ڪتاب جو نالو: قديم سنڌ
مصنف: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي
ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ
ڪيٽيگري: سنڌ شناسي
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 25 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 2411 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 1474 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هن ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا رڳو سماجياتي مُهانڊا يا جاگرافيائي ۽ تهذيبي حالتون ئي نه چٽيل آهن، پر سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن، هجرتن، روايتن، ريتن، رسمن، هُنرن، کاڌن، فنن، عقيدن، سماجي سرشتن، سياسي معاملن، ڌنڌن ۽ وهنوارن سميت ذري ذري جو تفصيل ڏيئي، ماضيءَ جي جيئري جاڳندڙ سنڌ کي ڄڻ ته اکين آڏو بيهاريو ويو آهي.
رکندي سنڌي ادبي بورڊ اڄ کان 47 سال اڳ 1957ع ۾ ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڻي سنڌ جي، سنڌ سان سُڃاڻپ ڪرائي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ڇپائيندڙ پاران
  • ديباچو
  • منڊ
  • سنڌ جي تاريخ لاءِ ذخيرو
  • باب پهريون : تاريخ کان اڳ جو زمانو
  • باب ٽيون : مهن جو دڙو ۽ ان جي کوٽائي
  • باب چوٿون : مهن جي دڙي واري عاليشان سڀيتا
  • باب پنجون : آرين جو آڳاٽو احوال
  • باب ڇهون : رگ ويد وارو زمانو
  • باب ستون : آرين جا خاندان ۽ بيٺڪون
  • باب اٺون : آرين جي سڀيتا جو اوائلي احوال
  • باب نائون : راڄنيتي جوڙجڪ ۽ بادشاهتون
  • باب ڏهون : آرين جي گهرو جيوت ۽ عقيدا
  • باب يارهون : مکيه ڌنڌا، هنر ۽ ڪاريگريون
  • باب ٻارهون : وڻج واپار ۽ ڏيساورن ۾ بيٺڪون
  • باب تيرهون : ٻولي، آئيويٽا ۽ ساهت
  • باب چوڏهون : علم ۽ تعليم جو انتظام
  • باب پندرهون : نيتي يا اخلاق
  • باب سورهون : سناتن ڌرم

  • ڇپائيندڙ پاران

    اڻ کُٽ محنت، بيمثال تخليقي جوهر ۽ مطالعي توڙي مُشاهدي جي اڻاٺ سبب سنڌ جي ادبي ۽ علمي کيتر ۾ شاندار پيشقدميون ختم ته نه پر رُڪجي ضرور ويون آهن. تاريخ، فن، موسيقي ۽ ٻين رُخن ۾ جيڪا اڄ کان اڌ صدي اڳ عرق ريزي ڏسڻ ۾ آئي، سا اڄ تمام گهڻي گهٽجي چُڪي آهي. هاڻي ورلي ئي ڪا اهڙي تحقيقي (پر تفصيلي) تحرير پڙهڻ لاءِ ملي ٿي، جيڪا پڙهندڙ جي ڄاڻ توڻي فهم ۾ قدر جوڳو اضافو ڪري سگهي. سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سڀني چاهيندڙن لاءِ اها صورتحال نهايت ڏکوئيندڙ ۽ پريشان ڪندڙ آهي ۽ انهيءَ حالت منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
    ظاهر آهي ته نئين راهه ۽ سنئين رُخ تي هلڻ لاءِ پاڻ کي ڪجهه اهڙن ليکڪن، ڪتابن ۽ راهبرن جي ضرورت آهي، جيڪي سنڌ واسين جو زندگيءَ مان وڃايل ويساهه بحال ڪرڻ جو هُنر ڄاڻندا هُجن. ڪاڪي ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ جو هيءُ ڪتاب ”قديم سنڌ“ هڪ اهڙي ئي ڪاوش آهي، جيڪا سنڌ واسين کي يقين ڏياري سگهي ٿي ته سندن تاريخ ۽ تهذيب دنيا جي گولي تي خاص قسم جي اهميت رکي ٿي. مان سمجهان ٿو ته انهيءَ يقين جي آڌار تي سخت پورهيو ڪندي سنڌ ۾ فڪري ۽ علمي جاڳرتا جو علم بلند ڪرڻ ممڪن ئي نه پر آسان به ٿي سگهي ٿو.
    هن ڪتاب ۾ قديم سنڌ جا رڳو سماجياتي مُهانڊا يا جاگرافيائي ۽ تهذيبي حالتون ئي نه چٽيل آهن، پر سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن، هجرتن، روايتن، ريتن، رسمن، هُنرن، کاڌن، فنن، عقيدن، سماجي سرشتن، سياسي معاملن، ڌنڌن ۽ وهنوارن سميت ذري ذري جو تفصيل ڏيئي، ماضيءَ جي جيئري جاڳندڙ سنڌ کي ڄڻ ته اکين آڏو بيهاريو ويو آهي. انهيءَ سنڌ تي نگاهه وجهندي هر سنڌيءَ جو ڪنڌ فخر سان بلند ٿي سگهي ٿو ۽ منجهس اڳتي وڌڻ جو ساهس پيدا ٿيڻ لڳي ٿو.
    ليکڪ جي محنت ۽ ڪتاب جي اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ادبي بورڊ اڄ کان 47 سال اڳ 1957ع ۾ ڪتاب جو پهريون ڇاپو آڻي سنڌ جي، سنڌ سان سُڃاڻپ ڪرائي. هن ڪتاب علمي ۽ ادبي حلقن ۾ وڏو چوٻول پيدا ڪندي فخرمند مڃتا ماڻي ۽ ڪاڪي ڀيرومل کي سنڌي ساهتڪارن جي پهرين صف ۾ اچي بيهاريو. ٿورڙي عرصي کانپوءِ ”قديم سنڌ“ محققن ۽ عالمن ۾ ماخذ جو درجو حاصل ڪيو ۽ سنڌ بابت ڪنهن به تحقيقي ڪم ۾ بنيادي پٿر جي حيثيت ماڻي ورتي.
    ”قديم سنڌ“ جو آخري ڇاپو 1992ع ۾ پڌرو ٿيو ۽ فورن هٿو هٿ وڪامي ويو. گُذريل ڪيتري وقت کان ”ڪتاب گهر“ جي مئنيجر جي سفارش هئي ته ڪتاب جو نئون ڇاپو جلد از جلد پڌرو ڪيو وڃي. بحيثيت سيڪريٽري جيئن ئي منهنجي سامهون ”قديم سنڌ“ کي چوٿون دفعو ڇاپڻ جي گذارش پهتي ته مون انتهائي ڪٺن مالي حالتن ۾ به ترجيحي طور تي انهيءَ حوالي سان اُپاءَ ورتا ۽ اڳڀرائي ڪئي. اڄ خدا جو شڪر آهي ته هي ڀلو ڪم منهنجي هٿان ٿي رهيو آهي. اُميد آهي ته لائق پڙهندڙ پڻ ساڳي پاٻوهه سان هن ڇاپي جي آجيان ڪندا.

    10 – آگسٽ 2004ع
    بمطابق
    23 جمادي الثاني 1425هجري
    انعام الله شيخ
    سيڪريٽري
    سنڌي ادبي بورڊ


    ديباچو

    سنڌ جو پرڳڻو جهڙو آهي پاڻ قديم، تهڙو ئي آهي سندس نالو قديم. رگ ويد جهڙي جهوني پستڪ ۾ به اهو ئي نالو ڄاڻايل اٿس، جنهنڪري چئبو ته سڄيءَ دنيا جي ساهت ۾ انهيءَ کان آڳاٽو نالو ٻيو آهي ئي ڪونه. اها اسان جي سنڌ آهي، جنهن ۾ سڀيتا جو سج به اُنهيءَ آڳاٽي سمي ۾ اُڀريو هو، جنهن سمي ۾ دنيا جون ڪيتريون قومون اڃان سياري جي سوڙ تاڻي سمهيون پيون هيون، ۽ پوءِ سجاڳ ٿيون، ته به ڪيترو وقت سنڌ جي سنگين ململ سان پنهنجو بت ڍڪينديون هيون. اهو رواج الهندي ايشيا، مصر ملڪ، ڀونوچ سمنڊ وارن ڪنارن، بلڪ يورپ ۾ ڪيترن هنڌ هو. انهن سڀني هنڌ هندو سڀيتا جو ڦهلاءُ به ڪيتري قدر اسان جي سنڌو ماٿر جي رهاڪن ڪيو، جي ڳالهيون ثابتين ۽ سَندَن ساڻ هن ڪتاب ۾ ڄاڻايون ويئون آهن. اهي پرانهان پاسا ته ڇڏيو، پر خود سڄي ڀارت کنڊ ۾ پهريائين پهريائين سنڌو ماٿر هئي، جنهن رگ ويد واري قديم زماني ۾ ئي پنهنجيءَ اعليٰ درجي جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي ڪري اهڙو ته نالو ڪڍيو، جو پوءِ سڄو هندو جاتي ۽ سڄي هندستان سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيا. اهو ٺپو سڄي هندستان تي اهڙو ته هڻي ڇڏيو اٿس، جو ڪڏهن به ڪنهن جي ميٽڻ جو ڪونهي.
    کــنڀ نــه کــاري تنهن کي، جو هالاري هوءِ،
    توڙي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لعلي اُن جي نه لهي
    - شاهه
    ويدن ۾ آڳاٽو رگ ويد آهي، جنهن جي منڊل ڏهين جي سُوڪت پنجهتر ۾ انهيءَ قديم زماني جي هڪ رشيءَ ان وقت ئي سنڌ جي سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي واکاڻ جا ڍڪ ڀريا آهن! ويدن کانپوءِ هندن جا اتهاس ۽ پراڻ آهن، انهن کانپوءِ ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن جا ڌرمي پستڪ آهن. انهن سڀني ڌرمي پستڪن ۾ ساندهه ڏسبو ته سنڌ جي هڪڙي نه ٻي ساک لکي پيئي آهي. گوتم ٻڌ کان گهڻو پوءِ، ۽ سڪندر اعظم کان ٿورو ئي وقت اڳ جا احوال ڏسو ته انهن منجهان به ائين ئي معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جي پرڳڻي ڏيسان ڏيس پنهنجو ڌاڪو اهڙو ته وجهي ڇڏيو هو، جو ايران، اسيريا، بابل (بئبلونيا) بلڪ يورپ جي ڪن قومن کي انهيءَ وقت به سڌ هئي، ته سنڌ نهايت ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو آهي، ۽ انهيءَ ڪري ايرانين ۽ يونانين جو وات پاڻي پئي ٿيو، ته ڪيئن به ڪري اهو ڌن بڪليو (ڌن سان ڀريل) پرڳڻو پنهنجي قبضي ۾ ڪجي. اهو ئي هڪ مکيه سبب هو، جنهنڪري وقت بوقت ڌاريون قومون سنڌ تي ائين پئي پييون، جيئن مُلان مِڙن ڀَتَ تي!
    اڳيون ڳالهيون ڇڏي، ويجهڙائيءَ جي ڳالهه ويچاريو: سنه 1922ع ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جي ڪوڏر جو هڪڙو ئي لپو مهن جي دڙي ۾ لڳو، ته اهڙيون ته حيرت جهڙيون حقيقتون زمين جي پيٽ مان نڪري پڌريون ٿيون، جن دنيا جي وڏن وڏن عالمن جون اکيون کوليون آهن، ۽ هاڻ ڪيترا ماڻهو ڪٿان جو ڪٿان ڪَهي، مهن جي دڙي جي درشن لاءِ اچن ٿا.
    اهي سڀ ڳالهيون اسان سنڌي ماڻهن لاءِ فخر جو باعث آهن. پنهنجي ديس لاءِ فخر، وطني حب جو هڪ مکيه لڇڻ آهي. اهو لڇڻ اسان ۾ وڌي، اسان کي سچو وطن دوست تڏهن بنائيندو، جڏهن اسين پنهنجي پرڳڻي جي آڳاٽي اوج جو دل ۾ دور ڪري، ۽ وڌيڪ ترقي لاءِ حال جو خيال ڪري، پنهنجو ارواهه مستقبل سان ملائي ڇڏينداسين. پوءِ آڳاٽي اوج جو فخر ۽ آئيندي جا آسرا اسان ۾ نئين جيوت ڦوڪيندا، ۽ عجيب اُتساهه پيدا ڪندا. هن وقت اسانجيءَ سڳوريءَ سنڌ ۾ حالت هيءَ آهي ته تاريخ توڙي ٻين ڳالهين جي کوجنائن جو چاهه اسانجن ماڻهن ۾ گهڻو گهٽ آهي، جنهنڪري اهو لڇڻ اسان ۾ اڃان اهڙو زور نه آهي.
    ٿورا ورهيه ٿيا، ته مان پنهنجي سر تاريخ جو ايتريقدر اڀياسي نه هوس جيتريقدر ٻوليءَ جو، پر تاريخي ڳالهين جي کوجنائن جو خيال به ٻوليءَ جا اڀياس ڪندي آيم. سن 1937ع ۾ دل ۾ آيو ته ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جوڙيان، جنهن ۾ قديم سنڌ ۽ ان جو جيڪو اثر سنڌي ٻوليءَ تي ٿيو آهي، سو به ڄاڻايان. مون کي اهڙي هڪڙي تاريخ به ڏسڻ ۾ ڪانه آئي، جا مونکي انهيءَ ڪم لاءِ ڪارائتي ٿئي! هيءَ ڏک جهڙي حالت ڏسي، ٽي ورهيه ساندهه محنت ڪري، ڏيڍ سؤ کن ڪتابن مان قديم سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا احوال ويهي ڪڍيم. ڪنهن ڪتاب مان فقط هڪ ٻه فقرو ته ڪنهن مان رڳو ٻه ٽي سٽون مليم؛ پر اهي ذرا پرزا به ويهي ڳنڍيم، ته چڱي خاصي تاريخ تيار ٿي پيئي. ائين خاص پنهنجي لاءِ قديم سنڌ جي تاريخ جوڙي، پنهنجو ڪم شروع ڪيم. فيبروري 1941ع ۾ ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ڇپائي پڌري ڪيم، ته ڪيترن اُها چاهه سان پڙهي خاص هن ڪري جو قديم سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي جنم ۽ ويدن واري زماني کان وٺي عربن جي ڪاهن تائين ان ۾ ڏني هيم، ۽ اهڙي تاريخ ٻئي ڪنهن به ان وقت تائين ڇپائي پڌري نه ڪئي هئي. ٻوليءَ جي تاريخ به اڳي ٻئي ڪنهن به ڪانه لکي هئي. مون پوءِ تاريخ جي وڌيڪ احوال ڪٺي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اپريل 1936ع کان وٺي سنڌ جو صوبو بمبئي کاتي کان ڇڄي ڌار ٿيو آهي، ته ضروري سمجهيم ته سنڌ جي تاريخ به ڌار هئڻ گهرجي. اها ضرورت سنڌ سرڪار به محسوس ڪئي.
    آگسٽ 1940ع ۾ سنڌ سرڪار سنڌي ادب (ساهت) لاءِ هڪ مرڪزي صلاحڪار بورڊ ڪراچيءَ ۾ برپا ڪيو، جنهن تي ٻين ڪمن سان گڏ هيءُ ڪم به رکيائين ته سنڌ جا ملڪي ۽ پنگتي احوالن جي تاريخ به تيار ڪرائي وڃي. انهيءَ بورڊ، جو هڪ ميمبر مان به آهيان. هن ڪم لاءِ سنڌ سرڪار ڪو انعام ڏيڻو ڪونه ڪيو هو، ته به بورڊ جي منظوريءَ سان اهو ڪم مون پاڻ تي کنيو، ته پنهنجي اڀياس جو فائدو پنهنجي ديس ڀاين کي به ڏيان. مون پوءِ ٻيا ٻه ورهيه محنت ڪري، قديم سنڌ جي تاريخ لاءِ وڌيڪ ذخيرو ڪٺو ڪيو، جو سمجهان ٿو ته ٽن جلدن ۾ ورهائڻو پوندم. هن وقت تائين پنهنجيءَ رٿيل تاريخ جو رڳو هيءُ پهريون جلد پورو ڪري سگهيو آهيان.
    هن جلد ۾ سنڌ جي جنم، مهن جي دڙي ۽ رگ ويدڪ زماني جي سڀيتا جو ذڪر آهي. سنڌ جي جنم ۽ ٻين آڳاٽين جاگرافيءَ جي ڳالهين جو مضمون جيالاجيڪل کاتي وارن جي کوجنائن جي احوالن مان ڪڍيو اٿم. مهن جي دڙي بابت حقيقتون، آرڪيالاجيڪل اتي وارن جي ساليانين رپورٽن، سرجان مارشل، ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي، مسٽر رکلداس بئنرجي، راءِ بهادر راما پرساد چند ۽ ٻين عالمن جي لکيل ڪتابن مان مختصر طرح ڏنيون اٿم. رگ ويدڪ زماني جي سڀيتا جون ڳالهيون ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي جوڙيل ڪتاب ”رگ ويدڪ ڪلچر“ مسٽر پي. ٽي. سرينواس آينگر جي ڪتاب ”منترن جي زماني ۾ قديم هندستان جي جيوت“ ڊاڪٽر راجيندرلال متر جي ڪتاب ”انڊو آوينس“، ڊاڪٽر جي. ميوئر جي اصلوڪن سنسڪرت مضمونن، لوڪمانيه تلڪ جي ڪتابن ”اورين“ ۽ ”آرڪٽڪ هوم“، پروفيسر مئڪس ملر، بابو روشين چندر دت ۽ ٻين ڪيترن يوروپي توڙي ڏيهي عالمن جي جوڙيل ڪتابن مان ڪڍي، پوءِ هڪ ٻئي سان ڀيٽيون اٿم. انهيءَ ڀيٽ ڪرڻ لاءِ سبب هيءُ هو، جو شروع ۾ پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ٻين ڪيترن يوروپي عالمن رگ ويد ۽ هندن جي ٻين ڌري پستڪن مان ڪي اهڙا انومان ڪڍيا هئا، جو حقيقتن جي برخلاف هئا، ۽ مفت ڪي غلط فهميون ڦهلايون هئائون، جن کي پوءِ اسان جي ڏيهي عالمن رد ڏنو هو. اهڙيءَ حالت ۾ آڳاٽن توڙي هاڻوڪن کوجنائن ڪندڙن جون ڪٺيون ڪيل سڀ ڳالهيون تنقيد جي تارازيءَ ۾ توري، پنهنجو هيءُ ڪتاب بنهه تازين کوجنائن پٽاندر جوڙيو اٿم. هر هڪ ڳالهه جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جو اهو ساڳيو نمونو اختيار ڪري ٻئي جلد ۾ باقي رهيل ويدڪ ساهت، ۽ اتهاسن ۽ پراڻن مان سنڌ جا احوال ڏيڻا اٿم، ۽ ڪجهه ذڪر مڌيه ديش وارن آرين جو به ڪرڻو اٿم، جو سنڌ سميت سڄي هندستان جي ڪيترين ريتن رسمن ۽ ٻين ڳالهين جو بنياد انهن وڌو هو. ٻيءَ طرح به قديم سنڌ جي تاريخ ڪجهه قدر مڌيه ديش جي تاريخ سان ڳنڍي ڳُتي پيئي آهي. ٽئين جلد ۾ ڪلجڳ جي شروعات کان وٺي، عربن جي ڪاهن تائين احوال ڏيڻا اٿم. انهيءَ ريت قديم سنڌ جي هندن جي صاحبيءَ جي تاريخ انهن ٽنهي جلدن ۾ اچي ويندي.
    ڪنهن به تاريخ ۾ جيڪڏهن رڳو سنبت ۽ سن ڄاڻائي، آڳاٽن حاڪمن جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏبا، ۽ سندين جنگين جو ذڪر ڪبو ته اها ڪا تاريخ نه چئبي. اهڙيون حقيقتون تاريخ جو رڳو بوتو بنائين ٿيون. انهيءَ بوتي ۾ روح تڏهن پوي ٿو، جڏهن ان وقت جي ماڻهن جي روز مرهه جي جيوت جو ذڪر ڪجي ٿو. سچي پچي تاريخ ئي اها آهي، جنهن مان آڳاٽن ماڻهن جي رهڻيءَ ڪهڻيءَ، خيالن ۽ جذبن، ريتن رسمن، ڌرم ڪرم ۽ ساهت جي سڌ پوي ٿي. انهيءَ منجهان ئي پوريءَ ريت پتو پوي ٿو ته تهذيب يا سڀيتا جي شروعات ڪيئن ٿي، وقت بوقت ان جي ترقي ڪيئن ٿي، ۽ هن وقت جيڪي ريتون رسمون ۽ ڌرمي ڳالهيون آهن، تن جو بنياد ڪيئن پيو. هڪواريءَ اها سربستي سڌ پوندي، ته پوءِ اهو سمجهڻ سولو ٿيندو ته آڳاٽن ماڻهن ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون خوبيون هيون جي اسان کي به گرهڻ ڪرڻ گهرجن، ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون منجهن خاميون هيون، جن کان اسان کي پاسو ڪرڻ گهرجي. قديم زماني جي تاريخ پڙهڻ جي هڪ مکيه مراد آهي ئي اها ته آڳاٽن ماڻهن جي آزمودي جو فائدو وٺي، اسين پنهنجي لاءِ اهڙي واٽ گهڙيون، جو اڳين کان اڳرا ٿيون ۽ پنهنجن پوين لاءِ به مثال ٿيون. اهڙين حقيقتن ڏيڻ ڪري، نه رڳو تاريخ جو مضمون پاڻمرادو سلوڻو ۽ سوادي ٿئي ٿو؛ پر نهايت نصيحت آميز ۽ ڪارائتو به ٿئي ٿو. انهيءَ سبب هن تاريخ جوڙڻ ۾ مون مدد رڳو انهن ڪتابن تان ورتي آهي، جي بنهه ڀروسي جهڙا آهن، ۽ سَند ڪري ليکجن ٿا. ضروري هنڌن تي اهي سَندون به ڄاڻايون اٿم ته پڙهندڙن کي سڌ پوي ته اهي ڳالهيون مون ڪهڙن ڪتابن ۽ مخزنن مان ڪڍيون آهن؛ ۽ جي مرضي پوين ته ڀلي اهي مخزنون ۽ اصلوڪا ڪتاب پاڻ به پڙهن، جو مون ڪيترن ڪتابن جو رڳو تَتُ هن تاريخ ۾ ڏنو آهي- گويا درياهه ليٽائي لوٽيءَ ۾ وڌو اٿم.
    قديم هندستان جون کوجنائون اول ڪن يوروپي عالمن ڪيون هيون، جن مان سنڌ جو به ٿورو احوال ملي ٿو. سندين کوجنائون جو مختصر ذڪر هتي منڍ ۾ ئي ڪيو اٿم ته پڙهندڙن کي سڌ پوي ته خود مون اهي احوال ڪٿان آندا. هندستان جون تاريخون جي هن وقت اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچن ٿيون، سي سڀ انهن کوجنائن کانپوءِ جون ٺهيل آهن. اهي اڪثر رڳو شاگردن لاءِ آهن، تنهنڪري ڪي ڳالهيون منجهن ڄاڻايون ئي ڪين اٿن، ۽ ڪن جو رڳو ٿورن لفظن ۾ ذڪر ڪيو اٿن. مون هڪ هڪ مکيه ڳالهه گهڻي قدر کولي آهي، جو سڄي هندستان جي تاريخ سنڌو ماٿر جي سڀيتا سان شروع ٿئي ٿي، ۽ ضرورت آهي ته قديم سنڌ جي تاريخ ۾ اهي احوال سر بستا هئڻ گهرجن. سنڌ جون ڪي ڳالهيون ته عيسائين جي انجيل، ته ڪي پارسين جي ”زنداوستا“ ۾ آهن، ۽ ڪي ڳالهيون مون پنهنجي سر جاچيون آهن، جن جي کوجنا اڄ تائين ٻئي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. اهي ڳالهيون مناسب هنڌن تي ڄاڻايون اٿم، جي ڪيترن پڙهندڙن کي نيون لڳنديون. هن وقت جيڪي قديم سنڌ جون تاريخون آهن، سي اڪثر ڪن پارسي ڪتابن مان ترجمو ٿيل آهن ۽ ڪن ۾ ڪي غلط ڳالهيون لکيل آهن، جن جو ذڪر به منڍ ۾ ڪيو اٿم، ته غلط فهميون دور ٿين. پراچين سنڌ جي هڪ ٻن تازين ڇپيل تاريخن ۾ ويدن ۽ اتهاسن وارن زمانن جو ٿورو ٿورو ذڪر آهي؛ پر انهن زمانن جي ماڻهن جي جيوت جو سلسليوار احوال آهي ئي ڪونه، تنهنڪري هن پهرئين ئي جلد ۾ ڪيترو ئي مضمون نئون ڏنو اٿم، جو اڳي سنڌي خواهه انگريزي ۾ لکيل تاريخن ۾ ڪونهي.
    تاريخ جو هڪ مکيه ڀاڱو جاگرافي آهي. هر ڪنهن پرڳڻي جي طبعي صورت، آب هوا ۽ ٻين ڳالهين جو پرڳڻي جي تاريخ ۽ ماڻهن جي سڀاءَ، بت جي ورڻ (رنگ)، ٻوليءَ جي اچارن، رهڻي ڪهڻيءَ وغيره تي ايتريقدر اثر ٿئي ٿو، جو جيڪر هيئين چئجي ته تاريخ ٺهي ئي جاگرافيءَ تان ٿي. انهيءَ سبب هن ڪتاب جي پهرئين پهرئين ئي باب ۾ قديم سنڌ جي طبعي صورت جو ذڪر ڪريان ها، ۽ قديم سنڌ جون حدون ٻڌائي، انهن حدن جو جيڪو اثر اسان جي پرڳڻي تي ٿيو آهي، سو ڄاڻايان ها؛ پر رگ ويد کان اڳ جي زماني جا احوال آهن ئي ڪين، جنهنڪري سنڌ جي جنم جي ڪهاڻي ۽ ٻين اهڙين آڳاٽين ڳالهين لاءِ گهڻو مدار ڀونءِ وگيان (Geology) تي رکڻو پيو اٿم. خود ڀونءِ وگيانين کي اڃا گهڻيون کوجنائون ڪرڻيون پيون آهن، جو اهڙين کوجنائن جي شروعات ئي اڃان هاڻ ٿي آهي. رگ ويد ۾ جيڪو ”سپت سنڌو“ (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن واري ملڪ) جو ذڪر آهي، تنهن مان به سنڌ جو نسل جوڙڻ ڏکيو آهي، جو ان ۾ سنڌ جي حدن جو ذڪر آهي ئي ڪونه. وڏي ڳالهه ته خود رگ ويد جي منڊل 2، سوڪت 17 ۾ خوفناڪ زلزلن جو ذڪر آهي، جن انهيءَ وقت ۾ ئي ملڪ جي طبعي صورت ۾ ڦيرو پئي آندو. رگ ويد کانپوءِ جي احوالن مان به ائين ظاهر آهي ته وقت بوقت خوفناڪ زلزلن ۽ سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين ڪيئن ساوا پاسا سُڃا، ۽ سڃا پاسا ساوا ڪيا آهن. سنه 962ع ۾ اهڙو خوفناڪ زلزلو ٿيو، جنهن بکر وارا ٽَڪَر به ٽوڙي ڇڏيا، ۽ الور ۽ ٻيا ڪيترا آباد شهر ويران ٿي ويا. سنڌونديءَ، جا الور واري ٽڪريءَ جي بنهه هيٺان وهندي هئي، تنهن پنهنجو رخ ئي ڦيرائي ڇڏيو. پڇاڙيءَ وارو خوفناڪ زلزلو 1819ع ۾ ٿيو، جنهن سنڌ جي سڄي لاڙ واري ڀاڱي جي طبعي صورت ڦيرائي ڇڏي، ۽ ڪڇ جو رڻ، جنهن مان اڳي درياهه وهندو هو، ۽ راحموڪي بازار، سنڌڙي ۽ ٻيا بندر به اُتي هئا، تن به پنهنجي سهڻي صورت ڦيرائي، ۽ برپٽ ٿي پيو. سنڌ جي هاڻوڪي طبعي صورت انهيءَ وقت کان وٺي ٿي. اهڙيءَ حالت ۾ سنڌ جي طبعي صورت وغيره جو ذڪر جيڪڏهن وچولي زماني يا هاڻوڪي زماني جي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪجي ته ٺهي؛ پر هن قديم سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙي ڪوشش ڪرڻ عبث آهي. انهيءَ هوندي به قديم جاگرافيءَ جون ٿوريون ٿوريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ مناسب هنڌن تي ڄاڻايون اٿم، ته تاريخ سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي.
    هن تاريخ جوڙڻ ۾ مون جن ڪتابن مان مدد ورتي آهي، تن مان ڪيترا قيمتي ڪتاب ڊي. جي. سنڌ ڪاليج لئبرري مان، ٿورا خالقڏنه هال ۽ فريئر هال لئبررين مان ۽ ڪي ڪن سنگتين ساٿين کان ورتا هئم، جنهنڪري ڪتابن خريد ڪرڻ جي خرچ کان بورڊ ڪيتريقدر بچي پيو. ممڪن آهي ته اڃان به ڪي ڪتاب هجن، جن جي مون کي سڌ نه هجي. هيئن به آهي ته هن وقت آرڪيالاجيڪل کاتي وارا ۽ جيالاجيڪل کاتي وارا پنهنجي پنهنجي روءِ سوءِ وڌيڪ کوجنائون ڪن پيا، ۽ ڪي يوروپي توڙي ڏيهي عالم به قديم هندستان جي وڌيڪ احوالن هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن پيا، تنهنڪري هن کانپوءِ سنڌ جي تاريخ لاءِ ڪو نئون ذخيرو ملي پوي ته عجب ڪونهي. هيءُ ڪتاب لکي مون گويا بنياد ٻڌو آهي، ته جيئن جيئن وڌيڪ احوال ملن، تيئن تيئن هن ڪتاب کي وڌيڪ مڪمل ڪرڻ سولو ٿئي.

    77، مڊل ڪلاس ڪالوني،

    ڀيرو مل مهرچند
    اجمل خان روڊ، بندر روڊ ايڪسٽينشن،
    ڪراچي. آگسٽ 1944ع


    منڊ

    قديم هندستان جي تاريخ ڪيئن جڙي
    هيءَ ڳالهه عالم آشڪار آهي ته 711ع ۾ عربن جنهن وقت سنڌ فتح ڪئي، تنهن وقت تائين قديم هندستان جي ڪابه تاريخ اهڙيءَ ريت جڙيل ڪانه هئي، جهڙيءَ ريت اڄ ڪلهه تاريخون جوڙجن ٿيون. ان وقت عربن کي سنڌ جي راءِ گهراڻي ۽ برهمڻ گهراڻي جي راجائن- راءِ ساهسي، چچ، چندر ۽ ڏاهر- بابت جيڪي احوال ماڻهن جي واتان مليا، سي قلمبند ڪيائون جي چچ نامي ۽ ٻين پارسي ڪتابن ۾ لکيل آهن. انهن احوالن تي ڪيتريقدر ڀروسو ڪرڻ گهرجي. تنهن ڳالهه تي پوءِ اينداسين – ايترو چئبو ته تڪليف وٺي ڪيترو مصالحو ڪٺو ڪيائون، جو هن وقت اسان کي جيڪر ملي ڪين سگهي ها. ڪن مسلمان عالمن پوءِ جا تاريخي احوال به لکيا؛ پر آڳاٽن احوالن جي ڪابه کوجنا نڪي هندن نڪي مسلمانن ڪئي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل تائين به اهائي حالت هئي. هينئر، جو رکي رکي، هيترين صدين کانپوءِ قديم هندستان جون تاريخون جوڙيون اٿن، جن ۾ نه رڳو آڳاٽن آرين، پر اڻ آريه قومن جا احوال به ڏنا اٿن، سو اهي ڪسابن جون ڳالهيون آيون ڪٿان؟ حقيقتاً اها ڪهاڻي هڪ عبرت جهڙي آکاڻي آهي، جا اڳيئي پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ جي منڍ ۾ ڏني اٿم. ساڳيءَ ڳالهه دهرائڻ جي ضرورت ڪانهي، تنهنڪري ٻولين جي کوجنائن بابت ٻه اکر چئي، تاريخ جي کوجنائن جو ذڪر ڪبو، ته سڄي ڳالهه ڳنڍيل نظر اچي.
    ٻولين جون کوجنائون: عيسوي پندرهينءَ ۽ سورهينءَ صديءَ ۾ پورچوگيزن، ڊچن، فرينچن ۽ انگريزن، هڪ ٻئي جي پٺيان، واپار سانگي هندستان ۾ اچي ڪوٺيون وڌيون، ته منجهائن ڪن سنسڪرت تي ڌيان ڏنو. هنن ڏٺو ته سنسڪرت ۾ گهڻيئي اهڙا لفظ آهن، جي ساڳيا ڪيترين يوروپي ٻولين ۽ پارسيءَ ۾ آهن. مثلاً سنسڪرت ”ماتر“ (ماتا، ماءُ) ۽ ”ڀراتر“ (ڀاءُ) جا اُچار پارسيءَ ۾ ”مادر“ ۽ ”برادر“ ۽ انگريزيءَ ۾ ”مدر“ (Mother) ۽ ”بردر“ (Brother) آهن. اهڙا ٻيا ڪئين ساڳيا لفظ ڏسي حيران ٿيا؛ پر سمجهي نٿي سگهيا، ته اهي لفظ يورپ، ايران ۽ هندستان ۾ ڪيئن عام ٿيا.
    سن 1783ع ۾ سر وليم جونس (1746-1794ع) منڍ بنگال جو چيف جسٽس مقرر ٿي آيو، تنهن سنسڪرت جو اونهو اڀياس ڪري ظاهر ڪيو، ته سنسڪرت، ايراني ۽ ڪيتريون يوروپي ٻوليون ساڳئي بنياد مان آهن، تنهنڪري ڪيترا لفظ ساڳيا اٿن ۽ نحوي بناوت به ڪيتري قدر هڪجهڙي اٿن. سنه 1816ع ۾ جرمنيءَ جي نامور عالم فرئنسس باپ (Francis Bopp) هڪ گرامر ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ سنسڪرت، گريڪ (يوناني) لئٽن، جرمن ۽ پارسي ٻولين جي گردانن يا ڦيرن جي هڪجهڙي ترتيب ڄاڻائي، وگيانڪ ريت ثابت ڪيائين، ته سر وليم جونس جو قياس سچو هو، ۽ اهي ٻوليون برابر اهڙيءَ قديم ٻوليءَ مان پيدا ٿيون آهن، جا هن وقت دنيا جي ڪنهن به ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ نٿي اچي. يوروپي عالمن کي علم لغات (Comparative Philology) جو پتو انهن ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان پيو. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين جو هڪ يڪو خاندان ”انڊو – يورپين“ نالي سان ڪوٺڻ لڳا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته هندستان ۽ يورپ جون ٻوليون انهيءَ ساڳئي خاندان مان آهن. *
    تاريخ جون کوجنائون: يوروپي لوڪن لاءِ هاڻ هڪ وڏو مسئلو پيدا ٿيو هو. چوڻ لڳا ته هندستان ۽ ايران، جي يورپ کان گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي هزار کن ڪوهه پري آهي، تن جي ٻولين جو پاڻ ۾ ههڙو جگري ناتو ٿيو ڪيئن؟ هيءَ پرولي سلي ڪير؟ سگهو ئي هندن جي رگ ويد مان پتو پين ته اهي آريه لوڪ هئا، جي پنهنجي نشاني اهي ويد ڇڏي ويا آهن. پارسين جي زنداوستا مان سڌ پين، ته خود ”ايران“ لفظ اصل ۾ آهي ”آئرين“ يعني ”آرين جو ملڪ.“ ايران طرف دارا بادشاهه جا اُڪرايل ڪي ڪتبايا اُڪريل نوشتا لڌائون، جن ۾ سندس خاندان جو شجرو ڏنل آهي، ۽ منڍ ۾ لکيل آهي ته ”آئون آريه آهيان ۽ آريه جو پٽ آهيان“. هن مان ظاهر ٿيو ته ايراني اصل ۾ آريه هئا ۽ پنهنجي آريه نسل جو ججهو فخر هون. هوڏانهن يورپ ڏي ”آئرلئنڊ“ آهي، جو اصل ۾ آهي ”آريه لئنڊ“ يعني آرين يا شريفن جو ملڪ. آئرلئنڊ جو قومي نالو ”ايرين“ (Eren) آهي ۽ اهو لفظ به اصل ۾ آهي ”آرين“ رڳو انهن نالن منجهان ئي جيڪر هرڪو آرين جو هو. هنن حقيقتن يوروپي عالمن کي هيڪاري حيرت ۾ وڌو، تنهنڪري انهيءَ سموري ايراضيءَ جي مکيه ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪيائون، ۽ ساڳئي وقت تاريخ جي کوجنائن ۾ پيا، ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي.**

    ڏند ڪٿائن جون کوجنائون: تايخ جي کوجنا لاءِ هيءُ رستو اختيار ڪيائون، جو هندن، ايرانين، آڳاٽن يونانين، رومن ۽ ٻين يوروپي قومن جا ڪيترا ڌرمي پستڪ هڪ ٻئي سان ويهي ڀيٽيائون. هندن جي پراڻن ۽ اتهاسن ۾ ڏٺائون ته آڳاٽن راجائن ۽ رشين جا پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهن. انهن مان يقين ٿين ته اهي سچا پچا تاريخي احوال آهن، پر اتي ئي ڪي ڳالهيون اهڙي نموني لکيل آهن، جي ڏند ڪٿائون پييون ڀانئجن. سگهو ئي معلوم ٿين ته ٻين ملڪن ۾ به تاريخ جي شروعات انهيءَ ريت ٿي هئي. پروفيسر مئڪڊونيل پنهنجيءَ جوڙيل سنسڪرت ساهت جي تاريخ ۾ ۽ ٻين ڪن يوروپي عالمن به پنهنجي ليکن ۾ پهريائين ائين پئي ڄاڻايو ته آڳاٽن آرين کي ”تاريخ“ جوڙڻ جو هنر هئوئي ڪونه، پر پوءِ جيڪي حقيقتون مليون، تن مان ظاهر ٿيو، ته اڳي هندستان، ايران، يونان ۽ ٻين هنڌ تاريخ، جاگرافي، کگول وديا، جوتش وغيره جون ڳالهيون، آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته ماڻهن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين، هينئر اهو ساڳيو نمونو خود ڪي يوروپي عالم اختيار پيا ڪن ۽ تاريخ جاگرافي وغيره ڳالهين جي صورت ۾ پيا لکن، ۽ اهو ئي نمونو عمدو سمجهيو وڃي ٿو.

    * Iran, Eran, Airan, the Airiyana of the Avesta. is the land of the Aryans. "Edward G. Browne: A Literary History of Persia. Page 4.
    * At the time at which we begin to know them, 'Arya meant noble, exalted'. Venerable; the name had become something almost sacred, it embodies the Aryan Peoples' national pride, -or a feeling deeper still more intense enduring. And inspiring: their pride of race, and that down to a very late period: for was not Dareios, the great Persian King, careful to preface his family genealogy in his famous inscriptions by the statement: 'I am an Aryan, the son of an Arya'?" L.A. RogozinL vedic India, Page 62.
    ** "Eran, Eranian is only a slightly altered form of Aryan: so is Erin, the national name of Ireland." L.A. RagozineL Vedic India. Page 62. footnote.
    ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڏند ڪٿائن جي اڀياس مان يوروپي عالمن کي سگهوئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته اهي ڏند ڪٿائون ڪن حقيقتن تان ٺهيل آهن، ۽ بي بنياد ڪينهن، انهن حقيقتن سمجهڻ لاءِ ضرور ڄاتائون ته اول اهي ڏند ڪٿائون سڀني ڌرمي پستڪن مان ڪڍي ڪٺيون ڪجن، ته پوءِ پوريءَ ريت ڀيٽ ڪرڻ ۽ انهن جو سچو پچو مطلب سمجهڻ سولو ٿئي. بس، پوءِ ته گهٽايائون ئي ڪين. هن وقت تائين هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، ايران، بئلبونيا، اسيريا، مصر ۽ يورپ جي يوناني، رومن ڪيلٽڪ ۽ ٻين قومن جي ڌرمي پستڪن مان ڏند ڪٿائون ڪڍي، ڇاپائي پڌريون ڪيون اٿن. انهن مان ڪيترا تاريخي احوال ڪڍي، جدا جدا ملڪن جون تاريخون جوڙيون اٿن، بلڪه دنيا جي تاريخ به لکي اٿن. اهي سڀ تاريخون ويجهڙائيءَ ۾ هنن کوجنائن کان پوءِ ٺاهيون اٿن، نه ته اڳي ڪين هيون.
    انهن کوجنائن مان هڪ مکيه ڳالهه هيءَ ظاهر ٿي ته ڪيتريون ڏند ڪٿائون بلڪ ديوتائن جا نالا جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا پارسين جي ”زنداوستا“ ۽ رومن ۽ يوناني لوڪن جي ڏند ڪٿائن ۾! مثلاً رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريه لوڪ آڪاس يا آسمان کي ”پتا“ (پيءُ) ۽ پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي ”ماتا“ (ماءُ) ڪوٺيندا هئا. آڪاس کي سڏيندا هئا ”ديوس بتر، (Dyus-pitra = ابو اڪاس) جنهن جو اچار لئٽن ٻوليءَ ۾ آهي ”جوپيٽر“ (Ju-piter) ۽ هينئر معنيٰ اٿس مشتري يا ورهست ديوتا. ”جوپيٽر“ جو منڍ وارو ”جو“ جو اچار يوروپي لوڪن ڦيرائي ”ٽيو“ (Tiu) به ڪيو، جنهن مان انگريزي لفظ ”ٽيوزڊي“ (Tuesday منگل) ٺهيو. سنسڪرت ”ديوس“ جو اچار يونانين ڦيري ”زينوس“ (Zeus) ڪيو ۽ اهو هڪ وڏو ديوتا ڪري ليکيندا هئا. رگ ويد ۾ آڪاس جي هڪ مکيه ديوتا جو نالو ”ورڻ“ ڄاڻايل آهي، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڍڪيندڙ“ ”ور“ Vri معنيٰ ڍڪڻ. سموريءَ ڌرتيءَ ۽ جبلن، ندين، ساگرن (سمنڊن) ۽ مها ساگرن (وڏن سمنڊن(Oceans کي آڪاس مٿان ڍڪي بيٺو آهي، تنهنڪري آڪاس جي ديوتا تي اهو ”ورڻ“ (ڍڪيندڙ) نالو رکيائون.*

    هن وقت هندو ماڻهو ورڻ ديوتا کي پاڻيءَ جو ديوتا ڪري ليکين ٿا، پر رگ ويد واري زماني ۾ ورڻ ديوتا جو وڏو واسطو تارن ڀريل رات سان هو ۽ ڏينهن جو ديوتا ”متر“ (سورج) سڏبو هو، تنهنڪري رگ ويد ۾ ”ورڻ“ ۽ ”متر“ نالا گهڻن هنڌن گڏ ڪم آيا آهن. ”ورڻ“ جو اچار پارسين جي زنداوستا ۾ ”ورين“(Vareena) ۽ يوناني ٻوليءَ ۾ ”اُرينس“ يا ”يورينس“. (Ouranous or Uranos) ”متر“ جو اچار زنداوستا ۾”مٿر“ آهي ۽ هاڻوڪي پارسيءَ ۾ ان جو اچار بگڙجي ”مهر“ ٿيو آهي؛ پر اڄ به معنيٰ اٿس ”سج“ (سورج ديوتا). سنسڪرت لفظ ”متر“ جو اچار قديم ايرانين وانگر قديم رومن لوڪ به ڪيو ”مٿر“ (Mithra) ۽ انهيءَ سبب متر ديوتا جا پوڄاري مٿريسٽ (Mithraist)سڏجڻ ۾ آيا، ۽ متر ديوتا جي پوڄا تي ”مٿر سيزم“ (Mithra-ism. Mithra-icism) نالو پيو. *
    ________________________________________
    * (1) "Dyus-pitra. 'Heavenm, the Father'. Is no other than Greek Zeus. Zeus-Pater Latin Dies-Piter. Jupiter." L.A. RagozinL Vedic India. Page 137.
    (2) The cognate dyaus. 'heaven'. Is extant. In the Greek Zeus. Gen Dios, and the name of an ancient Teutonic god Tius. Preserved in the word. Tuesday'. Dr. Martin Haug: Essays on Religion of the Parsis. Page 282 footnote
    * "Varuna" is identical with the good Uranos of the Greeks." Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred language, writings and Religion of the Parsis, Page 273. See also Prof. Max Muller's Chiops from a German workshop. ii.65.
    اڳاٽن آرين آڪاس يا آسمان کي ”ديوس پتر“ (ابو آڪاس) ۽ آڪاس جي مکيه ديوتا (ورن ديوتا) کي ساري جهان جو ”پيءُ“ ۽ پرٿويءَ يا ڌرتي کي ”ماءُ“ ٿي سڏيو. سو اڳي شاعراڻي خيال وچان اها ڳالهه پاڻ کولي ٻڌائي اٿن: افق وٽ آسمان ۽ ڌرتي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي گڏيا بيٺا آهن، گويا سندن ئي ميلاپ سان هيءُ سارو جهان پيدا ٿيو آهي، ۽ ديوتائون، انسان ۽ ٻيا ساهوارا ڄڻ ته سندن کي ڄڻيل آهن. آسمان مان برسات جون بوندون وسن ٿيون ۽ اُهي ڌرتي جهٽي ٿي، ۽ سج جي اُس به واهر ڪريس ٿي ۽ انهيءَ ريت ئي اُتيتي ٿئي ٿي. هي ڳالهيون اٿرو ويد جي منڊل ٻارهين سوڪت پهرين ۽ 42 ۾ ڄاڻايل آهن. رگ ويدن جي پٺيان ڏنل ائترييه براهمڻ گرنٿ ۾ آڪاس ۽ پرٿويءَ جي وهانءَ جو ذڪر آهي.
    ويدڪ آرين جي هيءَ نسوري شاعراڻي پلٽ اکر به اکر يوناني لوڪن جي ڏند ڪٿائن ۾ آهي، جنهنڪري انسئڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ ”يورينس“ (ورڻ ديوتا) جي ذڪر ڪندي هي لفظ لکيا اٿن
    Uranas- " Heaven, the husband of Earth, and father of Saturn and other deities. As such he represents the generative power of the sky, which fructifies the earth with the warmth of the Sun and moisture of rain."
    نامياري يوناني شاعر هومر انهن ساڳين خيالن جو ترجمو ڪري، پنهنجي هڪ شعر ۾ پرٿويءَ يا ڌرتيءَ کي ”جڳت جنني“ يعني جهان جي ماءُ(Universal Mother) ڪوٺيو آهي. انهيءَ ساڳي شعر جي سورهينءَ مصرع ۾ ڌرتيءَ کي ”پوڄا جوڳ ديوي“ (Venerable goddess) سڏيو اٿس. سترهينءَ مصرع ۾ ڌرتي کي ”ديوتا ماتا“ (Mother of the Gods) ۽ ”تارن ڀريل ورڻ ديوتا جي استري“ (Spouse of the Starry Uranos) ڪوٺيو اٿس. هي خيال ساڳيا ئي ساڳيا اهي آهن، جي رگ ويد ۽ ائترييه براهمڻ ۾ آهن. ويجهڙائيءَ ۾ پوڪوڪ صاحب ۽ ٻين ڪن عالمن وڌيڪ کوجنائون ڪري ائين ڄاڻايو آهي ته گريس يا يونان اصل وسايو ئي هندن هو؛ جنهنڪري آڳاٽن هندن جون ڏند ڪٿائون توڙي ٻيون ڪيتريون ڳالهيون يونان ۾ عام ٿيون. *

    سر وليم جونس جنهن پهريائين پهريائين سنسڪرت جو جگري ناتو ايراني ۽ يوروپي ٻولين سان ڄاڻايو هو، تنهن ڏند ڪٿائن جي کوجنائن ۾ به بهرو ورتو. پاڻ ڄاڻايائين ته هندو ماڻهو ڀاڳ جي ديوي (Goddess of fortune) کي ”لکشمي“ لڇمي) سڏيندا آهن، ۽ ان جو ٻيو نالو ”شري“ آهي، جنهن جو اچار رومن ۽ يوناني ڏند ڪٿائن ۾ ”سيريز“ (Ceres) آهي. لڇمي اُن ۽ ڌن ڏيڻ واري ديوي آهي، ۽ رومن لوڪ به ان کي ”اَن جي ديوي“ ڪري سڏيندا هئا. انهيءَ ”سيريز“ (Ceres) لفظ مان انگريزي لفظ ”سيريلس“ (Cereals) ٺهيو آهي، جنهن ۾ سڀڪنهن قسم جو اَن اچي وڃي ٿو.
    سر وليم جونس هيئن به ڄاڻايو ته قديم رومن لوڪ پنهنجو سال مارچ مهيني کان وٺي ليکيندا هئا، جنهنڪري ”جنوري“ يارهون مهينو هو، ته به ورهيه جي ٻارهن مهينن ۾ اهو مکيه ليکبو هو. هينئر ته انگريزي سال شروع ئي جنوري مهيني کان وٺي ٿئي ٿو. انهيءَ جنوري مهيني تي ”جنوريس“(Janurius) ديوتا جو نالو پيل آهي، جنهن کي رومن لوڪ ”جنوس“ (Janus)نه سڏيندا هئا. جنوري مهيني ۾ سنديس پوڄا وڏيءَ ڌام ڌوم سان ڪندا هئا، ته سڄو ورهيه سڀاڳو سدورو لڳيئون. (اڄ به نئين سال جون واڌايون جنوريءَ جي شروعات ۾ ڏيندا آهن.) رومن لوڪ ڪاه پوڄا ڪندا هئا، ته ٻين ديوتائن کي پوڄڻ کان اڳ ”جنوس“ جو نالو ڳنهندا هئا. سر وليم جونس ڄاڻايو آهي. ”جنوس“ ديوتا اهو ساڳيو آهي؛ جنهن کي هندو ”گڻيش“ سڏين ٿا. لفظ ئي ساڳيو آهي، پر رڳو اچار ٿورو ڦريل اٿس. هندو ماڻهو به سڀڪنهن شپ ڪارج مهل پهريائين پهريائين گڻيش جي پوڄا ڪندا آهن. اهو ”وگهنيشور“ به سڏبو آهي، جو سڀ وگهنم (اٽڪون يا مشڪلاتون) اهو دور ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح يوناني ڏند ڪٿائن ۽ يوناني شاعر هومر جي شعر ۾ ڄاڻايل ديوتائن جي نالن جي ڀيٽ سنسڪرت نالن سان ڪري، هڪ ڪتاب لکيائين، جو هن وقت ڪمياب آهي.***
    سر وليم جونس 1794ع ۾ گذاري ويو. کائنس پوءِ جيڪي کوجنائون ٿيون، تن منجهان به ائين معلوم ٿيو ته جرمن، يوناني، رومن ۽ ٻين ڪيترين يوروپي قومن ڌرمي ۽ فيلسوفيءَ جون توڙي ٻيون ڪيتريون ڳالهيون هندستان جي ماڻهن وٽان پرايون هيون. ڪن ديوتائن جا نالا به ساڳيا ئي ساڳيا آهن، ۽ ڪن جا جيڪڏهن ڦريل آهن، ته به انهن بابت جيڪي ڏند ڪٿائون آهن، سي هندن ڪٿائن سان ملي ٿيون اچن. مثلاً ٻڌر جي ڏينهن کي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي ”وينزڊي“(Wednesday) جو اصل ۾ آهي ”ووڊنس ڊي“ (Wodensday) يعني ووڊن(Woden) ديوتا جو ڏينهن. اهو جرمن، ڊچن، اسڪئنڊينيويا (سئيڊن، ناروي، آئيس لئنڊ ۽ ڊينمارڪ)، ائنگلو سئڪسن ۽ ٽيوٽاني قومن جو هڪ وڏو ديوتا هو. اڄ به جرمنيءَ جا هاري ناري جڏهن لابارو وجهندا آهن، تڏهن پڇاڙيءَ جا ٻه چار سنگ ووڊن ديوتا نمت ڇڏي ڏيندا آهن. پروفيسر ڪهن جو چوڻ آهي ته هن ديوتا جي شڪل شبيهه ۽ ٻين ڳالهين بابت جيڪي ڏند ڪٿائون آهن، سي ردر (شو ڀڳوان) بنسبت ڏند ڪٿائن سان ملي ٿيون اچن. پوڪوڪ صاحب ۽ ٻين ڪن عالمن ته ائين ڄاڻايو آهي، ته يونانين ۽ ٻين يوروپي قومن جون ڏند ڪٿائون هندن جي ڏند ڪٿائن منجهان ئي ورتل آهن.
    حاصل مطلب ته ٻولين جي ڀيٽ ڪرڻ سان علم لغات جو پتو پين ۽ هنن ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ (Comparative Mythology) مان هيڪاري يقين ٿين ته هندستان، ايران ۽ يورپ جي آڳاٽن آرين جي نه رڳو ٻولي ساڳي هئي، پر ڌرم ڪرم به ساڳيو هون، بلڪه حسب نسب به هڪڙو ئي هون. جرمني جا رهاڪو اڄ تائين فخر سان پاڻ کي ”آريه“ سڏائين ٿا. پروفيسر مئڪس ملر، جو پاڻ جرمنيءَ جو ويٺل هو، تنهن رگ ويد جو ترجمو ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڄاڻايو اٿس ته ”جرمن“ لفظ اصل ۾ آهي ”شرمن“ (شرما) جو برهمڻ جو لقب آهي. وڌيڪ هيئن به ظاهر ٿيو آهي ته جرمنيءَ وارن جي ڌرمي نشاني ”سواستڪ“ (Swastika)گڻيش جي پوڄا جو هڪ نشان آهي. **

    آرين جو اصلوڪو ماڳ: آڳاٽن آرين جي نه رڳو ٻولي ساڳي هئي، پر ڌرم ڪرم به ساڳيو هون، بلڪه ائين سمجهڻ ۾ آيو ته حسب نسب به هڪڙو ئي هون، تنهنڪري سڀاويڪ طرح سوال اٿيو ته هندن، ايرانين ۽ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ڪهڙي هنڌ گڏ رهندا هئا، جتان هڪ ٻئي جي ٻولي سکيا ۽ ساڳيا ڌرمي خيال به پرايائون، جنهنڪري ڏند ڪٿائون به ساڳيون اٿن؟ هن بابت ڪئين رايا ظاهر ڪيائون، جن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۽ ڪن ڪتابن ۾ ڏنل آهن؛ پر ڪن صاحبن پنهنجي ڪتابن ۾ انهن سڀني کوجنائن جو اختصار به ڏنو آهي. هتي ٻن اکرن ۾ ٻڌائجي ٿو ته علم لغات جي اُصولن ڳولي لهڻ ۾ جن صاحبن منڍ ۾ ئي چڱو بهرو ورتو هو، تن مان مکيه ائڊيلنگ صاحب هو، جو سنه 1806ع ۾ گذاري ويو. هن صاحب اهو رايو ظاهر ڪيو ته انسان ذات پهريائين پيدا ئي مشرق (پورب) ۾ ٿي هئي ۽ ڪشمير واري ماٿر ”باغ عدن“ هئي، جا اڄ به بهشت جون سڪون پيئي لاهي. پارسين جي زنداوستا ۾، خاص ڪري وينديداد جي پهرئين فرگرد ۾، ڪن مڪانن جا نالا ڄاڻايل آهن، تن مان جَي. جِي رهوڊ (J.G Rhode)صاحب کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته ايرانين جو اصلوڪو ماڳ باختر (بخترBactria) هو. اها ڳالهه 1820ع ۾ ظاهر ڪيائين. پاٽ صاحب (Pott) جي راءِ موجب اڪسس يا آمو درياءُ (Oxus) ۽ جئڪسارٽس (Jaxartes) نديون جتي ساوڪ سبزي لائي، باغ عدن بنائي بيٺيون آهن، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. سندس اهو رايو سنه 1847ع ۾ لئسن صاحب (Laseen) ۽ 1848ع ۾ جيڪب گرم(Jacob Grimm) قبول ڪيو. اهو وچ ايشيا وارو نظريو ٻين جن عالمن قبول ڪيو ۽ عام خلق ۾ گهڻو ڦهلايو، تن مان مکيه پروفيسر مئڪس ملر هو، هو صاحب پورو هنڌ پاڻ به ڄاڻائي ڪونه سگهيو، تنهنڪري رڳو ايترو چيائين ته آريه لوڪ ”ايشيا ۾ ڪنهن هنڌ“ گڏ رهندا هئا. ائين به ڄاڻايائين ته انهن ئي آرين يورپ جا ٻيٽ ۽ ڪنارا، ايشيا کان اچي والاريا هئا.
    پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين جي انهيءَ راءِ هوندي به سنه 1851ع ۾ لئٿم صاحب، سنه 1868ع ۾ فڪ صاحب، سنه 1871ع ۾ بينفي، ڪيونو ۽ ٻين صاحبن وچ ايشيا واري نظريي جي برخلاف پنهنجو آواز کڙو ڪيو. پوءِ ته کوجنا جي دوربيني ايشيا کان ڦيرائي يورپ ڏي ڪيائون ۽ ڪجهه وقت هنگاري، آسٽريا ۽ بوهيما کي آرين جو اصلوڪو ماڳ سمجهڻ لڳا، جيئن ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا جي جلد پهرئين، صفحي 169 ۾ ڄاڻايل آهي. وڌيڪ کوجنائن ڪرڻ کانپوءِ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿين ته آرين جو اصلوڪو ماڳ رشيا اسڪئنڊينيويا ۽ بالٽڪ طرف هو. ***
    هن باري ۾ ايترو چئبو، ته يوروپي عالمن ڌڪا ڪونه پئي هنيا. علم لغات، ڏند ڪٿائن جي ڀيٽ، جهوني – وٿ – وگيان (Archaeology) منکه وديا يا پرش وگيان (Anthropology) ۽ ٻين وگيانن (Sciences) جي وسيلي جيئن جيئن وين ٻيون ٻيون ثابتيون ملنديون، تيئن تيئن ويا رايا ڦيرائيندا. اسان جا ڪي ڏيهي عالم پنهنجي راءِ تي کپ کوڙ ٿي بيٺا ته آريه لوڪ اصل سپت سنڌو جا رهاڪو هئا ۽ ڪٿان ٻاهران ڪونه آيا، پر پوءِ وڻج واپار ۽ ٻين سببن ڪري ايران، وچ ايشيا ۽ يوروپ ڏي ويا.
    هن وقت تائين جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن موجب گهڻن عالمن جو چوڻ آهي، ته آڳاٽا آريه لوڪ اصل اتر قطب جي هاڻوڪن برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا، جتي ان وقت برف گهڻي ڪانه هئي ۽ ماڻهو بافرحت رهي سگهيا ٿي. جن عالمن اهو رايو ظاهر ڪيو، تن مان مکيه پروفيسر پينڪا هو، جنهن وچ ايشيا وارو نظريو بنهه غلط ٺهرايو، ۽ ڪيتريون ثابتيون ڏيئي آرين جو ماڳ اتر قطب ڄاڻايائين ۽ ائين به چيائين ته اهي اصل اسڪئنڊينيويا ۾ رهندا هئا ان وقت ڌاري بوسٽن يونيورسٽيءَ جي پريزڊنٽ (Dr. warren) ڊاڪٽر وارن هڪ ڪتاب لکيو، جنهن جو نالو رکيائين ”بهشت لڌو“*

    (Paradise Found or the Cradle of the Human Race at the North Pole).
    انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻايائين ته سڄيءَ انسان ذات جو پهريون ماڳ اتر قطب هو. قديم ڪليٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان پروفيسر راهز (Professor Rhys) کي به ائين سمجهڻ ۾ آيو ته انهن قومن جا ابا ڏاڏا اصل اتر قطب طرف رهندا هئا. اها ڳالهه پنهنجن ”هبرٽ ليڪچرس“ ۾ ڄاڻايائين، جنهنڪري وچ ايشيا وارو نظريو هيڪاري گهڻي قدر ڪاٽا ٿي ويو. *****
    وچ ايشيا واري نظريي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ لوڪمانيه بال گنگاڌرم تلڪ هنيو. اسان جي هن ڏيهي عالم ڪيتريون جيالاجيڪل ۽ آرڪيالاجيڪل ثابتيون، ۽ هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪه پارسين جي زنداوستا مان ڪيترا حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب (Arctic Home in the Vedas)”آرڪٽڪ هوم“ ۾ لکيو ته پراڻن پٽاندر آڳاٽا لوڪ ميرو پربت تي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو. اسان به اهائي راءِ قبول ڪئي آهي. جنهن لاءِ سبب ڄاڻائينداسين.
    مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾ آرين جون بيٺڪون: تاريخ جون کوجنائون اڃان هليون پئي ته مصر ملڪ ۽ ڪريٽ (Crete) ۾ ويجهڙائيءَ ۾ الهندي ايشيا ۾، کوجنائون ڪري، آرڪيالاجيڪل کاتي وارن تاريخ کان اڳ جي زماني تي هڪ نئين روشني وڌي. مصر طرف نيل نديءَ جي نزديڪ تل ال امرنه (Tel-el-Amarna) مان ڪي ڪاغذ پٽ 1880ع ۾ لڌا. انهيءَ جهوني دفتر مان معلوم ٿيو ته مصر جا فرعون ۽ مٽني (الهندي ايشيا طرف) جا راجائون هڪ ٻئي کي سڱ ڏيندا هئا. مٽنيءَ جي ڪن راجائن جا نالا ئي ساڳيا اهي هئا، جي قديم آرين جا هئا: مثلاً مٽنيءَ جي هڪ راجا جو نالو ”دشرت“ (Dusratha) هو، ۽ اهو ساڳيو نالو سري رامچندر جي پتا راجا دسرٿ جو هو. انهيءَ راجا دشرت پنهنجي هڪ نياڻي مصر ملڪ جي بادشاهه امينوفس چوٿين (Amenophis IV) سان پرڻائي، جنهن کي مٽنيءَ جي انهيءَ راجڪماريءَ مان ”گلو کپ“ (Gilukhip) نالي پٽ ڄائو، جو پوءِ وڏي هوندي مصر ملڪ جون جهونيون ريتون رسمون ڇڏي، سورج ديوتا جو پوڄاري ٿيو.
    ________________________________________
    * "I will sing of the earth, the Universal Mother, the firmly based, the most venerable, who feeds all creatures that are on the ground." Homer.
    Pocoke: India in Greece.
    * Sir William Jones: The Gods of Greece. Italy and India. PP. 4,6.
    ** Ibid
    * Professor Kuhn writes: "Both in our ancient and modern popular traditions, there is universally spoken of Wild Hunter, who sometimes appears under the name of Wodan and Goden, and was, in heathenish times, the supreme god of the ancient German nations. This god cincides, both in character and shape with the ancient Rudra of the Vedas." (Vide page 99). Quoted by R.L. MitraL Indo Aryans; Vol. ii, page 30.
    ** "There is not an English Jury nowadays, which after examining the hoary documents of language, would reject the claim of a common descent and a legitimate relationship between Hindus. Greek and Tuton." Prof. Max Muller: Chips from a German workshop, volo. I, pp./63-64.
    * "Thus Adelung regarded Kashmir as the cradle of mankind. He was followed by J.G Rhode who looked upon Bactria as the original home of the human race and later on. Pott. Lassen, and Grimm, all expressed their adherence to the Central Asian theory. It was popularized by Max Muller, Pietect, and Schleicher (1847 to 1862).
    The earliest to raise their voice against this Central Asian hypothesis were Latham (1851). Fick (1868), Benfey, Geiger (1871). And Cuno (1871). Cuno attempted moreover to demolish the assumption that Aryan blood was co-extensive with Aryan speech. He was followed by Schmidt whose new explanation as to the origin of the different languages, dealt a mortal blow to the old Migration theory. In 1880, Delbruck denied altogether the existence of a uniform Aryan Speech. Though for sometime, the older hypothesis retained many adherents, yet scholars more and more came to favour the European origin of the Aryans. Prominent among these were F. Muller (1873), Posche (1878), Lindenschmit (1880), Schrader and Penka." Naryan Chandra Bandyopadhaya, Lecturer in the Departments of Histrory and Anthropology, Calcutta University: Development of Hindu polity and Political Theories, P. 19 footnote.
    ** Dr. Isaac Taylor: Origin of the Aryans, P.12.
    * "If an answer must be given as to the place where our Aryan ancestors dwelt before their separation, I should still say, as I said forty years ago, somewhere in Asia, and no more," Prof. Max Muller: Good words, August 1887, reprinted in "Biographies of Words".
    ** Prof. Max Muller: History of ancient Sanskrit Literature.
    *** "The evidence is now all tending to show that the districts in the neighborhood of the Baltic, from there to the northern coast of the Caspian Sea, where those from which the Aryan languages first radiated and where the race of races who first spoke them originally dwelt." Charles E. Beale: History of the World's Progress, page 70.
    * Penka considers the starting point of Aryan emigration to have been Scandinavia. "History of the World's Progress, page 70.
    ** Rhys: Hibbert Lectureres, p. 673.
    *** "Even on strict philological grounds the theory of the primitive Aryan home in Central Asia has been now almost abandoned in favour of Nort Germany or Scandianavia." Sjt. B.G. Tilok The Archtic Home in Vedas, preface, p. viii


    سنڌ جي تاريخ لاءِ ذخيرو

    قديم سنڌ جي تاريخ، سنڌ جي سلسليوار تاريخ، سنڌ جي جنم کان وٺي، لکڻ ۾ اول وڏي سهوليت جيولاجيڪل کاتي وارن اسان کي ڪري ڏني آهي. اهو تاريخ کان اڳ جو زمانو (Pre-historic period) آهي يعني ان وقت جا لکيل ڪي به ڪتاب ڪينهن، تنهنڪري اسانجو سمورو مدار انهن کاتن جي ڪيل کوجنائن تي آهي. سنڌ جي جيولاجيءَ جون ڳالهيون اول مسٽر بلئنفورڊ(Mr. W.T. Blanford) ڄاڻايون، جي جيولاجيڪل کاتي وارن جي دفتر مان ڪڍي، ڌار ڪتاب جي صورت ۾ ڇاپايون اٿن. مسٽر واڙيا ۽ ٻين عالمن هندستان جي جيولاجيءَ جو ذڪر ڪندي سنڌ بابت به ٿورو احوال ڏنو آهي، پر پروفيسر پٿاوالا پنهنجي ڪتاب Marvels of Earth ۾ هڪ ڌار باب سنڌ بابت لکيو آهي. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت کان وٺي آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جيڪي کوجنائون، مهن جي دڙي کوٽائڻ کان اڳ ڪيون هيون، تن جومختصر ذڪر مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب The Antiquities of Sindh ۾ ڪيو آهي جنهن جي قيمت پنجيتاليهه رپيا آهي. انهيءَ کانسواءِ مسٽر اي-ايف بلاسس Mr.A.F.Bellasi برهمڻ آباد طرف کوجنائون ڪري انهن بابت ڌار احوال An Account of the Ancient and Ruined city of Brahmanaabad لکيو هو. ساڳيءَ طرح برهمڻ آباد ۽ منصوره بابت ميجر جنرل هيگ به گريٽ برٽن ۽ آئرلئنڊ جي رابل ايشياٽڪ سوسائٽي جي جرنل (جلد 16؛ ڀاڱو 2) ۾ چڱو احوال ڏنو هو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ضلعن ۾ جيڪي کوجنائون انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ ٿيون، سي احوال بمبئيءَ جي گورنمينٽ سينٽرل پريس 1879ع ۾ ڌار ڇپايا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ مهن جو دڙو سرڪار کوٽايو ته ان بابت گهڻي ئي ڪتاب ڇپيا آهن. جن مان سڀني کان عمدو ڪتاب Mohen Jo Daro and Indus Civilization سر جان مارشل ٻن سهڻن جلدن ۾ ڇپايو آهي، جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سؤ روپيا، بلڪ وڌيڪ) آهي.
    آڳاٽن لکيل ڪتابن مان سنڌو ماٿر جو احوال پهريائين پهريائين هندن جي رگ ويد ۽ پوءِ ٻين ويدن، براهمڻ گرنٿن، اتهاسن، پراڻن ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن جي ڌرمي پستڪن مان ملي ٿو، جنهنڪري چئبو ته ان وقت جي تاريخ روايتن يا ڏند ڪٿائن (Traditions) تي ٻڌل آهي. اهو به تاريخ کان اڳ جو زمانو آهي؛ پر ان بابت ايترو چئبو ته يوروپي ۽ ڏيهي عالمن تمام گهڻي محنت ڪري، ڪيترا ان وقت جا تاريخي احوال ڌرمي پسڪن مان چڱيءَ طرح سوڌي ڪڍيا آهن، جنهنڪري اهي به هاڻ تاريخ جي زماني وارن احوالن جهڙا مستند ليکيا وڃن ٿا، بلڪه وڌيڪ *

    عيسوي سن کان 515 کن ورهيه اڳي قديم ايرانين، پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي، سي ڳالهيون ايران طرف اڄ تائين ڪن ڪتبن تي اُڪريل آهن، انهن به اڻ پڇيو وزن لهڻو، جيتوڻيڪ اهي به تاريخ جي زماني کان اڳ جون ڳالهيون آهن. سچو پچو تاريخي زمانو هيرو ڊوسٽس جي وقت کان وٺي ليکجي ٿو. هو صاحب عيسوي سن کان ساڍا چار سؤ ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي ۽ يوروپي لوڪ کيس ”تاريخ جو ابو“ (The Father of History) ڪري سڏين ٿا. عيسوي سن کان سوا ٽي سؤ کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم پنجاب ۽ سنڌ تي ڪاهه ڪئي هئي. ان وقت جي سنڌ جا احوال يوناني تاريخ ۽ جاگرافي نويسن جهڙوڪ ٽالمي، ائرين ۽ ٻين، يوناني ٻوليءَ ۾ لکيا هئا، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو مسٽر مئڪ ڪرنڊل ۽ ٻين عالمن ڪيو. انهيءَ کانپوءِ ڪي يوناني ۽ چيني مسافر هوان شيانگ سنڌ ۾ آيا، جن به سنڌ جو ٿورو ٿورو احوال ڏنو آهي. سن 711ع ۾ عربن سنڌ فتح ڪئي، ته ان وقت سنڌ جي آڳاٽن هندو حاڪمن جا احوال هٿ ڪيائون ۽ سنڌ فتح ڪرڻ جا بيان لکيائون، جي چچ نامي ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڏنل آهن. ڪن سنڌي ماڻهن جا ٿورا ٿورا احوال ڪن. عربي ڪتابن مان به ملن ٿا. ڪڇ ڀڄ جا جيڪي جاڙيجا حاڪم آهن، سي جاڙي ولد لاکي جو اولاد آهن، جو ننگر ٺٽي جي سمن راجپوتن مان هو. گرنارڪوٽ جو حاڪم راءِ ڏياچ سن جي چوڙا سما راجپوتن مان هو. ڪيترو وقت اهي پاسا راجپوتانا سميت سنڌ سان لاڳو هئا. انهن سببن ڪري سنڌ جو ڪجهه ڪجهه احوال ڪڇ ڀڄ ۽ ڪاٺياواڙ جي تاريخ ۽ ڪرنل ٽاڊ جي ”راجسٿان“، ۽ فاربس صاحب جي ”راس مالا“ مان ملي ٿو.
    چچ نامي جي وقت کانپوءِ به ڪن مسلمانن سنڌ جون تاريخون لکيون. مثلاً مير معصوم شاهه بکري، جنهن جو منارو سکر شهر ۾ ٽڪريءَ تي اڄ تائين بيٺو آهي، تنهن سنڌ جي تاريخ پارسيءَ ۾ لکي، جا ”تاريخ معصومي“ سڏجي ٿي. ان جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سرڳواسي ديوان ننديرام ميراڻيءَ سيوهڻ واري ڪيو هو. اهو ڪتاب اڄ تائين آهي، ارغونن ۽ ترخانن جي زماني جو احوال ”بيگلر نامه“ ۾ لکيل آهي. سيد طاهر نسياني بن سيد حسن ٺٽي واري سن 1030 هجري (سن 1621) ۾ ”تاريخ طاهري“ لکي آهي. وري سن 1187 هجري (1772ع) ۾ سيد علي شير ”قانع“ ٺٽي واري ”تحفته الڪرام“ لکيو، جنهن جي ٽئين ڀاڱي ۾ سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ فاضلن، شاعرن ۽ مصنفن، درويشن ۽ اوليائن ۽ سندين ڪرامتن جو ذڪر آهي، ۽ سنڌ جي حاڪمن جو احوال آهي. ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين جو احوال ٺٽي واري محمد عظيم جي ڪتاب ”فتح سنڌ“ ۽ مير يارمحمد خان جي ڪتاب ”فريد نامه“ ۾ آهي. مسلمانن جي صاحبيءَ جي پڇاڙيءَ واري وقت ۾ ڪي يوروپي عالم سنڌ ۾ آيا هئا، جن سنڌ جا ڪي ڪي احوال اهڙا ڏنا آهن، جي آڳاٽن عرصن جي تاريخ تي روشني وجهن ٿا. مثلاً سن 1744ع ۾ ڪئپٽن اليگزانڊر هئملٽن ”ايسٽ انڊيز جو نئون احوال“ (A New Account of the East Indies) لکيو؛ سن 1816ع ۾ سر هينري پاٽنجر بلوچستان ۽ سنڌ جو سير ڪري پنهنجو سفرنامو (Travels in Baluchistan and Sindh) لکيو. ائين برنس (1831ع)، آئوٽرام (1840ع)، ڪينيڊي (1840ع)، سر رچرڊ برٽن، سرچارلس نيپئر جا لکيل ڪتاب، ميجر جنرل هيگ جو ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ائبٽ صاحب جو سنڌ جو احوال ۽ ٻين جا لکيل جملي منو سؤ کن ڪتاب مصنف کي سجهن ٿا. بمبئي سرڪار جي دفتر تي ڪي آڳاٽا احوال ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبن جا هئا، تن مان ڪي متفرقه مضمون چونڊي ٻه وڏا جلد ڇپايا اٿن، جن مان هڪ ۾ گهڻو ذڪر سنڌونديءَ جو ۽ ٻئي ۾ گهڻو ذڪر شڪارپور ۽ چانڊڪا پرڳڻن جو آهي. اهڙو ٽيون جلد به آهي جنهن ۾ جيتوڻيڪ ڪڇ ڀڄ جو احوال گهڻو آهي، ته به ان ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي، ديوان گدومل ۽ ٻين جو ڪيترو ذڪر آهي. سنڌ جي مهراڻ بابت ميجر رئورٽي هڪ نهايت ڪارائتو ڪتاب لکيو آهي، جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ جاگرافي به مختصر طرح ڏني اٿس. مطلب ته سنڌ جي تاريخ توڙي جاگرافي جوڙڻ لاءِ ذخيرو گهڻو ئي موجود آهي؛ پر ڪي هڏ ڏوکي هجن جي گوڏو ٻڌي، اهو سمورو مال سوڌي، سنڌ جي مڪمل تاريخ تيار ڪن. هن وقت تائين اهڙين کوجنائن جو چاهه اسانجن ماڻهن ۾ گهڻو پيدا نه ٿيو آهي، جنهنڪري سنڌ جي هڪڙي به مڪمل تاريخ ڪانهي. جيڪي پارسي تاريخون موجود آهن، تن ۾ به ڏسو ته مسلمانن جي صاحبيءَ جو سربستو احوال ڪونهي. رڳو سومرن جي صاحبيءَ جا احوال ڏسو ته ڪن تاريخ نويسن ڪيئن ته ڪن ڪيئن لکيا آهن. ڪن ته ائين به لکيو آهي ته سومرا ”سامرهه“ کان آيا! اهڙيون غلط ڳالهيون سنڌ ۾ ٻيون به ڪي ڦهليل آهن، جن جا ٿورا مثال ڌار ڏجن ٿا.
    ”هنڌ ۽ ”سنڌ“ نالن بابت غلط فهميون: سنه 1786ع ۾ سر وليم جونس سنسڪرت جو ناتو ايراني ۽ يوروپي ٻولين سان ڄاڻايو، تنهن کان پوءِ ٻولين ۽ تاريخ جون کوجنائون نهايت وگيانڪ ريت ٿيون. کائنس اڳي به ڪي صاحب يورپ ۾ ٻولين جون کوجنائون ڪندا هئا؛ پر اڪثر يوروپي ٻولين جي ڀيٽ هيبرو يا يهودين جي ٻوليءَ، عربيءَ ۽ ٻين سيميٽڪ خاندان جي ٻولين سان ڪندا هئا، جن سان يوروپي ٻولين جو ڪوبه ناتو اڄ تائين ثابت نه ٿيو آهي. علم لغات جي اُصولن جي به ڪابه سڌ ڪانه هين، تنهنڪري ٻولين جي ڀيٽ مان نتيجا به انڌا ۽ اونڌا ڪڍندا هئا، سندن انڌن اونڌن نتيجن جو هڪ مزيدار مثال يول ۽ برنيل صاحبن پنهنجي ڪتاب ”هابسن جابسن“ ۾ ڏنو آهي. ان جو هتي ذڪر ڪجي ٿو، جو اسانجو انهيءَ ڳالهه سان وڏو ئي واسطو آهي.
    عيسائن جو بائيبل يا انجيل ”پيدائش جي ڪتاب“ (Genesis) سان شروع ٿئي ٿو. پيدائش جي ڪتاب جي چوٿين باب ۾ ڄاڻايل آهي ته ”بيبي حوا کي حضرت آدم مان ٻه پٽ قابيل ۽ هابيل (Cain and Abel) ڄاوا. وڏي هوندي قابيل پنهنجي ڀاءُ هابيل جو خون ڪيو، ته ڌڻي تعاليٰ مٿس ڪوپ ٿيو ۽ کيس ڏيس وٽو (ديس نيڪالي) ڏنائين. هو پوءِ باغ عدن جي اڀرندي طرف ”ناڊا“(Nod) ڏي لڏي وڃي رهيو (آيت 1 کان 16 تائين).
    ”ناڊ“ (Nod) لفظ ۾ حرف صحيح فقط ٻه آهن: نه ۽ ڊ (N.D) ”انڊيا“(India) نالي ۾ به اهي ئي ساڳيا ٻه حرف صحيح آهن. ۽ ٻيا سڀ حرف علت آهن. جن يوروپين ٻولين جي ڀيٽ پئي ڪئي، تن ڀانيو ته ڏاڍي ڪا وڏي کوجنا ڪئي اٿئون، سو هڪدم کڻي هلايائون ته باغ عدن ڇڏڻ کانپوءِ قابيل ”انڊيا“ (هندستان) ۾ وڃي رهيو! ڀانئجي ٿو ته انهيءَ هل پوڻ کانپوءِ ماڻهن وري انهيءَ ڳالهه کي پنهنجو رنگ ڏيئي ڪن ڪتابن ۾ لکيو ته پورب جون ڪي قومون قابيل جو اولاد آهن. *

