبي رشتيدار به جبل صفا تي جمع ٿيا، حضرت محمد ﷺ جن هڪ مٿاهين جڳهه تي بيهي ماڻهن کي مخاطب ٿي فرمايو ته، ”اي انسانو! جيڪڏهن مان ڪا اهم ڳالهه اوهان لاءِ بيان ڪريان ته اوهان اها قبول ڪندؤ يا نه؟
    ماڻهن هڪ آواز ٿي جواب ڏنو ته، ”يا محمد ﷺ اسان کي اوهان جي ڳالهه تي يقين آهي، ڇو ته اسان ڄاڻون ٿا ته توهان بيشڪ سچا آهيو ۽ ڪڏهن به ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهيو.“
    حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته، ”اي انسانو! الله تعاليٰ مون کي رسالت لاءِ چونڊيو آهي ۽ مان الله تعاليٰ جي طرف کان مقرر ٿيل آهيان ته توهان کي حڪم خداوندي کي مڃڻ ۽ الله تعاليٰ جي اطاعت ڪرڻ جي دعوت ڏيان ۽ جيڪڏهن اوهان الله تعاليٰ جي اطاعت کان منهن موڙيندؤ ته توهان تي الله جو غضب نازل ٿيندو.“
    ”طبري“ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهي جملا خطاب فرمايا ته ابي لهب چڙ منجهان رڙيون ڪندي چيو ته ”اي محمد ﷺ ڇا تون انهن ڳالهين ٻڌائڻ لاءِ اسان سڀني کي هت سڏايو آهي؟ ڇا تو اهو نه سوچيو ته انهن ڳالهين جي ايتري اهميت ناهي، جو اسان پنهنجو ڪاروبار ڇڏي هتي هليا اچون.
    بعد ۾ ابي لهب اتي موجود ماڻهن تي گجگوڙ ڪري چيو ”هن ﷺ جي ڳالهين ڏي ڪن نه ڏيو، ۽ پنهنجي پنهنجي گهر موٽي وڃو. حضرت محمد ﷺ پنهنجو دماغ وڃائي ويٺو آهي“ سڀ ماڻهو پنهنجي گهرن ڏانهن واپس هليا ويا، پاڻ سڳورنﷺ وٽ باقي صرف ٻه ماڻهو وڃي رهيا، هڪ حضرت علي رضي الله ۽ ٻيو حضرت زيد رضي الله .
    هن واقعي کان پوءِ پيغمبر اسلام جن جي قريبي رشتيدارن پاڻ سڳورنﷺ جي خلاف عملي مخالفت جي شروعات ڪري ڏني ۽ پاڻ سڳورنﷺ تي مزاق ۽ چٿرون ڪرڻ شروع ڪيون.
    جڏهن جماعت قريش ۽ خاص ڪري ابي لهب ۽ سندس گهرواري جميله اهو ڏٺو ته اسان جي زبان جا تير حضرت محمد ﷺ تي ظاهر ۾ اثرانداز نٿا ٿين ته انهن پاڻ سڳورنﷺ کي طرح طرح جا ايذاءَ پهچائڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ ابي لهب ۽ سندس گهرواريءَ جو تعلق مڪي جي ”مهذب“ جاهل طبقي سان هيو، پر اهي ٻئي پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن پٿر اڇلائيندا هئا، جنهن سبب پاڻ سڳورنﷺ جي گهر جون دريون جيڪي ڪاٺ جون ٺهيل هيون ڀڄي پونديون هيون. ايستائين جو آواره ٻارن کي پئسا ڏئي حضرت محمد ﷺ جن جي گهر تي انهن کا ن پٿراءُ ڪرائيندا هئا ۽ مئل جانورن جا لاش ۽ مئل جانورن جو گند ڪچرو پاڻ سڳورنﷺ جي گهر ۾ اُڇلرائيندا هئا.
    پان سڳورا ﷺ جڏهن به گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته جميله ۽ ابي لهب جي هُشيءَ تي گهٽي محلي جا ٻار ۽ ٻيا آواره ماڻهو پاڻ ﷺ جن کي پٿرن سان نشانو بڻائيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته اهي پٿر ڪجهه اهڙي نموني هڻندا هئا، جو پاڻ سڳورنﷺ جي مٿي مبارڪ يا چهري مبارڪ تي لڳندا هئا ۽ رت جاري ٿي ويندو هو. پاڻ سڳوراﷺ اها رت پنهنجي دامن سان اگهندا هئا ۽ جڏهن گهر واپس ايندا هئا ته حضرت خديجه پاڻ سڳورنﷺ کي ان حال ۾ ڏسي ڏک منجهان پڇندي هئي ”اي محمد ﷺ ڇا اڄ وڌيڪ تڪليف درپيش آئي آهي.“ پاڻ سڳوراﷺ فرمائيندا هئا ته ”اي خديجه جڏهن انسان کي اهو پتو هجي ته هو ڪهڙي مقصد لاءِ ۽ ڪنهن جي خاطر تڪليف سِر تي کڻي رهيو آهي ته ان کي ڏک ۽ درد جو احساس ناهي ٿيندو.“
    ابي لهب جي گهرواري ته پاڻ سڳورنﷺ جي رستي ۾ چهنبدار ڪنڊا اڇلائيندي هئي ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن جي پيرن ۾ چُڀن، پاڻ سڳوراﷺ جڏهن گهر پهچندا هئا ۽ پنهنجي پيرن مبارڪن مان ڪنڊا ڪڍندا هئا ته خون جاري ٿي ويندو هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جي خاندان وارن کين ايتريون ته تڪليفون پهچايون جو هڪ ڏينهن بارگاره الاهيءَ ۾ درد ڀرئي انداز ۾ رب کي عرض ڪيائون ته، ”ياالله تون بهتر ڄاڻين ٿو ته انهن مان ڪو به تنهنجي دين کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.“
    ان دردمندانه دانهن کان پوءِ حضرت جبرائيل  حاضر ٿيو ۽ پاڻ سڳورنﷺ تي چند آيتون نازل فرمايون، جيڪي قرآن مجيد جي پندرهين سورة الحجر ۾ شامل آهن ۽ ان سورة جي چوريانوي آيت آهي. ”فَاصْدَعْ بِمَا تُوءْمَرُوْ اَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِکِیْنَ“ يعني ”جيڪو الله جي طرفان حڪم ٿيل آهي، ان کي ظاهر ڪر ۽ مشرڪن جي تڪليفن تي توجهه نه ڏي.“
    سورة الحجر جي پنجانوي آيت ۾ آهي ته، ”اِنَّا کَفَیْنٰکَ الْمُسْتَھْزِءِیْنَ“ يعني ”جيڪي توسان مذاق ڪن ٿا انهن کي اسان تي ڇڏي ڏي. اسان انهن لاءِ ڪافي آهيون.“ هن آيت جو مطلب آهي ته، حضرت محمد ﷺ جن مشرڪن کي الله تي ڇڏي ڏين ۽ الله خود انهن کان حساب وٺندو.
    انهيءَ ئي سورة جي ستيانوي آيت ۾ الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي ارشاد فرمائي ٿو ته، ”وَلَقَدْ نَعْلَمُ اَنَّکَ یَضِیْقُ صَدْرَکَ بِمَا یَقُوْلُوْنَ“ يعني اسان ڄاڻون ٿا ته اوهان جو سينو انهن ماڻهن جي گفتار ۽ آزار سان تنگ ٿي وڃي ٿو. اسان تنهنجي اندروني درد کان واقف آهيون، جيڪو قريش جي طرفان اوهان جي مٿان گذري ٿو. الله تعاليٰ هن سورة جي آخري آيت ۾ جيڪا پهرئين آيت جو خلاصو آهي ارشاد فرمايو ته ”وَاعْبُدْ رَبَّکَ حَتّٰی یَاْتِیَکَ الْیَقِیْنُ“ يعني ”اي محمد ﷺ پنهنجي رب جي عبادت ڪر، ايتري تائين جو اوهان جي زندگي پڄاڻيءَ تي پهچي.“ عبادت مان مراد هيءَ آهي ته انسان الله جي طرفان مقرر ڪيل فرض پوري خيرخوبيءَ سان پورا ڪري.
    هن آيت ۾ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي اطمينان ڏياريو ته الله انهن مشرڪن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندو. ان تسلي کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي دلي سڪون حاصل ٿيو، ان کان پوءِ پاڻ ڪفار جي طرفان پهچايل هر تڪليف کي وڏي بردباريءَ ۽ حوصله مندي سان برداشت ڪيو.
    هڪ ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت خديجه پنهنجي گهر ۾ ويٺا هئا ته انهن جون ٻئي نياڻيون جيڪي ابولهب جون نُهر هيون، پنهنجو سامان کنيون گهر ۾ داخل ٿيون، انهن پنهنجي والدين کي ٻڌايو ته انهن جي مڙسن انهن کي طلاق ڏني آهي ۽ انهن کين پنهنجي والدين ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو آهي.
    حضرت خديجه پنهنجي نياڻين کان پڇيو ته توهان کي طلاق ڇو ڏني وئي؟ نياڻين جواب ڏنو ته اسان جي مڙسن اسان کي ابولهب ۽ ان جي گهرواري جميله جي چوڻ تي طلاق ڏني آهي. انهن جو چوڻ آهي ته ابولهب جي پٽن کي اهو زيب نٿو ڏئي ته انهن جون گهرواريون ”محمد صه“ جهڙي شخص جون ڌيئر هجن ڇو ته اڄ محمد سڀني ماڻهن جي نظر ۾ نفرت ۽ مذمت جو شڪار آهي ۽ اهڙي شخص سان تعلق رکڻ مڪي ۾ شرم جي نظر سان ڏٺو ويندو آهي.
    حضرت خديجه هن واقعي کان پوءِ ڏاڍو پريشان ٿي وئي، پر پاڻ سڳورنﷺ کين تسلي ڏيندي صبر جي تلقين فرمائي، پاڻ سڳوراﷺ به هڪ والد جي حيثيت ۾ هئا ۽ ٻين والدين وانگر پاڻ سڳورنﷺ کي به پنهنجي نياڻين جي گهر جي اُجڙڻ جو صدمو پهتو هو پر خانداني دشمني ۽ طرح طرح جي نفسياتي دٻاءَ جي باوجود به پاڻ ثابت قدم رهيا ۽ الله جي دين جي تبليغ ۾ هڪ ذرو به پوئتي نه هٽيا.
    ٻئي طرف سندن دشمن جيڪي (اڪثر ڪري) بدوي عرب هئا سي پنهنجي گندي زبان تي قائم رهندي، پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين جي سلسلي ۾ تمام گهڻو تعصب جو مظاهرو ڪندا رهيا.
    هڪ بدوي عرب ڪنهن يورپي شخص وانگر ”ائيڊيالوجي“ نظريي جو عادي نه هوندو هو. يورپي باشندن کي يوناني تهذيب جي زماني کان وٺي ئي ”ائيڊيالوجي“ جي عادت ٿي وئي آهي. هڪ يورپي جي دماغ ۾ ٿي سگهي ٿو ته گهڻا فڪر سمائجي وڃن پر هڪ بدوي عرب جي دماغ ۾ ايترا فڪر سمائجي نه سگهندا. ڇو ته هو ڪنهن يورپي شخص وانگر گوناگون فڪر ۾ ڦاٿل نه هوندو آهي. پر جڏهن هو ڪنهن عقيدي تي قائم ٿي وڃي ته ڪهڙي به طرح ان کي ان جي عقيدي کان هٽائي يا ڦيرائي نٿو سگهجي، سواءِ ڪنهن مضبوط ۽ مؤثر عقيدي جي اها ڳالهه جزيره عرب ۾ ڪجهه اهڙي طرح سچي آهي ته اڄ جڏهن تيل جو پائيپ جزيره عرب جي سرزمين جي وچ مان گذري رهيو آهي ۽ ڪو ڏينهن يا رات اهڙو نه آهي جو اتان هوائي جهاز جو آواز ٻڌڻ ۾ نه اچي، اهڙي ترقي جي دور ۾ اڄ به هڪ بدوي عرب رنگا رنگ آئيڊيالوجيءَ جو تابع نه آهي ۽ اڄ به ڪنهن بدو عرب جي ذهن ۾ ٻن يا ٽن کان وڌيڪ ڳالهيون نٿيون سمائجن، پر جيڪڏهن فڪر ڪنهن عقيدي جو روپ بڻجي وڃي ته پوءِ مشڪل آهي ته هو پنهنجي عقيدي تان هٿ کڻي.
    بدوي عرب جي تعصب جي مثال تي قديم عرب شاعر ”شنفره“ جي زندگي وڏي دلچسپ آهي. ”شنفره“ نه صرف پنهنجي زندگي ۾ وڏو مشهور هيو، پر سعودي عرب جي بدو ماڻهن کي اڄ به ان جا ڪجهه شعر زباني ياد آهن ۽ اهي ماڻهو ”شنفره“ کي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا.
    چيو وڃي ٿو ته شنفره هڪ ڏينهن جزيره عرب جي بيابانن مان گذري رهيو هو ته قبيله ”بنو سليمان“ جي ڪجهه ماڻهن ان سان مذاق ڪئي ۽ سندس بيعزتي ڪئي. شنفره ان وقت جي بدوي قانون مطابق اهو فيصلو ڪيو ته هو بنو سليمان جي قبيلي کان انتقام وٺي رهندو.
    جيئن ته پهرئين اهو ذڪر ٿيل آهي ته جزيره عرب ۾ رڳو قصور وار شخص کي سزا نه ڏني ويندي هئي پر ان جو پورو قبيلو سزا جو مستحق هوندو هو. اهڙي طرح شنفره به عهد ڪيو ته هو پنهنجي بيعزتي جي بدلي وٺڻ لاءِ قبيلي بنو سليمان جي هڪ سؤ ماڻهن کي قتل ڪندو. ان ڏينهن کان پوءِ شنفره پنهنجي علائقي ۽ قبيلي کي خدا حافظ چئي تيرڪمان کڻي قبيلي بنو سليمان جي تاڙ ۾ نڪري پيو ۽ پندرهن سالن جي طويل مدت ۾ پنهنجي دشمن قبيلي جا نوانوي ماڻهو قتل ڪري پنهنجي پر ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن شنفره هڪ کوهه مان پاڻي ڪڍڻ ۾ مشغول هو ته ڪجهه ريگستاني لُٽيرن ان تي حملو ڪيو ۽ کيس ماري وڌو.
    شنفره جو لاش ريگستاني جانورن کائي ڇڏيو ۽ سندس جسم جي هڏين کان سواءِ ٻي ڪائي چيز نه بچي ۽ هڏيون به آهستي آهستي هيڏي هوڏي ٿي ويون، پر هن جي مٿي جي کوپڙي کوهه جي ڀرسان پئي رهي. ايتري تائين جو هڪ ڏينهن بنوسليمان قبيلي جا ڪجهه ماڻهو اتان لنگهيا ۽ پاڻي لاءِ کوهه وٽ پهتا، ان وقت تيز طوفان شروع ٿي ويو ۽ طوفان جي رفتار ايتري ته تيز هئي جو شنفره جي مٿي جي کوپڙي اڏامي بنوسليمان قبيلي جي هڪ ماڻهوءَ جي پير تي لڳي جنهن ڪري ان کي گهرو زخم ٿي پيو ۽ پوءِ اهو زخم وڌندي وڌندي ان شخص جي موت جو سبب بڻجي ويو. اهڙي طرح شنفره مرڻ کان پوءِ به پنهنجي قسم کي نه ڀلايو ۽ ان پنهنجي مٿي جي کوپڙيءَ سان بنوسليمان قبيلي جو هڪ ٻيو ماڻهو به ماري وڌو، مرڻ وارن جو تعداد هڪ سؤ تائين پهچائي ڇڏيائين.•
    جڏهن الله تعاليٰ حضرت محمد ﷺ جن کي پيغمبريءَ جي لاءِ چونڊيو ، جنهن تي پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي الله ۽ ان جي دين تي پختو يقين هيو. رشتيدارن ۽ قبيلي وارن جي ستائڻ ۽ ڊيڄارڻ ۽ ڌمڪين جي باوجود به پاڻ سڳورنﷺ جن جي يقين ۾ ڪائي گهٽتائي نه آئي ۽ نه ئي پاڻ پوئتي پير ڪيائون. الله جي دين کي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ سندن عزم پهريون کان به وڌيڪ پڪو ۽ پختو ۽ مضبوط ٿي ويو.
    جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي هي يقين ٿي چڪو ته پاڻ الله تعاليٰ جا چونڊيل پيغمبر آهن ۽ الله جي دين جي ڦهلائڻ جي ذميواري عائد ٿي چڪي آهي، تنهن صورت ۾ جيڪڏهن کين قتل ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وڃي ها ته به پاڻ رسالت جي پيغام پهچائڻ کان ڪنهن به صورت ۾ نه هٽن ها.
    بهرحال اعلان نبوت جي چوٿين سال تائين سندن قريبي رشتيدار ۽ قريش قبيلي جي ٻين ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ کي مختلف قسمن جي ايذاءَ رسائڻ تائين پاڻ کي محدود رکيو. ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي پنهنجي رستي تان هٽائڻ جو منصوبو بنائڻ شروع ڪيو. ان ڳالهه جو بنيادي سبب اهو هو ته پاڻ سڳورنﷺ عملي طرح دين اسلام جو اعلان شروع ڪري ڏنو ۽ پاڻ پنهنجي رشتيدارن ۽ قريش قبيلي جي ٻين ماڻهن کي ائين فرمائڻ لڳا ته اهي انهن رنگ برنگي خدائن کي، جيڪي خود پنهنجي هٿن سان ٺاهيا اٿوَ پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ صرف هڪ الله جي عبادت ڪريو، جنهن سان ڪوبه شريڪ نه آهي ۽ جيڪو ساري ڪائنات جو مالڪ آهي.
    حضرت محمد ﷺ جن کان پنهنجا رشتيدار ۽ قريش قبيلي جا ٻيا ماڻهو پڇندا هئا ته ڇا اوهان اهو چاهيو ٿا ته اسان پنهنجي خدائن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيون جن جي عبادت اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن؟.
    حضرت محمد ﷺ جن انهن کي فرمائيندا هئا ته بلڪل انهن جي پوڄا ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ چئو ”لاالــٰھ الالله“ جيئن هدايت حاصل ڪري سگهو. اهو جواب ٻڌي قريش جو غصو ۽ غضب وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو ۽ انهن پاڻ سڳورنﷺ کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو.
    حضور ﷺ جن جي عادت هئي ته ڏينهن جي وقت گهر کان نڪري ڪعبة الله ڏانهن ويندا هئا ۽ اتي الله تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رهندا هئا. قريش وارن کي جڏهن اهو معلوم ٿي چڪو ته حضرت محمد ﷺ جن هر روز خانه ڪعبه وڃڻ جو شوق رکن ٿا ته قريش وارن پاڻ سڳورنﷺ تي اها پابندي لڳائي ته ”بيت الله“ يعني خانه ڪعبه ۾ توکي قدم رکڻ جي اجازت نه آهي.
    پاڻ سڳورنﷺ قريش وارن کي جواب ۾ فرمايو ته ”ڪعبة الله“ الله جو گهر آهي ۽ مون کي الله جي گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهان کان اجازت وٺڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. هڪ ڏينهن جڏهن پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبه ۾ سجدي جي حالت ۾ الله جي عبادت ڪري رهيا هئا ته ابوجهل پنهنجي قبيلي وارن جي ڪجهه ماڻهن سان اُتي پهتو. ابوجهل جي هٿن ۾ اُٺ جي اوجهري هئي، جنهن ۾ گندو خون ۽ ٻي گندگي ڀريل هئي.
    جزيره عرب ۾ ڪنهن کي سزاءِ موت ڏيڻ جو هڪ طريقو هي به هوندو هيو ته پاڻي يا خون يا ٻين گندگين سان ڀريل اُٺ جي اوجهري ان جي مٿي تي اهڙي نموني چاڙهي ويندي هئي، جو ان شخص جو منهن ۽ مٿو اوجهريءَ جي اندر ڦاسي وڃي ۽ اوجهريءَ جي هيٺئين حصي کي ڪنهن ٿيلهي جي منهن وانگر ان شخص جي ڳچيءَ ۾ مضبوطيءَ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. اهڙي طرح ان شخص جو نڪ ۽ مُنهن مڪمل طور اوجهريءَ ۾ بند ٿي ويندو هو ۽ ان حالت ۾ هو ساهه کڻي نه سگهندو هو ۽ ساهه منجهڻ جي ڪري جلدئي ان جو موت ٿي ويندو هو.
    ان ڏينهن ابوجهل ۽ ان جي ٻين ساٿين اهو فيصلو ڪيو هو ته حضرت محمدﷺ جن کي اوجهري جي ذريعي هلاڪ ڪنداسين. ابوجهل ۽ ان جا ساٿي جڏهن خانه ڪعبه ۾ پهتا ته پاڻ سڳورنﷺ کي انهن جي اچڻ جي خبر نه پئجي سگهي، ڇو ته پاڻ الله جي عبادت ۾ مشغول هئا ۽ ٻيو ابوجهل وارا پنهنجا قدم آهستي آهستي کڻندا اچن پيا، ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن کي خبر نه پوي.
    ابوجهل جيئن ئي اتي پهتو ته ڦڙتيءَ سان اُٺ جي اوجهري پاڻ سڳورنﷺ جي مٿي تي رکي ۽ جلد ئي پيغمبر جو مٿو ۽ چهرو اوجهريءَ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. ابوجهل ڦڙتيءَ سان اوجهريءَ جو ٻيو حصو هڪ ٿيلهيءَ وانگر پاڻ سڳورنﷺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيو. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اهو احساس ٿيو ته ڪا شيءِ مٿي تي رکي وئي آهي ته پاڻ سڳوراﷺ اُٿي ڪري جانِ ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن ڪامياب نه ٿي سگهيا.
    جيڪي ماڻهو اتي موجود هئا، انهن ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن جان ڇڏائڻ لاءِ زور لڳائي رهيا آهن ۽ انهن کي اهو احساس ٿي چڪو هو ته ساهه گهٽجڻ سبب حضرت محمد ﷺ جن جلدئي پنهنجي جان تان هٿ ڌوئي ويهندا. پاڻ سڳورنﷺ جي بيقراري ۽ بيتابي کي ڏسي انهن ماڻهن سوچيو ته سندن چهري ۽ مٿي تان اوجهري لاهجي پر انهن کي ابوجهل جو خوف هو ۽ اهي ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن اسين سندن مدد ڪنداسين ته ابوجهل جهڙي خوفناڪ شخص جي دشمني سر تي کڻڻي پوندي. ان ڪري انهن ماڻهن پاڻ سڳورنﷺ جي مٿان اوجهري هٽائڻ لاءِ ڪوئي قدم نه کنيو. اتي قريش جي هڪ عورت موجود هئي. اها هن دردناڪ واقعي کي ڏسي نه سگهي ۽ ڊوڙي وڃي پاڻ سڳورنﷺ جي گهر پهتي ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي صاحبزاديءَ حضرت رقيه کي چيائين ته جيترو جلدي ٿي سگهي اوهان پنهنجي والد جي مدد لاءِ خانه ڪعبه پهچو ۽ جيڪڏهن دير ٿي وئي ته پاڻ ﷺ جن کي زنده نه ڏسي سگهندؤ. حضرت رقيه گهرو حالت ۾ ئي روئندي خانه ڪعبي پهتي، ابوجهل ۽ ٻين ماڻهن جڏهن حضرت رقيه کي ڊوڙندي ايندو ڏٺو ته پوئتي هٽي ويا. حضرت رقيه بنادير پاڻ سڳورنﷺ جي منهن مبارڪ کي اوجهريءَ کان آزاد ڪيو ۽ پنهنجي دامن جي ڪپڙي سان چهري کي صاف ڪيو، ته جيئن پاڻ سڳوراﷺ آسانيءَ سان ساهه کڻي سگهن، پر پاڻ سڳوراﷺ ساهه منجهڻ جي ڪري ڪجهه وقت تائين چري پري نه سگهيا. بعد ۾ پنهنجي نياڻيءَ جي سهاري اُٿي بيٺا ۽ آهستي آهستي قدم کڻندي پنهنجي گهر ڏانهن روانا ٿي ويا. گهر پهچي پاڻ سڳورنﷺ حضرت رقيه جي مدد سان چهري ۽ مٿي تان خون ۽ گندڪچرو صاف ڪيو، ڪپڙا تبديل ڪيا ۽ حضرت رقيه پنهنجي والد جا ڪپڙا ڌوئي اُس تي سُڪڻا وڌا.
    ٻئي ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن گذريل ڏينهن جي پيش آيل واقعي باوجود بنا خوف جي، ڄڻ ڪا ڳالهه پيش ئي نه آئي هجي، ٻيهر خانه ڪعبه ڏانهن روانا ٿيا ۽ اتي پهچي پنهنجي رب جي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا.
    حضرت محمد ﷺ جن هڪ بااستقامت (ثابت قدم) ۽ مضبوط ارادي وارا انسان هئا ۽ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اهو يقين حاصل ٿي ويو ته پاڻ ﷺ حقيقت کي حاصل ڪري ورتو اٿن تڏهن ڪنهن جي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ايتري قدر جو قاتلانه حملن جي باوجود سندن ايمان ۾ ڪا گهٽتائي نه آئي. مخالف به تمام بي مروت ۽ نهايت تعصبي هئا ۽ انهن جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن ٻيهر خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيا آهن ته انهن مخالفن هڪ دفعو ٻيهر پاڻ سڳورنﷺ کي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو.
    هن دفعي ”عقبه“ نالي شخص جو هڪ چادر کنيو بيٺو هو، اوچتو خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيو، جيتوڻيڪ پير اگهاڙا هيس ته به پٻن تي هلي رهيو هو ته متان پيرن جو آواز ٻڌڻ ۾ اچي.
    ٻئي طرف پاڻ سڳورنﷺ جو ڌيان اهڙي طرح الله جي عبادت ۾ هو جو ڪنهن جي اچڻ وڃڻ جي کين خبر به نه پئي، ان ڪري عقبه جي اچڻ جي به خبر نه پين، پاڻ سڳوراﷺ جڏهن سجدي ۾ ويا ته عقبه وڏي ڦڙتيءَ سان پنهنجي چادر پاڻ سڳورنﷺ تي وجهي، ايترو شديد حملو ڪيو جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي نڪ ۽ وات مبارڪ مان خون جاري ٿي ويو. عقبه اها ڪوشش ڪري رهيو هو ته سجدي مان منهن مٿي کڻڻ کان پهريائين ئي اتي جو اُتي سندن خاتمو ڪري وجهان. پر هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ هن دفعي پاڻ سڳوراﷺ حملي ڪندڙ جي هٿن مان پاڻ ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ رت سان ڀريل چهري مبارڪ سان گهر موٽي آيا. گهر پهچي پاڻ سڳورنﷺ پنهنجو چهرو مبارڪ صاف ڪيو پر پنهنجي چپن مبارڪن تي ڪابه شڪايت نه آندي ڇو ته جيئن پاڻ ﷺ فرمائيندا هئا ته انسان کي صرف ان وقت درد يا غم جو احساس محسوس ٿيندو آهي، جڏهن ان کي اها خبر نه هجي ته ڪنهن جي ڪري هي تڪليفون سهي ٿو. پر جڏهن هن کي اها خبر هوندي ته اهي مصيبتون ان جي ايمان جي راهه ۾ اچن ٿيون يا ان جي صحيح مقصد جي ڪري اچن ٿيون ته ان کي درد ۽ غم جو ڪو احساس نه رهندو آهي ۽ نه ئي ان جي زبان تي ڪي شڪايت جا لفظ ايندا آهن.
    يورپ جا ماڻهو جيڪي هنن جملن کي پڙهندا، ٿي سگهي ٿو ته هي سوال ڪن ته ٺيڪ آ، اها ڳالهه مڃڻ جي آهي ته ابوجهل حضرت محمد ﷺ جن کي سرعام قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اتي ٻيا قريش جا ماڻهو صرف تماشا بيٺا ڏسن ۽ اهي پاڻ سڳورنﷺ کي ڇڏائڻ لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو؟•


    دورِ جهالت ۾ عربن جي نفسياتي ۽ اخلاقي خصوصيتون

    دورِ جهالت ۾ عربن جي نفسياتي ۽ اخلاقي خصوصيتون

    اسلام کان اڳ عربن جي دور جاهليت جي رسمن مان هڪ رسم اڄ به قائم آهي، اها آهي ”مهمان نوازي“ جيڪا اڄ به ريگستاني علائقن ۾ موجود آهي پر شهرن ۾ نه. جزيره عرب جي ريگستاني رهواسين جو بنيادي آئينُ هڪ ڪلمي ”لفظ“ تي ٻڌل هوندو هو ۽ اهو هو ”مروت“.
    (1) مهمان نوازي (2) ڪنهن مظلوم کي پناهه ڏيڻ (3) قبيلي جي قانون جو احترام
    هي اهڙا فرض هئا، جيڪي هڪ ريگستاني عرب ٻين جي مقابلي ۾ پورو ڪندو هو. ان جي انفرادي ذميواري هيءَ هوندي هئي، ته هو هميشه بهادر هجي، ڪنهن جنگ ۾ شڪست نه کائي يعني دشمن جي سامهون نه جهڪي ۽ ايتري پائيداري ۽ استقامت جو مظاهرو ڪري جو جانِ جي بازي لڳائي قربان ٿئي يا ته فاتح بڻجي واپس موٽي.
    يورپي ماڻهن جي ذهن ۾ ”ترحم“ يعني رحم يا مهربانيءَ جو جيڪو مفهوم موجود آهي، سو جزيره عرب ۾ بلڪل بي معنيٰ هيو. اهوئي سبب آهي ته جڏهن سرعام ڪنهن جي ڳچي ڪپي ويندي هئي يا هٿ ڪٽيو ويندو هو، ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي ان شخص جي حالت تي رحم نه ايندو هو.
    ريگستان جي رهاڪو عربن جي آئين ۾ ”رحم يا مهرباني“ نالي جي ڪابه چيز موجود نه هئي پر پوءِ به مظلوم کي پناهه ڏيڻ جي انهن جي آئين ۾ اجازت هئي ۽ قبيلي جي قانون جو احترام ڪرڻ ۽ ان جي پيروي ڪرڻ به مٿن فرض هو. جيڪي ماڻهو خانه ڪعبي ۾ حضرت محمد ﷺ جن جو ساهه منجهڻ جو نظارو ڏسي رهيا هئا، سي به پنهنجي نظريي تحت پاڻ سڳورنﷺ کي مظلوم نه سمجهندا هئا. شايد انهن مان ڪن جو هي خيال هيو ته، ”نعوذبالله“ حضرت محمد ﷺ جن واجب القتل آهن، انهيءَ ڪري جو هو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، جيڪي قبيلي جي قانون يعني ريگستاني عرب جي بنيادي قانون جي مخالف آهن.
    ريگستاني عرب مهمان نواز هئا ۽ مظلوم کي به پناهه ڏيندا هئا، رحم جي جذبي سان نه پر مُڙسيءَ ۽ دليريءَ جي بنياد تي. جزيره عرب جي مشڪلاتن سان ڀريل ريگستان ۾ هڪ عرب رهواسي پنهنجي پوري قوت پنهنجي زندهه رهڻ خاطر لڳائيندو هو جو گهٽ ۾ گهٽ ضرورت زندگي جي لاءِ هن کي ايتري تڪليف ۽ محنت سر تي کڻڻي پوندي هئي جو هن جي دل ۾ رحم نالي ڪائي شيءِ پيدا ئي نه ٿيندي هئي.
    اڄ به جزيره عرب جي انهن خطن ۾ جتي تيل جي آمدنيءَ سان به ماڻهن جي طرز زندگي ۾ تبديلي ظاهر نه ٿي آهي، اتي هينئر به اها ئي سؤ سال پهريون واري صورتحال ڏسڻ ۾ ايندي آهي.
    دنيا جي مختلف بيشمار قومن ۾ پيدا ٿيڻ واريون ڪي خصوصيتون ۽ صفتون اهڙيون هونديون آهن جن ۾ طرز زندگي، جغرافيائي صورتحال ۽ ماحولياتي حالتن جو وڏو عمل دخل هوندو آهي. فرانس جي مشهور دانشور ”ارنسٽ رنان“ دور جهالت جي معاشري جي باري ۾ جيڪا تحقيق ڪئي آهي سا ڏاڍي ڌيان طلب آهي. ”ارنسٽ رنان“ ريگستاني رهواسي عربن ۾ رعايت يا لحاظ نالي چيز کي پيدا نه ٿيڻ جو سبب جزيره عرب جي جاگرافي ماحول جي اثر جو نتيجو سمجهيو آهي.
    جزيره عرب جي بيابانن ۾ جڏهن ڪوئي بکايل يا اڃايل مسافر ڪنهن تنبوءَ جي آڏو آواز ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ان تنبوءَ ۾ رهندڙ شخص هن جي مهمان نوازي نه ڪئي ته اهو مسافر بک ۽ اڃ جي شدت سبب مري به سگهي ٿو.
    اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو مسافر بيابانن جي ڦورن کان بچي اچي ڪنهن خيمي ۾ رهندڙ تائين پهچي پناه ۽ حمايت حاصل نه ڪندو هو ته ان جو موت به يقيني هوندو هو. جيڪڏهن ڪو عرب رهاڪو پنهنجي قبيلي کان ”جلاوطن“ ٺڪرايل هوندو هو ته اها به اهڙي صورت هئي جو ڄڻ ان لاءِ موت جو حڪم ڪيو ويو هجي.
    ”ارنسٽ رنان“ جي ان نظريي جي تصديق ڪندي ته بياباني رهائش پذير عرب جي اخلاقي خصوصيتن ۾ ان جي جاگرافيائي ماحول ۽ موسم جو اثر وڏو عمل دخل ڪري ٿو، پر عربن جي سخاوت ۽ دليريءَ جي معاملي ۾ اتي ماحول جي حالت جو ڪوئي واسطو نه آهي، ڇو جو اهڙن علائقن ۾ روزگار حاصل ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ”مثال طور تي يورپ جا پهاڙي علائقا“ اتي جا رهاڪو ايتري بچت ۽ ڪفالت شعاري جا عادي ٿي ويندا آهن جو اڪثر وقت اها ڪفايت شعاري بُخل ۽ ڪنجوسيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويندي آهي ۽ ڪوبه ان ڳالهه تي تيار نه هوندو آهي ته ڪنهن اجنبي مهمان جي خاطر پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجهي.
    پر جزيره عرب جي گرما گرم ريگستانن ۾ جتي معاش جو حاصل ڪرڻ يورپ جي علائقن کان وڌيڪ ڏکيو آهي، هي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته هڪ ريگستاني رهندڙ عرب پنهنجي پياري اُٺ کي، جيڪو هن جو واحد ذريعو معاش جو هوندو هو، قرباني ڪري ان جو گوشت پنهنجي مهمان جي سامهون رکندو آهي جيئن مهمان بکيو نه رهي.
    فرانس جي ان دانشور ”ارنسٽ رنان“ پنهنجي ڪتاب ”صحرا جو تمدن“ ۾ لکيو آهي ته دنيا جي معاشرتي تاريخ ۾ ڪابه چيز دور جاهليت جي ريگستاني رهواسي عربن جي طرز زندگي کان زياده دلچسپ ۽ قابل توجهه نه آهي. پر انهيءَ معاشري ۾ جتي سخاوت ۽ دليري پوري طاقت سان قائم هئي، اتي نه ته رحم جو جذبو موجود هيو ۽ نه ئي خون وهائڻ کان نفرت جو احساس. انهن ماڻهن جي نظرن ۾ سر قلم ڪرڻ ۽ هٿ ڪٽڻ هڪ عام ڳالهه هئي، پر جيئن اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته اهي ماڻهو مظلوم جي حمايت ڪندا هئا، ان جي باوجود انهن جي ذهن ۾ مظلوم جو تصور ڪجهه ٻيو هوندو هو.
    جڏهن ڪوئي مظلوم ريگستان جي ڪنهن تنبوءَ ۾ رهاڪو وٽ پناهه وٺندو هو ته ان تنبوءَ جو مالڪ ضرورت جي وقت پناهه وٺڻ واري جي حمايت ۽ حفاظت لاءِ تلوار جي استعمال کان به نه گهٻرائيندو هو. جيستائين هو پاڻ قتل نه ٿي ويندو هو، ان وقت تائين ڪوبه ان جي مهمان کي ڪا تڪليف پهچائي نه سگهندو هو. پر قريش قبيلي جي نظر ۾ حضرت محمد ﷺ جن مظلوم نه هئا ۽ اهوئي سبب هو جو پاڻ ﷺ جن کي جڏهن خانه ڪعبه ۾ ٻه ڀيرا قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جي حمايت ۾ ڪوبه اڳتي نه وڌيو.
    اوهان پڇا ڪندا ته ڇا اهي ماڻهو پنهنجي اکين سان نه ڏسي رهيا هئا ته حضرت محمد ﷺ جن کي قتل ڪيو پيو وڃي؟
    مصنف جو جواب آهي ته ڇو نه، پر ان زماني جي عربن جي نظرن ۾ ”مظلوم“ اهڙي شخص کي سمجهيو ويندو هو، جيڪو اجنبي هجي، اڻ ڏٺل، اڻ واقف قبيلي کان ڪنهن ٻي قبيلي ۾ پناهه وٺي، جيڪڏهن ڪو ڌارئي قبيلي جو ماڻهو مڪي ۾ داخل ٿيندو هو ۽ ائين چوندو هو ته مون تي ظلم ٿيو آهي ته اهي مڪي جا ماڻهو ان پرائي شخص جي حمايت ۾ پنهنجي جان جي بازي به لڳائي ڇڏيندا هئا. پر اهي ماڻهو حضرت محمد ﷺ جن کي هڪ اجنبي يا ٻاهريون پناهه وٺندڙ نه سمجهندا هئا.
    جن ماڻهن حضرت محمد ﷺ جن تي ٻه دفعا قاتلاڻو حملو ٿيندي ڏٺو ، پر حمايت ۾ ڪوبه قدم نه کنيائون، اهي پنهنجي خيال مطابق ان تي عمل ڪرڻ کي صحيح ۽ قانوني تصور ڪري رهيا هئا. ۽ سندن خيال هيو ته حضرت محمد ﷺ جن ان جي ئي لائق آهن. (نعوذبالله)
    ريگستاني عرب اصل ”مظلوم“ هڪ اهڙي شخص کي سمجهندا هئا، جيڪو اجنبي هجي ۽ دشمن جي ظلم جو نشانو بڻيل هجي، پر جيڪڏهن ڪوبه شخص خود پنهنجي ئي قبيلي جي طرفان آزار ۽ ايذائن ۾ ڦاسايو ويندو هو ته ان کي مظلوم نه سمجهندا هئا. ڇو جو قانون جي لحاظ کان انهن ماڻهن جو خيال اهو هيو ته ڪوبه قبيلو پنهنجي ڪنهن به شخص تي ظلم ۽ ستم واجب نٿو ڪري، پر جيڪڏهن ڪو شخص پنهنجي قبيلي جي طرف کان ايذاءَ ۽ آزار جو نشانو بڻبو هو ته اها ان لاءِ اصل سزا سمجهي ويندي هئي، جيڪو ان جي لائق هئو.
    ريگستاني رهواسي عربن جي ان نظريي تي اسان کي حيرت ڪرڻ نه گهرجي. ڇو جو اڄ به يورپ جا ماڻهو فرانس جهڙي ترقي يافته، تهذيب ۽ معاشري جا علمبردار ملڪ ۾ اهڙي قسم جا نظريه ۽ عقيدا رکن ٿا. اڄ به جڏهن فرانس جي عدالت جو جج هي حڪم لاڳو ڪندو آهي ته فلاڻي مجرم جو سر ”گيوٽين“ ذريعي ان جي بدن کان جدا ڪيو وڃي ته ڪوبه شخص ان جج کي قاتل نه سمجهندو آهي ۽ ڪوبه ائين نه چوندو آهي ته فلاڻو قاضي جرم جو قصوروار آهي.•
    ريگستاني عربن ۾ قبيلن جو قانون ٻين سڀني طاقتن کان مٿاهون هو ۽ جو شخص ڪنهن قبيلي سان واسطو رکندڙ هوندو هو ته اهو پنهنجي قبيلي طرفان سزا نه ماڻيندو هو پر ان کي ان جرم جو قصور وار بڻايو ويندو هو.
    صرف چار شخص اهڙا هئا، جيڪي حضرت محمد ﷺ جن کي عزت، احترام ۽ رحم جي نظر سان ڏسندا هئا. چار مسلمان يعني حضرت خديجه ؒ، حضرت علي رضي الله ، حضرت زيد رضي الله ، ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله ۽ جيڪڏهن حضرت ابوبڪر رضي الله جي صغيرنياڻيءَ جيڪا مسلمان جي حيثيت سان دنيا ۾ قدم رکڻ واري پهرئين هستي کي به انهن چئن ماڻهن ۾ شامل ڪيو وڃي ته اهي حضرت محمدﷺ جن تي قاتلانه حملي يا حد کان وڌيڪ ٿيندڙ ظلمن کي به روڪي نه پيا سگهن.
    پر رسالت جي چئن سالن کان بعد حضرت محمد ﷺ جن جي حامين ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. ڇو جو اهڙا ماڻهو جيڪي حقيقي خدا جي تلاش ۾ رهندا هئا سي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿي ويا ۽ اهي ماڻهو تقريباً حبشي ڪاري رنگ وارا غلام هئا جيڪي اجنبي سمجها ويندا هئا يا پنهنجي قبيلي طرفان کين نيڪالي مليل هئي. انهن کان علاوه اهڙا ٻيا ماڻهو به هئا جن کي ”الناس“ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. اڄ يورپي ماڻهن جي لاءِ ”الناس“ جو مطلب آهي ”عام ماڻهو يا عوام“ پر عربي زبان ۾ ان لفظ جو اصلي مفهوم آهي ”اهڙا ماڻهو جن وٽ بچاءُ جو ڪو رستو نه هجي“ ۽ اهڙن ماڻهن جو تعداد هر دور ۾ انهن ماڻهن کان زياده رهيو آهي جن وٽ وسائل هوندا آهن.•
    اسلام کان اڳ اهي ماڻهو سوچي به نه پيا سگهن ته هڪ ڏينهن اهڙو ايندو جو هي به ٻين جي برابري ڪري سگهندا ۽ معاشرتي زندگي جا حقدار بڻجي ويندا. پر حضرت محمد ﷺ جن پيغمبر ٿيڻ بعد اعلان ڪيو ته سڀئي انسان هڪ واحد امت آهن ۽ انهن جو پاڻ ۾ ڪوبه فرق نه آهي ان کان علاوه پاڻ فرمايائون ته الله تعاليٰ سڀني کي هڪ ئي مادي ”مٽيءَ“ مان پيدا ڪيو آهي ۽ اها حقيقت قرآن مجيد ۾ سورة الرحمان جي آيت چوڏهن ۾ بيان ڪيل آهي. ”خلق الانسان من صلصال کالفخار“
    حضرت محمد ﷺ جن جي زبان مبارڪ مان غلامن ۽ ڪاري رنگ وارن کي پهريون دفعو اها خبر پئي ته اسان کي جنهن چيز مان بڻايو ويو آهي انهيءَ چيز مان اهي اعليٰ طبقي جا دولتمند انسان به تخليق ٿيا آهن، باقي رنگ نسل، شڪل صورت ۾ ان جي ڪري فرق بڻايو ويو ته هڪ ٻئي جي سڃاڻپ ٿئي.
    پهريون غلام حضرت زيد رضي الله جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ آزاد ڪري ڇڏيو هو، اسلام قبول ڪيائين. ان کان پوءِ هڪ ٻيو ڪاري رنگ جو غلام به اسلام ۾ داخل ٿيو، جنهن جو نالو ”حضرت بلال رضي الله “ هو.
    جزيره عرب ۾ ٽن شين کي ڪنهن انسان جي بدقسمتيءَ جي نشاني سمجهيو ويندو هو. هڪ اجنبي يا بيگانگي ٻيو غلامي ٽيون ڪارو رنگ. اتفاق سان ويچاري بلال رضي الله ۾ اهي ٽئي شيون موجود هيون.
    حضرت بلال رضي الله مڪي جي هڪ دولتمند شخص جو غلام هو. ان دولتمند جو تعلق ”اُميه بن خلف سمعي“ نالي خاندان سان هو. جڏهن حضرت بلال رضي الله جي مالڪ کي اها خبر پئي ته سندس غلام بلال رضي الله مسلمان ٿي چڪو آهي ته کيس مڪي کان ٻاهر وٺي ويو ۽ ڪپڙا لهرائي سج جي تيز اُس ۾ تتل واريءَ تي ليٽائي سندس هٿ پير ٻڌي ڇڏيا ۽ حضرت بلال رضي الله کي چيو ويو ته اسلام ڇڏ يا هن جسم کي ساڙيندڙ واريءَ تي پيو رهه ته تنهنجي جان هلي وڃي.
    حضرت بلال رضي الله کي اها خبر هئي ته منهنجو مالڪ جيڪو چوي ٿو ان تي عمل ڪندو ۽ نه ئي هٿ پير کوليندو، پاڻ موت قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر اسلام ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين.
    پر اُن وقت ”عبدالله بن عثمان“ جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله جي نالي سان مشهور هو، حضرت بلال رضي الله جي آزاديءَ خاطر ان جي مالڪ وٽ ويو ۽ حضرت بلال رضي الله کي خريد ڪرڻ جي تجويز پيش ڪيائين. حضرت بلال رضي الله جي مالڪ جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت ابوبڪر رضي الله هن جي غلام کي تمام مناسب قيمت ۾ خريد ڪري رهيو آهي ته وڪڻڻ لاءِ رضامند ٿي ويو ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله ، حضرت بلال رضي الله کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو.
    بعد ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت بلال رضي الله کي ”مؤذن“ بانگو مقرر ڪري ڇڏيو. اسلام ۾ مؤذن ان کي چيو ويندو آهي، جيڪو وڏي آواز ۾ ماڻهن کي عبادت (نماز) لاءِ دعوت ڏي.
    جڏهن معاشري ۾ بي پهچ ماڻهن ڏٺو ته هڪ ڪاري رنگ جو شخص اسلام جي دعوت ڏئي رهيو آهي ته انهن ڪمزورن ۾ به جرائت پيدا ٿي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ٻه عورتون اسلام ۾ داخل ٿي ويون، جيڪي عمر جون ٻانهيون هيون، انهن مان هڪ جو نالو ”لبينه“ ۽ ٻي عورت جو نالو ”زنيره“ هو.
    عمر بلال جي مالڪ وانگر ”سنگدل“ ظالم انسان نه هو، جو ٻانهين عورتن کي تتل واريءَ تي ليٽائي پر انهن عورتن کي ڪوڙن جي سزا جو مستحق سمجهيو ۽ چيائين ته مان ايتري وقت تائين توهان کي ڦٽڪا هڻندو رهندس جيستائين يا ته حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي وڃو يا موت توهان تي اچي وڃي. ٻنهي عورتن جو جسم خون سان رتو رت ٿي چڪو، پر انهن حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڇڏڻ قبول نه ڪيو. هنن عورتن کي آزاد ڪرائڻ خاطر وري به حضرت ابوبڪر رضي الله پهچي ويو ۽ عمر کي انهن عورتن کي خريد ڪرڻ لاءِ چيائين. عمر بن خطاب اهي ٻئي عورتون حضرت ابوبڪر رضي الله کي وڪڻي ڏنيون ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله کين خريد ڪري پوءِ آزاد ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح مسلمانن جو تعداد ست ٿي ويو، جن ۾ ٽي عورتون شامل هيون.
    چوٿين عورت جنهن اسلام قبول ڪيو سان ريگستان جي رهاڪو هئي، سندس نالو ”غزيه“ هو، غزيه ٻانهي نه هئي اها مڪي ۾ اچي مسلمان ٿي ۽ پوءِ کلي عام اسلام جي دعوت ماڻهن کي ڏيندي رهي. ريگستان ۾ رهندڙ عورتون اتان جي رهندڙ ماڻهن وانگر بهادر ۽ بي خوف هونديون هيون. ان ڪري اها عورت ”غزيه“ به قريش وارن جي ڌمڪين يا ڊيڄارڻ کان بلڪل خوفزده نه ٿيندي هئي.
    جڏهن قريش قبيلي جي ماڻهن اهو ڏٺو ته ”حضرت غزيه “ ڪنهن به صورت ۾ اسلام جي تبليغ کان نٿي مُڙي، تڏهن قريش وارن کيس اغوا ڪري مڪي کان ٻاهر هڪ قافلي وارن سان هڪ اُٺ تي ويهاري کيس رسن سان ٻڌي قافلي وارن جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ قافلي وارن کي سختي سان چيائون ته هن عورت کي کاڌو پيتو بلڪل نه ڏجو ۽ هيءَ ڀل بک ۽ اڃ جي شدت ۾ مري وڃي ۽ جڏهن هي عورت مري وڃي ۽ اوهان کي يقين ٿي وڃي ته پڪ سان مري چڪي آهي تڏهن هن جو لاش اٺ تان لاهي ريگستان ۾ ڦٽو ڪري ڇڏجو، جيئن ريگستاني جانور کيس کائي ڇڏن، اهڙي نموني هن جو نالو نشان نه رهي.
    هڪ روايت موجب حضرت غزيه  چوي ٿي ته ٽن ڏينهن جي بک ۽ اُڃ مون کي ساڻو ڪري ڇڏيو پر چوٿين ڏينهن منهنجي چپن تي ٿڌي پاڻيءَ جي آلاڻ محسوس ٿي ۽ مان بي اختيار ٿي پيئندي رهيم ۽ ايترو پاڻي پيتم جو منهنجي اُڃ پوري ٿي وئي. اڳلي ڏينهن قافلي وارن جيڪي سمجهي چڪا هئا ته بک ۽ اُڃ سبب مري وئي هوندي، جڏهن مون کي ٺيڪ ٺاڪ حالت ۾ ڏٺو ته کين ڏاڍي حيرت ٿي ۽ مون انهن کي ساري حقيقت ٻڌائي ته اهي سڀئي شرمنده ٿيا ۽ منهنجون رسيون کولي ڇڏيائون ۽ مون سا ن ڏاڍي عزت ۽ احترام سان پيش آيا.
    هڪ ٻي روايت ۾ آهي ته واقعي کان پوءِ سڀ قافلي وارا مسلمان ٿي ويا.
    هتي هن نقطي جو ذڪر ضروري آهي ته جڏهن قريش وارن حضرت غزيه  کي اغوا ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ته ان وقت حضرت ابوبڪر رضي الله کي ان ڳالهه جو پتو نه پيو نه ته کين يقيني طور انهن کي منع ڪري ها.
    حضرت ابوبڪر رضي الله پنهنجي ساري ملڪيت ۽ جائداد اهڙي طرح اسلام تان قربان ڪئي جو سندن هٿ تنگ ٿي پيو ۽ مفلسي جي حالت تي پهتو. تنهن هوندي به کين ان ڳالهه جو ذري جيترو به ارمان نه هين. جڏهن به ڪا ٻانهي عورت يا مرد مسلمان ٿيندو هو ۽ مالڪ جي ظلم جو نشانو بڻبو هو ته حضرت ابوبڪر رضي الله ان غلام کي مالڪ کان خريد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو هو پوءِ ڀلي کيس ڪيتري به وڏي رقم ادا ڪرڻي پوي. خريد ڪري کيس آزاد ڪري ڇڏيندو هو.


    اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ واري پهرئين عورت

    اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيڻ واري پهرئين عورت

    ابوجهل جي هڪ ٻانهي هئي، جنهن جو نالو ”سميه  “ هو. (سميه جو لفظ ”سما“ مان نڪتل آهي. سما جو مطلب مشهور ۽ معروف.)
    سميه  ابوجهل جي ڪنيز هئڻ کان علاوه ”تقره“ يعني حمل وارين عوتن جي خدمت ڪرڻ جنهن کي ”تقره“، قابله“ ۽ دائي چيو ويندو آهي جو ڪم به سرانجام ڏيندي هئي.
    جيئن ته سميه  دائپي جو ڪم ڪندي هئي. ان ڪري ابوجهل وٽ وٽس ٻين ٻانهين ۽ عورتن کان وڌيڪ عزت هوندي هيس. پر جيئن ئي سميه  جي مسلمان ٿيڻ جي خبر ابوجهل کي پئي ته ان کيس سڏرائي حڪم ڏنو ته جلد ۾ نئين دين ٿان هٿ کڻي وڃ. سميه  جواب ۾ چيو ته مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي نٿي ڇڏي سگهان.
    ابوجهل غصي ۾ اچي پنهنجي ٻانهي تي فٽڪا هڻائڻ شروع ڪيا کيس ايترو ماريو ويو جو هي بيهوش ٿي زمين تي ڪري پئي. ايتري ۾ حضرت ابوبڪر رضي الله کي اها خبر پئي ۽ جلد ئي ابوجهل جي گهر پهتا. ڏٺائون ته سميه  بيهوشيءَ جي حالت ۾ زمين تي پئي آهي.
    حضرت ابوبڪر رضي الله ابوجهل کي چيو ته مان هن ٻانهي کي خريدڻ چاهيان ٿو. ابوجهل جواب ڏنو ته مان هن کي نٿو وڪڻڻ چاهيان. حضرت ابوبڪر رضي الله چيو اي ابوجهل جيڪڏهن تو ن سميه  کي وڪڻڻ لاءِ رضامند ٿي وڃي ته مان توکي هڪ سؤ دينار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. ابوجهل غصي ۾ چيو ته مان هن کي نه وڪڻندس حضرت ابوبڪر رضي الله قيمت ۾ اضافو ڪيو ۽ چيائين ته ابوجهل توکي سميه  جي بدلي ۾ ڏيڍ سؤ دينار ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. پر ابوجهل پنهنجي ضد تي ڄميو رهيو ۽ چيائين ته سميه  کي ڪنهن به صورت ۾ نه وڪڻندس. حضرت ابوبڪر رضي الله قيمت وڌائيندو رهيو پر هر وقت ابوجهل جو جواب ساڳيو رهيو ته مان سميه  جو سودو نه ڪندس.
    حضرت ابوبڪر پنهنجي سموري دولت اسلام جي راهه ۾ خرچ ڪري چڪو هو، جڏهن اهو ڏٺائين ته ابوجهل ڪهڙي طرح به سميه کي وڪڻڻ لاءِ تيار ناهي ته هن ابوجهل کي هڪ نئين پيش ڪش ڪندي چيائين ته جيڪڏهن سميه  وڪرو ڪري منهنجي حوالي ڪرين ٿو ته مان توکي ”ابل قاضبه“ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.
    ”ابل قاضبه“ ريگستان ۾ رهندڙ عربن جو خاص اصطلاحي نالو هو جيڪو دراصل انهن اُٺن کي چيو ويندو هو، جيڪي ڪنهن قتل جي بدلي قصاص يعني خون بها ۾ ڏنا ويندا هئا. يعني من پسند رقم وصول ڪرڻ کي ابل قاضيه سڏيو ويندو هو. ابوجهل جي دل ۾ حضرت محمد ﷺ جن ۽ اسلام جي باري ۾ ايترو ته بُغض ۽ ساڙ هو جو ابل قاضيه جي بدلي ۾ به پنهنجي ٻانهي کي حضرت ابوبڪر رضي الله جي حوالي ڪرڻ تي رضامند نه ٿيو.
    ان ڳالهه جي وضاحت ضروري آهي ته حضرت ابوبڪر رضي الله ان ڏينهن تائين ڇهن غلامن کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو جن ۾ ٻه مرد ۽ چار عورتون شامل هيون، پر هن وقت سميه  کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو.
    جڏهن قريش جي عورتن اهو ٻڌو ته سميه  روزانو ابوجهل جي گهر ۾ ڦٽڪن جي سزا کائيندي رهي ٿي پر اسلام کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهي ته اهي عورتون ابوجهل وٽ سفارش کڻي پهتيون ۽ ابوجهل کي چيائون ته اسان جي درخواست آهي ته سميه  کي ڦٽڪا هڻڻ بند ڪريو. هن عورت قريش قبيلي جي بيشمار عورتن جي مدد ڪئي آهي، پر ابوجهل پنهنجي ضد تي قائم رهيو ۽ انهن عورتن کي مايوس ڪري واپس موٽايو.
    ابوجهل سميه  کي ايترا ته ڦٽڪا هنيا جو سندس سارو جسم رتوڇاڻ ٿي چڪو هو ۽ کيس چرڻ پرڻ جي طاقت به نه رهي هئي. ان جي باوجود سميه ائين چوندي رهي ته مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين اسلام کان ڪڏهن به منهن نه موڙينديس.
    جڏهن ابوجهل سميه جي ايمان کي ڦيرائڻ ۾ ناڪام ٿيو تڏهن هن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين. هڪ ڏينهن خانه ڪعبه جي سامهون آڻي سڀني مڪي وارن جي سامهون سميه کان پڇا ڪيائين ته ڇا سميه تون حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڇڏڻ لاءِ تيار ناهين؟
    سميه دليريءَ سان اهو جواب ڏنو ته، ”مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي هرگز نه ڇڏينديس. ابوجهل رڙڪري چيو ته پوءِ مان توکي هتي هن ئي وقت موت جي حوالي ڪري ڇڏيندس. ان کانپوءِ ابوجهل مڪي وارن جي اکين آڏو پنهنجو نيزو ايترو زور سان سميه جي سيني ۾ لڳايو جو نيزو جسم مان آرپار ٿي چڪو ۽ اهڙي طرح اسلام جي راهه ۾ پهرئين شهيد ٿيل عورت جو اعزاز حاصل ڪري ورتو. اها هئي پهرئين عورت سميه  جيڪا اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿي.
    راويت آهي ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي سميه جي رهائي لاءِ ابوبڪر رضي الله جي ڪوششن جي خبر پئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت ابوبڪر رضي الله جي حق ۾ دعا گهريائون، ”حيا الله قبللڪ“ يعني الله تنهنجي (حضرت ابوبڪر رضي الله) عظمت ۽ وقار ۾ اضافو ڪري.
    سميه جي قتل ٿيڻ کان بعد قريش قبيلي جي امير ماڻهن مان چئن شخصيتن، جن ۾ ابوسفيان، ابولهب ۽ ان جي گهرواري شامل هئي، انهن اها پابندي لڳائي ڇڏي ته مڪي جي رهڻ وارو ڪوئي شخص اڄ کان بعد پنهنجي غلام يا ٻانهيءَ کي حضرت ابوبڪر رضي الله جي هٿ نه وڪڻي، ڇاڪاڻ ته اهي ماڻهو سڀ سمجهي چڪا هئا ته هيٺئين طبقي خاص ڪري غريب ماڻهن ۽ غلامن ۾ اسلام کي تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ٿيندي وڃي ٿي ۽ اهي مسلمان ٿيندا وڃن ٿا ۽ حضرت ابوبڪر رضي الله انهن جي مدد ڪرڻ لاءِ کين خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏي ٿو. ان ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله تي غلامن جي خريداري جي پابندي لڳائي ڇڏي، جيئن اسلام کي طاقت حاصل نه ٿئي.
    پر ان پابنديءَ کان بعد جيڪي ڪجهه ماڻهو آزاد هئا يعني ڪنهن جا غلام نه هئا، اهي مسلمان ٿي ويا. انهن ۾ عثمان بن عفان رضي الله جيڪو حضرت عبدالمطلب جو ڀائٽيو هيو ۽ عبدالرحمان بن عوف رضي الله ۽ سعد بن ابي وقاص رضي الله ، حضرت آمنه جو ڀائيٽو ۽ طلحه رضي الله بن عبدالله ۽ سعد بن عمر رضي الله شامل هئا، جن جو تعلق مڪي جي وڏن معزز خاندانن سان هو.
    مسلمانن جي تعداد ۾ اضافي سان قريش قبيلي ۾ گهٻراهٽ ۽ بيچيني شروع ٿي وئي. خاص ان ڪري ته مسلمان ٿيڻ وارا مڪي ۾ ڄاتل سڃاتل ممتاز شخصيتن ۾ شامل هئا. ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن کي پريشان ڪرڻ جي لاءِ قريش وارن ايذاءَ رسائڻ ۽ ٻين شرارتن تحت منصوبا ٺاهڻ شروع ڪري ڏنا.
    انهن اِهو چوڻ شروع ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن کي خانه ڪعبه ۾ قدم رکڻ جي اجازت نه آهي. ٻئي طرف ڪجهه آواره شخص حضرت محمد ﷺ جن جي رستي ۾ بدمعاشي ڪرڻ لاءِ ويهي رهندا هئا. جيئن ئي پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبي وڃڻ لاءِ گهر کان ٻاهر قدم رکندا هئا. يا ڪنهن ڪم سبب ٻي هنڌ وڃڻ چاهيندا هئا، ته اهي ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ کي پٿر هڻندا ۽ سندن ڪپڙن تي گندگي اڇلائيندا هئا، اهڙي طرح پاڻ سڳورنﷺ جا ڪپڙا خراب ٿي ويندا هئا.
    پاڻ سڳوراﷺ خانه ڪعبه وڃڻ لاءِ جڏهن به گهر کان نڪرندا هئا ته سندن جان خطري ۾ هوندي هئي، پر پاڻ ﷺ جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ خانه ڪعبه ڏانهن روانا ٿي ويندا هئا ته جيئن اتي وڃي الله جي عبادت ڪري سگهن.
    روايتن مطابق خانه ڪعبه زمين جي تختي تي اها پهرئين عبادتگاهه آهي، جيڪا انسان جي هٿن سان تعمير ٿي. هڪ ٻي روايت مطابق خانه ڪعبه جو بنياد حضرت آدم جن رکيو ۽ حضرت ابراهيم ان جي تعمير ڪئي، ۽ جڏهن طوفان نوح  شروع ٿيو ته حضرت نوح  ٻيڙيءَ ۾ ويهي خانه ڪعبه جو ست ڀيرا طواف ڪيو هو.
    بهرحال ڪوبه اهڙو ڏينهن نه هيو جو حضرت محمد ﷺ جن خانه ڪعبه کان واپسي وقت رتوڇاڻ نه هجن.قريش جا ماڻهو کين بيرحميءَ سان پٿر هڻندا هئا. قبيلي قريش وارا پاڻ سڳورنﷺ سان دشمنيءَ ۾ ايترو ته اڳتي وڌي ويا جو خانه ڪعبه جو احترام به وساري ڇڏيائون.
    پراڻين رسمن جي مطابق خانه ڪعبه جي حد کي ”حرم“ سمجهيو ويندو هو، يعني هن حد ”حرم“ جي اندر ڪنهن کي به ڪنهن سان هٿ چراند ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي، پر حضرت محمد ﷺ جن تي قاتلانه حملا ٿيا سي ٻئي دفعا خانه ڪعبه ۾ ٿيا. پهريون مسلمان مرد جيڪو اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيو سو به ڪعبي اندر قتل ڪيو ويو ۽ پهرئين مسلمان عورت جيڪا اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿي ان کي به ڪعبي جي سامهون قتل ڪيو ويو.
    خانه ڪعبه ۾ پهرئين مسلمان مرد جي شهادت هن ريت پيش آئي، هڪ ڏينهن جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ڪعبة الله کان گهر ڏانهن وڃي رهيا هئا ته قريش جي ماڻهن مٿن شديد پٿراءُ ڪيو، جڏهن پاڻ گهر تائين پهتا ته بلڪل بيحال ٿي ڪري پيا ۽ شديد زخمن سبب ٻئي ڏينهن خانه ڪعبه ڏانهن نه وڃي سگهيا. ان ڏينهن جڏهن ٻيا مسلمان ڪعبة الله ۾ عبادت لاءِ پهتا ته کين خبر پئي ته اڄ سڳورا خانه ڪعبه نٿا اچي سگهن. ان ڪري انهن پنهنجي عبادت شروع ڪري ڏني. جڏهن اهي شخص سجدي ۾ ويا ته قبيلي قريش جي طرفان ڪرائي تي آيل شخص مٿن اوچتو حملو ڪري ڏنو ۽ ان حملي جي نتيجي ۾ ڪيترائي مسلمان شديد زخمي ٿي پيا ۽ انهن مان هڪ ”حارث رضي الله “ نالي مسلمان خانه ڪعبه ۾ ئي دم ڏنو. حضرت حارث رضي الله ، حضرت خديجه جن جو فرزند ۽ پاڻ سڳورنﷺ جو ماٽيلو پٽ هو. حضرت حارث رضي الله جيڪو پهريون مرد آهي جيڪو اسلام جي راهه ۾ شهيد ٿيو ۽ ان کي خانه ڪعبه ۾ سجدي جي حالت ۾ قتل ڪيو ويو.
    ان واقعي کان بعد قريش قبيلي وارا ڏينهن رات خانه ڪعبه جي نگراني ڪندا هئا ته جيئن حضرت محمد ﷺ جن جي پيروي ڪندڙن کي خانه ڪعبه ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي.
    پاڻ سڳورنﷺ جڏهن اهو ڏٺو ته پاڻ ﷺ اصحابن رضي الله سان گڏ خانه ڪعبه ۾ عبادت نٿا ڪري سگهن ته پاڻ سڳورنﷺ مڪي کان ٻاهر هڪ جڳهه تي جيڪا چئني طرفن کان هيٺ هئي، پنهنجي ساٿين سميت ڏينهن ۾ ٻه دفعا نماز پڙهڻ لاءِ اُتي وڃڻ لڳا. يعني نماز لاءِ مسلمانن کي دعوت ڏني ويندي هئي. جڏهن نماز ختم ٿي ويندي هئي ته پاڻ سڳوراﷺ مسلمانن کي قرآني درس ڏيندا هئا. هن وقت سڀئي نوان مسلمان جن کي پنهنجي شهر ۾ عبادت ڪرڻ جي آزادي نه هئي، نماز جماعت سان ادا ڪرڻ جي خيال سان بيابان جو رخ اختيار ڪرڻ تي مجبور هئا.
    ان دوران حضرت محمد ﷺ جن جي مخالفت ڪرڻ وارن مان هڪ شخص اهڙو هو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جن سان تمام انتها درجي جي دشمني رکندو هو. ان جو نالو هو ”ابوسفيان“. ابو سفيان پيغمبر اسلام جن جو رضاعي ڀاءُ هو ڇو جو ان ۽ پاڻ سڳورنﷺ هڪ ئي دائيءَ جي ڇاتيءَ جو کير پيتو هو. ابوسفيان جو چوڻ هو ته قريش کي جيڪو حضرت محمد ﷺ جن مان خطرو آهي، اهو صرف ان صورت سان ٽري سگهي ٿو ته کيس هڪ ئي دفعي ختم ڪيو وڃي. (نعوذبالله)
    انهن حالتن جي خيال مطابق ”يورپ جي پڙهندڙن“ مان جيڪڏهن اهو سوال ٿئي ته قريش وارن کي آخر ڇو ايتري حضرت محمد ﷺ جن سان دشمني هئي، جڏهن ته مذهبي لحاظ کان مڪو بين الاقوامي شهر سمجهيو ويندو هو. خانه ڪعبه اهڙي جڳهه هئي جتي جزيره عرب جي سڀني مذهبن کي مڃڻ وارا آزاديءَ سان مڪي ايندا ويندا هئا ۽ خانه ڪعبه ۾ ڪيترائي حجرا موجود هئا. جتي ڪيترائي بت رکيل هوندا هئا ۽ هر شخص کي اها آزادي هئي ڀل اهو ڪهڙي به مذهب جو هجي خانه ڪعبه ۾ اچي پنهنجي دين جي مطابق عبادت ڪري ۽ بتن جي سامهون پنهنجون التجائون پيش ڪري. اهڙي مذهبي رويي تحت حضرت محمد ﷺ جن جي نئين دين سان دشمني نه ڪرڻي هئي. ڇو جو ايترن بيشمار مذهبن جي وچ ۾ هي نئون دين مڪي وارن لاءِ ڪهڙي مشڪل پيدا ڪري سگهي ها؟
    ان سوال جو جواب هي آهي ته ٻين مذهبن کي مڃڻ وارا جيڪي مڪي جا رهاڪو هئا يا جيڪي مڪي ايندا ويندا هئا، اُهي خانه ڪعبه ۾ رکيل ڪنهن به مذهب جي رکيل بتن جي لاءِ ڪابه دخل اندازي يا روڪ ٽوڪ نه ڪندا هئا. يعني خانه ڪعبه ۾ بيشمار مذهبن جي بتن لاءِ ڪابه مذهبي مزاحمت نه ٿيندي هئي. ۽ هرڪو غير جانبداريءَ سان پيش ايندو هو. پر جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي رسالت جو اعلان ڪيو ۽ اسلام جي تبليغ شروع ڪيائون ته پاڻ سڳورنﷺ سڀني مذهبي بتن جي مخالفت ڪئي ۽ هي اعلان ڪيائون ته هنن سڀني بتن کي ڀڳو وڃي ۽ ڪعبة الله کي بتن کان پاڪ ڪري سڀ ماڻهو هڪ الله کان سواءِ ڪنهن جي به پوڄا نه ڪن، سڀ هڪ الله جي عبادت ڪن.
    جڏهن مڪي وارن اهو ڏٺو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي ڳالهين تي عمل ٿي ويو ۽ بتن کي خانه ڪعبه کان هٽايو ويو ۽ جيڪڏهن بت پرستيءَ جو خاتمو وڃي ٿو ته اسان کي وڏو نقصان رسندو. ڇو جو مڪي ۾ بين الاقوامي بازار جيڪا سال ۾ چئن مهينن تائين جاري رهندي آهي سا به ڪڏهن نه لڳي سگهندي.
    جهڙيءَ طرح پهريون هي ذڪر اچي چڪو آهي ته مڪي ۾ ڪا به زراعت نه ٿيندي هئي، ڇو جو مڪي ۾ پاڻيءَ جي قلت هوندي هئي. اتي جا ماڻهو ٻن طريقن سان زندگيءَ جون ضرورتون پوريون ڪندا هئا. هڪ واپار ۽ ٻيو چوپايو مال پالڻ. انهن ۾ خاص طور تي اٺن پالڻ جو وڌيڪ بندوبست هو. اسلام کان اڳ خانه ڪعبه کي جزيره عرب جو سڀ کان وڏو بت خانو سمجهيو ويندو هو ۽ اڄ جهڙي طرح ڪعبه کي سڀني مسلمانن فرقن ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، اهڙي ريت ان دور ۾ به هي گهر جزيره عرب جي بيشمار مذهبن جو مرڪز سمجهيو ويندو هو.
    خانه ڪعبه جي مرڪز هئڻ جي ڪري سال جي ٻين مهينن ۾ يعني ”ماهه حرام کان علاوه“ به ماڻهو مڪي ايندا رهندا هئا ته جيئن بتن جي زيارت ڪريون ۽ جيڪڏهن هي خانه ڪعبه بتن کان خالي ڪيو ويو ته ڪوبه بتن جي زيارت جي غرض سان مڪي ڪونه ايندو ۽ اهڙي طرح ”عڪاظ“ جيڪا بين الاقوامي بازار چار مهينا جاري رهندي آهي سا به بلڪل ختم ٿي ويندي. ان ڪري مڪي وارا پنهنجي معاشي بقا ۽ اقتصادي حالت کي دين محمد ﷺ جن جي سامهون خطري ۾ محسوس ڪندا هئا. انهن جو هي خيال هو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي اڳتي وڌڻ ۾ ڪاميابي ملي وئي ته اسان جي اقتصادي حالت هميشه لاءِ تباهه ٿي ويندي.
    مڪي وارن جي حضرت محمد ﷺ جن سان دشمنيءَ جو ٻيو سبب هيءُ به هو ته جڏهن پاڻ سڳورنﷺ بتن جي پوڄا ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ته مڪي وارن ان جو مطلب هي سمجهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جي رسمن تي حملو ڪيو وڃي ٿو ۽ اسان جي عقيدي سان مذاق ڪئي وڃي ٿي. اها حقيقت ظاهر هئي ته ان وقت مڪي جا سڀ رهندڙ بتن جا پوڄاري هئا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهو اعلان ڪيو ته بت پرستيءَ جو خاتمو آندو وڃي ۽ هي مڪي وارن جا بت ۽ ٻيا سڀ بتن وارا مذهب ڪوڙا آهن، انهيءَ وقت ريگستاني عرب پنهنجي ابن ڏاڏن جي عقيدن جو ڏاڍو احترام ڪندا هئا. ائين کڻي چئجي ته پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبرن کي پنهنجي بتن وانگر پوڄيندا هئا ۽ پوري جزيره عرب ۾ پراڻن مذهبي اصولن تي عمل ڪرڻ ۽ اتي پابند رهڻ وڏي اهميت سمجهيو ويندو هو.
    هڪ بنيادي اصول جيڪو هر دور ۾ هر جڳهه نظر اچي ٿو، جيڪو اڄ به موجود آهي. اهو هي آهي ته عام ماڻهو مذهب جي ظاهري رسمن کي ماڻهن جي باطني عقيدي کان زياده اهميت ڏيندا آهن. ڪنهن کي به ان ڳالهه سان دلچسپي نه هوندي آهي ته ڪهڙي ايمان واري جو باطني عقيدو ڪهڙو آهي ۽ اُهو جهڙي مذهب جي پيروي ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ٿو ان تي يقين به رکندو آهي يا نه. پر هر ڪو ائين وڌيڪ سمجهندو آهي ته ظاهري رسمن تي عمل هجي ۽ مذهبن جي ظاهري قانونن جي پيروي ڪئي وڃي.
    مذهب جون ظاهري رسمون ابن ڏاڏن کان اولاد تائين پهچنديون آهن ۽ هر نسل جي اهائي ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي رسمن کي ڪنهن به تبديليءَ کان سواءِ ايندڙ نسلن تائين پهچايو وڃي.
    جزيره عرب ۾ به بت پرستيءَ جي رسم ابن ڏاڏن کان ايندڙ نسل ”اخلاف“ يعني اولاد تائين پهتي هئي ۽ پنهنجي پوريءَ قوت سان رهندي آئي. ڪنهن کي به اهو حق نه هيو ته هو پنهنجي ابن ڏاڏن جي نظريي تي تنقيد ڪري يا ائين چوي ته اهي ڪجهه نه سمجهندا هئا يا انهن جو رستو غلط هيو، پر حضرت محمد ﷺ جن وڏي جرائت سان ائين چوندا هئا. انهيءَ ئي خاص سبب ڪري مڪي جا ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ جن جي جان جا دشمن هئا.
    بهرحال قريش قبيلي وارن کي جيئن ئي اها خبر پئي ته حضرت محمد ﷺ ۽ ان جا پيروي ڪندڙ عبادت جي لحاظ کان ڪٿي وڃي جمع ٿين ٿا ته انهن پري غيرآباد بيابان ۾ به مسلمانن جي گڏ ٿيڻ ۽ عبادت ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪري ڏنيون.
    سعد بن ابي وقاص رضي الله جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو ان ٻڌايو ته اسان عبادت جي خاطر خانه ڪعبه ۾ جمع نه ٿي سگهندا هئاسين. ان ڪري ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ گڏجي عبادت جو فرض ادا ڪندا هئاسين. پر قريش جي ان وقت جي نگرانيءَ ۾ سندن حرڪتن سبب اهو به ممڪن نه رهيو. ڇو ته ڪنهن مسلمان جي گهر ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ ضروري هيو ته اسان گهر ۾ داخل ٿيون ۽ جيڪڏهن محلي وارن اسان کي ايندي ويندي ڏٺو ته اسان تي حملو ٿي سگهي پيو ۽ اسان کي قريش وارا قتل ڪري سگهن پيا. ان جي ڪري اسان هڪ هڪ ٿي ڪري ڪجهه اهڙي نموني مڪي کان ٻاهر نڪري ويندا هئاسين جو ڪنهن کي اسان جو خيال به نه ٿئي. اهڙي نموني وڃي پري هڪ جڳهه تي ڪٺا ٿي عبادت ڪندا هئاسين. عبادت ڪرڻ بعد ٻئي ڏينهن جي عبادت لاءِ وري ٻي جڳهه جي چونڊ ڪري ڇڏيندا هئاسين، ڇو ته قريش جا ماڻهو اسان جي اهڙي طرح تاڙ ۾ هوندا هئا ته جيڪڏهن اسان ٻه ڏينهن مسلسل هڪ جڳهه تي عبادت ڪرڻ لاءِ جمع ٿيندا هئاسين ته انهن کي آسانيءَ سان ان جڳهه جي خبر پئجي ويندي هئي.
    هڪ ڏينهن اسين ”ابو دوب“ نالي هڪ کڏ ۾ ڪٺا ٿياسين ۽ اتي اسان عبادت ڪرڻ شروع ڪئي اڃا اڌ عبادت ۾ هئاسين ته ڪجهه قريش جي ماڻهن جن ۾ ابوسفيان رضي الله ۽ اخنس ٻن شريق جهڙا برجسته جوان به شامل هئا. نماز جي حالت ۾ اسان تي حملو ڪري ڏنو ۽ آخر اسان کي بچاءَ خاطر مجبور ٿيڻو پيو، مان پنهنجي بچاءَ لاءِ هڪ اُٺ جي وڏي هڏي جيڪا اُتي ويجهو پئي هئي کنيم ۽ هڪ حملو ڪرڻ واري تي زور سان هيم جنهن سان ان جو مٿو ڦاٽي پيو ۽ رتو رت تي واپس ڀڳو، اهڙيءَ طرح اسلام جي راهه ۾ ڪنهن ڪافر جون خون وهائڻ وارو پهريون شخص مان ئي آهيان.
    ان دور ۾ جڏهن مسلمان چئني طرفن کان خطري هيٺ هئا اهڙي حالت ۾ به هڪ مسلمان موت جي خوف کان سواءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندو هو؛ اها شخصت هئي حضرت محمد ﷺ جن. ٻيا مسلمان گهرن کان ٻاهر نه نڪرندا هئا. پر صبح جو انڌاري ۾ جڏهن مڪي وارا ننڊ ۾ ستل رهندا هئا ته ٻيا مسلمان اهڙي وقت پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته جيئن ڪونه ڏسي ۽ نه وري سڃاڻي سگهي.
    پر ايڏي وڏي خوف ۽ دهشت جي باوجود مسلمانن جو تعداد وڌندو پئي ويو پر گهٽ رفتار سان اسلام ۾ داخل ٿيڻ وارن جي اڪثريت اهڙن ماڻهن جي هئي جيڪي غلام يا مزدور يا اهڙا ماڻهو جن کي مڪي ۾ گهٽ حيثيت وارو سمجهيو ويندو هو. پر حضرت محمد ﷺ جن انهن ماڻهن کي وڏي ماڻهوءَ يا غلام يا نوڪرجي حيثيت سان نه ڏسندا هئا، پر جڏهن به انهن جي گذريل ڪردار جي باري ۾ تحقيق ڪندا هئا ته اها ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته هن مرد يا عورت جو ڪردار واقعي ئي برو آهي يا صرف مڪي جا امير يا حڪمران انهن کي گهٽ سمجهن ٿا.
    ”مسيحت“ جي دنيا ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن کي وقت جا حڪمران بدڪردا رچوندا آهن ۽ انهن جو رت وهائڻ به جائز سمجهن پيا پر فرق ايترو آهي جو اهڙن ماڻهن کي جيڪي حقيقت ۾ بدڪار ۽ بدڪردار آهن.
    حضرت محمد ﷺ جن وٽ جڏهن به ڪو بدڪردار ماڻهو ايندو هو ۽ هو اسلام قبول ڪرڻ چاهيندو هو ته ٻه صورتون سامهون اينديون هيون يا ته اهو ماڻهو دولتمند ماڻهن جي نظر ۾ بدڪردار هوندو هو يا ڪابه شڪ جي حالت ظاهر ٿيندي هئي ته هي ماڻهو بدڪار آهي يا نه. جيڪڏهن اهو بدڪردار نه هوندو هو ته اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيندا هئا. يا ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو تمام ماڻهن جي نظر ۾ برو هوندو هو ۽ اهڙي حالت ۾ جڏهن پاڻ سڳوراﷺ سمجهندا هئا ته هي شخص پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ ظاهر ڪري ٿو ۽ اڳتي لاءِ دل سان توبه ڪرڻ چاهي ٿو ته ان کي به اسلام ۾ داخل ڪندا هئا ان سلسلي ۾ قبيلي ”غفار“ جي ”ابوذر“ جو داستان اُن دور جو مثال آهي.
    مڪي جي اتر ۾ هڪ زمين جو حصو اهڙو هيو، جنهن کي دنيا جي خوفزده زمين سمجهيو ويندو هو. ان علائقي ۾ هڪ قبيلو ”غفار“ نالي زندگي بسر ڪندو هو. انهن ماڻهن جو ڪردار ڦر لُٽ ۽ قتل ڪرڻ هوندو هو. اهو علائقو جتي قبيله ”غفار“ وارا رهندا هئا اتي چوڏهن سؤ سال اڳ وانگر اڄ به موجود آهي. هي علائقو سنگلاج پهاڙن ۽ گرم زمين تي مشتمل آهي. جتي ڪابه شيءِ ايتري تائين جو ڪنڊيدار وڻ به نه ڦٽندا آهن ۽ نه وري عام جانور يا ريگستاني ٻيا جانور به زندگي بسر ڪري سگهن ٿا. جيڪو ماڻهو ان علائقي کان گذر ڪندو آهي ته انهن پهاڙن کي اکين آڏو ڏسندو جيڪي ڄڻ هٿرادو ڪٽي خوفناڪ صورت جا بڻايا ويا آهن، جيڪي تکا ۽ چهنبدار نظر ايندا، مسافر انهن پهاڙن تي نظر ڦيرائيندو ته اهي ڪارا ۽ زرد رنگ جا پٿر نظر ايندا جن جو ڏسڻ سان جان ۾ خوف ،طاري ٿي ويندو آهي.
    جڏهن مان يعني ڪتاب جو مصنف(ڪونسٽن ويرزيل) ان علائقي مان گذريم، ته مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ دنيا جي ٺهڻ جو آغاز ڏسي رهيو آهيان يا چنڊ جي سطح تي بيٺو آهيان. ڇو ته چنڊ جي سطح تان زمين به ائين ئي محسوس ٿيندي آهي. ڪي اهڙيون اونداهيءَ واريون ڪاريون ۽ ڪي جڳهون بلڪل زرد ڏسڻ ۾ آيون.
    گرميءَ جي موسم ۾ جڏهن سج جا ڪرڻا انهن پهاڙن جي چوٽين تي ڪرندا آهن ته ان وقت زمين ۽ هوا جي گرمي برداشت کان ٻاهر هوندي آهي، اهڙي جڳهه تي چند گهڙيون به ڪنهن ڇانو کانسواءِ رهڻ موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.
    قبيلي غفار جا ماڻهو جن ۾ ”ابوذر“ به شامل هو. اهڙي جڳهه تي زندگي بسر ڪندا هئا. انهن جي آمدنيءَ جو ذريعو فقط ڦر لٽ تي هوندو هو. قبيلي غفار وارن جي نظر ۾ ناجائز ڪمائي کي به برو نه سمجهيو ويندو هو. جيڪو ان ڪم ۾ ڪاميابي ماڻيندو هو، ان تي سڀ قبيلي وارا فخر محسوس ڪندا هئا.


    حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه

    حضرت ابوذر غفاري رضي الله عنه

    عرب جي پراڻي رسم مطابق اهي ئي قبيلا ڦرلٽ ڦر جو منصوبو به خفيه طور بڻائيندا هئا ته جيئن مال ملڪيت وارو قافلو اهڙي نموني ڦريو وڃي جو اهو پنهنجي بچاءَ جي ترڪيب به سوچي نه سگهي. ان جي باوجود انهن جو چوڻ هيو ته ڦر ڪرڻ وقت ڪنهن جو به خون نه وهايو وڃي ۽ نه وري عورتن ۽ ٻارن تي حملو ڪرڻ جائز آهي. بيابانن جي رهندڙ عربن جي رسم مطابق سال ۾ چئن مهينن لاءِ لُٽ ڦر حرام سمجهي ويندي هئي ۽ انهن مهينن کي ماهه حرام جي نالي سان سڏيو ويندو هو اهڙي طرح مڪي ڏانهن ڪعبة الله جي زيارت لاءِ وڃڻ وارن ماڻهن تي حملي ڪرڻ کان به منع ٿيل هئي.
    پر قبيلي ”غفار“ جا ماڻهو جيڪي مڪي جي اتر طرف رهندا هئا اهي انهن رسمن ۽ قانونن جي پابندي نه ڪندا هئا. اهي ماهه حرام جي مهينن ۾ به قافلن کي ڦرڻ لاءِ حملا ڪندا هئا ۽ مڪي جي زيارت لاءِ ويندڙن کي به معاف نه ڪندا هئا.
    هڪ دفعو ذوالقعده جي مهيني ۾ ”جيڪو ماه حرام جو مهينو هوندو هو“ قبيلي غفار جي ماڻهن هڪ اهڙي قافلي تي حملو ڪيو جيڪو انهن جي حد مان گذري رهيو هو، انهن نه صرف لٽ ڦر کي ڪافي سمجهيو پر قافلي ۾ شامل مردن جو قتل عام شروع ڪري ڏنو ۽ ان سان گڏ عورتن تي به حملو ڪري انهن کي به موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    ”ابوذر“ جنهن جو خود قبيلي غفار سان تعلق هيو، ان جڏهن عورتن جو آهه پُڪار ٻڌي ۽ زخمي عورتن ۽ ٻارن جي مظلومانه حالت ڏٺي ۽ ڪيترن ئي معصوم ٻارڙن کي سندن مائرن جي لاشن تي روئيندي رڙندي ڏٺو ته ابوذر کي ان صورت حال جو بيحد احساس ٿيو ۽ پاڻ هميشه لاءِ پنهنجي قبيلي کي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائين. بعد ۾ پنهنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ساڻ ڪري قبيلي کي ڇڏي ويران بيابانن ۾ رهڻ لڳو.
    جزيره عرب ۾ ڪنهن شخص جو پنهنجي قبيلي کي ڇڏڻ يا قبيلي جي طرفان ڌڪارڻ، موت برابر سمجهو ويندو هو، پوءِ ڀل ان شخص جو تعلق کڻي قبيلي غفار سان ڇو نه هجي.
    ان ڳالهه جو سبب هي هيو ته ٻيا عرب قبيلا غفار قبيلي جي سڀني ماڻهن کي قتل جو مستحق سمجهندا هئا ۽ انهن کي جڏهن ڪوبه غفار قبيلي جو ماڻهو نظر ايندو هو ته ان کي بنا دير جي قتل ڪري ڇڏيندا هئا. ڇو جو قبيلي غفار جا ماڻهو نه ته عربن جي پراڻين رسمن جي پابندي ڪندا هئا ۽ نه وري اهي بهادريءَ ۽ مڙسيءَ جي اصولن تي هئا.
    ابوذر غفاري ڪجهه ڏينهن جي سفر ڪرڻ کان پوءِ هڪ اهڙي جڳهه تي پهتو جتي سندس والده جي رشتيدارن جا گهر هئا. اتي پنهنجي ماءُ ۽ ننڍي ڀاءُ کي ڇڏي، پاڻ اڪيلي سربيابان ڏانهن روانو ٿي ويو.
    جزيره عرب جي بيابانن ۾ ڪنهن آمدنيءَ جي ذريعي کان سواءِ ئي ابوذر غفاري ڪيترائي مهينا اڪيلو گذاريو ۽ آخرڪار اهڙي علائقي ۾ پهچي ويو جتي ريگستاني جانورن يا ٻوٽن سان پنهنجو پيٽ ڀري گذر سفر ڪندو رهيو.
    ريگستاني عربن کان سواءِ ٻيو ڪوبه شخص اهڙو کاڌو (ٻوٽا يا ريگستاني گاهه) کائي ڪري گذارو ڪري نه سگهندو هو. پر ان دور ۾ ريگستاني عرب بک ۽ اڃ جا ايترا عادي هئا ڄڻ ته انهن جي بک ۽ اڃ فطرت بڻجي چڪي هئي.
    هڪ انگريز سر ”ريچارڊ باٽن“ جنهن 1850ع ۾ جزيره عرب جو دورو ڪيو. ان وقت اتي اڄ وانگر روڊ رستا ڪونه هئا؛ پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته: ”هڪ ريگستاني عرب جي نظر ۾ جيڪا شيءِ انسان جي موت جو سبب بڻبي آهي، سا آهي پيٽ جو ڀرڻ، نه ڪي بک.“ انهن ماڻهن جو چوڻ اهي ته جيئن ريگستاني شخص بيابان ۾ بک تي گذاريندو آهي تيئن ان جي صحت برقرار رهندي اٿس. پر جيئن ئي هو شهر ۾ پهچي اتي بيشمار غذائون استعمال ڪندو آهي تئين ان جي تندرستي خطري ۾ پئجي ويندي آهي ۽ هو هڪ ٻن سالن اندر هلي پوندو آهي!
    بهرحال حضرت ابوذر غفاري بک ۽ اُڃ سان مقابلو ڪندي ڪيترائي مهينا اڪيلوئي اڪيلو بيابانن ۾ ڀٽڪندو رهيو. بيابانن جي پرسڪون راتين ۾ چنڊ ۽ ستارن جي روشني ۾ ڪجهه ان طرح جي سوچن ۾ گم ٿي ويندو هو، ڄڻ ڪو هن کي اهم فيصلو ڪرڻو آهي.... آخرڪار مڪي ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيائين. مڪي پهچي ٽيهه ڏينهن اهڙي طرح هن گذاريا جو ڪنهن کي پنهنجي سڃاڻپ نه ڪرڻ ڏنائين يعني ڪنهن کي به اهو پتو نه لڳو ته هن شخص جو تعلق قبيلي غفار سان آهي.
    انهن ٽيهن ڏينهن جي دوران ابوذر غفاري پيغمبر اسلام ﷺ جن جو نالو ٻڌو ۽ کيس اها خبر پئي ته پيغمبر اسلام ﷺ ماڻهن کي خدا ڏانهن سڏي ٿو، بُرن ڪمن ۽ شرڪ کي ختم ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. ابوذر غفاري پيغمبر اسلام سان ملڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هڪ رستي ويندڙ کان پڇا ڪيائين ته حضرت محمد ﷺ جن جو گهر ڪٿي آهي؟ ان شخص تعجب منجهان ابوذر غفاري ڏانهن ڏٺو ۽ وڏي آواز سان رڙيون ڪيائين ته اي مڪي وارؤ هيڏي اچو هن کي پڪڙيو ۽ ماريوس ڇو جو هي هڪ مسلمان آهي جيڪو اڄ اسان جي هٿ چڙهيو آهي. جهٽ پٽ ماڻهن ابوذر غفاري تي حملو ڪري ڏنو ۽ ابوذر غفاري پنهنجي جان ڇڏائڻ خاطر وٺي ڀڳو پر قريش وارن پيڇو ڪري مٿس پٿرن جي برسات وسائي ڇڏي. ابوذر غفاري خود چوي ٿو ته مون کي انهن ايترا پٿر هنيا جو مان ساڻو ٿي زمين تي اهڙي طرح ڪري پيس جو انهن جي خيال مطابق ته هي مري ويو ۽ مون کي اتي ان حال ۾ ڇڏي هليا ويا. جڏهن مون کي هوش آيو ته مون ڏٺو ته منهنجو سارو بدن رت ۾ ڳاڙهو لڳو پيو آهي ۽ جڏهن رات جي اونداهي ٿي ته ڪجهه ماڻهو آيا جيڪي مون کي پاڻ سان کڻي ويا بعد ۾ مون کي پتو پيو ته انهن مان هڪ شخص حضرت ابوبڪر هو.
    معلوم ٿئي ٿو ته حضرت ابوبڪر رضي الله کي خبر پئجي وئي ته ڪنهن مسلمان مٿان پٿراءُ ڪيو ويو آهي ان ڪري رات جي اونداهيءَ ۾ ٻيو مسلمان ساڻ ڪري اچي ابوذر غفاري کي کڻي ويا بعد ۾ خبر پئي ته ابوذر غفاري مسلمان نه آهي پر هي شخص حضرت محمد ﷺ جن سان ملاقات ڪرڻ چاهي پيو.
    ٻئي ڏينهن ابوذر حضرت محمد ﷺ جن سان ملاقات ڪئي پيغمبر اسلام جن ان کان نالي پڇڻ کان پوءِ سوال ڪيو ته تون ڪهڙي قبيلي سان تعلق رکين ٿو؟ ابوذر جواب ڏنو ته منهنجو تعلق قبيلي غفار سان آهي ۽ مون کي پنهنجي قبيلي جي شرمناڪ ڪرتوتن کان نفرت ٿي چڪي آهي ۽ مون انهن کي ڇڏي بيابان جي راهه ورتي هئي ۽ ڪجهه عرصو ڀٽڪندو، آخرڪار مڪي پهتو آهيان ۽ هتي جڏهن مون ٻڌو ته اوهان ماڻهن کي هڪ خدا ڏانهن سڏيو ٿا ته مون اهو عزم ڪيو ته اوهان سان ملاقات ڪريان جيئن اوهان جي ذريعي خدا واحد لاشريڪ کي سڃاڻي سگهان.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇيس ته، ”تون ڪيترن ڏينهن کان مڪي ۾ آيل آهين؟ ابوذر جواب ڏنو ته گذريل ڏينهن مون کي آئي هتي ٽيهه ڏينهن پورا ٿيا آهن، پاڻ سڳورنﷺ سوال ڪيو ته ڇا تو وٽ ڪو پئسن جو ذريعو به هو؟ ابوذر جواب ڏنو ته نه، وري پاڻ سڳورنﷺ سوال ڪيو ته پوءِ تون ڪئين گذارو ڪندو هئين؟ ابوذر جواب ڏنو ته ٽيهه ڏينهن صرف زم زم جو پاڻي پي گذارو ڪيم. پاڻ سڳورنﷺ وري سوال ڪيو ته توکي انهن ٽيهن ڏينهن ۾ ڪا کائڻ جي شيءِ به ملي؟ ابوذر غفاري جواب ڏنو بلڪل نه.“
    اڄ اسان کي ان ڳالهه تي حيرت ڪرڻ نه گهرجي. ڇو ته اسان کي اها ڄاڻ آهي ته انسان جيڪڏهن ٽيهه ڏينهن ڪجهه نه کائي صرف ان کي پاڻي ملندو رهي تڏهن به هو زنده رهي سگهي ٿو پر ان جو باوجود اهو ضرور ٿيندو ته کاڌي کان سواءِ سندس وزن گهٽ ٿيندو ويندو ۽ ان جو سبب هي آهي ته ان جي جسم ۾ گڏ ٿيل چرٻي ان جي خوراڪ جي ضرورت کي پورو ڪندي رهندي. جن ماڻهن کي بک تي رهڻ جي عادت هوندي آهي انهن کي جيڪڏهن صرف پاڻي ملندو رهي تڏهن به اهي ٽيهن ڏينهن تائين بغير کاڌي کائڻ جي زنده رهي سگهن ٿا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جيتوڻيڪ اهو ڄاڻن پيا ته ابوذر جو هڪ غفاري يعني ”رهزن“ قبيلن سان تعلق آهي، پر ان جو باوجود به پاڻ ﷺ ابوذر کي اسلام ۾ داخل ڪري ڇڏيائون. ڇو جو رسول الله جن کي اهو اطمينان حاصل ٿي چڪو هو ته هن شخص پنهنجي ڪئي تي پشيماني ظاهر ڪئي آهي ۽ سچيءَ دل سان توبه ڪري سچائيءَ جو رستو وٺڻ چاهي ٿو. بعد ۾ ابوذر غفاري جو شمار اسلام جي وڏن نامور مسلمانن ۾ ٿيڻ لڳو ۽ ان آخر پنهنجي پوري قبيلي کي مسلمان بڻائي ڇڏيو. ان جو قبيلو جيڪو پهريون صرف لٽ مار ۽ قتل ڪرڻ جي زندگي گذاريندو هو تنهن پنهنجي انهن بُرن ڪرتوتن کان هميشه لاءِ توبھ ڪري ڇڏي.
    حضرت ابوذر غفاري رضي الله جي انهيءَ مثال بيان ڪرڻ جو مقصد هي هيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي ماڻهن جي نظرن ۾ بدڪردار هئا پر جيڪڏهن اهي پر خلوص دل سان توبه ڪري حضرت محمد ﷺ جن وٽ پيش پوندا هئا ته پاڻ سڳوراﷺ کين اسلام جي دائري اندر داخل ڪري ڇڏيندا هئا. ٻيو هي ته مڪي وارا اهڙي طرح حضرت محمد ﷺ جن جا دشمن بڻجي چڪا هئا جو جيڪڏهن ڪو اجنبي ماڻهو پاڻ سڳورنﷺ جن جي گهر جو پتو پڇندو هو ته ان کي به قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا هئا. ڇو جو اهي ائين سمجهندا هئا ته گهر پڇڻ وارو يا ته مسلمان آهي يا ته مسلمان ٿيڻ چاهي ٿو، تڏهن ته حضرت محمد ﷺ جن جي گهر جو پتو پڇي رهيو آهي.


