ڪتاب جو نالو: انقلابِ مڪه
مصنف: ڊاڪٽر الطاف جاويد / احمد الدين شر
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1099 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 331 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”انقلابِ مڪه نبيﷺ جي سيرت، قرآن جي روشني ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد آهي، جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار احمد الدين شر آهي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • حق ۽ واسطا
  • سنڌ سلامت پاران
  •   پيش لفظ
  • مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ، ڪڏهن ۽ ڪيئن ؟
  • ڀاڱو پهريون : تاريخي پس منظر

  • تاريخي پس منظر
  • اسلامي انقلاب جا تاريخي بنياد
  • اسلامي انقلاب جو قومي ۽ ذاتي پس منظر
  • اسلامي انقلاب جي پهرين منزل
  • اسلامي انقلاب جي ٻين منزل
  • اسلامي انقلاب جي ٽين منزل
  • اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل
  • اسلامي انقلاب جي پنجين منزل
  • ڀاڱو ٻيون؛ مدني دؤر

  • اسلام جي انقلابي نظريي تي توحيدي معاشري جي قيام لاءِ جاکوڙ
  • اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل
  • اسلامي انقلاب جي ستين منزل
  • اسلامي انقلاب جي اٺين منزل
  • اسلامي انقلاب جي نائين منزل
  • اسلامي انقلاب جي ڏهين منزل
  • آخري ڳالهه
  • ڀاڱو ٽيون : نزولي ترتيب جي تحقيق جي تاريخ

  • مصنف طرفان پيش لفظ
  • اسلامي عالمگير انقلاب جي تاريخ ۽ حضرت شاهه ولي الله دهلوي بطور امام انقلاب
  • قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب
  • قرآن ڪريم جي نزولي ترتيب جي سلسلي ۾ مستشرقن جو ناڪام ڪوششون

  • ترتيب

    حق ۽ واسطا

    ڪتاب نمبر
    386
    سڀ حق ۽ واسطا محفوظ
    پهريون ڇاپو: 2015ع
    ڪتاب جو نالو : انقلابِ مڪه
    ليکڪ: ڊاڪٽر الطاف جاويد
    سنڌيڪار: احمدالدين شر
    لي آئوٽ: نديم احمد سولنگي
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
    قيمت : /= 400 رپيا

    “INQALAB-E-MAKA”
    By: Altaf Javed
    Translated by: Ahmed Din Shar
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
    website: www.sindhica.org, Email:sindhica_academy@yahoo.com

    اسٽاڪسٽ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03352233802
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037


    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي 74400
    فون: 021-32737290 ، ويب سائيٽ: www.sindhica.org
    اي ميل:sindhicaacademy@gmail.com


    سنڌ سلامت پاران

    ڪتاب ”انقلابِ مڪه نبيﷺ جي سيرت، قرآن جي روشني ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ ڊاڪٽر الطاف جاويد آهي، جڏهن ته ڪتاب جو سنڌيڪار احمد الدين شر آهي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.

    هي ڪتاب 2015ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.



    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


      پيش لفظ

    سترهين صدي ۾ يورپ واري علمي ۽ تهذيبي انقلاب (Renascence) بابت، جيڪو فرانس جي انقلاب ۽ روس جي اشتراڪي انقلاب جو سبب بڻيو، اتان جي دانشورن ۽ عالمن جو خيال هو ته هي انقلاب يونان جي عقليت ۽ فلسفي جو نتيجو آهي. پر پوءِ واري ٿيل تحقيق مان پروڙ پئي ته انهيءَ انقلاب جو اصل محرڪ مسلم اسپين جا اهي علم ۽ فلسفا هئا جيڪي مسلمان فلسفين، طبيبن ۽ دانشورن جي تخليق هئا. مسلم اسپين ته ختم ٿي ويو، پر يورپ تحقيق جي نتيجي خيز طريقي (Inductive Method of Investigation) جي ذريعي انهيءَ علمي مواد کي اڳتي وڌايو ۽ زمين، فضا ۽ سمنڊن جي هر ڪنڊ کي ڌوئي ورتو جنهن سان علم جو هڪ تمام ئي وڏو ذخيرو وجود ۾ اچي ويو.
    موجوده دؤر ۾ اولهه جي سڀني دانشورن انهيءَ مسئلي تي روشني وڌي آهي، ايتري تائين جو پرنس چارلس به پنهنجي ڪيمبرج يونيورسٽي جي ٻن ليڪچرن ۾ انهيءَ تي تحقيقي روشني وڌي آهي. هن جو چوڻ آهي ته اولهه جو علم ۽ تهذيب مسلم اسپين جي عربن جي علمي ڪوششن جو نتيجو آهي.
    انهيءَ تحقيق سان اها ڄاڻ ملي آهي ته اولهه جي علمي ۽ تهذيبي انقلاب، فرانس جي سياسي انقلاب ۽ روس جي اشتراڪي انقلاب جو سرچشمو اهوئي انقلاب آهي، جيڪو اسلام جي صورت ۾ مڪي ۾ ظاهر ٿيو هو. ڇو ته مڪي جو انقلاب اصل ۾ اولهه جي سڀني انقلابن ۽ تبديلين جي ماءُ آهي. علامه اقبال پنهنجي تقريرن ۾ انهيءَ تي سٺي نموني روشني وڌي آهي ۽ ٻڌايو آهي ته اولهه جو هيءُ علمي ۽ تهذيبي انقلاب حقيقت ۾ مسلمانن جي فڪري انقلاب جو نتيجو آهي. انهيءَ ڪري اهو مسلمانن لاءِ ڌاريو نه پر انهن جي سندي ئي فڪر جو اولڙو آهي. افسوس آهي جو علامه اقبال کي ڇڏي مسلمان دانشورن انهيءَ موضوع تي ڪو گھڻو تحقيق مواد ناهي ڏنو. ان جي برخلاف اهي اولهه جي فڪري انقلاب کان تمام گھڻو متاثر ٿي ويا ۽ انهيءَ تبديليءَ کي اولهه جي ذهني جستجو جو نتيجو سمجھڻ لڳا آهن. غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن مان هڪ آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله تعالى انسان کي قلم جي ذريعي علم سيکاريو آهي. هتي قلم جو لفظ خاص طرح سان ڌيان طلب آهي، جنهن جو مطلب اهو علم آهي جيڪو تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هجي ۽ معاشري لاءِ مفڪر جي فڪر جي ظاهري حقيقتن سان هڪجهڙائي رکندو هجي.
    جيتوڻيڪ ارسطو علم جي ٻنهي شاهراهن يعني استخراجي (Detective) طريقي ۽ استقرائي (Inductive) طريقي جي نشاندهي ڪئي هئي. راجر بيڪن جي سلسلي کان عرب دانشورن تحقيق جي استقرائي طريقي کي ڄاڻي ورتو هو، پر آمدرفت ۽ لڏپلاڻ جي ذريعن جي غير ترقي يافته هئڻ ڪري استخراجي طريقو ته گهڻو ئي وڌيو ويجھيو، پر استقرائي طريقو ترقي نه ڪري سگھيو. ان کان گھڻو عرصو پوءِ سترهين صدي ۾ فرانس بيڪن ۽ جان سٽوارٽ مل انهيءَ طريقي جي فائديمند هجڻ تي روشني وڌي آهي ۽ فرانس بيڪن استخراجي ۽ استقرائي يعني سائنسي طريقي کي ڪوريئڙي (عنڪبوت) ۽ ماکيءَ جي مک (نحل) سان تشبيهه ڏني آهي.
    ڪوريئڙو ڪمري جي هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي پِڪَ سان ڄارو ٺاهي شڪار کي ڦاسائي ٿو، جڏهن ته ماکيءَ جي مک وري سوين گلن، ميون ۽ وڻن مان رس چوسي پنهنجي ماناري ۾ ماکي ٺاهيندي آهي جيڪو سندس خوراڪ جي لاءِ به ڪم ايندو آهي، ته بيمارين کي شفا به ڏيندي آهي ۽ جنهن جي ميڻ مان روشني پيدا ڪئي ويندي آهي جيڪا علمي تحقيق ۾ مدد ڏيندي آهي. اهڙي طرح برٽرنڊ رسل چيو آهي ته ڇنڊڇاڻ واري طريقي ٻن هزار سالن تائين انساني ذهن کي ترقي کان روڪي ڇڏيو هو.
    جيڪڏهن مسلمان عالم ۽ مفسر پروڙڻ واري طريقي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اهميت کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ها ته مسلم معاشري ۾ تحقيق جي نتيجن تي غور ڪرڻ واري طريقي (سائنس) جي روشني يورپ کان گھڻو پهريان پکڙجي وڃي ها. پر مسلم ذهن استخراجي واري طريقي کي پنهنجائي ورتو جيڪو قياس تي ٻڌل هو ۽ معاشري جي ظاهري حقيقت فڪر مطابقت کي ضروري قرار نه ڏنو هو. جيتوڻيڪ مڪي مان اڀرندڙ انقلاب جي نتيجي ۾ بغداد ۽ قرطبه جا عظيم الشان علمي ادارا وجود ۾ آيا جن مان شيخ الاشراق شهاب الدين سهروردي، ابن ماجه، ابن طفيل ۽ ابن رشد جهڙا فلسفي ۽ بو علي سينا جهڙا طبيب پيدا ٿيا. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود علمي تحقيق استخراجي طريقي تي ئي قائم رهي.
    سيرت طيبه تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيا ويا آهن، جيڪي رڳو واقعن تي ٻڌل آهن. جن مان اها خبر نه پئجي سگھي ته اسلام ڪا معاشري جي طبقاتي نظام کي بدلائي توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ واري انقلابي تحريڪ هئي. نه ئي وري اسلام جي انهيءَ انقلابي تحريڪ جي هر موڙ تي نازل ٿيڻ وارين قرآني آيتن جي خبر پئجي سگھي آهي، انهيءَ جو بنيادي سبب اهو آهي ته قرآن مجيد کي نزول جي ترتيب موجب مرتب نه ڪيو ويو هو ۽ انهيءَ ڪري ئي قرآن ۽ سيرت هڪ ٻئي کان الڳ الڳ ٿي ويا.
    مون هن سيرت طيبه کي سهيڙڻ ۾ ٻنهي ڳالهين جو خيال رکيو آهي؛ يعني پروڙڻ واري طريقي سان ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي اهميت ۽ انقلابي جدوجهد جي هر موڙ تي نازل ٿيڻ واري قرآني آيت جو. اهوئي سبب آهي جو هيءَ سيرت عام طرح لکي ويندڙ سيرتن کان الڳ حيثيت اختيار ڪري وئي آهي. سيرت جي آخر ۾، ترتيب نزول جي باري ۾ پروفيسر اجمل خان جي تحقيق جو وچوڙ به ڏنو اٿم ته جيئن علمي تحقيق کي سمجھڻ وارن ذهنن کي مطالعي ۾ آساني ٿئي.
    اهڙيءَ طرح سيرت جي مطالعي سان هڪ پاسي ته سيرت ۽ قرآن جو پاڻ ۾ لاڳاپو قائم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ٻئي پاسي خود قرآن جي آيت وار تفسير ڪرڻ سان جيڪو ذهني مونجھارو پيدا ٿي پيو آهي، تنهن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ ۾ مدد ملندي. ڇو ته ڊاڪٽر فضل الرحمان پنهنجي تصنيف “ميجر ٿيمز آف قرآن ” (Major Themes of Quran) ۾ ۽ جامعه مليه جي مولانا اسلم جيرا جيوري ٻڌايو آهي ته آيت وار قرآني تفسير نه رڳو زندگيءَ جي هر شعبي ۾ جامعيت سان پهچائي ٿو، پر ان سان ذهني سجاڳي پيدا ٿي پوي ٿي. قرآن پاڪ جي نزولي ترتيب سان تفسير نه لکڻ جي ڪري ئي اڄ تائين قرآن جي بنياد تي فرانس ۽ روس جهڙو انقلاب اچي نه سگھيو ۽ مسلم معاشرو هزارين تفسيرن ۽ سيرت تي لکيل ڪتابن جي باوجود به اڃاتائين زوال ڏانهن هلندو پيو وڃي. اميد آهي ته سيرت پاڪ تي هيءَ تصنيف مسلم ذهنن کي موجوده طبقاتي معاشري جي بدران توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ يورپ جي علمي تحقيق جو سبب يونان جي بدران مسلم ذهن کي سڏيندي ۽ ان کي ذهني پستي جي ڪُن مان نڪرڻ جو سبب بڻبي.

    الطاف جاويد
    2002-3-23
    D/169 ماڊل ٽائون لاهور







    انقلاب مکہ کی واپسی کب اور کیسے ہوگی؟

    انقلاب مکہ کی واپسی کب اور کیسے ہوگی؟
    کون سی وادی میں ہے کون سی منزل میں ہے

    عشق بلا خیز کا قافلہء سخت جاں
    دیکھ کا المنی شورش اصلاح دیں

    جس نے نہ چھوڑے کہیں نقش کہن کے نشاں
    حرف غلط بن گئی عصمت پیر کنشت

    چشم فرانسیس بھی دیکھ چکی انقلاب
    جس سے دگر گوں ہوا مغربیوں کا جہاں

    ملت رومی نزاد کہنہ پرستی سے پیر
    لذت تجدید سے وہ بھی ہوئی پھر جواں

    روح مسلمان میں ہے آج وہی اضطراب
    راز خدائی ہے یہ کہہ نہیں سکتی زباں


    دیکھئے اس بحر کی تہ سے اچھلتا ہے کیا
    گنبد نیلو فری رنگ بدلتا ہے کیا!

    موت ہے وہ زندگی جس میں نہ ہو انقلاب
    روح امم کی حیات کشمکش انقلاب

    صورتِ شمشیر ہے دست قضا میں وہ قوم
    کرتی ہے جو ہر زمان اپنے عمل کا حساب

    نقش ہیں سب نا تمام خونِ جگر کے بغیر
    نغمہ ہے سودائے خام خون جگر کے بغیر

    (از علامہ اقبال ؓ)


    مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ، ڪڏهن ۽ ڪيئن ؟

    مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ ڪڏهن ۽ ڪيئن ۾ اقبال ٻڌايو آهي ته جيستائين تمام سخت ويڙهاند نه ٿيندي تيستائين مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ نه ٿيندو هتي سخت ويڙهاند جو مطلب، توحيدي معاشري جي جوڙڻ خلاف مخالف، قوتن جي جدوجهد جي، مخالفت ۾ ويڙهه آهي. روايتي اسلام ۽ ٻيا سڀئي مذهب، جيڪي توحيدي يعني غير طبقاتي معاشري جي جوڙڻ جي لاءِ جدوجهد نٿا ڪن، سي غلط آهن. ڇو ته مذهب رڳو عبادتن ۽ رسمن جي مجموعي جو نالو نه آهي. جيڪڏهن ائين هجي ها ته هر ڪنهن نبي ۽ رسول جي، سندس معاشري جو مالدار طبقو ۽ ان جون ساٿي جماعتون مخالفت نه ڪن ها ۽ نه ان کي تڪليفون ڏين ها. جيئن سورت سبا آيت 25 ۾ ٻڌايو ويو آهي.
    انهيءَ ڳالهه جو دليل هي آهي ته سوره مزمل ۾ رسول الله ﷺ کي چيو ويو ته هو رات جو عبادت لاءِ اٿي بيهڻ کي گھٽائي ڇڏي، ڇو ته ڏينهن ۾ کين تمام ڳورو ڪم ڪرڻو آهي. اهو ڳورو ڪم ڪهڙو هو؟ اهو هو مشرڪ، يعني طبقاتي معاشري کي توحيدي، يعني غير طبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.
    قرآن ڪريم توحيدي معاشري جي آڻڻ لاءِ ڪهڙو دليل ڏنو آهي؟ سوره قصص جي پنجين ۽ ڇهين آيت ۾ انهيءَ معاشري جو نقشو هن طرح ڏنو ويو آهي:
    ترجمو: ”اسان جي مرضي هئي ته انهن ماڻهن تي مهرباني ڪريون جن کي زمين تي هيڻو ڪري ڇڏيو ويو هو، انهن کي اڳواڻي ڏيون ۽ انهن کي ئي وارث ڪيون ۽ زمين تي انهن کي اقتدار بخشيون ۽ انهن کان فرعون ۽ هامان ۽ انهن جي لشڪرن کي اهوئي ڏيکاريون جنهن جو انهن کي ڊڄ هو.“ (ترجمو تفهيم القرآن )
    هاڻي مولانا آزاد جي ”ترجمان القرآن “ جو ترجمون ڏسو.
    ائين اسان جو فيصلو اهو هو ته جيڪا قوم سڀ کان وڌيڪ هيڻي سمجھي ويندي هئي تنهن تي احسان ڪريون. انهيءَ قوم جي ماڻهن کي سرداري ۽ رياست عطا ڪريون، ملڪ جو وارث بڻايون ۽ انهن جي ئي حڪومت ملڪ ۾ قائم ڪري ڇڏيون. فرعون ۽ هامان ۽ حڪمران قوم کي، جنهن کي ڏٻري قوم جي طرف کان بغاوت ۽ ڀڄي وڃڻ جو کٽڪو رهندو هو ۽ جنهن جي لاءِ اهي کين هيڻو رکندا هئا، انهيءَ کي ئي انهن جي اڳيان آڻيون.
    انهيءَ آيت جي تشريح ۾ مولانا آزاد لکيو آهي ته هتي فرعون جي بادشاهت جو ذڪر آهي، پر غور ڪبيو ته هن آيت ڪريمه جي اندر قرآن ڪريم هڪ تمام ئي غيرمتبدل الاهي قانون جي ڄاڻ ڏني آهي. هو ٻڌائي ٿو ته دنيا هڪ پاسي طاقت ۽ عزت آبرو جي نمائش جو هنڌ ته ٻئي پاسي وري مزدورن جي بربادي ۽ انهن جو ڪوس گھر آهي. طاقتور قومون هيڻي قومن کي پنهنجو غلام ۽ زيردست بڻائينديون آهن. انهن ۾ ڦوٽ وجھنديون آهن، مختلف قومون ۽ ٽولن کي پاڻ ۾ گڏجڻ ناهن ڏينديون. ڇو ته جيڪڏهن اهي پاڻ ۾ گڏجي هڪ ٿي وڃن ته اهي هيڻا نه رهندا. انهن جي پاڻ ۾ ٻڌي ۽ هڪ ٿي وڃڻ واري طاقت ظالمن جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيندي.
    جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جو حال به ساڳيو ئي آهي. اهي مزدور طبقي ۾ ڏار وجھڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن، ته جيئن اهي ٻڌي ڪري پيداواري وسيلن تي قبضو نه ڪري وڃن. پر خدائي قانون چوي ٿو ته جيڪڏهن مزدور پنهنجي سمجھه کي طبقاتي فلسفي سان هٿياربند ڪري وٺن ۽ ٽريڊ يونين يا گڏيل سهڪار جي صورت ۾ گڏ ٿي وڃن ته اهي پيداواري ذريعن کي، استحصال پسند طبقي کان ڦري، انهيءَ تي قبضو ڄمائي وٺندا. جيئن ته الله تعالى اهي پيداواري وسيلا سمورن انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن، تنهن ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، گهڻن انسانن کي انهيءَ مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪري ڇڏڻ، خدائي قانون ۽ مرضيءَ جي ابتڙ پڻ آهي.
    تنهن ڪري اسلام ختم نبوت جي حوالي سان هڪ بين الاقوامي تحريڪ آهي، جنهن جو مقصد دين جي دعوت جي بنياد تي، انساني وحدت ۽ خلافت آدم جو قيام آهي. ان جو مقصد هڪ اهڙي معاشري جو آهي جيڪو ڊپ، ڳڻتي ۽ محنت جي استحصال کان پاڪ هوندو. اهڙي معاشري کي توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو به چيو ويندو آهي.
    اهڙو معاشرو ٺاهڻ جي لاءِ مديني ۾ ئي ڪوشش شروع ٿي وئي هئي. رسول الله ﷺ خيبر جي فتح واري موقعي تي يهودين جي زمينن ۽ باغن کي رياست جي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ انهن کان پيداوار جي صورت ۾ حصو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. اهو وهنوار اها ڪڙمت نه هئي، جنهن ۾ زمين جو مالڪ ڪڙمي کي پوکيءَ لاءِ زمين ڏئي ٿو ۽ پيداوار جي اڌ کان به وڌيڪ حصو ان کان وٺي. خيبر جي فتح کان پوءِ زمينن ۽ باغن جي ملڪيت يهودين وٽ نه هئي، پر اها بيت المال کي ڏني وئي هئي، تنهن ڪري اها ڪڙمت نه هئي.
    نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني (ربوا) ڪاروبار سڏيو آهي. حضرت رافع بن خديج ۽ ٻين اصحابن جون روايتون انهيءَ تي شاهد آهن. حضرت عمر فاروق ؒ عراق، مصر ۽ شام جي زمينن کي رياستي ملڪيت ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ ڪڙمين کان ڍل ورتي هئي. اهو ئي سبب آهي جو امام ابو حنيفه ؓ ، امام شافعيؓ ۽ امام مالڪ ؓ سور سٺا پر ڪڙمت جي اجازت نه ڏني. امام يوسفؓ ملوڪيت جي دٻاءَ هيٺ ڪجھه شرطن سان انهيءَ جي اجازت ڏني هئي. اهڙيءَ طرح امت ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿيڻ جو موقعو ملي ويو. اڳتي هلي مشينن جي ايجاد کان پوءِ، مسلمانن صنعتي سرمائيداري کي پنهنجائي ورتو.
    اقبالؓ پنهنجي تصنيف ”فلک مریخ میں مرغد ینی معاشرہ اور محکمات عالم انسانی“ ۾ انهيءَ ئي اشتراڪي معاشري جو خاڪو ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، مدني رياست کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي.
    مڪي ۾ ته پوکيءَ لائق زمين ئي نه هئي جڏهن ته مديني ۾ به تمام ئي ٿورڙي هئي. ٻئي پاسي اسلامي انقلاب مديني جي حدن مان نڪري مصر، شام ۽ عراق تائين پهتو ته حضرت عمر فاروق ؒ زمين کي عوامي ملڪيت قرار ڏئي بيت المال ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان کان پوءِ حضرت عثمان ؒ جي رياستي سيڪريٽري مروان بن حڪم حضرت عمرؒ جي خلافت راشده واري نظام کي ختم ڪري پنهنجو نظام قائم ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري ئي شاهه ولي الله ؓ ”ازالة الخفا“ ۾ حضرت عثمان جي رياست جي آخري ڇهن سالن واري عرصي کي خلافت راشده ناهي سڏيو.
    اهو ئي سبب هو جو اقبال پنهنجي الهه آباد واري تقرير ۾ چيو هو ته ملوڪيت جي ڪري دنيا اسلام جي معاشي نظام مان لاڀ نه ماڻي سگھي. ملوڪيت جهڙي طرح غلامي جي اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو هو، اهڙيءَ طرح پيداواري وسيلن تي (جيڪا انهيءَ زماني ۾ رڳو زمين جي صورت ۾ هئي) پڻ ماڻهن جي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. اهو عمل اصل ۾ دمشق جي خلافت کان ئي شروع ٿي چڪو هو. تصوف جي تحريڪ رڳو نفس جي پاڪائيءَ تي زور ڏنو، پر معاشري جي تبديلي کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ماڻهن جي گھڻائي نفس جي پاڪائيءَ کان به محروم ٿي وئي.
    انهيءَ ڪري مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن پيداواري وسيلا جهڙوڪه زمين، ڪارخانا، کاڻيون، پيٽرول، گيس جا ذخيرا وغيره، ذاتي ملڪيت مان نڪري مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ اچي ويندا. اهوئي هڪ طريقو آهي جنهن سان محنت جي استحصال واري عمل جو خاتمو ٿي ويندو، جنهن ۾ هڪ ڪارخانيدار ٿوري ئي عرصي ۾ هڪ مان چار ڪارخانا ٺاهي وٺي ٿو، جڏهن ته انهن ئي ڪارخانن ۾ ڪم ڪرڻ وارن جي هڪ ڏينهن جون بنيادي ضرورتون به پوريون نٿيون ٿين، ۽ اهي پيڙهين کان مزدور ئي رهن ٿا.
    مڪي واري انقلاب جي ورجاءَ لاءِ جاگيردارن، ڪارخانيدارن، وڏن وڏن واپارين جي وجود کي ۽ انهن جي معاشي نظام کي ختم ڪرڻ جي هڪ ڳاٽي ٽوڙ ٽڪر کائڻو پوندو، جنهن جو مثال روس، چين، ويٽنام ۽ ڪيوبا وغيره جي انقلابن ۾ موجود آهي.
    شروع کان ئي مڪي واري انقلاب جي عمل کي روڪڻ جي لاءِ پهريان پهريان حضرت عمرؒ کي شهيد ڪيو ويو، جڏهن ته حضرت ابوبڪرؒ کي انهن طاقتن سان خونخوار جنگ وڙهڻي هئي جن اسلام جي معاشي نظام کي نٿي مڃيو. ان کان پوءِ حضرت عثمانؒ کي شهيد ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين جي صورت ۾ گھرو ويڙهه شروع ٿي وئي. ائين پوءِ خلافت جي اداري کي مديني مان کڻي دمشق ۾ پهچايو ويو جتي نبوي طريقي واري عليءَ جي خلافت کي ملوڪيت جي طريقي واري عليءَ جي خلافت ۾ بدلايو ويو. عباسي سلطنت ۾ ملوڪيت پنهنجي عروج تي هئي. جهڙي طرح دمشق ۾ حڪمران ۽ مٿاهين طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ ڏاڍ جو فلسفو تخليق ٿيو هو، بغداد ۾ به اهو ئي ڪم ابوالحسن اشعري جي فلسفي ڪيو. مڪي واري انقلاب جي ورجاءَ لاءِ اشعري فلسفي جي بدران، علحدگي واري فلسفي کي، جديد زماني جي گھرجن هيٺ، ڪجھه سڌارن سان گڏ واپس آڻڻو پوندو. علحدگي واري فلسفي کي موجوده دؤر ۾ ”تحقيق جي سائنسي طريقي“ سان نسبت ڏني پئي وڃي. قرآن علحدگي واري فلسفي جي سڌاري جي لاءِ عَلَمَ بِالقَلم چيو آهي. يعني اهو علم جيڪو رڳو قياس تي ٻڌل نه هجي، جيئن ڇنڊڇاڻ يا استخراجي پر اهو علم جيڪو تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هجي.
    اقبال قرآني جهان جي شعبن ۾، آدم جي خلافت جي قيام جي لاءِ جتي تحقيق يعني سائنسي طريقي تي زور ڏنو آهي، اتي تخليق کي سمجھڻ ۽ پنهنجائڻ جي تلقين پڻ ڪئي آهي. تخليق جو مثال حرا واري غار ۾ تحنث آهي، جنهن جي ڪري نئون معاشرو، نئين رياست ۽ نوان انسان پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملي. اولهه وارن سائنسي تحقيق سان گڏ تخليق کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن سان انهن جو معاشرو اخلاقي گڻن ۽ نفس تي ضابطي جي عمل کان محروم ٿي ويو آهي.
    اهي ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته مڪي واري انقلاب جو ورجاءُ، ذڪر ڪيل گھرجن کي پورو ڪرڻ کان سواءِ ناممڪن آهي، پوءِ ڀلي ڇو نه اسلام ۽ شريعت کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ڪيترو ئي هُل مچايو وڃي.
    نئين سيرت طيبه لکڻ جي ضرورت
    سيرت طيبه تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن، پر انهن مان ڪنهن به انهيءَ سماجي انقلاب جي واضح نشاندهي نه ڪئي آهي، جيڪو مديني جي معاشري ۾ ظاهر ٿيو هو. سڀني ليکڪن رڳو واقعن کي ورجايو آهي، پر انهيءَ انقلابي تبديليءَ تي روشني نه وڌي آهي جنهن جي بنياد تي ڊاڪٽر خليفه عبدالحڪيم مديني جي رياست کي ”اشتراڪي جمهوريت“ چيو آهي. انهيءَ جو بنيادي سبب هي آهي ته لکڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي ته اسلام جو بنيادي ڪارنامو طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو. نبين جي بعثت جي شروعات ئي انهيءَ وقت ٿي، جڏهن زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. شروع کان ئي مالڪ ۽ ٻانهي جا ٻه طبقا وجود ۾ اچي ويا هئا. ٿورڙن هوشيار ۽ چالاڪ ماڻهن، معاشري تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو ۽ پيداواري ذريعن تي، جيڪو ان وقت ”زمين“ هئي (ڇاڪاڻ ته مشينون ان وقت ايجاد ڪونه ٿيون هيون)، پنهنجي ذاتي ملڪيت قائم ڪري ورتي. انهن ماڻهن غلامن جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جي زور تي رياست قائم ڪري ورتي. قبيلي جي چڱي مڙس آهستي آهستي بادشاهه جي حيثيت اختيار ڪري ورتي ۽ جنگين جي ذريعي غلامن جي تعداد ۾، جيڪي حقيقت ۾ قيدي هئا واڌارو ڪرڻ شروع ڪيو. رياست جا جزا جهڙوڪ، فوج، پوليس، عدالتون ۽ قانون وغيره وجود ۾ اچڻ لڳا، جن جو بنيادي ڪم مالدار طبقن جي دولت ۽ اقتدار جي حفاظت ڪرڻ هو.
    هي اهو وقت هو جڏهن غلام پنهنجي انساني حيثيت وڃائي هڪ وکر بڻجي ويو هو. کيس قتل توڙي وڪرو ڪري سگھجي پيو. ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو ۽ ناقابل برداشت سزا ڏئي سگھجي پئي. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو. غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ اقتدار کي قائم رکڻ ۽ ان ۾ اڃا به واڌاري جي لاءِ جنگ ۽ فساد عام ٿيندو ويو. بابلي، سميري، ڪلداني، آشوري، ايراني، مصري ۽ روما جهڙين شروعاتي تهذيبن تي ٻڌل سلطنتن انسانن تي جيڪي ظلم ڪيا، سي تاريخ جي ورقن ۾ لکت جي شڪل ۾ موجود آهن. دولت ۽ اقتدار جي نشي جنسي ڪميڻائپ کي جنم ڏنو. پيداواري ذريعن تي ٻڌل تهذيب بابت موجوده زماني ۾ اقبالؓ چيو آهي ته:
    خواجه نان بندهء مزدور برد
    آبروءِ دختر مزدور برد
    انهيءَ مان اندازو ٿي سگھي ٿو ته ڇڙواڳ بادشاهن ۽ حاڪمن جي دور ۾ انسانيت جو ڪهڙو حال هوندو هو. قرآن نبوت جي بعثت جو هڪ سبب ”بعضکم لبعض عدو“ واري صورتحال کي سڏيو آهي. يعني جڏهن انسان مالڪ ۽ ٻانهي جي طبقن ۾ ورهائجي ويو ۽ ٻنهي طبقن جا مفاد ھڪٻئي جي تمام ئي مخالف ٿي ويا، معاشري جي ارتقا سان گڏ مالڪ ۽ ٻانهي، جاگيردار، هاري ۽ مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل اختيار ڪري ورتي ۽ اهي ٻئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا.
    عام تاريخدانن تاريخ ۽ ان جي واقعن کي بادشاهه ۽ اميرن جي واقعن سان واڳيل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح تاريخ عوام جي بدران بادشاهن ۽ حاڪمن جي اڳيان پويان ڦيرا پائڻ لڳي. عوام جون حالتون ڇا هيون؟ انهن جي محنت ڇا ڇا پيدا ڪيو ۽ ڪهڙيون شڪليون اختيار ڪيون؟ انهن جي محنت جو ڪهڙن ڪهڙن حيلن سان استحصال ڪيو ويو؟ غلامن تي ڪهڙا ڪهڙا ظلم ڪيا ويا؟ وغيره؛ انهن سڀني ڳالهين کي مؤرخ نظرانداز ڪندو رهيو. غلامن جي پنهنجي آزاديءَ جي لاءِ جدوجهد ۽ بغاوتن جو ذڪر نه ڪيو ويندو هو، پر جيڪڏهن ائين ٿيو به، ته اهو به بادشاهن جي مفادن جي حوالي سان ٿيو آهي.
    انهيءَ تاريخي پس منظر سان اهو واضح ٿي وڃي ٿو ته، نبوت ۽ نبين جي بعثت جو اصل مقصد حقيقت ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشري جي انهيءَ ڍانچي کي بدلائڻو هو. يعني توحيد الاهي واري نظريي کي، سماجي لحاظ کان معاشرتي موافقت پيدا ڪندي، مخالف معاشي طبقن جي معاشري کي ختم ڪري، توحيدي ۽ غيرطبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو، جيڪو خوف يعني جنگ، فساد ۽ بغاوتن ۽ ڏک يعني غربت، بک، مسڪيني، جهالت ۽ غلاميءَ کان پاڪ معاشرو هجي، ته جيئن پيداواري ذريعن (جهڙوڪ، زمين، ٻيلا،کاڻيون، سمونڊ ۽ پوءِ مشينون ۽ ڪارخانا جن ۾ محنت اجتماعي شڪل ۾ موجود آهي) کي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جي ملڪيت جي قبضي مان ڪڍي ڪري، عوام جي (جيڪو نوي سيڪڙو هو) قبضي ۾ ڏنو وڃي. الله تعاليٰ اهي سڀئي ذريعا ”الخلق عيال الله“ جي حوالي سان سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا هئا: جيئن ته قرآن چيو آهي:
    ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ (البقره:۲۹)
    ”اهو (الله) ئي آهي جنهن جيڪو ڪجھه زمين ۾ آهي (سو) توهان (سڀني) جي لاءِ پيدا ڪيو.“
    قرآن جي مطابق نبين جي بعثت سامي، آريائي ۽ زرد قومن جي هر ڳوٺ ۾ ٿي هئي. انهن سڀني نبين جي بعثت جو مقصد توحيد الاهي جي تصور موجب معاشري جي برخلاف مفاد رکڻ واري معاشي طبقي کي غير طبقاتي يا توحيدي معاشري ۾ تبديل ڪرڻ هو، ته جيئن نوي سيڪڙو ماڻهو پنهنجي مادي، جسماني، تهذيبي ۽ علمي ضرورتن کي آسانيءَ سان حاصل ڪري، عبادت ۽ خدا جي ياد جي ذريعي خدا سان ويجھڙائپ حاصل ڪري سگھن. پر ٿيو ائين جو مذهبي پيشوائن نبين جي انهيءَ سماجي نصب العين، يعني معاشري جي نيئن سر جوڙجڪ جي تصور کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ، عوام جي نظرن کان پاسيرو ڪري ڇڏيو. مٿان وري اها ڳالهه ديني نقطه نظر کان انهن جي ذهنن ۾ ويهاري وئي ته دولت جي ورهاست الله تعالى ڪندو آهي؛ مالڪ، جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو نه آهي، پر اها الله جي جوڙيل تقدير آهي.
    هر مذهب، ويندي اسلام جي مذهبي پيشوائن به انهيءَ مسئلي کي نظرانداز ڪيو ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري کي رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي، عبادتگاهن جي تعمير ۽ سينگار ۽ صبر ۽ شڪر سان واڳي ڇڏيو ۽ اها ڳالهه واعظن ۽ خطبن ۾ ور ور ڪري چئي ويندي آهي ته خدا جي طرفان امير ۽ غريب جي قائم ڪيل طبقن کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش حقيقت ۾ خدائي حڪمن جي خلاف بغاوت آهي، جنهن جي سزا جهنم آهي. امير جيڪڏهن عبادتون ڪن ۽ پنهنجي دولت سان خيراتون ۽ صدقا ڏيندا رهن ته اهي محنت جي استحصال واري ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جي باوجود به جنت ۾ داخل ٿيندا.
    هي هو اهو تاريخي پس منظر، جنهن کي سيرت نگار نظرانداز ڪندو رهيو آهي. هو اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشري ۾ زنا ۽ شراب يا قتل ۽ خون خرابي جا قصا ته بيان ڪندو رهيو آهي، پر هُن اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اٺ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تي ٻڌل آڳاٽي تاريخ کي، جنهن جي شروعات زرعي دؤر جي شروعات سان ٿي هئي، محمد عربي ﷺ جي بعثت ۽ اسلام کي الڳ ڪري ڇڏيو. ان کي غلام ۽ زرعي غلام جي محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت جا ڍير نظر ڪونه آيا، جن تي جاگيردار ۽ مالڪ جي آسائشن جو دارومدار هو.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت عرب معاشرو دنيا جي ٻين معاشرن جو حصو هو، جن ۾ غلام ۽ مالڪ تي ٻڌل معاشي طبقا موجود هئا. غلام جي محنت جي استحصال سان، عظيم الشان سلطنتون قائم ٿينديون هيون. قرآن ڪريم اسلام کان اڳ وارن معاشرن جي جوڙجڪ تي روشني وجھندي، نموني جي طور تي حڪمران طبقي (فرعون)، مالدار طبقي (قارون) ۽ انهن طبقن کي مذهبي جواز عطا ڪرڻ وارا مذهبي پيشوائيت (بلعم باعور ۽ هامان) جي نشاندهي ڪئي آهي. رسول الله ﷺ پنهنجي واپاري سفرن ۾، انهن معاشرن جي بچي ويل آثارن کي پنهنجي اکين سان ڏٺو ۽ انهن جو مطالعو ڪيو هو. پاڻ غار حرا جي اڪيلائين ۾ انهن جي تباهه ڪندڙ نتيجن ۽ انهن جي ازالي جي طريقن تي ويچار ڪيو هو. حقيقت ۾ غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين وحي جو، جيڪا سورت علق جي شروعاتي پنجن آيتن تي مشتمل هئي، تاريخي پس منظر به محنت جي استحصال سان حاصل ڪيل دولت ۽ ان جي ڪثرت کان خوف ۽ ڳڻتي تي ٻڌل حالتن تي مشتمل هو. ايتري تائين جو حبشه ڏانهن حجرت واري وقت تائين نازل ٿيل آيتن ۽ سورتن جا مخاطب اميرن جو طبقو آهي ۽ قرآن جو لهجو انهن جي خلاف تمام ئي سخت ۽ طوفاني آهي.
    قرآن مطابق انساني معاشري کي، جنهن جي شروعات آدمؑ جي زمين تي لاهڻ واري وقت کان ٿئي ٿي، ڏاڍائي ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ هيڻن ۽ نئڙت سان هلڻ وارن ٻن مخالف طبقن تي مشتمل قرار ڏنو آهي. پر سيرت نگار ۽ قرآن جو تفسير لکڻ واري مفسر، انهن طبقن ۽ انهن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي منطقي نتيجن کي بنيادي طور تي نظر انداز ڪري ڇڏيو. انهن زنا ۽ شراب وغيره جي قصن کي ته هر هر ورجايو آهي، پر غلام جي محنت جي استحصال مان گڏ ڪيل دولت، جيڪا حقيقت ۾ انهن بڇڙن ڪرتوتن جو بنيادي سبب آهي، جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي.
    قرآن جڏهن اهو چوي ٿو ته قومن جي تباهي جو سبب (بني اسرائيل) ۽ نبين کي ايذائڻ وارو طبقو (السباء) ڏاڍ ڪندڙ (مالدار) آهي ته انهيءَ جي معنى ئي اها آهي ته دولت جي گھڻائي جو بنيادي سبب محنت جو استحصال آهي. پر اسان جو تاريخدان ۽ مفسر دولت جي جھجھائي مان پيدا ٿيندڙ بڇڙائيءَ کي هٿي ڏيڻ واري منطقي نتيجي جو ذڪر ته ڪري ٿو، پر ان جي بنيادي سبب، محنت جي استحصال جو ذڪر نٿو ڪري. هو انهيءَ ڳالهه تي ڌيان ئي نٿو ڏئي ته هڪڙو تمام ئي ننڍڙو طبقو، جيڪو ڏهه سيڪڙو انسانن تي ٻڌل آهي، تنهن وٽ دولت جي جھجھائي اچي ڪٿان ٿي؟ جڏهن ته نوي سيڪڙو انهيءَ کان محروم آهن. نتيجو اهو آهي ته سڀني تفسيرن ۽ سيرت طيبه جو مطالعو، مسلم معاشري ۾ ڪابه انقلابي تبديلي نه آڻي سگھيو آهي ۽ مسلم معاشرو اڃا تائين غربت، جهالت ۽ بد امني جو شڪار نظر اچي پيو.
    اِهو آهي اُهو تاريخي پس منظر، جنهن کي نظرانداز ڪندي، سيرت طيبه لکڻ وارو ذهن، اسلام کي معاشري جي طبقاتي ورڇ کي ختم ڪري غير طبقاتي يا توحيدي معاشرو جوڙڻ واري انقلابي تحريڪ جي بدران هڪ اصلاح پسند مذهب سڏي ٿو، جنهن جو مقصد رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ واعظ ۽ خطبي جي ذريعي اخلاق کي پنهنجائڻ جي تلقين ڪرڻ آهي يا وري رڳو مسجدن جي تعمير ۽ سينگار ڪرڻ ئي عبادت قرار ڏنو ويندو آهي. هو انهيءَ ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو ته فرد جي تربيت ۽ پرگھور خلا ۾ نه ٿيندي آهي پر معاشري ۾ ٿيندي آهي ۽ معاشرتي قوتون ان جي اخلاقي ۽ ذهني تربيت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ٿيون. جيڪڏهن معاشرو طبقن تي مشتمل هوندو ته فرد يا ته ڏاڍائي ڪرڻ وارن جي طبقي مان هوندو، جيڪو محنت جي استحصال کي قدرت جو قانون سمجھندي پنهنجي دولت ۾ واڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ انهيءَ دولت جي جھجھائي سان پنهنجي ۽ پنهنجي اولاد جي اعلى ماحول ۾ علمي ۽ تهذيبي تربيت ڪندو ۽ معاشري ۾ اعلى مقام حاصل ڪندو؛ يا وري اهو فرد مزدور ۽ ڏتڙيل طبقي ۾ اک کوليندو جتي محرومي، غربت، بک، جهالت ۽ پوئتي رهجي وڃڻ ان جي تقدير بنجي ويندي.
    ڇا اسلام انهن طبقن کي قائم رکڻ جي لاءِ آيو هو؟ يا انهن طبقن کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم ڪرڻ گھري ٿو؟ اسان جو تاريخدان ۽ مفسر انهيءَ سوال جو جواب اڄ تائين نه ڏئي سگھيو، اڃا به هو انهيءَ ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺو آهي ته معاشري جي طبقاتي ورڇ خدائي تقدير آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي.
    جڏهن سيرت طيبه جو قرآن پاڪ جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته، تاريخي پس منظر ۾ صاف نظر اچي ٿو ته نه رڳو اسلام، پر دنيا جا سڀئي مذهب، پوءِ ڀلي اهي سامي، آريائي يا زرد قومن سان واسطو رکندڙ ئي ڇونه هجن، معاشري جي طبقاتي ورڇ کي تبديل ڪرڻ، پنهنجي ظهور جو بنيادي سبب ٻڌائن ٿا. ٿيو ائين جو هزارين سالن جي عرصي ۾ مذهبي پيشوائن، نبين يا مذهبن جي مقدس بانيڪارن جي انقلابي تعليم کي، مراعات يافته طبقي جي مفادن ۾ بدلائي ڇڏيو. اڄ حالت اها آهي ته نه رڳو ٻين مذهبَن، پر اسلام جي نقلابي تعليم کي به بدلايو ويو آهي، ايتري تائين جو لفظ انقلاب کي دين جو دشمن سڏيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته اسلام ۽ ٻين مذهبن جو اصل منصب رڳو دعوت ڏيڻ ۽ مسئلا ٻڌائڻ آهي، نه ڪه انقلاب! ٻين لفظن ۾، مذهب اصلاح جي لاءِ آيا آهن نه ڪه انقلاب جي لاءِ!!
    سيرت طيبه کي جڏهن انهيءَ تاريخي پس منظر ۽ قرآن جي نزول جي ترتيب سان مطالعو ڪيو وڃي ٿو ته نتيجا سيرت جي روايتي تاريخدان جي اخذ ڪيل نتيجن کان مختلف، اڃا به مخالف نڪرن ٿا. جنت، جنهن مان نڪرڻ کان پوءِ انساني نسل شڪار ڪري پيٽ پاليندو هو، تنهن جو شڪار دريائن مان مڇي ۽ ٻئي جانور پڪڙي ۽ ٻيلن مان ميون ۽ جانورن جي گوشت مان حاصل ڪرڻ هوندو هو. انسان قبيلن جي شڪل ۾ رهندا هئا ۽ قبيلن کي جتي کاڌ خوراڪ ملندي هئي اتي رهائش اختيار ڪري وٺندا هئا. دريائن ۽ ٻيلن تي ڪنهن قبيلي يا ماڻهو جو ذاتي قبضو نه هوندو هو. ٻين لفظن ۾ اڃا روزيءَ جي وسيلن تي فردن جي ذاتي ملڪيت قائم نه ٿي هئي. قرآن انهن حالتن کي ”وَکُلَا مِنۡہَا رَغَدًا حَیۡثُ شِئۡتُمَا “ جي لفظن ۾ بيان ڪيو آهي. پر زراعت واري دؤر ۾ فصل تي فردن جو ذاتي قبضو ٿي ويو ۽ انهيءَ آزاد زندگي جو، جنهن کي جنت چيو ويو آهي خاتمو ٿي ويو. زراعت سان زمين تي ذاتي ملڪيت جي شروعات، هڪٻئي سان جھيڙي جھٽي ۽ فساد جي شڪل اختيار ڪري ورتي. قرآن انهيءَ حالت کي استعاري طور آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي قصي جي صورت ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ قابيل زبردستي هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو. هابيل شڪار واري زماني جي علامت آهي، ڇو ته هو قربان گاهه ۾ ڏاچي يا ٻيو ڪو جانور وٺي آيو هو ۽ قابيل اَنَ جا داڻا کڻي آيو هو جيڪو زراعت واري دؤر جي نشاني آهي، جنهن ۾ ڪڻڪ جي پوکي شروع ٿي وئي هئي. هابيل جي قتل يعني شڪار واري دؤر جي خاتمي کان پوءِ قابيل وارو دؤر شروع ٿيو جيڪو پيداواري ذريعن تي ذاتي ملڪيت تي مشتمل هو ۽ اڄ تائين جاري آهي. هن دؤر ۾ قابيلي فطرت يعني ڦر مار ۽ ٻين جي دولت تي ڏاڍ سان قبضو، جنسي ڇڙواڳي، هڪ طبقي ۾ دولت جي ڪثرت ۽ گھڻن ئي انسانن جو محروم ۽ لاچار ٿيڻ، شراب نوشي، جوا بازي جهڙين بڇڙين عادتن معاشري کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. قرآن جو هي چيو هو ته توهان وٽ نبي ايندا رهندا، پوءِ جيڪو معاشرو انهن جي تعليم تي عمل ڪندڙ ٿيندو سو خوف ۽ ڳڻتي، يعني مخالف طبقن جي ويڙهه جهيڙن کان بچيل رهندو ته اها حالت نبين جي وفات سان گڏ ئي ختم ٿي ويندي رهي، ايتري تائين جو اسلام ۾ به اها حالت رڳو ٽيهن سالن تائين ئي رهي. ان کان پوءِ ملوڪيت ۽ ان جي منطقي مخالفت جو دؤر شروع ٿي ويو. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ اشتراڪي انقلاب جنتي معاشرو جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مذهب کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏڻ جي ڪري، اشتراڪي معاشرو انهن اخلاقن ۽ عادتن کي حاصل ڪرڻ کان محروم رهيو جيڪو هڪ غيرطبقاتي معاشرو جوڙڻ جي لاءِ اڻٽر هوندو آهي.
    ٻئي پاسي مذهبي پيشوائن پنهنجن ڪجھه ذاتي مفادن خاطر، مراعات يافته طبقي جي مفادن جي تائيد ڪري، ديني نطقه نظر کان جنتي معاشري جي بڻجڻ کي تقريباً ناممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. آدم جو زمين تي موڪلڻ جو مقصد اهو هو ته هاڻي انسان زميني زندگي ۾ جنت جي جوڙجڪ ڪري. پر جيستائين مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم آهي، جنت جي جوڙجڪ ناممڪن نظر اچي ٿي ۽ هي ادارو انهيءَ وقت تائين ختم ڪونه ٿيندو جيستائين پيداواري ذريعن تي عوام جي ملڪيت قائم نٿي ٿئي ۽ پاڪ ڪتابن جو مطالعو مذهبي پيشوائن جي بدران عالمن جي ذريعي نٿو ڪيو وڃي. انهن ٻنهي تبديلين سان ئي انساني وحدت ۽ خلافتِ آدم جو قيام ۽ وحدت دين جو تصور عملي جامو پهري سگھندو ۽ انسان ملٽن جي لفظن ۾ ٻيهر پنهنجي گم ٿيل جنت کي حاصل ڪري وٺندو.

    نزولي ترتيب جي باري ۾
    ”مڪي جو انقلاب“ تصنيف جيئن ته نزولي ترتيب موجب سهيڙي وئي آهي، ۽ قرآن حڪيم جي نزولي ترتيب تي تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي. رڳو پروفيسر اجمل خان انهيءَ تي سائنسي تحقيق واري طريقي جي مدد سان روشني وڌي آهي. اڃا به اهو سچن خوابن ۾ رسول الله ﷺ جي حڪم موجب پڻ آهي، انهيءَ ڪري اسان محمد اجمل خان جي تحقيق کي ان جي تفصيلي صورت ۾ ڏئي ڇڏيو آهي ته جيئن پڙهندڙ انهيءَ تحقيق کي چڱيءَ طرح سمجھي سگھن ۽ ان جي روشنيءَ ۾ سيرت طيبه جو، جيڪا نزولي ترتيب موجب سهيڙي وئي آهي، مطالعو ڪري سگھن.
    اها مسلمانن جي بدقسمتي آهي جو عالمن انهيءَ جي تحقيق ڏانهن ڪو توجهه نه ڏنو، ۽ اجمل خان صاحب جي تصنيف مڪمل قرآني سيرت ”ڪبير“ جيڪا ٻن هزار صفحن تي مشتمل آهي، ۽ جنهن ۾ سيرت جي واقعن سان گڏ قرآني آيتون ڏنيون ويون آهن، اڄ تائين ڇاپجي نه سگھيون. جڏهن ته قرآن کي سمجھڻ جي لاءِ اهو ضروري آهي ته سيرت پاڪ کي قرآني آيتن سان گڏ بيان ڪيو وڃي ته جيئن خبر پئجي سگھي ته رسول الله ﷺ جي انقلابي جدوجهد جي هر موڙ تي، جيڪي نوان نوان مسئلا پيدا ٿيندا رهيا، انهن جي حل جي لاءِ وحي جي ذريعي جيڪا روشني گڏوگڏ پهچندي رهي، انهيءَ جي نوعيت ڪهڙي هئي؟ اها ڳالهه ته صاف ظاهر آهي ته تفسيرن جو تمام وڏو ذخيرو قرآن کي پوري طرح سمجھڻ ۾ ڪابه مدد ڏئي نه سگھيوآهي، اهو ئي سبب آهي جو مسلم معاشرو ڏينهون ڏينهن پستي ڏانهن وڌندو پيو وڃي، ايتري تائين جو ڪيترين ئي صدين تائين اولهه وارين قومن جو غلام رهيو آهي. نه رڳو ايترو پر آزادي کان پوءِ به ڪنهن مسلمان ملڪ اندر اسلامي نظام لاڳو نه ٿي سگهيو آهي. انهيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي آهي ته قرآن حڪيم کي ان جي تاريخي حوالن کان الڳ رکي ڪري مطالعو ڪيو ويندو آهي. قرآن زندگيءَ جي هر شعبي جي باري ۾ جيڪي هدايتون ڏنيون آهن، زندگي ۽ ڪائنات جي باري ۾ انهيءَ جو جيڪو تصور ڏنل آهي، انهيءَ کي معاشري جي نئين سر اڏاوت ۾ استعمال نه ڪيو ويو. جڏهن ته ٿيڻ ته ائين گھربو هو ته وري وري ان جو مطالعو ڪيو وڃي ها. ڇو ته قرآن جي سندي مرضي به اها ئي آهي ته ان کي وري وري پڙهيو وڃي ۽ ان جي بيان ڪيل مقصد کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    هتي مڪي سورتن جو مڪمل تجزيو نه ڏنو ويو آهي، ڇو ته ان جي نه ته اهو مناسب هو ۽ نه ئي ان جي ضرورت هئي. پڙهندڙ انهيءَ تجزيي کي ” قرآن جي نزولي ترتيب“ جي اصل مسودي ۾ ڏسي سگھن ٿا.
    ڏيڍ هزار سال جي ڊگھي مدت واري وٿي ۾ نزولي ترتيب جي ڪامياب تحقيق پروفيسر اجمل خان جي ڀاڳ ۾ آئي آهي. جڏهن ته سيرت پاڪ ۽ قرآن حڪيم جي تفسير تي اڻ ڳڻيا ڪتاب لکيا ويا آهن. نزولي ترتيب کي ڇڏي ڏيڻ جي ڪري نه ته انهن جي ذريعي مسلم معاشرو مديني ۾ قائم ٿيڻ واري اسلامي جمهوريت جي فڪر ۽ عمل کي اڳتي وڌائي سگھيو ۽ نه ئي مسلمان قرآن حڪيم جي ڪائناتي معاشرتي علمن سان پنهنجي شعور کي هٿياربند ڪري سگھيو ۽ نه ئي وري انهن کي پنهنجي نفسيات ۾ لاڳو ڪري سگھيو، انقلاب جي هڪ بين الاقوامي تحريڪ بڻجڻ جي بدران، رڳو ظاهري عملن جي ادائگي وارو ”مذهب“ بڻجي ويو.
    ”مڪي جو انقلاب“ لکڻ مان اسان جو مقصد اهو آهي ته قرآن جي بين الاقوامي انقلابي تحريڪ جي تصور کي ٻيهر جياريو وڃي ۽ اسلام جي اصل ڪائناتي ۽ معاشرتي تعليم کي مرتب ۽ مربوط شڪل ۾ سامهون آندو وڃي ته جيئن مسلم امت ٻين قومن جي فڪرن جي پويان رلندي نه وتي ۽ سموري مسلم امت قرآن جي هڪ ئي تعبير تي گڏ ٿي وڃي ۽ پوءِ انهيءَ تعبير کي دنيا جي ٻين غير مسلم قومن تائين پهچائي، وحدت انسانيت ۽ آدم جي خلافت جي قرآني مقصد کي عملي طرح حاصل ڪري سگھي.
    جيستائين قرآن حڪيم جي تعليم کي ان جي نزولي ترتيب موجب سهيڙيو نه ويندو، مسلمانن جي فڪري پريشاني کي ختم نٿو ڪري سگھجي. ڇوته هر فرقي پنهنجي پنهنجي تعبير ۽ تفسير گھڙي رکي آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي مطمئن آهي ته اها ئي قرآن جي حقيقي تعليم آهي. عالمن جو فرض آهي ته اهي فرقيوارانه تعصب کي ڇڏي ڪري نزولي ترتيب جي مدد سان اسلام جي حقيقي تعليم کي عام ڪن ۽ انهيءَ تعليم تي امت کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن.
    قرآن جي نزولي ترتيب جي تحقيق تي جيترو ڪم اوڀر ۽ اولهه ۾ اڄ تائين ٿيو آهي، اجمل خان صاحب انهيءَ کي پوريءَ طرح واضح ڪري ڇڏيو آهي. مون انهيءَ تحقيق کي جيئن جو تيئن نقل ڪيو آهي، ته جيئن سوچ ۽ سمجھه رکڻ وارا ماڻهو، انهيءَ جي مطالعي مان ڪجھه سمجھي سگھن ته قرآن ۽ سيرت طيبه جو اصل مطلب سمجھڻ جي لاءِ انهيءَ جي ڪيتري ضرورت آهي. اها تحقيق هن ڪتاب جي آخر ۾ ضميمي جي طور تي ڏني وئي آهي. هتي رڳو اخبار ”مدينه“ بجنور ۽ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي ؓ جا خيال ڏنا ويا آهن، ته جيئن مسئلي جي اهميت کي چٽو ڪري سگھجي.
    نزولي ترتيب جون ٽي صورتون آهن:
    1) خدائي ترتيب: جنهن ترتيب سان رسول الله ﷺ جي دل مبارڪ تي مڪي ۽ مديني ۾ قرآن نازل ٿيو ۽ پاڻ ماڻهن کي ٻڌايائون.
    2) رسولي ترتيب: مختلف سورتن ۾ رسول الله ﷺ جن الله تعالى جي حڪم سان ڪجھه آيتن ۽ لفظن جو واڌارو ڪيو ۽ آيت بسم الله کي سورتن جي شروعات لاءِ استعمال ڪيو.
    3) عثماني ترتيب: هيءَ سورتن جي هاڻوڪي رائج ترتيب آهي. ڪجھ محدثن جو خيال آهي ته سورتن جي هيءَ ترتيب رهنمائي ڪندڙ نه آهي. امام مالڪؓ، قاضي ابوبڪرؓ ۽ ابن فارس انهيءَ ٽولي سان واسطو رکن ٿا ۽ چون ٿا ته قرآني سورتن جي اها ترتيب اصحابن جي اجتهاد تي ٻڌل آهي جنهن کي مختلف اصحابن پنهنجي پنهنجي اجتهاد سان ڏني هئي، انهن مان عثمان ؓ وارو صحيفو به هڪ آهي. باقي قرآن جي ڪيترين ئي سورتن کي رسول الله ﷺ هڪ خاص ترتيب سان تلاوت فرمائيندا هئا.

    عليرضه وارو صحيفو:

    حضرت عليؒ جو صحيفو نزولي ترتيب موجب هو. سيوطي، ابن عباس، حسن ۽ عڪرمه * جون روايتون ”اتقان“ ۾ ڏنيون آهن.
    ابن نديم جو چوڻ آهي:
    ”حضرت عليؒ جي هٿن جو لکيل قرآن مون ابي يعلي حمزه الحسيني وٽ ڏٺو آهي. اهو نزولي ترتيب موجب آهي ۽ امام حسن جي خاندان ۾ پيءُ پٽ جي طرف کان نقل ٿيندو رهيو آهي.“
    (الفهرست 42)
    حافظ سيوطي لکيو آهي:
    ”حضرت عليؒ سڀني کان پهريان قرآن کي نزولي ترتيب موجب گڏ ڪيو هو.“ (اتقان 58)

    رسولي ترتيب نزول جي حڪمت

    رسول الله ﷺ جن الله تعالى وٽان نازل ٿيڻ واري وحي کي مختلف سورتن ۾ گڏ ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ عمل جي حڪمت بابت مفسرن ڪا به وضاحت نه ڪئي آهي. سوال آهي ته آخر ڇاجي ڪري رسول الله ﷺ نزولي ترتيب موجب خدائي وحي کي سهيڙيو ۽ گڏ نه ڪيو؟ انهيءَ ڳالهه تي ويچار ڪرڻ سان خبر پئي ٿي ته ائين ڪرڻ سان مڪي ۽ مدني تعليم جي جدا جدا ٿي وڃڻ جي ڪري مسئلن کي اُڪلائڻ ۾ ڏکيائي ٿي پئي ها. انهيءَ جي باري ۾ ٻه ٽي مثال ڏنا ويندا آهن:
    (1) پهريون مثال: سورة علق جي پهرين پنجن آيتن کي ٻين آيتن سان ملائڻ ۾ اها حڪمت نظر اچي ٿي ته پهرين وحي جي پنجن آيتن ۾ جنهن نظريي جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ جنهن تي انقلابي جدوجهد کي قائم ڪيو ويو آهي، مخالف ۽ انقلاب جون اهي دشمن قوتون، جيڪي مالدار طبقي تي ٻڌل هيون، تن جي خلاف جدوجهد، تشدد ۽ دشمني وارو رويو اختيار ڪرڻ ضروري هو. هن سورة ۾ انهيءَ جو نقشو چٽيو ويو آهي. يعني پهرين وحي جو ڏنل نظريو ۽ انهيءَ تي انقلابي جدوجهد رڳو دعوت هدايت جي مرحلي مان سولائيءَ سان نه گذرندي، پر انهن کي تمام ئي تشدد ۽ موتمار دڳ تان لنگھڻو پوندو. مسلمان عالمن پهرين وحي جي معاشرتي، نفسياتي، علمي ۽ ڪائناتي مقصدن کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو، انهيءَ ڪري بادشاهه ۽ بااختيار گروهه ۾ انهن مقصدن جي خلاف ڪوبه رد عمل پيدا نه ٿو ٿئي.
    (2) ٻيو مثال: سورة فاتحه جو آهي، جنهن جو هڪ حصو مڪي ۾ ۽ ٻيو حصو مديني ۾ نازل ٿيو. پر ٻنهي کي ملائڻ سان هڪ پوري جو پورو زندگي ۽ ڪائنات جو نظريو بڻجي ويو، جنهن کي وري وري نمازن ۾ ورجائڻ سان انهيءَ نظريي بابت شعور جاڳندو رهي ٿو.
    (3) ٽيون مثال: سورة مزمل جو آهي، جيڪا مڪي سورت آهي ۽ انهيءَ وقت نازل ٿي هئي، جڏهن تشدد چوٽ چڙهي ويو هو. انهيءَ جي اندر الله جي واٽ ۾ جهاد ڪرڻ وارن جو ذڪر آهي، جيڪو مديني ۾ عمل ۾ آيو. انهيءَ مان خبر پئجي ٿي ته قرآن اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش پيو ڪري ته تشدد ڪرڻ واريون طاقتون رڳو واعظ ۽ هدايتن تي ختم نه ٿينديون، پر انهن جي لاءِ مرڻ ۽ مارڻ ضروري آهي. اهڙي طرح شعب ابي طالب ۾ رسول الله ﷺ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته جيستائين هن نظريي تي ڪا رياست وجود ۾ نه ايندي، تيستائين اهو نظريو پنهنجي مقصد ماڻڻ ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگھندو. رياست جو مطلب ئي اهو هوندو آهي ته مخالف طاقتن جي خلاف مرڻ مارڻ واري مرحلي ۾ ٽپي پئجي.
    (4) چوٿون مثال: سورة بقره جو آهي، جنهن جا چاليهه رڪوع مدني زندگيءَ جي ڏهن سالن ۾ نازل ٿيا. انهن چاليهن رڪوعن ۾ انساني زندگيءَ جي لڳ ڀڳ سڀني مسئلن بابت حڪمن ۽ هدايتن کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪيا ويو آهي، جنهن کي سمجھڻ ۽ انهن تي دسترس حاصل ڪرڻ تمام سؤلو ٿي ويو آهي ۽ رياست کي پنهنجن فيصلن ۾ انهن حڪم مان ڪم وٺڻ ۾ تمام گھڻي سولائي ٿي وئي آهي.
    (5) پنجون مثال: سورة نور ۾ عورتن جي مسئلن ۽ زنا وغيره جي سزائن جو ذڪر آهي، جنهن سان خدائي نور مان هدايت وٺڻ ۽ انهن عملن سان انهيءَ تعلق تي روشني پوي ٿي. اهڙيءَ طرح هر سورة ۾ رسول الله ﷺ انهيءَ بابت وحي الاهي کي هڪ جاءِ گڏ ڪري ڇڏيو. پر انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته قرآن جي نزولي ترتيب تي ڪابه تحقيق ئي نه ڪئي وڃي. انهيءَ تحقيق جو سڀ کان وڏو فائدو سيرت پاڪ کي سهيڙڻ ۾ سامهون اچي ٿو. جيستائين سيرت سان گڏ ان خاص موقعي تي نازل ٿيل قرآن کي پيش نه ڪيو ويندو،ته پوءِ قرآن جو رڳو واقعن جو مجموعو بڻجي پوڻ سان اهو معلوم نٿو ٿئي ته انقلابي جدوجهد، ڪهڙي قسم جي معاشري جي اڏاوت ڪئي آهي ۽ انساني مسئلن کي نئين تعليم جي روشنيءَ ۾ ڪهڙي طريقي سان اُڪلايو آهي.
    وحي الاهي کي مختلف سورتن ۾ گڏ ڪرڻ واري حڪمت کي نه سمجھڻ سان قرآني تعليم جا مقصد اکين اڳيان غائب ٿي ويا. مفسر آيتن جي ترتيب موجب يعني آيت وار تفسير ڪندا آهن، جنهن سان نظرياتي پريشاني نه رڳو ختم نٿي ٿئي، پر اڃا به وڌي وڃي ٿي. قرآن کي سامهون رکڻ کانسواءِ سيرت جي سهيڙ رڳو واقعن کي ورجائڻ جو عمل بڻجي وڃي ٿو، جنهن مان اها خبر نٿي پوي ته توحيد الاهي جي نظريي تي معاشري جي اڏاوت ڪهڙي طريقي تي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سيرت کي قرآن موجب سمجھڻ ۽ انهيءَ مطابق عمل ڪرڻ سان انهيءَ توحيدي معاشري جي اڏاوت عمل ۾ اچي ٿي، جنهن ۾ هڪ ٻئي مخالف معاشي طبقا نه هوندا آهن. پيداواري وسيلا، مثلاً زمين، ڪارخانا،کاڻيون، گيس ۽ پيٽرول جا ذخيرا فردن جي بدران عوام جي ملڪيت هوندا آهن، جن جو انتظام گڏيل سهڪار جي مجلس جي ذريعي هلايو ويندو آهي، جيڪي رياست جا فرض نڀائيندي آهي.
    انهن ٻنهي ڳالهين کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ سان تفسير ۽ سيرت، ٻئي نه رڳو اسلام جي معاشي، سياسي، ازدواجي ۽ تهذيبي نظام کي دنيا جي سامهون پيش ڪرڻ کان بيوس رهيا، پر اڃا به مسلم معاشري ۾ انهيءَ نظام کي اختيار ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا انهيءَ ڪري ئي مون ” انقلاب مڪه“ ۾ سيرت سان گڏوگڏ قرآن کي به سامهون رکيو آهي، جيڪو اجمل خان صاحب جي تحقيق تي آڌاريل آهي. جيڪڏهن الله جي توفيق گڏ رهي ته نزولي ترتيب جي حڪمت هيٺ پوري قرآن جي تشريح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته جيئن قرآن جي باري ۾ اٿندڙ نظرياتي پريشاني کي ختم ڪري سگھجي.
    قرآن ۽ دنيا جي مذهبن جي حقيقي تعليم کي نظر انداز يا انهن جي انڪار ڪرڻ جا نتيجا
    موجوده دؤر ۾ يورپ وارن مذهب جي باري ۾ غلط تصور جاري ڪري ڇڏي آهي ته مذهب جو انساني زندگي جي جوڙتوڙ سان ڪو به تعلق نه آهي. انهيءَ رويي ”مذهب“ جي باري ۾ عام بي تعلقي پيدا ڪري ڇڏي آهي، ۽ ائين سمجھيو ويو آهي ته مذهب جي تعليم تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ سان زندگي تي ڪوبه اثر نٿو پوي.
    ”مذهب“ جي باري ۾ انهيءَ رويي جون ٻه شڪليون آهن. انهن مان هڪڙو ته مذهب جو بلڪل ئي انڪار آهي، جيئن يورپ وارن اختيار ڪري ڇڏيو آهي. ٻيو رويو مذهب جي تعليم کان اک ٻوٽ ۽ لاپرواهي وارو آهي. ٻنهي روين جو نتيجو هڪ ئي آهي. انهيءَ باري ۾ قرآن هي ٻڌايو آهي ته مذهب جي اصل تعليم کان انڪار يا انهيءَ کان غفلت جو زندگيءَ تي گھرو اثر پوي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ قرآن سورهء نور جي آيت نمبر 39 ۾ پهريون مثال ڏنو آهي:
    وَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْۤا اَعْمَالُهُمْ كَسَرَابٍۭ بِقِيْعَةٍ يَّحْسَبُهُ الظَّمْاٰنُ مَآءً١ؕ حَتّٰۤى اِذَا جَآءَهٗ لَمْ يَجِدْهُ شَيْـًٔا وَّ وَجَدَ اللّٰهَ عِنْدَهٗ فَوَفّٰىهُ حِسَابَهٗ١ؕ وَ اللّٰهُ سَرِيْعُ الْحِسَابِۙ۰۰۳۹
    ”۽ اهي ماڻهو جن ڪفر جي روش ورتي آهي تن جا عمل انهيءَ رڃ وانگر آهن جا ڪنهن وارياسي بيابان ۾ هوندي آهي. اڃايل ماڻهو ان رڃ کي پاڻي ٿو سمجهي (۽ ان ڏي ڊوڙندو ٿو وڃي) تان جو جڏهن اتي پهچي ٿو تڏهن خبر پويس ٿي ته هتي ته ڪجهه به نه آهي ۽ هو الاهي قضا کي پاڻ وٽ ٿو ڏسي. سو خدا سندس (بد) عملن جو حساب پوريءَ طرح ڪري انهن جي بدلو کيس ڏئي ٿو ۽ (يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي.“
    سورة نور جي آيت نمبر 40 ۾ ان جو ٻيو مثال ڏنو ويو آهي:
    اَوْ كَظُلُمٰتٍ فِيْ بَحْرٍ لُّجِّيٍّ يَّغْشٰىهُ مَوْجٌ مِّنْ فَوْقِهٖ مَوْجٌ مِّنْ فَوْقِهٖ سَحَابٌ١ؕ ظُلُمٰتٌۢ بَعْضُهَا فَوْقَ بَعْضٍ١ؕ اِذَاۤ اَخْرَجَ يَدَهٗ لَمْ يَكَدْ يَرٰىهَا١ؕ وَ مَنْ لَّمْ يَجْعَلِ اللّٰهُ لَهٗ نُوْرًا فَمَا لَهٗ مِنْ نُّوْرٍؒ۰۰۴۰
    ”يا اهي (ڀليل بدڪار ماڻهو) ڄڻ ته هڪ تمام ئي اونهي سمنڊ جي اوندهه ۾ آهن، جنهن تي لهرن مٿان لهرون ڇانئجي ويون آهن ۽ انهن جي مٿان وري ڪڪر آهن، يعني اوندهه مٿان اوندهه جا تهه چڙهيل آهن. (ايتري قدر جو) جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو هٿ ٻاهر ڪڍي ته ان کي به ڏسي نه سگهي. (هيءَ حقيقت آهي ته) جنهن کي خدا (سندس جهل ۽ خود غرضيءَ سبب) روشني کسي ڇڏي تنهن جي لاءِ ڪابه روشني آهي ئي ڪانه.“
    (انهن ٻنهي مثالن جا نتيجا ۽ تاريخ شاهد آهي)
    ٻئي مثال ۾ مذهب جو بنيادي مقصد غير طبقاتي معاشري کي قائم ڪرڻ جي بدران رڳو عبادتن ۽ ظاهري رسمن تي عمل ڪرڻ جو ذڪر آهي. يعني مولانا مودودي جي چوڻ موجب، عملي طرح انڪار جي باوجود ڪجھه نيڪ ڪم ڪرڻ آهي. مذهب جو اهو تصور هڪ رڃ آهي جيڪو ظاهر ۾ ته مذهب کي مڃڻ تي ٻڌل آهي، پر اصل ۾ عملي طرح ان جو انڪار ڪري ڇڏڻ آهي. اصل ۾ اڄ اسلام ۽ ٻين سڀني مذهبن جي پيروڪارن جو اهو ئي عمل آهي. مذهب کي مڃڻ جي باوجود انهيءَ تي عمل نٿو ڪيو وڃي، جنهن سان عملي طرح انهن جي لاءِ مذهب رڃ وانگر ٿي ويو آهي، جيڪو ظاهر ۾ ته مذهب ڏسڻ ۾ اچي ٿو، پر حقيقت ۾ انهيءَ جي حيثيت هڪ رڃ واري آهي.
    انهن ۾ پهريون مثال انهن جو آهي جيڪي مذهب کي هڪ بيڪار شيءِ سمجھن ٿا ۽ انهيءَ جو بلڪل ئي انڪار ڪن ٿا. انهيءَ ٽوليءَ ۾ اولهه جا مفڪر ۽ ڪميونسٽ ڳڻيا وڃن ٿا. انهن جو مثال انهيءَ ماڻهوءَ جهڙو آهي، جيڪو ڪنهن اهڙي جاءِ تي ڦاٿل هجي جتي نپٽ اوندهي هجي ۽ روشنيءَ جو هڪ ترورو به ان کي نه نظر اچي. مولانا مودودي فرمائي ٿو ته هو سمجھي ٿو ته ايٽم بم، هائيڊروجن بم، آواز کان وڌيڪ رفتار جهاز ۽ چنڊ تائين پهچڻ واريون تيز رفتار سواريون ٺاهڻ جو نالو علم آهي. ان وٽ معاشيات ۽ ماليات، قانون ۽ فلسفي ۾ مهارت جو نالو علم آهي. پر حقيقي علم اڃا ڪا ٻي شيءِ آهي، جنهن جي اڃا تائين انهن کي ڪا خبر ئي نه آهي. انهيءَ علم کان اهي بلڪل ئي اڻڄاڻ آهن. انهيءَ جي مقابلي ۾ هڪ اڻپڙهيل ڳوٺاڻو علم وارو آهي، جيڪڏهن هو سچ جي سڃاڻ جي ذريعي لاڀ حاصل ڪري ٿو.
    وڌيڪ فرمائي ٿو ته انهيءَ خدائي نور ڏانهن رهنمائي ڪرڻ وارن تمام گھڻن اُهڃاڻن مان ٿورڙن کي نموني جي طور تي پيش ڪيو پيو وڃي. پوءِ جيڪڏهن انهن کي دل جي اکين سان کولي ڏٺو وڃي ته هر پاسي الله جي قدرت ۽ ڪاريگري جون نشانيون پَسي سگھجن ٿيون. پر جيڪي ماڻهو دل جا انڌا آهن، سي جيڪڏهن پنهنجون ظاهري اکيون ڦوٽاري به ڏسن ٿا ته انهن کي علم حياتيات، علم حيوانات ۽ ٻين انيڪ قسمن جا علم ته گھڻو ڪجھه ڪندي نظر اچن ٿا، پر الله جي ذات ان کي ڪٿي نظر نٿي اچي.
    گذريل تاريخ جون تمام وڏيون تهذيبون انهيءَ ئي اوندهه جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويون. موجوده يورپ جو ڏيک ويک ظاهر ۾ هر ڏسندڙ اک کي خيرو پيو ڪري، پر حقيقت ۾ اهي تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن. ٻه دل ڏڪائيندڙ جنگيون ٿي چڪيون آهن، ۽ هر روز ننڍيون ننڍيون جنگيون ۽ اندروني ويڙهه جھيڙو هر وقت ٿيندا رهندا اٿن. زلزلا، طوفان، مينهن، ڳڙو، هر زور تباهي مچائيندا رهندا آهن ۽ هاڻي ٽين جنگ جون تياريون به ٿي رهيون آهن. اقبال لينن جي زباني اولهه وارن جي تهذيب جو صحيح خاڪو چٽيو آهي:
    یورپ میں بہت روشنی علم و ہنر ہے
    حق یہ ہے کہ بے چشمہء حیواں ہے یہ ظلمات
    اولهه ته سراسر جهالت ۽ گمراهيءَ جو اونداهو سمنڊ هو ۽ آهي، پر انهن جو نقل ڪرڻ ۾ اوڀر جون قومون به مذهب کان بيخبر ٿي ويون آهن، جنهن ڪري اهي ڀانت ڀانت جي تباهه ڪندڙ مصيبتن ۾ ڦاسي ويا آهن.
    ٻئي حالتون، يعني مذهب جو بلڪل ئي انڪار ۽ مذهب کي رڳو ڏيکاءَ جي شيءِ سمجھڻ، هڪجهڙا نتيجا پيدا ڪندا رهندا. يعني ان وقت تائين تباهي ۽ بربادي رهندي، جيستائين اها ڳالهه ذهن ۾ ويهي نه وڃي ته اسلام جو مقصد هڪ غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ هو. جيڪڏهن مسلمانن انهيءَ ڳالهه کي نه سمجھيو، ته انساني زندگي اڳي وانگر اوندهه ئي رهندي.
    (1) اسلام ڇا آهي؟ اجمل خان صاحب فرمائي ٿو: ”اسلام ڪو نئون مذهب نه آهي. شهري نظام جي شروعات کان ئي هر ملڪ ۽ قوم ۾ اهڙا مصلح پيدا ٿيندا رهيا آهن، جيڪي چوندا رهيا ته اللہَ رَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۝۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ، الله کي پنهنجو مالڪ ۽ پالڻهار مڃڻ ۽ ان جي ٻانهپ ڪرڻ ئي فطري دين آهي. ڪنهن ديوتا، انسان يا وڻ جي اڳيان ڪنڌ نوائڻ، انسانيت جي عزت ۽ مرتبي کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ آهي. اسلام، يعني الله جي فرمانبرداري جي مقابلي، ڪفر ۽ شرڪ ۽ بي ديني ۽ شيطان جي فرمانبرداري جي تعليم ڏيڻ وارا، انساني عقل کي اونداهين ۾ رکي، اڻ ڄاڻ انسانن کي ڦريندا رهيا آهن. انهيءَ ڪري ئي قرآن جي تعليم لِيُخْرِجُہُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ آهي. يعني رحمان ۽ شيطان جي پاڻ ۾ جنگ اسلامي تاريخ ۾ پهرين نمبر تي اچڻ جي حقدار آهي.“
    (2) اهڙن سڀني دينن جي مطالعي سان، جن جو تعلق سامي ۽ آريائي تهذيبن ۽ خاص طرح هندو فلسفي ۽ ايراني مذهب سان آهي، اسلامي حقيقتن تي پيل سڀئي پردا کڄي سگھن ٿا.
    (3) انهيءَ کان پوءِ عرب وارن جي سماجي حالت، رهڻي ڪهڻي، عرب جو شهري نظام ۽ ان سان گڏ رسولِ عربي ﷺ جي سيرت جو، قرآني آيتن جي تاريخي پسِ منظر کي ذهن ۾ رکندي، مطالعو ڪرڻ ضروري آهي. انهيءَ طريقي تي سيرت جو ڪو به ڪتاب سهيڙجي نه سگھيو آهي. ”مڪي جو انقلاب“ انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي لکيو ويو آهي.

    قرآن کي نزولي ترتيب موجب سمجهڻ جي اهميت
    تي اخبار ”مدينه“بجنور جو نوٽ


    حضرت الحاج پروفيسر محمد اجمل خان پنهنجي تحقيق جو هيءُ اهم مقالو انگريزي ۾ لکيو هو ۽ وشوا ڀارتي شانتي نڪيتن (بنگال) جي طرفان ان جي اشاعت 1936ع ۾ ٿيڻ واري هئي، پر موصوف مناسب ڄاتو ته قرآني جي ترتيب جي باري ۾ پاڻ جيڪو ڪجھه لکيو اٿائون اهو اردو جي جھجھي تعداد ۾ ڇپجندڙ اخبار ”مدينه“ ۾ ڇپرايو وڃي. تنهن ڪري جناب مولوي ابو سعيد صاحب بزمي (ايم اي)، جيڪو رسالي ”مدينه“ جو ايڊيٽر آهي، تنهن هيٺ ڏنل نوٽ سان گڏ ڪجھه قسطن ۾ ان کي ڇاپيو:
    ”ڪيترن ئي سالن جي لڳاتار مطالعي کان پوءِ جناب پروفيسر محمد اجمل خان صاحب، جيڪو ”سياسيات“، ”مقدمه فلسفه“ وغيره جي سهيڙ ڪندڙ آهي، تنهن اسلام جي حقيقت ۽ انهيءَ جي بنيادي سچائين بابت انگريزي ۾ ڪجھه مقالا لکيا آهن. انهيءَ علمي ۽ مذهبي ڪوشش ۾ پاڻ ٽي سال شانتي نڪيتن (بنگال) ۾ به گذاريا، جتي نه رڳو آرام ۽ سڪون آهي پر مسلمان بادشاهن جي مدد سان عربي ۽ فارسي جو هڪ املهه ڪتب خانو به ميسر ٿي سگھيو آهي. انهيءَ کان سواءِ هر مذهب ۽ هر ٻوليءَ جا محقق به علمي بحث مباحثي جي لاءِ موجود آهن. موصوف انگريزي مقالن کي اڃا ڇاپيو نه آهي، پر گھري ٿو ته اردو ڄاڻندڙ ماڻهو هڪ اهم مقالي جو ترجمون نظر مان ڪڍن ۽ ان کي پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي تڪڙي تبصري سان فائدو حاصل ڪرڻ جو موقعو ڏين ته جيئن اصل ڪتاب THE ORIGINAL ASPECTS OF ISLAM کي انگريزي ڄاڻيندڙ ۽ خاص طرح سان يورپ وارن جي اڳيان پيش ڪرڻ کان پهريان، هندستان جا عالم ۽ فاضل انهيءَ تي غور ڪري سگھن.“
    اسان پروفيسر صاحب جا ٿورائتا آهيون جو پاڻ پنهنجي تحقيق جي نتيجن جي اظهار لاءِ ”مدينه“ اخبار ۽ ان جي پڙهندڙن کي سڀ کان پهريان موقعو ڏنائون.“ (ايڊيٽر مدينه، بجنور 24 ڊسمبر 1940ع)
    ” ڪتاب ڇاپيندڙ“ جو نوٽ:
    هن مقالي جي اهميت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان ٿي سگھي ٿو ته ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ماڻهن قابل احترام مصنف کي هن تحقيق تي مبارڪون ڏنيون آهن ۽ ڪيترن ته سموري مقالي کي تجزين ۽ حاشين سان گڏ ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ جي لاءِ زور ڀريو آهي. اسان جناب موصوف جا ٿورائتا آهيون جو پاڻ مڪي ۽ مدني دؤر جي سڀني سورتن جي فهرست اردو ۾ ترتيب ڏني، ۽ ڪتاب جي صورت ۾ اسان کي هن مقالي کي ڇاپڻ جي اجازت ڏني. هتي اسان اهو به عرض ڪرڻ گھرون ٿا ته اخبار ”مدينه“ جي هزارين ۽ لکين معزز پڙهندڙن مان رڳو هڪ ماڻهو مقالي جي پوري ٿيڻ کان پهريان، بي سمجھي جو اقرار ڪندي، مناظرانه رنگ جي بدران، ترتيب قرآن جي قرآني سهيڙ تي هڪ ڊگھو مضمون مدينه جي ايڊيٽر کي موڪلي ڏنو ۽ گڏوگڏ اها به درخواست ڪئي ته اڳتي جي لاءِ مقالي کي نه ڇاپيو وڃي. پر ”اخبار مدينه“ اهڙي قسم جي تحقيق کان پنهنجي پڙهندڙن کي محروم رکڻ مناسب نه ڄاتو. بهرحال، اسان کي هدايت آهي ته جيڪڏهن هاڻي به ڪو علم وارو انهيءَ ترتيب ۾ ترميم پيش ڪري ته انهيءَ کي ايندڙ اشاعت ۾ شامل ڪيو وڃي. (ناشران ڪتاب گھر الهه آباد، 2 فيبروري 1941ع)
    قرآن کي نزولي ترتيب موجب سمجھڻ جي اهميت بابت شاهه ولي الله جي حڪمت جي شارح، مرد مجاهد حضرت الحاج مولانا عبيد الله سنڌي جي راءِ:
    ”مسلمان قرآن حڪيم کي انسانيت جي لاءِ آخري رباني پيغام مڃي ٿو. ٻين لفظن ۾ ائين چوڻ گھرجي ته انهيءَ عقيدي کي اڄوڪي ذهنيت جي ويجھو آڻڻ جي لاءِ قرآن دنيا کي بين الاقوامي انقلاب جو پروگرام ڏئي ٿو“.
    اهڙي طرح مطالعو ڪندڙ جي فڪري ضرورت جو خيال رکيو وڃي ته سڀ کان پهريان انهيءَ تحريڪ جو بنيادي مقصد مقرر هئڻ گھرجي، جنهن کي اسان ہُوَالَّذِيْٓ اَرْسَلَ رَسُوْلَہٗ بِالْہُدٰى وَدِيْنِ الْحَقِّ لِيُظْہِرَہٗ عَلَي الدِّيْنِ كُلِّہٖ۝۰ۭ ۾ پوشيده ڏسون ٿا. (پڙهندڙن کي اسان سفارش ڪريون ٿا ته اهي هن آيت جو تفسير ”ازاله الخفا“ جي پهرين جلد جي شروعاتي صفحن ۾ ضرور مطالعو ڪن)
    انهيءَ سان گڏوگڏ پارٽي پروگرام جي ضرورت ٿيندي، جنهن کي قرآن جي ڪيترين ئي سورتن ۾ حزب الله جي لاءِ، تفصيلي حڪم ڏئي ڪري مڪمل ڪيو ويو آهي.
    ان کان پوءِ هڪ مرڪزي جماعت جو جوڙڻ ضروري ٿيندي، جيڪا هن پروگرام کي هلائڻ جي ذميواري قبولي ۽ ان کي هر ڪمي بيشي ۾ مناسب تبديلي جو پورو اختيار هوندو. اسان جي نظر ۾ ”وَالسّٰبِقُوْنَ الْاَوَّلُوْنَ مِنَ الْمُہٰجِرِيْنَ وَالْاَنْصَارِ وَالَّذِيْنَ اتَّبَعُوْھُمْ بِـاِحْسَانٍ۝۰ۙ رَّضِيَ اللہُ عَنْھُمْ وَرَضُوْا عَنْہُ “ ۾ انهيءَ جماعت جو هئڻ گھربل آهي.
    انهن مفڪرن کي ٻئي مرحلي ۾ انهيءَ معاشري جي ضروت محسوس ٿيندي، جيڪو سڀني انقلابي نظرين تي سوڀاري ٿي ويو هجي. انهيءَ معاشري جا ميمبر، جنهن وقت موقعو ڏسندا، انقلابي حڪومت قائم ڪري وٺندا. اهي پراڻي حڪومت کي ٽوڙي ڇڏيندا، ۽ پنهنجي پروگرام موجب نيئن حڪومت قائم ڪندا. اسلامي عقيدن، اخلاقن ۽ اسلامي حڪومت جي وچ واري ڪڙي ئي انقلابي معاشرو آهي. ان جا حڪمَ ۽ نظريا هڪجهڙا هجڻ سان فڪري تسلسل قائم ناهي رهندو. انهيءَ جو ئي نتيجو آهي جو هر دؤر ۾ مناسب پروگرام ٺاهڻ ۾ قرآن حڪيم کان مدد نه ملي سگھي. اسان جي فقيه، حڪومت جي حڪمن کي به عقيدن ۽ اخلاقن وانگر تحفظ ڏين ٿا جنهن سان هڪ قسم جي بيحسي پيدا ٿي وڃي ٿي. ڪيترا ئي عالم انهيءَ سڄي قصي مان رڳو ايترو ياد رکن ٿا ته زاني جو سنگسار ۽ چور جو هٿ ڪٽڻ ضروري آهي. تنهن هوندي به انهن جي ڪوشش تفصيلي حڪمن کي گڏ ڪرڻ ۾ تمام گھڻي ساراهه جوڳي آهي. الله سائين انهن کي ان جو شل چڱو بدلو ڏئي. انهيءَ سان گڏوگڏ جيڪڏهن ڪو خدا جو ٻانهو انهيءَ انقلابي معاشري جا حڪم الڳ ڪري ٿو ڇڏي جيڪي حڪومت جي لاءِ وجوب جي سبب وانگر آهن، ته مفڪرن جون سموريون ڏکيائيون ختم ٿي وينديون. حڪومت ۽ معاشري جي حڪمن کي مٿانهون رکڻ جي لاءِ قرآن پاڪ جي مڪي ۽ مدني سورتن جو مقرر ڪرڻ ضروري آهي. رسول الله ﷺ مڪي ۾ زندگيءَ ۾ اهو ڪم ڪيو جو عدم تشدد (اهنسا) جي پابندي سان اڄ تائين هڪ وڏي شان واري گڏيل انقلابي جماعت تيار ڪري ورتي، جنهن جو مثال اڄ تائين دنيا نه ڏئي سگھي آهي.
    جن ماڻهن کي مهاجرن جو لقب ڏنو ويو آهي، اهي ته مڪي جا رهندڙ هئا. توهان کي حيرت ٿيندي ته مديني جي انصارن جي جماعت به مڪي واري دؤر ۾ تيار ٿي. انهن جي ٻن عنصرن مان مستقل مرڪزي جماعت تيار ٿي آهي، جنهن مديني ۾ اسلامي حڪومت پيدا ڪري ورتي.
    قرآن مجيد جي هر سورة جي باري ۾ مفسرن وٽ روايتون موجود آهي ته اهي مڪي ۾ نازل ٿي يا مديني ۾. پر ڪيترين ئي سورتن جي باري ۾ روايتون ايترو ته مختلف آهن جو انهن کي برابري يا ترجيح ڏيڻ ممڪن ئي ناهي. ڪجهه حڪمن جي تاريخ غلط روايتن سان منسوب ٿي آهي، انهيءَ ڪري اهو روايتي سلسلو اطمينان جوڳو نه رهيو آهي.
    مولانا اجمل خان بالقابه جو، مفسرن تي سدائين احسان رهندو، جو هن اندروني شهادتن جي مدد سان، مڪي سورتن جي تعين ڪرڻ جو دڳ کولي ڇڏيو آهي ۽ روايتن جي اختلاف سان جيڪو مونجھارو پيدا ٿيو هو، تنهن کي ختم ڪرڻ جي تمام ئي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي.
    مولانا محمد اجمل خان نوجوان مسلمانن جي لاءِ تقليد جو نمونو آهي. هو گيتا جو ترجمو ڪري ٿو، هو قرآن ي حڪمن جي روشنيءَ ۾ طبعي نظام پيدا ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ مصروف آهي. اهڙي طرح هو هندستاني مسلمانن جي لاءِ نئون پروگرام مقرر ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ڪري رهيو آهي. الله ڪري ته شل اسان جو نوجوان طبقو، جيڪو تمام وڏي عمل جي قوت رکي ٿو، شعر ۽ شاعري کان بچي، پروگرام سوچڻ ۾ لڳي وڃي. هن جو بنيادي مقصد ڌنڌلو آهي ۽ هو اسلاميت ۽ هندوستانيت ۾ برابري نٿو ڪري سگھي. انهيءَ ڌوڙ ۽ مٽيءَ کي قرآني نظرين سان ئي صاف ڪرڻو پوندو، جنهن جو سلسلو مولانا اجمل خان شروع ڪيو آهي.
    جيڪڏهن جامعه مليه ڪڏهن قرآني تحيقيق جي لاءِ فيڪلٽي قائم ڪري ته مان انهيءَ جي اڳيان شاهدي ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيان ته مولانا اجمل خان کي ڊاڪٽر مڃيو وڃي. والله هوالموافق.

    (مولانا) عبيد الله سنڌي
    23 ڊسمبر 1940ع
    بيت الحڪمت، جامعه نگر دهلي


    ڀاڱو پهريون : تاريخي پس منظر

    تاريخي پس منظر

    سردارن جي زورآوري، ڏاڍ ۽ ڏمر ۽ پنهنجي محنت جي استحصال کي ڏسندي، غلام ۽ پوئتي پيل طبقن جي ماڻهن جون اکيون، ڪنهن مدد جي لاءِ واجھائي واجھائي ٿڪجي چڪيون هيون. هر مرد توڙي، زائفان، جوان توڙي ٻار، سڀني جي دلين ۾ ڏاڍن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪا ڏئي رهي هئي. غلام ۽ پوئتي پيل ماڻهو، پنهنجي محنت جي استحصال کان سواءِ ديوتائين جي خوف ۾ گھيريل هئا، ۽ انهيءَ خوف جي ڪري ڀوپا ۽ نالي چڙهيا مذهبي اڳواڻ انهن کي ڦريندا رهندا هئا. نراسائي، نااميدي ۽ اوندهه انڌوڪار کان سواءِ انهن جي اڳيان ٻيو ڪجھه به نه هو. انهيءَ وحشت ۽ جهالت جي ماحول ۾ عقل ۽ سمجھه جو استعمال ڏوهه سڏيو ٿي ويو. يونان جي غير تجرباتي عقليت هر جاءِ تي حاوي ٿي پئي هئي. انهيءَ عقليت يا منطق ۾ ڪنهن وڏي واقعي (General Proposition) جو معروضي، مادي ۽ سماجي حقيقت سان هڪجهڙائي کي ضروري نه سمجھيو ويندو هو. هڪ مفڪر ڪوريئڙي وانگر ڪنهن ڪنڍ ۾ ويهي پنهنجي فڪرن جو ڄارو اڻيندو رهندو هو. برٽرينڊ رسل چواڻي، اهڙي قسم جي فڪر ٻن هزار سالن تائين ترقي کي بيهاري ڇڏيو.
    هر پاسي غلامن جون قطارون پنهنجي سردارن جي دولت ۽ عيش آرام جي لاءِ سخت محنت ۽ ڪشالو ڪندي نظر اينديون هيون. پوپ گريگوري جي حڪم سان بيماري ۾ دوا جي ذريعي علاج ڪرائڻ يا ڪنهن طبيب سان مشورو ڪرڻ، پنهنجي ساهه جو سانگو لاهڻ هو. ڇو ته هر مرض جو علاج ماکي، کير ۽ بپتسمي جو پاڻي سمجھيو ويندو هو. عيسائي حڪمرانن ۽ پادرين جي حڪم سان طب، فلسفي، نجوم ۽ رياضي جي تعليم منع ڪيل هئي. ڪاريگرن کي قتل ڪيو ويندو هو ۽ انهن طرفان پنهنجي فن تي لکيل ڪتابن کي ساڙيو ويندو هو. سڪندريه جو شاهي علمي مرڪز ۽ ڪتب خانو ساڙي رک جو ڍير ڪيو ويو. هائي پيشيا جيڪا هڪ وڏي علم ۽ ڪردار واري عورت هئي، تنهن کي به قتل ڪري ان جي جسم کي ڳڀا ڳڀا ڪيو ويو هو.
    ايشيا ۾ ”ماني“ جي کل لهرائي وئي هئي. گوتم ٻڌ جو عوامي (پالي ٻوليءَ) فلسفو برهمن جي ٻولي (سنسڪرت) ۾ بدلايو ويو هو. مزدڪ جي اشتراڪي تحريڪ کي ختم ڪري ان جي پولڳن کي ڪُٺو ويو هو. بام مارگيون يا عوامي انقلابين، پيڪورس جي عياشي کي عام ڪري ڇڏيو هو. اهي عورت، گوشت ۽ شراب جو پوڄا ڪندا هئا. جادو، ڍارن ۽ ديوتائن جي پوڄا پرستي جي وهمن عقل جو لڏو پٽائي ڇڏيو هو.. فلسفو منظم سوچ ويچار جي عمل جي بدران، اجائي حجت بڻجي ويو هو. مذهب سياست جي هٿن ۾ عوام کي ڦرڻ ۽ انهن کي بدحالي تي قائم رکڻ جو هڪ هٿيار بڻجي چڪو هو. انهيءَ جو سبب اهو هو ته مذهبي اڳواڻن واڳ ڌڻين ۽ دولتمند طبقن سان پنهنجا مفاد ماڻڻ جي لاءِ ٻانهن ٻيلي ٿي پيا هئا. عوام کي ٻڌايو ويو هو ته الله تعالى ئي انهن جي نصيب ۾ غربت، جهالت، پسماندگي، محڪومي ۽ غيرمهذب زندگي لکي ڇڏي آهي. تنهن ڪري کين صبر ۽ شڪر سان، الله جي انهيءَ رضا تي راضي رهڻ گھرجي، جنهن جو اجر کين مرڻ کان پوءِ ملندو.
    سائنس يا حقيقي علم کي ٺڳي ۽ دوکو سڏيو ويو. ڀوپاگري، جادو ۽ ديوتا پرستي انسان کي موت جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو هو. سياست مذهب جي هٿيار سان انسانيت کي جنگ، بيماري، ڦرمار ۽ غلامي گھاون سان بيوس ڪري ڇڏيو هو. غلام پنهنجي انساني حيثيت ئي وڃائي چڪو هو. هو پنهنجي مالڪ جي ملڪيت بڻجي ويو هو، جنهن کي قتل ڪري سگھجي پيو، وڪرو ڪري سگھجي پيو ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ان کان سخت پورهيو وٺي سگھجي پيو. ان کي فوج ۾ ڀرتي ڪري ٻين ملڪن ۽ زمينن تي قبضي جي لاءِ استعمال ڪري سگھجي پيو.
    مذهبن جي ماڻهن الڳ الڳ ويڙهاڪ ٽولن جي شڪل اختيار ڪري ورتي هئي ۽ هر هڪ ٽولو پنهنجي پاڪ پوتر اڳواڻ جي تعليم کان پري ٿي ويو هو. اسلام کان اڳ عيسائيت ۽ ٻڌ ڌرم بين الاقوامي مذهب جي حيثيت رکندا هئا، پر ٻئي حقيقي معنى ۾ ميسارجي چڪا هئا.
    عورت هر جاءِ تي خواريءَ ۾ ڦاٿل هئي. حضرت عيسىؑ کان پوءِ وينس جي ڪونسل فيصلو ڪيو ته عورت ۾ روح نه آهي، تنهن ڪري هزارين عورتن کي جادوگرياڻي سڏي جيئرو ساڙيو ويو. هندوستان ۾ کيس پنهنجي مڙس سان گڏ سڙڻ (ستي ٿيڻ) تي بيوس ڪيو ويو هو. گھڻن ئي مذهبن ۾ عورت رُنِجڻ کان پوءِ ٻي شادي نه ڪري سگھندي هئي ۽ نه ئي مرد جي ظلم کان ڇوٽڪارو ماڻڻ جي لاءِ طلاق وٺي سگھندي هئي.
    مطلب ته پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي ٻالڪپڻ کان وٺي نڪاح تائين ۽ نڪاح کان مرڻ گھڙيءَ تائين، خوف ۽ بک ۾ ڦاٿل انسانيت جي هر طبقي ۽ قوم جي ماڻهن کي ڏٺو هو. ڪٿي ديوتائن ۽ اڻ ڏٺو قوتن جي خوف انسانن جا ڪنڌ پوڄارين ۽ ڀوپن جي ذريعي بتن، ڀوتن ۽ جنن جي اڳيان نوائي ڇڏيا هئا. ڪٿي مالدار يهودين قرض جي خوف ۾ انسانن کي ڦاسائي غلام بڻائي ڇڏيو هو. ڪٿي سامراجي فوجون، جيڪي عام طرح غلامن تي ٻڌل هونديون هيون، آزاد انسانن کي قتل ۽ غلاميءَ جي خوف ۾ ڦاسايون ويٺيون هيون ته ڪٿي جهالت ۽ اڻڄاڻائي، مريضن کي تعويذ ڪندڙن جي غلامي ۾ ڦاسائي رکيو هو. ڪٿي ڪوڙي انا ۽ وڏائي جي نالي تي شاعر پنهنجي بک کي قصيدن جي ذريعي مِٽائي رهيا هئا. هر جاءِ تي انسان بک ۽ بدحالي کان مجبور ٿي، ظالمن ۽ جابرن جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور هو. ايتري تائين جو هو پنهنجي عزت وڪڻي ڪري پنهنجو پيٽ پاليندو هو. تنهن ڪري مذهب، سياست ۽ معاشرت جي ڪا به ڪنڊ ذهني خوف ۽ جسماني بک کان خالي نه هئي.
    روم جي حملي کان پوءِ يونان جو علمي مرڪز تباهه ٿي چڪو هو. پنجين صدي عيسوي ۾ سڪندريه جي تمام ئي وڏي علمي مرڪز کي عيسائي راهبن ۽ پادرين ختم ڪري ڇڏيو هو. چين ۾ اندروني جنگين جي ڪري ڪنفيوشس ۽ لاوتز جو فلسفو ۽ تعليم پساهه پورا ڪري چڪا هئا. ايران ۾ جمشيد پور جو تعليمي مرڪز به ننڊ جي خمار ۾ هو. هندستان، جتي سانڪي فلسفو ٻڌ فلسفي جي صورت ۾ پيدا هو، اتي به تانترڪ مذهب پکڙي رهيو هو ۽ ماڻهن جادو منتر، قرباني ۽ عياشي کي صوفياڻي رنگ ۾ پيش ڪري، عقل کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. عام ماڻهن جي ٻولي يعني پالي ٻولي ختم ڪئي وئي هئي ۽ علم کي لڪائڻ جي لاءِ سنسڪرت يعني برهمڻي ٻولي جاري ڪئي وئي هئي. جيتوڻيڪ نالنده اها درسگاهه هئي جتي برهمڻن ۽ بت پرستن جي مذهبن جي، سنسڪرت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي ۽ جتي فلسفي، طب ۽ رياضي جي تعليم به ڏني ويندي هئي. پر سڀئي ذات پات جي ٻنڌڻن ۽ مجاورن جي گھڙيل اصولن کان اڳتي وڌي نه سگھيا هئا. پراڻن خيالن جي پاسداري چوٽ چڙهيل هئي.

    حجاز جي خصوصيت:
    دنيا جي مقابلي ۾ رڳو حجاز ئي هڪ اهڙو ٽڪرو هو، جتي دنيا جهان جي هر ملڪ جي فلسفي ۽ مذهب کي پناهه ملندي هئي. ٻئي ڪنهن به ملڪ ۾ مذهبي ۽ سياسي پناهگيرن جو ايڏو وڏو هجوم نه هو، جيترو عرب ۾ هو. انهيءَ جو سبب اِهو هو ته هتان جي آزادي پسند رهاڪن ڪنهن غير ملڪي فاتح کي ڪڏهن به هن پاسي اچڻ جو موقعو ئي نه ڏنو هو. مڪي ۾ هر مذهب جي واپاري کي مڪمل طرح مذهبي آزادي هئي. حج جي زماني ۾ ته عام امن جي ڪري، قتل ۽ خون خرابو به بنهه نه هوندو هو. انهيءَ ڪري هزارين سالن جي واپاري زندگي هتي هڪ عام رواداري پيدا ڪري ڇڏي هئي. هتي مشرڪ ۽ بت پرست، نصراني تثليث کي مڃڻ وارا توڙي نسطوري موحد به موجود هئا. يهودين به پنهنجي قبيلن جي مخصوص الٰه، الوهه يا يهودا جي پوڄا کي جاري ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻن خدائن کي مڃڻ وارا مجوسي به هئا. مانوي به نيڪ ۽ بد ۽ سوجھري ۽ اوندهه جي فلسفي کي سمجھڻ جي ڪوشش ۾ لڳا پيا هئا. هتي عدم تشدد (اهنسا) جي تصور کي ايتري ته هٿي ڏني وئي هئي، جو حج جي زماني ۾ قتل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي، پر ڪنهن ٻوٽي يا گندگاهه جي پن کي پٽڻ به منع ٿي ويو هو ۽ ان کي گناهه سمجھيو ويندو هو. سڀئي ماڻهو پراڻين ريتن رسمن ۽ شرافت جي رواج ۾ هلندڙ اصولن جا سختي سان پابند هئا. پنهنجي عزت جي لاءِ سر جو سانگو لاهڻ بلڪل آسان هو. سخاوت، جوابازي، شراب خوري ۽ بدلي يا قصاص تي فخر ڪندا هئا. غلام کي انسانيت کان ٻاهر سمجھندا هئا، پر انهن کي رکڻ ۽ غلام بنائڻ کي خراب نه سمجھندا هئا. ڇوڪرين کي جيئرو پوري ڇڏيندا هئا ته جيئن غربت جي ڪري ان کي غلاميءَ واري زندگي ڪاٽڻي نه پوي.

    حق جا ڳولائو:
    هر ملڪ ۽ هر دؤر ۾، ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ حق جي ڳولا رکڻ وارن جو هڪ ٽولو ضرور هوندو آهي. پوکي راهي واري زماني کان وٺي جڏهن معاشرو ٻن هڪجهڙن طبقن، يعني مالڪ ۽ غلام ۾ بدلجي ويو، ائين ئي پيداواري وسيلن تي قابض طبقي پنهنجي دولت ۽ اقتدار جي زور تي، وسيلن کان محروم طبقن يعني غلام ۽ پوئتي پيل عوام تي، پنهنجي دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ وڏا ظلم شروع ڪري ڇڏيا. انهيءَ ظالماڻي ريت کي ختم ڪرڻ لاءِ پيغمبرن جي موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. انهن جي اڳواڻي ۾ مجبور ۽ غلام بڻايل انسانن ڏاڍ ۽ ظلم، اڻ ڄاڻائي ۽ غلامي ۽ بک ۽ بدحالي جي خاتمي ۽ علم ۽ تهذيب کي ترقي وٺائڻ لاءِ ڏاڍن طبقن جي خلاف جدوجهد شروع ڪئي. پر هر دفعي، اڳتي هلي، انهن جي فڪر ۽ عمل کي ميساريو ويو. رومي ڪليسا ۽ شهنشاهيت جي حڪم سان عقل کي استعمال ڪرڻ منع هو. هندستان ۾ ڪاليداس، امر سنگھا ۽ دهن ونتري جا نالا سامهون اچن ٿا. ڇهين صدي عيسوي ۾ آريه ڀٽ، راهمي هير ۽ برهم گپت جا نالا اچي وڃن ٿا جي نجوم ۽ رياضيءَ جا ماهر هئا. ايتري تائين جو راجا هرش پنهنجو پاڻ به شيو جي پوڄا ڇڏي ڪري ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ورتو هو. هندن جي وڏ گھراڻي ذاتين ۾ ڪي چڱا ماڻهو پيدا ٿيا هئا. هر مذهب ۾ اهڙا عقليت پسند، پراڻين ريتن رسمن کي ٽوڙيندڙ ۽ عوامي مفادن جي حق ۾ ڳالهه ڪرڻ وارا ماڻهو پيدا ٿيندا رهيا آهن، جن مذهبي اڳواڻن ۽ واڳ ڌڻين ۽ آسودن جو مقابلو ڪندي پنهنجي سر اگھائي ڇڏيا.

    مڪو:
    عرب، خاص ڪري مڪو سڀني قومن جو واپاري مرڪز هو. اوڀر ۽ اولهه، روم ۽ شام، هند ۽ ايران جا واپاري هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. ڪي سمجھه ڀريا ماڻهو عوام جي مشرڪاڻي وهم پرستي جي ڪري مايوس ٿي چڪا هئا. ستين صدي عيسوي ۾ ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن بت پرستي کي ڇڏي ڏنو هو. بتن جي نالن تي جيڪي سکان باسبيون هيون ۽ قربانيون ٿينديون هيون تن کي اهي حرام سمجھندا هئا. ڇوڪرين کي ماري ڇڏڻ کي پاپ سمجھندا هئا ۽ قديم سادگي ۽ ايمانداري، جيڪا انسان جو فطري گڻ هو ۽ جنهن کي حضرت ابراهيم ؑ جي وقت ۾ خدا ترس ماڻهن جاري ڪيو هو، تنهنجي ڳولا ۾ هئا ۽ ان کي جيارڻ گھرن پيا. انهن مان زيد بن عمر به هڪ هو جيڪو بت پرستي کي ڇڏي چڪو هو. ورقه بن نوفل عيسائي ٿي ويو هو ۽ انجيل جو عربي ترجمو ڪري رهيو هو. عبيد الله بن جحش رسول الله ﷺ کان عربي ڪلام ٻڌو ته هو مسلمان ٿي ڪري حبشه ڏانهن لڏي ويو. عمر بن عثمان بن الحويرث قيصر روم وٽ هليو ويو ۽ عيسائي ٿي ويو. مطلب ته اهڙا ڪيترائي حق جا ڳولائو هئا جيڪي شرڪ وارين رسمن کي ڇڏي حق واري دڳ جي ڳولا ۾ هئا. ائين پوءِ اهڙي ماحول ۾ پاڻ ﷺ جن خدائي آواز ٻڌو ۽ پوري اعتماد ۽ يقين سان، جيڪو کين ورثي ۾ مليو هو، انسانيت جي سڌاري جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
    تفصيلي تاريخي پس منظر جيڪو چئن حصن تي مشتمل آهي، سو پروفيسر اجمل خان صاحب پاڻ شايع ڪرايو هو. هاڻي وڏي ڪوشش کان پوءِ پاڪستان ۾ ان کي شايع ڪيو ويو آهي. مون رڳو تمام ئي ٿورڙن لفظن ۾ انهيءَ دؤر جي باري ۾ معلومات لکي آهي. انهيءَ مختصر پس منظر کي جيڪڏهن وري وري پڙهيو وڃي ته قرآن کي سمجھڻ ۾ وڏي مدد ملي سگھي ٿي ۽ قرآن سمجھڻ جي باري ۾ ڪجھه مفسرن آيت وار تفسير جي ذريعي جيڪو نظرياتي مونجھارو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، سو تقريباً ختم ٿي وڃي ٿو. ڇوته هيءُ پس منظر ٻڌائي ٿو ته اسلام جي ظاهر ٿيڻ جو مقصد نه ته ٻين مذهبن کي ختم ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ گھري پيو، ۽ نه ئي رڳو نماز ۽ حج جهڙين ظاهري عبادتن جي ادائگي تي ڇوٽڪاري جو دارومدار رکڻ سيکاري ٿو. ان جي بدران اهو معاشري جي طبقاتي طريقي کي بدلائي توحيدي نظريي جي بنياد تي توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھري ٿو. هي معاشرو اهڙن ماڻهن جي تخليق جي ضمانت بڻجي ٿو، جيڪي هڪ پاسي پنهنجي جنس ڄاين يعني انسانذات جي لاءِ رحمت، محبت ۽ صنعت گري جا جذبا رکندو هوندو ته ٻئي پاسي هو عبادت جي گھڻائي سان پنهنجي فطرت جي نوراني سگھه (Divine Energy) جي واڌويجھه جو احساس رکندو هوندو. رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي کي ڇوٽڪاري جو ذريعو بنائڻ، اسلام ۽ ان جي تعليم کي ميسارڻ جي برابر آهي.
    ڪجھه مفسرن سڀ کان وڏي غلطي اها ئي ڪئي آهي ته اسلام ۽ قرآن جي تاريخي پس منظر کي معاشرتي حالتن کان بلڪل الڳ ڪري ڇڏيو ۽ قرآن کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت پاڪ، يعني سندن انقلابي جدوجهد ۽ ان جدوجهد جي مختلف سماجي حالتن کان الڳ ڪري، پنهنجي ماحول ۾ مطالعو شروع ڪري ڇڏيو. پروفيسر اجمل خان نزولي ترتيب جي تحقيق جي ذريعي قرآن جو رشتو ٻيهر رسول الله ﷺ جي انقلابي جدوجهد ۽ ان جي مختلف دؤرن سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. انهن مفسرن قرآن حڪيم جي انقلابي مطلبن تي پنهنجي ذاتي فڪر جا جيڪي ٿُلها پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، ان جي ڪري اسلام، جيڪو بک، جهالت، فحاشي، غلامي ۽ مذهبي گروهه بندي کي ختم ڪري توحيدي يا غير طبقاتي معاشرو ۽ وحدت انسانيت، اڃا به آدم جي خلاف قائم ڪرڻ جي لاءِ آيو هو، سو هڪ عالمگير انقلابي تحريڪ جي بدران، هڪ روايت پسند مذهب بڻجي ويو آهي. ان کان سواءِ مسلم امت ۾ به مذهبي پيشوائيت جو ادارو قائم ٿي ويو آهي. اهي ٻئي پردا انهيءَ تحقيق سان ختم ٿي ويا آهن. قرآن جو زندگيءَ سان لاڳاپو، جيڪو ڪٽجي چڪو هو، سو ٻيهر بحال ٿي ويو آهي. هاڻي اهو لازمي ٿي ويو آهي ته قرآن جي تفسير جي لاءِ سيرت پاڪ جا اهي انقلابي مرحلا، جن ۾ قرآن نازل ٿيندو رهيو ۽ ان سان گڏ انساني تهذيب ۽ دنيا جي مذهبن جي تاريخ جو گھرو مطالعو ڪيو وڃي، ته جيئن خبر پئجي سگھي ته نبوت جي اداري جي شروعات ڪڏهن ۽ ڇو ٿي؟ ۽ تاريخ ۾ انهيءَ جا ڪهڙا نتيجا نڪتا؟ ۽ دنيا جي مذهبن جي مقدس ڪتابن ۾ ملندڙ هڪجهڙي تعيلم ڪهڙي آهي؟ ايندڙ صفحن ۾ قرآن جو جيڪو مطالعو پيش ڪيو ويندو، تنهن ۾ اهو ئي مقصد رکيل هوندو.


    اسلامي انقلاب جا تاريخي بنياد

    اها ڳالهه چڱيءَ طرح سان سمجھي ڇڏڻ گھرجي ته انقلاب جي سائنس جا ذڪر ڪيل بنيادي جزا ۽ اصول جيتوڻيڪ موجوده زماني ۾ سهيڙيا ويا آهن، تڏهن به خاص طرح اشتراڪي انقلاب کان پوءِ، انهن جي وڌيڪ چٽائي ٿي وئي آهي. پر اهي اصول ۽ جزا پنهنجي ڇڙوڇڙ حالت ۾ انساني تاريخ جي سڀني انقلابن ۾ موجود رهيا آهن. جڏهن ته اهي پنهنجي منظم ۽ نمايان حيثيت ۾ رڳو مڪي پاڪ مان اڀرندڙ انقلاب ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. تنهن ڪري هيٺ اسلامي انقلاب جي حوالي سان انهن تي ڪجھه وڌيڪ روشني وڌي پئي وڃي. ڇو ته انقلاب جي انهن بنيادي اصولن جي روشني ۾ ئي، قرآني فڪر ۽ پاڻ ڪريمﷺ جي جدوجهد جو حقيقي مفهوم سمجھه ۾ اچي سگھي ٿو. انقلابي اصول جي اها سهيڙ ختم نبوت جو هڪ دليل به آهي.
    ڪوبه نظام فڪر ۽ عمل يا زندگيءَ ۽ ڪائنات جو نظريو اوچتو ظاهر نه ٿيندو آهي، پر اهو پنهنجي هڪ تاريخ رکندو آهي. پنهنجي سهيڙ ۽ جڙڻ کان اڳ معاشرتي قوتون، انهيءَ کي آهستي آهستي وجود ۾ آڻينديون آهن. وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت جي طور تي اهو عوام جي جذبن ۽ خواهشن جي صورت ۾ موجود هوندو آهي ۽ تاريخ جي ڪنهن مناسب موڙ تي، ڪنهن باصلاحيت ماڻهو جي ذهني ڪوششن جي ذريعي، معاشري ۾ هڪ سگھاري ۽ اثرائتي قوت جي حيثيت سان اڀري سامهون اچي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ئي ڪنهن به نظريي يا فڪر ۽ عمل جو صحيح مطالعو، ان جي تاريخي بنيادن ۽ معاشرتي پاڙن جي پس منظر ۾ ئي ڪري سگھجي ٿو.
    اسلام پنهنجي فڪر ۽ عمل جو بنياد، يهوديت ۽ مسيحيت جي ميساريل اصلي سامي مذهبن ۽ آريائي ۽ زرد قومن جي شرڪ گاڏڙ مذهبن جي بدران، حضرت ابراهيم ؑ جي نظرين ۽ عقيدن تي رکيو. ڇو ته دنيا جي مذهبن جي تاريخ ۾، پوءِ ڀلي اهي اصلي سامي هجن يا آريائي ۽ زرد قومن سان تعلق رکندڙ هجن، رڳو حضرت ابراهيم ؑ جي شخصيت ئي اهڙي آهي جنهن جا ڪئي پاسا آهن ۽ جن جي ڪري پاڻ صحيح معنى ۾ بين الاقوامي شخصيت وارا آهن ۽ عالمگير فڪر جي شروعات ڪندڙ سڏيا وڃن ٿا.
    سندن شخصيت جو پهريون پاسو اهو آهي ته پاڻ نج توحيد جي فڪر کي اڀاريائون، جيڪو مختلف مذهبن جي شرڪ گاڏڙ تعليم ۾ دٻجي ويو هو. جڏهن ته انساني زندگي جي معاشي، ثقافتي ۽ نظرياتي پاسن ۾ وحدت جي اڏاوت، توحيد جي اقرار تي ئي ڪري سگھجي ٿي. وحدت الاهيه جو مفهوم وحدت انسانيت ۽ مڪمل آزادي آهي. ڊاڪٽر علي شريعتي ٻڌايو ته توحيد ۾ خدا جو هڪ ئي منهن هوندو آهي. يعني عوام جو منهن، جڏهن ته شرڪ ۾ خدا جا ٽي منهن هوندا آهن، يعني فرعون، هامان ۽ مذهبي پيشوا بلعم باعور جا منهن.
    قرآن به خدا کي الناس يعني پٺتي پيل، محروم، بکين، مجبور ۽ محڪوم جو رب (معاشي لحاظ کان) عوام جو حاڪم ۽ سربراهه (ملڪ الناس) ذهني، اخلاقي، ارتقا ۽ ذات جي تزڪيي جي لاءِ عوام جو نصب العين (الٰه الناس) چيو آهي. يعني معاشي، سياسي ۽ ثقافتي لحاظ کان عوام جي حاڪميت ۽ سربراهي جو قيام! انهيءَ نقطي نظر کان ڊاڪٽر شريعتي انهن سڀني معاشرن کي مشرڪ سڏيو آهي، جيڪي مختلف ٽڪراءَ وارن معاشي طبقن تي ٻڌل آهن. سورة العصر نبين کي شروعاتي معاشرن کان سواءِ سڀني طبقاتي معاشرن کي خساري يا ٽوٽي وارا معاشرا سڏيو آهي.
    حضرت ابراهيم ؑ جي شخصيت جو ٻيو رخ هي آهي ته انهيءَ دؤر جي مهذب دنيا ۾، پاڻ پنهنجي تحريڪ جا ٻه مرڪز قائم ڪيائون. هڪ مرڪز فلسطين ۾، جتي سندن وڏو پٽ اسحاق آزادي، برابري، علم ۽ ڀلائي ۽ بهترين سچائي جي ماپن تي، توحيدي معاشري جي اڏاوت جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو.
    ٻيو مرڪز حجاز جي مرڪزي شهر مڪي ۾ حضرت اسماعيل جو آهي، جتي هڪ قديم عبادتگاهه، جنهن جي نشاندهي قرآن ۽ شهرستاني ”الملل والنحل“ ۾ ڪئي آهي، اڏي پنهنجو فڪري مرڪز قائم ڪيو. جاگرافيائي لحاظ کان عرب جي ٻيٽ کي ڌرتي جي گولي تي هڪ مرڪزي حيثيت حاصل آهي. ڇو ته ان سان ايشيا، آفريڪا، ۽ يورپ کنڊن جون سرحدون ملن ٿيون. مڪو پنهنجو پاڻ به انهن مرڪزي شهرن ۽ اچ وڃ وارن رستن مان هڪ هو جن تي انهيءَ دؤر جي واپاري، تمدني ۽ علمي زندگيءَ جو دارومدار هو؛ جيئن ايٿنز، روم، انطاڪيه، سڪندريه، بلخ، ري، بغداد، دمشق، غزني، ٽيڪسلا ۽ ڪاشي (بنارس) وغيره هئا، جيڪي بين الاقوامي واپار ۽ علمن ۽ فنن جو مرڪز رهي چڪا هئا. انهن مان ڪجھه ته اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت به پنهنجي اڳوڻي حيثيت ۾ موجود هئا.
    فلسطين جو مرڪز ته يهودي يا عبراني قوم جي فڪر ۽ عمل کان ٿيندو حضرت عيسى ؑ کان پوءِ پنهنجي تاريخي پڄاڻي کي پهتو. پر يهوديه (Jodia) تي روم جو قبضو ٿي وڃڻ جي ڪري، حضرت مسيح جي تعليم، جيڪا اصل ۾ حضرت ابراهيم ﷺ جي ئي فڪر ۽ عمل جي هڪ شاخ هئي، سڄي يورپ ۾ پکڙجي وئي، جنهن کي اڳتي هلي سينٽ پال بگاڙي ڇڏيو ۽ اها ئي بگاڙيل مسيحيت يورپ جو مذهب بڻجي وئي.
    حضرت عيسى ؑ کان پوءِ مڪي جو مرڪز محمد عربي ﷺ جي بعثت جي ڪري، دنيا جي قومن ۾ مرڪزي حيثيت اختيار ڪري ورتي. اهڙي طرح حضرت ابراهيم ؑ جا ديني فڪر ايشيا، آفريڪا ۽ يورپ ۾ مشهور ٿي ويا ۽ انهيءَ مشهوري جي ڪري ئي حضرت ابراهيم ؑ جي فڪر جو ڪردار بين الاقوامي ٿي پيو.
    يهودي ذهنيت، مڪي جي ابراهيمي توحيد واري مرڪز کي نظرانداز ڪري، فلسطين جي هيڪل سليماني سان پنهنجي پاڻ کي واڳي ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي بين الاقوامي حيثيت وڃائي ڇڏي. انهيءَ جي برخلاف مسيحيت پنهنجي تعليم جي اشاعت کي بين الاقوامي شڪل ته ڏني، پر توحيد جي خالص نظرياتي بنياد جي جاءِ تي تثليت، ڪفاري، موسوي شريعت جي منسوخي ۽ دنياوي زندگيءَ کي خيرآباد چئي رهبانيت کي پنهنجائي ورتو. انهيءَ طرز عمل جي ڪري يهوديت جي مذهبي گروهه بندي وانگر مسيحيت به هڪ مذهبي گروهه بڻجي وئي ۽ پاپائيت (يعني هڪ ماڻهو) کي هڪ جدا مرڪز بڻائي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ڪيتريون ئي خرابيون پيدا ٿي ويون، ۽ مارٽن لوٿر جي مذهبي سڌاري جي تحريڪ ڪَرُ کنيو، ٻئي پاسي صنعتي يورپ ۾، سائنسدانن ۽ انسان دوست دانشورن جي طرف کان، ڪليسا جي سائنس دشمني ۽ عقيدن جي اختلاف کي بنياد بڻائي، انسانن تي خوفناڪ ظلم ۽ ڏاڍ جي ڪري، مذهب کي رد ڪيو ويو ۽ ان جي جاءِ تي سيڪيولر نقطي (Secularism) کي عام شهرت ملي وئي. تنگ نظر قوميت جي تصور جي عالمگير مسيحي امت جي تصور جاءِ والاري ورتي. ان کان سواءِ مسيحيت، يهوديت وانگر مذهبي گروهه بندي ۽ رسمن ۽ ظاهر پرستي سان گڏ وياج تي مبني معاشي نظام کي به پنهنجائي ورتو، جنهن اڳتي هلي تمام ئي خونخوار ۽ بي رحم سامراجيت جي صورت اختيار ڪري ورتي. انهيءَ سامراجي ۽ وياج تي مبني معيشت ايشيا، آفريڪا، ۽ لاطيني آمريڪي قومن جي مزدورن جي محنت جو بڇڙي نموني استحصال ڪيو ۽ انهن جي زرعي، معدني، پئٽرول ۽ سون ۽ جواهرن جي ذخيرن کي تمام ئي بيشرميءَ سان لٽيو. مسيحيت جي حالت ايتري تائين پهچي وئي جو ڪليسا جهڙي تمام ئي وڏي تنظيم جي هوندي، اولهه جي قومن جا اڇي چمڙي وارا ماڻهو، ٽن سئو سالن تائين آفريڪا جي رهاڪن کي پڪڙي برطانيا ۽ خاص طرح آمريڪا ۾ وڪرو ڪندا رهيا. غلاميءَ جي هيءَ اها تمام ئي مڪروهه، ڏاڍائي ۽ بي رحمي واري صورت هئي، جنهن جو مثال قبل مسيح وارين تاريخن ۾ به، غلامن تي اهڙي ڏڪائيندڙ ظلم ۽ زيادتي جو ڪٿي به نٿو ملي. غلامن کي آڻڻ جي لاءِ برطانيه جي راڻي جيڪو جهاز ڏنو هو، انهيءَ جو نالو به جهاز المسيح هو.
    اسلام جي جامعيت ۽ عالمگير هجڻ جو هڪڙو دليل هيءُ به آهي ته هن آريائي ۽ زرد قومن جي مذهبن ۽ ان جي مقدس بانين جو جيتوڻيڪ چٽائيءَ سان ذڪر نه ڪيو آهي، ڇو ته اهي قومون ان جون سڌوسنئون مخاطب نه هيون، پر اهو چئي ڪري ته هن ڪجھه نبين جا نالا ٻڌايا آهن، ۽ ڪن جا نالا نه ٻڌايا آهن (المؤمن آيت 87)، سامي نسل جي نبين کان سواءِ به سڀني قومن جي رهبرن کي پنهنجي پروگرام ۾ شامل ڪري ڇڏيو. انهيءَ کان سواءِ نموني جي طورتي حضرت لقمان، جيڪو گھڻي ڀاڱي مفسرن وٽ نبي نه هئو، جي تعليم کي به پنهنجائي ورتو. سائرس (ذوالقرنين) ۽ ذوالڪفل (مهاتما ٻڌ) جهڙن آريائي مذهبن جي بانين جو مختصر ذڪر ڪري، پنهنجي تعليم جو دائرو انهن قومن تائين پکيڙي ڇڏيو. هڪ حديث پاڪ ۾ جناب ڪرشن جو هن طرح ذڪر ڪيو ويو آهي ته ”اسمه کاهن لونه اسود“ يعني ان جو نالو ڪاهن ۽ رنگ ڪارو آهي ان جو وطن هند آهي.
    شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ نبوت ۽ نبوت جي قابليت جي موضوع تي هڪ ڊگھو بحث ڪيو آهي. اهڙي طرح قرآن ڪجھه اصحابن جي فيصلن کي به وحي الاهي جي سند عطا ڪري، اهو ٻڌائي ڇڏيو ته هر اها تعليم، راءِ يا مشورو، جنهن جو بنياد انسان جي ذهني سڌاري، اخلاقي سٿرائي، معاشي ۽ سياسي برابري، آزادي، امن ۽ سلامتي ۽ وحدت فڪر تي ٻڌل هوندو ته اصل ۾ اها الله جي ئي ڳالهه آهي، ڇو ته الله تعالى الناس (عوام) جو پالڻهار، مالڪ ۽ معبود آهي. انهيءَ کان سواءِ قرآن عبادتن جي شڪل کي اهميت نه ڏني آهي، رڳو نفس جي پاڪائي، اخلاقن جو سڌارو، ۽ عوام جي سار سنڀال تي زور ڏنو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ انساني عزت ۽ مرتبي جو دارومدار نسل، رنگ قوميت، مذهب يا ٻوليءَ جي بدران پرهيزگاري يعني سٺن اخلاقن، محبت، برابري، علم ۽ نيڪيءَ تي رکيو آهي.
    تنهن ڪري اسلام کان اڳ، جتي يهوديت ۽ مسيحيت جي تعليم ميسارجي چڪي هئي، اتي يونان، ايران، چين، اسڪندريه ۽ هندستان جي مذهبَ ۽ فلسفياڻا فڪرَ ۽ اسڪولَ به زندگيءَ جي مسئلن کان الڳ ٿي چڪا هئا. انهن مان ڪجھه ته رڳو تاريخ جي صفحن ۾ پساهه کڻي رهيا هئا ۽ باقي ٻين جو زمين تي نالو نشان به باقي نه رهيو هو.
    اسلام نبوت واري سلسلي جي خاتمي جو اعلان ڪري جتي داخلي عقليت (Inductive Rationalism) ۽ تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي انساني مسئلن کي اڪلائڻ ۽ سلجھائڻ جي اهميت کي مڃيو، اتي هاڻي ٻئي ڪنهن نبي جي نه اچڻ جو اعلان ڪري انساني وحدت جي خلاف ڪنهن نئين مذهبي گروهه جي اڏاوت جو دروازو سدائين جي لاءِ بند ڪري ڇڏيو. انهيءَ ڪري مولانا عبيدالله سنڌي فرمايو آهي ته ختم نبوت جي عقيدي کي اڄوڪي ٻوليءَ ۾ اسلامي انقلاب جو بين الاقوامي پروگرام چيو ويندو.
    حضرت ابراهيم ؑ جي شخصيت جو ٽيون رخ الاهي تجلي جي ظاهر ٿيڻ جي صابيت کان حنفيت ڏانهن منتقلي آهي. انهيءَ مسئلي تي شاهه ولي الله دهلوي ؓ، جيڪو هندستان ۾ اسلامي فڪر جو سڀ کان وڏو شارح ۽ انساني وحدت جو زبردست مبلغ آهي، روشني وڌي آهي. انهيءَ جي باري ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، جيڪو شاهه ولي الله جي حڪمت جو سڀ کان وڏو مفسر آهي، شاهه ولي الله جي انهيءَ تصور جي وضاحت ڪندي فرمائي ٿو:
    ”شاهه صاحب جي تصوف ۾ اهو ئي ڪمال آهي ته هو تجلي الاهي جو مسئلو اهڙيءَ طرح سمجھائي ٿو جو ان جو هڪ پاسو ته واجب الوجود (جنهن جي لاءِ هر مذهب پنهنجو الڳ نالو ڏنو آهي) سان من وجه عينيت واري نسبت رکي ٿي. يعني انهيءَ تجلي سان تعلق رکڻ تي چئي سگھجي ٿو ته اسان الله تائين پهچي وياسين“. ”ٻئي پاسي تجلي پنهنجي مظهر جي رنگ ۾ اهڙيءَ طرح رنڱجي وڃي ٿي جو انساني عقل ۽ باطني حواس جو وچ انهيءَ سان تعلق پيدا ڪري سگھي ٿو. ۽ هن کان پوءِ اهو چوڻ صحيح هوندو آهي ته مون خدا تعالى کي ڏٺو يا ان جي ڳالهه ٻڌي!“
    ”انهيءَ طرح جي هڪجهڙائي کان پوءِ آرين فلاسافي (حڪمت) ۽ سامي نبوت ۾ اختلاف ختم ٿي ويندو“.
    (شاهه ولي الله ڪي حڪمت ڪا اجمالي تعارف، ص 85)
    انهيءَ باري ۾ پروفيسر محمد سرور فرمائي ٿو ته:
    ”مولانا سنڌي مذهب جي باري ۾ سموري انساني فڪر جي ارتقائي ڪشمڪش کي ٻن حصن ۾ ورهائي ٿو. هڪ حصو جيڪو حضرت ابراهيم ؑ کان پهريان گذري چڪو آهي، جنهن کي صابي دؤر چئجي ٿو. ٻيو حصو حضرت ابراهيم ؑ کان حنيفيت جي دؤر تي مشتمل آهي“.
    ”آدم ؑ جي زماني کان وٺي جيڪي شريعتون مقرر هيون، اهي انهيءَ فلسفي جي ماتحت هيون ۽ انهيءَ زماني جي ضرورتن کي پورو ڪنديون هيون. جيئن جيئن انسانيت ترقي ڪندي وئي، تيئن تيئن انهيءَ فلسفي جي تشريحن ۾ به واڌارو ٿيندو ويو. حضرت ابراهيم ؑ کان پهريان وارو دؤر صابئن جو دؤر آهي. تاويل الاحاديث ۾ انهيءَ دؤر جي (جنهن ۾ حضرت آدمؑ، ادريسؑ، نوحؑ ۽ ابراهيمؑ کان اڳ وارا نبي سڳورا داخل آهن) پوري تشريح ملندي. حضرت ادريسؑ طبعي، ارضياتي ۽ الاهي علمن جو باني سمجھيو وڃي ٿو. حڪمت جي انهن قسمن جو مرڪز بدلبو رهيو. ڪڏهن هند، ڪڏهن ايران ۽ ڪڏهن يونان. ان کان پوءِ ابراهيمي دؤر آيو. حنيفن انهيءَ فلسفي جي صورت کي ٻئي رنگ ۾ پيش ڪيو. فلسفو اهو ئي آهي جيڪو صابئين جي دؤر ۾ هو، انهيءَ جي تشريحي صورت بدلبي پئي وڃي“.
    ”لفظ ”صابي“ جي تشريح ۾ مولانا فرمايو ته مشهور عرب تاريخدان ابن اثير هندن، چينين، يونانين ۽ ٻين قديم قومن کي صابي سڏي ٿو. صابي عقيدن ۾ نظارا پرستي جي بنياد تي ٻڌل دين آهي. انهن وٽ لدني علم جي تجلي، روشن ستارن تي ٿيندي آهي ۽ قدرت جي نظارن جي درسني ۾ خالق جو جلوو نظر اچي ٿو“.
    حنيفيت ۾ انهيءَ تجلي جي جلوي واري جاءِ ڪامل ماڻهن جي دل آهي. انهيءَ کي حنفي ملت ۾ ”نبي ڪريم ﷺ“ چيو ويندو آهي. عام مسلمانن حران ۾ رهڻ واري هڪ محدود فرقي کي صابي سمجھيو آهي. اصل ڳالهه هينئن آهي ته اسلام، عيسائيت ۽ يهوديت کان سواءِ، باقي قومن جي ماڻهن کي صابئين ۾ ڳڻيو وڃڻ گھربو هو“. (افڪار و حالات، مولانا عبيد الله سنڌي، ﷺ 85-86)
    مولانا فرمائي ٿو:
    ”ٻين ملڪن جا عالم، جيڪي گذريل صدي ۾ جدت وارو فڪر رکن پيا، انهن مان جن کي شاهه صاحب جا قرآني، حديثي ۽ فقهي علم پهتا، سي ان جو چڱيءَ طرح قدر ڪندا رهيا. پر شاهه صاحب جي تصوف کي مڃڻ انهن جي لاءِ تمام ڳري ڳالهه هئي. انهيءَ مان اهي سمجھن ٿا ته اسان ايرانيت ۽ هنديت ڏانهن ويجھو پيا ٿيندا وڃون. جڏهن ته اهي سامين ۽ آرين قومن ۾ هڪ ٽڪراءُ ثابت ڪرڻ ۽ پنهنجي پنهنجي ڳالهه کي مٿي ڪرڻ جي لاءِ ضروري سمجھن ٿا. حجاز ۾ رهندي، اهڙي قسم جي ماڻهن سان اسان جو گھڻو واسطو پيو. پر جڏهن اسان انهن جو پنهنجي عظيم مقصد ڏانهن ڌيان ڇڪايو جيڪو آرين قومن کي سامي نبوت جي سمجھائڻ سان پيدا ٿئي ٿو ۽ انهيءَ سان انسانيت جيترو بلندي تي پهچي ٿي، انهيءَ جي لاءِ شاهه صاحب جي تصوف، رستي جي خرابين کي ٻهاري ڇڏيو آهي، ته اهي انهيءَ جو قدر ڪرڻ لڳا“.
    (شاهه ولي الله ڪي حڪمت ڪا اجمالي تعارف ص، 86)
    اهڙيءَ طرح شاهه ولي الله ۽ ان جي مفسر مولانا عبيد الله سنڌي حضرت ابراهيمؑ جي حنيفيت ۽ نبوت ۽ صابي يعني آريا قومن جي حڪمت ۾ هڪجهڙائي ڏئي اسلام کي بين الاقوامي فڪر قرار ڏئي ڇڏيو.
    اسلامي انقلاب جي بين الاقوامي رخ کي واضح ڪرڻ کان پوءِ هاڻ انهيءَ جو قومي رخ پيش ڪيو وڃي ٿو.