    آڳاٽن يوروپي لوڪن کي ٻولين ۽ تاريخ جي کوجنائن ڪرڻ جو عقل اجهو اهو هو! وٺو ٻيو مثال ”پيدائش جي ڪتاب“ (Genesis) جي باب ڏهين آيت پهرينءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته حضرت نوح کي شيم (Shem) هئم (حام Ham( ۽ جئفيٿ(Japheth) نالي پٽ ڄاوا؛ ۽ دنيا ۾ جڏهن مها پرلئي ٿي هئي، تنهن کانپوءِ انهن به پٽ ڄڻيا.
    انهن شيم ۽ هئم نالن مان ”سيميٽڪ“ ۽ ”هئميٽڪ“ لفظ جڙيل آهن، يهودين جي ٻولي، عربي، ڪئلڊي وغيره سميٽڪ خاندان جون ٻوليون آهن ۽ توراني توڙي آفريڪا طرف واريون ٻوليون هئميٽڪ خاندان جون ٻوليون سڏجن ٿيون. (ڏسو اينسئڪلو پيڊيا) ”شيم“ (سيم) ۽ ”هئم“ نالن سان ”سنڌ“ ۽ ”هند“ نالن جو ڪوبه لاڳاپو آهي ئي ڪونه، ته به اهو هل پيو ته اهي حضرت نوح جي پٽن جا نالا آهن! اهي هل عربستان تائين پهچي ويا! مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته سيد علي شير قانع ٺٽي وارو ڪنهن وقت حج ڪرڻ ويو يا ٻيو ڪو حج ڪري موٽيو، ۽ اهو هل اتان ٻڌي آيو، تنهن کانپوءِ اها ڳالهه سيد علي شير پنهنجي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ لکي، جو هجري سن 1187 مطابق سن 1772ع ۾ يعني سر وليم جونس جي 1786ع واري نامياري تقديد کان به چوڏهن ورهيه اڳ جو لکيل آهي. اهو ئي وقت هو، جنهن وقت يوروپي لوڪن ٻولين ۽ تاريخ جون کوجنائون اونڌيءَ ريت پئي ڪيون. سن 1925ع ۾ مرحوم شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ ”قديم سنڌ“ نالي ڪتاب لکيو، جو گهڻو ڪري سمورو ”تحفته الڪرام“ تان ترجمو ٿيل آهي. اهو ڪتاب شروع ئي هنن لفظن سان ڪيو اٿس.
    ”سنڌ ملڪ تي نالو ”سند“ تان پيو، جئن هندستان يا هندن تي نالو ”هند“ تان پيو. سند ۽ هند ٻئي ڀائر هئا ۽ حام بن نوح جا پٽ هئا ۽ حضرت مشهور وڏو نبي هو. جنهن طوفان کانپوءِ دنيا کي آباد ڪيو. ”ڏسو ته ڪٿي جي ڳالهه ڪٿي اچي پهتي آهي! هي آسر پوٽاڻيون ڳالهيون وقت جا يوروپي عالم سچيون ڪري نٿا سمجهن، جيئن هٽي صاحب پنهنجي جوڙيل عربستان جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي. حقيقت به هن طرح آهي ته آڳاٽن يوروپي لوڪن کي ان وقت نڪا علم لغات جي اُصولن جي، نڪا دنيا جي تاريخ جي سڌ هئي، تنهنڪري ههڙيون بيهوديون ڳالهيون پئي ڦهلايائون. ”فلالاجي“ جو ذڪر ڪندي، اينسئڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ به آڳاٽن يوروپين جي اهڙن غلط نتيجن ڪڍڻ جو ذڪر کولي کولي ڪيو اٿن. ***

    هڪ ڪري انهن اڳوڻن يوروپي لوڪن کي گهڻو ڏوهه نه ڏبو، جو اڳي وٽن جنسي اوندهه هئي. هن وقت اها اڳئين اونده ڪانهي، تهج به پنهنجي سنڌ ۾ ڏسو ته سنڌيءَ ۾ جيڪي هندستان جون تاريخون اسڪولن ۾ پيا پاڙهين، تن ۾ ڇا لکيو پيو آهي. اول سندن ڪتاب جو نالو ڏسو. ڪتاب کي سڏيو اٿن. ”هندستان جي تواريخ“! نالو ئي غلط. ڪتاب ۾ اندر ڏسو ته منڍ ۾ لکيل آهي ته ”هندستان لفظ جي معني آهي ڪارن ماڻهن جي رهڻ جو هنڌ (هندو= ڪارو+ آستان= جاءِ“)؛ ساڳين تاريخ نويسن هيئن به لکيو آهي ته ”آريه لوڪ شڪل جا سهڻا ۽ قد جا ڊگها ۽ مضبوط هئا (”مضبوط“ بدران ”مظبوط“ لکيو اٿن!)“جڏهن پاڻ لکيو اٿن ته آريه شڪل جا سهڻا هئا تڏهن ”هندستان“ ڪارن ماڻهن جو ملڪ ٿيو ڪيئن؟ مطلب ته جن کي نه ٻوليءَ جي سڌ، نه تاريخ جي خبر، بلڪه جنهن ملڪ ۾ پاڻ رهن ٿا، تنهن جي نالي جي معنيٰ جي سڌ ڪانه اٿن، ته چئبو ته ههڙا ڪتاب رڳو شاگردن تي مڙهڻ واسطي لکن ٿا، ۽ اها نهايت ارمان جي ڳالهه آهي. ”سنڌو“ ۽ ”هندو“ لفظ جي معنيٰ هتي کولي ٻڌائجي ٿي ته پڙهندڙن کي انهن لفظن جي صحيح معنيٰ جي سڌ پوي.
    سنڌو نالو ۽ اُن جي معني: سنڌ تي سنڌونديءَ تان نالو پيو آهي. سنسڪرت ۾ ”سنڌو“ معنيٰ سمنڊ يا وڏو درياءُ اڳي ڪابل ندي، گومتي (گومال) وغيره سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون (Tributaries) هونديون هيون، تنهنڪري سنڌو رواجي ندين کان تمام گهڻو وڏي هوندي هئي ۽ سمنڊ سان ڪلهو پئي هڻندي هئي. انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اهو نالو رکيس. اڄ به سنڌونديءَ جو پيٽ ديري اسماعيل کان وٺي ڪالاباغ تائين ايڏو وڏو آهي، جو ڪا ٻيڙي وچ سير ۾ هوندي، ته نڪي اورينءَ ڀر نڪي پرينءَ ڀر کان ڏسڻ ۾ ايندي.*

    هندستان جي امپريل گزيٽيئر“ بينفي صاحب واري سنسڪرت ڊڪشنري، پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري ۽ ٻين ڪيترن ڪتابن موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ ”سيند“ (Syand) معنيٰ وهڻ. انهيءَ سبب سنڌو“ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اها ندي جا سدائين پيئي وهي“! پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب ”سنڌو“ جو ڌاتو آهي ”سڌ“ معنيٰ رکي وٺڻ يا بچاءُ ڪرڻ. سنڌوندي جن هنڌان وهي ٿي تن هنڌن جي رهاڪن جو ڌارين جي ڪاهن ۽ جهنگلي مرن جي حملن کان بچاءُ ڪري ٿي. ٻئي ڌاتو ٺهي اچن ٿا، پر پهرين معنيٰ وڌيڪ عام آهي.
    هندو“ ۽ ”هندستان“ جي معنيٰ
    رگ ويد واري زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ سنڌو نديءَ ۽ اِن جي ڀرتي ڪندڙ شاخن جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، تنهنڪري آڳاٽن ايرانين سڀني هنڌن جي رهاڪن کي گڏي ”سنڌو“ سڏيو، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ”هندو“، جو ايراني لوڪ عام طرح ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪندا آهن: انهيءَ ريت ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”سنڌونديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“.*
    قديم ايراني لوڪ سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) کان پري ڪونه ويا، تنهنڪري جيڪو ملڪ ڏٺائون، ته آريه لوڪ والاري ويٺا هئا، تنهن کي هندوستان – هندستان (هندو + آستان) سڏيائون. مطلب ته ”هندستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌو نديءَ وارو ملڪ“. قديم ايرانين وٽان قديم يونانين کي هندستان جي سڌ پيئي. سڪندر اعظم سان جيڪي تاريخ نويس آيا، تن به سنڌو ماٿر ۾ رهندڙن کي سڏيو ”سنڌو“ (هندو)، پر اُچار ڦيرائي ڪيائون ”انڊو-اندوئي“ (Indoi)، نديءَ کي سڏيائون ”انڊوس“ (Indus) ۽ هندستان کي ”انڊيا“ (India) سڏيائون. ائين هڪڙي ئي سنسڪرت لفظ ”سنڌو“ جا اچار لئتن ٻوليءَ ۾ ڦري ”انڊس“ ۽ ”انڊيا“ ٿيا آهن. ٿورن لفظن ۾ چئبو ته ”سنڌ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ جي ماٿر“، جنهن ۾ سڄو پنجاب به اچي ٿي ويو. ”سنڌو“ (هندو) لفظ جي اصل معنيٰ هئي: ”سنڌو نديءَ جي ڪناري تي رهندڙ“، ۽ نه ”ڪارو“ يا ”چور“، جيئن ڪي غلط طرح سمجهن ٿا؛ ۽ ”هندستان“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”سنڌونديءَ وارو ملڪ“. خود سنسڪرت ساهت ۾ ”سنڌو“ لفظ جي ڪيترن هنڌ معنيٰ آهي ”سنڌونديءَ وارو ملڪ“. ۽ ”سنڌو“ يا ”سئنو“ جي معنيٰ آهي، ”سنڌو ماٿر جا رهاڪو“، آڳاٽا آريه لوڪ پوءِ اتر هندستان کان وڌي ڏکڻ هندستان ڏي ويا، ۽ اتي به وڃي بيٺڪون وڌائون ته اهو سڄو ملڪ ڪشمير جي مٿئين ڀاڱي کان وٺي ڪيپ ڪامورن تائين ”هندستان“ سڏجڻ ۾ آيو. پوءِ مسلمانن جي صاحبي ٿي، ته ”هندو“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”برهمڻي ڌرم کي مڃيندڙ“. *****
    آڳاٽن عربن کي ”هند“ (هندستان) جي سڌ قديم ايرانين وٽان پيئي هئي. سن 711-712ع ۾ عربن سنڌ ۽ ملتان پنهنجي قبضي ڪيا، ته معلوم ٿين ته ”سنڌ“ جو علائقو ڌار آهي ۽ ”هند“ سڄي هندستان جو نالو آهي. انهيءَ وقت کان وٺي ”سنڌ“ ۽ ”هند“ جي فرق جو پتو پين، پر ڪن پارسي تاريخ نويسن پوءِ به ”سنڌ ۽ هند“ نالا گڏي پئي ڄاڻايا. عيسوي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ ۾ ڪن يوروپي لوڪن ٻولين ۽ تاريخ جون کوجنائون، بنهه اونڌي نموني پئي ڪيون ۽ بيهودا هل پئي اُٿاريائون، ته ڪن پارسي تاريخ نويسن به اُهي هل سچا سمجهي، پنهنجن ڪتابن ۾ ڄاڻايو ته سنڌ ۽ هند حضرت نوح جي اولاد جا نالا آهن. پوءِ وڌيڪ کوجنائن سان ثابت ٿيو ته اهي واحياتي ڳالهيون هيون. سڀيتا جو سج ٻين گهڻن هنڌن کان اڳ، سنڌو ماٿر ۾ اُڀريو هو، سا ڳالهه به هتي منڍ ۾ ئي ڄاڻائجي ٿي، ته سنڌ جي اهميت سمجهڻ سولي ٿئي.
    سڀيتا جا اوائلي ماڳ: سڀڪنهن ملڪ جي تهذيب يا سڀيتا جو سلو اول انهيءَ هنڌ اُسري نسري اوج کي رسي ٿو، جنهن هنڌ نديون ۽ نارا آهن. قديم زماني ۾ ماڻهن وٽ نڪي کاٽين کڻڻ، نڪي کوهن کوٽڻ لاءِ ڪي ڪارائتا اوزار هئا، تنهنڪري بيٺڪون ئي اتي ڪندا هئا، جتي قدرتي طرح پاڻيءَ جو سهنج هوندو هو، جتي درياهه پيو وهندو هو، تتي اَن، ڀاڄيون، ميوا، ڪپهه ۽ ٻيون پيدائشون ته آسانيءَ سان ٿي سگهنديون، پر هنر ۽ ڪاريگريون به اتي زور وٺنديون، بلڪه علم جي نهر اول اُتي جاري ٿيندي، جنهنڪري اهو هنڌ عالمن ۽ فاضلن جو ماڳ ٿي پوندو. ڳالهيون ڌيان ۾ رکي، پنهنجي پرڳڻي جون حالتون ٻين هنڌن جي حالتن سان ڀيٽيون، جو انهيءَ ريت ئي قديم سنڌ جو پوريءَ ريت قدر ڪري سگهبو.
    عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي، ته ڪئين هزار ورهيه اڳي، اهڙا سڻاوا هنڌ ايشيا ۽ آفريقا ۾ فقط ٻه چار هئا، جتي تهذيب يا سڀيتا جا سلا اول اُڀريا، جي پوءِ وڌي وڻ ٿيا. هڪڙو مصر ملڪ ۾ نيل نديءَ واري ماٿر ٻيو ميسو پوٽيميا ڏي فرات (يوفريٽس) ۽ دجله (ٽائگرس) ندي جي ماٿر، ٽيون چين ولايت ۾ هوئنگ هو ۽ يا نگٽسيڪانگ واري ماٿر ۽ چوٿون پنجاب ۽ سنڌ ۾ سنڌونديءَ واري ماٿر. مطلب ته دنيا ۾ چار بختاور قومون آهن، جن کي اوائل ۾ پاڻيءَ جو سهنج هو، جنهنڪري ٻين قومن کان اڳ ترقي ڪيائون. انهن مان هڪڙي آريه قوم هئي، جنهن جو اولاد اڄ تائين هندستان، ايران؛ وچ ايشيا ۽ يورپ جو ڳچ ڀاڱو والاري ويٺو آهي. ٻي توراني قوم هئي، جنهن جو اولاد چين، جپان ۽ ٿنٻيٽ ۾ آهي. ٽين سيميٽڪ قوم هئي، جنهن جي هٿ ۾ عربستان ۽ ايشيا جو الهندو طرف به هو. چوٿين هيميٽڪ قوم هئي، انهن چئن بختاور قومن مان اسان جو وڏو واسطو آريه قوم سان آهي، جنهن رگ ويد واري قديم زماني ۾ سنڌوماٿر وسائي، ۽ انهيءَ قوم جو اولاد هندستان جا يڪترا هندو آهن ۽ آڳاٽن هندن مان هن وقت ڪيترا مسلمان آهن. هاڻ چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو، ته قديم دنيا ۾ سڀيتا جا جيڪي اوائلي ماڳ هئا، تن مان هڪ سنڌوماٿر هئي، جنهن جهڙي وسيع ۽ ڀري ڀاڳي ماٿر سڄي ايشيا کنڊ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ ٻي ڪانهي. عالمن کي کوجنائن مان اهو به معلوم ٿيو آهي، ته سنڌو ماٿر جي رهاڪن ٻين جي سڀيتا تان نقل ڪونه ڪيو، پر پاڻ ٻين ڪيترين قومن وٽائن پرايو، جنهنڪري سنڌ جي اوائلي تاريخ ڪيتري قدر دنيا جي تهذيب جي شروعات جي تاريخ ڪري سمجهڻ گهرجي. هن وقت تائين ڪيترن ملڪن، بلڪه سڄيءَ دنيا جون تاريخون ڇپجي پڌريون ٿيون آهن، انهن تاريخن جو ٿورو ئي اڀياس ڪندؤ، ته يقين ٿيندو ته سنڌو ماٿر وارن آرين جي سڀيتا ڪيترن هنڌن جي رهاڪن تي حيرت جهڙو اثر ڪيو آهي، جنهنڪري چئبو ته پروفيسر مئڪس ملر سنڌو ماٿر (هندستان) جون حق تي ساکون ڀريون آهن. **
    ________________________________________
    * "The old traditions of the Hindus are not simply traditions, but being corroborated by inscriptions and literary evidences, are of great importance even from the historical point of view" Mr. D.S. Trivada. Itihasa-Shiromani, Sadholal Scholar: Journal of Indian History, December, 1937, P.239.
    * "Some have imagined that the name of the land of Nod ('wandering') to which Cain is said to have migrated, and which has the same consonants is but a form of this (India) which is worth noting, as this idea may have had to do with the curious statement in same medieval writers (e.g.John Marigonolli) that certain eastern races were "the descendants of Cain." Yulc and Burnell's "Hobson. Jobson" i.e. Glossary of Anglo India Colloquil words and Phrases (London 1886) article India.
    * The term Semite comes from Shem in the Old Testament (Genesis 10: 1) through the Latin of the Vulgate. The traditional explanation that the so-called Semities are descended from the eldest son of Noha, and therefore racially homogeneous, is no longer accepted. Philip K. Hitti: History of the Arabs, P.9.
    * "It is astonishing what an amount of real learning and ingenuity was wasted on this question during the 17th and 18th Century." Prof. Max Muller; Lectures on the Science of Language P.140.
    ** The first essays in comparison were made upon the classical tongues (Hebrew etc) and were as erroneous in method and fertile in false conclusions as was to be expected." Encyclo: Brittanica, "Philology".
    *** اسانجا ڪي هندو ڀائر ائين سمجهن ٿا ته ”تاريخ“ لفظ جي معني آهي ”تٿ“ (Date) ۽ ”تواريخ“ معنيٰ ”بيان يا احوال“ (History)، هيءَ غلط ڳالهه آهي ته ”تاريخ“ لفظ جون اهي ٻئي معنائون آهن ۽ ان جو جمع آهي. ”تواريخ“. ڪتاب ۾ احوال جڏهن رڳو هندستان جو آهي، تڏهن لکڻ گهرجي ”هندستان جي تاريخ“. هن حالت ۾ جمع لفظ ”تواريخ“ ڪم آڻڻ تي غلط آهي. (مصنف)
    * Cambridge History of India. Vol 1.p. 80
    ** These are places where people could swim across the Indus, there are others where no eye could tell whether the boundless expanse of water should be called river or sea. The two run into each other, as every sailor knows, and naturally the meaning of Sindhu, river runs into the meaning of Sindhu, 'Sea'."
    *** "Sindhu from the root Syand-to flow." Imperial Gazetter of India, V.I, P.2.
    **** "Sindhu probably meant originally the divider, keeper, and defender, from Sidh "to keep of ……... No more telling name could have been given to a broad river, which guarded peaceful settlers both against the inroads of hostile tribes and the attacks of wild animals. "Prof. Max Muller's India what can it teach us? P. 170.
    * "The word 'Hindu' is in medieval Persian 'Hindo' representing the ancient Avesta handava (Sanskrit Saindhava), a dweller on the Sindhu or Indus….. 'Hindi' means 'of or belonging to India' while 'Hindu' now means a person of Hindu religion" Encyclo. Brit: foot-note, under "hindostani".
    ** "They (the early Indians) called the Indus river in Sanskarit by the word which they gave to the ocean itself----- Sindhu (from the root Syand "to flow"), a name afterwards applied to the ocean—god (varuna). The term extended itself to the country around the river, and in its plural form, Sindhavas, to the inhabitants thereof. The ancient Persians softening the initial sibilant to an aspirate, called it Hindu in the Zend language: the Greeks, again softening the initial by omitting the aspirate altogether, derived from it their landikos, and Indos" Imperial Gazetteer of India, Vol. VI, P.2.
    *** "The name of Indian in the Avesta is Hindu, which like the Old Persian Hi(n) du, is derived from the river Indus Sanskarti Sindhu," Cambridge History of India. Vol 1, P. 324
    "Sanskrit 'Sindhu'—the sea became (eventually) in Persian Hindu, and so passed on to the Greeks and Latins: viz: Indoi for the people, Indos for the river, Indica and India for the country on its banks……. India itself is Latin form." Yule and Burnell's Hobson- Jobson or Glossary of Anglo-Indian colloquial words and pharases, article "India"
    **** "Sindhu anciently meant the valley of the Sindhu." Sindh Gaze
    * Sir John Marshall: Mohen Jo Daro and Indus Civilization. Vol. 1. P.94
    ** "If I were to look over the whole world to find out the country most richly endowed with all the wealth, power, and beauty that nature can bestow—in some parts a very paradise or earth—I should point to India. If I were asked under what sky the human mind has most fully developed some of its choicest gifts, has most deeply pondered on the greatest problems of life, and has found solutions of some of them which well deserve the attention even of those who has studied plato and Kant—I should point to India. And if I were to ask myself from what literature we, here in Europe, we who have been nurtured almost exclusively on the thoughts of Greeks and Romans, and of one Semitic race, the Jewish, may draw that corrective which is most wanted in order to make our inner life more perfect, more comprehensive, more universal, in fact more truly human, a life, not for this life only, but a transfigured and eternal life—again I should point India."
    Prof. Max Muller: India: What Can It Teach Us? P.6


    باب پهريون : تاريخ کان اڳ جو زمانو

    سنڌ جو جنم: قديم سنڌ جي تاريخ منڍ کان وٺي پوري ريت سمجهڻ لاءِ هاڻوڪي سنڌ ۽ هاڻوڪو زمانو وساري، اُهو آڳاٽو وقت اکين اڳيان آڻيون، جنهن وقت سنڌ جي الهندي ڏي جبل چوٽيون ڪڍيو بيٺا هئا ۽ ٻيا پاسا، گهڻو ڪري سمورا، سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هئا.
    سنڌ کي پاڻيءَ مان پرگهٽ ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن. انهيءَ قديم زماني جا ڪي ڪتاب موجود ڪينهن، ته به جيڪي صاحب ”ڀونءَ وگيان“ (ڌرتيءَ جي علم(Geology ۾ ڀڙ آهن، سي اهي جڳن جون ڳالهيون به پرجهي پروڙي سگهن ٿا. انهن عالمن ڌرتيءَ جي بنهه تر واريءَ زمين کان وٺي ڌرتيءَ جو هڪ هڪ طبق يا تهه (Stratum) جاچي معلوم ڪيو آهي ته هرهڪ تهه ٺهڻ ۾ ڪيترو عرصو لڳو هوندو. انهيءَ هرهڪ زماني تي علحدا علحدا نالا (Cambrian, Cretaceous etc.) رکيا اٿن.
    ڀونءِ وگياني (Geologists) چون ٿا، ته ”جيالاجيءَ“ جي ٽئين زماني(Tertiary Age) ۾ سنڌ سميت سڄي اتر هندستان جو ڳچ ڀاڱو ”ٽيٿيا“ نالي سمنڊ(Tethya Sea) هيٺ هو، جنهنجي ڇولين هماليه جبل کان وٺي ونڌيا جبل تائين ڇلڪا پئي ڏنا. ڪنهن وقت هماليه جبل طرف اهڙا خوفناڪ زلزله ٿيا، جو ڌرتي مٿي چڙهي آئي ۽ سمنڊ هٽي، ڏيهان ڏور ٿي ويو! ائين زمين ظاهر ٿي، ته قدرت وري ٻيا ڪم ڪيا. وقت بوقت جيڪي ڇوها ۽ طوفان پئي لڳا، تن سبب واري ويئي پکڙندي، برساتي سبب زمين ويئي وهندي ۽ گرميءَ سبب ٽاڪ ٿيندي. هڪڙي پلر (برسات جي پاڻيءَ) جي پالوٽ ٿي، ٻيو ندين جو رَءُ ڌرتيءَ مٿان وقت بوقت چڙهيو، ته زمين وئي مٺي ٿيندي. انهيءَ ريت سڄي اُتر هندستان جي رونق ئي ٻي ٿي پيئي. اڄ هندستان ۾ جدا جدا هنڌن تي طرح طرح جا نرمل نظارا نظر اچن ٿا. هماليه جبل جي برف سان ڇانيل چوٽين جو نظارو پنهنجو، ته ڪشمير طرف جي گلڪاري گلزار جو نمونو پنهنجو. اهڙيءَ ريت اتر هندستان کان وٺي ڏکڻ هندستان تائين ساوڪ سبزي چڱو چهچٽو لائي بيٺي آهي. هندستان جي زرخيز زمين مان پيدائشون به ايتريون ٿيون ٿين جو ٻيو ڪوبه ملڪ ساڻس مشڪل مٽ پئجي سگهندو. ڪن تاريخ نويسن ته هندستان کي بهشت جي برابر ڪري ليکيو آهي.
    هندستان کي ههڙو رونقدار ۽ ڀريو ڀاڳيو سندس ندين ڪيو آهي، جن مان سنڌو نهايت قديم آهي. عالمن ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو پرڳڻو سمنڊ مان پيدا ٿيو، تنهن کان ئي اڳي سنڌوندي هئي! مطلب ته جيئن ٻار ڄمڻ کان اڳي ئي ڌڻي سندس لاءِ قوت تيار رکي ٿو، جو ماءُ جي ٿڻن ۾ ٿڃ اچي ٿي، تيئن سنڌ جي صوبي کي تاتي نپائي وڏي ڪرڻ لاءِ سڀر سنڌو اڳي ئي هتي حاضر هئي. اڄ به اسانجيءَ جيوت جو گهڻو مدار انهيءَ سونهاري سنڌوءَ تي آهي، جنهن بنا اسانجو پرڳڻو جيڪر جنسي برپٽ ٿي پوي.
    سائينم سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سڪار
    دوست تون دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!
    (شاهه)
    قديم سنڌ جا اصل رهاڪو: سنڌ مان سمنڊ هٽي پري ٿيو ته اول ڪهڙين قومن اُهي وارياسا پٽ اچي وسايا، سا سڌ پئجي نٿي سگهي. جنهن زماني (Tertiary Age) ۾ سنڌ جي زمين ظاهر ٿي هئي، تنهن زماني جي ماڻهن جا پنڊ (جسم) هن وقت تائين ڦري، پهڻ ٿي ويا آهن. ان وقت جي وڻن ٽڻن جو بنهه اهو حال ٿيو آهي. اهي ٽئين جڳ وارا پنڊ پهڻ (Tertiary fossils) سنڌ ۾ زمين جي اندرين تهن مان ڪئين لڌا آهن. قديم سنڌ جا اصل رهاڪو اهي چئبا. پر هن حالت ۾ کين ڪو سڃاڻي به ڪونه سگهندو. عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان ايترو معلوم ٿيو آهي، ته موجوده قومن مان قديم ۾ قديم لوڪ، جن اتر هندستان وسايو، سي هاڻوڪن سنٿالن، ڀيلن ۽ منڊلوڪن جا ابا ڏاڏا هئا. اهي سنڌ ۾ به هئا يا نه، تنهن بابت اسان کي پهريائين پڪ ڪانه هئي؛ پر پوءِ ڪن جون کوپڙيون سيوهڻ جي پريان لڌيون هيون. 1922-1923ع ۾ ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جون کوپڙيون مهن جي دڙي مان به لڌيون، جا ڳالهه آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل سر جان مارشل ڄاڻائي آهي. ائين هاڻ خاطري ٿي آهي ته اهي قديم لوڪ سنڌ ۾ به هئا، تنهنڪري قديم سنڌ جا اصل رهاڪو هاڻ اُهي ليکڻ گهرجن.
    ڪول ۽ سنٿال ڪٿان آيا: جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ مان معلوم ٿيو آهي ته قديم زماني ۾ جڏهن اتر هندستان گهڻو ڪري سمورو سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ هو، تڏهن ڏکڻ هندستان وارو پاسو آفريڪا، سلون (لنڪا) ۽ آسٽريليا سان خشڪيءَ رستي ڳنڍيل هو، ۽ اُهو گهڻو ڳنڍيل هو، ۽ اُهو گهڻو اڳي پيدا ٿيو هو. هن وقت دور پورب ڏي انڊمان ٻيٽ ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ آهن؛ پر انهيءَ پاسي هڪ وڏو يڪو کنڊ هو، جو هينئر پئسفڪ وڏي سمنڊ جي پيٽ ۾ سمايل آهي. انهيءَ غرق ٿيل کنڊ کي ”ليموريا“ (Lemuria) نالو ڏنو اٿن، ڇاڪاڻ ته ليمور(Lemur) نالي هڪ جانور جا هڏا انهيءَ سڄي ايراضيءَ مان (آفريڪا کان وٺي آسٽريليا تائين) ججهي تعداد ۾ لڌا آهن. انهيءَ کنڊ جي کوجنا ويجهڙائي ۾ به پئي ڪيائون پر هن وقت جرمنيءَ ۽ جاپان جي جنگين سبب بند ڪئي اٿن. انهيءَ کوجنا جا جيستائين نتيجا ڇپجي پڌرا نه ٿيا آهن، تيستائين اُن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي.

    ٻولين جي کوجنائن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي، ته اهي قديم لوڪ اصل خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا کان چين ولايت واري واٽ وٺي آسام ۽ بينگال ڏي آيا، ۽ پوءِ اتر هندستان ڏي ويا. هن وقت سندن اولاد وچ هندستان ڏي سنٿال پرڳڻن ڇوٽا ناگپور طرف رهي ٿو. هاڻوڪا اسڪول ۽ سنٿال جيڪي ٻوليون ڳالهائين ٿا، تن جي نحوي بناوت اُنهن ٻولين جهڙي آهي، جي انڊو چئنا ۽ ملايا اُپٻيٽ کان وٺي آسٽريليا ۽ پالينيشا تائين ڳالهائڻ ۾ اچن ٿيون. انهن سڀني هنڌن جي ٻولين جو پاڻ ۾ جگري ناتو آهي، تنهنڪري ڪولن، سنٿالن وغيره جون ٻوليون آسٽريليا جي ٻولين جي خاندان (Austric family) جي هڪ شاخ ليکجن ٿيون. اهي حقيقتون سر گريئرس پنهنجي ٺاهيل ڪتاب ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ (Linguistic Survery of India) جي جلد پهرئين، ڀاڱي پهرئين ۾ ڄاڻايون آهن.
    قديم سڀيتا جي شروعات: سنڌ جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ به ڪڇ جو رڻ ۽ ٿر ڏي ڪي صديون ساندهه سمنڊ هو. ڪراچي ضلعي ۽ حيدرآباد ضلعي واري لاڙ جا به ڪيترا ٽڪر ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ، ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ هئا، جن مان شاهه بندر، سجاول ۽ جهرڪن وارو ٿورو پاسو بنهه ويجهڙائيءَ ۾ پاڻيءَ مان نڪري پڌرو ٿيو آهي. تاريخ کان اڳ جي زماني جون جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته شاهه بندر، ٺٽي ۽ جهرڪن واريون ٽڪريون، ڪوٽڙيءَ طرف وارو سورجاڻو جبل، حيدرآباد وارو گنجو ٽڪر ۽ رني ڪوٽ واريون ٽڪريون، يا ته اُن وقت هيون ئي ڪين، يا جي هيون ته آسپاس پاڻيءَ هئڻ سبب، ٻيٽن وانگر بيٺيون هيون، جنهنڪري سنڌ جي رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو اول وسيو هو. اهو ”قديم حجري زمانو“ يعني ”جهوني پٿر وارو زمانو“ (Paleolithic or Old Stone Age) هو، جنهن ۾ زمين ڪيتري قدر برف سان ڇانيل هئي ۽ رڳو ڪي ڪي هنڌ ڇٽل هئا، جتي ماڻهو رهي سگهندا هئا. ان وقت ماڻهن کي اڃان گهرن جوڙڻ جو هنر ڪونه هو، تنهنڪري گرميءَ سرديءَ توڙي برسات کان پاڻ بچائڻ لاءِ الهندي طرف وارن جبلن ۽ ٽڪرن جي غارن ۾ رهندا هئا. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو، ته ڪوهستان ۾ جن وانڍن کي گهر نڪو گهاٽ آهي، سي غارن ۽ آڏن ۾ رهن ٿا. ان وقت ماڻهن کي کيتيءَ ڪرڻ جو هنر به ڪونه هو، جنهنڪري ”ڏٿ“ (جهنگلي اَن ۽ جهنگلي ميون وغيره) تي گذاريندا هئا. ڇاپرو ٻير، ليار، ڳانڱيون، گولاڙا، منگها ۽ ٻيون اهڙيون جهنگلي پيدائشون اڄ به ڪوهستان توڙي ٿر جي ماڻهن لاءِ وڏي وٿ آهن. انهن هنڌن جي ماڻهن اڄ تائين گهڻي ترقي ڪانه ڪئي آهي. جنهنڪري اهي آڳاٽي ۾ آڳاٽا دستور اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
    ماڻهن جا ڏند ۽ ٻيون ڳالهيون جاچي، ڪيترن عالمن هيءَ راءِ ظاهر ڪئي آهي ته انسان پنهنجي ذاتي سڀاءَ ڪري سانتيڪو پرساد کائيندڙ يا ڀاڄي خور(Vegetarian) آهي، پر اڳيون حالتون به ڌيان ۾ رکڻ گهرجن. ڪنهن وقت گهڻي برف پوڻ ڪري، يا برسات اصل نه پوڻ ڪري، وڻ ٽڻ سڙي ويندا، ته ڪابه پيدائش ٿي ڪانه سگهندي. اڄ به ٿر ۾ ڏسو ته جيڪڏهن ٻه ٽي مندون ساندهه مينهن جو ڦڙو به ڪونه وسندو آهي، ته وڻ ٽڻ سڀ سڙي سڪي ويندا آهن، چوپايو مال مکين وانگر مري ويندو آهي. بک وچان ماڻهن جا پيٽ پٺيءَ سان وڃي لڳندا آهن ۽ ٿر مان جنسي رت جي بانس پيئي ايندي آهي! اهڙين حالتن ڪري ماڻهن مڇيءَ ماس کائڻ جي عادت پرائي.پکين جو شڪار ڪرڻو هوندو هون، ته پٽ مان وجهي ان کي ڍڪي ڇڏيندا هئا. مطلب ته اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ جو واهپو گهڻو هو، تنهنڪري اهو قديم هجري زمانو سڏجي ٿو، جو عيسوي سن کان ڪئين هزار ورهيه اڳي شروع ٿيو هو.
    قديم سڀيتا جو مرڪز: سنڌ ۾ هن وقت تائين آرڪيالاجيڪل کاتي وارن گهڻيون کوجنائون ڪونه ڪيون آهن، ته به جيڪي ٿوريون گهڻيون ڪيون اٿن، تن مان ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته انهيءَ قديم سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو. ميجر جنرل ڪننگهام ڄاڻايو آهي ته ”سيوهڻ نهايت سڻائي هنڌ، هڪ ڌار اُتاهين ٽڪري تي آهي؛ ۽ منڇر ڍنڍ بغل ۾ بيٺي اٿس، جنهنجو پاڻي اڳي سيوهڻ جي ڀتين تائين اچي پهچندو هو، جنهنڪري پاڻيءَ ۽ کاڌي پيتي جي سهنج، سنڌ جي پهرين رهاڪن جو ڌيان ضرور اول انهيءَ طرف ڏي ڇڪيو هوندو.مصنف جو به اهو ئي رايو آهي، ته سڄيءَ سنڌ مان ايول سيوهڻ وارو پاسو وسيو هو. ان لاءِ سبب آهن:
    ________________________________________
    * "Sindh is mainly a sea-born land. " Prof. M.B. Pithawalla; marvels of the Earth P.51. Wadia: Geology of India P.5 et sep.
    * " It (India) has always appeared to the imagination of the Western World adormed with whatever is most splendid and gorgeous: glittering, so it were, with gold and gems and redolent of fragrant and delicious odours. Though there be in these magnificent conceptions something romantic and illusory, still India forms unquestionably one of the most remarkable regions that exist on the surface of the globe. The varied grandeur of its scenery and the rich productions of its soil are scarcely equaled in any other country."
    Murray's History of India, P.1.
    ** The historian Abdullah Wassaf writing in the 14th century A.D. says of India in his history, Taziyat-ul-Amsar'. "India according to the concurrent opinion of all writers, is the most agreeable abode on the earth and the most pleasant quarter of the world. Its dust is purer than air and its air purer than purity itself. Its delightful plains resemble the garden of paradise. If it is asserted that paradise is in India, be not surprised, "because Paradise itself is not comparable to it". Elliot's history of India, Vol. III. PP. 28—29.
    *** "It (the Indus) is an example of an antecedent drainage, having existed even before the great Himalyan up-heavals."
    Prof. Pithawala: Marvels of the Earth PP 56-57.
    * W. T. Blanford: Geology of Western and (Memoirs of Geological survery. Vol XVII. Part 1)
    * Major H.G. Raverty: The Mihran of Sindh and is Tributaries PP. 317 & 468—69
    * Rev. E.O. James: Introduction to Anthropology, PP.65--66.
    * Major General Cunnigham: Geography of Ancient India. PP. 264--266.
    مهن جي دڙي جي کوٽائي ٿيڻ کان گهڻو اڳي، انهيءَ قديم زماني جي ماڻهن جون کوپڙيون، سيوهڻ جي پريان، شاهه بلاول واريءَ واٽ تان لڌيون هيون. هيءَ حقيقت جيالاجيڪل کاتي وارن جي دفتر ۾ ڄاڻايل آهي. خود ”سيوهڻ“ نالو نهايت ئي آڳاٽو آهي ۽ انهيءَ جهڙو جهونو نالو ٻئي ڪنهن به شهر جو ڪونهي. اهو نالو يجرويد واري زماني ۾ مليس، تنهنڪري انهيءَ ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر پوءِ ڪبو. هن وقت اسين انهيءَ کان گهڻو آڳاٽي وقت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، تنهنڪري انهيءَ نهايت قديم وقت جا جيڪي احوال ملي سگهيا آهن، سي هتي ڄاڻائجن ٿا.**

    لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي پريان، ڪي غار لڌا اٿن، جي ٽڪرن مان ٽاڪيل آهن. انهن بابت رايو ظاهر ڪيو اٿن ته اڳي انهن ۾ ماڻهو رهندا هئا. هن وقت انهن غارن مان ڪي وهٽن لاءِ وٿاڻ ٿي ڪم اچن ٿا. هاڻوڪي سيوهڻ اسٽيشن جي پريان ٽڪريءَ تي، انهيءَ قديم زماني جو هڪ غار آهي. جو ”ايڪ ٿنڀو“ يا ”هڪ ٿنڀو“ سڏجي ٿو. اُن جو ذڪر ڊاڪٽر ولسن ڪيو آهي. اهو به نهايت قديم زماني جو غار آهي، جنهن ۾ ماڻهو پناهه وٺندا هئا.
    لڪيءَ جي جبلن مان ڪوسي پاڻيءَ جي ڪشتين جي نزديڪ، ڪيتريون قبرون لڌيون اٿن، جن بابت انهيءَ طرف جا مسلمان رهاڪو چون ٿا ته اهي آڳاٽن ”ڪافرن جون قبرون“ آهن. اهي قديم ماڻهن جون قبرون پندرهن ويهه فوٽ ڊگهيون، اَٺ نو فوٽ ويڪريون ۽ اٽڪل ٻه فوٽ اوچيون آهن. اهڙيون قديم زماني جون اڻ گهڙيل پٿر جون قبرون منگهي پير جي پريان شاهه بلاول واريءَ واٽ تان، توڙي ڪراچيءَ کان جيڪو رستو ڪوٽڙيءَ ۽ سيوهڻ ڏي وڃي ٿو، تنهن شاهي سڙڪ تي آهن. انهن هنڌن جا مسلمان رهاڪو انهن کي به ”ڪافرن جون قبرون“ ڪوٺين ٿا. هندن ۾ به اڳي مُردن پورڻ جو رواج هو. مُردن ساڙڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. جو باهه ٻارڻ جو هنر ماڻهو پوءِ سکيا. هنن حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو، ته هاڻوڪي حب ندي انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ به هئي، ۽ چوماسي ۾ برسات جو پاڻي جبلن تان لهي منجهس اچي پوندو هو، جنهنڪري هن پاسي به پاڻيءَ جي سهنج ڪري ماڻهو رهي سگهيا ٿي؛ پر اها وري به بلوچستان جي حد ليکبي، تنهنڪري سنڌ جو وسيل پاسو رڳو سيوهڻ وارو طرف چئبو.*

    سر بارٽل فريئر، جنهن جي نالي پٺيان ڪراچيءَ جو ”فريئر هال“ سڏجي ٿو، تنهن سن 1851ع ۾ تاريخ کان اڳ واري زماني جي قبرن جو بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جي جرنل ۾ لکيو هو. مسٽر هينري ڪزنس، جو اڳي آرڪيالاجيڪل کاتي جو سپرنٽنڊنٽ هو ۽ سن 1910ع ۾ سنڌ ۾ اچي، ميرپورخاص طرف ”ڪاهوءَ جو دڙو“ کوٽايو هئائين، تنهن پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ ۾ انهن قديم غارن ۽ قبرن جو احوال، سر بارٽل فريئر ۽ ٻين عالمن جي رپورٽن مان ڏنو آهي، جنهن جو مختصر مطلب اهو آهي، جو مٿي ڏنو ويو آهي.
    هن حقيقتن مان چڱيءَ پر سمجهڻ ۾ ايندو، ته قديم ۾ قديم سنڌين جا ماڳ جيڪڏهن ڪنهن کي ڳولڻا هجن، ته سنڌ جي الهندي طرف وارن جبلن جي قطار، ۽ سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي طرف جا اهي هنڌ جي سنڌونديءَ ۾ الهندي ناري کي ويجها آهن، سي خاص ڪري سيوهڻ۽ لڪيءَ وارو پاسو ڳولي، جو سنڌ جي قديم سڀيتا جو پتو اُتان ئي پوڻو آهي. آڳاٽن ماڻهن کي هن پاسي پاڻي آسانيءَ سان ملي سگهيو ٿي ۽ غارن ۾ رهڻ جو سهنج به هون، تنهنڪري اهو سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو سڀاويڪ طرح سنڌ جي سڀيتا جو پهريون گهر ٿيو.
    ڪولن جو وڌيڪ ذڪر: ڪولن ۽ سنٿالن جي ٻوليءَ ۾ ”ڪول“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ڄڻو“ يا ”ماڻهو“ جيئن ويجهڙائيءَ ۾ مهاتما گانڌيءَ اڇوتن کي نالو ڏنو ”هريجن“ يعني هريءَ يا ڀڳوان جو جيو (People of God) تيئن ڪول لوڪ به سڏبا هئا. سندن اولاد ڪئين صديون ساندهه سڄي اتر هندستان ۾ هو؛ تنهنڪري هو آرين سان لهه وچڙ ۾ آيا هئا، ۽ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ به ”ڪول“ لفظ چالو ٿيو، پر معنيٰ ٿيس ”جهنگلي يا اڻ سڌريل.“ هن مان ظاهر آهي ته آڳاٽن آرين ڪولن کي اڻ سڌريل حالت ۾، يا پاڻ کان گهڻو گهٽ ڏٺو هو، تنهنڪري ”ڪول“ لفظ جي اها معنيٰ ٿي.
    ڪولن ۽ سنٿالن ۾ ڪي ”منڍ“ لوڪ به هئا، جن جو ذڪر مهاڀارت (پرو6-2410 ۽ وايُو پراڻ (14-123) ۾ آهي. انهيءَ سبب ڪولن، سنٿالن، منڊ لوڪن وغيره جون ٻوليون سندن نالن پٺيان ”ڪوليرين“ يا ”منڊا“ ٻوليون (Kolarian or Munda Languages) سڏجن ٿيون. سنسڪرت ۾ ”منڍ“ لفظ جي هڪڙي معنيٰ آهي ”گهٽ ذات وارو يا نيچ“ ۽ ٻي معنيٰ اٿس ”مڏو، جڏو يا ڪند فهم“؛ هن مان به ظاهر آهي، ته آڳاٽن آرين هنن قديم ڪولن کي پاڻ کان گهڻو گهٽ ٿي ڄاتو ۽ پنهنجي اصل نسل تي فخر هُئو، جنهنڪري ”ڪول“ ۽ ”منڍ“ لفظن کي اهي اُگريون معنائون ڏنائون. اهي لوڪ آرين جي نسل مان نه هئا، تنهنڪري ”اڻ آريه“ سڏجڻ ۾ آيا. رفتي رفتي ”اڻ آريه“ لفظ جو اُچار بگڙجي ٿيو ”اناڙي“ ۽ هيئنر معنيٰ اٿس ”جهنگلي يا اڻ سڌريل“. انهن قديم لوڪن کي ”مليڇ“ به سڏيندا هئا، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”جنهن کي ٻولي (سنسڪرت) پوري ريت ڳالهائڻ نه اچي.“ انهن ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي به آرين جهڙي نه هئي، تنهنڪري ”مليڇ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”پليد“، وغيره هنن حقيقتن مان ٻه ڳالهيون ثابت ٿين ٿيون: (1) آرين کي پنهنجي ٻولي تي گهڻو فخر هو؛ (2) ڪولن، سنٿالن ۽ منڊ لوڪن، آرين جي وقت تائين به ڪا گهڻي ترقي ڪانه ڪئي هئي. انهيءَ سبب سندن سڀيتا جا اهڃاڻ به هن وقت اهڙائي ملن ٿا، جن جا ٿورا مثال هي آهن؛ *

    (1) آڳاٽن ڪولن وغيره ۾ ڪي اهي به هئا، جي ”ڀيل“ سڏجن ٿا. اهي اڄ تائين سنڌ ۾، خاص ڪري ٿر ۾، گهڻا آهن. هاڻوڪا ڀيل کڻي راجپوتانا مان يا ٻين هنڌان ويجهڙائي ۾ آيا هجن؛ پر اصل انهن آڳاٽن لوڪن مان آهن. ڀيلن مان ڪيترا اڄ تائين شڪار ڪري قوت گذران ڪندا آهن، تنهنڪري ”پاراڌي“ (شڪاري) سڏجن ٿا. ڍاٽڪي ٻوليءَ يعني ڍٽ يا ٿر جي ٻوليءَ ۾ ڀيلن کي ”ٿوري“ به چوندا آهن.
    تـــون لــــنگهائين لــــطيف چــئي، ٿرن جا ٿوري
    آهيان اجوري، تنهنجي جوريءَ، جبل جهاڳيان.
    (شاهه)
    هتي سسئي پنهنجي مسڪينيءَ ۽ نئڙت ظاهر ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٿر جي ٿورين سان ڀيٽي، ڄاڻائي ٿي ته مان نيچن ۾ نيچ آهيان. ٿر جا سوڍا راجپوت، ڪرار (واپاري) ۽ ٻيا هندو ڀيلن کي اڇوتن جي دفعي ۾ ليکين ٿا.

    (2) ڪولن جي ٻوليءَ جو هن وقت سنڌ ۾ نالو به ڪونهي، پر نيشان آهن. مثلاً اسانجا ڪيترا هاري ناري ۽ ٻيا اڻ پڙهيل اڪثر ويهه ويهه ڪري ڳڻيندا آهن. اهي ”پنجاهه“ بدران چون ”اڍائي ڪوڙيون“ ۽ ”سٺ“ بدران چون ”ٽي ڪوڙيون يا ٽي ويهون“. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته ”جهڙي يعني ڏهاڪن جي ترتيب (Decimal system) تي ٻڌل هو، جنهنڪري انگن، تي نالا ئي اهڙيءَ طرح رکيائون ۽ اسين اهي ساڳيا انگ، ٿوري ڦريل اُچار سان اڄ تائين ڪم پيا آڻيون. مثلاً ٻارهن (اصل-ٻاڏهن) معني ٻه ۽ ڏهه (12)، تيرهن (تيڏهن) معنيٰ ٽي ۽ ڏهه، ۽ چوڏهن معنيٰ چار ۽ ڏهه. اهو ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو دستور اول آڳاٽن آرين وڌو، جو يورپ ۽ ايران وارن به اختيار ڪيو. آڱرين تي ڳڻڻ جو رواج بلڪل سڀاويڪ ۽ نهايت سولو سهنجو آهي، تنهنڪري اڄ به اسين آڱرين تي ڳڻيون ٿا. ڀائنجي ٿو ته آڳاٽن آرين کي ڏهه ڏهه ڪري ڳڻڻ جو خيال هٿن جي ڏهن آڱرين مان آيو. ڪولن ۽ سنٿالن شايد پيرن جون آڱريون به ٿي ڳڻيون، جنهنڪري ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جي ترتيب (Vigesimal System) چالو ڪيائون ۽ اها هن وقت اسان کي کل جهڙي پيئي لڳي، جنهنڪري اهو اڻ سڌريل ماڻهن جو رواج ڪري ليکيون ٿا. سر گريئرسن ڄاڻايو آهي ته اهو ويهه ويهه ڪري ڳڻڻ جو دستور ڪولن ۽ سنٿالن جو آهي، جو اتر هندستان جا اڻ پڙهيل ماڻهو اڄ تائين هلائيندا پيا اچن، ۽ خود ”ڪوڙي“ (Score) منڊا ٻولين جو لفظ آهي.
    (3) سنڌيءَ ۾ آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا آهن – مثلاً ڪتي جو آواز ”ڀنءُ ڀنءُ“ ٻليءَ جو آواز ”ميائو ميائو“ انهن کانسواءِ گهڻگهڻ، جهڻجهڻ، ٺاٺا، ٺڪ ٺڪ، ٺڪا ٺوڪي ۽ ٻيا ڪيترا آوازن مان ٺهيل لفظ آهن. وچ هندستان جا هاڻوڪا ڪول ۽ سنٿال به ائين آوازن مان ٺهيل لفظ گهڻا ڪم آڻين ٿا. سندن ابن ڏاڏن جي ٻوليءَ جو اهو اثر آرين جي سنسڪرت تي ٿيو هجي ته عجب ڪونهي.
    سندين ٻولين جو ٻيو ڪهڙو ڪهڙو اثر ٿيو آهي، سا کوجنا ڪي عالم ڪن پيا، پر ايترو اڳي ئي ڄاڻايو اٿن، ته ڪول ۽ سنٿال گهڻو سڌريل ڪونه هئا.
    (4) سنڌ ۾ هاري ناري ۽ ٻيا ڪيترا اڪثر رڳو پوتڙو هيٺان ڪري پنهنجي ڪرت ڪار ڪن ٿا. اهو اصل سنٿالن ۽ ڪولن جو جاري ڪيل رواج چوڻ ۾ اچي ٿو، جو وچ هندستان طرف سندن اولاد اڄ تائين هلائيندو پيو اچي. ڀائنجي ٿو ته جڏهن ڪپڙن اُڻڻ جو رواج پيو، تڏهن انهن قديم لوڪن لانگوٽي ٻڌڻ ۽ پوتڙي ڍڪڻ جو رواج وڌو، جو پوءِ فقيرن ۽ ساڌن به اختيار ڪيو.
    (5) منڇر ڍنڍ جا مهاڻا جنهن نموني جيئرا پکي جهليندا آهن، سو نمونو نهايت جهونو آهي. اُهي مهاڻا جڏهن ڍنڍ جا پکي جهلڻ ويندا آهن، تڏهن ڪي ترهي تي ترندا ويندا آهن. ترهي جي اڳيان پاٻوڙا (پٻڻ جا پن) وغيره اڳيان ٽنبي ڇڏيندا آهن، جنهنڪري پريان ائين پيو ڀائنبو آهي، ڄڻ ته پاڻيءَ ۾ پن ترندا پيا اچن. ڪي مهاڻا پٻڻ جي پنن مان ٽوپ ٺاهي، انهن سان مٿو ۽ منهن ڍڪيندا آهن. مهاڻا پاڻ پاڻيءَ اندر هوندا آهن، باقي رڳو پاٻوڙي سان ڍڪيل مٿو ٻاهر ڪڍندا آهن، انهن پنن مان ٺهيل ٽوپن ۾ ٻه ننڍڙا ٽنگ ڪندا آهن، ۽ انهن اکياڙين مان پکين ڏي پيا نهاريندا آهن. پکين جي ليکي ڪو پاٻوڙو لڙهندو پيو اچي، سو بنا ڪنهن ڊپ ڊاءَ جي پاڻيءَ تي ترندا آهن. وقتي ته پکي انهن پاٻوڙن جي آسپاس اچي ڪٺا ٿيندا آهن. اهو وجهه وٺي مهاڻا، پاڻيءَ مان هيٺان ئي هيٺان هٿ وجهي، پکين کي ڄنگهن کان جهلي، بلائتو ڪندا آهن. جيئرن پکين ڦاسائڻ جو اهو عجيب نمونو هيوز صاحب جي سنڌ گزيٽيئر موجب به نهايت قديم زماني جو آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ وارو پاسو هو ۽ اهو جيئرن پکين جهلڻ جو نمونو رڳو منڇر طرف آهي، تنهن صورت ۾ ائين پيو سمجهجي، ته اهو آڳاٽو ڪولن وارو دستور آهي، جو منڇر جا مهاڻا اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
    (6) ڪي مهاڻا آڙي ۽ ٻيا پکي (بدڪون وغيره) مڏن تيرن سان چٽيندا آهن، ته اهي پکي ساڻا ٿي ڪرندا آهن، جنهنڪري انهن کي آسانيءَ سان جهليندا آهن. مڇين ڦاسائڻ لاءِ ڪيترا مهاڻا هيئن ڪندا آهن، جو پاڻيءَ ۾ ڄار پکيڙي پوءِ ٿالهيون وڄائيندا آهن، ته انهيءَ آواز تي مڇيون ڊڄي ڀڄڻ لڳنديون آهن، ۽ ڪيتريون وڃي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن. هيءُ رواج خود پيا ڄاڻائين، ته ڏاڏي آدم جي ڏينهن جا آهن، جي منڇر، ڪينجهر ۽ ٻين هنڌن جا مهاڻا اڄ ڏينهن تائين هلائيندا پيا اچن؛ پر پاٻوڙن سان منهن ڍڪڻ جو رواج رڳو منڇر جي مهاڻن ۾ آهي. انهن مهاڻن جي ٻولي به اهڙي علحدي آهي، جو ٻيو ڪو سنڌي سمجهي به ڪين سگهندو. جيئن انگريزن وٽ خلاصين جي ٻولي- ئي پنهنجي آهي، تيئن سنڌ ۾ به ڪيترن ڪاسبين جي پنهنجي ٻولي آهي؛ پر منڇر جي مهاڻن جي ٻوليءَ جو نمونو ئي نرالو آهي. ڪراچي ضلعي جي مهاڻن ۽ ميربحرن جي ٻي هڪ نرالي ڳالهه آهي، جنهن پڻ چوکو ڌيان لهڻو.
    (7) ڪراچي ضلعي ۾ شاهه بندر طرف ”ستاهه“ نالي واه آهي، اُن جي پريان سنڌونديءَ جو هڪ ڀاڱو ”مگدو“ سڏبو هو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ پاسي درياهه جو ڪنٺو اصل ”مگدو“ ذات جي ٻروچن وسايو هو. انهيءَ مگدي جي پريان سنڌونديءَ جو ٻيو ٿورو ڀاڱو ”پوپٽ ڪوٺبو هو. ”پوپٽ“ معنيٰ ”طوطو“ يا ”چتون“. اسانجي درياهه تي اهو نالو پيو ڪيئن؟ سنڌ بابت متفرقه احوال بمبئي سرڪار جي دفتر مان چونڊي، ٻن ڀاڱن ۾ ڇپايا اٿن، جن مان ٻئي ڀاڱي ۾ گهڻو ذڪر سنڌونديءَ ۽ ان جي ڦيرين گيرين جو آهي. سنڌونديءَ جي جدا جدا ڀاڱي تي اڳي جيڪي نالا رکيل هئا، تن جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿن، ته سنڌونديءَ جي انهيءَ ڀاڱي تي ”پوپٽ“ نالو هن ڪري پيو، جو قديم زماني ۾ انهيءَ طرف جا ميربحر درياهه ۾ گهڙڻ مهل پنهنجي پير لاءِ هڪ پوپٽ (حتون) قرباني طور ڏيندا هئا.
    سنڌ ۾ طوطن يا چتن جي قربانيءَ جو رواج نڪي هندن نڪي مسلمانن ۾ آهي، ڪولن ۽ سنٿالن بابت چون ٿا ته اهي آسٽريليا طرفان چين ولايت واري واٽ وٺي آيا هئا. آسٽريليا ۾ بک ڪڍڻ ۽ ٻلين چاڙهڻ جو رواج نڪو اڳي هو، نڪو هاڻي آهي. انهيءَ ساڳئي ڪتاب (بمبئي سرڪار واري دفتر) ۾ ڄاڻايل آهي، ته اهو رواج چين ولايت ۾ آهي. جنهن صورت ۾ ڪولن ۽ سنٿالن بابت عالم چون ٿا ته اهي چين ولايت واري واٽ وٺي. هندستان آيا هئا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو چتن جي قربانيءَ جو رواج انهن لوڪن چين ولايت کان ايندي ڏٺو هو، جو سنڌ ۾ چالو ڪيائون ۽ سندن اولاد پوءِ به هلائيندو پئي آيو. هن وقت اهو رواج ڪونهي. هنن ڳالهين جي کوجنا اڄ تائين ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي. حال اسان ائين فرض ڪيو آهي، ته اهي رواج ڪولن ۽ سنٿالن واري زماني جا آهن، جو آرين وٽ اهڙا رواج هئائي ڪين. *
    ** W.T. Blanford: Geology of western Sind. (Memoirs of Geological Survery. Vol XVII. Part 1).
    Mr. Henry Cousens: The antiquities of Sindh. Page 6.
    * شاهه بلاول ٻه آهن: هڪڙو سيوهڻ-دادوءَ طرف ۽ ٻيو ڪراچيءَ کان اٽڪل ڇٽيهه ڪوهه پري لاهوت لامڪان کان ڏيڍ ڪوهه کن جي مفاصلي بلاول جي درگاهه پٻ جبل جي وچ ۾ آهي، تنهنڪري عام طرح ”پٻ جو پهلوان“ سڏيندا اٿس. (مصنف)
    * اهو فخر سڀاويڪ آهي. عربن کي به پنهنجيءَ فصيح زبان جو فخر هوندو هو. ايراني لوڪ وغيره سندن تابعي ٿيا، پر عربي پوريءَ طرح ڳالهائڻ نه ايندي هين، ته عربن کين سڏيو ”عجم“ يعني گنگا. (مصنف)
    * Prof. Max Muller: India: What can it Teach us?
    ** Sir Grierson: Linguistic Survey of India, Vol. 1. Part 1, p p.35 & 132.
    * Ponat is derived from a tradition that in ancient times a parrot used to be sacrificed….. For a similar custom among the Chinese see ‘Barrow's Travells’. Selections from the Racords of the Bombay Government. Part II.p.428.
    باب ٻيو
    دراوڙن وارو زمانو
    سنڌ ۾ دراوڙ: عالم چون ٿا ته قديم هجري (پٿر واري زماني کان پوءِ برف گهٽ پوڻ لڳي ۽ ڌرتيءَ جون حالتون ڦريون. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ، کيتي ڪرڻ، باهه ٻارڻ ۽ ٿانءَ ٿپا جوڙڻ سکيا. ڌاتن مان سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ڌاتوءَ جي اڃان سڌ ڪانه هين. اڳي اڻ گهڙيل پٿر ڪم آڻيندا هئا، پر هن زماني ۾ پٿر گهڙڻ سکيا، ته ڪپ، ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار پٿر جا ٺاهي سگهيا ٿي. اهو ”نئين پٿر وارو زمانو“(Neolithic or New Stone Age) سڏجي ٿو، جو اڄ کان اٽڪل پندرهن هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. ڪيترا عالم ائين وسهن ٿا، ته جانورن جي هڏن جي لساڻ يا لسائيءَ مان ان وقت جي ماڻهن کي پٿر گهڙڻ جو خيال آيو، جنهنڪري اڻ گهڙيل پٿرن بدران گهڙيل پٿر ڪم آڻڻ لڳا. حقيقت ڪيئن به هجي، پر ايترو چئبو، ته آڳاٽن ڪولن ۽ سنٿالن کان هن زماني جا ماڻهو وڌيڪ سڌريل هئا، جنهنڪري هيءُ تهذيب جي ترقيءَ جو ٻيو دؤر ليکجي ٿو.
    نئين پٿر واري زماني جي سڀيتا جو بنياد وجهندڙ دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. هنن بابت عالمن کوجنائون ڪري ڄاڻايو آهي، ته ڪولن ۽ سنٿالن جي مٿان اهي لوڪ ڪاهي آيا ۽ منجهائن ڪيترن کي وچ هندستان ڏي هڪالي ڪڍيائون ۽ پاڻ اتر هندستان جا والي ٿي ويٺا. تازو مهن جي دڙي مان ڪن ڪولن ۽ سنٿالن جي کوپڙين سان گڏ ڪن دراوڙن جون به کوپڙيون لڌيون آهن. هن مان سمجهجي ٿو ته دراوڙن جي اچڻ کان پوءِ به ڪي ڪول ۽ سنٿال ساڻن گڏ رهيا پيا هئا. اهي پوءِ آرين سان به لهه وچڙ ۾ آيا هئا، تنهنڪري سنسڪرت ساهت ۾ انهن ٻنهي قومن جو ذڪر آهي. *

    سنڌ ۾ هن وقت جيڪي ”اوڏ“ آهن، سي اصل دراوڙن جي ڪل مان آهن. اهي اصل ڏکڻ هندستان ۾ هئا، اتر هندستان ڏي اچڻ کان اڳ واٽ تي جيڪو هنڌ اول وسائي ويٺا، سو هنڌ سندن نالي پٺيان ”اوڏر ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري ”اوڙيسا“ (Orissa) ٿيو. بمبئيءَ کاتي جي ذاتين جو ذڪر ڪندي، هيءَ حقيقت اينٿوون صاحب ڄاڻائي آهي. انهن اوڏن مان پوءِ ڪي مارواڙ ويا، جتان پوءِ سنڌ ۾ آيا؛ پر ٻولي اڄ تائين مارواڙين جهڙي ڳالهائيندا آهن، اهي اصل هندو آهن، پر اڪثر مسلمانن جهڙي شڪل اٿن، ۽ ڪپڙا به اهڙا ڍڪيندا آهن. سندن پير رامڏيو آهي. جنهن جو ميلو سال بسال لڳندو آهي. ”اوڏ“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”اڏيندڙ“؛ اهي اڄ تائين ڀتين جون اوساريون کڻندا آهن.
    سنڌ ۾ هن وقت ٻيا ”ماڱر“ (ماڃر) ذات جا مهاڻا آهن. اُهي سنڌ جي آڳاٽن دراوڙن جو اولاد آهن، يا پوءِ ڏکڻ هندستان کان آيا سا پڪ ڪانهي – ايترو معلوم ٿئي ٿو، ته ڪيترين صدين کان سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات جا وڻجارا ملبار طرف وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اڄ به مغلڀين تعلقي جاتيءَ، ڪڇ ڀڄ ۽ گجرات طرف جا ميربحر دنگيون هاڪاري، ملبار طرف پيا وڃن. ماڱر ذات جا مهاڻا ملبار ۾ به گهڻا آهن، جنهنڪري چئبو ته ملبار ڪناري وارن سان لهه وچڙ هئڻ ڪري اهي سنڌ ۾ آيا هجن ته عجب ڪونهي.
    تون سمون، آءٌ گندري، مون ۾ عيبن جوءِ،
    پـــسي راڻــين روءِ، مــتان مــــاڱر مـــــٿيين.
    (شاهه)
    سنڌ جو حاڪم ڄام تماچي، جو سمي گهراڻي مان هو، سو نوري نالي هڪ مهاڻي، ذات جي گندري، پرڻيو هو. مٿئين بيت ۾ شاهه صاحب نوري مهاڻيءَ کي ”ماڱر“ سڏيو آهي. نوري مهاڻي ڪينجهر ڍنڍ ڏي رهندي هئي. اها ڍنڍ هيلايا، تعلقي ٺٽي ۾ آهي. هن وقت ڪينجهر ڏي ماڱر ذات وارا ڪينهن، باقي سجاول ڏي گهڻا آهن. اهو سجاول وارو پاسو اڄ تائين ”ماڃر“ سڏجي ٿو. اڳي ٺٽي ۽ سجاول جو ڳچ پاسو پاڻيءَ هيٺ هو. ان وقت سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. سن 1758ع ۾ سنڌوندي نصرپور وٽان رخ ڦيرائي، هاڻوڪي واٽ ورتي، ته ڦليليءَ جو وهڻ بند ٿي ويو. ان وقت درياهه هتان بهر رخ ڦيريو، جنهنڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا. سجاول وارو پاسو انهيءَ کانپوءِ وسيو. نه ته اتي اصل ماڃر ذات جا مهاڻا رهندا هئا، جي مڇيون ماريندا هئا، ۽ مسافرن کي پتڻ به اُڪاريندا هئا، سجاول طرف ”ماڱر“ بدران ”ماڃر“ چون – يعني ”ڱ“ کي مٽي ”ڃ“ ڪيو اٿن، نه ته لفظ ساڳيو ئي آهي. اهو اصل دراوڙي لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”ڄار رکندڙ يعني مهاڻو“ سجاول ڏي ”ماڃر“ نالي ڍنڍ به آهي، جنهن تي پڻ انهن مهاڻن جو نالو پيل آهي.*

    سجاول ۾ واهه گهوٽارو وهي وچان بازار،
    ماڃر ۾ ٿا مڇر پون مـــانيءَ مـــنجهه هزار.
    (غريب)
    دراوڙ ڪٿان آيا؟ دراوڙ لوڪ اصل ڪٿان آيا، تنهن بابت عالمن جا جدا جدا رايا آهن، جن مان ٻه رايا مکيه آهن: هڪڙا چون ته دراوڙ لوڪ اصل ڏکڻ هندستان جا رهاڪو هئا ۽ اتان هندستان ۾ تڏهن آيا، جڏهن اهو پاسو خشڪيءَ جي رستي آسٽريليا سان ڳنڍيل هو. ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي کوجنائون ٿيون آهن، تن پٽاندر ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان هئا. اهي پهريائين ڪجهه وقت ميسو پوٽيميا طرف رهيا؛ پر پوءِ عربن ۽ ٻين سيميٽڪ قوم وارن اُتان کين تڙي ڪڍيو، جنهنڪري بلوچستان واري واٽ وٺي، هندستان ڏي آيا. منجهائن ڪي گنگانديءَ واري ماٿر، ته ڪي سنڌوندي واري ماٿر والاري اچي ويٺا. [1]
    بلوچستان ۾ هن وقت جيڪي بروهي آهن، تن جا ابا ڏاڏا به قديم زماني ۾ شايد ميسوپوٽيميا طرف رهندا هئا ۽ اتي اها ساڳي ٻولي ڳالهائيندا هئا. انهيءَ سبب بروهيءَ جي نحوي بناوت دراوڙي ٻولين جهڙي آهي باقي ٻيءَ طرح بروهي ٻوليءَ جي انهيءَ جگري ناتي سبب ڪن عالمن ائين ئي سمجهيو ته بروهي ۽ دراوڙ ٻئي وچ ايشيا طرفان آيا هئا، جن مان بروهي بلوچستان ۾ هميشه لاءِ رهيا ۽ دين اسلام اختيار ڪيائون، ۽ دراوڙ اول اتر هندستان ۾ آيا، جتان پوءِ ڏکڻ ڏي ويا، ڪن جو چوڻ آهي ته دراوڙ اصل ڀونوچ سمنڊ طرف رهندڙ قومن مان نه هئا، اهي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، جتان ڀونوچ سمنڊ طرف ۽ ٻين پاسي ويا هئا. تازو مهن جي دڙي ۽ هڙپا مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن تي لکيل اکر پڙهي ۽ ٻيون ثابتيون ڏيئي، فادر هيرس به هي رايو ظاهر ڪيو آهي ته دراوڙ لوڪ هندستان مان ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن ڏي ويا هئا ۽ پنهنجي سڀيتا جو ڦهلاءُ يورپ تائين ڪيو هئائون.*

    ٺٽي ۽ روهڙي طرف جي سڀيتا: قديم زماني جي اوائل ۾ سنڌ جو رڳو الهندي طرف وارو جابلو ڀاڱو وسيل هو ۽ ان وقت جي ماڻهن (ڪولن وغيره) جي سڀيتا جو مرڪز سيوهڻ ۽ لاڙڪاڻي وارو پاسو هو. نئين هجري زماني جي سڀيتا جا اهڃاڻ ٺٽي ۽ ڪوٽڙيءَ کان وٺي روهڙيءَ تائين مليا آهن. ڀائنجي ٿو ته ٺٽي وٽان سمنڊ هٽڻ ڪري اهي پٽ پڌرا ٿيا هئا، جنهنڪري نئين هجري زماني ۾ ماڻهو انهيءَ پاسي به رهي سگهيا ٿي.

    نئين هجري زماني جا بانيڪار دراوڙ لوڪ چوڻ ۾ اچن ٿا. انهيءَ زماني جي نشانن ڳولي لهڻ جو ڪم سنڌ ۾ پهريائين پهريائين مسٽر ڪارٽر آءِ. سي. ايس. ڪيو هو. سن 11-1919ع ڌاري هو صاحب سنڌ ۾ آيو ۽ ڳچ وقت ٺٽي ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو. سن 1917ع ڌاري حيدرآباد سنڌ جي ميونسپالٽي سسپينڊ ٿي، ته هو ميونسپل ڪمشنر مقرر ٿيو هو؛ پر هن قسم جي کوجنائن جو خفت گهڻو هوندو هوس. جيڪي کوجنائون ڪندو هو، تن جا نتيجا ڪراچي ۽ بمبئي جي انگريزي اخبارن ۾ لکندو هو. سندس ليک مصنف پاڻ پڙهيا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ معلوم ٿيو ته هو صاحب پنهنجي کوجنائن جون رپورٽن وارو احوال مسٽر هينري ڪزنس پنهنجي ڪتاب ”ائنٽيڪئٽيز آف سنڌ“ (The Antiquities of Sindh) ۾ ڏنو آهي جنهن جو مختصر مطلب هتي ڏجي ٿو.
    ڪراچيءَ کان ويهه ميل پري .مول“ نالي ماٿر ۾ مسٽر ڪارٽر ڏٺو ته هڪ هنڌ پٿرن مٿان پٿر سٿي ٿيا پيا هئا. انهن پٿرن تي ڪي چڪرا ۽ اُٺ ۽ گهوڙي جون شڪليون اُڪريل هيون. انهيءَ هنڌ کي پاڻ ”ٺل“ ڪوٺيو اٿس. مسٽر ڪارٽر جي خيال موجب اهو ٺل عيسوي سن کان فقط ڏيڍ سؤ کن ورهيه اڳ جو آهي؛ پر انهي ساڳيءَ ماٿر ۾ نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن جي بيٺڪ جا نشان به ڏٺائين. انهيءَ زماني جا پٿر جا ٺهيل ڪيترا اوزار به لڌائين. ائين هو صاحب کوجنائون ڪندو ويو، ته نئين پٿر واري زماني جون بيٺڪون ڪراچيءَ کان وٺي اُنڙپور تائين ڏٺائين. هيڏانهن وري ننگر ٺٽي جي پريان، ڳوٺ گجي واريءَ واٽ تي ٿرڙيءَ وٽ، نئين پٿر واري زماني جو عجيب طرح ٺهيل هڪ شهر نظر آيس، جنهن جي چوڌاري ڀتيون ڏنل هيون. انهيءَ هنڌان توڙي جهرڪن طرف ٻڌڪن ٽڪرن مان، انهيءَ زماني جا پٿر مان ٺهيل اوزار وغيره به هٿ آيس.ويجهڙائيءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن به اهي پاسا جاچيا، تنهنڪري نئين پٿر واري زماني جي بيٺڪن جو ذڪر سر جان مارشل به پنهنجي جوڙيل ڪتاب مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا جي جلد پهرئين صفحي 92 ۾ ڪيو آهي. ان صاحب جو چوڻ آهي ته نئين پٿر واري زماني جا نشان سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن، کرٿر جبل جي قطارن ۽ روهڙيءَ وارين ٽڪرين ۾ به اڪيچار آهن. مطلب ته هن زماني ۾ نه رڳو سيوهڻ وارو پاسو وسيل هو؛ پر سنڌ جي اُڀرندي طرف وارين ٽڪرين يعني ٺٽي ۽ جهرڪن وارن ٻڌڪن ٽڪرن ۽ اُنڙپور کان وٺي روهڙيءَ وارين ٽڪرين وارو پاسو به وسيل هو. *

    سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) انسان ذات کي پيدا ٿئي ڪئين جڳ ٿي ويا آهن، پر سڄيءَ دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي اهڙي قديم تاريخ ڪانهي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته هر هڪ جڳ ۾ انهيءَ ملڪ جي تهذيب يا سڀيتا ڪهڙي هئي ۽ ان جو وقت بوقت واڌارو ڪيئن ٿيو- انهيءَ هوندي به سڀ ڪنهن ملڪ ۾ آڳاٽن ماڻهن پنهنجون ٿوريون گهڻيون نشانيون ڇڏيون آهن. جن جي اڀياس ڪرڻ سان (آرڪيالاجيڪل کاتي وارا تهذيب جي واڌاري جون منزلون يا سڀيتا جا ساڪ (Epochs of Civilization) پرجهي پروڙي سگهن ٿا. انهن منزلن جي گهڻي قدر پروڙ پٿرن ۽ ڌاتن مان ٺهيل اوزارن ۽ ٻين شين مان پوي ٿي، جي جدا جدا زمانن ۾ ماڻهو ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ سبب انهن زمانن تي نالا ئي اهڙا رکيا اٿن. انهن مان پهريون آهي ”قديم هجري زمانو“ ۽ ٻيو ”نئون هجري زمانو“ (نئين پٿر وارو) زمانو جن جو ذڪر مٿي اڳي ئي ڪري آيا آهيون. انهن کانپوءِ اهو زمانو ليکجي ٿو، جنهن ۾ ماڻهو ٽامو ڪم آڻڻ لڳا هئا. جنهنڪري اهو ”ٽامي وارو زمانو“ (Copper Age) سڏجي ٿو. ماڻهن پوءِ وڌيڪ ترقي ڪئي. ٽامو ۽ قلعي ملائي هڪ گاڏڙ ڌاتو ”برانز“ (Bronze) جوڙيندا هئا ۽ انهيءَ مان اوزار، باسڻ برتن وغيره ٺاهيندا هئا، تنهنڪري اهو ”برانز“ يعني ”ٽامي ۽ قلعي ميل وارو زمانو، (Bronze Age) سڏجي ٿو. انهيءَ کانپوءِ ماڻهو لوهه مارڻ سکيا، ته ڪڙا ڪنڍا، ڪپ، ڪاتيون، ڪهاڙا، ڪوڏريون، ڪرپان ۽ تلواريون وغيره جوڙڻ لڳا. اهو ”لوهه وارو زمانو“ (Iron Age) سڏجي ٿو. هن وقت اسين ”ڪلن جي زماني“ (Machine Age) ۾ آهيون. آگ گاڏيون ۽ آگبوٽ، ڪپڙن اُڻڻ ۽ سبڻ جون ڪلون، تيل پيڙڻ ۽ ڪپهه ٽاڻڻ جون ڪلون بلڪ وارن ڪترڻ جون مشينون به عام ٿي ويون آهن. هوائي جهاز، زير آبيون وغيره به هاڻوڪي زماني جون پيدائشون آهن ۽ ڄاڻائين ٿيون ته انسان ڪيئن ترقي ڪندو وڃي ٿو.
    هنن ڳالهين جو ذڪر هن ڪري ڪيو اٿئون، جو جيڪو ٿورو گهڻو احوال جهوني پٿر توڙي نئين پٿر وارن زمانن جو ڏنو اٿئون، اوترو ٽامي ۽ برانز وارن زمانن جو ڏئي نٿا سگهون. يورپ مان انهن ٻنهي زمانن جون شيون چڱي تعداد ۾ لڌيون اٿن. هندستان مان ٽامي جون ٿوريون شيون لڌيون اٿن، باقي برانز وارو زمانو ڄڻ ته هندستان ۾ ٿيو ئي ڪونه هو. ٽامي کانپوءِ ڄڻ ته لوهه وارو زمانو شروع ٿيو هو، جنهنڪري يوروپي عالمن ائين پئي سمجهيو ته هندستان جي ماڻهن گهٽ ترقي ڪئي آهي. هن قسم جي کوجنائن ڪئي کين ڪو گهڻو عرصو ڪونه ٿيو آهي. سنڌ ۾ اهڙيون کوجنائون خرچ به هيڪاري گهڻو ٿيون پڇن، جو سنڌونديءَ جي ڦيرين گيرين، وقت بوقت گهڻي ئي سڃا پاسا ساوا، ۽ ساوا پاسا سڃا پئي ڪيا آهن، ۽ آڳاٽي سڀيتا جا ڪيترا نشان ڪن اهڙن دڙن ۾ دٻيا پيا آهن، جن جي مٿان وري ٻيا دڙا ٺهي ويا آهن. هاڻ جڏهن اهي سڀ دڙا کوٽائي، پاتال ۾ پهي، تڏهن پتو پويس. سن 1922ع ۾ اوچتو مهن جي دڙي ۾ شڪ پين. اهو دڙو کوٽايائون، ته ٽامي ۽ برانز جون ٺهيل شيون ته لڌيون، بلڪه هڪ وچولي منزل جي تهذيب جون اهڙيون ته ثابتيون مليون، جو خود آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جا ڏند چپن سان لڳي ويا. هيءَ وچولي منزل اها آهي جنهن ۾ ماڻهو اڃان لوهه مارڻ ڪونه سکيا هئا؛ پر نئين پٿر واري زماني جي ماڻهن وانگر گهڙيل پٿرن مان اوزار ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا هئا، ۽ ساڳئي وقت ٽامو گهڻو ڪم آڻيندا هئا، جنهن ڪري اها ڪئلڪولٽڪ سڀيتا (Chalcolithic Culture) سڏجي ٿي يعني اها سڀيتا جنهن ۾ ٽامو ۽ پٿر ٻئي ڪم ايندا هئا. سڄي هندستان جي پرڳڻن مان پهريون پرڳڻو سنڌ آهي، جنهن مان هن اُچيءَ سڀيتا جي اوچتو ئي اوچتو ثابتي ملي، ته منهنجيون ۽ تنهنجيون اکيون وڃي مهن جي دڙي ۾ کتيون.
    دڙن ۾ دٻيل سڀيتا: آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي جنهن وقت هن سڀيتا جو پتو پيو، تنهن وقت سڄيءَ سنڌ ۾ وڙول وڌائون. سگهوئي معلوم ٿين ته مهن جي دڙي کان سواءِ سنڌ ۾ ٻيا به ڪيترا هنڌ آهن، جتي اها ساڳي سڀيتا هئا. مثلاً ننگر ٺٽي کان ڇهه ڪوهه پري ڳوٺ گجي طرف ٿرڙيءَ ۾، ڪوٽڙيءَ جي اُتر ڏي ڪارڙيءَ ۾، آمري اسٽيشن کان ڪوهه کن پري آمريءَ جي ڳوٺ ۾، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ باڊهه طرف لوهم جي دڙي ۾، لاڙڪاڻي شهر جي نزديڪ جهوڪڙ جي دڙي ۾، ۽ روهڙيءَ جي پريان ريتي اسٽيشن کان اڍائي ڪوهه پري ونجهوٽ جي شهر ۾. سن 962ع ۾ هڪ خوفناڪ زلزلو ٿيو هو، جنهن ۾ سکر ۽ بکر وارا ٽڪر به ٽڪر ٿي ويا هئا. ان وقت الور وٽان درياهه رخ ڦيريو، ته پاڻيءَ جي تڪليف ٿيڻ سبب ماڻهو لڏي روهڙيءَ ويا. ونجهوٽ به درياهه جي رخ ڦيرائڻ سبب ڦٽي ويو، نه ته اهو به هڪ عاليشان شهر هو. سرحد سنڌ ۾ کوٽائي ڪرايائون ته پيو پين ته ”ليمو جوڻيجو“ به مهن جي دڙي واري زماني ۾ وسيل هو. انهن سڀني هنڌن جي سڀيتا ساڳي هئي. اهي سڀ پاسا درياهه شاهه ور ور ڏيئي پاتا آهن، تنهنڪري انهن هنڌن جي آڳاٽي سڀيتا اُتي جي دڙن ۾ دٻيل آهي. ***
    سن 1928ع ۾ مسٽر ايم. جي مجمدار (مجموعدار) هڪ ٻيو هنڌ ڳولي لڌو. نوابشاهه ضلعي ۾ سڪرنڊ کان اڍائي کن ڪوهه پري، اُتر اُڀرندي طرف، ”چانهوءَ جو دڙو“ آهي، جو ”ڳوٺ جمال ڪيريو“ جي نزديڪ آهي. ايڏهين وڃڻ لاءِ ”نواز ڏاهريءَ“ اسٽيشن تي لهبو آهي، جتان ”چانهوءَ جو دڙو“ چار ڪوهه کن ٿيندو. اتي فقط ٽي دڙا آهن. مسٽر مجمدار اهي ٽيئي دڙا مٿاڇرا کوٽايا، ته اتان به اهڙيون شيون لڌيون جهڙيون مهن جي دڙي مان لڌيون آهن. هيءَ ڳالهه اخبارن ۾ ڇپجي پڌري ٿي، ته ڪن يوروپي عالمن کي چانهوءَ جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرڻ جو خيال ٿيو. سن35-1936ع ۾ ٻن سوسائٽين('American Society of Indian and Iranian Studies' and 'Boston Museum of Foreign Arts') وارن پاڻ ۾ گڏجي، آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر مئڪيءَ کي پنهنجو اڳواڻ ڪري، چانهوءَ جي ٽن دڙن مان ٻن جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائي. انهيءَ کوٽائي جي نتيجن جي رپورٽ اڄ تائين ڇپجي پڌري نه ٿي آهي، تنهنڪري ان بابت ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن وقت تائين جيڪي احوال مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا آهن، تن ۾ ايترو ڄاڻايو اٿن ته مهن جي دڙي واري سڀيتا تي هتان ڪجهه وڌيڪ روشني پوي ته عجب ڪونهي. جنهن صورت ۾ هن وقت تائين مهن جي دڙي بابت گهڻا ڪتاب ڇپيا آهن. تنهن صورت ۾ انهيءَ قديم سڀيتا جو مختصر طرح ذڪر ڪجي ٿو، ته پڙهندڙن کي سنڌ جي آڳاٽي اؤج جي پروڙ پوي. *

    ________________________________________
    * "It may be that the two races (Kolarians and Dravidians) dwelt side by side, and this is the theory now generally accepted. Or it may be that the Kolarians first inhabited the country and that the Dravidinrs came later either from the North-West or from the South, at a time when the land now submerged beneath the sea, is supposed to have stretched from India in the direction of Australia."
    E. Marsden and sir Henry sharp: A History of India, P.13.
    * Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sindh, Page 6.