    جزيرھ عرب جي قدآور شخصيت عمر بن خطاب ڪيئن مسلمان ٿيو

    جزيرھ عرب جي قدآور شخصيت عمر بن خطاب ڪيئن مسلمان ٿيو

    تعجب جي ڳالهه اها آهي ته جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن جو پورو مڪو دشمن هيو پوءِ به اهڙي شخصيت کي ڇو نه قتل ڪري سگهيا. هتي مڪي ۾ پيغمبر اسلام جن کي قتل نه ڪرڻ جو سبب بيان ڪيو وڃي ٿو.
    جهڙي ريت هي بيان ٿي چڪو آهي ته قريش قبيلا ڏهن خاندانن ۾ ورهايل هئا ۽ انهن مان هڪ خاندان جو نالو ”بنوهاشم“ هو. حضرت محمد ﷺ جن به ان خاندان سان تعلق رکندڙ هئا.
    قريش جا باقي نو خاندان جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ها ته پراڻي قانون مطابق يا ته انهن کي هاشمي خاندان کي خون بها ادا ڪرڻو پوي ها يا وري کين انتقامي ڪارروائي سان منهن ڏيڻو پوي ها. ان ڪري ئي ٻيا خاندان حضرت محمد ﷺ جن کي قتل ڪرڻ جي جرائت نه پيا ڪري سگهن.
    جهڙي طرح قرآن مجيد ۾ ذڪر آيل آهي ته قريش حضرت محمد ﷺ جن کي چوندا هئا ته تون اسان جي مقابلي ۾ ڪجهه نه آهين پر جيڪڏهن تنهنجو خاندان تنهنجي حمايت نه ڪري ته اسان توکي پٿرن سان سنگسار ڪري ختم ڪري ڇڏيون.
    پر ٻئي طرف خود هاشمي خاندان جي ماڻهن حضرت محمد ﷺ جن تي ٻه دفعا قاتلاڻو حملو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيا ته پوءِ انهن پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. ان جو هڪ وڏو سبب هي هيو ته حضرت محمد ﷺ جن کي هڪ بيحد طاقتور حمايت حاصل ٿي چڪي هئي.
    ان کان اڳ جڏهن به حضرت محمد ﷺ جن گهر کان ٻاهر نڪرندا هئا ته کين مڪي وارا پٿراءُ ڪندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن کي مختلف قسمن جون تڪليفون پهچائيندا هئا. هڪ ڏينهن جڏهن ڪجهه ماڻهن ابوجهل جي ڀڙڪائڻ تي پاڻ سڳورنﷺ تي پٿر اڇلائي رهيا هئا ته ان منظر کي ڏسڻ وارو هڪ شخص پاڻ سڳورنﷺ جو چاچو ”حمزه “ به اچي اتي نڪتو جيڪو وقت جو مشهور بهادر ۽ پهلوان سمجهو ويندو هو.
    ”حمزه “ ان وقت ڪنهن شڪار تان واپس آيو پئي ته انهن ماڻهن مخاطب ٿي کيس چيو ته اي حمزه تنهنجي غيرت ۽ بهادري ڪيئن ٿي گوارا ڪري جو تنهنجي ڀائيٽي کي ماڻهو بي گناهه پٿر هڻن، برو ڀلو چون ۽ بدڪلامي ڪندا رهن ۽ تون دلير بهادرن ۾ شمار ٿيئن ٿو ته تون هن جي ڪائي مدد نٿو ڪري سگهين؟
    حمزه رضي الله کي ان ڏينهن تائين حضرت محمد ﷺ جن جي دين سان ڪائي دلچسپي نه هئي، ڇو جو ان کي اها خبر پئي هئي ته حضرت محمد ﷺ جن جو دين انهن جي ابن ڏاڏن جي عقيدي ۽ نظريي جي بلڪل مخالف آهي. ان ڪري ٻين ماڻهن وانگر هو به اهوئي سمجهندو هو ته پراڻن ۽ ابن ڏاڏن کان هلندڙ عقيدن جو احترام ڪرڻ انتهائي ضروري ۽ واجب آهي.
    پر جڏهن هن اهو ٻڌو ته ماڻهو حضرت محمد ﷺ جن کي پٿر هڻي زخمي ڪن ٿا ۽ کيس بدڪلامي سان پيش اچن ٿا ۽ برو ڀلو چون ٿا ته ان وقت حمزه جي حالت تبديل ٿي وئي ۽ انهن کان پڇا ڪيائين ته منهنجي ڀائيٽي کي ڪهڙي قسم جا برا الفاظ چوندا آهن، هڪ شخص اهڙا چند الفاظ ٻڌايا جيڪي حضرت محمد ﷺ جن جي لاءِ سندن مخالف استعمال ڪندا هئا. حمزه جڏهن اهي ٻڌا ته ان جو ڀائيٽو ڪهڙي طرح ماڻهن جي بدتميزي جو نشانو بڻيل آهي ته هو ايترو ته غصي ۾ اچي ويو جو سندس چهرو ڳاڙهو ٿي ويو.
    ريگستاني عربن وٽ زبان مان نڪتل ڳالهه جي وڏي اهميت هوندي هئي، پوءِ ڇو نه اها ڀلي هجي يا بري. عرب قبيلن ۾ بدڪلامي ڪرڻ وقت ڪنهن قريبي رشتيدار جو نالو ورتو وڃي ته اها ڳالهه برداشت کان ٻاهر هوندي هئي ۽ اهڙي بدڪلامي کي ناقابل معافي جرم سمجهيو ويندو هو. ڇو ته زبان مان نڪتل ڳالهه کي اهي ماڻهو انتهائي اهميت واري نظر سان ڏسندا هئا، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي گهرواريءَ کي هي چئي ڏيندو هو ته، ”اڄ کان تون منهنجي ماءُ وانگر آهين“ ته اها عورت ان مرد لاءِ حرام سمجهي ويندي هئي.
    ٻيو هي ته ڪنهن قبيلي جي ڪنهن به ماڻهوءَ کي بُرو ڀلو چوڻ ائين هيو جيئن ڄڻ سڄي قبيلي جي بيعزتي ٿي چڪي هجي ۽ ان جو خاص سبب هي هيو جو هر قبيلي وارا پاڻ ۾ خون جي رشتي تي ٻڌل هئا.
    بهرحال حمزه پنهنجي تلوار کنئي ۽ ابوجهل جي گهر ڏي روانو ٿيو. ڇو ته هو اهو سمجهي پيو ته حضرت محمد ﷺ جن تي پٿر هڻڻ ۽ بدڪلامي ڪرڻ وارن جو وڏو ابوجهل ئي آهي. اتي پهچي ابوجهل کي ٺاهوڪو ماريائين ۽ چيائينس ته، ”اي ابوجهل! تون سمجهين ٿو ته حضرت محمد ﷺ بي سهارو آهي ۽ ان جو ڪوئي وارث نه اهي ۽ تنهن ڪري تون ان تي پٿراءُ ڪرائين ٿو ۽ پنهنجي ماڻهن کان بدڪلامي ڪرائين ٿو، پر هاڻي اهو سمجهي ڇڏ ته اڄ کان مان حضرت محمد ﷺ جن جي دين ۾ داخل ٿي چڪو آهيان ۽ اڄ کان بعد ڪوبه شخص حضرت محمد ﷺ سان بدڪلامي ڪندو ته ان جو واسطو مون سان هوندو.“
    حضرت حمزه رضي الله جو مسلمان ٿيڻ پيغمبر اسلام جن لاءِ وڏي خوشيءَ جي ڳالهه هئي ڇاڪاڻ ته حضرت حمزه رضي الله جو شمار مڪي جي مشهور پهلوانن ۽ بهادرن ۾ هوندو هو، پر ان جي باوجود قريش وارا حضرت محمد ﷺ جن کي پريشان ڪرڻ ۽ ايذائڻ کان نه مڙيا. جيتوڻيڪ اهي سمجهن پيا ته ان جو چاچو حضرت حمزه رضي الله مسلمان ٿي چڪو آهي، پر پوءِ به شرارتن ۽ حملي ڪرڻ کان نه ڊڄندا هئا.
    حضرت حمزه رضي الله جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻيا مسلمان عبادت جي غرض سان هڪ اهڙي گهر ۾ جمع ٿيندا هئا جيڪو ”صفا“ نالي پهاڙي تي ٺهيل هو، اهو گهر خانه ڪعبه جي بلڪل سامهون هو.• جڏهن مسلمان ان گهر ۾ عبادت لاءِ گڏ ٿيندا هئا ته انهن مان ڪجهه تلوارن کڻي نگرانيءَ جو فرض نڀائيندا هئا، ڇو ته ممڪن هو ته ڪنهن به وقت قريش وارا حملو ڪن ۽ قتل عام ٿي پوي.
    حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن ۾ مضبوط نظم و ضبط چاهيندا هئا ۽ تاڪيد فرمائيندا هئا ته عبادت لاءِ سمورا حاضر ٿيو. خاص ڪري تاڪيد فرمائيندا هئا ته نماز جماعت سان ادا ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جو عذر يا بهانو قبول نه ڪندا هئا. پر جيڪڏهن ڪو حاضر نه ٿيڻ وارو بيمار ۽ هڪ هنڌ ويٺو هجي ۽ اٿي نه سگهندو هجي ته ان لاءِ نرمي ڪند اهئا.
    حضرت حمزه رضي الله جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻيا ماڻهو به مسلمان ٿي ويا، اهڙي طرح مسلمانن جو تعداد ٽيهن کان وڌي ويو. مڪي وارا، خاص طور قبيلي قريش جا ماڻهو اسلام کي وڌندو ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي ويا ۽ سڀني گڏجي مجلس شوريٰ ۾ مشورو ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڪهڙي طرح نابود ڪيو وڃي پر اهي پنهنجي صلاح ۽ مشوري ۾ ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيا.
    مڪي جي اهم شخصن ۾ هڪ شخص اهڙو به هيو جنهن جو نالو عمر هو. جڏهن مجلس شوريٰ جي گڏجاڻي پوري ٿي ته هن اهو اعلان ڪيو ته مان خودئي حضرت محمد ﷺ کي ختم ڪري مڪي وارن کي مشڪل مان جان ڇڏائيندس.
    قريش جا سڀئي اڳواڻ حضرت محمد ﷺ جن جي خاتمي (نعوذبالله) لاءِ خوش هئا پر انهن مان ڪنهن کي قتل ڪرڻ جي جرائت نه پئي ٿي. پر ان ڏينهن عمر اڪيلي سر ئي اهو ڪم پنهنجي ذمي کڻي ڇڏيو. عمر هڪ انتهائي مضبوط ارادي رکڻ وارو انسان هو. ۽ ايترو ته قدآور جوان هو جو مڪي ۾ هن جي مقابلي جو ڪوبه شخص نه هو. سندس قد ايترو ته وڏو هيو جو جڏهن مديني ۾ (هجرت کان پوءِ) مسجد ٺاهي وئي ته عمر رضي الله جڏهن ان مسجد ۾ داخل ٿيو ته سندس مٿو مسجد جي ڇت سان ٽڪرجي پيو.
    مڪي وارا چڱي طرح ڄاڻڻ پيا ته جيڪا ڳالهه عمر جي زبان مان نڪتي ان کي واپس نٿو ڪري سگهي. جڏهن هو ائين چئي ڏي ته مان فلاڻي جو قتل ڪندس ته بيشڪ ان جو قتل ڪري ئي ڇڏيندو هو ۽ ماڻهو ان شخص کي قتل ٿيڻ کان پهريائين مئل تصور ڪندا هئا. جڏهن عمر بن خطاب پيغمبر اسلام ﷺ جن کي قتل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته اهو 614ع ۽ هجرت کان اٺ سال پهريون جو هڪ ڏينهن هيو. ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻيا مسلمان ان گهر ۾ موجود هئا، جيڪو صفا جي پهاڙيءَ تي ٺهيل هيو. پيغمبر اسلام ﷺ جن کي قتل ڪرڻ جي ارادي سان عمربن خطاب پهريون پنهنجي گهر ويو ۽ تلوار کڻي صفا پهاڙيءَ ڏانهن روانو ٿيو.
    رستي ۾ نعيم رضي الله بن عبدالله، جيڪو پهريون ايمان آڻي چڪو هو پر قريش وارن کي اها خبر نه هئي، تنهن عمر کي جڏهن تڪڙو تڪڙو ويندي ڏٺائين ته ان کانئس پڇا ڪئي ته: ”اي عمر ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين؟“ عمر پنهنجي عادت مطابق وڏي آواز ۾ جواب ڏنو ته: ”نعيم! جڏهن کان مون هوش سنڀاليو آهي، مون کي ياد نٿو پوي ته ڪنهن اسان جي خدائن جي ايتري قدر بيعزتي ڪئي هجي جيتري حضرت محمد ﷺ ڪري ٿو ۽ اسان جو وڏي ۾ وڏو دشمن به ان انداز ۾ اسان جي بيعزتيءَ جي جرائت نه ڪندو آهي. حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي نئين دين جي ڪري پوري مڪي وارن جو سڪون برباد ڪري ڇڏيو آهي ۽ هو اسان جي ابن ڏاڏن جي نظريي جي توهين ڪري رهيو آهي، هو اسان جي بزرگن کي چوي ٿو ته پنهنجي خدائن جي پوڄا ڇڏي ڏيو، اسين اڄ تائين صبر ۽ تحمل سان گذاريوسين، اهو به ان جي ڪري ته حضرت محمد ﷺ قريش جو هڪ فرد آهي، پر هاڻي صبر ڪرڻ جو وقت گذري چڪو، مان ان کي ختم ڪرڻ لاءِ وڃان ٿو ۽ مڪي وارن کي جيئن اهڙين فتنه خيز ڳالهين کان هميشه لاءِ نجات ڏياريان.“
    ايتري چوڻ کان پوءِ عمر تڪڙو تڪڙو ڪوه صفا جي طرف روانو ٿيو. نعيم رضي الله بن عبدالله اهو ڄاڻي پيو ته عمر هڪ ساده دل شريف انسان آهي، پر ارادي جو مضبوط آهي ۽ هن جو ڪيل فيصلو تبديل نه ٿيندو آهي. پر جيڪڏهن ان سان اهڙي ڳالهه ڪئي وڃي جيڪا حقيقت ۽ عقل انصاف جي مطابق هجي ته اهڙيءَ صورت ۾ ارادو بدلائي سگهي ٿو، ڇو جو هو هڪ سچو ۽ شريف دل انسان هو ۽ ضد يا هٺ ڌرمي نه ڪندو هو. ان خيال مطابق نعيم رضي الله عمر جي پٺيان ڀڄندي کيس سڏيندي چيو ته، ”اي عمر! ترس مونکي توسان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
    عمر بيهي رهيو ۽ جڏهن نعيم رضي الله ان وٽ پهتو ته نعيم رضي الله ڏٺو ته عمر جو قد ايترو وڏو آهي جو هن جو مٿو عمر جي سيني تائين پهچي پيو، عمر جي اها عادت هئي ته هو تلوار مياڻ کان ٻاهر نه ڪڍندو هو پر جنگ جي دوران ۽ ڪنهن ٻي موقعي تي جيڪڏهن ڪنهن کي سزا ڏيڻ چاهيندو هو ته ڦٽڪا استعمال ڪندو هو. پر ان ڏينهن پنهنجي عادت جي خلاف تلوار هٿ ۾ کنيائين جيئن پنهنجي مضبوط ارادي مطابق پيغمبر اسلام جن کي قتل ڪري سگهي.
    جڏهن عمر بيٺو تڏهن نعيم رضي الله چيس ته، ”اي عمر! تون حضرت محمد ﷺ جن جي دين کان بيزار آهين ۽ چوين ٿو ته ان جي دين مڪي وارن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي، پر ان کان اڳ جيڪڏهن مڪي شهر جي فڪر ڪرين، ته ڇا اهو بهتر نه هوندو تون پنهنجي گهر ۾ ڏس ۽ ان جي باري ۾ فڪر ڪر.“
    حضرت عمر حيران ٿي کائنس پڇا ڪئي ته، ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“ حضرت نعيم رضي الله جواب ڏنو ته تنهنجا ٻه قريبي خوني رشتيدار مسلمان ٿي چڪا آهن، ۽ تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا، انهن مان هڪ تنهنجي ڀيڻ فاطمه ۽ ٻيو ان جو مڙس سعيد بن زيد آهي. ان کان اڳ ته تون مڪي وارن جي زندگي کي سڌارڻ جي سوچين، بهتر اهو آهي ته پهريون پنهنجي گهر جو فڪر ڪر.
    عمر بن خطاب جيئن ته سمجهدار ماڻهو هيو، ان ڪري ان انهن ڳالهين ٻڌڻ کان پوءِ سندس ڳالهه مڃي ورتي ۽ چيائين ته: ”اي نعيم رضي الله ! تون صحيح چوين ٿو، ان کان اڳ جو مان اسلام جي مڪي مان پاڙ پٽيان، ان کان بهتر آهي ته مان ان کي پنهنجي گهر ۾ وڌڻ کان روڪيان.“ ان کان پوءِ عمر جيڪو ڪوهه صفا ڏي وڃي رهيو هو، واپس پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.
    جڏهن عمر پنهنجي گهر ۾ داخل ٿيو ته ڏٺائين ته ان جي ڀيڻ فاطمه ۽ سندس مڙس سعيد رضي الله بن زيد ۽ هڪ ٻيو شخص جنهن جو نالو خباب رضي الله هو ۽ مسلمان ٿي چڪو هو، قرآني آيتن جي تلاوت ۾ رُڌل آهن. عمر جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي ڀيڻ کي ڦٽڪن سان مارڻ شروع ڪيائين، ايترا ته ڦٽڪا هنيائينس جو سندس جسم مان رت وهڻ شروع ٿي ويو. پنهنجي ڀيڻ کي سختيءَ سان حڪم ڪيائين ته حضرت محمد ﷺ جن جي دين کي ڇڏي ڏي، پر سندس ڀيڻ فاطمه جواب ڏنو ته: ”تون جيڪڏهن منهنجي جسم تي ايترا ڪوڙا لڳائين جو منهنجو موت ٿي وڃي ته به مان حضرت محمد ﷺ جن جو دين نه ڇڏيندس. پر جيڪڏهن تون به قرآن جي تلاوت ڪرين ته اهو سمجهي ويندين ته هي دين سچو ۽ برحق دين آهي.“ هتي ٻه روايتون اچن ٿيون:
    هڪ هيءَ ته عمر بن خطاب سعيد رضي الله بن زيد جي هٿن مان قرآن وٺي پڙهڻ شروع ڪيو، ٻي روايت آهي ته عمر پنهنجي ڀيڻ جي مڙس کي چيو ته هو قرآن کي پڙهي ته خبر پوي ته قرآن ۾ ڪهڙو اثر آهي، جو ان جي ڀيڻ چوي ٿي ته جيڪڏهن تون به قرآن پڙهندين ته تون به سمجهين ويندين ته حضرت محمد ﷺ جو دين برحق ۽ سچو آهي.
    بهرحال جڏهن حضرت عمررضي الله جيڪي قرآن جو آيتون پڙهيون يا ٻڌيون ته ايترو متاثر ٿيو جو پنهنجي ڀيڻ جي پيشاني چمي معافي ورتائين ۽ چوڻ لڳو ته مان فوراً مسلمان ٿيڻ چاهيان ٿو. ان ئي خيال سان ٽئي شخص عمر سان ساڻ ٿي ڪوه صفا ڏانهن روانا ٿيا، جتي پيغمبر اسلام ﷺ جن ٻين مسلمانن سان گڏ موجود هئا. مسلمانن پهاڙيءَ جي چوٽيءَ تان جڏهن عمر کي ان حالت ۾ ايندو ڏٺو ته انهن سمجهو ته عمر رضي الله پاڻ ﷺ جن کي قتل جي ارادي سان اچي پيو، پر عمر انهن کي دلجاءِ ڏيندي چيو ته مان اسلام جي فرمانبرداري قبول ڪرڻ آيو آهيان ۽ اهڙي ريت حضرت عمر رضي الله مسلمانن جي صف ۾ شامل ٿيڻ وارو چاليهون شخص هو.
    حضرت عمر رضي الله جي اسلام قبول ڪرڻ سان مسلمانن کي طاقت حاصل ٿي ۽ سچ به اهو آهي ته حضرت عمر رضي الله جي مسلمان ٿيڻ جو واقعو تاريخ اسلام جي شروعاتي دور جو انتهائي اهم لکڻ جهڙو واقعو تصور ڪيو ويندو آهي.
    حضرت عمر رضي الله بن خطاب پراڻي دور جي مشهور شخصيتن مان هڪ هو. هن کان اڳ به بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت عمر رضي الله وڏو قدآور، قول جو پڪو ۽ سچو انسان هو، پر ان جو آواز به ايترو زوردار هوندو هو جو جڏهن بانگ ڏيندو هو ته ان جو آواز هزار قدمن جي فاصلي تي به صاف ٻڌڻ ۾ ايندو هو. حضرت عمر رضي الله ٻين عربن جي ٿيندڙ براين ۾ هرگز دلچسپي نه وٺندو هو ۽ هڪ خانداني عرب وانگر کائڻ پيئڻ ۾ ڪفايت شعاري ڪندو هو.
    اهو قدآور جوان کائڻ وقت صرف چار پنج گرهه ڪافي سمجهندو هو ۽ ان کان زياده نه کائيندو هو. جڏهن حضرت عمر رضي الله خلافت جي لاءِ مقرر ٿيا ته اڪثر وقت اهڙو به گذرندو هو جو پندرهن ڏينهن تائين مسلسل رات ڏينهن ڪم ۾ مشغول رهندو هو، پر ڪڏهن به ٿڪاوٽ جي شڪايت نه ڪيائون، ڪڏهن به ڪنهن مجرم جي سزا کان منهن نه موڙيو ۽ نه وري ان جي سزا ۾ ڪنهن رعايت جو قائل هو. پر ايئن ڪڏهن ڪين ٿيو جو ڪنهن بيگناه کي سزا ڏنائون.
    حضرت عمر رضي الله مسلمانن جو ڏهه سال خليفو رهيو ۽ ان پنهنجي دور خلاف دوران دنيا جي عظيم ۽ طاقتور حڪومتن کي دين اسلام لاءِ فتح ڪيو. اهي حڪومتون ايران، مصر ۽ شام جون هيون. زندگيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين دنيا جي وڏي حصي تي سندن حڪم هلندو هو، پر پاڻ کجيءَ جي ڦرهن مان ٺهيل تڏي تي هيٺ ويهندا هئا ۽ سندن کاڌو صرف پنج گرهه تائين محدود هوندو هو.
    بهرحال صفا جي پهاڙيءَ تي پيغمبر اسلام جن وٽ پهچڻ شرط ايمان آندائون ۽ پاڻ سڳورنﷺ ۽ ٻين مسلمانن کي چيائون ته خانه ڪعبه جي طرف هلو ۽ اهڙي طرح پهريون دفعو مسلمان ڄڻ ته هڪ جلوس جي صورت ۾ مڪي جي گهٽين ۽ بازارن مان گذرندا خانه ڪعبه تائين پهتا ۽ اتي نماز ادا ڪيائون.
    ابوجهل، ابوسفيان، ابولهب ۽ ان دور جا ٻيا قريش جا ماڻهو ان وقت خانه ڪعبه جي ٻاهران موجود هئا، پر انهن کي خانه ڪعبه ۾ اندر اچڻ جي همت نه ٿي سگهي. جڏهن نماز ادا ٿي وئي ۽ مسلمان خانه ڪعبه کان ٻاهر نڪري آيا تڏهن حضرت عمر رضي الله قريش جي بزرگن سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ کان پوءِ جيڪڏهن توهان مان ڪنهن به ماڻهوءَ کي حضرت محمد ﷺ ۽ دين اسلام تي ڪوبه اعتراض هجي ته اهو مون وٽ اچي، ڇو جو اڄ کان وٺي مان به مسلمان ٿي چڪو آهيان.
    قريش جا بزرگ حضرت عمر رضي الله کان ايترو ته خوفزده هئا جو حضرت عمر رضي الله کي ان وقت جواب ڏيڻ جي همت نه ڪري سگهيا ۽ حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻيا مسلمان خانه ڪعبه کان نڪرڻ کان پوءِ ڪنهن خوف خطري کان سواءِ پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا. ان ڏينهن حضرت عمر رضي الله بن خطاب حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي گهر تائين پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا ۽ مڪي وارن مان ڪنهن کي به همت نه ٿي سگهي ته پهريون وانگر پاڻ سڳورنﷺ جن سان ڪو بدڪلامي ڪري يا ڪو مٿن پٿر اڇلائي.
    قريش جي بزرگن جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت عمر رضي الله ، حضرت محمد ﷺ جن جي حمايت جو فيصلو ڪري ورتو آهي ته انهن کي حـضرت حمزه رضي الله جي حمايت کان زياده حضرت عمر رضي الله جي حمايت مان خطرو محسوس ٿيڻ لڳو. حضرت حمزه رضي الله جيتوڻيڪ هڪ مشهور پهلوان هيو ۽ دلير شخص هو پر قريش وارن حضرت حمزه رضي الله کان زياده حضرت عمر رضي الله جي شخصيت کان ڊپ محسوس ڪيو ڇو جو پورو مڪو ان جي بهادريءَ ۽ هڪ پهاڙ وانگر مضبوط ارادي کان بخوبي واقف هو ۽ مڪي ۾ اهو مشهور هو ته حضرت عمر رضي الله کان ابليس به ڊڄندو آهي.
    پر اسلام جا دشمن به انتهائي سخت جان ۽ پنهنجي ضد تي قائم رهيا ۽ هو پنهنجي عقيدن ۽ ابن ڏاڏن جي دين ۾ تمام گهڻو تعصب جو شڪار هئا، سو اهي هيءَ ڳالهه برداشت نه پيا ڪري سگهن ته حضرت محمد ﷺ انهن جي دين کي جيڪو کين ابن ڏاڏن کان ورثي ۾ مليل آهي بلڪل ختم ڪري ڇڏي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن جي دين کي هميشه لاءِ غلط قرار ڏئي.
    ان تعصب ۽ ساڙ سبب اهي هڪ دفعو وري پاڻ ۾ مشوري ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا ۽ مشوري کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا ته حضرت محمد ﷺ جن جي چاچي ابوطالب وٽ لنگهي وڃجي ۽ ان کي چيو وڃي ته پنهنجي ڀائيٽي کي پنهنجي خاندان مان نيڪالي ڏي. جيئن قريش وارا پاڻ ﷺ جن کي آسانيءَ سان قتل ڪري سگهن. جيستائين حضرت محمد ﷺ جن جو تعلق هاشمي خاندان سان رهندو تيستائين قريش وارا پاڻ ﷺ کي قتل نه ڪري سگهندا، پر جيڪڏهن حضرت ابوطالب حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي خاندان مان نيڪاليءَ لاءِ رضامند ٿي وڃن ها ته پاڻ ﷺ جن جو خون معاف ٿي وڃي ها، يعني قتل ڪرڻ ۾ ڪائي رڪاوٽ نه رهي ها.
    حضرت محمد ﷺ جن جيستائين قريش قبيلي سان واسطيداريءَ ۾ رهندا تيستائين کين قتل ڪرڻ واري کي خون بها ادا ڪرڻو پوندو يا انتقام لاءِ تيار رهڻو پوندو، پر حضرت ابوطالب حضرت محمد ﷺ جن کي جيڪڏهن قبيله بدر جي منظور ڏي ها ته ان وقت جي آئيني قانون جي مطابق خون بها ڏيڻ کان سواءِ ۽ انتقامي ڪارروائيءَ کانسواءِ ئي حضرت محمد ﷺ جن کي قتل ڪري سگهن پيا.
    اهڙي قانون تحت ڪجهه ماڻهن کي قريش وارن، خاندان بنوهاشم جي سربراهه حضرت ابوطالب وٽ موڪليو ته انهن سان ڳالهين ۾ اچي ته جيئن اها تجويز پيش ڪئي وڃي ته حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي قبيلي کان جلاوطن ڪري ۽ بدلي ۾ هڪ يا ٻن قبيلن جي شخصن کي پنهنجي خاندان ۾ شامل ڪري.
    هتي پڙهڻ وارا شايد تعجب ڪن ته ڪهڙي سبب قريش جا ماڻهو حضرت ابوطالب کان ائين چاهن پيا ته حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي قبيلي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ۽ ان جي بدلي ۾ ٻه ٻيا ٻين قبيلن جا ماڻهو خاندان ۾ شامل ڪري.
    ان ڳالهه جي وضاحت هن ريت آهي ته اسلام کان اول جزيره عرب ۾ انساني قتل جي مقرر سزا لاءِ ڪوبه تصور موجود نه هيو، جڏهن به ڪو ڪنهن کي قتل ڪري وجهندو هو ته ان کي پشيماني جو احساس نه ٿيندو هو ۽ نه وري ٻيا ماڻهو ئي قاتل کي ڪنهن سزا جو مستحق سمجهندا هئا يعني قتل ڪرڻ جو ڪو ڏوهه تصور نه ڪيو ويندو هو.
    اسلام کان بعد قتل جي لاءِ قاتل کي سزا جو تصور وجود ۾ آيو. نه ته ان کان اڳ جيڪڏهن ريگستاني عرب ڪنهن جا ڏهه قتل به ڪري وجهندو هو ته به ان کي نه گناهه جو احساس ٿيندو هو نه وري ڪو ان کي سزا جو مستحق سمجهندو هو. جزيره عرب جي قبيلن ۾ انسان جي حيثيت هڪ عام شيءِ وانگر سمجهي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن انسان جو قتل ٿي پوندو هو ته ان جي خون جي قيمت ادا ڪرڻ کان پوءِ ان قاتل کي ڪنهن به ڳالهه جو احساس نه ٿيندو هو ۽ نه وري ڪا ذميواري يا ڪو خطرو محسوس ڪندو هو. ڪنهن وقت ائين به ٿيندو هو جو خون جي قيمت ادا نه ڪرڻ بجاءِ قاتل جي قبيلي جو هڪ شخص مقتول جي خاندان جي حوالي ڪيو ويندو هو ته جيئن برابري برقرار رهي.
    ڇو جو ريگستاني عرب هر قبيلي جي ماڻهن کي هڪ قدرتي سرمايو تصور ڪندا هئا. ان ڪري سندن خيال هوندو هو ته هڪ شخص جي قتل ٿيڻ سان جيڪا قبيلي ۾ گهٽتائي محسوس ٿئي ته اها ٻئي شخص جي حاصل ڪرڻ سان پوري ڪئي وڃي. اهڙي طرح انساني توازن برقرار رهندو ۽ مقتول جو قبيلو به نقصان يا ڪمي محسوس نه ڪندو.
    اهڙن ئي خيالن جي تحت قريش جا چند ماڻهو حضرت ابوطالب کي وڃي اها تجويز پيش ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو پنهنجي ڀائيٽي کي قبيلي مان نيڪالي ڏي ته ان جي بدلي ۾ ٻيو ڪو ماڻهو وٺي ته ان کي ڪو نقصان محسوس نه ٿيندو پر اسين ان جي باوجود هڪ ماڻهوءَ جي بجاءِ ٻه ماڻهو ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ته جيئن بنوهاشم فائدي ۾ رهي.


    عتبه بن ربيعه

    عتبه بن ربيعه

    قريش طرفان موڪليل نمائندا حضرت ابوطالب وٽ پهتا ۽ انهن پنهنجا سڀ خيال ۽ تجويزون وٽس پيش ڪيون. حضرت ابوطالب چيو ته مان ڪنهن به صورت ۾ مسلمان نه ٿيندس ۽ مان پنهنجي وڏن جي دين تي پابند رهندي موت کي لبيڪ چوندس. پر مان پنهنجي ڀائيٽي کي به قبيلي مان نيڪالي نٿو ڏئي سگهان ته توهان ان کي قتل ڪري ڇڏيو، پر اوهان سان هي واعدو ضرور ڪريان ٿو ته حضرت محمد ﷺ جن سان ان باري ۾ ضرور ڳالهائيندس. شايد مان کيس نئين دين کي ڇڏڻ تي راضي ڪري سگهان. توهان ٻئي ڏينهن مون وٽ اچجو ته مان پنهنجي ڀائيٽي جي خيالن کان توهان کي آگاهه ڪندس.
    حضرت ابوطالب انهيءَ ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي گهر گهرايو ۽ کين چيائين ته قريش وارن مون سان مطالبو ڪيو آهي ته توهان کي پنهنجي قبيلي مان نيڪالي ڏيان. مان انهن کي چيو آهي ته مان حضرت محمد ﷺ جو دين بلڪل قبول نه ڪندس. پر جيئن هو منهنجو ڀائٽيو آهي ته مان ان کي قبيلي مان خارج به نٿو ڪري سگهان، پوءِ به مان هن سان ضرور ڳالهائيندس ته شايد مان ان کي منع ڪري سگهان.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇا ڪئي ته، ”پيارا چاچا اوهان مون کي ڪهڙي ڳالهه کان منع ڪرڻ چاهيو ٿا؟“
    حضرت ابوطالب جواب ڏنو ته مان انهن سان واعدو ڪيو آهي ته توهان سان ان باري ۾ ڳالهايان ته جيئن اوهان نئين دين جي تبليغ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ ٻيهر اهڙي قسم جون ڳالهيون زبان تي نه آڻيو.
    پيغمبر اسلام جن فيصله ڪن انداز ۾ فرمايو ته، ”اي چاچا سائين! مون جنهن ڏينهن کان وٺي پنهنجي رسالت جو آغاز ڪيو تنهن ڏينهن کان وٺي سواءِ الله جي ٻيو ڪنهن تي به ڀروسو نه ڪيو هو ۽ اڄ به الله جي ذات کان سواءِ ڪنهن تي به آسرو نٿو رکان. جيڪڏهن اوهان مون کي قبيلي کان نيڪالي ڏيڻ چاهيو ٿا ته اوهان ائين ڪري سگهون ٿا.“
    پر حضرت ابوطالب پنهنجي ڀائيٽي کي قبيلي کان نيڪالي نه ڏني ڇو ته ان عمل کي هو پنهنجي ذاتي عزت سمجهي پيو ان ڪري قريش وارن کي ورندي ڏنائين ته مان پنهنجي ڀائيٽي کي قبيلي کان ڪڍي نٿو سگهان پر جيستائين مان زنده آهيان هي نئون دين قبول نه ڪندس.
    قريش وارن جڏهن ڏٺو ته ابوطالب ۽ سندس ڀائيٽي جي پاڻ ۾ ڳالهين جو نتيجو معنيٰ خيز نه نڪتو ته انهن حضرت محمد ﷺ جن سان روبرو ملڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان مقصد تحت هڪ اهڙي شخص کي پاڻ سڳورنﷺ ڏانهن موڪليو جيڪو قريش ۾ بردباري ۽ باادب شخصيت جو مالڪ ۽ معاشري ۾ سڀن کان برتر انسان هو. ان شخص پاڻ سڳورن سان ڪجهه هن انداز ۾ گفتگو ڪئي:
    ”اي محمد (ﷺ) اسين جڏهن کان اوهان کي سڃاڻون ٿا، امين ۽ صادق مڃيو آهي. سڀ ئي اوهان جي اعليٰ اخلاقن جي تعريف ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي جو اوهان جي طرفان ڪنهن کي تڪليف پهتي هجي. پر اڄ اوهان جي ڳالهين ۽ ڪمن هن شهر جي حالت ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪوبه سڪون ۾ نه رهيو آهي. اوهان سرعام شهر جي رهواسين جي پراڻن مذهبي عقيدن کي غلط قرار ڏئي رهيا آهيو ۽ اسان جي معزز بتن جي توهين ڪري رهيا آهيو ۽ ائين چئي رهيا آهيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جو دين ڪوڙو آهي. جيتوڻيڪ اوهان به اسان منجهان آهيو ۽ اوهان جو تعلق به اسان جي ابن ڏاڏن سان ئي آهي. پوءِ ڇو ٿا اوهان اسان جي بزرگن جي توهين ڪريو؟“
    ”اي محمد ﷺ مان اوهان کي درخواست ٿو ڪريان ته جيڪو ڪجهه اوهان جي دل ۾ آهي مون کي ٻڌايو ته جيئن اسان اوهان جو اصلي مقصد سمجهي سگهون. جيڪڏهن اوهان کي دولت گهرجي ته مان اوهان سان واعدو ٿو ڪريان ته اوهان جي قدمن ۾ ايتري ته دولت آڻي رکنداسين جو اوهان هر شيءِ کان بي نياز ٿي ويندا. جيڪڏهن اوهان کي عورت گهرجي ته يقين سمجهو ته اوهان جنهن به حسين و جميل عورت کي پسند ڪريو قريش وارا اوهان کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن. جيڪڏهن پنهنجو مرتبو چاهيو ٿا ته مڪي جي حڪومت منهنجي هٿ ۾ هجي ته اها به اوهان جي آرزو پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پر شرط هي آهي ته اوهان پنهنجي هيءَ روش تبديل ڪريو ۽ اسان جي عقيدن کي غلط قرار نه ڏيو ۽ ائين به نه چئو ته اسان جا هي خدا بيڪار پٿر آهن ڇو ته اسان اهڙي قسم جي توهين برداشت نٿا ڪري سگهون؛ ۽ اي محمد ﷺ هيءَ به اوهان کي خبر هجي ته اوهان جو هڪ هڪ لفظ ڪنهن زهر ۾ ٻڏل تير وانگر اسان جي سيني ۾ کُپي ٿو ۽ اسان جي قوت برداشت ختم ٿي وڃي ٿي.“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن وڏي اطمينان ۽ بردباريءَ سان قريش جي نمائندي جون ڳالهيون ٻڌيون ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون پوريون ٿيون ته حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته:
    ”مان جيڪو ڪجهه چوان ٿو، پنهنجي طرفان نٿو چوان پر سڀ ڪجهه الله تعاليٰ جي طرفان چوندو آهيان ۽ اهي جملا الله تعاليٰ جي طرفان نازل ٿيندا آهن ۽ اهي عربي زبان ۾ آهن، جن کي اوهان چڱيءَ طرح سمجهي سگهو ٿا ۽ ان تي عمل به ڪري سگهو ٿا. ۽ جڏهن مان ائين چوان ٿو ته اوهان جو هي ابن ڏاڏن وارو دين ڪوڙو آهي ۽ اوهان مشرڪ آهيو ته دراصل اهو الله جو ڪلام زبان تي آڻيان ٿو. مون کي جيڪا الله جي طرفان رسالت ملي آهي، مان ان کي منزل تي پڄائي ئي دم ڏيندس. هي اوهان جي لالچ يا اهي تحفا منهنجي رسالت کي روڪي نٿا سگهن ۽ مان توهان کي ائين به چوان ٿو ته ”سڌو رستو اختيار ڪريو شرڪ ڪرڻ ڇڏي ڏيو ۽ الله جي دين جي پناهه ۾ اچي وڃو، اهو الله جو ئي فرمان آهي.“
    فرمان الاهي: ”اي محمد ﷺ انهن کي (مشرڪن کي) چئه ته مان به اوهان وانگر انسان آهيان پر ان فرق سان ته مون تي خدا جي وحي نازل ٿيندي آهي جيئن توهان کي ٻڌايان ته اوهان جو الله هڪ آهي، ان طرف منهن ڪريو ۽ پنهنجن گناهن کان توبه ڪيو ۽ اهو سمجهو ته مشرڪن کي جهنم جي ”ويل“ نالي کوهه ۾ اڇلايو ويندو.“ (سورة السجده جي ستين آيت)
    قريش جي نمائندي جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کان جواب ٻڌو سو وڃي قريش وارن سان مليو ۽ انهن کي چيائين ته وڌيڪ ڪجهه به نه ٿي سگهندو، اوهان کي حضرت محمد ﷺ جن سان جيڪو سلوڪ ڪرڻو آهي وڃي ڪريو. ان نمائندي جو نالو هو ”عتبه“.
    وضاحت: اسلامي مؤرخين ائين به لکيو آهي ته جڏهن ”عتبه بن ربيعه“ قريش وارن سان مليو ته انهن کي چيائين ته، ”قسم رب جو مان اڄ تائين اهڙو ڪلام نه ٻڌو آهي.“ اهو ڪلام نه جادو ٿي سگهي ٿو نه نجومين جي نجوميت ۽ اڄ جيڪو مون ڪلام ٻڌو آهي ان جو اثر جلد ظاهر ٿيڻ وارو آهي. ان ڪري منهنجو مشورو مڃيو ته، ”حضرت محمد ﷺ جي راهه ۾ ديوار نه بڻجو ۽ هن کي ان حال تي ڇڏي ڏيو.“ پر قريش وارن ائين چئي عتبه بن ربيعه رضي الله جي ڳالهه ميٽي ڇڏي ته تنهنجي مٿان حضرت محمد ﷺ جادو ڪري ڇڏيو آهي.


    پهريون دفعو جڏهن مسلمان هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا

    پهريون دفعو جڏهن مسلمان هجرت ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا

    اسلامي تاريخدانن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهروارين بابت ضرور لکيو آهي پر گهڻن ائين نه لکيو آهي ته حضرت خديجه جي زندگيءَ ۾ ٻي شادي نه ڪيائون. ۽ پورا پنجويهه سال حضرت خديجه سان وفاداريءَ سان نڀائيندا رهيا. جنهن ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه سان شادي ڪئي ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي ۽ پاڻ ڦوهه جواني تي پهتل هئا. جڏهن حضرت خديجه هن دنيا مان رحلت فرمائي ته پيغمبر اسلام جن جي زندگي مبارڪ جا پنجاهه سال گذري چڪا هئا. جيستائين حضرت خديجه زنده هئي، تيستائين پاڻ سڳورنﷺ ٻي شاديءَ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو.
    حضرت خديجه سندن گهرواري هئڻ کان علاوه پاڻ سڳورنﷺ کي سندس ڪمن ڪارن ۾ صلاح ڪار جي حيثيت ۾ به ڪم ايندي هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي ڪمن ڪارين ۾ ساڻس صلاح مشوره ڪندا هئا. حضرت خديجه جي نظر ۾ جيڪا سٺي ۾ سٺي راءِ هوندي هئي سا پاڻ سڳورنﷺ کي پيش ڪندي هئي ۽ حضرت محمد ﷺ جن اڪثر سندن راءِ سان اتفاق ڪندا هئا.
    حضرت خديجه اها پهرئين هستي آهي، جنهن حضرت محمد ﷺ جن تي ايمان آندو. جيتوڻيڪ پاڻ هڪ تاجر هئي ۽ عام طرح تاجر طبقي کي پنهنجي ڪاروبار کان علاوه ٻي ڪنهن شيءِ جو فڪر نه هوندو آهي. پر جنهن ڏينهن اهو ٻڌائين ته حضرت محمد ﷺ جن الله جي طرفان پيغمبري لاءِ مقرر ڪيا ويا آهن ته پاڻ انهيءَ ئي ڏينهن کان ايمان آندو ۽ ان کان پوءِ پنهنجي ساري دولت ڪجهه اهڙيءَ طرح اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏيائين جو جڏهن هن دنيا مان رخصت ڪيائين ته ان وقت بلڪل غريب حال ٿي چڪي هئي.
    اسلام جي شروعاتي دور ۾ ٻه هستيون اهڙيون گذري چڪيون آهن جن اسلام جي راهه ۾ مالي لحاظ کان وڏيون قربانيون ڏنيون، انهن مان هڪ حضرت خديجه ۽ ٻي هستي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هئي، اسلام کان اڳ ٻئي شخصيتون مڪي جي نون (9) امير ترين خاندانن ۾ شمار ٿينديون هيون. پر جڏهن اهي ٻئي هستيون هن دنيا کان رخصت ٿيون ته بلڪل غريبي حال هيون ڇو جو انهن ٻنهي پنهنجي سار ي مڏي ملڪيت ۽ دولت دين اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي هئي.
    حضرت خديجه اسلام جي راهه ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون. هن اسلام جي ابتدا ئي دور ۾ اسلام قبول ڪري پيغمبر ﷺ اسلام جن جي حمايت ڪئي. هتي هڪ اهم واقعو بيان ڪجي ٿو جيڪي ٻئي ملڪ ”حبشه“ جو آهي.....
    جڏهن حضرت عمر رضي الله بن خطاب مسلمان ٿيو ته ان نه صرف پنهنجي خاندان کي اسلام جي دعوت ڏني پر پنهنجي ساري قبيلي ”بني عدي“ جي سڀني ماڻهن کي اسلام جي دعوت ڏئي اسلام ۾ داخل ڪرايو. قريش وارا مسلمانن جي طاقت ۽ تعداد ۾ اضافو ڏسي وڌيڪ پريشان ٿي ويا ۽ اها انهن کي خبر هئي ته حضرت حمزه رضي الله ۽ حضرت عمر رضي الله پيغمبر اسلام جي وڌ ۾ وڌ حمايت ڪري ٿو ۽ جنهن ڪري قريش وارا کين ڪا تڪليف رسائي نه ٿا سگهن، ان ڳالهه جي فڪر ۾ انهن هي فيصلو ڪيو ته هن نئين طريقي سان مسلمانن کي اسلام کان هٽايو وڃي (جيڪو قرآن مجيد ۾ فتنو قرار ڏنو ويو آهي.)
    جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي حضرت محمد ﷺ جن وانگر بااستقامت نه هئا ۽ اهي ان وقت جي مختلف مسئلن ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏئي نه پيا سگهن ڇاڪاڻ ته قريش وارا به جئين پوءِ تيئن انهن جي خلاف هر قدم تي نئين چال هلائي رهيا هئا.
    مڪي جي سرزمين تي جتي ماڻهن جي روزگار جو ذريعو تجارت ۽ سوداگري هو، اتي قريش وارن اهڙيون پابنديون لڳائي ڇڏيون هيون جو ڪوبه شخص مسلمانن سان تجارت ۽ ڏيتي ليتي نه پيو ڪري سگهي. انهن پابندين سبب مسلمانن کي نقصان پهچي رهيو هو. اهڙي حالت ۾ ڪجهه نون مسلمان لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ به هڪ امتحان هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن کي شدت سان اهو احساس ٿيو ته جيڪڏهن جلد ازجلد ڪوئي طريقي ڪار نه جوڙيو ويو ته ٿي سگهي ٿو ته قريش وارن جو وڌيڪ دٻاءُ پوڻ سان اڃان ٻيا ماڻهو به اسلام جي معاملي ۾ امتحان ۾ اچي وڃن.
    ان تحت پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ اهڙو فيصلو ڪيو جو ان وقت تائين ڪنهن پيغمبر پنهنجن پيروي ڪندڙن لاءِ اهڙو فيصلو نه ڪيو هو. حضرت محمد ﷺ جن اهو عزم ڪيو ته پاڻ مڪي ۾ رهن ۽ ديانتداري ۽ استقامت سان رهن پوءِ ڀلي کين قتل ڪيو وڃي پر مسلمانن کي هڪ ٻئي ملڪ ”حبشه“ ڏانهن روانو ڪيو وڃي. حبش ۾ هڪ اهڙي بادشاه جي حڪمراني هئي جو اتي ڪنهن به مذهب جي پيروي ڪندڙ کي ايذايو نه ويندو هو. يعني مذهب جي مڪمل آزادي هئي، پر شرط اهو هيو ته ڪوبه ٻئي جي مذهب ۾ مداخلت نه ڪندو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي چيو ته اوهان سڀ مڪو ڇڏي حبش ملڪ ڏانهن هليا وڃو ۽ ايتري تائين اتي وڃي رهو جيتري تائين مڪي جو ماحول سازگار نه ٿئي. حبش ملڪ ڏانهن روانگي وقت پيغمبر اسلام جن مسلمانن کي اهو به مشورو ڏنو ته اهڙي طريقي سان مڪي مان نڪرڻو آهي جو قريش کي ان ڳالهه جو علم نه ٿي سگهي ۽ ائين به فرمايائون ته جيڪڏهن اوهان گڏجي هتان نڪرندا ۽ قريش وارن کي اها خبر پئجي وئي ته پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اوهان جو رستو روڪيو وڃي پر جيڪڏهن اوهان ٿورا ٿورا ٿي مڪي کان نڪري ويندؤ ته قريش وارن کي اهو پتو نه پوندو ته مسلمان هجرت جو ارادو رکن ٿا.
    جن ماڻهن پهريون دفعو مڪي کان حبشه هجرت ڪئي انهن جو تفصيل هن ريت آهي:
    (1) جعفر رضي الله بن ابي طالب ۽ سندس گهرواري ”اسماء“ جيڪي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي بحره قلزم مان گذري حبش پهتا، اسماء رضي الله کي ان طرح ”بحريه“ جو لقب حاصل ٿيو. حضرت ابوطالب جا ٻه پٽ هئا. هڪ حضرت علي رضي الله جنهن جي پرورش پاڻ حضرت محمد ﷺ جن ڪئي ۽ ٻيو جعفر رضي الله جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ جي چاچي عباس رضي الله پنهنجي فرزنديءَ ۾ وٺي پرورش ڪئي هئي.
    (2) عثمان رضي الله بن عفان حضرت محمد ﷺ جن جو نياڻو ۽ حضرت رقيه  جو مڙس هو، حضرت رقيه پاڻ سڳورنﷺ جي نياڻي هئي جيڪا اڳ ۾ ابولهب جي پٽ کي ڏنل هئي، طلاق ٿيڻ بعد حضرت عثمان جي نڪاح ۾ آئي.
    (3) زبير رضي الله بن العوام، عبدالله بن مسعود، عبدالرحمان بن عوف، ابو حذيفه رضي الله، سهيل بن عمر، عامر بن ربي رضي الله ۽ ان جي گهرواري ليليٰ بنت حيشه، حاطب رضي الله بن عمر، سهيل رضي الله بن بيضا، مصعب بن عمير رضي الله، ابوسلمه ۽ ان جي گهرواري امه سلمه بنت اميه، عثمان بن مظعون رضي الله.
    اهي سڀ ماڻهو خفيه طور مڪي کان نڪري سمنڊ جي ڪناري پهتا ۽ اتان ٻيڙيءَ جي ذريعي ملڪ حبشه روانا ٿي ويا. هي مسلمانن جو پهريون قافلو هو جيڪو حبشه ڏانهن روانو ٿي ويو، ان کان پوءِ ٻيا مسلمان به اهڙي خفيه طور نڪري حبشه پهتا.
    ملڪ حبش ۾ مسلمانن جي نمائندگيءَ جو عهدو جعفر بن حضرت ابي طالب رضي الله سنڀاليو، جڏهن به حبشه جي بادشاهه سان گفتگو ڪرڻ جي ضرورت ٿيندي هئي ته جعفر رضي الله نمائندي جي حيثيت سان مسلمانن طرفان بادشاهه سان ڳالهه ٻولهه ڪندو هو.
    جڏهن مسلمان حبشه جي دارالخلافه پهتا ته جعفر رضي الله جي گهرواريءَ ”اسماء رضي الله“ حبش پهچڻ واري پهرئين ئي ڏينهن هڪ ٻار ڄڻيو، اتفاق سان ان ئي ڏينهن حبشه جي ملڪه به هڪ ٻار ”پٽ“ کي جنم ڏنو. اسماء رضي الله رضاڪارانه طورتي بادشاهه جي پٽ کي کير پيارڻ جي تجويز پيش ڪئي جيڪا بادشاهه ۽ ملڪه منظور ڪئي. ان طرح عربن جي رواج مطابق جعفر رضي الله بن ابي طالب جو پٽ ۽ حبشه بادشاهه جو پٽ پاڻ ۾ رضاعي ڀائر بڻجي ويا.
    هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن جي پهرئين ٽولي بعد ٻيا مسلمان به ٿورا ٿورا ٿي حبش پهتا، اهڙي ريت تقريباًهڪ سو نوَ مسلمان حبش ۾ جمع ٿي ويا، اهي سڀ ماڻهو ٻيڙي ذريعي حبش پهتا.
    آخرڪار قريش وارن کي اها خبر پئي ته مسلمان حبش ڏانهن نڪري ويا آهن، ان ڪري انهن عمر بن العاص ۽ عمارة بن وليد نالي ٻن ماڻهن کي اها ذميواري کڻائي حبشه روانو ڪيو ته حبشه جي بادشاهه کي چون ته هو مسلمانن کي اسان جي حوالي ڪري جيئن انهن کي مڪي واپس آندو وڃي، جڏهن هي ٻئي قريش جا نمائندا نجاشيءَ جي دربار ۾ حاضر ٿيا ۽ انهن بادشاهه کي چيو ته،
    ”اي بادشاهه سلامت! جن ماڻهن کي تو پناهه ڏني آهي، انهن جو شمار ”مفسدين“ يعني فساد ڪندڙن ۾ ٿئي ٿو. ڇو جو انهن پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ اهي اسان جي وڏن تي تنقيد ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته انهن جو دين ڪوڙو آهي ۽ چون ٿا ته اوهان جا وڏا بزرگ باطل جي پيروي ڪندا هئا. بادشاهه! جيڪي ماڻهو اڄ تنهنجي پناهه ۾ آهن، اهي سڀاڻي تنهنجي رعيت جي دين کي به بدلائي ڇڏيندا. ان ڪري تنهنجي بهتري ان ۾ آهي ته انهن کي اسان جي حوالي ڪري ته اسين انهن کي مڪي واپس وٺي وڃون ۽ انهن کي پنهنجي خاندان وارن جي حوالي ڪريون ڇو ته انهن جي گهر وارن اسان کان اهڙو مطالبو ڪيو آهي.“
    حبشه جي بادشاهه حڪم ڏنو ته مسلمانن کي دربار ۾ حاضر ڪيو وڃي. جڏهن مسلمان درٻار ۾ حاضر ٿيا ته نجاشي کين چيو ته: ”هي ٻه شخص مڪي کان آيا آهن ۽ چون ٿا ته توهان ڏوهي ۽ خطادار آهيو ان ڪري توهان کي مڪي واپس ڪرڻ جي گهر ڪن ٿا، انهن شخصن جو چوڻ آهي ته توهان جي خاندان وارا توهان جي واپسي جا منتظر آهن، توهان ان صفائي ۾ ڇا چوڻ چاهيو ٿا.“
    جعفر رضي الله بن ابي طالب اڳتي وڌيو ۽ وضاحت ڪندي چيائين ته: ”اي بادشاهه! انهن ٻنهي کان پڇا ڪئي وڃي ته ڇا اسان مڪي يا جزيره عرب جي ڪنهن ٻئي حصي مان ڪنهن جي ڪا چوري ڪئي يا ڌاڙو هڻي آيا آهيون. يا ڪنهن جو قتل ڪري آيا آهيون يا ڪنهن قانون جي خلاف ورزي اسان جي سر مٿان آئي آهي؟“
    شاهه حبشه قريش جي نمائندن کان سوال ڪيو، انهن جواب ڏنو ته هنن ڪابه چوري يا قتل نه ڪيو آهي.
    تنهن کان پوءِ جعفر رضي الله بن ابي طالب پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته، ”اي شاهه حبش! اسين گذريل دور ۾ بت پرست هئاسين ۽ اسان جي ساري زندگي خونريزي ۾ گذرندي هئي. اسان هر قسم جي برائيءَ ۾ شرم محسوس نه ڪندا هئاسين. ڪمزورن ۽ غريبن تي ظلم ۽ ستم جاري رکڻ اسان جي عادت بڻجي چڪي هئي. اسين انڌيري ۾ ڀٽڪندا رهياسين ۽ ائين اسان جي وچ ۾ هڪ پيغمبر حضرت محمد ﷺ پيدا ٿيو جنهن اسان کي هدايت جي راهه ڏيکاري ۽ اسان کي ٻڌايو ته بت پرستي ڇڏي ڏيو. اسان جي پيغمبر ﷺ اسان کي الله وحده لاشرڪ لھ جي عبادت ڪرڻ جو رستو ٻڌايو ۽ اسان کي اهو سبق ڏنائين ته اسان پٿرن مان ٺهيل بُتن جي پوڄا نه ڪريون برن ڪمن کان توبھ ڪريون ۽ مسڪينن تي ظلم ۽ ستم بلڪل نه ڪريون.
    اسان سڀني ان تي ايمان آندو، مگر اي بادشاهه! هي ماڻهو جيڪي اسان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ آيا آهن، سي دراصل بت پرست آهن ۽ پٿرن يا ڪاٺيءَ جي ٺهيل مورتين جي پوڄا ڪندا آهن. معاشري جي ڪمزور ماڻهن تي ظلم ڪندا آهن ۽ جڏهن کان حضرت محمد ﷺ جن پيغمبري لاءِ مقرر ٿيا آهن ته هي ۽ انهن جي قبيلي جا ٻيا ماڻهو جيڪي قريش جي نالي سان مشهور آهن اسان جي پيغمبر کي ايذائيندا رهن ٿا ۽ پٿر هڻن ٿا ۽ بدڪلامي ڪرڻ کان به نٿا مُڙن.“
    حبشه جي بادشاهه ٻنهي طرفن جا خيال ٻڌي حڪم ڏنو ته عمرو بن العاص ۽ عمارة بن وليد جا آندل تحفا کين واپس ڪيا وڃن ۽ هن قريش جي نمائندن کي مخاطب ٿي چيو ته: ”جيڪي ماڻهو منهنجي ملڪ ۾ پناهه وٺڻ لاءِ آيا آهن اهي منهنجي تمام ويجها آهن ڇو جو اهي به مون وانگر هڪ خدا جي عبادت ڪن ٿا ۽ مان توهان کي ان ڳالهه جي اجازت نه ڏيندس ته انهن کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃو ۽ انهن کي ايذاءَ ۽ تڪليفون رسايو.
    جڏهن قريش جا ٻئي سفير واپس هليا ويا ته نجاشي بادشاهه جعفر رضي الله بن ابي طالب کي چيو ته مون کي پيغمبر اسلام ﷺ جي باري ۾ ڪجهه وڌيڪ حال احوال ٻڌاءِ. جعفر رضي الله حبشه جي بادشاهه ۽ سندس دربار ۾ موجود ٻين ماڻهن جي سامهون قرآن جي اڻويهين سورة جنهن ۾ حضرت مريم ۽ حضرت عيسيٰ  جو ذڪر ٿيل آهي تلاوت ڪري ٻڌائي. نجاشي جيڪو خود هڪ مسيحي هو، جڏهن اهي آيتون ٻڌائين ته بي اختيار روئي پيو ۽ ان جا درباري به روئڻ لڳا، نجاشي چيو ته، ”توهان جو پيغمبر ﷺ هڪ عظيم انسان آهي ۽ يقيناً سچو آهي. توهان جيستائين چاهيو منهنجي ملڪ ۾ آزاديءَ سان رهي سگهو ٿا، توهان کي ڪوبه منهنجي ملڪ مان نٿو ڪڍي سگهي.“
    جيڪي مسلمان مڪي کان حبش پهتا سي سڀ اتي خوش گذارڻ لڳا کين قريش وارن جي طرفان ڪوبه خطرو ڪونه هو پر انهن کي حبش ۾ هڪ ٻئي مسئلي سان منهن ڏيڻو پيو جو انهن مسلمانن مان ٻه ماڻهو ملڪ حبش ۾ اتي جي گرجا گهرن جي عظمت، شان ۽ شوڪت ڏسي ايترا متاثر ٿيا جو اسلام ڇڏي مسيحيت اختيار ڪيائون.
    انهن ٻنهي مان هڪ عبيدالله بن جحش هيو جيڪو اُمه حبيبه سان گڏجي حبش پهتو هو ۽ اُمه حبيبه ابوسفيان جهڙي مشهور شخص جي ڌيءَ هئي، عبيدالله اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ ”حنيفن“ ۾ شمار ٿيندو هو، يعني هن پنهنجي زندگي حق ۽ حقيقت کي ڄاڻڻ جي ڪوشش ۾ لڳائي ڇڏي هئي. جڏهن اسلام قبول ڪيائين ته هو حقيقت کي حاصل ڪرڻ جي خيال سان مسلمان ٿي ويو پر حبشه پهچي اسلام کان ڦري ويو.
    ٻيو مسلمان جنهن مسيحت قبول ڪئي، ان جو نالو ”سڪران بن عمرو“ هيو، هن شخص به پنهنجي گهرواريءَ ”سوده  “ سان گڏ حبشه هجرت ڪئي هئي سوده جڏهن اهو ڏٺو ته هن جو مڙس اسلام کان ڦري ويو آهي ته هوءَ حبشه کان مڪي واپس هلي آئي، حضرت خديجه جي وفات کان پوءِ سوده پيغمبر اسلام جن جي گهر ۾ داخل ٿي وئي.
    بهرحال جڏهن قريش وارن اهو ڏٺو ته مسلمان هنن جي هٿن مان نڪري ويا ۽ حبش ۾ وڃي رهيا آهن ته انهن انتقامي ڪاررواين تحت مڪي ۾ رهڻ وارن مسلمانن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو، مسلمانن جي دشمنن جو اڳواڻ ابوجهل هو، هن هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ هڪ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ شروع ڪري ڏني.
    جيڪڏهن ڪنهن مسلمان جو تعلق مڪي جي معزز گهراڻي سان هيو ته ابوجهل ان کي ملامت طور ٽوڪ بازيءَ جي انداز ۾ چوندو هو ته توکي شرم نٿو اچي جو تون پنهنجن ابن ڏاڏن جي دين کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ پنهنجن بزرگن جي دين کي باطل سمجهين ٿو، آخر تون هن سرزمين تي ڪيئن ٿو ساهه کڻين جتي تنهنجا بزرگ گذاري ويا ۽ جيڪي لات، منات ۽ عزيٰ تي پڪو ويساهه رکندي هن دنيا مان رخصت ٿيا.
    ”لات، منات ۽ عزيٰ“ خانه ڪعبه ۾ رکيل ٽن وڏن بتن جا نالا هئا. جن کي مڪي وارا وڏي احترام جي نظر سان ڏسندا هئا.
    جيڪڏهن مسلمان ٿيڻ وارو ڪوبه شخص، تاجر يا سوداگر هوندو هو ته ابوجهل ان وٽ وڃي ان کي ڪمزور ۽ مايوس ڪرڻ خاطر چوندو هو ته اڄ کان بعد هن شهر ۾ توکان ڪوبه شخص ڪائي شيءِ خريد نه ڪندو ۽ نه وري ڪا شيءِ ڪو توکي وڪڻي ڏيندو ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجا قرضي آهن اهي به توکي قرض نه ڏيندا.
    جيستائين ڪو انسان پاڻ تاجر نه هجي تيستائين ان لاءِ اهو سمجهڻ مشڪل آهي ته اهڙي طرح جي ڌمڪي تاجر تي ڪيترو اثر ڪندي آهي. تجارت ڪرڻ وارا سمورا مسلمان ته حضرت محمد ﷺ جن وانگر پُختي ايمان ۽ پڪي عزم جا مالڪ نه هئا. اهي پاڻ کي سختين ۽ مشڪلاتن سان منهن ڏيڻ لاءِ مضبوط ٿي نه بيٺا هئا ۽ سندن ايمان ۾ ڦيرڦار اچي سگهي پئي. اهڙي طرح ٻيا سوداگر به جيڪي اسلام سان لاڙو رکن پيا ابوجهل جي ڌمڪي سان اهي به پريشاني جو شڪار ٿي رهيا هئا.
    جن نون مسلمان جو تعلق عام يا غلام طبقي سان هوندو هو ۽ جن وٽ پنهنجي بچاءُ لاءِ ڪجهه نه هوندو هو، انهن تي ابوجهل ايترا ته ڦٽڪا وسائيندو هو جو اهي ماڻهو بيهوش ٿي ويندا هئا.
    ابوجهل جي پيدا ڪيل ان صورتحال مڪي وارن جي دلين ۾ خوف ۽ دهشت پکيڙي ڇڏي هئي ۽ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيڻ چاهن پيا اهي قريش وارن کان ڊڄي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملڻ کان ئي لنوائڻ لڳا. مڪي جي تاجرن ۾ صرف هڪ شخص اهڙو هو جيڪو پنهنجي هستي فنا ٿيڻ جي خوف کان سواءِ سرعام حضرت محمد ﷺ ۽ سندس دين اسلام جي حمايت ڪندو هو، اها شخصيت هئي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله .
    قريش وارن اڄ جي اصطلاح جي بقول انهن جا سڀ کاتا بند ڪري ڇڏيا ۽ ڪوبه انهن سان ڏيتي ليتي نه ڪندو هو ۽ جيڪو سندن قرضي هيو ان قرض ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. پر اهڙين سخت پابندين جي باوجود به حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پيغمبر اسلام جن سان وفاداري ۾ ڪائي ڪمي اچڻ نه ڏني ۽ ان باوفا انسان ڪنهن رياءَ يا ڏيکاءَ کان سواءِ پنهنجو سڀ ڪجهه اسلام لاءِ وقف ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو جن ماڻهن مڪي کان حبش هجرت ڪئي ته انهن جي سفر جو سمورو خرچ به حضرت ابوبڪر صديق رضي الله برداشت ڪيو.
    اسلام جي شروعاتي دور ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله هڪ واحد اسلام خزاني دار هو. ٻين خزانن کي ته مختلف ذريعن سان آمدني ٿيندي هئي پر اسلامي خزاني کي ڪابه آمدني نه هئي ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اسلام جي ترقي ۽ تحفظ لاءِ سارو خرچو پنهنجي کيسي مان ادا ڪندو هو ۽ اهڙيءَ قربانيءَ جي صِلي ۾ کيس هڪ دينار جي حاصل ٿيڻ جي به اميد نه هئي.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٻين مسلمانن وانگر حبشه ڏانهن هجرت نه ڪئي ڇو جو هو پيغمبر اسلام جن کي اڪيلو ڇڏڻ نه پيو چاهي. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جنهن ڏينهن کان مسلمان ٿيو ان کان پوءِ هڪ گهڙي لاءِ به هن پيغمبر جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ هميشه کليءَ طرح حمايت ۽ طرفداري ڪندو رهيو، پر اهڙو وقت به آيو جو حضرت محمد ﷺ جن کي اهو احساس ٿيڻ لڳو ته جيڪڏهن ابوبڪر رضي الله مڪي ۾ رهيو ته قتل ٿي سگهي ٿو. ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن ان کي چيو ته مڪو ڇڏي وڃ. حضرت ابوبڪر رضي الله انتهائي غمگين ۽ لاچاريءَ جي عالم ۾ پيغمبر اسلام جن کان جدا ٿيو ۽ جزيره عرب جي ڏکڻ ۾ هڪ اهڙي علائقي ڏانهن روانو ٿيو جنهن کي اڄ ملڪ يمن چيو وڃي ٿو.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله قريش وارن جي لاعلميءَ ۾ مڪي کان نڪري ويو ۽ جزيره عرب جي ڏکڻ طرف قدم وڌائڻ شروع ڪيائين. رستي ۾ هڪ اهڙي علائقي ۾ پهتو جتي هڪ تمام وڏو قبيلو رهندو هو ۽ انهن جي سربراهه جو نالو ”رفاعي“ هو.
    ”رفاعي“ جڏهن اهو ٻڌو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله چوري لِڪي مڪي مان نڪتو آهي ته ان کي وڏي حيرت ٿي ڇو جو هو کيس سڃاڻندو هو ته حضرت ابوبڪر رضي الله مڪي جو مشهور معروف تاجر آهي. ان ڳالهه جي ڪري کيس تعجب منجهان پڇا ڪيائين ته، ”اي ابوبڪر! ڇا تون پنهنجي شهر کان ڀڄي نڪتو آهين.“
    حضرت ابوبڪر رضي الله جواب ڏنو ته، ”دراصل ڳالهه هي آهي ته مون نئون دين قبول ڪيو آهي، ان ڪري قريش وارا مون کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا. مان پنهنجي جان بچائڻ خاطر مڪي کان ٻاهر نڪري آيو آهيان. رفاعي چيو ”اي ابوبڪر، مان توکي ساڻ وٺي هلان ٿو ۽ قريش وارن کي چوان ٿو ته مان تنهنجي پاڙيسري جي حيثيت ساٿ ڏيان ٿو، ان ڪري اهي ماڻهو توکي نقصان پهچائي نه سگهندا.
    رفاعي پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ هو حضرت ابوبڪر رضي الله کي ساڻ ڪري مڪي وٺي آيو ۽ قريش وارن کي چيائين ته هي ماڻهو منهنجي پناهه هيٺ آهي مان پاڙيسري جي حق مطابق فائدو وٺي رهيو آهيان ان ڪري ڪوبه جيڪڏهن هن کي ايذاءُ رسائيندو ته ان جو واسطو مون سان هوندو.
    ”حق جوار“ يا پناهه ڏيڻ جو حق ريگستاني عربن جي هڪ پراڻي رسم هئي. ان مطابق جيڪڏهن ڪو به قبيلو ڪنهن شخص جي حمايت ڪرڻ چاهيندو هو ته ائين چوندو هو ته فلاڻو شخص منهنجي پناهه ۾ آهي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو پناهه وٺندڙ ماڻهوءَ کي ايذائيندو هو يا قتل ڪرڻ جي سوچيندو هو ته ان کي پناهه ڏيندڙ ”حق جوار“ قبيلي سان منهن ڏيڻو پوندو هو.
    رفاعي جو قبيلو هڪ وڏو طاقتور قبيلو هو، ان قبيلي جا سڀ ماڻهو بهادر ۽ جنگي پهلوان هئا، اهو قبيلو مڪي کان گهڻو پري به هو. ان ڪري قريش وارن اهو سوچي ورتو ته قبيلي رفاعي جي دشمني سر تي نه کنئي وڃي، حضرت ابوبڪر رضي الله کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيو.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جڏهن مڪي وارن جي شرارتن کان پاڻ کي محفوظ سمجهيو ته ان پنهنجي گهر ۾ هڪ ننڍي مسجد ٺاهي ۽ روزانو رات جو وڏي آواز ۽ خوش بيانيءَ سان قرآن جي تلاوت ڪرڻ شروع ڪري ڏني. جيتري قدر علم تاريخ جو تعلق آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اهو پهريون شخص آهي جنهن وڏي آواز ۾ خوش بيانيءَ سان قرآن جي تلاوت ڪئي آهي. ان کان اڳ ٻيا مسلمان قرآن ضرور پڙهندا هئا پر وڏي آواز سان نه ڇو جو انهن کي اسلام جي دشمنن جو ڊپ هو پر حضرت ابوبڪر رضي الله رفاعي جي حمايت سان قرآن جي تلاوت جاري رکي. سندس آواز به تمام گهڻو دل کي وڻندڙ هو ۽ رات جو وڏي آواز سان تلاوت ڪندو رهندو هو.
    اهي سڀئي شخصيتون جن کي عربي زبان تي عبور حاصل آهي، انهن کي اها خبر آهي ته قرآن شعر نه آهي. پر ان جو چند آيتون اهڙي انداز سان آهن، خاص طور تي قرآن جون مختصر آيتون جيڪي مڪي ۾ نازل ٿيون.
    جيئن ته، سورة اخلاص، سورة احد، سورة ”العلق“، سورة تبت، سورة کافرون، سورة کوثر، قريش الفيل، العصر، تکاثر، القارعه، زلزله، والتين، الم نشرح، والضحيٰ واليل، والشمس، والبلد، الفجر، غاشيه، الطارق، البروج وغيره. اهي سڀئي سورتون مڪي ۾ نازل ٿيون ۽ بحر سان آهن ۽ ڪن سورتن ۾ وزن کان علاوه قافيو به موجود آهي.
    جيئن ته مڪي ۾ نازل ٿيل سورتون قافيه دار هيون، ان ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله به انهن کي اهڙي دل نشين انداز سان تلاوت ڪندو هو جو جيڪو به ان جي گهر وٽان گذر ڪندو هو پوءِ ڇو نه اهو اسلام جو دشمن هجي اتي بيهي رهندو هو ۽ ۽ ڪَن لڳائي قرآن جي تلاوت ٻڌندو هو.
    عربن ۾ هيءَ به هڪ خصوصيت هئي ته ڪنهن خوبصورت آواز ۽ دل کي وڻندڙ شعر کي ٻڌڻ کان نه لنوائيندا هئا. ڀل دشمن جو آواز هجي.
    هڪ يورپي دانشور لکي ٿو ته فطرت ريگستاني عرب کي چئن شين سان نوازيو ويو آهي. هڪ اُٺ، ٻيو تنبو، ٽيون تلوار، چوٿون شعر. خوبصورت شعر کي ريگستاني عرب زندگي جي ضرورتن وانگر اهميت ڏيندو آهي ۽ اهو خوبصرت شعر سندس دل کي موهي وجهي ٿو.
    هڪ اهڙو ترانو جيڪو ريگستاني عربن ايجاد ڪيو، جيڪو ”حدي“ جي نالي سان مشهور آهي. اٺن تي سواري ڪندڙن هي ترانو ايجاد ڪيو ۽ انهن ان تراني جي بيهڪ کي اٺن جي قدمن کڻڻ جي انداز ۾ ٺاهي پيش ڪيو.
    شروعات ۾ بيابان ۾ رهندڙ عرب صرف ان لاءِ اهڙا شعر ڳائيندا هئا ته سفر ۾ ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿئي پر هن ”حدي“ تراني کي سُر سان ڳائڻ ۾ قطار ۾ قافلي کي به مسرت حاصل ٿيندي هئي. اُٺ به اهڙي ئي انداز ۾ قدم کڻندا آهن ڄڻ ترانو حدي ڳايو وڃي ٿو.
    اڄ به چوڏهن سو سالن اڳ وانگر اها رسم جزيره عرب جي اٺن تي سفر ڪرڻ وارن وٽ موجود آهي ۽ اهوئي ”حدي“ ترانو ڳائيندا رهن ٿا
    بهرحال جيئن ئي رات جي اونداهي ٿيندي ويندي هئي ۽ مڪي جو شهر خاموش ٿيندو ويندو هو ۽ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن واپس ورندا هئا، حضرت ابوبڪر رضي الله پنهنجي دل کي ڇهندڙ آواز ۾ قرآن جي تلاوت شروع ڪر ي ڏيندو هو.
    هڪ عرب مؤرخ ابن هشام لکي ٿو ته جيڪو به ماڻهو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي گهر کان گذرندو هو ته اتي بيهي ڪن ڏيئي قرآن جي آيتن جي تلاوت ٻڌندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته ماڻهو ايترا جمع ٿي ويندا هئا جو آمدروفت بيهجي ويندي هئي.
    قريش وارن جڏهن اها حالت ڏٺي ته مختلف تحفن سان رفاعي سربراهه ڏانهن پيغام موڪليو ته، ”جيئن تو ابوبڪر رضي الله کي پنهنجي حمايت سان رکيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان کي ايترو ته چئو ته وڏي آواز سان قرآن نه پڙهي ڇو جو ماڻهو ان جي آواز ٻڌڻ تي ان جي گهر جي آس پاس ڪٺا ٿي وڃن ٿا ۽ ماڻهن جي هڪ جاءِ جمع ٿيڻ سان مڪي جي امن امان ۾ خلل پيدا ٿي سگهي ٿو.
    رفاعي قريش وارن جا تحفا وصول ڪري حضرت ابوبڪر رضي الله ڏانهن پيغام موڪليو ته هو وڏي آواز سان قرآن نه پڙهي، جيڪڏهن ائين نه ڪيائين ته ان کان ”حق جوار“ واري رعايت واپس ڪئي ويندي يعني ان کان پوءِ رفاعي قبيلي جي حمايت کان محروم ٿي ويندين.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله رفاعي قبيلي جي سربراهه ڏانهن اهو جواب موڪليو ته مان دين کان منهن موڙي نٿو سگهان ۽ نه وري وڏي آواز سان تلاوت ڪرڻ جي لطف کان محروم ٿيڻ چاهيان ٿو ڇو جو منهنجي جانِ انهن آيتن سان تعلق رکي ٿي جن کي آءٌ وڏي آواز سان پڙهندو آهيان. جيڪڏهن تون چاهين ته پنهنجي حمايت مون تان واپس ڪري سگهين ٿو ۽ ان کان بعد مان پنهنجي جان پيغمبر اسلام ﷺ وانگر خدا جي حوالي ڪري ڇڏيندس.


    شعب ابي طالب ۾

    شعب ابي طالب ۾

    ورقه بن نوفل جنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي چيو هيو ته ”ڪاش! مان ان وقت تائين جيئرو هجان جو توهان جي مدد ڪري سگهان، جڏهن قبيلي وارا تنهنجا دشمن ٿي پون ۽ توکي جلاوطني تي مجبور ڪن.“
    ورقه بن نوفل اها ڳالهه سن 610ع ۾ چئي هئي، ۽ ان ڳالهه جي حقيقت 616ع ۾ ظاهر ٿي، ان وقت ورقه بن نوفل زنده نه هيو جو پنهنجي چئي تي عمل ڪري سگهي ها.
    دراصل اڄ تائين سمورن ماڻهن سان اهڙو ئي سلوڪ ٿيندو رهيو آهي جيڪي انسانيت ۽ معاشري جي اصلاح ۽ ترقي جي لاءِ ڪو ئي پروگرام پيش ڪندا آهن. ايئن ئي ٿيندو آيو آهي جو يا ته انهن کي جلاوطن ڪيو ويندو آهي، يا قيد ۾ رکيو ويندو آهي، يا قتل ڪيو ويندو آهي يا وري زنده باهه ۾ ساڙيو ويندو آهي. ڇو جو جيڪو ماڻهو پنهنجي معاشري کي سڌارڻ ۽ ان ۾ بهتر تبديلين آڻڻ لاءِ ڪا نئين تجويز پيش ڪندو آهي ته اهو نه صرف سؤ پر هزار سال پراڻين رسمن کي ميٽي ڇڏيندو آهي ۽ عام زندگي جي فائدن کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيندو آهي. جن ماڻهن جو گذر سفر انهن پراڻين رسمن ۽ بيهوده عقيدن تي هوندو آهي، ان وقت اهڙا ماڻهو پنهنجي بقا خطري ۾ محسوس ڪندا آهن. پوءِ اهي ضد ۽ مخالفت لاءِ هٿ ڌوئي ڪڍ پوندا آهن ۽ پنهنجي پوري قوت سان ڪوشش ڪندا آهن ته اصلاحي تبديلين آڻڻ واري شخص کي ڪٿان به ڪاميابي حاصل ٿي نه سگهي.
    قريش وارن به جڏهن اهو ڏٺو ته حبشه جو بادشاهه مڪي کان هجرت ڪري آيل مسلمانن کي واپس ڪرڻ تي آماده نٿو ٿئي۽ ٻئي طرف پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏينهون ڏينهن مقبوليت وڌندي وڃي پئي ته انهن وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته حضرت محمد ﷺ ۽ ان جي پيروي ڪندڙن کي مڪي کان شهر بدر ڪري هتان اسلام جون پاڙون ئي پٽي ختم ڪجن. ان منصوبي تحت انهن خانه ڪعبه جي ديوار تي هڪ ”صحيفه“ يعني پيغام لٽڪائي ڇڏيو، جنهن تي لکيل هيو ته حضرت محمد ﷺ ۽ ان جي مڃڻ وارن سان مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ۽ اڄ کان بعد انهن ماڻهن کي مڪي ۾ رهڻ جو ڪوبه حق نٿو پڄي.
    ”صحيفه“ دراصل اهڙي لکت آهي، جنهن کي اسين فرمان، حڪم يا اعلان چوندا آهيون. هن صحيفي ۾ ڪجهه اهڙي قسم جا حڪم لکيل هئا:
    (1) مڪي جي ڪنهن به شهريءَ کي اها اجازت نه آهي ته هو ڪنهن مسلمان (مرد يا عورت) سان ڳالهائي.
    (2) مڪي جي ڪنهن به شخص کي اهو حق حاصل نه آهي ته ڪنهن مسلمان جي بدن کي هٿ لڳائي، جيڪڏهن ائين ڪيائين ته اهو هٿ پليد سمجهيو ويندو.
    (3) مڪي وارن کي اهو حق نٿو پهچي ته اهي ڪنهن مسلمان کي ڪا شيءِ وڪڻن يا مسلمان کان شيءِ خريد ڪن.
    (4) مڪي جي رهڻ وارا نه مسلمانن کان سڱ وٺن ۽ نه ئي ڪو انهن کي سڱ ڏئي.
    (5) جيڪڏهن ڪو مڪي ۾ رهڻ وارو ڪنهن مسلمان جو قرضي آهي ته ان کي قرض ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏي.
    (6) اهي حڪم ان وقت تائين لاڳو رهندا، جيستائين حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي دين کان توبه نه ڪري يا بنوهاشم ان جي حمايت ڪرڻ کان هٿ کڻي وڃي.
    616ع ۾ حضرت محمد ﷺ ۽ ٻين تمام مسلمانن کي مڪي مان ڪڍيو ويو پر اهڙي موقعي تي به بنوهاشم حضرت محمد ﷺ جن جي حمايت نه ڇڏي ۽ اهي به ٻين مسلمانن سان گڏ مڪي کان ٻاهر نڪري ويا. جيتوڻيڪ انهن مان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي چاچي سميت ڪيترائي ماڻهو مسلمان نه ٿيا. حضرت ابوطالب جي غيرت ۽ پنهنجي ڀائٽي سان سندس محبت اهو برداشت نه ڪيو ته هو پنهنجي ڀائيٽي کي لاوارث ڇڏي ڏي. جيتوڻيڪ هن خود دين اسلام کي قبول نه ڪيو. حضرت محمد ﷺ جن جي قبيلي جي ماڻهن مان صرف ابي لهب هڪ اهڙو شخص هو. جنهن پنهنجي قبيلي جو ساٿ نه ڏنو، جڏهن ته باقي سڀئي ماڻهو ”عصيبه“ (يعني قبائلي تعصب ۽ خانداني وفاداري جي) تحت حضرت محمد ﷺ جن سان گڏجي مڪي کان ٻاهر هليا آيا ۽ شعب نالي پهاڙن جي ”ماٿري“ ۾ جيڪا حضرت ابوطالب جي ملڪيت هئي اتي اچي رهيا.
    ”شعب“ جو مطلب ته پهاڙن ۾ قدرتي طرح جڳهه هجي، جتي ماڻهو آرام سان گهمي ڦري ۽ رهائش ڪري سگهي.
    قريش جي ڏهن قبيلن مان هر قبيلو مڪي جي ويجهڙائي ۾ پهاڙن ۾ پنهنجي خاطر هڪ خاص طرح جي ”شعب“ جو مالڪ هئو. جڏهن به ڪوئي ٻاهريون اجنبي شخص قريش جي ڪنهن قبيلي کان پناهه گهرندو هو ته اهو قبيلو ان کي پناهه ضرور ڏيندو هو، پر ان کي رهائڻ جو بندوبست پنهنجي خاص شعب يا گهاٽيءَ ۾ ڪندو هو. ريگستاني عربن ۾ اها رسم نه هئي ته ڪنهن پناهه وٺندڙ شخص کي پنهنجي قبيلي جو فرد تصور ڪن. ان ڪري ڪوبه اجنبي سندن گهرڀاتي بڻجي نه پيو سگهي. انهيءَ ڪري ان پناهه وٺندڙ کي قبيلي سان گڏ رهڻ جو حق حاصل نه هو.
    ريگستاني رهڻي ڪهڻي جي مطابق هڪ قبيلي جا تنبو ڪجهه اهڙي طريقي سان لڳل هوندا هئا جو جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مٿاهين جڳهه تان قبيلي جي رهائشي علائقي تي نظر وجهندو هو ته هو پهرئينءَ ئي نظر سان اهو سمجهي ويندو هو ته قبيلي جي سردار ۽ ان جي خاندان جا تنبو ڪهڙا آهن. ڇو جو قبيلي جي سردار جو تنبو هميشه وچ ۾ هوندو هو ۽ ان جي سڄي ۽ کٻي پاسي سندس پٽن جا تنبو هوندا هئا ۽ انهن کان پوئتي سردار جي ڀائرن، نياڻن ۽ نياڻين جا تنبو لڳل هوندا هئا. جيڪڏهن ڪو رشتي جي لحاظ کان قبيلي جي سردار کان پري هوندو هو ته ان جو تنبو به اهڙي ريت پري لڳل هوندو هو.
    بهرحال شعب ابي طالب هڪ اهڙي پناهه گاهه هئي، جتي اجنبي ماڻهن يا ڪنهن مصيبت زده شخص کي پناهه ڏيڻ جي ڪم اچي سگهي پئي، پر اتي ابوطالب جي رهڻ لاءِ ۽ قبيلي جي ٻين ماڻهن کي زندگي گذارڻ لاءِ ڪو بندوبست نه هيو. شعب ابي طالب هڪ ننڍي پناهه گاهه هئي، جتي ايترن ماڻهن جي رهڻ جي گنجائش ڪانه هئي ۽ نه وري ڪا ڀرپاسي ۾ ڪا ٻي اهڙي جڳهه نظر ۾ هئي جو جتي رهائش ڪئي وڃي، چئني طرفن کان پهاڙ يا واريءَ جا دڙا هئا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زماني ۾ مڪي جي ايراضي ۽ ان جي چوگرد ڦهليل پهاڙن تي هڪ وڻ ته ڇا پر سڪو گاهه به نظر نه ايندو هو، سواءِ صرف وڏن وڏن پٿرن جي، جيڪي ڏينهن جي وقت سج جي تپش سان ائين تپي ويندا هئا ڄڻ ساري ڪائنات هڪ وڏي تنور ۾ بدلجي چڪي آهي. هن علائقي ۾ سڄو سال ڪو پکي به اڏامندي نظر نه ايندو هو. ڇو ته پکي به اتي ئي رهندا آهن جتي ساوڪ يا وڻڪار هجي. هينئر جڏهن کان مڪي ۾ پاڻيءَ جي فراهمي جو انتظام بهتر ٿي چڪو آهي شهر جي مختلف حصن تي سرسبز وڻ ٽن ۽ باغيچه نظر اچن ٿا. اڄ به جيڪڏهن مڪي کان ٻاهر وڃبو ته پهاڙن ۽ واريءَ جي دڙن کان سواءِ ڪجهه نظر نه ايندو جهڙيءَ طرح حضرت محمد ﷺ جن جي زماني ۾ موجود هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻيا مسلمان شعب ابي طالب ۾ پهتا، پر جيئن انهن جي مڪي کان روانگي تمام تڪڙ ۾ ٿي هئي، ان ڪري اهي مناسب انداز ۾ کاڌي پيتي ۽ ٻيو ضرورت جو سامان کڻي نه آيا هئا. پر جيڪڏهن کاڌي پيتي جو سامان وڌيڪ کڻي به اچن ها ته به آخر کين ضرورت درپيش ته اچي ٿئي ها. پر وڌيڪ کڻي هلڻ يا خريد ڪرڻ تي به قريش وارن جي پابندي لڳل هئي. ان تحت ڪوبه ماڻهو مسلمانن سان ڪنهن قسم جي ڏيتي ليتي نه پيو ڪري سگهي جنهن ڪري مسلمان مڪي مان ڪجهه خريد به نه پيا ڪري سگهن. شعب ابي طالب به اهڙي جڳهه تي هئي جو اتان ڪو قافلو به گذر نه پيو ڪري جو انهن کان کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪيو وڃي.
    مسلمانن پنهنجي پيغمبر ﷺ جن سان گڏ شعب ابي طالب ۾ تمام دردناڪ حالت ۾ مشڪلاتن ۽ مصيبتن سان منهن ڏنو پر هڪ شيءِ جيڪا ان ڳالهه جو سبب بڻي ته انهن مان ڪو به بک سبب فوت نه ٿيو ڇو جو سال ۾ چار مهينا ”ماهه حرام“ جي موقعي تي مسلمان شهر اچي کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪري ويندا هئا، ايتري قدر جو قربانيءَ جو کلون به ساڻ کڻي ايندا هئا ته ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ کلن کي اوٻاري پيٽ گذر ڪيو وڃي.
    انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن مسلمان شعب ابي طالب ۾ جلاوطنيءَ جي زندگي گذاري ڪري رهيا هئا ته هڪ ڏينهن حضرت خديجه جو ڀائيٽيو پنهنجي پُڦيءَ جي خاطر ڪجهه ضرورت جون شيون کڻي مڪي کان ٻاهر نڪتو. ڇو جو حضرت خديجه به پيغمبر ﷺ اسلام جن سان شعب ابي طالب ۾ ساڻ هئي. قريش جيڪي ان ڳالهه جي نگراني ڪري رهيا هئا ته مڪي مان ڪو ماڻهو مسلمانن کي ڪنهن قسم جو سامان ته نٿو پهچائي، جڏهن حضرت خديجه جو ڀائيٽو مڪي کان ٻاهر نڪتو ته ان کي قريش وارن ڏسي ورتو ۽ ان کي پڪڙي سڄو سامان ضبط ڪري ڇڏيائون ۽ کيس ايترو ته ماريو ويو جو هو ويچارو ٽي ڏينهن مسلسل موت ۽ زندگيءَ جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيو.
    شعب ابي طالب ۾ مسلمانن ٽي سال بک ۽ لاچاري جي حالت ۾ گذاريو، ان دوران مڪي وارن مان ڪجهه ماڻهن پنهنجي سردارن ۽ بزرگن کي اها پيشڪش ڪئي ته اسان کي اجازت ڏيو ته حضرت محمد ﷺ ۽ مسلمانن کي واپس مڪي وٺي اچئون پر قريش جي سردارن کين جواب ڏنو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ پنهنجي دين تان هٿ کڻي ته ڀلي واپس اچي سگهي ٿو، اسان کي ڪو اعتراض نه آهي، پر جيڪڏهن ائين نٿو ڪري سگهي ته اتي ئي پنهنجي موت جو انتظار ڪري، اسان کيس مڪي ۾ قدم رکڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جيڪڏهن ڪمزور ايمان وارا انسان هجن ها ته اهڙين دردناڪ تڪليفن کان گهٻرائي يا عارضي طور ڏيکاءَ خاطر پنهنجي دين جي تبليغ بند ڪري ڇڏن ها. جيستائين قريش وارن جو غصو هلڪو ٿئي ها پوءِ نئين سر وري دين جي تبليغ شروع ڪن ها. پر پاڻ مضبوط ارادي ۽ پڪي عزم جا مالڪ هئا ۽ پاڻ ﷺ جن کي اهو پڪو يقين هو ته پاڻ الله جا رسول آهن ان ڪري انهن پنهنجي دين کي نه ڇڏيو ۽ پنهنجي رسالت جاري رکيائون ۽ هڪ پلڪ لاءِ به قدم پوئتي نه هٽيا. ٽي سال پهاڙ جي وچ ۾ پٿر کي پٿر سمجهي نڀائيندا رهيا. ٽي سال مسلسل شعب ابي طالب ۾ هڪ سخت آزمائش ۾ گذاريا ۽ مڪمل ثابت قدمي سان حالتن کي منهن ڏنو.
    شعب ابي طالب ۾ مسلمانن وٽ ”اثاث بيت“ يعني گهريلو سامان نه هيو ۽ مڪي جي سڀ کان زياده مالدار خاتون حضرت خديجه وٽ صرف هڪ ديڳڙي ۽ هڪ ٺِڪر جو پيالو هو. اهڙي حالت ۾ بک ۽ تڪليفن جي مشڪلاتن سبب غريبي حال ۾ بيمار ٿي پئي، علاج جو ڪوبه بندوبست نه هيو ۽ مناسب غذا به موجود نه هئي. آخرڪار 619ع ۾ جنهن کي ”عام الحزن“ چيو وڃي ٿو پنهنجي زندگيءَ کي خيرباد چيائين، ان وقت سندن عمر 65 سال هئي ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي زندگي جا پنجاهه سال گذري چڪا هئا. پان سڳورن ﷺ ٻه ڏينهن مسلسل حضرت خديجه جي وفات تي ڳوڙها ڳاڙيندا رهيا ۽ زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين جڏهن به کين حضرت خديجه جي ياد ايندي هئي ته پاڻ سڳورنﷺ جون اکيون آليون ٿي وينديون هيون. دنيا جي تاريخ ۾ اهڙو مثال نٿو ملي سگهي. جو ڪوبه مرد هڪ اهڙي عورت سان جيڪا هن جي عمر کان پندرهن سال وڏي هجي ۽ ان قدر چاهت هجي جو زندگيءَ جي آخري لمحي تائين ان کي وساري نه سگهي، حضرت محمد ﷺ جن حضرت خديجه سان پنجويهه سال گڏ گذاريو، ابتدا کان انتها تائين سندن وچ ۾ ڪوبه اختلاف پيش نه آيو، ساري زندگي هڪ ٻئي جا سهارو بڻجي ڪم آيا.
    جڏهن شعب ابي طالب ۾ حضرت خديجه پنهنجي زندگيءَ کي الوداع ڪيو ان وقت حضرت محمد ﷺ جن يا ٻين مسلمانن وٽ هڪ ڪفن به نه هو، ان ڪري حضرت خديجه کي ”صوقعه“ يعني هڪ وڏي چادر جيڪا عرب خواتين پنهنجي مٿي ڍڪڻ لاءِ استعمال ڪنديون آهن، ڪفن جي بجاءِ ان چادر ۾ ويڙهي دفن ڪيو ويو.
    حضرت خديجه هڪ سچي ۽ بي لوث خالص عورت هئي ۽ ان وقت ۾ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جا بلڪل هٿ خالي هئا ته پاڻ سڳورنﷺ جن جي تمام گهڻي مالي مدد ڪئي ۽ اسلام جي راهه ۾ سڄي ملڪيت قربان ڪري ڇڏيائين. پاڻ سڳورنﷺ جي شروعاتي اسلامي دور ۾ اڪيلي رفيقه ۽ جانثار هئي ۽ پاڻ سڳورنﷺ سان قدم قدم تي ساٿ ڏنائين ۽ هر ڏک ۾ گڏجي گذاريائين.
    حضرت خديجه جي وفات جي ٻن ڏينهن کان پوءِ مسلمانن کي هڪ ٻيو صدمو پهتو جو حضرت محمد ﷺ جن جو چاچو ”ابي طالب“ ڇهاسي سالن جي عمر ۾ هن درالفاني جهان کي الوداع چئي. هو به ضعف، بيماري ۽ بکن ۾ پنهنجي زندگي کان موڪلائي ويو. جڏهن اها خبر ابي لهب کي پهتي ته سندس ڀاءُ زندگيءَ جا آخري لمحا بسر ڪري رهيو آهي ته شعب ابي طالب پهتو ۽ ڀاءُ جي سيراندي کان بيهي ڀاءُ کي مخاطب ٿيو ته، ”اي منهنجا ڀاءُ قسم کڻ ته تون حضرت محمد ﷺ جي دين کي نه مڃيو آهي ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي دين تي قائم رهي هن دنيا کي الوداع چوين ٿو. بهرحال حضرت ابوطالب جيڪو بنوهاشم قبيلي جو سردار هو، پنهنجي ڀائيٽي جي دين کي نه مڃيو. هي اها هستي هئي جيڪا پنهنجي قبيلي جي غيرت ۽ عزت خاطر مشڪلاتن ۽ بک تي پوڙهپ هوندي به پنهنجي ڀائيٽي حضرت محمد ﷺ جن جو ساٿ نه ڇڏيو. جيتوڻيڪ اسلام تي اعتقاد نه رکندو هو ۽ نه وري پيغمبر اسلام ﷺ جن کي نبي ڪري مڃيندو هو، پر ان جي باوجود پنهنجي ڀائيٽي جي راهه ۾ جان قربان ڪري ڇڏيائين ته جيئن قبيلي جي غيرت برقرار رهي.
    حضرت ابوطالب جي وفات کان پوءِ قبيله بنوهاشم جا ماڻهو بيوس ٿي پيا ته پنهنجي نئين سربراهه جي چونڊ ڪئي وڃي. ان زماني جي دستور مطابق حضرت ابوطالب جي ڀاءُ ابي لهب کي قبيلي جو سردار مقرر ڪيو ويو ۽ ابي لهب اهو شخص هو جو مڪي ۾ پيغمبر اسلام جن جو سڀ کان وڏو دشمن سمجهيو ويندو هو.
    اتفاق سان انهن ڏينهن ۾ مڪي جي رهندڙ ماڻهن ڏٺو ته خانه ڪعبه جي ديوار تي لٽڪايل فرمان کي اڏوهي کائي چڪي آهي ۽ باقي ايتري لکت رهي آهي ”تنهنجي نالي سان گڏ هن گهر جو مالڪ“ هن گهر مان مراد خانه ڪعبه آهي ۽ گهر جو مالڪ يعني اهو الله جنهن جي نالي سان قريش وارا پنهنجا حڪم جاري ڪندا هئا.
    قريش وارن جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ ۽ ٻين مسلمانن جي شهر نيڪاليءَ وارا فرمان اڏوهي کائي صاف ڪري ڇڏيو آهن ۽ صرف خدا جو نالو باقي رهيو آهي ته انهن تي خوف و حراس طاري ٿي ويو. اتفاق اسان اهو واقعو ٺيڪ اهڙي وقت پيش آيو جو جڏهن حضرت ابو طالب رضي الله وفات ڪئي ۽ ابي لهب بنوهاشم جي سربراهيءَ جو عهدو سنڀاليو.
    جيئن ئي ابي لهب بنوهاشم قبيلي جو سردار بڻيو ۽ هو هڪ اعليٰ ذميوارين سنڀالڻ لاءِ مقرر ٿيو ته ان ۾ اهو احساس جاڳيو ته حضرت محمد ﷺ جن جي باري ۾ راءِ ۾ ڪا به تبديلي آڻي ته جيئن قبيلي ۽ خاندان جي مقابلي ۾ پنهنجي ذميوارين سان سٺو نتيجو حاصل ڪري سگهجي. ٻيا قبيله به خانه ڪعبه تي لٽڪيل سندن فرمان جو اهو حال ڏسي پريشان ٿي ويا ۽ مٿن اهڙو خوف طاري ٿي ويو جو جيئن ئي ابي لهب پنهنجي اها تجويز پيش ڪئي ته حضرت محمد ﷺ ۽ ٻين مسلمانن کي شعب ابي طالب کان مڪي واپس اچڻ جي اجازت ڏني وڃي ته سڀني قبيلن يڪدم رضامندي ظاهر ڪئي. اهڙي طرح مسلمانن ٽن سالن بعد پنهنجي اباڻي شهر ۾ قدم رکيو.
    اها حقيقت آهي ته مسلمانن ٽن سالن دوران سخت آزمائش ۾ پنهنجو وقت گذاريو ۽ کين ڪافي نقصان رسيو. خاص طور تي ڪاروباري ماڻهن کي ته زياده پريشان حال ۾ گذارڻو پيو. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جهڙي شخص وٽ جنهن جي باري ۾ مشهور هيو ته ان جي دولت قارون جي دولت برابر آهي، صرف پنج هزار درهم باقي بچيا هئا.
    جڏهن مسلمان واپس مڪي پهتا ته سندن جسماني حالت بک ۽ اڃ جي ڪري تمام گهڻي ڪمزور ٿي چڪي هئي، ايتري قدر جو سندن چهري جون هڏيون به ظاهر نظر اچن پيون ۽ جسم جي کل به اُس جي تپش سبب سڙي چڪي هئي.
    جڏهن ابي لهب کان پڇيو ويو ته حضرت محمد ﷺ جن جو سڀ کان وڏي دشمن هئڻ باوجود تو انهن کي شعب کان واپس اچڻ جي اجازت ڇو ڏني ته ابي لهب جواب ڏنو ته، ”جيئن ته مان بنوهاشم قبيلي جو سردار آهيان ان ڪري منهنجي ذميواري آهي ته پنهنجي قبيلي جي جنهن ۾ حضرت محمد ﷺ به شامل آهي حمايت ڪريان. پر ساڳئي وقت مان سندس جي دين جو سخت مخالف آهيان ۽ منهنجي حمايت صرف ايتري تائين رهندي جيستائين حضرت محمد ﷺ قبيلي جي قانون جو احترام ڪري ۽ جڏهن به هن ان جي خلاف ڪيو ته مان ان کي قبيلي کان نيڪالي ڏئي ڇڏيندس، ڇو جو مان ابي طالب نه آهيان جو سندس جي حمايت ۾ پهاڙن جو رخ اختيار ڪريان.“
    پر ابي لهب جيڪو اسلام جي مخالفت کان رڪجي نه سگهندو هو سو هميشه اهڙي بهاني جي تلاش ۾ رهندو هو ته جنهن سبب حضرت محمد ﷺ جن کي قبيلي مان نيڪالي ڏئي سگهي ۽ جلدئي ان اهڙو بهانو ڳولهي لڌو، جنهن کان بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زندگيءَ ۾ تمام ڳرا اثر ظاهر ٿيا.
    ٿيو ايئن جو هڪ ڏينهن ابي لهب بنوهاشم جي سمورن ماڻهن کي هڪ محفل ۾ گڏ ڪيو. اتي حضرت محمد ﷺ جن به حاضر هئا. جڏهن سڀ ماڻهو جمع ٿي ويا ته ابي لهب حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي چيو ته، ”مان چاهيان ٿو ته بنوهاشم جي سڀني ماڻهن جي سامهون توکان تنهنجي ڏاڏي عبدالمطلب جي باري ۾ سوال ڪيان. مان اهو پڇان ٿو ته تون چوين ٿو ته مشرڪ جهنم ۾ ويندا ته تنهنجو ڏاڏو عبدالمطلب تنهنجي خيال ۾ جنت ۾ آهي يا جهنم ۾؟“
    پيغمبر اسلام جن ابي لهب جي سوال جي جواب ۾ قرآن جي هيءَ آيت تلاوت ڪئي جيڪا سورة توبھ جي هڪ سو چوڏهن آيت آهي. (آيت) هن آيت جي معنيٰ هي آهي ته پيغمبر ۽ اهي ماڻهو جن ايمان آندو (يعني مسلمان ٿيا) الله کان مشرڪن جي باري ۾ مغفرت طلب نه ڪريو، ڇو نه اهي ماڻهو اوهان جا عزيز قريب هجن.
    ان کان بعد ابي لهب حضرت ابو طالب جي باري ۾ پڇا ڪئي ته ڇا منهنجي ڀاءُ ابي طالب بخشيو ويندو يا نه؟ پيغمبر اسلام جوب ۾ فرمايو ته ابي طالب جڏهن هن دنيا مان رخصت ٿيو ته مسلمان نه ٿيو هو ۽ ان پنهنجي بزرگن جي دين کي نه ڇڏيو هو ان ڪري ان جو معاملو به الله جي حوالي آهي.
    ان کان پوءِ ابي لهب ٻين بزرگن جي باري ۾ به جيڪي حضرت محمد ﷺ جن جا ويجها هئا نالا وٺي پڇيائين ته ڇا اهي بخشجي ويا يا نه؟ پيغمبر اسلام جن جواب ۾ هڪ دفعو ٻيهر آيت تلاوت ڪري فرمايائون ته الله جو حڪم برحق آهي ۽ ان ۾ ذري جيترو به فرق يا تبديلي نٿي اچي سگهي.
    اهو ٻڌي سڀئي ماڻهو خاموش ٿي ويا ۽ ڪجهه دير تائين ڪوبه ڪجهه چئي نه سگهيو ڇو ته سڀ ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن جون ڳالهيون ٻڌي حيران ۽ هڪاٻڪا ٿي ويا هئا.
    هن وقت تائين حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي دين جي جيڪا به تبليغ ڪندا رهيا ۽ مڪي وارن کي دين جي دعوت ڏيندا رهيا هئا، ان دوران پاڻ ﷺ جن ڪڏهن به ايتريءَ بهادريءَ سان پنهنجي بزرگن جي عقيدن تي اڳ ۾ تنقيد نه ڪئي هئي. پر ان ڏينهن ابي لهب جي محفل ۾ پاڻ سڳورنﷺ قريش جي سڀني بزرگن جي عقيدن کي باطل قرار ڏئي ڇڏيو ۽ انهن جي پراڻين رسمن کي رد ڪري ڇڏيو.
    حضرت محمد ﷺ جن هميشه حقيقت ٻڌائڻ ۽ حق جي ڳالهه ڪرڻ واري شخصيت هئا، ان ڪري ڪنهن خوف ۽ خطري کان سواءِ سڄي حقيقت بيان ڪري ڇڏيائون ان ڳالهه جي بلڪل پرواهه نه ڪيائون ته قريش وارن جو ردعمل ڇا ٿيندو.
    جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن ابي لهب جي محفل ۾ قريش جي سمورن ماڻهن جي سامهون پنهنجي سڀني وڏن جي عقيدن جي ملامت ڪئي ته ابي لهب اتي موجود ماڻهن کان پڇا ڪئي ته ڇا مون کي اهو حق نٿو پهچي ته حضرت محمد ﷺ کي بني هاشم قبيلي مان نيڪالي ڏئي ڇڏيان؟ سڀني ماڻهن هڪ زبان بڻجي چيو ته قبيلي جي سردار کي اهو حق حاصل آهي ته حضرت محمد ﷺ جن کي قبيلي مان خارج ڪري ڇڏي ڇو جو اسان جي خيال ۾ هن جو ”جرم“ اهو نه آهي جو هن کي بخشيو وڃي. ابي لهب انهيءَ ئي وقت اعلان ڪري ڇڏيو ته مون حضرت محمد ﷺ جن کي قبيلي مان نيڪالي ڏئي ڇڏي ۽ اڄ کان پوءِ اسان جو هن سان ڪوبه واسطو نه رهندو، ان اعلان کان پوءِ مجلس ختم ٿي ۽ سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهرن ڏانهن روانا ٿي ويا.
    جنهن وقت بني هاشم جي سربراه اهو فيصلو ڏنو ته حضرت محمد ﷺ جن کي بنوهاشم قبيلي مان نيڪالي ڏني وئي، ان گهڙي کان وٺي پيغمبر اسلام جن هڪ نئين صورتحال ۾ ڦاسي چڪا هئا. جزيره عرب جي دستور مطابق ڪنهن قبيلي کان جنهن کي به نيڪالي ملي ته ان جي حيثيت ايتري ته ڪري پوندي هئي جو ان کي قبائلي فيصلي ۾ انصاف جي درخواست ڪرڻ جو به حق نه هوندو هو. قبيلي کان خارج ٿيڻ وارو ماڻهو جزيره عرب ۾ سمورن سماجي ۽ معاشي حقن کان محروم ٿي ويندو هو يعني ٻين لفظن ۾ ايئن کڻي چئجي ته ان شخص کان جيئڻ جو حق به کسيو ويندو هو.
    ابي لهب حضرت محمد ﷺ جن کي قبيلي مان خارج ڪري ڄڻ ته کيس زنده رهڻ وري حق کان به خارج ڪري ڇڏيو ۽ مڪي جي بيابانن جي حوالي ڪري ڇڏيو هو.
    ان وقت حضرت محمد ﷺ جن اڪيلا ٿي چڪا هئا، بلڪل اڪيلا، ان وقت نه حضرت ابوطالب موجود هو نه حضرت خديجه ؒ.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪيو ته پنهنجي رب کان سهارو طلب ڪيو. ان دفعي الله تعاليٰ نه صرف پنهنجي محبت ۽ شفقت سان نوازيو پر پاڻ سڳورنﷺ کي پاڻ ڏانهن به گهرايائين، يعني پيغمبر اسلام ﷺ جن کي زمين کان آسمانن جو سير ڪرايو ويو، جنهن کي مسلمان ”معراج“ جي نالي سان ياد ڪندا آهن.


