ڪتاب جو نالو: خوابن جا رستا
مصنف: منور سراج
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 21 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 847 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 450 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ” خوابن جا رستا “ نامياري ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار منور سراج جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.
مَنور سراج ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي مُنفرد تخليقي اظهارَ وسيلي جيڪا رياضتَ ڪئي آهي اها کيس هڪ منفرد ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي اهم ڪهاڻيڪار واري حيثيت ڏئي ٿي.
منور سراج ننڍڙين شين/موضوعن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي پکيڙي من موهيندڙ ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو ، اهي ڪهاڻيون انهيءَ ڳالهه جون گواهه بڻجي وڃن ٿيون ته سنڌي معياري ڪهاڻي پنهنجي سفرَ تي اڃان به روان دوان آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پبلشر نوٽ
  • مُهاڳ : ساڀيائُن جو اوسيئڙو ڪندڙ خوابن جا رستا
  • پنهنجي پاران : رديءَ جو ليکڪُ
  • ڪهاڻيون

  • Date Expired ماڻهو
  • روشنيءَ جو دائرو
  • مسٽر ايم بي عُرف سينئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح
  • آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ
  • اڌ ۾ رهجي ويل جملي جو ڏُک
  • دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف
  • لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا
  • بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه
  • خوابن جا رستا
  • دل جي نديءَ ۾ ٻُڏي ويلَ ڇوڪري
  • الف الفابيٽ جي اُڻيل ڪاف ڪهاڻي
  • ڊسمبر جو پهريون ڏُک
  • خوابن جي بائونڊري وال
  • سِمو ڪَرس ڪارنر جي شام
  • پنجين ڏسا

  • ارپنا

    ڀٽائيءَ جي سهڻيءَ کان،
    پنهنجي ”سُهڻيءَ“ تائين
    جي نالي،
    سهڻي جنهن کي،
    پنهنجي ميهار تائين پهچڻ لاءِ،
    سدائين ”ڏم“ جو ڏوراپو،
    ۽ دردَ جو درياهه درپيش رهيو آهي!
    ۽
    پنهنجي وني
    رضيه سراج
    جي نالي،
    جنهنجي ساٿَ سواءِ
    منهنجي زندگيءَ ۾
    شايد ”زندگي“ نه
    هجي ها !

    ــ منور سراج


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (255) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ” خوابن جا رستا “ نامياري ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار منور سراج جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي.

    منور سراج لاءِ رکيل مورائي لکي ٿو ”منور لاءِ ته چوڻ نه چاهيندس پر لکڻ چاهيندس ته هن گذريل چڱي عرصي ۾ سرجيل ڪهاڻيءَ/سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آيل فن ۽ مواد جي لحاظ کان روايت کي پري رکندي، ان جا ڪنارا ٽوڙيندي، نوان سمبلس، نوان اميجز، نوان ميٽا فورس، نيون ٽيڪنڪس، پنهنجون ڪندي، پنهنجي ڪهاڻيءَ کي هر طرح بدلائي ڇڏيو آهي، اڄ جي حوالي ۾ فلحال سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو نالو نه آهي، هن کان اڳ سنڌي ڪهاڻيءَ لکندڙن جي نئين نسل ۾ هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا مس آهن“.

    هي ڪتاب 2016ع ۾ پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري منور سراج جا جنهن هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پبلشر نوٽ

    منور سراج سنڌي ٻوليءَ جو انتهائي سُڄاڻ، سنجيدو ۽ ذميدار ڪهاڻيڪار ۽ ناول نِگار آهي. هُنَ پنهنجو پاڻَ کي هِڪُ مُنفرد ڪهاڻيڪار ثابت ڪيو آهي. ان ڳالهه جي ثبوت ۾ سندس هن کان اڳ ڇپيل ڪهاڻي ڪتاب پيش ڪري سگهجن ٿا. ساڳي ئي وقت هن شاندار ناول لکي سنڌي ٻوليءَ ۾ ناوِلَ واري کوٽ کي پڻ خوبصورتيءَ سان پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻَ وٽ شاعري ته عام جام ٿئي ٿي ۽ هر آئي ڏينهنُ شاعريءَ جا ڪيترائي ڪِتابَ به سامهون اچن ٿا پَرَ ڪهاڻيءَ وارو شعبو ۽ خاص ڪري ناوِلَ وارو شعبو نسبتاً خالي خالي نظر اچن ٿا.
    مَنور سراج ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي مُنفرد تخليقي اظهارَ وسيلي جيڪا رياضتَ ڪئي آهي اها کيس هڪ منفرد ۽ پنهنجي ٽهيءَ جي اهم ڪهاڻيڪار واري حيثيت ڏئي ٿي.
    منور سراج ننڍڙين شين/موضوعن کي ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪهاڻيءَ جي ڪينواس تي پکيڙي من موهيندڙ ڪهاڻيون تخليق ڪري ٿو ، اهي ڪهاڻيون انهيءَ ڳالهه جون گواهه بڻجي وڃن ٿيون ته سنڌي معياري ڪهاڻي پنهنجي سفرَ تي اڃان به روان دوان آهي.
    ادارو پوپٽ پبلشنگ هائوس منور سراجَ جو هي ڪتاب ڇاپيندي سرهائي محسوس ڪري ٿو ۽ اِها اُميدَ پڻ رکي ٿو ته اسان جا قلمڪار پنهنجو تخليقي اظهار ڪهاڻيءَ جي شعبي ۾ ڪري سنڌي ڪهاڻيءَ کي، اڃان به وڌيڪَ مضبوط ڪندا ۽ انهيءَ ۾ فَنَ ۽ فڪر جي حوالي سان نوان تجربا ڪندا.
    اوهان پڙهندڙن جي مانائتي موٽَ ۽ نيڪ صلاحن جو هميشه وانگر اوسيئڙو رهندو.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ.


    مُهاڳ : ساڀيائُن جو اوسيئڙو ڪندڙ خوابن جا رستا

    جيڪي تخليقڪار نه آهن اهي مئنيجر آهن يا شيواڌاري آهن ۽ سنڌي ادب ۾ انهن جي کوٽ نه آهي.
    پر اڄ جي تاريخ تائين نج تخليقڪارن جي سنڌي ادب ۾ کوٽ شدت سان نوٽ ڪئي وئي آهي، جنهن کوٽ جي پورائي ممڪن حد تائين اڄ جا ٻن هٿن جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا تخليقڪار ڪري رهيا آهن، منور سراج انهن ۾ شامل آهي، جيتوڻيڪ هن سنڌي ادب ۾ ياد رکڻ جهڙو ناول ” کاٻي اک جو خواب “ به اسان کي ڏنو آهي پر هُن جي پُکي ۾ ڪهاڻي آئي آهي، هڪ اهڙي ڪهاڻي جيڪا اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيڻ لڳي آهي، اهڙي پڪ آهي.
    ها! گذريل عرصي ۾ سموري نئين تخليقي ڪهاڻيءَ کي تنقيد/ تعريف جي سطح تي نظر انداز ڪرڻ يا دٻائڻ جون جيڪڏهن ڪي ڪامياب / ناڪامياب ڪوششون ٿيون به آهن ته، اها حقيقت وساري وئي آهي ته نئين ڪهاڻيءَ جي آمد اڻٽر آهي ۽ سچ پچ اڄ اها اڻٽر صورت ۾ سامهون به آئي آهي، انهن کي تڪليف ڏيڻ لاءِ، جن مختلف فلسفن/ازمن هيٺ ڪهاڻيءَ/سنڌي ڪهاڻيءَ جو دائرو سوڙهو ڪرڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي ۽ جن ان سوڙهي ٿيندڙ دائري جون سڀ لڪيرون ٽوڙي، پنهنجي لکڻ جو دائرو ويڪرڻ لاءِ اتساهه ڀانيوآهي پاڻ ۾، انهن مان اڄ جي تاريخ ۾ اهم ۽ شايد آخري نالو منور سراج آهي.
    هن پنهنجي ڪهاڻين/غير معمولي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکڻ جو اختيار، هڪ معمولي پڙهندڙ ۽ لکندڙ رکيل مورائيءَ کي سونپي، يا ان جو نالو پسند ڪري، پنهنجي پسند جي مٿان هڪ کان وڌيڪ سوالن جا نشان لڳائي ڇڏيا آهن.
    ٻئي پاسي مان، نالي رکيل مورائي، هن جي سڀني ڪهاڻين کي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ پنهنجي پر ۾ ٻه فيصلا ڪري ويٺو آهيان.
    هڪ اهو ته، هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکي، هُن جي ليکڪ کي قتل ڪريان.
    ٻيو اهو ته، هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به نه لکي، پنهنجي ليکڪ کي قتل ڪريان.
    ساهه هر ڪنهن کي مٺو آهي، ان احساس هيٺ مان هن جي ڪهاڻين تي ڪجهه به لکي.......
    منور سراج جي هن ڪتاب ”خوابن جا رستا“ ۾ شامل ڪهاڻين کي پڙهي، پهريئن ته مون کي هُن جي خوابن سان ريس ٿيڻ لڳي آهي، مان به اهڙا خواب ڏسي سگهان شايد!
    هن اهڙا خواب ڏٺا آهن ۽ ڏٺل خوابن جي انهن رستن تي هلڻ لڳو آهي، جن رستن سنڌي ڪهاڻيڪارن جي اڪثريت کي اڃا پاڻ مٿان هلڻ کان روڪي رکيو آهي.
    ٻي ڏک ڏيندڙ ڳالهه اها آهي مون لاءِ ته، سندس ڪهاڻين کي پڙهي، سندس سنڌي ڪهاڻيڪار هجڻ واري محدودگيءَ تي ۽ جيئڻ واري محدودگيءَ تي رحم اچي ويو آهي، اتي اچي محسوس ٿئي ٿو ته ٻولي به هڪ قيد/محدودگي آهي، ڪنهن به نج ليکڪ لاءِ.
    ۽ منور لاءِ ته چوڻ نه چاهيندس پر لکڻ چاهيندس ته هن گذريل چڱي عرصي ۾ سرجيل ڪهاڻيءَ/سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ آيل فن ۽ مواد جي لحاظ کان روايت کي پري رکندي، ان جا ڪنارا ٽوڙيندي، نوان سمبلس، نوان اميجز، نوان ميٽا فورس، نيون ٽيڪنڪس، پنهنجون ڪندي، پنهنجي ڪهاڻيءَ کي هر طرح بدلائي ڇڏيو آهي، اڄ جي حوالي ۾ فلحال سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ٻيو ڪو به اهڙو نالو نه آهي، هن کان اڳ سنڌي ڪهاڻيءَ لکندڙن جي نئين نسل ۾ هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا نالا مس آهن.
    اڄ جي ذهين لکندڙ لاءِ پنهنجي هستي بچائن لاءِ ”ڪارڻ“ جو استعمال رهيو ڪونهي، ان ڪري هُو وڌيڪ سوچيندڙ آهي، ڪارڻ جي غير موجودگيءَ ۾ وري ڪميونيڪيشن نه آهي، ايئن ذهني قوتون ”ڪارڻ“ کي گم ڪرڻ طرف رڌل آهن، جيئن ئي ”ڪارڻ“ گم ٿئي ٿو، ان جي جڳهه اڪيلائي/ ويڳاڻپ والاري ٿي. ها ! اهو فطري آهي پر ان کان ڪي پل لنوائي به سگهجي ٿو ۽ ضرور لنوائڻ به گهرجي، ڇاڪاڻ ته جيئڻ کي وڌيڪ سولو ڪرڻ جو هيءُ به هڪ ذريعو آهي، ٻي صورت اها آهي، جنهن ۾ اڪثر منور جي ڪهاڻين جا ذهين ڪردار جيئن ٿا، جيڪي منور جي ليکڪ جا الڳ الڳ حصا به ٿي سگهن ٿا ته سندس شخص جا الڳ الڳ آڪار پڻ !
    منهنجي قبوليت اها آهي ته ڪو به تخليقڪار، فقط پنهجي تخليق ۾ پنهنجو نجي سَچُ اظهاري سگهي ٿو، ان کان ٻاهر هن جو سڀ لکڻ ڪوڙ هجي نه هجي، سندس مروج سماج سان ٺاههُ ڪري جيئڻ جي ڪوشش ضرو آهي.
    سنڌي ادب جي مڙني صنفن ۾ ڪهاڻي وڌيڪ اڀري آيل صنف آهي، اهو نسبتي طور ئي سمجهڻ کپي، اڄ سنڌي ڪهاڻي، آس پاس جي ٻين ٻولين جي ڪهاڻيءَ ساڻ بر ميچي سگهجي ٿي، ليڪن اها نا اميدگيءَ ڀري حقيقت آهي ته معياري/تخليقي ڪهاڻين جو تعداد سنڌي ادب ۾ ڪافي گهٽ آهي.
    سنڌي ادب جي پهريئن اهميت ڀري جڳهه وري به سنڌي شاعري والاري ويٺي آهي، ۽ آخري بينچ تي سنڌي ناول پنهجي اڪيلائيءَ ۽ اداسائيءَ کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي.
    گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌي ادب ۾ ڪافي ڪهاڻيڪار اُڀري آيا آهن. روايت شڪن سنڌي نوجوان ليکڪ، موجوده سياسي ۽ سماجي ڍانچي ۾ ”سنڌي“ هئڻ جي محدودگيءَ ۾ جيئڻ جي طريقي کان واقف هوندي ۽ سجاڳ هوندي به، هن پيڙهيءَ جا ڪهاڻيڪار، هڪ طرف پنهنجي تمام مڃتائن کي نظر انداز ڪندي لکي به رهيا آهن ته ٻئي پاسي پنهنجا پير کوڙي پنهنجي تخليقي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جهڙي ارادي جي به منجهن غير موجودگي آهي، سندن سفر ريگستان جي مسافر جيان آهي، پنهنجي راهه پاڻ ڳوليندي وڌڻ. راهه جي وجود سان سندن واسطو آهي يا نه – ان قسم جي سوچ وٽِن خير ڪا آهي!
    آس پاس جي ٻين ٻولين جي نون ڪهاڻيڪارن جيان، سنڌيءَ جي نوجوان ڪهاڻيڪارن وٽ، تخليقي قوتون موجود هوندي به، هو ان سان اتساهه ڀرپور وهنوار ڇو ڪو نه ٿا ڪن، جنهن منجهان سندن تخليق پاڻمرادو اُڀري اچي. اڄ جيڪي نوجوان پنهنجي تخليقي قوتن منجهان اتساهه وٺي لکي رهيا آهن، انهن ۾ اڳيان اڳيان به ڪي نوجوان آهن، منور سراج انهن مان هڪ آهي، اهو هن پاڻ ثابت ڪيو آهي.
    سندس ڪهاڻيون ڏهاڙي اخبار پڙهي، پڙهندڙ هجڻ واري دعوا ڪندڙن لاءِ بنهه نه آهن.
    انهن لاءِ به نه آهن جيڪي هڪ نمبر کان هيٺ، ڪنهن به نمبر جو ڪالم لکي پاڻ لاءِ ليکڪ هجڻ جو ڀرم پاليندا آهن.
    هن جون ڪهاڻيون انهن لاءِ آهن، جيڪي سنجيده پڙهندڙ آهن ۽ ڪجهه پڙهڻ کان پوءِ ويچاريندڙ آهن، ڪجهه محسوس ڪندڙ آهن. ڪهاڻيءَ جو روئڻ يا کلڻ، جن پڙهندڙن کي روئاري يا کلائي سگهي، هيءُ ڪهاڻيون انهن جي پڙهڻ جون ڪهاڻيون آهن، ڀلي سنڌ ۾ اهڙا ٻه شخص ئي ڇو نه هجن، يا هڪ شخص ئي ڇو نه هجي، ان جو ڪنهن به نج تخليقڪار کي اونو ڇو هجڻ گهرجي؟ پڪ سان منور سراج کي به نه آهي.
    منور سراج جي ڪهاڻين جو مجموعي تاثر مان مٿي ڏئي آيو آهيان پوءِ به سندس ڪهاڻين جي الڳ الڳ عڪسن کي هتي اظهارڻ جي سڌ روڪي نٿو سگهان. مان ائين سمجهان ٿو ته منور جي ڪهاڻي.

    ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهو:
    اعليٰ فن جي سطح تي اڀري آيل هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي، جنهن کي نه هيرو جي گهرج آهي ۽ نه هيروئن جا ڪجهه حسين جملا ۽ ڪي احساس کي ڇهندڙ پل، جيڪي ڪهاڻي پڙهڻ وقت ماڻي سگهجن ۽ ڀوڳي به سگهجن. ماڻڻ ۽ ڀوڳڻ جي وچ ۾ هڪ ڊگهي لڪير ۽ الميو.
    ” وسارڻ جي ڪوشش ۾ شيون وڌيڪ ياد اينديون آهن.“

    روشنيءَ جو دائرو:
    سانت جي خوفناڪ آواز جو احساس ڏيندڙ هيءَ ڪهاڻي ڪنهن به ازم/ڌارا کان مٿي اڀري آيل انهن ڪهاڻين ۾ شمارڻ جهڙي آهي، جيڪي ڪهاڻيون ڪنهن به ادب جو مرتبو وڌائينديون آهن، اتي ٻولين جو، قومن جو ۽ نسلن جو ويڇو نٿو رهي.

    مسٽر ايم بي عرف سينيئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح:
    هڪ احساس جهڙو خواب، جنهن کي ڪنهن به صبح جي ساڀيان نه آهي، اهو خواب ئي آهي، احساس ئي آهي ۽ شخص جي آس پاس کان ڪٽيل وجود آهي. جيڪو جيئرو ته آهي پر نه جيئڻ جهڙو آهي.

    آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ:
    سموٿ سفر ۾، مذهب جي لڪير کي وچ ۾ وڏي ديوار سمجهندڙ محبت جي مڃتا، ييس اينڊ نو، جي صليب تي لٽڪيل عبدالله ۽ مشعل جا احساس، فلسطين مان تبديل ٿيل ٽڪرو اسرائيل، موسيٰ جي مٽيل عصا ۽ اکين جي اوپرائپ، ڪنهن ڏٺي ۽ ڪنهن ڏٺا اس ۾ اڏندڙ ابابيل، جيڪي ڇرا بڻي علي سعيد جي زندگيءَ جي جوت وسائي ويا ۽ هڪ اميد جاڳائي ويا مشعل جي تصور ۾، هڪ ٻئي علي سعيد کي جنم ڏيڻ جي.

    اڌ ۾ رهجي ويل جملي جو ڏک:
    هڪ کڻ ۾ اڌ ڄمار جو درد ڀوڳيندڙ شخص جي ڏک جو اظهار نه، احساس آهي، هيءَ ڪهاڻي. هڪ اهڙي ڪهاڻي، جيڪا لکي يا ٻڌائي نه سگهبي آهي، هڪ تتل روح کان ٻئي تتل روح تائين جو سفر، روح جيڪو هڪ ڊگهي ڀٽڪاءَ جو نالو آهي، جنهن جي ڪا به شبيهه توڻي تشبيهه اظهاري نه سگهبي آهي. شبيهه رڳو منور سراج جي نظر اچي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هيءَ هن جي لکيل ڪهاڻي آهي. سچ ته جيڪڏهن هو، هيءَ ڪهاڻي نه لکي ها ته، اها پن ڇڻ جي رُت ۾ سندس اکين مان ڇڻي پوي ها. مان ائين سمجهان ٿو.

    دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف:
    نواب شاهه جي ادب جي ننڍڙي آسمان تي ڇانو ڪري بيٺل ” ماڻڪ“ تي ڪيترا به ليک لکيا وڃن، پر سندس خودڪشيءَ کان پوءِ، ننڍڙي ڪمري ۾ ڦهليل وڏي ڏک کي ڪير محسوس ڪري سگهندو؟ مستقبل ۾ جن کي ان ڏک جي شدت جو تاءُ محسوس ڪرڻو هجي، انهن کي هيءَ ڪهاڻي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي معرفت ئي اهو تاءُ محسوس ڪري سگهبو. ڪنهن کي ڪجهه نه محسوس ٿيڻ جو گمان ٿئي ته اهو ڪهاڻي جو آخري جملو هڪ ڀيرو وڌيڪ پڙهي، جيڪو آهي.
    ”پيءُ جو ڦوٽو ٿو ساڙي
    ڪافر
    دوزخي
    ذليل“

    لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا:
    هڪ خواب ۾ پلجندڙ ٻه الڳ الڳ ساڀيائون، جيڪي پنهنجي پنهنجي سچ کي ماڻڻ کان محروم رهجي ويون، هڪ خواب جيڪو چئن اکين ۾ هڪ ئي وقت پلجندو رهيو، جنهن جي ساڀيان گلاب جي خوشبو وانگر پلن ۾ اڏامي ويندڙ، ڪڏهن به مُٺِ ۾ قابو نه ٿيندڙ، گلاب جيڪي ڪاريءَ چوٽيءَ ۾ مرڪڻ بجاءِ قبر جي آلي مٽيءَ تي پئجي سڪي ويا ۽ پنهنجي خوشبو انهن چئن اکين ۾ ڇڏي ويا، جن ۾ هڪ ئي وقت هڪڙو خواب پلجندو رهيو. خواب جي اڻپوري رهجي ويل ساڀيان.
    گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون
    جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي
    باغن ۾ جو انب پچائي
    ويس گلن کي جو پهرائي

    اڄ گلن کي پاتل هيءُ ويس آهي يا ڪفن آهي، ڪنهن خواب جي ساڀيان جو؟

    بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه:
    فنڪار جي ” اندر“ ۾ گهڙي آيل ” ٻاهر“، وقت جي تيز ڊوڙ، ساڀيان کان رهجي ويندڙ خواب، ” مڊل ڪلاس جو الميو“ ۽ نه چاهيندي به پنهنجي پٺيءَ تي لڳل ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي ٽپي جو بار ڍوئيندڙ آرٽسٽ جي اذيت، سڀني گڏجي هن ڪهاڻيءَ کي هڪ عڪسي ڪهاڻي بڻائي ڇڏيو آهي.
    جيئن مون پهرئين به چيو آهي ته منور جي ڪهاڻي محسوس ڪرڻ جي اول آهي، پڙهڻ جي ڪهاڻي پوءِ، جنهن کي پڙهڻ سان اهو احساس جنم وٺندو، جيڪو ڪنهن لمحي ڀٽائيءَ جي اندر ۾ به جاڳيو هئو ۽ هن اظهاريو هئو ته:
    پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ

    خوابن جا رستا:
    ڪجهه عڪس ۽ ڪجهه ڪڪر، ڪجهه خوشبو ۽ ڪجهه اداسائي، ڪجهه خاموشي ۽ ڪجهه مُرڪون ۽ ڪجهه ٿڌن ساهن ڀرڻ جو اداس احساس ڏياريندڙ هيءَ ڪهاڻي، تخليق جي اهڙي اڻت آهي، جيڪا شايد سنڌي ادب اڃا پرکي رهيو آهي ۽ سنڌي ادب جو پڙهندڙ هن قسم جي تخليق کي ماڻڻ يا ڀوڳڻ کان اڃا ڪوهين ڏور آهي.

    دل جي نديءَ ۾ ٻڏي ويل ڇوڪري:
    گل فروش جي آڱرين جي ڇهاءَ ۽ گلن جي هڳاءَ جي خواب ۾ جيئندڙ ڇوڪريءَ جي نيرين اکين جي نديءَ ۾ ٻڏي ويل گل فروش جي هيءَ ڪٿا، اکين مان نه وهندڙ ڳوڙهن ۾ ٻڏي ويندڙ احساس جي ڪٿا آهي، جيڪا هر شخص سان گڏ جيئندي آهي ۽ هر شخص سان گڏ مرندي آهي ۽ پويان ڇڏي ويندي آهي اداسيءَ جو اهڙو دونهون جنهن مان هُن پار ڏسي نه سگهبو آهي، سڀ ڪجهه ڌنڌلو ٿي ويندو آهي.

    الف الفابيٽ جي اڻيل ڪاف ڪهاڻي:
    ڪنهن به اڻت کي ٽوڙيندڙ، ڪي پل کڻي ايندڙ هن ڪهاڻيءَ ۾ ” ن“ ڪردار جي، نفيس لمحن ۾ هڪ ننڍڙو دوستاڻو موبائيل ميسيج، وڏي سوچ جي پهاڙ هيٺ چيڀاٽي ويندڙ ۽ جواب ۾ ڪنهن به صورت ۾ ان تاريخ، جيڪا اڄ آهي، سڀاڻي ٿيڻ کان پهرئين ان پهاڙ کي هٽائيندڙ ارادي جو سکُ ۽ ان ۾ باقي رات جا ٻه پهر گذاريندڙ ڇاڇا سهي وڃي ٿو. جيڪڏهن اهو سچ آهي ته تخليقڪار پنهنجي تخليق ۾ موجود هوندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ جي ڪردار ” ن“ ۾ منور جي موجودگيءَ کي لنوائي نه سگهبو، مان ائين سوچيان ٿو.

    ڊسمبر جو پهريون ڏک:
    پوپٽ جي موت کي وڇوڙي جي علامت طور کڻي، شخص جي پاڻ سان گفتگو تي آڌاريل هيءُ ڪهاڻي، اڄ جي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ نئون اسلوب کڻي ايندڙ ڪهاڻي آهي. ڪهاڻيءَ جي هر اسلوب کي اورانگهي ويندڙ ۽ پنهنجو هڪ نجو دائرو جوڙيندڙ هيءَ ڪهاڻي سنڌي ڪهاڻيءَ ۾ ڪجهه نئون آڻيندڙ ڪهاڻي ته اوس آهي ئي، پر ڪهاڻيءَ جون عام سرحدون ڪراس ڪري، ڪي نيون سرحدون پڻ جوڙي رهي آهي.
    سنڌي ڪهاڻيءَ جي آئيندي جو روشن اشارو ڏيندڙ هيءَ ڪهاڻي، منور جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار طور سڃاڻ لاءِ ڪافي آهي. هڪ اهڙي سڃاڻ جهڙي ڪهاڻيءَ ڪافڪا کي ڏني آهي ۽ جهڙي سڃاڻ، رومانوادي ادبي ڌارا ۾ پوپٽ جي اڏام کي حاصل آهي. جهڙي چنڊ جي چانڊوڪيءَ کي حاصل آهي ۽ جهڙي تازگيءَ جي مڃتا بهار جي مند کي حاصل آهي، ۽ جهڙي مڃتا مائيڪل اينجلو جي آڱرين کي حاصل آهي ۽ جهڙي مڃتا موسيٰ جي عصا ڏانهن منصوب ڪيل آهي!

    خوابن جي بائونڊري وال:
    ڳالهين جي هڪ ميرانجهڙي ڳوٺ ۾ جيئندڙ ٻه شخص، ٻن ڇيڙن تي رهندڙ. آواز جي مڌر ڌن تي سندن ڌڙڪندڙ ٻه دليون، سنگ مرمر جي بينچ، بوگن ويلا جي ڇانو، چئو ماسي جا آخري ڏينهن ۽ برسات جا وسندڙ پل، هڪ ڪهاڻيءَ ۾ پڙهندڙ لاءِ ايترو ڪجهه موجود آهي. ها! جنهن جي وچ ۾ ڪي به قصا نه آهن، ڪي جملا آهن، ڪجهه احساس آهن ۽ هڪ حسين ماحول جوڙيل آهي. ٻن شخصن جي ڳالهين وچ ۾ هڪ ڊگهي خاموشي آهي، جيڪا شايد سدائين رهڻي آهي، شخص جي چهري تي اڀري آيل خوشيءَ توڻي ڏک جي ريکائن جيان. اهي ريکائون جيڪي شخص جي سموري ڏک جي تاريخ ٻڌائي وڃن ٿيون.

    سموڪرس ڪارنر جي شام:
    هڪ سگريٽ جي ٻاريل ۽ وسامي ويل وقت ۾ ٻڌايل زندگيءَ جو ڊگهو لمحو، هن ڪهاڻيءَ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، ليکڪ پاڻ ڪو به تفصيل نه ڏنو آهي سڀ وقت جي دائري ۾ قيد ٿيل احساس اظهاري وڃن ٿا. سنڌي ڪهاڻي ايتري تخيلقي سطح تي اڀري ايندي، اهڙو تڪڙو امڪان ته شخصي طور مون کي اڃا به نظر نٿو اچي، جيڪڏهن مان پنهنجي مطالعي کان منور سراج جون هي ڪهاڻيون پري ڪري رکان ته!
    هي ڪهاڻيون خوابن جي انهن رستن ڏانهن وڃن ٿيون. جن جي شروعات ته هوندي آهي پر انهن جي پڄاڻي ڪڏهن به اچڻي نه هوندي آهي. منور جون هيءُ ڪهاڻيون، شايد چون ٿيون ته هاڻ هو فقط خوابن سان ئي پيار ڪرڻ لڳو آهي، ساڀيائون کائنس رسي ويون آهن .
    ڪيئن به هجي منور جون هي ڪهاڻيون جيڪي دراصل ڪهاڻيون نه آهن، ڪهاڻين جا احساس آهن، سنڌي مروج ڪهاڻيءَ کان الڳ ٿلڳ آهن، اهو اڄ جو سچ آهي.

    پنجين ڏسا:
    هيءَ منور جي ڪتاب جي آخري ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ نظم آهي ڪٿائي نظم!
    ۽ هن ڪهاڻيءَ ۾ هڪ عورت جي شڪايت آهي، پنهنجي سنساري ڪمن ۾ جيئندڙ مڙس کان، مڙس پاران گهربل توجهه نه ڏيڻ جي! عام زندگيءَ جي ۽ اندر جي سنسار جي ڪٿا آهي، جيڪا ظاهري جهان کان الڳ جهان ۾ پلجندڙ آهي، اهڙو جهان جيڪو هن جڳ کان الڳ آهي، جنهن ۾ اڪثر عورت جيئندي آهي ۽ مرندي آهي، جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ ڏيکاريل آهي ” عورت توجهه گهرندي آهي، گل جيان“ ٻي صورت ۾ هوءَ اوس مرجهائجي ويندي. اکين جون چار ئي موسمون ۽ پيار جي پنجين موسم اندر ۾ سمائيندڙ ڪو به شخص ائين پلن ۾ جيئندو آهي ۽ پلن ۾ مرندو آهي.
    ائين ”خوابن جا رستا“ ڪتاب پورو ٿئي ٿو. پڪ سان اهو سڀاڻي جي تخليقي ڪهاڻيءَ لاءِ روشن ساڀيائون آڻيندو ۽ بس.

    رکيل مورائي
    1 فيبروري 2016ع
    ڪراچي


    پنهنجي پاران : رديءَ جو ليکڪُ

    ان ڏينهن ڏاڍو وڻندڙ واقعو پيش آيو مون سان! وڻندڙ، خوبصورت ۽ خوشيءَ سان سرشار ڪري ڇڏيندڙ. ان سرشاريءَ جون لهرون منهنجي دل جي نديءَ مان کُٽن ئي نٿيون.
    ”توهان ڪهاڻيڪار آهيو؟“ منهنجي پاڙي جي دڪاندار ان ڏينهن مون کان هٻڪندي پڇيو.
    ”جي ها ادا!“ مون کيس هٻڪ جي جھاڪي مان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ مُرڪندي وراڻيو.
    ”پر اوهان کي ڪيئن خبر پئي؟“
    مون کانئس اضافي سوال ڪيو، جو ان پاڙي ۾ مون کي جاءِ ورتي ڪو گهڻو وقت ڪونه ٿيو هو. ان ڪري مون کي پڪ هئي ته هو منهنجي لڇڻن کان واقف ڪونه هوندو.
    ”دراصل ڀائو! ڪالهه سُڪي مانيءَ وارو مون وٽ هڪڙو ڪهاڻي ڪتاب وڪڻي ويو آهي، جنهن تي تصوير اوهان جي آهي ۽ نالو به اُهو آهي، جيڪو کنڌي واري رجسٽر تي اوهان لکيو هو. يعني ”منور سراج“.
    دوڪاندار خوشيءَ، حيرت ۽ حجاب جي گڏيل ڪيفيت سان مون ڏي ڏسندي نه ڏسندي چيو.
    ڄڻ کانئس غلطي ٿي وئي هجي.
    ڄڻ ڪجهه صحيح ٿيو هُجي.
    ڄڻ ڪجهه صحيح ۽ ڪجهه غلط جي وچ تي ٿيو هُجي.
    جڏهن ته مان، مون تي اوچتو ۽ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ٿيل ان انڪشاف سان، ته مان اصل ۾ رديءَ جو ليکڪ آهيان، خوشيءَ جي اهڙي درياهه ۾ تبديل ٿي چڪُو هئس، جنهن جو ڪوئي ڇيهه نه ڇيڙو هو! مون محسوس ڪيو ته رديءَ جو ليکڪ هجڻ جي خوشي پنهنجو پاڻ ۾ هڪ منفرد، اجنبي ۽ نئين نڪور خوشي آهي. اهڙي خوشي جنهن سان اڳ ڪڏهن به مان متعارف نه هئس... بلڪل ائين جيئن جنم کان اڳ هڪ ٻار، ماءُ جي ٿڃ جي ذائقي ۽ آغوش جي ڪوساڻ کان بي خبر هوندو آهي!
    مون کي اها ته خبر هئي ته مان محبتن، انتظارن، سرگوشين، خاموشين، گلن، خوشبوئن، ٻارن، پوپٽن ۽ خودڪشيءَ جي رستن تي هلندڙ معصوم قدمن جهڙن Date Expired موضوعن ۾ گم سم رهندڙ ڪردارن جي ڪهاڻين جو معمولي قسم جو ڪهاڻيڪار آهيان، مون وٽ ڪو ثبوت نه هو ته مان واقعي به ٽئين درجي جو ليکڪ آهيان. پر ان ڏينهن جي وڻندڙ واقعي / انڪشاف مون کي پڪو ثبوت به ڏئي ڇڏيو ته مان واقعي به رديءَ جو ليکڪ آهيان.
    هونءَ به اهو سچ آهي ته جديد سرمائيداراڻي سماجي نفسيات ۾ جتي انساني جذبو ۽ جذبي جي Originality، توڻي ماڻهوءَ جو وجود، محض commodity بڻجي رهجي ويو آهي، اُتي سموري آرٽ کي به جهڙوڪر هڪ غير ضروري ۽ اضافي شئي سمجهيو پيو وڃي.
    پر شايد پاڻ جهڙن پاڳل ۽ Date expired ليکڪن کي دل جي ديوانگي ڏاڍي وڻي ٿي. من جا موضوع مٺا ٿا لڳن.... مون کي ته رديءَ جو ليکڪ هجڻ ڄڻ پنهنجي لاءِ هڪ وڏو اعزاز ۽ ايوارڊ ٿو ڀاسي، جو رديءَ جهڙا بڻجي ويل هن جديد دور جا سڀ قصا، مون کي پنهنجي دل جا حصا ٿا لڳن.
    ”ڀائو!“ دڪاندار مون کي خيالن ۾ گم ڏسي چيو ”توهان منهنجي ڳالهه تي ناراض ته ڪونه ٿيا آهيو؟“.
    ”نه علي جان!“ مون پنهنجي اندر جي عميق سرهائيءَ جون لهرون سپيُن جئان سهيڙيندي چيو ”رديءَ جي صورت ۾ هڪ پڙهندڙ کان ٻئي پڙهندڙ تائين پهچڻ منهنجي لاءِ ڏاڍي خوشيءَ جو باعث آهي“.
    دوستو!
    سچي ڳالهه هيءَ آهي ته بطور ليکڪ جيڪڏهن مون کان منهنجي ڪائي وڏي خواهش پڇي وڃي ته مان چوندس ته منهنجي خواهش اها آهي ته مون کي رديءَ جي ليکڪ طور سڃاتو ۽ سڏيو وڃي.
    ۽ پنهنجي ان خواهش کي عملي روپ ڏيڻ لاءِ مون ان شام دڪان ۾ رکيل پنهنجي کنڌي واري رجسٽر تي دڪاندار کان اجازت وٺي، هڪ وشال مُرڪ سان پنهنجو نالو ”منور سراج“ ڊاهي، ”رديءَ جو ليکڪ“، لکي ڇڏيو.