    * "After the Study of above one thousand eight hundred inscriptions" when upto now have been deciphered by the present writer, it is easy to realize that the wave of migration of the Mediterranean race which was supposed to have been from West to East, must now be finally settled as having taken place in the opposite direction, i,e, from East to West. The development of the script of Mohen-jo-Daro in relation with the Sumerian script, the relation of these two countries and that of Egypt, the titles of kings, the number of Zodiacal Constellations among the proto-Indian people and the relative positions of these constellations, the changing of the pro-o-Indian constellation of the Harp (val) for Taurus (the bull) which must have taken place in Summer, the tradition of the ancient people of Mesopotamia recorded by Berousus, the parallel biblical account in Genesis II, 1-5-all point to the same Conclusion that the migration of the Mediterranean race commenced from India and extended through Southern Mosopotamia and Northern Africa, spread through Create, Cyprus, Greece, Italy and Spain, and crossing the Pyrenes reached Central Europe and the British Isles. This route starting from Ceylon up to Ireland is marked by an interrupted chain of dolmens and other megaliths, that seem to be relics of this enterprising and highly civilized race which is termed Mediterranean by the anthropologists and which in India has been quite unreasonable despised under the name Dravidian." Rev H. Heras, S.J. Journal of India History, Vol. XVI. Part 1, April 1937. Serial No. 46.
    * جيڪڏهن هن کان پوءِ ڪي وڌيڪ بيٺڪون نه لڌيون، ته ائين فرض ڪرڻو پوندو ته باقي رهيل سنڌ جو ڀاڱو اڃا به ڪي سمنڊ جي پاڻيءَ هيٺ، ته ڪي سنڌونديءَ جي پاڻيءَ هيٺ هو، سنڌ جا ڪي ڪي ٽڪر جدا جدا وقتن تي پاڻيءَ مان نڪري پڌرا ٿيا، جو سنڌونديءَ ۾ اڳي پاڻي هاڻوڪي کان ٻيڻو ٽيڻو هو، جنهنڪري ڪي پاسا ٻڏا پيا هوندا هئا. عربن جي وقت کان وٺي هن وقت تائين سمنڊ به اٽڪل چاليهه ميل هٽي پري ٿيو آهي. (ڏسو ميجر رئورٽيءَ جو ”سنڌ جو مهراڻ“)
    * Mr. Henry Cousens: The Antiquities of Sind. Pp. 5,6-149.
    ** Sir john Marshall: Mohan Jo Daro and Indus Civilization p.92
    * See. Annual Bibliography of Indian Archaeology, from 1928 to 1934, Vol 1 to IX. Published by the Kern Institute, Leyden Holland.
    * Journal of Indian History, Vol V. 1926, pp. 101-106.


    باب ٽيون : مهن جو دڙو ۽ ان جي کوٽائي

    سرزمين جو ذڪر: لاڙڪاڻي ضلعي جي لبدريا تعلقي ۾، لاڙڪاڻي جي شهر کان پنجويهه ميل پري، ۽ ڏوڪري اسٽيشن کان فقط ساڍن ٽن ميلن جي مفاصلي تي، هڪ ويرانو آهي، جو عام طرح ”مهن جو دڙو“ سڏجي ٿو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن انهيءَ نالي جي معنيٰ ڄاڻائي آهي 'Mound of the Dead' هن مان ظاهر آهي ته هو سمجهن ٿا ته اهو نالو اصل ۾ آهي ”مئن جو دڙو“، ۽ رڳو چُڪ کان ”مئن بدران ”موهن“ لکيو اٿن. سرزمين تي وڃي ڪو پڇا ڪندو، ته پڪ ٿيندس ته صحيح اُچار آهي ”مُهن جو دڙو“ ۽ ڪي ”مهين جو دڙو“ به چون ٿا. ٻنهي جي معنيٰ آهي ”مات ٿيلن جو دڙو“. قديم زماني ۾ سنڌوندي مُهن جي دڙي وٽان وهندي هئي، اُتي جو اصلوڪو شهر سنڌونديءَ ۽ الهندي ڪناري جي وچ ۾ هڪ ٻيٽ هو. سرزمين جانچڻ سان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي، ته اتي اصل پنج ٻيٽ هئا، جي پوءِ نديءَ جي اتان رخ ڦيرائڻ ۽ مٿان واريءَ وري وڃڻ سبب گڏجي ويا ۽ هاڻي ٻيٽن جو گويا هڪ ڇڳو ٿي پيا آهن. هينئر اتي دڙا ئي دڙا لڳا پيا آهن، جي اٽڪل اڍائي سؤ ايڪڙ زمين جا والاري بيٺا آهن. ڪي دڙا ويهه ته ڪي ٽيهه فوٽ اوچا آهن. انهن جي وچ ۾ هڪ وڏو دڙو اٽڪل ستر فوٽ اوچو آهي، تنهن تي هڪ مندر اڏيل هو، جو ڪيترن ورهين کان ڊٺو پيو هو؛ پر هاڻ چڱي مشهوري ملي اٿس.*

    تباهيءَ جا سبب: مهن جي دڙي واري زمين تي اصل هڪ عاليشان شهر ٻڌل هو، جنهن جي نالي جي ڪنهن کي به سڌ ڪانهي. اهو شهر پوءِ ڊهي دڙو ٿي پيو، ۽ اتي جا رهاڪو منجهس دٻجي مري ويا، تنهنڪري ”مهن جو دڙو“ سڏجڻ ۾ آيو. اهو شهر ڪيئن تباهه ٿيو، تنهن بابت ڪن جوچوڻ آهي ته سنڌونديءَ جي سيلاب يا ٻوڏن سبب ۽ ڀر وارن جبلن تان برسات جي پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب زمين دوز ٿيو. دڙي جي اندران جيڪي جايون هينئر لڌيون آهن، تن ۾ ڪن هنڌ باهه لڳڻ جا آثار به ڏسڻ ۾ اچن ٿا، پر هن طرح جا رهاڪو هن وسيل شهر جي ويران ٿيڻ بابت عام طرح هيٺين ڳالهه ڪن ٿا.
    اسٿاني ڏند ڪٿا (Local Tradition) : سومرن جي صاحبيءَ ۾ دلو راءِ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جنهن ڪيترا ڪلور ڪيا هئا. هن کي هيءَ وٺ هئي، ته سندس صاحبيءَ ۾ جيڪا به جوان ڇوڪري پرڻبي هئي، سا پهرينءَ رات پاڻ وٽ گهرائي وٺندو هو. هن قهر جي ڪم ڪري رعيتي ماڻهن جي رڳ رڳ کيس پئي پٽيو. ڪنهن وقت خود سندس سڳي ڀاڻيجي ٿي پرڻي، ته هن لاءِ به حڪم ٿيو ته پهرينءَ رات سندس محلات ۾ موڪلي وڃي. انهيءَ تي ڀيڻس ڳچيءَ ۾ ڪپڙو پائي، وڃي پيرن تي ڪريس ۽ هٿ ٻڌي، ليلائي چيائينس ته ”منهنجي آنڊي ڄائيءَ کي پنهنجي نياڻي سمجهي سندس ست نه بگاڙيو!“ پر هي مادئمهرو ڪين مڙيو. هو پنهنجيءَ ڳالهه تي هوڏ ٻڌي بيٺو ته هي ماءُ ڌيءَ ٻئي لوساٽجي وييون ۽ اوڇنگارون ڏيئي زاروزار روئڻ لڳيون. سچ چيو اٿن ته ”آهه غريبان قهر خدائي!“ هنن اٻلائن جي آهه عرش تائين پهتي، ته ڏسو قادر جي قدرت جو دلوراءِ جي بڇڙي مراد پوري ٿيڻ کان اڳ ئي اهڙو سخت طوفان لڳو، جنهن ڌرتي ۽ آسمان گڏي هڪ ڪري ڇڏيا. اوڏي مهل اوڙڪون به اهڙيون وسيون، جي نه ڪنهن ڏٺيون نه ٻڌيون. اوچتو شهر جي مٿان وڄ ڪري ڌرتي به ڌٻي، جنهنڪري دلوراءِ جي نگري (برهمڻ آباد) ناس ٿي ويئي ۽ ٻيا ڪيترا وسيل شهر جي سندس صاحبيءَ ۾ بلي بلي هئا، سي سڀ ويران ٿي ويا. انهيءَ لاءِ الاهي آفت وقت لاڙڪاڻي طرف هن وسيع شهر جون جايون زمين دوز ٿيون ۽ ڪئين ماڻهو دٻجي مري ويا. اهو ماهو ٿيو، تنهنڪري اهو ”موهن جو دڙو“ يعني مات ٿيلن جو دڙو سڏجڻ ۾ آيو. هن نالي ۾ ”مهن“ لفظ عام صورت جمع ۾ ڪم آيل آهي، تنهن مان ائين سمجهجي ٿو، ته هتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڀيرا ماڻهن جو ماهو ٿيو. ”دڙو“ لفظ مان ظاهر ته هيءُ شهر ڊهي، واريءَ ۽ مٽيءَ جو دڙو ٿيو، تنهن کانپوءِ مٿس اهو نالو پيو.*

    دڙي جي کوٽائي: انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل ۾ هن قسم جون کوجنائون رڳو الور، برهمڻ آباد ۽ ٻين ٿورن هنڌن ٿيون هيون، جو تن ڏينهن ۾ اهي هنڌ نهايت آڳاٽا ليکبا هئا. سن 1910ع ۾ ميرپورخاص نزديڪ ڪاهوءَ جي دڙي جي کوٽائي، مسٽر هينري ڪزنس آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ ڪرائي، ته اتان ٻڌ ڌرم واري زماني جون ڪي حقيقتون معلوم ٿيون. مهن جي دڙي جي سڌ جيتوڻيڪ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن، توڙي لاڙڪاڻي ضلع جي روينيو عملدارن کي اڳي ئي هئي، پر ڪنهن نهاريس به ڪونه ٿي. هتي پوءِ سن 1922ع ۾ کوٽائي ٿي ۽ ان لاءِ هڪ اتفاقي سبب اچي بڻيو.
    سن 1918ع کان وٺي مسٽر رکلداس بئنرجي. ايم. اي آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽنڊنٽ، پنجاب طرف، بياس نديءَ جا سڪل پيٽ پئي جاچيا. سندس مکيه مراد هيءَ هئي، ته عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي. بياس نديءَ جي ڪناري وٽ، سڪندر اعظم جيڪي ٻارهن ٺل ٺهرائي، مٿن يوناني ۽ هندستاني ٻولين ۾ نوشتا اُڪرايا هئا، تن جو پتو ڳولي ڪڍجي. اٽڪل چار ورهيه پنجاب جي ڏاکڻي ڀاڱي، بيڪانير ۽ بهاولپور رياست جا گشت ڪندو، مهراڻ يا هاڪڙي جا سڪل ٻيٽ جاچيندو، سنڌ ۾ آيو. واٽ تي بهاولپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي وچ ۾ سنڌونديءَ جا ارڙهن سڪل ٻيٽ نظر آيس! انهن کانسواءِ ٻڌ ڌرم واري زماني جي ستاويهن وڏن ۽ ٽيونجاهه ننڍن شهرن جا ويرانا سرحد سنڌ. سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ڏٺائين. اهي سڀ هنڌ اک مان ڪڍندو، سن 1922ع ۾ لاڙڪاڻي طرف مهن جي دڙي وٽ اچي بيٺو. ان وقت هڪ اوچي دڙي تي ڊٺل ٺل ۽ ٻڌ ڌرم وارن جو هڪ مٺ (مندر) هو، جنهن جون ڀتيون سنڌونديءَ جي سپاٽ (سطح) کان ڇائيتاليهه فوٽ اتاهيون هيون. مندر جي چوڌاري ڀيڪشن (ٻڌ ڌرم جي ساڌن) جي رهڻ جي لاءِ ڪوٺيون هيون ۽ انهن ڪوٺين جي وچ ۾ مندر واري عمارت هئي. اتان مٿي چڙهڻ لاءِ ڏاڪڻ هئي ۽ پٺيان ٻئي طرف کان هيٺ لهڻ لاءِ به ڏاڪڻ هئي، اتي هڪ وڏو ٿلهو هو، جنهن تي ٺل بيٺل هو. ان جي پاسي وارين ڀتين جي مٿان ٻه سوڙهيون ڏاڪڻيون هيون، جن مان هڪڙي اُتر ته ٻي ڏکڻ طرف ٿي ويئي. اتي هڪ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ گوتم ٻڌ جو پتلو رکيل هو. چون ٿا ته انهيءَ پتلي تي اڳي سوني پني چڙهيل هئي، ڀر وارا ڳوٺاڻا ڀانئيندا هئا ته هتي ڪو ڌن پوريل آهي، سي هتي اچي، وقت بوقت زمين کوٽيندا هئا. سرون کَپنديون هين، ته اهي هتان ڪڍي کڻي ويندا هئا.*

    مسٽر بئنرجيءَ هتي اچي، پير سان ٻهر اُٿلايو، ته ٺڪر جي ٿانون ٿپن جا ٺڪر ٽوٽا ڏٺائين، جن تي نهايت عمدو ۽ عجيب ڪم ٿيل هو. ڪي پٿر جون ٺهيل ڇريون به هٿ آيس، جي نئين پٿر واري زماني جون هيون. هي سڄاڻ انهن ٿورين شين لهڻ شرط سمجهيو ته هي هنڌ کوٽائڻ جي لائق آهي. خود کيس اوڏيءَ مهل اها ڳالهه من نڪا چت هئي، ته هتان اهڙي سڀيتا جو پتو پوندو، جا اڳ ڪنهن به ڳولي نه لڌي آهي، پر هتي جي زمين، جا پنج هزارن ورهين جي جهوني سڀيتا پنهنجي پيٽ ۾ پائي ويٺي هئي، سا ڪوڏر جي پهرئين ئي لپي سان پڌري ڪرڻ لڳي، جنهنڪري مسٽر بئنرجيءَ جي هيڪاري دل وري آرڪيالاجيڪل کاتي وارا کوٽائيءَ جو ڪم ڪرائيندا ئي سياري ۾ آهن. مسٽر بئنجريءَ سن 22-1923ع وارو سيارو اُتي کوٽائي ڪرائي، پر ٻئي سياري ۾ به اتي اچي، زمين وڌيڪ کوٽايائين ۽ سندس لايا سجايا ٿيا.
    چئن زمانن جون عمارتون ۽ لڌل شيون
    مسٽر بئنرجيءَ مهن جي دڙي بابت جيڪي رپورٽون ٻنهي سالن ۾ سرڪار کي موڪليون، آرڪيالاجيڪل کاتن جي ساليانين رپورٽن ۾ ڇپيل آهن. انهن ۾ ڄاڻايو اٿس، ته دڙي کوٽيندي معلوم ٿيو، ته ان ۾ چئن جدا جدا زمانن جون عمارتون آهن. انهن عمارتن اندران جدا جدا زمانن جا سڪا، چقمق جا ٽڪر، ڪچ جون ڪنگڻيون، راند ڪرڻ لاءِ ڍارا، اڇي سنگ مرمر جون ڌوپ ڇٽيون ۽ پتلا لڌا آهن. هڪ چٽسالي ٿيل مورتي لڌي آهي، جا ڪنهن ڏاڙهيءَ سان مڙس جي سسي آهي ۽ مٿي تي کوپڙيءَ جي شڪل جهڙي ٽوپي اٿس. دڙي جي اندر مردا به پوريل هئا، ۽ مردن دفن ڪرڻ جا نمونا به نرالا هئا. مسٽر بئنرجيءَ هتي جي عمارتن مان جيڪي شيون لڌيون، تن ۾ تنت مال پٿر، عاج ۽ ڄؤ جون ٺهيل مهرون آهن، جن تي قسمين قسمين جانورن جون شڪليون اُڪريل آهن. انهن تي ڪي اکر به اڪريل آهن، جيڪي هاڻوڪيءَ ڪنهن به ٻوليءَ جي صورتخطيءَ سان ملي نٿا اچن. اهي اکر اڄ تائين ڪو پوريءَ ريت پڙهي ڪونه سگهيو آهي؛ پر انهن اکرن سمجهڻ جي ڪوشش گهڻي ئي عالم ڪن پيا. مسٽر بئنرجي اهي مهرون ڏسي گد گد ٿيو، جو سمجهيائين ته ڪا شيءِ لڌي اٿم ائين سمجهڻ لاءِ سبب هئس.*

    پنجاب جي ڏکڻ ڏي، منٽگمري ضلعي ۾، لاهور ۽ ملتان جي اڌ واٽ تي، راوي نديءَ جي هڪ سڪل پيٽ وٽ، هڪ قديم ويرانو آهي. انهيءَ ڦٽل شهر جو نالو آهي ”هرپا“، جو لفظ اصل ۾ آهي. ”هرپد“ يعني هريءَ (شوڀڳوان) جو پير، انهيءَ ويراني ڏي پهريائين پهريائين مسٽر مئسن (Mr. Masson) جو ڌيان سن 1826ع ۾ ڇڪيو. پنجن ورهين کانپوءِ مسٽر برنيس (Mr. Burness) کي اتانڪي اهڙيون مهرون هٿ آيون. ميجر جنرل ڪننگهام به سن 1853ع، 1856ع ۽ 1872-1873ع ۾ اهڙيون مهرون اتان لڌيون. انهن تي ديوناگري اکرن جي نموني ماترائون (لاڪنائن يا اعرابن) سان ڪي اکر اڪريل هئا. سن 1921ع ۾ راءِ بهادر ديارام سهني ايم. اي. آرڪيالاجيڪل کاتي واري پڻ اهڙيون مهرون لڌيون. مهرن تي اُڪريل اکرن بابت ان وقت ائين ٿي سمجهيائون، ته قديم زماني ۾ اها لپي يا آئيويٽا رڳو پنجاب طرف چالو هئي. هينئر هرپا جي ويراني کان چار سو ميل پري، مهن جي دڙي مان، مسٽر بئنرجيءَ اهڙن اکرن سان مهرون لڌيون، ته انهيءَ مان ايترو ثابت ٿيو، ته جنهن زماني ۾ پنجاب ۾ اها آئيويٽا چالو هئي، تنهن ساڳئي زماني ۾ سنڌ ۾ به چالو هئي. هرپا مان به مهن جي دڙي جهڙيون عمارتون ۽ ٻيون شيون لڌيون آهن، ته اڻ پڇو چئبو ته پنجاب کان وٺي سنڌ تائين تهذيب ئي ساڳي هئي. هن نئين کوجنا مسٽر بئنرجيءَ جو چاهه وڌايو. هو صاحب هن ڪم کي هيڪاري جنبي ويو؛ پر گهڻي جاکوڙ ڪري پنهنجو بت ڪيري وڌائين، جنهنڪري هي کوجنا جو ڪم ڪجهه وقت روڪجي پيو.
    ان وقت هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي جو ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل هو. هرپا ۽ مهن جي دڙي مان لڌل سڀ شيون گهرائي، پاڻ تپاسيائين. هو صاحب يڪدم سمجهي ويو، ته ههڙي کوجنا پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڳي ڪنهن به ڪانه ڪئي آهي. مهرن تي جيڪي اکر اڪريل هئا، سي جيتوڻيڪ پاڻ به پڙهي ڪونه ٿي سگهيو، ته به ايترو سمجهيائين ته انهن مهرن تي جيڪي اکر اُڪريل آهن۽ شڪليون نڪتل آهن، سي ڀونوچ سمنڊ وارن ملڪن جي قديم سڀيتا سان ڪجهه قدر ملي ٿيون اچن. پوءِ ته ڇا ڪيائين جو مهن جي دڙي مان لڌل عمارتن ۽ شين، ۽ سڀني مهرن جا فوٽا، ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ ڇپائي پڌرا ڪيائين، ته من ڪو عالم هنن نين شين تي ڪا روشني وجهي سگهي. سندس اهو ليک فوٽن (تصويرون) سميت ”السٽريٽيڊ نيوز“ جي 20 سيپٽمبر 1924ع واري پرچي ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ته ٺڪ ٻئي هفتي ساڳي مخزن ۾ پروفيسر اي. ايڇ. سئس ظاهر ڪيو ته انهيءَ ساڳي سڀيتا جا اهڃاڻ ميسو پوٽيميا طرف به مليا آهن. مهرون به ساڳيون ته عمارتن جي اڏاوت جو نمونو به ساڳيو! سگهوئي پوءِ ايران طرف به انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جون ثابتيون مليون. جنهنڪري آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي، عراق ۽ ميسو پوٽيميا تائين ڪنهن قديم زماني ۾ هڪڙي ئي تهذيب هئي. هن نئينءَ کوجنا ڪيترن ئي هنڌن جي عالمن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. هندستان، يورپ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي به اخبارون ۽ مخزنون ڇپجن ٿيون، تن سڀني ۾ مهن جي دڙي بابت ليکن پٺيان ليک ڇپيا، جنهنڪري مهن جو دڙو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويو!
    هينئر هيڪاري ضرور ٿيو ته مهن جو دڙو اڃان وڌيڪ کوٽائجي ته من ڪو وڌيڪ پتو پوي؛ پر هن ڪم لاءِ ججهو ناڻو گهرجي. سگهوئي هند ليجسليٽو اسيمبليءَ جي بجيٽ جي ميٽنگ ۾ رٿ پيش ٿي، ته هندستان جي آرڪيالاجيڪل کاتي کي هند سرڪار هڪ فنڊ پنجاهه لک رپين جو منظور ڪري ڏئي، جنهن مان آئيندي اهڙا دڙا کوٽائجن. انهيءَ رٿ پيش ڪندي سيڪريٽريءَ هن ڳالهه تي زور ڏنو ته پنجاب ۽ سنڌ مان هينئر جنهن سڀيتا جو پتو پيو آهي، تنهن تي سڄي هندستان کي فخر ڪرڻ لاءِ سبب آهي، ۽ اهو فنڊ ضرور قبول ٿيڻ گهرجي. اسيمبليءَ ايترو پئسو ڏيڻ نه قبوليو، ته هندستان ۾ ناراضپو پيدا ٿيو. انهيءَ هوندي به اسيمبليءَ کي جس آهي، جو اڍائي لک روپيا ساليانو قبوليائين.*

    سر جان مارشل پوءِ سنڌ ۾ آيو ۽ مهن جي دڙي جي وڌيڪ کوٽائي ڪرائڻ لاءِ ڪجهه وقت پاڻ اُتي وڃي رهيو. ڏوڪري اسٽيشن کان وٺي مهن جي دڙي تائين رستو ٺهرايائين، عملي لاءِ جايون جوڙايائين ۽ اٽڪل هڪ هزار مزدور دڙي کوٽائڻ لاءِ رکيائين، جن مان ڪيترا بروهي هئا، جي پنهنجيون ڀونگيون اَڏي اتي رهيا؛ مهن جي دڙي وٽ هڪ ڳوٺ ٻڌجي ويو. سرجان مارشل پنهنجي سر مزدورن کي سمجهائيندو هو ته کوٽائي ڪيئن ڪجي. مزدورن جي لاءِ هيءُ نئون ڪم هو، پر اهڙو ته هري ويا جو اَن جو داڻو به لهندا هئا، ته اهو به آڻي ڏيندا هئس. ائين دڙي مان گهڻي ئي شيون لڌيون.
    جيئن جيئن نيون شيون پئي لڌيون تيئن تيئن انهن جو مختصر ذڪر اخبارن ۾ پئي ڇپيو. آمريڪا ۽ يورپ جي ڪيترن عالمن پڇ پڇ لاتي ته اسان کي چٽيءَ ريت کولي ٻڌايو، ته اتان ڇا ڇا لڌو اَٿَو! سر جان مارشل سندين اُڻ تڻ لاهڻ لاءِ پنهنجيءَ صحيح سان ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۽ ٻين مخزنن ۾ ليک لکيا. آخر هڪ سهڻو ڪتاب، ٻن جلدن ۾، باتصوير، مهن جي دڙي ۽ سنڌو سڀيتا بابت ڇپايائين جنهن جي قيمت ڏهه گنيون (ڏيڍ سوَ روپيا، اڃان به وڌيڪ) آهي. سن 1922ع کان وٺي 1927ع تائين جيڪا کوٽائي ٿي تنهن جو سربستو ذڪر ان ۾ ڪيو اٿس. انهيءَ کانپوءِ به دڙو کوٽايو اٿن. مسٽر بئنرجي جنهن پهريائين اهو دڙو کوٽايو هو، تنهن مهن جي دڙي بابت ڌار ڪتاب لکيو. مسٽر دڪشٽ ۽ مسٽر مئڪي به ڪيترو وقت پنهنجي نظرداري هيٺ دڙو کوٽايو هو. مسٽر مئڪي به ڌار ڪتاب لکيو آهي. انهيءَ ريت مهن جي دڙي بابت ٻين به ڪتاب لکيا آهن. هن وقت تائين قديم سنڌ جي تاريخ جوڙڻ لاءِ جيڪي مصالحو مليو آهي، سو ڌار باب ۾ ڄاڻائجي ٿو؛ اهو سمورو سر جان مارشل جي ڪتاب ۽ سندس ليکن مان ڪڍيو آهي. مسٽر بئنرجيءَ ۽ ٻين عالمن ڪا خاص ڳالهه ڪئي آهي.
    ________________________________________
    * سنڌيءَ ۾”ماهو“ معنيٰ خون يا ڪوس. ڪٿي لٺ لڳندي آهي ۽ ڪي ماڻهو اُڦٽ مري ويندا آهن، ته چئبو آهي ته ”ماهو“ ٿيو، ساڳيءَ طرح جنگين ۽ زلزلن سبب به ماهو ٿئي ٿو، ”ماهو“ جو ڌاتو يا بنياد آهي سنسڪرت لفظ ”مش“ معنيٰ ڪهڻ يا ناس ڪرڻ. پراڪرت ۾ ان جو اُچار آهي ”مهه“ سنڌيءَ ۾ چئون ”مهو- ماهو“ اُن جو ڦيرو ڪبو ته عام صورت واحد ۾ چئبو ”مهي-ماهي“ جمع ”مهن- ماهن“، پر ”مهين“ به چئبو آهي: انهيءَ سبب ”مهن جو دڙو“ معنيٰ ”مات يا خون ٿيلن جو دڙو“ (Mound of the Killed)
    * ”تحفظة الڪرام“ موجب برهمڻ آباد، ڀنڀور ۽ اهڙا ٻيا شهر عيسوي اٺين صدي جي وچ ڌاري ويران ٿيا هئا.
    * Dr. Suniti Kumar Chatterji: Modern Review December. 1924.
    ** "Mr Banerji, one of the greatest scholars that India has ever produced, at once realized the great importance of that discovery (at Mohan Jo Daro). The civilization, the relics of which so accidentally came into his hands, was totally unknown civilization, not only in India, but all over the world. That was the beginning of the discovery of a new period in the history of man. "Rev. H. Hearas: Journals of Indian History. April 1937. p 1.
    * فادر هئرس جو چوڻ آهي ته پاڻ اهي لکيتون سمجهي سگهيو آهي، پر جيڪي سمجهيو اٿس سو برابر آهي يا نه – تنهن ڳالهه جي تصديق اڄ تائين ڪنهن ڪانه ڪئي آهي.ڏسو صفحو هيٺيان انگريزي نوٽ
    * Journal of Indian History, Vol V. 1926, pp. 101-106.


    باب چوٿون : مهن جي دڙي واري عاليشان سڀيتا

    سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا: شهر مٿان شهر: مهن جي دڙي جي اٽڪل تيرهن ايڪڙ زمين هيلتائين کوٽائي اٿن. هتان ست شهر هڪ ٻئي جي مٿان لڌا آهن. آبڪلانيءَ ۾ سنڌوندي جي اُٿل ۽ چوماسي ۾ جبلن تان پاڻيءَ جي ڇرن لهڻ سبب هيءُ شهر هڪ ڀيرو زبون ٿيو ٿي، ته پاڻيءَ جي ڇينهري ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن وري انهيءَ ويراني مٿان ٻيو نئون شهر ٻڌو ٿي. ائين شهر مٿان شهر ٿي ٻڌائون، جن مان ستن شهرن جو پتو پيو آهي. ڀائنجي ٿو ته هيءُ شهر واپار يا ٻين سببن ڪري مکيه هو، جنهنڪري ماڻهن وري وري اهو ساڳيو شهر وسايو ٿي ائين ست گهمرا ساڳيو هنڌ وسايائون. انهن ويرانن جي هيٺان پاڻي نڪتو آهي، جنهنڪري چئبو ته اٺون شهر ڪونه هو.
    شهر جو ڊؤل: مهن جي دڙي مان جيڪي شهر هينئر ظاهر ٿيا آهن تن مان آسانيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج هزار کن ورهيه اڳي به ماڻهو ائين محلا ۽ پاڙا جوڙي رهندا هئا، جيئن اڄ اسين رهون ٿا. مطلب ته شهر ٻڌڻ جو ڊؤل جيڪو هينئر آهي سو جڳن جو آهي. هتي جا رستا ڪشادا ۽ سنوان آهن، جي سڌا اُتر کان ڏکڻ ڏي وڃن ٿا. انهن رستن مان گهٽيون هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڦٽن ٿيون، جنهنڪري هڪ هڪ محلو ڌار بيٺو آهي.
    عمارتون: هرهڪ شهر ۾ جيڪي عمارتون آهن. تن مان ڪنهن به عمارت کي ڇت ڪانهي. ڀائنجي ٿو ته ڇتين جون ڪامون ۽ لڙهيون يا پٽيون ججهي عرصي گذرڻ ڪري سڙي ڀڄي ڀري ويون آهن، يا باهه لڳڻ ڪري جلي ڀسم ٿي وييون آهن. سڀ عمارتون پڪسريون آهن ۽ ڏسڻ ۾ اهڙيون تازيون پيون اچن، جو ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻيءَ هي شهر ٻڌا هئا. سرون نهايت عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ تاريخ واري زماني ۾ هندستان ۾ جيڪي سرون اينديون هيون، تن کان بنهه علحدي نموني آهن. *

    (1) گهر: جيڪي عمارتون لڌيون آهن، تن مان ڪيتريون ماڻهن جي رهڻ جون جايون آهن. سڀ جايون ڪشاديون ۽ هوادار آهن. ڪن گهرن جي اڱڻ ۾ ڏاڪڻ آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته جاين جي مٿان ماڙيون به اڏيل هيون، هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه ۽ سنان جي ڪوٺي آهي. سنان جي ڪوٺين کي سرن جو فرش ٻڌل آهي! ڪوٺيءَ ڪوٺيءَ جي هڪ ڪنڊ وٽان پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ موري آهي، جنهن مان پاڻي وهي، گهٽين جي ڪسين ۾ وڃي پوندو هو. گهٽين جون ڪسيون ڍڪيل آهن، جن مان اندران ئي اندران پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو! ڪن سنانن جي جاين ۾ سرون ڪٽي، اُهو ڪٽو چن سان ملائي تنهن سان نهانيءَ (سنان جي ڪوٺي) جو تر لتو اٿن، ته ڌرتي پاڻي چهي نه وڃي! ڀتين تي پلستر ٽي انچ ٿلهو چڙهيل آهي. سرن جي جيڪا چوڙائي ٿيل آهي، تنهن ۾ ڪيترن هنڌ گارو ڪتب آيل آهي، پر ڪن ڪن هنڌ چيرولي(Gypsum) ڪم آيل آهي، جا نئن گاج ۾ اڄ به ججهي انداز ۾، پيدا ٿئي ٿي. عمارتن تي نقش جو ڪم ڪونه ٿيل آهي، ته به سرجان مارشل چوي ٿو ته هندستان ۾ ههڙي عمدي آڏپ مهن جي دڙي واري زماني کانپوءِ به ڪٿي ڪانه ٿيندي هئي. ههڙيون عمديون پڪسريون جايون گهڻو خرچ ٿيون پڇن، تنهنڪري مسٽر مئڪي جو اهو قياس پورو آهي ته هتي جا ماڻهو وڏيءَ هوندا وارا هئا.*********

    (2) پنچائتي هال: ڪي عمارتون ٿنڀن سان آهن، جن مان هڪ هال اٽڪل اسي فوٽ آهي، اتي شايد پنچائتون ڪٺيون ٿينديون هيون، يا ڪن موقعن تي ماڻهو اچي مڙندا هئا.
    (3) مندر: ڪي عمارتون شايد مُٺ يا مندر ٿي ڪم اينديون هيون. اهڙين جاين جي بنا (Plinth) ٻين جاين کان مٿي آهي. انهن ۾ ڪوٺيون ننڍيون آهن، پر ڀتيون بلڪل مائيدار آهن. ڪن ڀتين جي ٿولهه ڏهه فوٽ به آهي! انهيءَ مان سر جان مارشل اهو انومان ڪڍيو آهي ته انهن جي مٿان شايد گهڻيون ماڙيون جڙيل هيون، جنهنڪري هيٺيون ڀتيون اهڙيون ٿلهيون رکيون اٿن.
    (4) دڪان: ڪن عمارتن مان ظاهر آهي ته اهي دڪان ٿي ڪم اينديون هيون. اهڙيءَ هڪ عمارت مان نيروٽيءَ جي ڪن لڌي آهي، ۽ نير جا چٽا به ڏسڻ ۾ آيا آهن.
    (5) وڏو تلاءُ: سڀني عمارتن ۾ هڪ اڏاوت، جا گهڻو ڌيان ڇڪي ٿي، سا اُها آهي، جنهن مان هڪ وڏو تلاءُ لڌو آهي. ان جون ڀتيون ٿولهه ۾ ست اَٺ فوٽ آهن. تلاءَ جي ٻن پاسن کان پؤڙيون ٺهيل آهن، جنهنڪري ڀلي ته ڪو هڪڙي پاسي کان پؤڙين تان لهي هيٺ وڃي، ۽ ٻئي پاسي وارين پؤڙين تان چڙهي مٿي اچي. اهو تلاءُ اڻيتاليهه فوٽ ڊگهو، ٽيويهه فوٽ ويڪرو اَٺ فوٽ اونهو آهي! تلاءَ جي ٻاهرئين پاسي، ڀر وارين ڪوٺين مان هڪ ۾ هڪ اونهو کوهه آهي، جنهن جو پاڻي اڄ ڏينهن تائين ڪم آڻڻ جهڙو آهي. شايد انهي کوهه جي پاڻيءَ سان تلاءَ ڀريندا هئا. انهيءَ تلاءَ جي هڪ ڇيڙي وٽ هڪ شاهي ڪسي آهي، جنهن مان شايد پاڻيءَ جو نيڪال ٿيندو هو. اها ڪسي نهايت عمديءَ ريت جڙيل آهي ۽ ايترو اونهي آهي، جو ڀلي ته ڇهه فوٽ لنبو مڙس منجهس بيٺو هجي! سڄي ڪسي ڍڪيل آهي؛ پر مٿان ڇت وٽان ٿورو ٽڪر کليل (Man-hole)اٿس، جنهن مان ڀلي ته ڪو ماڻهو اندر لنگهي وڃي، سڄي ڪسي صفا ڪري، پاڻيءَ جي سيمي کي روڪڻ لاءِ رومي ڏامر (Bitumen or Asphalt)دورانديشي ڪري هڻي ڇڏيو اٿن. هن مان ظاهر آهي ته وادي (ماٿر) سنڌ جا رهاڪو پنج هزار ورهيه اڳي نه فقط قابل معمار هئا، پر هاڻوڪي زماني جي سرويرن ۽ انجنيئرن وانگر پوري ڳڻ ڳوت به ڪري سگهندا هئا.
    کوهه: مُهن جي دڙي جي هر هڪ گهر کي پنهنجو پنهنجو کوهه آهي. ڪي کوهيون آهن. ڪيترين گهٽين مان ۽ رستن تان وڏا کوهه لڌا آهن، جي يڪسرا ۽ گولائيءَ تي آهن – هڪ ٻه کوهه بيضوي شڪل جو به آهي. ٻن کوهن وٽ پڪسرون بئنچ ٺهيل آهي – اهو شايد انهيءَ لاءِ هو ته جيستائين ڪنهن کي پاڻيءَ ڀرڻ جو وارو ملي، تيستائين انهيءَ بئنچ تي وهي.
    ڪسيون يا موريون: سڄي شهر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جي ترتيب نهايت سهڻي نموني جي آهي. مسٽر بريلسفورڊ چوي ٿو ته يورپ ۾ اهڙي عمدي ترتيب عيسوي اوڻويهين صديءَ تائين به ڪانه هئي. مسٽر آينگر چوي ٿو ته مئلي ۽ مورين جو بندوبست جيتوڻيڪ منجهيل گنڊيل آهي، ته به اهڙو پورڻ ۽ مڪمل آهي، جو ڪوبه هاڻوڪو شهر سچ پچ جيڪر فخر سان اهو اختيار ڪري. پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ڪسين جي هيتري ساک سڀني عالمن حق تي ڪئي آهي. سرجان مارشل پاڻ به لکيو آهي ته پاڻيءَ جي نيڪال جو طريقو غير معمولي طرح سڌريل نموني جو آهي. هرهڪ رستي، گهٽي ۽ لنگهه کي پنهنجي پنهنجي ڍڪيل نالي يا ڪسي آهي، ۽ انهن جون سرون اهڙي عمديءَ طرح گهڙيل ۽ هڪ ٻئي سان جڙيل آهن، جو انهيءَ کان وڌيڪ عمديءَ ريت ڪم ڪرڻ جي واٽ ڪو ڏسي ڪونه سگهندو. ******

    حفظ صحت: شهر جي رونق منجهان ئي ائين پيو سمجهڻ ۾ اچي ته هن شهر جي ميونسپالٽي ڪا سڄاڻ هئي. جنهن کي شهر جي حفظ صحت جو گهڻو اونو هو. شهر ڪهڙي ڊؤل تي ٻڌجي، ۽ صفائي سٺائي ڪيئن رکجي، تن ڳالهين جي جيتري ان وقت جي ماڻهن کي سڌ هئي، تيتري اسان جن چئن پنجن پيڙهين وارن ابن ڏاڏن کي به ڪانه هئي. هر هڪ گهر هڪ ٻئي کان ايتري قدر پري آهي، جو ڪنهن به گهر کي هوا ۽ روشني ملڻ ۾ ڪنهن به اٽڪ ٿيڻ جو امڪان ڪونهي. ماڻهن کي انجنيري ڪم جي به ڄاڻ هئي، جو درياهه جي اٿل کان شهر جي بچاءَ جو خاطر خواهه بندوبست ڪري سگهيا ٿي، ۽ گندگي پاڻيءَ توڙي برسات جي پاڻيءَ جي نيڪال لاءِ ناليون ۽ ڪسيون نهايت عمديءَ ريت جوڙي سگهيا ٿي. ڪسين ۽ مورين جي وقت بوقت صفائي ڪرڻ لاءِ منجهن ”مئن هول“(Man-hole) به رکيائون ٿي، جيئن اڄ ڪالهه ميونسپالٽيون ڪن ٿيون. گهر جي گند ڪچري جي نيڪال لاءِ ڀتين ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندا هئا، ته ڪچرو اتان وهي وڃي گهٽيءَ ۾ پوي. گهٽين ۾ ڪچري ڪٺي ٿيڻ لاءِ کڏون هيون جي پوءِ ڀنگي صفا ڪندا هئا. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جون ڄاڻايل هي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته پنج هزار کن ورهيه اڳي جڏهن ٻين ڪيترين قومن کي اڃان پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تڏهن اسان جا سنڌي، نهايت سڌريل ماڻهن وانگر پنهنجو جيوت ڪاٽيندا هئا.
    شڪل شبيهه، پوشاڪ ۽ زيور: مهن جي دڙي مان جيڪي پتلا هٿ آيا آهن، تن مان قديم سنڌين جي شڪل ۽ مهانڊن جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هو قد جا بندرا ۽ بت ۾ سٽروٽرا هئا. چپ ڀريل ۽ اکيون سوڙهيون هين. اهي مهانڊا فقط مهن جي دڙي جي رهاڪن جا هئا، يا عام طرح سڀني سنڌين جا هئا، تنهن بابت ڪابه ڪافي ثابتي ڪانهي.
    سڀني پتلن ۾ ڏسجي ٿو ته ماڻهن جو ڪنڌ ٿلهو ۽ ڀرڀريو آهي، ۽ ڳٽن جا هڏا چپٿڙا اٿن. پتلن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر ته مرد ننڍيون ڏاڙهيون رکائيندا هئا. مڇون ڪن جون ڪوڙيل ته ڪن جون رکيل هونديون هيون. مٿي جا وار پيشاني وٽان ورائي، پٺيان ويڙهي، منجهن ڪنگو اٽڪائي ڇڏيندا هئا. جنهن ڪري انهن کي ويڙهڻ جو ضرور ڪونه ٿيندو هو.
    زناني شڪل وارن پتلن مان ڏسجي ٿو ته ڪي زالون پنهنجا وار ڳچيءَ وٽان ورائي، پوئتان کليل ڇڏينديون هيون. ۽ ڪي چوٽي ويڙهي سڱ وانگر چهنبدار ڪنديون هيون.
    پوشاڪ: مردن جي پوشاڪ ڌوتي ۽ چادر هئي، جنهن جو پلئه ساڄي بغل هيٺان لنگهائي، ڏائي ڪلهي تي اڇلي وجهندا هئا. ڪن پتلن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڌوتيءَ بدران هڪ اهڙي گهگهري پيل اٿن، جهڙي هن وقت لنگها (دهلاري) پهرين ٿا. ڪي مورتون بنهه اگهاڙيون آهن، ۽ ڪن ۾ ماڻهن کي لنگوٽ چڙهيل ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
    زيور: مهن جي دڙي واري زماني ۾ زالون توڙي مرد زيور عام طرح پائيندا هئا: ڪنٺي يا هسي، تائٿ ۽ منڊيون، مرد به پائيندا هئا. انهن کان سواءِ زالون ڳن يا پنڙا، داڻن جا هار، چانديءَ يا سون جون ڪنگڻيون ۽ نورا پائينديون هيون. ڪن پتلن ۾ زالن کي بت تي ٻانهين ڪلهي تائين پيل ڏسجي ٿي، جنهن مان ظاهر آهي، ته انهيءَ زماني ۾ چوڙيگر به هوندا هئا، ڪن زيورن تي جڙت جڙيل ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن ڪري چئبو ته جڙوئا به هئا. ڪن گهرن مان، زمين جي هيٺان پوريل، ڪي ٽامي جا باسڻ برتڻ آرڪيالاجيڪل کاتي جي سپرنٽينڊنٽ مسٽر دڪشت لڌا، جن سان گڏ هڪ مڙيل ڪارائي به هئي. هڪ ٿانءَ ۾ قيمتي زيور پيل هئا. جن تي جڙت جڙيل هئي. سر جان مارشل انهن زيورن لڀڻ کان سگهوئي پوءِ ”السٽريٽيڊ لنڊن نيوز“ ۾ لکيو ته ”سونا زيور اهڙيءَ عمديءَ ريت گهڙيل آهن ۽ اوجر (پالش) اهڙي اُچي اٿن، جو ڄڻ ته لنڊن جي بانڊ اسٽريٽ (سونارن جي گهٽي) مان هينئر گهڙجي آيا آهن ۽ پنجن هزارن ورهين جا جهونا ڀانئجن ئي ڪين ٿا. *

    قيمتي پٿر: مهن جي دڙي مان جيڪا زيورات هٿ آئي آهي، تنهن مان پتو پوي ٿو، ته قديم سنڌ جا رهاڪو عقيق يا سنگ سليماني (Agate)، نيلم، پيروز ۽ ٻيا قيمتي پٿر، هار جي داڻن توڙي زيورن لاءِ جڙت طور ڪم آڻيندا هئا. هرپا توڙي مهن جي دڙي مان شيشو ڪونه لڌو آهي، پر انهيءَ زماني ۾ ڪاريگر هڪ اهڙو ليپ ٺاهيندا هئا. جو سڪڻ کانپوءِ شيشي وانگر بکندو هو. انهيءَ مان داڻا ٺاهيندا هئا، جي قيمتي پٿرن بدران ڪم آڻيندا هئا. سن 24-1925ع ۾ هڪ سهڻو هار لڌو، جو خود ساک پيو ڀري ته ڪنهن قابل ڪاريگر جو جوڙيل آهي.
    مسٽر رکلداس بئنرجي، جنهن مهن جو دڙو پهريائين پهريائين کوٽايو هو، سو ته وينجهارن جي ساراهه مان ڍاپي ئي نٿو، چي رگ ويد ۾ جن آرين جو ذڪر آهي، تن کي به اهڙو هنر ڪونه هو جهڙو مهن جي دڙي جي ڪاريگرن کي هو. سر جان مارشل به انهيءَ هار جي گهڻي ساک ڪئي آهي. ***

    کيتي ۽ ٻيا هنر. پوک: قديم سنڌ جي پوکي راهيءَ بابت گهڻو پتو ڪونه پيو آهي؛ باقي مهن جي دڙي مان ڪڻڪ ۽ جو لڌا آهن. جيتوڻيڪ ترن جو هڪ داڻو به ڪونه لڌو آهي، ته به ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته ترن جي پوک به ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ ته رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ پنجاب ۽ سنڌ ۾ ترن ۽ جؤن جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. هن وقت ان پيهڻ لاءِ جيڪي جنڊ ڪم اچن ٿا، سي عيسوي سن کان ٻه صديون کن اڳي چالو ٿيا هئا. اڳي جنڊن جو نمونو ئي ٻيو هوندو هو. اهي اؤر نموني جا جنڊ مهن جي دڙي مان تمام گهڻا لڌا آهن. انهيءَ مانمسٽر مئڪي اهو انومان ڪڍيو آهي ته اَن جي پوک گهڻي ٿيندي هئي، جنهنڪري ماڻهن وٽ جنڊ به گهڻا هوندا هئا.
    کاڌو: ڪڻڪ ۽ جون کان سواءِ ماڻهو کجور به کائيندا هئا. کارڪن جون ککڙيون کوٽائيءَ ڪندي هٿ آيون آهن. ان وقت ماڻهو مڇي ماس، بلڪه ڳائو گوشت به کائيندا هئا. درياهه جي مڇيءَ جا ته خوراڪي هئا؛ پر ڪڇئون ۽ ڪميون به ڪين ڇڏيندا هئا!
    ڪتڻ۽ اُڻڻ جو هنر: ڪيترا ائٽ ۽ ٽڪ لڌا آهن: ڪي سادا ته ڪي اُچا. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته غريبن توڙي شاهوڪارن جي گهرن ۾ چرخي چورڻ جو رواج هو. دڙي منجهان هڪ چانديءَ جو ٿانءُ، جواهرات ۽ مڻين سان ڀريل لڌو، جو اُچيءَ طرح اُڻيل ڪپڙي سان ويڙهيل هو. ان۾ ديسي ڪپهه ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌ ۾ وؤئڻن جي پوک ٿيندي هئي، ۽ انهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌي ماڻهن وٽ ڪپڙي اُڻڻ لاءِ آڏاڻا به هئا.
    ڌاتو: قديم زماني جي ماڻهن وانگر، مهن جي دڙي جا رهاڪو، پٿر جا اوزار ۽ ٿانءَ ٿپا ڪم آڻيندا هئا، پر ٽامي جي به سڌ هين، جنهن مان پڻ باسڻ، برتن، اوزار بلڪه ڪي ڳهڻا به جوڙيندا هئا ۽ لوهه جو ذرو به ڪونه لڌو آهي، پر هيءُ زمانو ئي اهڙو هو، جنهن ۾ ماڻهن کي لوهه مارڻ جو عقل اڃا آيو ئي ڪونه هو. قلعي به ڌار ڪانه لڌي آهي، باقي رڳو ٽامي سان گڏيل هٿ آئي آهي. مهن جي دڙي وارا ٽامو ۽ قلعي گڏي ”برانز“ Bronze)) ٺاهيندا هئا، جنهن مان به ٿانءَ ٿپا ۽ اوزار جوڙيندا هئا. مسٽر محمد ثناءُ الله، هند سرڪار جو آرڪيالاجيڪل ڪيمسٽ چوي ٿو ته ٽامي ۽ قلعي مان ”برانز“ جوڙڻ جي سڌ سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي عيسوي سن کان ٽي هزار ورهيه اڳ بلڪه انهيءَ کان به اڳي هئي.
    هٿيار: مهن جي دڙي مان ٿوريون پٿر ۽ ٽامي جون ٺهيل گدائون (Maces) ٿورا ڀالا ڪٽاريون، تير ۽ ڪمانيون هٿ آيون آهن. ترار جوڙڻ جو ته رواج ئي گهڻو پوءِ پيو، تنهنڪري ترار ڪانه لڌي آهي. شهر کي عالم پناهه ڪانهي. ڪا زرهه به ڪانه لڌي آهي. جنهنڪري ڀائنجي ٿو ته ملڪ ۾ لڙائي اڪثر ڪانه لڳندي هئي ۽ ماڻهو صلح سانت ۾ گذاريندا هئا.
    وٽ ۽ ماپا: وٽ ۽ ماپا قسمين قسمين لڌا آهن. اهي اڪثر نازڪ ۽ ننڍڙا آهن. ڪي مخروطي شڪل جا وڏا پٿر لڌا آهن، جن ۾ مٿان سوراخ آهي. انهن سوراخن مان ڏور لنگهائي سگهجي ٿي. اهي پٿر تور مهل وٽ ڪري ڪم آڻيندا هئا. ڪي ننڍا وٽ خاڪي رنگ جي سليٽ جا، پيٽ جي شڪل جهڙا آهن. جي ايلم ۽ ميسوپوٽيميا جي وٽن سان مشابهت رکن ٿا. مسٽر اي. ايس. مئڪي چوي ٿو ته ”مهن جي دڙي جا اهي ۽ ميسو پوٽيميا جي قديم وٽن کان وڌيڪ سوڌا ۽ پورا آهن. *

    ڪنڀارڪو هنر ۽ ڪاشيءَ جو ڪم: مهن جي دڙي جي ماڻهن وٽ چانديءَ ۽ ٽامي جا ٿانءَ ۽ چمڪيدار ليپ جون ٺهيل گلاباشيون وغيره هونديون هيون؛ پر رواجي ٿانءَ ٿپا اڪثر ٺڪر جا هوندا هئن. سنڌ ۾ نالو کين جوڙڻ جو هنر جڳن کان عام هو؛ پر مهن جي دڙي واري زماني ۾ سنڌي ماڻهو ڪنڀارڪي هنر ۾ اهڙا ته ڀڙ ٿي ويا هئا، جو چٽساليءَ سان ٿانءَ ٿپا جوڙيندا هئا! ڪي ٿانءَ اهڙا ته نفيس جوڙيندا هئا، جو اُهي عام طرح ۡاغذي“ سڏجن ٿا. ڪاشيءَ جي ڪم جا آڳاٽا نمونا به رڳو مهن جي دڙي مان مليا آهن. مسٽر ارنيسٽ مئڪي چوي ٿو ته ”رومن جي وقت کان اڳ مصر ملڪ ۾ انهيءَ هنر جي مصري ماڻهن کي ڪل به ڪانه هئي“، ڪن ٺڪر جي ٿانون تي جانورن جون شڪليون اهڙيون نڪتل آهن، جهڙيون لڌل مهرن تي آهن.
    سنگتراشي ۽ اُڪر جو ڪم: سنگتراشيءَ ۽ اُڪر جي ڪم ۾ مهن جي دڙي جي رهاڪن پنهنجيءَ قابليت جو چڱو ثبوت ڏنو آهي. ڍڳن، گئينڊي ۽ ٻين جانورن جون شڪليون نهايت عمديءَ ريت مهرن تي ڪڍيون اٿن. ڪي شڪليون نوريئڙن جون آهن، جن ۾ نوريئڙا پڇ مٿي ڪيو بيٺا آهن ۽ اڳين چنبن سان ڪا شيءِ وات ڏي ڪيو، چپو چورو پيا ڪن! انهن جي ڊيگهه ٻه انچ مس آهي. هڪ داڻي تي ٽن باندرن جي شڪل آهي، جن جي منهن مان سندس شوخي پيئي ظاهر ٿئي، پر ٻانهون ورائي هڪ ٻئي کي ڀاڪر پائي بيٺا آهن! اهو داڻو ايڏو آهي، جو اکروٽ جي کل ۾ جيڪر سمائجي وڃي، ”مئنچيسٽر گارڊين“ ۾ مسٽر بريلسفورڊ لکيو آهي ته هتان جيڪي ماڻهن ۽ ٻين ساهوارن جون شڪليون لڌيون آهن، سي ان وقت جي ميسو پوٽيميا طرف جي ڪاريگريءَ کي شهه ڏيئي بيٺيون آهن.
    مهرون: مهن جي دڙي مان جملي 558 مهرون علحدن علحدن ڊؤلن ۽ قدن جون لڌيون آهن – ڪي ويلڻ جي شڪل جهڙيون ته ڪي چورس، ڪي ٻيڙي وانگر ته ڪي گونيءَ ڪنڊ واريون، ڪي ننڍڙيون ۽ نفيس ته ڪي وڏيون ۽ وڌيڪ چٽيون. ڪي عاج جون ٺهيل ته ڪي صابوني پٿر جون ٿوريون مهرون ٺڪر جون آهن. ڪن مهرن کي سوراخ آهي جنهن مان ڌاڳو لنگهائي سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته مهن جي دڙي جا ماڻهو اهي مهرون ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا، يا ڪرائيءَ ۽ ٻانهن تي تائٿ وانگر ٻڌندا هئا. انهن مهرن تي شڪليون نڪتل آهن، جن مان ڪاريگرن جي ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو. انهن مهرن تي اُٿيل چٽ آهن، تن مان سمجهجي ٿو ته سيل مهر ڪرڻ مهل به اهي مهرون ڪم آڻيندا هئا. قديم زماني ۾ دستور هو، ته ماڻهو ڪيڏانهن ٻاهر ويندا هئا، ته دروازن جي ٻاهران مهرون هڻندا هئا. هر هڪ مهر تي ديوتا جي شڪل نڪتل هوندي هئي. اهو ديوتا ڄڻ ته گهر جي نگاه ڪندو هو، ۽ سندس ملڪيت کي ڪوبه هٿ ڪونه لائيندو هو. مهن جي دڙي جي ماهن وٽ به شايد اهو ئي دستور هو.
    لکڻ جو هنر: مهن جي دڙي مان لڌل مهرن تي جانورن جي شڪلين کان سواءِ هڪ ٻه سٽ به لکيل آهن، پر اکر تصويرن جي صورت ۾ آهن. سڄيءَ دنيا ۾ جيڪي آئيويٽائون چالو آهن، تن جا اکر اڪثر اهڙين تصويري لکيتن مان ٺهيل آهن. اڳي اکرن بدران جانورن وغيره جون شڪليون ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي هاڻوڪا اکر ٿيون آهن. مهرن ۾ اهڙن اکرن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي، ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا لاڪنائون (اعرابون) آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته هتي لکڻ جي هنر جي ترقي چڱي قدر ٿي هئي. اهڙي قسم جون مهرون ميسو پوٽيميا طرفان به لڌيون آهن، جي عيسوي سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جون آهن. انهيءَ مان سر جان مارشل انومان ڪڍيو آهي، ته مهن جي دڙي جي سڀيتا به انهيءَ قديم زماني جي آهي.
    رانديون ۽ رانديڪا: مهن جي دڙي مان سنگ سليماني ۽ ٻين پٿرن جون ٺهيل گوليون، شطرنج ۽ ڍارا لڌا آهن. اهي هاڻوڪن ڍارن وانگر ڊگها نه هئا، پر ڪعب شڪل جا آهن. هن مان ظاهر آهي ته ماڻهن جي واندڪائيءَ جي وندر اهي رانديون هيون. ان وقت جي ماڻهن کي پنهنجي ٻارن جي وندر جو به ججهو اونو هوندو هو، جو ڪيترن قسمن جا رانديڪا به لڌا آهن، جن ماڻهن، ڍڳن ۽ گهوڙن جون شڪليون آهن. هڪ ڍڳي جو پڇ ڇڪجي ٿو ته ڪنڌ پيو لوڏي! هڪ هاٿي آهي، جو جهنجهڻو ٿي ڪم اچي ٿو. مهن جي دڙي مان هڪ ٺڪر جي ٺهيل گاڏي چيڪلن سان لڌي آهي. انهي قسم جون گاڏيون عيسوي سن کان ٻٽيهه سو ورهيه اڳي ميسوپوٽيميا طرف چالو هيون، جنهنڪري چئبو ته گاڏين جو هي جهوني ۾ جهونو نمونو آهي. *

    طبابت ۽ دوائون: مهن جي دڙي مان ٿورو سلاجيت لڌو آهي. سلاجيت ٻن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو اڇو ۽ ٻيو ڪارو. هتان ڪارو سلاجيت لڌو آهي، جو بدهاضمي، ادرار، جيري ۽ هيانچي جي بيمارين لاءِ مفيد آهي. هرڻ جا سڱ هتان لڌا آهن، جي پڻ شايد دوائن ۾ ڪم ايندا هئا. هندن جي ڌرمي پستڪن مان به معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو قديم زماني کان طب مان واقف هئا ۽ ڪيترين ڪارائتين ٻوٽين جي سڌ هين.
    گهرو جيوت: دڙي جي کوٽائيءَ مان جيڪي شيون ماڻهن جي گهرن مان لڌيون آهن، تن مان سندن گهرو جيوت تي چڱي روشني پوي ٿي. سرجان مارشل چوي ٿو ته مهن جي دڙي جي سڀيتا اُن وقت جي مصر ملڪ ۽ ايشيا جي الهندي طرف جي سڀيتا جهڙي آهي؛ پر ڪن ڳالهين ۾ اتي جي سڀيتا کان به سرس آهي. انهن هنڌان ڪي اهڙيون عمديءَ طرح جڙيل سنان جون جايون ۽ اهڙا ڪشادا گهر ڪين لڌا آهن، جن جي مهن جي دڙي جي عمارتن سان ڀيٽ ڪري سگهجي. انهن ملڪن ۾ ماڻهن پنهنجو تن، من، ڌن رڳو ديوتائن لاءِ مندرن، ۽ راجائن لاءِ عمدن محلاتن، ۽ مخروطي منارن جوڙڻ تي ٿي لڳايو؛ باقي رواجي ماڻهو مٽيءَ جي جڙيل جاين ۾ رهندا هئا. هرپا ۽ مهن جي دڙي ۾ قصوئي ٻيءَ طرح آهي. اتي به ماڻهن پنهنجي حاڪمن لاءِ عاليشان عمارتون جوڙيون هونديون، جي اڃان ڪين لڌيون آهن، پر پنهنجي رهڻ لاءِ ڪشاديون ۽ هوادار جايون جوڙيندا هئا. اهي هوادار جايون، سنان لاءِ تلاءَ، ڍڪيل موريون وغيره اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته هتي جي ماڻهن پنهنجو گهرو جيوت جهڙي فرحت ۾ ٿي گذاري، تهڙي اُن وقت دنيا ۾ ٻين هنڌ ڪنهن به ڪونه ٿي گذاري. **

    قديم سنڌين جو ڌرم، (1) ديوي پوڄا: مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندي ديويءَ جا پتلا لڌا آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي سنڌي ماڻهن ديويءَ جي پوڄا ڪندا هئا. هن وقت ديويءَ کي امبا، درگا ۽ ٻين نالن سان سڏين ٿا، پر حقيقت ۾ اها بنيادي طاقت يا شڪتي آهي. ڌڻي آهي ”پرش“ ۽ هيءَ آهي ”پر ”قدرت“ يا شڪتي، جنهن کي مجسم ڪري قديم سنڌي پوڄيندا هئا. قدرت تي ويچار ڪرڻ سان ئي دل اڏامي قادر ڏي وڃي ٿي ۽ روحاني معرفت حاصل ٿئي، تنهنڪري هن قسم جي پوڄا مان قديم سنڌين جي ڌرمي خيالن ۽ عقيدن جو پوريءَ ريت پتو پوي ٿو.
    (2) شو جي پوڄا: ماتا جي مورتيءَ کان سواءِ هڪ مرد ديوتا جي به شڪل لڌي آهي. سرجان مارشل جي راءِ موجب اها مورتي شو ڀڳوان جي آهي، جو يوگ آسڻ ۾ ويٺو آهي. هتان شو جا لنگ به لڌا آهن، جنهنڪري هيڪاري يقين ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ شو ۽ شڪتيءَ جي پوڄا جو رواج نهايت قديم آهي.
    (3) وڻن جي پوڄا: ڪيترين مهرن تي جيڪي شڪليون نڪتل آهن، تن مان ظاهر آهي ته قديم سنڌي ماڻهو پپر ۽ ٻين وڻن جي به پوڄا ڪندا هئا. اها پوڄا ٻن قسمن جي هوندي هئي. هڪ قسم هيءُ هو ته خود وڻ کي پوڄيندا هئا، ٻيو قسم هيءُ هو ته وڻن ٽڻن جي ديوتا کي مجسم ڪري اُن جي پوڄا ڪندا هئا.
    (4) جانورن جي پوڄا: مهن جي دڙي مان ڪيترن جانورن جهڙوڪ هڪ سڱي جانور ۽ ٿوهي سان ڍڳي جون تصويرون به هٿ آيون آهن. قديم زماني ۾ مصر ملڪ ۾ هڪ سڱي جانور (Unicorn) پوڄڻ جو رواج هو ۽ اهو هندستان جو جانور ليکيو ويندو هو. وشنو ڀڳوان کي ”ايک شرنگ“ يعني هڪ سڱ وارو سڏيندا آهن. ٿوهي واري ڍڳي جي پوڄا جو شو ڀڳوان جي پوڄا سان واسطو سمجهڻ ۾ اچي ٿو. شو ڀڳوان جي سواري ڍڳي تي چئي ويندي آهي، تنهنڪري شو جا پوڄاري اڄ تائين ڍڳي جي پوڄا ڪندا آهن.
    پاڻيءَ جي پوڄا: مهن جي دڙي ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن گهر مان کوهه لڌو آهي. انهن کوهن کانسواءِ عام خلق لاءِ ڌار کوهه هئا. سنان جي ڪوٺي به هرهڪ گهر ۾ آهي، ۽ هڪ وڏو تلاءُ به لڌو. هن مان سمجهجي ٿو ته قديم سنڌين کي جڳت مڳت جو خيال هو ۽ سنان پاڻي ڪرڻ هڪ ڌرمي ڳالهه ڪري ليکيندا هئا. اڄ به هندو سنان پاڻي ڪري پوءِ روٽي کائيندا آهن. آڳاٽي زماني کان وٺي هندن جو اهو نيم هليو اچي، درياهه جي پوڄا به شايد ڪن ڪسابن جي آهي.
    ساڳيءَ تهذيب وارا هنڌ: مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ ۾ چانهوءَ جو دڙو، جهڪڙ جو دڙو، ليمو جوڻيجو ۽ ٻيا ڪي هنڌ آهن، جي مهن جي دڙي سان گڏ وسيل هئا، ۽ انهن هنڌ به اها ساڳي تهذيب يا سڀيتا هئي. پنجاب ڏي هرپا مان به انهيءَ تهذيب جو پتو لڳو آهي. هوڏانهن ايران ۽ ميسوپوٽيميا طرفان به ڪيتريون مهرون ۽ ٻيون اهڙيون شيون لڌيون آهن، جهڙيون مهن جي دڙي مان لڌيون آهن. انهيءَ مان سمجهي سگهجي ٿو ته پنجاب ۽ سنڌ کان وٺي ايران ۽ ميسوپوٽيميا طرف تائين تهذيب ساڳي هئي. انهيءَ تهذيب جو اوائلي گهر سنڌونديءَ جي ماٿر کڻي نه به هجي، ته به سر جان مارشل جي راءِ موجب قديم سنڌ جا رهاڪو پنهنجن همعصر عراقين ۽ مصرين کان وڌيڪ فرحتي جيوت گذاريندا هئا، ۽ مهن جي دڙي جي سڀيتا مصر ۽ ميسو پوٽيميا جي تهذيب کي ڪيترن ڳالهين ۾ شهه ڏيئي بيٺي آهي. *

    تهذيب جي قدامت: سر جان مارشل ظاهر ڪيو آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون هٿ آيون آهن، تن مان ڪي عيسوي سن کان 2750 ورهيه، ته ڪي 3250 ورهيه اڳ جون آهن، يعني انهيءَ تهذيب جي ڄمار اٽڪل پنج هزار ورهيه آهي. ڪي چون ته پنج هزار ورهيه اڳي اها تهذيب ههڙي اعليٰ درجي کي رسيل هئي، تنهن مان ئي ظاهر آهي ته اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي انهيءَ تهذيب جو پايو هوندو، جنهنڪري چئبو ته اها تهذيب اڄ کان ست هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿي هوندي. تازو آڪٽوبر 1937ع ۾ نامور عالم ريورنڊ فادر ايڇ. ايس هيرس مدراس يونيورسٽيءَ جي سهاري هيٺ هن مضمون تي تقرير ڪندي جيڪي چيو آهي، تنهن مان ظاهر آهي ته مهن جي دڙي مان جيڪي مهرون لڌيون آهن، تن جو لکيتون هو ڪجهه قدر سمجهي سگهيو آهي. هو صاحب چوي ٿو ته ڪيترن مهرن ۾ سورج منڊل تي راسين ۽ لکشترن جو سڌيءَ توڙي اڻ سڌيءَ طرح اشارو آهي، ۽ هڪ مهر تي مکيه راس بابت لکيل آهي ته ” اُن جي رفتار تيز آهي.“ پوءِ جوتش جي حساب موجب ڄاڻايو اٿس ته مهرن مان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي ماڻهن کي جوتش وڌيا جي سڌ عيسوي سن کان 5610 ورهيه اڳي هئي، ۽ ميسو پوٽيميا طرف جا ماڻهو اها وديا پوءِ سکيا ۽ لکڻ جو هنر به هنن هندستان جي ماڻهن وٽان پوءِ پرايو. ميسو پوٽيميا جي ماڻهن پوءِ اهو هنر يورپ طرف ڦهلايو. مطلب ته فادر هيرس جي چوڻ موجب يورپ جي ماڻهن تي هندستان جي سڀيتا جو آڳاٽي زماني ۾ گهڻو اثر ٿيو هو *

    قديم سنڌين جي لهه وچڙ: مهن جي دڙي مان جيڪي شيون وڌيون آهن، تن مان رڳو ٿورين شين تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته پنج هزار ورهيه اڳي قديم سنڌين جي لهه وچڙهه ڪهڙن ڪهڙن هنڌن جي ماڻهن سان هئي.
    مهن جي دڙي مان ڪي ٽامي جا باسڻ ۽ اوزار لڌا آهن. سنڌ ۾ لڪيءَ جي جبلن مان ڪنهن ڪنهن هنڌان ٽامو ٿورڙي انداز ۾ لڀي ٿو؛ پر اها ڪچي ڌاتو ايتري ڪانهي، جنهن مان عام طرح باسڻ ٺاهي ڪم آڻجن. مطلب ته ٽامي جون کاڻيون سنڌ ۾ ڪينهن، تنهنڪري اهو ڌاتو قديم سنڌين ضرور ٻاهران آندو هوندو. هندستان ۽ اُن جي ڀر وارن ملڪن جي جاگرافيءَ جي جنهن کي سڌ هوندي، سو جهٽ سمجهي سگهندو ته قديم سنڌين پنهنجي روز مرهه جي کپ لاءِ ٽامو ضرور مدراس، راجپوتانا يا ڪشمير مان آندو هوندو، يا ته ايران ۽ ڏکڻ افغانستان مان آندو هوندائون، سو اُتي به ٽامي جون کاڻيون آهن. اهڙيءَ طرح رڳو ٽامي جي باسڻ ۽ اوزارن تي ويچار ڪرڻ سان سمجهي سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جا رهاڪو مدراس، راجپوتانا، ڪشمير، ايران ۽ ڏکڻ هندستان يا انهن ڪن هنڌن جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ هئا، جنهنڪري ٽامو ملي سگهندو هون، جنهن مان پنهنجي گهرج جون شيون جوڙيندا هئا. هن مان هيءَ ڳالهه ثابت آهي ته پنج هزار ورهيه اڳ سنڌ ۾ قابل ٺاٺارا هوندا هئا، جي ههڙا عمدا باسڻ جوڙي سگهندا هئا.
    مهن جي دڙي مان ڪي سونا زيور به لڌا آهن. سون جو ذڪر رگ ويد ۾ گهڻن ئي هنڌ آهي. آڳاٽن رشين سنڌونديءَ کي ”سوني ڪوٺيو آهي. هن جو سبب هيءُ آهي ته سنڌونديءَ جي واريءَ مان اڄ تائين سون جا ذرا لڀن ٿا. حقيقتاً سڀني وڏين ندين جي واريءَ مان سون جا ذرا درياهه جي واريءَ مان سون جا ذرڙا هٿ ڪري، اهي وڪڻي، پنهنجو قوت گذران ڪندا هئا. اڄ تائين سنڌ ۾ ڪي ڪاسبي آهن، جن کي سڏبو آهي”ڌوڙ ڌئا“ يعني ڌوڙ ڌئندڙ، پر اڄ ڪالهه انهن مان ڪيترا سونارن جي کورن جي رک ٿوري ناڻي ۾ خريد ڪري، اها رک ڌوئي، انهيءَ مان سون جا ذرڙا هٿ ڪندا آهن. مطلب ته سنڌي ماڻهن کي سنڌونديءَ منجهان ئي سون ملندو هو، پر اهو ڪيتري قدر ملندو هون. سو چئي نٿو سگهجي. سون هٿ ڪرڻ لاءِ قديم سنڌين کي ٻي واٽ به هئي.
    عيسوي سن کان 510 ورهيه اڳي دارا بادشاهه کي 360 ٽئلينٽ سون جي خاڪي جا يعني اٽڪل 260 مڻ سون جا هر سال ڏن طور ڏيندا هئا. اهو سون ڪشمير طرفان داروستان جي سون جي کاڻين مان ملندو هُئن. ڪشمير ڏي ٽامي جون به کاڻيون آهن. سنڌي ماڻهن جي ڪشمير جي ماڻهن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، تنهن جي ثابتي خود سنڌي ٻولي ڀري ٿي، جو ان ۾ ڪشمير ۽ داروستان طرف جي ٻولين جا ڪيترا اهڃاڻ آهن. اهو ٻولين جو هڪ ٻئي تي اثر هيڪاري ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جي ماڻهن جي ڪشمير جي ماڻهن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي. پر انهيءَ قديم لهه وچڙهه جي ٻي ڪهڙي وڌيڪ ثابتي کپي، جو ”چچ نامي“ ۾ ڄاڻايل آهي ته عيسوي ستين صديءَ ڌاري سنڌ جي حڪومت ڪشمير تائين هئي. اسان جا سنڌي ماڻهو اوڏهين حڪومت ڪندا هئا، تنهنڪري سنڌ ۽ ڪشمير طرف جي ٻولين جو هڪ ٻئي تي سڀاويڪ طرح اثر ٿيو. يوناني تاريخ نويسن ڄاڻايو آهي ته سڪندر اعظم جي ڪاهه وقت الور (روهڙي طرف) ۾ سون ۽ چانديءَ جون کاڻيون هيون. ”چچ نامو“ ته شروع ئي الور جي شاهوڪاريءَ ۽ بستيءَ جي ساک سان ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڀر وارن ملڪن ڏي نظر ڪبي، ته معلوم ٿيندو ته قنڌار کان رڳو ڏيڍ ڪوهه پري سون جون کاڻيون آهن، ۽ ايران ۾ ڪيترائي اهڙا هنڌ آهن، جن مان سون ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، هن وقت سڄي هندستان ۾ جيڪو سون ڪم اچي ٿو، تنهن مان اٽڪل نوي سيڪڙو ڪولار جي سون جي کاڻين مان اچي ٿو. حيدرآباد دکن، ميسور ۽ مدراس ۾ ڪيترا اهڙا هنڌ آهن، جن مان عالمن کي اهي اُهڃاڻ ڏسڻ ۾ آيا آهن، ته قديم زماني ۾ ماڻهو انهن مان ججهي انداز ۾ سون ڪڍندا هئا، قديم سنڌين جي ڏکڻ هندستان جي ماڻهن سان لهه وچڙ هئي، تنهن ڳالهه جي هڪ پڪي ثابتي هيءَ آهي ته مهن جي دڙي مان هڪ سهڻو سائو پٿر هٿ آيو آهي، جنهن بابت سر جان مارشل چوي ٿو ته نيلگري ٽڪرين کانسواءِ ٻيو ڪٿان به ملڻ جو نه آهي. *