    علمي نقطي نظر ۾ معراج جي وضاحت

    علمي نقطي نظر ۾ معراج جي وضاحت

    حضرت محمد ﷺ جن جي آسماني سفر يعني ”معراج“ جي باري ۾ به گهڻو ڪجهه لکيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ قرآني آيتون سڀ کان وڌيڪ واضع ۽ بنيادي ماخذ آهن. پوءِ به معراج النبي ﷺ جي ڪيفيت جي باري ۾ علماءِ اسلام جي نظرين ۾ اختلاف موجود آهي، يعني معراج جي حقيقت تي سڀ کي پختو يقين ته آهي، پر معراج ڪهڙي انداز ۾ ٿي، ان باري ۾ مختلف نظريا موجود آهن.•
    ان کان پهريان جو مان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي معراج جي باري ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيان، اهو ضروري سمجهان ٿو ته ان سلسلي ۾ مسلمانن جي نظرين جو خلاصو پيش ڪريان.•
    اسلامي مصنفن مطابق رجب مهيني ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي الله تعاليٰ آسمانن جو سير ڪرايو، جنهن کي معراج سڏجي ٿو. مسلمانن جي روايتن مطابق حضرت محمد ﷺ جن جو آسمان جو سفر ٻن مرحلن تي مشتمل آهي؛ پهريون مرحلو زميني جيڪو مڪي کان بيت المقدس ۽ ٻيو مرحلو بيت المقدس کان آسمانن ڏانهن ۽ ان کان پوءِ عرش ڏانهن.
    اسلامي تاريخدانن معراج جي واقعي جي ڪجهه حصن کي پيغمبر اسلام جن کان زباني انداز ۾ به روايت ڪيو آهي. جيڪو هن ريت آهي: ”مان ان رات مڪي ۾ ستل هيس. ان وقت مون کي عملي طور قبيلي بدر نه ڪيو ويو هو. مون ڏٺو ته گهر جي ڇت ۾ هڪ وڏو سوراخ نظر آيو، اتان جبرائيل هيٺ لٿو، جبرائيل منهنجي سيني کي چيري زم زم جي پاڻيءَ سان ڌوتو. پوءِ هڪ ”ابريق“ آندائين (ابريق مان مراد هڪ نوراني شيءِ) جيڪا حڪمت ۽ دانائيءَ سان ڀريل هئي. پوءِ جيڪو ڪجهه ان ۾ هيو منهنجي سيني ۾ پلٽيائين ۽ پوءِ منهنجي ڇاتيءَ کي سِبي منهنجو هٿ وٺي مون کي چيائين ته ”اُٿ“ پوءِ مون کي ”براق“ تي کنيو ويو.“
    ”براق“ جنهن تي حضرت محمد ﷺ جن سوار ٿيا، دراصل هڪ گهوڙي ۽ خچر جي درمياني سواري هئي، جنهن جو مٿو هڪ عور ت وانگر هيو، اها سواري بجلي جهڙي تيز رفتاري سان هلي پئي. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن براق تي سوار ٿيا ته پاڻ ﷺ جن خواب ۽ جاڳ جي وچٿري حالت ۾ هئا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن براق تي چڙهي روانا ٿيا ته سڀ کان پهريان، ”جبرون“ نالي شهر ۾ داخل ٿيا، جتي حضرت ابراهيم جن جي مزار هئي. حضرت محمد ﷺ جن مزار تي دعا گهري، ان بعد پيغمبر اسلام جن براق تي سوار ٿي ”بيت اللحم“ نالي جڳهه تي پهتا. ان جڳهه تي حضرت عيسيٰ جن جي ولادت ٿي هئي. پاڻ ﷺ جن اتي به دعا گهري. ان کان پوءِ ”بيت المقدس“ ڏي روانا ٿيا ۽ مسجد الاقصيٰ ۾ داخل ٿيا.
    هتي پيغمبر اسلام جن جي سفر جو پهريون مرحلو پورو ٿيو يعني زميني سفر ختم ٿيو ۽ مسجدالاقصيٰ کان سفر جو ٻيو مرحلو يعني آسمانن جو سفر شروع ٿيو.
    ان کان اڳ جو ان رات حضرت محمد ﷺ جن آسمانن ڏانهن روانا ٿين اتي پاڻ ﷺ جن بيت المقدس ۾ واقع ”قبته الصخرة“ يعني پٿرن جي گنبذ تي پنهنجي قدم مبارڪ جو نشان ڇڏيو بلڪل ائين جيئن حضرت ابراهيم ”مقام ابراهيم“ تي پنهنجي قدمن جا نشان باقي ڇڏيا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن براق تي سوار ٿي آسمانن طرف روانا ٿيا ۽ پهرئين آسمان تي پهتا جيڪو ٻين آسمانن جي ڀيٽ ۾ زمين کي وڌيڪ ويجهو آهي. اتي پيغمبر اسلام جن حضرت آدم  کي ڏٺو ۽ ڏٺائون ته حضرت آدم انسانن جي ٻن ٽولن جي وچ ۾ بيٺا آهن، جيڪي هينئر هينئر زمين کان هتي پهتا آهن. انهن مان ڪجهه ماڻهو حضرت آدم جي سڄي پاسي بيٺا آهن جيڪي بهشت ڏانهن وڃڻا هئا ۽ ٻيا کٻي پاسي بيٺا آهن جن کي دوزخ ۾ وڃڻو هو. حضرت آدم جڏهن سڄي پاسي نهارن پيا ته مسڪرائن پيا پر جڏهن کاٻي پاسي نهارن پيا ته روئي پون پيا. ڇو جو حضرت آدم تمام انسانن جو پيءُ آهي، ان ڪري هڪ همدرد پيءُ وانگر پنهنجي اولاد جي خوش نصيبي تي ان کي خوشي ٿيندي ۽ ان جي بدقسمتي تي روئي ڏنو ٿي.
    حضرت محمد ﷺ جن پهرئين آسمان کان اڳتي وڌيا ۽ جڏهن ٻئي آسمان تي پهتا ته اتي حضرت عيسيٰ سان ملاقات ڪيائون. پوءِ ٽئين آسمان ڏانهن روانا ٿيا ۽ اتي يوسف کي ڏٺائون. اڳتي چوٿين آسمان تي حضرت ادريس کي ڏٺائون ۽ پنجين آسمان تي حضرت هارون کي ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ ۽ ستين آسمان تي جنهن مٿان ڪوبه آسمان نه آهي اتي حضرت ابراهيم سان ملاقات ڪيائون. حضرت ابراهيم ستين آسمان تي هڪ گهر جي ديوار سان ٽيڪ ڏيون ويٺا هئا، اهو فرشتن جو گهر هو، جنهن جو نقشو بلڪل خانه ڪعبه جهڙو هو.
    ستين آسمان کان پوءِ اهڙو علائقو شروع ٿي ويو، جهڙو خانه ڪعبه جي چوگرد جنهن کي ”حرم“ سڏيو ويندو آهي. ان علائقي يعني حرم جي آخري ڪناري تي ”سدرة المنتهيٰ“ واقع آهي. سدرة المنتهيٰ درحقيقت ان وڻ جو نالو آهي جيڪو ڪائنات جي آخري حد تي موجود آهي. ان کان اڳتي اهڙي ڪيفيت طاري آهي جنهن جي باري ۾ ڪوئي نٿو ڄاڻي سگهي ته اڳتي ڇا آهي؟
    ان جڳهه تي پيغمبر اسلام ﷺ جن الله تعاليٰ کي ايترو ته ويجهو پهچي ويا جتي قلم جي هلڻ جو آواز به ٻڌڻ ۾ آيو پئي. معلوم ٿيو ته هتي انسانن جا عمل درج ڪيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن الله جي قلم جو آواز ٻڌي رهيا هئا. پر کين الله نظر نه آيو ڇو جو ڪوبه الله کي ڏسڻ جي طاقت نٿو رکي، ڀَل پيغمبر ئي ڇو نه هجي.
    جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن پيغمبر هئا، پوءِ به پاڻ ﷺ الله جو سڌو آواز نه پيا ٻڌي سگهن ۽ الله جو آواز جبرائيل جي ذريعي پاڻ ﷺ جن تائين پهچايو پئي ويو. هن مقام تي ذات الاهيءَ حضرت جبرائيل جي وسيلي حضرت محمد ﷺ جن سان گفتگو ڪئي ۽ الله تعاليٰ فرمايو ته اسان کي خبر آهي ته اوهان (ﷺ) کي اوهان جي خاندان وارن ڇڏي ڏنو آهي، ليڪن اي محمد ﷺ اوهان کان اڳ به ڪجهه پيغمبر اهڙا هئا، جن بيشمار مصبتون سٺيون ۽ انهن ڪيترن ئي مختلف ايذاءَ کي سهي جان قربان ڪري ڇڏي.
    ان کان پوءِ الله تعاليٰ پيغمبر اسلام ﷺ جن سان آئنده جي ذميوارين جي باري ۾ گفتگو ڪئي ۽ فرمايائون ته جهڙي طرح موسيٰ پنهنجي پيروي ڪندڙن کي جمع ڪري مصر کان هجرت ڪئي، اهڙي طرح اوهان به پنهنجي امت سان گڏجي هجرت ڪريو ۽ مڪي کان نڪري وڃي، جيئن واضع ٿئي ته ان ڪم جي لاءِ مضبوط ارادي ۽ استقامت جي ضرورت آهي ۽ اسان پنهنجي پيغمبر کي انهيءَ لاءِ آسمانن تي گهرايو آهي ته جيئن ان جي ارادي ۽ عزم ۽ استقامت ۾ جٽاءُ پيدا ڪريون.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن بارگاهه الاهي کان موڪلائڻ لڳا ته وقت کين الله تعاليٰ کان ٻارهن حڪم مليا، (اهڙيءَ طرح حضرت موسيٰ به ڏه فرمان حاصل ڪيا هئا.) پاڻ انهن حڪمن کي مسلمانن تائين پهچائڻ جي ذميواري قبول ڪئي، اهي فرمان هي آهن:
    (1) مسلمان هڪڙي خدا کان سواءِ ڪنهن جي عبادت نه ڪن.
    (2) پنهنجي والدين جو احترام ڪن.
    (3) رشتيدارن سان نيڪ سلوڪ سان پيش اچن.
    (4) غريبن، مسڪينن ۽ پناهه وٺندڙن جي رهنمائي ڪن.
    (5) فضول خرچي نه ڪن.
    (6) ڪنجوسيءَ کان پرهيز ڪن.
    (7) زنا نه ڪن.
    (8) انساني جان جي قتل جا مجرم نه بڻجن.
    (9) ٻين جي مال خاص طورتي يتيمن جي مال کي نه ڦٻائن.
    (10) ماپ تور ۾ بي ايمانيءَ کان ڪم نه وٺن.
    (11) عقل جي خلاف ڪمن کان پرهيز ڪن، يعني اهڙا ڪم اختيار نه ڪن جن کي عقل تسليم نه ڪري.
    (12) وڏائي ۽ غرور مان ڪم نه وٺن.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن معراج تان واپسي کان پوءِ انهن سڀني ماڻهن جو تعارف ڪرايو جن سان پاڻ ﷺ جن مختلف آسمانن تي ملاقات ڪئي هئي.
    قديم اٽليءَ جو دانشور ”علي غيري دانتي“ پنهنجي ڪتاب ”خدائي ڪاميڊي“ ۾ لکي ٿو ته معراج جي سفر ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي تمام نبين ۽ نبي نوع انسان جي عمل ڪندڙن شخصيتن سان ملاقات ۽ انهن کي سڃاڻڻ جو موقعو نصيب ٿيو. پاڻ ﷺ جن اهڙن ماڻهن کي به ڏٺو جيڪي ”تلوار ۽ قلم“ وارا به هئا، يعني جنگي جوان ۽ قلم وارا به هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن اهڙن سڀني پيغمبرن ۽ الله جي نيڪ ٻانهن سان ملاقات ڪئي جيڪي صديون پهريون هن دنيا مان گذري چڪا هئا. اها معراج جي هڪ اهم ڪاميابي تصور ٿي ڇاڪاڻ ته پاڻ ﷺ جن انهن کي ويجهڙائي سان ڏٺو ۽ کين سڃاڻڻ جو موقعو مليو.
    علماء اسلام مان ڪن جو چوڻ آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جسم خاڪي سان آسمانن تي نه ويا ۽ ان ڳالهه جي ضرورت به نه هئي، پر پاڻ سڳورنﷺ جن جي روح مبارڪ آسمانن جو سير ڪيو ۽ سدرة المنتهيٰ تائين پهتا ۽ الله سان هم ڪلام ٿيا.
    اهي علماءِ اسلام جن جو عقيدو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جسماني حالت سان آسمانن تائين ويا، اهو دليل پيش ڪن ٿا ته پاڻ ﷺ پيغمبر هئا، ان ڪري کين الله تعاليٰ قدرت حاصل هئي ته جسماني حالت سان سير ڪن ڀلي اهو سير ستن آسمانن تائين پهچڻ جيترو ڇو نه هجي.
    اڄ جو عام انسان پيغمبر نه هوندي به پنهنجي صلاحيتن سان اهڙيون ڳالهيون پيش ڪري چڪو آهي جن کي ذهن به تسليم نٿو ڪري پر ان جي باوجود حيرت به نٿي ٿئي. بجلي اڄ جي عام انسان جي ايجاد آهي جيڪا اک ڇنڀ ۾ هزارين ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري ٿي ۽ ان ڳالهه تي اسان کي ذري جيتري به حيرت نٿي ٿئي. يا اهوئي عام انسان جنهن پنهنجي صلاحيتن سان پنهنجي هٿن سان ميزائيل ۽ راڪيٽ ايجاد ڪيا جن جي رفتار لاءِ ذهن به تسليم نٿو ڪري ته ايترو تيز ڪهڙي طاقت انهن کي هلائي ٿي. انهيءَ ئي عام انسان اڄ اها دعويٰ به ڪئي ته هو چنڊ تي پهچي چنڊ جو سير ڪري آيو آهي.
    هن ڪائنات جي ڌڻيءَ جنهن عام انسان کي ايترو ذهن ڏئي عجيب ڪارنامن جو خالق بڻايو، اهوئي رب ڇا پنهنجي پيغمبر ﷺ کي جسماني حالت ۾ نور جهڙي تيز رفتار شيءِ سان آسمانن جا سير نٿو ڪرائي سگهي؟
    حضرت محمد ﷺ جن کي جنهن سواريءَ ذريعي معراج ڪرايو ويو ان کي براق جو نالو ڏنو ويو، ”براق“ لفظ برق مان ورتل آهي جنهن جي معنيٰ آهي، ”بجلي“ تيز ۾ تيز رفتار.
    علماءِ اسلام هيءَ حقيقت به لکي آهي ته جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن معراج تي روانا ٿيا. ان رات بيت المقدس جي دروازن بند ڪندڙ رات جي وقت دروازا بند ڪيا، پر هڪ دروازو هن کان بند نه پيو ٿئي، هن سڀ هيلا هلايا پر دروازو بند نه ڪري سگهيو ۽ ٻين ماڻهن کي وٺي اچي دروازو بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر نااميد ٿي پيا آخرڪار ڪنهن دروازي ٺاهيندڙ کي به گهرايو ويو. هن به ڪاريگريءَ جا جوهر ڏيکاريا پر دروازو بند نه ٿي سگهيو. دروازي کي کليل صورت ۾ ڇڏي سڀ هليا وي. صبح جو جڏهن اهو شخص دروازن کولڻ ۽ بند ڪرڻ وارو بيت المقدس پهتو ته ڏٺائين جيڪو دروازو بند ٿي نه سگهيو هو اهو بلڪل صحيح حالت ۾ بند آهي اهو ڏسي هو حيران ٿي ويو ۽ کيس بيت المقدس ۾ هڪ عجيب خوشبوءِ به محسوس ٿي. سو چيائين ته يقيناً خدا جي پياري شخصيت جي اڄ رات هتي آمد ٿي آهي. بيت المقدس جي اڳيان هڪ پٿر رکيل هو جنهن تي رسي ٻڌڻ جا به نشان محسوس ڪيائين.
    علماءِ اسلام جو هي به چوڻ آهي ته باوجود ان جي ته حضرت محمد ﷺ جن ستن آسمانن تي ويا ۽ سدرة المنتهيٰ تائين پهتا ۽ اتي الله ساڻ هم ڪلام ٿيا، پر جڏهن واپس آيا ته پاڻ سڳورنﷺ جي گهر جي ڪنڊي جيڪا وڃڻ وقت کلي وئي هئي بدستور لڏي رهي هئي.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن انهيءَ ئي جسم خاڪيءَ سان نور کان به زياده تيز رفتاري سان معراج تي روانا ٿيا ۽ انهيءَ ئي تيز رفتاريءَ سان واپس آيا.
    اها اسان جي ايمان جي تقاضا آهي ته ان ڳالهه تي پڪو ويساهه رکون ته بيشڪ خدا پنهنجي پيغمبر کي آسمانن جو سير ڪرايو ۽ الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ معراج جو ارشاد فرمايو آهي ۽ رسول الله ﷺ جن خود معراج جي واقعي کي پنهنجي زباني پيش ڪيو آهي، تنهن لاءِ اسان جو ايمان ۽ عقيدو آهي ته بيشڪ معراج برحق آهي.
    الله وڏي مهربان نهايت رحم واري جي نالي سان شروع
    سُبۡحٰنَ الَّذِیۡۤ اَسۡرٰی بِعَبۡدِہٖ لَیۡلًا مِّنَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ اِلَی الۡمَسۡجِدِ الۡاَقۡصَا الَّذِیۡ بٰرَکۡنَا حَوۡلَہٗ لِنُرِیَہٗ مِنۡ اٰیٰتِنَا ؕ اِنَّہٗ ہُوَ السَّمِیۡعُ الۡبَصِیۡرُ ﴿۱﴾
    ترجمو: اهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمد ﷺ) کي هڪ رات ۾ مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ تائين جنهن جي چوڌاري اسان برڪت رکي آهي سير ڪرايو هن لاءِ ته کيس پنهنجيون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون بيشڪ اهوئي ٻڌندڙ ڏسندڙ آهي. (بني اسرائيل-١)


    جڏهن نظر نه اچڻ وارن ايمان آندو

    جڏهن نظر نه اچڻ وارن ايمان آندو

    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن آسماني سفر يعني معراج کان واپسي ڪئي ته پنهنجو پاڻ کي چئني طرفن کان دشمنن جي گهيري ۾ ڏٺائون، اهي به اهڙا دشمن جيڪي هن دفعي ڪنهن به قصاص يا انتقام جي ڊپ کان سواءِ پاڻ ﷺ جن کي قتل ڪري سگهن پيا.
    ان دوران قبيله ”بنو حنيفه“ جا ڪجهه ماڻهو خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي پهتا ۽ قريش وارن ان قبيلي جي هڪ شخص کي پيغمبر اسلام جن کي قتل ڪرڻ لاءِ اُجورو ڏنو. اها خبر جڏهن حضرت محمد ﷺ جن کي پئجي وئي، ۽ جيئن جو الله تعاليٰ پاڻ ﷺ کي حڪم ڏنو هو ته مڪي کان نڪري وڃو، ان ڪري پاڻ ﷺ راتون رات مڪي مان نڪري ”طائف“ ڏانهن روانا ٿي ويا.
    ”طائف“ مڪي جي ڏکڻ ۾ واقع هڪ سرسبز شهر آهي. ان زماني ۾ اُٺ جي ذريعي مڪي کان طائف پهچڻ ۾ ٻه ڏينهن لڳي ويندا هئا، پر جيڪڏهن خچر جي ذريعي سفر ڪيو وڃي ته هڪ ڏينهن جو سفر آهي.
    جيئن ته طائف جو شهر سطح سمنڊ کان هڪ هزار اٺ سو ميٽر بلندي تي آهي ۽ منجهس پاڻي تمام گهڻي مقدار ۾ موجود آهي ۽ بارش به ٿيندي رهندي آهي؛ ان ڪري هي شهر انتهائي سرسبز ۽ شاداب آهي. ان دور ۾ مڪي جي دولتمند ماڻهن جا باغ ۽ تفريح گاهون اتي موجود هيون.
    اڄ به جڏهن ڪوئي شخص جزيره عرب جي ريگستاني ۽ خشڪ خالي مان ايندڙ طائف جي شهر ۾ قدم رکندو آهي ۽ هتان جي سرسبز باغن تي نظر ڪندو آهي ۽ اتي جي ٿڌين هوائن ۾ ساهه کڻندو آهي ته ائين محسوس ڪندو آهي ڄڻ هو هڪ نئين دنيا ۾ قدم رکي چڪو آهي. طائف ۾ رهڻ وارا وڏا مالدار هئا ۽ انهن جو اصل ڌنڌو ”ربا“ هو. يعني اهي وياج خور هئا. اڪثر ماڻهن وٽ غلامن جي فوج هوندي هئي، انهن غلامن کان پوکي راهي جو ڪم وٺندا هئا.
    طائف جا رهڻ وارا هميشه ڪڻڪ جي ماني کائيندا هئا، ان ڪري اوٺي کير جي سڃاڻپ منجهن نه هئي، هڪ ريگستاني عرب جنهن جي غذا ڏاچي جو کير هوندو هو، جڏهن کير وات تائين آڻيندو ته هو يڪدم ٻڌائيندو ويندو هو ته جنهن ڏاچيءَ جو هي کير آهي ان ڏاچيءَ جي عمر ڪيتري آهي ۽ اهو به ٻڌائيندو هو ته هن ڪهڙي علائقي جو ڪهڙو گاهه کاڌو آهي.•
    طائف جا رهاڪو مالدار ۽ زندگي جي معاشي مشڪلاتن کان آزاد هئا. ان ڪري پنهنجو ڪجهه وقت علم، هنر ۽ ٻين سرگرمين لاءِ وقف ڪندا هئا. جزيره عرب جي اترئين حصي جو مشهور طبيب جنهن جو نالو حارث بن ڪلده هو سو به طائف ۾ رهندو هو. هڪ مشهور ليکڪ ”بن خلڪان“ لکي ٿو ته طائف ۾ رهندڙ حڪيم حارث بن ڪلده طب جو علم ايرانين کان سکيو هو، ڇاڪاڻ ته ان زماني ۾ طب جو علم ايراني ماڻهن ۾ عروج تي هيو. وڏا وڏا نامي گرامي حڪيم ان وقت ايران ۾ رهندا هئا. جزيره عرب ۾ نجومي به تمام گهڻي ڄاڻ رکندا هئا. هڪ مشهور معروف نجومي جنهن جو نالو ”عمرو بن اميه“ هو، سوبه طائف ۾ رهندو هو.
    عربي زبان ۾ طائف جي معنيٰ ”ديوار“ يا ”ڀت“ آهي، طائف جزيره عرب جو واحد شهر هو، جنهن ۾ هڪ حفاظتي ديوار موجود هئي. ان ديوار کي ڪجهه عربن ۽ ڪجهه ايرانين تعمير ڪيو هو. چوندا آهن ته شهر طائف جي هڪ شخص ان وقت جي شاهه ايران جي وڏي خدمت ڪئي هئي. ايران جي بادشاهه خوش ٿي ان شخص کي چيو ته ان جي بدلي ۾ توکي جيڪو ڪجهه گهرجي سو توکي ڏنو ويندو. ان شخص ايران جي بادشاهه کي چيو ته پنهنجا تجربيڪار مستري ڏي جيڪي شهر ”داج“ جي چو گرد ديوار ٺاهن. ”داج“ طائف جو پراڻو نالو هو. ان ديوار ٺهڻ کان پوءِ داج شهر کي طائف جو نالو ڏنو ويو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن طائف ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي هڪ رشتيدار جي گهر پهتا، اهو رشتيدار درحقيقت حضرت عبدالمطلب جو سوٽ هو، جنهن جو نالو ”عبدياليل“ هو. عبدياليل کي جڏهن اها خبر پئي ته حضرت محمد ﷺ جن ساڻس ملاقات ڪرڻ چاهن ٿا ته ان نه صرف ملڻ کان انڪار ڪيو پر پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏنائين ته حضرت محمد ﷺ کي پٿر به هڻو. عبدياليل اها به خبر پئجي چڪي هئي ته بنوهاشم قبيلي وارن حضرت محمد ﷺ جن کي قبيله بدر ڪري ڇڏيو آهي. نوڪرن حضرت محمد ﷺ جن تي ايترا ته پٿر اڇلايا جو پاڻ ﷺ جن هڪ باغ ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي پيا. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن انهن ماڻهن جي نظر کان گم ٿي ويا ته انهن طائف جي هر محلي جي گهٽين ۾ ڳولا ڪرڻ شروع ڪري ڏني، تنهنڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن باغ ۾ ئي ترسيا رهيا. ان باغ جا مالڪ ٻه ڀائر هئا، جيڪي مڪي جا رهاڪو هئا، اهي نه پيا چاهن ته حضرت محمد ﷺ جن کي پناهه ڏني وڃي، پر جڏهن انهن پاڻ ﷺ جن کي رتوڇاڻ ڏٺو ته سندن دل ۾ رحم پيدا ٿيو ۽ انهن پنهنجي غلام کي چيو ته هڪ انگور جو ڇڳو حضرت محمد ﷺ جن کي پيش ڪري.
    ان غلام جيڪو خود مسيحي هو، انگور جو هڪ ڇڳو ٽوڙي پيغمبر اسلام جن کي پيش ڪيو. حضرت محمد ﷺ جن انگور وٺي کائڻ کان اڳ ۾ ”بسم الله“ پڙهي. جڏهن مسيحي غلام جي ڪنن تي بسم الله جو آواز پيو ته هو حيران ٿي ويو ۽ تعجب منجهان پڇا ڪيائين ته ڇا اوهان مسيحي آهيو؟
    حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو، مسيحي غلام چيو ته کائڻ کان اڳ جيڪي لفظ اوهان اچاريا آهن اهي لفظ ته اسين مسيحي کائڻ کان اڳ پڙهندا آهيون. پر اوهان مسيحي نه آهيو ته پوءِ اوهان اهي لفظ زبان تي ڇو آندا؟
    حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته مان الله جو رسول آهيان ۽ جنهن الله جي طرفان موڪليو ويو آهيان، اهو واحد لاشريڪ آهي. هي ماڻهو ان ڪري مون کي پٿر هڻن ٿا ته جيئن مون کي ماري ڇڏين، ڇو جو مان الله جو موڪليل رسول آهيان.
    عيسائي خدمتگار چيو ته مان به هڪ خدا جي عبادت ڪندو آهيان ڇو جو مان حضرت عيسيٰ  جو پيروي ڪندڙ آهيان.
    ان عيسائي غلام جو نالو ”عداس“ هو، هن ۽ حضرت محمد ﷺ جن جي وچ ۾ انساني محبت جو رشتو جاري ٿي ويو. عداس حضرت محمد ﷺ جن کي مخاطب ٿي چيو ته جنهن باغ ۾ اسين موجود آهيون اهو ٻن ڀائرن جي ملڪيت آهي انهن مان هڪ جو نالو عتبه ۽ ٻئي جو نالو شيبه آهي. هي ٻئي ڀائر ربي جا پٽ آهن ۽ قبيله قريش سان تعلق رکن ٿا.
    جيتوڻيڪ منهنجي مالڪ عتبه مون کي حڪم ڏنو ته مان اوهان کي انگور پيش ڪريان، پر مان ڄاڻان ٿو ته هو اوهان کي باغ ۾ پناهه نه ڏيندو. مان ايترو ڪري سگهان ٿو جو اڄ رات مان اوهان کي هن باغ مان ۽ طائف جي شهر کان ٻاهر ڪڍي هلان جو طائف جي گهٽين ۾ اوهان جي ڳولا هلي پئي اسان انهن کان اهڙيءَطرح نڪري هلون جو کين ڪوبه پتو پئجي نه سگهي.
    مسيحي خدمتگار عداس پنهنجي واعدي تي عمل ڪيو ۽ رات جي وقت پيغمبر اسلام جن کي عتبه ۽ شيبه جي باغ کان ۽ طائف جي شهر کان ٻاهر وٺي آيو. تنهن کان پوءِ چيائينس ته ”اي خدا پرست مرد“ هن شهر کان پري هليا وڃو ڇو جو هتي اوهان جي جان خطري ۾ آهي. حضرت محمد ﷺ جن طائف کان نڪري وري به مڪي ڏانهن روانا ٿيا.
    حضرت محمد ﷺ جن جو سارو جسم سور جي ڪري ڏکي رهيو هو ۽ جسم ۾ تمام گهڻي تڪليف هئي. بک ۽ اڃ جي باوجود زبان تي ڪائي شڪايت نه هئي. عربي زبان ۾ هڪ دل ڏکايل چوڻي آهي ”الصبر مفتاح الفرج“ ۽ اها چوڻي خود جزيره عرب ۾ عربن لاءِ استعمال ڪندا آهن. جنهن ڏينهن کان ڪوبه عرب پنهنجو برو ڀلو سمجهڻ شروع ڪندو هو اهو هن چوڻيءَ جي مفهوم کي ڄاڻي ويندو هو ۽ ان تي عمل ڪرڻ سندس عادت بڻجي ويندي هئي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن به جسماني ۽ روحاني تڪليفن کي برداشت ڪرڻ ڄاڻن پيا. ڇو جو پاڻ ﷺ جن کي الله جي ذات تي پختو يقين هو ۽ پاڻ پنهنجي رسالت جي راهه ۾ هر مشڪل سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ٿي چڪا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن بيابانن مان پيادل هلندي هلندي هڪ اهڙي جڳهه تي پهتا، جنهن کي ”بطن نخله“ يعني ”گهاٽا وڻ“ چيو ويندو هو. رات جو وقت هو چؤطرف خاموشي ڇانئيل هئي. اتي پهچي پيغمبر اسلام جن انتهائي غمگين حالت ۾ قرآني آيتن جي تلاوت شروع ڪئي قرآني آيتن جو هي اثر پيو جو اتي موجود جنن جي جماعت پيغمبر اسلام تي ايمان آندو ۽ اهي سڀ مسلمان ٿي ويا. قرآن مجيد جي ڇائيتاليهن سورت ۾ ان ڳالهه جي طرف اشارو ٿيل آهي.
    ”۽ اهو وقت اچي ويو جو اسان جنن جي جماعت کي توڏانهن موڪليو ته جيئن اهي قرآن جون آيتون ٻڌن ۽ جڏهن اهي حاضر ٿيا ته انهن هڪ ٻئي کي چيو ته خاموش ٿيو ۽ ڪن ڏئي ٻڌو......
    جن مان مراد بيابانن ۾ رهڻ واري اها مخلوق آهي جيڪا رات جي وقت ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي ۽ نه ئي ڏينهن جو شهر وارن کي نظر ايندي آهي. ”باهه مان پيدا ٿيل مخلوق“ آهي.
    جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن اڪيلا سفر ڪندا اچي بطن نخله پهتا، ان وقت رات جو گهڻو حصو گذري چڪو هو ۽ جيڪي ان علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو هئا، تن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي نه ڏٺو. پر درد ڀري قرآني تلاوت ٻڌي جنن جي مخلوق مٿن ايمان آندو ۽ اهڙي طرح اهي مسلمان ٿي ويا.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن تمام ٿڪاوٽ ۽ بيحاليءَ جي باوجود مڪي ڏانهن هلندا رهيا ته ڪهڙي به صورت سان ڪنهن قبيلي جي حمايت حاصل ڪري ٻين مسلمانن جو خيال رکيو وڃي ۽ مڪي ۾ رهي دين جي تبليغ ڪئي وڃي. الله تعاليٰ جي حڪم مطابق مڪو ڇڏي طائف ويا، پر جيئن ته ٻيا مسلمان مڪي ۾ هئا ۽ سندن مرضي هئي ته انهن کي به قريش وارن جي عذابن کان آزاد ڪيو وڃي. في الحال پيغمبر اسلام جن مڪي کان ٻاهران بيابانن ۾ گذارين پيا.جڏهن رجب جو مهينو آيو، جزيره عرب جي مختلف علائقن کان خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي ڏانهن قافله اچڻ لڳا، تڏهن حضرت محمد ﷺ جن مختلف قبيلن جي سردارن سان رابطو ڪيو، ته جيئن ڪنهن نه ڪنهن قبيلي جي حمايت حاصل ڪري سگهجي. حضرت محمد ﷺ جڏهن جنهن به قبيلي سان رابطو ڪري انهن جي سردار کي فرمائين پيا ته منهنجي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ انهن تي عمل ڪريو ته مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته دنيا جون وڏيون وڏيون طاقتون اوهان جي قدمن ۾ هونديون، تڏهن ڪنهن به قبيلي جي سردار پاڻ ﷺ جن جي ڳالهين تي ڪن نه ڏنو الٽو انهن مان ڪي اهڙا به هئا جي مٿن مذاق ڪرڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا ته (نعوذ بالله) حضرت محمد ﷺ جن پنهنجو عقل وڃائي ويٺا آهن. ڇو ته ابي لهب، ابوسفيان ۽ ابوجهل وارن اهو مشهو رڪري ڇڏيو هو ته حضرت محمد ﷺ جن مجنون ٿي ويا آهن ان ڪري سندس ڳالهين تي توجهه نه ڏني وڃي.
    جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پندرهن قبيلن جي سربراهن کان انڪار جي صورت ۾ جواب مليو ته ان جي باوجود پاڻ ﷺ دلشڪشته نه ٿيا پر پاڻ هڪ ٻئي قبيلي جي سربراهه سان رابطو ڪيو جيڪو ”يثرب“ يعني اڄ جي مديني کان مڪي ۾ آيل هو. ان سربراهه سان قبيلي جا پنج ماڻهو شامل هئا، جيڪي خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ آيل هئا. جڏهن پاڻ ﷺ جن مڪي کان ٻاهر انهن آڏو قرآن جي آيتن جي تلاوت ڪئي ته ان قبيلي جي سربراهه پنهنجن ٻين ساٿين کي آواز ڏنو ته هيڏانهن هي ٻڌو. انهن سڀني سڪون سان جڏهن قرآن جي تلاوت ٻڌي ته ايترا ته متاثر ٿيا جو مسلمان ٿي ويا ۽ واعدو ڪيائون ته اسين ٻين ماڻهن کي به مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏينداسون.
    ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ”نوفل“ نالي هڪ قبيلي جي سربراهه جيڪو قريش جي ڏهن قبيلن مان هڪ هو حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي حمايت ۾ ورتو جيئن ئي قبيلي جي سربراهه حمايت جو اعلان ڪيو پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي ۾ قدم رکڻ ۽ پنهنجي گهر ۾ رهڻ جي لائق بڻجي ويا.
    پنهنجي گهر ۾ رهڻ بعد ڪجهه ڏينهن کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن سوده نالي خاتون کي پنهنجي نڪاح ۾ آندو، ”سوده رضي الله“جيئن ته پهريائين مسلمان ٿي چڪي هئي ۽ ملڪ حبشه کان طلاق ٿيڻ بعد مڪي واپس هلي آئي هئي. حبشه ملڪ ۾ سندس مڙس دين اسلام ڇڏي مسيحت اختيار ڪئي هئي. سوده رضي الله پنهنجي مڙس کان طلاق مسيحي دٻاءُ خاطر ورتي ۽ مڪي واپس اچي پهتي هئي ۽ هن وقت پاڻ ﷺ جن جي زوجيت ۾ داخل ٿي وئي، پيغمبر اسلام سوده رضي الله سان نڪاح ان ڪري ڪيو ته جيئن حضرت خديجه جي بي سهارن ٻارن جي سنڀال ٿئي ۽ سندس ٻارن کي ماءُ جو پيار نصيب ٿئي.
    حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت سوده رضي الله جي نڪاح کان ڪجهه عرصو پوءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيڪو پيغمبر اسلام جي وفادار يارن ۾ شمار ٿيندو هو، تنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي درخواست ڪئي ته پاڻ ﷺ جن منهنجي نياڻي عائشه کي پنهنجي نڪاح ۾ وٺن. حضرت محمد ﷺ جن رشتو قبول فرمايو ۽ آخرڪار 620ع ۾ جيڪا شخصيت مسلمان جي حيثيت سان هن دنيا ۾ قدم رکيو هو اها پهرئين خاتون پيغمبر اسلام جي نڪاح ۾ آئي.


    اسلام ۾ امت جي معنيٰ ڇا آهي

    اسلام ۾ امت جي معنيٰ ڇا آهي

    سردار دوعالم ﷺ جن وڌيڪ هڪ سال تائين مڪي ۾ قريش وارن جا ظلم برداشت ڪندا رهيا، توڙي جو موت نه پيا چاهن پر موت کان ڊڄن به نه پيا. قديم عرب جا رهاڪو ائين چوندا هئا ته جنهن ڏينهن اسان کي هن دنيا ۾ اچڻو هو ته اسان کان ڪنهن به پڇا نه ڪئي ته دنيا ۾ اچڻ چاهيو ٿا يا نه؟ پر جيڪڏهن پڇيو وڃي ها ته شايد اسان جو جواب انڪار ۾ هجي ها ۽ اسان ائين چئون ها ته اسان کي دنيا ۾ اچڻ جي ڪابه آرزو نه آهي، اهڙيءَ طرح اسان کي هن دنيا مان واپس ڪرڻ وقت به ڪوبه اسان کان نٿو پڇي ته ڇا اوهان مرڻ چاهيو ٿا؟
    اسان جي زندگي رب جي هٿ ۾ آهي. هو جڏهن به چاهي هن دنيا ۾ آڻي ٿو ۽ جڏهن به ان جي مرضي ٿئي ٿي واپس گهرائي ٿو. اسان جي اختيار ۾ اهو نه آهي ته اسان پنهنجي مرضي سان دنيا ۾ اچون يا پنهنجي مرضي سان دنيا ڇڏيون.
    زندگي دراصل اهڙو سرمايو آهي جيڪو الله تعاليٰ اسان کي عطا ڪيو آهي. اسان کي صرف ايترو حق پهچي ٿو ته اسان ان سرمايي جي وجود مان فائدو حاصل ڪريون ۽ اصل سرمايي مان نه. ڇو جو اصل سرمايو الله جي امانت آهي، ان ڪري اسان کي ڪهڙي به حالت ۾ موت جو طلبگار نه ٿيڻ گهرجي؛ ڇو جو موت پنهنجي اختيار ۾ نه آهي. جيڪڏهن موت اچي ته ان کان ڊڄڻ به نه گهرجي ڇو جو اسان جو ڊڄڻ موت کي ٽاري نٿو سگهي.
    تنهن ڪري حضرت محمد ﷺ جن به موت کان نه ڊڄندا هئا پر موت جا طالب به نه هئا. پاڻ ﷺ جن سڀني مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ ثابت قدميءَ سان منهن ڏئي رهيا هئا.
    سن 621ع ۾ خانه ڪعبه جي زيارت جي ڏينهن ۾ مديني وارن جو هڪ قافلو آيو. معلوم ٿيو ته هن دفعي ڪعبي جي زيارت لاءِ اچڻ وارن مسلمانن جو تعداد ٻارهن ٿي ويو آهي. انهن مان ڏهن جو تعلق هڪ قبيلي سان ۽ ٻن جو تعلق ٻئي قبيلي سان هو. اهي ٻارهن ماڻهو جڏهن مڪي پهتا، ته انهن ”عقبه“ نالي واديءَ ۾ پيغمبر اسلام سان ملاقات ڪئي ۽ پاڻ ﷺ سان اسلام جي ترقي ۽ پيش رفت جي باري ۾ صلاح مشورو ڪيو.
    عقبه واري جاءِ مڪي ۽ منا جي وچ تي آهي. قديم زماني ۾ ان جڳهه کي ابليس ۽ ٻين شيطانن جي روحن جو رهائشگاهه تصور ڪيو ويندو هو. چوندا آهن ته حضرت ابراهيم  جن پنهنجي پٽ کي الله جي راهه ۾ قربان ڪرڻ چاهيو ته ان جڳهه تي شيطان ان سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت ابراهيم جي ارادي کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؛ ڇو جو هو چاهي پيو ته حضرت ابراهيم  پنهنجي پٽ کي الله جي راهه ۾ قربان نه ڪري. حضرت ابراهيم شيطان کي ڀڄائڻ لاءِ ان کي پٿر هڻڻ شروع ڪيا. اڄ جيڪي ماڻهو حج جي غرض سان مڪي ويندا آهن جڏهن ان جڳهه تي پهچندا آهن ته ”رمي“ يعني ان جڳهه تي پٿر اڇلائيندا آهن، جتي شيطان بيٺو هو.
    اهي ٻارهن مسلمان جيڪي مديني کان آيا هئا، جڏهن عقبه واديءَ ۾ جمع ٿيا ته انهن حضرت محمد ﷺ جن کي اطلاع ڪيو ته گذريل سال کان هن سال مديني جي مسلمانن ۾ اضافو ٿيو آهي ان اضافي جو سبب قرآني تعليم آهي، انهن ٻارهن مسلمانن ۾ مديني ۾ ٻين رهڻ وارن مسلمانن کي تاريخ اسلام ۾ ”انصار“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي.
    انصار ٻڌايو ته مديني جا يهودي به اها پيشنگوئي ڪن ٿا ته عنقريب هڪ پيغمبر اچڻ وارو آهي اها اسان جي خوش قسمتي آهي جو اسان کي اهڙو پيغمبر نصيب ٿيو آهي جيڪو اسان مان آهي. اسان ماڻهو پنهنجو پاڻ کي يهودين ۽ عيسائين جي سامهون اڪيلو ۽ شرمنده محسوس ڪندا هئاسين ڇو جو هو اهل ڪتاب هئا ۽ اسين محروم. اسان جي اها تمنا هئي ته اسان به انهن وانگر اهل ڪتاب ٿي وڃون.
    پر اڄ اسان تمام خوش آهيون، جو اسان کي اهڙو پيغمبر نصيب ٿيو آهي، جنهن قرآن جهڙو ڪتاب ڏنو. اهو به اهڙو ڪتاب جنهن جو ڪلام دلين ۾ لرزش پيدا ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي دلين کي تبديل ڪري مڪمل بدلائي ڇڏي ٿو.
    ان گفتگو کان بعد انصار، جن جو تعداد ٻارهن هو، پيغمبر اسلام جن سان مديني جي سياسي صورتحال بابت گفتگو ڪئي. انهن ٻڌايو ته مديني جي مختلف قبيلن جي وچ ۾ هڪ بادشاهه جو چونڊ تي اختلاف پيش آيو آهي. جيتوڻيڪ هڪ سوناري مديني جي هڪ ڃاتل سڃاتل شخصيت عبدالله بن ابي جي مٿي جي ماپ به ڪري ڇڏي آهي جيئن ان لاءِ تاج ٺاهي سگهي. پر مديني جا ڪجهه قبيلا هن جي بادشاهه ٿيڻ تي رضامند نه آهن ۽ انهن جو نظريو آهي ته بادشاهه يا رئيس جي بجاءِ اسان کي پنهنجن اختلافن دور ڪرڻ لاءِ هڪ پيغمبر جي ضرورت آهي. جيئن ته اوهان جو تعلق قبيله قريش سان آهي ۽ اوهان جو والد عبدالله به مديني جي ويجهو دفن ٿيل آهي ۽ اوهان پيغمبر به آهيو؛ ان ڪري مديني وارا پنهنجن اختلافن دور ڪرڻ لاءِ اوهان کي مديني گهرائڻ تي اتفاق راءِ رکن ٿا ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته هڪ پيغمبر ڪنهن سلطان يا رئيس تي برتري رکي ٿو. ڇو ته پيغمبر کي الله جي مدد به حاصل هوندي آهي. حضرت محمد ﷺ جن انصار کان پڇا ڪئي ته اوهان مون سان ”بيعت ثاني“ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون؟
    ”بيعت ثاني“ دراصل وفاداريءَ جي اهڙي عهد جو نالو هو، جنهن کي ڪوبه قبيلو ڪنهن اهڙي شخص سان لاڳاپيو ويندو آهي، جنهن جو ڪوبه قبيلو نه هجي ۽ اهو قبيلو ان کي پنهنجي رڪن بنائڻ تي رضامندي ظاهر ڪري. ان کان علاوه ٻه يا ٻن کان وڌيڪ قبيلن جي وچ ۾ اتحاد جي معاهدي کي بيعت ثاني سڏيو ويندو هو.
    ان واديءَ عقبه ۾ مديني جي ٻن قبيلن جي نمائندن حضرت محمد ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي يعني پاڻ ﷺ جن سان وفاداريءَ جو عهد ڪيو. هن بيعت ۾ بيعت ڪرڻ وارو هي قسم کڻندو هو ته جنهن شخص لاءِ وفاداريءَ جو قسم کنيو آهي ان جي راهه ۾ اهڙي طرح جانثاري ڪندو ڄڻ پنهنجي ٻچن لاءِ ڪري رهيو آهي.
    جڏهن ٻارهن ماڻهن بيعت ڪئي ته حضرت محمد ﷺ جن انهن کي فرمايو ته جيڪڏهن اوهان پنهنجي ان قسم تي قائم رهيا ته اوهان کي يقيني طور جنت نصيب ٿيندي ۽ جيڪڏهن اوهان مون سان بيوفائي ڪئي ته پوءِ الله جي مرضي آهي ته هو اوهان کي سزا ڏي يا معاف ڪري.
    جڏهن اهي ماڻهو واپس مديني وڃڻ وارا ٿيا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي جي مسلمانن مان هڪ شخص مصعب بن عمير رضي الله کي انهن ماڻهن سان گڏ مديني روانو ڪيو، ته جيئن جيڪي ماڻهو اسلام قبول ڪن تن کي قرآني تعليم ڏني وڃي.
    مصعب بن عمير رضي الله هڪ ذهين شخص هو، ان جي گفتگو جو انداز بيحد وڻندڙ هو ۽ قرآن جي تلاوت به انتهائي دل کي وڻندڙ انداز سان ڪندو هو. مديني پهچڻ کان بعد انهن ڪيترن ئي مشرڪن کي اسلام ۾ داخل ڪيو. اسلام مديني ۾ ڪجهه اهڙيءَ تيزيءَ سان وڌيو جو سن 621ع جي پڇاڙي تائين سواءِ يهودين جي سڀ مديني وارا مسلمان ٿي ويا.
    مديني جا يهودي جيڪي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ آماده نه هئا، انهن به حضرت محمد ﷺ جن جي مديني آمد تي رضامندي ظاهر ڪئي، ته جيئن اهي پيغمبر اسلام جن جي مدد سان پنهنجا اختلاف ختم ڪري سگهن.
    حضرت محمد ﷺ جن به مديني جي صورتحال ڏسي پنهنجو پاڻ مڪي کان هجرت ڪرڻ تي آماده هئا، پاڻ ﷺ جن کي اهو احساس هو ته اهو هڪ انتهائي اهم قدم کڻڻو آهي، ان وقت تائين انهن تمام مشڪلاتن جي باوجود، جيڪي پاڻ سڳورنﷺ جن مڪي ۾ برداشت ڪيون پئي، قبيلي قريش کان جدا نه ٿيا هئا. پيغمبر اسلام جن کي اهو علم هيو ته جنهن ڏينهن پاڻ مڪي کان مديني هجرت ڪندا ته پنهنجي قبيلي سان سندن رابطو ختم ٿي ويندو ۽ کين اهو احساس به هيو ته هجرت جي نتيجي ۾ هڪ اهڙو نئون معاشرو وجود ۾ ايندو جيڪو پراڻي معاشري کان بلڪل مختلف هوندو. نئين معاشري ۾ حسب و نسب، بڻ بڻياد ۽ خانداني اهميت جي ڪابه ڳالهه نه رهندي، ڀورو يا ڪارو، تونگر ۽ فقير، خاص ۽ عام، سڀ پاڻ ۾ هڪ جهڙا برابر هوندا، انسانن جي ان اجتماع کي ”امت“ جو نالو ڏنو ويندو يعني هن معاشري ۾ امت جا سڀ ماڻهو پاڻ ۾ برابر هوندا، ڇو جو سڀ مسلمان هوندا.
    نئين معاشري يعني امت جو سڀ کان اعليٰ مقام الله آهي. جيئن ته معاشري ۾ الله جو نمائندو پيغمبر هوندو تنهن ڪري امت جا سمورا انسان هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ ۽ الله جي نظر ۾ برابر آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه فرق نه هوندو آهي. عورت ۽ مرد ۾ به ڪو فرق نه هوندو ۽ ٻئي برابر جا حقدار هوندا. امت ۾ ڪنهن قبيلي وانگر ڪنهن شخص جو بڻ بڻياد يا رنگ و نسل جي بنا تي ٻين تي فوقيت نه رکندو ۽ نه وري ٻين کان ڪنهن کي وڏو معزز سمجهي سگهبو هوندو صرف اسلامي امت کي ٻين انسانن کان جدا ڪندڙ اسلام جو قانون ئي آهي.
    اسلامي امت ۽ ٻين عام انسانن جي وچ ۾ ڪجهه فاصلو آهي ۽ اهو صرف قانون اسلام آهي، پر اهو قانون ڪنهن به شخص، قوم يا قبيلي جي لاءِ ڏکيو نه آهي. جيڪو به چاهي اسلامي امت ۾ داخل ٿي سگهي ٿو ۽ الله جي حڪمن جي پيروي ڪري سگهي ٿو، انهن حالتن ۾ صرف پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن ئي سمجهي سگهن ٿا ته اهڙي معاشري کي قائم ڪرڻ ۾ بڻ بڻياد، قبيلي ۽ خاندان، رنگ ۽ نسل ۽ پئسي ڏوڪڙ کي برتريءَ جي علامت نه سمجهو ويندو. اهو نظريو صرف جزيره عرب نه، پر بعد ۾ ساري دنيا ۾ هڪ عظيم الشان معاشرتي انقلاب جي پيدائش جو سبب بڻبو.
    جيڪو انقلاب حضرت محمد ﷺ جن ان زماني ۾ آڻڻ چاهن پيا اهو جزيره عرب جي سماجي صورتحال، اتان جي پراڻين ريتن رسمن ۽ قبائلي سردارن جي اثر رسوخ جي پيش نظر فرانس جي انقلاب کان تمام گهڻو اهم ۽ عظيم هيو. فرانس جو انقلاب فرانسي ماڻهن کي اتحاد ڏئي نه سگهيو پر پيغمبر اسلام ﷺ جن سڀني مسلمانن ۾ برابري قائم رکي ڇڏي. پاڻ ﷺ هر طرح جي خانداني، طبقاتي ۽ رنگ نسل جي برتري کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏيو.•
    سن 622ع ۾ هڪ دفعو ٻيهر مديني وارا خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ آيا ۽ حضرت محمد ﷺ جن سان انهيءَ ئي وادي عقبه ۾ خفيه طور ملاقات ڪئي. هن موقعي تي انهن ٻارهن انصار کان علاوه ڪجهه نوان مسلمان به مديني کان زيارت لاءِ آيا، جن ۾ ٽيهتر مرد ۽ ٻه عورتون شامل هيون. جڏهن سڀ مسلمان ان ماٿريءَ ۾ گڏ ٿيا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي ڪجهه قرآني آيتون تلاوت ڪري ٻڌايون ۽ ان کان پوءِ انهن ماڻهن سان جيڪي نوان آيا هئا، بيعت ڪرڻ لاءِ فرمايو. انهن سڀني بيعت ڪئي ۽ اهو عهد ڪيائون ته هو پنهنجي جان و مال سان گڏ حضرت محمد ﷺ جن جي حمايت ڪندا. بعد ۾ سڀني مديني مان آيل مسلمانن کي حضرت محمد ﷺ جن مخاطب ٿي فرمايو ته توهان مون سان اها بيعت ڪئي آهي ته جيڪڏهن ڪو مون مٿان خطرو آيو ته توهان پنهنجي خاندان وانگر منهنجو بچاءُ ڪندا. پر ٿي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال بڻجي وڃي جو اسان اسلام جي ترقي يا حفاظت خاطر جنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃون ته پوءِ اهڙي وقت ۾ ڇا اوهان الله جي راهه ۾ تلوار کڻڻ لاءِ تيار آهيو؟ ۽ ڇا اوهان مون سان ”بيعت حرب“ ڪرڻ لاءِ تيار آهيو؟ بيعت حرب هڪ جنگي معاهدي جو نالو آهي. مديني جي مسلمانن حضرت محمد ﷺ جن سان بيعت حرب لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي.
    حضرت محمد ﷺ جن مديني جي مسلمانن کان بيعت حرب وٺڻ ان ڪري چاهن پيا ته ٿي سگهي ٿو ته ضرورت جي وقت مسلمانن کي جنگ ڪرڻي پوي. مديني جا مسلمان اهڙي معاهدي لاءِ تيار ٿي ويا جيڪو دفاعي به هو ۽ جنگي به هو پر بيعت ڪرڻ کان اڳ انهن چيو ته يارسول الله! اسان کي اهوانديشو آهي ته جڏهن اوهان فتح ۽ ڪاميابي حاصل ڪريو پوءِ ائين نه ٿئي ته اسان کي مديني ۾ اڪيلو ڇڏي مڪي هليا اچو!
    حضرت محمد ﷺ جن مديني وارن سان اهو عهد ڪيو ته اي مديني جا مسلمانؤ! توهان جون خون منهنجو خون ۽ منهنجو خون اوهان جو خون آهي. مان اوهان سان ئي آهيان ۽ اوهان مون سان. جيڪو به اوهان سان وڙهڻ چاهيندو اهو پاڻ کي منهنجي مقابلي ۾ ڏسندو ۽ جڏهن اوهان به الله جي راهه ۾ نڪرندو ته مان اوهان سان گڏ هوندم.
    ان کان پوءِ ٽيهتر مردن جيڪي اتي موجود هئا حضرت محمد ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي. اسلامي روايتن جي مطابق حضرت محمد ﷺ جن انهن ٻارهن مسلمانن کي فرمايو ته اوهان منهنجا نمائنده ٿي ڪري مديني وارن کي الله جي حڪمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو ۽ انهن کي چئو ته سمورا مسلمان پاڻ ۾ برابر ۽ ڀائر آهن ۽ ڪنهن کي به ڪنهن ٻئي تي فوقيت يا برتري حاصل ناهي.
    الله تعاليٰ جو فرمان آهي:
    اِنَّمَا الۡمُؤۡمِنُوۡنَ اِخۡوَۃٌ فَاَصۡلِحُوۡا بَیۡنَ اَخَوَیۡکُمۡ وَ اتَّقُوا اللّٰہَ لَعَلَّکُمۡ تُرۡحَمُوۡنَ ﴿٪۱۰﴾
    يعني مسلمان هڪ ٻئي جا ڀائر آهن ۽ جيڪڏهن ڀائرن جي وچ ۾ ڪو فساد ٿي پوي ته ٻيا ڀائر ان جي اصلاح ڪن. اها سورة ”الحجرات“ جي ڏهين آيت آهي. هي سورت مديني ۾ نازل ٿي. ان وقت حضرت محمد ﷺ جن ان آيت جو مضمون بيان ڪيو. حضرت محمد ﷺ جن جڏهن مڪي کان مديني لاءِ هجرت جو ارادو ڪيو ان وقت ئي پاڻ ﷺ جن هر قسم جي خانداني، طبقاتي، ۽ قبائلي برتري کي هڪ طرفو ختم ڪري چڪا هئا.
    سورت الحجرات جي تيرهن آيت هيءَ آهي.
    یٰۤاَیُّہَا النَّاسُ اِنَّا خَلَقۡنٰکُمۡ مِّنۡ ذَکَرٍ وَّ اُنۡثٰی وَ جَعَلۡنٰکُمۡ شُعُوۡبًا وَّ قَبَآئِلَ لِتَعَارَفُوۡا ؕ اِنَّ اَکۡرَمَکُمۡ عِنۡدَ اللّٰہِ اَتۡقٰکُمۡ ؕ اِنَّ اللّٰہَ عَلِیۡمٌ خَبِیۡرٌ ﴿۱۳﴾
    يعني: اي انسانو! اسان اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتين ۽ پاڙن ۾ ورهايو آهي ته جيئن هڪ ٻئي کي سڃاڻو (باقي) اوهان مان الله وٽ وڌيڪ چڱو اهو آهي جيڪو اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي، بيشڪ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻڻ وارو پوري خبر رکندڙ آهي.
    پيغمبر اسلام جن پنهنجي چونڊيل نمائندن کي اهو سمجهائي ڇڏيو هو ته اوهان هڪ عظيم ۽ ناياب مقصد جا علمبردار آهيو ۽ اوهان کي ان اهم ذميواري لاءِ عهدو ملڻ تي پنهنجون تمام صلاحيتون استعمال ڪرڻيون پونديون.
    ان ڏينهن تائين حضرت محمد ﷺ جن صرف هڪ پيغمبر جي حيثيت جا مالڪ هئا. پر ان کان بعد رسالت کان علاوه پاڻ ﷺ جن کي اهڪ امت جي قيادت به سنڀالڻي پئي. قرآن مجيد ۾ حضرت محمد ﷺ جن کي تاڪيد فرمايو ويو ته ان سلسلي ۾ حضرت موسيٰ وانگر اڳتي وڌڻو آهي.
    اها ماٿري ”عقبه“ جتي پيغمبر اسلام جن ٻن سالن تائين مديني جي مسلمانن کان بيعت ورتي، سا موجود نه آهي، ان جڳهه تي هڪ مسجد ٺاهي وئي آهي.


    هجرت جي شروعات

    هجرت جي شروعات

    بيعت الحرب رجب جي مهيني سن 622ع مڪمل ٿي. ان کان بعد عربي زبان خاص طور تي مسلمانن جي زبان تي ٻن نون اصطلاحن جو اضافو ٿيو، هڪڙو ”انصار“ ٻيو ”مهاجرين“.
    ”انصار“ مديني جي انهن مسلمانن کي چيو ويو، جن مسلسل ٻن سالن تائين يعني 621ع ۽ 622ع ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي هئي. ۽ ”مهاجرين“ انهن مسلمانن کي چيو ويو، جيڪي پنهنجي پيغمبر اسلام جن جي حڪم مطابق قريش جي مصيبتن کان بچڻ خاطر مڪي کان مديني طرف هجرت ڪري ويا هئا.
    اسلامي تاريخ ۾ انهن مهاجرين ۽ انصار مان ڪنهن کي به هڪ ٻئي تي فوقيت يا برتري حاصل نه آهي. ڇو جو انصار ۽ مهاجرين ٻنهي اسلام جي راهه ۾ تمام گهڻيون تڪليفون ۽ مصيبتون سر تي سٺيون آهن بعد ۾ مديني ۾ رهندڙ مسلمانن کي انصار سڏيو ويندو هو.
    بيعت الحرب جيڪا سن 622ع ۾ مڪمل ٿي، جيتوڻيڪ خفيه طورتي ڪئي وئي هئي، پر پوءِ به قريشن کي خبر پوڻ ۾ دير نه لڳي ته پيغمبر اسلام ﷺ ۽ مديني کان اچڻ وارن ماڻهن جي وچ ۾ ڪجهه ڳجهي ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي ۽ انهن پاڻ ۾ ڪو معاهدو به ڪيو آهي. انهيءَ سبب ڪري قريشن مديني وارن کان، جيڪي خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي آيل هئا پڇا ڪرڻ شروع ڪري ڏني ته توهان ڪڏهن ۽ ڪٿي حضرت محمد ﷺ سان رابطو ڪيو ۽ توهان ڇا چيو ۽ ڇا ٻڌو؟
    اهي ماڻهو جيڪي بت پرست هئا ۽ بتن جي پوڄا جي خيال سان مڪي آيا هئا، تن کي حضرت محمد ﷺ ۽ پنهنجن ڪجهه ساٿين جي وچ ۾ ٿيڻ واري ملاقات جو بلڪل پتو نه هو، ان ڪري انهن اُن پڇا جي سلسلي ۾ پنهنجي لاعلمي جو اظهار ڪيو. انهن جو چوڻ به صحيح هيو. ڇو جو مديني جا اهي پنجهتر مسلمان جن رات جي اونداهيءَ ۾ پيغمبر اسلام ﷺ سان گفتگو ڪئي هئي سي اتان ئي واپس مديني هليا ويا هئا ۽ انهن کي خدشو هو ته مڪي جا قريش انهن جو گهيراءُ ڪندا ان ڪري رستو تبديل ڪندي مديني ڏانهن هليا ويا.
    جڏهن مڪي کان اهي نڪتا ته ٽن ڏينهن گذرڻ بعد قريشن کي خبر پئي ته انهن ماڻهن ۽ حضرت محمد ﷺ جن جو پاڻ معاهدو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري انهن مديني وڃڻ وارن سڀني مسلمانن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. عام قافلو مڪي ۽ مديني جي وچ وارو فاصلو يارهن ڏينهن ۾ طئي ڪندو هو، پر تيز رفتار سفيد اُٺ اهو فاصلو ٽن ڏينهن ۾ طئي ڪندو هو. قبيله قريش وارن ڪجهه سفيد اُٺ آندا ۽ انهن تي سوار ٿي مديني وڃڻ وارن جي پٺيان روانا ٿيا ته جيئن مديني پهچڻ کان اڳ انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. پر مديني ويندڙ مسلمان رستو تبديل ڪندا پئي ويا تنهنڪري قريش تيز رفتار اُٺن جي باوجود به انهن کي ڳولي لهڻ ۾ ناڪام ويا. انهن هڪ تاجر کي گرفتار ڪري ورتو جيڪو انهن مسلمانن جي قافلي سان گڏ هو ڪنهن سبب ڪري هو پوئتي رهجي ويو هو.
    گرفتار تاجر کي مڪي آندو ويو ۽ ان کان پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏنائون. ان ٻڌايو ته مان مديني وارن جي قافلي ۾ ضرور شامل هيس ۽ پنهنجي شهر ڏانهن واپس ويس پئي پر مان قافلي وارن کان اهو نه ٻڌو ته انهن مڪي ۾ حضرت محمد ﷺ جن سان ملاقات ڪئي يا ڪو معاهدو ڪيو ويو آهي. مديني جو تاجر سچ ڳالهائي رهيو هو. ڇو جو قافلي ۾ شامل مسلمانن پنهنجو راز ظاهر نه ڪيو. تاجر هڪ خاصو مالدار شخص هو ۽ ٻين عربن وانگر هڪ قبيلي سان تعلق رکندڙ هو، جيڪڏهن قريش وارا ان کي ڪا تڪليف ڏين ها ته دشمني سر تي کڻڻي پوين ها ان کان علاوه تاجر جا مڪي ۾ به ڪيترائي دوست هئا. ان ڪري قريش وارن تاجر کي آزاد ڪري ڇڏيو ۽ ان جي بدلي ٻه جاسوس مڪي کان مديني روانا ڪيا ويا ته جيئن مسلمانن جي جاچ ڪري معلوم ڪيو وڃي ته ڪهڙي قسم جو معاهدو ٿيل آهي.
    مديني ويندڙ پنجتهر مسلمان جڏهن پنهنجي شهر پهتا ته حضرت محمد ﷺ جن مڪي ۾ رهندڙ مسلمانن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجا گهر ٻار ڇڏي مديني جي طرف هڪ هڪ ٿي نڪري وڃن ۽ اتي پهچي انصار جي گهرن ۾ گذارن.
    مڪي جا مسلمان ننڍن ننڍن گروپن جي شڪل ۾ پنهنجو آبائي شهر ڇڏي مديني جي طرف روانا ٿيڻ لڳا، پر مڪي جهڙي شهر ۾ جتي سڀ هڪ ٻئي کي سڃاڻن پيا ۽ ڪجهه ماڻهن جي اوچتو غيرحاضر رهڻ تي شڪ پيدا ٿئي پيو ۽ ايئن ئي ٿيو، قريش ان ڳالهه کي جلد سمجهي ويا ته مسلمان آهستي آهستي مڪي مان نڪرندا وڃن ٿا، تنهن ڪري قريشن هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن کي روڪڻ ۽ مڪي ۾ ئي رهڻ تي مجبور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ مڪي جي مسلمانن مان ٽن شخصن حضرت عباس بن ربيعه رضي الله، حضرت اميه ۽ حضرت هاشم بن عاص رضي الله جن مڪي مان گڏجي نڪرڻ جو فيصلو ڪيو پر جنهن رات انهن کي مڪي مان نڪرڻو هو حضرت هاشم بن عاص اوچتو گم ٿي ويو، باقي ٻه ڄڻا مجبوراً ان کان بغير ئي مديني روانا ٿيا ويا ۽ ٻئي ڏينهن سڀني مڪي وارن کي پتو پئجي ويو. جيئن ته حضرت هاشم مسلمان هيو ان کي قريش وارن گرفتار ڪري ورتو.
    ”انهن ڏينهن ۾ مڪي ۾ ڪو به جيل نه هيو. جزيره عرب جو پهريون جيل پيغمبر اسلام ﷺ جن جي رحلت کان ڪيترا سال پوءِ ڪوفه ۾ تعمير ٿيو.“ ان زماني ۾ جيڪڏهن ڪنهن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻي هوندي هئي ته ان شخص کي زنجيرن سان ٻڌي ريگستان جي تپندڙ واريءَ ۾ ڇڏي ڏيندا هئا، حضرت هاشم بن عاص سان به ائين ئي ڪيو ويو.


    سرڪار دوعالم حضرت محمد ﷺ جن جي وڏي ۾ وڏي قرباني

    سرڪار دوعالم حضرت محمد ﷺ جن جي وڏي ۾ وڏي قرباني

    اها ڳالهه جنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو ۽ اهو احساس به پيدا ٿين ته اڄ کان پوءِ پنهنجو رابطو پنهنجي خاندان، قبيلي ۽ ابن ڏاڏن سان هميشه لاءِ ڪٽجي ويندو. جڏهن ته ابا ڏاڏا مجموعي طور تي خانداني شجره جو بنياد هوندا آهن، ان دور جي خانداني شجره جي اهميت اسان جي اڄ جي شناختي ڪارڊ کان زياده هوندي هئي.
    جيڪڏهن اڄ اسان جو شناختي ڪارڊ گم ٿي ويندو آهي ته ٻيو حاصل ڪري سگهندا آهيون، پر ان زماني ۾ جڏهن ڪنهن جو رابطو پنهنجي خانداني شجره کان ٽٽي ويندو هو ته ڄڻ اهو شخص پنهنجي سڃاڻپ کان علاوه پنهنجي سمورن سماجي ۽ معاشي حقن کان به محروم ٿي ويندو هو. خانداني شجرو ۽ قبيلو درحقيقت هڪ ئي شيءِ جا ٻه نالا آهن. جڏهن ڪو شخص پنهنجي قبيلي کان تعلق ٽوڙيندو هو ته ان جو مطلب ائين هو ڄڻ هن دنيا ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وڃائي ڇڏيو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي سڀ کان وڏي قرباني اها هئي جو دين اسلام جي خاطر پنهنجي قبيلي کان تعلق ٽوڙيو ۽ مڪي جهڙي شهر ۾ جتي پاڻ جوان ٿيا. تنهن کي ڇڏي مديني ڏانهن روانا ٿي ويا. پيغمبر اسلام ﷺ جن الله جي راهه ۾ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو، پر ان ڳالهه جو کين ڪوبه فڪر يا غم نه هو.
    جڏهن سج لٿو ۽ رات جي اونداهي ڦهلجي وئي تڏهن حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجو سفر شروع ڪيو جيئن ته پٿريلو علائقو ختم ٿي چڪو هو، تنهن ڪري پاڻ آسانيءَ سان قدم وڌائيندا رهيا. سڄي رات سفر ڪرڻ کان پوءِ جڏهن صبح جي روشني ٿي ته پاڻ ﷺ جن ان غار وٽ پهتا جيڪو حضرت ابوبڪر صديق رضي الله سندن عارضي رهڻ لاءِ چونڊيو هو.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله عمر جي لحاظ کان پاڻ ڪريم ﷺ جن کان ٽي سال وڏا هئا.جيئن ته اهو بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو مڪي جي مالدار شخصيتن ۾ شمار ٿيندو هو، جنهن ساري ملڪيت اسلام جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏي، سو هن وقت غريبي حال بڻجي چڪو هو. غار ۾ پهچڻ بعد حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پنهنجي هٿن سان ان جڳهه کي صاف ڪيو ۽ پنهنجو جُبو ڦاڙي ڪپڙي جي ٽڪڙن سان غار ۾ موجود مختلف سوراخن کي بند ڪيو ڇو ته متان ڪو موذي جانور، نانگ يا وڇون وغيره انهن سوراخن مان نڪري حضرت محمد ﷺ جن کي ايذاءُ نه پهچائي. پوءِ جڏهن کيس پورو اطمينان ٿي چڪو ته هاڻي غار ۾ ڪوئي خطرو نه آهي پوءِ پاڻ سڳورنﷺ کي غار ۾ داخل ٿيڻ لاءِ عرض ڪيائين.
    غار اندر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حضرت محمد ﷺ جن جي پيرن جي زخمن کي ڪپڙي جي ٽڪڙن سان ٻڌو ۽ ٻي اهڙي ڪابه شيءِ نه هئي جو حضرت محمد ﷺ جن مٿي هيٺان رکي آرامي ٿين، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پاڻ سڳورنﷺ جن کي چيو ته منهنجي گود ۾ مٿو رکي آرامي ٿيو. جڏهن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ڏٺو ته اڃان هڪ سوراخ باقي رهجي ويو آهي، ان سوراخ ۾ پنهنجي پير جي کڙي رکي ويهي رهيو. انهيءَ ئي سوراخ ۾ ڪو نانگ موجود هو جنهن ٻاهر نڪرڻ جي لاءِ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي پير جي کڙي تي پنهنجا زهريلا وار ڪيا. حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي اکين مان شديد درد سبب ڳوڙها نڪري پاڻ سڳورنﷺ جي چهري مبارڪ تي ڪرڻ شروع ٿي ويا، ان سبب حضرت محمد ﷺ جن جي اک کلي ڏٺائون ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو چهرو زرد ٿي چڪو آهي پاڻ ﷺ جن فوراً سمجهي ويا ته حضرت ابوبڪر صديق کي ڪنهن نانگ ڏنگيو آهي. پاڻ سڳورنﷺ سندس زخم واري جاءِ کي ٻڌو ۽ پنهنجو لعاب مبارڪ زخم تي لڳايو اهڙي طرح حضرت ابوبڪر کي آرام اچي ويو.
    جنهن رات حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ان غار ۾ موجود هئا، انهيءَ ئي رات مڪي ۾ قريش جي ماڻهن پنهنجي قبيلي جي منصوبي تحت حضرت محمد ﷺ جن جي گهر ۾ گهڙي آيا ۽ سندن ارادو کين قتل ڪرڻ جو هيو، پر گهر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي بجاءِ حضرت علي رضي الله جن کي ڏٺائون ۽ انهن تعجب منجهان حضرت علي رضي الله کان پڇا ڪئي ته ڇا حضرت محمد ﷺ مڪي کان ٻاهر نڪري ويا آهن، حضرت علي رضي الله جواب ڏنو ها! مڪي کان ٻاهر نڪري ويا آهن.
    اها خبر پوندي ئي قريش جا ماڻهو انهيءَ رات مڪي جي آس پاس ڦهلجي ويا ۽ چوڌاري بيابانن ۾ ڳولا شروع ڪري ڏني. قريش وارن اهو اعلان به ڪيو ته جيڪو شخص پاڻ ﷺ جن کي ڳولهي لهندو يا خفيه رهڻ جو هنڌ ٻڌائيندو ته کيس هڪ سؤ اٺ انعام ڏنا ويندا. ٻئي ڏينهن قريش جا ماڻهو تيز رفتار اٺن ذريعي ان جڳهه تائين پهچي ويا، جتي حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ترسيل هئا. جيتوڻيڪ قريش جا ماڻهو ان غار جي سامهون گذريا پر ان غار ۾ اندر داخل نه ٿيا. ان جو سبب هي هو ته هڪ ڪوريئڙي غار جي منهن تي ڄاري لڳائي ڇڏي هئي، انهن ان غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي ڄاري ڏسي اندازو لڳايو ته جيڪڏهن هن غار ۾ حضرت محمد ﷺ جن داخل ٿين ها ته اها ڪوريئڙي جي ڄاري ٽٽي پوي ها. اهي يقين رکي اڳتي وڌي ويا، پٺيان هڪ ٻيو قريش جو گروپ به اچي غار وٽ پهتو جڏهن اهي غار ۾ جاچڻ لاءِ اڳتي وڌيا ته انهن ڏٺو ته غار جي منهن تي ڪوريئڙي جي تاني لڳل آهي ۽ غار جي منهن وٽ هڪ پکيءَ جو آکيرو آهي جيڪو پنهنجي آنن تي آکيري ۾ موجود آهي انهن هڪ ٻئي کي چيو ته جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن هن غار ۾ موجود هجن ها ته هي پکي به ويٺل نه هجي ها ۽ نه وري ڪوريئڙي جي ڄاري سالم هجي ها، ان ڪري اهي غار ۾ داخل نه ٿيا ۽ اڳتي ڳولا لاءِ روانا ٿي ويا.
    غار جي اندر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٿڪاوٽ ۽ نانگ جي زهر سبب ويٺا رهيا. قريش وارن جي اچ وڃ ڏسي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حراس محسوس ڪيو پر پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس تسلي ڏيندي الله جي مدد جو يقين ڏياريو. قرآن مجيد جي نائين سورة ”توبھ“ جي چاليهن آيت ۾ هن واقعي جو ارشاد ٿيل آهي.
    يعني جيڪڏهن توهان ان جي مدد نه ڪئي پر الله ڪئي، جڏهن ته ڪفار انهن کي مڪي مان ڪڍي ڇڏيو هو ۽ اهو انهن ٻنهي مان هڪ هو، جيڪي غار ۾ ترسيل هئا، ۽ پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي ساٿيءَ کي چيو ته غم نه ڪر ڇو جو الله اسان سان ساڻ آهي (۽ ائين ئي ٿيو) ان تي جيڪو تمام ڊنل هو دلجاءِ نازل ڪئي، يعني حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي دلي سڪون حاصل ٿيو.
    حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون ان غار ۾ ترسيا. جڏهن غار کان نڪتا ته انهن جي نظر ڪوريئڙي جي ڄاريءَ ۽ پکي جي آکيري تي پئي، انهن کي يقين حاصل ٿيو ته انهن سان الله جي مدد ۽ رحمت شامل آهي.
    ٽي ڏينهن مسلسل ڪوششن بعد قريش وارا به ٿڪجي پيا ۽ هار مڃي مڪي موٽي آيا. ان گهڙي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جو غلام عامر بن نسيره منصوبي تحت ٻه سفيد ڏاچيون ڪاهي ان غار وٽ پهچي ويو، حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله انهن تي سوار ٿي مديني ڏانهن روانا ٿي ويا پوءِ به احتياطي تدبير اختيار ڪندي پاڻ سمنڊ جي ڪناري وارو رستو اختيار ڪيائون.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي جسم تي جُبو نه هيو ۽ جيئن پاڻ سڳوراﷺ جن به جلدي جلدي گهر کان روانا ٿيا هئا تنهن ڪري وٽن به مناسب لباس نه هيو، پاڻ ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ٻنهي کي پراڻن ڪپڙن جو لباس پهريل هو. جيڪڏهن ان گهڙي ڪو کين ڏسي ها ته حيرت ۾ پئجي وڃي ها، ڇو جو ريگستاني عرب جي پهرين ۽ مهانگي سواري تي ڦاٽل ۽ پراڻا ڪپڙا پهريل سوار هئا.
    قريش هر جڳهه اهو اعلان ڪري رهيا هئا ته جيڪو به حضرت محمد ﷺ جن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مدد ڪندو اهو سؤ سفيد اٺن جو حقدار هوندو.


    هجرت

    هجرت

    هڪ ڏينهن قبيله بنومدليج جو سربراه پنهنجي تنبوءَ ۾ ويٺو ڪجهه ماڻهن سان گفتگو ڪري رهيو هو ته هڪ شخص تنبوءَ ۾ داخل ٿيو ۽ چيائين ته اي سراقه! مان اڄ ٻن سُوارن کي ڏٺو آهي، جيڪي جهاز ”ڏاچي“ تي سوار هئا ۽ سمنڊ جي ڪناري سان سفر ڪري رهيا هئا، منهنجي خيال ۾ انهن ۾ هڪ يقيناً حـضرت محمد ﷺ هيو.
    سراقه بن مالڪ جيئن ئي اها ڳالهه ٻڌي ۽ ان شخص جي ٻڌايل نشانين سان يڪدم اهو سمجهي ويو ته يقيناً انهن ٻنهي مسافرن مان هڪ حضرت محمد ﷺ آهي، جنهن جي سر جي قيمت هڪ سؤ اُٺ مقرر ڪئي وئي آهي. پر اهو سوچي ڪري ته متان خبر آڻيندڙ شخص انعام ۾ حصيدار نه بڻجي، ان شخص کي ڀلائڻ خاطر ان کي چيائين ته، ”توکي غلط فهمي آهي اهي ٻئي اٺ سوار ته گذريل رات مون وٽ مهمان هئا ۽ اڄ صبح ئي هتان روانا ٿيا آهن.!“
    جڏهن خبر آڻيندڙ مايوس ٿي واپس هليو ويو ته سراقه بن مالڪ پنهنجي قبيلي جي ڪجهه ماڻهن سان گڏجي تيز رفتار گهوڙن تي سوار ٿي حضرت محمد ﷺ جن جي پٺيان روانو ٿي ويو. سراقه بن مالڪ جو قبيلو قريش وارن جي اتحادين ۾ شامل هيو. جيئن ته اهي تيز رفتار گهوڙن تي سوار هئا تنهن ڪري جلدي وڃي حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کي پهتا. جڏهن انهن جي ويجهو پهتا ته سراقه پنهنجي گهوڙي کي پاڻ ﷺ تائين پهچائڻ جي لاءِ لغام کي ڇڪيو ته گهوڙو لوڏا کائي زمين تي ڪري پيو، سراقه مسلسل ٽي دفعا اهڙي ريت حضرت محمد ﷺ جن کي ويجهو پهچڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر دفعي سندس گهوڙي جون ٽنگون زمين ۾ گهري وڃن پيون ۽ هو زمين اندر هليو ٿي ويو.
    دور جهالت ۾ عرب فالَ ڪڍڻ تي يقين رکندا هئا ۽ جڏهن سراقه جو گهوڙو ٽي دفعا زمين تي ڪريو ته ان فالَ ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ته ڇا حضرت محمد ﷺ جن کي پڪڙي قريش وارن جي حوالي ڪري يا نه، پر هن جي فالَ به ناڪاري نڪتي. ان جي باوجود به هن چوٿون دفعو به گهوڙي کي اَڙي ڏني پر گهوڙو زمين کان نڪري نه سگهيو اهڙي طرح حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تائين پهچڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو.
    جڏهن سراقه اهو ڏٺو ته گهوڙو چارئي دفعا زمين اندر ڦاسي پيو ۽ ان جي فالَ به ان جي خيال جي مخالفت ۾ آئي ته هو زور سان رڙيون ڪري چوڻ لڳو اي محمد! (ﷺ) ترسو، مان اوهان سان ڪجهه گفتگو ڪرڻ چاهيان ٿو.
    سراقه پنهنجو گهوڙو ساٿين جي حوالي ڪري پيادل حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن ڏانهن وڌيو ۽ انهن جي سامهون پهچڻ کانپوءِ چيائين ته ”اي محمد! مان قريش وارن جو اتحادي آهيان ۽ چاهيان پيو ته اوهان کي گرفتار ڪري قريش وارن جي حوالي ڪريان ۽ بدلي ۾ سؤ اُٺ انعام حاصل ڪريان پر هاڻي مون کي احساس ٿيو ته اوهان برحق سچا آهيو، ڇو ته منهنجو گهوڙو چار دفعا زمين تي ڪر ي پيو ۽ مان اوهان تائين پهچي نه سگهيس. ان ڪري پيشگوئي ڪريان ٿو ته اوهان هڪ ڏينهن قريش مٿان برتري حاصل ڪندا مان ان ڏينهن جي اوهان کان پناهه گهران ٿو، پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇيو ته ”تنهنجو مطلب ڇا آهي؟“
    سراقه بن مالڪ جواب ڏنو ته ”منهنجو مطلب آهي ته جڏهن اوهان قريش مٿان ”غلبو“ برتري حاصل ڪريو ته مون کي انهن جي ساٿ ڏيڻ جي سزا نه ملي ۽ نه ئي منهنجي قبيلي کي انتقام جو نشانو بڻايو وڃي.“ پيغمبر اسلام فرمايو، ان ڏينهن تون امان ۾ هوندين ۽ ڪوبه توکي يا تنهنجي قبيلي کي نقصان نه پهچائيندو. آخرڪار سراقه بن مالڪ اسلام قبول ڪري مسلمان ٿي ويو ۽ ان جو شمار اسلام جي نامور سردارن ۾ ٿيڻ لڳو. ان ڏينهن کانپوءِ حضرت محمد ﷺ جن جي تلاش ۾ اچڻ واري ڪنهن به شخص کي سراقه پنهنجي حد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پر جيڪڏهن ڪوئي اتفاق سان ايندو هو ته ان کي گمراهه ڪرڻ لاءِ ان کي چيو ويندو هو ته هتان حضرت محمد ﷺ جن نه گذريا آهن شايد ڪنهن ٻي رستي کان ويا هجن.
    ٻن ڏينهن گذرڻ بعد حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کي هڪ قافلو مليو ۽ پتو پيو ته ان قافلي ۾ حضرت محمد ﷺ جن جو سوٽ ”زبير بن العوام“ سفر ڪري رهيو آهي. ان قافلي مان پاڻ سڳورنﷺ زبير کان ڪجهه ڪپڙا ۽ کاڌي پيتي جو سامان ورتو ۽ پاڻ ﷺ سفر جاري رکيائون ۽ وڌيڪ ٻن ڏينهن گذرڻ بعد ”اسلم“ نالي هڪ قبيلي ۾ پهتا ۽ ان قبيلي جي سربراهه ”اوس بن هاجر“ هڪ تجويز ڏني ته هڪ ماڻهو هتان رستي جو واقف ڪار ساڻ کڻي وڃو ته اوهان کي خيريت سان مديني تائين پهچائڻ ۾ مدد ڪري. حضرت محمد ﷺ جن اوس بن هاجر جي اها تجويز قبول ڪئي ۽ مسعود نالي هڪ شخص کي رهنمائي طور ساڻ کنيائون.
    مسعود پيغمبر اسلام ﷺ کي چيو ته مان صرف پنهنجي قبيلي جي حد تائين اوهان جو ساٿ ڏئي سگهان ٿو اڳتي هلي نه سگهندس. ان جي اها ڳالهه پاڻ سڳورنﷺ جن قبول ڪئي ۽ پوءِ مسعود جي رهنمائي ۾ ٻيهر سفر شروع ڪيائون. مسعود پنهنجي قبيلي جي آخري حدتائين ساٿ ڏنو. پاڻ سڳورنﷺ شڪريو ادا ڪري کيس واپس موٽڻ جي اجازت ڏني. قبيله اسلم جي حد کان بعد حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي اهڙي علائقي ۾ داخل ٿي ويا، جنهن جي ٻئي حصي تي ”قبا“ نالي سرزمين واقع هئي.
    قبا جي ويجهو پهچندي ئي حضرت محمد ﷺ جن يڪدم ترسيا ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي مخاطب ٿي فرمايائون ته، ”يا ابوبڪر! هن ڏاچي کي جنهن تي آءٌ ويٺو آهيان مون کي وڪڻي ڏ ي.“ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تعجب منجهان چيو ته ”يا رسول الله هن ڏاچيءَ جي خريد ڪرڻ جي اوهان کي ڪهڙي ضرورت آهي مان ته اها (ڏاچي) قصويٰ اڳي ئي اوهان جي حوالي ڪري چڪو آهيان.“
    ”قصويٰ“ جزيره عرب ۾ اصل ڏاچي کي چوندا آهن، انهن ڏاچين تي سامان وغيره نه کڻندا آهن پر صرف سواريءَ يا اٺن جي ڊوڙ ۾ استعمال ڪندا آهن. حضرت محمد ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کي فرمايو ته، ”مان ڄاڻان ٿو ته تو ساري دولت الله جي راهه ۽ ان جي دين جي ترقي لاءِ پاڻي وانگر وهائي ڇڏي آهي، پر مان هن ڏاچيءَ کي پنهنجي ذاتي استعمال ۾ آڻڻ چاهيان ٿو، انڪري توکي ان جي بخشش نه ڪرڻ گهرجي، تون هن ڏاچيءَ جي قيمت مقرر ڪري ڇڏ، آءٌ ادا ڪري ڇڏيندس.“
    جزيره عرب ۾ اصل ڏاچين (قصويٰ) جا ڪن ڪٽيا ويندا هئا ۽ ائين ڪرڻ سان انهن جو خيال هوندو هو ته جيڪڏهن ڏاچيءَ جا ٿورڙا ڪن ڪٽيا وڃن ته اها وڌيڪ تيز رفتاريءَ سان ڊوڙي سگهندي آهي. اهڙي قسم جي ڪن ڪٽيل ڏاچيءَ کي ”قصويٰ“ چوندا آهن. ڇو ته جنهن ڏاچيءَ تي حضرت محمد ﷺ جن سورا هئا ان جا ڪن ڪٽيل هئا ۽ اها ڏاچي ”قصويٰ“ هئي، ان ڪري اهڙي قسم جي ڏاچي تاريخ اسلام ۾ ”قصويٰ“ اسم خاص جي طور استعمال ۾ آئي آهي.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جڏهن اهو ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن بطور نذراني جي ڏاچي قبول ڪرڻ لاءِ آماده نه آهن ته چار سو درهم جي عيوض اها قصويٰ حضرت محمد ﷺ جن کي وڪڻي ڏني، ۽ هيءَ اها ئي ڏاچي آهي جنهن جو نالو اسلامي تاريخ ۾ هميشه لاءِ تحرير ڪيو ويو آهي ۽ اهي مسلمان جيڪي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هجرت جي تاريخ کان واقف آهن، اهو ضرور ڄاڻن ٿا ته جنهن ڏاچيءَ تي ويهي ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کان مديني جي طرف هجرت ڪئي. ان ڏاچيءَ جو نالو ”قصويٰ“ هو.


    دنياءِ اسلام ۾ هجرت جي اهميت

    دنياءِ اسلام ۾ هجرت جي اهميت

    حضرت محمد ﷺ جن جي هجرت تاريخ اسلام جو انتهائي اهم واقعو آهي، ڇو جو هجرت کان بعد اسلامي معاشرو صحيح معنيٰ ۾ هڪ ”امت“ ۾ تبديل ٿي ويو. رنگ ۽ نسل، اعليٰ و ادنيٰ ۽ امير و غريب سڀ طبقاتي حدون ختم ٿي ويون. خاص ڪري حڪومتي طبقي جي فوقيت ۽ بالادستي هميشه لاءِ ختم ٿي وئي. سڀ مسلمان سماجي طورتي هڪ ٻئي جي برابريءَ ۾ اچي ويا.
    هجرت، پراڻي ۽ نئي ماحول جي وچ ۾ ڄڻ هڪ آڙ بنجي وئي، جنهن دور جهالت کي عهد اسلام کان جدا ڪر ي ڇڏيو ۽ ڪجهه اهڙي طرح خانداني برتري کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن حقيقت جو ذڪر بعد ايندو، جو جڏهن حضرت محمد ﷺ جن قبا ۾ داخل ٿيا ته حضرت عمر بن خطاب رضي الله جهڙو شخص، جيڪو مڪي جي سردارن ۾ اول مقام رکندو هو؛ ۽ جنهن جو قد ٻن ميٽرن جي برابر هيو، جنهن جو آواز آسمانيءَ بجلي جي ڪڙڪاٽ وانگر فضا ۾ گونجندڙ هو، جنهن کان ابليس به ڊڄندو هو. اهڙو شخص؛ پنهنجي ڪلهن تي پٿر ۽ مٽي ڍوئي رهيو هو ته جيئن مسجد جي تعمير ۾ حصو وٺي سگهي. خود سرڪار دوعالم ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن انهيءَ مٽي مان گارو ٺاهي رهيا هئا. حقيقت هيءَ هئي ته جيڪڏهن اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ حضرت عمر رضي الله بن خطاب کي جزيره عرب جي سموري دولت پيش ڪجي ها ته به هڪ پٿر ته ڇا مٽيءَ جي مُٺ به هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي کڻي اچڻ تي راضي نه ٿئي ها؛ ڇو جو مڪي ۾ هر قسم جو ڪم نوڪرن ۽ غلامن جي ذميواري هوندي هئي ۽ حڪومتي طبقو پنهنجو پاڻ کي برتر مخلوق سمجهندو هو.
    قبا جي ماٿري مديني جي ڏکڻ ۾ موجود آهي ۽ هي علائقو مديني جي حد ۾ شمار ڪيو ويندو هو.
    مغربي تاريخدان چون ٿا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سن 622ع ۾ سيپٽمبر جي مهيني جي 2 تاريخ جو قبا ۾ داخل ٿيا، پر اسلامي تاريخدان چون ٿا ته پيغمبر اسلام جن 16 جولاءِ 622ع تي قبا ۾ قدم رکيو. جيئن ته اهو محرم جي مهيني جو هڪ ڏينهن هو، ان ڪري مسلمانن محرم جي پهرئين تاريخ کي اسلامي سال جي شروعات قرار ڏنو. ۽ اڄ به دنيا جي سمورن مسلمانن ۾ ان مهيني کي اسلامي سال جي ابتدا مڃن ٿا ۽ پنهنجي زندگيءَ جي معمولات ۾ استعمال ڪن ٿا.
    جيڪڏهن پيغمبر اسلام جولاءِ 16 تاريخ جو قبا ۾ داخل ٿيا ته جهڙي ريت اسلامي مؤرخين لکيو آهي ته گرميءَ جي موسم سبب شديد گرمي هئي، قبا جي شهرين کي اهو معلوم ٿي چڪو هو ته اڄ حضرت محمد ﷺ جن هتي پهچندا، ان ڪري هو گهرن کان ٻاهر اچي پيغمبر اسلام جن جي انتظار ۾ بيهي رهيا، پر ٽاڪ منجهند جو جڏهن گرميءَ جي شدت ۾ واڌارو اچي ويو ته ماڻهو سج جي تپش برداشت نه ڪري سگهيا ۽ پنهنجي گهرن ۾ واپس موٽي ويا. گرميءَ جي ايتري ته شدت ۽ ٻاهر ڪاڙهو هو جو ڪوبه پيرين اگهاڙو ٻاهر قدم رکي نه پيو ته متان پيرن ۾ ڦلوڪڻا ٿي وڃن. ڪوبه گهٽيءَ يا محلي ۾ ٻاهر نه هيو جو پيغمبر اسلام ﷺ جي آمد جو نظارو ڏسي سگهي، بس هڪ يهودي جنهن جو تاريخ نالو نه لکيو آهي، ان گهڙيءَ اتان گذري رهيو هو. ان يهوديءَ کي قبا جي ٻين ماڻهن وانگر علم هيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اڄ قبا ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، ان ڪري جيئن ئي ان ٻه سفيد ڏاچين کي ايندو ڏٺو ته ڏاچين جي سوارن تي نظر ڦيرايائين ته جلدي سمجهي ويو ته حضرت محمد ﷺ پيغمبر اسلام قبا ۾ داخل ٿي چڪا آهن ته ڏسندي ئي قبا جي هر محلي ۽ گهٽين ۾ ڊڪڻ لڳو ۽ زور زور سان رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته ”اي يهوديو! اوهان کي خبر هجي ته اوهان کي نجات ڏيندڙ اچي ويو آهي.“ مديني جا يهودي به مسلمانن وانگر پيغمبر اسلام جن جي اچڻ لاءِ منتظر هئا. ان ڪري ته جيئن انهن جا ذاتي اختلاف ختم ڪري، جن جي ڪري انهن جي زندگي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل هئي.
    قبا جي ماڻهن جڏهن ان شخص جي رڙين جو آواز ٻڌو ته جلدي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. نه صرف مرد ۽ عورتون پر ننڍڙا ٻار به منجهند جي گرميءَ جي باوجود گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، ته جيئن جنهن شخصيت؛ حضرت محمد ﷺ، پيغمبر اسلام جي انتظار ۾ هئا تنهن هڪ نظر ڏسن ۽ اهو ڏسن ته جنهن کي الله تعاليٰ پيغمبر مقرر ڪيو آهي اهو ڪهڙو آهي!
    حضرت محمد ﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کجين جي ٻن وڻن هيٺان پنهنجي ڏاچين کي ويهاريو ۽ ڏاچين تان لهي کجين جي ڇانو ۾ بيهي رهيا. قبا جي رهندڙن جن ۾ مسلمان ۽ يهودي ٻئي شامل هئا پاڻ ﷺ جن جي چوگرد مڙي ويا، پر انهن کي اهو معلوم نه هو ته انهن ٻنهي مان ڪهڙو پيغمبر اسلام ﷺ آهي.
    حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيئن ته حضرت محمد ﷺ جن کان عمر ۾ ٽي سال وڏو هو، سو ان خيال کان ته ماڻهو غلطي نه ڪن ۽ متان مونکي پيغمبر سمجهي ويهن، ٻه چار قدم پوئتي هٽي بيٺو ۽ پنهنجي چادر لاهي پيغمبر اسلام جي مٿي تي ڇانو ڪري بيٺو ته جيئن پاڻ ﷺ جن سج جي تپش کان به محفوظ رهن. درحقيقت انهن کي کجين جي وڻن جي اهڙي ڇانو نه هئي جو سج جو اُس مڪمل لڪي سگهي.
    ان گهڙي ماڻهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي يڪدم سڃاڻي ورتو ۽ عربن جي رسم جي مطابق ڀليڪار هڪ مخصوص انداز ۾ ڪئي. جنهن جڳهه تي حضرت محمد ﷺ اچي ڏاچين کي ويهاريو، ان محلي جو نالو محله ابي عمر وبن عوف هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن پڇا ڪئي ته هيءَ جڳهه ڪنهن جي ملڪيت آهي؟ جواب ۾ هڪ شخص اڳتي وڌيو ۽ چيائين ته، ”هي زمين منهنجي آهي ۽ انهن کجين کي به مون ئي پوکيو آهي.“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته، ”منهنجو مطلب به اهو هيو. جيئن ته هاڻي پتو پيو ته زمين جو مالڪ تون ئي آهين، پوءِ ڇا تو ان ڳالهه جي اجازت ڏين ٿو ته اسان ڪجهه وقت هتي انهن وڻن هيٺان ترسون؟“
    ان شخص خوشي سان جواب ڏنو ته، ”ڇو نه، اوهان جيستائين چاهيو هتي ترسي يا رهي سگهو ٿا.“ پر انهيءَ ئي گهڙي هڪ خاتون اڳتي وڌي جنهن جو نالو ڪلثوم هو، ان خاتون پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن کي درخواست ڪئي ته اوهان منهنجي گهر هلو ۽ اتي هلي رهو، پاڻ سڳورنﷺ خاتون کي فرمايو ته اسين توکي تڪليف ڏيڻ نٿا چاهيون. پر ام ڪلثوم اهو اصرار ڪيو ته يارسول الله ﷺ منهنجي گهر ۾ هڪ حجرو خالي آهي جيڪو منهنجي استعمال ۾ نه آهي، ان ڪري اوهان ﷺ ۽ اوهان جو ساٿي ان حجري ۾ آرام سان رهي سگهو ٿا. مان خود اوهان ﷺ جي ڏاچين جي نظرداري ڪنديس.تنهن کانپوءِ پيغمبر اسلام ﷺ ان خاتون جي دعوت قبول فرمائي ۽ ان جي گهر ڏانهن روانا ٿيا ۽ ان حجري ۾ آرام فرمايائون.
    ٻئي طرف سموري مديني ۾ اها خبر پئجي وئي ته پيغمبر اسلام جن قبا ۾ پهچي چڪا آهن. سڀ کان اول پيغمبر اسلام جن جي شوق ديدار ۾ مديني کان قبا پهچڻ وارو شخص حضرت عمر رضي الله بن خطاب هو. بعد ۾ ٻيا مسلمان به قبا پهچڻ شروع ٿي ويا. آهستي آهستي انهن جو ايترو ته تعداد ٿي ويو جو پاڻ ﷺ جن ان حجري ۾ سڀ کي ڀليڪار ڪري نه پيا سگهن، ان جي ڪري هڪ مسلمان جنهن جو نالو اسد بن خيشمن هو، ان پنهنجي گهر پيغمبر اسلام جن جي حوالي ڪيو، جيڪو تمام ڪشادو هو ته جيئن پيغمبر اسلام جن مسلمانن سان سولي نموني ملي سگهن. مسلمانن سان ملاقات ڪرڻ بعد پاڻ ﷺ جن اُم ڪلثوم جي حجري ۾ آرامي ٿيندا هئا.
    قبا ۾ ٽن ڏينهن جي رهڻ بعد پاڻ سڳورنﷺ هڪ مسجد تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مسلمانن مان هڪ شخص مسجد جي هديه ۾ زمين ڏيڻ جي پيشڪش ڪئي، پر پيغمبر اسلام جن فرمايو ته مان ان زمين کي خريد ڪرڻ وڌيڪ پسند ڪيان ٿو. پاڻ سڳورنﷺ اها زمين خريد ڪئي ۽ مسجد تعمير ڪيائون.
    مسجد قبا اها پهرئين مسجد آهي جيڪا مسلمانن ٺاهي ۽ سڀئي مسلمان توڙي جو حضرت عمر رضي الله وانگر مڪي کان مديني هجرت ڪري آيا هئا ۽ ” مهاجر“ سڏجن پيا ۽ ٻيا جيڪي مديني جا رهاڪو مسلمان ”انصار“ جي نالي سان سڏجن پيا، قبا مسجد جي تعمير ۾ شريڪ ٿيا، خود پيغمبر ﷺ جن حضرت ابوبڪر صديق رضي الله سان گڏجي گارو ٺاهيندا ۽ سرون کڻندا رهيا. حضرت عمر رضي الله بن خطاب به پنهنجي ڪلهن تي ڳرا پٿر ڍوئيندو رهيو ۽ پري پري کان مٽيءَ جون ٻوريون ڀري آڻيندو رهيو. ان مٽيءَ کان گارو ٺاهي سرون ٺاهيندا رهيا.
    درحقيقت مسلمانن جي پهرئين جامع مسجد قبا آهي ڇو جو سڀني مسلمانن ان مسجد جي تعمير ۾ حصو ورتو ۽ حضرت عمر بن خطاب، حضر ت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ صهيب رومي جهڙا ناليوارا ۽ حڪومتي طبقي سان تعلق رکڻ وارا شخص به ٻين غريب مفلس مسلمانن وانگر پٿر ڍوئيندا رهيا ۽ عام مزدورن وانگر ڪم ڪندا رهيا. خود پيغمبر اسلام جن به صبح کان وٺي شام تائين انهن ماڻهن وانگر انهن سان ڪم ڪندا رهيا.
    حضرت محمد ﷺ جن قبا ۾ ويهه ڏينهن رهيا ۽ جڏهن مسجد تيار ٿي تنهن بعد پاڻ ﷺ جن مديني هلڻ لاءِ ارادو ڪيو. ان وقت مديني کي ”يثرب“ جي نالي سڏيو ويندو هو.
    عربي زبان ۾ ”يثرب“ جي معنيٰ آهي، اهڙي جڳهه جيڪا انسان کي تڪليف پهچائي يا اهڙي جڳهه جتي انسان بيمار ٿي پوي. اهو نالو دراصل ريگستاني ماڻهن ان شهر تي رکيو هو ڇو جو بيابانن ۽ ريگستانن ۾ فقط موسم بهار ۾ برسات پوندي هئي ۽ ماڻهو جڏهن شهر ۾ ايندا هئا اتي گهڻو وقت مينهن وسندو هو. ان مسلسل برساتين سبب اهي بيمار ٿي پوندا هئا. ان ڪري يثرب انهن جي صحت لاءِ صحيح نه هو تڏهن شهر کي يثرب جو نالو ڏنائون، جڏهن ته ان شهر جي رهاڪن ان جو نالو “طيبه“ رکيو هو. طيبه معنيٰ پاڪ ۽ دل پسند شهر، ان لحاظ کان مديني جو پهريون نالو طيبه هو.
    جيڪي ماڻهو مڪي کان هجرت ڪري يثرب (اڄ جو مدينو) پهتا ته شروعات ۾ انهن مان ڪيترائي بيمار ٿي پيا. ايتري قدر جو خود پيغمبر اسلام، حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ۽ ان جو آزاد ٿيل غلام عامر به مديني پهچڻ بعد بيمار ٿي پيا، حضرت محمد ﷺ جن هن شهر جا ٻئي مختلف معنيٰ رکندڙ نالا يعني ”يثرب ۽ ان جو ضد طيبه“ ٻنهي نالن کي رد ڪري ”مدينو“ رکيو. پاڻ سڳورنﷺ ان کي نه يثرب نه طيبه پر مديني جي نالي سان سڏيو. مدينو معنيٰ ”شهر“ ٻنهي نالن جي ضد کي ختم ڪيو ويو ته هي ”شهر“ ڀلو يا برو نه پر هن کي فقط مدينو سڏيو وڃي.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ داخل ٿيا ته ان وقت مديني جي ايراضي ٽيهه ڪلوميٽر جي برابر هئي. هن شهر ۾ عام گهرن کان سواءِ بهترين قلعا به موجود هئا. انهن مان 59 قلعا يهودين جا باقي 13 مديني جي عربن جا هئا. مديني شهر جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ پهاڙ هئا ۽ هي شهر مٿانهين پٽ تي ٻڌل آهي. ٽن طرفن کان اوڀر، اولهه ۽ ڏکڻ ۾ سڙيل ٻرندڙ جبلن جو لاوو ڦهليل آهي.
    مديني جا رهاڪو به مڪي وانگر مختلف قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ هر قبيلي جو ڪنهن نه ڪنهن قبيلي سان واسطو هو. مڪي وانگر مديني ۾ به نه پوليس، نه جيل ۽ نه ڪا عدالت هئي. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن سان ڪو ظلم ٿيندو ته اهو شخص پنهنجي قبيلي کان مدد وٺندو هو ته جيئن ان کي پنهنجو حق ملي. مديني ۾ به مڪي وانگر انساني جان جو قتل گناه نه سمجهيو ويندو پر صرف هڪ نقصان تصور ڪيو ويندو هو ۽ قاتل طرفان قتل ٿيل شخص جي قبيلي کي خون بها ڏئي حساب برابر ڪيو ويندو هئو. خون بها جي حد گهٽ ۾ گهٽ سؤ اُٺ هئي پر ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي خون بها زياده لڳائي ويندي هئي. مديني ۾ رهندڙ ماڻهو اڌ عرب ۽ اڌ يهودي هئا.
    مديني ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيله هئا ۽ عرب به ٽن قبيلن ۾ ورهايل هئا. عربن جو معاشي ذريعو پوک ۽ چوپايلو مال پالڻ هو. ڪجهه عرب تجارت يعني واپار به ڪندا هئا. يهودين جي ٽنهي قبيلن جو معاشي ذريعو هڪ ٻئي کان مختلف هيو. يهودين جو هڪ قبيلو پوک ڪندو هو، ٻيو قبيلو سونارڪو ۽ هيرن جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ٽيون قبيلو باغباني جي ذريعي پنهنجي روزي ڪمائيندو هو.
    مديني جي عربن ۾ ڪڏهن ڪڏهن جنگ به لڳندي هئي ۽ اسلام کان اڳ مديني جي ٻن عرب قبيلن جي وچ ۾ به جنگ لڳل هئي. ان جنگ جو سبب زميني تڪرار هيو. ان لڙائيءَ دوران ٻن قبلن مان ڪوئي به فائدي ۾ نه ويو پر هڪ شخص جنهن جو نالو عبدالله بن ابي هيو جنهن ان تنازعي مان پنهنجو ذاتي فائدو اهڙو ته حاصل ڪيو جو مديني جا ڪجهه ماڻهو کيس بادشاهه بنائڻ تي سوچي رهيا هئا. ايتري قدر جو مديني جي سونارن سندس مٿي جي ماپ به حاصل ڪري ورتي هئي، ته جيئن ان جو تاج ٺاهيو وڃي. پر جڏهن انهن اهو ٻڌو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ اچي رهيا آهن ۽ اهي سڀني ماڻهن جي وچ ۾ انصاف برقرار رکندا ۽ قبيلي جون هڪ ٻئي تي رنجشون ختم ڪندا ته مديني جي رهواسين عبدالله بن ابي جي بادشاهه بڻائڻ جو خيال لاهي ڇڏيو. حضرت محمد ﷺ جن جي مديني پهچڻ کان اڳ ”اشق“ نالي هڪ شخص موجود هو، جيڪو انساني قتل جي سلسلي ۾ خون بها ۽ مجرم جي سزا مقرر ڪندو هو.
    هجرت کان اڳ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله به مڪي ۾ اهڙي عهدي تي مقرر هيو ۽ جڏهن به ڪو مڪي ۾ قتل ٿيندو هو يا ويڙهه جهڙي صورت ۾ ڪنهن جي اک نڪري ويندي هئي يا ڏند ڀڄي پوندو هو ته حضرت ابوبڪر صديق رضي الله وٽ ماڻهو اها شڪايت ڪندا هئا ته جيئن مجرم تي خون بها يا سزا مقرر ڪئي وڃي. مديني ۽ مڪي ۾ ان وقت قتل جي خون بها يا ڪنهن ٻي جرم جي سزا هڪ جهڙي هوندي هئي. هڪ انساني قتل جي قيمت هڪ سؤ اُٺ، اک ڪڍڻ جي جرم ۾ پنجاهه اُٺ ۽ ڏند ڀڃڻ جي جرم ۾ مجرم جو ڏند ڀڳو ويندو هو.
    مديني جا يهودي جيڪي پيغمبر اسلام جي اچڻ تي خوش هئا ۽ ان خوشيءَ کان علاوه پنهنجي دلين ۾ اها آس لڳائي ويٺا هئا ته پيغمبر ﷺ اسان جو دين قبول ڪندو.
    حضرت محمد ﷺ جن به مديني پهچڻ کان پوءِ الله جي حڪمن مطابق اهڙو طريقي ڪار اختيار ڪيو جنهن ڪري يهودين جي اميد زياده وڌي وئي. هڪ اهو ته جيڪا مسجد قبا ۾ تعمير ڪئي وئي ان جو قبلو بيت المقدس جي طرف تعمير ڪيو ويو هو.
    يهودين جڏهن اهو ڏٺو ته مسجد قبا جو قبلو بيت المقدس جي طرف آهي ته انهن کي اهو يقين ٿي ويو ته حضرت محمد ﷺ عنقريب حضرت موسيٰ جو دين قبول ڪندا ڇو جو قرآن مجيد ۾ آيل پيغمبرن جا نالا جن ۾ حضرت ابراهيم عه، حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ شامل آهن، سي وڏي احترام سان کنيا ويا آهن ان کان علاوه يهودين جي ذهن ۾ اها ڳالهه سمايل هئي ته جيڪڏهن ڪنهن قابل قوم مان ڪوئي پيغمبر چونڊيو وڃي ته اها صرف يهود قوم ئي آهي.
    جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مسجد قبا جي تعمير ۾ مصروف هئا ته ان وقت ڪجهه يهودين جي رهنمائن پيغمبر اسلام ﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ اهو ڄاڻڻ چاهيو ته هو ڪڏهن حضرت موسيٰ جو دين قبول ڪن ٿا. پيغمبر اسلام ﷺ يهودين جي رهنمائن کي جيڪو جواب ڏنو ان مان ظاهر ٿيو پئي ته پاڻ ﷺ ائين نه ڪندا. پر يهودين چيو، اي محمد (ﷺ) جيڪڏهن اوهان پيغمبر ٿيڻ چاهيو ٿا ته پهريون يهودي ٿيو ڇو جو اڄ تائين جيڪو به پيغمبر آيو آهي ان جو تعلق قوم يهود سان هو ۽ ان جو اهو سبب آهي ته هن دنيا ۾ صرف قوم يهود ئي ان قابل آهي ته ان جا ئي معزز ماڻهو الله سان هم ڪلام ٿي سگهن ٿا. ٿي سگهي ٿو الله ٻين قومن سان رابطو ڪري پر اها قوم جيڪا الله سان واسطو قائم رکندي اها قوم يهودي ئي هوندي. ڇو جو دنيا جي سمورين قومن ۾ يهودين جو مقام اول آهي ۽ باقي ٻيون قومون ٻئي ٽئين يا چوٿين نمبر تي آهن.
    حضرت محمد ﷺ جن يهودين جي مذهبي رهنمائن کي جواب ۾ فرمايو ته مان بذات خود پيغمبر نه ٿيو آهي پر الله تعاليٰ مون کي پيغمبريءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي. الله جي نظر ۾ ڪابه قوم ٻيءَ قوم تي برتري نٿي رکي ۽ سموريون قومون ۽ سڀ انسان الله جي نظر ۾ هڪ جهڙا آهن ۽ الله جڏهن به چاهي ۽ جنهن سان چاهي رابطو برقرار ڪري سگهي ٿو ۽ هي فضيلت صرف قوم يهود کي حاصل ناهي.
    پهريون دفعو جڏهن مسلمانن مسجد قبا ۾ نماز ادا ڪئي ته اهو جمعي جو ڏينهن هو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جمعي جي ڏينهن کي مسلمانن جي گڏيل عبادت جو ڏينهن قرار ڏنو. اها ڳالهه يهودين کي ناپسند لڳي. ڇو ته يهودين کي اها اميد هئي ته پاڻ ﷺ جن ڇنڇر جي ڏينهن کي مسلمانن جي عبادت جو ڏينهن مقرر ڪندا. قبا ۾ ڪنهن به يهوديءَ اسلام قبول نه ڪيو پر هڪ شخص جيڪو يهودي ئي هيو جنهن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اچڻ جو اعلان ڪيو هو، ان شخص جو نالو تاريخ ۾ واضع نه آهي پر ڪجهه اسلامي ليکڪن ان جو نالو ”شلوم“ لکيو آهي.
    انهيءَ جمعي جي ڏينهن جڏهن مسلمان نماز ادا ڪرڻ خاطر مسجد قبا ۾ جمع ٿيا ته ڪجهه يهودي به اتي پهچي ويا. حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي خطبي ۾ يهودين کي مخاطب ٿي فرمايو ته اوهان ٻين قومن کان برتر نه آهيو، الله ڪنهن به قوم کي ٻي قوم تي فوقيت ڏئي پيدا نه ڪيو آهي. پر ان جي نظر ۾ سڀ برابر آهن. الله جو قرب فقط اهي ماڻهو حاصل ڪري سگهن ٿا جيڪي متقي ۽ پرهيزگار هجن.
    جڏهن يهودي مسجد قبا کان ٻاهر نڪتا ته اهي سمجهي چڪا هئا ته پاڻ ﷺ جن يهودين جو دين قبول ڪرڻ وارا نه آهن، تنهنڪري ان ڏينهن کان پوءِ انهن پيغمبر اسلام ﷺ ۽ عام مسلمانن جي مخالفت ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ پنهنجي دشمنيءَ جو اظهار افواهن ذريعي شروع ڪيو. انهن اهو افواهه ڦهلايو ته الله جي طرفان پيغام آيو آهي ته سموريون مسلمان عورتون سنڍ ٿي وينديون ۽ جيڪا به عورت اسلام قبول ڪندي اها هميشه بي اولاد رهندي.
    اهو افواهه اهڙي موقعي تي ڦهلايو ويو جڏهن مڪي کان هجرت ڪري آيل مسلمان مديني جي موسمي اثر جي ڪري بيمار ٿي پيا هئا ۽ مسلمان عورتون به بيمار ٿي پيون هيون. جڏهن انهن اهو ٻڌو ته اسين بي اولاد ٿي وينديون سين ته انهن تي وڌيڪ نفسياتي اثر پيو ۽ اهي پهريون کان وڌيڪ پريشان رهڻ لڳيون.
    حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي مسجد قبا ۾ جمع ٿيڻ جو حڪم ڏنو ۽ مسلمانن کي فرمايائون ته مسلمان عورتن جي باري ۾ ڪجهه افواهه ڦهيل آهن اهي سڀ هٿ ٺوڪيل ڳالهيون ئي آهن، اهي الله جو پيغام هرگز نه آهن، ان ڪري توهان مسلمان مردن جو اهو فرض آهي ته انهن کي حوصلو ۽ دلداري ڏيو ۽ ياد رکو ته جيڪو به انسان پنهنجي آرام بخشيندڙ ڪلام سان ڪنهن جي دل کي سڪون پهچائيندو ته ان جو اجر الله وٽ محفوظ رهندو.
    ان کان پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر کي حڪم ڏنو ته مسلمانن جو قبلو جيڪو هن وقت بيت المقدس آهي ان کي بدلائي خانه ڪعبة الله کي انهن جو قبلو قرار ڏنو وڃي، ان ڪري مسجد قبا جو قبلو به تبديل ڪيو ويو ۽ مسلمانن لاءِ ڪعبة الله کي قبلي طور مقرر ڪيو ويو، مسجد قبا کي اسلامي ليکڪن ”ٻن قبلن واري مسجد“ جو نالو به ڏنو آهي.