    منور سراج
    رديءَ جو ليکڪ
    8 ڊسمبر 2015ع جي شام
     نواب شاهه ـــ سنڌ
    siraj.munawar@gmail.com
    0340-1327080


    ڪهاڻيون

    Date Expired ماڻهو

    ”زندگي شروع کان وٺي ائين ئي آهي جيئن هينئر نظر اچي ٿي.“ آوازن ۽ خاموشيءَ سميت بي انت خاليپڻي جو حصو ٿيڻ کان اڳ سوچيائين ”زندگيءَ ۾ رهجي ويل خال، کوٽون ۽ عجب جون نشانيون زندگيءَ کي مڪمل ڪن ٿيون“ پر مطمئن نه ٿيو ”شايد ائين هجي. يا شايد ائين نه هجي.“ سندس سگريٽ جي هر ڪش سان سُرمئي دائرا ٺهڻ ڊهڻ لڳا. هو دائرن ۾ ڀٽڪندو رهيو. دائرا منجھس ڀٽڪندا رهيا پوءِ هڪ هڪ ٿي سڀ دائرا هوا ۾ ڊائليوٽ ٿي ويا.
    ”دراصل سڄو لطف Limits اورانگهڻ ۾ آهي“ گلاس ٽيبل تي رکندي هٿ ٿڙيس ته ڀڻڪيو ”جيڪي Limits ٽپي نه سگهندا آهن اُهي زندگيءَ جي اصلي ذائقي کان محروم رهجي ويندا آهن.“ ٻيون پيگ ٺاهڻ جو ارادو ڪيائين ته هوءَ مُرڪي پئي. هن جي مُرڪ سان کانئس پيگ ٺاهڻ وسري ويو ۽ پکيءَ جو گيت ياد اچي ويس. پکي جيڪو گهڻو وقت اڳ هڪ شامَ اڏامندو آسمان جون حدون اورانگھي ويو هو. خالي گلاس ڏي نِگاهه ويس ته گيت جا ٻول ذهن مان نڪري ويس. هُو پکيءَ جو گيت وساري ويٺو. هن بدستور ڏانهس ڏٺو پئي.
    ”وڏي ڪا ذليل آهين!“ سندس اکين ۾ گهڻو پري تائين لڙهندي. مسرور لهجي ۾ چيائين نشو ٻيڻو ٿي ويس. ”ڇو هان ذليل؟ هان؟ ٻڌاءِ ! توکي اهڙو ڇا ڪيو اٿم؟“ شوخ نهار سان ڏسندي ننڍڙا ننڍڙا ٽهڪ ڏئي چيائين ته لڳو ڄڻ ٻه جام پاڻ ۾ ٽڪرائجي پوئتي هٽي ويا ۽ ماحول ۾ جلترنگ جي ٽيون وڄندي ڇڏي ويا. کيس لڳو رات جو جنم موسيقيءَ جي ڪُک مان ٿيو آهي.
    ”اڳ ۾ اعتبار نه هئم پر هاڻ يقين ٿي ويو اٿم ته تو منهنجي پاسريءَ مان جنم ورتو آهي. شايد ان ڪري ئي توکان سواءِ منهنجي لاءِ وقت اپاهج هوندو آهي.“ اهو جملو چيائين جيڪو دراصل چوڻ لاءِ نه سوچيو هئائين پر پاڻ کي ٻڌائڻ لاءِ سوچيو هئائين. پر هن مُرڪي سندس چپن تان سڀ لفظ چونڊي ورتا. کيس خبر هئي ته اصل ۾ انهن لفظن تي پهريون حق سندس آهي. ۽ فخر جي احساس سان ٻيو دفعو مُرڪي منهن ۾ پوندڙ وارن کي هٿ سان پوئتي هٽايائين ته هڪ چانڊوڪي رات جو جنم ٿيو. املتاس جي وڻ ڀرسان پارڪ ۾ رکيل ٻه ڪرسيون، هڪ ٽيبل، بائونڊري وال تي ڦهليل سائي ول، دل ۾ ڪجهه خالي خالي جو احساس. چؤ طرف ڦهليل بي انت خاليپڻو ۽ هر پل وڌندڙ خاليپڻي جو احساسُ.... ڪجهه پکي ٻوليندا مٿان گذريا ته ڪنڌ مٿي ڪري آسمان ڏي ڏٺائون، پر ايستائين پکي سندن نهار جي پهچَ کان پري هليا ويا ۽ خلا ۾ پنهنجا عڪسَ ۽ آوازَ ڇڏي ويا. پوءِ آواز ۽ عڪس به معدوم ٿي ويا.
    ”سڀ ڪجهه پولار ۾ الوپ ٿي ويندو آهي. پکي، آواز، تارا، روشني، ماڻهو... برمودا ٽرئنگل رڳو سمنڊ ۾ ناهي. خلا ۾ به آهي. ڌرتيءَ تي به آهي. هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ به هڪڙو برمودا ٽرئنگل هوندو آهي، جنهن ۾ سڀ ڪجهه الوپ ٿي ويندو آهي. پوئِتي رُڳو عڪس رهجي ويندا آهن.“ ڀاسيس هو پاڻ به عڪس آهي ۽ هوءَ به جنهن جي ڳلن تي چانڊوڪي هارجي رهي آهي هڪڙو عڪس آهي. اهو به ته لفظ وات مان نڪرڻ کان اڳ زندهه هوندا آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ ڊهي ويندا آهن. فقط خاموشي ئي لفظن کي مرڻ کان بچائيندي آهي.
    ”تنهنجون هي نديءَ جهڙيون ڳالهيون ۽ تون.... هيڏي مان ۽ منهنجي رنگن کان محروم زندگي ۽ چئو واٽي تي بيٺل ماڻهوءَ جي حالت.... سفر ڪيترو نه مشڪل ٿي پوندو آهي اڪثر. سوچيو اٿئي؟“ شيشي جي مخروطي گلاس ۾ بيئر اوتيندي شيشي جهڙي شفاف آواز سان چيائين. بيئر مخصوص آواز سان گلاس ۾ لٿو ۽ اڇي گجيءَ ۾ تبديل ٿي ويو.
    ”ٿورڙي وسڪي ملائينس. ٿڌ کان بچڻ لاءِ ضروري آهي.“
    ”نه منهنجي لاءِ منهنجي اداسي، رات جو پهريون پهر ۽ ست پرسينٽ الڪوحل ڪافي آهي، اها ئي منهنجي Limit آهي.“
    پهرين سُرڪ ڀرڻ سان گلابي ڳل وڌيڪَ گلابي ٿي ويس. املتاس جي گُلن تي نکار اچي ويو. دل ۾ سوچيائين ته چوانس ”آخر هيئن ڪيستائين هلندو؟“ پر نه چيائينس. ساڳي ڳالهه ٻئي انداز ۾ چوڻ کان اڳ ٻي سُرڪ ڀريائين ”آخر مان ڪيستائين زيبرا ڪراسنگ تي بيهان؟“ ۽ سُرڪ سُرڪ بيئر پيئندي ڏانهس ڏسندي رهي. ان توقع سان ته هو کيس اهڙو جواب ڏيندو جيڪو سندس سفر لاءِ Mile stone ثابت ٿيندو . جِتان هوءَ زندگيءَ کي نئين ترتيب ڏيندي. پوءِ رستا مٿس طنز نه ڪندا. پر هو چپ جي نديءَ مان ٻاهر نه نڪتو ۽ سندس گلاس خالي ٿي ويو.
    ”ٻيو ٺاهي ڏيانءِ؟“ ـــ هن رواجي جملو ڳالهايو. هوءَ ڏک جي لهر بڻجي وئي.
    ”ائين نه هلندو. ڀينرون پڇن ٿيون. سمجھن ٿيون. وڏيون پيون ٿين. اچڻ وڃڻ ڏکيو ٿو لڳي. رستا کائڻ لاءِ ٿا ڊوڙن. ماڻهو زيبرا ڪراسنگ تي گهڻو وقت بيهي نه سگهندو آهي. قدم کڻڻو پوندو آهي. پوءِ اڳتي نه ئي سهي پوئتي ئي سهي.... کاٻي نه ته ساڄي ئي سهي.“
    چؤ طرف چپ ڇانئجي وئي. نه ڪنهن بحث جي گنجائش هئي نه دليل جي ـــ جو ڪجهه هو سامهون هو.... سچ هو. ظاهر هو. هوءَ پرس ۾ اُهو ڪجهه ڳولڻ لڳي جيڪو پرس ۾ هئو ئي ڪونه. اها کيس خبر به هئي. هو دونهين جا دائرا ٺاهي، ڊاهي ۽ ڊاهي ٺاهي رهيو هو. پاڻ کي مصروف رکڻ جي نالي ۾ شڪست کان بچڻ جي هڪ ڪوشش. ٻئي الڳ الڳ اداسي ۽ ڏک جي خوشبوءِ ۾ ويڙهيل هئا.
    ”ٽيچنگ ڪيئن پئي هلي تنهنجي. ٻار تنگ ته ڪندا هوندا؟“ هڪڙو سوال جنهن جو موقعي مهل سان تعلق نه هو يا شايد تعلق هو.
    موٽ ۾ هوءَ آسمان ڏي ڏسڻ لڳي جنهن ۾ ڪيئي ستارا هئا. بي انت خلا هو. ٿڌ هئي. خاموشي هئي. ۽ آس پاس املتاس جي گلن جي خوشبو هئي. خوشبوءِ ۾ اداسي هئي.
    ”مون سوچيو هو شايد آسمان مان تارا لاهڻ ايترو سولو آهي جيترو ڪيبن تان سگريٽ وٺي ريزگاري ڀر ۾ بيٺل فقير کي ڏئي ڇڏڻ، پر فيصلي جي گهڙي آسمان کي پري ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ شام جو رنگ سدائين ساڳيو نه هوندو آهي،“ ڳالهائيندي سگريٽ مان ڪش ڀرڻ وساري ويٺو. سگريٽ وسامي ويو. ”اهي تنهنجون ڳالهيون ۽ مان. ۽ زندگي ۽ مُٺ مان واريءَ وانگر وهندڙ وقت.... اصل ۾ تون خود غرض آهين. سج سدائين اوڀر مان اڀرندو آهي ۽ اولهه ۾ لهندو آهي... ائين ٿيندو رهندو جيئن ٿيندو رهيو آهي.“ هوءَ ڳالهائيندي پنهنجي ئي آواز جي درياهه ۾ ٻُڏي وئي.
    هن چوٿون پيگ ٺاهڻ چاهيو. ٻئي پل يادگيري لهي ويس. بائونڊري وال تي ڦهليل ول جي پنن ڏي ڏسندو رهيو. ۽ ذهن تي زور ڏيڻ لڳو ته هڪ پل اڳ مون ڇا پئي ڪرڻ چاهيو! يادگيري، ويسر.... ٻه پور وڇوٽ پٽڙيون. وچ ۾ تختا، پٿر، نٽ بولٽ، تيل جا داڳ، ڪاري انجڻ. ڪارو دونهون، ڪاري ڪُوڪَ ۽ ڪوڪَ سان اڏاڻل پکي ۽ ٽيليفون جي تار تي رهجي ويل پکين جا عڪس. نشي جا رنگين ڌاڳا ڇڄندي محسوس ٿيس ۽ ياد آيس ته هڪ پل اڳ چوٿون گلاس ٺاهڻ پئي چاهيائين. پر چوٿون گلاس نه ٺاهيائين.
    اها ئي سندس Limit هئي.
    ۽ جڏهن به Limit اورانگھي هوندائين پريشان ٿيو هوندو.
    ”هائو. مان Selfish آهيان. پکي، جيت، جانور، ماڻهو سڀ Selfish آهن.... منهنجو باس ۽ باس جو پٽيوالو به Selfish آهي.
    اهو سلسلو Fittest Survival کان به قديم آهي. جنهن ڏينهن سٺي پگهار واري نوڪري ملندي، Firm مان استعيفيٰ ڏيڻ جهڙو ٿيندس، ان ڏينهن توکي جُوائن ڪندس.... خود غرضي زندگيءَ جو وڏو سچ آهي.“ هوا جي جھوٽي املتاس کي لوڏيو ته ٽارين تان ڪجهه پن ڇڻي پيا... هن خواهش ڪئي ته ڪرسيءَ تان اُٿي هيٺ ڪريل پن وڃي ڳڻيان ۽ اندازو ڪيان ته هڪ جھوٽي سان هڪ وقت ڪيترا پن ڇڻندا آهن... کيس پنهنجي خواهش تي کل اچي وئي. ڪا به سچي مُرڪ لڙڪن کان خالي نه هوندي آهي.
    سندس اکين ۾ برسات جو امڪان ڏسي، هوءَ ڪرسي ڇڪي سندس ڀر ۾ اچي ويٺي ته آسمان ويجھو ٿي ويو.
    ”ڳالهين جي سحر ۾ مون جو ڪجهه پاتو ۽ وڃايو ان جو ڏک به رهندو ته خوشي به. وسارڻ جي ڪوشش ۾ شيون وڌيڪَ ياد اينديون آهن. ماڻهو جهڙو رستو چونڊيندو تهڙو درد پرائيندو آهي. منهنجي ڊائريءَ جو هڪڙو به ورق اڇو ناهي جنهن ۾ نئون ڏک لکي سگهان.“
    چوٿون پيگ ٺاهڻ چاهيائين ته هوءَ سندس هٿ ۽ گلاس جي وچ ۾ اچي وئي.
    ڊاڪٽر سندس اي سي جي ڏسندي چيو پئي ”الڪوحل ۽ سگريٽ توهان جي دل لاءِ چڱو ناهي. احتياط ڪيو.“ هوءَ ڊاڪٽر جا لفظ پوتيءَ جي پلؤ ۾ ٻڌي آئي هئي. چوٿون پيگ ممنوع ٿي ويو هو.
    هُو مرڪيو ”ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهوءَ جي دل ۽ احتياط....“ سندس مُرڪ ۾ املتاس جي ڦڪن گُلن جي هيڊي خوشبو هئي. ان رات هو اڪيلو هو. سندس هٿ ۽ گلاس جي وچ ۾ ڪير به نه هو. ان ڪري هو آزاديءَ سان چوٿون پيگ ٺاهي Limit اورانگھي ويو.


    روشنيءَ جو دائرو

    ايئن هئو به ۽ نه به هو.
    اهو فقط هڪڙو لمحو هو. ۽ هڪ لمحو ئي ته زندگيءَ جو فيصلو ڪندو آهي. ماريندو آهي هڪ لمحو. هڪ لمحُو ئي جيئاريندو آهي. يعني وڃڻ ۽ اچڻ . اچڻ ۽ وڃڻ. وچ ۾ ذري گهٽ اٺاويهن ٽيهن سالن جو عرصو. ڪيترو نه وڏو عرصو!
    ڪيترو نه مختصر عرصو! لاحاصل انتظار جو ڏک.
    ٿڌ هوندي پيشانيءَ تي پگهر جا ڦُڙا.
    بوگيءَ ۾ هوندي بوگيءَ کان ٻاهر ڀٽڪندڙ سوچَ.
    ڀرسان بيٺل پٽاٽو چپس وارو ڇوڪرو هن جي اداسيءَ کان بي خبر ان اميد سان ڏانهس گهوريندڙ ته هوءَ ضرور پٽاٽو چپس وٺندي. يا ممڪن آهي ته نه به وٺي. آس نراس جي ٽياس تي ٽنگيل نيڻ ننڍڙي گھورڙئي جا.
    هوءَ آس پاس کان بي نياز. گم سُم. خاموش هوندي اڻ خاموش. اداس ـــ سوالن جوابن ۽ خدشن جي گهيري ۾ ڦاٿل. ورهين جو رهجي ويل حساب ڪِتابُ!
    طويل گھيرو. گھيري ۾ ڪيئي ننڍا وڏا گھيرا. بي انت گھيرا. سوڙهو دائرو. دائري ۾ ڪيئي دائرا. بي انت بي پناهه دائرا. روشنيءَ جو دائرو. اونداهيءَ جو دائرو.
    مسلسل اٺاويهن سالن کان ٻرندڙ بتي. بتيءَ جو روشن دائرو. هوءَ اٺاويهه ٽيههَ سال اڳ هڪ رات بظاهر روشنيءَ جي دائري ۾ داخل ٿي هئي. ڄڻ دائري مان نڪري وئي هئي. اها سندس ذاتي چونڊ هُئي.
    وڃڻ ۽ اچڻ.
    اچڻ ۽ وڃڻ.
    وري واپس اچڻ.
    زندگيءَ جو بنهه ڏکيو مرحلو: موٽڻ.
    ”موٽڻ کان ته مرڻ ڀلو آهي.“ هوءَ ساڳيو جملو ڪيئي دفعا دهرائي چڪي هئي ۽ اڃا دير تائين دهرائڻو هئس.
    ”خاص ڪري ان حالت ۾ موٽڻ، جڏهن نه توهان وٽ ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻ لاءِ بچيو هجي نه وٺڻ لاءِ.“
    هوءَ سوچيندي رهي. پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندي رهي.
    ريلَ گاڏي هلندي رهي. هن جو ذهن ڊوڙندو رهيو.
    ”ان کان به مشڪل مرحلو شايد هي آهي جو......“
    ”پٽاٽو چپس!“ چپس واري ڇوڪري هُنَ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ زور سان هوڪو ڏيڻ جي ضرورت محسوس ڪئي، پر هوڪو نه ڏنائين. البت هن جي ڪنن تائين هوڪي جو آواز پهچي چُڪو. ڇوڪرو سامهون بيٺو لاڳيتو کيس گھوريندو رهيو.
    ”...... مشڪل مرحلو هي آهي جو موٽندڙ مسافر جو ڪير به آڌر ڀاءُ ڪندڙ نه هجي.“ سندس اکيون لڙڪن ۾ پُسي ويون. توڻي جو هوءَ سڀ ڪجهه وڃائي ويٺي هئي، پر بهرحال پوءِ به اڃا پڇتاءَ جي حق کان محروم نه ٿي ٿيڻ گهريائين. وڃڻ ۽ اچڻ.
    اچڻ ۽ وڃڻ.
    هڪ لمحو، هڪ لمحي جا ٻه نالا. ٻه روپ. ٻه ڏک. ٻه زخم. ريل جون ٻه پٽڙيون. پٽڙين تي هلندڙ بيهندڙ، بيهندڙ هلندڙ ريل گاڏي. ريل گاڏيءَ کي بتي ڏيکاريندڙ ملازم. بتيءَ جي جھيڻي روشني. روشنيءَ جو دائرو. دائري ۾ اچڻ. دائري مان نڪرڻ.
    ”آخر ڇا رکيو آهي هن ڳوٺ ۾؟! ڪچو گهر. چار کٽون، ٻه پيتيون ۽ بي انت ويراني، اونداهي ۽ اڪيلائي“.... ”ناهي مون کي خدو بتيءَ واري سان شادي ڪرڻي. ڄٽ اڻ پڙهيل. جاهل. خدا بخش بتيءَ وارو... هونهه!“ خوبصورت چهري تي ڦهلجي ويل ناگواري جو تاثر. ماڻهنس منهن ۾ ڏسندي رهجي ويس هميشه جيان. ڪجهه نه چئي سگهي جواڻ جماڻ پڙهيل لکيل ڌيءُ کي.
    هوءَ ڳالهائيندي رهندي. ڪجهه به. ڇا به. سڀ ڪجهه.
    هوءَ خاموشيءَ سان مسلسل پئي منهن ۾ ڏسنديس.
    تان جو ڪنهن شامَ هوءَ رات جي ڪناري تي ٿيلهي ۾ ٿورو سامان وجھي ٻاهر نڪري وئي. ماڻهنس پوتيءَ جي پلؤ سان ائين اکيون اگھي ڇڏيون. ڄڻ پاڙي ۾ ڪنهن ماڻهوءَ جي مرڻ جي ڳالهه ٻڌي روئڻ اچي ويو هجيس ۽ اکيون اگھي گهرجي رهيل ڪم ڪار ۾ مصروف ٿي وئي هجي. شايد ڪجهه ماڻهو ڪجهه ماڻهن لاءِ وقت کان اڳ ئي مري ويندا آهن. اهميت وڃائي ويهندا آهن. اجنبي ٿي ويندا آهن.
    اونداهيءَ کان روشنيءَ ڏي اڏام.
    يا
    روشنيءَ کان اونداهيءَ ڏي سفر!!
    ڪيئن چئجي!
    روشنيءَ جو مختصر دائرو. دائري جي ڀر ۾ هميشه جيئن خاموش بيٺل خدا بخش بتيءَ وارو.
    بتي ۽ خدا بخش. خدا بخش ۽ بتي. وچ ۾ هوءَ.
    ”مان گهر ڇڏيو پئي وڃان. ڪنهن کي به نه ٻڌائجان.“
    ”پر ڪيڏانهن ٿي وڃين؟“ هڪ سوال هڪ ڏک.
    ”توکي سوال پڇڻ جو حق ناهي.“ هڪ جواب ــ هڪ دڙڪو.
    ”ڀلا واپس ڪڏهن ايندينءَ؟“ هڪ سوال. هڪ التجا. هڪڙو ڏک.
    ”جلدي.... تمام جلدي موٽي اينديس پر ڪنهن سان ڳالهه نه ڪجانءِ.“ هڪ جواب. هڪ حڪم. هڪ دلاسو. هڪ آسرو، هڪ اڌورو ۽ ڪچو واعدو.
    خدا بخش بتيءَ واري خوشي محسوس ڪئي. ڏک به ڏاڍو ٿيس!
    هڪ واعدي جي خوشي، واعدو جنهن جي وفا ٿيڻ جو امڪان هو به الاءِ نه!
    هڪ وڇوڙي جو ڏک جيڪو ڏاڍو طويل به ٿي پئي سگهيو!
    ”چپس وٺو چپس!“
    چپس واري ڇوڪري، پنهنجي اندر ۾ ڀٽڪندڙ خوبصورت عمر رسيده عورت کي بوگيءَ ۾ واپس موٽائڻ لاءِ زور سان هوڪو ڏنو. ”ڪيئن گذري ويو هيڏو وقت. ۽ ريل گاڏيءَ جو سفر آهي جو کٽي ئي نه ٿو. ڄڻ ورهين کان ساڳي گاڏيءَ ۾ ساڳي بوگيءَ ۾ ويٺي آهيان.“ چپس واري ڇوڪري جو هوڪو کيس پنهنجي اندر ۾ ڀٽڪڻ کان بچائي نه سگهيو. هوءَ پيشانيءَ تي اڀريل پگھر ڦڙا اگھڻ لاءِ پرس ۾ ٽشو ڳوليندي ڳوليندي پنهنجي پاڻ کان گم ٿي وئي. زبان تي شڪست جو ذائقو. خوابن جي وشالتا ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ کي ماري وجھندي آهي. هونهن.... وڏيون ڳالهيون.... وڏا ماڻهو، وڏا رتبا، سڀ ڪوڙ.... دوکو.... ٻهروپ.... روشنيءَ ۾ لڪل گھور اونداهي.
    هڪ خواب کان ٻئي خواب تائين ماڻهوءَ جا پيرَ پٿون.... هڪ واعدي کان ٻئي واعدي تائين پلصراط جو سفر. هڪ شخص کان ٻيو شخص. ٻئين کان ٽيون، چوٿون ۽ پنجون.... وڌندڙ انگ..... ماڻهو ساڳيا. ساڳيا واعدا، آسرا، دلاسا، ساڳيون ڳالهيون، ساڳيا بسترا، چادرون، ڪمرا، در دريون، ساڳيا ڪُلف، ڪُنجيون. پنهنجي پرس ۾ ڪنهن هڪ گھر جي هڪ ڪنجي سانڍي رکڻ جي عورتاڻي خواهش ۾ هٿن ۾ ايندڙ ويندڙ ڪيترن ئي بند دروازن جون ڪنجيون. هر ڪنجي هڪڙو ڏک. هر دروازو هڪ حادثو. پرس ۾ رهجي ويل ڪنڊوم ۽ برٿ ڪنٽرول ٽيبليٽس. هڪ شادي، ٻي شادي، ٽين شادي، ٽي طلاقون. منهن ۾ پئجي ويل انيڪ گهنج. ڪجهه چاندي چاندي وار. حواسن ۾ رهجي ويل سگريٽن، شراب ۽ ڪوڪين جي بوءِ ۽ گذري ويل وقت کان تحفي ۾ مليل نظر جي چشمي سان گڏ اڻ وسرندڙ حادثن جو ڏک.
    مسافرن سان ڀريل بوگي. خالي خالي اندر. دريءَ مان پري تائين نظر ايندڙ ويراني. صحرا. واري. خاليپڻو. اڪيلائي. اکيون ساڙيندڙ اُس. تار ڇڪيان.... نه ڇڪيان. تار ڇڪي هِتي جو هِتي گاڏي بيهاريان..... بوگيءَ مان لهان... صحرا ڏي ڊوڙان.... اهو صحرا منهنجي اندر جو اولڙو آهي.... اهو ويرانو منهنجي روح ۾ آهي... بوگيءَ مان لهان... ڊوڙندي وڃان... پري پري تائين. شهر کان پري. ماڻهن کان پري. گاڏيءَ کان پري. پنهنجي پاڻ کان پري ڊوڙندي ڊوڙندي رڻ ۽ رُڃ جو حصو ٿي وڃان. واري وسايان پاڻ تي. واريءَ جي لهرن ۾ لڪي وڃان... ڪير به نه ڏسي مون کي، نه ڪي مان ڏسان ڪنهن کي. ڇا رکيو آهي مون لاءِ ٻاهر؟؟ ”واپس ڪڏهن ايندينءَ!؟“ هڪ سوال. هڪ خواب. هڪ خواهش. هڪ التجا. هڪڙو ڏک... ۽ موٽ؟؟ تون ڪير ٿيندو آهين سوال پڇڻ وارو؟ ڪهڙي آهي تنهنجي اوقات... خُدو بتيءَ وارو؟ ٽڪي جو معمولي ملازم... جاهل... جلدي موٽي اينديس... هڪڙو دلاسو. هڪ ڪوڙو واعدو. اٺاويههَ سالَ گذري ويا. جلدي موٽڻ جو واعدو.... او ماءِ گاڊ! هي گاڏي پٽڙين تي ٿي هلي يا منهنجي مٿي تي؟ منهنجي ڇاتيءَ تي؟ پر آخر مان ڇو ٿي واپس اچان؟ ڪنهن لاءِ ٿي موٽان؟ ڇو؟؟ آخر ڇا رکيو آهي هن ڳوٺ ۾؟ ڪچو ڪوٺو. چار کٽون. لوهه جون ٻه پيتيون...... بس.... ناهي مون کي شادي ڪرڻي خدو بتيءَ واري سان... ۽ امان.... تون سدائين منهنجي منهن ۾ ڏسندي رهينءَ .... خاموش خاموش رهينءَ.... منهنجي اول فول ڳالهين تي ڪڏهن مون کي دڙڪو نه ڏنئي.... ڪاش! امان تون مون کي دڙڪا ڏين هان... گهٽ وڌ ڳالهائين هان! مارين هان مون کي.... تون مارين ها ته مان دنيا جي مار کان بچي وڃان هان.... هاڻي ڏس ته سهي منهنجي وجود تي ڪيترا زخم آهن.... زخم به اهڙا جو....! اکين ۾ اچڻ کان اڳ نڙيءَ ۾ ڦاٿل لُڙڪَ: زخم به اهڙا جيڪي ڌيءُ فقط ماءُ کي ئي ٻڌائي سگهي ٿي. ماءُ کي ئي چادر جي اوٽ ۾ ڏيکاري سگهي ٿي... ٻئي ڪنهن کي به نه.... پنهنجي سکي سهيليءَ کي به نه. امان.... تون ته رڳو چپ ڪيو منهنجي منهن ۾ ڏسندي رهينءَ.... ۽ ڏسندي ڏسندي الاءِ ڪيئن ۽ الاءِ ڪڏهن اکيون پوري ڇڏيئه !
    ريل گاڏي مخصوص رڌم سان هلندي رهي.
    هن جي اندر ۾ ساڳئي رڌم سان لڙڪ وهندا رهيا.
    تان جو رات ٿي وئي.
    بوگيءَ جون سڀ بتيون روشن ٿي ويون.
    ”خدا بخش بتيءَ وارو. بتيءَ وارو خدا بخش.“
    هن شايد طويل عرصي ۾ پهريون ڀيرو خدا بخش بتيءَ واري جو سڄو نالو اچارڻ جي گهرج محسوس ڪئي.
    بنهه اندرين ۽ حقيقي گهرج.
    اها فقط کيس ئي خبر هئي ته خدا بخش بتيءَ وارو هڪ ڪچي ۽ ڪوڙي واعدي جو مقتول هو.
    گاڏي اسٽيشن تي اچي بيٺي.
    هوءَ پنهنجون اکيون اگھڻ کانسواءِ پنهنجا سڀ ٿڪل اعصاب سهيڙي اُٿي بيٺي.
    چپس وارو ڇوڪرو اڳ کان وڌيڪَ اداس ۽ تنها تنها ٿي ويو ۽ دريءَ کان ٻاهر ڏسندي ان خوبصورت عورت بابت سوچڻ لڳو جيڪا کيس بوگيءَ ۾ اڪيلو ۽ اداس ڇڏي ڪنهن اداس اسٽيشن تي لهڻ واري هئي.
    ”موٽڻ.... زندگيءَ جو بنهه مشڪل مرحلو... جڏهن توهان جو ڪو به منتظر نه هجي... آڌر ڀاءُ ڪرڻ وارو نه هجي.“
    اچڻ ۽ وڃڻ.
    وڃڻ ۽ اچڻ.
    شڪست جو گهرو احساس.
    ٿڪل ٿڪل قدم. خوابن جي وشالتا. ساڀيائن جي سهيڙ.
    تڪڙ ۾ مبتلا پير. تڪڙ کان محروم قدم. روشنيءَ کان اونداهي ۽ اونداهيءَ کان روشني ڏي سفر، يا سفر جو امڪان. اسٽيشن تي هاريل اونداهي. اونداهيءَ جي ڇاتيءَ تي ٻرندڙ هڪ بتي.
    روشنيءَ جو مختصر دائرو. دائري ۾ ڪيئي دائرا.
    ڏک، پڇتاءُ، ڊپ، خدشا. شايد ائين هجي. شايد ائين نه هجي. ڪيئن چئجي. ڪيئن نه چئجي. هيڏا سال گذري ويا.
    الاءِ ڪير مُئو الاءِ ڪير بچيو.
    بتيءَ جو اڳتي وڌندڙ، ڦهلجندڙ دائرو. دائري کان ٻاهر بيٺل دائرو. دائري ۾ هڪ پاڇولو.... پراڻو پاڇولو... اوپرو پاڇولو..... اڻ اوپرو پاڇولو. ساڳي مهل... ساڳي رات. ساڳي جاءِ. رڳو وقت بدليل.... روشنيءَ جي دائري ۾ وڌي آيل هڪ مرد جو هٿ.... هٿ جي مٿان رکجي ويل هڪڙو ڪمزور، ٿڪل، ڏڪندڙ عورتاڻو هٿ.
    ۽ چوڏسا ڦهلجي وشال ٿي ويل روشنيءَ جو دائرو.


    مسٽر ايم بي عُرف سينئر ڪلارڪ محمد بخش جو صبح

    صبح ٿيڻ ۾ ته اڃا ڪافي دير هئي. شامَ ٿيڻ کان اڳ ئي هو ته رات ۾ تحليل ٿي ويو. اها سندس چونڊ نه هوندي به سندس ئي چونڊ هئي. اهو ئي اصلي الميو هو ايم بي عُرف محمد بخش سينئر ڪلارڪ جو. سندس ڳالهه ٻڌڻ وارو ڪو به نه هو، ڳالهه سمجھڻ ته پري جي ڳالهه آهي. جِتي هر ماڻهو پنهنجي پاڻَ کان ئي بي خبر هجي، اُتي آخر ڪنهن مان ڪهڙي توقع!
    هو بي خبري ۽ لاپرواهيءَ جي دور ۾ رهندڙ ماڻهو هو. اهو سڀ هن نوڪريءَ جي شروعات ۾ ئي سمجھي ورتو هو. لڳ ڀڳ هڪ سئو ويهه ملازمن واري آفيس ۾ ڪو به ڪنهنجو دوست ڪونه هو. سڀني جو هڪٻئي سان محض هڪڙو واسطو هو. اهڙو واسطو جيڪو ڪنهن به جونيئر ڪلارڪ يا سينئر ڪلارڪ وغيره جو پنهنجي ڪُرسيءَ، ٽيبل، فائل يا ڪمپيوٽر سان هوندو آهي.
    فقط واسطو. واسطي سان واسطو. ان کان وڌيڪَ ڪجهه به نه.
    ساڳي آفيس.
    ساڳي ڪرسي.
    ساڳي ٽيبل.
    ساڳيو فائل.
    ساڳيو ڪمپيوٽر.
    هن محسوس ڪيو ته مٿس خاموشي وارد ٿيڻ لڳي آهي. هونءَ ڪافي وقت اڳ هو پنهنجي نالي يعني محمد بخش تان هٿ کڻي چُڪو هو. محمد بخـش سندس سڃاڻپ جو پهريون ۽ آخري حوالو هو. اهڙو حوالو جيڪو گهڻي وقت کان پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو هو. تڏهن کان هو محمد بخش سينئر ڪلارڪ طور سوچڻ، محسوس ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ بدران سينئر ڪلارڪ ايم بي طور زندگي گذارڻ لڳو هو. اها ئي سندس سهولت به هئي ته مشڪلات به!
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ هو اڪثر پاڻ کان پڇندو آهي. پاڻ ئي جواب ڏيندو آهي:
    ”منهنجو نالو سينئر ڪلارڪ آهي. ڪجهه سال اڳ منهنجو نالو جونيئر ڪلارڪ هو ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ منهنجو نالو سپرنٽينڊنٽ هوندو.“
    هو سڀ کيس خاموش ڏسي خوش نه ٿيا. هو جڏهن خاموش نه هو تڏهن به اُهي خوش نه هئا. انهن چاهيو ٿي ته هو ڪنهن به حالت ۾ اسان کان مختلف نه هجي. هو هر وقت ۽ هر حالت ۾ اهڙو هجي جهڙا اسين آهيون. جهڙا فائل، ٽيبلون، ڪرسيون ۽ ڪمپيوٽر آهن. نيٺ هُنَ بابت سرگوشيون ٿيڻ لڳيون:
    ”ايم بي بيمار رهڻ لڳو آهي.“
    ”ايم بي کي ٽي بي ٿي وئي آهي.“
    ”ايم بي کي گهر جي پريشاني آهي.“
    ”ايم بي جي ڌيءَ جو ڪنهن سان چڪر آهي.“
    ”ايم بي کي ضرور ڪجهه نه ڪجهه ٿيو آهي.“
    هنن سڀني هن بابت ڳالهايو پئي. پر هنن مان ڪنهن به ايم بي سان نه ڳالهايو.
    نيٺ اها با آواز سُس پُس کيس چُپ جي اڌوري پناهه گاهه کان محروم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. هُو ٽيبل تي مڪون هڻي دانهون ڪرڻ تي مجبور ٿيو:
    ”ڪجهه ڪونه ٿيو آهي مون کي. ڪجهه ڪونه ٿيو آهي. خدا کي مڃو سُس پُس بند ڪيو. مون کي توهان جي سُس پُس مان رت جي ڌپ ٿي اچي.“
    هنن ڪو به ردِعمل نه ڏيکاريو. البت هُو پنهنجن چپن کي ڀڪوڙڻ جي باوجود به مُرڪڻ کان روڪي نه سگهيا.
    اهي پنهنجي ڪاميابيءَ تي خوش هئا.
    چپ جي پناهه گاهه کان محروم ٿي هُو پنهنجي لفظن، آواز ۽ لهجي سميت اداسيءَ ۾مبتلا ٿي ويو.
    هن جنهن مهل به ڪجهه به ڳالهايو ٿي، ته ائين ٿي لڳو ڄڻ هو روئڻ جي تياري ڪندو هجي.
    جنهن مهل به هُو ڪنهن ڳالهه تي مُرڪيو ٿي ته لڳو ٿي ڄڻ هُو مُرڪڻ کان اڳ روئي چُڪو هُجي.
    هنن لاءِ هو بغير ٽڪيٽ جي تماشو بڻجي چُڪو هو.
    جڏهن ته انهن ئي هن بابت باس سان شڪايت به ڪئي ته ”ڪو به فائل مسٽر ايم بي مان خوش نه آهي ۽ رهندو مسٽر ايم بي پنهنجي ٽيبل جو شيشو ڀڃي ڇڏيو آهي.“
    ٻئي صبح هو آفيس آيو ته ڀڳل شيشي تي پيل Explaination Letter سندس منتظر هو. جنهنجو کيس اٺن ڏينهن اندر جواب ڏيڻو هو ته هن ٽيبل جو شيشو ڀڃڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟ اهڙي دهشت انگيز عمل پٺيان ڪهڙا ڪارڻ آهن ۽ آفيس جي پُر امن ۽ پُرسڪون ماحول کي خراب ڪرڻ تي مسٽر محمد بخش عرف سينئر ڪلارڪ ايم بي جي خلاف محڪماتي ڪاروائي ڇو نه ڪئي وڃي.“
    مسٽر محمد بخش سينئر ڪلارڪ احتجاج ڪرڻ چاهيو.
    احتجاج طور هن پنهنجو چَپُ ڏند هيٺان ڏئي زخمي ڪري وڌو.
    سينئر ڪلارڪ مسٽر محمد بخش جو ڀرپور احتجاج.
    اهڙو احتجاج جنهنجو ڪير به نوٽس نه وٺندو.
    هو اڪيلو احتجاجي هو.
    ڪير به سندس احتجاجي جلوس ۾ شامل نه هو. جڏهن ته هو نوڪريءَ کان اڳ هميشه احتجاجي جلوسن ۾ شامل هوندو هو.
    سياسي جلوس.
    مذهبي جلوس.
    قومي جلوس.
    صوبائي جلوس.
    وفاقي جلوس.
    ۽
    آخر ۾ ذاتي جلوس. شخصي جلوس. داخلي جلوس. هو ذاتي جلوس جو اڪيلو احتجاجي هو. اهڙو احتجاجي، جنهنجو احتجاج ڪنهن به چوڪ ڪنهن به پريس ڪلب جي دروازي تي پهچي ختم نه ٿيندو آهي.
    هو هميشه پنهنجو چپ ڪٽيندو رهندو.
    هُو پنهنجو ڪٽيل چپ زال کان لڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. زالهنس حيرت بدران ڏک مان ڏانهس ڏٺو ۽ ٻهارو ڏيڻ لڳي.... پر پوءِ اهو ياد اچڻ تي ته هو دز کان الرجڪ آهي ٻهارو ڏيڻ بند ڪيو ۽ خاموشيءَ سان رڌڻي ۾ هلي وئي، جِتي چُلهه تي رکيل ڀاڄي سندس منتظر هئي.
    آخر ۾ هن زال کي پنهنجي احتجاج بابت ٻڌائڻ چاهيو پر کيس تڪڙ ۾ رڌڻي ڏي ويندي ڏسي پنهنجو ارادو بدلائي ڇڏيائين.
    هونءَ ان صبح هن آفيس پهچي چانهه پيئڻ کان اڳ ۽ مسٽرول تي صحيح ڪرڻ کانپوءِ زال ڏي فون ڪري کيس بلڊپريشر جي گوري کائڻ جي تاڪيد ڪرڻ پئي چاهي، پر کيس نه چاهيندي پنهنجو ارادو تبديل ڪرڻو پئجي ويو.
    ”فقط اٺ ڏينهن.“ هو چپن ۾ ڀڻڪيو.
    پر هنن ڀڻڪو ٻڌي ورتو. خوش ٿيا.
    ”ها فقط اٺ ڏينهن.“ هنن هڪ آواز ٿي سوچيو. هو به سوچڻ لڳو ته Explaination letter جي جواب ۾ ڇا لکڻ گهرجي! جڏهن ته کيس خبر هئي ته آفيس جي سڀني ملازمن کي، يا گهٽ ۾ گهٽ ساڳئي ڪمري ۾ ويهندڙ سڀني ڪليگس کي خبر هئي ته ٽيبل جو شيشو مسٽر ايم بي نه ڀڳو آهي پر شيشو اڳواٽ ئي ڀڳل هو. انهن کي اها به خبر هئي ته مسٽر ايم بي جي هٿ لڳڻ سان رهندو سندس هٿ وڍجي پيو آهي. هو ڇهه مهينا اڳ آفيس سپرنٽينڊنٽ کي آگاهه ڪري چڪو آهي ته ٽيبل جو شيشو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. شيشي کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. توڻي جو اهو ڀڳل شيشو اڳ به ٻه دفعا مسٽر ايم بي جو ساڳيو هٿ وڍي چُڪو هو. پر سينئر سپرنٽينڊنٽ پنهنجي اکين تي رکيل ٿلهي شيشي واري عينڪ سان ڀڳل شيشي کي چڱيءَ طرح ڏسي اهو فيصلو ڏئي چڪو هو ته توڻي جو شيشو ڪجهه ڀڳل آهي پر بهرحال انساني جسم لاءِ قطعي به خطرناڪ ڪونهي. ٻي ڳالهه هيءَ به ڪري چُڪو هو ته جيڪڏهن مسٽر ايم بي ان شيشي کي پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجھي ٿو ته کيس محڪمي جي طرفان اجازت وٺي پنهنجي ذاتي خرچ تي نئون شيشو وٺڻ گهرجي. پر کيس اهو به معلوم هئڻ گهرجي ته هو محڪمي کان پئسن جي واپسيءَ لاءِ درخواست نه ڏئي سگهندو.
    هونءَ مسٽر ايم بيءَ جو ويجھي مستقبل ۾ اهڙو ڪو ارادو به نه هو ته ڪو پنهنجي پئسن سان شيشو خريد ڪندو. پر هن کي معلوم هو ته سندس ڪليگس مان ڪو به سندس هٿ وڍجڻ ۽ شيشي جي اڳواٽ ٽٽل هجڻ بابت سندس حق ۾ شاهدي نه ڏيندو. تنهن ڪري هُو مڪمل توجهه سان Explaination Letter جو جواب ڏيڻ بابت سوچڻ لڳو ۽ صبح واري چانهه گهرائڻ باوجود پيئڻ وساري ويٺو. چانهه ٿڌي ٿي وئي. ٿڌي چانهه جو ڪوپ کڻڻ کانپوءِ کيس گهڻو وقت اڳ، شايد ويهارو کن سال اڳ پڙهيل ڪنهن ناول جو جملو ياد اچي ويو ته ”چانهه ۽ عورت ٿڌي ٿي وئي ته سواد مان نڪري ويندي.“ کيس اهو جملو ان مهل ياد اچڻ تي حيرت لڳي، ڇو جو، هو ته ورهين کان وٺي ڪتابن جي ويجھو نه ويو هو. هو پنهنجي ذهن ۾ ليٽر جو جواب تيار ڪرڻ لاءِ جاءِ ٺاهڻ لڳو. گڏوگڏ پنهنجي وڍيل هٿ تي ٻڌل پٽيءَ ڏي ڏسڻ جي ارادي کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر گهڻو ڪري سندس ڪوشش ناڪام ٿيو پئي وئي.
    ان مهل کيس اوچتو ياد آيو ته رات زالهنس کي گلابي رنگ جو وڳو پاتل هو . ان وڳي ۾ هوءَ کيس روز جي ڀيٽ ۾ وڌيڪَ سٺي ۽ وڌيڪَ سهڻي پئي لڳي ۽ سندس نِگاهه جو مطلب سمجھي کيس چيو هئائين ته هوءَ هن رنگ جا ڪپڙا تڏهن پائيندي آهي جڏهن هو اداس هوندو آهي.
    زال جي ان ڳالهه تي هُو دل سان مُرڪيو هو پر هوءَ پاڻ مُرڪي نه سگهي هئي. بلڊ پريشر جي ڪري هوءَ ذهني دٻاءَ ۾ مبتلا هئي. ڌيءَ واري مسئلي جي ڪري، جنهنجو في الحال ڪو به حل ڪونه هو، وڌيڪ ڏکاري ۽ پريشان هئي. ۽ هن ان مهل سوچيو هو ته اڄ هُو ”اڌ ڏينهن“ جي موڪل تي گهر هليو ايندو. زال کي تفريح لاءِ پبلڪ پارڪ وٺي ويندو. اُتي کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندو ته ماڻهوءَ کي هر حال ۾ خوش رهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ۽ کيس اهڙي قسم جا ٻيا به ڪجهه ”سٺا ۽ سبق آموز قول“ پڙهي ٻڌائيندو جيڪي ٻڌي هُوءَ مطمئن ۽ مسرور ٿيندي، پر هاڻي هن جو ذهن Explaination Letter ۾ ڦاسي پيو هو.
    کيس ڦاٿل ڏسي سڀ ڪُليگ پنهنجي فتح تي خوش ٿيندا معمول مُطابق آفيس جي پارڪ ۾ ٿڪون اڇلائيندا رهيا. سينئر سپرنٽينڊنٽ صاحب رکي رکي خاموشيءَ سان ڏانهس ڏسندو رهيو...
    هو هر پاسي کان سوچي چُڪو پر کيس ڪو به اهڙو خاطر خواهه جواب سمجهه ۾ نه آيو جيڪو باس کي مطمئن ڪري سگهي. تان جو ست ڏينهن گذري ويا.
    اٺون ڏينهن به اڌ تائين گُذري چُڪو.
    انهن اٺن ڏينهن ۽ راتين ۾ هُو Explaination Letter کانسواءِ ڪجهه به سوچي نه سگهيو. ڪجهه به سمجھي نه سگهيو. ڪجهه به ڳالهائي نه سگهيو. زالهنس جنهن مهل به ڪجهه چوڻ چاهيو، مثال طور هيءُ ته ”محمد بخش دڪان تان بصر وٺي اچ“ ته هن ڪجهه هن طرح وراڻيو هوندو ته: ”ها ڇونه پر شيشو اڳ ئي ڀڳل هو.... مسئلو اهو نه آهي ته توهان مون کان شيشي جا پئسا يعني هڪ هزار ۽ ڪجهه روپيا ڀرائي وٺندؤ پر مسئلو هيءُ آهي ته آخر جڏهن شيشو مون ڀڳو ئي نه آهي ته مون تي الزام ڇو لڳو آهي...“
    ان ڪري ئي زالهنس کيس بصر آڻڻ لاءِ چوڻ جو ارادو بدلائي چُڪي.
    يعني آخر اهو ئي ٿيو جنهن جو امڪان هو.
    اهو ئي ٿيو جنهن جو مسٽر ايم بي کي ڊپ هو.
    اهو ئي ٿيو جيڪو مسٽر ايم بي نٿي ڪرڻ چاهيو.
    اٺن ڏينهن جي لاڳيتي مشق سان نيٺ هو به فائل جو حصو ٿيڻ تي مجبور ٿي ويو ۽ نيٺ Explaination letter جو جواب ڏيڻ جي قابل ٿي ويو. هڪ صاف ڪاغذ تي صاف لفظن ۾ لکي چُڪو ته: ”جناب اعليٰ ! ٽيبل جو شيشو ڀڃڻ ۾ منهنجو هٿ آهي. مون جذباتي ٿي شيشي کي زور سان مڪ هنئين ۽ شيشو ڀڄي پيو. مان پنهنجي غلطيءَ تي شرمندو آهيان. اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته آئنده ڪڏهن به اهڙي غلطي نه ڪندس. ٻيو عرض ته مان پنهنجي پگهار مان نئون شيشو وٺي ٽيبل تي لڳرائيندس ۽ پوءِ پنهنجي جذبات کي ضابطي ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪندس. واڌو حد ادب.