    مهن جي دڙي مان هڪ پتلو لڌو آهي، جنهن تي گيڙوءَ يا داءُ سان چٽسالي نڪتل آهي. سنڌ ۾ گيڙو يا داءُ ٿئي ئي ڪونه. سنڌ کي ويجهي ۾ ويجهو هنڌ، جتان گيڙو ججهي انداز ۾ ملي سگهي ٿو، سو لکپت جو شهر آهي. وچ هندستان مان به ڪيترن هنڌان گيڙو ملي سگهي ٿو، پر آڳاٽي وقت کان وٺي ايراني نار طرفان سنڌ ۽ ٻين پاسن ڏي گيڙو ججهي انداز ۾ پئي آيو آهي، جو انهيءَ پاسي جو گيڙو، رنگ جو وڌيڪ تکو آهي. قديم سنڌ جو واپار مغربي ملڪن سان گهڻو هلندو ئي ايراني نار جي رستي هو. حاصل مطلب ته مهن جي دڙي مان لڌل شين مان رڳو انهن ٿورڙين شين تي ويچار ڪجي ٿو ته ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽي زماني ۾ جيتوڻيڪ آگ گاڏيون ڪين هيون، ته به سنڌ جو وڻج واپار هيڏانهن ڪشمير ۽ قنڌار، هوڏانهن وچ هندستان توڙي ڏکڻ هندستان طرف هلندو هو. اسان جي پرڳڻي کي قدر پنهنجي قدرت سان سمنڊ توڙي خشڪيءَ جي رستي ايران سان ڳنڍي ڇڏيو آهي، ۽ انهيءَ طرف وارن سان آڳاٽن سنڌين جي لهه وچڙهه انهن ئي واٽن کان ٿيندي هئي. جانورن جون شڪليون نڪتل آهن. تن مان ڪاريگرن جي نه رڳو ڪاريگريءَ جو ثبوت ملي ٿو، پر خاص ڪري ڍڳي جو ناتو شو ڀڳوان جي پوڄا سان سمجهڻ ۾ اچي ٿو، جو سو جا لنگ به هتان لڌا آهن. وڻن ۽ پاڻيءَ جي پوڄا جا اهڃاڻ به هتان ملن ٿا. ماڻهن کي لکڻ پڙهڻ جو هنر هو. سندن ڪمائيءَ جو مکيه رستو پوک ۽ ڌنڌو ڌاڙي هو. ڦيٿن سان گاڏيون به شايد هين جو اهڙا رانديڪا هٿ آيا آهن. انهيءَ ساڳيءَ سڀيتا جا اهڃاڻ ايران ۽ ميسوپوٽيميا مان مليا آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته انهن پاسن سان خشڪيءَ توڙي سمنڊ جي رستي وڻج واپار سانگي لهه وچڙ ۾ گهڻو ايندا هئا.
    مهن جي دڙي جي اهميت: سنڌ ۾ مهن جي دڙي، ۽ پنجاب ۾ هرپا، جي کوٽائي ٿيڻ کان اڳ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا طرفان اعليٰ درجي جي تهذيب جا اهڃاڻ معلوم ڪيا هئا، ۽ اهڙو ڪو اهڃاڻ هندستان مان اڃان معلوم ڪونه ٿيو هُئن؛ انهيءَ سبب اهو ئي اثر دلين تي ويٺل هُئن ته قديم مصر ملڪ ۽ وچ ايشيا طرف جي رهاڪن جڏهن اعليٰ درجي جي ترقي ڪئي هئي، تڏهن هندستان جي ماڻهن جي حالت جهنگلين يا اڻ سڌريلن کان گهڻو بهتر نه هئي. هينئر مهن جي دڙي مان جيڪي حقيقتون معلوم ٿيون آهن، تن دنيا جي وڏن وڏن عالمن جا ڪپاٽ کوليا آهن، ۽ اڳوڻي غلط فهمي هينئر دور ٿي ويئي آهي. ڪيترا عالم هينئر قبول ڪرڻ لڳا آهن ته اهو زمانو گذري ويو، جو قديم مصر ۽ قديم يونان جي سڀيتا سڀني کان آڳاٽي ليکي ويندي هئي، اهو وقت ويو، جو فرات ۽ نيل ندي جي ڪنٺي وٽ جيڪي ڪم ٿي گذريا، سي سڄيءَ دنيا ۾ آڳاٽا ليکبا هئا. هينئر پهريون نمبر اسان جي سنڌو ماٿر سمجهڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جي قديم سڀيتا انهن سڀني هنڌن جي قديم سڀيتا کي شهر ڏيئي بيٺي آهي. هن مان هيڪاري ظاهر آهي ته قديم سنڌ جي ماڻهن پنهنجي سڀيتا جو پايو پاڻيهي وڌو هو ۽ ٻين تان نقل ڪونه ڪيو هئائون، هن وقت جيڪڏهن ڪو دنيا جي تاريخ لکندو، ته کيس ضرور پنهنجي تاريخ سنڌ جي قديم سڀيتا جي ساک سان شروع ڪرڻي پوندي. تازو مسٽر ڊبليو. ايڇ موئر لنڊ ۽ بابو اٽلچندر چئٽرجي قديم هندستان جي تاريخ ڇپائي پڌري ڪئي آهي، ته شروع ئي سنڌو ماٿر جي قديم سڀيتا سان ڪئي اٿن. ٻين ڪن يوروپي ۽ ڏيهي عالمن به ائين ڪيو آهي. هينئر ڪرڻو ئي ائين پوندو، جو مشرق جي سڀني ملڪن ۾ اڄ مهن جو دڙو وڏيءَ اهميت وارو هنڌ آهي.
    منصف جو شخصي رايو: مهن جي دڙي ۽ هرپا مان جهڙيون مهرون هٿ آيون آهن، تهڙيون ساڳيون ميسو پوٽيميا طرفان به هٿ آيون آهن. ۽ انهن مان ڪي عيسوي سن کان 3250 ورهيه اڳ جون آهن. انهيءَ سبب سرجان مارشل جوچوڻ آهي ته مهن جي دڙي جي تهذيب جي ڄمار پنج هزار ورهيه آهي. جيڪڏهن ميسو پوٽيميا طرفان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جون مهرون هٿ اچن ها، اهي مهن جي دڙي وارين مهرن سان ملي اچن ها، ته پوءِ خود سر جان مارشل چوي ها ته مهن جي دڙي جي سڀيتا به اٺ ڏهه هزار ورهيه اڳ جي آهي. مطلب ته تهذيب جي ڄمار جون تخمينو لڌل مهرن تي ٻڌل آهي، جنهن ڪري مصنف جي خيال موجب اهو تخمينو اڃا پورو نه سمجهڻ گهرجي. هن لاءِ ٻيو به سبب آهي.
    سر جان مارشل ۽ ٻين آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ آهي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙ لوڪن جي آهي، جي آرين جي اچڻ کان اڳ هندستان ۾ هئا. اتهاسن (تاريخي) زماني جي احوالن ڏيندي، اسين ڪيترا حوالا ۽ سندون ڏيئي ڄاڻينداسون ته مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ کي اڄ پنج هزار ورهيه کن ٿيا آهن. جيڪڏهن مهن جي دڙي واري سڀيتا جي ڄمار به پنج هزار ورهيه آهي، ته چئبو ته اها مهاڀارت واري زماني جي سڀيتا آهي. جنهن صورت ۾ آرين جي هندستان ۾ حڪومت مهاڀارت واري زماني کان گهڻو گهڻو اڳي هئي، تنهن صورت ۾چئبو ته هن سڀيتا جا بانيڪار آريه لوڪ هئا. جيڪڏهن سچ پچ اها دراوڙن جي سڀيتا آهي، ته پوءِ چئبو ته انهيءَ سڀيتا جي ڄمار پنج هزار ورهيه نه، پر ان کان ٻيڻي ٽيڻي آهي، انهيءَ سبب مصنف جو شخصي رايو آهي ته جيستائين ڪي پڪيون پختيون ثابتيون نه مليون آهن، تيستائين سڀيتا جي ڄمار ۽ بانيڪارن جي حال لبيءَ ۾ رهڻ گهرجي.
    ________________________________________
    * These well-chiseled brick, however, differ conspicuously from any used during the historic period in India. Sir John Marshall.
    ** "In the Gaj beds of the Khirthar Range, near the top of the group, gypsum of tolerable purity is abundant and is not unfrequently found in beds three to four feet thick." Mr. W.T. Blanford: Geology of Western Sindh P. 195.
    *** The construction of these buildings is far superior to anything of the kind in later India. "Sir John marshall: The illustrated London News, February 27. 1926.
    **** The fact that the city was built of burnt brick, an expensive commodity, argues that those who lived within it were a prosperious people." Mr. Ernest Mackay: Mohan-jo-Daro and the i.c.
    * Mr. Brailsford: The Manchester Guardian, January 1932.
    ** "Sewage and arrangement of drains are complicated and yet so perfect that any modern town will really be proud of having." Mr. A.S. Lyenger: The Hindustan Times, 21st February, 1932.
    *** "The drainage system in particular is extraordinarily well developed. Every street and alley—way and passage—seems to have had its own covered conduit of finely chiseled brick, land with a precision which could hardly be improved upon." Sir John Marshall: The illustrated London News, Feb. 27.1926.
    * "The gold ornaments are so well finished and so highly polished that they might have come out of a Bond Street Jeweller rather than from a prehistoric house of 5,000 years ago, "Sir John Marshall: The Illustrated London News, Feb 27.1926.
    * The modern Review, November 1927, P. 559.
    ** Mohen-jo-Daro and the I.C Vol: I.P. 34.
    * Mohan-jo-Daro and Indus Civilization Vol. I. PP. 36-37.
    * Sir John Marshall: Mohan-jo-Daro and I.C. Vol. I. P. 395.
    ** سر جان مارشل: موهن جو دڙو ديباچو، صفحو 6
    * "A marvelous culture, surpassing in many respects the splendour of Egypt and Mesopotamia." Sir John Marshall.
    * "A marvellous culture, surpassing in many respects the splendour of Egypt and Mesopotamia." Sir Johan Marshall.
    * مثلاً ڪشمير ۽ پنجاب جي الهندي ڀاڱي کان وٺي سنڌ تائين ”اسين“ ۽ ”تسين“ (توهين) ضميرن ڪم آڻڻ جو رواج آهي، مگر اُتر هندستان ۾ ٻين هنڌن ”هم“ ۽ ”تم“، چون ٿا. هيءَ هڪ تمام مکيه ڳالهه آهي. (مصنف)


    باب پنجون : آرين جو آڳاٽو احوال

    آريه لوڪ ڪٿان آيا؟ رگ ويد ۾ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو گهڻو ئي ذڪر آهي. انهيءَ مان يوروپي عالمن اهو انومان ڪڍيو ته آريه لوڪ ڪٿان ٻاهران آيا هئا، جنهنڪري ملڪ هٿ ڪرڻ لاءِ کين اڻ آرين سان جنگيون جوٽڻون پيون هيون. اهي ڪٿان آيا، سو پتو هندن جي ڪنهن به ڌرمي پستڪ مان ڪونه ٿي پين. پوءِ ٻولين جون کوجنائون ۽ ٻيون کوجنائون ڪري علحدا علحدا رايا ظاهر ڪيائون، جن مان مکيه هيءُ هو ته آريه اصل وچ ايشيا کان آيا هئا، مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اهو وچ ايشيا وارو نظريو پوءِ جرمنيءَ جي پروفيسر پينڪا ۽ ٻين غلط ٺهرايو ۽ آرين جو اصلوڪو ماڳ اُتر قطب ڄاڻايائين. پروفيسر راهز به پنهنجن”هبرت ليڪچرس“ ۾ قديم ڪليڪٽڪ قومن جي ڏند ڪٿائن مان ثابتيون ڏيئي، ائين ئي ڄاڻايو. وچ ايشيا واري نظرئي کي پڇاڙيءَ وارو ڌڪ لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ هنيو، جنهن هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن مان، بلڪه پارسين جي ”زنداوستا“ مان ڪيترائي حوالا ڏيئي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا آريه لوڪ ”ميرو پربت تي رهندا هئا، جو سئبيريا جي اُتر قطب طرف هو (صفحو 17). *
    لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم ۾ ويدڪ ساهت مان جيڪي حوالا ڏنا آهن، تن سان گڏ ڪي ڏند ڪٿائون به ويدڪ ساهت مان ڪڍي، پنهنجي ٽيڪا ٽپڻيءَ (تشريح) سان ڏنيون اٿس. انهن ڏند ڪٿائن مان هڪڙا شايد هڪڙو ۽ ٻيا ٻيو مطلب ڪڍن جنهنڪري سندس لکيل سڀني ڳالهين سان شايد ڪي شامل راءِ نه به ٿين. انهيءَ سبب ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين جون ڳالهيون ڇڏي، اسان کي رڳو هيءَ ڳالهه ڳڻڻي آهي ته هن هيڏي ساري ڪتاب لکڻ ۾ سندس مکيه مراد ڪهڙي هئي؟ سندس ڪتاب منجهان ئي ظاهر آهي ته کيس رڳو ايترو ثابت ڪرڻو هو ته ”آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ ميرو پربت تي هو، جو اتر قطب ڏي هو، ۽ اها ڳالهه جا ريدڪ ساهت، اتهاسن ۽ پراڻن مان ظاهر آهي سا سچي آهي.“
    ويجهڙائيءَ ۾ مسٽر پارجيٽر، ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج پنهنجي روٰءِ سوءِ هندن جي پراڻن مان تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن. هن صاحب به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته قديم آريه لوڪ اصل هندستان جا رهاڪو ڪونه هئا، پر وچ هماليه وارن ڏيهن جي واٽ وٺي هندستان ۾ آيا هئا.*
    هن وقت اسان جن ڪيترن ڏيهي عالمن جو به اهو ئي رايو آهي ته سڀ قديم آريه لوڪ جيڪڏهن ميرو پربت تي نه رهندا هئا، ته به منجهائن گهڻا اتي جا رهاڪو هئا. لوڪمانيه تلڪ رگ ويد مان جيڪي حوالا ڏنا آهن. تن تي به ويچار ڪري، اسان جن ڪيترن ويدڪ عالمن ظاهر ڪيو آهي ته رگ ويد جون ڪي ڪي رچنائون برابر انهيءَ وقت جون آهن، جنهن وقت سڀ قديم آريه لوڪ يا منجهائن گهڻا اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ ضرور آهي ته هتي اول اتر قطب ۽ ميرو پربت جومختصر ذڪر ڪجي، ته پڙهندڙن کي سڄي ڳالهه سولي ٿئي.
    آرڪٽڪ ريجن يا اتر قطب جو ذڪر: هن وقت اتر قطب ۾ گهڻي برف هئڻ سب ڪوبه ساهوارو اُتي رهي نه ٿو سگهي، پر جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته برف پوندي به ڪو اهڙو وچولو زمانو (Inter-glacial Period) هو، جنهن ۾ اتي ڪن هنڌ ماڻهو با فرحت رهي سگهيا ٿي.**
    هن قسم جون ثابتيون پروفيسر گيڪي (Prof. Geikie) ۽ ٻين ڀوڻ _ وگيان جي ڪتابن مان ڏيئي، پوءِ آرڪٽڪ ريجن جو جيڪو احوال لوڪمانيه ڏنو آهي، سو مختصر طرح هن ريت آهي:
    اتر قطب ڏي وڃبو، ته پهرين هيءَ ڳالهه ڌيان ڇڪائيندي ته سج ۽ ٻيا گرهه نڪي اڀرندي کان اڀرن ٿا، نڪي الهندي ڏي لهن ٿا؛ پر سڄو آڪاش منڊل ائين پيو گولائيءَ ۾ ڦري، جيئن ڪو ماڻهو کليل ڌوپ ڇٽي پنهنجي مٿان پيو ڦيرائي. اهو ڦيرو الهندي کان شروع ٿئي ٿو ۽ اڀرندي ڏي پورو ٿئي ٿو. هر هڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ٿئي ٿو. ائين هڪ سؤ اسي ڦيرا پورا ٿين يعني ڇهه مهينا گذرن، ته پوءِ سج ائين اڀرندو نظر ايندو آهي، جو ڄڻ ته ڏکڻ طرف کان اڀري ٿو ۽ اتر ڏي چڙهندو وڃي ٿو. وري جڏهن سورج ڏکڻائڻ ٿيندو آهي يعني ڏکڻ طرف ڏي ويندو، تڏهن تارا ٽمڪندا نظر ايندا آهن. انهيءَ ريت اُتي ڇهه مهينا ڏينهن ته ڇهه مهينا رات! مطلب ته ٿلهي ليکي سڄي سال ۾ ڏينهن رڳو هڪڙو ٿيندو آهي، جو ڇهه مهينا ساندهه هلندو آهي، ۽ رات به ڇهن مهينن جي يڪي ٿيندي آهي، ايترو آهي ته اها يڪي ڇهه مهينن جي رات سمورو وقت ڪاري ٻاٽ لائي ڪانه بيٺي هوندي آهي. صبح ۽ سانجهيءَ جي شفق جو به سوجهرو ٿئي ٿو. اها شفق به ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندي وتي، ۽ هرهڪ ڦيرو چوويهه ڪلاڪن ۾ پورو ڪندي وتي. ڇهن مهينن جي رات کانپوءِ پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ته اول ٿورڙي روشني ٿيندي آهي، ۽ ٽمڪندڙ تارن مان ٿورا ٿورا غائب ٿيڻ لڳندا آهن. پوءِ لالاڻ وڌندي ويندي آهي، ته رفته رفته سڀ تارا گم ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ پرهه باکون ڪڍندي آهي.*
    ڊاڪٽر وارن ۽ ٻين عالمن جي ڪتابن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي، ته هر ڪنهن سال، 29 جنوريءَ جي، پرڀات ٿيڻ شروع ٿيندي آهي، ۽ ستيتاليهه ڏينهن ساندهه پرڀات جي لالاڻ ڏسڻ ۾ ايندي آهي؛ تنهن کانپوءِ سج اُڀرندي (ڦرندو) نظر ايندو آهي. سج هڪ واريءَ نڪرندو آهي، ته هڪ سؤ چورانوي ڏينهن ساندهه بيٺو هوندو آهي. هر ڪنهن سال 25 سيپٽمبر جي سج لهندو آهي، ته به نماشام واري شفق اٺيتاليهه ڏينهن ساندهه لقاءُ لڳائي بيٺي هوندي آهي، يعني 13 نومبر کان وٺي رات ٿيندي آهي. مطلب ته ورهيه جي 365 ڏينهن مان ستيتاليهه ڏينهن پرڀات، هڪ سؤ چورانوي ڏينهن سج جو سوجهرو، اَٺيتاليهه ڏينهن نماشام جي شفق ۽ ڇاهتر ڏينهن رات ٿيندي آهي. وقتي، رات جي اوندهه ڇاهتر بدران فقط سٺ ڏينهن هلندي آهي. اهو تفاوت اُتي جي وايو منڊل ۽ ٻين سببن ڪري ٿيندو آهي. اهي ڪن يوروپين جا اکين ڏٺا احوال آهن، جي لوڪمانيه سندن لکيل ڪتابن مان ڪڍي، پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايا آهن.
    ڌرمي پستڪن مان حوالا: آڳاٽا آريا لوڪ اصل آرڪٽڪ ريجن ۾ رهندا هئا، تنهن بابت لوڪمانيه تلڪ جيڪو ”آرڪٽڪ هوم“ لکيوآهي، تنهن ۾ پنج سو صفحا (ڊيمي سائز) آهن. سڄوئي ڪتاب ثابتين، ڏند ڪٿائن ۽ انهن جي سمجهاڻين سان ڀريل آهي؛ پر هتي رڳو ڪي ٿورا مکيه ٽڪر ڏجن ٿا:
    يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئترييه براهمڻ گرنٿ ڏنل آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”رواجي انسانن جو هڪ ورهيه ديوتائن جي هڪ ڏينهن جي برابر آهي“ (تئترييه براهمڻ 1،22،9،3) اهي ساڳيا لفظ منو سمرتي جي اڌ ياءُ پهرئين، شلوڪ 67 ۾ به لکيل آهن.*
    مهاڀارت جي ون پرو (اڌياءُ 163 ۽ 164) ۾ لکيل آهي ته پانڊون جو وچون ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو. اُتي جا جيڪي اکين ڏٺا احوال ڏنا اٿس، تن ۾ چيو اٿس ته ”ميرو پربت ڏي سج ۽ چنڊ الهندي کان اڀرندي ڏي پردڪشڻا ڪندا آهن يعني ڦرندا وتندا آهن.“ انهيءَ کانپوءِ چيو اٿس ته ”ميرو پربت جو تجلو رات جي اوندهه تي ايترو غالب پوندو آهي، جو رات به ڏينهن جهڙي پيئي لڳندي آهي“. وڌيڪ هيئن به چيو اٿس ته ”اُتي ڏينهن ۽ رات جي رهاڪن لاءِ هڪ ورهيه جي برابر آهن“. هي ساڳيون ڳالهيون هندن جي پراڻڻ ۾ به لکيل آهن.
    ڀاسڪر آچاريه جي ”سؤريه سڌانت“ (67,12) ۾ به لکيل آهي ته ”ميرو پربت ڏي ديوتائن کي سج رڳو هڪ ڀيرو اڀرندو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جڏهن سج پنهنجو اڌ ڦيرو مکيه راس کان وٺي شروع ڪندو آهي.“
    پارسين جي ديني ڪتاب ۾ به اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن. مثلاً وينيداد جي فرد گرد ٻئي ۾ پارسين جو اصلوڪي بهشت جهڙي ماڳ ”ائرين وئنجو“ يعني اهو هنڌ جتي آرين جو ٻج يا بنياد پيدا ٿيو (The nursery or place of origin of the Aryans) بابت لکيل آهي ته ”اتي تارا، چنڊ ۽ سج ورهيه ۾ هڪ ڀيرو اُڀرن ۽ لهن ٿا، ۽ جيڪو ورهيه آهي، سو اُتي هڪ ڏينهن رات ڪري ليکين ٿا“. هندن ۽ پارسين جي ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آهي سڀ ڳالهيون آرڪٽڪ ريجن کان سواءِ ٻئي ڪنهن به هنڌ سان لاڳو ٿي نٿيون سگهن، تنهنڪري هتي وڌيڪ حوالن ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانهي.
    هندستان جي تاريخ پهريائين پهريائين آنربل مائونٽ سٽيوئرٽ ايلفنسٽن تيار ڪئي هئي، جا پهريون گهمرو 1841ع ۾ ڇپجي پڌري ٿي هئي. ان وقت ئي ڪن يوروپي عالمن ائين پئي سمجهيو ته پراڻن ۾ جنهن کي ميرو پربت سڏيو اٿن، سو اتر قطب آهي؛ ته به عام رايو اهو هو، ته پراڻن جي رچيندڙن کي دنيا جي جاگرافيءَ جي سڌ هئي ڪانه، ۽ نه رڳو پنهنجي خيال جي گهوڙي کي ڊوڙايو هئائون. ايلفنسٽن صاحب ۽ ٻين اهائي راءِ ظاهر ڪئي ته خود ڪيترن هندن جي دلين تي به اهو اثر ويهي ويو ته ”ميرو“ هڪ خيالي پربت آهي. پروفيسر آپٽي واري سنسڪرت ڊڪشنري ڏسن ته ان ۾ به ائين لکيل آهي. پهريون ئي عالم لوڪمانيه تلڪ هو، جنهن اها غلط فهمي دور ڪئي. هاڻ اسان جا ڪيترا ڏيهي عالم ائين وسهن ٿا ته رگ وي جون ڪي رچنائون برابر انهيءَ وقت جون آهن، جنهن وقت سڀ آريه لوڪ، يا منجهائن گهڻا، ميرو پربت ڏي رهندا هئا. *
    هڪ مکيه ڳالهه جا لوڪمانيه تلڪ جي ڪتاب ۾ لکيل ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي، سا هيءَ آهي ته ميرو پربت جو نالو نه رڳو هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ پر يونانين جي ڏند ڪٿائن ۾ به ڄاڻايل آهي. يوناني لوڪ ائين وسهندا آهن ته سندن ديوتا ”دئونيسوس“، جو ونسپتي يا نباتيات جو ديوتا آهي، سو ڄائو ئي ميرو پربت تي هو. هيءَ ڳالهه 1784ع ۾ سر وليم جونس ڄاڻائي هئي. انهيءَ وقت، بلڪ اِنهيءَ کان سو کن ورهيه پوءِ به ڪيترن عالمن ائين پئي سمجهيو ته ”ميرو“ هڪ خيالي پربت جو نالو آهي، تنهنڪري شايد سر وليم جونس جي ڄاڻايل هن ڳالهه جي ڪنهن به عالم اُپٽار نه ڪئي آهي؛ پر مصنف جي خيال موجب هيءَ هڪ تمام مکيه ڳالهه آهي، جو ڄاڻائي ٿي ته آڳاٽن هندن جي ابن ڏاڏن سان قديم يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا به ميرو پربت تي رهندا هئا. يوناني لوڪ پاڻ چوندا آهن ته اسين ”دئونيسوس ۽ ٻين ديوتائن جو اولاد آهيون. جنهن صورت ۾ سندس دئينيسوس ديوتا ڄائو ئي ميرو پربت تي هو، تنهن صورت ۾ اڻ پڇيو ائين چئبو ته قديم يونانين جو به اصلوڪو ماڳ ميرو پربت هو. دئونيسوس ديوتا بابت يوناني لوڪ ائين به چوندا آهن ته هو ”زيئوس“ (Zeus) ”ديوس پتر“ (The Sky-Father) جو پٽ هو ۽ پرٿوي سندس ماتا (ماءُ) هئي. رگ ويد ۾ به آڳاٽن آرين آڪاس ۽ ڌرتيءَ کي ابو امان سڏيو آهي (ڏسو صفحو 4)
    هينئر جڏهن لکيل ثابتيون کلي ظاهر ٿيون آهن، ۽ پروفيسر پنيڪا، ڊاڪٽر وارن ۽ پروفيسر راهز پنهنجي پنهنجي روءِ سوءِ کوجنائون ڪري، هڪڙو ئي رايو ظهار ڪيو آهي ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ اتر قطب طرف هو، ۽ لوڪمانيه تلڪ به هندن ۽ پارسين جي ڌرمي پستڪن مان حوالا ڏيئي، اتر قطب وارو نظريو سچو ثابت ڪيوآهي، ۽ ميرو پربت جو نالو هندن جي ڌرمي پستڪن ۽ يونانين جي ڏند ڪٿاکن ۾ لکيل به آهي؛ تڏهن وچ ايشيا وارو نظريو، جو رڳو ٻولين مان ڪڍيل انومان تي ٻڌل هو، سو سورهن ئي آنا غلط ليکبو. لکيل ثابتين هوندي انومانن تي لڳڻ ئي عبث آهي، تنهنڪري اسان پنهنجي سر اتر قطب وارو نظريو قبول ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ مکيه سبب هيءُ به آهي، ته خود اسان جي ٻوليءَ ۾ هڪ اهڙي ڳالهه آهي، جا اسان کي اتر قطب واري نظريي قبول ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي. اها ڳالهه هتي کولي ٻڌائجي ٿي.*

    ٻوليءَ جي ثابتي: چئني ڏسين تي جيڪي نالا رکيل آهن، سي ”نظام شمسي“(Solar System) جا لفظ آهن، جن جا ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ ڪنهن نهايت قديم زماني جا لفظ آهن، جن خاص طرح ڌيان لهڻو.
    ”اُتر“ معنيٰ مٿيون پاسو شمال (North)؛ پر اصل ۾ هيءُ لفظ صفت آهي ۽ معنيٰ اٿس ”مٿيون، مٿاهون يا ٻين کان مٿي“. سنسڪرت ۾ ”اُد“ معنيٰ ”مٿي“ (High)، ”اُتر“ (اُد+ تر) معنيٰ ”ٻين کان مٿي“ 'Higher' ۽ ”اُتم“ (اُد+تم) معنيٰ سڀني کان مٿي 'Highest' اڄ به سنڌيءَ ۾ اهو لفظ صفت ڪري پيا ڪم آڻيون – جهڙوڪ چئون ته ”هو ٻئي ڄڻا بيوقوف آهن- هڪ ٻئي کان اُتر“: هتي ”اُتر“ معنيٰ ”وڌيڪ“ (مٿي).
    ________________________________________
    * "The works of German scholars like Rosche and Penka freely challenged the Asiatic theory regarding the original home of the Aryan race and it is now generally recognized that we must now give up that theory, and seek for the original home of the Aryans somewhere in the further north," Sjt. B.G. Tailak: The Arctic Home in the Vedas. P.4.
    * F.E Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P.297.
    ** The geological evidence is complete as the existence of a genial climate in Tertiary times as far north as present land extends. And of a climate, less severe than that of today in the Quaternary period Encycl: Britt: article "Polar Regions."
    * To such a man (stationed at the North Pole) the sun going into the northern hemisphere in his annual course will appear as coming up from the South, and he will express the idea by saying that 'the sun has risen in the south,' however strange the expression may seem to us," B: G Tilak: The Artic Home in the Vedas p.46:
    * پهريون انگ ڪانڊ، ٻيو پر پاٺڪ، ٽيون انو واڪ ۽ چوٿون ورگ لاءِ ڪم آندو ويو آهي. (مصنف)
    * Some consider Mount Meru as the 'North Pole.' Elphinstone's History of India (1841) vol, 1, p.252.
    * "Meros is said by the Greeks to have been a mountain of India on which their Diomysos was born, and that Mero generally means the North Pole in Indian geography." Sir William Jones: the Gods of Greece, Italy and India, P. 28 (Written in 1784 and since revised).

    ”اُتر“ لفظ جڏهن اسم ڪري ڪم آڻجي ٿو، تڏهن به پنهنجي بنيادي معنيٰ ”مٿ“ جي ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”پرشن ۽ اُتر“ معنيٰ ”سوال ۽ جواب“. هتي ”اُتر“ جي اکري معنيٰ آهي ”جيڪي مٿان ڏجي“ (سوال جي جواب ۾). هڪڙي شيءِ مٽائي ٻي شي وٺبي آهي ته وقتي ڪجهه رقم مٿان ڏيڻي پوندي آهي، جنهن کي به ”اُتر“ چئبو آهي. هتي به ”اُتر“ معني“ جيڪي مٿان ڏجي“ (مٽ سٽ ۾). هاڻ سوال آهي ته ”اُتر“ لفظ، جو اصل ۾ صفت آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مٿاهون يا ٻين کان مٿي“، تنهن جي معنيٰ ”شمال“ (North) ڪهڙي حساب ٿي؟ هن باري ۾ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن وقت ”اُتر“ جو ضد چئون ”ڏکڻ“ (South)؛ پر اصل ۾ ائين آهي ئي ڪين. سنسڪرت ۾ ”اُتر“ معنيٰ مٿيون يا مٿاهون“، ۽ ان جو ضد آهي ”آڌر“ معنيٰ هيٺيون يا هيٺاهون“،: سنسڪرت ۾ ”اُتر“ جو ضد ”پورب“ به آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اڳيون“، مثلاً ڪنهن عملدار جي جاءِ تي ٻيو ڪو عملدار مقرر ٿي ايندو ته اهو سڏبو ”اُتر اڌڪاري“ (Successor) يعني جو مٿان اچي ٿو، ۽ اڳيون عملدار سڏبو ”پورب“ اڌڪاري“ (Predecessor). هن حالت ۾ ”اُتر“ جو ضد آهي ”پورب“. هاڻ ته هيڪاري ظاهر آهي ته اصل ۾ ”اُتر“ جو ضد ”ڏکڻ“ آهي ئي ڪونه. پوءِ تڏهن هاڻوڪو رواج ڪيئن پيو؟ وري ڏسو ته خود ”ڏکڻ“ لفظ پاڻ بابت ڇا ٿو چوي؟
    سنڌي لفظ ”ڏکڻ“ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”دڪشڻ“، ۽ معنيٰ اٿس ”ساڄو“(Right)، سنسڪرت ۾ ان جو ضد آهي. ”وام“، جنهن جو اچار هنديءَ ۽ هندستانيءَ ۾ آهي ”بام، باوان، بانوان“ معنيٰ ”کٻو يا ڏائو“ (Left)، ”بائين هاٿ“ معنيٰ ”کٻي هٿ ڏي يا ڏائي پاسي“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ ڏکڻ جي ٻي معنيٰ ”ڦڙت“ (Dexterous) به آهي. هاڻ هيءَ ڳالهه ڪو سمجهائي ته ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”جنوب“ (South) پوءِ ڪيئن ٿي، ۽ هن لفظ جي معنيٰ ۾ ايترو ڦيرو پيو ڪيئن؟ هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ جي ظاهر سولا پيا ڀائنجن، سي سچ پچ ته سمجهڻ ئي ڏکيا آهن.

    چئني ڏسين جي نالن جون اڳيون توڙي هاڻوڪيون معنائون سمجهڻ رڳو تڏهن سوليون ٿينديون، جڏهن فرض ڪبو ته آڳاٽن هندن ۽ يوناني لوڪن جا ابا ڏاڏا اصل ۾ ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جيئن سندن ڌرمي پستڪن ۾ لکيل آهي. ميرو پربت اتر قطب ۾ هو، جتي اڄ تائين نئين ورهيه جي شروعات ۾ سج اڀرڻ مهل ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي ته ڏکڻ کان اڀري ٿو؛ جنهنڪري ڏکڻ لفظ جي اصل معنيٰ ئي هئي ”اُڀرندو“. سنسڪرت ۾ ”دڪشڻ“ (ڏکڻ) جو ڌاتو يا بنياد آهي”دڪشڻ“، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”اُڀرڻ“. سڄيءَ دنيا ۾ رڳو اتر قطب طرف سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهنڪري چئبو ته ”ڏکڻ“ لفظ جڙيل ئي اُن وقت جو آهي جنهن وقت آڳاٽا آريا لوڪ اُتر ڏي رهندا هئا، ۽ جنهن پاسي کان اتي سج اڀرندو ڏٺائون، تنهن کي ڏکڻ چوندا هئا. اتر قطب ۾ سج ڏکڻ طرفان ڪنڀر جي چڪ وانگر ڦرندو ڦرندو مٿي چڙهندو وڃي ٿو، تنهنڪري ”اُتر“ معنيٰ ٿي ”مٿيون پاسو“(North) آڳاٽا لوڪ پوءِ اتر قطب ڇڏي هيٺ ڏکڻ (وچ ايشيا، ايران، هندستان) ڏي آيا، ۽ اتي سج سڌو اڀرندو کان اڀرندو ڏٺائون، ته انهيءَ طرف کي سڏيائون ”پورب“ يعني ”اڳيون پاسو“، يا اهو پاسو جتان سج اڀري ٿو، ۽ ان جو ضد ٿيو ”پڇم يعني ”پٺيون پاسو“، يا اهو پاسو جنهن ڏي سج لهي ٿو. اڀرندي ڏي منهن ڪري بيهبو ته سڄي هٿ وارو پاسو ”ڏکڻ“ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”ساڄو“ يا ”ساڄي هٿ وارو پاسو“. ڪي ماڻهو ڏائي هٿ سان ڪم ڪن ٿا، پر عام طرح سڀڪو کائڻ پيئڻ جو توڙي ٻيو ڪم ساڄي هٿ سان ڪري ٿو، ۽ ائين ڦڙتائيءَ سان ڪم ڪري سگهجي ٿو. ڀائنجي ٿو ته انهيءَ سبب ”ڏکڻ“ جي معنيٰ ”ڦڙت“ به ٿي. ٻوليءَ مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ميرو پربت ڇڏڻ کانپوءِ به يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا ايشيا وارن آرين سان ڪجهه وقت لهه وچڙ ۾ هئا، ۽ انهيءَ وقت ”ڏکڻ“ لفظ جون اهي معنائون وٽن عام ٿي ويون هيون. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو لئٽن ۽ انگريزيءَ ۾ ”ڊيڪسٽرٽي“ (Dexterity) معنيٰ آهي ”ساڄو يا ساڄي هٿ وارو“ ۽ ”ڊيڪسٽرٽي“ (Dexterity) جي معنيٰ آهي ”ساڄو يا ساڄي هٿوارو“ ۽ ”ڊيڪسرٽي“ (Dexterity) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”ساڄڙائي“ (Right handedness) ۽ ٻي معنيٰ ڦڙتائي“. انهن لفظن جي منڍ ۾ جيڪو ”ڊيڪس“ (Dex) آهي، سو ساڳيو سنسڪرت لفظ ”ڊڪشن“ آهي، ۽ اهي ٻئي معنائون اٿس.
    ”ڏکڻ“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”اُڀرندو“، تنهن ڳالهه جو عام طرح گهڻن کي پتو ڪونه هو. لوڪمانيه تلڪ پنهنجي ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ ڄاڻايو ته آڳاٽا لوڪ اصل ميرو پربت ڏي رهندا هئا، جو اتر قطب ڏي هو ۽ اتي سج ڏکڻ کان اڀرندو آهي، تنهن تان آگسٽ ۽ آڪٽوبر 1912ع واري ”ماڊرن رويو“ مخزن ۾ ليک پيا هئا، جن مان ٿورو ٽڪرو پڙهندڙن جي معلومات لاءِ هتي جنسي ڏجي ٿو، مطلب ته ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته چئني ڏسين جا نالا، خاص ڪري ”اتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ ”آرڪٽڪ ريجن“ ۾ اتر قطب طرف) رهندا هئا. آرڪٽڪ ريجن ۾ ميرو پربت ڪهڙي هنڌ هو، ان بابت هندن جي پراڻڻ ۾ جيڪي لکيل آهي، سو هتي مختصر طرح ڄاڻائجي ٿو.*

    ميروپربت جو ذڪر: هندن جي پراڻن پٽاندر ”سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي. انهن دويپن جا نالا: ڄمون دويپ، پلڪش دويپ، شالملي، ڪشن، ڪرونج، شاڪ ۽ پشڪر آهن. هر هڪ دويپ جي چوڌاري سمنڊ آهي، ۽ انهن ستن سمنڊن جي ڪري اهي ست دويپ هڪ ٻئي کان ڌار بيٺا آهن“ (وشنو پراڻ) مسٽر هربلاس سردا پنهنجي انگريزيءَ ۾ جوڙيل ڪتاب ”هندو سپيريرٽي“ جي صفحي 160 ۾ انهن دويپن جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته : (1) ڄمون دويپ-ايشيا (2) پلڪش-ڏکڻ آمريڪا (3) پشڪر-اتر آمريڪا (4) ڪرؤنچ - آفريڪا (5) شاڪ – يورپ (6) شالملي –آسٽريليا (7) ڪشن – اوشينيا.
    سچ پچ ته پراڻن ۾ ڄاڻايل اهي دويپ هن وقت سڃاڻڻ ئي مشڪل اهن، جا ڳالهه خود مسٽر هربلاس سردا قبول ڪئي آهي، جنهنڪري چئبو ته مٿيان سڀ انومان آهن. انهيءَ ريت هيءُ به انومان ڪڍي سگهجي ٿو ته ايشيا، يورپ آمريڪا ۽ گرينسلئنڊ جا اتر وارا پاسا، جي آرڪٽڪ سرڪل يا پولر ريجن ڏي آهن، تن جا، يا انهيءَ طرف جي ٻيٽن جا، اصل اهي نالا هئا. اهي سڀ سنسڪرت لفظ آهن، تنهن مان هيءَ ڳالهه به ظاهر آهي، ته اهي نالا رکيائي آريا لوڪ هئا، ۽ کين دنيا جي جاگرافيءَ جي قديم، زماني ۾ ئي سڌ هئي.

    پراڻن پٽاندر مٿين ستن دويپن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ”ميرو“ نالي هڪ نهايت اوچو پربت يا پهاڙ هو، ۽ اهو ”مها ميرو“ به سڏبو هو. اُن بابت هيئن به چيل آهي ته ”ميرو پربت سڄو سونو آهي ۽ پاسا هيرن ۽ جواهرن جا اٿس. ان جو تجلو اهڙو ٿئي ٿو، جو رات به ڏينهن وانگر روشن پيئي لڳندي آهي“ (وشنو پراڻ).
    يوروپي عالمن پهريائين ائين پئي سمجهيو ته هيءَ هڪ خيالي پربت جو ذڪر آهي، پر هاڻ اُهي به قبول ڪن ٿا ته پراڻڻ ۾ تاريخي حقيقتون آهن. *

    لوڪمانيه تلڪ جي خيال موجب اهو ”ائرورابورئيلس“ جي تجلي جو ذڪر آهي جو اُتر قطب ڏي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، پر ڊاڪٽر انباش چندرداس جو چوڻ آهي ته اهو تجلو اتر قطب ڏي فقط ٿوري وقت لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو آهي ۽ سانده ڪونه هوندو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت ۾ سچ پچ سون ۽ هيرن جواهرن جون کاڻيون هيون، يا ڪو اتي تجلو ٿيندو هو جو اوندهه کي ڦيري روشنائي ڪندو هو. ممڪن آهي ته اهو ”سورج پٿر“ بابت اشارو آهي.*****

    آگري جي قلعي ۾ مصنف هڪ خانو ڀت ۾ ٺهيل ڏٺو، جنهن جو منهن ٽپال جي دٻي وانگر هو. ٽپال جي دٻي ۾ خط پٽ وجهجن ٿا ته وڃي هيٺ پون ٿا، ۽ ٻاهران ڏسڻ ۾ نٿا اچن؛ پر آگري جي قلعي ۾ انهيءَ خاني ۾ اندر نهارجي ٿو ته تر ۾ جيڪا مٽي يا دز پيل آهي، سا به چٽيءَ ريت ڏسڻ ۾ اچي ٿي، ۽ خاني جو ترو توڙي اندريان پاسا بکن پيا! انهيءَ خاني ۾ اندر ”سورج پٿر“ لڳل آهي، جنهن جي روشنائي ڪري خاني ۾ اندر اوندهه نٿي ٿئي. سورج پٿر جي رڳو ٿورڙي ٽڪري مان هيتري روشنائي ٿئي ٿي ته سڄو ميرو پربت يا ان جو ڳچ ڀاڱو جيڪڏهن سورج پٿر جو هو ته اهو ڪيتري روشنائي ڪندو هو، تنهن جو تصور هرڪو ڪري سگهجي ٿو. پراڻن جي رچيندڙن انهيءَ سبب ”ميرو پربت“ کي ”سمير پربت“ يعني چڱو يا سهڻو پربت سڏيو آهي ۽ ان جي تجليءَ جو اهو ذڪر ڪيو اٿن.
    وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته ”ڄمون دويپ جي وچ ۾ ميرو پربت جي چوٽيءَ تي، هڪ شهر ٻڌل آهي، جو پرٿويءَ تي سوڳ يا بهشت آهي ۽ اهو برهما جو لوڪ آهي. ڄمون دويپ خود نون ورشن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪڙو ڀارت ورش آهي، جو هماليه جبل جي ڏکڻ ڏي آهي ۽ خود هماليه جبل ميرو پربت جي ڏکڻ ڏي آهي. ڄمون دويپ جي ٻين حدن تي به جبل آهن.“ *


    هي جاگرافيءَ جون ڳالهيون، جي وسنو پراڻ ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ٻين پراڻن توڙي مهاڀارت ۾ به انهن جو ذڪر آهي، تن سان گڏ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، ته سڄي هندستان جي اتر ڏي هماليه جبل آهي؛ ۽ پراڻن پٽاندر هماليه جبل خود ڄمون دويپ جي ڏکڻ ڏي آهي. ائين پراڻن مان ايترو پتو پوي ٿو ته ميرو پربت، جو ڄمون دويپ جي وچ ۾ هو، سو هماليه جبل جي پرئين طرف وارن ڏيهن(Airyana Vaejo) هو، جنهن جي اکرن معنيٰ آهي اهو هنڌ جتي آرين (ايران وارن آرين) جو ٻج (اصل نسل) پيدا ٿيو، ۽ اهو سرڳ يا بهشت سڏيو ويو آهي. پروفيسر سپيءَ گل جنهن ”زنداوستا“ جو ترجمو ڪيو آهي، تنهن جي خيال موجب اهو ملڪ ايران جي مٿاهين پٽ جي بنهه اوڀر طرف هو. جتان آڪسس (آموُ درياءُ ۽ جئڪسارٽس نديون نڪرن ٿيون پر ٻيا عالم سندس اها راءِ قبول نٿا ڪن. هن لاءِ هي سبب آهي ته پارسين جي وينديد جي فردگرد (اڌياءَ) پهرئين ۾ ايرانين جي بهشت (”ائرين ويئجو“) بابت چيل آهي ته اُتي ڏهه مهينا سيارو ٿئي ٿو ۽ ٻيا ٻه مهينا اونهارو. اونهاري ۾ به ٿڌ ايتري پوي ٿي، جو پاڻي به پارو ٿيو وڃي، ڌرتي ٺريو وڃي، وڻ ٺريو وڃن ۽ پوءِ چؤطرف برف پوندي آهي ته مها ڀيانڪ مصيبت پيدا ٿيندي آهي. *****
    جئڪسارٽس ۽ آڪسس نديون جتان نڪرن ٿيون تتي ايتري ٿڌ ٿيندي ڪانهي، تنهنڪري ڊاڪٽر مارٽن هاگ ۽ ٻين عالمن جي راءِ آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ انهيءَ کان به پر ڀرو اتر ڏي رهندا هئا. لوڪمانيه تلڪ جيتوڻيڪ ميرو پربت بابت ٻڌائي ڪونه سگهيو آهي ته اهو ڪهڙي هنڌ هو؛ ته به ايترو چيو اٿس، ته آڳاٽا آريه لوڪ رشيا يا اسڪئنڊينيو يا اتر ڏي نه، پر سئبيريا جي اتر ڏي هئا. مطلب ته لوڪمانيه تلڪ ۽ ڪيترا يوروپي عالم ايتري قدر متفق راءِ آهن، ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ آرڪٽڪ، سرڪل يا پولو ريجن ۾ هو؛ باقي رڳو هيءُ تفاوت آهي ته پروفيسر پينڪا ۽ ڊاڪٽر واڊل پارا چون ٿا ته پورب جي اتر وارو پاسو جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو، ۽ اتان پڇم جي سڀيتا پورب ڏي ڦهلي. لوڪمانيه جي راءِ موجب ايشيا کنڊ جو اتر وارو(سئبيريا جومٿيون پاسو) جو اتر قطب ڏي آهي، سو آرين جو اصلوڪو ماڳ هو. ٻنهي مان ڪنهن جي راءِ وڌيڪ وزن لهڻو تنهن باري ۾ هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته اهڙي ڪا ثابتي هيستائين ملي ڪانهي، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي، ته يورپ جي سيتا جو ڦهلاءُ پورب تائين ٿيو. اٽلندو هيئن ثابت ٿيو آهي ته يورپ جي سڀيتا جو بنياد ايشيا وارن وڌو ۽ پوءِ به يورپ جي ماڻهن ايشيا، خاص ڪري هندستان مان گهڻو ئي پئي پرايو ***
    هن باري ۾ هيءَ مکيه ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا اول ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي. يورپ کي ٻولي ڪٿان ملي؟ جيڪڏهن سنسڪرت ٻولي يوروپي ٻولين جي ماءُ نه ٿئي ته وڏي ڀيڻ ته بيشڪ ٿئي، ۽ سنسڪرت هندستان جي ٻولي آهي، جنهنڪري چئبو ته يورپ کي ٻولي پوربي بنياد واري ملي آهي. خود انگريزي آئويٽا به ديوناگري اکرن تان ٺهيل آهي، جا ڳالهه سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ ڄاڻائي آهي. قديم ديوناگري اکر هاڻوڪي کان گهڻو ڦريل هئا، ۽ انهن ڦري ڪيئن هاڻوڪي انگريزي آئيويٽا جي صورت ورتي، سا ڳالهه به اکرن جون تصويرون ڏيئي سمجهائي اٿس. هيءَ ڳالهه به عالم آشڪار آهي ته مغرب (يورپ) ڏي ڪوبه اوتار پيدا ٿيو ئي ڪونهي. حضرت عيسيٰ، حضرت موسيٰ، حضرت محمد ﷺ، زردشت (زورئسٽر)، سري رامچندر، سري ڪرشن، ڪانفيوشس ۽ ٻيا اوتار ۽ پيغمبر سڀ پورب ۾ ٿي گذريا آهن. يوروپي لوڪن کي بائيبل يا انجيل به ايشيا مان مليو، ته مذهب به ايشيا مان ملين. سر مونيئر وليمس اهي ڳالهيون ڄاڻائي ائين به چيو آهي ته انگن جا نالا ۽ ڏهائيءَ جي ترتيب به هنن هندستان مان پرايا. پاٽ صاحب چيو آهي ته جيئن سج اڀرندو ئي اڀرندي کان آهي تيئن سڀيتا جو سج به اول پورب (ايشيا) ۾ اڀريو، جنهن مان پوءِ پڇم يا مغرب (يورپ) کي روشنائي ملي؛ بلڪه سڄي انسان ذات پورب منجهان ئي پرايو. سن 1882ع ۾ پروفيسر مئڪس ملر کليو کلايو قبول ڪيو ته اسين يوروپي لوڪ پورب کان آيا آهيون، ۽ سڀ جيڪي قيمتي سمجهون ٿا، سو پورب مان پرايو اٿئون. ******
    گرم صاحب جنهن علم لغات جا اصول يا ترتيب بيهاريا هئا، جنهنڪري اهي اڄ تائين سندس نالي پٺيان ”گرم جا قاعدا“ (Grimm's Laws) سڏجن ٿا، تنهن جو به اهو چوڻ هو ته، يورپ جون سڀ قومون اصل آيون ئي ايشيا کان آهن.“ *
    لوڪمانيه تلڪ کان اڳ جرمنيءَ جي عالم پروفيسر پينڪا ڄاڻايو هو ته آڳاٽا آريه لوڪ اصل اتر ڏي رهندا هئا ۽ سندن اصلوڪو ماڳ يورپ جي اتر قطب ڏي اسڪئنڊينيويا ڏي هو. هاڻ معلوم ٿيو آهي ته اسڪئنڊينيويا جا رهاڪو آڳاٽن هندو کترين جو اولاد آهن. خود ”اسڪئنڊينيويا“ (Scandinavia) لفظ اصل ۾ سنسڪرت لفظ ”سڪنڌ ناڀي“ (سڪنڌ ناوي) آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”مکيه يا جنگي سردار“ (Scand Chiefs or Warrior Chiefs) سڪئنڊينيويا جي آڳاٽن ماڻهن جا ڌرمي پيستڪ ”ايد“ (Edda) سڏجن ٿا. اهو ”ايد“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ويد“ ۽ ويد هندن جا ڌرمي پستڪ آهن. *****
    سئبريا ۽ فنلئنڊ ۾ هن وقت جيڪي ”سموئيڊس“ (Samoyedes) آهن، سي اصل ۾ سمايدو“ آهن، يعني اهي سما راجپوت آهن، جي اصل ”يادو ونسي“ (جادو ونسي) ڪل مان هئا، جن مان سري ڪرشن پيدا ٿيو هو. سنڌ ۾ سومرن کانپوءِ جن سمن حاڪمن راڄ ڪيو، سي به سما راجپوت هئا، ۽ انهيءَ ساڳئي جادو ونسي ڪل مان هئا. سئبيريا ۽ فنلئنڊ ۾ ”شوڊ“ (Tchoudes) به آهن، ۽ اهي به ”جود“ يعني راجا يدو (جدو) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهي به جادو ونسي ڪل جا آهن“. انهن ٻنهي قومن جي ٻولين جي به هڪ ٻئي سان گهڻي نسبت آهي. هي حقيقتون ڪرنل ٽاڊ پنهنجي جوڙيل ”راجستان جي احوال“ ۾ ڄاڻايون آهن. انهن حقيقتن مان ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته لوڪمانيه تلڪ جو قياس سچو هو ته آڳاٽن آرين جو اصلوڪو ماڳ (ميرو پربت وارو پاسو) سئبيريا جي اُتر ڏي آرڪٽڪ ريجن ۾ هو، جتان پوءِ ڪي آريا لوڪ يورپ جي اتر ڏي فنلئنڊ ۽ اسڪئنڊينيويا ڏي ٽڙي پکڙي ويا. اهو پاسو هندو کترين وسايو، ۽ برهمڻن وري جرمنيءَ وارو پاسو وسايو، جنهنڪري اهي ”جرمن“ يعني ”شرمن“ (شرما) سڏجڻ ۾ آيا. وقتي براهمڻ ۽ کتري انهن پاسن ڏي پوءِ ويا هجن، پر پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي هندستان جي ماڻهن ۽ ميرو پربت طرف جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ هئي، جنهنڪري وشوامتر ميرو پربت کان آيو هو، ۽ اتهاس (تاريخ) واري زماني ۾ پانڊون جو ڀاءُ ارجن ميرو پربت ڏي ويو هو. ****
    اتر قطب طرف هندن جي حڪومت: آرين جي سڀيتا جي شروعات بابت ڪيترا اُهڃاڻ رگ ويد مان ملن ٿا؛ پر پراڻن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه، جنهن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ته سندين سڀيتا جي شروعات انهيءَ وقت ٿي هئي، جنهن وقت هو ميرو پربت تي رهندا هئا. آڳاٽن آرين جا جيڪي احوال جيڪي پراڻن ۾ ڏنل آهن، تن مان پڌرو آهي ته جنهن وقت هو ميرو (سمير) پربت تي رهندا هئا، تنهن وقت ئي نهايت کليل دماغ وارا هئا. ۽ اهڙا ته زور هئا، جو اتي پنهنجي بادشاهي ڪري ويٺا هئا. سندن بادشاهت جي حدن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ان وقت به هو سلطنت شاهي (Imperialism) جا ڪوڏيا هئا. ۽ ٻين کي پنهنجي تابعي ڪري پاڻ سڀني جي مٿان حاڪم ٿي ويٺا هئا.
    مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته پراڻن پٽاندر سڄي دنيا ستن دويپن (ٻيٽن يا کنڊن) ۾ ورهايل آهي ۽ انهن جو مرڪز ڄمون دويپ هو، جنهن جي وچ ۾ ميروپربت هو. انهيءَ ڄمون دويپ بابت پراڻن مان هيءَ حقيقت ملي ٿي ته ڪنهن قديم زماني ۾ اُتي راجا پريه ورت راڄ ڪندو هو. کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر ڄمون دويپ کي نون ورشن يا ڀاڱن ۾ ورهائي، اهي ورشن پنهنجن نون پٽن کي ڏنا. ائين سندس هرهڪ پٽ کي هڪ ورش مليو، جن مان هڪڙو ڀارت ورش (هندستان) هو، جو هماليه جبل جي ڏکڻ ۾ آهي، ۽ سڀني ۾ ڏاکڻو ورش اهو آهي. ”ڀارت ورش، اُتر ڪرو، ڀدراشو ۽ ڪيتومال – اهي چارئي ورشن جبلن جي قطارن جي ٻاهرئين پاسي آهن“ (وشنو پراڻ). *
    ________________________________________
    * "If we agree with the view of Mr. B.G. Tilak expressed in his "Orion," and place the ancient home of the Aryan races in the circumpolar regions (which were habitable in 8000-1000 B.C.), the significance of the names of the cardinal points becomes easy of understanding, There, the sun would rise into view (at the beginning of each new year) after a dawn lasting for several days. The orb would not be seen to rise in east, but a little to the south i.e. South-West. The autumnal sun would set in the South-West, after which the long night would follow. Originally (ڏکڻ) دڪشڻmust have signified the direction in which the sun rose (and set also), but in course of time when the four cardinal points were definitely defined, the south got the name (ڏکڻ) دڪشڻ in rememberance of the fact that the sun moved from the front to the right in his circular motion along the horizon in the Arctic regions. "Modern Review, August 1912.
    * "These uniquely precious historical documents (the Puranas) extending to many hundreds of pages of manuscripts, have been down through to centuries neglectged, and wholly appreciated as to their historical significane," Dr. L. A. Waddel: The Markers of Civilization in race and History, preface VIII.
    ** The reference to the Isutre of the mountain is specially interesting, in as much as in all probability, it is a description of the splendour of the Aurora Borealis visible at the North Pole." B.G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas, pp. 69-70.
    *** Dr. A.C. Das: Rag Vedic India, p. 395.
    * Vishnu puran, Wilson's Translation, Vol. II, pp. 101-118.
    ** Special places Aisyana Vaejo "In the farthest east of the Iranian plateau in the region where the Oxus and Jaxartes take their rise."
    *** Dr. Martin Haug: Esasys on the Sacred Language. Writings and Religion of the Parsis, P. 292.
    * " But considering the fact that the traditions of the original Polar home are better preserved in the sacred books of the Brahmans and Parsis, it is not unlikely that the parlmaeval home was located to the north of Russia and Scandinavia," Sjt. B.G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas. P.418.

    ** "If the evidences of Saxon Colonization in this island (Great Britain) are strong both from language, and political institutions, the evidences are still more decisive in the parallel case of an Indian colonization of Greece-not only her language but her philosophy, her religion, her rivers, her mountains and her tribes, her subtle turn of intellect, her political institutes, and above all, the mysteries of that noble land, irresistibly prove her colonization from India, "Pococke: India in Greece.
    * " Europe has learnt to perceive that in imparting some of the benefits of her modern civilization to Eastern races, she is only making a just return for the lessons imparted to her by Asiatic wisdom in past ages. For did she not receive her Bible and her religion from an Eastern people? Did not her system of counting by twelves and sixties come to her from Babylonia, and her invaluabl numerical symbols and decimal notation from India through the Arabs? Did not even her languages have their origin in a common Eastern parent?" Sir Moniar-william's Sanskrit-English Dictionary, Preface PP. XXII-XXIII.
    ** "The path of the sun must be the path of culture. In Asia, Pott declares, or nowhere was the school-hose where the families of mankind were trained."
    Quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, p. 357.
    *** " We all come from the East-all that we value most has come to us from the East," Prof. Max Muller: what canIndia teach us? Pp. 31-32.
    * "All the nations of Europe migrated anciently from Asia." Jacob Grimm.
    ** The Scandinavians are the descendants of Hindu Kshatriyas. The term Scandianavian and the Hindu "Kshatria" or the warrior caste, are identical, 'the former being a Sanskrit equivalent for the latter: "Scanda Nabhia" (Scanda Navi) signifies Scanda Chiefs (Warrior Chiefs). Har Bilas Sarda: Hindu Superiority, p. 134.

    *** We can scarcely question derivation of the Edda (the religious books of Ancient Scandinavia) from the Vedas." Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus, p. 108.
    **** "The Samoyedes and Tchoudes of Siberia and Finland are really Samayadus and Joudes of India. The languages of the two former races are said to have a strong affinity and are classed as Hindu-Germanic by Klaproth, the author of "Asia Polyglotta," Tod's Rajasthana: Vol. I. p. 68.
    * Wilson's Translation of the Vishnu Puran, Vol. II, pp. 101, 110, 114, 116—123.

    هي حقيقتون، جي وشنو پراڻ مان ڏنيون وييون آهن، سي صفا ئي صفا تاريخ ۽ جاگرافيءَ جون ڳالهيون آهن: انهن ۾ نڪا ڪا تمثيل رکيل آهي، نڪا ڪا ڏند ڪٿا گڏيل مسيل آهي. هنن حقيقتن تي ٿوروئي ويچار ڪجي ٿو ته انهن مان هيٺيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
    (1) پراڻن پٽاندر سڀني آڳاٽن راجائن جو اصل نسل منو ڀڳوان سان وڃي لڳي ٿو، جنهن بابت چيل آهي ته کيس نو پٽ هئا. تاريخ جي خيال وچان انهن نون پٽن مان هڪڙو مکيه پٽ راجا پريه ورت هو، جو سڄي ڄمون دويپ جو حاڪم هو، ۽ ڀارت ورش (هندستان) به سندس حڪومت هيٺ هو.
    رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. اهو جنگين جو احوال شايد انهيءَ قديم زماني جو آهي، جنهن زماني ۾ راجا پريه ورت ڀارت ورش (هندستان) پنهنجي قبضي ڪرڻ ٿي چاهيون؛ پر اڻ آريه قومن کيس پنهنجي ملڪ سٿرو هٿ ڪرڻ نٿي ڏنو. آرين جو هندستان ۾ پهريائين پهريائين اچڻ انهن جنگين وقت ٿيو هوندو.
    (2) راجا پريه ورت کانپوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر سڄي ڄمون دويپ کي نون ورشن ۾ ورهائي، هرهڪ ورش پنهنجي پٽ کي ڏنو، ته پٽن سان گڏ ضرور ٻيا به آريه لوڪ ميرو پربت يا ڄمون دويپ جي ٻئي ڪنهن ڀاڱي کان ڀارت ورش ۾ آيا هوندا، ۽ رڳو پاڻ هڪ ڄڻو ڪونه آيو هوندو. انهيءَ سبب چئبو ته آرين جي ٻي وڏي ٽولي راجا اگني ڌر جي پٽ جي وقت ۾ هندستان ۾ آئي هوندي.
    (3) منو ڀڳوان جو ٻيو مکيه پٽ راجا اڪشواڪو هو، جنهن بابت اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هن ايوڌيا هاڻوڪي ائوڌ) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ سورجونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين، جنهن مان پوءِ سري رامچندر پيدا ٿيو.
    جنهن صورت ۾ سڄو ڀارت ورش اڳي ئي راچا پريه ورت ۽ کائنس پوءِ سندس پٽ راجا اگني ڌر جي تابعي هو، تنهن صورت ۾ چئبو ته انهن آرين جا راجا اڪشواڪوءَ کي ايوڌيا ۾ سٿرو پير کوڙڻ ڪونه ڏنو هوندو. رگ ويد ۾ نه رڳو آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾، پر هڪڙن آرين ۽ ٻين آرين جي وچ ۾ به، جنگين لڳڻ جو ذڪر آهي. هن منجهان اهو ئي انومان ڪڍبو ته آرين جو هي ٽيون ڪٽڪ راجا اڪشواڪوءَ جي وقت ۾ هندستان ۾ آيو هو، ۽ ان وقت به شايد جنگيون لڳيون هيون.

    (4) منو ڀڳوان جي ٽئين مکيه پٽ جو نالو ”اِلا“ (Illa) هو، جنهن بابت چيل آهي ته هو پوءِ مرد مان ڦري زال ٿيو هو. اِلا جو ناميارو پٽ راجا پروروس هو، جنهن پرتيسٿان (هاڻوڪي الله آباد) ۾ اچي راڄ ڪيو، ۽ چندرونسي گهراڻي جو بنياد وڌائين. انهيءَ گهراڻي وارا ”الا“ جو اولاد هئا، تنهنڪري ”آئل“ (اِلا جو اولاد) سڏبا هئا. اهي ئي ”آئل“ آريه لوڪ هئا، جن سنڌو ماٿر اچي وسائي. اهي ”آئل“ ڪٿان آيا؟ پراڻن مان پڌرو اهي ته آهي نڪي اصل هندستان جا رهاڪو هئا، نڪي وچ ايشيا جا ويٺل هئا؛ پر سندن گهراڻي جو بنياد وجهندڙ راجا پروروس ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيو هو. مسٽر پارجيٽر ڪلڪتي هاءِ ڪورٽ جي جج، هندن جي پراڻن مان جيڪي تاريخي احوال سوڌي ڪڍيا آهن، تن ۾ ائين ئي ڄاڻايو اٿس. *

    حاصل مطلب ته انهيءَ ڳالهه ۾ مين ميک آهي ئي ڪونه ته سڀ قديم آريه لوڪ نه، ته به منجهائن گهڻا اتر قطب طرف رهندا هئا، جتي جي سخت ٿڌ جو ذڪر هندن، پارسين ۽ ڪيلٽڪ قومن جي ڌرمي پستڪن ۽ ڏند ڪٿائن ۾ آهي. اسان جي سنڌي ٻوليءَ مان به اهائي ثابتي ملي ٿي ته ”اُتر“ ۽ ”ڏکڻ“ لفظ ٺهيل ئي ان وقت جا آهن، جنهن وقت آريه لوڪ اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا (صفحو 92 کان 96). ”سنسڪرت“ ۽ ”ديوناگري“ لفظن بابت ويچار، جي هن ڪتاب ۾ ٻئي هنڌ ڄاڻايا ويا آهن، تن مان به پڙهندڙ سمجهي سگهندا ته سنسڪرت ٻولي ڳالهائڻ جو رواج اصل اُتر قطب طرف هو، ۽ ديوناگري ائيويٽا، جا اڳي ”براهمي“ لپي سڏبي هئي، سا اصل جڙي ئي ميرو پربت تي هئي. ايترو چئبو ته ممڪن آهي ته اتر قطب کان وٺي، ڏاکڻي طرف، هماليه جبل جي تراين، بلڪه هاڻوڪي هندستان جي حدن تائين، ڪيترا آريه لوڪ ٽڙيل پکڙيل هئا، ۽ اهو سمورو ملڪ پراڻن پٽاندر ”ڄمون دويپ“ سڏبو هو. انهيءَ هيڏي ساري ايراضيءَ ۾ ٻوليءَ ۾ ضرور ڪجهه نه ڪجهه تفاوت ٿيندو. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته آڳاٽن آرين جي ٻوليءَ بلڪ ڌرم ڪرم ۽ ريتن رسمن ۾ به ڦيرو هو. اهي سڀ ڳالهيون ڳڻي چئبو ته ڊاڪٽر انباش چندر داس پارا، جي چون ٿا ته آريه اصل ”سپت سنڌوءَ“ (سنڌو ماٿر جي ستن دريائن وارن ڪنارن) جا رهاڪو هئا، يا جيڪي چون ٿا ته قديم آريا لوڪ اصل ٿٻيٽ يا ڪشمير جا رهاڪو هئا. تن جي ڳالهه نسوري غلط نه چئبي. قديم آرين مان ڪي ڄمون دويپ ۾ انهن حدن تائين ٽڙيل پکڙيل هئا ته انهيءَ ۾ عجب ڪونهي؛ پر سندن ”اصلوڪو ماڳ“(Original Home) جنهن کي چئجي، سو ڄمون دويپ جو اتر قطب وارو پاسو هو، جتان جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا.

    ٻولين جي کوجنائن مان به يوروپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سڀ آريا لوڪ گڏ ڪونه آيا هئا، پر جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي آيا هئا، جنهنڪري سندن ٻوليءَ ۾ ڪي تفاوت هئا. هيءَ حقيقت جيمس صاحب پنهنجي جوڙيل ڏيهي آريه ٻولين جي گرامر جي جلد پهرئين ۾، ۽ سر گريئرسن پنهنجي جوڙيل ”لنگئسٽڪ سروي آف انڊيا“ جي جلد پهرئين ۾ ڄاڻائي آهي.
    آرين جي ڌار ٿيڻ جو سبب: قديم هندن، ايرانين، يونانين وغيره جا ابا ڏاڏا ميرو پربت طرف گڏ، يا هڪ ٻئي جي ويجهو رهندا هئا، ته پوءِ هڪ ٻئي کان ڌار ڇو ٿيا، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ لکيل ڪانهي. ڪرستان ۽ مسلمانن جي ديني ڪتابن ۾ ايترو لکيل آهي ته ڪنهن قديم زماني ۾ سخت طوفان لڳا هئا ۽ ٻوڏون ٿيون هيون، ۽ پوءِ حضرت نوح رحه وري دنيا کي آباد ڪيو هو. اها اوگا يا مها پرلئه جي ڳالهه مها ڀارت ۽ پراڻن ۾، توڙي يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ لکيل آهي، ۽ ائين چيل آهي ته ”منو ڀڳوان وري دنيا کي آباد ڪيو هو.“ ڪيترن عالمن هيءُ رايو ظاهر ڪيو آهي ته اها مها پرلئه جي ڳالهه هڪ ٻئي جي ڌرمي پستڪن تان نقل ڪري نه لکي اٿن؛ پر سڀني قديم قومن کي انهيءَ مها ڀاري ٻوڏ جي سڌي هئي. اها الاهي آفت دنيا جي مٿان ڪڏهن ڪڙڪي، تنهن جي نسبت يا سن ڪنهن به ڌرمي پستڪ ۾ ڄاڻايل ڪونهي.
    رگ ويد ۾ هن ٻوڏ جو ذرو به ذڪر ڪونهي؛ پر يجر ويد جي پٺيان ڏنل شتپٿ براهمڻ گرنٿ ۾ توڙي مها ڀارت ۽ پراڻن ۾ آهي. اهو جيتوڻيڪ جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته عيسوي سن کان اٽڪل اٺ – ڏهه هزار ورهيه اڳي، برفاني ڇپن ٺهڻ واري زماني ۾ (Glacial Period)نهايت گهڻي برف پيئي هئي، جنهن جي رجڻ ڪري نهايت گهڻي ٻوڙ ٻوڙان ٿي هئي، جو جنسي پرلئه ٿي ويئي هئي. عيسائين جو انجيل، جو گهڻو پوءِ جو لکيل آهي، تنهن جي پيدائش جي ڪتاب جي باب ستين آيت 11 ۽ 12 (Genesis, VII, 11-12) ۾ لکيل آهي ته حضرت نوح رحه جڏهن ڇهه سو ورهين جي ڄمار جو هو، تڏهن چاليهه ڏينهن۽ چاليهه راتيون ساندهه اجهل برسات پيئي هئي، جنهنڪري پرلئه ٿي هئي. بئبلونيا ۽ مصر ملڪ جي اتهاسن موجب به برسات سبب مها پرلئه ٿي هئي ۽ اها برسات فقط ٽي ڏينهن هلي هئي. انهن اختلافن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته مها پرلئه هڪڙو ڀيرو نه، پر گهڻا گهمرا ٿي هئي، جنهنڪري ڌرمي پستڪن ۾ هڪڙيءَ طرح ته ٻين ۾ ٻيءَ طرح ڄاڻايل آهي. بهرحال ائين پيو ڀانئجي ته اهڙيءَ هڪ نه ٻيءَ ٻوڏ سبب ڪيترين قومن کي پنهنجو اصلوڪو ماڳ ڇڏڻو پيو هو ۽ ماڻهو دربدر ٿيا هئا. ممڪن آهي ته اِنهيءَ الاهي آفت جي وقت اتر قطب طرف رهندڙ آريه لوڪ به هڪ ٻئي کان ڌار ٿيا. منجهائن ڪي يورپ ته ڪي ايران ۽ هندستان ڏي ويا ۽ جدا جدا هنڌن ۾ پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، ته انهن هنڌ سندين ٻوليءَ پنهنجي پنهنجي نموني واڌارو ڪيو، جنهنڪري سنسڪرت، ايراني ۽ يوروپي ٻوليون هينئر هڪ ٻئي کان گهڻو علحديون نظر اچن ٿيون، نه ته اصل بڻ بنياد هڪڙو اٿن.
    مها ڀارت جي شانتي ۽ پرو ۽ ٻين ڌرمي پستڪن مان حوالا ڏيئي، لوڪمانيه تلڪ ڄاڻايو آهي ته انهيءَ مها پرلئه ٿيڻ وقت هندن جا ويد ۽ اتهاس گم ٿي ويا. پوءِ رشين کي جيتري قدر ويدن ۽ اتهاسن وارو مضمون تپسيا جي ٻل تي ياد پيو، تيتري قدر وري لکيائون. پروفيسر رئيس پروفيسر مئڪس ملر ۽ ٻين ڪيترن يوروپي عالمن ڄاڻايو آهي ته قديم آرين جو حافظو حيرت جهڙو هو، ۽ اڄ به هزارين اهڙا پنڊت آهن، جو جيڪڏهن سڀ ويد ۽ اتهاس گم ٿي وڃن، ته جيڪر وري اکر به اکر اهي سڀ لکي وڃن. انهيءَ هوندي به چئبو ته هن وقت سڀ آڳاٽا منتر اسان وٽ ڪينهن.
    پهريون عالم ڊاڪٽر مارٽن هاگ هو، جنهن ڄاڻايو ته رگ ويد جي هاڻوڪن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر هئا، جي ”نود“ (Nivid) ”نگد“ (Nigada) سڏبا هئا. اها ڳالهه لومانيه تلڪ، ڊاڪٽر انباش چندرداس ۽ ٻين ڏيهي عالمن قبولي آهي.
    خود رگ ويد ۾ ”نود“ لفظ ڪيترن هنڌ ڪم آيل آهي، ۽ نودن بابت چيل آهي ته آڳاٽا منتر اهي هئا (رگ ويد منڊل پهريون، سوڪت 89 منتر 3، ۽ منڊل ٻيو 6،36). رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتريي براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ به نودن جو ذڪر آهي (ائتريي براهمڻ ڪانڊ ٻيو، پرپاٺڪ 33-34). اهي آڳاٽا نود ۽ نگد هاڻ گهڻو ڪري سڀ گم آهن، پر انهن مان ڪي اڃا تائين يجر ويد، براهمڻ گرنٿن ۽ سؤترن ۾ آهن ۽ انهن جي ٻولي رگ ويد جي ٻوليءَ کان گهڻو آڳاٽي آهي. اهي نود ۽ نگد مها پرلئه جي وقت گم ٿيل چوڻ ۾ اچن ٿا، تنهن مان ظاهر آهي ته جڏهن اتر قطب وارو پاسو وسيل هو تڏهن به هندن وٽ ويد هئا، جنهنڪري هندو حق تي چون ٿا ته ويد انادي آهن.
    آرين جو ٽڙي پکڙي وڃڻ: جيالاجيڪل کاتي وارن جي چوڻ موجب عيسوي سن کان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اڳي اتر قطب طرف ججهي برف پوڻ سبب مها پرلئه ٿي هئي. انهيءَ قديم زماني جا ڪي ڪتاب موجود ڪينهن، تنهنڪري پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ميرو پربت (سئبيريا جي اتر طرف) وارن آرين لاءِ جڏهن اتي رهڻ ناممڪن ٿي پيو، تڏهن ڪهڙن ڪهڙن پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهيءَ هوندي به جيڪي حقيقتون هن وقت تائين معلوم ٿيون آهن، تن جي وسيلي هن ڳالهه تي گهڻي روشني وجهي سگهجي ٿي.

    هندن جي پراڻن مان ايترو ظاهر آهي ته ڪي آريا لوڪ ميرو پربت کان هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا هئا. رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته يدو (جادؤ ونسي) ۽ تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا (رگ ويد منڊل ڇهون، سوڪت 20، رچنا 12) يدو ۽ تروسو آرين بابت ڪيترن يوروپي عالمن ڄاڻايو آهي ته اهي بئبلونيا (بابل) کان آيا هئا. رئگوزن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”ويدڪ انڊيا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته تروسو آرين مان ڪي بئبلونيا طرف هميشہ لاءِ رهي پيا، ۽ اهي پوءِ توراني لوڪ سڏجڻ ۾ آيا. پراڻن ۾ اهي ڀرشٽ ٿيل ليکيا ويا آهن. يدو ۽ تروسو آريه لوڪ ميرو پربت کان سڌو بئبلونيا ڏي ويا، يا هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ اوڏاهين ويا، تنهن لاءِ ڪابه ثابتي ڪانهي.*

    سئبيريا جي اتر کان ميرو پربت وٽان، يورپ ڏي وڃڻ لاءِ سولي واٽ اسڪئنڊينيويا کان آهي، تنهنڪري ائين سمجهجي ٿو ته ڪي آريه لوڪ اها واٽ وٺي، يورپ جي جدا جدا ڀاڱن ڏي ٽڙي پکڙي ويا؛ پر منجهائن ڪي هيٺ لهي، وچ ايشيا ۽ الهندي ايشيا ڏي ميسوپوٽيميا ۽ بئبلونيا ڏي به ويا. اهو انومان هن ڳالهه مان ڪڍجي ٿو، جو سن 1905-1906ع ۾ ايشيا مائنر جي ڪئپڊوشيا طرف بوگهز ڪئي سان، ٻين شين مان گڏ، نارس قوم بابت هڪ ڪتاب آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي هٿ آيو هو. اسڪئنڊينيويا جا آڳاٽا رهاڪو ”نارس“ (Norse race) يعني اُتراڌي يا اتر طرف جا رهاڪو سڏبا هئا، ڇاڪاڻ ته اسڪئنڊينيويا يورپ جي بنهه اتر ڏي الهندي طرف آهي. اُتي جي رهاڪن جو ڪتاب هيڏانهن الهندي ايشيا طرف ڪئپڊوشيا مان لڌو، تنهن مان ائين پيو ڀائنجي ته ميرو پربت ڇڏڻ کان جيڪي اسڪئنڊينيويا ڏي ويا تن مان ڪي ٻين آرين سان گڏ ڪئپڊوشيا ڏي به آيا ۽ اهو ڪتاب انهن آندو هوندو. انهيءَ طرف سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ پوءِ به پئي ويا، جنهن ڳالهه جو ذڪر ”وڻج واپاري“ جي احوال ڏيندي ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سنڌو ماٿر جا ڪي پڻي لوڪ سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍڻ ڪري ”فنيشن“ (Phoenicions) سڏجڻ ۾ آيا هئا. اهي فنيشن لوڪ اسڪئنڊينيويا ڏي به وڻج واپار لاءِ ويندا هئا. اهي فنيشن لوڪ اسڪئنڊينيو يا ڏي به وڻج واپار لاءِ ويندا هئا، ۽ انهن اهو ڪتاب اتان الهندي ايشيا ڏي آندو هوندو ته به عجب ڪونهي.
    گذرين اڻويهين صديءَ ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن ايران جي الهندي طرف ”ميديا“ مان آرين جي بيٺڪن جا اُهڃاڻ لڌا، ۽ اهو به پتو پين ته آرين جون بيٺڪون ميديا کان وٺي ميسوپوٽيميا ۽ بئبلونيا تائين هيون، ۽ اُتر آفريڪا وارن سان به مٽيون مائٽيون هين، مطلب ته آريا لوڪ رڳو هندستان ۾ ڪين هئا، پر ٽڙيل پکڙيل هئا. جيڪي آريه لوڪ پوءِ هميشه لاءِ ايران ۾ رهيا، تن مان ڪيترا ڳچ وقت آريمينيا ۽ ميديا ۾ رهيا هئا، ۽ ڪن پنهنجون بيٺڪون ترڪستان جي اڀرندي طرف وڌيون هيون، جيئن لئسن صاحب ڄاڻايو آهي. *

    ٻولين جي کوجنائن مان معلوم ٿيو آهي ته وچ ايشيا مان آريمينيا کان جيئن يورپ ڏي وڃجي ٿو، تئن انهي واٽ تي جيڪي ٻوليون هن وقت چالو آهن، تن جو ناتو يوروپي ٻولين سان وڌيڪ ۽ ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان گهٽ آهي. وري جيئن آرمينيا کان ايران ۽ هندستان ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهيءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو ناتو ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان گهٽ آهي. وري جيئن آريمينيا کان ايران ۽ هندستان ڏي وڃجي ٿو، تيئن انهيءَ واٽ تي جيڪي ٻوليون چالو آهن، تن جو ناتو ايراني ٻولين ۽ سنسڪرت سان وڌيڪ ۽ يوروپي ٻولين سان گهٽ آهي، ائين ڄڻ ته انهيءَ طرف جون ٻوليون اهو اهڃاڻ ڏين ٿيون ته ڪجهه وقت ڪيترن آرين جي سڀيتا جو مرڪز آرمينيا وارو پاسو هو، جتان هڪڙا آريه لوڪ يورپ ڏي ته ٻيا ايران ۽ هندستان ڏي ويا. آرمينيا طرف کاڻيون آهن، تنهنڪري انومان ڪڍيائون، ته شايد ڌاتن مان باسڻن ۽ هٿيارن پنوهارن جوڙڻ جو هنر آريه لوڪ اتي سکيا. اتي ڳچ وقت گڏ رهڻ کانپوءِ ڪيترا آريه لوڪ بختر ۽ ايران جي جدا جدا پاسن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. هن لاءِ هڪ لکيل ٿابي به آهي، جنهن چوکو ڌيان لهڻو.
    سر وليم جونس جنهن سنسڪرت ٻوليءَ جو ناتو يوروپي ۽ قديم پارسي ٻوليءَ سان ڄاڻايو هو، تنهن کي ”دابستان“ نالي هڪ ڪتاب ڪشمير مان هٿ آيو هو، جو پوءِ پاڻ سان يورپ ڏي کڻي ويو هو. انهيءَ ۾ بختر جي بادشاهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال ڏنل آهي. ”دابستان“ موجب راجا مهابدرنس جي ڪل جي پهرينءَ شاخ وارن سڪندراعظم جي ڪاهه کان پنج هزار ڇهه سؤ ورهيه اڳي بختر (باختر (Bactria ۾ راڄ پئي ڪيو. سڪندر اعظم عيسوي سن کان سوا ٽي سو ورهيه اڳي هندستان تي ڪاهيو هو، تنهنڪري چئبو ته عيسوي سن کان ڇهه هزار کن ورهيه اڳي بختر ۾ آرين پنهنجيءَ حڪومت جو بنياد وڌو هو، انهيءَ قديم زماني ۾ اڃا ڪيترين قومن کي پنهنجي بت ڍڪڻ جو به هوش ڪونه هو، ته هنن آرين هتي بادشاهي پئي ڪمائي! دابستان ۾ ڄاڻايل بختر جي راجائن بابت هينئر هر ڪو عالم قبول ڪري ٿو ته اهي هندو هئا، جئن ”مل“ صاحب جوڙيل هندستان جي تاريخ ۾ ڄاڻايل آهي. ههڙيون لکيل ثابتيون ڏسي يوروپي لوڪ قبول ڪرڻ لڳا آهن ته هندن جي جهڙي آهي سڀيتا آڳاٽي، تهڙو ئي آهي ڌرم آڳاٽو ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ دنيا جي ڪابه قوم هندن سان ڪلهو هڻي ڪين سگهندي. هنن حقيقتن مان ائين به سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته دابستان ۾ ڄاڻايل هندو راجائن جنهن وقت بختر ۾ راڄ پئي ڪيو، تنهن وقت تائين ايران وارا پارسي ۽ هندستان وارا آريا اڃا هڪ يڪي هندو قوم جا هئا. ايران وارن آرين بابت ڪي حقيقتون سندن ڌرمي پستڪن مان ملن ٿيون. ***

    ڊاڪٽر مارٽن هاگ پارسين جي زنداوستا جو اونهو اڀياس ڪري، انهيءَ مان ڪي اندروني ثابتيون ڏنيون آهن. انهن اندروني ثابتين مان ظاهر آهي ته پارسين جا ابا ڏاڏا اصل ٿڌي ملڪ جا رهاڪو هئا ۽ اُتي اڪثر چوپائي مال تي گذران ڪندا هئا. جڏهن آڪسس يا آموُ درياءَ ۽ جئڪسٽارٽس ندين جي وچ واري ملڪ ۽ بختر (باختر) جي مٿاهن پٽن ڏي آيا، تڏهن ٻني ٻارو ڪيائون، ۽ هڪ هنڌ ٿر ٿانءُ ڪري ويٺا. منجهائن جيڪي اڃا مال تي گذران ڪندا هئا، تن کان سندن گذران جو نمونو ائين نرالو ٿيو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اصلوڪي ٿڌي ملڪ (ميرو پربت) ڇڏڻ کانپوءِ جڏهن ڪي آريه لوڪ هن ايران واري پاسي آيا، تڏهن انهيءَ طرف جي ٻين قومن سان لهه وچڙ ۾ اچڻ سبب سندن رهڻي ڪهڻيءَ ۽ ڌرمي خيالن ۾ ڦيرو پيو. جنهن ڪري هندو قوم کان پارسي قوم علحدي ٿي، نه ته انهن ٻنهي قومن وارا اصل آريه لوڪ ۽ هندو براهمڻ هئا. هن ڳالهه جو وڌيڪ ذڪر ڌار ڪجي ٿو ته هندن جو پارسين سان ويجهو ناتو سمجهڻ سولو ٿئي. *
    هندن ۽ پارسين جو ويجهو ناتو: پارسين جو ڌرمي پستڪ يا ديني ڪتاب ”زنداوستا“ آهي، جو پهلوي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. اها ايران جي ”پهلو“ (پرٿين(Parthians لوڪن جي ٻولي هئي. رگ ويد جي منڊل ڇهين، سوڪت 27، رچنا 8 ۾ ”پارٿو“ (Parthava) نالو ڪم آيل آهي. اهي شايد ”پرڻين“ هئا، ۽ ”پرٿين“ نالي جو اُچار پوءِ ڦري ”پهلو“ (Pahlava) ٿيو.**

    رگ ويد جي منڊل ڏهين، سوڪت 33، رچنا 2 ۾ ”پرشو“ (Parciava) هئا، جن جو نالو ”پرشيا“ (ايران) تي پيل آهي. ڪي چون ٿا ته ”پرشرام“ جنهن ايڪيهه گهمرا کترين جو ونش ناس ڪيو هو، تنهن جو نالو ”پرشيا“ تي پيل آهي؛ پر اها ڳالهه وسهڻ جهڙي ڪينهي. پرشرام گهڻو گهڻو پوءِ پيدا ٿيو هو.