    قبا کان روانگي ۽ مديني ۾ آمد

    قبا کان روانگي ۽ مديني ۾ آمد

    جڏهن مسجد قبا مڪمل ٿي چڪي ته حضرت محمد ﷺ جن مديني ڏانهن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ پنهنجي ڏاچيءَ ”قصويٰ“ تي سوار ٿي ان طرف روانا ٿيا. جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ داخل ٿيا ته سڀ مسلمان شهر جي گهٽيءَ ۽ هر محلي ۽ بازارن ۾ گڏ ٿي چڪا هئا ۽ انهن مان ڪجهه ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جي ڏاچيءَ وٽ وڃي درخواست ڪن پيا ته رسول الله ﷺ جن اسا ن جي گهر ۾ رهن يا انهن جي محلي ڏانهن هلن. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن ماڻهن جو اهو اصرار ڏٺو ته پاڻ ﷺ جن کي احساس ٿيو ته جيڪڏهن پاڻ جن ڪنهن جي گهر ۾ ترسن يا ڪنهن خاص محلي ۾ ڏاچي تان لهن ته ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه ٻين جي لاءِ رنجش يا سندن دل جي مايوسيءَ جو سبب بڻجي يا اهو تصور ڪن ته ان شخص تي خاص نوازش جي نظر رکن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته منهنجي ڏاچيءَ جي مهار کي ڇڏي ڏيو ۽ اها جيڏانهن به وڃي ان کي نه روڪيو ڇو جو مان ڄاڻان ٿو ته منهنجي ڏاچي اتي ويهندي جتي الله جي مرضي هوندي ۽ مان به اتي ئي رهندس جتي الله چاهيندو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏاچي قصويٰ مديني جي گهٽين، محلن مان گذرندي محلي ”النجار“ ۾ داخل ٿي. پري کان هڪ سفيد عمارت ظاهر ٿي جنهن کي پاڻ سڳوراﷺ سڃاڻن پيا ۽ سمجهي ويا ته اهو گهر حضرت عبدالمطلب جي والده جو آهي جيڪا ”هاشم“ جي گهرواري هئي. مديني جي ماڻهن کي به اها ڄاڻ هئي ان ڪري انهن اهو خيال ڪيو ته قصويٰ ان گهر جي سامهون بيهي رهندي پر اتي نه بيٺي ۽ اڳتي هلندي رهي. مديني جا سڀ مسلمان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ڏاچيءَ جي پويان هلي رهيا هئا ۽ ان انتظار ۾ هئا ته ڏاچي آخرڪار ڪٿي ٿي بيهي.
    ڪجهه اڳتي هلڻ کان پوءِ اهڙي جڳهه تي پهتا جتي حضرت محمد ﷺ جن جي والد حضرت عبدالله رضي الله جي قبر هئي ۽ اها به سڀن کي خبر هئي ته پاڻ سڳورنﷺ جي والده حضرت آمنه جي قبر اتي نه آهي. ڪجهه مسلمانن جو اهو خيال ٿيو ته ڏاچي اتي ترسندي پر قصويٰ اتي به نه بيٺي ۽ اڳتي هلندي اهڙي جڳهه تي پهتي جتي ”انيسه“ نالي هڪ خاتون جو گهر هيو.
    ان زماني ۾ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن جي والده زنده هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ به مديني ۾ رهندا هئا ته ان وقت انيسه هڪ ننڍڙي ڇوڪري هئي جيڪا پاڻ ﷺ جن سان گڏ کيڏيندي هئي. پر ڏاچي ان گهر وٺ به نه بيٺي ليڪن ان علائقي کان جيڪو قبيلي النجاره جي رهائش هو ان کان پري به نه پئي ٿئي.
    آخرڪار جڏهن حضرت محمد ﷺ جن اهو ڏٺو ته قصويٰ هن محلي کان اڳتي نه ٿي هلي تڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي والده ۽ ان جو خاندان جي ياد اچي وئي ڇو جو پاڻ ﷺ جن جو مادري شجرو قبيلي النجار سان ڳنڍيل هو ۽ جيتوڻيڪ پاڻ ﷺ جن مڪي ۾ پنهنجن سان ناتو ٽوڙي ڇڏيو پر مادري شجري سان (يعني ناننگ سان) رابطو برقرار رکيو.
    قصويٰ ڪجهه دير تائين النجار نالي محلي ۾ چڪر لڳائيندي رهي ۽ هڪ خالي ميدان ۾ داخل ٿي ڪجهه قدم کڻي بيهجي وئي ۽ گوڏا کوڙي ويهي رهي. حضرت محمد ﷺ جن اطمينان حاصل ڪرڻ لاءِ ان اُٺڙي کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڏاچي هتي عارض طور ويهي ٿي يا مستقل پر قصويٰ پنهنجي جڳهه تان ذرو به نه چُري. جنهن جڳهه تي قصويٰ گوڏا کوڙي ويهي رهي اتي ڪو گهر موجود نه هو ۽ ان خالي زمين ۾ کارڪون سڪائيندا هئا. پر ٿورو اڳيان هڪ گهر هيو ۽ مسلمانن عرض ڪيو ته اهو گهر ايوب رضي الله نالي شخص جي ملڪيت آهي. مسلمانن جڏهن اهو ڏٺو ته ڏاچي ان خالي ميدان ۾ اچي ويهي رهي آهي ته انهن پيغمبر اسلام ﷺ جن لاءِ خوشيءَ جو اظهار ڪيو، ڇو جو مسلمان ڄاڻن پيا ته مسلمانن جي عبادت لاءِ مسجد تيار ٿيندي ۽ پاڻ سڳوراﷺ جن اتي پنهنجو گهر به ٺاهن جيئن زمين جو اهو ٽڪڙو اسلام جو هيڊڪوارٽر بڻجي وڃي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن ان زمين جي ٽڪري لاءِ پڇا ڪئي ته هي زمين ڪنهن جي آهي؟ مسلمانن مان هڪ شخص اڳتي وڌيو ۽ چيائين، رسول الله ﷺ هيءَ زمين ٻن معصوم يتيم ٻارن جي ملڪيت آهي ۽ مان اسد بن زراره انهن يتيم ٻارن جو سرپرست آهيان پر مان ان زمين کي (مفت ۾) اوهان جي حوالي ڪريان ٿو ته جيئن اوهان هتي مسجد ۽ گهر ٺاهي رهو. حضور ﷺ جن فرمايو ته جيڪڏهن هي زمين ٻن يتيم ٻارڙن جي نه هجي ها ۽ اها زمين تنهنجي ذاتي ملڪيت هجي ها ته به مان قيمت کان سواءِ حاصل ڪرڻ تي راضي نه ٿيان ها، سٺو جو هي ٻن يتيمن جي ملڪيت آهي ۽ اهي ئي مالڪ آهن.
    اي اسد! منهنجو ننڍپڻ يتيمي ۾ گذريو آهي ۽ مان به ماءُ پيءُ جي نعمت کان محروم رهيم ان ڪري مان زياده سمجهان ٿو ته يتيم تي ڇا گذرندو آهي ۽ ان کي ڪيترا ڏک ۽ صدما سهڻا پوندا آهن. پر مان هڪ شرط تي هي زمين وٺڻ تي راضي آهيان ته تون هن زمين جي قيمت عام زمينن کان زياده لڳائي مون کي ٻڌاءِ.
    اسد بن زراه ان زمين جي قيمت ست دينار مقرر ڪئي، پيغمبر اسلام ﷺ جن زمين جي قيمت جي باري ۾ ٻين مسلمانن سان مشورو ڪيو ۽ انهن اسد بن زراه جي لڳايل قيمت کي مناسب قرار ڏنو، ان وقت پاڻ سڳورنﷺ اعلان ڪيو ته مان هن زمين کي ڏهه دينار جي عيوض خريد ڪريان ٿو ته جيئن اسد بن زراه يتيمن لاءِ هن زمين کان بهتر زمين خريد ڪري سگهي.
    اسلام جو خزانچي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جيڪو پاڻ ﷺ جن جي پٺيان بيٺو هو، فوراً بنا دير پئسن جي ٿيلهي کولي ۽ سون جا ڏهه سڪا زمين جي مالڪ کي ادا ڪيا. ان زماني ۾ ڏهه دينار يعني سون جا ڏهه سڪا هڪ تمام وڏي رقم سمجهي ويندي هئي. ان وقت نه مڪي جو ڪو سڪو رائج ٿيل هو نه مديني جو. ٻنهي شهرن ۾ رومي يا ايراني سڪا هلندا هئا. دينار سون مان ٺهيل هوندو هو. ايراني دينار کي ”خسروي“ يا ”خسروان“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ رومي دينار کي ”هرقلي“ سڏيو ويندو هو، جيڪو اتان جي بادشاهه ”هرقل“ جي نالي ڏانهن منسوب هو. روم مان مراد ”رومته الصغريٰ“ يعني (اڄ جي ترڪي) جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”بزنطين“ هو جيڪو اڄ ”استنبول“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    مديني پهچڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن سمورن مسلمانن جي مدد سان ان زمين تي مسجد تعمير ڪرڻ شروع ڪري ڏني ۽ ڪنهن ويڇي کانسواءِ سڀني مردن، جن ۾ خود پيغمبر اسلام ﷺ جن به شامل هئا حصو ورتو. اهي پنهنجي هٿن سان مٽي ڍوئيندا، گارو ٺاهيندا ۽ پٿر ڍوئيندا رهيا. هر وقت مسجد جي تعمير ۾ مصروف رهيا. ان مسجد جي تعمير جو اندازو اهڙو ته بڻجي چڪو هو جو بعد ۾ ساري دنيا ۾ مسجدين جو بنياد ان ريت پئجي ويو. مسجد جي تعمير جو طريقڪار هن ريت بڻايو ويو جو بنياد ۾ پٿر رکي ديوارون ڪچين سرن جون ٺاهيون ويون. مسجد جي ڇت کجين جي ڇوڏن سان ڍڪي وئي. ان جي تعمير جي تڪميل ۾ ست مهينا لڳي ويا ۽ هن مسجد کي مسلمانن سٺي طرح مضبوطي ۽ پائيداريءَ سان تيار ڪيو. مدينو اهڙو شهر هيو جتي مينهن گهڻو پوندو هو، ان ڪري مسجد کي مضبوطي سان جوڙيو ويو.
    مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ وارن مسلمانن ۾ اڪثر اهڙا هئا جن وٽ رهڻ لاءِ پنهنجو گهر به نه هو. انهن لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن مسجد جي ڀرسان ڪچين سرن جو هڪ وڏو ڪمرو ٺهرايو، جتي اهي ماڻهو رات جي وقت آرام ڪندا هئا. اهو ڪمرو به کجين جي ڇڙهين سان ڍڪرايو ويو هو. ان ڪمري کي ”صفه“ سڏيو ويندو هو ۽ ان ۾ رهڻ وارن کي ”اهل صفه“ جي نالي سان سڏيندا هئا. هي اهي ماڻهو هئا جيڪي شروع ۾ غريب هئا پر اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ دين سان سرشار ٿي ويا ۽ اهل صفه سان جيڪي تعلق رکندڙ هئا، انهن کي اسلام ۾ بزرگ هستيون سمجهيو ويندو آهي. صفه نالي اها جڳهه جنهن ۾ غريب ۽ مفلس ماڻهن جي پناهه هئي اها علم جو مرڪز بڻجي وئي ۽ اتي اسلام جي درس، تدريس جو ڪم شروع ڪيو ويو.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي ڏاچي تان هيٺ لٿا ۽ ان تان پنهنجو سامان لاٿائون ۽ چئني طرفن ڏانهن نظر ڦيرايائون ته ڪهڙي جڳهه رهڻ لاءِ مناسب ٿيندي ته ان ئي گهڙيءَ ”ابو ايوب“ جنهن جو پورو نالو ”خالد بن زيد“ هو، ۽ ان جو گهر ٻين گهرن جي مقابلي ۾ ويجهو هو اڳتي وڌيو ۽ کيس پيغمبر اسلام ﷺ جن جي مبارڪ هٿ کان وٺندي کين عرض ڪيو: ”يارسول الله! اوهان مون وٽ هلي رهو، پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ڇا تو وٽ گهر ۾ ايتري جڳهه آهي جو مون کي رهائي سگهين؟ ابو ايوب رضي الله جواب ڏنو: ”بلڪل يارسول الله“ تڏهن پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو ته مان هڪ شرط تي تون وٽ رهڻ لاءِ تيار آهيان ته کاڌي پيتي جي سلسلي ۾ تو تي ڪنهن به قسم جو بار نه پوي.
    ابو ايوب رضي الله حيران ٿي پڇيو: ”آخر اوهان ڪيترو کائيندا آهيو جو مون مٿان بار پوندو.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو: ”منهنجو کاڌو ڪيترو به گهٽ هجي ليڪن توکي تڪليف ڏيڻ نٿو چاهيان.“
    جڏهن ابو ايوب رضي الله کي اهو احساس ٿيو ۽ يقين ٿيس ته پاڻ سڳوراﷺ ان جي گهر کاڌو وغيره نه کائيندا ته پوءِ لاچار پاڻ سڳورنﷺ جي مرضيءَ تي خاموشي اختيار ڪيائين، پيغمبر اسلام صرف رات جي وقت آرام ڪرڻ لاءِ ان جي گهر ويندا هئا باقي سارو ڏينهن مسلمانن سان گڏ مسجد جي تعمير ۾ مصروف رهندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جن جو اصل مقصد اهو هو ته جيترو به جلدي ٿي سگهي ”امت“ يعني اسلامي معاشري جي تربيت جو ڪم شروع ڪري ڇڏي.
    مڪي کان مديني هجرت ڪري آيل مسلمان اڪثر انتهائي غريب حال هئا. ڇو جو هينئر ئي اهي پنهنجي وطن ۽ خاندان کان جدا ٿيا هئا. ان ڪري سندن طبيعت تي هر وقت غم طاري رهندو هو. ان کان علاوه يهودين جا افواهه به مسلمان عورتن لاءِ پريشاني پيدا ڪري رهيا هئا ليڪن انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ مسلمان زبير بن العوام جي گهرواريءَ هڪ خوبصورت ۽ تندرست ٻار کي جنم ڏنو، جنهن جو نالو عبدالله رکيو ويو، اهڙي طرح مسلمان عورتن جي دل مان اهو خدشو ختم ٿي ويو ته مسلمانن جون عورتون بي اولاد رهنديون، انهن غريب حال مسلمانن لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني ۾ رهندڙ مسلمان، جن کي انصار سڏيو ويو انهن کي فرمايائون ته مڪي کان آيل مسلمانن مان ڪنهن به هڪ کي ”عهد اخوت“ بڻائي، ان کي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ جاءِ ڏيو ۽ هڪ ٻئي سان گڏجي معاشي ضرورتن لاءِ ڪم ڪريو ته جيئن مڪي کان ايندڙ مسلمانن جي زندگي سڌري وڃي ۽ هو پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي قابل بڻجي پاڻ پنهنجي روزيءَ ڪمائڻ جي لائق بڻجي وڃن ۽ پنهنجي زندگي آسانيءَ سان گذارن.
    حضرت محمد ﷺ جن جي انهيءَ ڳالهه ۾ ايترو ته اثر هيو جو مديني جي سڀني مسلمانن دل و جان سان اها ڳالهه قبول ڪئي. اهڙي طرح مڪي کان آيل مسلمانن جن جو تعداد هڪ سؤ ڇهاسي هو، جو مديني جي انصار مسلمانن سان سندن ”عهد اخوت“ قائم ٿي ويو ۽ اهي انهن جي گهرن ۾ رهڻ لڳا.
    قرآن مجيد جي اٺين سورة ”سورة الانفال جي چوهتر آيت ۾ مديني جي مسلمانن جي قدرداني ڪئي وئي آهي، جن مڪي جي مسلمانن کي گهرن ۾ رهايو.
    وَ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ ہَاجَرُوۡا وَ جٰہَدُوۡا فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ الَّذِیۡنَ اٰوَوۡا وَّ نَصَرُوۡۤا اُولٰٓئِکَ ہُمُ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ حَقًّا ؕ لَہُمۡ مَّغۡفِرَۃٌ وَّ رِزۡقٌ کَرِیۡمٌ ﴿۷۴﴾
    يعني اهي ماڻهو جن ايمان آندو ۽ هجرت ڪيائون ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيائون ۽ اهي ماڻهو جن پناهه ڏني (مڪي جي مهاجرين کي پنهنجي گهرن ۾ جڳهه ڏني) ۽ مدد ڪئي ۽ (مهاجرين جي مدد ڪئي) اهي سچا مؤمن آهن ۽ الله انهن جي مغفرت ڪري ٿو ۽ انهن لاءِ رزق جا دروازا کولي ٿو.
    جيئن ته مسلمانن کي مسجد جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪرڻو هو ان ڪري عهد اخوت يعني ڀائريءَ جو ناتو ٻڌي انهن پاڻ ۾ اهو طئي ڪيو ته جيڪو مهاجر انصار جي گهر ۾ رهيل آهي، اهو هڪ ڏينهن الله جي راهه ۾ مسجد جي تعمير لاءِ مزودريءَ کان سواءِ ڪم ڪري ۽ ٻئي ڏينهن ڪٿي مزدوري ڪري پنهنجي ذريعي معاش جو بندوبست ڪري. مديني جي مسلمانن به ائين ئي ڪيو جو هڪ ڏينهن الله جي راهه ۾ مسجد جي تعمير ۾ بنا معاوضي ڪم ڪندا رهيا ۽ ٻئي ڏينهن مزدوري ڪري پنهنجو گذران حاصل ڪندا رهيا. خود پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪنهن مديني جي مسلمان سان عهد اخوت نه ٻڌو ڇو ته پاڻ ﷺ سمجهن پيا ته متان ڪنهن ٻئي جي دل تي اهو گذري ته پاڻ ﷺ جن مون کي عهد اخوت جي قابل نه سمجهيو ان ڪري حضور ﷺ جن پنهنجي سؤٽ علي بن ابي طالب سان عهد اخوت قائم ڪيو ۽ ان کي فرمايائون ته، ”اي علي رضي الله اسان اهڙي طرح ڪريون ٿا جو هڪ ڏينهن تون مزدوري لاءِ وڃ ته ٻئي ڏينهن مان محنت مزدوري ڪندس.“
    حضرت علي رضي الله عرض ڪيو ته، ”يارسول الله مسجد جي تعمير جي ڪم ۾ اوهان جو موجود هجڻ ضروري آهي، ان کان علاوه جيڪڏهن مسلمانن کي ڪوئي مسئلو درپيش اچي ٿو ته اهو به اوهان جي اڳيان پيش ڪندا رهن ٿا ان لاءِ اوهان ﷺ جو روزانو مسجد ڏانهن وڃڻ نهايت ضروري آهي اوهان مسجد جي ڪم جي نگراني ڪريو مان اڪيلو ئي پنهنجي لاءِ ۽ اوهان جي روزگار لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار آهيان.“
    حضرت محمد ﷺ جن حضرت علي رضي الله جي تجويز قبول فرمائي ان کان پوءِ حضرت علي رضي الله مزدوريءَ جي تلاش ۾ نڪري ويندو هو. حضرت علي رضي الله معاش جي تلاش ۾ مزودري لاءِ ڪنهن مالدار شخص جي جڳهه جي تعمير لاءِ پاڻي ڀري آڻيندو هو ۽ ان پاڻي سان ان جڳهه جو گارو ۽ سرون تيار ٿينديون هيون، ان جڳهه کان پاڻي ايترو پري هيو جو حضرت علي رضي الله صبح کان شام تائين سورهن ڏول پاڻي کان زياده نه آڻي سگهندو هو. حضرت علي رضي الله کي سڄي ڏينهن جي مزدوري صرف سورهن داڻا کارڪن جا ملندا هئا، انهن مان اٺ داڻا پاڻ سڳورنﷺ کي ۽ اٺ داڻا پنهنجي گذران لاءِ استعمال ڪندو هو، اهڙي طرح ڪيترن ڏينهن تائين اٺن کارڪن تي گذارو ڪيائين.
    اهي ئي عظيم شخصيتون هيون جن اسلام جو بنياد رکيو ۽ اسلام خاطر قربانيون ڏئي اسلام کي روشن ڪيو.
    مديني جي اڌ آبادي يهودين تي مشتمل هئي، حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ رهائش اختيار ڪرڻ کان پوءِ اها ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اهي ماڻهو به اسلام کي سهڻي نظر سان ڏسن ۽ ان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن. پر يهودين کي اها غلط فهمي هئي ته شايد پاڻ ﷺ جن انهن جي دين ۾ داخل ٿي ويندا ۽ يهودي ائين چوندا هئا ”اي محمد تون پيغمبر نه آهين ڇو جو تون اسان مان نه آهين، سڀ نبي اسان جي قوم منجهان آيا، ٿي سگهي ٿو هڪ ڏينهن تون به پيغمبر ٿي وڃي پر اسان جي قوم ۾ شامل ٿيڻ کانسواءِ ايئن ٿي نٿو سگهي.“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن کي ائين ئي فرمائيندا هئا ته مان پاڻ پنهنجي مرضي سان پيغمبر نه ٿيو آهيان، مون کي الله تعاليٰ پيغمبري لاءِ مقرر ڪيو آهي.


    اسلام جو پهريون بنيادي آئين

    اسلام جو پهريون بنيادي آئين

    الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ڪيترائي دفعا دين ابراهيم جو ذڪر ڪيو آهي ۽ حضرت ابراهيم حضرت موسيٰ کان اڳ ڪعبة الله جو بنياد رکيو هو، حضرت ابراهيم جو دين جيڪو درحقيقت اسلام جو بنياد هو ۽ اصولي طور موسوي ۽ عيسوي دينن کي پنهنجي اندر سمائڻ جي صلاحيت رکندو هو، ان ڪري اسلام کي هڪ جيتري مقبوليت ۽ بين الاقوامي مقام حاصل ٿي ويو.
    نصراني مذهب بت پرستي ڏانهن لاڙو ڪري چڪو هو ۽ يهودين جي اها دعويٰ هئي ته اسرائيلي قوم دنيا ۾ افضل آهي ۽ صرف اهائي الله سان رابطو قائم رکڻ جو حق رکي ٿي. ان ڪري ئي دين يهود هڪ عالمگير دين بڻجي نه پئي سگهيو. دين مسيحت به ان ڪري دين يهود جي مڪمل ڪرڻ لاءِ نازل ٿيو جنهن اهو به بين الاقوامي مقبوليت حاصل نه پيو ڪري سگهي. پر اسلام جيڪو مڪمل طورتي ڪليمي ۽ نصراني دينن کان جدا ٿي چڪو هو ۽ ان جو پنهنجو عليحده ۽ مستقل قبلو به مقرر ٿي چڪو هو، جنهن ان ۾ هڪ جهڙي مقبوليت حاصل ڪرڻ ۽ سموري دنيا ۾ ڦهلجي وڃڻ جي صلاحيت وڌيڪ موجود هئي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ هر انسان، توڙي اهو ڪٿان جو به رهندڙ هجي ۽ ڪنهن به رنگ و نسل سان تعلق رکندڙ هجي وڏي آسانيءَ سان اسلام قبول ڪري سگهي پيو.•
    سڀيئي مسلمان ۽ خاص طور اهي ماڻهو جيڪي مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا، ان ڳالهه تي ڏاڍا خوش هئا ته انهن جو قبلو تبديل ٿي چڪو آهي ۽ هينئر اهي ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهي سگهندا.
    اها به حقيقت آهي ته ان زماني ۾ سڀني عربن جي نظر ۾ ڪعبة الله کي وڏي عزت حاصل هئي ليڪن اهي ماڻهو جيڪي مڪي کان مديني هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿيا هئا، پنهنجي ديس کي وساري نه پيا سگهن، ان ڪري جڏهن قبلي جي تبديليءَ جو حڪم آيو ۽ مسلمان ڪعبي ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا ته انهن ماڻهن جي دل کي ڏاڍو سڪون حاصل ٿيو.
    حضرت محمد ﷺ جن مديني ۾ مسجد جي تعمير سان گڏوگڏ ان مسجد جي ڀرسان گڏيل رهائشي گهرن ٺاهڻ ۾ به مصروف هئا ته جيئن بي گهر ماڻهن کي رهڻ لاءِ پناهه حاصل ٿئي. ڪجهه مسلمان جن ۾ خود پاڻ سڳوراﷺ جن به شامل هئا مڪي کان هجرت ڪرڻ وقت پنهنجي خاندان جي گهروارن کي اتي ڇڏي آيا هئا پر انهن سڀني کي مديني ۾ پنهنجي سربراهه يا سرپرست سان گڏجي رهڻو هو ڇو. جو خاندان جا ماڻهو هڪ وڻ جي شاخن مثل هوندا آهن جن کي وڻ جي ٿڙ سان گڏ رهڻو هوندو آهي، جيڪڏهن ڪا شاخ وڻ کان جدا ٿي ويندي ته سڪي نابود ٿي ويندي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن خاندان وارن کي مڪي کان مديني آڻڻ لاءِ سوچي رهيا هئا ۽ انهن گهرن جي مڪمل ٿيڻ کان اڳ مديني جي بازار ۾ ويا ۽ ٽي ڏاچيون خريد ڪيائون جن جي قيمت حضرت ابوبڪر صديق رضي الله ادا ڪئي. ان کان اڳ پاڻ سڳورنﷺ ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جن وٽ هڪ هڪ ڏاچي هئي هينئر پنج ڏاچيون ٿيون.
    پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي سؤٽ حضرت علي رضي الله کي گهرائي فرمايو، ”اي علي! (رضي الله ) توکي اها خبر آهي ته منهنجون نياڻيون ۽ منهنجون گهرواريون مڪي ۾ آهن. (حضرت سوده رضي الله ۽ حضرت عائشه) ان ڪري تون هي ڏاچيون ڪاهي وڃ ۽ انهن گهر جي ڀاتين کي مڪي کان مديني وٺي اچ، ان کان علاوه زيد کي به پاڻ سان ورتيون وڃ ۽ مڪي کان ان جي گهرواري ”ام ايمن “ کي به ساڻ وٺي اچو.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن جون چار نياڻيون هيون، حضرت فاطمه، حضرت ام ڪلثوم، حضرت زينب، حضرت رقيه. حضرت رقيه پنهنجي مڙس حضرت عثمان رضي الله سان گڏجي مديني پهچي چڪي هئي، جڏهن ته باقي نياڻيون پاڻ سڳورنﷺ جون مڪي ۾ هيون.
    حضرت علي رضي الله ۽ زيد رضي الله ڏاچيون ساڻ ڪري مڪي ڏانهن روانا ٿي ويا ۽ مديني کان پيغمبر اسلام جن جون گهرواريون ۽ ٻه نياڻيون حضرت فاطمه ۽ حضرت ام ڪلثوم ۽ زيدرضي الله جي گهرواري ام ايمن جن کي مديني وٺي آيا ليڪن حـضور ﷺ جن جي باقي هڪ نياڻي حضرت زينب انهن سان ساڻ نه اچي سگهي. حضرت زينب کان سواءِ باقي سندن خاندان جا سڀ ماڻهو پيغمبر اسلام جن وٽ پهچي ساڻن گڏ رهڻ لڳا.
    مسلمانن جي ڪجهه خاندان ۾ هڪ اهڙو مسئلو به پيدا ٿيل هيو جو ڪيترائي زال مڙس هڪ دين وارا نه هئا ۽ اهي هڪ ٻئي سان گڏجي رهي نه سگهيا. يعني جنهن جي زال مسلمان نه ٿي ته اها مڪي ۾ رهجي وئي ۽ ان جو مڙس جيڪڏهن مسلمان ٿي چڪو هو ته اهو مديني هجرت ڪري ويو هو. اهڙي طرح جن ماڻهن جون عورتون مسلمان هيون اهي انهن کي مڪي کان مديني وٺي آيا جنهن ڪري مديني ۾ مسلمانن جو تعداد وڌندو رهيو.
    حضرت محمد ﷺ جن ۽ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله اهي پنج ئي ڏاچيون مسلمانن جي خاندانن کي مڪي کان مديني آڻڻ لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون. اهي ڏاچيون جڏهن به مديني اينديون هيون ته سڀ ماڻهو کين احترام ۽ اڪرام سان نوازيندا هئا يعني انهن جو ڪوبه رستو نه روڪيندو هو جتي به چرنديون رهن ۽ جتان به پاڻي پيئن.
    جڏهن مديني جي مسجد مڪمل ٿي وئي ۽ مڪي وارا مسلمان پنهنجي خاندانن کي مڪي کان مديني وٺي آيا ته حضرت محمد ﷺ جن مديني جي شهر لاءِ هڪ آئين لکايو (اسلامي تاريخ ۾ هي آئين ”ميثاق مدينه“ جي نالي سان مشهور آهي.) هي بنيادي آئين جيڪو ٻاونجاهه شقن تي جڙيل آهي، خود پيغمبر اسلام جي طرفان لکيو ويو. پر هيءَ قرآني آيتن وانگر وحي نه هو. هن بنيادي آئين جي ٻاونجاهه شقن مان پنجويهه اصول مسلمانن جي لاءِ باقي ستاويهه ٻين مذهبن کي مڃڻ وارن لاءِ هئا، جن ۾ يهودي ميسحي ۽ صائبين به شامل هئا.
    هي آئين اهڙي طرح جوڙيو ويو هو ته جيئن مختلف مذهبن کي مڃڻ وارا برابري جي اصولن تي هڪ ٻئي سان گڏجي زندگي گذارين ۽ هر شهري آزاديءَ سان پنهنجا مذهبي فرض ادا ڪري ۽ ڪنهن کي به ٻئي جي مخالفت ڪرڻ جي اجازت نه هئي.
    هي آئين هجرت جي پهرئين سال 623ع ۾ تيار ٿيو جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مڪي کان مديني آئي هڪ سال گذري چڪو هو. هن آئين مطابق مديني جا شهري ڀلي ڪهڙي به قبيلي سان تعلق رکندڙ هجن پر انهن کي هن ڳالهه جو اختيار ڏنو ويو هو ته اهي پنهنجي دين تي پابند رهي سگهن ٿا ۽ ڪنهن کي اهو حق نٿو پڄي ته ٻين جي معاملن ۾ مداخلت ڪري. باقي ايئن هيو مختلف دينن کي مڃڻ وارن تي اهو فرض لاڳو ڪيو ويو هو ته جيڪڏهن مديني تي حملو ٿئي ٿو ته ان صورت ۾ اهي پنهنجي قوتن کي متحد بڻائي حملي ڪندڙ جي مقابلي ۾ نڪري ايندا.
    هن آئين ۾ ٻين مذهبن جي آزاديءَ جي سلسلي ۾ حضرت محمد ﷺ قرآني آيتن جي مطابق ذڪر ڪيو آهي. قرآن مجيد جي ٻي سورة ”البقره“ جي ٻاهٺ آيت ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ الَّذِیۡنَ ہَادُوۡا وَ النَّصٰرٰی وَ الصّٰبِئِیۡنَ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ وَ عَمِلَ صَالِحًا فَلَہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۪ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ ﴿۶۲﴾
    يعني اهي جن ايمان آندو (يعني دين اسلام ۾ داخل ٿيا) ۽ اهي جيڪي يهودي، مسيحي ۽ صابي ٿيا جيڪڏهن حقيقت ۾ الله تي ايمان آڻن ۽ روز جزا تي يقين رکن ۽ نيڪ عمل ڪن ته الله انهن کي اجر ڏيندو ۽ انهن تي خوف يا غم طاري ٿيڻ نه گهرجي.
    ”صائبين“ جن جو هن آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي، اهڙن ماڻهن کي چيو ويندو هو جيڪي ستارن ۽ فرشتن جي پوڄا ڪندا هئا پر الله تي به يقين رکندا هئا. هن آيت مان اهو به معلوم ٿيو ته الله يهودين، عيسائين ۽ صائبين کي به پنهنجي رحمت کان محروم نه ڪيو آهي پر اهو شرط آهي ته اهي ماڻهو نيڪ عمل ڪن، انهن جو ايمان سچو هجي جنهن ۾ ريا ۽ دوکو نه هجي.
    قرآن مجيد جي پنجين سورة ”المائده“ جي ڇاهٺ آيت ۾ الله تعاليٰ يهودين ۽ مسيحين جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي:
    وَ لَوۡ اَنَّہُمۡ اَقَامُوا التَّوۡرٰىۃَ وَ الۡاِنۡجِیۡلَ وَ مَاۤ اُنۡزِلَ اِلَیۡہِمۡ مِّنۡ رَّبِّہِمۡ لَاَکَلُوۡا مِنۡ فَوۡقِہِمۡ وَ مِنۡ تَحۡتِ اَرۡجُلِہِمۡ ؕ مِنۡہُمۡ اُمَّۃٌ مُّقۡتَصِدَۃٌ ؕ وَ کَثِیۡرٌ مِّنۡہُمۡ سَآءَ مَا یَعۡمَلُوۡنَ ﴿٪۶۶﴾
    يعني: جيڪڏهن اهي (يهودي ۽ مسيحي) توارت ۽ انجيل تي، جيڪو انهن تي الله نازل ڪيو آهي ان تي عمل ڪن ته اهي مٿان ۽ هيٺان (زمين ۽ آسمان) کان الله جي نعمتن سان نوازيا ويندا ۽ انهن مان ڪي ماڻهو اهڙا جيڪي ڀلائيءَ جي راهه تي هلي رهيا آهن پر انهن مان گهڻا برن ڪمن سان آهن.
    دنيا ۾ ڪنهن به دين جي بانيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن وانگر ٻين دينن سان همدردي نه ڪئي آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن وڏي ڪوشس ڪئي ته جيئن مديني ۾ ٻين دينن کي مڃڻ وارا اسلامي قانون هيٺ آزاديءَ سان زندگي بسر ڪن ۽ انهن کي اطمينان ڏياريو ته ڪوبه انهن سان مزاحمت نه ڪندو. پيغمبر اسلام ﷺ جن بخوبي اهو ڄاڻن پيا ته پاڻ ﷺ جن جي دين کي جيڪا آزادي مليل آهي اها اتحاد جي بنياد تي قائم آهي. ٻين مذهبن کا ڪوبه خطرو نه ٿو ٿي سگهي. اهو ته ممڪن آهي ته اسلام ٻين مذهبن تي اثر ڪري پر ائين هرگز نه ٿيندو جو ٻيا مذهب اسلام تي اثرانداز ٿين.
    ميثاق مدينه جون 25 شقون مسلمانن سان تعلق رکن پيون ۽ 27 شقون ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن سان. ان آئين جي پهرين ۽ ٻئي شق ۾ مديني جي مختلف قبيلن جو نالو وٺي پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمائن ٿا ”مؤمنو! هي برداشت نه ڪريو ته انهن جي ديني ڀائرن جي چيلهه زندگي جي مسئلن خاطر ٽيڙي ٿي پوي ۽ اهي انهيءَ حال ۾ ڏسندا رهن. مؤمنن جو فرض آهي ته زندگيءَ جو مسئلن ۾ پنهنجي ديني ڀائرن جي مدد ڪن. جيڪڏهن ڪو مؤمن آزاديءَ جي لاءِ قرض ادا ڪرڻ چاهي يا خون بها ڏيڻ چاهي ته ٻين مسلمانن سان گڏجي ان جي مدد ڪئي وڃي جيئن هو پنهنجو قرض ادا ڪري سگهي.“
    جيڪڏهن مسلمان ڪنهن سبب گرفتار ٿي پوي ته ان جي آزاديءَ لاءِ چندو جمع ڪري، ان شخص جو قرض يا چٽي ادا ڪري ان کي آزاد ڪرايو وڃي. جيڪڏهن ڪوئي مسلمان ڪنهن قتل جي جرم ۾ قاتل قرار ڏنو وڃي ۽ اهو بي ڏوهه قتل ۾ ڦاسايو ويو هجي ته ان لاءِ خون بها رقم ڪٺي ڪري کيس نجات ڏيارڻ لاءِ ذميواري هوندي. آئين جي تيرهين شق ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”جيڪڏهن ڪوبه مسلمان ڪنهن جرم جو حقدار بڻجي يا ڪنهن سان ظلم ڪري يا ڪنهن سان حق تلفي ڪري يا مؤمنن ۾ نفاق پيدا ڪري ته اهو ڪنهن به رعايت جي لائق نه هوندو. سڀني مسلمانن کي گهرجي ته سڀ گڏجي ان جي خلاف آواز اٿارن ۽ وقت تي ان کي سزا به ڏني وڃي پوءِ ڀلي کڻي ان شخص جي اولاد به ڇو نه هجي.
    سورهين شق ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته قاتل کي سزا ڏيڻ گهرجي. ان باري ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو حڪم آهي ته: ”جيڪو انسان ڄاڻي واڻي ڪنهن کي قتل ڪري ته ان جي سزا موت آهي، ڪنهن کي به اهو حق نٿو پهچي ته هڪ قاتل جي حمايت ڪري.“ آئين جي 26 اصول هيو ته: ”جيڪو اختلاف هجي ان کي ختم ڪرڻ لاءِ الله سان رجوع ڪيو ۽ الله جي پيغمبر ﷺ سان ملي اختلاف جو حل تلاش ڪيو وڃي.“
    ڇٽيهين شق ۾ لکيل هيو ته، ”يهودين کي حق حاصل آهي ته هو پنهنجي دين تي قائم رهن ۽ مسلمان به پنهنجي دين تي قائم رهن ۽ جيڪي ماڻهو ”مولا“ يا پناه گير آهن انهن لاءِ به اهو حڪم لاڳو آهي.“ ”مولا ۽ پناهه گير“ لاءِ تفصيل سان ذڪر ٿي چڪو آهي وڌيڪ وضاحت جي ضرورت نه آهي.“
    هڪ ٻئي شق ۾ اهو بيان آهي ته، ”يهودي پنهنجي زندگي جو خرچ پکو خود برداشت ڪندا ۽ مسلمان به پنهنجي زندگي جو بار پاڻ کڻن. پر يهودي ۽ مسلمان ٻئي گڏجي اهڙي شخص سان وڙهڻ لاءِ تيار رهن جيڪو آئين جي خلاف ورزي ڪري.“ يهودي ۽ مسلمان پاڻ ۾ سهڻي طريقي ”حسن سلوڪ“ جو مظاهرو ڪن ۽ هڪ ٻئي جو حق نه ڦٻائن.“ مديني جا شهري قبيله قريش ۽ انهن جي اتحادين جي حمايت نه ڪن.
    قبيله قريش مان مراد اهي ماڻهو آهن جيڪي مڪي ۾ مسلمانن کي ايذائيندا هئا ۽ اسلام جي سخت مخالفت ڪندا هئا. ان ڪري انهن کي ان قبيلي کان جدا تصور ڪيو وڃي جيڪي اسلام قبول ڪري چڪا آهن ۽ مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا آهن. مديني جو شهر ”حرم“ آهي، يعني اهڙي زمين پاڪ آهي جتي ڪو جهيڙو يا جنگ ٿيڻ نه گهرجي.“
    ان آئين تحت مديني جي شهرين ۾ خوشي جي لهر ڦهلجي وئي ڇو جو قانون جي نه هجڻ سبب اهي مايوس هئا اهي سڀ حقن جي لحاظ کان برابريءَ ۾ اچي ويا. مديني ۾ رهندڙ سمورا عرب مسلمان هئا، سواءِ انهن جي جن کي قرآن مجيد ۾ ”منافقين“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي.
    ”منافقين“ جو مطلب اسلام جي مخالف جو نه آهي، اهي اسلام جي مخالفت نه ڪندا هئا ۽ نه وري ظاهري طرح اسلام جي حمايت ڪندا هئا ۽ هميشه انهن ٻنهي حالتن جي وچ تي گذاريندا هئا. منافق يعني نفاق ايجاد ڪندڙ يعني نفرتون ڦهلائيندڙ، عربي زبان ۾ منافق جي معنيٰ آهي، ”ريڙهيون پائيندڙ“ يا اهڙو جانور جيڪو لومڙي وانگر هميشه ٻرن جي تلاش ۾ هجي جنهن ۾ لڪي محفوظ رهي.
    قرآن مجيد جي چوٿين سورة النساءِ جي آيت 137 ۾ الله تعاليٰ منافقن جي باري ۾ ارشاد فرمايو آهي:
    اِنَّ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا ثُمَّ کَفَرُوۡا ثُمَّ اٰمَنُوۡا ثُمَّ کَفَرُوۡا ثُمَّ ازۡدَادُوۡا کُفۡرًا لَّمۡ یَکُنِ اللّٰہُ لِیَغۡفِرَ لَہُمۡ وَ لَا لِیَہۡدِیَہُمۡ سَبِیۡلًا ﴿۱۳۷﴾ؕ
    يعني: اُهي (منافق) جن ايمان آندو، وري ڪافر ٿيا، وري ايمان آڻي، وري ڪافر بڻيا ۽ پوءِ پنهنجي ڪفر تي قائم رهيا ته الله اهڙن ماڻهن جي مغفرت نٿو ڪري ۽ انهن کي هدايت جي راهه نٿو ڏيکاري.“
    سورة النساءِ جي 145 آيت ۾ منافقن جي باري ۾ ارشاد آهي ته:
    اِنَّ الۡمُنٰفِقِیۡنَ فِی الدَّرۡکِ الۡاَسۡفَلِ مِنَ النَّارِ ۚ وَ لَنۡ تَجِدَ لَہُمۡ نَصِیۡرًا ﴿۱۴۵﴾ۙ
    يعني: منافقن جي رهڻ جي جاءِ جهنم جي سڀني کان هيٺئين طبقي ۾ (جتي عذاب جي شدت ٻين طبقن کان زياده آهي) هوندي ۽ اوهان (اي رسول ﷺ) انهن جي نجات جو وسيلو نه ڳولهي سگهندؤ متان انهن کي نجات ملي وڃي.“
    هتي ان ڳالهه جي وضاحت ڪئي وڃي ٿي ته: ”الله تعاليٰ ايترو سخت عذاب ڪافرن لاءِ به مقرر نه ڪيو آهي جيترو منافقن لاءِ، ڇاڪاڻ جو الله جي نظر ۾ هڪ منافق جو عذاب يعني اهڙي شخص جي سزا جيڪو مسلمان هوندي به اسلام جو خيرخواه نه آهي بلڪ بدخواهه آهي اهو ڪافر کان به زياده بڇڙو آهي.“ انهن آيتن مان اهو معلوم ٿيو ته دين جي باري ۾ بي تعلق رهڻ الله وٽ ناقابل معافي جرم آهي.
    مڪي ۾ قبيله قريش وارن جڏهن اهو ڏٺو ته پيغمبر اسلام ﷺ اسان جي هٿن کان نڪري چڪو آهي ته انهن جي بغض ۽ عداوت ۾ اضافو اچي ويو، ۽ انهن جي ٻن سردارن ابوسفيان ۽ ابي بن خلف مديني وارن کي خبردار ڪرڻ لاءِ هڪ پيغام موڪليو جنهن جو مطلب هن ريت هيو ته:
    ”اسان ۽ توهان جو پاڻ ۾ رابطو ٽٽڻ، اسان لاءِ ٻين عرب قبيلن سان تعلقات ٽوڙڻ کان وڌيڪ افسوسناڪ آهي. ليڪن جيڪو قدم توهان کنيو آهي، ان جي نتيجي ۾ اسان جو ۽ توهان جو تعلق بگڙي چڪو آهي. توهان اهڙي شخص کي پناهه ڏني آهي جنهن جو شمار مڪي جي معتبرن ۾ ٿئي ٿو ۽ ان کي پناهه ڏئي توهان اسان جي معاملن ۾ مداخلت ڪري اسان کي مخالفت تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. اسان توهان کي (يعني انصار مديني ۾ اصل رهاڪو) نصيحت ڪريون ٿا ته توهان سندن (ﷺ) ۽ اسان جي وچ ۾ نه اچو. جيڪڏهن اهو نيڪ انسان آهي ته اهڙي صورت ۾ به اسان ان کي توهان کان بهتر سڃاڻون ٿا ۽ ان جي وجود کان فائدو وٺي سگهون ٿا ۽ جيڪڏهن اهو ”خطادار“ آهي ته به اسان کي حق پهچي ٿو ته توهان ماڻهن کان وٺي سگهون ۽ ان جي خلاف ضروري ڪارروائي ڪريون.“
    انصارين جڏهن اهو خط پڙهيو ته هڪ مسلمان شاعر ڪعب رضي الله بن مالڪ کي چيائون ته هو قريش کي پيغام جو جواب انهن جي بُري نيت جي باري ۾ شعر ۾ لکي. اهڙن شعرن لکڻ جو انداز پهريون ئي بيان ٿي چڪو آهي، ايتري قدر جو مسلمانن جا اهڙا لکيل شعر زهريلن تيرن کان به وڌيڪ اثر ڪندا هئا.
    ڪعب رضي الله بن مالڪ به هڪ اهڙي ئي شعر جي صورت ۾ قريش وارن ڏي جواب موڪليو. ان جوابي پيغام جي ملڻ جي باوجود به قريش وارا شرارتن کان نه مڙيا، ۽ وري هڪ ٻيو خط مديني جي انصارين ڏانهن روانو ڪيو پر اهي هن خط ۾ منافقن جي سردار عبدالله بن ابي سان مخاطب ٿيا.
    هن مراسلي ۾ قريش وارن عبدالله بن ابي کي مخاطب ٿي لکيو ته تون اسان جي هڪ رشتيدار کي مديني ۾ پناهه ڏني آهي جيڪو مڪي کان فرار ٿي نڪتو آهي، ان ڪري جيڪڏهن تون هن کي اسان جي حوالي نه ڪندين ته اسان مديني تي حملو ڪنداسين، توهان جو قتل عام ڪري ڇڏينداسين ۽ توهان جي عورتن کي ٻانهيون بڻائي کڻي اينداسين.
    پر عبدالله بن ابي ۽ سندس ساٿين ان خط جي باري ۾ ڪوبه فيصلو نه ڪيو ۽ جيڪڏهن اهي ڪو فيصلو ڪن ها ته انهن تي منافقن جو داغ نه لڳي ها.
    عربن جو چوڻ آهي ته منافق اهي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي زندگيءَ ۾ شروع کان وٺي آخر تائين صحيح يا غلط ڪوبه فيصلو نه ڪندا هئا پر هميشه انهيءَ ئي مونجهاري ۾ هوندا هئا ته اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ ڇا نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن جو ساٿ ڏيون ۽ ڪنهن جو ساٿ نه ڏيون ۽ جڏهن به ڪا راءِ شماري ٿيندي هئي ته حمايت يا مخالفت جي راءِ ڏيڻ کان پاسيرا رهندا هئا.
    مڪي جي قريشن جڏهن ڏٺو ته انهن جي ٻن خطن جو ڪوبه کڙتيل نه نڪتو ته انهن هڪ ڀيرو وري هڪ خط روانو ڪيو جيڪو مديني جي يهودين ڏانهن هيو جنهن ۾ لکي موڪليائون ته توهان ڪهڙي طرح به حضرت محمد ﷺ جن کي اسان جي حوالي ڪريو. پر يهودين به کين ڪوئي خاطر خواهه جواب نه ڏنو ته اهي ائين ڪندا يا نه، پر انهن اندروني طرح اهو واعدو ڪيو ته اسين وقت اچڻ تي قريش وارن جو ساٿ ڏينداسين.
    جڏهن انصار، منافقن ۽ يهودين ڏانهن موڪليل خطن جو خاطري وارو جواب قريشن کي نه مليو ته هنن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خلاف معاشي حربو استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    قريش اڪثر ڪري سوداگر هئا ۽ مالي لحاظ سوداگرن جو اثرائتو هٿيار اقتصادي بائيڪاٽ يا معاشي ناڪه بندي هوندي آهي. ان ڪري قريشن جزيره عرب جي اتر ۾ واقع تجارتي رستن کي پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ مديني کي ڪجهه اهڙي طرح مالي مشڪلاتن ۾ جڪڙي وڌو جو هر قسم جون ضرورت جون شيون مديني پهچڻ بند ٿي ويون.
    جيڪڏهن اهو واقعو مڪي وارن جي سامهون اچي ها ته سڀ ماڻهو بک جي شدت ۾ مري وڃن ها ڇو جو مڪي ۾ نه ته زراعت ٿيندي هئي ۽ نه وري ڪي باغ هئا. پر مديني جي ايراضيءَ ۾ زراعت ٿيندي هئي ۽ باغ موجود هئا، تنهن ڪري مديني ۾ هر شيءِ ملي ويند ي هئي. ان جي باوجود به مديني جا شهري کاڌي پيتي جي ڪجهه شين جي اڻاٺ جو شڪار ٿي ويا. ڇو ته کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون هيون.
    حضرت محمد ﷺ جن مسجد جي قريب هڪ گهر ۾ جيڪو درحقيقت سادي نموني جي ٺهيل هڪ ڪوٺي هئي اتي رهائش پذير هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ کي ان معاشي ناڪه بنديءَ جو ڏاڍو افسوس هيو. ان کان علاوه کين اهو به احساس هيو ته قريشن صرف پاڻ ﷺ جن جي دشمني ۾ اچي پوري شهر جي رهندڙن کي بک تي رهڻ جي سزا ڏئي رهيا آهن.
    مديني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن نهايت سادي زندگي بسر ڪندا هئا، سندن گهر کجن جي ڪامن ۽ ڇڙهين سان ڍڪيل هو ۽ ديوار به کجين جي ڇڙهين مان ٺهيل هئي. گهرجي اندر رستي ويندڙ جي نظر نه پوي ۽ جيئن گهروارن جي بي پردگي نه ٿئي، پاڻ ﷺ جن زمين تي رڍ جي کل وڇائي آرامي ٿيندا هئا ۽ سندن خوراڪ ڪڏهن کارڪون ته ڪڏهن ڪڻڪ جي ماني هوندي هئي پر ڪڏهن به کارڪون يا ماني ڪٺي نه کاڌائون.
    حضرت محمد ﷺ جن جي گهرواري حضرت عائشه جو چوڻ آهي ته جڏهن مديني ۾ اقتصادي ناڪه بندي لڳي تڏهن اسان جي گهر ۾ ٻه ٻه ڏينهن چلهه نه ٻرندي هئي، ٻه ٻه ڏينهن ماني نه کائيندا هئاسين. پيغمبر اسلام ﷺ جن جيئن ته شادي شده هئا پر پاڻ گهر جي ڪم ڪار ڪرڻ ۾ عار محسوس نه ڪندا هئا. گهر جو سمورو ڪم ڪار پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪندا رهندا هئا ۽ جڏهن کاڌو گهر ۾ پچندو هو ته باهه به پاڻ ٻاريندا هئا. سندن گهر ۾ پچڻ واري غذا هڪ قسم جي ”حليم“ وانگر هوندي هئي، ڪڏهن ڪڏهن گهر ۾ گوشت به پچندو هو، پنهنجا ڪپڙا پاڻ سبندا هئا ۽ ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون به پاڻ لڳائيندا هئا، ڪپڙا به پاڻ ڌوئيندا هئا ۽ تمام گهڻا صفائي پسند هوندا هئا. ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڏندڻ ڏيندا هئا. سندن فرمان آهي ته: ”صفائي ۽ پاڪيزگي اڌ ايمان آهي.“
    سرور دوعالم ﷺ جن جي صبر ۽ بردباري جو سمورن ليکڪن ذڪر ڪيو آهي. پاڻ سڳورنﷺ وٽ هڪ ڪپڙي جو رومال هوندو هو، جڏهن کارڪون وغيره کائيندا هئا ته هٿن کي اُگهڻ خاطر اهو رومال ڪتب آڻيندا هئا. ان کان علاوه پاڻ سڳورنﷺ وٽ ڪا ٻي اهڙي شيءِ ڪانه هئي جنهن کي ڏيکاءُ چئي سگهجي.
    جڏهن مديني ۾ معاشي ناڪه بنديءَ تمام گهڻي شدت اختيا رڪئي ۽ ضرورت جون شيون نه ملڻ ڪري ماڻهو پريشان ٿيا ته پاڻ سڳورنﷺ وٽ سياسي پيشوا جي فرض نڀائڻ کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه هو. اهڙن حالتن ۾ ٻه ئي رستا باقي هئا؛ هڪ سياسي حربو ٻيو جنگ. بلڪل اهڙي طرح جيئن انسان کي ابتدا کان وٺي ڪپڙي سبڻ لاءِ سُئي ۽ ڌاڳي قئنچي جي ضرورت هوندي آهي ڇو جو ڪپڙي سبڻ لاءِ انهن شين کان سواءِ ڪوبه طريقي ڪار نه آهي. اهڙي طرح اهڙين حالتن ۾ يا سياسي پاليسي يا جنگ جو طريقو اختيار ڪرڻو پيو.
    پيغمبر اسلام ﷺ اهي سمجهي چڪا هئا ته قريش وارن سان ڪابه سياسي ڳالهه ٿي نه سگهندي. تنهن ڪري پاڻ ﷺ جن ٻيو طريقو يعني جنگ وارو رستو اختيار ڪيو، جنهن ڪري تلوار کي مياڻ مان ڪڍڻ جي ضرورت پيش آئي.
    هڪ عرب شاعر تلوار جي وصف ۾ چوي ٿو ته: ”اي تلوار توکي لوهر، هلڻ ۾ تيز، وڻن جي لامن وانگر نرم ۽ پهاڙي ڪنڊن وانگر سخت ۽ مضبوط ٺاهيو ۽ تو ۾ هڪ دلير جنگي جوان جي روح ڦوڪي ڇڏيائين.“ هڪ ٻيو شاعر تلوار جي تعريف ۾ چوي ٿو ته، ”اي شمشير من! تنهنجي ڌار ايتري نرم ۽ لطف واري آهي جو جڏهن مان توکي کڻان ٿو ته منهنجي بدن ۾ هڪ وڏي طاقت اچي وڃي ٿي، تنهنجي هٿئي سان منهنجي انڱرين ۾ هڪ پڪل ميوي کان به زياده نرمي محسوس ٿئي ٿي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن ان ڏينهن کان پوءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته الله جي دين جي حفاظت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ جيڪڏهن تلوار جو سهارو وٺڻ سِرَ تي اچي ويو ته دير نه ڪبي.


    مديني کان گذرندڙ مڪي جي قافلن تي پابندي

    مديني کان گذرندڙ مڪي جي قافلن تي پابندي

    پيغمبر اسلام ﷺ جن قريش وارن کي خبردار ڪيو ته جيئن انهن مديني وارن جي معاشي ناڪابندي ڪئي آهي، ان ڪري اڄ کان بعد مڪي جي تجارتي قافلن کي اجازت نه هوندي ته اهي مسلمانن جي علائقي کان اچن وڃن ۽ جيڪڏهن انهن مديني جي حدن کي پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جو رستو روڪيو ويندو.
    هن پيغام کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن مان چاليهه رضاڪار چونڊيا جن جي قيادت اسلام جي نامور سردار حضرت حمزه رضي الله جي حوالي ڪئي وئي. انهن چاليهه رضاڪارن کي ويهه اٺ به ڏنا ويا، انهن تي اها ذميواري رکي وئي ته حضرت حمزه رضي الله جي اڳواڻيءَ ۾ مديني ۾ ڳاڙهي سمنڊ جي وچ تان گذرندڙ رستي جي نگراني ڪن، جيڪو درحقيقت مڪي جي تجارتي قافلن جو اچ وڃ جو اصلي رستو آهي.
    اهي چاليهه رضاڪار جن جو شمار مهاجرين سان ٿيندو هو، پنهنجي فرض کي پوري ڪرڻ خاطر ڪابه مزدوري وصول نه ڪندا هئا. انهن وٽ گهوڙا به نه هئا، جڏهن ته پيغمبر اسلام چڱيءَ طرح ڄاڻندا هئا ته اهڙن ڪمن جي لاءِ گهوڙا اٺن کان وڌيڪ بهتر ثابت ٿيندا آهن، پر ان وقت مسلمان ايترا مالدار نه هئا جو گهوڙا خريد ڪري پنهنجن مجاهدن کي ڏين.
    جزيره عرب ۾ هڪ زمين جو علائقو اهڙو آهي، جنهن کي ”حجاز“ چوندا آهن ۽ حجاز ان علائقي جو نالو آهي جيڪو ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري هڪ ڊگهي پٽيءَ جي شڪل ۾ اتر کان ڏکڻ ۾ ڦهليل آهي. ان جي ڊيگهه هڪ هزار ڪلوميٽر جي برابر آهي، ان علائقي ۾ پهاڙ ۽ واريءَ جا دڙا تمام گهڻا ڦهليل آهن. حجاز ۾ دنيا جي بهترين گهوڙن جي پالنا ڪئي ويندي آهي ۽ اهي اعليٰ نسل جا گهوڙا جيڪي عربي گهوڙن جي نالي سان مشهور آهن جن جي تيز رفتاري ۾ ساڻن ڪوئي مٽ نه آهي، پر هي ڳالهه به قابل ذڪر آهي ته حجاز ۾ عربي گهوڙو ايترو ته قيمتي جانور سمجهيو ويندو هو جو هر شخص ان کي پالڻ جي طاقت نه پئي رکي سگهيو. ٻيو هي ته عربي گهوڙو جزيره عرب جي بيابانن ۾ رهڻ جي لائق نه آهي ڇو جو گهوڙي کان بک ۽ اُڃ برداشت ٿي نه سگهندي آهي.
    عرب جڏهن به بيابانن ۾ ڪنهن جنگي مشن لاءِ گهوڙن جو استعمال ڪرڻ چاهيندا آهن ته انهن جي کاڌي پيتي لاءِ ڪيئي فالتو اٺ ساڻ کڻندا هئا، اهوئي سبب هيو ته بيابانن ۾ پاڻيءَ جو مسئلو نه صرف انهن جانورن لاءِ اهميت رکندو هو پر اضافي اٺن جي مدد سان پاڻي گاهه ڍوئڻ به مشڪلاتن ۾ اضافو پيدا ڪندو هو.
    اٺ هڪ ريگستاني جانور آهي اهو ريگستاني ٻوٽن سان پنهنجو پيٽ ڀري سگهي ٿو ۽ پاڻي پيئڻ کان سواءِ ڪيترا ڏينهن گذارو ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن اهڙو ڪو علائقو هوندو هو جتي ڪي سرسبز ٻوٽا موجود هوندا هئا ته اٺ کي پاڻي جي به ضرورت محسوس نه ٿيندي هئي.
    جنهن قافلي ۾ گهوڙا موجود هوندا هئا ته ان قافلي جا مسافر پنهنجي حصي جو پاڻي گهوڙن کي پياريندا هئا. ڇو جو انهن کي خبر هئي ته گهوڙو به انسان وانگر اڃ برداشت ڪري نه سگهندو آهي. پر جڏهن اهي ماڻهو جنگي ميدان ۾ لهندا هئا ۽ جنگ شروع ٿيندي هئي ته گهوڙو هڪ بيمثال جرائت سان ميدان ۾ لهندو هو. ان دوران ٻيو ڪوبه جانور ايترو ڦڙتيءَ، چالاڪيءَ، تيز رفتاري ۽ فرمانبرداريءَ ۾ گهوڙو جو مقابلو ڪري نه سگهندو هو.
    عربي زبان جي روايتن ۾ ذڪر ٿيل آهي ته جڏهن الله تعاليٰ آدم کي پيدا ڪيو ته ان کي سڀني جانورن کان واقف ڪيو ويو، ان لاءِ ته جيئن انهن مان جيڪو به چاهي پنهنجي لاءِ چونڊ ڪري. آدم سڀني جانورن مان گهوڙي کي پسند ڪيو ۽ الله به انسان جي پسند کي ساراهيو ڇو جو خود الله تعاليٰ به ٻين جانورن کان گهوڙي کي وڌيڪ خوبيون عطا ڪيون آهن.
    بهرحال حضرت حمزه رضي الله ۽ ان جا چاليهه ساٿي جن کي ڪافرن جو رستو روڪڻو هو صرف ان ڳالهه تي پريشان هئا جو وٽن گهوڙا نه هئا. انهن جو خيال هيو ته جيڪڏهن انهن وٽ گهوڙا هجن ها ته هو پنهنجي فرض کي تمام بهتر طريقي سان پورو ڪري سگهن پيا.
    حضرت حمزه رضي الله ۽ سندس چاليهن ساٿين جي گشت جو علائقو ڳاڙهي سمنڊ ۽ مديني جي وچ جو علائقو هو، جنهن جي ڊيگهه هڪ سو ٽيهه ڪلوميٽرن جي برابر هئي ۽ مڪي جا تجارتي قافلا به هر صورت ۾ اتان گذرڻ تي مجبور هئا. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪنهن قافلي جو پري کان مٽي جو غبار نظر آيو ۽ اهو جلدي ئي معلوم ٿي ويو ته ان قافلي جو سالار اهو آهي جيڪو پيغمبر اسلام جن جو وڏي ۾ وڏو دشمن آهي، يعني ابوجهل؟
    ابوجهل اهو شخص هو جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مارڻ چاهي پيو ۽ ان پاڻ ﷺ جن جي سر جي قيمت به لڳائي ڇڏي هئي. هي اهو شخص هو جنهن ڪعبة الله ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي منهن مٿان اُٺ جي اوجهري وجهي ايترو ته قابو ڪيو هو جو سندس حالت ساهه نڪرڻ جهڙي ٿي وئي هئي.
    مسلمانن کي جڏهن اهو يقين ٿي چڪو ته هن قافلي جو سربراهه ابوجهل آهي ته انهن ان قافلي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    پر ان وقت محمد بن عمرو نالي هڪ شخص ظاهر ٿيو جيڪو دراصل هڪ ان علائقي جي قبيلي جو سربراه هيو، جنهن علائقي کان مڪي وارن جا قافلا گذري رهيا هئا. ان شخص حضرت حمزه رضي الله جي رستي روڪڻ تي چيو ته ان قافلي تي حملي ڪرڻ کان مڙي وڃو. عمرو چيو ته اسان جي قبيلي قريش وارن سان اهو معاهدو ڪيو آهي ته مڪي جا قافلا هر قسم جي ڇيڙڇاڙ کان محفوظ رهي علائقي مان گذرن، ان ڪري نه اسان خود انهن تي حملو ڪري سگهون ٿا نه وري ڪنهن ٻئي کي اجازت ڏني ويندي ته هو اسان جي علائقي کان گذرڻ واري مڪي جي قافلي جو رستو روڪن.
    عمرو وڌيڪ ٻڌائڻ لڳو ته اسان قريش وارن سان اهو معاهدو به ڪيو آهي ته قافلن جي حمايت جي عيوض ٻه دفعا ”خوه“ حاصل ڪنداسين، يعني ٽيڪس جيڪا تجارتي قافلن کان وصول ڪئي ويندي هئي. انهن قافلن کي ڦرلٽ کان کانسواءِ علائقي جي حفاظت جي ذميواري ڏني ويندي آهي. عمرو وڌيڪ چيو ته اهڙو معاهدو اسان جو مديني جي تاجرن سان به ٿيل آهي ۽ اهي به ڪنهن خوف خطري کان سواءِ اسان جي علائقي کان گذرندا آهن، اهي به پنهنجي ٽيڪس ادا ڪندا آهن ۽ انهن جي قافلي تي به اسان ڪنهن کي حملي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، ان ڪري اسان جو اهو عهد آهي ته اسان هر صورت ۾ پنهنجي ”هم عهد“ معاهدي ڪرڻ وارن تجارتي قافلن جي حمايت ۽ حفاظت ڪنداسين، ڇو جو اسان لاءِ عهد هڪ مقدس مقام رکي ٿو.
    حضرت حمزه رضي الله جيڪو خود به هڪ عرب هو اهو چڱي ريت سمجهي پيو ته ڪنهن عهد کي ٽوڙڻ صحيح نه سمجهيو ويندو آهي ۽ کيس اهو احساس به ٿيو ته جيڪڏهن هو مڪي جي قافلي تي حملو ڪري ٿو ته صرف کيس هن مقامي قبيلي سان به نبرڻو پوندو پر اڳتي لاءِ مديني کان ويندڙ قافلن کي مشڪلاتون سامهون اينديون.
    حضرت حمزه رضي الله ان ڳالهه کي به اهميت نه ڏني ته جيڪڏهن ابوجهل مڪي پهچي قريش جي ٻين سردارن سان قافلي کي حملي جا احوال ڪندو ته ان جو ڇا نتيجو نڪرندو. آخرڪار وڏي سوچ ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيائين ته قافلي کي رستي تان گذرڻ جو موقعو ڏنو وڃي ڇو ته آخرڪار اهوئي رستو آهي جتان مڪي جا قافلا مجبور ٿي گذرندا رهندا.
    ٻيو دفعو مڪي جي ڪافرن جي مقابلي ۾ سٺ مسلمانن جي جماعت رضاڪارانه طورتي اٺن تي سوار ٿي مڪي وارن جي قافلن کي روڪڻ لاءِ نڪتا. هن دفعي حضرت عبيد بن حارث بن عبدالمطلب رضي الله جيڪو رشتي ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو چاچو به هو، اهو سٺ رضاڪار مهاجرين جي اڳواڻي ۾ نڪتو.
    انهن ماڻهن مديني ۽ سمنڊ جي وچ واري علائقي جي نگرانري ڪندي ٻن هفتن کان پوءِ هڪ مڪي جي قافلي کي هٿ ڪيو جنهن قافلي جو سربراهه ابوجهل جو پٽ عڪرمه هو. هن قافلي ۾ مردن جو تعداد هڪ سو چاليهه هيو يعني مديني کان آيل رضاڪارن کان ٻيڻا هئا، پر جيئن ئي انهن مسلمانن کي ڏٺو ته يڪدم ڀڄڻ شروع ڪيو پر انهن مان ٻه شخص نه ڀڳا ۽ اچي مسلمانن سان مليا ڇو ته اهي پاڻ به مسلمان هئا.
    انهن ٻنهي شخصن مان هڪ مقداد رضي الله بن عمرو ۽ ٻيو عتبه رضي الله بن غزوان هيو، هي ٻئي شخص ان وقت جڏهن مسلمان مڪي کان حبشه ڏانهن هجرت ڪري رهيا هئا، هي به انهن سان گڏ حبشه ڏانهن ويا هئا پر ڪجهه عرصي کان پوءِ مڪي موٽيا. جڏهن هي مڪي پهتا تڏهن هجرت جو آغاز ٿي چڪو هو ۽ پيغمبر اسلام جن مڪي کان مديني پهچي چڪا هئا. انهن ٻنهي شخصن ڪيترائي مرتبا ڪوشش ڪئي ته مديني وڃي پنهنجي ديني ڀائرن سان ملاقات ڪيون، پر ڪامياب نه ٿيا. جڏهن هنن کي علم ٿيو ته عڪرمه جي نگرانيءَ ۾ مڪي کان قافلو روانو ٿيڻو آهي جيڪو مديني کان گذرندو اهڙي طرح اهي ٻئي شخص ان قافلي ۾ شامل ٿي ويا ته ان بهاني مديني پهچي سگهون. آخرڪار جڏهن قافلي وارن ڀڄڻ شروع ڪيو ته هنن کي مسلمانن سان ملڻ جو موقعو ملي ويو.
    انهن ٻنهي شخصن جي مديني ۾ آمد تي مسلمانن کي ڏاڍي خوشي ٿي. وري ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ رضاڪارن هڪ ٽيون دستو جيڪو ويهن اُٺن تي سوار هيو، حضرت سعد بن رضي الله ابي وقاص جي سربراهيءَ ۾ روانو ٿيو ته جيئن مڪي وارن کي مديني جي ناڪه بنديءَ جي سزا ڏني وڃي.
    مسلمانن جي رضاڪارن جي تبديلي ان ڪري ڪئي پئي وئي ته جيئن ڪو به مسلمان اسلام جي راهه ۾ ڪنهن خدمت ڪرڻ کان رهجي نه وڃي. پيغمبر اسلام ﷺ جن اها هدايت ڪئي ته رضاڪارن جو دستو واري واري سان تبديل ڪيو وڃي.
    حضرت سعد بن ابي وقاص، پيغمبر اسلام ﷺ جن جي والده حضرت آمنه جو ڀاڻيجو هو. حضرت سعد بن ابي وقاص اهو پهريون مسلمان هيو جنهن اسلام جي راهه ۾ سڀ کان اڳ هڪ ڪافر کي زخمي ڪيو هو.
    حضرت سعد رضي الله ”خرار“ نالي هڪ علائقي ۾ مڪي جي هڪ قافلي جي مقابلي ۾ اچي پهتو ۽ ان تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيائين پر هن ڀيري به اهڙي ئي طرح اتان جي مقامي قبيلي جو سربراهه مسلمانن جي سامهون پهچي ويو ۽ چيائين ته منهنجي قبيلي جو علائقو ”دارالامان“ آهي، هتي نه اسان ڪنهن تي حملو ڪندا آهيون ۽ نه ئي وري ڪنهن کي قافلي تي حملي ڪرڻ جي اجازت هوندي آهي. ڇو جو اسان کي انهن قافلن جي طرفان پنهنجو حق ”ٽيڪس“ ملندي آهي. ان سبب رضاڪار مسلمان هن ڀيري ڪنهن ڪارروائي ڪرڻ کان سواءِ واپس مديني موٽي آيا. حضرت سعد رضي الله هڪ تجويز پيش ڪئي ته ان سلسلي ۾ ٻئي ڪنهن طريقي تي غور ڪيو وڃي.
    حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته ريگستاني عرب جيئن ته مڪي وارن کان سوديبازي ۾ فائدو حاصل ڪن ٿا تنهن ڪري مڪي وارن جي قافلن کي روڪڻ جي معاملي ۾ اهي اسان سان تعاون نه ڪندا. پر مان ﷺ انهن کي ان منافعي جي بدلي ۾ اهڙي شيءِ ڏيندس جنهن تي انهن کان اهو فائدو وسري ويندو.
    مسلمانن عرض ڪيو ”يارسول الله! اوهان انهن کي ڇا ڏيڻ چاهيو ٿا؟“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو انهن کي ٿورڙي منافعي جي بدلي جيڪو اهي ريگستاني عرب مڪي وارن کان حاصل ڪن ٿا، انهن کي اسلام جي دعوت ۽ جنت جي بشارت ڏيندس.“
    حضرت محمد ﷺ جن جيئن ئي اها سوچ ظاهر ڪئي ته پوءِ ان ڳالهه کي عملي طور شروع ڪرڻ لاءِ مذاڪرات شروع ڪري ڏنا ۽ انهن ريگستاني عربن کي چيو ويو ته ان معمولي فائدي تان هٿ کڻي وڃو جيڪو اوهان کي مڪي وارن کان حاصل ٿئي ٿو. مان ان جي بدلي ۾ توهان کي بهشت جي خوشخبري ڏيان ٿو.•
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن بدوي قبائلي مسلمانن کي پاڻ سان متحد ٿيڻ جي غرض سان سٺ رضاڪارن تي مشتمل جماعت ساڻ ڪري ان قبيلي ڏانهن روانا ٿي ويا. هن دفعي رضاڪار دستي جي اڳواڻي بذات خود پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هٿ هئي ۽ ان دفعي به مسلمانن وٽ گهوڙن جي سواري نه هئي ۽ سڀئي اُٺن تي سوار هئا. حضرت محمد ﷺ جن مديني کان نڪرڻ بعد پنهنجي رضاڪارن سميت قبيله غفار جي رهائشگاهه ڏانهن روانا ٿي ويا.
    غفار قبيلو اهو پهريون قبيلو آهي، جنهن اسلام قبول ڪيو. ان تاريخ کان ڏهه سال پهريون حضرت ابوذر غفاري رضي الله جيڪو ان وقت ظالم هيو ۽ پنهنجي ڪئي تي ڏاڍو پشيمان ٿي اسلام قبول ڪري پنهنجي عادتن کان هميشه لاءِ توبھ ڪري ڇڏي هئي. پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس قبيلي ۾ واپس موڪلي ڇڏيو ته هو پنهنجي قبيلي وارن کي اسلام قبول ڪرڻ جي دعوت ڏئي. ڏهن سالن جي عرصي ۾ سندس قبيلي جا سمورا شخص مسلمان ٿي ويا ۽ انهن ڌاڙن، ظلم ۽ لٽ ڦر کان هميشه لاءِ توبھ ڪري ڇڏي.
    قبيلي غفار جي رهائش وارو علائقو مديني ۽ ينبع نالي سرزمين جي وچ تي واقع هو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن ان کان اڳ جو قبيلي غفار جي حد ۾ داخل ٿين، ”ابواءِ“ نالي علائقي ۾ ترسي پيا ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ جي والده ماجده حضرت آمنه ان علائقي ۾ دفن ٿيل هئي.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر وٽ پهتا ته اُٺ تان لهي قبر تائين پيادل هليا. ٻيا مسلمان، جن کي اها خبر هئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن جي والده ماجده جي اتي قبر آهي ته اهي پنهنجي جاءِ تي بيهي رهيا ۽ انهن مان حضرت عمر رضي الله جيڪو رضاڪارانه طورتي سفر ۾ شريڪ هيو پاڻ سڳورنﷺ جن سان گڏ قبر تائين پهتو، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تي گوڏا کوڙي بي اختيار روئي دعا گهريائون.
    جيتوڻيڪ حضرت آمنه کي فوت ٿئي پنجاهه سال گذري چڪا هئا، پر حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي بچپن جي ياد ۾ روئيندا رهيا ڄڻ ته پاڻ پنهنجي والده ماجده کان هينئر ئي وڇڙي رهيا آهن. پاڻ سڳورنﷺ جن کي پنهنجي والده جي تڪليفن ۽ ڏکن جو احساس اڀري رهيو هو جيڪي هن پاڻ سڳورنﷺ جي پرورش دوران سٺا هئا. حضرت آمنه بيوه هوندي ڪنهن سهاري کان سواءِ پنهنجي فرزند جي پالنا ڪندي هن دنيا کان رخصت ٿي وئي هئي. پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي والده ماجده جي قبر تي پنهنجي ٻاراڻي دور جي ياد ۾ گم ٿي ويا جو انهن کي اهو احساس ٿيو ته جيتري تائين والد ماجده زنده هئي ته هر مشڪل سان منهن ڏيڻ پاڻ ﷺ جن لاءِ ڪيترو نه آسان هو. ننڍپڻ ۾ جڏهن به گهر ۾ ايندا هئا ته والده ماجده پاڻ ﷺ جن جو هٿ منهن ڌوئيندي هئي ۽ پنهنجي هٿن سان پچايل کاڌو پاڻ ﷺ جن جي سامهون رکي پيار محبت سان کين کارائيندي هئي. پر جڏهن حضرت آمنه جي رحلت ٿي ته پاڻ سڳوراﷺ بلڪل اڪيلا ٿي پيا، جڏهن ريگستان کان پيرين اگهاڙي پيادل ايندا هئا ته ڪوبه نه هو جو هٿ منهن ڌوئاري يا مٿي تي شفقت جو هٿ ڦيرائي. ايتري قدر جو پاڻ سڳورنﷺ جي راهه ڏسڻ وارو يا واپس اچڻ جي انتظار ڪرڻ وارو به ڪوئي نه هيو.
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تي ايترو رُنا جو حضرت عمر رضي الله جنهن جي باري ۾ مشهور هيو ته شيطان به ان کان ڊڄندو هو ۽ ان جي آواز ۾ وڄ وانگر ڪڙڪو موجود هو، کين چوڻ لڳو ته ”يارسول الله ايترو نه رئو جو متان مان به نه روئي روئي بيحال ٿي وڃان.“
    ڪجهه ليکڪ، جن ۾ ابن سعد، بخاري ۽ ابن هشام شامل آهن لکن ٿا ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر تان مٿي اٿيا ته حضرت عمر رضي الله چوڻ لڳو ته، ”يارسول الله اوهان ايترو ڇو ٿا روئو ڏسو منهنجون اکيون به آليون ٿي چڪيون آهن.“ بهرحال پاڻ ﷺ جن ايترو رُنا جو حضرت عمر رضي الله جهڙي مضبوط دل انسان به روئي ڏنو.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي والده ماجده جي قبر کي الوداع چئي اڳتي وڌيا ۽ رضاڪارن سميت اچي ”ودان“ نالي سرزمين تي پهتا جيڪو قبيلي بنوضمره جي رهائش جو علائقو هو، جتي هن وقت تائين ڪوبه مسلمان نه ٿيو هو؛ قبيله ”بنو ضمره“ جيڪو قبيلي غفار سان واسطو رکندڙ علائقو سمجهيو ويندو هو، پاڻ سڳورنﷺ اتان جي چڱن ماڻهن سان گفتگو ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ”ودان“ جي علائقي ۾ رهيا.
    پاڻ سڳورنﷺ جن هڪ هفتي کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا ته ان قبيلي جي سردارن جي اڳيان قرآن مجيد جو آيتون پڙهيون وڃن. انهن ۽ مسلمانن ۾ هڪ فوجي معاهدو طئي ٿيو، هي اسلامي تاريخ ۾ پهريون فوجي معاهدو آهي جنهن ۾ مسلمانن ۽ ٻين ۾ فوجي معاهدو ٿيو ۽ جنهن کي ٻنهي طرفان مهرون هڻي مضبوط بڻايو ويو.
    هن معاهدي ۾ حضرت محمد ﷺ جن الله جي رسول الله ﷺ ۽ مسلمانن جي رهبر جي حيثيت سان هي عهد ڪيو ته جيڪڏهن بنوضمره وارن تي حملو ٿيو ته مسلمان انهن جي حمايت ۾ اٿي پوندا. اهڙي طرح بنوضمره وارن تي به اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته جڏهن به مسلمانن جي سر تي ڪوبه ڏکيو وقت ايندو ته بنوضمره وارا به مسلمانن جي حمايت ۾ تلوارون هٿن ۾ کڻي نڪري پوندا ۽ بنوضمره وارن کي اهو حق به نٿو پهچي ته مڪي وارن قافلن کي پنهنجي حد مان گذرڻ جي اجازت ڏين.
    سر زمين ”ودان“ يعني بنوضمره جي قبيلي جي رهائش گاهه مديني کان ٽن ڏينهن جي سفر جي فاصلي تي هئي ۽ مڪي کان بنوضمره تائين نون ڏينهن جي سفر جو فاصلو هو.
    ٿي سگهي ٿو ته اهو تصور ڪيو وڃي ته بنوضمره قبيلي ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن سان اتحاد ڪيو هجي ته انهن جي خيال ۾ مڪو پري آهي ۽ مدينو تمام ويجهو ان ڪري مسلمانن سان اتحاد جو تعلق رکيائون. پر حقيقت ۾ ايئن نه هيو؛ جيتوڻيڪ بنوضمره کان مڪو پري هو پر پوءِ به قريش وارن جي دهشت ۽ طاقت ايتري هئي جو بنوضمره انهن کي وساري نه پيو سگهي ۽ ظاهر ۾ انهن کان ڊڄندا هئا. دراصل جنهن ڳالهه انهن کي مسلمانن سان اتحاد ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو، اها پيغمبر اسلام ﷺ جن جي دعوت جو اثر هيو، جنهن ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن ان قبيلي کي بشارت ڏني هئي ته جيڪڏهن اهي مسلمان بڻجي مسلمانن جو ساٿ ڏيندا ته انهن کي الله جي رضا حاصل ٿيندي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ اهي بهشت جا حقدار بڻجي ويندا.
    بهشت اهڙي جڳهه آهي جتي انسان هڪ دفعو قدم رکندو ته هميشه هميشه لاءِ خوشيون حاصل ٿي ويندس، ان ڪري هر طرح جي ديني خدمت گاري بهشت کي حاصل ڪرڻ لازم ڪري ٿي.
    هن دنيا ۾ انسان جي زندگي مختصر آهي ۽ هيءَ مختصر زندگي به گهڻو وقت غمن ۽ مشڪلاتن ۾ گذري ويندي آهي، پر جنت ۾ انسان کي لافاني زندگي ۽ نه ختم ٿيڻ واريون نعمتون حاصل ٿينديون آهن. ان ڪري جنت کي حاصل ڪرڻ خاطر هن دنيا کي آخرت جي زندگيءَ خاطر وڪڻڻ اهڙو معاملو آهي جنهن ۾ انسان جو نقصان نه پر فائدو ئي فائدو آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن بنوضمره سان جنگي معاهدي ڪرڻ بعد قبيلي غفار جي طرف روانا ٿيا. قبيلو غفار اڄ به جزيره عرب ۾ موجود آهي.
    پهرئين جنگ عظيم جي وقت ”ڪرنل لارنس“ جيڪو مشهو رشخصيت هيو جنهن پهرئين عالمگير جنگ ۾ اها ڪوشش ڪئي هئي ته تمام عرب قومن کي متحد ڪري هڪ عظيم عربي مملڪت جو بنياد رکيو وڃي؛ ان دوران ڪجهه عرصو هي قبيله غفار سان گڏ رهيو. ڪرنل لارنس پنهنجي يادگيرين ۾ لکي ٿو ته قبيلي غفار جا ماڻهو اخلاقي ۽ نفسياتي خصوصيتن جي اعتبار کان اڄ به اهڙيءَ ئي طرح آهن، جهڙيءَ طرح چوڏهن سو سال پهريون اسلام جي شروعاتي دور ۾ هئا. انهن جي نظر ۾ هر شيءِ روشن آهي يا اونده، ڪاري آهي يا سفيد، چڱي آهي يا بُري، سچي آهي يا ڪوڙي ۽ انهن جي ظاهري يا باطني سوچن ۾ هيٺئين وچ جي درجي جي ڪابه شيءِ موجود نه آهي. يعني اهي ڪڏهن به چڱي يا بري جي وچ جو رستو اختيار نه ڪندا آهن. ڪرنل لارنس قبيلي غفار کي عربن جي قبيلن ۾ پاڪ ترين علائقو سمجهندو آهي ڇو جو انهن جي قبيلي جي ماڻهن جي زندگي ۾ ”حد وسط“ يعني هيڏي هوڏي جو ڪو به خيال موجود نه آهي. ان ڪري هو اسلام کان پهريائين راهه ڦريندڙ ظالم ۽ قاتل هئا، پر جڏهن اسلام قبول ڪيائون ته قبيلي جا سمورا مرد ۽ عورتون مڪمل طرح متقي ۽ پرهيزگار بڻجي ويا ۽ انهن وري مسافرن کي ڦرڻ يا ڪنهن تي ظلم يا ڏاڍ لاءِ ڪڏهن سوچيو به نه آهي.
    قبيلي غفار وارا دين جي حڪمن تي ايترا تي پابند ۽ سخت ٿي بيٺا جو جيڪڏهن انهن مان ڪوبه ڪنهن گناهه ۾ ڦاسي پوندو هو ته بذات خود پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سامهون اچي گناهه مڃيندو هو ڀل ان کي گناهه ڪندي ڪنهن به نه ڏٺو هجي.
    قبيلي غفار جو هڪ شخص مسلمان ٿيڻ بعد ”زنا“ جي جرم ۾ ڦاسي پيو يعني هن هڪ اهڙي عورت سان غلط تعلقات رکيا جنهن جي اڳ ۾ شادي ٿيل هئي. ڪنهن به شخص ان کي گناهه ڪندي نه ڏٺو هو جو ان کي ”زنا“ جو مجرم بڻائي سگهجي، جيتوڻيڪ چئن گواهن جي ضرورت هئي جن مرد ۽ عورت کي ”زنا“ جي جرم ۾ ڏٺو هجي. پر ان ڄاڻ هوندي به ته مون کي ان جرم ۾ سنگسار ڪيو ويندو، اهو پنهنجو پاڻ ئي جرم جو اقراري بڻجي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿيو چيائين ته مون کي سزا ڏني وڃي. جڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته هن جي عقل ۾ ڪو خلل نه آهي ۽ حقيقت ۾ هو پنهنجو جرم تسليم ڪري ٿو ته پوءِ ان کي اسلامي شريعت تحت سزا ڏني وئي.
    هڪ ٻيو واقعو آهي ته ڪنهن جنگ ۾ اٺن جو تعداد گهٽ هيو ۽ سڀئي سپاهي اٺن تي سوار نه پيا ٿي سگهن، ان ڪري حضرت محمد ﷺ جن قبيلي غفار جي ماڻهن کي اجازت ڏني ته توهان پنهنجي قبيلي ڏانهن واپس وڃو ڇو جو سواري نه هجڻ ڪري اوهان کي گڏ نٿا وٺي هلي سگهون. جڏهن قبيلي غفار وارن کي ائين چيو ويو ته انهن اهو محسوس ڪيو ته اسان کي جنگ جي ميدان کان محروم ڪيو ويو ته اهي زارو قطار روئڻ لڳا ۽ انهن ان انداز ۾ روئڻ شروع ڪري ڏنو جيئن ماءُ پنهنجي ٻچي جي موت تي بيحال ٿي روئندي آهي. ان ڏينهن کان پوءِ مسلمانن مزاح جي طور انهن جو نالو ”بنو البکاء“ رکيو، يعني ”روئڻو قبيلو.“
    بهرحال حضرت محمد ﷺ جن قبيلي غفار سان هڪ جنگي معاهدو ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته قبيلي غفار تي ڪنهن به حملو ڪيو ته مسلمان انهن جي حمايت ۾ نڪري پوندا ۽ ان طرح قبيلي غفار وارا به مسلمانن جي مدد ڪرڻ ۽ انهن جي دشمنن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر رهندا.
    بعد ۾ قبيلي غفار کي پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ايترو اعتماد حاصل ٿيو جو هڪ دفعي جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ڪنهن سفر لاءِ روانا ٿيڻا هئا ته پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي جڳهه تي مديني جو نظم و ضبط (انتظام) سنڀالڻ لاءِ حضرت ابوذر غفاري رضي الله تي ذميواري رکي.
    قبيلي غفار سان فوجي معاهدي ٿيڻ بعد پاڻ سڳوراﷺ کانئن موڪلائي قبيلي ”بهينيه“ ڏانهن روانا ٿيا. قبيلو بهينيه ينبع جي پهاڙي علائقي ۾ واقع روده نالي جڳهه تي رهندڙ هو. اهو قبيلو به مسلمانن جو اتحادي بڻجي ويو ۽ ان قبيلي جا رهاڪو به ايترا سچا ۽ پڪا مسلمان بڻجي ويا جو انهن پنهنجي خرچ سان ۽ پنهنجي هٿن سان مديني ۾ مسجد تعمير ڪئي، جنهن کي مسجد قبا کان بعد مسلمانن جي ٻي مسجد جو رتبو حاصل ٿيو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجو سفر جاري رکندي، ”بنو مدليج“ جي سرزمين ۾ داخل ٿي ويا. هتي اهوئي قبيلو رهندو هو، جڏهن پاڻ سڳورنﷺ مڪي کان مديني هجرت ڪري آيا پئي ته ان قبيلي جي سردار پاڻ ﷺ جن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته مڪي وارن کان انعام حاصل ڪري سگهان پر جڏهن اهو پاڻ سڳورنﷺ جن کي پهچڻ جي ڪوشش ڪري پيو ته سندس گهوڙي جون ٽنگون زمين اندر گپجي وڃن پيون، اهو سراقه نالي سردار چار ڀيرا ڪوشش جي باوجود ڪامياب نه ٿيو هو.
    جيتوڻيڪ قبيله بنو مدليج جا ماڻهو بت پرست هئا پوءِ به انهن وڏيءَ عزت ۽ احترام سان حضرت محمد ﷺ جن جي آجيان ڪئي ۽ جنگي معاهدي جي رضامندي ظاهر ڪيائون. بعد ۾ سراقه بن مالڪ جيڪو مسلمان ٿي چڪو هو اسلام جي نامور سردارن ۾ شمار ٿي ويو.
    پيغمبر اسلام ﷺ انهن چئن قبيلن جي جي جنگي معاهدي کان پوءِ مطمئن ٿيا ڇو جو اهي چارئي قبيلا اهڙين جڳهن تي واقع هئا جتان قريش وارن جا قافلا هر صورت ۾ گذرڻ تي مجبور هئا. جيئن ته چارئي قبيلا اسلام جا اتحادي بڻجي چڪا هئا ان ڪري مڪي جي قافلن کي روڪڻ ۾ بهتر طور تي مدد ڪري سگهيا پئي.
    ريگستاني قبيلن سان مذاڪرات ۽ معاهدن ڪرڻ کانپوءِ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني پهتا ته اڻ وڻندڙ ڳالهه ٻڌائون...
    پاڻ سڳورنﷺ جي غيرموجودگيءَ ۾ ڪجهه اُٺن سوار جيڪي تيز رفتار اٺن تي سوار هئا، ابن جبير نالي شخص جي اڳواڻيءَ ۾ مديني ۾ آيا جن مديني تي حملو ڪيو ۽ مسلمانن جي ڪجهه گهرن کي باهه به ڏني ۽ مسلمانن کان مال به ڦري کڻي ويا، بعد ۾ خبر پئي ته انهن حملي ڪندڙن کي بنوقريش موڪليو هو.
    ان حملي کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اهو اندازو ٿي ويو ته مسلمانن ۽ بت پرستن جي وچ ۾ عنقريب لڙائي ٿيڻ واري آهي.


    ماهه حرام ۽ عبدالله بن جحش جو حملو

    ماهه حرام ۽ عبدالله بن جحش جو حملو

    مديني جي حدن مان لنگهندڙ مڪي وارن جا قافلا هاڻي ايترا طاقتور بڻجي چڪا هئا جو مسلمانن جا اتحادي قبيلا انهن جي رستي روڪڻ ۾ مؤثر ڪردار ادا نه پيا ڪري سگهن، ڇو جو هر قافلو تقريباً اڍائي هزار محافظ ساڻ کڻي هلندو هو.
    ٻئي طرف پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ضروري سمجهن پيا ته قريش وارن جي طرفان غصي ڏياريندڙ ڳالهين ۽ انهن جي شرارتن ۽ سندن پيش نظر انهن جي ارادن ۽ منصوبن کان باخبر رهڻ ضروري آهي ته جيئن مديني جا مسلمان قريش جي بدنيتي ۽ حرڪتن کان بيوس نه بڻجن. اهوئي سبب بڻيو جو نومبر جي مهيني سن 623ع ۾ يعني هجرت جي ٻئي سال پيغمبر اسلام ﷺ جن اٺن مسلمانن جي چونڊ ڪئي ۽ انهن مان ئي هڪ عبدالله رضي الله بن جحش کي باقي ماڻهن جي اڳواڻي حوالي ڪئي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ چٺي به لکرائي ان تي مهر لڳائڻ بعد عبدالله بن جحش کي ڏئي هدايتون ڪيائون ته هو سرزمين نجد ڏانهن وڃي ۽ جڏهن اتي پاڻيءَ جي کوهه وٽ پهچي پوءِ پنهنجن اُٺن کي پاڻي پيارڻ کان پوءِ هن خط کي کولي پوءِ ان ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي ان تي عمل ڪري.
    عبدالله رضي الله بن جحش جيڪو ٻين سڀني مسلمانن وانگر پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اصولن تي بنا ڪنهن ڪڇڻ جي عمل ڪندو هو، ٻن ڏينهن تائين مغرب جي طرف هلندو رهيو ۽ آخر قافلي سميت اچي پاڻيءَ جي کوهه تي پهتو، اتي پنهنجن اُٺن کي پاڻي پياري پوءِ هن پيغمبر اسلام ﷺ جن جو مليل خط پڙهيو. خط ۾ اهو حڪم جاري ٿيل هو ته هو مڪي ۽ طائف جي وچ واري ستي ۾ ”نخله“ جي جڳهه تي قريشن جي حالتن جي خبر چار لهن ۽ انهن جي چرپر تي نظر رکن ۽ پنهنجي ڪم جي ڪارڪردگي اچي ٻڌائن.
    عبدالله رضي الله بن جحش جيئن خط جي مضمون کان واقف ٿيو ته بنا دير پنهنجي باقي ستن ساٿين سميت ٻن هفتن جي سفر کان پوءِ ماهه رجب جي آخري تاريخ تي نخله ۾ پهتو.
    نخله اها جڳهه آهي جتي حضرت ابراهيم  شيطان کي پٿر هنيا هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن جي زماني ۾ جزيره عرب جي مشهور بتن مان هڪ بت منات ان جڳهه تي رکيل هو. نخله اهائي جڳهه آهي جڏهن حضرت محمد ﷺ جن طائف کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿي رات جي پوئين پهر نخله پهتا ۽ درديلي آواز ۾ قرآني آيتون تلاوت ڪيون هيون ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي تلاوت جو اثر جنن تي ٿيو هو ۽ انهن مٿن ايمان آندو هو.
    جڏهن عبدالله بن جحش پنهنجي ساٿين سميت نخله پهتو تڏهن اهي ڇهه ڄڻا بچيا هئا ٻه ساٿي ريگستاني سفر ۾ رستو ڀلجي ويا ۽ ساٿين کان گم ٿي ويا هئا. انهن مان هڪ سعد رضي الله بن ابي وقاص ۽ ٻيو عتبه بن غزوان رضي الله هو. انهن کان پوءِ هاڻي رهيل ڇهن ماڻهن جي اها ذميواري هئي ته اهي طائف کان مڪي ايندڙ ويندڙ قافلن جي نگراني ڪن ۽ انهن جي چرپر تي نظر رکن. پر جڏهن اهي اتي پهتا ته رجب جو مهينو هو يعني امن وارن مهينن مان هڪ مهينو. اهو ٻڌائڻ به ضروري آهي ته جزيره عرب ۾ ماهه حرام هر جاءِ تي هڪ جهڙا نه هئا پر هر علائقي جي ضرورت جي پيش نظر انهن لاءِ ماهه حرام به مقرر ٿيل هوندا هئا. ان جي باوجود مڪي ۾ سال جي يارهين ۽ ٻارهين مهيني يعني ”ذوالقعد ۽ ذي الحج“ ۽ سال جي پهرئين مهيني يعني محرم ۽ ستين مهيني رجب کي عزت وارو مهينو سمجهيو ويندو هو. رجب جو مهينو ماهه حرام هئڻ کان علاوه عمره ادا ڪرڻ جو مهينو به هو ۽ ڪعبي جي زيارت ڪرڻ وارا بناخوف ۽ خطري مڪي ايندا هئا ۽ سڪون ۽ دلجاءِ سان ڪعبة الله جي زيارت ڪندا هئا.
    جڏهن عبدالله بن جحش ساٿين سميت اتي پهتو ته رجب مهيني جي ختم ٿيڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن بچيو هو. ان ڏينهن هڪ قافلو جيڪو طائف کان مڪي وڃي رهيو هو ۽ انهن وٽ سامان ڪشمش ۽ چمڙو به هو، اچي نخله ۾ داخل ٿيو. ان قافلي نخله ۾ ٿورڙو وقت قيام ڪيو ۽ بعد ۾ اڳتي روانو ٿي چڪو ته متان رجب جو مهينو ختم نه ٿي وڃي جيئن آرام سان پنهنجي حد ۾ پهچي وڃون. جيڪڏهن اهو قافلو رجب جو مهينو ختم ٿيڻ بعد سفر جاري رکي ته ٿي سگهي ٿو قافلي تي حملو ٿئي.
    جڏهن عبدالله بن جحش جي نظر ان قافلي تي پئي ته کيس قريش وارن جا ظلم سندن اکين آڏو اچي ويا ۽ خوف لرزش ۾ اچي ويو. قريش جا اهي ظلم جن جي ٻڌڻ وارن جا لنڱ ڪانڊارجي ويندا هئا پر عبدالله بن جحش حيران هيو ته ڇا ڪيو وڃي؟
    جيڪڏهن هو نخله جي جڳهه وٽ مڪي جي قافلي کي انتقامي نشانو بڻائي ها ته اڃان ماه حرام جي ختم ٿيڻ ۾ هڪ ڏينهن باقي هيو، ان ڪري سندس اهو عمل ان اصول جي خلاف ورزي هئي، جنهن کي سڀئي تسليم ڪندا هئا ته ماه حرام جي مهينن ۾ ڪنهن کي به جهيڙي، جنگ، خون، قتل يا لٽ ڦر جي اجازت نه هئي. پر ايترو ٿي سگهيو پئي ته عبدالله بن جحش مڪي جي قافلي جو پيڇو ڪندو وڃي ۽ جڏهن رجب جو مهينو ختم ٿئي ته پوءِ قافلي تي حملو ڪري، پر نخله ۽ مڪي جي وچ ۾ فاصلو ٿورڙو هيو ۽ هڪ ڏينهن گذرڻ کان پوءِ اهو قافلو مڪي جي حد ۾ داخل ٿي سگهيو پئي. جنهن ڪري ان تي حملو نه پيو ٿي سگهي.
    ليڪن عبدالله بن جحش ان وقت ان احساس ۾ پئجي ويو ته قافلي جو رستو روڪڻ الله جي راهه ۾ اسلام جي خدمت ڪرڻ آهي. ان وقت هو اهو به سوچي رهيو هو ته قافلو مڪي جي وڏن ماڻهن ۽ حڪومت جو آهي، جن مديني کي اقتصادي محاصري ۾ آڻي ڇڏيو آهي ۽ اهي ماڻهو مسلمانن کي بک جي شدت سان خوفزده ۽ حيران ڪري رهيا آهن. جڏهن ته في الحال مسلمانن ۾ اها طاقت به نه آهي جو قريش وارن سان مقابلو ڪري سگهن. آخرڪار عبدالله بن جحش الله جي راهه ۾ وڌڻ ۽ رجب مهيني جي احترام ڪرڻ مان پهرئين شي کي ترجيح ڏني ۽ پنهنجي ساٿين سميت قافلي تي حملو ڪري ڏنائين. ان قافلي ۾ قريش جا چار ماڻهو شامل هئا. انهن مان هڪ کي ماريو ويو ٻه قيدي بڻايا ويا ۽ باقي چوٿون شخص فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. مسلمانن قافلي جو سارو سامان ۽ اٺ قبضي ۾ ڪيا، جنهن مسلمان قريش جو ماڻهو قافلي وارو قتل ڪيو ان جو نالو وقيد رضي الله يا واقد بن عبدالله هو. وقيد اهو پهريون مسلمان آهي جنهن الله جي راهه ۾ پهريون دفعو ڪنهن ڪافر کي قتل ڪري ڇڏيو جنهن جو نالو عمرو بن حضرمي هيو.
    بهرحال جيڪو شخص قافلي مان فرار ٿي ويو هو، اهو مڪي پهچي پنهنجي سردارن کي قافلي جو سمورو تفصيلي احوال ڏنو، مڪي وارا مسلمانن جي ڪڍ لڳا پر انهن تائين پهچي نه سگهيا ۽ مسلمان مال غنيمت سميت مديني حفاظت سان پهچي ويا. ان واقعي تي نه صرف مڪي ۾ اعتراض اٿيو پر مديني جا بت پرست ۽ يهودي به احتجاج ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيا. انهن پيغمبر اسلام ﷺ جن خلاف پروپيگنڊه شروع ڪري ڏني ۽ جتي ڪٿي ائين چوڻ لڳا ته مسلمان الله جي مقرر ڪيل مهينن جي عزت نٿا رکن ۽ رجب جي مهيني ۾ جيڪو جهيڙي جنگ کان پاڪ مهينو آهي، قافلي تي حملو ڪري پراڻن بنيادي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
    جزيره عرب ۾ خاص ڪري مڪي ۽ مديني ۾ حرمت وارن مهينن جو وڏو احترام ڪيو ويندو هو، ايتري قدر جو اهڙا رهزن جن جو گذارو ئي ڌاڙي ڦر تي هئو سي به انهن ڏينهن ۾ ڪنهن قافلي يا مسافرن تي حملو نه ڪندا هئا. ريگستاني علائقن اندر مٽيءَ جو هڪ پيالو به وڏي دولت سمجهيو ويندو هو. جيڪڏهن اهو چوري ٿي ويندو هو ته ان جو نقصان پورو ڪرڻ ناممڪن هوندو هو. اهوئي سبب بڻيو ته چورجي سزا ان جو هٿ ڪٽڻ مقرر ڪئي پئي، ايئن نه پيو ڪيو وڃي ها ته ڪنهن جو به سامان چورن کان محفوظ نه پيو رهي سگهي. اهڙي طرح ماه حرام جو قانون به جزيره عرب جي ماڻهن ۾ زندگيءَ جي خصوصيت جي مطابق هو ڇو جو مڪي جو ۽ جزيره عرب جو اڪثر حصو غيرآباد هو ۽ زمين فصل جي لائق نه هئي. ان ڪري کاڌي پيتي جون شيون خريد ڪري آڻڻ لاءِ تجارت جي اشد ضرورت هئي ۽ تجارت به اهڙي صورت ۾ ڪئي وڃي جو امن امان سان منافعو ۽ کاڌي پيتي جون شيون وصول ڪري سگهجن. پر ٻي طرف ريگستاني علائقن ۾ بک جي شدت سبب ماڻهو مجبور ٿي قافلن جي ڦرلٽ ڪندا هئا. ان ڪري ماهه حرام ۾ اهڙا قانون جوڙيا ويا جن قانونن تحت اهڙين ڳالهين تي پابندي لڳائي وئي، اهڙي قانون کي سڀني عربن جي قبيلن قبول ڪيو.
    جزيره عرب ۾ عزت وارن مهينن جو احترام ڪرڻ ايترو ضروري سمجهيو ويندو هو جو ٻه خون جا پياسا به پنهنجي تلوار ڦٽي ڪري هڪ ٻئي سان گڏجي خانه ڪعبه ۾ داخل ٿي بتن جي پوڄا ڪندا هئا. جڏهن ماهه حرام ختم ٿي ويندو هو ته پوءِ اهي هڪ ٻئي خلاف وري پنهنجون ڪارروايون شروع ڪندا هئا.
    مڪي ۾ حرام مهينن جو معزز ۽ عمر رسيد ماڻهو اهڙي ريت خيال رکندا هئا جو جئين ئي ذوالقعد مهينو شروع ٿيندو هو ته اهي ماڻهو يا قبيلي جو سردار خانه ڪعبه ۾ داخل ٿي وڏي آواز سان اعلان ڪندا هئا.
    ”اي ماڻهو اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته ماهه حرام شروع ٿي چڪو آهي ۽ جنگ بندي جو وقت اچي ويو آهي، اڄ کان بعد ڪنهن به قسم جي لڙائي جهڳڙو نه ٿيڻ گهرجي ۽ سڀئي دشمنيون ختم ڪري ڇڏيو.“
    وري ماه حرام ختم ٿيڻ تي اهي ئي ماڻهو ڪعبة الله ۾ بيهي اعلان ڪندا هئا ته لڙائي جهڳڙي يا دشمنين تان پابندي ختم ٿي چڪي آهي تنهن ڪري هاڻي سڀ ماڻهو آزاد آهن.
    بهرحال جڏهن عبدالله بن جحش مال غنيمت سميت مديني پهتو ته عام مسلمان به غمگين ۽ مايوس ٿي ويا. پيغمبر اسلام ﷺ جن کي جڏهن اها خبر پئي ته حڪم ڪيائون ته قافلي جو سارو مال ۽ سامان هڪ جاءِ تي ڪٺو رکيو وڃي ۽ ڪوبه ان کي هٿ نه لڳائي جيستائين الله تعاليٰ جي طرفان ڪو فيصلو ڪيو وڃي. پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته جنگ بندي جي قانون جو احترام نه ڪرڻ افسوسناڪ واقعو آهي.
    پر الله تعاليٰ پنهنجي پيغمبر اسلام جن کي هن موقعي تي ارشاد فرمايو؛ قرآن مجيد جي ٻي سورة ”البقره“ جي ٻه سؤ سترهن آيت آهي:
    یَسۡـَٔلُوۡنَکَ عَنِ الشَّہۡرِ الۡحَرَامِ قِتَالٍ فِیۡہِ ؕ قُلۡ قِتَالٌ فِیۡہِ کَبِیۡرٌ ؕ وَ صَدٌّ عَنۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ وَ کُفۡرٌۢ بِہٖ وَ الۡمَسۡجِدِ الۡحَرَامِ ٭ وَ اِخۡرَاجُ اَہۡلِہٖ مِنۡہُ اَکۡبَرُ عِنۡدَ اللّٰہِ ۚ وَ الۡفِتۡنَۃُ اَکۡبَرُ مِنَ الۡقَتۡلِ ؕ وَ لَا یَزَالُوۡنَ یُقَاتِلُوۡنَکُمۡ حَتّٰی یَرُدُّوۡکُمۡ عَنۡ دِیۡنِکُمۡ اِنِ اسۡتَطَاعُوۡا ؕ وَ مَنۡ یَّرۡتَدِدۡ مِنۡکُمۡ عَنۡ دِیۡنِہٖ فَیَمُتۡ وَ ہُوَ کَافِرٌ فَاُولٰٓئِکَ حَبِطَتۡ اَعۡمَالُہُمۡ فِی الدُّنۡیَا وَ الۡاٰخِرَۃِ ۚ وَ اُولٰٓئِکَ اَصۡحٰبُ النَّارِ ۚ ہُمۡ فِیۡہَا خٰلِدُوۡنَ ﴿۲۱۷﴾
    يعني: (اي پيغمبر صه) توکان تعظيم واري مهيني ۾ جنگ ڪرڻ بابت پڇن ٿا (کين) چئو ته ان ۾ جنگ ڪرڻ وڏو (گناه) آهي ۽ الله جي رستي کان روڪڻ ۽ ان جو انڪار ڪرڻ ۽ مسجد حرام کان روڪڻ ۽ ان جي رهڻ وارن کي ان مان ڪڍڻ الله وٽ (ان کان به) تمام وڏو گناهه آهي ۽ فتنو قتل کان وڌيڪ وڏو ڏوهه آهي ۽ جيڪڏهن اهي پڄي سگهندا ته اهي اوهان سان تيستائين هميشه جنگ ڪندا رهندا جيستائين اوهان کي پنهنجي دين (اسلام) کان نه ڦيرين ۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دين کان ڦرندا ۽ ڪافر ٿي مرندا تن جا عمل دنيا ۽ آخرت ۾ برباد ٿي ويندا ۽ اهي دوزخي آهن اُهي ان ۾ پيا رهندا.
    سورة البقره ۾ هن موضوع تي تفصيلي ذڪر ٿيل آهي. الله تعاليٰ هن آيت ۾ ماه حرام جي باري ۾ فرمايو آهي ته انهن مهينن ۾ جنگ جهڳڙو ڪرڻ گناهه آهي پر ان کان وڏو گناهه پيغمبر اسلام ﷺ جن کي مڪي کان ڪڍڻ ۽ فتني جو بنياد رکڻ آهي. فتني مان مراد زبردستي جلاوطن ڪرڻ آهي.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مڪي وارن جو هڪ وفد مديني آيو جيئن قافلي جو سامان، اُٺن ۽ قيدين جي آزاديءَ خاطر پيغمبر اسلام جن سان گفتگو ڪري سگهي. پاڻ سڳورنﷺ جن قافلي جو سامان ۽ اٺ واپس نه ڪيا پر ٻن قيدين کي هڪ هزار ڇهه سؤ درهم فديي طور وٺي آزاد ڪري ڇڏيو پوءِ ان رقم کي مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيائون. انهن ٻن شخصن مان هڪ مسلمان ٿي ويو جنهن مڪي وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اها ڳالهه ٻين مسلمانن جي لاءِ بيحد خوشي جو سبب بڻي.
    مسلمان ٿيڻ واري جو نالو حڪم بن ڪيسان رضي الله لکيو وڃي ٿو ۽ ٻيو قيدي جيڪو آزاد ٿي مڪي هليو ويو، ان جو نالو عثمان بن عبدالله هو. مسلمانن وٽ اهي ٻه قيدي سڀ کان پهريان قيدي هئا. قافلي جي سامان جي باري ۾ اسلامي تاريخدانن ۾ ڪجهه اختلاف آهن. ڪي ان خيال جا آهن ته حضور ﷺ جن قافلي جو مال غنيمت قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ قريش وارن کي خون بها ادا ڪري ڏنو. جڏهن ته ڪجهه تاريخدان چون ٿا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن قافلي جو سامان مسلمانن ۾ ورهائي ڇڏيو. ڪتاب جو مصنف ”ڪونسٽن ويرزيل“ پنهنجي نظريي مطابق لکي ٿو ته هو ٻئي نمبر جو مؤرخين جي خيال کي معتبر قرار ڏئي ٿو.