    اوهان جو فرمانبردار
    ايم بي عرف محمد بخش سينئر ڪلارڪ“.

    هن ليٽر جو جواب لکڻ کانپوءِ هڪ دفعو وري پڙهيو ۽ پوءِ لفافي ۾ بند ڪري باس کي ڏيڻ بدران سينئر سُپرنٽينڊنٽ کي ڏيڻ جو ارادو ڪيو. ڪرسيءَ تان اٿندي، هنن کي پاڻ ڏي ڏسندي محسوس ڪيائين، هُنن جي نِگاهن ۾ لڙهندو هڪ ٽيبل کان ٻي ۽ ٻي کان ٽين ٽيبل تي پهتو ۽ ٽيبل جي پريان ڪرسيءَ تي ويٺل سينئر سپرنٽينڊنٽ جي سامهون وڃي بيٺو.
    سپرنٽينڊنٽ جي ڪرسيءَ تي هن پاڻ کي ويٺل ڏٺو.


    آءِ ايم ناٽ جسٽ بيوٽيفل ڊسٽ

    اِها تڏهن جي ڳالهه آهي جڏهن اڃا ياسر عرفات جي ڏاڙهيءَ ۾ اڇن جو تعداد بنهه گهٽ هو ۽ زيتون جي ٽاري چهچ سائي هئي! پٿراءُ، جلوس ۽ فائرنگ ته روز جو معمول هو پر اڃا اڱاري وارو واقعو پيش نه آيو هو. جنهن ۾ عبدالله جو دوست ۽ اسٽوڊنٽ يونين اڳواڻ علي سعيد استادن، شاگردن، شاهه بلوط جي وڻن ۽ وڻن ۾ ويٺل پکين جي سامهون اسرائيلي فوجين جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو هو. تنهن ڪري اڃا مشعل شيراڪ ۽ عبدالله الشراويءَ لاءِ نه رملا جون ڳليون سوڙهيون ٿيون هيون ۽ نه ئي يروشلم جو آسمان محدود ٿيو هو.
    ”هڪڙي ڳالهه ٻڌايانءِ عبدالله!“ ماڊرن عربي لٽريچر جي قديم عمارت جي ڪاريڊور ۾ هلندي مشعل جو موسيقيءَ جي لهر جهڙو آواز اُڀريو.
    ”جي.... چئه!“ عبدالله هلڻ جي رفتار ۾ ڪمي آڻيندي وراڻيو.
    ”مون کي ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي تون فرعون جي گهر ۾ پلجي وڏو ٿيل موسيٰ آهين ۽ مان.....“ هوءَ اڌ جملو ڳالهائي الجھي بيهي رهي.
    ”۽ تون ڇا....؟“
    ”۽ مان مستقبل ۾ بادشاهه ٿيندڙ ٻئي فرعون جي اُها زال آهيان جنهن کي موسيٰ سان محبت ٿي وئي هئي پر.....“
    ”پر ڇا؟“ عبدالله اتاولائيءَ مان مشعل جي مُنهن ۾ ڏسندي پڇيو. مشعل جون اکيون ماضي بعيد جو قصو پئي ڀاسيون. اهڙو قصو جيڪو ريگستان جا قصاگو طويل سفر دوران مسافرن کي ٻڌائي سندن ٿَڪُ لاهيندا هُئا.
    ”پر جڏهن موسيٰ طُورسينا تان موٽيو هو ته هٿ ۾ عَصا ۽ اکين ۾ اوپرائپ کڻي آيو هو.“
    عبدالله مُرڪيو. سندس مُرڪ ۾ پنهنجائپ جو احساس هو.
    ”پوءِ ڇا ٿيو؟“ عبدالله پنهنجي مُرڪ کي دلچسپيءَ ۾ بدلائيندي چيو.
    ”اکين ۾ اوپرائپ ڏسي فرعون جي زال چيو هئس، ”موسيٰ! مون کي سڃاڻين ٿو؟“
    ”ها توکي سڃاڻان ٿو“ موسيٰ وراڻيو هو. ”ٻڌاءِ ته ڀلا مان ڪير آهيان؟“ فرعون جي زال خوشي ۽ حيرت مان پڇيو هئس ته، خبر اٿئي موسيٰ ڪهڙو جواب ڏنو هئس؟“
    ”ڪهڙو؟“ عبدالله حيرت مان پڇيو.
    ”موسيٰ چيو هئس: تون خوبصورت ڌوڙ آهين... عبدالله مون کي به اڪثر لڳندو آهي مان تنهنجي لاءِ خوبصورت ڌوڙ کان وڌيڪَ اهميت نه ٿي رکان.“
    مشعل ڪلاس روم ۾ داخل ٿيڻ کان هڪ لمحو اڳ چيو ۽ ٻئي ڪلاس روم ۾ داخل ٿي چُڪا.
    عبدالله پاڻ کي ڏک جي درياهه ۾ لڙهندو محسوس ڪيو.
    هُو ٻئي هڪ ٻئي جي قديم اذيت کان آگاهه هئا.
    هو ٻئي هڪ ئي وقت خوش به هئا ته اداس به هئا.
    محبت ۾ ماڻهو ٻار وانگر بي نياز ٿي ويندو آهي پر هو اڪثر پيار جي شاهراهه تي هلندي به خبرداريءَ جي ايذاءَ ۾ مبتلا ٿي پوندا هئا. ٻئي ان حقيقت جي ڏک ۾ ڀائيوار هئا ته ٻنهي مان هڪڙو فلسطيني مسلمان آهي. ٻيو اسرائيلي يهودي آهي.
    ٻنهي جي وچ ۾ اذيت جو هڪڙو جبل کڙو آهي.
    هوءَ اڪثر ڳالهائيندي ڳالهائيندي لفظ وساري ويهندي هئي.
    ائين ساڻس اڪثر موقعن تي ٿيندو رهندو هو. کلندي کلندي اوچتو سندس نيڻن مان بي نام اداسي ليئا پائڻ لڳندي هئي. لفظن مان ڏک هار جڻ لڳندو هئس. آس پاس جي هوا بوجھل ٿيڻ لڳندي هئي ته هو کيس نزار قباني جو نظم ٻڌائڻ لڳندو.
    ”هن پڇيو مون ۾ ۽ آسمان ۾ ڪهڙو فرق آهي،
    مون چيو تو ۾ ۽ آسمان ۾ هي فرق آهي ته،
    تون کلندي آهين ته،
    مون کان آسمان وسري ويندو آهي.“
    ۽ هوءَ اداسيءَ جا هيڊا گل ناسي پرس ۾ رکي ننڍڙا ننڍڙا ۽ لاڳيتا ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳندي. کلڻ مهل سندس جھومڪ ۽ شاهه بلوط جون ٽاريون گڏ گڏ جھومڻ لڳنديون.
    ”عبدالله توکي هڪ ڳالهه ٻُڌايان؟“
    هوءَ اداسيءَ جي عالم ۾ هميشه پنهنجي ڳالهه جي شروعات اِنَ جُملي سان ڪندي. اهو جملو سندس تڪئه ڪلام هو ڄڻ.
    ”هون... چَئهُ!“
    هُو سندس اکين جي ڇيڙي تي بيٺل ڪنهن بي نام ڳالهه کي ڳوليندي چوندو.
    ”الاءِ ڇو عبدالله مان توسان گڏ هوندي آهيان ته اڪثر سِجُ منهنجو دشمن ۽ اونداهي منهنجي سهيلي ٿي پوندي آهي.“
    هوءَ قديم عمارت جي پويان لهندڙ قديم ترين سج ڏي شڪايت آميز نهار سان ڏسندي چوندي.
    سندس چهرو ڪرڻا ڪرڻا ٿي ويندو.
    سڀئي ڪرڻا سندس منهن تان ڇڻي عبدالله جي اکين ۾ الوپ ٿي ويندا.
    ”ڇو ٿي پوندو آهي سج تنهنجو دشمن مشعل!؟“
    ”توسان گڏ هوندي آهيان ته سج جلدي لهي ويندو آهي ۽ منهنجي جھوليءَ ۾ هاسٽل تي پهچي رات جو حصو ٿيڻ جي ڳڻتي وجھي ويندو آهي.“
    ”ته پوءِ اچ ته سج جي دشمنيءَ کي دوستيءَ جي ستارن ۾ تبديل ڪيون!“
    ”سو ڪيئن ته؟“ هوءَ کاڏي هٿ تريءَ تي رکي مُرڪندي.
    ”سو هيئن ته تون هاسٽل جون چاٻيون آسمان کي اُڇلائي ڏي ۽ منهنجي ڪهڪشان جو ستارو بڻجي وڃ!“ عبدالله آسمان ڏي ڏسندي چپٽي وڄائي ائين جلدي ۾ چوندو، ڄڻ اُهو سڀ ڪجهه اڪ جي ماکي هجي.
    موٽ ۾ هوءَ ٽهڪ ڏئي کلي پوندي ۽ ٻئي پل ئي سندس ٽهڪ اداس مُرڪ ۾ تحليل ٿي ويندا.
    ”ڪاش، اهو ممڪن هجي ها!“ اداس لهجي ۾ چوندي.
    ”ڇو ناهي ممڪن؟ پنهنجي وچ ۾ هڪ هزار نوري سالن جو فاصلو ته ڪونهي“ ـــ عبدالله پُر اعتماد آواز ۾ چوندو.
    ”ان سوال جو جواب مون کان وڌيڪَ توکي معلوم آهي.“
    هوءَ اداسيءَ جي هيڊن گلن سميت پارڪ مان نڪرندي چوندي. هو پارڪ جي وڻن، ٻوٽن ۽ گلن سميت هڪ ٿڌي نهار ۾ بدلجي ويندو.
    هُو ٻئي هڪ ٻئي جي الميي کان چڱيءَ طرح آگاهه هئا. ان ڪري سج جي دشمنيءَ کي دوستيءَ ۾ بدلائڻ جي ارادي تان ته ڪڏهوڪو هٿ کڻي چُڪا هُئا پر هڪٻئي کي ملڻ، روئڻ کلڻ ۽ کلڻ روئڻ جي ارادي کان محروم نه ڪري سگهيا هئا.... هو هر روز هڪٻئي کي جديد قديم عربي شاعرن جا نظم ٻڌائيندا رهيا، افسانه نگارن جون اداس ڪهاڻيون ٻڌائيندا رهيا. ادب تي بحث ڪندا رهيا پر جڏهن اڱاري وارو واقعو پيش آيو ته ٻنهي جي وچ ۾ هڪ لمحي اندر هڪ هزار نوري سالن جو فاصلو پيدا ٿي ويو.
    هڪ شام ئي ته اڳ سڀني گڏجي علي سعيد جي چوويهين سالگرهه جو ننڍڙو جشن ملهايو هو.
    هو ننڍڙن ٻارن وانگر دوستن کان تحفا وصول ڪري خوش پئي ٿيو. ۽ سڀ کان وڌيڪَ خوش ته هو مشعل کان چاڪليٽن جو سونهري پيڪٽ وٺڻ مهل ٿيو هو. سندس اکين ۾ خوشيءَ جا ڪڪر اُٿلي پيا هئا. چوويهن ميڻ بتين جي ڌيمي روشنيءَ ۾ دوستن ۽ گهر وارن جي مُرڪن، ٽهڪن ۽ تاڙين جي رڌم تي هن سالگرهه جو ڪيڪُ ڪاٽڻ لاءِ ماءُ جي مُرڪَ کان اجازت پئي گهري ته هوا جو هڪڙو تيز جھوٽو اندر ڪاهي آيو ۽ هڪ پل ۾ ڦوڪ ڏئي چوويهه ئي ميڻ بتيون وسائي ٻاهر نڪري ويو. سڀ مُرڪون معدوم ٿي ويون. ٽهڪن ۽ تاڙين جو رڌم ٽٽي پيو. عمارتون اونداهي ۽ ڳوڙها گييس جي دونهين ۾ ڍڪجي ويون. شاهه بلوط جي ٽارين تي ويٺل پکي ٽاهه کائي اونداهيءَ ۾ الوپ ٿي ويا.
    علي سعيد جو سينو ڪجهه گونگين گولين پروڻ ڪري ڇڏيو.
    يونيورسٽي بند ٿي وئي.
    مشعل جنهن مهل به عبدالله سان ڳالهائڻ چاهيو سندس نمبر بند مليس!
    فون جي خاموشيءَ کيس ڏوهارين جي قطار ۾ بيهاري ڇڏيو. ڪافي شامون گذري ويون. نه عبدالله سندس فون اٽينڊ ڪئي، نه پاڻ ساڻس رابطو ڪيائين. هوءَ صليب تي ٽنگجي وئي. خاموشيءَ جي ديوار ۾ شگاف ٿي نه سگهيو. صليب جهڙي رستي کي نجاتَ جو يوٽرن نه ملي سگهيو. شڪ شبهن ۽ اڻ وڻندڙ خدشن جا ٿوهر ڦٽي پيا هر طرف.هُن محسوس ڪيو ته هوءَ يهودي هجڻ جي سزا ڀوڳي رهي آهي. تان جو يونيورسٽي کُلي وئي!
    جنهن مهل هوءَ ٿڪل قدمن سان ڪلاس روم ۾ داخل ٿي اُنَ مهل ڪلاسيڪل عربي ادب جي پروفيسر محمد عرفات شاگردن کي ليڪچر ۾ ٻڌايو پئي ” اڄ مان اوهان کي هڪ ڌنارڻ جي ڪهاڻي ٿو ٻُڌايان: حضرت شعيب جي دؤر ۾ هوءَ صحراءِ سينا جي هڪ ڌنارڻ هئي، جنهن کي هڪ انڌيءَ نانگڻ ڏنگيو هو ۽ هوءَ پنهنجو نالو نِشان ڇڏڻ کانسواءِ مري وئي هئي........!“
    هوءَ هلندي اچي عبدالله جي ڀر ۾ ويٺي.
    عبدالله ڏانهس بلڪل توجهه نه ڏني. هو ڪنهن اجنبيءَ جيان کانئس مڪمل طور لا تعلق هو.
    مان صحراءِ سينا جي ڌنارڻ آهيان. مون کي بي اعتباريءَ جي نانگڻ ڏنگي وئي آهي. مان مري وئي آهيان. منهنجو رت ڪارو ٿي ويو آهي. هو طور سينا تان موٽيو هو ته سندس هٿ ۾ عصا ۽ اکين ۾ اوپرائپ هئي. تنهنجي نظر ۾ منهنجي حيثيت خوبصورت ڌوڙ کان وڌيڪَ ڪجهه به نه آهي عبدالله! تارا رڳو آسمان ۾ چمڪندا ئي نه آهن ٽٽندا به آهن. اسين ٻه ٽٽل تارا آهيون. ٻه الڳ تارا. ٻه الڳ ريگستان. ٻه الڳ مذهب... ٻه انتهائون. ٻه دليل... ٻه ڏک... پروفيسر پڙهائيندو رهيو.... هوءَ رڳو سندس چپ چُرندا ڏسندي رهي.... هوءَ صحراءِ سينا جي ڌنارڻ هئي. هن جا وار ڪڪرن وانگر ڪارا هئا.....
    سامهون بليڪ بورڊ. لفظ.... جُملا... اکر. عجب جون نشانيون.... سواليه نشان.... درياهه جي لهرن جهڙا جُملا... لهرن ۾ لڙهندڙ هزارين انڌيون نانگڻيون. هوءَ اٿي بيٺي ۽ رڙيون ڪري ڪلاس روم کي، ڪلاس ۾ ويٺل شاگردن، استاد، بليڪ بورڊ، دري ۽ دريءَ مان نظر ايندڙ شاهه بلوط جي وڻن کي ٻڌائڻ چاهيائين ته: ڏسو، ڏسو! عبدالله جي اکين ۾ اوپرائپ لهي آئي آهي. هاڻي هن کان منهنجي کلڻ تي آسمان نه ٿو وسري. هو مون کي اڻ ڪيل ڏوهه جي سزا ڏئي رهيو آهي. منهنجو ڏوهه رڳو اهو آهي ته مان يهودڻ آهيان. مسلمان ناهيان! ڇا اهو منهنجو ڏوهه آهي؟ ڏوهه آهي؟؟.... پر چئي نه سگهي.... خاموشيءَ سان ڪلاس ۾ ويٺي رهي.... ڪلاس ختم ٿي ويو.... پروفيسر ۽ شاگرد هليا ويا.... ڪرسيون خالي ٿي ويون.... هو ٻئي ويٺا رهيا.... تان جو شام ٿي وئي. ڪلاس مان نڪري پارڪ ۾ اچي ويٺا..... ٻئي خاموش. جهڙيون فرعونن جون ٻه مميون!
    کيس لڳو هڪ پل اندر سندن وچ ۾ هڪ هزار نوري سالن جو فاصلو/خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو شايد ڪڏهن به ختم نه ٿيندو/ڀرجي نه سگهندو. ٻنهي کي خبر هئي ته ٻنهي جي وچ ۾ بحث جو هڪ اڻ کٽ درياهه حائل آهي. بحث جو وڏو سمنڊ ڇوليون ٿو هڻي. سوالن جوابن جو بٺو ٻري رهيو آهي. ڪاوڙ، بي اعتباري ۽ شڪ جو وڏو جھنگ ڦٽي پيو آهي. سو ٻئي خاموش هئا. اها خاموشي ڪنهن ڌٻڻ وانگر کين ڳهندي پئي وئي.
    ”هڪ ڳالهه چوانءِ؟“
    هوءَ اداس لهجي ۾ وڏي همت سان هڪڙو اڌورو جُملو چئي مڪمل طور اداس ٿي وئي.
    ”چَئهُ !“ هن بئنچ تان اُٿڻ/نه اٿڻ جي ڪچي پڪي ارادي سان وراڻيو. هُو ان ارادي کان ڪجهه پَل اڳ فيصلائتي انداز ۾ کيس چئي چُڪو هو ته ”اڄ کان پوءِ پاڻ وري ڪڏهن به نه ملنداسين.“
    ۽ هوءَ پنهنجي حصي جو اڌ ڏک اڳواٽ ئي روئي چُڪي هئي.
    ”عبدالله! توکي علي سعيد ڏاڍو پيارو هو نه.“
    مختصر جملي/سوال ۾ غير مختصر قصو.
    موٽ ۾ هو ڪجهه چوڻ بدران آسمان ڏي ڏسڻ لڳو.
    ڏک تي ضبط ڪرڻ جي ڪوشش.
    اکين مان لڙڪ زوري رستا ٺاهي وهڻ لڳس.
    ”مان توکي تنهنجو سعيد ڄڻي ڏيان ته پوءِ؟ هان... ٻڌاءِ عبدالله، پوءِ ته بس نه؟ هان ٻڌاءِ؟ هاسٽل ”ليليٰ خالد“ جي ڪمري نمبر اٺ جون چاٻيون آسمان کي اُڇلائي ڏيان ته پوءِ؟ هاڻ ٻُڌاءِ!!!“ مشعل ڀر ۾ ويٺل اُداس ۽ ناراض نوجوان جي ٻانهن ۾ هٿ وجھي سندس اکين ۾ ڏسڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي التجا جي نديءَ ۾ تبديل ٿي وئي. عبدالله آسمان ڏي نهارڻ جو ارادو وڃائي ويٺو!!


    اڌ ۾ رهجي ويل جملي جو ڏُک

    ”سورج مُکيءَ جا ڪُجهه گُلَ!،
    هڪڙي ڇانوَ بوگن ويليا جي،
    چار ٻوٽا چمپا جا ۽ تنهنجون يادگيريون،
    منهنجي ڪُل ملڪيت آهن“.
    هُو سوچيندو ۽ ڳالهائيندو رهيو. سندس سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي وچ ۾ گهڻو فاصلو نه هو. بس ايترو فاصلو هو جيترو سوچڻ ۽ ڳالهائڻ جي وچ ۾ هوندو آهي ـــ يا هجڻ گهرجي. پر ڪڏهن ڪڏهن نه به هوندو آهي.
    ”سوچيو هئم، منهنجي محبت ۾ لڙڪ لڙڪ ٿي ڳڙندينءَ، پر توکي ته لهس به نه آئي. ٻريس به مان ته ڳريس به مان!“ هن گلدستي ڏي ڏسندي ڦڪي مُرڪَ سان چيو.
    هو اڪثر ڪمري سان ۽ ڪمري ۾ پيل شين سان ڳالهائيندو رهندو آهي. هُو ۽ ڪمرو پاڻ ۾ دوست آهن؛ ائين جيئن هُو ۽ مان دوست آهيون. پر هو مون سان به ايتريون ڳالهيون، يادگيريون ۽ ڏک شيئر نه ڪندو آهي جيترا ڪمري سان.
    اهو شايد ان ڪري جو ڪمرو ساڻس ڪنهن به ڳالهه تي اختلاف نه ڪندو آهي. خاموشيءَ سان سندس ڳالهيون ٻڌندو ۽ سندس منهن ۾ ڏسندو رهندو آهي. جڏهن ته مان کوڙ ڳالهين ۾ ساڻس اختلاف رکندو آهيان.
    ”هر ڪنهن تي اکيون پوري اعتبار نه ڪبو آهي.“
    مان سندس هر ڪنهن تي انڌو اعتبار ڪرڻ واري عادت تان ڪاوڙجي چوندو آهيان: ”سڀ ماڻهو اعتبار جوڳا نه هوندا آهن چريا!“.
    پر هُو منهنجي ڪنهن به ڳالهه جو نوٽس نه وٺندو آهي. خاموشيءَ سان ڪنڌ جھڪائي چمپا جي ٻوٽن کي پاڻي ڏيندو رهندو آهي.
    نه ڪنهن ڳالهه جي تائيد ڪندو آهي نه مخالفت. نه ڪو خوش ٿيندو آهي نه ڪا ڪاوڙ ڪندو آهي. پر انهن ڏهاڙن ۾ جڏهن هوءَ، جيڪا هميـشه پنهنجا وار جوڙي ۾ ٻڌڻ وساري ويهندي هئي، هڪ ڏينهن کيس به وساري هميشه لاءِ ڪمري مان هلي وئي هئي ۽ هو زندگيءَ مان سموري دلچسپي وڃائي ويٺو هو ۽ سندس ٽيبل جي دراز جا سڀ خانا ننڊ جي گورين سان ڀريل رهڻ لڳا هئا ته مون گهڻي ڪاوڙ ۾ چيو هو ”ڇو ٿو پاڻ کي ڳارين.... ان لاءِ جنهن وٽ محبت محض هڪڙو ”سولو پلي“ هئي. هڪ ڪلاڪ جو ڊرامو. ڊرامو ختم پيسا هضم!“
    موٽ ۾ مون کي ڪجهه به نه چيو هئائين. رڳو هڪ پل لاءِ ڪِتاب تان اکيون هٽائي مون کي ڏٺو هئائين ۽ پوءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هڪ ئي ڪمري ۾ موجود هوندي به نه مون سان ڳالهايو هئائين نه مون ڏي نهاريو هئائين. اهو سندس ڪاوڙ جو انداز هو.
    مون وري ڀلجي به ساڻس هُنَ بابت نه ڳالهايو. هوءَ جيڪا هميشه پنهنجا وار جوڙي ۾ ٻڌڻ وساري ويهندي هئي.
    انهيءَ دوران چمپا جي ٻوٽي ۾ گل ٽڙندا رهيا ۽ بوگن ويليا جون گلابي ٽاريون بائونڊري وال تي کاڏي رکي مُرڪنديون رهيون.
    ان ڏينهن درسنيءَ مون کي دانهن ڏني ”پنهنجي دوست کي سمجھائين نه ٿو. اٺ ڏينهن ٿيا آهن شيو نه ڪئي اٿس. ڀلا ائين ٿيندو آهي؟!“
    پر مان کيس درسنيءَ جي دانهن ٻڌائي نه سگهيس.
    هو پنهنجي مرضيءَ وارو آهي. اهو ئي ڪندو آهي جيڪو دل چوندي اٿس. مون کي احساس آهي ته هو جو ڪجهه ڪري ٿو اُهو صحيح نه آهي پر مان روز روز نصيحتون ڪري کيس وڃائڻ نه ٿو چاهيان. سڄي شهر ۾ مون کان سواءِ ڪو به سندس دوست نه آهي.
    مون کي سندس اداسي ۽ اڪيلائيءَ جو ڏک ٿيندو آهي.
    توڻي جو هو پنهنجي اڪيلائيءَ ۾ به خوش هوندو آهي.
    خواب،گل ۽ ڪِتابَ سندس آڪسيجن آهن.
    ”خوابن، گلن ۽ ڪِتابن کانسواءِ پاڻ کي گئس چئمبر ۾ محسوس ڪندو آهيان.“
    هُو اڪثر پنهنجي منهن ڀڻڪندو آهي.
    مان سندس ڪمري ۾ داخل ٿيندو آهيان ته کيس يا ڪوئي ڪِتاب پڙهندي، يا گلن کي پاڻي ڏيندي ڏسندو آهيان.
    ”مون کي تنهنجو ئي انتظار هو.“ مون کي دروازي تي بيٺل ڏسي چوندو آهي. مان مُرڪڻ کانسواءِ رهي نه سگهندو آهيان.
    ”توکي منهنجو نه پر ان جو انتظار هو جيڪا توکي الوداع چوڻ کانسواءِ الوداع ٿي وئي هئي.“ مان دل ۾ چوندو اندر داخل ٿيندو آهيان ۽ ڪرسيءَ تي ويهي سندس اکين ۾ ڏسندو آهيان. سندس اکيون ڪوڙ ڳالهائي نه سگهنديون آهن.
    شايد ڪنهنجون به اکيون ڪوڙ نه ڳالهائينديون آهن.
    ”ته معنيٰ تون غيب جو علم به ڄاڻين ٿو.“ مان چوندو آهيان.
    ”اها غيب جي نه پر حقيقت جي ڳالهه آهي ته منهنجي اداسيءَ لاءِ پيار ۽ منهنجي ننڊ لاءِ احترام فقط تو وٽ آهي.“ هو ڪِتاب ٽيبل تي رکي اٿندو آهي ۽ اليڪٽرڪ ڪيٽليءَ جو بٽڻ آن ڪندي چوندو آهي.
    گرمين ۾ چانهه ۽ سياري ۾ ڪافي سندس ڪمزوري آهي.
    ڪڏهن ڪڏهن مون سان به ائين بي خياليءَ مان ڳالهائيندو آهي ڄڻ مان به ڪمري ۾ پيل ڪو گهڙيال، گلدستو، ميز، ڪرسي يا ڀت ۾ ٽنگيل ڪنهن ماڻهوءَ جو پورٽريٽ هُجان.
    اڪثر ائين به ٿيندو آهي ته مون کي سندس ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. ڇو جو سندس ڪنهن به ڳالهه جي نه ڪائي شروعات هوندي آهي ۽ نه پڇاڙي. هو ڪٿان به ڳالهه شروع ڪندو آهي ۽ ڪٿي به چپ ٿي ويندو آهي. کيس اها پرواهه به نه هوندي آهي ته مان سندس ڳالهه ٻڌان به ٿو يا نه. جي ٻُڌان ٿو ته سمجھان به ٿو يا نه!
    اڪثر ته هو اهو به وساري ويهندو آهي ته ڪو مان به ڪمري ۾ موجود آهيان. هو دير تائين ڪو ڪِتابُ پڙهندو رهندو آهي يا سگريٽ ڇڪيندو رهندو آهي. پوءِ اوچتو سگريٽ وسائي، ڪِتاب مان منهن ڪڍي مون ڏي ڏسي مُرڪندو آهي ۽ ائين ڳالهائڻ لڳندو آهي ڄڻ هڪ لمحو اڳ اڌ ۾ ڇڏيل ڪا ڳالهه شروع ڪندو هُجي.
    ”هوءَ منهنجو جُملو مڪمل ٿيڻ کان اڳ هلي وئي. تون ڇا ٿو سمجھين،اهو مناسب آهي؟ جيڪو ماڻهو توهان کي سڄي زندگي لکي ڏئي، توهان ان لاءِ اڌ جملي جيترو انتظار به نه ڪيو!“
    ۽ موٽ ۾ هُو منهنجي ردِ عمل جو انتظار نه ڪندو آهي. نئون سگريٽ دُکائي نئون پنون اٿلائي ڪش هڻڻ ۽ ڪِتاب پڙهڻ ۾ محو ٿي ويندو آهي. سندس اهو عمل مون کي چيڙائيندو نه آهي. مان انهيءَ عمل جو هيراڪ ٿي ويو آهيان.
    پر ان ڏينهن هو معمول کان وڌيڪَ اُداس هو.
    اها پن ڇڻ جي رُت هئي. هوا جي هر جھوٽي سان بوگن ويليا جا ڦڪا پن ۽ نارنگي گل ڇڻندا پٽ تي وکرندا ٿي ويا.
    ”توکي خبر آهي ته قيامت ڪڏهن ۽ ڪهڙي موسم ۾ ايندي؟“ هن اوچتو مون کان غير متوقع طور غير متوقع سوال پڇيو.
    مون سوچيو شايد هُنَ ۾ ناسٽر ڊيمس جو روح لهي آيو آهي.
    منهنجي ڳالهائڻ کان اڳ چيائين:
    ”اها ته خبر نه آهي ته قيامت ڪڏهن ايندي پر جڏهن به ايندي ته اها خزان جي موسم هوندي.... سمورا وڻ پنن کان خالي ۽ گلن کان محروم هوندا.“
    سندس لهجي ۾ ڇڻندڙ پنن جو ڏک هو. ڏڪندڙ هٿن سان ڪوپ ۾ چانهه ڀريائين ته چانهه هٿ تي هارجي پيس.
    ڪوپ هٿ مان ڇڏائجي وڃي فرش تي ڪريو ۽ ڇيهون ڇيهون ٿي ويو.
    ”ايتري اذيت پسندي چڱي نه آهي.“ ڪوپ جا ٽڪرا ميڙيندي ڪاوڙ مان چيم ”آخر ڪيسين اڪيلائيءَ جو بنواس ڀوڳيندين!؟“
    منهنجي ڳالهه ڏي توجهه ڏيڻ بدران هو ڪجهه جھُونگاريندي ٻئي ڪوپ ۾ چانهه اوتڻ لڳو. چانهه جو اڌ ڪوپ وڃي بچيو هو.
    ”خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهوءَ لاءِ زال جو ساٿُ ضروري آهي.“ مون دريءَ تي ٽنگيل پردي ڏي ڏسندي چيو.
    ”جيڪي ماڻهو ماءُ کان سواءِ ٻاروتڻ گذاري ايندا آهن انهن لاءِ زال کانسواءِ زندگي گذارڻ مشڪل نه هوندو آهي.“ چانهه جو ڪوپ منهنجي هٿ ۾ ڏيندي چيائين.
    ”اها ڳالهه پنهنجي ابتڙ به سچ ٿي سگهي ٿي. هاڻ ته وارن ۾ چاندي لهي آئي اٿئي. آخر ڪيستائين پنهنجا هٿ ساڙيندو رهندين.“ مون ڪوپ وٺندي چيو.
    ”ڏس! مان ڪيترو خوش ۽ مطمئن آهيان. منهنجو هٿ ڪڏهن به چانهه ۾ نه سڙيو آهي.“
    هن پهرين سُرڪ ڀري منهنجي اکين ۾ نهاريو.
    سندس اکيون پڇي رهيون هيون ”ڇا واقعي تون خوش آهين؟ مطمئن آهين.... ڪڏهن به تنهنجون آڱريون نه سڙيون آهن؟“ !
    منهنجي لاءِ ساڻس اکيون ملائڻ ممڪن نه رهيو. هن جا چپ چانهه جي سُرڪ ۾ بدلجي ويا.
    ”اڄڪلهه هوءَ ڪٿي آهي؟“
    مون پاڻ کي هن جي نِگاهن کان بچائڻ لاءِ سندس پسند جي موضوع ڏي موٽائڻ لاءِ کانئس ان بابت پڇيو، جيڪا کيس ڪِتابن ۽ گلن جا تحفا ائين ڏيندي هئي جيئن ننڍڙن ٻارن جي هٿن تي ٽافيون رکي ڳلن تي چميون ڏبيون آهن. جيڪا اڪثر شامون سندس ڪمري ۾ گذاريندي هئي ۽ پاڙي جي گهرن ۾ ٿيندڙ سُس پُس جو نوٽس نه وٺندي هئي. پوءِ هڪ شامَ ان مهل لڙڪن وانگر سندس اکين مان هارجي هوا ۾ تحليل ٿي وئي هئي، جنهن مهل هن چمپا جي ٻوٽي کي پاڻي پئي ڏنو ۽ آسمان ۾ ڪڪر ڀٽڪي رهيا هئا.
    هن منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو.
    ڪرسيءَ تان اٿي ٽيبل تان ڪوپ کڻي سنڪ تي ڪوپ ڌوتائين. اليڪٽرڪ ڪٽليءَ ۾ کير کنڊ پاڻي ۽ پتي وڌائين ۽ موٽي اچي ڪرسي تي ويٺو.
    ڪٽليءَ جو بٽڻ آن ڪرڻ وساري ويٺو.
    اڌ ۾ رهيل ڪِتاب کڻي پڙهڻ لڳو. مان ڪمري ۾ پيل بي جان شيءِ بڻجي ويس. ٻاهر پن ـــ ڇڻ جي هوا گهلندي رهي. پن ڇڻندا رهيا.
    ”توکي خبر آهي ٽٽل خوابن وارا ماڻهو ڪيئن هوندا آهن؟“
    ڪِتابَ تان اکيون کڻي مون ڏي ڏسندي چيائين. پر مون کي خبر هئي ته هن مون سان نه پئي ڳالهايو. هن گهڙيال سان پئي ڳالهايو. رڳو نهاريائين مون ڏي پئي. ائين ٿيندو آهي. ماڻهو اڪثر نهاريندو ڪنهن هڪ شيءِ ڏي آهي پر مخاطب ڪنهن ٻئي سان هوندو آهي.
    ”ٽٽل خوابن وارا ماڻهو بلڪل ائين هوندا آهن... جيئن مان“ هُنَ هڪ اداس مُرڪَ سان چيو.
    ”مون ته سوچيو هو تون منهنجي محبت ۾ لڙڪ لڙڪ ٿي ڳڙندينءَ پر توکي ته لهس به نه آئي. ٻريس به مان ته ڳريس به مان!“
    هن دريءَ ڏي ائين نهاري چيو ڄڻ دريءَ وٽ ڪوئي بيٺو هُجي.
    ”پر شايد اهو تنهنجو ڀاڳُ نه هو. ٻرڻ ۽ ڳرڻ هر ڪنهن جي ڀاڳَ ۾ ٿوروئي هوندو آهي.“
    هو دريءَ سان ڳالهائيندو رهيو. مان ٻڌندو رهيس. سندس لهجي ۾ خزان جي خوشبو هئي. چپن مان لفظ ائين ٿي ڀڄي ڀُري نڪتس، ڄڻ پن ــ ڇڻ رت ۾ وڻن مان پن ڇڻي رهيا هجن. اکين ۾ آلاڻ ڦهلجي ويس. مان ڪولاج ٿيل ماڻهوءَ جي پورٽريٽ جيان خاموش اکين سان سندس منهن ڏسندو رهيس.
    ”تون رڳو ايترو انتظار به نه ڪري سگهينءَ جو مان چمپا جي ٻوٽي کي پاڻي ڏئي پنهنجو جملو مڪمل ڪري سگهان ها. جملو مڪمل ٿيڻ ڏين هان ته پنهنجو فيصلو بدلائي هميشه لاءِ مون وٽ رهي پئين هان... پر.... هاڻي توکي ڇا ٻُڌايان ته اهو اڌ جملو ڪهڙو هو جيڪو تون ٻڌڻ کانسواءِ هلي وئينءَ ۽ مان جملي جي وچ ۾ آيل فل اسٽاپ سان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويس.
    ”اڌ جملو تو وٽ رهجي ويو. اڌ جملو مون وٽ رهجي ويو. مان هميشه لاءِ اڌ ۾ رهجي ويل جُملي جي ڏک ۾ مُبتلا رهندس. خبر اٿئي، جملي جو اُهو اڌ ڇا هو؟“ ڳالهائيندي آواز ڳرو ٿي ويس. خاموش ٿي ويو. ڀت ۾ ٽنگيل اجنبي شخص جي پورٽريٽ جي اکين مان ٻه لڙڪ ڇڻي پيا.
    مان اکيون اگهي ڪرسيءَ تان اُٿيس. اليڪٽرڪ ڪٽليءَ جو بٽڻ ”آن“ ڪندي ڀڻڪيس ”حيرت آهي. مون اڃان شام واري چانهه نه پيتي آهي!“.