    مٿين حقيقتن مان ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي هندستان وارن آرين کي انهن ايراني قومن جي نالن جي سڌ هئي. انهيءَ سان گڏ هيءَ ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ ضروري آهي ته هندن جي رگ ويد جي ٻولي پارسين جي زنداوستا جي ٻوليءَ سان نهايت گهڻي مشابهت رکي ٿي. ٻنهي ڌرمي پستڪن ۾ ڪيترن ديوتائن جا نالا به ساڳيا ئي ساڳيا آهن. ڪيتريون ڏند ڪٿائون ۽ ٻيا ڌرمي خيال به جهڙا رگ ويد ۾ تهڙا پارسين جي زنداوستا ۾، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته يورپ وارن آرين کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ ايران ۽ هندستان وارا آريه لوڪ ڪنهن هڪ هنڌ گهڻو وقت گڏ رهيا هئا. جنهنڪري هڪ ٻئي وٽان ساڳيا ڌرمي خيال پرايائون. سنسڪرت ۽ ايراني ٻولين ۾ ڪي اهڙا لفظ به عام آهن، جي يوروپي ٻولين ۾ ڪينهن. مثلاً سنسڪرت ۾ ”باهو“ (ٻانهن) ۽ اشتر“ (اُٺ) آهن. هي ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته هندستان ۽ ايران وارن آرين جو هڪ ٻئي سان ويجهو ناتو هو. آرڪيالاجيڪل کاتي وارن جي کوجنائن مان ظاهر ٿيو آهي ته ايران ۽ هندستان وارن آرين جون بيٺڪون ”ميديا“ کان وٺي ”بئبلونيا تائين هيون. جيتوڻيڪ اهي بيٺڪون رگ ويد واري زماني کان گهڻو گهڻو پوءِ جون ڀائنجن ٿيون، ته به هيٺ ڄاڻايل حقيقتن مان ظاهر آهي ته انهن بيٺڪن وجهڻ کان ئي اڳي هو هڪ ٻئي سان گهڻي رلمل ڪندا هئا، ۽ سندن پروهت يا گر براهمڻ به ساڳيا ئي هئا.

    بزرگن جا نالا: هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ”ڪوي“ معنيٰ شاعر، تنهنڪري اڄ ڪلهه جيڪو به ماڻهو شعر چوي ٿو، سو ”ڪوي“ ڪوٺجي ٿو. سچ پچ ته شاعر اهو آهي، جنهن جو انڀو کليل آهي ۽ اندرين درشٽيءَ جو ورثو عطا ٿيل اٿس. قديم سنسڪرت واري زماني ۾ ”ڪوي“ اهو مها پرش سڏبو هو، جنهن کي جڏهن سرسوتي ٻڻولائيندي هئي يا الهام ٿيندو هو، تڏهن عجيب غريب ڳالهيون ۽ گيان جا گفتا بي اختيار سندس مک مان نڪرندا هئا، جن جو ٻڌندڙن تي جادوءَ جهڙو اثر ٿيندو هو. اهڙن ڪوين کي آڳاٽن آرين ”رشي“ سڏيو. رشين جي نالن اڳيان ”مهراج“ وغيره بدران ”ڪوي“ لفظ ڪم آڻيندا هئا. پارسين ۾ به اهو ئي دستور هو. اهي به پنهنجن پروهتن (ڪل جي براهمڻن يا پنڊتن) کي ”ڪوي“ ۽ ”ڪرپن“ ڪلپ ڪرائيندڙ يا سنڪلپ وٺائيندڙ سڏيندا هئا. زنداوستا جا گاٿا ڳاهون (Songs) انهن جا ئي چيل آهن. وڏي ڳالهه ته انهن ڪوين جا نالا ئي ساڳيا آهن. مثلاً ڪوي هسرو (Kavi Husrava) اهو ساڳيو نالو آهي جنهن جو اُچار ايرانين ڦيرائي ڪيو آهي ”ڪيخسرو“، ”ڪوي ڪواٽ“ بدران ايراني چون ”ڪيڪباد“؛ ڪوي اُش“ بدران ”ڪيڪائوس“ ۽ ”ڪوي وشتاسپ“ (Kavi Vishtaspa). تاريخ موجب قديم بختر (Bactria) جا حاڪم ”ڪياني“ بادشاهه سڏيا ويا آهن، جن کي انگريزيءَ ۾ لکيل تاريخن ۾ ”ايڪمينين“(Achaemenian Kings) ڪوٺيو اٿن. حقيقتاً اهو انگريزي لفظ اصل ۾ ايراني لفظ ”هنمامنش“ (Achaemenians) آهي؛ ۽ ”ڪياني“ لفظ ”ڪوي“ مان ٺهيلآهي. ايران جا بادشاهه آڳاٽن ڪوين (رشين) جو اولاد آهن، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن. ريتن رسمن وغيره جي هڪجهڙائي. اٿرون رشي ۽ انگيرس رشي آڳاٽن هندن کي اگني ۽ سوم جون پوڄائون ڪرائيندا هئا. زنداوستا ۾ به انهن ساڳين پوڄائن بلڪه انهن ساڳين رشين جا نالا آهن. هندن ۾ جيڪو رشي رگ ويد جا منتر اچاريندو هو، سو ”هوتر“ سڏيو هو. ”هوتر“ جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”هوت“ جنهن مان ”هوتچند ۽ هوت پنهون“ نالا ٺهيا آهن. زنداوستا ۾ ”هوت“ جو اچار ”زئوت“ (Zaot) آهي ۽ معنيٰ اٿس پروهت يا پنڊت. جيئن هندن ۾ براهمڻ، کتري ۽ وئش آهن، تيئن پارسين ۾ اٿرون، رٿيشت (Rathaesthas) ۽ واشتر به فشيوشن(Vastrya Fshuyans) هئا – جا ڳالهه ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڄاڻائي آهي. اڄ به جيئن براهمڻن کان سواءِ ٻين کي ڪريا ڪرم ڪرائڻ جو حق ڪونهي، تيئن پارسين ۽ موبيدن (پروهتن) کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به اهو حق ڪونهي. *
    ________________________________________
    * "What doies tradition say about the origin of the 'Ailas' or Aryans? It makes the Aila power begin at Allahabad, and yet distinctly suggests that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor pruravas Aila all connect him with the middle Himalayan region." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P. 297.
    * " The great Rishis, empowered by Swayandhu (the self- born), formerly obtained, through tapas (religious austerity) the Vedas and the itihasa, which had disappeared at the end of the (preceding) Yuga," Mahabharata, Shanti Parvan, Chapter 210. Vol. 19.
    ** " There are thousands of Brahmans even now, who know the whole of the Rig Veda by heart and can repeat it, and what applies to the Rig Vedas applies to many other books" Prof, Max Muller: what Can India Teach Us? P. 81.
    *** "The Reg Vedic hymns are not the oldest, but there were still older Verses called Nivids and Nigadas: the proto-type of the Reg Vedic hymns, whose language was more archaic than that of of the hymns themselves. Though most of the Nivids are now lost, having been either amplified or absorbed in the Reg Vedic hymns, even those that remain and are found in the Brahmanas and Sutras bear in them the unmistakable impress of vast antiquity," Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, P. 42.
    * F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, P. 297.
    * "It appears very probable that at the dawn of history, East Turkestan was inhabited by an Aryan population, the ancestors of the present Slavonic and Teutonic raees, and civilization, not inferior to that of Bactrians, had already developed at that time in the region of the Tarim." Lassen's Indische alter thums-Kunda, quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India p. 31
    * " The Bactrian document, called Dabistan (found in Kashmir and brought to Europe by Sir W. Jones) gives an entire register of kings, namely, of the expedition to India" Count Bjornst Jerna: Theogony of the Hindus. P. 134
    ** Mill's History of India. Voll. II pp. 237-238.
    * Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred language, Writings and Religion of the Parsis, pp 292-293.
    ** ”اوستا“ جي معنيٰ آهي ”مول“ (Text)، ۽ ”زند“ ان جي شرح يا ٽيڪا (Commentary) آهي. انهيءَ سبب پارسي لوڪ اصل چوندا هئا ”اوستا وزند“. جن يوروپي عالمن اول انهيءَ ڌرمي پستڪن جو اڀياس ڪيو، تن نالو ڦيرائي ڪيو ”زنداوستا“. هاڻ خود پارسي به ائين پيا چون، تنهنڪري اسان به اهوئي نالو ڪتب آندو آهي. (مصنف)
    * "Dr. Martin haug: Essays on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, pp 289-90.

    ڪوبه هندو جيستائين جڻيو نٿو پائي تيستائين شودرن جي دفعي ۾ ليکجي ٿو، تنهنڪري اڳي هندو پنهنجن ٻارن کي ننڍڙي ئي جڻيو پائيندا هئا. ساڳيءَ ريت پارسين ۾ جيستائين سندن ڪو ٻار جڻيو نٿو پائي تيستائين پڪو پارسي ڪري نٿو ليکجي. انهيءَ سبب پارسي اڪثر ستن ورهين جي ڄمار ۾ ”ڪستي“ Kusti) – جڻيو) پائيندا آهن.
    هندو ماڻهو ڪن ڪارجن مهل ڳؤنٽ ڪم آڻيندا آهن. اهو ”ڳؤنٽ“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوموتر“ يعني گانءِ جو مٽ، جنهن جي بدران پارسي چون ”گومز“ (Gomez) ۽ اهو ڪن پارسين جو نالو به آهي. آڳاٽن آرين گانءِ جي ڇيڻي ۽ ڳؤنٽ ۾ ڪيتريون خاصيتون ڏٺيون آهن، تنهنڪري انهن جي ڪم آڻڻ جو رواج وڌائون، ڊاڪٽر مارٽن هاگ چوي ٿو ته يورپ ۾ هارين نارين جا ويج ڳؤنٽ ۽ ڇيڻو عام طرح دوا طور ڪم آڻيندا آهن. *

    هندن ۾ ڪو مرندو آهي ته ٻارهين ڏينهن هن جو ”اوٿارو“ ڪندا آهن. اهو دستور پارسين ۾ به آهي. پارسي لوڪ ”اوٿارو“ بدران چون ”اُٿمان“ (Day of resurrection) هي ٻئي لفظ ”اُٿڻ“ مان ٺهيا آهن. ٻارن ٻچن، گهر ۽ ڌن دولت وغيره ۾ موهه هئڻ سبب پهريائين ٿورا ڏينهن پراڻيءَ جو واسو دنوي شين ۾ رهي ٿو؛ ۽ اوٿاري ڏينهن هو اُٿي. جم جاترا تي نڪري ٿو. اهي آهن هندن ۽ پارسين جا عقيدا. هندن وانگر پارسي به ڏهاڪي جو ڪرم ڪندا آهن، ۽ چانورن جي اٽي جو پيڙو ٺاهي ڪانون کي ڏيندا آهن. هنن ۽ ٻين اهڙين ڳالهين مان ڪيترن يوروپي عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته هندو ۽ پارسي هڪ ٻئي جا ويجها سؤٽ آهن، ۽ ڌرم ڪرم بنهه هڪڙو ئي هئن. اهي ساڳين ديوتائن کي ساڳين هندڪن نالن سان سڏيندا هئا، سا ڳالهه هيٺين حقيقتن مان هيڪاري وڌيڪ روشن ٿيندي.
    ديوتائن جا نالا: هندن ۽ پارسين جو هڪ مکيه ديوتا ”سورج“، (سج) آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سؤريه“؛ پر هنديءَ ۾ ”سؤر“ به چون. انهيءَ ”سؤر“ لفظ جو اچار ايرانيءَ ۾ ڦيري ڪيائون ”خور“، جنهن جي پٺيان ”شيد“ لفظ گڏي چون ”خورشيد“ معنيٰ ”سج“. رگ ويد ۾ سورج ديوتا جو ٻيو نالو آهي ”متر“ (Mitra)، جنهن جو اچار زنداوستا ۾ ”مٿر“ ۽ هاڻوڪي پارسيءَ ۾ آهي ”مهر“ معنيٰ ”سج“. + هيءَ نهايت آڳاٽو نالو آهي. قديم رومن لوڪ به سورج ديوتا کي پوڄيندا هئا، ۽ ”مٿرس“ (Mithras) ڪوٺيندا هئس. انگريزي لفظ(Mithraic, Mithraicism) وغيره انهيءَ ساڳئي سنسڪرت لفظ ”متر“ (ايراني ”مٿر“) مان ٺهيا آهن. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته متر ديوتا (سورج) جي پوڄا جو رواج انهيءَ قديم زماني ۾ پيو، جنهن زماني ۾ سڀ آريه لوڪ ميرو پربت طرف گڏ رهندا هئا، ۽ ڇهن مهينن جي رات گذرڻ کانپوءِ سج ڏسڻ ۾ ايندو هون ته اُن کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. *

    هندو ماڻهو برسات جي ديوتا کي ”اندر“ سڏيندا آهن. اندر ديوتا جي پوڄا ٿيڻ کان اڳ، آڳاٽا آريه لوڪ ”ترت“ (Trita) يا ”ترئتن“ (Traitana) کي برسات جي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. زنداوستا ۾ ”ترئتن“ جو اچار ٿرئيتون“ Tharaetona)) آهي، جنهن جو اچار وڌيڪ بگڙجي ”فريدون“ ٿيو آهي. مثلاً ”فريدون بيگ“ (نالو). رگ ويد ۾ چيل آهي ته ”ورتر“ (Vritra) نالي هڪ دئت برسات کي پئي روڪيو، ته هن برسات جي ديوتا کيس ماري مينهن وسايا هئا، جنهن ڪري مٿس ”ورتر گهن“ يعني ”ورتر دئت“ کي ماريندڙ“ نالو پيو. انهيءَ ”ورتر گهن“ جو اُچار زنداوستا ۾ ”ورٿريگهن“ (Vertheghana) آهي. جيئن هندن جي پراڻن ۾ لکيل آهي ته وشنو ڀڳوان ڏهه اوتار ڌاريا هئا، تيئن زنداوستا ۾ ورٿريگهن بابت چيل آهي ته هن ڏهه اوتار ڌاريا هئا. انهن ڏهن اوتارن مان ڪلڪي، وراهه، وامن ۽ رام اوتار جهڙا هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ تهڙا پارسين جي زنداوستا ۾ آهن (ڏسو يشٽ 14.) *+

    هندو ماڻهو موت جي ديوتا کي چون ”يم“ جنهن جو اچار زنداوستا ۾ ”ييم“(Yima) آهي. سنڌيءَ ۾ ”يم“ بدران عام طرح ”جم“ چئبو آهي. پارسيءَ ۾ به ائين چون ٿا انهيءَ ”جم“ لفظ“ پارسي نالو“ جمشيد“ ٺهيو آهي، يعني”شيد لفظ پٺيان گڏيو اٿن، جيئن ”خورشيد“ نالي ۾ به گڏيو اٿن. آڳاٽا آريه لوڪ ”سوم“ نالي هڪ سفيد رس کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. زنداوستا ۾ ”سوم“ جو اچار ”هوم-هئوم“(Haom) آهي. هتي به ”س“ کي ڦيرائي ”هه“ ڪيو اٿن. اهڙيءَ ريت ٻين ڪن ديوتائن جا نالا جهڙا رگ ويد ۾ تهڙا پارسين جي زنداوستا ۾ آهن. انهن ديوتائن بابت ڏند ڪٿائون به ٻنهي ڌرمي پستڪن ۾ ساڳيون آهن. جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
    پارسين جي مذهب جو بنياد: هندن ۽ پارسين جا جيڪي ديوتائون آهن، تن مان مکيه سورج ۽ اگني آهن. انهن ۽ ٻين ديوتائن کي آڳاٽا آريه لوڪ ”اسر“ سڏيندا هئا، جنهن جي معنيٰ هاڻوڪيءَ سنسڪرت ۾ آهي ”دئت“ پر قديم سنسڪرت ۾ معنيٰ هيس ”ديوتا، آمري ديوتا“. انهيءَ ”آسر“ لفظ جو اچار پارسين جي زنداوستا ۾ ”اهر“ آهي يعني ”س“ کي مٽي ”هه“ ڪيو اٿن ، نه ته فقط ساڳيو ئي آهي. پارسين جو مذهب ”اهر مذهب“ يعني ديوتائن جو مذهب“ يا ديوتائن جو جاري ڪيل مذهب“ سڏجي ٿو. اهو مذهب ڪهڙن ديوتائن جو جاري ڪيل آهي؟*

    هندستان جا قديم آريه لوڪ سورج، اندر ۽ ٻين ڪيترن ديوتائن کي عام طرح، پر اندر ديوتا کي خاص طرح، ”مگهوا“ (Maghava) ۽ ”مگهون“ (Maghavan)سڏيندا هئا. پارسي لوڪن جا ابا ڏاڏا خاص طرح سورج ديوتا کي ”اسر مگهوا“ (مگهوا ديوتا) ڪوٺيندا هئا، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”اهر مزد“ (Ahura Mazda) ۽ ”هور مزد“ ٿيو. پارسي لوڪ ڀڳوان کي ”آهر مزد“ سڏيندا آهن. جيئن هندو پنهنجن ٻارن تي ڀڳوان، ايسر (ايشور) وغيره نالا رکندا آهن، تيئن پارسي پنهنجن ٻارن تي ”حور مزد“ ۽ ”هورمسجي“ نالا رکندا آهن.
    پارسي لوڪ ڪهڙي خيال تي ڀڳوان کي ”هورمزد“ سڏڻ لڳا، سو خيال تحسين جوڳو آهي. ڀڳوان جوتي سروپ آهي، ۽ سندس جوت جو روپ سورج ديوتا آهي، پرٿوي تي سورج جو روپ ”اگني“ (باهه) آهي، تنهنڪري هندو ۽ پارسي قديم زماني کان وٺي سورج ۽ اگنيءَ کي ڀڳوان جي جوت جو روپ سورج ديوتا آهن، پرٿوي تي سورج جو روپ ”اگني“ (باهه) آهي، تنهنڪري هندو ۽ پارسي قديم زماني کان وٺي سورج ۽ اگنيءَ کي ڀڳوان جي جوت جو روپ ڄاڻي، انهن جي پوڄا اڄ تائين ڪندا آهن.
    ڊاڪٽر مارٽن هاگ ۽ ٻين عالمن جي راءِ موجب سنسڪرت لفظ ”مگهوا“ جو اچار ڦري ”ماجي“ (Magi) ٿيو. قديم ايرانين جا موبيد يا پروهت (Priests)انهيءَ نالي سان سڏبا هئا، جو اهي اگني پوڄا ڪرائيندا هئا. ايرانين کي عربن ”مجوسي“ يعني آتش پرست سڏيو، سو نالو به انهيءَ ساڳي بنياد ”مگهوا“(Magi) مان آهي.
    اگن ديوتا کي هندن ۽ پارسين ڀڳوان جو روپ ڪري ٿي ڄاتو، سو به رڳو هن ڪري جو اگني جوتي سروپ آهي؛ پر خود خالق يا خلقيندڙ وانگر روپ يا صورتن پيدا ڪرڻ جي طاقت به اٿس، انهيءَ سبب آڳاٽن آرين اگنيءَ کي سڏيو ”توشتر“، جنهن جي معني آهي ”ڪاريگر“. ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ سنجري وڏو ٿئي ٿو، سو انهيءَ آتش جي زور تي (رگ ويد، منڊل پهريون 9،188 ۽ منڊل ڏهرون 5،10). سڀني ساهوارن جون علحديون علحديون صورتون به انهيءَ آتش جي زور تي ٿيون آهن. ڌرتي، آڪاش ۽ ٻيءَ هر ڪنهن شيءِ کي صورت به اهائي اگني يا آتش ڏئي ٿي، جنهنڪري اگني گويا برهما يا خلقيندڙ آهي. جنهن ديوتا کي علحدن علحدن مهانڊن جوڙڻ جو ڍنگ آهي، سو اڻ پڇيو قابل ڪاريگر چئبو، تنهنڪري آڳاٽن آرين ائين پئي چيو ته ”توشتر“ جهڙو قابل ڪاريگر ٻيو آهي ئي ڪونه. هي ڳالهيون رگ ويد، سشڪل يجر ويد (واجنيئي سئهتا) ۽ شتپت براهمڻ ۾ ڄاڻايل آهي. مارڪنڊيه پراڻ جي اڌياء 77 ۾ توشتر ديوتا کي ”وشوڪرما“ ۽ ”پرجاپتي“ (برهما) سڏيو اٿن انهيءَ ساڳئي ديوتا کي قديم يوناني ۽ رومن لوڪ ”هيفسٽوس“ (Haphaistos) ۽ ”ولڪن“ (Valucan) سڏيندا هئا، ۽ ان کي هڪ وڏو ديوتا ڪري پوڄيندا هئا.

    ايران وارن آرين وٽ اهو ساڳيوئي رگ ويد وارو نالو عام هو. ”توشتر“ بدران اڪثر چوندا هئا ”جرت توشتر“ (Jarat Tuashtri) يعني جهونو اگن ديوتا، جو سندن ديوتائن ۾ گهڻو جهونو يا آڳاٽو ديوتا اهو ئي هو. انهيءَ ”جرت توشتر“ جو اچار پوءِ پارسي ڦيرائي ”زورئسٽر“ (Zoraster) ڪيو، ۽ اُن جي بدران هاڻ عام طرح ”زردشت“ چون ٿا. جيئن هندو وسهن ٿا ته اگني ديوتا برهم روپ ڌاري ويد پرڪاشت ڪيا، تيئن پارسين جي زنداوستا موجب پارسي مذهب اول ”جرت توشتر“ (جهوني اگن ديوتا) پرڪاشت ڪيو. پارسي لوڪن جو نبي زردشت آهي، پر اهو گهڻو پوءِ پيدا ٿيو. عام طرح ائين چوندا آهن ته زردشت گهٽ ۾ گهٽ ته عيسوي سن کان ڇهه سو سٺ ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي، پر ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا موجب انهيءَ کان به اڳ ٿي گذريو هجي ته عجب ڪونهي. اهو زردشت يا زورئسٽر آڳاٽي زورئسٽر ”جرت توشتر“ يعني (جهوني اگن ديوتا) جو اوتار ليکجڻ ۾ آيو، تنهنڪري مٿس ساڳيو نالو پيو. انهيءَ نبيءَ پارسي مذهب کي ٺاهي جوڙي علحدو ڪيو، تنهنڪري هاڻ اهو پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ سڏجي ٿو. مطلب ته هندن ۽ پارسين جي اصل هڪ يڪي برادري هئي؛ ۽ پوءِ ٻه علحديون قومون ٿيون. سندن وچ ۾ ڪي متڀيد پيدا ٿيا، جن جو مختصر طرح ذڪر ڌار ڪبو. هتي ايترو ڄاڻائجي ٿو ته پروفيسر مئڪس ملر کي ويدن ۽ پارسين جي زنداوستا جي اڀياس مان ائين سمجهڻ ۾ آيو ته پارسين جا ابا ڏاڏا پهريائين هندستان وارن آرين سان ڪيترو وقت هندستان ۾ گڏ رهيا، ۽ پوءِ پاڻ ۾ ناسازي ٿين، ته پارسين جا ابا ڏاڏا اتر هندستان مان لڏي ارڪوشيا (قنڌار) ۽ ايران ۾ بيٺڪون وجهي وڃي رهيا مصنف کي به رگ ويد ۽ زنداوستا جي اڀياس مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته پروفيسر مئڪس ملر جو قياس سچو آهي. ڀائنجي ٿو ته جيڪي آريه لوڪ هماليه جبل وارا لڪ لتاڙي هندستان ڏي آيا، تن مان ڪي هاڻوڪن پارسين جا ابا ڏاڏا هئا، ۽ پوءِ سندن وچ ۾ ڪي مت ڀيد پيدا ٿيا، جنهنڪري ايران وارو پاسو وڃي وسايائون، ۽ هندن کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويا. ڊاڪٽر انباش چندرداس به اهو ئي رايو ظاهر ڪيو آهي ته پارسين جا ابا ڏاڏا اصل سنڌو ماٿر ۾ رهندا هئا. ***

    هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ ونجوڳ: هندن ۽ پارسين جون مٿي ذڪر ڪيل ڳالهيون (ديوتائن ۽ بزرگن جا نالا، ريتون رسمون وغيره) سندن سنجوڳ (اتفاق يا ميلاپ) ظاهر ڪن ٿيون؛ پر ڪي اهڙيون به ڳالهيون آهن جي سندن ونجوڳ (نفاق) جا اهڃاڻ ڏين ٿيون. اهڙا اهڃاڻ خود ڪي لفظ اڄ تائين ظاهر ڪن ٿا. مثلاً سنسڪرت ۾ ”ديوي“ معنيٰ ”ديوتا“، پر پارسيءَ ۾ ”ديو“ معنيٰ ”جن يا ڀوت“! معنيٰ ئي اُلٽي. هاڻوڪي سنسڪرت ۾ ”سر“ معنيٰ ”ديوتا“ ۽ ”اَسر“ معنيٰ ”دئت“؛ پر زنداوستا ۾ ”اَسر“ جو اچار ”اهر“ آهي. پارسي لوڪ ڀڳوان کي ”اهر مزد“ يا وڏو ديوتا سڏيندا آهن، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.

    قديم سنسڪرت ۾ ”اَسر“ لفظ جي اصل چڱي معنيٰ هئي؛ ۽ بنيادي معنيٰ به نهايت عمدي اٿس. ڪيترن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته ”اَسر“ لفظ جو ڌاتو يا بنيادي آهي ”اَس“ معني“ ٿيڻ يا هئڻ“، يعني اهو لفظ هستيءَ يا جيئري رهڻ جي معنيٰ ڏيکاري ٿو؛ تنهنڪري ”اَسر“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”ديوتا“. ديوتائون ڪڏهن به مرڻ جا ناهن. تنهنڪري اَسر لفظ امر ديوتائن لاءِ ڪم آڻيندا هئا، انهيءَ لاءِ ثابتي هيءَ آهي ته رگ ويد جي منڊل پهرئين، چوٿين، پنجين ۽ ستين ۾ اندر ديوتا، ورڻ ديوتا، متر، سوتر (Savit – سورج)، مروت، ردر (شو ڀڳوان)، اگن ديوتا ۽ ٻيا ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون ”اَسر“ ڪوٺيا ويا آهن.
    رگ ويد جي منترن ۾ ”اَسر“ لفظ امر ديوتائن لاءِ ڪم آيل آهي؛ سي ڪنهن نهايت قديم زماني جا ڀائنجن ٿا. انهيءَ ”اسر“ لفظ جي پوءِ معنيٰ ٿي ”دئت“. اها اُلٽي معنيٰ ڪيئن ٿيس؟ هندن جي ڌرمي پستڪن ۽ پارسين جي زنداوستا ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون لکيل آهن، جن مان چٽيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته اندر ديوتا جي پوڄا جنهن وقت آڳاٽن آرين جاري ڪئي، تنهن وقت مت ڀيد پيدا ٿيو، ۽ هاڻوڪن پارسين جا ابا ڏاڏا انهيءَ مت ڀيد سبب کائن ٽٽي ڌار ٿيا هئا. انهيءَ ونجوڳ پيدا ٿيڻ کانپوءِ ” آسر“ لفظ کي خراب معنيٰ ملي.
    هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ مت ڀيد ڪري ونجوڳ پيدا ٿيو تنهن کانپوءِ به پوارسي لوڪ ڀڳوان تي پنهنجي آڳاٽي دستور موجب ”آسر“ (اهر) کي سڏيندا هئا. جنهنڪري اڄ تائين پارسين جو مذهب ”اَهر مذهب“ سڏجي ٿو. مت ڀيد پيدا ٿيڻ کانپوءِ هندن کي پارسي ڏٺا به ڪين وڻندا هئا، ۽ سندن اهر مذهب کي ڌڪاريندا هئا. ڀانئجي ٿو ته انهيءَ ڌڪار ظاهر ڪرڻ جي خيال وچان خود ”اَسر“ (اهر) لاءِ نفرت پيدا ٿين. هندن پوءِ ”اَسر“ لفظ مان نکون لفظ ”سر“ ٺاهيو جنهن جي معنيٰ رکيائون ديوتا ۽ ”اسر“ جي معنيٰ ڪيائون ”دئت“. ائين لفظ جو بنياد ئي ڦري ويو، جنهنڪري هاڻ ”سر“ (ديوتا) جو ضد ”اسر“ (دئت) آهي. ”اسر“ لفظ کي ائين خراب معنيٰ ملي، ته هندو ”ديوتا“ (ديوتا) لفظ گهڻو ڪم آڻڻ لڳا، پارسين به هندن ۽ سندن ڌرم، خاص، ڪري ديو پوڄا يعني اندر ديوتا جي پوڄا لاءِ نفرت يا ڌڪار ظاهر ڪرڻ خاطر ”ديو“ (ديوتا) لفظ جي معنيٰ ڦيري ڪئي ”جن يا ڀوت“! نه ته حقيقتاً ”ديو“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دو- div“ معنيٰ چمڪڻ، جنهنڪري ديوتا جي بنيادي معنيٰ آهي چمڪندڙ ۽ ٻهڪندڙ جيو (A shinig being) . ”اگني“ ديوتا آهي ۽ سدائين پيئي ٻهڪي. سورج ۽ ٻيا گرهه جن کي هندو ديوتائون ڪري ڪوٺين ٿا، سي به سدائين پيا ٻهڪن. مطلب ته ”اَسر“ ۽ ”ديو“ لفظن جون اصل معنائون نهايت سٺيون هيون، پر پوءِ هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ سبب انهن لفظن جون معائنون به ڦريون، ۽ پارسين جو مذهب هندو ڌرم کان علحدو ٿيو. *

    اندي ديوتا جي پوڄا تان تڪرار: قديم هندو ۽ پارسي ساڳين ديوتائن کي پوڄيندا هئا، ۽ سندن ديوتائن جا نالا به ساڳيا هئا، تنهن ڳالهه جي ذڪر ڪندي مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اندي ديوتا جي پوڄا جاري ٿيڻ کان اڳ ”ترت“ يا ”ترئتن“ برسات جو ديوتا ليکبو هو. ۽ پارسي لوڪن جا ابا ڏاڏا ”ترئتن“ کي ”ٿرئيتون“ سڏيندا هئا، جنهن جو بگڙيل اچار هن وقت ”فريدون“ آهي. انهيءَ اڳئين ديوتا بدران ڪن رشين اندر مهراج جي پوڄا جو رواج جاري ڪيو، ۽ اندر کي ٻين ديوتائن کان مٿي ڪري ليکڻ لڳا، ته ٻين ڪن رشين اعتراض اٿاريو. پوءِ ته اهو تڪرار ايتري قدر وڌيو، جو آرين جون ٻه ڌريون ٿيون؛ هڪڙا جرت توشتر (زورئسٽر) يعني جهوني اگن ديوتا کي اڳي وانگر پوڄيندا رهيا، ۽ ٻيا اندي ديوتا جي پوڄا ڪرڻ لڳا. پارسين جي مذهب جو بنياد وجهندڙ زورئسٽر (زردشت) پيدا ٿيو، تنهن کان اڳ اهي مت ڀيد پيدا ٿيا هئا، جو خود رگ ويد ۾ توشتر (جرت توشتر يا زورئسٽر – جهوني اگن ديوتا) ۽ اندر ديوتا جي وچ ۾ اڻبڻت ٿيڻ جو ذڪر آهي. انهيءَ اڻبڻت سبب هندن ۽ پارسين جي يڪي برادري ٽٽي پئي. خود هندن مان ڪي اندر ديوتا جي پوڄا ڪرڻ بدران پارسين سان شامل ٿيا، ۽ اگن ديوتا جا پوڄاري ٿيا. اها ڳالهه زنداوستا ۾ کليءَ ريت لکيل آهي: ”مان ديو پوڄا ڪرڻ بند ڪريان ٿو ۽ زورئسٽر (زردشت) مزديسنين (اهر مزد ديوتا) جو دين اختيار ڪريان ٿو ۽ ان جو پوڄاري ٿيان ٿو، جو ديون جو دشمن آهي“. +**

    زنداوستا ۾ ڄاڻايل هن حقيقت مان ظاهر آهي ته ڪن هندن وڃي پارسين جو مذهب اختيار ڪيو هو. جيئن هن وقت ڪو هندو پنهنجو ڌرم مٽائي ٿو ته ٻين هندن کي باهه وٺي وڃي ٿي، تيئن ان وقت جي هندن ۾ به گهڻو جوش پيدا ٿيو، ۽ هو پارسين جا جاني دشمن ٿي بيٺا، جو اهي اندر ديوتا جي پوڄا جي برخلاف هئا؛ جنهنڪري هي اتفاق پيدا ٿيو هو. اها حقيقت وري رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿي، جنهن ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته:
    ”جيڪي لوڪ اندر کي وڏو ديوتا ڪري نٿا مڃين، ۽ اندر ديوتا جي پوڄا جي برخلاف آهن، تن کي مان جلائي پورو ڪندس. اسان جو شترو (دشمن) جتي اچي ڪٺا ٿيا هئا، تتي کين اُڦٽ ماري وڌو اٿئون. هو بنهه چٽ ٿي ويا آهن ۽ سندن لاشا شمشان (مساڻ) يعني جڌ جي ميدان ۾ پيا آهن. رگ ويد، منڊل پهريون 133،1). هن مان ظاهر آهي ته انهيءَ مت ڀيد جي ڪري گهڻي خونريزي ٿي هئي. **


    هندن ۽ پارسين جي وچ ۾ اهو نفاق گهڻي وقت تائين هليو. هندو اندر ديوتا جا پوڄاري هئا، سي ويدن جا منتر اُچاري اگنيءَ جي پوڄارين (پارسين) جي پٺيان پوندا هئا، ته اگني پوڄاري (پارسي) چوندا هئا ته هي جادوگر ۽ ڪامڻگور آهن، ۽ ڏانهن نفرت جي نگاهه سان نهاريندا هئا، انهيءَ نفرت سببان هيڪاري زنگ وڌيو ۽ پارسين سان هندن گهڻيون جٺيون ڪيون؛ هندو سندن ڳوٺن مٿان ڪاهي پوندا هئا، سندين ٻنيون ٻارا چٽ ڪندا هئا، ۽ سندن ڌن مال لٽيندا هئا، اڳيان پارسي به پنهنجي نالي سان هئا، ڪجهه وقت هنن به هندن جي چڱي سيج پچائي، جنهنڪري هندستان جي آرين (هندن) قبول ڪيو آهي ته اهي ”اسر“ يعني اهڙي ممذهبي جا پوڄاري (پارسي) اسان کان زور آهن ۽ جتي ڪٿي اسان کي شڪست ڏين ٿا. رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائترييه براهمڻ ڏنل آهي، تنهن ۾ چيل آهي ته ”ديوتائن“ يعني ديوتائن جي پوڄارين (هندن) ۽ ”اَسرن“ يعني اهر مزد جي پوڄارين (پارسين) جي وچ ۾ پهريائين اڀرندي، الهندي، ڏاکڻ ۽ اتر طرف (مطلب ته چئني ڏسين ۾) لڙايون لڳيون، جن سڀني ۾ ديوتائن (ديوتائن جي پوڄارين يعني هندن) کي اسرن (اهر مزد جي پوچارين يعني پارسين) شڪست ڏني، پر پوءِ جڏهن اتر اُڀرندي طرف (شايد ڪشمير واري پاسي) لڙائي لڳي، تڏهن ديوتائون (ديوتائن جا پوچاري يعني هندو) سوڀارا ٿيا، ۽ انهيءَ وقت کان وٺي اهو طرف ”اجيت“ (Invincible) ليکجڻ ۾ آيو. *

    اندي ديوتا جا پوچاري (هندو) جنگ جي ميدان ۾ گهڙڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهيندا هئا ته خنڪي ٿيندي هين ۽ نهايت همت سان لڙندا هئا. اتر اڀرندي طرف واريءَ لڙائيءَ ۾ سوڀارا ٿيا ته انهيءَ وقت کان وٺي هيءُ دستور پيو ته جڏهن يگيه لاءِ سوم ٻوٽي گاڏين ۾ گهرائيندا هئا، تڏهن گاڏين جي اتر اُڀرندي طرف بيهي، سوم ٻوٽي گاڏين مان لاهيندا هئا، ائترييه براهمڻ ۾ ائين به لکيل آهي ته ديون (ديوتائن جي پوڄارين يعني هندن) ائين ئي پئي سمجهيو، ته هيترو وقت اسان جو هارايو پئي، سو هن ڪري جو اسان کي ڪو راجا ڪونه هو، تنهنڪري سوم کي پنهنجو راجا ڪيائون. سوم ديوتا جي پوڄا ڪري ۽ سوم ٻوٽيءَ جو چڪو چاڙهي، وڙهڻ لڳا، ته سڀين پارسين سندين جئه ٿي. پارسين پوءِ سوم ٻوٽيءَ لاءِ به نفرت ظاهر ڪئي ۽ ان وقت کان وٺي پوڄا ۾ ٻي ٻوٽي ڪم آڻڻ لڳا.
    پارسين جي ديني پستڪن ۾ جيڪي ”گاٿا“ (ڳاهون) آهن، تن مان به ظاهر آهي ته هندو جڏهن پارسين تي گهڻو غالب پيا، تڏهن خود سندن اڳواڻ يا مهندار هن ريت ٻاڏائڻ لڳو هو:
    ”ڪهڙي ملڪ ڏي وڃان؟ ڪٿي وڃي پناهه وٺان؟ منهنجي خاوند (زورئسٽر) ۽ سندن ساٿين کي ڪهڙي ملڪ ۾ اجهو مليو آهي؟ نوڪرن چاڪرن مان ڪوبه مون کي عزت نٿو ڏئي. نڪي ملڪ جي بدڪار حڪومت ڪندڙن مان مون کي ڪو عزت ڏئي ٿو.“
    ”مان ڄاڻان ٿو ته مان بيوس آهيان. مون ڏي نهار، جو ٿورن ماڻهن ۾ اچي بچيو آهيان، جو مون وٽ ٿورا ماڻهو آهن. اي جيءَ – قائم ڀڳوان، مان روئي، تو (اهر مزد) کي وينتي ڪريان ٿو“.*

    گاٿا ۾ لکيل مٿيان لفظ ته ”ملڪ جي بدڪار حڪومت ڪندڙن مان مون کي ڪو عزت نٿو ڏئي“. سي ڄاڻائين ٿا ته ملڪ جاوالي اندر ديوتا جا پوڄاري هئا، ۽ پارسين جي مهندار انهيءَ سبب کين ”بدڪار حڪومت ڪندڙ“ سڏيو آهي. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته پروفيسر مئڪس ملر جي قياس سچو هو ته پارسي اصل اتر هندستان ۾ هئا، جتان پوءِ ايران ۽ ارڪوشيا (قنڌار) ۾ بيٺڪون وجهي وڃي رهيا.
    پارسي موٽي هندستان ۾ ڪيئن آيا؟ پارسي لوڪ ايران ڇڏي، موٽي هندستان وارن آرين وٽ ڪيئن آيا، سا تاريخي ڳالهه ويجهڙائيءَ جي آهي. سن634-635ع ۾ عربن ايران پنهنجي تابع ڪيو، ته اتي ڀڄ ڀاڄڙ بيٺي. ان وقت ڪي آريه لوڪ هراس وچان اتان ڀڳا؛ پر ڪي اتي ئي رهيا. جيڪي آريه لوڪ هميشه لاءِ ايران ۾ رهيا، تن پوءِ دين اسلام اختيار ڪيو. منجهائن ڪي مغل، پٺاڻ يا افغان، بلوچ ۽ ٻين نالن سان سڏجن ٿا. ان وقت ايران جي پارسي (فارس) پرڳڻي جا رهاڪو، اُتان لڏي پلاڻي هندستان ۾ آيا، ۽ اول کنڀات جي نار طرف ”سنجاڻ“ نالي شهر ۾ اچي رهيا. اتي هندن جو راڄ هو، ۽ اهي ”مهاديو“ (شو ڀڳوان) جا پوڄاري هئا، پر هنن ڌارين کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ ڏنائون. هي ايران جي ”پارسي“ پرڳڻي کان آيا هئا، تنهنڪري پاڻ کي ”پارسي“ سڏائڻ لڳا. اتي اچڻ کان پوءِ اهڙو زور ورتائون، جو هندن کان اهو کنڀات وارو پاسو ڦري؛ پاڻ اتي جا والي ٿي ويٺا. هيءُ قصو اهڙو ٿيو، جهڙي چوڻي آهي ته ”آئي ٽانڊوکڻڻ بورچياڻي ٿي ويٺي“. هندن پوءِ همت ڪري، کائن اهو ملڪ کسيو، ۽ کين هڪالي ڪڍيائون. پارسي پوءِ دربدر ٿيا. منجهانئن ڪي سورت، ڀروچ، احمد آباد ۽ گجرات جي ٻين شهرن ڏي ٽڙي پکڙي ويا. انهن سڀني هنڌ گجراتي ٻولي چالو هئي. پارسين جا پويان پوءِ اتي ڄاوا نپنا ته سندين مادري زبان به گجراتي ٻولي ٿي. عيسوي ستين صديءَ ۾ عربن جي ڪاهه وقت اهي پارسي لوڪ ”پرٿيا“ (Parthia) جي ”پرٿو“(Parthians) آرين مان هئا. ”پرٿو“ جو بگڙيل اچار ”پهلو“ آهي، تنهنڪري سندين ٻولي ”پهلوي“ سڏبي هئي. انهيءَ تي عربيءَ جوا يترو اثر ٿيو، جو اها سموري ڦري، هاڻوڪي عربي آميز پارسي (فارسي) ٻولي ٿي پيئي. محمود غزنوي ۽ کانئس پوءِ پندرهين سورهين صديءَ تائين جيڪي ايران جا حاڪم ٿيا، سي گهڻو ڪري سڀ ترڪ هئا، ته به پارسي ٻوليءَ کي اهڙو زور وٺايائون، جو اها پوءِ سڄي پرشيا (ايران) ۾ ڦهلي؛ پر اڄ تائين نالو پارسي (فارسي) هليو اچيس، جو اها ايران جي پارسي (فارسي) پرڳڻي جي ٻولي آهي.
    هاڻ رڳو انهن آرين جو ذڪر ڪجي ٿو، جي هميشه جي لاءِ هندستان ۾ رهيا، ۽ جن جو اولاد هاڻوڪا هندو آهن. جن مان هن وقت ڪي مسلمان آهن.

    آرين جون سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن سان چڪريون:
    قديم آريه لوڪ هندستان ۾ ڪڏهن آيا، سو سنبت يا سن هندن توڙي پارسين جي ڌرمي پستڪن ۾ ڄاڻايل ڪونهي. تلڪ، جوتش جي حساب موجب ايترو ڄاڻايو آهي ته رگ ويد جون ڪي جهونيون رچائون عيسوي سن کان ڇهه هزار کن ورهيه اڳ جون آهن. جنهن صورت ۾ ويدڪ زماني جي شروعات جي ڪنهن کي به ڪل ڪانهي، تنهن صورت ۾ سنبت ۽ سن نٿا ڄاڻائجن؛ باقي رڳو ڪٿي ڪٿي تخميني طور سن ڄاڻائبا، ته سمجهڻ ۾ اچي ته ڪهڙي ڳالهه اڳي ۽ ڪهڙي پوءِ ٿي. ايترو چئبو ته ويدڪ زمانو اڃان هليو پئي، تڏهن هو هندستان ۾ آيا هئا. قديم هندستان جون تاريخون جي يوروپي عالمن کوجنائون ڪري تيار ڪيون آهن، تن ۾ ڄاڻايو اٿن ته آرين جي اچڻ کان اڳ اتر هندستان ۾ دراوڙ ۾ ٻيا اڻ آريه لوڪ هئا، جن سان جنگيون جوٽي آرين ملڪ فتح ڪيو، حقيقتاً هندستان جي اصلوڪن رهاڪن يعني قديم اڻ آريه قومن جي ڪا ڌار تاريخ آهي ئي ڪانه. انهن بابت جيڪو پتو پوي ٿو، سو اول رگ ويد مان، جو تاريخي ڪتاب ڪونهي. رگ ويد ۾ رڳو يگين جون ڳالهيون، ايشور جي اُپاسنا ۽ اُن جي پرايتيءَ جا ساڌن آهن. ڪيترن ديوتائن جهڙوڪ ورڻ ديوتا، اندر ديوتا، اگن ديوتا ۽ ڪن راجائن ۽ رشين جو به ان ۾ ذڪر آهي. انهن ڌرمي ڳالهين سان گڏ آرين ۽ اڻ آرين جي وچ ۾ جنگين لڳڻ ۽ آرين جي سوڀ کٽڻ جو احوال ان ۾ آهي. اهو هن ڪري ڏنل آهي، جو آڳاٽن آرين سوڀن کٽڻ ڪري اندر ديوتا ٻين ديوتائن جا ٿورا مڃيا آهن، جن پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سوڀارو ڪيو هو. انهن ٿورن مڃيندي جيڪي چيو اٿن، تنهن مان پتو پوي ٿو ته سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن آرين کي پنهنجي ملڪ ۾ پير کوڙڻ نٿي ڏنو ۽ ساڻن سخت چڪريون کاڌيون هئائون. انهن چڪرين کائيندي هزارين اڻ آريه لوڪ مارجي ويا، ڪن اڻ آرين ٻيلن ۽ جبلن ۾ وڃي پناهه ورتي، جتان پوءِ به وجهه وٺي آرين تي ڪاهي ايندا هئا. سندن چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا، سندن پوڄائن ۾ ڀنگ وجهندا هئا ۽ ٻيءَ طرح به کين گهڻو ستائيندا هئا، سندن ٻوليون، رهڻي ڪهڻي ۽ ريتون رسمون آرين کان علحديون هيون، ويتر آرين کي گهڻي قدر پائي کنيائون، تنهنڪري آرين نفرت وچان کين اَسر، دئت، دانو؛ راڪاس ۽ ٻيا اهڙا اگرا نالا ڏنا، نه ته اهي اڻ آريه لوڪ به رواجي انسان هئا. منجهن قربانيءَ جو انگ ججهو هو، ۽ ديس ڀڳتي هين. پنهنجي ديس جي بچاءَ خاطر پنهنجو سر تريءَ تي رکي انت گهڙيءَ تائين آرين سان لڙيا، پر تاريخ وقت بوقت ثابت ڪيو آهي ته جڏهن به ڌاريون قومون سنڌ خواهه سڄي اتر هندستان تي ڪاهي آيون آهن، تڏهن اسان جا ماڻهو ڌارين سان مٽ پئجي نه سگهيا آهن. آرين کي سندن ملڪ ڪيئن به ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻو هو، ۽ کين ماري مڃائڻو هئن، تنهنڪري آرين سندن قلعا ۽ شهر باهيون ڏيئي جلايا، سندن فوجون ناس ڪيائون، ۽ ڪن کي پنهنجو داس يا غلام بنايائون، جن مان پوءِ ڪي شودرن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. منجهانئن جيڪي وڏ گهراڻا هئا، تن مان ڪن سان سڱ ڳنڍي، کين پنهنجو ڪيائون، ۽ پوءِ صلح سانت ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيائون.
    آرين جي سڀيتا جو ڦهلاءُ: آڳاٽا آريه لوڪ اصل ٿڌي ملڪ جا رهاڪو هئا، تنهنڪري شڪل جا گورا هئا، اوائل ۾ منجهن ذات پات جو ڀيد ڪونه هو، تنهنڪري ورڻ هڪڙو ئي هون يعني ته سڀ آريه برهمڻ هئا. برهمڻ ٿي به اهي مڇي ماس کائيندا هئا. هندستان ۾ اچڻ کان گهڻو پوءِ ويشنو ٿيا، نه ته اصل ٿڌي ملڪ ۾ رهڻ ڪري گوشت کائڻ جي ضرورت ايتري سمجهيائون ٿي، جو گهوڙي جي گوشت مان به ڪينٽرندا هئا، بلڪ ڳائو ۽ ماهيو گوشت به حلال ڪري ڄاڻندا هئا! پنهنجي اصلوڪي ماڳ ڇڏڻ کانپوءِ هو گهڻو ڀٽڪيا هئا، تنهنڪري بت ڪشيل هين ۽ ٿڌيءَ ڪوسيءَ سهڻ تي هريل هئا. هو وڏي دماغ وارا ۽ دل جا دلير هئا؛ تير ڪمان ۽ ٻيا هٿيار سدائين ساڻ هوندا هئن، ۽ وڙهڻ لاءِ هردم تيار هوندا هئا. سنڌو ماٿر جي ماڻهن کي جيتي، کين پنهنجو تابع ڪيائون، تنهن کانپوءِ به هو مٿن ايتري قدر حشمت ڄمائي ويٺا هئا، جو عام طرح ماڻهو کين مان ڏيندا هئا، جيئن حڪومت ڪندڙ قوم کي رعيتي ماڻهو مان ڏين ٿا. اهوسڀاويڪ آهي ته جڏهن ڪا ڌاري قوم ڪنهن ملڪ تي غالب پوندي آهي، تڏهن انهيءَ ملڪ جا رعيتي ماڻهو فتح ڪندڙ حاڪمن جي عام طرح پيروي ڪندا آهن. اول انهيءَ ڌاريءَ قوم جا لفظ روز مرهه جي محاوري ۾ اچي ويندا آهن، ۽ پوءِ پاڻ به سندين ٻولي سکي ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ جهڙا ٿيندا آهن. رفتي رفتي رعيتي ماڻهو سندين پوشاڪ، کائڻ پيئڻ جا نمونا اُٿ ويهه جا قاعدا، ريتون رسمون ۽ ٻيون ڳالهيون اختيار ڪندا آهن، بلڪه سندن ڌرم به قبوليندا آهن. هن حالت ۾ به ائين ٿيو. قديم دراوڙن مان ڪي ڏکڻ هندستان ڏي هليا ويا، ۽ جيڪي آرين سان گڏ رهيا، تن آرين جي سنسڪرت ٻوليءَ ۽ سڀيتگا جو اثر ٿيو، پر ٻولين جو توڙي ٻيو اثر هڪ طرفو نه ٿيندو آهي، قديم دراوڙن جي سڀيتا بهان
    وقت جي ڪري اعليٰ درجي جي هئي، ۽ ان جو اثر خود آرين تي به ٿيو، اهواثر ڪيتري قدر ٿيو، تنهن جو اندازو هيٺين ٿورين حقيقتن منجهان ئي لڳائي سگهجي ٿو.
    هندن جي گاڏڙ سڀيتا: رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ دراوڙن سان لهه وچڙهه ۾ آيا، ۽ منجهانئن ڪن سان سڱ به ڳنڍيائون، ته اول ڪيترا دراوڙي لفظ سنسڪرت ۾ چالو ٿيا. اهڙن لفظن جي هڪ وڏي يادداشت بشپ ڪالڊويل پنهنجي ٺاهيل دراوڙي ٻولين جي گرامر (صفحي 567 کان 579 تائين) ۾ ڏني آهي، جنهن مان ٿورا مثال هي آهن: مڪت (موتي)، ڪٽيا (جهوپڙي)، ڪوٽ (قلعو)، پشپ (گل) ۽ نير معنيٰ پاڻي. *

    ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ به پنهنجي بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ جي جلد پهرئين ۾ اهڙا مثال ڏنا آهن، ۽ چيو اٿس ته دراوڙ جي ڪن ڌرمي ڳالهين جو به آڳاٽن آرين تي اثر ٿيو، جنهنڪري هندن جي هاڻوڪي سڀيتا هڪ گاڏڙ سڀيتا آهي، جنهن جا بانيڪار نه فقط آريه لوڪ، پر قديم دراوڙ لوڪ به هئا. ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ جو اهو به چوڻ آهي ته هندو مڃين ٿا ته ماڻهو مرڻ کانپوءِ ٻيون ٻيون جوڻيون وٺي ٿو. اهو عقيدو آڳاٽن آرين قديم دراوڙن وٽان پرايو. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ اڻ سڌيءَ طرح ڪي اهڙا اهڃاڻ آهن، جن مان سمجهجي ٿو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ئي آرين جو جوڻين ۾ اعتقاد هو، باقي ڪيترا ڀرم ۽ سنسا، جنن ڀوتن بابت خيال، ۽ ٽوڻن ڦيڻن جا رواج دراوڙن وٽان پرايائون. ڪمار سواميءَ به اهائي ڳالهه ڪئي آهي، ۽ چيو اٿس ته هندستان جي هندن تي به دراوڙن جو اثر ٿيو آهي. مطلب ته جنگين ۾ دراوڙن کي آرين شهه ڏني، ته هنرن، ڪاريگرن وغيره ۾ دراوڙ کين شهه ڏيئي ويا. دراوڙن کي جيتي، آرين ڪٿي ڪٿي پنهنجون بيٺڪون وڌيون، ۽ پنهنجيءَ سڀيتا جو واڌارو ڪيئن ڪيائون، سو ذڪر ڌار ڪبو. هتي اول دراوڙن بابت ڦهليل غلط فهميءَ جو ذڪر ڪجي ٿو.*

    دراوڙن بابت غلط فهمي: قديم هندستان جي تاريخ پهريون گهمرو اڻويهين صديءَ ۾ يوروپي لوڪن ٺاهي، جيئن منڍ ۾ ڄاڻايو ويو آهي. جيڪو مضمون يوروپي لوڪن انگريزيءَ ۾ لکيو، سوئي ساڳيو سنڌيءَ ۾ لکيل تاريخن ۾ آهي. هن وقت هندستان جي جيڪا به تاريخ پڙهجي ٿي، تنهن ۾ ائين ئي لکيل آهي ته آڳاٽا اڻ آريه لوڪ اڻ سڌريل ۽ شڪل جا ڪارا هئا، ۽ آريه لوڪ کانئن وڌيڪ سڌريل هئا ۽ شڪل ۾ نهايت سهڻا هئا. اهڙيون ڳالهيون قديم ڪولن ۽ سنٿالن بنسبت ڪو چوي ته ٻي ڳالهه، باقي دراوڙن بابت ائين سنڀالي چوڻ گهرجي، جيڪڏهن هي ڳالهه قبول ڪجي ته مهن جي دڙي واري سڀيتا دراوڙن جي آهي، ته پوءِ هنن بابت جيڪي تاريخن ۾ پڙهيو اٿئون، سو سڀ وسارڻو پوندو، ۽ قديم هندستان جي تاريخ وري نئين سر تيار ڪرڻي پوندي. يوروپي لوڪن اهڙيون غلطيون ڪيئن ڪيون، سا ڳالهه کولي ٻڌائجي ٿي، جو قديم هندستان جي تاريخ شروع ئي سنڌو ماٿر جي تاريخ سان ٿئي ٿي، تنهنڪري اسان جو انهيءَ ڳالهه سان وڏو ئي واسطو آهي.
    رگ ويد ۾ آرين ڌڪار وچان اڻ آرين کي گهٽ وڌ ڳالهيو آهي، مثلاً اڻ آرين بابت چيو اٿن ته ”ڪتن وانگر ڀيانڪ ڀونڪار ڪري اسان کي ناس ڪرڻ لاءِ آيا آهن!“ (منڊل پهريون 4،182). کين ”ڪرشڻ“ (سانورو يا ڪارو) ”داس“ (ٻانهون يا غلام) ”دسيو“ (چور يا رهزن) ۽ ”اناس“ (اڻاسو يا بي سرم) سڏيو اٿن. * اهو سڀ اويڪ آهي ته ٻه ڌريون پاڻ ۾ وڙهنديون ته هڪ ٻئي کي گهٽ وڌ ڳالهائينديون. پر ڪن يوروپي عالمن رگ ويد ۾ ”اناس“ لفظ ڪم آيل ڏٺو ته اهو انومان ڪڍياون ته اهو اشارو دراوڙن ڏي آهي، جن جا نڪ اڪثر ويڪرا آهن، جھڻ ته منهن سان گڏيا پيا اٿن، جنهنڪري ڀانءِ ته نڪ اٿن ئي ڪونه، رگ ويد ۾ ”ڪرشڻ، لفظ به ڪم آيل ڏٺائون، ته هيڪاري ائين سمجهيائون ته دراوڙ لوڪ، جي هن وقت مدراس کاتي ۾ رهن ٿا، ۽ شڪل جا اڪثر ڪارا آهن، تن لاءِ اهي لفظ ڪم آيل آهن. ائين رڳو دل جا انومان ڪڍي تاريخن ۾ ڄاڻايون ته اڻ آريه لوڪ .ڪرشڻ“ (سانورا يا ڪارا) هئا. آڳاٽن آرين بابت هيئن به سمجهيائون ته اهي نهايت سڌريل هئا ۽ اڻ آريه لوڪ کانئن گهڻو گهٽ هئا. تنهنڪري اهي ”داس“ ۽ ”دسيو“ سڏيا ويا آهن. ائين رڳو انومان تي مانڊاڻ منڊيائون ۽ ڪابه پڪي پختي ثابتي ڪانه هين.
    رگ ويد ۾ چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهي ته اڻ آريه لوڪ ڀاڳيا ماڻهو هئا ۽ منجهانئن جيڪي ”پڻي“ (وڻجارا يا واپاري) هئا، سي هيڪاري زور هئا. گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال ججهو هئن ۽ وڙهڻ ۾ به پختا هئا، رگ ويد ۾ ”پر“ (شهر) ۽ ”درگا“ (قلعو) لفظ ڪم آيل آهن. اڻ آريه لوڪن جا شهر ۽ قلعا آريه لوڪن باهيون ڏيئي جلايا ۽ اندر ديوتا کي ”پريندڙ“ يعني قلعن جو ناس ڪندڙ ڪوٺيو اٿن، جو ڄاتائون ٿي ته اندر ديوتا جي ٻاجهه سان ئي اڻ آريه لوڪن جي قلعن نابود ڪرڻ ۾ پاڻ سوڀارا ٿيا هئا. پر رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ پاڻ ڳوٺن ۾ رهندا هئا، جيئن اڄ به ٻهراڙين ۾ ماڻهو وسين ۽ واهڻن ۾ رهن ٿا. انهيءَ سبب عالمن سمجهيو ته اڻ آريه لوڪ، جي آرين کان گهٽ هئا، سي وري شهرن ۽ قلعن ۾ ڪيئن رهندا هوندا؟ رگ ويد ۾ ”پر“ ۽ ”درگاهه“ لفظ ڪم آيل به ڏٺائون، ته به عالمن ائين پئي ڀانيو ته اُهي شايد مٽيءَ يا پٿرن جا ٺهيل اَجها هئا، جن ۾ اڻ آريه لوڪ وقت سر پناهه وٺندا هئا. مطلب ته ڌرمي، پنگتي ۽ بين سڀني ڳالهين ۾ هندستان جي آڳاٽن رهاڪن جو مان مرتبو آريه لوڪن کان گهٽ ٿي ليکيائون. هندستان جا هندو به يوروپي عالمن سان انهيءَ ڳالهه ۾ شامل راءِ هئا، جو هندو آڳاٽن آرين جي نسل مان آهن ۽ سڀاويڪ طرح پنهنجي اصل نسل جو فخر اٿن، دراوڙ لوڪ آرين جي نسل مان نه آهن، تنهنڪري اهي ”اڻ آريه“ (Non Aryans) سڏجڻ ۾ آيا. انهيءَ ”اڻ آريه“ لفظ جو اُچار پوءِ ڦري ٿيو ”اناڙي“ ۽ هاڻ معنيٰ اٿس ”اڻ سڌريل يا جهنگلي“. ائين رڳو غلط فهميءَ سبب عام ماڻهن جي دلين تي اثر ويٺل هو، ته آريه لوڪ سڌريل ۽ اڻ آريه لوڪ اڻ سڌريل هئا، نه ته حقيقتاً دراوڙ لوڪ انهيءَ آڳاٽي زماني ۾ ئي نهايت سڌريل هئا. هاڻ اينسئڪلوپيڊيا برٽئنڪا جي تازي (چوڏهين) ڇاپي ۾ مهن جي دڙي ۽ سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو اٿن، ته آرين لوڪن کي شايد لوهه جا هٿيار هئا. جنهنڪري هو اڻ آريه قومن کان کٽي ويا، نه ته اڻ آريه لوڪ ٻيءَ طرح کانئن گهٽ ڪين هئا. سر جان مارشل به پنهنجي ڪتاب ”مهن جي دڙي“ ۾ مٿي ذڪر ڪيل غلط فهميءَ جي ڳالهه ڪندي ڄاڻايو آهي ته اها ڳالهه ڪنهن کي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي ته ڪو پنج هزار ورهيه اڳي اڻ آرين جي سڀيتا اهڙي هئي، جهڙي هينئر مهن جي دڙي مان ظاهر ٿي آهي. اها سڀيتا ان وقت جي مصر ۽ ايشيا جي الهندي طرف جي سڀيتا جهڙي آهي ۽ ڪن ڳالهين ۾ اُتي جي سڀيتا کي به شهه ڏيئي بيٺي آهي. مثلاً ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو هنر انهيءَ قديم زماني ۾ رڳو پنجاب ۽ سنڌ ۾ هو ۽ مصر ملڪ ۽ الهندي ايشيا ۾ ٻه ٽي هزار ورهيه پوءِ جاري ٿيو هو. + رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته آرين هندستان ۾ اچڻ سان سنڌو ماٿر ۾ اعليٰ درجي جي سڀيتا ڏٺي هئي، جنهنڪري رگ ويد جي منڊل ڏهين جي سوڪت پنجهتر ۾ سنڌونديءَ جي گهڻي اُستتي ڪئي اٿن. ڀائنجي ٿو ته ميرو پربت ڇڏڻ کانپوءِ ڪيترا آريه لوڪ آرمينيا طرف هئا ۽ لوهه مارڻ جو هنر اتي سکيا، جو آرمينيا اڄ تائين ڌاتن جي کاڻين ڪري مشهور آهي. دراوڙ لوڪ اڃا لوهه مارڻ نه سکيا هئا، تنهنڪري آرين کين پنهنجي لوهي هٿيارن جي وسيلي آسانيءَ سان جيتي، سنڌو ماٿر پنهنجي قبضي ۾ ڪئي هئي، نه ته ٻيءَ طرح دراوڙ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. اڄ به مدراس کاتي جي ائر، آينگر، نئدو ۽ ٻين آڪهين وارا اعليٰ درجي جا انسان آهن، ۽ راجگو پال آچاريه ۽ ستيه مورتيءَ جهڙا مڙس هند جا ستارا سڏجن ٿا. سندن ابن ڏاڏن بابت يوروپي لوڪن جون غلط فهميون تاريخن جي وسيلي ڦهلائڻ بلڪل نامناسب ڳالهه آهي. هن ڳالهه جو خاص هن ڪري ذڪر ڪيو ويوآهي، جو مدراس کاتي وارن تاريخن ۾ لکيل غلط ڳالهين تان اعتراض ورتا آهن. جن يوروپي عالمن شروع ۾ اهڙيون غلط ڳالهيون ڦهلايون، تن تي به ڇوهه ڇنڊيا اٿن، جو هندن جي ڌرمي پستڪن ۾ لکيل ڳالهيون هنن ان وقت پوريءَ ريت سمجهيون ئي ڪين هيون. **+
    ________________________________________
    * Dr. Martin Haug's Essays on the Religion of the Parsis, p. 286
    * اکرن کي ڦيرائي ڪنٺ پانڙيءَ جي اُچار وارو ڪرڻ (Gulturalisation) جي عادت ايراني لوڪن ۾ گهڻي آهي. ”سؤريه – سور“ کي اول ڦيري ”هور“ ۽ پوءِ ”خور“ ڪيو اٿن. ساڳئيءَ ريت سنسڪرت ۾ ”سوسري“ – ”سوسر“ معنيٰ ڀيڻ لئٽن ۾ چون ”سورر“ (Soror)؛ ايراني ٻوليءَ ۾ ”سوسر“ جو اُچار ڦيرائي ڪيائون ”ههڙ“ ۽ هاڻ پارسيءَ ۾ چون ”خواهر“ معنيٰ ڀيڻ. اهڙا ٻيا به گهڻائي مثال آهن. (مصنف)
    + زنداوستا جي ٻوليءَ توڙي قديم پارسيءَ ۾ ”ٿر“ ”ڌ“ ۽ ٻيا اهڙا وسرگ اکر (Aspirates) هئا، جي هاڻوڪيءَ پارسيءَ ۾ ڪينهن؛ جهڙيءَ ريت سنڌيءَ ۾ ”ڪٿڻ“ مان ”ڪهڻ“، لڀڻ مان ”لهڻ“ ۽ ”ڏڀڻ“ مان ”ڏهڻ“ لفظ ٺهيا آهن، تهڙيءَ ريت ”مٿر“ جو اُچار هاڻوڪيءَ پارسيءَ ۾ ڦري ”مهر ٿيو آهي. (مصنف)
    * "The ten incarnations in the Avesta (Yasht, XIV) are wind, a bull, a horse, a camel, a boar: a youth, a raven, a ram, a buck, and a man: and four seem to correspond with Kalki, Varaha, Vaman and Rama amongst the ten Avatars mentioned in the Puranic literature." Literature." Sjt. B.G. Tilak: The Arctic Home in the Vedas, p. 350.
    * اها عادت اسان سنڌي ماڻهن ۾ به گهڻي آهي، جنهن ڪري ”ڦاسي بدران ”ڦاهي، ”ساس“ بدران ”ساهه“ ۽ پارسين وانگر ”ماس“ بدران ”ماهه“ (چنڊ، مهنو) چئون ٿا. (مصنف)
    * "The Zorastrians were a colony from Northern India. They had been together for a time with the people whose sacred songs have been preserved to us in the Vedas. A schism took place and the Zorastrians migrated west-ward to Archosia and Persia." Prof. Max Muller: Science of Language, Vol. II, P. 170, (5th Edition). Sea also Prof. Max Muller's Chips from A German Workshop, Vol. I, P. 83.
    ** The Iranians the ancestors of the Parsis, were pure Aryans and originally inhabited Sapta Sindhu." Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, P. 588.
    * In the Vedas as well as in the older portion of the Zand-Avesta (sea the Gathas), there are sufficient traces to be discovered that the Zorastrian religion arose out of a vital struggle against a form which the Brahmanical religion had assumed at a certain early period." Dr. Martin Haug: Essays on the Parsis, p.287.
    ** Dr. J. Muir: Original Sanskrit Texts, Vol. V, pp. 229-30.
    + "I cease to be a Deva (worshipper). I profess to be a Zorastrian Mazda-Yasnin (worshipper of Ahurmazda) an enemy of the Devas and a devotee of Ahura."! Dr. Martin Haug: Essays on the Sacred Language. Writings and Religion of he Parsis, pp. 173 and 292-93.
    ** "I burn down the world that doies not acknowledge the superemacy of Indra, and revolts against Indra-worship. The enemies have been killed in the place where they were assembled. They have been completely destroyed and are lying on the Samasana (lit. cremation ground) i.e. the battle-field." (Reg Veda I, 133,1) Quoted by Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, P. 158.
    * Aitreya Brahmana, 1,3,3.
    * "To what country shall I go? Where shall I take my refuge? What Country is sheltering the master (Zorathustra) and his companions? None of the servants pay reverence to me, nor the wicked rulers of the country [Gatha ustanvaiti 4 (461) 1]. "I know that I am helpless. Look at me, being amongst few men. For I have few men. I implore thee (Ahur Mazd, the wise) weeping, thou living God. [Gatha Ustanvaiti 4 (46) II]. Dr. Martin Haug: Religion of the Parsis, pp. 152, 155 and 166-ed. 1862.
    * The historian of Indian an Art, A. Koomar Sawamy says. "Indian art and culture, in any case, are joint creation of the Dravidian and Aryan genious, or wielding together of symbolic and representative, abstract and explict, language and thought".
    * * رگ ويد ۾ ”اناس“ لفظ رڳو هڪ ڀيرو (منڊل 10،29،5 ۾) ڪم آيل آهي، ۽ رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. شايد آچاريه جي چوڻ موجب ”اناس“ لفظ اصل ۾ آهي ”عان“ معنيٰ ”نه“ ۽ ”آس“ معنيٰ ”وات“، جنهنڪري اناس معنيٰ جنهن کي وات نه هجي (Mothless) معنيٰ جنهن کي ٻولي (سنسڪرت) پوريءَ ريت ڳالهائڻ نه اچي. سنڌيءَ ۾ ”اناس“ جو اُچار آهي ”اڻاسو“ يعني جنهن کي نڪ ناس نه هجي (نرڄو يا بي شرم) يوروپي عالمن به ”اناس“ جي معنيٰ ڪئي آهي جنهن کي نڪ ناس نه هجي (Noseless)
    * Many fanciful theories started over a hundred years ago have with slight alterations to suit later so calledonclusions, been accepted and repeated by later writers; and they are now put down in ordinary text books as if they are all proved history! The fact, however, is that no European has yet correctly understood Indian Vedic Literature, nor the true origin and principles of the caste system which has played such a great part in the building of Indian civilization…" M. Krishnamacharya, see "Pre-Mussalman India" by M.S., Nate-son, introduction, p.17.
    + " A marvelous culture surpassing in many respects the splendour of Egypt and Mosopotamia" Sir John Marshall.
    * * Sir John Marshall: Mohen-Jo-Daro and the Indus Civilization, Vol. I, introduction, p.6.