    جنگ بدر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي حڪمت عملي

    جنگ بدر ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي حڪمت عملي

    جڏهن مسلمانن جي طرفان نخله ۾ مڪي جي قافلي تي حملي وارو مسئلو حل ٿي ويو ته ڇهن هفتن گذرڻ بعد اطلاع مليو ته قريش جو هڪ وڏو تجارتي قافلو جنهن ۾ ٻه هزار اُٺ به شامل آهن ۽ ان سان گڏ قافلي وارن وٽ جيڪو سامان آهي ان جي ماليت پنجاهه هزار دينار آهي شام کان مڪي وڃي رهيو آهي. ان دوران اهو مديني جي ڀرسان به گذرڻ وارو آهي. ان وڏي ڪاروباري قافلي جي اڳواڻي ابوسفيان جي هٿ ۾ آهي.
    مڪي جي سڀني قريش خاندانن جو ان قافلي ۾ ذاتي مفاد هيو ۽ ان جي پهچڻ جو کين بيچينيءَ سان انتظار هو. ان کا ن پهريان جو اهو قافلو مديني جي حد ۾ پهچي، مڪي جي بازارن ۾ حضرت عبدالمطلب جي هڪ نياڻي هڪ پيشگوئي جو آواز لڳايو ته عنقريب مڪي وارن تي هڪ وڏي مصيبت نازل ٿيڻ واري آهي. اها مصيبت ايندڙ چند ڏينهن جي اندر ۽ ٿي سگهي ٿو ته ٽن ڏينهن جي اندر واقع ٿئي.
    مڪي وارن جي لاءِ جيڪي سڀئي سوداگر هئا، تن لاءِ اها سڀ کان وڏي مصيبت هئي ته هو پنهنجي مال تان هٿ کڻي ڇڏن ۽ منافع کان محروم ٿي وڃن. ڇو ته انهن کي اهو پتو هيو ته عبدالمطلب جي ڌيءَ جون پيشگوئيون گهڻو ڪري صحيح ثابت ٿينديون آهن، ان ڪري انهن کي اهو فڪر ٿي ويو ته متان ائين ٿيو هجي يا ٿيڻ وارو هجي جو اسان جي قافلي کي ڪو حادثو پيش آيو هجي.
    مڪي ۾ اهو معمول هيو ته جڏهن ڪوبه تجارتي قافلو تمام وڏي سفر کان موٽندو هو ۽ مڪي جي ويجهو پهچندو هو ته هڪ تيز رفتار ڏاچيءَ سوار ان قافلي جي پهچڻ کان ٻه ٽي ڏينهن اڳ ۾ اچي مڪي پهچندو هو ۽ مڪي وارن کي قافلي جي پهچڻ جي خوشخبري پهچائيندو هو. مڪي ۾ ان ڪم کي ”بالصفا هرڪاره“ چوندا هئا، ان جو اصل سبب اهو هو ته جڏهن اهو هرڪاره ايندو هو ۽ قافلي جي پهچڻ جو اعلان ڪندو هو ته مڪي جون عورتون جيڪي پنهنجي مڙسن جي اچڻ جو انتظار ڪنديون هيون پنهنجي چهري کي صاف سٿرو بڻائينديون هيون ۽ پنهنجي گهرن کي سجائينديون هيون ۽ پنهنجي مڙسن جي انتظار ۾ ويهي رهنديون هيون.
    پر جڏهن هن دفعي هرڪاره جي اچڻ ۾ دير ٿي هئي ته مڪي وارا پاڻ ۾ ائين چوڻ لڳا ته جيڪڏهن قافلو معمول جي مطابق مڪي ڏانهن روانو ٿيل هجي ها ته خبر ڏيڻ وارو هن وقت تائين هتي پهچي وڃي ها. يقيناً ڪو اڻوڻندڙ حادثو پيش آيو آهي جو هرڪاره اڃا تائين هتي پهچي نه سگهيو آهي.
    مڪي ۾ هڪ اهڙي تنظيم به هوندي هئي، جنهن جو ڪم هيو ماڻهن کي اهم خبرن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ان ڪم لاءِ تنظيم وٽ ڪجهه اهڙا ماڻهو به هئا جيڪي مڪي جي گهٽين ۽ محلن ۾ وڃي وڏي آواز سان ماڻهن کي تازيون خبرون ٻڌائيندا هئا يا اهم واقعن جو اطلاع ڏيندا هئا. جڏهن ان ڏينهن مڪي وارن ماڻهن کي اعلان ڪندڙ خابرو خبر ٻڌائي ته مڪي وارن ڏٺو ته اهو شخص اهڙي اُٺ تي سوار آهي جنهن جو ڪجاؤ پٺيءَ بجاءِ پيٽ هيٺان ٻڌل آهي ۽ اهو شخص اٺ جي پيٽ سان ٻڌل هو. کيس ڪپڙا به اُبتا پهريل هئا، ۽ سندس وار وکريل هئا. اٺ جي ٻنهي ڪنن مان رت وهي رهيو هو ڇو ته اُٺ جا ٻئي ڪن ڪٽيا ويا هئا. سندس شخص جو منهن به مٽيءَ ۾ ڀريل هو ۽ اهڙي ته آواز ۾ رڙيون ڪري چوي پيو ته، ”اي قبيلي وارؤ! اوهان کي خبر هجي ته مڪي جو قافلو خطري ۾ آهي، مسلمانن اوهان جي قافلي کي ڦرڻ جو پڪوپهه ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري اوهان ۾ جيڪو به غيرتمند آهي، تلوار کڻي مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃي. اي مڪي جا دليرو! توهان مسلمانن جو رستو روڪيو نه ته سمورو قافلو توهان جي هٿن مان نڪري ويندو.“
    مڪي ۾ اهو رواج هيو ته جڏهن ڪو به اعلان ڪندڙ (هرڪاره) ماڻهن کي بُري خبر ٻڌائڻ چاهيندو هو ته پنهنجي حالت اهڙي بُري بڻائي پوءِ اعلان ڪندو هو جو ڏسڻ وارن کي ڏسڻ سان ئي معلوم ٿي ويندو هو ته اهو ڪا بُري خبر ٻڌائڻ وارو آهي. جڏهن اهو شخص مڪي ۾ برا حال ڪري پهتو ته ڪجهه ٻيا هرڪاره به پنهنجي جسم ۽ منهن کي مٽي هڻي اگهاڙي بدن مڪي جي محلن ۽ گهٽين ۾ نڪري پيا ۽ ڀوائتي آواز سان پهرئين اعلان ڪندڙ جو ساٿ ڏيڻ شروع ڪيائون، انهن کي اگهاڙا خابرو چوندا هئا. انهن جي اها جسم جي ننگائي ۽ گدلائي ان ڳالهه جي علامت هوندي هئي ته عنقريب وڏي مصيبت سِر تي اچڻ واري آهي ۽ اهي اهڙي انداز سان رڙيون ڪرڻ لڳا ڄڻ هنن جي سامهون هتي مسلمان قافلي کي ڦري رهيا آهن. بهرحال انهن جون اهي نشانيون ان مقصد لاءِ هيون ته مڪي وارن کي مسلمانن خلاف ڀڙڪائي پنهنجي قافلي جي حفاظت لاءِ جلد از جلد مڪي کان نڪري پون.
    ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٿوري وقت ۾ نو سؤ پنجاهه جنگي جوان، ست سؤ اُٺن ۽ هڪ سؤ گهوڙن سان مسلمانن جي مقابلي ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿي مڪي کان ٻاهر نڪري آيا. مڪي جي مردن کان علاوه شهر جون عورتون جن مڙسن جي اچڻ جو انتظار ڪيو پئي، جنگي ٽولي سان گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويون ۽ مديني تائين هلڻ لاءِ آماده ٿي ويون. انهن جو چوڻ هو ته اسين جنگي جوانن جي مسلمانن سان مقابلي دوران هر طرح جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.
    تمام گهڻن اُٺن ۽ تيز رفتار گهوڙن ۽ هٿياربند مردن سان هي فوج مڪي کان نڪتي؛ جنهن جنگي خرچ لاءِ مڪي مان ٿوري وقت اندر ٻه لک پنجاهه هزار درهم چندو به جمع ڪري ورتو هو. ان کان اڳ مڪي جي تاجرن طرفان ٿوريءَ مدت ۾ ايترو چندو اڳ ۾ ڪڏهن به گڏ نه ٿيو. ان جو سبب اهو هو ته مڪي جي تاجرن کي پنهنجي سيڙپ ٻڏي وڃڻ جو ايترو خطرو ان کان اڳ ۾ ڪڏهن به نظر نه آيو هو جيترو هن موقعي تي. هن وقت انهن کي اهو احساس ٿيو هو ته مسلمانن جي جوابي ڪارروائي انهن لاءِ مشڪل اختيار ڪندي وڃي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن انهن سان جلدي منهن ڏيڻ جو قدم نه کنيو ويو ته مڪي جي تجارتي قافلن جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويندو ۽ اهڙي حالت ۾ پنهنجي طاقت به وڃائي ويهنداسين.
    هوڏانهن مديني ۾ حضرت محمد ﷺ جن هڪ ٽولي کي تيار ڪيو ته مديني کان رستي ويندڙ قافلا جيڪي مڪي ڏانهن اچن وڃن ٿا انهن جو رستو روڪيو وڃي، حضرت محمد ﷺ جن جو اهو ٽولو ٽي سؤ تيرهن ماڻهن تي ٻڌل هو جيڪي سڀ رضاڪارانه طور تي ان ڪم لاءِ تيار ٿيا. اها ڪارروائي مڪي جي مشرڪن جي خلاف ڪئي وڃي پئي جن مديني جي ناڪه بندي ڪري مديني وارن کي کائڻ پيئڻ جي شين کان به محروم ڪري ڇڏيو هو، ۽ مسلمانن کي دين اسلام تان هٿ کڻڻ لاءِ هر طرح جون ڪارروايون ڪن پيا ته جيئن مسلمان تنگ حال ٿي اسلام کي ڇڏڻ لاءِ مجبور ٿين.
    ”انصار“ يعني مديني جي رهاڪن جا ٻه قبيلا هئا. هڪ ”اوس“ ۽ ٻيو ”خزرج“ هر قبيلي پنهنجا ستر ستر ماڻهو حضرت محمد ﷺ جن سان هن موقعي تي ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا اهڙي طرح ٽي سو تيرهن جوانن ۾ هڪ سؤ چاليهه ماڻهو انصارين جا هئا ۽ باقي اهي مهاجر هئا جيڪي مڪي کان هجرت ڪري مديني آيا هئا.
    ٽي سؤ تيرهن جوانن وٽ سواريءَ لاءِ صرف ستر اُٺ ۽ ٻه گهوڙا موجود هئا. پيغمبر اسلام ﷺ جن حڪم ڏنو ته هر اُٺ تي ٻه ڄڻا سوار ٿين باقي سڀ پيدل هلن ۽ ڪجهه دير سفر ڪرڻ بعد اهي اٺن سوار لهن ۽ پيادل هلڻ وارن کي اٺن تي سوار ڪيو وڃي ۽ اهڙي طرح اهو سفر جاري رهي. جڏهن حضرت محمد ﷺ جن ٽي سؤ تيرهن رضاڪارن کي ستر اٺن سان گڏ سفر تي روانو ڪيو ته هي پهريون موقعو هيو جو مسلمانن ڪنهن جنگي مقصد لاءِ گهوڙا به استعمال ڪيا، اهي به صرف ٻه گهوڙا.
    هجرت جو ٻيو سال هو ۽ رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جڏهن حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي سپاهين سان گڏ مديني کان ڏکڻ اولهه واري حصي ۾ ويهه ڪلوميٽر فاصلي تي وادي بدر وٽ پهچي مڪي وارن جي قافلي جو انتظار ڪرڻ لڳا پر اهو قافلو اتان گذريو ئي نه. ان جو سبب اهو هو جو مديني ۾ نه صرف يهودي زندگي بسر ڪندا هئا پر منافقن جو ٽولو به رهندو هو جيڪو مسلمانن جي نه طرفداري ڪندو هو ۽ نه وري ظاهري مخالفت. انهن ٻنهي ٽولن يعني يهودين ۽ منافقن پنهنجي جاسوسن جي مدد سان مڪي جي قافلي جي سربراهه ابوسفيان کي اها خبر پهچائي ته مسلمان هن قافلي کي روڪڻ جو ارادو رکن ٿا، ان ڪري ابوسفيان پنهنجو رستو تبديل ڪري ڇڏيو. جڏهن رستو ڊگهو هيو پر خطري کان ٻاهر هيو، قافلي پنهنجي سفر جاري رکيو.
    تجارتي قافلو ته وادي بدر کان پاڻ بچائي نڪري ويو پر مديني ڏانهن وڌندڙ مڪي جي فوج، جيڪا نو سو پنجاهه سپاهين تي مشتمل هئي تيز رفتار سان بدر جي علائقي ڏانهن وڌي رهي هئي. مسلمانن جي ڪجهه ماڻهن قريش فوج جي اڳيان هلندڙ مان ٻه ماڻهو گرفتار ڪري ورتا ۽ انهن کي پڪڙي حضرت محمد ﷺ جن وٽ وٺي آيا. حضرت محمد ﷺ جن ٻنهي ماڻهن کان پڇا ڪئي ۽ اهو معلوم ٿيو ته مڪي کان مديني ڏانهن، تمام تيز رفتاري سان نو سو پنجاهه جنگي جوان هٿيارن سميت اچي رهيا آهن. پيغمبر اسلام ﷺ جن ٻنهي کي قيدي بڻائي رکيو ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿي فرمايائون ته، ”منهنجي خيال ۾ جهڙي ريت مڪي جي قافلي کي اها خبر پهچائي وئي آهي ته قافلو مديني جي ڀرسان نه آندو وڃي، اهڙيءَ ريت مڪي ۾ به اسان جي خلاف لڙائيءَ لاءِ ماڻهن تيار ڪيو ويو آهي. ان ڪري ڪفار مڪي جي نو سؤ پنجاهه سپاهين تي ٻڌل فوج ابوجهل جي اڳواڻيءَ ۾ اسان جي طرف وڌي رهي آهي. اسان هتان مديني موٽي سگهون ٿا پر مديني واپس موٽڻ اسان جي فائدي ۾ نه ويندو. ڇو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪافرن جو لشڪر مديني تي حملو ڪري مسلمانن جو قتل عام ڪري ڇڏي ان ڪري بهتر ائين رهندو ته اسان هن جڳهه تي قريش وارن جو انتظار ڪريون ۽ منهنجي خيال ۾ مقابلي ڪرڻ لاءِ شهر کان زياده هي جڳهه بهتر آهي ۽ هتي ڪاميابيءَ جا بهتر امڪان آهن.“
    وادي بدر اهڙو زميني خطو آهي جنهن جو ڪجهه حصو مٽيءَ وارو، ڪجهه پٿريلو ۽ باقي وارياسو آهي. هيءَ وادي ٻن پهاڙن جي وچ ۾ آهي، جنهن جي اوڀر طرف ”العدوة القصويٰ“ پهاڙ ۽ اولهه طرف ”العدوة الدنيا“ نالي پهاڙ آهن. وادي بدر جي ڏکڻ ۾ جيڪو پهاڙي سلسلو آهي ان کي اسفل سڏيو ويندو آهي، جتي پاڻيءَ جا چشمه موجود آهن. مڪي کان ايندڙ قافلا اتي ترسي پاڻي پيئندا آهن. پيغمبر اسلام ﷺ جن جڏهن مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته پنهنجن سپاهين جي جڳهه تبديل ڪئي. بعد ۾ جڏهن اهو معلوم ٿيو ته قافلو هن طرف نٿو اچي ته پيغمبر اسلام ﷺ پنهنجي جوانن کي ڪوه اسفل جي هيٺان مورچه بندي ڪرائي ته جيئن پاڻيءَ جو ذخيرو سندن اختيار ۾ رهي ۽ دشمنن ان تي قبضو ڪري نه سگهي.
    حضرت محمد ﷺ جن جي حڪم مطابق سڀ مسلمان جبل اسفل جي دامن ۾ پاڻيءَ جي ذخيري وٽ پهچي ويا. ان جڳهه تي پاڻ سڳورنﷺ جن ساٿين کي سمجهايو ته اڄ تائين عرب جا ماڻهو عام جنگ کان پهريان انفرادي طرح وڙهندا آيا آهن. يعني هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ پنهنجو هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو سان مقابلو ڪندي اڪيلي سر پنهنجي شجاعت جو مظاهرو ڪندو آهي ته جيئن ماڻهن جي نظر ۾ اچي ۽ کيس بهادر ۽ دلير جي نالي سان سڏيو وڃي. پر اسان هن لڙائيءَ ۾ الله جي لاءِ وڙهنداسين پنهنجي لاءِ نه؛ ۽ اهو الله ئي آهي جيڪو هر هڪ جي دليري ۽ جان قربان ڪرڻ کي ڏسي ٿو. جيڪڏهن اسان ان جي راهه ۾ جان ڏني ته ان جو اُجر به اهو ئي ڏيندو ۽ اسان کي جنت جي حوالي ڪندو. ٻيو هي ته اسان جا سپاهي ڪافرن جي سپاهين جي مقابلي ۾ ٽيون حصو آهن، جيڪڏهن اسان هڪ هڪ ٿي وڙهنداسين ته نقصان ۾ وينداسين ۽ جيڪڏهن گڏجي مقابلو ڪنداسين ته فتح اسان جي ٿي سگهي ٿي.
    ان کان بعد حضرت محمد ﷺ جن مسلمانن کي اهڙي صف بندي جي تربيت ڏني جو ان ڏينهن کان پهريون تقريباً هڪ هزار سال اڳ اسڪندر مقدوني جي دور ۾ قائم ڪئي وئي هئي ۽ جنهن کي يوناني زبان ۾ ”فالاثر“ چوندا آهن.
    وضاحت: ”فالاثر“ هڪ يوناني لفظ آهي جيڪو خاص طورتي فوجي دستن جو نالو هو. فالاثر دراصل اهڙي جنگي مشق کي چيو ويندو هو، جنهن ۾ سڀئي سپاهي پٺي پٺيءَ سان ملائي صف ٻڌندا هئا، بوقت ضرورت پاڻ ۾ هٿ ملائي دائري جي شڪل اختيار ڪندا هئا. يعني ان صورت ۾ هر هڪ سپاهيءَ جو منهن دشمن ڏانهن هوندو هو، پوءِ دشمن جهڙي پاسي کان به اچي ته هر سپاهيءَ جي سامهون نظر ۾ اچي ويندو هو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جزيره عرب جي تاريخ ۾ پهريون دفعو اها جنگي حڪمت عملي سيکاري ۽ جنگ بدر ۾ عملي طرح آزمايائون. جنگ بدر ۾ مسلمانن جي شجاعت ۽ دليري کان علاوه جيڪا شيءِ انهن جي ڪاميابيءَ جو سبب ٿي سان اها سندن صف بندي هئي جيڪا حضرت محمد ﷺ جن ساٿين کي سيکاري.
    ان ڏينهن حضرت محمد ﷺ جن اسلامي سپاهين کي جيڪا ”فالاثر“ صف بندي قائم ڪرائي ۽ اها ٽڪنڊي جي شڪل ۾ ڪرائي وئي ۽ ٽنهي ڪنڊن تان ٽي جهنڊا نظر اچي رهيا هئا. دشمن جهڙي به پاسي کان ظاهر ٿئي پيو ته ٽنهي دستن مان ڪنهن نه ڪنهن دستي جي نظر چڙهي وڃي پيو. پهرئين دستي جو جهنڊو حضرت علي رضي الله وٽ هيو جيڪو سفيد رنگ جو هيو، ٻيو جهنڊو مصعب بن عمير وٽ هيو جنهن جو شمار مهاجرين ۾ هيو ۽ ٽيون جهنڊو هڪ انصار سپاهي جي هٿ ۾ هيو. اسلامي تاريخ ۾ انصار سپاهيءَ جو نالو حضرت سعد رضي الله بن معاذ آيل آهي. جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن سپاهين جي صف بندي کان فارغ ٿيا ته سپاهين کي مخاطب ٿي فرمايو:
    ”اي مسلمانو! جيڪڏهن توهان فتح حاصل ڪئي ته اوهان جنت ۾ ويندا ۽ جيڪڏهن ان راهه ۾ پنهنجي جان ڏيندؤ ته اوهان کي الله جي راهه ۾ شهادت حاصل ٿيندي پوءِ به اوهان جي لاءِ بهشت انعام ۾ آهي. بهشت ۾ رهڻ وارن مان ڪوبه نه چاهيندو ته وري دنيا ۾ موٽي وڃي پر اهو ماڻهو جيڪي الله جي راهه ۾ شهيد ٿيندا آهن صرف انهن جي اها خواهش هوندي آهي ته دنيا ۾ واپس وڃن ۽ وري الله جي راهه ۾ شهادت حاصل ڪن ڇو ته صرف اهي ئي ڄاڻن ٿا ته الله شهيدن کي بهشت ۾ ڪهڙين عظيم نعمتن سان نوازيندو آهي.
    جڏهن سج لهڻ وارو ٿيو ته مڪي جي فوج ظاهر ٿي پر جيئن ته اوندهه ٿيندي وڃي پئي ان ڪري نه مسلمانن وڙهڻ پسند ڪيو ۽ نه وري مڪي جي قريش جن جي اڳواڻي ابوجهل ڪري رهيو هو.
    رات جي وقت پيغمبر اسلام جن مسلمانن جي تنبن جي جڳهه تبديل ڪرائي ڇڏي ڇو ته جڏهن صبح جو دشمن جي سامهون بيهجي ته سج اکين کي نه وٺي ۽ لڙائيءَ ڪرڻ وقت اکين تي تيز روشني نه پوي.
    اها حڪمت عملي ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿي ته حضرت محمد ﷺ جن لڙائيءَ جي هر فن کان واقف هئا، پر اها خبر نه آهي ته ان عظيم انسان اها جنگي تربيت ڪٿان حاصل ڪئي.
    ان رات پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته پهريدارن کان علاوه جيڪي واري واري سان تبديل ٿيندا رهندا، باقي سڀ ماڻهو آرام سان سمهي رهن ڇو ته صبح جو تازو توانو ٿي لڙائيءَ لاءِ تيار ٿي وڃڻو آهي ۽ آءٌ بارگاهه الاهيءَ ۾ توهان جي دلي سڪون لاءِ دعا ڪريان ٿو، اهڙي مناسبت سان قرآن ۾ اٺين سورة جي يارهين آيت ۾ ان ڳالهه جو ذڪر ٿيل آهي...
    يعني: ياد رکو ان وقت کي جڏهن دشمن جي خوف کان سمهي نه پيا سگهو، پر الله جي مدد اوهان کي سڪون پهچايو جو توهان سمهي رهيا ۽ الله آسمان کان پاڻي وسايو جيئن اوهان صاف سٿرا پاڪ ٿي وڃو ۽ ان بارش توهان لاءِ هڪ فائدو ٻيو به آندو جو واريءَ واري زمين توهان لاءِ اهڙي ٿي چڪي جو لڙائيءَ دوران اوهان جا پير واريءَ تي کپي ويا.
    ان رات مسلمان سپاهي جيتوڻيڪ دشمنن جي تمام ويجها هئا، پر ايتري قدر بي فڪر ٿي سمهيا جو برسات ۾ به سُتا رهيا. الله تعاليٰ جيئن قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ته ان رات مسلمانن تي اسان پاڻي وسايو ته جيئن صاف پاڪيزه بڻجن ۽ صبح جو انهن جي پيرن ۾ واري به تڪليف نه ڏي.
    بدر جي لڙائي هجرت جي ٻئي سال رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جمعي جي ڏينهن شروع ٿي. عام انسان کي ان ڳالهه جي حيرت ٿئي ٿي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪهڙي طرح مڪي جي هڪ مضبوط فوج جي سامهون تمام ٿورڙن ماڻهن سان وادي بدر ۾ مقابلي لاءِ تيار ٿي بيٺا.
    مڪي جا سپاهي بزدل نه هئا جو اسين اهو خيال ڪريون ته حضرت محمد ﷺ جن اهو سوچيو ته جيئن ئي مسلمان حملو ڪندا ته اهي بزدل ڀڄي ويندا. اهي ماڻهو يعني قريش مڪي وارا به عرب جي ناتي سان فطري طرح بهادر ۽ دلير هئا ۽ تلوار هلائڻ ڄاڻندا هئا ۽ لڙائي جي ميدان ۾ مرڻ کان به نه پيا ڊڄن. اهو زمانو اڄوڪي دور جهڙو نه هيو ته ڪنهن هڪ ماڻهوءَ وٽ ڪو طاقتور هٿيار هجي ۽ ڪيترن سان هو اڪيلو منهن ڏئي انهن کي ڀڄائي ڇڏي. ان زماني ۾ ٻنهي فوجن وٽ هڪ جهڙا هٿيار هوندا هئا صرف هر ڪنهن جي جسماني قوت ئي ٻئي تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي علامت هئي. پر ميدان جنگ ۾ سپاهين جي تعداد جي وڏي اهميت هوندي هئي ۽ هر فوج جو سربراه ڄاڻ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته دشمن وٽ ڪيترا سپاهي آهن.
    ان کان علاوه جيڪڏهن حضرت محمد ﷺ جن وٽ جنگي سامان لشڪر قريش واران کان وڌيڪ هجي ها ته اهو شايد تصور ڪيو وڃي ها ته پاڻ ﷺ جنگي سامان جي زور تي قريش وارن جي فوج سان مقابلي لاءِ تيار ٿيا آهن. پر هن لڙائيءَ ۾ مڪي جي فوج ست سؤ اُٺن ۽ هڪ سؤ گهوڙن سميت جنگ جي ميدان ۾ تيار هئي جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ صرف ستر اٺ ۽ ٻه گهوڙا موجود هئا. ان ڪري ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي الله جي ذات تي پورو ڀروسو هو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن کي يقين هيو ته الله تعاليٰ پنهنجي ضرور مدد ڪندو ۽ الله تعاليٰ اهو پسند نه فرمائيندو ته بت پرست مسلمانن تي ڪاميابي حاصل ڪن ۽ ان کان علاوه هر هڪ مسلمان جيڪو جنگ بدر ۾ شريڪ هيو، پنهنجي پيغمبر ﷺ وانگر الله تعاليٰ تي پڪو ايمان رکي پيو ته الله تعاليٰ مسلمانن کي بي سهارو نه ڇڏيندو ۽ اهو به ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن جان به وئي ته سڌا بهشت ۾ وينداسون.
    مضبوط ارادي ۽ ايماني عقيدي کان علاوه جنهن ڳالهه مسلمانن کي ڪامياب بڻايو، سا حضرت محمد ﷺ جن جي ذاتي صلاحيت ۽ جنگي فن جي حڪمت عملي هئي، جنهن جو جزيره عرب ۾ ڪو مثال نٿو ملي. جزيره عرب ۾ هي رواج هيو ته لڙائي شروع ٿيڻ کان هر فوج جو سربراهه ڪنهن اُچائي تي بيهي جنگ جي نگراني ڪندو هو ۽ لڙائيءَ دوران ضروري هدايتون ڏيندو رهندو هو.
    حضرت محمد ﷺ جن به پنهنجي فوج جا سربراهه هئا هڪ دڙي تي بيهي جنگ جي صورتحال مطابق هدايت جاري ڪندا رهيا. ان جڳهه کي جتان سربراهه هدايت ڪندا هئا تنهن کي ”عريش“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. سج نڪرڻ سان ئي جنگ جي شروعات ٿي وئي ۽ پراڻيءَ رسم جي مطابق شروع ۾ اهڙا شعر پڙهيا ويا جن جو مقصد دشمن جي ڪمزوري ۽ پنهنجي همت افزائي جي تعريف بيان ٿيل هئي.
    شعرن پڙهڻ بعد قريش جي فوج کان ٽي سپاهي ٻاهر نڪتا ۽ ٻنهي فوجن جي وچ تي اچي بيٺا، انهن ٽنهي سپاهين ۾ هڪ ابوسفيان جو سهرو عتبه هيو، ٻيو شخص ابوسفيان جي گهرواريءَ جو چاچو شيبه هو ۽ ٽيون شخص ابوسفيان جو سالو ”وليد“ هيو، اهي ٽئي شخص جڏهن ٻنهي فوجن جي وچ تي پهتا ته پنهنجون تلوارون هوا ۾ لهرائي آواز ڏئي رهيا هئا. ”هل من مبارز- يعني آهي ڪوئي اسان جي مقابلي ڪرڻ وارو.“
    اسلامي فوج کان ٽي جوان جيڪي ٽئي انصار هئا، اڳتي وڌيا ۽ جواب ڏنائون، ”اسان توهان جي مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.“ قريش جي جنگي سپاهين پڇيو ته، ”توهان ڪٿان جا رهاڪو آهيو.“ انهن جواب ڏنو ”اسان مديني جا رهندڙ آهيون.“
    قريش جي ٽنهي سپاهين هڪ آواز ٿي جواب ڏنو، ”اسان توهان ماڻهن کي نٿا سڃاڻون ان ڪري توهان سان نه وڙهنداسين، اسان جو تعلق مڪي جي اصلي رهاڪن سان آهي، اسان جو مقابلو اهو ڪري جيڪو اسان جي برابريءَ جو هجي. ان تي حضرت عمر رضي الله گرجدار آواز سان چيو ”سڀ مسلمان پاڻ ۾ برابر آهن ۽ انهن ۾ ڪوبه ڪنهن کان وڌيڪ نه آهي.“ قريش جي سپاهين جواب ڏنو ”اسان صرف انهن ماڻهن سان مقابلو ڪنداسين جيڪي مڪي جا رهاڪو هجن ۽ اسان انهن کي سڃاڻندا به هجون.“
    ان کان پوءِ حضرت محمد ﷺ جن پهرئين دستي جي علمبردار حضرت علي رضي الله کي حڪم ڏنو ته، ”توهان وليد جي مقابلي ۾ وڃو ۽ پنهنجي چاچي حضرت حمزه رضي الله ۽ عبيد رضي الله بن حارث کي سڏرايو ۽ حڪم ڪيائون ته توهان باقي ٻن قريش سپاهين جي مقابلي لاءِ تيار ٿي وڃو.“
    مسلمانن جا ٽئي مجاهد جڏهن قريش جي ٽن سپاهين جي مقابلي ۾ جنگ جي ميدان ۾ لٿا ته حملي ڪرڻ کان پهريان ”رجز“ خواني شروع ڪئي. ”رجز“ دراصل پنهنجو پاڻ تعارف ڪرائڻ ۽ جنگ جي باري ۾ شعر پڙهڻ کي چيو ويندو آهي. ان کان بعد جنگ جي ميدان ۾ لهڻ کان بعد حضرت علي رضي الله آواز ڏنو ته مان علي رضي الله بن ابي طالب بن عبدالمطلب آهيان، بعد ۾ هڪ مشهور شاعر ”امري القيس بن حجر الکندي“ جا مشهور شعر پڙهيا.
    ”امري القيس“ جو شمار سڀ کان وڏن شاعرن ۾ ٿيندو هو. هي جزيره عرب جي ستن مشهور وڏن شاعرن ۾ ليکيو ويندو هو. انهن شاعرن کي ”ارباب معلقات سبعه“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. انهن جا بهترين شعر ڏيڍ سو سال تائين خانه ڪعبه جي ديوارن تي لڳل هئا.
    ”وليد“ ابوسفيان جي سالي جڏهن تعارف ڪرايو ته ان به ”الحرث بن خلزه لشکري“ نالي شاعر جا ڪجهه شعر پڙهيا. شعرن پڙهڻ ۽ پنهنجو پنهنجو تعارف ڪرائيندي هڪ ٻئي تي حملا شروع ڪري ڏنائون.
    حضرت علي رضي الله پنهنجي طاقتور حريف ”وليد“ جي مقابلي ۾ وڏي دليريءَ سان زوردار تلوار هلائي رهيو هو. انهن ٻنهي جي لڙائي گهڻو وقت نه هلي سگهي ڇو ته حضرت علي رضي الله جي هڪ قاتلاني وار وليد جي ڳچيءَ جي رڳ ڪاٽي وڌي، جنهن سبب هو زمين تي ڪري پيو ۽ بي جان لاش وانگر پئجي رهيو.
    حضرت حمزه رضي الله به پنهنجي مدمقابل کي موت حوالي ڪري ڇڏيو پر ٽئين مجاهد حضرت عبيد بن حارث رضي الله جيڪو ابوسفيان جي سهري جي مقابلي ۾ هيو لڙائي ڪندي شديد زخمي ٿي پيو آخرڪار ان به پنهنجي دشمن جو ڪم تمام ڪري ڇڏيو. اهڙي طرح ٽنهي مجاهدن کي ڪاميابي حاصل ٿي ان طرح مسلمانن جا حوصلا بلند ٿي ويا. جڏهن مڪي جي مشرڪن اهو ڏٺو ته انهن جا ٽي سردار خاڪ خون ٿي چڪا آهن ته انهن هڪدم پنهنجي نيزن کي هوا ۾ اڇلايو جيڪا ان ڳالهه جي نشاني هئي ته آمهون سامهون واري گڏيل جنگ شروع ٿي چڪي آهي. انهن شديد حملي ڪرڻ لاءِ سڀني مسلمانن ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو. جيڪي ماڻهو مسلمانن ڏانهن حملي ڪرڻ لاءِ تيزي سان وڌي رهيا هئا اهي ڄاڻن پيا ته انهن جي سامهون مقابلي لاءِ ڪجهه اهڙا به ماڻهو آهن جيڪي انهن جي رشتي ۾ اولاد، ڀائر، چاچا يا ٻيا ويجها رشتيدار هئا. پر ان جي باوجود انهن جو مقابلو ڪري خون وهائڻ لاءِ بناڪنهن جهجڪ جي اڳتي وڌي رهيا هئا.
    جزيره عرب جي تاريخ ۾ ان ڏينهن تائين اهو ڏسڻ ۾ نه آيو هو، جو ڪوئي پيءُ پنهنجي پٽ، ڪوئي ڀاءُ پنهنجي ڀاءُ ۽ ڪوئي چاچو پنهنجي ڀائيٽي جي مقابلي ۾ لٿو هجي. ڇو جو اهي ماڻهو جيڪي هڪ ٻئي جا رشتيدار هئا سڀ هڪ ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا ۽ ريگستاني عرب ساڳئي قبيلي جا ماڻهو پاڻ ۾ هرگز لڙائي نه ڪندا هئا.
    حضرت محمد ﷺ جن جيئن ئي اهو ڏٺو ته عام لڙائي شروع ٿي چڪي آهي ته پاڻ به ”عريش“ يعني مٿاهين جڳهه دڙي تان هيٺ لهي اچي پنهنجن سپاهين جي وچ ۾ پهچي تمام دل کي راحت ڏيندڙ آواز سان قرآني آيتن جي تلاوت شروع ڪئي. جن آيتن جي تلاوت پيغمبر اسلام ﷺ جن شروع ڪئي انهن آيتن جو تعلق الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارن لاءِ جزاءِ خير جي سلسلي ۾ هيو. انهن آيتن ۾ مسلمانن کي بشارت ڏني وئي آهي ته جيڪو مسلمان في سبيل الله جهاد ڪندو چاهي ڪنهن کي ماري يا پاڻ مري وڃي، ٻنهي صورتن ۾ انهن لاءِ بهشت ۾ جڳهه آهي. حضرت محمد ﷺ جن جي زباني قرآن جون آيتون ٻڌي مسلمانن جو جوش ۽ جذبو ايترو ته وڌي ويو، جو انهن مان هڪ عمير رضي الله نالي مجاهد آواز ڏئي چيو ته، ”هاڻي منهنجي ۽ جنت جي وچ ۾ ڪوبه فاصلو نه رهيو آهي.“ اهو چوندي ئي پنهنجي صف مان نڪري مشرڪن ۾ گهري پيو، دشمن سان وڙهندي وڙهندي پنهنجي قول تي قائم رهي شهيد ٿي ويو.
    حضرت محمد ﷺ جن خبردار ڪندي فرمايو ته منهنجي هدايت کي نه وساريو جنت جي حاصل ڪرڻ جي شوق ۾ صفون نه ٽوڙيو جيڪڏهن توهان صف بندي ٽوڙي ڇڏي ته مشرڪ اوهان تي قابض ٿي ويندا.
    ٻئي طرف قريش جا سپاهي پنهنجي خاص طريقي سان لڙائي ۾ رڌل رهيا. هر هڪ اهو سوچي رهيو هو ته هر هڪ پنهنجي بهادري ظاهر ڪري، تنهن ڪري ڪنهن کي به پنهنجي ٻين ساٿين جي پرواهه نه هئي ته ڪو ڇا ٿو ڪري يا ڪنهن سان ڇا ٿيو. مسلمانن پنهنجي پيغمبر ﷺ جي هدايت تي مڪمل عمل ڪندي صف بندي نه ٽوڙي ۽ لڙائي ۾ ڪابه افراتفري نه ڪيائون. اهڙي طرح مسلمان پنهنجي صف بنديءَ تي قائم رهيا جو دشمن انهن جي پٺيان وار ڪري نه پيو سگهي. مسلمانن ۾ هڪ خاص نشاني موجود هئي جنهن نشاني تحت پاڻ کي لڙائي وقت سڃاڻي سگهن پيا. هڪ مسلماني دستي کي سائي رنگ جو مٿي تي پوش هيو ٻئي ٽولي کي پيلي رنگ جو ۽ ٽئين دستي کي مٿي تي پکين جا پر ٻڌل هئا. اهي نشانيون پنهنجي سپاهيءَ کي سڃاڻ خاطر رکيون ويون هيون.
    روايت آهي ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڏٺو ته قريش جي فوج تمام گهڻو زور وٺي چڪي آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن پهرئين دستي جي پرچم بردار حضرت علي رضي الله کي چيو ته هو زمين تان ڪجهه مٽي کڻي ڏي. حضرت علي رضي الله هيٺ جهڪي مٽيءَ جي مُٺ ڀري پاڻ سڳورنﷺ کي ڏني پاڻ سڳورنﷺ پنهنجي هٿن سان اها مٽي بت پرستن ڏانهن اڇلائيندو وڏي آواز سان فرمايو، ”شَاھَۃِ الْوُجُودہ – شل توهانجا منهن ڪارا ٿين“. پوءِ مسلمانن پنهنجي صفن کي ٽوڙڻ کان سواءِ اهڙي ريت اڳتي وڌي رهيا هئا جيئن ٽي قلعا پاڻ ۾ مضبوط هجن ۽ آهستي آهستي چرپر ڪندڙ هجن، آخرڪار قريش جا سپاهي مسلمانن جي ڦولادي حملي جي دٻاءَ ۾ اچي پوئتي هٽڻ تي مجبور ٿيا.
    حضرت محمد ﷺ جن کي اهو اطلاع ملي چڪو هو ته پاڻ ﷺ جن جو چاچو حضرت عباس (جيڪو اڃان مسلمان نه ٿيو هو) قريش جي سپاهه ۾ شامل آهي ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ تاڪيد فرمايو ته ان کي زنده گرفتار ڪيو وڃي. حضرت عباس جيتوڻيڪ مشرڪن جي فوج ۾ شامل ٿي وادي بدر تائين پهتو هو پر هن ٽن سببن جي ڪري ان جنگ ۾ شرڪت نه ڪئي ۽ فوج جي پٺيان ئي بيٺو رهيو. پهريون سبب هي هيو ته پاڻ هڪ تاجر هو ان کي افراتفري سان ڪابه دلچسپي نه هئي. ٻيو سبب هي هيو ته هو پنهنجي ڀائيٽي سان وڙهڻ نه ٿي چاهيو، ٽيون سبب اهو هو ته ان جي گهرواري مسلمان هئي ۽ ان پنهنجي مڙس کي تاڪيد ڪيو هو ته مسلمانن جي خلاف جنگ ۾ شرڪت نه ڪري.
    اسلام جي سپاهين مان هڪ مجاهد جي نظر پاڻ سڳورنﷺ جن جي چاچي تي پئي ۽ جنهن کيس سڃاڻي ورتو جيتوڻيڪ ڪمزور ۽ ضعيف هيو حضرت عباس رضي الله کي کڻي پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهچائي وري جلد موٽي وڃي پنهنجي صف ۾ بيهي رهيو ۽ پنهنجي جاءِ سنڀالي ورتائين.
    قريش جي فوج جو سپه سالار ابوجهل جيتوڻيڪ پنهنجي محافظن جي حفاظت ۾ هو پر مسلمان اها محافظن جي قطار ٽوڙي وڃي ابوجهل وٽ پهتا. اسلام جي هڪ سپاهي معاذ بن عمرو ابوجهل جي پير تي اهڙو وارو ڪيو جو ابوجهل سخت زخمي ٿي پيو ۽ رڙيون ڪري زمين تي ويهي رهيو، ابوجهل جي پٽ پنهنجي پيءُ جي بدلي ۾ حضرت معاذ رضي الله تي حملو ڪري ڏنو. تلوار سان اهڙو وار ڪيائين، جو حضرت معاذ رضي الله جي سڄي ٻانهن ٺوٺ وٽان ڪٽي وڌائين جيڪا کل ۾ لڙڪي رهي هئي. حضرت معاذ رضي الله جي چهري تي تڪليف جو ذري جيترو به احساس نه هو ۽ ان پنهنجي کٻي هٿ سان ڪٽيل ٻانهن کل کان ڇني پري اڇلائي ڇڏي ۽ چيائين ته، ”هي به الله جي راهه ۾“ پوءِ هن جهڪي زمين تان تلوار کڻي لڙائيءَ ۾ مصروف ٿي ويو. اهڙي طرح چند گهڙين ۾ اسلام جي هڪ مجاهد، لشڪر مڪه جي سپهه سالار ”ابوجهل“ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو.
    وضاحت: اسلامي تاريخ جي مطالعي جي مطابق پهريون حضرت معاذ رضي الله ابوجهل تي حملو ڪيو پر خود زخمي به ٿي پيو ۽ ابوجهل جي پٽ عڪرمه جي حملي جو نشانو بڻجي ويو ان سبب پنهنجي ارادي مطابق پورو نه پهچي سگهيو. بعد ۾ هڪ ٻئي مجاهد حضرت معاويه بن افر رضي الله پنهنجو نيزو ابوجهل جي سيني ۾ لڳائي ڇڏيو ۽ ابوجهل زمين تي ڪري پيو ۽ ائين سمجهائين ته ابوجهل موت جي حوالي ٿي چڪو ۽ پاڻ ٻئي طرف لڙائيءَ ۾ مصروف ٿي ويو، جڏهن ته ابوجهل جنگ جي خاتمي تائين زخمي حالت ۾ زمين تي ليٽندو رهيو. ايتري تائين جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حڪم تي حضرت عبدالله رضي الله بن مسعود ابوجهل جي تلاش ۾ نڪتو ۽ ان کي زمين تي زخمي حالت ۾ پيو ڏٺائين. هتي ابوجهل ۽ حضرت عبدالله رضي الله جي پاڻ ۾ ڪجهه گفتگو ٿي، ان کان بعد حضرت عبدالله بن مسعود ابوجهل جي منڍي ڪٽي آڻي حضور ﷺ جن جي قدمن ۾ رکي.
    حضرت عبدالله رضي الله بن مسعود اها شخصيت آهي جنهن جو شمار اسلام جي شروعاتي دور ۾ ”ڪاتبان وحي“ ۾ ٿيندو هو ۽ انهن چند ماڻهن ۾ هڪ هو، جيڪي رسول الله ﷺ جن تي نازل ٿيڻ وارين قرآني آيتن کي لکڻ ۽ حفاظت جو فرض ادا ڪندا هئا. ابوجهل جو اصلي نالو ”عمرو بن هشام بن مغيره مخزومي“ ۽ ان جي ڪنيت ”ابوالحڪم“ هئي. پر پنهنجي من ماني، هٺ ڌرمي، اسلام دشمني ۽ رسول الله ﷺ جن سان شديد عداوت جي تحت هو ”ابوجهل“ جي نالي سان مشهور ٿيو. (ترجمان)
    ابوجهل جي مرڻ کان بعد ڪافرن جي لشڪر جو حوصلو هارجي پيو ۽ انهن ۾ خوف ۽ دهشت ڦهلجي وئي. هو پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا ته جيتوڻيڪ انهن جو تعداد مسلمانن کان تمام گهڻو آهي پر مسلمانن کي پوئتي هٽائي نه پئي سگهيا ۽ پوئتي موٽڻ شروع ڪيائون ۽ پنهنجي بت پرستن جا لاش ميدان جنگ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا.
    ابوجهل کان سواءِ قريش وارن جا ٻيا مشهور سردار جن ۾ ابوسفيان جو سهرو ۽ سالو به شامل هو، هن جنگ ۾ موت جي حوالي ٿي چڪا، هن جنگ ۾ جيتوڻيڪ مسلمان تعداد جي لحاظ کان قريش جي مقابلي ۾ ٽئين حصي برابر هئا، پر ان جي باوجود انهن کي صرف چوڏهن سپاهين جو نقصان کڻڻو پيو.
    جنگ بدر جيڪا شروع کان وٺي آخر تائين مڪمل فتح تي ختم ٿي، تنهن مسلمانن جي دل وڏي ڪري ڇڏي ۽ انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ ۾ تمام وڏي مددگار ثابت ٿي. هن جنگ ۾ ٿورڙن مجاهدن پنهنجي ايماني طاقت، حضرت محمد ﷺ جن جي بي مثال قيادت ۽ هڪ نئي حڪمت عملي جي ذريعي هڪ اهڙي فوج کي شڪست ڏئي جنگ جي ميدان مان مڪمل طور ڀڄڻ تي مجبور ڪيو جيڪا ٽي حصا وڌيڪ طاقتور هئي.
    جنگ جي ختم ٿيڻ ۽ قريش لشڪر جي ڀاڄ کان پوءِ هڪ مسلمان سپاهي ميدان جنگ ۾ مرڻ وارن سڃاڻن گهريو ٿي اهو مسلمان سپاهي ابو حذيفه بن عتبه هو؛ جيڪو مرڻ وارن کي ڏسندو رهيو هن ڏٺو ته مرڻ وارن سڀني ماڻهن جو تعلق مڪي جي رهاڪن سان آهي هو اهو معلوم ڪرڻ پيو چاهي ته ڪو سڃاڻي سگهان ٿو ته اوچتو سندس نظر هڪ لاش تي پئي ۽ ڪجهه دير تائين ڏسي ڏسي ان جي مٿان جهڪي پيو. جڏهن مٿي اٿيو ته سندس چهري تي غم جا آثار ظاهر هئا. ان وقت حضرت محمد ﷺ جن اتي پهتا، پاڻ سڳورنﷺ جن ڏٺو ته ابو حذيفه رضي الله ڏاڍو غمگين نظر آيو. پاڻ سڳورنﷺ کيس مخاطب ٿي فرمايو ”ياحذيفه رضي الله ايترو مايوس ۽ غمگين ڇو آهين؟ اڄ ته الله اسان کي فتح نصيب فرمائي آهي.“ حضرت حذيفه رضي الله پنهنجي سامهون پيل لاش ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”يارسول الله مان هن شخص جي لاءِ غمگين آهيان، ڇو جو هي منهنجي پيءُ جو لاش آهي.“
    حضرت محمد ﷺ جن کي جڏهن معلوم ٿيو ته ”ابوحذيفه رضي الله “ پنهنجي پيءُ جي لاش مٿان بيٺو اهي ته پاڻ سڳورنﷺ کيس تسلي ڏني، ان جي باوجود ابو حذيفه عرض ڪيو ته، ”يارسول الله ﷺ مون کي افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مون کي اميد هئي ته اهو ڏينهن ضرور ايندو جو منهنجو پيءُ شرڪ کان توبه ڪندو ۽ بت پرستي ڇڏي ڏيندو، پر اڄ هن جو لاش منهنجي اکين آڏو پيو آهي، مون کي ڏک اهوئي ٿئي ٿو ته هو اسلام قبول ڪرڻ کان سواءِ دنيا مان رخصت ٿي ويو.“
    بدر جي ميدان تي مسلمانن پهريون دفعو لڙائيءَ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ فتح ۽ نصرت جو مزو ماڻيو، ان کان علاوه اهو به سبق مليو ته ايمان جي مضبوطي ۽ حڪمت عملي صحيح استعمال ڪرڻ سان هڪ ڪمزور ۽ ٿورڙن سپاهين سان، هڪ وڏي ۽ طاقتور فوج تي غلبو حاصل ڪري سگهجي ٿو.
    بعد ۾ مسلمانن پنهنجي شهيد سپاهين کي دفن ڪيو ۽ قريش جي مشرڪن جي لاشن کي بدر جي کوهه ۾ ڦٽو ڪيو.
    جڏهن مسلمانن جي جنازن کي قبرن ۾ لاٿو ويو پئي ته پاڻ سڳورنﷺ جن اها تاڪيد فرمائي ته قبرن کي هڪ صف ۾ بڻايو وڃي ۽ ڪوشش ڪري قبرن جي ظاهري حالت بهتر ۽خوبصورت بڻائي وڃي.
    مسلمانن مان ڪنهن پڇا ڪئي ته، ”يارسول الله ﷺ جيڪڏهن قبرون ظاهري طرح خوبصورت نه هجن ته ڇا اوهان سمجهو ٿا ته مرڻ وارن کي ڏک پهچندو.“
    حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته، ”مرڻ وارن کي ڏک نه پهچندو پر زندهه رهڻ وارن جي دل ڏکندي ڇو ته هڪ ويران قبر جو نظارو انسان جي لاءِ غمگين نظارن مان هڪ آهي.“


    جنگي قيدين سان حسن سلوڪ

    جنگي قيدين سان حسن سلوڪ

    جڏهن مسلمانن جي لاشن کي دفنايو ويو، ان کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جنگي قيدين جي معاملي کي طئي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. جنگ بدر ۾ مشرڪن جا ستر ماڻهو مسلمانن وٽ قيدي بڻيا. جزيره عرب ۾ اهو دستور هوندو هو ته اهو قيدي ان سپاهيءَ جي ملڪيت بڻجي ويندو هو جيڪو ان کي جنگ جي ميدان مان گرفتار ڪندو هو. جيڪو سپاهي دشمن جي ڪنهن شخص کي گرفتار ڪندو هو، ان کي اهو حق به حاصل هيو چاهي ته ان قيديءَ کي اُڦٽ ماري ڇڏي يا ان کي بازار ۾ وڪڻي ڇڏي يا پنهنجو غلام بڻائي ڇڏي.
    جڏهن ڪنهن قيدي کي مارڻ ضروري هوندو هو ته ان جون ٻئي ٻانهون پٺي ڀر ٻڌي زمين تي ويهاري، ان جي هٿن ۾ ٻڌل رسيءَ جو ٻيو پاسو وڻ سان ٻڌندا هئا ته جيئن قيدي ڀڄي نه سگهي، پوءِ تلوار سان پٺيان ڳچيءَ تي اهڙو وار ڪيو ويندو هو جو ان شخص جو مٿو پري وڃي ڪرندو هو.
    ان ڏينهن به پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن سان صلاح مشورو ڪيو ته جنگي قيدين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو وڃي.
    حضرت عمر رضي الله بن خطاب پنهنجي مخصوص انداز ۾ چيو ته، ”سڀني جو سر قلم ڪيو وڃي“. حضرت ابوعبيد رضي الله چيو ته، ”سڀني قيدين کي زنده جلايو وڃي.“ پر حضرت ابوبڪر صديق رضي الله تجويز پيش ڪئي ته جنگي قيدين کي اها اجازت ڏني وڃي ته مڪي ۾ پنهنجي خاندان سان رابطو قائم ڪن ۽ انهن کي چون ته انهن لاءِ چندو جمع ڪري فديو ادا ڪن ۽ پوءِ هنن کي آزاد ڪيو وڃي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن ان تجويز کي پسند فرمايو ۽ منظوري ڏنائون. بعد ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرفان جنگي قيدين جي باري ۾ اهڙو قانون ”آئين“ جوڙيو ويو. مصنف لکي ٿو ته منهنجي خيال مطابق اهو دنيا ۾ سڀ کان پهريون آئين آهي جيڪو جنگي قيدين جي باري ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ جنگي قيدين سان نيڪ سلوڪ ڪرڻ ۽ انهن جي ضرورتن جو خيال رکڻ کي شامل ڪيو ويو. آئين ۾ اهو به ڄاڻايو ويو ته جنگي قيدين جي آزادي لاءِ جيڪو فديو مقرر ڪيو ويندو اهو ان جي خاندان جي حيثيت مطابق مقرر ڪيو ويندو. ڇو ته قريش جي فوج جا اڪثر ڪري قيدي دولتمند گهراڻن سان تعلق رکن ٿا، ان ڪري هر جنگي قيديءَ جي آزاديءَ لاءِ چار هزار درهم فديو مقرر ڪيو ويو. جيڪڏهن ڪوبه شخص مقرر رقم ادا نٿو ڪري سگهي ته اهو ان جي عيوض مناسب تعداد ۾ تلوارون ۽ نيزا جمع ڪرائي پنهنجي آزادي حاصل ڪري سگهي ٿو، ان کان علاوه جيڪي قيدي لکڻ پڙهڻ ڄاڻن ٿا ته اهي نقد يا اسلحي جي شڪل ۾ فديو ادا ڪرڻ کان معاف آهن. انهن ماڻهن جو فديو هن ريت آهي ته ڏهن مسلمانن کي لکڻ پڙهڻ سيکارن تنهن کان بعد انهن کي آزاد ڪيو ويندو.
    ان دستور ۾ اهو به تاڪيد ٿيل هيو ته جيستائين جنگي قيدي مسلمانن جي قيد ۾ آهن انهن کي مفت خوراڪ ۽ لباس ڏنو وڃي ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي تڪليف نه پهچائي وڃي. ڇو جو الله تعاليٰ جنگي قيدين کي ايذائڻ پسند نٿو ڪري. ان آئين مطابق جنگي قيدين سان اهڙو سهڻو ورتاءُ ڪيو ويندو هو جو مسلمان پنهنجو کاڌو ۽ پنهنجا ڪپڙا به انهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ بک تي رهڻ پسند ڪندا هئا ته متان انهن جو قيدي ڪنهن تڪليف ۾ رهي.
    بهرحال جنگ بدر ۾ مسلمانن جي فتح جي خبر جڏهن مڪي ۾ پهتي ته مڪي وارن بدلي وٺڻ لاءِ هڪ ٻيءَ جنگ جو فيصلو ڪيو. مڪي وارن مان هڪ شخص حضرت محمد ﷺ جن ۽ ٻين مسلمانن کان بدلي وٺڻ لاءِ تياري ورتي. اهو هيو ابوسفيان؛ جنگ بدر ۾ ان جو هڪ پٽ، سهرو ۽ سالو ماريا ويا هئا جڏهن ته ٻيو پٽ مسلمانن وٽ قيدي ٿي چڪو هو. ابوسفيان به مجبور هيو ته في الحال پنهنجي پٽ جا چار هزار درهم فديو ڏئي کيس آزاد ڪرائي ۽ ابوسفيان اهو قسم کنيو ته جيستائين هو مسلمانن کان بدلو نه وٺندو ان وقت تائين سڪون سان نه ويهندو ۽ نه ئي تيستائين پنهنجي گهرواريءَ کي منهن ڏيکاريندو. ابوسفيان جي گهرواري به بتن جي سامهون قسم کنيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ، پيءُ ۽ ڀاءُ جو قاتل هٿ چڙهي ويو ته مان ان جا جيرا ڪڍي چٻاڙيندس ۽ هن اهو به اعلان ڪيو ته جيڪڏهن منهنجي پٽ، پيءُ ۽ ڀاءُ جا گهڻا قاتل هوندا ته انهن سڀني جا ڪن، نڪ ۽ زبان ڪٽي انهن جو هار ٺاهيندس ۽ جنهن ڏينهن اسلام کي شڪست ٿيندي ان ڏينهن اهو هار ڳچيءَ ۾ پائي ميدان جنگ ۾ نچنديس.
    هڪ طرف جڏهن ته مڪي ۾ مسلمانن جي خلاف غضب جا انتقامي شعلا ڀڙڪن پيا ته ٻئي طرف مديني کان هي خبر ملي ته مڪي وارا پنهنجا قيدي آزاد ڪرائي سگهن ٿا ۽ هر قيديءَ جو فديو چار هزار درهم مقرر ڪيو ويو آهي. ان ڪري ستر قيدين جي آزادي لاءِ ٻه لک اسي هزار درهم ادا ڪرڻا پوندا. مڪي جي سردارن چيو ته اسان کي قيدين جو فديو ادا نه ڪرڻ گهرجي ڇو جو مسلمان مالي حيثيت کان تمام ڪمزور آهن جيڪڏهن انهن کي فديي جي ايڏي وڏي رقم ملي وئي ته انهن جي حالت سڌري ويندي ان ڪري اسان کي پنهنجي هٿن سان دشمن کي مضبوط نه بنائڻ گهرجي. پر جنگي قيدين جي خاندان وارن ۽خود ابوسفيان به مڪي جي معتبر ماڻهن وٽ درخواست ڪئي ته کين فديي ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ته هو پنهنجي عزيزن کي مسلمانن کان آزادي حاصل ڪرائي سگهن. ان کان پوءِ قريش جي سردارن قيدين جي آزادي لاءِ فديه ادا ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    جنگي قيدين ۾ هڪ اهڙو شخص به هيو جنهن جو نالو ”ابوالعاص“ هو. هي شخص حضرت محمد ﷺ جن جي گهرواري حضرت خديجه جو ڀاڻيجو هو ۽ رسول الله ﷺ جن جي نياڻيءَ جو شريڪ حيات به. (يعني رسول الله ﷺ جن جي نياڻي بيبي زينب جو مڙس به هو.)
    حضور ﷺ جن جي نياڻيءَ پنهنجي مڙس جي آزاديءَ لاءِ ٽي هزار درهم ڪٺا ڪيا پر ان کان هڪ هزار درهم پورو ٿي نه سگهيو ان ڪري هڪ هزار درهم جي بدلي ۾ ان پنهنجي زيورن جا ٻه ٽڪڙا جن جي قيمت هڪ هزار درهم هئي، ٽن هزار درهم سان گڏ روانا ڪيا ۽ پيغام به موڪليو ته انهن جي عيوض منهنجي مڙس کي آزاد ڪيو وڃي.
    جڏهن اها نقد رقم ۽ زيور حضرت محمد ﷺ جن وٽ آندا ويا ته پاڻ سڳورنﷺ ڏٺو ته انهن زيورن ۾ هڪ اهو هار به هو جيڪو حضرت خديجه جو هيو. جڏهن حضرت خديجه جو انتقال ٿي چڪو هو ته پاڻ سڳورنﷺ اهو هار پنهنجي نياڻيءَ زينب کي ڏنو هو. جڏهن پاڻ سڳورنﷺ اهو هار ڏٺو جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جي نياڻيءَ پنهنجي مڙس جي آزادي خاطر موڪليو آهي ته سندن مبارڪ اکين ۾ پاڻي اچي ويو. جڏهن مسلمانن پاڻ سڳورنﷺ جو اها حال ڏٺو ته ڪنهن پڇا ڪرڻ کان سواءِ اهي به روئڻ لڳا.
    حضرت عمر رضي الله پاڻ سڳورنﷺ کان پڇيو ته، ”يارسول الله اوهان ڪهڙي ڳالهه جي ڪري روئي رهيا آهيو، اسان اوهان جي اکين ۾ پاڻي ڏسندا آهيون ته اسان جون دليون به غم ۾ ڀرجي وينديون آهن.“ حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته: ”يا عمر! هي هار جيڪو تون ڏسي رهيو آهين، دراصل منهنجي گهرواريءَ خديجه جو آهي، ان جي وفات کان پوءِ مان پنهنجي نياڻيءَ زينب کي ڏئي ڇڏيو هو. اڄ زينب اهو هار ۽ هڪ ٻيو زيور ٽن هزارن درهمن سان گڏ پنهنجي مڙس جي آزاديءَ جي عيوض موڪليا آهن، ان ڪري جڏهن منهنجي نظر ان هار تي پئي ته مون کي خديجه ۽ زينب جي ياد اچي وئي ۽ اکين ۾ پاڻي تري آيو.“
    حضرت عمر رضي الله ٻين مسلمانن سان مخاطب ٿيندي اها تجويز پيش ڪئي ته، ”رسول الله ﷺ جن جي نياڻي ”ابوالعاص“ کي فديه وصول ڪرڻ کان سواءِ کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ هي ٽي هزار درهم ۽ هي زيور به کيس واپس ڏنا وڃن. پر پيغمبر اسلام ﷺ جن منع فرمايو ۽ فرمايائون ”يا عمر، مون ۾ ۽ ٻين جي وچ ۾ ڪوبه فرق نه آهي جو منهنجي نياڻيءَ جي مڙس کي فديي ادا ڪرڻ کان سواءِ آزاد ڪيو وڃي. پر هڪ شرط تي هن کي ڇڏي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي آزاديءَ جي بدلي ۾ اهو واعدو ڪري ته منهنجي نياڻيءَ کي طلاق ڏئي مديني اسان ڏي موڪلي ته جيئن هوءَ مسلمانن ۾ رهي زندگي گذاري سگهي. سڀني مسلمانن ان خيال کي پسند ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته پيغمبر اسلام ﷺ جي نياڻي کي اهو زيب نٿو ڏئي ته هوءَ هڪ مشرڪ جي زال ٿي رهي.
    آخرڪار ٿيو ائين جو ابوالعاص آزاديءَ کان پوءِ مڪي پهچي حضرت زينب کي مديني روانو ڪيو پر رستي ۾ حضرت زينب سان هڪ ناگواره حادثو پيش آيو جنهن جو ذڪر ايندڙ صفحن ۾ پيش ڪيو ويندو.
    حضرت محمد ﷺ جن جو هڪ ٻيو ويجهو رشتيدار جيڪو مسلمانن جي قيد ۾ هو سو سندن چاچو حضرت عباس هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن نهايت رحم دل ۽ محبت ڪرڻ وارا انسان هئا. پاڻ ﷺ پنهنجي رشتيدارن کي ڏاڍو چاهيندا هئا، جيتوڻيڪ پاڻ سڳوراﷺ اهو ڏسن پيا ته سندن چاچو قيد ۾ آهي، پر پاڻ ﷺ ان لاءِ ڪجهه نه پيا ڪري سگهن. يعني اصولن جي پابندي تحت حضرت عباس جي مدد ڪرڻ جي کين اجازت نه هئي. جڏهن قيدين جي معاملي جو وقت آيو ۽ حضرت عباس جو وارو آيو ته ان رسول الله ﷺ جن کي ڏسندي ئي چيو ته، ”ڀائيٽا! مان ته هڪ لڪل مسلمان هيس توهان مون کي خواه مخواه پڪڙي رکيو آهي.“ رسول الله ﷺ جن فرمايو، ”اسلام ڪو خفيه دين نه آهي جو مسلمان چوريءَ ان جي پيروي ڪري، ٻيو ته توهان کي ميدان جنگ ۾ اسلحي سميت مشرڪن سان گڏ ڏٺو ويو ان کان پوءِ جڏهن اوهان قيدي بڻجي چڪا آهيو ته پوءِ اوهان کي فديو ادا ڪرڻو پوندو.“
    حضرت عباس (جيڪو اڃان مسلمان نه ٿيو هو) جيئن ته جو هڪ تجربيڪار واپاري هو، ان ڪري هتي به ان پنهنجي پيشي کي نه وساريو ۽ فديو جيڪو مقرر ٿيل هيو ان ۾ رعايت ڪرائڻ لاءِ زور لڳايو. پر جڏهن ان ڏٺو ته حضرت محمد ﷺ جن ڪهڙيءَ به طرح فديي ۾ رعايت ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن ته چوڻ لڳو ”مان ته هڪ غريب انسان آهيان ۽ فديي ڏيڻ جي مون وٽ طاقت نه آهي. اڳي حالت ڪنهن وقت ٺيڪ هئي پر مختلف ڪاروباري معاملن ۾ نقصان پهچڻ سان هينئر غريبي حال آهي ۽ جيئن جو ائين به چيو ويو آهي ته گهٽ حيثيت وارا شخص تلوارون ۽ نيزا فديي جي ادا ڪرڻ ۾ ڏين ته مان به پنهنجي آزاديءَ لاءِ اهڙو ئي فديو ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيان.“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته ان بابت تحقيق ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن اهو ثابت ٿي ويو ته توهان جي ملڪيت ۾ ڪجهه نه آهي ته تلوارن ۽ نيزن جي صورت ۾ فديو وصول ڪري توهان کي آزاد ڪيو ويندو.
    جنگ بدر مسلمانن کي ڪاميابيءَ جو دروازو کولي ڏنو ۽ هڪ اهڙو وقت آيو جڏهن مسلمان ايترا طاقتور ۽ غني ٿي چڪا جو ڏهه هزار گهوڙا ساڻ کڻي جنگي ميدان ۾ لهندا هئا. جڏهن ته جنگ بدر ۾ انهن وٽ صرف ٻه گهوڙا هئا، پر ان جي باوجود مسلمانن کي جيتري شهرت جنگ بدر ۾ ملي اهڙيءَ ٻي جنگ ۾ نه ملي.
    اڳ ۾ هي بيان ٿي چڪو آهي ته حضرت محمد ﷺ جن جڏهن رسالت جو اعلان ڪيو ته ابي لهب پنهنجي پٽ تي دٻاءُ وڌو ته پاڻ ﷺ جن جي نياڻيءَ حضرت رقيه کي طلاق ڏئي ڇڏي.
    حـضرت رقيه کي پنهنجي والد سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هيءَ اها رقيه آهي جنهن پنهنجي والد جي جان ان وقت بچائي هئي، جڏهن خانه ڪعبه ۾ پاڻ ﷺ جن جي ساهه ٻوساٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
    ابي لهب جي پٽ بيبي رقيه کي طلاق ڏني ته اها ڪجهه عرصي کان بعد حضرت عثمان رضي الله جي نڪاح ۾ آئي. حضرت عثمان رضي الله هڪ مالدار نوجوان هو ۽ بيبي رقيه سان نڪاح کان بعد ٻين مسلمانن سان گڏجي مديني روانو ٿي ويو. بيبي رقيه ۽ سندس مڙس حضرت عثمان ٻين مسلمانن سان حبشه کان واپسي بعد مديني ۾ رهائش ڪيائون. ايتري تائين جو جنگ بدر جا آثار ظاهر ٿيا، ان دوران بيبي رقيه سخت بيمار ٿي پئي ۽ جيئن ته حضرت محمد ﷺ جن ٻين مسلمانن سان گڏ جنگ تي روانا ٿيا، ان ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت عثمان رضي الله کي مديني جي انتظام سنڀالڻ لاءِ ۽ پنهنجي گهرواري جي بيماري سببب سندس خيال رکڻ لاءِ ذميواري ڏني.
    جنگ بدر کان جڏهن مسلمان مديني پهتا ته حضرت رقيه جي حالت تمام بگڙي وئي ۽ ڪجهه ڏينهن بعد وفات ڪيائين، حضرت محمد ﷺ جن کي نياڻيءَ جي وفات جو انتهائي ڏک پهتو، اڃان حضرت رقيه جي وفات کي ٿورا ڏينهن ئي گذريا ته رسول الله ﷺ جن کي هڪ ٻيو صدمو برداشت ڪرڻو پيو جو پهريون ڏهٽو ۽ پاڻ ﷺ جن جي ٻي نياڻي حضرت زينب به زندگي جي جدائي ڏئي وئي. جيئن ته پاڻ سڳورنﷺ جنگ بدر کان بعد پنهنجي ڄاٽي (نياڻي) کي ان شرط تي آزاد ڪيو هو ته مڪي وڃي پنهنجي گهرواريءَ کي طلاق ڏئي، مديني ڏانهن روانو ڪري جيئن هوءَ مسلمانن ۾ زندگي بسر ڪري.
    جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي کان مديني هجرت ڪئي هئي ته پاڻ ﷺ جن جون سموريون نياڻيون هجرت ڪري مديني پهچي ويون سواءِ هڪ نياڻي حضرت زينب جي، جيڪا پنهنجي مڙس سان مڪي ۾ رهندڙ هئي. ان جي مڙس ”ابوالعاص“ جنگ بدر ۾ شرڪت ڪئي جتي هو مسلمانن وٽ قيدي ٿيو ۽ پوءِ آزاد ٿي پنهنجي واعدي مطابق پنهنجي گهرواريءَ حضرت زينب کي مديني روانو ڪيو ان کان بعد ان مقصد جي پيش نظر حضرت زينب حفاظت سان مديني تائين پهتي. ابوالعاص پنهنجي ڀاءُ کي حضرت زينب سان گڏ روانو ڪيو.
    پر قريش وارن کي جڏهن اها خبر پئي ته حـضرت محمد ﷺ جن جي نياڻي مڪي کان مديني وڃي رهي آهي، جيئن پنهنجي والد سان وڃي زندگي بسر ڪري. سو جيئن ئي قافلو، جنهن ۾ حضرت زينب سفر ڪري رهي هئي، مڪي جي حد کان نڪتو ته قريش جي هڪ ٽولي ”هبر“ نالي هڪ شخص جي اڳواڻيءَ ۾ قافلي تي حملو ڪري ڏنو ته جيئن حضرت زينب کي مديني وڃڻ کان روڪيو وڃي.
    ابوالعاص جي ڀاءُ ”ڪُنه“ ۽ قافلي جي ٻين ماڻهن حملي ڪندڙن سان مقابلو ڪيو ۽ انهن کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪيائون ۽ اهڙي طرح قريش جا حملي ڪندڙ حضرت زينب کي واپس موٽائڻ ۾ ناڪام ٿيا، پر حضرت زينب جيڪا مڪي کان روانگي وقت حامله هئي، ان وقت ٻنهي ڌرين جي زور وَٺُ پڪڙ دوران اٺ تان هيٺ ڪري پئي ۽ هيٺ ڪرڻ سبب حمل ضايع ٿيو ۽ جيئن ته ٻار وقت کان اڳي ڄائو ان ڪري ڄمڻ سان ئي فوت ٿي ويو. اهو ٻار حضرت محمد ﷺ جن جو پهريون ڏوهٽو هيو ۽ جڏهن پاڻ سڳورنﷺ کي اها خبر پئي ته ”هبر“ نالي شخص حضرت زينب جي قافلي تي حملو ڪيو آهي ۽ ان سبب حمل ضايع ٿيو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ ان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ جڏهن ”هبر“ کي گرفتار ڪري مديني آندو ويو ته حضرت زينب جيڪا مديني ۾ بيمار حالت ۾ پهتي ۽ چند ڏينهن ۾ ئي ان حادثي سبب فوت ٿي وئي. ان طرح پيغمبر اسلام ﷺ جن جون ٻه نياڻيون هڪ ٻئي پٺيان الله جي حوالي ٿي ويون ۽ پنهنجي والد کان جدائي ڪري ويون.
    جڏهن ”هبر“ کي مديني آندو ويو ته هڪ مسلمان غصي ۾ چيو ته، ”هن ظالم کي زنده جلايو وڃي.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو، ”هرگز نه، هيءُ اختيار الله تعاليٰ کي حاصل آهي، صرف اهائي ذات ڪنهن کي باهه ۾ ساڙي سگهي ٿي، مان ڪنهن کي به باهه ۾ ساڙڻ جي اجازت نه ٿو ڏئي سگهان.“
    ڪجهه مسلمانن اها تجويز پيش ڪئي ته، ”هبر“ کي سزاءِ موت ڏني وڃي پر رحمة اللعالمين ايترا ته مهربان هئا جو پاڻ سڳورنﷺ ان شخص کي سزاءِ موت کان به پاسو ڪيو.
    حضرت زينب تي حملي جي خبر جڏهن ”ابوالعاص“ کي پئي ته هو مڪي کان چوري چوري مديني ڏانهن روانو ٿيو. ان وقت اڃان حضرت زينب زنده هئي. جڏهن ابوالعاص مديني پهتو ۽ حضرت زينب کي اها خبر پئي ته ابوالعاص مديني ۾ آيو آهي ته حضرت زينب پنهنجي والد وٽ مسجد ۾ وڃي، پنهنجي والد ۽ ٻين مسلمانن کي ٻڌايو ته مان ”ابوالعاص“ کي ” پناهه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مسلمانن جڏهن ڏٺو ته رسول الله ﷺ جن جي نياڻي ”ابوالعاص“ کي پناهه ڏيڻ چاهي ته سڀني جون نظرون پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن ڄمي ويون ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪهڙو فيصلو ڏين ٿا. پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته بيبي زينب هن شخص جو جيڪو سابقه مڙس اٿس پناهه ۾ وٺي سگهي ٿي ۽ منهنجي نياڻي ان جي معاشي مدد به ڪري سگهي ٿي، پر پنهنجي گهر ۾ مسلمان عورت هڪ مشرڪ کي نٿي رهائي سگهي. ان وقت ابوالعاص مسلمان ٿيو پاڻ سڳورنﷺ تي ايمان آندائين بعد ۾ حضرت زينب سان نڪاح ٿيو، پر ڪجهه عرصي بعد حضرت زينب گذاري وئي.


    مڪي ۾ جنگ بدر جي واپسي

    مڪي ۾ جنگ بدر جي واپسي

    اڳ ۾ بيان ٿي چڪو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني جي رهڻ وارن لاءِ هڪ بنيادي آئين مقرر ڪيو هو جنهن ۾ هڪ ”شق“ هي به هئي ته مديني جا يهودي مسلمانن خلاف مڪي وارن سان ڪابه ڳالهه ٻولهه نه ڪندا. پر مديني جي يهودين هن آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ انهن جا ڪجهه شاعر مديني کان نڪري مڪي پهچي ويا. جيئن مڪي وارن کي حضرت محمد ﷺ جن جي خلاف ڀڙڪائن ۽ ٻيهر مسلمانن خلاف لڙائي جي لاءِ تيار ڪن. يهودين جي شاعرن ۾ هڪ شاعر جيڪو مڪي پهتو ٻين شاعرن جي مقابلي ۾ زياده مشهور هيو، ان جو نالو ڪعب بن اشرف هو.
    مديني جا يهودي شاعر اهڙي وقت تي مڪي پهتا جو اتي مسلمانن جي خلاف ڪاوڙ هئي ۽ اهي سڀ بدلي جي باهه ۾ پڃري رهيا هئا. قريش جي سردارن مڪي ۾ هي نعرو رائج ڪري رکيو هو. ”مرڻ وارن لاءِ روئو نه انهن جو بدلو وٺو.“ مرڻ وارن مان مراد جنگ بدر ۾ جيڪي قتل ٿي ۽ انهن اهو نعرو هنيو ته جيڪڏهن مڪي جو ڪو ماڻهو جنگ بدر ۾ مرڻ وارن لاءِ اکين مان ڳوڙها وهائيندو، اهو مرد هجي يا عورت ان کي شهر ۽ قبيلي مان ڪڍيو ويندو يعني شهر ۽ قبيلي کان نيڪالي ڄڻ سزاءِ موت هئي. انڪري جن مائرن جا ٻچا جنگ بدر ۾ مارجي ويا اهي ٻچن جي موت تي روئڻ جي همت نه ڪنديون هيون.
    هڪ رات اهڙي ئي هڪ ماءُ ڪنهن جي روئڻ جو آواز ٻڌو ۽ اهو آواز ڪنهن عورت جو هيو، جيڪا روئڻ ۽ سڏڪن ۾ مصروف هئي. روئڻ جو آواز ٻڌي هن کي ڏاڍي حيرت ٿي ڇو ته مڪي ۾ روئڻ تي پابندي هئي. ان عورت پڇا ڪئي، ”امان! ڇا روئڻ تان پابندي هٽائي وئي، جو تون روئي رهي آهين؟“
    پوڙهي عورت ڊڄي ڪري چيو، ”تون ڇو پڇا ڪري رهي آهين؟“ گهر ۾ داخل ٿيڻ واري عورت جواب ڏنو، ”منهنجي دل به غم ۾ ڦاٽي رهي اهي ۽ مان پنهنجي پٽ لاءِ روئڻ چاهيان ٿي جيڪو جنگ بدر ۾ مارجي ويو آهي پر ڳوڙها ڳاڙيندي ڊڄان پئي جيڪڏهن ائين ڪنديس ته قبيلي وارا مون کي جلاوطن ڪري ڇڏيندا، پر تنهنجي روئڻ جو آواز ٻڌي تو وٽ اچي پهتس ته توکان پڇا ڪريان ته ڇا روئڻ تان پابندي ختم ٿي چڪي آهي جو تون روئي رهي آهين ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته اڄ ٻئي گڏجي پنهنجي ٻچن جي جدائي ۾ ڳوڙها ڳاڙيون.“
    ڪراڙيءَ عورت کي اها چوڻ جي همٿ نه ٿئي ته هوءَ پنهنجي پٽ جي موت تي روئي رهي آهي پر ان چيو ته مان پنهنجي ٻچي لاءِ نه روئي رهي آهيان ڇو ته ان جو موت منهنجي لاءِ اهميت وارو نه آهي. پر منهنجو هڪ اُٺ هيو جيڪو گم ٿي ويو آهي، منهنجي ان اُٺ سان بيحد محبت هئي ۽ مان ان جي گم ٿيڻ تي روئي رهي آهيان، هي جيڪي ڳوڙها ڏسين ٿي اهي اٺ جي گم ٿيڻ لاءِ وهي رهيا آهن، اولاد جي لاءِ نه.
    اهو واقعو ٻڌائي ٿو ته مڪي جا عام شهري قريش جي خوف کان ايترا ته ڊنل هئا جو هڪ بيوس ماءُ اُٺ جو بهانو ڪري پنهنجي ٻچي جي موت تي ڳوڙها ڳاڙي رهي هئي. ابوجهل جي مرڻ کان بعد جيڪو جنگ بدر ۾ ماريوويو، مڪي ۾ ٽن ماڻهن تي ٻڌل هڪ تنظيم قائم ٿي، جنهن ۾ قريش جا معزز ماڻهو شامل هئا. انهن مان هڪ ابي لهب ٻيو ابوسفيان ٽيون صفوان بن اميه هيو، انهن ٽنهي اهو عهد ڪيو ته ان وقت تائين چين سان نه ويهنداسين، جيستائين پيغمبر اسلام ﷺ جن کي رستي تان نه هٽايون ۽ اسلام جو قلعو نه ڊاهيو وڃي.
    ابي لهب جنگ بدر ۾ شريڪ نه ٿيو هو جيتوڻيڪ عربن جي قبيلن جي دستور مطابق ان جو جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ اهم ضروري هو. پر جڏهن بدر جي لڙائي شروع ٿي ته هي بستري تي بيمار پيو هو، ان ڪري ”عاص بن هاشم“ نالي شخص کي پنهنجي بدلي جنگ جي ميدان تي روانو ڪيو هو ۽ ان کي چار هزار درهم مزدوري ادا ڪئي ته جيئن هو ابي لهب جي ڪمي جنگ ۾ پوري ڪري.
    جڏهن مڪي جي مشرڪن کي جنگ بدر ۾ شڪست ملي ۽ انهن قيدين کي ڇڏائڻ لاءِ فديو به ادا ڪرڻو پيو ته ابي لهب ان خواريءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر پيغمبر اسلام ﷺ جن کي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ ان منصوبي کي پوري ڪرڻ لاءِ خفيه طور هڪ شخص کي ضروري هدايتون ڏئي مديني روانو ڪيو.
    مديني ۾ حضرت محمد ﷺ جن تي قاتلاڻو حملو ڪرڻ ڪو مشڪل ڪم نه هيو. ڇو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ ڪو به محافظ ٽولو نه هيو پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي گهر جو دروازو هميشه کليل لکندا هئا،جنهن جو ڪو ڪم هوندو هو گهر ۾ داخل ٿي ويندو هو ۽ جڏهن به ڪو گهر ۾ قدم رکندو هو ته پاڻ ﷺ هميشه گهر جي ڪم ڪارين ۾ مصروف رهند اهئا.
    حضرت محمد ﷺ جن وٽ هڪ خادم ضرور هيو، پر اهو حفاظت جي لاءِ نه پر ان کي ٻين ڪمن جي ذميواري هئي. هڪ اهو ته جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن سان ڪي ٻاهريان ماڻهو ملاقات ڪرڻ لاءِ مديني ايندا هئا ته هو انهن جي خدمت چاڪري ڪندو هو ۽ رسول الله ﷺ جن سان ملاقات جو بندوبست ڪندو هو جو ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو جو مديني جي ڀرپاسي کان مختلف عوامي وفد پنهنجي عوام جي نمائندگي ڪرڻ جي غرض سان مديني ايندا هئا ۽ مختلف معاملن تي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان گفتگو ڪندا هئا. ان خادم جو ٻيو ڪم هي هيو ته جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مسجد ڏانهن ويندا هئا ته پاڻ ﷺ جن جي نعلين مبارڪ (جُتي) جي حفاظت ڪندو هو، پر ان خوف کان نه، ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي نعلين چوري ٿي ويندي جو مسلمانن ۾ چوري جو نانءُ نشان به موجود نه هو؛ پر ان جو سبب اهو هيو ته جڏهن نماز ختم ٿيندي هئي ته مسلمان پنهنجي جتي پائڻ لاءِ جڏهن مسجد کان ٻاهر ايندا هئا ته انهن ۾ ڪجهه سادا ماڻهو جتين کي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيندا هئا. ان طرح پاڻ سڳوراﷺ پنهنجي نعلين ڳولڻ ۾ وقت لڳائيندا هئا ۽ سندن وقت ضايع ٿيندو هو. پر جڏهن اهو خادم نعلين جي نگراني ڪندو هو ۽ پاڻ سڳوراﷺ مسجد کان ٻاهر نڪرندا هئا ته بغير ڪنهن مشڪل جي نعلين پائي گهر ڏانهن روانا ٿيندا هئا.
    مديني ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن تمام سادي نموني زندگي گذاريندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ جي زندگيءَ جو انداز عام مسلمانن کان مختلف نه هيو. ان ڪري جيڪڏهن ڪوبه حملو ڪري ته ڏينهن يا رات جي ڪنهن به حصي ۾ پنهنجو منصوبو عمل ۾ آڻي سگهي پيو.
    ابي لهب حضرت محمد ﷺ جن تي قاتلاڻي حملي ڪرڻ لاءِ ”عمير بن وهب“ کي چونڊيو، جنهن جو پٽ جنگ بدر ۾ قيدي ٿي چڪو هو. عمير بن وهب اهو مشهور ڪري ڇڏيو هو ته مان مديني ان لاءِ وڃي رهيو آهيان ته فديو ادا ڪري پنهنجي پٽ کي ڇڏائي اچان. جڏهن ته ابي لهب، ابوسفيان ۽ صفوان بن اميه ڄاڻن پيا ته هو ان لاءِ مديني وڃي رهيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن کي رستي تان هٽائي ڇڏي. ان کان سواءِ ابي لهب بذات خود ان شخص کي سفر جو ڪرايو ڀاڙو ۽ واپسي تائين ان جي گهر ڀاتين لاءِ خرچ پکو ڏيڻ جو واعدو ڪيو.
    عمير مديني پهچڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهر جو پتو معلوم ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته رسول الله ﷺ جن هن وقت پنهنجي گهر ۾ موجود آهن. عمير حضرت محمد ﷺ جن جي گهر ۾ داخل ٿي ويو ۽ ڏٺائين ته پاڻ ﷺ جن پنهنجي ”ردا“ چادر ڌوئي رهيا آهن. عمير کي گهر ۾ داخل ٿيندي ڏسي پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته، ”ڇا مون ۾ ڪوئي ڪم آهي؟“ عمير چيو ”اي محمد! ڏسي رهيو آهيان ته توهان پنهنجي چادر ڌوئي رهيا آهيو ۽ اهو ڪم اهڙي شخص کي ڪندي ڏسي رهيو آهيان، جيڪو پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي. وڏي تعجب جي ڳالهه آهي!“
    رسول الله ﷺ جن مسڪرائيندي پڇيو، ”ان ۾ تعجب جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟“ عمير چيو ”جيڪو شخص پنهنجو پاڻ کي پيغمبر سڏرائي ان کي ڪپڙا خود ڌوئڻ نه گهرجن، اهو ڪم ته ان جي غلامن ۽ نوڪرياڻين جي ڪرڻ جو آهي.“
    حضرت محمد ﷺ جن فرمايو ته، ”مون وٽ غلامن ۽ نوڪرياڻين جي فوج نه آهي، مان پنهنجو سمورو ڪم پنهنجي هٿن سان ڪندو آهيان ۽ توکي به يقين ڏياريان ٿو ته جيڪڏهن ڪوبه پيغمبر پنهنجا ڪپڙا پاڻ ڌوئي ته ان جي پيغمبريءَ ۾ ڪائي ڪمي نه ٿي اچي.“ بعد ۾ پاڻ سڳورنﷺ وري عمير کي فرمايو ته، ”شايد تنهنجو مون ۾ ڪو ڪم آهي.“ عمير چيو ته مان پڇڻ لاءِ آيو آهيان ته، ”مون کي پنهنجي پٽ جي رهائي لاءِ ڪيترو فديو ادا ڪرڻو پوندو.“
    روايت ۾ آيل آهي ته جڏهن رسول الله ﷺ جن عمير جا اهي لفظ ٻڌا ته کيس فرمايائون ”اي مرد تون ڪوڙ ڳالهائين ٿو، تون ان لاءِ نه آيو آهين ته فديو ادا ڪري پنهنجي قيدي کي ڇڏيائي وڃان، پر تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ آيو آهين.“ عمير اهي لفظ ٻڌا ته سندس پيرن هيٺان زمين نڪري وئي ۽ ان پنهنجي ڪپڙن ۾ لڪل خنجر زمين تي ڦٽو ڪيو ۽ چيائين ”قسم رب جو! مون ۽ انهن ٽنهي شخصن کان سواءِ جن اوهان کي قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ڪو ٻيو انسان ان سازش کان واقف نه هيو ته مان اوهان کي قتل ڪرڻ آيو آهيان. مون کي يقين آهي ته انهن ٽنهي اهو راز ڪنهن کي به نه ٻڌايو هوندو. ان ڪري اوهان جو ان راز کان واقف هئا ته يقيناً اوهان الله جا سچا رسول آهيو ۽ مان هن ئي گهڙيءَ اوهان تي ايمان آڻيان ٿو ۽ دين اسلام کي قبول ڪندي هميشه لاءِ ڪفر ۽ شرڪ کان توبهه ڪريان ٿو.“
    روايت ۾ آهي ته حضرت عمير رضي الله اسلام قبول ڪرڻ کانپوءِ اعلان ڪيو ته مان هن وقت تائين اسلام کي مِٽائڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هيم پر اڄ کان بعد منهنجي اها ڪوشش هوندي ته اسلام جي ترقيءَ لاءِ سڀ کان اڳ ۾ هجان.
    هن واقعي کان پوءِ عمير رضي الله مڪي روانو ٿي ويو ۽ جڏهن هو شهر ۾ داخل ٿيو ته ان کي خبر پئي ته ابولهب مري ويو آهي. هتي ابي لهب جي موت جو به ڪجهه تفصيل پيش ڪجي ٿو:
    مڪي ۾ هڪ گول ميدان هيو، جنهن کي ”مربد“ سڏيندا هئا. ٻاهر کان ايندڙ قافلا ان ميدان ۾ ترسندا هئا ۽ قافلي جا مسافر پنهنجي واقف ڪارن سان ان ميدان ۾ ملاقات ڪندا هئا. ان کان علاوه ٻيا مسافر به ان ميدان ۾ پنهنجي سفر جو مشاهدو ٻين کي ٻڌائيندا هئا.
    هڪ ڏينهن جڏهن ابي لهب ان ميدان مان لنگهي رهيو هو ته ان ڏٺو ته هڪ بدوي عرب ڪا ڳالهه چئي رهيو آهي ۽ ماڻهو ان جي چوگرد بيٺا دلچسپي سان ان جون ڳالهيون ٻڌي رهيا آهن. ابولهب به اڳتي وڌي ان جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳو ۽ اهو معلوم ٿيس ته اهو شخص جنگ بدر جي باري ۾ گفتگو ڪري رهيو آهي ۽ مسلمانن جي بقول چئي رهيو آهي ته جنگ بدر ۾ پنج هزار فرشتا مسلمانن جي مدد لاءِ آسمان تان لهي آيا هئا ۽ اهڙي ريت قريش مڪي جي شڪست ٿي پوءِ ان شخص ماڻهن کي وڌيڪ متاثر ڪرڻ لاءِ چيو ته مان خود انهن فرشتن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو جيڪي آسمان کان لهي رهيا هئا انهن سڀني کي هڪ ئي رنگ جو لباس پهريل هو ۽ سندن وار رنگ برنگي هئا.
    ٻڌندڙ وڏيءَ حيرت ۽ تعجب ۾ ان جون ڳالهيون ٻڌي رهيا هئا. جو ائين معلوم ٿي رهيو هو ته سڀني ماڻهن تي هن جي ڳالهين جو اثر ٿي رهيو آهي. ابي لهب جڏهن ماڻهن جو اهو حال ڏٺو ته سڀ ان شخص جي ڳالهين جو گهرو اثر وٺي رهيا آهن ته هو غصي ۾ ڀرجي ويو ۽ ان شخص کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي چيائين ته، ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، بدر جي لڙائيءَ ۾ آسمان کان فرشتا نه لٿا هئا جو مسلمانن جي مدد ڪن. فرشتن جي ڳالهه ڪندڙ وڏي ٿڌي مزاج سان ابي لهب جي طرف اشارو ڪندي جواب ڏنو، ”اي لوڪو! جيئن ته مان پنهنجي اکين سان هن شخص کي پنهنجي سامهون بيٺل ڏسي رهيو آهيان، اهڙي طرح مان انهن فرشتن کي پنهنجي اکين سان آسمان تان لهندي ڏٺو هو، جن هڪ ئي رنگ جو لباس پهريو هو ۽ انهن جي مٿي جا رنگا رنگي وار کنڊرندي ڏٺا. پر ابي لهب هڪ دفعو وري ان جي ڳالهه ڪٽيندي غضبناڪ آواز ۾ چيو ، ”تون ڪوڙ ڳالهائين ٿو ۽ ماڻهن کي من گهڙت ڪهاڻيون ٻڌائي انهن جي دلين ۾ مسلمانن جو خوف وجهي رهيو آهين.“
    ٻڌندڙ ماڻهن مان ڪجهه ماڻهن ان شخص جي حمايت ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته هي شخص سچ ڳالهائي رهيو آهي ڇو جو جنگ بدر ۾ جيڪڏهن فرشتا مسلمانن جي مدد لاءِ نه لٿا ته قريش جي طاقتور فوج صرف ٽي سو تيرهن ڪمزور ماڻهن جي هٿان مصيبت ڪيئن کنئي؟ ٻيو ماڻهو ابي لهب جي حمايت ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي طرح ٻنهي طرفن کان ڏي وٺ شروع ٿي ۽ وڌندي وڌندي هڪ جهڳڙي جي صورت اختيار ٿي وئي ۽ اتي جو اُتي هڪ ٻئي تي حملا شروع ٿي ويا. ان جهڳڙي ۾ ابي لهب سخت زخمي ٿي پيو، ماڻهن ان کي کڻي گهر پهچايو ۽ بستري حوالي ڪري ڇڏيائونس. پر ٻيهر هو بستري تان اٿي نه سگهيو ۽ ستن ڏينهن جي اندر هي موت جي حوالي ٿي ويو.
    هڪ عرب ليکڪ ”عيسيٰ“ لکي ٿو ته جڏهن ابي لهب زخمي حالت ۾ بستري حوالي هو ته ان کان پوءِ هو طاعون ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان ئي حالت ۾ مري ويو. اهوئي سبب هو جو هن جي رشتيدارن طاعون بيماريءَ جي خوف کان هن جو جنازو شهر کان ٻاهر کڻي دفن ڪيو، پر اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن جيڪو به مسلمان ابي لهب جي قبر جي ڀرسان گذرندو آهي ته کيس پٿر ضرور هڻندو آهي ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته ابي لهب اسلام ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي.
    ابي لهب کان بعد ابوسفيان اسلام جي مخالفن جي اڳواڻي سنڀالي ورتي ۽ سندس گهرواريءَ جنهن جو نالو ”هند“ هو، پنهنجي مڙس کان به زياده اسلام دشمني جو مظاهرو ڪندي هئي.
    وضاحت: اڪثر ليکڪن ابوسفيان جي گهرواري جو نالو ”هنده“ تحرير ڪيو آهي. دراصل جيڪو ”هن“ سان لاڳاپيل آهي، لفظ ”هند“ دراصل ”هن“ جي مقابل لفظ آهي ۽ ”هن“ جو مطلب آهي هڪ بنا اهميت ۽ بي وقت چيز. ڇو جو دور جهالت جا عرب باشندا ڌيءَ جي لاءِ ڪنهن به اهميت جا قائل نه هئا، ان ڪري ڪي ماڻهو پنهنجي ڌيئرن جو نالو ”هند“ رکندا هئا يعني بي قدر قيمت جو وجود!
    جنگ بدر کان ڏهه هفتن بعد مڪي جي سردارن مسلمانن کان بدلي وٺڻ لاءِ هڪ فوج مديني موڪلي، جنهن جي قيادت ابوسفيان ڪري رهيو هو. ابوسفيان پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ٿڃ شريڪ ڀاءُ سمجهيو ويندو هو، ڇو جو پاڻ سڳورنﷺ ۽ ابوسفيان هڪ ئي دائي جي ٿڃ پيتي هئي. جيئن ته ابوسفيان جو اصلي پيشو تجارت هو ۽ شعر به چوندو هو، قبول اسلام کان پهريان هن جا شعر هجو ”گلا شڪوه“ جا تمام گهڻا مشهور هئا.
    ابوسفيان چار سؤ سپاهين سان ماه حرام ۾ يعني جنهن مهيني ۾ جنگ ڪرڻ نه گهرجي، مڪي کان مديني ڏانهن روانو ٿيو، ۽ مديني جي ويجهو ”ڪوه نيب“ جي علائقي ۾ پنهنجي ماڻهن کي ترسڻ جو حڪم ڏنو ۽ پاڻ ڪجهه سپاهي ساڻ ڪري مديني ۾ داخل ٿي ويو.
    مڪي جي قبيلن قريش ۽ مديني جي يهودين خفيه طورتي هي معاهدو ڪري ڇڏيو هو ته مڪي جا مشرڪ جڏهن به مسلمانن جي خلاف ڪابه ڪارروائي ڪرڻ چاهين ته مديني جا يهودي انهن جي مدد ڪندا. ابوسفيان کي اهو اطمينان هيو ته يهودي هن سان ٻڌل آهن، ان ڪري مديني ۾ داخل ٿيڻ سان ئي هو سڌو يهودين جي هڪ چڱي مڙس ”سلام بن ميثام“ جي گهر پهچي ويو.
    سلام بن ميثام ابوسفيان جي اعزاز ۾ تمام وڏو اهتمام ڪيو ۽ عمدا کاڌا ۽ بهترين شربت ميزبانيءَ ۾ پيش ڪيا، خدمت چاڪريءَ کان پوءِ ابوسفيان ميزبان کي مخاطب ٿي چيو ته، ”اسان توهان جي ڀروسي تي مديني آيا آهيون جيئن توهان جي مدد سان اڄ رات ئي مسلمانن جو قصو ختم ڪري ڇڏيون. سلام بن ميثام جواب ۾ چيو ”اسان پنهنجي واعدي تي قائم آهيون ۽ ان واعدي جي مطابق اسان مسلمانن جي خلاف لڙائيءَ ۾ ضرور توهان جو ساٿ ڏينداسين پر اسان سوچي به نه پيا سگهون ته توهان ايتري جلدبازي کان ڪم وٺندؤ ۽ اوچتو مديني هليا ايندؤ. اسان في الحال لڙائي جي تياري نه ڪئي آهي ان ڪري نه اڄ رات جنگ ۾ توهان سان ساٿ ڏينداسين نه ايندڙ رات ۽ نه وري ايندڙ راتين ۾ پر ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ جيستائين اسان پاڻ کي جنگ لاءِ تيار ڪريون.“
    ابوسفيان جيڪو ان نيت سان آيو هو ته اڄ ئي رات مسلمانن تي حملو ڪنداسون پنهنجو منصوبو پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ڏسي اٿيو ۽ مديني کان نڪرڻ وقت يهودين جي محلي ۾ رهندڙ مسلمانن جي گهرن کي باهه لڳائي، ٻن مسلمانن کي قتل ڪري ۽ لُٽ ڦر ڪري ڀڄي نڪتو. سامان ۾ جَوَن جون ٻوريون به شامل هيون، اهو محلو مديني جي اتر ۾ محله ”عريق يا عريض“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
    مسلمانن کي جيئن ئي خبر پئي ته ابوسفيان مديني ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ ان مسلمانن جي محلي عريق ۾ گهرن کي باهه ڏني آهي، ٻه ماڻهو قتل به ڪيا آهن ۽ سامان ڦري ڀڳو آهي ته انهن جي پٺيان روانا ٿي ويا.
    ابوسفيان ۽ ان جي سپاهين مسلمانن کان ڀڄي جان بچائڻ جي خيال سان پنهنجن گهوڙن ۽ اٺن تان جَوَن جون ٻوريون اتي ئي کڻي اڇلايون، جيڪي بعد ۾ مسلمانن کي هٿ آيون، ان ڪري ان واقعي کي ”غزوه سويق“ يعني ”جَوَن جي چوري“ جي نالي سان مشهور ڪيو ويو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هجرت کان ڪيترا سال پهريون جي ڳالهه اهي ته مڪي جي هڪ وڏي شخصيت هڪ وڏو جشن ڪرائڻ جي غرض سان خيبر جي يهودين کان ڪجهه ٿانوَ ٿپا ۽ ٻيو سامان ڪرائي ٿي گهرايو. اتفاق سان ان مان ڪجهه سامان گم ٿي ويو يعني چوري ٿي ويو، ان گم ٿيل سامان جي عيوض خيبر جي يهودين ڏهه هزار سون جا سڪا وصول ڪيا هئا. خيبر جا يهودي ٻين شهرن ۾ ٿانوَ ۽ زيور ڏيڻ کان پهريان اهو اطمينان ڪندا هئا ته جيڪڏهن انهن جو سامان گم يا ضايع ٿئي ته ان جي قيمت انهن کان وصول ڪري سگهنداسين يا نه. جيڪڏهن انهن کي اهو ڀروسو نه ٿيندو هو ته هو هرگز پنهنجو قيمتي سامان انهن شهر وارن کي ڪرائي تي نه ڏيندا هئا.
    بهرحال مسلمانن سرزمين نجد جي ڪناري ”القراده“ نالي چشمي وٽ مڪي جي قافلي کي هٿ ڪيو ۽ جلدي ان تي حملو ڪيائون. ابوسفيان ۽ صفوان بن اميه ڀڄي ويا ۽ قافلي جو سمورو سامان مسلمانن جي هٿ اچي ويو. مسلمانن کي هن حملي سان تقريباً هڪ لک درهم جو مال غنيمت هٿ آيو ۽ هي مڪي جو پهريون قافلو هو جيڪو صحيح طرح مسلمانن جي هٿ چڙهيو ۽ سامان هٿ ڪري ابوسفيان جي حملي جو بدلو وٺي ڇڏيو.
    جڏهن اها خبر مڪي پهتي ته خيبر کان مڪي ايندڙ قافلي تي مسلمانن حملو ڪري سمورو سامان هٿ ڪري ورتو آهي ته مڪي جي بت پرستن جي تن من ۾ باهه لڳي وئي ۽ انهن تيزيءَ سان هڪ ٻي لڙائيءَ جي تياري شروع ڪري ڏني.


    مديني کان يهودين جو نڪرڻ

    مديني کان يهودين جو نڪرڻ

    هڪ طرف مڪي جا رهواسي مسلمانن جي خلاف وڏي جنگ لاءِ تياري ڪري رهيا هئا، ته ٻئي طرف مديني ۾ اهي ماڻهو جيڪي اسلام جا دشمن هئا، بدڪلاميءَ واري شاعري جي آڙ ۾ مسلمانن جي مقابلي ۾ نڪري پيا. جزيره عرب ۾ اهڙيءَ شاعريءَ کي تلوار يا نيزي جي زخم کان وڌيڪ ڏکائتو سمجهيو ويندو هو.
    ڪعب بن اشرف مديني جي شاعرن مان هڪ اهڙو شاعر هو جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ ٻين مسلمانن جي خلاف بدڪلامي واري شاعري ڪندو هو. هي شخص ڪيترائي مهينا وڃي مڪي ۾ رهيو. مڪي وارن کي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خلاف ڀڙڪائي مديني موٽي آيو.
    ڪعب بن اشرف مديني پهچي رسول اڪرم ﷺ ۽ دين اسلام جي مخالفت ۾ مديني جي عام ميدانن ۾ ۽ هر ان جڳهه تي جتي ماڻهو گڏ ٿيندا هئا هڪ خاص انداز ۾ شعر پڙهندو رهيو. ايتري قدر جو هو ٻڌڻ وارن ماڻهن کان به اهي لفظ ورجائڻ تي اُڪسائيندو رهيو. مديني جي انهن مخالف شاعرن ۾ هڪ عورت به شامل هئي جنهن جو نالو اسمه بنت مروان هو. اها عورت پيغمبر اسلام ﷺ ۽ عام مسلمانن کان علاوه قرآن، جبرائيل ۽ الله جي باري ۾ به ”هجو“ بدڪلامي جا شعر پڙهندي هئي. انهن شعرن جي ذريعي مسلمانن کي ڏاڍو ڏک پهچندو هو. خود پيغمبر اسلام ﷺ جن به ان عورت جي شعرن تي غمزده ٿيندا هئا. پر پاڻ سڳوراﷺ نرم مزاج ۽ حليم طبيعت وارا انسان هئا، ان ڪري بردباري کان ڪم وٺندا هئا.
    الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ هڪ سورة ارشاد فرمايو آهي.
    وَ الۡعَصۡرِ ۙ﴿۱﴾ اِنَّ الۡاِنۡسَانَ لَفِیۡ خُسۡرٍ ۙ﴿۲﴾ اِلَّا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ تَوَاصَوۡا بِالۡحَقِّ ۬ۙ وَ تَوَاصَوۡا بِالصَّبۡرِ ٪﴿۳﴾
    ترجمو: زماني جو قسم آهي ته بيشڪ انسان وڏي نقصان ۾ آهي. انهن کان سواءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪ ٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ هڪ ٻئي کي صبر جي نصيحت ڪئي.
    سورة العصر جي پهرئين آيت ۾ الله تعاليٰ زماني جو قسم کنيو آهي. (يعني: ان زماني جو قسم جنهن ۾ محمد ﷺ جن پيغمبري لاءِ مقرر ٿيا) ته هي زمانو معرفت ۽ حقيقت جو زمانو آهي ۽ انسان (پنهنجي غفلت ۽ ضد جي سبب) پنهنجي لاءِ نقصان ڪري رهيو آهي. پر اهي ماڻهو جن ايمان آندو (الله ۽ ان جي رسول تي) ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ حق جي راهه ۾ پابند رهيا ۽ صبر ۽ بردباري تي قائم رهيا. سي ئي درحقيقت ان نقصان کان بچي ويا.
    قرآن مجيد ۾ ڪيترا دفعا صبر ۽ بردباريءَ جو ذڪر آيل آهي ۽ الله تعاليٰ هر دفعي انسانن کي اهو تاڪيد فرمايو آهي ته نرم مزاج رهو ۽ صبر ڪندا رهو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ ته هونئن به بردباري ۾ پنهنجو مثال پاڻ هئا. ان ڪري عام مسلمان پنهنجي پيغمبر ﷺ جن وانگر ضبط ۽ تحمل کان ڪم نه وٺندا هئا ۽ شاعرن جي بدڪلامي انهن کي تڪليف پهچائيندي هئي، ڇو جو هو پنهنجي اکين سان ڏسي ۽ ڪنن سان ٻڌي رهيا هئا. ته اهي شاعر کلي عام انهن جي رسول ﷺ ۽ خود الله جي باري ۾ بدڪلامي ڪري رهيا آهن. مسلمان پنهنجي باري ۾ ته بدڪلامي برداشت ڪري سگهن پيا پر الله ۽ ان جي رسول جي شان ۾ گستاخي انهن جي برداشت کان ٻاهر هئي. هڪ ڏينهن هڪ مسلمان مرد جيڪو نابين به هيو اسماء بنت مروان جي گهر ۾ داخل ٿيو ۽ پنهنجو خنجر ان جي سيني ۾ کُپائي ڇڏيو اهڙي ريت اسماءَ بنت مروان پنهنجي انجام تي پهتي.
    ٻئي ڏينهن جڏهن ماڻهن کي اهو علم ٿيو ته شاعره اسماء بنت مروان کي هڪ نابين شخص قتل ڪيو آهي ته انهن کي ڏاڍي حيراني ٿي ڇو جو اهي نه پيا سمجهي سگهن ته هڪ انڌو شخص اسماء جي گهر ۾ ڪيئن داخل ٿيو هوندو ۽ ڪيئن ڳولي لڌو هوندائين ۽ ڪهڙي ريت ان کي قتل ڪري ڇڏيائين.
    آخرڪار اهو معلوم ٿيو ته اهو شخص اسماء جي ويجهن رشتيدارن مان هو ۽ سالن کان وٺي ان سان گڏ رهيو آهي. هو گهر جي ڪنڊڪڙڇ کان واقف هو ۽ اسماء جي عادتن ۽ خاصيتن کان به واقفيت هيس ۽ کيس اها خبر به هئي ته اسماء ڪٿي سمهندي آهي.
    هڪ نابين شخص جي هٿان اسماء جي قتل جي خبر تيزي سان مديني ۾ ڦهلجي وئي ۽ حضرت محمد ﷺ جن کي به مسجد ۾ اها خبر ٻڌڻ ۾ آئي. جڏهن اهو نابين شخص مسجد ۾ آيو ته رسول الله ﷺ جن کائنس پڇا ڪئي ته، ”اسماء کي تو قتل ڪيو آهي؟“ نابيني شخص جواب ڏنو، ”ها يارسول الله مون گذريل رات ان کي پورو ڪري ڇڏيو ۽ مون کي ان سلسلي ۾ ذري جيتري به شرم ساري نه آهي، ڇو جو مان سمجهان ٿو ته اها ڳالهه ايتري بي وزن آهي جو ٻه ٻڪريون به ان مسئلي تي سنڱ نه هڻنديون.“
    پر رسول الله ﷺ جن کي ان واقعي جو افسوس ٿيو ڇو جو پاڻ ﷺ اهڙي قسم جي خونريزي کان نفرت ڪندا هئا. پاڻ سڳورنﷺ کي ان ڳالهه جو به ڏک ٿيو ته اسلام دشمن ماڻهو مسلمانن جي تحمل مزاجي جو ناجائز فائدو وٺي انهن کي اهڙن قدم کڻڻ تي ڀڙڪائي رهيا آهن، جنهن ۾ انهن جي پنهنجي مرضي شامل نه آهي. ان جي باوجود پاڻ ﷺ اسماء جي قتل جي سلسلي ۾ مداخلت ڪرڻ تي به لاچار هئا، ڇو جو آئينِ مدينه جي مطابق هر قبيلو پنهنجي داخلي معاملات ۾ خود مختيار هو ۽ جڏهن قاتل ۽ مقتول هڪ ئي قبيلي جا هجن ته ٻيو سزا ڏيڻ لاءِ مداخلت نه ڪري سگهندو هو، ان ڪري نابين شخص جي سزا ان جي پنهنجي قبيلي جي فيصلي تي ٻڌل هئي.
    اسماء کان پوءِ ڪعب بن اشرف نالي شاعر به هڪ مسلمان جي هٿان قتل ٿي ويو ۽ هن دفعي به مرڻ ۽ مارڻ وارو ٻئي هڪ ئي قبيلي سان تعلق رکندڙ هئا. مديني ۾ هڪ ٻيو شاعر به هو، جنهن جو نالو ابوعفڪ هو. هي شخص به الله ۽ ان جي رسول ﷺ جي باري ۾ توهين آميز شعر لکندو پڙهندو هو. اهو به هڪ مسلمان جي هٿان قتل ٿيو، هن کي مارڻ وارو به قبيلي ابوعفڪ جو هڪ ماڻهو هو. اهڙي طرح ٽئي بدڪلامي ڪندڙ شاعر هڪ ٻئي جي پويان ويندا رهيا.•
    پر ٽنهي شاعرن جي عبرتناڪ موت جي باوجود مسلمان جي خلاف بدڪلامي جو سلسلو جاري رهيو جيڪو مديني جي يهودي شاعرن جي طرفان مسلمانن جي دلين کي ڏکائيندو رهيو.
    حضرت محمد ﷺ جن يهودين کي نصيحت فرمائي ته اهي مسلمانن کي ايذائڻ کان پاسو ڪن ۽ انهن کي اهو به ياد ڏياريو ويو ته مديني جي آئين مطابق اهو عهد ٿيل آهي ته مسلمانن سان هڪجهڙائي وارو رويو رکن ۽ جيڪي ماڻهو مسلمانن جا دشمن آهن انهن سان اتحاد نه ڪندؤ، ايتري قدر جو پاڻ سڳورنﷺ مسلمانن ۽ يهودين جي تعلقات بابت زرگر قبيلي جي سربراهه سان به ملاقات ڪئي.
    اڳ ۾ هي بيان ٿي چڪو آهي ته مديني جا يهودي ٽن وڏن قبيلن ۾ ورهايل هئا ۽ هر قبيلي جو ڪاروبار مختلف هو. انهن مان هڪ قبيلو زراعت ڪندو هو، ٻيو سون جو ڪاروبار ۽ ٽيون چمڙي جو واپاري هو. اسلامي تاريخ جي مطابق انهن قبيلن جا نالا هن ريت ڄاڻايا ويا آهن، بنوقريظه، بنو نضير ۽ بنو قينقاع جيڪو انهن قبيلن ۾ زياده طاقتور هو ۽ اڪثر ان قبيلي جا ماڻهو سون جو ڪاروبار ڪندا هئا.
    زرگر قبيلي جو سربراهه جيئن ته اهو ڄاڻي پيو ته هزارن سپاهين تي مشتمل هڪ طاقتور فوج مسلمانن سان لڙائي خاطر مڪي کان مديني اچي رهي آهي، ان ڪري هو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان بنا همدرديءَ جي پيش آيو.
    درحقيقت هي شخص به انهن ماڻهن ۾ شامل هو، جن خفيه طور تي مڪي جي مشرڪن سان اهو معاهدو ڪيو هو ته جڏهن به مڪي جي فوج مديني تي حملو ڪندي ته ان جي مدد ڪنداسين.
    بهرحال پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين جي سربراه سان مديني جي آئين مطابق گفتگو ڪئي ۽ ان کي ياد ڏياريو ته قانون جو احترام سڀني تي واجب آهي، چاهي يهودي هجي يا مسلمان ۽ انهن مان ڪنهن کي به اهڙو قدم کڻڻ نه گهرجي جو مديني جي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي، بعد ۾ پاڻ سڳورنﷺ مسلمانن ۽ يهودين جي ذاتي تعلقات جي باري ۾ اظهار ڪندي فرمايو ته جيتوڻيڪ مسلمانن مدينه جي آئين جي خلاف ورزي نه ڪئي آهي ۽ انهن يهودين کي ڪابه تڪليف نه پهچائي آهي پر ان جي باوجود يهودي جتي ڪٿي بدڪلامي ڪري شعرن ذريعي مسلمانن جي دلين کي ايذائيندا رهن ٿا ۽ جيئن ته مسلمان صبر و تحمل کان ڪم وٺي رهيا آهن، ان ڪري يهودين کي غلط فهمي ٿي چڪي آهي ۽ اهو سمجهڻ لڳا آهن ته شايد مسلمان هنن کان ڊڄن ٿا. ايئن هرگز نه آهي، مسلمانن جنگ بدر ۾ اهو ثابت ڪري ڇڏيو هو ته هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارا نه آهن، ان جي باوجود اهي نٿا چاهين ته انتقامي ڪارروائي جي نتيجي ۾ يهودين ۽ مسلمانن جي تعلقات ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿئي. ان ڪري چڱائي ان ۾ آهي ته يهودي به مسلمانن کي پريشان نه ڪن ۽ مديني جي آئين جو احترام ڪن.
    يهودي قبيلي زرگر جي سربراه گستاخانه انداز ۾ جواب ڏنو ته، ”يا ابوالقاسم! جنگ بدر اوهان کي ۽ اوهان جي ماڻهن کي مغرور بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اوهان ائين سمجهڻ لڳا آهيو ته جيئن جنگ بدر ۾ اسان مڪي وارن کي شڪست ڏني آهي ته هاڻي هر جڳهه تي فتح اسان کي ئي ملندي، پر اوهان ان ڳالهه کان بي خبر آهيو ته جنگ بدر ۾ جن ماڻهن سان اوهان مقابلو ڪيو اهي اوهان جي قوم جا هئا ۽ اوهان ته يهودين سان مقابلو ئي نه ڪيو آهي جو اهو سمجهو ته جنگي جوان ڪيئن هوندا آهن.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن انتهائي بردباري سان جواب ۾ فرمايو ته، اسين توهان سان وڙهڻ نٿا چاهيون پر اهو چاهيون ٿا ته اوهان سان سٺا تعلقات هجن ليڪن مان محسوس ڪريان ٿو ته مڪي کان هڪ وڏي فوج اچڻ جي چور پچور ٿئي پئي ان ڪري تون نٿو چاهين ته اسان جو ساٿ ڏين پر ايترو ضرور ڪري سگهين ٿو ته فوج اچڻ تي ڪنهن جي به حمايت نه ڪر.
    يهودين کي مڪي جي ڪافرن ۾ ايتريون اميدون وابستو هيون جو زرگر قبيلي جي سربراه پاڻ سڳورنﷺ جو آخري مشورو به قبول نه ڪيو ۽ چوڻ لڳو ته ڳالهه مسلمانن جي رويي تي آهي. جيڪڏهن مسلمانن جو رويو ٺيڪ رهيو ته اسان به قريش جي فوج جي اچڻ وقت غيرجانبدار رهنداسين. پر اهڙيءَ صورت ۾ جڏهن مسلمان يهودين سان نرم رويو اختيار هلن پيا ته هڪ ڏينهن هڪ نوجوان مسلمان ڇوڪري سونارن جي بازار مان گذري رهي هئي ته ڪجهه يهودين ان جي چوگرد گهيرو ڪري ان کي ستائڻ شروع ڪري ڏنو. ايتري قدر جو بيحرمتي ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.، ان وقت هڪ ٻيو يهودي هڪ ويجهي دڪان مان اچي ان ڇوڪريءَ جي چولي جو پلؤ پاڻ سان ٻڌي ڇڏيائين ۽ پوءِ پاڻ ڊڪڻ لڳو جنهن ڪري چولو ڦاٽي پيو ۽ بدن جو ڪجهه حصو اگهاڙو ٿي پيس.
    اتفاق سان هڪ مسلمان اتان لنگهيو، ان جڏهن اهو منظر ڏٺو ته ان جي غيرت جوش ۾ اچي وئي ۽ اڳتي وڌي ان يهودي سوناري جي مٿي تي پوري طاقت سان مُڪ هنيائين جنهن تي ٻيا يهودي ان جي حمايت ۾ نڪري آيا ۽ ان مسلمان تي حملو ڪيائون ۽ کيس ماري وڌائون.
    مسلمانن قبيلي زرگر (يعني بنوقينقاع) کان خون بها جو مطالبو ڪيو پر پهودين خون بها ڏيڻ کان انڪار ڪيو، ان وقت جو دستور هئو ته جڏهن ڪو به قبيلو ڪنهن قتل جو ذميوار هجي ۽ ان قتل جو خون بها به ادا نه ڪري ته ان جو مطلب هو ته هاڻي ان کي لڙائي جي لاءِ تيار رهڻ گهرجي. مسلمانن يهودين جي زرگر قبيلي خلاف جوابي ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو پر ان قبيلي جا سڀ ماڻهو جن ۾ ست سؤ جنگي جوان به شامل هئا پنهنجي گهرن مٿان مورچا ٻڌي ويهي رهيا. انهن کي ان وقت مسلمانن جي لڙائيءَ جو خوف نه هيو. ڇو ته انهن کي اها خبر هئي ته مڪي کان فوج ابوسفيان جي اڳواڻيءَ ۾ جلدي مديني پهچڻ واري آهي. پر انهن کي ان ڳالهه جو فڪر ٿي رهيو هو ته لڙائي وقت کان پهريون شروع ٿي چڪي آهي.
    مسلمانن سونارن جي محلي کي چوگرد بند ڪري ڇڏيو ۽ ٻن هفتن تائين يهودي مسلمانن جي محاصري ۾ بند رهيا. انهن ٻنهي هفتن ۾ نه مسلمانن مان ڪو زخمي ٿيو ۽ نه يهودين مان. ٻن هفتن بعد يهودين کي خبر ملي ته مڪي وارن جي فوج اڃا مڪي کان ٻاهر ئي نه نڪتي آهي مديني پهچڻ ته بعد جي ڳالهه آهي. ان ڪري جڏهن يهودي مشڪل ۾ ڦاٿا ته انهن هٿيار ڦٽا ڪيا. پيغمبر اسلام ﷺ جن هميشه مخالفن سان مهرباني سان پيش ايندا هئا. ان ڪري يهودين جي هٿيارن کان علاوه ڪابه شيءِ ضبط نه ڪئي ۽ يهودين کي چيائون ته اوهان مرضي جا مالڪ آهيو، چاهيو ته مسلمان ٿي وڃو يا هميشه جي لاءِ مديني کان نڪري وڃو.
    رسول الله ﷺ يهودين کي اها به اجازت ڏني ته مديني کان نڪرڻ وقت توهان جيڪو ڪجهه چاهيو پاڻ سان کڻي وڃي سگهون ٿا. ان کان پوءِ يهودي سونارا پنهنجو سمورو سامان ايتري تائين جو گهرن جا دروازا ۽ دريون به ڪڍي کڻي ويا ۽ جڏهن مديني کان ٻاهر نڪتا ته ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويا. هڪ ٽولو ڏکڻ مڪي جي طرف روانو ٿيو جيئن ڪافرن جي لشڪر سان ملي مسلمانن کي نابود ڪرڻ لاءِ انهن جو ساٿ ڏئي، ٻيو ٽولو ٻين يهودي شهرن ڏانهن روانو ٿي ويو.
    جيتوڻيڪ يهودي سونارن جي نڪرڻ کان پوءِ مديني ۾ اسلام جي دشمنن ۾ گهٽتائي آئي، پر پوءِ به پوئتي رهيل يهودين جو تعداد ڪو گهٽ نه هو. مڪي جي قريش قبيلي کي به يهودين جي جلاوطني سان نقصان پهتو ڇو جو يهودين جا ست سؤ جنگي جوان به جلاوطن ٿي ويا، جيڪي انهن جي حمايت ڪندڙ هئا.