    دل جي ڪُنڊ ۾ ڄمي ويل برف

    هُن هڪ اماوس رات ۾ خاموشيءَ سان خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. اهڙي خاموشيءَ سان جو پاڙو اوڙو ته ٺهيو، کيس ئي پتو نه پيو هو ته اندرئين ننڍي ڪمري ۾ ڪيڏو وڏو حادثو ٿي گذريو آهي. تصور به نه ڪيو هئائين ته ايترو جلدي سڀ خواب ڀڄي ڀُري پوندس ۽ اکين ۾ رهجي ويندسُ رڳو ڏک، اڪيلائي ۽ اداسيءَ جي رکَ. شادي ڇا ڪري آئي ڄڻ خوابن جي آهوتي ڏيڻ آئي.
    هو رڳو ڪجهه موسمون ئي سندس وارن جي اسيريءَ ۾ رهيو. وڏ ڦڙي جيان مٿان وسندو ۽ ڳلن جي ڪُنن ۾ ٻڏندو ترندو رهيس ۽ پوءِ پنهنجي دنيا ۾ گم ٿي ويو، جيڪا سندس اُنس جي دنيا هئي. پر هوءَ به دل هٿان مجبور هئي.
    عورت جي وڏي ۾ وڏي ملڪيت سندس دل ئي ته هوندي آهي.
    چاهيائين ٿي ته ايترو ئي پيار ملندو رهيس، جيترو شروع ۾ ٿي مليس، پر شايد هاڻي اهو ممڪن نه هو.
    رات جو دير سان گهر اچڻ. گهر ۾ هوندي به ڄڻ گهر ۾ نه هجڻ. جهڙو ڪنهن اسٽيشن جي انتظار گاهه ۾ ويٺل پري جو مسافر. گهڻو ڪري هر وقت دوستن سان ڪچهريون، ڪتاب، بحث، سگريٽن جو دونهون. ”پراون ماڻهن کي گهر نه وٺي اچين ته چڱو. مان بيزار ٿي ٿيان. مون کي به ڪجهه وقت ڏيندو ڪر.“ شروع ۾ شڪايت ڪئي هئائين ته وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو. پوءِ چپ ٿي ويو هو. سندس ٽهڪن ۾ ۽ ماٺ ۾ ڪا عجيب هڪ جهڙائي هئي. اهي هڪ اداس شخص جا زخمي ٽهڪ هئا، ٽهڪ جن ۾ مستقبل جي ڪاري پاڇولي جو ڏک هو. پوءِ سندس هٿ چمندي چيو هئائين ”مريم! هي پراوا ماڻهو نه آهن... منهنجا دوست آهن... ناراض نه ٿيءُ... ٻه چار دوست ئي ته اٿم سڄي شهر ۾.“ اندر ۾ موتيا کڙي پيا هئس. مُرڪي کڻي ماٺ ڪئي هئائين- ۽ پوءِ ته هو ويو گم ٿيندو دوستن ۾، ڪتابن ۾، سگريٽن جي دونهين ۾. هوءَ سندس انتظار ڪندي رهي. پڪ هئس ته هو ڪڏهن نه ڪڏهن ڏانهس موٽندو، پر... هو نه موٽيو... هوءَ اڪيلي ٿي وئي. ڏک ۾ ڀرجي وئي. سمورو پيار برف بڻجي دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويس.
    ڀاسيو هئس هزارين فوٽن جي بلندين تان هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو هجيس.
    سَنڌ سَنڌ ڀڄي ڀُري پيو هجيس.
    اڪيلائي، غريباڻو حال، ننڍڙو ٻار.
    ڏک ۽ ڊپ جي گهاٽي، کُهري ۽ ڪڙي ڪساري ول ۾ ويڙهجي وئي.
    چاچا ماما کوڙ، پر ڪير آهي ڪنهنجو؟؟
    جوڀن، جواني، ڌار دشمن اڪيلي عورت جو.
    ڀڳل ٽٽل ٽڙيل پکڙيل وجود ميڙي چونڊي پاڻ کي سهيڙي ورتائين.
    پُٽ تي پئجي ويل پاڇولو هٽائڻ لاءِ ۽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ همت جي ضرورت هئس.
    مڙسهنس جي ڏکارن دوستن مان ڪن اخبارن ۾ تعزيتي بيان ڇپرايا ته ڪن رسالن ۾ تاثراتي مضمون لکيا.
    ”هو جينئس هو. غير معمولي ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار هو. افسوس زندگيءَ کيس مهلت نه ڏني. ادب سالن تائين اهڙي عظيم ليکڪ لاءِ سڪندو رهندو.“
    هي اُهي دوست هئا، جن ڏانهن پريشانيءَ جي وقت ۾ ۽ خودڪشيءَ کان اڳ خط لکيا هئائين:
    ”يار! منهنجي لاءِ ڪنهن نوڪريءَ جو بلو ڪيو... پريشان ٿو رهان. توهان اثر رسوخ وارا آهيو. اڪيلو هئم ته پرواهه نه هئم پر شاديءَ کان پوءِ ۽ وري ٻار کان پوءِ ته رهندو تڪليف ۾ اچي ويو آهيان. گهر جهڙو دوزخ ٿي ويو آهي. خانگي نوڪرين مان ڪا هڙ حاصل نه ٿي ٿئي... پرائيويٽ اسڪول ۾ ماستري ڪيان پيو، پر ڄڻ دوزخ ۾ آهيان. ڳري فيس وصول ڪندڙ اسڪول جو مالڪ اسان ماسترن ۽ ماسترياڻين کي بنهه گهٽ پگهار ٿو ڏئي. مٿان اسان سان رويو اهڙو اٿس ڄڻ اسين سندس نوڪر هجون... فيميل ٽيچرس ته عزت داءَ تي لڳائي ٿيون پڙهائين. هو درندو آهي... هر روز نئون رت پيئڻ لاءِ آتو... مان ڏاڍو ڏکيو وقت پيو گذاريان...“ ڪنهن دوست وٽان ڪا موٽ نه ملي هئس.
    ٻه چار هفتا سندس شهر وارا ويجها دوست گهر ايندا رهيا. ٻار جي مٿي تي هٿ رکي، روئڻهارڪي لهجي ۾ چيائون ”ڀاڄائي! تون ڳڻتي نه ڪر... احمد اسان جو ٻچو آهي... مُئي مٽيءَ جي نشاني آهي.“
    آٿت ڀانيائين. خوشي ٿيس. پر اها سندس خوشفهمي ثابت ٿي.
    جيئن ڌيءَ لاءِ ماءُ جو وجود لازمي هوندو آهي، تيئن پٽ لاءِ پيءُ جي ڇانوَ ضروري هوندي آهي. ڏکاريءَ دل سان سگهاري انداز ۾ سوچيائين: ”۽ مان تنهنجي رڳو ماءُ ئي ناهيان پيءُ به آهيان... ها هڪ عورت لاءِ هڪ مرد جو ساٿ ضروري آهي...منهنجو پٽ منهنجو مرد آهي.“ گهر ۾ ئي پاڙي جي ٻارن کي قرآن پڙهائڻ، اسڪول جي ڪتابن تي جُلد چاڙهڻ ۽ هلڪو ڦلڪو ڀرت وغيره ڀرڻ لڳي. وقت جي ندي وهندي رهي.
    الهندي ديوار تي لڳل تصوير خاموشيءَ سان کيس ڀرت ڀريندي ڏسندي رهندي هئي. کُليل پيشاني... جاڙا ڀرون، گهاٽيون ڪاريون مڇون، صاف شفاف، ڪنهن گهري ڳالهه کي سلجهائڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ۾ گم سم اکيون. جلد چاڙهيندي يا ڀرت ڀريندي ڪنهن مهل آڱر ۾ سئي ٽنبجي پوندي هئس ته ڏکاري ٿي پوندي هئي. تصوير سان الاءِ پنهنجو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳندي هئي: ”تون ته چوندو هئين، مريم! تون منهنجي زندگيءَ جو سبب آهين... منهنجي حياتي آهين... تنهنجون اکيون منهنجي راهه جا ڏيئا آهن... پوءِ ڇو هليو وئين ايترو جلدي... مون کي حياتيءَ جي رڻ ۾ اڪيلو ڇڏي... مون لاءِ نه سهي، پنهنجي پُٽ لاءِ زندهه رهين ها... ڏکيو سکيو وقت پيو رڙهي ها... بيروزگار ئي سهي... بيمار ئي سهي... جيئرو ته هجين ها... مُئي جي ته مٽي به ڪم نه ٿي اچي... مون تو کان ڪهڙا محل ماڙيون ٿي گهريا... ڪيڏو خود غرض نڪتين....“
    اکيون ڀرجي اينديون هئس، پر ڳوڙها ڳڙڻ نه ڏيندي هئي.
    اکين جان سڀ لڙڪ دل جي ڪنڊ ۾ گڏ ٿي ويس...
    دل جي ڪنڊ ۾ ڄمي ويل برف وگهرڻ نه ڏنائين.
    سمورو پيار پُٽ تي نڇاور ڪري ڇڏيائين.
    پٽهنس صبح اسڪول، شام مدرسي ۾.
    ذهانت پيءُ کان ورثي ۾ مليل. اسڪول ۾ تمام هوشيار. وقت جي ندي روان دوان. ”ڏسُ پٽ! ڳالهه هيءَ آهي ته....“ ڇهين درجي واري ڪلاس ٽيچر نظر جو چشمو اکين تي رکندي پيار سان چيو ”هيءُ ناول في الحال تنهنجي سمجهه کان مٿي آهي. تون اڃا ننڍڙو آهين... وڏو ٿي پوءِ پڙهجان... هينئر پڙهندين ته سمجهي نه سگهندين... سمجهندين به ته اڌورو... ۽ پٽ اڌوري سمجهه سٺي نه آهي... في الحال اسڪول جي ڪتابن ڏي ڌيان ڏي.“ هو حيرت مان ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي لڳل پيءُ جي تصوير ڏي ڏسندو رهيو.
    اهو سچ هو ته واقعي به ناول سمجهه ۾ نه پئي آيس. جابجا کوڙ ڏکيا لفظ هئا... جن جو کيس مطلب سمجهه ۾ نه پئي آيو... مفهوم ته پري ٿيو.
    فرسٽريشن... اينگزائٽي... ڊپريشن... ڪامپليڪس... انٽيليڪچوئل... فوبيا... ڪيٿارسس... اسٽريس... فراريت... ماسچربيشن... ۽ الاءِ ڇا ڇا...
    استاد کان ”فرسٽريشن“ جي معنيٰ پڇي هئائين، جنهن رهندو ناول پڙهڻ کان جهلي ڇڏيس.
    ڏکارو ڏکارو گهر آيو. ماني به نه کاڌائين.
    ”امان !“ حيران اکين جو هڪ سوال.
    ”جيءُ پٽ!“ مهربان ماءُ جو ٻاجهارو آواز.
    ”بابا جي ناول ۾ اهڙو ڇا آهي جو استاد پڙهڻ کان...“
    ماڻهنس جي مهربان منهن تي انديشن جي تکي اُس ڦهلجي وئي.
    ”مون کي ڏي.“ پٽهنس جي هٿن مان ناول وٺندي چيائين.
    ”لڙهندڙ نسل“
    اکين ۾ ڊپ ڀرجي آيس.
    هي اُهو ناول آهي جيڪو لکڻ دوران هو ڪو وقت ٻن دنيائن جي وچ ۾ لڙڪيل هو ۽ زندگيءَ مان چاهه ۽ ساءُ وڃائي ويٺو هو.
    هڪ منظر ٻئي منظر ۾ بدلجڻ لڳو.
    ماضيءَ جو ڀوائتو لمحو حال جي ڪُک مان ڦٽڻ لاءِ پر سوئڻ لڳو.
    هڪ طويل ۽ اماوس رات جي خاموشي ٽٽڻ لڳي ۽ ٻي ڊگهي رات جاڳڻ لڳي.
    هن جي دل جي ڪنڊ ۾ ايتري گنجائش نه هئي جو اُن ۾ برف جا ٻه ڳنڍا سمائجي سگهن.
    ”ڇو کنيو اٿئي هي ڪتاب... ڪڏهن کنيو اٿئي...“ ڊپ سان ڀريل سخت لهجو.
    ڪجهه پل اڳ مهربان چهري واري ماءُ هڪ سخت منهن واري اجنبي عورت ۾ بدلجي چڪي هئي.
    ڇوڪرو حيران... پريشان... آخر ڇا ٿيو آهي... اهڙو ڪهڙو ڏوهه ٿيو آهي!؟
    ”مان پڇان ٿي ڇو کنيو اٿئي ڪتاب !؟“ ڪمري ۾ ننڍي عمر وارو ڇوڪرو بدستور خاموش. جهڙي ڀت. چماٽ جو وڏو آواز گونجي ويو. اهو ساڳيو ڪمرو جنهن ۾ ڪجهه سال اڳ هڪ شام غريبان برپا ٿي هئي. ڇوڪري ٻانهن اکين تي رکي روئي ڏنو. اها ڪنهن اجنبي عورت جي چماٽ هئي. ماڻهس ته ڪڏهن به اهڙي زهريلي چماٽ نه هنئي هئس.
    ”ٻيهر لائيندين هٿ پڻهين جي ڪتابن کي... هان... کڻجان... کڻجان ته مان تنهنجي ٻانهن ته ڀڃان... انهن مُئن ڪتابن ته پڻهين جو سر کنيو... مان بيواهه ٿيس... تون ڇورو ڇنو ٿئين... هاڻي وري تنهنجو وارو آهي... ذليل... جهڙو پيءُ خود غرض، تهڙو پُٽ...“
    نڙي ڳوڙهن ۾ ڀرجي ويس. وڌيڪ ڳالهائي نه سگهي. روئي ويٺي.
    هڪ پل اڳ سخت منهن واري اجنبي عورت ٻاجهاري صورت واري ماءُ ۾ بدلجي وئي. اکين ۾ ورهين جو ٿڪ... جسم چُور چور... زبان خشڪ... ڄڻ هزارين فوٽن جي بلنديءَ تان هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو هجيس. پٽ کي چماٽ هڻي ڪڏهن به نه کٽندڙ ڏک ۾ مبتلا ٿي وئي هئي.
    پوتيءَ جي پلؤ سان پٽ جي ننڍڙين اکين مان وهندڙ ڳوڙها ۽ نڪ مان وهي آيل سنگهه اگهيائين. ڄڻ تتل هانءَ تي ڪجهه ڇنڊو پيس.
    پُٽهنس وري ڀلجي به ڪڏهن پيءُ جي ڪتابن کي هٿ نه لاتو. مڙس جا سڀ ڪتاب کڻي شيلف جي پٺيان اڇلائي ڇڏيائين. ڪتاب نه هجن ڄڻ وڇون هجن.
    ٻه ننڍڙيون اکيون حسرت ۽ حيرت وچان شيلف جي شيشي مان نظر ايندڙ ڪتابن ڏي ڏسنديون رهجي ويون.
    صبح اسڪول، شام مدرسو. اسڪول کان مدرسي ۾ وڌيڪ دلچسپي. هوءَ پوءِ به ڪو وقت ڊنل رهي.
    هو رات جو سمهي پوندو هو ته ڊنل آڱرين سان سندس ٿيلهي ۾ پيل ڪتاب ڪاپيون ڦولهاريندي هئي... متان انهن ۾ پڻهنس جو ڪو ڪتاب نه هجي.
    پر سندس الڪو اجايو هو. هو شيلف ۾ رکيل ڪتابن کان گهڻو پري ٿي چڪو هو.
    وقت جي ندي وهندي رهي، ڪتابن تي جلد چڙهندا رهيا... ٻار قرآن پڙهندا رهيا... ڀرت ڀرجندو رهيو... آڱرين ۾ سيون لڳنديون رهيون... رات جي خاموشي ڏنگ هڻندي رهي... الهندي ديوار ۾ لڳل گهاٽين مڇن واري ۽ گهري ڳالهه سوچيندڙ اکين واري تصوير ڏانهس ڏسندي رهي... پٽهنس هوبهو پيءُ جهڙو ٿي پيو هو. کليل پيشانيءَ جاڙا ڀرون- فرق رڳو ايترو ته پيءُ کي ڏاڙهي ڪا نه هئي، پٽ کي هئي. فرمانبردار... نيڪ نمازي... روزگار سان لڳل...!!
    ان صبح تڙڪي ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. خالي خالي ۽ خاموش اکيون.
    ان صبح موڪل جو ڏينهن سجايو ڪرڻ لاءِ پٽهنس گهر ۾ پيل فالتو شيون ساڙڻ جو سوچيو.
    آڳنڌ ۾ باهه ٻرڻ لڳي.
    ڦاٽل ڪاغذ... پراڻا رجسٽر... لفافا... خط... ڪتاب سڙڻ لڳا. رک اڏامڻ لڳي. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي اچي باهه وٽ بيٺي. ڄڀ... ڄري... دونهون... اکرن جي بُوءِ... هو هٿن تان، منهن تان، ڏاڙهي ۽ ڪپڙن تان رک ڇنڊيندو، ڪتاب ڍوئيندو، باهه ۾ وجهندو رهيو ۽ ڀڻڪندو رهيو ”مذهبي ڪتابن کان سواءِ ٻيا سڀ ڪتاب فضول آهن.“ وان گوگ جي پينٽنگ کڻي آيو. گلابي ڳل، بادامي نيڻ ۽ اڏامندڙ وار سڙي ويا.
    الهندي ديوار تي لڳل تصويرون کڻي آيو. تصويرون گهر ۾ رکڻ گناهه آهي... تصوير باهه ڏي وڌايائين ته ماڻهس ڪنهن زخمي آواز ۾ دانهن ڪري ٻئي هٿ کڻي تصوير ۾ وڌا ”متان ساڙين!“
    سالن کان دل جي ڪنڊ ۾ ڄميل برف وگهرڻ لڳي... قطرو قطرو، ذرو ذرو...
    ”امان گهر ۾ تصويرون رکڻ بدعت آهي.“
    ”نه چئه مون کي امان!“ پٽهنس جي هٿن مان تصوير کسيندي، ڪنهن اوپري لهجي ۾ رڙيون ڪندي چيائين ”ناهيان مان تنهنجي ماءُ... نه ڪو تون منهنجو پٽ آهين.“
    پٽهنس حيرت مان سامهون بيٺل سخت چهري واري اجنبي عورت ڏي ڏسندو رهجي ويو، جنهن ڦاٽل تصوير ڳنڍڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ۽ سُڏڪن جي وچ ۾ ڀڻڪيو پئي ”پيءُ جو ڦوٽو ٿو ساڙي... ڪافر... دوزخي... ذليل.“


    لاهيارڻ جي سپني ۾ گلاب ٽڙن ٿا

    ان صبح ماڪ ڀنل گلاب پٽيندي لاهياريءَ جي هٿن ۾ هر هر ڪنڊا ٿي چڀڻ لڳا. اهو صبح سندس زندگيءَ جو ڏاڍو اداس صبح هو.
    اڳ ائين ورلي ڪو ٿيو هوندو جو هر هر هٿن ۾ ڪنڊا لڳا هجنس. هوءَ ته جدي پشتي لاهيارڻ هئي. گل پٽڻ اباڻو ڌنڌو هئس. هن ته هوش ئي گلن جي ٻارين ۾ سنڀاليو هو. رانديون گلن جي فصلن ۾ ڪيون هئائين ته ساماڻي به گلابن جي وچ ۾ هئي. کاٻي هٿ ۾ گلاب جي ٽاري جھلي ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ ڏسڻي آڱر جي امتزاج سان اهڙي نفاست سان گل پٽيندي ڄڻ گل نه پٽيندي هجي ٽاريءَ ٽاريءَ جي نيڻن مان خواب چونڊيندي هجي ۽ خواب چونڊي ڪانبو ڀريندي هجي. سندس پٽيل گلاب مان نه پنکڙيون ڇڻنديون نه ڏانڊي ٽٽندي.
    پر ان صبح پاڻ ئي مرجھايل گلاب ٿي پئي هئي. گلن کي مرجھائڻ ۾ ڀلا دير ئي ڪيتري لڳندي آهي؟ ڪالهه صبح تائين سڄر گلاب جئان هئي. مهڪندڙ ٻهڪندڙ، ترو تازه خوش....!!
    ڀيڄ ڀنيءَ مهل اچي گل پٽڻ ۽ ڪانبا ڀري گڏ ڪرڻ ۽ ٽوڪرين ۾ اهڙي سمجھداري سان رکڻ، جيئن گلن جون پنکڙيون نه ڇڻن. پوءِ زميندار ساجن خان جي پٽ گل حسن جو ڊاٽسن تي اچڻ، گلن جون ٽوڪريون ڊاٽسن ۾ رکائڻ، ڊرائيور سان گڏ شهر پهچڻ ۽ گل مارڪيٽ ۾ وڪڻي واپس موٽڻ.
    گل حسن جيڪو اڃا خوابن ۽ حقيقتن جي وچ واري سرحد ۾ ساهه کڻي رهيو هو. پهرئين صبح ئي لاهيارڻ کي ڏسي خوابن جي ڪناري تي لهي آيو.
    خواب جن ۾ گلاب هئا، هڳاءُ هو، خوشي هئي، اداسي هئي، انفراديت هئي، ڪجهه الڳ قسم جو نئون نئون وڻندڙ احساس هو. اهڙو احساس جيڪو ماڻهوءَ کي ڪائنات جو مرڪز بڻائي ڇڏيندو آهي. زندگي وڻڻ لڳندي آهي. هاڻي کيس گلن مان اڳ کان وڌيڪَ وڻندڙ خوشبو اچڻ لڳي هئي. هن لاءِ زمين ريشمي قالين ۾ تبديل ٿي وئي هئي.
    هونءَ پڻهس هر روز ملي ٻانگ مهل زوري ننڊ مان پٽي اٿاريندو هئس.
    ”ابا گل حسن! اٿي ٻيلي خدا کي مڃ..... سج چڙهي آيو..... ڊاٽسن وارو ٻاهر هارن بيٺو هڻي..... گل سڪي ويندا.... اٿي تڪڙو ٿي....“
    تڏهن وڃي گهلجي سهلجي، آرس ڀڃي، ڪنجھي، ڪرڪي، ماڻهس کان ڪاوڙ ۾ چانهه وٺي چار ڍڪ ڀري کٽ تان لهندو..... پر جڏهن کان لاهيارڻ جي خانه بدوش نيڻن ۾ نهاريو هئائين، تڏهن کان سستيءَ تان دستبردار ٿي ويو هو. هاڻي پڻهس جي اٿارڻ کان اڳ بلڪه ملي ٻانگ کان اول اٿيو ويٺو هوندو هو.
    هڪ صبح ته ماڻهس حيرت مان پڇي ويٺس، ”اي ابا گُلا! خير ته آهي ننڊون ڦٽي ويون اٿئي.....“
    جنهن جي موٽ ۾ هُو اٿي وڃي ڀاڪرن ۾ ڀري ننڍڙي ٻار جيان ٻنهين ڳلن تي هڪ هڪ چُمي ڏيندس ۽ اجرڪ ڪلهي ۾ وجھي مُرڪندو ٻاهر نڪري ويندو. هو لاهيارڻ سان ڳالهائڻ جا موقعا ٺاهڻ لڳو. ڪنهن مهل گل پٽيندي، ڪنهن مهل ڪانبو لاهيندي، ڪنهن مهل ڀر مان ويندي، ڪنهن مهل ڀرسان ايندي، ڏانهس ڏسڻ ٿي لڳو ته ڪنهن مهل ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ٿي لڳو....
    ”ٻڌ مالتي!“
    ”هون، چئه !“
    ”مالتي !“
    ”جيءُ!“
    ”ڪجهه نه.“
    ”هان.... ڪجهه نه..... اهو وري ڇا....“ حيرت، معصوميت، مُرڪَ، ٽهڪ، خاموشي، نِهار، جھڪندڙ اکيون، مٿي کڄندڙ اکيون!
    ”مالتي! “
    ”هون!“
    ”تون منهنجي ٿيندينءَ؟“
    ”ڇا؟“
    ”مان چوان ٿو تون منهنجي ٿيندينءَ ؟“
    ”مطبل؟“
    ”مطبل .... او.... مطلب ته تون منهنجي ٿيندينءَ ؟“
    ”الاءِ.... خبر ناهي مجيري....!!“
    ”ڇو.... ڇو خبر ناهي مالتي.... مطلب ڇو؟“
    ”تون وڏو ماڻهو .... مجيري... اسان غريب ماڻهو... توسان ڪهڙو جوڙ....“
    ”نه مالتي، مان وڏو ماڻهو نه آهيان... مان غريب آهيان... مون وٽ ڪجهه به ڪونهي.... توکان سواءِ مان ڪجهه به نه آهيان.“
    ”الئي مجيري خبر ناهي.... مطلب... ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي.... اسان جو مجهب ٻيو... تهجو ٻيو... اسين ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي.... هاڻي ڇا ٿيندو.... الائي ڇا ٿي ويو آهي“.
    ”الاءِ ڇا ٿيندو!“
    ”مطلب ڇا ته؟“
    ”مطلب ڪجهه به نه!“
    ”وري ساڳيو ڪجهه به نه!“
    ٽهڪ، مُرڪون، اداسي، نهار، خاموشي.....
    هن خاموشيءَ سان لاهياريءَ جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ ورتا. لاهياريءَ جا هٿ ٿڌا جهڙ ابرف.... هن سندس هٿ چپن تي رکيا. هٿن ۾ گلابن جي خوشبو. نيڻ نهار تائين ڳاڙها ڳاڙها گلاب.... سرهي هوا. ٿڌڪار... خمار ئي خمار. خواب جو ڪنارو. ڪناري تي بيٺل ٻه اڪيلا مسافر.... ٻه دنيائون... ٻه ڪائناتون... ٻه آواز.... ٻه خاموشيون... ٻه ٽهڪ. ٻه لڙڪ.... لاهيارڻ جو واعدو: ”ها مجيري! مان تنهنجي ٿينديس... ها پاڻ گڏجي گلن جي وچ ۾ گهر جوڙينداسين... گڏجي گلاب پوکينداسين... گلاب پٽينداسين... پنهنجو وڻ هوندو. پنهنجو اڱڻ هوندو. اوطاق هوندي. پيچرو هوندو. پيچري جي ڇيڙي تي اسڪول هوندو. اسڪول ۾ گهنٽي هوندي.... ٽِڻ..... ٽِڻ..... ٽِڻ..... ٽِڻڻڻ..... پنهنجا ٻه ٻار هوندا.... ڪِتابَ هوندا.... اسڪول هوندو... گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون، جو ٿو ٿڌڙا مينهن وسائي، باغن ۾ جو انب پچائي... ويس گلن کي جو پهرائي.... شامَ هوندي... رات هوندي، پڌر ۾ چنڊ هوندو. آڪاس ۾ تارا هوندا. ننڊ هوندي ۽ خوابَ هوندا.... چار چُميون هونديون.... ٻٽيون ڀاڪيون هونديون.... وارن جو واسُ هوندو....“ لاهيارڻ جي سپني ۾ سوين هزارين لکين گلاب ٽڙي پيا.
    خواب جي کُڙڪَ مالتي جي پوڙهي پيءُ روات کي پئجي وئي... جھونيون جھانوريون اکيون وسوسن جي ور چڙهيون. زال سان صلاح. قبيلي سان مشاورت ... ڇا ڪجي... ڪيئن ڪجي...... گلن جي وچ ۾ ٺهيل جھوپڙي. ڀريل ڀريل آسمان..... گوڙ... کنوڻ جا چمڪا. ساهه مُٺ ۾.... هٿ ٿڌا برف.... مينهن جي شدت.... بدلجندڙ موسم... پوهه جا پارا.... گلن جو فصل پڇاڙي تي پهتل... ڪڻو ڪڻو گلاب..... هونءَ روز هڪ ڊاٽسن نڪرندي. هاڻي اٺين ڏينهن ڊاٽسن نڪري... مٿان تيز مينهن.... ٻنا ٻوڙ. فصل پاڻيءَ هيٺ. ڏک ئي ڏک. ٻڏندڙ دل جسم ساڻو. ڪنن سان ٽڪرائجندڙ ڪو ڀوائتو آواز، هارن يا ڪو زلزلو.... الاءِ ڇا.... رت جي بوءِ .... الاءِ ڊيزل جي ڌپ.... ساهه ۾ ٻوساٽ... ويس گلن کي.... جو ٿو ٿڌڙا مينهن.... ڏک ئي ڏک.... ابا گل حسن ـــ اُٿي سج مٿي چڙهي آيو آهي.... هو ڇرڪ ڀري ڀوائتي خواب جي وچ مان ٻاهر نڪتو.... اُڀا ساهه. پيشانيءَ تي پگهر.... ڇو ابا.... خير ته آهي... ڇا ٿيو آهي.... اڄ اٿڻ ۾ دير لاتي اٿئي.... ڪجهه نه امان... ڪو خواب پئي ڏٺم.... ڊيڄاريندڙ.... الاءِ ڇا هو... چانهه پيئڻ بنا ئي منهن کي ڇنڊو هڻي اجرڪ کڻي ٻاهر نڪري اچي ڊاٽسن ۾ ويٺو. ڊاٽسن اچي گلاب جي فصل ۾ بيٺي. مزدورن گلن جون ٽوڪريون کڻي ڊاٽسن ۾ رکيون. هن جون نِگاهون لاهيارڻ کي ڳولي ڳولي ٿڪجي پيون....
    .... ڇو ڀلا.... ڪيڏانهن وئي.... ڪير به ڪونه ٿو ڏسجي.... ڇا ٿيو... ڊاٽسن هلڻ لڳي.... هو ڊرائيور جي ڀر ۾ ويٺو. بي خيال. گم سم گم سم.... چپ چپ.... ڏکارو.... اکين ۾ حادثي جو ڊپ.
    ڊاٽسن فصل جي وچان پيچرو ڏئي اچي روڊ تي چڙهي ۽ اتان گذري جِتي لاهياريءَ جي قبيلي جا جھوپا هئا. بي خياليءَ ۾ پنهنجا ٻئي هٿ منهن تي رکيائين... ساڳي خوشبوءِ جيڪا لاهياريءَ جي هٿن ۾ هئي. ٽارين مان ڇڳل گلابن جي اداس زخمي زخمي مقتول خوشبو!
    هن ٿڌو ساهه کڻي ڪنڌ پوئتي سيٽ تي لاڙي اکيون ٻوٽي ڇڏيون. کيس لڳو ڄڻ ڊاٽسن ۾ گل نه آهن، سندس لاش پيو آهي!


    بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي ڳالهه

    ان صبح پنهنجو بوٽ پالش ڪندي خوشي محسوس ڪيائين. ايتري ۽ اهڙي خوشي جهڙي ڪنهن آرٽسٽ کي ڪوئي نظم يا ڪهاڻي لکي محسوس ٿيندي آهي.
    خوشي جيڪا گهڻي وقت کان سندس لاءِ اڻلڀ هئي.
    ”زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو پنهنجو بوٽ پاڻ ضرور پالش ڪرڻ گهرجي.“ بوٽ کي بُرش هڻندي دل ۾ چيائين.
    پئنٽ شرٽ پائي ٽاءِ ٻڌي بوٽ پاتائين. چپن تي مُرڪ ڊوڙي آيس.
    بوٽ شيشي وانگر پئي جرڪيو.
    ”پر آخر ماڻهو ڪيستائين بوٽ پالش ڪندو؟“ آفيس لاءِ نڪرندي دروازي وٽ سوچيائين.
    ”هِتي مرڪڻ تمام مهانگو آهي. آخر ماڻهو رت جي دُٻي ۾ پير ٻوڙي ڪيئن ٿو مُرڪي سگهي؟ ها مان گيدي آهيان. گدڙ آهيان. هِتي فقط شينهن شير خدا جو مُرڪي سگهي ٿو. ڇو جو اهو جهنگل جو بادشاهه آهي. وڻيس ته روئي وڻيس ته کلي. جيئن هو هر فوٽو سيشن ۾ مرڪي رهيو آهي. سندس مُرڪ جو ڪو ڇيڙو ئي نه آهي. جھنگل جلي رهيو آهي ۽ شينهن مُرڪي رهيو آهي. مان نه ٿو مُرڪي سگهان. مان وقت جي انڌي ڳليءَ ۾ جي رهيو آهيان.“
    آفيس جي دروازي تي ويٺل سيڪيورٽي گارڊ کيس سلام ڪيو.
    هُو فقط گهر جي دروازي کان آفيس جي دروازي تائين سڪون ۽ آزاديءَ سان سوچي سگهيو ڇو ته وقت جو اهو ٽڪڙو سندس پنهنجو هو. آفيس ۽ گهر جي وچ ۾ رکيل وقت جو ٽڪڙو. آفيس ۾ پهچڻ کان پو ءِ وقت تان سندس حق ختم ٿي ويو.
    ”پليز پنهنجو ڪم ذميواري ۽ ڌيان سان ڪيو.“ آفيس سُپرنٽينڊنٽ مسٽر قادريءَ کيس پنهنجي خيالن ۾ گم ڏسي سوين دفعا اڳ دهرايل جملو دهرايو.
    قادريءَ جي وات ۾ سدائين جيان اُها ساڳي اٺ جي وات واري ڌپ هئي. پر هو پنهنجي وات جي ڌپ کان بي خبر هو. هميشه جيان.
    هڪ پيءُ جون ذميواريون.
    هڪ ڀاءُ جون ذميواريون.
    هڪ ڪلارڪ جون ذميواريون.
    هڪ پاڙيسريءَ جون ذميواريون.
    هڪ دوستَ جون ذميواريون.
    هڪ شهريءَ جون ذميواريون.
    هڪ ليکڪ جون ذميواريون.
    خيالن جو هڪ دائرو پيدا ٿيو. ۽ ڦهلجندو ويو.
    هر گهر جي ڪنهن نه ڪنهن ڪمري، باٿ روم، اسٽور روم يا رڌڻي جي ڇت ۾ يا ڇت جي ڪنڊ ۾ هڪ ڄارو ضرور هوندو آهي. ۽ ڄاري ۾ هڪ مک به ضرور ڦاٿل هوندي آهي. ڪڏهن گهر جو ڪو ماڻهو ڊگهي لٺ ۾ ڪپڙو ٻڌي ڪمرن جون ڇتيون ۽ ڪنڊون صاف ڪندو آهي. پراڻو ڄارو پراڻي سڪل مک سميت ڊهي ويندو آهي، پر ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ ساڳيءَ جاءِ تي نئون ڄارو نظر ايندو آهي. نئين ڄاري ۾ هڪ نئين مک ڦاٿل هوندي آهي. ڄارو ۽ مک هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم هوندا آهن. هُنَ وٽ ڍڳي وا را سڱ نه آهن. هُو ڄارو ڇني نه ٿو سگهي. هو مک بڻجڻ نه ٿو چاهي. پر چاهڻ نه چاهڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي؟ هو ڄاري ۾ ڦاٿل مک آهي.
    قادري صاحب جي ڪرسيءَ کان پنج فوٽ يا شايد ساڍا پنج فوٽ ـــ اهو فاصلو گهٽ وڌ به ٿي سگهي ٿو، ڇو ته اهو هڪ اندازو آهي ـــ پريان مِس سَلميٰ جي ٽيبل آهي. هر ٽيبل تي ڪجهه فائل به هوندا آهن. مس سلميٰ جي ٽيبل تي به ڪجهه فائل هميشه موجود هوندا آهن. سندس ٽيبل ۾ هڪ دراز آهي. دراز ۾ ڪجهه آفيشل ۽ ڪجهه نان آفيشل ڪاغذ آهن. هڪ ننڍڙو آئينو، هڪ ڪنگو ۽ ميڪ اپ جو مختصر سامان آهي. پرفيوم جي هڪ ننڍڙي شيشي آهي ۽ هڪڙو وڏو خوابُ آهي: هڪ گزيٽيڊ آفيسر سان شادي ڪرڻ جو خوابُ. هوءَ هڪ مهانگي ساڙهي پائي، ڊريسنگ ٽيبل وٽ ويهندي، ڳچيءَ ۾ سون جو هار ۽ ڪنن ۾ ڊائمنڊ جا جھومڪ. هڪ بي نيازيءَ واري ادا سان پنهنجي چهري ۽ کليل وارن تي آخري نهار وجھي پرس کڻي ٻاهر نڪرندي ته صاف سٿري وردي پاتل ڊرائيور تڪڙا قدم کڻندو ڪار جو پويون دروازو کوليندو.... هوءَ گاڏيءَ جي نرم سيٽ تي ويهندي، دروازو بند ٿيندو.... هوءَ اکيون پوري اٿاهه خوشيءَ سان ڀريل پُر سڪون خوابن ۾ گم ٿي ويندي ۽ هر روز اهو خواب دهرائيندي. جنهن مهل به دروازو کولي ڪوئي ڪاغذ، ڪوئي فائل کڻندي يا رکندي آهي ته هڪ نِگاهه پنهنجي خواب کي به ڏسي وٺندي آهي. چپن تي مُرڪ ڊوڙي ايندي اٿس. اڳ ۾ هو جنهن مهل به ذهني ٿڪ محسوس ڪندو هو، قادري صاحب جي پريان نظرون اڇلائي مِس سلميٰ کي ڏسي وٺندو هو ۽ تازو توانو ٿي ويندو هو. پر هاڻي ڏانهس نه ڏسندو آهي. هوءَ ته نه اڳ ڏانهس ڏسندي هئي نه هاڻي ڏسندي آهي. هن لاءِ سندس اکين ۾ ڪا به گنجائش نه آهي. بلڪه ڪاوڙ آهي. فطري طور. هڪ معمولي عورت ڪلارڪ جي هڪ معمولي مرد ڪلارڪ تي ڪاوڙ. هوءَ هميشه پنهنجي مرحوم پيءُ جي قول تي عمل ڪندي آهي: ”ماڻهوءَ کي هميشه اوچو سوچڻ گهرجي.“ هو سندس معيار تي پورو نه ٿو لهي ۽ نه ئي ڪڏهن لهي سگهندو.
    مسز طاهره وڏيءَ ڀيڻ وانگر چيو هئس ”سلميٰ، هُنَ جي اکين ۾ تو لاءِ ڏاڍو پيار آهي.... ۽ پيار وڏي شيءِ اٿئي،“
    ”هون،“ ڪاوڙ ۾ چيو هئائين ”نه کپي مون کي ڦٽيچر ڪلارڪ جو ڦٽيچر پيار.... مون کي شاندار زندگي کپي.... وڏو گهر.... وڏي گاڏي.... زندگيءَ جي رونق، خوشي، محفلون....گليمر.... هن مان مون کي ڇا ملندو؟..... سودائي..... ڪِتابي ڪيڙو... اڌ چريو.... ڪجهه ئي وقت ۾ ٻارن جي لوڌ.... اڻ پوري پگهار.... بيماري..... پريشاني... باهه ڏئي ساڙيان اهڙي پيار کي.“
    ٻنهي جي وچ ۾ ناپسنديدگيءَ جو پردو حائل هو. ٿلهو پردو. جهڙي سيمنٽ جي ڀِت.
    ”پليز پنهنجو ڪم ذميواري ۽ ڌيان سان ڪندا ڪيو!“
    هو پنهنجي اڻ کٽ ذميدارين ڏي موٽيو.
    هن تي ٻيڻي ذميواري آهي.
    هو رڳو هڪ ماڻهو ئي نه آهي هڪ ليکڪ به آهي.
    هڪ ليکڪ به هڪ ماڻهو آهي.
    هو سڀ کان اول پنهنجي ضمير ڏي جوابده آهي.
    ”ليکڪ جو ضمير!“ اهو جملو سوچيندي هو هميشه مُرڪي پوندو آهي.
    ”اهو هڪ ڪهاڻيءَ جو عنوان به ٿي سگهي ٿو ۽ نه ٿو به ٿي سگهي.“
    مُرڪڻ ۽ پنهنجي خيالن ۾ گُم رهڻ سندس ڪيمو فلاج آهي. کيس بوٽ پالش ڪرڻ مهل اندر ۾ پيدا ٿيل خوشي ياد آئي.
    ” هر ليکڪ کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو پنهنجو بوٽ ضرور پالش ڪرڻ گهرجي.“ هن سوچيو.
    خوشيءَ جو تعلق بوٽ پالش ڪرڻ سان آهي. بوٽ پالش ڪرڻ مهل ماڻهو ٻاهرين دنيا کان الڳ ٿي پاڻ سان ڳنڍجي ويندو آهي. پاڻ سان ڳنڍجڻ ۾ خوشي آهي. پاڻ کان ڇڄڻ ۾ غم آهي. پڙهندڙ وڏا منصف آهن. اُهي سچ ۽ ڪوڙ جي پرک لاءِ ڪنهن ايڊووڪيٽ جا محتاج نه هوندا آهن.
    ”هميشه سچ لکڻ گهرجي“ هن سوچيو. ”۽ سچ تڏهن لکي سگهبو جڏهن ضمير جي روشنيءَ ۾ لکبو. ليکڪ لاءِ ضمير جو هجڻ ۽ اهو به روشن هجڻ ضروري آهي.“ هن آفيس جي وڏي ڪمري جي ڇت ڏي ڏٺو. ڇت ۾ ڄارو نه هو.
    ”مئل ضمير سان لکيل ليک به مئل هوندا آهن، زندگيءَ جي خوشبو ۽ گرميءَ کان وانجھيل. مئل ليک لکڻ معنيٰ ڪاغذن جون قبرون ڀرڻ. ڪچيون قبرون، جيڪي برساتن ۾ ڊهي پونديون آهن. ڏري پونديون آهن. لاشن جا ڍانچا ظاهر ٿي پوندا آهن.“ هو قادري صاحب جي ڪاوڙ کان بي نياز پنهنجي خيالن ۾ گم هو.
    ”سچ رڳو اهو نه آهي جيڪو ٻين کي چئبو آهي. اهو ته سچ جو فقط هڪڙو پاسو آهي. سچ پاڻ کي به چوڻ گهرجي. تڏهن سچ مڪمل ٿيندو. سچ جا ٻئي پاسا هڪ جهڙا هوندا آهن. سچ ڪو سِڪو ناهي جو ان جا ٻئي پاسا مختلف هجن. جنهن کي مرضيءَ سان ڪڏهن ”اکر“ ۽ ڪڏهن ”ڀُور“ ڪجي. مان پنهنجي پاڻ کي سچ ٿو چوان ته مان مس سلميٰ جي خوابَ کي ساڀيان ڏيڻ کان قاصر آهيان. مان هڪ جونيئر ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو هئس، ڏهن سالن گذرڻ کان پوءِ به فقط سينئر ڪلارڪ آهيان ۽ رٽائر ٿيڻ تائين سينئر ڪلارڪ يا وڌ ۾ وڌ سپرٽينڊنٽ هوندس ۽ منهنجي وات ۾ به اهڙي ڌپ هوندي جهڙي قادري صاحب جي وات ۾ آهي. مان به ٻين جونيئر ۽ سينئر ڪلارڪن کي ڌيان ۽ ذميواريءَ سان ڪم ڪرڻ جون تنبيهون ڪري رهيو هوندس ۽ رٽائرمينٽ تائين مس سلميٰ جي خواب کي ساڀيان ڏئي نه سگهندس.“ هن پاڻ کي ڏک جي لهرن ۾ لڙهندو محسوس ڪيو.
    ”زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو پنهنجو بوٽ پالش ڪرڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي سچ چوڻ سان گڏ پنهنجي ڪوتاهين جو اعتراف به ضرور ڪرڻ گهرجي.“ هن نه چاهيندي به قادري صاحب جي پريان ويٺل مس سلميٰ جي اکين ۾ نهاريو. هوءَ ڪنهن فائل ۾ گم هئي. فقط سندس وار آزاد هئا. هاڻي سندس اکين ۾ وقت جو ٿڪ لهي آيو هو، پر اڃا سندس خواب ساڀيان نه ٿيو هو. ڏهه سال کن اڳ جڏهن هو نئون نئون نوڪريءَ تي چڙهيو هو ته مس سلميٰ جون اکيون ڏسي دل ۾ چيو هئائين: ”هنن اکين جي سهاري سڄي زندگي گذاري سگهجي ٿي.“
    ”۽ مان اعتراف ٿو ڪيان ته مون هن مهل تائين جيڪي به پيار جون ڪهاڻيون لکيون آهن اُهي ڪوڙيون ڪهاڻيون آهن. مون پاڻ سان ۽ پنهنجي پڙهندڙن سان ڪوڙ ڳالهايو آهي. مون هر ڪهاڻيءَ ۾ ڪنهن مس سلميٰ سان پيار جي دعويٰ ڪئي. تصور ڪيو اٿم ته هو ءَ منهنجي محبوبا آهي.... منهنجي منتظر آهي. مان سندس پهريون ۽ آخري پيار آهيان. اهو سڀ ڪوڙ آهي. سچ اهو آهي ته مس سلميٰ هميشه کان مون کي ڌڪاريو آهي. نفرت ڪئي اٿس مون کان. مان عورت طرفان رد ٿيل مرد آهيان.“ هن پنهنجي دل تي چڙهيل دز ڌوپندي محسوس ڪئي.
    اعتراف جي آڳ ۾ دل تي ڄميل دَز چرٻيءَ جيان قطرو قطرو ٿي ڳري رهي هئس.
    هن پنهنجا ڳوڙها لڪائڻ لاءِ اٿي دريءَ جا تاڪ کوليا ۽ ٻاهر نهارڻ لڳو. ٻاهرئين ميدان ۾ يا شايد سندس اندر جي ايوان ۾ خانه بدوش گرگلن جو لڏو لٿل هو. هڪ خيمي جي آڏو باهه جو مچ پئي ٻريو. چار نوجوان ۽ هڪڙو پوڙهو گرگلو باهه جي مچ تي سوئر جي چرٻيءَ جون سونگڙيون پچائي رهيا هئا ۽ ڀرسان وڏي ديڳڙي ۾ سوئر جو گوشت رجھي رهيو هو. چرٻيءَ مان ٽمندڙ سڻڀ ڦڙو ڦڙو ٿي باهه ۾ پئجي رهيو هو ۽ گرگلا ڪنهن ڳالهه تي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هئا.
    ”پليز دري بند ڪيو. گوڙ ٿو ٻڌڻ ۾ اچي....“ اهو قادري صاحب جو نه پر مس سلميٰ جو آواز هو. هن کي حيرت ٿي.
    مس سلميٰ گهڻي وقت کانپوءِ ساڻس ڳالهايو هو.
    گهڻي وقت کان پوءِ؟ شايد هڪ سال کانپوءِ. يا شايد ڏيڍ سال کانپوءِ. يا شايد فقط ڪجهه مهينن کان پوءِ. بلڪه شايد فقط ڪجهه ڏينهن کانپوءِ!
    بي رخيءَ کي وقت جي گز سان ماپڻ جي ضرورت نه هوندي آهي.
    بي رخيءَ جي ماپ به پنهنجي ته تور به پنهنجي هوندي آهي. اها ماپ ۽ تور سندس اندر ۾ هوندي آهي.
    هن ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخري ڀيرو هنن پاڻ ۾ ڇا ڳالهايو هو؟ پر کيس ياد نه آيو. کيس رڳو سندس اکيون ياد هيون جن ۾ پري پري تائين بي رخي ۽ لا تعلقي جي رُڃ ڦهليل هئي.
    انهيءَ بي رخيءَ ۽ لاتعلقيءَ کان وڏو ڀلا ڪهڙو ڏک ٿي پئي سگهيو سندس لاءِ؟؟
    هن کليل دري بند ڪري ڇڏي.
    مس سلميٰ پنهنجي دراز ۾ گم ٿي وئي.
    هُنَ ٻيو ڪجهه سوچڻ چاهيو. اهو ”ٻيو ڪجهه سوچڻ“ دراصل سندس ڪيمو فلاج هو.
    مس سلميٰ بابت سوچڻ کان بچڻ جي هڪ ڪوشش.
    پنهنجي پاڻ کي نه چاهيندي به ڪنهن معاملي ۾ مصروف رکڻ جو عمل.
    هڪ مڪمل ۽ طويل عرصي جو ڪيمو فلاج. هڪ فرار.
    ”مان اعتراف ٿو ڪيان ته مون کي پنهنجي پٺيءَ تي سياسي پارٽيءَ جو ڪل وقتي ڪارڪُن هجڻ جو ٺپو نه هڻائڻ گهربو هو. آرٽسٽ ته آسمان جا پکي آهن. پکين جي پرن تي ڪو به ٺپو سٺو نه لڳندو آهي. پکين تي سمورين اکين جو هڪ جيترو حق هوندو آهي.“
    مس سلميٰ دراز جي دنيا مان ٻاهر نڪري آئي. اکين ۾ ڏک هئس.
    شايد اهو هڪ عام ڏک هو. عورت جو ڏک. وڌندڙ عُمر سان ڳلن ۾ پئجي ويل گهنجن جو ڏک. وارن ۾ پوندڙ چانديءَ جو ڏک. خوابن جي ساڀيان ۾ پئجي ويل دير جو ڏک.
    هن کانئس ڏک جو سبب پڇڻ چاهيو. توڻي جو سبب کان بي خبر نه هو. پر خبر هئس ته کيس اهو حق نه هو ته کانئس ڏک جو سبب پڇي. هُو چُپ رهيو.
    ” هِتي سچ ۽ سياست هڪ ٻئي جو ضد آهن. سياستدان ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ وڏا فرشتا هوندا آهن، ڪرسيءَ تي ويهي شيطان جي پاڇولي ۾ اچي ويندا آهن. پُٽ پيئرن کي زندانن ۾ وجھائيندا آهن. ڀائر ڀائرن کي جلاوطن ڪندا آهن. ڀينرون ڀائرن جي قتل جون خاموش تماشائي هونديون آهن.“
    مس سلميٰ بدستور اداس هئي. خاموش هئي. مسز طاهره آفيس نه آئي هئي.
    مسز طاهره آفيس ۾ هوندي آهي ته مس سلميٰ کي خاموش ٿيڻ نه ڏيندي آهي.
    پاڻ به ڳالهائيندي رهندي آهي ۽ کانئس به ڳالهرائيندي رهندي آهي.
    قادري صاحب سيٽ تي نه هو.
    اهو لنچ ٽائيم هو.
    شايد قادري صاحب ڪئنٽين ۾ هو.
    هن کي به لنچ لاءِ وڃڻو هو.
    لنچ لاءِ اٿڻ کان اڳ کيس پنهنجي نوٽ بوڪ ۾ لکيل هڪ پاراتو ياد اچي ويو:
    ”الله ڪندو سدائين اقتدار جي اُس ۾ هوندين.“
    کيس اهو ياد نه آيو ته هن اهو پاراتو ڪڏهن لکيو هو. پر ايتري پڪ هئس ته ان يادگيريءَ جو تعلق بوٽ پالش ڪرڻ واري ڳالهه سان ضرور هو. ڇو ته بوٽ پالش ڪرڻ کان پوءِ گهر کان ٻاهر نڪرندي ئي جھنگ جي بادشاهه بابت سوچيو هئائين، جنهنجي مُرڪ جو ڪو ڇيڙو نه هو. توڻي جو ڪجهه شامون اڳ ئي سندس راڻي قتل ٿي چُڪي هُئي.
    ۽ هينئر لنچ لاءِ اٿڻ مهل کيس دراز قد شهزادي ۽ گرانٺ مٺڙئي گھوٽ جي ڪهاڻي ياد آئي. گرانٺ مٺڙيو شاديءَ واري شام کان وٺي دراز قد شهزاديءَ جي اڳيان احساسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويو هو ۽ احساس ڪمتري مان نڪرڻ لاءِ سرگردان هو. شهزادي رعيت سميت گرانٺ مٺڙئي جي نيت کان بي خبر هئي. سندس نيت جو پتو ته تڏهن پيو جڏهن شهزادي جي غوراب جا سڙهه ڇڄي پيا ۽ غوراب گهري سمنڊ ۾ غرق ٿي ويو، گرانٺ مٺڙئي جي قد ۾ اضافو ٿي ويو. راتو واهه اقتدار جي اعليٰ مسند تي پهچي ويو ۽ سندس مرڪ جو ڇيڙو ختم ٿي ويو. بوٽ پالش ڪرڻ واري صبح جي منجھند جو لنچ تان موٽندي کيس گهڻو وقت اڳ نوٽ بوڪ ۾ لکيل پاراتي جو مطلب سمجھه ۾ اچي ويو ۽ اهو به ياد اچي ويو ته اهو پاراتو ڪنهن لاءِ لکيو ويو هو.
    ”لِسن ٽو مي مسٽر!“ اهو سلميٰ جو آواز هو.
    هن ڪنڌ مٿي ڪري ڏانهس ڏٺو. آفيس جي هال ۾ هنن ٻن کانسواءِ ٻيو ڪير به نه هو.
    ”ڏسو! مون کي توهان سان ڳالهائڻ جو شوق نه آهي پر مجبوري آهي. دراز مان منهنجو قيمتي سامان چورائجي ويو آهي.“
    ”ته توهان جو ڇا خيال آهي ته مون توهان جو قيمتي سامان چورايو آهي؟ مان توهان کي چور ٿو لڳان؟ آفيس ۾ ٻيا ماڻهو ڪونهن؟“ هن ڪاوڙ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، جو خبر هئس ته آفيس مان اڪثر چوريون ٿينديون رهنديون آهن. ڪڏهن پيپر ويٽ ته ڪڏهن قلم، ڪڏهن فليوڊ ته ڪڏهن ڪاغذ.
    ”پر منهنجو شڪ فقط توهان تي آهي.“ مس سلميٰ جون نِگاهون دريءَ جي بند تاڪن ڏي هيون. شايد چاهيائين پئي ته هوند هوا جي ڪنهن جھوٽي تي تاڪ کُلي وڃن ته ٻاهر ڏسان.
    ”مون تي شڪ اٿو مون....“ هن وڌيڪ جملو چوڻ ٿي گهريو ”مون زندگي ۾ ڪڏهن به چوري نه ڪئي آهي“ پر اهو ياد اچڻ تي ته ننڍي هوندي ريڙهيءَ تان صوف چورايو هئائين، جيڪو ڪينئرو نڪري پيو هو، ان ڪري کائي نه سگهيو هو، پنهنجو جملو چئي نه سگهيو.
    ”هونءَ باءِ دي وي مس سلميٰ ! توهان جو ڪهڙو قيمتي سامان چورائجي ويو آهي؟“ هن مس سلميٰ ڏي ڏسندي چيو.
    ”دراصل منهنجي دراز مان منهنجو خواب چوري ٿي ويو آهي.“ مس سلميٰ هڪ اداس ادا سان مرڪندي چيو.
    ڳالهائڻ مهل سندس اکيون بدستور روشندان کان ٻاهر ڏسي رهيون هيون.
    هن سندس کاٻي ڪن ۾ جھومندڙ جھالي تي نهار وڌي ۽ خاموشيءَ سان آفيس مان ٻاهر نڪري آيو.
    ٻاهر اچي آسمان ڏي ڏٺائين. جنوري جو آسمان صاف هو.
    ”نه مس سلميٰ ! هڪ معمولي ڪلارڪ تنهنجو خواب چورائڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي.“ آسمان تان نظرون هٽائي پنهنجي پيرن ڏي ڏسندي دل ۾ چيائين.
    سندس بوٽ ميرو هو.


    خوابن جا رستا

    هو کيس وڃائڻ کان اڳ ئي وڃائي ويهڻ جي اداسيءَ ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو!
    اڪثر پنهنجي پاڻ سان همڪلام ٿيندي چوندو ”جڏهن مان توکي وڃائي ويهندس ته ڪيئن محسوس ڪندس؟!“.
    ۽ پوءِ سندس سموري سوچ انهيءَ سوال جي جواب ۾ الجهي ويندي.
    هو اڪثر سوچيندو ”جڏهن تون منهنجي نه رهندينءَ ته مان به شايد پنهنجو نه رهندس.“ ۽ پوءِ هو مرڪڻ لڳندو. شايد اها سندس پاڳلپڻي جي پڇاڙي هئي!!
    هو اڪثر سوچيندو هو ته هوءَ مون سان ملندي ته مان کيس کوڙ ڳالهيون ٻڌائيندس ۽ انهن ڳالهين ۾ سڀ کان اول هڪ خواب جو ذڪر هوندو، جنهن مطابق هو کيس ٻڌائيندو ته: منهنجو هڪڙو خواب آهي!
    ان خواب جا ٽي ڪنارا آهن، خواب جا ٽئي ڪنارا هڪ شام جي ڇيڙي تي پاڻ ۾ ملن ٿا، جنهن ۾ مون کي تو کان هڪ بوسڪي جهڙي ٻه پهري اڌاري وٺڻي آهي.
    جنهن مهل تون مون کي اها ٻه پهري اڌاري ڏيندينءَ ته مان ان کي ٽن حصن ۾ ورهائيندس:
    هڪ حصي ۾ لائبرريءَ جو شيلف هوندو، شيلف جنهن ۾ ٻين کوڙ ڪتابن سان گڏ منهنجا به ڪجھه ڪتاب رکيل هوندا. تون ڪجھه لمحن لاءِ مون سان گڏجي شيلف ۾ پيل منهنجا ڪتاب ڏسجانءِ ۽ مان خوشيءَ سان توکي ڏسندس!
    ٻه پهريءَ جي ٻئي حصي ۾ (جيڪو شام جي ڪجھه ويجهو هوندو) پاڻ گڏجي ڪجهه دير ڪئمپس جي اداس وڻن جي هيٺان ڦهليل خاموش رستن تي هلنداسين ته جيئن انهن رستن سان پاڻ ٻنهي جو گڏيل تعارف تخليق ٿي سگهي.
    ۽ پوءِ آخر ۾ ان ٻه پهريءَ جي ٽئين حصي ۾ (جيڪو حصو شام جي هنج ۾ هوندو) پاڻ ٻئي پارڪ جي تنها سيمنٽ واري بئنچ تي ويهنداسين ۽ شام سان ائين گفتگو ڪنداسين جيئن ننڍڙا ٻار رانديڪن سان ڳالهائيندا آهن.
    انهيءَ دوران پاڻ ٻئي هڪڙو نئون درياهه دريافت ڪنداسين. هڪ گمنام خوشبوءِ سان ملنداسين.
    هڪ طويل جدائيءَ جي ريهرسل ڪنداسين.
    ريهرسل کي سچ سمجهي اکين کان اکين تائين لڙڪ لڙڪ ٿي وينداسين ۽ پوءِ پنهنجو پاڻ سنڀالي مرڪي پونداسين ۽ هڪڙو خواب پنهنجي ڪناري تي پهچي ويندو.
    پر اهو سڀ ته فقط تڏهن ئي ممڪن هو جڏهن هو ساڻس ڳالهائي سگهي ها. هو ته اڳ ئي پنهنجي ڊائريءَ ۾ اعتراف ڪري چڪو هو ته ”منهنجي لاءِ توسان ڳالهائڻ ڏکيو ۽ تو بابت نظم لکڻ سولو آهي. مان جيترو گهڻو توسان ڳالهائڻ چاهيان ٿو (۽ نه ٿو ڳالهائي سگهان) اوتري شدت سان تو بابت نظم لکندو آهيان. نظمن ۾ توسان ڳالهائيندو آهيان، کلندو آهيان مرڪندو آهيان ۽ خوش رهندو آهيان ڄڻ توسان منهنجو تعلق ئي ڪاغذن جهڙو آهي. پاڻ ڪاغذن ۾ ئي ملياسين. ڪاغذن ۾ ئي ڳالهايوسين، ڪاغذن ۾ ئي محبت ڪئي سين ۽ ڪاغذن ۾ ئي زنده رهياسين.“
    سو بس هو کيس وڃائڻ کان اڳ ئي وڃائي ويهڻ جي ڏک ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو.
    نيٺ هو اهو فيصلو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اڄ هو هرحالت ۾ هن سان ڳالهائيندو ۽ کيس اهو سڀ ڪجھه ٻڌائيندو جيڪو گهڻن ڏينهن کان ٻڌائڻ پيئي گهريائين پر ٻڌائي ڪو نه پئي سگهيو. توڻي جو هن ڄاتو ٿي ته هن سان ڳالهائڻ سولو نه هو. هن سان نه ڳالهائڻ به ته مسلسل پلصراط تي هلڻ جهڙو هو.
    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه جڏهن هو محبت جي نالي هڪ حادثي مان گذري آيو هو ۽ ٻئي حادثي ۾ داخل ٿي چڪو هو!
    سر محمد سلطان پاور پوائنٽ تي ريسرچ ميٿڊ جو سبجيڪٽ پئي پڙهايو. سڄو ڪلاس شاگردن سان ڀريل هو، ٽئين سيمسٽر جو امتحان ويجهو هو پر هن جو ڌيان سر محمد سلطان ڏي نه هو.
    هن جي ڌيان جو محور رڌم هئي.
    (هن جي ڌيان جو وکراءُ به رڌم هئي)
    جڏهن ته رڌم پاڻ وکريل ڪانه هئي. گهٽ ۾ گهٽ ٻاهران ته بلڪل به وکريل ڪانه هئي. روز جيان ٺهيل ٺڪيل سجئل سنواريل ۽ سڄر گل جئان ٽڙيل ٽڙيل ۽ مهڪيل مهڪيل هئي. البت پنهنجي اندر ۾ اها به وکريل هئي !
    شايد جيڪي ماڻهو اندران جيترو گهڻو وکريل هوندا آهن ٻاهران اوترو وڌيڪ سنوريل رهندا آهن.
    ان ڏينهن رڌم کي مئرون ڪلر ننڍي هيل واري سئنڊل ساڻ ڦڪي رنگ جو وڳو پاتل هو.
    جهڙو سورج مکيءَ جو گل.
    پنهنجي سج کان باخبر.
    پنهنجي سج کان بي خبر.
    ڪلاس آف ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي دير هئي.
    هن لاءِ ته هڪ سيڪنڊ به ڪلاڪن کان وڏو هو ۽ مسلسل سوچي رهيو هو ته اڄ هو رڌم کي ڇا ٻڌائيندو؟ ڪيئن ٻڌائيندو ؟ ٻڌائي به سگهندو الاءِ نه ؟
    ڪجھه ٻڌائڻ کان رهجي ته نه ويندو؟ ڇا هوءَ کيس ايترو وقت ڏيندي جو هو اهو سڀ ڪجھه ٻڌائي سگهي جيڪو ڪجھه ٻڌائڻ چاهي ٿو. ڇا هوءُ اهو ڪجھه ٻڌڻ چاهيندي جيڪو ڪجھه هو ٻڌائڻ ۽ چوڻ چاهي ٿو؟
    مثال طور: هن کيس ٻڌائڻ چاهيو ته :
    ڪلاس ۾ پروفيسر جو ليڪچر ٻڌندي مان رکي رکي تنهنجي اکين ڏي ڏسندو آهيان، تنهنجي اکين جي معرفت دل جي درگاهه ۾ پهچي ويندو آهيان.
    درگاهه جنهن ۾ تون آهين! جنهن ۾ مان آهيان! جنهن ۾ سوين هزارين ڪبوتر آهن، مٿان هڪڙو وشال نيرو آسمان آهي، ٻي تون آهين ۽ ٽيون مان آهيان....
    ڪلاس ليڪچر، آواز، پروفيسر سڀ ڪجھه دونهين ۾ تحليل ٿي ويندا آهن!
    ۽ هيءُ ته :
    ”مون هي سڀ موسمون هي سڀ شامون، هيءَ ڊائري ۽ ڊائريءَ جا سڀ ڪاغذ توتي نظمن لکڻ لاءِ مختص ڪري ڇڏيا آهن،“
    ۽ ٻيو هيءَ ته :
    ”جڏهن کان منهنجي ڊائريءَ جو نيرو ڪور تنهنجي نگاهه جو مرڪز بڻيو آهي، تڏهن کان منهنجي ڊائري نظم ۾ تبديل ٿي وئي آهي،“
    ۽ هيءُ به ته :
    ”زندگيءَ جي مارڪيٽ ۾ سچ ۽ ڪوڙ گڏ گڏ هلڻ لڳا آهن! پر زندگيءَ کي بهرحال مارڪيٽ نه ٿيڻ گهرجي. زندگي کي زندگي ئي هجڻ گهرجي“.
    پر هن ڌڙڪندڙ دل سان اڪثر اهو محسوس ڪندي اعتراف ڪيو ته هو انهن ڳالهين مان شايد هن کي ڪابه ڳالهه ٻڌائي نه سگهندو، ڇو ته هو ڳالهائڻ جي معاملي ۾ هميشه ناڪام ۽ ڪمزور ڳالهائيندڙ ثابت ٿيو هو !
    هن ڪيترا ڀيرا چاهيو هو کيس چوڻ ته :
    ”هن يونيورسٽيءَ جي سڀ کان وڌيڪ حسين ڇوڪري السلام عليڪم!“ پر کيس ڪڏهن به چئي نه سگهيو !
    ان منجهند کيس ڪئنٽين کان ڪمپيوٽر ليب ڏي ويندي هلڪي سائي وڳي ۾ ملبوس ڏسي چوڻ چاهيو هئائين:
    ”ٻڌو؟“
    ”جي!“
    ”هڪڙو ڪم ته ڪيو.“
    ”جي چئو!“
    ”ڳچيءَ ۾ ڪارو ڌاڳو پائي ڇڏيو.“
    ”ڇو؟“
    ”ڏاڍا حسين ٿا لڳو نظر نه لڳيوَ!“ پر چاهيندي به چئي نه سگهيو.
    جڏهن کيس ساڻس ڳالهائڻ جو موقعو مليو، سلائيڊ، نوٽ بوڪ يا ڪوئي ڪتاب ڏيڻ وٺڻ جي بهاني ۾ ته هو ساڻس فقط رسمي جملا ڳالهائي سگهيو ۽ بس. هڪ به اهڙو جملو، لفظ نه جنهن جو سڌو تعلق اندر جي دنيا سان هجي!
    دل سان هجي، ڌڙڪن سان هجي!
    ڪجهه ڳالهائي نه سگهڻ.
    ڪجھه چئي نه سگهڻ.
    ڪجھه پڇي نه سگهڻ.
    هڪڙو ڏک، هڪ اداسي، ٻه چار لڙڪ ۽ بيوسيءَ سان ڀريل خاموشي. هن سان ”نه ڳالهائي سگهڻ“ جو ڏک هن جو خاص ڏک بڻجي ويو هو. کيس ائين لڳندو هو ته شايد هو پنهنجي ڪنهن گذريل جنم ۾ هن کي گهڻو ڳالهائڻ جي ڪري وڃائي ويٺو هو ان ڪري هن جنم ۾ سندس چپن تي چپ جا تالا لڳل آهن.
    پڇتاءُ ....... کيس وڃائڻ جو .
    ڏک .......... کيس وڃائڻ جو .
    چپ ........ گهري چپ ..... ڊپ جو احساس ...... پڇتاءُ جو رد عمل ......... شايد ..... ڪجھه اهو ئي هجي سبب سندس خاموشيءَ جو ....
    پر.... پر ڪٿي ائين نه ٿئي جو مان هن جنم ۾ وري کيس نه ڳالهائڻ جي ڪري وڃائي ويهان ..... پر ڇا ٿو ڪري سگهجي ...... شايد ڪجھه جاين تي ماڻهو پنهنجي وس ۾ نه هوندو آهي ....... قطعي به نه هوندو آهي پنهنجي وس ۾ !! ان ڏينهن مينهوڳيءَ جي موسم ۾ جنهن مهل هلڪي هلڪي بارش پئجي رهي هئي ۽ فرش تي پوندڙ ڦڙين جو آواز ڪنهن رقاصه جي پيرن ۾ ٻڌل پايل جي ڇن ڇن جيان پئي ڀاسيو ۽ هوءَ پئراڊائيز پوائنٽ وٽ جتي ڏکڻ جي هوا ماڻهوءَ جي پيشانيءَ جو پگهر سڪائي اتر ڏي هلي ويندي آهي ۽ سڄي ڪئمپس ۾ اها پوائنٽ ئي وڌ ۾ وڌ هوادار، کليل ۽ خوشگوار احساس رکندڙ آهي، پنهنجي تنهائي سان گڏ بيٺي هئي ته هو، دل جهلي وڌي وڃي سندس ڀر ۾ بيٺو هو.
    ”ڪيئن آهيو؟“ رڌم کائنس شايد اهو سوچي پاڻ ئي پڇيو جو کيس اندازو هو ته هو ڳالهائي ڪو نه سگهندو ......
    ”بلڪل ٺيڪ ...“ ”ڪالهه شام مون گهر جي بالڪني ۾ ويٺي اوهان جو ڪتاب پئي پڙهيو .“ هن مرڪ جي بارش ۾ پسندي چيو.
    ”ٿينڪ يو.... ها ..... ان مهل مينهن پئي وسيو ... ها نه .... !! ؟ .....“
    ”ها.... مينهن پئي وسيو ڏاڍو ..... ۽ ....“ رڌم کليل آسمان ۾ بيٺل ڪڪرن ڏي ڏسندي ائين چيو ڄڻ هوءَ ڪڪرن سان ڳالهائيندي هجي.
    ”۽ .... مون پڙهيو پئي.“
    ”ها.... توهان پڙهيو پئي .... مون محسوس ڪيو هو.“ نيٺ هو اعتماد سان ڳالهائڻ جي سطح تي اچي ويو.
    ”توهان ڪيئن محسوس ڪيو؟“
    ”الاءِ ڪيئن ..... پر محسوس ٿيو ته توهان .....“
    ”هون ....“
    ”ٻڌو!“
    ”جي ....چئو!“
    ”هون .... الاءِ ڇا ٿي چيم .... “
    موٽ ۾ هوءُ انڊلٺ جهڙي مرڪ ۾ ڍڪجي وئي هئي ۽ هو کيس ”خدا حافظ“ چئي انڊلٺ جا رنگ سهيڙي ڪلاس ڏي موٽي آيو هو.
    سر محمد سلطان پروجيڪٽر تي جرڪندڙ آخري سلائيڊ ڏي ڏسي چئي رهيو هو:

    Primary Data:
    Secondary Data:
    The Sources of Primary Data are: - Interview, phonic call. face to face conversations and the Sources of Secondary Data are magazines, internet, research etc.
    ۽ هو ڌڙڪندڙ دل سان سوچي رهيو هو ته کيس اڄ رڌم سان ڇاڇا ڳالهائڻ گهرجي؟ ۽ کيس ڪجھه به سمجھه ۾ نه پئي آيو .... سواءِ ان جي ته سامهون واري ڪرسيءَ تي ڦڪي وڳي ۾ ملبوس رڌم ويٺي آهي ۽ مانيٽر تي پکڙيل ريسرچ ميٿڊ جي هڪ اسائنمينٽ جو مواد ڏسي رهي آهي ..... رکي رکي ڪنهن مهل ڏانهس، ڪنهن مهل دروازي ڏي ڪنهن مهل پروجيڪٽر ڏي ته ڪنهن مهل سر سلطان ڏي ۽ وري ڪنهن مهل پنهنجي هٿن ڏي نهاري رهي آهي.
    پيرڊ آف ٿيڻ کان چند لمحا اڳ هن ڪجھه ڏينهن کان ذهن ۾ آيل هڪ ڳالهه کي چپن تي آهستي آهستي ان لاءِ دهرايو ته جيئن سندس دل جي ڌڙڪن ترتيب ۾ اچي سگهي.
    ”محبت، برسات، شام، اداسي ۽ شاعريءَ ۾ ڪهڙي نه هڪجهڙائي آهي“.
    ٻئي پل پيرڊ ختم ٿي چڪو.
    تقريبن سڀ شاگرد ڪلاس مان نڪري چڪا.
    پوئتي رڌم ۽ هن کان سواءِ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد ئي ليب ۾ موجود هو. ليب انچارج پنهنجي ڪرسيءَ تي ٿڪل ذهني ڪيفيت ۾ اوٻاسيون ڏيندي پئي نظر آيو. هو پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ رڌم جي ڪرسيءَ ڏي وڌي ويو.
    ”رڌم مون کي ڪجھه هيلپ جي ضرورت آهي“.
    ”جي ...... ها ....... بلڪل ...... چئو.“ رڌم ائين بي ساختگيءَ سان وراڻيو ڄڻ کيس اڳواٽ ئي خبر هئي. ته هو کيس ڇا چوندو.
    ”هتي نه ... ٻاهر .... ٻه ٽي منٽ ڏيو.“
    ”ٺيڪ .... هڪڙو منٽ.“ رڌم يو.ايس.بي، سي پي يو ۾ لڳائي تڪڙ تڪڙ ۾ مائوز گهمائي ضروري مواد پنهنجي يو ايس بي ۾ وجهي سسٽم بند ڪري، يو ايس بي پرس ۾ رکي، پرس ڪلهي ۾ وجهي فائل هٿ ۾ کڻي اٿي بيٺي ۽ ڏانهس ڏسڻ بنا چيو؛
    ”اچو!“
    هو هن سان گڏ گڏ ليب مان نڪتو، ٻاهر موسم ڪافي خوشگوار هئي.
    ٻئي خاموشيءَ سان هلندا اچي پئراڊائيز پوائنٽ تي بيٺا. ڏکڻ جي هوا هميشه جيان پنهنجي مهربان ڇهاءَ سان سندن آڌرڀاءُ ڪيو. اهي بهار جي آمد جا ڏينهن ڪو نه هئا.
    اهي ڊسمبر جون شامون نه هيون.
    اهي اونهاري جا صبح نه هئا.
    اهي پڻ ڇڻ جا ڏهاڙا نه هئا.
    اها محبت جي بي نام موسم هئي.
    اهي بي سبب خاموشيءَ جا ڏينهن هئا.
    اُها ”ڪجھه نه چئي سگهڻ“ جي ڏک جي رت هئي.
    اُها پنهنجي پاڻ سان ناراضگيءَ جي موسم هئي.
    اهي پنهنجي پاڻ تي ڪاوڙ جون شامون هيون.
    ”جي .... چئو!“ رڌم پئراڊائيز پوائنٽ جي پلر تي ٽيڪ ڏيندي چيو.
    ”رڌم ..... مان ٺيڪ نه ٿو محسوس ڪيان پاڻ کي، اداس ٿو رهان ڏاڍو.“
    ”خوش رهڻ جي ڪوشش ڪيو.“ هن ڪنهن مسيحا جيان مشورو ڏنو هئس. اهڙو مشورو جنهن تي عمل ناممڪن هو.
    ”اکين ۾ حادثا کڻي ماڻهو خوش رهي نه سگهندو آهي رڌم! مان پنهنجي اندر ۾ اداس ٿي پيو آهيان. منهنجي ڇاتيءَ ۾ ڪو حادثو رونما ٿيو آهي. مان ڇا ڪيان ....“
    ”ٺيڪ ته آئون به نه ٿي رهان. منهنجي دل جي ڌڙڪڻ بي ترتيب ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر تائين وڃي پهتي آهيان.“
    رڌم ذخمي لهجي ۾ چيو ۽ هو چاهيندي به کيس چئي نه سگهيو ته رڌم حادثو ته مون سان پيش آيو آهي زخمي تون ڪيئن ٿي پئي آهين؟
    ”بهرحال اوهان خوش رهڻ جي ڪوشش ڪيو. هونءَ به پاڻ ٻنهي ۾ ڪافي فرق آهي. پاڻ ٻئي الڳ الڳ دنيائن جا ماڻهو آهيون.“ هوءَ ساڻس اکيون ملائي ڳالهائڻ بنا جملو مڪمل ڪري اڻ مڪملتا جي احساس ۾ ڀرجي وئي.
    هو پري پري تائين اداس معنيٰ سان ڀريل جملن ۾ ڍڪجي ويو.
    ”معصوميت جي شاهراهه تان ڀٽڪي چالاڪيءَ جي چؤواٽي تي ڦاسي پيل ڇوڪري، تنهنجا نيڻ تنهنجي چپن جو ساٿ ڇو نه ٿا ڏين؟“
    تون به رڌم !!
    رڌم تون به !!
    تون مون کي پنهنجي اکين سان ڏسڻ بدران شايد پنهنجي ڪنهن حد کان گهڻي ”سياڻي“ سهيلي جي نگاهن سان نهارڻ لڳي آهين ....
    ان مهل ڪنهن قديم مقدس روح تي ڪنهن ڏائڻ جو پاڇولو پئجي ويو ..... ۽ هوءَ اهو ڪجھه ڳالهائڻ ۽ سوچڻ سمجھڻ لڳي جيڪو دراصل هن نه ٿي چاهيو ته ڳالهائي .... سوچي .....
    ڊپ ۽ ڏک جي لهر بيٺي بيٺي هن جو وجود اورانگهي وئي. هو لفظن کان محروم ٿيندي ٿيندي بچي ويو.
    ۽ هن اهو چوڻ جي حالت ۾ هوندي به کيس نه چيو ته :
    ”روشن ٻه پهريءَ جي ڪناري تي بيٺل نظم جهڙي ڇوڪري! توسان منهنجو تعلق ته خوشبوءِ جهڙو آهي ۽ خوشبوءِ جهڙا رشتا ناتا سوالن جوابن جي جهنگل ۾ نه ڦاسندا آهن ...... منطق ۽ دليل جي ڌٻڻ ۾ نه ڪرندا آهن .... “ هو مطمئن هو.
    هن وٽ اعتماد هو.
    هن کي محسوس ٿي چڪو هو ته رڌم جي آواز ۾ سندس دل جو ڌڙڪو شامل نه آهي ! هوءُ اهو ڪجھه ڳالهائي رهي آهي جيڪو ڪجھه دراصل هوءَ ڳالهائڻ نه ٿي چاهي!
    روح تي پئجي ويل پاڇولو!
    هڪ ڏک، هڪ گهري اداسي.
    ”ٺيڪ آهي. توهان صحيح ٿا چئو. پنهنجو هڪٻئي سان ڪو اهڙو تعلق ڪونهي جنهن کي محبت چئبو آهي. وڏو فرق آهي پاڻ ٻنهي ۾ ... پر گهٽ ۾ گهٽ پاڻ ڪلاس فيلوز ته آهيون ...... دوست ته آهيون!“
    ”ها .... اهو ته آهي.“ رڌم هٿن مان سرڪندڙ پرس قابو ڪندي چيو.
    ”ته پوءِ توهان ٿورو وقت مونکي ڏيو. منهنجي ڪائونسلنگ ڪيو.... ته جيئن مان حادثي مان ٻاهر نڪري اچان. نارمل ٿي سگهان.“
    هوءَ کيس خاموشيءَ سان ٻڌندي رهي.
    هو ڪنهن مهل رڌم جي رئي تي ڇپيل هلڪن گلن ڏي ته ڪنهن مهل برسات ڏي ڏسندو رهيو.
    تان جو ٻه پهري لڙي وئي.
    کوڙ ڳالهيون اڌوريون رهجي ويون.
    اداسي ۽ سرهائي هڪٻئي جي منهن ۾ ڏسندي رهجي وئي.
    ”بس خوش رهڻ جي ڪوشش ڪجو.“
    هڪ دفعو وري کيس رڌم ان ڳالهه جي تاڪيد ڪئي جا هن جي وس کان ٻاهر هئي.
    هو اداس ڦڪي مرڪ مرڪي پيو، ڏک ۽ ڪاوڙ جي هڪ تيز ڇولي هن جي ڇاتيءَ ۾ لٿي ۽ هڪدم خيال آيس ته کيس چئي: رڌم ڪوڙ ڇو ٿي ڳالهائين! ٻڌاءِ! تون مون سان نه، گهٽ ۾ گهٽ پاڻ سان ته سچي ٿي. پاڻ سان ته ڪوڙ نه ڳالهاءِ.... پاڻ سان ته....“
    پر هو خاموشيءَ جي ڪناري تي بيٺو رهيو.
    ”چڱو هاڻي مان هلان ٿي.“
    رڌم جو جملو نديءَ مان لهر جيان اڀريو ۽ هن جي اکين جا ڪنارا آلا ڪندو ويو.
    ”ها..... ٺيڪ آهي.“ هن رسمي طور چيو.
    هوءَ رجسٽر ۽ پرس سنڀالي ڪامن روم ڏي وڃڻ لاءِ ڏکڻ طرح پنج ڇهه قدم کڻي چڪي ته هن جي وات مان ڪجهه لفظ ائين ڇڻي ڪري پيا جيئن خزان ۾ هوا جي جھوٽي تي ٽاريءَ تان اوچتو پنج ست پن ڇڻي پوندا آهن.
    ”رڌم هڪ ڳالهه ٻڌايو!“
    ”جي چئو!“ رڌم پنهنجا قدم روڪي اداس اکين سان ڏانهس ڏسندي ائين ڳالهايو ڄڻ هوءَ ڪنهن شخص سان نه پر برسات سان مخاطب هجي!
    ”رڌم! ڇا دل جو ڌڙڪو ڪوڙو هوندو آهي؟“
    ”نه..... قطعي به نه....“
    رڌم يڪدم هڪ شاندار ۽ باوقار مرڪ سان وراڻيو ۽ اڳتي وڌي ويئي.
    هو پئراڊائيز پوائنٽ وٽان اتر طرف هلڻ لڳو.... هلندي کيس محسوس ٿيو ته رڌم ۽ هو ٻن مختلف ڏسائن ڏي نه پر هڪ ئي ڏسا ڏي ساڳين رستن تي هلي رهيا آهن، جيڪي رستا دراصل خوابن جا رستا آهن.
    ”نه.... قطعي به نه!!“ هن مرڪي چپن ۾ رڌم جو جملو ورجايو.


    دل جي نديءَ ۾ ٻُڏي ويلَ ڇوڪري

    اٺن ڏينهن کان گل فروش دروازي تي دستڪ نه ڏني هئي.
    اهي اٺ شامون سندس زندگيءَ جون وڌ ۾ وڌ اداس ۽ اڻڀيون شامون ثابت ٿيئڻيون هيون. کيس لڳو هوءَ پنهنجي اندر ۾ ٻڏندي پئي وڃي. ٻُڏڻ کان بچڻ لاءِ پنهنجون غمناڪ نيريون اکيون کڻي نيري آسمان ڏي ڏٺائين. آسمان ڏي ڏسندي مٿس خاموشيءَ سان انڪشاف ٿيو ته دراصل دل ۽ آسمان ۾ ڪو به فرق ڪونهي. آسمان ۾ ڏسندي لڳس ڄڻ پنهنجي دل جي اندرئين تهه ۾ ڏسي رهي آهي.
    گل فروش هر شام پنهنجي بي نام ۽ قديم خوشبوءِ سميت سندس دروازي تي اچڻ ڪڏهن به نه وساريو. هر شام جو مطلب آهي هر شام. سردي هجي يا گرمي، مينهن هجي يا واچ. هو هر شام ڇَٻيءَ ۾ گُلاب جا سڄر گل کڻي اچي سندس دروازي جي گهنٽي وڄائيندو. گل فروش جي ماءُ هر روز ڌاڳي ۾ گل ٽاڪيندي پنهنجون اکيون ۽ اکين جون دعائون به ٽانڪي ڇڏيندي. ”الله ڪندو ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳندئي. الله ڪندو هڪ ڏينهن گلن جهڙي ڪنوار ماڻيندين“.
    ماءُ جي دعا ٻڌي اڪثر سندس اداس چپن تي ڏکاري مرڪ ڦٿڪڻ لڳندي. کيس پوڙهيءَ ماءُ تي جواڻ جماڻ پيار اچي ويندو. پر پنهنجي ڪيفيت جو اظهار نه ڪندو. اظهار ڪرڻ سندس طبعيت جو حصو نه هو. بس خاموشيءَ سان کٽ تي ليٽيو ڇت ڏي پيو ڏسندو ۽ جڏهن ماڻس گلن جي ڇٻي کڻي اچي ڀرسان بيهنديس ته خاموشيءَ سان اٿندو ۽ ساڳي خاموشيءَ سان ٻاهر نڪري ويندو. ائين گل وڪڻندي وڪڻندي کيس خبر ئي نه پئي ته ڪيئن ڪنهن شام ماڻهس جي پوڙهين اکين ۾ پلجندڙ هڪ پُراڻو خواب بي ضرر خاموشيءَ سان سندس سيني ۾ لهي آيو ۽ پوءِ سندس دل جي چئني ڪُنڊن ۾ ڦهلجي ويو. پر اهو خواب خود غرضيءَ جي بوءِ کان ائين پاڪ هو جيئن مور جا پر سڀني موسمن ۾ صاف ۽ پاڪ رهندا آهن.
    اُها خزان جي هڪ اداس شام هُئي. اهڙي شام جيڪا ماڻهوءَ کي ڪنهن وڃايل شيءِ جي يادگيري ڏياري، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ پڪي يقين سان احساس ڏياريندي آهي ته زِندهه رهڻ لاءِ ڪنهن جي اکين ۾ آکيرو ٺاهڻ ضروري آهي. (آکيرن کانسواءِ ڪجهه پکي زندهه رهي نه سگهندا آهن). بهار جي ڪناري تي بيٺل خزان جي ان شام هو ڪڪرن سان ڀريل آسمان جي هيٺان ننڍا ننڍا قدم کڻندو سندس بنگلي جي دروازي تي اچي بيٺو ته لڳس: اڳتي جا سڀ رستا ۽ راهون معدوم ٿي ويون آهن. سندس قدم دل جي چئني ڪنڊن ۾ ڦهلجي ويل خواب سان ائين مشروط هئا جيئن زندگيءَ سان موت ۽ موتَ سان زندگي. ان شام دروازي جي گهنٽيءَ کي ڇهندي سندس اشهد آڱر ۽ دل گڏ گڏ ڌڙڪڻ لڳيون ۽ دير تائين ڌڙڪنديون رهيون. ۽ محسوس ٿيس ته سندس سڄو وجود خوشبو خوشبو ٿي ويو آهي. الاءِ ڇو پر ٺيڪ ان مهل کيس ماءُ جون اکيون ياد اچي ويون جيڪي تڏهن کان وٺي خالي هيون جڏهن کان سندس پيءُ خاموشيءَ جي راهه جو مسافر بڻيو هو ۽ هوءَ ڀري جوانيءَ ۾ بيوهه ٿي وئي هئي.
    جنهن مهل دروازي تي بيل جي ڇهاءَ سان جديد طرز تي جوڙايل بنگلي جي خالي ڪمرن ۽ اداس راهدارين ۾ نديءَ ڪناري اڏامندڙ ڪنهن اجنبي پکيءَ جو غير اجنبي آواز گونجيو ان مهل هوءَ لان ۾ بيهي آسمان ڏي ڏسي رهي هئي. آسمان ۾ انيڪ رنگن جا ڪيترائي ننڍا وڏا لغڙ رقص جي حالت ۾ هئا. خاص طور تي پيلي رنگ وارو ننڍڙو لغڙ سندس نِگاهه جي نشاني تي هو، جنهن جي ڏور سندس نظر کان اوجھل هئي ۽ هوءَ ٻارن جهڙي پُر تجسس مُرڪ سان سوچي رهي هئي ته ان لغڙ جي ڏور جنهن اڻ ڏٺل ٻار جي هٿ ۾ آهي ان کي ڪهڙي رنگ جا ڪپڙا پاتل هوندا.... اُهو هن مهل ڇا سوچيندو ۽ ڇا محسوس ڪندو هوندو.... هوءَ پيلي لغڙ ۾ ان ٻار جي اکين جو رنگ به ڳولي رهي هئي پر گهنٽيءَ جي آواز تي سندس خيال جي ڏور ڇڄي پئي. هوءَ اجنبي ٻار بابت وڌيڪَ سوچي نه سگهي.
    گهنٽيءَ جي آواز تي گهر جي نوڪر دروازي ڏي وڃڻ جي ضرورت ان ڪري محسوس نه ڪئي جو هوءَ کيس چار مهينا ڏهه ڏينهن اڳ ئي لفطن کان سواءِ چئي چُڪي هُئي ته پنجين وڳي واري گهنٽيءَ تي دروازو کولڻ جو حق فقط کيس حاصل آهي، ٻئي ڪنهن کي به نه.
    شروع شروع ۾ ته هوءَ لاشعوري طور ان احساس هيٺ پاڻ دروازي تي وڃي گل وٺڻ لڳي هئي ته جيئن اهي گل قرآن شريف جي رحل تي رکي ثواب حاصل ڪري پر پوءِ ڪجهه ئي ڏهاڙن ۾ ثواب جي احساس تي محبت جي خوشبو ۽ خود پسنديءَ جي لذت حاوي ٿي وئي. ۽ هاڻي هوءَ هر شام گُل فروش جي هٿن مان گل وٺندي محسوس ڪرڻ لڳي ته محبت کان وڏو ڪو به ثواب ناهي. هوءَ محسوس ڪرڻ لڳي ته دراصل هوءَ ڪنهن دور دراز پرڳڻي جي راجڪماري آهي ۽ هو گل فروش ڏورانهين پرڳڻي جو راجڪمار آهي، جنهن وٽ گلن ۽ خوشبوءِ جي بادشاهي آهي.
    راجڪمار کان گلن جا گجرا وٺي پنهنجي چوٽيءَ ۾ پوئيندڙ راجڪماري خزان جي ان هيڊي شام جو گهر جي چهچ سائي لان کان در جي اوٽ تائين ايندي محسوس ڪيو ته هوءَ هڪ لمحي اندر ڪيئي موسمون گذاري آئي آهي. هوءَ گل فروش جي دل ۾ ڦهليل خواب جي ڏک کان بي خبر نه هئي ۽ باخبريءَ جو ڏک اڃا رستي ۾ هو. گل وٺندي سندس مخروطي آڱريون گل فروش جي آڱرين کي ڇهي ويون ته کيس لڳو سندس سيني ۾ گلن جا ڪئي گونچ ڦٽي پيا آهن. ۽ ان شام کيس اهو يقين به ٿي ويو ته گل فروش واقعي به ڏورانهين پرڳڻي جو شهزادو آهي جنهنجي اکين ۾ بادشاهيءَ جو اولڙو آهي. توڻي جو هو شهزادو نه هو. هو ته جھڪيل ڪلهن ۽ ٿڪل پيرن وارو غريب گهراڻي جو اهڙو نوجوان هو جنهن کي پنهنجي جوانيءَ تي ڪو به ناز نه هو ۽ ٻيو هي ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ويجھڙي مستقبل ۾ پنهنجي ڪُلهن جي سنئين ٿيڻ جي به ڪا گهڻي ۽ پڪي اُميد نه هئي.
    ۽ خزان جي ان شام گل فروش جي آڱرين کي ڇُهي کيس محسوس ٿيو هو ته هاڻي هوءَ دروازي تي گل وٺڻ نه ڪو ثواب ماڻڻ ۽ نه ئي خود پسنديءَ جي مٺي لذت حاصل ڪرڻ لاءِ ٿي اچي پر هاڻي انهيءَ جو ڪو ٽيون سبب آهي ۽ انهيءَ ٽئين سبب جي حيثيت اڳوڻن ٻنهي سببن تي ائين ڀاري آهي جيئن ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ تي اداسيءَ جو احساس ڀاري ٿي ويندو آهي. انهيءَ ٽئين سبب جو نالو وٺڻ هن لاءِ ايترو ئي مشڪل هو جيترو ڪنهن ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ لاءِ سهيلين جي سامهون پنهنجي مڱيندي جو نالو کڻڻ محال هوندو آهي. تڏهن کان ئي اها شڪايت به سندس اندر جي خالي گهڙي ۾ درد جو شفاف پاڻي ڀرڻ لڳي هئي ته آخر گل فروش ساڻس پنهنجي پيار جي اظهار ۾ ايڏي دير ڇو ٿو ڪري. جڏهن ته ماڻهو ته محبت جي دعويٰ سان گڏ جسم جو دروازو کڙڪائيندي به نه هٻڪندا آهن. پر اصل ۾ هوءَ حيرت ناڪ حد تائين ان راز کان بي خبر هئي ته هو انهن ماڻهن مان هو جن لاءِ دل جي ڳالهه ڪرڻ ايترو ئي مشڪل هوندو آهي جيترو پيرين اگھاڙو پلصراط تي هلڻ. هونءَ اهي محبت کي اظهار جو محتاج به نه سمجھندا آهن.
    پر پوءِ جڏهن چند موسمن جي الوداعيءَ سان ڪنهن الهام جئان گل فروش جي خاموش اکين کيس ٻڌايو ته لفظن جي ڦاٽل ڇٽي محبت جي موسلاڌار برسات جي سٽ سهي نه سگهندي آهي، تڏهن کان هوءَ ائين مطمئن ٿي وئي هئي جيئن پُر شور ندي سمنڊ جي سيني ۾ لهي شانت ٿي ويندي آهي.
    تڏهن کان کيس پنهنجي پيءُ ماءُ جي هوندي اڪيلائيءَ جو رِڻُ محسوس ٿيندڙ ڀڙ ڀانگ بنگلو ۽ بنگلي جون ويران ڏاڪڻيون به وڻڻ لڳيون.
    انهن ئي پُر اعتماد شامن مان هڪ شام هُو نيرين اکين واري ڇوڪريءَ کي گل ڏئي گهر موٽيو ته هميشه جيان ماڻهس مُرڪي ڪاٺ جو پُراڻو دروازو کوليو ۽ نئون لفافو سندس هٿ ۾ ڏيندي چيو ”ٽپالي ڏئي ويو آهي. تنهنجي نوڪريءَ جو پنو آهي... صبح سوير حيدرآباد وڃڻو اٿئي.... شڪر آهي منهنجي رب جو.... آخر ڪيستائين منهنجو شهزادو گهٽين ۾ گل وڪڻي ها.“ هُو ماءُ جي گهنجيل مُنهن تي پکڙيل خوشيءَ جي احساس کي طول ڏيڻ لاءِ مُرڪيو. آخر ايترن ورهين کان پوءِ ئي ته سندس مُک تي خوشيءَ جو فصل ڦُٽو هو. پر شايد مائرون ڪوڙي ۽ سچي مُرڪ جي فرق کي سمجھنديون آهن. هوءَ سندس مٿان اچي بيٺي ۽ سندس وکريل وارن ۾ آڱريون وجھي ڄڻ آڱرين سان ڳالهائڻ لڳي. ”پوڙهي ٿي وئي آهيان... نظر گهٽجي وئي اٿم..... سئيءَ ۾ سڳو نه ٿو پئي. گُل پوئيندي سئي آڱرين ۾ لهي ٿي وڃي. آخر ڪيستائين....“
    هن نه چاهيندي به ماڻهس جي مُنهن ڏي نهاريو.
    اوچتو مٿس انڪشاف ٿيو ته سندس ماءُ جي اکين ۾ موت جا پاڇولا لُڏي رهيا آهن. کيس ماءُ جي اکين تي روئڻهارڪو پيار اچي ويو. کيس روئڻ ۽ ڪجهه ڳالهائڻ جي ضرورت محسوس ٿي. اصل ۾ هن ماءُ کان پڇڻ ٿي چاهيو ته ”پر امان هاڻي منهنجي دل جي چئني ڪنڊن ۾ ڦهلجي ويل خواب جو ڇا ٿيندو“ پر لفظن سندس ساٿُ نه ڏنو. خوش قسمتي الاءِ بدقسمتيءَ سان هو هميشه کان هڪڙو گهٽ ڳالهائو شخص ثابت ٿيو هو. ان شام هُو ٻه واٽي تي بيٺل اڪيلو ماڻهو ثابت ٿيو هو.
    کيس ڪا به هڪ واٽ چونڊڻي هئي.
    گل فروشي يا ڪلارڪي!
    ڪلارڪي يا گُل فروشي ؟
    کيس زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو اهو ايذائيندڙ احساس ٿيو ته اهو ”يا“ وارو مختصر ترين لفظ انتهائي وڏو ۽ کهرو آهي.
    ان رات هو دير تائين جاڳندو رهيو ۽ جيستائين جاڳندو رهيو ايستائين ڪنهن هڪ واٽ جي چونڊ نه ڪري سگهيو.
    اٺينءَ شام به گل فروش دروازي تي دستڪ نه ڏني ته لان ۾ بيهي خزان جي ڏکاري آسمان ۾ اڏامندڙ بي پرواهه پکين ۽ لغڙن ڏي ڏسندڙ نيرين اکين واري ڇوڪريءَ پاڻ کي نديءَ ۾ ٻڏندي محسوس ڪيو. کيس لغڙن ۽ پکين ڏي ڏسندي ڏسندي شام ٿي وئي.
    اها سندس زندگيءَ جي سڀ کان وڌيڪَ اداس شام هئي. کيس لڳو ته ان هڪڙي شام ۾ گذري ويل هڪ هزار اداس شامن جو ڏک شامل آهي ۽ هوءَ پنهنجي اکين مان اڻ رُنل لڙڪن ۾ مٿي کان پيرن تائين آلي ٿي وئي. ۽ هوءَ گهڻي ڪوشش سان پاڻ کي ائين سوچڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ته دراصل محبت هڪ حسين دوکو آهي ۽ مرد هميشه بيوفائيءَ سان وفا ڪندو آهي. ۽ رات پوڻ کان اڳ هوءَ پاڻ کي اهو يقين ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته گُل فروش نائين ڏينهن شام جو ٺيڪ پنجين وڳي ضرور سندس دروازي تي دستڪ ڏيندو.
    پَرَ اصل ۾ نيرين اکين واري ڇوڪري کي بلڪل اندازو نه هو ته سندس اميد اجائي هئي ۽ کيس تمام جلد پنهنجي خواب سميت دل جي اٿاهه نديءَ ۾ ٻُڏي وڃڻو هو.


    الف الفابيٽ جي اُڻيل ڪاف ڪهاڻي

    صبح کان شامَ تائين يا صبح کان اڌ رات تائين. ها صبح کان اڌ رات تائين ڪنهن به شخص سان ڇا وهي واپري سگهي ٿو؟
    هڪ سوال! سؤ سوال. هڪ جواب. سؤ جواب.
    گهڻو ڪجهه؟
    ڪافي ڪجهه؟
    ٿورو ڪجهه؟
    ڪجهه به نه؟
    ڪجهه به نه واري ڳالهه غلط آهي.
    صبح کان اڌ رات تائين هر ماڻهوءَ سان ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿي گذرندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته گهڻو ڪجهه ٿي گذرندو آهي. بلڪل ائين جيئن ان ڏينهن مسٽر ”ن“ سان گهڻو ڪجهه ٿي گذريو ۽ ان گهڻي ڪجهه ساڻس گهڻو ڪجهه ڪيو.
    ان گهڻي ڪجهه جي شروعات صبح جو شايد نائين وڳي ڌاري هڪ مختصر ٽيڪسٽ مئسيج سان ٿي. ڪجهه ئي لمحا اڳ هن پنهنجي دوست ”ڪاف“ کي هڪ ٽيسڪٽ جي جواب ۾ ٽيسڪٽ ڪيو هو.
    ”يار! تنهنجا بقايا پندرهن هزار تو ڏي اڄ نه سڀاڻي يعني يارهين تاريخ تي ايزي پئسا ڪندس.“
    ۽ اهو ٽيڪسٽ جيڪو ان ڏينهن جو اهم ٽيڪسٽ بڻجي ويو اُهو سندس مٿئين ٽيڪسٽ جي موٽ هو:
    ”يار! تو مون کي پئسن واپس ڪرڻ جيترا انجام ڏنا آهن ايترا ته ڪا طوائف به ڪانه ڏيندي آهي.“
    مسٽر ”نون“ کي پنهنجي اکين تي اعتبار ئي نه پيو اچي. کيس پنهنجي دوست مسٽر ”ڪاف“ مان اهڙي توقع بلڪل نه هئي. مسٽر ”ڪاف“ سندس خاص دوست هو. تمام خاص. هن پنهنجا اعصاب شل ٿيندا محسوس ڪيا. سُن ٿي ويل اکين سان هن ٻيو دفعو ۽ پوءِ ٽيون، ڇوٿون دفعو ساڳيو ٽيڪسٽ پڙهيو.
    ۽ پوءِ هن هروڀرون ڪجهه نه ڪجهه ڳائڻ چاهيو. الاءِ ڇو؟
    شايد دل تي رکجي ويل ڳري پٿر کي ٿورو پري ڪرڻ لاءِ. ساهه کڻڻ لاءِ. پاڻ کي balance ڪرڻ لاءِ.
    ”ممبئي سي آيا ميرا دوست، دوست ڪو سلام ڪرو“
    ۽ وري ٻيو گيت:
    ”تون مڃين مڃين نه مهربان مان ته منٿ ٿو ڪري ڇڏيان.“
    هو بس ائين ڪافي دير ڪو نه ڪو اڌورو گيت ڳائيندو رهيو. توڻي جو هن کي خبر هئي ته هو بنهه بي سُرو هو. هن کي سُر ساز جي به ڪا خبر ڪانه هئي. پوءِ به.....!
    پر هو پاڻ کي balance نه ڪري سگهيو. هن جو توازن جيئن ان صبح ٽٽي پيو ته وري جُڙي نه سگهيو.
    هن وري گنگنايو:
    My candle burns at both
    Sides….. burns at both sides….
    گهڙيءَ کانپوءِ هن گهڙي کن اڳ سندس ڀر ۾ اچي ويٺل دوست مسٽر ”غ“ کي مسٽر ”ڪاف“ جو ٽيڪسٽ پڙهايو.
    مسٽر ”غ“ ڏي سندس ڪجهه پئسا رهيل هئا. مسٽر ”غ“ ٽيڪسٽ پڙهي اداس اکين سان هڪ پل لاءِ پنهنجي دوست مسٽر ”ن“ جي اکين ۾ ڏٺو. اکيون جن ۾ ڏک هو. اداسي هئي. تڪليف هئي. ۽ ٻئي پل کيسي مان ٻٽون ڪڍيو ۽ ٻٽونءَ مان ڏهه هزار ڪڍي سندس هٿ تي رکيا. ۽ هن ان پل ئي مسٽر ”ڪ“ ڏي ٽيڪسٽ لکيو:
    ”ادا مهرباني ڪري پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر موڪيو ته اوهان ڏي پئسه موڪليان“
    ”خير آهي ڀاءُ ـــ سڀاڻي ئي موڪلجو.“
    ”ادا پئسه مليا آهن هڪ دوست وٽان. سو......... موڪليان ٿو....
    پليز..... شناختي ڪارڊ..... نمبر.... موڪليو.....“
    My candle burns at both sides
    It will not remain whole
    The night…. My candle burns
    At both sides…. Both sides….
    هو آفيس مان ٻاهر نڪتو. منجھند جا ٻه. اڃا پنج هزار گهٽ هئا. گهر آيو.... گهر ۾ مهمان هئا. شام تائين مهمانن سان ويٺو رهيو. سج لٿي مهل پنهنجي زال”م“ کي چيائين ”پنج هزار جي ضرورت آهي.“
    ”گهر ۾ته خرچ جا اٺ ڏهه هزار هوندا.“
    ”پنج هزار ڏي.... الله مالڪ آهي.“
    هو وڏي ڪوشش سان اکين ۾ هر هر ڀرجي ايندڙ ڳوڙهن کي ڇلڪڻ کان روڪڻ ۾ ڪامياب پئي ٿيو پر ڪنهن به وقت ناڪام ٿي پئي سگهيو.
    ”ڪنهن کي ٿو ڏين؟“
    ”پنهنجي دوست مسٽر ”ن“ ڏي ٿو موڪليان.“
    زالهنس سندس چهرو پڙهي ورتو.... ۽ ڄاڻي ورتو ته هن سان ضرور ڪو حادثو ٿي گذريو آهي.
    هڪ ڏينهن ۾ صبح کان اڌ رات تائين ڪنهن به ماڻهوءَ سان گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو.
    ان ڏينهن جي شامَ جو هڪڙو حصو کيس مس ”ط“ سان به گذارڻو جو موقعو مليو.
    ڪجهه وقت لاءِ هو پنهنجي دوست مسٽر ”ڪ“ جي ان ٽيسڪٽ کان بي نياز ٿي ويو جنهن ٽيڪسٽ سندس اکين ۾ لڙڪ ڀري ڇڏيا هئا.
    ”نيڻ تنهنجا نديءَ جهڙا هن. دل چوي ٿي ٻُڏي وڃان تِن ۾“ هن ”طه“ جي نيڻن ۾ ڏسندي چيو.
    هوءَ ڇوليءَ جيئان ڇُلڪي پئي.
    مُرڪ سندس چپن جي ڪنارن کي چمي وئي.
    ”تون گڏ هوندو آهين ته وقت گذرڻ جي خبر ئي نه پوندي آهي.“
    ”تون منهنجي ڪيترو نه ويجھو ٿي وئين آهين.“
    ”تو ڪيو آهي مون کي پنهنجي ويجھو.“
    ”الا! ڪا به ڇوڪري الاءِ ڇو محبت ۾ ويجھڙائيءَ جو الزام پنهنجي مٿان کڻڻ نه چاهيندي آهي“.
    ٻئي ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳا.
    درگاهه جي وڻن ۾ ويٺل پکي خوشيءَ جي ٽارين تي جھومڻ لڳا.
    شام ريڍي کير جي چانهه جيئان گهاٽي ٿي وئي ته هن کانئس موڪلائڻ چاهيو.
    ”هاڻي هلجي. دير ٿي وئي آهي“. چاڪليٽ جهڙي ڇوڪريءَ چاڪليٽي لهجي ۾ مُرڪندي چيو.
    ”ايترو جلدي؟“ هن ڳليءَ جي ڇيڙي ڏي ڏسندي ڄڻ ڳليءَ سان ڳالهايو.
    ”ها.... هوائون چغلخوري ڪنديون آهن.“ هن محبوباڻي مرڪ سان چيو ۽ هڪ دفعو وري ٻئي کلڻ لڳا. هن دفعي ٻئي اداس هئا.
    موڪلائڻ مهل سوڙهي گهٽيءَ ۽ هلڪي اونداهيءَ جو فائدو وٺندي هن مس ”ط“ جا ”ع“ ۽ ”غ“ جهڙا ٻئي جاڙا ڳل چُمي ورتا. آسمان وڌيڪَ ويجھو ۽ گهرو نيرو ٿي ويو.
    کيس پڪ ٿي ته چوريءَ جون چُميون وڌيڪَ وڻندڙ ۽ مٺيون هونديون آهن. ايزي پئسا شاپ تي آيو.
    دوست مسٽر ”ڪ“ جو شناختي نمبر ۽ سيل نمبر ٻڌائي پئسا موڪليائين ۽ کيس ڪوڊ نمبر ٽيڪسٽ ڪندي لکيائين.
    ”ادا! پنهنجا پئسا کڻي سگهو ٿا. ڪوڊ نمبر 00786“
    ۽ پوءِ ٿڪل پر مطمئن قدمن سان هلندو گهر آيو.
    رات جا يارهن ٿي چڪا هُئا. هُنَ پاڻ کي تمام گهڻو ٿڪل، ڪمزور بلڪه بيمار بيمار محسوس ڪيو.
    هو پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو.
    ڪجهه خوشيون هر ڏک تي ڀاري پئجي وينديون آهن پر ڪجهه ڪجهه ڏک اهڙا هوندا آهن جيڪي سمورين خوشين کي کائي ويندا آهن. جيئن وڏا سامونڊي طوفان سڀني غورا بن کي ڳهي ويندا آهن.
    مسٽر ”ڪ“ جو ٽيڪسٽ جهڙو سونامي.
    ۽ ”ط“ جي ڳلن تي ڏنل چميون جهڙيون ساحل تي بيٺل ٻه ننڍڙيون ٻيڙيون.
    جنهنجو تختو تختي سان ۽ سر سر سان نه ملندي آهي.
    ”ممبئي سي آيا ميرا دوست.... تون مڃين مڃين نه مهربان....
    “My candle burns at both….”
    سيل فون تي وڄندڙ ٽيڪسٽ جي بيپ تي هن جي ڌيان جي ديوار ڊهي پئي.
    ”ادا ! پئسن جو مئسيج ڪونه آيو آهي.“ دوست لکيو هو.
    ٻاهر وڃڻ لاءِ اٿيو.
    ”وري ڪيڏانهن“؟ زالهنس ڳڻتيءَ مان پڇيو.
    ”هن تائين پئسا ڪونه پهتا آهن. وڃان ٿو، ڇونه پهتا آهن. دُڪان تان confirm ڪري اچان.“
    ”ڇو صبح ڪونه ٿيندو؟“
    ”نه صبح ڪونه ٿيندو. هن تائين هن مهل پئسا نه پهتا ته منهنجو صبح ڪونه ٿيندو. شايد هو گهڻي تڪليف ۾ آهي، نه ته هو اهڙو ٽيڪسٽ نه ڪري ها.... هُو اهڙو ماڻهو نه آهي. هو منهنجي لاءِ اهڙو جُملو نه لکي ها.... ڪڏهن به نه....“
    هو پنهنجي مُنهن ڀڻڪندو ٿڪل وجود سان ٻاهر نڪري ويو. گهر کان دڪان تائين جو فاصلو ڪيئن طئي ٿيو.... رستي ۾ ڪير مليس.... ڪنهن سان ڳالهايائين. ڇا ڇا چيائين. ڇا ڏٺائين.... ان جو ڪو پتو نه پيس... دڪان واري سان ڳالهايائين.... نيٽ ورڪ جو ڪو مسئلو هو. مسئلو حل ٿيو... ”ڪ“ تائين پئسن پهچڻ جو مئسيج پهتو... تڏهن مطمئن ٿيو ۽ ساڳئي ٿڪل وجود سان واپس موٽيو... ساڳيو رستو... ساڳيا دڪان... آواز، ماڻهو... ڳليون... اداسي... خوشي....اطمينان... ڏک.... مُرڪ.... لڙڪ.... رات جا ساڍا ٻارهن.... هڪ.... ڏيڍ... پوءِ ڇا ٿيو.... ڪجهه به نه ته... ڇا ٿيندو... ائين ٿيندو آهي.... ٿيندو رهندو آهي... ممبئي سي آيا ميرا دوست.... تون مڃين مڃين نه مهربان... هر ماڻهوءَ وٽ ڪونه ڪو زخم هوندو آهي.... ننڍو زخم... وڏو زخم.... تون ڏاڍي ڏاڍي ڏاڍي سهڻي آهين.... تون منهنجي ڪيڏو نه ويجھو ٿي وئي آهين... هان.... هوائون چغلخوري ڪنديون آهن... ايترا انجام ته ڪائي طوائف.... ڪيڏي ٿو وڃين... نه صبح ڪونه ٿيندو.... ايڏو ڏ ک ٿيو اٿئي دوست جي مئسيج جو... هان؟؛ چريا ماڻهو.... زالهنس وارن ۾ آڱريون ڦيريندي چيو پئي... ۽ هن جي اکين مان ٽه ٽهه ڪوسا ڳوڙها وهي رهيا هئا....
    مسلسل.... مسلسل.... دير تائين.... دير تائين....!!