    اسلامي انقلاب جو قومي ۽ ذاتي پس منظر

    مڪي جي بين الاقوامي حيثيت جي ڪري اتي هر سال هڪ واپاري پڙي لڳندي هئي جنهن کي ”سوق عڪاظ“ چيو ويندو هو. اها پِڙي طائف کان مڪي تائين ڏهن ملين جي علائي تي پکڙيل هوندي هئي. انهيءَ ۾ هندوستان، چين، ايران، حبشه، مصر، سمرقند، بخارا، مطلب ته ڏورانهن ملڪن جا واپاري پنهنجو مال کپائڻ جي لاءِ آڻيندا هئا ۽ گڏوگڏ پنهنجي مذهبن، فڪرن، فلسفن ۽ ٻين علمن کي به آڻيندا هئا. انهيءَ ڪري ئي مڪي ۾ سڀني مذهبن جي بنيادي تعليم، فڪرَ ۽ نظريا پکڙيل هئا. انهيءَ صورتحال کي ڏسي ڪري اها ڳالهه پڪي طرح چئي سگھجي ٿي ته اسلام رڳو عرب ۽ حجاز جي مقامي حالتن جي پيداوار نه هو، پر انهيءَ جي نظرياتي جوڙجڪ ۾ دنيا جي سڀني مذهبن جي فڪرن، رسمن ۽ مختلف فلسفن جي مڪتبن به حصو ورتو هو. انهيءَ باري ۾ مولانا سنڌي فرمائي ٿو ته:
    ”قرآن حنيفيت ۽ صابيّت، ٻنهي قومن جي فڪرن جو بلڪل وچ آهي. صابي ذهنيت به انهيءَ نور مان فائدو ماڻي سگھي ٿي ۽ حنيفيت به. حضرت ابن عباس$ جي هڪ حديث ۾ روايت ٿيل آهي ته ”کل ارض مثل آدمکم و نوح مثل نوحکم“. فرمايائون ته ”هتي ارض جو مطلب قوم آهي ۽ دنيا کي ستن وڏين قومن، تهذيبن يا جهانن ۾ ورهائي سگھجي ٿو.“ تورات، انجيل ۽ قرآن رڳو اهڙي طرح جي هڪ قوم جي تاريخ آهي. انهيءَ قسم جا واقعا لڳ ڀڳ سمورين قومن تي گذري چڪا آهن.“
    مولانا صاحب فرمايو: اهو سمجھڻ ته الله تعالى جا پيغمبر ۽ خلق خدا کي سڌي واٽ ڏيکارڻ وارا رڳو دجله ۽ فرات جي ماٿرين ۽ شام ۽ حجاز ۾ ئي آيا، ڪنهن به طرح مڃڻ جوڳو نه آهي.
    مولانا صاحب وڌيڪ فرمايو:
    ”شاهه صاحب (شاهه وليُّ اللهؒ) جي انهيءَ فڪر مان ئي مون اهو سمجھيو ته قرآن مجيد قومن کي گڏائي هڪ ڪندڙ آهي ۽ اهو رڳو هڪ گروهه يا قوم جي تاريخ جي بيان تائين محدود نه آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ان ۾ گھڻو تڻو ذڪر بني اسرائيل جي نبين جو ڪيو ويو آهي، پر اهو به هڪ مصلحت ۽ وقت جي گھرجن موجب هو. پڪ سان فڪر به انسانيت وانگر لامحدود هوندو آهي. پر جڏهن اهو ٻين کي ٻڌائڻ جي لاءِ خاص لفظن ۽ حرفن ۾ بيان ڪرڻو هجي، ته مخاطبن کي ڌيان ۾ رکندي، ان کي هڪ خاص وقت ۽ علائقي سان مخصوص ڪرڻو پوندو آهي. قرآن جي انداز جي حدبندي به انهيءَ سبب جي ڪري ئي آهي. پر انهيءَ جي باوجود، هر هنڌ ان جي آيتن ۾ سمايل مفهوم جي عالمگيريت ۽ جامعيت بلڪل چِٽي آهي. جيڪڏهن ماڻهو قرآن جي مطالعي ۾ غور ۽ فڪر کان ڪم وٺي ته ان تي اها ڳالهه واضح ٿي ويندي ته سموري انسانذات قرآن پاڪ ۾ پنهنجو مطلب ۽ مقصد حاصل ڪري سگھي ٿي.“ (افڪار و حالات: صفحه86)
    انهيءَ ڪري اسلام حضرت ابراهيمؑ جي تحريڪ کي، سامي قومن جي دائري مان ڪڍي، آريائي ۽ زرد قومن (صابئين) تائين پکيڙي ڇڏيو ۽ يهوديت ۽ نصرانيت کان سواءِ، غير سامي قومن جي ڏاهن جي فڪرن ۽ نظرين مان به استفادو ڪيو. انهيءَ کانسواءِ يهوديت ۽ مسيحيت جي فڪري ۽ عملي غلطين جي خلاف جدوجهد، اسلام جي نظرياتي ۽ سماجي ماحول جي تياري ۾ تمام گھڻو حصو ورتو.
    ذاتي پس منظر:
    پاڻ ڪريم ﷺ جن، نبوت کان اڳ وارن پنهنجي واپاري سفرن ۾، مختلف قومن جي معاشي ۽ معاشرتي حالتن جي مطالعي ۽ مشاهدي مان نتيجا اخذ ڪيا. مظلوم ۽ محروم فردن جي عملي سهائتا جي لاءِ پاڻ هڪ عوام دوست ۽ انساني همدردي واري مجلس، ”حلف الفضول“ جو بنياد وڌائون. ڇو ته اهڙي نموني جي هڪ تحريڪ بني اسرائيل جي نبين ۾ به قائم رهي چڪي هئي جنهن کي ايسينية (Essenies) چيو ويندو هو. حضرت عيسى ؑ به انهيءَ فرقي يا تحريڪ جو هڪ رڪن هو. اهو فرقو حضرت عيسى ؑ کان پوءِ عيسائيت ۾ ضم ٿي ويو هو. ويجھڙائيءَ ۾ ئي انهيءَ فرقي جا آثار بحيره مردار کان اٺ ميل پري هڪ ڀِڙي جي کوٽائيءَ مان لڌا ويا آهن، جيڪا انهيءَ فرقي جي هڪ وسندي هئي.
    ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ٻڪرين چارڻ جي محنت ۽ تڪيلف جي احوالن کان واقفيت ۽ پنهنجي اعلى اخلاقن جي ڪري عوام جي اندر صادق ۽ امين جي حيثيت ۾ شهرت ماڻڻ، حجر اسود کي پنهنجي جاءِ تي لڳائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجي ڏاهپ سان عرب قبيلن ۾ هڪ خونخوار جنگ کي روڪڻ واري تدبير سان، سندن امن دوستي ۽ جنگ ۽ فساد کان نفرت جو اظهار هو. سوق عڪاظ جي ڪري مڪي ۾ پکڙيل مذهبن ۾ موجود فڪري غلطين ۽ انهن مذهبن جو انساني زندگي جي عملي مسئلن سان لاتعلقي ۽ بي عملي تي غار حرا جي خاموش اڪيلائين ۾ ويچارڻ، اهي سڀئي ڳالهيون پاڻ ﷺ جي فڪري طريقيڪار جو ڏس ڏين ٿيون.
    غار حرا ۾ ڳوڙهي سوچ ويچار کانپوءِ پاڻ ﷺ جن سمجھي ڇڏيو هو ته، تاريخ جي شروعاتي دورن کان ئي ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، آقا ۽ غلام جي وچ ۾ هڪ ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءَ جي ڪيفيت هلندي پئي اچي. اهڙي طرح مختلف قومن، ملڪن ۽ معاشي طبقن ۾ اندروني ڇڪتاڻ ۽ خونخوار فسادن جي نوعيت ۽ انهن جي سببن جي کين واقفيت ٿي چڪي هئي. ايراني ۽ رومي سامراجي حڪومتن جي وچ ۾ هلندڙ جنگ ۾ ٻنهي طرفن کان غلامن تي ٻڌل فوجون حصو وٺنديون هيون ۽ انهن ڊگھي عرصي تائين هلندڙ جنگين، جن جو اصل سبب طبقاتي ڇڪتاڻ ۽ ٽڪراءُ هو، عربن جي واپار ۽ انهن جي رستن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جن تي قريش ۽ ٻين عرب قبيلن جا واپاري قافلا ايندا ويندا هئا.
    آخرڪار انهيءَ ڳڻتي، سوچ ويچار ۽ غور ۽ فڪر رمضان مهيني جي سترهين تاريخ جي بابرڪت رات جي آخري حصي ۾، جنهن کي قرآن ڪريم ”ليلة القدر“ چيو آهي ۽ جڏهن پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ چاليهن سالن جي ٿي چڪي هئي، وحي الاهيءَ جي روشني ۾ سورت علق جي پهرين پنجن آيتن ۾ زندگيءَ کي ٻيهر سکيو ستابو ۽ جاري ساري رکڻ، انسانن وچ ۾ نسل، قوميت، رنگ، مذهب ۽ ٻوليءَ ۾ فرق جي بنياد تي پيدا ٿيڻ وارن ويڇن ۽ تصورن کي ٻاهر ڪري ڇڏڻ، فطرت جي مظهرن جي پوڄا جي جاءِ تي انهن جي مطالعي ۽ انهن ۾ ڪم ڪرڻ وارن قانونن کي سمجھڻ ۽ انهن کي انسان جي تعميري مقصدن ۽ ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ تخليق جي مسئلي کي صحيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو بنيادي تصورَ مهيا ڪري ڇڏيا، پر عملي اُپائن جو دڳ به سمجھائي ڇڏيو ويو.
    تنهن ڪري اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ جي انهن ذاتي، قومي ۽ بين الاقوامي حالتن ۽ وحي الاهيءَ جي روشنيءَ ۾ وجود جي اصليت (Ontology) ۽ علم (Epistemology) جي بنيادي مسئلن جو حل ڏيڻ سان، نبوت واري سلسلي جي خاتمي جا سبب مهيا ڪري ڇڏيا، جنهن جو مطلب اهو هو ته پهرين وحي کان پوءِ، اچڻ وارن زمانن ۾ انسان کي وري وري نبوت جي رهنمائي جي ضرورت نه رهندي، پر هو پنهنجي علم ۽ تجربي ۽ وحي الاهي جي انساني زندگيءَ جي سڀني رخن تي، ان جي بنيادي جزن جي روشنيءَ ۽ مدد سان، پنهنجي مقصد حيات يعني عالمگير روحاني، غير طبقاتي معاشري جي منزلن تائين پهچ حاصل ڪرڻ جي قابل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ هڪ فرد پنهنجو پاڻ کان بيگانو ٿي وڃڻ واري ڪُن مان ڇوٽڪارو ماڻي وٺندو ۽ انسانيت پنهنجي وڃايل وحدت ۽ جنت کي ٻيهر حاصل ڪري وٺندي.


    اسلامي انقلاب جي پهرين منزل

    ڀاڱو پهريون: صبح ولادت

    وانت لما ولدت اشرقت الارض
    وضائت بنورک الافق

    فنحن في ذلک الضياء في النور
    وسهل الرشاد نخترت

    (العباس بن مطلب)
    پرهه ڦٽيءَ جو پهر هو. ربيع الاول جو چنڊ ستارن جي جھرمت کي ڏسي ڪيتري دير تائين دير اڳي لڪي ويو هو. باک جو سوجھرو ستارن جي ٿڌي مٺي روشني تي سوڀارو ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. جون مهيني جي گرمي کي بياباني رات مڪمل شڪست ڏئي ڇڏي هئي. جبل عرفات کان بوقبيس تائين بيابان جون نرم هٻڪارون، صبح جي ٿڌڙين هيرن سان گڏ نخري سان اچي رهيون هيون. سج جا سونهري ڪرڻا، بحر الهادي ۾ وهنجي سهنجي ڪيترائي ڪلاڪ پهريان روانو ٿي چڪا هئا ۽ هوانگ هو جي ماٿري ۾ لاتزي جي سادي زندگي، ڪنفيوشس جي آڳاٽي وضع داري ۽ گوتم ٻڌ جي آرين مارگ (صراط مستقيم) سان ڀاڪر ۾ هئا. هتان کان اڳتي وڌي گنگا ۽ جمنا جي لهرن کي گھوريندي اهي ڪرڻا، سون وانگر جرڪندڙ ماٿري ۾ بيهي ويا هئا، ڇو ته سمرقند اوڀر جو يونان بڻجي ويو هو.
    ٿورو اڳتي يوناني ۽ ساساني غلامن جون فوجون پنهنجي آقائن جي لاءِ فارس کان آفرڪا ۽ اطاليه تائين تباهي مچائي رهيون هيون. انهيءَ سان گڏوگڏ يونان، شام، روم ۽ هند جي بهترين ڪتابن جو پهلوي ٻوليءَ ۾ ترجمو به جاري هو. اهو فلسفو، جيڪو جسٽينين جي حڪم سان ايڪيتاليهه سال پهريان پنهنجي مدرسن کي بند ڪري چڪو هو، مختلف ملڪن ۾ پکڙجي پنهنجي آڳاٽن بحثن کي جاري رکيو ويٺو هو. پر مذهب، لڙائي ۽ واپار سڄي دنيا کي ٻن طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ ظالم (آقا) ۽ ٻيو مظلوم (غلام) هو.
    حجاز:
    ريگستاني عرب جو اهو علائقو، جنهن کي هاڻي حجاز چون ٿا، نه ته هن وقت تائين ڪنهن سڪندر جي حڪم هيٺ آيو آهي، نه ئي ڪنهن فاتح کي هن پاسي وڌڻ جي جرئت ٿي آهي. هزارين سالن کان سج ۽ چند مڪي جو طواف ڪندا رهيا، پر اڄ تائين انهن واپاري سرگرمين ۽ مهمان نوازي جي محفلن کانسواءِ ٻيو ڪجهه ناهي ڏٺو. هزارين سالن کان حج اڪبر جي موقعي تي، مذهب جيڪو واپار ۽ امن جو فرمان جاري ڪري ڇڏيو هو، اهو اڃا تائين جاري آهي. حج اصغر يعني اعتدال شمسي يا خريف ڪتيءَ جي مند ۾ به مذهب اڳيان اچي ٿو ۽ امن جي اعلان سان واپار ترقي ڪري ٿو. بهرحال مقصد واپار ۽ خوشحالي آهي. انهيءَ ڪري ئي مذهب جي ڪا واٽ مقرر نه آهي. بي ديني کان بت پرستي تائين جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀئي جاري آهن. انڪار ۽ اقرار، ڪفر ۽ ايمان جا جيترا به طريقا ٿي سگھن ٿا، سڀني جا ساٿي هتي موجود آهن. مطلب ته مهذب دنيا ۾ رڳو حجاز ئي هڪ اهڙو علائقو آهي، جتي سڀني مذهبن کي معاش جي لاءِ جيئاريو ويو آهي. اتي ڪنهن هڪ خيال يا پارٽي يا شخص جي حڪومت نه آهي، پر انهيءَ خيالن جي فرق ۽ جاودگريءَ هڪ طرح سان خيالن جو ڳٺ جوڙ پيدا ڪري ڇڏيو آهي.
    محرم ۾ ابرهه جو لشڪر تباهه ٿي ويو هو. حملي جي دوران ئي سڀئي حاجي سفر جي تياري ڪري چڪا هئا ۽ واپارين جا قافلا عڪاظ ڏانهن روانو ٿي چڪا هئا. مڪي ۾ حملي جي پنجويهن ڏينهن کان پوءِ خاموشي ڇانيل هئي. ربيع الاول جي نائين يا ٻارهين تاريخ هئي. پرهه ڦٽيءَ جو نور اڃا پوري طرح نه پکڙيو هو جو سڄو جهان محمد عربي ﷺ جي ڄمڻ سان پرنور ٿي ويو ۽ فاطمه زوجه بن ابوالعاص ؒ جيڪا سيده آمنه وٽ موجود هئي اهو ڏسي حيران ٿي وئي ته انهيءَ رات جو آسمان جا ستارا وڌيڪ چمڪندڙ ۽ ويجھا پئي محسوس ٿيا. ڄڻ ته سموري ڪائنات خليل الله جي دعا ۽ مسيحا جي خوشخبري تي گھور ٿي رهي هئي.
    رَبَّنَا وَابْعَثْ فِيْہِمْ رَسُوْلًا مِّنْھُمْ يَتْلُوْا عَلَيْہِمْ اٰيٰـتِكَ وَيُعَلِّمُہُمُ الْكِتٰبَ
    وَالْحِكْمَۃَ وَيُزَكِّيْہِمْ۝۰ۭ اِنَّكَ اَنْتَ الْعَزِيْزُ الْحَكِيْمُ۝۱۲۹ۧ
    (خليل الله جي دعا: سورة بقره)
    وَمُبَشِّرًۢا بِرَسُوْلٍ يَّاْتِيْ مِنْۢ بَعْدِي اسْمُہٗٓ اَحْمَدُ۝۰ۭ
    (مسيحا جي خوشخبري: سوره الصف)
    مطلب جي آڪهه ۾ خوشيءِ جون هيرون گھلڻ لڳيون. ابولهب پنهنجي ٻانهي ثوبيه کي انهيءَ خوشيءَ ۾ آزاد ڪري ڇڏيو. سيده آمنه ننڍڙي محمد (صه) کي ٻن چئن ڏينهن تائين کير پياريو، ان کان پوءِ ثوبيه پيارڻ شروع ڪيو.
    عربن جي رواج موجب سردارن جي ٻارن کي کير پيارڻ جي لاءِ ڳوٺاڻيون عورتون وٺي وينديون هيون، پر محمد ﷺکي يتيم سمجھندي ڪنهن نه ورتو. آخرڪار سعديه قبيلي جي هڪ عورت حليما، خالي هٿين موٽي وڃڻ بدران يتيم محمد ﷺ کي وٺي وڃڻ ئي مناسب ڄاتو. اهو بنو سعد قبيلو، طائف جي چراگاهن ۾ ڦرندو هو ۽ بنو هوازن جي هڪ شاخ هو. هن قبيلي جي ٻولي پوري عرب جي لاءِ فصاحت ۽ بلاغت جو مثال هئي. انهيءَ ڪري ئي پاڻ فرمايو هئائون:
    انا من اعرابکم انا من قريش و لساني لسان بني سعد بن بکر
    ”مان نج عرب آهيان، ڇو ته مان قريش منجھان آهيان ۽ منهنجي ٻولي به نج آهي، جيڪا بنو سعد ۾ ٻولي ڳالهائي ويندي آهي“.
    هيءُ بنو سعد قبيلو طائف جي ويجھو رهندو هو. هتان ئي مڪي وارو واپاري گس لگهندو هو، جنهن تي هر سال حج جي مهينن ۾ ڏهه ميل ڊگھو هڪ ميلو لڳندو هو، جتي سڀني قومن جا ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. ننڍپڻ ۾ هتي ئي پاڻ سڳورن ﷺ کي سموري عرب ۽ دنيا جي قومن جي حالتن کي سمجھڻ جو موقعو مليو.

    نبوت کان اڳ
    ٻولي ۽ بيان جي تعليم:
    شروع کان ئي عرب جي سڀ کان فصيح ٻولي، جيڪا بنو سعد ۾ ڳالهائي ويندي هئي، پاڻ ﷺ جي ڪنن ۾ ٻُرندي هئي. مڪو جيتوڻيڪ هڪ غيرآباد ماٿري هيو، پر طائف وري انهيءَ رڻ ۾ هڪ جنت جو ٽڪرو هو. بنو هوازن ۽ نبو ثقيف جا ميدان ۽ چراگاهه طائف جي اوسي پاسي ۾ هئا.
    طائف مڪي جي ڏکڻ ۾ آهي ۽ اڄ تائين مڪي وارن ۽ حاجين جي لاءِ ميون ۽ ڀاڄين جي منڊي بڻيل آهي. انهيءَ جاءِ تي حضر موت (يمن) جي رستي هندستان جو مال، صنعاء يمن ۾ ايندو هو ۽ حضر موت جون کارڪون، يمن جو قهوو ۽ اَنُ قافلن سان گڏ هتي ايندو هو. يمن جي ئي ويجھو، سمنڊ جھاڳي سوڊان ۽ حبشه جا واپاري به ايندا ويندا هئا جيڪي ٻيڙين وسيلي پر گھڻو تڻو اٺن جي ذريعي طائف کان ٿيندي مڪي ۽ پوءِ مڪي کان شام، عراق ۽ مصر ويندا هئا. اهي قافلا سياري ۾ (رحلة الشتاء) يا وري گرمين ۾ (رحلة الصيف) هلندا هئا. طائف ۾ لات ديوي جو مندر هو. هر قوم ۽ ملڪ جا مسافر عربن جي اڳواڻي ۾، مختلف بازارن ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ طائف ۽ مڪي کان ضرور لنگھندا هئا. مڪي ۾ هر قوم جا بُتَ هئا. طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ عڪاظ جو ميلو لڳندو هو سو عرب جي سڀني ماڻهن جو هڪ اسڪول هو. انهيءَ ڪري ئي پاڻ ڪريم ﷺ ننڍپڻ کان ئي رجب ۽ ذي الحج جي ميلن کي ڏسڻ، ان جي مسافرن ۽ مذهبي اڳواڻن ۽ واپارين جي حالتن کي سمجھڻ شروع ڪيو هو. يعني ٻن يا ٽن سالن جي عمر کان ئي پاڻ ﷺ کي سمجھه اچي وئي هئي. پاڻ ننڍپڻ کان ئي نبي ٿي چڪا هئا.
    عرب جو ادبي ماحول:
    شاعري جا مجموعا جيڪي شايع ٿي چڪا هئا. شاعرن جو خيال هو ته شاعري انهن جي پنهنجي صلاحيتن جو نتيجو نه هئي. پر جِنَن جي مدد جو نتيجو هئي. انهن عشق، غزل يا تشبيب سدائين عورت جي ذڪر سان شروع ٿيندي هئي انهن جي جنگي فرياد، بحر رجز جي وزنائتن لفظن ۾ هوندي هئي ۽ دشمن جي دل کي لوڏي ڇڏيندي هئي. انهن جا قصيدا بدلي جي باهه کي اهڙو ته ڀڙڪائي ڇڏيندا هئا، جو ڪيترن ئي نسلن تائين قصاص جو سلسلو هلندو رهندو هو. انهن جي شاعري واکاڻ، خود ثنائي تي ٻڌل هوندي هئي ۽ پنهنجي پوري قبيلي جي عظمت جو اظهار ڪندي هئي يا وري گلا ۾ هوندي هئي. اها گلا پنهنجي مخالف جو نالو نشان ئي مٽائي ڇڏيندي هئي. انهن جي قصيدن جي شاعراڻي تمهيد ۾ عربي زندگيءَ جي سادگي، انهن جو سفر، انهن جي اٺن ۽ قدرتي حالتن جو بيان دلين ۾ تير ۽ ڀالا بڻجي کپي ويندا هئا.
    انهيءَ وقت جي مشهور شاعر امراء القيس، عمرو بن ڪلثوم، طرفه، نابغه، علقمه، الاعبثيل لبعيد، ڪعب بن زهير جا خوبصورتي سان سينگاري لکيل شعر ڪعبي تي لٽڪيل هئا. تابط شرا ۽ شنفره جي شاعري دليري ۽ بهادري جا معيار مقرر ڪري ڇڏيا هئا. سخاوت، دليري، غيرت، ننگ ۽ حڪمت سيکارڻ وارن شاعرن جي کوٽ نه هئي. کل ڀوڳ ۽ چرچن ۾ به کين ڪمال حاصل هو. اميه بن ابي الصلت جو ڪلام گھڻو ڪجھه قرآن سان ملندڙ جلندڙ هو. انهيءَ ۾ شڪ جي ڪابه گنجائش نه هئي ته مڪو نه رڳو واپار ۽ مذهب جو مرڪز هو، پر شعر ۽ شاعري، تقرير ۽ داستان گوئي جو به مرڪز ۽ معيار هو.
    انهيءَ ادبي ماحول ۾ پاڻ ﷺ جي ذهني پرورش ٿي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ دعوت اسلام کان پهريان ئي پاڻ شاعري ۽ تقرير جا بهترين نقاد هئا ۽ کين عرب جي شاعرن جا شعر گھڻائيءَ سان ياد هئا. عرب شاعرن جي ڪلام جا ڪيترائي نمونا اڃا تائين موجود هئا، پر اهي انسان ۾ خود اعتمادي پيدا ڪرڻ جي بدران شيطانن تي ڀروسو ۽ قسمت تي شاڪر رهڻ سيکاريندا هئا. پاڻ سڀني کي ادبي حقيقت پسندي (Literary Realism) جي معيار تي پرکي انهن کي بيڪار ۽ بيهوديون ڳالهيون سڏيو هو. سندن سڄي ڄمار انهيءَ ڳالهه جي شاهد آهي ته سندن هر ڪلام کي، پوءِ توڙي اها ادبي هجي يا اخلاقي، ديني هجي يا سياسي، حق هجي يا باطل، پرکڻ جو معيار پنهنجو هو. اهو هيءُ ته اهو ادب يا اخلاق جيڪو خود اعتمادي سان خدا شناسي سيکاري ٿو، اهو ئي حق، خدا طرفان ۽ سٺو آهي، نه ته اهو باطل، شيطاني ۽ بڇڙو آهي.
    پاڻ طائف جي ميدان ۾ ملهه وڙهڻ، کانڀاڻي هلائڻ ۽ پنهنجي حفاظت ڪرڻ سکي چڪا هئا. مديني ۾ جڏهن ماءُ سان گڏ آيا ته ترڻ به سکي ورتو هو. مڪي واپس ويندي ابواء جي هنڌ ماءُ گذاري وئي. اهو خود اعتمادي جو ٻيو سبق هو. ام ايمن يتيم ۽ بي سهاري ٻار کي مڪي ۾ وٺي آئي. قضا ۽ قدرت جا ڪارندا، جيڪي سندن تعليم تي مقرر هئا، ڇهن سالن جي ٻالڪ کي دنيا جي ور وڪڙ واٽن تي هلڻ سيکاري رهيا هئا!
    عبدالمطلب ۽ ابو طالب جي ڪفالت:
    ڏاڏي مطلب خوشيءَ خوشيءَ سان ٻالڪ کي پنهنجي سنڀال ۾ ورتو ۽ سندس وفات جو ويجهو ٿيو ته کين وقت ابوطالب جي حوالي ڪري ڇڏيو. عبدالمطلب کان پوءِ حرب بن اميه طاقتور رئيس بڻجي ويو ۽ عباس کان رفاعه يعني حاجين کي ماني کارائڻ واري سعادت به کسي ورتي. رڳو زمزم يعني سقايه عباس بن عبدالمطلب وٽ رهجي ويو. آمدني نه هجڻ جي ڪري ابوطالب تنگي ۽ غربت جي زندگي گھاري رهيو هو. پاڻ نه رڳو ابوطالب سان گڏ ٻڪريون چاريندا هئا، پر مزدوريءَ تي ٻين جون ٻڪريون به چاريندا هئا ته جيئن ڀاڻڀرا رهن.
    شام جو سفر:
    حضرت يعقوبؑ جي زماني کان وٺي نبطي قوم الحجر (پٿرا) ۾ واپار جي اڪيلي ٺيڪيدار هئي. رومين جي زماني ۾ جيڪي شاهي دڳ تعمير ٿيا هئا، اهي يمن ۽ فارس تائين واپارين ۽ فوجن جو لنگھه هئا. هڪڙو دڳ عبيله (هاڻوڪو عقبه) تائين ويندو هو. انهيءَ دڳ جي هڪ شاخ دمشق تائين ۽ ٻي غزه تائين ويندي هئي. هاشم بن قصي جي وفات غزه ۾ ئي ٿي هئي. الحجر (پٿرا) جي ڏکڻ ۾ بصرى هو ۽ سوق عڪاظ جي واپار جو رخ انهيءَ پاسي هوندو هو. ابوطالب 12 نبوي ۾انهيءَ شهر (بصرى) جو سفر ڪيو هو ۽ پاڻؐ جن به ساڻن گڏجي هلڻ لاءِ ضد ڪيو هو.
    حجاز جا ٽي شهر تمام ئي اهم هئا. طائف، مڪو ۽ يثرب. اهي ٽئي شهر انهن مک دڳن تي موجود هئا، جن کان عربن جو واپار لنگھي مڪي تائين پهچندو هو، اتان کان شام، مصر عراق ۽ حبشه تائين خشڪي ۽ سامونڊي رستي اونهاري ۽ سياري جي مندن ۾ انهيءَ واپار جا قافلا پهچندا هئا. اونهاري جو واپار (رحلة الصيف) بهار جي مند ۾ شروع ٿيندو هو. انهيءَ موقعي تي طائف ۽ مڪي جي وچ ۾ وڏو ميلو لڳندو هو، جنهن کي حج اڪبر چوندا هئا. واپار جي بازار گرم هوندو هئي ۽ هر ملڪ جو مال مٽا سٽا جي لاءِ موجود هوندو هو. هند جا واپاري، زيارتي ۽ مهاجر سمرقند ۽ بخارا، ايران ۽ عراق، شام ۽ روم ۽ مصر ۽ حبشه جي واپارين سان ملي ڪري، هڪ ٻئي جي ملڪن جي داستانن کي ٻڌندا هئا. شاعرن ۽ خطيبن، افسانا ٻڌائندڙن ۽ جوتشين ۽ مسافرن کي انهيءَ زماني ۾ هيءَ دولت مفت ۾ ملندي هئي.
    طائف کان مڪي ويندي دڳ تي هڪ نخله نالي هنڌ اچي ٿو، اتي عزى ديوي جو مندر هو. ان جا پوڄاري ابوطالب جا دوست هئا. پاڻ سڳورن ﷺ طائف وارن جي ايذاءَ کان بچي، هن ئي نخله واري هنڌ پناهه ورتي هئي. نخله کان اڳتي مڪو هو. اتي جيڪا جاءِ بتن جي لاءِ بڻيل هئي، اها حضرت ابراهيم ؑ جي زماني کان قائم هئي. انهيءَ کي ڪعبو چيو ويندو هو. ان جي هڪ ڀت ۾ هڪ ڪارو پٿر ”حجر اسود“ لڳل هو، جنهن کي حضرت ابراهيم ؑ لڳايو هو ۽ انهيءَ جي سامهون کان ئي طواف شروع ٿيندو هو.
    طائف زرخير هو، پر مڪي جو علائقو غيرآباد هو. انهيءَ ڪري انهيءَ جي آباديءَ جي گذر سفر جو دارومدار ڪعبي جي زيارتين ۽ مختلف ملڪن جي واپار جي اپت تي هئو. مڪي جي آبادي انهن خاندانن تي ٻڌل هئي، جيڪي قريش جو اولاد هئا. قريش بنو اسماعيل هئا، يعني عرب جا آڳاٽا رهاڪو نه هئا، پر حضرت اسماعيل ؑ جي زماني کان انهن عرب کي پنهنجو وطن بڻايو هو.
    چوٿين صدي عيسوي ۾ ايران ۽ قسطنطينه جي جنگين جي ڪري واپاري دڳَ بند ٿي ويا، جنهن ڪري مڪي جو وڻج واپار ٿڌو ٿي ويو هو. پاڻ ﷺ جي حقيقي چاچي هاشم قيصر ۽ نجاشي سان واپاري ٺاهه ڪيا هئا ۽ پنهنجي ڀاءُ عبدالدار کان ڪعبي جي خدمت جا ٻه شعبا کسي ورتا، جنهن ڪري پاڻ ﷺ جي وقت تائين هاشمين ۽ عبدالدار وارن جي پاڻ ۾ اڻبڻت هلندي ٿي آئي. پاڻ ﷺ جي ڄمڻ کان چاليهه ڏينهن اڳ يمن جي گورنر ابرهه مڪي تي هَلان ڪئي. الله جي قدرت سان سڄو لشڪر هاٿين سميت تباهه ۽ برباد ٿي ويو.
    حج جا ميلا:
    حج جي مهينن ۾ امن رهندو هو. سڀني مهذب ملڪن جا واپاري قافلا ايندا هئا. مڪي ۾ ٺهندڙ چم جون شيون، خوشبو، دوائون، کنئور ۽ ملم جي لاءِ بلسان جو وڪرو ٿيندو هو. شام جا سُڪل ميوا ۽ ڳاڙهسري نارنگي رنگ جا ڪپڙا، عراق جون تلوارون، بحرين جي موتين ۽ سپن جون ٺهيل شيون، حبشه جا ٿانو ۽ غلام، ايران جون قالينون ۽ چاندي جا ٿانو، شرابَ ۽ ڳههَ به وڪرو ٿيندا هئا. شراب جي محفلن ۾ ناچ ۽ راڳ جو هُل لڳو پيو هوندو. شاعر اٺن تي چڙهي پنهنجا شعر ٻڌائيندا ۽ داد وٺندا هئا. خطيب فصيح ٻوليءَ ۾ خطبا ڏيندا هئا. اها مند بهار جي هوندي هئي. ٻين ملڪن ۾ ته رڳو هڪ مهينو بسنت يا بهار جو ميلو لڳندو هو جڏهن ته ايران ۾ نوروز، فلسطين ۾ عيد فصح ۽ ايسٽر ٿينديون هيون. مڪي ۾ ٽن مهينن – ذي القعد، ذي الحج ۽ محرم– جي مهينن ۾ ميلو لڳندو هو. اهي ٽي مهينا خوشين ۽ امن امان جا مهينا هوندا هئا.
    مذهبي اهميت:
    هن ميلي ۾ نه رڳو سڀني ملڪن جا واپاري ايندا هئا، پر سڀني مذهبن جا پوئلڳ به ايندا هئا. هندو رڳو ڀاڄيون کائيندو هو، يهودي سوئر ۽ اٺ جو گوشت نه کائيندو هو ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ڪوبه ڪم نه ڪندو هو، عيسائي سڀ ڪجھه کائيندو هو. ٻئي پاسي ٻانهي ۽ غلام تي هر مذهب جو آقا سخت هوندو هو. غلام وڪرو ڪندڙ گھڻو ڪري ائين ڪندا هئا ته ماءُ هڪ ماڻهوءَ کي وڪرو ڪري ڏني ته ٻار وري ٻئي ماڻهو کي وڪڻندو هو. آسودو واپاري پنهنجي حفاظت جي لاءِ ڪيترائي غلام رکندو هو پر غريب مسافرن ۽ غلامن جو ڪو حال پڇڻ وارو ڪونه هو. تنهن ڪري اهي ميلا وڏي نظر رکڻ واري جي لاءِ عبرت جي سبق کان گھٽ نه هئا.
    يتيم محمد ﷺ ۾ هاڻي ايتري سمجھ اچي وئي هئي ته هو مختلف قومن ۽ هڪ قوم جي مختلف طبقن يعني غلام ۽ آقا جي صحيح حالت جو اندازو ڪري سگھي ۽ انهن مان سبق وٺي. هاڻي ان ڳالهه جي ضرورت نه هئي ته ڪو بحيرا راهب يا ڪو نصراني يا ڪو زرتشي رسول الله ﷺ کي اهو ٻڌائي ته غريبن، يتيمن، بيواهن ۽ غلامن جي هڪ اهڙي ٽولي آهي، جنهن جي ساهه ۽ عزت جو دنيا ۾ ڪو مُلهه نه آهي. انهن جي ڄمار ٻين جي لاءِ آهي ۽ انهن جي مصيبتن جو ڇوٽڪارو رڳو سندن موت آهي. مطلب ته حالتن جو مطالعو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ﷺ جي اندر طبقاتي نقطه نظر پڪو پختو ٿي چڪو هو. افسوس آهي جو مسلمان عالمن، سنت نبوي جي پيروي ۾ طبقاتي نقطه نظر اپنائڻ ۽ بيڪسن، مظلومن ۽ پيڙهيل طبقن جي اهنجن جو احساس ڪرڻ جي بدران، غلامي جي اداري کي هٿي ڏئي، معيشت جي جاگيرداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام جي طور تي پنهنجائي ورتو. ڳالهه اڃا اتي ختم نٿي ٿئي؛ مشين جي ايجاد کان پوءِ صنعتي سرمائيداري نظام کي به اسلامي معاشي نظام سڏي، محنت جي استحصال کي جائز سمجھيو ويو. اهڙيءَ طرح اسلام جي نالي تي هڪ اهڙو معاشي نظام پنهنجايو ويو، جنهن ۾ غريب مزدور ۽ هاري جي مقابلي ۾ جاگيردار، مالدار ۽ صنعتي سرمائيدار کي الله جي جوڙيل تقدير سمجھيو ويو. ائين اڄ تائين ”ہے وہی سرمایہ داری بندہ مؤمن کا دین“ وانگر سرمائيداري نظام کي اسلامي نقطه نظر کان جائز سمجھيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري ئي عالمن جا خطبا، تقريرون ۽ تفسيرون امت جي زوال کي روڪي نه سگھيون؛ ايتري تائين جو ابراهم لنڪن غلاميءَ کي ختم ڪيو ۽ مارڪس جي سائنسي تحقيقن جاگيرداري ۽ صنعتي سرمائيداري تي ڳاٽي ٽوڙ ڌڪ هنيون.
    شام جي سفر ۾ پاڻ هي ڏٺائون ته رستي ۾ ڪجھه شهر وايران پيا آهن. انهن تي خدائي عذاب نازل ٿيو هو ۽ اهي تباهه ڪيا ويا هئا. رومي، مصري، يوناني ۽ ايراني رهڻي ڪهڻي ۽ انهن جي مٽ سٽ ٻولين ۽ مذهبي ۽ سماجي ريتن رسمن کي به چڱيءَ طرح ڏٺائون ۽ محسوس ڪيائون. پاڻ ڏٺائون ته انهن ۾ ڪي ته الله تعالى جي نعمتن سان فيضياب آهن ۽ وڏو تعداد اهڙڻ ماڻهن جو آهي، جيڪو عرب جي واپارين وانگر محنت مزدوري جي زندگيءَ ۾ گھيريل آهن. چون ٿا ته انهيءَ سفر ۾ پاڻ ﷺ تي بحيرا راهب جي سادگي ۽ خداپرستيءَ جو گھرو اثر ٿيو. هو هڪ نسطوري توحيد پرست فرقي جو عيسائي هو ۽ انهيءَ دؤر ۾ آريوس ۽ نسطورين وغيره جي موحد ساٿين تي تثليث پرستن جيڪي ظلم روا رکيا هئا، تن بابت هيءُ راهب داستان ٻڌائيندو هو. بهرحال، اهو چوڻ صحيح نه آهي ته ڪنهن هڪ راهب يا دستور يا غلام يا رومي آفيسر کان پاڻ ﷺ انهيءَ زماني جي معاشري جو صحيح نقشو سکيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته پاڻ ﷺ جي شروعاتي سادي ۽ فطري پالنا، سندن اندر اها صلاحيت پيدا ڪري ڇڏي هئي ته جڏهن کين بازنطيني ۽ ايراني تمدن سان واسطو پيو ته ان جي ظاهري ڏيک ويک کان پاڻ مرعوب نه ٿيا، پر پاڻ انهيءَ شهري زندگيءَ جي اندروني اوڻائين کي هڪ ئي نظر ۾ سمجھي ورتائون. امير هجي يا غريب، هر ماڻهو مڪي وارن وانگر خوف، بک ۽ بدحاليءَ ۾ گرفتار نظر ايندو هو، ڇو ته هر ماڻهو دولت گڏ ڪرڻ کي ئي پنهنجي زندگي سمجھيون ويٺو هو. مال جي لالچ هر ماڻهوءَ کي اجتماعي طورت تي سوچڻ ۽ عام انساني ڀلائي تي سوچڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو.
    پوءِ هيءُ به سوچڻ گھرجي ته چاليهن سالن جي عمر تائين پاڻ لڳاتار واپار جي ڌنڌي سان لڳا رهيا ۽ عرب جي هر ڪنهن بازار ۽ ميلي (حج جي گڏيل واپاري سرگرمين) ۾ شامل ٿيا ۽ عرب کان ٻاهر به عيسائي ۽ مجوسي ملڪن ۾ ويا ۽ رڳو هڪ بحيرا راهب کي نه، پر سوين راهبن، برهمڻن ۽ غير عرب ڀوپن ۽ واپارين کي ڏٺو.شام جي سفر کان پوءِ اهم واقعن منجھان حرب الفجار ۾ عملي طرح حصو نه ڳنڍڻ ۽ حلف الفضول جي منڊلي جو قيام، حضرت خديجه سان نڪاح، شام ۽ يمن ۽ بحرين تائين جو سانگ ۽ ڪعبي جي اڏاوت ۾ حصو ڳنڍڻ رسول الله ﷺ جي زندگيءَ جا اهم موڙ آهن.
    حرب الفجار:
    ابن سعد جي چوڻ موجب، پاڻ ﷺ جي عمر ٽيهن سالن جي لڳ ڀڳ هئي جو حرب فجار ڇڙي پئي. هن لڙائيءَ کي فجار يا ناجائز انهيءَ ڪري چون ٿا جو هيءَ محرم مهيني ۾ شروع ٿي هئي، جيڪو امن وارو مهينو هو. پاڻ ﷺ جن ويڙهه ۾ حصو نه ورتو، رڳو پنهنجي چاچن ڏانهن جيڪي تير اچن پيا، تن کي روڪين پيا. هن ويڙهه جي غلط نوعيت جي ڪري پاڻ ان ۾ حصو نه ورتائون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته پاڻ جائز ۽ ناجائز جنگين ۾ فرق رکندا هئا، تنهن ڪري ئي ناجائز جنگ باقاعده شريڪ نه ٿيا.
    حلف الفضول:
    عرب ۽ مڪي جي معاشري ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ويڙهه ٿيندي هئي. مظلوم جو ڪوبه دانهن ٻڌڻ وارو نه هو. يعني اهڙي ڪابه عدالت ڪونه هئي، جيڪا انصاف ڪري سگھي ۽ ڪمزور کي سندس حق ڏياري سگھي. هن معاهدي جي ڪري مظلومن کي هڪ وڏو سهارو ملي ويو ۽ غاصب ڊڄڻ لڳا. هن جماعت جي ٺهڻ جو سبب هيءُ ٿيو جو عاص بن وائل کي يمن جي ڪنهن رهاڪو پنهنجو مال وڪرو ڪري ڏنو، پر عاص پنهنجي سرداري جي مغروريءَ ۾ کيس پئسا نٿي ڏنا. يمني پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم جي دانهن ڪجھه شعرن ۾ ظاهر ڪئي، جن کي ٻڌي ڪري قريش قبيلن جا سربراهه عبدالله بن جدعان جي گھر ۾ گڏ ٿيا ۽ بنو هاشم، بنو المطلب، اسد، زهره ۽ تيم وارن هي عهد ڪيو ته:
    (1) اسان مان هر ماڻهو مظلوم جي حمايت کي پنهنجو فرض سمجھندو، جيستائين جو کيس حق نه ملي وڃي.
    (2) جيستائين مظلوم کي سندس حق نه ملي وڃي، اسان مان ڪير به سک سان نه ويهندو.
    پاڻ انهيءَ معاهدي ٿيڻ وقت موجود هئا ۽ ان کان پوءِ پاڻ فرمايائون ته انهيءَ جماعت جي رڪنيت مون کي ڳاڙهن اٺن کان به وڌيڪ پياري هئي ۽ هاڻي به جيتوڻيڪ اسلامي دؤر آهي، پر مان هن قسم جي ٿيندڙ معاهدي جو دل سان طرفدار آهيان. سندن انهن لفظن مان مڪي واري انقلاب جو رجحان ۽ نصب العين متعين ٿئي ٿو ته هي انقلاب مراعتون ڏنل طبقي جي خلاف هو ۽ محنت ڪندڙ مزدور ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي مفادن جو حامي هو. پر اسان جي مفسرن ۽ عالمن، ملوڪيت جي گھرجن جي اثر ۾ اچي، انهيءَ نصب العين کي پوئتي اڇلائي ڦٽو ڪيو، انهيءَ ڪري ئي ڪنهن تفسير يا تقرير ۾ انهيءَ نصب العين جي حمايت نظر نٿي اچي ۽ اهو طبقو اڃا تائين ڪسمپرسي جي حالت ۾ گھيريل آهي.
    مڪي جي تعمير:
    حلف الفضول کان پوءِ جڏهن پاڻ ﷺ جي عمر مبارڪ پنجويهن سالن جي ٿي ته سندن امانت ۽ ديانت جو چرچو پري پري تائين هُلي ويو هو. انهيءَ زماني ۾ ڪعبي جي اڏاوت ڪمزور ٿي وئي هئي. هيٺاهين ۾ هجڻ جي ڪري اوسي پاسي جي جبلن تان مينهن جو پاڻي ٻوڏ جي شڪل ۾ اچي گڏ ٿيندو هو. ڪعبي جي ڀتيون ماڻهوءَ جي قد برابر هيون ۽ ڇت تي هبل جو بت کوڙيل هو. قريشن هڪ رومي مستريءَ جي مدد سان ان جي ڀتين کي وري اوساريو ته ان وقت حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکڻ جو شرف، هر قبيلي جو رئيس حاصل ڪرڻ گھري پيو. ڪن ته رت جي پيالي ۾ هٿ ٻوڙي انهيءَ شرف کي حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو. آخرڪار سڀني جي گڏيل صلاح سان اها ڳالهه بيٺي ته سڀاڻي صبح جو جيڪو ماڻهو سڀن کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيندو اهو ئي حجراسود کي پنهنجي جاءِ تي رکندو. محمد عربي ﷺ ئي صبح جو سڀ کان پهريان حرم ۾ داخل ٿيا ۽ سڀني چئي ڏنو ته هي امانتدار ئي انهيءَ ڪم جي لاءِ سڀ کان ڀلو آهي. پاڻ هڪڙي چادر وڇائي حجراسودکي انهيءَ تي رکيائون ۽ سڀني رئيسن کي چيائون ته سڀئي ماڻهو چادر جي پاندن کي پڪڙي مٿي کڻن. جڏهن پٿر ڇاتيءَ جيترو مٿي کڄي ويو ته پاڻ پٿر کي کڻي ڪري ان جاءِ تي رکيائون جتي اڄ تائين کوڙيل آهي. اهڙيءَ تدبير تي سڀئي خوش ٿي ويا.
    بين الاقوامي تعليم:
    حديثن مان ثابت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن نه رڳو شام جون بازارون ڏٺيون هيون، پر يمن ۾ جرش ۽ اولهه ۾ بحرين تائين به ويا هئا. هتي ايراني حاڪم منذر بن ساوي حڪمران هيو ۽ يهودين ۽ عيسائين جي وڏي آبادي هئي. اهڙيءَ طرح يمن جي غلامن جي فوج جي مدد سان 585ع ۾ حبشي حڪومت ختم ڪئي وئي هئي. سعدي ڪرب تخت تي ويٺو هو. ان کي وهزار ماريو ۽ پاڻ حاڪم بڻجي ويٺو. هتي يهودي ۽ عيسائي حڪومت رهي چڪي هئي ۽ هن وقت تائين اتي عيسى ؑ کان گھڻو اڳ وارين مختلف قومن جا آثار ڏٺا وڃن ٿا. اها ڳالهه به پڪي آهي ته ڇهين صدي عيسوي کان گھڻو پهريان، ٻڌ ڌرم سمرقند کان مصر ۽ يونان تائين پهچي چڪو هو. منڪريت بيديني ۽ انڪار جو هر تصور پوري مان ۽ شان سان، بڇڙي ۾ بڇڙي بت پرستي سان گڏوگڏ هلي رهيو هو. مطلب ته مختلف قومن جي ڄاڻ پاڻ ﷺ کي شام ۽ عرب جي بازارن، حج جي ميلن ۽ هر قسم جي ماڻهن جي ملاقاتن سان حاصل ٿي، ۽ پڻ مڪي مان به حاصل ٿي جيڪو سڀني مذهبن جو سال ۾ ٻه دفعا مرڪز بڻجي ويندو هو.
    حضرت خديجه سان نڪاح:
    پاڻؐ جن فطري طرح دنيا کي ڏسڻ گھرن پيا ۽ انهيءَ جو وسيلو رڳو واپار ئي هو. بيبي خديجه مڪي جي هڪ مالدار عورت هئي. هن پاڻ سڳورن ﷺ جي امانت ۽ ديانت جو حال ٻڌي، پنهنجي واپار جو منتظم بڻائي ورتو. پاڻﷺ جي ڪري هن جي واپار ۾ وڏو فائدو ٿيو. آخرڪار پاڻ ﷺ سان ان جو نڪاح ٿي ويو. نڪاح جي وقت حضرت خديجه جي عمر چاليهه سال ۽ پاڻ سڳورن ﷺ جي عمر پنجويهه سال هئي. سيده خديجه جو ڀائٽيو زبير بن العوام عشره مبشره مان هيو. بيبي خديجه 65 سالن جي عمر ۾ شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ وفات ڪري وئي. سورة والضحى ۾ (يعني تون مفلس هئين الله توکي آسودو ڪيو) جي لفظن ۾ حضرت خديجه سان تعلق ڏانهن اشارو آهي. ان مان پاڻ ﷺ کي چار نياڻيون زينب ؒ، رقيه ؒ، ام ڪلثوم ؒ ۽ فاطمه ؒ ٿيون ۽ ٻه پٽ قاسم ۽ طيب ڄاوا، جيڪي ٻاروتڻ ۾ ئي وفات ڪري ويا.
    پاڻ دنيا کي ڪيئن ڏٺائون:
    ننڍپڻ کان وٺي نڪاح تائين ۽ نڪاح کان وٺي نبوت جي ملڻ تائين پاڻﷺ جن خوف ۽ بک ۾ ڦاٿل انسانيت جي هر طبقي ۽ هر قوم جي غريب ماڻهن کي ڏٺو هو. ڪٿي اڻ ڏٺل قوتن جي خوف انسان جي ڪنڌ کي پوڄارين ۽ ڀوپن، بتن ۽ اڻ ڏٺل ڀوتن ۽ جنن جي اڳيان جهڪائي ڇڏيو هو ته ڪٿي مالدار يهودين وري قرض جي خوف ۾ انسان کي ڦاسائي رکيو هو. ڪٿي سامراجي فوجن آزاد انسانن کي قتل ۽ غلامي جي خوف ۾ اڙائي ڇڏيو هو ته ڪٿي وري جهالت ۽ اڻڄاڻائيءَ مريضن کي تعويذي ڀوپن جي غلاميءَ ۾ وڪوڙي ڇڏيو هو. ڪٿي ڪوڙي انا جي نالي تي شاعر پنهنجي بک کي قصيدن جي ذريعي مٽائي رهيا هئا. ڪٿي انسان بک ۽ تنگيءَ کان مجبور ٿي ڪري ظالمن ۽ جابرن جي چاپلوسي ڪرڻ تي مجبور هو، ايتري تائين جو انسان پنهنجي عزت وڪڻي پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور ٿي پيو هو. مطلب ته مذهب، سياست ۽ معاشرت جو ڪو هڪ پاسو به ذهني خوف ۽ جسماني بک کان خالي نه هو.
    هن دؤر جون سڀئي وڏيون تهذيبون، جهڙوڪ ڪابلي، ڪلدي، آشوري، رومي، مصري وغيره وغيره غلامن جي محنت جي استحصال ۾ ملوث هيون ۽ جنگين ۾ غلامن جي ذريعي پنهنجي سلطنت ۽ اقتدار ۾ واڌارو ڪنديون هيون. اتي غلام ۽ عورت ٻه مظلوم جنسون هيون. انساني معاشرو غلام ۽ مالڪ جي طبقن ۾ ورهائجي چڪو هو. مالڪن جي طبقي ۾ ڌن دولت جي ريڙهه پيڙهه، علم ۽ تهذيب جون برڪتون هيون، پر پوءِ به اهو طبقو پنهنجي اقتدار ۽ دولت جي حفاظت ۽ ان ۾ واڌاري جي لاءِ ڪمزور قومن کي غلام بنائڻ جي لاءِ جنگ ۽ فساد مچايون ويٺو هئو. غلام ۽ پوئتي پيل طبقا بک، جهالت، بدامني، ڏاڍ ۽ ظلم جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهيا هئا.
    افسوس آهي جو اسلام کان پوءِ به ملوڪيت جي اثر ۾ اچي، مسلمانن انهن سڀني خرابين کي پنهنجائي ورتو ۽ آڳاٽين تهذيبن وانگر، يورپ جي تهذيب جي ظاهري ڏيک ويک کان متاثر ٿي، اڄ به پنهنجي مسلڪ کان پاسيرا ٿي ويا آهن. انهن جون سموريون تفسيرون، تقريرون ۽ نصيحتون انهيءَ مراعتون ڏنل طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جو فرض نڀائي رهيون آهن.
    حق جا ڳولائو:
    غلامي، ظلم ۽ ڏاڍ، جنگ ۽ جھيڙو، جهالت، غربت ۽ بک ۾ گھيريل دنيا کي انهن خرابين کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ هر دؤر ۾ حق جي ڳولا ڪرڻ وارا به پيدا ٿيندا رهيا آهن. قرآن انهن مان گھڻن کي نبيءَ جو لقب ڏنو آهي.
    يورپ ۾ جيتوڻيڪ رومي ڪليسا ۽ شهنشاهيت جي حڪم هيٺ عقل جي استعمال کان روڪيو ويو هو، پر پوءِ به اهڙا ماڻهو موجود هئا، جيڪي حقيقتن جي ڳولا ۾ رهندا هئا. تعويذ جي جاءِ تي علاج ۽ انجيل جي جاءِ تي فلسفي کي پسند ڪندا هئا. اهڙا ماڻهو به هئا جن حق پرستي ۽ حق جي ڳولا ۾ پنهنجا سِرَ گھوري ڇڏيا.
    هندستان ۾ هندو فلسفو ۽ چانڪيه ٻڌ فلسفي جي عقليت جي صورت ۾ ظاهر ٿيو. هندستان ۾ جيتوڻيڪ تانترڪ مذهب به پکڙجي چڪو هو، ۽ ماڻهن جادو ٽوڻي، قرباني ۽ ڏنَ کي صوفياڻو رنگ ڏئي، عقل کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي، پر پوءِ به پنجين صدي کان ستين صدي تائين تاريخ علم ۽ عقل وارن جي ڪارنامن کان خالي نه آهي. جيتوڻيڪ عام ماڻهن جي پالي ٻولي ختم ڪئي وئي هئي ۽ علم کي ڳجھو رکڻ لاءِ سنسڪرت، يعني برهمڻ مذهب ۽ برهمڻي ٻولي ۾ ٻڌ کي جاري ڪيو ويو هو، تنهن هوندي به بڪرماجيت جي زماني (پنجين صدي عيسوي) ۾ اجين جيڪي نورتن پيدا ڪيا، اهي شعر، ٻولي ۽ طب ۾ اڄ به مشهور آهن. ڪاليداس، امر سنگھه ۽ ڌن ونتري جا نالا سدا حيات ٿي ويا آهن. ڇهين صدي ۾ آريه ڀٽ، وراهمي هيرا ۽ برهما گپت پيدا ٿيا. گپت نجوم ۽ رياضي جو ماهر هو. ستين صدي ۾ انهيءَ دؤر جو حالتون چيني سياح هيون سانگ لکيون آهن، جن مان خبر پئي ٿي ته راجه هرش پاڻ به شيو پرستي ڇڏي، ٻڌ ڌرم اختيار ڪري ورتو هو. نالنده يونيورسٽي ۾ برهمڻن ۽ بت پرستن جي مذهبن جي سنسڪرت ۾ تعليم ڏني ويندي هئي، جتي فلسفي، طب ۽ رياضيءَ جي تعليم به هوندي هئي ۽ مٿاهين ذاتين ۾ ڀلئون ڀلا ماڻهو پيدا ٿي رهيا هئا. جيتوڻيڪ اهي سڀئي ذات پات جي ٻنڌڻن ۽ پوڄارين ۽ برهمڻن جي ٻڌاين اصولن کان اڳتي وڌي نه سگھيا هئا، قدامت پرستي تمام ئي چوٽ چڙهي وئي هئي، پر جيڪي قدامت پرست هئا، اهي سنسڪرت ادب کان محروم ڪونه هئا.
    عرب، خاص طرح مڪو، سڀني قومن جو واپاري مرڪز هو. اوڀر ۽ اولهه، روم، هندستان ۽ ايران جا واپاري ۽ ڪي محبتي ماڻهو هتي اچي گڏ ٿيندا هئا. اهي عوام جي مشرڪاڻن وهم سان ڀريل عقيدن کان بيزار ٿي چڪا هئا. ستين صدي عيسوي ۾ ڪيترائي اهڙا نالا ملن ٿا، جن بت پرستي ڇڏي ڏني هئي، بتن جي نالي تي جيڪي ديڳيون لهنديون هيون ۽ جيڪي قربانيون ٿينديون هيون، تن کي اهي حرام سمجھندا هئا. نياڻين کي ماري ڇڏڻ گناهه ڀائيندا هئا ۽ اوائلي سادگي ۽ ايمانداري، جيڪا انسان جي فطري خصلت هئي ۽ جيڪا حضرت ابراهيم ؑ جي وقت ۾ الله وارن جاري ڪئي هئي، تنهنجا ڳولائو هئا ۽ ان کي جيئارڻ گھرن پيا. زيد بن عمر بت پرستي کي ڇڏي چڪو هو. ورقه بن نوفل عيسائي ٿي ويو هو ۽ انجيل جو عربي ۾ ترجمو ڪري رهيو هو. عبيدالله بن جحش رسول الله ﷺ جي شروعاتي ڪلام کي ٻڌو ۽ مسلمان ٿي ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويو. عثمان بن الحويرث قيصر روم وٽ هليو ويو هو ۽ عيسائي ٿي ويو هو. انهن حق جي کاهوڙين ۾ ابوبڪر صديق ؒ به شامل هو. مطلب ته ان قسم جا ڪيترا ئي حق جا ڳولائو هئا، جيڪي شرڪ جي ريتن رسمن کي ڇڏي حق جي ڳولا ۾ هئا. ايتري تائين جو رسول عربي محمد ﷺ بن عبدالله خدائي سڏ ٻڌو ۽ انهيءَ خوداعتمادي ۽ يقين سان گڏ جيڪو کين ورثي ۾ مليو هو، انسانيت جي اصلاح جي لاءِ ڪم شروع ڪري ڏنائون. هتان کان پاڻ ﷺ جي اها تاريخي زندگي شروع ٿئي ٿي، جنهن جي باري ۾ سمورو قرآن شاهد آهي ۽ جنهن جو هڪ هڪ لفظ، ڪلام الاهي هجڻ جي ڪري، انهيءَ ئي حالت ۾ محفوظ آهي، جنهن طرح رسول الله ﷺ جن مسلمانن کي ٻڌايو هو.
    محمد عربي ﷺ جن جيئن ئي نبوت جي منصب تي فائز ٿيا، ته کين تمام گھڻين تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ کان پهريان جيترا به نبي ٿي گذريا آهن، انهن کي به قرآن جي چواڻي شاهوڪار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا (سورة السباء، آيت 35). ائين اسان ڏسون ٿا ته سقراط کي زهر پياريو ويو، ڇو ته هن بت پرستيءَ جي خلاف نصيحت ڪرڻ شروع ڪئي هئي، ۽ نوجوانن جي اخلاقي سڌاري جي لاءِ، انهن کي ڏاهپ ۽ فڪر جون ڳالهيون ٻڌائيندو هو. حضرت موسى ؑ غلامن جو لشڪر وٺي رات جي وقت ۾ نيل درياءُ ٽپي رهيو آهي. حضرت عيسى کي ٽن سالن جي تبليغ کان پوءِ رومي ڪارندن ۽ يهودي عالمن کين سوري تي چاڙهڻ جي سِٽ سٽي. حضرت ابراهيم ؑ کي بتن جي پوڄا جي مخالفت ڪرڻ تي باهه ۾ وڌو ويو. ڪرشن جي کي پانڊئن جو حق ڏيارڻ جي لاءِ ڪورئن سان خوفناڪ جنگ وڙهڻي پئي، رام چندر جي کي چوڏهن سالن جي لاءِ ڏيهه نيڪالي جي سزا ڏني وئي. گوتم ٻڌ ملڪ مڏي ڇڏي بک ۽ بيماري ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي سالن تائين جاکوڙ ڪئي. زرتشت کي اتر ايران ڏانهن ڪڍيو ويو. ڪنفيوشس نيڪ ۽ سٺي حياتي جي تبليغ جي لاءِ در در رلندو رهيو. انهن سڀني حق جي طالبن کي مالدار طبقي جي هٿان اهنج ۽ ايذاءَ سَهڻا پيا. ڇو ته اهي سڀئي توحيد رباني جي بنياد تي غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ گھرن پيا. اهي آقا ۽ غلام، جاگيردار ۽ هاري، ڪارخانيدار ۽ مزدور جي ٽڪراءَ وارا مفاد رکڻ وارن طبقن کي ختم ڪري. غير طبقاتي معاشرو اڏڻ گھرن پيا. رسول عربيﷺ جيتوڻيڪ اهڙي رياست قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر سندن وفات کان پوءِ ٽيهن سالن جي اندر ئي نبوت واري طريقي تي هلندڙ خلافت کي مورثي بادشاهت ۾ تبديل ڪيو ويو ۽ اهو عمل اڄ تائين جاري آهي.

    نبوت ۽ ان کان پوءِ
    غار حرا ۾ ويچار:
    روم ۽ ايران جي ڇڪتاڻ وچ اوڀر جي واپار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو، جنهن ڪري ڪيترن ئي سالن کان شام، عراق ۽ مصر جو واپار بند ٿي چڪو هو. پاڻ سڳورن ﷺ جون واپاري سرگرميون ڏکڻ ۽ اوڀر عرب تائين محدود ٿي ويون هيون. پاڻ انسانيت جي انهيءَ تباهيءَ کي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا. ڇوٽڪاري واري واٽ جي ڳولا هئي، پر گس اڃا تائين نه مليو هو. ويجھا سنگتي به انهيءَ عالمي صورتحال کان پريشان هئا. ڪعبي جا پوڄاري ۽ ڀوپا به مايوس هئا.
    انهن حالتن ۾ پاڻ ڊسمبر (رمضان) جي مهيني ۾ مڪي کان ٽي چار ميل پرڀرو هڪ ٽَڪري ڏانهن هليا ويا ۽ رمضان جو سڄو مهينو انهن حالتن مان ڇوٽڪاري جي واٽ ڳولڻ جي لاءِ غور و فڪر ۽ ويچار ۾ گذاري ڇڏيائون.
    هن ٽَڪري کان ميلن تائين پکڙيل واريءَ جي رڻ پٽ کي ڏسي سگھجي پيو. هتي ڪجھه ڇِپون اهڙيءَ طرح هيون، جيڪي هڪ ڪوٺيءَ جي شڪل اختيار ڪري ويون هيون جتي هر وقت رات هجي توڙي ڏينهن، ماٺ ۽ سڪون هوندو هو.
    جيڪي ماڻهو ڳجھه جي رازن کان واقف آهن، تن کي خبر آهي ته هر ڪنهن کاهوڙي ۽ حق جي طالبن کي هڪ ئي گس تان هدايت ملندي آهي. حيرت آهي ته رڳو حق جي ڳولائن تي ئي روحاني عالم يا وجداني ڪيفيت طاري ٿيندي آهي. ماکيءَ جي مک کي پرواني واري دل جو درد ڇو نٿو ملي؟ حقيقت هيءَ آهي ته ڪروڙين انسانن ۾ رڳو هڪڙي ئي اک ٻاف يا بجلي جي سگھ کي سڃاڻندي آهي ۽ اربين انسانن ۾ ڪو هڪ ئي ماڻهو شايد انهيءَ جي لائق هوندو آهي ته هو ظلم ۽ ڏاڍ کي ختم ڪرڻ وارو گس سڃاڻي ۽ دنيا کي خوف، جهالت ۽ بک کي ختم ڪرڻ جو طريقو ٻڌائي، مراعتون ڏنل طبقي جي هٿان پاڻ تي ظلم ۽ زيادتيون سهي ٻين کي ڇوٽڪارو ڏياري سگھي.
    پهرين وحي جو نازل ٿيڻ:
    گھڻو ڪري 27 رمضان 610ع جي رات هئي جنهن ڪري چانڊوڪي جھڪي ٿي وئي هئي ۽ حرا جي غار ۾ جناب محمد عربي ﷺ نيم بيداري يعني مراقبي جي حالت ۾ ويٺا هئا جو اوچتو جبرئيل امين کين ڍڪي ورتو ۽ سورة العلق جون شروعاتي پنج آيتون نازل ٿيون:
    اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ الَّذِيْ خَلَقَ۝۱ۚ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ۝۲ۚ اِقْرَاْ وَرَبُّكَ الْاَكْرَمُ۝۳ۙ الَّذِيْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ۝۴ۙ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ يَعْلَمْ۝۵ۭ
    انهن پنجن آيتن ۾ اسلام جي ظاهر ٿيڻ کان اڳ وارن ڏهه هزار سالن جو معاشي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر موجود آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انسانن جي ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ حرا غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر ڪندا هئا. هنن پنجن آيتن ۾ کين انهيءَ دڳ جو ڏس ڏنو ويو، جنهن موجب رڳو هڪ آقا، هڪ مالڪ، هڪ پالڻهار جي ٻانهپ ڪئي وڃي ۽ ٻين آقائن، مالڪن ۽ پالڻهارن جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي ۽ انهن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي. ڇو ته انهن جي ڪري انسان ظالم ۽ مظلوم، آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي، انساني وحدت وڃائي چڪو هو. ان سان گڏ ئي جادوگرن، ڀوپن، شاعرن، مذهبي پيشوائن، بادشاهن ۽ مغرور اميرن کي، جيڪي غلامن جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪندا ۽ اقتدار تي قبضو ڪندا آهن، تن کي هڪ طبقي جي حيثيت ۾ ختم ڪيو وڃي ۽ اهو اعلان ڪيو وڃي ته سڀ انسان انساني مرتبي ۾ هڪجهڙا آهن. ڇو ته اهي سڀئي هڪ ئي خالق جا خلقيل آهن ۽ سڀئي پاڻ ۾ ڀائر آهن، ڇو جو انهن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار هڪ آهي. انهيءَ ئي کين علم ۽ سمجھه ڏني آهي. هو تمام ئي ٻاجھارو ۽ مهربان آهي ۽ انساني آقائن وانگر مطلبي نه آهي. خود غرضي، ٺڳي، ظلم ۽ جهالت ته شيطاني ڪم آهن. هنن پنجن آيتن ۾ انهيءَ ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته توحيد الاهيءَ جي تصور کي معاشري تي لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن معاشرو، جيڪو مخالف معاشي طبقن ۾ ورڇجي چڪو آهي، طبقن کي ختم ڪري هڪ وحدت جي شڪل اختيار ڪري وٺي. ڇو ته خالق عليم ئي رزق يا پيداوار جا وسيلا سڀني انسانن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن ۽ انهن کي عقل ۽ سمجھه عطا ڪري ڇڏي آهي ته جيئن اهي انهن وسيلن مان فائدو وٺي سگھن ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جو فائدو پاڻ ئي ماڻي. ٻيو ڪو ماڻهو انهن وسيلن تي قبضو ڪري، ٻين جي محنت جي ثمر تي قبضو نه ڪري سگھي. جيئن ته زراعت واري زماني کان وٺي انساني معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هو، تنهن ڪري وحدت الاهي جو مطلب وحدت انسانيت به آهي. اهي معاشي طبقا ڪٿان کان آيا آهن؟ انهيءَ تي مون پنهنجي تصنيف ” انقلاب مڪه“ ۽ ”فهم قرآن ڪي جديد منهاج“ ۾ طبقاتي پيراڊائم جي عنوان هيٺ تفصيل سان بيان ڪيو آهي.
    انهن پنجن آيتن ۾ جتي توحيد الاهي جي تصور کي، معاشرتي لاڳاپي سان توحيدي معاشري جي قيام تي روشني وڌي وئي آهي، اتي فلسفي جي ٻن بنياي مسئلن تي به توجھه ڏنو ويو آهي. يعني وجود (Ontology) ڇا آهي ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ جڏهن کان انسان سوچ ۽ سمجھه کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو آهي. اهي ٻئي مسئلا ان جي ڌيان هيٺ رهيا آهن ۽ فلسفي جي مختلف اسڪولن ان جو جواب ڏنو آهي.
    وجود ڇا آهي؟:
    انهيءَ جو جواب هن وقت تائين ٻن بنيادي نظرين تي ڏنو ويو آهي. پهريون هيءُ ته ڪائنات کي هڪ زنده، سمجھه ڀري ۽ مرضيءَ جي مالڪ هستيءَ خلقيو آهي. ٻيو هيءُ ته رڳو مادو ۽ ان جا قانون ڪائنات جي خلقت جو سبب بڻيا آهن. اهڙيءَ طرح فلسفي جي ڪجھه مڪتبن روح ۽ مادي کي الڳ الڳ وجود سڏيو آهي. انهن وٽ مادي ۾ حرڪت روح جي ڪري آهي. حرڪت سان گڏ ارادو به پيدا ٿيندو آهي. هيءُ ارادو پنهنجي مادي جسم جي حدبندين جو پابند هوندو آهي. جيئن ته ارادو روح ۾ ئي پيدا ٿيندو آهي، تنهن ڪري روح مادي تي سوڀارو رهندو آهي ۽ مادي کي حرڪت ڏيندڙ آهي.
    ماديت جي فلسفي جي لحاظ کان هر شيءِ مادي مان ٺهيل آهي. جهڙيءَ طرح تنبوري جي تارن مان آواز پيدا ٿيندو آهي، اهڙيءَ طرح حياتي يا زندگي به مادي مان پيدا ٿيندي آهي. جيڪڏهن تنبوري جون تارون وکري وڃن ته آواز پيدا نه ٿي سگھندو، ائين ئي جسم جي بناوت جي خاتمي سان زندگي به ختم ٿي ويندي آهي.
    ماديت مان ڏاڍ جو تصور پيدا ٿيندو آهي. جهڙيءَ طرح جانور ۽ ٻوٽا پنهنجا مخصوص عمل ڪرڻ تي مجبور هوندا آهن، ائين ئي انسان به مجبور آهي. هو جيڪو ڪجھه ڪندو آهي، انهن مادي جزن جي بڻاوت جي ڪري ئي ڪندو آهي، جيڪي ان جي جسم ۽ دماغ ۾ مخصوص اندازي سان آهن ۽ عملن کي حرڪت ڏيندڙ آهن. ڄڻ ته انسان به مادي شين وانگر بلڪل مجبور آهي. هيءُ فلسفو ماديت جو لازمي نتيجو آهي.
    فڪر جي ٻئي مڪتب وٽ روح ۽ مادو، ٻئي هڪ روح اعظم جي تخليق آهن جيڪو هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ۽ خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ هجڻ جي ڪري مختار ڪل آهي. هر شيءِ ڪنهن مقصد هيٺ خلقي وئي آهي. ڪابه شيءِ پنهنجي طور تي سٺي يا خراب نه آهي. خالق ڪنهن مقصد هيٺ سٺي يا خراب شيءِ بڻائي آهي. جيئن ته هو خلقيندڙ ۽ قدرت رکندڙ ۽ تمام ئي ٻاجھارو، حڪيم ۽ انصاف وارو به آهي، تنهن ڪري هو جيڪا به شيءِ پيدا ڪندو آهي، ڪنهن نه ڪنهن ڀلي مقصد لاءِ ئي پيدا ڪندو آهي.
    ماديت واري فلسفي جو سڀ کان وڏو عيب هيءُ آهي ته اهو تخليق جي مسئلي کي چڱيءَ طرح سنواري نه سگھيو. تخليق جي لاءِ ضروري آهي ته سمجھه، ارادو، زندگي ۽ مقصد موجود هجي. پر مادي ۾ نه زندگي آهي، نه سمجھه ۽ نه ارادي ۽ مقصد جو احساس آهي. جڏهن ته تخليق جي لاءِ لازمي طور اهڙي هستيءَ جي موجودگي ضروري آهي، جيڪا اهي گڻ رکندي هجي.
    اسان جي دؤر ۾ فلسفي تمام گھڻي ترقي ڪئي آهي ۽ فڪر جا ڪيترائي نوان مڪتب وجود ۾ اچي ويا آهن. انهن ۾ ماديت (Materialism) ۽ مثاليت (Idealism) کان سواءِ تجربيت (Pragmatism)، اراديت (Voluntarism)، ارتقائيت (Evolution)، جدلياتي ماديت (Dialectical Materialism)، وجوديت (Existentialism) ۽ نوفلاطونيت (Neo-Platonism) ذڪر جوڳا آهن.
    علم ڇا آهي؟:
    حڪمت ۽ فلسفي جو ٻيو مسئلو علم جي باري ۾ آهي. يعني علم پنهنجو پاڻ ڇا آهي ۽ ڇاجي ڪري حاصل ٿيندو آهي؟ علم جو مسئلو وجود جي ماهيت جي مسئلي کان وڌيڪ اونهو آهي.
    ڪاغذ جي ايجاد ۽ علم کي عام ڪرڻ جي تحريڪ مسلمانن شروع ڪئي هئي. انهيءَ جي نتيجي ۾ هسپانيه جي سلطنت جي ذريعي روشن خيالي يورپ ۾ شروع ٿي. ايتري تائين جو يورپ ۾ لاڪ، هيوم ۽ ڪانٽ جهڙا فلسفي پيدا ٿيا جن ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ بشپ بارڪلي ۽ ميل برانش جو چوڻ هو ته علم فطرت کان مٿانهن وسيلن سان حاصل ٿيندو آهي.
    مسلمانن افلاطون ۽ ارسطو جي تجرباتي فلسفي ۾ نئين سر ساهه وڌو. ڇو ته عيسائي شهنشاهه جسٽي مين افلاطون ۽ ارسطو جي مدرسن کي هزارين سالن کان بند رکيو هو. مسلمانن انهن کي ٻيهر کوليو. خاص طور تي ابن رشد جي فلسفي ٻڌايو ته علم تجربي سان حاصل ٿيندو آهي. جيتوڻيڪ هو علمن ۾ تجربي ۽ مشاهدي کي چڱيءَ طرح نڀائي نه سگھيو. ابن رشد افلاطون جي عالم مثال جي تصور کي غلط سڏي ڪري رد ڪري ڇڏيو. ابن رشد کان پوءِ لاڪ به تجربي ۽ مشاهدي کي علم جي حصول جو ذريعو ٻڌايو. موجوده سائنس ”سبب ۽ نتيجي“ جو لازمي هجڻ تي زور ڏنو. ڇو ته اهو تجربي ۽ مشاهدي جي وسيلي علم حاصل ڪرڻ جو بنياد آهي. ”پيدائشي تصور“ به تجربي ۽ مشاهدي سان حاصل ٿئي ٿو.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ جي وقت دنيا ۾ هيءُ خيال عام هو ته نجومي ۽ ڀوپا ستارن ۽ جنن سان لاڳاپن جي ڪري لڪيل ڳالهيون انهن کان ڄاڻي، ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن. يعني غيب يا ڳجھه جو علم روحن کي هوندو آهي ۽ اهي ان بابت اسان کي القاء يا الهام جي ذريعي ڄاڻ ڏيندا آهن. عرب به انهيءَ خيال کان ٻاهر ڪونه هو. پهرين وحيءَ ۾ ”علم بالقلم“ جو مطلب ئي اهو هو ته سمورو علم، پوءِ ڀلي اهو اسان جي حواسن جي ذريعي حاصل ٿئي، توڙي باطني ادراڪ سان، ظاهر هجي يا باطني، انهن کي حواسن سان حاصل ٿئي ٿو، جن جو خلقيندڙ الله تعالى آهي. يعني پهرين ئي وحيءَ الهام ۽ مشاهدي ۾ هم آهنگي پيدا ڪري ڇڏي ۽ حواسن کي اعتبار جوڳو سڏيو. وجود ۽ علم جي باري ۾ پهرين وحي ٻڌائي ٿي ته:
    (1) وجود جي حقيقت هيءَ آهي ته هڪ خالق آهي، جنهن توکي پيدا ڪيو، اهو ئي تنهنجو پالڻهار (آقا) آهي. حقيقي خالق ۽ مخلوق الڳ الڳ وجود رکن ٿا ۽ روح ۽ مادي جو وجود خالق سان واڳيل آهي.
    (2) علم جي حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ پالڻهار (آقا) قلم يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي انسان (آدم) کي انهن ڳالهين جي ڄاڻ ڏني جن کي هو نه پيو ڄاڻي. يعني عقل ۽ سمجھه عطا ڪري، حيوان مان انسان بڻائي ڇڏيو ته جيئن قلم سان پنهنجن تجربن ۽ مشاهدن کي هڪ ٻئي تائين پهچائي ۽ جادوگرن وانگر هر ڳالهه کي ڳجھو يا راز ۾ رکي شيطاني ڪم نه ڪري. هيءَ ان جي تمام ئي وڏي ٻاجهه آهي جو هن اهو عقل ۽ سمجھه عطا ڪئي، جيڪا انسان جي لاءِ علم جو ذريعو بڻي. (وَعَلَّمَ اٰدَمَ الْاَسْمَاۗءَ كُلَّہَا) هنن ٻنهي حقيقتن جا ٻه سلبي پاسا هي به آهن:
    (الف) الله کان سواءِ ٻيو ڪو خدا، مالڪ يا خالق نه آهي، هو اڪيلو ۽ بيمثال آهي.
    (ب) الله تعالى ٻاجھارو آهي، يعني ٻين مالڪن وانگر ظالم ۽ مطلبي نه آهي. هن جي ٻاجھه جو سڀ کان وڏو دليل هي آهي ته هن انسان جي فائدي جي لاءِ ان کي عقل ۽ سمجھه وارو بڻايو ۽ پاڻ وٽان علم عطا ڪيو. ٻي ڪابه اهڙي هستي نه آهي جيڪو کيس سچو علم يا خبر ڏئي سگھي. سچي علم جي سڃاڻ هيءَ آهي ته اهو علم راز ۾ نه رکيو وڃي ۽ نه ان کي ذاتي مفادن کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻايو وڃي. ٻين لفظن ۾ سچو علم الله تعالى جي طرف کان عام انساني ڀلائي جي لاءِ ڏنو ويندو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو جيڪو علم آهي، سو ٺڳڻ جو ذريعو آهي ۽ پڪ سان شيطاني وسوسي سان پيدا ٿئي ٿو. ۽ آخر ڪار استاد ۽ شاگرد ٻنهي کي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي.
    پهرين وحيءَ جي لفظن جي تحقيق:
    (1) پهرين وحي ۾ جيئن انسان چيو ويو آهي، ان کان پوءِ آدم چئي ڪري سڏيو ويو آهي.
    (2) جنهن شيءِ کي انهيءَ ۾ علم سڏيو ويو آهي، ان کي بعد ۾ ڪتاب (قانون) ۽ حڪمت (فلسفو) چيو ويو آهي.
    اقراء: هن لفظ جي معنى عام طور تي پڙهڻ ڪئي ويندي آهي. پر قرآني سيرت ۾ پروفيسر محمد اجمل خان صاحب لکيو آهي ته هي سامي لفظ آهي. فونيقن جي ذريعي يورپ پهتو. انگريزي ۾ (Cry) بڻيو، سنسڪرت ۾ ڪيرتي (شهرت ڏيڻ) ۽ ڪارد (ڳائڻ وارو) ٿيو.
    عربي قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي ۽ نه ڪنهن لکيل شيءِ کي ”پڙهڻ“. جڏهن مسلمانن ۾ ڪتابت عام ٿي ته لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي لاءِ به قرات جو لفظ استعمال ٿيڻ لڳو. جڏهن ته انهيءَ جي معنى رڳو چوڻ ئي آهي. ايتري تائين جو امام بخاري جي زماني ۾ هڪ حديث ۾ قرات يعني لکيل شيءِ کي پڙهڻ جي معنى ۾ لکجي ويو. يعني انهيءَ جي باوجود جو خدا تعالى ڄاڻي پيو ته رسول عربي ﷺ پڙهيل لکيل نه آهي، پر ملائڪ کين حرير تي لکيل شيءِ کي پڙهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
    اهو خيال به ته امي جو مطلب اڻ پڙهيو آهي، انهيءَ ئي زماني ۾ رائج ٿي ويو هو. جڏهن ته امي ڪتاب واري جي ڀيٽ ۾ استعمال ٿيندو آهي، پوءِ ڀلي اهو اڻ پڙهيو نه ئي هجي. بهرحال قراء جي معنى ”چوڻ“ آهي. اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّكَ جي معنى اها ئي آهي جيڪا بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ جي آهي. يعني الله جي نالي سان شروع ڪري چوڻ جي. اهڙيءَ طرح ڪجھه سورتن ۾ قل ۽ اُتل چوڻ جي معنى ۾ آهي. (سيرت قرآنيه، ص 138)
    جسٽس سيد امير علي به لکيو آهي: ”اقراء جو ترجمو عام طرح ”پڙهه“ ڪيو ويندو آهي، پر مون (Deutsch) جي تجويز ڪيل ترجمي کي اوليت ڏني آهي. يعني ”چئو“.(روح اسلام ص 93)
    اصل ۾ اقراء جي معنى ”اعلان ڪرڻ“ آهي. يعني اعلان ڪر پنهنجي پالڻهار جي نالي سان. لفظ اقراء جي ٻنهي معنائن ريعني ”پڙهه“ ۽ ”اعلان ڪر“ ۾ تمام وڏو فرق موجود آهي. ”پڙهه“ اڪيلي ماڻهو کي مخاطب آهي، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ ٻين ماڻهن کي خطاب ڪرڻو آهي ۽ انهيءَ ۾ انقلابي روح نظر اچي ٿو جيڪو ”پڙهه“ واري لفظ ۾ نه آهي. ”پڙهه“ جو خطاب رڳو رسول الله ﷺ جي ذات اقدس تائين محدود ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته ”اعلان ڪر“ جو خطاب نه رڳو مڪي، حجاز ۽ عرب جي انسانن جي لاءِ آهي، پر دنيا جي سڀني قومن جي لاءِ پڻ آهي. اسلام جو هيءُ عالمي يا بين الاقوامي پاسو پهرين وحيءَ ۾ به موجود آهي، جنهن کي نظر انداز ڪري اسلام جي پيغام کي امت مسلمه تائين محدود ڪري ڇڏيو ويو ۽ هيءَ ڳالهه ترجمي ۽ تفسير ۾ به پيدا ٿي وئي. ائين اسلام جي عالمگير انقلابي روح دفن ٿي ويو جيڪو ختم نبوت جي عقيدي جو منطقي نتيجو هو.
    • رب: جو مطلب آقا (غلام جو مالڪ) آهي، پوءِ ڀلي اهو پنهنجي غلام يا ٻانهي جي پرورش ڪندو هجي يا نه ڪندو هجي.
    • انسان: پيار ۽ محبت، انسان ذات، آدم نه ڪي شيطان، جيڪو نفرت جو مجسمو آهي.
    • علق: پيار ۽ محبت، ڄئور، چمنبڙي وڃڻ، لڙڪي پوڻ، لڳاءُ. اهو حيوان جيڪو ماءُ جي ڳنڀيرڻي ۾ پرورش حاصل ڪري پيدا ٿيو هجي، نه ڪي جن يا نانگ وغيره جي جيڪو ماءُ جي ڳنڀيرڻي جي لڳ يا علق سان نه پر آني مان پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ نفرت جي باهه ڀريل هوندي آهي.
    • الاڪرام: تمام ئي ڪرم ڪندڙ، انهيءَ مالڪ جي صفت آهي، جيڪو خالق آهي. ٻئي آقا ڪرم ڪندڙ ٿي سگھن ٿا، پر عام طرح ظالم به هوندا ئي آهن. پر الله کان سواءِ الاکرم ڪوبه نه آهي. دنيا ۾ انصاف ڪندڙ خدا جو تصور هو، پر ڪرم ڪندڙ جو نه، جنهن کي فضل ڪرڻ وارو به چيو ويندو آهي. ڇو ته انصاف ۾ گناهه معاف نٿا ٿي سگھن، انهن تي سزا لازمي آهي. پر ڪرم ڪندڙ يا فضل ڪندڙ گناهن کي معاف ڪري سگھي ٿو.
    • علم: (سائنس، سچائي) رڳو الله تعالى ئي ڏئي ٿو، نه ڪي اهرمن يا ڪو جن.
    • الانسان: اهو ئي خيال لفظ آدم سان به ظاهر ڪيو ويو آهي. يعني حيوان مان نڪري ماڻهو انسانيت جو لباس پهريو.
    • قلم: علم جو ذريعو، عقل ۽ تجربو ۽ مشاهدو. يعني حقيقي علم، عقل يا قلم آهي. يوناني فلسفي ۾ ان کي لوگاس (Logos) يا عقل اول چوندا آهن.
    ڀاڱو ٻيون: مڪي دؤر

    زندگي ۽ ڪائنات بابت اسلامي نظريي جا بنيادي اصول ۽ انهن جي قرآني تشريح:
    مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن، زندگيءَ بابت اسلامي نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي. هن نظريي جا جزا هن طرح آهن:
    (1) خالقِ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور
    (2) مرڻ کان پوءِ وري جيئڻ، جنهن ۾ عملن موجب جزا ۽ سزا ڏني ويندي.
    (3) رسالت ۽ وحي الاهي.
    (4) الله تعالى پيداواري ذريعا پنهنجي مخلوق جي لاءِ خلقيا آهن، انهيءَ ڪري ٿورڙن ماڻهن جو انهيءَ تي قبضو الله جي رضا جي خلاف آهي، تنهن ڪري اهي عوام جي ملڪيت آهن.
    (5) غير انساني ۽ غير معاشرتي اخلاقي قدرن تي تنقيد ۽ انهن جا نتيجا.
    (6) انساني ۽ معاشرتي اخلاقي قدرن جي سڃاڻ ۽ نشاندهي.
    (7) علم بالقلم يعني تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم جو رستو.
    سموري مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن انهن بنيادي جزن تي دليلن سان ڀريل آهي ۽ انهن دليلن کي هر هر ورجايو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ چڱيءَ طرح اها ڳالهه ويهي وڃي ۽ ذهني ۽ معاشرتي انقلاب جو سبب بڻجي.
    مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآني حصي جون ٻه خاصيتون آهن:
    (1) مڪي آيتن ۾ ڏنل تعليم عام انسانن جي لاءِ آهي. قومن جو عروج ۽ زوال، انهيءَ تعليم تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي دارومدار رکي ٿو. انهيءَ ۾ ڇڙا اصول ڏنا ويا آهن. اهي تعليم ۽ اصول دنيا جي سڀني مذهبن جي تعليم جا بنيادي اصول آهن.
    (2) مڪي قرآن فلسفي جي ٻن بنيادي اصولن، يعني وجود (Ontology) ڇا آهي؟ ۽ علم (Epistemology) ڇا آهي؟ تي روشني وڌي آهي. ان کان پوءِ فلسفي جي سڀني مڪتبن جيڪي يونان، اسڪندريه، جمشيد پور (ايران)، هندستان ۽ چين کان اڀريا آهن، انهن جي ٻنهي بنيادي اصولن جو جواب ڏنو آهي ۽ انهيءَ تي تنقيد ڪندي قرآن پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي.
    اختصار جي ڪري فلسفي جي سڀني فڪري اسڪولن جو جواب هتي نقل نه پيا ڪري سگھجن، تنهن ڪري جيڪو جواب قرآن انهيءَ باري ۾ ڏنو آهي، رڳو انهيءَ کي پيش ڪيو ويو آهي.

    پهرين وحي جو فلسفو ۽ انهيءَ جي مختصر تشريح

    غار حرا ۾ پهرين وحي، جي نزول کان پوءِ، جيڪا پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، پاڻ ڪريمﷺ جن وري ڪڏهن به غور فڪر لاءِ غار ۾ نه ويا. ڇو ته جنهن مقصد جي لاءِ غار جي اڪيلائين ۾ غور ۽ فڪر جي لاءِ ويندا هئا، سو کين حاصل ٿي چڪو هو. ”وَجَدَکَ ضَالاًّ فَهَديٰ“. انهن پنجن آيتن ۾ فرد جي نفسياتي اصلاح ۽ معاشري جي نئين سر انقلابي اڏاوت جي لاءِ مڪمل نظريو ڏئي ڇڏيو ويو هو. هاڻي ضرورت هئي ته انهيءَ نظريي جي مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ، فرد ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ جاکوڙ شروع ڪئي وڃي. هيءَ جاکوڙ ڏهن منزلن مان گذري، جن مان پنج منزلون مڪي دؤر ۾ ۽ پنج منزلون مدني دؤر ۾ پنهنجي پڄاڻي کي پهتيون.
    هنن پنجن آيتن جي اهميت هيءَ آهي ته جيڪڏهن باقي قرآن نه به نازل ٿئي ها، ته ٻين پاڪ ڪتابن جي روشنيءَ ۾ انهن جي تفسير ۽ تشريح سان فرد ۽ معاشري، ٻنهي کي بدلائي سگھجي پيو. ڇو ته سڀئي پاڪ ڪتاب پنهنجي بنيادي تعليم ۽ زندگيءَ جي مقصد جي مقرر ڪرڻ ۾ هڪجهڙائي رکن ٿا. هن نظريي جا هيٺيان جزا آهن:
    (1) ڪائنات جي هر شيءِ جو خلقيندڙ الله تعالى آهي.
    (2) انسان جي تخليق جو جوهر محبت مان کنيو ويو آهي. (احسن تقويم)
    (3) هيءُ خالق يا آقا سڀني ٻاجھارن کان وڌيڪ ٻاجھارو آهي.
    (4) هن آقا قلم، يعني تجربي ۽ مشاهدي جي ذريعي علم سيکاريو آهي.
    (5) هن آقا انسان کي عقل ۽ سڃاڻ ڏئي، حيوانيت جي پڙ مان ٻاهر ڪڍيو. ڇو ته حيواني صورت ۾ هي صفتون ۽ گڻ هن وٽ نه هئا.
    پاڻ ڪري ﷺ جن تي هنن پنجن آيتن ۾ هيءُ واضح ڪيو ويو هو ته انهيءَ پالڻهار يا مالڪ جي ٻانهپ سان ئي جنهن ڪائنات کي خلقيو آهي، انسان جو خوف ۽ ڳڻتي، بک ۽ جهالت ختم ٿي سگھي ٿي. معاشرو جيڪو ٻن مختلف ۽ مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، ٻيهر توحيدي معاشري جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو. اهو خالق ئي علم، ڀلائي، سونهن ۽ محبت جو سرچشمو آهي. اهي مراعات يافته طبقا جن علم ۽ سونهن تي به قبضو ڪري رکيو آهي، انهن قدرن جا سرچشما نه آهن. هاڻي هن نظريي جي جزن جي مختصر تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ ان جي معاشي، سياسي ۽ ثقافتي ڳالهين کي چٽو ڪيو پيو وڃي.
    (1) سوال هيءُ آهي ته پالڻهار يا خالق ڪير آهي؟ قرآن ڪريم الله جي هيئت تي بحث نه ڪيو آهي. ڇو ته فلسفي جا مختلف مڪتب انهيءَ جي مختلف تشريح ڪندا آيا هئا. ڪو ان کي مادو چوندو هو، ڪو ان کي روح سمجھندو هو ۽ ڪو ان کي اهڙي قوت سمجھندو هو جيڪو بجلي وانگر سموري ڪائنات ۾ ڦهليل هجي. پر قرآن ٻڌايو ته اهو هن دنيا جو هڪ خالق ئي آهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ هجن ها ته هرڪو پنهنجو پنهنجو الڳ حڪم هلائڻ سان هر پاسي انتشار ڦهلائي ڇڏي ها ۽ ڪائنات ڪنهن هڪ قانون جي پابند نه رهي سگھي ها. قرآن ٻڌايو ته دنيا هڪ طبعي قانون جي پابند آهي. ”لَا الشَّمْسُ يَنْۢبَغِيْ لَہَآ اَنْ تُدْرِكَ الْقَمَرَ“ (سورة يٰس) هر شيءِ جو هڪ مقصد آهي، جيڪو پهريان کان مقرر ڪيو ويو آهي. يعني هن مادي ۽ اخلاق جي دنيا ۾ هڪ ڏاهپ ڪم ڪري رهي آهي. تنهن ڪري دنيا هڪ رانديڪو نه آهي ” وَمَا خَلَقْنَا السَّمَاۗءَ وَالْاَرْضَ وَمَا بَيْنَہُمَا لٰعِبِيْنَ۝۱۶ “ (الانبياء: 39) انسان جي تخليق جو به هڪ مقصد آهي. ” اَيَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَنْ يُّتْرَكَ سُدًى۝۳۶ۭ “ (قيامه: 36) ” رَبَّنَا مَا خَلَقْتَ ہٰذَا بَاطِلًا۝۰ۚ “ (آل عمران:191)
    اسان جي دؤر ۾ مغربي ادب جيترا ناڪاري تصور ڏنا آهن، ته هيءَ ڪائنات عقل کان ڪوري آهي، هن ۾ ڪوبه سمجھه يا شعور نه آهي. زندگي لا حاصليت (Absurdity) ۽ لا يعنيت (Futility) رکندڙ آهي. هيءَ پنهنجي اندر ڪوبه مقصد يا نصب العين نٿي رکي؛ اهو سڀ ڪجھه غلط آهي. انهن نظرين جي ڪري يورپ ۽ آمريڪا ۽ انهن جي اثرن جي ڪري ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا نسل به جبلتن جي حيواني گھرجن جي تڪميل جي ڪُن ۾ ڦاسي ويا آهن. شراب نوشي، جوئا بازي، جنسي ڇڙواڳي، ڪمزور قومن جي فردن ۽ انهن جي محنت جي استحصال ۽ انهن جي معدني ذخيرن ۽ وسلين تي قبضو ڪرڻ، مزدور جي محنت جو سر عام استحصال جنهن سان رعايتون ڏنل طبقو دولت جا ڍڳ ٺاهي وٺي ٿو، بينڪن جو وياج تي مبني ڪاروباري نظام وغيره، ڪائنات ۽ زندگيءَ بابت، انهن ناڪاري نظرين جو نتيجو آهي. جديد دانشور سائنس جي مدد سان ڪائنات ۾ هڪ طبعي (قانوني) نظام جا ته قائل آهن، پر اخلاقي نظام جا قائل نه آهن. نه رڳو قرآن، پر سڀني الاهي ڪتابن انهيءَ جي برخلاف اهو ٻڌايو آهي ته هن ڪائنات ۾ هڪ اخلاقي نظام به موجود آهي. دنيا جي تاريخ پنهنجي عمل ۾ انهيءَ اخلاقي نظام جي پابند آهي. قرآن عاد، ثمود، فرعون وغيره جي قومن جي مطالعي مان هي نتيجو ڏيڻ گھري ٿو ته قومن جي بربادي، اخلاقي بد اعمالي جو نتيجو رهي آهي. هتي ياد رهي ته انهيءَ اخلاقي بد اعمالي ۾، مزدور جيڪو انهيءَ دؤر ۾ غلام جي صورت ۾ موجود هوندو هو، جيڪو اڳتي هلي معاشرتي ارتقا جي ڪري زرعي غلام بڻيو ۽ هاڻي مشين جي ايجاد کيس پگھاردار غلام بڻائي ڇڏيو آهي، تنهن ۾ هن جي محنت جو استحصال به شامل آهي. پر اڃا به ائين چئجي ته اهو محنت جو استحصال ئي سموري اخلاقي خرابيءَ جو سبب آهي. قرآن حڪيم جي مفسرن ۽ سيرت پاڪ جا تاريخدانن اخلاقي بد اعمالي ۾ غلام (مزدور) جي محنت جي استحصال کي بلڪل ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن جي نظرن ۾ غلام ۽ ان جي غلامي هڪ فطري ڳالهه آهي. انهيءَ ڪري ئي بادشاهت واري زماني ۾ غلاميءَ کي هڪ دائمي اداري جي شڪل ڏني وئي هئي، جنهن کي آمريڪا جي هڪ انسان دوست صدر ابرهام لنڪن، غلاميءَ جي پٺڀرائي ڪندڙن سان ويڙهاند ڪري ۽ ان کان پوءِ پنهنجي حياتيءَ تان هٿ کڻي، هن غير انساني اداري کي ختم ڪرڻ جي سعادت ماڻي. انسان کي ان جي خلقڻهار آزاد پيدا ڪيو آهي يعني جهڙي هو پوک پوکيندو، تهڙي ئي لڻندو. (لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى)
    توحيد خداوندي جو تصور نه رڳو عادلاڻو، پر رحمت ڀريو پڻ آهي:
    مڪي جي مشرڪن جو واپاري وهنوار ڪيترن ئي ديوتائن (الٰه) جي مدد جي آسري تي هلي رهيو هو. انهن جو خيال هو ته هڪ الٰه وٽان ڪم نه ٿئي ته ٻئي ديوتا يا الٰه کان مدد وٺڻ گھرجي. پر ان جي برخلاف پاڻ ﷺ جن اڪيلي الله جي پرچار شروع ڪئي. پاڻ ٻڌايائون ته مدد اهو ئي الٰه ڪري سگھي ٿو، جنهن ۾ ايتري سگھه هجي جيڪو پيدا به ڪري ۽ مخلوق کي سڌي گس تي آڻي. ” الَّذِيْ خَلَقَ فَسَوّٰى“ (الاعلى:3) ان کان سواءِ انسانن ۾ پنهنجي نفس جي غلامي به پکڙيل هئي، ” مَنِ اتَّخَذَ اِلٰـہَہٗ ہَوٰىہُ “ (فرقان:43) اهڙي صورتحال ۾ انهيءَ اڪيلي الله جو تصور غلامن ۾ پکڙجي ويو، جيڪو الله، سڀ شيءِ جو خلقڻهار آهي ۽ پنهنجي ٻانهن تي ظلم نٿو ڪري ” وَاَنَّ اللہَ لَيْسَ بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ“ (آل عمران: 182) ” وَمَا اللہُ يُرِيْدُ ظُلْمًا لِّلْعٰلَمِيْنَ “ (آل عمران: 108). هيءُ مالڪ يا خالق عدل ڪرڻ ۾ به پنهنجي رحمت جي قانون جو پابند آهي، يعني گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو آهي ”وَاِنَّ رَبَّكَ لَذُوْ مَغْفِرَۃٍ لِّلنَّاسِ عَلٰي ظُلْمِہِمْ“ (الرعد:6) عادل هئڻ جي باوجود به هر گناهه کي معاف ڪري ڇڏيندو ” قُلْ يٰعِبَادِيَ الَّذِيْنَ اَسْرَفُوْا عَلٰٓي اَنْفُسِہِمْ لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ۝۰ۭ اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا۝۰ۭ اِنَّہٗ ہُوَالْغَفُوْرُ الرَّحِيْمُ“ (الزمر:53) انهيءَ خالق پنهنجي لاءِ هڪڙو قانون جوڙي ڇڏيو آهي، جنهن سان هو هر ٻانهي جا گناهه معاف ڪري سگھي ٿو. ”كَتَبَ عَلٰي نَفْسِہِ الرَّحْمَۃَ“ (الانعام:12)، پر شرط اهو آهي ته اهي پنهنجي گذريل گناهن کان توبه ڪن ۽ آئينده جي لاءِ ڪوبه گناهه نه ڪن ” فَمَنْ تَابَ مِنْۢ بَعْدِ ظُلْمِہٖ وَاَصْلَحَ فَاِنَّ اللہَ يَتُوْبُ عَلَيْہِ“ (المائده:39). اڳتي هلي قرآن انهيءَ خالق يا رب کي هڪ مالڪ يا بادشاهه سڏيو آهي، جيڪو هر انسان کي ان جي عملن مطابق جزا ۽ سزا ڏئي ٿو. (سورة الناس)
    جيئن ته يهودين ۽ ٻين قومن پنهنجي پنهنجي قبيلن جو الڳ الڳ خدا ٺاهي ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ جن مڪي وارن کي چيو ته ”رحمان“ رڳو عيسائين جو خدا نه آهي، پر هو سڀني جو جو خدا آهي. اهو ئي اسان جو الله آهي. يهودين کي چيو ته اسان جو توهان جو خدا ڪو الڳ نه آهي، پر هڪڙو ئي آهي، ”اِلٰـہُنَا وَاِلٰــہُكُمْ وَاحِدٌ “ (العنڪبوت:46)
    قرآن جو هيءُ اصول آهي ته جن ماڻهن سان هو مخاطب ٿيندو آهي، انهن جي عقلي سطح جي مطابق انهن کي تعليم ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته خدا هڪ آهي. ڇو ته وڌيڪ خدا هجڻ جي صورت ۾ اهي پنهنجا پنهنجا قانون هلائن ها، جنهن جي ڪري دنيا ۾ تمام وڏي گڙٻڙ پيدا ٿي وڃي ها.
    مشرڪن سان خطاب:
    اهي ماڻهو جيڪي ڪيترن ئي ديوتائن جي پوڄا ڪندا آهن ۽ بتن، ستارن ۽ روحن کان مدد گھرندا آهن، تن کي قرآن چوي ٿو ته اهي ته پاڻ ئي محتاج آهن. انهيءَ ڪري اڪيلي الله جي پوڄا ڪريو جنهن سڀني کي پيدا ڪيو آهي. اهي ديوتا، بُتَ، ستارا ۽ روح توهان جا خلقيندڙ نه آهن، پر اهي ته پاڻ ئي ڪنهن جا خلقيل آهن. انهيءَ ڪري رڳو اڪيلي الله کان ئي مدد گھرو.
    عيسائي عقيدا:
    اهي ماڻهو جيڪي الله جي ذات ۾ ٻين کي ڀائيوار ڪندا آهن، جيئن عيسائي ڪندا آهن، يا ديوتائن ۽ پيرن فقيرن کي خدا جو ڀائيوار ڪندا آهن ۽ انهن کي سفارشي سمجھندا آهن ۽ انهن جي اندر به خدا جي طاقت ۽ قدرت کي مڃيندا آهن. قرآن چوي ٿو ته هڪ قدرت ۽ پوري پوري سگھه رکندڙ هستي جي برابر هڪ ڪمزور مخلوق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ نه خدا ايترو ڪمزور آهي جو ان کي پنهنجو وارث ڇڏڻ يا پٽ کي ڪم حوالي ڪرڻ جي ضرورت هجي. تنهن ڪري خدا ته اهو آهي جيڪو اڪيلو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. سدائين جيئرو ۽ بيهڪ وارو (حي و قيوم) آهي، جيڪو گھري سو ڪري سگھي ٿو. پر هو ڪنهن تي به ظلم نه ڪندو آهي ۽ نه پنهنجي رحمت واري قانون جي خلاف ويندو آهي.
    يهودين سان خطاب:
    يهودين جو اهو سمجھڻ ته اهي الله جا پٽ آهن يا يهودا رڳو يهودي قوم جو خدا ۽ خدا جي رحمت رڳو انهن جي لاءِ ئي آهي، خدا کي هڪ حد ۾ قيد ڪرڻ آهي. خدا ته سڀني قومن جو خدا آهي، ڇو ته هو ئي حقيقي خالق آهي. هن کي پنهنجي سموري مخلوق پياري آهي، رڳو توهان ئي ان جا لاڏلا نه آهيو.
    مجوسي عقيدا:
    مجوسين جو عقيدو به غلط آهي ته نيڪي ۽ بديءَ جا ٻه الڳ الڳ خدا آهن. جيڪڏهن ائين هجي ها ته انساني زندگي لڳاتار ويڙهه ۽ جھيڙي ۾ ڦاٿل هجي ها. ڇو ته بدي جو خدا پنهنجو قانون لاڳو ڪرڻ گھري ها ۽ نيڪيءَ جو خدا ان جي مخالفت ڪري ها. ائين اهي ٻئي سدائين پاڻ ۾ جھيڙيندا رهن ها. تنهن ڪري مڃڻ گھرجي ته نيڪي ۽ بديءَ جو خدا هڪڙو ئي آهي، جيڪو عملن جي نتيجي موجب فيصلو ڪندو آهي.
    خدا جي هستي کي مڃڻ جو ڪهڙو مقصد آهي؟:
    جيڪي ماڻهو مادي کي خالق سمجھن ٿا، اهي اهو نٿا ٻڌائي سگھن ته تخليق جي لاءِ شعور، ارادو، زندگي ۽ مقصد جو هجڻ ضروري آهي ۽ انهن گڻن کان سواءِ ته تخليق ٿي ئي نٿي سگھي. جڏهن ته مادو انهن گڻن يا صفتن کان وانجھيل آهي. جيڪڏهن مادي ۾ جدلياتي چرپر مڃجي به کڻي، ته به چرپر جو هيٺاهين کان مٿانهين ۽ سادي کان منجھيل ڏانهن وڃڻ هڪ شعوري ۽ ارادي عمل آهي، جڏهن ته مادي جي چرپر شعور ۽ ارادي کان محروم آهي. تنهن ڪري ماديت ۽ دهريت جو فلسفو بلڪل ئي غلط ثابت ٿيو آهي.
    جيڪڏهن کڻي اهو مڃيو به وڃي ته ذڪر ڪيل گڻ مادي ۾ جبري طرح موجود هوندا آهن، ته پوءِ مادي جي سموري تشريح ۽ شڪل ئي بدلجي وڃي ٿي. اهڙيءَ طرح مادو الاهي تجلي جو مظهر بڻجي وڃي ٿو. اها هڪ واضح حقيقت آهي ته جيڪڏهن ڪڪڙ کي اصلي آنن جي بدران پٿر جي آنن تي آرو ڪرائجي ته چوزا ڪڏهن به ڪونه ڦٽندا، ڇو ته پٿرن ۾ اهي گڻ ۽ عنصر نه آهن جن سان چوزو ٿيندو آهي. مادي جي شروعاتي شڪل اليڪٽران ۽ پروٽان، شعور، ارادي، زندگي ۽ مقصد کان خالي آهن ته انهن مان تخليق ڪيئن ٿي ٿي سگھي؟ تنهن ڪري اهوئي وجود يا هستي آهي جيڪا زندگي، حڪمت، شعور ۽ ارادي جي مالڪ آهي.
    خدا کي مڃڻ جو مطلب ڇا آهي؟:
    خدا کي مڃڻ جو اهو مطلب نه آهي ته رڳو زباني اقرار ڪيو وڃي، پر انهيءَ جا ٽي پاسا آهن:
    • پهريون پاسو: پهريون پاسو ڪائنات جي باري ۾ آهي. جيڪڏهن ڪائنات شعور ۽ سمجھه کان خالي آهي ته انهيءَ جو اهو مطلب ٿيو ته انهيءَ جي تخليق جو ڪو مقصد نه آهي. تنهن ڪري انسان، جيڪو ڪائنات جو شعور ۽ ارادي وارو حصو آهي، تنهن تي ڪنهن به قسم جي ذميواري نٿي لاڳو ٿئي. دوستو وسڪي چيو آهي ته هڪ ماڻهو جيڪڏهن خالي گھر ۾ هجي ته جيئن گھري تيئن رهي سگھي ٿو، ڪپڙا پائي يا اگھاڙو ٿي وڃي. جيڪڏهن کيس خبر پئجي وڃي ته گھر ۾ ڪو ٻيو ماڻهو به موجود آهي ته هو پنهنجي عملن ۾ محتاط ٿي ويندو. ائين جيڪڏهن ڪائنات شعور يا سمجھه کان خالي آهي ته انسان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ، پنهنجي مرضيءَ وارا مقصد مقرر ڪندو، پوءِ اهي اخلاقي لحاظ کان ڀلي ڪيترائي خراب ڇونه هجن. پر خدا جي موجودگيءَ ۾ هو اهڙا مقصد مقرر ڪندو، جيڪي اخلاقي معيار تي پورا ايندا هجن. اهڙيءَ طرح فرد هڪ ”ذميوار“ فرد جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو.
    خدا جي موجودگي ۾ هر شيءِ مقصد واري ٿي ويندي آهي ۽ ڪائنات جو سمورو عمل ڪنهن نصب العين ۽ مقصد سان واڳيل ٿي ويندو آهي. خدا جي تصور کان سواءِ ڪائنات جي هر شيءِ ۽ ان جي ارتقائي چرپر بي معنى ۽ بي مقصد ٿي ويندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تاريخ جون اهي سڀئي تهذيبون، جيڪي انساني جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي ۾ لڳيون رهيون، انهن جو نالو نشان ئي مٽجي ويو آهي. ڇو ته خدا جو تصور زندگيءَ کي هڪ مقصد عطا ڪري ٿو، جنهن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن وصفن ۽ گڻن کي پنهنجائڻو پوندو آهي، جيڪي خدا جون وصفون آهن. اهڙيءَ طرح اهو الله جي ويجھڙائي کي حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ حسي ۽ مادي سطح کان مٿانهون ٿيندو ويندو آهي ۽ هن جو معاشرو اعلى اخلاقي گڻن وارو هجڻ جي ڪري، خلافت ۽ نيابت الاهي جي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار هوندو آهي.
    • ٻيو پاسو: خدا جي تصور جو ٻيو پاسو انسان جي نفسيات جي باري ۾ هوندو آهي، جنهن جي ڪري ماڻهو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي بدران اعلى اخلاقي گڻن کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ته جيئن هو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پنهنجي وس ۾ رکي ۽ انهن کي اعلى اخلاقي گڻن جو پابند بڻائي سگھي. ڇو ته هن جو انهيءَ ڳالهه تي پڪو ويساهه هوندو آهي ته هو خدا جي نور سان ظاهر ٿيو آهي ۽ خدا جي نور ڏانهن ئي وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن هو ائين نه ڪندو ته زندگي جي حيواني گھرجن جي سطح تائين محدود ٿي ويندو. اهڙي ماڻهوءَ جو معاشرو، تمدن ۽ تهذيب شراب نوشي، جنسي ڇڙواڳي، جوئابازي ۽ هر ناجائز طريقي سان دولت ميڙڻ ۽ هم جنس پرستي جهڙن غيراخلاقي اوگڻن جي عڪاسي ڪندڙ هوندو. اهڙي طرح اڄوڪي اولهه جي تهذيب اسان جي سامهون آهي جيڪا تحقيق جي سائنسي طريقي سان فطرت جي قوتن تي پهچ حاصل ڪري، انهن سان جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي جي عمل ۾ لڳي پئي آهي.
    • ٽيون پاسو: خدا جي تصور جو ٽيون پاسو انساني معاشري جي باري ۾ آهي. الخلق عيال الله موجب الله تعالى انسان کي پيدا ڪيو ۽ ان جي پالڻ لاءِ وسيلا به پيدا ڪيا. جنهن جو مطلب اهو آهي ته هر ماڻهو انهن وسيلن مان فائدو وٺي، پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کي حاصل ڪري ۽ انهن ضرورتن جي پورائي کان پوءِ عبادت ۽ نفس جي پاڪائي جي مدد سان الله ڏانهن موٽڻ جي تياري ڪري.
    جيڪڏهن پيداواري وسيلن تي عوام جي گڏيل ملڪيت جي بدران ڪن ٿورڙن ماڻهن جو قبضو ٿي وڃي ۽ معاشري ۾ متضاد مفاد رکڻ وارا معاشي طبقا پيدا ٿي وڃن، ته پوءِ تمام ئي ٿورڙي تعداد وارا ماڻهو، پيداواري وسيلن تي قابض ٿي وڃن ٿا ۽ گھڻائي انهن وسيلن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي. هن گھڻائي وٽ رڳو پنهنجي محنت هوندي آهي، جنهن کي هو پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل ماڻهن کي وڪڻي، پنهنجي پيٽ پالي ٿي. اهڙي طرح گھڻائي حيواني سطح کان هيٺ ٿي، انساني درجو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي.
    زراعت واري زماني کان وٺي انسان آقا ۽ غلام جي ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو هو. آقا تي ٻڌل طبقي وٽ دولت جي جھجھائي هوندي هئي. انهيءَ جي قبضي ۾ علم ۽ تهذيب جا ادارا به هوندا هئا. جڏهن ته غلام طبقو گھڻائي ۾ هجڻ جي باوجود به علم ۽ تهذيب کان محروم هوندو هو. معاشرتي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ ڪارخانن جو مالڪ بڻجي ويو، جڏهن ته غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو.
    مشين جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ معاشري جا ٻه طبقا وڌيڪ واضح ۽ مٿانهين حيثيت اختيار ڪري ويا، ڇو ته هڪ ڪارخاني جي ڇت جي هيٺان سوين مزدور گڏجي ڪم ڪندا هئا ۽ تحقيق جي سائنسي طريقي جي ڪري هن ڳالهه جي خبر پئي ته دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اهڙيءَ طرح ثابت ٿيو ته اها غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي.
    زرعي معاشري جي شروعات کان ئي غلام پنهنجي مالڪن جون ٻنيون کيڙيندا هئا، انهن جي لاءِ محلاتون تيار ڪندا هئا، انهن جي فوجن ۾ ڀرتي ٿي انهن جي بادشاهت کي وڌائيندا هئا. مالڪ انهن تي تمام گھڻا ظلم ڪندا هئا. انهن کي قتل ڪندا، لڱ ڪانڊاريندڙ سزائون ڏيندا ۽ کين وڪرو به ڪري ڇڏيندا هئا. اهڙيءَ طرح انسان جو انسان تي ظلم وڌندو ويو ته انهيءَ صورتحال کي بدلائڻ جي لاءِ نبين سڳورن کي موڪلڻ جي شروعات ٿي. اهي پاڪباز ماڻهو هر ملڪ، هر قوم ۽ هر ڳوٺ ۾ آيا. انهن سڀني جي دعوت هڪڙي ئي هئي. انهن ٻڌايو ته هن ڪائنات جو خالق هڪڙو ئي آهي. هيءُ خالق سڀني قومن جو خالق پڻ آهي. انهن توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو. جيئن ته هر قبيلي ۽ هرقوم جا بت جدا جدا هئا، جن جي اهي پوڄا ڪندا هئا ۽ هر قوم يا قبيلو پنهنجي بُت جي، ٻين قومن ۽ قبيلن جي بتن تي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ جتن ڪندو هو، تنهن ڪري انهن جو پاڻ ۾ جنگين ۽ فسادن جو سلسلو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين هلندو ايندو هو.
    نبين سڳورن توحيد الاهي جي تصور کي پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، جنهن جي پوڄا ڪرڻ گھرجي. انهيءَ ڪري توحيد الاهي جو تصور انساني اتحاد جو تصور رکندڙ هو. توحيد الاهي جي تصور کي جڏهن معاشري تي لاڳو ڪيو ويو ته توحيدي معاشرو وجود ۾ اچي ويو، جيڪو متضاد مفاد رکڻ واري معاشي طبقي جي ڇڪتاڻ کان پاڪ ۽ صاف هو. پر ٿيو ائين جو مذهب جي پاڪباز بانين ۽ انهن جي ٿورڙن سچن پيروڪارن کان پوءِ، مذهبي پيشوائن پنهنجي دنياوي زندگي جي سهولتن ۽ آسائشن جي لاءِ، پيداواري وسيلن تي قابض طبقي جي مفادن کي تحفظ ڏيڻ جي خيال سان مذهب جي باني نظريي کي پٺيءَ پويان ڦٽو ڪري ڇڏيو جنهن موجب خدا جي وحدانيت جو مطلب معاشري کي متضاد طبقن کان پاڪ ۽ صاف ڪرڻ آهي. اهڙي لوڀي مذهبي پيشوائيت عوام کي ٻڌايو ته غربت، جهالت ۽ مسڪيني الله تعالى انهن جي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي، جنهن کي بدلائي نٿو سگھجي. غربت ۽ دولت جي جھجھائي انسان کي الله تعالى جي طرفان ئي ملندي آهي. غريب کي ان جي تڪليفن ۽ پورهئي جو اجر مرڻ کان پوءِ ملندو، تنهن ڪري کيس صبر ۽ خوشيءَ سان زندگي گذارڻ گهرجي ۽ کيس پنهنجي مالڪ يا آقا جو فرمانبردار ٿي رهڻ گهرجي. سڀني مذهبن جا مذهبي اڳواڻ ۽ پيشوا اڄ تائين اها تعليم ڏيندا رهيا آهن. پر هاڻي علم جي ترقي ۽ تحقيق جي سائنسي طريقن، انهيءَ ٺڳيءَ جو پردو ڦاڙي ڇڏيو آهي ۽ چٽائي ڪري ڇڏي آهي ته غربت ۽ حڪومت اصل ۾ محنت جي استحصال جي ڪري ئي آهي. جيڪو طبقو محنت جو استحصال ڪري ٿو سو امير آهي ۽ محنت وڪرو ڪندڙ غريب رهجي وڃي ٿو.
    خدا جي وحدانيت يا توحيد الاهي جي عقيدي جو معاشرتي مقصد معاشري کي متضاد معاشي طبقن کان پاڪ ڪري محنت ڪرڻ وارن فردن تي مشتمل غير طبقاتي معاشرو قائم ڪرڻ آهي. رڳو زباني طور خدا جي توحيد جو اقرار، هڪ ڳجھو ۽ اجايو عمل آهي. سوشلسٽ فلسفي معاشري کي غير طبقاتي بڻائڻ جي عمل مان خدا جي تصور کي ڪڍي ڇڏيو، جنهن جي ڪري ڪيترا ئي ناڪاري اثر ظاهر ٿيا ۽ سوشلسٽ معاشرو اخلاقي ڇڙواڳي جي ڪري پريشاني جو شڪار ٿي ويو.
    خدا بابت قرآن جو تصور:
    خدا جي وجود کي مڃڻ جو فائدو تڏهن ئي ٿي سگھي ٿو، جڏهن معاشرو توحيدي حيثيت اختيار ڪري وٺي. اهو معاشرو فرد کي اخلاقي ترقيءَ ۾ مدد ڏئي ٿو. جيئن ته استحصال کان پاڪ ۽ صاف معاشرو قائم نه ٿي سگھيو، ۽ جيڪو ٿيو سو به خدا کان انڪار تي ٻڌل هو، تنهن ڪري خدا پرست ۽ خدا کان انڪاري، ٻن شڪلين ۾ معاشرو طبقاتي ٽڪراءَ سان پيدا ٿيڻ واري غير اخلاقي ۽ غير انساني اثرن کان پاڪ نه ٿي سگھيو. قرآن جو خدا بابت تصور قبائلي ۽ قومي نه آهي، پر عالمگير آهي. اهو دنيا جي سڀني قومن جو خلقيندڙ ۽ پالڻهار آهي. انهيءَ تصور مان هڪ اهڙي تهذيب وجود ۾ اچي ٿي، جيڪا انساني اتحاد جو بڻياد بڻجي ٿي. اهو ئي خدا علم جو سرچشمو به آهي. دنيا ۾ امن، ترقي ۽ خوشي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته قومن جي وچ ۾ سياسي اتحاد قائم هجي ۽ اهو سياسي اتحاد اخلاقي اتحاد تي دارومدار رکي ٿو. پهرين وحي ۾ اهو ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سياسي ۽ ثقافتي اتحاد رڳو انهيءَ ئي تصور تي قائم ٿي سگھي ٿو ته، سڀني انسانن جو ۽ سڀني قومن جو آقا اهو ئي هڪ خدا آهي جيڪو هر شيءِ جو خلقيندڙ آهي. قرآن ٻڌايو ته مخلوق هجڻ جي حيثيت ۾ سڀئي انسان هڪجهڙا آهن ۽ ڪا به قوم ٻي قوم کان مٿانهين نه آهي. خدا جي انهي تصور کي محدود ڪرڻ جي ڪوشش، انسان جي آزاديءَ کي مٽائي ڇڏي ٿي. اها ظلم ۽ خواري ۽ بزدلي جي علمبردار آهي. ڪائنات جي خالق جي وحدت ئي انساني وحدت ۽ انساني عظمت رکڻ واري آهي. انهيءَ تصور تي صحيح عمل سان ئي نفرت ۽ ظلم مِٽجي وڃي ٿو ۽ محبت ۽ عدل پيدا ٿئي ٿو. اهو ئي تصور ثقافتي وحدت جو بنياد آهي ۽ اهو ئي خدائي قانون ۽ حق وارو دين آهي.
    خدا جي انهيءَ تصور کي رسول الله ﷺ جن مختلف منزلن ۽ ڏاڪن جي ذريعي دنيا تائين پهچايو ۽ انهيءَ ئي تصور تي مديني ۾ رياست قائم ڪئي. انهيءَ ئي تصور جي روشنيءَ ۾ ميثاق مدينه به ترتيب ڏنو ويو جنهن ۾ يهودين ۽ مشرڪ قبيلن تي ٻڌل هڪ اتحاد قائم ڪيو ويو، جنهن کي ”امت واحده“ جي لفظن ۾ بيان ڪيو ويو هو. افسوس جو يهودين جي غداري جي ڪري اهو تصور اڳتي وڌي نه سگھيو. ان کان پوءِ اڳتي هلي خلافت راشده جي جاءِ تي بادشاهت جا بنياد قائم ڪيا ويا.
    اسان جي دؤر ۾ وحدت انساني جي قيام لاءِ ”ميثاق مدينه“ هڪ روشن نموني جي حيثيت رکي ٿو، پر مسلمان عالمن جي تنگ نظري جي ڪري انهيءَ تي عمل نه ٿي سگھيو.
    خدا کي مڃڻ جو مقصد:
    خدا کي مڃڻ جو رڳو اهو مطلب نه آهي ته هر وقت الله جو ورد ڪيو وڃي، يا ٻين معبودن کي مڃڻ وارن تي تشدد شروع ڪيو وڃي. ان جو مطلب اهو آهي ته جڏهن هيءَ ڳالهه سمجھه ۾ اچي وڃي ته سڀني قومن جو خلقيندڙ هڪ آهي، انهيءَ جي تعليم به هڪ آهي ته انهيءَ هڪڙي خدا يا الٰه جو ئي حڪم مڃڻ گھرجي. انسان ذات سان محبت ڪرڻ خدا کي خوش ڪرڻ جو ذريعو آهي. ٻين سان نفرت نه ڪرڻ گھرجي، پوءِ ڀلي ان جو بنياد مذهبي ۽ قومي اختلاف ئي ڇونه هجي. خدا جي مرضي ۽ حڪم جي نافرماني ڪندي، ٻين کي نقصان ڏئي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ، جيئن مزدور جو استحصال ڪري دولت حاصل ڪرڻ، ڪنهن به صورت ۾ جائز نه آهي.
    الله تعالى نٿو گھري ته انسان ان جي نالي تي هڪ ٻئي کي قتل ڪن ۽ ڦر مار ڪن. هوش حواس ۽ عمل جا دروازا انهيءَ لاءِ انسانن تي کوليا ويا آهن ته جيئن انهيءَ هوش ۽ حواس کان ڪم وٺي، اخلاقي ۽ سماجي ترقي ڪريون. پر انسان خدا جي مرضي جي خلاف پنهنجو پاڻ کي متضاد معاشي طبقن ۾ ورهائي ڇڏيو. هڪ تمام ئي ننڍڙي ٽولي خدا جي طرفان انسانن جي فائدي جي لاءِ پيدا ڪيل وسيلن تي قبضو ڪري گھڻائي کي محروم ڪري ڇڏيو ۽ انهن محروم فردن جي محنت جي استحصال سان دولت گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. اهڙي طرح معاشرو ٻنهي گروهن جي گڏيل مفادن جي ڇڪتاڻ ۾ پريشاني جو شڪار ٿي ويو ۽ اها حالت ان وقت تائين قائم رهندي، جيستائين پيداواري وسيلن تي عوام جو قبضو نٿو ٿي وڃي.
    انهن متضاد مفاد رکڻ وارن طبقن جي پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي ڪري فرد هڪ مُنو ٿي خدا ڏانهن به متوجهه نٿو ٿي سگهي ۽ اهڙي طرح اهو قرب الاهي کان محروم رهجي ويندو آهي جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي. ائين معاشري جي گھڻائي، پيداواري وسلين کان محروميءَ جي ڪري، غربت ۽ جهالت ۾ ڦاٿل رهي ٿي ۽ تهذيب جي برڪتن کان پڻ محروم رهي ٿي.
    دنيا جي مذهبن جي پيشوائن، پيداواري وسلين تي قابض طبقي جي مفاد کي، مذهبي نقطه نظر سان تحفظ ڏنو ۽ عوام کي عبادت ۽ رسمن جي ادائگي سان مطمئن ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا جا سڀئي مذهب محنت جي استحصال کي جائز سڏي رهيا آهن ۽ غربت ۽ حڪومت کي خدائي تقدير تصور ڪن ٿا. تنهن ڪري خدا کي مڃڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته پيداواري وسيلن کي ٿورڙن فردن جي قبضي مان ڪڍي، عام مزدور طبقي جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي سان مطمئن ٿي، عبادت الاهي ڏانهن متوجهه ٿي سگھي. اهڙي طرح هو پنهنجي علم ۽ عمل سان پنهنجي مالڪ الله سان ويجھو ٿيندو وڃي جيڪو ان جي تخليق جو اصل مقصد آهي.
    علم ڇا آهي؟:
    پهرين وحيءَ وجود ۽ علم جي باري ۾، جيڪي علم بنسبت فلسفي جا بنيادي مسئلا آهن، پنهنجو نقطه نظر پيش ڪيو آهي. وجود به الله تعالى جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به الله تعالى جي ذات آهي. وحي الاهي رڳو اهو نه چيو ته خدا تعالى انسان کي علم ڏنو آهي، پر ان کي علّم بالقلم چيو آهي.
    اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت يوناني عقليت هر طرف ڇانيل هئي. ارسطو جيتوڻيڪ منطق جي ٻنهي قسمن يعني داخلي منطق (Inductive Logic) ۽ استخراجي منطق (Deductive Logic) جو ذڪر ڪيو آهي. پر معاشرتي حالتن جي ڪري داخلي منطق وڌي ويجھي نه سگھيو، ان جي بدران استخراجي منطق سوچڻ جو اوزار بڻجي ويو.
    انهن ٻنهي ۾ فرق اهو آهي ته استخراجي منطق گھڻائي کان هيڪڙائي ڏانهن اچي ٿو جڏهن ته داخلي منطق هيڪڙائي جي مطالعي سان گھڻائي کي ترتيب ڏئي ٿي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته انسان فاني آهي، ته استخراجي منطق انهيءَ مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته جيئن ته سمورا انسان فاني آهن انهيءَ ڪري زيد به فاني آهي جو اهو ”هڪ“ انسان آهي. پر داخلي سوچ جو ذريعو زمين جي هر خطي جي هر انسان جو مطالعو ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي تفصيلي مطالعي مان اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته سمورا انسان فاني آهن. ارسطو جي زماني ۾ پيغام رساني ۽ لڏپلاڻ جا وسيلا به ترقي يافته نه هئا، انهيءَ ڪري هيڪڙائي وارو مطالعو تمام ڏکيو هو، جنهن ڪري داخلي منطق وڌيو ويجھيو، جنهن ۾ هيڪڙائيءَ جي تفصيلي مطالعي جي ضرورت نه هئي.
    انهن ٻنهي منطقن جي باري ۾ سترهين صدي جي محقق فرانس بيڪن چيو آهي ته استخراجي منطق جو مثال هڪ ڪوريئڙي وانگر آهي، جيڪو هڪڙي ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي اندران پِڪَ ڪڍي پنهنجي شڪار کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄارو اڻيندو رهندو آهي، اهڙيءَ ئي طرح استخراجي محقق به پنهنجي ڪمري ۾ ويهي گھڻائيءَ مان هيڪڙائي نتيجو ڪڍندو رهندو آهي. جڏهن ته داخلي محقق جو مثال ماکيءَ جي مک وانگر آهي جيڪا سوين گلن ۽ ميون مان رس چوسي پنهنجي ماناري ۾ ماکي ٺاهي ٿي. داخلي محقق ڪنهن وڏي واقعي (General Proposition) مان نتيجو ڪڍڻ جي لاءِ تفصيلي مطالعو ڪندو آهي، جنهن ۾ ان کي ڪيترن ئي جاين جو سفر به ڪرڻو پوندو آهي. تحيقي جي داخلي طريقي کي تحقيق جو سائنسي طريقو سڏيو وڃي ٿو.
    علم بالقلم جو مطلب تحقيق جو داخلي طريقو آهي. ڇو ته قلم تفصيلي تحقيق جي نتيجن کي لکي ٿو، جنهن مان ڪو نتيجو نڪري ٿو. قلم کان بنا حاصل ٿيڻ وارو علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل نه هوندو آهي، جڏهن ته قلم جي ذريعي حاصل ٿيندڙ علم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي. پهرين وحي علم بالقلم چئي ڪري سائنسي علم جو ڏس پتو ڏنو آهي، يعني غير سائنسي يا غير داخلي علم کي پيش نه ڪيو آهي. اصل ۾ تحقيق جو داخلي طريقو وڏي يا ننڍي نتيجي جي معروضي يا مادي حقيقت سان مطابقت نٿو رکي. مثال طور جيڪڏهن چيو وڃي ته وڻ دسترخوان هوندا آهن (وڏو نتيجو) هي به وڻ آهي؛ (ننڍو نتيجو) انهيءَ ڪري هي به دسترخوان آهي. (نتيجو) جيستائين وڏي نتيجي ۽ ننڍي نتيجي جو تعلق آهي، نتيجو صحيح آهي. پر وڏو نتيجو معروضي حقيقت جي مطابق نه آهي، وڻ دسترخوان نه هوندا آهن، انهيءَ ڪري نتيجو معروضي حقيقت مطابق نه آهي.
    انهيءَ جي مقابلي ۾ تحقيق جي داخلي يا سائنسي طريقي موجب جيڪڏهن وڏو نتيجو معروضي حقيقت سان هڪجهڙائي نٿو رکي ته سائنسي طريقو نتيجي کي قبول نه ڪندو آهي ۽ ان کي غلط سڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اولهه واري تحقيق جي سائنسي طريقي جي استعمال سان، صحيح علم کي اخذ ڪيو آهي جنهن جي ڪري يورپ تمام گھڻي ترقي ڪري ويو آهي. ڇو ته سائنسي طريقي سان حاصل ڪيل علم فرضي ڳالهين تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر پڪين حقيقتن تي ٻڌل هوندو آهي ۽ تجربي ۽ مشاهدي سان انهيءَ جي سچائي کي پرکي سگھجي ٿو.
    پر افسوس هيءُ آهي ته اسان جي عالمن ۽ مفسرن علم بالقلم جي حقيقت کي سمجھڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، جنهن جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي جو مسلم معاشرو اڄ ڏيڍ هزار سال گذري وڃڻ کان پوءِ به پوئتي پيل ۽ غير ترقي يافته آهي. مسلم ملڪن جي يونيورسٽين ۾ جيڪي علم پڙهايا وڃن ٿا اهي سڀئي علم اولهه جي محققن جا تحقيق ڪيل آهن. پهرين وحي جي انهيءَ علمي حقيقت جي نشاندهي جي باوجود، مسلم عالم ۽ محقق عام طور تي استخراجي عقليت جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل رهيا. ايتري تائين جو اڄ به ديني مدرسن ۾ استخراجي عقليت کان ئي ڪم ورتو پيو وڃي ۽ انهيءَ جي لاءِ دليل اهو پيو ڏنو وڃي ته خدا جي هستي ۽ طبعيات کان هٽي ڪري ٻيا عقيدا، تجربن ۽ مشاهدن سان معلوم نٿا ڪري سگھجن. جڏهن ته اها ڳالهه بلڪل ئي غلط آهي. قرآن ڪريم وري وري فطرت جي مطالعي جي تاڪيد ڪئي آهي. جيتوڻيڪ امام غزالي ۽ ڪانٽ ٻڌايو آهي ته طبعيات کان هٽي ڪري، حقيقتن کي ڄاڻڻ جي لاءِ عقل ڪم نٿو ڏئي سگھي، پر غزالي ۽ ڪانٽ پاڻ به وجدان جي واڌويجھه جي ذريعي، طبعيات کان پوءِ وارين حقيقتن جو مشاهدو ڪرڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو آهي. دنيا جي هر مذهب جي صوفين سڳورن انهن حقيقتن جو مشاهدو ڪري ثابت ڪيو آهي ته اهي حقيقتون ڪنهن فرضي ڳالهه تي ٻڌل نه، پر صحيح معنى ۾ حقيقتون آهن. تنهن ڪري علم بالقلم تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل هوندو آهي، پوءِ ڀلي اهو عقل جي ذريعي حاصل ٿئي يا وجدان جي ذريعي حاصل ٿئي. وري جيڪڏهن مشاهدن تي غور ڪيو وڃي ته انهن مشاهدن جي هڪجهڙائي انهيءَ ڳالهه جو دليل بڻجي وڃي ٿي ته طبعيات کان پوءِ واريون حقيقتون فرضي ڳالهيون نه آهن، پر ڪي حقيقتون آهن جيڪي زندگيءَ تي پنهنجو اثر ڇڏينديون آهن.
    برگسان وقت Time جون ٻه شڪليون ٻڌايون آهن. انهن مان هڪ زمان متسلسل (Serial Time) ۽ ٻيو زمان خالص (Duration) آهي، جنهن جي ذريعي حواس ۽ عقل جو واسطو زمان متسلسل سان رهندو آهي، جيڪو رات ۽ ڏينهن ۾ ورهائبو آهي. زمان خالص جو تعلق وجدان سان هوندو آهي. زمان متسلسل شي (Thing) کي ان جي جزن ۾ ڏسندو آهي. انهيءَ جي پهچ سڀ (Whole) تائين ناهي هوندي. جڏهن ته زمان خالص حقيقت کي سڀ جي حيثيت سان ڏسندو آهي. تنهن ڪري ڪانٽ ۽ غزالي جو هيءُ موقف صحيح آهي ته عقل ۽ حواس حقيقت تائين پهچ حاصل نٿا ڪري سگھن. ڇو ته انهيءَ جي لاءِ وجدان جي ضرورت آهي. وحي الاهي وجدان سان تعلق رکي ٿي. پر هيءَ حقيقت ياد رکڻ گھرجي ته وجدان جو تعلق به تجربي ۽ مشاهدي سان آهي. اهو غير عقلي نه آهي جيتوڻيڪ ظاهر ۾ عقل کان مٿانهون آهي.