    باب ڇهون : رگ ويد وارو زمانو

    سنڌو نديءَ جو ذڪر. سنڌ ۽ سنڌوءَ جون ساکون: سنڌ جي تاريخ سنڌ جي سڀيتا جي ساکن سان شروع ٿئي ٿي. هندن جي رگ ويد کان آڳاٽو پستڪ سڄيءَ دنيا ۾ ٻيو ڪونهي، تنهن ۾ ئي ڏسو ته سنڌ بابت اجهو هئن لکيل آهي:
    ”سنڌ گهوڙن ۾ شاهوڪار، رٿن (گاڏين) ۾ شاهوڪار، ڪپڙي گنديءَ ۾ شاهوڪار، عمدن گهڙيل ڳهڻن ۾ شاهوڪار، کاڌي پيتي ۾ شاهوڪار ۽ سدا تازيءَ اُن ۾ شاهوڪار آهي. ”سلمان“ ٻوٽا يعني مچ وغيره، جن مان واڻ ۽ رسيون ڍهن ٿيون، سي ٻوٽا به سنڌ ۾ کوڙ آهن، ۽ سڀاڳي سنڌوءَءِ جا ڪنارا ماکي ڏيندڙ گلن سان سينگاريل آهن“! (رگ ويد منڊل ڏهون سوُڪت 75).
    هنن ٿورڙن لفظن جي معنيٰ وڏي آهي، اهي ڄاڻائين ٿا ته گهوڙا، گاڏيون، عمدا جوڙيل ڳهڻا (زيور) ۽ ڪپڙا، جي سڀيتا جون شاهاڻيون شيون آهن، سي آڳاٽن سنڌي ماڻهن وٽ موجود هيون. رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌ جي سڀيتا اهڙي اعليٰ درجي کي پهتل هئي، جو ان وقت جي جي آرين هيئن ساراهه جا ڍڪ ڀريا آهن، ۽ سنڌ جون ههڙيون ساکون پنهنجي هنڌرمي پستڪ ۾ ڪيون اٿن.
    قديم سنڌ جي سڀيتا ههڙي اعليٰ درجي کي سنڌونديءَ جي پرتاپ ڪري رسي هئي، تنهنڪري آڳاٽن آرين سنڌونديءَ جي اُستتي (ساراهه) ڪئي آهي، جنهن ۾ مٿيان لفظ چيا اٿن، انهيءَ اُستتيءَ جو مضمون وڏو ۽ وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هڪ رشي چوي ٿو ته ”اي سنڌو، جڏهن تون ميدان مان وهين ٿي، تڏهن بير شمار کاڌو پاڻ سان آڻين ٿي، (يعني تنهنجي پاڻيءَ تي ججهي پوک ٿئي ٿي) تنهنجو پاڻي اُتم آهي. اي سنڌو، جيڪڏهن تنهنجي خوبصورتيءَ جي ڀيٽ ڪجي ته تون نو ورني ڪنوار وانگر آهين. سنڌو سدائين جوان ۽ سدائين سهڻي آهين وغيره.“
    جنهن رشيءَ هيءَ اُستتي ڪئي آهي، تنهن جيڪي پنهنجا شاعراڻا خيال هن نموني ظاهر ڪيا آهن، سي جيتوڻيڪ پنهنجي جاءِ چڱا آهن، ته به سندس ڪيل اُستتيءَ جو ڌيڪ قدر جاگرافيءَ جي خيال وچان ڪرڻو پوي ٿو. سنڌونديءَ سان ان وقت ٻيون ڪهڙيون نديون اچي گڏبيون هيون، جي پاڻيءَ جي ڀرتي ڪنديون هيس، تن جا جيڪي نالا ڄاڻايا اٿس، سي جيتوڻيڪ هن وقت سڀ سڃاڻڻ مشڪل آهن، جن ڪيترا هزار ورهيه پوءِ يوناني تاريخ نويسن به ڄاڻايا هئا. هن مان ثابت آهي ته هن رشيءَ کي ان وقت جي ندين جي سرشتي جي بلڪل پوريءَ طرح سڌ هئي، ۽ اهو ندين جو سرشتو ڄاڻايو ئي اهڙي ئي طرح اٿس، جو ڄڻ ته ان وقت ئي پاڻ ٽرگناميٽيڪل پڙتال (Tirgnometrical Survey) ڪئي هئائين ڏسو ته چوي ڇا ٿو؟
    ”اي سنڌو، پهريائين تون ترشتما (Trishtama) سان گڏجي وهين ٿي، ۽ پوءِ سسرتو (Susartu) ۽ رسا ۽ سويتي (سوات (Swat River سان. تون ڪڀا (ڪابل ندي)، گومتي (گومال (Gomal ميهتنو (Mehatnu) ۽ ڪرمو(Kurum River) (Krumn) سان گڏجي وهين ٿي!“
    هن مان ظاهر آهي ته ڪرمو، گومتي (گومال) ۽ ڪڀا يا ڪابل ندي، جنهن کي يوناني تاريخ نويسن ڪوفن (Kophen) سڏيو آهي، سي ان وقت وهنديون هيون، ۽ اهي سنڌو نديءَ جون ڀرتي ڪندڙ شاخون هونديون هيون، ۽ ڄمون دويپ ۾ رهندڙ آرين اهي اکين سان ڏٺيون هيون.
    سنڌو نديءَ سان هيتريون نديون اچي گڏبيون هيون، ته ان وقت سنڌونديءَ ۾ پاڻي ڪيترو هوندو هو، تنهن جو به اکين ڏٺو احوال ڏنو اٿس. چوي ٿو ته ”سنڌوءَ جي گڙگاٽ ڌرتيءَ تان اُٿي ٿي، ته اُها آسمان ڀريو ڇڏي! سنڌو نهايت زور سان وهي ٿي، ۽ منهن مڻيادار اٿس، (نهايت سهڻي لڳي ٿي)“.
    ”سندس پاڻيءَ جو آواز اهڙو ٿو ٿئي، جو دل ڪري ائين پيو ڀانئجي، ڄڻ ته مينهن جون اوڙڪون گجگوڙ ڪري پيون وسن. اجها سنڌو ڍڳي وانگر رنڀندي پيئي اچي!“
    رگ ويد ۾ جنهن رشيءَ هي لفظ چيا آهن، تنهن، جنهن مهل سنڌوءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين کي سنڌوءَ طرف وهندو ڏٺو آهي، تنهن مهل تشبيهه تي اؤر ڪم آندي اٿس. چوي ٿو ته ”اي سنڌو، جيئن ڪو راجا جڌ ڪرڻ لاءِ نڪرندو آهي ۽ پٺيان لشڪر هوندو اٿس، تيئن تون به (شاهاڻي شوڪت سان) ندين جي اڳيان مهندار ٿي هلين ٿي، ۽ ٻيون نديون به پلٽڻيون ڪري تنهنجي پٺيان ائين هلن ٿيون، جو ڄڻ ته ساڳئي رٿ ۾ سوار آهيو“.
    هن رشيءَ پوءِ گنگا، جمنا، سرسوتي ۽ درشدوتي ندين جو ناماچار ڳائي، پنجاب جي پنجن ندين جي ساراهه ڪئي آهي. مطلب ته اتر اولهه سرحد، آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن ۽ پنجاب جي ندين جي هڪڙي ئي سُوڪت (75) ۾ پڙتال ڪئي اٿس؛ پر سنڌوءَ جا اجيت آهي، (ڪنهنجي جيتڻ جي ڪانهي). سا سڌي وهي ٿي. سندس ورڻ يا رنگ اڇو ۽ روشن آهي (پاڻي لڙاٽيل نه اٿس)، ۽ هوءَ وڏي ندي آهي. سندس پاڻيءَ ۾ تک گهڻي آهي ۽ چئني طرف ٻوڙ ٻوڙان ڪري ٿي. جيڪي به متحرڪ يا چرندڙ شيون آهن، سي اهڙيون تيز رفتار نه آهن، جهڙي هيءَ سنڌو آهي!“ ڏسو ته ڪهڙو پورو پورو ۽ دلپذير بيان ڪيو اٿس!
    هن وقت سنڌوندي پنجاب جي ندي کان ڌار ٿيڻ کانپوءِ مٺڻ ڪوٽ وٽان هڪ يڪي ندي ٿي، سنڌ ڏي اچي ٿي؛ پر رگ ويد واري زماني ۾ گهڻيون شاخون ٿي ايندي هئي، جنهنڪري رگ ويد جي ساڳي منڊل ڏهين (سُوڪت 75) ۾ هيئن به چيلو آهي ته ”اي سنڌو، ورڻ ديوتا تنهنجي وهڻ لاءِ گهڻيون واٽون ٺاهيون آهن“. اهي لفظ نه رڳو سنڌونديءَ جي مٿئين (اتر اولهه سرحد علائقي واري ڀاڱي)، پر هيٺئين ڀاڱي سان به لاڳو آهن، جنهن لاءِ پارسين جي ڌرمي پستڪن مان بلڪل پڪي پختي ثابتي ملي ٿي.
    زنداوستا ۾ سنڌوءَ جو ذڪر: پارسين جي زنداوستا ۽ ٻين ڌرمي پستڪن ۾ هماليه جبل وارين قطارن کي ”البورز“ (مٿاهون جبل) سڏيو اٿن، ۽ اتان جيڪي نديون وهن ٿيون، تن مان ٻه مکيه ڪري ڄاڻايون اٿن. هڪڙي ”وهه“ (Veh) ندي ۽ ٻي ”ارنگ“، جنهن بابت ڊاڪٽر مارٽن هاگ ڄاڻايو آهي ته اها ”آمي“ (Ami) به سڏبي هئي. انهيءَ پوئين نالي ”آمي“ مان سمجهجي ٿو ته اها ”آمو درياهه“(Oxus) هئي، تنهنڪري ان جي ڳالهه ڇڏي، باقي ”وهه“ جو ذڪر ڪجي ٿو.
    زنداوستا ۾ زردشت کي اهرمزد (ڀڳوان) ٻڌائي ٿو ته پهريائين مون فلاڻا هنڌ، ۽ پوءِ فلاڻا هنڌ خلقيا. ائين جهان جي پيدائش جو ذڪر ڪندي، ”وهه“ نديءَ جو نالو ڄاڻايو اٿس. *پارسين جي بندهش (Bundahis) نالي ڪتاب ۽ مسٽر ويسٽر گيئرڊ جي ڇپايل زنداوستا مان حوالا ڏيئي، ڊاڪٽر مارٽن هاگ (1827-1876ع)ميونچ يونيورسٽيءَ جي اڳوڻي سنسڪرت جي پروفيسر ”وهه“ نديءَ بابت جيڪو نوٽ هنيو سو هتي بجنسي ڏجي ٿو. **

    انهيءَ نوٽ مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته زنداوستا جو ”وهه“ لفظ اهو ساڳيو آهي، جنهن جو اچار هاڻوڪي پارسي ٻوليءَ ۾ آهي ”بهه“ معنيٰ ”چڱو“ (”بهتر“ معنيٰ تنهن کان چڱو يا ٻين کان چڱو)، جنهنڪري چئبو ته اهو سنڌونديءَ جو هڪ صفاتي نالو آهي، جو قديم ايران ۾ چالو هو. انهيءَ ساڳئي نوٽ موجب ”بندهش“ ۾ سنڌوءَ جو ٻيو نالو ”مهرا“ ڄاڻايل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اهو لفظ اصل آهي ”مهراڻ“ – اها سنڌونديءَ جي هڪ ڌار شاخ هئي، جا اڀرندي ناري، ڍوري پراڻ ۽ ڪوري کاريءَ مان وهي ڪڇ جي نار ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. ”بندهش“ ۾ جيڪڏهن ”مهراڻ، بدران ”مهرا“ لکيل آهي، ته اها سهو ڪاتب(Clerical error) چئبي. ائين هندن جي پراڻن ۾ به ڪٿي ڪٿي لکڻ ۾ ٿوريون ٿوريون ڀلون چوڪون ڪيون اٿن، ۽ اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. وقتي هيئن به هجي ته قديم ايراني لوڪ ”مهراڻ، بدران چوندا ئي ”مهرا“ هئا يعني پڇاڙيءَ وارو ”ڻ“ جو اچار ڪندا ئي ڪونه هئا. بهرحال ايترو يقين ڄاڻڻ گهرجي ته ”مهرا“ اهو ساڳيو لفظ آهي، جنهن جو سنڌ ۾ هن وقت به صحيح اُچار ”مهراڻ“ آهي. انهيءَ ساڳئي نوٽ موجب سنڌونديءَ جو ٽيون نالو ”ڪاسڪ“ هو. هندن جي پراڻن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪاشيءَ (بنارس) جو شهر، جن ڪاشي آرين جي پٺيان سڏجي ٿو، تن جو هڪ وڏو ڏاڏو ڪاسڪ“ هو، جنهنڪري بنارس يا ڪاشيءَ کي ”ڪاشڪا“ به چوندا هئا. پر انهن ڪاشي آرين جو نالو ”سنڌوءَ“ تي ڪهڙي حساب سان پيو، سو پتو ڪٿان به پئجي نٿو سگهي. جيڪڏهن مهراڻ وانگر ”ڪاسڪ“ به اڳي سنڌونديءَ جي هڪ ڌار شاخ هوندي هئي، ته انهيءَ ۾ به عجب ڪونهي. جنهن صورت ۾ هن ڳالهه جي کوجنا اڄ تائين ڪنهن به عالم ڪانه ڪئي آهي، تنهن صورت ۾ هن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نٿو سگهجي. ايترو هتي ٻڌائجي ٿو ته مهراڻ يا هاڪڙو، جنهن کي ڪن پارسي تاريخ نويسن ”واهندهه“ به سڏيو آهي، سو انهيءَ قديم زماني کان وٺي ميان غلام شاهٿه ڪلهوڙي جي وقت تائين، اڀرندي ناري جي پيٽ مان وهي؛ ڏيپلي تعلقي جي ڏکڻ ڏي، ڪڇ جي رڻ جي نزديڪ، هاڻوڪي ڍوري ”پراڻ“ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندو هو. ”پراڻ“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ”پراڻو يا جهونو درياهه“، پراڻ ۾ اڀرندو نارو اچي ڇوڙ ڪندو هو ته اها ڦوڪجي وهندي هئي، ۽ ڪڇ جي رڻ جو ڪجهه ڀاڱو سرسبز ڪندي، ڪوري کاريءَ کان وهي، لکپت جي پريان لنگهي، ڪڇ جي نار ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي پراڻ جي پريان بند ٻڌايو ته ان جو پاڻي سنڌ جو سنڌ ۾ رهي، ۽ لکپت ڏي نه وڃي. لکپت جي ساريال پوک جو مدارئي انهيءَ پاڻيءَ تي هو، تنهنڪري ڪڇ جي راءِ کي لکن جو نقصان پهتو. سن 1758ع کان اڳ سنڌو ندي نصرپور وٽان وهندي هئي. انهيءَ سال اتان رخ ڦيرايائين، ته هن پاسي پاڻي اچڻ گهٽيو. سن 1819ع ۾ خوفناڪ زلزلو ٿيو ته مهراڻ يا هاڪڙو هيڪاري سڪي ويو.
    ________________________________________
    * The eleventh of places and Districts produced perfect by me, who am Ahurmazd, was Het-homand (Hetumand, in Sistan) the illustrious (and) glorious; busy and deligent is the spirit which is subdued, some say that of the Veh river. Pahlavi Vendidad 1, 14.
    ** "The Veh (or good) river is one of the two chief rivers of the world, according to Bundahish, which states (Page 49 Westergaard's edition of the Avesta text) that 'these two rivers flow forth from the north part of the eastern Albors, one towards the West, that is the Arange, (and) one towards the east, that is the Veh river' The spirits of the two rivers are also mentioned Bundahish, Page 50). And further particulars are given, thus (Bundahish, Page 51) 'The Veh river passes by on the east, goes through the land of Sindh (and) flows to the sea in Hindustan and they call it there the Mehra river,' and in page 53 it is stated that the Veh river is also called the Kasak in Sindh." Dr. Marton Haug: Essay on the Sacred Language, Writings and Religion of the Parsis, P. 361.


    باب ستون : آرين جا خاندان ۽ بيٺڪون

    رگ ويد وارو هندستان: رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريا لوڪ ستن ندين جا ڪنارا پاڻيءَ جي سهنج ڪري والاري ويٺا هئا، جنهنڪري سندن والاريل ملڪ ”سپت سنڌو“ يعني ست درياهو سڏبو هو. ڪن عالمن کي رگ ويد مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته انهن ستن ندين مان پنج نديون پنجاب واريون هيون، ڇهين سرسوتي ۽ ستين سنڌو، جنهن ۾ سنڌونديءَ جون ڀرتي ڪندڙ نديون(Tributaries) يعني ڪابل ندي، گومتي (گومال)، سوات ۽ ڪرم به ليکيون وڃن ٿيون، جي تنهن وقت وهنديون هيون ۽ سنڌو نديءَ سان اچي گڏبيون هيون. ندين جا اهي سڀ نالا رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ ڏنل آهن. ان ۾ گنگا ۽ جمنا ندين جا نالا به ڄاڻايل آهن، پر اهي گهڻو پوءِ نامياريون ٿيون، ۽ پوتر ليکجڻ ۾ آيون- اول رڳو سرسوتي ندي پوتر ليکبي هئي ۽ سنڌو ندي وڏي ۽ مکيه هئي، تنهنڪري رگ ويد ۾ گهڻي ساک رڳو انهن جي لکيل آهي. انهن ندين جي ڪنارن تي آرين جون جيڪي بيٺڪون هيون، تن ۾ سنڌ، پنجاب، ڪشمير ۽ گنڌار (قنڌار) يعني هاڻوڪو پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ (هاڻوڪو افغانستان ۽ بلوچستان جي حدن تائين) اچي ٿي ويا. آرين جي انهن بيٺڪن کان ئي گهڻو اڳي، سور جونسي گهراڻي وارا ايوڌيا ۾، ۽ جندر ونسي گهراڻي وارا پرتيسٿان) الهه آباد) ۾ راڄ ڪندا هئا، پر اهي پاسا رگ ويد واري هندستان ۾ نه ليکيا اٿن، جو ان وقت شايد اڏهين اڻ آريه لوڪ گهڻا هئا. بنگال، بهار ۽ ٻين هنڌ به اڪثر اڻ آريه قومون رهنديون هيون، جي پڻ پوءِ آرين جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيون. سپت سنڌوءَ ۾ رهڻ ڪري آرين جو ملڪ ”سنڌو“ نالي مشهور ٿيو. سنڌ جو پرڳڻو به ”سنڌو“ سڏبو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”هندو“ ٿيو، ۽ رفتي رفتي سارو ملڪ هندستان سڏجڻ ۾ آيو. سرسوتي نديءَ ۽ سنڌونديءَ جي وچ وارو ملڪ رگ ويد جي منڊل ٽئين (4،33) ۾ (”ديو ڪرت يوني“ (Davkrta yoni) سڏيو ويو آهي، جنهنجي اکري معنيٰ آهي ”ديويا ڀڳوان جو جوڙيل ملڪ“ (God fashioned Country)، مطلب ته اهو ملڪ اهڙو سرسبز ۽ ڀريو ڀاڳيو هو، جو ڄڻ ته واليءَ خاص طرح ساڻس پنهنجو وڙ ڪيو هو، جنهنڪري آرين کيس اهو نالو ڏنو.*

    سنڌ ۾ سور جونسي: آرين ۾ هڪڙا سور جونسي ٻيا چندرونسي هئا. سور جونسي گهراڻي مان پهريون راجا اڪشو اَڪو هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ايوڌيا هو، جو نالو هاڻ ”ائوڌ“ تي پيل آهي. اڪشو اڪو جي ڀيڻ جو نالو ”اِلا“ هو، جا ٻڌ سان پرڻيل هئي. ٻڌ جي پيءُ جو نالو ”سوم“ (چنڊ) هو، تنهنڪري انهيءَ خاندان وارا چندرونسي سڏبا هئا. چندر ونسي گهراڻي مان پهريون راجا پروروس هو، جنهن جي گاديءَ جو هنڌ ”پرتيسٿان“ (Partisthana) هو، جو هاڻ الهه آباد سڏجي ٿو. راجا پورس ۽ سندس اولاد ”آئل“ (Aila) يعني ”اِلا“ سڏيا ويا آهن. ميرو پربت کان وچ هماليه جبل واري واٽ وٺي اتر هندستان ۾ آيا هئا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. اها هڪ وڏي سند آهي، جنهن جي آڌار تي اسان چيو آهي ته آريه اصل هندستان جا رهاڪو نه هئا؛ پر ميرو پربت کان آيا هئا.*

    سنڌ جو واسطو ٻنهي گهراڻن وارن سان آهي. هتي اول ايترو ڄاڻائجي ٿو ته سورجونسي گهراڻي وارا، جن مان راجا اڪشو اڪو، کان گهڻو گهڻو پوءِ راجا دسرٿ ۽ سري رامچندر ڇيدا ٿيا. سي قديم زماني ۾ سنڌ ۾ به هئا. انهيءَ ڳالهه جو پتو هن ريت پيو آهي:
    نهايت قديم زماني ۾ سنڌ ۾ ”پاتال“ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جنهن جو پراڻن ۾ ذڪر آهي. عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم جي وقت ۾ به اهو بندر مکيه هو، تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به ان جو ذڪر ڪيو آهي، ۽ نالو به ساڳيو ”پاتال“ بندر ڄاڻايو اّٿن. ان بابت جيڪي ڏس پتا ڏنا اٿن، تن مان صفا ظاهر آهي ته اهو بندر هاڻوڪي ڪراچي ضلعي واري لاڙ ۾ هو. جتان سنڌوندي ٻه وڏيون شاخون ٿي وهندي هئي. اها ٻه – درياهي اڄ تائين گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ آهي، جتان درياهه جي هڪ شاخ ڪيٽي بندر ۽ ٻي شاهه بندر ڏي وڃي ٿي؛ پر اڳي سمنڊ گهڻو اورڀرو يعني ٺٽي طرف يا اڃا به شاهه ڪپور طرف سمجهيو، جتان اڳي درياهه وهندو هو. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ (Indus Delta Country) جي صفحي 20 ۾ انهيءَ پاتال بندر جو ذڪر ڪندي ڄاڻايو آهي ته ٿٻيٽ مان هڪ ڏند ڪٿا ملي آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته اڪشو اڪو ڪل وارا (سورجونسي) انهيءَ پاتال بندر ۾ رهندا هئا، ۽ آريه لوڪن جون سڀ کان آڳاٽيون بيٺڪون سمنڊ جي ڀر ۾ هيون. مطلب ته سري رامندر جا ابا ڏاڏا ڪنهن وقت سنڌ ۾ به هئا. ميجر جنرل هيگ اهو ڄاڻايو ئي ڪونهي، ته اهي ايوڌيا طرف جا آريه لوڪ سنڌ ۾ ڪهڙي حساب سان آيا، پر پراڻ ۽ اتهاس انهيءَ ڳالهه تي ڪجهه روشني وجهن ٿا.
    پراڻن پٽاندر راجا اڪشو اڪوءَ جي مربي پٽ وڪڪسي ششاد (Vikuksi Sasada) ايوڌيا ۾ راڄ ڪيو. ٻيو پٽس نيمي (Nimi) نالي هو، جو ”وديهه“(Videh) به سڏبو هو. اُنهيءَ نيپال کان وٺي مگڌ (بهار جي ڏاکڻي ڀاڱي) جي اتر اڀرندي طرف تائين پنهنجو دڳ ڄمايو هو، ۽ اهو سمورو ملڪ سندس نالي پٺيان ”وديهه“ سڏبو هو. اڪشو اڪوءَ جو هڪڙو ڀاءُ ناڀا نيدشت(Nabahanedishtha) هو، جنهن جي اولاد مان ”وشال“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي مظفر پور ضلعي وارو پاسو هٿ ڪيو؛ ۽ اتي جيڪو سندس گاديءَ جو هند هو، سو سندس نالي پٺيان ”وئشالي“ سڏجڻ ۾ آيو. اڪشو اڪوءَ جو ٻيو ڀاءُ شرياتي هو، جنهن جي اولاد مان ”آئرت“ نالي هڪ راجا هاڻوڪي گجرات وارو پاسو پنهنجي قبضي ڪيو، تنهنڪري گجرات وارو پاسو سندس نالي پٺيان ”آنرت“ سڏبو هو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته سورجونسي گهراڻي وارا رڳو پڳو ايوڌيا ۾ ڪين هئا، پر پنهنجي حڪومت جي حد گهڻي قدر وڌائي هئائون، وراڻن ۾ جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته سنڌ جو پرڳڻو به سندن تابع هو يا نه، ته به رامائڻ مان ايترو ظاهر آهي ته سري رامچندر جي پيءُ راجا دسرٿ جو سنڌ سان بلڪل گهڻو ناتو هو. وڏي ڳالهه ته راجا دسرٿ کانپوءِ سنڌ جو حاڪم ئي سري رامچندر جو ڀاءُ ڀرت هو. ٻڌ ڌرم واري زماني ۾ سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ ”وئشالي“ هو. اهي جيتوڻيڪ پوءِ جون ڳالهيون آهن، ته به انهن مان ايتري پڪ ٿئي ٿي ته سنڌ جو ناتو ڪجهه وقت سورجونسي گهراڻي وارن سان برابر هو.
    راجا اڪشواڪو توڙي سندس ڀاڻيجو راجا پروروس ڪنهن نهايت قديم زماني ۾ ٿي گذريا آهن. رگ ويد ۾ راجا پروروس جي پڙ پوٽن ۽ تڙ پوٽن جو ذڪر آهي؛ پر رگ ويد منجهان ئي سڀني آرين جي سڀيتا ۽ ٻين ڳالهين جو ججهو پتو پوي ٿو. اتهاس ۽ پراڻن مان تاريخ لاءِ گهڻو ئي ذخيرو ملي ٿو، تنهنڪري هينئر خود يوروپي لوڪ انهن ڌرمي پستڪن جو ججهو قدر ڪن ٿا، ۽ پنهنجن جوڙيل تاريخن ۾ اول رگ ويد وارا احوال ڏين ٿا. ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا ۽ ٻيون تاريخون، جي سند ڪري ليکجن ٿيون، سي سڀ ائين جڙيل آهن. انهن جي جڙڻ کانپوءِ به ڪي وڌيڪ کوجنائون ٿيون آهن، تنهنڪري سنڌو ماٿر جا احوال انهن بنهه تازين کوجنائن پٽاندر هتي ڏجن ٿا.*

    رگ ويد ۾ گهڻو ذڪر چندرونسي گهراڻي جي راجائن جو آهي، پر انهن جو پيڙهيءَ به پيڙهيءَ احوال اتهاسن ۽ پراڻن ۾ ڏنل آهي، تنهنڪري اسين اهو به گڏي ڄاڻائينداسين ته سندين تاريخ سمجهڻ سولي ٿئي. پراڻن مان اهو به ظاهر آهي ته جن آرين سنڌو ماٿر ۾ پنهنجو دڳو ڄمايو، سي اصل هماليه جبل جي پريان، بنهه اتر طرف هڪ ٿڌي ملڪ ۾ميرو پربت تي رهندا هئا، ۽ پوءِ جڏهن سنڌو ماٿر ۾ اچي بيٺڪون وڌائون، تڏهن هندستان سندن آسٿان يا ماڳ ليکجڻ ۾ آيو. +

    چندر ونسي آرين جا ڪل يا خاندان: رگ ويد ۾ ڄاڻايل چندرونسي گهراڻي وارا آريه لوڪ جدا جدا ڪلن ۾ ورهايل هئا، جن مان پنجن ڪلن يا خاندانن وارا مکيه هئا، جنهنڪري ”پنج جن“ يعني پنج ڄڻا يا پنجن نياتن وارا(Five folds or five peoples) رگ ويد ۾ گهڻا گهمرا ڪمآيل آهي. مطلب ته چندرونسي گهراڻي وارن جون پنج مکيه شاخون هيون، ۽ هر شاخ وارا پنهنجي ڪنهن وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن پنجن شاخن يا نياتن مان هڪڙا سڏبا هئا يدو (يادؤ يا جادؤ ونسي)، ٻيا تروسو، ٽيا پُرو، چوٿان آنُو ۽ پنجان درهيون. اهي ڪير هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر اتهاسن ۽ پراڻن مان سندن سربستو احوال ملي ٿو.
    راجا پروروس، جنهن بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته چندرونسي گهراڻي جوبنياد وڌو هئائين، تنهن جو پڙ پوٽو راجا يياتي هو، جنهن کي ٻه راڻيون هيون: هڪڙيءَ جو نالو ”ديويائي“ هو، جا آسرن جي گرؤشڪر آچاريه جي نياڻي هئي، ۽ ٻيءَ جو نالو ”سرمشٺا“ هو، جا دئتن، دانون ۽ اسرن جا راجا ”ورس پرون“(Varsparuan) جي نياڻي هئي. راجا يياتيءَ کي راڻي ديويائيءَ مان ٻه پٽ، يڊو ۽ تروسو ۽ راڻي سرمشٺا مان ٽي پٽَ، درهيو، انو ۽ پرو هئا. انهن پنجن پٽن جو اولاد سندن ئي نالن پٺيان سڏبو هو. مطلب ته اهي ”پنج جن“ اصل هڪڙي ئي ڏاڏي جو اولاد هئا؛ پر پوءِ وچ ۾ گهڻيون پيڙهيون پئجي ويون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ اهي علحديون علحديون شاخون هيون. ڪي پنهنجي ويجهي ڏاڏي تي ڪي ڪنهن ڏورانهين ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي سڏائيندا هئا. ائين جملي چاليهن کن خاندانن جا نالا رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن؛ پر منجهانئن مکيه وري به ”پنج جن“ هئا. اهو ”پنج جن“ وارو خيال هن وقت ”پنچات“ لفظ ۾ سمايل آهي؛ جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”پنجڪن ڄڻن جو ميڙ“.*

    سنڌ ۾ جادؤ ونسي: آڳاٽا آريه لوڪ جدا جدا وقتن تي ٽوليون ٽوليون ٿي هندستان ۾ آيا هئا. ٻولين جي کوجنائن مان عالمن کي ايئن وسهڻ لاءِ سبب پيدا ٿيو آهي ته ڪي آريه لوڪ وچ ايشيا کان آرمينيا طرفان اول ايران ڏي ويا، ۽ پوءِ جبل جهاڳي ۽ لڪ لتاڙي هندستان ۾ آيا. پراڻن پٽاندر، راجا پروروس جنهن چندر ونسي گهراڻي جو بنياد وڌو، سو وچ هماليه جبل واريءَ واٽ کان آيو هو. سندس ئي ڪل مان راجا بياتيءَ جي ٻن پٽن يدو ۽ تروسو، جي اولاد بابت رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي سمنڊ جي رستي آيا هئا، ۽ اندر ديوتا پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سلامتيءَ سان آڻي پهچايو هو. انهيءَ باري ۾ کوجنائن ڪرڻ سان يوروپي عالمن کي يقين ٿيو آهي ته اهي يدو ۽ تروسو آريه لوڪ بابل يا بئبلان (بئبلونيا) کان سمنڊ رستي اول سنڌ ۾ اچي رهيا هئا. اڳي انهيءَ طرف کان ماڻهو دنگين ۽ جهازن ۾ چڙهي، ايراني نار وارو ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي، سنڌونديءَ جي ڇوڙ وٽ اچي لهندا هئا. انهن کوجنائن جا وڏا بيان رايل ايشياٽڪ سوسائٽين جي جنرل ۾ ڏنل آهن. جن مان ٿورو مضمون سن 1910ع ۾ ڪراچيءَ جي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج مسيلنيءَ ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته يدو ۽ تروسو آريه لوڪ وچ ايشيا کان اولالهندي ايشيا طرف ٽڙي پکڙي ويا هئا، ۽ پوءِ اتان سمنڊ جي رستي سنڌ ڏي آيا هئا، يا هيئن به چئجي ته هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ ايڏانهن ويا هئا ۽ سمنڊ جي رستي موٽيا هئا. هرحال ايترو پڪ سان چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي آريه لوڪ سمنڊ جو سفر ڪندا هئا، ۽ پروفيسر مئڪڊونيل جو چوڻ ته رگ ويد آرين سمنڊ ڏٺو ئي ڪونه هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي.
    يدو آريه لوڪ راجا يدوءَ جو اولاد هئا، تنهنڪري يادؤ (جادؤ) ۽ يادؤ ونسي (جادؤنسي) يعني راجا يدوءَ جو اولاد سڏبا هئا. سري ڪرشڻ به جادؤ ونسي ڪل مان هو، جنهنڪري چئبو ته سندس ابا ڏاڏا اصل ڪجهه وقت سنڌ ۾ هئا. جيسلمير جا ڀٽي راجپوت، ۽ سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سما راجپوت به جادؤ ونسي ڪل مان آهن. *

    رگ ويد موجب يدو آرين سان گڏ بيا تروسو آريه لوڪ سمنڊ جي رستي آيا هئا. انهن بابت پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته هنن پوءِ ڏکڻ هندستان ۾ وڃي پنهنجون بادشاهتون برپا ڪيون جي پانڊيه، چول، ڪيرل وغيره نالن سان مشهور ٿيون. اتر هندستان جي ڪن آرين ۽ ڏکڻ هندستان جي چول لوڪن پوءِ بئبلونيا ۾ ٻين پاسي بيٺڪون وجهي، يورپ تائين وڻج واپار پئي ڪيو، جي ڳالهيون بابت ٻارهين ۾ ڄاڻائبيون.
    ٻين آرين جون بيٺڪون: يدو ۽ تروسو آرين کانسواءِ ٻيا ”يرو“ آريه لوڪ هئا. نهايت قديم زماني ۾ انهن مان ڀرت نالي هڪ ناميارو راجا ٿي گذريو آهي، جو راجا دشينت ۽ شڪنتلا جو پٽ هو، جنهن جي نالي پٺيان سارو ڀارت کنڊ سڏجي ٿو. پرو آرين مان ڪي پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان پاڻ کي ”ڀرت“ آريه لوڪ سڏائيندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ منجهانئن ڪي شتدري (ستلج)، ته ڪي سرسوتي نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا. ”پنج جنن“ مان چوٿان ”آنو“ آريه لوڪ هئا، جي ”انو“ يعني راجا انوءَ جو اولاد سڏبا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ اهي پرشني نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا پوءِ ”اراوتي“ يعني تازگي بخشيندڙ يا فرحت ڏيندڙ سڏبي هئي. ۽ هاڻ اچار ڦري ”راوي“ ٿيو اٿس.
    پنج جنن مان پنجاب ”درهيو“ آريه لوڪ هئا، جي آنو آرين جا ويجها سوٽ هئا. انهن درهيو آرين مان هڪ جو نالو گنڌار هو، جو هاڻوڪي پشاور ۽ ان جي آسپاس وارن هنڌن ۾ راڄ ڪندو هو. سندس جيڪو گاديءَ جو هنڌ هو، سو سندس پٺيان ”گانڌار-گنڌار“ سڏ بو هو، جنهن جو اچار پوءِ ڦري ”قنڌار“ ٿيو. اهي درهيو آريه لوڪ پشاور ۽ ان جي آسپاس سنڌونديءَ جي ڀرتي ڪندڙ ندين (ڪابل ندي وغيره جي ڪنارن تي رهندا هئا. مطلب ته آڳاٽا آريه لوڪ اول رڳو سنڌ، پنجاب ۽ اتر-اولهه سرحد علائقو والاري ويٺا هئا، ۽ اهوئي رگ ويد واري زماني جو هندستان ليکيو ويو آهي. جيئن مٿي اڳيئي چيو ويو آهي. ان وقت سنڌ جون حدون ڪهڙيون هيون، سو پتو ڪونهي. پر سڀيتا سڀني هنڌ ساڳي هئي. *

    آرين جي ٻوليءَ ۾ ڦير: آڳاٽن سڀني آرين جي مادري زبان سنسڪرت هئي؛ پر هندستان ۾ اچڻ کان اڳ گهڻن هنڌ ڀٽڪيا ٿا ڏسجن ۽ جدا جدا هنڌن جي قومن سان لهه وچڙ ۾ آيا ٿا ڏسجن. هندستان ۾ اچڻ کانپوءِ به منجهانئن ڪي سنڌ ته ڪي پنجاب ته ڪي اتر – اولهه سرحد علائقي ۾ ته ڪي ٻين هنڌ رهندا هئا. انهن ڳالهين جو پهريون ۽ مکيه اثر سندن ٻوليءَ تي ٿيو. هن وقت سڄو هندستان چندرو ونسي گهراڻي جي راجا ڀرت جي نالي پٺيان ڀارت کنڊ سڏجي ٿو، تنهنڪري جيڪو ائين سمجهجي ته اهي ڀرت آريه لوڪ، جي پرو آرين جي شاخ مان هئا، سي پنج جنن ۾ برک هئا؛ ۽ سندين ئي ٻولي ٺيٺ هئي؛ پر رگ ويد ۾ ٻين آرين کين سڏيو آهي. ”مڌ رواچ“ (Mrdhra – Vacha) يعني جن جي ٻولي پوريءَ ريت سمجهڻ ۾ نه اچي (رگ ويد، منڊل ستون 13،18) ۽ منڊل ڏهين (5،23) ۾ اڻ آريه قومن لا3 به ڪم آيل آهي. هن مان ظاهر آهي ته ٻين آرين کان پرو (ڀرت) آريه لوڪ اڻ آريه قومن سان گهڻو لهه وچڙهه ۾ آيا هئا، جنهنڪري ٻيا آريه، جي جيتوڻيڪ سندن ڏورانهان سوٽ هئا، تن کان سندين ٻولي وڌيڪ ڦريل هئي، جنهنڪري اهي ”مرڌ رواچ“ سڏيا نويا آهن.
    ڌرم ڪرم ۾ ڦير: آرين جي نه رڳو ٻوليءَ ۾ ڦير هو، پر ڌرم ڪرم ۾ به ڦير هو. مثلاً سري ڪرشڻ جا ابا ڏاڏا، جي يدو آريه (جادؤ ونسي) هئا، ۽ سندن ويجها سوٽ جي ”تروسو“ آريه سڏبا هئا، تن کي رگ ويد ۾ ٻين آرين ڪار وچان ”داس“ سڏيو آهي، جو اهي ڪجهه وقت ويدن کي ڪين مڃيندا هئا – (رگ ويد، منڊل ڏهون). پوڄا ۾ به ڦير هئن. جيڪي آريه ويدڪ ڌرم جا هئا، سي اندر ديوتا جي پوڄا ڪندا هئا. جيڪي ويدڪ ڌرم جا نه هوندا هئا، سي اندر پوڄا جي برخلاف هوندا هئا. اهي وري لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، ۽ ”شيشنه“ ۽ ”شيشنه ديوا“ سڏبا هئا يعني جن جو ”اِشٽ ديو“ (Chosen Deity) ”شيشنه“ (لنگ(Phalus هجي. ويدڪ ڌرم وارا لنگ جي پوڄا جي بنهه برخلاف هوندا هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ لنگ جي پوڄارين لاءِ ڌڪار ظاهر ڪئي اٿن، ۽ کين ”اَڪرمن“ (ڪريا ڪرم کان رهت (Riteless)، ”ابراهمڻ“ (Without devotion) ، ”آديويه“ (In different to Gods) ، ”آيجنيه“ يعني يگيه نه ڪندڙ (Not Sacrificing) ۽ ٻين اُگرن نالن سان سڏيو اٿن. مطلب ته لنگ جي پوڄارين جو ڌرم ڪرم اندر جي پوڄارين کان بنهه علحدو هو.**
    لنگ جي پوڄا: ڪيترن يوروپي عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي. قديم مصر ملڪ جا رهاڪو ۽ آڳاٽا يوناني ۽ رومن لوڪ ”پريئپس“ (Priapus) کي پوچيندا هئا. قديم بت پرست يهودي ”بيئل پيور“ (Baal peor) کي، ۽ ڪي قديم لوڪ ”بچوس (Bachhus) کي پوڄيندا هئا. اهي سڀ ديوتائن ڪري ليکبا هئا، پر اهي سڀ لنگ جون پوڄائون هيون.**

    يوروپي عالمن جو اهو به چوڻ آهي ته لنگ جي پوچا انهيءَ قديم زماني جي آهي، جنهن ۾ ماڻهو بلڪل اٻوجهه هوندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته قادر ۽ سنديس قدرت هيءُ جهان ائين پيدا ڪيو آهي، جيئن مرد ۽ زال جي ميلاپ ٿيڻ ڪري ٻار پيدا ٿئي ٿو. انهيءَ سبب لنگ کي ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا.
    قديم دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو. ويجهڙائيءَ ۾ مهن جي دڙي مان ڪيترا لنگ لڌا آهن، جا ڳالهه سر جان مارشل ڄاڻائي آهي. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهي دراوڙ هئا، جي سنڌو ماٿر مان اول ڏکڻ هندستان ڏي ويا، ۽ پوءِ الهندي ايشيا ۽ يورپ ڏي وڻج واپار سانگي بيٺڪون وڌائون، ۽ انهيءَ پاسي لنگهه جي پوڄا جو رواج به ڦهلايائون، جنهنڪري ناروي ۽ اسڪئنڊينيويا طرفان مهاديو جي مندرن جا نشان لڌا آهن، جا حقيقت پروفيسر نلسن ڄاڻائي آهي.
    آرين ۾ جيڪي ”آنو“ آريه هئا، تن به شايد قديم دراوڙ لوڪن سان لهه وچڙهه ۾ اچڻ سبب لنگ جي پوڄا جو رواج اختيار ڪيو هو. حقيقت ڪيئن به هجي، پر اها پڪ آهي ته جيڪي انو آريه لوڪ هئا، تن جي هڪ شاخ وارا پاڻ کي ”شوي“ آريه لوڪ سڏيندا هئا، ۽ اهي لنگ جا پوڄاري هوندا هئا، جيئن رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. پوءِ جيئن ڊاڪٽر انباش چندرداس ڄاڻايو آهي، انهن شوي آرين جي نالي پٺيان لنگ جي پوڄا تي نالو ئي پيو ” شو جي پوڄا“. *

    آرين جي ڌرم ڪرم ۽ پوڄائن ۾ ڦير هو، ته اول هڪ ٻئي لاءِ نفرت هين، ۽ وقتي پاڻ ۾ وڙهندا هئا؛ پر سنڌو ماٿر ۾ پوءِ ٺهي ٺڪي ويٺا ۽ صلح سانت ۾ پنهنجيءَ سڀيتا جو ڦهلاءُ ڪيائون. مها ڀارت واري زماني ڌاري لنگ جي پوڄا بلڪل عام ٿي ويئي، جنهنڪري لنگهه جي پوڄارين ڏانهن پوءِ ڪوبه نفرت جي نگاهه سان ڪونه نهاريندو هو.هاڻوڪن هندن مان به ڪيترا وشنو ڀڳوان جا ته ڪيترا شو ڀڳوان جا پوچاري آهن، ۽ لنگ جي پوڄا ڪن ٿا. **

    ________________________________________
    * عربي جاگرافي نويسن به انهيءَ سبب ان کي ”سبع سين“ يعني ”ست درياهه“ ڪوٺيو آهي.
    * What does tradition say about the origin of the Ailas or Aryans? It makes the Aila power begin at allahaabad, and yet distinctly suggest that they came from outside India. The legends and fables about the progenitor Pururavas Aila, all connect him with the middle Himalayan region. He was loosely associated with the Gandharvas. His WIFE Urvasi was a Gandharvi, as well as called an apsaras. The place the frequented were the river Manda kini (منداڪني) Alka ”الڪا“ the Caitraratha and Nandnna forests, the mountains Gandharmadana (گنڌمارنا) and meru and the land of the Uttara-Kurus regions to which the Gandharvas were assigned. From the Gandharvas the obtained sacrificial fire, his sons were known in the Gandharvas world, and he ultimately became united with the Gandharvas." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historieal Tradition p. 297.
    * "The Hindu statements have almost universally been regarded as very different from the fictions of an improved and credulour people and entited to a very serious and profound investigation." Historians History of the World. Vol. II, p. 495.
    + + "At the first dawn of the traditional history we see that these Aryan tribes, migrating across the snow of Himalyas southwards towards the "Seven Rivers" (the Indua, the five rivers of the Punjab and the Sarasvati), and ever since India bas been called their home. That before this time they had been living in more northern regions, within the same precincts, with the ancestors of the Greeks, the Italians, Slavonians and Celts, is a fact as firmly established as that of the Normans of William the Conqueror were the Northern Scandinavians". Prof. Max Muller: Chips from A German workshop, Vol. I, p.63.
    * * دئت، دانو ۽ اسر اصل قومن جا نالا هئا، جيئن مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي، انهن قومن لاءِ پوءِ آرين نفرت ظاهر ڪئي، جنهنڪري انهن لفظن کي پوءِ خراب معنائون مليون. ابو پهاڙ جي آسپاس ”شالو“ لوڪ رهندا هئا، انهن کي دانو ۽ دئت سڏيائون. اٿروويد ۾ توڙي پارسين جي زنداوستا ۾ ”داتو“ لفظ انهن دشمنن لا3 ڪم آيل آهي، جن سان جنگ جوٽڻ گهرجي. ”اَسر“ (اهر) نالو ايرانين لاءِ ڪم آيل آهي، تنهنڪري شڪر آچاريه ايران وارن آرين جو گرو چئبو. هندستان ۽ ايران وارا آريه لوڪ اصل هڪ يڪي برادري هئا، ۽ پوءِ اهي ٻه ڌار قومون ٿيون – جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي؛ ۽ پڻ ڏسو پارجيٽر صاحب وارو ڪتاب صفحو 290 ۽ ڊاڪٽر مارٽن هاگ جا پارسي مذهب بابت مضمون صفحو 279.
    * Thou roaring Indra, dravest on the waters that make a roaring sound like rushing rivers. What time, O Hero, o'er the sea thou broughtest, in safety broughtest, Turvasu and Yadu." Reg Veda VI-20, 12. Griffith's Translation.
    + "We know from recent historical reasarch that before the Aryan conquest, Sindh was peopled by the tribes of Yadus and Turvasus." D.J. Sindh College Miscelency, monsoon term issue of 1910, p.82.
    * گرنار ڪوٽ جو حاڪم راءِ ڏياج سنڌ (ننگر ٺٽي) جي چوڙا سما راجپوتن مان هو، تنهنڪري شاهه جي رسالي ۾ هو ”جادم“ (جادؤ) يا جادؤ ونسي سڏيو ويو آهي.
    ”پسي پاٽ پر ٿيو، سندو جادم جود“. (شاهه)
    سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جو ڀائٽيو (ڄام اوڍي جو پٽ) جکرو هو، تنهن کي به شاهه صاحب ”جادم جکرو“ سڏيو آهي – هن مان ظاهر آهي ته شاهه صاحب کي سڌ هئي ته سما راجپوت جادؤ ونسي ڪل مان هئي. تنهنڪري کين ”جادم“ (جادؤ) سڏيو اٿس. (مصنف).
    * F.E Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition. P.108.
    * "The Yadus and the Turbases where designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time." (Reg. Veda X, 62, 10) quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Pate 128.
    * "The Yadus and the Turbases were designated as Dasas, because they had seceded from the Vedic faith for a time." (Reg. Veda X, 62, 10). Quoted by Dr. A.C. Das: Reg. Vedie Culture Page 157 and 164.
    ** ** Forlong: Rivers of Life, Vol. II, p. 38 et seq.
    * Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 166.
    ** "Phallus worship was probably of prehistoric age in India, and by the time of the Mahabharat it had won its way into the orthodox Hindu culture." The Cambridge history of India Vol. I. p. 85.


    باب اٺون : آرين جي سڀيتا جو اوائلي احوال

    سڀيتا جا ٽي زمانا: رگ ويد جا منڊل (Cycles) جدا جدا زمانن جا جڙيل آهن. خود رگ ويد ۾ ٽن زمانن جو ذڪر آهي: قديم وچولو ۽ آخرين، (منڊل ٽيون، 32، 13 ۽ منڊل ڇهون، 21، 5)انهن منڊلن ۾ جيتوڻيڪ ڌرمي ڳالهيون آهن، ته به انهن مان پنگتي ۽ ملڪي ڳالهين جو ڪيتري قدر پتو پوي ٿو. انهن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته آرين جي سڀيتا جا به مکيه زمانا ٽي هئا. پڙهندڙن کي سڄي ڳالهه سمجهڻ ۾ سولي ٿئي، تنهن لاءِ اسين ٽن زمانن کي هيٺينءَ ريت ورهايون ٿا: *

    (1) جنهن ۾ آريه لوڪ ڏٿ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا.
    (2) جنهن ۾ آريه لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا هئا.
    (3) جنهن ۾ آريه لوڪ کيتي ڪرڻ سکيا هئا.
    حقيقتاً سڀني سڌريل قومن ائين ترقي ڪئي آهي؛ پر چوپائي مال ۽ کيتي جي اوني آڳاٽن آرين ۾ ڪي اهڙا خيال پيدا ڪيا، جي ٻين قومن کي نه آيا. قادر ۽ قدرت ۽ جيوت جي مسئلن بابت ويچار به پنهنجي نموني ٿي ڪيائون. انهن سڀني سببن ڪري هندو سڀيتا هڪ نموني ٿي پيئي، ۽ هندو ڌرم ئي علحدو ٿيو. مٿئين هرهڪ زماني جو هتي ڌار ڌار ذڪر ڪجي ٿو، ته سڀيتا جو واڌارو سمجهڻ سولو ٿئي، ۽ اهو به سمجهڻ ۾ اچي ته هندو جاتي ٻين جاتين کان ڪيئن نرالي ٿي.
    ڏٿ ۽ شڪار: ”قديم سڀيتا جي شروعات“ جو ذڪر ڪندي، باب پهرئين ۾ اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته قديم هجري زماني ۾ سڄيءَ دنيا ۾ برف گهڻي پوندي هئي، جنهنڪري کيتي ڪرڻ ناممڪن هوندي هئي، ۽ ماڻهو ڏٿ (جهنگلي اَن ۽ ميون وغيره) تي گذران ڪندا هئا. رگ ويد واري بنهه اوائلي زماني ۾ به آڳاٽا آريه لوڪ ڏٿ کائي پيٽ ڀريندا هئا، ۽ اهو دستور ٿر، ڪوهستان ۽ بين هنڌن جا مسڪين ماڻهو اڄ تائين هلائيندا پيا اچن.
    قديم زماني ۾ ججهيءَ برف پوڻ سبب وڻ ٽڻ سڙي ويندا هئا، جنهنڪري جهنگلي پيدائشون (ڏٿ) ڪو وقت ٿينديون ئي ڪين هيون. هن وقت پارو ڪنهن اتفاق سان پوي ٿو، ته به ٿر ۾ ڏسو ته ڪنهن سال برسات نه پوندي آهي، ته وڻ ٽڻ سڙي ويندا آهن، جنهنڪري چوپايو مال مکين وانگر مري ويندو آهي، ماڻهو بک ۾ اهڙا پاهه پيا ٿيندا آهن، جو پيٽ وڃي پٺيءَ سان لڳندو اٿن ۽ اهڙو سخت ڏڪار پوندو آهي، جو اُتان جنسي رت جي بانس پيئي ايندي آهي. هاڻ پڙهندڙ پاڻيهي تصور ڪري سگهندا ته قديم زماني ۾ ججهيءَ برف پوڻ ڪري وڻ ٽڻ سڙي ويندا هئا، ۽ جهنگلي پيدائشون ڪو وقت ٿينديون ئي ڪين هيون. ته ماڻهن جي ڪهڙي حالت ٿيندي هئي. برف پوي ڪي ڏڪار پوي، ته به پيٽ ته ڪنهن کي نٿو ڇڏي. اهڙين حالتن ڪري آڳاٽن آرين ۾ مڇي ماس کائڻ جو رواج پيو. مها ڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته هاڻوڪا چار ورن پوءِ ٺهيا، نه ته اصل رڳو هڪڙو ورن هو، ۽ سڀ آريه لوڪ براهمڻ هئا؛ پر ”پيٽ بري بلا“! چوڻي به آهي ته ”ستين لنگهڻي ڪتو به حلال“. ٻين قديمن قومن وانگر هي براهمڻ (قديم آريه لوڪ) به شڪار ڪري پيٽ پالڻ لڳو.
    قديم زماني ۾ شڪار ڪيئن جهلنيدا هئا؟ اها واٽ ماڻهن کي قدرت سيکاري. باز ۽ ٻيا وڏا پکي ننڍڙن پکين جو شڪار ڪن ٿا. اهو نمونو اکين سان ڏسي، پکين جو شڪار ڪرڻ لا3 ماڻهو باز ڌارڻ لڳا. اهو قديم زماني جي دستور سنڌ ۾ توڙي ٻين ڪيترن هنڌ اڄ تائين هليو اچي.
    ”سو ڀي ڌار ۾ سڪرو جنهن کي پک نه پر“.
    شاهه
    شڪريو چيڪ، سيچاڻو، بحري، باشو، بشين ۽ ٻيا قسمين قسمين باز اڄ تائين ماڻهو پالين ٿا. هن وقت سنڌ ۾ اڪثر رڳو مسلمان شوق وچان (۽ نه بک سببان) باز ڌارين ٿا.
    ڪتا به شڪار جهلين ٿا، تن ۾ تازي ڪتو شڪار جهلڻ جو اُستاد آهي. آڳاٽي ماڻهن ڪتن کي سڪار جهليندو ڏٺو، ته پاڻ به شڪار لاءِ ڪتا ڌارڻ لڳا. اڄ تائين ڪي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪتن جون لوڌيون پاڻ سان وٺي ويندا آهن. پاليل ڪتاب قديم لوڪن جي جان جو به بچاءُ ڪندا هئا. جهنگلي مرون مٿن ڪاهي ايندا هئا، ته انهن تي ڪتن جي بڇ ڪرائيندا هئا. مطلب ته پکين مان اول باز ۽ پسن مان اول ڪتو انسان ذات زات کي ڪمائتو ٿيو، جن مان ڪتو اڄ تائين ماڻهن جي در جو دربان آهي. ڳوٺڙن ۾ ڏسو ته ماڻهو ڪچين ڀونگين ۾ بنا ڪڙن ۽ ڪلفن جي رهن ٿا، ۽ پوليس جو پهرو به وٽن ڪونهي، ته به رات جو بي اونا ٿي ننڊ ڪن ٿا. ڪتا در تي بيٺا اٿن. اُهي ڪوڌاريو ماڻهو ڏسن، ته پريان ئي پهوڙ لائين ۽ ويجهو اچي ته ڄنگهه ڦاڙي ڪڍنس. رگ ويد ۾ ڪتن جو گهڻو ئي ذڪر آهي. آڳاٽن ماڻهن کي شڪار هٿ ڪرڻ ۽ پنهنجي جان جي بچاءُ لاءِ هٿيار پنوهارن جو به ضرور ٿيو. ڄاريون به ٺاهيندا هئا، جن جي وسيلي شينهن به ڦاسائي سگهندا هئا. (رگ ويد منڊل پنجون).
    هٿيار پنوهار: سڀني ساهوارن کي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ قدرت ڪي نه ڪي هٿيار پنهنجي اسلح خاني مان ڏيئي ڇڏيا آهن. شينهن، رڇ، باز وغيره کي ڪو نقصان پهچائڻ ويندو، ته چنبو هڻندس، ڪتو ڏاڙهيندس ۽ ٻلو رهنڊا پائيندس، ماڻهو ماڻهوءَ کي ماريندو، ته اڳلو مُڪون ۽ لَتون هڻندس، يا چڪ چهندڙا پائيندس. چوڻي به آهي ته ”چڪر کي لتر پڄي!“.
    اهي اوائلي هٿيار آهن. ماڻهن پوءِ هوش هلائي ٻيا هٿيار به ڪم آندا. جهنگلي مرن ۽ پکين کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ ڪي سوليون سهنجيون واٽون به اختيار ڪيائون. وقتي انهن کي وات سان هڪ ڏيندا هئا. يا تاڙي وڄائي ڊڄاريندا هئا، يا پٿر هڻي ڀڄائيندا هئا. جيڪڏهن انهن اُپائن مان پورت نه پوندي هئي ته ڪنهن وڻ مان ٽاري ڇني، يا لئيءَ وغيره مان لٺ ڀڃي، انهن سان جهنگلي جانورن کي ماري ڪٽي ڀڄائيندا هئا. انهيءَ ريت سندن مکيه هٿيار اول هئا پٿر، چها ۽ لئيءَ يا بانس جون لٺيون ڀائنجي ٿو ته هٿ ۾ لڪڻ ۽ لٺ کڻڻ جو رواج ائين شروع ٿيو. *

    جهنگلي مرن ۽ بکين کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ وڻ جي ٽاري يا ڪا لٺ تڏهن ڪم آڻي سگهبي، جڏهن اهي بنهه ويجهو ايندا، تنهن کان پريان ئي ڇو نه هڪالي ڪڍجين؟ اهڙيءَ حالت ۾ پريان ئي پٿر هڻڻ جو رواج هو. پوءِ ماڻهن هوش هلائي کانڀاڻيون ٺاهيون، ته پٿر هيڪاري پري اڇلڻ سولو ٿئي، ۽ ڪنهن جهنگلي مرونءَ يا دشمن کي پاڻ تائين اچڻ ئي نه ڏجي. اڄ به جهاز هڪلڻ لاءِ کانڀاڻيون ۽ گليلا يا ڳوڙها هاري ناري عام طرح ڪم آڻين ٿا. رگ ويد ۾ پٿرن، هڏن، سڱن ۽ ڪن ڌاتن مان ٺهيل هٿيارن جو ذڪر آهي. مثلاً گهوڙي جي پاسريءَ جو هڏو (”آشو پرشو“) ڪهارو يا ڏاٽو ڪري ڪم آڻيندا هئا. ماڻهن پوءِ وڌيڪ هوش هلائي ڪمائون ۽ تير ٺاهيا، جي پهريائين رڳو پکين جي شڪار ڪرڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. سنڌو ماٿر ۾ رهندڙ آڳاٽا آريه لوڪ اهي هٿيار ڪيئن ٺاهيندا هئا، سا سڌ ڪن قديم لفظن جي بنيادن مان پوي ٿي، جي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ سانڍيا آهن، جنهنڪري انهن لفظن جو گهڻو قدر ڪرڻو پوي ٿو.
    سر جو سندو سڄڻين، سينگ منجهان سيلو،
    ٽــينگر ٽـــــڪـــيو ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو.
    هڻڻ سين حـــيلو، جـــانب جــــيڏو ئـــي ڪــــيو.
    شاهه
    هتي پهريون ئي پهريون لفظ آهي ”سر“، جو رگ ويد جي منڊل پهرئين (100، 18)، منڊل ٻئي (12، 10)، منڊل چوٿين (3،7) ۽ ٻين منڊلن ۾ ڪم آيل آهي، جنهنڪري چئبو ته شاهه صاحب بيت ۾ هيءُ نهايت قديم زماني جو لفظ ڪم آندو آهي. مٿئين بيت ۾ ”سر“ جي معنيٰ آهي ”تير“؛ پر اصل ۾ اهو سر جو ڪانو آهي، جنهن جي گاهه کي سٽي ڪٽي ”مڃ“ ڪري، ان مان نوڙيون ٺاهيندا آهن. رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ سر جي ڪانن مان تير جوڙيندا هئا، تنهنڪري سنسڪرت توڙي سنڌيءَ ۾ ”سر“ لفظ جون اهي ٻئي معنائون آهن. نهايت قديم زماني ۾ ڪانن مان تير جوڙڻ جو رواج عام هو، تنهن ڳالهه جي ساک ٻيا به ڪي لفظ ڀرين ٿا.
    تير لاءِ ٻيو سنڌي لفظ آهي ”ڪان“، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ڪانڊ“، جنهن جي ٻي معنيٰ ”ڪانو“ به آهي. مطلب ته ”ڪان“ ۽ ”ڪانو“، ساڳيئي بنياد وارا لفظ آهن ۽ ڄاڻائين ٿا ته اڳي ڪانن مان تير ٺاهيندا هئا. اهو رواج ايران ۾ به هو. پارسيءَ ۾ ”ڪلڪ“ معنيٰ قلم ۽ ٻي معنيٰ ”تير“، سنڌيءَ ۾ ”ڪلڪ“ معنيٰ ڪاني مان ٺهيل قلم، جنهن سان ليکجي؛ پر جڏهن چئون ”ڪرڪ“ تڏهن معنيٰ اٿس ”تير“؛ ائينلفظ ساڳيوئي؛ پر اچار ڦريل.
    هنيم هوت ڪرڪ، لوڏيان لوهه نه نڪري.“
    شاهه
    سر جو ڪانو يا ٻيو ڪهڙو به ڪانو تير وانگر اڇلائبو ته اهو پکيءَ کي ماري ڪين سگهندو، تنهنڪري ڪانن سان شڪار ڪيئن ڪندا هئا؟ اها خبر ”سيلو“ لفظ مان پوي ٿي، جو پڻ شاهه صاحب مٿئين بيت ۾ ڪم آندو آهي. اهو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شليه“، جو رگ ويد جي منڊل ڇهين (75،11) ۾ ڪم آيل آهي. سنسڪرت ۾ هڪڙي معنيٰ اٿس ”تير“ ۽ ٻي معنيٰ ”ڪنڊو“، يا اهڙي شيءِ جا جسم ۾ گهڙي ايذاءُ ڏئي. هاڻ ظاهر آهي ته قلم يا ڪانو، جو تير ڪري ڪم آڻيندا هئا، تنهن ۾ سيلهه يعني ڪنڊو يا ڪا تکيءَ چهنب واري هڏي وغيره اٽڪائيندا هئا ۽ اها پکيءَ کي ايذاءُ رسائيندي هئي.
    ٽينگر ٽڪيو ڪينڪي، پار لنگهيو پيلو.“
    شاهه
    ”پيلو“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”پيلؤ“ جنهن جي به معنيٰ آهي ”تير“. ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”پيل“ (Peel) معنيٰ روڪڻ، بيهارڻ، کڏڻ يا بدحواس ڪرڻ. هاڻ چڱيءَ طرح سمجهڻ ۾ ايندو ته ڪاني ۾ ڪنڊو يا ڪا چهنبدار شيءِ اٽڪائي، اها تٿير وانگرت اڇلائيندا هئا ته ان جي لڳڻ ڪري پکي اُڏامڻ کان روڪجي پوندو هو يا بدحواس ٿي ويندو هو، جنهنڪري هن کي آسانيءَ سان جهلي سگهندا هئا.
    تير لاءِ ڪمان ضروري آهي. ”ڪمان“ پارسي لفظ آهي. ان لاءِ نج سنڌي لفظ آهي ”سينڱ“، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”سڱ مان ٺهيل“.هي لفظ ڄاڻائي ٿو ته ڪنڍي مينهن، جنهن جو سڱ وريل ٿئي ٿو، يا هرڻ وغيره جو وريل سڱ، اڳي ڪمان ڪري ڪم آڻيندا هئا.
    ڪمان لاءِ ٻيو لفظ اسان وٽ آهي ”چاپ“، جو نج سنسڪرت لفظ آهي ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”بانس جي وريل ڪاٺي“، جيئن پروفيسر آپٽي واريءَ سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي. هن ريت اهي لفظ ڄاڻائين ٿا ته آڳاٽا لوڪ ڪنهن جانور جو وريل سڱ يا بانس جي مڙيل ڪاٺي، ڪمان وانگر ڪتب آڻيندا هئا. آڳاٽن ماڻهن اهي سولا سهنجا رستا اختيار ڪري تير ڪمان جوڙيا ته پکين جو شڪار ڪرڻ سولو ٿئي. مطلب ته ضرورت وقت اهو هنر سيکاريائون ۽ پوءِ ان ۾ ترقي ڪيائون. جيڪڏهن هٿ ڪيل شڪار ڪو ماڻهو يا جانور کسڻ ايندن، يا ڪو مرون خود کين کائڻ ايندو ته ڪمانن جا تير ڪهڙو بچاءُ ڪندا؟ اهڙيءَ حالت ۾ مضبوط تيرن جوڙڻ جي ضرورت ٿي. *

    پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا آريه لوڪ پوءِ لڙائين ۾ به اهي مضبوط تير ڪم آڻڻ لڳا؛ پر اول تيرن جي چهنبن کي ڪنهن زهر جو مک ڏيئي ڇڏيندا هئا، (اٿرو ويد منڊل چوٿون 776؛ منڊل پنجون 18،8 ۽ ڀيٽيو رگ ويد مندل ڇهون 75، 15). انهيءَ تير لڳڻ ڪري ڪنهن کي رڳو رهڙ پئجي ويندي هئي، ته به زهر جهٽ رت ۾ ملي، اڳلي کي ماري وجهندو هو. اهو زهر ملائڻ جو رواج آفريڪا ۾ بلڪل گهڻو هو، جنهن جا ڪيترا مثال مسٽر هينري سٽئنلي ڏنا آهن. ماڻهون پوءِ ٽامو، لوهه وغيره مارڻ سکيا، ته عام طرح تيرن جون چهنبون رڪ مان جوڙيندا هئا. رگ ويد جي منڊل ڇهين (75،11) ۾ ”ايومکم“، (Ayo-Mukham) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي لوهه جي منهن (چهنبن) وارو. هن مان پڌرو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي رڪ جي راسين (نوڪرن) وارا تير ڪم ايندا هئا. اهو رواج پوءِ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين ساندهه هلندو آيو، جنهنڪري شاهه صاحب به چيو آهي ته:*

    ”پنهونءَ جي پيڪان جون راسيون منجهان رڪ“.
    شاهه
    جيئن وقت ويو گذرندو، تيئن سنڌو ماٿر جي رهاڪن تير اندازيءَ ۾ حيرت جهڙي ترقي ڪئي. انهيءَ ڳالهه جو ججهو ذڪر مها ڀارت ۽ ڪن پراڻن ۾ آهي، جي رگ ويد واري زماني کان گهڻو پوءِ ٺهيا، تنهنڪري انهن جو ذڪر پوءِ ڪبو، هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ اڳاٽن آرين وٽ جيڪي رڪ جي راسين (نوڪن) سان تير هوندا هئا، تن سان پک به ٻڌندا هئا، ته انهن جي رفتار تکي ٿئي، پکن ٻڌل تير ڇهه مان ڇمڪندو، ڪڙڪڙ ڪندو ويندو هو. هيءَ ڳالهه رگ ويد جي منڊل ڇهين جي سُوڪت 75 ۾ ڄاڻايل آهي. مطلب ته سڪار ڪرڻ لاءِ ماڻهو اول جهڙا تهڙا تير ڪمان جوڙيا ۽ پوءِ تير اندازيءَ ۾ حيرت جهڙي ترقي ڪيائون. ماڻهو پوءِ ڌڻ ڌارڻ سکيا. انهيءَ چوپائي مال سندن حوصلو ڪيتري قدر وڌايو، سو احوال نهايت مکيه آهي.
    ڌڻ ڌارڻ جو رواج: آڳاٽا لوڪ اول ڏٿ ۽ شڪار تي گذران ڪندا هئا، ته اهو گويا اڪاسي ورت هو. ڪنهن وقت پاري پوڻ سبب وڻ ٽڻ سڙي ويندا، ته ڏٿ ملي ڪين سگهندو. شڪار به ڪنهن وقت هٿ ايندو، ته ڪنهن وقت نه به ايندو، ته به پيٽ ڪين ڇڏيندو. پوءِ ته ماڻهو بُک ۾ ڇتا ٿي هڪ ٻئي جو چڪين ماس ڇنندا ۽ آدم خور ٿي پوندا. آدم خوريءَ جو بنياد پيو ئي بک منجهان. انهيءَ سبب چئبو ته چوپائي مال مان انسان زآت تي وڏو ئي احسان ڪيو آهي، جو انهيءَ ماڻهن کي آدمخور ٿيڻ کان بچايو ۽ ترقيءَ جي راهه ۾ قدم وڌارايو.

    ماڻهن اول ڪهڙا ۽ پوءِ ڪهڙا چوپايا ڌاريا، سا ڳالهه ڪنهن به ڪتاب ۾ کليءَ ريت ڄاڻايل ڪانهي؛ پر يجر ويد جي تئسترييه براهمڻ گرنٿ (177، 1،4-6) مان اهڃاڻ ملي ٿو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پرجا پتيءَ (برهما) ماڻهن ۾ پهريائين براهمڻ خلقيا ۽ جانورن ۾ ٻڪريون؛ پوءِ کتري ۽ رڍون، ۽ انهن کانپوءِ وئش ۽ گايون پيدا ڪيائين، ۽ پڇاڙيءَ ۾ شودر ۽ گهوڙا خلقيائين“، هن منجهان ڪيترن عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته آڳاٽن آرين درجي وار ڄاڻايو آهي ته ماڻهن اول ٻڪريون، پوءِ رڍون ۽ انهن کانپوءِ گايون ڌاريون، ۽ انهن کانپوءِ گهوڙا ڌاريائون. هن مان اها به سڌ پوي ٿي ته چوپائي مال ڌارڻ ۾ ماڻهن اول ٿوري تڪليف ورتي ۽ پوءِ وڌيڪ تڪليف وٺڻ تي پاڻ کي هيريائون.
    ٻڪري سڀاءَ جي ماٺيڻي آهي. اُها جهلڻ به سولي ته پالڻ به سولي. ان لاءِ نڪو آهر ٺاهڻو پوي، نڪا ڪونڊي جوڙڻي پوي. جيڪو به گاهه مليس سو کائي وڃي. چوڻي به آهي ته ”اُٺ واري اَڪرو، ٻڪري واري ڪاڪرو“، يعني اُٺ اَڪ جو ٻوٽو ڪونه کائي، (ٻيا سڀ وڻ ۽ ٻوٽا کائي) ۽ ٻڪري ڪڪرو ڪونه کائي، باقي جيڪو به گاهه مليس، سو رڙڪي وڃي. ٻڪريءَ مان سک به گهڻا. کير به ملي ته گوشت به ملي. ٻڪري جي کل مان سانداريون ۽ ٻيون شيون ٺاهيندا آهن، ۽ ان جي ڏاس وٽي نوڙيون ڪندا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ اڄ تائين ڪيترا رڳو ٻڪريون ڌارين. جبل جا ماڻهو ڏسو ته مانيءَ کائڻ مهل هڪ ٻڪري اڳيان بيهاري ڇڏين. هڪ هڪ گرهه چٻاڙيندا، مٿن ٻڪريءَ مان گوهو پنهنجي وات ۾ هڻندا وڃن! ماني اجهو ائين کائين.
    ٻڪرين کانپوءِ ماڻهو رڍون ڌارڻ لڳا؛ پر انهن جو اصلوڪو ماڳ روهه ولايت يا جابلو ملڪ آهي. اهي سڀ ڪنهن کي سولائيءَ سان هٿ به نه اچي سگهن، تنهنڪري انهن جي ڌارڻ جو رواج پوءِ عام ٿيو. قديم آريه لوڪ دنبي جو گوشت دل ڪري کائيندا هئا، (رگ ويد منڊل ڏهون 27،17). رڍن ۽ گهيٽن جي اُن مان پوءِ کٿا، لويون، ڪمريون وغيره جوڙيندا هئا، ۽ اهو رواج اڄ تائين هليو اچي. ٿري ماڻهو اڄ تائين کٿا ۽ لويون ڍڪين ٿا، جنهنڪري سنڌي شاعرن کين ”کٿيرا“ يعني کٿو ڍڪيندڙ ۽ لوئرياڙا“ يعني لوئي پهريندڙ سڏيو آهي.
    ٻڪرين ۽ رڍن کانپوءِ گاين ڌارڻ جو رواج پيو، گايون جيستائين جهنگلي آهن، تيستائين شوخ آهن ۽ جهلڻ ڏکيون آهن. هڪ واريءَ پالجين ٿو ته پوءِ سڀاءُ جيڪي سو ٺريو ٿڌو ٿئين ٿو. انهيءَ هوندي به ڪي گايون ”کٽر“ ٿينديون آهن. انهنکي ڏهبو آهي ته کيٽو ڪنديون آهن. ويجهو وڃبو ته گانءِ جي لت جو ٺڪاءُ پيو پوندو. ڪي ارڳيون گايون خود پنهنجن ڦرن کي به کير ڌائڻ ڏکيو ڏين. گاين جي ٽهل به گهڻي ڪرڻي پوي ٿي، جهنگ چري اينديون، تنهن کانپوءِ کڙ ڪتر وغيره کپين. هڪڙو جهلڻ ڏکي، ٻيو پالڻ ڏکيو، تنهنڪري گاين ڌارڻ جورواج پوءِ پيو، پر کير ۽ مکڻ ته ڳائو! ويلي ويلي تي گايون کير به جام ڏين، انهيءَ چوش وچان ماڻهن تڪليف جو خيال ڪونه ڪيو ۽ ڳائو مال ويا ججهو هٿ ڪندا. انهيءَ مال سندن ايترو ته ڌيان ڇڪيو، جو خود ماڻهن تي گوپال، گوند (گوبند)، گتم، گوپ، گوپي وغيره نالا رکيائون. ”گسائين يا گوسائين“ لفظ اصل ۾ آهي ”گوسوامن“ (گوسوامي) يعني گاين جو مالڪ، ۽ پوءِ مٽي ٿيو ”سائين، ڌڻي، حاڪم“. هڪ ساڌن جو فوٽو انهيءَ نالي سان سڏجڻ ۾ آيو. جهڙوڪ: گوسائين سواجگر“ گاين ڌارڻ جو رواج انهيءَ نهايت قديم زماني جو آهي، جنهن زماني ۾ هندستان، ايران ۽ يورپ وارا آريه لوڪ ميرو پربت طرف گڏ رهندا هئا. هن لاءِ هيءَ ثابتي آهي ته گئو، گانءِ يا ڳنءُ لاءِ هڪڙو ئي لفظ اٿن. سنسڪرت ۾ ”گو“ معنيٰ گانءِ ۽ ان جو انگريزيءَ ۾ اچار آهي ”ڪو“ (Cow) ۽ پارسيءَ ۾ ”گاو“ جيئن ”گوسائين“ لفظ جي اصل معنيٰ آهي ”گابن جو مالڪ“ ۽ پوءِ معنيٰ ٿيس ”سائين، ڌڻي يا حاڪم“ تيئن رشيا جي ٻوليءَ ۾ ”گوسپوڌار“ (Gospodar) ۽ ”گوسپودين“ (gospodin) لفظن جي آهي. هنن لفظن ۾ سنسڪرت لفظ ”گو“ بجنسي ڪم آيل آهي. *

    گاين کان گهوڙا جهلڻ وڌيڪ ڏکيا آهن، جو اهي ڊوڙ جا تمام تکا آهن. گهوڙي لاءِ سنسڪرت ۾ جيڪي لفظ آهن، تن مان عام لفظ آهي ”آشو“، جنهن جو اچار پارسيءَ ۾ آهي ”اسپ“. هن مان ظاهر آهي ته قديم ايران ۽ هندستان جا آريه لوڪ جڏهن گڏ رهندا هئا، تڏهن گهوڙي جي سڌ هين، جنهنڪري ان لاءِ لفظ ئي ساڳيو اٿن. سنڌي لفظ ”گهوڙ“ جو اچار سنسڪرت ۾ آهي ”گهوٽڪ“ (گهوٽ + ڪ)؛ پر اهو اصل دراوڙي لفظ آهي، جو پوءِ سنسڪرت ۽ سنيءَ ۾ عام ٿيو. آرين کان اڳ سنڌو ماٿر جا اصلوڪا رهاڪو دراوڙ لوڪ هئا، ۽ سنڌو ماٿر گهوڙن جي ڪري مشهور هئي، تنهنڪري ئي ”گهوڙ“ لفظ سنڌيءَ ۾ عام ٿيو. جن ڏينهن ۾ ماڻهن جو گهڻو گذران شڪار تي هوندو هو، تن ڏينهن ۾ ئي گهوڙن ڌارڻ جو رواج هو، جو هرڻ، ڦاڙها، سرهه وغيره جن جي ”چونگن واري چال“ آهي، تن جو شڪار تڏهن ڪري سگهبو، جڏهن گهوڙي تي چڙهي انهن جي پٺيان پئبو، تئسترييه سنهتا ۾ گهوڙن جو جنم شودرن سان گڏ ڄاڻايل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته ماڻهو اول شڪار جي سهنج لاءِ گهوڙا ڌارڻ لڳا هئا ۽ تئسترييه سنهتا واري زماني ۾ يعني يجر ويد واري زماني ۾ شڪار ڪرڻ شودرن جو ڪم ليکبو هو، پر اهي ئي ساڳيا گهوڙا دشمنن جي پٺيان ڪاهي پوڻ ۽ ٻين اهرن وقتن تي نهايت ڪارائتا ٿين ٿا، تنهنڪري انهن ڪمائتن جانورن جو پوءِ ايترو مان ٿيو، جو خود راجائون پنهنجي سواريءَ لاءِ گهوڙا ڪم آڻڻ لڳا، راجائن بلڪ ديوتائن تي به ”آشو“ (پارسي آسپ) يعني گهوڙي جا نالا رکڻ لڳا، جهڙوڪ اشوپتي ۽ اشوني ڪمار، اُٺن، گڏهن، مينهن، سانن ۽ هاٿين، وغيره ڌارڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو ٿو ڏسجي.

    مٿي جيڪي چيو ويو آهي تنهن مان معلوم ٿيندو ته آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا، ته کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوست ملڻ جو سهنج ٿين، جنهنڪري بک جو سوال گهڻي قدر حل ٿي ويو ۽ ماڻهو آدمخور ٿيڻ کان بچي پيا، چوپائي مال ڌارڻ کانپوءِ ماڻهن جو حوصلو ويو وڌندو. چوپائي مال جي کلن مان تنبو، سانداريون ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لڳا، جنهنڪري مينهن ۽ سيءَ ۾ بچاءَ ٿيين. اڄ تائين ڪيترا پوستين پهرين ٿا. هرڻن جو شڪار ڪندا هئا، ته انهن جي سهڻي کل به پهريندا هئا. مرگ ڇالا يعني هرڻ جي کل ڪم آڻڻ جو رواج ڏينهون پوءِ وڌندو رهيو. اُن، ڏاس، ماس وغيره مان کٿا، لويون، خرزينون، ٻورا ۽ ٻيا ٽپڙ ٺاهڻ لڳا ۽ ائين هنرن جو واڌارو ٿيو.
    نهايت قديم زماني ۾ ماڻهو پٿر ۽ وڻن جا ڏار ٽار هٿيار ڪري ڪم آڻيندا هئا (صفحه 158)؛ پر پوءِ ڌڻ ڌارڻ سکيا، ته جانورن جا هڏا به هٿيار ڪري ڪم آڻڻ لڳا. رگ ويد جي منڊل ستين (1،83) ۾ ”پرشو“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي هاڻ معنيٰ آهي ”ڪهاڙو“، پر اصل معنيٰ هيس ”پاسريءَ جو ڪندو“. ويدن جي براهمڻن ۾ ”آشو پرشو“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهنجي معنيٰ آهي، ”گهوڙي جي پاسريءَ جو ڪنڊو“ ۽ اهو گاهه وڍڻ لاءِ ڏاٽو ڪري ڪم آڻيندا هئا. رگ ويد جي منڊل ستين (1.83) ۾ ”پرٿو پر شوهه“ لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ ويڪرو ڪهاڙو هو، جنهن سان جنگ مهل دشمن جي سسي لڻي وجهندا هئا. شينهن ڦاسائڻ لاءِ ڄار ڪم آڻيندا هئا. ۽ وقتي گهڻا ڄڻا گڏجي شينهن تي تيرن جو وسڪارو لائي انهن کي ماري پورو ڪندا هئا. *

    قديم سنڌين جي دولت (چوپايو مال): آڳاٽا لوڪ ڌڻ ڌارڻ سکيا ته انهيءَ چوپائي مال سندن حوصلو ٻيءَ طرح به وڌايو. ”فلاڻو وهٽ منهنجو آهي“. اهو مالڪيءَ جو خيال ماڻهن ۾ پيدا ٿيو. انهيءَ قديم زماني ۾ ماڻهن وٽ ٻي ڪا ملڪيت هئي ڪانه؛ ويتر چوپائي مال جي کير، ڏڌ، مکڻ ۽ گوشت تي سندن گذران هو، تنهن ڪري چوپائي مال جهڙي ٻي قيمتي ملڪيت سندين نظر ۾ ڪانه هئي. اڄ به ڪيترن جي مکيه دولت آهي. چوپايو مال، جنهن ڪري چون ته ”سون جي رتيءَ کان رت جي رتي چڱي“ يعني ٿورڙي روڪڙ ناڻي کان ٿورو چوپايو مال وڌيڪ آهي.
    ________________________________________
    * "There were three distinet ages-the ancient, the Mediaeval and the later-during which the Reg. Vedic mantras were composed (Reg Veds III, 32,13, VI,21, 5)" Dr. A.C. Das: Reg vedic Culture, p.40.
    * "The broken branch became the first weapon. It was the father of all clubs." Prof. Henry Drummord: the Ascent of Man, Chapter VI.
    ** قديم پارسي ٻوليءَ ۾ ”تيگر، لفظ ڪم ايندو هو، تنهن مان پوءِ ”گ“ اکر حذف ٿي ويو، ته اُچار ڦري ٿيس ”نير“؛ پر سنڌيءَ ۾ ان جو اچار ڦري ”نينگر“ به ٿيو. هن وقت اهو لفظ سنڌيءَ ۾ عام ڪونهي
    * سنسڪرت لفظ ”شونگ“ جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”سڱ“ (Horn) ۽ ان مان ”شارنگ“ لفظ ٺهيو آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”سينڱ“؛ پر بنيادي معنيٰ اٿس ”سڱ مان ٺهيل“. سنڌيءَ مان ”سڱ“ جو اچار ڦري ”هڱ“ به ٿيو آهي، ۽ معنيٰ اٿس ”سڪل ادرڪ“، جا هرڻ جي سڱ وانگر وراڪن سان يا پيچيندار ٿئي ٿي. سنسڪرت ۾ به ”شارنگ“ لفظ جي معنيٰ اهي ”سڱه“ توڙي ”هڱه“. (مصنف)
    * Henry StanleyL Through Darkest Africa
    * "The Sanskrit name of the cow is Go, plural Gavas, and this short radical we find running, with the modifications consequent on the character of each, through most of our languages; old German chuo, modern German kuh, English cow. The Slavic branch has preserved it, like a great many others, in the form most resembling the original. Thus Old Slavic has govyado, a herd; modern Servian gove-dar, a cow-herd; Russian govyadina, - beef, the flesh of cows and oxen, then gospodin master: gospod (i), the Lord: gospodar, the title given to South Slavic rulers all meaning originally "master of cows," and corresponding to the old Sanskrit gopy, which first means a herdsman, and later a chieftain, a king." Z.A Ragozin: Vedic Indian, pp. 63-64,
    * ”پرسرام“ (پرشورام) معنيٰ اهو رام جنهن جي هٿ جو هٿيار ڪهارو هجي.
    ”ڌن“ لفظ جي هاڻ معنيٰ آهي ”دولت“؛ پر اصل معنيٰ هيس ”ڌڻ“. پوءِ جڏهن ماڻهن کي ٻيءَ ملڪيت ميڙڻ جي چوش آئي ۽ سون چانديءَ وغيره جا سڪا ٺهيا، تڏهن ”ڌن“ ۽ ”ڌڻ“ لفظ جي معنائن ۾ ڦير پيو.
    ”ڌڻ“ ته ڌڻي؛ نه ته وڪڻ کڻي“ (پهاڪو)
    ”ڌڻي“ لفظ جي به اصل معنيٰ هئي ”ڌڻ وارو“ ۽ پوءِ ”ڌڻي“ معنيٰ ڌن وارو يا شاهوڪار، ڌڻي معنيٰ مالڪ (ڪهڙي به ملڪيت جو) ۽ ڌنار (ڌڻار) معنيٰ ٿي ڌڻ وارو، مطلب ته جيئن جدا جدا قسمن جي ملڪيت ماڻهن جي ترقيءَ سان ههڙن لفظن جي معنائن ۾ به ڦير پيو. ماڻهن جي ترقيءَ سان ٻوليءَ جي ترقي انهيءَ ريت گڏوگڏ ٿئي ٿي.
    هر ڪنهن ماڻهوءَ جي غريبيءَ توڙي شاهوڪاريءَ جي سڌ سندس چوپائي مال مان پوندي هئي. اڳي ماڻهو ڀاڳ وارو سمجهندا ئي انهيءَ کي هئا، جنهن وقت گاين، مينهن وغيره جا ڌڻ هوندا هئا. هن وقت به جڏهن چئون ته ”فلاڻو ڀاڳيو آهي“ ته ان جي معنيٰ ته ”شاهوڪار آهي“، جيڪڏهن چئون ته ”فلاڻي ڀاڳئي کان کير وٺي اچ“ ته اتي ”ڀاڳيو“ معنيٰ مالدار“ جنهن وٽ گايون مينهون هجن.