    ڊسمبر جو پهريون ڏُک

    ڊسمبر جو پهريون ڏک، پهريون ڏک ناهي ـــ پر ڊسمبر جو هي ڏک آخري ڏک به ناهي. شايد ڪو به ڏک آخري ڏک نه هوندو آهي. ڪوٽ جي اندرئين کيسي ۾ پيل ٻه مئل پوپٽ اڄوڪي صبح جو وڏو حادثو آهن! شايد ڪو به حادثو آخري حادثو نه هوندو آهي.
    سڄي تاريخ حادثن سان ڀري پئي آهي.
    تاريخ جي ورقن ۾ حادثا جاڳي رهيا آهن.
    تاريخ جي ورقن کان ٻاهر رهجي ويل حادثا مري رهيا آهن.
    تحرير نه ٿي سگهيل حادثا بذات خود هڪ حادثو آهن.
    ڊسمبر جي گهميل هوا.
    آس پاس ڇانيل نيرو ڪوهيڙو.
    آفيس جو غير ضروري حد تائين آوازن سان ڀريل ماحول.
    ٽيبل تي رکيل چانهه مان نڪرندڙ ٻاڦ.
    سامهون پارڪ ۾ جھومندڙ چمپا، گلاب، رابيل ۽ نازبوءَ جا ٻُوٽا. پريان ڀت جي مٿان ڦهليل بوگن ويليا جا آسماني گُل ۽ انهن جي پريان ٽيرس جي مٿان، بجليءَ جي تار ڏي توجهه ڏيڻ بنا ديوار تي کاڏي رکي بيدمشڪ جي وڻن ڏي ڏسندڙ سائيءَ ول جا ناسي گل. خالي خالي آسمان!
    يونين جي فضول سرگرمين تي ان کان به وڌيڪَ فضول بحث ڪندڙ اڌڙوٽ ڄمار نمائندو آسمان جي خاليپڻي، موسم جي اُداسي ۽ اڄوڪي تاريخ جي حادثي کان بي خبر آهي. سڄي دنيا حقيقي حادثن کان بي خبر آهي. فضول بحث ۽ بڪواز ڪوٽ جي کيسي ۾ پيل ٻن جاڙن پوپٽن جي موت ۽ منهنجي زندگيءَ جي وچ ۾ وڇوٽي پيدا ڪري رهيو آهي.
    آفيس جي هال مان اُٿي ڇت تي هليو ٿو اچان.
    گهٽ ۾ گهٽ اڄ ڪا به بڪواز برداشت نه ٿو ڪري سگهان.
    ڇت تي خاموشيءَ جي حُڪمراني آهي.
    کيسي مان جاڙا پوپٽ ڪڍي هٿ تي رکان ٿو.
    هٿ جي تري رنگن سان جَرڪڻ ٿي لڳي. ڪنهن بي نام خوشبوءِ سان مهڪڻ ٿي لڳي.
    ۽ ياد ٿو اچڻ لڳي اُهو لمحو، جنهن لمحي تو پنهنجو ريشمي هٿ منهنجي هٿ تي رکيو هو ته لڳو هئم ڄڻ ڪهڪشان لهي آئي آهي منهنجي هٿ تي!
    ڪير ٿو چئي ته پوپٽ مري ويندا آهن؟
    پوپٽ ڪڏهن به نه مرندا آهن! پوپٽ حسين يادگيرين جيئان ائين هميشه زندهه هوندا آهن جيئن محبوبه جي هٿن تي ڏنل پهرين چُمي!
    هڪ دفعي تو چيو هو ”توساڻ منهنجي هيءَ محبت پوپٽن جي حسين، نرمل ۽ رنگين وجود جهڙي آهي. جنهن جي ڄمڻ ۽ مرڻ جي خبر نه پوندي آهي. شايد اُها هميشه کان هوندي آهي ۽ هميشه لاءِ هوندي آهي.“
    شايد توکي خبر نه هجي ته هن مهل مان ڪٿي آهيان، ڪيئن آهيان ڇا پيو ڪيان! تون جيڪا خزان ۾ مون سان ملي هئينءَ ۽ بهار ۾ وڇڙڻ جو ارادو ڀوڳي رهي آهين.
    مان به ڀوڳي رهيو آهيان.
    منهنجو شاعر دوست به ڀوڳي رهيو آهي.
    اسين سمورا ڀوڳي رهيا آهيون. سڄي دنيا ڪجهه نه ڪجهه ڀوڳي رهي آهي. هوءَ جنهنجون اکيون اداسيءَ جو استعارو آهن، اڪثر چوندي هئي ”مان هميشه تنهنجي اُها محبوبه بڻجي رهنديس جنهنجي اکين تي ڪڏهن به خزائن جو پاڇولو نه پوندو آهي.“
    هن سچ ئي ته چيو هو!
    هن جي اکين تي خزائن جو پاڇولو ڪونه پيو. مان خزائن جو پاڇولو بڻجڻ لڳو آهيان.
    مون اڄ صبح واري روڊ تي ڏٺل مئل پوپٽن واري حادثي مان گذرڻ کان هڪ پل اڳ تائين ائين ڪونه پئي محسوس ڪيو جيئن حادثي مان گذرڻ کانپوءِ محسوس ڪرڻ لڳو آهيان.
    اڄ صبح ساڻ روڊ تي واڪ ڪندي ٻه مئل پوپٽ نظر اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هوءَ واقعي به مون کان ڌار ٿيڻ جو پڪو ارادو ڪري چُڪي آهي!
    شايد موت، محبت، جدائي ۽ حادثا هڪ ئي قبيلي جا فرد َ آهن. ان ڪري هر وقت هڪ ٻئي سان ڳنڍيل رهندا آهن.
    پوپٽن جو موت محبت جي موڪلاڻيءَ جو پڪو اشارو آهي.
    ۽ مان سوچان ٿو ته آخر پوپٽ ڪيئن مُئا؟
    ٻئي پوپٽ گڏ ڇو مُئا؟ ڪنهن ماريا؟
    ڇا انهن گڏجي خودڪشي ڪئي آهي؟ ڇا پوپٽ خودڪشي ڪندا آهن؟ يا انهن کي قتل ڪيو ويندو آهي! ٻنهي کي ڪهڙي ڏوهه جي پاداش ۾ قتل ڪيو ويو آهي؟ ڪير آهي قاتل؟ هوا؟ موسم؟ ڪهڙي تيز رفتار گاڏيءَ جو شيشو؟ آخر ان ڪيس جي ڪير ۽ ڪيئن پوئواري ڪندو؟ ان موت جي ڪير تحقيق ڪندو؟ ڇا ان موت جي تحقيق نه ٿيڻ گهرجي؟؟ شايد پوپٽن جي قتل جي ڪڏهن به تحقيق نه ٿي آهي ۽ نه ئي ٿيندي. پوپٽ قتل ٿيندا رهندا ۽ دنيا هلندي رهندي. ۽ نيٺ سڄي دنيا پوپٽن کان خالي ٿي ويندي.
    مان هونءَ به گهڻن ڏينهن کان اُداس هُئس.
    گهڻن ڏينهن کان؟ ڪڏهن کان؟ اهو سوال ڏاڍو ڏکيو آهي.
    ڏينهن، تاريخون، وقت، مهينو ۽ سال ياد نه رهندا آهن.
    ياد رهن به ڇو؟ ۽ ڪيئن؟ ڪا به شيءِ ياد رکڻ سان ٿورو ئي ياد رهندي آهي. ياد رهڻ جهڙيون شيون ته پاڻ ياد رهجي وينديون آهن. اهي پاڻ کي پاڻ ياد رکائينديون آهن. وسرنديون ئي ناهن!
    جيئن مون کي اهو ياد رهجي ويو آهي ته هڪ شام هُن چيو هو ”پرين! منهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ لاءِ تنهنجي مهرباني!“ ۽ موٽ ۾ مون دل جي بي ترتيب ڌڙڪن سان چيو هو: تون ئي ته منهنجي زندگي آهين. تو سوا زندگي ڀلا زندگي ڪٿي آهي،“ ۽ مون کي پنهنجي شاعر دوست جو هي جملو به ياد رهجي ويو آهي ته ”يار منهنجي شاعريءَ تي ڪجهه لِکُ! ظالم ڪيڏيون منٿون ڪرايون اٿئي“.
    ۽ مون لکيو هو ”يار! سچي ڳالهه هيءَ آهي ته مان پنهنجي پاڻ کان وڃائجي ويو آهيان.وساري ويٺو آهيان پاڻ کي به ۽ اهو به ته ڪو مان ليکڪ به آهيان. مان ته پنهنجي اندر ۾ صفا خالي ٿي ويو آهيان. دعا ڪر پنهنجي پاڻ ڏي موٽان.... پوءِ ضرور لکندس تنهنجي شاعريءَ تي به ۽ توتي به“.
    سچ ته هن سان ملي پاڻ کي وساري ويٺو هئس ۽ هُنَ کان وڇڙڻ جي ڪناري تي پهچي به پاڻ کي وساري ويٺو آهيان. هوءَ جيڪا ڪنهن سانوري شامَ جيئان منهنجي دل جي آڳنڌ ۾ لٿي ۽ ٻئي پل هڪ اونداهي رات ۾ الوپ ٿي وئي. پنهنجي اڪيلائي ۽ اُداسيءَ کي اظهارڻ لاءِ لفظن کان به محروم ٿي ويو آهيان!
    سوچيان ٿو گهڻو وقت ٿيو آهي جو ڪجهه به لکي نه سگهيو آهيان؟ شآيد ورهيه گذري ويا آهن جو مون آخري ڪهاڻي لکي هئي. ڪهڙي ڪهاڻي هُئي؟ ڇا هئو ان ڪهاڻيءَ ۾؟ اها مقتول محبت جي ڪهاڻي هئي؟ الاءِ ڪا ٻي ڪهاڻي! اهو سڀ مون کي سارڻ جي گهرج محسوس نه ٿي ٿئي.... پر مون کي اهو ياد رکڻو آهي ته اُها جڏهن هڪ ڪمرشل رسالي ۾ ڇپي هئي ته هڪ پياري دوست مون ڏي ڪهڙو ميسج موڪليو هو؟
    جاڙن پوپٽن جي حادثي مون کي ڇا ڇا نه ياد ڏياري ڇڏيو آهي؟
    لکيو هئائين ”پيارا سون جهڙيون تخليقي ڪهاڻيون چاندنيءَ جهڙن ڪمرشل رسالن ڏي موڪلڻ ڇا تخليقي رسالن سان نا انصافي ناهي؟ ان سوال تي ضرور سوچجان.“
    موٽ ۾ ان پشم جهڙي پياري شاعر سان ڪا به وضاحت نه ڪري سگهيو هئس. نه ئي ڪرڻ جي ضرورت سمجھي هئم، رڳو ساڻس اهو واعدو ڪيو هئم ته هاڻي جڏهن به ڪا ڪهاڻي لکندس اُها تو ڏانهن اُماڻيندس.... پر ڪيئي مهينا گذري ويا، ڪا به ڪهاڻي لکي نه سگهيس. جي لکيم ته رُڳو اُهي اڌورا جُملا ۽ نظم، جن جو تعلق ان محبوبه سان هو، جنهن جا ذلف ڪنهن گھاٽي جھنگل جيان مون کي پاڻ ۾ گم ڪري ويهي رهيا. سڀ رستا معدوم ٿي ويا. مون سڀ لفظ، جُملا، اکر، ڪاعذ، ڪهاڻيون، اکيون ۽ آڱريون هُنَ جي حوالي ڪري ڇڏيون ۽ پاڻ کان ڌار ٿي ويس. ڪهاڻيءَ کان پري ٿي ويس. ڪهاڻي مون کان پري ٿي وئي. اڃا تائين پري آهي. شايد هاڻي ڪڏهن به ويجھو نه ايندي. ڪهاڻي ۽ مان هڪٻئي لاءِ اوپرا ٿي ويا آهيون. اهو منهنجي لاءِ ڊسمبر جو پهريون ڏک آهي. پر آخري ڏک ناهي.
    مان مئل پوپٽن جي تڏي تي ويٺل اڪيلو سوڳوار آهيان.
    پوپٽن جي موت جو سوڳوار!!
    محبوبه جي جُدائيءَ جو سوڳوار!
    ڪهاڻيءَ جي وڇوڙي جو سوڳوار!
    سوڳواريءَ جو سوڳوار!
    ٻه پوپٽ منهنجي اندر ۾ مري ويا آهن.
    پنهنجي پاڻ کان ناراض آهيان. پنهنجي پاڻ تي ناراض آهيان. ۽ جڏهن ڪوئي پنهنجي پاڻ سان ناراض هجي ته ان کي ڪير به پرچائي نه سگهندو آهي!! اهو ڪنهن سان به نه پرچندو آهي. ڪنهن سان به نه! بس اهو سدائين رٺل رهندو آهي.
    اهو به چڱو ٿيو جو صبح سان ان روڊ تان گذريس جنهن تي جاڙا پوپٽ مئا پيا هئا ۽ مون کڻي ورتا، نه ته انهن جي بي حُرمتي ٿئي ها. اهي ڪنهن خاڪروب جي ٻهاري سان ٻهارجي گندَ جي ڍير تي پهچي وڃن ها! ڪنهن گاڏيءَ جي ٽائرن هيٺان اچي ٽُٽي پون ها. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اهي پنهنجي پرن ۽ رنگن سميت ڪنهن اهڙي ڪِتابَ جي ورق ۾ فريز ٿي ويندا جنهن ورق تي ڪنهن اهڙي ڪهاڻيءَ جو ڪلائمڪس هوندو جنهن ۾ هڪ نائڪه پنهنجي دوست سان ڊسمبر جو ڏک ونڊيندي پنهنجي ڪلهن تي پيل شالَ ۾ تحليل ٿي ويل هوندي.
    ڊسمبر جي اکين مان لڙڪ وهي پيا هوندا.
    مون هن ڊسمبر جي شروعات ۾ ئي ته هن ڏانهن لکيو هو:
    ”ڊسمبر جي اُسَ ۾،
    پنهنجار وار سُڪائيندي،
    تون مون کي ساريندينءَ ته
    تنهنجون اکيون آليون ٿي وينديون.“
    پر ڇا منهنجي ان دعويٰ ۾ ڪوئي دم آهي؟
    ها، منهنجي ان دعويٰ ۾ دم آهي. هوءَ ڊسمبر جي اُس ۾ وار سڪائيندي مون کي ساريندي ته سندس اکيون آليون ٿي وينديون. عاشق، آرٽسٽ ۽ پيغمبر ڪوڙي دعويٰ نه ڪندا آهن.
    انهن کي پنهنجي دل تي خدا جهڙو اعتبار هوندو آهي. انهن جي دل ڌوکو نه ڏيندي آهي. پر اکيون ته منهنجون آليون ٿي ويون آهن ڊسمبر جي هن گهميل پل ۾!! ۽ هوءَ منهنجي اکين جي آلاڻ کان بي نياز پنهنجي گهر جي آڳند ۾ بيٺي شايد پنهنجي وڏن وارن ۾ ڦڻي ڦيريندي ۽ وار ڇنڊيندي اهي سڀ يادگيريون پاڻيءَ جي ڦڙن جيئان ڇنڊي رهي هجي جن سان هن جو ۽ منهنجو مشترڪ تعلق آهي.
    چون ٿا جن عورتن جا وار وڏا ۽ گھاٽا هوندا آهن اُهي ڏاڍا ڏک ڏسنديون آهن. شايد ائين هجي! ڪاش ائين نه هجي!
    ڇا پوپٽ ڏک ڏسندا آهن؟ ڇا پوپٽ ڏک نه ڏسندا آهن؟
    ڀلا ڇا پوپٽن کي ڏک ڏسندا آهن؟ ڇا پوپٽن کي ڏک نه ڏسندا آهن؟
    گهڻي دير کان مسلسل پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان ۽ محسوس ٿو ڪيان ته پاڳلپڻي جي آخري ڪناري تي پهچي چڪو آهيان. ڪنارو مون تائين پهچي چُڪو آهي.
    ان ڏينهن هن ئي ڇت تي اُنَ پَل اڪيلو اچي ٻارن وانگر ڪو وقتُ رُنو هئس جنهن پل اهو اطلاع مليو هئم ته هاڻي هوءَ مون سان ڳالهائي نه سگهندي. هوءَ جنهن سان ڳالهائڻ کي مان پنهنجي ساهه جي ضمانت، جيئڻ جو جواز ٿو سمجھان.
    الاءِ ڇا ٿيو هئم اوچتو!
    ڄڻ ڪنهن غريب گهراڻي جي يتيم ٻار کان ڪوئي پيارو ۽ نيارو رانديڪو کسجي ويو هجي! ۽ کسيو به اهـڙن هٿن هجي جن تائين ٻار جي ڪا پهچ نه هجي! سڏڪا ۽ ڳوڙها رُڪيو نه ٿي رُڪيا!
    پوءِ ڪيترائي ڏينهن، ڪيتريون ئي شامون، ڪيترائي پَلَ ۽ الاءِ ڪٿي ڪٿي مسلسل اکيون ٽمنديون رهيون هيون. ائين ٿي لڳو ڄڻ اوچتو ئي اوچتو زندگيءَ کان محروم ڪيو ويو هجان. خوابن کان محروم ڪيو ويو هجان. خوشيءَ کان محروم ڪيو ويو هجان.
    اکيون هر پل ڀريل ڀريل، دل خالي خالي. اندر مضطرب. جهڙو بي چين سمنڊ.... جهڙوخودڪشيءَ جو خواب.... جهڙو ڦاهي گھاٽ!
    پوءِ ڇا ٿيو!
    پوءِ ائين ٿيو جو مان خدا نه هوندي به خدا جيان توکي مُشڪلات مان ڪڍڻ لاءِ ۽ تولاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ لاءِ ۽ ماحول کي هڪ ڀيرو وري سازگار ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ لڳس.
    (مشڪل ۾ تون هئينءَ يا مان هئس؟ ڪيئن چئجي؟)
    مون ڇا ڇا نه ڪيو؟
    ڪنهن ڪنهن کي نه پرچايُم سرچايم؟ منٿون ڪيم؟
    مهرباني ڪري کيس ڪجهه نه چئجو. کيس ڪنهن ڪوسي جملي جي لهس به آئي ته سندس رنگ ۽ پر سڙي ويندا. هوءَ ته هڪڙو پوپٽ آهي. خوشبو آهي!
    اکين ۾ هي لڙڪ ڏسو!. مون سان ليکا نه ڪيو. منهنجو چهرو ڏسو!. ڪيئن ڳري ويو آهيان. هن سان منهنجو تعلق عِبادت جهڙو آهي. اوهان اعتبار ڪيو. ڪا به بُرائي ناهي! سجدي جهڙو سنگ آهي هن سان منهنجو. منهنجي لاءِ محبت ۽ هَوس ٻه ڌار ڇيڙا آهن.
    توهان اعتبار ڪيو منهنجي لڙڪن تي.
    ۽ هنن سڀني کي آخر چاهيندي نه چاهيندي منهنجي لڙڪن تي اعتبار اچي ويو. اُهي سڀ جيڪي تنهنجي منهنجي تعلق تي ڏکارا، ناراض ۽ اداس هئا، سڀ خاموش ٿي ويا. انهن جو ڏک جھڪو، ڪاوڙ هلڪي ۽ اداسي ختم ٿي وئي.
    انهن ڄاڻي ورتو ته منهنجي اکين جي اداسيءَ سان ڀريل آلاڻ ڪوڙي ناهي.
    منهنجي لڙڪن جو ذائقو سمنڊ جئان کارو آهي. مان خودڪشيءَ جي موسم ٿي ويو آهيان. پر عجب اهو ته تون پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺينءَ! ڄڻ منهنجو اعتبار وڃائي ويٺينءِ!
    الاءِ ڇو؟
    الاءِ ڪيئنءَ؟
    شايد تون ڊڄي وئينءَ؟
    ۽ تو انهن جي اڳيان پنهنجي غلط هجڻ جو اعتراف ڪيو، جيڪي منهنجي لڙڪن جي اعتبار ۾ هئا. جن کي يقين ٿي ويو هو ته پنهنجو تعلق عِبادت جهڙو آهي، تو انهن کان معافي وٺندي چيو ته توکان وري ڪڏهن به اهڙي غلطي نه ٿيندي!
    تون جنهن ڪجهه شامون اڳ ئي مون کي ٻڌايو هو ته ”هو مون کي چون ٿا ته تون نمازون پڙهه، قرآن جو دور ڪر، عِبادت ڪر... مان ڀلا انهن کي ڪيئن سمجھايان ته محبت کان وڏي ڪا به عِبادت ڪانهي... ۽ اُها عِبادت مان ڪيان ٿي... ۽ مسلسل ڪيان ٿي... رڳو جاڳ ۾ ئي نه ننڊَ ۾ به ڪيان ٿي.... اٺ ئي پهر ڪيان ٿي.... هر پل هر گهڙي ڪيان ٿي.“
    پوءِ ٻُڌاءِ ! تنهنجي اُها عبادت ڏوهه ڪيئن بڻجي وئي؟
    هان، ٻڌاءِ ! پوءِ تنهنجو سجدو گناهه ڪيئن ۽ ڇو ٿي ويو؟
    ٻڌاءِ! پوءِ تنهنجي عبادت غلطي ڪيئن بڻجي وئي؟
    ٻڌاءِ توکي قسم آهي هٿ جي تريءَ تي موجود مُئل پوپٽن جو!
    ممڪن آهي تو اهو معافي نامو پاڻ کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي! مون کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي! اسان سان لاڳاپيل رشتن ناتن کي بچائڻ لاءِ داخل ڪيو هجي. اڃا به ممڪن آهي ته تو اهو سڀ ڪجهه تنهنجي منهنجي تعلق کي سلامت رکڻ لاءِ ڪيو هجي.... ڪجهه به هجي، ڪجهه به هجي پر توکي ائين نه ڪرڻ گهربو هو.
    تو مون کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي. تو محبت کي ڏوهه سمجھي ۽ ڏوهي هجڻ جو اعتراف ڪري مون کي هڪ لمحي ۾ ڏوهارين جي قطار ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي قطار جنهن جو پهريون ماڻهو به مان آهيان ته آخري ماڻهو به مان آهيان. جنهن جو اٺون ماڻهو به مان آهيان ته ستون ماڻهو به مان آهيان.
    جنهن قطار ۾ رڳو مان ئي مان آهيان. مون کان سواءِ ڪو به نه آهي ان قطار ۾! ڊسمبر ۾ پيش آيل محبت کي غلطي سمجھڻ وارو واقعو منهنجي لاءِ ڊسمبر جو پهريون ڏک ئي نه آهي، وقت جو هڪ وڏو حادثو به آهي. اهـڙو ۽ ايترو وڏو حادثو جهڙو ۽ جيترو وڏو حادثو روڊ تي مئل جاڙن پوپٽن جي موت جو حادثو آهي. ان حادثي مون کي توکان ڏاڍو پري ڪري ڇڏيو آهي!!
    ها توکان ڏاڍو پري ٿي ويو آهيان. تون مون کان پري ٿي وئي آهين. اسين ٻئي هڪٻئي کان ڏاڍو پري ٿي ويا آهيون.
    شايد مان پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهيان. الاءِ هن سان؟ الاءِ ڪنهن سان؟ پر ٻُڌ! مان توسان هاڻي ڪڏهن به نه ڳالهائيندس. ڪڏهن به نه.... ڪٿي به نه! پر ڇو؟
    بس منهنجي دل نه ٿي چئي. هاڻي مان ڪڏهن به نه ڳالهائيندس توسان... ڪڏهن به نه! اکين مان ڳوڙها ڇو ٿا وهن تنهنجي پوءِ؟ هان.... ٻڌاءِ !
    الاءِ ڇو.... خبر نه آهي ڇو... پر تنهنجو ڪهڙو واسطو منهنجي ڳوڙهن سان؟ ناهي تنهنجو ڪو به تعلق منهنجي ڳوڙهن سان، نه ڪو مون سان.... ڏس ڊسمبر جي شامَ ڪيڏي گهري ۽ ٿڌي ٿي وئي آهي. آفيس جي ڇت کان گهر جي آڳند تائين ايندي ايندي صفا ٿڪجي چُور چُور ٿي پيو آهيان.... بخار ٿي ويو اٿم شايد.... اکيون سڙن پيون. لِڱَ تپي ويا اٿم.... الاءِ ڇا ٿيو آهي.... منهنجي هٿن ۾ ڪجهه ڪونهي... نه ڪاغذ... نه قلم... نه ڪِتاب.... ڪجهه به نه... پوپٽ مري ويا آهن... ٿڌ ڏاڍي آهي... پليز پوپٽن کي ٿڌ کان بچايو.... گرميءَ کان بچايو... طوفان کان بچايو.... تيز رفتار ٽرئفڪ کان بچايو... ڇا ٿيو اٿئي... ڇو ٿو ڳالهائين پنهنجي منهن؟ اهڙو ڇا ٿيو آهي؟ ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي.... ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي مون کي. ڇا ٿيندو مون کي؟ ڇو ٿيندو ڪجهه به مون کي ڀلا؟ ڪجهه به ڪونه ٿيو آهي.... روڊ تي ٻه پوپٽ مري ويا آهن!