    ڀاڱو ٽيون: ڳجهي دعوت

    (ڊسمبر 610ع کان فيبروري 612ع)
    جيئن ته هن کان پهريان بيان ٿي چڪو آهي ته انقلاب جي جزن مان سڀ کان پهريون جزو نظريو هوندو. انهيءَ نظريي ۾ انقلاب جو فلسفو ۽ نصب العين جي تفصيل هوندي آهي. نظريي تي سهمت ٿيڻ وارن فردن جي جماعت يا پارٽي جوڙي ويندي آهي جيڪا سياسي جاکوڙ سان انقلاب آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي.
    غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۾ اسلامي انقلاب جو مڪمل نظريو ۽ نصب العين ڏنو ويو هو. جيئن ته ايران ۽ روم جي پاڻ ۾ جنگين جي ڪري واپاري رستا بند ٿي ويا هئا. قريش جي سردارن جي معاش جو ذريعو رڳو حج جي ميلي ۽ واپاري قافلا هئا. انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن سوچيو ته جيڪڏهن هن وقت کين بت پرستي کي ڇڏي ڏيڻ جي صلاح ڏني وئي ته اهي سمجھندا ته انهن جي روزيءَ جو آخري سهارو به ختم ڪيو پيو وڃي. تنهن ڪري فيصلو اهو ڪيو ويو ته ڪجھه عرصي تائين چپ چپات ۾ ڪم ڪيو وڃي ۽ جيڪي به ماڻهو انقلاب جا ٻانهن ٻيلي هئا، انهن تي ٻڌل هڪ جماعت جوڙي وڃي. ان کان پوءِ حالتون بدلجندي ئي اعلانيه جاکوڙ شروع ڪئي وڃي.
    ڪوهه صفا جي ڪڇ ۾ ابو الارقمؒ (اسدي) جي گھر ۾ نبي ڪريمﷺ جن پناهه وٺي ڇڏي هئي، ۽ هتان کان ئي ڳجھي دعوت پکيڙي پئي وئي. حضرت ابو بڪرؒ جي ڪوششن سان ڪجھه آزاد ۽ غلام ماڻهن انهيءَ دعوت کي قبولي ورتو. شروع ۾ مؤمن يا مسلم جي بدران سچار جو لفظ استعمال ٿيندو هو. دعوت هيءَ هوندي هئي:
    (1) گھڻن ئي پالڻهارن جي جاءِ تي رڳو هڪڙي ئي پالڻهار جي پوڄا ڪئي وڃي ۽ ارباب من دون الله جي ٻانهپ ۽ غلاميءَ جي خلاف بغاوت ڪئي وڃي. مقصد هيءُ هو ته الله جي جوڙيل نظام حيات جي مقابلي ۾ اهي مشرڪ آهن جن زندگيءَ جو نظام پنهنجي مرضي موجب بڻائي ورتو هو. خدا جي نظام ۾ رزق حاصل ڪرڻ جا ذريعا سڀني لاءِ کليل ۽ عام هئا. هر ماڻهو پنهنجي جسماني ۽ ذهني قابليت جي موجب انهن مان فائدو ماڻي سگھي پيو. انساني معاشري ۾ متضاد معاشي مفاد رکڻ وارا طبقا ڪونه هئا. يعني آقا ۽ مالڪ جو وجود نه هو. پر انهن ”ارباب من دون الله“ معاشري کي آقا ۽ غلام ۾ ورهائي ڇڏيو هو. انهيءَ ورڇ مطابق گھڻائي غلامن تي ٻڌل هئي جڏهن ته آقائن جو تعداد تمام ٿورو هو. جيئن ته انهن آقائن جو رزق، علم ۽ تهذيب جو وسيلن تي قبضو هو، انهيءَ ڪري انسانن جي گھڻائي غربت، جهالت،غلامي، مسڪيني ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ جڪڙيل هئي.
    ”ارباب من دون الله“ اهي مالڪ هئا، جن کي مذهبي پيشوائن بتن ۽ انهن تي قائم ٿيڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي سردارن تائين محدود ڪري ڇڏيو هو ته جيئن آقائن جا مفاد محفوظ رهن. ان کان پوءِ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ اهي آقا، جاگيردار، صنعتڪار ۽ ڪارخانن جي مالڪن جي حيثيت ۾ بدلجي ويا ۽ غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام جي شڪل اختيار ڪري ورتي.
    ”ارباب من دون الله“ جي خلاف بغاوت اصل ۾ معاشي طبقاتي نظام ۽ بتن جي حمايت ۽ حفاظت ڪرڻ واري مذهبي اڳواڻي واري نظام جي خلاف بغاوت هئي، جنهن اڄ بت پرستي جي خاتمي کان پوءِ هاڻي مذهبي پيشوائيت جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي. گڏوگڏ اهو به ته اڄ جا ”ارباب من دون الله“ جن جي قبضي ۾ رزق جا وسيلا، جهڙوڪ زمين، ڪارخان، ڪوئلو ۽ ٻيون معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا ۽ دريا وغيره آهن، سي انهيءَ جاگيردار، صنعتي سرمائيدار، وڏن واپارين جيڪي اسٽاڪ ايڪسچيج جي وڏي جوئا خاني سان تعلق رکن ٿا، شاهوڪار نظام رکندڙ بينڪرن ۽ سمگلرن وغيره جي نالن سان به سڏيا وڃن ٿا. اڄ به انسانن جي گھڻائي هارين ۽ مزدورن تي مشتمل آهي، انهن سان گڏ وڏو تعداد پوئتي پيل ۽ نادار انسانن جو آهي.
    هن معاشي طبقن تي ٻڌل نظام انسانن جي وچ ۾ هڪجهڙائي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ نظام خود غرضي، حسد ۽ نفرت کي هٿي ڏني، جنهن جي نتيجي خوف، ڳڻتي ۽ بک جو هر طرف راڄ آهي. نيڪي ۽ شرافت جا جذبا ڌٻجي ويا آهن.
    (2) جيڪي ماڻهو انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪري وٺن ته رڳو رب الخالق، المعلم جي پوڄا ڪئي وڃي، انهن کي گهرجي ته ٻين کي به شرڪ ۽ ڪفر جي اونداهيءَ مان ڪڍن ته جيئن انساني هڪجهڙائي قائم ٿي سگھي ۽ طبقاتي معاشرو توحيدي معاشري ۾ بدلجي وڃي. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي مان نڪري مزدورن ۽ عوام جي ملڪيت ۾ اچي وڃن ۽ ائين ڪينو، نفرت ۽ خود غرضي جي جاءِ تي محبت، نيڪي ۽ شرافت والاري. اهڙي قسم جي تبديلي ئي بک، خوف ۽ جهالت کي ختم ڪندي.
    (3) هن دعوت کي مڃيندڙن جي جماعت جو امام نبي ڪريم ﷺ جن پاڻ هئا، جيڪي رب الخالق والمعلم جا موڪليل پيغمبر هئا. اهو رحماني پيغام انسانيت کي اونداهي ۽ ڪفر مان ڪڍي سوجهري ۽ ايمان ڏانهن، اڻڄاڻائيءَ مان ڪڍي علم ڏانهن ۽ اڻ ڳڻين آقائن جي غلامي ۽ ذلت مان ڪڍي رڳو هڪ آقا (الله) جي غلامي جي شرف ڏانهن وٺي وڃي ٿو. اها ئي ڳالهه اسان جي دؤر ۾ جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. اسلام جي شروعاتي دؤر ۾ مڪي جا پيداواري وسيلا واپار تي مشتمل هئا. مڪي ۽ مديني ۾ زمين پيداواري وسيلو نه هئي. پر انهيءَ جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ جن زمين جي باري ۾ اهو فيصلو ڏنو ته پوکي ڪرڻ جي بدران جيڪڏهن زمين کي هارپي تي ڏنو وڃي ته اهو معاملو ربوا (وياج) جو آهي. تنهن ڪري ڪڙمت کي ناجائز سڏيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته زمين جو مالڪ اهو آهي جيڪو ان کي پاڻ کيڙي ٿو. پر بادشاهي نظام جي دٻاءَ ۾ اچي، جنهن ۾ غلامن جي ادارن کي مستقل بڻايو ويو هو، جڏهن ته قرآن فديي يا احسان سان غلام کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، امام ابو يوسفؓ ڪڙمت جي اجازت ڏئي ڇڏي، جنهن سان مسلمانن ۾ جاگيرداري نظام قائم ٿي ويو. اصل ۾ انهيءَ جي شروعات دمشق جي خلافت کان ئي شروع ٿي وئي هئي، پر انهيءَ جي تڪميل عباسي خلافت ۾ ٿي.
    نبي ڪريم ﷺ جن ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته حضرت عمرؒ جي زماني ۾ جڏهن عراق، شام ۽ مصر وغيره جي زمينن جي ورهاست جو مسئلو اڳيان آيو ته حضرت عمرؒ انهيءَ ورهاست مان مطمئن نه ٿيو، ايتري تائين جو کين قرآن حڪيم مان ڄاڻ ملي ته انهن زمينن ۾ انهن جو به حصو آهي، جيڪي هن کان پوءِ اچڻ وارا آهن. تنهن ڪري سڀئي زمينون گڏيل ملڪيت ۾ ورتيون ويون ۽ خلافت راشده تائين مسلم معاشرو جاگيرداري جي لعنت کان محفوظ رهيو.
    جن ماڻهن حضرت رسول الله ﷺ جي دعوت تي ڪن ڏنو ۽ ڳجھي پارٽي جا ميمبر بڻجي ويا، انهن جا نالا هيٺ ڏنا ويا آهن. انهن اصحابن جي باري ۾ تفصيل سيرت جي عام ڪتابن ۾ ملي ويندو. انهن ۾ ڪيترا ته اهڙا ماڻهو به آهن، جن تي لڱ ڪانڊاريندڙ ظلم ڪيا ويا:
    1. حضرت خديجة الڪبرىؒ ، نبي ڪريم ؐ جي شريڪ حيات.
    2. حضرت زيدؒ بن حارث، نبي ڪريم ﷺ جو آزاد ڪيل غلام.
    3. حضرت عليؒ بن ابي طالب، نبي ڪريم ؐ جو سؤٽ.
    4. حضرت ابو بڪرؒ بن قحافه، نبي ڪريمؐ جو ننڍپڻ جو سنگتي ۽ ساٿي.
    5. حضرت عثمان بن عفان (4 محرم 24 هه ۾ حضرت عمرؒ کان پوءِ خليفا چونڊيا ويا ۽ 8 ذي الحج 35 هه ۾ شهيد ڪيا ويا).
    6. حضرت زبير بن العوام (اسدي) رسول الله ﷺ جي پڦي جا پٽ هوا. سخت سور سٺا. 36 هه ۾ سجدي جي حالت ۾ شهيد ڪيا ويا.
    7. عبدالعزى بن عوف (زهري) اسلام کان پوءِ ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. حضرت عمرؒ جي خلافت کان پوءِ ڪنڊائتو ٿي ويهي رهيو.
    8. طلحه بن عبيد اللهؒ (تميمي) حضرت ابوبڪرؒ جو مائٽ هو. احد جي جنگ ۾ رسول الله ﷺ کي بچائيندي سندس آڱريون ڪٽجي ويون. حضرت عليؒ جي زماني ۾ خلافت جو اميدوار هو. پر حضرت زبيرؒ جي الڳ ٿي وڃڻ سان هي به پاسي تي ٿي ويو. شهيد ڪيو ويو.
    9. ابو عبيده عامر بن الجراحؒ (فهري). نجران وارن جي لاءِ معلم ٿي ڪري ويو. شام جي فوجن جو سالار بڻيو. بيت المقدس کي صلح سان فتح ڪيو. 8 هه ۾ وفات ڪيائين.
    10. سعد بن ابي وقاصؒ (زهدي) فاتح ايران.
    11. عمير بن ابي وقاصؒ، مائٽي ۾ پاڻ ﷺ جو مامو هو. ڪوفي کي آباد ڪيائين ۽ 55 هه ۾ مديني کان ٻاهر ڪنڊائتو رهندي وفات ڪيائين.
    12. ابو سلمه عبد الله بن عبدالاسدؒ. رسول الله ﷺ جو پڦاٽ ۽ رضاعي ڀاءُ هو. جنگ احد ۾ زخمي ٿيو ۽ 4 هه ۾ وفات ڪيائين.
    13. ام سلمهؒ. ام المؤمنين هئي. پاڻ ﷺ سان نڪاح ۾ اچڻ کان اڳ ابوسلمه جي زال هئي.
    14. عثمان بن مظعونؒ.
    15. سائبؒ ۽ ان جا ٻه ڀائر
    16. قدامهؒ.
    17. عبد اللهؒ. سؤٽ هو.
    18. معمر بن الحارثؒ 2هه ۾ وفات ڪيائين. هو تهجد گذار ۽ روزا رکندڙ هو.
    19. عامر بن فهيره (ازدي)حضرت ابو بڪرؒ ان کي خريد ڪيو ۽ آزاد ڪيو هو. غار ثور وارن ڏينهن ۾ اهو ئي ٻڪريون چاريندي هجرت جي موقعي تي کير پياريندو هو. 4 هه ۾ جڏهن ستر (70) قاري شهيد ٿيا ته هيءُ به انهن ۾ شامل هو.
    20. ابو حذيفهؒ بن عتبه شروع ۾ اسلام جو سخت مخالف هو. پر ايمان آندائين. 54 سالن جي عمر ۾ مسيلمه ڪذاب سان وڙهندي شهيد ٿيو.
    21. رقمؒ بن ابي ارقم (اسدي) پيءُ جو نالو ابو ارقم هو. صفا جبل جي هيٺان ان جو گھر هو. اتي ئي رسول الله ﷺ جن پناهه ورتي هئي. 83 سالن جي عمر ۾ وفات ٿيس. 140هه ۾ خليفي منصور عباسي سندس يادگار گهر کي خريد ڪري ورتو هو.
    22. غلامن ۽ عورتن جي طرفان تصديق. وقفي وقفي سان ٿورڙا غلام ۽ عورتون به انهيءَ انقلابي برادريءَ ۾ شامل ٿيند رهيا. غلامن مان:
    (أ‌) عمار بن ياسرؒ 20 هجري ۾ ڪوفي جو والي بڻيو. پنهنجي پر اثر تقريرن سان تقريباً ڏهه هزار ڪوفين کي حضرت علي ؒجو حامي بڻائي ورتو. (90) سالن جي عمر ۾ جنگ جمل ۾ شهيد ٿيو.
    (ب‌) صهيبؒ بن سنان (رومي) موصل جي رهڻ وارو هو. حضرت عمرؒ جي شهادت کان پوءِ خلافت جي فيصلي تائين خليفو رهيو. 38 هه ۾ مديني ۾ 72 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائون.
    (ت‌) بلال حبشيؒ، اميه بن خلف جو غلام هو جيڪو مٿس لڱ ڪانڊاريندڙ انداز سان ظلم ڪندو هو. حضرت ابوبڪرؒ کيس خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو هو.
    (ث‌) ان کان سواءِ ڪيترائي غلام هن انقلابي هلچل ۾ شامل ٿي ويا هئا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻ کان پوءِ به حق تي قائم رهيا. اسلامي دؤر ۾ انهن کي عزت ۽ مرتبو مليو.
    (ج‌) اسماء بنت عميس، حضرت جعفر بن ابي طالب سان گڏ حبشه ڏانهن هجرت ڪئي. ڪيترن ئي سالن تائين جلاوطني برداشت ڪئي. 7 هجري ۾ رنڙ ٿي وئي ۽ حضرت ابوبڪرؒ جي نڪاح ۾ آئي.
    (ح‌) ام الفضلؒ زوجه عباسؒ، عورتن مان حضرت خديجه ؒ کان پٺيان ئي مسلمان ٿي وئي هئي. ياد هجي ته هيءَ ۽ ٻيون عورتون پنهنجن مڙسن کان پهريان انهيءَ جماعت ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ هر طرح پنهنجي خلاف خانداني مخالفت کي به برداشت ڪيو.
    (خ‌) اسماء بنت حضرت ابو بڪرؒ جو ايمان آڻڻ وارن ۾ ارڙهون نمبر آهي. هي انهيءَ عبدالله بن زبير جي ماءُ آهي، جنهن يزيد جي خلافت جو انڪار ڪيو ۽ شهيد ڪيو ويو.
    (د‌) رسول الله ﷺ جون ٻه نياڻيون بي بي رقيهؒ ۽ بي بي ام ڪلثومؒ به انهيءَ ٽولي ۾ شامل هيون جيڪي اسلام آڻڻ کان پوءِ سخت تڪليفن ۾ مبتلا ٿيون.
    (ذ‌) عائشه ؒ بنت ابي بڪرؒ پاڻ پيدائشي مسلمان هيون. پاڻ نبي ڪريمﷺ جي سڀ کان ننڍي عمر واري گھرواري هئي. جنگين ۾ زخمين کي پاڻي پياريندي ۽ انهن جي ملم پٽي ڪندي هئي. 11 هه ۾ نبي ڪريم ﷺ جن سندن ڪوٺيءَ ۾ ئي دفن ٿيا. بيواهيءَ جا 48 سال گذارڻ کان پوءِ 62 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. پاڻ وڏي فقيهه هئي.
    (ر‌) فاطمهؒ بنت خطاب، حضرت عمرؒ جي ڀيڻ هئي. هن حضرت عمر ؒ کان پهريان اسلام قبوليو هو.
    (ز‌) امينهؒ بنت خلف به شروعاتي مسلمانن مان هئي. پنهنجي ڀاءُ اميه بن خلف جي سخت مخالفت جي هوندي به مسلمان ٿي وئي. پنهنجي مڙس خالد بن سعيد سان گڏ حبشه هجرت ڪئي.
    هن فهرست تي هڪ نظر وجھڻ سان اها ڳالهه چٽي ٿي وڃي ٿي ته اسلامي انقلاب هڪ عوامي انقلاب هو. اهو رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي حفاظت جي لاءِ نه آيو هو. ڪڙمت کي ربوا (وياج) سڏڻ جو مطلب ئي اهو هو ته انهيءَ دؤر ۾ جيئن ته پيداواري وسيلو صرف زمين هئي، تنهن کي مزدور يعني عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنو وڃي ته جيئن جاگيرداري نظام قائم نه ٿي سگھي. رعايتون ڏنل طبقي جا ڪجھه فرد، جيڪي انقلابي جاکوڙ ۾ شامل هئا سي نيڪ دل ۽ انسان دوست هئا ۽ هيءُ ٿورڙو تعداد هر عوامي انقلاب ۾ شامل رهيو آهي. اهي ماڻهو اصل ۾ زمين جا مالڪ نه هئا جيڪي محنت جي استحصال جو ذريعو بڻبي رهي آهي، پر واپاري هئا. هن دؤر جي واپار ۾ محنت جي استحصال جو تمام ئي ٿورڙو شبهو هو. اهو واپار قافلن جي صورت ۾ هوندو هو، جنهن کي حڪومت پنهنجي قبضي ۾ وٺي نٿي سگھي.
    اسلامي انقلاب تي، رعايتون ڏنل طبقي حضرت عثمانؒ جي خلافت جي آخري سالن ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. انهن جي شهادت کان پوءِ جنگ جمل ۽ جنگ صفين ۾ انهيءَ طبقي خلافت تي قبضو ڪري ورتو ۽ انهيءَ کي مديني کان دمشق کڻي ويا، جتي انهيءَ عوامي انقلابي جمهوريت کي بادشاهيت ۾ بدلائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي.
    ڳجھي دعوت جو دؤر لڳ ڀڳ ٽي سال جاري رهيو. انهيءَ عرصي ۾ غلام، عورتون ۽ مرد سڀئي هن نئين اڀرندڙ انقلابي تحريڪ ۾ شامل ٿي رهيا هئا. خوف، بک، جهالت ۽ نالي چڙهين مذهبي پيشوائن کان آزادي جو پروگرام بڻجي چڪو هو ۽ الله تعالى، جيڪو پالڻهار ۽ خالق ۽ ڪريم هو، تنهنجي ٻانهپ جي ڳجھي تياري ٿي رهي هئي.
    انهيءَ دؤر ۾ وحي الاهي جي ذريعي جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن جو خطاب نه ته اميرن سان هو ۽ نه ماڻهن سان. اهي رڳو رسول الله ﷺ جي دل کي ڏڍ ڏيڻ ۽ کين انقلاب جي ڏکين مرحلن مان گذارڻ جي لاءِ دل ٻڌائڻ جي لاءِ هيون. اهي سورتون والضحى، الم نشرح، الفلق، الفيل ۽ القدر وغيره هيون. جن جو مفهوم هيءُ هو ته انقلاب جي مقصد ۽ حڪمت عملي جي باري ۾ رسول الله ﷺ جي دل کي ڪشادو ڪيو ويو آهي. پڪ سان سندن ڳالهه مٿانهين هوندي. ڏک ۽ سک جو اچڻ انساني زندگيءَ جو حصو آهي. کين يتيميءَ جي حالت ۾ پناهه ملي. انقلاب جو دڳ نه ملڻ تي کين دڳ ڏسيو ويو. مسڪينيءَ کان شاهوڪاري ملي. اهڙي طرح هر اچڻ وارو دؤر پهرين دؤر کان ڀلو ٿيندو ويندو. خدا جادوگرن ۽ حاسدن کان کين پنهنجي پناهه ۾ رکندو ۽ اهي هاٿين وارن وانگر تباهه ٿي ويندا. انهن جادوگرن وغيره جو مقابلو انهيءَ سلامتيءَ واري تعليم سان ڪيو ويندو، جيڪو الروح آهي، يعني قرآن سان اسان سان گڏ ملائڪ آهن جيڪي امن ۽ سڪون ۽ سلامتي پيدا ڪندا آهن.
    هن دوءر جون ڪي خاصيتون
    (1) هن دؤر ۾ خدا جي لاءِ واحد جو لفظ استعمال نه ڪيو ويو، پر اڻ سڌي طرح توحيد الاهي جي تصور تي زور ڏنو ويو ته خلقيندڙ اڪيلو آهي. ٻيو ڪو به خالق نه آهي. وجود به انهيءَ جو آهي ۽ علم جو سرچشمو به اهو ئي آهي.
    (2) خدا جي سڀني صفتن ۾ صفت ”رب“ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو، ڇو ته رب جي معنى آقا آهي. انهيءَ دؤر ۾ غلامي عام هئي. روم، ايران، مصر وغيره وڏيون تهذيبون غلام بڻائيندڙ به هيون ۽ غلامن تي ٻڌل پڻ هيون. سندن مالڪ تمام ئي ظالم ۽ مطلبي هئا. انهن جي مقابلي ۾ رب جو تصور تمام ئي ٻاجھه ۽ مهرباني وارو هو، جيڪو خالق به هو ۽ علم ڏيڻ وارو ۽ معلم به هو. جيتوڻيڪ ڪجھه مالڪ مهربان به هئا، پر الله ڪرم ڪندڙ هو يعني ان جهڙي بي حساب مهرباني ڪرڻ وارو ٻيو ڪو به مدمقابل نه آهي. انهيءَ ڪري انهيءَ (ڳجھي دعوت واري) دؤر ۾ انساني آقائن جي مقابلي ۾ الله تعالى کي رب (آقا) سڏيو ويو آهي ته جيئن غلام پنهنجي دنياوي آقائن کان بغاوت ڪري جيڪي ظالم، خونخوار، خود غرض ۽ انسانيت کي علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان محروم رکڻ وارا هئا، انهيءَ هڪڙي آقا جي بندگي ۾ اچي وڃن جيڪو خالق آهي، مهربان آهي، اڃا به تمام ئي مهربان آهي ۽ علم ڏيڻ وارو معلم پڻ آهي.
    (3) هتي رڳو علم نه چيو ويو، پر علم بالقلم چيو ويو آهي. قلم تجربي توڙي مشاهدي ۽ انهن جي نتيجن کي محفوظ ڪرڻ جو ذريعو هو ته جيئن اچڻ وارا نسل انهن تجربن ۽ مشاهدن مان فائدو ماڻي علم کي وڌيڪ ترقي ڏين. انهيءَ ڪري علم مان مراد سائنس ۽ تاريخ بابت علم آهن. يورپ مسلمانن کان استفادو ڪري تجربي ۽ مشاهدي تي ٻڌل علم يعني سائنس کي، جنهن کي استقرائي علم به چيو وڃي ٿو، تمام گھڻي ترقي ڏني. انسان زمين ۽ سمنڊن جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ فضا کي به فتح ڪري چنڊ تي پير رکيو. سائنس تحقيق جي داخلي طريقي جو ٻيو نالو آهي. استخراجي طريقو سائنسي مطالعي جي برخلاف، ان جو ضد آهي. انهيءَ تي تفصيلي نوٽ پهريان گذري چڪو آهي.
    (4) قرآن جي پهرين ئي وحيءَ اخلاقيات کي اقتصاديات سان وابسته سڏيو آهي. جيڪڏهن معاشرو اهڙي اقتصاديات تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ محنت جو استحصال ڪيو ويندو هوندو ۽ معاشرو آقا ۽ غلام جي طبقن ۾ ورهائجي ويو هوندو، يعني هڪ طبقو جيڪو تمام ئي ٿورڙي تعداد ۾ آهي، سمورن پيداواري وسيلن ۽ اقتدار تي قابض هجي ۽ ٻيو طبقو اهو جنهن ۾ مزدورن ۽ پوئتي پيل محروم انسانن جي تعداد جو نوي سيڪڙو هجي، ته اهڙي اقتصادي ۽ معاشي نظام ۾ سڀئي بداخلاقيون، جهڙوڪ خون خرابي، ويڙهه جھيڙو، جنسي ڇڙواڳي، جوئا بازي، ڦرمار، شراب نوشي، عزت جي نيلامي، ڪمزورن جي مال تي ڏاڍ سان قبضو ڪرڻ وغيره شامل هوندا. اڃا به ائين چئجي ته اهو طبقاتي معاشي نظام ئي انهن بيمارين کي پيدا ڪندو آهي. انهيءَ جو اصل سبب پيداواري وسيلن تي قبضو رکڻ واري طبقي (آقا، جاگيردار ۽ صنعتڪار) جي مفادن ۽ انهن وسيلن کان محروم گھڻائي، جيڪا پنهنجي محنت وڪڻي ڪري پيٽ پالڻ وارن (يعني غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام) جي طبقي تي ٻڌل، جي وچ ۾ ٿيندڙ طبقاتي ڇڪتاڻ آهي.
    جيڪڏهن پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ هجن ته طبقاتي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي ۽ معاشري ۾ امن، برابري، محبت، پاڻ ۾ تعاون، جنسي صحتمندي، ڪمزور جي مدد ڪرڻ وارا انسان پيدا ٿيندا. تنهن ڪري اخلاقي نظام جو چڱو يا خراب هئڻ معاشي نظام جي طبقاتي يا غير طبقاتي هئڻ تي دارومدار رکي ٿو. قرآن انهيءَ نظريي تي چڱيءَ طرح روشني وڌي آهي، ۽ عياش ۽ وڏائي ڪندڙن جي مقابلي ۾ ڪمزورن، عام انسانن ۽ گھڻائي وارن طبقن جي وضاحت ڪئي آهي ۽ مقصد هيءُ ٻڌايو آهي ته عياشن جي طبقي کي ختم ڪري معاشري کي غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلايو وڃي. پر خلافت جي دمشق ڏانهن منتقل ٿيڻ ۽ اسلام جي انقلابي اڳواڻي تي رعايتون ڏنل طبقي جي قبضي، طبقاتي معاشري کي توحيدي يا غيرطبقاتي معاشري ۾ بدلائڻ جي تصور کي ئي ختم ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهيت جي اداري کي دائمي طرح مضبوط ڪري ڇڏيو. اهو ئي سبب آهي جو ڏيڍ هزار سالن کان مسلمان معاشرو طبقن ۾ ورهائبو آيو آهي، جنهن ڪري هر طرح جي بداخلاقي ۾ ڦاٿل آهي. جيستائين اهو طبقاتي نظام قائم رهندو، اها ڇڙواڳي ۽ بد اخلاقي به قائم رهندي.
    (5) اسلام جادو جي اثرن کي مڃي ٿو. پر جادوگر کي انسان دشمن سڏي ٿو ۽ کين پنهنجي جادوگري ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿو. پر هيءُ ڪاروبار نه رڳو انساني معاشري، پر مسلم معاشري ۾ اڄ تائين پنهنجا پير ڄمايون بيٺو آهي. قرآن ضد آهي جادو ۽ منتر وغيره جو. اها تعليم جيڪا حق هجي، هدايت ۽ نور هجي، جنهن جي پڙهڻ سان جبل به هلڻ لڳن، سو ڪلام پڪ سان الله تعالى جي طرف کان هوندو. ” وَلَوْ اَنَّ قُرْاٰنًا سُيِّرَتْ بِہِ الْجِبَالُ“ (الرعد:31). ڪافر قرآن کي جادو چوندا هئا ۽ جادو ڪوڙ هوندو آهي ”وَلَىِٕنْ قُلْتَ اِنَّكُمْ مَّبْعُوْثُوْنَ مِنْۢ بَعْدِ الْمَوْتِ لَيَقُوْلَنَّ الَّذِيْنَ كَفَرُوْٓا اِنْ ھٰذَآ اِلَّا سِحْــرٌ مُّبِيْنٌ“ (هود:7)
    (6) ملائڪَ يا ملائڪُ (جمع ۽ واحد) اُهي طبعي قوتون آهن جيڪي سموري ڪائنات ۾ ملن ٿا. يهودي ۽ عيسائي انهن کي جسم وارو سمجھندا هئا ۽ اهو ته اهي الله جون فرمانبردار روحاني قوتون يا فرشتا آهن. جهالت جي زماني ۾ عرب انهن کي ماديون سمجھندا هئا ۽ پنهنجي ديوين (لات، منات ۽ عزى) کي ملائڪَ چوندا هئا. انهن جو خيال هو ته اهي الله جون ڌيئر آهن ۽ انهن جي ماءُ هڪ جنڙي آهي ”فَاسْتَفْتِہِمْ اَلِرَبِّكَ الْبَنَاتُ وَلَہُمُ الْبَنُوْنَ“ (الصافات: 149) ڄڻ ته خدا ۽ جن جي مائٽي ڳنڍي، ٻنهي کي خوش ڪرڻ گھرندا هئا ” وَجَعَلُوْا بَيْنَہٗ وَبَيْنَ الْجِنَّۃِ نَسَـبًا۝۰ۭ “ (الصافات:158)
    قرآن ڪيترائي دفعا سڪينه يعني دل جي اطمينان ۽ جنود الله يعني الله تعالى جي عطا ڪيل همٿ جي نزول جو ذڪر ڪيو آهي. اهڙي طرح ملائڪن سان گڏ الروح يعني خدا جي قوت يا جبرئيل جو ذڪر آهي. انهيءَ ڪري الروح کي امر رب يا وحي چيو ويو آهي. اهڙي طرح ” يُنَزِّلُ الْمَلٰۗىِٕكَۃَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِہٖ عَلٰي مَنْ يَّشَاۗءُ مِنْ عِبَادِہٖٓ“ (النحل:2)، ” قُلِ الرُّوْحُ مِنْ اَمْرِ رَبِّيْ “ (بني اسرائيل:58) ۽ ”وَكَذٰلِكَ اَوْحَيْنَآ اِلَيْكَ رُوْحًا مِّنْ اَمْرِنَا “ (الشورى:52) به چيو ويو آهي. مطلب ته قرآني اصطلاح ۾ ملڪ يا فرشتو اها خدائي قوت آهي، جيڪو انسان جي دل ۾ اطمينان، ڀروسو، همٿ ۽ استقامت پيدا ڪري ٿو. موجوده زماني جي اصطلاح ۾ انهيءَ کي ضمير يا وجدان چئي سگھجي ٿو. يا استعاري طور هي خدائي آواز آهي، جيڪو هر انسان ٻڌي سگھي ٿو ”فَاَلْہَمَہَا فُجُوْرَہَا وَتَقْوٰىہَا“ (والشمس:8)
    هاڻي انهن سورتن جي مفهوم تي ٿورڙي وضاحت ڪجي ٿي. وڌيڪ وضاحتون توهان کي تفسيرن ۾ به ملي وينديون.
    (1) غار حرا ۾ اچڻ واري پهرين وحي الاهي پنجن آيتن تي ٻڌل هئي، جنهن ۾ فلسفي جي ٻن بنيادي سوالن جو جواب ڏنو ويو هو: هڪ اهو ته وجود ڇا آهي؟ ۽ ٻيو اهو ته علم ڇا آهي؟
    هستي ۽ معرفت يعني وجود ۽ علم جي هيئت جي ڳولا ۾ انسان فلسفي جا ڪيترا ئي فڪري مڪتب پيدا ڪري ورتا هئا. انهن مختلف مڪتبن انساني ذهن کي پريشاني ۾ وجھي ڇڏيو هو. پهرين وحيءَ حقيقت سان گڏوگڏ اهوبه ٻڌائي ڇڏيو ته وجود توڙي علم جو سرچشمو رب، الخالق ۽ المعلم جي ذات آهي. انهيءَ خالق جي حڪمن جي فرمانبرداري طبقاتي معاشري کي، جيڪو سڀني بداخلاقين جو بڻياد آهي، توحيدي معاشري ۾ بدلائي ڇڏيندي ۽ اهڙيءَ طرح انسان بک، جهالت، خوف ۽ غلاميءَ جي لعنت کان ڇوٽڪارو ماڻيندو.
    انهن پنجن آيتن جي نزول کان پوءِ، انهن ۾ ٻڌايل زندگيءَ جي فلسفي ۽ ڪائنات جي تصور ۽ نصب العين کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ، ڳجھو طريقو پنهنجايو ويو. انهيءَ عرصي ۾ نبي ڪريم ﷺ جي دل کي ڏاڍو ڪرڻ ۽ انقلاب جي ڳري بار کي کڻڻ جي لاءِ سندن دل کي ڪشادو ڪيو ويو.
    (2) والضحى: انهيءَ سلسلي ۾ ٻي سورة والضحى نازل ٿي. پهرين وحي کان پوءِ وحي جو سلسلو ڪجھه عرصي جي لاءِ بند ٿي ويو هو.
    نبي ڪريم ﷺ سمجھيو ته شايد انقلابي جاکوڙ ۾ خدائي هدايت جو سلسلو بند ٿي ويو آهي. اها سورة انهيءَ ئي فڪرمندي جو جواب آهي، ته فطرت (الله) ۽ ان جون قوتون جڏهن انساني معاشري ۾ انقلابي هلچل شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺنديون آهن، ته پوءِ انهيءَ هلچل کي ظالم طبقي هٿان تباهه ۽ برباد ٿيڻ لاءِ بي سهارو نه ڇڏيو ويندو آهي. دنيا جي سماجي انقلابن ۾ به اهو ئي عالمگير قانون ڪم ڪندو رهيو آهي. رسول الله ﷺ کي تسلي ڏني وئي آهي ته فطرت جا مظهر ۽ ان جون ڄاتل سڃاتل عادتون انهيءَ ڳالهه جو دليل آهن ته هيءُ انقلاب ضرور ڪامياب ٿيندو. اهڙي طرح تيرهن سالن جي سخت جاکوڙ کان پوءِ رسول الله ﷺ کي مديني ۾ انهيءَ فڪر تي ٻڌل هڪ رياست قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. ائين اها اڳڪٿي ته توهان کي جلد ئي خوشخبري ڏني ويندي، پوري ٿي وئي.
    هونئن به رسول الله ﷺ جي زندگيءَ ۾ شروع کان ئي هڪ ڳجھو هٿ ڪم ڪندي نظر اچي ٿو، جيڪو انهن جي حفاظت ۽ جاکوڙ جي هر موڙ تي سندن نظرياتي رهنمائي ڪندو هو. پاڻ يتيم هئا، ڪو معمولي واقعو به هن بي سهاري ۽ يتيم جي زندگيءَ کي اُجھائي نه سگھيو، اڃا به کين مضبوط پناهه ڏني وئي. انسانيت کي ذلت جي اوڙاهه مان ڪڍڻ جو صحيح طريقو ۽ صحيح فڪر جي خبر نه هئي؛ ڪيترائي رستا موجود هئا، جن مان هڪڙو ئي صحيح گس هو، تنهن گس کي چٽو ڪري ٻڌايو ويو. پاڻ مسڪين هئا، انقلابي هلچل شروع ڪرڻ لاءِ مالي پريشاني مان ڪنهن حد تائين ڇوٽڪارو ضروري هو ته جيئن پوري توجھه سان هلچل جي انقلابي ۽ جاکوڙي فڪر جي بنيادن کي مضبوط ڪري ۽ هڪ پڙ تي آڻي بيهاري سگھن، کين آسودو ڪيو ويو. هن انقلاب جو مقصد ۽ نصب العين به ٻڌايو ويو ته مظلوم، يتيم ۽ پوئتي پيل ۽ غلام طبقي جي حالت کي تبديل ڪرڻ آهي، ته جيئن اهي مالي خوشحالي، هڪجهڙائي، پاڻ ۾ محبت ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن مان فائدو ماڻي پنهنجي ذات جي تڪميل ڪري سگھن.
    آخر ۾ ٻڌايو ويو ته اسلامي انقلاب تاريخ جي ٻين غير ديني انقلابن کان الڳ آهي. ڇو ته ٻين دنياوي انقلابن جو مقصد رڳو مادي خوشحالي ۽ امن ۽ سڪون حاصل ڪرڻ هوندو آهي. پر نبوي انقلاب مادي خوشحالي ۽ علم ۽ تهذيب جي برڪتن سان گڏوگڏ عبادت الاهي جي ذريعي پنهنجي زندگيءَ جي روحاني پاسي جي تڪميل ڪرڻ پڻ آهي، ته جيئن انسان اهو قرب الاهي حاصل ڪري سگھي، جيڪو ان جي زندگيءَ جو مقصد آهي. ڇو ته مرڻ کان پوءِ کيس پنهنجي مالڪ جي اڳيان پيش ٿيڻو آهي. سورة مزمل ۾ رسول الله ﷺ جي راتين جو عبادت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي ته ڏينهن ۾ انقلابي جاکوڙ جي لاءِ انهيءَ کي گھٽائي ڇڏن.
    اسان جي دؤر ۾ اشتراڪي انقلاب جو نصب العين رڳو عوام جي خوشحالي هو. انساني نفس ۾ عبادت جي ذريعي اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي واضح ڪرڻ انهيءَ جو مقصد نه هو. انهيءَ ڪري ئي اهو ناڪام ٿي ويو ۽ انسان وري معيشت جي استحصالي نظام واري ڌٻڻ ۾ ڦاسي ويو.
    (3) ٽين سورة الم نشرح آهي، جنهن سان اسلام جي نظريي کي سمجھڻ ۽ ان کي زندگيءَ تي لاڳو ڪرڻ ۽ زندگيءَ کي ان جي گھرجن موجب تبديل ڪرڻ لاءِ صحيح گس ۽ طريقيڪار تي ذهن جو کلي وڃڻ بابت شرح صدر آهي. حضرت شاهه عبدالعزيز ؓ الم نشرح جي تفسير ۾ ٻڌايو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جو چار دفعا سينو کوليو ويو. (1) حليمه سعيده وٽ جڏهن پاڻ اڃا ٻالڪ هئا. (2) ڏهن سالن جي عمر ۾ جڏهن ٻالڪپڻ جو دؤر ختم ٿيو ۽ پاڻ ابو طالب سان گڏ شام ويا. (3) وحي جي نازل ٿيڻ کان پهريان، يعني چاليهن سالن جي عمر کان پهريان، جڏهن پاڻ مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي جي ماڻهن کي هدايت ڪرڻ وارا هئا. (4) طائف مان موٽڻ کان پوءِ جڏهن سورة اسراء نازل ٿي ۽ پاڻ ﷺ جو توجھه قومن کي اسلام جي تبليغ ڏانهن ٿيو. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انقلابي جاکوڙ جي هر موڙ تي سينو کلندو رهيو. ڇو ته انقلابي جاکوڙ ۾ انقلابي ڪارڪنن ۽ انقلابي نظرين جي پيروڪارن جي سلامتي انهيءَ ڳالهه تي دارومدار رکندي آهي ته انساني مسئلن جو صحيح حل پيش ڪرڻ وارو انقلابي نظريو ۽ ان کي ڪامياب ڪرڻ وارو صحيح رستو ٻئي صحيح هجن، نه ته انقلاب جي ناڪاميءَ جي صورت ۾ انقلابي ڪارڪنن کي مخالفت چٿي ڇڏيندي آهي. تنهن ڪري تباهيءَ جو تصور ئي انقلابي رهنما جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏيندو آهي. انهيءَ کان سواءِ اهو ٻوجھه جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن محسوس ڪري رهيا هئا، سو هيءُ هو ته نه رڳو مڪي ۽ حجاز ۽ عرب ۾ ئي انساني زندگي شڪست کاڌل هئي پر عرب کان ٻاهر به پاڻ ﷺ جن پنهنجي واپاري سفرن ۾ مشاهدو ڪري ڏٺو هو ته هر جاءِ تي غلامي جو نظام رائج آهي ۽ معاشري جي ٻن مظلوم طبقن يعني مشاهدو ڪري هر قسم جا ظلم ڪيا پيا وڃن. جنسي ڇڙواڳي عام آهي. ماڻهن جي سامهون زندگيءَ جو ڪو اعلى مقصد بنهه نه آهي. جبلتن جي حيواني گھرجن جي پورائي لاءِ سموري جاکوڙ ڪئي پئي وڃي. پنهنجي عملن جي جوابدهي جو تصور اڻلڀ هو. مذهبن جا پيروڪار پڻ آخري زندگيءَ جي تصور کي وساري چڪا هئا. معاشري کي طبقاتي ڇڪتاڻ مان ڪڍي، انهيءَ ۾ وحدت پيدا ڪرڻ واري نصب العين کي مذهبي اڳواڻن، رعايتون ڏنل طبقي جي مفادن جي تحفظ جي لاءِ، ديني فرضن وانگر عوام جي نظرن کان پري رکيو هو. رڳو ظاهري عبادتن جي ادائگي ۽ عبادتگاهن جي اڏاوت ۽ سينگار کي ئي آخرت واري زندگي ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت سڏيو ويو هو. مذهبن جي پاڻ ۾ اختلاف تي تشدد ڀريا ٽولا بڻجي پيا هئا ۽ دين جي وحدت جي تعليم جو تصور ختم ٿي ويو هو، جنهن تي وحدت انسانيت جو قيام ممڪن ٿي سگھي پيو.
    توحيد الاهي، آخرت ۽ رسالت تي ايمان جي باري ۾ پاڻ ﷺ جن الله تعالى جي خاص مهربانيءَ سان سمجھي ورتو هو ته اهو ئي زندگي جي هر بگاڙ جو علاج آهي. الله تعالى جي انهيءَ رهنمائيءَ سان سندن ذهن جو ٻوجھه هلڪو ٿي ويو. الله تعالى ٻڌايو ته هر اهنجائيءَ کان پوءِ سنهنجائي جو اچڻ لازمي آهي ۽ پاڻ ﷺ جو انقلابي ڪم اڳتي وڌي رهيو آهي ” وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ “. جڏهن پاڻ کليل دعوت جي شروعات ڪيائون ته مڪي جي غلام بڻائيندڙ سردارن جي پاسي کان سخت مخالفت جي هوندي به انقلابي هلچل ۾ شامل ٿيڻ وارن جو تعداد لڳاتار وڌندو رهيو.
    آخر ۾ زور ڏنو ويو ته جڏهن به توهان انقلابي ڪمن يا ذاتي ضرورتن مان واندڪائي حاصل ڪريو ته پنهنجي خالق حقيقيءَ ڏانهن متوجهه ٿيو. انهيءَ سان هڪ ته انقلابي تعليم ۽ عمل جي باري ۾ سينو کلندو ۽ ٻيو عبادت ۾ الله تعالى سان رابطو قائم ٿيندو جيڪو صحيح فڪر ۽ عمل جو سرچشمو آهي ته رهبر به آهي.
    (4) سورة فلق: جادو ۽ ٽوڻي جو عمل تمام آڳاٽو آهي. انسان پنهنجي تجربي سان هيءَ ڳالهه سمجھي ورتي هئي ته جيڪڏهن نفس کي قابو ڪيو وڃي ته انهيءَ جي اثرن سان ڪم ڪڍي سگھجي ٿو، جيئن اڄ ڪلهه مسمريزم جو عمل آهي. جيڪڏهن توجهه کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪئي وڃي ته انهيءَ قوت سان هو پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم وٺي سگھي ٿو. اسلام جادو يا سحر ۽ انهيءَ جي اثرن کي مڃي ٿو، جو دشمن کي هيٺ ڪرڻ يا تباهه ڪرڻ جي لاءِ اهو به هڪ حيلو هو.
    رسول الله ﷺ تي هڪ يهودي لبيد بن اعصم ۽ ان جي ٻن ڀينرن جادو ڪيو هو، جنهن سان پاڻ ڪريم ﷺ جي جسم تي انهيءَ جا اثر ظاهر ٿيا. انهيءَ واقعي جو تفصيل تفهيم القرآن ۾ ڏنو ويو آهي. قرآن ۾ بابل جي هاروت ۽ ماروت جو ذڪر آهي، جن کان ماڻهو جادو سکندا هئا. ويندي حضرت موسى ؑ جي سامهون جادوگرن لٺيون ۽ رسا اڇلائي انهن کي نانگن بلائن جي شڪل ۾ بدلائي ڇڏيو هو ۽ سوين ماڻهن جي هجوم تي انهن جي جادو جو اثر ٿيو هو. ايتري تائين جو پاڻ موسى ؑ به انهن لٺين ۽ رسن کي نانگ سمجھي رهيو هو. وحي الاهي لٺ کي اڇلائڻ جو حڪم ڏنو جيڪو هڪ اجگر بلا بڻجي ويو ۽ جادوگرن جي نانگن کي کائي ويو هو.
    اسلام ٽوڻي ڦيڻي ۽ جادو وغيره کي پنهنجو ڌنڌو ٺاهي، انهيءَ کي دولت ڪمائڻ جو ذريعو بنائڻ کان منع ڪئي آهي. اها ڳالهه پڌري هجي ته جادو جو اثر نبي ڪريم ﷺ جي جسم تائين محدود هو، سندن نبوت جي ڪمن تي ان جو ڪوبه اثر نه ٿيو هو.
    فلق جو مطلب آهي ته تخليق جو عمل ٽٽي جدا ٿيڻ يا جدليات (Dialectics) سان ٿيندو آهي. انهيءَ عمل ۾ مثبت مان ان جو منفي پيدا ٿيندو آهي ۽ ٻنهي ۾ ٽڪراءَ سان طفره (ٽپي) جي ذريعي هڪ نئون ميلاپ وجود ۾ ايندو آهي جيڪو پنهنجي خاصيت ۽ شڪل، ٻنهي ۾ پنهنجي مثبت ۽ منفي کان الڳ هوندو آهي. اهو ميلاپ تخليق ۾ هڪ واڌارو هوندو آهي جيڪو ان کان پهريان موجود ڪونه هو.
    برائي سراسر منفي يا ناڪاري شي آهي. برائي جيڪڏهن پنهنجي اندر هاڪاري خاصيتون نٿي رکي ته اها سراسر برائي ئي آهي. برائيءَ جو وجود انهيءَ ڪري آهي جو هر شيءِ عيبدار ۽ هڪ حد اندر آهي. انهيءَ ڪري پنهنجو ناڪاري پاسو به رکندي آهي. پنهنجي تڪميل جي عمل ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري پاسا پاڻ ۾ ٽڪراءَ ۾ اچي ويندا آهن، جنهن سان نئين تخليق ٿيندي آهي، جيڪا ما قبل کان وڌيڪ مڪمل هوندي آهي. اقبال چيو آهي ته:
    کائنات ابھی نا تمام ہے شاید
    کہ آ رہی ہے دمادم صدائے کن فیکون
    بڇڙائي پسند جماعتون ۽ ماڻهو پنهنجي بڇڙائي پکيڙڻ جي لاءِ رات جي وقت جي چونڊ ڪندا آهن. نفث في العقد جو مطلب جادوگر جماعتن کان سواءِ انقلابي فڪر جي خلاف سٽون سٽن واريون جماعتون به ٿي سگھن ٿيون. ساڙولو ماڻهو ٻئي ڪنهن کي پنهنجي مرتبي کان وڌيڪ مرتبو حاصل ٿيڻ ٿي پيو سڙندو ۽ پڄرندو آهي ۽ مختلف حيلن سان انهيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ابوجهل به انهيءَ ڪري ئي مخالف هو ته هو رسول الله ﷺ جي قبيلي کي، پاڻ ﷺ کي نبوت ملڻ جي ڪري، پنهنجي قبيلي کان مٿانهون سمجھندو هو ۽ اها ڳالهه سهي نٿي سگھيو، تنهن ڪري مخالفت تي لهي آيو. نبي ڪريم ﷺ کي الله تعالى جادو ۽ حسد جي باهه کان آخري گھڙيءَ تائين محفوظ رکيو.
    اها ڳالهه ياد رهي ته هر انقلابي هلچل جي خلاف حسد ڪرڻ وارا ۽ هلچل کي ناڪام ڪرڻ جي لاءِ مختلف ٽوڙ ڦوڙ وارا حربا هلائڻ وارا ماڻهو موجود هوندا آهن، پر آخرڪار اهي ناڪام ٿيندا آهن.
    (5) الفيل: هيءَ پاڪ سورت ٻڌائي ٿي ته فطرت جن انقلابن کي پاڻ پيدا ڪرڻ گھرندي آهي، انهيءَ سان انسانيت جي هر قسم جي سگهه ۾ ارتقا ۽ واڌويجھه جو عمل پيدا ٿيندو آهي. انهن انقلابن ۾ اهڙا واقعا پيدا ٿيندا آهن، جيڪي انقلاب لاءِ جاکوڙيندڙ ماڻهن ۽ قوتن جي مرضي ۽ وس کان ٻاهر هوندا آهن. پر اهي واقعا انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ ضروري هوندا آهن. ابرهه جو حملو ۽ ان جي تباهي به اهڙن ئي واقعن مان هڪ آهي.
    پهرين مهاڀاري لڙائي ۾ روسي فوجن جي هار ۽ انهن جي ڏتڙيل حالت وغيره، اهڙا واقعا هئا جو ڪامريڊ لينن جي وس کان ٻاهر هئا، پر اهي ئي واقعا اشتراڪي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي ضمانت پڻ بڻيا.
    رسول الله ﷺ جي پيدائش کان چاليهه ڏينهن پهريان هيءُ حملو ٿيو هو. هاٿين جي فوج کي هارائڻ عربن جي وس کان ئي ٻاهر هو. عبدالمطلب ته رڳو پنهنجا اٺ واپس وٺي آيو. جيڪڏهن ابرهه پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي وڃي ها ته اسلامي انقلاب آڻڻ ممڪن ئي نه هو. ڇو ته هو پنهنجي سگھه سان انهيءَ کي چٿي ڇڏي ها. جيئن ته تاريخ ۾ اهو ڏسجي ٿو ته غلامن ۽ پوئتي پيل طبقن جي انقلابن کي ڇڙواڳ حڪومتن پنهنجي سگھه سان چٿي ڇڏيو. انهيءَ ڪري ابرهه جي تباهي اسلامي انقلاب جي ڪاميابيءَ جي لاءِ سراسر الله تعالى جي طرفان ڀلائي هئي.
    (6) القدر: اسلامي انقلاب جي اهميت ۽ عظمت تي روشني وڌي وئي آهي. اها رات يا گھڙي جنهن ۾ انسانن جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ انقلابي پروگرام ۽ جاکوڙ جا طريقا جڙندا آهن، سا سڀني غيرانقلابي راتين يا گھڙين کان وڌيڪ ڀلاري ۽ مانائتي هوندي آهي.
    غار حرا ۾ اها رات، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي، مڪي حجاز يا عرب، پر سموري دنيا جي تقدير کي بدلائڻ واري رات هئي ۽ اها ئي انهيءَ جي عظمت هئي. اهڙيءَ رات ۾ ملائڪ انسانن جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ خدائي تعليم کڻي انقلابي اڳواڻ جي دل تي نازل ٿيا. ايتري تائين جو انقلابي جاکوڙ، جهالت جي اونداهيءَ رات کي ختم ڪري، انسانن جي لاءِ امن، سلامتي، ترقي ۽ عظمت جي روشن صبح کي نروار ڪري ڇڏيو. دنيا جا سڀئي انقلاب، جن انساني ترقي ۽ سلامتيءَ جي لاءِ نوان پروگرام ڏنا آهن، انهن انقلابن جا پروگرام جوڙڻ واريون گھڙيون صحيح اندازن واريون گھڙيون هونديون آهن ۽ امن ۽ سلامتي واريون هونديون آهن. سورة دخان ۾ ليلة القدر کي ”ليلة المبارڪة“ به چيو آهي.
    دعوت واري ڳجھي دؤر ۾ جيڪي سورتون نازل ٿيون، انهن سڀني مان گڏيل طور تي هدايت ۽ انقلابي جاکوڙ جا جيڪي قانون ۽ نصب العين جڙيا سي هي آهن:
    (1) دنيا جي سڀني قومن جو خالق ۽ مالڪ هڪ آهي.
    (2) انسان جي سڀني ڏکن ڏاکڙن جو علاج علم، محبت، پنهنجي مالڪ جي فرمانبرداري ۽ غلاميءَ جو خاتمو ڪري انساني برابري قائم ڪرڻ ۽ پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت قائم ڪرڻ ۽ نفس جي پاڪائي آهي. (پهرين وحي)
    (3) انقلاب جو مقصد توحيد الاهي جي بنياد تي، هر ماڻهوءَ جي لاءِ علم جي روشني، جبلتن جي حيواني گھرجن تي اعلى اخلاقي گڻن جو ضابطو، انهيءَ مقصد جي لاءِ حيواني گھرجن جي غيرانساني ۽ غيراخلاقي حدن کان پاسو ڪرڻ ۽ گھڻائيءَ سان عبادت ۽ خدائي ياد کي اپنائڻ (والضحى، الم نشرح). ٻين لفظن ۾ غلامي واري نظام جو خاتمو آڻي عوامي جمهوريت کي قائم ڪرڻ.
    (4) انقلاب جي دشمن قوتن، جهڙوڪ پيداواري وسيلن تي قبضو ڪرڻ وارن جادوگرن، ڀوپن، ساڙسڙين، مذهب جي نالي تي غيرعقلي وسوسا پکيڙيندڙن، سياسي ڏاڍ جي ذريعي شخصي ۽ قومي آزادي کسڻ وارن، جنسي ڇڙواڳي ۽ بيحيائي پکيڙيندڙن، علم جي واٽ ۾ رڪاوٽون وجھڻ وارن، قوم جي اندر نفرتون پکيڙيندڙن ۽ مزدورن جي محنت جو استحصال ڪرڻ وارن جو خاتمو ڪرڻ. (الفلق)
    (5) انقلابي نصب العين کي حاصل ڪرڻ واري جاکوڙ دوران انهيءَ ڳالهه تي ويساهه رکڻ ته فطرت (الله تعالى) اٽل ۽ اڏول آهي ۽ مخالف قوتن کي اک ڇنڀ ۾ ختم ڪري سگھي ٿو. (الفيل)
    (6) انهيءَ رات جي برڪت سان، جنهن ۾ پهرين وحي نازل ٿي هئي، پنهنجي نصب العين سان مضبوط وابستگيءَ کي تازو ڪرڻ ۽ عبادت ۽ ذڪر الاهيءَ جي ذريعي پنهنجي نفس ۾ نوراني ڪيفيت پيدا ڪرڻ. (القدر)
    نوٽ: غار حرا ۾ نازل ٿيڻ وارين پنجن آيتن ۽ ”ڳجھي دعوت“ واري زماني ۾ نازل ٿيندڙ ٻين پنجن سورتن ۾ قيامت جي ڏينهن جو تصور نه آهي، پر الله سان لاڳاپو قائم ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان تاڪيد ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي سمورو قرآن انهن سورتن جو تفصيل آهي. خاص ڪري پهرين وحي جي پنجن آيتن جي تشريح سڄو قرآن آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته قرآن جي نظر ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگي هن دنيا واري زندگيءَ جو ئي هڪ سلسلو آهي. انهيءَ دنياوي زندگي ۾ ماڻهو ۽ قوم جي نفسيات ۾ اعلى اخلاقي ۽ روحاني گڻن کي سگھارو ڪرڻ ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪاري جي ضمانت آهي. اڄ جي جديد ٻوليءَ ۾ قرآني انقلاب جو نصب العين هي آهي:
    (1) پيداواري وسيلن ۽ روزيءَ جي سرچشمن مان شخصي ملڪيت کي ختم ڪري مزدور يعني عوام جي ملڪيت کي قائم ڪرڻ.
    (2) انهيءَ معاشي انقلاب کان سواءِ سياسي ڏاڍ ۽ جبلتن جي حيواني گھرجن جي انسان جي اعلى تخليقي صلاحيتن تي بالادستي ختم نٿي ٿي سگھي. ڇو ته هن معاشي انقلاب کان سواءِ دولت گڏ ڪرڻ واري لالچ ۽ جذبو ختم نٿو ٿي سگھي.
    (3) عوامي جمهوريت قائم ڪرڻ جيڪا مزدورن جي اجتماعي نظام جي سياسي شڪل آهي. (نماز جو قائم ڪرڻ اصل ۾ هڪ اجتماعي نظام پڻ آهي.)
    (4) علم حاصل ڪرڻ لاءِ هر قسم جي رڪاوٽ جو خاتمو ۽ علم جي اشاعت کي عام ڪرڻ.
    (5) فنون لطيفه جو اعلى اخلاقي گھرجن جي حدن ۾ رهندي اظهار ڪرڻ.
    (6) عورت کي سڀني معاشي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت، پر جاهليت جي لوڏ کان روڪڻ. جاهليت جي لوڏ قرآن جو اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي ته ظاهري ٺاهه ٺوهه ۽ هار سينگار ڪري ٻاهر اچڻ، اڌ اگھاڙو ويس پهرڻ وغيره. انهيءَ جو علاج هيءُ آهي ته چادر ڍڪي، جنهن سان سمورو جسم پردي ۾ اچي وڃي ٿو، ٻاهر اچجي. منهن کليل رکڻ جي اجازت آهي.
    (7) زندگيءَ جو مقصد آخرت واري زندگيءَ ۾ ڇوٽڪارو ماڻڻ آهي. ڇو ته فرد جي محدود ”انا“ جو حق تعالى جي لا محدود ”انا“ ڏانهن چاڙهو ضروري آهي. انهيءَ جي لاءِ سماجي ذميوارين جي پورائي سان گڏوگڏ عبادت ۽ خدا جي ياد سان روح ۾ نورانيت پيدا ڪرڻ ضروري آهي. علامه اقبال قرآن جي تعليم کي هنن ڀاڱن ۾ بيان ڪيو آهي؛ جاويد نامه ۾ قرآني جهان جي شعبن جو عنوان ڏنو آهي. پهريان ٻه حصا ڇهين خطبي جي آخر ۾ ڏنا آهن:
    (1) ڪائنات جي مادي تصور جي مقابلي ۾ ان جو روحاني تصور.
    (2) رڳو مادي ۽ جسماني ضرورتن جي پورائي جي مقابلي ۾ انسان جو روحاني ڇوٽڪارو.
    (3) خلافت آدم يعني اهڙي عالمي حڪومت ۽ انساني وحدت قائم ڪرڻ جنهن جو بنياد وحدتِ دين آهي.
    (4) الاهي حڪومت (ميڪاولي جي مطابق روحاني ۽ اخلاقي گڻن تي ٻڌل حڪومت ۽ اهي گڻ سڀني مذهبن ۾ ساڳيا ئي آهن) ۽ عوامي جمهوريت جو قيام.
    (5) الارض لله؛ ”الارض“ جو مطلب رڳو زمين نه پر زمين جي هيٺان ۽ ان جي مٿان، قدرت جيتريون به شيون پيدا ڪيون آهن، اهي سڀئي زمين جي لفظ ۾ شامل آهن؛ جهڙوڪ ڪوئلو ۽ معدني کاڻيون، پيٽرول ۽ گيس جا ذخيرا، ٻيلا وغيره. جڏهن ته ”لله“ جو هتي مطلب عوام آهي نه ڪي ٿورڙا ماڻهو، جيڪا شيءِ الله ڏانهن منسوب ٿي وڃي سو عوامي بڻجي ويندو آهي.
    (6) حڪمت وڏي ڀلائي آهي (سائنسي علمن جي ذريعي معلوم ڪيل سڀني علمن ۽ فنن کي انسان کي ٽوڙڻ جي بدران ان جي جوڙڻ ۽ اڏاوت ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ، ايٽم جي ٽوڙڻ سان ايٽم بم بڻائڻ جي بدران ان سان بجلي پيدا ڪرڻ ۽ ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪرڻ). پر سرمائيداري نظام ۾ اهو سڀ ڪجھه ناممڪن آهي. ڇو ته سرمائيداري نظام ۾ شين جي پيداوار، زمينون، ڪارخانا يا تحقيقي ادارا وغيره، مالڪ جي ذاتي نفعي جي لاءِ قائم ڪيا ويندا آهن. جڏهن ته سماجي معيشت ۽ عوامي جمهوريت ۾ پيداوار عوام جي گھرجن جي پورائي لاءِ ڪئي ويندي آهي، نه ڪي نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ.
    حضرت علامه پاڻ چيو آهي ته قرآني جهان جي شعبن جو هيءُ نظام اڃا تائين زمين تي قائم نه ڪيو ويو. اشتراڪي انقلاب اهو خواب پورو ته ڪيو هو، پر انهيءَ انقلاب جي نظرين جو بنياد ماديت جي فلسفي تي رکيو ويو هو، جنهن ۾ رڳو مادي گھرجن جي پورائي کي ئي انساني ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجھيو ويو هو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو آخرڪار اهو نظام به ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿي ڪري ختم ٿي ويو.
    هاڻي اهو مسلمانن جو فرض آهي ته اهي زندگيءَ جي هن نظام کي ديني نقطه نظر سان خدائي حڪم سمجھندي قائم ڪن. باقي شريعت جي نفاذ اسلام کي ٻيهر رائج ڪرڻ جون زباني دعوائون، بي مقصد بحث کان وڌيڪ ڪا حيثيت نٿيون رکن.


    اسلامي انقلاب جي ٻين منزل

    ظاهر ظهور دعوت
    المنذر و المزکي
    ساڍن ٽن سالن جي چپ چاپ پرچار کان پوءِ ٿورڙن جانثارن ۽ انقلاب جي اهميت ۽ ضرورت کي سمجھڻ وارن جي هڪڙي جماعت پيدا ٿي وئي هئي. وَرَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَ جي آيت انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي. هاڻي وقت اچي ويو هو ته قريش جي سامهون علي الاعلان پرچار شروع ڪئي وڃي. ڳجھي دعوت واري زماني ۾ رڳو اهڙن ماڻهن ۾ پرچار ڪئي پئي وئي، جيڪي سمجھه ڀريا هئا ۽ انسانيت جي ڀلائي ۽ ڇوٽڪاري جي لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ۽ حوصلو رکن پيا.
    انقلاب برپا ڪرڻ جا جيڪي طريقا هئا، انهيءَ جي پهرين مرحلي ۾ ٻڌايو ويو هو ته دولت حاصل ڪرڻ جي حوس ۽ غلامن، عورتن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي محنت جي استحصال لاءِ انهن تي ظلم ڪرڻ ته جيئن وڌ کان وڌ دولت گڏ ڪري سگھجي، اها معاشرتي چال چلت قومن جي برباديءَ جو سبب بڻبي رهي آهي. ڇو ته دولت ۽ پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ گھڻائي کي غلام بڻائي وٺڻ ۽ انهن کي علم، مالي خوشحالي ۽ انهن کي آزاديءَ کان محروم رکي ڪري خوف ۽ هراس ۾ جڪڙڻ سان معاشرو ٻن مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن ۾ ورهائجي ويندو آهي. ان کان سواءِ انهن جي پنهنجو پاڻ ۾ ڇڪتاڻ جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي بداخلاقيون پيدا ٿي پونديون آهن. اهڙي طرح معاشري مان امن ۽ سڪون ۽ محبت ۽ شرافت جهڙا اعلى گڻ تباهه ٿي ويندا آهن.
    ٻئي مرحلي ۾ انهيءَ رعايتون ڏنل طبقي جي ماڻهن کي ٻڌايو وڃي ته اهو نه سمجھو ته ظلم ۽ استحصال ڪندو رهڻ سان توهان ڪنهن سزا ۽ تباهي کان بچي ويندا ۽ توهان جي زندگي خوشي ۽ فرحت سان گذر ٿيندي. ايئن نه آهي، جيڪڏهن هن دنيا ۾ توهان کي سزا نه ملي ته مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ توهان جي هر ڳالهه ۽ عمل جي باري ۾ توهان کان ضرور پڇاڻو ٿيندو ۽ توهان کي سدائين جي لاءِ جهنم جي باهه ۾ سڙڻو پوندو. هن دؤر ۾ نبي ڪريم ﷺ کي المنذر يعني بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڊيڄاريندڙ ۽ المزڪي يعني بڇڙن ڪمن ۽ عملن کان دلين کي پاڪ ۽ صاف رکڻ واري تعليم ڏيڻ وارو چيو ويو آهي. هن دؤر ۾ ڳالهه ٻولهه وڏيرن (بڇڙن مالدار طبقن) سان هئي.
    پهرين دعوت:

    نبوت جو چوٿون سال شروع ٿي چڪو هو. محرم 4 نبوي ۾ حج جي موسم واري رونق ختم ٿي چڪي هئي. واپاري پنهنجن پنهنجن علائقن ڏانهن واپس هليا ويا هئا. مڪي ۾ عام طور تي خاموشي ۽ سڪون وارو ماحول پيدا ٿي ويو هو. انهيءَ ماحول ۾ الله جي رسول (صه) صفا جبل تي چڙهي قريشن کي سَڏ ڪيا سڀئي گڏ ٿي ويا ته پاڻ انهن کي چيائون ته جيڪڏهن مان توهان کي چوان ته هن ٽَڪري جي پويان هڪڙو لشڪر توهان تي حملو ڪرڻ لاءِ لڪي ويٺو آهي ته ڇا توهان منهنجي ڳالهه مڃيندؤ؟ سڀني هڪ ئي آواز ۾ چيو ته توهان ته سچار ۽ امانتدار آهيو، انهيءَ ڪري اسان کي توهان جي ڳالهه تي ڀروسو آهي. ان کان پوءِ پاڻ انهن کي چيائون ته جنگ جي ڪري واپار ٺپ ٿي ويو آهي، واپار جي لاءِ اونهاري ۽ سياري جي موسم ۾ رجب ۽ ذي الحج کان پوءِ وارا جيڪي وقت مقرر هئا، سي روم ۽ ايران جي پاڻ ۾ جنگ جي ڪري بيڪار ٿي ويا آهن. واپار جي ڪري بک ۽ خوف وارو ماحول ختم ٿي ويندو هو، سو هاڻ ناهي ٿيو پر اسان انهيءَ ۾ ڦاسي ويا آهيون. توهان حاجين جي لُٽ ڦُر ۾ اڃا تائين لڳا پيا آهيو، دولتمند طبقو گھڻي ميڙِي جو حرص کڻي قبرن ۾ وڃي پوي ٿو، پر مسڪينن، غلامن ۽ مسافرن جي ڪير به سار نٿو لهي. انهيءَ تي ابولهب جي زال پاڻ ﷺ کي ٽوڪيندي چيو ته ڇا اسان پنهنجي دولت غريبن ۾ ورهائي ڇڏيون؟ ڇا اهو چوڻ جي لاءِ اسان کي سڏيو هيئي؟ ابولهب به ان جو پاسو کنيو ۽ جھيڙو ٿي پيو. ماڻهو واپس هليا ويا، باقي جيڪي پوئتي رهجي ويا تن کي رسول الله ﷺ جن فرمايو:
    انهيءَ صورتحال جو هڪڙو ئي علاج آهي ته توهان سڀني ديوتائن ۽ آقائن جي غلامي ختم ڪري هڪڙي اڪيلي پالڻهار يا مالڪ جي غلامي اختيار ڪريو جيڪو سڀني جو خالق آهي. اهو ديوتائين وانگر قرباني جي رت ۽ گوشت سان خوش ناهي ٿيندو. اهو ظالم نه آهي ۽ دنيا جي آقائن وانگر پنهنجي غلامن جي محنت جو استحصال ناهي ڪندو، پر هن سندن فائدي لاءِ کين ڏاهپ ۽ سمجھه سان نوازيو آهي. انهيءَ ڪري سڀئي انسان برابر آهن. مالڪ ۽ غلام جي فرق کي ختم ڪيو وڃي ۽ سڀئي پاڻ ۾ اتحاد ڪن. ايئن ڪرڻ سان عقل ۽ عمل جي سگهه آزاد ٿي تخليقي ڪمن ۾ لڳي ويندي. مايوسي ختم ٿي ويندي ۽ بازار جي ٻاڙائي جو به خاتمو ٿي ويندو. اڄوڪن لفظن ۾ پاڻ ﷺ جو پيغام هيءُ هو ته آقا ۽ غلام تي ٻڌل طبقاتي معاشري کي ختم ڪري توحيدي يعني غير طبقاتي معاشرو قائم ڪيو وڃي، جيڪو مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن کان پاڪ ۽ صاف هجي. سڀئي ماڻهو پنهنجي محنت مان ڪمايل پونجي جا پاڻ ئي مالڪ هجن. انهن جي محنت جي آمدني جي وڏي حصي تي ڪوبه ماڻهو قبضو ڪرڻ وارو نه هجي. هڪڙو طبقو جيئن ته پيداواري وسيلن جو مالڪ آهي، تنهن ڪري سڀئي شرارتون، جهالت، ساڙ، نفرت ۽ ڦر مار اهو طبقو ڪري ٿو جيڪو دولت مند آهي. اهڙي طرح ڀوپن ۽ جادوگرن جو طبقو ۽ ڪوڙيون تعريفون ڪرڻ وارا شاعر به انهيءَ لڏي ۾ شامل آهن.
    هن گڏجاڻي جو نتيجو اهو نڪتو جو ماڻهن ۾ انهيءَ پيغام جي باري ۾ چور پچور شروع ٿي وئي ۽ ماڻهو نبي ڪريم ﷺ کان سوال ڪرڻ لڳا. مثال طور اهو ته حاجين کان پئسا وٺڻ ڪيئن گناهه آهي؟ اسان انهن کي ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌايون ٿا جن سان انهن جو واپار وڌي ٿو. اهي اسان وٽان جادو سکندا آهن ۽ تعويذ لکڻ سمجھندا آهن، انهيءَ سان سندن دشمن برباد ٿيندا آهن ۽ کين گهڻا پُٽَ ڄمندا آهن. جنن ۽ شيطانن کان حفاظت ۾ رهندا آهن. غلام يا ڌاريي سان ٻاجھه سان پيش اچڻ ڪمزوري جي نشاني آهي ۽ ظلم ڪرڻ ئي شرافت آهي. جيڪي ظلم نٿا ڪن انهن تي ٻئي ماڻهو ظلم ڪندا آهن. نبي ڪريم ﷺ انهن سڀني ڳالهين جو جواب وحي جي ٻوليءَ ۾ ڏنو. انهيءَ زماني ۾ جيڪي سورتون نازل ٿيون اهي هي آهن؛ (1) سورة قريش، (2) سورة والليل، (3) والعاديات ۽ (4) الزلزال. انهن جو مختصر مطلب هيءُ آهي:
    (1) سورت قريش:

    قريشي ڇڙوڇڙ هئا. قصي بن ڪلاب انهن کي گڏ ڪيو ۽ هڪڙي قبيلي ۾ سلهاڙيو. ائين هن مڪي ۾ هڪڙي شهري رياست قائم ڪري ورتي. هن جا ٻه پٽ هئا؛ عبدالمناف ۽ عبدالدار. عبدالمناف جا چار پٽ هئا؛ هاشم، عبدالشمس، مطلب ۽ نوفل. شام جي غساني بادشاهه سان هاشم، حبش جي بادشاهه سان عبدالشمس، يمن جي حڪمرانن سان مطلب ۽ عراق ۽ فارس جي حڪومتن سان نوفل واپاري لاڳاپا قائم ڪيا. انهيءَ عمل سان مڪو عرب ٻيٽ جو سڀ کان وڏو واپاري مرڪز بڻجي ويو ۽ قريش وري ماڻهن جا اڳواڻ بڻجي ويا.
    هن مبارڪ سورة کان انقلاب جو ٻيو دؤر شروع ٿيو ۽ ڳجھي پرچار وارو زمانو ختم ٿي ويو، انقلابي جاکوڙ جو اعلان ڪيو ويو. صفا جبل کان انهيءَ جي شروعات ڪئي وئي. انهيءَ زماني ۾ عرب جو واپار ايران ۽ روم جي لڳاتار جنگين جي ڪري تباهه ٿي ويو هو ۽ عرب جي اندروني امن امان واري صورتحال عرب قبيلن جي پاڻ ۾ ويڙهه جهيڙن جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي. گذريل ڇهه سؤ سالن کان سڄي دنيا بدامني ۽ ويڙهه جهيڙي ۾ ڦاٿي پئي هئي. غلامن جي خريد ۽ وڪرو عام جام هو، ڏاڍائي واري بادشاهت جو رواج هو. عورت مظلوم هئي ۽ وڪائو مال وانگر نيلام ٿيندي هئي. اگھاڙپ، جنسي ڇڙواڳي هر طرف پکڙجي چڪي هئي. ادب ۽ آرٽ انسان جي حيواني يا شيطاني خواهشن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. غلامن جي محنت جو بي رحمي سان استحصال ڪيو ويندو هو. لڳاتار جنگ جي ڪري انسانيت ماتم ڪري رهي هئي. انهيءَ ماحول ۾ هن سورة مبارڪه ۾ اهو اعلان ڪيو ويو ته سڀني دنياوي آقائن جي خلاف بغاوت ڪري هڪ آقا، جيڪو سڀني جو خالق، نوازشون ڪندڙ، مربي ۽ راهه ڏيکاريندڙ آهي. جي غلامي اختيار ڪئي وڃي. هڪ آقا جي غلام هجڻ جي حيثيت ۾ سڀئي انسان برابر آهن. پنهنجو پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي وڃي، انهيءَ سان بک ۽ جنگين واري گدلاڻ ختم ٿي ويندي. ڪعبي جي پالڻهار جي عبادت ۽ اطاعت سان ئي بک ۽ ڀؤَ جو خاتمو ٿيندو.
    انهيءَ جو اهو مطلب هو ته مالدار پنهنجي دولت پٺتي پيل طبقن ۾ ورهائن ته جيئن قبائلي وڏائيءَ کي ختم ڪري برابري پيدا ڪئي وڃي. ڇو ته سڀئي ماڻهو الله تعالى جو عيال آهن. انهيءَ ئي آقا انهن کي پيدا ڪيو ۽ انهن جي لاءِ رزق جو سامان ميسر ڪري ڏنو آهي. ٿورڙن ماڻهن کي اهو حق ناهي ته اهي قولي ۽ عملي طرح پنهنجو پاڻ کي خدا سڏائن ۽ الله تعالى جي اختيارن ۾ ڀائيوار بڻجي، رزق جي وسيلن تي قبضو ڪري وٺن ۽ عام انسانن کي بک ۽ بدحالي ۾ ڦاسائي ڇڏين. ٻين جي زمينن ۽ مال ملڪيت تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ عوام جي جنگ جي کوري ۾ اڇلائي ڇڏين.
    پهرين وحي جي پنجن آيتن ۾ اهو ئي پيغام ڏنو ويو هو ته محبت، مساوات، شهري انصاف ۽ تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي حاصل ڪيل علم جي مدد سان ارتقا ڪرڻ ۽ عبادت جي وسيلي نفس جي پاڪائي حاصل ڪرڻ ئي ڪاميابيءَ جي ضمانت آهي.
    انهيءَ دؤر کان وٺي مڪي جي اميرن ۽ سردارن جي، رسول الله ﷺ ۽ غريب مسلمانن سان دشمني چوٽ چڙهي وئي. اهي ماڻهو تشدد تي لهي آيا. پر پاڻ انهن جي مقابلي ۾ تشدد جي واٽ وٺڻ جي بدران هر قسم جي ظلم کي برداشت ڪيائون.
    سورة قريش هڪ ٻي ڳالهه تي به قرآني ثبوت پيش ڪري ٿي ۽ اهو شمسي ڪئلينڊر بابت آهي. قرآن جڏهن ”عمل نسئي“ کي قانون جي خلاف سڏيو ته ان جو مطلب اهو هو ته قمري ڪئلينڊر جي بدران شمسي ڪئلينڊر کي پنهنجايو وڃي. ڇو ته قمري ڪئلينڊر کي شمسي ڪئلينڊر سان مطابقت ۾ آڻڻ جي لاءِ ڏينهن کي گھٽايو وڌايو ويندو آهي. جڏهن ته شمسي ڪئليندڙ ۾ ٻارنهن مهينا پورائي رهندا آهن. سورة قريش ۾ اونهاري ۽ سياري ۾ واپاري قافلن جي وڃڻ جو مطلب اهو هو ته اها موسم پنهنجي وقت تي اچي وڃي ٿي. اهي ئي امن ۽ واپار (حج يا ميلي) جا ڏينهن هوندا هئا؛ جڏهن حج اڪبر مارچ ۾ ۽ حج اصغر سيپٽمبر ۾ هوندو هو. هاڻي بيت الله جي ڪري ماڻهن کي بک ۽ ڀؤَ مان انهن ميلن ۽ واپار (حج) جي ذريعي ڇوٽڪارو ملندو هو. اهي مهينا چيٽ ۽ ڪتي جي وچولي موسم ۾ ايندا هئا، انهيءَ ڪري شمسي ڪئلينڊر ئي صحيح ڪئلينڊر آهي.
    (2) سورت واليل:

    سورة قريش ۾ انهيءَ اعلان جي وضاحت کان پوءِ ته جاکوڙ جون ٻه واٽون آهن، هڪ ”اعطى“ (سخاوت) واري ۽ ٻي ڪنجوسيءَ واري. اسلامي انقلاب جو بنياد اعطى واري واٽ آهي.
    هن سورة ۾ ٻن مختلف واٽن يا طبقن جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته جيئن انقلابي جاکوڙ ۾ ڪا به نظرياتي مونجھه پيدا نه ٿئي. هڪ انقلابي پنهنجو مال انهيءَ ڪري خرچ ناهي ڪندو ته هو ڪنهن جو بدلو چڪائي رهيو آهي يا ٿورو ڪري رهيو آهي، پر هو اهو سڀ ڪجھه پنهنجي پالڻهار جي راضپي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪندو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هن کي پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگيءَ جي ترقي ۽ پاڪائي گھربل هوندي آهي.
    ٻي واٽ يا طبقو انهن جي برعڪس آهي. شاهه ولي الله ؓ فرمايو آهي ته جڏهن ڪنجوسي پسند ڌريون، جيڪي سرمائيداري ۽ دولت کي گڏ ڪري رکڻ جون حامي هونديون آهن، معاشري تي حاوي ٿي وينديون آهن ته انسان جي تخليقي صلاحتين جي واڌويجھه رڪجي ويندي آهي. پوءِ الله تعاليٰ طرفان موڪليل ڪو نبي يا ڏاهو انسان وحي الاهيءَ جي مدد سان انهيءَ حالت کي بدلائي ڇڏيندو آهي.
    هن سورة ۾ مالدار طبقن ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ وارن کي، جيڪي انساني معاشري جي تاريخ جي پهرين ڏينهن کان محنت جي استحصال تي ٻڌل غربت، محرومي، جنسي ڇڙواڳي، رنڊي بازي، اغوا، ويڙهه، ڦرمار، قتل وغيره جهڙن ڪرڀائتن غيراخلاقي عملن جي لاءِ بهانو ڳولڻ وارن فلسفياڻن ۽ اخلاقي نظرين ۽ ڪائناتي تعبيرن گھڙڻ جو سبب بڻبا آهن، اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهي طبقا پنهنجي غير انساني فڪرن ۽ عملن جي نتيجن کان مرڻ پڄاڻان به ڇوٽڪارو حاصل نه ڪري سگھندا، پر اڃا به جيڪڏهن هن دنيا ۾ سزا کان بچي ويا ته آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويندا.
    انهن انساني استحصال پسند ظالم طبقن جي طرفان لادينيت ۽ ماديت جي فلسفن کي هٿي ڏني پئي وئي آهي. نه رڳو ايترو پر انهن الهامي مذهبن جي تعليمن کي ميساري، پنهنجي مفادن جي حق ۾ استعمال ڪيو آهي. قرآن ٻڌايو آهي ته اهي طبقا پنهنجي سزا کان ڪڏهن به بچي نه سگھندا. قيامت جي ڏينهن تي ايمان هڪ تمام ئي انقلابي نظريو آهي، جنهن کان سواءِ اخلاقن کي مضبوط بنيادن تي بيهارڻ ناممڪن آهي.
    اعطى:
    انقلابي جاکوڙ جي ڪاميابي ۽ پٺتي پيل طبقن جي خوشحالي جي لاءِ مال خرچ ڪرڻ آهي.
    اتقي:
    فرد ۽ معاشري جي ڀلائي ۽ سڌارو، گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ۽ انفرادي نفس جي پاڪائي جي لاءِ تبديلي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ آهي.
    صدق بالحسنى:
    اهو پروگرام ۽ تعليم جيڪا نفس جي پاڪائي ۽ گڏيل خوشحالي پيدا ڪرڻ ۽ برابري ۽ ٻڌي جو سبب بڻجي.
    نبوي انقلاب جي ڪاميابي کان پوءِ رياست اهڙا قانون جوڙيندي آهي، جن سان دولت کي ڪٺو ڪرڻ جو عمل ختم ٿي ويندو آهي ۽ عام خوشحالي جو دؤر شروع ٿي ويندو آهي. ماڻهو کي عبادت جي لاءِ گھڻو وقت ملندو آهي جنهن سان ان جي روحاني سگھه وڌي ويجھي ٿي.
    نبوي انقلاب پنهنجي ڪاميابي ۽ جاکوڙ دوران استحصالي طبقن جي لاءِ واڌويجھه جا سڀئي دڳ بند ڪندو ويندو آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته انهيءَ جاکوڙ جي شروعات ۽ ان جي ڪاميابي ٻئي الله تعالى جي قانونن موجب هونديون آهن. هن انقلاب جي شروعات ڪندڙ ۽ اڳواڻ کي وحي الاهي جي ذريعي واٽ ٻڌائي ويندي آهي. سڌو رستو خوشحالي، امن، سلامتي ۽ پرهيزگاري ۽ نفس جي پاڪائي وارو ئي رستو آهي.
    دولت ۽ اقتدار جي حرص جو لازمي نتيجو لڳاتار جنگاڻ آهي. هن باهه (ناراً تلظى) جو اولڙو آخرت واري زندگيءَ ۾ جهنم جي باهه جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو آهي.
    (3) سورت والعٰديٰت:
    سورة قريش جي انقلاب واري اعلان ۽ ان کان پوءِ سورة واليل ۾ انقلاب واري واٽ جي چٽائي کان پوءِ عرب جي تاريخ ۽ اڻ سڌي طرح دنيا جي تاريخ کي شهادت جي طور تي پيش ڪيو پيو وڃي ته نبوي انقلاب انسان جي اندروني قوتن تي اثر انداز ٿيندو آهي. اهو نه رڳو ٻاهرين حالتن کي بدلائي ڇڏيندو آهي، پر گڏوگڏ اهو به ٻڌائيندو آهي ته قومن جي بربادي ۽ زوالپڻي جو بنيادي سبب دولت جو حرص آهي، جنهن جي لاءِ مزدور جي پورهئي جو استحصال ڪيو ويندو آهي ۽ سڀئي اخلاقي برائيون اتان ئي پيدا ٿينديون آهن. قرآن ٻڌايو آهي ته دولتمندن سان گڏوگڏ انهن جي بتن جا پوڄاري ۽ ڀوپا ۽ جادوگر سڀئي دوزخ ۾ داخل ڪيا ويندا.
    هن سورة جي شروع وارين آيتن ۾ نه رڳو عرب جي اندروني بدامني جي چٽائي ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڌاڙا، ڦرمار، خون خرابو ۽ قبيلن جون هڪٻئي تي برتري جي اظهار جي لاءِ جنگيون؛ سڀئي اچي وڃن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ بدامني جا بنيادي سبب پڻ ٻڌايا ويا آهن. اڃا به ائين چئجي ته انهن لفظن ۾ نه رڳو گذريل، پر اچڻ واري تاريخ جو به نقشو چٽيو ويو آهي. يعني جيستائين پورهئي جي استحصال تي ٻڌل معاشي نظام قائم رهندو، تيستائين اهي حالتون برقرار رهنديون. تاريخ ۾ نظر ڪري ڏسبو ته هڪڙين قومن تي ٻين قومن جي چڙهت ۽ حملا انهيءَ ئي دولت کي گڏ ڪرڻ ۽ زمين جي گھڻي کان گھڻي حصي تي قبضو ڪرڻ واري حرص جو نتيجو رهيا آهن ۽ سڀئي حيلا سرمائيداراڻي نظام جو منطقي نتيجو آهن.
    لڪنود: خون خرابو، ڌاڙا ڦريون ۽ گھڻي کان گھڻي زمين تي قبضو ڪرڻ واري انساني تاريخ شاهد آهي ته انسان وڏي ٽوٽي ۾ آهي ۽ اهو ناشڪرو آهي. ناشڪري جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪرڻ جو نالو آهي. انهيءَ سان همدردي، برابري، معاشرتي انصاف، دولت جي ورڇ ۽ نفس جي پاڪائيءَ جي بدران خون خرابي، ڦرمار ۽ قبيلائي دشمني وڌي ٿي. اڄ ڪلهه ته وري قوميت ۽ وطنيت جي بيڪار سياست جو دؤر اچي ويو آهي. انهن سڀني ۾ پنهنجي ذهني ۽ جسماني قوتن کي خرچ ڪرڻ، الله تعالى جي ناشڪري جي برابر آهي. پنهنجو پاڻ انساني تاريخ به شاهد آهي ته انهيءَ سڄي ناٽڪ جو بنيادي محرڪ يا پس منظر ڌن دولت کي گڏ ڪرڻ جو حرص آهي، جنهن جو ذريعو غلام، زرعي غلام ۽ صنعتي يا پگھاردار غلام جي محنت جو کليل استحصال آهي.
    هي سامراجي ذهن رکڻ وارا جنگ ۽ خون خرابي جي تباهين کان جيڪڏهن بچي به وڃن ته هڪ ڏينهن انهن کي قبرن مان ڪڍي حساب ورتو ويندو. نبوي انقلاب جي پيروڪارن جو الله تعالى جي ذات تي ايمان کان پوءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ويساهه رکڻ لازمي هوندو آهي. انسان جو هيءُ فلسفو غلط آهي ته علمن جو اثر رڳو دنيا تائين محدود آهي. حقيقت هيءَ آهي ته موت کان پوءِ به هڪ ڏينهن حساب ڪتاب جو آهي جيڪو پڪ سان اچڻو آهي. الله تعالى زندگيءَ جو روحاني بنياد آهي. انهيءَ کان ڪابه ڳالهه ڳجھي نه آهي. گناهه کي اڀارڻ واريون اندروني قوتون الله تعالى جي سامهون ظاهر ٿي پونديون. ڇو ته بڇڙائي کي هٿي ڏيڻ وارا رڳو ٻاهريان سبب نه هوندا آهن، پر ٻاهريان سبب به اصل ۾ اندروني هوندا آهن جيڪي عمل ۾ اچي ڪري تاريخ جو حصو بڻجي ويندا آهن ۽ ٻاهرين صورت اختيار ڪري وٺندا آهن.
    نبوي انقلاب سمجھه کي بدلائي ڇڏيندو آهي. عبادت، ياد الاهي جي ذريعي معاشري کي تبديل ۽ توحيدي معاشرو قائم ڪري، سمجھه جي انهيءَ تبديليءَ ۾ آخرت واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ تمام ئي وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي. انهيءَ عقيدي کان سواءِ اخلاقن کي هاڪاري بنياد ناهي ملندو. انهيءَ عقيدي سان اخلاق فرد جي مرضي تي منحصر نٿو رهي ته هو سٺن اخلاقن کي اختيار ڪري وٺندو آهي. پر قيامت جي ڏينهن جو خيال ان کان اهو اختيار کسي وٺندو آهي ۽ کيس اعلى اخلاق پنهنجائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو آهي. پنهنجي خود رخي واري آزادي جو خاتمو ٿي ويندود آهي. عمل جي اندروني سگھه ئي آخرت واري زندگيءَ ۾ جنت ۽ جهنم کي جوڙي ٿي.
    (4) سورت الزالزال:
    هن سورة مبارڪه ۾ قيامت جي ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. قرآني انقلاب جنهن حياتياتي نظريي تي ٻڌل آهي، انهيءَ ۾ سڀني بڇڙائين ۽ تعميري عملن جي اثرن کي مرڻ کان پوءِ واري مدت تائين ڊيگھه ڏني وئي آهي. گذريل سورتن ۾ جن عملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، هن سورة ۾ قيامت جي نقشي سان گڏوگڏ انهن جي اثرن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
    مڪي وارا مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ کي نه مڃيندا هئا. يهودين جو نه رڳو هڪڙو فرقو انهيءَ ڳالهه کي مڃيندو هو، جڏهن ته ٻيو چوندو هو ته تورات ۾ اهڙو ڪوبه تصور نه آهي. قديم مصر وارا انهيءَ تصور کي بابل وارن وانگر روحاني واپسي سمجھندا هئا. ايرانين مان زرتشي انهيءَ کي مڃيندا هئا. هندستان جا آريا نسل به مرڻ کان پوءِ روح جو هڪ قالب کان ٻئي قالب ۾ جنم وٺڻ (آواگون عقيدي) جا قائل هئا. يونان جا ڪجھه فلسفي، جهڙوڪ فيثاغورث به انهيءَ آواگون عقيدي جو قائل هو. قديم آفريڪي قبلين ۾ ته اڃا تائين اهو تصور هلندڙ آهي ته مرڻ کان پوءِ انهن جا روح جانورن، ٻوٽن ۽ وڻن جي شڪل ۾ وري وري ظاهر ٿيندا رهندا آهن.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي وارن کي سڀ کان پهريان اهو تصور ڏنو ته رڳو انهيءَ پالڻهار جو حڪم مڃڻ گھرجي جيڪو الله آهي. سڀني کي خلقيندڙ ۽ تمام گھڻو ٻاجھارو ۽ مربي آهي. ان کانپوءِ پاڻ مرڻ مرڻ پڄاڻان هڪ نئين زندگيءَ جو تصور ڏنو ۽ ٻڌايو ته اها زندگي پڪ سان اچڻي آهي. اسلام انهيءَ تصور جي ذريعي انساني عمل ۾ هڪ اڻ مٽ سگھه ڀري ڇڏي. هاڻي انسان جي لاءِ موت هڪ نئي دنيا ۾ پهچڻ جو ذريعو بڻجي ويو جنهن ۾ سندس رهڻي ڪهڻي جو معيار سندس دنياوي زندگيءَ جا عمل آهن.
    ڏاڍ ۽ مرضي جي مسئلي جو حل:
    انهيءَ سان ڏاڍ ۽ مرضيءَ وارو ڏکيو مسئلو به حل ٿي ويو ته انسان پنهنجي اخلاقي عملن جي لاءِ مجبور نه آهي. الله تعالى کيس عقل ۽ سمجھه انهيءَ لاءِ ڏني آهي ته جيئن هو ڍورن وانگر پنهنجي جبلتن جي اثر هيٺ نه رهي، پر انهن جبلتن کان مٿانهون ٿي پنهنجو عقل ۽ سمجھه کان ڪم وٺي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هو مجبور نه آهي پر پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي. هاڻي اها ان جي مرضي آهي ته نيڪيءَ جا ڪم ڪري الله تعالى جو راضپو حاصل ڪري يا بڇڙائيءَ جي ڌٻڻ ۾ پاڻ ڦاسائي الله تعالى کي ناراض ڪري پنهنجي آخرت برباد ڪري.
    ماديت جو فلسفو:
    جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سراسر مجبور سمجھن ٿا، انهن جي اڳيان اميد واري ڪا به وائي وات ناهي هوندي. اهي ماديت پرست بڻجي ويندا آهن. انهيءَ ڪري اهي مادي زندگيءَ کي موت تائين محدود سمجھن ٿا.
    روحانيت جو فلسفو:
    جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي مرضيءَ جو مالڪ سمجھن ٿا، اهي پنهنجي عملن جو لاڀ حاصل ڪرڻ جو يقين رکن ٿا. اهي آسائتا هوندا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا قائل هوندا آهن. قرآن مرڻ کان پوءِ به زندگيءَ جي سلسلي کي قائم ڪري ڇڏيو ۽ نيڪيءَ واري واٽ تي آيل موت کي به آسائتو بڻايو ۽ اهو به ٻڌايو ته ڪنجوس ۽ ظالم ماڻهو موت کان پوءِ واري زندگيءَ کي انهيءَ ڪري نٿو مڃي ته متان کي سندس بدعملن جي سزا ملي. پر سندس اها سوچ کيس پنهنجي بد عملن جي سزا کان بچائي نه سگھندي ۽ آخر ڪار کيس پنهنجي بڇڙن عملن جو اگرو نتيجو پسڻو ئي پوندو.
    ٻي دعوت:
    نبوت جي چوٿين سال، محرم جي مهيني ۾ پهرين دعوت ڏني وئي. هاڻي رجب ۾ ٻي دعوت ڏني وئي. انهيءَ لاءِ پاڻ ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ فرمايو ته مان گھران ٿو ته توهان کي دنيا ۾ به عزت ملي ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ ۾ به عيش ۽ آرام نصيب ٿئي. هن دفعي ماڻهن ظاهر ظهور مخالفت نه ڪئي. پاڻ ڪريم ﷺ دولتمند ٽولن ۽ خاندانن کي دردناڪ عذاب کان ڊيڄارڻ شروع ڪري ڇڏيو. انهيءَ دؤر ۾ جيڪو قرآن نازل ٿيو اهو هي آهي:
    (5) سورت والعصر:

    دنيا جي قومن جي تاريخ مان شاهدي ورتي وئي ته قومن جي بربادي ايمان (مقصد جي تعين) ۽ نيڪ عملن (انهي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ) جي اڻهوند جي ڪري ٿي آهي. مقصد جو مطلب هڪ پالڻهار (حقيقي مالڪ) جي ٻانهپ اختيار ڪرڻ ۽ ٻين سڀني (دنياوي) مالڪن کان بغاوت ڪرڻ آهي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ انساني ڀلائي ۽ سڌاري جي لاءِ حق واري دين جو قائم ٿيڻ ضروري آهي. انهيءَ مقصد ۽ نيڪ عمل کان سواءِ تاريخ جون سڀئي تهذيبون ۽ اڄ جي اولهائين تهذيب به حسي (Sensual) تهذيبون سڏيون وڃن ٿيون، جن جو مقصد رڳو جبلتن جي حيواني گھرجن کي پورو ڪرڻ هوندو آهي. انهيءَ ظلم، جنگ ۽ جھيڙي، جنسي ڪميڻائپ، چوري ۽ ڦرمار، ڪمزور کي ڦرڻ ۽ انهن جي محنت جو استحصال، دولت جي حرص جهڙيون سڀئي بداخلاقيون پيدا ٿين ٿيون ۽ اهي ئي برائيون قومن کي برباد ڪري ڇڏينديون آهن؛ ۽ اهو ئي قرآن جو قطعي ۽ عالمگير قانون آهي. سڄي انساني تاريخ طبقاتي ڇڪتاڻ جي تاريخ آهي جنهن جي شروعات زراعت واري دؤر کان ٿي ۽ معاشرو ٻه مخالف مفاد رکڻ وارن معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. اِهي ئي اُهي حقيقتون آهن جن جي نتيجي ۾ سموري تاريخ انهن تباهي پيدا ڪندڙ تخريبي بداخلاقين سان ڀري پئي آهي. سموري تاريخ ۾ عورت ۽ غلام تمام ئي مظلوم طبقا هئا. انسان جي انسان مٿان ظلمن ۽ تباهيءَ سان سموري تاريخ رتورت آهي. انهيءَ صورتحال جو علاج رڳو توحيدي يعني غير طبقاتي معاشري جو قائم ڪرڻ آهي. ڇو ته طبقاتي معاشرو مشرڪ ۽ شرڪ تي ٻڌل معاشرو هوندو آهي.
    (6) سورت التڪاثر:
    سورة والعصر کان پوءِ تاريخ جي طبقاتي تصور جي سلسلي ۾ ”التڪاثر“ ۾ مالدار طبقن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. اسان جي دؤر ۾ مالدار طبقو ڪارخانيدارن، جاگيردارن ۽ وڏن واپارين تي ٻڌل آهي. انهيءَ طبقي جو مقصد ئي نفعو ڪمائڻ هوندو آهي نه ڪي عوام جون ضرورتون پوريون ڪرڻ. اهو طبقو نفعو حاصل ڪرڻ جي لاءِ مزدور جي محنت جو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي استحصال ڪندو آهي جيڪو حقيقت ۾ وياج آهي.
    هنسورة ۾ انهيءَ طبقي کي دوزخ جي باهه ۾ سزا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني پئي وڃي. هيءُ اهو ئي طبقو آهي جيڪو انساني تاريخ ۾ سڀني بڇڙائين جو سرچشمو رهيو آهي ۽ اڄ به آهي. شراب خوري، زنا، رتوڇاڻ، غربت، بيروزگاري وغيره، اهي سڀئي معاشرتي بيماريون انهيءَ ئي طبقي جي ڦر مار ۽ استحصال جي پيداوار آهن. انهيءَ ڪري ئي قرآن ڪريم ۾ هر جاءِ تي انهن کي دوزخ جي سزا کان ڊيڄاريو ويو آهي. ڌن دولت جو حاصل ڪرڻ ئي انهيءَ طبقي جو بنيادي مقصد آهي. هنن وٽ سڀئي پيداواري وسيلا هوندا آهن جڏهن ته انساني گھڻائي انهن وسيلن کان محروم هجڻ جي ڪري هن طبقي وٽ پنهنجي محنت وڪڻي روزي حاصل ڪندا آهن.
    هن سورة مبارڪه ۾ يقين جا ٽي درجا ٻڌايا ويا آهن. علم اليقين، عين اليقين ۽ حق اليقين. مثال طور جيڪڏهن ڪٿان ڪو دونهون اٿي رهيو هجي ته گمان ٿيندو آهي ته اتي باهه ٻري رهي آهي (علم اليقين)، جيڪڏهن باهه جا ڀڀڙ نظر اچن ته پڪ ٿي ويندي آهي (عين اليقين) پر جيڪڏهن انهيءَ ڀڀڙ ۾ هٿ وڌو وڃي ۽ سڙاند محسوس ٿئي ته اهو حق اليقين جو مرحلو آهي. ڇو ته هاڻي انهيءَ جي باهه هجڻ ۾ ڪوبه شڪ نه رهيو. حق اليقين جو مرحلو قيامت جي ڏينهن سامهون ايندو.
    (7) سورت القارعه:
    سورة تڪاثر ۾ دولتمندن جي لاءِ باهه جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هن سورة مبارڪه ۾ انهيءَ طبقي کي، جيڪي غلامن (پيداواري وسيلن کان محروم ٿيل طبقو جنهن وٽ پيٽ پالڻ جو ذريعو رڳو محنت ئي آهي، جاگيرداري زماني ۾ زرعي غلام ۽ هاڻي مشين جي ايجاد کان پوءِ ڪارخاني جو مزدور پگھاردار غلام بڻجي ويو آهي) جي استحصال سان پنهنجي ٽجوڙين کي ڀريندا آهن، انهن کي ” خَفَّتْ مَوَازِيْنُہ “ يعني ٽوٽي وارا ٻڌايو ويو آهي. انهن جي سزا هاويه آهي، جيڪا دوزخ جي هڪڙي کاهي آهي.
    ”ثَقُلَتْ مَوَازِيْنُہٗ“جو مطلب مالي برابري قائم ڪرڻ، محنت جي استحصال کي ختم ڪرڻ، پٺتي پيل طبقن کي انهن جي محنت جو حق ڏيڻ جي لاءِ پيداواري وسيلن کي ڳڻيل ماڻهن جي قبضي مان ڪڍي، عوام جي حوالي آهي. ڇو ته جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار مزدور کي ان جي پيدا ڪيل شين جي نفعي مان ڪجھه به نٿو ڏئي ۽ لڳ ڀڳ سڄي ساري نفعي تي پاڻ ئي مالڪ ٿي ويهي رهي ٿو. انهيءَ کي هو نفعو سڏي ٿو، جڏهن ته حقيقت ۾ اهو نفعو نه پر سراسر وياج آهي. ڇو ته انهيءَ ۾ ڪارخاني جي مالڪ يا جاگيردار جي محنت شامل نه هوندي آهي، پر محنت ڪرڻ واري جي محنت مان جيڪو نفعو حاصل ٿيندو آهي، تنهن کي به هو ڦٻائي وڃي ٿو. انهيءَ طبقاتي نظام کي ختم ڪرڻ کان سواءِ عوام نه ته علم حاصل ڪري سگھي ٿي ۽ نه خوشحال زندگيءَ جو مزو ماڻي سگھي ٿي. هن سورة ۾ قيامت جي قائم ٿيڻ جو حال به بيان ڪيو ويو آهي. اهو ئي قيامت ۽ حساب ڪتاب جو ڏينهن آهي.
    (8) سورت الناس:
    حق واري دين جي عملي پروگرام جي وضاحت جي لاءِ اها چوٿين صورت آهي. الناس جو مطلب عوام آهي. ٻي جاءِ تي ان کي ”الانام“ چيو ويو آهي. عوام جي گھڻائي غلامن ۽ پٺتي پيل طبقن تي ٻڌل هئي. اسان جي دؤر ۾ اهي ئي غلام اصل ۾ زرعي ۽ پگھاردار غلامن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا آهن. ڀوپا، شاعر توڙي مذهبي ٺيڪيدار، سڀئي دولتمندن جي مفادن جي پشت پناهي ڪندڙ آهن. اهي ئي خناس آهي. اسان جي دؤر ۾ اهي روحانيت جي دعوى ڪرڻ وارن مرتدن يا رڳو پنهنجي شهرت جو شوق رکڻ وارن شاعرن ۽ مذهبي پيشوائن جي شڪل ۾ موجود آهن.
    رب الناس ئي عوام جو مالڪ حقيقي آهي؛ يعني پرورش جو سامان مهيا ڪرڻ وارو، ته جيئن عوام انهن جي پيداواري وسيلن سان پنهنجون مادي ضرورتون پوريون ڪري سگھي. اهو ملڪ الناس يعني عوام جو بادشاهه آهي، يعني فيصلو ڪرڻ وارو، دولتمند استحصال پسندن ۽ ڪنجوسن کي دوزخ ۾ وجھندو. الٰه الناس يعني عوام جو معبود. بت ۽ انهن جي پوڄا ڪرڻ دولتمندن ۽ انهن جي ساٿارين جي سازش آهي، جنهن سان اهي عوام کي ڦرن ٿا ۽ انهن جي اندر بدحالي کان منهن موڙڻ لاءِ بي بنياد وهم پکيڙين ٿا. انهن کي علم جي روشني کان محروم رکن ٿا ۽ عقلن تي وسوسن جا پردا وجھي ڇڏين ٿا. اهي عوام کي ٻڌائن ٿا ته بدحالي، غربت ۽ مسڪيني الله تعالى انهن جي تقدير ۾ لکي ڇڏي آهي جنهن کي ختم نٿو ڪري سگھجي. تنهن ڪري انهن کي صبر ڪرڻ گھرجي ۽ انهيءَ جي بدلي مرڻ کان پوءِ انهن کي وڏو اجر ملندو. انهيءَ طبقي کي رستي کان هٽائڻ ئي حق واري دين جو اصل مقصد هوندو آهي ته جيئن عوام ۽ انهن جي مالڪ (رب) ملڪ الناس ۽ معبود جي وچ ۾ سڌو سنئون لاڳاپو قائم ٿي سگھي.
    جيتوڻيڪ جِنَ انسانن کان هڪ الڳ مخلوق آهن، پر عام ماڻهو انهن جي باري ۾ خبر چار نٿا لهي سگھن. جنهن ڪري اهي بحث جو موضوع نٿا بڻجي سگھن.
    هن سورة مبارڪه ۾ انسان جون ٽي حيثيتون ۽ سندس الله تعالى سان لاڳاپي جي وضاحت ڪئي وئي آهي. (رب) اهي ماڻهن کي غلام ڪندڙ ڪوڙا آقا آهن. عوام جي پرگھور جو سامان الله تعالى پيدا ڪيو آهي، جنهن کي هو پنهنجي محنت، عقل ۽ سمجھه سان استعمال جي لائق بڻائي سگھن ٿا. (ملڪ) بادشاهه ۽ حڪمران طبقا؛ ٻئي غلامن کي ڦرن ۽ انهن کي پنهنجي ظلم جي گھاڻي ۾ پيڙين ٿا، اڄوڪي نالي ۾ جمهوريت جي ايوانن ۾ اهي ئي جاگيردار، صنعتي سرمائيدار ۽ وڏا واپاري، جيڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي جوئا خانن کي هلائن ٿا، ويٺل آهن. الله تعالى سڀ کان مٿانهين بادشاهه هجڻ جي حيثيت سان بدڪار ماڻهن کي انهن جي عملن جي بدلي ۾ دوزخ ۾ وجھندو. ڇو ته بادشاهه توڙي فيصلو ڪرڻ واري حاڪم هجڻ (معبود) جي ڪري عبادت جي لائق رڳو الله تعالى جي ذات آهي، جنهن عوام جي لاءِ ان جي پرورش جو سامان پيدا ڪيو ۽ انهن کي عقل ۽ فڪر جي روشني ڏني. (علم بالقلم) انهن کي تجربي ۽ مشاهدي جي سگھه بخشي ته جيئن اهي پنهنجي مرضي موجب ترقي ڪري سگھن. پر اهي دولتمند حڪمران طبقا، بت پرستي تي زور ڏيڻ وارا شيطان پنهنجي ذاتي مفادن جي لاءِ عوام ۾ قناعت، غلامي ۽ وهمن کي پکيڙين ٿا. اهو ئي خناس طبقو آهي. انهن جي برائيءَ کان رڳو الله تعالى جي صحيح معنى ۾ سڃاڻ، ايمان ۽ عمل سان ئي بچي سگھجي ٿو.
    خناس: ظاهر ۾ ته اهي دولتمند حڪمران ۽ مذهبي ٺيڪيدار (مذهبي پيشوا) عوام دوست ۽ مددگار جي حيثيت سان سڃاتا ويندا آهن، پر اهي پنهنجي اصلي ۽ خوفناڪ مقصدن کي لڪائيندا آهن. عوام ۾ وري اهو مشهور ڪندا آهن ته اهي سندن دوست، مددگار ۽ ڀرجھلا آهن. انهن ٽنهي طبقن (دولتمندن، حڪمرانن ۽ مذهبي پيشوائن) طرفان پنهنجي مفادن ماڻڻ جي لاءِ وڏو مواد شايع ڪيو ويندو آهي. انهيءَ سڄي عمل ۾ عوام ڏينهون ڏينهن مفلس، غلام، مظلوم ۽ وهمن ۾ گھيربو ويندو آهي. اهو ئي اُهو معيار آهي جنهن سان انساني تاريخ ۾ هن طبقي کي پرکي ۽ سڃاڻي سگھجي ٿو. انهيءَ جي برخلاف الله تعالى جي فرمانبرداري، پيداواري وسيلن تي عوامي ملڪيت؛ آمريت، بادشاهيت ۽ سامراجيت جي جاءِ تي علم دوستي، تجربي ۽ مشاهدي سان علم جو حاصل ڪرڻ؛ فطرت کي مسخر ڪرڻ سان ترقي جي دڳ تي هلڻ جي ضمانت آهي. اهو سڀ ڪجهه الله تعالى جي آقا، حاڪم ۽ معبود مڃڻ سان حاصل ٿي سگهي ٿو. ٻئي پاسي رعايتون ڏنل طبقن الله ۽ مذهب جي نالي کي عوام کي ڦرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
    (9) سورت والشمس:
    هن سورة ۾ ڪاميابي ماڻڻ وارن ۽ ناڪام ٿيڻ وارن طبقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪائنات، انساني نفس ۽ تاريخ جون شاهديون پيش ڪيون ويون آهن. اهي ٽئي وسيلا انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهن ته انساني معاشرن ۽ قومن مٿان تباهي انهن جو مالدار طبقو آڻيندو آهي. انهن کي محڪوم ۽ غلام بڻائيندو آهي ۽ انهن کي علم ۽ عقل کان محروم رکندو آهي ۽ انهن جي تباهيءَ جو سبب بڻبو آهي.
    سورة عصر ۾ بيان ڪيل تاريخ بابت نظريي جي وضاحت ۾ اهي سڀئي مبارڪ سورتون بيان ڪيون پيون وڃن. يعني غربت، بدحالي، محڪومي، اظهار ۽ عمل جي آزادي جي کوٽ، علم ۽ تجربي کان محرومي، جهالت جي اوندهه؛ اهي ئي اهي سڀئي شيون آهن جيڪي قومن کي برباد ڪنديون آهن. شاهه ولي الله دهلويؓ جي قول موجب، جڏهن بادشاهن ۽ حڪمرانن جي طرفان پنهنجي حڪومت ۽ اقتدار بچائڻ ۽ رڳو پنهنجي عيش ۽ آرام جو سامان گڏ ڪرڻ لاءِ عوام کان سخت پورهيو ڪرايو ويندو آهي ۽ عام انسان عقلي ۽ ذهني لحاظ کان گڏهن ۽ ڍڳن جي حد تائين ڪري پوندا آهن ۽ آخرت جي علمن کان بي خبر ٿي ويندا آهن، ته اهو معاشرو ۽ قوم برباد ٿي ويندي آهي. انهيءَ ڪري اسلامي معيشت، عوامي جمهوريت ۽ علم جي حاصلات کي عام ڪرڻ ئي ترقي، شان ۽ شوڪت جا ضامن آهن. دين الاهي به انهن ئي ڳالهين کي قائم ڪرڻ جي لاءِ آيو آهي. انهيءَ سان ئي عام ۽ خاص، سڀئي پنهنجي آخرت واري زندگي ۾ ڪامياب ٿي سگھن ٿا. پرهيزگاري ۽ عبادت جو عمل اهڙي ئي ماحول ۾ صحيح نتيجا پيدا ڪندو آهي.
    هن سورة جي پهرين کان ڇهين آيت تائين ڪائناتي شاهديون پيش ڪيون ويون آهن. ستين ۽ اٺين آيت ۾ انساني نفس جي شاهدي ڏني وئي آهي. نائين ۽ ڏهين آيتن ۾ ڪاميابي ۽ بربادي جي رستن جي چٽائي ڪئي وئي آهي. يارهين آيت کان سورة جي آخر تائين تاريخي شاهديون پيش ڪيون ويون آهن.
    سوجھرو ۽ اونداهي، مٿانهين ۽ هيٺانهين، تکي ساڙيندڙ اس ۽ ٿڌي سوجھري جا ضد انهيءَ ڳالهه تي دلالت ڪن ٿا ته انسان جي لاءِ به ٻه واٽون آهن. هڪڙي واڌويجھه ۽ ترقي جي واٽ ۽ ٻي وري بربادي ۽ بي حسي واري واٽ. انهن ٻنهي واٽن جي ڄاڻ انسان جي شعور ۾ وڌي وئي آهي، جيڪا ان لاءِ اڻپوري آهي، جنهن ڪري الله تعالى طرفان نبين کي موڪلڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو. جيئن ته انسان پنهنجي اندر يا ضمير جي آواز کي پنهنجي خواهشن جي دٻاءَ هيٺ غلط رخ ۾ ڦيري ڇڏي ٿو. تنهن ڪري مالدار طبقن نبين سڳورن جي سخت مخالفت ڪئي ۽ انهن کي تڪليفون ڏنيون، ۽ آخرڪار اهڙن پرڪارن جي ڪري سموري قوم تباهه ڪئي ٿي وئي. ثمود قوم جو واقعو انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي، جنهن جي سردارن پنهنجي نبيءَ کي چيو ته توکي انهيءَ جي ڪري نٿا مڃون جو تون اسان جي نيچ ماڻهن سان اٿين ويهين ٿو.
    (10) سورت الهمزه:
    هن سورة ۾ مالدار ماڻهن واري طبقي جي هڪڙي نفسياتي بيماري جي چٽائي ڪئي وئي آهي. اهو هيءُ ته اهي سمجھندا آهن ته محنت ڪندڙن جي محنت جي استحصال ۽ ٻين غلط طريقن سان جيڪا دولت گڏ ڪئي ويندي آهي سا سدائين انهن وٽ رهندي. الله تعالى ٻڌائي ٿو ته انهن جو مال، انهن جي وڏيرپ ۽ جاگيرون، انهن جا ڪارخانا، انهن جون شپنگ ڪارپوريشنون کين آخرت جي عذاب کان بچائي نه سگھندا. گذريل سورتن ۾ لڳاتار اهو ٻڌايو پيو وڃي ته سڀني معاشرتي بيمارين جو بنياد حد کان وڌيڪ دولت گڏ ڪرڻ جو حرص آهي. ظالمن ۽ نافرمانن جي لاءِ باهه جا ڀڀڙ ڊگھن ٿنڀن جي صورت ۾ ڀڙڪي رهيا هوندا ۽ اها باهه دلين تائين يعني عقل ۽ شعور تائين پهچي ويندي ۽ انهن کي برباد ڪري ڇڏيندي جنهن کان پوءِ اهي پنهنجي حواسن کان ڪم نه وٺي سگھندا.
    (11) سورت المعارج:

    هن سورة مبارڪه ۾ دوزخي ۽ جنتي معاشري جو نقشو چٽيو ويو آهي.
    جهنمي معاشرو
    1. مالدارن جي ڦرمار، محنت جي استحصال، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ذريعي پنهنجي ٽجوڙين کي ڀرڻ سان معاشري ۾ غربت، بدحالي ۽ مفلسي پيدا ٿئي ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ گھڻن ئي انسانن کي، جيڪي گھڻو ڪري مزدور ۽ پورهيت هوندا آهن، الله تعالى سان لاڳاپن ۽ علم جي سوجھري کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن.
    2. انهيءَ مالدار طبقي جي ڪري ئي جنسي ڇڙواڳي پيدا ٿئي ٿي. زنا عام ٿي وڃي ٿي. مجبور ماڻهو پنهنجي عزت وڪڻڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ۽ آسودا انهن غريبن جي عزتن سان کيڏڻ لڳندا آهن.
    3. ڪائنات جي تصور ۾ الحاد ۽ ماديت جو تصور اچي ويندو آهي.
    4. هن طبقي وٽ معاهدي جي پابندي ڪابه اهميت ناهي رکندي. انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي واعدي خلافي عام ٿي ويندي آهي.
    5. هي مالدار طبقو ڪوڙا ڪيس ڪري ڌوڌ ۽ ڌانڌلي جي ذريعي ڪمزور ماڻهن جي ملڪيتن ۽ انهن جي محنت جي ڪمائي تي قبضو ڪري وٺندو آهي.
    6. رشوت خوري، پنهنجا نوازڻ، جارحاڻي قوميت ۽ وطنيت هن ئي طبقي جا فڪري نتيجا آهن.
    7. الله تعالى سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ نماز جي قائم ڪرڻ کي هيءُ طبقو وقت جو زيان سمجھندو آهي.
    8. پٺتي پيل طبقن جي مدد ڪرڻ، جيڪي حقيقت ۾ انهن طرفان ڪيل محنت جي استحصال جي پيداوار آهن، هنن جي لاءِ پئسو زيان ڪرڻ جي برابر آهي.
    9. ٻين جي ملڪيت ۽ ٻين جي ڪچي مال جي ذخيرن تي قبضو ڪرڻ، غلامن ۽ مزدورن جي سستي محنت مان فائدو وٺڻ، پنهنجي دولت جي واڌاري جي لاءِ ويڙهه ۽ خون خرابو ۽ ڦرمار ڪرڻ هن طبقي جو پسنديده مشغلو آهي.
    10. انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تائين جيتريون به غيرانساني ريتون رسمون ۽ عمل نظر اچن پيا، سڀئي انهيءَ مالدار طبقي جون ئي لچائيون آهن.
    11. قرآن انهيءَ ئي معاشرتي پيش منظر کي دوزخ ۽ دوزخي معاشري جي نالي سان پيش ڪري ٻڌائي ٿو ۽ پنهنجي دعوت جو مقصد حق جي پيروڪارن جي هڪڙي جماعت تيار ڪري، انقلابي جاکوڙ شروع ڪرڻ ۽ جاني ۽ مالي قرباني جي مدد سان انهيءَ دوزخي معاشري کي جنتي يا توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ سڏي ٿو.
    جنتي معاشرو

    هي دوزخي معاشري جو ضد آهي.
    1. هن معاشري ۾ پيداواري يا روزگار جي وسيلن کي انفرادي يا ذاتي (private) ملڪيت جي بدران مزدورن جي گڏيل سهڪار واري جماعت پنهنجي هٿ هيٺ رکندي آهي ته جيئن دولت ڪن ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ گڏ ٿي بيهي نه وڃي ۽ سورة حشر جي مطابق دولت هيٺين طبقي تائين به پهچي سگھي.
    2. انهيءَ جو نتيجو اهو به ٿيندو آهي ته عام ماڻهن جي ملڪيت ۽ محنت سان حاصل ڪيل موڙي کي ڪوڙن ڪيسن ۽ ڏاڍ جي ذريعي ڦريو ناهي ويندو، پر هر ڪنهن جي ذاتي(personal) ملڪيت جو احترام ڪيو ويندو آهي. يعني اها ملڪيت جيڪا رڳو اڻٽر ذاتي ضرورتن جو پورائو ڪندي هجي، جنهن ۾ ذاتي ”ضرورت“ عياشيءَ واري حد کي نه پهچي.
    3. دولت جو ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ جي خاتمي سان جنسي ڇڙواڳي، چڪلي خوري، عزت وڪڻڻ ۽ ان طرح جي ٻين جنسي برائين جو خاتمو ٿي وڃي ٿو. عورت جي عزت ۽ پاڪدامنيءَ جو احترام ڪيو ويندو آهي. جنسي لاڳاپا جائز طريقن سان قائم ٿيندا آهن.
    4. ڪنهن جي خلاف ڪوڙ شاهدي ڏيڻ، پنهنجي مفادن جي لاءِ معاهدن کي ٽوڙڻ ۽ واعدن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت ناهي پوندي.
    5. انساني زندگيءَ جو مقصد اخلاقي پاڪائي ۽ ترقي حاصل ڪرڻ ۽ الله تعالى سان تعلق قائم ڪرڻ ٿي ويندو آهي، جنهن جي ڪري برائين ۽ بڇڙائين جي اندروني قوتن جو خاتمو ٿي ويندو آهي. ائين جبلتن ۽ حيواني گهرجن تي ضابطو حاصل ٿي ويندو آهي.
    6. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نماز قائم ڪئي ويندي آهي ۽ انهيءَ تي هميشگي اختيار ڪئي ويندي آهي ته جيئن انساني نفس ۾ بڇڙائين يا جبلتن جي حيواني گھرجن جي اندروني قوتن جو خاتمو ٿي سگھي ۽ معاشري ۾ دائمي امن، خوشحالي، اخلاقي پاڪائي، ڀائپي ۽ برابري قائم ٿي وڃي. اهڙي معاشري ۾ عورت جو احترام قائم رهندو آهي جيڪو هر تعميري معاشري جو لازمي گڻ آهي.
    7. اهڙيءَ طرح انفرادي، قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي انساني ترقي ۽ ان جي قوتن جي واڌويجھه جاري رهندي آهي. ويڙهه جھيڙي ۽ جارحاڻي وطنيت ۽ قوميت جا رجحان ختم ٿي ويندا آهن.
    8. هن معاشري ۾ ڪائنات ۽ زندگيءَ جو تصور الحاد ۽ ماديت تي ٻڌل نه هوندو آهي، پر الله تعالى کي پنهنجو مالڪ (پالڻهار) ۽ مربي مڃيو ويندو آهي. انسانن سان احترام ۽ محبت تي ٻڌل سلوڪ رکيو ويندو آهي. هر ڪنهن جي حقن جي سنڀال ۽ معاشرتي انصاف تي وڌ کان وڌ زور ڏنو ويندو آهي.
    9. قيامت جي ڏينهن حساب ڪتاب ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ ڏني ويندڙ جزا ۽ سزا کان ڊيڄاريو ويندو آهي.
    هن سورة مبارڪه ۾ هڪ ٻيو اشارو اهو به ملي ٿو ته انساني تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي جي ترقي شايد پنجاهه هزار سالن تائين رهي. زرعي دؤر جي شروعات کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ڏهه هزار سال ته گذري چڪا آهن. اسلام کان پوءِ يورپ ۾ گذريل چار سؤ سالن کان ترقي جي رفتار تمام ئي تيز رهي آهي ۽ زمين جي گولي تان سامراج ۽ دولت جو ڪن ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ واري شيطاني عمل جي خاتمي کان پوءِ، ترقي جي رفتار گڏيل طور تي تمام تيز ٿي ويندي ۽ الله تعالى جو منصوبو انسان جي هٿان مڪمل ٿيڻ ڪري ويڙهه جھيڙي واري حالت ماٺي ٿي ويندي ۽ ان کان پوءِ نئين دنيا ظاهر ٿيندي. اهڙي طرح ايندڙ چاليهه هزار سالن ۾ انساني ترقي جو اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
    اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته سڀئي اخلاقي بڇڙائيون دولت جو ٿورڙن ماڻهن وٽ رڪجي وڃڻ جي ڪري پيدا ٿين ٿيون. اهڙا مالدار ماڻهو هزارن ۾ ڪي ٿورڙا ئي هوندا جيڪي الله لوڪ ۽ غريبن جي پرگھور لهڻ وارا هوندا. عام طرح وڏائي، گھمنڊ، ڪمزورن تي ڏاڍائي، جنسي ڇڙواڳي، جوئا بازي ۽ ٻئي انسان دشمن عمل عام طرح مالدار طبقي وارن کان ئي ٿيندا آهن. هن سورة مبارڪه ۾ خدائي عذاب جي پڪڙ جي سختي کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته سزا ڏنل ماڻهو پنهنجي سزا کان بچڻ لاءِ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ ٻين مٽن مائٽن کي پنهنجي بدراڻ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو.
    اها ڳالهه چٽي ٿي وئي آهي ته جيستائين پيداواري وسيلا ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ ملڪيت مان نڪري ڪري عوام جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ نٿا اچي وڃن، انساني معاشرو جيئن جو تيئن دوزخي معاشرو بڻيو رهندو، پوءِ ڀلي علم ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڪيتري ئي ترقي ڇونه ڪري وٺي.
    جنتي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پيداواري وسيلن کي عوامي ملڪيت ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ ڪائنات جي روحاني تعبير يعني هن ڪائنات جي خالق جي وجود کي مڃڻ ۽ انساني فطرت ۾ جبلتن کان سواءِ خدائي سگھه (Divine Energy) جي موجودگي کي مڃڻ به ضروري آهي. ڇو ته ڪائنات ۽ انساني فطرت جي روحاني تعبير کان سواءِ عوامي ملڪيت مان حاصل ٿيڻ واري خوشحالي ۽ خوشي، فردن منجهان ذڪر ڪيل اعلى مقصدن ڏانهن توجهه کي هٽائي جنسي ڇڙواڳي، شراب نوشي ۽ جوئابازي وغيره ڏانهن وٺي ويندي آهي. اشتراڪي معاشري ۾ مذهب کي رد ڪرڻ جي ڪري اها ئي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي، جنهن جي ڪري ان جو وجود ئي ختم ٿي ويو.
    (12) سورت عَبَسَ:
    (1) هن سورة مبارڪه ۾ سڀ کان پهرين ڳالهه حق واري دين جي پرچار بابت ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ اهو هي ته هڪ انسان، جيڪو غريب ۽ مسڪين آهي، پر اهو حق جي ڳالهه کي سمجھي وٺي ٿو ۽ ايمان آڻي ٿو ته اهو هڪ وڏي مالدار ۽ اٿي ويٺي واري ماڻهو جي مقابلي ۾ انقلاب لاءِ وڌيڪ لاڀائتو ثابت ٿيندو آهي. جڏهن ته مالدار ماڻهو حق واري ڳالهه کي مڃڻ لاءِ به تيار ناهي هوندو. قرآن انهيءَ حقيقت جي نشاندهي ڪئي آهي ته اهي ماڻهو نبيءَ جي ڳالهه کي انهيءَ جي ڪري نٿا مڃين جو سندس انهيءَ ڳالهه کي ان جي غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل طبقن جي ماڻهن مڃي ورتو آهي. ابوجهل به پاڻ ڪريم ﷺ جي دعوت جي جواب ۾ اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي.
    (2) قرآني تعليم توڙي قرآني انقلاب جي عظمت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ويو آهي سا ڪا معمولي تعليم يا معمولي انقلاب نه آهي. انهيءَ تعليم کي اڳتي وڌائڻ وارا، ان جي اشاعت ڪرڻ وارا ۽ ان جي بنياد تي انقلاب آڻڻ وارا تمام ئي عظيم ماڻهو آهن. اها تعليم انسان کي عظمت جي تمام ئي مٿانهين درجي تي پهچائي ڇڏي ٿي. انهيءَ تعليم جي ڪري فرد توڙي معاشرو، اخلاقي برائين جي بڇڙائي کان ڇوٽڪارو ماڻيندي دوستي، محبت، معاشي خوشحالي، برابري، امن ۽ آزاد فڪري جي مٿانهين درجي تائين پهچي وڃن ٿا. نه رڳو قرآن پر سڀني پاڪ آسماني ڪتابن تي ايمان رکڻ وارا، انهن جي حقيقي تعليم موجب انقلاب آڻڻ وارا ماڻهو تمام ئي عظيم انسان آهن. قرآن دينن جي هيڪڙائي جو قائل آهي.
    (3) مالدارن ۽ حڪمران طبقن کي سبق ڏنو ويو آهي ته انهن کي پٺتي پيل طبقن ڏانهن نفرت جي نگاهه سان ڏسڻ بدران، پنهنجي خلقت تي ويچار ڪرڻ گھرجي ته انسان جي حيثيت ۾ انهن جي خلقت جو عمل به اهو ئي آهي جيڪو هڪ غريب جو هوندو آهي. ٻئي هڪ ئي طرح ۽ هڪ ئي حالت ۾ پيدا ٿيندا آهن. رڳو طبقاتي ماحول جو فرق هوندو آهي، جنهن سان نئون ڄاول ٻار امير يا غريب جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي.
    (4) طبقاتي اختلاف جي ڪري معاشي هيٺ مٿانهين به خدا تعالى جي جوڙيل تقدير آهي. پر الله تعالى اهو مقدر نه ٺاهيو آهي ته پٺتي پيل ۽ غريب طبقي جا ماڻهو پنهنجي حالت بدلائڻ جي لاءِ جاکوڙ به نه ڪن. اهو ته معاشي قانونن تي دارومدار رکي ٿو ته ماڻهو امير يا غريب پيدا ٿيندا آهن. اڄ جڏهن انهن قانونن جي سمجھه اچي چڪي آهي ته هاڻي اهو ٿي سگھي ٿو ته مزدور ماڻهو پنهنجي شعور کي جاڳائن ۽ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري جاکوڙين ته جيئن استحصال پسند طبقن کان ڇوٽڪارو ماڻي، انهن کان به وڌيڪ مٿانهين ۽ عظمت ڀري زندگي گذاري سگھن.
    (5) مالدار طبقن جا ماڻهو پنهنجي دولت جي ڪري وڏائي ۽ انسان دشمني جهڙن اجاڙيندڙ ۽ ناڪاري ڪردار کي پنهنجائي، خدائي حڪمن جي خلاف عمل سان پنهنجي پڄاڻي کي پهچن وڃن ٿا.
    (6) قرآن چوي ٿو ته مالدار طبقي کي ويچار ڪرڻ گھرجي ته روزگار جي سڀني وسيلن جي پيدائش هن طبقي جي دولت ۽ محنت جو نتيجو نه آهي. زندگيءَ جا وسيلا الله تعالى پنهنجي سڀني ٻانهن لاءِ پيدا ڪيا آهن، پر مزدور انهن جي پيدائش مان فائدو نٿو وٺي سگھي، ڇو ته انهن تي ڏاڍائيءَ ۽ ٺڳيءَ سان ڪي ٿورڙا ماڻهو قبضو ڪري وٺن ٿا. جيتوڻيڪ انهن وسيلن جي پيدائش تي انهن جو ڪو به وس نه آهي، اهي خدائي بخشش آهن. جيئن ته انهن وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي قبضي سبب ماڻهن جي گھڻائي انهن مان فائدو حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي ٿي ۽ پنهنجي محنت وڪڻي، پنهنجو پيٽ پالڻ تي مجبور هوندي آهي؛ انهيءَ ڪري قابض طبقو پنهنجي دولت جي گھڻائي جي ڪري، جيڪو اصل ۾ مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو هوندي آهي؛ اقتدار، علم ۽ تهذيب جي وسيلن تي قبضو ڪري وٺندو آهي. اهڙي طرح انسان پنهنجي انساني حيثيت کان محروم ٿي مزدور، غلام- زرعي يا پگھاردار غلام جي حيثيت اختيار ڪري وٺندو آهي ۽ پنهنجي محرومي ۽ ناداري جي ڪري علم ۽ تهذيب جي برڪتن کان لڳاتار محروم رهندو آهي.
    (7) جيڪڏهن هي مالدار ۽ حڪمران طبقو انهيءَ انساني ۽ معاشي حقيقت کي نه سمجھي ۽ پنهنجي دولت ۽ سگھه کي پٺتي پيل طبقي جي مدد ڪرڻ ۽ انهن کي انساني سطح تي ترقي ڏيڻ جي ڪوشش ۾ خرچ نه ڪري ته دوزخ جي باهه ۾ سڙڻ جي لاءِ تيار رهي. اتي عذاب جي ايتري ته سختي هوندي جو هو پنهنجي پيءُ ماءُ ۽ ويجھن مٽن مائٽن کي به پنهنجي جاءِ تي عذاب ڏيارڻ جي لاءِ الله تعالى کي درخواست ڪندو، پر هو انهيءَ عذاب کان ڇوٽڪارو ماڻي نه سگھندو.
    القارعه کان وٺي عبس تائين حق واري دين جو عملي پروگرام ڏنو ويو هو. يعني مالي برابري پيدا ڪرڻ، دولت جي حرص کي تياڳي ڇڏڻ، غلاميءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ ثمود قوم جو مثال ڏنو ويو آهي ته ڪيئن اها نبيءَ جي تعليم جي مخالفت ڪري ٿي، ايتري تائين جو اها برباد ٿي وڃي ٿي. مڪي جي سردارن ۽ مالدارن طرفان پاڻ ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ دعوت کي بلڪل ئي ڪوڙو ڪيو ويو. نه رڳو اهو، پر مالدارن ۽ سردارن بتن جي پوڄا کي ڇڏڻ ۽ موت کي پوءِ عملن جي پڇاڻي کي مڃڻ جو کليل طرح اعلان ڪري ڇڏيو. ان جي باوجود به نبي ڪريم ﷺ وحي الاهي جي ٻوليءَ ۾ انهن جي اڳيان ٿورڙا نيڪ ۽ تعميري عمل به رکيا، ته جيئن انهن کي اپنائي اهي ڇوٽڪارو ماڻي سگھن.
    (13) سورت البلد:
    هن سورة مبارڪه ۾ اصحاب الميمنه (سڄي پاسي وارن) ۽ اصحاب المشئمه (کٻي پاسي وارن) ماڻهن جو ڪردار چٽيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي. اڄ جي اصطلاح ۾ انهن کان جيڪو معاشرو جڙي ٿو انهيءَ کي جنتي يا توحيدي معاشرو جڙي ٿو ۽ انهيءَ جي برخلاف جيڪو معاشرو جڙندو سو دوزخي يا شرڪ تي مبني معاشري سان سڃاتو ويندو. نه رڳو قرآن، پر سڀني پاڪ الهامي ڪتابن جي اها بنيادي تعليم آهي. جنت مان نڪرڻ کان پوءِ انسان ٻيهر پنهنجي جنت اڏي نه سگھيو. انهيءَ جو سبب هيءُ آهي ته معاشرو ٻن مخالف معاشي مفاد رکڻ وارن طبقن ۾ ورهائجي ويو. هڪ ننڍڙي طبقي پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ورتو. هن طبقي جو اقتدار تي به قبضو ٿي ويو. گھڻائي وٽ جيڪي غلام ۽ پٺتي پيل حالت ۾ رهڻ تي مجبور آهن، پنهنجي محنت کي وڪڻي پيٽ پالڻ کان سواءِ ٻيو ڪو ذريعو نه آهي. گذريل ڏهن هزار سالن کان پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيل طبقي مزدور جي محنت جي استحصال سان بيشمار دولت گڏ ڪري رکي، معاشري جي سڀني ادارن تي اهو ئي طبقو حاوي ٿي ويو آهي. گھڻائي جيئن جو تيئن مسڪين ۽ محروم آهي. حبشه ڏانهن هجرت تائين جيڪو قرآن نازل ٿيو، انهيءَ ۾ سڌي طرح انهيءَ مالدار طبقي تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. انهن کي ٻڌايو ويو آهي ته اهي غلام ۽ پوئتي پيل ماڻهن جي پنهنجي دولت سان مدد ڪن، نه ته انهن جي بربادي اڻٽر آهي ۽ آخرڪار اهي پنهنجي ڪنجوسي، هٺ ۽ وڏائي جي بدلي دوزخ جي باهه ۾ اڇلايا ويندا.
    هن سورة ۾ اصحاب الميمنه ۽ اصحاب المشئمه يعني ٻه معاشرا ۽ ٻن نمونن جا اخلاق، ٻن نمونن وارا زندگي گھارڻ جا انداز ۽ ٻه رويا وجود ۾ اچن ٿا. اهي ٻئي هڪٻئي جي برخلاف يا هڪ ٻئي جو ضد آهن، جن جو نقشو هتي چٽيو ويو آهي. انهن اخلاقن ۽ عملن جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو جنتي يا توحيدي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ اڻٽر ۽ بنيادي حيثيت رکي ٿو. پاڻ ڪريمﷺ جي جاکوڙ مڪي جي دوزخي معاشري کي جنتي معاشري ۾ مَٽائڻ جي لاءِ هئي.
    مفسر عام طرح انفرادي اخلاق جي نقطه نظر کان آيتن تي غور ڪندا آهن. جڏهن ته قرآن ڪريم اهڙن پرهيزگارن جي جماعت جوڙي ٿو جيڪا رسول الله ﷺ جي اڳواڻي ۾ معاشري جي غلط ادارن، غلط اخلاقن ۽ غلطن فڪرن ۽ نظرين جي خلاف جاکوڙيندي موجوده معاشري کي مڪمل طرح بدلائي ڇڏي ۽ ان جي جاءِ تي هڪ اهڙي معاشري کي جوڙي، جنهن جو بنياد انفاق، صبر جي صلاحيت ۽ سگھه ۽ ٻاجهه تي بيٺل هجي.
    هن سورة مباڪه ۾ به دولتمند طبقي جي پرڪارن تي تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته غلامي جي اداري جو وجود ڏيک ويک، هٺ ۽ وڏائي، توڙي علم ۽ عقل جو غلط استعمال، گھڻو ڪري مالدار طبقي جي طرف کان هوندو آهي. انهيءَ جي مقابلي ۾ غلامي کي ختم ڪرڻ، انساني آزادي کي بحال ڪرڻ، دولت کي پٺتي پيل طبقن تي خرچ ڪرڻ، محنت جي استحصال جو خاتمو ڪرڻ، فضول خرچي ۽ اجائي ناماچاري کان بچڻ، علم ۽ عقل کي نفس جي پاڪائي ۽ ترقي جي لاءِ استعمال ڪرڻ، يتيمن، مسڪينن ۽ محروم ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي سارسنڀال لهڻ انهيءَ لحاظ کان ته اهي به انساني سطح تائين اچي وڃن، معاشري جي ماڻهن جو صبر يعني پنهنجي نفساني خواهشن تي ضابطو ماڻڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ ته جيئن معاشري ۾ هڪ بهاري لڳي وڃي؛ انهن سڀني مقصدن جي لاءِ ٻاهرين ادارن کي اخلاقي قدرن تي آڻڻ ۽ جيڪي قوتون هن ڪم ۾ رڪاوٽ بڻجن، انهن جي طرف کان جيڪا تڪليف پهچي انهيءَ جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪرڻ ۽ ٻاجهه يعني سڀني ماڻهن جي روحاني، جسماني ۽ عقلي واڌويجھه ۾ مدد ڏيڻ ئي اهي اصول ۽ اخلاق آهن، جن جي ڪري معاشرو ترقي ڪري سگھي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ سان پنهنجي تخليقي مقصد کي پورو ڪري سگھي ٿو. اهڙن گڻن وارو اصحاب ميمنه يعني سڄي پاسي وارن ماڻهن جو معاشرو آهي. اهڙي معاشري جي جوڙڻ ۽ ضرورت کان انڪار ڪرڻ وارا اصحاب مشئمه آهن ۽ اهي دوزخ ۾ وڌا ويندا.
    انسان کي محنت ۽ جفاڪشي (ڪبد) تي پيدا ڪيو ويو آهي، ته جيئن هو انهيءَ جفاڪشي سان الله تعالى جي پيدا ڪيل وسيلن ۽ پيداوار مان فائدو حاصل ڪري، جسماني ۽ اخلاقي لحاظ کان ترقي ڪري. پر ڪجھه ماڻهن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري، گھڻائيءَ جي محنت جو استحصال ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ استحصال سان دولت حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. مزدور کي ان جي محنت مان حاصل ٿيل نفعي مان رڳو ايترو ڏنو ويندو آهي، جنهن سان هو رڳو جيئرو رهي سگھي، جڏهن ته نفعي جو سڀ کان گھڻو حصو سرمائيدار پاڻ وٽ رکي ڇڏي ٿو. هو سمجھي ٿو ته اها صورتحال جيئن جو تيئن قائم رهندي ۽ ڪابه سگھه انهيءَ کي بدلائي نه سگھندي. هو انهيءَ حالت کي قائم رکڻ جي لاءِ پنهنجو مال به خرچ ڪندو آهي. پر الله تعالى انسان کي اکيون، زبان ۽ چپ انهيءَ لاءِ ڏنا آهن ته هو پنهنجي سمجھه کي سجاڳ ڪري ۽ انقلابي جاکوڙ سان معاشري جي انهيءَ طبقاتي جوڙجڪ کي بدلائي. جيڪڏهن محروم ۽ پٺتي پيل طبقا پنهنجي انقلابي جاکوڙ سان انهيءَ صورتحال کي نه بدلائيندا ته اهي سدائين جي لاءِ دوزخي معاشري جي باهه ۾ پاڻ به سڙندا رهندا.
    (14) سورت الفجر:
    هن سورة مبارڪه ۾ مالدار طبقن جي ڪردار جي مخالفت ۾ پهريان ڪائناتي دليل ۽ پوءِ تاريخي شاهديون ۽ آخر ۾ نفسياتي دليل ڏنا ويا آهن. انهن شاهدين کان پوءِ قومن جي بربادي جا سبب بيان ڪيا ويا آهن، پوءِ قيامت جو حال، هٺ ۽ وڏائي ڪندڙ مالدار طبقن جي پڄاڻي ۽ سڀ کان آخر ۾ جنتي معاشري جي جوڙجڪ جا شرط، سبب ۽ حالتون بيان ڪيون ويون آهن.
    هن سورة ۾ عاد ۽ ثمود جهڙين قومن جي مالدار طبقن جي ذڪر سان گڏ مصر جي فرعون جو به ذڪر آيو آهي. نزولي ترتيب ۾ هيءُ پهريون بادشاهه آهي، جنهن جو نالو کنيو ويو آهي. مالدار ۽ استحصال پسند طبقا جڏهن حڪومت ٺاهيندا آهن ته انهن جو ڪردار اهڙو ئي هوندو آهي. حڪومت ڀلي واپاري هجي يا سرمائيداراڻي جمهوريت هجي يا ڪنهن هڪ ماڻهو جي آمريت يا بادشاهي هجي، ٻنهي جو ڪردار هڪجهڙو هوندو آهي. ڳالهه هاڻي طبقن سان حڪومت جي تنظيم تائين پهچي وئي آهي.
    هن سورة ۾ چئن شين کي شاهديءَ طور پيش ڪيو ويو آهي. پهرين پرهه ڦٽي، ٻيو ڏهه راتيون، ٽيون اڪي ۽ ٻڌي راتيون ۽ چوٿون پڄاڻي ڪندڙ رات. اها شاهدي جزا ۽ سزا جي باري ۾ آهي، جنهن جو مڪي وارا شدت سان انڪار ڪري رهيا هئا. انهيءَ جي لاءِ عاد ۽ ثمود قوم جو کين مثال ڏنو ويو آهي.
    • پرهه ڦٽيءَ جو قسم: هن جو مطلب اهو وقت آهي جڏهن رات جي اونداهيءَ مان صبح جو سوجھرو ظاهر ٿيندو آهي.
    • ڏهن راتين جو قسم: انهيءَ جو مطلب هر مهيني جي ٽيهن راتين مان هر ڏهه راتيون آهن. پهرين راتين ۾ چنڊ سنهو هوندو آهي. ان کان پوءِ وارين راتين ۾ جيئن پوءِ تيئن چنڊ جي وڌڻ سان رات جو گھڻو حصو روشن ٿي ويندو آهي. آخري راتين ۾ وري اهو سڄي مان گھٽجي ننڍو ٿيندو ويندو آهي ۽ رات جو گھڻو حصو اونداهيءَ ۾ رهندو آهي، ايتري تائين جو مهيني جي آخري ٻه راتيون بلڪل ئي اونداهه ۾ هونديون آهن.
    • اڪي ۽ ٻڌي جو قسم: هن جو مطلب ڪائنات جون سڀئي شيون ٿي سگھن ٿيون. ڇو ته هر شيءِ يا ته جوڙي جي صورت (ٻڌي) ۾ آهي يا وري اڪيلي (اڪي) آهي. اصل ۾ هتي اڪي يا ٻڌي جو مطلب ڏينهن جي ڦيرڦار سان آهي. مهيني جون تاريخون هڪ مان ٻه ۽ ٻن مان ٽي ٿي وڃن ٿيون. مطلب ته ڦير ڦار پاڻ سان گڏ هڪ نئين ڪيفيت کڻي ٿي اچي.
    • کٽندڙ رات جو قسم: انهيءَ جو مطلب اونداهي آهي، جيڪا سج جي لهي وڃڻ کان پوءِ دنيا تي ڇانئجي وئي هئي ۽ رات جي پڄاڻي سان سج جي اها روشني هاڻي ٻيهر موٽي اچي رهي آهي ۽ نئين صبح جي ظاهر ٿيڻ سان دنيا وري روشن ٿي وئي آهي.
    انهن چئني قَسمن تي جيڪڏهن گڏيل حيثيت سان نظر وجھون ته خبر پوي ٿي ته هن ڪائنات ۾ جيڪو به ڪو ڪم ٿي رهيو آهي، سو ڌڪي تي، بي مقصد، بي حڪمت ۽ مصلحت کان خالي نه آهي، پر هر ڪم جي پٺيان هڪ چٽي پٽي حڪيماڻي منصوبي بندي نظر اچي رهي آهي. ڪائنات جو هيءُ زبردست نظم ۽ ضبط ڪنهن قادر مطلق جو قائم ڪيل ٿو ڏسجي. هاڻي جيڪڏهن اهڙي حڪيم، ڏاهي ۽ قدرت ۽ سگھه رکڻ واري خلقيندڙ کان دنيا ۾ رهڻ وارو ڪو ماڻهو انڪار ڪري ۽ گڏوگڏ آخرت جي جزا ۽ سزا جو انڪاري هجي ته چئبو ته اهو ٻن بيوقوفين مان هڪ جو کاڄ ٿي ويو آهي. پهريون هي ته يا ته انهيءَ طاقت واري هستي جو انڪاري آهي ۽ سمجھي ٿو ته اها هن ڪائنات کي اهڙي بيمثال نظم ۽ ضبط سان پيدا ڪرڻ جي سگھه به رکي ٿي، پر انسان کي ٻيهر پيدا ڪري جزا ۽ سزا ڏيڻ جي سگھه نٿي رکي. يا وري ٻيو اهو ته، هو منڍ کان ئي الله تعالى جي حڪمت ۽ ڏاهپ جو انڪاري آهي ۽ انهيءَ باري ۾ هو اهو سمجھي ويٺو آهي ته هن انسان کي دنيا ۾ عقل ۽ اختيار ڏئي ڪري پيدا ته ڪري ڇڏيو آهي، پر نه ته هو کائنس ڪڏهن حساب ڪتاب ڪندو ته هن پنهنجي عقل ۽ اختيار کان ڪم ورتو يا نه ۽ نه چڱن ڪمن جو بدلو ڏيندو ۽ نه خراب ڪمن جي ڪري سزا ڏيندو.
    هن کان پوءِ تاريخ ۾ دليل ورتو ويو آهي جنهن لاءِ عاد ۽ ثمود ۽ ٻين قومن جا مثال ڏئي ڪري ٻڌايو ويو آهي ته هيءَ ڪائنات فطرت جي ڪنهن انڌي ٻوڙي قانون هيٺ عمل نه پئي ڪري، پر هڪ حڪمت ڀريو الله ان کي هلائي رهيو آهي. انساني تاريخ جو لڳاتار تجربو ٻن ڳالهين جي چٽي پٽي شاهدي پيش ڪري رهيو آهي. هڪ هيءُ ته آخرت جو انڪار هر قوم کي خراب ۽ آخرڪار برباد ڪري ڇڏي ٿو، ڇو ته آخرت هڪ حقيقت آهي. ٻيو هيءُ ته عملن جو بدلو ايندڙ ڪهڙي به وقت ۾ مڪمل طور تي عمل ۾ اچي سگھي ٿو. اهي ماڻهو يا قومون جيڪي فساد جو ٻج پوکي هن دنيا مان موڪلائي ويا هليا ۽ ان جي سزا چکي نه سگھيا، انصاف جي گھرج اها آهي ته انهن کي ڪنهن به وقت ۽ ڪنهن به صورت ۾ سزا ڏني وڃي. انهيءَ ڪري ئي قيامت جو ڏينهن قائم ڪيو ويندو.
    (15) سورت الاعليٰ:

    تسبيح ڪرڻ جو حڪم، يعني ذات باري تعالى کي ان جي پاڪ نالن سان سڏڻ، جيئن سبحان ربي الاعلى، سبحان الله وبحمده سبحان الله العظيم.
    ”بتن جا نالا پنهنجي پس منظر ۾ تمام ئي ڌڪار جوڳا هوندا آهن. بتن جا نالا انسانن جي وحدت کي ختم ڪري، انهن کي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيندا آهن. ڇو ته هر قبيلي جو بت جدا هوندو آهي، ۽ مالدار ماڻهو جادوگرن ۽ ڀوپن جهڙن طبقن جي پٺڀرائي ڪندا آهن.“
    هن سورة مبارڪه ۾ چئن حدبندين (Dimensions) کان سواءِ ٽين اندروني گڻن جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي، جيڪي هر شيءِ ۾ موجود آهن، ان جون چار حدون هونديون آهن. انهن کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جو وجود قائم نٿو رهي سگھي. ڊيگھه، ويڪر، ٿولهه ۽ وقت. قرآن چوي ٿو ته انهن چئن پاسن کان سواءِ هر شيءِ ٽن خاصيتن واري به ٿيندي آهي. انهن خاصيتن کان سواءِ ڪنهن به شيءِ جو وجود نٿو ٿي سگھي. صحيح ڪرڻ (Disposeth) نسبت قائم ڪرڻ، ٺيڪ ڪرڻ (Measureth) اندازو قائم ڪرڻ، هدايت (Guideth) جنهن ڪم لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي، انهيءَ جي لاءِ رهنمائي ۽ هدايت ڏيڻ؛ هنن ٽنهي قدرن کي (Dimensions of Creative Process) چئي سگھجي ٿو. مثال طور، ڪڪڙ جي جسم کي ڏسو، ته انهيءَ ۾ هڪ نسبت نظر اچي ٿي. اها هڪجهڙائي ئي ان جي تقدير آهي ۽ اها هڪجهڙائي ۽ تقدير بلڪل انهيءَ ئي مقصد (هدايت) موجب آهي، جنهن جي لاءِ ان کي پيدا ڪيو ويو آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته چار حدبنديون ته رڳو وجود ۾ اچڻ لاءِ ضروري آهن. پر انهن ذڪر ڪيل گڻن کان سواءِ به ڪا شيءِ يا وجود پنهنجي مقصد جي لاءِ ڪوبه عمل نٿو ڪري سگھي. قرآن چيو آهي ته هيءَ ڪائنات بي مقصد ناهي جوڙي وئي، پر هر شيءِ پنهنجو خاص مقصد رکي ٿي. تنهن ڪري مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهيءَ جي وجود ۾ تناسب ۽ هڪجهڙائي، ورجاءَ وارو انداز، مقصد ۽ هدايت جي گڻن کي وڌو ويو آهي.
    اهو الله تعالى ئي آهي جو ڪمال ۽ زوال کي آڻيندو آهي. اڄ جيڪڏهن مالدار طبقا زورآور، حڪمران ۽ واڳ ڌڻي آهن، ته جيڪڏهن الله تعالى گھريو ته سڀاڻي مزدور به پنهنجي سمجھه کي سجاڳ ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي منظم ڪري حڪمران ٿي سگھن ٿا.
    پرچار يا تبليغ جو اصول اهو آهي ته حق جي ڳالهه چوندا رهو، پوءِ جنهن کي نصيحت وٺڻي هوندي سو وٺي ئي ويندو، يعني جنهن ۾ واڌويجھه جي صلاحيت آهي ۽ اهو پٿر وانگر سخت نه آهي. اها ئي تعليم حضرت ابراهيم ۽ حضرت موسى عليهم السلام جي صحيفن ۽ انهن کان پهريان وارن صحيفن ۾ به ڏني وئي آهي. ٻڌي ۽ انساني هيڪڙائي جي لاءِ سامي، آريائي، ۽ زرد قومن ۾ موڪليل نبين تي به ايمان آڻڻ ضروري آهي. ٻين قومن جا حڪيم ۽ صالح، جهڙوڪ ڪرشن جي، رامچندر جي، مهابير، مهاتما ٻڌ، زرتشت، سقراط، ڪنفيوشس ۽ افلاطون جو احترام به ضروري آهي ته جيئن انساني هيڪڙائي قائم ٿي سگھي. جنهن به انسان واڌويجھه ۽ ترقي ڏيڻ وارن اخلاقن کي پنهنجايو اهو ئي ڪاميابي ماڻيندڙ آهي. هن انقلابي ۽ اخلاقي تبديلي جي لاءِ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي ايمان آڻڻ ضروري آهي.
    (16) سورت الڪوثر:
    هن سورة جي نازل ٿيڻ وقت ڪافر سمجھندا هئا ته محمد ﷺ جي نبوت واري دعوى جي ڪري، سڄي قوم ان کان ڪٽجي وئي آهي. نبوت جي ڪري ان جو واپار به بند ٿي ويو آهي ۽ وري پاڻ ﷺ جو پٽائون اولاد به نه آهي، جو سندن نالو قائم رهي. هن سورة جي اندر مخالفن جي انهن انديشن جو جواب ڏنو ويو آهي. قرآن ڪريم حڪمت کي خير ڪثير سڏيو آهي. انقلاب جي لاءِ ٻن ڳالهين جي ضرورت هوندي آهي؛ يعني نظريو ۽ عملي پروگرام. انقلاب جي انهن ٻنهي ڳالهين رهنمائي خدائي وحي جي ذريعي ٻڌايون ويون. هي نظريو الله تعالى جي هيڪڙائي، عملن جي نتيجي ۽ آخرت جي زندگي جي لاءِ اخلاقي ۽ روحاني گڻن جي ڀاڱن تي مشتمل اهي. عملي پروگرام اهو آهي ته توحيد جي نظريي کي معاشري تي لاڳو ڪرڻ سان ئي توحيدي معاشرو قائم ٿي سگھندو جيڪو مخالف معاشي طبقن کان پاڪ ۽ صاف هوندو. پيداواري وسيلا ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ اچڻ بدران عوام جي ملڪيت هوندا. انسان پنهنجي ذميوارين کان ڪنهن به طرح آجو نه آهي کيس پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن هن دنيا ۾ حساب ۽ ان جي جزا ۽ سزا پوري نه ٿي سگھي ته موت کان پوءِ انهيءَ جو پورائو ڪيو ويندو. انهيءَ جي لاءِ اخلاقي ۽ روحاني گڻ ٻڌايا ويا آهن، جن سان ماڻهو جي ذات جي تڪميل ۽ معاشري ۾ امن، معاشي خوشحالي، فڪر جي آزادي ۽ سياسي آزادي جي واڌويجھه ٿيندي. فرد جي ذاتي تڪميل جي لاءِ عبادت ۾ محويت ۽ اخلاقي ۽ روحاني گڻن جو انساني نفس ۾ رچي وڃڻ لازمي آهي. اهو انهيءَ ڪري به ضروري آهي، ته جيئن ماڻهو نه رڳو پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جو پورائو ڪري سگھي، پر جمالياتي گھرجن تحت سهڻي کان سهڻي ۽ ڀلي کان ڀلي ڏانهن وک وڌائي سگھي. اهو مقصد توحيدي معاشري جي قائم ڪرڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي. ڇو ته نماز جي قائم ڪرڻ جي لاءِ معاشي مساوات کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. جيستائين پُٽائين اولاد جو تعلق آهي، ته امت جي صورت ۾ رسول الله ﷺ کي روحاني اولاد عطا ڪيو ويو آهي جنهن ڪري قيامت تائين پاڻ ﷺ جو نالو مٿانهون رهندو ۽ سندن ذات بابرڪات جي مٿان هر وقت درود ۽ سلام موڪليو ويندو رهندو.
    پر افسوس انهيءَ ڳالهه جو آهي ته مسلمان عالمن به ٻين مذهبن جي پيشوائن وانگر اسلام کي نماز پڙهڻ تائين محدود ڪري ڇڏيو ۽ توحيدي معاشري کي قائم ڪرڻ واري تصور کي بلڪل ئي نظرانداز ڪري ڇڏيو. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو نماز ته پوءِ به ڪي ماڻهو پڙهي ئي وٺن ٿا، پر معاشي خوشحالي ۽ برابري قائم نه ٿي سگھي. انهيءَ جي لاءِ توحيدي يا غير طبقاتي معاشري جو جڙڻ لازمي هو. مديني پاڪ ۾ قائم ٿيڻ واري رياست اڃا پوري طرح غيرطبقاتي نه ٿي سگھي هئي جو خلافت کي دمشق ڏانهن منتقل ڪري بادشاهيت قائم ڪئي وئي. ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم مديني واري رياست کي سماجوادي جمهوريت چيو اهي. پر ٿوري ئي عرصي کان پوءِ انقلاب جي دشمن قوتن انهيءَ رياست کي ختم ڪري ڇڏيو. جڏهن معاشرتي ترقيءَ منجھان بادشاهيت ختم ٿي، ته سرمائيداراڻي سوچ رکندڙ جمهوريت قائم ٿي وئي، جيڪا پنهنجي ڪردار ۾ بادشاهيت جي گھرجن کي پورو ڪندي آهي. جڏهن مدني رياست عوامي جمهوريت هئي، جنهن ۾ معاشيات، حڪومت ۽ قانونسازي تي عوام کي پهچ حاصل هئي، خلافت راشده جي خاتمي کان پوءِ اهي ٽئي ادارا رعايتون ڏنل طبقي جي چنبي ۾ اچي ويا ۽ اڄ تائين ان جي ئي هٿ ۾ آهن. سماجوادي انقلاب انهن ادارن کي عوام جي حوالي ڪري ڇڏيو هو، پر ڪن سببن جي ڪري اهي پاڻ ئي ڇڙوڇڙ ٿي ويا. تنهن ڪري خير ڪثير واري حڪمت نماز جي قائم ڪرڻ ۽ معاشي برابري ۽ انفرادي ۽ گڏيل گھرجن جي تڪميل لاءِ ڪافي آهي، اڃا به ائين چئجي ته لازمي آهي.
    (17) سورت الماعون:
    هن مبارڪ سورة ۾ ان ڳالهه جي چٽائي ڪئي وئي آهي ته دولت جو حرص سرمائيداري ۽ جاگيرداري، يا سرمائيداراڻي سوچ رکڻ واري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي جي معاشي حالت کي سڌارڻ جي بلڪل به قائل نه آهي. اڄوڪي اصطلاح ۾ محنت جي استحصال کي غير انساني عمل ۽ گھڻن انسانن کي سندن محنت ۽ جفاڪشي جي باوجود به انهن جي بردباري واري معاملي کي به اهي ڪا اهميت نٿا ڏين. اهو انهيءَ ڪري آهي جو اهي ماڻهو پنهنجي عملن جي نتيجن جي جزا ۽ سزا تي ويساهه نٿا رکن. اهي ماڻهو جيڪڏهن نماز پڙهن ٿا ته اها به ڏيکاءَ لاءِ ته جيئن ماڻهو انهن کي نيڪ ۽ نمازي سمجھندي، انهن جي انهيءَ استحصالي عمل کي نظرانداز ڪري ڇڏين جنهن سان اهي مزدور جي محنت جو استحصال ڪري دولت گڏ ڪن ٿا. انهن جي زڪوات، صدقا ۽ خيرات به انهيءَ ۾ اچي وڃن ٿا.
    نه رڳو اسلام ۾، پر هر مذهب ۾ دولتمندن ۽ وڏيرن جو اهو ئي ڪردار رهيو آهي. انهيءَ ڪري ئي هي طبقو مذهبي پيشوائن کي مالي مدد ڏئي، پاڻ سان ملائي، طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ واري جاکوڙ کي ديني فرض سمجھڻ کان انڪار ڪري ٿو ۽ انهيءَ کي رڳو دنياوي معاملو سڏيو. انهيءَ مذهبي طبقي سان گٺ جوڙ ڪري دولت جي ورڇ کي خدا جي مرضي سڏي، پٺتي پيل ۽ مزدور طبقي کي مطمئن ڪري ڇڏيو. يعني اهو ته غربت، جهالت، غلامي خدا انهن جي نصيب ۾ لکي ڇڏي آهي. ائين حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته دين کان ڏُوري ۽ لاپرواهي جو لاڙو، اڃا به ائين چئجي ته الحاد، ماديت ۽ ماديت جي فلسفي تي ويساهه جو سبب به اهو ئي مالدار طبقو آهي. اهو ئي سبب اهي جو مذهبن جي پيروڪارن ۽ مسلمانن جون نمازون نه ته انسان دوستي، محنت جي قدر، محبت، ڀائپي، امن وغيره جي اعلى اخلاقي گڻن ۽ معاشري ۾ نيڪي جي واڌاري جو سبب بڻيون نه ئي فرد ۾ انهن اخلاقن کان سواءِ نفس جي پاڪائي ۽ خدا تعالى ڏانهن خشوع ۽ خضوع سان متوجهه ٿيڻ ۾ ڪا مدد ڏئي سگهيون. هن طبقي جي ڪنجوسي ۽ ڪميڻائپ جي حد اها آهي جو ڪا خسيس شيءِ به ڪنهن کي اڌاري طور استعمال لاءِ نٿا ڏين. (الماعون)
    (18) سورت اللهب:
    قرآن ڪريم اسلام دشمن طبقي جي رڳو هڪڙي ئي ماڻهو جو نالو کنيو آهي ۽ اهو آهي پاڻ ڪريم ﷺ جو سڳو چاچو ابولهب ۽ ان جي زال ام جميل، جيڪا ابو سفيان جي ڀيڻ هئي. ٻئي اسلام ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جا سخت دشمن هئا، ايتري تائين جو ابولهب ته هڪ مهلڪ ڦرڙين واري مرض ۾ وچڙي مري ويو. ان جي زال ۽ پٽن کيس ڇڏي ڏنو ۽ ڪجھه شيدي غلامن کي مزدوري ڏئي پهريان ته کڏ کوٽرائي پوءِ ڊگھن پنڃرن سان ان جي ڌپ ڪيل لاش کي کڏي ۾ اڇلائي پورائي ڇڏيو. ابولهب وڏو پئسي جو پوڄاري ۽ وڏائي وارو ماڻهو هو. ان جو اصل نالو عبدالعزى هو. ابولهب کيس انهيءَ ڪري چوندا هئا جو ان جو رنگ شعلي وانگر چمڪندو هو.
    (19) سورت الطارق:
    مڪي جا ماڻهو مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جو سختيءَ سان انڪار ڪري رهيا هئا. هن سورة مبارڪه ۾ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا دليل ڏنا ويا آهن ۽ اهو ٻڌايو ويو آهي ته قرآن هڪ پڪي ٺڪي ڳالهه آهي ۽ ڪا ڪوڙي ڪچي ڳالهه نه آهي.
    نظام شمسي سان استدلال:
    1. آسمان جا سڀئي چمڪندڙ ستارا انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏئي رهيا آهن ته ڪا اهڙي هستي آهي جنهن انهن کي جوڙيو آهي، چمڪندڙ ڪيو آهي، فضا ۾ ٽنگي رکيو آهي، انهن جي حفاظت ۽ نگهباني ٿي رهي آهي، اهي سڀئي پنهنجي پنهنجي مدار ۾ گھمي رهيا آهن، انهن مان ڪو هڪ ٻئي سان ٽڪرائي نٿو؛ اهو سمورو نظام پنهنجو پاڻ ڪنهن جوڙيندڙ کانسواءِ قائم ٿي نٿو سگھي. سائنسي تحقيق ته انهن قانون کي ڳولي سگھي ٿي، پر اهو نٿي ٻڌائي سگھي ته انهن جو خلقيندڙ ڪير آهي؟ ڇو ته تخليق پاڻمرادو نٿي ٿي سگھي، انهيءَ جي لاءِ سمجھه، زندگي، ارادو، حڪمت ۽ مقصد جو هجڻ ضروري آهي. پر مادو انهن صفتن کان خالي آهي.
    انساني خلقت مان استدلال:
    2. انسان جي پهرين جوڙ ان جي ٻيهر پيدا ٿيڻ جو دليل آهي.
    ٻوٽن جي خلقڻ ۽ مينهن مان استدلال:
    3. جهڙي طرح اهو بي مقصد عمل نه آهي، ائين ئي قرآن بي مقصد عمل نه آهي، پر اهو سچ ۽ ڪوڙ جي فرق کي صفا چٽو ۽ ظاهر ڪرڻ وارو آهي. جهڙي طرح مينهن وسڻ سان زمين مان ٻوٽا ڦٽي پوندا آهن، اهڙيءَ ئي طرح قرآن پاڪ جي تعليم تي عمل پيرا ٿيڻ سان معاشرتي زمين ۾ نئين زندگي پيدا ٿئي ٿي. ان جو مطلب اهو آهي ته جهڙي طرح مينهن سان زمين مان ٻوٽا ڦٽائڻ جو عمل بي مقصد نه آهي، پر نئين زندگيءَ جو سبب بڻجي ٿو، ائين ئي قرآن حڪيم جي تعليم جو ٻج به معاشرتي زندگيءَ ۾ پوکيو پيو وڃي جيڪو نئين زندگيءَ جي خلقت جو سبب بڻبو. جيئن زمين ڦاٽي ٻوٽن کي اپائي ٿي، تيئن انقلابي جاکوڙ سان نئين معاشرتي زندگي پيدا ٿي پوندي آهي ۽ مرڻ کان پوءِ به نئين زندگي پيدا ٿي سگھي ٿي.
    مڪي جو مالدار طبقو قرآني انقلاب جو رستو روڪڻ جي تدبير ڪري رهيو آهي. الله تعالى انهيءَ کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ قرآن کي ڪامياب ڪرڻ جي لاءِ تدبير ڪري رهيو آهي. تنهن ڪري صبر ۽ ثابت قدمي سان جاکوڙيندو رهڻ ضروري آهي. مرڻ کان پوءِ واري زندگي تي قرآن ڪريم ورائي ورائي هي دليل ڏنو آهي ته جهڙي طرح مينهن وسڻ سان مري ويل زمين وري جيئري ٿي پوي ٿي، اهڙيءَ ئي طرح مرڻ کان پوءِ ٻيهر زندگي پيدا ٿي سگھي ٿي. قدرت جا اها قانون، جيڪي مئل زمين کي جيئرو ڪن ٿا، اهي ئي قانون مرڻ کان پوءِ انسان کي زندگي عطا ڪندا آهن. سڀني پاڪ ڪتابن منجهان قرآن پاڪ ئي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي وڌ کان وڌ زور ڏنو آهي. ڇو ته انهيءَ عقيدي کانسواءِ انسان جي اندر اعلى اخلاقن جون پاڙون سايون نٿيون ٿي سگھن. عملن جي نتيجي جي طور تي جزا ۽ سزا جو ملڻ انسان جي مرضي تي ڇڏيل نه آهي، پر اهو قدرت جو هڪ عالمگير قانون آهي. اهو انهيءَ ڪري آهي ته جيئن هر سٺي ۽ خراب عمل جو نتيجو هن دنيا واري زندگيءَ ۾ پورو نٿو ملي. جيڪڏهن ظالم پنهنجي ظلم جو نتيجو هتي نٿو ڏسي ته ان کي نتيجو ڏيکارڻ کانسواءِ ڇڏي ڏيڻ به هڪ ظلم آهي. جيئن ته الله تعالى پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪندڙ نه آهي، انهيءَ ڪري انصاف جي گھرج اها آهي ۽ ائين ئي ٿيندو ته الله تعالى هڪ ڏينهن انسان کي ان جي عملن جو بدلو کيس ضرور ڏيندو.
    (20) سورت المزمل:
    هن سورة مبارڪه جا ٻه رڪوع آهن. پهريون مڪي آهي، ٻيو مدني آهي. مدني رڪوع کي مڪي رڪوع سان گڏ ملايو ويو آهي. مدني رڪوع جي اهميت ته مديني ۾ ئي ٿي سگھي پئي نه ڪي مڪي ۾. مڪي رڪوع جا مطلب هي آهن:
    1. قرآني انقلاب جي لاءِ راتيون جاڳڻ ضروري آهي. اڄڪلهه جا مسلمان مصلح، جيڪي عبادت جي اهميت کي گھٽائن ٿا، اهي غلطي تي آهن.
    2. رات جو جاڳڻ نفس تي ضابطي جي لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. قرآن حڪيم جي معنى ۽ مقصد تي ويچار ڪرڻ جي لاءِ به اهو تمام ئي مناسب وقت هوندو آهي.
    3. پاڻ ڪريم ﷺ کي هدايت ڏني وئي آهي ته مخالفن جي طرف کان جيڪو ڪجھه به چيو پيو وڃي، انهيءَ تي صبر ڪريو ۽ سٺي طرح سان انهن کان الڳ ٿي وڃو.
    4. فساد جو ڪارڻ اهو ئي مالدار طبقو آهي. اهي ئي قيامت جي ڏينهن جا انڪاري آهن. ڇو ته انهن کي پنهنجي ظلم، محنت جي استحصال ۽ عيش آرام جي لاءِ هڪ اهڙي عقيدي جي ضرورت آهي، جنهن ۾ کانئن سندن عملن جي پڇاڻي جو ڪوبه قانون نه هجي. الله تعالى فرمايو آهي ته ذرني والمکذبين ان اولي النعمة. (مالدار طبقي کي ۽ مون کي ڇڏي ڏي، مان انهن سان پڄي پوندس.
    5. مڪذبين يوم الدين کي چيو پيو وڃي ته محمد ﷺ جي حيثيت توهان جي نسبت ائين آهي جيئن موسى ؑ جي فرعون ڏانهن هئي. جيڪا فرعون جي پڄاڻي ٿي هئي، نافرماني جي صورت ۾ توهان جي به اها ئي ٿيندي.
    6. قرآن ته رڳو هڪڙي نصيحت آهي، جنهن ۾ صلاحيت هوندي، اهو انهيءَ مان فائدو ماڻي وٺندو ۽ پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگي کي پاڪ صاف ۽ سڌاري ۽ ترقي وارو بڻائيندو.
    هن سورة مان به اها ئي ڄاڻ ملي ٿي ته الله تعالى ۽ آخرت جي ڏينهن جو انڪار مالدار طبقي جو ئي وطيرو رهيو آهي. ڇو ته هو پنهنجي لاءِ مادر پڌر آزادي گھري ٿو. سڀني اخلاقي برائين جو ڪارڻ اهو ئي مالدار طبقو آهي.
    مزمل: مولانا عبيدا الله سنڌي ؓ مزمل جي معنى ”رفيق (Comrades) بنائڻ وارو“ ڪئي آهي. قرآن ڪريم انهن رفيقن کي والذين معہ چيو آهي. جڏهن عام معنى ته اوڍڻ وارو ڪئي وئي آهي، جنهن جو انقلابي عمل سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي.
    (21) سورت التين:
    هن سورة مبارڪه ۾ پهريان ته اهو ٻڌايو ويو آهي ته نبي ڪريم ﷺ کان پهريان نبين سڳورن جي مخالفت به ائين ئي ٿيندي رهي آهي، جيئن رسول الله ﷺ جي ٿي رهي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ انهن مرڪزن جو شان ٻڌايو ويو آهي. جبل ”تين“ جتان کان حضرت نوح ؑ پنهنجي پرچار شروع ڪئي هئي، ان کان پوءِ جبل زيتون جتان کان حضرت عيسى ؑ پنهنجو مشهور وعظ شروع ڪيو هو. طور سينين جتان کان حضرت موسى کي وحي الاهي جي ذريعي هدايت جون تختيون مليون.
    حضرت نوح ؑ کان وٺي حضرت عيسى ؑ تائين وارو زمانو انساني تاريخ جو هڪ وڏو حصو آهي، جيڪو انهيءَ ڳالهه تي شاهد آهي ته نبين سڳورن جي مخالفت ۽ انهن کي تڪليفون ڏيڻ وارو طبقو مالدار طبقو ئي هو. اهو ئي طبقو پاڻ ڪريم ﷺ جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ رهيو آهي.
    ڊاڪٽر حميد الله (پيرس واري) ٻڌايو آهي ته تين جو مطلب مهاتما ٻڌ آهي. ڇو ته کيس هڪ پراڻي انجير جي وڻ هيٺان ئي معرفت الاهي حاصل ٿي هئي. ائين ته انجير ۽ زيتون جو علائقو جتي اهي گھڻائي سان ڄمندا آهن، شام ۽ فلسطين آهي، جتان حضرت ابراهيم ؑ کان وٺي ڪري حضرت عيسى ؑ تائين گھڻائي نبي سڳورا ايندا رهيا آهن. بائبل جو قديم عهدنامو انهيءَ ڳالهه تي شاهد اهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ به سڀني نبين سڳورن جو ذڪر نه آهي.
    ٻي ڳالهه اها چئي وئي آهي ته انسان پنهنجي جسماني، ذهني ۽ نفسياتي بڻاوٽ ۾ ٻي هر مخلوق کان ڀلو آهي. پر انسان پاڻ ئي پنهنجو پاڻ کي تباهي ۽ برباديءَ جي کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيو اهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن انسان ڪڻڪ پوکڻ شروع ڪئي ته شڪار جو دؤر ختم ٿي ويو، جنهن ۾ انسان آزاد هو ۽ ٻيلن مان ميوا ۽ جانورن جو گوشت حاصل ڪندو هو. دريائن ۽ سمنڊن مان مڇيون ۽ ٻين پاڻي وارن جانورن کي پڪڙي کائيندو هو. هن دؤر ۾ ٻيلن ۽ دريائن وغيره تي ڪنهن قبيلي جو ملڪيتي قبضو ڪونه هو. پر جڏهن کان زمين تي پوک شروع ٿي ته زمين ۽ ان جي پيداوار تي ذاتي ملڪيت جو قبضو ٿيڻ شروع ٿي ويو. هن دؤر ۾ خوراڪ جي محفوظ ٿيڻ ۽ گھڻو ذخيرو ٿيڻ جي ڪري پڪڙيو وڃڻ وارن قيدين کي خوراڪ جي کوٽ جي ڪري قتل نه ڪيو ويندو هو، ۽ نه ئي آدم خوري رهي جيڪا بک لاهڻ جو ذريعو هئي، جن کي خوراڪ جي طور تي کاڌو ويندو هو. هاڻي انهن کي غلام بڻايو پئي ويو ۽ انهن غلامن کان سخت پورهئي وارا ڪم ورتا وڃڻ لڳا. غلام جي انساني شخصيت ختم ٿي وئي هئي. ان کي قتل ڪري سگھبو هو، وڪرو ڪري سگھبو هو ۽ ان تي هر قسم جو ظلم ڪري سگھبو هو. غلام جي مالڪ کي ئي ان جو واڳ ڌڻي سمجھيو وڃڻ لڳو. هاڻي سياڻن ۽ پنهنجي مطلب ۽ فائدن جي سنڀال ڪرڻ وارن ماڻهن وڌ کان وڌ غلام (مرد ۽ عورتون) حاصل ڪرڻ شروع ڪيا. ائين معاشرو ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. انهيءَ انداز ۾ معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ غلام زرعي غلام بڻجي ويو ۽ مالڪ يا آقا جاگيردار سڏجڻ لڳو. مشين جي ايجاد کان پوءِ جاگيردار ڪارخاني جو به مالڪ بڻجي ويو ۽ هاري ماهوار يا ڏهاڙي جي بنياد تي پگھاردار غلام بڻجي ويو. زراعت واري زماني کان وٺي اڄ تائين لڳ ڀڳ ڏهه هزار سالن کان معاشرو جيئن جو تيئن انهن ئي ٻن طبقن ۾ ورهائيل رهندو آيو آهي.
    جاگيردار آقا ۽ ڪارخانيدار مالڪ جو پيداواري وسيلن تي مالڪاڻو قبضو آهي. يعني زمين، کاڻين، ڪارخانن، تيل ۽ پئٽرول جي ذخيرن ۽ ٻيلن وغيره تي معاشري جي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو قبضو هلندو ايندو آهي، جڏهن ته نوي سيڪڙو آبادي مزدور ۽ پٺتي پيل، وسيلن کان محروم ماڻهن تي ٻڌل هوندو آهي. اهي نوي سيڪڙو ماڻهو وسيلن کان محروم هجڻ جي ڪري، انهن پيداواري وسيلن جي مالڪ بڻيل ماڻهن وٽ پنهنجي محنت وڪڻي، پنهنجي ٻارن ٻچن جو پيٽ پالڻ تي مجبور هوندا آهن. زمين ۽ ڪارخاني وغيره جو مالڪ گڏيل پيداوار جي وڏي حصي تي قبضو ڪري وٺندو آهي. هو اڃا به تمام ئي گھٽ حصو پورهيت کي ان جي مزدوري طور ڏيندو آهي. ڏهه هزار سالن کان مزدور (غلام، زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام) کي ايترو ئي ڏنو ويندو آهي جنهن سان هو تمام ئي ڏکيائي سان جيئرو رهي سگھندو آهي ته جيئن هو آقا، زمين جي ٽڪري تي جاگيردار ۽ ڪارخانيدار جي دولت ۾ پنهنجي محنت سان واڌارو ڪندو رهي.
    غلامي جو زمانو، اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين لڳ ڀڳ اٺ يا ڏهه هزار سالن تي پکڙيل آهي. هن زماني جون سڀئي تهذيبون غلام ۽ آقا تي ٻڌل هيون. اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت به روم، ايران ۽ مصر جون غلام بڻائيندڙ تهذيبون موجود هيون. رسول الله ﷺ نبوت کان پهريان، پنهنجي واپاري سفرن ۽ مڪي ۾ ٿيندڙ ميلي سوق عڪاظ ۾ اچڻ وارن واپارين سان، جيڪي مختلف مڪلن مان ايندا هئا ۽ واپار سان گڏوگڏ پنهنجي مذهبن ۽ فلسفياڻن فڪرن کي به آڻيندا هئا، انساني معاشري جي انهيءَ ورڇ جو حال پنهنجي اکين سان ڏٺو هو. عورت ۽ غلام جي حالت تمام ئي نيچ هئي ۽ انهن تي ظلم جي حد ٿي وئي هئي.
    مصر جا اهرام هجن يا ديوارِ چين ۽ اتان جو عظيم الشان محلاتون ۽ عبادت گاهون، سڀئي غلامن جي محنت جو نتيجو هئا. انسان کي عقل ۽ سمجھه ڏني وئي هئي ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس احسن تقويم چيو ويو. پر پيداواري وسيلن تي ٿورڙن ماڻهن جي ملڪيت، انسان جي گھڻائيءَ کي انساني سطح کان ئي ڪيرائي جانور بڻائي ڇڏيو هو. شاهه ولي الله دهلوي ؓ حجة الله البالغه ۾ انهيءَ صورتحال تي تفصيلي روشني وڌي آهي. قرآن ڪريم انسان جي انهيءَ روش کي سندس اسفل سافلين تائين ڪري پوڻ سان ڀيٽيو آهي. نبوت جو سلسلو انسان کي انهيءَ اسفل سافلين جي حالت مان ڪڍي، ٻيهر انساني حالت ۾ آڻڻ جي لاءِ شروع ٿيو هو. نبين سڳورن توحيد الاهي کي شهري طور لاڳو ڪرڻ سان توحيدي معاشري جي قيام جي تاڪيد ڪئي هئي ته جيئن انساني معاشرو مخالف معاشي طبقن تي مشتمل رهڻ بدران، غير طبقاتي معاشرو بڻجي وڃي جنهن ۾ هر ماڻهو محنت ڪري ۽ پنهنجي محنت جو پاڻ ئي مالڪ هجي ۽ پنهنجي جسماني ۽ مادي ضرورتن جي پورائي مان واندڪائي حاصل ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى جي عبادت ۽ ذڪر جي ذريعي ان جو قرب حاصل ڪري، جيڪو اصل ۾ ان جي خلقت جو بنيادي مقصد هو.
    پر ٿيو ائين جو هر نبي يا رسول کان پوءِ دين جي ڄاڻ رکڻ وارن مذهبي پيشوائن (جن ۾ مسلمان مذهبي پيشوا به شامل آهن) پنهنجي ذاتي فائدن حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڏاڍي طبقي سان ملي ڀڳت ڪري، توحيدي معاشري جي قيام کي ديني عمل جي بدران دنياوي معاملو سڏي، نبوت جي تعليم کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ۽ عوام کي ٻڌايو ته رڳو رسمي ۽ ظاهري عبادت ڪرڻ ئي ڇوٽڪاري جي لاءِ ڪافي آهي. دولت جي ورڇ الله سائين پنهنجي مرضي سان ڪندو آهي. يعني امير ۽ غريب جو نصيب الله تعالى پاڻ ٺاهيو آهي، انهيءَ ڪري انهيءَ خدائي ورڇ کي ختم ڪرڻ انساني وس جي ڳالهه نه آهي. انهيءَ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ به هڪ وڏو گناهه آهي.
    اڄ هر پاسي ڏسي سگھجي ٿو ته مزدور جي استحصال سان پيداواري وسيلن جو مالڪ دولتمند ۽ خوشحال آهي، پر مزدور جيئن جو تيئن محروم ۽ ڏتڙيل حال آهي.
    هڪ غلط فهمي جو ازالو:
    عام طور تي اهو سمجھيو ويو آهي ته قرآن ڪريم ۾ معاشي نظام جي باري ۾ جيڪي حڪم ڏنا ويا آهن، اهي دائمي آهن. ٻين لفظن ۾ اسلام کان پهريان ۽ توڙي اسلام ۾ پڻ پيداواري وسيلن تي جيڪو ٿورڙن ماڻهن جو ذاتي قبضو رهيو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي بلڪل صحيح آهي، پر اسلام ۾ دولتمندن جي لاءِ ڪي حڪم ڏنا ويا آهن، جن سان غريبن ۽ پٺتي پيل طبقن جي غربت ۽ بک کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ اهي آهن: (1) وراثت جي ويجھن مائٽن ۾ ورهاست (2) زڪوات جي ادائگي (3) وياج جي حرمت ۽ (4) صدقا ۽ خيراتون.
    ائين ئي سمجھيو ويو ۽ مذهبي پيشوائن جي طرف کان به اهو ئي سمجھايو ويو آهي ته مٿي ذڪر ڪيل وراثتي ۽ خيراتي حڪمن جي پابندي سان الله تعالى جو اهو حڪم پورو ٿي ويندو، جنهن ۾ صاف طرح چيو ويو آهي ته دولت رڳو توهان جي اميرن ۾ ئي نه ڦري گھري. مشين جي ايجا کان پهريان ته رڳو زمين ئي پيداواري وسيلو هئي ۽ ان وقت جاگيرداري نظام رواج ۾ هو. غلام ۽ آزاد ماڻهو جاگيردار جي زمين کي کيڙيندا هئا. جاگيردار پنهنجي غلامن ۽ ڪڙمين جي پرورش ڪندو هو. مذهبي پيشوائن اهو ٻڌائي ڇڏيو هو ته جاگيردار، غلام ۽ ڪاسبي سڀ الله سائين جوڙيا آهن ۽ اها ئي سندن تقدير آهي. پر انهيءَ جي باوجود ڪڏهن انهيءَ نظام جي خلاف بغاوتون به ڇڙي پونديون هيون. اهي بغاوتون حڪمران طبقن جي خلاف هونديون هيون، ڇو ته حڪمران طبقي جو ئي انهن جاگيردارن تي هٿ رکيل هوندو هو. عام طرح مزدور، غلام ۽ ڪاسبي چپ چاپ ڪم ڪندا رهندا هئا.
    اسلام انهيءَ نظام خلاف حڪم ڏنا آهن. قرآن ٻڌايو ته سڀئي پيداواري وسيلا الله تعالى پنهنجي عيال (عوام) جي لاءِ پيدا ڪيا آهن. ”ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ “ (البقره:29) رسول الله ﷺ فرمايو، زمين جو مالڪ اهو ئي آهي جيڪو انهيءَ کي کيڙي. يعني زمين واري پاسي کان به محنت جي استحصال کي ختم ڪري ڇڏيو ويو. خيبر جي فتح کان پوءِ رسول الله ﷺ خيبر جي زمينن ۽ باغن کي رياست جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ مقامي هارين کان اڌ پيداوار جي ڍل وٺڻ شروع ڪئي. حضرت عمرؒ فتح ڪيل زمينن کي بيت المال ۾ داخل ڪري ڇڏيو. يعني انهن کي رياست جي ملڪيت قرار ڏئي ڇڏيو. پر حضرت عثمانؒ جي دؤر ۾ جڏهن بنو اميه جو مالدار طبقو حڪومت جي عهدن تي مقرر ٿيو ته ان هن نظام کي ختم ڪري ڇڏيو. خلافت مديني مان کڻي دمشق ۾ آندي وئي ۽ آهستي آهستي امير معاويهؒ مدني رياست جي اسلامي حالت کي بادشاهيت ۾ بدلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ بادشاهت هڪ هزار سال کان به وڌيڪ عرصو ترڪي جي خلافت عثمانيه تائين قائم رهي. آمريڪي صدر ابراهام لنڪن غلامي واري اداري کي ختم ڪري ڇڏيو، جنهن لاءِ ان کي چئن سالن تائين ويڙهه به ڪرڻي پئي، ان کان پوءِ هو انهيءَ ئي مقصد ۾ پنهنجي زندگيءَ تان هٿ ڌوئي ويٺو.
    مسلمان عالمن بادشاهت جي اثر هيٺ، انهيءَ سان ٺاهه ڪري غلامي واري اداري کي دائمي بڻائي ڇڏيو. ڪڙمت جي اجازت ڏني وئي، جنهن سان رسول الله ﷺ جي فرمان ته زمين جو مالڪ اهو ئي آهي جيڪو انهيءَ کي کيڙي ٿو؛ جي خلاف اهو نظام رائج ٿي ويو ته هڪ شخص جيترو چاهي زمين رکي سگھي ٿو ۽ بٽئي تي هارين کان پوکي ڪرائي سگھي ٿو. اولهه توڙي اسلامي دنيا ۾ غير اسلامي نظام فرانس واري انقلاب تائين قائم رهيو. باقي فرانس واري انقلاب ۾ جاگيردار ۽ گرجا گھر، ٻنهي کي زندگيءَ جي ڪاروبار مان ٻاهر ڪڍيو ويو، پر نئوبني تعليم يافته سماجي قدر رکندڙ نظام، مشين جي پيداوار جي بنياد تي سرمائيداري نظام قائم ڪري ڇڏيو، جنهن اڳتي هلي هڪ خونخوار سامراجي نظام جي شڪل اختيار ڪري ورتي. بئنڪنگ سسٽم قائم ڪيو ويو جيڪو اصل ۾ جديد ڪاروباري نظام هو.
    قرآن ته فيصلائتي ڳالهه ڪري ڇڏي ته ”ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا“ پر هن خدائي معاشي نظام جي خلاف، جيڪو سموري ڪائنات ۾ رائج آهي، زمين جي گولي ۽ مشينن تي ٿورڙن ماڻهن ذاتي قبضو ڄمائي ورتو ۽ گھڻائيءَ کي انهن ذريعن مان فائدو ماڻڻ کان محروم ڪري ڇڏيو ويو.
    غار حرا ۾ نازل ٿيڻ واري پهرين خدائي وحي ۾ قلم جي ذريعي علم وارو اصول انسانن کي عطا ڪيو ويو هو، جنهن جو مطلب اهو هو ته تجربي ۽ مشاهدي، يعني تحقيق جو سائنسي طريقو ئي حقيقي علم حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. مسلمان ته علم جي انهيءَ طريقي کي استعمال نه ڪري سگھيا، پر يورپ انهيءَ کي پنهنجائي ورتو ۽ فطرت جي مطالعي سان اڻ ڳڻيا علم حاصل ڪيا، جن مان سڀني کان اهم شيءِ مشين هئي. ٻاڦ ۽ بجلي زندگيءَ جو انداز ئي بدلائي ڇڏيو هو. پر بغداد ۽ اندلس جي خلافتن جي زوال کان پوءِ مسلمان علمي طرح سان پٺتي پئجي ويو ۽ نتيجي ۾ اولهه وارين قومن جي غلاميءَ ۾ ڦاسندو ويو. تحقيق جي جاءِ تقليد والاري ورتي. اجتهاد، يعني آزاد ذهني سوچ جو دروازو بند ڪيو ويو، جنهن ڪري مسلمان جي زندگي هڪ جاءِ تي بيهجي وئي ۽ مسلم مذهبي پيشوائيت وري انهيءَ تي مهر هڻي ڇڏي ته هيءَ تقليد ۽ سوچ جي بندش بلڪل قرآني ۽ ديني مسلڪ موجب آهي.
    جڏهن صنعتي سرمائيداري نظام سامراجي شڪل اختيار ڪئي ۽ قومي سرمايو مالياتي سرمائي ۾ بدلجي ويو ته انهيءَ تبديليءَ جا خوفناڪ نتيجا سامهون اچڻ لڳا. اولهه وارن وري ڪارل مارڪس جي شڪل ۾ هڪ اهڙي محقق کي پيدا ڪري ورتو جنهن سائنسي تحقيق جي بنياد تي اهو ثابت ڪيو ته محنت ئي سرمايو پيدا ڪندي آهي، سرمايو محنت کي پيدا ناهي ڪندو ۽ آدم سمٿ هيءَ غلط ڳالهه چئي آهي ته ڪچي مال کي ضرورت واري شين ۾ بدلائڻ واري عمل ۾ سرمايو ئي ڪم ڪري ٿو نه ڪي محنت؛ مثال طور اڻ گھڙيل ڪاٺ کي ميز يا ڪرسي وغيره ۾ بدلائڻ جي لاءِ محنت نه پر سرمايو خرچ ٿيندو آهي. مارڪس ٻڌايو ته سرمايو (دولت) مزدور جي پورهئي جي استحصال سان پيدا ٿيندو آهي. اهو نه زمين مان نڪرندو آهي ۽ نه آسمان مان لهندو آهي. معاشي عمل جي شروعات ۾ جڏهن سرمائي جو وجود ڪونه هو، ان وقت انسان وٽ رڳو محنت ئي هئي. پوءِ انهيءَ محنت ئي شين جي پنهنجو پاڻ ۾ مٽاسٽا واري عمل سان دولت پيدا ڪئي ۽ آساني پيدا ڪرڻ جي لاءِ سِڪو ايجاد ٿيو. ان کان پوءِ غلامن جي محنت جي استحصال سان سرمائي جا ذخيرا پيدا ڪيا ويا. جيئن ته غلام تي ان جي آقا جو قبضو هوندو هو، انهيءَ ڪري دولت جي پيدائش تي، جيڪا غلام جي محنت جو نتيجو هئي، سندس آقا ئي قبضو ڪري ويٺو. معاشري جي ارتقا سان گڏوگڏ آقا جاگيردار ۽ جاگيردار ڪارخانيدار بڻجي ويو. غلام زرعي غلام ۽ پگھاردار غلام بڻجي ويو. محنت جو استحصل جيئن جو تيئن جاري رهيو ۽ اڄ تائين هلي پيو. زمين ۽ مشين جهڙن پيداواري وسيلن تي انهن جي مالڪن جو قبضو ٿي ويو.
    جيستائين وياج کي حرام سڏڻ ۽ انهيءَ وياجي عمل کي الله ۽ ان جي رسولﷺ جي خلاف جنگ جي اعلان جي برابر سڏڻ جو لاڳاپو آهي، ته عالمن محنت جي استحصال ۽ وياج ۾ فرق کي سمجھيو ئي نه آهي. قرآن ڪريم هر انهيءَ عمل کي، جنهن ۾ ماڻهوءَ جي سندس محنت شامل نه هجي ۽ هو انهيءَ مان ڪو نفعو حاصل ڪري ٿو ته انهيءَ کي وياج سڏيندي حرام ٻڌائي ڇڏيو آهي. انهيءَ ڪري ئي رسول الله ﷺ ڪڙمت کي وياج تي مبني ڪاروبار سڏيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڳالهه ته اها آهي ته وياج جا ٻه قسم آهن. انهيءَ جو هڪ قسم ته هي آهي ته ڪنهن ماڻهو يا ڪنهن عورت جي شادي هجي، ان جي ڳئون مري وڃي ته هو ڪنهن شاهوڪار کان وياج تي قرض کڻي پنهنجي ضرورت پوري ڪري ٿو. ٻيو قسم بئنڪن وارو وياج آهي جنهن ۾ وياج تي قرض کڻي ڪارخانو لڳايو ويندو آهي ۽ ڪارخاني ۾ مزدور ڀرتي ڪيا ويندا آهن. انهن جي محنت جي استحصال سان اهي ڪارخانا ٿورڙن ئي سالن ۾ هڪ کان وڌيڪ ڪارخانن کي جوڙي وٺندو آهي. هڪ مثال سان اها ڳالهه چٽي ٿي ويندي. هڪ ماڻهو بينڪ کان بنا وياج جي هڪ ڪروڙ رپيا قرض وٺي ٿو ۽ انهن پئسن مان ڪارخانو قائم ڪري ٿو. ٿورڙن سالن ۾ قرض به ادا ٿي وڃي ٿو ۽ هڪ ڪارخاني جي آمدني مان وڌيڪ ڪارخانا به جڙي وڃن ٿا. سوال هيءُ آهي ته هڪ ڪارخاني مان وڌيڪ ڪارخانا ڪيئن ٿا ٺهن؟ جڏهن ته انهيءَ ئي ڪارخاني جا مزدور انهيءَ عرصي ۾ زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کان به محروم رهن ٿا. انهيءَ عمل جو سائنسي مطالعو ٻڌائي ٿو ته مزدور اٺن ڪلاڪن واري عرصي ۾ جيتري پيداواري ڪري ٿو ۽ انهيءَ مان جيڪو نفعو حاصل ٿيندو آهي، ڪارخانيدار ان کي اهو پورو ادا ناهي ڪندو، پر هو مالڪ هجڻ جي حيثيت سان اڌ کان وڌيڪ نفعو پاڻ رکي ڇڏيندو آهي ۽ اڌ کان به گهڻو گھٽ حصو پورهيت کي مزدوري طور ڏيندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته پورهيت کي ان جي ئي پيدا ڪيل نفعي مان ڪي ٿورڙا پئسا مزدوريءَ جي طور ڏيندو آهي. ائين کڻي سمجھو ته هڪ ڪارخاني ۾ سؤ مزدور ڪم ڪن ٿا ۽ ڏهه رپيا انهن جي ڏهاڙي جي حساب سان مزدوري آهي. شام جو هر هڪ مزدور ڏهه روپيا وٺي ڪري پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿئي ٿو، پر ڪارخاني جو مالڪ انهن سئو مزدورن جي محنت جي پيداوار مان حاصل ٿيندڙ نفعي جو اڪيلو مالڪ ٿي ويندو آهي. انهيءَ ئي نفعي مان هو وڌيڪ ڪارخانا لڳائيندو وڃي ٿو يا ٻيو ڪو ڪاروبار شروع ڪري ٿو.
    تنهن ڪري رڳو وياج کي ختم ڪرڻ سان محنت جو استحصال ختم نٿو ٿئي، پر اهو انهيءَ سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام هيٺ پوءِ به هلندو رهي ٿو. جيستائين محنت جو استحصال ختم نٿو ٿئي، نوي سيڪڙو ماڻهن جي مالي حالت انساني سطح تائين نٿي پهچي سگھي. محنت جي استحصال جو خاتمو ان وقت تائين نٿو ٿي سگھي جيستائين پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ نٿا اچي وڃن.
    قرآن ڪريم سورة بقره جي آيت نمبر 29 کان سواءِ سوره حٰم سجده جي آيت نمبر 10 ۾ ٻڌايو آهي ته:
    وَجَعَلَ فِيْہَا رَوَاسِيَ مِنْ فَوْقِہَا وَبٰرَكَ فِيْہَا وَقَدَّرَ فِيْہَآ اَقْوَاتَہَا فِيْٓ اَرْبَعَۃِ اَيَّامٍ۝۰ۭ سَوَاۗءً لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ۝۱۰
    ”انهيءَ ئي (زمين کي وجود ۾ آڻڻ کان پوءِ) ان جي مٿان جبل کوڙيا ۽ انهيءَ ۾ برڪتون رکي ڇڏيون ۽ انهيءَ ۾ سڀني سوال ڪندڙن (يعني کاڌ خوراڪ جي گھرج ڪندڙن) جي لاءِ هر ڪنهن جي طلب ۽ حاجت موجب بلڪل پوري اندازي سان خوراڪ جو سامان ميسر ڪري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجھه چئن ڏينهن ۾ ٿي ويو“.
    هن آيت مبارڪه جو مطلب هيءُ آهي ته زمين جي پيداوار هر هڪ ضرورتمند جي لاءِ انهيءَ جي ضرورت موجب هڪجيترو کليل هئڻ گھرجي. ڪنهن تي به انهيءَ جا دروازا بند نه ٿيڻ گھرجن. پر گڏيل قومن جي تحقيق موجب اڌ کان وڌيڪ دنيا پنهنجي بنيادي ضرورت جيتري خوراڪ حاصل نٿي ڪري سگھي. انهيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته انهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه آهي. اها رپورٽ ڪيليفورنيا (آمريڪا) ۾ ڪم وارڻ واري ”خوراڪ ۽ ترقياتي حڪمت عملي جي اداري“ خوراڪ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڇاپي آهي، جنهن جو عنوان آهي ”عالمي بک بابت غلط مفروضا“. هن رپورٽ موجب دنيا ۾، خاص ڪري ترقي پذير ملڪن ۾ ڪروڙين انسان مناسب غذا کان محروم آهن، جڏهن ته دنيا ۾ کائڻ جي لاءِ تمام گھڻي خوراڪ موجود آهي. محرومي جو سبب رڳو اهو آهي ته انهن وٽ خوراڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ گھربل رقم موجود ناهي هوندي ۽ انهن ۾ خريدڻ جي سگھه نه آهي. رپورٽ موجب اڄ به بکين ماڻهن جي موجودگيءَ جو سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته انهن ملڪن جو معاشي نظام غير منصفاڻو آهي، جنهن جي ڪري سڀئي ماڻهو خوراڪ جا وسيلا حاصل نٿا ڪري سگھن. رپورٽ چوي ٿي ته دنيا ۾ هن وقت جيتري غذا پيدا ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اها هٿراڌو يا ظالماڻي روڪ کان سواءِ سڀني انسانن تائين پهچي وڃي ته اڄ به ڏيڍ کان ٻه ڪلو تائين غذائي شيون في ڏينهن جي حساب سان هر هڪ ماڻهوءَ جي حصي ۾ اچي سگھن ٿيون. ڪجھه ترقي پذير ملڪن ۾ خوراڪ جي پيداوار اتان جي سڀني رهاڪن جي لاءِ ڪافي آهي. پر انهن رهاڪن جو هڪ وڏو حصو خريدڻ جي سگھه کان محروم آهي، انهيءَ ڪري اهي ويلا ويهڻ تي مجبور آهن. پنجن سالن کان گھٽ عمر وارا 87 سيڪڙو ٻار مناسب خوارڪ کان محروم آهن، جڏهن ته اتي جھجھي مقدار ۾ خوراڪ موجود هوندي آهي. انهيءَ جو سبب رڳو اهو ئي آهي ته ماڻهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه هوندي آهي. جنهن ملڪن کي ”بکيا ملڪ“ چيو ويندو آهي، اتي به ايتري خوراڪ موجود هوندي آهي جو سڀئي رهاڪو پنهنجي ضرورت موجب اها حاصل ڪري سگھن ٿا، پر سرمائيداراڻي معاشي نظام جي ڪري، اها خوراڪ انهن ملڪن جي رهاڪن کي ملڻ جي بدران منافعي خورن جي هٿان ٻين ملڪن کي برآمد ڪئي ويندي آهي. هندستان، ميڪسيڪو ۽ فلپائن جهڙن ملڪن ۾ زرعي انقلاب جي باوجود به انهن جا پنهنجا ئي لکين شهري بک وگهي مري رهيا آهن، جڏهن ته اتان جا سرمائيدار خوراڪ کي ٻاهر برآمد ڪن ٿا. ڏڪر سٽيل علائقن ۾ به جن وٽ خريدڻ جي سگھه آهي، اهي خوراڪ خريدي وٺندا آهن. ڪن ملڪن، جهڙوڪ نائيجيريا، برازيل ۽ بوليويا ۾ خوراڪ جھجھي مقدار ۾ پيدا ٿئي ٿي، پر ماڻهو بک کان مرندا آهن، ڇو ته انهن جو معاشي نظام انهن کي خريدڻ جي سگھه نٿو ڏئي. هن رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن زمين جا ننڍڙا ننڍڙا ٽڪرا هارين کي پوکيءَ لاءِ ملي وڃن ته خوراڪ جي پيداوار ۾ 80 سيڪڙو تائين واڌارو ٿي سگھي ٿو. ڇو ته اهي هاري زمين جي پنهنجي ذاتي مالڪي واري حصي تي تمام گھڻي محنت ڪندا آهن. آمريڪا جي انهيءَ رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته برازيل کان سويابين تيل جي برآمد وڏي پئماني تي ڪئي وئي آهي ته جيئن جپان ۽ يورپي ملڪن جي چوپاين کي سڻڀو چارو ۽ غذا ملي سگھي. پر برازيل ۾ به اهڙن ماڻهن جو تعداد هڪ ٽهائي کان وڌي ٻه ٽهائي ٿي ويو آهي جيڪي غربت جي سطح کان به هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن. سبب رڳو اهو آهي ته انهن وٽ خريدڻ جي سگھه نه آهي. هن رپورٽ جو تت هيءُ آهي ته انسانن جي گھڻائي کي کاڌ خوراڪ جي شين تائين پهچ نه آهي جنهن جو سبب غلط معاشي نظام هئڻ جي ڪري سندن خريدڻ جي سگھ جو نه هجڻ آهي.
    سورة النحل جي آيت نمبر 71 ۾ آهي ته:
    وَاللہُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلٰي بَعْضٍ فِي الرِّزْقِ۝۰ۚ فَمَا الَّذِيْنَ فُضِّلُوْا بِرَاۗدِّيْ رِزْقِہِمْ عَلٰي مَا مَلَكَتْ اَيْمَانُہُمْ فَہُمْ فِيْہِ سَوَاۗءٌ۝۰ۭ اَفَبِنِعْمَۃِ اللہِ يَجْحَدُوْنَ۝۷۱
    ”۽ (ڏسو) الله تعالى توهان مان ڪن کي ڪن تي روزي جي لحاظ کان برتري ڏني آهي (ته ڪو وڌيڪ ڪمائي ٿو ۽ ڪو گھٽ ڪمائي ٿو) پوءِ جن ماڻهن کي رزق (روزي) ۾ برتري حاصل آهي سي انهيءَ حڪم جا پابند آهن ته انهيءَ روزيءَ مان پنهنجي ماتحتن کي ڏيندا ڪن. ڇو ته اهي به انهيءَ ۾ برابر جا حقدار آهن. اهي ماڻهو ڇاجي ڪري الله تعالى جي نعمتن جي ناشڪري ڪن ٿا (۽) ائين ناهي ٿيندو ته جنهن کي وڌيڪ روزي ڏني وئي آهي سو پنهنجي روزي پنهنجي ماتحتن کي موٽائي ڏئي جڏهن ته سڀئي انهيءَ ۾ برابر جا شريڪ آهن. پوءِ ڇا هي ماڻهو الله تعالى جي نعمتن جا کليل طرح انڪاري ٿي رهيا آهن؟“
    هن آيت جي تشريح ۾ مولانا مودودي ۽ مولانا ابو الڪلام آزاد ۾ وڏو فرق آهي. اڃا به ائين چئجي ته ٻئي هڪ ٻئي جو ضد آهن. مولانا مودودي سرمائيداراڻي نظام جو حامي آهي پر مولانا آزاد جو لاڙو هن نظام جي خلاف آهي ۽ هو معيشت ۾ سماجوادي رويي جو حامي آهي.
    جيئن ته قرآن ڪريم توحيدي معاشري جي جوڙجڪ جي لاءِ نازل ٿيو آهي، جيڪو مخالف معاشي نظام کان پاڪ ۽ صاف هوندو اهي ۽ جنهن کي اڄڪلهه غير طبقاتي معاشرو چيو وڃي ٿو. انهيءَ ڪري منهنجي نظر ۾ مولانا آزاد جو رويو وڌيڪ صحيح آهي. مولانا آزاد فرمائي ٿو ته:
    هن آيت ۾ ٻه ڳالهيون معلوم ٿين ٿيون، هڪ هي ته معاشي وسيلا سڀني وٽ هڪجيترا نه آهن ۽ اهڙي قسم جو اختلاف قدرتي آهي. الله تعالى سڌي طرح انهيءَ کي پاڻ ڏانهن منسوب ڪيو آهي. ٻي ڳالهه اها ته رزق جي حقدار هجڻ جي معاملي ۾ سڀئي ماڻهو برابر جا حقدار آهن. ڀلو ڪو آقا هجي يا ٻانهو، ڪو زورآور هجي يا ڪو هيڻو، ائين ٻه ڳالهيون هڪ جاءِ تي گڏجي انهيءَ سوال تي روشني وجھن ٿيون ته معاشي نظام جي معاملي ۾ قرآن جو منهن ڪهڙي پاسي آهي.
    پر موجوده دؤر ۾ معيشت جي سائنسي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته قرآن موجب الله تعالى پيداوار جي سڀني وسيلن کي سڀني انسانن لاءِ پيدا ڪيو آهي. (البقره: 29) ته پوءِ ڇا سبب آهي جو انسانن جي گھڻائي هڪ ٿورڙي تعداد وٽ پنهنجي محنت وڪڻي پيٽ پالي ٿي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته معيشت جو اهڙو نظام الله تعالى جي گھربل معاشي نظام جي خلاف آهي. انهيءَ جو رڳو هڪڙو ئي حل آهي، اهو هيءُ ته پيداواري وسيلا عوام (الخلق عيال الله) جي قبضي ۽ ملڪيت ۾ ڏنا وڃن، ته جيئن محنت جو استحصال نه ٿي سگھي. جيستائين رزق جي گھٽ يا وڌ هئڻ جو فرق آهي ته اهو ذهني ۽ جسماني قوت جي فرق جي ڪري آهي، پر مزدور جي محنت جي استحصال جي ڪري، معيشت جي درجن ۾ جيڪو فرق پوي ٿو، سو غير فطري ۽ غير انساني آهي. انهيءَ فرق جي لاءِ الله تعالى ذميوار نه آهي. اهو انسان جي پنهنجي پاڻ ۾ لاڳاپي جي نوعيت جو نتيجو آهي. ذهني ۽ جسماني سگھه جي ڪري جيڪو فرق پيدا ٿيندو آهي، سو تمام ئي ٿورڙو هوندو آهي. ائين نه آهي ته ڏهه سيڪڙو ماڻهو ته اربين رپين جا مالڪ هجن ۽ نوي سيڪڙو ماڻهو ماني ڳڀي لاءِ محتاج ۽ پريشان هجن. اسلام کان پهريان هيءَ شڪل آقا ۽ غلام جي لاڳاپي جي هئي، جيڪو پوءِ جاگيردار ۽ ڪڙمي جي شڪل اختيار ڪري ويو. اسلام کان پوءِ، هاڻي اها صورتحال مشين جي ايجاد سان ڪارخانيدار ۽ مزدور جي شڪل ۾ سامهون آئي آهي. تنهن ڪري هن معاشي نظام جي خلاف پورهيتن جي بغاوت جائز آهي ته پيداواري وسيلن، جهڙوڪه زمين، ڪارخاني، کاڻين، پئٽرول ۽ گيس وغيره جي ذخيرن تي قبضو ڪري وٺن.
    انسان جو احسن تقويم هجڻ جو سبب انهيءَ جي اندر خدائي روح جو ڦوڪيل هجڻ آهي. ڇو ته انسان ۾ خدائي روح ڦوڪيل هجڻ جي ڪري ان ۾ ارادو، ڪا شيءِ ٺاهڻ جي ڏات، نيڪ ۽ بد جي پرک، رهبري، پاڻ سڃاڻڻ، خدمت، سوچ ويچار ۽ ڪجھه ڪرڻ جي سگھه ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر انسان فطرت جي معاشي نظام جي برخلاف دولت کي هڪ جاءِ تي روڪي رکڻ ۽ ٿورڙن ماڻهن جي پيداواري وسيلن تي قبضي واري نظام کي پنهنجائي، ذڪر ڪيل گڻن سان پنهنجو پاڻ کي نقصان ۾ وجھي ڇڏيو آهي. اها ئي معاشي، سياسي ۽ اخلاقي پستي آهي جنهن کي اسفل سافلين سان ڀيٽيو ويو آهي.
    (22) سورت الانشقاق:
    هن سورة مبارڪه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته انسان شعوري يا لاشعوري طور تي لاچار ٿي پنهنجي خالق ڏانهن وڃي رهيو آهي، انهيءَ ڪري کيس نبين سڳورن جي تعليم تي غور ڪري پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي، ڇو ته عملن جا نتيجا هڪ ڏينهن ظاهر ضرور ٿيندا. عملن جي نتيجن جو ظاهر ٿيڻ موت کان پوءِ (اڃا به هن حياتيءَ ۾ به) انسان جي مرضي تي نه ڇڏي ڏنو ويو آهي.
    قيامت جي ڏينهن زمين تان سمنڊ، جبل، ٻيلا وغيره سڀئي ختم ڪري، انهيءَ کي سنئون ميدان بڻايو ويندو ته جيئن سڀئي انسان ان تي بيهي سگھن. هر هڪ ماڻهوءَ کي ان جو اعمالنامون ڏنو ويندو. انسان کي هڪ حالت تي ناهي رهڻو، کيس ٻالڪپڻ کان جواني، جواني کان ڪراڙپ، ڪراڙپ کان موت، موت کان برزخ، برزخ کان ٻيهر زندگي، ٻيهر زندگيءَ کان حشر جو ميدان، حساب ڪتاب ۽ آخر ۾ جزا ۽ سزا وارين منزلن کان لازمي طرح گذرڻو پوندو.
    ٽن شين کي زندگيءَ جي انهيءَ تسلسل تي شاهد بڻايو ويو آهي. يعني سج لهڻ کان پوءِ افق تي ٿيندڙ ڳاڙهاڻ، ڏينهن کان پوءِ واري رات جي اوندهه ۽ انهيءَ ۾ انسانن ۽ جانورن جو گڏ ٿي هڪ جاءِ تي اچڻ جيڪي ڏينهن جي وقت زمين تي ٽڙيل پکڙيل هئا ۽ چنڊ جو ان جي سنهڙي حالت ۾ ڏاڪي به ڏاڪي وڏو ٿي پورو چنڊ ٿي وڃڻ. جهڙي ريت اهي ڳالهيون پڪيون آهن اهڙيءَ ئي ريت انسان جي ذڪر ڪيل تقدير به پڪي ڳالهه آهي.
    اهي آسودا ۽ قيامت جا انڪاري ماڻهو ٿورڙا ڏينهن پنهنجي دولت جي جھجھائيءَ سان عياشيون ڪري وٺن، ان کان پوءِ سدائين جي لاءِ دوزخ ۾ سڙندا. اهي پنهنجن ٻارن ٻچن ۾ مست هئا ۽ اڻ ڳڻيون حرام پايون ڪري، ڪيترن ئي انسانن جو حق ماري، پنهنجي ۽ پنهنجي آڪهه جي لاءِ عيش عشرت جو سامان گڏ ڪندا رهيا آهن.
    (23) سورت الانفطار:
    نبي ڪريم ﷺ فرمايو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي قيامت جو ڏينهن پنهنجي اکين سان ڏسڻو هجي ته اهو سورة ”انشقاق“ ۽ سورة ”انفطار“ ۽ سورة ”التڪوير“ پڙهي.
    هن سورة مبارڪه ۾ به سورة انشقاق وانگر قيامت جي ڏينهن تي روشني وڌي وئي آهي ۽ انهيءَ ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. انهيءَ ڏينهن انسان جو اعمالنامو تاريخ وار ترتيب ڏئي ڪري، ان جي سامهون پيش ڪيو ويندو. هن سورة ۾ اها هڪ نئين ڳالهه ٻڌائي وئي آهي ته هر انسان تي ٻه مانائتا ملائڪ ڪاتب ۽ نگران جي طور تي مقرر ڪيا ويا آهن جيڪي ان جي هر هڪ چرپر ۽ عمل کي محفوظ ڪندا يا لکندا وڃن ٿا. انهيءَ نگراني عملن جي ڳڻپ ۽ انهن جي جزا ۽ سزا کي يقيني ڪري ڇڏيو آهي. قيامت جي ڏينهن هر انسان جي عملن جو رڪارڊ ان جي سامهون پيش ڪيو ويندو، انهيءَ ڏينهن ڪوبه سفارش ڪرڻ وارو ڪونه هوندو، سڀئي اختيار الله تعالى وٽ هوندا.
    غلط طريقن سان دولت ڪمائڻ، ٻين ڪمزور انسانن جا حق ڦٻائي دولت حاصل ڪرڻ ۽ پوءِ انهيءَ دولت تي عياشيءَ واري زندگي گذارڻ الله تعالى جي عذاب کي سڏڻ جي برابر آهي.
    (24) سورت المرسلات:
    هن سورة مبارڪه ۾ به قيامت جي قائم ٿيڻ جا دليل آهن ۽ انهيءَ ڏينهن جو نقشو چٽيو ويو آهي. هن سورة ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڪائنات ۾ رڳو طبعي قانون (physical laws) ڪم نٿا پيا ڪن، پر انهن ۾ اخلاقي قانون (moral laws) به ڪم ڪري رهيا آهن، جنهن جي مطابق انساني عملن جا نتيجا پيدا ٿيندا آهن ۽ اهي ئي نتيجا هن دنيا ۽ قيامت ۾ انسان جي لاءِ جزا ۽ سزا جو سبب بڻجندا.
    سائنس رڳو طبعي قانون جي تحقيق ڪري سگھي ٿي، اخلاقي قانون انهيءَ جي تحقيقي حدن کان ٻاهر آهن. انهيءَ ڪري ئي نبين سڳورن کي موڪلڻ ۽ پاڪ ڪتابن جي نزول جو سلسلو شروع ڪيو ويو ته جيئن انسان سٺن يا خراب عملن کي سڃاڻي سگھي. انهيءَ مقصد جي لاءِ مذهب جي ضرورت آهي. پر مذهبي پيشيوائيت، مذهب جي ٻڌايل اخلاقي قانونن جي جاءِ تي رڳو ظاهري رسمن ۽ عملي ڪردار کان بنا عبادت تي زور ڏئي ڪري مذهب کي بگاڙي ڇڏيو. قرآن ڪريم، جيڪو آخري خدائي ڪتاب آهي، ٻڌايو آهي ته سڀني نبين سڳورن جيڪي عقيدا ۽ اخلاق ٻڌايا آهن، اهي سڀئي هڪجهڙا آهن. ائين ئي عبادت جو لاڳاپو انساني خدمت سان جوڙڻ لازمي آهي ۽ دينن جي هيڪڙائي ئي اصل ۾ انساني هيڪڙائي جي ضمانت آهي.
    توحيد الاهي ۽ اخلاقي گڻن تي زور ڏيڻ جي بدران رڳو ظاهري عباداتي رسمن تي زور ڏيڻ سان عملن جي نتيجن ۽ انهن تي ملندڙ جزا سزا ۽ قيامت جي ڏينهن تان ماڻهن جو ڌيان هٽي ويو ۽ مذهب فساد جو بڻياد بڻجي ويو. يورپ وارن هن بگاڙيل مذهب جي جاءِ تي سيڪولرازم کي پنهنجائي ورتو جنهن جي ذريعي فطرت جي مطالعي سان حاصل ٿيڻ وارا علم ته حاصل ٿي ويا، پر اخلاقي گڻن جو زندگيءَ سان واسطو ختم ٿي ويو. انهيءَ ڪري ضروري ٿي پيو آهي ته مذهب جي ڏنل اخلاقي تعليم ۽ گڻن تي زور ڏنو وڃي ۽ مذهبي عبادتن ۽ رسمن جو مقصد به اهو ئي هو ته انسان جي نفسيات ۾ اخلاقي گڻ پيوست ٿي وڃن.
    (25) سورت القيامه:
    هن سورة مبارڪه ۾ به مڪي وارن جي غلط عقيدن ۽ انهن جي گمراهين تي کين خبردار ڪيو ويو اهي. قيامت واري ڏينهن جي باري ۾ انهن جي سڀني شڪن ۽ اعتراضن جو جواب ڏنو ويو آهي. قيامت جي قائم ٿيڻ جي باري ۾ تمام ئي سگھارا دليل ۽ ثبوت ڏنا ويا آهن ۽ اها ڳالهه واضح ڪئي وئي آهي ته قيامت جي ڏينهن جي انڪار جو اصل سبب انهن جون نفساني خواهشون آهن. ڇو ته جيڪڏهن اهي قيامت جي ڏينهن پنهنجي عملن جي حساب ڪتاب کي مڃي وٺن ته اهي مراعتون ڏنل طبقي جا ماڻهو نه ته غلامن ۽ ٻين پٺتي پيل ماڻهن جي محنت جي استحصال سان دولت گڏ ڪري سگھندا ۽ نه ئي انهيءَ جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيل دولت جي آڌار پنهنجي عيش پرستي کي جاري رکي سگھندا اهو ئي سبب آهي جو گھڻو ڪري نبين جي اڳيان پويان غلام ۽ مجبور ۽ مظلوم طبقي جا ماڻهو گڏ ٿي ويندا هئا. هن سورة ۾ ڪائنات کي قيامت واري ڏينهن جي اچڻ بنسبت شاهدي طور پيش ڪيو آهي. هن ڪائنات جي ابتدا جو به ڪو هڪ ڏينهن هو، انهيءَ جي ڪري لازمي طرح ان جي پڄاڻي به ضرور ٿيندي. سائنس اندر ٿرموڊائنامڪس جي ٻئي قانون ۾ ٻڌايو آهي ته جنهن شيءِ جي شروعات آهي، انهيءَ جي پڄاڻي به لازمي آهي. هيءَ ڪائنات هر پل بدلجندڙ هجڻ جي ڪري دائمي ۽ هميشه رهندڙ نٿي ٿي سگھي.
    ٻي ڳالهه هيءَ آهي ته قيامت جي ڏينهن انسانن جي سڀني عملن جو حساب ڪتاب ٿيندو ۽ انهيءَ موجب ئي انهن کي جزا ۽ سزا ملندي. انهيءَ جي لاءِ نفس لوّامه کي شاهد بڻايو ويو آهي. نفس لوّامه کي اڄوڪي دؤر ۾ ضمير يا اندر جو آواز چون ٿا. انسان جو ضمير کيس هر غلط ڪم تي ٽوڪيندو آهي. انسان رڳو طبعي وجود نٿو رکي، پر ان سان گڏوگڏ کيس اخلاقي وجود به آهي. تنهن ڪري اخلاقي قانونن جي خلاف عمل ڪرڻ تي ان جو پڇاڻو لازمي ٿي ويندو آهي. انهيءَ ڪري ملامت جو سامان به ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن پڇاڻو نه هجي ته پوءِ ملامت جي به ضرورت نٿي رهي. ضمير جي ملامت انهيءَ ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته انسان جو هڪڙو اخلاقي وجود به آهي، رڳو طبعي وجود وجود نه آهي.
    (26) سورت الواقعه:
    هن سورة مبارڪه ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن انسانن کي ٽن ٽولن ۾ ورهايو ويندو:
    ”السابقون“ يا ”مقربون“ اصل ۾ اهي ماڻهو آهن، جن دعوت جي شروعاتي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايمان آندو ۽ انقلاب جي ضرورت ۽ اهميت کي سمجھيو. کُلي طرح پرچار کان پوءِ ظلمن ۽ ڏاڍاين جو سڀ کان وڌيڪ نشانو به هنن ئي ماڻهن کي بڻايو ويو. اهي انقلابي تحريڪ ۾ سڀني کان اڳرا آهن.
    اصحاب ميمنه جو مطلب عام صالح ۽ نيڪ ماڻهو آهن ۽
    اصحاب مشئمه: جو مطلب وري بڇڙا ۽ غلط ڪردار وارا ماڻهو آهن.
    نبي ڪريم ﷺ جي امت ۾ اهي ٽن قسمن جا ماڻهو آهن. پهريان ايمان آڻڻ وارا، جن سڀني کان وڌيڪ تڪليفون سٺيون، اهي فڪر ۽ عمل ۾ سڀني کان وڌيڪ پهچ وارا ماڻهو آهن.
    هن سورة ۾ انهن ٽنهي قسم جي انسانن جي رهڻ جي جاءِ انهن جي مرتبي موجب ٻڌائي وئي آهي. اصحاب ميمنه وارن جي لاءِ جنتي معاشري جو نقشو چٽيو ويو آهي. ائين ئي اصاحب مشئمه وارن جي لاءِ دوزخي معاشري جو نقشو به ٻڌايو ويو آهي. انقلابي تحريڪ ۾ سڀ کان پهريان شامل ٿيڻ وارا جنت جي مٿانهن درجن ۾ رهندا.
    اصحاب مشئمه کي ”بام مارگي“به چيو ويندو آهي. هيءَ هلچل هندستان ۾ ڏٺي ويندي هئي. هن جو باني چارواڪ هو، پر انهيءَ جو مطلب هر اهڙو ماڻهو به آهي جيڪو انقلاب جي مخالفت ڪندڙ آهي. انهيءَ هلچل کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪرشن جي، رامچندر جي، مهاتما ٻڌ ۽ مهابير ڪم ڪيو. انساني امتن ۾ جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو آهي، نبوي يا روحاني انقلاب جا اثر گھٽجي ويندا آهن ۽ اصحاب مشئمه جو تعداد وڌي ويندو آهي. اسان جي دؤر ۾ اشتراڪي هلچل ۾ مذهب کي رد ڪري ڇڏڻ جي ڪري اصحاب مشئمه وارا پرڪار پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويا هئا. جبلتن جي حيواني گھرجن تي ضابطو رڳو مذهب جي تاڪيد ڪيل اخلاقي گڻن کي پنهنجائڻ سان ئي آڻي سگھجي ٿو، ٻي صورت ۾ اهي حيواني گھرجون تمام ئي تڪڙو بام مارگي فرقي جي بڇڙائين ڏانهن وٺي وينديون آهن.
    هن سورة کان پوءِ قريشن جو پهريون وفد ابو طالب وٽ آيو ۽ ظلم ۽ زيادتين ۾ سختي اچي وئي. ائين ئي ٻيو وفد به آهي، جنهن کان پوءِ مخالفت ۾ ايذاء رساني جو پهلو حد کان وڌي ويو ۽ پاڻ ﷺ جي حڪم سان ماڻهن کي حبشه ڏانهن لڏڻو پيو.
    مڪي جي قريشن جو ابو طالب ڏانهن پهريون وفد: قريشن ابو طالب ڏانهن پهريون وفد موڪليو. روم ۽ ايران واري جنگ جي ڪري انهن ملڪن مان واپارين ۽ حاجين جو اچڻ بند ٿي ويو هو. رڳو هندستان ۽ بحرين يا يمن ۽ حبشه جا واپاري ايندا هئا. اچڻ وارا نفعي جي اميد تي ايندا هئا. مڪي جي قريشن سمجھيو ته اها محمد ﷺ بن عبدالله ۽ بنو هاشم وارن جي سازش آهي، اهي گھرن ٿا ته خاني ڪعبي جي عزت گھٽجي وڃي ۽ ماڻهو هن پاسي نه اچن.
    مڪي جي قريشن خدا جي هيڪڙائي جي بنياد تي عرب قبيلن کي هڪ مضبوط گڏيل ۽ سياسي وحدت بڻائڻ جي بدران اهو سمجھيو ته هڪڙي خدا جي پوڄا ۽ غلام ۽ آزاد جو فرق ميساري ڇڏڻ، انهن جي عزت ۽ مان مرتبي جي لاءِ هڪ وڏو خطرو آهي، جنهن سان انهن جي سماجي برتري ختم ٿي ويندي. تنهن ڪري انهيءَ تصور هيٺ انهن فيصلو ڪيو ته محمد ﷺ جي پيروي ڪرڻ وارن جي سخت مخالفت ڪرڻ ضروري آهي. انهيءَ لاءِ هنن سٺو اهو سمجھيو ته پهريان ابو طالب سان انهيءَ موضوع تي ڳالهه ڪئي وڃي، ٿي سگھي ٿو ته هو پنهنجي ڀائٽي کي سمجھائي انهيءَ ڪم کان روڪي وڃي.
    انهيءَ وفد ۾ قريشن جا وڏا وڏا سردار شامل هئا. ابوسفيان بن حرب انهيءَ وفد جو اڳواڻ هو. انهيءَ سان گڏ ابوجهل بن هشام، وليد بن مغيره، فوج جو مهندار عاص بن وائل سان گڏ قريشن جا ٻيا به ڪي سردار شامل هئا. عتبه ۽ شيبه ۽ ابو البختري به انهيءَ هلچل جو مخالف نه هئڻ جي باوجود به انهيءَ وفد ۾ شامل هو. انهيءَ وفد وارن ابو طالب کي چيو:
    ”ادا ابو طالب! تون ڏسين پيو ته تنهنجو ڀائٽيو اسان جي روزي تي لت ڏيڻ لاءِ پويان پئجي ويو آهي. هو چوي ٿو ته گھڻن خدائن جي بدران رڳو هڪڙي خدا جي پوڄا ڪريو. هو اهو نٿو سمجھي ته اسان سمورو بار هڪڙي خدا تي وجھڻ بدران ان کي گھڻن ئي خدائن ۾ ونڊي ورڇي ڇڏيو آهي. اسان مجوسين کان اهو سکيو آهي ته هر ڏينهن جو هڪ خدا (فرشته ايزد) هئڻ گھرجي. وري اسان مسيحي مريم (ديوي)، ڏاڏي ابراهيم ۽ بابل جي ديوتا بعل جهڙن سڀني خدائن کي مڃي ورتو آهي، جيئن جنهن به قوم جو ڪو ماڻهو هتي اچي ته اهو بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجي خدا يا ديوتا جي پوڄا ۾ لڳي وڃي. ان کان پوءِ جيڪڏهن ان جي مراد ڪنهن هڪڙي خدا وٽان پوري نٿي ٿئي ته هو ڪنهن ٻئي ديوتا کان مدد گھري وٺي. اسان پنهنجي ديوين کي خدا ته ڪونه ٿا مڃون، اسان ته انهن کي رڳو سفارشي ڪري ٿا سمجھون. اهي خدا جون ڌيئر آهن. لات ديوي طائف ۾ آهي، مناة سمنڊ ڪناري آهي جيڪا سومنات هندي جي برابر آهي. عزى نخله ۾ آهي. انهيءَ ۾ ڀلا محمد ﷺ جو ڪهڙو گھاٽو آهي؟ جيترا وڌيڪ ديوتا هوندا اوترو ئي نفعو به ته وڌيڪ ٿيندو“.
    ”مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ، غلامن، عورتن يا زيارتين تي جو مال ڦٻائڻ يا قصاص وٺڻ جي سزا جو ملڻ، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. ڪير به مرڻ کان پوءِ جيئرو نه ٿيو آهي. جيڪڏهن ڪو جيئرو ٿي به سگھي ٿو ته پوءِ ڀلا محمد ﷺ کي چئو ته قصي بن ڪلاب يا هاشم کي ٻيهر جيئرو ڪري ڏيکاري، اهي به ته اسان جا وڏا هئا. محمد ﷺ غلامن ۽ ڏٻرن ماڻهن ۾ بغاوت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. ان اسان جو سڀ کان وڏو نقصان هي آهي ته اسان جا ٺٺ ختم ٿي ويندا ۽ اسان جي لاءِ زندگي عذاب بڻجي ويندي“.
    ابو طالب انهن جون ڳالهيون ٻڌي، نرم لهجي ۾ جواب ڏئي وفد کي موٽائي ڇڏيو ته سوچي سمجھي ڪو قدم کنيون وڃي. پاڻ ڪريم ﷺ کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته تمام گھڻو خوش ٿيا ته قريش هاڻي هوشيار ٿيا آهن، من پنهنجي غلفت واري ننڊ مان سجاڳ ٿي وڃن.
    وفد جي موٽ وڃڻ کان پوءِ هاڻي کليل طرح پرچار جو ٻيو سال شروع ٿي ويو هو. يعني 5 نبوي ۾ رسول الله ﷺ پنهنجي پرچار ۾ وڌيڪ تيزي ۽ دليلن ۾ وڌيڪ وضاحت شروع ڪري ڏني ۽ خدائي وحي جي لهجي ۾ مختلف سورتن اندر مشرڪن جي اعتراضن جو پهريان کان به وڌيڪ چٽو جواب ڏيڻ لڳا.
    (27) سورت نوح:

    هن سورة مبارڪه ۾ هڪ اهڙي سفر جي شروعات ٿي، جنهن ۾ مڪي جا ڪافر ايمان آڻڻ وارن تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ لڳا ۽ انهن کي اڃا به وڌيڪ ايذائڻ شروع ڪيو. انهيءَ دؤر کان پهريان وارين سورتن ۾ مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿيڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو هو، پر انهن جي بتن جي مخالفت نه ڪئي وئي هئي. هاڻي جڏهن جو مڪي جي سردارن سختي سان بت پرستي کي نه ڇڏڻ واري روش اختيار ڪئي هئي ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي اڃا وڌيڪ زور ڏئي انڪار ڪرڻ شروع ڪيو، ته انهيءَ ڪري هن دؤر ۾ انهن انڪارين جي دنياوي تباهيءَ جي باري ۾ وڌيڪ زور ڏيڻ ۾ آيو ۽ ٻڌايو ويو ته آخرت ۾ ته انهن جي بربادي آهي ئي آهي، پر گذري ويل قومن وانگر هن دنيا ۾ به انهن جي بربادي پڪي آهي.
    هن دؤر ۾ اهي سورتون نازل ٿيون، جن ۾ گذريل نبين جي انڪار ۽ انهن جي قومن جي تباهي ۽ بربادي جو ذڪر آهي. ائين انهيءَ سلسلي جي پهرين سورة نوح آهي، جنهن ۾ حضرت نوح ؑ جي قومي سردارن پنهنجي رسول جو انڪار ڪيو ۽ پنهنجي بتن جي پوڄا کي ڇڏڻ کان نابري واري. وري محروم ۽ غلام طبقن جو استحصال به سختي سان ٿيڻ لڳو هو، تنهن ڪري اها قوم دنيا جي تختي تان ميساري وئي. هن سورة اندر اصل ۾ مڪي جي سردارن کي ٻڌايو ويو آهي ته رسولن جي انڪار جو نتيجو تباهي ۽ بربادي جي صورت ۾ ظاهر ٿيندو. پهريان نوح ؑ جي قوم برباد ٿي، هاڻي محمد ﷺ جي مخالفت جي ڪري توهان جي بربادي به پڪي آهي.
    عراق ۾ نوح ﷺ جي قوم جي دلين ۽ دماغن تي نجومي ڇانيل هئا. ڪيتري نه افسوس جي ڳالهه آهي جو انسان اشرف المخلوقات آهي، پر پوءِ به هو پنهنجي خالق کي ڇڏي پنهنجي ئي جوڙيل بتن ۽ پنهنجي خواهشن (هوا) جي پوڄا ڪرڻ لڳي ٿو. بت پرستي اسان جي پنهنجي مرتبي کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي ٿي. هن جو پاڻ تان ويساهه کڄي وڃي ٿو ۽ اهو سمجھي ويهي ٿو ته ٻاوا، پير، ڀوپا ۽ نجومي کيس بک ۽ خوف مان ڇوٽڪارو ڏئي سگھن ٿا. هو مختلف ديوتائن جي نالن تي باسون باسي ۽ قربانيون ڪري ٿو ۽ سمجھي ٿو اهي ديوتان رت ۽ گوشت وٺي ان جي مدد ڪندا. اصل ۾ اهو گوشت ته ٻاون جي ئي پيٽ ۾ وڃي ٿو. اهي ٻاوا ديوين کي الله جون ڌيئر ٻڌائي ماڻهن کي بيوقوف بڻائيندا آهن. نتيجي طور قوم بي عملي ۽ بدعملي جو کاڄ ٿي تباهه ٿي ويندي آهي.
    نوح ؑ جي قوم جي ڪجھه بتن جي عرب وارن به پوڄا شروع ڪري ڏني هئي. جيئن وود قضاعه قبيلي جي هڪڙي شاخ بنو ڪلب وارن جو معبود هو. هيءُ بت مرد جي شڪل ۾ هو جنهن جو مندر دومة الجندل ۾ هو.
    هذيل وارن جي ديوي جي سواع قبيلو پوڄا ڪندو هو جنهن جي شڪل عورت جي هئي. ينبوع جي ويجھو رباط جي علائقي ۾ ان جو مندر هو. يغوث وري طي قبيلي جي شاخ انعم ۽ مذحج قبيلي جي ڪجھه شاخن جو معبود هو، جنهن جو مندر يمن ۽ حجاز جي وچ تي جرش واري علائقي ۾ هو. انهيءَ جي شڪل شينهن جهڙي هئي.
    همدان قبيلي جي شاخ خيوان جو معبود وري يعوق هو، جيڪو گھوڙي جي شڪل جهڙو هو.
    حمير قبيلي جي شاخ آل ذوالڪلاح جو معبود نسر هو، جنهن جو مندر بلخع واري علائقي ۾ هو ۽ ان جي شڪل گڏهه جهڙي هئي.
    (28) سورت النازعات:
    سورة نوح ۾ حضرت نوح ؑ جي قوم پاران سندس انڪار جي نتيجي ۾ انهيءَ قوم جي تباهيءَ جو ذڪر هو. هن سورة ۾ حضرت موسى ؑ جو ذڪر آهي ته فرعون ان جو انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ هو نيل درياءَ ۾ ٻوڙيو ويو. نبين جي انڪار جي نتيجي ۾ قومون برباد ٿي وينديون آهن. سڀني نبين جي قومن سان اها ئي ڪار ٿي.
    فرعون پنهنجو پاڻ کي خدا يا خدا جو پٽ (عزيز) سڏرائيندو هو. انهيءَ جي قوم سحر يا جادوگري جي اثر ۾ هئي جيڪي ماڻهن کي مرڻ کان پوءِ سج ديوتا تائين پهچڻ جي تعليم ڏيندا رهندا هئا ۽ ڄاڻڻ وارا پروهت نيل درياءَ جي ديوي تي هر سال هڪ ڪنواري ڇوڪري کي جيئرو لوڙهي زرخيري ۾ لاڀائتي ٻوڏ آڻڻ جا قائل هئا. اهي به بت پرستي ۽ ستارا پرستي ۽ سج پرستي ۾ ايترا ته جڪڙيل هئا جو سڀئي ڪم غلامن جي حوالي ٿي ويا. پروهتن جو ڪم رڳو فرعون جي پوڄا جا طريقا ٻڌائڻ ٿي ويو هو.
    بي عملي قوم کي گيدي بڻائي ڇڏيو هو. انهن کي ڪڏهن عمالقه وارن فتح ڪيو، ڪڏهن يونان ۽ روم وارن ته ڪڏهن وري جهالت جي ڪري پنهنجو پاڻ ۾ ئي وڙهي تباهه ٿي ويا. اهو ئي حال بني اسرائيل وارن جو به هو. جيستائين انهن ۾ قومي وحدت قائم هئي ۽ اهي رڳو هڪڙي الله تي ڀروسو ڪندا رهيا، ان وقت تائين حضرت دائود ؑ ۽ سليمان ؑ جي حڪومت قائم رهي. صدوقي، فريسي، يهودا ۽ اسرائيل جي پنهنجو پاڻ ۾ جنگ ڇڙي پئي ۽ جتي ڪٿي ٿيڻ لڳي، نتيجي ۾ انهيءَ ڳالهه بني اسرائيل کي ٻين قومن جو غلام بنائي ڇڏيو. بعل جي پوڄا ۽ وياج خوري سان گڏ ڪيل دولت انهن کي غلاميءَ کان بچائي نه سگھي. هن سورة ۾ به قيامت ۽ حساب ڪتاب جي ڏينهن جي قائم ٿيڻ جي لاءِ وڏا سگھارا ۽ چٽا دليل ڏنا ويا آهن.
    (29) سورت البروج:
    هن سورة مبارڪه ۾ ”اصحاب الاخدود“ وارن جو مثال ڏنو ويو آهي، جن کي مخالفن باهه جي کاهين ۾ اڇلائي جيئرو ساڙي ڇڏيو هو. اهي پهريان عيسائي هئا. انهيءَ ئي سلسلي ۾ فرعون ۽ ثمود ۽ انهن جي لشڪرن جو ذڪر آهي ته اهي الله تعالى پاران موڪليل رسولن جو انڪار ڪرڻ جي ڪري برباد ٿي ويا ۽ انهن جي مٿان خدائي عذاب آيو. اصحاب الاخدود وارن جي مثال سان رسول الله ﷺ جي پيروڪارن کي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته انهن تي ڀلي ڪيترا به ظلم ڪيا وڃن، انهن کي گھرجي ته اهي ثابت قدم رهن. فرعون ۽ ثمود جي قوم وانگر انهن مڪي جي سردارن جو به اهو ئي حشر ٿيڻ وارو آهي.
    هن سورة جي نازل ٿيڻ واري زماني ۾ مسلمانن تي ظلمن جي حد ٿي وئي هئي. غلامن کي ماريو ڪٽيو ويندو هو ۽ جيڪڏهن انهن (آقائن) کي چيو ويندو هو ته غلامن ۽ محرومن سان ٻاجھه ۽ محبت سان پيش اچو ته مرڻ کان پوءِ به توهان عيش ۾ رهندؤ ته اهي سختي سان آخرت واري زندگيءَ جو انڪار ڪندا هئا. اهي چوندا هئا ته هڏين جي ڳري ۽ سڙي اٽو ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻيهر ڪهڙي طرح حياتي ملندي؟ انهن چيو ته اهي مؤمنن ۽ تصديق ڪندڙن تي ظلم ۽ زيادتيون ڪندا رهندا، اڃا به انهن کي جيئرو ساڙيندا. قرآن ٻڌايو ته اصحاب الاخدود وانگر مڪي جا سردار به تباهه ۽ برباد ٿي ويندا. ظالم ۽ جاهل جو ڪنڌ جھڪي ويندو ۽ آخرڪار غلام آزاد ٿي ويندا. اها هڪ چٽي حقيقت آهي ته پٿر تي ليڪ وانگر اهو خدائي قانون به اڻ مِٽ آهي. اها ئي تعليم قرآن کان پهريان موڪليل رسولن ۽ پيغمبرن کي ڏني وئي هئي. اهو ڪو جادو ۽ ڀوپي گيري ڪونه آهي، پر اها ته هڪ چٽي ۽ صاف تعليم آهي. قرآن لوح محفوظ ۾ رکيل آهي، جتي توهان جي مخالفت انهيءَ کي مِٽائي نٿي سگھي.
    (30) سورت المدثر:

    هن سورة مقدسه ۾ انقلاب جي مقصد ۽ ان جي انڪار ڪندڙن جي پڄاڻي جي خبر ڏني وئي آهي. الله تعالى جي وڏائي جو مطلب هيءُ آهي ته اهي سڀئي آقا، جيڪي غلامن سان ڌڪار ڀريو ۽ ايذائيندڙ رويو رکن ٿا، تن جي دنياوي وڏائي ۽ دٻدٻي ۽ اقتدار جو سختيءَ سان انڪار ڪيو وڃي، ۽ انهيءَ خدا جي وڏائي کي مڃيو وڃي جيڪو سڀني جو خالق، ٻاجھارو ۽ مربي آهي. اصل ۾ غلامن کي ٻڌايو پيو وڃي ته پنهنجي آقائن جي خلاف بغاوت ڪن. فانذر جي لفظن ۾ اها ئي للڪار آهي ته آقائن کي انهن جي ظلمن ۽ بدڪرداري جي نتيجي کان ڊيڄاريو. هو وليد بن مغيره جو نالو وٺڻ کانسواءِ، آسودن ۽ ٺٺ ٺانگر واري زندگي گذاريندڙن جي لاءِ، جيڪي غلامن تي ظلم ڪندا هئا ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ جزا ۽ سزا جو انڪار ڪندا هئا، جو ذڪر ڪري هڪ عام خدائي قانون ٻڌايو آهي ته ظلم جو نتيجو آخرڪار تباهي ۽ بربادي ئي آهي. انقلاب جي رستي ۾ جيڪي تڪليفون آيون آهن، انهن تي صبر ڪرڻ ۽ بردباري سان انقلابي جاکوڙ کي جاري رکڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي.
    نبوي انقلاب جي ٻن خاصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. هڪ نماز جي پابندي ۽ ٻيو محروم طبقي جي محرومي، بک، جهالت ۽ غلاميءَ جو تدارڪ ڪرڻ. اسان جي دؤر ۾ ۽ تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ انقلاب جو مقصد رڳو محروم ۽ پٺتي پيل طبقن جي محرومي ۽ مفلسي کي ختم ڪري، انهن ۾ مالي آسودگي، سياسي ۽ ذهني آزادي جو شعور پيدا ڪرڻ ٻڌايو ويو آهي. نبوي انقلاب جو مقصد مالي آسودگي، امن، فڪري آزادي ۽ غلاميءَ جو خاتمو ڪرڻ سان اهو آهي ته روح جيڪو خدا جي روح مان ڦوڪيل آهي، جي گھرجن کي پورو ڪيو وڃي ۽ خدا سان ويجھڙائي حاصل ڪئي وڃي. نماز انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي. مذهبي پيشوائن رڳو ظاهري رسمن واري نماز تي زور ڏنو آهي، پر پٺتي پيل ۽ محروم طبقن جي حالت کي سڌارڻ واري ڳالهه کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. انهن طبقن جي حالت رڳو خيرات ۽ صدقن سان سڌري نٿي سگھي، جيستائين جو پيداواري وسيلن کي انهن جي يونين جي ملڪيت ۾ نه ڏنو وڃي.
    قرآن جادوگرن، ڀوپن ۽ جنن جو ڏنل علم نه آهي، پر اهو الله تعالى جو ڪلام آهي. انهيءَ ڪري اهو حق آهي ۽ نيڪيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ واري تعليم اهي. اهو اساطير الاولين (گذريل قومن جا قصا ۽ ڪهاڻيون) نه آهي ۽ نه ئي هي ڪو ڍاڙو ٽڪاءُ آهي. ان ۾ ڏنل هر قصي، مثال توڙي ڳالهه جو هڪ خاص مقصد آهي ۽ اهو هيءُ ته هن ڪائنات جو هڪ خالق ۽ پالڻهار (آقا) آهي. انسان کي پنهنجي علمن جي جزا ۽ سزا جي لاءِ ان جي سامهون وڃڻو آهي ۽ آخرت واري زندگي هڪ حقيقت آهي. قرآن جي تعليم مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته توحيد الاهي ۽ خدا پرستي ئي انساني وحدت جي ضمانت آهي ۽ پنهنجي عملن جي ذميواري ئي انسان کي عزت ۽ عظمت ڏئي سگھي ٿي.
    نبي ڪريم ﷺ کي اهو چيو ويو آهي ته پنهنجا ڪپڙا پاڪ ۽ صاف رکو. عرب جا جادوگر ۽ ڀوپا عام طرح گَدلا رهندا هئا ۽ انهن جا وار وڪوڙيل هوندا هئا. اهو حڪم اصل ۾ پاڻ ﷺ کي انهن کان الڳ ڪرڻ جي لاءِ آهي ته انقلابي پنهنجي جسم ۽ ڪپڙي کي صاف رکندو آهي.
    (31) سورت مطففين (التطفيف):
    هن سورة مبارڪه ۾ به الله تعالى جي انڪار ۽ آخرت ۾ عملن جي جزا ۽ سزا جي انڪارين جي خلاف دليل ڏنا ويا آهن. معاشي مسئلن ۾ هڪ تمام وڏو ڏوهه گھٽ تورڻ ۽ گھٽ ماپڻ آهي. هن سورة جي نزول جو زمانو سچار انسانن جي لاءِ تمام ئي ايذائيندڙ ۽ انهن تي ٺٺول وارو زمانو آهي. هن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن مڪي جي ڪافرن جي سامهون تاريخي واقعا بيان ڪيا وڃن ٿا ۽ کين ٻڌايو وڃي ٿو ته الله ۽ آخرت تي ايمان نه آڻڻ سان قومي تباهي ايندي آهي ته اهي انهن دليلن (آيتن) کي اهو چئي رد ڪن ٿا ته اهي ته اڳين قومن جا قصا ۽ ڪهاڻيون آهن. هن سورة ۾ اخلاق جي آخرت جي عقيدي سان لاڳاپي تي روشني وڌي وئي آهي ته ماڻهوءَ ۾ جيڪڏهن سچي ۽ مستقل ديانتداري پيدا ٿي سگھي ٿي ته پوءِ رڳو خدا جي خوف ۽ آخرت تي ويساه رکڻ سان ئي ٿي سگھي ٿي. انهيءَ حالت ۾ ديانتداري (يا سٺا اخلاق) هڪ پاليسي نٿا رهن، جنهن سان دنياوي ڏيتي ليتي ۾ فائدو حاصل ٿيندو آهي، پر هڪ آخرت سان تعلق رکندڙ فرض بڻجي وڃي ٿي. انهيءَ جو دارومدار رڳو دنيا ۾ فائدو حاصل ٿيڻ تائين محدود ناهي رهندو.
    (32) سورت ن والقلم:
    انڪار ڪندڙن جو رسول الله ﷺ جي مخالفت جو مقصد اصل ۾ اهو هو ته جيئن پاڻ دٻاءَ ۾ اچي انهن سان ٺاهه ڪن. پر رسول الله ﷺ کي نصيحت ڪئي پئي وڃي ته مخالفت، ٺٺول ۽ ايذاء رساني جو جيڪو طوفان اٿي رهيو آهي، انهيءَ جو بردباريءَ سان مقابلو ڪريو. پاڻ ﷺ تي چريو هجڻ واري الزام جو جواب اهو ڏنو ويو آهي ته توهان اخلاق جي اعلى معيار تي بيٺل آهيو. هن سورة ۾ مخالفتن جي لاءِ تمام ئي سخت لفظ استعمال ڪيا ويا آهن. جهڙوڪه حَلَّافٍ مَّہِيْنٍ، ہَمَّازٍ مَّشَّاۗءٍبِنَمِيْمٍ، مَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ اَثِيْمٍ ۽ عُتُلّ زَنِيْمٍ يعني گھڻا قسم کڻندڙ يعني خسيس، طعنا ۽ چغلي هڻندڙ، ڀلائيءَ کان روڪيندڙ، ظلم ۽ زيادتيءَ ۾ حد کان لنگھيل، سخت بدڪار، ۽ بد بڻياد يعني حرامي ڦر.
    اهو سڀ ڪجھه انهيءَ ڪري آهي ته هو گھڻو مال ۽ اولاد رکي ٿو ۽ دليلن کي اڳين ماڻهن جون ڪهاڻيون سڏي ٿو. هن سورة ۾ هڪ باغ جي مالڪن جو مثال ڏنو ويو آهي. انهيءَ ۾ باغ جي مالڪن جي خاص ڳالهه اها ٻڌائي وئي آهي ته انهن چيو ته باغ جي ميوي مان ڪنهن مسڪين کي ڪجھه به نه ڏنو وڃي، اڃا به اها ڪوشش ڪن ته گهڻن انسانن ڪو مسڪين باغ ۾ اچي ئي نه سگھي. انهن جي بخيلپ ۽ ڪنجوسيءَ جي ڪري اهو باغ هڪ طوفان جي ور چڙهي ويو. انهيءَ جو مفهوم به اهو ئي آهي. اهو معاشرو، جيڪو طبقاتي هوندو، جنهن ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو گهڻن انسانن جي محنت جو استحصال ڪندا هجن، ۽ پيداواري وسيلن مان لاڀ ماڻڻ جي عام ماڻهن کي اجازت نه ڏيندا هجن ته، اهڙو معاشرو آخرڪار تباهه ۽ برباد ٿي ويندو آهي. اسلام کان پهريان واريون سڀئي تهذيبون انهيءَ ڏوهه جي ڪري ئي برباد ٿي ويون. قرآن ته هڪ نصيحت آهي، اهي ڪنهن چريي جون ڳالهيون نه آهن.
    (33) سورت التڪوير:
    قيامت جي ظاهر ٿيڻ ۽ پوءِ حساب ڪتاب ٿيڻ جو نقشو چٽي اهو ٻڌايو ويو آهي ته قرآن ڪنهن جادوگر يا شيطان جو ڪلام نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن جِنَ جو ڪلام آهي، پر اهو ته وهي الاهي آهي ۽ دنيا جي سڀني قومن جي لاءِ هڪ نصيحت آهي. هيءُ شيطاني ڪلام ڪئين ٿو ٿي سگھي، جڏهن ته هي شرڪ ۽ بت پرستي ۽ دهريت ۽ بي ديني کان هٽائي، خدا پرستي ۽ توحيد جي تعليم ڏئي ٿو. انسان کي بلڪل آزاد هئڻ بي مهار اٺ بڻجي وڃڻ جي بدران خدا پرستي، احساس ذميواري ۽ جوابدهي سيکاري ٿو. جاهلاڻين رسمن، ظلم، بدديانتي، بداخلاقي ۽ بدڪرداري کان منع ڪري ٿو. پاڪ ۽ پوتر زندگي، عدل ۽ پرهيزگاري ۽ اعلى اخلاقن پنهنجائڻ جي تاڪيد ڪري ٿو. قرآن جو پيغام سڀني انسانن يا قومن جي لاءِ آهي رڳو عرب وارن لاءِ نه آهي.
    قريش جي سردارن جو ٻيو وفد ابوطالب وٽ:
    نبوت جي پنجين سال کانپوءِ قريشن پنهنجو ٻيو وفد ابوطالب وٽ موڪليو. ڇو ته انهن محسوس ڪري ورتو هو ته پاڻ ڪريم ﷺ جي هلايل هلچل جو اثر مڪي کان ٻاهر نڪري، واپارين ۽ زيارتين تائين به پهچڻ لڳو هو. اهڙي طرح حج کان پوءِ اهي ابوطالب وٽ آيا ۽ کيس چيائون:
    ”توهان اسان جا وڏا آهيو. اسان جا سردار آهيو، شريف ۽ خانداني آهيو. اسان گھريو هو ته توهان پنهنجي ڀائٽي کي سمجھائيندؤ ۽ ان کي انهن ڳالهيون کان روڪيندؤ. پر توهان کين نه روڪيو. هاڻي اسان اهي ڳالهيون گھڻي دير تائين سهي ڪونه سگھنداسين. توهان جو ڀائٽيو اسان جي وڏڙن کي ڳالهائي ٿو ۽ بتن کي به گھٽ وڌ چئي ٿو، تنهن ڪري يا ته کيس جھلينس يا وري مقابلي جي لاءِ تيار ٿي وڃ ته جيئن اسان ٻنهي مان ڪو هڪ باقي رهي“.
    ابوطالب تي انهيءَ ڌمڪيءَ جو وڏو اثر ٿيو. هو نه ته محمد ﷺ کي انهن جي حوالي ڪري پئي سگھيو، ۽ نه وري قريشن کي ڇڏي پئي سگھيو. پاڻ رسول الله ﷺ کي سڏايائون ۽ چيائون ته ڀائٽيا، مون تي ايترو ٻوجھه نه وجھه جيڪو مان کڻي نه سگھان.
    رسول اللهﷺ سمجھيو ته شايد منهنجو چاچو منهنجو ساٿ ڇڏي رهيو آهي. پنهنجي ۽ پنهنجي قبيلي جي حمايت کان محروم ڪري رهيوآهي يا وري ان ۾ ايترو ست نه آهي جو پنهنجي قبيلي کان منهنجي حفاظت ڪري سگھي.
    پاڻ فرمايائون ته چاچا سائين، جيڪڏهن منهنجي هڪ هٿ تي سج ۽ ٻئي هٿ تي چنڊ رکيو وڃي تڏهن به مان پنهنجي ڪم کان پوئتي نه هٽندس. منهنجي اڳيان ٻه ئي واٽون آهن، ڪاميابي يا موت!
    اهو چوندي رسول الله ﷺ جون اکيون ڀرجي آيون. پاڻ بيهي رهيا ۽ هلڻ لڳا ته ابوطالب سڏي چيو ته ڀائٽيا، موٽي اچ، جيئن وڻئي تيئن ڪر، مان توکي هنن ماڻهن جي حوالي نه ڪندس.
    قريشن جڏهن ڏٺو ته ابوطالب ڪنهن به طرح محمد ﷺ تان پنهنجو هٿ هٽائڻ لاءِ تيار نه آهي ته انهن هڪڙي نئين ٽِرڪَ ڪئي. يعني مڪي جي هڪڙي تمام ئي خوبصورت ۽ سهڻي جوان عمار بن الوليد کي پاڻ سان گڏ وٺي آيا ۽ ابوطالب کي چيو ته توهان هن نوجوان کي پنهنجو پٽيلو ڪريو ۽ پنهنجو ڀائٽيو اسان جي حوالي ڪريو ته جيئن اسان ان کي ماري ڇڏيون.
    ابوطالب انهن کي چيو ته توهان مون کي ايترو ڪريل ماڻهو سمجھيو آهي ڇا جو مان پنهنجو ماڻهو ته توهان کي ڏيان ته جيئن توهان ان کي ماري ڇڏيو ۽ دشمن جي نوجوان کي پالي نپائي جوان ڪريان. ائين ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي. هاڻي ٽرو هتان، جيڪو ڪرڻو اٿو ڪريو، باقي توهان جيئن چاهيو ٿا، ائين ڪڏهن به نه ٿيندو. مطعم بن عدي به انهيءَ ڳالهه کي انصاف ڀريو سڏيو، پر ابوطالب انهيءَ فيصلي کي ٿُڏي ڇڏيو.
    ان کان پوءِ رسول الله ﷺ اڳ کان به وڌيڪ جوش ۽ جذبي سان پنهنجي انقلابي پروگرام جي پرچار شروع ڪري ڏني. پر پاڻ ﷺ جيترو گھرن پيا ته هي مالدار ماڻهو سڌي واٽ تي اچي وڃن ۽ هڪ شريف قوم وانگر هن انقلابي هلچل ۾ همراهه ٿين، تيئن ايترو ئي انهن سردارن پنهنجي غلامن تي وڌيڪ ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، ايتري تائين جو رسول الله ﷺ تي به سخت حملا ڪري ڏنائون.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته دقيانوسي سوچ رکندڙ جماعتن جو سدائين اهو وطيرو رهيو آهي ته اهي پنهنجي ڀلائيءَ جي ڳالهه به ناهن ٻڌندا ۽ پنهنجو پاڻ ئي جوڙيل حقن کان ان وقت تائين هٿ ناهن کڻندا، جيستائين انهن کي مجبور نه ڪيو وڃي. انهن کي تمام ئي سختيءَ سان مڃائبو آهي. اهڙن ماڻهن سچار انسانن تي سخت ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا. غلامن ۽ غريب طبقي جي ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ ايذاء رساني جو نشانو بڻايو ويو. ان سان گڏوگڏ انهن دولتمندن پاڻ ڪريم ﷺ جو به زور شور سان انڪار شروع ڪري ڏنو ته انهيءَ صورتحال کي ڏسندي رسول الله ﷺ کي حڪم ٿيو ته انهن جي ڳالهين تي ڌيان نه ڏين ۽ جن ماڻهن جي حق ۾ ڳالهه کي مڃڻ جي صلاحيت آهي، انهن ڏانهن ئي ڌيان ڏين. انهيءَ ڪري پاڻ ﷺ 5 نبوي جي رجب مهيني ۾ پنهنجي ڪجھه ساٿين کي حبشه ڏانهن هجرت جي اجازت ڏنائون.
    (34) سورت الذاريات:
    ائين ته هن مبارڪ سورة ۾ نه رڳو سگھارن دليلن سان جزا ۽ سزا جي عمل ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ جا ثبوت ڏنا ويا آهن، پر ٻڌايو آهي ته ڪائنات، تاريخ ۽ انسان جي پنهنجي وجود ۾ به اهڙيون نشانيون موجود آهن، جن مان ڄاڻ ملي ٿي ته انسان کي جانورن وانگر نه بڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن اهو مري ويو ته ان جي عملن تي ڪابه جزا ۽ سزا نه هجي. پر حقيقت اها آهي ته انسان کي ارادي جو مالڪ ۽ سمجھه ڀريو بڻائي پيدا ڪيو ويو آهي. هو پنهنجي عملن جي چونڊ ڪرڻ جي معاملي ۾ آزاد آهي. اها ڳالهه تاريخ مان به ثابت ٿئي ٿي ته هر قوم ۾ نبي سڳورا موڪليا ويندا رهيا آهن جيڪي ڏسيندا رهيا آهن ته ماڻهن جي عملن تي ملڻ واري جزا ۽ سزا جي لاءِ هڪ حساب ڪتاب جو ڏينهن مقرر آهي، جنهن ۾ انهن کان حساب ڪتاب ورتو ويندو.
    پر انهن سڀني دليلن کان سواءِ هن سورة ۾ نبي ڪريم ﷺ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته هاڻي توهان (ﷺ) انهن ڪافرن کان منهن موڙي ڇڏيو، ڇو ته انهن جي اندر حق کي مڃڻ جي صلاحيت ئي ختم ٿي وئي آهي. هاڻي توهان جي نصيحت جو رخ ٻين انهن ماڻهن ڏانهن هئڻ گھرجي، جيڪي انهيءَ حق جي واٽ تي هلڻ ۽ ان تي ايندڙ مصيبتن کي سهڻ لاءِ آماده آهن. اهڙيءَ طرح ٻن ٽن مهينن کان پوءِ اصحابن سڳورن جو هڪڙو ننڍڙو جٿو حبشه ڏانهن روانو ٿي ويو، جتي انهن پناهه وٺڻ سان گڏوگڏ اسلام جي پرچار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي.
    (35) سورت الحاقه:
    هن سورة ۾ قيامت ۽ حساب ڪتاب واري ڏينهن جي قائم ٿيڻ بابت سگھارا دليل ڏيڻ سان گڏوگڏ تاريخي شاهديون به پيش ڪيون ويون آهن. يعني ڪابه قوم پنهنجي نبيءَ جي ڳالهه کي رد ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو وجود برقرار نه رکي سگھي آهي، پر اها تباهه ۽ برباد ٿيندي رهي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ هن سورة ۾ جيڪا خاص ڳالهه چئي وئي آهي، سا هيءَ آهي ته هيءُ قرآن نه ته ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڀوپي جون ٻڌايل ڳالهيون آهن. پر هي جهانن جي پالڻهار الله جي طرف کان نازل ڪيل آهن. جيڪڏهن نبي (محمدﷺ) پنهنجي طرف کان ڪا ڳالهه اسان ڏانهن منسوب ڪئي هجي ها ته اسان ان جي شاهه رڳ کي ڪٽي ڇڏيون ها.
    رسول الله ﷺ مڪي جي ڪافرن کي چيو ته مان جيڪا هيءَ تعليم توهان کي ڏيان ٿو انهيءَ جو مقصد توهان کان ڪو معاوضو وٺڻ نه آهي. مان نه توهان کان جادوگرن ۽ ڀوپن وانگر قرباني جو گوشت گھران ٿو، نه ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌائڻ جي ڪا ٻٽاڪ هڻان ٿو، پر جيڪو ڪجھه توهان کي ٻڌايان ٿو انهيءَ ۾ ته رڳو توهان جي ئي فائدي جي ڳالهه آهي. هاڻي ائين سمجھو ته جيڪڏهن مان الله تعالى تي ڪوڙ هڻان ها ته تباهه ۽ برباد ڪيو وڃان ها. اهڙي قسم جي للڪار وارا لفظ ثابت ڪن ٿا ته قرآن الله تعالى وٽان نازل ڪيل آهي ۽ الله تعالى جو ئي ڪلام آهي. اهو رسول الله ﷺ جو پنهنجو ٺاهيل ڪلام نه آهي. انهيءَ للڪار کان پوءِ به جيڪڏهن اهي انهيءَ تعليم کي نه مڃين ته انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هاڻي انهن ماڻهن ۾ حق جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ سمجھڻ جي صلاحيت ئي ناهي رهي. انهيءَ ڪري نصيحت جو رخ ڪنهن ٻي قوم يا قبيلي ڏانهن ڦيرائڻ ضروري آهي.
    (36) سورت القمر:
    هن سورة مبارڪه ۾ به سورة الذاريٰت جا ”فَتَوَلَّ عَنْہُمْ“ وارا لفظ ورجايا ويا آهن. رسول الله ﷺ کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مڪي جي ڪوڙن کان پنهنجو منهن موڙي حبشه جي انصارين ڏانهن ڪريو، ڇو ته هاڻي انهن مڪي وارن ۾ حق جي ڳالهه کي ٻڌڻ جي صلاحيت نه رهي آهي. مختلف نبين ۽ انهن جي قومن جون شاهديون پيش ڪيون ويون ته جهڙي طرح اهي قومون نبين جي انڪار جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي ويون، توهان مڪي وارا به ائين ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ.
    سورة الحاقه ۾ للڪار آهي ته هيءَ تعليم رسول الله ﷺ پنهنجي پاران نه گھڙي آهي، پر اها جهانن جي پالڻهار الله جي طرف کان ڏني وئي آهي، تنهن ڪري انهيءَ جو انڪار پڪ سان تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي ويندو. ڇو ته اها تعليم تمام ئي آسان عربي ٻوليءَ ۾ آهي، اهو گذريل قومن جي تاريخ مان عبرت وٺڻ لاءِ چٽيءَ طرح بيان ڪري ٻڌائي ٿو؛ اهو ئي فرق آهي الله جي ڪلام ۽ شيطاني ٻڌايل ڳالهين ۾. نجومين ۽ ڀوپن وانگر هي ڪلام اجائين ۽ واهيات ڳالهين سان ڀريل نه آهي.
    هن سورة تي اسلامي انقلاب جو هڪڙو دؤر ختم ٿي وڃي ٿو، جيڪو ڳجھي پرچار کان پوءِ کليل طرح پرچار سان شروع ٿيو هو. هن دؤر ۾ ٻه سورتون نازل ٿيون، جن جو موضوع قيامت جي قائم ٿيڻ ۽ عملن جو حساب وٺڻ بابت آهي. هن دؤر ۾ خطاب مالدار طبقن ۽ غلام بڻائيندڙ سردارن ڏانهن رهيو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ مذهبي ٺيڪيدارن کي به ڇنڀيو ويو آهي. هن ۾ ثابت ڪيو ويو آهي ته مالدار طبقو ئي سڀني اخلاقي برائين جو بنياد آهي. نفس پرستي، خود غرضي، دولت گڏ ڪرڻ جو حرص، جنسي ڇڙواڳي، دولت جي گھڻائي جي ڪري عيش واري زندگي گذارڻ، دولت ۽ اقتدار ۾ واڌاري جي لاءِ غلامن ۽ پوئتي پيل ماڻهن تي ظلم ۽ زيادتيون ڪرڻ ۽ انهن جي محنت جو کليل طرح استحصال ڪرڻ، اهي سڀئي ڳالهيون مالدار طبقي کان ئي ٿين ٿيون. اهو ئي طبقو سڀني نبين سڳورن جو انڪار ڪندو ۽ انهن کي ايذائيندو رهيو آهي.
    هن دؤر جي قرآني تعليم ٻڌائي ٿي ته قيامت جي ڏينهن انهن کان پڇيو ويندو ته الله تعالى توهان کي عقل ۽ پيار سيکاريو، پوءِ اهي جادوگر، ڀوپا، شاعر ۽ مذهبي ٺيڪيدار توهان جي دماغن تي ڪيئن ڇائنجي ويا؟ توهان دولت جي لالچ ۾ انڌا ٿي ويا ۽ يتيمن، مسڪينن، غلامن، نياڻين ۽ ڪمزورن تي ظلم ڪندا رهيا ۽ انهن کي جيئرو پوريندا رهيا آهيو. هاڻي دوزخ جو عذاب توهان جي لاءِ تيار آهي، جنهن ۾ نه توهان کي موت ايندو ۽ نه ئي توهان کي عذاب کان ڇوٽڪارو ملندو. هن دؤر ۾ ٻڌايو ويو ته اهو نه سمجهو ته محنت جي استحصال ۽ انفرادي بئنڪن جي وياج خوري سان گڏ ڪيل دولت توهان کي الله جي عذاب کان بچائي سگھندي.
    هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته مالدار طبقي وٽ دولت اچي ڪٿان ٿي؟ اسان جي دؤر ۾ سائنسي تحقيق سان هيءَ ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته دولت پيداوار جي وسيلن تي قبضو ڪري، مزدور جي محنت جي استحصال سان اچي ٿي. مون پنهنجي لکڻي ”فلسفه بيگانگي اور قرآن “ ۾ وڏي وضاحت سان انهيءَ تي روشني وڌي آهي. مشين جي ايجاد کان پهريان پيداواري وسيلو رڳو زمين هئي، جنهن جاگيرداري جي شڪل اختيار ڪري ورتي. اسلام جي ظاهر ٿيڻ وقت تائين غلامي عام هئي. غلام نه رڳو زمين تي ڪم ڪندا هئا، پر مصر جي اهرامن، ديوارِ چين ۽ تمام ئي عظيم الشان محلاتن ۽ عبادتگاهن جي تعمير کان سواءِ، بحري ٻيڙن ۽ سامونڊي جهازن جي چرخين کي به هزارين غلامن جي هٿن جي محنت سان چرپر ۾ آڻي، وڏن کنڊن جي وچ ۾ واپاري مال ۽ فوجن جي اچ وڃ ٿيندي هئي.
    يورپ ۾ مشين ۽ انجڻ جي ايجاد کان پوءِ زراعت جو ڪم ڪرڻ وارا ۽ هر طرح جا غلام ڪارخانن ۾ مزدورن جي شڪل اختيار ڪري ويا. ڇو ته اهڙي طرح اهي جاگيردار وٽ سڄي عمر جي قيد مان به ڇوٽڪارو ماڻي وٺندا هئا ۽ ڪارخاني ۾ ڪم ڪري آزاد زندگي به گذاريندا هئا. هاڻي جاگيردار سان گڏوگڏ ڪارخانيدار به محنت جي استحصال جي ڏڍ تي شاهوڪار ٿي ويو ۽ انهن جاگيردارن سان گڏوگڏ ان جو ورتاءَ به هڪجهڙو يعني ظالماڻو رهيو. جيئن آقا غلام جي محنت جو استحصال ڪندو آهي، تيئن جاگيردار ۽ صنعتي سرمائيدار به هاري ۽ مزدور جي محنت جي استحصال ڪري ٿو. مشين جي ايجاد کان پوءِ ته محنت جي استحصال ۾ اڃا به واڌارو اچي ويو آهي.
    تنهن ڪري قرآن ڪريم ڪوڙن جي لاءِ تنبيهه جو جيڪو لهجو اختيار ڪيو هو، اهو ئي هن دؤر جي سرمائيدارن جي لاءِ به هئڻ گھرجي. پر مذهبي پيشوائيت مزدور ۽ پٺتي پيل محروم ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته غربت ۽ مسڪيني کي الله تعالى انهن جي نصيب ۾ لکي ڇڏيو آهي. قرآن جي سڀني تفسيرن کي کولي ڏسو، سڀني تفسيرن ۾ اها ئي ڳالهه موجود ملندي. ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو مسلمانن ۾ اڄ تائين فرانس ۽ روس جي انقلاب جهڙو ڪوبه انقلاب اچي نه سگھيو آهي. انهن انقلابن يورپ کي وڏي ترقي ڏني ۽ انهن انهيءَ مذهب کي، جيڪو ميسارجي چڪو هو، زندگيءَ جي معاملن کان ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو. مسلمان مذهبي پيشوائن مسلمان حڪمرانن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته جي اها ڌمڪي (خبردار ڪرڻ) جيڪا مڪي جي ڪوڙن جي لاءِ هئي، سان انهن جي لاءِ نه آهي، ڇو ته اهي مسلمان آهن. پر جيڪڏهن کليل اک سان ڏٺو وڃي ته انهن جي پرڪار ۽ رويه انهن جهڙا ئي آهن، جهڙا مڪي جي ڪوڙن جا هئا. مسلمان عالمن مالدارن کي ڪڏهن به اهو ناهي ٻڌايو ته انهن جي دولت، جيڪا مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي، تنهن مسلم امت کي تباهي ۽ غلامي ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. انهن جي نمازن جي حقيقت کي ملا زاده ضيغم لولابي جو هي شعر، چٽيءَ طرح ظاهر ڪري ٿو:
    اے شیخ امیرون کو مسجد سے نکلوا دے
    ہے ان کی نمازوں سے محراب ترش آبرو
    اسان جي دؤر جون سڀئي اخلاقي بڇڙائيون ۽ انهن جون پيدا ڪيل جنگيون فساد، جنسي ڇڙواڳي، جوئابازي، شراب نوشي، محنت جو کليل طرح استحصال، بئنڪن جو ڪاروباري نظام جنهن جو بنياد وياج تي آهي، ڪڙمت ۽ ڀائيواري وغيره جو علاج رڳو اهو آهي ته الله تعالى جي هيڪڙائي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان ۽ اشتراڪي معيشت کي پنهنجايو وڃي. بين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته پيداواري وسيلن تي ٿورن ماڻهن جو قبضو ختم ڪري، انهن کي مزدورن جي پنهنجو پاڻ ۾ جوڙيل منڊلين جي ملڪيت ۾ ڏنو وڃي. ڇو ته الله تعالى ڏاڍ سان سمورا وسيلا ڪن ٿورن ماڻهن جي لاءِ نه، پر پنهنجن سمورن ٻانهن جي لاءِ پيدا ڪيا آهن. (البقره:29)
    توحيد الاهي جي معنى جتي انساني نفس ۾ اعلى اخلاقي گڻن کي پيوست ڪرڻ آهي، ته جيئن جبلتن جي حيواني گھرجن تي ضابطو آڻي سگھجي، اتي توحيدي معاشري جو قائم ڪرڻ به توحيد جو بنيادي ۽ لازمي گھرج آهي، جنهن کي اڄ جي ٻولي ۾ غير طبقاتي معاشرو چون ٿا. توحيدي معاشري کان سواءِ ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم نٿو ڪري سگھي. ڇو ته جنهن معاشري ۾ هو رهندو آهي، سو اخلاقي برائين کي جنم ڏيڻ ۾ ئي رات ڏينهن رڌل آهي ۽ ماڻهو ننڍڙي ٻار وانگر بيوس ٿي ويو آهي.
    ظلم اهو آهي ته قرآن جي هن چٽي هدايت جي باوجود ته مالدار طبقو ئي سڀني اخلاقي برائين جو منڍ آهي، قرآن ڪريم جو طبقاتي نقطه نظر سان مطالعو نٿو ڪيو وڃي. اڃا به سماجي معيشت، جيڪا اصل ۾ نبين سڳورن جي ٻڌايل معيشت آهي، تنهن کي ۽ ڪارل مارڪس کي ڪچيون گاريون ڏنيون وينديون آهن. مسلمانن جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته اها سرمائيداري ئي مؤمن ٻانهي جو دين آهي. مارڪس جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته هن انساني تاريخ ۾ پهريون دفعو اهو ثابت ڪيو آهي ته هڪ ڪارخاني مان گھڻا ڪارخا ڪيئن ٺهندا آهن. مزدور، جن جي محنت انهن ڪارخانن کي جنم ڏيندي آهي، سي پاڻ بنيادي ضرورتن کان پشت بپشت ڇاجي ڪري محروم ڪيا وڃن ٿا. مارڪس بلڪل نبين جي تعليم موجب اهو چٽيءَ طرح واضح ڪري ڇڏيو ته دولت مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي. ٻيو اهو ته هن انهيءَ ميساريل مذهب کي رد ڪري ڇڏيو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته مالدار جي دولت ۽ مزدور جي غربت الله تعالى جو تقديري فيصلو آهي ۽ انهيءَ کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڏوهه آهي هاڻي اهو مسلمانن ۽ ٻين مذهبن جي پيشوائن جو فرض هو ته اهي ٻڌائن ها ته اها انهن جي مذهب جي حقيقي تعليم نه، پر بگاڙيل مذهب جي آهي.