    رگ ويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ چوپايو مال نهايت ڀلو هوندو هو. اڄ به ڪوهستان، خاص ڪري ٿاڻي بولاخان ۽ ملير جون، توڙي سڄي ٿر ڊويزن جون گايون اهڙيون ته ڀليون آهن، جو ڪيتريون ته ويلي تي ڏهه ڏهه سير کير ڏين ٿيون، جنهنڪري اتر ڏي ڄمون ۽ ڪشمير ۾، ڏکڻ ڏي مدراس کاتي ۾، ۽ دور پورب ۾ فليپائين ٻيٽن ۾ سنڌ جي گاين جو وڪرو چڱي ناڻي تي ٿئي ٿو. سرحد سنڌ جا ڍڳا به ناميارا آهن ۽ ٻاهريان ماڻهو انهن لاءِ چڱيون رقمون ڏيندا آهن. ويجهڙائيءَ ۾ ”پرتاپ“ نالي هڪ ڍڳو سنڌ جي گورنر سر لانسيٽ گرهام پاڻ نيلام ڪيو، ته ماڻهن هڪ هزار رپين کان وڏا واڪ ڏنا. ههڙي قيمتي ماليءَ ۾ اڄ به اسانجن ماڻهن جو ساس پران ايتري قدر آهي، جو پنهنجي سر تي ڪهڙي به سختي قبوليندا، پر پنهنجي چوپائي مال تي ڪک پيو به ڪونه سهندا. انهيءَ چوپائي مال ماڻهن جي جيوت ۾ وڏو ڦيرو آندو. اڳي ڏٿ ڏورڻ ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ پيا ڀٽڪندا هئا ۽ ڏکئي جيوت گذارڻي پوندي هين، پر پوءِ چوپائي مال جي چاري جو وڏو اونو ٿين ته چراگاهن وٽ ڳوٺڙا ٻڌڻ لڳا.
    ڳوٺ ۽ چراگاهه: رگ ويد واري زماني ۾ آريه لوڪ اڪثر ڳوٺڙن ۾ رهندا هئا. جيئن اڄ به هندستان جو ڳچ آدم ڳوٺڙن ۾ گذاري ٿو. سچو پچو هندستان آهي ئي ”ڳوٺاڻي جيوت وارو هندستان“. ڳوٺ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گوشت“ (گوسٿا) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”اهو هنڌ جتي گايون بيٺيون هجن“. گايون اتي بيهاريبيون، جتي سندن لاءِ چارو موجود هوندو، تنهنڪري ”ڳوٺ“ لفظ ۾ چراگاهه جي معنيٰ سمايل آهي. انهيءَ سبب رگ ويد ۾ ڪن هنڌ ”گوشت“ (ڳوٺ) بدران ”ورج“ (برج) (Varaji) لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”اهو هنڌ جتي گايون چارجن“. اڄ به اکين سان ڏسجي ٿو ته ٿورا ڀائر يا سنگتٿي، جتي مال لاءِ چارو مئُو ڏسن، تتي ڀنگيون اڏي، مال سميت وڃيو رهن، ۽ اهو سندن ڳوٺ سڏجي ٿو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته آڳاٽا لوڪ ڳوٺن ٻڌڻ مهل اول اونو مال جي چاري جو ڪندا هئا. چوپائي مان مان به مکيه مال گايون سمجهيائون ٿي، تنهنڪري ”گو“ (گانء) لفظ مان ”ڳوٺ“ لفظ ٺاهيائون، جو اصل ۾ گاين جي چاري لاءِ هو، پوءِ ڀلي ته گاين سان گڏ ٻيو مال به پيو چڙهه ڪري، ڳوٺن جي حدن ٺهرائڻ لاءِ هر هڪ ڳوٺ جي چوڌاري وڻ پوکيندا هئا. اڄ به ائين آهي، جنهنڪري هرڪو پنهنجي وطن جا وڻ پريان ئي سڃاڻي سگهي ٿو. مال جي چاري لاءِ چراگاهه ڳوٺن جي اندر يا انهن جي پسگردائيءَ ۾ هوندا هئن. چراگاهن ۾ سڀني مالدارن جو مال گڏ پيو چرندو هو، تنهنڪري چوپائي مال جي ڪنن تي ڪو نشان ڪري ڇڏيندا هئا، جيئن سڃاڻڻ سولو ٿئي ته ان جو مال ڪير آهي، رگ ويد منڊل ڇهون (3،28) ڏاندن جي سڱن جون چهنبون تکيون ڪري ڇڏيندا هئا (منڊل 6، 16، 139)، ۽ انهن ۾ ڪي زيور (ڪنٺيون وغيره) اٽڪائي ڇڏيندا هئا. (منڊل 8، 54، 10) *

    ڌڻ ڌارڻ ڪري ماڻهن جون جوابداريون وڌيون. صبح جو سويل اونو ڪري مال سان پهرجي ويندا هئا، ۽ مال جي هر طرح سنڀال ڪندا هئا. انسترييه براهمڻه ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو ڏينهن ۾ ٽي گهمرا مال سان پهرجي ويندا هئا؛ صبح، منجهند ۽ سانجهيءَ. ڏهائي ٻه ٽي ڀيرا ڪندا هئا؛ پهرين ڏهائي ڪرڻ سان کير ججهو ملندو هون ۽ ٻين ٻن ڏهائين ڀيري ٿورو. مال سان پهرجي ويندا هئا. ته ڪتا ساڻ هوندا هئن، ۽ رات جو به ڪتا سندن درن جا دربان هوندا هئا. رگ ويد ۾ جن ڪتن جو ذڪر آهي، سي نهايت قداور هوندا هئا، ۽ ماڻهو وقتي مٿن بوجو لڏيندا هئا. (منڊل اٺون 46، 28). ڪتا به اهڙا زبردست هوندا هئا، جو شينهن سان به لڙندا هئا، سڪندر اعظم جي ڪاهه وقت يونانين اهڙا ڪتا هندستان ۾ ڏٺا هئا؛ تنهنڪري يوناني تاريخ نويسن به انهن جو ذڪر ڪيو آهي. آڳاٽا ماڻهو اهي جبرا ۽ قداور ڪتا داردستان (ڪشمير“ گلگٽ، چترال وغيره) کان آڻيندا هئا. ايران ۽ بئبلان جا رهاڪو اهي ڪتا هندستان مان گهرئيندا هئا ۽ انهن لاءِ چڱي خاصي رقم ڏيندا هئا. *

    مال جي بچاءُ لاءِ ڪتا ساڻ کڻندا هئا، ته به آسماني واهر جي ضرورت سمجهندا هئا، ڏينهن جو ديوتا ”؟سورج“ آهي، تنهن کي ”پوُشڻ“ سڏيندا هئا. سج جي روشنائيءَ تي گاهه وغيره اُڀرن ٿا ۽ جڳت جو پالن پُوشن ڪرڻ وارو اهو ئي ديوتا آهي، تنهنڪري اهو نالو رکيائونس. سج جي روشنائي تي سنئين راهه جي سڌ پوي ٿي. ڪو جهنگلي مرون يا چور مال تي ڪاهي ايندو ته سج جي روشنائيءَ تي پريان ئي ان جي اچڻ جي سڌ پوندي. اهڙن سببن ڪري هو پل پل سورج ديوتا کي آراڌنا ڪندا هئا ته ”اي پُوشڻ ديوتا، تون اسان جي واٽ سولي ڪر. اسان جي راهه ۾ جيڪي اٽڪون هجن، سي تون دور ڪر. اي ڪڪرن مان پيدا ٿيل ديوتا! تون اسان جو اڳواڻ ٿي. جيڪي نڀاڳا بگهڙ اسانجي راهه ويٺا تڪين، ۽ اسان کي نقصان رسائڻ ٿا چاهين، تن کي تون پاسي ڪر. جنهن رهزن کي مدي من ۾ آهي، تنهن کي تون دور ڪر. تون اسان جو راهه ۾ رهبي ٿي، اسان کي اهي هنڌ ڏيکار، جتي مال لاءِ چارو مئو هجي. تون پنهنجي اهڙي شڪتي ڌار، جو اسان جي مٿان سويل ئي ڏينهن نه تپي. تون اسان کي مالا مال ڪر، اسان کي کاڌو رساءِ ۽ اسان جو ٻل وڌاءِ“ وغيره، (رگ ويد مندل ڇهون 53). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته مال جي اوني ماڻهن ۾ پرارٿنا ڪرڻ جو انگ پيدا ڪيو ۽ ائين مالڪ مهربان ۾ ويساهه وڌندو وين.
    مال جي چوري: اڳي ماڻهن جي دولت چوپايو مال هو، ته چوري به چوپائي مال جي ٿيندي هئي، (رگ ويد منڊل ڇهون 28)، اڄ به ٻهراڙين ۾ مال جي چوري عام آهي. چورن ۽ جهنگلي جانورن جي خوف کان آڳاٽا ماڻهو نه رڳو ڌڻيءَ کي آراڌنائون ڪندا هئا؛ پر پنهنجا به جوڳا جتن ڪندا هئا. هن باري ۾ آڳاٽا آرين جيڪي اُپاءُ ڪيا، تن مان ڪن مکيه اُپائن جو ٿورو ذڪر ڪجي ٿو، جو انهن سان هندن جي جيوت جو وڏو ئي واسطو آهي، ۽ انهن مان پنگتي حالت جو پتو پوي ٿو.

    هڪ هنڊي يا گڏيل ڪٽنب جي رواج جو بنياد رگ ويد واري اوائلي زماني ۾:
    نڪا هئي سرڪار نڪي هيون فوجون ۽ سپاهي؛ تنهنڪري ماڻهو پنهنجو ۽ پنهنجي چوپائي مال جو بچاءُ پاڻ ڪندا هئا. مال جي بچاءَ جي اوني منجهن جنگي ڀاءُ پيدا ڪيو. صبح کان وٺي رات تائين تير ڪمان ساڻ هوندا هئن. ڪو جهنگلي مرون يا رهزن ڏسندا هئا ته پريان ئي تيرن جي سٽ سٽ لائيندا هئا؛ جنهنڪري ڪوبه اوڏو ڪونه ايندو هون. پر وقتي هڪڙو ڄڻو پنهنجو توڙي مال جو چاءِ نه به ڪري سگهي؛ انهيءَ سبب گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌائون. هرڪو ائين چاهيندو هو ته پٽ، پوٽا ۽ ٻيا ڀاتي گهر ۾ گهڻا هجن، ته وقت تي مدد ڪن ۽ آڪهه جو نالو به قائم رکندا اچن. اهڙين ضرورتن زالن ۾ به مردانگي پيدا ڪئي، ۽ هو ويرتا جو ججهو قدر ڪرڻ لڳيون. جوان ڇوڪريون به انهن سان پرڻجڻ چاهينديون هيون، جي جنگي جوڌا هوندا هئا. مردن وانگر زالون به تيراندازي ۽ رٿ هلائڻ سکنديون هيون، ته چورن ۽ ڌاڙيلن جي پٺيان ٺهه پهه وڃي سگهجي. مثلاً نل ۽ دمينتيءَ جي ڌيءَ اندر سينا، مد گل نالي هڪ رشيءَ سان پرڻيل هئيتنهن ڪري ”مد گلاني“ به سڏبي هئي. هڪ لڱا ڪي چور سندس مال ڪاهي ويا، ته مد گل رشي توڙي سنديس استري پٺيان پين چورن رشيءَ کي سوڙهو جهليو، ته مد گلانيءَ پنهنجي مڙسي جا تير کڻي، تڪڙو تڪڙو رٿ ڪاهي، چورن کي ڪاري زخم رسايا ۽ کين شهه ڏيئي پنهنجو سمورو مال موٽي هٿ ڪيائين، (رگ ويد منڊل ڏهون 102). مطلب ته مال جي بچاءَ جو هڪجهڙو اونو هون ۽ ننڍڙي هوندي ئي تيراندازي ۽ رٿ ڪاهڻ سکندا هئا. *
    وقتي ماءُ پيءَ جي جيئري خود ڀائر پاڻ ۾ وڙهي ڍانگا ٿي پوندا هئا، ته پيءَ پنهنجيءَ ملڪيت مان پاڻ لاءِ ۽ پنهنجيءَ زال لاءِ حصو رکي، باقي ٻي ملڪيت ورهائي ڏيندو هون، (رگ ويد منڊل ٽيون 45، 4) هيئن به ٿيندو هو ته جڏهن ڪنهن جو پٽ پرڻبو هو، تڏهن کيس ۽ جوڻس کي ڌار گهر، يا جدا ڪوٺي. رهڻ لاءِ ڏيندا هئا؛ پر کائيندا پيئندا گڏ هئا. انهيءَ ريت هڪ هنڊي يا گڏيل ڪٽنب جو رواج ايتري قدر عام ٿيو، جو اڄ به جيڪڏهن ڪو هندو، چوندو ته مان کائڻي پيئڻيءَ توڙي ملڪيت ۾ مائٽن کان ڌار آهيان ته ان لآءِ ثابتيءَ جو بار مٿس آهي، نه ته هندن جي قائدي موجب ڪورٽ ائين فرض ڪندي ته هو گڏيل ڪٽنب جو ڀاتي آهي ۽ ملڪيت به گڏيل اٿن. اهو رگ ويد واري زماني جو رواج اسان جي ڏسندي به زور هو. ڪنهن گهر ۾ چار پنج ڀائر هوندا هئا ۽ منجدهائن ڪو بيروزگار هوندو هو، ته گڏيل هنڊيءَ مان کائي چڙهندو هو، ۽ ٻيا ڀائر ائين ڪونه سمجهندا هئا.ته هيءَ ڪو اسان تي بوجو آهي بيروگار ڀاءُ کي پالڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. ويجهڙائيءَ ۾ نئون واءُ لڳو آهي. ڪيتريون جوان ڇوڪريون هينئر ائين چاهين ٿيون ته رڳو ونو ۽ ڪنو هجي. انهيءَ تان هاڻ چوڻي به آهي، ته ”ڀڳوان تنهنجو ٿورو، مڙس ڏجانم ڇورو“. مطلب ته سس سهرو ڪونه کپي هينئر اڪثر هرڪو آپيخطاني آهي، ۽ هر ڪنهن جو ڏيڍ چانور ڏُور پيو رجهي، ته به ڪورٽن ۾ قاعدو اهو ئي اڳئين زماني وارو چالو آهي.

    گوتر ۽ نکون: آڳاٽن ماڻهن پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءُ سانگي گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌو، ته به پورت ڪانه پين پوءِ ته هڪڙي اهڙي اٽڪل ڪيائون، جا ٻيءَ ڪنهن به قوم کي خيال ۾ نه آئي، پنهنجن گهرن ۽ مال جي وٿاڻن جي چوڌاري وڏيون ڀتيون کنيائون، ته ڪو جهنگلي جانور يا چور چڪار آسانيءَ سان اندر اچي نه سگهي. اهو عالم پناهه وارو هنڌ ”گوتر سڏبو هو. رشي اڪثر گهڻا گهر پرڻيا هئا، تنهنڪري آڪهه وڏي هوندي هين. هر هڪ رشي وٽ چوپايو مال به اڪثر ججهو هوندو هو، تنهنڪري هرهڪ رشي پنهنجو گوتر ڌار جوڙيندو هو، جنهن ۾ سڀ ڀاتي مال سميت رهندا هئا. جن ماڻهن جي آڪهه ننڍي هوندي هئي. ۽ چوپايو مال ٿورڙو هوندو هون، تن مان ڪي گڏجي، پنهنجي لاءِ هڪ يڪو گوتر ٺاهيندا هئا، جو گوتر جوڙڻ وڏو ڪشالي جو ڪم هو.
    جرمنيءَ جي نامور پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب ”گوتر“ لفظ ۾ ”گو“ معنيٰ گانءِ ۽ ”تر“ اُهو لفظ آهي، جنهن جو اچار ائنگلو سئڪسن ٻوليءَ ۾ ”ٽن“(Tun)، ۽ انگريزيءَ ۾ ”ٽائون“ (Town) (شهر) آهي. هرهڪ گوتر جي اندر ڄڻ ته شهر ٻڌل هوندو هو، جنهن ۾ ماڻهو مال سميت بافرحت گذاريندا هئا.
    گوترن اندر جيڪي رهندا هئا، سي رڳو پڳو ساڳي آڪهه وارا ڪين هوندا هئا. سڀڪنهن جي آڪهه پنهنجي پنهنجي هوندي هئي؛ پر گوتر ساڳيو هوندو هون، تنهنڪري اهي ڄڻ ته هڪ وڏي ڪٽنب جا ڀاتي هوندا هئا، ۽ هڪٻئي کي پنهنجو سوٽ يا برادريءَ وارو ڪري سمجهندا هئا. انهيءَ سبب ”گوتر“ لفظ جي معنيٰ ٿي ”آڪهه يا برادري“. اڄ به سنڌيءَ ۾ ”ڳوٽي“ گوتري معنيٰ ”برادريءَ وارو“. برادرين جو بنياد ائين پيو. ڏسو ته گوترن مان ڪيئن ڀائپيءَ جو انگ وڌايائون.
    هرهڪ گوتر جو جيڪو مکي يا پريو مڙس هوندو هو، سو ”گوتر“ پتي“ يعني گوتر جو ڌڻي سڏبو هو، ۽ سڄو گوتر سندس نالي پٺيان ڪوٺبو هو. گوترن جو بنياد اول رشين وڌو هو، ۽ هرهڪ رشيءَ جو گوتر اڪثر ڌار هوندو هو. هاڻوڪا براهمڻ انهن رشين جو اولاد آهن. تنهنڪري براهمڻن جا جيڪي به گوتر (خاندان) آهن، تن سڀني تي رشين جا نالا پيل اهن، جن مان خبر پوندي آهي ته هو ڪهڙي رشيءَ جو اولاد آهن. وسشٽ، ڪيشپ، آتري، جمد گني، گوترم، وشوامتر ۽ ڀردواج، اهي سپت (ست) رشي وشنو پراڻ پٽاندر مکيه آهن. پراڻن ۽ منوسمرتيءَ ۾ ٻين به ڪيترن رشين جا نالا ڄاڻايل آهن. گوترن ۾ جيئن آڪهيون وييون وڌنديون، تيئن انهن کي ننڍن دفعن ۾ ورهائڻ جي ضرورت ٿهي، ائين گوترن کي ”نکن“ ۾ ورهايائون. مثلاً ڪيشپ رشيءَ جي گوتر واري جون نکون ڪنيئا، ڪانجا ۽ ڪاڪوئا اهن. گوتم رشيءَ جي گوتم مان آوير، اُديچه ۽ آئن نکن وارا براهمڻ آهن. هرهڪ نک جون گهڻيون آڪهيون هونديون هيون. کترين ۽ ٻين به پوءِ پنهنجا گوتر ٺاهيان ۽ انهن جون به ڌار ڌار نکون ٿيون. مثلاً حيدرآباد جي اڏواڻي آڪهه وارن جي نک ”مگهو کتري“ آهي. ٿڌاڻي اڪهه وارن جي نک ”ڀاڳيا“، رامچنداڻين جي نک ”دلڙي“ ۽ سپاهيملاڻي آڪهه وارا ”ناگ ديو“ نک جا آهن. آهوجا ۽ ماکيجا به نکن جا نالا آهن. گوترن جوڙڻ جو رواج پهريائين پهريائين سنڌو ماٿر ۾ پيو ۽ هي رواج اصل اُتي جا آهن.
    سگوتر ۽ سپنڊ: ڪن ڪن گوترن جي اندر جيتوڻيڪ جدا جدا آڪهين وارا رهندا هئا؛ پر گوتر ساڳيو هوندو هون، تنهنڪري اهي ”سگوتر“ يعني ساڳي گوتر وارا سڏبا هئا. اُهي گوتر پتيءَ کي پنهنجي پيءُ جي سمان ڪري سمجهندا هئا ۽ کيس ججهي عزت ڏيندا هئا، اُهي هڪٻئي جي زالن ۽ نياڻين کي پنهنجي ماءُ ڀيڻ جهڙو ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري هندن جي قديم قاعدن پٽاندر اڄ تائين ”سگوتر“ يعني ساڳي گوتر وارا پاڻ ۾ شادي ڪري نٿا سگهن. هي ڀائپيءَ جو انگ وڌائڻ جون واٽون آهن. ساڳيءَ ريت ”سپنڊ“ وهانءَ جي به منع ڪيائون. ”پنڊ“ معنيٰ سرير يا جسم ۽ ”سپنڊ“ معنيٰ اُهي جي ساڳي سرير مان پيدا ٿيا هجن، ۽ ساڳيو پنڊ ڀرائيندا هجن، اولاد پنهنجي ماءُ پيءَ جي انس آهي ۽ ماءُ پيءُ ۾ خود سندن مائٽن جو رت آهي. ساڳيو رت چڱي رت نه ڦهلندو، تنهنڪري منو سمرتيءَ پٽاندر پيءُ جي طرف ستن پيڙهين ۽ ماءُ جي طرف پنجن پيڙهين کان ٻاهر پرڻجڻ گهرجي. انهن سببن ڪري براهمڻن لاءِ خاص طرح حڪم جاري ٿيو ته ڏهاڙي هرڪو براهمڻ پنهنجي گوتر؛ نک ۽ پرور (ڪٽنب) جو نالو اُڌاري ته ياد رهيس، ته سندس اصل نسل ڪهڙو آهي. انهن نالن اُچارڻ جي هڪ مکيه مراد هيءَ هئي ته ساڳي گوتر مان ڪو ڪونه پرڻجي. هن مان ظاهر آهي ته آڳاٽن لوڪن ۾ غيرت جو انگ ججهو هو، جنهنڪري جيڪي ڇوڪريون سندين ويجهيون مائٽياڻيون هونديون هيون، تن کي پنهنجي ڌيءَ يا ڀيڻ جهڙو سمجهي، انهن سان شادي نه ڪندا هئا؛ پر اڄ ڪالهه ڪي هندو ڏاڏي پوٽي به پيا پرڻجن! مطلب ته غيرت جو جيڪو انگ آڳاٽن هندن ۾ هو، سو هاڻوڪن هندن مان گهڻبو پيو وڃي.
    رگ ويد جي اوائلي زماني ۾ سڀ ماڻهو گوترن اندر ڪونه رهندا هئا. ڪي خانه بدوش به هوندا هئا. کين رڳو چوپايو مال هوندو هو، ٻي نڪا ڪرت نڪا ڪار. انهيءَ سبب وسڪاري ۾ هڪ هنڌ ٿانئيڪا ٿي مال پيا چاريندا هئا. جيڪڏهن برسات نه پوندي هئي، ته پوءِ مال جي چاري سانگي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي سانگ ڪري ويندا هئا. اها حالت اڄ به ڪوهستان ۽ ٿر ۾ اکين سان ڏسجي ٿي. اهي مالدار اڄ تائين ”سانگيئڙا“ سڏجن ٿا.
    جهڙ ڦڙ جت ٿيان، اُت اَڏيائون پکڙا“.
    شاهه
    رگ ويد ۾ انهن گهرن جو ذڪر به آهي، جي ماڻهو هڪ هنڌان کڻي ٻين هنڌ ويندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل نائين (3، 24) ۾ چيل اهي ته ”جاءِ کي به اسين جوءِ وانگر پاڻ سان وٺيون وڃون!“ هن مان سمجهجي ٿو ته مال جي چاري سانگي جڏهن ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻو هوندو هون، تڏهن گهر جا پڀکا، ٽوئا ۽ لڙهيون به پاڻ سان کني ويندا هئا. ۽ جتي وڃي رهڻو هوند هون، اُتي اهي ساڳيا پکا وڃي اڏيندا هئا، اڄ به مالدار ائين ڪندا آهن. لڏپلاڻ ڪرڻ مهل گايون، مينهون وغيره ڪڍي گس تي ڪن، ته سنئين واٽ وٺي هلن، ۽ پاڻ پکا، ٽوئا، جنڊ، رليون ۽ ٻيو سامان، ڪي وهٽن تي، ته ڪي مٿي تي کڻي مال جي پٺيان وڃن. پڪيون جايون جوڙي هڪ هنڌ ٿانئيڪو ٿي رهڻ، ۽ گورن جوڙڻ جو رواج ئي تڏهن وڌيو، جڏهن ماڻهو کيتي ۽ بيا ڌنڌا ڪرڻ لڳا. جن جو جتي روزگار هوندو هو، سي تتي پنهنجا پڪا ماڳ جوڙي رهندا هئا، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”جتي هر تتي گهر ۽ جتي ماني تتي ماڳ“.
    کيتي: قديم زماني کان وٺي کيتي هڪ اُتم ڌنڌو ڪري ليکيو ويو آهي. اڄ به چوڻي آهي ته ”نيچ نوڪري، اُتم کيتي، وڌندڙ واپار“. پروفيسر مئڪس ملر جي چوڻ موجب ”آريه“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”آر“ معنيٰ ”هر ڏيڻ“ جيڪي ماڻهو زمين کي هر ڏيئي کيتي ڪندا هئا، سي ڏوٿين ۽ خانه بدوش مالدارن کان وڌيڪ سڌريل ليکبا هئا ۽ اهي ئي خانداني يا وڏا گهراڻا سمجهبا هئا. انهيءَ سبب ”آريه؛ لفظ جي معنيٰ ئي هئي شريف يا وڏو. گهراڻو. *

    رگ ويد جي منڊل پهرئين (112، 6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ٻج ڇٽڻ جو هنر اشوني ڪمار ديوتائن منو ڀڳوان کي سيکاريو“. هن منجهان ائين سمجهجي ٿو ته اڳاٽن رشين کي شايد الهام ٿيو ته ٻج ڇٽڻ ڪري پوک ٿي سگهندي. ساڳي منڊل پهرين (112، 5) ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻنيءَ کي هر ڏيڻ جو طريقو جنهن رشيءَ سڌاريو تنهنجو نالو ”پرٿوُ!“ هو، جو ”پرٿي“ به سڏبو هو. اهو پرٿو رشي ”وئنيه“Vainya يعني وين Vena رشيءَ جو اولاد به سڏيو ويو آهي، (منڊل اٺون 9، 10). هر جي چونيءَ کي ”ڦال“ چوندا هئا. (منڊل چوٿون 57، 8)، اڄ به اهو ئي ويدڪ لفظ ڪم پيا آڻيون؛ پر عام طرح چئون ”ڦار“ يعني ”ل“ کي مٽي ”ر“ ڪيو اٿئون ۽ اها اسان سنڌي ماڻهن جي اصل عادت آهي (جل – جر ۽ ٿل – ٿر).
    اڳي سڄي سنڌو ماٿر ۾ ڪيترن هنڌ ”بن“ يا گهاٽا جهنگ لڳا پيا هوندا هئا، ماڻهو وڻ وڍي، پوک لاءِ زمين صاف ڪندا هئا. اها جهنگل شگافي ڳچ اراضيءَ ۾ ڪندا هئا. اهي ”اُروا“ يعني ڪشادا پٽ ننڍن ننڍن ٽڪرن (نمبرن) ۾ ورهائي، هر هڪ ”کيٽ“ ڌار ڪندا هئا، (منڊل ڏهون 101، 4). هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هرهڪ ”اَٺاس“ (اٺ جريب زمين) يا ”سورهاس“ (سورهن جريب زمين) کي ”کيٽ“ سڏيندا هئا، رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته هرهڪ کيٽ نهايت خبرداريءَ سان ماپي ڇڏيندا هئا، (منڊل پهريون 110، 5). هن مان ظاهر آهي ته سڀ ڪنهن کي پنهنجي ٻني ڌار هوندي هئي. اهي ٻنيون سندن ڳوٺن جي آسپاس هونديون هيون. اڄ به ڪيترا هاري ناري پنهنجي پنهنجي ٻني ٽڪر جي آسپاس گهرڙا اَڏيو. ڳوٺڙا ٻڌيو ويٺا آهن. جيڪي وڏا زميندار آهن سي به پنهنجو ”بنگلو يا اوطاق ٻنيءَ جي نزديڪ جوڙيل ٿا، ۽ سندن هارين نارين انهيءَ اوطاق جي آسپاس ڀنگين ۾ رهن ٿا، ۽ اهو انهيءَ زميندار جو ڳوٺ سڏجي ٿو. اڳي به هوند وارن وٽ نوڪر چاڪر ۽ ٻانها يا غلام پورهيو ڪندا هئا، ۽ پاڻ رڳو مٿان نظرداري ڪندا هئا. *
    هر کيڙڻ ۽ نار ڪاهڻ لاءِ هن وقت اُٺ ۽ ڏاند ڪم اچن ٿا، پر اڳي گهوڙا به ڪم آڻيندا هئا، جو سنڌو ماٿر ۾ گهوڙا نهايت گهڻا هوندا هئا، زمين کي هر ڏيڻ مهل ڪو رشي گهرائيندا هئا. جو هر جوٽيندو هو، ۽ اوڏي مهل ويدن جا منتر اُچاريندو هو. ائين پوڄا ڪري پوءِ ڪم شروع ڪندا هئا. چوپاسيءَ ۾ براهمڻن کي گهرائي، هڪ وڏو يگيه ڪندا هئا، جو ”ستر“ (Satta) سڏبو هو اهو يگيه ٻه ٽي مهينا سانده بلڪه وڌيڪ وقت تائين پيو هلندو هو. يگيه جي مراد اها هئي ته اندر ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون پرسن ٿين، ته مندائتا مينهن وسن ۽ فصل ڀلا ٿين، ۽ مال لاءِ چارو مئو ٿئي. انهيءَ مراد سان رشي به سنڌو نديءَ ۽ ٻين ندين جي ڪنارن تي ويهي، مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر اُچاريندا هئا. جولاءِ – آگسٽ وارو مهينو ”سانوڻ“ سڏجي ٿو، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”شراوڻ“، ۽ ڌاتو اٿس ”شروعڻ“ معنيٰ سڻڻ يا ٻڌڻ. سانوڻ ۾ جتان ڪٿان ويدن جي منترن جا مٺا آلاپ ٻڌڻ ۾ پيا ايندا هئا، تنهنڪري اهو نالو رکيو اٿن. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته جيئن آريه لوڪ ويا دنوي ڳالهين ۾ ترقي ڪندا، تيئن دل جو لاڙو ڌڻيءَ جي پاسي وڌندو وين جو ڄاتائون ٿي ته فصل ڀلا تڏهن ٿيندا، جڏهن ڌڻيءَ جو فضل ٿيندو، رشين کي به پنهنجيون ٻنيون ٻارا هوندا هئا، ۽ چوپايو مال به ججهو هوندو هون تنهنڪري ايشور کي آراڌنا ڪندا هئا ته اهو مالڪ پنهنج مهر ڪري! انهيءَ سبب ”هٿ هوندو هون ڪم ڪار ۾، ته به چٽ هوندو هون ڪرتار ۾!“
    اڳي ماڻهو پوک اڪثر درياهه جي ڀرسان (ڪچي ۾) ڪندا هئا. جن ڳوٺن کي درياهه ويجهو نه هوندو هو، تن ۾ کوهه کوٽيندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين (105، 17) ۾ ”ڪوپ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو بگڙيل اُچار سنڌيءَ ۾ ”کوهه“ آهي. هن وقت به ڪا پوک ”موڪي“، ڪا ”چرخي“، ته ڪا ”چرخي مدد موڪي“ ٿئي ٿي.
    رگ ويد جي منڊل پهرئين (سُوڪت 116، 7) ۾ ”ڪنڀ“ (ٿانءُ). ۽ سُوڪت، 117 (12) ۾ ”ڪلس“ (لوٽي ڪنگري) لفظ ڪم آيل آهي. وڏي ڳالهه ته گهٽو چڪر“ لفظ به ڪم آيل آهي، جنهن مان هيڪاري ظاهر آهي ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ مالهه ۾ ڪنگريون يا لوٽيون ٻڌندا هئا، جنهنڪري چئبو ته هاڻوڪو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.
    رگ ويد جي منڊل ڏهين (25، 4؛ 101، 5 – 7) ۾ ”آشمچڪر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”پٿر جو چڪرو“. هن مان سمجهجي ٿو ته جتي نار نه هوندو هو، تتي کوهه جي مٿان سرائيءَ ۾ پٿر جي ٺهيل ”ڀوُڻ“ يا گرڻي(Pulley) هوندي هئي، ٿر ۾ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ اڄ تائين دستور آهي ته چم جو ڪوس يا ٻوڪو رسيءَ ۾ ٻڌي، اها رسي ڪاٺ جي ٺهيل ڀوُڻ تي رکي، ڍر ڏيندا وڃن، ته ڀُوڻ وڃي ڦرندي ۽ رسي پاڻمرادو وڃي هيٺ کوهه ۾ پوندي. جڏهن ڪوس پاڻيءَ سان ڀرجي ويندو آهي، تڏهن رسي ڇڪيندا آهن، ته ڪوس ڇڪجي مٿي ايندو آهي. انهيءَ ريت پاڻيءَ ڪڍڻ لاءِ جيڪو رسا ڪم آڻيندا آهن، تن کي سنڌيءَ ۾ ”ورت“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”ورترا“ ۽ اهو رگ ويد ۾ ڪم آيل آهي. مطلب ته کوهن مان پاڻي ڪڍڻ جو هي ٻيو نمونو به رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي. تفاوت رڳو هي آهي.
    * مٿرا جي آسپاس وارو ملڪ ”برج“ سڏبو هو، جو اتي مالدار رهندا هئا. شري ڪرشن اتي رهندو هو، تنهنڪري ”برجباسي“ يعني برج جو رهاڪو سڏبو هو. ڏسو شريمد ڀاڳوت.
    * Hist: History of the world, Vol. I, p. 488.
    * Dr. Sita Nath Pradhan: Chronology of Ancient India, pp. 4-6.
    * I have noticed instances, even in the Reg. Veda, in which the world "Arya" seems to be used in the sense of "high, or respectable." John Wilson: India Three Thousands years Ago, p.17, foot note.
    * "It is a fair conclusion from the evidence that the system of separate holdings already existed in early Vedic times" Prof. Macdonell Keith: Vedic.
    ڪن ڪن هنڌ کوهه تمام اونها هوندا هئا. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن ۾ ڪري پوندو هو، ته ٻين جي مدد کانسواءِ نڪري ڪين سگهندو هو. اهڙا اونها کوهه اڄ به سنڌ ۾ ڪيترن هنڌ، خاص ڪري ٿر ڊويزن ۾ آهن. گڊڙي تعلقي ڇاڇري ۾ ”سائيڪا“ يعني سٺ پرهه اونها يا سٺ مڙسن جي ڊيگهه جيڏا اونها کوهه آهن. هر هڪ ”پرهه“ ۾ جيڪڏهن پنج فوٽ ليکبا ته ”سائيڪو“ ٿيندو ٽي سؤ فوٽ اُونهو کوهه!
    ”سنجن ساٺيڪن تي وڏيءَ ويدوهون“. *
    شاهه
    هن وقت سنڌ ۾ گهڻو ڪري سڀ ڪنهن کوهه جي اڳيان ”آهه“يا ”آنهن“ (کڏيا حوض) ٺهيل آهي. کوهه جو پاڻي نيسر مان وهي، آهه ۾ وڃي پوندو آهي، ۽ اهو وهٽ پيئندا آهن. انهيءَ تان پهاڪو به آهي ته ”جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو آهه ۾ پوندو“. اهو آهه ٺاهڻ جو رواج ويدڪ زماني جو آهي. خود ”آهه“ لفظ رگ ويدڪ سنسڪرت جو آهي، ۽ اصل اچار اٿس ”آهاو“. اڳوڻي آهه ۽ هاڻوڪي آهه جي وچ ۾ تفاوت آهي. رگ ويد واري زماني ۾ ڪاٺ جا پيپ کوهه جي اڳيان رکندا هئا، يا کوهه جي اڳيان کڏ کوٽي ان ۾ ڪاٺ جو پيپ وجهندا هئا، ته قابو بيٺو رهي. انهيءَ پيپ کي ”آهاو“ ڪوٺيندا هئا. اهو اڳوڻو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو هو. هاڻوڪن آهن ۾ پاڻي سدائين لڙاٽيل هوندو آهي. چوپائي مال کي لڙاٽيل پاڻي پياربو ته مڪن آهي ته طبيعت بگڙنديس. بگڙيل طبيعت واري مال جو کير صحت کي بگاڙيندو. اهي ڳالهيون ڳڻي چئبو ته رگ ويد واري زماني جا ماڻهو اهو عقل جو ڪم ڪندا هئا، جو ڪاٺ جا پيپ ”آهه“ ڪري ڪم آڻيندا هئا. ائين وهٽن کي پيئڻ لاءِ پاڻي صاف ملندو هو. پيپ جي ڪنهن وقت خراب ٿيندو ته وري ڌوئي ڌمالي صاف ڪري سگهبو. اهو اڳيون رواج وري جاري ڪرڻ گهرجي، جو انهيءَ ۾ مال توڙي ماڻهن جو ڀلو آهي.
    رگ ويد جي منڊل پهرئين (4، 8 ۽ 10) ۾ ”اَوٽ“ (Avata) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”آڏ“. کوهه جو پاڻي آڏ مان وهي، ٻنيءَ جي ٻارن ۾ وڃي پوندو هو. مطلب ته هزارها ورهيه اڳي جيڪو رواج سنڌو ماٿر ۾ جاري هو، سو ساڳيو اڄ تائين اسان جا ماڻهو هلائيندا پيا اچن،ڪ بلڪ لفظ به ساڳيو ئي ڪتب آڻين، جنهنڪري اهو محاورن ۾ به اچي ويو آهي. مثلاً تري ته درياهه، نه ته آڏ تي بيهي رهي.“
    ٻنيءَ جي مٿان قسمين قسمين آفتون اچيو ڪڙڪن. پارو پيو يا ماڪڙ پيئي ته فصل ئي چٽ! ڪڻڪ وغيره کي ”رتي“ لڳي يا ٻيو ڪو مرض وڪوڙي ويو ته به فصل ڇٽو!
    ڪن ڪيون پوکون، ٿيون ڀرپور، پي پاڻي جڏهن،
    پوءِ يڪي هــنيون هـــــٿي، اي دل ڪــيئن آيـــا ويـــا.
    ديوان گل

    ”هٿيو“ آهي اُتر – اُڀرندي جي هوا، جا جيڪڏهن خزان جي موسم ۾ لڳندي آهي ته ڪتيءَ جي فصلن (جوئر، ٻاجهريءَ وغيره) کي پورو ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ ويچارن زميندارن ۽ هارين نارين جي ڪئي ڪمائي ڪٽ ٿي ويندي آهي. اهڙين آسماني آفتن کي پرميشر پاڻ پڄي، باقي بندي جي بات ڪانهي. انهيءَ هوندي به سنڌو ماٿر جي آڳاٽن رهاڪن مغز ماريو ته ڪهڙا اُپاءَ ڪجن، جو فصلن کي نه برسات لوڙهي، نه پارو، هٿيو يا ٻي ڪا سماري (آساني) آفت چٽ ڪري هن باري ۾ کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿين ته تارا، نکٽ (نکتر)، گرهه وغيره تتون مان ٺهيل آهن، تنهنڪري پوک تڏهن ڪجي، جڏهن ڌرتيءَ جي مٿان آگني تت زور هوندو ته سلو به ڪونه اُڀرندو، يا اڀرڻ کان سگهوئي پوءِ سلا ۽ ڪانا سڙي سڪي ويندا. نکتر جملي اٺاويهه آهن. هرهڪ نکتر جو اثر معلوم ڪري، پنهنجن پوين لاءِ هيءَ هدايت ڇڏي ويا ته روهڻي، مول، اُترا شاڍا. ريوتي، پنروسو وغيره ڪيترين پوکن لاءِ چڱا آهن. جنهن زماني ۾ اهي تجربا پئي ڪيائون، تنهن زماني ۾ سڄيءَ دنيا ۾ ٻي اهڙي ڪابه قوم ڪانه هئي، جنهن جوتش جي اهڙين ڳالهين تي ڌيان ٿي ڏنو، تنهنڪري ڪيترن يوروپي عالمن هندستان جي قديم آرين جي عقل تان عجب ظاهر ڪيو آهي. هي سڀ کيتيءَ جو پرتاب چئبو، جنهن جي اوني وچان سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن هن حيرت جهڙي نموني جون کوجنائون ڪيون.
    آڳاٽن لوڪن جيتوڻيڪ پنهنجن فصلن جي بچاءُ جا هر طرح حيلا پئي ڪيا ته يقين ڄاتائون ٿي ته فصل لاءِ کپي سائينءَ جو فڦل. هو ائين وسندا هئا ته هر هڪ کيٽ يا ٻنيءَ جو راکو دعاگو ڪو ديوتا آهي، جنهن جي ٻاجهه سان آساني آفتون ٽري وڃن ٿيون، فصل ڀلا ٿين ٿا ۽کائڻ لاءِ اڻ ميو اَن ملي ٿو. انهيءَ ديوتا کي ”کيتر پتي“ يعني کيٽ جو ڌڻي (Lord of the Field) سڏيندا هئا. جيئن هن وقت اسان جا هاري ناري ڳاڌيءَ تي ويهي نار ڪاهين ٿا ۽ ڪنهن وقت ڪن تي هٿ رکي ڪافي آلاپين ٿا، ته جهنگ ۾ رنگ لڳي وڃي ٿو، تيئن سنڌو ماٿر جا آڳاٽا آريه لوڪ به نار ڪاهڻ مهل ڪي راڳ جا ڀڄن ڳائيندا هئا، ۽ ڌڻي کي هن ريت آراڌنا ڪندا هئا:
    مالڪ جي شل مهر ٿئي! ججهو شل مينهن پئي!
    پٽ سمورا باهه جهلين، مؤج سان ماڻهو هر کيڙين،
    ججهو گاهه ۽ اَن اُپائين، گهوڙا، گايون گاهه کائين!
    عرض اسانجو اهائج سائين! مٺا مٺا ڪي مينهن وسائين!
    رگ ويد منڊل چوٿون 57، 1 کان 6 تائين).

    رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو ڪڻڪ ۽ چانور پوکيندا هئا يا نه، سا ڳالهه چٽي ريت ڄاڻايل ڪانهي، باقي ”ڌانيه“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڌاج“، ۽ معنيٰ اٿس ”اَن“ (هر ڪنهن قسم جو)هن مان ايترو ظاهر آهي ته اَن پوک ٿيندي هئي. اهو به ڄاڻايل آهي ته جون ۽ ترن جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. (منڊل ٻيون 5، 6 ۽ ٽيون 85، 3)، ماڻهو اهي ٻه اَن نه رڳو کائيندا هئا؛ پر پوڄائن پشٽائن ۾ به ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ قديم رواج پٽاندر اڄ به سڄي هندستان جا هندو سڀ ڪنهن پوڄا ۾ جو ۽ تر ڪم آڻيندا آهن. هن مان ظاهر آهي ته انهن ٻن اَنن جو واهيو نهايت گهڻو هوندو هو. *

    ”تر“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”تل“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو سڻڀو آهي“. آڳاٽن لوڪن ڏٺو ته تر هڏ جا سڻڀا آهن، ته ڪنهن وقت انهن مان تيل پيڙي ڪڍڻ جو هنر ڳولي لڌائون ”تيل“ لفظ ”تل“ (تر) مان ٺهيو آهي ۽ بنيادي معنيٰ ئي اٿس ”ترن جي پيدائش“. ماڻهو پوءِ ٻين ٻجن مان تيل پيڙڻ سکيا ته اهو به ”تيل“ سڏجڻ ۾ آيو. هن وقت ڳالهه جي چٽائيءَ لاءِ چئون سرهه جو تيل يا مٺو تيل، ڄانڀي جو تيل يا ڪوڙو تيل وغيره. هاڻ ته بادامين، کوپرن بلڪ مڇيءَ مان به تيل ڪڍن ٿا ۽ اهو به ”تيل“ سڏجي ٿو، نه ته اصل رڳو ترن جي تيل کي ”تيل“ چوندا هئا.
    هندو ماڻهو ”تلڪ“ ڏيندا آهن. سنڌو وغيره ۾ سنهڙي ڪاٺي، ڪک يا تيلي ٻوڙي، نرڙ سان لڳائبي، ته تر جيڏو نشان ٿي پوندو. ”تلڪ“ اصل انهيءَ کي چوندا هئا ۽ اکري معنيٰ اٿس ”ننڍڙو تر“، (تل + ڪ، اسم تصغير –Diminutive جي نشاني). وڏا تلڪ ڏيڻ، هڪ ٻن بلڪ ٽن ليڪن (تر پنڊ) ڪڍڻ جو رواج پوءِ پيو. مطلب ته آڳاٽن ماڻهن جو جيترو ڌيان ترن ڇڪيو، تيترو ٻيءَ ڪنهن به جنس ڪونه ڇڪيو.
    رگ ويد جي منڊل اٺين (78، 10) ۾ ”داتر“ Datra (ڏاٽو) لفظ ڪم آيل آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته اَن بچي تيار ٿيندو هو، ته ڏاٽي سان لڻندا هئا. سڀ سنگ لڻي، باقي ٽي سنگ گنڌرون (Good Goblins) لاءِ ڇڏي ڏيندا هئا، (اٿرو ويد، منڊل ٽيون 24، 6) جرمنيءَ جا هاري ناري اڄ تائين پڇاڙيءَ وارا ٻه ٽي سنگ ”ووڊن“ (Woden) ديوتا جي منت ڇڏي ڏيندا آهن. اِهو ديوتا اُهو ساڳيو آهي، جنهن کي هندو ”شو“ مهراج سڏيندا آهن، (صفحو 9). سنڌو ماٿر جا آبادگار اَن جي ڳاهه ڪر، سپ (ڇڄ) ۾ اَن ڇاڻيندا هجئا. ڪي ڳوٺ ٻنين کان پري ته ڪي ٻنين جي ويجهو هوندا هئا، پر رستا ٺهيا پيا هوندا هئا. اهي رستا ڪي رواجي پيچرا نه هئا،*
    پر اهڙا ڪشادا هئا، جو انهن تان گاڏيون هلنديون هيون. گاڏين ڪاهڻ لاءِ گهوڙا ٻڌندا هئا. ٻنين تان اَن ڍوئي پنهنجن ماڳن تي نيندا هئا، ۽ اُتي اَن ماپي گندين ۽ ڀانڊن ۾ رکندا هئا. جن گاڏين ۾ اَن ڍوئيندا هئا، سي ”سشڪٽ“ (ڇڪڙا) سڏبيون هيون، ۽ هلڻ مهل چيچاٽ ڪنديون هيون، (منڊل ڏهون 146، 3). سواريءَ لاءِ رٿ ڌار هئن، جن جي مٿان ڍڪ ڏنل هوندا هئا، (رگ ويد منڊل ڏهون 85، 1).
    جيڪي ماڻهو کيتي ڪندا هئا، سي چوپايو مال به ڌاريندا هئا، جو کيتي ۽ چوپايو مال لازم ملزوم آهن. کيتيءَ جو دارومدار چوپائي مال تي آهي. هر ۽ نار ڪاهڻ لاءِ، اَن ۽ گاهه ڍوئڻ لاءِ هن وقت ڪيترا اُٺ ۽ ڏاند ڪم آڻين ٿا، پر اڳي گهوڙا به ڪم آڻيندا هئا. انهيءَ هوندي به ڇا آڳاٽن آرين ڇا ٻين قومن جي آبادگارن ڏاند يا ڍڳي جو نهايت گهڻو قدر ڪيو ٿي. سنسڪرت ۾ بيل يا ڍڳي کي چئبو آهي ”بليورد“ ۽ ”بلدا“ يعني بل يا طاقت ڏيندڙ. اهي نار ڪاهي ٻنيءَ کي ريج رسائين ٿا ته ٻني ڀلي ٿئي ٿي، تنهنڪري ڍڳو ٻل ڏيندڙ آهي، ۽ پاڻ به ٻلوان جانور آهي. سنڌيءَ ۾ چئون ته ”فلاڻو ڏندين ڏاند آهي“، ته ان جي معنيٰ ته اپي سمرٿ يا پاڻيهي پڄڻ جوڳو آهي. شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ ڀيشم پتامهه کي ”نر پنگوهه“ يعني ”نر ڍڳو“ سڏيو اٿن. اڳي رڳو جيرن جوڌن کي ”نر پنگوهه“ (ڏاند)، ۽ معنيٰ اٿس پهلوان پت، شير پٽ، اڳرو پٽ وغيره. عربي، پارسي، يوناني وغيره ٻولين جي آئيويٽا جو پهريون اکر آهي ”الف“، جنهن جي عبراني يا يهودين جي ٻوليءَ ۾ معنيٰ آهي ”ڍڳو“. عبراني ٻوليءَ ۾ ”الف“ اکر اهڙيءَ طرح لکندا هئا، جو ڄڻ ته ڍڳي جي شڪل نڪتل هوندي هئي. هن مان ظاهر آهي ته قديم يهودي لوڪن به ڍڳي جو ججهو قدر ڪري ان کي اهڙو شرف ڏنو، جو پنهنجي ائيويٽا جي منڍ ۾ ئي ان جي شڪل بيهاريائون. سنڌيءَ ۾ ڍڳي يا ڏاند بابت ڪيترائي پهاڪا آهن، جهڙوڪ:
    ”ڀلي آيو، گانءِ، جو ڄايو، جنهن سارو جڳ نپايو“.
    رگ ويد واري زماني ۾ هندو ڳائو گوشت کائيندا هئا، پر پوءِ ڍڳي يا گانءِ جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين آواز کڙو ڪيو، ۽ رفته رفته سڀ هندو ائين سمجهڻ لڳا ته گئو هتيا ڪرڻ هڪ وڏو پاپ جو ڪم آهي، جو ڄاتائون ٿي ته اهي ڪارائتا جانور نه ڪُهڻ گهرجن. ڳئون، مينهن وغيره جي کير مان ڏڌ ۽ مکڻ ٿئي ٿو، ۽ کير مان قسمين قسمين مٺايون ۽ لذيذ طعام ٺهن ٿا. ٻهراڙين ۾ ڏسو ته ڪيترن ماڻهن جي مکيه غذا اڄ به کير ۽ ڏڌ آهي. ڏينهن جو ڏڌ يا لسيءَ سان، ۽ رات جو کير سان ماني کائي اُٿن ته ڪنهن به تيوڻ جي تانگهه ڪانه ٿئين. کيتيءَ لاءِ چوپائي مال جو ڇيڻو ۽ ڦولهڻيون وغيره، جي نهايت غليظ شيون آهن، سي به ڪم اچن ٿيون. چوڻي آهي ته ”ڀاڻ سدا جوڻ“. ٻيو چون ته ”ڀاڻ تي کيتي، نه ته ڪوري ريتي“. چوپايو مال نه هجي ته ڀاڻ جيڪو ڪٿان اچي؟ قديم زماني کان وٺي گاين جو ڇيڻو عام طرح پوٿي پائڻ لاءِ ۽ باه کائڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. چوپايو مال مري وڃي، تنهن کانپوءِ به ڪمائتو. ان جو گوشت، کلون بلڪ هڏا به ڪم اچن ٿا. رگ ويد واري زماني ۾ هرڪو گهر ٻاري ائين چاهيندو هو ته مون وٽ چوپايو مال ججهو هجي، ۽ اَن پوک لاءِ ٻنيءَ ٽڪر به هجي، (منڊل پهريون 127، 6 ۽ منڊل چوٿون 41، 6).
    قديم سڀيتا جي ٽن زمانن جو ذڪر ڪندي، مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان ائين سمجهڻ نه گهرجي ته سنڌو ماٿر جي رهاڪن فقط ايتري قدر ترقي ڪئي. هنن پوءِ پاڻ وڏي وک وڌائي، جنهن بابت جيڪو وڏو ئي ڪتاب لکي سگهجي، پر اهو احوال مختصر طرح ڌار باب ۾ کولي ٻڌائبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رواجي سک ۽ دک جو خيال به اڳاٽن آرين کي اول کيتيءَ مان آيو. جيڪڏهن برسات پيئي هوندي، ته زمين هڏ جي آلي هوندي، جنهنڪري کاٽي کڻڻ ۽ کوهه کوٽڻ ۾ سولائي ٿيندي. انهيءَ کي سڏيندا هئا ”سک“، جنهن ۾ ”س“ معنيٰ ”چڱو“ ۽ ”ک – کن“ معنيٰ ”کوٽڻ“. جيڪڏهن برسات نه پيئي هوندي، ته زمين ٺوٺ هوندي ۽ کوٽڻ ڏکي ٿيندي. انهيءَ کي چوندا هئا ”دک“، جنهن ۾ ”د – در، دش“ معنيٰ مشڪل يا ڏکيو“، ۽ ”ک – کن“ معنيٰ ”کوٽڻ“. برسات نه پوڻ سبب پيدائش نه ٿيندي، ته انهيءَ جهڙو بڇڙو وقت ٻيو ڪهڙو؟ انهيءَ کي چوندا هئا ”ڏڪال“ (ڏڪار) يعني خراب وقت، جنهن جو ضد آهي ”سڪال“ (سڪار) معنيٰ چڱو وقت.
    * Vedic Index, I, p. 40-177.
    * سنسڪرت لفظ ”ڌانيه“ جو اُچار پارسيءَ ۾ ڦري ٿيو ”دانه“ ۽ جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”داڻو“ (اَن جو). مصنف.* Vedic Index, I, p. 211.


    باب نائون : راڄنيتي جوڙجڪ ۽ بادشاهتون

    ڳوٺاڻيون پنچاتيون: قديم سنڌ ۽ پنجاب جي ماڻهن پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ اول گڏيل ڪٽنب جو رواج وڌو، ۽ پوءِ پنهنجن گهرن ۽ وٿاڻن جي چوڌاري اوچيون ڀتيون کڻي گوتر ٺاهيائون، ته به چوراڪاري بند ڪانه ٿي ويئي. جهنگلي قومون وقت بوقت مٿن ڪاهي اينديون هيون، ۽ کين ڦري ماري وينديون هيون. اهڙي حالتن منجهن پاڙي جو ننگ ۽ ايڪتا جو انگ هيڪاري وڌايو. هڪڙن جي مٿان چور يا ڌاڙيل ڪاهي پوندا هئا، ته ٻيا پاڙيسري لڪي ڪونه وهندا هئا، پر تير ڪمان کڻي، مڙسان مڙسيءَ چورن سان لڙندا هئا، جو ڄاتائون ٿي ته ”اڄ همان سڀان تمان“. ائين ايڪتا جو ناگ منجهن وڌيو، ۽ اؤکيءَ سوکيءَ ۾ هڪٻئي جي واهر ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهڻ لڳا. پر جيڪي عادتي چور هئا، ۽ جن جو پيشو ئي اهو هو، جو ٻين کي ڦري، پنهنجو پيٽ پاليندا هئا، تن کين سک سمهڻ نه ڏنو. بعضي گهڻا ڌاڙيل پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي ئي ڳوٺ تي ڪاهي پوندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ هرهڪ ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ پنهنجو بچاءُ پاڻيهي ڪرڻ مشڪل ٿي پيو. هنن پوءِ ڀر وارن ڳوٺاڻن کي به پاڻ سان ڀيڙو ڪيو. ائين گهڻن ڳوٺن جي هڪ يڪي پنچات ٺاهيائون، ۽ پنهنجي برادري4 جو دائرو وڌائي وڏو ڪيائون. ايڪتا وڌائڻ لاءِ هيءُ نهايت عمدو قدم کنيائون.
    گهڻن ڳوٺن جو ميڙ ”گرام“ سڏبو هو، جنهنجو اُچار هاڻ عام طرح آهي ”گام“ يا ”گانءُ“ ۽ معنيٰ اٿس ”ڳوٺ“ يا ”بستي“؛ پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ميڙ“، ”ڪٽڪ“. رواجي طرح ”گرام“ يا ”گام“ معنيٰ اُهو ڳوٺ جنهن ۾ گهڻا ماڻهو رهندا هجن، پروفيسر زمر جي خيال موجب ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ”هٿياربند لشڪر جو ٽولو، جو جنگ ۾ لڙي“ سچ پچ ته ”گرام“ جي اصل معنيٰ آهي ئي اها، ڇاڪاڻ ته انهيءَ (گرام) لفظ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اڳياڙي“ (Prefix) وجهبي ته لفظ ٺهندو ”سنگرام“، جنهن جي معنيٰ آهي ”لڙائي“، (جنهن ۾ جنگي جوڌن جا ڪٽڪ اچي ڪٺا ٿين ٿا). انهيءَ سبب چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ”گرام“ (گام) هڪ وڏي بستي هوندي هئي، جنهن ۾ جنگي جوڌن جا ڪٽڪ رهندا هئا، جي دشمن سان لڙڻ لاءِ هردم تيار هوندا هئا. گرام جي مکيءَ يا وڏيري کي ”گرام مني“ يعني گام جو مکي سڏيندا هئا. (رگ ويد منڊل ستون 1، 5، ۽ منڊل ڏهون 62، 11). مطلب ته ڳوٺن ۾ گوتر هوندا هئا، ۽ هرهڪ گوتر جو مالڪ يا مکي ”گوتر پتي“ سڏبو هو، پر گهڻن ڳوٺن جي مٿان ”گرام مني“ هوندو هو، ۽ هرهڪ گوتر جا رهاڪو گويا سندس فوج جا سپاهي هوندا هئا. *

    هن وقت ڪيترن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ رواج آهي ته ساڳئي ڪل مان پيڙهيءَ به پيڙهيءَ ڪو مکي مقرر ٿيندو اچي ٿو. رگ ويد واري زماني ۾ موروثي مکپڻ هئو ئي ڪونه. اڪثر رڳو چونڊ جو سرشتو جاري هو. جيڪڏهن ڪنهن مکيءَ جو پٽ پنهنجي پيءُ جهڙو ئي برجستو هوندو هو، ۽ عام خلق ۾ عزت هوندي هيس، ته پوءِ کيس مکي ڪرڻ ۾ ڪنهن کي به اعتراض ڪونه هوندو هو، نه ته عام طرح جدا جدا برادرين يا گوترن وارا هڪٻئي جي صلاح مصلحت سان پنهنجي لاءِ مکي پاڻ چونڊيندا هئا. گرام مني يا مکي اهو چونڊيندا هئا، جو برجستو ۽ حشمت وارو هوندو هو، ۽ جنهن کان لچ لمپٽ ڪن هڻندا هئا. سڀيئي ڳوٺاڻا سندس چئي ۾ رهڻ ۽ وقت سر کيس مدد ڏيڻ پنهنجو فرض سمجهندا هئا. هرڪو ڳوٺاڻو پنهنجي مکيءَ کي پنهنجي پيءُ جي سمان ڪري سمجهندو هو. جيئن ماءُ پيءُ کي ماڻهو پيرين پوندا آهن، تيئن مکيءَ کي به پيرين پوندا هئا. اهو دستور اڄ به عام آهي. هرهڪ چنڊ تي ۽ ٻين وڏن ڏينهن تي ڪيترن شهرن ۽ ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي مکيءَ کي پيرين پوڻ ويندا آهن. هيءُ نهايت قديم زماني جو رواج آهي، جو اڄ تائين هلندو پيو اچي.
    ڳوٺاڻن جي جان ۽ مال جي سلامتيءَ ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ گرام مني جوابدار هوندو هو. انهيءَ سبب هرهڪ گهر جو ڀاتي کيس وقت سر هر ڪنهن قسم جي مدد ڏيڻ لاءِ ٻڌل هوندو هو. مثلاً ڪنهن جو مال چور ڪاهي ويندا هئا ته گرام منيءَ جي هڪ ڪرڻ تي سڀ ڳوٺاڻا مڙي ايندا هئا ۽ چورن سان وڙهڻ ۽ مال ڇڏائي اچڻ ۾ کيس مدد ڪندا هئا. اهڙن وقتن تي برجستيون زالون به مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏيئي بيهنديون هيون. اهڙيءَ طرح ضرورت مهل سڀ ڳوٺاڻا، زالين مڙسين، گڏجي پنهنجيءَ جان ۽ مال ۽ زالن جي عزت جو بچاءُ ڪندا هئا.
    سنڌ جي جن شهرن ۽ ڳوٺن کي درياهه ۽ واهه ويجها آهن، تن جا رهاڪو پنهنجن ٻارن کي ننڍڙي هوندي ئي ترڻ سيکاريندا آهن، ته متان ڪنهن مهل ٻار ٻڏي پون. مهاڻن جا ٻار ته لڌڙن وانگر پاڻيءَ ۾ پيا تڙڳندا آهن. آڳاٽا آريه لوڪ رهندا ئي سنڌو نديءَ ۽ ٻين ندين جي ڪنارن تي هئا، تنهنڪري ننڍڙي هوندي ئي ترڻ جو هنر سکڻ سندن لاءِ ضروري هو. بعضي چور چوريءَ جو مال ڪاهي درياهه اڪري پرينءَ ڀر هليا ويندا آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن تاروءَ کانسواءِ ٻيو ڪو چورن جي پٺيان پئي ڪين سگهندو. اهو به هڪ وڏو سبب هو، جنهنڪري هرڪو ترڻ سکندو هو. پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ، چورن ۽ جهنگلي جانورن کي پريان ئي ڀڄائي ڪڍڻ لاءِ، تير اندازي سکڻ تي به هيڪاري گهڻو زور رکيائون، جنهن ۾ رفتي رفتي حيرت جهڙي ترقي ڪيائون. اڳاٽا رشي هٿيارن پنوهارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا، ۽ ٻين کي به اهو هنر پاڻ سيکاريندا هئا. چوپائي مال جي چوري عام هئڻ سبب گهوڙي سواري سکڻ جي به ضرورت ٿين، ته چورن ۽ ڌاڙيلن جي پٺيان جهٽ پٽ ڊوڙي سگهجي. اهي سڀ ڳالهيون پوءِ به سنڌ ۾ ايتري قدر عام هيون، جو چوڻي پيئي ته:
    پـــڙهڻ، تــــرڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري،
    ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.
    راڄوڻي فيصلا: ماڻهو اول چوپايو مال ڌاريندا هئا ۽ پوءِ کيتي ڪرڻ لڳا، ۽ ڪيترن هنرن ۽ ڪاريگرن کي زور وٺايائون، ته ڌنڌن ڌاڙين هلڻ ۽ ٻي ڏيتي ليتي ٿيڻ ڪري وري ٻين قسمن جا معاملا پيدا ٿيڻ لڳا. انهن معاملن نبيرڻ لاءِ هڪ نهايت عمدي ۽ سولي سهنجي واٽ ڪڍيائون.

    رگ ويد واري زماني ۾ ديواني دعوائون ۽ ٻيا معاملا اڪثر گرام مني يعني گام جو مکي نبيريندو هو. پنجن ڄڻن سان پهي، جيڪو فيصلو ڪندو هو، سو قطعي فيصلو ليکبو هو ٻئي تڪراري ڌريون انهيءَ فيصلي قبولڻ لاءِ ٻڌل هونديون هيون. انهن پنجن ڄڻن جي ميڙ تي نالو ئي پيو ”پنچات“ (پنج + آت (As for extending as five جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”اهو ميڙ جنهن ۾ فيصلي ڪندڙن جو تعداد وڌي پنجن تائين ٿئي“. پنجن وٽ ڪو معاملو ويو، ته ڄڻ حقدارن کي حق ملي چڪو! فيصلو اهڙو ڪندا هئا، جهڙو منڊيءَ تي ٽڪ! بي ريا وري اهڙا هوندا هئا جو جيڪڏهن پنهنجي پٽ يا سڳي ڀاءُ بابت سمجهندا هئا ته ڏوهي آهي، ته سزا ڏيندي دير ڪين ڪندا هئس! مطلب ته ڪنهن به لڪي ڇپيءَ ۽ ريب رياءَ کانسواءِ راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. اهو رگ ويد جي زماني وارو دستور پوءِ به هلندو آيو، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن، بلڪ پوءِ جي مسلمان تاريخ نويسن به مکين ۽ پنچن جي عدل ۽ انصاف جون ساکون ڪيون آهن. ”آئينه اڪبريءَ“ ۾ ڏسو ته ابو الفضل به پنهنجي وقت جي هندن جي تمام گهڻي ساک ڪئي آهي. مکيءَ ۽ پنچن جي فيصلي ۾ ماڻهن جو ايتري قدر ويساهه هوندو هو، جو اڄ تائين چوڻي آهي ته ”پنچن ۾ پرميشر“. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته مکين ۽ پنچن ۾ سچائي هوندي هئي ۽ ڌڻيءَ جو خوف ڌاري راڄوڻي فيصلا ڪندا هئا. جنهنڪري ماڻهو کين پرميشر جو روپ ڪري ڄاڻڻدا هئا. هن وقت جيڪي پنج پنچاتن ۾ وڃي، رڳو ڦڏا وجهن ٿا ۽ اونڌا اُچار ڪن ٿا، تن کي هن منجهان سبق سکڻ گهرجي. *

    ________________________________________
    * "Zimmer has derived the word 'gram', village originally from the sense 'horde' as describing the armed force of the tribe which in war fought," Cambridge history of India, Vol. I. p. 90.
    * The Hindus are religious, affable, cheerful, lovers of Justice, given to retirement, able in business, admirers of truth, grateful and of unbounded fidelity; and their soldiers know not what it is to fly from the field of battle." Samuel Johnson: India, p. 294.
    آڳاٽن آرين جا ويجها سؤٽ ايران وارا آريه لوڪ هئا، تن وٽ به اهوئي ساڳيو دستور هوندو هو. بلوچستان جا ڪيترا ماڻهو جيتوڻيڪ اڪثر اڻ پڙهيل اهن ته به اڄ تائين رگ ويد واري زماني جي هندن وانگر راڄوڻي فيصلا ڪن ٿا. فيصلي لاءِ ”جرگو“ يعني چئن چڱن جو ميڙ (Council of Elders) ڪٺو ٿيندو آهي، جو تڪراري ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي، حق جو فيصلو ڪندو آهي. راڄوڻي فيصلا ٿيڻ ئي اهڙيءَ بي ريائيءَ سان گهرجن.
    رگ ويد مان ائين به سمجهجي ٿو ته ڪي ماڻهو مکيءَ ۽ پنچن تائين به دانهين ڪونه ويندا هئا. معاملي کي منڍ ۾ ئي روڪڻ لاءِ ڪو چڱو مڙس وچ ۾ پئي معاملو نبيريندو هو. منڊل ڏهين 97، 12 ۾ ”مڌيماشي“ (Madhyama-si) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”وچ ۾ پوندڙ“ يعني امين، جو وچ ۾ پئي معاملو نبيري. اڄ به اسان جا ڪيترا ماڻهو انهيءَ خيال جا آهن ته ڪس ڀلي سهجي، پر ڪورٽن ۾ گهڙڻ نه گهرجي. آڳاٽن ماڻهن جا به اهڙا ئي خيال هوندا هئا، تنهنڪري پنچاتن تائين به وس پڄندي دانهين ٿي ڪونه ويندا هئا. پر رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ رڳو پڳو ديواني معاملا ڪونه هوندا هئا. ٻنين ۽ چراگاهن جي حدن تان، ۽ واهن ۽ ڪڙين جي پاڻيءَ، ۽ ٻين اهڙين ڳالهين تان وقتي هڪ گام وارن جو ٻئي گام وارن سان وڏو تڪرار ٿيندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين (25، 4) ۾ مخالف ڌرين ۽ هڪ ڪونڌر جو ٻئي ڪونڌر کي ڪهڻ جو ذڪر آهي. ڀانئجي ٿو ته اهڙن فوجداري ڏوهن کي روڪڻ ۽ خونريزيءَ کي ٽارڻ لاءِ ۽ ڀروارن ڳوٺاڻن سان صلاح سانت ۾ رهڻ ۽ ساڻن ڀائپي وڌائڻ لاءِ، پوءِ هڪ نئون نمونو اختيار ڪيائون، ۽ اهو ترقيءَ جي راهه ۾ هيڪاري عمدو قدم کنيائون.*

    پرڳڻن جون پنچاتون: آڳاٽن لوڪن پوءِ پنهنجي پنچات جو دائرو هيڪاري وڌائي، پرڳڻن جون پنچاتون ٺاهيون. اهڙين پنچاتين جا مثال اڄ به پنجاب، سنڌ ۽ ٻين ڪيترن هنڌ آهن. پنجاب جي روهتڪ ضلعي ۾ چوراسي ڳوٺن جي هڪ يڪي پنچات آهي، جنهن کي ”چوراسي کيرا“ سڏين ٿا. سنڌ ۾ رڳو وچولي ڏي نظر ڪريو ته اتي ساهتي پرڳڻي جي پنچات اڄ تائين آهي، جنهن ۾ نوشهرو فيروز، پڊ عيدن، ڀريا، ٺارو شاهه، ٺٽ، مٺياڻي، چنيجا ۽ پرڻ (تعلقو مورو) ۽ ٻيا ڪيترا هنڌ اچي وڃن ٿا. انهن سڀني هنڌن جي هڪڙي ئي پنچاتي ايندي آهي، جنهن تي سڀ هلڻ لاءِ ٻڌل اهن. دَلَ پنچات جو ميڙ ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ڪٺو ٿيندو آهي، ۽ هرهڪ ڳوٺ مان ٿورا ٿورا عيوضي ان ۾ وڃي حاضر ٿيندا اهن. هيءُ ويدن واري زماني جورواج آهي، جو اڄ تائين هلندو پيو اچي.