    خوابن جي بائونڊري وال

    جنوريءَ جي هيکل وياڪل شام
    ۽
    جنوريءَ جي شام جهڙو هن جو منُ.
    ماڻهن سان ڀريل شهر، بازارون.... دڪان.... خريدار.... ٽرئفڪ.... گوڙ.... زندگيءَ جي گهما گهمي ۽ هو گهڻي دير کان ڀٽڪندڙ انهن ڳلين ۾. بي سبب.... بي مطلب.... بس ايئن.... شايد ڪنهن ڳولا ۾..... شايد پنهنجي ڳولا ۾.... شايد ڪنهن به ڳولا ۾ نه.... بس ائين ئي.
    فون جي اسڪرين ڏي ڏٺائين. نئون نمبر هو.
    فون اوڪي ڪري.... ”هيلو“ چيائين ته پريان هُنَ پڇيس:
    ” ڪير ٿا ڳالهايو؟“
    ” فون توهان ڪئي آهي.... ٻڌايو ڪنهن سان ڳالهائڻو اٿوَ!“
    ”توهان سان ڳالهائڻو هو، ڳالهائي سگهان ٿي؟“
    ”ڳالهايو ته پيا باقي ڪيئن ڳالهائبو آهي.“ هن کلندي چيو.
    موٽ ۾ هن جو هڪڙو مختصر ٽهڪ ڪنهن ٽانڊاڻي وانگر اونداهيءَ ۾ ٻريو ۽ ٻئي پل وسامي ويو. لڳس اهو ٽهڪ سندس ڄاتل سڃاتل آهي پر پڪ نه هئس ته ڪنهن جو هو اهو ٽهڪ!
    ”منهنجو مطلب آئينده.... سڀاڻي.... ان کانپوءِ، ڪڏهن به ۽ ڪنهن به وقت ڳالهائي سگهان ٿي اوهان سان.“
    ”ها، بلڪل پر ڇا ٿا ڳالهائڻ چاهيو؟“ ـــ هڪ حيرت ۾ ڀريل مختصر سوال.
    ”مان توهان کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان ته منهنجي شامن ۽ صُبحن ۾ ڪوئي فرق نه رهيو آهي ــ منهنجون راتيون ۽ منهنجا ڏينهن هڪ جهڙا ٿي ويا آهن....“ هڪ غير مختصر جواب.
    ”مطلب توهان کي ڳالهيون وڻن ٿيون.“
    ”رڳو مون کي ئي ڳالهيون نٿيون وڻن پر مان به ڳالهين کي وڻان ٿي.“ هو پاڻ کي ٽهڪ ڏئي کلڻ روڪي نه سگهيو.
    ”اصل ۾ ڇا آهي ته مون کي ڳالهيون سٺيون لڳنديون آهن... ايئن جيئن ننڍڙن ٻارن کي ٽافيون، رانديڪا ۽ آئيس ڪريم سٺي لڳندي آهي.“ هُنَ ڄڻ پاڻ سان ڳالهائيندي چيو.
    ”ٺيڪ آهي توهان ڀلي ڳالهائجو.“ هن مختصر لفظن ۾ وراڻيو.
    ٻار جيئان خوش ٿيندي چيائين ”ٿينڪس....“ ۽ ٿينڪس کان پوءِ به ڪجهه لفظ ڳالهايائين پر اهي لفظ ٽريفڪ جي شور جي حوالي ٿي ويا.
    هُو ڪجهه دير شور جي حوالي ٿيل لفظن جو پيڇو ڪندو رهيو پر لفظ هٿ نه آيس.
    گم ٿيل لفظن جي پڇتاءُ مان نڪرڻ لاءِ سوچيائين:
    ”ڪير ٿي سگهي ٿي؟“ هڪڙو سوال.
    ”چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري“ هڪ اندازو.... هڪ امڪان.... هڪ سوال، هڪ جواب.... جيڪو غلط به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪو صحيح به ٿي سگهي ٿو، ۽ جيڪو صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ به ٿي سگهي ٿو. ائين جيئن ”ج“ جي وچ ۾ نقطو.
    چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري هڪڙو خواب آهي. هڪڙو خيال آهي.
    چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري رڳو خواب نه آهي.
    چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري هڪ حقيقت آهي.... هڪڙو سچ آهي. شايد هوءَ هر مرد جو خواب آهي! هڪ پراڻو وڻندڙ ۽ پيارو خواب.
    ٽي ڳليون ڇڏي چوٿين ڳليءَ ۾ سندس گهر هوندو آهي.
    گهر جي ڀتين تي آف وائيٽ تي هلڪو نيرو رنگ ٿيل هوندو آهي.
    گهر جي آڳنڌ ۾ هڪڙو بيد مشڪ جو وڻ به هوندو آهي، جيڪو هر موسم ۾ گهاٽو، طويل ۽ خوشبودار هوندو آهي. جنهن جي پنن تي ڪڏهن به خزان نه لهندي آهي.
    هُو چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري جا خواب ڏسندو آهي. ان سان ڳالهيون ڪندو آهي. ان سان گڏ رهندو آهي. ان بابت سوچيندو آهي ۽ خوش رهندو آهي. ان کان سواءِ ناخوش هوندو آهي. ڏکارو، اُداس ۽ پنهنجي پاڻ کان ناراض هوندو آهي.
    هونءَ کيس چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪريءَ جو نالو به معلوم نه هوندو آهي! ۽ نه ئي اها خبر هوندي اٿس ته کيس سهيليون ڪهڙي نالي سان سڏينديون آهن.
    پر
    کيس خبر هوندي آهي ته هوءَ ڪهڙا خواب ڏسندي آهي؟ ڪهڙي رُت ۾ خوش ۽ ڪهڙيءَ موسم ۾ ملول رهندي آهي. ڪيئن کلندي آهي. ڪيئن ڳالهائيندي آهي. کيس اهو به معلوم هوندو آهي ته هوءَ اڪثر ڏک جي ڳالهه تي مُرڪي پوندي آهي ۽ مرڪڻ جهڙي ڳالهه تي اُداس ٿي ويندي آهي ۽ هوءَ اُداس ٿيندي آهي ته موسم وقت کان اڳ تبديل ٿي ويندي آهي.
    هوءَ ڪپڙن ۾ لڳل پرفيوم وانگر هر وقت ساڻس گڏ رهندي آهي.
    هُو به آفيس جي دروازي کان گهر جي چانئٺ تائين،
    ۽
    گهر جي چانئٺ کان ڪاليج جي ڪاريڊور تائين ساڻس گڏ رهندو آهي.
    هوءَ هن لاءِ اجنبي نه هئي.
    هن کيس کوڙ ڀيرا چوٿين ڳليءَ ۾ ڏٺو هو. هوءَ ڪنهن مهل صبح جو بيد مشڪ واري گهر مان نڪرندي ته ڪنهن مهل گهر ڏي واپس موٽندي نظر آئي هئس.
    کيس خبر هئي ته هوءَ چوٿين ڳليءَ ۾ رهندڙ سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪَ خوبصورت ڇوڪري آهي. سندس اکيون سياري جي شامَ جيئان غمگين ۽ وار ڀورن ڪڪرن جهڙا آهن ۽ هوءَ گهـٽيءَ مان گذرندي آهي ته لڳندو آهي سڄو شهر سندس پيرن ۾ آهي.
    ”مون کي پڪ هئي ته هن سياري جي ڪنهن شام تون ضرور فون ڪندينءَ“ ان شامَ هُنَ مُرڪندي چيو هئس. هوءَ سندس مُرڪ کان بي خبر هئي. هوءَ رڳو سندس آواز سان آشنا هئي. هنن جي وچ ۾ هئو به رڳو آواز جو تعلق. ٻنهي جي وچ ۾ آواز جي پُل ڪنهن روشن لڪير جيئان نمايان هئي ۽ پُل جي ٻنهي ڇيڙن تي اونداهي هئي.
    هو اونداهيءَ ۾ بيٺل ٻه ماڻهو هئا. ٻئي هڪٻئي کان پري هئا ۽ ٻئي هڪٻئي جي ويجھو هئا.
    ”ڇو هئي توکي ايڏي پڪ.“هن پنهنجائپ واري لهجي ۾ چيو.
    ”ان ڪري جو تو وٽ اُهي ڳالهيون آهن جيڪي رڳو سـرٻاٽن ۾ ڪبيون آهن. جيڪي آواز جون محتاج نه هونديون آهن ۽ تون اُهي ڳالهون فقط مون کي ٻڌائي سگهين ٿي، ٻئي ڪنهن کي به نه.... ٻيو ڪير سمجهندو به ڪونه....! ۽ مون کي خبر آهي ته سياري جون هي طويل راتيون ڳالهين کانسواءِ گذري نه سگهنديون آهن....“
    ”اهو سڀ تو ڪيئن ڄاتو؟“ هُن حيرت گاڏڙ خوشيءَ وچان چيو.
    ”ان ڪري جو توکي سڃاڻان ٿو....“
    ”ڀلا ٻڌاءِ ته سهي ڪير آهيان مان؟“
    ”ٻڌايانءِ..... هون!“
    ”ها.... ٻڌاءِ مان به ٻڌان ته سهي....“ هن هڪ شوخ پر ڏاڍي پروقار لهجي ۾ چيو.
    ”تون چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري آهين.... تنهنجي گهر ۾ بيد مشڪ جو وڻ آهي....“ هن پُر اعتماد انداز ۾ چيو.
    هوءَ کل ۾ ٻُڏي وئي. کلندي چيائين: ”الا..... ڏاڍي کل ٿي اچي....“
    ”ڇو ٿي کل اچئي.... مون ڪو لطيفو ٻُڌايو ڇا!“
    ”لطيفو ته ڪونه ٻڌايو اٿئي پر لطيفي جهڙي ڳالهه ڪئي اٿئي. آئون چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري نه آهيان. منهنجي آڳنڌ ۾ ڪو به وڻ ڪونهي.....“
    ”ڇا واقعي تنهنجي گهر ۾ ڪو به وڻ ڪونهي؟“
    ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ!“ هڪ موضوع جي ڳليءَ مان اوچتو ٻئي موضوع جي شهر ۾ داخل ٿيندي چيائين، ”اها ڪير آهي جنهن تي گذريل بهار ۾ زندگيءَ جو پهريون نظم لکيو هيئي؟“
    هو انهي سوال تي حيران رهجي ويو. اهو هڪ غير متوقع سوال هو. يا شايد متوقع هو!
    ”ڪهڙو نظم؟“ هن ڳالهه نٽائيندي چيو.
    ”تون سپ سمونڊ جي سانئڻ، تون سکي ستاري جي آن.“
    ”هن چنچل لهجي ۾ سندس نظم جي پهرين سٽ جھونگاريندي چيو.”ڪير آهي اها ستاري جي سکي؟“
    ”سچ ٻڌايانءِ“
    ”ها.... ٻڌاءِ“ ساڳي شوخيءَ سان چيائين.
    ” اُها چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري آهي. جنهن جي گهر ۾ بيد مشڪ جو وڻ آهي“ هن صاف لفظن ۾ انڪشاف ڪيو. اعتراف ڪيو، جنهن تي هُنَ جو شوخ لهجوگهري اداسيءَ ۾ تحليل ٿي ويو.
    ”نه، اها مان نه آهيان، منهنجي گهر ۾ ڪوئي وڻ ڪونهي، ڪوئي ٻوٽو ڪونهي، ٻوٽو ڇا، منهنجي گهر ۾ ته ڪو گل به ڪونهي.“
    هو دل ئي دل ۾ مُرڪيو. کيس سندس ڳالهه تي اعتبار نه آيو. پڪ هئس ته هوءَ چوٿين ڳليءَ ۾ رهندي آهي ۽ سندس گهر ۾ بيدمشڪ جو وڻ آهي ۽ سندس گهر جي ڀتين تي آف وائيٽ رنگ ٿيل آهي پر کانئس پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشس پئي ڪري.
    ”ناڪام ڪوشش ڪندڙ هڪ معصوم ڇوڪري.“ هن سوچيو ۽ ٻيو دفعو مُرڪي پيو.... وڌيڪَ ضد نه ڪيائين.
    ”ها.... ٺيڪ آهي... ائين ئي هوندو.... تنهنجي گهر ۾ بيد مشڪ جو وڻ ڪونه هوندو، مان ڀليو هوندس...“
    هُنَ سنجيدگيءَ سان چيو .
    ۽ چؤماسي جي پهرين برسات ۾ گهر جي ٽيرس تي بيٺي مٿس انڪشاف ٿيو ته شاعري ۽ محبت هڪ ئي ٽاريءَ تي ٽڙيل ٻه جاڙا گل آهن ۽ اهو به ڄاتو ته ٻه جاڙا گل ڄمندا به گڏ آهن ۽ مرندا به گڏ آهن.
    اڪثر هنن جون ڳالهيون اڻ ڄاتل رستن وانگر طويل ٿي وينديون هيون... کٽنديون ئي نه هيون ۽ نه ئي هو چاهيندا هئا ته ڪٿي کٽن. هو چاهيندا هئا ته رستو ڪٿي به نه کٽي.... ڪٿي ڪوئي موڙ نه اچي.... ڪٿي به ڪوئي واقف نه گڏجي.... بس مسلسل هلندا رهون اڪيلا اڪيلا.... پري پري تائين. ۽ هن سان ڳالهائيندي کيس محسوس ٿيو ته دراصل ڪيفيتون ڳالهيون جون محتاج نه هونديون آهن. ڳالهيون ڪيفيت جون محتاج هونديون آهن. ۽ ائين ڪڏهن ڪڏهن کيس لڳندو هو ته وٽانئس ڳالهيون کٽي ويون آهن... لفظ سڪي ويا آهن ۽ سندس لهجو اڻڀو ٿي ويو آهي.
    پر،
    هوءَ رُڳو ”هيلو“ ڪندي هئي ته پري پري تائين ڳالهيون جون وليون ڦٽي پونديون هيون ۽ هو ولين ۾ ڍڪجي ويندو هو. چوندو هئس ”توسان شيئر نه ڪيان ها ته هي هيتريون ڳالهيون ڪيڏي ڪيان ها!“
    جنهن تي هوءَ ڪنهن ڪنين تار جام مان هارجي پيل شراب جي ڇلڪي جهڙو ٽهڪ ڏئي چونديس ”سچي، تون نه هجين ها ته منهنجون هي ڳالهيون مون کي ماري وجھن ها.“
    ڪيتريون نه ڳالهيون هيون هُنَ وٽ!
    ڪڏهن ڪڏهن ته ائين بي ربط ۽ بنا ساهيءَ جي ڳالهائيندي ڄڻ پليٽ فارم تي بيٺل بوگيءَ جي دريءَ کان ويٺل ڪنهن مسافر سان آخري ڀيرو ڳالهائيندي هجي. سيٽي وڄي چڪي هجي ۽ گاڏي ڄاڻ هلڻ واي هجي: تون ڇا ٿو سمجھين.... هان! توکان پوءِ مان خوش گذارينديس.... هان؟ اها تنهنجي ڀُل آهي.... اها ئي ته تنهنجي وڏي ڀل آهي.... پر توکي ڇا آهي؟ توکي ڪهڙي پرواهه؟.... منهنجي روڪڻ سان ڀلا ڪهڙو وري تون رهندين.... رهڻو هجئي ها ته ٽڪيٽ ئي ڇو وٺين ها.... بوڪ اسٽال وٽ هٿ مان ٽڪيٽ کڻي ورتي مانءِ ته ڪيئن زوريءَ مٺ مان کسي ورتئي. اهو به احساس نه ٿيئي ته ڪيترو ايذاءُ آيو هوندم.....!! تون ڀلي وڃ.... ڏسان ته ڪيئن ٿو وسارين مونکي.... هي پيار ايترو سٿرو نه آهي جيترو تون سمجھين ٿو....
    ۽ گاڏي سُرڻ لڳي هجي.... گاڏي سُرڻ سان کانئس آواز کسجي ويو هجي... شايد پڪ هئس ته ريل هلڻ کان هڪ پل اڳ لهي پوندو.... ۽ وڏو ٽهڪ ڏئي چوندس: ڏس ڪيئن روئاري ڇڏيم توکي.... اداڪاريءَ تي داد ڏي مون کي ۽ هوءَ روئي کڻي ڀاڪر پائينديس ۽ ڀاڪر پائي اڃا به وڌيڪَ روئيندي. پر هو نه لٿو هُجي.... گاڏي هلي وئي هجي.... ۽ هن ٽشوءَ سان اکيون اگھي چپن ۾ ڀڻڪيو هجي: چڱو.... ٺيڪ آهي...... تون وڃ.... ڏسجان منهنجي اڱڻ ۾ ڪڏهن به ڪو ٻوٽو نه ڦٽندو.... ۽ ٻڌي ڇڏ، مان ڪڏهن به ڪنهن گل کي جنم نه ڏينديسانءِ. ! ڄڻ کيس ڪس لائيندي هجي.
    چؤماسي جون برساتون ۽ سندس ڳالهيون گڏ گڏ وسي رهيون هيون جو هڪ شامَ چيائين ”چؤماسي جون آخري برساتون آهن. وري خبر ناهي ڪڏهن وسن.... وسن به الاءِ نه.... ڇا هنن برساتن ۾ پاڻ ملي نه ٿا سگهون؟“ سندس سوال جي جواب ۾ ڪجهه لمحن جي ماٺ کانپوءِ اُداس لهجي ۾ وراڻيو هئائين:
    ”پاڻ ته گڏ آهيون... پنهنجو ملڻ نه ملڻ ساڳي ڳالهه آهي.“
    ”ها.... اهو سچ آهي ته پاڻ گڏ آهيون... پر دراصل....“
    ”هون.... ڇا؟ دراصل....؟“
    ”دراصل توکي ڏسڻ ٿو چاهيان.“
    هُن جي چپن مان بي ساخته ٽهڪ نڪري ويو.
    ”ان ۾ کلڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي“.
    ”کلڻ جهڙي ئي ته ڳالهه آهي؟“
    ”ڪيئن ته؟“
    ”تون ته چوندو آهين روز ڏسندو هان توکي.... تنهنجي اڱڻ ۾ بيدمشڪ جو وڻ آهي... ۽ چوٿين ڳليءَ ۾ تنهنجو گهر آهي“
    ”ها.... اهو سچ آهي ته تنهنجي گهر ۾ بيد مشڪ جو وڻ آهي.“ هن اعتماد سان چيو، ”پر مان توکي ويجھو کان ڏسڻ ٿو چاهيان.... ڇهڻ ٿو چاهيان توکي.... تنهنجي ساهن جي خوشبو سيني ۾ اوتڻ ٿو چاهيان.“
    ڪجهه پل ماٺ جي اونداهي ڇانيل رهي.
    ڪا مهل فون جي ٻئي ڇيڙي تي آواز جو سج نه اُڀريو.
    هن آسمان تي ڇانيل ڪڪرن ڏي ڏٺو. سندس نهار ۾ ڏک هو.
    ”ملڻ نه ٿي چاهين؟“ هن نااميديءَ جي اونداهيءَ ۾ اميد جو ڏيئو ٻاريندي چيو.
    ”اهڙي ڳالهه ناهي.... مان اونداهين ڇيڙي تي رهان ٿي.... ۽ اتي خوش رهان ٿي.... مون کي روشني ڀانءِ نه ٿي پوي.... منهنجي گهر ۾ ڪوئي روشندان ڪونهي. ڪائي ڳڙکي ڪانهي“.
    ”ته معنيٰ.....“ هن ڄڻ اونداهين غار مان ڳالهايو، ”پاڻ ملڻ کان اڳ ئي وڇڙي وينداسين؟“ هوءَ سندس سوال جي جواب ۾ طويل ماٺ ۾ مبتلا ٿي وئي.
    هن جي خواهش کيس الجھائي وڌو هو. اها خواهش دراصل آرفيسئس جي ڏند ڪٿا جو ورجاءُ هئي. آرفيسئس جنهن موت جي ديوتائن کان پنهنجي مئل محبوبا سان ملڻ جي اجازت ورتي هئي. ان شرط سان ته هن ساڻس ملي موڪلائڻ کانپوءِ مڙي پوئتو ڏٺو ته هوءَ پنڊ پاهڻ ٿي ويندي. ۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو هو جنهن جو ڊپ هو. هوءَ ڪجهه لمحن لاءِ ها ۽ نه جي ٽياس تي ٽنگيل رهي ۽ نيٺ هڪ فيصلي تي پُهچي مُرڪڻ لڳي.
    ”پاڻ ضرور ملنداسين، پوءِ ڀلي اُهو ملڻ هميشه لاءِ وڇڙڻ ڇو نه هجي!“ چؤماسي جي آخري برسات وسڻ کان اڳ پارڪ جي بائونڊري وال ۾ بوگن ويليا جي هيٺان رکيل سنگ مرمر جي سفيد بئنچ تي سندس ڀر ۾ ويهندي چيائين.
    سندس لهجو هميشه جيان پُروقار هو پر هن دفعي پروقار هجڻ سان گڏ سندس آواز ۾ آرفيسئس جي انجام جو ڏک به هو.
    کيس پنهنجي ڀر ۾ ويٺل ڏسي هو خوشيءَ ۽ ڏک جي گڏيل احساس هيٺ دل ئي دل ۾ مُرڪي پيو. اها هڪ زخمي مُرڪ هئي. هوءَ ڪنهن قديم مورتيءَ جيان شاندار هئي. اها مورتي جنهن ورهين کان روشني نه ڏٺي هئي.
    سندس پيشانيءَ تي لڪيرون جرڪي رهيون هيون ۽ اکين ۾ خاموشيءَ سان گذري ويل وقت جو ٿڪ هئس.
    ”شايد خوابن جي بائونڊري وال مان ٻاهر نڪري ايندڙن جي وارن ۾ چانڊوڪي لهي ايندي آهي. وقت رڳو خوابن جي بائونڊري وال جي اندرئين پاسي رهندڙن تي اثر انداز ٿي نه سگهندو آهي.“ هن ڏک مان سوچيو.
    اهو خوابن مان بي دخل ٿيڻ جو ڏک هو. هوءَ سندس ڏک کان بي خبر نه هئي. ٻئي هڪ جيتري ڏک ۾ مُبتلا هئا. ٻنهي کي روشنيءَ زخمي ڪري وِڌو هو. چؤماسي جي برسات ڪڪرن جي ڀاڪرن مان پاڻ ڇڏائي ڌرتيءَ تي نچي رهي هئي. ٻئي خاموش ويٺا هئا.
    پري پري تائين ڦهليل ڳالهين جون وليون سُڪل هيون. لفظن جا پن ڇڻيل هئا. ٽاريون ٽٽل هيون. ٻئي برسات جي ڪڻين ڏي ڏسي رهيا هئا.
    ”ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ لاءِ اونداهين ڇيڙي تي رهڻ ئي بهتر هوندو آهي.“
    هڪ ئي وقت ٻنهي سوچيو.
    ”چيو هئم نه توکي.... منهنجي گهر ۾ بيد مشڪ جو وڻ ناهي. ڪو ٻوٽو به نه آهي.... ٻوٽو ته ڇا ڪوئي گل به نه آهي.“ هن ڏکاري آواز ۾ ڳالهايو.
    هو خاموش ويٺو رهيو ۽ مينهن ڪڻين ڏي ڏسندو رهيو. خالي خالي اکين سان.
    چؤماسي جي برسات تيز ٿي وئي.
    هو اکين سميت برسات جي ڇاٽ ۾ پُسي ويو. پوءِ الائي ڪيڏي مهل ڪُلهي تي هُنَ جي وارن جو ڇُهاءُ محسوس ٿيس. اکيون اگهي ڏانهس ڏٺائين. هوا جي جھوٽي تي هيٺ جھڪي آيل بوگن ويليا جي آلي ٽاري سندس ڪلهن کي ڇهي رهي هئي.


    سِمو ڪَرس ڪارنر جي شام

    پنجين منزل تان لفٽ ذريعي لهي سموڪرس ڪارنر ۾ پهتو ته سپرنٽينڊنٽ صاحب جي پيشانيءَ جا گهنج سڌا ٿي ويا. سگريٽ دکائڻ کان اڳ سوچيائين ”زندگي جيئن هجڻ گهرجي تيئن آهي ڪانه ۽ جيئن آهي ائين سندس هجڻ نه هجڻ ساڳي ڳالهه آهي.“ ڪش ڀريائين ته سموڪرس ڪارنر سرمئي دونهين جي تهه ۾ ڍڪجي ويو. آهستي آهستي دونهين جو تهه هٽيو ته سامهون ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي ڪوئي ويٺل نظر آيس. پهرئين سندس ڀورا وار، پوءِ اوجاڳيل اکين وارو چهرو ۽ پوءِ سڄو سراپا ظاهر ٿيو.
    ”شايد منهنجو هِتي ويهڻ مناسب ناهي.“
    ”نه نه. توهان ويهو.... اهڙي ڳالهه ناهي.“
    هو ڀڻڪندي اٿڻ لڳو ته هُنَ پنهنجائپ جي هڪ مختصر جملي سان کيس اٿڻ کان روڪي ورتو.
    ”اصل ۾ ڇا آهي ته ماڻهو اُس مان ڇانوَ ۾ ايندو آهي ته شيون صاف نظر نه اينديون آهن... ان ڪري....“
    ”ها... ائين ٿيندو آهي...“
    ”معاف ڪجو، توهان الاءِ ڪهڙي سيڪشن ۾.....“
    هڪ ئي وقت ٻنهي جي چپن تي ساڳئي سوال جي ول ڦُٽي پئي.
    ٻئي مُرڪي پيا.
    ”مان ميٽرنگ سيڪشن ۾ آهيان. توهان؟“
    ”مان هِتي پنهنجو ٿڪ ڀڃڻ ايندي آهيان. رليڪس ٿيندي آهيان. هِتي اچي خوش ٿيندي آهيان.... پنهنجي مرضيءَ سان اٿڻ ويهڻ ۽ ساهه کڻڻ وڏي غنيمت آهي. آفيس ۾ ته ماڻهو جهڙو مشين.... جهڙو پلاسٽڪ جو گلدستو.... شو پيس.“
    ”توهان سگريٽ پيئندؤ؟“
    ”نه.... مان سموڪر ناهيان.“
    ................
    ”پر مون کي سگريٽ جو دونهون وڻندو آهي. توهان ته پنجين فلور تي هوندا آهيو نه.... رڳو سگريٽ پيئڻ لاءِ هيٺ ايندا آهيو؟“
    ”ها.... اصل ۾ سپرنٽينڊنٽ صاحب جو باءِ پاس ٿيل آهي... اڳ ته پاڻ به چئن سموڪر هو.... پر هاڻي ڪير سگريٽ دکائيندو آهي ته نرڙ ۾ گهنج ۽ اکين ۾ ويچارپ ڀرجي ويندي اٿس.... مان سندس ويچارپ ڏسي ناهيان سگهندو.... سموڪرس ڪارنر سان منهنجي دوستي ٿي وئي آ.“
    هوءَ مسلسل سندس منهن ۾ گھوريندي رهي.
    ”هوُ به بلڪل توهان وانگر هو.“ مُرڪندي چيائين.
    ”مون وانگر هو؟“
    ”ها.“
    ”هوبهو.“
    هن کي ڏک جي لهر ڇُهي وئي.
    ”هُو ڪيرُ هو؟“ هو غير ارادي طور پڇي ويٺو.
    ”هُو شاعر هو.“ هن جي مُرڪَ وڌيڪَ گهري ٿي وئي. ۽ هُو اڃا وڌيڪ اداس ٿي ويو.
    ”هن کي سمنڊ جي لهرن، دل جي موسمن ۽ آسمان سان اُنس هو.... چنڊ ۽ تارن سان هن جي دوستي هئي. بس هو ائين ئي هو.“
    ”ائين ڪيئن؟ مطلب؟“
    ”ائين جيئن شاعر هوندا آهن... اجھل، اڻ ٿانيڪا، باهه جا ٽڪر، اداسيءَ جا عاشق...“ سندس لهجو ڏکارو ٿي ويو. آس پاس چُپ ڇانئجي وئي.
    ”بس..... معمولي ڳالهه تان ڪاوڙيو ۽ غير معمولي قدم کڻي الاءِ ڪيڏي هليو ويو ۽ منهنجي اکين ۾ اداسي پوکي ويو. “
    اکين ۾ ڏک جا پاڇا لڏڻ لڳس ۽ هُنَ دل تي ڇانيل ڏک جا بادل هٽندا محسوس ڪيا.
    ”منهنجا ڪُليگ هر وقت پروموشن، انڪريمينٽ، بئنڪ بئلنس ۽ پراپرٽي جي سرڪل ۾ ڦرندا رهندا هئا ۽ هو سموڪرس ڪارنر جي هن بئنچ تي ـــ جِتي هينئر اوهان ويٺا آهيو ـــ مون سان دل جي اڪيلائي، خوابن جي اڻت ۽ اداسيءَ جي اٺين پهر جون ڳالهيون ڪندو هو. اداسيءَ جو اٺون پهر سندس من پسند موضوع ۽ وقت جو سڀ کان وڻندر لمحو هو“
    هن ڄڻ پاڻ سان پئي ڳالهايو.
    ”ٻڌو.... هينئر هينئر هڪ عجيب ڳالهه ٿي گذري.“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    ”مون کي لڳو ڄڻ اداسيءَ جي اٺين پهر جي ڳالهه اڳ به ڪٿي اوهان مون کي ٻڌائي آهي“.سندس ڳالهه تي هوءَ مُرڪي پئي.
    ”نه. اها ڳالهه مون اڳ ڪڏهن به نه ٻڌائي آ. اوهان کي. اڳ ته پاڻَ ڪڏهن مليا ئي نه آهيون. پر اصل ۾ ڪجهه ڳالهيون زبان مان نڪرڻ کان اڳ ئي ٻڌڻ ۾ اچي وينديون آهن... ائين جيئن مينهوڳيءَ جي مند ۾ گوڙ جو آواز بعد ۾ ٻڌبو آهي ۽ کنوڻ جو تجلو اڳ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آهي.... احساس ۽ جذبي جي رفتار روشنيءَ کان به وڌيڪ آهي....“
    هن ٿڌو ساههُ کنيو. سموڪرس ڪارنر سُرهو ٿي ويو.
    ”هو چوندو هو آواز، روشني، جذبو ۽ احساس هن ڪائنات جو بنيادي جوهر آهي... ۽.... “
    ”هو به سموڪر هو“. هن سندس جملي جي وچ ۾ چيو ۽ پوءِ پنهنجي تڪڙ تي پشيمان ٿي ويو. هن جي اکين ۾ خاموشي ڦهلجي وئي.
    ”مان هميشه سندس برانڊ جا سگريٽ پرس ۾ رکندي هئس ته جيئن جنهن مهل ضرورت محسوس ڪري ۽ پاڪيٽ خالي هجيس ته مان کيس سگريٽ ڏيان. مان سندس اکين ۾ ڪنهن به شيءِ جي ”اڻ هوند“ جو عڪس ڏسي نه سگهندي هئس“.
    هوءَ آسمان ڏي ڏسڻ لڳي.
    ۽ هن پاڻ کي آسمان وانگر خالي خالي محسوس ڪيو.
    ”توهان لاءِ به ته هوءَ پرس ۾ سگريٽ ۽ اکين ۾ اوسيئڙا رکندي هوندي؟“
    غير متوقع ۽ اوچتي سوال کيس ڇرڪائي ڇڏيو.
    اندر ۾ پري پري تائين رُڃ ڦهلجندي محسوس ڪيائين.
    ”ها.... هوءَ منهنجي لاءِ اکين ۾ انتظار ۽ پرس ۾ سگريٽ رکي هان پر....“
    ”پر ڇا؟“
    ”پر اسين هڪڙي پن ڇڻ رت ۾ ملياسين ۽ ٻيءَ ۾ وڇڙي وياسين. وچ وارو بهار اسان جي اکين مان لڙڪن وانگر وهي ويو.“
    ”پر ڇو؟“
    ”ڏوهه منهنجو هو. کيس اها ڳالهه چيم، جيڪا چوڻ نه گهربي هئم. شايد سڀ ڳالهيون چوڻ لاءِ نه هونديون آهن.“
    ”اهڙي ڪهڙي ڳالهه هئي؟“ هن بي ساخته پڇي ورتو. ۽ پنهنجي تڪڙ تي حيران رهجي وئي.
    کيس چيو هئم ”توکان سواءِ زندهه رهي نه سگهندس. وقت مون لاءِ جلاد ٿي ويندو“. تڏهن کان وٺي مون کي امتحان جي اُس ۾ بيهاري ڇڏيائين. بي اعتباريءَ جي صليب تي ٽنگي ڇڏيائين.... هوءَ بي اعتباريءَ جي وبا ۾ ويڙهيل جنريشن جي ڇوڪري هئي. منهنجي آڱرين مان رت وهندو رهيو پوءِ به يقين نه آيس.... ۽ پوءِ مان رت ڳاڙيندو امتحان جي ڪمري مان ٻاهر نڪري آيس.... وري ڪڏهن به واپس نه ويس.“
    هن جي اکين ۾ ڳوڙها جرڪڻ لڳا.
    ”هي لڙڪ ڏک جا نه پڇتاءَ جا آهن... مان هي لڙڪ هميشه سانڍي رکنديس.“
    گلابي ٽشوءَ سان اکيون اگھي ٽشو پرس ۾ رکي ڇڏيائين.
    ”توهان به شاعر آهيو؟“
    ”نه مان شاعر ته ناهيان پر منهنجي دل شاعرن جهڙي آهي. الاءِ ڇو مون کي وسڻ کان سواءِ موٽي ويل برساتون، سمنڊ جون بي چين لهرون، خزان جا ڇڻڻ لاءِ منتطر پن، شامَ مهل دروازن تي نظر ايندڙ تالا ۽ اسٽيشن تان گذري ريل گاڏيون اداس ڪري ڇڏينديون آهن. مان اداسيءَ جو اٺون پهر ٿي پوندو آهيان.....“ هوءَ ڪڪرن جيان ڀريل اکين سان ڏانهس ڏسڻ لڳي.
    هڪ ئي وقت ٻئي ڏک جي پنجين موسم ڀوڳڻ لڳا ۽ هڪ ئي وقت ٻنهي ساڳي ڳالهه سوچي: ”ڪجهه ماڻهو بلڪل هڪ جهڙا ڏک ڏسندا آهن... فرق رڳو زمان ۽ مڪان جو هوندو آهي.“
    ۽ هن چوڻ چاهيس ته ”ڇا هڪ جهڙا زخم سانڍيندڙ ٻه شخص هڪ ٻئي لاءِ مرهم ٿي نٿا سگهن؟“
    پر چئي نه سگهيو.
    هن جي اوجاڳيل اکين ۾ ڪنهن لاءِ به گنجائش نه هئي.
    سندس اکين جي سڀني ڪُنڊن ۾ هو سمايل هو.
    هن سگريٽ جو آخري ڪش هڻي فلٽر ائين ايش ٽري ۾ مروڙي ڇڏيو ڄڻ اهو فلٽر نه هو سندس اندر ۾ ڦٽل خواهش جو گؤنچ هو. خواب جو سلو هو.
    ”خبر اٿو هو پنهنجون شامون ڪيئن گذاريندو هو.“
    هن هڪ دفعو وري خواب ۾ داخل ٿيندي ڳالهايو:
    ”هن بابت مون کي ڪجهه به نه ٻڌايو. آخر منهنجو هن سان ۽ هُنَ جو مون سان ڪهڙو واسطو؟..... اهو اوهان جو ذاتي معاملو آ.... پليز....!!“
    پهريون دفعو سخت لهجي ۾ ڳالهايائين.
    هوءَ مُرڪي پئي.
    سموڪرس ڪارنر جي وڻن، ڀتين ۽ بئنچن تي شامَ لهي آئي.
    ”منهنجي خيال ۾ هاڻي هلڻ گهرجي“، شامَ ڏي اهڙي موهه مان ڏسندي چيائين ڄڻ اها سندس سهيلي هئي جيڪا کيس پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ آئي هئي!!
    هو برف جيان منجمند ٿي ويو ۽ چاهيندي به کيس چئي نه سگهيو ته فقط تنهنجي هٿن جو لمس ئي مون کي زندهه ڪري سگهي ٿو... نه ته سؤ سورج گڏجي به مون کي آبشار بڻائي نه سگهندا.
    هن ساڳي گهري خاموشيءَ سان پرس مان سندس برانڊ جو سگريٽ ڪڍي کيس ڏنو ۽ مُرڪندي ٻه قدم کڻي ڀرسان بيٺل شامَ جي اکين ۾ تحليل ٿي وئي.


    پنجين ڏسا

    ”ٻُڌ!؟“
    ”هون!“
    ”جاڳين پئي؟“
    ”ها،“
    ”هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ،“
    ”هون.... چئُه!“
    ”هُو ڪير هو؟“
    ”ڪير هو؟؟“
    ”هُو جيڪو آيو هو.“
    ”ڪير آيو هو؟“
    ”ڪو ته هو“
    ”خبر ناهي.“
    ”ٻڌاءِ ڪير هو.“
    ”الاءِ ڪير هو.“
    ”ڪٿان آيو هو؟“
    ”خبر ناهي.“
    ”مون کي پريشان نه ڪر. ٻڌاءِ؟“
    ”ڇا؟“
    ”اهو ئي ته هُو ڪير هو، ڪٿان آيو هو؟“
    ”خبر ناهي ڪير هو، ڪٿان آيو هو؟“
    ”تنهنجو ساڻس ڪهڙو تعلق هو؟“
    ”ڪو به نه.“
    ”جڏهن کان هو ويو آ، تون اداس رهڻ لڳي آهين!“
    ”ائين ناهي.“
    ”ته باقي؟“
    ”اها اداسي ناهي.“
    ”ته باقي ڇا آهي؟“
    ”اطمينان آهي شايد!“
    ”کلين ڳالهائين نه ٿي؟“
    ”کلڻ ڳالهائڻ خوشيءَ جو دليل ٿورئي آ....“
    ”ته باقي؟“
    ”خوشي ڪا ٻي شيءِ آ.“
    ”ته معنيٰ تنهنجا ٽهڪ ڪوڙا هئا؟“
    ”ڪوڙا ته نه هئا پر....“
    ”پر ڇا؟“
    ”پر سچ به نه هئا.“
    ”ته ڇا هئا؟“
    ”سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ هئا.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”اسين سڀ سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾ ٿا گذاريون.“
    ”فضول فلسفو نه بڪ.“
    ”فلسفو نه آهي.“
    ”ته ڇا آهي؟“
    ”سچ آهي،“
    ”منهنجي تو وٽ اهميت ناهي؟“
    ”آهي.“
    ”ڪهڙي ۽ ڪيتري؟“
    ”جهڙي ۽ جيتري ذال وٽ هڪ مڙس لاءِ هوندي آهي“
    ”جو ڪجهه تنهنجي لاءِ ڪيم، سو اجايو هو؟“
    ”ڇا؟“
    ”گهر.... سهولتون..... پئسا ڏوڪڙ؟“
    ”مون کي تنهنجي ضرورت هئي.“
    ”مان به ته تو وٽ ئي هئس.“
    ”ڪٿي هئين مون وٽ؟“
    ”ٻيو نه ته، اٺين آسمان تي هئس؟“
    ”ها. اٺين آسمان تي هئين.“
    ”ڇا مطلب، ڇا جو اٺون آسمان؟“
    ”بي ڌيانيءَ جو اٺون آسمان.“
    ””تولاءِ ته اهو سڀ ڪجهه ڪيم جيڪو....“
    ”جيڪو......؟“
    ”جيڪو عورت کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪافي هوندو آ.“
    ”مثال طور؟“
    ”گهر.... سهولتون.... پئسا ڏوڪڙ.“
    ”اها ئي ته تنهنجي ڀُل هئي.“
    ”مطلب ڇا ته؟“
    ”عورت گل وانگر ڌيان گهرندي آ. نه ملندو اٿس ته.... “
    ”ته....؟“
    ”ته مُرجھائجي ويندي آ. عورت محض....“
    ”محض؟“
    ”محض گوشت پوست ناهي.“
    ”ته باقي؟“
    ”عورت احساس آهي.“
    ”ڇا مطلب؟“
    ”عورت عورتپڻو آهي“.
    ”هميـشه توکي توجهه ڏني اٿم“
    ”هونهه“.
    ”کلين ڇو ٿي ته؟“
    ”ائين ئي.“
    ”وري به؟“
    ”واقعي ئي توجهه ڏيندو آهين.“
    ”نه ڏيندو هان؟“
    ”ڏيندو آهين پر.... “
    ”پر ڇا؟“
    ”پر جڏهن پنهنجي گهرج پوندي اٿئي.“
    ”اها بڪواز ٿي ڪرين.“
    ”اهو سچ آهي.“
    ”اهو ڪوڙ آهي.“
    ”ته سچ ڪهڙو آهي؟“
    ”سچ هي آهي ته توسان پيار جي شادي ڪئي هئم.“
    ”۽؟“
    ”ٻنهي جي اکين ۾ هڪٻئي جو عڪس رهندو هو.“
    ”هونهه.....“
    ”کلين ٿي؟“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”ائين ئي.“
    ”وري به.“
    ”شوپيس وانگر گهر ۾ رکي وساري ويٺين.“
    ”باقي گهر ۾ ويٺو تنهنجو منهن ڏسان هان؟“
    ”ڪٿي چيو هئم ته ويٺو منهنجو منهن ڏس؟“
    ”ته باقي؟“
    ”تو ته ڪڏهن ڀلجي به اکين ۾ جھاتي نه پاتي.“
    ”وقت نه ويو آهي. اڃا ٻئي پوڙها نه ٿيا آهيون.“
    ”جواني ۽ پيري جسم جو نالو ٿورئي آ.“
    ”ته باقي؟“
    ”اهو ته احساس جو نالو آهي.“
    ”تون اڃا به سهڻي ۽ جواڻ جماڻ آهين.“
    ”مان ته ان شام ئي پوڙهي ٿي وئي هئس. جنهن شام.....“
    ”جنهن شام.....“
    ”جنهن شام مون سان هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين هلڻ جو واعدو ڪيو هئي پر....“
    ”پر...؟“
    ”پر اڃا پنهنجي پسند جي پيلي ساڙهي پائي وار به نه ٻڌا هئم ته....“
    ”ته......؟“
    ”ته تون هڪ فون جي گهنٽيءَ تي پارٽيءَ سان سودو طئي ڪرڻ هليو ويو هئيان ۽ مان......“
    ”۽ تون ...... ڇا؟“
    ”۽ مان ڇُڙيل وارن وانگر وکري وئي هئس.“
    ”اها ڊوڙ ڊڪ نه ڪيان هان ته تون......“
    ”ته مان؟“
    ”ته تون اها پنهنجي پسند جي ساڙهي پائي سگهين ها.... ٻُڌاءِ؟“
    ”مان بحث نٿي ڪرڻ چاهيان. مون کي ننڊ ٿي اچي.“
    ”مون کي به ننڊ ٿي اچي پر مان سمهڻ کان اڳ .... “
    ”سمهڻ کان اڳ؟“
    ”وري به پڇڻ ٿو چاهيان.“
    ”ڇا؟“
    ”اهو ئي، ته هُو ڪيرُ هو؟“
    ”اها ته خبر ناهي ته هو ڪير هو پر.... “
    ”پر ڇا.... ؟“
    ”پر هن جي اچڻ کان اڳ آسمان پکين سان ڀرجي ويو هو.“
    ”شاعري نه ڪر.“
    ”شاعري ناهي.“
    ”ته ڇاهي؟“
    ”زندگيءَ جي ڳالهه آهي.“
    ”مون کي سوال جو جواب ڏي.“
    ”ڇا؟“
    ”تنهنجو ساڻس ڪهڙو تعلق هو؟“
    ”شايد ڪو به نه. .... شايد رڳو اداسيءَ جو.“
    ”تو هن سان ڇا ڳالهايو؟“
    ”ڪجهه به نه.“
    ”هن ڇا ڳالهايو؟“
    ”ڪجهه به نه.“
    ”ماءِ گاڊ ! گونگو هو ڇا؟“
    ”گونگو ته نه هو پر....“
    ”پر......؟“
    ”پر لفظن جو محتاج نه هو.“
    ”ته باقي؟“
    ”سڀ ڪجهه اکين ۾ هئس.“
    ”ڇا؟“
    ”هڪ بي انت خالي پڻو.“
    ”خالي پڻو ڇا ته؟“
    ”خالي پڻو ئي سڀ ڪجهه آهي، ڇو ته.....“
    ”ڇو ته.....؟“
    ”ڇو ته خالي پڻي ۾ ئي سڀ ڪجهه آهي.“
    ”مثال ڇا ته......؟“
    ”خالي پڻي ۾ پکي اڏندا ۽ .....“
    ”۽ ڇا؟“
    ”۽ ڪڪر وسندا آهن. شايد خالي پڻو....“
    ”ڇا شايد؟“
    ”خالي پڻو خدا جو آغوش آهي....“
    ”۽؟“
    ”۽ هن جي اکين ۾ هڪڙو ڏک لکيل هو.“
    ”ڪهڙو؟“
    ”ته ماڻهو محبت کان محروم ٿيندا پيا وڃن ۽.....“
    ”۽؟“
    ”دوستيءَ ۾ دغا، پيار ۾ چالاڪي ۽ رشتن ۾ سياست شامل ٿي وئي آ. ان ڪري.....“
    ”ان ڪري؟“
    ”ان ڪري ڇوڪريون محبت کان، پکي وڻن کان ۽ ٻار گهـٽين کان ڊڄڻ لڳا آهن ۽ اهو ته...“
    ”اهو ته؟“
    ”ته ماڻهن جي اکين ۾ خوابن لاءِ اسپيس نه بچيو آ....“
    ”عجيب ائبنارمل ماڻهو هو..... جسٽ ميڊيڪل ڪيس.“
    ”ائبنارمل ماڻهو نه هو، پر......“
    ”پر؟“
    ”ائبنارملٽي جي دور ۾ نارملٽي جو احساس هو.“
    ”تنهنجو اهو ساڳيو سوداءُ...... فنٽسي...... مٿان اچي رات لڙي آ.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”مون کي صبح سوير اٿڻو آهي ۽ سڀاڻي به ايندي ايندي......“
    ”ايندي؟“
    ”ايندي ايندي رات ٿي ويندي.“
    ”ان ڪري؟“
    ”سڀاڻي تون ڪنهن سائڪاٽرسٽ سان ملي وٺجان.“
    ”هونهه.“
    ”کلين ڇو ٿي؟“
    ”ائين ئي.“
    ”وري به؟“
    ”جن کي خود علاج جي ضرورت هوندي آ، اُهي.....“
    ”اُهي؟“
    ”اهي ٻين کي علاج جو مشورو ڏيندا آهن.“
    ”ڇا مطلب؟ مان بيمار آهيان.“
    ”مان بحث نه ٿي ڪيان.“
    ”بحث جو شوق مون کي به ناهي.“
    ”ته پوءِ سمهي پئه. صبح آفيس وڃڻو اٿئي.“
    ”پر سمهڻ کان اڳ وري به آ خري دفعو توکان پڇان ٿو.“
    ”ڇا؟“
    ”اهو ئي ته هُو ڪير هو؟“
    ”سچي ٻڌايانءِ؟“
    ”ها ٻڌاءِ.“
    ”هو اُداس قبيلي جو آخري فرد هو.“
    ”اُداس قبيلو؟ ڇا مطلب؟“
    ”ها دنيا ۾ اداس ماڻهن جو هڪ الڳ قبيلو آهي.“
    ”ڪٿان آيو هو؟“
    ”پنجين ڏسا کان آيو هو.“
    ”پنجين ڏسا ڇا آهي؟“
    ”پنجين ڏسا چئن ڏسائن کان ڌار طرف آهي.“
    ”ڪٿي آهي؟“
    ”جِتي چار ڏسائون ختم ٿين ٿيون، اُتان پنجين ڏسا شروع ٿيندي آهي.“
    ”پر ڏسڻ ۾ ته نه ٿي اچي.“
    ”ائين ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي.“
    ”ته باقي؟“
    ”ان لاءِ ٻاهر ڏسڻو نه پوندو آهي.“
    ”مطلب؟“
    ”مطلب ڪجهه به نه.“
    ”ته پوءِ هو ڪيڏانهن هليو ويو؟“
    ”اوڏانهن، جِتان آيو هو ۽ ويندي ويندي پاڻ سان....“
    ”پاڻ سان ڇا؟“
    ”پاڻ سان گڏ مون کي به وٺي ويو.“
    ”هونهه.“
    ”کلين ٿو؟“
    ”ها.... کل ٿي اچي.“
    ”ڇو ته؟“
    ”تنهنجو ساڳيو سوداءُ.... فنٽسي.... وهم... تون ته....“
    ”مان ته ڇا؟“
    ”تون ته مون وٽ آهين.... منهنجي بيڊروم ۾.... مون سان گڏ.“
    ”تو وٽ رڳو منهنجا هٿ، پير، چهرو ۽ وار آهن.“
    ”ته باقي هُو ڇا کڻي ويو؟“
    ”هُو منهنجي دل جي ڌڙڪن ۽.....“
    ”۽ ڇا؟“
    ”۽ اکين جون چارئي موسمون کڻي ويو.“

    * * *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515421
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