    اسلامي انقلاب جي ٽين منزل

    قرآن، نصارى، المذڪر والمبشر والهادى

    پس منظر:
    نبي ڪريم ﷺ کي کلي طرح پرچار ڪندي ڏيڍ سال لنگھي ويو هو. انهيءَ عرصي ۾ اها ڳالهه چڱيءَ طرح چٽي ٿي وئي هئي ته دنيا ۾ رڳو ٻن طبقن ۽ ٻن تصورن جي ڇڪتاڻ آهي. هڪ جماعت يا طبقي جو پيداواري وسيلن تي قبضو هوندو آهي جڏهن ته ٻيو طبقو يا جماعت انهن وسيلن کان محروم هوندي آهي. هاڻي انهيءَ ڳالهه کي اسان جي دؤر ۾ معاشي سائنس به ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته معاشرو رڳو ماڻهن جي اجماع تي ٻڌل نه، پر ٻن مخالف معاشي طبقن تي ٻڌل هوندو آهي. انهن مان هڪڙو طبقو، جنهن ۾ ماڻهن جو تعداد ڏهه سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي، سو سڀني پيداواري وسيلن تي قبضو ڪيون ويٺو آهي. اهو مالدارن جو طبقو آهي. زمين، مشينون، کاڻيون، ٻيلا، تيل ۽ گيس جي ذخيرن تي انهن جو قبضو آهي. ٻيو طبقو، جيڪو لڳ ڀڳ نوي سيڪڙو کان به تعداد ۾ وڌيڪ آهي، پيداواري وسيلن کان محروم آهي. اهو پيداواري وسيلن جي مالڪن (جاگيردارن، صنعتي سرمائيدارن، ڪوئلي ۽ سون جي کاڻين جي مالڪن، پئٽرول ۽ گيس جي ذخيرن تي قبضو ڪري ويٺلن) وٽ پنهنجي جسماني ۽ دماغي محنت وڪڻي پنهنجو پيٽ پالي ٿو. مالدار طبقي بدنام فلاحي مملڪت قائم ڪري ڪوڙا واعدا ڪندي، ڪي ٿورڙا سڪا ماڻهن جي اڳيان اڇلائي ڇڏيا ته جيئن اهي پنهنجو حق گھرڻ جي لاءِ احتجاج يا انقلاب آڻڻ جي لاءِ جاکوڙ نه ڪن.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن کان انسان ڪڻڪ اپائڻ شروع ڪئي آهي، انهيءَ وقت کان وٺي زراعت واري دؤر جي شروعات ٿي ۽ انساني معاشرو ٻن طبقن ۾ ورڇجي ويو. قرآن جي مطابق انهن مان هڪڙو طبقو آسودن ۽ وڏائي ڪندڙن تي ٻڌل هو، جيڪو مالدار طبقو آهي. انهيءَ جو ئي اقتدار ۽ پيداواري وسيلن تي قبضو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو علم ۽ تهذيب جي وسيلن تي به قابض آهي. جڏهن ته ٻيو وري اهو آهي، جنهن کي قرآن مستضعفين (هيڻا) ۽ الانام (عام انسان) چوي ٿو. هي اهو طبقو آهي جيڪو اقتدار، پيداواري، علم ۽ تهذيب جي وسيلن کان محروم آهي. اها صورتحال سموري انساني تاريخ ۾ موجود رهي آهي ۽ اڄ به موجود آهي. انهن طبقن ۾ مذهب جي ڪابه سڃاڻ نه آهي. ٻنهي ۾ خدا کي مڃڻ وارا ۽ انڪار ڪندڙ موجود آهن. انهيءَ ڪري معيار مذهب نه، پر پيداواري وسيلن تي قبضو هجڻ يا نه هجڻ آهي. ٻنهي جا اخلاق جدا جدا آهن.
    مڪي ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن (جيڪو حبشه ڏانهن هجرت کان پهريان نازل ٿيو هو) جو مطالعو اسان کي ٻڌائي ٿو ته قرآن مڪمل وضاحت سان هن معاشي ۽ معاشرتي حقيقت کي چٽو ڪري ڇڏيو ته نبين، حڪيمن، ڏاهن ۽ حق جي پانڌيئڙن کي تڪليفون پهچائڻ وارا، غلاميءَ جي اداري کي قائم رکڻ وارا ۽ انهن جي محنت جو استحصال ڪندي پنهنجي دولت ۽ اقتدار ۾ واڌارو ڪرڻ وارا رڳو مالدار ماڻهو ئي آهن. مالدارن جو طبقو ئي سڀني اخلاقي بڇڙائين جو منڍ آهي.
    هن مالدار طبقي جي مفادن جي تائيد ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ وارا مذهبي پيشوا ئي آهن. اسلام ۽ ٻين سڀني مذهبن جو مذهبي علم رکڻ ۽ ان جي حفاظت ڪرڻ وارو طبقو مذهبي عالمن جو طبقو آهي. دنيا جي مذهبن جي عالمن عوام جي ذهن ۾ اها ڳالهه ويهاري ڇڏي آهي ته دولت جي ورڇ الله تعالى پاڻ ڪئي آهي. امير ۽ غريب جي تقدير ٺاهڻ وارو به الله تعالى پاڻ ئي آهي. انهن عالمن قرآن ۽ پاڪ ڪتابن جي تفسير اهڙي طرح ڪئي آهي جو مالدار طبقي جي ڦرمار، انهن جي عياشيءَ جو سامان ۽ انهن جو اقتدار تي قبضو، عوام جي نظرن کان هٽي ويو آهي. انهن مذهبي پيشوائن توحيد الاهي جي تصور کي بگاڙي ڇڏيو آهي ۽ عوام کي ٻڌايو ته رڳو الله تعالى کي اڪيلو مڃي وٺڻ ۽ ٺلهو زباني اقرار ڪرڻ ئي گھڻو آهي. انهيءَ جو معاشرتي عمل سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي. تنهن ڪري توحيدي معاشري جو قيام هڪ دنياوي معاملو آهي. انهيءَ جو مذهب جي بنياد، عقيدن ۽ نيڪ عملن سان ڪو خاص تعلق نه آهي.
    حبشه ڏانهن هجرت کان اڳ ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن جي هر هڪ سورة انهيءَ معاشي ۽ معاشرتي حقيقت جي چٽائي ڪري ٿي.
    رسول الله ﷺ ۽ سندن تصديق ڪرڻ وارن تي جڏهن مڪي وارن ظلم ۽ زيادتين جي حد ڪري ڇڏي ته پاڻ ﷺ عيسائين ڏانهن منهن ڪيو. پاڻ اهو سوچيائون ته گھٽ ۾ گھٽ اهي ماڻهو خدا پرست آهي، انهن سان گڏجي محاذ جوڙيون ۽ الله جي نالي کي مٿانهون ڪريون. انهيءَ دؤر جو قرآن پاڻ ﷺ کي اها ئي تعليم ڏئي ٿو، جيڪا نصراني نبي سڳورا ۽ خاص ڪري حضرت عيسى ؑ ڏيندو هو. هاڻي قرآن پاڻ ﷺ کي بشير (خوشخبري ڏيندڙ)، صديق، صادق الوعد، مشاهد، مبشر، هادي وغيره جهڙا لقب ڏئي ٿو ۽ پاڻ قرآن کي وري رحمت، امر مفصل خطاب، حق، الڪتاب، هدى، نور، ذڪر مبارڪ، بلاغ مبين، ڪتاب مبين، فرقان، احسن الحديث ۽ بشارت سڏي ٿو.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن محسوس ڪيو ته يهودي هڪ مئل قوم آهي ۽ غلامي ۽ جلاوطني ۾ جڪڙيل آهي. رڳو مجوسي ۽ نصارن مان ئي اها اميد ٿي سگھي ٿي ته الله جي حڪومت قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏين. جيتوڻيڪ اهي سڀئي الله جو نالو وٺندڙ هئا، پر خدا پرستي جو جيڪو لازمي جزو يعني نيڪ عملي، تنهن کي ٻئي قومون وساري چڪيون هيون ۽ انهن جا ملڪ گھڻي کان گھڻي زمين جي علائقي تي قبضو ڪرڻ جي حرص ۾ جڪڙيل هئا. باقي انهن ملڪن کان پري، ڪجھه عيسائي راهب ۽ هڪڙو عيسائي ملڪ موجود هو، جيڪو حقيقي تعليم تي عمل ڪندڙ هو. اهو ملڪ حبشه هو. هن ملڪ ۾ آريوس ۽ نسوريس جي عيسائيت رائج هئي. اهي نه ته مريم کي خدا مڃيندا هئا، ۽ نه ئي وري عيسى ؑ کي الله جو پٽ ۽ وارث مڃيندا هئا. انهن جي ٻولي حبشي هئي. اهي ماڻهو، ”الله جو پٽ“ واري اصطلاح کي استعارو سمجھندا هئا، يعني انهيءَ جو ترجمو الله جو پٽ ۽ الله جو وارث نه ڪندا هئا، پر الله وارو نيڪ ماڻهو ڪندا هئا. سوجھرو، اونداهي، نفرت ۽ پيار جي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ ۽ عام مروت ۽ ٻاجهه سان ڊپ ۽ بک جو علاج ڏسڻ وارا حڪيم ۽ نبي هر ملڪ ۽ قوم ۾ اسلام کان پهريان به ٿيا آهن. 277ع ۾ ”ماني“، ايران جي شهر اڪباتنه ۾ پيدا ٿيو. ”ماني“ چيو ته يزدان خدا آهي ۽ اهرمن شيطان آهي. هن چيو ته مان يزدان جي طرف کان خلق خدا جي سڌاري جي لاءِ مقرر ٿيو آهيان. ”ماني“ اهو چوندي سوري تي شهيد ٿي ويو ته روح نور آهي ۽ مادو اونداهي آهي. انهن مان هڪڙو ڀلائي آهي ۽ ٻيو بڇڙائي. ان جي کل لهرائي وئي ۽ ان جي پيروڪارن ۽ اهم اڳواڻن کي ماريو ويو.
    ماني کان پوءِ عام ماڻهن جي فڪرن ۾ هڪ نئي هلچل پيدا ٿي. انهيءَ جو باني ”مزدڪ“ هو. انهيءَ جي تعليم اها هئي ته اشتراڪي روحانيت ۾ دنيا جو ڇوٽڪارو آهي ۽ آسماني بادشاهه تدبر، عقل، يادداشت ۽ خوشيءَ جي ذريعي روحاني دنيا تي حڪومت ڪندو آهي. انهيءَ آسماني خدا سان هن دنيا ۾ ويجھڙائي حاصل ٿي سگھي ٿي ۽ انسان روحن جي هڪ شڪل کان ٻي شڪل ۾ منتقلي کان ڇوٽڪارو ماڻي سگھي ٿو. آخرڪار مزدڪ کي به ماريو ويو ۽ انهيءَ هلچل کي به بڇڙي نموني چٿيو ويو. ماني ۽ مزدڪ جا تصور ايراني ۽ رومي بادشاهتن ۾ پکڙيل هئا. رسول الله ﷺ حبشه ڏانهن هجرت وقت مڪي وارن کان الله جي حڪم موجب ڌيان ڦيرائي پنهنجو منهن مجوسين ۽ نصارن ڏانهن ڪيو هو.
    قرآن ٻڌايو ته ٻين مذهبن ۾ الله جا نالا اسماء حسنى آهن ۽ مسلمانن کي اهي مڃڻ گھرجن. پر توحيد جو اهو تصور عربن، خاص ڪري قريشن جي لاءِ بلڪل نئون هو. قريش به بني اسرائيل وانگر اهو نه گھرندا هئا ته ٻي ڪنهن قوم جي خدا کي پنهنجو الٰه مڃن، ۽ رحمان جي لفظ کي، جيڪو عجمي آهي، عربي ۾ مڃن.
    هن دؤر جي ڪجھه سورتن ۾ الله جو لفظ استعمال ئي نه ٿيو آهي، رڳو رحمان استعمال ٿيو. سورة مريم ۾ الله جو لفظ ڇهه (6) دفعا استعمال ٿيو، جڏهن ته رحمان جو لفظ سورنهن (16) دفعا استعمال ٿيو آهي.
    هن دؤر ۾ دنيا جي مذهبن جي اصل تعليم، جيڪا انهن مذهبن جي پاڪيزه بانين ڏني هئي، بگڙي وئي هئي. قرآن ڪريم دنيا جي مذهبن جي انهيءَ بگاڙيل تعليم کي نئين سر اجاگر ڪيو. مثال طور عيسائيت جي ڪافرانه عقيدن کي رد ڪندي عيسى ؑ کي رڳو الله جو نبي ۽ رسول سڏيو، جيڪو مريم ؑ جي پيٽ مان ڄايو هو.
    1. 321ع ۾ نگائيه جي ڪائونسل آريوس کي ڪافر ۽ لعنتي سڏيو. آريوس عيسى ؑ کي الله جو مٽ ۽ همسري ڪندڙ نه مڃيندو هو ۽ نه ئي الله تعاليٰ ۽ عيسى کي هڪ ئي جوهر مان سمجھندو هو، نه عيسى ؑ پٽ هجڻ جي حيثيت سان قديم ٿي پئي سگھيو. ڪائونسل اهو فيصلو ڏنو ته عيسى ؑ ۽ خدا قديم آهن، عيسى ؑ خدا کان جدا آهي، پر پوءِ به هڪ ئي ذات آهي، ٻئي هڪڙي ئي جوهر مان آهن.
    2. 381ع ۾ پولي ني ايس کي قسطنطنيه جي ڪائونسل کيس انهيءَ ڪري ڪافر سڏيو ته هو عيسى کي انساني روح بدران خدائي روح مڃيندو هو، يعني عيسى ؑ خدا هو ۽ مريم خدا جي ماءُ هئي. پر ڪائونسل جو فيصلو اهو هو ته جيتوڻيڪ عيسى ؑ خدا ته هو، پر هو انسان به هو ۽ مريم انسان جي ماءُ هئي.
    3. 431ع ۾ افيسس جي ڪائونسل نستوريس کي نه رڳو ڪافر سڏيو، پر يهودا غدار کان به وڌيڪ لعنتي سڏيو، ڇو ته هو چوندو هو ته عيسى ؑ جي فطرت انساني هئي. مريم کي خدا جي ماءُ نه ڪوٺڻ گھرجي، پر عيسى ؑ جي ماءُ سڏڻ گھرجي، ڇو ته عيسى ؑ انسان هو. جيتوڻيڪ انهيءَ جي اندر خدائي روح هو. ڪائونسل ٻڌايو ته عسيى ؑ جون ٻئي فطرتون هڪ ئي آهن.
    4. 451ع ۾ خالسيدون (Chalsidon) جي ڪائونسل يوتيجس (Eutyches) کي ڪافر سڏيو. ڇو ته هو چوندو هو ته عيسى ۾ رڳو خدائي روح هو. اهو هڪ جوهري (Mono Physicist) سڏرائيندو هو. مصر ۾ انهن جي گھڻائي هئي ۽ اتي هو قبطي سڏرائيندو هو. اڳتي هلي اها ئي جماعت يعقوبي سڏي وئي. ڪائونسل فيصلو ڏنو ته عيسى ؑ جون ٻئي فطرتون جيتوڻيڪ هڪ ئي آهن، پر جدا جدا به آهن.
    هاڻي انهن چئني فيصلن کي ملايو ته نتيجو انساني سمجھه کان ٻاهر ٿي وڃي ٿو. (1) مسيح خدا ۽ قديم آهي. (2) اهو انسان به آهي. (3) مسيح جون ٻئي فطرتون هڪ ئي ٿي ويون آهن ۽ هڪ ئي آهن. (4) جيتوڻيڪ الڳ به آهن. نتيجو اهو نڪتو جو عقيدن جي انهيءَ مونجھاري واري معاملي عوام جي لاءِ واڳ ڌڻين جي مذهبي فتوائن جي ذريعي موت جو دروازو کولي ڇڏيو هو. ننڍڙي غلطي تي به انهن کي ختم ڪيو ويندو هو. احتسابي مجلسن (Inqusitions) جي تاريخ ظلم ۽ زيادتي کي پيش ڪري ٿي. انهيءَ جي تفصيل تي نظر وجھڻ سان وار ڪانڊارجي وڃن ٿا.
    هن دؤر ۾ مجوسي دنيا جا به اهو ئي حال هو. ماني ۽ مزدڪ کي ختم ڪيو ويو هو ۽ سرڪاري طرح ٻن خدائن واري تصور خلاف ٻڙڪ ٻولڻ وڏو ڏوهه هو، جنهن جي سزا موت هئي.
    هندستان ۾ به انڪار ۽ اقرار ۽ بي ديني جا جيترا به قسم پيدا ٿي سگھن پيا، اهي سڀئي موجود هئا ۽ ديوتائن جي پيدائش ۽ انهن جي جسم وارو هئڻ جي خيالن عوام کي هزارين فرقن ۾ ورهائي ڇڏيو هو.
    مصري ۽ بابلي نسل جي ماڻهن يوناني فلسفي ۽ لوگاس سان جنگ جوٽي هڪ عجيب نظرياتي بيقراري پيدا ڪري ڇڏي هئي. انهن کي ڏکيائي اها سامهون اچي رهي هئي ته جيڪڏهن خدا کي اڪيلو ٿا مڃن ته مسيحؑ خدا نٿو رهي، وري جيڪڏهن مسيح ؑ کي خدا مڃن ٿا ته اها توحيد ختم ٿي وڃي ٿي، جيڪا توريت جي بنيادي تعليم هئي.
    هن وقت دنيا جي مذهبن عقيدن جو جيڪو مونجھارو پيدا ڪيو آهي، انهيءَ ڪري ئي مذهب کي معاشري جي هن وقت اڏاوت ۽ سڌاري جي حدن کان مستقل طور تي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. جڏهن ته مذهبن جي پاڪيزه بانين توحيد الاهي جي تصور کي پيش ڪيو، جنهن کي شهري زندگيءَ ۾ لاڳو ڪرڻ سان طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائي سگھجي پيو. نبيءَ جو موڪلڻ به اهو ئي هو ته ماڻهو پنهنجي مادي ۽ جسماني ضرورتن کان مطمئن ٿي عبادت جي ذريعي الله تعالى وٽ ويجھڙائي حاصل ڪري سگھي. پر پوءِ اچڻ وارن مذهبي پيشوائن عقيدن جي پنهنجي مرضي موجب ۽ مابعد الطبيعاتي تعبيرن سان توحيدي معاشري جي اصل مقصد کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي نتيجي ۾ يورپ جي نئين سر اڏاوت ۽ سڌاري واري دؤر ۾ آخرڪار مذهب جي جاءِ تي سيڪيولرازم کي پنهنجايو ويو.
    جنهن وقت مڪي وارن رسول الله ﷺ ۽ ان جي پوئلڳن تي ايذاء رساني جو سلسلو شروع ڪيو هو، ان وقت 611ع ۾ ايران جو قيساريه تي قبضو ٿي چڪو هو ۽ اوڀر رومي سامراج جي وڏن وڏن شهرن تي ايراني فوجون قبضا ڪري چڪيون هيون. هرقل ملڪ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪئي پر عام عيش پسندي، فرقيواريت ۽ غلامي واري ماحول عوام کي گيدي بڻائي ڇڏيو هو. نتيجو اهو نڪتو جو 614ع ۾ بيت المقدس به ايرانين جي قبضي ۾ هليو ويو ۽ مقدس صليب ۽ پادرين جي مُک سردار کي به تسيفون (Tesiphon) اماڻيو ويو، اهڙي طرح صليب پرستن جي ذلت ۽ خواري آخري حد تائين پهچي چڪي هئي. واپاري قافلن جي اچ وڃ بند ٿي چڪي هئي.
    انهيءَ زماني ۾ مڪي وارن رسول الله ﷺ جي سچار ساٿين تي ظلم ۽ زيادتين جي حد ڪري ڇڏي هئي. ايتري تائين جو رسول الله ﷺ تي به ٺٺوليون ڪيون ۽ کين تڪليفون پهچايون ٿي ويون. اهي اهڙيون حالتون هيون، جن جي هوندي وڏن وڏن ماڻهن جون همتون جواب ڏئي وينديون آهن. پر پاڻ ڪريم ﷺ جي سامهون هڪ مقصد هو، جنهن جي لاءِ وڏي کان وڏي قرباني ڏئي سگھجي پئي. الله تعالى جي طرف کان وري وري مڪي جي مشرڪن کان منهن موڙڻ جو حڪم اچي رهيو هو. انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ انهن ظلمن کي سٺو ۽ ٻين ملڪن جي الله لوڪ ماڻهن سان ناتا جوڙڻ شروع ڪيا.
    ڪجھه تاريخدان چون ٿا ته عرب ان وقت تائين تيار هئا ۽ ان وقت انهن ۾ هڪ قوم جي حيثيت سان ايتري صلاحيت پيدا ٿي چڪي هئي ته اهي انقلاب آڻي سگھن. پر انقلاب پاڻمرادو نه ايندو آهي، انهيءَ جي لاءِ هڪ اهڙي انقلابي رهنما يا اڳواڻ جي ضرورت ٿيندي آهي، جنهن ۾ اڳواڻي جي قدرتي صلاحيت هجي ۽ سڀني تڪليفن ۽ اهنجن کي سهڻ جي اهليت هجي. اهڙو ماڻهو عربن کي محمد ﷺ جي صورت ۾ ملي ويو هو.
    ڪافرن جي شفاعت جو مسئلو: هن زماني ۾ اهو خيال عام هو ته الله هڪڙو آهي ۽ سموري ڪائنات جو خالق آهي. پر اسان جون ديويون، ديوتا، ڀوپا ۽ ٻوڄاري انهيءَ الله وٽ سفارش ڪري سگھن ٿا. عيسائي به اهو ئي خيال ڪندا هئا ته خدا تعالى پنهنجي پٽ کي قربان ڪري ماڻهن جي پيدائشي گناهه کي معاف ڪري سگھي ٿو. پر رسول الله ﷺ جي ذريعي وحي موڪليو ويو ته ٻاجھاري الله جي اجازت کان سواءِ نه ته ڪير سفارش ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪو ڪنهن ٻئي جي گناهه جو ڪفارو بڻجي سگھي ٿو. جيڪو جو پوکيندو سو ئي ان کي لڻندو.
    وَلَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزْرَ اُخْرٰى۝۰ۭ
    سورت الغاشيه:
    پاڻ ڪريمﷺ جن کي مڪي جي مالدارن کان منهن موڙڻ جو حڪم ٿي چڪو هو. ظلم وڌي رهيو هو. انهيءَ ظلم کان نه ته غلام ۽ ٻانهيون بچنديون هيون، ۽ نه ئي وري شريف ماڻهو. رسول الله کي ايذائڻ ۽ انهن جي مٿان ٺٺول ڪرڻ جي رفتار وڌي چڪي هئي. سچار ساٿين جو جيئڻ جنجال ٿيندو پئي ويو. انهيءَ ڪري نبي ڪريم ﷺ پنهنجن اصحابن کي حبشه ڏانهن هجرت ڪري وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ هاڻي وڃڻ وارا موقعي جي ڳولا ۾ هئا.
    الغاشيه (قيامت) جو اچڻ لازمي آهي. زمين، جبل، اُٺ، آسمان سڀني جو ذڪر دليلن جي طور تي ٿيو آهي. قيامت جي ڏينهن عملن جو حساب ڪتاب ٿيندو، انهيءَ ڪري عدل ۽ انصاف جو رويو پنهنجايو ۽ ظلم ۽ زيادتين کان پاسو ڪريو. هن سورت ۾ به جنت ۽ دوزخ جو نقشو چٽيو ويو آهي.
    سورت نباء:
    هن سورت مبارڪه ۾ به جنت جو نقشو ۽ ان جي نعمتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اصل ۾ مڪي دؤر ۾ نازل ٿيل قرآن ۾ لڳاتار ڪائناتي، نفسياتي ۽ تاريخي دليلن ۽ شاهدين سان اها ڳالهه ثابت ڪئي پئي وڃي ته انسان جي سڀني اخلاقي خرابين ۽ معاشرتي گندگين جو ڪارڻ دولت جو ٿورڙن ماڻهن جي هٿن ۾ اچي هڪ جاءِ تي رڪجي وڃڻ آهي. جڏهن ته هن مالدار طبقي جو اقتدار تي قبضو ڪري ظلم ۽ عياشيءَ جو ماحول پيدا ڪرڻ ئي انسان جي بدنصيبيءَ جو اصل ڪارڻ آهي.
    پروگرام اهو آهي ته دولت کي پٺتي پيل طبقن ۾ ورهايو وڃي. دولت جا وسيلا عام ماڻهو جي هٿ وس اچڻ گھرجن. غلامي ۽ محڪوميءَ جو خاتمو ٿيڻ گھرجي. علم ۽ اظهار جي آزادي کي عام ڪيو وڃڻ گھرجي. انهيءَ جي لاءِ انسان کي گھرجي ته هن ڪائنات جي خلقيندڙ جي وجود کي مڃي ۽ قيامت جي قائم ٿيڻ تي ويساهه ڪري. پنهنجن اخلاقن کي انسانذات جي ڀلائي جي بنياد تي بيهاري ۽ پنهنجي پالڻهار جو ذڪر گھڻائي سان ڪندو رهي ته جيئن آخرت واري زندگي ۾ مٿانهون مرتبو حاصل ڪري سگھي.
    انسان جي سڄي تاريخ انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ جي ڪهاڻي آهي. هي ننڍڙو طبقو، جنهن جي قبضي ۾ مال ۽ دولت آهي، پنهنجي اقتدار ۽ ناجائز عياشي کان مڙڻ لاءِ تيار ناهي.
    اسان جي دؤر جي اشتراڪيت پيشوائن جي مذهب کي انهيءَ ڪري رد ڪري ڇڏيو جو اهو مالدار طبقي جي باري ۾ اهو چوي ٿو ته ان کي الله تعالى دولت ڏني آهي. جيڪڏهن هو نبين جي آندل اصل مذهب موجب ائين چوي ته امير ۽ غريب جو فرق دولت جي غلط ورڇ جي ڪري پيدا ٿيو آهي ۽ قرآن جو مقصد انهيءَ غلط ورڇ کي ختم ڪري توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ آهي ته اشتراڪي ماڻهو اشتراڪي مذهبي ماڻهو بڻجي ويندو.
    سورت الدهر:
    هن سورت ۾ به جنت جي نعمتن جو ڪجھه تفصيلي ذڪر آيو آهي. نيڪ ماڻهن جي سڃاڻ هيءَ آهي ته الله جي محبت ۾ مسڪينن، يتيمن ۽ قيدين جي مدد ڪن ٿا. جڏهن ته اهو ڪم بدلي جي اميد تي نٿا ڪن.
    ڏاڍ ۽ اختيار: ماڻهڻ کي حواس ۽ عقل ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن اهي ان کي صحيح ڪم تي لڳائن ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ته انهن کي جنت نعيم ۾ جاءِ ڏني ويندي. جيڪڏهن اهي ناشڪرگذاري، بت پرستي ۽ خود پرستي جي ڪري ڪفر (اونداهي) ۾ پئجي وڃن ته انهن کي دوزخ ۾ اڇلايو ويندو. ڇو ته آسمانن ۾، زمين ۾ ۽ اوسي پاسي جي سموري پکڙيل ڪائنات جي هر شيءِ ۾ دليل موجود آهن. پر انسان دولت ۾ انڌو ٿي انهن دليلن کي نٿو ڏسي سگھي.

    سورت الرحمان:
    هن سورت مبارڪه ۾ سڀ کان پهريان رحمان جو لفظ استعمال ٿيو آهي، جيڪو اسم صفت نه، پر اسم ذات آهي. سورت سبا ۾ رحمان جي باري ۾ تاريخي شاهديون ڏنيون ويون آهن ته يمن جا عيسائي خدا تعالى کي رحمان چوندا هئا. جيئن ته حبشه ڏانهن هجرت جي اجازت ملي وئي هئي، انهيءَ ڪري عيسائي خدا تعالى جي لاءِ جيڪي نالا وٺندا هئا، اهو ئي نالو استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن حبشه جي عيسائين سان دوستي پڪي ٿي وڃي. الله ۽ رحمان ٻئي هڪڙي ئي هستي جا نالا آهن.
    هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هيءُ انهيءَ خدا جو ڪلام آهي، جيڪو ڇڙو عيسائين جو خدا نه آهي، پر سڀني جو خدا آهن. هن ۾ هڪ هڪ شيءِ جو نالو کڻي ٻڌايو ويو آهي ته اهي سڀ عوام جي لاءِ آهن، انهن تي ڪنهن جي ذاتي ٺيڪيداري نه آهي. هن ۾ انسانن سان گڏوگڏ جنن کي به مخاطب ڪيو ويو آهي.
    هن سورت ۾ زمين کي عوام جي ملڪيت سڏيو ويو آهي. تنهن ڪري جاگيرداري نظام غير اسلامي نظام آهي. رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته ڪڙمت، وياج جو ڪاروبار آهي، ڇو ته انهيءَ ۾ محنت جو استحصال ٿئي ٿو.
    هن ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته وقت بدلبو رهي ٿو، ڪائنات ۾ هڪ ارتقائي چرپر ڏٺي وڃي ٿي. الله تعالى هر ڏينهن هڪ نئين شان ۽ مان سان پاڻ پَسائي ٿو. عالمن وقت جي چرپر کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اجتهاد جو دروازو بند ڪيو ويو، پر معاشرو ته ارتقا ڪندڙ آهي، انهيءَ ڪري اجتهاد لازمي آهي. خليفي عبدالحڪيم مديني واري رياست کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو آهي، جنهن کي رجعت پسند قوتن بادشاهيت ۾ بدلائي ڇڏيو.
    سورت ق:
    هيءَ سورت مبارڪه به حبشه ڏانهن هجرت کان پهريان جي آهي. هيءُ دؤر منهن موڙڻ واري حڪم کان شروع ٿئي ٿو. هن ۾ بردباري جي تلقين ڪئي وئي آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته هجرت جي اجازت ملڻ واري آهي. ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين ڏانهن ٿي چڪو هو. سورت الرحمان سان رحمان جي نالي جو ذڪر به شروع ٿي چڪو هو، جيڪو هجرت جي شروعات هئي. هن اسم ذات جي ڪري حبشه جي عيسائين سان هڪ ذهني ڳانڍاپو قائم ٿي وڃي ٿو ۽ انهيءَ ڳانڍاپي حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويندڙن جي حق ۾ تمام ئي هاڪاري ڪردار ادا ڪيو.
    مرڻ کان پوءِ جو انڪار اصل ۾ عقلي استدلال نتيجو نه هو، پر مالدار طبقي جي ظلم ۽ عياشي انهن جي نفس ۾ اها ڳالهه پيدا ڪري ڇڏي هئي ته جيڪڏهن اهي انهيءَ ڳالهه کي مڃين ٿا ته رسول الله ﷺ جي تصديق ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري سندن نفسن انهن جي لاءِ هڪ فريب پيدا ڪري ورتو هو. اصل ۾ فريب (Illusion) عقلي سوم نتيجو نه هوندو آهي، پر نفساني خواهشن جو دٻاءُ ذهن ۾ اهڙا خيال پيدا ڪري ڇڏيندو آهي.
    هن سورت مبارڪه کان پوءِ اصحابن جو پهريون قافلو حبشه ڏانهن هجرت جي لاءِ روانو ٿي ويو، ڇو ته مڪي ۾ ظلم جي حد ٿي چڪي هئي.
    هن سورت ۾ مڪي وارن کي چيو پيو وڃي ته ڏسو، الله جو قانون اٽل آهي. گمراهه ۽ عيش پرست ماڻهو دوزخ ۾ ويندا. جهڙي طرح ساوڪ مري ويندي آهي ته پوءِ وري ڦٽي ويندي آهي. ائين ئي توهان به مرڻ کان پوءِ مٽي سان مٽي ٿي وڃڻ جي باوجود به ٻيهر پيدا ڪيا ويندؤ ۽ توهان کي پنهنجي هر هڪ عمل جو حساب ڪتاب ڏيڻو پوندو. توهان کان پهريان اصحاب الايڪه، قوم تبع، ثمود، عاد، فرعون جي قوم، ۽ لوط جي قوم به برباد ٿي چڪيون آهن. اهي سڀئي پنهنجي بڇڙائين جي ڪري برباد ٿي ويون. اهي به قيامت جي ڏينهن جا انڪاري هئا ۽ عيش ۽ آرام واري زندگي گذاري رهيا هئا.
    خدا ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجھو آهي. اهو دلين جو حال ڄاڻي ٿو. اهو ئي قيامت جي ڏينهن جزا ۽ سزا ڏيندو. سڄي سورت قيامت جي ڏينهن بابت آهي.
    حبشه ڏانهن هجرت کان پوءِ مڪي جي ڪافرن اهو سوچڻ شروع ڪيو ته ظلم ۽ ڏاڍ توڙي کِل ٺٺول سان به هيءَ هلچل ختم ٿيندي نظر نٿي اچي. هاڻي انهيءَ جو مقابلو ڪهڙي طرح ڪيو وڃي؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ڪو هادي، پيغمبر يا مصلح اصلاحي پروگرام کڻي ايندو آهي ته رجعت پسند قوتون پنهنجي بڇڙائين کي ڇڏڻ جي بدران انهيءَ هادي يا مصلح کي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان فنا ڪري ڇڏڻ گھرنديون آهن. اڄ به دنيا ۾ ائين ئي ٿي رهيو آهي.
    نئين سازش: هاڻي ابو لهب جي صدارت ۾ مجلس ويٺي ۽ ڪعبي جي چڱن مڙسن جا پنجويهه ميمبر (سردار) سوچڻ لڳا ته ڪهڙي طرح محمد ﷺ کي شڪست ڏني وڃي. انهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته نبو هاشم ۽ بنو مطلب جو مقابلو ڪرڻ سئولو نه آهي، انهيءَ ڪري ٺاهه اهو ٿيو ته هيڻن کي ماري ڪٽي موٽائي پنهنجي دين تي آڻجي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ تي وري کل ۽ ٺٺول ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهو محمد ﷺ کي معمولي ڀوپو يا جادوگر سمجھڻ لڳن.
    وليد بن مغيره چيو ته مان ڪيترن ئي ڀوپن جون ڳالهيون ٻڌيون آهن، پر جيڪا ڳالهه محمد ﷺ جي ڪلام ۾ آهي، سو هڪ نئون تصور آهي. هن جو ته ڀوپن جي ڳالهين سان ڪو واسطو ئي نه آهي. محمد ڀوپن وانگر اهو نٿو ٻڌائي ته سڀاڻي مينهن وسندو يا نه ۽ سفر جي لاءِ ڪهڙو ڏينهن سڀاڳو آهي يا نڀاڳو. ڏاچي جي پيٽ ۾ نر آهي يا مادي يا بدلو وٺڻ جي لاءِ ڪهڙي ديوتا کان مدد ورتي وڃي. هو انهن سڀني ڳالهين کي هٿ ٺوڪيون ۽ شيطاني سمجھي ٿو.
    ماڻهن چيو ته اسان هن جي ڳالهين کي جادو ۽ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون چئي مشهور ڪنداسين ته اهي ڳالهيون ته اهڙيون ئي آهن، جهڙيون اسان جا جادوگر ۽ شاعر چوندا آهن.
    وليد چيو ته هو ته جادوگري کي به شيطاني وسوسا سڏي ٿو ۽ چوي ٿو ته رب الناس (انسانن جو پالڻهار) انهن کي دوزخ ۾ وجھندو. هو شاعرن وانگر ڍراڙون نٿو هڻي، پر سچا واقعا ٻڌائي چوي ٿو ته شاعرن ۽ جادوگرن تي لعنت موڪليو. رڳو الله جي ٻانهپ تي متفق ٿي وڃو. يتيمن، غريبن، بيواهن ۽ بي سهارن جي مدد ڪريو. بکين کي کاڌو کارايو، هو جادوگرن وانگر کليل وارن ۽ ميرن ۽ گدلن ڪپڙن ۾ به نٿو رهي.
    مجلس وارن چيو ته چڱو پوءِ اسان ان کي چريو سڏينداسون، جيڪو چريائپ واريون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي. هن تي جن چڙهيل هوندو آهي، انهيءَ ڪري ڪير به هن جي ڳالهه نه ٻڌي. انهيءَ تي به وليد چيو ته حاجين، زيارتين ۽ واپارين تي به اها ڳالهه اثر نه ڪندي، ڇو ته اهي محمد جي ڪلام کي سمجھي وٺندا ته اهي ڪنهن جن يا شيطان جون ڳالهيون نه آهن، پر صاف ۽ سئولي عربي ٻوليءَ ۾ سمجھ ۾ اچڻ واريون ڳالهيون آهن.
    مشرڪن آخرڪار قريشن جي عتبه بن ربيعه کي پاڻ ﷺ وٽ موڪليو. هو مڪي جو چڱو مڙس ۽ عرب جي ڪلام جو ماهر هو. هن رسول الله ﷺ کي چيو ته اي محمد ﷺ هن سڄي هل بکيڙي مان آخر تنهنجو ڪهڙو مقصد آهي. جيڪڏهن توکي دولت گھرجي ته اها اسان توکي آڻي گڏ ڪري ڏيون ٿا. جيڪڏهن مرتبو گھرين ٿو ته سڄي مڪي جا واپاري ۽ پوڄاري سڀئي گڏجي توکي پنهنجي سردار ٿا بڻايون. جيڪڏهن ڪنهن سهڻي عورت جي طلب اٿئي ته عرب جي سڀ کان سهڻي عورت توکي پرڻائي ٿا ڏيون. جيڪڏهن ڪنهن جن يا ڀوت تنهنجي مٿان چڙهت ڪئي آهي اسان ان جو علاج ٿا ڪرايون.
    رسول الله ﷺ فرمايو ته مون کي انهن سڀني شين مان ڪنهن به شيءِ جي طلب نه آهي. منهنجو ڪلام ڪنهن شيطان يا جن جو نه آهي، جنهن جو ڪوبه مقصد نه هجي ۽ نه ئي سمجھه ۾ ايندڙ هجي. ان کان پوءِ پاڻ هيءَ آيت تلاوت ڪيائون:
    حٰـمۗ۝۱ۚ تَنْزِيْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ۝۲ۚ كِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰيٰتُہٗ قُرْاٰنًا عَرَبِيًّا لِّــقَوْمٍ يَّعْلَمُوْنَ۝۳ۙ بَشِيْرًا وَّنَذِيْرًا۝۰ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُہُمْ فَہُمْ لَا يَسْمَعُوْنَ۝۴
    ”اي انسان، هي انهيءَ ”رحمان“ جي طرف کان دل تي نازل ٿيو آهي، جيڪو تمام ئي ٻاجھارو آهي. هيءُ ”علم“ ڳجھو نه آهي جو جادو سمجھو، پر چٽا دليل آهن ۽ سمجھه ۾ اچڻ واري ٻولي آهي ته جيئن توهان انهيءَ کي سمجھي سگھو ۽ عمل ڪريو. هي ڪلام جنت جي خوشخبري انهن ماڻهن کي ڏئي ٿو، جيڪي نيڪ عمل ڪن ۽ بڇڙائين لاءِ زور ڀريندڙن کي دوزخ جي تباهيءَ کان ڊيڄاري ٿو. پر توهان ٻڌڻ نٿا گھرو ۽ هن نصيحت کان منهن موڙي ڇڏيو ٿا“.
    عتبه بن ربيعه پهريون دفعو سڌو سنئون هيءُ ڪلام پاڻ ڪريم ﷺ جن کان ٻڌو هو. انهيءَ ۾ نه ته ڪا پيش گوئي هئي ۽ نه ئي وري ڳجھه ڄاڻڻ جي ڪا دعوى. هو سمجھي ويو ته محمد جيڪا هلچل مچائي آهي، انهيءَ ۾ مڪي وارن جو ئي فائدو آهي. هو اهو به مڃي ويو ته جيستائين سڀني قبيلن ۾ ٻڌي ۽ سڀني انسانن ۾ برابري پيدا نٿي ٿئي، اهي ڪڏهن به ترقي ڪري نه سگھندا. هو موٽي ويو ۽ قريش جي سردارن کي چيو چيائين ته منهنجو خيال آهي ته محمد ﷺ کي ان جي حال تي ڇڏي ڏيو. جيڪڏهن هو ڪامياب ٿي ويو ته انهيءَ ۾ اسان جي لاءِ ڀلائي هوندي. پر جيڪڏهن ماريو ويو ته ڳالهه ئي ختم ٿي ويندي. پر پوءِ به مڪي وارن ايمان آڻيندڙن کي پهريان کان به وڌيڪ ايذائڻ شروع ڪيو.
    حبشه جي عيسائين ۽ بنو المطلب ۾ لاڳاپو:
    چوٿين صدي عيسوي ۾ اٿاناسيوس (Athanaseus) جيڪو اسڪندريه جي پادرين جو سردار هو، تنهن 330ع ۾ حبشه جي گادي واري هنڌ آڪسيوم (Auxume) ۾ پهريون وڏو پادري موڪليو هو. هن ملڪ جي عيسائيت جي باري ۾ اهو ئي چئي سگھجي ٿو ته اهو عيسائي فرقن جي پاڻ ۾ ويڙهه کان پاسيرو هو. هتي آڳاٽي زماني کان وٺي يهودي واپار ڪندا هئا. حبشين جو چوڻ هو ته بلقيس راڻي حبشياڻي هئي ۽ حبشين جا بادشاهه انهيءَ جي اولاد منجھان آهن. مسلمان ستين صدي ۾ جڏهن هتي پهتا هئا ته آڪسيوم پنهنجي عروج تي هئو. انهيءَ جو بندرگاهه اڊولس (Adolis) هو. پنجين صدي عيسوي ۾ هتي عيسائي راهبن جي هڪڙي جماعت رهي پئي ۽ انهن جو هن ملڪ تي گھرو اثر پيو.
    عبدالمطلب بن هاشم ۽ حملو ڪندڙ عيسائين ۾ دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي ۽ ابرهه عبدالمطلب جا اٺ موٽائي ڏنا هئا. شايد انهن ئي ڏينهن ۾ هاشم جي يمن ۽ حبشه سان واپار هلندڙ هو ۽ عيسائي قومن سان دوستي به انهيءَ ئي خاندان جي وڏڙن قائم ڪري ورتي هئي.
    رحمان جو انڪار: جيئن ته ابرهه جي حملي واري زماني کان وٺي عيسائين جي اقتدار ۽ انهن جي ديوتائن ۽ خدائن سان هڪ قسم جي نفرت پيدا ٿي چڪي هئي، انهيءَ ڪري جڏهن قرآن ۾ الله تعالى جي لاءِ رحمان جو لفظ استعمال ٿيو ته مڪي وارن سمجھيو ته شايد هاڻي محمد ﷺ عيسائين سان ملي ڪعبي کي گرجا گھر ۾ بدلائڻ جو ارادو ڪيو آهي. انهيءَ ڪري انهن رحمان جو انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته شايد هي يمامه جو رهاڪو آهي.
    انهيءَ زماني ۾ حضرت عبد الله بن مسعودرضه پهريون دفعو ڪعبي جي سامهون بيهي ڪري وڏي آواز سان سورت الرحمان جي تلاوت شروع ڪري ڏني. مڪي وارن ان جي منهن تي ٿڦڙون هڻڻ شروع ڪيون ايتري تائين جو هن جو سڄو منهن رتو رت ڪري ڇڏيو. پر هن مڙس مٿير پوءِ به سورت کي پورو ڪري ئي دم پٽيو. مڪي وارن چيو ” قَالُوْا وَمَا الرَّحْمٰنُ “ يعني اسان رحمان کي نٿا سڃاڻو.

    حبشه جي پهرين هجرت:
    هجرت ڪرڻ واري ڳجھي تياري شروع ڪري ڏني ۽ حبشه جي واپارين سان گڏجي مڪي مان نڪري ويا. هن قافلي ۾ رڳو ٻارنهن مرد ۽ چار زائفون هيون. هن قافلي ۾ حضرت عثمان ۽ سندس زال رقيه بنت رسول الله ﷺ به هئا. عتبه جو پٽ ابو حذيفه زبير (رسول الله جو پفاٽ) مصعب بن عمير عبدري، عبدالرحمان بن عوف، ابو سبره (رسول الله ﷺ جو پفاٽ)، عبد الله بن مسعود (پاڻ ڪريم ﷺ جو خاص خدمتگار) ۽ ڪجھه ٻئي اصحابي سڳورا شامل هئا. اهي واپارين جي ويس ۾ شعيبه جي بندرگاهه وٽ پهتا ۽ اتان کان ٻيڙين ذريعي حبشه پهچي ويا. اها هجرت رجب جي مهيني ۾ ٿي. هن مهيني ۾ ننڍو حج ٿيندو هو جنهن ڪري ويڙهه جھيڙو منع هوندو هو. قريشن جا واپاري قافلا هن ئي سياري جي موسم ۾ ويندا هئا. (رحلة الشتاء)
    رسول الله ﷺ جو مقصد هي هو ته اهي مختلف قومون، جيڪي اڪيلي الله جي پوڄا ڪن ٿيون، پوءِ ڀلي اهي ڪهڙي به نالي سان ان جي پوڄا ڪندڙ هجن، اهي سڀئي گڏجي بي ديني ۽ شرڪ جي خلاف هڪڙو محاذ قائم ڪن. انهيءَ ڪري ئي رحمان جو لفظ به گھڻو ڪري عيسائين سان ڳالهائيندي چيو ويو. انهيءَ جو اثر اهو ٿيو جو حبشه جي بادشاهه مهاجر مسلمانن کي رحمان پرست سمجي پناهه ڏني ۽ قريشن جي حوالي ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي.
    افسوس جو اسان جي عالمن الله تعالى جي مختلف نالن جي اهميت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري مذهبن جي وچ ۾ صلح ۽ محبت پيدا ٿي سگھي پئي ۽ اهڙيءَ طرح انساني هيڪڙائي قائم ٿي وڃي ها. پر عالمن اسلام جي عالمگير حيثيت کي نظرانداز ڪري ان کي به مذهبن جي مختلف گروهن مان هڪرو گروهه بڻائي ورتو. اهري طرح اسلام جو مقصد انساني هيڪڙائي جي قيام بدران رڳو پنهنجي گروهه کي پڏائڻ بڻجي ويو. (مون پنهنجي لکڻي ”اسلامي انقلاب ڪا عهدنامه“ ۾ انهيءَ تي تفصيلي روشني وڌي آهي)
    مشرڪن جڏهن چيو ته توهان جي تعليم شيطاني آهي، ته پاڻ فرمايائون ته شيطاني ۽ رحماني تعليم ۾ فرق هي آهي ته شيطان جا پوڄاري زمين تي ظلم ۽ نفرتون پکيڙيندا آهن، جيئن توهان سچار انسانن سان ڪري رهيا آهيو؛ جڏهن ته رحماني تعليم عدل ۽ انصاف ۽ احسان جي تاڪيد ڪري ٿي، جيڪا سراسر رحمت آهي.
    پوءِ پاڻ فرمايائون ته توهان ڀلي ڪيترا به ظلم ڪريو، لالچون ڏيو، پر مون وٽ ظلمن کان گھٻرائڻ منهنجي حوصلي مند هئڻ واري گڻ جي خلاف ڳالهه آهي. حضرت ابراهيم ۽ موسى عليهم السلام جا صحيفا، زبور ۽ انجيل وغيره، سڀ جو سڀ نور ۽ هدايت آهن. انهن جي تعليم اها آهي ته رڳو الله تعالى کي ئي پنهنجو رب يا آقا مڃيو ۽ ٻانهي هجڻ جي حيثيت سان سڀني انسانن کي هڪجهڙو سمجھو. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيندو ته هر ڪم انساني ڀلائيءَ جي لاءِ ٿيندو. مطلب پرستي جي جاءِ تي محبت ۽ گڏيل ڀلائيءَ جو جذبو قائم ٿيندو ۽ زندگي جنت بڻجي ويندي. ڇو ته مالڪ ۽ آقا جو فرق ختم ٿي ويندو ۽ انسان جون تخليقي قوتون آزاد ٿي ڪري انسانيت جي ڀلائي ۽ خير جي لاءِ ڪم ڪرڻ لڳنديون. جهڙي ريت موسى ؑ حق جي واٽ ۾ مصيبتون برداشت ڪيون، اهڙيءَ ئي طرح مان ۽ منهنجا ساٿي هر سختي کي برداشت ڪندا.
    تڪليفن ڏيڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ جو تمام ئي سخت دؤر: مطلب ته ايمان وارن جي لاءِ هيءُ تمام ئي سخت ۽ آزمائش وارو دؤر هو. مشرڪ تڪليفون ڏيڻ ۽ ٺٺوليون ڪرڻ ۾ ليڪو لنگھي ويا هئا. ياد رکو ته جڏهن به ڪا هلچل اهڙي دؤر ۾ گذري رهي هوندي آهي، ته ان وقت انهيءَ کي آڳاٽن صحيفن واري تعليم ئي صبر ۽ ثابت قدمي تي اتساهيندي آهي ۽ نفرت جي بدران موعظت حسنه يا چپ چاپ مصيبتن کي سهڻ ئي فائديمند هوندو آهي. هيءُ ئي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن تاريخ جي انقلابي تحريڪن جي بانين ۽ ان جي ساٿين تي ٿيندڙ ظلمن جو داستان ٻڌڻ ۽ پڙهڻ سان هنن کي سگھه حاصل ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري ئي الله تعالى جي طرف کان وري وري ڪافرن کان منهن موڙڻ ۽ انتظار ڪرڻ جي تعليم ڏني پئي وئي.

    حبشه ڏانهن هجرت کان پوءِ وارو قرآن
    (1) سورت النجم:
    هن دؤر جو سڀ کان اهم واقعو هن سورت ۾ ڏنو ويو آهي. جڏهن ظلم ۽ زيادتين ۽ ٺٺولين جي باوجود به ايمان آڻيندڙن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو ته انڪارن ڪندڙن رسول الله سان ٺاهه ڪرڻ جي تياري ڪئي. انهن پاڻ ڪريم ﷺ کي چيو ته اسان الله کي مڃون ٿا، جڏهن سمنڊ ۾ اسان جا ديوتا اسان جو ساٿ نه ڏيندا آهن ته اسان الله کي ئي سڏيندا آهيون. اسان اهو به مڃون ٿا ته اسان جا ديوتا ڪا شيءِ پيدا به نٿا ڪري سگھن، پر اهي رڳو اسان جي روزي جو ذريعو آهن. مختلف ملڪن کان ماڻهو ڪعبي ڏانهن اچي پنهنجن پنهنجن خدائن ۽ ديوتائن جي پوڄا ڪن ٿا. اسان الله کي مڃون ٿا ۽ توهان هنن ديويُن کي سفارشي سمجھو، يعني اهي الله تعالى وٽ سفارش ڪري تڪليفن کي ختم ڪرائي سگھن ٿيون. اهي الله جون ڌيئر آهن. انهن موجب لات ۽ منات ۽ عزى به الله جو ڌيئر هيون.
    پاڻ ڪريم ﷺ انهن جي بيهودين ڳالهين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ سمجهايو ته توهان پنهنجي لاءِ ته پٽ پسند ڪيو ٿا، ۽ الله تعالى جي لاءِ وري ڌيئر گھرو ٿا. ائين ڪري توهان الله ۽ ديوتائن کي خوش ڪرڻ گھرو ٿا، جيڪا هڪ واهيات ڳالهه آهي. قرآن چيو ته ڪابه سفارش ڪم نه اچي سگھندي ۽ ڪنهن جو به ٻيو ڪوبه ٻوجھه نه کڻي سگھندو. انسان جيڪو ڪجھه ڪندو، سو ئي ڀريندو. ” وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى۝۳۹ۙ “.
    ڪجھه محدثن جو خيال آهي ته پهريان ته پاڻ ڪريم ﷺ جي طبيعت هن ڳالهه لاءِ آماده ٿي ته انهن ديوين کي شفاعت ڪندڙ مڃي وٺن، ٿي سگھي ٿو ته ان طرح هي ماڻهو آهستي آهستي شرڪ کان مڙي وڃن، پر الله تعالى کين انهيءَ ٺاهه کان پري رکيو ۽ شيطان کين ٿيڙي نه سگھيو.
    هن سورت ۾ حضرت جبرائيل ؑ جو اصلي حالت ۾ رسول الله ﷺ جي سامهون اچڻ، سدرة المنتهى ۽ جنت الماوى جو ذڪر به آهي.
    ابراهيم ۽ موسى جي صحيفن جي بيان ڪيل تعيلم:
    1. ڪو به ٻوجھه کڻندڙ ٻئي ڪنهن جو ٻوجھه نه کڻندو.
    اَلَّا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزْرَ اُخْرٰى۝۳۸ۙ
    2. انسان جي حصي ۾ اوترو ئي اچي سگهي ٿو، جيترو انهيءَ جي لاءِ هن ڪوشش ڪئي هوندي.
    وَاَنْ لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى۝۳۹ۙ
    3. ان جي ڪئي ويل ڪوشش کي جلد ئي جاچيو ويندو ۽ انهيءَ موجب کيس جزا ۽ سزا ڏني ويندي.
    وَاَنَّ سَعْيَہٗ سَوْفَ يُرٰى۝۴۰۠ ثُمَّ يُجْزٰىہُ الْجَزَاۗءَ الْاَوْفٰى۝۴۱ۙ
    4. آخرڪار توهان کي پنهنجي پالڻهار وٽ پهچڻو آهي.
    وَاَنَّ اِلٰى رَبِّكَ الْمُنْتَہٰى۝۴۲ۙ
    5. اهو ئي کلائي ۽ اهو ئي روئاري ٿو.
    وَاَنَّہٗ ہُوَاَضْحَكَ وَاَبْكٰى۝۴۳ۙ
    6. انهيءَ ئي موت ڏنو ۽ انهيءَ ئي زندگي بخشي.
    وَاَنَّہٗ ہُوَاَمَاتَ وَاَحْيَا۝۴۴ۙ
    7. انهيءَ ئي ڦڙي مان، جڏهن اهو (ڳهڻ ۾) هاريو وڃي، نر ۽ مادي جوڙو جوڙو ڪري پيدا ڪيو.
    وَاَنَّہٗ خَلَقَ الزَّوْجَيْنِ الذَّكَرَ وَالْاُنْثٰى۝۴۵ۙ مِنْ نُّطْفَۃٍ اِذَا تُمْنٰى۝۴۶۠
    8. ٻي زندگي بخشڻ به انهيءَ جي قدرت آهي.
    وَاَنَّ عَلَيْہِ النَّشْاَۃَ الْاُخْرٰى۝۴۷ۙ
    9. انهيءَ ئي آسودو ڪيو ۽ مال ملڪيت بخشي.
    وَاَنَّہٗ ہُوَاَغْنٰى وَاَقْنٰى۝۴۸ۙ
    10. اهو ئي شعرى جو رب آهي.
    وَاَنَّہٗ ہُوَرَبُّ الشِّعْرٰى۝۴۹ۙ
    11. انهيءَ ئي عاد وارن کي تباهه ۽ برباد ڪيو ۽ ثمود وارن کي اهڙو مِٽائي ڇڏيو جو انهن مان ڪنهن کي به پوئتي نه ڇڏيو.
    وَاَنَّہٗٓ اَہْلَكَ عَادَۨا الْاُوْلٰى۝۵۰ۙ وَثَمُوْدَا۟ فَمَآ اَبْقٰى۝۵۱ۙ
    12. انهن کان پهريان نوح ؑ جي قوم کي تباهه ۽ برباد ڪيو، ڇو ته اهي تمام ئي ظالم ۽ باغي هئا ۽ اونڌي ڪري سٽيل وسندي کي کڻي ڪري اڇلايو.
    وَقَوْمَ نُوْحٍ مِّنْ قَبْلُ۝۰ۭ اِنَّہُمْ كَانُوْا ہُمْ اَظْلَمَ وَاَطْغٰى۝۵۲ۭ وَالْمُؤْتَفِكَۃَ اَہْوٰى۝۵۳ۙ
    13. پوءِ ڇانئجي ويو اهو، جيڪو ڇائنجي ويو.
    فَغَشّٰـىہَا مَا غَشّٰى۝۵۴ۚ
    14. پوءِ اي ٻڌندڙ! تون پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن جي باري ۾ شڪ ڪندين؟
    فَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكَ تَتَـمَارٰى۝۵۵
    15. هيءَ پهريان وارين تنبيهن منجھان هڪ تنبيهه آهي.
    ھٰذَا نَذِيْرٌ مِّنَ النُّذُرِ الْاُوْلٰى۝۵۶
    مشرڪن هيءَ خبر مشهور ڪري ڇڏي ته پاڻ ڪريم ﷺ سان ٺاهه ٿي ويو آهي. شوال 5 نبوي ۾ جڏهن اها خبر حبشه پهتي ته مهاجر مسلمان خوش ٿي مڪي موٽي آيا جتي اچي کين خبر پئي ته اهو ڪافرن جي هڪڙي شيطانگيري هئي.
    وحي خدائي جو انڪار ڪندڙن ۽ عيسائين جي شفاعت واري ۽ ڪُفاري واري نظريي کان هن دؤر ۾ هر هر انڪار ڪيو ويو ۽ سمجھايو ويو ته ڪوبه ديوتا نه ته سفارش ڪري سگھي ٿو ۽ نه ئي وري ڪابه قرباني ڪنهن بڇڙائي کي پنهنجي رت سان ڌوئي سگھي ٿي. هر هڪ عمل جي جزا ۽ سزا پڪي آهي. انسان پنهنجي مرضي جو مالڪ آهي. نيڪي ۽ بدي جي معاملي ۾ کيس اختيار حاصل آهي ته جيڪو گھري سو رستو اختيار ڪري سگھي ٿو. عمل ۽ ان جي نتيجي ۾ سبب ۽ مسبب جو لاڳاپو آهي. لَّيْسَ لِلْاِنْسَانِ اِلَّا مَا سَعٰى.
    اسلام تي هيءُ الزام آهي ته اهو قسمت تي شڪر ڪندو رهڻ ۽ بي عملي جي زندگي سيکاري ٿو. پر حقيقت ۾ انهيءَ جو بنيادي نظريو ئي صالح عمل ڪرڻ آهي، جنهن جو هڪڙو مقرر ڪيل مقصد آهي.
    حبشه جي مختلف عيسائي فرقن کي مهاجر مسلمانن جي ذريعي جيڪا تعليم ڏني وئي سا هيءَ هئي:
    ”الله تعالى کي پٽ جي ڪابه حاجت نه آهي، انهيءَ ڪري دنيا وارا سمجھن ٿا ته اسان جي مرڻ کان پوءِ اسان جي ملڪيت جو وارث ڪير ٿيندو؟ جيڪڏهن پٽ نه ٿيو ته پوءِ هيءَ دولت ڪهڙي ڪم ايندي؟ يا جيڪڏهن ڪنهن سان ويڙهه ٿئي ته انهيءَ صورت ۾ پٽ ساٿ ڏيندا آهن، پر الله تعالى کي ته موت ئي نه آهي. هو سدائين جي لاءِ زنده ۽ سدائين بيهڪ وٺندڙ آهي. کيس ڪنهن به وارث جي ضرورت نه آهي. هو هر شيءِ تي وس رکندڙ ۽ سگھارو آهي. کيس ڪنهن به مددگار جي ضرورت نه آهي. هو مريم جو مڙس نه آهي ۽ نه ئي عيسى ؑ ان جو پٽ هو ۽ جيڪڏهن اهو الله جو جزو هجي ها ته ان کي موت ئي نه اچي ها. الله تعالى جو ڪوبه مٽ مائٽ ۽ برابري ڪرڻ وارو نه آهي“.
    هاڻي رهيو اهو سوال ته جيئن ته عيسى ؑ بنا پيءُ جي پيدا ٿيو ته پوءِ پڪ سان سندن پيءُ خدا ئي هوندو. انهيءَ جو جواب هيءُ آهي ته اهو الله جيڪو مٽيءَ مان آدم کي بنا پيءُ جي پيدا ڪري سگھي ٿو، جنهن ذڪريا ؑ جهڙي ڪراڙي ۽ ان جي سنڍ زال کي اولاد ڏني سو انهيءَ ڳالهه تي به وسوارو آهي ته اهو ڪنهن عورت جي پيٽ مان بنا پيءُ جي پٽ پيدا ڪري. ان جو مطلب اهو بلڪل به نٿو ٿي سگھي ته اهو الله جو پٽ آهي.
    الله تعالى جي عظمت ۽ قدرت جو ڪو ڪاٿو ئي نه آهي. اهو ئي مئل زمين مان پوکون ۽ جيئري انسان ۾ مئل ٻچو پيدا ڪري ٿو. اهو ئي سائي وڻ مان باهه پيدا ڪري ٿو، هو جيڪو گھري سو ڪري سگھي ٿو. اهو ئي مرڻ کان پوءِ، جڏهن توهان مٽيءَ سان ملي مٽي ٿي ويندؤ، بلڪل ئي وسارجي ويندؤ تڏهن هو توهان کي قيامت جي ڏينهن ٻيهر اٿاريندو. ڏسو اهڙي قسم جو قصو توهان جي ئي ڪتابن ۾ به غار وارن ۽ سندن نالي واري ڪتبي جي باري ۾ به ذڪر ٿيل آهي ته سوين سال مئل رهڻ کان پوءِ ڪيئن جيئرا ٿي پيا (سورت ڪهف)، ته پوءِ هنن ڳالهين تي حيرت ۾ پوڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ الله تعالى ته مئلن کي جيئرو ڪندڙ آهي. پوءِ ڇا هو اهو نٿو ڪري سگھي ته ڪنهن کي بنا پيءُ جي پيدا ڪري سگھي. تنهن ڪري اهو چوڻ ته عيسى ؑ جي پيءُ جو نالو قرآن ۾ نه آيو آهي، جڏهن ته انهيءَ سان ملندڙ جلندڙ تعليم انجيل ۾ به آهي، ته پوءِ توهان انهيءَ ملندڙ جلندڙ آيت کي مڃي اهو نتيجو ڪڍو ٿا ته عيسى جو پيءُ الله هو؛ ايئن چوڻ بلڪل ئي غلط ڳالهه آهي. توهان هن ملندڙ جلندڙ آيت کي ته مڃيو ٿا، پر هن چٽي آيت کي ڇو نٿا مڃو جنهن ۾ چٽيءَ طرح چيو ويو آهي ته الله تعالى نه ڪنهن جو پٽ آهي ۽ ئي وري هو ڪنهن جو پيءُ آهي؟
    (2) سورت الملڪ:
    قريش جا مشرڪ ماڻهو سمجھندا هئا ته انهن ديوين کي ڳجھه جي ڄاڻ هوندي آهي، ۽ شيطان انهن کي اهي ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌائيندو آهي. هن سورت ۾ انهن کي چيو ويو آهي ته ڳجھه جي ڄاڻ الله کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به نه آهي. توهان جون ديويون، توهان جي جادوگرن ۽ شاعرن مان ڪنهن کي به ڳجھه جي ڄاڻ حاصل نه آهي. اهي معبود جن کي توهان سڏيو ٿا، سي ڪنهن به شيءِ جا خلقيندڙ نه آهن، تنهن ڪري اهي توهان جو سڏڻ نٿا ٻڌي سگھن.
    هن سورت ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته ڪائنات ۾ ايتري ته ڪامليت آهي جو انسان کي انهيءَ ۾ ڪٿي به ڪا اوڻائي نظر نٿي اچي سگھي. ائين ئي انسان جا عمل ۽ انهن جا نتيجا به هر حال ۾ ظاهر ٿيڻا آهن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ ڪا به اوڻائي نه اچي. تنهن ڪري انهن ديوتائن جي بدران الله تعالى جي پوڄا ڪريو، جيڪو هيشه جيئرو ۽ هميشه بيهڪ وٺندڙ توڙي ۽ علم وارو ۽ هر شيءِ جي خبر رکندڙ به آهي.
    هن سورت جي اندر دوزخ جو هنيانءُ ڏاريندڙ نقشو چٽيو ويو آهي. هن ۾ رحمان جو لفظ به ڪيترائي دفعا آيو آهي.
    (3) سورت حٰم الاحقاف:
    هن سورت مبارڪه ۾ قرآني تعليم کي تورات جي تعليم جهڙو ڏسيو ويو آهي ۽ انهيءَ کي نيڪو ڪارن جي لاءِ خوشخبري (انجيل) سڏيو آهي. خوشخبري جو لفظ عيسائي تعليم جو لفظ آهي. قرآن هتي للڪاريو آهي ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته هن جهڙي تعليم ٺاهي کڻي اچو. اصل ۾ قريش جي انڪار ڪندڙن جي اڳيان ٽي ڳالهيون هيون، جن کي ڪوڙو ڪري اهي پنهنجي پراڻي ۽ ابن ڏاڏن واري مذهب کي تحفظ ڏيڻ گھرن پيا.
    1. پهريون اهو ته الله تعالى اڪيلو ۽ بي مثل نه آهي. اهي سندس قدرت ۽ ارادي ۾ شيطانن، جنن، ديوين ۽ ديوتائن کي به ڀائيوار سمجھندا هئا.
    2. الله تعالى پنهنجا پيغام شيطانن ۽ جنن جي ذريعي ئي موڪليندو آهي. ڇو ته اهي سندس بادشاهت ۽ سگھه ۾ ڀائيوار آهن. انهيءَ ڪري انهن وٽ قرآن به يا ته شيطاني ڪلام آهي يا وري پنهنجو پاڻ ٺاهيل آهي. انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ الله جا رسول نه آهن.
    3. اهي چوندا هئا ته اسان جي شيطانن سدائين اسان کي اهو ٻڌايو آهي ته جيڪو وڻيو سو ڪريو، ظلم، بدلي ۽ بڻ بڻياد وغيره تي وڏائي ڪريو. ڪابه اهڙي قوت نه آهي، جيڪو ٻيهر پيدا ڪري سزا ڏئي سگھي. مطلب ته اهي ڪنهن به طرح سان عملن جي بدلي واري ڏينهن ۽ حاڪمن جي حاڪم کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه هئا. انهن جو مطالبو هو ته جيڪڏهن ڪا اهڙي طاقت آهي، ته انهيءَ جي ڪا ثابتي (نشاني) کڻي اچو ته انهيءَ ئي توهان کي موڪليو آهي.
    پاڻ ڪريم ﷺ هر دفعي قرآني جواب ڏنا ۽ ٻڌايو ته:
    1. جيڪڏهن ڪائنات جو خلقيندڙ هڪ الله نه هجي ها ۽ ٻه يا ٻن کان وڌيڪ خدا هجن ها ته تمام وڏو بگاڙ (Ghoas) پيدا ٿي وڃي ها ۽ هيءَ ڪائنات (Cosmos) صحيح سلامت نه رهي سگھي ها.
    2. جيڪا هستي پهريون ڀيرو خلقي سگھي ٿي، ته اها ٻيهر به خلقڻ تي وسواري آهي. انهيءَ ڪري مرڻ کان پوءِ جيئرو ٿي اٿڻ هڪ پڪي ڳالهه آهي.
    3. جيڪڏهن جادوگر ۽ ڀوپا شيطان جا قاصد ٿي سگھن ٿا، ته پوءِ ڇا جي ڪري نبي ۽ رسول الله تعالى جا قاصد نٿا ٿي سگھن؟
    4. الله جي وجود جو اهو ئي ثبوت آهي ته اهو هر شيءِ جو خلقيندڙ آهي ۽ سڀني ديوتائن ۽ شيطانن ڪابه شيءِ نه خلقي آهي. اهي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي سگھه کان به محروم آهن. اها ئي الله تعالى جي وجود جي آيت (نشاني ۽ معجزو) آهي.
    5. جهڙي ريت جادوگرن ۽ ڀوپن جو ڪلام پنهنجي بڇڙي تعليم جي ڪري شيطاني ڪلام ثابت ٿئي ٿو، ۽ اها ئي ان جي آيت (نشان يا ثابتي) آهي؛ اهڙي ئي ريت الله تعالى جي رسولن جو ڪلام انهن جي سٺي تعليم جي ڪير رحماني ثابت ٿيندو آهي. اها ئي شيطاني ۽ رحماني ڪلام جي نشاني آهي. اها ئي اها ڪسوٽي آهي، جنهن تي اها پرک ڪري سگھجي ٿي ته ڪري شيطان جو قاصد آهي ۽ ڪير الله جو رسول آهي.
    قرآن ڪريم ٻڌايو آهي ته هيءَ تعليم قرآن جي ذريعي ڏني پئي وڃي. پهرين صحيفن ۾ به اها ئي تعليم ڏني وئي هئي. جيئن ته رسول الله ﷺ پاڻ به فرمايو آهي ته مان ڪو ٻين کان الڳ ٿلڳ رسول نه آهيان ”اِيْتُوْنِيْ بِكِتٰبٍ مِّنْ قَبْلِ ھٰذَآ اَوْ اَثٰرَۃٍ مِّنْ عِلْمٍ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ“ (الاحقاف:4)
    هن سورت جي نازل ٿيڻ وقت ايمان آڻيندڙن کي ايذائڻ جو عمل پنهنجي اوج تي هو. انهيءَ ڪري نبي ڪريم ﷺ کي چيو ويو آهي ته هو پهريان اچڻ وارن مضبوط ارادن وارن رسولن وانگر صبر ڪن، جهڙي طرح حضرت عيسى ؑ کي ايذايو ويو ۽ انهن صبر ڪيو.
    قرآن ٻڌايو آهي ته ڳجھه جون خبرون آڻيندڙ ساهه واري مخلوق ٻن قسمن جي آهي. هڪڙا ملائڪ آهن جيڪي نور جا خلقيل آهن. ٻيا جن آهن جيڪي باهه مان پيدا ٿيل آهن. ملائڪن وانگر اهي به اسان جي اکين کان اوجھل رهن ٿا. ڪي جِنَ ايمان وارا به هوندا آهن. هن سورت کان پهريان چيو ويو هو ته جنن کي ڳجھه جي ڄاڻ نه هوندي آهي، جڏهن ته هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنن جي هڪڙي ٽولي قرآن ٻڌو ۽ ان جي تصديق ڪئي، ان کي ڀلو ڪلام سڏيو ۽ چيو ته هي اهڙو ئي ڪلام آهي، جهڙو حضرت موسى ؑ ۽ ٻين نبين تي نازل ٿيو هو. مقصد اهو آهي ته جڏهن جن به مڃين ٿا ته سٺو ڪلام الله تعالى ئي موڪليندو آهي، ته پوءِ انهن شيطان جي پوڄارين کي به مڃڻ گھرجي ته اهي به ڀوپي گيري ۽ جادوگري کي ڇڏي ڏين ۽ قرآن جي سچائي کي مڃين.

    (4) سورت الدخان:
    هن سورت پاڪ ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر آهي، ته جڏهن قريش جي انڪار ڪندڙن جا مسلمانن مٿان ايذاءَ تمام ئي سخت ٿي ويا ته رسول الله ﷺ دعا ڪئي ته حضرت يوسف ؑ جي زماني جهڙو ڏڪر پيدا ڪر ته جيئن هي ماڻهو سنئين واٽ تي اچي وڃن. آخرڪار سخت ڏڪر پيدا ٿي ويو جيڪو ايترو ته سخت هو جو ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ قريش جي سردارن جو وفد رسول الله ﷺ وٽ آيو ۽ ڏڪر جي خاتمي جي لاءِ دعا جي لاءِ عرض ڪيو، پر ان جي باوجود به اهي اڳي وانگر مخالفت، ٺٺوليون ڪندا ۽ ايذاءَ ڏيندا رهيا.
    هن سورت ۾ فرعون جو مثال ڏنو ويو آهي ته هُن حضرت موسى ؑ جي مخالفت ڪئي ۽ بني اسرائيل کي پوءِ به غلام بڻائي رکيو. نتيجي ۾ کيس درياءَ ۾ ٻوڙيو ويو. انهيءَ مثال سان قريشن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته محمد ﷺجي مخالفت جي ڪري توهان جو حشر به فرعون جهڙو ئي ٿيندو.
    قيامت جي ڏينهن جي اچڻ جو هڪڙو دليل هيءُ به آهي ته هن عقيدي کان سواءِ انساني نفس ۾ سٺن اخلاقن جو پيوست ٿيڻ ممڪن ئي نه آهي. ٻيو اهو ته ڪائنات ڪا راند نه آهي، پر هڪ حڪيماڻي نظام ۽ هڪ مقصد هيٺ وجود ۾ آئي آهي. قيامت جي لاءِ جلدي نه ڪريو، ڇو ته اها پنهنجي وقت تي ضرور ايندي ۽ عملن جو حساب ڪتاب ڪيو ويندو.

    (5) سورت اخلاص:
    هن سورت ۾ ڳالهه ٻولهه گھڻو ڪري عيسائين سان آهي، جيڪي حضرت عيسى ؑ کي الله جو پٽ مڃيندا هئا. انهيءَ ۾ شرڪ جي هر شڪل کي رد ڪيو ويو آهي.
    (6) سورت الصف:
    هن سورت پاڪ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قرآن حق جو ڪلام آهي ۽ ڪو جادو نه آهي. حضرت محمد ﷺ نه شاعر آهي ۽ نه ئي ڪو جن جو اثر ٿيل اٿس، پر هي ته حضرت ابراهيم ؑ جي تعيلم ڏئي ٿو. جن سان توهان پنهنجو نسبي لاڳاپو قائم ڪريو ٿا ۽ ان تي فخر ڪريو ٿا، جنهن ۾ بت پرستي هڪ ڏوهه آهي. حضرت ابراهيم ؑ سڀني بتن کي ڀڃي ڇڏيو هو ۽ الله تعالى جي راضپي جي لاءِ پنهنجي پٽ کي قربان ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو هو. تاريخ شاهد آهي ته توهان کان پهريان نوح ؑ، موسى ؑ، هارون ؑ، الياس ؑ، يونسؑ ۽ لوط ؑ جهڙن نبين جون قومون پنهنجي انڪار ۽ وڏائي جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي چڪيون آهن. محمد ﷺ جي مخالفت جو نتيجو به اهو ئي ٿيندو. جنهن عذاب جي لاءِ توهان تڪڙ لائي ڏني آهي سو جلد ئي توهان جي سامهون اچي ويندو ۽ محمد ﷺ توهان جي مٿان سوڀارو ٿي ويندو. جيئن ته ڳالهه ٻولهه عيسائين سان ٿي رهي آهي، انهيءَ ڪري بائيبل ۽ انجيل ۾ آيل نبين جو ذڪر ڪري عيسائين کي ٻڌايو پيو وڃي ته شرڪ کي ڇڏي، محمد ﷺ تي ايمان آڻيو جيڪو انهن ئي نبين جي تعليم ڏئي رهيو آهي جن کي توهان سڃاڻو ٿا ۽ توهان جي ڪتابن ۾ انهن جو ذڪر موجود آهي.

    (7) سورت السجده:
    هن سورت ۾ دليلن سان الله تعالى جي هستي، قيامت جي ڏينهن ۽ قرآن حڪيم جي الله تعالى وٽان نازل ٿيل هجڻ جا دليل آهن. عيسائين کي ٻڌايو ويو آهي ته جهڙي طرح موسى جو ڪتاب حق پرستي سيکاري ٿو، اهڙيءَ ئي طرح قرآن به الله تعالى جي فرمانبرداري ۽ ڀلائيءَ جي تعليم سيکاري ٿو. هن سورت ۾ انسان اندر خدائي روح جي ڦوڪجڻ جو ذڪر آهي، جنهن جي ڪري انسان ٻي هر مخلوق کان الڳ حيثيت اختيار ڪري ويو ۽ انسان جي اندر علم، فڪر، سمجھه، ارادي، فيصلي ۽ اختيار جهڙا گڻ پيدا ٿي پيا. تنهن ڪري انهن گڻن کان ڪم وٺي انهيءَ تعليم کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو، جيڪا محمد ﷺ ڏئي رهيا آهن.

    (8) سورت مريم:
    هن سورت جي نازل ٿيڻ کان پوءِ حبشه جي ٻي هجرت ٿي. هن ۾ لفظ رحمان هر هر آيو آهي ۽ رسول الله ﷺ فرمايو آهي ته مان رحمان کي مڃان ٿو ۽ عيسى ؑ وانگر خوشخبري ڏيندڙ آهيان ۽ پڪ سان الله تعالى ۾ هيءَ طاقت آهي ته نه رڳو هڪ سنڍ عورت کي ئي پٽ ڏي، پر هو ڪنواري عورت کي به پٽ ڏئي سگھي ٿو.
    حبشه ڏانهن ٻي هجرت:
    جڏهن مڪي جا مهاجر واپس آيا ته انهن ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ٿيو آهي. مڪي وارا اڳي وانگر رحمان ۽ قيامت جي ڏينهن جو انڪار ڪري رهيا آهن انهيءَ ڪري وڏي حج جي موسم (ذي الحج 5 نبوي) ۾ اصحابي سڳوارا ٻيهر حبشه جي سردارن جي قافلي سان گڏجي هجرت ڪري ويا. محرم 6 نبوي تائين ٽرياسي (83) مرد ۽ يارنهن عورتون ۽ ٻار حبشه پهچي ويا هئا. هن دفعي انهيءَ جماعت جو اڳواڻ حضرت جعفر بن ابي طالب رضه هو. انهن سڀني ماڻهن کي اهو قرآن ياد هو، جيڪو انهيءَ زماني ۾ نازل ٿيو هو. انهيءَ ۾ گھڻو ڪري انهيءَ سچي عيسائي تعليم جو ذڪر هو، جنهن هيٺ قرآن مجيد توريت ۽ انجيل کي به هدايت جو نور ٻڌايو آهي.
    نجاشي جي درٻار ۾ حضرت جعفر بن ابي طالب مسلمانن جي طرفان تقرير ڪئي. انهيءَ ۾ سورت مريم جي تلاوت ڪئي جنهن کي ٻڌي ڪري پادري ويندي نجاشي بادشاهه به روئي ڏنو. انهن مڪي جي ڪافرن جي مقابلي ۾ هي لفظ چيا ته هُو عَبۡدالله ”و رَسُوۡلُه وَ رُوۡحَه وَ کَلِمَتَه اَلۡقَاهَا اِليٰ مَرۡيَم الۡعَذۡرا البَتُول“ نجاشي اهو ٻڌي ڪري مڪي وارن جي وفد جا تحفا واپس ڪري ڇڏيا ۽ مسلمانن کي پناهه ڏني.
    عام ماڻهن جو اهو خيال غلط آهي ته نبي ڪريم ﷺ ۽ مڪي وارا اهو نه ڄاڻيندا هئا ته دنيا ۾ ڪهڙيون قومون آباد آهن ۽ انهن جي دينن جو ڪهڙو ڪلمو آهي. حقيقت اها آهي ته نبي ڪريم ﷺ جن دينن جي حقيقت کي سمجي ورتو هو. قرآن ڪريم ۾ انهن دينن جو جيڪو ذڪر آيو آهي، سو انهيءَ جي ڪري تفصيلي نه آهي ته جن ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ٿي وئي سي انهن دينن جي تفصيلن کان آگاهه هئا. جيئن ته قرآن بنيادي ڳالهين ڏانهن متوجهه ڪرائڻ گھري پيو، انهيءَ ڪري هن عيسى ؑ جي خدائي جو بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ان جي سوريءَ چاڙهڻ کان پوءِ جي باري ۾ نه ٻڌايو ته اهو ڪيڏانهن ويو.
    حضرت ابوبڪرؒ به هجرت ڪري ويو هو، پر رستي ۾ کيس ابن الرغنه جيڪو بنو قاره جو سردار هو، ملي ويو ۽ اهو کيس پنهنجي پناهه ۾ واپس مڪي وٺي آيو. ڪجھه وقت کان پوءِ حضرت ابو بڪرؒ ان جي انهيءَ پناهه کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ الله تعالى جي ڀروسي تي صبر ۽ بردباريءَ سان، الله جي واٽ ۾ جيڪا تڪليف آئي، انهيءَ کي سهندو رهيو.

    کليل طرح تبليغ جو ٽيون سال ۶ نبوي:
    مڪي ۾ کليل طرح تبليغ جا ٽي سال پورا ٿي ويا هئا. وڏي حج جا جنهن آيا ۽ واپارين ۽ زيارتين جي ساڳي ئي موڙي رهي. انهيءَ ڪري معاشي تنگي ۽ عام بد امني قريشن جي پريشاني کي اڃا به وڌائي ڇڏيو. شام ۽ عراق جون بازاريون بند پيون هيون. هاڻي حبشه وارن سان به نفرت وڌي وئي هئي. انهن حالتن ۾ جيڪا ڪاوڙ ۽ ڪروڌ پيدا ٿي رهيو هو سو سڀني مسلمانن تي تمام گھڻي ظلم ۽ زيادتين جي شڪل ۾ لاٿو ٿي ويو. انهيءَ دؤر ۾ ڪجھه اهڙا واقعا به ٿيا، جيڪي اسلام جي ايندڙ تاريخ ۾ تمام وڏي اهميت اختيار ڪري ويا؛ مثال طور وحي ۽ رسالت، نبين جي پاڪدامني، معجزو ۽ قرآن جو شان وغيره، هن سورت جي اندر قرآني لفظن ۾ انهن مسئلن جو جواب ڏنو وڃي ٿو.
    (9) سورت الطور:
    (للڪار ته رڳو قرآن ئي معجزو نه آهي، پر سڀئي خدائي ڪتاب به معجزو آهن)
    سورت الطور ۾ آخرت ۽ عملن جي جزا ۽ سزا کان سواءِ جيڪا نئين تعليم ڏني وئي آهي، سا مڪي جي ڪافرن جي لاءِ للڪار آهي ته اهڙو ڪلام آڻيو، جيڪو هن جهڙو هجي. اها للڪار سڀني ڀوپن، جادوگرن ۽ شاعرن جي لاءِ هئي.
    پاڻ ڪريم ﷺ دنيا وارن کي پهريون دفعو ٻڌايو ته ڳجھه جي ڄاڻ الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪنهن کي به نٿي ٿي سگھي ۽ اهو ئي جنهن ٻانهي لاءِ گھري، انهيءَ تي مهرباني ڪري ڳجھه جي ڳالهين کي ظاهر ڪري ٿو. موجوده سائنس ۽ فلسفي جي ڄاڻ رکندڙن انهيءَ ڳالهه کي يڪراءِ مڃيو آهي ته قدرت جي قانونن جو انڪشاف (ظاهري طرح) سوچ ويچار سان نٿو ٿئي پر اوچتو ئي اوچتو هڪ انسان تي الهامي طريقي يا لاشعوري نفسياتي واقعي جي طور تي قدرت جو ڪو راز ظاهر ٿي ويندو آهي، پوءِ ڀلي اهو باهه جو ساڙڻ هجي، يا ٻاف سان انجڻ بنائڻ يا ذرڙن (Atoms) کي تحليل ڪري انهيءَ مان ايٽم بم ٺاهڻ هجي. ڊاڪٽر سوروڪن پنهنجي مقالي ۾ ٻڌايو آهي ته جن سائنسدانن ۽ فلسفين کان انٽرويو ورتو ويو آهي، انهن مان 83 سيڪڙو ٻڌايو ته انهن جي سموري ڄاڻ انهن جي ذاتي سوچ ويچار جو نتيجو نه آهي. وليم جيمز به پنهنجي ڪتاب ”نفسيات واردات روحاني“ ۾ اهڙا ئي اشارا ڏنا آهن.
    مڪي جي ڪافرن جڏهن خيال ڪيو ته هاڻي محمد ﷺ کي ڪيئن تنگ ڪيو وڃي ته آخرڪار انهن چوڻ شروع ڪيو ته قرآن به اسان جي ڀوپن ۽ جادوگرن جهڙي تعليم آهي جيڪا هو جنن ۽ شيطانن کان سکي اسان کي ٻڌائي ٿو. تنهن ڪري قرآن هڪ شيطاني ڪلام آهي ۽ ان جو آڻيندڙ شاعر يا ڀوپو آهي. رسول الله ﷺ کين انهيءَ جي جواب ۾ چيو ته ڳجھه جو علم جنن ۽ شيطانن کي نه هوندو آهي. جيڪڏهن ٿي سگھي ها ته اهو به قرآن جي تعليم جون ڳالهيون هجن ها، جنهن جو مطلب آهي ته هڪڙي اڪيلي الله جي عبادت ڪريو. مرڻ کان پوءِ عملن جي پڇاڻي جي لاءِ توهان وري جيئرا ڪيا ويندؤ ۽ فيصلي کان پوءِ جنت يا دوزخ ۾ ويندؤ.
    ڳجھه جون اهي ڳالهيون الله تعالى ئي پنهنجي رسولن جي ذريعي مختلف قومن کي ٻڌائيندو آهي. جيئن ته هن وقت تائين هن طرح جي ڳجھه جون ڳالهيون ٻڌائڻ وارو توهان جي قوم ۾ نه آيو، انهيءَ ڪري جيڪڏهن ٻيو ڪو ڀوپو يا شاعر ان قسم جي دعوى ڪندڙ آهي ته هو پنهنجو ڪلام، جيڪو منهنجي ڪلام جهڙي تعليم ڏيندڙ هجي، پيش ڪري.
    مشرڪ انهيءَ للڪار کي ٻڌي لاجواب ٿي ويا. هن سورت ۾ چيو ويو آهي ته قرآن به تورات وانگر هڪ زندگيءَ جو قانون آهي. هن ۾ به قديم خدائي ڪتابن وانگر رڳو الله جي ٻانهپ ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي زور ڏنو ويو آهي. عرب ۾ جيئن ته ڪوبه نبي نه آيو هو، انهيءَ ڪري اهڙي قسم جي تعليم پهريان کان موجود ڪونه هئي، انهيءَ ڪري مشرڪ اهڙي قسم جي تعليم پيش ڪرڻ کان بيوس هئا. جيئن ته شيطاني تعليم ۾ الله تعالى جي ٻانهپ، مرڻ کان پوءِ واري زندگي، قيامت جي ڏينهن ۽ نيڪ عملي جو ڪوبه ذڪر نه هو، اها ڳالهه انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته قرآن الله تعالى جي طرف کان آهي، شيطان جي طرفان نه آهي. انهيءَ ڪري ئي اها تعليم مڪي جي مشرڪن جي لاءِ هڪ معجزو هئي.
    مڪي جا مشرڪ هينئن به چوندا هئا ته هيءَ تعليم پاڻ ڪريم ﷺ پنهنجي دليون گھڙي آهي. قرآن ڪريم انهيءَ ڳالهه جو جواب هن طرح ڏنو ته اها تعليم انهيءَ خالق جي طرف کان وحي ڪئي وئي آهي، جنهن نه رڳو زمين ۽ آسمان جوڙيا، پر انسان کي به پيدا ڪيو ۽ انهيءَ کي ٻڌڻ جي سگھه عطا ڪئي. اصل ۾ مشرڪ به اهو ئي سمجھندا هئا ته هيءُ خدائي ڪلام آهي، شيطاني ڪلام نه آهي. پر اهي ايترو ته ضد ۾ اچي ويا هئا، جو جيڪڏهن اهي آسمان کي ڪرندو ڏسن ته به چون ته هيءُ ته ڪڪر جو ٽڪرو آهي.
    وحي انساني ڪوشش سان حاصل نه ٿيندي آهي، پر اهو خدائي ڪرم نوازي آهي. اها ڪرم نوازي هر قوم ۽ ملڪ ۾ سدائين ٿيندي رهي آهي. عرب ۾ حضرت اسماعيل ؑ کان پوءِ ڪوبه نبي نه آيو جيڪو انهن کي توحيد الاهي ۽ جنت جي خوشخبري ڏئي. مشرڪن جو خيال هو ته ڪجھه عيسائي، جيڪي مڪي ۾ ڪم ڪندا هئا، ته اهل ڪتاب وارن جا قصا پاڻ ڪريم ﷺ کي ٻڌايا آهن ۽ پاڻ وري انهن کي عربي ٻوليءَ ۾ بيان ڪري ڇڏين ٿا. پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته بيشڪ اهي اهل ڪتاب انهن قصن کي عجمي ٻوليءَ ۾ بيان ڪندا آهن، پر اهي ڳالهيون انهن جون پنهنجو هٿ ٺوڪيو نه آهن. قرآن وري وري مڃي ٿو ته توريت ۽ انجيل الله جون ڏنل هدايتون آهن. انهن ئي ڳالهين کي مان عربي ٻوليءَ ۾ بيان ڪريان ٿو، ڇو ته ٻنهي جو بنياد هڪ ئي آهي. جيئن ته عرب وارا عجمي ڪلام سمجھي نٿا سگھن، انهيءَ ڪري انهيءَ آڳاٽي تعليم کي وحي جي ذريعي عربي ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

    (10) سورت صٓ:
    هن سورت مبارڪه ۾ هيءَ ڳالهه بيان ڪئي وئي آهي ته نبين کان به انسان هجڻ جي حيثيت ۾ اجتهادي غلطي ٿي سگهي ٿي، پر انهيءَ جو احساس ٿيندي ئي الله تعالى ڏانهن موٽي کانئس معافي گھري وڃي ته الله تعالى معاف ڪري ڇڏي ٿو. ائين ئي نبي ڪريم ﷺ ڪافرن جي ٺٺولين ڪرڻ ۽ تڪليفون ڏيڻ واري زماني ۾ گھريو ته شفاعت واري معاملي ۾ هڪ وچٿري واٽ نڪري اچي ۽ قريش جيڪر مسلمان ٿي وڃن ته سٺو ٿيندو، پر الله تعالى کين انهيءَ غلطي ڪرڻ کان بچائي ورتو.
    ائين ئي حضرت يونس ؑ کان به غلطي ٿي وئي هئي، پر احساس ٿيندي ئي هن پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽ ڪئي ۽ پنهنجي غلطي مڃي ورتي. حضرت سليمان ؑ کان به دولت جي محبت ۾ غلطي ٿي وئي هئي، جو پاڻ پنهنجي ولي عهد کي صحيح طرح سان سکيا نه ڏئي سگهيو ۽ نه ئي پنهنجي قوم ۾ اتحاد جي سلسلي ۾ انهن جي تربيت ڪري سگھيو. هن به پنهنجي غلطيءَ کان توبه ڪئي ته الله تعالى کيس به معاف ڪري ڇڏيو. پر سندس ولي عهد بيڪار ماڻهو هو، جو حضرت سيلمان ؑ جي مرڻ کان پوءِ جڏهن هو حڪومت ڪرڻ لڳو ته ڏهه قبيلا باغي ٿي الڳ ٿي ويا ۽ هڪڙو غلام بادشاهه بڻجي ويهي رهيو. هاڻي رڳو ٻن قبيلن جي يهودي بادشاهت رهجي وئي، جنهن کي بابل ختم ڪري ڇڏيو.
    اهڙي طرح حضرت ايوب ؑ کان به غلطي ٿي وئي هئي. شيطان ان کي آزمائش ۾ وڌو، پر پاڻ ثابت قدم رهيا ۽ الله تعالى ان جي مدد ڪئي. ان کان پوءِ وارين سورتن ۾ ٻڌايو ويو ته شيطان سدائين ورغلائيندو رهندو آهي، پر غلطي ٿي وڃڻ کان پوءِ، جيڪڏهن سچي دل سان آئينده اهڙي غلطي نه ڪرڻ جو عهد ڪيو وڃي ته الله تعالى معاف ڪري ڇڏيندو آهي.

    (11) سورت الحجر:
    نبي ڪريم ﷺ کي دعوت ڏيندي وڏو عرصو گذري ويو ۽ قريشن جو مسلمانن سان ڪينو، ٺٺوليون ڪرڻ، انهن جي رستي روڪ ۽ ظلم ۽ زيادتين ۾ تمام گھڻو واڌارو ٿي ويو. هاڻي ڳالهه سمجھاڻي جي بدران فهمائش واري حالت کي پهچي چڪي هئي. انهيءَ ڪري منهن موڙڻ جو حڪم ٿيو. قرآن ٻڌيو ته محمد ﷺ المنذر (ڊيڄاريندڙ) آهن. پاڻ ڳجھه جي هيءَ سڀ کان وڏي خبر ڏين ٿا ته الله ”الواحد القهار“ آهي، جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق نه آهي. هو ٻيهر جيئرو ڪندو ۽ نيڪ ماڻهن کي جنت ۾ جاءِ ڏيندو ۽ شيطان ماڻهن کي دوزخ ۾ سخت عذاب ڏيندو.
    اهو سمجهي ڇڏيو ته الله تعالى جي سچار ٻانهن تائين شيطان جي پهچ نه آهي. نه شيطان کي ڳجھه جي ڄاڻ حاصل ٿي سگھي ٿي ۽ نه ئي قرآن ۾ شيطاني القاء کي ڪنهن طرح جو ڪو دخل آهي. قرآن جزا ۽ سزا جي باري ۾ جيڪو ڪجھه چوي ٿو، سو لازمي ٿيڻو آهي، انهيءَ ۾ ڪا به تبديلي نٿي اچي سگھي. اهو خدا جو قانون آهي. ياد رکو ته نيڪيءَ جا ڪم ڪرڻ ۽ شرڪ کان بچڻ سان ئي الله تعالى جو ديدار نصيب ٿيندو.
    انهيءَ ڪري اي هادي! جيڪو ڪجھه چيو پيو وڃي، انهيءَ کي چٽو ڪري بيان ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار جي تعريف ۽ واکاڻ ۾ وقت گذار ۽ مڪي جي مشرڪن کان منهن موڙ.
    هن سورت ۾ به نبين سڳورن جو ذڪر آهي ۽ انهن جي نافرماني ڪرڻ واري قوم جي بربادي جو نقشو چٽيو ويو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به چيو ويو آهي ته انسان جيتوڻيڪ ڪني ٿيل مٽي (Mud) مان پيدا ڪيو ويو آهي، پر هن ۾ خدائي روح به موجود آهي. انهيءَ ڪري هو پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ آهي ته هو مٽيءَ ڏانهن وڃي ته خدائي روح ڏانهن پرواز ڪري.
    هن ۾ چيو ويو آهي ته الله تعالى رسول الله ﷺ کي ”سَبْعًا مِّنَ الْمَثَانِيْ“ (سورت فاتحه) جنهن جو ست آيتون نماز جي هر رڪعت ۾ پڙهيون وينديون آهن ۽ ” قُرْاٰنَ الْعَظِيْمَ“ ڏنوآهي. (مثاني اصل ۾ خدائي ڪتابن ۾ به هر هر ورجائي ويندڙ تعليم آهي) قرآن سڀني خدائي ڪتابن جي تعليم رکندڙ ۽ انهن جو نچوڙ آهي.

    (12) سورت الڪهف:
    حبشه جي ٻي هجرت کان پوءِ ڳالهه جو رخ عيسائين کان ڦري مڪي جي مشرڪن ڏانهن ٿي ويو هو ۽ انهن جي اعتراضن جا جواب ڏنا ويا هئا. سورت طور، سورت صٓ، سورت الحجر ۾ قرآن جو شان، نبين جي پاڪدامني، معجزي ۽ وحي ۽ رسالت تي مشرڪن جي اعتراضن جو جواب ڏنو ويو هو. هن سورت ۾ ڳالهه جو رخ وري عيسائين ڏانهن ٿي ويو ۽ دين جي هيڪڙائي واري عظيم حقيقت کي وائکو ڪيو ويو آهي.
    ڪافرن کي چيو ويو ته هيءُ قرآن به توريت وانگر زندگيءَ جو قانون آهي. الله تعالى ڪنهن کي به پنهنجو پٽ نه ڪيو آهي، پر هو جيئن گھري تيئن ڪري سگھي ٿو. مثال طور غار وارن کي سوين سالن تائين موت ڏئي وري جيئرو ڪري ڇڏيو. ڪافر گھرندا آهن ته مان قرآن جي دليلن کي بدلائي ڇڏيان، ائين بلڪل به نٿو ٿي سگھي. الله تعالى جيئرو ڪرڻ تي وسوارو آهي. ياد رکو ته خدا جا ڪلما (قانون) ڪڏهن به بدلجي نٿا سگھن.
    توهان جنن (۽ لات، منات، عزى وغيره) کي پنهنجو شفاعت ڪندڙ مڃو ٿا. پوءِ ابليس به هڪ جن هو. جيئن هو انسان جو دشمن ۽ ان کي گمراهه ڪرڻ وارو هو، تيئن انهن ديوين به توهان کي گمراهيءَ ۾ وجھي ڇڏيو آهي. اهي توهان جي شفاعت بلڪل نٿيون ڪري سگھن. اهو خدائي قانون آهي ته ديويون هجن يا عيسى ؑ ۽ مريم، ڪنهن مخلوق جي پوڄا توهان جي ڪم نه ايندي. ڪوبه توهان جي سفارش نه ڪري سگھندو. قيامت جي ڏينهن اهي سڀئي توهان خلاف شاهدي ڏيندا.
    تنهن ڪري نيڪ عملن سان گڏوگڏ شرڪ کان به پاڻ بچايو ڇو ته ٻنهي ۾ پاڻي ۽ باهه جيترو اختلاف آهي. هن سورت ۾ مڪي جي مشرڪن جي ٽن سوالن جا جواب ڏنا ويا آهن. اهي سوال نبي ڪريم ﷺ جو امتحان وٺڻ جي لاءِ اهل ڪتاب (يهودي ۽ عيسائي) صلاح ڪري ڪيا هئا. پهريون سوال اهو هو ته غار وارا ڪير هئا؟ ٻيو ته خضر ؑ جي حقيقت ڇا آهي؟ ۽ ٽيون ذوالقرنين جو قصو ڪيئن آهي؟ رسول الله ﷺ نه رڳو انهن سوالن جا جواب ڏنا، پر مڪي ۾ ڪفر ۽ اسلام جي وچ ۾ جيڪا اڻبڻت هئي، انهيءَ تي انهن سوالن کي منطبق ڪري ڇڏيو. انهن کي چيو ويو ته:
    1. غار وارا انهيءَ ئي توحيد جي قائل هئا، جنهن جي دعوت قرآن ڏئي رهيو آهي. جيڪڏهن انڪارن ڪندڙن جو حد کان وڌيڪ غلبو هجي ته هڪ مؤمن جو فرض آهي ته هو پنهنجي ايمان کي بچائڻ جي لاءِ اڪيلو ئي انهيءَ وسنديءَ مان نڪري وڃي.
    غار وارن جو سوين سالن کانپوءِ ننڊ مان اٿڻ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي دليل آهي، جنهن جو توهان انڪار ڪري رهيا آهيو.
    2. غار وارن جي قصي سان نبي ڪريم ﷺ کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن ظالمن سان ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪريو، ۽ نه وري پنهنجي غريب ساٿين جي ڀيٽ ۾ انهن وڏن وڏن رئيسن ۽ سردارن کي اهميت ڏيو.
    3. خضر ؑ جي قصي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله تعالى جي مرضيءَ جو ڪارخانو جن مصلحتن هيٺ هلي رهيو آهي، انهن تان جيڪڏهن پردو کنيو وڃي ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته هتي جو ڪجھه به ٿي رهيو آهي سو ٺيڪ ٿي رهيو آهي ۽ جيڪو توهان کي هر ڳالهه تي حيراني ٿئي ٿي سا ختم ٿي ويندي.
    4. مڪي جي مالدار سردارن کي ٻڌايو پيو وڃي ته توهان پنهنجي ننڍڙي مالداري واري حيثيت تي آڪڙجي وڃو ٿا، پر ڏسو ته ذوالقرنين ڪيتري نه عظيم الشان بادشاهت ۽ وسيلن وارو هجڻ جي باوجود به پنهنجي اصليت کي نه وساريو ۽ پنهنجي خلقيندڙ جي اڳيان مٿو ٽيڪيندو هو. توهان پنهنجي خسيس گھرن ۽ ڌن دولت کي سدائين رهڻ وارو سمجھو ٿا، پر ذوالقرنين هڪ مضبوط ڀت اڏڻ کان پوءِ به الله تي ڀروسو ڪيو ۽ چيو ته جڏهن الله گھرندو ته هيءَ مضبوط ڀت ٽٽي ويندي.
    حمزهؒ بن عبدالمطلب جو اسلام قبولڻ: هڪ ڏينهن ابو جهل رسول اللهﷺ کي اڪيلو ڏسي تمام ئي سخت رويو اختيار ڪيو ۽ کين تمام گھڻو ستايو. حضرت حمزهؒ جڏهن شڪار تان واپس موٽيو ته ماڻهن ساڻس اها ڳالهه ڪئي. اهو ٻڌندي ئي هن ابوجهل کي حرم ۾ وڃي ڳولي لڌو ۽ هٿ ۾ جيڪا ڪمان هيس، سا ان جي مٿي ۾ اهڙو ته زور سان هنئي جو هُن کي ڦاڙ پئجي ويو ۽ رت وهڻ لڳس. ابوجهل جي ڏوهه باسڻ جي ڪري جھيڙو ٽري ويو. حضرت حمزهؒ پنهنجي اسلام آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته مان بت پرستي ۽ شرڪ کان توبه ٿو ڪريان.

    (13) سورت طٰهٰ:
    حضرت حمزه جي اسلام آڻڻ کان پوءِ هيءَ پهرين سورت آهي. انهيءَ ئي سورت جي تلاوت سان حضرت عمر ؒ اسلام قبوليو هو. رسول الله ﷺ جن نيڪوڪارن کي نعمتن واري جنت جي خوشخبري ڏني هئي ۽ مشرڪن ۽ ظالمن، هٺ ۽ وڏائي ڪندڙ مالدارن ۽ طاغوتن کي خدائي عذاب کان ڊيڄاريو هو. انهن کي چيو هو ته گذريل قومون به توهان وانگر عملن جي بدلي جي پرواهه نه ڪنديون هيون. اهي به توهان وانگر ئي ظلم ۽ سرڪشي ۾ ڦاسڻ جي ڪري تباهه ۽ برباد ٿي چڪيون آهن. تنهن ڪري جيڪڏهن الله جي هيڪڙائي ۽ مرڻ کان پوءِ وري اٿڻ واري ڳالهه کي مڃي نيڪوڪاري نه اختيار ڪندؤ ته عاد، ثمود، فرعون ۽ لوط جي قومن وانگر توهان به تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ.
    ڪافرن رسول الله ﷺ کان اهڙو نظر اچڻ وارو نشان (آيت) گھرڻ شروع ڪئي، جنهن سان ثابت ٿئي ته الله تعالى هر شيءِ تي وسوارو آهي. انهن جي جواب ۾ رسول الله ﷺ فرمايو ته الله تعالى جي قدرت ۽ طاقت جون آيتون (نشانيون ۽ دليل) هر پاسي پکڙيل آهن. اهو ئي آسمان کان پاڻي وسائي ٿو، انهيءَ ئي سڄي ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي، اهو ئي حقيقي ۽ عدل ۽ انصاف ڪندڙ بادشاهه آهي.
    موسى ؑ فرعون کي سڀئي نشان ڏيکاريا، پر هن چيو ته هيءَ جادوگري آهي. پوءِ فرعون حضرت موسى ؑ جي مقابلي ۾ پنهنجا جادوگر وٺي آيو، پر حضرت موسى ؑ جي لٺ اجگر بلا بڻجي جادوگرن جي بڻايل سڀني نانگن کي کائي ڇڏيو. اهو معجزو ڏسي ڪري جادوگرن اتي جو اتي ايمان آندو. موسى ؑ رات جي وقت بني اسرائيل کي فرعون جي غلامي مان ڪڍي نيل درياءَ مان اڪري ويا، پر فرعون پنهنجي لشڪر سميت ٻڏي ويو ۽ سندس خدائي واري دعوى کيس ڪم نه آئي.
    مڪي جي ڪافرن چيو ته جيڪڏهن الله جي توسان دوستي آهي ته پنهنجو گھر سون جو ٺهراءِ، هتي هڪڙو درياءُ وهائي ڏيکار يا اسان تي آسمان جو ٽڪرو ڪيراءِ. رسول الله ﷺ جواب ۾ فرمايو ته اهو خدائي قانون آهي، جنهن تي انساني تاريخ شاهد آهي ته الله تعالى ڪنهن به قوم کي انهيءَ وقت تائين تباهه ۽ برباد نه ڪندو آهي، جيستائين جو انهيءَ ۾ پنهنجو ڪو هادي يا رهبر نه موڪلي. ڏسو مون توهان کي خبردار ڪري ڇڏيو آهي ته هر اها قوم جيڪا نفاق ۽ وهم پرستي ۾ ڦاٿي، سا تباهه ٿي وئي. جيڪڏهن توهان منهنجي تعليم تي ڪن نه ڏيندؤ ته توهان به خدائي عذاب ۾ گرفتار ٿي تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ.
    جيئن ته سورت قيامه ۾ چيو ويو آهي ته وحي جي پڙهڻ ۾ جلدي نه ڪريو. سڄي وحي کي دل ۾ گڏ ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻڌائيندا ڪريو. ياد رکو ته الله تعالى جو قانون انصاف ڀريو آهي. انهيءَ قانون موجب ڪنهن سان به ظلم نه ٿيندو. پر جيڪي پنهنجي عقل کي وڃائي وهمن جي نشي ۾ ٽُن آهن سي هڪ ڏينهن ضرور تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
    تاريخ ۾ جيترا به رسول ٿي گذريا آهن، سڀني جو پيغام مون وانگر اهو ئي هو ته الله تعالى جي هڪيڙائي کي مڃيو. دين جي هيڪڙائي سان خيال جي هيڪڙائي پيدا ٿئي ٿي ۽ خيال جي هيڪڙائي سان انساني هيڪڙائي يعني سماجي برابري پيدا ٿيندي آهي. انهيءَ سان ئي دنيا ۾ به انسان لاءِ چڱائي آهي ۽ آخرت ۾ به کيس ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو. هيڪڙائي ۽ برابري انساني انصاف آهي. برائيءَ جو بدلو چڱائيءَ سان ڏيو.
    حضرت آدم جي قصي مان اهو ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن غلطي جو احساس ٿي وڃي ته آدم وانگر توبه ڪري وٺو. هن سورت ۾ پهريون دفعو نماز جي تاڪيد ڪئي وئي آهي ته جيئن ايمان وارن ۾ صبر ۽ بردباري، قناعت، انصاف ۽ احتساب لاءِ رضامندي پيدا ٿئي.

    (14) سورت الموءمنون:
    هن سورت جي شروعات ۾ ئي اهي اخلاقي اصول ٻڌايا ويا آهن، جن کي پنهنجائڻ سان ذات جي تڪميل، سماجي سڌارو ۽ خدائي سڃاڻ حاصل ٿي سگھي ٿي. اهي ئي ڳالهيون انساني زندگيءَ جو بنيادي مقصد آهن. انسان جي پيدائش، زمين، آسمان، ٻوٽن ۽ جانورن جي پيدائش ۽ ڪائنات جي ٻين آثارن مان شاهدي پيش ڪئي وئي آهي ته انساني زندگيءَ جو مقصد خدائي سڃاڻ حاصل ڪرڻ آهي. جهڙي طرح انسان ماءُ جي پيٽ ۾ هڪ قطري سان وڌي ويجھي، هڪ سمجھه ڀريو ۽ ارادي جي قوت وارو انسان بڻجي وڃي ٿو، ائين ئي انهن ذڪر ڪيل اخلاقي گڻن کي انساني نفس ۾ پيدا ڪرڻ سان هڪ نئون اخلاقي ۽ سماجي انسان بڻجي وڃي ٿو.
    جهڙي ريت انسان کي هڪ مقصد جي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي، هيءَ ڪائنات به هڪ مقصد هيٺ ٺاهي وئي آهي. ارتقا جو مقصد هڪ اهڙو مڪمل حيواني جسم تيار ڪرڻ هو، جيڪو خدائي تجلين کي برداشت ڪري سگھي ۽ خدائي سڃاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ نفسياتي ۽ شهري تبديلين کي ڪم آڻي سگھي.
    توحيد ۽ آخرت جي باري ۾ سڀئي نبي سڳورا دعوت ڏيندا رهيا آهن ۽ انهيءَ سلسلي ۾ مالدار طبقو سڀني نبين کي ايذائيندو رهيو. سڀئي رسول هڪڙي ئي امت آهن. مڪي جا مير ۽ سردار ئي رسول الله ﷺ جي مخالفت ڪندا رهيا آهن.
    سڀني دينن جي تعليم هڪ ئي آهي ۽ اها ئي تعليم وري وري (مثاني) مختلف نبين جي ذريعي ڏني پئي وئي آهي ۽ هاڻي محمد ﷺ جي ذريعي به اها ئي تعليم ڏني پئي وڃي.
    ياد رکو ته بيڪاري ۽ مطلب پرستي ۾ حيوان ۽ جانور به ڦاٿل آهن. پوءِ جيڪڏهن انسان به بيڪار ڳالهين ۾ ڦاسي ويو ته هو به جانورن واري حالت تي اچي ويندو. ڇا جانورن واري سطح کان انساني سطح تي اچڻ، سٺو مقصد، مٿانهين زندگي ۽ مڪمل واندڪائي توهان جي لاءِ قبوليت جوڳي نه آهي؟

    (15) سورت الانبياء:
    هر هڪ رسول بشر (انسان) هوندو آهي. رسول هجڻ جي حيثيت ۾ انهيءَ ۾ الوهيت ۽ خدائي جو گمان به نه هوندو آهي. نبوت جي نمايان گڻ (وحي الاهي) کانسواءِ نبي سڳورا اهڙا ئي انسان هوندا آهن جهڙا ٻيا انسان هوندا آهن. هر نبي ۽ رسول جي مخالفت ڪئي وئي. انهن کي ايذايو ويو، پر الله تعالى جي مدد انهن کي همٿائيندي رهي. سڀني نبين جو دين هڪ آهي.
    قرآن نه جادو آهي ۽ نه ڪو اجايو خواب. جهڙي ريت زمين ۽ آسمان هڪ اٽل قانون هيٺ هلي رهيا آهن، اهڙي ئي ريت انساني زندگيءَ جو به اٽل قانون آهي ته هر عمل جي جزا يا سزا ملندي. اهي معجزا گھرن ٿا، پر رحمان جو ڪوبه پٽ نه آهي. الله تعالى جي خالقيت ئي سڀ کان وڏو معجزو آهي.
    ياجوج ۽ ماجوج جو ذڪر پهريون دفعو آيو آهي. هن سورت ۾ به رحمان جو لفظ ڪيترائي دفعا آيو آهي.

    (16) سورت يٰس:
    ماڻهو ئي رسول هوندو آهي، جيڪو ڪنهن عيوض يا مزدوري وٺڻ کان سواءِ نصيحت ڪندو آهي. اهي ماڻهو معجزا گھرن ٿا، جڏهن ته مئل زمين جو جيئرو ٿي پوڻ ۽ زمين ۽ آسمان جي خلقت پنهنجو پاڻ ئي هڪ وڏو معجزو اهي. ائين ئي الله تعالى مردن کي به جيئرو ڪندو. مخلوق الله تعالى جو جيئرو جاڳندو معجزو آهي.
    هن سورت ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن مالدارن کي چيو ويندو آهي ته پنهنجي مالن سان غريبن جي مدد ڪريو ته اهي چوندا آهن ته جيڪڏهن الله تعالى گھري ها ته پاڻ ئي انهن غريبن جي مدد ڪري ها؛ جڏهن الله تعالى به هنن جي مدد نٿو ڪري ته اسان تي ڪو فرض نه آهي.
    قرآن وري وري چيو آهي ته بت ۽ شيطان ڪجھه خلقيندڙ نه آهن.
    هن سورت ۾ به رحمان جو لفظ وري وري آيو آهي.

    (17) سورت الشعراء:
    هن سورت مان خبر پئي ٿي ته پاڻ ڪريم ﷺ جي دل ۾ به اها خواهش پيدا ٿي ته پاڻ جيڪر ڪو اهڙو ظاهري نشان ڏيکاري سگھن ها، جنهن سان مشرڪن جا وات بند ٿي وڃن. پر قرآن چٽائي سان چئي ڇڏيو ته الله تعالى جي وجود ۽ قيامت جي ڏينهن جي لاءِ عقلي دليل ئي وڏيون نشانيون آهن. انهن ماڻهن جي دلين ۾ ايتري ته اوندهه اچي وئي آهي جو جيڪڏهن انهن کي ڪا ظاهر نشاني نظر اچي به وڃي ته به اهي انهيءَ کي نظر جو دوکو سڏيندا. موسى جي زماني ۾ فرعون به عذاب جي مختلف قسمن کي جادو سڏيو هو. ڪتاب وارن کان پڇو ته هن طرح جو خدائي ڪلام پهرين نبين کي به ڏنو ويو هو.
    شاعرن جو ڪلام ٺڳيندو آهي، ڇو ته اهي جو ڪجھه به چوندا آهن، انهيءَ تي عمل نه ڪندا آهن ۽ نه ئي انهن جي فڪرن ۾ قرآن جي تعليم وانگر ڪنهن منظم حياتي جي نظرئي جو ذڪر هوندو آهي. انهن جي ڪلام کي پرکڻ جو اهو ئي معيار آهي.
    رسول الله ﷺ کي انهن ڪافرن کان منهن موڙڻ جو حڪم ڏنو پيو وڃي ۽ پنهنجي خاندان وارن کي تيار ڪرڻ جي هدايت ڏني پئي وڃي ته عملي طور تي اسلام جي خدمت ڪريو ۽ ٻي مؤمنن جي به مدد ڪريو.
    هن سورت ۾ شاعري ۽ شعر چوڻ کان روڪيو ويو آهي، اڃا به شاعري جي مخصوص صنف کان خاص طرح سان روڪيو ويو آهي. اسان جي زماني ۾ به ادب برائي ادب جي نظرئي تي تمام سخت تنقيد ڪئي وئي آهي ۽ هن ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته شاعري کي زندگيءَ جي حقيقتن جو ترجمان هئڻ گھرجي. اها ئي ڳالهه قرآن به چئي آهي ۽ ايمان ۽ نيڪ عمل جي نفسياتي ۽ سماجي فائدن کي بيان ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
    مڪي جا امير، رئيس ۽ غلام بڻائيندڙ مالدار سردار پاڻ ﷺ کي گھٽ نظر سان ڏسندا هئا ۽ چوندا هئا ته سماج جي گھٽ حيثيت وارا ماڻهو محمد ﷺ جا پوئلڳ آهن. رسول الله ﷺ انهن کي سمجھائي سمجھائي ٿڪجي پوندا هئا، تنهن ڪري پاڻ ﷺ کي چيو ويو ته پاڻ پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ نه ڳارين، ڇو ته اهي ماڻهو ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
    امام شاهه ولي الله ؓ قرآن جي انداز کي ”گھاڙٽيو“ چيو آهي (الفوز الڪبير) خاص ڪري مڪي سورتن ۾ هڪ خاص قسم جي لئِه ۽ وزن ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ ڪن سورتن ۾ ته ڪجهه عبارتن کي رديف (Refrain) جي طور تي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ هن قسم جو استدلالي طريقو شاعري جي قسم مان آهي، جيئن سورهء الرحمان ۾ ” فَبِاَيِّ اٰلَاۗءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِ“ آهي.

    (18) سورت الرعد:
    هن وقت تائين قريش بنو هاشم جي سردار ابوطالب وٽ رسول الله ﷺ جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ايندا رهيا هئا، پر جڏهن انهن ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ پنهنجو پاڻ ئي هڪ جماعت جا سردار بڻجي چڪا آهن ته قريش جا سردار گڏ ٿيا ۽ فيصلو ڪيو ته پاڻ ڪريم ﷺ کي مسجد حرام ۾ گھرائي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.
    انهيءَ ڪوٺ مان پاڻ ڪريم ﷺ کي وڏي اميد ٿي پئي ته هاڻي متان هي ماڻهو سنئين واٽ تي اچي وڃن، پر انهن اهو ئي چيو ته توهان اسان جي معبودن ۽ ديوتائن کي گھٽ وڌ نه ڳالهايو. پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ نئين دين جي پرچار کان مڙي ويندا ته اسان توهان کي پنهنجو بادشاهه مڃينداسين، توهان کي وڏي دولت ڏينداسين ۽ تنهنجي مٿان جيڪو جِنُ چڙهيل آهي انهيءَ جو به علاج ڪرائينداسين. يا وري توهان اسان کي ڪو معجزو ڏيکاريو، ملائڪن کي شاهديءَ جي لاءِ گھرايو جيڪي اچي شاهدي ڏين ته تون واقعي الله جو موڪليل نبي آهين. اهڙيءَ طرح انهيءَ ڳالهه ٻولهه مان به ڪو کڙ تيل نه نڪتو.
    پاڻ ڪريم ﷺ انهن کي چٽيءَ طرح ٻڌائي ڇڏيو ته منهنجي مرضي هيءَ آهي ته توهان هڪڙي زنده قوم بڻجي وڃو. پر انڪار تي سندرو ٻڌي بيٺل قوم کي اها ڳالهه سمجھه ۾ ئي نه آئي ۽ اهي پنهنجي ضد تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهيا. رسول الله ﷺ انهن کي وري به چيو ته رسول ڪو ملائڪ نه، پر هڪ انسان ئي هوندو آهي. هر قوم ۾ رسول ايندا رهيا آهن. مختلف قومون پنهنجي پنهنجي هڪ خاص قانون جون پابند هونديون آهن. الله تعالى هر زماني جي لحاظ کان پنهنجا حڪم موڪليندو رهيو آهي. (لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ). الله تعالى ئي علم ۽ قانون جو سرچشمو آهي، انهيءَ ڪري هو جنهن قانون لاءِ گھرندو آهي، انهيءَ کي ڊاهي ڇڏيندو آهي ۽ جنهن لاءِ گھرندو آهي قائم رکندو آهي. اهو ئي قادر ۽ خالق مطلق آهي.
    رسول الله ﷺ ۽ سندن اصحابن کي به، جيڪي ڪيترن ئي سالن جي ڊگھي ۽ سخت جاکوڙ جي ڪري ٿڪجي رهيا هئا ۽ بيچينيءَ سان غيبي مدد جو انتظار ڪري رهيا هئا، تسلي ڏني وئي هئي.
    حضرت عمر ؐ جو ايمان آڻڻ:
    حضرت عمر ؒ جي ڀيڻ ۽ ڀيڻيويو ڳجھي طرح سان اڳي ئي ايمان آڻي چڪا هئا. پر عمر پاڻ ڪريم ﷺ جي تعليم کي سڌو سنئون ڪونه ٻُڌو هو. حضرت عمر ؒ مخالفت جو شوشو ٻڌو ته رسول الله ﷺ کي قتل ڪرڻ جي لاءِ نڪري پيو. پاڻ ڪريم ﷺ ڪعبي ۾ تلاوت ڪري رهيا هئا، عمر اتفاق سان اها تلاوت ٻڌي ته دل تي ان جو اثر ٿي پيس ۽ روئڻ لڳو. جڏهن رسول الله ﷺ پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿيا ته هي به سندن پويان هلڻ لڳو. عباس جي گھر جي ويجھو رسول الله ﷺ جن پيرن جو کڙڪو محسوس ڪيو ته ڏٺائون ته عمر هو. پڇا ڪيائونس ته هيڏي رات گذري وئي آهي، ڪيئن آيو آهين؟ ورندي ڏنائين ته الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ جي لاءِ آيو آهيان. رسول الله ﷺ الله جو شڪر ادا ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالى عمر کي نيڪيءَ جي دڳ تي هلائي. ان کان پوءِ عمر جي سيني تي هٿ ڦيرايائون ۽ ثابت قدمي جي لاءِ دعا ڏيندي پنهنجي گھر ڏانهن روانو ٿي ويا.
    حضرت عمر جي ايمان آڻڻ کان پوءِ:
    حضرت عمر پنهنجي اسلام آڻڻ جي ڄاڻ جميل بن معمر کي ڏني. هو اها ڳالهه ٻڌندي ئي مسجد حرام ڏانهن ڊوڙيو ۽ واڪا ڪري چوڻ لڳو ته اي قريشيو! عمر بي دين ٿي ويو. حضرت عمر چيو ته هي ڪوڙ ٿو ڳالهائي، مان ته سنئين واٽ تي اچي ويو آهيان. انهيءَ تي وڏو جھيڙو ٿيو، پر عاص عمر کي پنهنجي پناهه ۾ وٺي ورتو.
    هن وقت تائين مسلمان قرآن پاڪ کي کليل طرح مسجد حرام ۾ نٿي پڙهي سگھيا، پر عمر ۽ حمزه جي اسلام آڻڻ کان پوءِ انهن کي سگھه ملي وئي. جهيڙي واري موقعي تي حضرت عمر سينو تاڻي بيهي رهندو هو جنهن جي ڪري ڪافر ڊڄي ويندا هئا.
    حضرت عمر جي اسلام آڻڻ کان پوءِ قرآني تعليم:
    ائين معلوم ٿئي ٿو ته مڪي جا ڪافر به اعتراض ڪندي ۽ رسول الله ﷺ کي تڪليفون ڏيندي ڏيندي ٿڪجي پيا هئا. حضرت عمر ۽ حضرت حمزه رضي الله عنهما جي ايمان آڻڻ کان پوءِ مختلف قبيلن ۾ ايتري سگھه نه رهي هئي جو اهي جدا جدا ٿي رسول الله ﷺ ۽ سندس ساٿين جي مخالفت ڪري سگھن. پاڻ ڪريم ﷺ کي وري وري مشرڪن جي ارهه زورائين کان درگذر ڪرڻ لاءِ چيو پئي ويو. انهيءَ ڪري ايندڙ سورتن ۾ سورت الفرقان کان سواءِ ڪنهن به سورت ۾ الرحمان جو لفظ نه آيو آهي. ڄڻ ته جيتري حد تائين مشرڪن جو تعلق هو، بحث کي ختم ڪيو ويو هو. باقي هن آخري سال ۾ الله تعالى جون صفتون، جهڙوڪه عزير، نصير، اعلى، ڪبير، سميع ۽ بصير استعمال ٿيون. انهن ۾ مسلمانن کي ٻڌايو ويو ته پالڻهار، جيڪو خالق آهي، سو ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ به آهي، هو توهان جي ضرور مدد ڪندو، انهيءَ جو نالو نصير (مددگار) آهي، اهو ئي سڀ کان مٿانهون (عظيم) ۽ سڀڪجھه ڪرڻ تي وسوارو (قدير) آهي. ان جي وڏائي ۽ قدرت جي سامهون انڪار ڪندڙن جي مخالفت ڪامياب نه ٿي سگھندي. رحمان جي هڪ صفت اها به آهي ته هو ڪنهن کي پنهنجو پٽ ناهي بنائيندو.

    (19) سورت الفرقان:
    مخالفت جي باوجود قرآن جو لهجو ايئن ئي هيبت ڀريو ۽ منطقي آهي، جيئن گذريل دؤر ۾ هو. قرآن هاڻي مشرڪن جي اعتراضن جو جواب ئي نٿو ڏئي پر هو چئي ٿو ته اهي مشرڪ چوپاين کان به بڇڙا آهن. اهي انساني فطرت کان پاسيرا ٿي ويا آهن ۽ نفاق ۽ مطلب پرستي ۾ حد کان لنگھي ويا آهن. عام انسانيت جي ڀلائي انهن جي اکين کان اوجھل ٿي وئي آهي. انسان کي همدردي ۽ محبت جو مجسمو ٿيڻ گھرجي، پر هي انڪاري سڌارو گھرندڙ ماڻهن کي به فرقو وجهندڙ ۽ بي سمجھه بنائڻ گھرن ٿا. اهي اهڙيون ته بي معنى ڳالهيون ڪندا آهن ته الله ڇا آهي؟ هو ڏيکاري ڇو نٿو ڏئي؟ ملائڪ ڇاجي ڪري نازل نٿا ٿين؟ توهان انهن ماڻهن کي، جيڪي عباد الرحمان آهن، يعني مسلمان ۽ عيسائي، انهن کي چئو ته الله تعالى وانگر ڪابه شيءِ نه آهي، انهيءَ ڪري هو توهان کي ڪيئن نظر اچي سگھي ٿو؟ ملائڪ ته انهيءَ وقت ئي نازل ٿيندا، جڏهن توهان تي عذاب ايندو. جڏهن توهان جو عقل سڌي رستي کي ايندو ۽ اهو سڀ ڪجھه پنهنجي اکين سان پَسڻ لڳندؤ، ته پوءِ ان وقت اها آهه ۽ زاري توهان جي ڪنهن ڪم نه ايندي. مال ۽ دولت ۽ رزق جي جھجھائيءَ توهان جي اندر جيڪا الله تعالى جي خلاف بغاوت پيدا ڪئي آهي، سا انهيءَ وقت ختم ٿي ويندي.

    (20) سورت الشوريٰ:
    ماڻهن ۾ توهان جي ڀلائي گھران ٿو. مان محبت جو دعويدار آهيان. ڀوپن وانگر پئسا وٺي ڳالهيون نٿو ٻڌايان. الله تعالى جي واکاڻ ڪريو، غريبن جي مدد ڪريو، ۽ جيڪو به ڪو ڪم ڪريو ته پاڻ ۾ صلاح مشوري سان ڪريو. ايئن ڪم ڪرڻ وارا جنتي هوندا آهن. ايمان آڻيندڙن کي پريشان نه ٿيڻ گھرجي. جنهن ظلم ۽ ڏاڍ کي سهي ورتو انهيءَ وڏو ڪم ڪيو. اهي سڀ همٿ وارا ڪم آهن. الله تعالى انسان سان سڌو سنئون ڪلام نٿو ڪري. هو جيڪا وحي موڪليندو آهي، سا پردي پويان ايندي آهي.

    دين ۽ شريعت ۾ فرق:
    هن ۾ ٻه مسئلا اهڙا آهن، جن تي مفسرن جو وڏو اختلاف آهي. پهريون مسئلو ته دين ۽ شريعت جي وچ ۾ فرق جي باري ۾ آهي. قرآن ڪيترن ئي جاين تي چيو آهي ته دين الله تعالى جي وجود کي مڃڻ، آخرت يعني قيامت تي ايمان آڻڻ ۽ نيڪ عملن تي قائم رهڻ جو نالو آهي. انهيءَ جو نتيجو خوف يعني جنگ ۽ جهيڙي ۽ ڳڻتي يعني غربت ۽ بک کان ڇوٽڪارو آهي.
    قرآن حڪيم چٽيءَ طرح چيو آهي ته هر قوم کي هڪ شريعت يا واٽ ڏني وئي آهي، پر دين سڀني جو هڪڙو ئي آهي. هر نبي پنهنجي مخصوص تاريخي ۽ ثقافتي ماحول ۾ دين جي مقصدن کي شريعت واري واٽ جي شڪل ۾ عمل هيٺ آڻيندو رهيو آهي. شريعت کي عملي طرح نافذ ڪرڻ اصل ۾ دين تي قائم ٿيڻ آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته رڳو ڪن عقيدن ۽ ڪن اخلاقي قانونن تي عمل ڪري وٺڻ سان مذهب جا مقصد پورا ٿي ويندا. هر قوم کي پنهنجي شريعت جو پابند ٿيڻ لازمي آهي.
    قرآن جو چوڻ آهي ته شريعت جي اختلافن سان مذهبن جي وچ ۾ تشدد ۽ ويڙهه جھيڙو هجڻ خدائي مرضي جي خلاف ڳالهه آهي. انهيءَ طرز عمل سان انساني هيڪڙائي واري مقصد کي تمام وڏو نقصان پهچي ٿو ۽ انسان مذهبي مخالف ٽولن ۾ ورهائجي وڃن ٿا. هر مذهبي پيشوا اها دعوى ڪرڻ لڳندا آهن ته جيستائين ڪو ماڻهو انهن جي مذهبي گروهه ۾ شامل نٿو ٿئي، سو ڇوٽڪارو ماڻيندڙ نٿو ٿي سگهي.
    قرآن چيو ته دين سڀني مذهبن ۾ هڪ ئي آهي، رڳو شريعت ۽ عمل واري واٽ ۾ فرق آهي. پر انهيءَ فرق کي نفرت ۽ فساد لاءِ استعمال ڪرڻ، مذهب جي مقصد کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ جي برابر آهي. قرآن جي پيروڪارن جو اهو فرض آهي ته اهي مذهن جي وچ ۾ موجود شريعت ۽ عمل واري واٽ جي فرق کي جھيڙي جو ڪارڻ نه بڻائن. هر مذهب جي پيروڪار جو اهو به فرض آهي ته هو پنهنجي شريعت جا حڪم پورا ڪري ۽ اخلاقي گڻن کي پنهنجائي ۽ انهن تي عمل ڪري، جيڪا ڳالهه سڀني دينن ۾ هڪجهڙي آهي.
    جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي مطالعي سان اسلام جي ٽولي ۾ اچڻ گھري ٿو ته ڀلي اچي. قرآن انهيءَ باري ۾ ڏاڍ ۽ سختي کان روڪيو آهي. ميثاق مديني جي شاهدي اسان جي سامهون آهي ته رسول الله ﷺ يهودين ۽ مشرڪن کان امن جو معاهدو ڪري انهيءَ اتحاد کي ”امت واحده“ سڏيو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو هو ته شريعت ۽ عمل واري واٽ جي فرق کي قائم رکندي دين جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي سان اتفاق ڪيو وڃي. ميثاق مدينه انساني هيڪڙائي ۽ آدم جي خلافت کي قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تمام ئي اهم نمونو هو. پر يهودين ٺاهه جي انساني مقصدن کي نظرانداز ڪندي غلط طريقا اختيار ڪرڻ شروع ڪيا. هتي اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته هيءُ ئي اهو نمونو هو جنهن تي اڄ به آدم جي خلافت کي قائم ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن اڄ يا ڪڏهن به دنيا جون قومون ڪو عالمگير نظام قائم ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻڻ گھرن ته انهن جي لاءِ ميثاق مدينه هڪ نمونو ۽ پيڙهه جي پٿر جو ڪم ڏيندو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته مسلمان عالمن قرآن ڪريم اندر انهيءَ سلسلي ۾ ڏنل تعليم ۽ ميثاق مدينه کي بلڪل نظرانداز ڪري اسلام کي جامع انساني تحريڪ بڻائڻ جي بدران دنيا جي مذهبن مان رڳو هڪڙو مذهب بڻائي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻين مذهبي ٽولن وانگر هڪڙو ٽولو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان اهم ۽ قابل قدر ڪوشش مولانا ابوالڪلام آزاد جي سورت فاتحه جي تفسير ۾ ”ديني وحدت ڪي اصل عظيم اور قرآن حڪيم“ جي عنوان سان هڪ مقالي جي شڪل ۾ ٿي آهي. مون پنهنجي لکڻي ”اسلامي انقلاب ڪا عهدنامه“ ۾، جيڪا اصل ۾ سورت فاتحه جو تفسير آهي، مولانا موصوف جو ”اهدنا“ جي عنوان هيٺ اهو سڄو مقالو ڏنو آهي.
    هن مقالي ۾ مولانا آزاد جيڪو ڪجھه چيو آهي، مذهب جي بنياد تي انسانيت جو گڏجڻ کانسواءِ ٻيو ڪوبه اهڙو بنياد نٿو ٿي سگھي. ختم نبوت جي مقصدن ۾ سڀني کان بنيادي مقصد وحدت انسانيت ۽ آدم جي خلافت جو قائم ڪرڻ اهي. يورپ وحدت انسانيت ۽ آدم جي خلافت جي قيام لاءِ مذهب کي ڪڍي ڇڏيو ۽ ميڪاولي جي فلسفي کي پنهنجايو. پر گذريل ٻن خطرناڪ جنگين انهيءَ مؤقف جي ناڪاميءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
    انهيءَ ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته جيستائين پيداواري وسيلن کي عوامي ملڪيت نٿو سڏيو وڃي، وحدت انسانيت ۽ خلافت آدم جي لاءِ ڪوبه نظري بنياد ڪم نه ڏئي سگھندو. تنهن ڪري شريعت ۽ دين جي هن قرآن ي مؤقف جي ڪاميابيءَ جي لاءِ قرآن ۽ دنيا جي مذهبن جي معاشي نظريي کي، جنهن ۾ پيداواري وسيلا عوامي ملڪيت سڏيا ويا آهن، پنهنجائڻ لازمي آهي.

    نبوت کان اڳ ڄاڻ ڏيندڙ وسيلا:
    ٻيو مسئلو، جنهن تي روشني وجھڻ ضروري آهي، انهيءَ جو ذڪر هن سورت جي آخر ۾ ڪيو ويو آهي ته رسول الله ﷺ کي نبوت کان اڳ نه ڪتاب ۽ نه وري ايمان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هئي ۽ نه ئي وري پاڻ ﷺ دنيا جي مذهبن جي باري ۾ ڪجھه ڄاڻيندا هئا. انهيءَ ڳالهه ۾ ته ڪوبه شڪ نه آهي ته رسول الله ﷺ پنهنجي نبوت، وحي جي نازل ٿيڻ واري ڪيفيت ۽ نبوي مقصدن تي ايمان آڻڻ جي تفصيل کان اڻ ڄاڻ هئا. اهو الله تعالى طرفان نوازش هئي جو الله تعالى کين نبوت ۽ اهو به آخري نبي جي حيثيت سان چونڊيو. انهيءَ ڳالهه جو دليل اهو آهي ته غار حرا ۾ وحي جي نازل ٿيڻ وقت پاڻ ﷺجي جيڪا ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت ٿي، انهيءَ جي باري ۾ کين ڪوبه تجربو نه هو.
    پر اها ڳالهه چٽي آهي ته ۽ انهيءَ باري ۾ قرآني شاهدي به موجود آهي ته عرب کان ٻاهر واري دنيا وارن لاءِ عرب جي واپاري سفرن ۽ حج جي وقت عڪاظ ۾ جيڪو وڏو ميلو لڳندو هو، جنهن ۾ انهيءَ دؤر جي ترقي يافته ملڪن جا واپاري پنهنجو وکر کڻي ايندا هئا، ته انهيءَ وکر سان گڏ اهي پنهنجي مذهبي ۽ فلسفياڻن فڪرن کي به آڻيندا هئا. انهن ٻنهي وسيلن سان پاڻﷺ کي دنيا جي مذهبن ۽ انهن جي تعليم جي باري ۾ گھڻي ڄاڻ ملي ويندي هئي. نبوت کان اڳ ۾ ئي رسول الله ﷺ سمجھي ورتو هو ته انسان ٻن طبقن ۾ ورهائجي ويو آهي، جن مان هڪڙو طبقو حڪمرانن، مالدارن ۽ آسودن ماڻهن تي ٻڌل اهي، جنهن جي قبضي ۾ دولت ۽ اقتدار جا وسيلا موجود آهن ۽ انهيءَ ئي طبقي وٽ علم ۽ تهذيب جا وسيلا به آهن. جڏهن ته ٻيو طبقو غلامن، يتيمن، بيواهن ۽ پٺتي پيل ماڻهن تي ٻڌل آهي، جيڪو دولت، اقتدار، علم ۽ تهذيب جي وسيلن کان محروم آهي ۽ رڳو پنهنجي محنت وڪڻي پنهنجو پيٽ پاليندو آهي ۽ تمام ئي لاچاري ۽ غربت جي حالت ۾ زندگي گذاريندو آهي. پاڻ نه رڳو مذهبن جي تعليم کي ڄاڻندا هئا، پر انهن تي پرک واري نظر به رکندا هئا.
    انهن ٻنهي ذريعن مان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ تي پاڻ حرا غار ۾ ويهي ويچاريندا هئا ۽ نه رڳو عرب، پر سڄي دنيا جي ماڻهن کي انهيءَ غير انساني حالت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنهن طريقيڪار ۽ واٽ جي لاءِ سوچ ويچار ڪندا رهندا هئا. پاڻ ﷺ جي سامهون ڪيتريون ئي واٽون هيون، جن مان هڪڙي واٽ حلف الفضول هئي. انهيءَ حلف يا ٺهراءَ ۾ مڃيو ويو هو ته هن سماجي نظام کي ڇيڙڻ کان سواءِ يتيمن، بيواهن ۽ غلامن جي شڪايت جو ازالو ڪيو وڃي، باقي پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي، غلامي واري اداري، جهالت ۽ غربت ۽ قبائلي نظام جي خاتمي جي لاءِ ڪا به وک نه وڌائي وڃي.
    سورت والضحى جا هي لفظ ” وَوَجَدَكَ ضَاۗلًّا فَہَدٰى“ انهيءَ ڳالهه تي روشني وجھن ٿا ته نبي ڪريمﷺ انسانيت کي هن غير انساني حالت مان ڪڍڻ جي لاءِ ڪنهن اثرائتي رستي جي ڳولا ۾ هئا، پر ڪنهن به رستي تي دلي اطمينان نٿي ٿيو، ايستائين جو الله تعالى پنهنجي فضل سان کين اهو رستو ٻڌايو ۽ اهو نظريو به ڏئي ڇڏيو، جنهن تي قائم رهڻ سان انسانيت جا سمورا ڏک ڏاکڙا ختم ٿي سگھيا ٿي. اهو هو توحيد خدائي جي شهري لاڳاپي سان توحيدي معاشري کي قائم ڪرڻ.
    پاڻ ڪريمﷺ جي سامهون ابراهيم ؑ، دائود ؑ، سليمان ؑ موسى ؑ ۽ عيسى ؑ جا مسلڪ موجود هئا، جيڪي هڪ پوري طرح توحيدي معاشرو قائم ڪرڻ ۾ پوري طرح ڪامياب نه ٿي سگھيا هئا. غار حرا جي اڪيلائين ۾ ويهي ڪيل ڳڻ ڳوت جي نتيجي ۾ خدائي وحيءَ جي ذريعي پنج آيتون پاڻ ﷺ جي مبارڪ دل تي نازل ڪيون ويون جن ۾ ڏهه هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي جو ذهني، نفسياتي ۽ سماجي پس منظر موجود هو. انهن پنجن آيتن جي نزول کان پوءِ پاڻ وري ڪڏهن به غار حرا ڏانهن نه ويا. ڇو ته هاڻي کين انهن آيتن يا انهيءَ نظريي موجب سڀ کان پهريان مڪي جي معاشري کي تبديل ڪرڻ جو دڳ ملي چڪو هو. تنهن ڪري هاڻي انهيءَ تي عمل ڪرڻ گھربل هو.
    اها ڳالهه ظاهر آهي ته جيڪڏهن پاڻ ﷺ وٽ ان دؤر جي انسانيت جي مذهبي، معاشي، نفسياتي، ذهني، معاشرتي ۽ ثقافتي معلومات نه هجي ها ته پهرين وحيءَ ۾ عطا ڪيل پنجن آيتن ۾ سمايل نظريي کي نه پاڻ سمجھي سگھن ها ۽ نه ئي انهيءَ نظريي کي عملي جامو پهرائڻ جي لاءِ رستي جي چونڊ جي باري ۾ سمجھه حاصل ڪري سگھن ها. الله تعالى انهيءَ ماڻهو کي نبوت جي لاءِ چونڊيندو آهي، جنهن ۾ پنهنجي دؤر جي انسانيت جي معاملن کي سمجھڻ ۽ پوءِ ان جي حالت کي بدلائڻ جي واٽ ۾ رجعت پسند طبقن وٽان جيڪي تڪليفون ڏنيون وينديون آهن، تن کي صبر سان سهڻ جي صلاحيت هوندي آهي. اهو ماڻهو جيڪو نبوت جي منصب تي ويهڻو هوندو آهي، سو ڪو معمولي ماڻهو نه هوندو آهي، پر پنهنجي وقت جي سڀني فلسفين، مذهبي عالمن ۽ سماجي معاملن کي سمجھڻ وارن جي مقابلي سڀني کان وڌيڪ لياقت رکندڙ ماڻهو هوندو آهي.
    تنهن ڪري انهيءَ سورت سڳوريءَ جي انهن آيتن کي سامهون رکندي مفسرن رسول الله ﷺ جي نبوت کان اڳ واري علمي حيثيت جو جيڪو اندازو لڳايو آهي، سو بلڪل غلط آهي. اها جدا ڳالهه آهي ته پاڻ ﷺ کان پوءِ انقلاب جي دشمن قوتن خلافت کي نبوي طريقي واري بنيادن کان هٽائي بادشاهي واري طريقي تي آڻي بيهاريو ۽ اسلام پنهنجي مقصدن موجب انسانيت جي اها خدمت نه ڪري سگھيو، جنهن جي لاءِ انهيءَ کي خدائي وحيءَ مقرر ۽ قائم ڪيو هو.