    جنگ اُحد ۾ مسلمانن جي بهادري

    جنگ اُحد ۾ مسلمانن جي بهادري

    اڳ ۾ هي بيان ٿي چڪو آهي ته ابوسفيان چار سؤ سپاهين سان رات جي اونداهي ۾ مديني پهتو ته جيئن يهودين جي مدد سان اسلام کي مٽايو وڃي. پر مديني جي يهودين قريش جي حمايت ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي خلاف مقابلي ڪرڻ جي همٿ نه ساري سگهيا ۽ ابوسفيان مايوس ٿي مديني کان موٽڻ وقت مسلمانن جي گهرن کي باهه لڳائي ۽ ٻه مسلمان به قتل ڪيا. جڏهن مسلمانن هن جي پٺيان پهچي گهيرو ڪيو ته ابوسفيان جا سپاهي جَوَن جون ٻوريون ڦٽي ڪري ڀڳا جيڪي مسلمانن کي هٿ آيون، انهيءَ ڪري ان جنگ کي ”غزوه سويق“ جو نالو ڏنو ويو، عربيءَ ۾ ”سويق“ جون کي سڏيو ويندو آهي.
    ابوسفيان مڪي پهچي هڪ وڏي فوج گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري 625ع مارچ مهيني ۾ هجرت جي ٽئين سال شوال جي مهيني ۾ مديني ڏانهن روانو ٿيو. هن دفعي ٽي هزار جنگي سپاهي ابوسفيان جي اڳواڻي هيٺ هئا، جن ۾ ست سؤ سپاهي مڪمل طور اسلحي سان ليس هئا ۽ لشڪر جو نائب سپهه سالار صفوان بن اميه هو.
    ابوسفيان جي لشڪر ۾ ست سؤ جنگي سپاهي جيڪي مڪمل طور مسلح هئا ۽ انهن کي زرهون پهريل هيون جيئن تيرن ۽ تلوار جي زخمن کان بچاءُ ڪيو وڃي ۽ ٻه سؤ سپاهين کي گهوڙا هئا جن جي ڪمان هڪ اهڙي شخص جي هٿ ۾ هئي جيڪو جزيره عرب کان سواءِ دنيا جي نامور جنگي جوانن جي صف ۾ شمار ٿيندو هو يعني ”خالد بن وليد!“
    خالد بن وليد جي دليري، هوشياري ۽ جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي مقابلي ڪندڙ جو ڪمزريون سمجهي وڃڻ ۽ ان وقت فائدي حاصل ڪرڻ جي صلاحيت کي تمام اسلامي تاريخدانن مڃيو آهي. ميدان جنگ ۾ جيڪڏهن هن شخص تي تيرن بڙڇين جي بارش ٿيندي هئي ته به هو ايترو بي پرواهه ۽ مطمئن نظر ايندو هو ڄڻ ته پنهنجي گهر ۾ ويٺو آرام سان ماني کائيندو هجي. پر جڏهن حملو ڪرڻ چاهيندو هو ته ايترو ڦڙت ۽ چالاڪ ثابت ٿيندو هو جو جهٽ پٽ ۾ هڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تي پڄي ويندو هو.
    خالد بن وليد رضي الله بعد ۾ مسلمان ٿي ويو ۽ مختلف جنگين ۾ بهادري ۽ دليري جا اهڙا ته جوهر ڏيکاريا جو کيس ”سيف الله“ يعني الله جي تلوار جي لقب سان نوازيو ويو. پر هجرت جي ٽئين سال شوال جي مهيني ۾ اهو بهادر شخص مشرڪن سان گڏجي ان لاءِ آيو هو ته جيئن مسلمانن سان لڙائي ڪري سندن نانءُ نشان مٽائي ڇڏي.
    ابوسفيان سان گڏ مديني اچڻ وارن ۾ ٻين سردارن ۾ ابوجهل جو پٽ عڪرمه به شامل هو، جنهن جي سيني ۾ مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ ڪيني جي باهه ٻري رهي هئي. ابوسفيان جي گهرواري هنده به پنهنجي مڙس سان گڏ مديني آئي ته جيئن پنهنجي باسيل باس کي پورو ڪري سگهي ۽ ميدان جنگ ۾ شهيد ٿيڻ وارن مسلمانن جا ڪن ۽ نڪ پنهنجي هٿن سان ڪٽي ۽ انهن جو هار ٺاهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ پائي.
    مڪي وارن جي لشڪر سان گڏ هڪ اهڙي عورت به هئي جنهن جو نالو ”عمره حلقمه“ هو، ان جي عمر تقريباً چاليهه سان هئي. هي عورت وڏي قداور ۽ بهادر به هئي، جنهن جنگ ۾ پنهنجي بهادري ڏيکاري.
    بهرحال 20 مارچ 625ع اربع جي ڏينهن يعني 12 شوال 3 هجري تي قريش جي فوج ٽي هزار سپاهين سان مديني جي ويجهو پهتي ۽ پوءِ اتر طرف رواني ٿي وئي. سڀ ڄاڻڻ ٿا ته مڪو مديني جي ڏکڻ ۾ آهي. انهيءَ ئي سبب ڪري مسلمان اتر طرف شام ڏانهن ويندڙ مڪي جي قافلن جو رستو روڪيندا هئا. ان ڪري جيڪا فوج مڪي کان مديني آئي، ان کي قاعدي مطابق ڏکڻ جي طرف کان مديني ۾ داخل هئڻ گهرجي وري شهر جي ڏکڻ ۾ مورچه بندي ڪرڻ گهرجي ۽ نه وري انهن کي اتر طرف وڃڻ گهرجي ها. پر مڪي جي فوج مديني وٽ پهچي ان لاءِ اتر طرف روانو ٿي يعني فوج شهر جو چڪر لڳايو. ڇو ته ڏکڻ کان حملو ڪرڻ تمام ڏکيو هيو جو مديني جي ڏاکڻي حصي ۾ آتش فِشان لاوي سان پيدا ٿيل تيز ڌار وارا پٿر هئا جتان اُٺن ۽ گهوڙن جي اچ وڃ خطرناڪ هئي ۽ اٺ ۽ گهوڙا آسانيءَ سان لنگهي نه پيا سگهن ۽ ان ڪري ابوسفيان جي فوج ان علائقي کان حملو نه پئي ڪري سگهي. جيئن ته جنگ جي لاءِ لازمي هوندو آهي ته فوج جي هلچل آسانيءَ سان ٿئي جڏهن ته هن علائقي ۾ هلچل تمام مشڪل هئي. ان ڪري ابوسفيان مديني شهر کان اڳتي وڌي ڪوه احد وٽ لڙائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جو اتي زمين وارياسي هئي ۽ اٺن لاءِ تمام وڏي سهولت هئي ته اهي آسانيءَ سان جنگ ۾ حصو وٺي سگهن.
    ان وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني جي ڀرسان مسجد قبا ۾ مسلمانن سان گفتگو ڪري رهيا هئا جو اها مسجد مسلمانن جي پهرئين مسجد هئي جتي پاڻ سڳوراﷺ هفتي ۾ هڪ دفعو ضرور ويندا هئا. اهو اربعا يا خميس جو ڏينهن هيو پاڻ سڳورنﷺ کي اتي خبر پئي ته مڪي جي فوج مديني جي حدن ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ان ڳالهه تي پاڻ سڳورنﷺ کي ذري جيتري به حيرت نه ٿي ڇو جو پاڻ ڄاڻن پيا ته جنگ بدر جي بدلي لاءِ عنقريب مڪي جا بت پرست انتقام وٺڻ لاءِ حملو ڪندا.
    مڪي جي فوج احد جبل جي ڪڇ ۾ لهڻ کان پوءِ پنهنجي گهوڙن ۽ اٺن کي مديني جي اتر طرف فصلن ۾ چرڻ لاءِ کولي ڇڏيو ۽ فصلن کي تمام گهڻو نقصان رسائڻ شروع ڪري ڏنو. ڪافرن جو اهو عمل مسلمانن کي لڙائي لاءِ اُڀارڻ جو هڪ طريقو هو ۽ مديني وارا ان ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻن پيا ته مڪي وارن جو مقصد ڇا آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن ان ڏينهن ۽ رات مديني جي مختلف قبيلن جي سردارن سان مشوره ڪيو ته ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. دراصل پيغمبر اسلام ﷺ جن اطمينان حاصل ڪرڻ چاهن پيا ته جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ مديني ۾ امن امان برقرار رهي ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ کي انديشو هيو ته لڙائي شروع ٿيڻ کان پوءِ متان منافق ۽ مديني جا ٻيا غيرمسلم قبيلا مسلمانن تي پٺيان کان حملو نه ڪن. ان ڪري پاڻ سڳوراﷺ چاهن پيا ته ان باري ۾ مڪمل اطمينان حاصل ڪرڻ گهرجي.
    عبدالله بن ابي جيڪو منافقين جو سردار هيو، ان رسول الله ﷺ جن کي چيو ته اوهان کي اسان جي وفاداريءَ تي اطمينان رکڻ گهرجي ۽ يهودين به واعدو ڪيو ته هو مسلمانن تي پٺيان حملو نه ڪندا. پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن جي ڳالهه مڃي ۽ پوءِ جنگي حڪمت عمليءَ جي باري ۾ قبائلي سردارن ۽ ٻين مسلمانن سان ذاتي مشورا شروع ڪيا. عبدالله بن ابي چيو ته منهنجي خيال ۾ مسلمانن کي شهر ۾ رهي مورچه بندي قائم ڪرڻ گهرجي ڇو ته مديني ۾ اهڙيون عمارتون موجود آهن جيڪي ڪنهن مضبوط قلعي کان گهٽ نه آهن ۽ جيڪڏهن مسلمان انهن عمارتن ۾ پناهه وٺن ته مڪي جي فوج انهن تائين پهچي نٿي سگهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن ان ڳالهه کان چڱي طرح واقف هئا ۽ اهو ڄاڻن پيا ته مديني جون عمارتون مضبوط قلعن وانگر ۽ محفوظ آهن ۽ جيڪڏهن مسلمان انهن ۾ پناهه وٺن ته مڪي جي فوج انهن کي هٿ نه پئي وجهي سگهي پر انهن وٽ تمام گهڻي مقدار ۾ کاڌي پيتي جون شيون موجود هئڻ گهرجن جيڪي محاصري جي ڏينهن ۾ ڪتب آنديون وڃن. پر اها تجويز جيئن ته عبدالله بن ابي جي طرفان هئي، ان ڪري پيغمبر اسلام ﷺ جن کي شڪ محسوس ٿيو ڇاڪاڻ ته پاڻ ﷺ جن کي عبدالله بن ابي جي نيت ۽ اخلاص تي قطعاً ڀروسو نه هو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن اهو سوچيو ته عمارتن ۾ پناهه وٺڻ جي پٺيان شايد ڪا خفيه سازش نه هجي ۽ اها تجويز ان لاءِ پيش ڪئي ٿي وڃي ته جيئن مسلمان هڪ جاءِ تي گڏ هجن ۽ لڙائي شروع ٿيڻ وقت عمارتن جا دروازا کولي ڇڏجن ۽ اهڙي ريت مسلمانن کي مڪي جي قريشن حوالي ڪيو وڃي.
    عبدالله بن ابي جي ان ڳالهه کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جوانن سان مشورو ڪيو ۽ انهن چيو ته يارسول الله اسان جي نظر ۾ بهتر اهو ٿيندو ته مديني کان ٻاهر نڪري قريش سان مقابلو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسين شهر ۾ رهي لڙائيءَ جو انتظام ڪنداسين ته اسان جو اٿڻ ويهڻ محدود ٿي ويندو ۽ بلڪل شهر ۾ بند ٿي وينداسين، پر شهر کان نڪري اسان هر طرف آزاديءَ سان گهمي ڦري سگهنداسين ۽ لڙائي جي صورتحال مطابق مناسب حڪمت عملي اختيار ڪري سگهنداسون.
    رسول الله ﷺ جن انهن جوانن جي تجويز ٻڌي پسند فرمائي ۽ شهر مان نڪري قريش سان مقابلي ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنائون. پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اها عادت مبارڪ هوندي هئي ته ڪنهن به فيصلو ڪرڻ کان اڳ اصحابن سان مشورو ڪندا هئا ۽ جيڪو به نظريو مفيد سمجهندا هئا اهو منظور ڪندا هئا، پر هيڪر فيصلي ڪرڻ کان پوءِ ان ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي پسند نه ڪندا هئا.
    جڏهن حضرت محمد ﷺ جن مديني کان نڪرڻ ۽ مڪي وارن جي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو ته عبدالله بن ابي ٻيهر اصرار ڪيو ته اوهان پنهنجو فيصلو تبديل ڪيو ۽ مديني ۾ ئي رهو يعني شهر جي اندر رهي قريش جي فوج سان منهن ڏيو ۽ مديني جي مضبوط عمارتن ۾ پناهه وٺو.
    رسول الله ﷺ جن فرمايو ته اي عبدالله بن ابي! هڪ پيغمبر جيڪو الله جي طرف کان پنهنجي رسالت کي منزل تائين پهچائڻ جو ذميوار هجي ته اهو شهر ۾ پناهه نه وٺندو ۽ پاڻ کي عمارتن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش نه ڪندو ان ڪري جيڪو انسان الله جو رسول ﷺ هجي ۽ جڏهن هو پنهنجي تلوار مياڻ کان ٻاهر ڪڍي ته ان کي اڳتي ئي وڌڻ گهرجي ۽ ان لاءِ الله جي پناهه ڪافي آهي.
    ڪفار جي فوج ۾ ٽي هزار سپاهي هئا ۽ مسلمانن جو لشڪر ۾ صرف هڪ هزار سپاهي هئا ۽ انهن هڪ هزار ۾ به ٽي سو واپس هليا ويا، جن جو بيان اڳتي ڪيو ويندو. باقي ست سؤ سپاهي اسلام جي لشڪر ۾ شامل هئا، هن دفعي به اسلامي لشڪر ۾ ٻه گهوڙا شامل هئا ۽ زره کان علاوه ٻي جنگي سامان جي به قلت هئي. جڏهن مديني کان نڪري قريش جي مقابلي لاءِ تياري مڪمل ٿي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي فوج جو معائنو ڪيو. جنگي سامان جي لحاظ کان مسلمانن جي صورتحال تسلي واري نه هئي. معائني ڪرڻ وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اطلاع مليو ته ٿي سگهي ٿو ته اهي يهودي مديني جي آئين مطابق هٿيار کڻي لشڪر اسلام ۾ شامل ٿيا هئا. ان آئين مطابق جيڪڏهن مديني تي ڪوبه ٻاهريون حملو ٿيندو ته بنا ڪنهن فرق جي شهر جي دفاع لاءِ سڀ گڏجي اُٿندا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جو اهو اندازو هو ته يهودي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ابوسفيان سان ساٿ ڏيڻ جو ارادو رکن ٿا، ان جي باوجود به پاڻ سڳورنﷺ جن ان ڳالهه کي ظاهر ٿيڻ نه ڏنو ۽ ٻئي ڏينهن مسلمانن جي فوج مديني کان نڪري جبل اُحد جي اوڀرندي پاسي کان پهچي وئي ۽ ان جاءِ تي مضبوطي سان بيٺا جڏهن ته مڪي جي فوج ان جبل جي اولهندي پاسي ويٺي هئي.
    ڇنڇر جو ڏينهن هو ۽ شوال 3 هجري جي 15 تاريخ منافقن جو سربراه عبدالله بن ابي پنهنجي ٽولي سميت احد جبل جي مشرقي پاسي کان نڪري مديني ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ مسلمانن کي اڪيلو ڇڏي ڏنائين. منافقن جي ان عمل مان ثابت ٿيو ته پاڻ سڳورنﷺ جي سوچ انهن جي باري ۾ صحيح هئي. پر يهودي جن جي باري ۾ افواهه هو ته هو لشڪر مڪي سان وڃي ملنداسي پنهنجي جڳهه تي ثابت قدم رهيا.
    لڙائي شروع ٿيڻ کان اڳ ابوسفيان جي گهرواري هنده پنهنجي غلامن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان مان جيڪو به مسلمانن جي بهادرن مان ڪنهن کي به ماريندو ان کي بنا دير آزاد ڪيو ويندو.
    جڏهن ته مسلمانن وٽ ٻه گهوڙا هئا، انهن مان هڪ گهوڙو حضرت انس رضي الله جي حوالي هيو، جڏهن مسلمانن جي فوج ۽ لشڪر مڪي جي طرف وڌڻ شروع ڪيو ته جنهن گهوڙي تي حضرت انس رضي الله سوار هو، اهو ڪجهه اهڙي انداز سان هليو جو ان جو بدن حضرت انس رضي الله جي تلوار سان ٽڪرايو ۽ تلوار جو ڪجهه حصو مياڻ کان ٻاهر نڪري آيو... ميدان جنگ ۾ تلوار جو پنهنجو پاڻ ٻاهر نڪرڻ نيڪ فال سمجهيو ويندو هو ۽ اهو واقعو ان ڳالهه جي علامت هوندي هئي ته مسلمان هن جنگ ۾ ضرور فتحياب ٿيندا. حضرت انس رضي الله ان صورتحال تي ايترو خوش ٿيو جو اها خوشيءَ جي خبر سڀني کي ٻڌائي ڇڏيائين.
    ان کان پوءِ مسلمان هڪ مضبوط فوج جي شڪل ۾ مڪي وارن جي لشڪر طرف وڌڻ لڳا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن هي آخري نصيحت فرمائي ته جيڪڏهن مسلمان پنهنجي صفن ۾ جيڪا هڪ هلندڙ قلعي جي حيثيت رکي ٿي، اتحاد برقرار رکيو ۽ نظم و ضبط نه وڃايو ۽ افراتفري نه ڪئي ته يقيناً فتح حاصل ڪندا.
    جيتوڻيڪ بت پرستن جو تعداد مسلمانن جي مقابلي ۾ چؤڻ کان به زياده هو. پر جڏهن جنگ شروع ٿي وئي ته شروعاتي گهڙين ۾ ئي مسلمانن جي ڪاميابي ظاهر ٿيڻ لڳي ۽ اهو صاف ظاهر ٿيو ته هن دفعي به ڪاميابي مسلمانن جا قدم چمندي. بت پرستن جي فوج جنهن طرف کان به حملو ڪري پئي ته ان کي مسلمانن جي تيز تلوارن ۽ نيزن جو منهن ڏسڻو پئي پيو ۽ انهن کي اهڙو ڪوبه دڳ نه پيو ملي جو اتان نڪري مسلمانن جي پٺيان پهچي سگهن يا انهن جو صفون ٽوڙي سگهن.
    ٻئي طرف اسلام جا سپاهي پوري اتحاد ۽ اعتماد سان آهستي آهستي اڳتي وڌي رهيا هئا ۽ آخرڪار انهن جي دليري، پائداري ۽ جان بازيءَ قريش جي دلين ۾ خوف ۽ هراس وجهي ڇڏيو ۽ انهن جي همت جواب ڏئي چڪي. اهڙي طرح جنگ جو ميدان ڇڏي ڀڄڻ لڳا. بت پرستن جو ڀڄڻ ڪنهن ڏيکاءَ يا مسلمانن کي فريب ڏيڻ نه هيو پر اهي سڀ سچ پڇ ئي خوفزده ٿي چڪا هئا. ان ڪري انهن کي چڱائي ان ۾ نظر آئي ته جان بچائي ڀڄي نڪرجي. اهي سمجهي ويا ته جيڪڏهن وڌيڪ ترسيا ته زنده نه رهندا.
    لشڪر قريش جا تنبو اتي ويجهو هئا، جڏهن مسلمانن ڏٺو ته مڪي جي فوج ڀڄي رهي آهي ۽ ايئن سمجهيائون ته هاڻي مال غنيمت حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. مڪي وارن جي لشڪر جي تنبن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ سامان ۽ وڏي تعداد ۾ گهوڙا ۽ اُٺ به موجود هئا، ان ڪري مسلمانن انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون صفون ٽوڙيون ۽ مال غنيمت جي حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويا.
    جڏهن پهرئين صف جي علمبردار حضرت علي رضي الله اها صورتحال ڏٺي ته زور سان آواز لڳايائون ”مسلمانو ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو... ٿي سگهي ٿو ته دشمن اسان کي فريب ڏنو هجي، ڇا رسول الله ﷺ جن ايئن تاڪيد نه فرمايو هو ته صورتحال ڪيئن به هجي توهان پنهنجو نظم و ضبط کي نه وڃائجو.“
    مال غنيمت کي گڏ ڪرڻ وارن سپاهين جواب ڏنو ته رسول الله ﷺ جن جو اهو حڪم هيو ته جيستائين جنگ جاري رهي، توهان پنهنجون صفون نه ٽوڙجو ۽ هاڻي جڏهن لڙائي ختم ٿي چڪي آهي ۽ اسان فتحياب ٿيا آهيون ته صفن ۾ بيهڻ جي ضرورت نه رهي آهي، ائين چئي اهي سڀ تمام تيزي سان قريش جي تنبن جي طرف ڀڳا.
    ٻئي طرف عينين نالي هڪ دڙي تي عبدالله بن جبير جي اڳواڻيءَ ۾ پهرو ڏيندڙ مسلمانن به جڏهن ڏٺو ته بت پرستن جي فوج ڀڄي رهي آهي ۽ مسلمان سپاهي به پنهنجون صفون ٽوڙي مال غنيمت ڏانهن وڃن ٿا ته انهن چيو ته اسان کي به هلڻ گهرجي ۽ مال غنيمت جي حاصل ڪرڻ ۾ حصو وٺڻ گهرجي.
    انهن کي عبدالله بن جبير روڪيو ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو حڪم ياد ڏياريندي چيو ته ميدان جنگ ۾ ڪهڙي به صورتحال بڻجي وڃي ته به هتان اسان کي هٽڻو نه آهي. پر تير اندازن به اهو چيو ته جڏهن قريش جي فوج شڪست کائي چڪي آهي ۽ لڙائي به ختم ٿي چڪي آهي ته اسان به ٻين سان گڏجي مال غنيمت جا حصيدار ڇو نه بڻجون. ايئن چئي اهي به دڙي تان هيٺ لٿا ۽ قريش جي تنبن جي طرف ڀڳا ۽ اهڙي طرح عبدالله بن جبير سميت صرف ٻارهن سپاهي ان دڙي تي باقي رهيا.
    ان صورتحال ۾ جڏهن مڪي جا سپاهي مسلمانن کان شڪست کائي پنهنجن تنبن وٽ پهتا ته انهن جي سامهون اهي عورتون آيون جيڪي انهن سان گڏجي مڪي کان ميدان جنگ ۾ آيون هيون. جزيره عرب ۾ پراڻي زماني کان اهو دستور رهيو ته عورتون به مردن سان گڏجي ميدان جنگ ۾ حاضر ٿينديون هيون ته جيئن مردن جو حاصلو بلند ٿئي ۽ اهي عورتون مردن جي غيرت کي ڀڙڪائن ۽پائداري سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ڪنديون رهن. اهڙين جنگين ۾ جتي مردن جي همت جواب ڏئي وڃي ۽ اهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪن ته اهي عورتون جيڪي ميدان جنگ ۾ هونديون هيون، پنهنجا وار کولي پنهنجا گريبان ڦاڙي دشمن ڏانهن ڀڄنديون هيون ته جيئن سندن مردن کي غيرت اچي ۽ اهڙي طرح انهن کي مقابلي ڪرڻ لاءِ همٿائينديون هيون.
    ان ڏينهن اُحد جي ميدان تي به ايئن ئي ٿيو. قريش جي عورتن جڏهن اهو ڏٺو ته انهن جا مرد مسلمانن اڳيان همت هاري چڪا آهن ته انهن ”عمره حلقمه“ نالي قداور عورت جي اڳواڻيءَ ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي وار کولي مردن سان مخاطب ٿي زور زور سان پڪاريو ته، ”ڪيڏانهن وئي توهان جي غيرت ۽ همت؟ جيڪڏهن توهان انهن چند مسلمانن جو مقابلو نٿا ڪري سگهو، ان ڀڄڻ کان بهتر آهي ته مقابلو ڪري ميدان جنگ ۾ عزت سان مري وڃو ڇو جو جيڪو شخص ميدان جنگ ۾ وڙهندي مري وڃي ان تي ڪوبه آڱر نه کڻندو آهي جو اهو پنهنجو فرض پورو ڪري چڪو آهي. پر جيڪو مرد پنهنجي جان جي خوف کان پاڻ جهڙن ماڻهن جي مقابلي کان ڀڄي نڪري ته ان کي چوڙيون پائي گهر ۾ ويهڻ گهرجي ۽ عورتن وانگر ويهي ٻار سنڀالي، اسان وڃي جنگ جي ميدان ۾ وڙهون ٿيون.“
    اسلامي تذڪره نويسن لکيو آهي ته ان ڏينهن مسلمانن قريش جي نون (٩) علمبردارن کي موت حوالي ڪيو جيڪي سمورا قبيلي عبدالدار سان تعلق رکندڙ هئا. جڏهن ڪافرن جو آخري علمبردار زمين تي ڪريو ته عمره علقمه جلدي سان جهڪي ان جو جهنڊو کڻي ۽ ان جي تلوار سان مسلمانن مٿان بگڙجي وئي. قريش جي مردن جڏهن اهو منظر ڏٺو ته انهن جي غيرت جوش ۾ آئي ۽ اهي به موٽي مسلمانن سان مقابلو ڪرڻ لڳا.
    مڪي وارن جو حملو مسلمانن لاءِ غيريقيني هو ڇو ته انهن سمجهيو هو ته بت پرستن کي شڪست اچي چڪي آهي. پر جڏهن مسلمانن تي حملو ٿيو ته هو صفن ۾ نه هئا پر جنگي مال ميڙڻ ۾ ئي مگن هئا ۽ ائين ئي قريش وارن مٿن حملو ڪيو. مسلمانن چاهيو ته صف بندي اختيار ڪئي وڃي پر ائين نه ڪري سگهيا ۽ سمورا افراتفري جو شڪار ٿي ويا.
    ٻئي طرف خالد بن وليد جيڪو پنهنجي ٻه سؤ گهوڙي سوارن سميت پري بيٺو ميدان جنگ جو نظارو ڪري رهيو ۽ ان وقت تائين ميدان جنگ ۾ داخل نه ٿيو جڏهن ڏٺائين ته مسلمانن جون صفون ٽٽي چڪيون آهن. قريش جا سپاهي به عورتن جي غيرت ڏيارڻ تي ڀڄڻ بدران مقابلو ڪري رهيا آهن ۽ مسلمان به افراتفري جي حال ۾ آهن ته ان موقعي کي غنيمت سمجهي مسلمانن تي حملو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    حضرت عبدالله بن جبير ۽ ان جي يارهن ساٿين خالد بن وليد جي رستي روڪڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر اهي ڪامياب ٿي نه سگهيا ۽ سمورا خالد بن وليد جي سپاهين جي هٿان شهيد ٿي ويا. خالد بن وليد پنهنجي گهوڙي سوارن سان مسلمانن جي پٺيءَ تي پهچي ويو ڇو ته سامهون قريش جا سپاهي وڙهي رهيا هئا، ان ڪري مسلمان اڳيان پٺيان ٻنهي طرفن کان گهيري ۾ اچي ويا ۽ کين هڪ وڏي دٻاءُ سان منهن ڏيڻو پيو.
    ٻئي طرف عمره علقمه، به جهنڊو کڻي قريش جي مردن کي مسلمانن خلاف حملي ڪرڻ ۾ همٿائي رهي هئي ۽ ٻيون عورتون به قريش وارن جو ساٿ ڏئي رهيون هيون. قريش جي غلامن ۾ هڪ ڪاري رنگ وارو غلام به هيو جنهن جو نالو ”وحشي“ هيو. هي شخص ابوسفيان جي گهرواري هنده جي واعدي مطابق آزاديءَ جي لالچ ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي تلاش ۾ هيو ته مان (نعوذبالله) پيغمبر کي قتل ڪري پنهنجي آزادي حاصل ڪريان. پر ان جو هٿ پيغمبر اسلام تائين پهچي نه سگهيو ۽ نه وري حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حضرت عمر رضي الله يا حضرت علي رضي الله جهڙن شخصن تي وار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. ان ڪري انهن جي عيوض ان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي چاچي حضرت حمزه رضي الله کي ڳولي لڌو ۽ پنهنجي مالڪياڻي جي هدايت موجب ان جي تاڙ ۾ بيهي رهيو. حضرت حمزه رضي الله وڏي دليري سان تلوار هلائي رهيو هو، وحشيءَ کي سامهون اچڻ جي همٿ نه ٿي، جڏهن خالد بن وليد جي فوج مسلمانن تي سختي شروع ڪئي. اهڙي صورتحال ۾ حضرت علي رضي الله ، حضرت حمزه رضي الله ، حضرت عمر رضي الله قريش جي سپاهين کان واپس ڦريا ته جيئن پٺيان ايندڙن جي پيشقدمي روڪي وڃي. ان وقت وحشيءَ ڏٺو ته حضرت حمزه جي پٺي سندس سامهون آهي. اهو موقعو ڏسي هن پنهنجو نيزو ايتري قوت سان اڇلايو جو نيزي جي چهنب حضرت حمزه رضي الله جي سيني ۾ آرپار ٿي وئي ۽ حضرت حمزه رضي الله شهيد ٿي ويو.
    جڏهن ابوسفيان جي گهرواري هنده کي اها خبر پئي ته حضرت حمزه رضي الله وحشي جي هٿان قتل ٿي چڪو اهي ته ان وقت ئي نه صرف وحـشي کي آزاد ڪيائين پر ميدان جنگ ۾ بيٺي بيٺي پنهنجا ڪنگڻ ۽ هار لاهي ان وحشي کي ڏنائين ۽ چيائينس ته مون تون سان جيڪو واعدو ڪيو هو ته حمزه رضي الله کي قتل ڪرڻ تي توکي آزاد ڪنديس پر آزادي کان علاوه هي شيون به توکي انعام ۾ ڏيان ٿي.
    خالد بن وليد جي اڳواڻي ۾ مشرڪن اسلامي لشڪر ۾ بيچيني پکيڙي ڇڏي جو هر سپاهي الڳ ٿلڳ ٿي چڪو، پر ڪجهه ماڻهو جن ۾ حضرت ابوبڪر رضي الله ، حضرت عمر رضي الله ، حضرت علي رضي الله ۽ حضرت ابودجانه رضي الله شامل هئا. حضرت محمد ﷺ جن جي چوڌاري محافظ بڻجي بيهي رهيا ۽ هڪ محافظ وانگر خالد بن وليد جي سپاهين جو مقابلو ڪرڻ لڳا. پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي ساٿين کي فرمايو ته جنهن جڳهه تي اسين بيٺا آهيون، خالد بن وليد جي سوارن جي تيرن جي مقابلي ۾ آهيون ۽ اهي وڏي آسانيءَ سان اسان کي گهيري ۾ آڻي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان پاڻ کي اُحد جي مٿئين حصي تي پهچائي سگهون ته مشرڪن جا گهوڙا پهاڙ تي چڙهي نه سگهندا ۽ اسين انهن جي حملن کان محفوظ ٿي وينداسين.
    بعد ۾ رسول الله ﷺ جن مسلمانن جي بدنظميءَ تي افسوس جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون اهو تاڪيد ڪيو هو ته صفون نه ٽوڙ جو ۽ خاص ڪري پهرو ڏيندڙ کي چيو ويو هو ته جنگ جي ڪهڙي به صورتحال رهي اوهان پنهنجي جاءِ تي قائم رهجو، پر افسوس ته مسلمانن اڄ منهنجي ڳالهه تي عمل نه ڪيو، ان ڪري مان نٿو سمجهان ته الله تعاليٰ اڄ به جنگ بدر جي طرح اسان کي نوازي. انهن ماڻهن کانسواءِ جيڪي رسول الله ﷺ جن جي پنهنجي حلقي ۾ بيٺا هئا، باقي مسلمان پٺيان خالد بن وليد جي اوچتي حملي ۽ سامهون قريش جي سپاهين جي دٻاءَ ۾ ڄمي بيهي وڙهي نه سگهيا ۽ هيڏي هوڏي ڀڄڻ لڳا. پيغمبر اسلام ﷺ جن چند ساٿين سميت خالد بن وليد جي لشڪر سان مقابلو ڪندي اهڙي جڳهه تي پهچي ويا جو گهوڙي سوارن جي پهچ کان پاسي ٿي ويا ڇو جو گهوڙا پهاڙ تي نه پئي چڙهي سگهيا.
    قريش جا ٻه سپاهي هڪ وڏي پٿر جي پٺيان آڙ ڏئي ويٺا هئا، جيڪي هڪ آوزار ”منجنيق“ جي ذريعي مسلمانن تي پٿر وسائي رهيا هئا. انهن مان هڪ عبدالله بن قمه نالي شخص جو هڪ اڇلايل پٿر رسول الله ﷺ جن جي چهري مبارڪ تائين پهتو جنهن سبب رسول الله ﷺ جن جو هڪ ڏند مبارڪ شهيد ٿي پيو. ان گهڙيءَ خالد بن وليد ۽ ان جا ڪجهه ساٿي گهوڙن تان لهي پهاڙ تي چڙهڻ لڳا جيئن پيغمبر اسلام ﷺ ۽ باقي بچيل مسلمانن کي قبضي ۾ ڪيو وڃي، ٻئي طرف خالد بن وليد جي باقي سپاهين پهاڙ جي هيٺان مسلمانن تي تيرن جي بارش شروع ڪري ڏني ۽ هي اها گهڙي هئي جو عبدالله بن قمه ڏٺو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن شديد زخمي ٿي پيا آهن ته هو پهاڙ تان لهي ميدان جنگ ۾ پهچي رڙيون ڪري چوڻ لڳو ته، ”الا ان محمداً قد قتل“ ان ناگوار خبر باقي بچيل مسلمانن جا حوصله ختم ڪري ڇڏيا جيڪي هن وقت تائين قريش جومقابلو ڪري رهيا هئا، اهي ماڻهو ايترا مايوس ٿي چڪا جو هٿيار ڦٽا ڪري واپس ٿيڻ لڳا.
    ٻئي طرف صورتحال هيءَ هئي ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن کي حضرت عمر رضي الله ۽ حضرت علي رضي الله سهارو ڏئي سنڀاليو، اڃان پاڻ سڳورنﷺ جن پاڻ سنڀاليو ئي ته خالد بن وليد پنهنجي سپاهين سان مٿان پهچي ويو. ڪجهه تذڪره نويسن لکيو آهي ته پهاڙ تي چڙهڻ وارن ۾ خالد بن وليد شامل نه هو. ان جي باوجود به جن گهوڙي سوار گهوڙن تان لهي مسلمانن تي حملو ڪيو هڪ سؤ جي لڳ ڀڳ هئا. مطلب ته ڪفار جي هڪ سؤ سپاهين ٻارهن يا چوڏهن اسلامي جوانن تي حملو ڪيو جي پنهنجي جانبازي ۽ پائداريءَ سان پنهنجي پيغمبر ﷺ جي حفاظت ڪري رهيا هئا. انهن ٻارهن يا چوڏهن سپاهين مان چار شخص پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حفاظت لاءِ مقرر هئا. باقي سپاهي دشمن جي مقابلي ۾ ڍال بڻجي ويا، جيتوڻيڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حفاظت ڪندڙ به بدستور وڙهي رهيا هئا. پر جنگ جي صورتحال ڪجهه اهڙي طرح ٿي وئي جو اهي شخص رسول الله ﷺ جن کان پري نه پيا ٿي سگهن. انهن حفاظت ڪندڙن ۾ حضرت علي رضي الله ، حضرت عمر رضي الله ، حضرت انس رضي الله ۽ حضرت ابودجانه رضي الله شامل هئا. اهي چارئي جوان بناوقفي تلوار هلائي رهيا هئا ۽ انهن جي هر هڪ تلوار جي مقابلي ۾ ڪافرن جون گهٽ ۾ گهٽ ڏهه تلوار هلي رهيون هيون ته جيئن انهن کي رستي تان هٽائي حضرت محمد ﷺ جن تائين پهچي وڃون. پر هي چارئي جانباز پنهنجي زخمن جي پرواهه نه ڪندي مسلسل تلوار هلائي رهيا هئا ۽ دشمن جي مقابلي ۾ ديوار بڻجي پنهنجي پيغمبر جي حفاظت ڪري رهيا هئا.
    جنگ اُحد جي شروعات مارچ جي ابتدا ۾ ٿي يعني اڃان بهار جي مند شروع نه ٿي هئي. جزيره عرب ۾ بهار جي موسم 21 مارچ کان بعد شروع ٿيندي آهي پر ان جي باوجود مديني ۾ سياري جا آخري ڏينهن اهڙا گرم هئا جو لڙائيءَ ۾ زرده پائڻ ڏاڍي ڏکي پئي لڳي ان وقت بت پرست اهو سمجهي ويا ته جيڪڏهن انهن چئن جوانن کي رستي تان هٽائي وياسون ته پيغمبر اسلام ﷺ تائين پهچڻ آسان ٿي ويندو، ان ڪري انهن چئني جوانن تي هنن ڀرپور حملي جي ڪوشش شروع ڪري ڏني. حضرت ابودجانه رضي الله جيڪو پنهنجي ٽن ساٿين وانگر تلوار تيزي سان نه پيو هلائي سگهي جيڪو تمام ٿڪجي چڪو هو ۽ ان جو ٻانهون جواب ڏئي چڪيون ته پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سامهون ڍال بڻجي بيهي رهيو ۽ قريش جي سپاهين جڏهن اهو حال ڏٺو ته ان جي مٿان تيرن جي برسات ڪري ڇڏيائون، حضرت ابودجانه رضي الله جو سڄو بدن چور ٿي چڪو هو پر ان حال ۾ به هو خوش هيو ته دشمن جا تير منهنجي بدن ۾ لڳن ٿا ۽ رسول الله ﷺ جن حفاظت ۾ آهن، اهڙي طرح پنهنجي پيغمبر ﷺ تان جان قربان ڪيائين. ٿوري دير کان پوءِ حضرت انس رضي الله به پيغمبر ﷺ جن جي حفاظت ڪندي جان قربان ڪئي. حضرت انس جي چهري تي تلوارن ۽ نيزن جا ايترا ته وار ٿيل هئا جو جڏهن ان جي ميت کنئي وئي هئي ته ڪوبه ان کي سڃاڻي نه پيو سگهي صرف ان جي ڀيڻ ان جي ڪنن جي بناوت سان ان کي سڃاڻي سگهي.
    حضرت ابودجانه رضي الله ۽ حضرت انس رضي الله کان بعد رسول الله ﷺ جن جي حفاظت لاءِ صرف ٻه محافظ رهيا، هڪ حضرت عمر رضي الله ۽ ٻيو حضرت علي رضي الله . حضرت علي رضي الله مٿي کان پيرن تائين رتورت ٿي چڪو هو، پوري بدن مان خون وهي رهيو هوس پر انهيءَ اهڙي حالت ۾ به حضرت محمد ﷺ جن جو ساٿ نه ڇڏيو. حضرت عمر رضي الله جيڪو قداور جوان هو شديد زخمن هوندي به تلوار هلائي رهيو هو ۽ وڙهندي به پنهنجي گرجدار آواز ۾ نعرا لڳائيندو رهيو جيئن ٻين مسلمانن جي همٿ افزائي ٿئي ۽ انهن ۾ جوش پيدا ٿئي.
    ايتري تائين پاڻ سڳورنﷺ جن طبيعت ۾ سڌارو اچي ويو ۽ حضرت سعد بن ابي وقاص کي اشاري سان پاڻ ڏي گهرايائون ۽ ان کان تير ۽ ڪمان وٺي دشمن ڏانهن تير اندازي شروع ڪري ڏنائون. انهن چند مسلمانن وڏي بهادري ۽ جرائت مندي سان قريش جي هڪ سؤ سپاهين جو مقابلو ڪيو. اهو سمجهيائون ته پاڻ حضرت محمد ﷺ جن لڙائي ۾ شامل ٿي ويا ته انهن کي ايتري خوشي حاصل ٿي جو هو پنهنجي ٿڪاوٽ ۽ زخم وساري چڪا ڄڻ ته بلڪل تازه دم ٿي ويا ۽ بت پرستن تي ڪڙڪي پيا ۽ جلديءَ ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن کي حفاظت ۾ آڻي صف بندي اختيار ڪري ورتائون. ان وقت اهي هڪ گول شڪل جي صف ٻڌي هڪ مضبوط قلعي جي صورت ۾ دشمن سان وڙهندي اڳتي وڌندا رهيا ۽ پاڻ ۾ متحد ٿي هڪ زوردار حملو ڪيو، مسلمانن جو اهو حملو تمام شديد ثابت ٿيو جو سامهون ڪافرن جو سؤ ماڻهو انهن ڏهن ٻارهن مسلمانن جومقابلو نه ڪري سگهيا ۽ ڀڄڻ تي مجبور ٿي ويا.•
    بت پرستن جي هڪ سؤ سپاهين مسلمانن جي ڏهن يا ٻارهن جوانن جي شديد دٻاءَ جي سبب پوئتي ڀڄڻ شروع ڪيو، انهن کي اهو احساس ٿيو ته جيڪڏهن ترسياسين ته جان بچائڻ مشڪل ٿي ويندي، ان ڪري انهن پوئتي هٽڻ بهتر سمجهيو ۽ ان وقت توڙي جو سندن سپهه سالار خالد بن وليد جهڙو جنگي ماهر ساڻن گڏ هيو ته به ان جي حڪمت عملي تي پاڻي ڦيرجي چڪو ۽ مسلمانن جي بيمثال دليريءَ خالد بن وليد جي تجربي ڪار سپاهين کي ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
    اهوئي سبب هيو ته مڪي جي لشڪر جي سپھ سالار ابوسفيان جنگ احد جي خاتمي وقت چيو هو ته مون انهن ماڻهن جهڙو ڪٿي نه ڏٺو جيڪي جنگ احد جي آخري وقت ۾ حضرت محمد ﷺ جن جي حفاظت خاطر جان جي بازي لڳائي رهيا هئا ۽ اهڙي طرح مان ڪڏهن به اهڙو منظرو نه ڏٺو جو ڳڻڻ جيترا شخص ڪنهن شخص جي خاطر ايتري زياده وفاداري ۽ جانثاري جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي شجاعت ۽ دليريءَ سان جنگ جو نقشو بدلائي ڇڏن.
    آخرڪار ڏهن يا ٻارهن مسلمانن جي جوانن ڪافرن جي لشڪر کي ڀڄائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ان وقت سج احد جبل جي اولهندي پهاڙن ۾ لهي رهيو هو ۽ انڌيرو ٿيندو وڃي پيو ۽ بنا دير جنگ ختم ٿي وئي. مڪي وارن وري حملي جي جرئت نه ڪئي.
    جنگ جي خاتمي کان پوءِ اسلامي فوج جي طبيب ابوعبيده رضي الله ، حضرت علي رضي الله جو معائنو ڪيو ته ان جي جسم تي اَسي (80) گهرا زخم لڳل هئا. ابوعبيده رضي الله حيران ٿي چيو، ”ياعلي رضي الله توکي ته مٿي کان پيرن تائين ٻڌڻو پوندو ۽ تختي تي ليٽائي مديني هلڻو پوندو ڇو جو مون پنهنجيءَ زندگيءَ ۾ اڄ تائين ائين نه ڏٺو آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ کي ميدان جنگ ۾ ايترا گهاؤَ لڳل هجن ۽ پوءِ به اهو وڙهندو رهي. مونکي ته حيرت ٿئي ٿي ته هن شديد زخمن هوندي به ڪيئن وڙهي رهيو هئين.
    ٻئي طرف حضرت عمر بن خطاب رضي الله جي بدن تي تلوارن ۽ نيزن جا ايڪويهه گهرا زخم هئا ۽ حضرت سعد بن ابي وقاص رضي الله جي جسم تي ٻارهن وڏا زخم هئا، پر انهن مان ڪنهن کي به زخمن جي پرواهه نه هئي، هو ان ڳالهه تي خوش هئا ته انهن جو پيغمبر ﷺ زنده سلامت آهن.
    اڃان ڏينهن جي ڪجهه روشني هئي ته ابوسفيان جي گهرواري هنده ميدان جنگ ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن چاچي حضرت حمزه رضي الله جي ڳولا ڪري لاش هٿ ڪيو ۽ تيز چاقو سان حضرت حمزه رضي الله جو پيٽ ۽ سينو چيري ان جو جگر ڪڍي چٻاڙڻ شروع ڪيو ان طرح اها درنده صفت عورت اسلامي تاريخ ۾ ”هنده جگر خور“ جي نالي سان مشهور ٿي وئي.
    هنده صرف جگر نه چٻاڙيو پر ڪجهه حصو کائي به وئي ۽ بعد ۾ آس پاس مسلمانن جي لاشن جا نڪ ۽ ڪن ڪٽي هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائي وحشيانه انداز ۾ نچڻ لڳي. هنده کان علاوه هڪ ٻئي عورت ”سلافه“ به ميدان جنگ ۾ پنهنجي پٽ جي موت جي بدلي ۾ داخل ٿي. هن جو پٽ به جنگ بدر ۾ ماريو ويو ه. ان وحشي عورت به پنهنجي گهربل جنازي کي ڳولي لڌو ۽ ان جو سر ڪٽي کڻي وئي ۽ وڏي آواز سان رڙيون ڪندي چيائين ته مان ان جي مٿي مان گوشت ڪڍي مٿي جي کوپڙي سڪائي جيستائين زنده رهنديس ان ۾ پاڻي پيئندي رهنديس.
    ڪافرن جي لشڪر جي وڃڻ بعد حضرت محمد ﷺ جن جي نگاهه پنهنجي چاچي حضرت حمزه رضي الله جي جنازي تي پئي، ڏٺائون ته سندس پيٽ ۽ سينو چيريل آهي ته پاڻ ﷺ ڏاڍا غمگين ٿيا ۽ فرمايائون ته، ”آئنده لڙائيءَ ۾ جيڪا اسان ۽ مشرڪن جي وچ ۾ ٿيندي ته مان پنهنجي چاچي جي بدلي ۾ ڪافرن جي ٽيهن ماڻهن جو اهڙو حال ڪندس.“ پر ان ئي وقت وحي نازل ٿي جيڪا قرآن مجيد جي سورة النحل جي 126 آيت آهي.
    وَ اِنۡ عَاقَبۡتُمۡ فَعَاقِبُوۡا بِمِثۡلِ مَا عُوۡقِبۡتُمۡ بِہٖ ؕ وَ لَئِنۡ صَبَرۡتُمۡ لَہُوَ خَیۡرٌ لِّلصّٰبِرِیۡنَ ﴿۱۲۶﴾
    ترجمو: جيڪڏهن بدلو وٺو ته ايترو بدلو وٺو جيتري اوهان کي تڪليف پهچائي وئي آهي ۽ جيڪڏهن صبر ڪندؤ ته اهو صبر ڪرڻ وارن لاءِ گهڻو چڱو آهي.
    ان آيت جي نازل ٿيڻ بعد پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته، ”اي الله مان بدلي وٺڻ کان نظر ڦيريان ٿو ۽ صبر اختيار ڪريان ٿو.“
    ان وقت ابوسفيان اڃان جنگ جي ميدان ۾ وري موٽي وڏي آواز سان چوڻ لڳو، ”ڇا محمد (ﷺ) زنده آهن؟ “ ابوسفيان ميدان جنگ ۾ اهوآواز ان ڪري ڏنو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي شهيد ٿيڻ جا افواهه ڦهلجي چڪا هئا ۽ مسلمانن جي انتشار جو شايد اهوئي سبب هيو. في الحال ابوسفيان کي ڪنهن به جواب نه ڏنو پر حضرت عمر رضي الله خاموش نه ٿي سگهيا ۽ گرجدار آواز ۾ چيائون، ”الله جو شڪر آهي اسان جو رسول ﷺ زنده آهي.“ ابوسفيان رڙ ڪري چيو ته پوءِ ٻُڌو ته توهان جنگ بدر ۾ اسان جا ستر سپاهي ۽ سردارن کي قتل ڪيو هو ۽ اڄ اسان اوهان جا ستر ماڻهو ماريا آهن حساب برابر ٿي چڪو. آئينده به جيڪڏهن اوهان کي اڃان به اسان سان مقابلي ڪرڻ جي خواهش آهي ته اسان اڳلي سال بدر جي بازار ۾ توهان جي مقابلي لاءِ تيار رهون.“ ائين چئي ابوسفيان جنگ جي ميدان مان تيزي سان نڪري ويو ۽ پنهنجي ساٿين سان وڃي مليو.
    ان کان بعد مسلمان به پاڻ ۾ گڏ ٿيا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن سڀن کي حڪم فرمايو ته شهيد ٿيل مسلمانن کي دفنايو وڃي. جنگ اُحد ۾ مسلمانن کي ستر سپاهين جو نقصان کڻڻو پيو. انهن ۾ 64 انصار ۽ 6 مهاجر هئا. جنازن کي احد جبل جي کَڇَ ۾ دفنايو ويو، عربن جو اهو دستور هيو ته دفن ڪرڻ کان پهريائين ميت کي غسل ڏيندا هئا جيئن پاڪ مطهر ٿئي، پر ان ڏينهن پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته جيئن هي جوان ميدان جنگ ۾ ڪافرن جي مقابلي ۾ جان بحق ٿيا آهن تنهن ڪري اهي ”شهيد“ آهن ۽ شهادت جي رتبي انهن کي نه صرف پاڪ ۽ مطهر بڻايو آهي پر اهي سڌا جنت ۾ قدم رکي چڪا آهن. ان ڪري غسل ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، انهيءَ ئي حالت ۾ ائين ئي دفنايا وڃن.
    دفنائڻ بعد حضرت محمد ﷺ جن هر ميت جي جنازه نماز ادا ڪئي ۽ هڪ هڪ لاءِ دعا فرمايائون ۽ انهن شهيدن جي لاءِ بيحد تعريف ڪئي ۽ انهن جي مقام کي بيحد ساراهيو.


    جنگي نقطي نظر کان غزوه احد جو مطالعو

    جنگي نقطي نظر کان غزوه احد جو مطالعو

    ڪجهه تاريخدانن لکيو آهي ته اسلام جي سپاهين کي جنگ احد ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو ۽ اها ڳالهه جنگي نقطه نظر سان قابل غور آهي.
    جيڪڏهن اسان ڪنهن ماهر جنگ کان شڪست جي باري ۾ گفتگو ڪري ان کان پڇا ڪريون ته شڪست ڇاکي چئبو آهي ۽ شڪست جون ڪهڙيون علامتون آهن ته اهو اسان کي ائين ٻڌائيندو ته جيڪڏهن دشمن جي فوج ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪري ۽ ان ملڪ جي جنگي لشڪر کي تباهه ڪري ته اها قوم جنهن جو ملڪ دشمن جي قبضي ۾ اچي وڃي ۽ جنهن جي فوج تباه ۽ برباد ٿي وڃي ته اهڙي قوم شڪست کاڌل سمجهي ويندي.
    پر جيڪڏهن ڪا فوج ڪنهن ملڪ تي قبضو ڪري پر ان ملڪ جي فوج جو خاتمو نه ڪري سگهي ته جنهن قوم وٽ باقاعدي فوج هجي ته ان حال ۾ ان کي شڪست نٿو چئي سگهجي. بلڪل اهڙي ءَ طرح جيئن ٻي جنگ عظيم ۾ جيتوڻيڪ جرمني جي فوج روس جي وڏي حصي تي قبضو ڪري ورتو هو، پر جيئن ته جرمني وارا روس جي فوج کي مٽائڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا هئا ان ڪري انهن کي فاتح قرار نه ڏنو ويو هو. شڪست مڃڻ لاءِ ٻه شرط لازم آهن. هڪ ته ڪنهن ملڪ تي دشمن جي فوج جو مڪمل قبضو ٿي وڃي ۽ ٻيو ته دشمن جي فوج هٿان ان ملڪ جي فوج بلڪل تباهه ٿي وڃي.
    جنگ احد ۾ مشرڪن جي فوج نه ته مسلمانن جي رياست يعني مديني تي قبضو ڪري سگهي ۽ نه ئي اسلام جي سپاهين جو خاتمو ڪري سگهي. جيتوڻيڪ ان ڏينهن مسلمان بدحواسي ۽ انتشار جو شڪار ٿي ويا پر آخري وقت ۾ اهي ٻيهر مضبوط ٿي ويا ۽ جيئن اهو بعد ۾ ذڪر ڪيو ويندو، جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن ميدان جنگ احد کان مديني روانا ٿيا ته هڪ باقاعدي فوج جي قيادت ڪري رهيا هئا.•
    قرآن مجيد ۾ به مسلمانن جي صورتحال مڪمل شڪست سان تعبير نه ڪيو ويو آهي ۽ سورة آل عمران جي 139 آيت ۾ جيڪا جنگ احد جي باري ۾ نازل ٿي، مسلمانن کي ڪجهه هن ريت تسلي ڏني وئي آهي.
    وَ لَا تَہِنُوۡا وَ لَا تَحۡزَنُوۡا وَ اَنۡتُمُ الۡاَعۡلَوۡنَ اِنۡ کُنۡتُمۡ مُّؤۡمِنِیۡنَ ﴿۱۳۹﴾
    ترجمو: سستيءَ ۾ پئو ۽ غم نه ڪريو، جيڪي ايمان وارا آهن اهي ضرور ڪامياب ٿيندا.
    ۽ ان ئي سورة جي آيت 140 ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي:
    اِنۡ یَّمۡسَسۡکُمۡ قَرۡحٌ فَقَدۡ مَسَّ الۡقَوۡمَ قَرۡحٌ مِّثۡلُہٗ ؕ وَ تِلۡکَ الۡاَیَّامُ نُدَاوِلُہَا بَیۡنَ النَّاسِ ۚ وَ لِیَعۡلَمَ اللّٰہُ الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡا وَ یَتَّخِذَ مِنۡکُمۡ شُہَدَآءَ ؕ وَ اللّٰہُ لَا یُحِبُّ الظّٰلِمِیۡنَ ﴿۱۴۰﴾ۙ
    ترجمو: جيڪڏهن (جنگ احد ۾ توهان کي زخم لڳا آهن) ته اهي ئي زخم ڪافرن کي به لڳا آهن، (يعني انهن کي به نقصان کڻڻو پيو آهي.)
    اهڙي طرح سورة آل عمران جي آيت 159 ۾ الله تعاليٰ جنگ احد کان ڀڄڻ وارن کي عفو ۽ درگذر سان نوازيو ۽ پنهنجي رسول ﷺ کي به ارشاد ٿيو ته تون به انهن ماڻهن کي درگذر ڪري ڇڏي.
    آيت جو مفهوم هي آهي ته:
    ”بس رحمتِ الاهيءَ جي سبب پاڻ سڳورنﷺ به انهن سان نرم رويو اختيار ڪيو ۽ جيڪڏهن پاڻ سڳوراﷺ انهن سان سختي سان پيش اچن ها ته يقيناً اهي ماڻهو پاڻ ﷺ جن کان پاسيرا ٿي وڃن ها. ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ جن الله جي حڪم سان انهن کي معاف ڪري انهن لاءِ بخشش جي طلب ڪئي ۽ الله جي حڪم مطابق انهن سان ڪم ڪار ۾ مشورو ڪيو ۽ الله تي ڀروسو رکو ته الله توڪل رکڻ واري کي دوست بڻائيندو آهي.“
    الله تعاليٰ انهن آيتن ۾ ۽ آل عمران جي ٻين آيتن مطابق جنگ احد ۾ مسلمانن جي ظاهري شڪست کي قطعاً شڪست نه چيو آهي. جيتوڻيڪ جنگ جي ميدان کان ڀڄڻ وارن جي به بخشش ڪري ڇڏي ۽ رسول الله ﷺ جن کي به تاڪيد فرمايو ته اوهان به انهن کي معاف ڪري ڇڏيو.
    جيڪڏهن جنگ احد کي جديد دور جي جنگي ماهرن جي نظريي جي مطابق پرکيووڃي ته معلوم ٿيندو ته مسلمانن کي هن جنگ ۾ نه صرف اهو ته شڪست نه هئي پر فتح به حاصل ٿي. ڇو ته انهن ابوسفيان جي مضبوط فوج کي پوئتي موٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ آخري گهڙيءَ تائين ميدان جنگ ۾ بيٺا رهيا. آخري دم تائين ميدان جنگ ۾ حاضر رهڻ ڪاميابيءَ جي علامت آهي شڪست جي نه. ان طرح جنگي نقطه نظر سان مشرڪن جي ناڪامي جا سبب پيش ڪجن ٿا:
    پهريون هي ته مڪي وارا مسلمانن سان کلي ميدان ۾ وڙهڻ لاءِ سوچي نه آيا هئا، پر انهن جو ارادو هي هيو ته مسلمانن کي بدحواس ڪرڻ لاءِ منافقن ۽ يهودين کان مدد وٺنداسون. جڏهن ته انهن مديني کان اڳتي وڌي جبل احد جي دامن ۾ ديرو لڳايو. ان وقت انهن کي اها اُميد نه هئي ته مسلمان به شهر کان ٻاهر نڪري ايندا ڇو جو هو اهو ڄاڻن پيا ته مسلمانن جو تعداد تمام ٿورو آهي ۽ پنهنجي خيال مطابق اهو سمجهن پيا ته مسلمان پنهنجي جنگي جوانن جي گهٽتائيءَ سبب شهر کان ٻاهر نه نڪرندا ۽ مديني ۾ رهي پنهنجي بچاءَ لاءِ مجبور ٿيندا.
    مسلمانن جو مديني شهر کان ٻاهر نڪرڻ ابوسفيان ۽ ان جي فوج لاءِ حيرت جو سبب بڻيو. وري به انهن کي اها پڪ هئي ته منافقن ۽ يهودين جي مدد سان مسلمانن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.
    جيئن ته پهريون بيان ٿي چڪو آهي ته منافقن ميدان جنگ ۾ مسلمانن جو ساٿ ڇڏي ڏنو ۽ يهودي به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي چوڻ مطابق واپس موٽي ويا ۽ اهڙي طرح تقريباً ست سؤ ماڻهو مسلمان رهيا، انهن کي ٽي هزار فوج سان منهن ڏيڻو پيو. جيتوڻيڪ مسلمانن جو تعداد مشرڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ هيو پر انهن جو ايمان ۽ ٻڌي ايتري مضبوط هئي جو جنگ شروع ٿيڻ سان ئي مشرڪن تي حاوي ٿي ويا ۽ انهن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن مسلمان سپاهي مال غنيمت جي حاصل ڪرڻ ۾ جلدبازي نه ڪن ها ۽ رسول الله ﷺ جن جي حڪم مطابق ثابت قدم رهن ها ۽ دڙي تان هيٺ نه لهن ها ۽ قريش جون عورتون پنهنجي مردن کي غيرت ڏياري نه موٽائن ها ته ان ڏينهن ابوسفيان جي پوري فوج تباهه ٿي وڃي ها.
    جيئن ته مڪي جي فوج جي ناڪامي جو ٻيو سبب هي به هو ته سج لهي چڪو هو. رات جي اونداهي ٿي رهي هي ۽ عربن جي قديم دستور مطابق رات جي وقت لڙائي ڪرڻ تان هٿ کنيو ويندو هو.
    ٽيون سبب اهو هو ته مڪي جي فوج وٽ ڪو خبر ڏيڻ وارو نظام نه هو ۽ اهي لشڪر اسلام جي صورتحال جي خبر حاصل نه پيا ڪري سگهن. جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ اطلاع ملڻ جو باقاعدي نظام موجود هو. ۽ پاڻ سڳوراﷺ دشمن جي حرڪت ۽ ارادن کان ان ئي وقت واقف ڪاري حاصل ڪري سگهن پيا ۽ چوٿون سبب اهو هو ته اها جنگ ابوسفيان جي مڪمل ناڪاميءَ تي ختم ٿي جيڪا ان شخص جي پنهنجي غلطي ڪري ٿي ۽ اها هڪ جنگي سپھ سالار لاءِ ناقابل تلافي نقصان آهي. جيڪڏهن ابوسفيان پنهنجي فوج جبل جي دامن کان واپس نه ڪري ها ته ٻئي ڏينهن سج اڀرڻ سان ٿڪيل ۽ زخمن سان چور مسلمانن جي فوج تي حملو ڪري پنهنجي ڪاميابي کي يقيني بڻائي سگهي پيو. ان کان پوءِ ابوسفيان کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ان وقت ٿيو جڏهن جنگ جي ميدان کان نڪري ”روحا“ نالي جڳهه تي پهتو، اتي پهچي هن کي تمام گهڻي پشيماني ٿي ۽ ان موٽي ٻيهر مسلمانن تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    ٻئي طرف پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ خبر رسائيءَ جو باقاعدي سان انتظام ڪرڻ جو وڏو ثبوت اهو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن کي انهيءَ ئي وقت علم ٿيو ته ابوسفيان پشيماني جو شڪار ٿيو آهي ۽ هو ٻيهر لڙائي ڪرڻ چاهي ٿو.
    هتي هن ڳالهه جو ذڪر ضروري آهي ته جنگ احد جي ختم ٿيڻ وقت هيڏي هوڏي ٿيل مسلمان ٻيهر گڏ ٿي ويا ۽ جڏهن اهي مديني ۾ داخل ٿيا ته انهن جون صفون باقاعدي فوج وانگر اهڙي طرح مضبوط هيون جهڙي طرح مديني کان جنگ لاءِ نڪتا هئا
    مسلمانن جو لشڪر جڏهن مديني پهتو ته حضرت محمد ﷺ جن کي اهو اطلاع مليو ته مشرڪن جي فوج واپس مديني اچي رهي آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ايمان ايترو ته مضبوط هيو جو قريش جي فوج واپس موٽڻ تي کين ذري جيترو به هراس نه ٿيو ۽ مسلمانن جي لشڪر کي فرمايائون ته لڙائي جي لاءِ هڪ دفعو ٻيهر مديني کان ٻاهر نڪرڻو آهي.
    جنگ اُحد ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ سڀئي مسلمان ويندي اهي به جيڪي شديد زخمي هئا ٻيهر مشرڪن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا. ايتري تائين حضرت عمر رضي الله ۽ سعد بن ابي وقاص رضي الله شديد زخمن هوندي به لشڪر اسلام ۾ شامل ٿي ويا. پر مسلمانن جي طبيب ابو عبيده رضي الله حضرت علي رضي الله کي اٿڻ کان منع ڪئي ۽ چيائين ته جيڪڏهن هن بستري تان علي رضي الله اٿي رهيو ته مديني جي گهٽين ۾ ئي الله کي پيارو ٿي ويندو ڇو جو ان جا زخم ايترا خطرناڪ آهن جو اُن کي آرام جي ضرورت آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي سپاهين سان ابوسفيان جي موٽڻ جي سزا لاءِ ”حمراء الاسد“ نالي جڳهه تي پهچي قريش جي لشڪر جو انتظار ڪيو ليڪن ابوسفيان ”روحا“ نالي جڳهه کان مديني موٽڻ جو ارادو رکي پيو، سو هڪ دفعو ٻيهر شڪ شبهي جو شڪار ٿيو ۽ مديني موٽڻ بجاءِ مڪي ڏانهن رخ ڪيائين ۽ مسلمانن کي به اهو اطمينان حاصل ٿيو ته هاڻي قريش جو لشڪر واپس نه ايندو ائين مسلمان به واپس مديني موٽڻ لڳا.
    ان کان اڳ لشڪر اسلام ”حمرء الاسد“ جي جڳهه تان واپس موٽن ”وحشي“ يعني اهو حبشي غلام جنهن پنهنجي نيزي سان حضرت حمزه رضي الله کي شهيد ڪيو، ابوسفيان جي فوج مان نڪري اچي مسلمانن سان مليو، بعد ۾ ان رسول الله ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي اهو اقرار ڪيو ته مون اوهان جي چاچي حضرت حمزه رضي الله کي قتل ڪيو آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن ان شخص کي نه سزا ڏني ۽ نه بدلي ۾ ڪجهه چيو، ڇو جو پاڻ سڳوراﷺ ذاتي طور انتهائي مهربان ۽ رحمدل انسان هئا. پر پاڻ سڳورنﷺ ان حبشي کي فرمايو ته ڪڏهن به منهنجي نظرن سامهون نه ويهندو ڪر، ان کان بعد ڪڏهن به اهو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي سامهون نه آيو،پر ان شخص حضرت حمزه رضي الله جي افسوس ۽ پشيماني تحت پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هڪ وڏي دشمن ”مسيلمه ڪذاب“جنهن پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪئي هئي کي قتل ڪيو.
    جنگ احد مسلمانن جي نظر ۾ شڪست جي بجاءِ هڪ سخت آزمائش جي روپ ۾ ظاهر ٿي، پر مديني جي يهودين اهو ڍنڍورو ڏيڻ شروع ڪيو ته حضرت محمد ﷺ جن کي جنگ احد ۾ شڪست ملي آهي. جيڪڏهن الله جا رسول هجن ها ته ڪڏهن به شڪست نه کائن ها. ان موقعي تي هڪ آيت نازل ٿي، جيڪا قرآن مجيد جي ٽئين سورة آل عمران ۾ ارشاد ٿيل آهي ان آيت جو مفهوم هن ريت آهي:
    ”ڪافرن سان مقابلو ڪرڻ نبين جو قديم دستور آهي، ان کان اڳين نبين کي به تڪليفون آيون پر اهي نااميديءَ جو شڪار نه ٿيا. انهن استقامت ۽ ثابت قدمي تي قائم رهي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ الله ثابت قدم رهڻ وارن کي دوست بڻائيندو آهي.“
    اها آيت ان لاءِ نازل ٿي ته ان شرانگيز افواه جو خاتمو ٿي وڃي ته جيڪڏهن پاڻ الله جا رسول هجن ها ته شڪست نه کائن ها.
    ان آيت نازل ٿيڻ سان مسلمانن جي دلين ۾ بيحد سڪون حاصل ٿيو ۽ انهن جا حوصله بلند ٿيا. ليڪن يهودي ماڻهو پنهنجي ضد تي قائم رهيا ۽ مسلمانن جي خلاف افواهون ڦهلائڻ کان چپ نه رهيا. ايتري قدر جو انهن زراعت پيشي وارن مسلمانن قبيلي تي حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.


    يهودين جون سازشون ۽ قريش وارن جي بي رحمي

    يهودين جون سازشون ۽ قريش وارن جي بي رحمي

    جيئن ته مديني جا يهودي ٽن وڏن قبيلن ۾ ورهايل هئا، جيڪي پنهنجي پنهنجي ڌنڌي جي اعتبار سان سڃاتا ويندا هئا. هڪ قبيلو سون جو ڪاروبار ڪندو هو ٻيو قبيلو چمڙي جو ڪاروبار ڪندو هو ۽ ٽيون ڪاشتڪاري يا زراعت ڪندو هو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي جيئن ئي خبر پئي ته ڪاشتڪار يهودين جو قبيلو مسلمانن تي حملو ڪرڻ چاهي ٿو ته پاڻ سڳورنﷺ ان خلاف جارحانه قدم کڻي ان قبيلي جي رهائشي علائقي کي محاصري ۾ ورتو ۽ انهن کي خبردار ڪيو ته توهان ماڻهو مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ چاهيو ٿا پر توهان جي بهتري ان ۾ آهي ته پنهنجن ارادن کي تبديل ڪيو ۽ مسلمانن سان دوستانه رويو اختيار ڪندي امن پسند شهرين وانگر مديني ۾ زندگي گذاريو.
    يهودين امن ۽ سلامتيءَ جي تجويز رد ڪري ڇڏي ۽ چوڻ لڳا ته اسان مسلمانن سان هڪ جڳهه تي گڏ نٿا رهي سگهون. ان ڳالهه تي رسول الله ﷺ جن انهن کي مديني کان نڪري وڃڻ جو حڪم ڪيو ۽ فرمايائون ته توهان به سونارن جي قبيلي وانگر مدينو ڇڏي وڃو ۽ ڪنهن ٻي جڳهه تي وڃي رهو.
    مديني جي ڪاشتڪار قبيلي ائين ئي ڪيو. ان جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي مهربان ۽ رحمدلي جي تحت يهودين کي ڪابه سزا نه ڏني پر اها به اجازت ڏنائون ته توهان جيڪو ڪجهه کڻي وڃي سگهو ٿا سو کڻي وڃو. ان طرح يهودين به پنهنجي گهرن جون دريون، دروازا به ڪڍي ساڻ کڻي ويا، ان کان پوءِ مديني ۾ يهودين جو صرف هڪ قبيلو رهيو.
    يهودين جي سونارن جي قبيلو گهڻو اڳ مديني مان نڪري چڪو هو پوءِ انهن جا ڪجهه خاندان مڪي ۾ وڃي رهڻ لڳا. ڪاشتڪارن جو قبيلو به مديني مان نڪري ٻي جڳهه هليو ويو پر انهن جا به ڪجهه خاندان مڪي ڏانهن نڪري ويا ۽ اتان جي شهريت اختيار ڪيائون. مڪي ۾ رهڻ وارا يهودي قريش وارن کي مسلمانن جي خلاف هميشه ڀڙڪائيندا رهيا ۽ مسلمانن تي ڪاري ضرب لڳائڻ تي اُڪسائيندا رهيا. ايتري تائين جو يهودين جي ٻنهي قبيلن مسلمانن جي رڳ رڳ زخمي ڪرڻ لاءِ مشرڪن سان عهد ڪيو جيتوڻيڪ اهي يهودي هئا ان جي باوجود خانه ڪعبه ۾ حاضر ٿي قسم کنيائون ته اسين ان عهد تي قائم رهنداسين.
    آخرڪار يهودين جي ڀڙڪائڻ تي مشرڪن اهو اعلان ڪيو ته جيڪو به ڪنهن مسلمان کي زنده پڪڙي ايندو ۽ اسان جي حوالي ڪندو ته ان کي وڏن وڏن انعامن سان نوازيو ويندو. هر زنده مسلمان جي بدلي ۾ قريش وارن جيڪو انعام مقرر ڪيو اهو ايترو گهڻو هيو جو ريگستاني بدو باشندا مسلمانن جي تلاش ۾ نڪري پيا ته انهن کي پڪڙي قريش وارن کان انعام حاصل ڪريون.
    مڪي ۾ ان وقت مسلمان نه هئا جو اتان پڪڙي انعام حاصل ڪن انڪري مديني جي ڀرپاسي ۾ رهندڙ بدوي قبيلن جا ماڻهو وڏي انعام جي لالچ ۾ مسلمانن کي اغوا ڪري مڪي جي قريش کي حوالي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهڻ لڳا.
    اتفاق سان ان وقت مديني جي ڏکڻ ۾ رهڻ واري هڪ قبيلي حضرت محمد ﷺ جن کي درخواست ڪئي ته اوهان ڪجهه مسلمانن کي تبليغ اسلام جي خيال سان هيڏانهن موڪليو ته جيئن اسان به ديني تعليم کان واقف ٿيون. رسول الله ﷺ جن هڪ جماعت حضرت عمير رضي الله بن ثابت جهڙي مشهور مبلغ جي اڳواڻي ۾ ٽيهه ماڻهو ان قبيلي ڏانهن اسلام جي تبليغ خاطر روانا ڪيا ۽ انهن تي اها ذميواري رکي وئي ته اتي وڃي ماڻهن کي قرآني آيتن جي باري ۾ ڄاڻ ڏيو.
    جڏهن اها جماعت ان قبيلي ڏانهن رواني ٿي ته رستي ۾ انهن ماڻهن جي هٿ چڙهي ويا جيڪي مسلمانن کي اغوا ڪرڻ لاءِ لڪيا ويٺا هئا. اغوا ڪرڻ وارن مسلمانن کي زنده پڪڙڻ چاهيو پر هنن ساڻن مڙسي سان مقابلو ڪيو انهن آدم چورن سان مقابلو ڪندي سڀ جو سڀ شهيد ٿي ويا پر اتفاق سان ٽي مسلمان وري به انهن کي قبضي ۾ اچي ويا. بدوي لٽيرن انهن ٽنهي کي گرفتار ڪري مڪي ڏانهن روانا ٿيا ته جيئن قريش جي چڱن مڙسن کان ٽنهي جي بدلي ۾ انعام حاصل ڪريون.
    انهن ٽنهي مسلمانن مان هڪ مسلمان اهو ڄاڻي پيو ته مڪي ۾ تمام وڏي تڪليف ۽ ايذائڻ سان دردناڪ مصيبتون ڏئي هلاڪ ڪيو ويندو سوڪنهن حيلي بهاني ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. لٽيرن سندس وڏي ڳولا ڪئي ته جيئن ان کي پڪڙي مڪي وٺي وڃون، پر ان شخص انهن سان مقابلو ڪيو.، ظالمن کيس ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ريگستان ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيائونس. اها جڳهه جتي ان مسلمان جي جسم کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو، ”الراجي“ جي نالي سان سڏي ويندي هئي.
    باقي ٻن مسلمانن کي ٻڌي انهن مڪي ڏانهن آندو پر اتي پهچي انهن ٻنهي اغوا ڪيل مسلمانن کي قريش جي حوالي ڪرڻ کان ڦري ويا، ڇو جو انهن ڏٺو ته مڪي جا وڏا وڏا رئيس ۽ حڪمران انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ايترا ته بيقرار هئا جو انعام مٿان انعام جي چڙهت شروع ڪري ڏني هئي، لٽيرن انعام حاصل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪري انهن ٻنهي مسلمانن کي نيلام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن زياده کان زياده رقم حاصل ڪئي وڃي.
    سڀ کان وڌيڪ واڪَ ڏيندڙ شخص صفوان بن اميه هو جيڪو ابوسفيان کان بعد مڪي جو سڀ کان طاقتور سردار مڃيو ويندو هو. ان ٻنهي مسلمانن مان هڪ کي خريد ڪيو. صفوان بن اميه جي حصي ۾ ايندڙ مسلمان تبليغ ڪندڙن جو سربراه عمير بن ثابت هو ۽ ٻئي مسلمان کي مڪي جي ريئس وڏي رقم ۾ خريد ڪيو.
    مڪي وارن جڏهن اهو ڏٺو ته ٻن مالدار شخصن ٻن مسلمانن کي خريد ڪري پنهنجو پاڻ انهن کي قتل ڪري انتقام جو مزو ماڻڻ چاهن ٿا ته انهن اعتراض ڪيو ۽ چوڻ لڳا ته اسان به مسلمانن جي هٿان ڌڪ کاڌا آهن ۽ اسان جا به عزيز رشتيدار جنگ بدر ۽ جنگ احد ۾ ماريا ويا آهن ان ڪري اسان جو به حق ٿيندو آهي ته انهن ٻنهي مسلمانن کي قتل ڪرڻ جو منظر پنهنجي اکين سان ڏسون. ان ڪري اوهان کي گهرجي ته ٻنهي کي مڪي جي وڏي ميدان ۾ آڻي ڪري قتل ڪريو ته جيئن اسان به اهو تماشو ڏسي سگهون ۽ اسان جي به دل ٺري.
    صفوان بن اميه مڪي وارن جو اهو مطالبو مڃيو ۽ ”نستاس“ نالي شخص کي چيائين ته هن مسلمان عمير بن ثابت کي مڪي جي وڏي ميدان ۾ آڻي قتل ڪيو وڃي. ايئن به چيائين ته مان ان مسلمان جي تمام وڏي رقم ادا ڪري چڪو آهيان. ان ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ ان جي منڍي جو نيلام ڪرائيندس پوءِ جيڪو به ان جي منڍي خريد ڪري ۽ سندس جي کوپڙي مان ڪٽورو ٺاهي پاڻي پيئڻ لاءِ استعمال ڪري. جنگ احد ۾”سلافه بن سعد“ نالي عورت به هڪ مسلمان سپاهيءَ جي منڍي ڪٽي کڻي آئي هئي ۽ ان به چيو هو ته مان ان جي کوپڙيءَ کي پاڻيءَ جي ڪٽوري طور استعمال ڪندس.
    جڏهن حضرت عمير بن ثابت رضي الله مڪي وارن جي سامهون نستاس نالي شخص جي هٿان شهيد ٿي چڪو ته ان جي کوپڙيءَ لاءِ واڪ شرو ع ڪيا ويا ۽ اتي موجود هڪ شخص وڏي واڪ تي خريد ڪري، حضرت عمير جي جنازي ڏانهن وڌيو ۽ جڏهن لاش کي ڏٺائين ته لاش جو چؤگرد سونهري رنگ جا هزارين (رڍون) ماڻهو نظر آيس ۽ خوفزده ٿي ويو ۽ پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو ته جنهن مهل اونداهي ٿيندي ۽ اهي سونهري رڍون هليون وينديون ته ان وقت اچي کوپڙي ڪٽي ويندس. اسلامي تاريخدانن لکيو آهي ته جڏهن رات جو وقت ٿيو ته اهڙو ته وڏڦڙو مينهن وٺو جو هر پاسي ٻوڏ اچي وئي ۽ حضرت عمير رضي الله جو لاش ڪيڏانهن لڙهي ويو ۽ اهڙي طرح ان دشمن اسلام جي خواهش پوري ٿي نه سگهي. پر ٻئي مسلمان کي شهر کان ٻاهر ”تنعيم“ نالي جڳهه تي آڻي شهيد ڪيو ويو. ان مسلمان کي پهريائين هڪ صليب تي ليٽائي ٻئي ٻانهون ڊگهيون ڪري سندس هٿن ۾ وڏيون ڪليون لڳايون ويون، پر اهڙي شديد ايذائن جي باوجود ان مسلمان جي زبان تي صرف اهي لفظ هئا. ”لاالھ الاالله“ ان کان بعد ٻئي ٽنگون به اهڙيءَ طرح ڪلين سان بندي، ان صليب کي اُڀو ڪري بيهاريو ويو. اتي موجود عورتن ۽ ٻارن ان تي پٿر وسايا ۽ کيس نيزا هنيا ويا.
    مڪي وارن صليب تي ٽنگڻ جو طريقو يهودين کان سکيو هو، سن 625ع جون جي مهيني 3 هجري تي چاليهه مسلمان هڪ ٽولو ٺاهي ريگستاني قبيلي جي طرف روانا ٿيا ته جيئن انهن کي دعوت اسلام ڏني وڃي پر ”معوذه“ نالي کوهه وٽ ڪجهه بدوي باشندن انهن تي حملو ڪيو. جيئن ته مسلمان ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن اسين قيد ٿي وياسين ته پوءِ اسان کي خوفناڪ ايذائن سان مڪي ۾ قتل ڪيو ويندو. ان ڪري انهن آخري دم تائين مقابلو ڪيو ۽ سڀ جو سڀ شهيد ٿي ويا. لٽيرا ڪنهن کي به گرفتار نه ڪري سگهيا.


    رسول الله ﷺ جن خلاف قريش وارن جي نئين چال

    رسول الله ﷺ جن خلاف قريش وارن جي نئين چال

    جنگ احد جي خاتمي تي ابوسفيان مسلمانن کي وڏي واڪي ايئن چيو هيو ته جيڪڏهن توهان اسان سان ٻيهر مقابلي ڪرڻ جي خواهش رکو ٿا ته ايندڙ سال بدر جي بازار ۾ اسان توهان جو انتظار ڪنداسين.
    بدر جي بازار هر سال هڪ هفتي لاءِ لڳندي هئي، ان ڪري اڳئين سال 626ع اپريل ۾ حضرت محمد ﷺ جن هڪ هزا رپنج سؤ سپاهين سان بازار بدر ۾ پهچي ويا. هن دفعي سپاهين سان پنجاهه گهوڙا به شامل هئا جڏهن ته جنگ احد ۾ مسلمانن وٽ صرف ٻه گهوڙا موجود هئا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن درحقيقت ابوسفيان کي هي سمجهائڻ چاهن پيا ته مسلمان هن جي طاقتور فوجي واڌاري کان بلڪل نٿا ڊڄن ۽ هو جڏهن به ۽ جتي به چاهي مسلمان ساڻس مقابلي ڪرڻ لاءِ تيار آهن. پر ابوسفيان جيڪو ٻه هزار جنگي سپاهين سان بدر جي بازار ۾ آيل هو مسلمانن سان ٽڪرکائڻ جي جرائت نه ڪري سگهيو ۽ اهو بهانو ڪري واپس هليو ويو ته هن سال خشڪ ساليءَ سبب بدر ۽ ان جي اوس پاسي ۾ اٺن لاءِ کاڌو موجود نه آهي.
    ابوسفيان جو جنگ کان منهن موڙڻ سياسي طور تي مسلمانن لاءِ وڏي فائدي ۾ ويو. ڇو جو سڀ ماڻهو اهو سمجهي ويا ته ابوسفيان فوجي واڌاري جي باوجود مسلمانن سان مقابلي جي همٿ نه ڪري سگهيو. ان واقعي سان مسلمانن جي ساک وڌي ۽ انهن بدر جي بازار مان تجارت ۾ به وڏو فائدو حاصل ڪيو.
    ٻئي طرف قريش وارا چپ ڪري ڪونه ويٺا ۽ انهن مديني کي سياسي طورتي محاصري ۾ آڻڻ جون سازشون شروع ڪري ڏنيون. مڪي جا قريش جيڪي مديني کان چار سؤ ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ رهندا هئا، خيبر جي يهودين سان جنگي معاهدي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. خيبر مديني جي اتر ۾ ٻه سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي موجود اهڙو شهر هيو جتي صرف يهودي رهندا هئا ۽ انهن کان علاوه اتي ٻيو ڪوبه قبيلو رهي نه سگهندو هو.
    قريش جي قبيلي نه صرف خيبر جي يهودين کي پاڻ سان ڳنڍيو پر بني فزاره ۽ غطفان نالي قبيلن کي به مسلمانن جي خلاف ڀڙڪائيندا رهيا ۽ انهن کي به پاڻ سان گڏڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. بني فزاره ۽ غطفان نالي قبيلا مديني جي اتر ۾ ريگستاني علائقي ۾ رهندا هئا ۽ انهن نه صرف قريش سان رابطو قائم رکيو ۽ انهن جا اتحادي بڻيا پر خيبر جي يهودين به انهن سان ڳالهيون ٻولهيون شروع ڪيون ۽ اهو طئي ڪيائون ته هن سال کجين جو سمورو فصل قبيلي غطفان ۽ بني فزاره کي ڏنو وڃي ته جيئن ان جي بدلي ۾ هو حضرت محمد ﷺ جن خلاف لڙائيءَ ۾ يهودين ۽ قريش وارن جو ساٿ ڏين.
    ٻنهي قبيلن اها پيشڪش قبول ڪئي ۽ ان طرح مڪي جي قريش خيبر جي يهودين ۽ انهن ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ هڪ معاهدو ڪيو ويو جنهن جو مقصد مسلمانن کي ختم ڪرڻ يا انهن کي وڌڻ ويجهڻ کان روڪڻ هو.
    مديني جي اوڀر ۾ هڪ قبيلو رهندڙ هو جيڪو ”بنوسليم“ جي نالي سان مشهور هيو. ان قبيلي کي قريش وارن پنهنجو اتحادي بڻايو ۽ ان کان علاوه ٻيا به قبيلاجن ۾ هڪ ڪنان ۽ ٻيو ثاقف هو تن کي به قريش وارن پنهنجو اتحادي بڻايو. اهڙي طرح مدينو سياسي نقطه نظر سان اسلام دشمن طاقت هيٺ اچي ويو ۽ جلد ئي هي سياسي گهيراءُ هڪ مڪمل اقتصادي ناڪه بندي ۾ بدلجي ويو. ڇو جو مديني جا تجارتي قافلا نه ته اتر طرف وڃي سگهن پيا ۽ نه اوڀر طرف ۽ نه ئي ڏکڻ طرف رخ ڪري سگهن پيا. ان جو سبب هي هيو ته اتر ۾ بنو فزاره ۽ غطفان قبيلي جا بدوي قبيلا انهن جو رستو روڪن پيا ۽ ڏکڻ ۾ خود قريش ۽ ان جا اتحادي قبيلا ڪنان ۽ ثابت مسلمانن جو رستو روڪن پيا ۽ اوڀر ۾ بنو سليم قبيلو مديني جي قافلن جي ناڪه بندي ڪري رهيو هو.
    ان کان سواءِ هڪ ٻي ڳالهه جنهن محاصري کي مڪمل بڻايو ۽ رهيل سهيل ڪسر پوري ڪئي اها هيءَ هئي ته شام جي سرحد ويجهو جزيره عرب جي سرزمين تي هڪ اهڙو شهر هو جتان شام ۽ بين النهرين ڏانهن وڃڻ وارن سڀني قافلن جو اتان گذر هيو. يعني انهن ملڪن ڏانهن وڃڻ وارا جزيره عرب جا سڀئي قافلا ان شهر کان لنگهڻ تي مجبور هئا ان شهر جو نالو ”دومته الجندل“ هيو.
    ان شهر جي حڪمرانن مسلمانن کي خبردار ڪيو ته اڄ کان پوءِ انهن جي قافلن کي دومته الجندل کان گذرڻ جي اجازت نه هوندي. ان طرح مسلمان چئني طرفن کان دشمنن جي گهيري ۾ اچي ويا، ڇو ته شام ۽ بين النهرين جي طرف وڃڻ جو صرف اهوئي رستو هيو جيڪو مشرڪن ۽ يهودين جي سازشين سان بلڪل بند ڪيو ويو. ان صورتحال ۾ پيغمبر اسلام ﷺ ۽ ٻيا عام مسلمان تمام گهڻا متاثر ٿيا ڇو ته مديني ۾ بارشن سبب سبزيون ميوا ۽ ٻيا فصل ٿيندا هئا پر ان جي باوجود مديني جا شهري پنهنجي زندگيءَ جون سڀئي ضرورتون پنهنجي آمدنيءَ مان پوريون نه پيا ڪري سگهن ان ڪري مجبور هئا ته تجارت جي وسيلي شام ۽ بين النهرين کان ضروري شيون گهرايون وڃن.
    حضرت محمد ﷺ جن کي جيئن ته مديني جي اقتصادي ناڪه بندي تي ڏاڍو فڪر هو پر الله تي توڪل رکندا هئا ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ کي اها اُميد هئي ته حالتون سڌري وينديون ۽ مسلمان ان سخت تڪليف واريءَ آزمائش ۾ به ڪامياب ٿيندا.•
    مگر ائين هرگز نه آهي جيڪي مسلمان الله تي توڪل رکندا آهن اهي نه صرف اهو جو هٿ هٿ تي رکي ويهي نه رهندا آهن پر پنهنجي طرف کان پوري پوري ڪوشش ڪندا آهن ۽ ڪڏهن به مسلسل ڪوشش ڪرڻ کانسواءِ ويهي نه رهندا هئا. اهوئي سبب هيو ته هڪ باايمان مسلمان انهن سخت مشڪلاتن ۾ به نااميد نه ٿيندو هو پر الله جي ذات تي ڀروسو رکندي ان جي مدد جو طالب بڻجي مشڪلاتن سان منهن ڏيندو هئو.
    جڏهن مديني جي ناڪه بندي مڪمل طرح ٿي چڪي ته قريش وارن پنهنجي اتحادين ۽ منافقن جي سربراهه عبدالله بن ابي سان ملي پيغمبر اسلام ﷺ ۽ عام مسلمانن جي خلاف هڪ نئين چال هلائڻ جو منصوبو ٺاهيو. في الحال انهن جو منصوبو اهو هو ته ڪنهن به بهاني سان حضرت محمد ﷺ جن کي مديني کان ٻاهر آندو وڃي ۽ عام مسلمان مديني ۾ اڪيلا رهجي وڃن ۽ جيئن ئي رسول الله ﷺ جن مديني کان پري ٿين ته اسين اوچتو مسلمانن تي حملو ڪري انهن جو قتل عام ڪر ي ڇڏيون.
    درياءِ احمر جي ساحلي ڪناري تي هڪ قبيلو رهندو هو جنهن جو نالو بنومصطلق هو. ان قبيلي جو سربراه حرث (يا حارث) جي نالي سڏيو ويندو هو. قريشن ان قبيلي وارن کي مسلمانن جي خلاف ڀڙڪايو ۽ انهن قريش جي چوڻ تي مديني تي حملي جون تياريون ڪرڻ شروع ڪيون.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي جڏهن علم ٿيو ته بنومصطلق مسلمانن تي حملو ڪرڻ وارو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ ان هن جي پهچڻ کان اڳي ئي ان قبيلي جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه مديني کان روانگي جي وقت پاڻ سڳورنﷺ عبدالله بن ابي کي هيءَ پيشڪش ڪئي ته هو هڪ مسلمانن جي ننڍي ٽولي جي اڳواڻي سنڀالي ۽ انهن سان جنگي سفر تي هلڻ لاءِ تيار ٿئي.
    عبدالله بن ابي جيڪو منافقن جو سربراهه هو ۽ اندر ئي اندر مسلمانن کي نقصان پهچائڻ جي سوچي رهيو هو سو رسول الله ﷺ جن جي پيشڪش کي رد ته نه ڪري سگهيو پر بي دليائي سان پاڻ ﷺ جن سان گڏجي هلڻ لاءِ تيار ٿيو. حضرت محمد ﷺ جن عبدالله بن ابي کي ان بهاني ته هڪ ٽولي جي اڳواڻي سنڀالي، پاڻ سان گڏ جنگ تي وٺي ويا ۽ ان طرح منافقن جي جماعت مديني ۾ پنهنجي سربراه کان سواءِ رهجي وئي. ان حڪمت عمليءَ جو ٻيو نتيجو اهو به حاصل ٿيو ته حضرت محمد ﷺ جن جي غيرموجودگيءَ ۾ مديني تي قريش ۽ يهودين جي حملي جو منصوبو به پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو.
    ان جنگي سفر ۾ مسلمانن جو تعداد تمام گهٽ هيو ۽ ڪل سپاهي ٽيهه ماڻهو هئا، جن ۾ ڏهه مهاجر ۽ ويهه انصار هئا. جڏهن ته بنو مصطلق جي لشڪر ۾ ٻه سؤ سپاهي هئا. مديني جي اولهه ۾ اٺن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ٿيا ۽ جيتوڻيڪ بنومصطلق جي سپاهين جو تعداد مسلمانن جي مقابلي ۾ تقريباً ستوڻو هو. پر ان جي باوجود مسلمانن انهن جا ڏهه ماڻهو قتل ڪيا ۽ باقي سڀني کي مسلمانن گرفتار ڪري ورتو ۽ سڀني کي قيدي بڻائي ڇڏيو. ان جنگ ۾ مسلمان جو هڪ ماڻهو شهيد ٿيو.
    بنومصطلق قبيلي وارا مسلمانن سان جنگ ڪرڻ کان اڳ قريش جا فرمانبردار هئا. يا ائين چيو وڃي ته مسلمانن کي مٽائڻ لاءِ قريش جا اتحادي بڻجي چڪا هئا ۽ ان سبب ڪري اهي ماڻهو مسلمانن جي نظر ۾ ”حربي ڪافر“ هئا يعني اهي ڪافر جيڪي اسلام سان مقابلو ڪن. ان ڪري اهي سڀ قبيلي جا مرد ۽ عورتون مسلمانن جي غلاميءَ هيٺ اچي ويا، جن ۾ قبيلي جو سربراهه حارث به شامل هو.
    سڀني قيدين کي عربن جي دستور مطابق مسلمانن ۾ ورهايو ويو ۽ قبيلي جي سربراهه جي ڌيءَ ”بره“ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حصي ۾ آئي. اها هڪ بيوه عورت هئي، قيد ٿيڻ کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جن وٽ پهتي ۽ چيائين ته مان ٻڌو آهي ته اوهان الله جا رسول آهيو ۽ منصف عادل انسان به. ان ڪري هاڻي جڏهن ته مان اوهان وٽ قيدي بڻجي چڪي آهيان ته خدارا اهڙي تدبير ڪڍو جومان پهريون وانگر آزاد ٿي وڃان.
    رسول الله ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته اسان توکي زبردستي ظلم ڪري قيد نه ڪيو آهي پر تون پنهنجي پيءُ جي غلط رويي سببب گرفتار ٿي آهين. جيڪڏهن تنهنجو پيءُ مسلمانن سان دشمني نه ڪري ها ۽ اسان تي حملي ڪرڻ جي سوچ نه رکي ها ته اڄ نه هو پاڻ گرفتار ٿئي ها ۽ نه تون مون ۾ اها اميد رکين ها ته مان توکي آزاد ڪرڻ جي تدبير ٻڌايان.
    بره پنهنجي بيوسي تي روئي ڏنو ۽ چيائين ته مان اڄ تائين ڪنهن جي به نوڪرياڻي نه رهي آهيان ۽ نه وري آئنده نوڪرياڻي ٿي رهندس.
    اها صورتحال ڏسي پيغمبر اسلام ﷺ جن ڪجهه وقت سوچ ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ بره سان مخاطب ٿي فرمايائون... ”ڇا تون رسول الله ﷺ جي زوجيت ۾ اچڻ پسند ڪندينءَ؟“ جيڪي ماڻهو حاضر هئا اهو ٻڌي حيران ٿي ويا. پر اهي اهو نه پيا ڄاڻي سگهن ته ان ڳالهه ۾ ڪهڙو سبب پوشيده آهي. بنومصطلق جي قبيلي جي سربراه جي ڌي اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ اهڙي طرح هڪ قيد ٿيل عورت حرم رسول الله ﷺ ۾ داخل ٿي چڪي ۽ هي اهائي خاتون آهي جيڪا ازواج مطهرات ۾ جَوِيريه رضي الله بنت حارث جي نالي سان سڏي ويندي آهي ڇو ته رسول الله ﷺ جن سندس نڪاح وقت نالو تبديل ڪري ”جويريه“ رکيو هو.
    بهرحال حضرت جويريه رضي الله جي رسول الله ﷺ جن جي حرم ۾ داخل ٿيڻ بعد عام مسلمانن جي توجه ان ڳالهه تي رهي ته اڄ کان پوءِ حضرت جويريه رضي الله جو والد پيغمبر اسلام ﷺ جن جو سهرو ٿي چڪو آهي ۽ اها ڳالهه زيب نه ٿي ڏئي ته رسول الله ﷺ جن جو سهرو هڪ غلام يا قيدي ٿي رهي. انهيءَ ڪري حارث جي مالڪ به اعلان ڪيو ته جيئن حارث اسان جي پياري پيغمبر ﷺ جو سهرو بڻجي چڪو آهي، ان ڪري مان کيس آزاد ڪريان ٿو.
    ليڪن جزيره عرب ۾ هڪ قبيلي جا سڀ باشندا پاڻ ۾ رت جي رشتي ۾ ڳنڍيل هوندا آهن ۽ سڀئي هڪ ئي خاندان سان تعلق رکندا آهن. ان ڪري سڀ ماڻهو جيڪي ان ڏينهن مسلمانن جي هٿان قيدي ٿي چڪا آهن، حضرت جويريه رضي الله جي نسبت سان پيغمبر اسلام ﷺ جن جا قريبي رشتيدار سڏائڻ لڳا. مسلمان انهن کي پنهنجو غلام يا نوڪر ڪرڻ نه پيا چاهن، ان ڪري ٻين مسلمانن بنو مصطلق جي سڀني ماڻهن کي خوشي سان آزاد ڪري ڇڏيو.
    قبيلي بنومصطلق جي ماڻهن جڏهن مسلمانن جي جوان مردي ۽ مهرباني ڏٺي ته اهي سمورا مسلمان ٿي ويا. سڀ کان اڳ انهن جي رئيس اسلام قبول ڪيو پوءِ قبيلن جي ٻين ماڻهن به اسلام قبول ڪيو. مسلمان ٿيڻ بعد قبيلو بنومصطلق اسلام جي وفادار قبيلن ۾ شامل ٿي ويو ۽ انهن قبيلي جي ماڻهن مختلف جنگين ۾ عظيم ڪارناما انجام ڏنا. جڏهن بنومصطلق جا سمورا مرد ۽ عورتون مسلمان ٿيون تڏهن وڃي پوءِ سڀني مسلمانن اهو سمجهيو ته پاڻ سڳورنﷺ حضرت جويريه سان جيڪو رشتو ڪيو ان جو مقصد ڇا هئو. ان وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن ان تعلق رکڻ سبب هڪ مشرڪ ۽ اسلام دشمن قبيلي کي نه صرف اسلام جو حامي بڻايو پر ان سان اسلام جي ترقي هڪ منزل اڳتي وڌي چڪي هئي.
    ٻئي طرف منافقن جو سربراه عبدالله بن ابي، جيڪو بي دليو ۽ ڏيکاءَ خاطر مديني کان نڪري مسلمانن سان گڏجي آيو هو، جڏهن مسلمانن جي اها ڪاميابي ڏٺائين ۽ اهو مشاهدو ڪيائين ته پيغمبر اسلام ڪهڙي طرح هڪ اسلام دشمن قبيلي کي پنهنجو ساٿي بڻائي ڇڏيو ته ان جي دل ۾ باهه لڳي وئي ۽ هو ساڙ جي ٽانڊن ۾ پڄرڻ لڳو. ان دل ئي دل ۾ عهد ڪيو ته هڪ نئين چال هلائي مسلمانن ۾ نفاق جو ٻج ڇٽي هنن کي پاڻ ۾ الجهائي ڇڏيان ته جيئن پيغمبر اسلام ﷺ جن مديني جلدي واپس نه موٽن ان طرح اسلام دشمن ماڻهن کي مديني تي حملي ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني ٿي سگهي. جيئن ته اهو پهريون ذڪر ٿي چڪو آهي ته قريش وارن پنهنجي اتحادين ۽ عبدالله بن ابي جي صلاح سان اهو منصوبو بڻايو هو ته جيئن ئي رسول الله ﷺ جن مديني کان پري ٿين ته مديني جي باقي مسلمان باشندن تي حملو ڪري قتل عام ڪيو وڃي.
    بهرحال عبدالله بن ابي پنهنجي فتني جو آغاز هن طرح ڪيو جو۽ سڀ کان پهريان اسلام جي سپاهين سان جيڪي مهاجر هئا انهن کي الڳ سڏائي رازداري جي انداز ۾ چوڻ لڳو، ”توهان ڏٺو! رسول الله ﷺ ڪهڙي طرح توهان ماڻهن کي پنهنجي حق کان محروم ڪري ڇڏيو.“
    مهاجرن پڇيو ته، ”رسول الله ﷺ جن اسان کي ڪهڙي حق کان محروم ڪيو آهي؟“ عبدالله بن ابي دل ڏکيل انداز ۾ چيو ”ڀائرو! توهان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي مديني کان پري سفر جون تڪليفون سهي هتي پهتا ۽ هتي پنهنجون جانيون خطري ۾ وجهي ان اميد تي بنومصطلق قبيلي سان لڙائي ڪئي ته ڪجهه نه ڪجهه مال غنيمت حاصل ٿيندو، پر جنگ ختم ٿيڻ بعد رسول الله ﷺ جن قبيلي جي سربراه سان ناتو جوڙي توهان سڀني کي ڪجهه ڏيڻ بدران قيدين کي آزاد ڪرڻ تي به مجبور ڪري ڇڏيو ۽جڏهن هاڻي اسان مديني واپس موٽي رهيا آهيون ته توهان جا هٿ بلڪل خالي آهن ۽ توهان کي پنهنجي محنت مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو.“
    مهاجرن ۾ وسوسي وجهڻ کان پوءِ عبدالله بن ابي انصار وٽ پهتو ۽ انهن کي هڪ جڳهه گڏ ڪري همدردي ڏيکارڻ لڳو ۽ انهن کي چوڻ لڳو ته، ”هن ڀيري اوهان جان جي جوکي ۾ وجهڻ واري سفر ۾ توهان نقصان ۾ ويا پر مان ته ائين چوندس ته توهان سان دوکو ٿيو آهي.“ انصارين حيران ٿي پڇيو ”دوکو؟ ڪهڙو دوکو؟“
    عبدالله بن ابي جواب ڏنو ته، ”ڇاهي دوکو نه آهي جو توهان کي مال غنيمت کان محروم ڪيو ويو، مون کي ته اها حيرت آهي ته توهان پنهنجي غلامن کي ڇا جي ڪري ڇڏي ڏنو. ڇا توهان انهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جان جوکي ۾ نه وڌي هئي، توهان جو ڇا؟ پاڻ رسول الله ﷺ جن حارث سان ناتو جوڙي اوهان کي جنگ جي غنيمت کان به محروم ڪري ڇڏيو.“
    انصارين جواب ڏنو ته رسول الله ﷺ ۽ حضرت جويريه رضي الله جي شادي واري رشتي اسلام کي طاقت بخشي آهي ۽ هڪ پورو قبيلو مسلمان ٿي ويو آهي، ان ڪري اسان کي ان ڳالهه جي ڪابه شڪايت نه آهي ته اسان مال غنيمت کان محروم ٿياسون. اسان ته اها ڳالهه سوچيندائي نه آهيون ڇو ته اسان دنيا جي مال جي خاطر نه، پر اسلام جي خاطر جان قربان ڪندا آهيون.
    منافقن جي سردار عبدالله بن ابي جڏهن اهو محسوس ڪيو ته منهنجي هيءَ چال نه هلي سگهي ته هن ٻنهي مسلمانن جي ٽولن مهاجر ۽ انصارن جي وچ ۾ فساد وجهڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ مهاجرن کي اهڙيون من گهڙت ۽ بي بنياد ڳالهيون ٻڌائڻ لڳو جو انهن ڳالهين سان مهاجرن جي دلين ۾ انصار جي باري ۾ بدگمانيون پيدا ٿي پيون.
    عبدالله بن ابي ان منصوبي جي ويجهو مَس پهتو ته جيئن هن ٿورڙي لشڪر ۾ انتشار ڦهلجي وڃي ۽ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي سامهون تلوارون ڪڍي مقابلو ڪن ته ايتري وقت اندر عبدالله بن ابي جي جوان پٽ جيڪو سفر ۾ شامل هو، رسول الله ﷺ جن کي ساريءَ حقيقت کان آگاه ڪيو ته جيڪڏهن جلدي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي ته مسلمانن جون تلوارون هڪ ٻئي جي خلاف مياڻ کان نڪري اينديون ۽ پاڻ ۾ جهڳڙو شروع ٿي ويندو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي خلوص ڪلامي سان مسلمانن جون بدگمانيون دور ڪيون ۽ مديني ڏانهن روانا ٿيا ۽ سڀني کي اها تاڪيد فرمايائون ته جلدي ۽ تيز رفتاري سان سفر کي پورو ڪريو ڇو جو پاڻ سڳوراﷺ ان ڳالهه کي بخوبي ڄاڻن پيا ته فرصت ۽ بيڪاري ٻه اهڙيون شيون آهن جو واندي انسان کي غلط ۽ بيهوده خيالن ۾ اُلجهائي رکنديون آهن.
    رستي ۾ عبدالله بن ابي جي پٽ رسول الله ﷺ جن کي چيو ته، ”يا رسول الله ﷺ جيئن ته مان اوهان کي ٻڌايو ته منهنجو پيءُ مسلمانن کي اوهان کان بدظن ڪري (نعوذبالله) اوهان کي رستي تان هٽائڻ چاهي ٿو ۽ جيئن ته هن اوهان جي زندگيءَ سان کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته منهنجي خيال ۾ هن شخص جي گهٽ ۾ گهٽ سزا موت آهي ۽ جيڪڏهن اوهان حڪم فرمايو ته مان پنهنجي هٿن سان کيس اها سزا ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. جيتوڻيڪ هو منهنجو پيءُ آهي پر جڏهن مون ان کي سڃاتو ته هو منهنجي آقا، منهنجي رسول ﷺ جي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي ۽ ايتري تائين جو پاڻ ﷺ جن جان جي پويان آهي ته منهنجي خيال ۾ ان جي سزا موت آهي ۽ اوهان ﷺ جڏهن به حڪم ڪيو ته مان ان جو سر اوهان جي قدمن ۾ آڻي رکان.
    پاڻ سڳوراﷺ عبدالله بن ابي جي جوان پٽ جي ڳالهين تي ڏاڍو متاثر ٿيا ڇو ته هن جي ڳالهين ۾ مڪمل صداقت، خلوص نيت ۽ رسول الله ﷺ جن سان والهانه عقيدت ۽ محبت ظاهر هئي. پر پاڻ سڳورنﷺ هن کي فرمايو ته توکي پنهنجي پيءُ جي قتل ڪرڻ جي اجازت نه آهي ۽ نه وري اهو مان چاهيندس ته هو ڪهڙي به طريقي سان هلاڪ ٿئي پر منهنجي خواهش اها آهي ته هو زنده رهي اسان سان زندگي بسر ڪري. شايد الله ان کي هدايت جي راهه وٺائي.
    جيتوڻيڪ حضرت محمد ﷺ جن اهو ڄاڻندا هئا ته عبدالله بن ابي خيانتي آهي پر پاڻ سڳورنﷺ ان جي موت جو حڪم جاري نه ڪيو ڇو ته پاڻ ﷺ فطري طورتي انتهائي مهربان، اعليٰ ظرف ۽ نرم دل انسان هئا ۽ هرگز پنهنجي دشمنن کان انتقام نه وٺندا هئا.
    پر رئيس المنافقين عبدالله بن ابي حق شناس نه هيو، جيئن ته رسول الله ﷺ جن ان کي عفوو درگذر سان نوازيو ۽ ان جي جان بخشي ڪئي پر هن پاڻ سڳورنﷺ جن جي احسان مندي ۽ شڪرگذاري بجاءِ اهو پڪو پهه ڪيو ته جڏهن به مناسب موقعو مليو ته هڪ دفعو ٻيهر پاڻ ﷺ جن تي وار ڪندس. اتفاق سان هڪ اهڙو موقعو ان کي مليو. ان واقعي جو تفصيل هن ريت آهي ته:
    جڏهن به پيغمبر اسلام ﷺ جن سفر تي ويندا هئا ته پنهنجي گهروارين مان هڪ کي ساڻ وٺي ويندا هئا. هن سفر ۾ حضرت عائشه جن جو وارو هو ته اها رسول الله ﷺ جن سان سفر ۾ هلي. حضرت عائشيه اٺ تي ٻڌل ڪجاوي تي ويٺي ۽ اسلامي قافلي سان ميدان جنگ جي طرف رواني ٿي.
    ميدان جنگ کان واپسي تي جڏهن مسلمانن جو قافلو مديني ڏانهن روانو ٿي رهيو هو ته بيبي عائشه ڪنهن ضرورت جي سبب اٺ تان لٿي ۽ جڏهن واپس موٽي ته ڏٺائين ته قافلو وڃي چڪو آهي. جڏهن قافلو روانو ٿيو ته جيئن ئي حضرت عائشه جي ڪجاوي جو پردو هيٺ لڙڪيل هو ۽ قافلي وارن ايئن سمجهيو ته هوءَ ان جي اندر سُتي پئي آهي ۽ ايئن ڪجائي ۾ ان جي غيرموجودگيءَ جو ڪنهن کي به علم نه ٿي سگهيو. قافلو روانو ٿي ويو اهڙي ريت حضرت عائشِه قافلي کان پوئتي رهجي ويئي.
    جڏهن حضرت عائشه جن کي اهو احساس ٿيو ته قافلو وڃي چڪو آهي ۽ هوءَ قافلي کان الڳ ٿي چڪي آهي ته ڏاڍو گهٻرائجي ويئي ۽ قافلي جي پيٺيان ڊوڙندي رهي پر قافلي تائين نه پهچي سگهي ۽ ٿڪجي زمين تي ويهي رهي ۽ مايوسيءَ جي حالت ۾ آسمان جي طرف هٿ کڻي التجا ڪرڻ لڳي. ”اي الله مون کي هن مشڪل مان نجات ڏي.“
    ڪجهه دير کان پوءِ هڪ نوجوان شخص جيڪو تيز رفتار اٺ تي سوار هيو، اتي پهچي ويو. جنهن جو نالو صفوان بن معطل سهمي هو. حضرت صفوان رضي الله اسلامي قافلي جي پٺيان هلي رهيو هو، ان جي ذمي اهو ڪم هيو ته قافلي وارن جي رهجي ويل ۽ گم ٿيل سامان پاڻ سان کڻي اصل مالڪ تائين پهچائي.
    حضرت صفوان رضي الله جڏهن حضرت عائشيه جي ويجهو پهتا ۽ سڃاڻي ورتائون ته چيائين، ”يا ام المؤمنين! اوهان هتي اڪيلو ڪئين؟ ۽ ڇا جي لاءِ روئي رهين آهين؟ حضرت عائشيه سموري ماجرا ٻڌائي ته ڪيئن قافلي کان رهجي ويس. حضرت صفوان بن معطل رضي الله کين پنهنجي اٺ تي ويهاريو ۽ پاڻ اٺ جي مهار وٺي مديني جي طرف روانا ٿيو ۽ اسلام قافلي جي مديني پهچڻ کان هڪ ڏينهن بعد مديني ۾ داخل ٿيو.
    جڏهن عبدالله بن ابي اهو ٻڌو ته صفوان رضي الله بن معطل بيبي عائشه کي مديني وٺي آيو آهي ته ان کي اهو احساس ٿيو ته مان جنهن گهڙي جي انتظار ۾ هيس سا گهڙي اچي ويئي آهي ۽ حضرت محمد ﷺ تي بهتان ۽تهمت لڳائڻ جو ان کان وڌيڪ مناسب موقعو نصيب نه ٿيندو.
    ڪجهه ٻيا ماڻهو به رسول الله ﷺ جن کي ذهني دٻاءُ پهچائڻ جي مهم ۾ عبدالله بن ابي سان گڏجي پيا. انهن ۾ زيد بن رفا ۽ حسان بن ثابت نالي شاعر به شامل هو. ان کان علاوه مسطح بن اثاثه شخص به انهن ماڻهن سان گڏجي پيو جيڪو درحقيقت حضرت عائشه جو رشتيدار هو.
    عبدالله بن ابي ۽ ان جو ٽولو صبح کان شام تائين مديني جي گهٽين، محلن ۾ مختلف افواهون ڦهلائڻ ۾ گذاريندا هئا ۽ حضرت عائشه ۽ حضرت صفوان بن معطل رضي الله تي طرح طرح جا بهتان ۽ تهمتون لڳائيندا رهندا هئا.
    يهودي به جيڪي دل ئي دل ۾ مسلمانن جي دشمن هئا، ان شرانگيز افواهن کي وڌائي ڦهلائڻ لڳا ۽ انهن جي هڪ گلاخور شاعر پنهنجي شاعري جي زور تي ڪجهه اهڙي طرح هن افواهه کي زور وٺرايو، جنهن سان نه صرف پيغمبر اسلام ﷺ جن جي دل کي تڪليف پهچائي پر عام مسلمان به سخت پريشان ۽ مايوس ٿيڻ لڳا.
    اسلامي تاريخدانن لکيو آهي ته اها صورتحال تقريباً هڪ مهيني تائين جاري رهي. ان صورتحال دوران حضرت عائشه تي نهايت سخت غم ۽ ڏک جون گهڙيون گذريون، ايتري تائين جو هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ جن حضرت عائشه کي فرمايو ته، ”اوهان کي خبر آهي ته ماڻهو توهان لاءِ ڇا چئي رهيا آهن؟“
    حضرت عائشه جي اکين مان نير جاري ٿي ويا ۽ وڏي مشڪل سان چيائين ته، رسول الله ﷺ منهنجي باري ۾ جيڪو ڪجهه چيو وڃي ٿو سو سراسر ڪوڙ ۽ بهتان آهي بخدا مون ڪابه خطا نه ڪئي آهي! ان وقت وحي نازل ٿي ۽ حضرت عائشه جي بي گناهيءَ جي باري ۾ پهرين آيت نازل ٿي جيڪا قرآن مجيد ۾ چويهين سورة النور جي يارهين آيت آهي.
    اِنَّ الَّذِیۡنَ جَآءُوۡ بِالۡاِفۡکِ عُصۡبَۃٌ مِّنۡکُمۡ ؕ لَا تَحۡسَبُوۡہُ شَرًّا لَّکُمۡ ؕ بَلۡ ہُوَ خَیۡرٌ لَّکُمۡ ؕ لِکُلِّ امۡرِیًٔ مِّنۡہُمۡ مَّا اکۡتَسَبَ مِنَ الۡاِثۡمِ ۚ وَ الَّذِیۡ تَوَلّٰی کِبۡرَہٗ مِنۡہُمۡ لَہٗ عَذَابٌ عَظِیۡمٌ ﴿۱۱﴾
    يعني: اهي ماڻهو جن طوفان مچايو (يعني الزام لڳايو) توهان منجهان ئي آهن ۽ هي گمان نه ڪيو ته انهن جو بهتان ۽ تهمت توکي نقصان پهچائيندي. پر اها تنهنجي فائدي ۽ بهتريءَ ۾ آهي ۽ الله ڪوڙ ڳالهائڻ وارن کي سزا ڏيندو ۽ جنهن وڏو ڪوڙ ڳالهايو (يعني عبدالله بن ابي) ته ان کي وڏي عذاب ۾ مبتلا ڪيو ويندو.
    سورة النور آيت ٻارهين ۾ آهي ته:
    لَوۡ لَاۤ اِذۡ سَمِعۡتُمُوۡہُ ظَنَّ الۡمُؤۡمِنُوۡنَ وَ الۡمُؤۡمِنٰتُ بِاَنۡفُسِہِمۡ خَیۡرًا ۙ وَّ قَالُوۡا ہٰذَاۤ اِفۡکٌ مُّبِیۡنٌ ﴿۱۲﴾
    يعني: جنهن وقت اوهان اهو بهتان ٻڌو تڏهن ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين عورتن پنهنجن ماڻهن ۾ ڇو چڱو گمان نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته هي سڌو سنئون ڪوڙ آهي.
    سوة النور جي تيرهين آيت تهمت لڳائڻ جي باري ۾ آهي ته:
    لَوۡ لَا جَآءُوۡ عَلَیۡہِ بِاَرۡبَعَۃِ شُہَدَآءَ ۚ فَاِذۡ لَمۡ یَاۡتُوۡا بِالشُّہَدَآءِ فَاُولٰٓئِکَ عِنۡدَ اللّٰہِ ہُمُ الۡکٰذِبُوۡنَ ﴿۱۳﴾
    يعني: ان (ڳالهه) تي چار شاهد ڇو نه آندائون، پوءِ جڏهن شاهد نه آندائون ته اهي ئي الله وٽ ڪوڙا آهن.
    جيڪي ماڻهو اسلامي حڪمن کان واقف هوندا اهي هي ضرور ڄاڻندا آهن ته جيڪڏهن ڪنهن مسلمان مرد يا عورت تي گناهه يعني ڪاري هجڻ جو الزام لڳايو وڃي ته نص قرآني آيتن جي مطابق چار شاهد پيش ڪرڻ ضروري آهن ۽ چئني شاهدن کي اها گواهي ڏيڻي پوندي ته انهن پنهنجي اکين سان هن ماڻهوءَ کي گناهه ڪندي ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن تي تهمت هڻي ۽ ان تي فرد جرم عائد ڪري پر پنهنجي الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ چار شاهد پيش نه ڪري سگهي ته هو خود ڪوڙي الزام لڳائڻ جي جرم ۾ سزا جو حقدار آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بيبي عائشه جي بي گناهيءَ جي ثبوت لاءِ خود الله تعاليٰ سورة النور ۾ آيتون ان جي صفائي ۽ بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ نازل فرمايون ۽ اهڙي طرح پنهنجي رسول الله ﷺ ۽ ٻين عام مسلمانن کي بي فڪر ڪري ڇڏيو ته يقيناً رسول الله ﷺ جن جي گهرواري ڪنهن به خطا ۾ شامل نه آهي.
    انهن آيتن جي نازل ٿيڻ بعد جن ۾ بيبي عائشه جي بيگناهي ثابت ٿي چڪي آهي، سمورن مسلمانن کي دلي سڪون حاصل ٿيو ۽ بي فڪر ٿي ويا. ٻي طرف عبدالله بن ابي جيڪو هي سمجهي رهيو هو ته ان بهتان جي چال سان حضرت محمد ﷺ ۽ ٻين عام مسلمانن تي ڪاري ضرب لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس، پنهنجو ڀيلو منهن ڪري ويهي رهيو ۽ ان اهو ڏٺو ته هن جي اها چال به ڪارگر ثابت نه ٿي.
    انهن آرام بخش ۽ دلي سڪون ڏيندڙ آيتن جي نازل ٿيڻ بعد مسلمان بي فڪر ٿي پنهنجو پاڻ کي آئينده جنگ جي لاءِ تيار ڪرڻ لڳا.