    (21) سورت السبا:
    هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته علم وارا يعني ڪتاب وارا قرآن کي الله جو نازل ڪيل ڪلام يا ڪتاب مڃن ٿا. پر مڪي وارا وري به انهيءَ کي الله وٽان نه پيا مڃن ۽ نه ئي قيامت جي ڏينهن کي مڃن پيا. اهي رسول الله ﷺ کي جن جي اثر ۾ آيل چوندا هئا جڏهن ته اهي پاڻ جنن جي اثر هيٺ آيل هئا. حضرت سليمان جي قصي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنن کي ڳجھه جي ڪابه خبر نه هئي، ڇو ته حضرت سليمان ؑ جڏهن وفات ڪري ويو ته اهو لٺ جي ٽيڪ تي بيٺو رهيو هو. جنن سمجھيو پئي ته حضرت سليمان ؑ کين ڏسي رهيو آهي ۽ اهي ڪم ڪندا رهيا. پر جڏهن لٺ کي اڏهيءَ کائي ڇڏيو ۽ لٺ ڪري پئي ته سليمان ؑ به ڪري پيو. تڏهن وڃي جنن کي خبر پئي ته سليمان ؑ وفات ڪري چڪو آهي ۽ انهن کي انهيءَ ڳالهه تي ارمان ٿيو ته اهي مفت ۾ ايترا ڏينهن لوڙيندا رهيا.
    دولتمندن جو سدائين اهو حال رهيو آهي ته اهي قيامت جي ڏينهن کي نٿا مڃن، ته جيئن اهي پنهنجي ظلمن جو مزو چکڻ کان بچيل رهن. اهي پنهنجي جنن ۽ شيطانن جي دوکي ۾ ڦاٿل رهڻ جي ڪري بدلي واري ڏينهن جو انڪار ڪندا آهن. انهيءَ ڪري ئي اهي قرآن کي هٿ ٺوڪيو يا گھڙيل سڏين ٿا ۽ چون ٿا ته اهو رسول الله ﷺ پنهنجو پاڻ گھڙيو آهي. اهي هيڻن تي ڏاڍ ڪن ٿا ۽ قرآن کان پهريان نازل ٿيل ڪتابن کي به نٿا مڃن، ڇو ته انهن کي پنهنجي مالن ۽ اولاد تي گھمنڊ آهي.
    انهن کي سبا قوم جي تباهيءَ ۽ برباديءَ مان سبق پرائڻ گھرجي. اتي هر پاسي باغ ئي باغ هئا، روزيءَ جي جھجھائي هئي، پر نيڪ عملن کي ڇڏي ڏيڻ يعني غلامن ۽ هيڻن تي ڏاڍ ڪرڻ جي ڪري اها قوم تباهه ۽ برباد ٿي وئي. پاڻي جو بند مآرب ٽٽي ويو ۽ هڪ وڏي ٻوڏ سڄي وسنديءَ کي زمين جي ٽڪري تان مٽائي ڇڏيو. ائين پوءِ جتي باغ هئا اتي ڪانڊيرا پيدا ٿي ويا. ڇا شيطان اهڙي قسم جي نصيحت ڪري سگھي ٿو؟ انهيءَ ڳالهه کي مالدار ڪوڙ ۽ جادو سڏيندا آهن. رسول الله ﷺ جي تعليم سڀني انسانن (کافة الناس) جي لاءِ آهي. اها تعليم حق آهي، باطل نه آهي. ياد رکو، قيامت ضرور ايندي ۽ ظالمن کي ضرور سزا ملندي.
    هن سورت ۾ جيڪو اختلافي مسئلو آهي سو تصوير ٺاهڻ ۽ بت سازيءَ جي باري ۾ آهي، جنهن کي مولانا مودودي جهڙن عالمن ڪيترين ئي حديثن جي روشني ۾ حرام سڏيو آهي. انهيءَ فتوى تي هن وقت تائين عمل نه ٿيو آهي.
    اسلام جنهن زماني ۾ آيو، انهيءَ زماني ۾ تعليم عام نه هئي ۽ ماڻهو وهم پرست هئا. اهي فطرت جي قوتن جا خيالي بت جوڙي انهن جي پوڄا ڪندا هئا. قرآن مان رڳو اها ئي خبر پوي ٿي ته تصويرون ۽ بت ٺاهي، انهن کي خدائي صفتون ڏئي، انهن جي پوڄا ڪرڻ حرام آهي. حضرت سليمان ؑ تصويرون ۽ بت پوڄا پاٽ جي لاءِ نه ٺاهيا هئا، انهيءَ ڪري قرآن ان جو ذڪر ڪيو آهي.
    اسان جي دؤر ۾ تحقيق جي سائنسي طريقي انهيءَ خطري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. اڄڪلهه انهيءَ حقيقت کي مڃيو وڃي ٿو، جنهن جي حواسن سان ڄاڻ حاصل ٿئي، انهيءَ ڪري ئي خدا تعالى جي هستيءَ جو انڪار ڪيو پيو وڃي يا وري انهيءَ کي خسيس مسئلو سمجھيو ويندو آهي، جنهن جو زندگيءَ سان ڪوبه لاڳاپو نه آهي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته بت پرستي اڄ به جاري آهي، پر انهيءَ جو بنياد قومي ثقافت تي آهي. ٻئي پاسي اها به ڄاڻ آهي ته مسلمان عالمن جي گھڻائي فوٽوگرافيءَ جي ذريعي پنهنجون تصويرون ڪڍرائي ٿي.
    بنيادي اصول هي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن تصوير يا بت کي خدائي صفتون ڏئي ڪري انهيءَ جي پوڄا پاٽ نه ڪئي وڃي ته مصوري ۽ بت سازي حلال ۽ جائز آهي. جيڪي قومون پوڄا ڪن ٿيون ته اهو انهن جو پنهنجو فعل آهي، جنهن جي لاءِ ڪا ٻي قوم يا ماڻهو ذميوار نه آهي.
    (22) سورت الموءمن:
    ڪوڙو ڪندڙن کي مخاطب ٿيندي وري چيو ويو ته هي الله تعالى جو ڪلام آهي ۽ انهيءَ جي طرف کان ئي نازل ٿيو آهي. جيڪڏهن نه مڃيندؤ ته توهان جو به نوح ؑ جي قوم جهڙو حشر ٿيندو. توهان چئو ٿا ته توهان جون ديويون ملائڪ آهن. اهو غلط آهي، قيامت جي ڏينهن ملائڪ به اها ئي شاهدي ڏيندا ته اهي ماڻهو جنن جي پوڄا ڪندا هئا. سِيۡرُو فِي الۡاَرۡضِ جو حڪم ڏنو ويو ته جيئن تباهه ٿيل قومن جي کنڊرن کي ڏسي تاريخ مان سبق پرايون. فرعون موسى کي قتل ڪرڻ پيو گھري، پر هو پاڻ ئي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو. ڇو ته موسى ؑ فرعون جي ربوبيت جو انڪار ڪري سمورن انسانن جي مالڪ (رب) کي پنهنجو مالڪ مڃيندو هو. اهڙيءَ طرح حضرت يوسف ؑ الله تعالى وٽان علم پرائي ٻڌايو ته ڏُڪر اچڻ وارو آهي. ٻئي پاسي مصر جي فرعون پنهنجي جهالت جي ڪري پنهنجي وزير هامان کي حڪم ڏنو هو ته هڪ ڊگھو مينارو اڏايو وڃي ته جيئن مان انهيءَ تي چڙهي آسمان تي رهڻ واري خدا جي حقيقت کي ڄاڻي وٺان جنهن وٽان موسى ؑ نبي بڻجي آيو آهي.
    هر قوم ۾ الله جا رسول آيا آهن. حضرت موسى ؑ تي به خدائي وحي نازل ٿي، معجزا به مليس، پر ڪافرن انهن کي جادو ۽ دوکو سڏيو. هاڻي مڪي جا مشرڪ به خدائي عذاب گھرن ٿا، پر عذاب اچڻ تي توبه قبول نه ٿيندي آهي. الله تعالى جي وجود ۽ ان جي قدرت جون نشانيون، ڪائنات جي هر شيءِ ۾، جانورن ۽ ٻيڙين ۾ به موجود آهن. الله تعالى جنهن لاءِ گھرندو آهي، ان کي معجزا ڏيندا آهن. انهن جو انڪار ڪندڙن جي لاءِ جهنم تيار آهي ۽ ايمان آڻڻ وارن جي لاءِ جنت موجود آهي.
    مان توهان جي ديوين کي معبود نٿو مڃان. مان انهيءَ مالڪ حقيقي کي مڃان ٿو جيڪو جيئرو آهي ۽ دنيا جي سڀني قومن جو آقا (رب العالمين) آهي.
    الله تعالى پنهنجي ٻانهن جو دعائون ٻڌندو ۽ قبوليندو آهي.
    (23) سورت الزمر:
    هن سورت سڳوريءَ ۾ ڳالهه ٻولهه جو رخ ٻيهر حبشه جي عيسائين ڏانهن ٿيو آهي ۽ انهن کي چيو ويو آهي ته الله تعالى جو ڪوبه پٽ نه آهي ۽ نه ئي کيس ان جي ڪا گھرج آهي ۽ ڪافرن جو اهو اصول به غلط آهي. ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهو جو ٻوجهه نه کڻندو. (لَّا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزْرَ اُخْرٰى).
    مسلمانن کي هجرت ڪرڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي (وَاَرْضُ اللہِ وَاسِعَۃٌ). هيءَ هجرت حبشه واري هجرت نه آهي، پر يثرب واري هجرت آهي ته جيئن ڪافرن جي ظلمن کان مڪمل طرح تحفظ ملي وڃي.
    قرآن حڪيم کي ”ڪتاباً متشابها مثاني“ چيو ويو آهي. هتي سورت زمر جي 21، 22 ۽ 23 آيتن ۾ عيسائين کي سڏيندي کين ٻڌايو ويو آهي ته هي احسن الحديث (تمام ئي سٺو ڪلام) آهي ۽ اهڙي تعليم (ڪتاب) آهي جيڪا هڪ هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي ۽ وري وري ورجايل آهي. مثاني جو مطلب اهو آهي ته جيڪا تعليم هن قرآن ۾ ڏني وئي آهي، سا انهيءَ قرآن ۾ به هر هر ورجايل آهي ۽ هن کان پهريان وارن ڪتابن؛ توريت ۽ انجيل وغيره ۾ هر هر ورجائي وئي آهي ۽ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ آهي.
    مثاني جي لفظ سان جن سورتن جو جوڙو جوڙو مراد ورتو ويو آهي، سو بلڪل غلط آهي جنهن جي حمايت ۾ قرآن منجھان ڪوبه اشارو نٿو ملي.
    قرآن جي تعليم سچو دين يعني اسلام يا الله تعالى جي بندگي سيکاري ٿي. الله تعالى جنهن کي گھرندو آهي، هدايت ڏيندو آهي. اها تعليم هڪ نور آهي، جيڪو دل جي اونداهين کي ختم ڪري ڇڏيندوآهي. هن تعليم سان الله تعالى کان ڊڄڻ وارن (عيسائين) جا وار ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ انهن جون دليون نرم ٿي وڃن ٿيون.
    هن دؤر ۾ ڪجھه ڪوڙو ڪندڙن ايمان آڻيندڙن کي ايترو ته پريشان ڪيو ۽ ايترو ته ذهني ۽ جسماني تڪليفون پهچايون جو انهن مان ڪيترا ته بيهوش ٿي ويا. انهن تي ڏاڍ ڪري کانئن نه رڳو شرڪ جون ڳالهيون چَوِرَايون پر هڪ گونهه ريڙهو جيت وڃي رهيو هو ته انهيءَ کي به خدا مڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، پر اهو الله جو ٻانهو رڳو ”احد، احد“ ئي چوندو رهيو.
    جڏهن رسول الله ﷺ اها ڳالهه ٻڌي ته خدائي وحيءَ جي ٻوليءَ ۾ ايمان وارن کي سڏيندي فرمايائون ته جيڪڏهن توهان کان ڏاڍائي ۽ ڪنهن جي ظلم جي ڪري پاڻ تي ڪابه زيادتي ٿي آهي ته انهيءَ لاءِ گھٻرائڻ جي ڪابه ڳالهه نه آهي، توهان الله تعالى جي ٻاجھه مان مايوس نه ٿيو. بيشڪ الله تعالى سڀني گناهن کي معاف ڪري ڇڏيندو. پڪ سان اهو ئي بخشيندڙ ۽ ٻاجھارو آهي. مطلب ته اهو شرڪ ۽ انڪار، جيڪو ڪنهن مجبوري ۽ دماغي پريشانيءَ جي ڪري توهان کان ٿي ويو، الله تعالى انهيءَ کي به معاف ڪري ڇڏيندو پر انهيءَ لاءِ شرط اهو آهي ته توهان پنهنجو پاڻ کي الله تعالى جو ٻانهو سمجھندا رهو ۽ بيقراريءَ جي حالت ۾ جيڪو گناهه ڪيو هو سو به معاف ڪيو ويندو.
    لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ۝۰ۭ اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا ۰ۭ (الزمر:53)
    انهيءَ ڳالهه جو اندازو نٿو ڪري سگھجي ته جنهن ملڪ ۾ آڳاٽو ۽ ابن ڏاڏن کان هلندڙ يا قبائلي قانون کانسواءِ ٻيو ڪوبه قانون نه هجي، اتي خاندان جي وڏن جو پنهنجي خاندان تي ڪيترو اقتدار هوندو آهي ۽ اهي ڏک ۽ ڪاوڙ جي حالت ۾ ڇا ڇا ڪري ويندا آهن. ٻانهي ۽ غلامن جو ته ڪو داد فرياد به نه هو. ان سان گڏوگڏ عرب ۾ ڀرجھلو يا حمايت وارو هجڻ جو قانون به موجود هو جنهن موجب جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن کي پنهنجي حمايت ۾ وٺندو هو ته پوءِ اهو پنهنجي جان ۽ مال سان انهيءَ جي حفاظت ڪندو هو. پناهگيرن سان وڙهڻ جو مطلب ڄڻ پناهه ڏيندڙ کي ويڙهه لاءِ للڪار ڪرڻ هوندو هو.
    انهيءَ دؤر ۾ مالدار سردارن وري زور ڀريو ته پاڻ ﷺ ديوين کي شفاعت ڪندڙ مڃن، پر پاڻ ﷺ جن قرآن جي لفظن ۾ صاف صاف چئي ڇڏيو ته اي جاهلو! ڇا اهو ممڪن آهي ته مان توهان جي چوڻ تي الله کان سواءِ ٻيو ڪنهن جي ٻانهپ ڪرڻ لڳان؟ مون تي ۽ مونکان اڳين تي وحي نازل ٿي آهي ته جيڪڏهن ڪنهن شرڪ ڪيو ته ان جا سڀئي عمل چٽ ٿي ويندا ۽ توهان ٽوٽي ۾ پئجي ويندؤ. اهي ديويون شفاعت نٿيون ڪري سگھن. شفاعت رڳو الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. (قُلْ لِّلہِ الشَّفَاعَۃُ جَمِيْعًا۝۰ۭ لَہٗ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ) بهرحال تڪبر ڪرڻ وارن جي لاءِ دوزخ آهي ۽ پرهيزگارن جي لاءِ جنت آهي.
    ڪوڙو ڪندڙن کان منهن موڙڻ لاءِ وري وري حڪم:
    ڪتاب وارن، خاص ڪري عيسائين ڏانهن ڳالهه ٻولهه جو رخ هجڻ کان پهريان ئي رسول اللهﷺ کي حڪم ملي چڪو هو ته مشرڪن سان وڌيڪ بحث مباحثي جي ضرورت نه آهي، انهن کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ انهن کي انهن جي حال تي ڇڏي ڏيو.
    وَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاہْجُرْہُمْ ہَجْرًا جَمِيْلًا۝۱۰
    مطلب ته جيڪو ڪجھه اهي چون ٿا، انهن کي چوڻ ڏيو. پنهنجي آقا جي حڪم تي قائم رهو. حضرت يونس ؑ وانگر بي صبري نه ڪريو.
    ترجمو: ”جيتوڻيڪ تون انهن جي هدايت جي لاءِ آيو آهين، پر اهي قيامت جي ڏينهن کي نٿا مڃن ته پوءِ انهن کان منهن ڦيري ڇڏ، توهان تي ڪابه ميار نه هوندي“.
    فَتَوَلَّ عَنْہُمْ فَمَآ اَنْتَ بِمَلُوْمٍ (الذاريات ۽ القمر)
    ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين ڏانهن ٿيڻ سان ايمان وارن کي ايذائڻ جو عمل وڌي ويو ته پاڻ ڪريم ﷺ کي وري وري انهن جي ڳالهين کان منهن موڙڻ جو حڪم ٿيو ۽ چيو ويو ته توهان انهن جي انهن ڳالهين تي صبر ڪريو.
    فَاصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ (ق)
    ”اهڙو صبر ڪريو جهڙو اٽل ارادن وارن پيغمبرن ڪيو آهي“.
    فَاصْبِرْ كَـمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ (الاحقاف) فَارْتَقِبْ اِنَّہُمْ مُّرْتَقِبُوْنَ (الدخان) فَتَوَلَّ عَنْہُمْ حَتّٰى حِيْنٍ۝۱۷۴ۙ وَّاَبْصِرْہُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُوْنَ۝۱۷۵ (والصافات) وَاصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ (الطور) ۽ دائود ۽ ايوب ؑ جي صبر واري مثال کي سامهون رکو اِصْبِرْ عَلٰي مَا يَقُوْلُوْنَ وَاذْكُرْ عَبْدَنَا دَاوٗدَ ذَا الْاَيْدِ۝۰ۚ اِنَّہٗٓ اَوَّابٌ۝۱۷ (ص) جيڪو حڪم توهان کي ڏنو وڃي پيو انهيءَ کي چٽو پٽو بيان ڪري ڇڏيو ۽ مشرڪن جي ڳالهين کان منهن موڙيو فَاصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَاَعْرِضْ عَنِ الْمُشْرِكِيْنَ (الحجر) اها به ڳالهه ڌيان ۾ رکو ته ڳالهه ٻولهه ۾ نرم لهجو اختيار ڪريو فَقُوْلَا لَہٗ قَوْلًا لَّيِّنًا لَّعَلَّہٗ يَتَذَكَّرُ اَوْ يَخْشٰى (طٰہ) ڇو ته الله تعالى انسان کي انهيءَ جي سهپ کان وڌيڪ تڪليف ناهي ڏيندو. وَلَا نُكَلِّفُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَہَا (المؤمنون) ”تنهن ڪري جيڪڏهن اهي الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي نه مڃيندا ته ڇا توهان پنهنجو پاڻ کي انهيءَ ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳاريندؤ؟“ لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا يَكُوْنُوْا مُؤْمِنِيْنَ (الشعراء)
    ”(۽ ڏسو) الله تعالى (جي هڪ سنت اها به آهي ته هو) ڪنهن به قوم جي حالت ان وقت تائين نٿو بدلائي جيستائين جو اها پنهنجو پاڻ ۾ تبديليءَ جو شعور ۽ صلاحيت پيدا نه ڪري.“ اِنَّ اللہَ لَا يُغَيِّرُ مَا بِقَوْمٍ حَتّٰى يُغَيِّرُوْا مَا بِاَنْفُسِہِمْ (الرعد)، ”بهرحال اهي گھرن ٿا ته توهان انهن جي ديوين ۽ بتن کي پنهنجي دين ۾ جاءِ ڏيو، انهن جي ڳالهه بلڪل به نه مڃجو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ سخت جاکوڙ ڪجو“ فَلَا تُطِعِ الْكٰفِرِيْنَ وَجَاہِدْہُمْ بِہٖ جِہَادًا كَبِيْرًا (الفرقان)، ”پر هن جهاد (ڪوشش) ۾ خوش اخلاقي ۽ نرمي کي هٿان نه وڃڻ ڏجو“ وَّاِذَا خَاطَبَہُمُ الْجٰہِلُوْنَ قَالُوْا سَلٰمًا (الفرقان)، ”اڃا به انهن کي چئجان ته اسان پنهنجي عملن جا پاڻ جوابدار آهيون ۽ توهان پنهنجي عملن جي لاءِ پاڻ جوابدار آهيو، اسان هڪ ٻئي سان حجت بازي نه ڪنداسين“ لَنَآ اَعْمَالُنَا وَلَكُمْ اَعْمَالُكُمْ۝۰ۭ لَا حُجَّۃَ بَيْنَنَا وَبَيْنَكُمْ۝۰ۭ (الشورى) قُلْ يٰقَوْمِ اعْمَلُوْا عَلٰي مَكَانَتِكُمْ اِنِّىْ عَامِلٌ۝۰ۚ فَسَوْفَ تَعْلَمُوْنَ (الزمر). جيڪو صحيح دڳ وٺندو ته انهيءَ ۾ ئي ان جي لاءِ ڀلائي آهي ۽ جيڪو غلط راهه وٺندو سو پاڻ ئي تباهه ۽ برباد ٿي ويندو فَمَنِ اہْتَدٰى فَلِنَفْسِہٖ۝۰ۚ وَمَنْ ضَلَّ فَاِنَّمَا يَضِلُّ عَلَيْہَا۝۰ۚ (الزمر).
    (24) سورت الڪافرون:
    منهن موڙڻ واري انهيءَ وري وري مليل حڪم کان پوءِ قطعي طور ڪافرن کي اهو چئي ڳالهه کي ختم ڪيو ويو ته ”توهان پنهنجي واٽ تي هلندا رهو ۽ مان به پنهنجي دڳ تي هلي رهيو آهيان. توهان کي توهان جو دين نبيهه هجي ۽ مون کي منهنجو دين“، ٻين سان منهنجو ڪو واسطو نه آهي. لَكُمْ دِيْنُكُمْ وَلِيَ دِيْنِ.
    اعلانيه دعوت جو ٽيون باب به ختم ٿي ويو. هن بابت ۾ حبشه ڏانهن هجرت جو ذڪر ٿيو ۽ ڳالهه ٻولهه جو رخ حبشه جي عيسائين ڏانهن ٿي ويو. مشرڪن جو مسلمانن کي ايذائڻ جو عمل حدون اورنگهي ويو هو ۽ انهيءَ حالت تائين پهچي ويو هو جو هاڻي انهن کي هدايت ۽ نصيحت جي ڪابه ڳالهه نٿي ٿي سگھي. تنهن ڪري سورت ڪافرون ۾ آخرڪار انهن کان منهن موڙيو ويو. هن کان پوءِ ڪافرن پاڻ ڪريم ﷺ کي ۽ انهن جي آڪهه جي ماڻهن کي شعب ابي طالب ۾ قيد ڪري ڇڏيو. اهو قيد ٽن سالن تائين جاري رهيو.


    اسلامي انقلاب جي چوٿين منزل

    شعب ابي طالب ۾ ٽن سالن جو قيد ۽
    قبيلن ڏانهن رسالت جي تياري

    محمد المرسل ...... قرآن مظلومان
    ]محرم 7 نبوي (مارچ 616ع) کان ذي الحج 9 نبوي (مارچ 619ع) تائين[
    رسول الله ﷺ جي جاکوڙ واري تاريخ ۾ انهن ٽن سالن وارو عرصو وڏي اهميت رکي ٿو جنهن ۾ ڳجهي دعوت جي ذريعي ظاهر ظهور دعوت جي لاءِ تياري ڪئي وئي هئي. ان کان پوءِ اڳئين مرحلي يعني علي الاعلان دعوت ۾ وري نظريي جي جزن تي وحي الاهي جي تفصيلي روشني ۾ اثرائتا دليل ڏنا ويا. ڪائنات، انساني معاشري ۽ انساني نفس کي شهادت جي طور تي پيش ڪيو ويو هو.
    مڪي جي غلام بڻائيندڙ مالدار سردارن مسلمانن مٿان پنهنجي ايذاءَ رساني ۽ ظلم ۽ زيادتين واري مشق اڳي کان اڳري ڪري ڇڏي هئي ايتري تائين جو انهن کي حبشه ڏانهن پناهه لاءِ لڏ پلاڻ ڪرڻي پئي. رسول الله ﷺ تي هوڪرا ڪرڻ، ٺٺوليون ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون سٽون سٽڻ معمول بڻجي ويو. غلامن ۽ ٻانهن تي تشدد جي انتها ٿي وئي. آزاد ۽ شريف ماڻهو به انهيءَ ٺٺول کان بچي نه سگھيا. نبي ڪريم ﷺ تمام ئي ثابت قدميءَ ۽ جوانمرديءَ سان انهن سڀني حالتن کي مڙس ٿي منهن ڏنو.
    کليل طرح دعوت جي لڳ ڀڳ ٽن سالن جي مڪمل ٿيڻ تي هاڻي نئين صورتحال کي منهن ڏيڻو پئجي ويو. رسول الله ﷺ ۽ سندن قبيلي بنو هاشم ۽ بنو المطلب کي شعب ابي طالب ۾ قيد ڪيو ويو. انهن سان ڏيتي ليتي، لڳ لاڳاپن ۽ مٽي مائٽي جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. ڪافرن جو خيال هو ته متان بک ۽ اڪيلائيءَ کان تنگ ٿي ڪري محمد ۽ ان جا سنگتي پنهنجي آڳاٽي مسلڪ تي واپس موٽي اچن، پر ٽن سالن جي قيد ۽ اڪيلائي ۾ به رسول اللهﷺ ۽ سندن سنگتين جي همت ۽ حوصلي ۾ هيڻائي پيدا نه ٿي سگھي. اڃا به انهن ٽن سالن جي قيد ۾ رسول اللهﷺ تي اها حقيقت پڌري ٿي پئي ته جيستائين سياسي اقتدار حاصل نٿو ٿئي، ديني تعليم جو انساني زندگيءَ تي ڪو گھرو ۽ جوڳو اثر نٿو ٿي سگھي. مطلب ته رڳو انفرادي اخلاق کي سڌارڻ سان معاشري جي گڏيل زندگيءَ تي ڪوبه اثر ظاهر نٿو ٿي سگھي. شعب ابي طالب ۾ قيد ٿيڻ کان پهريان قرآن ۾ ”ارض الله واسعة“ يعني زمين جي وسعت ڏانهن اشارو ۽ ڪتاب وارن خاص ڪري عيسائين جي عقيدن ۽ رحمان جي ذڪر مان اهو پڌرو آهي ته هن وقت تائين نازل ٿيڻ وارو قرآن حبشه ڏانهن حجرت واري زماني جو آهي. حبشه ڏانهن حجرت جهڙي اهم واقعي جو قرآن ۾ ڪوبه ذڪر نه آهي. اهڙي طرح عيسائين سان ڳالهه ٻولهه جي تفصيل به قرآن ۾ موجود نه آهي، رڳو اشارا آيا آهن، جن منجھان ڄاڻي سگھجي ٿو ته قرآن جو اهو حصو حبشه ڏانهن هجرت ۽ عيسائين جي عقيدن تي تنقيد سان تعلق رکي ٿو.
    شعب ابي طالب ۾ قيد ٿي وڃڻ کان پهريان بنو هاشم ۽ بنو عبدالمطلب جي خاندان منجھان حضرت حمزه، حضرت علي ۽ حضرت زيد ؒ کانسواءِ ٻيو ڪوبه مرد رسول الله ﷺ تي ايمان آڻڻ وارن ۾ شامل ڪونه هو. ان کان سواءِ ٻئي جيترا به ماڻهو هئا، اهي رڳو قبائلي غيرت ۽ مائٽي جي ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جا حامي ٿي بيٺا هئا. ايتري تائين جو پاڻ ڪريم ﷺ کي به مڪي ۾ پرچار جي اجازت ڪونه هئي ۽ نه ئي وري ڪو سندن ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار هو. انهيءَ مان هڪڙو اهم سوال اڀري ٿو ته شعب ابي طالب ۾ قيد وارن ٽن سالن دوران جيڪو قرآن نازل ٿيو هو سو ڇا هو ۽ ان جي ڳالهه ٻولهه ڪنهن سان هئي؟ تفسيرون ۽ حديثون انهيءَ سوال جي جواب ڏيڻ ۾ چپ آهن.
    اها ڳالهه پڌري آهي ته شعب جي اندر نظربند ٿيڻ وارن ۾ اهي ٿورڙا ماڻهو، جن جو ذڪر مٿي ٿيو آهي، سي ايمان وارا هئا، جڏهن ته باقي سڀئي ڪافر هئا. شعب کان ٻاهر جيڪي مسلمان هئا، اهي به پريشان هئا ۽ گھرن پيا ته ڪنهن طرح سان انهن ڏکن ڏولاون مان ڇوٽڪارو ملي. دين جي تعليم (نظرئي جي حد تائين) ته اڳي ئي مڪمل ٿي چڪي هئي، تنهن ڪري وري وري مسلمانن يا مشرڪن کي اهو ٻڌائڻ جي ضرورت نه هئي ته اسلام ڇا آهي؟ انهيءَ باري ۾ ڪنهن نئين وحي جي ضرورت نه هئي. اسلام جو بنيادي نظريو الله تعالا جي وجود ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ عملن جي جزا ۽ سزا جي شڪل ۾ پيش ٿي چڪو هو. اهو به ٻڌايو ويو هو ته اسلام جو خدا ٻين قومن جي خدا وانگر نه رڳو انصاف ڪندڙ، پر بيحد ٻاجھارو به آهي. هو سزا به ڏئي سگھي ٿو ۽ معاف به ڪري سگھي ٿو. پر معاف ڪرڻ ۾ پنهنجي رحمت واري قانون جو پابند آهي.
    رسالت جي تياري:
    پهريان ٻڌايو ويو آهي ته جهڙي طرح ڳجھي دعوت جا ٽي سال ظاهر ظهور دعوت جي تياريءَ جا سال هئا، هاڻي هيءُ نظريو اڳيان هو ته عرب قومن ۾ اسلام جي پرچار جي تياري جي لاءِ رسول الله ﷺ کي وڌيڪ ٽن سالن جي وٿي ڏني وڃي ته جيئن پاڻ ﷺ دنيا کي اسوهء يوسفي (قيد) ۽ اسوهء موسوي (هجرت ۽ جهاد) تي عمل ڪري اهو سمجھائي سگھن ته خدا تعالا تي ڀروسو ڪرڻ وارو هڪڙو اڪيلو ماڻهو به سڀني ڏکيائين کي مات ڏئي سگھي ٿو.
    هن زماني ۾ ڳالهه ٻولهه نه ته ڪافرن سان هئي ۽ نه ئي وري ايمان وارن سان. هن دؤر ۾ جيڪي به سورتون نازل ٿيون انهن ۾ ڳالهه ٻولهه رسول الله ﷺ سان ڪئي ٿي وئي. هن دؤر جي تعليم جو مقصد رڳو اهو هو ته ”الملک والدين تو امان“ (يعني رياست ۽ دين ٻه جاڙا ڀائر آهن). هاڻي وحيءَ جو جيڪو سلسلو شروع ٿيو هو، سو ملڪ ۽ حڪومت جا اصول ٻڌائي ٿو. پاڻ ڪريم ﷺ جن دينن جي تاريخ تي غور ڪندي ڄاڻي ورتو هو ته جيستائين حڪومت ۽ سلطنت نه هوندي، ان وقت تائين دين قائم نٿو ٿي سگهي. ڇو ته دين ۽ سلطنت پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. هڪڙي کان بنا ٻيو اڻپورو آهي.
    اخلاقي سياست ئي نبوت جو مقصد
    اخلاقي سياست ئي نبوت جو مقصد آهي: پاڻ ڪريم ﷺ کان پهريان حضرت موسى ؑ انسان کي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ اهڙا اصول قائم ڪيا هئا، جن تي ديني يعني عام انسانيت جي ڀلائيءَ جي لاءِ سلطنت قائم ٿي سگھي ٿي. اها سلطنت حضرت سليمان ؑ جي زماني ۾ عروج تي پهتي. اهڙي طرح قرآن ايران جي بادشاهه ڪوروش (ذوالقرنين) جي به واکاڻ ڪئي آهي. حضرت عيسى ؑ جو ذڪر به قرآن ۾ انهيءَ لاءِ ڪيو ويو آهي ته اهو انصاف ۽ رحم جي بنياد تي سلطنت (خدا جي بادشاهت) قائم ڪرڻ گھري پيو. قرآن آدم کان وٺي نبي ڪريمﷺ جي بعثت تائين جا تاريخي حوالا انهيءَ خيال سان ئي ڏنا آهن ته سڀني قومن ۾ انساني معاشري کي سنواري اخلاقي ۽ ديني بنيادن تي سياسي نظام قائم ڪيو وڃي. انهيءَ ئي مقصد ماڻڻ جي لاءِ دنيا جي قومن ڏانهن رهبر ۽ سڌارڪ انسان موڪليا ويا هئا. ديني تاريخ منجھان قرآن پاڪ اهو نتيجو ڪڍي ٿو ته هاڻي رڳو اهڙي ئي سياست زنده رهي سگھندي جيڪا نبين، رهبرن، فلسفين، حڪيمن، دينن ۽ ڪتابن (قانونن) جي هيٺ ڏنل بنيادي حقيقتن کي ڪڏهن به نه وساري:
    1. خدا بابت عيسائين جي تصور موجب گھڻن معبودن يا هڪڙي گڏيل خدا جي ٻانهپ ائين ئي آهي، جيئن شيطان يا ان جي اولاد ۽ نفس اماره جي پيروي، تنهن ڪري انهيءَ روش کي تياڳڻ گھرجي ۽ رڳو هڪڙي ئي آقا ۽ خلقڻهار (رب العالمين) جي حڪمن تي عمل ڪرڻ گھرجي ته جيئن انساني جماعت جي اندر فرقو پيدا نه ٿئي ۽ حق واري دين تي اتحاد قائم ٿي سگھي.
    2. انساني وحدت ۽ برابري جو نظريو جيستائين عملي طور تي معاشري ۾ استعمال نه ڪيو وڃي انهيءَ جو ڪوبه نتيجو نٿو نڪري. تنهن ڪري (اڄ جي مذهبي پيشوائن جو خيال ته) ايمان کان نيڪ عمل کي يا نيڪ عمل کان ايمان کي الڳ ڪرڻ، اسلام جي حقيقت کان منهن موڙڻ جي برابر آهي.
    3. جيڪي ماڻهو انصاف ڀري سياست جي لاءِ ڪم ڪندا آهن، اهي ئي سچا مؤمن هوندا آهن. اهڙي طرح هر نبيءَ جي نبوت جي نظري تعليم جي روشني ۾ سياست يا عملي نبوت کي قائم ڪيو ويندو آهي ۽ رسالت جي انهيءَ اصل ڪم کي مڪمل ڪرڻ وارا هر دؤر ۾ اها ئي جدوجهد ڪندا رهندا آهن.
    مڪي جي سردارن رسول الله ﷺ کي مجبور ڪيو ته پاڻ قبائلي ۽ قومي سياست جي بدران عالمي ديني سياست تي غور ۽ فڪر جي لاءِ اڪيلا ڇڏيا وڃن. تنهن ڪري شعب ابي طالب جا ٽي سال انهيءَ مقصد ماڻڻ جي لاءِ ڪم آيا. هن زماني ۾ قرآن يهودين جي تاريخ بلڪل انهيءَ ئي ترتيب سان ڏسي آهي جيئن بائبل ۾ آهي. شعب مان نڪرڻ کان پوءِ اهو سلسلو جاري رهيو. يهودين سان گڏ مجوسي به شامل ڪيا ويا ۽ مڪي جا مشرڪ انهيءَ ڳالهه کي سمجهي نه سگھيا ته هن قرآن ۾ ڪتاب وارن کي ٻڌيءَ جي دعوت ڏني پئي وڃي.
    سنه 6 نبوي جو حج به ٻُسو هو. ايراني ۽ رومي سامراج پاڻ ۾ وڙهي رهيو هو. يتيمن، بيواهن ۽ غلامن خوف ۽ بک جي ڪري جنگ جي مخالفت شروع ڪري ڏني هئي. يروشلم ۾ عيسائيت خوار ٿي چڪي هئي. 616ع ۾ ايراني ساسانين فلسطين تي ۽ 619ع ۾ مصر تي قبضو ڪري ورتو هو. هيءُ اهو زمانو هو جڏهن ڪعبي جي مذهبي ٺيڪيدارن جي اڳواڻي ڪندڙ بنو عبدالدار ايمان آڻڻ وارن کي چٿي رهيو هو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي ساٿاري خاندان بنو هاشم جي حمايت کان پاڻ ﷺ ۽ ان جي ساٿين کي الڳ ڪرڻ جا جتن ڪري رهيو هو.
    مڪي جي انهيءَ دؤر واري تاريخ تي پردو پيل آهي. حبشه واري ابرهه جي ڪعبة الله تي حملي سبب مڪي وارن کي حبشه ۽ عيسائين کان نفرت هئي. مسلمانن جي هڪڙي جماعت حبشه ۾ پناهه وٺي چڪي هئي، انهيءَ ڪري ايرانين ۽ رومي عيسائين جي ڇڪتاڻ ۾ رڳو رومي عيسائين کان ئي ديني ۽ سياسي اتحاد جي اميد هئي. اها ته خبر نه پئجي سگھي ته انهيءَ دؤر ۾ نجاشي کان سواءِ مسلمانن ڪن ٻين عيسائي ملڪن سان به رابطو ڪيو هو يا نه؟ پر اها ڳالهه پڌري پٽ آهي ته انهن مڪي جي مشرڪن جي دشمنن سان رڳو انهيءَ ڪري دوستي ڳنڍي ورتي هئي جو اهي هڪ الله جي پوڄا ڪندڙ ۽ موحد هئا ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ جا به قائل هئا.
    اسلام ۽ ٻئي مذهب ۽ فلسفي مڪتبه فڪر
    دنيا ۾ جيترا به مذهب پيدا ٿيا سي سڀئي سٺي ۽ ترقيءَ واري زندگيءَ جا طريقا ٻڌائيندا هئا. سامي قومن مذهب جي ذريعي جيڪو طريقو سوچيو، اهو ئي طريقو آريائي قومن فلسفي جي ذريعي ٻڌايو. انسان هڪ سماجي جانور آهي. سماجي زندگي ۽ ترقيءَ جي لاءِ جهڙي طرح مذهب ۽ فلسفو ڪمائتا آهن، ائين ئي سياست به ان جي لاءِ ضروري آهي. پر مذهب کي دنياوي زندگيءَ کان الڳ ڪري پيشوا، راهب يا جوڳي بڻجي ويهي رهجي ته انسان جي ترقيءَ جو عمل رڪجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن نظري فلسفو ۽ اخلاقي نصيحتون رڳو هڪ خيال تائين محدود ٿي وڃن ۽ عملي زندگيءَ سان انهن جو ڪو لاڳاپو نه رهي ته اهي به بي معنى ۽ بي فائدي ٿي وينديون آهن.
    تنهن ڪري جن قومن پنهنجي عملي زندگيءَ سان پنهنجي مذهب (اخلاقي قانونن) يا فلسفي کي واڳيو ۽ اهڙا قانون جوڙيا جيڪي انساني فطرت موجب هجن ۽ ترقيءَ سان گڏوگڏ انهن ۾ ترقي پسند تبديلي به آڻيندا رهن، سي سڀئي مسلم قومون ئي هيون. دنيا ۾ اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي ٻين کي به ترقيءَ جي دڳ لائي سگھن. مطلب ته سماجي انصاف، رواداري، خدا پرستي، اسلام ۽ ترقي؛ اهي سڀئي ساڳي معنى رکندڙ لفظ آهن. انهن جو بنياد قرآن سان گڏوگڏ سڀئي آسماني ڪتاب آهن. قرآن جو ڪم رڳو اهو آهي ته اهو سڀني آسماني ڪتابن جي تصديق ۽ تشريح ڪري ٿو.
    مذهب جا ٻه قسم:
    اسلام کان اڳ ۾ ٻن قسمن جا مذهب ملن ٿا؛ انهن مان هڪڙو قومي ۽ نسلي ترقي جي بنياد تي قائم هو؛ جهڙوڪه يهودي ۽ هندستان جا هندو. انهن مان ٻيو عام انساني برادري کي ترقي ڏيڻ گھري پيو جهڙوڪه چيني، ٻڌ، عيسائي، مانوي وغيره.
    انهيءَ دؤر ۾ هر قوم پنهنجي قوم کي ٻين قومن کان مٿانهون سمجھندي هئي. رنگ ۽ نسل تي وڏائي ڪرڻ جو مرض هر جاءِ تي موجود هو. اهڙيون سڀئي قومون تباهه ۽ برباد ٿي ويون جيڪي ٻين قومن کي غلام بڻائي، ڏاڍائيءَ سان انهن کان پنهنجي ديوتائين جي پوڄا ڪرائينديون هيون. اهڙين قومن ۾ آشوري، مصري، ڪلداني (خالدي)، ايراني، ساساني، يوناني ۽ رومي قومون شامل آهن. انهن قومن جي ترقي پنهنجي هٺ ۽ وڏائيءَ جي ڪري رڪجي وئي ۽ آخرڪار اهي ٻين قومن جي هيٺان غلام بڻجي ويون.
    باقي اهي قومون جن پنهنجي سياسي زندگي ۾ عالمگير انساني پرگرام کي داخل ڪيو ۽ پنهنجي دين ۽ ملڪ جو مقصد گڏيل انساني ڀلائي رکيو ۽ پنهنجي سياست جو بنياد بين الاقوامي برابري ۽ همدرديءَ تي رکيو سي ايستائين زنده رهيون جيستائين انهن جي اندر اهو عالمگير جذبو قائم رهيو.
    يهودين ۽ هندن جي تباهي:
    اسلام کان پهريان يهودي مذهب جي تعليم سياسي آزادي ۽ نيڪ عملي سيکاريندي هئي. ڪجھه ڏينهن جي لاءِ اها يهودي رياست بڻي ۽ جيستائين اها خدائي قانونن جي فرمانبرداري ڪندي رهي تيستائين زنده رهي. ايران ۽ وچ ايشيا ۾ زرتشتي مذهب ۽ هندستان ۾ ڪجھه مختلف مذهبن جي پيروڪارن کي به پنهنجي رياست قائم ڪرڻ جو موقعو مليو، پر انهن مذهبن ۾ دين ۽ رياست کي گڏوگڏ هلائڻ واري تعليم ختم ٿي وئي هئي. اهي رڳو اخلاقي طور يا فلسفي بنيادن تي ماڻهن کي نيڪ زندگي گذارڻ جون نصيحتون ڪرڻ لڳا هئا. ان کان پوءِ رياست تي حڪمراني ڪرڻ واري ذات (طبقو) الڳ ٿي ويو جيڪو برهمڻن ۽ ڀشڪن کان تعليم وٺندو هو. ائين حقيقي جمهوريت قائم نه ٿي سگھي جو برهمڻن گھٽ ذات وارن ماڻهن تي ظلم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.
    رڳو اشوڪ اعظم جي بادشاهت، جيڪا گوتم ٻڌ جي ٻڌايل انساني برابريءَ واري اصول تي ٻڌل هئي، قائم رهي سگھي. ڇو ته مهاتما ٻڌ، جيڪو قديم طريقو ٻڌايو هو، انهيءَ ۾ فڪر ۽ عمل جي صحت جو دارومدار سخاوت، رواداري، پيار ۽ انساني برابريءَ تي رکيو ويو هو ۽ اهو انهيءَ لاءِ هو ته جيئن ملڪ جو بادشاهه نفساني خواهشن تي ضابطو آڻي ذات پات جي فرق کي ختم ڪري ڇڏي. بمبسار ۽ اشوڪ انهيءَ تعليم تي عمل ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم کي سياسي ترقيءَ جي لاءِ استعمال ڪيو جيڪو تمام ئي ڪامياب ويو.
    غلاميءَ جو رواج:
    جڏهن انساني معاشرو شڪار واري دؤر مان نڪري زراعت واري دؤر ۾ داخل ٿيو ۽ هن ڪڻڪ ۽ ٻئي اَن پوک جي شروعات ڪئي ته معاشرو آقا ۽ غلام جي نالن سان ٻن مخالف معاشي طبقن ۾ ورهائجي ويو. سگھاري ٽولي زمين جي پوکيءَ وارن وڏن وڏن علائقن تي قبضو ڪري ورتو ۽ معاشري جي گھڻائي انهيءَ پيداواري وسيلي کان محروم ٿيندي وئي. جنگن ۾ پڪڙيا ويندڙ قيدي غلام بڻايا ويا، ڇو جو اَنَ جي جھجھي مقدار جي ڪري هاڻي انهن قيدين کي مارڻ جي ضرورت نه هئي، اڃا به فتحن جي وسيلي گھڻي کان گھڻا غلام حاصل ڪرڻ جي ڊڪ ڊوڙ شروع ٿي وئي. حالت اتي وڃي بيٺي جو فلسفي به غلاميءَ کي هڪڙو فطري ادارو سڏڻ لڳا. ارسطو جو قول هو ته غلامي هڪڙي ضروري ۽ فطري شيءِ آهي. افلاطون به پنهنجي ڪتاب ”ري پبلڪ“ ۾ غلاميءَ جي خلاف هڪڙو ٻول ٻولي نه سگھيو. انهيءَ دؤر ۾ غلامن تي ڏاڍ ۽ ظلم جي ڪا حد ئي ڪونه هئي. سڪندر قديم فونيقي شهر طائر کي 332ع ۾ تباهه ڪري ڇڏيو ۽ ان جي سڀني رهاڪن کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيو. ارسطو کان پوءِ فلسفين غلاميءَ جي مسئلي تي ڪوبه توجهه نه ڏنو. فلسفين کان وڌيڪ ته يوناني شاعر غلامن سان همدرد ۽ انهن لاءِ ٻاجھه وارو جذبو رکندا هئا. يونان ۾ اهو قانون هو ته غلام کي اهو حق آهي ته هو پنهنجي مالڪ کي پنهنجو مُلهه ڏئي آزاد ٿي وڃي. قرآن پاڪ به اهو ئي اصول ٻڌايو ته غلام تي احسان ڪري يا فديو وٺي ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي ۽ انهيءَ قانون تي عمل ڪرڻ هر آقا يا مالڪ لاءِ فرض سڏيو.
    دين ۽ سياست:
    يونان ۾ جيڪا رياست قائم ٿي انهيءَ ۾ انساني برابريءَ جي جاءِ قومي وڏائيءَ واري جذبي والاري. جيتوڻيڪ يونان جي فلسفي، سياست، فطرت پرستي ۽ سنگتراشي يوناني ثقافت کي تمام ئي شاهوڪار بڻائي ڇڏيو هو، پر پوءِ به غلاميءَ واري رواج جي ڪري انهن جي ثقافت جا ڪيترائي حصا بگڙجي ويا هئا. سڪندريه جي علمي مرڪز ۾ نون تصورن جي آميزش پيدا ٿي وئي، پر سياست وري به عالمگير تصور کان خالي رهي.
    رومي سياست ۾ غلامي ۽ وياج، ٻئي شيون موجود هيون. جنگ جو مقصد ئي غلام حاصل ڪرڻ ۽ فتح ٿيل ملڪن ۾ وياج جو ڪاروبار ڪرڻ هو. روم کان ٻاهر رومي سامراج هر جاءِ تي تباهي مچائي ڇڏي هئي. 146 ق. م ۾ مقدونيه کي غلام بڻايو ويو ۽ سڪندر وانگر رومين به ڪارنٿ سان ساڳئي ئي قسم جو ورتاءُ ڪيو ست سئو سال پراڻي فونيقي شهر قرطاجنه جي ستيا ناس ڪري ڇڏي ۽ جنگ ۾ بچي ويل پنجاهه هزار قيدين کي غلام بڻائي وڪڻي ڇڏيو. آگسٽن جي زماني ۾ ئي يمن کي فتح ڪيو ويو. ان وقت هندستان ۽ يمن سان ٿيندڙ مسالحن جو واپار، جيڪو ڳاڙهي سمنڊ کان گذرندو هو، رومين جي هٿ لڳو ۽ عرب وارا ان کان محروم ٿي ويا. ان زماني ۾ مڪي مان جيڪي شاهراهه نڪرندي هئي سا بند ٿي وئي ۽ اُٺن جي قافلن جي جاءِ ٻيڙين والاري، جنهن جي نتيجي ۾ مڪي جي اهميت ختم ٿي وئي. پهرين صديءَ عيسويءَ ۾ يهودين جي بغاوت جي ڪري يونانين يهودين جو قتل عام شروع ڪيو ۽ سڪندريه مان يهودين جو خاتمو ٿي ويو.
    يهودين جي پاڻ ۾ جنگين فلسطين کي به ڪمزور ڪري ڇڏيو. 70ع ۾ رومين يروشلم کي فتح ڪري عبادتگاهه ۽ باقي سڄو شهر تباهه ڪري ڇڏيو. يهودي هيڏي هوڏي ڀڄي ويا. روم ۾ فتحن جي گھڻائي دولت ۽ غلامن جي تعداد کي وڏي هٿي ڏني، نتيجو اهو نڪتو جو رومين جي شروعاتي بادشاهت، جيڪا رومي اميرن توڙي غريبن جي جمهوريت تي ٻڌل هئي، سا آهستي آهستي هڪ خاص ٽولي جي آمريت بڻجي وئي. انهن جي اندر شهريت جو احساس ختم ٿي ويو ۽ لوڀ ۽ مطلب پرستي اجماعتي زندگيءَ کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. پر رومي قانون غلامن ۾ اهڙو روح ڦوڪي رهيو هو جو اهي هن غير فطري نظام کي ختم ڪري ڇڏين. روما جي ڦر مار ۽ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ مسيحيت کي ٻيهر جيئرو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ 529ع ۾ جسٽينن فلسفي جا اها اسڪول بند ڪري ڇڏيا هئا جيڪا افلاطون جي وقت کان هلندڙ هئا، پر هو انسان جي فلسفي سازي کي رومي قانون جي تدوين کان روڪي نه سگھيو.
    جيڪا عيسائيت جسٽي نين کان پنج سئو سال پهريان رومي سامراج پيدا ڪئي هئي سا سڪندريه جي فلسفاڻي آب هوا ۽ يهودين، يونانين ۽ غلامن جي گڏيل ڪوڪ هئي. نه رڳو ايترو پر انهيءَ عيسائيت بگڙجي هڪ پاسي اوڀر روم ۾ پادرين جي ٺيڪيداري پيدا ڪري ڇڏي ته ٻئي پاسي ماني مذهب کي پيدا ڪيو. انهن ٻنهي ملي ڪري دنيا جي قديم شهر مڪي کي موقعو ڏنو ته اهو سڪندريه وانگر رڳو فلسفي ۽ مذهب ئي نه، پر ان سان گڏوگڏ عملي سياست ۽ اخلاق کي ملائي معاشرتي زندگيءَ ۾ لاڳو ڪري.
    عرب کان سواءِ هر جاءِ تي مختلف بادشاهتون قائم ٿي تباهه ٿي چڪيون هيون. مختلف قسم جا قومي ۽ عالمي مذهب پيدا ٿي نئون لباس پهري چڪا هئا. ماڻهن وهمن کان نڪرڻ جي لاءِ پنهنجو عقل هلائڻ شروع ڪيو هو، ڇو ته وهمن کان نه ته فلسفو خالي هو ۽ نه ئي ڪو مذهب. هر ملڪ جي سياست تي مذهبي جماعتن پنهنجو اقتدار قائم ڪري ورتو هو جنهن جي نتيجي ۾ سقراط جهڙي مهان ڏاهي کي به زهر جو پيالو پيئڻو پيو، ڇو جو هو قومي مذهب جي خلاف ٻاهرين تصورن کي ايٿنز ۾ داخل ڪري رهيو هو.
    مصري ۽ سامي قومن جي مذهبي حڪومتن سان جڏهن آريائي قومن جو ميلاپ ٿيو ته هندستان، يونان ۽ چين ۾ اهڙيون عقلي تحريڪون اٿيون، جيڪي انساني تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي نتيجا ڪڍڻ لڳيون. سمجھه جي اهڙي طريقي کي فلسفو به چوندا هئا ۽ سائنسي علم به چيو ويندو هو. پر اهو علم ۽ فلسفو مذهب بڻجي ويو. عقلي ترقي ڪرڻ جي بدران ماڻهن نئين عقلي طريقي سان حاصل ٿيندڙ ڄاڻ جي مٿان قديم مذهبي ڄاڻ کي اوليت ڏيڻ شروع ڪئي. انهيءَ سان قدامت پرستي پيدا ٿي ۽ ائين ترقي رڪجي وئي. جڏهن مختلف ملڪن ۾ مذهبي جماعتن سياست تي قبضو ڪري ورتو ته هر ملڪ جي سياست تي مذهبي پيشوائن ۽ پوڄارين جي راءِ جو اثر ٿيڻ لڳو، ائين مذهب به سياسي هٿيار بڻجي قدامت پرست بڻجي ويو.
    شعب ابي طالب ۾ سماجي بائيڪاٽ:
    هن تاريخي پس منظر ۾ شعب ابي طالب ۾ نظربندي وارن ٽن سالن ۾ نازل ٿيڻ واري قرآن جو مطالعو ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي ته هاڻي ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين جي بدران يهودين ۽ مجوسين ڏانهن آهي. حبشه ۾ پناهه ورتل مسلمانن جي مدد سان مڪي کي فتح ڪرڻ جو وقت اڃا نه آيو هو. رسول اللهﷺ جن ڏاڍائيءَ جي بنياد تي شيطان پرستيءَ کي ختم ڪرڻ واري ڳالهه کي اڃا به مناسب نٿي ڄاتو.
    توريت ۽ بني اسرائيل:
    قرآن ڪريم عبري قوم کي ڪٿي بني اسرائيل ته ڪٿي وري يهودي ڪري سڏيو آهي. اصلي ۽ معياري توريت ۾ پنج ڪتاب هئا، پر اها توريت ناپيد ٿي چڪو هو. ان کان پوءِ حضرت عزير ؑ 400 ق.م کان 360ق.م تائين ڪاتبن کي اهو زباني لکرايو. اهو توريت به 377 ق.م تائين اڻ لڀ ٿي چڪو هو. ان کانسواءِ توريت السبعين هو جيڪو 47 ق.م ۾ بروخيم جي ڪتب خاني ۾ باهه لڳڻ جي ڪري سڙي ويو. موجوده توريت، جنهن ۾ وڏي تحريف ڪئي وئي آهي سو سامري وارو توريت (Smaritan Roll) سڏجي ٿو.
    حضرت عيسى ؑ کان ٻه سئو سال اڳ توريت جو يوناني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو. جيئن ته اهو بائيبل جي شروع وارن پنجن ڪتابن تي ٻڌل آهي، انهيءَ ڪري ان کي پنتاتوش (پنج ڪتاب) جو نالو ڏنو ويو. انهن پنجن ڪتابن منجھان چار ڪتاب قانوني نظام جي باري ۾ آهن. هن شروعاتي معاهدي ۾، جيڪو الله تعالى بني اسرائيل وارن سان ڪيو هو، جيڪي ڏهه حڪم بيان ٿيل آهن سي حمورابي قانون سان ايترو ته هڪجهڙائي رکندڙ آهن جو محققن جو خيال آهي ته اهي انهيءَ منجھان ئي ورتل آهن. جڏهن بني اسرائيل غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻي مصر منجهان نڪتا ته انهن تي آشوري ۽ بابلي رهڻي ڪهڻي وڏو اثر وڌو هو. حضرت سيلمان ؑ کان پوءِ هيءَ قوم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي؛ اسرائيل اترين فلسطين ۾ ۽ يهودي يروشلم جا حڪمران بڻجي ويا. 722 ق.م ۾ بني اسرائيل جا ڏهه قبيلا ڇڙوڇڙ ڪيا ويا ۽ آشورين اسرائيلي حڪومت کي برباد ڪري ڇڏيو. هاڻي رڳو بني يهود ۽ بني يامين ئي يروشلم جا حڪمران وڃي بچيا هئا. 606 ق.م ۾ بخت نصر انهن کي قيد ڪري بابل وٺي ويو. هتي پنجهٺ سالن جي غلاميءَ ۾ انهن بابلي قانون ۽ رهڻي ڪهڻي کي سکي پنهنجي ڪهاڻي لکي. انهيءَ ڪهاڻيءَ جو مقصد اهو هو ته يهودي قوم ئي اڪيلي جيئري ۽ عزت واري قوم آهي ۽ اها پنهنجي خدا (يهودا) کي ٻين قومن جي خدائن کان وڌيڪ سگھارو سمجھن. هن قوم جي هر هر تباهي ۽ برباديءَ جو ڪارڻ الله تعالى جي ذات کان بغاوت ۽ سرڪشي هئي. انهن جي سرڪشيءَ جو حال هي هو جو انهن پنهنجي عبادتگاهن جي ويجھو چڪلا کولي ڇڏيا هئا.
    ڪوروش (سائرس يعني ذوالقرنين) ايراني بادشاهه جڏهن بابل کي فتح ڪيو ته يهودين کي مصر جي دنگ تي ٻيهر آباد ڪيو ۽ انهن کي يروشلم ۾ پنهنجو عبادتگاهه تعمير ڪرڻ جي جازت ڏني. انهيءَ ڪري ئي بائيبل ۾ ڪوروش کي موسى ثاني سڏيو ويو آهي. قرآن ڪريم انهيءَ ئي سائرس کي ذوالقرنين سڏي ٿو، ڇو ته انهيءَ بائيبل ۾ مذهبي آزادي ڏئي ڇڏي هئي. هن جي بادشاهت ۾ هر قوم جي خدائن جي بنا ڪنهن جھل پل جي پوڄا ٿيندي هئي.
    توريت ۽ قرآن:
    توريت ۾ حضرت موسى ؑ کان هزارين سال پهريان جا قصا موجود آهن. حضرت آدم کان حضرت ابراهيم تائين جو بڻ بڻياد ۽ حضرت موسى ؑ جي دؤر تائين وارا قصا ۽ ڪهاڻيون موجود آهن. ايتري تائين جو آدم جي پيدا ٿيڻ کان اڳ زمين ۽ آسمان جي پيدائش جو به ذڪر ٿيل آهي. ان کان سواءِ اها ڳالهه به لکي وئي ته الله تعاليٰ ڇهن ڏينهن ۾ هر شيءِ کي پيدا ڪري ستين ڏينهن آرامي ٿيو. (نعوذبالله) انهيءَ ڪري يوم سبت يعني ڇنڇر جي ڏينهن يهودي ڪوبه ڪم نه ڪندا آهن؛ رڳو آرام ڪندا آهن. قرآن پاڪ انهن سڀني قصن کي عقلي معيار تي رکي انهن سان رڳو الله تعالى جي وڏائي ثابت ڪئي آهي.
    حضرت آدم ۽ نوح عليه السلام:
    قرآن چيو آهي ته شيطان جي دوکي ۾ اچڻ سان انسان کي سزا ملي ٿي. آدم کي باغِ عدن مان ڪڍيو وڃڻ کان پوءِ، مسجودِ ملائڪه هئڻ باوجود به، محنت ۽ ڪشالو ڪرڻو پيو. قرآن ۾ اهو ئي سبق نوح ؑ واري طوفان جي حوالي سان ڏنو ويو آهي ته شيطاني وسوسن ۾ پيو رهڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو حضرت نوح ؑ جو پٽ ۽ زال ٻئي تباهه ٿي ويا.
    موجوده تحقيق اهو ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آدم ۽ نوح ؑ جا قصا بابل ۽ ٻين قومن ۾ به موجود آهن. پر قرآن ڪريم انهن قصن جي حقيقت جي باري ۾ بحث نٿو ڪري پر اهو يهودين کي توجهه ڏياري ٿو ته اهي قصا توهان جي ڪتاب يعني توريت ۾ به موجود آهن، انهيءَ ڪري انهن مان سبق حاصل ڪريو ۽ شيطان کان پري ڀڄو.
    حضرت ايوب عليه السلام:
    توريت جي روايت موجب حضرت ايوب ؑ 2233 ق.م ۾ پيدا ٿيو. هو هڪڙي عرب قبيلي جو چڱو مڙس هو. مختلف آزمائشن ۾ وڌو ويو جنهن کي هن صبر ۽ بردباريءَ سان برداشت ڪيو. ان کان پوءِ الله تعالى ٻيهر ان کي اولاد ۽ مال ملڪيت عطا ڪئي.
    حضرت ابراهيم عليه السلام:
    توريت جي روايت موجب حضرت ابراهيمؑ ۱92۱ ق.م ۾ سام جي اٺين پشت ۾ پيدا ٿيا. عرب مستعربه پنهنجي نسبي سلسلي کي انهن تائين پهچائن ٿا. پاڻ اُر شهر جا رهاڪو هئا. قرآن ڪريم کين خدا پرست ۽ موحد سڏي ٿو. هنن بابلي ستارن پرستي کان منهن موڙي خدا پرستي کي اختيار ڪيو هو. انهن جي زندگيءَ مان اهو ئي سبق ملي ٿو ته الله تعالى جي ذات کي مڃيو وڃي، نجومين ۽ ڀوپن جيڪو سج ۽ چنڊ کي پنهنجو ديوتا بڻائي رکيو آهي، تن کان منهن موڙيو وڃي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته بابلي رهڻي ڪهڻي جو بنياد آسماني ستارن جي پوڄا هئي ۽ بعل ديوتا اصل ۾ ”را“ يا ”سوريا“ آهي جيڪو مصر ۽ هندستان ۾ سج ديوتا جي نالي سان سڏيو ويندو هو.
    اسماعيل عليه السلام ۽ اسحاق عليه السلام:
    توريت جي روايت مان ڄاڻ ملي ٿي ته اهي ٻئي بزرگ حضرت ابراهيمؑ جا پٽ هئا. قرآن چوي ٿو ته اسحاق ۽ اسماعيلؑ، ٻنهي جي نسلن کي گھرجي ته اهي آڳاٽي دين ابراهيمي ڏانهن، جيڪو اڪيلي الله جي ٻانهپ تي آڌاريل آهي، ڌيان ڌرين ۽ ٻئي پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هڪڙي الله جو نالو مٿانهون ڪن. اسماعيل ؑ 1912 ق.م ۽ اسحاقؑ 1891 ق.م ۾ پيدا ٿيا.
    توريت ۽ قرآن ۾ انهيءَ ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته ابراهيم ؑ ڪهڙي پٽ کي قربانيءَ جي لاءِ الله تعالى جي اڳيان پيش ڪيو هو. قرآن ڪريم انهيءَ لاءِ حضرت اسماعيل ؑ جو نالو کڻي ٿو جو هو سندن وڏو پٽ هو. بهرحال قرآن جو سبق اهو آهي ته حضرت ابراهيم ؑ پنهنجي پٽ کي الله جي نالي تي قربان ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر الله تعالى پنهنجي ٻاجھه هيٺ انساني قربانيءَ کي منسوخ ڪري ڇڏيو. الله تعالى واعدو ڪيو هو ته ابراهيم ؑ جي نسل کي وڌائيندس ۽ ڪنعان (فلسطين) جي حڪومت بخشيندس. انهيءَ ڪري ابراهيم ؑ بيت الله جي اڏاوت ۽ خدمت کي اهڙي عظيم نعمت جي شڪرگذاريءَ جي طور تي پنهنجي ذمي ورتو.
    قرآن به اهو ئي گھري ٿو ته خدا پرستي انهيءَ ۾ ئي آهي ته هڪڙي خدائي قانونن تي عمل ڪندڙ حڪومت قائم ٿئي، ۽ پوءِ جڏهن اهڙي حڪومت قائم ٿي وڃي ته انهيءَ ڏينهن خوشي ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح مسلمان اڄ تائين انهيءَ ابراهيمي سنت تي ياد ۾ هر سال حج ادا ڪندا آهن ۽ انهيءَ ڏينهن کي ڏڻ جي طور تي ملهائيندا آهن. اهي مڪي ۾ گڏ ٿي حضرت ابراهيم ؑ، حضرت اسماعيل ؑ ۽ حضرت اسحاق (اسرائيل) جو نالو زکيو پيا اچن ۽ ائين سڄي دنيا کي امن ۽ ٻڌي ۽ خدا پرستي يعني خلق خدا جي خدمت جي دعوت ڏيندا آهن.
    حضرت يوسف عليه السلام:
    حضرت يوسف ؑ حضرت يعقوبؑ بن اسحاقؑ جو پٽ هو. پاڻ مصر جا حڪمران بڻيا. کين خوابن جي تعبير کان سواءِ معاشي انتظام (يعني گڏيل معيشت) قائم ڪرڻ جو ڏانءُ پڻ هو. انهيءَ ئي معاشي انتظام جي ڪري ئي پاڻ مصر کي ڏڪر وارين حالتن کان بچايائون. حضرت يوسف ؑ پنهنجي خاندان وارن کي مصر ۾ آباد ڪري ورتو. جڏهن انهن جو نسل وڌڻ لڳو ته مصري ماڻهو ڊڄڻ لڳا، ڇو ته انهن کان اڳ عمالقه، جيڪي سامي نسل جا ڌنار هئا سي به مصر ۾ آيا هئا پر هتي ڪيترن ئي سئو سالن تائين تمام ئي ڏاڍ ۽ ظلم سان حڪومت ڪري چڪا هئا. انهيءَ ڳالهه کي سامهون رکندي مصري بادشاهن (فرعونن) هڪڙو قانون ٺاهي ڇڏيو ته اسرائيلي ڇوڪرن کي ڄمندي ئي نيل درياءَ ۾ اڇلائي ٻوڙيو وڃي يا قتل ڪيو وڃي. انهيءَ قصي کي بيان ڪرڻ منجھان قرآن ڪريم جو مقصد اهو آهي ته يوسف ؑ وانگر حق پرستيءَ سان ڪاميابي حاصل ٿئي ٿي پوءِ ڀلي پنهنجا سڳا ڀائر ئي پنهنجي جيءَ جا دشمن ڇونه هجن. قريشي به رسول الله ﷺ جا ڀائر ۽ قبيلي ڀائي هئا، پر جڏهن اهي حق پرستيءَ ڏانهن نه آيا ته ته اهي برباد ٿي ويا.
    حضرت موسيٰ عليه السلام:
    موسى ؑ کي نيل درياءَ منجھان فرعون جي زال ڪڍي ورتو ۽ شاهي محلات ۾ سندن پرورش ٿي. حضرت موسى ؑ مصر جي جادوگرن کي الله تعالى جي طرف کان عطا ٿيل معجزن جي وسيلي شڪست ڏني ۽ پنهنجي قوم کي مصر مان لڏي وڃڻ تي آماده ڪري ورتو. انهن کي فرعون جي غلاميءَ مان ڪڍي سينا جي ميدان ۾ وٺي آيو، پر غلامن جو اهو انبوهه ٻن سئو سالن تائين غلاميءَ ۾ گذارڻ جي ڪري ان لائق نه رهيو هو جو اهي فلسطين کي فتح ڪري سگھن. انهيءَ ڪري انهن حضرت موسىؑ کي چيو ته تون ۽ تنهنجو خدا ٻئي وڃي وڙهو ۽ اها زمين اسان کي فتح ڪري ڏيو، باقي اسان ڪجھه به نه ڪنداسين. اهڙيءَ بزدليءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي چاليهن سالن تائين سينا جي ميدانن ۾ خوار ٿي ڦرندا رهيا. آخرڪار انهن جي پوءِ وارو نسل هڪ مضبوط قوم بڻجي اڀريو ۽ ڪنعان کي فتح ڪري ورتو. رسول الله ﷺ کي حضرت موسى ؑ جي طريقي جي ڳالهه ڪري کين هجرت ۽ جهاد جو سبق ڏنو ويو.
    شعب ابي طالب جي قيد واري زماني جي انهن قصن جو بيان:
    قرآن ڪريم مسلمانن کي اها ئي تعليم ڏني آهي ته ڪوشش ۽ جاکوڙ ۽ جهاد کان پوءِ ئي ڪا قوم زندهه يا ڪا غلام قوم آزاد ٿي سگھي ٿي. ائين ڪڏهن به نه ٿيو آهي ته ڪنهن قوم کي بنا ڪنهن ڪوشش ۽ جاکوڙ جي بادشاهت ۽ عزت حاصل ٿي هجي.

    حڪومت ۽ دين ٻه ڄاڙا ٻار آهن
    شعب ابي طالب ۾ حضرت بي بي خديجهؒ، حضرت امير حمزيؒ، حضرت زيدؒ، ام ايمنؒ ۽ حضرت عليؒ کان سواءِ ٻئي سڀئي مشرڪ هئا، پوءِ به پاڻ ﷺ جي لاءِ هڪ قسم جي ڇپر ڇانو هئا. شعب کان ٻاهر ڪي ٿورڙا مسلمان هئا، باقي ٻئي سڀئي مسلمان حبشه ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا هئا. پاڻ ﷺ سان گڏ الله تعالى طرفان ڏنل همٿ هئي، غريبن ۽ بي سهارن جي لاءِ محبت هئي. خدائي وحي جو سلسلو هلندڙ هو پر ٻڌڻ وارا رڳو اهي ٿورڙا مسلمان ئي هئا. اها تعليم گھڻو ڪري پاڻ ﷺ جي لاءِ ئي هئي. حق واري دين کي قائم ڪرڻ جي لاءِ تڪليفن ۽ اهنجن واري کوري مان گذرڻ ضروري هو. پاڻ ڪريمﷺ جي لاءِ اها ڳالهه چٽي ٿي وئي هئي ته دين ۽ سياسي اقتدار هڪٻئي جي لاءِ لازم ملزوم آهن؛ هڪ کان سواءِ ٻئي جو قائم هجڻ ناممڪن آهي. دنيا ۾ ڪيترائي نبي آيا، پر انهن مان جيڪي پنهنجي حڪومت قائم نه ڪري سگھيا سي پنهنجي دين کي اڳتي وڌائي به نه سگھيا. حضرت موسى ؑ، حضرت دائود ؑ ۽ حضرت سليمان ؑ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ الله تعالى جي دين کي قائم ڪيو. حڪومت ختم ٿي وئي ته ان سان گڏ يهودي دين به ختم ٿي ويو. حضرت عيسى ؑ کي حڪومت ئي ڪونه ملي، وري جڏهن ٽين صدي ۾ ملي ته انهيءَ وقت تائين مذهبي ٺيڪيدارن يعني پادرين ۽ پوپن عيسائي دين کي رانديڪو بڻائي ڇڏيو هو. ائين سچي عيسائيت پردي پويان هلي وئي. ڪيترائي فلسفي به پيدا ٿيا، پر پنهنجي فلسفي جي بنياد تي ڪا حڪومت قائم نه ڪري سگھيا. مارڪس ايريليس ۽ اشوڪ پنهنجي حڪومت جي زور تي عوام تائين وڏا فلسفياڻا اصول پهچايا، پر جڏهن بادشاهت ئي نه رهي ته نه فلسفو رهيو ۽ نه دين ئي قائم رهي سگهيو. انهيءَ ڪري بادشاهت يا حڪومت هجي ته ڪتاب تي آڌاريل هجي ۽ اهڙي هجي جنهن کي جمهور پنهنجي حڪومت سمجھن ته جيئن هڪ فرد جي مرڻ کان پوءِ به بادشاهت ختم نه ٿئي. يعني مذهبي ٺيڪيداري يا مذهبي پيشوائيت جي نظام کان خالي هجي، انهيءَ جي پابند نه هجي.
    ڪتابي سياست جي تمهيد:
    مطلب ته انهيءَ زماني جو قرآن ڪتابي سياست جي تمهيد هو، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو هو ته دين جو بنيادي مقصد دنياوي زندگيءَ جو سڌارو آهي. رڳو ٿورڙن ظاهري رسمن ۽ عبادتن کي ادا ڪرڻ دين نه آهي. صرف دين يا وري رڳو سياست انساني سڌاري ۽ ترقيءَ جي لاءِ ڪافي نه آهي.
    اهو رسول الله ﷺ جو ئي ڪارنامو هو ته پاڻ ﷺ جن عقل کي آزادي ڏئي ڪري دين ۽ دنيا کي هڪ ڪري ڇڏيو ۽ ماڻهن کي جمهوري، روحاني ۽ مذهبي پيشوائيت کان خالي حڪومت جو تصور ڏئي دين ۽ دنيا جي فرق کي ختم ڪري ڇڏيو.
    هن دؤر جي سورتن ۾ مرڪزي سياسي پارٽيءَ جي لاءِ ڪجھه سونهري اصول ڏنا ويا ۽ خاص ڪري بني اسرائيل جي سياسي تاريخ کي اڳيان رکيو ويو.
    1. سورت لقمان، اخلاقيات ۽ پارٽي فنڊ:
    هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مرڪزي سياسي پارٽي کي نيڪ ڪمن جي عادت وجھڻ گھرجي. ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ضروري آهي، پر جڏهن اهي شرڪ جي لاءِ زور ڀرين ته الله تعالى جي هيڪڙائي ۽ ان جي پوڄا واري مقصد کي انهن جو چوڻ تي ڇڏڻ نه گھرجي. تڪليفن کي کلندي کلندي سهڻ گھرجي. وڏائي نه ڪرڻ گھرجي. قدامت پرستي کان پاڻ بچائيندي وچٿري واٽ اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ ان سان گڏوگڏ الله تعالى جي حڪمن کي مڃڻ ۽ ان جي مضبوط رسي (عروة الوثقى) کي جھلي بيهڻ گھرجي. الله تعالى جي شڪرگذاريءَ جو سٺو طريقو اهو آهي ته هڪ پارٽي فنڊ قائم ڪري يتيمن، غريبن ۽ بکايلن جي مدد ڪئي وڃي. جڏهن معاشي برابري ۽ عمل ۾ ٻڌي پيدا ٿي وڃي ته پوءِ حڪومت قائم ڪرڻ به سهنجي ٿي پوندي.
    لقمانؑ کي الله تعالى ڏاهپ ۽ حڪمت عطا ڪئي هئي، انهيءَ به شرڪ ڪرڻ کان منع ڪيو آهي. دنيا جي اندر فطرت جا سڀئي نظارا الله تعالى جي قدرت جون نشانيون آهن، سو انهن ئي نشانين سان الله تعالى کي سڃاڻيو.
    الله تعالى جي فرمانبرداري ڪندي مضبوطيءَ سان پنهنجي مقصد تي قائم رهو. سک ۽ آرام ۾ به الله کي ياد ڪريو ۽ مسڪينن ۽ بکايلن ۽ يتيمن جي سهائتا ڪريو. اهڙن اصولن تي قائم رهڻ ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    لقمان هڪ حڪيم هو، ڪو نبي ڪونه هو، پر قرآن ان جي تعليم کي پنهنجايو. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته اهي سڀئي فلسفي، حڪيم، شاعر، جن جي تعليم ۾ شرڪ کان روڪيو ويو هجي، الله تعالى جي هستيءَ تي ايمان آڻڻ جي ترغيب ڏنل هجي ۽ بنيادي اخلاقي تعليم ڏني وئي هجي، انهيءَ کي قرآن پنهنجائڻ جي اجازت ڏئي ٿو. انهيءَ معاملي ۾ معيار ته قرآن جي بنيادي تعليم ئي رهندي. قرآن انهيءَ اصول کي پنهنجائي پنهنجي تعليم جي پلاند کي ڪيترو ته پکيڙيو آهي ۽ تعليم جي هڪجهڙائيءَ جي ڪري نبي ۽ حڪيم (غير نبي) جي ظاهري ويڇي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. افسوس آهي جو مسلمان عالمن قرآن جي انهيءَ اصول مان تمام ئي ٿورڙو فائدو ورتو آهي.
    ڪتابي يا ديني سياست:
    ديني يا ڪتابي سياست کي الاهي حڪومت به چيو ويندو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته الله تعالى جي فرمانبردارن جي سياست اهڙي هئڻ گھرجي جو دنيا ۾ خدائي قانون (ڪتاب الله) لاڳو ٿي وڃي. مطلب ته جهڙي طرح الله تعالى انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي سو ائين ئي آزاد آهي ۽ ڪوبه ديني يا سياسي ٽولو (فرعون يا مذهبي پيشوا ۽ رعايتون ڏنل طبقي جا ماڻهو) پنهنجو خدائي قائم ڪرڻ لڳن ته ابراهيم ؑ ۽ موسى ؑ وانگر انهن جي خلاف بغاوت جو جھنڊو ڦڙڪايو وڃي ته جيئن ڪو به عوام جي دماغن ۽ جسمن کي پنهنجي غلام بڻائي نه سگھي. اهو هن طرح ممڪن آهي ته صنعتي سرمائيدارن، جاگيردارن ۽ مذهبي ٺيڪيدارن جي بدران رڳو الله تعالى کي ئي پنهنجو مالڪ مڃيو وڃي ۽ ارباب من دون الله جي خدائيءَ جو انڪار ڪيو وڃي. تاريخ جي شروعات کان وٺي غلامن، زرعي غلامن ۽ پگھاردار غلامن تي سيٺين، جاگيردارن ۽ صنعتي سرمائيدارن پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري انهن تي پنهنجي خدائي مڙهي ڇڏي آهي.
    قرآن ابراهيم ؑ ۽ موسى ؑ کي نموني جي طور تي پيش ڪيو آهي. حضرت ابراهيم ؑ 1921 ق.م ۾ نمرود جي ستارن پرستيءَ کان انڪار ڪندي ۽ انهيءَ جي خلاف بغاوت ڪندي پنهنجي ڀائيٽي (لوط ؑ ) کي ساڻ ڪري هجرت ڪئي.
    موسوي انقلاب جو طريقو:
    حضرت موسىؑ وانگر پهريان اڪيلو ئي اڪيلو هجرت ڪئي وڃي ۽ پوءِ موقعو ملندي ئي پنهنجي غلام قوم کي ساڻ ڪري نڪري پئجي ۽ حڪومت قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.
    ذبح عظيم جو مطلب:
    ابراهيمي انقلاب جو طريقو قرآن ڪريم انهيءَ لاءِ مڃي ٿو جو حضرت ابراهيم ؑ سان الله تعالى واعدو ڪيو هو ته جيڪڏهن هو خدائي قانون تي هلندو ته هو پاڻ ۽ سندس اولاد سدائين عزت واري رهندي. انهيءَ ڪري پاڻ پنهنجي وڏي پٽ اسماعيل ؑ کي ڪعبة الله (خدائي گھر) جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. ٻين لفظن ۾ کين خلق خدا جي خدمت جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيائون. اهو ئي ذبح عظيم يا وڏي قرباني آهي ۽ اها ئي الله تعالى سان ويجھڙائي آهي ته خدا پرستي ۽ خلق خدا جي خدمت (ايمان ۽ عمل صالح) جي لاءِ پنهنجي ڄمار وقف ڪري ڇڏجي. اهو هو ابراهيمي انقلاب جو طريقو.
    يوسفي انقلاب جو طريقو:
    حضرت يوسف ؑ (1707 ق.م) جو قصو به اها ئي ڳالهه ظاهر ڪري ٿو ته خدا پرستيءَ جو اجر هن دنيا ۾ به اهڙيءَ طرح ملي وڃي ٿو جو هڪڙو غلام بادشاهي ۽ حڪومت جون واڳون سنڀالڻ واري مرتبي تي پهچي سگھي ٿو. پر جڏهن بني اسرائيل عزير (Osiris) پرستي ۽ گابي (Memphis) پرستي شروع ڪري ڏني ته پوءِ غلام بڻايا ويا. آخرڪار ٻن سالن جي غلاميءَ کان پوءِ الله تعالى دشمنن وٽ ئي حضرت موسىؑ جي پرورش ڪرائي ۽ پاڻ الله تعالى جي مدد سان هڪ غلام قوم کي آزاديءَ جو سبق ڏنو ۽ انهن کي ٻڌايو ته انهيءَ عزير جي جاءِ تي الله جي پوڄا ڪريو ۽ اهو نه سمجھو ته توهان ابراهيمؑ ۽ موسىؑ جي نسل مان آهيو، ڇو ته الله تعالى توهان تي پنهنجون رحمتون نازل ڪندو رهندو جيڪڏهن توهان جا عمل چڱا هوندا، ٻين لفظن ۾ جڏهن الله تعالى تي ڀروسو ڪندي معاشي برابري ۽ آزاديءَ جي لاءِ جاکوڙ ڪندؤ تڏهن توهان کي حڪومت ملي ويندي. ائين ڪونه ٿيندو ته مان الله تعالى کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃان ۽ ڪنعان وارن کي شڪست ڏئي توهان کي هڪ سائي ستابي ملڪ جو حڪمران بڻائي ڇڏيان. جيڪڏهن پنهنجو پاڻ همٿ واري زندگي شروع نه ڪندؤ ته سينا جي ريگستان ۾ بک وگھي مري ويندؤ ۽ من ۽ سلويٰ ته پري رهيو پر بصر ۽ سبزيون يا داليون به ملي نه سگھندوَ.
    2. البقره رڪوع 35:
    هن رڪوع جي اهميت اها آهي ته هن ۾ يهودين جي شروعاتي تاريخ تي روشني پوي ٿي. يهودين جي تاريخ جي شروعات حضرت ابراهيم ؑ جي پٽ اسحاق (اسرائيل) کان شروع ٿئي ٿي. جيئن ته قرآن توريت جي تصديق ڪندڙ آهي، انهيءَ ڪري رڳو ابراهيم ؑ جي واقعي کان قرآن شروع ٿئي ٿو ۽ شعب ابي طالب جي ماحول ۾ يهودين جي تاريخ وڏو حوصلو ڏيندڙ بڻجي پوي ٿي.
    نمرود جو خيال هو ته زندگي ۽ موت ان جي وس هيٺ آهي، پر حضرت ابراهيم ؑ کيس ٻڌايو ته اهو اختيار رڳو الله تعالى کي ئي آهي ۽ نمرود کي چيو ته جيڪڏهن تون سج کي اوڀر بدران اولهه کان اڀارين ته پوءِ تنهنجي طاقت کي مڃي سگھجي ٿو. الله تعالى ئي مئل قومن کي جيئرو ڪندو آهي (۽ ان ڳالهه جو به گھڻو امڪان آهي ته قريشن جي مئل دلين ۾ به ساهه وجھي) پوءِ حضرت ابراهيم ؑ جي قصي کي بيان ڪيو ته انهن چئن پکين جا چار ٽڪرا ڪري ڇڏيا ۽ الله تعالى انهن کي جيئرو ڪيو.
    نوٽ: هيءُ رڪوع 2 هجري ۾ ٻيهر ذڪر ٿيو.
    الله تعالى جو حضرت ابراهيم ؑ سان اهو واعدو ٿيل هو ته بني اسماعيل ۽ بني اسرائيل ٻئي خدا پرستيءَ جي ڪري ترقي ڪندا ۽ مڪو امن جو گھر بڻجي ويندو. انهيءَ جو ذڪر خاص طرح سان سوره ابراهيم جي دعا ۾ آهي.
    3. سورت ابراهيم عليه السلام ۽ قرآن ۽ توريت جو ڪم:
    هر قوم جو رسول انهن کي انهن جي ٻوليءَ ۾ ئي الله تعالى جو ڪلام ٻڌائيندو آهي. قرآن جو ڪم به اهو ئي آهي جيڪو توريت جو هو؛ يعني ا هو ته ماڻهن کي جهالت جي اونداهيءَ مان ڪڍي معرفت ۽ علم جي روشنيءَ ڏانهن آندو وڃي. انهيءَ ڪم جي لاءِ مشهور نبين کان سواءِ ڪيترائي اهڙا نبي به اچي چڪا آهن، جن جي باري ۾ الله تعالى کانسواءِ ٻيو ڪنهن کي به خبر نه آهي.
    پر پوءِ به ماڻهن الله تعالى جي وجود جي باري ۾ شڪ وارو رويو رکيو ۽ ان جي وجود بنسبت دليل گھرندا رهيا ۽ نبين کي ايذائيندا رهيا. مڪي جا قريشي به رسول الله ﷺ کي اهو ئي چوندا هئا.
    حضرت ابراهيم ؑ بيت الله (ڪعبي) ۾ دعا گھري ته اي الله سائين، هن شهر مڪي کي امن ۽ سلامتيءَ وارو ڪري ڇڏ. تنهنجو شڪر آهي جو تو مونکي ڪراڙپ ۾ اولاد عطا ڪيو. اي الله سائين، اسان کي بتن جي پوڄا کان بچائي رک، تون ئي ڳجھه جو ڄاڻيندڙ آهين توکان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي.
    4. سورت يوسف:
    سورت يوسف جي يارهين رڪوع ۾ آهي ته جڏهن يوسف ؑ جا ڀائر مڪر ۽ دوکي ڪرڻ ۾ مشغول هئا ته انهيءَ وقت واريون ڳالهيون الله تعالى توکي ٻڌايون، تون انهيءَ وقت اتي موجود ڪونه هئين.اي محمد (ﷺ) خاطري رک ته يوسف وانگر تنهنجي به نيٺ فتح ٿيندي.
    ائين ئي سورت القصص جي پنجين رڪوع ۾ آهي ته جڏهن حضرت موسى ؑ کي توريت ڏنو ويو تون ان وقت اتي ڳالهين کي ڏسندڙ ڪونه هئين ۽ نه ئي تون ان وقت اتي موجود هئين جڏهن الله تعالى موسىؑ کي سڏيو هو.
    قرآن ڪريم ۾ قصا بيان ڪرڻ جو مقصد:
    قرآن ڪريم جيڪي قصا بيان ڪري ٿو انهن جو مقصد رڳو قصو يا ڪهاڻي بيان ڪرڻ نه هوندي آهي پر انهيءَ جو ڪو خاص مقصد هوندو آهي جنهن کي الله تعالى پنهنجي رسول تي وحي جي ذريعي ظاهر ڪندو آهي. وحي جو مقصد رڳو حضرت موسى ؑ ۽ حضرت يوسفؑ تي گذرندڙ واقعن کي بيان ڪرڻ نه هوندو آهي پر انهن واقعن منجھان جيڪا ڳالهه پيدا ٿيندي آهي ۽ جنهن جي لاءِ رسول الله ﷺ کي تيار ڪيو پيو وڃي سو اهو مقصد آهي جنهن جي لاءِ وحي نازل ٿي آهي. رسول الله ﷺ شعب ابي طالب ۾ بي سهارا هئا انهيءَ ڪري الله تعالى وحيءَ جي ذريعي کين اميد ۽ ڪاميابيءَ جا قصا ٻڌائي کين تيار ڪري رهيو آهي ته الله تعالى جي ذات تي ڀروسو ڪرڻ وارن کي پڪ سان ڪاميابي حاصل ٿيندي.
    5. سورت القصص:
    موسى ؑ فرعون کي هارايو پر بادشاهت قائم ڪرڻ کان پهريان مدين ۾ وڃي تجربو حاصل ڪيو هو. موٽندي ”ايمن“ ماٿري ۾ (جيڪا شعب ابي طالب وانگر هئي) مٿن وحي نازل ٿي ته پنهنجي قوم کي غلاميءَ مان ٻاهر ڪڍ. اهي ڳالهيون الله وارن کي الله تعالى وٽان آيل وحيءَ ذريعي معلوم ٿيون آهن ته موسى ؑ جو مقصد ڇا هو؟ عام ڪتابن ۾ انهيءَ ڳالهه جي خبر ڪٿي ٿي پوي!
    قرآن ۽ توريت سان مقابلو:
    حضرت موسىؑ کي ڪتاب يعني توريت ڏنو ويو جيڪو ماڻهن کي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو، جيڪو رحمت هدايت آهي. ائين ئي حضرت محمد ﷺ کي عربي ٻوليءَ ۾ قرآن ڏنو ويو ته جيئن انهن ماڻهن کي نصيحت ڪن جن وٽ هن کان اڳ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو هو. اهو به توريت وانگر رحمت ۽ الله تعالى طرفان موڪليل سچو ڪلام آهي، پر ڪافرن انهن ٻنهي کي جادو سڏيو.
    انهيءَ تي رسول الله ﷺ ڪافرن کي للڪاريو ته جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته هنن ٻنهي ڪتابن (يعني قرآن ۽ توريت) جي تعليم کان وڌيڪ ٻي ڪا سٺي تعليم آڻيو؛ مان انهيءَ جي پيروي ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيان. پر اهي خواهشن جا پوڄاري اهڙي ڪابه تعليم آڻي نه سگھيا. اهڙي قسم جي للڪار سورت احقاف ۽ سورت يونس ۾ به ڪئي وئي آهي.
    هن سورت ۾ حضرت موسىؑ ۽ فرعون جي حالتن جي سلسلي ۾ رسول الله ﷺ کي هيءَ تعليم ڏني وئي آهي ته موسىؑ وانگر هجرت ڪرڻ کان پوءِ الله تعالى جي ڀروسي تي غلامن جي مدد ڪرڻ سان ضرور توهان کي ڪاميابي حاصل ٿيندي. جاهلن سان منهن ماري نه ڪرڻ گھرجي ۽ انهن سان نرميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گھرجي. باقي انهن کي ايترو سو چئي ڇڏ ته الله تعالى ڪنهن به وسنديءَ کي ان وقت تائين تباهه نه ڪندو آهي جيستائين انهن ڏانهن ڪو نصيحت ڪرڻ وارو نه موڪلي ۽ جيستائين اهي ظلم تي سندرو ٻڌي نه بيهن.
    انهيءَ سلسلي ۾ موسىؑ جي قوم جي هڪڙي ماڻهو جو قصو به بيان ڪيو ويو آهي جنهن جو نالو قارون هو جيڪو وڏو شاهوڪار هو. هو چوندو هو ته هي جيتري به مڏي آهي سا مون پنهنجي هنر سان ڪمائي آهي پوءِ انهيءَ کي غريبن تي ڇو خرچ ڪريان؟ هن کي پنهنجي دولت تي غرور هو. ماڻهن سان ڀلائي ڪرڻ بدران هو دنيا ۾ فساد پکيڙيندڙ هو. هو چوندو هو ته مان پنهنجو مال ٻين کي ڇو ڏيان؟ آخر ڪار ان جو اهو مال تباهه ٿي ويو ۽ مسڪينن کي پڪ ٿي وئي ته روزي رزق ڏيڻ وارو رڳو هڪڙو الله تعالى ئي آهي. هن قصي سان مسڪين مؤمنن کي دلاسو ڏنو ويو آهي ته الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ وارن جي ئي آخرڪار سوڀ ٿيندي آهي ۽ اهو ته قريش جا غلام بڻائيندڙ مالوند ماڻهو آخرڪار ضرور تباهه ٿيندا.
    الله تعالى تي ڀروسو، خود اعتمادي ۽ ڏکن ڏاکڙن مان لنگھي پار پوڻ جي حوصلي جو مطلب انقلابي جاکوڙ سان انقلاب برپا ڪرڻو آهي. انهيءَ ڪري ئي هر انقلابي جماعت جي لاءِ، هن دؤر ۾ نازل ٿيڻ وارو قرآن هڪ روشن لاٽ آهي. صبر ۽ ثابت قدمي ئي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي.
    شعب ابي طالب ۾ رسول الله ﷺ کي غور ۽ فڪر ڪرڻ سان پڪ ٿي وئي هئي ته جيستائين ڪا ديني حڪومت قائم نه ڪئي ويندي، ديني تعليم منجھان عوام کي فائدو حاصل نه ٿي سگھندو. انهيءَ ڪري هن سورت القصص جي پنجين ۽ ڇهين آيتن ۾ انهيءَ حڪومت جو نقشو به چٽيو ويو آهي جنهن سان طبقاتي معاشرو، جيڪو حقيقت ۾ مشرڪ معاشرو هوندو آهي، توحيدي معاشري ۾ بدلجي ويندو. توحيدي معاشري ۾ اقتدار، قانونسازي ۽ دولت جا وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ اچي ويندا آهن ۽ معاشرو مخالف معاشي طبقن بدران غير طبقاتي معاشرو بڻجي ويندو آهي جنهن ۾ حضرت عيسى ؑ جي قول موجب ڪوبه شاهوڪار داخل ٿي نٿو سگھي.
    موجوده دؤر جي قرآني تعليم جو تت
    1. سورت لقمان: ٻڌي ۽ ثابت قدمي ڪاميابيءَ جي ڪنجي آهي. وڏائيءَ کي پنهنجي زندگيءَ مان ڪوري ڪڍو ۽ محبت ۽ ٻاجھه ڪرڻ سکو.
    2. البقره رڪوع 35: حضرت ابراهيم ؑ نمرود کي ٻڌايو ته موت ۽ زندگي الله تعالى جي هٿ ۾ آهي ۽ ٻيو ڪنهن کي به انهيءَ جو اختيار نه آهي تنهن ڪري الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گھرجي.
    3. سورت ابراهيم ؑ: الله تعالى جو واعدو آهي ته مڪو امن ۽ سلامتيءَ وارو شهر ٿيندو. پڪ سان هتي اسلام قائم ٿيندو. اهو ئي عهد قديم آهي.
    4. سورت يوسفؑ: حق وارا قيد ۽ نظربندي کان ڊڄي حق واري واٽ کي نه ڇڏيندا آهن. هڪ ڏنهن اهڙو به اچڻ وارو آهي جڏهن يوسفؑ وانگر حضرت محمد ﷺ کي به سوڀ نصيب ٿيندي ۽ مڪي وارا سندس فرمانبردار ٿيندا. بک ۽ ڏڪر جو علاج اشتراڪي يا گڏيل معيشت آهي.
    5. سورت القصص: حضرت موسىؑ هجرت کان پوءِ جهاد ڪيو ۽ يروشلم کي بني اسرائيل وارن حاصل ڪري ورتو. موسىؑ جي قوم غير الله (فرعون) جي غلاميءَ مان آزاد ٿي وئي. طبقاتي معاشري کي توحيدي معاشري ۾ بدلائڻ ئي نبوت جو مقصد آهي.
    اي مڪي وارؤ، بت پرستيءَ کي ڇڏڻ سان توهان کي واپار ۾ گھاٽو نه ٿيندو. الله تعالى جو حڪم ۽ فيصلو جاري ٿيندو ئي ٿيندو ۽ حق ۽ سچ جي سوڀ ٿيندي، جنهن جي لاءِ بنيادي شرط ثابت قدمي آهي.


    اسلامي انقلاب جي پنجين منزل

    ڀاڱو پهريون: مڪي کان ٻاهر رهندڙ قبيلن،
    مجوسين ۽ يهودين ڏانهن ڌيان

    ]محرم 10 نبوي (مارچ 619ع) کان صفر 13 نبوي (مئي 622ع)[

    نوٽ: هن دؤر ۾ رسول الله ﷺ جي مبارڪ زندگي ٽن مختلف دؤرن مان گذري ٿي:
    شعب ابي طالب مان رهائي کان ابو طالب جي وفات تائين
    هن دؤر ۾ رحمان جي بحث کي ختم ڪيو ويو ۽ يهودين ۽ مڪي جي اوسي پاسي وارن قبيلن تي خاص ڌيان ڏنو ويو. ٻن خدائن جي مڃيندڙن کي توحيد جي دعوت ڏني وئي، پر جڏهن مڪي ۾ رهڻ ناممڪن بڻجي ويو ۽ مديني (يثرب) ۾ عيسائي پيدا ٿيا ته پاڻ ڪريم ﷺ کي نه چاهيندي به مڪي کي ڇڏڻو پيو.
    رسول الله ﷺ ۽ سندن ساٿين جي شعب ابي طالب مان رهائي
    10 نبوي جي شروع ۾ جڏهن 9 نبوي جي حج (مارچ 619ع) جا ڏينهن ختم ٿي رهيا هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ جي خاندان سان همدردي رکڻ وارا ڪي ماڻهو جاڳي پيا. انهن ڏٺو ته بنو هاشم ۽ بنو مطلب تي ٽي سال ڏاڍا ڏکيا گذري چڪا آهن ۽ قريش سمجھن پيا ته هاڻي اسلام جلد ئي ختم ٿي ويندو. واپاري حالتون به بهتر ٿي رهيون آهن جو شام ۽ مصر تي ايرانين جي قبضي سبب مڪي جي ايران دوست پارٽي جو ڪاروبار چمڪي پيو هو. عيسائين جي دوستن ۽ مسلمانن تي اهو اثر ٿيو جو حبشه کان ڪيترائي مهاجر واپس موٽي آيا. ڏسڻ ۾ ايئن پيو اچي ته عيسائين جا ديني فرقا ايرانين جي تلوار سان ختم ٿي ويندا ۽ هر جاءِ تي يزدان ۽ اهرمن جي پوڄا ٿيڻ لڳندي.
    بنو هاشم ۽ بنو مطلب جا ڪيترائي مٽ مائٽ مختلف خاندانن سان لاڳاپو رکن پيا. هاشم، جيڪو شعب ۾ اَنُ پهچائيندو هو، هڪڙي ڏينهن زهير مخزوميءَ سان مليو. زهير ابو طالب جو ڀاڻيجو هو. هاشم چيو ته جيڪڏهن اها ئي مصيبت ابو الحڪم (ابوجهل) تي پوي ها ته ڇا هو اها برداشت ڪري ها؟ آخرڪار اهي ٻئي مطعم بن عدي وٽ ويا. هن به همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ ان کان پوءِ ابو البختري به انهن سان شامل ٿي ويو. ائين ئي زمعه مطلبي به انهن سان گڏجي پيو. هاڻي اهي سڀئي همراهه صبح جي وقت ڪعبي شريف ۾ انهيءَ معاهدي کي ڦاڙڻ جي لاءِ پاڻ ۾ گڏيا. زهير حرم ۾ اچي ڪري چيو ته هيءُ معاهدي سخت ظلم تي ٻڌل آهي تنهن ڪري مان انهيءَ کي ڦاڙي ڇڏيندس. ابو جهل مخالفت ڪئي، ٻئي پاسي زهير جي چئني ساٿين ان جو پاسو کنيو. مطعم معاهدي کي ڦاڙڻ جي لاءِ هٿ وڌايو ته ڏٺائين ته اڏهيءَ انهيءَ معاهدي جي ظلم تي ٻڌل سڀني شرطن واري حصي کي کائي ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ اهي ماڻهو هٿيار ٻڌي شعب ۾ ويا ۽ سڀني کي ٻاهر ڪڍي آيا. مخالفن جون چوڪيون به کڄي ويون.
    عيسائين جي هار ۽ مشرڪن جي خوشي:
    مڪي ۾ ٻه پارٽيون پهريان کان ئي موجود هيون. هڪڙي پارٽي هاشم بن عبدمناف جي هئي، جنهن شام ۽ مصر کانسواءِ حبشه جي نجاشي سان به واپاري معاهدو ڪري ڇڏيو هو. هاشم جي مقابلي ۾ نوفل بن عبدمناف جي پارٽيءَ وري عراق ۽ ايران جي ساساني حڪمرانن سان معاهدا ڪري ڇڏيا هئا ۽ مڪي جي حڪومت جا ٻه شعبا پنهنجي ڀاءُ هاشم کان کسڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پاڻ ڪريم ﷺ جن جو لڳ لاڳاپو عيسائين جي دوستن سان هو جيڪي مصر، شام ۽ حبشه سان واپار ڪندا هئا. پاڻ ڪريم ﷺ جن پنهنجي سفر دوران انهن ماڻهن جي ريتن ۽ رسمن کان سواءِ انهن جي فرقي بندين کان به واقف ٿي چڪا هئا.

    الاهي حڪومت جو قيام:
    شعب ۾ قيد جي دوران الله تعالى پاڻ ڪريم ﷺ جن جي دل ۾ اها ڳالهه وڌي هئي ته رياست قائم ڪرڻ کان سواءِ ماڻهن جي اخلاقي حالت جو سنورجڻ ممڪن نه آهي. پاڻ ﷺ جن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئجي چڪي هئي ته هر قوم ۾ هڪ پاسي مذهبي پيشوريت موجود آهي جنهن عوام جي دل ۽ دماغ کي ڌَڪي ڇڏيو آهي، جنهن سان الله جي پٽ هئڻ وارو عقيدو رکندڙن کي ڪو فائدو ٿئي ته ٿئي، باقي الله جا ٻانها ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندا.
    ٻئي پاسي مسڪين ماڻهن کي تعليم ۽ تهذيب کان بي خبر رکي ڪري اهڙو ڪيو ويو آهي جو روزانو هزارين ماڻهو مذهبي پيشوريت، جادوگرن ۽ ڀوپن جي لاءِ پنهنجو ساهه ڏئي رهيا هئا.
    قومن جي تباهيءَ جو سبب:
    عاد ۽ ثمود جون قديم قومون به انهن مطلبي مذهبي پيشيورن، جادوگرن ۽ ڀوپن جي ٺڳين جو کاڄ ٿي ويون هيون. مصر جا فرعون توڙي يونان ۽ روم وارا به انهيءَ ڪري ئي مٽجي ويا هئا جو اهي سڀئي پاڻ کي ”انا ربڪم الاعلى“ چوندا هئا. انهن لاءِ پورهيو ڪرڻ ته پري جي ڳالهه هئي، پر ملڪ جي بچاءَ واري ذميواري به انهن غلامن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي.
    پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سامهون جيڪي قومون هيون انهن ۾ يهودين جي هزارين سالن جي تاريخ انهيءَ معنى ۾ شاندار هئي ته اها قوم وري وري غلام بڻي ۽ پوءِ هر دفعي وڏي جاکوڙ سان آزادي ماڻي پنهنجي ديني رياست کي قائم ڪر ي سگھي. ان کان پهريان حبشه جا عيسائي بادشاهه نجاشيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪا هئا، هاڻي يهودين سان گڏوگڏ ايران ۽ عراق جي خدا پرستن سان ڳالهه ٻولهه جو وقت اچي ويو هو. انهيءَ زماني (619ع) ۾ قسطنطنيه جي عيسائي بادشاهه کي ايرانين وري وري شڪست ڏيڻ شروع ڪري ڏني هئي. ائين ايراني ساسانين مصر تائين واري علائقي تي سوڀ ماڻي ورتي هئي. مڪي جا مشرڪ خوش هئا ته جلد ئي ايراني فوجون حبشه پهچي عيسائي فوج ۽ مسلمانن کي ختم ڪري ڇڏينديون. پر رسول الله ﷺ جن الله تعالى وٽان وحي جي وسيلي خبر وٺي مڪي جي مشرڪن کي چيو ته ٿورڙن ئي سالن ۾ رومي فوجن کي ٻيهر فتح نصيب ٿيندي ۽ ٻن خدائن کي مڃيندڙن کي توريت جي هڪڙي خدا اڳيان مٿو ٽيڪڻو پوندو. انهيءَ هڪڙي الله کي عيسائي به مڃيندا آهن ۽ مان به مڃان ٿو پيو. ان کان پوءِ ٿيو به ائين ئي؛ 622ع ۾ روم جي عيسائين ايران جي ڪراڙي خسرو پرويز کي هارايو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ايران جي هارائجڻ جو سبب اهو ٻڌايو ته ظالم سدائين هارائيندا ئي آهن. ظلم جون ٻه صورتون هونديون آهن؛ انهن مان هڪڙي صورت ته وياج خوري جي شڪل ۾ هوندي آهي جڏهن ته ٻي صورت وري غلامي ۽ اڻ برابري هوندي آهي. انهن ٻنهي ڳالهين جو بنيادي سبب غلامن ۽ پٺتي پيل طبقن جي ماڻهن جي محنت جو استحصال ۽ مال ميڙي گڏ ڪرڻ جي هٻڇ آهي. ايرانين جي فوج جو گھڻو تڻو حصو غلامن تي ٻڌل هوندو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌايو ته مختلف فرقن جي اندروني طرح ۽ پنهنجو پاڻ ۾ فرقي بندي غير فطري آهي. اصل ۾ جن عيسائي فرقن، جهڙوڪه نسطوري، يعقوبي وغيره، جي مٿان رومي حڪومت وارن ظلم پئي ڪيا، سي به ايرانين سان ملي ويا ۽ يهودي به مجوسين سان گڏجي پيا هئا. ايتري تائين جو ايراني فوج ۾ يهودين جو تعداد 26 هزار ٿي ويو. ان وقت روم جو قيصر ماريس (Mauric) کي قتل ڪري فوڪاس جي حڪومت تي قبضو ڪري چڪو هو، پر هرقل ان کي شڪست ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو. هرقل جي دؤر ۾ ايرانين کي بيت المقدس تي به سوڀ حاصل ٿي وئي ۽ ان هڪڙي ئي شهر ۾ 90 هزار عيسائي ماريا ويا. انهن جو مقدس ڪليسا القيامه کي برباد ڪيو ويو. وڏي صليب کي مدائن موڪليو ويو. وڏي پادري زڪريا کي قيد ڪيو ويو ۽ سڀئي وڏا وڏا گرجا ڊاٿا ويا. خسرو پرويز هرقل کي خط لکيو ته:
    ”سڀني خدائن کان وڏي خدا، روءِ زمين جي مالڪ خسرو جي طرف کان ان جي ڪميني ۽ اٻوجھه ٻانهي هرقل جي نالي. تون چوين ٿو ته توکي تنهنجي پالڻهار تي ڀروسو آهي، سو تنهنجي پالڻهار ڇا جي ڪري يروشلم کي مونکان بچائي نه سگھيو؟“
    انساني ٻڌيءَ جو سڀ کان پهريون شرط معاشي برابري، غلامي ۽ وياج خوريءَ جو خاتمو آهي، ڇو ته انهن شين سان طبقاتي ڇڪتاڻ پيدا ٿيندي آهي. موجوده دؤر جي سائنسي تحقيق ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پيداواري وسيلن تي ڏهه سيڪڙو ماڻهن جو قبضو آهي جڏهن ته نوي سيڪڙو ماڻهو غلام ۽ پٺتي پيل آهن. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾ انهيءَ ڪري ئي ڇڪتاڻ پيدا ٿي پوي ٿي.
    انهيءَ ڪري ئي سورت روم ۾ الله تعالى چيو ته عيسائين وانگر فرقي بندي ڇڏي ڏيو. اصل دين (زندگي گذارڻ جو ڍنگ) اهو آهي ته سڀئي انسان هڪ جنس هئڻ جي ڪري پاڻ ۾ برابر آهن. جيڪي ماڻهو وياج وٺن ٿا ۽ انسانن جي سهائتا لاءِ پنهنجو مال خرچ نٿا ڪن، اهي ئي ظالم آهن ۽ ظلم جو نتيجو نفاق ۽ بزدلي آهي جنهن جو نتيجو وري تباهي ۽ برباديءَ کانسواءِ ٻيو ڪونه آهي؛ اهو ئي الله تعالى جو اڻٽر قانون آهي.
    قرآن ۽ يهودي شعب کان پوءِ:
    شعب ابي طالب ۾يهودين جي تاريخ بيان ڪئي وئي هئي. انهيءَ دؤر جو قرآن يهودين کي ٻڌائيندو هو ته توريت ۽ قرآن هڪ ئي سرچشمي مان نڪتا آهن ۽ انهن جي تعليم به ساڳي ئي آهي. شعب مان نڪرڻ کان پوءِ جيڪي سورتون نازل ٿيون انهن ۾ بني اسرائيل جي باري ۾ چٽائيءَ سان اهو چيو پيو وڃي ته اچو ته اسان ۽ توهان ٻين الله تي ايمان رکندڙ قومن سان گڏجي دنيا کي ٻيهر دين جو سبق پڙهايون ۽ شيطان جي دين کان بچايون. سڀ کان وڏي شيطانيت شرڪ ۽ فرقي بندي آهي جنهن جي ڪري قومون تباهه ٿي وينديون آهن.
    انهيءَ دؤر (يعني شعب ابي طالب مان رهائي کان پوءِ) واري قرآن اهو به ٻڌايو ته رسول الله ﷺ جي ٻڌايل تعليم تمام ئي سؤلي آهي ۽ انهن هٿرادو گھڙيل پابندين کي ختم ڪري ٿي جيڪي رَبيَن، پوپن ۽ پادرين فطري دين ۾ داخل ڪري ڇڏيون آهن.
    سورت اعراف جي آيت نمبر چوڏهن ۾ فرمايو ويو آهي ته اهو نبي چڱين ڳالهين جو حڪم ڏيندو ۽ بڇڙين ڳالهين کان روڪيندو. پاڪ شين کي انهن جي لاءِ حلال ۽ ناپاڪ شين کي انهن جي لاءِ حرام ڪندو. انهن جا بار هلڪا ڪندو جيڪي انهن جي مٿان پيل آهن ۽ ٻنڌڻ ٽوڙي ڇڏيندو؛ مثلاً ڇنڇر جي ڏينهن به شڪار ڪري سگھو ٿا ۽ اُٺ جو گوشت به کائي سگھو ٿا.
    انهيءَ زماني ۾ قرآن ڪٿي توريت جي حڪمن جي تصديق ڪئي ۽ ڪٿي وري ان جي اندر يهودين جي طرف کان ڪيل تحريفن ۽ غلط بيانن جي نشاندهي ڪئي؛ جيئن ته پنهنجي قوم جي دنيا جي سڀني قومن کان مٿانهون سمجھڻ ۽ پنهنجي خدا (يهودا) کي ٻين قومن جي خدائن کان چڱو ڀلو ۽ سگھارو سمجھڻ ۽ اهو چوڻ ته خدا انهن سان واعدو ڪيو آهي ته هو اسرائيلين کي سدائين مٿانهون رکندو ۽ دنيا جون هزارين قومون انهن جي غلاميءَ جي لاءِ پيدا ڪيون آهن. دنيا جو سڀ کان ڀلو ملڪ ڪنعان انهن کي ڏيندو. انهن ۾ هڪڙو بادشاهه پيدا ٿيندو جيڪو سڀني قومن کان اسرائيل جي غلامي ڪرائيندو. يهودين اهي سڀئي ڳالهيون بابل جي قيد مان سکيون هيون.
    هن دؤر جي قرآن توريت ۾ موجود ڳالهين ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته جيڪڏهن توهان توريت جي ڳالهين کي نه مڃيندؤ ته الله تعالى جي پياري ۽ لائق قوم نه رهندؤ، اڃا به اها ڳالهه ڪئي ته جيڪو به ماڻهو نيڪيءَ جا ڪم ڪندو ته اهو الله تعالى وٽ عزت ڀريو هوندو. انهن کي ٻڌايو ويو ته توريت ۾ لکيل آهي ته شيطان آدم کي ڌتاريو ته ان کان جيڪا غلطي ٿي وئي ته ان تي کيس سزا ڏني وئي. هاڻي جيڪڏهن ڪو گناهه ڪندو ته ڇا هو الله تعالى جو لاڏلو هئڻ سبب سزا کان بچي ويندو؟ الله تعالى جو لاڏلو ته اهو ئي آهي جيڪو گناهه ڪري ئي نه ۽ وري جي غلطي ٿي به وڃيس ته آدم ؑ وانگر پنهنجي غلطيءَ جو اعتراف ڪري توبه ڪري ۽ الله تعالى جي رحمت تي ڀروسو ڪري. ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ته بني اسرائيل ۾ ڪي چڱا ماڻهو به آهن جيڪي رڳو الله تعالى جي ٻانهپ ڪن ٿا ۽ وياج وٺي ماڻهن کي پنهنجو غلام نٿا بڻائن. اهي ماڻهو حضرت موسىؑ جا سچا پيروڪار آهن. جادوگرن ۽ بادشاهن کان ڇوٽڪارو ماڻڻ گھرن ٿا. انجيل ۾ به خدا پرستي ۽ غريبن جي سهائتا ڪرڻ جي تعليم موجود آهي. انجيل ۽ توريت ۾ چيو ويو آهي ته نيڪيءَ ۽ ڀلائيءَ وارا ڪم ڪريو ۽ بڇڙن ۽ خراب ڪمن کان پاسو ڪريو ۽ خبردار ڪيو آهي ته اڻ برابري يعني فرقي بندي، غلامي ۽ شيطان پرستي جي ڪري قومن جي اندر تباهي ايندي آهي.
    يهودي واپاري يثرب ۽ يمن کان مڪي ۾ ايندا ويندا رهندا هئا. پڪ سان انهن ٻڌو هوندو ته مڪي ۾ هڪڙو نبي پيدا ٿيو آهي جيڪو بني اسرائيل جي واکاڻ ڪري ٿو ۽ توريت جي هدايت کي نور سڏي ٿو، پر عسيى ؑ کي الله جو پٽ نٿو مڃي رڳو مريم جو پٽ سڏي ٿو. عيسائين کي چوي ٿو ته ڪفاري ۽ شفاعت وارو تصور اجايو آهي. ڪوبه ڪنهن جو بار نه کڻندو. تنهن ڪري جهڙي طرح توريت ۽ انجيل الله تعالى جو ڪلام آهي، ائين ئي قرآن به الله تعالى جو ڪلام آهي.
    شعب ۾ نظربند ٿيڻ کان پهريان عيسائين سان واقفيت ٿي چڪي هئي. شعب جي اندر ئي دين ابراهيمي جو نقشو تيار ٿي ويو هو ته جئين ابراهيمؑ ۽ موسىؑ سياسي جاکوڙ ڪئي هئي ائين ئي قرآن ڪريم جي اطاعت ڪندڙن کي به پنهنجي رياست ماڻڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي. ڇو ته رياست کانسواءِ دين (زندگيءَ جو قانون) جو قائم ڪرڻ ڏکيو آهي. شعب واري دؤر ۾ جيڪو قرآن نازل ٿيو انهيءَ جي ڳالهه ٻولهه جو رخ عيسائين، يهودين ۽ مجوسين ڏانهن هو. هاڻي شعب کان ٻاهر جيڪو قرآن نازل ٿيو هو، ان جي ڳالهه ٻولهه جو رخ وري به عيسائين، يهودين ۽ مجوسين ڏانهن ئي آهي. انهيءَ ۾ سڀني کي هڪڙي ئي ڪلمي تي متحد ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي آهي ۽ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي قومون خدا پرست آهن سي سڀئي هڪ آهن. فرقي پرستي ۽ ننڍڙي سوچ رکندڙ قوم پرستي کي ڇڏي اسلام جي عالمي هلچل کي سگھارو ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي. اهو ئي حضرت ابراهيم ؑ ۽ حضرت موسىؑ جو پيغام آهي.
    (1) سورت الاعراف:
    شعب مان رهائي کان پوءِ سورت اعراف نازل ٿي جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سڀئي انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن. پر شيطان انسانن کي برغلائيندو آهي ته هو ظلم ۽ ڏاڍ کان ڪم وٺي. توريت ۾ لکيل آهي ته الله تعالى ئي سموري جهان جو اڪيلو مالڪ آهي. بني اسرائيل ۾ به ڪي چڱا ماڻهو آهن جيڪي زمين ۽ آسمان جي پالڻهار جي ٻانهپ ۽ فرمانبرداري ڪندا آهن ۽ موسىؑ جي پيروي ۾ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ماڻي جادوگرن ۽ بادشاهن جي ظالم چنبي مان آزاد ٿي ويا آهن. انجيل ۾ پڻ خدا پرستيءَ جو سبق ڏنو ويو آهي. رسول الله ﷺ جو ذڪر انهن ڪتابن ۾ موجود آهي ۽ رسول الله ﷺ به توريت ۽ انجيل وانگر چڱن ۽ نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏين ٿا ۽ بڇڙائين ۽ خراب ڪمن ڪرڻ کان روڪين ٿا.
    رسول الله ﷺجن نه ته علم غيب رکڻ جي دعوى ڪن ٿا ۽ نه ئي پاڻ جادوگر آهن. پاڻ ته رڳو اڻ برابري ۽ شيطان پرستيءَ کان روڪين ٿا ۽ اهو ته ڊيڄاريندڙ آهن. جيڪڏهن رسول الله ﷺ غيب جو علم رکندڙ هجن ها ته تمام ئي آسودا ٿي وڃن ها ۽ ڪنهن به مصيبت اچڻ کان اڳ ۾ ئي ان کان هوشيار ٿي وڃن ها ۽ اهڙيءَ طرح کين زندگيءَ ۾ ڪو به نقصان نه پهچي ها.
    وَلَوْ كُنْتُ اَعْلَمُ الْغَيْبَ لَاسْـتَكْثَرْتُ مِنَ الْخَيْرِ۝۰ۚۖۛ وَمَا مَسَّنِيَ السُّوْۗءُ۝۰ۚۛ
    نفعو ۽ نقصان نبي جي وس ۾ نه آهي رڳو الله تعالى جي ئي هٿ وس آهي. شيطان تقوى ۽ پرهيزگاري واري لباس کي کَسي اگھاڙو ڪري ڇڏيندو آهي، پر جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڀروسو ڪندا آهن سي پنهنجي غلطيءَ کان مڙي ويندا آهن ۽ پرهيزگاري اختيار ڪري وٺندا آهن. شيطان رڳو ٺڳي ئي سگھي ٿو. رڳو الله تعالى ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن کي هدايت ڏئي ٿو ۽ شيطانيت کان بچائي ٿو. نبي به الله تعالى جي اجازت کانسواءِ ڪنهن به طرح ڪنهن جي شفاعت يا سفارش نٿو ڪري سگھي.
    قُلْ لَّآ اَمْلِكُ لِنَفْسِيْ نَفْعًا وَّلَا ضَرًّا اِلَّا مَا شَاۗءَ اللہُ۝۰ۭ
    ”(اي نبيﷺ) تون چئو ته مان پنهنجي ذاتي نفعي ۽ نقصان جو به مالڪ نه آهيان، پر اهو ئي ٿيندو آهي جيڪو الله گھرندو آهي.“
    اي رسولﷺ جن حالتن ۾ تون گھاري رهيو آهي تن جي گھرج اها آهي ته تون معافي ۽ درگذر کان ڪم وٺ. نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو رهه. جيڪي ماڻهو ان کان پوءِ به توکي ڏک پهچائن ٿا ته پوءِ اهڙن جاهل ماڻهن کان منهن موڙ.
    خُذِ الْعَفْوَوَاْمُرْ بِالْعُرْفِ وَاَعْرِضْ عَنِ الْجٰہِلِيْنَ۝۱۹۹
    ماڻهؤ! پنهنجي بتن جا ڪي نالا رکي ڇڏيا آهن ۽ انهن جي باري ۾ ڪي ڳالهيون گھڙي ڇڏيون آهن. مثال طور اهو ته لات ديويءَ ۾ هيءَ طاقت ۽ منات ديويءَ ۾ هيءَ طاقت آهي ۽ پوءِ پنهنجي انهن گھڙيل ڳالهين کي بنياد بڻائي مونسان جھيڙيو ٿا. توهان وٽ انهن جي طاقت ۽ سگھه جو ڪو به دليل نه آهي. هاڻي وڌيڪ بحث بازيءَ جي ضرورت نه آهي، رڳو انهيءَ ڳالهه جو انتظار ڪريو ته ڳجھه مان ڇاٿو پيو ظاهر ٿئي. مان به توهان سان گڏ انتظار ڪري رهيو آهيان.
    اَتُجَادِلُوْنَنِيْ فِيْٓ اَسْمَاۗءٍ سَمَّيْتُمُوْہَآ اَنْتُمْ وَاٰبَاۗؤُكُمْ مَّا نَزَّلَ اللہُ بِہَا مِنْ سُـلْطٰنٍ۝۰ۭ فَانْتَظِرُوْٓا اِنِّىْ مَعَكُمْ مِّنَ الْمُنْتَظِرِيْنَ۝۷۱
    ڪافر وري وري پاڻ ڪريم ﷺ جن کان معجزي جي گھر ڪندا هئا. مثال طور اهي چوندا هئا ته اسان جو ملڪ وارياسو ۽ پٿريلو آهي، سو تون پنهنجي الله کي چئو ته هو هتي درياءُ وهائي. پاڻ ڪريم ﷺ جن چوندا هئا الله تعالى جي وجود جو ثبوت معجزو نه آهي پر ان جو ثبوت ته سموري مخلوق آهي. جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هر شيءِ کي الله تعالى پيدا ناهي ڪيو ته پوءِ توهان پنهنجي ديوين کي چئو ته جيڪڏهن انهن ۾ اهڙي سگھه آهي ته پوءِ اهي پيدا ڪري ڏيکارين. جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن انهن کي انهن جي مطالبي موجب ڪو معجزو نه ڏيکاريو ته ته اهي شرارت سان چوندا هئا ته ڇا ڳالهه آهي جو تون پنهنجي الله کي چئي اسان جو گھريل معجزو نه ڏيکاري سگھين؟
    وَاِذَا لَمْ تَاْتِہِمْ بِاٰيَۃٍ قَالُوْا لَوْلَا اجْتَبَيْتَہَا۝۰ۭ
    توهان الله تعالى جي وجود جي لاءِ معجزو (ثبوت يا دليل) گھرو ٿا سو مون وٽ ته عقلي دليل آهن. توهان پاڻ به سمجھي سگھو ٿا ته هر شيءِ کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي. اهي ئي دليل وحي الاهي جي وسيلي پيش ڪيا پيا وڃن.
    قُلْ اِنَّمَآ اَتَّبِــعُ مَا يُوْحٰٓى اِلَيَّ مِنْ رَّبِّيْ۝۰ۚ ہٰذَا بَصَاۗىِٕرُ مِنْ رَّبِّكُمْ وَہُدًى وَّرَحْمَۃٌ لِّقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ۝۲۰۳
    سورت اعراف جو تت اهو آهي ته شيطان هر قوم ۽ نبي کي آزمائش ۾ وڌو آهي. جيڪو ان جي دوکي ۾ اچي ويو سو تباهه ٿي ويو ۽ جنهن الله تعالى جي حڪم کي مڃيو ۽ ظلم کان پاسو ڪيو سو ڇٽي ويو.
    مسلمانن تي ظلم:
    شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ رسول الله ﷺ جن ڏٺو ته هر ڪٽنب پنهنجي پنهنجي مؤمن ماڻهن تي ظلم ڪري رهيو آهي ۽ ان ۾ ٻين کان اڳرو ٿيڻ جي ڪوشش ۾ لڳو آهي. مڪي ۾ ڪابه اهڙي عدالت نه هئي جيڪا ٿيڻ وارن انهن ظلمن جي داد رسي ڪري سگھي. قبيلائي زندگيءَ جو اهو نقشو جيڪو حضرت ابراهيم ؑ جي دور ۾ هو سو اڃا تائين جاري هو. قبيلي جو چڱو مڙس ئي قبيلي وارن جي جان ۽ مال جو مالڪ هو. قبيلي جي اندر انفرادي آزاديءَ جو کوٽ هئي. انهيءَ دؤر ۾ سورت العنڪبوت نازل ٿي. ان جي تعليم به گذريل آيتن سان ملندڙ جلندڙ آهي ۽ مؤمنن کي دل وڏي ڪرڻ ۽ صبر ۽ ثابت قدميءَ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، ڇو جو هن وقت تائين ظلمن جي حد ٿي وئي هئي.
    نوح ۽ لوط ؑ جون قومون ظلم ۽ شرڪ جي ڪري تباهه ٿي ويون هيون. ابراهيم ؑ کي توحيد جي انعام ۾ اسحاق ۽ يقعوب مليا ۽ انهن جي اولاد کي نبوت ۽ ڪتاب (شريعت) ملي. عاد ۽ ثمود پنهنجي سرڪشي جي ڪري الله تعالى جي قهر هيٺ آيا. قارون، فرعون ۽ هامان کي انهن جي وڏائيءَ ويل ۾ وڌو. بت پرستي ۽ وڏائي ڪوريئڙي جي ڄار کان به وڌيڪ ڪمزور آهن.
    هن سورت ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي حڪم ڏنو ويو آهي ته ڪتاب وارن سان نهٺائي ۽ بردباريءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪريو. انهن کي چئو ته اسان قرآن سان گڏوگڏ توهان جي ڪتابن کي به مڃون ٿا. جيڪو اسان جو معبود آهي، سو ئي توهان جو معبود آهي.
    اِلٰـہُنَا وَاِلٰــہُكُمْ وَاحِدٌ وَّنَحْنُ لَہٗ مُسْلِمُوْنَ۝۴۶
    پاڻ تي ٿيندڙ ظلمن تي صبر ڪريو ۽ الله تي ڀروسو ڪريو
    الَّذِيْنَ صَبَرُوْا وَعَلٰي رَبِّہِمْ يَتَوَكَّلُوْنَ۝۵۹
    معجزو نه اچڻ تي ڪافر چون ٿا ته رسول الله تي نشانيون ڇونه ٿيون نازل ٿين؟ معجزاتي نشانيون ڏيڻ ته الله تعالى جي اختيار ۾ آهي. مان ته تاريخي نشانيون ٻڌائي رهيو آهيان ته جيئن توهان ظلمن جي نتيجن کان هوشيار ٿي وڃو.
    اِنَّمَا الْاٰيٰتُ عِنْدَ اللہِ۝۰ۭ وَاِنَّمَآ اَنَا نَذِيْرٌ مُّبِيْنٌ۝۵۰
    ”ايمان آڻيندؤ ته ٻڌي ۽ انصاف واري تعليم توهان جي لاءِ رحمت ثابت ٿيندي.“
    اِنَّ فِيْ ذٰلِكَ لَرَحْمَۃً وَّذِكْرٰي لِقَوْمٍ يُّؤْمِنُوْنَ۝۵۱ۧ
    ڪافر چون ٿا ته توهان جو تاريخي دليل صحيح آهي ته اسان تي ظلم جي ڪري عذاب ڇو نٿو پيو اچي. اي رسول، انهن کي چئي ڇڏ ته جڏهن وقت ايندو ته عذاب اچي ئي ويندو. اوچتو اهو عذاب هڪ انقلاب جي صورت ۾ ايندو ۽ توهان کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
    ”اي عيسائيو! اهو نه سمجھو ته هڪڙي ماڻهوءَ جو بار ٻئي تي وڌو ويندو. جيڪو انڪار ڪندو، سو ئي سزا ڀوڳيندو. الله تعالى جو اهو قانون ڪڏهن به بدلجي نه سگھندو ته جيڪي قومون بڇڙائيون ڪندڙ آهن سي نيٺ تباهه ٿي وينديون.“ (الفاطر)
    مشرڪ قرآن کي ٻڌڻ به برداشت نٿا ڪن. اهي قرآن پاڪ جي تلاوت وقت هل بکيڙو ڪن ٿا ته جيئن مسلمان به ان کي ٻڌي نه سگھن. مسلمانن کي گھرجي ته انهن جي اهڙين حرڪتن جي باوجود به ساڻن خوش اخلاقيءَ سان پيش اچن ۽ چڱين ڳالهين سان دشمن کي به پنهنجو دوست بڻائن. عذاب جا ملائڪ ضرور ايندا، پر جڏهن عذاب مٿان اچي ڪڙڪندو ته ان وقت ظالمن کي توبه به نصيب ڪونه ٿيندي.
    عذاب جا اهي ملائڪ دنيا جي تاريخ ۾ ڪيترن ئي صورتن ۾ آيا آهن. مثال طور عاد وارن جي قوم جي لاءِ تيز طوفان بڻجي ۽ ثمود وارن جي قوم جي لاءِ وڄ بڻجي آيا ۽ انهن کي تباهه ڪري ڇڏيائون.
    اهڙيءَ طرح الله تعالى تي ڀرسو ڪري صبر ۽ ثابت قدمي کان ڪم وٺڻ وارن جي مٿان خوشخبري ڏيڻ وارا ملائڪ ايندا آهن ۽ انهن جي خوف ۽ ڳڻتيءَ کي ختم ڪري ڇڏيندا آهن. هن خوشخبريءَ جو حقدار بڻجڻ جي لاءِ نيڪوڪاريءَ بنيادي شرط آهي.
    اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللہُ ثُمَّ اسْـتَقَامُوْا تَـتَنَزَّلُ عَلَيْہِمُ الْمَلٰۗىِٕكَۃُ اَلَّا تَخَافُوْا وَلَا تَحْزَنُوْا وَاَبْشِرُوْا بِالْجَنَّۃِ الَّتِيْ كُنْتُمْ تُوْعَدُوْنَ۝۳۰
    انهيءَ ئي زماني ۾ مجوس جي مشرڪن سان به ڳالهايو ويو جيڪي ٻن خدائن (يزدان ۽ اهرمن) کي مڃيندا هئا. انهن کي چيو ويو ته سوجھرو ۽ اونداهي (يزدان ۽ اهرمن) به معبود نه آهن. عبادت جي لائق رڳو هڪڙو الله ئي آهي، سو انهيءَ کي ئي سجدو ڪريو (وَاسْجُدُوْا لِلہِ الَّذِيْ خَلَقَہُنَّ) جنهن کين پيدا ڪيو آهي.
    نيڪي ۽ برائي ٻئي هڪجهڙيون حقيقتون نه آهن. دشمن سان به جيڪڏهن نرميءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪندؤ ته اهو توهان جو اهڙو دوست بڻجي ويندو جو ڄڻ ته ڪو مٽ مائٽ يا ڪو يار (ولي حميم) هجي.
    هن قرآن ۾ اهو ئي چيو ويو آهي جيڪو هن کان اڳ رسولن جي ڪتابن ۾ چيو ويو آهي ته الله تعالى نيڪ ڪمن جي جزا ۽ بڇڙن ڪمن جي سزا ڏيندو آهي. جيڪڏهن عربن جي سامهون عجمي ٻوليءَ ۾ ڪا تعليم پيش ڪئي وڃي ها ته اهي نه سمجھي سگھن ها. اهي اعتراض به وارين ها ته جڏهن اسان عرب آهيون ته پوءِ اسان کي تعليم وري عجميءَ ۾ ڇو پئي ڏني وڃي؟ انهيءَ جي باوجود به اهي ٻوڙن ماڻهن وانگر نٿا ٻڌن. اهو ئي حال موسىؑ جي آندل توريت جو ٿيو ته ان جي ٻولي ڄاڻيندڙن ئي ٻڌو ۽ پوءِ انهيءَ ۾ اختلاف وجھي ڇڏيو. پوءِ ٻڌي وٺو ته قرآن جي تعليم ڇا آهي.
    قرآن چوي ٿو ته جنهن به ڪا ڀلائي ڪئي ته اها هن پنهنجي لاءِ ڪئي ۽ جي ڪڏهن ڪنهن برائي ڪئي ته ان جو اثر به مٿس ئي ٿيندو. الله تعالى سزا ڏيڻ ۾ حد کان نٿو لنگھي يعني ظلم نٿو ڪري، اڃا به حساب ڪتاب وقت ان جي رحمت شامل رهندي.
    مَنْ عَمِلَ صَالِحًــا فَلِنَفْسِہٖ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْہَا۝۰ۭ وَمَا رَبُّكَ بِظَلَّامٍ لِّـلْعَبِيْدِ۝۴۶
    قيامت ڪڏهن اينديءَ انهيءَ ڳالهه جي ڄاڻ رڳو الله تعالى کي ئي آهي. باقي اهي ماڻهو الله تعالى جي وجود جون نشانيون هن ڪائنات ۾ ۽ پنهنجي اندر به جلد ڏسي وٺندا. انهن کي الله تعالى جي وجود جي باري ۾ شڪ آهي، جڏهن ته هر شيءِ کي الله تعالى گھيري رکيو آهي.
    اَلَآ اِنَّہٗ بِكُلِّ شَيْءٍ مُّحِيْطٌ۝۵۴ۧ
    وفات سيده خديجه رضه:
    رمضان 10 نبوي ۾ شعب ابي طالب مان نڪرڻ جي ڪجھه مهينن کان پوءِ سيده ام المؤمنين حضرت خديجه ؒ جو لاڏاڻو ٿي ويو. هوءَ ايمان آڻڻ واري پهرين عورت هئي. پنهنجو سمورو مال ملڪيت توڙي عيش آرام پاڻ ڪريمﷺ جي مٿان گھوري ڇڏيو هئائين. شعب جي ڏينهن جي سختيءَ سندس چڱڀلائيءَ کي برباد ڪري ڇڏيو هو ۽ ابولهب جي زال ام جميل جي سازشن سندس ذهني سڪون به ختم ڪري ڇڏيو هو. قرآن انهيءَ بڇڙي عورت (ام جميل) کي حَمَّالَۃَ الْحَطَبِ (چغلي هڻي ويڙهه جي باهه ٻارڻ واري) چيو آهي. حضرت بيبي خديجه جون چار ڌيئر هيون؛ (1) زينبؒ (2) رقيهؒ (3) ام ڪلثومؒ ۽ (4) فاطمهؒ.
    مديني ڏانهن هجرت کان پوءِ جڏهن پاڻ ڪريمﷺ پنهنجي گھروارن کي مديني سڏايو ته حضرت عباس ؒ ايمان نه آڻڻ جي باوجود به سيده فاطمه ۽ سيده ام ڪلثوم کي مديني وٺي آيو. رستي ۾ حويرث بن نقيد انهن کي نيزو هنيو ته ٻئي اٺ تان هيٺ ڪري پيون. (حويرث کي هڪ غلام کي مارڻ جي قصاص ۾ فتح مڪي کان پوءِ ماريو ويو). وفات جي وقت حضرت خديجه جي عمر 64 سال هئي ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي عمر مبارڪ پنجاهه سال اٺ مهينا ۽ چوڏهن ڏينهن هئي. کين جحون ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ کين پنهنجي هٿن سان قبر ۾ لاٿو. پاڻ ﷺ جي دل ۾ بيبي سڳوريءَ جي ياد سڄي ڄمار رهي.
    قبيلي جي سردار ابو طالب جي وفات:
    شعب ابي طالب مان ڪرڻ جي ڪجھه مهينن کان پوءِ هاشمي قبيلي جو سردار ابو طالب به گذاري ويو. وفات جي وقت ان وٽ ابو جهل، عبدالله بن ابو اميه کان سواءِ حضرت حمزهؒ، حضرت عليؒ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن به موجود هئا. پاڻ ﷺ جن انهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي ۽ اتي موجود ماڻهن کي به توحيد جي دعوت ڏني ته مشرڪ کلڻ لڳا ته عجيب ڳالهه آهي محمد ڪيترن ئي خدائن کي اڪيلي خدا ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. هوڏانهن گھڻن خدائن جو فائدو اهو آهي ته هڪڙي دعا نه ٻڌي ته ٻين کي سڏي سگھجي ٿو.
    ابوطالب جي مددگاري ۽ سهاري جي ڪري مشرڪن کي رسول الله کي مارڻ جي همت نه هئي. هاڻي قبيلي جو چڱو مڙس ابولهب کي ڪيو ويو، پر چڱو مڙس بڻجڻ کان پوءِ هو پاڻ ڪريم ﷺ وٽ آيو ۽ پنهنجي حمايت جو يقين ڏياريو، پر ٻين ماڻهن جي چوڻ موجب پاڻ ﷺ جن ان جي حمايت کي قبول نه ڪيو. هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ جي مڪي ۾ زندگي هڪڙي ڏوهاري واري ٿي پئي ته جيڪو به گھري کين ماري ڇڏي. پاڻ ﷺ جو هڪڙو ئي پٽيلو زيد هو جيڪو قبيلائي قانون موجب سندن جائز وارث هو. ان کان سواءِ جيڪي ڪجھه مسلمان حبشه واري هجرت کان پوئتي رهجي ويا هئا سي پنهنجي سر مصيبتن ۾ ڦاٿل هئا ۽ ڳجهي مدد کان سواءِ ٻيو ڪجھه به نه پئي ڪري سگھيا.
    رسول اللهﷺ جا ظالم هم وطن:
    شعب ابي طالب ۾ نظربند ٿيڻ کان پهريان هر قبيلي وارو پنهنجي پنهنجي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ ۾ آزاد هو. ابولهب جي زال کان سواءِ ڪنهن غير قبيلي واري جي ايتري همت نه هئي ته هو رسول الله ﷺ تي علي الاعلان حملو ڪري سگھي يا کين تڪليف پهچائي سگھي. پر شعب مان نڪرڻ ۽ قبيلي جي سردار ابو طالب جي وفات کان پوءِ اهو زمانو شروع ٿي ويو هو جو ظاهر ۾ رسول الله ﷺ جو ڪوبه ڀرجھلو يا مددگار نه رهيو هو. هاڻي مڪي جي لوڦرن علي الاعلان نبي ڪريم ﷺ جن جي مٿان حملا شروع ڪري ڏنا هئا. ان وقت جيڪڏهن ڪو کين (ﷺ) ماري به وجھي ها ته ان کان ڪو پڇڻ وارو نه هو.
    هڪ ڏينهن هڪڙي لوفر سندن مٿي ۾ دوڙ وڌي پر پاڻ چپ چاپ پنهنجي گھر هليا ويا. فاطمه سانئڻ يا ام ڪلثوم ؒ سندن مٿو ڌوئيندي روئي ڏنو ته پاڻ فرمايائون ته ٻچا نه روءُ، الله تعالى تنهنجي پيءُ کي بچائيندو.
    عبد الله بن عمرو العاص جو بيان آهي ته هڪ ڏينهن رسول الله ﷺ ڪعبة الله جي سامهون نماز ۾ هئا جو عقبه بن ابي معيط سندن ﷺ ڳچيءَ ۾ چادر وجھي اهڙو ته گھوگھو ڏنو جو پاڻﷺ جو ساهه ٻوساٽجي ويو. ايتري ۾ حضرت ابوبڪر اهو ڏسي ڪري ڊڪندو آيو ۽ عقبه کي ڌڪو ڏيندي چيو ته اڙي ظالمؤ! ڇا توهان انهيءَ ڳالهه چوڻ تي هڪڙي ماڻهوءَ کي مارڻ گھرو ٿا جو هو پنهنجو معبود رڳو هڪڙي الله کي مڃي ٿو؟ اهي ماڻهو پاڻ ﷺ کي ڇڏي ابوبڪر تي ٽٽي پيا ۽ کيس ايترو ماريائون جو هو بيهوش ٿي ويو. اهڙي قسم جا ڪيترا ئي واقعا ٿيا.
    هاڻي اهو دؤر اچي چڪو هو مئخانن جي ڪڃرين رسول الله ﷺ جي هجوَ ۾ کُليءَ طرح ڳائڻ شروع ڪري ڏنو. لوفرن پاڻ ﷺ جي مٿان گھٽين ۾ هوڪرا هڻڻ شروع ڪيا. قريش جي سردارن وٽ چٿر ۽ ٺٺول جو مرڪز به پاڻﷺ جي ذات گرامي بنجڻ لڳي. ابو جهل چوڻ لڳو اي عبدمناف اجھو توهان جو نبي اچي رهيو آهي. عقبه چيو ته جيڪڏهن هو پاڻ نبي جي بدران ملائڪ به بڻجي پوي ته به مان ان جي ڪاڻ ڪونه ڪڍندس. پاڻ ﷺ انهن بدچالن جي شرارتن کي درگذر ڪري ڇڏيندا هئا. ابوجهل کي پاڻ فرمايائون ته تنهنجي لاءِ اهو وقت ويجھو آهي جڏهن تون ٿورو کلندين ۽ گھڻو روئندين. ان کان پوءِ عقبه کي فرمايائون ته تون ڏاڍو ضدي ماڻهو آهين، تو ڪڏهن به حق جو پاسو نه کنيو آهي. ان کان پوءِ پاڻ ويٺل ٻين ماڻهن ڏانهن مهاڙ ڪري فرمايائون اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن توهان هدايت واري واٽ تي اچي ويندؤ.

    ڀاڱو ٻيون: ابو طالب جي وفات کان
    مطعم بن عدي جي پاڙي تائين
    ]27 شوال 10 نبوي (مارچ619ع) کان ذي القعد 10 نبوي (اپريل 619ع) تائين[
    جلاوطني...... يا موت:
    اِنَّ الَّذِيْنَ قَالُوْا رَبُّنَا اللہُ ثُمَّ اسْـتَقَامُوْا تَـتَنَزَّلُ عَلَيْہِمُ الْمَلٰۗىِٕكَۃُ اَلَّا تَخَافُوْا وَلَا تَحْزَنُوْا
    ”جيڪي ماڻهو چوندا آهن ته اسان جو پالڻهار (سائين) الله آهي ۽ پوءِ انهيءَ ڳالهه تي مضبوطيءَ سان ڄمي ويندا آهن تن جي ڊپ ۽ ڳڻتي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ الله تعالى ملائڪن کي نازل ڪندو آهي.“
    اِنِ الْحُكْمُ اِلَّا لِلہِ۝۰ۭ يَقُصُّ الْحَقَّ وَہُوَخَيْرُ الْفٰصِلِيْنَ۝۵۷ قَوْلُہُ الْحَقُّ۝۰ۭ وَلَہُ الْمُلْكُ يَوْمَ يُنْفَخُ فِي الصُّوْرِ۝۰ۭ ۝۷۳
    ”فيصلو ڪرڻ رڳو الله تعالى جي اختيار ۾ آهي، هو سچ کي بيان ڪندو آهي ۽ سڀني فيصلن ڪندڙن کان ڀلو آهي. ان جو قول سچو آهي، انهيءَ جي ئي بادشاهي آهي جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪيو ويندو (ان ڏينهن هو پاڻ ئي قاضي يا جج هوندو)“. (الانعام)
    شوال 10 نبويءَ جون اونداهيون راتيون شروع ٿي رهيون هيون. بهار جي وچٿري رُت ۾ ريگستاني گل ٽڙي رهيا هئا. مڪي ۾ ذي القعد مهيني جون تياريون ٿي رهيون هيون ۽ مڪي ۾ رهڻ وارا پري پري کان پنهنجي وطن واپس موٽي رهيا هئا ته جيئن حج جي موسم جو مزو ماڻين ۽ حاجين ۽ واپارين جي وسيلي پنهنجا کيسا گرم ڪن.
    اهڙي وقت ۾ رسول الله ﷺ جن پاڻ سان گڏ ٿورڙيون کارڪون ۽ ڪجھه سَتو کڻي طائف ڏانهن سفر شروع ڪيو. اونداهين راتين جي ڪري ڪنهن جي ڏسڻ جو خطرو گھٽ هو. ائين پاڻ عام گس کان هٽي ڪري جبلن مان لنگھندڙ سوڙهن پيچرن واري واٽ ورتي. حضرت زيد ؒ به ساڻن گڏ هو. پاڻﷺ اعلاءِ ڪلمة الحق جي لاءِ جلاوطني تي مجبور آهن. ٽن ڏينهن کان پوءِ ذي القعد جو مهينو شروع ٿي رهيو هو جيڪو هڪ مقدس مهينو هو. انهيءَ وقت ۾ اتان جا رهندڙ نه ته ڪنهن کي قتل ڪندا هئا ۽ نه وري ڪنهن کان ڦر مار ڪندا هئا. انهن ٽن ڏينهن کان پوءِ پاڻ ٻيهر مڪي کان نڪري ويندا.
    مڪي کان نڪري پاڻ بني بڪر ۽ بنو قحطان وارن وٽ ويا پر ڪٿي به ٽڪڻ جي ڪا صورت نظر نٿي آئي. آخرڪار پاڻ طائف ڏانهن پنڌ پيا. انهيءَ پاڻمرادي جلاوطني جو سبب هيءُ هو ته پاڻ پنهنجي قوم ۽ دنيا جي مڙني غلامن کي غير الله (سرمائيدارن ۽ جاگيردارن) جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ گھرن پيا. انهيءَ مقصد جي لاءِ پاڻ ماڻهن کي شيطان پرستيءَ جي بدران اڪيلي الله جي بندگي سيکارين پيا. پاڻ ماڻهن کي چوندا هئا ته شيطان جي دوکي ۾ اچي ظلم، نفاق ۽ غلام سازي ڪندا رهندؤ ته انهيءَ جي لاءِ تاريخ شاهد آهي ته توهان تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ. (سورت العصر)
    پاڻ ﷺ جي ڳالهين کي سندن وطن وارا ڪوڙو سمجھندا هئا. اهي چوندا هئا ته اسان کي ڪير سزا ڏئي سگھندو؟ اسان نه الله کي مڃون ٿا ۽ نه قيامت جي ڏينهن کي ۽ نه ئي خدائي پيغام کي. ڀلا مرڻ کان پوءِ ڪو جيئرو به ٿيو آهي ڇا؟ ۽ ڏاڍائي ته شرافت ۽ عزتداريءَ جو دليل آهي.
    طائف مڪي کان ستر ميلن جي مفاصلي تي هڪ وڻندڙ علائقو آهي جيڪو باغن سان آباد لڳو پيو هو. اتي پاڻي به جھجھو هو جنهن ڪري سايون ڀاڄيون ۽ ميوا جھجھا پيدا ٿيندا هئا. شهر جي ٻاهران مضبوط ڪوٽ ڏنل هو. هتي پاڻ ڪريم ﷺ جي چاچي عباس جي گهڻي زمين هئي ۽ ان کان سواءِ قريش جي ٻين به ڪيترن ئي ماڻهن جون ٻنيون يا ملڪيت هئي. عبدياليل، مسعود ۽ حبيب ٽئي ڀائر هٿان جا چڱا مڙس هئا.
    طائف ڏانهن ويندي عرب عاربه حضرت اسماعيلؑ جي اولاد منجھان اصلي عرب رهندا هئا. هتي لات ديويءَ جو مندر به هو جيڪا هوازن قبيلي وارن جي ديوي هئي. اهو قبيلو بنو عدنان منجھان هو ۽ اهي نج عرب هئا. هن ئي قبيلي جي هڪڙي شاخ بني سعد ۾ پاڻ ﷺ جن پنهنجو ننڍپڻ گذاريو هو. هوازن وارن جي هڪڙي شاخ بنو ثقيف به هئي جن جو طائف تي حڪم هلندو هو ۽ اهي لات ديويءَ جا مجاور هئا. انهيءَ ديويءَ کي 9 نبوي ۾ مغيره ٽوڙيو هو.
    طائف کان هڪ رات ۽ مڪي کان ٽن راتين جي مفاصلي تي عڪاظ نالي هڪڙو علائقو هو جتي هر سال وڏو ميلو لڳندو هو. هن ميلي ۾ جيڪي دڪان لڳندا هئا انهن جون قطارون طائف کان نخله تائين ڏهن ميلن تائين پکڙيل هونديون هيون. هن ميلي ۾ زرعي سامان کان سواءِ هندستان ۽ يمن کان آيل شيون به ملي وينديون هيون. هتي عرب جا وڏا ماهر شهسوار ۽ شاعر پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا هئا ۽ شراب جا دؤر هلندا هئا. اهو ميلو هڪ مهيني تائين هلندو رهندو هو.
    جيئن ته پاڻ ﷺ جن جي ننڍپڻ ۾ هتي ئي پرورش ٿي هئي، انهيءَ ڪري پاڻ نه رڳو عربي شاعري ۽ تقرير جي فن کان واقف هئا، پر عڪاظ ۽ مڪي ۾ رهندي جادوگرن، ڀوپن ۽ مجاورن جي ڪرتوتن کي چڱيءَ طرح سمجھي چڪا هئا. انهيءَ ئي هنڌ پاڻ غير ملڪين ۽ عربن جي ذهني ۽ سماجي حالتن جو اونهائيءَ سان مطالعو ڪيائون. مڪي ۽ عڪاظ کان ئي سموري اوڀر سان ٿيندڙ واپار روم ۽ مصر تائين پهچندو هو. انهيءَ زماني ۾ ٽي وڏا شاهي رستا هوندا هئا. پهرين شاهراهه ايراني نار جي وچان وچان لنگھي مڪي ۽ پوءِ اتان ٿيندي دمشق تائين ويندي هئي. ٻي شاهراهه دجله کان الرمه جي ماٿري کان ٿيندي خيبر تائين ويندي هئي. ٽين سڀ کان اهم شاهراهه صنعاء يمن کان طائف، طائف کان مڪي ۽ مڪي کان مديني ۽ معان کان ٿيندي شام تائين ويندي هئي. انهيءَ ئي شاهي رستي تي هر سال بهار جي موسم ۾ عڪاظ جو وڏو ميلو لڳندو هو.
    پاڻﷺ جن مڪي پهچي اتان جي سردارن کي اسلام جي دعوت ڏني ۽ اها خواهش ظاهر ڪئي ته اهي کين مخالف قوم کان بچائين. پر انهن مان هڪڙي سردار چيو ”جيڪڏهن الله تعالى تو جهڙي ماڻهو کي پنهنجو پيغام ڏئي موڪليو آهي ته مان ڪعبي جي پردي کي وڃي ڦاڙي ڇڏيندس“. ٻئي چيو ”ڇا الله تعالى کي توکان سواءِ ٻيو ڪو ماڻهو نه مليو جنهن کي پنهنجو پيغامبر ڪري موڪلي ها، تو وٽ ته چڙهڻ جي لاءِ وهٽ به نه آهي؟“. ٽئين چيو ”مان توسان ڳالهائيندس به ڪونه؛ ڇو ته جيڪڏهن تون سچ پچ به الله تعالى طرفان موڪليل آهين ته تنهنجي ڳالهه کي رد ڪرڻ خطري کان خالي نه آهي ۽ جيڪڏهن تو الله تي بهتان هنيون آهي ته پوءِ ته مونکي توسان ڳالهائڻ به نه گھرجي“. ان تي پاڻ ﷺ کين چيو ته چڱو، جي ايمان نٿا آڻيو ته انهيءَ ڳالهه کي پاڻ تائين ئي رکجو. پاڻ ﷺ جن انهيءَ ڳالهه ٻولهه جي خبر قريشن تائين پهچائڻ نه پيا گھرن ته جيئن اها ڳالهه سندن لاءِ وڌيڪ تڪليف جو سبب نه بڻجي.
    انهن ٽنهي سردارن پنهنجا غلام ۽ لوڦر ڇورا پاڻ ﷺ جي ڪڍ لائي ڇڏيا جيڪي کين گاريون ڏئي، لُڙ ڪري پٿر هڻي رهيا هئا جنهن جي ڪري سندن پير ڦٽجي پيا ۽ جُتيءَ مان به رت وهي نڪتو. زيد ؒ جو مٿو به ڦاٽي پيو. پاڻ ڀڄي وڃي هڪڙي وڻ هيٺ وڃي بيٺا ۽ هيءَ دعا گھري:
    اَلّٰهُمَّ اِلَيۡکَ اَشۡکُو اضُعۡفَ قُوَّتِي وَقِلَّةَ حِيۡلَتِي وَهَوَانِي عَلَي النَّاسِ يَا اَرۡحَمَ الرَّاحِمِيۡنَ اَنۡتَ رَبُّ الۡمُسۡتَضۡعَفِيۡنَ
    ”اي الله سائين! مان پنهنجي هيڻائي، بي سرو ساماني ۽ ماڻهن جي طرفان ٿيندڙ توهين جي دانهن توکي ٿو ڏيان. تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهين، تون ئي هيڻن جو مالڪ آهين.“
    ائين جڏهن پاڻ وڌيڪ اهنج ۽ تڪليف جي ڪري ويهي رهن پيا ته لوڦر ڇورا کين اتان اٿارين پيا. ائين ڪندي پاڻ عتبه ۽ شيبه جي انگورن جي باغ ۾ وڃي لِڪيا. هُنن پنهنجي عيسائي غلام عداس جي هٿ پاڻ ﷺ ڏانهن انگورن جو ڇُڳو موڪليو ته پاڻ ان کي قبول ڪيائون ۽ بسم الله پڙهي ڪري کائڻ شروع ڪيائون. عداس جڏهن ”رحمان“ جو نالو ٻڌو ته پڇڻ لڳو ته توهان ڪير آهيو؟ پاڻ فرمايائون ته مان رحمان جو نبي آهيان. انهيءَ تي عداس ٻڌايو ته هو عيسائي آهي ۽ نينوا جو رهاڪو آهي. پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ شهر جي تاريخ کان واقف هئا، انهيءَ ڪري فرمايائون ته منهنجو هڪڙو ڀاءُ يونس نبي به تنهنجي شهر ۾ آيو هو ۽ منهنجو حال به توهان جي نبين جهڙو آهي جو انهيءَ جي ئي قوم جا ماڻهو کيس ايذائي رهيا آهن. اهو ٻڌي ڪري عداس پاڻﷺ جي هٿن پيرن ۽ مٿي کي چميو ۽ چيو ته واقعي توهان نبي آهيو.
    (1) سورت جن جو نازل ٿيڻ:
    واپسي تي پاڻ نخله واري علائقي ۾ ترسيا ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي. اتي ڪجھه جنن قرآن پاڪ کي ٻڌو، پر پاڻ ﷺ انهن کي نه ڏٺائون. پاڻ ڪريم ﷺ جن کي وحيءَ جي ذريعي ٻڌايو ويو ته توهان جو قرآن جِنَ ٻڌي رهيا هئا. هن سورت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ماڻهن جو اهو خيال غلط آهي ته جنن کي ڳجھه جو علم هوندو آهي ۽ اهي ڀوپن کي اهو سڀڪجھه ٻڌائيندا آهن. ڳجهه جو علم رڳو الله تعالى وٽ آهي. انهيءَ کان پوءِ سورت ”الحمد“ يعني فاتحه جو پهريون اڌ نازل ٿيو.
    (2) سورت الحمد (فاتحه) جو نازل ٿيڻ:
    سورت فاتحه جي باري ۾ تفصيلي بحث مون پنهنجي تصنيف ”اسلامي انقلاب ڪا عهدنامه“ ۾ ڪيو آهي، جيڪا هن سورت جو تفسير آهي. بهرحال اها سبع مثاني نه آهي. اصل ۾ سبع جي معنى ست ئي ناهي، پر انهيءَ جو مطلب ٻئي به ڪيترائي حصا پڻ آهن ۽ المثاني انهن آڳاٽن الاهي ڪتابن کي چوندا آهن جن جي باري ۾ قرآن وري وري ڌيان ڇڪايو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته الله تعالى ڪيترا ئي حڪم وري وري بيان ڪيا آهن. انهيءَ جي ڪري قرآن جي باري ۾ سورت الزمر (رڪوع3) ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ سڀ کان ڀلو ڪلام اهڙي تعليم تي آڌاريل آهي جيڪا هڪ ٻئي سان هڪجهڙائي رکندڙ آهي ۽ پهريان به وري وري نازل ٿي چڪي آهي.
    اَللہُ نَزَّلَ اَحْسَنَ الْحَدِيْثِ كِتٰبًا مُّتَشَابِہًا مَّثَانِيَ۝۰ۤۖ
    قرآن کي سمجھڻ جو اصول:
    قرآن پاڪ جي صحيح سمجھه ان وقت ئي حاصل ٿي سگھي ٿي جڏهن قرآن پاڪ جي الڳ الڳ سورتن مان سموري سورت، يا اڃا به هڪ دؤر جي سڀني سورتن جي نچوڙ کي سامهون رکيو وڃي. مختلف آيتن ۽ سورتن کي نازل ٿيڻ واري ترتيب کان الڳ ڪري سمجھڻ جي ڪوشش ۾ وقت نه وڃايو وڃي. اهڙيءَ طرح قرآن پاڪ پڙهڻ سان چٽيءَ طرح سان خبر پئجي وڃي ٿي ته ’ڪتب‘، ’صحف آيات‘،’نور‘،’هدايت‘،’تنزيل‘ مطلب ته اهڙي طرح جا جيترا به لفظ قرآن پاڪ ۾ اچن ٿا انهن جو مطلب اهو ناهي ته رڳو قرآن جون آيتون ۽ حڪم مقصود آهن، پر جيئن ته وري وري چيو ويو آهي ته جيترا به ڪتاب آهن، انهن سڀني تي ايمان آڻڻ هر مسلمان لاءِ فرض آهي. (وَمَآ اُنْزِلَ مِنْ قَبْلِكَ) يعني اها قرآن تعليم ’مثاني‘ (وري وري بيان ٿيڻ واري) تعليم آهي ۽ گذريل نبين جي ڪتابن ۾ وري وري بيان ٿي چڪي آهي. اهي ڪتاب ’سبع‘ يعني ڪيترائي آهن. مثال طور ابراهيمي صحيفو، موسوي صحيفو، دائود ؑ وارو زبور، سليمان ؑ ۽ لقمان حڪيم جا مثال، انجيل يحيى و عيسى، ويدانت هند، مهاتما ٻڌ جا چار مقالا ۽ ٻيا ڪتاب. ( قرآن جي روءِ سان نبين جي بعثت سامي، آريائي ۽ زرد قومن، سڀني ڏانهن ٿيندي رهي آهي).
    سورت فاتحه جو پهريون اڌ پاڻ ڪريم ﷺ جي شعب ابي طالب مان نڪرڻ ۽ طائف کان واپسي کانپوءِ نازل ٿيو. وري آخري آيت مديني ۾ نازل ٿي جتي يهودي ۽ عيسائي هئا ۽ هتي ’صراط‘ جو لفظ عام طرح رائج هو. هتي ئي ’مغضوب عليهم‘ يعني وياج خور ۽ مغرور يهودي پناهگيرن جو وڏو تعداد موجود هو. شعب ۾ ٻين سورتن سان گڏ سورت يوسف به نازل ٿي جنهن ۾ سورت فاتحه جو سمورو تصور موجود آهي. ان کان پوءِ طائف کان موٽندي سورت جن نازل ٿي جنهن سان ’عالمين‘ جو تصور چٽو ٿي وڃي ٿو. انهيءَ ئي زماني ۾ سورت اسراء نازل ٿي جنهن ۾ بني اسرائيل ڏانهن اشارو آهي.اهو ئي اهو زمانو آهي جڏهن دنيا ۾ ڪٿي به ڪا لڪڻ جي جاءِ ڪونه هئي پر پوءِ به پاڻ نااميد يا خوفزده بلڪل به نه ٿيا. سورت فاتحه انهيءَ ئي ڇڪتاڻ ۽ آزمائش واري زماني جي يادگار آهي، انهيءَ جي لاءِ سورت يوسف ۽ سورت جن جو مطالعو هن جي مطالعي کان پهريان ضروري آهي.
    (3) سورت يوسف ۽ (4) سورت فاتحه:
    شعب ابي طالب واري زماني ۾ سورت يوسف نازل ٿي. جيڪڏهن اهي ئي حالتون ڪنهن ٻي قوم يا ماڻهوءَ تي آيل هجن، جيڪي انهيءَ وقت مسلمانن جون هيون ته انهن بي سهارن ۽ مجبورن جي لاءِ سورت يوسف هڪ خدائي پيغام آهي جيڪو ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ جو يقين پيدا ڪري ٿو. لَقَدْ كَانَ فِيْ يُوْسُفَ وَاِخْوَتِہٖٓ اٰيٰتٌ لِّلسَّاۗىِٕلِيْنَ۝۷ لَقَدْ كَانَ فِيْ قَصَصِہِمْ عِبْرَۃٌ لِّاُولِي الْاَلْبَابِ۝۰۝۱۱۱انهيءَ کان پوءِ سورت فاتحه نازل ٿي. ڪجھه لفظ جيڪي ٻنهي ۾ هڪجهڙا آهن:
    • ربّ: يعني آقا يا مالڪ. قَالَ مَعَاذَ اللہِ اِنَّہٗ رَبِّيْٓ يوسف زليخا کي چيو ته تنهنجو مڙس منهنجو رب (آقا) آهي.
    اَمَّآ اَحَدُكُمَا فَيَسْقِيْ رَبَّہٗ خَمْرًا۝۰ۚ توهان مان هڪڙو پنهنجي رب (آقا) کي شراب پياريندو.
    اذْكُرْنِيْ عِنْدَ رَبِّكَ، ارْجِع اِلٰى رَبِّكِ انهن سڀني ۾ رب جي معنى آقا يا مالڪ جي آهي.
    • ضلال: اڻ تڻ، مونجھه، دوکو، ڀل چڪ، شڪ. مثال طور زليخا کي چيو ويو ته اِنَّا لَنَرٰىہَا فِيْ ضَلٰلٍ مُّبِيْنٍ ۽ حضرت يعقوب کي چيو ويو قَالُوْا تَاللہِ اِنَّكَ لَفِيْ ضَلٰلِكَ الْقَدِيْمِ.
    • دين: يعني قانون (زندگي گذارڻ جو طريقو يا واٽ) مَا كَانَ لِيَاْخُذَ اَخَاہُ فِيْ دِيْنِ الْمَلِكِ پنهنجي ڀاءُ کي شاهي قانون تحت روڪي نٿي سگھيو. اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ۝۰ۭ ذٰلِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ زندگيءَ جو حقيقي قانون يعني الدين ڇا آهي؟ اسلام يا الله تعالى جي ٻانهپ آهي. (اِنَّ الدِّيْنَ عِنْدَ اللہِ الْاِسْلَامُ).
    • الصراط مستقيم: صراط جو رومي لفظ مديني ۾ استعمال ٿيو آهي. سورت يوسف ۾ صراط مستقيم جي لاءِ الدين القيم جو لفظ آهي.
    الصراط مستقيم اسلام جو ٻيو نالو آهي، جڏهن ته اسلام الله تعالى جي ٻانهپ جو نالو آهي. وَاِنَّ اللہَ رَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۝۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ (سورت يوسف ۾ به اهو ئي چيو ويو آهي ته ٻانهپ يا الله تعالى جي اطاعت جو ٻيو نالو الدين القيم آهي.
    • اَمَرَ اَلَّا تَعْبُدُوْٓا اِلَّآ اِيَّاہُ۝۰ۭ ذٰلِكَ الدِّيْنُ الْقَيِّمُ وَلٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا يَعْلَمُوْنَ
    • نعمت ۽ انعام: موحد يا توحيد پرست هئڻ ۽ مشرڪ نه هئڻ ئي الله تعالى جو سڀ کان وڏو فضل ۽ انعام آهي. مَا كَانَ لَنَآ اَنْ نُّشْرِكَ بِاللہِ مِنْ شَيْءٍ۝۰ۭ ذٰلِكَ مِنْ فَضْلِ اللہِ عَلَيْنَا وَعَلَي النَّاسِ .
    • سورت الجن ۽ سورت فاتحه: العالمين لفظ جو اُچار عالمين ڪيو ويندو آهي. جيڪڏهن اسان سورت جن کي ڏسون ته انهيءَ ۾ ’ثقلين‘ جو لفظ انسانن ۽ جنن جي لاءِ استعمال ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سورت الرحمٰن ۾ معشر الجن والانس سان وري وري مخاطب آهي. انهيءَ ڪري چئي سگھجي ٿو ته قرآن پاڪ ۾ جتي جتي ’العالمين‘ جو لفظ آهي، اهو تثنيه جو صيغو آهي ۽ انسانن ۽ جنن جي دنيا جي ٻن جهانن لاءِ استعمال ٿيو آهي. نَحۡوَ جي ڄاڻن اهو قاعدو ۽ اصول مڃي ڇڏيو آهي ته جيڪڏهن تثنيه جو صيغو رڳو ٻن تائين محدود هجي ته ان کي مجموعي جي شڪل ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو. مطلب ته عالمين جي معني انسانَ آهن يا جيڪڏهن انهيءَ کي تثنيه مڃيو وڃي ته جنَ ۽ انسان مراد وٺي سگھجن ٿا. ٻن جهانن يا سڀني جهانن سان انهيءَ جو لاڳاپو نه آهي. هي قرآن انسانن جي لاءِ آهي، نه جيتن جڻن، وڻن ٽڻن يا حيوانن، ملائڪن، لاهوت وغيره جهڙن هزارين جهانن لاءِ.
    يوم الدين:
    ’دين‘ جي معني نه رڳو سامي، پر آريائي ٻولين ۾ به ’قانون‘ ئي آهي. يوم الدين جو مطلب اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن قانوني يعني انصاف ڀريو فيصلو ٿيندو.
    يوم الدين يا يوم الحساب ۽ يوم الفصل به هڪ فلسفياڻي بحث واري شيءِ ٿي وئي آهي. مختلف قومن ۾ اهو تصور موجود آهي ته اسان جهڙا به عمل ڪنداسين اڳتي هلي انهن جو نتيجو ضرور ملندو. نيڪيءَ جو بدلو نيڪي ۽ برائيءَ جو بدلو برائيءَ جي صورت ۾ ضرور ملندو. هن حياتيءَ ۾ توڙي مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ کان پوءِ پر ملندو ضرور. قرآن اهو ٻڌايو آهي ۽ پنهنجي شروعاتي تعليم ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هن حياتيءَ ۾ آخره يعني اڳتي اچڻ واري حالت ۽ اولى يعني گذري ويل حالت کان بهتر ٿيندي وڃي ٿي ۽ نيڪ عملن سان انسان مسلسل بهتريءَ ڏانهن ترقي ڪندو رهي ٿو. (الانشرح) ان سان گڏوگڏ مختلف سورتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بڇڙن عملن جي نتيجي ۾ هن دنيا ۾ قومون تباهه ۽ برباد ٿينديون رهيون آهن، يعني هن ئي دنيا ۾ انهن کي سزا ملندي رهي آهي.
    ظالمن کي ڊگھي مدت تائين سزا نه ملڻ جو سبب:
    ڪيترائي اهڙا واقعا ٿيا آهن جو پنهنجي بڇڙائين ۽ بدعملي جي هوندي به مختلف ماڻهو ۽ مختلف قومون هن دنيا ۾ سزا نٿيون ڀوڳين. اڃا به ڊگھي عرصي تائين پنهنجي ظلمن ۽ ڏاڍاين سان دنيا وارن کي تنگ ڪنديون رهن ٿيون. انهيءَ جو سبب قرآن اهو ٻڌائي ٿو ته مظلوم ماڻهو يا مظلوم قومون پاڻ ئي انهيءَ لاءِ ذميوار آهن. انهن جو فرض هو ته اهي اهڙن ظالمن جي خلاف اٿي پون ها، انهن سان جهاد ڪن ها يا گھٽ ۾ گھٽ انهيءَ تياريءَ ۾ زندگيون ڳاري ڇڏين ها. پوءِ جيڪڏهن اهڙيءَ تياريءَ ۾ اهي مري به وڃن ها ته اهو انهن لاءِ عزت ڀريو موت هجي ها ۽ انهن کي اچڻ واري زندگيءَ ۾ به اجر ملي وڃي ها، جيئن چين، ويٽنام، الجزائر وغيره ۾ غلاميءَ ۽ محنت جي استحصال جي خلاف جاکوڙ ڪئي وئي.
    ظالمن ۽ بدڪردارن کي سدائين ٻڌايو ويو آهي ته اهي اهو نه سمجھن ته هن دنيا ۾ ظلم ڪري مري کپي ويندؤ ۽ ٻيهر پيدا ڪرڻ کان پوءِ توهان جو خلقڻهار توهان جي انهن ڏوهن جو حساب ڪري توهان کي سزا نه ڏيندو. خدا تعالى قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي، انهيءَ ڏينهن هو ذري ذري جو حساب ڪري آخري فيصلو ڪندو. هيءَ دنيا آخري فيصلي واري جاءِ نه آهي، هتي ته هر انسان پنهنجو عمل ڪرڻ لاءِ بلڪل آزاد آهي.
    قديم مصرين ۾ اهو تصور عام هو ته مرڻ کان پوءِ انساني روح نٿو مري پر اهو سج جي مختلف برجن ۾ جادوءَ جي زور سان گردش ڪندي ڪندي را اعظم يا ’را‘ تائين پهچي وڃي ٿو. اهو ئي تصور قديم بابل ۾ به هو. هندي آرين جي فلسفين ۽ ڪجھه يوناني، مصري فلسفين ۽ ٿورڙن وحشي قومن ۾ به اهو تصور عام هو ته نه رڳو انسان پر حيوانن جي مرندي ئي انهن جو روح ڪنهن ٻئي ڍانچي ۾ پيدا ڪيو وڃي ٿو۽ پنهنجي گذريل ڄمار جي عملن جي سزا ڀوڳيندو رهي ٿو. اهو تناسخ يا پيدائش جو چڪر لڳاتار جاري رهي ٿو ۽ نيڪ عملن سان ئي انهيءَ جھنجھٽ مان جان ڇٽي سگھي ٿي. لارڊ مهاوير ۽ گوتم ٻڌ به تناسخ کان ڇوٽڪاري کي ئي مڪمل آزادي يا بهشت چون ٿا. بهرحال تصورن کي ادا ڪرڻ جا مختلف طريقا آهن. حقيقت اها آهي ته يوم الحساب ۽ مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿي اٿڻ جو مقصد هڪڙو آهي ته بڇڙن عملن جو نتيجو عذاب ۽ اهنج جڏهن ته نيڪ عملن جون بدلو ثواب ۽ راحت آهي. الله تعالى عملن جي جزا ڏيڻ وارو آهي ۽ اهو ئي اهو قاضي ۽ بادشاهه آهي جيڪو ضرور انصاف ڀريو فيصلو ڪندو. سورة الحمد ۾ انهيءَ تصور کي انهيءَ وقت بيان ڪيو ويو آهي جڏهن جو وڏي عرصي تائين مڪي جي مشرڪن کي اهو ٻڌائي ڇڏيو ويو هو ته توهان پنهنجي بدعملي، ظلم ۽ شرڪ جي ڪري هڪ ڏينهن هن دنيا ۾ آڳاٽين قومن وانگر تباهه ڪيا ويندؤ، پر جيڪڏهن اتفاق سان بچي به ويؤ ته مرڻ کان پوءِ ٻيهر پيدا ڪيا ويندؤ ۽ سزا ڀوڳيندؤ.
    ملڪ:
    يعني بادشاهه، قاضي القضاة يا آخري فيصلو ڪندڙ. دنيا ۾ اهو تصور عام هو ته بادشاهه ئي آخري فيصلو ڪندڙ ۽ حڪم آهي. اهو ئي قومي فوج جو سپهه سالار هوندو آهي ۽ اهو ئي هر رعيتي جي جان، مال، عزت ۽ آبرو جو مالڪ يا خداوند هوندو آهي. ڪجھه قومن ۾ ان کي آسماني بادشاهه سج جو اوتار مڃيو ويندو هو جيئن مصر ۾ فرعون، بابل ۾ بعل (سج) جو اوتار، حمورابي ۽ هندستان ۾ سورج بنسي راجا وغيره.
    قرآن الله تعالى کي انهيءَ ڪري ملڪ چيو آهي (جيئن ملڪ الناس، الٰه الناس) اهو ئي مالڪ الملڪ آهي، اهو ئي آخري فيصلو ڪندڙ آهي. اَحۡکَمُ الحَاکِمِيۡن، خَيۡرُ الۡفَاصِلِين، لَمۡ يَکُنۡ لَّهٗ شَرِيۡکٌ فِي الۡمُلۡکِ. وَلَهٗ الۡمُلۡک يَوۡمَ يُنۡفَخُ فِيۡ الصُّوۡر سان ثابت آهي ته اڄ هو فيصلو نه ڪندو، پر قيامت جي ڏينهن بادشاهه جي شان ۾ هوندو. تنهن ڪري آخرت ۾ فيصلو ڪرڻ واري جو تصور اهڙيءَ طرح ٻڌايو ويو آهي ته هو يوم الدين ۾ بادشاهه يا قاضي يا فيصلو ڪرڻ وارو بادشاهه هوندو. اڄ هو آخري فيصلو نٿو ڪري ڇو ته جيتوڻيڪ هو مالڪ آهي، پر اڄ هن انسان کي اختيار ڏئي آزادي ڏئي ڇڏي آهي ته هو سٺا ۽ برا عمل ڪري جن جي جزا يا سزا قيامت جي ڏينهن ڏيندو. تنهن ڪري اڄ هو مالڪ آهي سڀاڻي قيامت جي ڏينهن هو ملڪ يعني آخري فيصلو ڪرڻ وارو بادشاهه هوندو.
    اِنَّا نَحنُ: ڪيترين ئي جاين تي قرآن مجيد ۾ هن بادشاهت جي شان جي اظهار جي مقصد تحت اڪيلي الله جي لاءِ جمع جو صيغو استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو بادشاهي ڳالهه ٻولهه جو انداز رهيو آهي ۽ اڃا به آهي. مثال طور اِنَّآ اَنْزَلْنٰہُ فِيْ لَيْلَۃِ الْقَدْرِ يا اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَاِنَّا لَہٗ لَحٰفِظُوْنَ يا اِنَّآ اَعْطَيْنٰكَ الْكَوْثَرَ وغيره، انهن سڀني مان ثابت آهي ته سورهءِ الحمد ۾ ملڪ آهي نه ڪه مالڪ، امام مالڪ جي قراءت ۾ به اها ئي پڙهڻي آهي.
    عبد: نعبد ۾ رب العالمين جي نسبت سان ٻانهپ ۽ غلامي ترجمو ٿيڻ کپي. غلام جو اصل ڪم حڪم مڃڻ آهي، رڳو پنهنجي مالڪ جي ساراهه جا ڍُڪ ڀرڻ ئي ڪافي نه آهي. جيڪڏهن ساراهه ڪرڻ جو حڪم آهي ته اها به عملي ساراهه آهي. يعني غلاميءَ جي سڀني حڪمن جي بجا آوري واري تصور ۾ اهو سڀ ڪجھه اچي وڃي ٿو.
    غضب: سڀ کان وڏي نعمت اها ٻڌائي وئي آهي ته انسان الله تعالى جو ٻانهو ٿي رهي، شيطان کان پاسو ڪندو رهي. انهيءَ ۾ ئي ان جي ڀلائي آهي. تنهن ڪري غضب نعمت جو ضد ٿيو. يعني جيڪو ماڻهو مشرڪ يا انڪاري ٿيو، سو مغضوب آهي.
    (5) سورت جاثيه:
    انهيءَ ئي زماني ۾ سورت جاثيه نازل ٿي جنهن ۾ هيٺيون ڳالهيون ٻيهر ورجايون ويون آهن. ان کان سواءِ طائف جي سفر کان واپسي ۽ مڪي ۾ داخل ٿيڻ تائين واري تعليم جو تت آهي جيڪو هن سورت ۾ تمام ئي اختصار سان هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:
    1. هيءُ ڪتاب يعني زندگيءَ جو قانون الله تعالى جي طرف کان نازل ٿيو آهي. هي ڪو شيطاني قول نه آهي جهڙيءَ طرح مشرڪن جو خيال هو.
    2. انسان ڪابه شيءِ خلقي نٿو سگھي. جيڪڏهن اهو ڄاڻڻو هجي ته الله تعالى موجود آهي ۽ ان جون نشانيون (آيتون) ڳوليو ٿا ته الله تعالى کي خالق مڃيو. ڇو ته ايمان کان پوءِ آسمان، زمين ۾ الله تعالى جي قدرت ۽ خلقڻهاريت جو نشانيون توهان کي هر جاءِ نظر اينديون. جيڪا به شيءِ ڏسندؤ ته توهان کي خبر پوندي ته انهيءَ جو خلقيندڙ الله تعالى آهي ۽ توهان ۽ توهان جا ديوتا ڪابه شيءِ خلقي نٿا سگھن. اِنَّ فِي السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ لَاٰيٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِيْنَ جانورن جي خلقڻ، زمين ۽ آسمان جي ڦيرڦار، آسمان مان مينهن، هوائون سڀئي الله تعالى جي وجود جون نشانيون آهن. پوءِ به انهن تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ وڏائي ڪندي نه مڃڻ جهنم ڏانهن وٺي ويندو. ڏسو ته سمنڊ ۾ ٻيڙيون خدائي قانون موجب هلي رهيون آهن، اهي به عقل ۽ سمجھه رکڻ وارن لاءِ وڏيون نشانيون آهن.
    3. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول هن دنيا ۽ آخرت واري دنيا سان نسبت رکي ٿو. مَنْ عَمِلَ صَالِحًا فَلِنَفْسِہٖ۝۰ۚ وَمَنْ اَسَاۗءَ فَعَلَيْہَا ڀلائي ڪندؤ ته به پنهنجي لاءِ فائدو اٿوَ پر جي برائي ڪندؤ ته ان جو نقصان به توهان کي ئي ٿيندو.
    4. بني اسرائيل وارن کي الله تعالى حڪومت، نبوت ۽ صاف سٿرو رزق ڏنو ۽ قومن تي فضيلت ڏني. فَضَّلْنٰہُمْ عَلَي الْعٰلَمِيْنَ
    5. بصائر آيتن جي معنى ۾: هيءُ قرآن انسانن جي لاءِ عبرت ڀريون ڳالهيون ٻڌائي ٿو. ھٰذَا بَصَاۗىِٕرُ لِلنَّاسِ وَہُدًى وَّرَحْمَۃٌ لِّقَوْمٍ يُّوْقِنُوْنَ
    6. الٰه رب يا معبود جي معنى ۾ آهي، يعني جنهن جي غلامي ڪئي وڃي. ڪجھه ماڻهو پنهنجي نفس جا ٻانها يا غلام بڻجي ويندا آهن. اَفَرَءَيْتَ مَنِ اتَّخَذَ اِلٰــہَہٗ ہَوٰىہُ وَاَضَلَّہُ اللہُ عَلٰي عِلْمٍ
    7. دهريت کي جواب: اهي نفس پرست چون ٿا ته دهر يا زمانو ئي ماريندو يا جياريندو آهي، الله تعالى خالق نه آهي. اها انهن جي خام خيالي آهي ۽ جڏهن انهن سان الله تعالي جي خالق هجڻ جو نشانيون بيان ڪيون وينديون آهن ته اهي چوندا آهن ته جيڪڏهن الله خالق آهي ته پوءِ اسان جي ابن ڏاڏن کي پيدا ڪري. انهيءَ جو جواب اهو ئي آهي ته الله تعالى ئي جياريندو ۽ ماريندو آهي ۽ اهو ئي بيشڪ قيامت جي ڏينهن سڀني کي جيئرو ڪري گڏ ڪندو.
    8. الله تعالى مَلِڪ يا بادشاهه آهي. انهيءَ جي ئي آسمانن ۽ زمين تي حڪومت آهي ۽ اهو ئي قيامت جي ڏينهن به ملڪ (بادشاهه) هوندو يعني آخري فيصلو ڪندو. وَلِلہِ مُلْكُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ۝۰ۭ وَيَوْمَ تَقُوْمُ السَّاعَۃُ.
    9. جڏهن انهن کي چيو وڃي ٿو ته قيامت ضرور ايندي (السَّاعَۃُ لَا رَيْبَ فِيْہَا) ته اهي چون ٿا ته اسان کي گمان ته ٿيندو آهي پر انهيءَ جي پڪ نٿي ٿئي.

    ڀاڱو ٽيون: قبيلن کي تبليغ، مطعم جي پٺڀرائي ۽ مديني ڏانهن هجرت
    ]23 ذيقعد 10 نبوي (اپريل 619ع) کان صفر 13 نبوي (مئي 622ع)[

    اِذْ ہُمَا فِي الْغَارِ اِذْ يَقُوْلُ لِصَاحِبِہٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللہَ مَعَنَا۝۰ۚ فَاَنْزَلَ اللہُ سَكِيْـنَتَہٗ عَلَيْہِ وَاَيَّدَہٗ بِجُنُوْدٍ لَّمْ تَرَوْہَا
    ”جڏهن اهي ٻئي (محمدﷺ ۽ ابوبڪرؒ ) غار ۾ هئا ته محمد ﷺ پنهنجي سنگتي (ابوبڪرؒ ) کي چيو ته غم نه ڪر، الله تعالى اسان سان گڏ آهي، تڏهن الله تعالى ان تي پنهنجي سڪينه نازل ڪئي ۽ اهڙين فوجن سان مدد ڪئي جن کي توهان نٿا ڏسي سگھو.“
    سُبْحٰنَ الَّذِيْٓ اَسْرٰى بِعَبْدِہٖ لَيْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَيٰ
    ”ڪيتري پاڪ ذات آهي اها جنهن رات وچ ۾ پنهنجي ٻانهي کي مڪي کان يروشلم تائين سير ڪرايو.“
    جڏهن طائف وارن وٽان مايوسي ملڻ کان پوءِ پاڻ نخله پهتا ته تمام ئي اداس ٿي پيا. ذيقعد ختم ٿي رهيو هو ۽ حج کان پوءِ جيڪو عام امن واري حالت هئي سا به ٻن مهينن کان پوءِ ختم ٿيڻ واري هئي. انهيءَ جي ڪري ضروري هو ته مڪو ڇڏڻ کان پهريان ڪنهن نه ڪنهن قبيلي کي پنهنجو ڀرجھلو بڻايو وڃي. انهيءَ مقصد هيٺ پاڻ نخله کان حرا جبل تائين آيا ۽ زيد کي مڪي ڏانهن موڪليائون ته جيئن ڪنهن سردار جي حمايت حاصل ڪئي وڃي. انهيءَ لاءِ سڀ کان پهريان پاڻ اخنس بن شريق ڏانهن حمايت جي لاءِ چوائي موڪليائون جنهن جواب ڏنو ته مان حليف آهيان انهيءَ ڪري حمايت نٿو ڪري سگھان. ان کان پوءِ پاڻ سهيل بن عمرو ڏي نياپو ڪيائون انهيءَ چيو ته بني عامر جي حمايت بنو ڪعب تي لاڳو نٿي ٿئي. آخرڪار پاڻ مطعم بن عدي کان حمايت گھريائون جنهن لاءِ هو يڪدم تيار ٿي ويو. ان کان پوءِ مطعم ۽ ان جي خاندان وارا هٿيار ٻڌي مسجد حرام تائين پاڻ ڪريم ﷺ جن کي وٺي ويا ۽ چيو ته مسجد ۾ داخل ٿي وڃو. پاڻ مسجد ۾ داخل ٿي ڪعبي جو طواف ڪيائون ۽ نماز پڙهيائون. مطعم پڙهو ڏياريو ته اي قريشيو! مون محمد کي پناهه ڏني آهي، انهيءَ ڪري نه ڪير کين ايذائي ۽ نه سندن گلا ڪري. ان کان پوءِ پاڻ ﷺ کي پنهنجي گھر پهچايو. ڪجھه وقت تائين پاڻ اتي رهيا.
    مڪي ۾ تبليغ ڪرڻ ناممڪن هئي ۽ قريشن سان ڳالهه ٻولهه به بي فائدي هئي. انهيءَ ڪري پاڻ ڀلائي انهيءَ ۾ سمجھيائون ته حج جي موقعي تي جيڪي قبيلا ٻاهران اچن ٿا انهن سان مڪي کان ٻاهر ئي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. اهڙيءَ طرح پاڻ منى ۾ وڃي ڪري مختلف قبيلن کي اسلام جي دعوت ڏيندا رهيا، پر هر جاءِ تي ابولهب سندن پيرو کنيو ٿي آيو ۽ قبيلن کي چوندو ٿي وتيو ته هي ماڻهو گھري ٿو ته لات ۽ عزى ۽ پنهنجي دوست جنن کي ڇڏي ڪري بدعت ۽ گمراهيءَ ۾ پئجي وڃو.
    10 نبوي ذي الحج مهيني ۾ قبيلي خزرج جا ڇهه ماڻهو حج تي آيا. رسول الله ﷺ جن کين قرآن ٻڌايو. اهي ماڻهو مديني جي يهودين وٽان اهي ڳالهيون ٻڌندا ايندا هئا ته هڪڙو نبي اچڻ وارو آهي، انهيءَ ڪري هنن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي تائيد ڪئي ۽ سندن ڳالهين جي تصديق ڪري مديني ڏانهن واپس هليا ويا ته سورت الزخرف نازل ٿي.
    (6) سورت الزخرف:
    علم جو سرچشمو الله تعالى وٽ آهي. هيءُ چٽو علم عربي ٻوليءَ ۾ انهيءَ ڪري بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن توهان سمجھي سگھو (هيءُ جادو نه آهي پر) انهيءَ جو سرچشمو (ام الڪتاب) الله تعالى وٽ آهي. (يعني جادوءَ وانگر هيءُ شيطاني ڳالهيون نه آهن) اهي (مشرڪ) ماڻهو گھرن ٿا ته اها تعليم نه ڏني وڃي جڏهن ته الله تعالى جا (موڪليل) نبي پهريان به ايندا رهيا آهن. ڪوبه نبي ٺٺولين کان بچي نه سگھيو پر ٺٺوليون ڪرڻ وارن جو انجام سدائين بربادي ئي ٿيو.
    اهي ماڻهو ڄاڻن ٿا ته هن سموري ڪائنات جو خالق صرف هڪڙو ئي آهي جيڪو مئل زمين ۾ مينهن جي وسيلي نئين زندگي پيدا ڪري ڇڏي ٿو. پوءِ به اهي مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي نٿا مڃين ۽ ٻانهن کي انهيءَ ۾ ڀائيوار ڪن ٿا.
    اهي ماڻهو ملائڪن کي ماديون سمجھن ٿا ۽ چون ٿا ته اهي الله جون ڌيئر آهن (لات، منات ۽ عزى کي به الله تعالى جو ڌيئر سمجھن ٿا). اهي الله تعالى جي لاءِ ڌيئر پسند ڪن ٿا، پر پنهنجي لاءِ پسند نٿا ڪن ۽ چون ٿا ته جيڪا زينت ۽ لاڏ ڪوڏ ۾ پلجي پر جنگ ۾ ڪم نه اچي سا ڪهڙي ڪم جي؟ اهڙي طرح جڏهن ڪنهن قوم ۾ ڪو نبي آيو ته (طائف جي سردارن وانگر) سدائين ائين ئي چوندا رهيا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن جي پيروي ڪندا آهيون (يعني لات کي ديوي مڃيون ٿا). جيڪي ماڻهو الله تعالى کي اڪيلو ۽ ڀائيواريءَ کان پاڪ نٿا مڃن سي آخرڪار تباهه ۽ برباد ٿي ويندا آهن. اهي ابراهيمؑ سان پنهنجو بڻ ڳنڍين ٿا جڏهن ته اهو بت پرستيءَ جو مخالف هو.
    هاڻي مڪي ۽ طائف جي سردارن وٽ حق ( قرآن ) ۽ رسول آيو ته اهي حق واري ڳالهه کي جادو ٿا سڏين ۽ چون ٿا ته اسان جي شهر جي ڪنهن وڏي ماڻهو تي اهو قرآن نازل ڇو ڪونه ٿيو؟ اهي سمجھن ٿا ته جهڙي طرح دنياوي دولت انهن جي سردارن کي ملي آهي، اهڙيءَ طرح رسالت به انهن جو حق آهي. جڏهن ته رسالت ته الله تعالى جي رحمت آهي ۽ انهيءَ مال کان ڀلي آهي جنهن کي اهي ميڙي گڏ ڪن ٿا. انهيءَ ڪري ڀلي ته دنيا ۾ ڪي ڏينهن عيش ڪري وٺن. پرهيزگارن کي آخرت ۾ بهشت جو آرام ۽ راحت حاصل ٿيندي ۽ ڪافرن کي جهنم نصيب ٿيندو. اي رسول! اهي ٻوڙا آهن ۽ ڪنهن چڱي ڳالهه کي ٻڌي نٿا سگھن.
    اي رسول (ﷺ)! جهڙيءَ طرح اهي ماڻهو تنهنجي تعليم کي جادو ڪوٺين ٿا، اهڙي طرح موسى ؑ کي به اهي جادوگر چوندا هئا. جڏهن سندس دعا سان عذاب ٽري ويندو هو ته واعدو ٽوڙي ڇڏيندا هئا. فرعون به موسى ؑ کي گهٽ سمجھندو هو، ڇو ته ان جي نظر ۾ موسىؑ نه ته مالدار هو ۽ نه ان سان گڏ ڪو ملائڪ هو.
    ان کان پوءِ حضرت عيسى ؑ جڏهن چٽيون نشانيون ۽ ڏاهپ ڀريون ڳالهيون (عقلي دليل) کڻي آيو ۽ ٻڌايو ته جيڪو منهنجو پالڻهار آهي سو توهان جو به پالڻهار آهي ۽ اها ئي سڌي واٽ آهي. اِنَّ اللہَ ہُوَرَبِّيْ وَرَبُّكُمْ فَاعْبُدُوْہُ۝۰ۭ ھٰذَا صِرَاطٌ مُّسْتَقِيْمٌ يعني پالڻهار جي ٻانهپ ئي سنئين واٽ آهي. انهن به انهيءَ تعليم کي نه مڃيو ۽ اختلاف ڪيو ۽ قيامت جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لڳا. انهن کي چئي ڇڏ ته جيڪڏهن ”ٻاجھاري“ (الله) جو ڪو پٽ هجي ها ته سڀ کان پهريان مان ئي ان جي ٻانهپ اختيار ڪيان ها. الله تعالى رڳو آسمان جو ئي نه پر زمين جو به خلقڻهار آهي. اها ڳالهه ته ڪافر به مڃن ٿا ته زمين ۽ آسمان الله تعالى ئي جوڙيو آهي. سو جيئن ته اهي تنهنجو چوڻ نٿا مڃن تنهن ڪري اي رسولﷺ! انهن کان پنهنجو ذاتي توجهه هٽائي ڇڏيو، انهن کي رڳو سلام ڪري ڇڏي ڏيو. انهن کي ستت ئي خبر پئجي ويندي. فَاصْفَحْ عَنْہُمْ وَقُلْ سَلٰمٌ۝۰ۭ
    (7) سورت النمل:
    جيڪي ماڻهو عملن جي جزا ۽ قيامت جي ڏينهن جا انڪاري آهن، انهن کي سخت عذاب ڏنو ويندو.
    موسى ؑ الله تعالى جي وجود جا نظر ايندڙ دليل پيش ڪيا ۽ چيو ته اي فرعون جي ٽوليءَ وارؤ اهو سمورو عذاب توهان جي بداعمالين جي سبب هڪ ڇينڀ آهي ۽ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي ته الله تعالى پنهنجين آيتن (نشانين) ڏيکارڻ تي وس وارو آهي. اهڙيءَ طرح يمن ۾ بلقيس راڻيءَ جي قوم سج جي پوڄاري هئي. سليمان ؑ ڪتاب واري علم جي وسيلي ثابت ڪري ڇڏيو ته سج کي الله تعالى ئي پيدا ڪيو آهي. حضرت سليمانؑ انهيءَ علائقي ۾ اها ڳالهه لکي انهيءَ جي شروعات بسم الله سان ڪئي ۽ راڻي بلقيس کي به ڏيکاريو ته جِنَ ان جي هٿ وس آهن جيڪي اک ڇنڀ ۾ هر ڪم ڪري سگھن ٿا. راڻي ايمان آندو ۽ ان کي عذاب کان ڇوٽڪارو نصيب ٿيو، پر جن قومن ثمود ۽ لوطؑ جي قوم وانگر ايمان نه آندو سي تباهه ۽ برباد ٿي ويون.
    اي بني اسرائيلو! توهان انهن ڳالهين کي ڄاڻو ٿا، تنهن ڪري توهان اختلاف کان بچو ۽ مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ تي يقين ڪريو. الله تعالى ئي قيامت جي ڏينهن فيصلو ڪندو. (اِنَّ رَبَّكَ يَقْضِيْ بَيْنَہُمْ بِحُكْمِہٖ۝۰ۚ)
    مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته مڪي جي پالڻهار (رَبَّ ہٰذِہِ الْبَلْدَۃِ) جو حڪم مڃان ۽ قرآن ٻڌايان ۽ اهو ته جيڪو به سڌي واٽ وٺندو سو پنهنجي فائدي لاءِ وٺندو ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو سو به پنهنجي لاءِ ئي ٿيندو. الله تعالى جلد ئي اهڙيون نشانيون ڏيکاريندو جن کي توهان سڃاڻي وٺندؤ. پر هنن ماڻهن انهن نشانين کي جادو سڏيو.
    بيبي سوده بنت زمعه سان نڪاح:
    شعب ابي طالب مان نڪرڻ کان پوءِ به قريشن پاڻ ڪريم ﷺ جن سان ڪا به مٽي مائٽي قائم نه ڪئي. پاڻ انهيءَ ظالماڻي سماجي بائيڪاٽ کي ختم ڪرڻ گھريائون. ان وقت حبشه جي مهاجرن مان حضرت سڪران بن عمروؒ پنهنجي زال سوده بنت زمعه سان مڪي موٽي آيو. اهي ٻئي بنو عامر لوري جي قبيلي سان واسطو رکندڙ هئا. سڪران گذاري ويو ۽ بي بي سوده بي سهاري ٿي پئي. پاڻ ﷺ جن به اهو گھرن پيا ته قريشن جي ضد کي ختم ڪن. انهيءَ ڪري پاڻ بي بي سوده سان نڪاح ڪري ورتائون جيڪا هڪ ئي وقت مهاجرياڻي توڙي مؤمنياڻي جا گڻ رکندڙ هئي.
    حضرت عائشه ؒ سان پاڻ ﷺ جي مڱڻي:
    قريشن کي شرمسار ڪرڻ ۽ پاڻ ﷺ جي ڏک کي گھٽائڻ جي خيال کان حضرت ابوبڪرؒ پنهنجي ننڍي نيٽي ڌيءَ جي مڱڻي رسول الله ﷺ جن سان ڪري ڇڏي ۽ اهو ڏيکاريو ته اهڙي ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾، جڏهن ايمان آڻڻ وارن جي زندگي هر وقت خطري ۾ هئي ۽ خاص طرح سان پاڻ ڪريم ﷺ تي ڪافرن جي ڪاوڙ حد کان لنگھيل هئي، ان وقت به پاڻ ﷺ جو هڪڙو اهڙو سنگتي موجود هو جيڪو پنهنجي جان ۽ مال قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. ٽن سالن کان پوءِ بي بي عائشه ؒ جوان ٿي. پاڻ ڪريم ﷺ جي زالن مان صرف عائشه ؒ ئي ڪنواري هئي. اهو حضرت ابوبڪر جو اهڙو احسان هو جنهن کي پاڻ ڪريم ﷺ جن مڃتا ڏني ۽ فرمايو ته مون تي جيڪڏهن ڪنهن ڪو احسان ڪيو ته مون انهيءَ جو بدلو چڪائي ڇڏيو، پر ابوبڪر جي احسانن جو بدلو نه ڏئي سگھيس.
    پاڻ ڪريم ﷺ جي نڪاحن تي اعتراض:
    عام طرح سان عيسائي عالم پاڻ ڪريم ﷺ جي گھڻن زالن هجڻ تي اعتراض ڪندا آهن، پر اهي قومون جن ۾ زالن جي گھڻائي تي ڪا پابندي نه آهي سي چُپ آهن. عيسائين جو اعتراض انهيءَ ڳالهه کي وساري ڇڏي ٿو ته رسول الله ﷺ جي زماني ۾ عورت جو جيڪو هيڻو حال هو انهيءَ جو لازمي نتيجو اهو هو ته اها بد پيشو ڪرائي پنهنجو پيٽ پالي. تنهن کانسواءِ انهيءَ زماني ۾ غلامي جو رواج به عام هو ۽ ماڻهو عورتن کي خريد ڪري وٺندا هئا، ۽ انهن کان بد پيشو ڪرائي ان جي ڪمائيءَ مان تڳڻ کي خراب نه سمجھندا هئا. زنا جو هڪڙو طريقو اهو به هو ته ڪي ٻه دوست ڪجھه ڏينهن لاءِ هڪ ٻئي جو زالون پاڻ ۾ مَٽائيندا هئا. اهو به طريقو هلندڙ هو ته هڪڙي آزاد عورت جيڪا ڪنهن جي به نڪاح ۾ نه هجي ۽ گھڻن ماڻهن کان زنا ڪرائيندڙ هجي، پنهنجي ٻار جو بڻ قائم ڪرڻ جي لاءِ جنهن به ماڻهو لاءِ گھري ته ان جو نالو وٺي سگھي پئي. ائين انهيءَ عورت پاران نامزد ڪيل ماڻهو انهيءَ ٻار جو پيءُ سمجھيو ويندو هو ۽ ان جي پرگھور ۽ پالنا انهيءَ ماڻهوءَ جي مٿان هوندي هئي. ڪجھه قومن ۾ اهو به دستور هوندو هو ته نامرد مڙس جي لاءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کان ٻار حاصل ڪيو وڃي، انهيءَ کي زنا به نه سمجهندا هئا. اهڙيءَ طرح جن قومن ۾ مادري قدر (Matriarchy) قائم هو، اتي اهو سوال ئي پيدا نه ٿيندو هو ته ٻار جو پيءُ ڪير آهي؟ قبيلي جو ڪوبه ماڻهو ٻار جو پيءُ ٿي سگهندو هو. اتي اصل سوال اهو هو ته ماءُ ڪير آهي؟ اهڙي طرح ڪيتريون ئي عورتون مندرن ۽ ديوتائين جي نالي ٿي وينديون هيون. انهن مان جيڪڏهن ڪابه عورت زنا ڪري وجھندي هئي ته ان جي انهيءَ حرڪت کي زنا نه سمجھيو ويندو هو ۽ انهن جي اولاد خدا جي اولاد سمجھي ويندي هئي.
    اسلام جو سڌارو:
    بهرحال انهيءَ زماني جي لحاظ کان زالن جي گھڻائي ته پري جي ڳالهه پر زنا کي به خراب نه سمجهيو ويندو هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن نه رڳو زالن جي گھڻائي ۽ زنا جي عمل کي ختم ڪري ڇڏيو، پر اهڙيون حدون مقرر ڪري ڇڏيون جنهن جي ڪري زنا ناممڪن بڻجي وئي. يعني طلاق جو قانون جاري ڪري عورت کي اهو حق ڏنو ته اها پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي سگھي ٿي ۽ پنهنجي پسند جي مڙس سان نڪاح ڪري سگھي ٿي. اڄڪلهه پرڻيل عورتون زنا انهيءَ ڪري ڪن ٿيون جو اهي پنهنجي مڙس کان طلاق وٺي نٿيون سگھن ۽ ان جو ٻيو سبب عورتن جي معاشي بدحالي آهي. اسلام عورت کي ورثي ۽ ملڪيت جو حق ڏئي ان کي معاشي بدحالي کان به بچايو ۽ ان ۾ اڃا به واڌارو اهو ڪري ڇڏيو ته نڪاح جي بدلي جيتري رقم گھري پنهنجي ٿيندڙ مڙس سان مقرر ڪري، جيڪا ان جي ذاتي ملڪيت هوندي. مڙس جي مٿان اهو فرض ٿيندو ته هو پنهنجي زال کي نه رڳو زال هئڻ واري حيثيت ۾، پر طلاق يا جدائيءَ کان پوءِ به ڪجھه مهينن تائين کاڌو پيتو ڏئي ۽ پنهنجي گھر مان نه ڪڍي.
    دنيا جي اڪثر علائقن ۾ ڇوڪري کي پيدا ٿيندي ئي ماري ڇڏيندا هئا. عرب، هندستان، انڊونيشيا ۽ ڪجھه ملڪن ۾ اها رسم به هئي ته مڙس جي لاش سان گڏ ان جي سڀني زالن ۽ ٻانهين کي به جيئرو ساڙيو ويندو هو. هاڻي به ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورت کي ايترو ته گھٽ سمجھيو وڃي ٿو جو انهن جا پيءُ ماءُ ان جي مرڻ جي تمنا ڪندا آهن. ڇو ته ڇوڪرن کي جيستائين شادي ڪرڻ جي بدلي ۾ جھجھو پئسو نه ملي، اهي ڇوڪري سان شادي نه ڪندا آهن ۽ پيءُ ماءُ کي ڏاج جي لاءِ سڄي ڄمار لوڙڻو پوندو آهي. انهن حالتن جي روشني ۾ رسول الله ﷺ جن عورتن کي جيڪو درجو عطا ڪيو انهيءَ درجي تي غير مسلم عورتون اڃا تائين پهچي نه سگھيون آهن.
    ڳجھي بيعت عقبه (ذي الحج 11 نبوي):
    طائف کان واپسي کان پوءِ رسول الله ﷺ جن هڪ سال تائين خدائي حڪم موجب مڪي وارن کان بلڪل ئي پاسيرا رهيا. اها سموري ڪارروائي ڳجھي هئي ته جيئن قريش تڪليفون ڏيڻ ۾ واڌارو نه ڪن. حقيقت ۾ اها ڳجھي تياري انهيءَ لاءِ هئي ته جيئن اهڙي ڪا جاءِ ملي وڃي جتي مسلمان پنهنجو هڪڙو سياسي مرڪز بڻائي سگھن.
    بهرحال 11 نبوي جي ذي الحج مهيني ۾ مديني جي ٻارنهن ماڻهن بيعت ڪئي ۽ واعدو ڪيو ته اهي الله تعالى کي اڪيلو ۽ لاشريڪ مڃيندا. چوري، زنا، نياڻين کي قتل ڪرڻ ۽ ڪنهن تي بهتان مڙهڻ کان بلڪل پري رهندا ۽ سڀني چڱين ڳالهين ۾ رسول الله ﷺ جي پيروي ڪندا. انهيءَ بيعت کي بيعت النساء به چئبو آهي، ڇاڪاڻ ته انهن ڳالهين تي عورتون به بيعت ڪري سگھن ٿيون. اها بيعت الحرب يعني ڪنهن جنگ جي لاءِ بيعت نه آهي.
    هن بيعت جون خاص ڳالهيون:
    هن بيعت يا معاهدي کان پهريان مڪي جي مشرڪن ۽ حبشه ۽ ٻين علائقن جي عيسائين کي قرآن جي ڪيترين ئي اخلاقي ڳالهين کي مڃڻ لاءِ زور ڏنو ويو هو، خاص طرح سان مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي اسلام جي بنيادي عقيدن ۾ ڳڻيو ويو هو. پر هن معاهدي ۾ ڪي ٿورڙيون اخلاقي ڳالهيون ٻڌائي چيو ويو ته چڱين ڳالهين ۾ رسول الله ﷺ جي پيروي اختيار ڪندا. يعني جڏهن اهو مڃيو ويو ته الله تعالى اڪيلو ۽ لاشريڪ آهي ۽ محمد ﷺ ان جو رسول آهي ته پوءِ ڪنهن نيڪ ڪم جي تفصيل ٻڌائڻ غير ضروري هئي. ايتري تائين جو عام طور تي انساني قتل کي بڇڙو سمجھيو ويندو هو، پر معاهدي ۾ رڳو ڇوڪرين کي قتل نه ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته عرب ۾ عورت جو درجو ڪيترو هيٺ هو.
    هن زماني جي معاشري ڪيترين ئي بڇڙين ڳالهين کي به ماڻهن جي نظرن ۾ چڱو ڪري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن چٽائي ڪري ڇڏي ته جيتوڻيڪ عربستان وارا چوري، ڦرمار، زنا، اولاد کي قتل ڪرڻ، بهتان ٻڌڻ ۽ ڳالهه کي وڌائي چڙهائي ٻڌائڻ کي خراب نٿا سمجھن، اڃا به ڪيترائي شاعر پنهنجي شاعريءَ ۾ زنا جون ڳالهيون فخر طور بيان ڪن ٿا (جيئن امراء القيس). ڦرمار ۽ شريف عورتن سان عشق کا چڱو سمجھن ٿا ۽ قتل کي مردانگي ۽ هندستان وارن وانگر شرافت جو نشان سمجھن ٿا، تنهن ڪري اهي ڳالهيون منڪر يعني بڇڙيون سمجھيون وينديون ۽ بيعت ڪرڻ وارن انهيءَ ڳالهه کي مڃي ورتو.
    بيعت کان پوءِ رسول الله ﷺ جن عبدالدار قبيلي جي پهرين مسلمان ۽ حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ حضرت مصعب بن عمير کي سڏايو ۽ هنن ماڻهن سان گڏ مديني ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو. هي پاڪيزه انسان شروع کان وٺي اسلام ۽ ڪفر جي ڇڪتاڻ کان چڱيءَ طرح واقف هو ۽ پاڻ به انهيءَ ئي قبيلي سان واسطو رکي پيو جيڪو سڄي عرب ۾ مذهبي پيشوريت ۽ بت پرستي ۾ سڀني کان الڳ سڃاڻ رکندڙ هو. مديني ۾ ان جي پهچڻ جي ٿورڙن ڏينهن جي اندر ئي مديني جا ڪيترائي مشرڪ شرڪ کان تائب ٿي پڪا موحد بڻجي ويا.
    بني اسرائيل کي شامل ڪرڻ جي خواهش:
    هن زماني ۾ وري پاڻ ڪريم ﷺ جن بني اسرائيل ڏانهن ڌيان ڏنو. سندن دلي خواهش هئي ته مديني جا آسودا يهودي، جيڪي سڄي عربستان جي واپار تي ڇانيل آهن، مسلمانن ۽ عيسائين سان ملي ڪري هڪڙي متحد قوم بڻجي پون. سڀئي الله تعالى کي لاشريڪ مڃين ۽ مسجد حرام (مڪي) کان مسجد اقصى (يروشلم) تائين هڪڙي ئي الله تعالى جي هيڪڙائي جي لولي هجي. سڀئي ماڻهو مرڻ کان پوءِ واري زندگي ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندڙ بڻجي پون. يهودي توريت جي تحريف کان بچي ويل حڪمن تي عمل ڪن ۽ دنيا ۾ انصاف ۽ عدل پکيڙين، ظلم ۽ وياج خوريءَ کي ڇڏي ڏين. عيسائي مسيح ابن مريم کي حقيقي تصور ۾ مڃين ۽ ڪفاري واري دوکي مان نڪري مذهبي پيشوائن (پوپن) کي ختم ڪري ڇڏين ۽ اڄوڪي دؤر جي پروٽسٽنٽن وانگر ڪليسا کي ڇڏي رڳو انجيل کي مڃين ۽ ڪيلسا جي مدد کانسواءِ انجيل ۽ توريت جي حڪمن تي عمل پيرا ٿين.
    انهيءَ ڪري ئي الله تعالى پنهنجي رسول ﷺ کي مڪي کان يروشلم تائين وٺي ويو ته جيئن اهي هڪڙي مضبوط قوم بڻجي وڃن ۽ بني اسرائيل ۽ عيسائين کي جن ڳالهين ۾ اندروني اختلاف آهي، انهن کي قرآن جي ٻڌايل برابري ۽ منڪر ۽ معروف جي اصولن موجب مڃي وٺن.
    اسراء يا معراج جي حڪمت:
    سوره بني اسرائيل حقيقت ۾ بني اسرائيل جي لاءِ هڪڙو پيغام هو ته اچو ته اسان ۽ توهان ملي ڪري هڪڙو متحد محاذ جوڙيون. توهان جا آسودا خودغرضي ڇڏي ڏين ته پوءِ آزادي ملي سگھي ٿي ۽ مڪي ۽ يروشلم مان اڪيلي الله جو نالو مٿانهون ٿي سگھي ٿو. تورات جا ڏهه حڪم ته تمام سٺا آهن، پر انهن جو مقصد قرآن سان چٽو ٿئي ٿو ۽ اهو هيءُ ته اک، ڪن ۽ دل کي بڇڙن خيالن ۾ نه لڳايو. ظاهري ۽ باطني حواسن کي پاڪ رکو، وڏائي نه ڪريو، ظلم نه ڪريو ۽ ڪنهن کي ڏک نه ڏيو. (بلڪل اها ئي ڳالهه مهاتما ٻڌ جي اٺن اصولن (هشت مارگ) جي باري ۾ به سچي ثابت ٿئي ٿي).
    انهيءَ زماني ۾ مڪي جا ڪافر انهيءَ ڳالهه کي سمجھي ويا هئا، انهيءَ ڪري اهي رسول الله ﷺ تي زور ڏيندا هئا ته ڪتاب وارن سان اتحاد ڪرڻ وارين آيتن کي بدلائي ڇڏيو. ان کان پوءِ رسول الله ﷺ کي پريشان ڪري مڪي مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا. قرآن انهيءَ روش جو جواب هي ڏنو ته جيڪڏهن الله جي رسول کي ڊيڄارڻ کان توهان نه مڙندؤ ته توهان کي ئي جلاوطن ڪيو ويندو. الله تعالى جو قانون آهي ته ظالم کي سزا ضرور ملندي آهي.
    (8) سورت بني اسرائيل:
    بني اسرائيل شرڪ، نفس پرستي ۽ فساد جي ٻه دفعا واٽ ورتي ۽ ٻه دفعا يروشلم تباهه ٿيو ۽ اهي غلام بڻائي وڪرو ڪيا ويا. جڏهن توبه ڪيائون ته دشمنن تي سوڀارا ٿيا ۽ بادشاهت به بحال ٿي وئي. تنهن ڪري اي بني اسرائيل! جيڪڏهن ٻيهر شرارت ڪندؤ ته وري تباهه ٿي ويندؤ. جيڪڏهن توهان آخرت جي ڏينهن کي مڃي وٺو ها ته بڇڙايون نه ڪريو ها ۽ نه تباهه ٿيو ها. قومون سدائين پنهنجي آسودن ماڻهن جي عيش پرستي، بڇڙائين ۽ خودغرضي جي ڪري تباهه ٿيون آهن. الله تعالى جو دستور اهو رهيو آهي ته پنهنجو عذاب نازل ڪرڻ کان پهريان قومن کي خبردار ڪندو آهي.
    قرآن جي اخلاقي حڪمن جو بنياد هيءُ آهي ته ڪن، اک ۽ دل کي پاڪ رکو، وڏائي نه ڪريو، ظلم نه ڪريو، ڪنهن کي تڪليف نه ڏيو؛ اهي ئي اخلاق توريت ۾ به بيان ٿيل آهن.
    معجزا نه ڏنا ويندا، معجزن کي ڏسي ڪري ڪوبه ايمان ناهي آڻيندو. الله تعالى جي قدرت جون نشانيون چئني طرفن ۾ موجود آهن. هر شيءِ الله تعالى جي تسبيح ڪري رهي آهي. قرآن ۾ ثمود جي قوم ۽ بني اسرائيل وغيره جون حالتون جيڪي نبي کي وحي جي وسيلي معلوم ٿينديون آهن، سي هتي بيان ڪيون ويون آهن. مشرڪ گھرن ٿا ته اڳوڻين قومن تي عذاب جا قصا بيان نه ڪيا وڃن ۽ دنيا ۽ آخرت جي عذاب کان کين نه ڊيڄاريو وڃي، ايتري تائين جو رسول الله ﷺ جن به انهيءَ ڳالهه ڏانهن لاڙو ڪري چڪا هئا، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته ٻيڻو عذاب اچي ها. جيئن ته الله تعالى جي نيڪ ٻانهن تي شيطان غالب نٿو ٿي سگھي انهيءَ ڪري رسول الله ﷺ به اهڙي قدم کان بچي ويا.
    توهان پڇو ٿا ته روح ڇا آهي؟ اهو ته الله تعالى جو حڪم آهي. اهو خدائي وحي آهي. پر اهڙين فلسفياڻين ڳالهين جي مشرڪن کي تمام ئي ٿورڙي ڄاڻ ڏني وئي آهي. جهڙيون عمديون ڳالهيون قرآن ۽ ٻين خدائي ڪتابن ۾ موجود آهن تهڙيون توهان جي شاعرن ۽ ڀوپن جي ڳالهين ۾ موجود نه آهن. توهان انهن خدائي تعليمات جو مٽ يا مثال ٺاهي پيش ڪري نه ٿا سگهو. توهان پنهنجي سنگتي انسانن ۽ شيطانن کان به ڀلي جيترو وڻيوَ اوتري مدد وٺو، پر توهان اهڙيون ڳالهيون نٿا چئي سگهو. توهان کي گهرجي ته شرڪ ڇڏي ڪري اڪيلي الله جي حڪمن کي مڃيو. موسى ؑ تي معجزا نازل ٿيا، پر ماڻهن نه مڃيو. مان هڪڙو انسان آهيان، نه ته چشما وهائي سگھان ٿو ۽ نه آسمان ڪيرائي سگھان ٿو. سچا يهودي ۽ عيسائي قرآن ٻڌي ڪري خشوع کان سجدي ۾ ڪري پون ٿا ۽ چون ٿا ته هيءُ به انهيءَ ئي سرچشمي کان روح القدس جي ذريعي ئي نازل ٿيو آهي جنهن جي ذريعي توريت نازل ٿيو هو. انهيءَ کي الله چئي ڪري سڏيو يا رحمان، سڀئي چڱا نالا انهيءَ لاءِ آهن.
    پاڻ 12 نبوي ۾ بنو هزيل قبيلي وارن ڏانهن ويا. حضرت ابوبڪر پاڻﷺ جن سان گڏ هو. انهيءَ قبيلي جي سردار جو نالو مفروق هو. حضرت ابوبڪر ؒ مفروق کي چيو ته منهنجو ساٿي الله تعالى جو پيغام کڻي توهان وٽ آيو آهي. پاڻ فرمايائون ته هڪڙي الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به پوڄا نه ڪريو ۽ نيڪ عملي اختيار ڪريو. انهيءَ موقعي تي پاڻ ﷺ جن سورت الانعام جو چوٿون رڪوع تلاوت فرمايو. مفروق چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي جو اهڙين عمدين ڳالهين کي به قريش نٿا مڃين، اڃا به خدائي عذاب کي دعوت ڏئي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته مان فارس (ايران) جي شهنشاهه جو حليف آهيان، نه ته توهان جي ضرور مدد ڪريان ها ۽ هن وقت ڪنهن به قسم جو جنگي معاهدو نٿو ڪري سگھان. پاڻ هن جي تعريف ڪيائون ۽ فرمايائون ته الله تعالى پنهنجي دين جي مدد فرمائيندو.
    قرآن ۽ نماز:
    هر قوم ۾ پنهنجي الٰه، ديوتا، خدا يا ملائڪ کان مدد گھرڻ جو طريقو اهو هو ته اهي ان جي واکاڻ ڪندا ۽ ان جي اڳيان راڳ ڳائي ان کي خوش ڪندا هئا يا قرباني جي رت ۽ گوشت کي پيش ڪيو ويندو هو ته جيئن هو پنهنجي پوڄاريءَ جي ڳالهه مڃي وٺي. ڪجھه قومن ۾ پنهنجي ديوتا کي خوش ڪرڻ جي لاءِ انساني قرباني به ڏني ويندي هئي ۽ ڪيترين جائن تي ته ڇوڪريون به انهن جي خدمت ۾ نذراني طور ڏنيون وينديون هيون. گل، شربت، شراب ته هاڻي به ڪجھه ملڪن ۽ قومن ۾ پنهنجي ديوتا کي خوش ڪرڻ لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي. (هندن وٽ اڄ به ڪالي ديوي تي انساني قرباني ڪئي ويندي آهي). پوڄا جي وقت مذهبي پيشوائن جي هڪڙي ٽولي ڪجھه منتر پڙهندي آهي، جنهن کي عوام سمجھي نه سگھندو آهي. عوام کي ته انهن منترن جي پڙهڻ جو حق به نه هوندو آهي.
    ان جي برعڪس قرآن پوڄا يعني عبادت جي طريقي کي ئي بدلائي ڇڏيو. انهيءَ ٻڌايو ته نه رڳو عبادت پر پنهنجي آقا جي ٻانهپ يعني فرمانبرداري به اختيار ڪئي وڃي. يعني ان جي حڪمن کي مڃڻ ئي ان جي عملي حمد ۽ ثنا آهي. رڳو زباني واکاڻ سان ڪوبه آقا خوش نٿو ٿي سگھي جيستائين جو ان جي حڪمن جي بجاآوري نه ڪئي وڃي. خدا رب (آقا) آهي، جڏهن ته انسان عبد (ٻانهو) آهي. انهيءَ نعبد مان عبادت جو مفهوم به جڙي ٿو، اڃا به ائين چئجي ته عبادت جي حقيقت جهانن جي پالڻهار جي ٻانهپ سان ئي واڳيل آهي. انهيءَ کان پهريان صلوٰة جي اها اصطلاحي معنى ڪونه هئي، پر اها پوڄا جو فرض ادا ڪرڻ يا سلام ڪرڻ جي معنى ۾ هئي.
    رسول الله جن جو اهو دستور هو ته الله تعالى جون آيتون عظمت ۽ شان جي مختلف موقعن ۾ تلاوت فرمائيندا هئا. جڏهن به موقعو ملندو هو ته ڪعبي جي سامهون وڃي ڪري الله جو نالو وٺندا ۽ قرآن پڙهندا هئا. اها ڳالهه مشرڪن کي بلڪل نه وڻندي هئي. اهي چوندا هئا ته اسان جي ديوين جي به واکاڻ ڪريو. پر الله تعالى کين سمجھائي ڇڏيو هو ته ڪافرن ڏانهن لاڙو ڪرڻ بلڪل به صحيح نه آهي ۽ الله تعالى جي مدد سان پاڻ ﷺ جن انهن شيطانن جي چڪر ۾ ڪڏهن به نه آيا.
    (9) سورت هود (للڪار):
    انهيءَ ئي زماني ۾ سورت هود نازل ٿي جنهن ۾ قرآن تي اعتراض ڪرڻ وارن کي اهو چيو ويو ته جيڪڏهن توهان جي نظر ۾ قرآني تعليم هٿ ٺوڪي آهي ته پوءِ ڀلا توهان پنهنجي جنن ۽ ديوتائن جي مدد سان هن جهڙيون ڪي ڏهه سورتون ٺاهي کڻي اچو. ظاهر آهي، انهن ماڻهن وٽ انهيءَ ڳالهه جو ڪوبه جواب ڪونه هو. انهن جي شاعرن ۽ جادوگرن به اهڙن اعلى اخلاقي اصولن کي انساني سڌاري جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي دعوى نه ڪئي هئي. انهيءَ ڪري قرآن چيو ته هاڻي به سمجھي وٺو ته هيءَ تعليم انهيءَ ئي ڀلائيءَ واري سرچشمي مان آئي آهي جتان توريت ۽ انجيل آيو آهي. انهيءَ جي تعليم جو تت اهو آهي ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن به معبود جي پوڄا نه ڪريو. اها تعليم ئي خدائي ڪلام آهي نه ڪي شيطاني. انهيءَ ڪري توهان ۽ توهان جا شيطان اهڙي تعليم نٿا پيش ڪري سگھن.
    هن کان اڳتي هن سورت سڳوريءَ ۾ دنيا جي قومن جي تاريخ سان اهو ثابت ڪيو ويو آهي ته بدعملي ۽ ظلم (غلامن ۽ پٺتي پيل ماڻهن جي محنت جي استحصال) سان قومون تباهه ٿينديون رهيون آهن. جيڪڏهن توهان به انهن حرڪتن کان مڙي نه ويا ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ. اي رسول ﷺ! ڪافرن کي چئي ڏي ته الله تعالى جي مدد اچڻ واري آهي انهيءَ ڪري توهان انتظار ڪريو. اسان انهيءَ تي ئي ڀروسو رکون ٿا.
    بيعت عقبه ثاني (ذي الحج 12 نبوي):
    هڪ سال جي عرصي ۾ حضرت مصعب بن عميرؒ جي ڪوششن سان مديني جا 73 مرد ۽ ٻه عورتون مسلمان ٿي چڪا هئا ۽ اهي حج جي موقعي تي حضرت مصعب بن عمير سان گڏجي آيا هئا. مني ۾ رات جو هڪڙي ڳجھي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ رسول الله ﷺ جن به پنهنجي چاچي عباس بن عبدالمطلب سان گڏ آيا. عباسؒ جو اسلام آڻڻ به ڳجھو رهيو. انهن مان ڪنهن کي به اها خبر ڪونه هئي ته ڪو ابولهب لڪي انهن جون سڀئي ڳالهيون ٻڌي رهيو آهي.
    هاڻي عباس بن عبدالمطلب، جنهن کي مديني وارا سڃاڻيندا هئا، اٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو ته اي خزرج وارؤ! محمد ﷺ اسان جي قوم مان آهي ۽ اسان جي حفاظت ۾ آهي ۽ عزت سان گذاري رهيو آهي. اهو پاڻ انهيءَ ڳالهه جو خواهشمند نه آهي ته مڪو ڇڏي توهان وٽ هليو اچي. پر جيڪڏهن توهان سمجھو ٿا ته جيڪو ڪم توهان جي سامهون آهي انهيءَ کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سندن مديني وڃڻ ضروري آهي ته پوءِ توهان کي سندن مڪمل طرح سان حفاظت ڪرڻي پوندي. پوءِ جيڪڏهن ائين ڪري سگھو ته کين ڀلي پاڻ سان وٺي وڃو، پر جي نه ته هينئر ئي انهيءَ ڳالهه تان هٿ کڻو.
    جنگ جي امڪان جو ذڪر:
    هاڻي سعد بن عباده انصاري جيڪو مديني کان مسلمان ٿي ڪري آيو هو سو اٿي بيٺو ۽ چيو ته ماڻهؤ! قريش محمد ﷺ جا جاني دشمن آهن، جيڪڏهن اسان سندن پٺڀرائيءَ جو وچن ڪريون ٿا ته سمجھي ڇڏيو ته اسان عرب قبيلن کي جنگ جي دعوت ڏئي رهيا آهيون. تنهن ڪري جيڪڏهن گھرو ٿا ته دنيا ۽ دين، ٻنهي ۾ توهان جو ڀلو ٿئي ته پوءِ پنهنجي مالن جي تباهي ۽ چڱن مڙسن ۽ سردارن جي موت لاءِ تيار ٿي وڃو. ڇو ته قربانيءَ کانسواءِ اها ڳالهه حاصل نه ٿي سگھندي.
    رسول اللهﷺ جي تقرير:
    پاڻ ﷺ جن فرمايو الله تعالى جي غلامي ۽ روحانيت کي عام ڪرڻ ئي منهنجو پيغام آهي ۽ شيطان پرستي يا ماديت کي مٽائڻ انهيءَ جي منزل آهي. جڏهن خدا پرستي ۽ محبت عام ٿي ويندو ۽ خود پرستي ۽ نفرت جو خاتمو ٿي ويندو ته الله تعالى جو دين مٿانهون ٿيندو. هيءَ دنيا بهشت بڻجي ويندي. جيڪڏهن انهيءَ حق جي ڪلمي کي مٿانهون ڪرڻ جي لاءِ توهان تيار آهيو ته وچن ڪريو ته:
    1. خدا پرستيءَ جي پيغام کي دنيا ۾ عام ڪرڻ جي لاءِ اسان هر طرح جو سهڪار ڪنداسين.
    2. جڏهن مان مڪي کان هجرت ڪري مديني ايندس ته منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جي حفاظت ۽ مدد اهڙيءَ طرح جان ۽ مال سان ڪندؤ جهڙي طرح توهان پنهنجي ٻارن ۽ عورتن جي ڪندا آهيو.
    جنگ تي بيعت:
    انهيءَ کان پوءِ سڀني ماڻهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ رسول الله ﷺ جن انهن کي اطمينان ڏياريو ته فتح مڪي کان پوءِ پاڻ مدينو ڇڏي مڪي نه ايندا ۽ فرمايو ته منهنجي ذميداري توهان جي ذميداري آهي، منهنجي عزت توهان جي عزت آهي، مان توهان جو آهيان ۽ توهان منهنجا آهيو. توهان جنهن سان وڙهندؤ مان به انهن سان وڙهندس، توهان جنهن سان ٺاهه ڪندا، مان به انهن سان ٺاهه ڪندس.
    بل الدم الدم، والهدم الهدم، انا منکم وانتم مني احارب من حاربتم و اسالم من سالتم
    انهيءَ کان پوءِ رسول الله ﷺ خزرج جي نون ۽ اوس جي ٽن ماڻهن جي چونڊ ڪئي ۽ انهن کي حضرت عيسى ؑ جي طريقي تي پنهنجو نقيب يا حواري بڻايو. انهن جو ڪم اهو هو ته مديني ۾ وڃي ڪري اسلام کي مضبوط ڪرڻ ۽ ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪن.
    ابولهب جي جاسوسي:
    اهي سڀئي ڳالهيون ابولهب ٻڌي ورتيون ۽ وڏي سڏ واڪو ڪري چيو ته اي خيمي وارؤ! توهان کي ڪا خبر پئي ته محمدﷺ ۽ ان جا سنگتي توهان سان جنگ ڪرڻ وارا آهن.
    عباس انصاري انهيءَ موقعي تي رسول الله ﷺ کي عرض ڪيو ته اسان هن جي منڍي تلوار سان لاهي ڇڏينداسين، پر رسول الله ﷺ جن انهن کي روڪي ڇڏيو ۽ پر امن رهڻ جي هدايت ڪئي ۽ خيمن ۾ واپس موٽي وڃڻ جو حڪم فرمايو.
    صبح جو قريشن خزرج قبيلي جي سردار عبدالله بن ابي سان شڪايت ڪئي ته تنهنجا ماڻهو اسان جي خلاف سازشون ڪري رهيا آهن. قريشن ٻن مسلمانن کي جھلي ورتو ۽ انهن کي ڏاڍو ماريو. آخر انهن جبير بن مطعم ۽ حارث بن حرب کي سڏيو ته جبير انهن کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو ۽ اهي واپس مديني پهچي ويا.
    (10) سورت يونس:
    انهيءَ زماني ۾ سورت يونس نازل ٿي. مشرڪن جو مطالبو هو ته قرآن جي تعليم کي بدلائي ڇڏيو. پاڻ ڪريم ﷺ جن هن وقت تائين جيڪا قرآن جي تعليم ڏني هئي، سا اها هئي ته الله تعالى جي غلاميءَ جو اعلان ڪريو ۽ پڪ ڄاڻو ته انسان هجڻ جي حيثيت ۾ توهان سڀئي هڪجهڙا آهيو. وڏائي ۽ ننڍائي واري فرق کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ظلم ۽ وڏائيءَ کي شيطاني فعل سمجھو نه ته تباهه ۽ برباد ٿي ويندؤ ۽ مرڻ کان پوءِ الله تعالى توهان کي ٻيهر جيئرو ڪري توهان جي ظلمن جو حساب وٺندو. اها ڳالهه ته الله تعالى ٻيهر جيئرو ڪندو، رڳو سمجھو ۽ عقل وارا ماڻهو ئي الله تعالى جي نشانين کي ڏسي ڪري سمجهي سگھن ٿا. هر قوم جو هڪڙو وقت مقرر ٿيل آهي، جيڪڏهن اها بداعمالي ڪري ٿي ته اها تباهه ٿي ويندي آهي، انهيءَ ڪري جڏهن وقت ايندو ته خدائي عذاب نازل ٿيندو ۽ توهان تباهه ٿي ويندؤ.
    جيڪي ماڻهو نفس پرست آهن اهي شيطان جا ٻانها آهن ۽ پڪ سان شيطان وانگر جنت مان ٻاهر لوڌيا ويندا. پر الله تعالى تي ڀروسو ڪرڻ وارن کي هن دنيا ۾ نه ڪنهن شيطان، حڪمران يا مالدار ۽ جادوگر جو ڊپ آهي ۽ نه ئي موت کان پوءِ اچڻ واري زندگيءَ جي باري ۾ ڪو فڪر يا ڳڻتي آهي. تنهن ڪري رسول الله ﷺ ۽ ان جي ساٿين کي صبر ڪرڻ گھرجي ۽ مشرڪن کي چئي ڏيڻ گھرجي ته اهي انتظار ڪن ۽ ڏسن ته الله تعالى ڇا ٿو پيو ڪري. موسىؑ وانگر حق جي ڳالهه ٻڌائي وڃي ٿي ته فرعون وانگر اهي ڪافر انهيءَ کي ڪوڙو سمجھن ٿا، انهيءَ ڪري انهن جو انجام به اهو ئي ٿيندو جهڙو فرعون ۽ ان جي پيروي ڪرڻ وارن جو ٿيو.
    مشرڪن کي انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته هڪ انسان تي هيءَ وحي نازل ٿي ته هو ماڻهن کي هوشيار ڪري ته بڇڙايون نه ڪن نه جهنم جو ٻل بڻجي ويندا ۽ ايمان وارن جي لاءِ خوشخبري آهي ته انهن کي نعمت وارا باغ ملندا ۽ اهو ته سڄي ڪائنات انهيءَ قانون تي هلي رهي آهي ته جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي. جڏهن ڪافر به مڃن ٿا ته الله تعالى مئل مان جيئرو ۽ جيئري مان مئل کي پيدا ڪري ٿو ته پوءِ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ٿيڻ جي لاءِ ڪنهن معجزي گھرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. اهو قرآن اهڙي طرح الله تعالى جو ڏنل علم آهي جهڙي طرح هن کان اڳ به رسولن کي ڏنو ويو آهي. هي منهنجو لکيل نه آهي.
    جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته هن جهڙو ڪلام انسان ٺاهي سگھي ٿو ته پوءِ هن جهڙي ڪا هڪڙي سورت ٺاهي کڻي اچو. هر امت ۾ هڪڙو رسول ايندو آهي، مان به انسان آهيان. نه ته پنهنجو پاڻ کي ڪنهن معجزي جي ذريعي ڪو فائدو پهچائي سگھان ٿو ۽ نه ئي ڪو نقصان. اهي سڀئي ڳالهيون الله تعالى جي حڪم سان ٿيندڙ آهن. اهي ڳالهيون هدايت ۽ نصيحت لاءِ توهان کي ٻڌايان ٿو. خدائي علم (ڪتاب مبين) ۾ هر شيءِ موجود آهي، اهو ئي ڄاڻي ٿو ته عذاب ڪڏهن ايندو. خدائي وحيءَ تي عمل ڪريو ۽ صبر ڪريو، پوءِ ڏسو ته الله تعالى ڇا ٿو پيو ڪري. اهي ڪافر هن ڪلام کي جادو يا ڪوڙ سمجھن ٿا، تنهن ڪري انهن جو انجام به اهو ئي ٿيندو جيڪو فرعون جو ٿيو هو.
    مديني ڏانهن هجرت:
    ابن هشام چوي ٿو ته الله تعالى رسول الله ﷺ کي قتال جي اجازت ڏني هئي. انهيءَ اجازت کان پوءِ پاڻ مڪي جي مسلمانن کي چيائون ته الله تعالى مديني ۾ توهان جا ڀائر پيدا ڪيا آهن ۽ اهڙي جاءِ پيدا ڪري ڇڏي آهي جتي توهان امن سان رهي سگھو ٿا، تنهن ڪري توهان مديني لڏي وڃو. پر قرآن ۾ انهيءَ ڳالهه جي ڪابه وضاحت نه آهي، ايتري تائين مديني وڃڻ کان پوءِ به پاڻ قتال جو حڪم نه ڏنائون، باقي ايترو سو آهي ته بچاءَ جي لاءِ مسلمانن کي تيار ڪندا رهيا.
    بيعت عقبه ثاني کان پوءِ ستت ئي مشرڪن اهو نتيجو ڪڍي ورتو هو ته عرب جي دستور موجب موقعو ملندي ئي پاڻ ڪريم ﷺ جن جنگ جو اعلان ڪري ڇڏيندا ۽ پوڄارين ۽ جادوگرن جي جماعت کي طاقت جي ذريعي ختم ڪري ڇڏيندا. پر پاڻ ڪريم ﷺ جن نه ته ڪو جنگ جو اعلان ڪيو ۽ نه ئي جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ فوجن کي موڪلڻ وقت اهو ٻڌايو ته پاڻ ڪٿي وڃڻ وارا آهن. انهيءَ کي فوجي اصطلاح ۾ ’توريه‘ سڏيندا آهن. پاڻ ﷺ جن پنهنجي جنگي کيڏن کي ڳجھو رکندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن فوجن کي اهڙي رستي کان موڪليندا هئا جنهن جي ڪري دشمن کي انهيءَ ڳالهه جي سمجھه ئي نه پوندي هئي ته پاڻ ﷺ جن ڪيڏانهن پيا وڃن ۽ ڪٿي حملو ٿيندو.
    (11) سورت النحل ۽ (12) سورت انعام:
    12 نبوي جي آخر ۽ مديني ڏانهن هجرت، يعني محرم 13 نبوي تائين اهي ٻئي سورتون نازل ٿيون. انهن ٻنهي سورتن ۾ پاڻ ڪريمﷺ جي ٻارنهن سالن واري مڪي تعليم جو تت آهي ۽ اهو رڳو اها ئي ڳالهه آهي ته رڳو هڪڙي الله تي ايمان آڻيو ۽ ظلم جي بدران انصاف ۽ محبت کان ڪم وٺو، نه ته الله تعالى توهان کي هن دنيا ۾ تباهه ڪري ڇڏيندو ۽ مرڻ کان پوءِ ٻيهر جيئرو ڪري توهان جي بڇڙن عملن جي سخت سزا ڏيندو.
    هجرت جون اوکايون:
    هجرت جي موڪل ملڻ کان پوءِ مسلمان ڪنهن نه ڪنهن طرح مديني پهچڻ لڳا، پر ڪيترا اهڙا به هئا جيڪي اڃا غلام هئا، قرضي هئا يا وري هيڻا هئا. ڪن کي ته پنهنجي سموري مڏي ملڪيت مڪي ۾ ڇڏڻي پئي، ڇو ته مڪي جا مشرڪ نه پيا گھرن ته مسلمان انهن جي ڪڙي مان نڪري ڪنهن سڪون واري جاءِ تي ٽڪن. اهي ڪن مسلمانن کي ٺڳيءَ سان مديني کان واپس به وٺي آيا. ڪي ڳجھي طرح سان مڪي مان نڪتا، باقي حضرت عمر بن خطابؒ سو سرعام ٻولائي نڪتا. پهريان ڪعبي جو طواف ڪيائين ۽ پوءِ مشرڪن کي چيائين ته مان مديني پيو وڃان، ڪنهن کي همت آهي ته اچي مونکي روڪي.
    مجوسين کي تبليغ:
    انهيءَ کان اڳ بني هزيل سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي هئي. مڪي ۾ به ايران جي مجوسين جا آثار ظاهر ٿي چڪا هئا ۽ يمن ته انهن جي بادشاهت هئي، مصر تائين به انهن جو قبضو هو. تنهن ڪري جتي عيسائين ۽ يهودين کي الله تعالى جي ٻانهپ جي دعوت ڏني پئي وئي اتي مجوسين کي پڻ، جيڪي ٻن خدائن ۽ باهه جا پوڄاري هئا. پڻ توحيد جو پيغام ڏنو پئي ويو. انهن کي چيو ويو ته اهرمن جي دنيا تي حڪمراني کي مڃڻ بدران رڳو يزدان جي هر جاءِ تي حڪومت مڃيو. حقيقت ۾ اها ئي تعليم زرتشت عيسىؑ کان به هڪ هزار سال اڳي ڏني هئي. وقت جي وهڪري خدا پرستي واري مذهبي تصور ۾ بابلي تصور کي داخل ڪري ڇڏيو ۽ ماني ۽ مزدڪ انهيءَ کي فلسفياڻو يا صوفياڻو رنگ ڏئي ڇڏيو. اهڙي طرح اهي ئي بابلي تصور زرتشت جي اصل تعليم سمجھيا وڃڻ لڳا.
    سورت النحل جو تت:
    خدائي حڪم ويجهو اچي ويو آهي (يعني هجرت جو وقت) تنهن ڪري اٻهرائي نه ڪريو. اي مجوسيو، ٻن خدائن جي پوڄا نه ڪريو. عقل وارن کان پڇا ڪري ڏسو ته اهي توهان کي ٻڌائيندا ته ڪائنات جي هر شيءِ الله تعالى جي آڏو فرمانبردار آهي، تنهن ڪري توهان جي لاءِ به ڀلو انهيءَ ۾ آهي ته طاغوت کان پاسو ڪريو، اهرمن جي پوڄا نه ڪريو رڳو يزدان جي فرمانبرداري ڪريو (انما هو الٰه واحد). اهو الله عدل ۽ احسان ۽ ٻڌي ۽ اتحاد جو حڪم ڏئي ٿو.
    جڏهن الله تعالى هڪڙي دليل (آيت) جي جاءِ تي ٻيو دليل ڏيندو آهي ته ماڻهو سمجھندا آهن ته نبيءَ انهيءَ کي پنهنجو پاڻ گھڙيو آهي، جڏهن ته نيڪ ٻانهن جي باطن ۾ شيطان يا نفس پرستي داخل ئي نه ٿي سگھندي آهي. اهي پنهنجو نفسياتي خواهشن سان ڪو دليل نه ڏيندا آهن، يعني اهي آيتون پاڻ نه گھڙيندا آهن، پر اهي الله تعالى جي طرف کان هونديون آهن.
    اي يهوديو! هر قسم جو پاڪ گوشت توهان جي لاءِ حلال آهي، پر توهان ڪي شيون پنهنجو پاڻ تي پاڻ ئي حرام ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته اهي شيون ملت ابراهيمؑ تي حرام ڪونه هيون. انهيءَ ڪري توهان ابراهيم ؑ جي طريقي جي پيروي اختيار ڪريو ڇو ته اها ئي قديم ملت آهي. حرام ۽ حلال جا حڪم مون پنهنجي مرضيءَ سان نه جوڙيا آهن، پر اهي ڳالهيون الله تعالى ٻڌايون آهن جيڪو انساني فطرت کان چڱيءَ طرح واقف آهي.
    مشرڪ چون ٿا ته قرآن جي دليلن کي محمد ﷺ پنهنجو پاڻ بدلائي ٿو، جنهن مان سمجھه ۾ اهو ٿو اچي ته اهو ڪلام جادوگرن جي ڪلام وانگر سندن پنهنجو ڪلام آهي. پاڻ ﷺ جن انهن جي جواب ۾ انهن کي فرمايو ته هڪ موقعي تي هڪڙي آيت ۽ ٻئي موقعي تي ٻي آيت الله تعالى ئي مونتي نازل ڪري ٿو انهيءَ ڪري انهيءَ ۾ شيطاني وسوسي جو ڪوبه دخل نه آهي ڇو جو اهو ڪنهن انسان جو ڪلام نه آهي.
    قرآن اصل ۾ خدائي تعليم آهي جيڪا عربي ٻوليءَ ۾ آهي. ايتري تائين جو توريت ۽ انجيل به الله تعالى جي عبادت تي زور ڏين ٿا ۽ اهي ڪتاب به الله تعالى جي طرفان نازل ٿيا هئا. هاڻي انهيءَ ئي تعليم کي صاف ۽ سؤلي عربي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو ويو آهي. عيسائي به اهو ئي چون ٿا ته الله هڪ آهي. عيسى ؑ ان جو ڀائيوار نه آهي، پر افسوس آهي جو توهان انهن جي ٻولي نٿا سمجھو ۽ نه عقيدن جي ڪا خبر اٿوَ. توريت ۽ قرآن ٻئي هدايت ۽ نور آهن. بيشڪ جبر و يسار وغيره عجمي ٻوليءَ ۾ ڪتاب جون ڳالهيون ڪن ٿا.
    مجبور ماڻهن کي الله تعالى معاف ڪندو. هيءَ آيت انهن ماڻهن جي لاءِ آئي آهي جن کي قريشن ماري ڪٽي ڪفر جو ڪلمو چوڻ تي مجبور ڪيو هو.
    ابراهيمؑ جي ملت هجڻ جو حق هيءُ آهي ته پنهنجي طرفان گھڙيل رسمن تي هلڻ جي بدران دين فطرت تي هلو. جانورن جي حلال ۽ حرام کان وڌيڪ پنهنجي عملن جي حرام ۽ حلال هجڻ تي ويچاريو. بدلي کان معاف ڪرڻ ڀلو آهي. ڪنهن کي جھڻڪ ڏيڻ کان سهڻي ڳالهه چوڻ ڀلي آهي. اهي ابراهيم جا صحيفا ۽ ابراهيمي قانون آهن ۽ توريت ۽ قرآن جي مڃڻ کان پهريان انهن قانونن کي مڃڻ ضروري آهي.
    هر قوم جي مالدارن ۽ عيش ۾ رهڻ وارن جي ڪري قومون تباهه ٿيون آهن. اهي ماڻهو پنهنجي فائدي جي لاءِ قانون جوڙيندا آهن ۽ غريبن جي محنت جو استحصال ڪندا آهن ۽ انهن کي دلبي ۾ رکي کين عقل ۽ دولت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. ڪوبه ماڻهو ڪنهن ٻئي جو بار نٿو کڻي سگھي. توهان سڀئي پنهنجن پنهنجن عملن جي باري ۾ جوابده آهيو. جيڪڏهن غير الله جي ذهني ۽ عملي غلاميءَ مان پاڻ کي آزاد ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪندؤ ته پوءِ جهنم ۾ رهڻو پوندوَ جنهن جا ذميوار توهان پاڻ ئي هوندؤ نه ڪو ٻيو. تنهن ڪري ڀلو انهيءَ ۾ اٿوَ ته الله تعالى تي ايمان آڻيو يعني روحانيت ۽ حق پرستي جي دنيا جوڙيو. ماديت ۽ خود غرضي جي ڪوڙڪيءَ مان نڪري آزادي ۽ عزت حاصل ڪريو.
    سورت الانعام جو تت:
    هاڻي مجوسين کي ٻيهر خطاب ٿئي ٿو ته اي مجوسيو! اونداهي ۽ سوجھرو الله (يزدان) ئي پيدا ڪيو آهي. پر اهي ڪافر اهرمن کي يزان جو مَٽ ۽ ثاني سمجھن ٿا. (هو الله احد) اهو الله اڪيلو ۽ بي مثال آهي، انهيءَ جو ڪوبه ڀائيوار نه آهي.
    ڪافر مطالبو ڪن ٿا ته ڪا اهڙي نشاني ڏيکاريو جنهن کي ڏسڻ کان پوءِ انهن کي پڪ ٿي وڃي ته الله تعالى موجود آهي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا نشاني ڏيکاري نٿو سگھين ته پوءِ پنهنجي خدا کي چؤ ته اسان تي آسمان ڪيرائي ته جيئن ڀلي ته اسان تباهه ٿي وڃو.
    ياد رکو، اهڙي قسم جو ڪوبه معجزو نه ڏيکاريو ويندو. نه حضرت موسىؑ جي عذاب وارن معجزن جهڙو ڪو معجزو ڏيکاريو ويندو. انهن جي سامهون الله تعالى جي موجود هئڻ ۽ خالق هجڻ جون هزارين نشانيون موجود آهن جن کي اهي اکين سان پنهنجي روزمره جي زندگي ۾ ڏسي رهيا آهن ۽ انهن مان ڪنهن هڪ به شيءِ جي خلقڻ کان عاجز آهن، اهي ئي ته خدائي معجزا آهن.
    بهرحال اي رسول (ﷺ)! جيڪڏهن تون انهن جي گُھر موجب معجزا ڏيڻ گھرين ۽ جيڪڏهن تنهنجي وس ۾ هجي جو تون زمين ۾ لهي وڃي يا آسمان تي ڏاڪڻ رکي مٿي چڙهي وڃين؛ جهڙي به قسم جو معجزو ڏيکارين اهي ايمان نه آڻيندا.
    الله تعالى گھري ته انهن تي عذاب نازل ڪري سگھي ٿو، پر اهي ماڻهو نٿا سمجھن ته ڇاجي ڪري هو عذاب نازل نٿو ڪري.
    بهرحال اهي جنهن شيءِ (خدائي عذاب) جي اهي تڪڙ لائي ويٺا آهن سا مان نازل نٿو ڪري سگھان؛ مان ته رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهيان. يعني مان ته انهن کي رڳو انهن جي بداعمالين جي نتيجي کان هوشيار ڪرڻ آيو آهيان ۽ گھران ٿو ته اهي نيڪو ڪاري اختيار ڪري ترقي حاصل ڪن ۽ ذلت ۽ خواريءَ مان نڪري اچن.
    نه مون وٽ الله جا خزانا آهن ۽ نه ئي مان ڪو ڳجھه ڄاڻان ٿو ۽ نه ئي وري مان ڪو ملائڪ آهيان. مان ته توهان وانگر ئي هڪڙو انسان آهيان. مون تي ته الله تعالى جي طرف کان اها وحي نازل ٿي آهي ته الله کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريان. جيڪڏهن توهان کي پڪ نٿي ٿئي ته هيءَ خدا جي طرف کان موڪليل وحي آهي ته ڪتاب وارن کان پڇي ڏسو ته خدائي وحي ڇا ٿيندي آهي ۽ الله جو رسول ڪنهن کي چيو ويندو آهي.
    يهودي ڪن ڳالهين کي ظاهر ڪندا آهن ۽ ڪن کي لڪائيندا آهن ۽ انهن ۾ ڪيترا ئي ٽولا ٿي پيا آهن. تنهن ڪري هيءُ قرآن ابراهيم ۽ موسى ؑ جي واٽ وٺائڻ واري اها سچي تعليم آهي، جيڪا مڪي ۽ ان جي اوسي پاسي وارن ماڻهن جي لاءِ الله تعالى مونکي ڏني آهي.
    توهان مردار کائو ٿا، اولاد کي ديوتائن لاءِ قربان ڪريو ٿا، نياڻين کي قتل ۽ جيئرو پوريو ٿا: مطلب ته توهان اخلاقي لحاظ کان تمام ئي ڪريل آهيو. مان توهان کي انهن ڳالهين کان بچائي ڪتاب وارو ۽ تهذيب يافته بڻائڻ گھران ٿو ته جيئن شرڪ نه ڪريو ۽ بڇڙين ڳالهين کان بچو. پڪ ڄاڻو ته هيءُ قرآن به موسى ؑ جي ڪتاب وانگر برڪت ڀريو آهي. ماڻهؤ! الله جي عذاب کان ڊڄو، جيڪڏهن اهو اچي ڪڙڪيو ته پوءِ توهان جي توبه ڪرڻ ڪنهن ڪم جي نه هوندي. مان ملت ابراهيمي تي هلي رهيو آهيان، منهنجي نماز، منهنجي عبادت، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ سڀ اڪيلي الله جي لاءِ آهي.
    اِنِّىْ وَجَّہْتُ وَجْہِيَ لِلَّذِيْ فَطَرَ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضَ حَنِيْفًا وَّمَآ اَنَا مِنَ الْمُشْرِكِيْنَ قُلْ اِنَّ صَلَاتِيْ وَنُسُكِيْ وَمَحْيَايَ وَمَمَاتِيْ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِيْنَ
    ”منهنجي نماز، منهنجو روزو، منهنجو جيئڻ، منهنجو مرڻ سڀ الله جي لاءِ آهي. جيڪو انسان جو پالڻهار (آقا) آهي.“
    هڪڙو فلسفياڻو بحث:
    سورت الانعام ۾ هڪڙو فلسفياڻو بحث موجود آهي. شاهه ولي الله محدث دهلوي ؓ پنهنجي ڪتاب تاويل الاحاديث ۾ انهيءَ جو ذڪر ڪيو اهي ۽ مولانا عبيد الله سنڌيؓ پڻ انهيءَ تي تفصيلي بحث ڪيو آهي. مولانا جڳ مشهور تاريخدان حافظ عماد الدين ابن ڪثير جي حوالي سان فرمايو آهي ته صابي ڪنهن هڪڙي فرقي جو نالو نه آهي، پر غير سامي قومن يعني آريائي ۽ زرد قومن کي صابي چيو ويو آهي. ڇو ته حضرت ابراهيم ؑ پهريان ستاري کي، پوءِ چنڊ کي ۽ آخري ۾ سج کي معبود مڃيو، پر جڏهن سج به لهي ويو ته هن چئي ڏنو ته مان لهي ويندڙن (آفلين) کي پنهنجو معبود نٿو مڃان.
    شاهه ولي الله فرمايو آهي ته حضرت ابراهيمؑ کان پهريان سڀئي قومون ڪائنات جي نظارن مان حق تعالى جي جلوي کي ئي خدا مڃيندا رهيا. حضرت ابراهيم ؑ کان پوءِ انساني دل کي خدائي جلوي جو مرڪز مڃڻ شروع ڪيو ويو. حضرت ابراهيم ؑ جو واقعو اصل ۾ انساني فڪر جو صابيت کان حنيفيت ڏانهن سفر هو.
    فطرت جي نظارن ۾ خدائي جلوي کي خدا جي قائم مقام مڃڻ جو هڪڙو نقصان اهو آهي ته انهن جي پوڄا ٿيڻ لڳي، اڃا به فطرت جي قوتن کي شخصيت جو روپ ڏئي خدائي صفتون انهن ڏانهن منسوب ڪري بت پرستي شروع ڪئي وئي. حضرت ابراهيمؑ انساني دل کي خدائي جلوي جو مرڪز سڏي اڻ ڏٺي الله جي عبادت جو بنياد وڌو. انهيءَ ڪري حنيفيت ۾ بت پرستي ۽ ظاهر پرستي سان پيدا ٿيڻ واري شرڪ جو خاتمو ٿي ويو.
    جيتوڻيڪ قرآن چيو آهي ته انسان پنهنجي نفساني خواهشن جي پوڄا شروع ڪري ڏني، پر انهيءَ جي باوجود به ظاهر پرستي ۽ بت پرستي جي ڪري شرڪ جي جيڪا شڪل پيدا ٿئي ٿي سا نفساني خواهشن تي عمل ڪرڻ سان نٿي پيدا ٿئي. قرآن فطرت جي نظارن ۾ خدائي جلوي جو مطالعو ڪرڻ کي خدائي هستي جي موجودگي ۽ سڃاڻپ جي لاءِ هڪڙو ضروري وسيلو سڏيو آهي. نه رڳو اهو پر تخليق جي عمل کي به الله تعالى جي وجود جو دليل سڏيو آهي.
    ڪائناتي نظارن جي مطالعي جو هڪڙو فائدو اهو ٿيو جو صابي قومن انهيءَ مطالعي جي نتيجي ۾ مختلف علمن جو بنياد وڌو. رياضي، طبعيات، فلڪيات ۽ عمرانيات وغيره انهيءَ عقلي ويچار جو نتيجو آهن. حضرت نوحؑ کان پوءِ حضرت ابراهيمؑ تائين مختلف نبين خدائي الهام سان مختلف علمن کي سهيڙيو. اڄڪلهه جي سائنسي طريقي جيئن ته ٻاهرئين مطالعي ۾ وڌيڪ محويت کان ڪم ورتو آهي، انهيءَ ڪري اڻ ڳڻيا علم ۽ فن وجود ۾ اچي ويا آهن. پر جيئن ته تحقيق جي سائنسي طريقي رڳو حواس جي شاهدين کي اعتبار جوڳو قرار ڏنو آهي ۽ ڪائنات جي نظارن ۾ خدائي جلوي کي ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي، انهيءَ ڪري ماديت ۽ دهريت جا فڪر ۽ نظريا پکڙي رهيا آهن.
    هن موضوع يعني صابيت کان حنيفيت ڏانهن انساني فڪر جي ارتقا تي مولانا عبيد الله سنڌي ؓ سورت الانعام جي تفسير ۾ تفصيل سان بحث ڪيو آهي. انهيءَ مطالعي جو بنياد شاهه ولي الله جو ڪتاب ’تاويل الاحاديث‘ آهي، جنهن ۾ پهريون دفعو انهيءَ مسئلي تي روشني وڌي وئي آهي.

    مڪي جي آخري دؤر جا ڪي اهم واقعا
    سويد ؐ جو اسلام قبولڻ:
    حضرت سويد بن صامت شاعر هو ۽ لقمان جي حڪمت ڀريل ٻولن کي منظوم ڪندو هو، سو مڪي کان مديني آيو، قرآن کي ٻڌائين ۽ ايمان آندائين ته سچ پچ هيءُ خدائي ڪلام آهي. موٽندي قبيلي خزرج جي ڪنهن ماڻهو کيس شهيد ڪري ڇڏيو.
    ابوذر غفاري ؐ جو اسلام قبولڻ:
    حضرت ابوذر غفاري (متوفي 33هه) مديني کان مڪي پيرين پنڌ آيو ۽ رسول الله ﷺ کان پڇيو ته اسلام ڇا آهي؟ پاڻ فرمايائون ”الله تعالى جي ٻانهپ ۽ شيطان کان نفرت جو نالو اسلام آهي“. پاڻ ٻڌندي ئي انهيءَ ڳالهه جي تصديق ڪيائون جنهن تي قريشن کيس ڏاڍو ماريو ڪٽيو. آخرڪار ايمان آڻڻ کان پوءِ واپس موٽي مديني آيو. ان جي خاص ڳالهه اها آهي ته اسلام جي معاشي تصور کي، جيڪو سرمائيداري جو سخت مخالف آهي، هن چڱيءَ طرح سمجھي ورتو هو ۽ سرمائيداري يا مال ميڙي رکڻ جو سخت دشمن بڻجي ويو. هو معاشي برابري جو علمبردار هو ۽ هر جاءِ تي مال ميڙڻ جي خلاف نصيحتون ڪندو رهندو هو. انهيءَ سلسلي ۾ ابوذر ؒ حضرت دانيال ؑ وانگر سڄي ڄمار خدا جي هيڪڙائي ۽ سرمائيداري جي خلاف تبليغ ڪئي. ان جو ڀاءُ انيس ۽ قبيلي غفار جا اڌ ماڻهو مسلمان ٿي ويا. آخري عمر ۾ پاڻ حضرت عثمانؒ جي حڪم سان ربذه جي سنسان علائقي ۾رهڻ لاءِ پابند ڪيا ويا جتي پاڻ وفات ڪيائون.
    ضماد آزدر ؐ جو اسلام قبولڻ:
    هي اسلام قبولڻ کان پهريان جادوگر هو، پر جڏهن قرآن کي ٻڌائين ته جادو ڇڏي ڏنائين.
    حضرت سوده سان پاڻ سڳورن ﷺ جو نڪاح:
    بيبي سڳوريؒ حبشه ڏانهن هجرت ڪندڙ ۽ حضرت سڪران جي زال هئي ۽ وڏي عمر جي هئي. سندن واسطو قبيلي عبدالشمس سان هو. پاڻ ڪريم ﷺ جن حضرت بيبي خديجه ؒ جي وفات کان پوءِ ساڻن نڪاح فرمايو.
    حضرت عائشه رضه سان مڱڻي:
    حضرت بي بي خديجه ؒ جي وفات کان پوءِ حضرت عائشه جي پاڻ ڪريم ﷺ سان مڱڻي ٿي. مڱڻي جي وقت سائڻ نابالغ هيون ۽ اها مڱڻي حضرت ابوبڪر سندن پيءُ ۽ والي هجڻ جي حيثيت سان ڪئي هئي.
    رسول الله ﷺ جي قتل جون صلاحون:
    13 نبوي جو محرم مهينو ختم ٿي چڪو هو ۽ حاجي ۽ واپاري پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا هئا. هاڻي قريش جي سردارن دارالندوه ۾ هڪڙي ڳجھي گڏجاڻي ڪئي ته رسول الله ﷺ مان ڪنهن طريقي سان جان ڇڏائجي. انهن کي اها به خبر پئجي وئي هئي ته مديني وارن به مسلمانن جي پٺڀرائي ڪري ڇڏي آهي. انهيءَ تي هشام بن عمرو چيو ته زهير ۽ نابغه به وڏا ناليوارا شاعر هئا، انهن کي سنگھرن سان ٻڌي هڪڙي ڪوٺڙي ۾ واڙيو ويو هو، ائين ئي محمدﷺ کي به قيد ڪيو وڃي هو اتي ئي گھٽجي گھٽجي مري ويندو. پر هڪڙي ڪراڙي سردار چيو ته اهو طريقو غلط آهي، ڇو ته بنو هاشم ۽ انهن جا ساٿاري کين ڇڏائي ويندا. ابوالبختري چيو ته کين جلاوطن ڪري ڇڏيو، انهيءَ راءِ سان به اتفاق نه ڪيو ويو ڇو ته انهيءَ طرح سان محمدﷺ مختلف قبيلن ۽ پنهنجي ساٿين سان گڏجي مٿن حملو ڪري ڏيندو. تڏهن ابوجهل اها صلاح ڏني ته قريش جي هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ نوجوان ورتو وڃي ۽ اهي سڀئي گڏجي محمدﷺ تي تلوار سان وار ڪن ۽ کين قتل ڪري ڇڏين. ائين ڪرڻ سان مڪي جي هر قبيلي ڏانهن محمد جو خون ورهائجي ويندو ۽ بنو هاشم وارا سڀني سان وڙهي قصاص وٺي نه سگھندا. آخرڪار خون بها ڀري ڏيڻ تي ڳالهه ٺهي ويندي ۽ پوءِ اسان سڀئي گڏجي اها رقم ادا ڪنداسين. قرآن پاڪ ۾ به انهيءَ واقعي جو ذڪر موجود آهي:
    وَاِذْ يَمْكُرُ بِكَ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا لِيُثْبِتُوْكَ اَوْ يَقْتُلُوْكَ اَوْ يُخْرِجُوْكَ۝۰ۭ وَيَمْكُـرُوْنَ وَيَمْكُرُ اللہُ۝۰ۭ وَاللہُ خَيْرُ الْمٰكِـرِيْنَ۝۳۰ (الانفال)
    هيءَ آيت فتح بدر کان پوءِ سنه 2 هجري ۾ نازل ٿي.
    انهيءَ صلاح تي سڀئي سهمت ٿيا. رات جو قاتلن گھر تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو. پاڻ ﷺ جن پنهنجي خاص چادر حضرت علي ؒ کي ڍڪائي ۽ پنهنجي بستري تي سمهي پوڻ لاءِ چيو. امانتون سندن حوالي ڪيون ته جيئن اهي مالڪن کي پهچائي ڏين ۽ پاڻ رات جي اونداهيءَ ۾ گھر مان نڪري پيا ۽ حضرت ابوبڪر کي ساڻ ڪري غار ثور ۾ وڃي لڪيا.
    صبح ٿيندي ئي قريش جا اهي ماڻهو گھر ۾ گھڙي پيا ۽ چادر هٽائي جو ڏٺو ته بستري تي حضرت عليؒ ستو پيو آهي. کين حرم تائين ڪٽيندا وٺي ويا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي ته پاڻ ڪٿي آهن؟ مارڪٽ کان پوءِ حضرت عليؒ کي ڇڏي ڏنو ويو.
    هاڻي ڪافرن پاڻ ڪريم ﷺ جي ڳولا شروع ڪري ڏني. حضرت ابوبڪر جي ڌيءَ اسماء کي به ماريو ڪٽيو. آخر ڪار پيرا آهوڙي ڳولا شروع ڪيائون ۽ ائين غار ثور تائين پهچي ويا. غار جي اندر ڪونه ويا جو اتي ڪوريئڙي جو ڄار ڏٺائون ۽ هڪڙي ڪبوتري آنن تي آرو ڪري رهي هئي. انهيءَ موقعي تي حضرت ابوبڪرؒ کي سو ڳڻتي ورايو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن کين فرمايو ته ڇا تون سمجھين ٿو هتي اسان رڳو ٻه آهيون، پر اسان سان گڏ ٽيون الله به آهي جيڪو سڀني تي سوڀارو آهي. اهي ئي لفظ قرآن جو به حصو بڻجي ويا.
    ثَانِيَ اثْـنَيْنِ اِذْ ہُمَا فِي الْغَارِ اِذْ يَقُوْلُ لِصَاحِبِہٖ لَا تَحْزَنْ اِنَّ اللہَ مَعَنَا۝۰ۚ
    پاڻ ﷺ جن ٽن ڏينهن تائين انهيءَ غار ۾ لڪيا رهيا. عامر بن فهيره ٻڪريون چاريندي اتان لنگھندو هو ۽ شام جي وقت ٻنهي کي کير پياري واپس ايندو هو. عبدالله بن ابوبڪر مڪي وارن جون خبرون چارون پيو آڻيندو هو. جڏهن قريش ڳولا ڪري ٿڪجي پيا ته ٻنهي جي گرفتاري جي لاءِ سئو اٺ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
    چوٿين رات پهرين ربيع الاول 13 نبوي (پهرين مئي 622ع) پنجشنبه جي رات جو پاڻ غار مان نڪتا ۽ تمام ئي ڏکويل لهجي ۾ مڪي ڏانهن مهاڙ ڪري فرمايائون ته ”تون مونکي سڄي دنيا کان پيارو آهين، پر تنهنجا پٽ مون کي هتي رهڻ نٿا ڏين“.
    عبدالله بن اريقط، جيڪو هڪڙو مشرڪ هو تنهن کي سونهون ڪري ٻئي اٺ تي چاڙهيو ويو. عامر بن فهيره ۽ حضرت ابوبڪر به گڏجي پيا ۽ ٻن اٺن جو قافلو روحانيت ۽ محبت جي دنيا وسائڻ لاءِ الله جي ڀروسي تي مديني ڏانهن راهي ٿيو.
    مڪي ۾ تبليغي زندگيءَ جا تيرنهن سال:
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته حقيقت جي ڀيٽ ۾ هدايت جو رستو وڌيڪ ڏکيو ۽ اؤکو هوندو آهي. دنيا جي مصلحتن، عملي فلسفين ۽ پيغمبرن جا واقعا انهيءَ ڳالهه جا شاهد آهن. حضرت ابراهيم ؑ به حضرت لوط ؑ سان گڏ اُر ڏانهن مهاجر بڻجي نڪتو هو. حضرت موسى ؑ به هزارين غلامن کي وٺي ڪري فرعوني لشڪر کان بچي نيل درياءَ کي پار ڪيو هو. ڪيترن ئي نبين کي ته هجرت کان پهريان ئي شهادت جو پيالو پيئڻو پيو. حضرت شعيبؑ، حضرت صالحؑ ، حضرت عيسىؑ تي ڪهڙيون ڪهڙيون مصبيتون نه گذريون؟ اهي سڀئي خدا پرستي ۽ انساني برابريءَ جا علمبردار هئا.
    گوتم ٻڌ پنهنجي راڄ ڀاڳ ۽ ٻارن ٻچن کي ڇڏي ڪري سنياسي بڻيو ته ان تي زندگيءَ جو راز کليو، ۽ جڏهن هن خون جي قرباني ڪرڻ وارن کي عقل ۽ سچائيءَ جو رستو ڏسيو ته ان جي مڃيندڙن جو ڪهڙو حشر ڪيو ويو، ويندي ان جي پيغام کي به سمجھه کان مٿي چيو ويو. اهو ئي حال زرتشت جو ٿيو ۽ ماڻهن ان کان پوءِ يزدان کي ڇڏي اهرمن جي پوڄا شروع ڪري ڏني. سقراط کي زهر جو پيالو پيئڻو پيو. موسى ۽ ڪرشن کي پيدا ٿيڻ کان پهريان ئي موت جو پيغام انهن ئي ظالمن جي طرف کان مليو جيڪي عدل ۽ انصاف ۽ رحم ۽ ٻاجهه جي مطلب کان به اڻ واقف هئا. حضرت ابراهيم ؑ جي لاءِ نمرودي آڙاهه ٻاريو ويو. پرهلاد ڀڳت جي لاءِ آتش هرينه (Hiranya Kashyapu) تيار ڪڪئي وئي ۽ هر دؤر ۾ اهڙن ماڻهن جي لاءِ باهه ڀڙڪائي ويندي آهي، پر آخرڪار خواري باطل جي ئي نصيب ۾ ايندي آهي.