    جزيرھ العرب ۾ پهريون دفعو خندق کوٽي وئي

    جزيرھ العرب ۾ پهريون دفعو خندق کوٽي وئي

    حضرت محمد ﷺ جن کي پنهنجي خصوصي طريقي يعني اطلاع حاصل ڪرڻ واري تنظيم جي ذريعي باقاعده خبر ملي چڪي ته مڪي جا قريش ڏهه هزار سپاهين سان مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ تياري ۾ آهن ته جيئن اسلام ۽ مسلمانن جو نالو نشان مٽائي ڇڏجي.
    جيتوڻيڪ مڪي جا قريش ڏهه هزار فوج وٺي مديني تي حملي ڪرڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا هئا پر اهي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي جنگي صلاحيتن کان ايتري قدر خوفزده هئا جو اهي پاڻ سڳورنﷺ جن جي موجودگيءَ ۾ مديني تي حملي ڪرڻ جي همٿ نه پيا سمجهن پر ان گهڙيءَ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جڏهن پاڻ ﷺ جن مديني کان ٻاهر وڃن ته پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جي غيرموجودگيءَ ۾ يهودين ۽ منافقن جي مدد سان مسلمانن تي حملو ڪريون.
    قريش وارن کي پيغمبر اسلام ﷺ جن جو مديني کان ٻاهر رهڻ جو انتظار ان لاءِ هيو ته اهي ڄاڻن پيا ته پاڻ ﷺ جن مديني جي اقتصادي ناڪه بندي ٽوڙڻ لاءِ دومته الجندل نالي هڪ سرحدي شهر ڏانهن وڃڻ لاءِ مجبور آهن ته اتان جي حڪمرانن سان مذاڪرات ڪري سگهجي. دومته الجندل جي حڪمرانن خيبر جي يهودين ۽ مڪي جي مشرڪن سان ملي ”اتحاد ثلاثه“ جو بنياد رکيو هو، جنهن جو مقصد ملڪ شام ۽ بين النهرين ڏانهن وڃڻ وارن مديني جي قافلن جو رستو روڪڻ هو.
    جيئن ته پيغمبر اسلام جن اهو ڄاڻن پيا ته مڪي جا مشرڪ هڪ وڏي فوج وٺي عنقريب مديني تي حملو ڪرڻ وارا آهن، پر پوءِ به پاڻ سڳورنﷺ جن مديني کان نڪري دومته الجندل ڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جيئن ته انهن سان مذاڪرات ۾ ناڪامي جي صورت ۾ مقابلو ڪري مديني جي قافلن تي عائد پابندي ختم ڪري سگهجي ۽ سندن ۾ قافلا بي خوف ٿي اچي وڃي سگهن.
    دومته الجندل جي حڪمرانن شام ۽ بين النهرين ڏانهن وڃڻ وارن مديني جي قافلن تي پابندي لڳائي مديني ۾ اقتصادي بحران پيدا ڪري ڇڏي هو ۽ انهن کي ساهه کڻڻ جي به اجازت نه ڏني وئي هئي. ان ڪري پاڻ سڳوراﷺ مجبور ٿي مديني جي شهر لاءِ فوراً ڪو قدم کڻڻ چاهيو ٻي صورت مديني جي معاشي حالت خراب ٿيڻ جو وڏو انديشو هو جنهن جو پوري معاشرتي نظام تي اثر ٿي رهيو هو.
    ان ڪري مديني تي حملي جي خطري هئڻ جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن دومته الجندل ڏانهن ان ڪري وڃي رهيا هئا، هڪ ته مديني ۽ دومته الجندل جي وچ ۾ زياده فاصلو نه هيو ۽ ٻيو هي ته اسلامي جاسوسن جو اطلاع هيو ته في الحال مڪي جي مشرڪن جي جنگي تياري مڪمل نه ٿي آهي. اهوئي سبب هو جو پاڻ سڳوراﷺ هڪ هزار جنگي جوان ساڻ ڪري مديني کان نڪري دومته الجندل ڏانهن روانا ٿيا. رستي ۾ عطفان قبيلي جي سرزمين وٽان گذرندي پاڻ سڳورنﷺ جن بهتر سمجهو ته هن قبيلي جي سردار سان به ملاقات ڪري ان کي به چيو وڃي ته جنگ جي صورت ۾ ڪنهن جي به طرفداري نه ڪري.
    قبيلي غطفان جي رئيس حضرت محمد ﷺ جن سان مذاڪرات ڪندي صاف ۽ سڌي طرح ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته هو قريش ۽ خيبر جي يهودين سان اتحاد ڪري چڪو آهي ۽ اتحاد جي بدلي ۾ ان کي يهودين جي طرفان تمام گهڻي مقدار ۾ کارڪون مليون آهن، جيڪڏهن مسلمان انهن کان زياده کارڪن ڏيڻ لاءِ آماده ٿين ته هو غيرجانبدار رهڻ لاءِ تيار آهي!... پر اڃان گفتگو جاري هئي ته قبيلي جي سردار چيو، ”يامحمد ﷺ مون وٽ زياده وقت نه آهي جو گفتگو ڪئي وڃي، مون کي پنهنجا ماڻهو وٺي قريش وارن ڏي وڃڻو آهي ڇو جو هو تمام جلدي مديني تي حملو ڪرڻ وارا آهن.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن غطفان جي ان ڳالهه جي جاچ ڪرائي ۽ معلوم ٿيو ته اهو اطلاع صحيح آهي. رسول الله ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته رئيس غطفان قبيلي جو دوکي بازي کان ڪم نه وٺي رهيو آهي. پوءِ به پاڻ سڳورنﷺ جن اهو خيال ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته قريش وارن هن شخص کي غلط اطلاع پهچايو هجي ان ڪر پاڻ ﷺ جن ان ڳالهه جي جاچ ڪرائي ۽ اهو معلوم ٿيو ته واقعي ئي قريش جي فوج مديني ڏانهن رواني ٿي چڪي آهي. ان وقت پاڻ سڳورنﷺ به واپسي جو فيصلو ڪيو ۽ جلدي مديني پهچي ويا.
    منافقن ۽ يهودين جا ٽولا جيڪي پاڻ سڳورنﷺ جي غيرموجودگيءَ ۾ خوش هيا جڏهن مديني واپس پهچندي ڏٺائون ته وڏي حيرت ۾ پئجي ويا. ڇو ته پاڻ سڳورنﷺ جن جي حالت کان واقف هئا ته پاڻ ﷺ جڏهن به ڪنهن جنگي مشن تي روانا ٿيندا هئا ته جنگ جي خاتمي تائين واپس نه موٽندا هئا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي مديني واپسي بعد خوزه نالي قبيلي جا ڪجهه ماڻهو مديني ۾ داخل ٿيا ۽ اطلاع ڏنائون ته قريش جي فوج مڪي کان مديني ڏانهن رواني ٿي چڪي آهي، انهن اطلاع ڏنو ته مڪي جي فوج کي مديني پهچڻ ۾ يارهن ڏينهن لڳي ويندا. اسين بناڪنهن آرام جي رات ڏينهن تيز رفتاري سان هتي چئن ڏينهن اندر پهتاآهيون، انهن وڌيڪ اهو به اطلاع ڏنو ته هن دفعي قريش جي فوج ڏهه هزار سپاهي ساڻ ڪري اچي رهي آهي ته تيستائين مڪي واپس نه ٿينداسين جيستائين اسلام کي مڪمل ختم نه ڪريون.
    ان خبر ملندي ئي پيغمبر اسلام جن سمورن مسلمانن کي گڏ ڪرايو ۽ انهن کي حڪم ڏنائون ته وقت ضايع ڪرڻ کان سواءِ جنگ جون تياريون شروع ڪيون وڃن ڇو ته هن دفعي مشرڪن جو تعداد تمام گهڻو آهي ان ڪري اسان کي ان جي بچاءُ جو طريقو اختيار ڪرڻو آهي.
    قريش جي هن وڏيءَ فوج جي بچاءَ لاءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن هڪ وڏي ”خندق“ کاهي کوٽرائڻ جو منصوبو تيار ڪيو. ان ڪري هن جنگ کي جيڪا 627ع هجرت جي پنجين سال شوال جي مهيني ۾ مسلمانن ۽ مشرڪن جي وچ ۾ لڳي ”جنگ خندق“ جو نالو ڏنو ويو. جيئن ته هن جنگ ۾ قريش جي طرفان مختلف جماعتن ۽ گروپن شرڪت ڪئي، ان ڪري هن جنگ کي ”جنگ احزاب“ جو نالو به ڏنو ويو.
    حضرت محمد ﷺ جن جي ”خندق“ واري حڪمت عملي نه صرف عام ماڻهن پر جنگي ماهرن جي لاءِ به حيرت جو سبب بڻي. ڇو ته اهڙي جنگي چال جزيره عرب ۾ بلڪل نئين ڳالهه هئي ۽ قريش حيران هئا ته مسلمانن کي اها ڳالهه ڪيئن سمجهه ۾ آئي ۽ ڪيڏو نه ماهر انداز ۾ ان تي عمل ڪرايو. دراصل جنگ جي دوران ڪنهن جنگي حڪمت عملي کي صرف سمجهڻ ئي جنگي صلاحيتن جو ثبوت نه آهي. ڇو ته ڪيترائي ماڻهو گهر ويٺي ڪاغذ تي لڙائي جو نقشو ٺاهيندا آهن ۽پنهنجي ”ماهرانه“ چالن سان دشمن کي ڍير ڪري ڇڏيندا آهن. پر جڏهن اهي ماڻهو جنگ جي ميدان ۾ لهندا آهن ته انهن جي ڪابه چال ڪامياب نه ٿيندي آهي ۽ جنگ شروع ٿيڻ سان ئي انهن جا سڀ منصوبه واريءَ جي ٺهيل ديوار ثابت ٿيندا آهن.
    جزيره عرب ۾ دشمن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ”خندق“ کاهي کوٽڻ جو مسئلو ۽ جنگ بدر ۽ جنگ احد ۾ خاص صف بندي ڪرائڻ بلڪل نئين ڳالهه ۽ نه سمجهه ۾ اچڻ جهڙي هئي. اهي ڪم به هن سرزمين جي تاريخ ۾ پهريون دفعو حضرت محمد ﷺ جن جي هٿن سان سرانجام ٿيا.
    مسلمانن ۾ هڪ معزز صحابي هيو، جنهن جو نالو ”روزبه مهيار“ هو. عام مسلمان ان کي سلمان فارسي جي نالي سان سڃاڻندا آهن. ان پيغمبر اسلام ﷺ جن کي ٻڌايو ته ملڪ عجم ۾ ڪنهن قلعي يا شهر جي بچاءَ لاءِ ان جي چوڌاري خندق (وڏي کڏ) کوٽي ويندي آهي پر اها خندق ويڪري ۽ اونهي هئڻ گهرجي جيئن دشمن جي پيادل يا سوار فوج اتان ٽپو ڏئي ٽپڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهي.
    سلمان فارسي رضي الله قداور، ويڪري ڇاتي ۽ مضبوط جسم وارو انسان هيو ۽ خلوص نيت سان حضرت محمد ﷺ جن جو همدرد هو. پيغمبر اسلام ﷺ جن جي نسبت ان جي عقيدت ۽ اخلاص جي ڳالهه هر زبان تي هوندي هئي. ان طرح جئين ئي ان خندق کوٽڻ جي تجويز پيش ڪئي ته رسول الله ﷺ جن ان جي منظوري ڏئي ڇڏي.
    سلمان فارسيءَ جي تجويز مڃڻ ظاهر ۾ ته آسان ڪم هيو ليڪن ان تي عمل ڪرڻ يعني خندق کوٽڻ ايترو آسان نه هو. ان ڪم ۾ عملي طور تي تمام گهڻيون ڏکيائون پيش اچن پيون. اها خندق دشمن جي حملي کان بچاءَ لاءِ کوٽي وڃي پئي ان ڪري اهو ضروري هو ته مديني جي پوري شهر جي چوگرد هجي. ٻئي طرف مسلمانن جو تعداد تمام ٿورو هو ۽ خندق کوٽڻ لاءِ وقت به تمام ٿورو هو، ان جي باوجود حضرت محمد ﷺ جن جي حڪم تحت مسلمانن کاهي کوٽڻ شروع ڪري ڏني.
    جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن خندق کوٽڻ جو حڪم جاري ڪيو ان وقت هڪ ٻيو فرمان به جاري ڪيائون ته مديني جي ويجهڙائي ۾ جيڪي به فصل ۽ باغ آهن سي به مديني شهر جي اندر ڪيا وڃن، جيئن ته جڏهن دشمن مديني پهچي ته اتان جي باغات ۽ فصلن جي پيداوار کي نقصان نه پهچائي سگهي ۽ نه ئي ان مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهي.
    اهڙي قسم جي جنگي حڪمت عملي ٻي جنگ عظيم ۽ حڪومت روس جرمنيءَ جي خلاف استعمال ڪئي ۽ جرمني جي فوج جي رستي ۾ جيترا به باغ ۽ فصل هئا انهن جي پيداوار کي محاذ جنگ کان پوئتي ڪري بيڪار بڻائي ڇڏيو جيئن دشمن پنهنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪري سگهي. پر اڄ کان چوڏهن سؤ سال پهريون حضرت محمد ﷺ جن اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ مديني جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ موجود سموري پيداوار مديني شهر ۾ آندي وئي جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته جڏهن مڪي جي فوج مديني پهتي ته سپاهين جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ بيحال ٿي پئي.
    مديني جا ٻئي مسلمان مرد ۽ عورتون، جوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون به جيڪي بيلچي ۽ ڪوڏر کڻڻ جي قابل هئا، کاهي کوٽڻ جي ڪم ۾ مصروف ٿي ويا. خندق جو نقشو ڪجهه هن ريت بڻايو ويو جو مديني جو اُتريون حصو، ڏکڻ اولهه، اولهائون حصو مڪمل طورتي ۽ ڪجهه ڏکڻ جو حصو ان ۾ اچي ويو ٿي. هي خندق مديني جي اتر کان شيخين نالي قلعي کان شروع ۽ وادي قبا جي پاسي ۾ ختم ٿي. کاهيءَ کوٽڻ وقت ان ڳالهه جو به خيال رکيو ويو ته جيستائين ٿي سگهي زمين جون قدرتي رڪاوٽون خندق جي پٺيان يعني شهر جي اندر هجن جيئن ته شهر ۾ رهڻ وارا انهن رڪاوٽن مان فائدو وٺي سگهن.
    مديني جي سرزمين جي ماپ ”ذراع“ جي ذريعي ڪئي ويندي هئي. هڪ ذراع هٿ جي ٺوٺ کان وٺي وچينءَ آنگر جي چوٽي تائين جو ماپو هو. اهڙيءَ طرح مديني ۾ رائج هڪ ذراع اڄ جي تقريباً اڌ ميٽر جي برابر هو.
    پيغمبر اسلام جن خندق جي کوٽڻ لاءِ مسلمانن کي ڏهن ڏهن ماڻهن جي ٽولن ۾ ورهايو ۽ هر ٽولي کي 40 چاليهه ذراع (تقريباً ويهه ميٽر کاهي کوٽڻ جي ذميواري رکي خندق جي ڊيگهه تقريباً ٻارهن هزار ذراع يعني اڄ جي ماپ جي حساب سان تقريباً ڇهه ڪلوميٽر ٿئي ٿي ۽ ويڪر پندرهن فوٽ ۽ اونهائي ٽن ميٽرن جيتري هئي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هيءَ کاهي ڊگهي هئڻ سان گڏ اونهي به هئي ۽ ان کان علاوه ان جا پاسا به سڌا هئا. جيڪڏهن کاهي گهٽ وڌ هجي ها ته گهوڙي سوار ٽپو ڏئي ٻئي طرف پهچي سگهن پيا ۽ جيڪڏهن خندق جا پاسا سڌا نه هجن ها ته سوار يا پيادل فوج ان مان ٽپي شهر ۾ داخل ٿي سگهي پئي. مديني جي چوڌاري مسلمانن ڇهه ڪلوميٽر ڊگهي خندق کوٽڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ قرباني جو بي مثال نمونو پيش ڪيو. هر ڏهن مسلمانن جي ٽولي مان ڪجهه ماڻهو پهري لاءِ به مقرر ڪيا ويا جيڪي رات ڏينهن پهرو ڏيندا هئا ۽ انهن کي سمهڻ جي به اجازت نه هئي. خود پيغمبر اسلام ﷺ جن به ڏينهن رات محنت ڪندا هئا ۽ ٻين کي هٿ ونڊرائڻ لاءِ ڪڏهن ڪوڏر هلائيندا هئا ته ڪڏهن مٽي ڍوئيندا هئا.
    هڪ ڏينهن حضرت ابو بڪر صديق رضي الله ۽ حضرت عمر بن خطاب رضي الله مٽي ڍوئڻ لاءِ ٽوڪريون نه آنديون ڇو ته انهن پنهنجون ٽوڪريون ٻين کي ڏنيون هيون، ان ڪري پنهنجي جهولين ۾ مٽي ڍوئيندا رهيا.
    مديني جي اوڀر، اتر اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جو ڪجهه حصو خندق ۾ نه اچي رهيو هو، پر ان علائقي کان دشمن جي راهه ۾ اچڻ لاءِ وڏيون ٻيون رڪاوٽون موجود هيون، جن۾ خاص طورتي باغ ۽ تمام اڻانگها پيچرا هئا جتان فوج جو اچڻ تمام مشڪل هو. ان کان علاوه مسلمانن جا تير انداز ماڻهو کجين جي وڻن تي چڙهي دشمنن تي تير اندازي سان سندس رستو روڪي سگهن پيا ۽ دشمن جا سپاهي مديني جي پسگردائي ۾ گهاٽا باغ ۽ تنگ رستا آسانيءَ سان ٽپي نه پيا سگهن. اهوئي سبب هو جو پاڻ سڳورنﷺ اتان خندق کوٽائڻ ضروري نه سمجهو ۽ وقت گذرڻ کان بعد اهو ثابت ٿيو ته پاڻ سڳورنﷺ جن جو اهو فيصلو بلڪل صحيح هيو.
    حضرت محمد ﷺ جن خندق کوٽڻ وارن کي اها به اجازت ڏئي ڇڏي هئي ته هو وڏي آواز ۾ جنگي ترانه ڳائيندا رهن ۽ جنهن جو آواز سٺو آهي اهو پنهنجي فن جو اظهار ڪندو رهي جيئن ڪم ڪندڙن کي ٿڪاوٽ جو احساس نه ٿئي ۽ اهڙي طرح شعر پڙهڻ وارا به زور سان پنهنجا شعر ٻڌائيندا رهن، جيئن ڪم وارن جو حوصلو به بلند ٿئي.
    خندق کوٽڻ وارن ۾ ”عماره حزم“ هڪ ٻارهن سالن جو نوجوان هيو جنهن جو آواز دل کي موهيندڙ هو. هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ جن جو گذر انهن وٽان ٿيو جتي عماره حزم ڪم ڪري رهيو هو. پاڻ سڳورنﷺ ان جو آواز ٻڌو ۽ پسند ڪيائون، ان کان پوءِ پاڻ سڳورنﷺ جن جيڏانهن وڃن پيا ته ان نوجوان کي ساڻ وٺي پيا وڃن ته جيئن اتي ڪم ڪرڻ وارا به ان جي آواز مان لطف حاصل ڪن ۽ کين جسماني سڪون حاصل ٿئي.
    جڏهن ڏهن ماڻهن جو ٽولو مقرر ڪيل ڪم وقت کان اڳ پورو ڪري وڃن پيا ته آرام ڪرڻ جي بجاءِ همدردانه ٻين جي مدد ڪري رهيا هئا. اهڙي بي مثال تعاون، يڪجهتي ۽ همدردي جو جذبو قديم دنيا ۾ تمام گهٽ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ۽ هن دور ۾ به اهڙو مثال ”لينن گراؤ“ جي ماڻهن جو ڏنو ويندو آهي، جيڪي ٻي جنگ عظيم ۾ جنگ جي دوران پنهنجي شهر مان نڪري آيا ۽ عورتون توڙي مرد، پوڙها توڙي جوان بنا فرق جي خندق کوٽڻ شروع ڪئي جيئن دشمن جي حملي کان بچاءُ ڪيو وڃي.
    بهرحال مڪي جي مشرڪن جي فوج اهڙي وقت مديني پهتي جڏهن خندق کوٽڻ جو ڪم مڪمل ٿي چڪو هو ۽ سڀ مسلمان مرد شهر جي حفاظت لاءِ هٿيار کڻي بيهي رهيا هئا. جهڙي ريت جنگ احد جي باري ۾ گفتگو ٿي چڪي آهي ته مڪي جي فوج ڏکڻ طرفان مديني تي حملو نٿي ڪري سگهي ڇو جو اتان جي پٿريلي زمين انهن جي اچ وڃ لاءِ بلڪل مناسب نه هئي. اهائي جڳهه هئي جو مڪي جي فوج هڪ دفعو ٻيهر مديني جو چڪر ڪاٽي اتر اولهه ۾ دامن ڪوهه جي طرف کان حملي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. لشڪر قريش جي ڪمان ساڳي ريت ابوسفيان جي هٿ هئي ۽ جڏهن اهي جبل احد وٽ پهتا ته هن کي اها توقع هئي ته هتي مسلمانن سان مقابلو ٿيندو ۽ هن دفعي هن عظيم لشڪر جي مدد سان مسلمانن سان حساب ڪتاب صاف ڪري ڇڏبو. لشڪر مڪه جي فوج ڏهه هزار سپاهين تي مشتمل هئي. انهن مان ڪجهه مڪي جي رهڻ وارا هئا ۽ ڪن جو تعلق ٻين قبيلن سان هو جيڪي قبيلا ابوسفيان جو ساٿ ڏئي رهيا هئا. انهن ۾ بنوفزاره، غطفان، احابش، تهامه ۽ ڪنانه قابل ذڪر آهن.
    ابوسفيان کي پختو يقين هو ته جيڪڏهن جبل جي دامن ۾ مسلمان هن جي قبضي ۾ اچي ويا ته هو شديد حملو ڪري ميدان صاف ڪري ڇڏيندو. پر جڏهن مسلمانن جي فوج جبل جي دامن ۾ نظر نه آئي ته هن مديني تي هڪدم حملي جو حڪم جاري ڪيو.
    قريش جا اهي سپاهي جيڪي مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جڏهن پنهنجا اٺ ۽ گهوڙا تيز ڊوڙائيندا مديني جي ڀر ۾ پهتا ته ٿڌا ٿي بيهجي ويا. انهن جي چهرن تي حيرت جا نشان ظاهر ٿي ويا ۽ اهي وائڙا ٿي هڪ ٻئي جي منهن ڏي ڏسڻ لڳا. دراصل جنگ جي دوران جبل جي آڙ ڏيڻ يا ٻي ڪا پناهه وٺڻ جي خاطر عربن لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه هئي اهي سڀ ڪجهه ڄاڻندا هئا پر ان ڏينهن تائين انهن خندق نه ڏٺي هئي. ان ڪري هڪ ڊگهي ۽ ويڪري، اونهي خندق ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ۽ سندن قدم هڪ جاءِ تي ڄمي ويا.
    جڏهن مڪي جي لشڪر جو سپھ سالار خندق وٽ پهتو ته پنهنجن سپاهين وانگر بت بڻجي ويو. ان کي اها عجيب کاهي پار ڪرڻ ناممڪن نظر آئي. جيڪڏهن مڪي جي فوج جي ڪمان ڪنهن ايراني يا رومي جي هٿن ۾ هجي ها ته ان کي خندق ڏسي تعجب نه ٿئي ها پر ابوسفيان ڪاروبار جي اعتبار سان هڪ سوداگر هو ۽ ان کي انهن حربن جي ڄاڻ نه هئي.
    بچاءَ جي هن نئين طريقي جي باري ۾ مڪي جي لشڪر جي بي خبريءَ جو اندازو هن ريت لڳائجي ته ڏهه هزار جنگي جوان هڪ کاهيءَ جي سامهون بيوس ٿي بيهي رهيا ۽ انهن کي ان کاهي مان پار ٿيڻ ايترو ته مشڪل نظر اچڻ لڳو جو انهن پنهنجي سپھ سالار جي حڪم جو انتظار ڪرڻ کان سواءِ خندق جي هن پاسي پنهنجا تنبو لڳائڻ شروع ڪري ڏنا.
    دراصل انهن کي يقين ٿي چڪو هو ته هو ان کاهي مان گذري شهر ۾ داخل ٿي نٿا سگهن. ان ڪري بهتر اهو آهي ته مديني کي محاصري ۾ ورتو وڃي ته جيئن هڪ نه هڪ ڏينهن مسلمان شهر کان نڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن. مڪي جا سپاهي خندق جي هڪ پاسي ۽ مسلمان سپاهي ٻئي پاسي بيٺا هئا ۽ هڪ ٻئي کي آسانيءَ سان ڏسي هڪ ٻئي جو آواز به ٻڌي سگهن پيا.
    مڪي جا سپاهي مسلمانن کي طعنه ڏيڻ ۽ ڀڙڪائڻ جي غرض سان وڏي آواز سان انهن کي للڪارن پيا ۽ چون پيا ته توهان ماڻهو نه عرب آهيو ۽ نه بهادر، ڇو جو جيڪڏهن عرب هجو ها ته هي ڊگهي اونهي کاهي کوٽي نه ويهو ها!.... ڇا اسان جا ابا ڏاڏا کڏا کوٽي وڙهندا هئا جو توهان هي طريقو اختيار ڪيو آهي؟ جيڪڏهن عرب آهيو ته هيڏي اچو ۽ پنهنجي تلوار به کڻي اچو جيئن توهان جي طاقت جي خبر پئجي سگهي.
    مسلمان اهي سڀ ڳالهيون ٻڌندا رهيا، پر غصي ۾ اچي ڪوبه غلط قدم نه پيا کڻن، پر هر وقت هوشيار رهن پيا ته متان ڪي مشرڪ کاهيءَ کي ٽپڻ جي ڪوشش نه ڪن. دراصل ان زماني جي عربن کي ان نئين طريقي جي ڄاڻ ئي نه هئي جنهن کي حضرت محمد ﷺ جن مديني جي بچاءَ ۾ بڻايو هو. دشمن جي حملي کي مُنهن ڏيڻ جو هي طريقو جزيره عرب جي تاريخ ۾ نئون هو ۽ عام ماڻهن کي ان حڪمت عمليءَ جي ڪابه ڄاڻ نه هئي.
    جنهن وقت مڪي جي فوج مديني پهتي ته موسم بدلجي رهي هئي ۽ قريش جا سپاهي پنهنجن تنبن ۾ سرديءَ سبب ويهي رهيا. ٻئي طرف مسلمان به جيڪي مختلف جڳهن تي نگهباني ڪري رهيا هئا، سردي جي ڪري تڪليف ۾ مبتلا هئا پر جن سپاهين جي پهري ڏيڻ جو وارو نه هوندو هو انهن کي گهر وڃڻ جي اجازت هئي جڏهن ته پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن ساري رات پهري ڏيڻ وارن سان گڏ هوندا هئا ۽ پنهنجي گهر به ويندا هئا، ڇو ته خندق وچ ۾ هئڻ ڪري ٻئي فوجون پاڻ ۾ هٿ چراند نه پيون ڪري سگهن. ان ڪري تيراندازي جي ذريعي هڪ ٻئي کي زخمي ڪرڻ جي ڪوشش ٻنهي طرفن کان جاري هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي فوجن جا ڪجهه ماڻهو تيرن لڳڻ سان زخمي به ٿيا. جڏهن رات جي اونداهي ٿيندي هئي ته ٻنهي طرفن کان هڪ ٻئي کي نه ڏسي سگهڻ جي ڪري تيراندازي بند ڪري هڪ ٻئي تي ملامت ڪرڻ ۽ وڏي آواز سان گلا واري شاعري جا شعر هڪ ٻئي کي مقابلي طور پيش ڪندا هئا. ڏينهن جي وقت تيراندازي، رات جي اونداهي ۾ هڪ ٻئي تي طعني بازي يا معاملات جي باري ۾ هڪ ٻئي کي بلند آواز سان تجويزون ڏيندا هئا. هڪ ڏينهن مسلمانن بنو غطفان قبيلي جي ماڻهن کي پيغام ڏنو ته جيڪڏهن مڪي وارن جو ساٿ ڇڏي مسلمانن سان اچي ملن ته کين مديني جون سڀئي کارڪون حوالي ڪيون وينديون!
    ان قسم جي سوديبازي جيڪا لڙائي هلڻ دوران، جنهن کي سڀ ماڻهو ٻڌي رهيا هجن، وڏي عجيب نظر اچي پئي؛ ڇو جو اهڙي ڏيتي ليتي جي تجويز جنهن جو مقصد دشمن جي اتحادي فوج ۾ نفاق وجهي ۽ انهن کي ساٿ ڏيڻ کان عليحده ڪري سگهي پئي. پر مسلمانن ۽ قبيلي غطفان جي وچ ۾ اهڙو معاملو طئي ٿي نه سگهيو ڇو ته ان ئي وقت ابوسفيان ان معاملي ۾ مداخلت ڪري ڳالهه اڳتي وڌڻ نه ڏني.
    ڏينهن گذرندا ويا پر قريش جي فوج کاهي پار نه ڪري سگهي، ان ڪري ابوسفيان سوچيو ته مديني جي يهودين سان رابطو قائم ڪري انهن کي چيو وڃي ته توهان مسلمانن جي پٺيان حملو ڪيو. مديني ۾ يهودين جا ٽي وڏا قبيلا رهندا هئا پر انهن مان ٻه قبيلا شهر ڇڏيا ويا هئا باقي هڪ قبيلو ”قريظه“ نالي اتي ئي رهندو هو جنهن جي ماڻهن جو ڌنڌو چمڙي جو واپار هو.
    ابوسفيان نه خندق پار ڪري سگهيو نه مديني تي حملو ڪري سگهيو پر مديني جي يهودين سان رابطي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته جيئن مسلمانن تي شهر جي پٺئين پاسي کان حملو ڪري مسلمانن تي دٻاءُ وجهن.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي به اطلاع پهچي چڪو هو ته ابوسفيان قبيلي بنو قريظه کي مسلمانن جي خلاف ڀڙڪائي رهيو آهي ۽ جنگ ۾ انهن کي شريڪ ٿيڻ لاءِ اڀاري رهيو آهي. ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ جن ٻن مسلمانن کي جن مان هڪ جو نالو سعد بن عباده هو، يهودين ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو ۽ يهودين کي اهو ياد ڪرايو ويو ته مديني جي آئين جو احترام ڪيو ۽ اهو نه وساريو ته اوهان جو ۽ اسان جو پاڻ ۾ معاهدو ٿيل آهي ته مسلمانن جي خلاف ڪابه شرارت نه ڪنداسين ۽ نه وري اسلام دشمن طاقتن جو ساٿ ڏينداسون، ان ڪري انهن کي پنهنجي عهد تي قائم رهڻ گهرجي.
    پر مديني جي يهودين ڪوئي صاف جواب نه ڏنو ۽ اهڙا خيال ڏيکاريا جن مان انهن جو خيال لشڪر مڪي وارن سان تعاون ڪرڻ جو لڳي پيو. ان صورتحال جي پيش نظر پيغمبر اسلام ﷺ جن سمجهي ويا ته عنقريب ابوسفيان ۽ قبيلي بنو قريظه جي وچ ۾ معاهدوٿيڻ وارو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يهودي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪري سگهن ٿا. پاڻ اهو به سمجهن پيا ته جيڪڏهن يهودي پٺيان حملو ڪندا ته مسلمان ٻنهي طرفن کان دٻاءَ ۾ اچي ويندا ۽ خندق کوٽڻ جو مقصد، جيڪا وڏي محنت سان کوٽي وئي آهي، ختم ٿي ويندو. ڇو ته مسلمانن جو ڌيان ٻن طرفن ۾ ورهائجي ويندو ۽ خندق جو ڪو فائدو حاصل ٿي نه سگهندو.
    ٻئي طرف جڏهن عام مسلمانن کي اها خبر پئي ته بنو قريظه ۽ مشرڪن جي وچ ۾ جنگي معاهدو ٿيڻ وارو آهي ته ڏاڍا گهٻرائجي ويا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن کي چوڻ لڳا ته يارسول الله ﷺ اسان ڏاڍا خطري ۾ آهيون. بنوقريظه اسان جي پٺيان ۽ قريش سامهون حملو ڪن ته اسا ن ڏاڍا نقصان ۾ وينداسين ٿي سگهي ٿو مڪمل فنا ٿي وڃون.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن انتهائي سڪون ۽ اعتماد سان فرمايو ته مشرڪن کي يهودين جي حمايت تي ڀروسو آهي، جڏهن ته مان الله جي مدد تي يقين رکان ٿو ۽ توهان به اطمينان رکو ته الله اسان کي بنا مدد جي نه ڇڏيندو.
    اتفاق سان پيغمبر اسلام ﷺ جن جو فرمان حقيقت ۾ بدلجي ويو ۽ الله پنهنجي رسول ﷺ ۽ ان جي امت جي لاءِ مدد جا دروازا کولي ڇڏيا. ٿيو ائين جو خاص ان وقت جڏهن عام مسلمان اهو سمجهي رهيا هئا ته عنقريب اسين ٻنهي طرفن کان گهيري ۾ اچي وينداسين. ان وقت ”نعيم بن مسعود“ نالي شخص جيڪو يهودين ۽ مشرڪن جي وچ ۾ معاهدي ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو سو پاسو ڏئي پيغمبر اسلام ﷺ جن وٽ پهتو ۽ چيائين ”يا محمد ﷺ جيئن ته مون کي بنو قريظه ۽ مڪي جي لشڪر جي وچ ۾ معاهدي ڪرڻ جي ذميواري ڏني وئي آهي ته جيئن مديني جا يهودي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪن. پر مان ڪنهن عرصي کان اوهان جي عقيدت مندن ۽ طرفدارن ۾ شامل رهيو آهيان ۽ اهو هرگز نٿو چاهيان ته رسول الله ﷺ جن کي شڪست ٿئي پر منهنجي اها آرزو آهي ته اوهان جي فتح ٿئي ته اسلام جي به سربلندي ٿي وڃي.
    رسول الله ﷺ جن نعيم بن مسعود جون ڳالهيون ٻڌي جلدي سمجهي ويا ته الله جو لطف ۽ ڪرم ۽ ان جي طرفان غيبي مدد ٿي آهي ۽ هڪ اهڙو شخص جيڪو مسلمانن جي نقصان رسائي لاءِ سبب بڻجڻ لاءِ روانو ٿيو هو سو خود مسلمانن جي حمايت ۾ اٿي بيٺو آهي.•
    بهرحال نعيم بن مسعود پيغمبر اسلام ﷺ جن کان پڇيو ته مان هن موقعي تي اوهان ۽ مسلمانن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو. پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ”يا نعيم! تون ڄاڻي ٿو ته اسان جنگ جي هنگامي حالت ۾ آهيون، ان ڪري دشمن جي هر چال تي نظر رکڻ ۽ ان جي منصوبن ۽ ارادن کان خبردار رهڻ اسان لاءِ ضروري آهي. جيڪڏهن اسان انهن حاصل ٿيل اطلاعن کي نئون رنگ ڏئي دشمن جي ڪنن تائين پهچايون ته اسان جو هي عمل فريب نه هوندو پر هڪ جنگي چال سڏي ويندي. ڇو ته جنگ صرف زور آزمائي جو نالو ناهي پر هڪ داءُ به آهي.“
    نعيم بن مسعود فرمانبرداريءَ ۾ سرجهڪايو ۽ ضروري هدايتن حاصل ڪرڻ بعد انهيءَ ئي ڏينهن يهودين جي قبيلي بنوقريظه وٽ پهتو ۽ پڇائين ”ڀائرو! اوهان ڄاڻو ٿا پيا ته مان گهڻي عرصي کان توهان جو قريبي دوست رهيو آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته توهان مون کي پنهنجو خيرخواهه سمجهندا آهيو.“ يهودي سردار پنهنجو هاڪاري ۾ ڪنڌ لوڏيو ته نعيم اڳتي ڳالهه کي جاري رکندو چيو ته، ”توهان کي خندق جي هن پاسي مڪي جي وڏي فوج ڏسي مغرور ٿيڻ نه گهرجي، ڇو جو مڪي جا سپاهي مديني جا ماڻهو ته نه آهن جو هتي ويٺا رهن ۽ نه وري اهي قبيلا جيڪي انهن سان گڏجي آيا آهن، هتي هميشه لاءِ سامان رکيو ويٺا هوندا. اهي ماڻهو جلدي واپس هليا ويندا ۽ پوءِ اوهان هتي ئي رهجي ويندا ۽ پوئتي رڳو توهان رهجي ويندو توهان جي سامهون هوندا اهي مٿي ڦريا مسلمان!“
    اهي ڳالهيون ٻڌي يهودين جي سردار جو منهن سڪي ويو ۽ غور سان نعيم بن مسعود جي چهري ڏانهن ڏسڻ لڳو. نعيم جڏهن ڏٺو ته سردار جي ذهن ۾ ڪجهه ڳالهه ويٺي آهي سو دل سڙندڙ رنگ ۾ ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيائين، ”جيڪڏهن مڪي جي فوج ايترو جلدي واپس نه وڃي ۽ ڊگهي عرصي تائين جنگ جاري رکي، پوءِ ڪهڙي خبر اهي ڪامياب ٿين الائي نه؟... توهان اڳ ۾ ڏٺو هو ته جنگ احد ۾ ابوسفيان جي سامهون خندق به نه هئي ۽ ان جي طاقت مسلمانن کان چوڻي هئي پر ان جي باوجود حضرت محمد ﷺ جن کي نقصان پهچائڻ ۽ دين اسلام کي مٽائڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهيو ته هينئر ڀلا ڪيئن مسلمانن ۾ هٿ وجهندو يا ڪهڙي طرح انهن کي صفا مٽائي ڇڏيندو. ان ڪري منهنجي صلاح وٺو ته مسلمانن سان هميشه تعلقات ختم ڪرڻ کان اڳ چڱي طرح سوچ ويچار ڪريو ته مسلمانن جي دشمني سر تي کڻڻ توهان جي فائدي ۾ آهي يا نقصان ۾؟ مان جيئن ته اوهان جو خيرخواه آهيان، ان لاءِ اوهان کي ٻڌايان ٿو ته مون کي ابوسفيان ۽ قريش جي ٻين سردارن تي بلڪل ڀروسو نه آهي. ڇو جو انهن کي جيئن ئي ڪو خطرو محسوس ٿيو ته هلندڙ جنگ مان ڀڄي سگهن ٿا ۽ توهان کي اڪيلو ڇڏي سگهن ٿا. ان ڪري اوهان کي گهرجي ته مسلمانن سان بگاڙڻ کان پهريان قريش جي چند چڱن ماڻهن کي پاڻ وٽ گهرائي انهن کي يرغمال بڻائي پاڻ وٽ ويهاريو ته جيئن قريش وارا انهن ماڻهن جي خاطر آخري دم تائين توهان جي ساٿ ڏيڻ تي مجبور ٿي پون، نه ته يقين ڄاڻو ته انهن کي جيئن ئي خطري جو احساس ٿيو ته اهي توهان کي مسلمانن جي سامهون بي سهارو ڇڏي ڀڄي ويندا.“
    انهن ڳالهين کان پوءِ يهودين کي احساس ٿيو ته اهي ڳالهيون واقعي عقل ۽ حقيقت واريون آهن، ان ڪري انهن ڪو عملي قدم کڻڻ کان اڳ ان ڳالهه تي وڌيڪ سوچڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته انهن جي ذهنن ۾ قريش وارن سان معاهدي ڪرڻ ۾ بدگماني پيدا ٿي وئي.
    يهودين سان گفتگو ڪرڻ بعد نعيم بن مسعود سڌو ابوسفيان وٽ پهتو ۽ انتهائي دوستانه انداز ۾ چيائين: ”ڀاءُ توکي معلوم آهي ته مان تنهنجو ۽ مڪي وارن جو مخلص دوست آهيان ۽ منهنجي دل نٿي چاهي ته توهان کي هن لڙائي ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پوي. ليڪن:
    ”ليڪن ڇا؟“ ابوسفيان بيچيني حالت ۾ پڇا ڪئي.
    هيءَ ته بنوقريظه خفيه طور تي مسلمانن سان ڳالهين ۾ مصروف آهن ۽ مون کي اطلاع مليو آهي ته اهي مسلمانن سان پنهنجون وفاداريون ثابت ڪرڻ لاءِ قريش جي چند چڱن ماڻهن کي ضمانت جي بهاني پاڻ وٽ گهرائي پوءِ انهن کي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ جي فڪر ۾ آهن.“
    نعيم بن مسعود جون اهي ڳالهيون ٻڌي ابوسفيان ڇرڪجي ويو. هن اڃا اڳتي پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيو ته: ”اي مڪي جا بزرگ سردارو! منهنجي مڃيو ته هئين ڪيو جو يهودين ڏانهن جلدي پيغام موڪليو ته ايندڙ ڇنڇر تي مسلمانن تي حملو ڪري ڏين پر جيڪڏهن انهن ڪو بهانو بڻايو ته اسان ڇنڇر تي لڙائي نٿا ڪري سگهون ته سمجهي وڃو ته اهي هروڀرو وقت ضايع ڪري رهيا آهن ۽ حقيقت ۾ مسلمانن سان منهن ماري ڪرڻ نه ٿا چاهن.“
    ابوسفيان اهي ڳالهيون ٻڌي گهري سوچ ۾ پئجي ويو ۽ ان جي ذهن ۾ مختلف خدشه اُڀري رهيا هئا ته مديني جا عام ماڻهو به ان افواهه کي وڌائي پيش ڪري رهيا هئا ته بنوقريظه مڪي جي ڪجهه سردارن کي يرغمال بڻائي مسلمانن جي حوالي ڪرڻ چاهن ٿا. جڏهن پيغمبر اسلام جن کان پڇيو ويو ته اهي افواهه درست آهن يا نه، پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ”لعلنا امرنا هم بذالک“ يعني شايد اهڙو ئي حڪم جاري ٿيو هجي! پاڻ سڳورنﷺ جن جي ان جواب مان هر انسان پنهنجي سوچ مطابق مطلب ڪڍي سگهي ٿو.
    اهڙيءَ صورتحال ۾ هڪ طرف يهودين کي دل ۾ قريش جي باري ۾ بدديانتي ۽ دوکي بازيءَ جا خيال اچي رهيا هئا ته ٻئي طرف ابوسفيان ۽ مڪي جي ٻين سردارن اهو سمجهو ته يهودين ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اتحاد ٿيڻ جا افواهه صحيح آهن ۽ يهودين مسلمانن جي چوڻ تي قريش جي سردارن کي انهن جي حوالي ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي.
    آخرڪار ان ڇڪتاڻ ۾ يهودين ابوسفيان ڏانهن پيغام روانو ڪيو ته جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته بنوقريظه مسلمانن تي پٺيان حملو ڪن ته توکي پنهنجي فوج مان ڪجهه ماڻهو اسان کي ڏيڻا پوندا ته جيئن ان ڳالهه جي ضمانت ملي ته مڪي جي فوج اسان کي ميدان جنگ ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي.
    يهودين جي طرف کان يرغمالين جي مطالبي سان نعيم بن مسعود جي ڳالهين جي تصديق ٿئي پئي. ان ڪري ابوسفيان ۽ ان جي سردارن اهو سوچيو ته بناشڪ جي اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي وئي ته يهودين مسلمانن سان اتحاد قائم ڪيو آهي، ان ڪري ئي ضمانت جي بهاني قريش جا سردار مسلمانن جي حوالي ڪري مارائڻ چاهن ٿا.
    ابوسفيان ان سبب يرغمالي موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ يهودين کان مطالبو ڪيو ته ايندڙ ڇنڇر تي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪيو ڇو ته لڙائي وڃي ٿي ڊگهي ٿيندي ان کان وڌيڪ وقت هٿ تي هٿ رکي ويهڻ هاڻي فضول آهي. ابوسفيان پر زور سفارش ڪئي ته هاڻي وڌيڪ دير ڪرڻ جي گنجائش نه آهي ۽ توهان هر حالت ۾ ڇنڇر تي مسلمانن تي پٺيان حملو ڪيو اسان سامهون دٻاءُ وجهنداسين ۽ ڪيترو به نقصان ٿئي ان جي پرواهه نه ڪندي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پر يهودين جواب ڏنو ته اسان ڇنڇر ڏينهن لڙائي نه ڪندا آهيون ڇو ته اسان جو ايمان آهي ته جيڪڏهن ڪوئي يهودي ڇنڇر جي ڏينهن ڪنهن به قسم جي جڳهڙي ۾ حصو وٺندو ته ان کي نه صرف هن دنيا ۾ ان کي بدبختي ۽ نحوست جو منهن ڏسڻو پوندو، پر ان جي آخرت به برباد ٿي ويندي، ان ڪري اسان ڇنڇر تي حملي ڪرڻ کان مجبور آهيون!
    اهو جواب ٻڌندي ئي ابوسفيان کي نعيم بن مسعود جون ڳالهيون ياد اچي ويون. ان جو شڪ يقين ۾ بدلجي ويو ته يهودي مون کي فريب ڏئي مسلمانن جي چال ۾ ڦاسائڻ چاهن ٿا. ان سبب بنوقريظه ۽ قريش جي وچ ۾ به بدگماني ۽ عدم اعتماد جي فضا قائم ٿي وئي ۽ ٻئي اسلام دشمن طاقتون مسلمانن جي خلاف لڙائيءَ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ نه ڏئي سگهيا.
    جڏهن ڏهه هزار ماڻهن جي قريش جي فوج ٻن هفتن تائين خندق جي هڪ پاسي بيڪار پئي رهي ۽ سپاهين جي لاءِ کاڌ خوراڪ ۾ کوٽ ۽ جانورن جي خوراڪ ۾ ڪمي اچي وئي ته انهيءَ صورتحال فوج جي سربراهه کي سخت پريشانيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. مديني ۾ کائڻ پيئڻ جي شين جي ڪمي نه هئي ان لحاظ کان مسلمانن کي ڪا ڳڻتي نه هئي. پر ابوسفيان جا سپاهي خندق جي هن پار بُکون ڪٽڻ لڳا ۽ رات جو وڌندڙ سرديءَ به ابوسفيان جي سپاهين کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. مڪي جا سپاهي گرم علائقي جا رهڻ وارا هئا، اهي مديني ۾ سرديءَ سبب آرام سان سمهي نه پيا سگهن ۽ صبح تائين پنهنجن خيمن کان ٻاهر نه پيا نڪرن. ٻيو ته وري شوال جو مهينو ختم ٿيڻ تي هيو ته اهي اڳتي جنگ جاري نه پيا رکي سگهن، ڇو جو ذوالقعد ۽ ذي الحج جي مهينن ۾ لڙائي ڪرڻ حرام آهي. انهن سڀني ڳالهين کي سوچي سمجهي مڪي جي سردارن ۽ عام سپاهين کي احساس ٿيو ته مسلمانن تي حملي ڪرڻ ۽ انهن کي مٽائڻ خاطر وقت تمام ٿورو بچيو آهي. جيڪڏهن هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حملو نه ٿا ڪري سگهن ته پوءِ انهن کي ايندڙ ٽن مهينن تائين مديني جي سرد راتين جو مقابلو ڪرڻو پوندو پوءِ به ڇا خبر سرديءَ کان بچي وياسين ته بکن ۾ مرون يا بچؤن. ڇو ته هن پيداوار کان خالي علائقي ۾ ڏهه هزار ماڻهن لاءِ ضرورت جون شيون مهيا ڪرڻ ممڪن نه هو. سواءِ ان جي جو پري پري وارن علائقن کان خوراڪ ۽ ٻين ضرورت وارين شين آڻڻ جو ڪو مناسب بندوبست ڪيو وڃي.
    انهن پندرهن ڏينهن جي اندر مڪي جي فوج خندق جي هن پاسي بيٺي رهي پر مسلمانن ۽ مشرڪن ۾ ڪيترا ڀيرا زور آزمائي جا حملا ٿيا جو ان لڙائيءَ ۾ قريش جا ٻه مشهور سردار عمر بن عبده ۽ نوفل بن مخزومي حضرت علي رضي الله جي هٿان ماريا ويا.
    نوفل مخزومي پنهنجي گهوڙي کي خندق تان ٽپو ڏياريڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي گهوڙي سميت کاهي ۾ ڪري پيو ۽ حضرت علي رضي الله مٿان پهچي ويس. جيتوڻيڪ حضرت علي رضي الله ان کي انهيءَ ئي وقت موت جي حوالي ڪري سگهيو پئي پر ان جي اٿڻ ۽ تلوار ڪڍڻ جي انتظار ۾ بيهي رهيو. جنهن وقت نوفل خندق ۾ ڪريو ان وقت سج لهي رهيو هو ۽ جڏهن هو اٿيو ته سندس پٺي سج جي پاسي هئي ۽ حضرت علي رضي الله جو منهن سج طرف هيو، سج جي روشني جيڪا حضرت علي رضي الله جي اکين ۾ لڳي رهي هئي، ان جي باوجود به حضرت علي رضي الله نوفل کي ڍير ڪري ڇڏيو.
    جيئن ته جنگ احد ۾ مسلمانن جي لاشن سان قريش جي عورتن زيادتي ڪئي هئي، تنهن ابوسفيان کي اهو فڪر ٿيو ته متان نوفل جي لاش کي به ان بدلي ۾ ڪجهه ڪن. ان ڪري ابوسفيان حضرت علي رضي الله کي پيغام موڪليو ته تنهنجي لاءِ هڪ سؤ اٺ موڪلي رهيو آهيان، ان شرط سان ته نوفل جي لاش کي ڪجهه نه ڪيو وڃي. بغير ڪنهن نقصان ڪرڻ جي لاش اسان جي حوالي ڪيو وڃي. حضرت علي رضي الله ابوسفيان جو تحفو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، پر اها اجازت ڏنائين ته نوفل جو لاش جهڙو آهي ان ئي حالت ۾ قريش جي حوالي ڪيو وڃي.
    جزيره عرب جو نامي گرامي پهلوان عمرو بن عبدوه جيڪو قريش طرفان حضرت علي رضي الله جي مقابلي ۾ مارجي ويو، عمرو بن عبدوه، حضرت علي رضي الله سان مقابلو ڪندي ٻه دفعا حضرت علي رضي الله کي زخمي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو پر هڪ زبردست وار ۾ جيڪو حضرت علي رضي الله ان تي ڪيو سندس ٻانهن ڪٽجي وئي تلوار به ڪري پيس ۽ پاڻ به زمين تي ليٽي پيو.
    حضرت علي رضي الله اڳتي وڌي ان جي تلوار تي پير رکيو ۽ عمرو کي مخاطب ٿي چيو ته، ”يا عمرو جيڪڏهن تون اسلام قبول ڪرين ته مان تنهنجي جان بخش ڪريان ٿو.“ پر عمرو بن عبدوه جواب ڏيڻ جي بجاءِ حضرت علي رضي الله جي چهري تي ٿُڪ اڇلائي چوڻ لڳو ته مان اسلام نه قبول ڪندس.“
    حضرت علي رضي الله ڪجهه دير بلڪل خاموش رهيو وري عمرو بن عبدوه چيو ته، ”يا علي مان چئي ڏنو ته اسلام بلڪل قبول نه ڪندس ته تون مون کي اڦٽ ڇو نه ٿو مارين.“ حضرت علي رضي الله جواب ڏنس ته جڏهن تون مون تي ٿڪ اڇلائي ان وقت مون کي ڏاڍو غصو اچي ويو، ۽ پوءِ خيال ٿيو ته جيڪڏهن ان غصي ۾ توکي ماريندس ته منهنجي لاءِ اهو ذاتي بدلو چئبو ان ڪري مان پنهنجي غصي کي ٿڌي ڪرڻ لاءِ توکي نه ماريندس. اسان مسلمان صرف الله جي راهه ۾ وڙهندا آهيون ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي قتل يا ڪنهن جو خون وهائيندا آهيون ته صرف الله جي خاطر پنهنجي ذاتي دشمني خاطر نه.“ وري ٻيهر حضرت علي رضي الله پنهنجي نرم مزاجي سان عمرو بن عبدوه کي چيو ته، ”يا عمرو! جيتوڻيڪ تو منهنجي چهري تي ٿڪ اڇلائي ان جي باوجود به توکي دين اسلام جي دعوت ڏيان ٿو.“ جيڪڏهن تون اسلام قبول ڪرين ته تون کي خون بخش ڪريان ٿو.“ پر عمرو بن عبدوه پنهنجي هٺ ڌرمي تي قائم رهيو ۽ چيائين ته هرگز اسلام قبول نه ڪندس. انهيءَ ئي گهڙيءَ حضرت علي رضي الله هڪ ئي وار سان کيس موت حوالي ڪري ڇڏيو. ان لڙائيءَ دوران عمر بن عبدوه کي هڪ قيمتي زره پهريل هئي. جنهن تي سون جا ڪڙا لڳل هئا. حضرت علي رضي الله اها زره عمرو جي جسم تان لاهي عمرو جي ڀيڻ ڏانهن موڪلي ته ائين نه سمجهيو وڃي ته حضرت علي رضي الله ان قيمتي زره سبب آخر عمرو کي موت حوالي ڪيو.
    بهرحال مڪي جي فوج خندق جي هن پاسي بک ۽ سرديءَ جي سبب پريشان حال هئي ته اوچتو هڪ تيز آنڌي آئي. مشرڪن جا تنبو هوا ۾ اڏرڻ لڳا، باهه وسامي وئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي اهڙي تيز بارش شروع ٿي وئي جو سيلاب جاري ٿي ويو. ابوسفيان تي اهڙو خوف طاري ٿي ويو جو ڪجهه سوچڻ سمجهڻ کان سواءِ ڀڄڻ جي ڪيائين ۽ فوج کي واپسي جو حڪم جاري ڪري ڇڏيائين.
    ابوسفيان ڀڄڻ ۾ ايتري جلدبازي ڪئي جو اُٺ تي اچي ويٺو. هن کي ايترو به هوش نه رهيو ته اٺ ٻڌل آهي ۽ اٺ کي ڀڄائڻ لاءِ اٺ تي لڪڻ وهائڻ شروع ڪري ڏنائين جڏهن ته ويچارو اٺ ٻڌل هيو جيڪو پنهنجي جاءِ تان چري نٿي سگهيو.
    ان رات مشرڪن جي فوج مديني جو محاصرو ڇڏي پوئين پير وٺي ڀڳي. اهڙيءَ طرح جنگ خندق جنهن کي جنگ احزاب به چيو ويندو آهي پنهنجي انجام تي پهتي. جنگ خندق ۾ مشرڪن کي اٺن ۽ مسلمانن کي ڇهن ماڻهن جو نقصان کڻڻو پيو. اهي چوڏهن ماڻهو هڪ ٻئي جي سامهون مقابلي ۾ ماريا ويا. جڏهن ته ٻنهي فوجن کي آمهون سامهون جو موقعو نه ملي سگهيو.
    جيتوڻيڪ جنگ ختم ٿي چڪي هئي ۽ مڪي جي فوج واپس وڃي چڪي هئي پر مديني جي ناڪه بندي اڃان قائم هئي. مدينو شهر هڪ پاسي مديني کان خيبر ۽ ٻئي پاسي مديني کان مڪي تائين ناڪه بندي ۾ وڪوڙيل هيو. خيبر ۽ مڪي وارا ٻئي مديني جي قاتلن ڪڙي نظر ۽ رڪاوٽ بڻيل هئا ۽ ٻئي شهر اسلامي دشمنن جا هئا. خيبر جا رهاڪو اڪثر يهودي هئا ۽ اهي به اهڙا جيڪي پنهنجي بي پناهه دولت جي ذريعي هزارن جي تعداد ۾ فوج ڪٺي ڪري سگهن پيا. ٻئي طرف مڪي جا ماڻهو به قريش جي اثر تحت صرف اسلام دشمنيءَ جون ڳالهيون سوچيندا هئا. ان کان علاوه يهودين ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ هڪ معاهدو به ٿيل هو ته ٻئي هڪ ٻئي جي هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي سان ساٿ ڏيندا رهنداسين.
    وري مديني ۾ به مسلمانن جا ٻه وڏا دشمن هئا، هڪ يهودي ۽ ٻيا منافق. منافقن جو سربراهه عبدالله بن ابي هيو. هڪ اسلامي ليکڪ ”طبري“ ليکي ٿو ته منافق جڏهن کان ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيا ته ڪوبه قطعي فيصلو نه ڪري سگهيا ۽ هميشه ٻئي پاليسي اختيار ڪندا رهيا. پر جنگ خندق ۾ آخرڪار انهن هڪ قطعي فيصلو ڪيو ته قريش مڪو جي طرفداري ڪئي وڃي.
    طبري جو اهو چوڻ ته منافق جڏهن کان ماءُ جي پيٽ مان پيدا ٿيا اڄ تائين ڪوئي قطعي فيصلو نه ڪري سگهيا، دراصل هڪ ادبي خيال آهي. پر ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته جڏهن به مشرڪن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ ڪوبه مسئلو پيدا ٿي پوندو هو ته اهي مسلمانن سان طرح طرح جا بهانا ڪري مشرڪن سان وڙهڻ لاءِ تيار نه ٿيندا هئا. جيتوڻيڪ سڀئي مسلمان سمجها ويندا هئا. پر جنگ خندق ۾ انهن اهو قطعي فيصلو پهريون دفعو ڪيو ۽ مڪي جي مشرڪن جو ساٿ ڏنائون. انهن کي اهو يقين هيو ته هن دفعي مڪي جي ڏهه هزار فوج مسلمانن تي غلبو حاصل ڪري ويندي ۽ انهن جو نانءُ نشان به نه رهندو. پر جڏهن انهيءَ عظيم فوج جا ڏهه هزار سپاهي مديني جي سامهون ٻه هفتا بيڪار گذاري آخر بيوس ٿي پوئتي ڀڳا جنهن مان ته ان وقت منافقن کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿيو. پر اهو ضرور هو ته انهن مسلمانن جي خلاف ڪو ٻيو قدم نه کنيو صرف مشرڪن سان زباني طرفداري قائم رکي. ان ڪري جيئن ته منافقن جي طرفان ڪوبه اهڙو قدم نه کنيو ويو ظاهر ۾ مشرڪن جي لشڪر سان اتحاد جو نشان ملي. ان ڪري انهن کي پيغمبر اسلام جن سزا جي لائق نه سمجهيو پر اڪثر مسلمان منافقن جي رويي کي وساري نه سگهيا. اهو ذڪر بعد ۾ ڪيو ويندو ته ان کان پوءِ منافقن جي باري ۾ مسلمانن جي رويي ۾ ڪهڙي بنيادي تبديلي پيدا ٿي وئي.
    يهودين جي قبيلي ”بنوقريظه“ وارن جنگ خندق جي دوران مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪري مشرڪن سان اتحاد جوڙي مسلمانن جي پٺيءَ تي خنجر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيتوڻيڪ مديني جي آئين ۾ اها ڳالهه طئي ٿيل هئي ته جيڪڏهن شهر تي حملو ٿئي ٿو ته سڀئي قبيلا متحد ٿي ان جو دفاع ڪندا. ان لحاظ کان بنوقريظه وارن کي مديني جي بچاءَ خاطر مسلمانن جو ساٿ ڏيڻ ضروري هيو.
    جنگ احد ۾ جيئن ته خود پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين کي فرمايو هو ته مڪي جي لشڪر سان اسان جي مذهبي لڙائي آهي ته توهان کي ان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مجبور نٿو ڪيو وڃي. صاف ظاهر آهي ته پيغمبر اسلام جن ان ئي سبب يهودين کي جنگ تي هلڻ کان واپس موٽايو هو جو انهن تي گهڻو اعتماد نه هيو ۽ جنگ خندق ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي بي اعتمادي بلڪل صحيح هئي. يهودين پنهنجي شهر مديني جي بچاءَ خاطر اهڙيءَ مشڪل گهڙيءَ ۾ مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪري مسلمانن سان ڪيل واعدا وساري ڇڏيا. قبيلي بنوقريظه کي جيئن ته اهو احسان هو ته اسان واعدي خلافي ڪئي آهي ته اهي پنهنجي گهرن مٿان مورچه بندي ڪري ويهي رهيا.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت علي رضي الله بن ابي طالب جي مٿان اها ذميواري رکي ته هو بنوقريظه جي يهودين کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ ۽ مسلمانن جي سامهون پنهنجي جرم کي تسليم ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ۽ کين اسلام جي دعوت ڏني وڃي.
    عربي زبان ۾ قريظه دراصل ٻٻر جي وڻ کي چيو ويندو آهي ڇو ته ان وڻ جا ڇوڏا چمڙي جي رنگائي ۾ ڪم ايندا آهن، ان ڪري اهي يهودي جن جو چمڙي جو ڪاروبار هو، بنوقريظه جي نالي سان مشهور ٿي ويا. خاص ڪري مديني جا يهودي، سون جي ڪاروبار، زراعت، چمڙي جي ڪاروبار سبب تمام وڏا مالدار ٿي چڪا هئا ۽ پنهنجا گهر به اهڙي ريت ٺهرائيندا هئا جو گهر رهائشگاهه کان علاوه هڪ جنگي قلعي جو به ڏيک ڏيندو هو. جڏهن يهودين ڏٺو ته مشرڪن جي فوج واپس وڃي چڪي آهي ته انهن پنهنجن گهرن تي مورچه بندي قائم ڪري مسلمانن جي خلاف ٿي بيٺا.
    حضرت علي ڪرم الله وجهھ بنوقريظه جي محلي کي محاصري ۾ آڻڻ بعد انهن کي پهريان اسلام جي دعوت ڏني. بنوقريظه جي يهودين جواب ڏنو ته اسان محمد (ﷺ)کي نبي نٿا مڃون ڇو ته ان جو تعلق قوم عرب سان آهي ۽ اسان جي نظر ۾ هڪ عربي پيغمبر نٿو ٿي سگهي پر اهوئي شخص پيغمبر ٿي سگهي ٿو جنهن جو تعلق بني اسرائيل سان هجي ڇو ته الله تعاليٰ صرف قوم بني اسرائيل سان هم ڪلام ٿيندو آهي، ڪنهن ٻئي سان نه. اهوئي سبب آهي ته اڄ تائين جيترا به پيغمبر آيا آهن، انهن جو تعلق بني اسرائيل سان هو مسلمانن بنوقريظه جو محاصرو جاري رکيو ۽ چئن يا ڇهن هفتن کان پوءِ بنوقريظه جا ماڻهو کائڻ پيئڻ جي ڪمي سبب پريشان ٿي ويا. هڪ ڏينهن قبيلي جو سربراهه ڪعب اسد هڪ قلعي تي ظاهر ٿيو ۽ ان حضرت علي رضي الله کي وڏي آواز ۾ چيو ته، ”اسان جا ننڍڙا کير پيئندڙ ٻار کير کان محروم آهن ڇو ته انهن جي مائرن جي ڇاتي کاڌي پيتي کان سواءِ خشڪ ٿي چڪي اهي ان ڪري انهن جا ٻار بيحال ٿي چڪا آهن.“
    حضرت علي رضي الله ڪعب اسد جو آواز ٻڌي ورتو ۽ ان کي بلند آواز سان جواب ڏنو ته، ”اي اسد! منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جا به ننڍا ننڍا ٻچا آهن، جن توکي محاصري ۾ بند رکيو آهي ۽ اسين بخوبي ڄاڻون ٿا ته جڏهن ٻار کي بک لڳندي آهي ته هو ڪيترو روئيندو آهي. پر تون سمجهي ڇڏ ته اسان کي توهان جي ٻارڙن سان ڪابه دشمني نه آهي ۽ نه وري موجوده صورتحال پيدا ٿيڻ ۾ ڪو اسان جو قصور آهي. پر اهو تون ئي آهين جنهن مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪئي، مسلمانن سان غداري ڪئي ۽ انهن جي پٺيءَ تي خنجر هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاڻي پاڻ ئي پنهنجي گهرن مٿان مورچه بندي ڪري ويٺو آهين. ان تحت اسان توتي ڪهڙو اعتماد رکي توکي آزاد ڇڏي ڏيون؟ اهڙي صورتحال جي باوجود توکي هڪ تجويز پيش ڪريان ٿو ته تون ڪنهن پنچائت کي قبول ڪندين ۽ جيڪا اها فيصلو ڪري اهو قبول ڪندين؟...
    ڪعب اسد چيو ته مان في الحال جواب ڏئي نٿو سگهان، مون کي ڪجهه مهلت ڏي جيئن ته مان قبيلي جي وڏن سان صلاح مشوره ڪري سگهان. حضرت علي رضي الله ان کي اجازت ڏني. مديني جي آئين مطابق قانوني حق خود پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هٿ هيو ۽ پاڻ ﷺ جن کي ان سلسلي ۾ پورا اختيار حاصل هئا. ان ڪري پاڻ سڳوراﷺ ان مسئلي ۾ مجبور نه هئا ته بنوقريظه جي اختلاف حل ڪرڻ لاءِ ڪنهن ٻئي شخص کي منصف بڻايو وڃي. ان جي باوجود حضرت علي رضي الله جن رسول ﷺ جن جي اجازت سان يهودين کي اها تجويز پيش ڪئي ته ٻئي ڌريون ڪنهن ٻئي شخص جي پنچائت قبول ڪندي، ان جي فيصلي کي بنا چون چران جي قبول ڪريون.
    مقرر مهلت گذرڻ کان پوءِ ڪعب اسد انهيءَ ئي قلعي تان هن ريت اعلان ڪيو هت اسان ٻئي اهڙي ڪنهن شخص جي جو ڪنهن جي به طرفداري نه ڪندڙ هجي، ان جي فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون. حضرت علي رضي الله ڀرپور تاڪيد ڪندي چيو ”اي ڪعب اسد اهو سمجهي ڇڏ ته اسان توهان تي ڪنهن قسم جو دٻاءُ وجهڻ نٿا چاهيون، توکي پوري آزادي آهي جنهن کي به چاهين فيصلي ڪرائڻ لاءِ مقرر ڪري سگهين ٿو ۽ جڏهن تون ان جي چونڊ ڪري وٺين ته اسان پنهنجي طرفان ٻه نمائندا موڪلينداسين. تون به پنهنجي طرفان ٻه نمائندا موڪلي ڇڏجانءِ. اسان جا نمائندا توهان جي طرف کان مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪرڻ ۽ تنهنجي معاهدي جي ٽوڙڻ جي باري ۾ گفتگو ڪندا. تنهنجا نمائندا به جيڪو چوڻ چاهڻ چئي ڏين، پر جڏهن ڳالهيون ختم ٿي وڃن ته منصف پنهنجو فيصلو ٻڌائي ته ڇا ان فيصلي کي دل سان مڃيندين؟ يهودين جواب ڏنو ته: ”اي علي رضي الله اسان ان جي فيصلي کي دل وچان قبول ڪنداسين.“
    حضرت علي رضي الله جواب ۾ چيو ته، ”پوءِ اسان به ان جي حڪم کي مڃينداسون.“
    جيتوڻيڪ اها ڇڪتاڻ ختم نه ٿي هئي ۽ يهودين اڃان محاصري ۾ هئا، ان جي باوجود حضرت علي رضي الله اها اجازت ڏئي ڇڏي ته يهودين کي هڪ هفتي جي لاءِ ضرورت جون شيون ڏنيون وڃن ۽ حضرت علي رضي الله اها به تاڪيد ڪئي ته جيڪو ڪجهه چاهين کين ڏنو وڃي جيئن مائرون پنهنجي ٻچن کي آسانيءَ سان کير پياري سگهن.
    بنوقريظه مشورو ڪري پيغام موڪليو ته اسان ”سعد بن معاذ“ کي پنهنجو منصف چونڊيو آهي. سعد بن معاذ قبيلي اوس جو سربراه هو ان جا يهودين ۽ مسلمانن سان دوستي جا تعلقات هئا. مسلمانن سعد بن معاذ جي سامهون بنوقريظه جي شڪايت ڪئي ۽ ان کي مديني جي آئين جي مختلف شقن کان آگاه ڪيو ۽ چيائون ته هن آئين جي مطابق جيڪڏهن مديني تي حملو ٿئي ته شهر ۾ رهڻ وارن سڀني قبيلن کي ان جي دفاع لاءِ مسلمانن سان ساٿ ڏيڻو پوندو. پر بنوقريظه مسلمانن جو ساٿ ڏيڻ جي بجاءِ ان جي دشمنن سان رابطو قائم ڪيو ۽ مشرڪن مڪي وارن سان عهد جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلمانن تي ٻنهي طرفان دٻاءُ پوي.
    بنوقريظه جي نمائندن پنهنجي بچاءَ خاطر جنگ احد جو تذڪرو ڪرڻ شروع ڪيو ته اسان ان جنگ ۾ مسلمانن جي مدد ڪرڻ چاهيون پيا پر انهن اسان کي پاڻ سان هلڻ پسند نه ڪيو ان ڪري هن جنگ ۾ اسان سوچيو ته جيڪڏهن اسان مسلمانن جو ساٿ ڏيڻ به چاهيون ته اهي اسان جي مدد وٺڻ کان انڪار ڪري ڏيندا.
    مسلمانن صفائي پيش ڪندي چيو ته جيڪڏهن اسان يهودين کان مدد نه ورتي ته اها ڪا خلاف ورزي ته نه هئي پر انهن جنگ خندق ۾ مديني جي آئين جي ظاهري خلاف ورزي ڪئي ۽ دشمن جي اشاري تي اسان تي پٺيان خنجر وهائڻ چاهيو.
    بنوقريظه جي نمائندن ان ڳالهه جو انڪار ڪيو ۽ چيائون ته اسان نه ته مڪي وارن سان رابطو ڪيو هو ۽ نه ئي انهن سان معاهدي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. مسلمانن ان ئي وقت نعيم بن مسعود کي گواهي طور پيش ڪيو ۽ ان به تفصيل سان ان ذميوارين جي باري ۾ ٻڌايو جيڪا ان تي ذميواري رکي وئي هئي. ان کان علاوه نعيم بن مسعود هڪ هڪ ڪري انهن يهودين جا نالا پيش ڪيا جن جي طرفان ان کي مختلف هدايتون جاري ڪيل هيون.
    اها عدالتي ڪارروائي ڪيترائي ڏينهن جاري رهي. سعد بن معاذ ٻنهي ڌرين جا بيان ۽ انهن جي شاهدن جي بيان ڏاڍي غور سان ٻڌا. پوءِ ان اهو فيصلو ڏنو ته جيئن بنوقريظه پنهنجي واعدي کي ٽوڙيو آهي ۽ مديني جي آئين جي خلاف ورزي ڪئي آهي اهڙي دشمن سان رابطو ڪرڻ چاهيائون جيڪو مسلمانن کي بلڪل مٽائڻ جو ارادو رکي آيو هو، ان ڪري اهي سڀ جا سڀ سزاءِ موت جا حقدار آهن.
    اهو حڪم ڪنهن مسلمانن جي منصف طرفان نه هيو پر اهڙي شخص جي طرفان جاري ڪيو ويو، جنهن کي يهودي پنهنجو خيرخواهه سمجهندا هئا ۽ پاڻ ئي انهن سعد بن معاذ کي منصف چونڊيو هو.
    ان حڪم جاري ٿيڻ بعد حضرت علي رضي الله اڃا به ڇوٽ ڏني ته عورتون ۽ ٻار، نابالغ ۽ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ۽ اهڙيءَ طرح پوڙها مرد ۽ عورتون سزا کان معاف آهن، پر جيڪڏهن ٻيا ماڻهو اسلام قبول ڪن ته اهي به سزا کان بچي سگهن ٿا. ان ڪري بنوقريظه جا ڪجهه يهودي اسلام قبول ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ۽ اهي اسلام جي پناهه ۾ اچي ويا. پر باقي يهودين جيڪي صرف مرد هئا، پنهنجي گهر مان نڪرڻ گواره نه ڪيو ۽ مسلمانن سان مقابلي لاءِ تيار ٿي ويا.
    ان موقعي تي حضرت علي رضي الله بنوقريظه جي لڙائي کان پاسي هئا ڇو جو رسول الله ﷺ ان تي هڪ ٻي ذميواري رکي هئي ته مڪي هلڻ لاءِ ضروري سامان مهيا ڪري. ان جي باوجود حضرت علي رضي الله هلندي هلندي وري تاڪيد ڪيو ته عورتن، ٻارن، نابالغ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين ۽ پوڙهن ۽ عورتن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جيئن لڙائي ٿيڻ جي صورت ۾ انهن کي بک ۽ اڃ جي تڪليف نه ٿئي. مسلمانن به حضرت علي رضي الله جي حڪم جي تعميل ڪئي. ان جي باوجود اهي يهودي جن مسلمانن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ هٺ ڌرمي ڪئي هئي پوءِ انهن کي برو نتيجو مليو ۽ انهن مان ڪوبه زنده نه بچيو.


    رسول الله ﷺ جن جو عمري جو فيصلو

    رسول الله ﷺ جن جو عمري جو فيصلو

    عام مسلمان هي سمجهي رهيا هئا ته مديني جو اقتصادي محاصرو يعني ناڪه بندي ٽوڙڻ جي لاءِ رسول الله ﷺ يا ته مڪي تي حملو ڪندا جيڪو مديني کان چار سؤ ڪلوميٽر فاصلي تي آهي يا ٻه سؤ ڪلوميٽر پري اتر ۾ خيبر جي شهر تي حملو ڪندا. پر پيغمبر اسلام ﷺ جن اهڙو رستو اختيار ڪيو جو ان جي باري ۾ عام مسلمانن کي اهو گمان به نه هو. اهو ائين ته پاڻ سڳورنﷺ جن مسلمانن سان گڏجي عمره جي لاءِ مڪي وڃڻ جو فيصلو ڪيو.
    مڪو اهڙو شهر هيو جتي حضرت محمد ﷺ جن جي خون جا پياسي رهندا هئا ۽ انهن ڪيترائي ڀيرا پاڻ سڳورنﷺ جن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي. ۽ مڪي کان ئي ڪيترا دفعا وڏي تعداد ۾ فوج نڪري مديني تي حملي ڪرڻ لاءِ پهتي ته جيئن الله جي رسول ۽ ان جي پيروي ڪندڙن کي مڪمل ختم ڪيو وڃي ۽ اسلام کي بلڪل مٽايو وڃي، پر ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي سمورن ساٿين سان گڏجي مڪي وڃڻ جو عزم ڪري ڇڏيو.
    شروعات ۾ مسلمانن اهو سمجهيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جنگ جي غرض سان مڪي وڃي رهيا آهن، ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ کان پڇا ڪئي وئي ته ڇا اوهان جو مڪي تي حملي ڪرڻ جو ارادو آهي ته پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته، نه اسان صرف عمرو ادا ڪرڻ مڪي وڃي رهيا آهيون. پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي ٻن هزار ساٿين سميت 628ع ۾ هجرت جي ڇهين سال سردين جي ٻئي مهيني مڪي ڏانهن روانا ٿيا، هن دفعي مسلمانن جي قافلي ۾ ڪيترائي اُٺ شامل هئا.
    جيتوڻيڪ ان موقعي تي مسلمانن جو ڪل تعداد ٻه هزار کان زياده هيو پر ڪجهه بدوي مسلمان ان سفر ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن سان گڏجي نه آيا. دراصل انهن کي خبر هئي ته مڪي وارا خاص طور بنو قريش وارا مسلمانن سان جنگ ڪرڻ جي حالت ۾ آهن. ان ڪري انهن سمجهيو ته رسول الله ﷺ جن قريش وارن سان مقابلي ڪرڻ جي نيت سان مڪي وڃي رهيا آهن. اهوئي سبب هو جو اهي مسلمانن سان گڏجي نه آيا، ڇو ته اهي نه پيا چاهن ته اهڙي شهر تي حملو ڪن جيڪو حرم آهي يعني اتي خون خرابو ڪرڻ جرم ۽ قطعي حرام آهي.
    ان کان علاوه انهن ڏينهن ۾ رسول الله ﷺ جن مڪي ڏانهن وڃي رهيا هئا، جيڪي حرمت وارن مهينن جا ڏينهن هئا. بدوي ماڻهو انهن مهينن ۾ نه خود لڙائي ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن سان لڙائي ۾ ساٿ ڏيندا هئا. ان کان علاوه جيڪي ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان مڪي نه هلڻ جي معذوري ظاهر ڪئي اهي نوان مسلمان ٿيا هئا ۽ انهن جو ايماني جذبو ايترو پختو ۽ مضبوط نه ٿيو هو جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هر حڪم جي بنا چون چرا جي اطاعت ڪن. پر مسلمانن جو هڪ خاص ٽولو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ساڻ مڪي هليو. مهاجرن جو ٽولو ته تمام گهڻو خوش هيو ڇو ته هي اهي ماڻهو هئا جن ڇهه سال اڳ حضرت محمد ﷺ جن سان پنهنجو وطن ۽ گهر ٻار ڇڏي مديني ڏي هجرت ڪري آيا هئا.
    هتي هيءَ ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته مڪو جزيره عرب جي سڀني ماڻهن جي لاءِ مقدس شهر جي حيثيت رکندو هو، ڇو ته هي اهوئي شهر آهي جتي حضرت آدم پهريون عبادتگاهه ٺاهيو ۽ هي اهائي جڳهه آهي جتي حضرت ابراهيم خانه ڪعبه جو بنياد رکيو جيئن مالڪ حقيقيءَ جي عبادت ڪري سگهجي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود مڪو مهاجرن جو آبائي وطن به هو. انهن انهيءَ ئي شهر ۾ اکيون کوليون هيون ۽ انهن جي دلين ۾ اها تڙپ هئي ته پنهنجي وطن ڏانهن موٽجي ته جيئن جڏهن اکيون بند ٿين ته پنهنجي وطن جي مٽيءَ اندر دفن ٿيون ۽ پنهنجي عزيزن قريبن جي هٿن سان هن دنيا مان رخصت ٿيون.
    جن ڏينهن ۾ پيغمبر اسلام ﷺ مڪي ڏانهن وڃي رهيا هئا ان وقت ابوسفيان شهر کان ٻاهر هيو ۽ شهر جا چڱا مڙس ان سوچ ۾ هئا ته محمد ﷺ ۽ ٻين مسلمانن جي باري ۾ ڪهڙي راهه اختيار ڪرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ مڪي وارن جي ڀلائي ان ۾ هئي ته خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ ايندڙ ڪهڙي به مذهب سان تعلق رکندڙ هجن، مڪي ۾ آزاديءَ سان اچن وڃن، اتان جي بازارن مان سامان خريد ڪن جنهن جو فائدو خود مڪي وارن کي به پهچي پيو ۽ انهن کي قربانيءَ جو گوشت به نصيب ٿئي پيو، ان ڪري ٻه هزار مسلمانن جي داخلا تي پابندي لڳائڻ مڪي وارن جي فائدي جي ڳالهه نه هئي ۽ تجارتي نقصان پڻ هو. حقيقت هيءَ آهي ته حرمت جي مهينن ۾ هر انسان کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي آزادي هئي ۽ مسلمانن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ تي روڪڻ ان وقت جي آئين جي خلاف ورزي هئي.
    مگر مڪي جا قريش اهو ڪيئن برداشت ڪري سگهن پيا ته اهڙن ماڻهن کي پنهنجي شهر ۾ آزاديءَ سان گهمندي ڏسن جن جي هٿان مختلف جنگين ۾ بيحد خواري ملي هُين. قريش جي سردارن لاءِ اها گهڙي تمام ڏکائتي هئي جو هو ڪو قطعي فيصلو ڪري سگهن. جيڪڏهن هو مسلمانن کي ٻين مذهبن کي مڃيندڙن کان جدا ڪن ۽ چون ته هنن جو حساب ٻيو آهي ۽ انهن کي مڪي ۾ قدم رکڻ جي اجازت نه آهي ته مڪو پنهنجي گڏيل حيثيت وڃائي ويهندو. ان سلسلي ۾ صرف هڪ خلاف ورزي ڪافي هئي ته قريش جو ٺهيل پنهنجو قانون به بي اعتبار ٿي ويندو ۽ مڪي جي بازار جي رونق به گهٽجندي ويندي ۽ بين الاقوامي حيثيت به ختم ٿي ويندي.
    جيڪڏهن اها اجازت ڏني وڃي ته مسلمان سؤن اٺن سميت شهر ۾ داخل ٿي وڃن ته هي انديشو هيو ته اهي مڪي تي قبضو نه ڪن. جيڪڏهن اهو خطرو نه هجي ته به اسلام جي روز بروز مقبوليت جو توڙ ڇا هيو؟ جيڪڏهن ٻه هزار مسلمان مڪي ۾ داخل ٿين ته ان ڳالهه جي ڪهڙي ضمانت هئي ته جڏهن هو مڪي کان نڪرن ته ٻن هزارن کان زياده ٿي وڃن!
    اهڙن انديشن جي تحت مڪي جي قريش اهو فيصلو ڪيو ته مسلمانن جو رستو روڪيو وڃي. ان ڪري انهن چاليهن ماڻهن تي اها ذميواري رکي وئي ته اهي وڃي مسلمانن جو رستو بند ڪري مڪي ڏانهن وڌڻ کان روڪين. پر جڏهن اهي ماڻهو مسلمانن جي سامهون ظاهر ٿيا ته جلدئي انهن جي هٿان گرفتار ٿي ويا ۽ سندن هٿيار به ضبط ڪيا ويا. پر پيغمبر اسلام ﷺ جن حڪم ڪيو ته انهن کي فديي وصول ڪرڻ کان سواءِ آزاد ڪيو وڃي ۽ کين هٿيار به واپس ڪيا وڃن. اها ڳالهه مڪي جي آيل ماڻهن لاءِ به تعجب جهڙي هئي ڇو جو جزيره عرب ۾ جڏهن ڪوبه شخص گرفتار ڪيو ويندو هو ته فديي وصول ڪرڻ کان سواءِ آزاد نه ڪيو ويندو هو. ان ڪري مسلمانن مان ڪنهن پڇا ڪئي ته يارسول الله! اوهان هنن کي بغير فديي ادا ڪرڻ جي ڇو ڇڏي ڏنو ۽ کين هٿيار به واپس ڪيا ويا؟
    رسول الله ﷺ جن فرمايو ، ”ان لاءِ ته اسان صرف زيارتي آهيون ۽ خانه ڪعبه جي زيارت ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون ۽ جيڪو زيارت لاءِ وڃي رهيو هجي اهو قيدي نه پڪڙيندو آهي.“ ان واقعي کان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻه سؤ سوار سپاهين جو ٽولو مسلمانن کي روڪڻ لاءِ روانو ٿيو. ان ٽولي جي اڳواڻي ابوجهل جو پٽ ”عڪرمه“ ڪري رهيو هو. جڏهن اهو ٽولو مسلمانن وٽ پهتو ته اهي نماز ادا ڪري رهيا هئا. عڪرمه ڏٺو ته اهي ڪعبي جي طرف صفون بڻائي بيٺا آهن. مسلمانن جي نماز پڙهڻ جو منظر ايترو ته باعظمت ۽ روح کي وڻندڙ هو جو عڪرمه حيرت سان ڏسندو رهيو ۽ مسلمانن تي کيس حملي جي جرائت ئي نه ٿي سگهي ۽ گهوڙي کي ڦيرائي پري بيهي رهيو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن مڪي وارن جي خدشن ۽ انديشن کي دور ڪرڻ خاطر هڪ ايلچي موڪليو ته جيئن هو مڪي وارن کي اها ڳالهه سمجهائي ته مسلمان لڙائي خاطر نٿا اچن، پر انهن جو مقصد صرف ڪعبي جي زيارت ڪرڻ آهي. ان ڪري مسلمانن وٽ ڪو هٿيار به نه آهي، جيڪڏهن مسلمان لڙائي لاءِ اچن ها ته خالي هٿين نه اچن ها ضرور هٿيار ساڻ کڻن ها.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جو ايلچي مڪي نه پهچي سگهيو ڇو جو عڪرمه رستي ۾ ائي انهن کي پڪڙي ايلچي ۽ سندس ساٿين جي اٺن جون ٽنگون ڪٽي ڇڏيون، ايلچي ۽ سندس ساٿي اٺن کان بيوس ٿي ريگستان ۾ ڀٽڪندا ڀٽڪندا اچي مسلمانن جي قافلي سان مليا.
    ٻئي طرف عڪرمه جيڪو پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ايلچيءَ جي گرفتاري ۾ هيو ۽ اسلام جو قافلو پوئتي هٽي بيٺو. مسلمانن بنا روڪ جي پنهنجو سفر جاري رکيو، جڏهن مسلمانن جو قافلو اهڙي جڳهه تي اچي پهتو جنهن کي سرزمين مڪي جي سرحد سمجهيو ويندو هو، جتان قربانيءَ جي اٺن تي علامت گزاري“ جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي. ”علامت گذاري“ يعني اٺن جي جسم تي نشان لڳائڻ، دور جاهليت جي عربن جي هڪ خاص رسم هئي. ان موقعي تي پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرفان رسم کي ادا ڪرڻ مڪي وارن کي اهو سمجهائڻو هو ته مسلمان صرف ڪعبي جي زيارت لاءِ هتي آيا آهن، لڙائي ڪرڻ يا ڪنهن ٻئي مقصد جي لاءِ نه.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن طرفان انهن روايتن جي پابنديءَ جو مقصد اهو هيو ته جيئن عرب اسلام کان خوفزده نه ٿين ۽ اهو اطمينان رکن ته اسلام حج جي پراڻي روايت کي ختم ڪرڻ نه آيو آهي ۽ نه ئي مڪي جي مرڪزي حيثيت کي گهٽائڻ خاطر. پيغمبر اسلام ﷺ جن حج جي پراڻي رسم کي قائم رکندي ان وقت جي عربن کي سمجهائڻ چاهيو ته مسلمانن جي نزديڪ خانه ڪعبه ايترو ئي مقدس ۽ محترم آهي، جيترو ٻين مذهبن جي مڃڻ وارن جي نظر ۾ آهي ۽ جيتري چاهت هڪ بت پرست کي خانه ڪعبه سان آهي ته ان کان به وڌيڪ محبت هڪ مسلمان جي دل ۾ سمايل آهي.
    جڏهن قرباني جي اٺن تي نشان لڳائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي ته مسلمانن جو قافلو مڪي ڏانهن روانو ٿيو، هتي ابوجهل جي پٽ عڪرمه مسلمانن جي قافلي جي راهه روڪي.
    مشهور ليکڪ ابن هشام، عڪرمه جي زباني پيش ڪندي لکي ٿو، ”واتینا عند السلھ“ يعني جڏهن اسان مسلمانن جي سامهون ٿياسين ته انهن جون تلوارون مياڻ کان ٻاهر هيون. ”سله“ جو مطلب مياڻ کان تلوارون ٻاهر ڪڍڻ آهي، عڪرمه جو بيان ۽ ٻين تاريخي روايتن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن مسلمان مڪي وڃي رهيا هئا هت انهن وٽ تلوارون موجود هيون. پر اهو اسان کي نه وسارڻ گهرجي ته ان زماني ۾ تلوار صرف جنگي هٿيار طور استعمال نه ٿينديون هيون پر اهي اهو اسلحو هيو جنهن کي ان زماني ۾ سڀئي ماڻهو ساڻ رکندا هئا. بلڪل ائين ئي جيئن اڄ به جزيره عرب جا اڪثر ماڻهو ۽ عرب ملڪن جا شيخ هڪ خنجر پنهنجي چيلهه سان ٻڌل رکندا آهن. اهو خنجر حقيقت ۾ انهن جي لباس جو حصو آهي ۽ ان کي جنگي اسلحو تصور نه ڪيو ويندو آهي.
    جيڪڏهن مسلمانن تلوارون سڌيون ڪيون هجن ته يقيناً عڪرمه ۽ ان جي ساٿين کي ڏسندي پوءِ ائين ڪيو هجي نه ته تلوارن ڪڍڻ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي. ان کان بعد ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته تلوارن جي استعمال جو ڪوبه سبب نه هيو. ڇو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو چاهن ئي نه پيا ته هن سفر ۾ خون جو هڪ قطرو به زمين تي ڪري، ان ڪري عڪرمه جو بيان بي وزن ۽ حقيقت کان ٻاهر نظر اچي ٿي. ان ڳالهه جي اسلامي تذڪره نويسن به تصديق نه ڪئي آهي.
    جنهن جڳهه تي مسلمانن قرباني جي اٺن تي نشان لڳائڻ جي رسم ادا ڪئي هئي. ”ذوالحليفه“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي. مسلمانن ان جڳهه تي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ احرام ٻڌا ۽ مڪي ڏانهن روانا ٿيا. عڪرمه جي رستي روڪڻ تي پيغمبر اسلام ﷺ جن ان موقعي تي خون جو هڪ قطرو به وهائڻ نه پيا چاهين، ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ مقابلي کان بچڻ لاءِ ذوالحليفه جي پهاڙن جو رستو اختيار ڪيو ۽ مڪي جي طرف پنهنجو سفر جاري رکيو، ذوالحليفه جي سرزمين تان گذرڻ کان پوءِ هڪ انتهائي تنگ ۽ مشڪل پهاڙي علائقي ۾ داخل ٿيا جتان اٺن لاءِ هلڻ ڏاڍو مشڪل هيو. ان پهاڙي علائقي ۾ مسلمانن کي سج جي سخت تپش ۽ اُڃ جي شدت جي ڪري تمام سخت تڪليف سهڻي پئي پر انهن ڪهڙي نه ڪهڙي طرح اهو رستو به پار ڪيو ۽ ”حديبيه“ جي علائقي ۾ داخل ٿي ويا.
    حديبيه اڄ جي حساب مطابق مڪي کان يارهن ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي جتان مڪي جو نظارو بخوبي نظر اچي رهيو هو. اهو منظر ڏسي مسلمانن جون اکيون ڀرجي آيون. ائين محسوس ڪرڻ لڳا ته ايندڙ ڪلاڪ اڌ ۾ مڪي پهچي پنهنجي وطن جي مٽي تي قدم رکنداسين. پر ان گهڙيءَ ڪجهه مسلمان عقيدت ۽ احترام جي جذبي جي تحت ۽ مڪي سان والهانه محبت سبب سوچ ۾ هئا ته جيڪر پر هجن ته اسين اڏامي هينئر جو هينئر مڪي وڃي پهچون. ان وقت اچانڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو اٺ جنهن جو نالو ”ثعلب“ هو، هلندي هلندي بيٺو ۽ آهستي آهستي زمين تي ويهي رهيو. پيغمبر اسلام ﷺ اٺ کي اٿارڻ چاهيو پر هو اٿي اڳتي هلڻ جي بجاءِ ٻه قدم پوئتي هٽي وري زمين تي ويهي رهيو پاڻ سڳوراﷺ اٺ تان لهي مسلمانن سان مخاطب ٿي فرمايائون ته، ”الله جي مرضي اها آهي ته اسان کي هن جڳهه تي رڪڻو آهي.“ سڀ مسلمان اٺن تان لٿا پر غمگين حال ۾؛ ڇو جو انهن کي اها اميد نه هئي ته مڪي جي دروازي تي پهچي اسان کي اچانڪ ترسڻو پوندو.
    اها جڳهه جتي پيغمبر اسلام ﷺ جن ترسيا اها ”غديرالاشطاط“ جي نالي سڏبي هئي ۽ حديبيه جي علائقي ۾ واقع هئي. بهار جي مند ۾ اتي پاڻي آسانيءَ سان ملي ويندو هو پر هن وقت جڏهن مسلمان اتي ترسيا ته پاڻي ڏسڻ ۾ ئي نه پيو اچي. سڀني مسلمانن پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: ”يارسول الله اسين ٻه هزار ماڻهو آهيون ۽ سؤن جي تعداد ۾ اٺ به اسان سان ساڻ آهن. هن علائقي ۾ جتي اسين ترسيا آهيون، پاڻيءَ جو قطرو به موجود نه آهي.“ پاڻ سڳوراﷺ خود اهو ڄاڻن پيا ته هڪ خشڪ علائقي ۾ پاڻي کان سواءِ رهڻ مشڪل آهي، مسلمانن چيو ته تنهن ڪري اسين اڳتي هلون جتي پاڻي موجود هجي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پوري طرح احساس هيو ته جيڪڏهن مسلمان هڪ قدم به اڳتي وڌيا ته مڪي وارن سان لڙائي شروع ٿي ويندي ۽ مڪي جي حد ۾ خون جاري ٿي ويندو. ڇو ته مڪي جو علائقي به خانه ڪعبه جي طرح حرم سمجهيو ويندو هو. ان کان سواءِ ماهه حرام ۾ جهيڙو يا خون وهائڻ جي سخت منع ٿيل هئي. ان ڪري جيڪڏهن مسلمان اڳتي وڌن پيا ته لڙائي سبب حج جو احترام به ختم ٿي سگهيو پئي. ان سبب جي ڪري پاڻ سڳورنﷺ مسلمانن کي فرمايو ته، ”اسان هتان اڳتي وڌي نٿا سگهون ڇو ته الله جي مرضي آهي ته في الحال اتي ترسيل هجون.“
    مسلمانن چيو ته، ”پوءِ پاڻيءَ کان سواءِ گذارو ڪيئن ٿيندو؟“
    روايت آهي ته حضرت محمد ﷺ جن انهيءَ ئي وقت پنهنجا ٻئي هٿ مبارڪ بارگاهه الاهي ۾ پاڻيءَ لاءِ کنيا ۽ فرمايائون: ” اي باري تعاليٰ جيڪڏهن تنهنجي طرفان پاڻي مهيا نه ٿيو ته مسلمان بي اختيار ٿي حرم ۾ داخل ٿي ويندا.“ ان وقت مسلمانن مان هڪ شخص پيغمبر اسلام ﷺ جن کي چيو: ”يارسول الله! اوهان جي قدمن هيٺان پاڻي موجود آهي.“ اها ڳالهه ٻڌي مسلمانن ان جڳهه تي کوٽائي شروع ڪئي جنهن جڳهه تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جا قدم مبارڪ هئا. ڏسندي ئي ڏسندي زمين مان پاڻي ايترو ته نڪري آيو جو جيستائين مسلمان اتي ترسيل هئا ته انهن جي ضرورت کان زياده پاڻي موجود هيو.
    جڏهن پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي ويو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت عثمان رضي الله کي ايلچي طور مڪي روانو ڪيو ته قريش وارن کي اطلاع ڏنو وڃي ته اسان صرف ڪعبي جي زيارت لاءِ مڪي آيا آهيون نه مقابلو يا ڪا لڙائي ڪرڻ. ان ڪري اسان کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن اسين ڪعبي جي زيارت ڪريون.
    حضرت عثمان رضي الله هميشه عمده لباس پهرڻ ۽ مختلف محفلن ۾اچڻ وڃڻ جو شوقين هيو. مجلس جي ادب کان پوري طرح واقفيت رکندو هو ۽ هڪ سماجي ڪارڪن هيو ۽ هميشه سهڻي گفتگو ڪندو هيو جيئن ڪنهن به ڳالهه جو غلط سبب نه بڻجي. بهرحال حضرت عثمان رضي الله پاڻ سڳورنﷺ جي تجويز ٻڌي پنهنجي اٺ تي سوار ٿي مڪي جي طرف روانو ٿي ويو. پر ان جي تڪڙي واپسي نه ٿي سگهي، جتي مسلمان ترسيل هئا، اتي اهو افواه پکڙجي ويو ته حضرت عثمان رضي الله کي مڪي ۾ نظر بند ڪيو ويو آهي، بعد ۾ اها خبر به ڦهلجي وئي ته حضرت عثمان رضي الله کي قتل ڪيو ويو آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي جڏهن حضرت عثمان رضي الله جي قتل ٿيڻ جو اطلاع مليو ته پاڻ سڳورنﷺ جي خيال ۾ تبديلي اچي وئي ڇو ته پاڻ سڳوراﷺ خوب ڄاڻن پيا ته ڪهڙي مقصد لاءِ حج ۽ عمري جي بهاني مديني کان مڪي تائين سفر ڪيو آهي. پاڻ سڳورنﷺ جو مقصد هيو ته جيئن تيئن مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ دوستيءَ جي فضا قائم ٿئي ته جيئن مديني جي ناڪه بنديءَ مان جان ڇڏائي سگهجي. ٻيو هي ته مڪي وارن کي اها سمجهه اچي ته اسلام عرب قوم جو دشمن نه آهي پر حامي آهي. ان لاءِ مسلمانن جي دل ۾ ڪعبي جي اها اهميت آهي جيڪا قريش وارن جي دل ۾ آهي. دراصل بنوقريش کي اها غلط فهمي ٿي چڪي هئي ته حضرت محمد جن نئين دين جي آڙ ۾ مڪي کي ان جي حقيقي مقام کان محروم ڪرڻ چاهي ٿو. مگر قريش وارا مڪي جي مرڪزي حيثيت کي اهميت نه ڏيندا هئا پر صرف تجارتي حيثيت کي برقرار رکڻ چاهيندا هئا. ان ڪري جيتوڻيڪ مڪي وارا پيغمبر اسلام جن جا زبردست دشمن هئا ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ جن عمري ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جيئن مڪي وارن ۽ خاص طور تي بنو قريش کي اهو سمجهائي سگهن ته مسلمان به خانه ڪعبه کي وڏي احترام جي نظر سان ڏسندا آهن ۽ ان کي عبادت جو گهر تصور ڪندا آهن.
    پر جڏهن حضرت عثمان رضي الله جي قتل جي خبر پهتي ته ان وقت حضرت محمد ﷺ جن سمورن مسلمانن کي هڪ وڻ هيٺيان گڏ ٿيڻ جو حڪم ڪيو اُهو وڻ حديبيه جي حد ۾ غديرالاشطاط جي علائقي ۾ هيو.
    اهڙا وڻ جيڪي گهاٽا ۽ سالن کان پراڻا هجن انهن جون پاڙون زمين جي تمام وڏي حصي ۾ ڦهليل هونديون آهن، اهڙن وڻن کي پاڻي جي ضرورت نه ٿيندي آهي، اهي پنهنجي پاڙن جي ذريعي تمام هيٺان زمين مان پاڻي حاصل ڪندا آهن ۽ تمام مضبوط ۽ گهاٽا پنهنجي وجود کي قائم رکندا آهن. اسلامي حوالن کان اهو معلوم ٿئي ٿو ته اهو وڻ جنهن جي هيٺان رسول الله ﷺ جن پنهنجي ساٿين کي ڪٺي ٿيڻ جو حڪم ڏنو ته اهو ايترو ته وڏو ۽ گهاٽو هو جو سڀئي مسلمان ان جي ڇانو هيٺ اچي جمع ٿيا. ان ڪري اسان کي اهڙي خشڪ علائقي ۾ اهڙي گهاٽي وڻ جي موجود هجڻ تي تعجب ڪرڻ نه گهرجي.
    جڏهن سڀ مسلمان جمع ٿيا ته رسول الله ﷺ جن انهن کي مخاطب ٿي فرمايو ته مان اوهان کي ان لاءِ هتي گڏ ڪيو آهي ته توهان کان هڪ واعدو وٺان ۽ اهو هي آهي ته اوهان رسول الله جي حڪمن تي بنا ڪڇڻ جي عمل ڪندؤ توڙي اهي حڪم توهان جي ذاتي پسند يا مرضي جي خلاف هجن يا توهان جي عقل جي سمجهه کان ٻاهر هجن.
    جڏهن پاڻ سڳورنﷺ جن گفتگو پورو ڪيو ته مسلمانن مان هڪ شخص نالي منان رضي الله اٿي بيٺو ۽ چيائين: ”يارسول الله ﷺ مان قسم کڻان ٿو ته اوهان جيڪو به حڪم فرمائيندا مان بنا جهجڪ جي اهو قبول ڪندس ڀلي اهو حڪم منهنجي نظر ۾ عجيب هجي يا منهنجو عقل ان کي مڃڻ کان انڪار ڪري.“ پوءِ منان رضي الله پاڻ سڳورنﷺ وٽ پهتو ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي هٿ تي هٿ رکي بيعت ڪيائين. اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ جو هي منظر ڏسي مسلمانن جي صفن ۾ ايماني جوش ۽ ولولي جي لهر اچي وئي ۽ سڀني تي اهڙي ڪيفيت طاري ٿي وئي جو سڀ جو سڀ اٿي بيٺا ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن سان بيعت ڪرڻ شروع ڪري ڏنائون، يعني سڀني اهو عهد ڪيو ته سڀئي پنهنجي پيغمبر جي پيروي ڪنداسين ڀل اهو حڪم انهن جي مرضي جي مطابق هجي يا نه هجي ۽ انهن جو عقل مڃي يا نه مڃي.
    جيئن ته ان گهاٽي وڻ جي هيٺان عهد ڪرڻ وارن جي بيعت کي اسلامي تاريخ ۾ ”بيعت رضوان“ جي نالي سان سڏيو ويندو آهي ۽ الله تعاليٰ جو به ارشاد آهي. قرآن مجيد جي سورة ”الفتح“ ۾ الله تعاليٰ مسلمانن جي رضامندي جو اظهار هنن لفظن ۾ فرمايو آهي:
    ”اي محمد ﷺ جڏهن مومنن ان وڻ جي هيٺان اوهان سان بيعت ڪئي ته الله انهن کان راضي ٿي ويو. الله اهو ڄاڻي ٿو ته مؤمنن جي دل ۾ ڇا آهي (يعني الله انهن جي دلين کي ڄاڻي ٿو ته انهن جون دليون پنهنجي پيغمبر جي لاءِ بي انتها محبت ۽ خلوص سان مالامال آهن) ان ڪري انهن تي اهڙيون شيون نازل ڪيون جو انهن جي دلين ۾ راحت جو سبب بڻيون ۽ ان بيعت جي بدلي ۾ الله تعاليٰ انهن کي فتح ۽ نصرت سان نوازيو.“
    جيئن ته مسلمانن حديبيه جي مقام تي رسول الله ﷺ جن سان وفاداري ۽ بيمثال فرمانبرداري جو ثبوت پيش ڪيو ته ان جي بدلي ۾ الله انهن کي هڪ وڏي انعام سان نوازيو، جيڪو فتح خيبر جي صورت ۾ انهن کي حاصل ٿيو جنهن بابت ذڪر اڳتي ڪيو ويندو.
    ٻئي طرف جڏهن مڪي وارن ۽ خاص طورتي بنوقريش کي بيعت رضوان جو پتو پيو ته انهن تي خوف طاري ٿيو. ڇو ته انهن کي هي اطلاع مليو ته ان بيعت جي مطابق سڀئي مسلمان اهو عهد ڪري چڪا آهن ته حضرت محمد ﷺ جن جي هر حڪم تي بنا ڪنهن سوچ ويچار جي عمل ڪندا ۽ پاڻ ﷺ جن جي هڪ اشاري تي پنهنجي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن. ان ڪري قريش وارن کي هي گمان ٿيو ته، حضرت محمد ﷺ جن پنهنجي ساٿين کان جيڪا بيعت ورتي آهي ته ان جو مقصد اهو آهي ته مڪي تي حملو ڪريون ۽ جيڪو به رستي ۾ اچي ان کي موت جي حوالي ڪيو وڃي ۽ جيڪو بچي وڃي ان کي غلام بڻائي پاڻ سان وٺي هلجي!
    مڪي جا قريش ٽن جنگين يعني، احد، بدر، خندق ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي قيادتي صلاحيتن جا جوهر ڏسي چڪا هئا ۽ انهن جي دلين ۾ عام مسلمانن جي شجاعت ۽ دليريءَ جو داٻو پهريون ئي ويٺل هيو. ان ڪري انهن اهو سوچيو ته جيڪڏهن مسلمان مڪي تي حملو ڪري ڏين ته يقيناً هي شهر انهن جي هٿن مان نڪري ويندو. ان ڪري ان تحت انهن تي خوف طاري ٿي ويو ۽ انهن انهيءَ ئي وقت حضرت عثمان رضي الله کي آزاد ڪر ي ڇڏيو.
    حضرت عثمان رضي الله مڪي کان حديبيه پهچي اهو پيغام آندو ته مڪي جا قريش حضرت محمد ﷺ جن سان مذاڪرات ڪرڻ تي آماده آهن ۽ انهن جي خواهش آهي ته هڪ وفد موڪليون جيڪو پاڻ سڳورنﷺ جن سان ملاقات ڪري ۽ اندروني مسئلن جي باري ۾ گفتگو ڪئي وڃي. اهڙي طرح مڪي جا سردار نه صرف اهو ته حضرت محمد ﷺ جن سان گفتگو ڪرڻ تي راضي ٿيا پر انهن ابوجهل جي پٽ عڪرمه کي، جنهن مسلمانن جي پٺيان حديبيه تائين پهچي چڪو هو، اها هدايت جاري ڪئي ته مسلمانن تي ڪوبه قدم نه کنيو وڃي.
    پهريون شخص جيڪو مڪي وارن جي طرفان حديبيه روانو ڪيو ويو ان جو نالو عروه بن مسعود ثقفي هو. ان جو تعلق ثقيف قبيلي سان هو ۽ طائف جي حڪمرانن ۾ شمار ٿيندو هو پر ان وقت طائف کان لڏي وڃي مڪي ۾ رهائش پذير ٿيو هو. عروه بن مسعود ان وڻ جي هيٺان اچي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ملاقات ڪئي ۽ پڇا ڪيائين ته اوهان ڪهڙي مقصد لاءِ مڪي آيا آهيون؟
    حضرت محمد ﷺ جن جواب ۾ فرمايو ته اسان صرف خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ هتي پهتا آهيون، ڪنهن سان جهڳڙو ڪرڻ نه آيا آهيون. قرباني جا اهي اٺ جن تي نشان لڳايا ويا هئا اهي عروه بن مسعود کي ڏيکاريا ويا، پر ائين لڳي پيو ته ان کي انهن ڳالهين تي يقين نه پيو ٿئي ته مسلمان صرف ڪعبي جي زيارت لاءِ آيا آهن. ان کان بعد پاڻ ﷺ جن جي ڪلهي تي هٿ رکي چيو ته، ”اي محمد ﷺ ڇا توهان کي پورو يقين آهي ته هي جيڪي ماڻهو توهان سان بيٺا آهن اهي جنگ جي صورت ۾ اوهان جو ساٿ ڏيندا ۽ اوهان کي اڪيلو ڇڏي نه ڀڄندا؟“
    اهي لفظ ٻڌي مسلمانن مان هڪ شخص مغيره رضي الله بن شعبه پنهنجي تلوار عروه جي هٿ تي رکي غضبناڪ انداز ۾ چيائين ”اي عروه پنهنجي حيثيت ۾ رهه ۽ ڳالهه ڪرڻ وقت رسول الله ﷺ جن جي ڪلهي تي هٿ نه رک.“ عروه پنهنجو هٿ پوئتي هٽايو. عروه کي حضرت ابوبڪر صديق رضي الله چيو ته: ”اي عروه! جيڪڏهن تون ايلچيءَ جي حيثيت سان هتي نه اچين ها ته توکي ان گستاخي جي ڪري موت جي حوالي ڪيو وڃي ها پر ٻڌي ڇڏ، اسان مسلمان لڙائي جي وقت پنهنجي پيغمبر جو ساٿ هرگز نه ڇڏيندا آهيون، جيڪڏهن تون جنگ بدر ۽ جنگ احد ۾ هجين ها ته توکي رسول الله ﷺ جن سان مسلمانن جي والهانه عقيدت جي خبر پئجي وڃي ها ۽ هينئر توکي ان سوال پڇڻ جي ضرورت محسوس نه ٿئي ها.“
    اهو جواب ملڻ بعد عروه بن مسعود مڪي جي طرف روانو ٿي ويو. مڪي جي سردارن جي سامهون پنهنجو اکين ڏٺو حال پيش ڪيو. ”اي قريش جا بزرگو! مون روم جي دربار ڏٺي آهي ۽ حبشه جي بادشاهه نجاشي جي به. پر جيڪا وفاداري ۽ جانثاري مسلمانن جي دلين ۾ محمد ﷺ جن لاءِ آهي اها مونکي روم ۽ حبشه ۾ قيصر ۽ نجاشي جي لاءِ به ڏسڻ ۾ نه آئي.
    عروه بن مسعود کان پوءِ هڪ ٻيو شخص جيڪو بني ڪنانه قبيلي جو ڪارڪن هيو، قريش جو سفير بڻجي حديبيه روانو ٿيو ته جيئن پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ ٻين مسلمانن سان ملاقات ڪري اهو معلوم ڪري ته هو ڪهڙي نيت سان هتي آيا آهن. رسول الله ﷺ جن کي ٻڌايو ويو ته جيڪو شخص مڪي کان آيو آهي، ان جو تعلق بني ڪنانه سان آهي. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته هي شخص اهڙي قبيلي سان تعلق رکندڙ آهي، جنهن جا ماڻهو قربانيءَ جي اُٺن جو وڏو احترام ڪندا آهن، ان ڪري هن شخص کي قرباني وارن اٺن ڏانهن وٺي وڃو ته جيئن هو ويجهو اُٺن کي ڏسي سگهي، مسلمانن ائين ئي ڪيو ۽ قرباني جي اٺن کي اڳتي هڪلي پاڻ حج جو ذڪر ”لبیک اللھم لبیک“ چوندا، انهن جي پٺيان هلڻ لڳا. جيئن ئي مڪي کان ايندڙ نمائندي جي نظر قربانيءَ جي اٺن تي پئي ۽ اهو ڏٺائين ته مسلمان حج جو خاص ذڪر ادا ڪري رهيا آهن ته هو مطمئن ٿي ڪري واپس مڪي موٽي ۽ اچي قريش کي چيائين ته پنهنجي اکين سان قربانيءَ جي اٺن کي ڏسي آيو آهيان، جن تي قربانيءَ جو نشان به لڳل هو، ان کان علاوه مان انهن ماڻهن کي حج جو خاص ذڪر به پڙهندي ٻڌو آهي. ان ڪري ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو صرف ڪعبي جي زيارت ڪرڻ لاءِ آيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ انهن جو رستو روڪڻ نه گهرجي.
    پر قريش وارن جي شڪ ۾ ڪو به فرق نه آيو ۽ ايتري ڳالهه کان پوءِ به ڪو فيصلو نه ڪري سگهيا. اهوئي سبب آهي ته انهن وري هڪ ماڻهو نمائندي طور پيغمبر اسلام ﷺ ڏانهن ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه جي خيال سان حديبيه روانو ڪيو. هن دفعي ”حليس بن حلقمه“ تي اها ذميواري رکي وئي. هي شخص احابش قبيلي جو سردار هو، جيڪو پڻ مڪي ۾ رهندڙ هو ۽ قريش وارا حليس بن حلقمه جي وڏي عزت ڪندا هئا ۽ ان کي هڪ نيڪ ۽ سچو انسان تصور ڪندا هئا.
    حليس مڪي مان حديبيه جي طرف روانو ٿيو ۽ جڏهن اتي پهتو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اها هدايت جاري ڪئي ته قريش جي نمائندي کي آزاد ڇڏيو وڃي ته جيئن هو جتي به وڃڻ چاهي ڀل وڃي ۽ جنهن سان به ملاقات ڪرڻ چاهي ۽ جيڪو چاهي شوق سان ڏسي.
    حليس بن حلقمه به اهو ئي ڏٺو ته سڀ مسلمان احرام ٻڌل آهن ۽ قربانيءَ جي اٺن تي خاص نشان به لڳل آهن. حليس کي مسلمانن جي تنبن ۾ جنگي هٿيار به نظر نه آيا، پر ان اهو به ڏٺو ته ڪجهه اُٺ بک جي شدت سبب هڪ ٻئي جا وار پٽي کائي رهيا هئا.
    اها صورتحال ڏسڻ بعد حليس بن حلقمه تيزي سان مڪي روانو ٿيو ۽ وڃڻ سان قريش جي اجلاس ۾ پنهنجو مشاهدو پيش ڪيائين ۽ چيائين ته: ”اي مڪي جا سردارؤ! مان يقين سان چئي سگهان ٿو ته مسلمان صرف خانه ڪعبه جي زيارت جي مقصد سان آيا آهن ۽ ٻي ڪابه انهن جي نيت نه آهي. منهنجي خيال ۾ انهن کي مڪي اچڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي جيئن هو به ٻين ماڻهن وانگر خانه ڪعبه جي زيارت ڪري سگهن.“
    قريش جواب ڏنو ته اسان صرف ان شخص کان (يعني پيغمبر اسلام ﷺ) ڀؤ ڪريون ٿا، جيڪڏهن هو مڪي ۾ داخل ٿي ويو ته ڪٿي شهر تي قبضو نه ڄمائي ويهي. حليس بن حلقمه وڏي اعتماديءَ سان جواب ڏنو، ”مان قسم کڻڻ لاءِ تيار آهيان ته محمد ﷺ ۽ ان جا ساٿي سواءِ زيارت جي ٻيو ڪوبه مقصد کڻي نه آيا آهن. جيڪڏهن هو مڪي تي قبضي ڪرڻ جو سوچي اچن ها ته خالي هٿيئن نه اچن ها پر پاڻ سان جنگي سازو سامان کڻي اچن ها. مان انهن جي رهائش گاهه ۾ هڪ به تير يا نيزه يا ڍال نه ڏٺي.“
    ايتري وضاحت جي باوجود به قريش جا سردار مسلمانن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ تي رضامند نه ٿيا ته حلس کي غصو اچي ويو. هن ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته: ”توهان جو هي عمل هڪ ناقابل بخشش گناهه آهي. توهان کي اهو حق ڪنهن ڏنو آهي جو ڪعبي جي زيارت ڪرڻ وارن تي پابندي لڳايو. ڇا توهان کي خبر نه آهي ته ڪعبي جي زيارت لاءِ دنيا جي سمورن انسانن جي کي آزادي حاصل آهي. جيڪڏهن اهي ڪعبي تي ايمان رکندڙ هجن ته توهان ڪهڙن اختيارن تحت مسلمانن کي، جيڪي خانه ڪعبي تي مڪمل ايمان رکندڙ آهين، مڪي اچڻ کان روڪي رهيا آهيو. ٻڌو! جيڪڏهن توهان محمد ﷺ ۽ ان جي پيروي ڪندڙن کي مڪي اچڻ ۽ ڪعبي جي زيارت ڪرڻ کان منع ڪئي ته مان توهان کان عليحده ٿي ويندس. توهان مون کي اڄ کان بعد اتحادي نه سمجهجو“
    قريش جي ڪجهه بزرگن حليس بن حلقمه جي غصي کي ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان کي سمجهائيندي چيائون: ”اي حليس! تون هڪ ريگستاني ماڻهو آهين، دل جو سچو ۽ قول جو پڪو پر تمام سادي طبيعت وارو آهين، ان ڪري ڪنهن جي اندروني ارادن کي نٿو سمجهي سگهين، تون ڪجهه صبر مان ڪم وٺ جيئن اسين وڌيڪ صلاح مشورو ڪيون ۽ اهڙو رستو اختيار ڪيون جنهن ۾ مڪي وارن جي بهتري هجي.“
    اهڙي طرح مڪي جي قريش وڌيڪ ٻن ڏينهن تائين سوچ ويچار ۾ گذاريا ۽ انهن ٻن ڏينهن جي اندر انهن چوري چوري مسلمانن جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو ۽ حديبيه وڃي واپس مڪي جي شوريٰ کي حقيقتون پيش ڪن پيا. واري واري سان پنهنجو اکين ڏٺو احوال پيش ڪندي انهن جو چوڻ هو ته مسلمانن جو حضرت محمد ﷺ سان ايترو ته ساٿ ۽ ايتري ته عقيدت آهي جو جيڪڏهن پاڻ ﷺ پاڻيءَ جو هڪ پيالو طلب ڪن پيا ته ويهه ويهه ماڻهو پاڻي آڻڻ لاءِ ڊوڙي وڃن پيا ۽ جيڪي پاڻي پهچائي نه پيا سگهن ته اهي پنهنجو پاڻ کي انتهائي بدنصيب انسان تصور ڪن پيا. ٻيو ته مسلمانن جي زندگيءَ ۾ هڪ عجيب ڳالهه اها آهي ته ڏينهن ۾ ڪيترائي دفعا ڪعبي جي طرف منهن ڪري صفون ٻڌي پنهنجي عبادت ادا ڪن ٿا. ان عبادت جي دوران انهن جو نظم ڏسڻ جي قابل آهي ۽ ڏسڻ وارو ان جي وصف بيان ڪري نٿو سگهي. مسلمانن جي حضرت محمد ﷺ سان ايتري وفاداري آهي جو جيڪڏهن هو هڪ اشارو ڪري ته سڀئي مسلمان ان تان جان قربان ڪري ڇڏن ۽ پنهنجي هٿن سان پاڻ کي هلاڪ ڪر ي ڇڏن.
    جڏهن قريش جي بزرگن اهي ڳالهيون ٻڌيون ته مٿن زياده خوف ۽ دهشت طاري ٿيڻ لڳي. آخرڪار ٻن راتين ۽ ٻن ڏينهن جي مسلسل ڳالهه ٻولهه کان پوءِ ”سهيل بن عمرو“ نالي هڪ شخص کي هڪ وفد جي صورت ۾ روانو ڪيو ته هو حديبيه وڃي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ضروري ڳالهه ٻولهه ڪري مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ جهڳڙي نه ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪري.
    روايت آهي ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن سهيل بن عمرو کي پنهنجي طرف ايندي ڏٺو ته پنهنجي ساٿين کي فرمايائون ته هاڻي اسان جو ڪم آسان ٿي ويو.
    قريش جي نمائندن ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي وچ ۾ مذاڪرات هلندي هلندي اهو ڏينهن اچي ويو جڏهن ته ٻنهي طرفن کان جنگ نه ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي کي حملي ڪرڻ جو نشانو نه بنائڻ جو معاهدو طئي ٿيڻ وارو هو. تڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن حضرت علي رضي الله کي فرمايو ته دستاويز تيار ڪيو وڃي ۽ معاهدو لکيو وڃي.
    حضرت علي رضي الله قلم هٿ ۾ کنيو ۽ هن طرح لکڻ شروع ڪيو. ” بِسۡمِ اللّٰہِ الرَّحۡمٰنِ الرَّحِیۡمِ “ هتي سهيل بن عمرو ٽوڪ جي انداز ۾ چيو ته، ”مان رحمان ۽ رحيم کي نٿو سڃاڻان. علي کي.. ” باسمک اللهم“ لکڻ گهرجي، ڇو جو پراڻي زماني کان اسان عربن جا تمام معاهدا ان نالي سان شروع ٿيندا آهن.“
    حضرت علي رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن کان پڇا ڪئي ”يارسول الله ڇا ڪيان؟“ حضرت محمد ﷺ جن فرمايو، ”اي علي ”لکُ باسمک اللھم“.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن جي فرمان مطابق حضرت علي رضي الله لکڻ شروع ڪيو ”هي معاهدو منعقد ٿئي ٿو محمد رسول الله ﷺ ۽ سهيل بن عمرو جي وچ ۾.“
    پر سهيل بن عمرو هڪ دفعو ٻيهر اعتراض ڪندي چيو ته ائين نه لکو ڇو جو اسان توهان کي الله جو رسول نٿا مڃيون ۽ جيڪڏهن مڃون ها ته مڪي ۾ اچڻ کان ڇو روڪيون ها؟ ان ڪري هن معاهدي جي شروعات هن ريت هئڻ گهرجي.
    ”هي معاهدو لکيو وڃي ٿو محمد بن عبدالله ۽ سهيل بن عمرو جي وچ ۾.“
    حضرت علي رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرف ڏٺو، پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ”اي علي! ائين ئي لک جيئن سهيل چوي ٿو، جيئن ان جي رضامندي هجي.“ انهن ٻنهي ڳالهين کان سواءِ سهيل ٻيو ڪوبه اعتراض نه ڪيو ڇو ته معاهدي جي بنيادي اصولن تي پهريائين اتفاق راءِ ٿي چڪو هو.
    حضرت علي رضي الله جيڪو خود هڪ عظيم دانشور، هڪ باذوق، خوش اخلاق انسان ۽ اسلام جي بزرگن ۾ شمار ٿيندو هو، هيٺين لفظن ۾ معاهدو لکڻ شروع ڪيو.
    ”باسمڪ اللهم- هي معاهدو لکيو وڃي ٿو ته محمد بن عبدالله ۽ سهيل بن عمرو جي وچ ۾ ته هن معاهدي جي تحت قريش اهو منظور ڪري ٿو ته آئنده ڏهن سالن تائين مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ جنگ بندي قائم رهي.“
    ”انهن ڏهن سالن ۾ جيڪڏهن ڪوبه شخص بنوقريش جي اجازت کان سواءِ مسلمانن سان اچي ملي ته مسلمانن جو اهو فرض آهي ته ان کي قريش جي حوالي ڪري ڇڏن، پر جيڪڏهن ڪو شخص مسلمانن کان الڳ ٿي قريش وارن وٽ پهچندو ته اهي ان کي مسلمانن جي حوالي نه ڪندا.“
    ”جنگ بندي جي انهن ڏهن سالن ۾ نه ڪائي ڌر ٻئي جي جان ۽ مال تي قبضو ڪندي ۽ نه ئي ان کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي.“
    ”انهن ڏهن سالن جي عرصي ۾ قريش کي اها اجازت هوندي ته جنهن سان به چاهن اتحاد قائم ڪن، اهڙي طرح مسلمانن کي اهو حق حاصل هوندو ته جنهن سان به چاهن معاهدو ڪن ۽ پنهنجي مرضي سان راهه رسم وڌائن.“
    ”مسلمانن کي هن سال مڪي ۾ داخل ٿيڻ ۽ ڪعبي جي زيارت ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، پر ايندڙ سال هو ڪعبي جي زيارت لاءِ اچي سگهن ٿا. ان هوندي به اهو شرط هوندو ته ٽن ڏينهن کان زياده مڪي ۾ ترسي نه سگهندا ۽ تلوار کان سواءِ ڪوبه ٻيو هٿيار ساڻ کڻي نه ايندا.“
    هي معاهدو جيڪو هجرت جي ستين سال پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ قريش مڪي وارن جي وچ ۾ ٿيو، ان وقت مسلمان احرام ٻڌل هئا ۽ قرباني جي اٺن تي نشان به لڳائي چڪا هئا صرف ان ڳالهه جو انتظار هين ته مڪي ۾ داخل ٿيون ۽ خانه ڪعبه جو طواف ڪريون، ان کان علاوه جيڪي مڪي جا رهاڪو هئا انهن جي دل ۾ اها خواهش هئي ته پنهنجي اباڻي شهر ۾ قدم رکون. هن وقت انهن کي اهو يقين هيو ته انهن جي اها آرزو جلد پوري ٿيڻ واري آهي پر هن معاهدي جي هڪ شق مطابق انهن جون اميدون پوريون ٿي نه سگهيون. سڀ مسلمان، ڇا انصار ڇا مهاجر، قريش جي طرف کان لڳايل پابندي تي دل ئي دل ۾ پريشان رهيا ۽ ان ڳالهه کي پنهنجي توهين سمجهن پيا پر جيئن ته سڀئي مسلمان پيغمبر اسلام ﷺ جن جو تمام گهڻو احترام ڪندا هئا ان ڪري ڪجهه به نه ڪُڇي سگهن پيا، انهن مان صرف هڪ شخص پنهنجي دل جي ڳالهه زبان تي آڻي سگهيو، اهو هو حضرت عمر بن خطاب رضي الله .
    حضرت عمر رضي الله ايترو صاف ۽ دل جو سچو هيو جو پنهنجا احساس لڪائي نه سگهيو ۽ جيڪو ان جي زبان تي ايندو هو چئي ڏيندو. ان ڪري رسول الله ﷺ جن کي عرض ڪيو ته، ”يارسول الله ڇا اوهان اسان کي ائين نه چيو هو اسان مڪي هلنداسين ۽ خانه ڪعبه جو طواف ڪنداسين؟“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ”بلڪل“ يا عمر! مون اهوئي چيو هيو پر مون ڪڏهن چيو هو ته اسان هن سال مڪي ۾ داخل ٿينداسين!“ حضرت عمر رضي الله پڇيو ته ”پوءِ اسين ڪڏهن مڪي هلنداسين ۽ خانه ڪعبه جو طواف ڪنداسين.“ تنهن تي پاڻ فرمايائون: ”توهان انشاءَالله ايندڙ سال مڪي ضرور ويندؤ ۽ خانه ڪعبه جو طواف ڪندؤ“ حديبيه جي معاهدي جي ڪري مسلمانن جي دل غم ۽ غصي سان پهريون ئي ڀري پئي هئي پر هڪ واقعو ان وقت ٻيو پيـش آيو.
    قريش جي وفد جي اڳواڻي ڪندڙ سهيل بن عمرو جنهن جون معاهدي تي صحيحون ٿيل هيون، ان جو هڪ پٽ ابوجندل جيڪو پنهنجي پيءُ کان چوريءَ مسلمان ٿي چڪو هو. حديبيه جي معاهدي کان ٻه ڏينهن پوءِ مڪي مان ڀڄي اچي حديبيه ۾ مسلمانن سان مليو. ان ٻڌايو ته مان مسلمان ٿي چڪو آهيان، توهان منهنجا ديني ڀائر آهيون ان ڪري مون کي پناهه ڏيو. پر ابوجندل جي حديبيه پهچڻ سان ئي سهيل بن عمرو به اچي مٿان ڪڙڪيو ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائين ته، ”توهان ۽ اسان جي وچ ۾ معاهدو ٿيل آهي، ان معاهدي تحت جيڪڏهن ڪو شخص قريش جي هٿن مان ڀڄي توهان جي پناهه ۾ اچي ته توهان جو هي فرض آهي ته ان کي اسان جي حوالي ڪيو. ان تحت منهنجي پٽ ابوجندل کي منهنجي حوالي ڪيو وڃي.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن ابوجندل رضي الله کي پاڻ وٽ نه پيا رکي سگهن ۽ ان کي موٽائڻ تي مجبور هئا، جئين ته جيڪڏهن ائين نه پيو ڪيو وڃي ته هينئرتازو ٿيل معاهدو ٽٽي پوي، ان ڪري پاڻ سڳورنﷺ ابوجندل رضي الله کي ان جي پيءُ جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان کان پهريائين ابوجندل پاڻ سڳورنﷺ کي چيو ته، يارسول الله منهنجو پيءُ مون کي ماري ڇڏيندو.“ پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس دلاسو ڏيندي فرمايو ته، ”ابوجندل ڊڄ نه، الله تنهنجي حفاظت فرمائيندو.“ ... ۽ ائين ئي ٿيو، ابوجندل رضي الله موت کان بچي ويو ۽ زنده رهيو.
    ان واقعي مسلمانن ۾ غم ۽ غصي جي لهر ڊوڙائي ڇڏي ۽ ڪعبي جي زيارت نه ٿيڻ بعد انهن جي دلين تي هي ٻيو زخم لڳو. جيڪڏهن ان کان اڳ انهن ماڻهن اها بيعت نه ڪئي هجي ها ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جو هر حڪم مڃينداسين ڀل اهو انهن جي سمجهه ۾ اچي يا نه اچي، ته هن صورتحال ۾ اهو ممڪن هيو ته هي ماڻهو پنهنجي آپي کان نڪري وڃن ها ۽ ٺهيل ٺڪيل ڳالهه به خراب ڪري ڇڏن ها. پر بيعت رضوان انهن کي بي قابو نه ٿيڻ ڏنو ۽ انهن جو اهو اندروني زخم غم ۽ غصو حد کان اڳتي وڌي نه سگهيو.
    جيئن ته عام مسلمان حضرت محمد ﷺ جن وانگر سياسي سمجهه نه رکندا هئا، ان ڪري اها ڳالهه سمجهي نه سگهيا ته جنگ بندي جا ڏهه سال معاهدو (يعني صلح حديبيه) ڪهڙي طرح مسلمانن جي فائدي ۾ رهندو. پيغمبر اسلام ﷺ جن ان معاهدي جي ذريعي مديني کي اقتصادي ناڪه بنديءَ کان نجات ڏياري. هينئر مديني جا قافلا آزاديءَ سان پنهنجو سفر جاري رکي سگهندا ۽ مسلمانن کي ان معاهدي تحت اهو موقعو به ملي ويو ته جنهن سان به ڪو عهد ڪن يا ڪنهن سان به اتحاد جوڙن. ان زماني ۾ مسلمانن جا سڀ کان وڏا دشمن مڪي جا قريش هئا. ان ڪري جنگ بندي جا ڏهه سال معاهدو ان ڳالهه جو سبب بڻيو ته ايندڙ ڏهه سال مڪي وارن جي دشمني کان آزاد آهن. عام مسلمان اهڙن عظيم سياسي فائدن کان ناواقف هئا جيڪي پيغمبر اسلام جن ڪنهن خون وهرائڻ کان سواءِ مديني جي رهڻ وارن لاءِ حاصل ڪيا. پر وقتي طور تي هو مڪي نه وڃي سگهيا ۽ جذباتي طورتي ابوجندل رضي الله جي واپسي تي پنهنجي شڪست ۽ توهين سمجهي رهيا هئا. خاص طورتي ابوجندل رضي الله کي قريش جي حوالي ڪرڻ وارو مسئلو انهن لاءِ زياده رنج جو سبب بڻيو. ڇو ته عربن جو اهو اصول هيو ته پناهه وٺندڙ جي دل و جان سان مدد ڪندا هئا، پوءِ ڀل اهو ڪير به هجي. مسلمان کي ٻئي مسلمان کان پناهه وٺڻ ته هڪ الڳ ڳالهه هئي پر ان ڳالهه کان هو غافل هئا ته ابوجندل رضي الله کي معاهدي مطابق واپس ڪيو ويو آهي ۽ جيئن ته هو معاهدي ٿيڻ کان پوءِ مڪي مان ڀڳو هو، ان ڪري ان کي واپس ڪرڻ انهن جي شڪست نه هئي، پر ان ڳالهه مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته مسلمان هرحال ۾ پنهنجي واعدي جا پابند آهن. ان جي باوجود پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڏٺو ته عام مسلمان مايوس ۽ رنجيده آهن ته پاڻ سڳورنﷺ جن انهن کي هڪ دفعو ٻيهر حديبيه جي مقام وٽ گڏ ٿيڻ جو حڪم فرمايو ۽ انهن کي فرمايائون ته، ”هي معاهدو جيڪو اسان ۽ قريش جي وچ ۾ ٿيو آهي حقيقت ۾ هڪ ”فتح مبين“ آهي، يعني اهڙي فتح جيڪا هڪ مضبوط ديوار ثابت ٿيندي.“
    ان سياسي عظيم فتح تي جيڪا حديبيه ۾ مسلمانن کي نصيب ٿي، الله تعاليٰ پيغمبر اسلام ﷺ جن تي هڪ آيت نازل فرمائي جيڪا قرآن مجيد جي اٺيتاليهن سورة ”الفتح“ ۾ آهي. ”انا فتحنالک فتحاً مبینا“ يعني اسان اوهان کي هڪ واضح ۽ روشن فتح عنايت ڪئي.
    ڪجهه علماءِ اسلام جو چوڻ آهي ته هي آيت مڪي جي فتح وقت (يعني صلح حديبيه کان بعد) نازل ٿي هئي، جڏهن ڪجهه جو خيال آهي ته هي آيت فتح خيبر جي متعلق آهي. ان جي باوجود علماءِ دين جو چوڻ آهي ته اها آيت اسلام جي هر فتح جي باري ۾ آهي جنهن ۾ حديبيه جي سياسي فتح به شامل آهي.
    ليڪن ان کان اڳ جو پيغمبر اسلام ﷺ جن جون وضاحتون شروع ٿين ته مسلمانن مان هڪ شخص درد ڀري آواز ۾ چيو ته اسان ڪعبي جي زيارت کان رهجي وياسون ۽ هاڻي ڪعبي جي طواف نٿا ڪري سگهون! رسول الله ﷺ جن کيس فرمايو ته جيڪڏهن تون هتان ئي ڪعبي جي زيارت ڪرين ته الله تعاليٰ توکي عمري جو ثواب ڏيندو ۽ تنهنجو عمرو قبول ڪندو ۽ هي عمل اهڙو آهي ڄڻ تو ڪعبي جو طواف ڪيو هجي. پاڻ سڳورنﷺ فرمايو ته مان به هتان ئي ڪعبي جي زيارت ڪندس ۽ اسان هن ئي جڳهه تي اٺن جي قرباني ڏينداسين. مان پنهنجو مٿو وارن کان صاف ڪري احرام کان ٻاهر نڪرندس ۽ توهان کي به ائين ئي ڪرڻو آهي. مون کان بعد اوهان پنهنجو مٿو ڪوڙائي احرام کان ٻاهر نڪري اچجو.
    مسلمانن مان هڪ ٻئي شخص عرض ڪيو ته يارسول الله ﷺ ابوجندل رضي الله کي مشرڪن جي حوالي ڪرڻ لاءِ ٻڌايو ۽ اهو به سمجهايو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي جو اسان پنهنجي شخص کي جيڪو ڀڄي وڃي قريش وٽ پهچي انهن کان واپس نٿا ڪري سگهون پر مشرڪن جي هٿن مان ڀڄي آيل کي واپس ڪرڻ تي مجبور آهيون؟
    پيغمبر اسلام ﷺ جن وڏي سنجيدگيءَ سان فرمايو ته ابوجندل رضي الله کي هينئر ٿيل معاهدي مطابق واپس ڪيو ويو آهي، ان ڪري ان ڳالهه ۾ مسلمانن جي هار يا توهين نه آهي. ان کان علاوه مون کي يقين آهي ته ابوجندل رضي الله کي ڪجهه نه ٿيندو. هو انشاءَالله زنده رهندو. جيڪڏهن هو ماريو به ويو ته ان کي سچي شهادت نصيب ٿيندي ڇو ته هو شهيد ٿيندو ۽ شهيد جنت ۾ سڌو روانو ٿيندو آهي. پر رهي اها ڳالهه ته اسان معاهدي ۾ اهو زور ڇو نه ڏنو ته اسان جي طرف کان ڀڄڻ وارن کي مڪي وارا واپس ڪن ته ان ڳالهه جو سبب هي آهي ته جيڪو شخص اسلام کان ڦري وڃي ته اهو اسان منجهان نه آهي ۽ اسان جو به ان سان ڪوبه واسطو نه آهي. اهڙو ماڻهو اسان جي لاءِ مفيد ۽ ڪارآمد ثابت نه ٿيندو پر هو هڪ خيانتي ۽ مرتد انسان آهي جنهن لاءِ اسان وٽ ڪابه گنجائش نه آهي. اهوئي سبب آهي ته اسان مسلمانن کان جدا ٿي ڀڄي مڪي ۾ پناهه وٺڻ وارن کان واپسي جو زور نه ڏنو ڇو جو اسان کي خبر آهي ته اهڙا ماڻهو اسان سان گڏ رهي نٿا سگهن. پر هي معاهدو جيڪو فتح مبين آهي ان ڳالهه جو سبب بڻبو ته اسان ايندڙ ڏهن سالن تائين قريش جي حرڪتن کان محفوظ رهون، انهن ڏهن سالن ۾ اسان قريش جي دشمني ۽ انهن جي شيطاني حرڪتن کان بناخوف ٿي ڪري مديني جي ڀرپاسي رهڻ وارن قبيلن کي مسلمان ڪري سگهون ٿا ۽ جنهن سان به چاهيون دوستي ۽ اندروني اتحاد ڪري سگهون ٿا. ان معاهدي جو فوري فائدو اهو به آهي ته مدينو جيڪو اڄ تائين اقتصادي محاصري جي ضد ۾ هيو اڄ کان بعد ناڪه بندي کان نڪري اسان معاشي طورتي پاڻ کي مضبوط بڻائي سگهنداسين.
    مسلمانن مان هڪ ٻئي شخص انتهائي ادب سان پڇيو ته، ”يارسول الله ﷺ اوهان معاهدي ۾ اهو ڇو لکرايو آهي ته هي معاهدو محمد بن عبدالله ۽ سهيل بن عمرو جي وچ ۾ لکيو وڃي ٿو ائين ڇو نه لکرايو ته هي معاهدو رسول الله ﷺ جن جي طرف کان لکيو وڃي ٿو.
    پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته: ”اسان پنهنجي معاهدي ۾ محمد بن عبدالله ئي لکرايو آهي پر اهو نه لکرايو آهي ته مان الله جو رسول نه آهيان، قريش جي اها خواهش هڪ ٻاراڻي حرڪت هئي. جيڪڏهن اسين ان مطالبي کي نه مڃون ها ته اسان به ان ٻاراڻي حرڪت ۾ شامل ٿيون ها، ان ڪري مان انهن جي اها ڳالهه مڃي ۽ ان جي مڃڻ سان اسان جو ڪجهه نه ويو پر اسين پنهنجي هڪ مقصد ۾ ڪامياب ٿياسون جيڪو دراصل اهو هيو ته قريش جو خطرو سر تان ٽري ويو جيئن ته انهن سان جنگي معاهدو ”جنگ بندي“ ڪري اسان دين اسلام جي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي تبليغ ڪري سگهنداسين ۽ پنهنجو پاڻ کي مضبوط ۽ مستحڪم بنائڻ جي ڪوشش ڪنداسين.“
    بعد ۾ حضرت عمر رضي الله کان رهي نه سگهيو ان عرض ڪيو ته، ”يارسول الله ڇا اسان جو دين برحق ۽ مشرڪن جو دين باطل نه آهي؟ پوءِ ڇو سچو دين هڪ ڪوڙي دين جي سامهون نرم رويو اختيار ڪري ۽ ان جي هر ڳالهه مڃين؟“
    مگر ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت عمر رضي الله به ان ڳالهه جي تصديق ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو ته حديبيه جو معاهدو مسلمانن جي وڏي فائدي ۾ هيو ۽ ان معاهدي سان حاصل ٿيل امن ۽ سڪون جي ڇانو ۾ مسلمانن تيزي سان دين جي تبليغ ڪئي جنهن سان ڪيترائي قبيلا اسلام ۾ داخل ٿي ويا...
    پر ان گهڙيءَ احساس محروميت ۾ مبتلا ٿيڻ سبب عام مسلمان ان معاهدي مان ايندڙ وقت ۾ حاصل ٿيندڙ مضبوط اثرن کي سمجهي نه سگهيا ۽ ان لاءِ جڏهن مٿو ڪوڙائڻ ۽ احرام کان نڪرڻ بعد مديني روانا ٿيا ته تمام غمگين ۽ دلگير هئا ۽ سڀ کان وڌيڪ انهن کي ابوجندل رضي الله جي واپسيءَ جو وڏو ڏک ٿي رهيو هو.
    انهيءَ حالت ۾ جيئن ته مسلمان دلين ۾ درد غم لڪائي مديني وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ هڪ ٻيو مسلمان جيڪو مڪي مان ڀڄي نڪتو هو اچي انهن سان مليو ۽ ان به پناهه جي درخواست ڪئي. پيغمبر اسلام ﷺ پهريون ته خاموش رهيا، ڇو جو پاڻ سڳورنﷺ کي خيال ٿيو ته مٿان اها چال نه هجي ۽ قريش وارن ڄاڻي واڻي ان کي مسلمانن ڏانهن روانو ڪيو هجي ته جيئن مسلمانن جي ردعمل جو اندازو لڳائي سگهجي، پر تحقيق بعد پتو پيو ته مڪي کان ڀڄي اچڻ وارو شخص واقعي مسلمان آهي ۽ ان جو نالو ”ابوبصير“ آهي. ابوبصير رضي الله قريش وارن جي ايذائڻ کان تنگ اچي مسلمانن سان اچي مليو هو پر ان جي درخواست جو ان کي اڃان جواب ئي نه مليو ته قريش جا ٻه ماڻهو اچي اتي پهتا ۽ چوڻ لڳا ”يامحمد ﷺ معاهدي جي مطابق ابوبصير رضي الله جي ٻانهن اسان جي حوالي ڪئي وڃي.“
    هن وقت حضرت عمر رضي الله خاموش رهي نه سگهيو ۽ اڳتي وڌي چيائين ته، ”يارسول الله هي شخص اسان کان پناهه گهري رهيو آهي اسان ڀلي پنهنجي جان کان هليا وڃون ته به هن کي قريش جي هٿ لڳڻ نه ڏينداسين.“
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته، ”اي عمر! اسين عهد جا پابند آهيون ۽ اسان کي معاهدي جي خلاف ورزي نه ڪرڻ گهرجي.“ اهو جواب ٻڌي ٻئي شخص سڀني مسلمانن جي سامهون ابوبصير رضي الله کي اٺ جي پٺيءَ سان ٻڌي واپس وٺي ويا.
    پر ابوبصير رضي الله هڪ طاقتور ۽ دلير انسان هو. ان رستي ۾ ٻڌل رسيون ٽوڙي اٺ تان لهي ٻنهي سان مقابلو ڪيو ۽ هڪ کي موت حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ ٻيو جان بچائي ڀڄي ويو. ابوبصير رضي الله ٻيهر اچي مسلمانن سان مليو ۽ انهن کي پناهه ڏيڻ جي درخواست ڪيائين. هن دفعي ابوبصير رضي الله نه صرف اهو ته قريش کان ڀڄي نڪتو پر ان هڪ شخص جو خون به ڪري وڌو ۽ هاڻي ان مقتول جو خون بها به گهريو وڃي ها.
    ٻئي ڏينهن جو شخص بچي ويو هو، ٻيهر اچي مسلمانن وٽ پهتو ۽ ابوبصير رضي الله جي مطالبو ڪرڻ لڳو، جنهن تي پيغمبر اسلام ﷺ جن حڪم فرمايو ته ابوبصير رضي الله کي هن شخص جي حوالي ڪيو وڃي، ابوبصير رضي الله وري به ان جي هٿن مان ڀڄي ويو.
    جڏهن پهريون دفعو ابوبصير رضي الله مسلمانن وٽ آيو هيو ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ کيس فرمايو هو ته يا بصير رضي الله اسان ٿيندڙ معاهدي جي مطابق توکي پاڻ وٽ نٿا رکي سگهون، تون مڪي موٽي وڃ ۽ يقين رک ته الله تنهنجي حفاظت فرمائيندو. پر هينئر ابوبصير رضي الله کي اهو احساس ٿيو ته جيڪڏهن هينئر مان مڪي وڃان ٿو ته منهنجي جان خطري ۾ هوندي ڇو جو ان جي هٿان قريش جو هڪ ماڻهو قتل ٿي چڪو آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن اهڙي وقت تي ان کي مڪي وڃڻ لاءِ چيو هو ۽ اها بشارت ڏني هئي ته، الله ان جي مدد ڪندو ان وقت ان جي هٿان خون ٿيل نه هو پر هينئر هڪ ماڻهوءَ جي قتل کان بعد جيڪڏهن هو مڪي واپس وڃي ته ان جي جان خطري ۾ هوندي ۽ خون بها به ادا ڪرڻو پوندو. ان ڪري هن مڪي واپس مڃڻ بجاءِ اڻ واقف ريگستان ۾ پناهه وٺڻ جو فيصلو ڪيو. ريگستان ۾ هلندي هلندي هڪ اهڙي علائقي ۾ پهتو جنهن کي ذوالمروه سڏيو ويندو هو.ابوبصير رضي الله اتي باقي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪري رهي پيو. ڪجهه ڏينهن گذرڻ بعد ابوجندل رضي الله به ٻيهر مڪي کان فرار ٿي اچي اهو به ذوالمروه علائقي ۾ پهتو ۽ اچي ابوبصير رضي الله سان مليو. ان کان بعد هڪ ٻيو مسلمان جنهن جو نالو عتبه بن اسد هيو مڪي کان ڀڄي اچي ذوالمروه پهتو. آهستي آهستي ٻيا مسلمان به مڪي مان فرار ٿي اچي اتي پهتا ۽ انهن اتي هڪ عليحده اسلامي گروپ جي شڪل اختيار ڪئي.
    اهي مسلمان جنگ بندي جي معاهدي جي حد ۾ نه پيا اچي سگهن ڇو جو ذوالمروه نه ته مديني جو حصو هو ۽ نه وري اسلامي حڪومت ۾ شامل هو. ان ڪري پيغمبر اسلام جن تي انهن مسلمانن جي ذميواري عائد نه پئي ٿئي.
    اڃان حديبيه جي معاهدي کي هڪ سال به نه گذريو هو ته ذوالمروه ۾ مسلمانن جو ايترو تعداد ٿي ويو جو انهن هڪ مستقل فوج تيار ڪري ڇڏي ۽ مڪي جي قافلن جو رستو روڪي مال غنيمت حاصل ڪرڻ لڳا جيئن پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن.
    آهستي آهستي ذوالمروه جي مسلمانن ڪجهه اهڙي ريت قريش وارن جو ساهه منجهائي ڇڏيو جو انهن پنهنجي هار مڃي، پنهنجو پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن کي هيءَ درخواست ڪئي ته توهان مڪي کان ڀڳل مسلمان کي جيڪي ذوالمروه ۾ جمع ٿيا آهن تن کي مديني پاڻ ڏي گهرايو ۽ اهي ماڻهو مديني ۾ رهن ۽ انهن کي مڪي واپس موٽائڻ جي به ضرورت نه آهي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن قريش وارن کي چورايو ته اوهان مديني ڏانهن تحريري طورتي درخواست ڪيو ته جيئن اسان وٽ ان ڳالهه جو ثبوت رهي ۽ ان طرح حديبيه جي معاهدي جي اها شق جنهن کي عام مسلمان پنهنجي لاءِ توهين سمجهن پيا خودبخود ختم ٿي وڃي ۽ ان کان بعد به ان معاهدي جا اهي حصا جيڪي ظاهر ۾ مسلمانن جي نقصان ۾ هئا مٽجي چڪا ۽ صرف اهي ڳالهيون باقي رهيون جيڪي مسلمانن جي فائدي ۾ هيون.
    قريش وارن پنهنجي هٿن سان هي تحريري ثبوت موڪلي ڏنو ته جيڪڏهن ڪوبه شخص مڪي کان ڀڄي اچي مسلمانن سان ملي ته ان کي قريش جي حوالي نه ڪيو وڃي، تڏهن وڃي عام مسلمانن کي احساس ٿيو ته اهي سڀ غلطي تي هيا ۽ سمورو عرصو غلط فهمي ۾ مبتلا رهيا، ڇو جو حديبيه جو معاهدو انهن جي نقصان ۾ نه پر وڏي فائدي ۾ هو.


    حضرت علي ۽ جنگ خيبر

    حضرت علي ۽ جنگ خيبر

    حديبيه کان واپسي تي پيغمبر اسلام جن اها ڪوشش ڪئي ته مسلمانن ۽ قريش جي تعلقات ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا نه ٿئي. اتفاق سان انهيءَ سال مينهن نه پوڻ ڪري مڪي ۾ ڏڪر اچي پيو.
    جزيره عرب ۾ هڪ اهڙو قبيلو به هو جنهن جي سرزمين مڪي وارن جي کاڌ خوراڪ لاءِ انبار سمجهي ويندي هئي. ان قبيلي جو نالو ”يمامه“ هو. قبيلي يمامه جا سڀ ماڻهو مسلمان ٿي چڪا هئا. ان ڪري ان قبيلي جي سربراه مڪي وارن کي کائڻ پيئڻ جي شين کي وڪرو ڪري ڏيڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. مڪي وارا ڏڪر جي سختيءَ ٿيڻ سبب حضرت محمد ﷺ جن وٽ آيا ۽ کين التجا ڪئي ته يمامه جي سربراه کي هيءَ سفارش ڪئي وڃي ته هو مڪي وارن کي به زندگي جي ضرورت جون شيون وڪڻڻ جي اجازت ڏي جيئن هن ڏڪر سبب اتان ضروري شيون خريد ڪري مڪي وارن کي ڏنيون وڃن.
    رسول الله ﷺ جن انهن جي درخواست قبول فرمائيندي يمامه جي سربراهه کي هيءَ هدايت جاري ڪئي ته هو مڪي وارن کي کاڌي پيتي جي شيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏي. ان کان علاوه پيغمبر اسلام ﷺ جن بذات خود پنج سؤ سونا سڪا موڪليا ته جيئن اتان جي غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايا وڃن.
    ابوسفيان جڏهن اهو ٻڌو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سون جا سڪا موڪليا آهن ته ان چيو ته محمد ﷺ جو مقصد هي آهي ته مڪي وارن ۽ خاص طورتي غريبن جي دل ورتي وڃي.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن پنج سؤ سونن سڪن کان علاوه تمام وڏي تعداد ۾ کارڪون به ابوسفيان جي نالي روانيون ڪيون ۽ هي پيغام موڪليائون ته هو انهن کارڪن جي بدلي چمڙو يا کلون موڪلي سگهي ٿو. ان وقت ابوسفيان وٽ ڪجهه چمڙو پيو هيو جنهن کي ڪوبه خريد نه پيو ڪري ڇو جو مڪي جهڙي قحط واري شهر ۾ جتي سڀ ماڻهو بک مٽائڻ خاطر هڪ ٽڪڙو ماني يا ڪجهه کارڪن جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڦرن پيا اهڙي حالت ۾ چمڙو ڪير خريد ڪري. ابوسفيان اها ڪوشش ته ڪئي ته کارڪون واپس ڪري پر ائين نه ڪري سگهيو. جيئن ته کارڪن جي خبر مڪي وارن ۾ ڦهلجي وئي هئي ۽ هو بک سبب پريشان هئا. ان ڪري کارڪون واپس نه ڪيائين ۽ کارڪن جي بدلي چمڙو موڪلي ڇڏيائين. ٻئي طرف جڏهن مڪي جي عام ماڻهن کي اها خبر پئي ته اهي کارڪون حضرت محمد ﷺ جن جي طرفان موڪليون ويون آهن ته انهن جي دل ۾ پيغمبر اسلام جن جي باري ۾ نيڪ جذبات اُڀرڻ لڳا. مگر عام ماڻهن جي مقابلي ۾ قريش جيڪي حڪمران طبقي ۾ شمار ٿيندا هئا، بدستور پيغمبر اسلام جن سان وير رکيون اچن پيا ۽ انهن جي دشمني ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.
    جيتوڻيڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته قريش سندن دشمن آهن پر ان جي باوجود پاڻ سڳورنﷺ جي اها ڪوشش هئي ته پاڻ ۾ رابطو قائم ڪرڻ گهرجي ۽ صلح وارو رويو اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته پاڻ سڳوراﷺ قريش وارن سان بهتر تعلقات رکڻ اسلام جي ترقي لاءِ اهو ضروري سمجهندا هئا ۽ پاڻ سڳورنﷺ وٽ ان ڳالهه جي ڪابه اهميت نه هئي ته ماڻهو ڇا ٿا چون.
    دراصل هڪ پيغمبر پنهنجي الله کي ايتري قدر چاهيندو آهي جو ان جي خاطر پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ لاءِ تيار رهندو آهي. پيغمبر اسلام ﷺ جن به پنهنجي الله کي دل ۽ جان سان چاهيندا هئا ۽ ان جي حڪمن کي بجا آڻڻ ۾ ڪنهن به قرباني کان نه گهٻرائيندا هئا. ڀل ماڻهو ڪجهه به چون يا ان تي پٿر وسائن، پيغمبر اسلام جن نهايت مضبوط انسان هئا، پر اهڙا مضبوط ايمان وارا ۽ اعليٰ حڪمت عملي وارا هوشمند به هئا. اهڙو انسان جڏهن ڪنهن شيءِ تي ايمان آڻي ته پوءِ ڪنهن به مشڪلات کان نه گهٻرائيندو آهي ڇو جو هو ڄاڻندو آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ان تي ضرور ضابطو آڻي ڪاميابي حاصل ڪندو. جيڪو شخص الله تي ايمان رکندو هجي ته هو ان جي راهه ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائڻ ۽ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ به تيار هوندو آهي. ائين ئي جهڙي طرح پيغمبر اسلام ﷺ جن انهن ئي ڏينهن ۾ فيصلو ڪيو ته اسلام جي ڪاميابي جي لاءِ (جيئن مڪي تي پورو غلبو حاصل ٿي وڃي) هڪ ٻيو انتهائي اهم قدم کنيو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جن کي اها خبر ملي ته عبدالله بن حجش جي بيوه ۽ ابوسفيان جي ڌيءَ اُم حبيبه  بيوه ٿي چڪي آهي. عبدالله بن جحش هڪ حنيف هو، ۽ شايد اوهان کي ياد هجي ته هو پنهنجي گهرواريءَ سان گڏ هجرت ڪري حبشه ويو هو پر اتي وڃي اسلام کان ڦري ويو هو. جڏهن هن جو انتقال ٿي ويو ته ام حبيبه  بيوه ٿي وئي. پيغمبر اسلام ﷺ ان ڏانهن شاديءَ جي پيغام موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن رضامنديءَ جي صورت ۾ هوءَ رسول الله جي حرم ۾ اچي. پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو ڄاڻن پيا ته جنهن وقت ام حبيبه پاڻ ﷺ جن جي نڪاح ۾ اچي وئي ته پاڻ ﷺ جن ابوسفيان جي داماد جي رشتي ۾ اچي ويندا ۽ اهو رشتو مڪي ۾ اسلام جي سڀ کان وڏي دشمن جي دشمني ۾ گهٽتائي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. ابوسفيان مڪي جو رئيس هو ۽ مڪي جي فوجي لشڪر جو سپھ سالار پڻ، جيڪڏهن هن جي دشمني دوستيءَ ۾ بدلجي وڃي ته هيءَ ڳالهه اسلام جي لاءِ وڏي فائدي واري هئي.
    ام حبيبه جو تعلق بنواميه جي اهم خاندان سان هو ۽ جيڪڏهن ان جي نسبت پيغمبر اسلام ﷺ جن سان ٿي وڃي ته بنواميه جا سڀ ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن جا قريبي رشتيدار بڻجي وڃن ۽ گذريل وانگر پاڻ ﷺ جن سان دشمني جو اظهار نه ڪري سگهن. پر هن وقت ام حبيبه  حبشه ۾ هئي ۽ پاڻ سڳوراﷺ سوچي رهيا هئا ته جڏهن هوءَ ايندي ته ابوسفيان ۽ بنواميه خاندان جا ٻيا ماڻهو پيغمبر اسلام ﷺ جن سان اهو رشتو ڪرڻ ئي نه ڏيندا. ان سبب پاڻ سڳورنﷺ هڪ شخص کي پنهنجو وڪيل بڻائي حبشه روانو ڪيو ته جيئن هو ام حبيبه  سان شادي جي ڳالهه ڪري ۽ رضامنديءَ جي صورت ۾ ان کي پاڻ سان ساڻ مديني وٺي اچي.
    پر هي به ممڪن هيو ته جڏهن هو حبشه کان نڪري جزيره عرب جي سرزمين تي قدم رکن ته قريش قبيلو ان کي مديني وڃڻ ۽ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجڻ کان روڪي ڇڏن. ان ڪري رسول الله ﷺ جن ايلچيءَ کي ڪجهه هدايتون جاري ڪيون ۽ هڪ خط به لکرايو جيڪو حبشه جي بادشاهه تائين پهچائڻو هو. هدايت هن ريت ڪئي وئي هئي ته سڀ کان اڳ ام حبيبه  سان رابطو قائم ڪري ۽ ان کان معلومات حاصل ڪري ته هوءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجڻ لاءِ رضامند آهي يا نه؟ جيڪڏهن ام حبيبه  پنهنجي رضامندي ظاهري ڪري ته پوءِ اهو خط حبشه جي بادشاهه نجاشي کي پيش ڪيو وڃي. ان خط ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جن حبشه جي بادشاهه کي چيو هو ته هو ام حبيبه  جو نڪاح، جيڪا ان جي ملڪ ۾ رهي ٿي، پاڻ ﷺ جن جي نالي پڙهائي.
    ام حبيبه پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي ۽ نجاشيءَ به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هدايت موجب ام حبيبه جو نڪاح غائبانه طورتي حضرت محمد ﷺ جن ساڻ پڙهائي ڇڏيو ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن بعد ابوسفيان جي ڌيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري بڻجي حبشه کان جزيره عرب ڏانهن روانو ٿي وئي.
    قريش کي ان رشتي جو علم ٿي چڪو هو پر هو بيبي ام حبيبه  کي مديني وڃڻ کان روڪي نه پيا سگهن ڇو ته هاڻي هوءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي گهرواري هئي ۽ سمورا عرب اهو ڄاڻن پيا ته هڪ گهرواريءَ کي ان جي مڙس ڏانهن وڃڻ کان ڪوبه روڪي نٿو سگهي.
    ام حبيبه پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حرم ۾ شامل ٿيڻ سان رسول الله ﷺ جن جي مستقبل جي ارادن کي وڏي تقويت بخشي ۽ ان تعلق مڪي وارن کي مسلمان بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن جو ذڪر ڪجهه اڳتي ڪيو ويندو.
    بهرحال جيئن ته ام حبيبه ابوسفيان جي ڌيءَ هئي ۽ قريش جي اهم گهراڻن سان ان جا تعلقات هئا. ان ڪر ي جڏهن به ابوسفيان پيغمبر اسلام ﷺ جن جي خلاف زبان کولڻ چاهيندو هو ته ان کي ياد اچي ويندو هو ته هو اهڙي شخص جي مخالفت ڪري رهيو آهي جيڪو ان جي پنهنجي خاندان سان وابسته آهي ۽ جيئن ته خانداني شجره ۽ ان جي اهميت جي باري ۾ تفصيل سان گفتگو ٿي چڪي آهي ۽ هتي زياده ضروري نه آهي.
    ٻئي طرف جنگي معاهدي (يعني صلح حديبيه) پاڻ سڳورنﷺ کي هي موقعو فراهم ڪيو ته پاڻ ﷺ جن مڪي وارن جي طرفان بنا خوف مديني جي اتر ۾ رهندڙ يهودين جي سازشين کي ختم ڪيو وڃي ۽ اتر جي طرف کان مديني جي معاشي ناڪه بندي ختم ڪرڻ لاءِ ڪو قدم کنيو وڃي. صلح حديبيه جو هي به فائدو هيو ته مڪي جا ڪافر مسلمانن سان دوستي ۽ لڙائي نه ڪرڻ تي مجبور هئا.
    مديني جي اتر ۾ خيبر واقع هو، مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ صلح ٿيڻ جي باوجود خيبر جي يهودين پنهنجي عداوت جا طور طريقا تبديل نه ڪيا. اهي مسلسل مسلمانن جي تجارتي قافلن کي خيبر جي حد مان گذرڻ کان روڪي رهيا هئا. مسلمان اتان گذري اتر جي ملڪن سان اقتصادي رابطو قائم ڪرڻ چاهن پيا.
    خيبر جا يهودي پاڻ کي ايترو طاقتور سمجهندا هئا جو اهي چوندا هئا ته اسين مڪي وارن جي مدد کان سواءِ به مسلمانن سان مقابلو ڪري سگهون ٿا. جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن اهو سوچي رهيا هئا ته جهڙي طرح صلح ۽ جنگ بندي جي معاهدي سان مديني جي ڏکڻ کان محاصرو ختم ٿي چڪو آهي ته اهڙي طرح خيبر وارن جي طرفان به محاصرو ختم ڪري سگهجي ٿو.
    پر خيبر جا يهودي ڪهڙي طرح به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي طرف دوستيءَ جي هٿ وڌائڻ ۽ صلح ڪرڻ تي رضامندي نه هئا. خاص طور تي اهي يهودي جيڪي مديني کان جلاوطن ٿي ويا هئا. اهي مسلمانن جي خلاف نفرت ۽ دشمني جي باهه ڀڙڪائي رهيا هئا. خيبر جو شهر مديني جي اتر ۾ ٻه سؤ ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هو ۽ اتي پاڻي جا ڪيترائي تلاءُ هئا، ان ڪري خيبر جو علائقو انتهائي زرخيز علائقن ۾ شمار ٿيندو هو.
    جيڪڏهن خيبر جي حدن کان ٻاهر وڃڻ چاهجي ته رستي ۾ وڏو ميداني علائقو آتش فشان لاوي سان ڀريل آهي، جتان گذرڻ تمام گهڻو دشوار ۽ تقريباً ناممڪن آهي.
    عربي زبان ۾ خيبر جو مطلب آهي ”قلعو“ ۽ هن شهر ۾ جنگي نوعيت جا اَٺ قلعا موجود موجود هئا. جنگ جي صورت ۾ هتان جا ماڻهو ويهه هزار فوج ڪٺي ڪري سگهندا هئا. خيبر جو شهر دراصل جزيره عرب جي قديم ملڪن ۾ شمار ٿيندو هو ۽ 530ع تائين هن شهر کي هڪ عربي شهر سمجهيو ويندو هو. ان سال خيبر جي ماڻهن ”ابو نواس“ سان هڪ معاهدو ڪيو، جنهن سب خيبر جي يهودين جو اثر رسوخ وڌڻ لڳو. يهودين پنهنجي محنت ۽ ڪوشش سان هن شهر جي آبادي ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ آهستي آهستي ائين ٿي ويو جو اتان جا يهودي اڪثريت ۾ اچي ويا ۽ جنهن گهڙيءَ پيغمبر اسلام ﷺ جن خيبر کي فتح ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته هن شهر ۾ هڪ به عرب موجود نه هو.
    خيبر جا يهودي وڏا مالدار هئا ۽ هي شهر تجارت جو اهم مرڪز سمجهو ويندو هو. خيبر جا قيمتي پٿر وڪڻندڙ ”جواهر فروش“ پوري جزيره عرب ۾ وڏا مشهور هئا. اهي مالدار ماڻهن کي قيمتي زيور وڪڻندا هئا يا ڪرائي تي ڏيندا هئا مگر ضمانت بغير ڪرائي تي ڪابه شيءِ نه ڏيندا هئا. جزيره عرب ۾ جوهر فروشي ڪرڻ صرف يهودين جو ڪم هيو جيتوڻيڪ ڏکڻ يا اتر ۾ ٻيا به جوهر فروشي جا مرڪز هئا پر خيبر جيتري انهن کي اهميت حاصل نه هئي.
    خيبر جو علائقو انتهائي گهميل علائقو سمجهيو ويندو هو. ٻاهران آيل ماڻهو اڪثر ڪري اتي پهچڻ سان ”پاڻيءَ جي بيماري“ ۾ مبتلا ٿي ويندو هو. ان زماني جي ماڻهن جو خيال هيو ته بيٺل پاڻي مان اهڙي ”رياح“ يعني هوا خارج ٿئي ٿي جيڪا انسان جي بدن ۾ داخل ٿي بيمار ڪري ٿي، جنهن ڪري انهن ان بيماريءَ کي ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو نالو ڏنو ويو هو. پر اڄ اسين اهو ڄاڻون ٿا ته اها بيماري بيٺل پاڻيءَ مان هوا خارج ٿيڻ سان نه پر مليريا جي مڇر جي سبب پيدا ٿيندي هئي. دراصل پراڻي دور ۾ ماڻهو مليريا جي مڇر کان واقف نه هئا ۽ ان موذي ڪيڙي جي سڃاڻپ هن جديد دور ۾ ئي ٿي آهي.
    خيبر ۾ بيٺل پاڻيءَ جا تمام گهڻا تلاءَ هوندا هئا، جيڪي مختلف بيمارين خاص ڪري مليريا ڦهلائڻ جو سبب بڻبا هئا. ريگستاني ماڻهن کي حيرت ٿيندي هئي ته يهودي باشندا اهڙي گهم واري علائقي ۾ ڪيئن رهن ٿا ۽ پاڻيءَ جي بيماري سان ڇو نه ٿا مرن. مگر يهودي اهو ڄاڻن پيا ته اهي جابلو ريگستاني ماڻهو تمام سادي طبيعت جا ماڻهو آهن. يهودي انهن کي چوندا هئا ته جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو خيبر ۾ رهڻ چاهي ۽ پاڻيءَ جي بيماريءَ کان بچڻ چاهي ته ان کي گهرجي ته خيبر ۾ داخل ٿيڻ کان پهريان پنهنجا گوڏا کوڙي ۽ ٻئي هٿ زمين تي رکي مٿي منهن ڪري گڏهه جو آواز ڪڍي. خيبر وارا ايئن به چوندا هئا جيڪو ائين ڪندو ۽ پوءِ شهر ۾ داخل ٿيندو ته ان جي ويجهو بيماري نه ايندي نه ته هو ”پاڻيءَ جي بيماري“ ۾ مبتلا ٿي پنهنجي جان جو آسرو لاهي پوءِ ئي هن شهر ۾ رهي.
    ويچارا ريگستاني سادا ماڻهو يهودين جي ڳالهه مڃي شهر ۾ قدم رکڻ کان اڳ گوڏا کوڙي هٿ جون ٻئي تريون زمين تي رکي منهن مٿي ڪري گڏهه وانگر آواز ڪڍڻ شروع ڪندا هئا ۽ پوءِ ايئن پنهنجي پر ۾خوش ٿيندا هئا ته اسان بيماري کان بچي رهنداسين. ان عمل کي عربي زبان ۾ ”تعشير“ چيو ويندو هو. ان ڪري بدوي عرب خيبر کي ”تعشير“ جي نالي سان به سڏيندا آهن.
    مگر پاڻ يهودي باشندا ”پاڻيءَ جي بيماري“ يعني اڄ جي ڄاڻ مطابق مليريا کان بچڻ لاءِ ڪجهه طريقا اختيار ڪندا هئا. جيڪي ڪجهه هن ريت هئا:
    (1) ڪڏهن به بيٺل پاڻي نه پيئندا هئا پر جيڪڏهن وهندڙ پاڻي نه ملندو هين ته ٿورو شراب استعمال ڪندا هئا.
    (2) ٿوم جو استعمال زياده ڪندا هئا ٿوم خيبر جا تقريباً سڀ گهراڻا ٿوم گهڻي مقدار ۾ استعمال ڪندا هئا. سموري فضا ٿوم جي بوءِ سان ڀريل هوندي هئي. اڄ اسان ڄاڻون ٿا ته ٿوم دراصل هڪ جراثيم مار سبزي آهي ۽ ٿوم ۾ ڪجهه بيمارين جي روڪڻ جي خاصيت موجود آهي.
    (3) يهودي باشندا هيٺائين علائقي ۾ نه رهندا هئا. پر انهن جي رهائش مٿاهين علائقن تي هوندي هئي ان ڪري انهن کي اهو تجربو ٿي چڪو هو ته مٿاهين جڳهن تي ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو حملو تمام گهٽ ٿيندو آهي.
    (4) بهار جي ٽئين مهيني گرمين جي اچڻ کان اڳ ۾ يهودي خيبر مان نڪري ٻين علائقن ڏانهن هليا ويندا هئا ۽ سرءُ جي شروعات ۾ واپس ايندا هئا. يعني اهڙي وقت هي موٽندا هئا جو مليريا جو مڇر انهن کي بيمار ڪري نه سگهندو هو. دراصل ان ڳالهه جو انهن کي بلڪل پتو نه هو ته، ”پاڻيءَ جي بيماري“ جو اصلي سبب مليريا جو مڇر آهي، جيڪو بيٺل پاڻي تي ڪثرت سان پيدا ٿيندو هو.
    جڏهن خيبر جي يهودين کي اهو معلوم ٿيو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ ڏهن سالن لاءِ جنگي بندي جو معاهدو ٿي چڪو آهي ته هاڻي هو سمجهي ويا ته مسلمانن سان آمهون سامهون مقابلو ٿيڻ وارو آهي هن وقت تائين يهودين کي دلجاءِ هئي ته جيڪڏهن مسلمان خيبر تي حملو ڪندا ته ان جا اتحادي مڪي جا مشرڪ بنا دير مديني تي حملو ڪري ڏيندا ڇو جو اهڙو معاهدو خيبر ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ طئي ٿيل هو، پر صلح حديبيه انهن ٻنهي ڌرين جو معاهدو مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو.
    بهرحال پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين سان مقابلي ڪرڻ لاءِ ڏيڍ هزار فوج وٺي، مديني کان خيبر ڏانهن روانا ٿيا. جڏهن ته يهودي ويهه هزار فوج ڪٺي ڪري سگهن پيا. يهودين لڙائيءَ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون، انهن کي پنهنجي ڪئي جو احساس هو ته هڪ نه هڪ ڏينهن مسلمانن سان آمهون سامهون ٿيڻو پوندو. سو هاڻي ائين ئي ٿيو ته جڏهن اسلام جو لشڪر خيبر پهتو ته هو لڙائي لاءِ بلڪل تيار بيٺا هئا. هنن پنهنجون ضرورت جون شيون اٺن ئي قلعن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيون هيون ۽ انهن جا ويهه هزار سپاهي جنگ جي سامان سان بلڪل تيار بيٺا هئا.
    ان جي باوجود به پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي لشڪر سميت ٻن قبيلن غطفان ۽ بنوفرزاه جي سرزمين مان گذريا جيڪي ٻئي قبيلا يهودين جا اتحادي هئا. جنهن وقت پيغمبر اسلام ﷺ جن لشڪر سميت يهودين سان مقابلي خاطر اتان گذريا ته ٻئي قبيلا خاموش رهيا. اتحاد هئڻ سبب ٻنهي قبيلن جو فرض هيو ته هو يهودين جي مدد لاءِ نڪري پون ها، پر انهن ٻنهي قبيلن تي اهڙو خوف طاري ٿي ويو جو يهودين جي مدد لاءِ پنهنجو خيال تبديل ڪري ڇڏيو ۽ اهو واعدو ڪيائون ته اسان ان جنگ ۾ بلڪل غيرجانبدار رهنداسين، ڪنهن جي به طرفداري نه ڪنداسين.
    ٻه ڳالهيون ٻنهي قبيلن لاءِ خوف جو سبب بڻيون، هڪ ته انهن جنگ بدر، جنگ احد ۽ جنگ خندق ۾ مسلمانن جي شجاعت، دليري ۽ ايماني جذبي کي پرکي ورتو هو. ٻيو هي ته انهن کي صلح حديبيه جو به پتو پئجي چڪو هو. انهن سوچيو ته جڏهن مڪي وارن پيغمبر اسلام ﷺ جن سان صلح ڪيو آهي، ته اسان جي ان ۾ ڀلائي آهي ته مسلمانن سان خوامخواه دشمني نه ڪيون.
    بهرحال اسلامي لشڪر جڏهن خيبر پهتو ته پيغمبر اسلام ﷺ جن بذات خود لشڪر جي ڪمانَ سنڀالي ۽ مسلمانن سان مخاطب ٿي فرمايائون ته: ”اسان وٽ تير ۽ تلوارون آهن، انهن سان هنن مضبوط قلعن کي جيڪي پٿر جا ٺهيل آهن ڊاهي نٿو سگهجي، پر اسان هڪ طريقي سان يهودين کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهون ٿا، اهو هن ريت ته هنن جو محاصره ڪرڻو پوندو ۽ انهن ندين تي بند ٻڌڻو پوندو جيڪي انهن قلعن وٽان وهن ٿيون. بند ٻڌڻ سان جڏهن سندن پاڻيءَ جو ذخيرو ختم ٿيندو ته هي مجبور ٿي اسان جي سامهون بيهندا.“
    خيبر ۾ اٺ مضبوط قلعا هئا، مسلمانن فيصلو ڪيو ته واري واري سان هر قلعي تي حملو ڪري هڪ کي فتح ڪري پوءِ ٻئي قلعي جي خبر لڌي وڃي. جڏهن مسلمانن خيبر جو محاصرو ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن کي ان وقت ”منجيق“ جي گولن سان منهن ڏيڻو پيو. پراڻي زماني ۾ اهڙا پري کان مار ڪندڙ اوزار هوندا هئا جن ۾ بال جي شڪل ۾ پٿر وجهي ان منجيق جي وسيلي دشمن تي پٿر برسايا ويندا هئا. جيئن ئي محاصرو شروع ڪيو ويو ته يهودين مسلمانن تي پٿر اڇلائڻ شروع ڪيا هيءَ گولاباري ايتري شديد هئي جو ان سان مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو هو ۽ مسلمانن جو هي پهريون موقعو هو جيڪي منجيق جي مقابلي ۾ سامهون ٿيا ۽ ان عجيب اوزار جو ڪوبه ٽوڙ نه هيو.
    ليڪن هتي به پيغمبر اسلام ﷺ جن جي ذهانت ۽ جنگي حڪمت عملي ڪم آئي، پاڻ سڳورنﷺ جن هڪ هلندڙ پل جي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن ان تي ويهي قلعي جي ديوار تائين پهچجي. اها پل اڄ جي بڪتربند گاڏي جو ڪم ڏيئي سگهي پئي. پيغمبر اسلام مسلمانن کي فرمايو ته قلعي جي ديوار جي هيٺان پهچڻ سان انهن گولن کان بچاءُ ڪري سگهجي ٿو ۽ قلعي جي هيٺان ديوار وٽ صرف هڪ خطرو ٿي سگهي ٿو ته قلعي جي سوراخن مان پٿر اڇلائي سگهن پر اهي پٿر اتان ئي اڇلائي سگهن ٿا جيڪي ان ڪم لاءِ تيار ٿيل هجن ان ڪري ديوار وارو حصو گولن يا پٿرن کان بچاءُ لاءِ صحيح هوندو.
    اسلامي لشڪر جي ڪمان پاڻ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حوالي هئي خيبر ۾ ڪجهه ڏينهن گذرڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن جي صحت خراب ٿي پئي ۽ لشڪر جي ڪمان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله جي حوالي ڪيائون پر ڪجهه عرصي کان پوءِ حضرت ابوبڪر رضي الله به شديد بخار ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ لشڪر جي اڳواڻي حضرت عمر رضي الله جي حوالي ڪئي وئي، مگر جلدئي حضرت عمر رضي الله به بيمار ٿي پيو. حضرت عمر رضي الله جي حالت ايتري ته خراب ٿي پئي جو فوج جي سردارن کي پاڻ وٽ گهرائي چيائين ته منهنجو خيال آهي ته هن جنگ ۾ اسلامي لشڪر جي سپھ سالاري جي لاءِ حضرت علي رضي الله زياده مناسب رهندو ڇو ته حضرت علي رضي الله هڪ بااستقامت، دلير۽ مستقل مزاج انسان آهن جيڪڏهن هنن مضبوط قلعن کي ڪو فتح ڪرڻ وارو آهي ته اهو هڪ علي رضي الله ئي آهي. ان لاءِ مان فوج جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪريان ٿو.
    جڏهن اسلامي لشڪر جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي وئي ته ان وقت حضرت علي رضي الله کي به هلڪو بخار هيو پر ان جي باوجود پهرئين ئي ڏينهن هڪ قلعي کي محاصري ۾ آڻي ورتو، ان قلعي جو نالو قل نطات هو.
    اسلامي تذڪره نويسن مان ٻه شخص جن جا نالا ”بغوي“ ۽ ”ابن ابي الحديد“ هئا. اهي لکن ٿا ته جڏهن پيغمبر اسلام ﷺ جن بيمار ٿي پيا ته حضرت ابوبڪر رضي الله فوج جي ڪمان سنڀالي ۽ يهودين تي شديد حملو ڪيو پر اڳتي وڌي نه سگهيا، ان کان پوءِ فوج جي ڪمان حضرت عمر رضي الله جي حوالي ڪئي وئي حضرت عمر رضي الله به شديد حملو ڪيو پر چيائين ته منهنجي وس ۾ نه آهي جو مان انهن مضبوط قلعن کي ڊاهي سگهان. بعد ۾ پاڻ سڳورنﷺ جن لشڪر جي ڪمان حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي.
    بغوي ۽ ابن بي الحديد لکن ٿا ته جنهن وقت لشڪر جي قيادت حضرت علي رضي الله جي حوالي ڪئي وئي ته ان وقت حضرت علي رضي الله کي اکين ۾ سور هيو پاڻ سڳورنﷺ جن حضرت علي رضي الله جي اکين تي پنهنجو لعاب لڳايو، حضرت علي رضي الله بلڪل ٺيڪ ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ ذميواري نڀائڻ لاءِ اڳتي وڌيو.
    بغوي ۽ ابن ابي الحديد جي قول مطابق ان ڏينهن هڪ شخص جنهن جي مٿي تي فولادي ٽوپي هئي، قلعي نطات جي ديوار تي حاضر ٿيو ۽ مسلمانن کي مخاطب ٿي چيائين ته، ”توهان جو سپھ سالار ڪير آهي؟“ ديوار جي هيٺان حضرت علي رضي الله جواب ڏنس ته، ”مسلمانن جو سپھ سالار مان آهيان ۽ منهنجو نالو علي بن ابي طالب آهي.“
    ان شخص للڪار ڪندي چيو ته، ”اي علي منهنجو نالو مرحب آهي ۽ انهن اٺن قلعن مان هڪ قلعي جو نالو منهنجي نالي رکيو ويو آهي. ڇا تو ۾ ايتري جرائت آهي جو مون سان مقابلو ڪري سگهين؟“
    حضرت علي رضي الله وڏي آواز سان کيس جواب ڏنو: ”مان اڄ تائين مقابلي جي دعوت رد نه ڪئي آهي ان ڪري تنهنجي مقابلي جي دعوت به رد نٿو ڪريان.“ مرحب چيو ته: ”پوءِ مان قلعي کان ٻاهر اچي تنهنجي طاقت جو امتحان وٺان ٿو.“ مرحب ديوار کان هيٺ لهي قلعي کان ٻاهر آيو ۽ هن جي پٺيان قلعي جو دروازو بند ٿي ويو.
    حضرت علي رضي الله جي جسم تي زره به نه هئي، ان جي باوجود مرحب جي مقابلي لاءِ تيار ٿي ويو، مرحب جي مٿي تي فولادي ٽوپي ۽ جسم تي مضبوط زره هئي، جنهن ڄمي مقابلو ڪيو آخرڪار حضرت علي رضي الله جي هٿان موت جي حوالي ٿي ويو. حضرت علي رضي الله حڪم ڪيو ته قلعي جو دروازو ٽوڙيو وڃي. مسلمانن وڏن ڪاٺيءَ جي شهتيرن سان دروازي کي ٽوڙڻ شروع ڪيو هڪ شهتير کي پنجاهه ماڻهو کڻي تيزيءَ سان ڊڪندي اچي قلعي جي دروازي سان هڻڻ شروع ڪيو، ٽن شهتيرن لڳائڻ بعد اهو مضبوط دروازو ٽٽي پيو، حضرت علي رضي الله ڪجهه ماڻهن کي ڏاڪڻ ذريعي قلعي جي ديوار تي چڙهڻ جو حڪم ڪيو ته قلعي جي اندر پهچو.
    حضرت علي رضي الله پيغمبر اسلام ﷺ جن جي هدايتن مطابق مسلمانن کي حڪم ڏيندي ڏاڪڻ ذريعي قلعي ۾ لهندا ويا، اهڙي شديد حملي جي باوجود مرحب جا سپاهي ٻه ڏينهن ڄمي وڙهندا رهيا. آخرڪار مسلمانن جي هٿان مجبور ٿي پيا. قلعي جي دروازي کي ٽوڙڻ کان پوءِ مسلمانن اتي موجود يهودين کي قيد بڻايو. ان قلعي مان مسلمانن کي تمام گهڻي مقدار ۾ مالِ غنيمت به هٿ آيو.
    نطات قلعي تي قبضي ڪرڻ کان بعد حضرت علي رضي الله ناعم نالي قلعي کي به فتح ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو. جنگ خيبر جي دوران حضرت علي رضي الله ڏهن ڏينهن ۾ چئن قلعن تي قبضو ڪري ورتو. جڏهن ته باقي قلعن ۾ رهڻ وارن پاڻ ئي هٿيار ڦٽي ڪري ڇڏيا. انهن ڏهن ڏينهن جي مدت ۾ حضرت علي رضي الله سورهن ڀيرا آمهون سامهون لڙائي ڪئي ۽ هر دفعي پنهنجي مقابلي ڪندڙ کي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو يا ايتري قدر کيس زخمي ڪري ڇڏيو جو وڙهڻ جي لائق نه رهيو.
    هڪ روايت جي مطابق باقي چار قلعا بغير لڙائي جي قبضي هيٺ نه آيا هئا. پر حضرت علي رضي الله جي شديد حملن کين هٿيار اڇلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو جيتوڻيڪ انهن ڏهن ڏينهن دوران مسلسل حضرت علي رضي الله کي بخار به هيو ۽ اکين ۾ تڪليف پڻ هئي.
    جنگ خيبر ۾ حضرت علي رضي الله جي فتح ۽ انهن جي هٿان مضبوط قلعا پنهنجي قبضي هيٺ ڪرڻ ڪا معمولي ڳالهه نه هئي. اهو واقعو اسلام جي وڏين ڪاميابين مان هڪ آهي. خاص طورتي ان لاءِ ته اسلامي فوج جي سپھ سالار وٽ قلعن فتح ڪرڻ لاءِ مناسب هٿيار ۽ اوزار نه هئا. پر انهن ڳالهين جي باوجود انهن ويهه هزار فوج کي شڪت ڏني جيڪي مضبوط اٺن قلعن جي زور تي مسلمانن سان مقابلو ڪري رهيا هئا.
    جڏهن مسلمانن جي هٿان اٺين آخري قلعي جي فتح جي خبر حضرت محمد ﷺ جن کي ملي ته پاڻ حضرت علي رضي الله کي گهرائي سڀني مسلمانن جي سامهون سيني مبارڪ سان لڳايائون ۽ پيشاني تي چمي ڏئي فرمايائون ته، ”اي علي! تون اسدالله آهين“ يعني الله جو شينهن، اهو لقب اڄ به حضرت علي رضي الله جي ٻين لقبن کان وڌيڪ مشهور آهي.
    فتح خيبر کان پوءِ مسلمانن کي تمام گهڻي مقدار ۾ جنگي سامان خاص طورتي کاڌي پيتي جو سامان حاصل ٿيو.
    حضرت عائشه  کان روايت آهي ته رسول الله ﷺ جن جي حرم ۾ اچڻ کان پوءِ مون کي پهريون دفعو پنهنجي ضرورت جيتريون کارڪون کائڻ جو موقعو مليو ۽ اهو موقعو خيبر کي فتح ڪرڻ کان پوءِ نصيب ٿيو. ان کان اڳ گهر ۾ ايتريون کارڪون هونديون هيون جو ڳڻي ورهاست ڪندا هئاسين.
    خيبر جي فتح کان پوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن يهودين سان مهرباني ۽ درگذر وارو رويو اختيار ڪيو. يهودين کي اها اجازت ڏني وئي ته جيڪڏهن مرضي سان خيبر ڇڏي وڃن ته ڀل خوشي سان جيڪو چاهن کڻي وڃي سگهن ٿا. پر انهن کي کارڪن، ٻڪرين، رڍن ۽ ٻيو اناج کڻي وڃڻ جي اجازت نه آهي. صرف گهريلو سامان کڻي وڃن ۽ اها به کين رعايت ڏني وئي ته پنهنجو ساڳيو ڪاروبار به ڀل جاري رکن. پيغمبر اسلام ﷺ جن مسلمانن کي فرمايو ته يهودي عورتن کي آزاد رکيو وڃي ۽ ڪنهن به مسلمان کي ڪنهن يهودي عورت سان شادي ”متعه“ جي اجازت نه آهي. ان کان علاوه ڪوبه مسلمان يهودين جي ڪاروبار ۾ ڪابه مداخلت نه ڪري ۽ نه انهن جي باغن ۾ داخل ٿئي جيئن ڪنهن به پيداوار کي نقصان نه پهچي.
    هڪ ڏينهن هڪ مسلمان سپاهي خيبر جي قلعن وٽان گذرندي نامعلوم شخص جي حملي ۾ قتل ٿي ويو. حضرت علي رضي الله سڀني يهودين کي ڪٺو ڪري قتل جي باري ۾ جاچ ڪئي. يهودين قسم کنيو ته ان شخص جو قاتل ڪوبه يهودي نه آهي ۽ خيبر جا يهودي بي گناهه آهن. حضرت علي رضي الله ساري حقيقت پيغمبر اسلام ﷺ جن جي اڳيان پيش ڪئي ته يهودين جا چڱا مڙس چون ٿا ته اسان جو ان قتل ۾ هٿ نه آهي، ان ڪري مقتول جو خون بها ڪنهن کان وصول ڪيو وڃي؟
    پيغمبر اسلام ﷺ جن فرمايو ته جيئن ته يهودي قتل نه ڪرڻ لاءِ قسم کڻي رهيا آهن. تنهن ڪري مان انهن جي ڳالهه مڃي ۽ مقتول جو خون بها خود ڀرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ پاڻ سڳورنﷺ جن پنهنجي طرفان خون بها جي رقم ادا ڪري ڇڏي.
    فتح خيبر کان پوءِ يهودين جي ٻن قبيلن جيڪي وادي القراء جي علائقي ۾ رهندا هئا ۽ اهڙي طرح ٻه ٻيا قبيلا جيڪي باترتيب فدڪ ۽ تيمه جي جڳهه تي رهندا هئا، مسلمانن سان صلح وارو رويو اختيار ڪيو ۽ انهن ”جزيه“ ڏيڻ يعني اسلامي حڪومت ۾ رهندڙ غيرمسلم تي سالياني ٽيڪس ادا ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي.


    “هي دين دوکو نٿو ٿي سگهي” خالد بن وليد جو قول

    “هي دين دوکو نٿو ٿي سگهي” خالد بن وليد جو قول

    جنگ خيبر پنهنجي عروج تي هئي ته ان وقت حبشه کان ٻه مسافر خيبر پهتا. انهن مان هڪ پيغمبر اسلام ﷺ جن جو رضاعي ڀاءُ جعفربن ابي طالب رضي الله ۽ ٻيو عمرو رضي الله بن اميه هئا. هي ٻئي شخص انهن مسلمانن ۾ شامل هئا جيڪي پهريون ڀيرو هجرت ڪرڻ تي مجبور ٿي حبشه هليا ويا هئا. انهن ٻنهي جي واپسي کان پوءِ جزيره عرب جو ٻيو ڪوبه مسلمان حبشه ۾ باقي نه رهيو.
    فتح خيبر کان پوءِ جيئن ته يهودين کي مختلف رعايتون حاصل ٿيون انهيءَ ڪري انهن پنهنجي عبادت گاهن کي نئين سر کوليو ۽ اڳ وانگر پنهنجي عبادت ۾ مشغول ٿي ويا. يهويدين جا تمام مقدس ڪتاب ۽ ٻيا اهم ڪاغذ وغيره به جيڪي مسلمانن کي حاصل ٿيا هئا کين واپس ڪيا ويا ۽ مسلمانن سان اهڙا سٺا تعلقات ٿي ويا جو هڪ يهودي عورت اعلان ڪيو ته مان پنهنجي هٿن سان کاڌو پچائي پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن روانو ڪندس.
    ان عورت جو نالو زينب بن حارث هو ۽ اها سلام بن مشڪم جي گهرواري هئي. ان عورت هڪ گهٽو ڊبح ڪرايو ۽ جيئن ته ان اهو ٻڌو هو ته حضرت محمد ﷺ جن کي ران جو گوشت پسند آهي، ان ڪري ان ٻئي رانون پچائڻ وقت انهن ۾ زهر ملائي ڇڏيو ۽ اهو کاڌو پيغمبر اسلام ﷺ جن ڏانهن روانو ڪري ڇڏيائين.
    جڏهن اهو پڪل گوشت پيغمبر اسلام ﷺ جن کي پيش ڪيو ويو ته ان وقت پاڻ سڳورنﷺ وٽ هڪ صحابي بشير بن براء بن معرور به ويٺو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ ران ان کي پيش ڪئي ۽ ٻيءَ ران مان ٿورو گوشت پٽي پنهنجي وات ۾ وڌو، بشير بن براء به ڏندن سان گوشت جو هڪ ٽڪڙو پٽي چٻاڙي کاڌو، پر پيغمبر اسلام ﷺ جن ان گوشت کي چٻاڙي پوءِ ٿوڪاري ڇڏيو ۽ بشير بن براء کي خبردار ڪندي فرمايائون ته، ”هي گوشت نه کاءُ ان ۾ زهر ملايل آهي.“
    بشير بن براء گهٻرائجي ران کي ڦٽو ڪيو پر جيڪو گوشت هو کائي چڪو هو، ان پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ جلدئي سندس موت واقع ٿيو. جڏهن ته پيغمبر اسلام ﷺ جن جي جان محفوظ رهي. زينب بن حارث کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کان پڇا ڪئي وئي. ”ڇا رسول الله جن کي زهر ملايل گوشت تو موڪليو هو؟“ ان عورت پنهنجي ڳالهه مڃي ۽ چيائين ته، ”مان اهو سوچي ڪري گوشت ۾ زهر ملايو هو ته جيڪڏهن محمد (ﷺ) خدا جي طرفان موڪليل آهن ۽ الله جا سچا نبي ﷺ آهن ته اهي هن گوشت کي هرگز نه کائيندا ۽ انهن کي ڪوئي نقصان به نه رسندو. پر جيڪڏهن الله جا رسول نه هوندا ته گوشت کائي جان ڏيندا. پر جيئن ته محمد (ﷺ) جن گوشت نه کاڌو ۽ جلدي ٿُڪاري ڇڏيائون، ان ڪري مون کي اهو ثبوت مليو ته هو الله جا رسول آهن.“
    ڪجهه عالمن لکيو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن رحلت کان اڳ پنهنجي عزيزن کي ٻڌايو هو ته پاڻ ﷺ جن جي وفات جو سبب اصل اهو زهر آهي جيڪو خيبر ۾ انهن کي ڏنو ويو هو، پر پاڻ ﷺ جن گوشت کاڌو نه هو جلدي چٻاڙي ڦٽو ڪيو هو. دراصل گوشت جي رس جو اثر جسم ۾ ضرور هيو. جنهن پاڻ سڳورنﷺ جن جي صحت تي اثر ڪيو ۽ زهر جي نتيجي ۾ خدائي سڏ کي لبيڪ فرمايائون. ڪجهه علماءَ اها راويت به ڪن ٿا ته پيغمبر اسلام ﷺ جن به شهادت جو درجو ماڻيو ڇو ته دشمن جي طرفان ڏنل زهر جي نتيجي ۾ علالت ۽ رحلت جو سبب بڻيا ۽ خدائي سڏ کي لبيڪ چيائون.
    بهرحال هي بيان پهريون به ٿي چڪو آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ جن سن 628ع هجرت جي ڇهين سال پنهنجي ساٿين سان عمري تي وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ انهيءَ ئي مقصد تحت مڪي روانا ٿيا پر مڪي جي بت پرستن حديبيه جي مقام تي سندن رستو روڪيو ۽ مسلمانن کي مڪي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو پر انهيءَ جڳهه تي مسلمانن ۽ مڪي وارن جي وچ ۾ ڏهه سالن تائين جنگبندي جو معاهدو ٿيو. ان معاهدي جي هڪ شق ۾ هيو ته مسلمان ايندڙ سال خانه ڪعبه جي زيارت لاءِ مڪي اچي سگهن ٿا ۽ اهو شرط لکيو ويو ته مسلمان مڪي ۾ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ نه رهندا. جيئن ته ايندڙ سال سن 629ع ۽ هجرت جي ستين سال پيغمبر اسلام ﷺ جن پنهنجي ٻن هزار صحابين سان گڏ عمري جي غرض سان مڪي روانا ٿي ويا.
    جيئن ته سڀ مسلمان زيارت جي غرض سان مڪي وڃي رهيا هئا، ان ڪري انهن وٽ تلوار کان سواءِ ٻيو ڪوبه هٿيار نه هو. اهو ذڪر اڳ ۾ به ٿي چڪو آهي ته ان زماني ۾ تلوار جنگي هٿيار نه پر عربن جي لباس جو حصو سمجهي ويندي هئي. پر ان جي باوجود جڏهن مسلمان مڪي ۾ داخل ٿيا ته قريش وارا ڊڄي مڪي کان ٻاهر هليا ويا ۽ ڀرپاسي جي پهاڙن ۽ خاص طورتي اهڙن پهاڙن تي هليا ويا جيڪي خانه ڪعبه جي بلڪل سامهون هيا، ته جيئن اتان بيهي مسلمانن جي عمره جو نظارو به ڏسي سگهن.
    قريش وارن جو مڪي کان ٻاهر نڪري وڃڻ جو هڪ سبب هي به هو ته انهن کي اهو ڀؤ ٿيو ته متان مسلمان مڪي ۾ داخل ٿي انهن تي حملو ڪن ۽ قتل عام نه ڪري ڇڏن. ٻئي طرف پيغمبر اسلام جن به احتياطي تدبير طور مڪي ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ هڪ سؤ سپاهي حفاظت لاءِ مقرر ڪري ڇڏيا، جن جي قيادت محمد بن مسلمه رضي الله جي حوالي ڪئي وئي. هي دستو هڪ سپاهين جو ”مرالظهران“ جي نالي جڳهه تي بيهاريو ويو ۽ انهن کي هر وقت خبردار رهڻ جي هدايت ڪئي وئي. محمد بن مسلمه رضي الله پنهنجي ساٿين سان مرالظهران جي هڪ پهاڙيءَ تي چڙهي مڪي جي نگراني ڪري سگهي پيو. پيغمبر اسلام ﷺ جن کيس هي به هدايت فرمائي ته اي محمد بن مسلمه رضي الله جيڪڏهن تون ڏسين ته بت پرست اسان تي حملو ڪري چڪا آهن ته ان وقت پنهنجي ساٿين سميت اسان جي مدد لاءِ اچجانءِ نه ته اسان جي واپس ٿيڻ تائين اتي ئي رهجانءِ.
    بت پرست جيڪي ڀروارن پهاڙن تان مسلمانن جي مڪي ۾ داخل ٿيڻ جو نظارو ڏسي رهيا هئا،انهن جو اخلاص ۽ اتحاد، نظم و ضبط کي ڏسي ششدر ٿيا. ڪاري رنگ جو بلال رضي الله جنهن کي ڪنهن ڏينهن ان جا هٿ پير ٻڌي مڪي جي ساڙيندڙ واريءَ تي سج جي تيز شعاعن هيٺ موت جي رحم ڪرم تي ليٽايو ويو هو، اڄ خانه ڪعبه جي بلنديءَ تي بيهي آذان ڏئي رهيو هو. جڏهن مڪي جي فضائن ۾ بلال رضي الله جو آواز گونجيو، ”الله اڪبر لاالــٰھ الالله“ ته جيڪي مڪي وارا ويجهين پهاڙين تي بيٺا هئا، تمام لرزجي ويا. انهن کي اها توقع هئي ته خانه ڪعبه جا وڏا بت آسمان کي کڻي مسلمانن جي مٿان اڇلائيندا يا پٿرن جي بارش وسائي انهن کي ڍير ڪري ڇڏيندا، پر مسلمانن کي ڪوبه ناگواره واقعو پيش نه آيو ۽ نه ئي ڪا پٿري آسمان تان ڪري. پر اهو ضرور ٿيو ته مڪي جي فضائن ۾ پهريون دفعو پر زور آواز ۾ ”الله اڪبر“ جي ڪفر کي ڪٽڻ وارا الفاظ گونججي ويا.
    جڏهن مسلمان احرام ٻڌي پنهنجي پيغمبر اسلام ﷺ جن سان گڏ خانه ڪعبه جو طواف ڪري رهيا هئا ته انهن جي اکين مان محبت جا ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا، ايتري قدر جو عمر رضي الله بن خطاب جيڪو انتهائي مضبوط دل ۽ مضبوط ارادي وارو انسان سمجهيو ويندو هو بي اختيار ٿي وڏي آواز ۾ روئي رهيو هو. دراصل مسلمانن جي دل وڏي عرصي کان تڙپي رهي هئي ۽ قريش وارن جي غلط پابندين جي ڪري ايترا مايوس ٿي چڪا هئا جو کين يقين نه پيو ٿئي ته خانه ڪعبه جي زيارت ڪري رهيا آهيون.
    بهرحال عمري جي ادائگي کانپوءِ پيغمبر اسلام ﷺ جن قريش وارن سان انساني همدردي وڌائڻ خاطر مڪي جي انتهائي مشهور خاتون کي پنهنجي نڪاح ۾ آڻڻ جو فيصلو ڪيائون ۽ اهڙي طرح بيبي ميمونه  بنت حارث پيغمبر اسلام ﷺ جن جي حرم ۾ داخل ٿي وئي. بيبي ميمونه پيغمبر اسلام ﷺ جن چاچي حضرت عباس رضي الله جي سالي هئي، حضرت محمد ﷺ جن جو ساڻس نڪاح هن وقت تمام انتهائي اهم قدم هو، ڇو جو سندس اٺ ڀينر هيون جيڪي مڪي جي تمام وڏن ۽ بااثر ماڻهن جون گهرواريون هيون.
    ٽي مشهور اسلامي ليکڪ ابن هشام، زفحشري ۽ ابن حبيب لکن ٿا ته جيڪڏهن ڪوبه شخص بيبي ميمونه  سان شادي ڪري ها ته ان جو خودبخود سڀني مڪي وارن سان تعلق ڳنڍجي و