    ڀاڱو ٻيون؛ مدني دؤر

    اسلام جي انقلابي نظريي تي توحيدي معاشري جي قيام لاءِ جاکوڙ

    اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل


    اسلامي انقلاب جي ڇهين منزل

    ڀاڱو پهريون: مديني ڏانهن هجرت کان
    بدر تائين مدني دؤر
    ]12 ربيع الاول 1هه (جون 622ع) کان رجب 2 هه (آڪٽوبر 623ع)[

    هن دؤر جون تمام ئي اهم خاصيتون هي آهن:
    • انقلابي جماعت جي جوڙجڪ
    • ڪتابي آمريت جو قيام
    • توحيدي معاشري جي قيام لاءِ جاکوڙ جي شروعات
    اِنَّآ اَنْزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِيْہَا ہُدًى وَّنُوْرٌ۝۰ۚ يَحْكُمُ بِہَا النَّبِيُّوْنَ الَّذِيْنَ اَسْلَمُوْا
    ”تورات خدائي قانون آهي، جنهن ۾ هدايت جو نور يعني سوجهرو آهي ۽ الله کي مڃڻ وارا نبي انهيءَ مطابق ئي فيصلو ڪندا آهن“.
    لَا يُشَبعُ الۡمُؤمِنُ دُونَ جارِهٖ
    ”ايمان واري جي لاءِ اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي ته هو پاڻ کائي پر سندن پاڙيسري بکارو هجي.“
    رسول الله ﷺ جن قبا ۾:
    هجرت نبوي جي وقت مصر تائين ساساني (ايراني) حڪومت ڇانيل هئي. هجرت کان ٻه سال پهريان يعني 620ع ۾ عربن جي هڪ نئي آبادي باختر ۾ قائم ٿي چڪي هئي. جيڪي عرب قبيلا ساساني سلطنت جي ويجھو هئا، انهن جي دوستي فارس وارن (ايرانين) سان ٿي چڪي هئي ۽ شام جي عربن جا لاڳاپا رومي سامراج سان هئا.
    رومي شهنشاهيت جا ٻه حصا ٿي ويا هئا، روم ۾ لاطيني ٻولي ڳالهائڻ وارن جي حڪمراني هئي ۽ اوڀارين ڪليسا جي ٻولي به لاطيني هئي، پر ان جو مرڪز قسطنطينه هو جيڪو يوناني ڳالهائڻ لڳو هو ۽ اوڀر جي خيالن جو اثر وٺي رهيو هو. اصل ۾ اوڀر ۽ اولهه جي اها ڇڪتاڻ رومي ۽ يوناني ڪليسا جي ڇڪتاڻ هئي جيڪي اڄ به ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ جاري آهي.
    مشرقي رومي سامراج ۽ ساساني (ايراني) سامراج جي پنهنجو پاڻ ۾ جنگين، شام، مصر ۽ ايشيا ڪوچڪ (ترڪي) کي تباهه ڪري ڇڏيو هو. ٻئي قومون عيسائيت ۽ مجوسيت جي نالي تي خون خرابي، غلامي، ڦرمار ۽ بدامني کي عروج تي پهچائي چڪيون هيون. ڪيترائي واپاري رستا بند ٿي چڪا هئا. مذهبي تعصب ۽ مذهبي قيد انساني عقل کي به غلام ۽ مجبور ڪري ڇڏيو هو. پادرين ۽ دستورين (عيسائي ۽ ايراني مذهبي پيشوائن) جي ڏنل فيصلي يا راءِ جي مخالفت ڪرڻ جو مطلب موت کي سڏڻ جي برابر هو.
    انهن عالمي حالتن ۾ هجرت جو واقعو پيش آيو. رسول الله ﷺ جن 622ع ۾ مديني پهتا. غار ثور کان ٻن ڏاچين تي ٻڌل اهو قافلو رات جي وقت پنڌ پيو ۽ اٺن ڏينهن ۾ خميس جي ڏينهن 8 ربيع الاول 13 نبوي مطابق 25 جون 622ع تي قبا پهتو. هاڻي مڪو مسلمانن جي لاءِ امن واري جاءِ نه رهيو هو ڇو جو اتي اظهار جي آزاديءَ جي کوٽ هئي. ساهه بچائڻ لاءِ ڪوبه ضامن نه هو. ايتري تئين جو مطعم بن عدي، جنهن پاڻ ڪريم ﷺ کي پناهه ڏني هئي، ان جو پٽ به پاڻ ڪريمﷺ جي قتل واري صلاح ۾ شامل هو.
    رستي ۾ سراقه ڏسي ورتو ۽ پيڇو ڪيو، پر هر دفعي سندس گھوڙو ٿاٻا کائيندو رهيو؛ آخر هن معافي گھري. حضرت ابوبڪرؒ جي غلام عامر بن فهيره ڪنهن شيءِ تي امان جو نشان هڻي ڏنو. رستي ۾ ام سعيد جي ڇَني ۾ ٻڪري جو کير پيتائون. ٻي جاءِ تي بريده اسلمي کين ڦرڻ گھريو، پر پاڻ ڪريم ﷺ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ مسلمان ٿي ويو ۽ ساٿ ۾ رَلجي پيو. اڳتي رستي ۾ شام جي واپار کان موٽندي زبير بن عوم مليو ۽ ڪجهه اڇا ڪپڙا حضرت ابوبڪرؒ کي سوکڙي ڏئي مڪي روانو ٿي ويو.
    قبا مديني کان ٻاهر هڪڙو ڳوٺڙو هو. مهاجر ۽ مديني جا مسلمان هتي ئي هڪ دڙي تي ويهي، ٻيپهري تائين رسول الله ﷺ جي اوسئيڙي ۾ هوندا هئا. آخرڪار اهو قافلو قبا پهچي ويو. حضرت ابوبڪرؒ رسول الله ﷺ جي مٿان چادر جي ڇانو ڪري بيٺو هو ته جيئن ماڻهن کين سڃاڻي سگھن. قبا پهچي ڪري پاڻ بني عمرو قبيلي وارن وٽ ترسيا. ٻئي ڏينهن تي حضرت علي ؒ جن مڪي وارن کي انهن جو امانتون حوالي ڪري مديني پهچي ويا. انهيءَ جاءِ تي پاڻ ﷺ جن پهرين مسجد تعمير ڪئي. اها مسجد ڪلثوم بن هدم جي زمين ۾ جوڙي وئي. قبا کان جڏهن پاڻ يثرب ويا ته گھڻو پوءِ منافقن به هڪ مسجد جوڙي هئي، جنهن کي مسجد ضرار ڪوٺيو وڃي ٿو. انهيءَ ۾ مسلمانن ۾ نفاق پيدا ٿيڻ جو خطرو هو، انهيءَ ڪري 9 هه ۾ قرآن ڪريم اهو حڪم ڏنو ته پهرين مسجد جو بنياد تقوى تي آهي ۽ ٻي مسجد ضرار جو بنياد نفاق تي آهي. تنهن ڪري انهيءَ مسجد کي ڊاٿو ويو ۽ جماعت ۾ ٻڌي قائم رهي.
    اوس ۽ خزرج جو ميلاپ:
    عرب جا اهي رهاڪو جيڪي يمن مان اچي هتي آباد ٿيا هئا سي ٻن ماڻهن اوس ۽ خزرج جي اولاد مان هئا. ان سان گڏوگڏ مديني ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ فلسطين جا ڇڙوڇڙ ٿي ويل يهودي به اتي ئي آباد هئا. انهن اتان جي واپار تي قبضو ڪري رکيو هو ۽ پنهنجي بچاءَ جي لاءِ مضبوط ڪوٽ ٺاهي ڇڏيا هئا. جڏهن يهودين جي شرارتن جو عربن جواب ڏنو ۽ شام جي عربن جي مدد سان انهن کي قتل ڪرڻ شروع ڪيو ته انهن يهودين هڪڙي ٻي کيڏ کيڏي ۽ اوس ۽ خزرج قبيلن کي پاڻ ۾ ويڙهائي انهن کي هڪٻئي جو دشمن ڪري ڇڏيو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجو بچاءُ ڪندا رهيا.
    اوس ۽ خزرج جي آخري ويڙهه جنهن کي حرب بعاث به چيو ويندو هو، هڪ سؤ سالن تائين هلندي رهي. پنهنجو پاڻ ۾ انهن جنگين کين بنهه هيڻو ڪري ڇڏيو هو. اوس وارن يهودين سان اتحاد ڪرڻ گھريو پر خزرج وارن يهودين کي ڌمڪائي اهو اتحاد ٿيڻ نه ڏنو. قريش سان به ڳالهه نه ٺهي سگھي. آخر رسول الله ﷺ جي ڪوششن سان ٻنهي قبيلن ۾ ٺاهه ٿي ويو ۽ اهو هڪ ٿي ويا. قبا پهچڻ جي هڪ هفتي اندر پاڻ ﷺ جن ٻنهي قبيلن ۾ دوستيءَ جو معاهدو ڪرائي ڇڏيو ۽ جيڪو خون خزرج وارن جي ذمي هو سو اوس وارن معاف ڪري ڇڏيو. يثرب جي فتح جي سلسلي ۾ اها اسلام جي پهرين سوڀ هئي.
    مديني جي فتح:
    شروع ۾ جيڪا عربن تاريخ لکي، انهيءَ جي خاص ڳالهه اها هئي ته انهن عربي واقعن کي گڏ ڪيو ۽ وچ ۾ قرآن ۽ عربي ڪلام جي تفسير ۽ تشريح ۽ غير متعلق واقعا به ملائي ڇڏيا. انهيءَ جو نتيجو اهو نڪتو جو پوءِ اچڻ وارا محقق عرب راوين جي ذهني ۽ معاشرتي پسمنظر کي سامهون نه رکي سگھيا ۽ سڄو معاملو بگڙي ويو. سيرت ۽ مغازي لکندڙن 8 هه ۾ پرامن طريقي سان مڪي اندر داخل ٿيڻ کي ”مڪي جي فتح“ ڪري لکيو آهي، جنهن جو مطلب اهو ورتو ويو ته رسول الله ﷺ جن مڪي کي تلوار جي زور تي فتح ڪيو؛ جڏهن ته اها ڳالهه سراسر غلط آهي.
    يثرب کي به پاڻ ڪريمن فتح ڪيو، پر انهيءَ کي ”مديني جي فتح“ جو نالو نه ڏنو ويو. انهيءَ ڪري ڪنهن جو به انهيءَ پاسي خيال نٿو وڃي ته اُتي به ته مڪي وانگر پر امن طريقي سان داخلا ٿي هئي. حقيقت ۾ مديني جي فتح اهڙي ته شاندار ۽ پرامن فتح هئي، جنهن جو مثال تاريخي دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي.
    قبا ۾ ڪجھه ڏينهن ٽڪڻ کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ مديني وارن جي ڪوٺ قبولي ورتي ۽ جمعي جي ڏينهن قصواء ڏاچيءَ تي چڙهي يثرب ڏانهن روانو ٿيا. پاڻﷺ جي داخل ٿيڻ کان پوءِ يثرب جو نالو ”مدينة النبي“ مشهور ٿي ويو. رستي ۾ مختلف ڳوٺن جا ماڻهو هٿيار سجائي آڌرڀاء جي لاءِ اڳتي وڌي راهه تڪي رهيا هئا. مردن کان به وڌيڪ زائفان خوش ٿي ڏسڻ ۾ آيون. نينگريون مرحبا جا گيت ڳائي رهيون هيون، هر پاسي کان ”ڀلي آيا جيءُ آيا، اي الله جا رسول اوهان جي لاءِ عزت، حفاظت ۽ سهولت موجود آهي“ جي جھونگار لڳي پئي هئي.
    هلم يا رسول الله ﷺ العزّ والمنعة والثورة
    ”پاڻ آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارن کي دعائون ڏيندي فرمائن پيا ته ڏاچيءَ کي ڇڏي ڏيو ته هلندي هلي.“
    رستي ۾ ڏاچي بنو سالم جي پاڙي ۾ هلي بيهي رهي، پاڻ فرمايائون ته هتي ٽڪي نه پئبو، رڳو جمعي جي نماز پڙهبي. نماز کان پهريان پاڻ خطبو ڏنائون جنهن جي اهميت اها آهي ته اهو مڪي دؤر جي تعليم جو تت هو.
    پهرين جمعي جو خطبو:
    1. سڀ ساراهه الله تعالى جي لاءِ آهي جنهن کان مدد، معافي ۽ هدايت گھران ٿو ۽ جيڪي ماڻهو انهيءَ کي نٿا مڃين (ان جي حڪمن جو انڪار ڪن ٿا) ۽ ٻين کان مدد ۽ هدايت گھرن ٿا، سي سڀئي اونداهيءَ ۾ آهن. مان اهڙي ڪفر جو دشمن آهيان. ٻين جي اڳيان ڪنڌ نوائڻ انسانيت جي توهين آهي. الله تعالى ئي سڀني جو بادشاهه آهي، ڪنهن به ٻانهي جو ان جي مٿان ڪو روز بار نه آهي، هو سڀني جو حاڪم آهي ۽ ڪنهن جو به محڪوم نه آهي.
    2. مان به انهيءَ ئي مالڪ حقيقي جو هڪڙو ٻانهو آهيان ۽ انهيءَ جو هيءُ نياپو توهان کي به ٻڌايان ٿو ته انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪنهن جي به فرمانبرداري نه ڪريو ۽ نه ئي غير الله کان مدد گھرو.
    3. موت کان پوءِ واري حياتي پڪ سان آهي. انهيءَ تي ايمان رکندڙ انسان ئي پرهيزگار آهي. انهيءَ جو اندر اجري پوي ٿو ۽ هو برائين کان بچي وڃي ٿو. ان جون ڪوتاهيون معاف ڪيون وينديون آهن ۽ ان جي نيڪ ڪمن جو اجر وڌايو ويندو آهي.
    4. ٻانهو هجڻ جي حيثيت ۾ انسان جي عزت ۾ ڪابه گھٽتائي نٿي اچي. ڪوبه خاص فرقو جهڙوڪه يهودي، موبد، برهمڻ وغيره الله تعالى جي پسنديده قوم نه آهي. باقي ايترو ضرور آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي جاکوڙ سان الله تعالى جي ٻڌايل واٽ وٺي هلن ٿا انهن کي الله تعالى پسند ڪري انسانيت جي هدايت ۽ رهنمائيءَ جي لاءِ چونڊي وٺندو آهي. اهڙن ئي ماڻهن کي الله تعالى پنهنجا فرمانبردار ٻانها سڏي ٿو.
    5. تاريخ مان سبق پرايو ۽ عقل کان ڪم وٺو. ياد رکو ته انڌي تقليد جي ڪري اڳوڻيون قومون تباهه ٿي ويون آهن. الله تعالى جي فرمانبرداري اها ئي آهي ته سچائيءَ سان اسلام جي سڌي ۽ سنئين واٽ تي هلو. ڄاڻي ٻجھي انهيءَ کان پاسيرو ٿي وڃڻ اونداهيءَ (ڪفر) ۾ گم ٿي وڃڻ جي برابر آهي. الله تعالى ئي سڀني معبودن کان وڌيڪ عبادت جي لائق ۽ اسان جي قوت ۽ عمل جو سرچشمو آهي.
    (اختصار سان تاريخ الامم، طبري)
    خطبي جو سمورو متن هن طرح آهي:
    ”سڀ ساراهه الله تعالى جي لاءِ ئي آهي. مان ان جي ئي واکاڻ ڪريان ٿو. انهيءَ کان ئي مدد گھران ٿو، ان کان ئي معافي گھران ٿو، انهيءَ کان ئي هدايت جي لاءِ سوال ڪريان ٿو ۽ انهيءَ تي ئي ايمان آڻيان ٿو. ان جو ڪنهن به طرح انڪار نٿو ڪريان ۽ ان جي انڪاري جو هر طرح سان مخالف آهيان. مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله تعالى کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود نه آهي. رڳو اهو ئي هڪڙو خدا آهي، انهيءَ جو ڪوبه ڀاڱي ڀائيوار نه آهي. محمد ﷺ ان جو خاص ٻانهو ۽ رسول آهي، جنهن کي الله تعالى هدايت، نور ۽ سراسر نصيحت ڪري انهيءَ حالت ۾ موڪليو جو هن وقت تائين پيغمبرن جي آئي کي وڏي عرصو گذري چڪو هو. علم گھٽجي ويو هو ۽ گمراهي عام ٿي وئي هئي. جهالت جي اونداهي کي وڏو عرصو ٿي چڪو هو. قيامت ۽ آخرت جو زمانو ويجھو اچي ٿيو هو. سو جنهن الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪئي، سو هدايت وارو ٿيو ۽ جنهن ٻنهي جي نافرماني ڪئي سو سڌي راهه کان ڀٽڪي ويو ۽ سخت گمراهيءَ ۾ ڦاسي پيو.
    مان توهان کي زهد ۽ تقوى اختيار ڪرڻ جي نصيحت ڪريان ٿو، جو هڪ مسلمان پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ کي انهيءَ کان وڌيڪ ڀلي نصيحت نٿو ڪري سگھي. انهيءَ کان پوءِ وارو درجو اهو آهي ته هڪ ڀاءُ پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ کي آخرت جي لاءِ تياري جي ترغيب ڏئي ۽ ان کي پرهيزگاري جي لاءِ هدايت ڪري. سو الله تعالى جنهن ڳالهه کان توهان کي بچڻ جو حڪم ڏنو آهي، انهيءَ کان پاڻ بچايو. انهيءَ کان وڌيڪ ڀلي ٻي ڪا نصيحت نه آهي ۽ نه ئي انهيءَ کان وڌيڪ اهميت وارو ڪو فڪر آهي. حقيقي پرهيزگاري انهيءَ جي آهي جيڪو پنهنجي دل ۾ پنهنجي پالڻهار جو خوف ۽ آخرت جي ڳالهين جي سچي هجڻ جو جذبو رکندي پنهنجي عملن کي بهتر ڪري. ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي ۽ پنهنجي پالڻهار جي وچ ۾ لاڳاپي کي ظاهري ۽ باطني طرح صحيح رکندو ۽ انهي جو مقصد رڳو الله تعالى جو راضپو حاصل ڪرڻ هوندو ته ان جو اهو عمل دنيا ۾ انهيءَ جي ناماچاري ۽ مرڻ کان پوءِ ان لاءِ آخرت جو توشو هوندو. جنهن ڏينهن انسان پنهنجن چڱن عملن جو ضرورتمند هوندو ۽ باقي ٻيو جيڪو ڪجهه به هوندو انهيءَ جي لاءِ هو سَڌَ ڪندو ته جيڪر هن جي ۽ سندس عمل جي وچ ۾ ڪا وڏي عرصي جيتري وٿي اچي وڃي. الله تعالى توهان کي پنهنجي عذاب کان به ڊيڄاريندو آهي، ان سان گڏوگڏ هو پنهنجي ٻانهن تي ٻاجھه ڪندڙ پڻ آهي. الله تعالى پنهنجي ڳالهه ۾ سچو ۽ پنهنجي واعدي کي نڀائيندڙ آهي. ائين ئي ارشاد ٿئي ٿو ته:
    مَا يُبَدَّلُ الْقَوْلُ لَدَيَّ وَمَآ اَنَا بِظَلَّامٍ لِّلْعَبِيْدِ۝۲۹ۧ
    ”منهنجي سامهون ڪنهن به ڳالهه ۾ تبديلي يا ڦيرگھير نه ٿي سگھندي ۽ مان پنهنجي ٻانهن تي ظلم نه ڪندو آهيان“.
    سو اي ماڻهؤ! پنهنجي دنياوي توڙي آخرت وارين سڀني ڳالهين جي معاملي ۾، پوءِ اهي توڙي لڪيل هجن يا ظاهر ظهور، الله تعالى کان ڊڄو. ڇو ته جيڪو ماڻهو الله تعالى کان ڊڄندو آهي ته الله تعالى انهيءَ جي بڇڙائين جو ڪفارو ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ان جي نيڪ عملن جي اجر ۾ واڌارو ڪري ڇڏيندو آهي. جيڪو الله تعالى کان ڊڄندو آهي سو عظيم الشان ڪاميابي تي پهچندو آهي. الله تعالى جو خوف انسان کي الله تعالى جي ڏمر ۽ ناراضپي کان حفاظت ۾ رکندو آهي. الله تعالى جو خوف پرهيزگارن جي مُنهنِ کي اڇو اجرو ۽ نوراني رکندو ۽ انهن جي پالڻهار کي راضي رکندو ۽ انهن جي مرتبن کي مٿانهون ڪندو آهي. اي ماڻهؤ! پنهنجو پنهنجو ڀاڱو وٺي وڃو ۽ الله جي معاملي ۾ زيادتي کان ڪم نه وٺو. الله تعالى توهان کي پنهنجي ڪتاب جي تعليم ڏني ۽ توهان جي ڇوٽڪاري جي لاءِ هڪڙو طريقو مقرر ڪري ڇڏيو ته جيئن هو سندس تصديق ڪندڙن ۽ سندس انڪار ڪندڙن کي ڄاڻي وٺي. سو جئين الله تعالى توهان تي ڀلائي ڪئي آهي تيئن توهان به ڀلائيءَ واري واٽ وٺو ۽ الله تعالى جي دشمنن سان دشمني رکو. انهيءَ جي واٽ ۾ جهاد جو حق چڱيءَ طرح سان ادا ڪريو. انهيءَ ئي توهان کي اسلام جي لاءِ چونڊيو آهي ۽ توهان جو نالو مسلمان رکيو آهي. انهيءَ لاءِ ته جيئن جنهن کي تباهه ڪري تنهن کي پڪي حجت سان تباهه ڪري ۽ انهن مان جنهن کي سلامت رکي تنهن کي پڪي حجت سان سلامت رکي. الله تعالى کانسواءِ دنيا ۾ ٻي ڪابه طاقت نه آهي. سو توهان الله تعالى کي گھڻو ياد ڪندا ڪريو ۽ آخرت واري زندگيءَ جي لاءِ نيڪ عمل ڪندا رهو. ڇو ته جنهن به پنهنجي ۽ الله تعالى جي وچ ۾ معاملن کي صحيح رکيو ته الله تعالى ان جي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ معاملن جي لاءِ ڪافي ٿي ويندو، ڇو ته الله تعالى ئي ماڻهن تي حڪم هلائيندو آهي، نه ڪه ماڻهو ان تي حڪم هلائيندا آهن، ۽ الله تعالى ئي ماڻهن جي معاملن جو مالڪ ۽ مختار آهي، جڏهن ته ماڻهو ان جي معاملن ۾ اختيار نٿا رکن. الله تعالى سڀ کان وڏو آهي ۽ ڪائنات ۾ ڪابه طاقت الله تعالى کانسواءِ نه آهي“.
    هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جهڙي آهي ته هن سڄي خطبي ۾ مڪي وارن جي پاڻ ڪريم ﷺ سان ساڙ ۽ حسد، ڪفر تي آڪڙجي بيهڻ، مسلمانن کي اذيتون ڏيڻ ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي مارڻ جي لاءِ ڪيل ڪوششن جو ٿورڙو به ذڪر نه فرمايو. ان جي بدران پاڻ پنهنجي خطبي کي رڳو مسلمانن کي پرهيزگاري جي ترغيب ڏيڻ ۽ انهن کي الله تعالى جي ياد ڏيارڻ تائين محدود رکيو. حق ۽ صداقت جي بيان ۾ سندن اهو طرز عمل تمام ئي ادب ۽ سلڇڻائپ ۽ بردباري ۽ درگذر جو بهترين نمونو آهي. جيڪڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جي جاءِ تي ٻيو ڪو هجي ها ته اهو ماڻهن ۾ ڪاوڙ ۽ جوش اڀاري ها ۽ انهيءَ موقعي تي ڪافرن جا عيب بيان ڪري ها، ڇو ته انهن ئي پاڻ ﷺ کي ايذاءَ ڏنا، مٿن ظلم ڪيا ۽ کين پنهنجي پياري وطن مان ڪڍيو. اهي ماڻهو سندن خدائي پيغام کي ان جي ٻانهن تائين پهچائڻ واري واٽ ۾ رڪاوٽ بڻجي پيا. الله تعالى سندن شان ۾ هي جو فرمايو ته بلڪل صحيح فرمايو:
    وَاِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِيْمٍ۝۴
    ”اي محمد بِيشڪ توهان اخلاق جي تمام ئي مٿانهين منزل تي پهتل آهيو.“
    نماز کان پوءِ ڏاچي اڳتي وڌندي رهي ۽ پاڻ وري وري اهو فرمائي رهيا هئا ته هن کي ڪير به نه روڪي، اها الله تعالى جي حڪم سان ڪٿي هلي ويهي رهندي. ڏاچي هلندي هلندي بنو نجار وارن جي پاڙي ۾ حضرت ابو ايوبؒ انصاري جي گھر جي سامهون اچي ويهي رهي. اهو پاڻ ڪريم ﷺ جو ناناڻو ڪهول هو. هتي پاڻ پنهنجي پٽيلي زيدؒ سان گڏ ٽڪي پيا.
    مواخات (ڀائيچارو):
    پاڻ ڪريم ﷺ جن مڪي پهچڻ شرط سڀني مهاجرن کي حضرت انس بن مالڪؒ جي گھر ۾ سڏايو ۽ انصارن، خاص ڪري بيعت عقبه ۾ شامل انصارن کي به سڏايو ۽ هر هڪ انصاريءَ کي هڪ هڪ مهاجر حوالي ڪندي فرمايو ته توهان ٻئي سڳن ڀائرن وانگر سمجھيا ويندؤ ۽ مرڻ کان پوءِ هڪ ٻئي جا وارث ٿيندؤ. مهاجرن جو ڳاڻيٽو ستيتاليهه ٻڌايو وڃي ٿو. ڪيترائي مسلمان اڃا به مڪي ۾ پوئتي رهجي ويا هئا ۽ ڪن مجبورين جي ڪري مديني نه اچي سگھيا، جڏهن ته ڪيترا ٻئي اڃا تائين حبشه ۾ رهيا پيا هئا.
    اصحابِ صفه:
    ڪجھه ماڻهو وري گھر ٻار کانسواءِ، مفلسي جي حالت ۾ زندگي گھاري رهيا هئا. انهن جي غربت جو حال اهو هو جو وٽن ضرورت موجب ڪپڙا به نه هئا. اهي ماڻهو هڪڙي ڇپر جي هيٺان مسجد جي ويجھو هڪڙي ٿَلهي تي رهندا هئا. اهي ماڻهو اسلامي تعليم کي پکيڙڻ جي لاءِ رضاڪارانه ڪم ڪري رهيا هئا. بک ۽ ڏتڙيل حال هئڻ باوجود به اهي ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ ڏوهه سمجھندا هئا. اهي مسلمانن جا راهب يا ٻڌن جا ڀڪشو هئا، پر نه ته پنهنجي مٿان نڪاح کي حرام سمجھندا هئا ۽ نه ئي وري ڪنهن کان ڪو سوال ڪندا هئا. رسول الله ﷺ جن انهن جو تمام گھڻو خيال رکندا هئا.
    مسجد نبويﷺ جي اڏاوت:
    جنهن جاءِ تي ڏاچي پهريون دفعو ويٺي هئي سا زمين ٻن يتيم ڀائرن جي هئي. انهن کي مناسب معاوضو ڏئي اتي مسجد اڏي وئي. اڏاوت ۾ اصحابن ۽ رسول الله ﷺ جن گڏجي ڪم ڪيو.
    جماعتي زندگيءَ جي شروعات:
    مسجد ٺهي وڃڻ کان پوءِ انفرادي زندگي هڪ جماعتي زندگيءَ ۾ بدلجي وئي ۽ مديني ۾ طواف وارو طريقو ختم ٿي ويو. هتي نماز بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري پڙهڻ شروع ڪئي وئي. اهو طئي ڪيو ويو ته سڀئي ايمان وارا هڪڙي امام جي پويان بني اسرائيل جي قبلي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري قطار ۾ بيهندا ۽ امام الله تعالى سان مخاطب ٿي ان جي فرمانبرداري جو اقرار ڪندو ۽ ان کان مدد گھرندو. (اياک نعبد و اياک نستعين) ان تي سڀئي مقتدي رڳو آمين چوندا. اهڙي طرح نماز جو امام سياسي اڳوڻ يا قاضي به هوندو. اڃا به ائين چئجي ته اها سياسي نظام جي هڪڙي شڪل هئي جنهن جو بنياد مشاورت تي هو. اسلام جو سياسي نظام مشاورتي جمهوريت آهي. اها سرمائيدارڻي جمهوريت نه آهي. انهيءَ کي عوامي جمهوريت (Peoples Democracy) چئي سگهجي ٿو.
    نبوي خاندان:
    مسجد جي اوسي پاسي جهوپڙيون اڏيون ويون جن ۾ رسول الله ﷺ جون پاڪ زالون رهنديون هيون. مڪي مان رڳو بي بي فاطمة الزهرا ۽ ام المؤمنين حضرت سوده ؒ زيدؒ سان گڏجي آيون ۽ حضرت عائشه پنهنجي ڀاءُ عبدالله سان گڏ آئي. ائين انفرادي طرح مڪي ۽ مديني جي وچ ۾ اچ وڃ جو سلسلو جاري رهيو.
    ڪتابي جمهوريت يا توحيدي معاشري جو قيام:
    هاڻي مديني ۾، جيڪو هن اسلامي رياست جي گاديءَ جو هنڌ بڻجي چڪو هو، باقاعدي سياسي زندگيءَ جي شروعات ٿي وئي هئي مهاجرن ۽ انصارن جي گڏيل ڪوششن سان هن نظريي کي عملي جامو پهرائڻ شروع ڪيو ويو جنهن کي مڪي جي تيرنهن سالن ۾ خدائي وحيءَ دليلن سان گڏ ماڻهن جي سامهون رکيو هو. اها مرڪزي جماعت (Central Cometee) اصل ۾ مڪي ۾ ئي قائم ٿي چڪي هئي. ڇو ته اوس ۽ خزرج جي ماڻهن مڪي ۾ رسول اللهﷺ جي هٿ تي بعيت ڪئي، جنهن جو بنياد اهو هو ته معروف (يعني نيڪيءَ جي سڀني ڪمن) ۾ رسول الله ﷺ جي پيروي ڪئي ويندي. هاڻي مديني جي اوسي پاسي رهندڙ قبيلن سان اتحاد جي لاءِ معاهدن جي شروعات ٿي.
    اصل ۾ شعب ابي طالب ۾ رهڻ دوران ئي رسول الله ﷺ جن ايمان وارن جي لاءِ هڪڙي مضبوط رياست قائم ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو هو، ڇو ته جيستائين رياست قائم نٿي ٿي، تيستائين مشرڪ مسلمانن کي خدا پرستي ۽ عبادتگاهن ڏانهن وڃڻ کان روڪيندا ئي رهندا. ان کانسواءِ معاشرتي، معاشي ۽ سياسي ڏاڍايون به جاري رهنديون.
    شعب واري دؤر ۾ ئي رسول الله ﷺ جن دين ابراهيم کي مڃيندڙ هڪڙي ٽولي ڏانهن دوستيءَ جو هٿ به وڌايو هو، يعني بني اسرائيل ڏانهن، جيڪي حضرت ابراهيم ؑ جو اولاد هئا. شعب مان نڪرڻ کان پوءِ مجوسين سان معاهدو ڪرڻ گھربو ۽ انهن کي ٻڌايائون ته اصل دين ته هڪڙي الله جي پوڄا ۽ انساني وحدت ۽ برابري آهي. رسول الله ﷺ مڪي جي مشرڪن کي به صلاح ڏني ته اهي جنن ۽ بتن جي پوڄا ۽ وهمن جي ڄار مان نڪري دين ابراهيم تي هلن. پر انهن نه رڳو انڪار ڪيو پر مسلمانن کي ايذايو ۽ رسول الله ﷺ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي.
    هاڻي مديني ۾ يهودين سان، جيڪي اسرائيل (يعقوبؑ ) جو اولاد هئا، سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه جو موقعو ملي ويو. شعب ابي طالب کان پهريان ۽ شعب ابي طالب جي زماني ۾ ابراهيم ۽ موسى ؑ جو ذڪر ڪيو ويو هو. اتي ٻڌايو ويو هو ته توريت به خدا پرستي جو ئي حڪم ڏئي ٿو ۽ انهيءَ ۾ ٻڌايل قانون به سراسر نور ۽ هدايت آهن. هر مؤمن جي لاءِ اها ڳالهه لازم ڪئي وئي ته هو آڳاٽي وقت جي هر ملڪ ۽ قوم ۾ آيل نبين ۽ سڌارڪ انسانن کي مڃي جيڪي پڻ توحيد الاهي، انساني برابري ۽ نيڪ عملي جي تعليم ڏيندا آيا هئا.
    اسلامي آئين جا بنيادي اصول:
    مديني ۾ جيڪو پهريون خطبو ڏنو ويو، انهيءَ ۾ پاڻ ڪن بنيادي اصولن جو ذڪر فرمايائون جن جي تفصيلي بحث جي هن وقت گنجائش نه آهي. انهن مان ٻه اهم اصول هي به هئا:
    • پهريون اصول: الله تعالى ڪنهن خاص قبيلي يا قوم جو پالڻهار نه پر سڀني قومن ۽ سموري ڪائنات جو پالڻهار آهي.
    • ٻيو اصول: ڪوبه ماڻهو پنهنجي عملن جي جزا ۽ سزا کان بچي نٿو سگھي. جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي وارو اصول لاڳو رهندو. جيڪڏهن ڪنهن کي هن دنيا ۾ پنهنجي عملن جو بدلو نه مليو ته آخرت واري زندگيءَ ۾ حاڪمن جو حاڪم کيس عدل ۽ انصاف سان بدلو ڏيندو. جيئن ته الله تعالى ظالم نه آهي، اڃا به سندس رحمت ۽ ٻاجھه سندس عدالت تي سوڀاري رهندي، انهيءَ ڪري ڪنهن تي به ظلم نه ٿيندو.
    انهن اصولن تي جيڪا رياست جڙي، انهيءَ ۾ انهن اصولن تي بحث مباحثو ڪرڻ، راءِ ڏيڻ يا مشاورت سان انهن اصولن ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪابه گنجائش نه هئي.
    1. الله تعالى کي مڃڻ اصل ۾ شيطاني قانونن ۽ غير الله کي غير فطري سمجھڻ جي برابر آهي. انهيءَ ڪري ڪابه جماعت بحث يا راءِ شماري جي ذريعي اهو طئي ڪرڻ جو حق نٿي رکي ته غير الله جي عبادت به ڪئي وڃي، يا انهن قانونن تي عمل ڪيو وڃي جيڪي منڪر (يعني معاشري ۾ بڇڙا عمل تصور ڪيا ويندا) آهن ۽ حق وارن وٽ معروف (يعني نيڪيءَ وارا) نه آهن.
    2. مڪافات واري قانون کي مڃڻ جو مطلب اهو آهي ته الله تعالى وٽ ڪوبه ديوتا يا پيغمبر اها سفارش نٿو ڪري سگھي ته ڪنهن ماڻهو کي ان جي نسلي مٿڀرائپ جي بنياد تي معاف ڪيو وڃي ۽ ان جي ڪنهن بڇڙي عمل تي سزا نه ڏني وڃي جو هو ”برهما“ يا اسرائيل جو اولاد آهي. ڄڻ ته مرڻ کان پوءِ واري زندگيءَ کي مڃڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته جيئن انهيءَ سان انساني برابريءَ وارو تصور هر ايمان واري جي دل ۾ کپي وڃي. ڪوبه ڪنهن غير قوم جي ماڻهو کي پنهنجو پاڻ کان گھٽ نه سمجھي، پنهنجي قوم جي غريبن ۽ محتاجن کي به رسوا نه ڪري. اڃا به دنيا ۾ اهڙي برابري قائم ڪري جو غلاميءَ واري خواري، عورت جي هيڻائي ۽ ڌاريي جي گھٽتائي عزت، طاقت ۽ اوچائيءَ ۾ بدلجي وڃي ۽ اهڙو معاشي نظام سمجھه وارن ۽ عملي سرگرم ماڻهن جي صلاح مشوري سان جڙي، جنهن ۾ سڀئي انسان برابري ۽ انصاف واري ثمر مان فائدو ماڻي سگھن. اڄڪلهه اهڙي معاشي نظام کي سوشلسٽ معيشت به چيو وڃي ٿو ۽ ان جو بنياد سائنسي تجربي ۽ مشاهدي جي بنياد تي آهي. اهڙي ئي معاشي نظام جي نفاذ جي لاءِ نبي سڳورا آيا ۽ تلقين ڪندا رهيا. انهيءَ معاشي نظام ۾ پيداواري وسيلا ڪن ٿورڙن ماڻهن کي قبضي ۾ نٿا رهن پر گڏيل انتظام سان عوام جي پهچ ۾ هوندا آهن ۽ هر ماڻهو پنهنجي محنت جي پيداوار ۽ انهيءَ مان حاصل ٿيندڙ نفعي جو پاڻ ئي مالڪ به هوندو آهي. اها ڳالهه اڻ ٿيڻي آهي ته اهڙي معاشي نظام ۾ ڪو ماڻهو پيداواري وسيلن (جهڙوڪه زمين، مشين، کاڻيون، پئٽرول جي ذخيرن) تي قابض هئڻ جي ڪري مزدور جي محنت جو استحصال ڪري ۽ انهيءَ مان حاصل ٿيڻ وارو وڏو حصو پاڻ وٽ رکي ڇڏي ۽ ڪي ٿورڙا رپيا استحصالي مزوريءَ جي شڪل ۾ مزدور کي ڏئي ته جيئن هو انهيءَ قبضي خور جي دولت ۾ واڌاري ۽ انهيءَ ظالماڻي معيشت جي لاءِ هٿيار طور جئيرو رهي.
    تنهن ڪري اسلامي رياست ۾ انهن ٻنهي اصولن ۽ انهن مقصدن تي بحث ڪرڻ جي اجازت بلڪل به نه آهي. باقي انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙيون واٽون ٿي سگھن ٿيون، انهيءَ تي بحث ڪرڻ جي کليل اجازت آهي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته اسلام جي انهيءَ برابري ۽ انصاف واري نظريي، بادشاهت جي هڪ هزار سالن ۾ جيڪو ڪم ڪيو سو قرآن جي اصولي سياست ۽ معيشت جو تمام ئي بگڙيل ۽ ڌنڌلو عڪس آهي. اڳتي هلي انهيءَ بگڙيل ۽ ڌنڌلي عڪس کي مسلمان عالمن دائمي اصول بڻائي ڇڏيو ۽ سرمائيداري ۽ جاگيرداري نظام کي ئي اصل اسلامي معاشي نظام سڏي ورتو ۽ سوشلسٽ معيشت کي، جيڪا اصل ۾ قرآن ۽ نبين جي معيشت آهي، غير اسلامي سمجھيو ويو. انهيءَ ڳٺ جوڙ جي ڪري ئي عالمن جي ذاتي عيش ۽ انهن جي مدرسن جا سڀئي خرچ اهو رعاتيون ڏنل طبقو ادا ڪندو رهيو آهي. عالمن جي فتوائن سان غلاميءَ جي اداري کي هميشگي عطا ڪئي وئي آهي. جڏهن ته قرآن دائمي يا پگھاردار غلاميءَ کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. خلافت راشده کان پوءِ پيداواري وسيلن تي آهستي آهستي ٿيندڙ انفرادي قبضي جي ذريعي، محنت جي استحصال ۽ انهيءَ طريقي سان حاصل ٿيندڙ دولت کي جائز سڏيو ويو. حضرت عمرؒ جڏهن معاشي مساوات قائم ڪرڻ ۽ غلاميءَ کي ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته کين قتل ڪيو ويو. اسلام ۾ سرمائيداري جي لاءِ دليل اهو ڏنو ويو ته حضرت عثمانؒ ۽ حضرت عبدالرحمان بن عوفؒ جهڙا اصحابي سڳورا به ته دولتمند ۽ غني هئا. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته انهن جي دولت انهيءَ دؤر ۾ ٿنيدڙ واپار ۽ محنت جي وسيلي حاصل ٿيندي هئي. زمين يا مشين وغيره تي انفرادي قبضي سان مزدور جي محنت جو استحصال ان جو ذريعو نه هو. ان کان سواءِ انهيءَ دولت تي انهن اصحابن جي حيثيت هڪڙي رکوالي يا امانتدار واري هئي ۽ اها بنا ڪنهن هٻڪ جي گڏيل مفادن ۾ استعمال به ڪئي ويندي هئي. ان جي ڀيٽ ۾ اڄ جو مراعتون ڏنل طبقو ۽ ان کي اسلامي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ وارو مذهبي پيشوا، ڏينهون ڏينهن پنهنجي دولت ۾ حد کان وڌيڪ وڌارو ڪندو رهي ٿو.
    رسول الله ﷺ مديني ۾ انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته زمين جو (جيڪا انهيءَ وقت پيداوار جو اهم ذريعو هئي) مالڪ اهو ئي آهي جيڪو ان تي پوکي ٿو ڪري. انهيءَ زمين کي ڪڙمت جي شڪل ۾ ٺيڪي تي کڻڻ ربوا يعني وياجي ڪاروبار آهي. انهيءَ ڪري ئي امام ابو حنيفه، امام شافعي ۽ امام مالڪ ڪڙمت جي اجازت نه ڏني آهي. انهيءَ جي بدلي ۾ هنن تڪليفون سٺيون، پر انهن جي شاگردن ڪجھه شرطن سان گڏ ڪڙمت جي اجازت ڏئي ڇڏي. انهيءَ جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جي لاءِ حضرت عمرؒ عراق، شام ۽ مصر جي زمينن کي رياست جي ملڪيت ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو. پر دمشق واري خلافت کان قائم ٿيندڙ بادشاهت، زمين جي انفرادي ملڪيت کي ٻيهر جائز قرار ڏنو جنهن کان پوءِ اسان جي معتبر عالمن به بادشاهت واري انهيءَ معاشي نظام کي اسلامي نظام سڏيندي پنهنجائي ورتو. مولانا مودوديءَ ته زمين جي لا محدود ملڪيت جي مسئلي تي هڪڙو مستقل ڪتاب لکي ورتو.
    رسول الله ﷺ مديني ۾ انساني برابري کي اڳتي وڌائڻ توڙي سياسي ۽ معاشي ترقي ۽ شهري بچاءَ جي معاملن ۾ يهودين ۽ مديني جي اوسي پاسي رهندڙ قبيلن سان دفاعي معاهدا ڪيا.
    يهودين سان معاهدو:
    هن معاهدي جو قرآن پاڪ ۾ ذڪر نه آيو آهي. باقي مڪي دؤر ۾ نازل ٿيڻ واري قرآني حصي ۾ اسرائيل جي قانون (توريت) جي واکاڻ ڪئي وئي آهي. قرآن جو نزولي ترتيب سان مطالعو نه ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو مفسرن ۽ عالمن سڳورن اهو ٻڌايو ته قرآن بني اسرائيل سان نفرت ڪري ٿو ۽ انهن جي عيبن کي بيان ڪري انهن قومي اتحاد ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو. جڏهن ته قبلي جي تبديلي تائين نازل ٿيل قرآن ۾ يهودين جي مخالفت جي ڪابه ڳالهه نه ٿيل آهي. اڃا به قرآن پوءِ به توريت جي حڪمن کي ايئن ئي نور ۽ هدايت سڏيو آهي جيئن ان جا پنهنجا حڪم آهن.
    اهو ياد رکڻ گھرجي ته شعب ابي طالب واري دؤر ۾ اها ڳالهه چٽي ڪئي وئي هئي ته هر دؤر ۾ نبين سڳورن اها ئي تعليم ڏني ته الله تعالى کي ئي سڀني جو خالق ۽ مالڪ مڃيو ۽ توهان جيڪو به عمل هن دنيا ۾ ڪندؤ، تنهن جي جزا ۽ سزا به اهو الله ئي ڏيندو.
    باقي جيڪي ماڻهو پنهنجي خواهشن جي پيروي ۾ توريت جون تفسيرون لکن ٿا، انهن کي خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪو ڪجهه توهان مشناة ۽ تالمود ۾ لکندا آهيو، سو پنهنجو پاڻ ئي لکندا آهيو، اهو ڪتاب الله نه آهي. (يکتبون الکتاب بايديهم)

    يهودين سان خطاب
    (1) سورت البقره، رڪوع 4:
    مديني ۾ اچڻ کان پوءِ سورت بقره جو چوٿون رڪوع نازل ٿيو. هن رڪوع جا ٻه ڀاڱا آهن. هڪڙي ڀاڱي ۾ ته آدم جي قصي جي حوالي سان يهودين کي ٻڌايو ويو آهي ته ابليس آدم تي پنهنجي برتري ظاهر ڪئي ۽ هٺ ۽ وڏائي جي ڪري آدم کي سجدو نه ڪيو، انهيءَ ڳالهه تان هو خدائي درٻار مان تڙي ڪڍيو ويو. انهيءَ ڪري يهودين کي گھرجي ته اهي پنهنجي قوم کي الله جي پسنديده ۽ لاڏلي سمجھندي هٺ ۽ وڏائي نه ڪن ته جيئن اهي به ابليس وانگر الله تعالى جي نظرن ۾ ڪري نه پون. انهن کي سمجھڻ گھرجي ته سڀئي انسان هڪجهڙا آهن ۽ اهي پاڻ به انسان هئڻ جي حيثيت ۾ سڀني انسانن جي برابر آهن، انهن کان مٿانهان نه آهن.
    ٻئي حصي ۾ هبوط آدم (آدم کي زمين تي لاهڻ) جو ذڪر آهي. جنت ۾ هر طرح جو سک ۽ آرام موجود هو. جتي گھرن پيا جنت جا ميوا کائن پيا، پر شيطان کيس منع ڪيل وڻ جو ميوو (هٺ ۽ وڏائي) آدم کي سيکاري جنهن جي نتيجي ۾ الله تعالى آدم ۽ ان جي سنگتين کي جنت مان ڪڍي ڪري زمين تي اڇلائي ڦٽو ڪيو، جتي کيس محنت ڪري پيٽ پالڻو پوندو ۽ هو ڏکن ۾ رهندو. آدم ۽ ان جو اولاد هڪٻئي جو دشمن بڻجي ويا ۽ آدم جي اولاد جي پاڻ ۾ انهيءَ دشمنيءَ کي قرآن ڪريم ”بعضکم لبعض عدو“ چيو آهي ۽ بهشت مان انهن کي ڪڍي ڇڏيو.
    آدم جو قصو:
    اها ڳالهه چڱيءَ طرح سمجھڻ گھرجي ته قرآن ڪريم آدم جي قصي کي جنهن انداز سان پيش ڪيو آهي، انهيءَ کي جيڪڏهن تاريخ جي آئيني ۾ ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته شروع ۾ انساني قبيلا خوراڪ جي ڳولا ۾ هِتي هُتي رلندا رهندا هئا ۽ ٻيلن مان ميوا، ڀاڄيون ۽ جانورن جو شڪار ڪري ۽ دريائن مان مڇين ۽ ٻين پاڻي وارن پکين کي پڪڙي پنهنجو پيٽ گذر ڪندا هئا. انهن ٻيلن ۽ دريائن تي ڪنهن به قبيلي جا مالڪاڻا حق نه هوندا هئا. اهي پيداواري وسيلا سڀني لاءِ کليل هوندا هئا. قرآن جي لفظن ”رغداً حيث شئتما“ (جتان وڻيو اتان بنا روڪ ٽوڪ جي کائو پيئو) منجهان اها ڳالهه چٽيءَ طرح معلوم ٿئي ٿي.
    ڪجهه قبيلن کي دجله ۽ فرات جي ماٿري ۾ پاڻمرادو ڦُٽل ڪڻڪ جا ٻوڙا ملي ويا. انهن کي تجربي مان ڄاڻ ملي ته گوشت ۽ ميوا ته ڪجھه ڏينهن کان پوءِ ڳري يا سڙي وڃن ٿا ۽ کائڻ جهڙا نٿا رهن، پر ڪڻڪ جا داڻا سال تائين پيو رهڻ باوجود به خراب نٿا ٿين. اهڙي قسم جي سمجھه اصل ۾ عورتن حاصل ڪئي هئي جيڪي مردن جي شڪار تي هليو وڃڻ کان پوءِ ٻيلن ۽ ٻنين مان خوراڪ حاصل ڪرڻ لاءِ رلنديون رهنديون هيون. عورتن ئي سڀ کان پهريان ڪڻڪ جي پوکيءَ جو طريقو ڄاڻي ورتو هو. ڪڻڪه جي ملي پوڻ سان خوراڪ جو مسئلو حل ٿي ويو. روزيءَ جي ڳولا ۾ ڀٽڪندڙ قبيلن دجله، فرات، سنڌو ۽ نيل ندين جي ڪنارن تي رهائش اختيار ڪري ورتي. اتان کان ئي تهذيب جي شروعات ٿي. يعني هاڻي شڪار وارو زمانو پورو ٿي ويو ۽ زراعت وارو دؤر شروع ٿيو.
    قرآن ڪريم جڏهن هبوط آدم (آدم کي بهشت مان ڪڍي زمين تي موڪلڻ) جو سبب ابليس ۽ آدم جي پنهنجو پاڻ ۾ دشمني ٻڌايو ته، اهو سماجي ارتقا جو اهو زمانو آهي جڏهن انسان پوکيءَ جي لاءِ وڌ کان وڌ زمين حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ ۾ وڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. ٿورڙن هوشيار ۽ طاقتور ماڻهن ۽ قبيلن ٻين کان زمينون کسي ورتيون. قرآن انهيءَ حالت کي آدم جي ٻن پٽن هابيل ۽ قابيل جي علامتي قصي ۾ بيان ڪيو آهي. آدم پنهنجي پٽن کي چيو ته توهان قربانگاهه ۾ پنهنجو پنهنجو نذرانو پيش ڪريو. جنهن جو نذر قبول پوندو سو صحيح آهي، اهڙي طرح توهان جو پاڻ ۾ جھيڙو ختم ٿي ويندو. هابيل هڪڙي ڏاچي يا ڪو شڪاري جانور ڪاهي آيو، جڏهن ته قابيل اَنُ کڻي آيو. هابيل جي ڏاچي شڪار واري زماني جي علامت هئي ۽ قابيل جو اَنُ زراعت واري دؤر جي نشاني هو. هابيل جو نذر قبول پيو، پر قابيل الله تعالى جي فيصلي کي نه مڃيو ۽ هابيل کي قتل ڪري ان جي زال ۽ مال ملڪيت تي ڏاڍائيءَ سان قبضو ڪري ورتو. انهيءَ جو مطلب اهو هيو ته شڪار وارو زمانو ختم ٿي ويو، هاڻي زراعت وارو زمانو شروع ٿي ويو هو. شڪار واري زماني ۾ ٻيلا ۽ درياءَ خوراڪ حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو هئا ۽ انهن تي ڪنهن به قبيلي جو ذاتي قبضو يا ملڪيت جي دعوى نه هئي. هر ماڻهو ۽ قبيلو آزاديءَ سان خوراڪ حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري سگھندو هو، پر زراعت واري دؤر ۾ اچڻ کان پوءِ انساني معاشري جي صورتحال تبديل ٿي وئي. جيڪو ماڻهو زمين جي جنهن به ٽڪري تي پوکي ڪندو هو، تنهن زمين ۽ ان جي اپت جو مالڪ به هوندو هو. اتان کان ئي پيداواري وسيلن تي، جنهن جو اهم ذريعو زمين هئي، ماڻهن جي ذاتي قبضي ۽ ملڪيت جو دؤر شروع ٿي ويو. طاقتور ۽ هوشيار ماڻهن ۽ قبيلن ڪمزور ۽ اٻوجھه ماڻهن ۽ قبيلن کان زمينون کسي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ شروع ڪيون. هن دؤر ۾ هڪڙو ٻيو غير انساني ادارو قائم ٿي ويو، جنهن کي غلاميءَ وارو ادارو سڏيو وڃي ٿو.
    شڪار واري زماني ۾ قبيلن جي پاڻ ۾ دشمني يا جنگ جي ڪري جيڪي قيدي حاصل ٿيندا هئا، تن کي خوراڪ جي کوٽ جي ڪري يا ته ماريو ويندو هو وري بک جي وقت انهن کي ڪُهي کاڌو ويندو هو. پر هاڻي ان جي ملي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ جي ضرورت نه رهي ۽ قيدين کان ڪم وٺڻ شروع ڪيو ويو. اهي غلام پوکي ڪري ڏيندا هئا يا وري وڏا وڏا محلات ۽ عبادتگاهه اڏي ڏيندا هئا. مصر جا اهرام ۽ ديوارِ چين جهڙن عجوبن جي اڏاوت جو ڪم به غلامي کان ئي ورتو ويو.
    غلام جي ڪابه انساني حيثيت نه هئي. ان کي مالڪ جي ملڪيت ۽ ٻين عام شين وانگر هڪڙو وکر ئي سمجھيو ويندو هو. ان کي قتل ڪري سگھبو هو، وڪڻي سگھبو هو، ان کان سخت محنت ۽ پورهئي وارو ڪم وٺي سگھبو هو ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ اذيتون ڏئي سگھبيون هيون. انساني تهذيب ۽ تمدن سان گڏوگڏ غلاميءَ جو ادارو به پنهنجون پاڙون هڻندو ۽ وڌندو ويجھندو رهيو. مال ملڪيت ۽ شان شوڪت رکڻ وارن ماڻهن پنهنجي اقتدار ۽ دولت ۾ واڌاري جي لاءِ وڌ کان وڌ غلام حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنگيون شروع ڪري ڏنيون. انهن جنگين ۾ به غلامن جي ئي فوج کي اڳتي ڪيو ويندو هو. اسلام جي ظاهر ٿيڻ تائين سڀني قومن ۾ غلامي جو رواج هلندو رهيو هو. اسلام انهيءَ اداري کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته غلام کان فديو وٺي ڪري (جيتري رقم ان سان طئي ٿي وڃي) يا ان تي احسان ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏيو. حضرت عمرؒ ارادو ڪيو هو ته غلاميءَ کي ختم ڪيو وڃي پر کين قتل ڪيو ويو ۽ انقلاب جي دشمن قوتن خلافت جي نبوت واري طريقي جي بدران بادشاهت واري طريقي تي خلافت کي قائم ڪري ڇڏيو جنهن جو مرڪز مديني جي بدران دمشق کي بڻايو ويو. غلاميءَ واري انهيءَ اداري کي ختم ڪرڻ جي سعادت آمريڪا جي صدر ابراهيم لنڪن کي حاصل ٿي جنهن ڏکڻ آمريڪا سان چئن سالن تائين جنگ ڪري انهيءَ کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ آخر ۾ پنهنجي جان کي به جوکي ۾ وجھي ڇڏيو.
    اين سعادت بزور بازو نيست
    تانه بخشد خدائے بخشدہ
    ھابيل کي قابيل ماري ڇڏيو ۽ اتان کان تاريخ جو جيڪو زمانو شروع ٿيو سو قابيل جو زمانو هو ۽ اهو ئي غلاميءَ وارو زمانو اڄ تائين هلندو پيو اچي. انهيءَ زماني ۾ انسان ٻن ٽولن ۾ ورهائجي ويو؛ يعني مالڪ ۽ غلام، جاگيردار ۽ ڪڙمي، ڪارخانيدار ۽ مزدور انهيءَ طبقاتي ڇڪتاڻ آدم جي بهشت کي بيڪار ڪري ڇڏيو. هاڻي قرآن چيو ته اسان جا نبي سڳورا توهان وٽ ايندا، پوءِ جيڪو انهن جي پيروي ڪندو سو هر قسم جي خوف ۽ ڳڻتي مان ڇوٽڪارو ماڻيندو. سورت قريش خوف کي امن جو ضد سڏيو ۽ ڳڻتي کي بک جي معنى ۾ سڏيو آهي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته هن زمين واري جنت مان اسان کي انهيءَ شڪل ۾ ميوو مليو جو ان ۾ خوف، ويڙهه جھيڙو، خون خرابو، رهزني، چوري جهڙين بڇڙاين سان گڏوگڏ ڏاڍن تي هيڻن جو غلبو هو. انهي جي اندر خوف سبب انسان جي سڄي جي سڄي تاريخ رتورت لڳي پئي آهي. ڳڻتي، بک، جهالت، غربت، محڪومي ۽ ٻيون اخلاقي خرابيون ان کانسواءِ آهن جيڪي خوف جو آخري نتيجو آهن. سموري انساني تاريخ تي قابيل ڇانيل آهي. جيستائين پيداواري وسيلن (جهڙوڪه زمين، مشين، کاڻيون، پئٽرول جا ذخيرا وغيره) تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي ذاتي ملڪيت ۽ ٺيڪيداري ختم نٿي ٿئي ۽ اهي پيداواري وسيلا مزدور ۽ عوام جي قبضي ۾ نٿا اچن، تيستائين تاريخ هابيل جي شرافت، امن، محبت، قومي جذبي ۽ انساني ڀائپي جي ترجمان هئڻ بدران قابيل جي ارهه زورائين ۽ ڏاڍائين جي قصن کان وڌيڪ ڪا اهميت حاصل نه ڪري سگھندي. اسان جي دؤر ۾ سائنسي تحقيق سان هاڻي اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته دولت جي جھجھائي اصل ۾ مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي.
    پيداواري وسيلن تي ڪن ٿورڙن ماڻهن جي قبضي ٿي وڃڻ جي ڪري مزدورن جي هڪ وڏي طبقي، يعني ڪڙمي ۽ مزدوروٽ پنهنجي گذر سفر جي لاءِ رڳو هڪڙي شيءِ آهي ۽ اها هيءَ آهي ته ان جي محنت جي اپت جو هڪ وڏو ڀاڱو پيداواري وسيلن تي قبضو ڪري ويٺل ٽولو پاڻ کڻي وڃي ٿو ۽ کيس مزوريءَ جي شڪل ۾ ڪي ٿورڙا سڪا ڏئي ڇڏي ڏئي ٿو ته جيئن هو جيئرو رهي ڪري انهيءَ جي دولت ۾ واڌاري جي لاءِ اڃا به محنت ڪندو رهي.
    قرآن ٻڌايو آهي ته قابيل تاريخ ۾ ٽن شڪلين؛ فرعون (حڪمران)، قارون (سرمائيدار) ۽ بلعم باعور يا هامان (مذهبي پيشوا) ۾ وري وري ظاهر ٿئي ٿو.
    قرآن تمام ئي چٽيءَ طرح ٻڌائي ڇڏيو آهي
    ” ھُوَالَّذِىْ خَلَقَ لَكُمْ مَّا فِى الْاَرْضِ جَمِيْعًا ۝۰ۤ “
    ”زمين ۽ ان جو سڀئي پيداواري شيون سڀني انسانن جي لاءِ خلقيون ويون آهن.“ (البقره: 29)
    ”کم“ جي ضمير ۾ سڀئي انسان شامل آهن ۽ اهي انهن وسيلن مان استفادو حاصل ڪرڻ جا حقدار آهن. انهن وسيلن تي قبضو ڪري گھڻن کي محروم ڪرڻ وارا قرآن جي نظرن ۾ ”انداد“، ”خناس“ ۽ ”طاغوت“ آهن. مسلمان عالمن بادشاهيت جي اثر ۾ اچي انهيءَ طبقي جي حق ۾ فتوى ڏئي ڇڏي ۽ قرآن جي مرضيءَ جي خلاف گھڻائيءَ کي محروم ڪري ڇڏيو. پوءِ انهيءَ محرومي ۽ غربت جي ڪري ئي عوام خدائي قرب کي عبادت ۽ ٻانهپ جي ذريعي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويو جيڪو انهن جي زندگيءَ جو اصل مقصد هو. شاهه ولي الله پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”حجة الله البالغه“ ۾ لکيو آهي ته بادشاهه، اشراف ۽ مير وڏيرا پنهنجي عيش آرام واري ساز سامان جي ڏيک ويک لاءِ عوام کان ايترو ته پورهيو ڪرائن ٿا جو اهي گڏهن ۽ ڍڳن ڍورن جي سطح تي اچي وڃن ٿا. ائين اهي انساني مرتبي ۽ آخرت جي اعلى علمن ڏانهن ڌيان ڏيڻ کان محروم ٿي وڃن ٿا. ڊاڪٽر خليفو عبدالحڪيم پنهنجي ڪتاب ڪميونزم ۽ اسلام (جيڪو انگريزي ۾ آهي) ۾ هڪ حديث جو حوالو ڏنو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اميرن جي عيش عشرت جو سمورو سامان مزدور جي محنت جي استحصال جو نتيجو آهي.
    قرآن اهو به ٻڌايو آهي ته نبين سڳورن کي تڪليفون ڏيڻ ۽ قتل ڪرڻ وارو اهو ئي مالدارن ۽ سکن ۾ پليلن جو ٽولو آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به ٻڌايو آهي ته ڪنهن به معاشري ۾ موجود سموريون برايون ۽ بڇڙائيون مالدار طبقي جي ڏاڍ ۽ استحصالي عملن جو نتجيو آهن. جيستائين پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ نٿا اچن، قتل، ڦر مار، عصمت فروشي ۽ عصمت جي پائمالي جا واقعا ٿيندا رهندا. نبين سڳورن کان پوءِ سائنسي تحقيق جي بنياد تي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو روس واري انقلاب جي نتيجي ۾ هڪڙي اشتراڪي (گڏيل ۽ عوامي) رياست جڙي هئي، پر مذهب جي بلڪل ئي رد ڪرڻ جي ڪري اها تباهه ٿي وئي. ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم مديني جي خلافت کي اشتراڪي جمهوريت سڏيو هو. پر انهيءَ کي به انقلاب جي دشمن قوتن ختم ڪري ڇڏيو ۽ انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهت قائم ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪري ئي اقبال چيو هو ته مسلمان رڳو ٽيهن سالن تائين انهيءَ جمهوريت کي قائم رکي سگھيا ۽ پاڪستان کي حاصل ڪرڻ جو مقصد اهو ٻڌايو هو ته اسلام تي عربي بادشاهت جي چڙهيل کوپي کي ٽوڙيو وڃي، ته جيئن حقيقي اسلام سامهون اچي سگھي، جيڪو نه رڳو نبوي مرضيءَ موجب هوندو پر اهو موجوده دؤر جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهليت به رکندڙ هوندو. پر پاڪستان ۾ جاگيردارن ۽ ڪنهن حد تائين ڪارخانيدار طبقي اقتدار تي قبضو ڪري عربي بادشاهت واري کوپي کي اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو ته جيئن حقيقي اسلام ڪڏهن به پنهنجي صورت ڏيکاري نه سگھي ۽ انهن جي جاگيرداري ۽ ڪارخانيداري قائم رهي ۽ محنت جو استحصال جاري رهي. افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اڻ ڳڻين قرآني تفسيرن ۾ ”محنت جي استحصال“ جو ڪٿي به ذڪر نه آهي. ائين ٿو ڏسجي ته مفسرن وٽ محنت جو استحصال ڪو جرم ئي ناهي، اڃا به اها ڪا فطري ڳالهه آهي. ائين ئي ارسطو به غلاميءَ کي فطري سڏيو هو.
    بهرحال، آدم جي قصي ۾ طبقاتي نوعيت جي تشريح کانسواءِ انهيءَ جي معاشرتي اهميت ختم ٿي وڃي ٿي. عيسائي ۽ مسلمان عالمن انهيءَ قصي کي رڳو هڪڙو افسانو بڻائي ڇڏيو آهي ۽ آدم جو مطلب آدم جو اولاد نه سمجھيو ويو. جنت کي آسمان تي موجود ڪو باغيچو ۽ خوشين جو گھر سمجھيو ويو جتان الله تعالى آدم کي زمين ڏانهن لاهي ڦٽو ڪيو هو. انهيءَ قصي کي تاريخ جي عمل کان جدا ڪري مطالعو ڪرڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو حضرت عيسى جو فرمائڻ ته هو الله تعالى جي بادشاهت کي قائم ڪرڻ جي لاءِ موڪليو ويو آهي، جنهن ۾ مالدارن جو ڪوبه عمل دخل نه هوندو پوءِ ڀلي سئي جي پاکڙي مان اٺ ئي ڇونه گذري وڃي، ته انهيءَ جي معنويت نظرانداز ٿي وئي. انهيءَ جو مطلب اهو ٿيو ته الله تعالى جي بادشاهت ۾ پيداواري وسيلا عوام جي ملڪيت ۾ آهن جن جي لاءِ الله تعالى انهن وسيلن کي پيدا ڪيو آهي.
    آدم جي قصي جي غلط تعبير ۽ تفسير جي ڪري سڀئي مذهب، ويندي اسلام جي شڪل صورت به بگڙجي وئي آهي. پر مالدار طبقي وٽ مزدور جي محنت جي استحصال جي جواز لاءِ هڪڙو دليل اچي ويو آهي. انهيءَ دليل جي هوندي پيداواري وسيلن تي قابض طبقو پنهنجي ملڪيت ۽ دولت جي جھجھائي جو جواز به پيدا ڪري ٿو ۽ ان کي تحفظ به ڏئي ٿو.
    مالدار طبقي رياست ۽ ان جي ادارن کي پنهنجي ملڪيت ۽ دولت جي تحفظ جي لاءِ قائم ڪيو هو، انهيءَ ڪري ئي اهي ادارا (جهڙوڪه فوج، پوليس، ڪامورا شاهي ۽ حڪومت) اڄ تائين رڳو انهيءَ دولت ۽ ملڪيت جي حفاظت جو ئي ڪم ڏئي رهيا آهن.
    ڊاڪٽر علي شريعتي چيو آهي ته قرآن سمجھڻ جي لاءِ آدم جي قصي ۽ هابيل ۽ قابيل جي قصي کي صحيح طور تي سمجھڻ تمام ئي ضروري آهي، انهيءَ ڪري مون هتي انهن ٻنهي جي مختصر تشريح ڪري ڇڏي آهي.
    (2) سورت البقره رڪوع 5، 6 ۽ 7، تورات:
    اي بني اسريل، انهيءَ نعمت کي ياد ڪريو جيڪا مون توهان کي ڏني. توريت تي عمل ڪريو ته الله تعالى پنهنجي واعدي موجب توهان کي غلاميءَ جي خواريءَ مان ڪڍي وٺندو. توريت ۾ پنهنجي خواهشن جي ڳالهين کي نه ملايو. صبر ۽ نماز سان مدد حاصل ڪريو.
    الله تعالى توهان کي فرعون جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياريو. موسىؑ کي الله تعالى جي طرف کان اهو ئي حڪم هو ته الله تعالى جي ٻانهپ اختيار ڪريو ۽ انسان (فرعون) جي ٻانهپ نه ڪريو. توهان کي دنيا جي قومن تي فضيلت ڏنائين، توهان کي سمنڊ (نيل درياءَ) چيري پار اڪاريائين ۽ فرعون ۽ ان جي لشڪر کي ٻوڙي ڇڏيائين. اسان موسىؑ کي ڪتاب ڏنو ته جيئن توهان هدايت واري واٽ وٺي هلو. توهان کي من ۽ سلوى عطا ڪيوسون، پوءِ اسان توهان کي چيو ته هن وسندي ۾ جتان وڻيو اتان کائو، پر توهان پوءِ به نافرماني ڪئي. توهان جي هر ڪنهن قبيلي جي لاءِ پٿر منجھان پاڻي جا چشما ڪڍيا سون. اسان حڪم ڏنو هو ته جيڪو به ڪو نبي يا سڌارڪ اچي، ان جي ڳالهين تي عمل ڪجو، پر توهان الٽو انهن کي ڪُهڻ شروع. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو توهان وري وري غلاميءَ جي خواريءَ ۾ ڦاسي پيا ۽ غلاميءَ جو نتيجو خواري، غربت ۽ مسڪيني هوندو آهي. اهو ئي الله تعالى جو ڏمر آهي.
    (3) سورت البقره رڪوع 8، اسلام جي عالمگير تعليم:
    هن رڪوع ۾ اسلام جي عالمگير تعليم جو ذڪر آهي ته جيئن يهودي پنهنجي اصلاح ڪري وٺن.
    ڀلي ڪوبه يهودي هجي يا عيسائي، صابي (آريائي) هجي يا رسول عربيﷺ کي مڃيندڙ هجي، اهي سڀئي جيڪڏهن الله تعالى تي ايمان رکندڙ آهن ۽ آخرت جي ڏينهن کي به مڃين ٿا ۽ نيڪيءَ وارا عمل ڪن ٿا ته انهن جو پالڻهار انهن کي ضرور بدلو ڏيندو ۽ اهي خوف ۽ ڳڻتي مان ڇوٽڪارو ماڻيندا.
    يهوديو! توهان گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني. مصر ۾ غلاميءَ واري زندگي توهان کي نه رڳو فرعون پر عزيرؑ جي پوڄا به سيکاري ڇڏي هئي. توهان ڳئون کي به اجاين بحثن ۽ ٽال مٽول کان پوءِ وڃي ڪٺو هو.
    محمدي حڪومت جو يهودين سان معاهدو (ميثاقِ مدينه):
    يهودين قرآن جي انهيءَ تنقيد جي مخالفت نه ڪئي، اڃا به جڏهن ڏٺو ته اوس ۽ خزرج وارن جي پاڻ ۾ ويڙهه جھيڙو ختم ٿي ويو آهي ته انهن به رسول الله ﷺ جن سان دوستيءَ لاءِ خواهش ظاهر ڪئي ۽ هڪڙو معاهدو تيار ٿي ويو. انهيءَ معاهدي جو آخري فقرو تمام ئي اهم آهي، جنهن مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ اهڙي امت (Nation) جا قاضي، حڪم ۽ امير سڏيا ويا جنهن ۾ خدا پرست مسلمان ۽ خدا پرست يهودي دفاعي مقصد جي لاءِ گڏجي پيا هئا. انهيءَ معاهدي کي مديني جي اوسي پاسي ۾ رهندڙ قبيلن سان به لاڳو ڪيو ويو ته اهي سڀئي هڪڙي سياسي مقصد جي لاءِ هڪڙي امت بڻجي پيا.
    معاهدي جو تَتُ:
    1. مهاجر ۽ انصاري ۽ انهن سان گڏجي جهاد ڪندڙ سڀئي ماڻهو هڪڙي متحد امت آهن.
    2. بني عوف جا يهودي به مؤمنن سان گڏجي هڪڙي امت بڻجي پيا. يهودين کي مڪمل مذهبي آزادي هوندي. (ته پنهنجي دين تي توريت جي روشنيءَ ۾ عمل ڪن).
    3. هن معاهدي ۾ شامل قبيلي سان جيڪڏهن ڪو جنگ ڪندو ته سڀئي قبيلا هڪ ٻئي جي مدد ڪندا ۽ هڪٻئي جي خراب ۽ بڇڙائين ۾ مدد نه ڪندا. معاهدي ۾ شامل قبيلن مان ڪوبه هڪ ٻئي جي مخالفت نه ڪندو.
    4. انفاق يعني جيستائين ڪا به جنگ جاري رهندي، جنگي خرچن ۾ ٻئي برابر جا شريڪ هوندا.
    5. خون بها ۽ فديي جو طريقو جيڪو پهريان کان هلندڙ هو، اڳتي به ساڳيو ئي رهندو.
    6. معاهدي ۾ شامل هر هڪ ڌر جو اهو فرض هوندو ته اها مظلومن جي مدد ڪندي (وانّ النصر للمظلوم) ۽ معاهدي ۾ شامل ڌرين جي مددگارن کي به پاڻ وانگر سمجھندو.(ان الجار کالنفس غير مضار ولاثم) . باقي ڪابه ڌر قريش کي پناهه نه ڏيندي.
    7. معاهدي ۾ شامل ڌرين تي يثرب (مديني) ۾ ڪنهن جو خون وهائڻ ۽ ڦر مار حرام هوندي.
    8. جيڪڏهن معاهدي ۾ شامل ڌرين ۾ ڪنهن ڳالهه تي جھيڙو ٿي پوي ۽ ڳالهه چڙهي وڃي ۽ فساد جو خطرو پيدا ٿي پوي ته انهيءَ جو فيصلو الله تعالى جي حڪم موجب محمد رسول الله ﷺ ڪندا. (فردوه الي الله و الرسول)
    ميثاقِ مدينه هڪ اهڙي پيڙهه هئي جنهن تي مختلف مذهبن جا پيروڪار پاڻ ۾ گڏجي هڪ عالمي حڪومت قائم ڪري سگھن ٿا. يورپ وارن ته متحد انسانيت جي جوڙجڪ مان مذهب کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري ڇڏيو، پر اهي انهيءَ هوندي به ڪامياب نه ٿي سگھيا، ڇو ته مذهبن جي گروهه بندي ۽ نئين شڪل ڏيڻ جي ڪري پيدا ٿيندڙ اختلافن انساني اتحاد جي امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو. پر اسان ڏسون ٿا ته مديني واري ميثاق ۾ مذهبي اختلاف سان ڪابه ڇيڙ ڇاڙ نه ڪئي وئي، اڃا به ان کي جيئن جو تيئن قائم رکندي امن، محبت ۽ ڀائيبندي وارن مقصدن تي گڏجي پوڻ لاءِ اتساهيو ويو. مسلمانن پنهنجي سڄي تاريخ ۾ مديني واري ميثاق جي مثال مان تمام ئي گھٽ فائدو ورتو. عالمي حڪومت ۽ انساني وحدت جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪوشش نه ڪئي وئي، جڏهن ته اهو ئي ختم نبوت جو مقصد هو.
    مشرڪ قبيلن سان معاهدا:
    رسول الله ﷺ جن پاڻ هلي وڃي بنو خمره وارن سان دفاعي معاهدو ڪري ورتو ۽ 2 هجري جي جمادي الثاني ۾ بنو مدلج وارن سان به اهڙي ئي قسم جو معاهدو ڪري ورتو. اهي معاهدا قريشن جي واپار تي ڪاپاري ڌڪ هئا، ڇو ته انهن جا واپاري قافلا انهن ئي قبيلن وٽان لنگھي شام ڏانهن واپار لاءِ ايندا ويندا هئا. معاهدي جا شرط هي هئا:
    1. بنو خمره (بنو مدلج) وارن کي محمد رسول الله ﷺ جي طرف کان جان ۽ مال جي امان ڏني وئي ۽ جيڪڏهن ڪو به انهن تي حملو ڪندو ته انهن جي مدد ڪئي ويندي. باقي جيڪڏهن اهي ماڻهو الله تعالى جي دين جي مقابلي ۾ وڙهندا ته پوءِ اهو معاهدو ختم ٿي ويندو.
    2. نبي ڪريم ﷺ جن جڏهن به مدد لاءِ سڏيندا ته کين اچڻو پوندو.
    عاشوري جو روزو:
    جهڙي طرح رسول الله ﷺ مڪي ۾ حبشه وارن اهل ڪتاب عيسائين کي توحيد ڏانهن سڏڻ جي لاءِ رحمان کي مڃيو هو ته رحمان اسان جو خدا آهي ۽ ان جا سٺا نالا هر ڪنهن قوم جي ٻوليءَ ۾ موجود آهن، ائين ئي پاڻ ڪريمﷺ جن مديني ۾ اهل ڪتاب يهودين ڏانهن قرآني پيغام موڪلڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا ۽ ٻڌايو هو ته انهن سڀني نبين جي حڪمن (توريت) کي، جن کي يهودي سچو مڃين ٿا مان به سچو مڃيان ٿو.
    پاڻ انهيءَ تي ئي بس نه ڪيائون ته مسلمان يهودين جي قبلي بيت المقدس ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ لڳا هئا، اڃا به جڏهن پاڻ ڏٺائون ته يهودي فرعون جي غلاميءَ مان ڇوٽڪاري جي خوشيءَ ۾ عاشوري جو روزو رکن ٿا ته پاڻ به انهن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ انهيءَ ڏينهن جو روزو رکيو. اهو عاشوري جو ڏينهن 10 محرم سنه 2 هه مطابق 18 اپريل 623ع هو.
    فلسطيني يهودين جو نئون سال نيسال جي مهيني کان شروع ٿيندو هو. (خروج 2:12) اهو وقت مارچ ۽ اپريل جو وچ هوندو آهي. انهيءَ زماني ۾ يهودين جي عيد فسح 14 نيسال کان 21 نيسال تائين هوندي آهي. انهن ئي ڏينهن ۾ يهودين کي فرعون جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو مليو هو.
    روزي جو فرض ٿيڻ:
    انهيءَ عيد فسح جي ڏڻ ۾ حضرت عيسىؑ يروشلم آيو ۽ يهودين کيس سوريءَ (صليب) تي چاڙهڻ جي سازش ڪئي، پر الله تعالى کيس پاڻ ڏانهن کڻي ورتو. انهيءَ زماني ۾ عيسائي ايسٽر جو ڏينهن ملهائيندا آهن ۽ ٻيهر هميشه واري زندگيءَ جي خوشخبري ماڻهن کي ٻڌائيندا آهن.
    مسلمانن تي قبلي جي تبديليءَ کان پوءِ هن مهيني ۾ روزا فرض ڪيا ويا جنهن ۾ عيسائي مسيح ؑ جي پيدائش جا روزا رکندا هئا. اهو عيسائي مهينو ڊسمبر ۽ رمضان جو مهينو سدائين ويجھو هوندا هئا. اڃا تائين هجري چنڊ جو ميهنو جاري نه ٿيو هو. اهو نبي ڪريمﷺ جي وفات کان پوءِ جاري ٿيو.
    اهو سڀڪجهه خدا پرست يهودين ۽ عيسائين سان گڏجي خدا پرستن جي گڏيل قوت کي هٿي وٺائڻ جي هڪ ڪوشش هئي، ته جيئن بت پرست مشرڪن کي توحيد ڏانهن آماده ڪري سگھجي ۽ صحيح معنى ۾ انساني وحدت قائم ٿي سگھي.
    مديني جي منافقن سان مڪي جي مشرڪن جي ڳٺ جوڙ: جهڙي ريت حبشه جي مهاجرن کي قريشن پريشان ڪيو هو، تيئن هاڻي هنن مديني ڏانهن هجرت ڪري ويندڙن کي متحد ۽ سگھارو ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ مديني جي منافقن سان به ڳٺ جوڙ شروع ڪري ڏني.
    اوس ۽ خزرج جا ڪجھه آسودا ماڻهو مديني جا سردار ۽ بادشاهه بڻيل هئا جن جو اڳواڻ عبدالله بن ابي سلول هو. ماڻهن ان کي رسمي طرح پڳ ٻڌائڻ جون تياريون به ڪري ڇڏيون هيون، پر مسلمانن ۽ نبي ڪريم ﷺ جي مديني اچڻ سان ان جو اهو خواب اڌورو رهجي ويو. انهيءَ ڪري هو پاڻ ۽ ان جا پوئلڳ ظاهر ۾ ته مسلمان هئا، پر دل ئي دل ۾ مسلمانن ۽ اسلام لاءِ دشمني ۽ ڪيني جا جذبا رکندا هئا.
    (4) سورت البقره رڪوع 2، 4:
    سورت بقره جي ٻئي رڪوع ۾ انهن منافقن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ته اهي ماڻهو ظاهر ۾ ته الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃن ٿا پر انهن جي دلين ۾ ساڙ ۽ حسد جي بيماري آهي، انهيءَ ڪري اهي حقيقت ۾ مسلمان نه آهن.
    قريشن جي ڌمڪي:
    انهن منافقن کي قريشن لکيو ته توهان اسان جي ماڻهو کي پاڻ وٽ پناهه ڏني آهي. جيڪڏهن توهان ان کي پاڻ وٽان نيڪالي نه ڏني ته اسان توهان کي چتاءُ ٿا ڏيون ته اسان اوچتو حملو ڪري توهان جي مردن کي ماري ڇڏينداسين ۽ توهان جي زائفن کي ٻانهيون ڪري پاڻ سان وٺي وينداسين.
    رسول الله ﷺ جي تقرير:
    قريشن جي ڌمڪين کي ليکي ۾ آڻيندي منافقن هڪڙي گڏجاڻي ڪئي جنهن جي رسول الله ﷺ کي خبر پئجي وئي. پاڻ ڪريم ﷺ انهن کي فرمايو ته توهان جي مٽن مائٽن جي وڏي ٽولي مسلمان ٿي وئي آهي، انهيءَ ڪري مسلمانن کي مارڻ جو مطلب اهو ٿيو ته توهان پنهنجن ئي مٽن مائٽن کي ماريندؤ. جيڪڏهن قريشن حملو ڪيو به ته مهاجر ۽ انصاري توهان جو ساٿ ڏيندا ۽ اسان جو ميثاق قائم رهندو. اهو ٻڌي سڀئي ماڻهو ٽڙي پکڙي ويا ۽ عبدالله بن ابي نامراد ٿيو.
    عياش جو اغوا ٿي وڃڻ:
    ابوجهل پنهنجي ويڳي ڀاءُ عياش کي هُشي ڏئي پاڻ سان گڏ مڪي وڃڻ تي آماده ڪري ورتو. رستي ۾ ان جا هٿ پير ٻڌائين ۽ مڪي ۾ وٺي وڃي قيد ڪري ڇڏيائينس. انهيءَ مان معلوم ٿيو ته مڪي جا مشرڪ بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي مديني ۾ ايندا هئا ۽ لچائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ڇو جو مهاجر اڃا ڪمزور هئا جڏهن ته ٻئي پاسي انصارن سان جيڪا بيعت ٿيل هئي سا مديني جي حدن اندر حفاظت جي لاءِ هئي.
    رسول الله ﷺ امير العالمين جي حيثيت ۾:
    انهيءَ زماني ۾ حضرت سعد بن زراره گذاري ويو. انهيءَ ماڻهو سڀ کان پهرين عقبه ۾ بيعت ڪئي هئي ۽ هن ئي مديني ۾ جمعي جي نماز قائم ڪئي هئي. پاڻ بنو نجار قبيلي مان هو ۽ رشتي ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جو مامو هو. ان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اهو بحث شروع ٿيو ته هاڻي قبيلي جو سردار ڪير ٿيندو؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن انهيءَ جھيڙي کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ئي قبيلي جا سردار بڻجي ويا جنهن تي سڀئي هڪ ٿي ويا. هاڻي پاڻ نه رڳو مهاجرن، پر انصارن جا به سردار بڻجي پيا هئا ۽ يهودين سان معاهدي جي لحاظ کان سڀني قومن جا سردار يعني امير العالمين بڻجي ويا.
    طالوت جي قصي ۾ خوني ويڙه جو ذڪر:
    مديني ۾ ڳجھي طرح سان مدافعتي ڪارروايون شروع ڪيون ويون هيون. پاڻ ڪريمﷺ کي خبر هئي ته قريش، انصاري ۽ يهودي سڀئي واپاري قسم جا ماڻهو آهن، اهي ڪنهن وڏي پئماني جي جنگ ۽ انهن جي اصولن کان اڻڄاڻ آهن. انهيءَ ڪري پاڻ مهاجرن کي ننڍين ننڍين جماعتن جي شڪل ۾ جنگي مشقون ڪرائڻ جو ارادو ڪيائون ۽ ڀلائي انهيءَ ۾ سمجھي وئي ته هينئر خوني ويڙهه جو حڪم نه ڏنو وڃي. سورت الحج جي آيت ” اُذِنَ لِلَّذِيْنَ يُقٰتَلُوْنَ بِاَنَّہُمْ ظُلِمُوْا۝۰ۭ “ ۽ بقره جي 24 رڪوع جي آيت ” وَقَاتِلُوْا فِيْ سَبِيْلِ اللہِ “ خوني ويڙهه بابت پهرين آيت نه آهي. اهڙي طرح سورت توبه جي اٺين رڪوع جي آيت ” اَلَا تُقَاتِلُوْنَ قَوْمًا نَّكَثُوْٓا اَيْمَانَہُمْ “ به خوني ويڙهه بابت پهرين آيت نٿي ٿي سگھي.
    انهيءَ باري ۾ ذهني تربيت جي لاءِ قرآن ڪريم طالوت ۽ جالوت جي قصي ۾ خوني ويڙهه جو ذڪر ڪيو. مهاجرن کي ٻڌايو ويو ته هن کان اڳ به بني اسرائيل جي ماڻهن کي سندن وطن مان لوڌيو ويو هو. پر جيستائين اهي ويڙهه ۽ موت کان ڊڄندا رهيا، ڪجهه به ڪري نه سگھيا. تنهن ڪري الله تعالى هڪڙي غريب، پر بهادر ماڻهو طالوت کي انهن جو سردار مقرر ڪري ڇڏيو. علم، عقلمندي ۽ بهادري، جيڪي دولت کان وڌيڪ ڀليون وٿون هونديون آهن، سي الله تعالى طالوت کي عطا ڪيون هيون. هن بک اڃ تي ميلن جا ميل پنڌ ڪري پنهنجي جنگي اهليت کي ثابت ڪري ڇڏيو. آخر ڪار ائين هن تابوتِ سڪينه حاصل ڪري ورتو.
    انهيءَ قصي سان ثابت ڪيو ويو آهي ته رسول الله ﷺ کان وڌيڪ ڪنهن به ماڻهوءَ ۾ سردار بڻجڻ جي صلاحيت نه آهي ۽ نه ئي ڪو ٻيو گم ٿي ويل تابوت (مڪي) کي هٿ ڪري سگھي ٿو. انهيءَ ڪري هتي دولت جي نه پر عقل ۽ علم جي ضرورت هوندي آهي.
    هن قصي ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته صبر ۽ ثابت قدمي سان مٺ جيترا ماڻهو به ماڻهن جي ڪنهن وڏي لشڪر تي سوڀارا ٿي ويندا آهن. (كَمْ مِّنْ فِئَۃٍ قَلِيْلَۃٍ غَلَبَتْ فِئَۃً كَثِيْرَۃًۢ بِـاِذْنِ اللہِ۝۰ۭ وَاللہُ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ) ڪڏهن ڪڏهن ڪا ننڍڙي ٽولي ڪنهن وڏي لشڪر تي سوڀاري ٿي ويندي آهي (اهو سڀ ڪجهه) الله تعالى جي حڪم سان ٿيندو آهي ۽ الله تعالى صبر وارن (۽ همت کان ڪم وٺندڙن) سان گڏ آهي.
    مطلب ته مرده قومون بهادري ۽ جاني توڙي مالي جهاد سان ئي جيئريون ٿي سگھن ٿيون. اهو صبر ۽ بهادري ئي الله جون فوجون آهن. هاڻي رسول اللهﷺ قريش جي واپاري گھٽن گھيرن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ جٿا موڪلڻ شروع ڪيا. انهن جٿن جي اڳواڻي بنو هاشم ۽ بنو مطلب وارن وٽ هوندي هئي. انهن جٿن مان، جن ۾ نبي ڪريم ﷺ جن پنهنجو پاڻ شامل ٿيندا هئا، ان کي غزوه سڏيو ويندو هو ۽ جنهن ۾ ٻيو ڪنهن کي اڳواڻي ڏيندا هئا ته ان کي سريو سڏيو ويندو هو. اها جنگي مشق ڪرائڻ جو هڪڙو طريقو هو، ڇو ته انهن مهمن جو مقصد ڪنهن به قسم جي خوني ويڙهه نه هوندو هو؛ انهن جي نوعيت دفاعي هوندي هئي.
    جنگ جو قديم طريقو:
    اڄوڪي دؤر ۾ جنگيون مهينن، اڃا به سالن تائين جاري رهن ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ قومون تباهه ٿي وڃن ٿيون. ڪي ته جنگ کان پوءِ سخت مالي بحران جي ڪري به ختم ٿي وڃن ٿيون. جنگ جو قديم طريقو جديد جنگ جي طريقي کان بلڪل جدا هو.
    قديم زماني ۾ ڪنهن کليل ميدان تي رڳو هڪڙو ڏينهن ويڙهه هلندي هئي ۽ شام تائين انهيءَ جو فيصلو ٿي ويندو هو. جيڪي ماڻهو هار مڃڻ جي لاءِ تيار نه هوندا هئا سي قلعي ۾ ويهي مهينن تائين پيا وڙهندا هئا. پر اها ويڙهه شهرن ۾ ٿيندي هئي، ڳوٺن ۾ نه ٿيندي هئي. يا وري شهري ديوتائن جي نالن تي ويڙهه ٿيندي هئي.
    عربن جو به اهو ئي اصول هو. گھوڙي تي سوار ٿي نيزن ۽ تلوارن سان وڙهندا هئا. پيادل فوجي پهريان تير چٽيندا هئا جنهن کان پوءِ ٻنهي فوجن ۾ هڪٻئي سان خوني ويڙهه شروع ٿي ويندي هئي. انهيءَ ۾ زرهون به پهريون وينديون هيون، هر سپاهي پنهنجو جنگي سامان ۽ کاڌو خوراڪ پاڻ سان گڏ کڻي هلندو هو. دشمن کان ڦريل مال ۽ قيد ڪيل غلامن کي به پاڻ ئي سنڀالڻو پوندو هو. غنيمت جي مال ۽ غلامن جو چوٿون حصو فوج جي سردار کي ملندو هو.
    اهڙي ويڙهه ۾ جيڪڏهن ڪي ٿورڙا پر چڱي سکيا ورتل ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي سان ۽ موت جي اکين ۾ اکيون وجھي بي ڊپا ٿي وڙهندا هئا ته سوڀ پڪ سان ٿي ويندي هئي. فوجي جرنيل جي لاءِ ضروري هوندو هو ته اهو دشمن جي چالن کان چڱيءَ طرح خبردار هجي ۽ پنهنجي فوج جي همٿ ٻڌائڻ جا گُر به ڄاڻيندو هجي.
    رسول الله ﷺ جي ڪاميابيءَ جو راز اهو ئي هو ته پاڻ پنهنجي جنگي چالن کي منافقن، يهودين ويندي پنهنجن کان به ڳجھو رکندا هئا. جيڪي ماڻهو آڳاٽين جنگين کي موجوده دؤر وارين جنگين جي روشنيءَ ۾ ڏسن ٿا، سي غلط فهمي جو شڪار ٿي وڃن ٿا ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي مدافعانه ڪوششن کي جنگ جو نالو ڏئي ڇڏين ٿا. اِهي اُهو نٿا ڏسن ته مسلمانن جي فوج ۾ ڪوبه غلام نه هوندو هو؛ جڏهن ته رومي، ايراني ۽ ٻيون قومون غلامن جي ذريعي ئي ٻين کي غلام بڻائينديون هيون جنهن ڪري ڪيترين قومن کي ته ناڪامي به پلئه پوندي هئي.
    مديني وارن سان مڪي وارا ۽ عرب قبيلن جا ماڻهو ڏهن سالن تائين وڙهندا رهيا. انهن سڀني معرڪن ۾ رڳو بدر، مريسيع، احزاب، خيبر، حنين ۽ طائف وارن معرڪن ۾ ئي خوني ويڙهه ٿي. انهن ڏهن سالن ۾ ستاويهه غزوا ۽ ستيتاليهه سريا هئا.
    1. حضرت حمزهؒ وارو سريو: اهو سريو هجرت جي ستين مهيني جنگي مشق جي طور تي شروع ٿيو. ائين جنگ بدر کان پهريان ٽي سريا موڪليا ويا. پاڻ ڪريم ﷺ جن اڇي رنگ جو جھنڊو ٺاهي پنهنجي مبارڪ هٿن سان نيزي ۾ ٻڌي حضرت حمزو کي قريشن جي واپاري قافلي کي روڪڻ لاءِ روانو ڪن ٿا. سمنڊ جي ويجھو سيف البحر وٽ ابوجهل جي ٽي سئو ماڻهن تي ٻڌل قافلو نظر اچي ٿو. مقابلي جي لاءِ رڳو ٽيهه مهاجر صفبندي ڪن ٿا. پر مجدي بن عمرو جهني جي ڪوششن سان ڳالهه آئي وئي ٿي وڃي ٿي.
    2. حضرت عبيده المطلبي وارو سريو: شوال ۱ هجري ۾ ٽيهن مهاجرن جو جٿو حضرت عبيده ؒ جي اڳواڻي ۾ روانو ڪن ٿا. انهن کي بطن رابغ ۾ قريشن جي ٻه سئو ماڻهن جو قافلو نظر اچي ٿو. تير اندازي ٿئي ٿي. حضرت سعدؒ تير سان گھائجي پون ٿا پر صفبندي ٿي تلوار نٿي هلي.
    3. حضرت سعد وارو سريو: ذيقعده ۱ هه ۾ ويهه مهاجر جنگي مشق جي لاءِ روانو ٿين ٿا. حڪم ڏنو ويو ته خرار (مديني جي ويجهو هڪڙي ماٿري) کان اڳتي نه وڃن. اتي پهچڻ تي خبر پئي ٿي ته قريش جو قافلو هڪ ڏينهن پهريان لنگھي ويو آهي. ذيقعده مهيني ۾ جيئن ته جنگ حرام هئي انهيءَ ڪري حڪم مليل هو ته جنگ نه ڪئي ويندي. قريشن جي قافلي وٽان بنا تلوار هلائڻ جي لنگھي وڃڻو هو.
    4. عام القتال 2هه ۱8 اپريل ۶23ع: بدر واري ويڙهه ۾ عام تلوار هلي انهيءَ ڪري انهيءَ سال کي عام القتال يعني خوني ويڙهه وارو سال چون ٿا.
    5. مسجد نبوي جو جمعو، سورت جمعه رڪوع ٻيو: صفر 2 هه ۾ مسجد نبوي تيار ٿي وئي ۽ انهيءَ ۾ باقاعدي نمازون ٿيڻ لڳيون. جمعي جي ڏينهن رسول الله ﷺ جن نماز کان پهريان هڪڙو خطبو ڏيندا هئا، جنهن ۾ قرآن جي مختلف حصن مان پڙهي ٻڌائيندا هئا ۽ گذريل واقعن تي تبصرو ڪندا ۽ آئينده جي لاءِ حڪمت عملي بابت ٻڌائيندا هئا. هن وقت تائين يهودين جي مخالفت شروع نه ٿي هئي انهيءَ ڪري سورت جمعه جو پهريون رڪوع نازل نه ٿيو هو. ٻئي رڪوع ۾ ٻڌايو ويو ته ٻانگ جو آواز ٻڌڻ شرط پنهنجا ڪاروبار ڇڏي مسجد ۾ اچي وڃو. نماز کان پوءِ ڀلي پنهنجي ڪاروبار ۾ لڳي وڃو.
    ٻانگ:
    مختلف قومن ۾ ماڻهن کي عبادت جي مقصد سان سڏڻ جا مختلف طريقا رواج ۾ هئا. ڪٿي گھنڊ وڄايو ويندو هو ته ڪٿي توتاڙو وڄايو ويندو هو. حضرت عمرؒ جي مشوري کي پاڻ ڪريم ﷺ جن پسند فرمايو ۽ نماز جي لاءِ ٻانگ شروع ٿي وئي.
    پاڻ ڪريم ﷺ جي جنگي حڪمت عملي:
    انهيءَ زماني ۾ قريشن يهودين سان ڳٺ جوڙ ڪري ورتو ۽ يهودي مسلمانن جي جنگي تيارين ۽ منصوبن جي باري ۾ قريشن کي خبرون ٻڌائڻ لڳا. پاڻ ﷺ به پنهنجي جنگي منصوبن کي ڳجھو رکندا هئا ۽ حڪمت عملي اها اختيار ڪندا هئا ته جيڪڏهن اولهه واري پاسي وڃڻو هوندو هو ته پاڻ شروع ۾ اوڀر پاسي هلڻ لڳندا هئا ۽ لشڪر کي گھمائي ڦيرائي پنهنجي منزل تي پهچائيندا هئا. هڪ پاسي يهودي هئا ۽ ٻئي پاسي منافق. مشرڪن ۽ پڻ ناتجربيڪار مهاجرن به انهيءَ صورتحال ۾ ڏکيائي پيدا ڪري ڇڏي هئي. صفر 2 هه ۾ قريشن مسلمانن کي ٻيهر ڌمڪي ڏني ته اسان توهان کي ناس ڪري ڇڏينداسين.
    غزوه ودان – معاهدو بنو خمرهؒ :
    هاڻي رسول الله ﷺ جن پنهنجي سر پاڻ اسي مهاجرن سان گڏجي ابواء يا ودان تائين ويا. قريشن جو واپاري قافلو نه مليو. اهو پندرنهن ڏينهن جو سفر هو. مديني مان نڪرڻ وقت پاڻ سعد بن عباده کي پنهنجو جانشين مقرر ڪري مديني جا معاملا ان جي حوالي ڪري ڇڏيا. ودان جي ويجھو بنو خمره وارن سان دفاعي معاهدو ڪيو ويو. انهيءَ معاهدي ۾ بنو خمره وارن کي انهيءَ جي ڪري برابر جو ڀائيوار ڪيو ويو جو اهي مشرڪ هئڻ جي باوجود به مسلمانن تي حملو ڪرڻ وارن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿي ويا هئا.
    بواط وارو غزوو ۽ معاهدو:
    ربيع الاول 2 هه ۾ ٻه سئو مهاجرن سان گڏ پاڻ ڪريم ﷺ بواط ڏانهن ويا. اميه بن خلف جي ٻه سئو ماڻهن ۽ اڍائي هزار اٺن وارو قافلو ڪٿي به نه ملي سگھيو، پر بواط جي رهاڪن کي جنگ جي صورت ۾ هڪٻئي جي مدد واري معاهدي ۾ شامل ڪري ورتائون.
    ڪرز وارو حملو:
    انهيءَ ئي مهيني ۾ ڪرز بن جابر فهري مديني جي چراگاهن تي حملو ڪيو ۽ پاڻ ڪريم ﷺ جي ڪيترن ئي جانور کي هڪلي وٺي ويو. انهيءَ حملي جي خبر ملندي ئي پاڻ ڪريم ﷺ زيد بن محمدؒ کي پنهنجو جانشين بڻائي ۽ حضرت عليؒ کي مهاجرن جو سالار ڪري ڪرز جي پويان لڳي پيا، پر هو ڀڄي ويو.
    انفاق يا جنگي چندو:
    دنيا خوف ۽ بک ۾ گھيريل هئي، پر انهن کي خوف ۽ بک کان بچائڻ وارو ڪوبه نه هو. رڳو مسلمانن جي جماعت هئي جيڪا پنهنجي پريشاني ۽ بي سروساماني جي باوجود پنهنجو پاڻ کي ۽ پاڻ سان گڏ سڄي دنيا کي انهيءَ مصيبت مان ڪڍڻ جو پختو ارادو رکي پئي. هن جماعت وٽ ذهني غلامي ۽ معاشي بک کان آزادي حاصل ڪرڻ جو نالو ”دينِ حق“ ۽ ان مان ڇوٽڪارو (ڀلائي) هو. انهيءَ جماعت جي امام ﷺ پهريان مديني ۾، پوءِ مديني جي اوسي پاسي هڪڙو دفاعي محاذ جوڙي ورتو. ان کان پوءِ الله تعالى جي فوج جي لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو جنهن کي قرآني اصطلاح ۾ انفاق چيو وڃي ٿو.
    سورت البقره 24 رڪوع، دنيا کي ظلم کان بچايو:
    مسلمانؤ! ڪافرن جي ظلم کان دنيا کي بچايو. انهيءَ ۾ ڏاڍ ۽ زور زبردستي جو ڪوبه دخل نه آهي. ڇو ته اهو دين جو معاملو آهي. الله جو دوست بنجڻ جو اهو ئي طريقو آهي.
    سورت البقره 35 رڪوع:
    الله تعالى جو قانون اڻٽر آهي. اهوئي قومن کي جيئرو رکي ٿو . جهڙي طرح الله تعالى جي قانون موجب سج اوڀر کان اڀري ٿو ۽ ڪوبه ان کي اولهه کان نٿو اڀاري سگھي، ائين ئي الله تعالى جي قانون موجب زنده قومون مرده ۽ مرده قومون زنده ٿي پونديون آهن. الله تعالى ئي آهي جيڪو مردن کي زندگي عطا ڪري ٿو.
    سورت البقره 36 رڪوع:
    خيرات نفعي جي خيال سان نه ڪريو. انفاق حقيقت ۾ خوف ۽ ڳڻتي کان بچائيندو آهي. پر نفعي جي لالچ سان نه ته صدقو ڪريو ۽ نه ئي ڪنهن تي ٿورو ٿڦيو. ٻي صورت ۾ الله ۽ قيامت کي مڃڻ کانسواءِ جيڪو صدقو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڏنو ويندو آهي، سو ڪجھه به فائدو نه ڏيندو ۽ ان مان ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿيندو.
    سورت البقره 37 رڪوع:
    صدقو انهن ماڻهن تي خرچ ڪرڻو آهي جيڪي اصحاب صفه وانگر پنهنجو وقت قوم جي ڀلائيءَ لاءِ خرچ ڪن ٿا ۽ واپار نٿا ڪري سگھن ۽ نه انهن جي غيرت کين ڪنهن جي اڳيان هٿ ٽنگڻ جي اجازت ڏئي ٿي. جيڪو ڪجھه به خرچ ڪيو وڃي سو نيڪيءَ جي رستي ۾ ڪيو وڃي نه ڪه شيطاني راهه ۾. اڄ جي اصطلاح ۾ انهيءَ کي ڪل وقتي رضاڪار سڏيو وڃي ٿو.
    شفاعت جو مسئلو:
    شفاعت جي مسئلي بابت مختلف قومن ۾ مختلف خيال هئا. يهودي سمجھندا هئا ته اهي الله تعالى وٽ وڏي مان وارا ٻانها (الله جا پٽ) آهن، پوءِ جيڪڏهن جهنم ۾ ويا به ته ڪن ٿورڙن ڏينهن لاءِ ويندا، ان کان پوءِ انهن کي هميشه واري جنت ملي ويندي.
    عيسائين جو خيال اهو هو ته عيسىؑ کي آدم جي اولاد جي گناهن جي بدلي الله تعالى سوريءَ تي چاڙهي آدم جي سموري اولاد جي گناهن جو ڪفارو ڏئي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح انهن جي سفارش يا شفاعت جي ڪري اسان جا سڀئي گناهه ڌوپجي ويا.
    مسلمانن کي اهو ٻڌايو ويو ته توهان اهو نه سمجهو ته توهان جو بار ٻيو ڪو کڻندو. (لَا تَزِرُ وَازِرَۃٌ وِّزْرَ اُخْرٰي) توهان جو ڇوٽڪار رڳو نيڪ عملن، انفاق في سبيل الله ۽ جهاد جي ذريعي ئي ممڪن آهي. جماعتي زندگيءَ ۾ پوري جماعت جي هر هڪ ماڻهوءَ تي جاکوڙڻ لازم ڪيو ويو آهي. الله تعالى ڪنهن جي سفارش يا شفاعت سان توهان جي طرفان جهاد نه ڪندو. باقي جيڪي ماڻهو الله تعالى تي ڀروسو رکن ٿا انهن کي سندن ٿورڙائي جي باوجود به گھڻائي تي سوڀ حاصل ٿيندي آهي. اصل ۾ ايمان ۽ صالح عملن جي نتيجي ۾ ئي ڪاميابي حاصل ٿيندي آهي.
    بنو مدلج وارن سان معاهدو:
    جمادي الثاني 2 هه ۾ بنو مدلج وارن سان به دوستي وارو ٺاهه ٿي ويو ۽ اهو طئي ٿيو ته بنو خمره وانگر اهي به رسول الله ﷺ جا ساٿاري هوندا.
    غزوه ذوالعشيره:
    جمادي الثاني 2 هه ۾ پاڻ ڪريمﷺ جن ٻه سئو ماڻهن سان نڪتا ۽ ينبوع جي ويجھو ذوالعشيره تائين ويا پر قريشن جو قافلو نه ملي سگھيو. هن غزوي ۾ حضرت حمزهؒ علمبردار هو ۽ پاڻ مديني ۾ ابو سلمه مخزومي کي مديني ۾ نائب ڪري ويا هئا.
    سورت المائده 4 رڪوع:
    بني اسرائيل جي قوم کي موسىؑ آزادي ڏيارڻ کان پوءِ چيو ته فلسطين تي حملو ڪري ان کي فتح ڪري وٺو. پر اهي ٻن سئو سالن جي غلاميءَ واري زندگي گذارڻ ڪري گيدي بڻجي ويا هئا. تنهن ڪري چوڻ لڳا ته تون ۽ تنهنجو خدا وڃي ڪري وڙهو ۽ اهو علائقو فتح ڪريو ته پوءِ اسان انهيءَ شهر ۾ داخل ٿينداسون. اهڙي گيدي پڻي جو نتيجو اهو نڪتو جو اهي چاليهن سالن تائين سينا جي رڻ پٽ ۾ رلندا رهيا. ان کان پوءِ جڏهن نئون نسل پيدا ٿيو ته اهو اڳتي وڌي سگھيو. سو اي مسلمانو! انهيءَ قصي مان سبق پرايو. يعني همت ڪرڻ وارن جي الله تعالى مدد ڪندو آهي. تنهن ڪري همٿ ٻڌو ۽ مڪي کي فتح ڪري وٺو.
    سورت المائده 5 رڪوع:
    قابيل بنا ڪنهن سبب جي پنهنجي ڀاءُ هابيل کي ماري ڇڏيو هو ۽ ان جي سزا ۾ جهنم جو ٻارڻ ٿيو. ياد رکو ته اهو ئي الله تعالى جو قانون آهي ۽ توريت جي حڪمن ۾ به اها ئي ڳالهه لکيل آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهن ٻئي ڪنهن ماڻهو کي بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي ناحق ماري ٿو ته ان ڄڻ ته سموري انسانيت کي ماري ڇڏيو ۽ قرآن اهو به چوي ٿو ته جنهن هڪ ماڻهوءَ جي جان بچائي ان ڄڻ ته سموري انسانيت کي بچائي ورتو. ارهه زوارائي ڪرڻ خدائي قانون جي خلاف ڳالهه آهي.


    اسلامي انقلاب جي ستين منزل

    ڀاڱو پهريون: بدر جي فتح کان ا حد جي خوني ويڙه تائين
    ]رجب 2هه کان شوال 3 هه مطابق آڪٽرو 623ع کان جنوري 625ع تائين[
    هيڻن جي مدافعت
    اَطِيْعُوا اللہَ وَرَسُوْلَہٗ ۝۰ۚوَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللہَ رَمٰى۝۰ۚ
    ”الله ۽ ان جي رسول جي فرمانبرداري ڪريو. جڏهن تو (پٿريون اڇلائي) هنيون ته حقيقت ۾ اهي تو نه هنيون پر الله هنيون هيون.“
    وَّجَاہِدُوْا بِاَمْوَالِكُمْ وَاَنْفُسِكُمْ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ۝۰ۭ قُلْ يٰٓاَيُّہَا الَّذِيْنَ ہَادُوْٓا اِنْ زَعَمْتُمْ اَنَّكُمْ
    الله جي واٽ ۾ جان ۽ مال ٻنهي سان جاکوڙ ڪريو. اي يهوديو جيڪڏهن توهان اها دعوى ڪريو ٿا:
    اَوْلِيَاۗءُ لِلہِ مِنْ دُوْنِ النَّاسِ فَتَمَنَّوُا الْمَوْتَ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِيْنَ ۝۰ۭ وَلَا تَاْكُلُوْٓا اَمْوَالَكُمْ بَيْنَكُمْ بِالْبَاطِلِ
    ”جيڪڏهن توهان انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته توهان انسانن جي مقابلي ۾ الله جا دوست آهيو (۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيو ٿا) ته پوءِ موت جي خواهش ڪريو. ٻيو هو ته هڪ ٻئي جو مال باطل طريقي (وياج) سان نه کائو.“
    خَصۡلَتَانِ لَا يجتمعان في مؤمن البخل و سوء الخُلقِ.
    ”الله تعالى تي ايمان رکڻ وارو ڪنجوس ۽ بدڪردار نٿو ٿي سگھي.“
    وَلَمۡ يکن رسول الله يُريُد غزة اِلّا ورّى بغيرها
    ”رسول الله ﷺ جن جڏهن به ڪنهن جنگ جو ارادو ڪندا هئا ته انهيءَ کي راز ۾ رکندا هئا.“ (صحيح بخاري)
    روم جي فتح:
    623ع ۾ هرقل جي فوجن ايراني سلطنت جا ڪجهه حصا خسرو پرويز کان کسي ورتا ۽ اصلي صليب جيڪو ساساني (ايراني) کڻي ويا هئا، تنهن کي واپس آڻڻ جي لاءِ هرقل جي حڪومت ڪوشش شروع ڪري ڏني هئي. 624ع ۾ رومي فوجن آذربائيجان جو آتش ڪدو ڊاهي ڦٽو ڪيو.
    عام القتال سنه 2 هه:
    ٻي هجري جي رجب مهيني جي آخري حصي ۾ رسول الله ﷺ جن عبدالله بن جحش اسدي کي ٻارنهن مهاجرن سان گڏ قريشن جي چرپر جون خبرون معلوم ڪرڻ جي لاءِ نخله ڏانهن موڪليو ۽ هڪڙو خط ڏنو ۽ فرمايو ته هن خط کي ٻن ڏينهن جي سفر کان پوءِ کوليو وڃي. جڏهن انهيءَ خط کي کوليو ويو ته ان ۾ لکيل هو ته نخله تائين هلندا وڃو. (اها جاءِ مڪي ۽ طائف جي وچ تي هئي. يمن کان اچڻ وارا واپاري رجب جي مهيني ۾ هتان ايندا ويندا هئا جنهن جي نبي ڪريم ﷺ کي ڄاڻ هئي). خط ۾ اهو به لکيل هو ته نخله پهچي قريشن جون خبرون چارون وٺون ۽ ٻن ڏينهن کان پوءِ جڏهن ان پاسي وڃڻ لڳو ته پنهنجي ڪنهن به ساٿي کي ان پاسي وڃڻ لاءِ مجبور نه ڪجو. اهو سفر تمام ئي خطرناڪ هو ڇو جو اهو مڪي جي تمام ئي ويجھو ۽ قريشن کي ته اڃا به وڌيڪ ويجھو هو.
    ابن جحش خط جي مضمون جي باري ۾ پنهنجي ساٿين کي ٻڌايو ته سڀئي هلڻ لاءِ تيار ٿي ويا. 30 رجب 2 هه (29 نومبر 623ع) تي اهو جٿو نخله پهچي ويو. خبر پئي ته قريشن جو هڪڙو واپاري قافلو اتي ترسيل هو ۽ رجب جو مهينو هجڻ جي ڪري انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو الڪو ڪونه هو. مسلمانن پنهنجو پاڻ کي حاجي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ پنهنجا مٿا ڪوڙائي ڇڏيا هئا.
    مسلمانن جي پاڻ ۾ صلاح بيٺي ته جيتوڻيڪ هن مهيني ۾ جنگ حرام آهي، پر جيڪڏهن اڄ هنن کي ڇڏيو ويو ته سڀاڻي تائين اهي مڪي ۾ داخل ٿي ويندا ۽ اهو قافلو هٿن مان نڪري ويندو انهيءَ ڪري انهن تي حملو ڪيو ويو. واقدؒ عبدالله حضرمي کي تير هڻي ماري وڌو ۽ ڪجھه ماڻهن کي قيد به ڪيو. انهن جي سامان کي غنيمت جو مال سمجھي مديني ڏانهن کڻي آيا. انهيءَ سامان ۾ تيل، شراب ۽ چمڙو به جھجھو هو. دستور موجب پنجون حصو قوم جي سردار کي ڏنو ويو. اهو پهريون خمس هو، جڏهن ته ٻنهي مشرڪ قيدين کان فديو وٺي کين آزاد ڪيو ويو.
    سورت البقره 27 رڪوع:
    انهيءَ واقعي تي قرآن ٻڌايو ته بيشڪ حرام مهينن ۾ ڪنهن جو رت وهائڻ جائز نه آهي، پر جيڪڏهن الله جي عبادت ۽ مڪي جي حرم ۾ وڃڻ کان ڪنهن کي ڏاڍائي ڪري روڪيو وڃي ۽ الله ۽ قيامت جو انڪار ڪيو وڃي ۽ ايمان آڻڻ وارن کي مڪي مان لوڌيو وڃي ته اهي سڀئي ڳالهيون ڪنهن جو رت وهائڻ کان به وڌيڪ خراب آهن. ڪنهن کي پنهنجي روح جي آواز تي عمل نه ڪرڻ ڏنو وڃي ته اهو فتنو آهي جيڪو خون خرابي کان به وڌيڪ بڇڙي ڳالهه آهي. ڇو ته اهڙي فتني جي ڪري سخت ويڙهه ٿي سگھي ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ماڻهو ناحق مري سگھن ٿا.
    خوني ويڙهه جو جواز طالوت ۽ جالوت جي قصي ۾ اڳي ئي بيان ٿي ويو آهي. اتي اهو به ٻڌايو ويو ته ظلم ڪرڻ ۽ ڪنهن کي بنا ڪنهن ڏوهه گناهه جي ماري ڇڏڻ ائين ئي آهي ڄڻ سموري انسانيت کي ماري ڇڏڻ. اصل ۾ اهو ٻڌايو ويو ته جيڪڏهن ڪنهن کي دين تان ڏاڍائي سان ڦيرايو وڃي ۽ ان کي مسجد حرام جهڙي مقدس جاءِ تي وڃڻ ۽ عبادت کان روڪيو وڃي ته اهڙي حالت ۾ شهر حرام (مڪي) ۾ به ويڙهه جائز آهي. مطلب اهو آهي ته جيتوڻيڪ خون خرابو هڪ بڇڙي ڳالهه آهي پر جيڪڏهن اظهار ۽ عمل جي آزادي خطري ۾ هجي ته پوءِ خوني ويڙهه جائز آهي. اها ڳالهه پهرين جي نسبت گھٽ خرابيءَ واري آهي.
    مڪي واري دؤر ۾ قرآن پهريان عيسائين ۽ پوءِ يهودين ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو. مديني ۾ اچي پاڻ ڪريم ﷺ يهودين سان متحد امت ٿيڻ جو معاهدو ڪيو. تنهن ڪري يهودين جي شرارتن جي باوجود به قرآن توريت ۽ انجيل جي ڳالهين جو انڪار نه ڪيو ۽ رڳو شديد ۽ ظالم يهودين کي گھٽ وڌ ڳالهايو، پر سڀئي يهودي قرآن جي نظر ۾ خراب نه هئا ۽ نه ئي توريت ۽ انجيل جا انڪاري هئا. انهيءَ حقيقت جي ڄاڻ قرآن جي نزولي ترتيب منجھان ملي ٿي، باقي عام مفسر ۽ عالم يهودين کي مغضوب ۽ توريت کي تحريف ٿيل سڏين ٿا غلط ڳالهه آهي.
    يهودين ۽ مشرڪن ٻنهي ۾ منافق ماڻهو موجود هئا. جڏهن انهن کي خبر پئي ته نه رڳو شام، پر يمن جي واپار کي به مسلمان ختم ڪري سگھن ٿا ته عبد الله ابن ابي جيڪو منافق هو تنهن کي ۽ سندس ٽولي کي ته همت نه ٿي سگھي، پر يهوين مسلمانن سان پنهنجي خانداني دشمني ۽ فرقي پرستيءَ کي ظاهر ڪري ڇڏيو، ڇو ته اسلامي ڀائپي ۽ معاشي برابري انهن جي وياج تي ٻڌل ڪاروبار کي تباهه ڪري ڇڏيو هو.
    سورت البقره 17 رڪوع قبلي جي تبديليءَ جو حڪم:
    شعبان 2 هه ۾ پاڻ ڪريم ﷺ يهودين کي چيو ته جنهن ابراهيمؑ جي نسل مان توهان آهيو انهيءَ ئي نسل مان بني اسماعيل وارا به آهن. انهيءَ ڪري ٻئي برابر آهن. مسلمان توهان جي نبين کي نبي ۽ توريت کي خدائي ڪلام مڃين ٿا، اهڙيءَ طرح اسان ٻنهي جا خيال ساڳيا آهن. تنهن ڪري اچو ته سڀئي گڏجي الله جي پهرين گھر ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهون جنهن کي ابراهيم ۽ اسماعيل اڏيو هو. يروشلم جيتوڻيڪ دارالسلام آهي، الله جو گھر آهي، پر حضرت ابراهيمؑ کان گھڻو پوءِ سليمان بن دائود ؑ جي دؤر ۾ جڙيو آهي. حضرت ابراهيمؑ يهودي نه هو، باقي ائين سو آهي ته ان جي اولاد جو هڪڙو پاڙو يهودي آهي (بقره 17). انهيءَ ڳالهه کي يهودي به مڃين ٿا ته ابراهيمؑ عبراني نسل مان هو ۽ يهودي يهودا جو اولاد آهن. ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ ڪعبة الله ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ شروع ڪئي. قبلي جي تبديلي سان يهودين جي منافقت ظاهر ٿي پئي ۽ انهن ڪعبة الله کي پنهنجو قبلو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هاڻي يهودي کلي طرح اسلام جي مخالفت ڪرڻ لڳا.
    سورت البقره 17 ۽ 18 رڪوع:
    يهودين کي چيو ويو ته ڪنهن خاص طرف ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ ۾ ڇا رکيو آهي؟ اصل ۾ ڳالهه هيءَ آهي ته مسجد حرام (ڪعبة الله) ڏانهن منهن ڪري نماز پڙهڻ انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهو سڀ کان پهريون جوڙيل الله تعالى جو گھر آهي. پر انهيءَ کان به وڏي شيءِ ته اها آهي ته ڀلائيءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي کان اڳرائي ڪئي وڃي ۽ پرهيزگاري اختيار ڪئي وڃي. اچو، ڪعبة الله کي توهان به پنهنجو قبلو ڪري مڃيو، ائين ڪرڻ سان نبي اسرائيل ۽ بني اسماعيل پاڻ ۾ هڪ ٿي ويندا.
    سورت البقره رڪوع 22:
    نيڪي جا ٻه پاسا آهن. انهن مان هڪڙو الله، قيامت ۽ الله جي رسولن تي ايمان آڻڻ ۽ ان جي قانونن کي مڃڻ ۽ ٻيو الله جي محبت ۾ پنهنجو مال حقدارن تي خرچ ڪرڻ يعني مٽن مائٽن، يتمين، محتاجن، مسافرن، غلامن ۽ قرضدارن جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ نماز ۽ زڪوات ڏيڻ، واعدو پاڙڻ، مصيبت، ڏکن ۽ جنگ جي وقت ۾ صبر، بردباري ۽ ثابت قدمي کان ڪم وٺڻ آهي. پوءِ اهڙا ئي ماڻهو سچار به آهن ۽ پرهيزگار به آهن.
    جيڪو ڪنهن کي قتل ڪندو ته ان کي سزا ملندي. ياد رکو ته قصاص (خون جو بدلي) ۾ ئي زندگي آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي قتل ڪرڻ وارو سزا کان بچي وڃي ته معاشري ۾ ڏڦيڙ پيدا ٿي ويندو، تنهن ڪري توهان تي قصاص وٺڻ فرض آهي. (ياد رکڻ گھرجي ته قصاص انفرادي طرح سان نه پر جماعت جي طرف کان ورتو ويندو ۽ ڏاڍي کان ڏاڍي ڏوهاري کي به رياست جي قانون اڳيان ڪنڌ نوائڻو پوندو.)
    سورت البقره رڪوع 21:
    يهودين کائڻ جي شين ۾ حرام ۽ حلال جو اصول پنهنجي من مرضيءَ سان گھڙيو آهي. اهي اٺ جو گوشت به نٿا کائن، توريت جي ڪيترن ئي حڪمن کي به نٿا مڃن، مطلب ته انهن جي پابندي نٿا ڪن ۽ انهن حڪمن کي لڪائن ٿا. پاڻ به غلاميءَ جو مزو چکي چڪا آهن، پر پوءِ به ماڻهن کي وياج تي قرض ڏئي انهن کي غلام بڻائن ٿا، انهيءَ ڪري اهي قيامت جي ڏينهن پڪڙيا ويندا.
    سورت البقره رڪوع 9 کان 21:
    يهودين پنهنجي دلئون نيون نيون شرحون لکي توريت جي قانون ۽ ان جي مفهوم کي ئي بدلائي ڇڏيو آهي. ڪي يهودي، جهڙوڪه صدوقي فرقي وارا چون ٿا ته قيامت کي الله تعالى قائم نه ڪندو. اهو فرقو ڄاڻي ٻجھي توريت جي حڪمن ۾ هيراڦيري ڪري ٿو ۽ انهن کي نٿو مڃڻ گھري. توريت ۾ هڪ اهڙي نبيءَ جو ذڪر موجود آهي جيڪو بني اسماعيل مان هوندو، پر هي انهيءَ ڳالهه کي لڪائين ٿا.
    سو اي يهوديو! توريت جي حڪمن کي مڪمل طرح مڃيو، ايئن نه ڪريو جو ان جي ڪنهن حڪم کي مڃيو ته ڪنهن کي نه مڃيو. پنهنجن ئي ماڻهن کي انهن جي گھرن مان لوڌڻ ۽ انهن کي قتل ڪرڻ جائز سمجھو ٿا، پر وري جي اهي قيد ٿي پون ٿا ته انهن کي فديو ڏئي آزاد به ڪرايو ٿا. يهودي پٿر دل، پئسي جا پوڄاري ۽ وياج خور آهن جيڪي حق تي ايمان نه آڻيندا. اهي توريت جي چٽن حڪمن کان پوءِ به غير الله جي پوڄا ڪن ٿا. انهن ۾ رڳو فريسي فرقو ئي اهڙو آهي جيڪو رڳو زباني طور تي قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو.
    سورت البقره رڪوع 12:
    جيڪڏهن يهودي سچي دل سان قيامت جي ڏينهن کي مڃن ٿا ته انهن کي موت جي سَڌَ ڪرڻ گھرجي ته جيئن بهشت ۾ آرام ڪن. پر جيئن ته انهن جو آخرت تي ويساهه نه آهي، انهيءَ لاءِ اهي اهڙي سڌ ڪڏهن به نه ڪندا. مشرڪن وانگر اهي به هزار سال جيئرو رهڻ گھرن ٿا ۽ وياج جي ذريعي سان پيٽ ڀرڻ گھرن ٿا. مشرڪ ۽ يهودي ٻئي اعتراض ڪن ٿا ته ڪتاب الله (توريت) ۾ جيڪي حڪم الله تعالى نازل ڪيا آهن، هاڻي الله انهن کي ڇو ٿو پيو منسوخ ڪري. انهن کي ڄاڻ هئڻ گھرجي ته الله تعالى پنهنجا جيڪي حڪم منسوخ ڪندو آهي ته انهن کان به وڌيڪ بهتر حڪم ۽ دليل (آيتون) نازل ڪري ڇڏيندو آهي. يهودي ۽ مشرڪ، ٻئي توهان کي ايمان وارو ڏيڻ نٿا گھرن، اهي گھرن ٿا ته جهڙي طرح انهن موسىؑ کي چيو ته ”نر الله جهرة“ اهڙو ئي مطالبو توهان سان به ڪن.
    سورت البقره رڪوع 13:
    جيئن ته يهودين سان معاهدو ٿي چڪو آهي، تنهن ڪري الله تعالى جو حڪم اهو ئي آهي ته انهن سان ٺهي هلو ۽ انهن جي شرارتن کي بخشي ڇڏيو. اڳتي جيڪو الله حڪم ڏيندو، انهيءَ موجب عمل ڪيو ويندو.
    سورت البقره رڪوع 14 ۽ 15:
    افسوس آهي جو يهودين ۽ عيسائين وٽ ڪتاب (توريت ۽ انجيل) موجود آهي، پر پوءِ به هڪ ٻئي سان جُٽيل رهن ٿا. ”اي بني اسرائيل توريت تي عمل ڪريو“ ڏسو، اسرائيل يعني يعقوبؑ به جهانن جي پالڻهار الله کي مڃيندڙ هو. انهيءَ ڪري توهان يهودي يا عيسائي نه ٿيو پر ابراهيمي ٿيو (نسلي وڏئي ڇڏي ابراهيم ؑ وانگر الله جا ٻانها ٿي وڃو).
    مديني ۾ جيتوڻيڪ يهودين سان اتحاد ٿي چڪو هو، پر اهي مڪي جي مشرڪن جي سازشن ۽ پنهنجي ئي ٽيڙي فطرت جي ڪري ابراهيمي دين جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ڪن پيا. اهي موسى ؑ جي آندل دين کي ڇڏي وياج جي ذريعي ماڻهن کي غلام بڻائڻ گھرن پيا، جڏهن ته انهن جي قانون (توريت) ۾ غلامي حرام آهي. پاڻ ڪريم ﷺ انهيءَ دؤر ۾ يهودين سان کهرو نه ڳالهايو ۽ نه ئي انهن جي ڪتاب جو انڪار ڪيو. اهي ظاهر ۾ مسلمانن جا دوست هئا، انهيءَ ڪري ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي وضاحت ضروري آهي:
    بقره رڪوع 11:
    قرآن نه رڳو توريت ۽ انجيل جي تصديق ڪري ٿو ته اهي خدائي ڪتاب آهن، پر اهو به چوي ٿو ته ”ابراهيمي صحيفا“ به خدائي ڪتاب ۽ ان جا قانون آهن (هُوَ الۡحَقّ مُصَدِقّ لّمَا مَعَهُمۡ).
    سورت البقره رڪوع 16:
    ملت ابراهيم اسلام آهي، هڪڙي الله جي عبادت اسلام آهي ۽ انهن سڀني قانونن کي مڃڻ جيڪي مختلف رسولن تي نازل ٿيا پڻ اسلام آهي (ياد رهي ته انهن آريائي ۽ زرد قومن جا خدائي ڪتاب به شامل آهن).
    ” لَا نُفَرِّقُ بَيْنَ اَحَدٍ مِّنْھُمْ“ جو به اهو ئي مطلب آهي ته الله تعالى جي ٻانهپ جي معاملي ۾ ڪنهن به نبيءَ جي تعليم کان منهن نه موڙيو ۽ هڪ جي تعليم کي مٿانهون ۽ ٻي کي گھٽ نه ڪريو. رڳو موسى جي توريت کي ئي نه پر ابراهيمؑ جي صحيفن ۽ قرآن کي به مڃيو.
    ” ھُوَرَبُّنَا وَرَبُّكُمْ“ جو اهو مطلب آهي ته الله توهان جو به خدا آهي ۽ اسان جو به. ائين نه آهي ته توهان جي خدا ته ڪو ٻيو آهي ۽ اسان جو يا ابراهيمؑ جو ڪو ٻيو خدا آهي. اهڙيءَ ريت ٻئي به ڪيترائي نبي الله تعالى جي طرف کان هن دنيا ۾ آيا آهن اهي توڙي ابراهيمؑ يا محمدﷺ يا موسىؑ کان پهريان اسحاق ۽ يعقوب نبي گذري ويا، سي سڀئي يهودي يا عيسائي ڪيئن ٿي سگھن ٿا؟ تنهن ڪري رڳو موسىؑ جي تعليم کي مڃڻ صحيح نه آهي. اها ڳالهه به صحيح نه آهي ته جيڪو ڪجھه توريت ۾ آهي، انهيءَ کي مڃو ۽ ان کانسواءِ ٻي ڪنهن تعليم جو بلڪل ئي انڪار ڪيو وڃي:
    قَالُوْا نُؤْمِنُ بِمَآ اُنْزِلَ عَلَيْنَا وَيَكْفُرُوْنَ بِمَا وَرَاۗءَہٗ۝۰ۤ وَھُوَالْحَقُّ مُصَدِّقًا
    لِّمَا مَعَھُمْ۝۰ۭ
    ”قرآن ته توريت جي تصديق ڪري ٿو، پوءِ توهان ڇاجي لاءِ ابراهيمي صحيفن ۽ قرآن جي تصديق نٿا ڪريو.“ (رڪوع 11)
    ” مَا نَنْسَخْ مِنْ اٰيَۃٍ اَوْ نُنْسِہَا “ مان ماڻهن اهو سمجھي ورتو ته قرآن ۾ به ڪيترين ئي آيتن جي تلاوت يا حڪم منسوخ آهي يا ٻئي ڳالهيون آهن. ننسخ جو مطلب هڪ محدود حڪم کي عام ڪرڻ آهي.
    الله تعاليٰ جي قانون ۾ ڪابه تبديلي يا مٽا سٽا نه آهي. جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ علت ۽ معلول جو سلسلو ئي ختم ٿي ويندو ۽ هي عالم سڪون جي جاءِ تي عالم فساد بڻجي ويندو. تنهن ڪري جهڙي طرح طبعي قانون اڻ مٽ آهن اهڙي ئي طرح اخلاقي قانون به اٽل آهن. جهڙي طرح مختلف حالتن هيٺ طبعي قانون پنهنجن نون قانونن جا پابند آهن، اهڙي ئي طرح اخلاقي قانون به نئن حالتن ۽ گھرجن جا پابند آهن. حالتن جي بدلجڻ سان قانون نه بدلبا آهن. قبلي بدلڻ جو عالمگير قانون نه مٽيو، پر يهودين جي مخصوص قانون کي ته رڳو يروشلم ئي قبلو آهي، عام ڪيو ويو آهي.
    حضرت موسى جڏهن بني اسرائيلن کي فرعون جي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو ڏياريو هو ته انهن جو مقصد يروشلم هو. ڇو ته سندس قوم پنهنجي ابي ڏاڏي ابراهيمؑ کي وساري ويٺي هئي ۽ مصري ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳي هئي. انهن کي اها به خبر نه هئي ته انهن جو سئوٽاڻ يعني اسماعيل جو اولاد آزاد رهيو آهي ۽ هن وقت به انهن جي مدد ڪري سگھي ٿو. قرآن يهودين کي ياد ڏياريو ته انهن جو اصل قبلو ته مڪي ۾ آهي، نه ڪي يروشلم ۾.
    مديني ۾ اچڻ کان پوءِ وقت اچي ويو هو ته اسرائيل ۽ اسماعيل جو اولاد پنهنجي ابي ابراهيم جي قبلي ڏانهن منهن ڪن. اها ڪا نئين آيت نه آهي، اڃا به هڪڙو بهترين حڪم کڻي ايندڙ آيت آهي (نَاْتِ بِخَيْرٍ مِّنْہَآ). ڇو ته ابراهيمي قبلو اختيار ڪرڻ سان ديني وحدت ۽ قومن جي وحدت واري عمل ۾ ترقي ٿيندي ۽ هڪڙي وساريل ابراهيمي آيت تي عمل شروع ٿي ويندو. اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جاءِ تي ” لِكُلِّ اَجَلٍ كِتَابٌ “ چيو ويو آهي. مطلب ته هر زماني ۽ ماحول جي لاءِ هڪ خاص قانون هوندو آهي. بنيادي طور تي خدائي قانون قائم رهندو آهي، پر ماحول جي تبديليءَ جي لحاظ کان انهيءَ قانون تي عمل مختلف نتيجا پيدا ڪندو آهي. قانون نه بدلبو آهي، پر ماحول جي تبديلي سان انهيءَ جا اثر بدلجي ويندا آهن. اهو ئي خدائي قانون آهي. انهيءَ لاءِ بقره جي 15 رڪوع ۾ حضرت ابراهيم ؑ جي دعا هڪ وڏي ثبوت آهي، جنهن ۾ پاڻ دعا ڪن ٿا ته اي الله! هن شهر مڪي کي امن ۽ سلامتيءَ وارو بڻاءِ ۽ ڪعبي کي ماڻهن جي گڏجڻ واري جاءِ بڻاءِ
    وَاِذْ جَعَلْنَا الْبَيْتَ مَثَابَۃً لِّلنَّاسِ وَاَمْنًا۝۰ۭ وَاتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰہٖمَ مُصَلًّى۝۰ۭ وَعَہِدْنَآ اِلٰٓى اِبْرٰہٖمَ وَاِسْمٰعِيْلَ اَنْ طَہِّرَا بَيْـتِىَ لِلطَّاۗىِٕفِيْنَ وَالْعٰكِفِيْنَ وَالرُّكَّعِ السُّجُوْدِ۝۱۲۵
    هيءُ ابراهيمي قانون يعني ابراهيم ؑ جي صحيفي جي وساريل آيت يا حڪم آهي. قبلي جي باري ۾ هيءُ حڪم موسوي قانون يا حڪم کان بهتر آهي. پر يهودين انهيءَ وساريل انساني وحدت واري حڪم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
    مسلمانن کي نصيحت:
    مسلمانن کي لفظي تحريف کان روڪيو ويو آهي. جيئن ته يهودين سان گڏ رهندي مسلمان به اهڙي قسم جا محاوارا ۽ اصطلاح ڳالهائڻ لڳا هئا جيڪي يهودي لفظي تحريف جي سلسلي ۾ ڳالهائيندا رهندا هئا. انهيءَ ڪري مسلمانن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي آسان ۽ چٽي معنى وارو لفظ ”انظرنا“ (اسان ڏانهن ڏسو) چوندا ڪريو ۽ يهودين وانگر راعينا (جنهن جي معنى ڌنار به هوندي آهي) نه ڳالهائيندا ڪن. مطلب ته زبان کي وچڙائي يا لفظن کي مروڙي سروڙي نه ڳالهائن. تحريف سان لفظ جي اصل معنى بدلجي ويندي آهي. اها ئي ڳالهه سورت نساء جي 48 رڪوع ۾ چئي وئي آهي ته يهودي زبان وچڙائي ڳالهائن ٿا ۽ اهو ظاهر ڪرڻ گھرن ٿا ته اهي لفظ توريت جا آهن، پر ايئن نه هوندو آهي. اهڙيءَ ريت اهي توريت جي اصل آيتن ۽ حڪمن کي لڪائي ڇڏيندا آهن.
    هن ڳالهه ٻولهه جو مقصد هيءُ آهي ته توريت الله جو ڪلام آهي، انهيءَ ۾ تحريف نه آهي، پر يهودي اهڙي طرح ان کي پڙهندا آهن جو لفظن جي معنى اڻ چٽي ۽ ڪڏهن ته بلڪل ئي غلط ٿي ويندي آهي. توريت کي به جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪوڙ سچ پڌرو ٿي پوندو.
    توريت جي تحريف جو مسئلو:
    قرآن پاڪ اندر توريت ۾ تحريف جي باري ۾ چار آيتون آهن ۽ هر جاءِ تي انهيءَ جو مطلب اهو ئي آهي ته ڪي يهودي توريت کي ڇڏي ڪري شيطاني ڪلام يعني ڀوپن ۽ طاغوت کي مڃن ٿا
    (مَا تَتْلُوا الشَّيٰطِيْنُ عَلٰي مُلْكِ سُلَيْمٰنَ۝۰ۚ وَمَا كَفَرَ سُلَيْمٰنُ وَلٰكِنَّ الشَّيٰطِيْنَ كَفَرُوْا يُعَلِّمُوْنَ النَّاسَ السِّحْرَ۝۰ۤ)
    انهيءَ سلسلي ۾ سورهء نساء جي 8 رڪوع ۾ به اشارو موجود آهي
    (اَلَمْ تَرَ اِلَى الَّذِيْنَ اُوْتُوْا نَصِيْبًا مِّنَ الْكِتٰبِ يُؤْمِنُوْنَ بِالْجِبْتِ وَالطَّاغُوْتِ).
    قرآن پاڪ سڀني خدائي ڪتابن کي مڃتا ڏيارڻ گھري ٿو. مطلب ته نسخ ۽ آيتن جي تبديليءَ جي ذريعي ضرورت موجب ۽ حالتن آڌار، قرآن ڪريم سڀني نبين طرفان آندل خدائي قانونن کي چٽو ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرڻ ان جو مقصد آهي. انهيءَ ۾ هر اهو قانون اچي وڃي ٿو جيڪو خدائي هيڪڙائي ۽ انساني وحدت ۽ برابريءَ ڏانهن وٺي وڃي. انهيءَ ۾ رڳو توريت ئي نه پر ابراهيمي صحيفا به شامل آهن.
    يهودين کي تنبيه: سورت جمعه رڪوع 1:
    اي يهوديو! الله ۽ قيامت جي ڏينهن تي ايمان آڻيو نه ته توهان جو مثال انهن گڏهن وارو هوندو جن تي ڪتابن جو ڍڳ لڏيل هجي، پر انهن جي تعليم تي عمل ڪرڻ انهن جي عقل کان ٻاهر هجي.
    بني اسرائيل جي آزاديءَ واري ڏهاڙي تي روزو:
    رسول الله ﷺ جڏهن مديني ۾ آيا ته سال جي شروعات يعني رجب جي مهيني ۾ يهودي روزو رکندا هئا. پاڻ انهن کان پڇا ڪيائون ته اهو روزو ڇا جو آهي؟ يهودين چيو ته اسان کي هن مهيني ۾ فرعون جي غلاميءَ مان آزادي ملي هئي، انهيءَ جي يادگار ملهائڻ جي خيال کان رکندا آهيون. پاڻ فرمايائون ته اسان پاڻ انهيءَ ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهيون ته موسىؑ جي سنت تي عمل ڪريون ۽ پاڻ عاشوري جو روزو رکڻ شروع ڪيائون. انهيءَ ڳالهه جو مقصد اهو ظاهر ڪرڻ هو ته مسلمان ۽ يهودي قومن جا بنيادي طور تي مقصد ساڳيا آهن، يعني الله تعالى جي هيڪڙائي تي ايمان آڻڻ ۽ انساني وحدت ۽ برابري قائم ڪرڻ. پر يهودين اسلامي ڀائيچاري ۾ شموليت نه ڪئي ۽ قبلي جي تبديليءَ کان پوءِ مسلمانن جو ساٿ ڇڏي ڏنو.
    سورت البقره رڪوع 23:
    نبوت کان پهريان پاڻ ﷺ جو قائدو اهو هو ته رمضان جي مهيني ۾ غارِ حرا ۾ وڃي الله تعالى جي عبادت ڪندا ۽ روزي ۾ وقت گذاريندا هئا، انهيءَ کي تحنث چوندا آهن. انهيءَ زماني ۾ عيسائي به چاليهن ڏينهن جا روزا 15 نومبر کان 25 ڊسمبر تائين رکندا هئا. اهي روزا عيسىؑ جي ڄمڻ جي خوشيءَ جا روزا هئا ۽ جيئن ته نسئ جي عمل سان رمضان سدائين سياري ۾ ايندو هو انهيءَ ڪري مؤمنن کي به ڪا تڪليف ڪونه ٿيندي هئي. جيڪا خوراڪ بچي پوندي هئي سا به مسڪينن کي ڪم ايندي هئي. انهيءَ ڪري بدر کان پهريان 2 هه جو سڄو مهينو رمضان جي روزن جي لاءِ مخصوص ڪيو ويو. خدائي وحيءَ جي ذريعي انهيءَ جي تصديق ٿي وئي ۽ انهيءَ ۾ ٻڌايو ويو ته جهڙي ريت ڪتاب وارين ٻين قومن يعني عيسائين تي روزو رکڻ فرض آهي، تهڙيءَ ريت توهان تي به فرض ڪيو ويو آهي ته جيئن جيڪا خوراڪ بچي پوي سا پڻ مهاجرن جي ڪم اچي سگھي. بهرحال، جيڪو روزي رکڻ جي سگھه نه رکندو هجي ان لاءِ ضروري آهي ته هڪڙي مسڪين کي کاڌو کارائي ۽ جيڪڏهن دل گھريس ته خوشيءَ سان وڌيڪ خيرات به ڪري يا روزو رکي، ٻئي ڳالهيون سٺيون آهن. (بقره آيت 184)
    روزي جو صدقو:
    جڏهن بيماري، هيڻائي يا سفر جو بهانو نه رهي ته پوءِ ڀلي خيرات به ڪريو، پر روزو ضرور رکو ته جيئن روزي جي حڪمت ۽ رحمت کان محروم نه رهو. ياد رکو ته روزي سان پرهيزگاري پيدا ٿيندي آهي (بقره، آيت 183). جسماني ۽ روحاني پاڪائي روزو رکڻ سان ئي حاصل ڪري سگھجي ٿي. معذورن لاءِ روزو نه رکڻ ڪو گناهه يا ڏوهه نه آهي، تنهن ڪري روزي جو فديو ڏيڻ واري ڳالهه ڪا سزا نه آهي، پر وقتي رعايت ۽ رحمت آهي. انهيءَ فديي کي ڪفارو سمجھڻ صحيح نه آهي.
    بدر واري جنگ:
    جنگ بدر حق ۽ ناحق جي وچ ۾ هڪ سنڌائتي ويڙهه هئي. اهو ئي سبب آهي جو انهيءَ کي يوم الفرقان به چيو ويندو آهي. جمادي الثاني 2هه (آڪٽوبر 623ع) ۾ ذي العشيره جي ويجھو جنهن قافلي جي لاءِ مهم روانو ڪئي وئي هئي، ساڳيو ئي قافلو شام مان واپار ڪري موٽيو ٿي آيو. پاڻ ﷺ جن طليحهؒ ۽ سعيدؒ کي قافلي جي خبر چار وٺڻ لاءِ موڪليو. ان کان پوءِ پنهنجي سر پاڻ 14 رمضان 2 هه تي چوهتر مهاجرن ۽ ٻه سئو ايڪٽيهه انصارن سان گڏجي روانو ٿيا. ستر اٺ ۽ ٻه گھوڙا سامان کڻڻ لاءِ هئا. انهيءَ سفر جو مقصد جنگ نه هو، رڳو واپاري قافلي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ هو. مخبرن ٻڌايو ته قافلو ٽن ڏينهن ۾ اتي پهچي ويندو، پر ابو سفيان جنهن جي قافلي ۾ رڳو سٺ ماڻهو هئا، مسلمانن جي نڪري اچڻ جي خبر پوندي ئي گس مٽائي وڃي مڪي پهتو.
    بدر جو ميدان مديني کان 98 ميل ۽ بحر احمر جي بندرگاهه ينبوع کان ويهه ميل پري هڪ علائقو هو. جيتوڻيڪ ابو سفيان مڪي وارن کي نياپو ڏياري موڪليو ته هو صحيح سلامت مڪي پهچي ويندو انهيءَ لاءِ واهر جي ضرورت نه آهي، پر ابو جهل بدر پهچڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي. هو قتل ٿي ويل حضرمي جو فديو وٺڻ لاءِ آماده نه هو پر انهيءَ لاءِ جنگ ڪرڻ تي هوڏ ٻڌي بيٺو هو.
    مسلمانن سان صلاح مشورو:
    ذفران جي وادي ۾ پهچي رسول الله ﷺ کي خبر پئي ته قريش ڀرپور تياريءَ سان بدر ڏانهن نڪري پيا آهن. هاڻي رسول الله ﷺ کي صلاح مشوري جي ضرورت پئي ته اڳتي وڌن يا واپس موٽن. ابوبڪر، عمر ۽ مقداد اڳتي وڌڻ جي صلاح ڏني. انصارن به چئي ڏنو ته اسان موسى ؑ جي قوم وانگر اهو نه چونداسين ته توهان ۽ توهان جو الله وڃي وڙهو، پر اسان توهان جي حڪم تي سمنڊ ۾ لهي پوڻ لاءِ به تيار آهيون. جيتوڻيڪ بيعت عقبه ۾ رڳو اهو شرط هو ته مديني تي حملي جي صورت ۾ اهي پاڻ ڪريمﷺ جي مدد ڪندا، پر هاڻي ايترو پري نڪري اچڻ کان پوءِ اسان توهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. ان تي پاڻﷺ جن ڏاڍو خوش ٿيا ۽ اڳتي وڌڻ جو حڪم ڏنو.
    ابوجهل جي لشڪر به ويجھو ئي لهي پيو هو. مسلمان اتي پهتا ته انهن کي قريشن جي ڪا خبر نه هئي. انهيءَ ڪري قرآن چيو:
    ”جيڪڏهن الله نه گھري ها ته توهان جي قريشن سان ويڙهه ٿئي ته اوچتو ئي اوچتو بنا ڪنهن اعلان جي توهان هڪ ٻئي جي مقابلي لاءِ نه پهچو ها ۽ توهان جي سوڀ نه ٿئي ها.“ (انفال، رڪوع 6)
    ان کان سواءِ الله تعالى ڪافرن کي مسلمانن جي نظرن ۾ ٿورڙو ڪري ڏيکاريو. قريشن جو لشڪر هڪ هزار ماڻهن تي ٻڌل هو.
    جنگ لاءِ صلاحون:
    جناب حباب بن منذر مشورو ڏنو ته جنگي ڪارروائي جي لاءِ هيءُ ميدان صحيح نه آهي، اڳتي وڌي وڃي پاڻي جي تلاءَ تي قبضو ڪجي ۽ اتي حوض ٺاهي وٺجي ته جيئن اسلامي لشڪر اڃارو نه رهي. انهيءَ مان خبر پئي ته مقصد جي تعين ۾ مشورو ايترو ضروري نه آهي جيترو مقصد ماڻڻ لاءِ وسيلن بابت ضروري آهي. انهيءَ کي ئي ڪتابي جمهوريت يا ڪتابي شورائيت چوندا آهن.
    مينهن ۽ ننڊ:
    ”اتي جنگ جي ميدا تي الله تعالى مينهن وسايو جنهن ۾ مسلمان وهنتا ۽ لڱن ۾ چستي حاصل ڪئي.“ (انفال: 2 رڪوع)
    مسلمان مٿانهين تي واريءَ جي دڙي تي هئا جتي مينهن وسڻ جي ڪري هلڻ ڦرڻ لاءِ سهنجو ٿي پيو، پر قريش جيڪي هيٺاهين تي هئا، سي گپ ٿي وڃڻ ڪري هلڻ ڦرڻ ۾ ڏکيا ٿي پيا.
    ”ملائڪن (سڪينه ۽ الله جي لشڪر) مسلمانن جي دل کي ڏاڍو ڪيو ۽ دشمنن جي دلين ۾ مسلمانن جي دهشت ڀري ڇڏي.“
    (انفال رڪوع7)
    قريشن کي رحمان جي لفظ کان چڙ هئي، انهيءَ ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جنگ جو نعرو ”يا رحمان“ رکيو. ان کان پوءِ پاڻ پنهنجي ڇپر ۾ دعا ڪيائون ته ”اي الله اڄ جيڪي هيءُ مٺ جيترا ماڻهو تنهنجو نالو مٿانهون رکڻ جي لاءِ ميدان ۾ ٽپي پيا آهن سي جيڪڏهن مارجي ويا ته ڌرتيءَ تي تنهنجو نالو وٺڻ وارو ڪوبه نه هوندو.“
    قريشن جو مسلمانن جو ولولو ۽ جوش ڏٺو ته هانءٌ لاهي ويٺا. حڪيم بن حزام ابو جهل کي چيو ته حضرمي جي خون بها وٺين ته ويڙهه ختم ٿي سگھي ٿي، پر ابوجهل نه مڃيو. ٻنهي پاسن کان تير اندازي شروع ٿي وئي. هڪ پاسي رحمان جا پوڄاري هئا ته ٻئي پاسي شيطان جا پوڄاري هئا ۽ ڪعبي جي جنگي ديوتا هبل، لات ۽ عزى جو ورد انهن جي زبان جي جاري هو.
    هاڻي مسلمانن کي ان ڳالهه جو انتظار هو ته شروعات ڀلي ته قريشن جي طرف کان ٿئي. ايتري ۾ عتبه، شيبه ۽ وليد ميدان ۾ لٿا ۽ دوبدو مقابلي لاءِ پنهنجو مٽ گھرڻ لڳا. جڏهن انهن انصارن سان وڙهڻ کان انڪار ڪيو ته رسول اللهﷺ حمزه، علي ۽ عبيده بن حارث رضه کي مقابلي جي لاءِ موڪليو. انهن قريش جي انهن سردارن کي ماري ڦٽو ڪيو ته عام ويڙهه شروع ٿي وئي. هڪڙي ئي بوڇاڙ ۾ قريش پنهنجا 70 ماڻهو مئل ۽ ستر قيدي ڇڏي پوئين پير ڀڳا. قرآن ٻڌايو آهي:
    ”ڪافرن کي مسلمان پاڻ کان ٻيڻا نظر آيا.“ (آل عمران، رڪوع 2)
    ”۽ مسلمانن کي وري ڪافرن جو تعداد گھٽ نظر آيو.“
    (آل عمران، رڪوع 5)
    ابو جهل سخت ڦٽجي پيو هو ۽ مرڻ ڪنڌي تي هو جو عبدالله بن مسعود رضِي الله ان جي سيني تي پير رکيو ته کانئس سوڀ جي باري ۾ پڇڻ لڳس. انهيءَ تي ابن مسعود ٻڌايس ته مسلمان ئي ڪامياب ٿيا آهن.
    هن ويڙهه ۾ اميه بن خلف حضرت عبدالرحمان بن عوف کي ان جو جاهليت وارو نالو وٺي سڏيو. اميه جي سڏڻ تي هو کيس ۽ سندس پٽ کي گرفتار ڪري وٺيو ٿي ويو جو حضرت بلال اميه کي ڏسي ورتو ۽ ڊڪي وڃي مٿس حملو ڪيو، جو مڪي ۾ اميه بلال جو مالڪ هو ۽ ان تي سخت ظلم ڪندو هو. ائين اميه ۽ ان جو پٽ، ٻئي مارجي ويا.
    سورت الانفال رڪوع 5، خوني ويڙه بابت پهرين آيت:
    مظلومن کي آزادي ڏيارڻ هر مؤمن جو فرض آهي: قتال جو مقصد اهو آهي ته دنيا ۾ اظهار جي آزادي هجي ۽ ڪو به ماڻهو ٻئي ڪنهن جي راءِ کي اختيار ڪرڻ لاءِ مجبور نه ڪيو وڃي. راءِ جي آزادي ختم ٿيڻ کي عربي ۾ فتنو چوندا آهن جيڪو قتل کان به وڏو ڏوهه آهي. بدر جي سوڀ کان پوءِ هيءَ پهرين آيت آهي جنهن ۾ خوني ويڙهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ ان جو مقصد به ٻڌايو ويو آهي. اهو هيءُ ته الله تعالى جو قانون دنيا ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ شيطاني قانونن کي ختم ڪرڻ لاءِ ۽ خدا جي عبادت ۾ آزاديءَ جي لاءِ خوني ويڙهه ڪرڻ ۽ مظلومن کي آزادي ڏيارڻ هر مؤمن جو فرض آهي. پوءِ جيڪڏهن ظالم شيطان جا پوڄاري مڙي وڃن ته کين معاف ڪري ڇڏيو.
    جيڪو مال غنيمت ۾ ملي ٿو انهيءَ جو پنجون حصو الله ۽ ان جي رسول جو آهي، جنهن ۾ مٽن مائٽن، يتيمن، مسڪينن ۽ مسافرن جو حق آهي. جاهليت واري دؤر ۾ ٽي حصا سپاهين جا هوندا هئا ۽ هڪ حصو سردار کي ملندو هو، پر پاڻ ڪريم ﷺ چار حصا ٻين کي ڏنا ۽ پنجون حصو پنهنجي لاءِ رکيو، اهڙيءَ طرح سمورو غنيمت جو مال ۽ قيدي ورهائبا رهيا.
    بدر جي قيدين جي باري ۾ صلاحون:
    ستر قيدين ۾ عقبه بن ابي معيط ۽ نضر بن حارث عبدري (قريشن جو علمبردار) به هو. انهن ماڻهن پاڻ ڪريم ﷺ جي قتل جي سازش ڪئي هئي، انهيءَ ڏوهه ۾ کين قتل ڪيو ويو. باقي قيدين سان سهڻو ورتاءُ ڪيو ويو. قيدين جي باري ۾ حضرت عمر ۽ سعد بن معاذ رضي الله جي صلاح اها هئي ته انهن کي قتل ڪيو وڃي، پر ابوبڪرؒ جي راءِ هئي ته انهن کان فديو وٺي ڇڏي ڏنو وڃي. جيڪڏهن ڪو لکڻ پڙهڻ ڄاڻيندو هجي ته انهيءَ جو فديو اهو آهي ته هو انصارن جي ڏهن ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکاريندو.
    غلامن جي آزاديءَ جو پهريون قانون:
    جنگي قيدين کي يا ته قتل ڪيو ويندو هو يا وري غلام بڻايو ويندو هو. پاڻ ان باري ۾ جيڪو پهريون قانون تيار ڪيائون سو اهو هو ته نه انهن کي قتل ڪيو ويندو ۽ نه غلام بڻايو ويندو، پر انهن کان فديو وٺي کين آزاد ڪيو ويندو. انهن مان جيڪو فديو نه ڏئي سگھندو هجي، انهن سان ڀلائي ڪري ڇڏي ڏنو وڃي. اڳتي هلي پاڻ ﷺ جو اهو ئي قانون سورهء محمد ۾ (فَاِمَّا مَنًّۢا بَعْدُ وَاِمَّا فِدَاۗءً) جي شڪل ۾ قرآن جو مستقل حڪم بڻجي ويو.
    انهيءَ قانون جي ڪري يهودي ڏاڍو ارها ٿيا، ڇو جو اهي گھڻو ڪري ماڻهن کي پنهنجي قرض جي بدلي ۾ غلام بڻائي ڇڏيندا هئا، ڪنهن کي مفت ۾ ڇڏڻ هنن جي سمجھه کان ئي ٻاهر هو.
    طلاق بائن کان پوءِ واپسي:
    ابو لهب جي پٽن رسول الله ﷺ جي نياڻين سان ڏاڍو خراب هلت هليا. رڳو ابو العاص بن الربيع رسول الله ﷺ جي نياڻيءَ سان محبت رکندا هئا. اهو به قيد ٿي آيو ۽ فديي ۾ بيبي خديجه جو هار آيو جيڪو پاڻ ﷺ جي نياڻي زينب کي ماءُ وٽان مليو هو. هار ڏسي ڪري پاڻ ﷺ جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. پاڻ ان جو سمورو مال واپس ڪري ڇڏيائون. هو مڪي موٽي ويو، ماڻهن کي پنهنجو قرض موٽائي ڏنو ۽ امانتون انهن جي مالڪن تائين پهچائي مسلمان هجڻ جو اعلان ڪري مديني ڏانهن موٽي آيو. پاڻ ڪريم ﷺ جي ڌيءُ زينب کي ابوالعاص جي شرڪ جي ڪري طلاق ٿي وئي هئي، پر جڏهن هو مسلمان ٿي ويو ته بيبي زينب کي، بائن طلاق هئڻ جي باوجود به ابوالعاص جي نڪاح ۾ ڏنو ويو. انهيءَ مان خبر پئي ته بائن طلاق کان پوءِ به، جيڪڏهن زال جي گھر تي خلع نه ڏنو ويو هجي ته، اهڙي قسم جي رجعت کي قرآن ازڪي و اطهر چيو آهي.
    سورت الانفال رڪوع 2:
    جڏهن پاڻ ڪريمﷺ ڪافرن ڏانهن پٿريون اڇلايون ته الله تعالى چيو ته اهي مون اڇلايون هيون. اهڙي طرح جڏهن مسلمانن ڪافرن کي قتل ڪيو ته الله تعالى چيو ته انهن کي مون قتل ڪيو هو ۽ ڪافرن جي تدبيرن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو ” فَلَمْ تَقْتُلُوْہُمْ وَلٰكِنَّ اللہَ قَتَلَہُمْ۝۰۠ وَمَا رَمَيْتَ اِذْ رَمَيْتَ وَلٰكِنَّ اللہَ رَمٰى “ اهڙيءَ طرح شهيدن لاءِ به چيو ته انهن کي مئل نه سمجھو.
    سورت الانفال رڪوع 1:
    سچا مؤمن اهي آهي جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ الله جي واٽ ۾ خرچ ڪن ٿا. الله تعالى چيو ته جڏهن قريش جي وڏي ڪٽڪ سان مقابلي جي وقت توهان الله تعالى اڳيان مدد لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا ته الله تعالى هزارين ملائڪن سان توهان جي مدد ڪئي. حقيقت اها آهي ته ملائڪن واري ڳالهه ته رڳو هڪ خوشخبري هئي ته جيئن مؤمنن جي دلين کي اطمينان حاصل ٿئي (وَمَا جَعَلَہُ اللہُ اِلَّا بُشْرٰي وَلِتَطْمَىِٕنَّ بِہٖ قُلُوْبُكُمْ).
    فطري وارو صدقو:
    رمضان 2 هه ختم ٿيڻ تي رمضان کان پوءِ خوشيءَ جو ميلو لڳو جنهن کي عيد سڏجي ٿو. هن کان پهريان عيسائين جي ڪرسمس جي عيد ٿيندي هئي، انهيءَ ڪري مسلمانن جي لاءِ رمضان ۾ زوري جي عبادت جي پڄاڻيءَ تي شوال جي پهرين تاريخ عيد جو ڏينهن مقرر ٿي. انهيءَ موقعي تي حڪم ڏنو ويو ته هر هڪ آسودو هڪ خاص رقم فطري جي صدقي طور ڏئي ته جيئن انهيءَ ڏينهن امت جو ڪوبه ماڻهو بکيو نه رهي.
    بدر جي فتح کان پوءِ سورهء انفال نازل ٿي. هن سورت ۾ الله تعاليٰ سان گڏ رسول الله ﷺ ج