    (Local Governments). مڪاني سرڪاريون
    قديم زماني جون پنچاتيون مڪاني سرڪاريون هونديون هيون، جن جو ويدن ۾ ٿورو، پر مهاڀارت ۾ گهڻو ذڪر آهي. ڪن هنڌ ڏهن، ڪن هنڌ ويهن، ته ڪن هنڌ هڪ سؤ بلڪ هڪ هزار ڳوٺن جي گڏيل پنچات هوندي هئي! هن وقت جي پنچاتين کي ڪابها ختياري ڪانهي. ڪو پنچاتي بنديءَ تي نٿو هلي، يا ٻيءَ طرح ڪا پنچاتي ڳالهه نٿو مڃي، ته پنچ رڳو پنهنجو اخلاقي زور مٿس هلائين ٿا؛ پر اڳي مُکين کي وڏيون اختياريون هونديون هيون. مئترياڻي سنهتا (يجر ويد) ۾ ”شتپتي“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”سؤ جو ڌڻي“ يعني هڪ سؤ ڳوٺن جو مُکي يا حاڪم، کيس انهن سڀني ڳوٺن جي فوجداري، ديواني ۽ ٻين عام ملڪي ڳالهين بنسبت اختياريون هونديون هيون. هن وقت به جيڪڏهن گهٽين ۽ برادرين جون پنچاتيون، دل پنچات سان ۽ ڳوٺن جون پنچاتيون شهرن جي پنچاتين سان گڏي، ملي ڪم ڪجي ۽ هلچل هلائي پنچاتين کي ڪي اختياريون وٺي ڏجن، ته سڄي ديس جو تمام گهڻي قدر ڀلو ڪري سگهجي.*

    راڄنيتي جوڙجڪ (Political Organization). ويدن ۽ اتهاسن ۾ ڄاڻايل هن قسم جي حقيقتن مان آڳاٽن آرين جي راڄنيتي جوڙجڪ ڀليءَ ڀت سمجهي سگهجي ٿي. راڄنيتي جوڙجڪ جو مرڪز گهر هو، جنهن ۾ هڪڙي ئي آڪهه جا ڀاتي گڏ رهندا هئا، ۽ آڪهه جو پريو مڙس سڄي گهر جو حاڪم هوندو هو. گهر ۾ گويا پيءَ هو راجا، ماءُ هئي راڻي ۽ بار ٻچا سندين رعيت هئا. گهڻن آڪهين جو مير، جو ساڳي ڏاڏي جو اولاد هوندو هو، سو ”ڪل“ يا خاندان سڏبو هو. هرهڪ ڪل جو پريو مڙس ”ڪلپا“ يعني ڪل جو سنڀاليندڙ سڏبو هو. ”ڪل“ کي ڪٽنب“ به چئبو آهي، جنهن جو اُچار ڦري ”ڪڙم“ ٿيو آهي. سڀني ڪڙمين کي به گڏي ”ڪڙم“ چئبو آهي. اڳي گهڻو ڪري سڀ ڪڙمي هئي. تنهنڪري ”ڪڙم“ لفظ انهن ٻنهي معنائن سان اڄ تائين ڪم پيو اچي.
    ڪل يا ڪٽنب کي ”پرور“ به چئبو آهي. گهڻن پرورن جو ميڙ ”نک“ ۽ گهڻن نکن جو ميڙ ”گوتر“ ڪوٺبو هو. هر هڪ گوتر جو وڏو ”گوتر پتي“ سڏبو هو. اهو گويا سندن وڏو ڏاڏو هو ۽ سندن حاڪم به اهو هو. گهڻن گوترن جي ميڙ کي ”ڳوٺ“، ۽ گهڻن ڳوٺن جي ميڙ کي ”گرام“ (گام- گانءُ) چوندا هئا. هر هڪ گرام جو مکي ”گرام مني“ سڏبو هو، جو ڳوٺاڻن جي جان، مال ۽ عزت جي بچاءَ لاءِ جوابدار هوندو هو، ۽ سندن ديواني توڙي فوجداري معاملا به نبيريندو هو. جيڪو گرام هڪ سؤ ڳوٺن جي مٿان هوندو هو، سو ”شتپتي“ يعني ”سو جو ڌڻي“ (هڪ سو ڳوٺن جو مالڪ) سڏبو هو. گهڻن گرامن جو ميڙ، جنهن ۾ هڪ هزار بلڪ وڌيڪ ڳوٺ هوندا هئا، سو ”وس“ (Canton or District) سڏبو هو. خود اُتي جا رهاڪو به ”وس "Visah (Commoners) ڪوٺبا هئا، جنهن جي بنيادي معنيٰ آهي ”واسو يا بيٺڪ ڪندڙ بيٺڪي“. ”وس“ ۾ سڀ آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري اچي ٿي ويا، جنهنڪري ”وس“ جي معنيٰ ٿي ”عام خلق“. انهيءَ ساڳئي ”وس“ لفظ مان پوءِ ”وئش“ لفط ٺهيو؛ ۽ اڄ تائين آبادگار، ڪاسبي ۽ واپاري وئش جي دفعي ۾ ليکجن ٿا. گهڻن وسن جي ميڙ کي ”جن“ يعني نيات يا قوم (Tribe) چوندا هئا، ۽ هرهڪ جن جو پنهنجو پنهنجو راجا هوندو هو ۽ اهي جن سندن رعيتي راڄ هوندا هئا. مطلب ته جيئن هن وقت سنڌ ۾ خيرپور رياست آهي، ۽ ان جو والي مير صاحب آهي، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڏيهي رياستون هونديون هيون، ۽ هرهڪ رياست جو والي يا حاڪم پنهنجو پنهنجو هوندو هو. راڄنيتي جوڙ جڪ جو اهو ئي ساڳيو نمونو، ايران، اٽلي، گريس (يونان)، رشيا (روس) ۽ جرمنيءَ ۾ هوندو هو. *

    راجائيءَ جو بيناد: رگ ويد جي منڊل پهرئين (سوڪت 36 منتر 10) موجب منشن (ماڻهن) جو پهريون راجا منو ڀڳوان هو، پر راجا مقرر ڪرڻ جو رواج ڪيئن پيو، سو احوال ان ۾ ڪونهي. مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته پانڊون ۽ ڪورون جو وڏو ڪاڪو ڀيشم پتامهه جڏهن جڌ جي ميدان ۾ تيرن جي سيجا تي سمهيو پيو هو، تڏهن پاندون جي وڏي ڀاءُ راجا يڌشٽر کي گهڻين ئي ڳالهين بابت اُپديش ڪيو هئائين. راجا ڌرم بابت اپديش ڪندي کيس راجائيءَ جو بنياد به ٻڌايائين. اهو مختصر طرح هتي ڄاڻائجي ٿو، جو انهيءَ مان هاڻوڪن ٻين رواجن جو بيناد به سمجهي سگهجي ٿو.
    پراچين سمي ۾ پرٿويءَ تي نڪا هئي سرڪار نڪو هو راجا. ماڻهو پنهنجو بچاءُ پاڻ ڪندا هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ ڏٺائون ته پنهنجو بچاءُ پاڻيهي ڪرڻ ڏکيو آهي – ڪي پرائي مال جا تاڪائو هئا، ته ڪن جو پاڻ تي ضابطو ڪونه هو، جنهنڪري ماڻهو هڪٻئي جو چڪين ماس پيا ڇنندا هئا. ان وقت ڪن سياڻن ۽ سدا چارين پاڻ ۾ گڏجي اهو پرڻ ڪيو ته جيڪي ڪرڙيءَ زبان وارا، طبع جا شوخ، زناڪار ۽ عياشي آهن ۽ جن لي چوري ڪرڻ ۽ پرائي حق غضب ڪرڻ جي عادت آهي، تن کي پنهنجيءَ نيات مان ڪڍي ڇڏبو. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته ”ٿالهؤن لاهڻ“ يا ڪوفي مان ڪڍي ڇڏڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي. اهڙي پرڻ ڪرڻ کانپوءِ ماڻهن جو هڪٻئي ۾ ويساهه ڄائو، ته ڪجهه وقت سک سانت ۾ گذاريائون، پر پوءِ يقين ڄاتائون ته ڪنهن راجا مقرر ڪرڻ کان سواءِ پوري پوڻ جي واهه ڪانهي، جو ڌرم ۽ اڌرم جو سنڌو سيڙهو ماڻهو رکن ئي ڪونه ٿا، ۽ ايشور کان به وڃن ٿا بي مک ٿيندا. هنن پوءِ دلگير ٿي شرٽي4 جي اپائيندر (برهما) کي آراڌنا ڪئي ته ”راجا کان سواءِ اسين ناس ٿي وينداسين، تنهنڪري اسان لاءِ ڪو راجا مقرر ڪريو. هو اسان جو بچاءُ ڪندو ته اسين کيس پنهنجو پُوج ڪري ليکينداسين“. هنن جي اها آراڌنا ٻڌي برهما پوءِ منو ڀڳوان کي چيو ته جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ توهين سندن راجا ٿيون. هن چيو ته ”حڪومت ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ست ۽ ڌرم جي راهه تي هلائڻ سٿرو ڪم ڪونهي“. انهيءَ تي ماڻهن منوءَ ڀڳوان کي چيو ته ”توهين ڪوبه خيال نه ڪريو. توهان کي ڪوبه پاپ ڇهي ڪين سگهندو. شاهي خزاني کي ڀرپور ڪرڻ لاءِ اسين ان جي پيدائش جي ڏهين پتي ۽ پنهنجي سون جي پنجاهين پتي ڏينداسون، ۽ گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال به ڏينداسون. اسان مان جيڪي هٿيار پنوهار هلائي ڄاڻن، ۽ سواري ڪري ڄاڻن، سي توهان جي پٺيان ائين هلندا، جيئن ٻيا ديوتائون راجا اندر جي پٺيان هلن ٿا. ائين اوهين ڪٻير ديوتا (ڀڳوان جي خزانچيءَ) کان به وڌيڪ زور ٿيندا ۽ سولائيءَ سان اسان جو بچاءُ ڪري سگهندا. توهان جي اَجهي هيٺ رهي، ڀڳوان جي ڀڳتي ڪنداسين ۽ انهيءَ مان جيڪو اسان کي آتمڪ لاڀ (روحاني فائدو) ٿيندو، تنهن جي به چوٿين پتيءَ تي توهان جو حق ٿيندو. اي سوامي، اندر ديوتا وانگر توهين اسان جو بچاءُ ڪريو، ۽ ٻهڪندڙ سج وانگر ٻاهر نڪري، اسان جن شترن (دشمنن) کي جيتيو. توهين اسان جن شترن کي جيتي سندن ڪنڌ هيٺ ڪريو، ته سدائين ڌرم اسان جي رکيا ڪندو رهي“. منو ڀڳوان پوءِ جيون جي رکيا ڪرڻ لاءِ وڏي شان شوڪت ۽ دٻدٻي سان پنهنجي قلعي مان نڪتو ۽ بيشمار ماڻهو هٿيار پنهوار ٻڌي، سندس پٺيان هليا، (مهاڀارت شانتي پرو، 67).
    مٿئين مضمون مان ظاهر آهي ته نهايت قديم زماني ۾ ئي ماڻهن محسوس ڪيو ته پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءِ لاءِ ۽ امن امان ۾ رهي، سکي جيوت گهارڻ لاءِ، ڪنهن سوروير کي پنهنجو راجا مقرر ڪجي ۽ پنهنجيءَ پيدائش مان کيس حصو ڏجي، ته رعيت لاءِ سکن سهنجن ڪرڻ ۾ سولائي ٿئيس. سرڪاري ڍلن ڏيڻ جو رواج ائين پيو، جي ماڻهن پنهنجي سک لاءِ پاڻ تي پاڻهي ٻڌيون. جنگي کاتي جوڙڻ، ۽ لشڪر ۾ ڀرتي ڪرڻ جو رواج به ماڻهن پنهنجيءَ خوشيءَ سان وڌو، ته ديس جو بچاءُ ڪرڻ سولو ٿئي. هن ريت رعيتي ماڻهو راجا سان هر طرح ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا ٿي، تنهگن ۾ مکيه ڳالهه هي4 هئي ته راجا سندين مڃتا سان مقرر ٿي ٿيو. ماڻهن کي دل گهريو راجا ملندو ته منجهن راڄ ڀڳتيءَ (Loyalty)جو انگ پاڻمرادو پيدا ٿيندو. اڄ به چئون ته ”جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا“ يعني جنهن جي صاحبي هجي،تنهن جو سدائين خبر گهرجي. ٻين قومن جي تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو تهاهي به نهاي راڄ ڀڳت هونديون هيون ۽ حاڪمن جي فيصلي موجب هلڻ تي پاڻ کي ٻڌل سمجهنديون هون. حضرت عيسيٰ کي صليب تي چاڙهڻ جو حڪم ٿيو، ته ڪا هوڏ يا تڪرار نه ڪيائين؛ پر ايشور جو ڀاڻو مٺو سمجهي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو سر ڏنائين. منصور به مرڪندي سوريءَ تي سوار ٿيو. مسلمانن جي قرآن شريف ۾ به راجائي حڪم مڃڻ جي هدايت ۽ راڄ ڀڳتيءَ جو تاڪيد ٿيل آهي.
    راجا جا فرض ۽ سنديس خود مختياريءَ ۾ اٽڪون: ويدن واري زماني ۾ ماڻهن ۾ لوڪشاهي (Domocracy) جو انگ ججهو هوندو هو. پنهنجي لاءِ راجا پاڻ مقرر ڪندا هئا. هو ائين ڄاڻندا هئا ته ملڪ اسان جو آهي، راجا کي اسان پنهنجي خوشيءَ سان پنهنجي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري کيس پنهنجا فرض ادا ڪرڻا آهن، ۽ انهيءَ فرض ادائيءَ ۾ کيس پئسي ۽ ماڻهن جي مدد ڏيڻي آهي. انهيءَ سبب هو پاڻ کي اڃا ”رعيت ڪري ڪونه سمجهندا هئا. کين هٿيارن پنهوارن رکڻ کان ڪابه روڪ ڪانه هوندي هئي، تنهنڪري جنهن وقت ڏسندا هئا ته راجا ڳريون ڍليون وجهي، ماڻهن کي پيڙي ٿو، تنهن وقت ساڻس جنگ جوٽڻ لاءِ تيار ٿي بيهندا هئا. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن به راجا کي جريت ڪانه ٿي ٿي، جو خودمختيار ٿي، جيئن وڻيس تيئن هلي. ٻي ڳالهه ته راجا جي ڪنهن ويجهي عزيز کي راڄ گاديءَ هٿ ڪرڻ جي نيت هوندي هئي، ته رعيتي ماڻهن کي چٽون چوٽون ٻڌي ۽ کين وڌيڪ سکي رکڻ جا دم دلاسا ڏيئي، پنهنجي پاسي ڪري سگهندو هو؛ جنهنڪري راجا پنهنجن اهڙن دشمنن کي ڌڪ هڻندو هو. ٽين ڳالهه ته جيئنهن وقت سنڌ ۾ ”ڪي چور“ آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به ڪي هنن چورن جهڙا هوندا هئا. اڻ آريه لوڪن مان ڪيترا جبلن ۽ سرحدن واري پاسن کان لڏي، آرين جي ڏيهي رياستن ۾ اچي رهيا هئا. اهي وجهه وٺي آرين جو چوپايو مال ڪاهي ويندا هئا، جنهنڪري اهي ”اسر“ ۽ ”دئت“ سڏيا ويا آهن. اهي وقت بوقت وڏو آزار مچائيندا هئا، تنهنڪري ئي راجائن مقرر ڪرڻ جي ضرورت ٿي هئي. اهي جڏهن پاڻمرادو يا ڪنهن جي ڇيڙڻ تي صلع ۾ وڳوڙ وجهندا هئا، تڏهن راجا جي دشمنن کي به ائين چوڻ جو وجهه ملندو هو ته راجا کي راجائي هلائڻ نٿي اچي. انهن سڀني سببن ڪري خود راجا جي جهوٻي وهڻي هوندي هئي. کيس سڀني پارين خيال ڪرڻو پوندو هو، ۽ آپيشاهي نمونو(Autocracy) هلي ڪين سگهندو هو. اهي گويا سندس مطلق خود مختيار ٿي رهڻ ۾ رنڊڪون يا اتڪون هيون، تنهنڪري هر طرح رعيت جي دل وٺڻي پوندي هيس. انهيءَ هوندي به ايترو ڏکو رکندو هو، جو هر ڪو پيو ڪنبندو هو، ته متان راجا مون تي ڪپ ٿئي، (اٿرو ويد منڊل ڇهون، 4). راجا کي اهو ڏکو ضرور وهارڻو آهي ته رعيتي ماڻهو سمجهن، ته ڪوبه لچ لمپٽ اسان جي وار جو به نالو وٺي ڪين سگهندو، ۽ جيڪڏهن ڪو بي قاعدي هلت ڪندو ته جهٽ سزا ڏياري سگهبس. اهڙو آٿت جڏهن ماڻهن جي دلين کي هوندو، تڏهن هو ڪنهن به ڊپ ڊاءُ بنا اويل سويل ٻاهر نڪري سگهندا، ۽ نرسني پنهنجن ڌنڌن ڌاڙين ڏي ڌيان ڏيندا جنهنڪري هنرن ۽ ڪاريگرن جو واڌارو ٿيندو ۽ ملڪ سائو ٿيندو.
    براهمڻن جو زور: راجائون پنهنجو راڄ، ڌرم ۽ راجائي فرض پوريءَ ريت پالين، تنهن لاءِ ويدن واري زماني ۾ ئي ماڻهن ضروري سمجهيو ته راجڪمارن کي ننڍڙي ئي راڄ، ڌرم ۽ راڄنيتيءَ جون ڳالهيون سيکارجن، ته وڏي هوندي حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت هلائي سگهن. ان وقت براهمڻ ۽ رشي، ڌرم ۽ نيتيءَ جي اعدن جا پورا پورا ڄائو هئا، ۽ اهي ئي راجڪمارن جا وديا گرو ٿيا. خود راجائن کي براهمڻ ۽ رشين کانسواءِ ڪينسرندي هئي. هر ڪنهن هنڌ راجا جي لاءِ ضروري هو ته پهريائين پنهنجي لاءِ ڪو پروهت مقرر ڪري، ۽ پوءِ پنهنجي تاجپوشيءَ جو بندوبست ڪري، (مهاڀارت، شانتي پرو، 3 ۽ 29). راڄ جي سلامتي ۽ واڌاري جو مدار راجا تي آهي؛ پر خود راجا جي اُنتيءَ جو مدار سندس پروهت تي آهي. (شانتي پرو 74، 1-2). عام طرح ماڻهو ائين وسهندا هئا ته براهمڻن ۾ اهڙو ڪو ٻل آهي، جو اُهي جڏهن پوريءَ وڌيءَ سان ويدن جا منتر اُچارين ٿا، تڏهن هرڪو يگيه سڦلو ٿئي ٿو، ۽ ديوتائون ماڻهن جي من جون مرادون پڄائين ٿا. ائين به وسهندا هئا ته يگين ۽ پوڄائن ڪر5ڻ کان سواءِ گت ٿيڻي ڪانهي، تنهنڪري عام ماڻهن کي، توڙي راجائن کي ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو ته سدائين براهمڻن ۽ رشين کان ڪرائيندا هئا. يگين ۽ پوڄائن مهل براهمڻن ۽ رشين کي راجائون به پيرين پوندا هئا، ۽ سندن چرن ڌئندا هئا، جا تابعداريءَ جي نشاني آهي. عام خلق به براهمڻن ۽ رشين جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي، ۽ راجا خود عام خلق جي مدد جو محتاج هوندو هو. اهڙيءَ حالت ۾ براهمڻن ۽ رشي راجائن کان به وڌيڪ زور هوندا هئا، سو به ايتري قدر هرهڪ ڏيهي رياست جو راجا ”وسپتي“ يعني ”وس“ يا عام خلق جو راجا سڏبو هو، ۽ نه ”برهمڻپتي“، براهمڻ گويا پنهنجا حاڪم پاڻ هوندا هئا. هيڏي مان مرتبي ۽ ججهيءَ هلنديءَ هوندي به براهمڻن اڪثر راجا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪئي، جو ڄاتائون ٿي ته وزيري جي عهدي تي رهي؛ راجا کي ڌرم ۽ نيتيءَ جي پٽاندر هلائبو، ته انهيءَ ريت ديس جي شيوا وڌيڪ چڱيءَ ريت ڪري سگهبي. براهمڻن پنهنجي ڪا ڌار ڪليسا يا چرچ (Church) به ڪانه ٺاهي، جيئن قديم زماني ۾ يورپ ۾ رواج هو. يورپ ۾ اڳي هڪڙو ئي ڪئٿولڪ ڌرم هوندو هو، ۽ پاپا (Pope) ”ڌرم رکپال“ (Defender of Faith) سڏبو هو. ويدڪ زماني ۾ توڙي ان کانپوءِ ڪنهن به براهمڻ يا رشيءَ کي اهڙو لقب مليل ڪونه هو، ته به سڀ ماڻهو کين ڌرم جو رکپال سمجهندا هئا. خود راجائون به سندن ٺهرايل قاعدن پٽاندر هلڻ لاءِ ٻڌل هوندا هئا. اڄ به سندن ئي جوڙيل قاعدن ۽ سندن ئي وڌل رواجن پٽاندر ڪورٽن ۾ هندن جي معاملن جو نبيرو ٿئي ٿو. سڀ ڪورٽون انهيءَ قديم ”هندو لا“ (Hindu Law) تي هلڻ لاءِ ٻڌل آهن، ۽ جيڪو به فيصلو انهن قاعدن پٽاندر نٿو ٿئي، سو رد ۽ باطل سمجهيو وڃي ٿو.
    براهمڻن ۽ رشين جو مان مرتبو جيتوڻيڪ يورپ جي پوپن (Popes) جهڙو هوندو هو، ته به ٻنهي جي هلت ۾ وڏو ڦير هوندو هو. يورپ جا پوپ شاهاڻو شان شوڪت رکندا هئا، ۽ وڏي تزڪ ۽ تومان سان ديول (چرچ) ۾ ايندا هئا. سنڌو ماٿر جي باهمڻن جي هلت ئي نرالي هوندي هئي. هو ننڍڙي هوندي ئي مٿو ڪوڙائي، جڻيو پائي، پنهنجي گروءَ وٽ وديا پرائڻ ويندا هئا، ۽ اُهو سڀ وقت ڌنڌو ڪري يا پِنَ ڪري پاڻ به کائيندا هئا، ۽ گروءَ کي به کارائيندا هئا. جڏهن هر طرح جي وديا پرائي پر پڪ ٿيندا هئا، تڏهن ٻين کي وديا سيکارڻ، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو ڪم پاڻ تي کڻندا هئا. بگين ۽ پوڄائن ڪرڻ مهل به ڪنهن مسند تي چڙهي ڪونه وهندا هئا؛ پر چؤنڪو پائي پٽ ۾وهندا هئا. مطلب ته ٺاٺ يا آڊمبر وٽن ڪونه هوندو هو. نهٺائي ۽ نماڻائيءَ سان ڌرمج ڪرم تي پوريءَ ريت هلي، پاڻ کي ايتري قدر لائق ڪندا هئا؛ جو راجائون کين پيرين پئي سندين آسيس گهرندا هئا. خود رگ ويد ۾ چيل آهي ته ”جيڪو راجا براهمڻن سان ڀال ڀلائي ٿو، تنهن تي ديوتائون پرسن ٿي سندس رکيا ڪن ٿيون“، (منڊل چوٿون، سوُڪت 5، 8-9). انهيءَ هوندي به براهمڻن ۽ راجائن جي وچ ۾ وقتي تڪرار ٿيندا هئا، جيئن يورپ ۾ بادشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ٿيندا هئا. مثلاً انگلنڊ جي بادشاهه هينري اٺين جي مرضي ٿي ته پنهنجي راڻي ڪئٿرين کي ڪڍي، اِئن بلين سان پرڻجان. ان لاءِ پوپ کان موڪل گهريائين ته هن جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي موڪل نه ڏنس. انهيءَ تان بادشاهه کي اهڙي باهه لڳي، جو پوپ کان ڪليسا (Church) جون سڀ اختياريون کسي ورتائين، ۽ آئيندي لاءِ ڌرم جو رکپال پاڻ ٿيو. سنڌو ماٿر ۾ براهمڻن ۽ کٿرين (راجائن ۽ ٻين کترين) جي وچ ۾ تڪرار اڪثر ٽن ڳالهين تان ٿيندا هئا:
    (1) براهمڻن ۾ سؤمان (Self Respect) جو انگ بلڪل گهڻو هوندو هو، تنهنڪري جڏهن ڪو راجا ڪنهن براهمڻ جو اَپمان ڪندو هو، يا چڙ منجهان کيس ڪلو ايذاءُ رسائيندو هو، يا ڪهي وجهندو هو، تڏهن براهمڻ کيس سامهون ٿيندا هئا، ۽ وڏو تڪرار مچندو هو.
    (2) جڏهن ڪو راجا براهمڻن کي ريٽي، يگين ۽ پوڄائن ڪرڻ جو پاڻ کي حقدار سمجهندو هو. تڏهن براهمڻ اعتراض اُٿاريندا هئا، جو سمجهندا هئا ته راجا اسان جن ڪمن ۽ حقن ۾ دست اندازي ڪري ٿو، پر اهڙا تڪرار گهڻو پوءِ ٿيڻ لڳا.
    (3) جيڪڏهن ڪوبه کٿري، راجائن ۽ ٻين کي يگيه ڪرائيندو هو، ته انهيءَ تان به براهمڻن جو انهيءَ کتريءَ سان تڪرر ٿيندو هو. مثلاً وشوامتر کتري ٿي راجا سوداس کلي يگيه ٿي ڪرايو، ته وشٽ منيءَ سخت اعتراض اٿاريو هو.
    راجائن ۽ براهمڻن جي وچ ۾ تڪرار ٿيڻ لاءِ پهريان ٻه مکيه سبب هوندا هئا، تن مان پهريون سبب وڌيڪ مکيه هوندو هو، جو ڪوبه براهمڻ پنهنجو اَپمان سهي ڪين سگهندو هو، جنهنڪري هر ڪنهن راجا کي چيتي هلڻو پوندو هو. *

    رگ ويد واري زماني ۾ براهمڻ رشي هيترو زور هوندا هئا، ته به وس پڄندي انهيءَ ڳالهه جو اڻ ٺهندو فائدو نه وٺندا هئا. عام خلق اڪثر سندين ڏوريءَ ۾ ٻڌل هوندي هئي، جنهنڪري ڪنهن راجا کي راڄگديءَ تي وهارڻ توڙي راڄگديءَ تان لاهڻ سندن وس جي ڳالهه هوندي هئي، ته به وس پڄندي نه ڪڏهن پاڻ راجا ٿيڻ جي ڪوشس ڪندا هئا، نه ڪنهن راجا کي تخت ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪندا هئا. هنن ڄاتو ٿي ته روز روز راجا پيو بدلائبو ته انهيءَ ۾ خود ديس لاءِ چڱائي ڪانه ٿيندي. انهيءَ سبب ساز سلوڪ ۾ رهڻ جي ضرورت محسوس ڪيائون، جنهن ڳالهه جو مهاڀارت جي شانتي پرو ۾ ججهو ذڪر ٿيل آهي. راجا کي متان ڪي دشمن ٿڏڻ جي ڪوشش ڪن، ۽ ملڪ ۾ وڳوڙ پيدا ٿئي، تن ڳالهين کي ٻنجي ڏيڻ لاءِ به جوڳا قدم کنيائون، جنهن جو ذڪر ڪجي ٿو.
    راجائن جي چونڊ: سنڌو ماٿر ۾ ڪنهن به هنڌ لاءِ ڪو راجا مقرر ڪرڻو هوندو هون، ته ٻين هنڌن جي راجائن کي نينڍ ڏيئي گهرائيندا هئا، اهو ڀر وارن راجائن سان ڀائپيءَ ڳنڍڻ جو رستو هو. ساڳئي وقت سندين قبوليت سان راجا مقرر ٿيڻ ڪري، ڪنهن جنگ فساد جو امڪان نه رهندو هو. جيڪو راجا مقرر ڪرڻو پوندو هون، تنهنجي عزيزن مان متان ڪو حسد ڪري ۽ راڄگدي هٿ ڪرڻ لاءِ ڪي سٽون سٽي وڳوڙ پيدا ڪرائي، تنهنڪري ضروري ڄاتائون ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ خود سندس عزيزن جو به هٿ هئڻ گهرجي، ۽ اُهي پوءِ به سندس صلاحڪار ٿي رهن. راجا سندين صلاح سان ڪاروبار هلائيندو، ته پوءِ ڪنهن کي ويڪن ڪڍڻ جو وجهه ڪونه ملندو. اهو دستور اختيار ڪري، وير، وروڌ، حسد ۽ هُوس کي ڄڻ ته ٻنجو ڏيئي ڇڏيائون. هيءُ حقيقتون اٿرو ويد ۾ ڄاڻايل آهن. اٿرو ويد جي منڊل ٽئين (سُوڪت 4) ۾ راجا کي راڄگدي ملڻ جي يگيه ٿيڻ مهل هڪ رشي چوپيس ٿو ته: ”جدا جدا نياتين جا ماڻهو اوهان کي راجا ڪري چونڊيندا، توهان جا سجاتي (ذات وارا يا مٽ مائٽ) توهان کي ڪوٺ ڏيئي، توهان سان ملڻ لاءِ ايندا ۽ اوهان سان گڏ اگن ديوتا به اوهان جي اچڻ جي سڌ اڳواٽ ڏيڻ ايندو“. هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته راجا جي چونڊ ڪرڻ ۾ جدا جدا نياتين جي ماڻهن، رشين، براهمڻن ۽ راجا جي عزيزن جو هٿ هوندو هو. اهي سڀيئي ”راجڪرتهه“ (King Makers) سڏيا ويا آهن. راجا جي چونڊ ٿيڻ مهل جدا جدا ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي گرام منيءَ کي پنهنجو عيوضي ڪري موڪليندا هئا، ۽ اهو عام خلق جي پاران رايو ظاهر ڪندو هو. راجا جي مقرريءَ ۾ ٻيو هٿ هوندو هو ”رٿڪارن“ جو يعني رٿن يا گاڏين جوڙيندڙن جو. جيئن هن وقت جپاني توڙي يوروپي لوڪ هوائي جهازن ۾ چڙهي جنگ ڪن ٿا، ۽ هوائي جهازن جوڙيندڙن کي ججهو مان ڏين ٿا، تيئن اڳي راجائون ۽ ٻيا جنگي عملدار رٿن تي چڙهي جنگ جي ميدان ۾ ويندا هئا، جنهنڪري رٿڪارن جو مان هوندو هو. اُهي به راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ بهرو وٺندا هئا. راجائن جي چونڊ ڪرڻ ۾ ”سوُتن“ جو به هٿ هوندو هو. ”برهمڻي ماءُ“ ۽ ”کتري پيءُ“ مان پيدا ٿيل پٽ ”سوُت“ سڏبو هو. سُوت اڪثر ”سارٿي“ يعني رٿ هلائيندڙ هوندا هئا. اِهي رواجي گاڏيءَ وارا ڪين هوندا هئا، پر وڏا جنگي جوڌا ۽ تير اندازيءَ ۾ ڀڙ هوندا هئا. جنگ مهل جيڪو راجا يا جنگي عملدار رٿ ۾ چڙهي، رڻ ڀوميءَ (جنگ جي ميدان ۾ ويندو هو، سو سارٿيءَ جي پٺيان ويهي دشمنن کي ٻاڻ (تير) هڻندو هو. دشمنن جي طرفان جيڪي تير ايندا هئا، سي سڌو سارٿيءَ ڏي! پر هو اتڪل ڪري تير کان پاڻ بچائي وٺندو هو، ۽ ساڳئي وقت پاڻ سان گڏ چڙهيل سوار جو به بچاءُ ڪندو هو. مطلب ته جيڪو سوُت جبرو جنگي جوان ۽ لڙائيءَ جي فن ۾ ماهر هوندو هو، تنهن کي پنهنجو سارٿي ڪندا هئا. اِهو ئي سبب هو جو مهاڀارت واريءَ لڙائيءَ ۾ شري ڪرشن پنهنجي ڪرپا ڪري آرجن جي رٿ ٿي هڪليو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي آرجن جو بچاءُ ڪيائين ٿي. ويدن واري زماني ۾ راجا جي مقرريءَ مهل اِهي سُوت جنگي فوج جا عيوضي ٿي ايندا هئا. ائين نه رڳو رشين ۽ براهمڻن؛ پر جنگي کاتي ۽ عام خلق جي عيوضين جي مڃتا سان راجائون مقرر ٿيندا هئا، ۽ ماڻهو سچو پچو سو راج ماڻيندا هئا. هي ڳالهيون اٿرو ويد جي منڊل ٽئين، سوُڪت 5 ۾ لکيل آهي.
    راجا جي تاجپوشي: رعيتي ماڻهو جيڪو راجا پنهنجي لاءِ چونڊيندا هئا، تنهن جي تاجپوشيءَ جو ذڪر رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 173)، ۽ اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (87، 88) ۾ آهي. راجا کي راڄگديءَ تي ويهارڻ مهل هڪ رشي چوي ٿو ته ”اسان جي وچ ۾ اچو، ۽ پختا ٿي وهو. شل سڀني کي اوهين وڻو. توهين شل پنهنجي گاديءَ تان نه ٿڙڪو. هتي اسٿر ٿي وهو، ۽ شل اِتان لهي هيٺ نه اچو. هتي اندي ديوتا وانگر پختا ٿي وهو ۽ راشٽر (رياست) جون واڳون جهليو. جيئن آڪاس اسٿر آهي، پرٿوي اسٿر آهي، جبل اسٿر آهن، تيئن شل ”وِس“ يا عام خلق جو راجا اسٿر هجي! شل ورڻ ديوتا، برهسپت ديوتا، اندر ۽ اگني ديوتا جي ڪرپا سان حڪومت جون واڳون توهان جي هٿ ۾ پختيون هجن! جيڪي توهان جا دشمن هجن، يا توهان سان دشمن جهڙي هلت ڪن، تن کي توهين پنهنجن پيرن هيٺ پورو ڪري ڇڏيو، پر توهان کي ڪا ٺوڪر نه اچي. سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا، ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي توهين محڪم هجو“. هن مان ظاهر آهي ته قديم زماني ۾ ئي رشين ڄاتو ٿي ته حڪومت جو چرخو چڱيءَ ريت تڏهن هلي سگهندو، جڏهن راجا جي راجائي پڪي پائي تي بيٺل هوندي. انهيءَ سبب ئي اهڙيون آراڌنائون ڪيائون ٿي، ته راجا جو راڄ قائم رهي!
    سڀا ۽ سمتي: رگ ويد واري زماني ۾ راڄ درٻار جا ميڙ ٻن نالن سان سڏبا هئا: ”سڀا“ ۽ ”سمتي“، ٻنهين جي وچ ۾ ڪهڙو تفاوت هوندو هو، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل ڪونهي، پر جيڪي حقيقتون ويدن ۾ جدا جدا هنڌن تي ڄاڻايل آهن، تن مان اسان جي عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ”سمتي“ هڪ وڏي ڪانگريس هوندي هئي، جنهن ۾ سڀني ڪُلن جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيند هئا. سمتيءَ ۾ راجائون به ويندا هئا (رگ ويد منڊل نائون 92، 6)، ”راجنهه سمتوير“ يعني امير امراءَ به اتي اچي ڪٺا ٿيندا هئا، (منڊل ڏهون 97، 6). رگ ويد جي منڊل ڏهين (173، 1) ۾ چٽيءَ ريت چيل آهي ته ”سڀ يڪراءِ ٿي اوهان جو مان ڪن ٿا ۽ سمتي توهان کي مقرر ڪري ٿي“. هيءَ ساڳي سٽ جا مٿي تاجپوشيءَ جي ذڪر ڪندي ڏني ويئي آهي، تنهن مان ۽ ٻين اهڙن احوالن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته سمتين ۾ ماڻهن جو ميڙ راجا چونڊڻ، تاجپوشيءَ جي جلسن ۽ ٻين اهڙن خاص موقعن تي مڙندو هو، باقي ٻيو ملڪي ڪاروبار راج سڀائن ۾ هلندو هو.
    ”سمتي“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”جتي ماڻهو وڃي ڪٺا ٿين“.تنهنڪري اڄ تائين ”سمتي“ لفظ سڀا منڊل يا ميڙ“ جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو، پر شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا ڪئي آهي، تنهن ”سمتي“ لفظ جي معنيٰ ڪئي آهي ”سنگرام يا لڙائي“، ياسڪ منيءَ به اهائي معنيٰ ڪئي آهي. وڏي ڳالهه ته اٿرو ويد جي منڊل ٻارهين سوُڪت پهرئين۾ ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ لفظ ائين گڏ ڪم آيل آهن، جو ڄڻ ته ساڳي معنيٰ وارا لفظ آهن. ”سمتي“ لفظ جي اڳي اها معنيٰ ڪهڙي حساب سان هئي، سا ڳالهه سمجهڻ تڏهن سولي ٿئي ٿي، جڏهن يورپ جي آڳاٽين سمتين جون ڳالهيون ڌيان ۾ رکجن ٿيون. يونان جي تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم زماني ۾ اتي ڪا وڏي ملڪي ڳالهه ٿيندي هئي، ته آزاد خيالن وارا ماڻهو پلٽڻ وانگر صفون ٻڌي راج درٻار ۾ وڃي بيهندا هئا. ٽيوٽانڪ قوم وارن ۾ دستور هوندو هو ته جڏهن صلح يا جنگ ڪرڻ جو ٺهراءُ ٿيڻو هوندو هو، تڏهن به آزاد خيالن وارا ماڻهو صفون ٻڌي وڃي بيهندا هئا، ته ڏسون ته ڪهڙو فيصلو ٿو ٿئي. جيڪڏهن فيصلو سندن دل وٽان نه ٿيندو هو، ته پنهنجي ناراضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڀُڻ ڀُڻ يا ڪنجهڪار ڪندا هئا؛ پر جيڪڏهن سندن دل وٽان فيصلو ٿيندو هو، ته پوءِ پنهنجي راضپي ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجا نيزا يا ڀالا کڙڪائيندا هئا! اِهي ڳالهيون ويچار ۾ رکجن ٿيون ته ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته سنڌو ماٿر ۾ به جيڪي ”سينا ناني“ يا لشڪري مهندار (Leaders of the Army) گرام مني ۽ ٻيا جنگي جوڌا رعيت جا عيوضي ٿي سمتيءَ ۾ ايندا هئا، سي صفون ي اچي بيهندا هئا، تنهنڪري سمتي“ لفظ جي اصل معنيٰ هئي ”جتي ڪٽڪ اچي مڙن“. مطلب ته سمتيءَ ۾ ماڻهو ائين اچي مڙندا هئا، جيئن جڌ يا لرائيءَ ۾ ڪٽڪ اچي مڙن ٿا، تنهنڪري ”سمتي“ ۽ ”سنگرام“ اصل ساڳئي معنيٰ وارا لفظ هوندا هئا. اڳي سڀ ڳوٺاڻا جنگي جوڌا هوندا هئا، جا ڳالهه اڳي ئي ڄاڻائي وئي آهي.*

    ”سڀا“ لفظ جي به معنيٰ آهي ”منڊلي، ميڙ يا درٻار“. مثلا ”اندر سڀا“ معنيٰ راجا اندر جي درٻار. سڀا ۾ راجا ٻهڪندڙ ويس ويس وڳو ڪري ۽ سنهري جيو پائي ايندو هو، ته ڀَٽَ پريان ئي سندس اچڻ جي سڌ ڏيندا هئا (رگ ويد مندل ڏهونم، 40، 3)، درٻاري سندس وڏائي ۽ واکاڻ ڪندا هئا (منڊل پهريون 173، 10)، ۽ راجا جو حڪم احڪام دوُت (Messengers) ٻين تائين پهچائيندا هئا، (منڊل (ڏهون 123، 6). راجا جي گادي سون سان سينگاريل هوندي هئي (منڊل پنجون 62، 7)، ۽ هيٺان فرش وڇايو پيو هوندو هو، (رگ ويد منڊل پهريون، 171)، امير وزير بلڪ راجا جا مقرر ڪيل جاسوس به سندس چوڌاري ميڙ ڪري وهندا هئا، (منڊل پهريون، 25، 10).
    رگ ويد واري زماني ۾ ”سڀا“ هڪ ملڪي ڪائونسل (Political Council)هوندي هئي، جنهن ۾ راجا حاضر ٿي، ملڪ جو ڪاروبار هلائيندو هو. وڏا وڏا معاملا به اُتي نبرندا هئا، تنهنڪري اِها جُڊيشل اسيمبلي (Judicial Assembly)به هُئي، جنهن ۾ راجا جا صلاحڪار به اچي مڙندا هئا. راجا پاڻ سڀاپتر ٿيندو هو، ۽ درٻارين مان ڪي ”اَسيسر (Assessor) يا ”مشير“ ٿي وهندا هئا. البت راجا جي راءِ کي گهڻو وزن ملندو هو، ۽ سڀ فيصلا سندس دل وٽان ٿيندا هئا (رگ ويد منڊل چوٿون، 21، 2)، ته به سڀني جي دلي مراد اها ئي هوندي هئي، ته ڌرم تي هلجي. اهو ئي سبب آهي، جنهنڪري ”شُريتن“ ۽ ”سُمريتن“ ۾ ملڪي توڙي پنگتي ڳالهيون ڌرمي ڳالهين سان ڳنڍيون ڳتيون پيون آهن.”جيڪو راچا ڌرم تي هلي ٿو، تنهن کي سوڳ جا سک نصيب ٿين ٿا، ۽ جو اڌرم ڪري ٿو، سو نرڪ گامي ٿئي ٿو، (مهاڀارت، شانتي پرو 15، 4-6 ۽ 17- 6-9)“. اِهي هئا آڳاتن آرين جا عقيدا، تنهنڪري ڌرم تي هلڻ پهرين ۽ مکيه ڳالهه هوندي هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪو معاملو پوريءَ ريت فيصل نه ٿيندو هو، ۽ پوءِ پتو پوندو هو ته بي انصافي ٿي آهي، ته راجا سميت سڀ درٻاري پاڻ کي ڏوهه ڏيندا هئا، ۽ پراڇت ڪندا هئا! مطلب ته هر طرح اهائي ڪوشش ڪندا هئا ته ڪو ڪنياءُ نه ئي، ۽ حقدارن کي حق پلءِ پوي. سڄيءَ دنيا جي تاريخ ڏسو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ٻئي ڪنهن به ملڪ جي ماڻهن ۾ ايتري جاڳرتا ڪانه هئي، جيتري سنڌو ماٿر ۾ هئي. اُن وقت جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه آهي، جا هن وقت به ڪانهي.*

    هن وقت پارليامينٽن، اسيمبلين، ميونسپالٽين، پنچاتين ۽ ٻين منڊلين ۽ سڀائن ۾ ڪيتريون ڳالهيون غلبي راءِ بحال ٿينديون آهن، يعني جيڪڏهن رڳو ڪي ٿورا ڪنهن رٿ جي برخلاف هوندا آهن، ته انهنجي راءِ کي ڪونه ليکيندا آهن. اڳي ائين ٿيڻ نه ڏيندا هئا، جيڪي ساڻن شامل راءِ نه ٿيندا هئا، تن سان به ٿڌي سيني بحث مباحثو ڪري، کين پنهنجي طرف آڻڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، ته هرهڪ ڳالهه بنه يڪراءِ فيصل ٿئي. هن بقبت رگ ويد جي پڇاڙيءَ واري سُوڪت ۾ جيڪي لکي هي، تنهن جو مطلب هي آهي:
    ”مڙي اچو، گڏجي ڳالهيون ڪريون، شل توهان جن دلين ۾ متفق راءِ پيدا ٿئي!… هيءُ ماڳ سڀني لا3 عام آهي. هيءَ سڀا سڀني جي آهي، دليون به سڀني جون عام لاءِ آهن. شل خيالن ۾ به ملي هڪ ٿيون! آئون اوهان جي اڳيان جيڪا ڳالهه پيش ڪريان ٿو، سا عام لاءِ آهي، ٺهراءُ به ساڳيو هڪڙو ڪريون. شل اوهان جن دلين ۾ اتفاق پيدا ٿئي! سڀني جا خيال به سامان (هڪجهڙا) ٿين، ته سڀيئي هڪٻئي سان شامل راءِ ٿيون!“
    ________________________________________
    * انگريزي لفظ ”رائيول“ (Rival) اصل ۾ ”رور“ (River) يعني نديءَ لفظ مان ٺهيو آهي. ندين جي پاڻيءَ جي تڪرار سبب هڪ ڌر ٻيءَ ڌر جي برخلاف ٿيندي هئي، ۽ ائين منجهن پهاڄپڻو (Rivaly) پيدا ٿيندو هو. (مصنف)
    * Maitrayani Sanhita IV. 14, 12. Macdonell and Kesth: Vedic Index II, p. 51.
    * ”جن“ لفظ جي اصل معنيٰ آهي ”ماڻهو“، ۽ انهيءَ مان سنڌي لفظ ”ڄڻو“ ٺهيو آهي؛ جيئن چئون ته هڪڙو ڄڻو، ٻه ڄڻا. اهو ئي ساڳيو ”جن“ لفظ جمع جي معنيٰ به ڏئي ٿو. مثلاً ”هريجن“ معنيٰ ”هريءَ يا ڀڳوان جا جيو“ (People of God). ائين ”جن“ لفط نيات يا قوم جي معنيٰ به ڏيکاري ٿو. سنسڪرت لفظ ”جن“ (Jana) جو اُچار لئٽن ۾ Gens ۽ گريڪ يا يونانيءَ ۾ Geons آهي.
    * "This scheme can be supported by apparent analogies not only from Greece, Italy Germany and Russia, but also from the Iranian State with the graduated hierarchy of family or house holds, viz, Zentu and Dahyu." Cambridge History of India, Vol. 1, p.91.
    * "The vast majority of contests mentioned were of the first kind. Very few of the second kind are recorded. These two kinds were the analogues of disputes and contests in Europe between the temposal and spiritual powers." F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, p.p. 243-44.
    * * سنسڪرت ۾ ”اِ“ يعني اچڻ يا وڃڻ، ”اِت“ معنيٰ آيو يا ويو ۽ ”سم“ معنيٰ گڏ، تنهنڪري ”سمتي“ (سم + اِت + اي) معنيٰ ”جتي سڀ اچي يا سڀ وڃي گڏ ٿين.“
    * "The intimate contact of religion with the rest of life explains, why Hindu social and political theory is often presented in the same books with law and domestic ritual." Dr. Beni Parsad. Theory of Government in Ancient India, p.3.
    ڏسو ته رگ ويد واري قديم زماني ۾ ئي حق تي هلڻ، ۽ ديس جي ڀلي خاطر سڀني کي يڪراءِ ڪرڻ لاءِ ملڪ جي مدبرن ڪيئن ٿي مٿاڪٽ ڪئي!
    سڀا برخواست ٿيڻ کانپوءِ ڪيترا درٻاري اُتي ئي ويهي کائيندا پيئندا هئا، ۽ ڍاري راند ڪندا هئا. اوڏيءَ مهل سڀا کي ڦيري ”ڪلب“ (Club) ڪري ڇڏيندا هئا. راجائون به ڍاري راند ۾ شامل ٿيندا هئا، جو اِها راند اُن وقت جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏي وندر هوندي هئي.
    شهر ۽ عالم پناهون: ملڪ ۾ نياءَ ڪاري راجا هوندو ۽ ماڻهن جي جان، مال عزت جي بچاءَ لاءِ پورو بندوبست هوندو، ته ماڻهواَڻ پڇو پنهنجو ڌيان علم ۽ هنرن تي ڏيندا ۽ ائين سڀيتا جو واڌارو ٿيندو. سڀيتا جو واڌارو سدائين صلح سانت جي وقت ۾ چڱيءَ ريت ٿيندو آهي. اِنهيءَ ترقيءَ جا اُهڃاڻ رگ ويد منجهان ئي ملن ٿا، جنهن ۾ ”درگاهه“ ۽ ”پُر“ لفظ ڪيترا گهمرا ڪم آيل آهن. ”درگاهه“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ ”مشڪل“ ۽ ”گ“ (گم) معنيٰ وڃڻ، تنهنڪري ”درگا“ معنيٰ ”قلعو“ (جنهن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو مشڪل وڃي سگهي). ديويءَ کي به ”درگاهه“ چئبو آهي، جو اِها پنهنجن پوڄارين لاءِ هڪ قلعو يا پناهه آهي، يعني سندن اَجهو ۽ اوٽ آهي. هن مان ثابت آهي ته قلعا نهايت مضبوط جوڙيندا هئا، جن ۾ ڪو ڌاريو ماڻهو سٿرو گهڙي ڪين سگهندو هو.
    هن وقت ”پر“ (پور) لفظ جي عام طرح معنيٰ ناهي ”شهر“ جهڙوڪ: خيرپور، ميرپور ۽ نصرپور. رگ ويد جي منڊل پهرئين (53، 785، 8)، منڊل ٽئين (15، 4؛ ۽ ٻين منڊلن ۾ ”پُر“ لفظ ڪوٽ يا قلعي جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي. هاڻوڪي سنسڪرت ۾ به ”پُر“ (پُور) لفظ جي معنيٰ ”شهر“ به آهي ته ”قلعو“ به آهي. ساڳي لفظ جون اِهي ٻه معنائون هن ڪري ٿيون آهن، جو اڳي جيڪي شهر هوندا هئا، تن کي عالم پناهه ڏنل هوندي هئي. هن وقت به جيسلمير ۽ ٻيا ڪي شهر قلعن يا عالم پناهن جي اندر آهن. اِهو رواج سنڌ ۾ به عام هو. مثلاً شڪارپور جو شهر، ويجهڙائيءَ جو ٻڌل آهي، سو سڄو ئي قلعي جي اندر هوندو هو. شهر ۾ آمدرفت لاءِ جدا جدا پاسن کان دروازا هوندا هئا، جي اڄ تائين لکي در، هاٿي در، هزاري در، سوي در ۽ ٻين نالن سان سڏجن ٿا. شڪارپور کان گهڻو پوءِ ڪراچيءَ جو شهر ٻڌو. اصلوڪو ڪراچيءَ جو شهر به قلعي اندر هوندو هو، جنهن کي ٻه دروازا هوندا هئا، هڪڙو دروازو سمنڊ جي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”کارو در“ سڏبو هو، ۽ ٻيو دروازو لياري نديءَ جي مٺي پاڻي طرف هوندو هو، تنهنڪري اُهو ”مٺو در“ سڏبو هو. شڪارپور ۽ ڪراچيءَ جا وارا قلعا ڳچ وقت کان ڊهي ويا آهن، ته به دروازن جا اُهي نالا اڄ تائين هليا اچن، اِهي ٻئي شهر قلعن اندر ٻڌل هئا، جنهنڪري چئبو ته شهرن جي چوڌاري عالم پناهه يا قلعن ٻڌڻ جو رواج، جو رگ ويد واري زماني ۾ هو، سو پوءِ به سنڌ ۾ ساندهه هلندو پئي آيو. پروفيسر پٽي واري سنسڪرت ڊڪشنريءَ ۾ ڄاڻايل آهي ته ”پُر“ اُنهيءَ عالم پناهه ڏنل شهر کي چئبو آهي، ”جنهن ۾ وڏيون عمارتون هجن، چوڌاري کاهي هجي ۽ جنهنجي اِراضي هڪ ڪوهه کان گهٽ نه هجي“.
    ڪوبه شهر قلعي جي اندر ٻڌبو، ته ماڻهن جي جان ۽ مال ملڪيت عالم پناهه ”پرٿوي“ يعني ويڪري، ۽ ”اُروي“ يعني ڪشادي سڏي ويئي آهي، (منڊل پهريون 189، 2) اِها عالم پناهه ”شَتَ ڀڄي“ يعني ”هڪ سؤ ٻانهن واري“ به ڪوٺي ويئي آهي، (منڊل پهريون (166، 8 ۽ منڊل ستون 15، 4) ۾ ”اَيسيويهه پُرو“ (Ayasivih Purvih) يعني ”لوهه جا قلعا“ ڪوٺبا ويا آهن. هيءُ سڀ ڳالهيون تڏهن پوريءَ ريت سمجهي سگهجن ٿيون، جڪڏهن يوناني تاريخ نويسن بئبلان بابت ڏنل احوال ڌيان ۾ رکجن ٿا.
    ”يدو“ ۽ ”تروسو“ آرين بابت مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته اِهي بئبلان کان سمنڊ رستي آيا هئا، ۽ آرين جون بيٺڪون پوءِ به ڪي صديون ساندهه بئبلان ۾ هيون، اِهو شهر به عالم پناهن اندر ٻڌل هو، ۽ اِهي عالم پناهون پوءِ به ڪئين ورهيه ساندهه سالم بيٺيون هيون، جي هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن وٺيون هيون. اِنهن اکين ڏٺل احوالن موجب بئبلان جو شهر فرات (يوفريٽس) نديءَ جي ٻنهي ڪپن تي چورس نموني ٻڌل هو. سڄي شهر کي ڀتين جون ٻه ٽي قطارون هيون ٻاهرين ڀت. 360 کان 480 ”سٽيڊ“ (Stades) ٻائيتاليهن کان وٺي ڇاونجاهه ميلن تائين هئي، ۽ ان جي اوچائي ٽي سؤ يا ساڍا ٽي سؤ فوٽ ۽ ويڪر پنجاسي کن فوٽ هئي! سڄي شهر جي ايراضي ٻه سؤ کن چورس ميل هئي!!! ماڻهن جي امدرفت لاءِ ٻاهرين ڀت کي هڪ سؤ دروازا هئا، جي سڀ ”برانز“ (Bronze) جا ٺهيل هئا، ٿنڀا ۽ چاپڙا (Lintels) به برانز جا هئن. شهر جي اندر ڪن ڀتين کي پنجويهه دروازا هئا، جن مان لنگهي جدا جدا گهٽين ڏي ماڻهو ويندا هئا. مطلب ته گهٽيون به پنجويهه هيون، ۽ هرهڪ گهٽيءَ کي ٻاهريون دروازو هو. اِنسئڪلوپيڊيا برٽينيڪا ۾ بئبلان جي اُنهن احوالن ڏيندي ڄاڻايو اٿن، تن هيرو ڊوٽس ۽ ٻين يوناني تاريخ نويسن اُٺاءُ ۽ وڌاءُ ڪيو آهي؛ پر هتي اُٺاءَ جي ڳالهه ڏسڻ ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. رگ ويد ۾ عالم پناهه کي ”شَتَ ڀڄي“ يعني هڪ سؤ ٻانهن وارو سڏيو اٿن، ۽ يوناني تاريخ نويسن به ائين ئي ڄاڻايو آهي ته بئبلان جي ٻاهرينءَ ڀت کي هڪ سؤ دروازا هئا. پڌرو پيو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جي هرهڪ عالم پناهه کي هڪ سؤ دروازا هوندا هئا، ۽ اُهي دروازن وارا هنڌ عالم پناهه جون ٻانهون سڏيا ويا آهن. بئبلان وانگر سنڌو ماٿر جي شهرن جون عالم پناهون به نهايت گهڻي اِراضي والاري بيٺيون هيون، جنهنڪري رگ ويد ۾ هرهڪ عالم پناهه ”پرٿوي“ (ويڪري) ۽ ”اُروي“ (ڪشادي) سڏي ويئي آهي. رگ ويد واري زماني کان هزارها ورهيه پوءِ هيرو ڊوتس ۽ ٻيا يوناني تاريخ نويس پيدا ٿيا. انهن به جڏهن بئبلان جا ايهي ئي احوال ڏنا آهن، تڏهن يقين ڄاڻڻ گهرجي ته بئبلان جي سڀيتا جا بانيڪار اِهي ئي آريه لوڪ هئا، ۽ ٻنهين هنڌن جي تهذيب ۾ تفاوت هئو ئي ڪونه. ائين وسهڻ لاءِ هيڪاري هن ڪري سبب ٿئي ٿو، ته جنهن اعليٰ درجي جي سڀيتا بابت حيرت جهڙيون حقيقتونمهن جي دڙي مان معلوم ٿيون آهن، سي ساڳيون ميسو پوٽيميا مان به معلوم ٿيون آهن. اِهي ڳالهيون سنڌو ماٿر ۽ ميسو پوٽيميا جي رهاڪن جي هڪ ٻئي سان ججهي لهه وچڙهه جو اُهڃاڻ ڏين ٿيو. بئبلان وسايو ئي سنڌو ماٿر جي رهاڪن، جيئن بابت ٻارهين ۾ ڄاڻايو اٿئون.
    رگ ويد جي منڊل ڇهين (47، 2)، ۽ منڊل ستين (6، 5) ۾ ”ديهي“ (Dehi) لفظ ڪم آيل آهي. ڀانئجي ٿو ته جيئن حيدرآباد جي قلعي جي چوڌاري کاهي کوٽيل آهي – تيئن قلعن يا عالم پناهن جي چوڌاري ”ديهيون“ (کاهيون) هونديون هيون، ۽ جنگ مهل انهن ۾ لڪي، دشمنن کي پريان تير هڻندا هئا.
    مٿي ذڪر ڪيل عالم پناهه ۽ کاهين کان سواءِ ٻيا ڪي قلعا هوندا هئا، جي رگ ويد ۾ ”شَردي“ يعني سرءُ جي موسم جا قلعا سڏيا ويا آهن. انهن قلعن بابت عالمن جا علحده علحده رايا آهن. ڪي چون ته اهي ٻوڏ کان بچاءَ لاءِ هوندا هئا (ويدڪ انڊيڪس 1، 385)، ڪي چون ته رنگين زبانيءَ ۾ برسات جي ڪڪرن کي انهيءَ نالي سان سڏيو اٿن، جي سرءُ جي موسم ۾ ٽڙي پکڙي وڃن ٿا، جنهن صورت ۾ هنن قلعن بابت عالمن جي هڪ راءِ ڪانهي، تنهن صورت ۾ انهن بابت ڪجهه به وڌيڪ چئي نه ٿو سگهجي.
    راجائن جا محلات: رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته راجائن جا محلات قلعن جي اندر هوندا هئا، جن ۾ ڪاٺ جو سهڻو ڪم ٿيل هوندو هو. اهي محلات ايتري قدر لنبا ۽ چؤڙا هوندا هئا، جو ٿوريءَ ٿوريءَ وٿيءَ تي ٿنڀو ڏيڻو پوندو هو، جنهنڪري اهي ”سهسر سٿوڻ“ يعني هزار ٿنڀن وارا سڏيا ويا آهن، (منڊل ٻيو 41، 5) ۽ (منڊل پنجون 62، 6) ٿنڀن تي اگهاڙين ڇوڪرين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته بيشمار دريون ۽ دروازا هوندا هئا، (منڊل ڏهون 99، 3). هن مان اها ساک ملي ٿي ته سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) ۾ ان وقت جهرا قابل هئا واڍا ۽ رازا، تهڙائي قابل هئا سروير يا معمار، جن ههڙيون وڏيون ۽ عاليشان عمارتون بنايون ٿي.
    رگ ويد ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته محلاتن ۾ اندر ڌن مال اڪيچار هوندو هو، (منڊل ٻيو 41، 5). راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا. رشين سندن دان آستتيون ڳايون آهن، سا ڳالهه به ڄاڻائي ٿي ته راجائن وٽ ڌن مان اڪيچار هوندو هو. اهي محلات ڪاٺ جا ٺهيل هوندا هئا، تنهنڪري وقت تي انهن کي باهيون لڳنديون هيون (منڊل ستون 5، 3)، ۽ ملڪيت جلي ويندي هئي.
    سلطنت شاهي Imperialism : آڳاٽا راجائون، جن جا ابا ڏاڏا اصل ڳوٺاڻي جيوت گذاريندا هئا، سي هاڻ قلعن اندر عاليشان محلاتن ۾ رهڻ لڳا، ۽ رعيت وٽان ڍلن ملڻ ڪري مالا مال ٿيا، ته پاڻ ترشنا وين وڌندي، اهو انساني سڀاءُ آهي. ”اِنسان اُونڌي کوپڙي آهي“. ڪڏهن به سندس ڍءُ ٿيڻ جو نه آهي. ”گهڻي ۾ گهڻو گهرجي“. ”طمع سندو طس ڀريو ڀرجي ڪينڪي“. هو پوءِ مهاراجا ۽ چڪروتي راجا ٿيڻ لاءِ پنهنجي حڪومت جي حد وڌائڻ لڳا. انهيءَ مان سندن هڪ ٻيو ڪارج به ٿي سِڌو. ننڍڙي ڏيهي رياست ۾ ڪو راجا سڌيءَ طرح نه هلندو هو، ته اُتي جا رهاڪو آسانيءَ سان يڪمشت ٿي، خود راجا کي سِڌو ڪري سگهندا هئا. حڪومت جي حد وڏي هوندي، ته رڳو ملڪ جا مدبر ۽ ديس شيوڪ ملڪي ڳالهين ۾ بهرو وٺندا باقي ٻيا ٿڌا ٺڪر ويٺا هوندا، جنهنڪري راجا کي آپيشاهي نمونو اختيار ڪرڻ، بلڪ عام خلق جو رايو ريٽڻ سولو ٿيندو. اهڙين مرادن سان پنهنجي حڪومت جي حد وڌائڻ خاطر راجائن کي بعضي پنهنجن ڀر وارن راجائن سان جنگيون جوٽڻيون پونديون هيون.
    قديم زماني کان وٺي هندستان جي راجائن جا جنگ بنسبت ٻه علحده متا هوندا هئا: هڪڙن جو متو اهو هوندو ته پنهنجو ملڪ سنڀالي ويهجي، ۽ ڪنهن ڌارئي کي پنهنجي ملڪ ۾ پير پائڻ نه ڏجي، تنهنڪري جنگ فقط تڏهن ڪجي، جڏهن غنيم ڪاهي اچي. ٻين جو متو هيءُ هو، ته خواهه مخواهه به ٻين جي ملڪ تي ڪاهي، کين پنهنجو ڏن ڀرو ڪجي. انهيءَ سلطنت شاهيءَ جي خيال وچان، جيئن هينئر جرمني ۽ جپان ڪلور ڪري رهيا اهن، ۽ انگلينڊ، آمريڪا، رشيا ۽ چائنا پاڻ ۾ ملي سندن ڪلورن کي روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهيا آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به راجائون اِئين ڪندا هئا.
    رگ ويد جي پهرئين ئي پهرئين منڊل (53، 9) ۾ ڄاڻايل آهي ته هڪ لڱا ويهن هنڌن جا راجائون پاڻ ۾ ٻڌي ڪري، ششروا (Sushrava) نالي هڪ جبري راجا تي ڪاهي ويا. سندن لشڪر ۾ سٺ هزار نوي ماڻهو هئا، ته به اِندير ديوتا جي ٻاجهه سان اٽلندو هو کائن کٽي ويو (53، 1). رگ ويد ۾ انهيءَ جنگ جو ذڪر رڳو ايترو آهي، تنهنڪري پتو ڪونه ٿو پوي، ته اها جنگ ڇا تان لڳي هئي ۽ ڪيئن هڪڙو حاڪم ويهن حاڪمن کان کٽي ويو هو.
    دش راجن (War of Ten Kinds) : رگ ويد ۾ ٻي هڪ مهاڀاري لڙائيءَ جو ذڪر آهي، جا ”دش راجن“ يعني ڏهن راجائن جي لڙائي سڏي ويئي آهي. اُن جا احوال رگ ويد ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا آهن، جي عالمن ڳنڍي، سلسلي وار بيهاريا آهن، جنهنڪري سڄي ڳالهه ڳچ قدر سمجهي سگهجي ٿي.
    نهايت قديم زماني ۾ وشوامتر نالي هڪ رشي ٿي گذريو آهي، هو اصل کتري هو؛ پر پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري راج رشي بلڪه يرهم رشي سڏجڻ ۾ آيو. اهڙي ته تپشيا ڪيائين جو خود اِندر ديوتا کي ڊپ لڳو، ته هيءُ ڪنهن وقت منهنجو اِندرآسن (راجا اِندر جو آسڻ) کسيندو. راجا اِندر پوءِ ”ميڻيڪا“ نالي هڪ اَپسرا (پريءَ) کي موڪليو، جنهنجي خوبصورتيءَ وشوامتر کي ايتري قدر موهيو، جو هن جوڳ آسڻ ويڙهي ڇڏيو ۽ سندس سنگ ۾ گذارڻ لڳو. کيس پوءِ انهيءَ اَپسرا مان هڪ نياڻي ڄائي، ميڻيڪا اِهو ٻار ڪنهن جهنگ ۾ ڦٽو ڪري، آڪاس ڏي اُڏامي ويئي. انهيءَ ٻار تي ”شڪَنُت“ يعني پکي اچي مڙيا. ڪڻو نالي هڪ رشيءَ اها ٻالڪي ڏٺي، ته پکين کي هڪالي، اها پنهنجي نياڻي ڪري وڃي، پاليائين ۽ نالو رکيائينس ”شڪُنتلا“ (شڪنت + لا) يعني ”پکين مان لاڀ ٿيل يا حاصل ٿيل“، اها شڪنتلا پوءِ راجا دشينت سان پرڻي ۽ ”ڀرت“ نالي پٽ ڄائس، جنهنجي نالي پٺيان سڄو هندستان هاڻ ”ڀارت ورش“ ۽ ”ڀارت کنڊ“ سڏجي ٿو، انهيءَ ڀر جو اولاد ”ڀرت آريه“ لوڪ سڏبا هئا؛ جي پُروُ آرين جي هڪ شاخ مان هئا. رگ ويد واري زماني ۾ انهن مان ڪي سرسوتيءَ ته ڪي شتدري (ستلج) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا.
    وشوامتر جي گوتر واري سندس ئي نالي پٺيان سڏبا هئا. انهن مان هڪڙو وشوامتر راجا سُوداس جي ڪُل جو پروهت هو. راجا سُوداس جي پيءُ جو نالو راجا پجون (Pijavana) هو ۽ ڏاڏس جو نالو راجا دِووداس هو. اِهي ترتسو آرين مان هئا، جي پرو ۽ ڀرت آرين جا ڏورانهان سوٽ هئا، ۽ پوءِ پنچالن جي دعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا، جن مان پنچالي (دروپدي) هئي. راجا سوُداس جي ڏاڏي راجا دوداس پنهنجي وقت ۾ يدو ۽ تروسو آرين سان جنگيون جوٽيون هيون (رگ ويد منڊل نائون 61، 2)، ۽ ٻين ڪيترن آرين کي به پنهنجو ڏن ڀرو ڪيو هئائين، جنهنڪري سندس پوٽي راجا سوُداس سان گهڻن جو حسد هوندو هو. گهڻن ڏينهن کان ڪيترن ڀر وارن راجائن جي مرضي هئي ته راجا سوُداس جو زور ڀڃجي، پر ڪنهن به يڪي سر ساڻس جنگ جوٽڻ جي سمرٿي نٿي ساري. کين پاڻ کان هيڻو سمجهي، راجا سوُداس ارادو ڪيو، ته انهن کي پنهنجي تابعي ڪجي، ۽ پنهنجيءَ حڪومت جي حد اڃا وڌائجي. هن پوءِ ”اَشو ميڌيگيه“ يعني گهوڙي جي قربانيءَ جي يگيه جو سانباهو ڪيو.
    قديم زماني ۾ دستور هوندو هو، ته جنهن راجا کي ٻيا راجائون پنهنجي تابعي ڪرڻا هوندا هئا، سو پنهنجي سواريءَ جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيندو هو، ته ڀلي ڪنهن به راڄڌانيءَ ۾ گهڙي وڃي. گهوڙي جي پٺيان پنهنجو وڏو ڪٽڪ موڪليندو هو. اِهو گهوڙو جنهن راڄڌانيءَ ۾ پاڻمرادو گهڙي ويندو هو، تنهن جو راجا يا ته گهوڙي جي مالڪ جي ماٺ ميٺ ۾ آڻ مڃيندو هو، يا سندس موڪليل ڪٽڪ جي سامهون ٿيندو هو، پوءِ ”جيڪو ڏاڍو سو گابو“. جيڪڏهن گهوڙو گهڻين راڄڌانين ۾ ويندو هو، ۽ اُنهن سڀني هنڌن جا راجائون گهوڙي جي مالڪ جي تابعي ٿيندا هئا، ته گهوڙي جي موٽي اچڻ تي، سوڀارو راجا يگيه ڪندو هو، جنهن ۾ اِهو گهوڙو ٻل چاڙهيندا هئا. اهو هو ”آشوميڌيگيه (Horse Sacrifice). سوڀارو راجا ”راجسوُيه يگيه“ به ڪندو هو. اهو سندس تاجپوشي جو يگيه هوندو هو، جنهن ۾ سندس ڍل ڀريندڙ راجائون به اچي شامل ٿيندا هئا، ۽ کيس پنهنجو شهنشاهه ڪري مڃيندا هئا. اِهي يگيه عام طرح ٿيندا هئا، تنهن مان ظاهر آهي ته سلطنت شاهيءَ جو خيال عام هوندو هو.
    راجا سوُداس جنهن وقت آشوميڌيگيه ڪرڻ جو ارادو ڪيو، تنهن وقت وشوامتر رشيءَ کي انهيءَ يگيه جي تياري ڪرڻ لاءِ چيائين. تن ڏينهن ۾ رشين جي مڃتا تمام گهڻي هوندي هئي، ۽ سندن رڳو هڪل ڪرڻ تي هزارين جنگي جوڌا اچي سندين حضوريءَ ۾ حاضر ٿيندا هئا. وشوامتر رشيءَ پنهنجي ڪُلَ وارن کي چيو ته راجا سوُداس جو گهوڙو ڇيڪ ڇوڙي ڇڏيو، ۽ اوهين گهوڙي جي پٺيان اوڀر، اولهه ۽ اُتر طرف وڃو، ته راجا سترو (دشمن) ناس ٿين، (منڊل ٽيون 53، 11). اُن وقت ڏکڻ ڏي شايد (راجپوتانا ۽ ٿر ڊويزن وارو) سمنڊ هو، تنهنڪري لشڪر کي فقط ٽن طرفن ڏي وڃڻ جو حڪم مليو. هاڻ ڏسو ته وائين هڪ ٻيو معاملو ڪيئن ٿو مچي.
    راجا سوُداس جي درٻار ۾ اُن وقت هڪ وشٽ مني هو، جو نهايت قديم زماني واري وشٽ منيءَ جي گوتر مان هو، تنهنڪري سندس نالي پٺيان سڏبو هو. انهيءَ وشٽ منيءَ ۽ وشوامتر رشيءَ جي پاڻ ۾ اڻبڻت هئي. شتپٿ براهمڻ (ٻارهون 6، 1، 41) مان معلوم ٿئي ٿو ته وشٽ مني براهمڻن جي ڪُلَ مان هو، ۽ اوائل ۾ رڳو سندس ڪُلَ وارا براهمڻ راجائن جا پروهت ٿي کين يگيه ڪرائيندا هئا، پر پوءِ ڪهڙو به رشي (براهمڻ خواجه کتري) پروهت ٿي يگيه ڪرائيندو هو. وشٽ مني ترتسو آرين مان هو، (رگ ويد منڊل ستون 83، 8). آڳاٽي زماني وارو وشوامتر اصل کتري هو، ۽ پوءِ پنهنجيءَ تپشيا جي ڪري برهم رشي ليکبو هو. سندس گوتر مان جيڪو وشوامتر راجا سوُداس جي درٻار ۾ هو، سو اصل کتري هو، پر راڄ رشي ٿي يگيه ڪرائيندو هو – ڀانئجي ٿو ته وشٽ منيءَ اِهو اعتراض اٿاريو ته وشوامتر کتري ٿي آشوميڌ جهڙو وڏو يگيه نه ڪرائي. انهيءَ تان وشوامتر کي اهڙي چڙ لڳي، جو هو راجا سوُداس جي درٻار ئي ڇڏي هليو ويو، ۽ وڃي ڀرت آرين سان مليو، جو پاڻ به اُنهن مان هو. ڀرت آرين ۽ سندن ڏورانهن سوٽن ترتسو آرين جي پاڻ ۾ پوندي ڪانه هئي، تنهنڪري پنهنجي لشڪر جي سموري مدد کين ڏنائين. اِنهيءَ ريت لشڪر جي جيڪا مدد راجا سوُداس کي ملڻي هئي، سا اٽلندو مخالف ڌر کي ملي. پر متانڀرت آريه لوڪ اِنهيءَ مدد ملڻ کانپوءِ به راجا سؤداس سان مٽ پئجي نه سگهن، تنهنڪري وشوامتر جملي ڏهن هنڌن جي راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ کڙو ڪيو. اينهن ڏهن ئي هنڌن جي راجائن کي ڀڙڪائي، کين جنگ لاءِ کڙو ڪيو. اِنهن ڏهن ئي هنڌن جا راجائون پوءِ پاڻ ۾ ٻڌي ڪري راجا سُوداس جي زور ڀڃڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳا، ۽ وشوامتر کي پنهنجو اڳواڻ ڪيائون. اِهي ڏهه راجائون، جي هڪ ٻئي جا طرفدار ٿيا سي ڪير هئا؟ اِهو پتو رگ ويد مان پوريءَ طرح نٿو پوي، پر ڪيترن عالمن کي رگ ويد منجهان ئي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته انهن مان هڪڙا هئا ”پنج جن“ يعني يدو، ترسوسو، پرو، اَنو ۽ داهيو، ۽ ٻيا پنج هئا اَجَه، يڪشُو، ڀيڙ، شگرو ۽ ڀرت آريه لوڪ. سڀني مان ڀرت آريه لوڪ زور هئا، ۽ وشوامتر به سندن ئي ڪُلَ مان هو، تنهنڪري هاڻ ڏسڻو هوس ته راجا سُوداس کي وشٽ مني ڪيئن ٿو سوڀارو ڪري.
    راجا سُوداس کي جنهن مهل سڌ پيئي، ته وشوامتر رشيءَ ڏهن هنڌن جي راجائن کي سندس برخلاف کڙو ڪيو آهي ۽ وڏيءَ جڌ جون تياريون ٿي رهيون آهن، تنهن مهل هن به اُتر اولهه سرحد علائقن وارن آرين کي ريڙهي پنهنجي طرف ڪيو، جن مان هڪڙا پڪٿ، ٻيا ڀلان ۽ ٻين نياتين وارا هئا، انهيءَ ريت اُن وقت وارو سڄو هندستان جنگ ۾ شامل ٿيو ۽ مهاڀاري لڙائيءَ جي تياري ٿي ويئي. ڏهن راجائن سان ڪيترا اَڻ آريه لوڪ به سامل ٿيا، جنهنڪري سندن لشڪر هيڪاري وڌي ججهو ٿيو.
    راجا سوُداس پنهنجو لشڪر پرشني (راوي) نديءَ جي اتر طرف واري ڪناري تي وڃي ڪٺو ڪيو. مخالف ڌرين جي مرضي هئي ته شتدري (ستلج) ۽ وياس (بياس) نديون اُڪري، راوي نديءَ ڏي وڃجي، اِها سرءُ جي موسم هئي ۽ آسرو هون، ته ندين ۾ پاڻي گهٽ هوندو، تنهنڪري ارادو هون ته پنهنجو لشڪر، رٿ ۽ گهورا وغيره سڀ ٻيڙين جي رستي روانا ڪجن؛ پر شايد تازو ڪا برسات پيئي هئي ۽ جبلن تان برسات جو پاڻي وهي اچي ندين ۾ پيو هو، جنهنڪري نديون ڦوڪجي پئي وهيون. اِنهيءَ تي وشوامتر رشيءَ ندين کي آراڌنا ڪئي، ته توهين پنهنجو پاڻي گهٽايو، ته اسان جو لشڪر آسانيءَ سان پار اُڪري سگهي، (رگ ويد منڊل ٽيون 33، 9). ندين سندس عرض اگهايو، (منڊل ٽيون 33، 10). ڀرت آريه لوڪ ۽ سندس طرفداري ستلج ندي اُڪري، بياس ۽ راوي ندين جي وچ واري ملڪ ۾ وڃي پهتا، ۽ راوي نديءَ جي ڏکڻ واري ڪناري وٽ پنهنجي ڇانوڻي وڃي وڌائون. اِتي هڪ سِٽَ سِٽيائون. راجا سُوداس جي ڪُلَ وارن (ترتُسو آرين) جي ٻنين، ڳوٺن ۽ شهرن جي بچاءَ لاءِ هڪ وڏو بند پرشني (راوي) نديءَ جي اُتر واري ڪناري تي ٻڌل هو. مخالف ڌرين جي مرضي ٿي ته انهيءَ بند کي گهارو وجهجي، ته ترتُسو آرين جون ٻنيون ٻارا ۽ شهر ٻڏن، ته هو ڀلي مونجهاري ۾ پون، ۽ انهيءَ مونجهاري مهل مٿانئن وڃي ڪڙڪجي، ته سوڀ کٽڻ سولي ٿئي، ”پر بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي“. هنن نببند کي گهارو وڌو؛ پر انهيءَ ۾ وچ ۾ نديءَ جو پاڻي زور ڇڏي رهيو هو، تنهنڪري اُٿل ٿي ڪانه، ندي پوءِ به پنهنجي واٽ هميشهه وانگر وٺي وهڻ لڳي، (منڊل ستون 18، 8-9). اِتحادين جو لشڪر اڳي ئي ججهو، ويتر ههڙيون سٽون پئي سٽيائون، ته راجا سُوداس جي ماڻهن کي ڊپ ويڙهي ويو، ۽ سوڀ کٽڻ جو ڪوبه آسرو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي آين – راجا سُوداس جي لشڪر جو اڳواڻ وشٽ مني هو، تنهن اِهي ئي آراڌنائون پئي ڪيون ته مخالف ڌرين کي ڪيئن به شهه ڏيئي، وشوامتر جو ڪنڌ هيٺ ڪجي؛ پر وڙهڻ لاءِ ڪا واٽ ڪانه ٿي مليس. راجا سوُداس پاڻ به سمجهيو ته راويءَ جي ڏکڻ طرفان ندي اُڪري، دشمنن کي سامهون ٿيڻ، سو ٿيندو هٿ وٺي پاڻ کي ٻوهي جي منهن ۾ ڏيڻ. اهڙي اونڌي قدم کڻڻ بدران هن هڪ ٻي اٽڪل ڪئي، جا اوچتو خيال ۾ اچي ويس. راوي نديءَ جي ڏکڻ ڏي اتحادين جو لشڪر ڪٺو ٿيو بيٺو هو، تنهنڪري هن اُهو پاسوئي ڇڏي ڏنو. هو ماڳهين اُتر طرف ڪيترا جنگي جوڌا رات جي وڳڙي ۾ پاڻ سان وٺي ويو (منڊل ستون 33، 3)، ۽ اُتان ندي اُڪري، دشمنن کي پٺيان ئي پٺيان وڃي گهيرو ڪيائين – سندس دشمنن کي اِها ڳالهه من نڪا چت هئي. هاڻ هنن ڏٺو ته ٻن باهين جي وچ ۾ آهيون – جيڪڏهن اڳڀرو وڌنداسين ته نديءَ ۾ ٻڏنداسين، ۽ جيڪڏهن پٺتي ورنداسين، ته راجا سؤداس جي لشڪر جي هٿان مارجي وينداسين. اِنهيءَ مونجهاري سبب منجهن اچي ڦڙڦوٽ پئي. راجا سُوداس جو لشڪر ٽن پاسن کان ويڙهي وين، ۽ چوٿين پاسي ندي سامهون هين، جنهنڪري پڄڻ جي ڪابه واٽ ڪانه هين. پوءِ ته پنهنجي جند بچائڻ سانگي ڪي پاڻمرادو پاڻيءَ ۾ گهڙي پيا، ته منجهانئن ڪيترا وهڪ ۾ گهلجي ويا ۽ ٻڏي مُئا (منڊل ستون 18، 11). ڪي آسانيءَ سان گرفتار ٿيا. ڪي همت جهلي راجا سُوداس جي سامهون ٿيا، پر سگهو ئي سندس لسڪر جي هٿان مارجيويا، جن مان هڪ سردار ”ڀيڙ“ به هو. انهيءَ لڙائيءَ ۾ رڳو اَنو ۽ درهيو آرين جا ڇاهٺ هزار ڇهه سؤ سٺ ماڻهو چٽ ٿي ويا (منڊل ستون 18، 14). ڪيترا ڀڄي به ويا (منڊل ستون 18، 15، 16). انهيءَ ريت راجا سُوداس جي جئي ٿي. وشوامتر، جنهن ڏهن راجائن کي ڀڙڪائي جنگ لاءِ کڙو ڪيو هو، تنهن جو ڪنڌ هيٺ ٿيو، ته وشٽ مني گد گد ٿيو، ۽ اندر ديوتا ۽ ورڻ ديوتا جي ججهي آستتي ڪيائين، جن پنهنجيءَ ٻاجهه سان کين سوڀارو ڪيو هو. اِنهيءَ آستتي (واکاڻ) ڪندي، هن مهاڀاري لڙائيءَ جو جيڪو ذڪر ڪيو آهي، تنهن مان ظاهر اهي ته ”پرٿو پرشوهه“ يعني ويڪرن ڪهاڙن سان هڪ ٻئي تي هلان ڪيائون ٿي. ٻي هڪ ڳالهه جا ججهو ڌيان ڇڪي ٿي، سا هيءَ آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ اصل پنهنجا قومي جهنڊا هئن، جي انهي نگ مهل کڙا ڪيا هئائون. *
    قومي جهنڊي ۾ وڏي ڪرامت آهي. جيستائين جهنڊو کڙو ٿيو بيٺو آهي، تيستائين اهو جنگي جوانن ۾ جذبو جاڳائيندو رهي ٿو ۽ هو ججهي اُتساهه سان لڙن ٿا؛ پر جنهن مهل دشمنن جي هٿان جهنڊو ڪري وڃي پٽ تي پوي ٿو، تنهن مهل سڀ دلگير ٿين ٿا ۽ سوڀ کٽڻ جو آسرو پلي وهن ٿا. جهنڊي لاءِ سِرُ به ڏيندا، پر جهنڊو هٿان نه ڇڏيندا.
    رگ ويد واري زماني جا سن ۽ سنبت ڄاڻائڻ ڪٺن ڪم آهي. اهڙيءَ حالت ۾ چئي نٿو سگهجي، ته هيءَ ڏهن راجائن واري جڌ ڪڏهن لڳي هئي. انهيءَ هوندي به ڊاڪٽر سيتا ناٿ پرڌان ڪيترا حوالا ڏيئي تخميني طور ڄاڻايو آهي ته اِها ڏهن راجائن واري جڌ عيسوي سن کان 1470 ورهيه اڳي لڳي هئي، ۽ ويهن ورهين کانپوءِ يعني عيسوي سنه کان 1450 ورهيه اڳي شري رامچندر ۽ رانوڻ جي وچ ۾ لنڪا واري لڙئاي لڳي هئي، ۽ انهيءَ کان ٽي سؤ کن ورهيه پوءِ مهاڀارت واري لڙائي لڳي هئي. *حقيقتاً شري رامچندر ترتيا جڳ ۾ ٿي گذريو آهي ۽ مهاڀارت واري لڙائي دواپور جڳ جي پڇاڙيءَ ۾ لڳي هئي، تنهنڪري ڊاڪٽر پرڌان جي اينهن انگن تي ڪيترا هندو عالم ڪوبه اعتبار ڪونه ٿا ڪن ۽ اسان جو به اعتبار ڪونهي.

    سنڌ ۾ پنچالن جي حڪومت:
    رگ ويد ۾ گهڻن زمانن جي سڀيتا جو ذڪر آهي. هرهڪ زماني ۾ ڪهڙا ڪهڙا راجائون سنڌ ۾ هئا، تن جو ڪو خاص ذڪر آهي ئي ڪونه، پر جن راجائن گهڻا دان ڪيا هئا، تن جون ”دان آستتيون“ يعني سخا جون ساراهون ڪن رشين ڳايون آهن، جن رگ ويد ۾ ڏنل آهن. اُنهن دان آستتين مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن قديم زماني ۾ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه (Svanya Bhavya) هو، جنهنجي راڻيءَ جو نالو روماسا هو. اِهو راجا ”ڪروي“(Krivi) آرين مان هو، جي پوءِ پنچال سڏجڻ ۾ آيا، جيئن شتپٿ براهمڻه (13، 5، 774) ۾ ڄاڻايل آهي. اِنهن مان ڪي سنڌونديءَ جي ڪناري تي، ته ڪي ”اَسڪني“ (Healing) نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، جا سڪندر اعظم جي وقت ۾ چندر ڀاڳ“ (Moon-Portion) سڏبي هئي، ۽ هاڻ ”چناب“ (The gathered Waters) ڪوٺجي ٿي. سندن ڏورانهان سوٽ پرو ۽ ڀرت آريه لوڪ هئا، جن سان راجا سوُداس لڙيو هو. مسٽر پارجيٽر اٽڪل روءِ ڄاڻايو آهي ته راجا سوُداس ۽ سندس ڏاڏي راجا دوداس جي وچ واري وقت ڌاري سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه ٿي گريو. +هن موجب چئبو ته ڏهن راجائن واري لڙائي سنڌ جي هن راجا جي وقت کانپوءِ لڳي هئي. راجا سوُداس ترستو آرين مان هو، جن پراڻن پٽاندر پوءِ پنچالن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا، ۽ سنڌ جو راجا سونيه ڀاوييه به پنچالن مان هو، تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو، ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ڀاڱي ۾ اُن وقت پنچالن جي گڏيل حڪومت هوندي هئي.
    سنڌ جو راجا سونيه، راجا ڀاوييه جو پٽ، وڏو ڌرماتما هو. سندس ساکون ڪاڪشون نالي هڪ رشيءَ ڳايون آهن. اهو رشي ڄائي ڄم کان سورداس يا اکين کان سڄو هو؛ پر پوءِ اَگني ديوتا جي پوڄا ڪرڻ سان نور سهائو ٿيو هيس. اِنهيءَ کانپوءِ ڪيتريون رچنائون (Hymns) چيائين، جي رگ ويد ۾ ڏنل آهن. نيتي منجري ۾ لکيل آهي *- ته ڪاڪشون پنهنجي گروءَ وٽان هر طرح جي وديا پرائي، گهر ڏي موٽيو ته واٽ تي رات پئجي ويس، جنهنڪري واٽ تي ئي سمهي پيو. صبح جو سنڌ جو راجا، راجا سونيه ڀاوييه پنهنجي اَٽالي سان اُتان اچي لانگهائو ٿيو. هن کي رشيءَ جي شڪل شبيهه ۽ سونهن سوڀيا وڻي ويئي. سو کيس ننڊ مان جاڳايائين ۽ پنهنجي محلات ڏي وٺي ويس. سندس حال احوال وٺندي ۽ هلت چلت جاچيندي، جڏهن خاطري ٿيس، ته هي هر طرح لائق انسان آهي، تڏهن پنهنجو ناٺي ڪيائينس. راجا کي ڏهه نياڻيون هيون، سي ڏهه ئي پرڻايائينس، ۽ ججهو ڌن مال ڏنائينس. هو پوءِ پنهنجي پيءُ وٽ ويو، جنهنجو نالو ”درگهه گمس“ (ڊگهي اوندهه) هو. راجا وٽان ججهو دان مليو هيس، تنهنڪري سندس دان اَستتي ڳايائين، جا رگ ويد جي منڊل پهرئين (26، 1-5) ۾ ڏنل آهي. اِنهيءَ دان اَستتيءَ ۾ راجا سونيه ڀاوييه جي نالي جيڪي چيو اٿس، تنهن جو مختصر مطلب هيءُ آهي:
    ”سنڌ جي راجا مون کي هڪ سؤ نِشڪ (سونا سڪا)، هڪ سؤ گهوڙا، هڪ سؤ ڏاند، هڪ هزار ۽ سٺ ڳئون، ۽ يارهين رٿ ڏنا، (ڏهن زالن لاءِ ڏهه رٿ ۽ يارهون رٿ ڪاڪشون رشيءَ لاءِ. هر هڪ رٿ ۾ چار چار سنڌي گهوڙا ٻڌل هئا، جن تي موتين سان جڙيل سنج هئا. سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه هيترو سارو دان ڪري پاڻ کي اَمر ڪري ڇڏيو آهي“. ڪاڪشون رشيءَ جي هن ٿوري حوال مان گهڻيون ئي ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون:
    (1) پهرين ۽ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ترگ ويد واري زماني ۾ ذات پات جو گهڻو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن کي جتان وڻندو هو، سو تتان پرڻبو هو. آڳاٽا رشي کترين مان به پرڻبا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا جون نياڻيون پرڻيون. ڪاڪشون رشيءَ جي ماءُ جو نالو ”اُشِج“ هو، جا راجا اَنگ جي هڪ داس يا ٻانهي (شودر) جي نياڻي هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪي رشي شودرن مان به پرڻبا هئا.
    (2) هڪ مرد گهڻيون زالون پرڻبو هو، تنهنڪري ڪاڪشون رشي ڏهه راجڪماريون گڏ پرڻيون هو.
    (3) گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج ڪري، هرهڪ مان ڄاول ٻار پنهنجي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو، ته سڌ پوي ته پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي، رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي ”اؤشِج“ يعني اُشِج جو پٽ سڏيو ويو آهي.
    (4) نياڻين اُڪلائڻ ۾ مائٽن جو هٿ هوندو هو.
    (5) آڳاٽا لوڪ پنهنجي نياڻي ڪنهن سان پرڻائيندا هئا، ته اُهو ”ڪنيادان“ ليکيندا هئا. وهانءَ مهل نياڻيءَ کي ڏاجو ڏيندا هئا، ۽ اُهو به ”دان“ ليکبو هو. مطلب ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻي ”سوُريا“ جو وهانءُ سوم (چنڊ) سان ٿيو هو، ته ڪنئاريتن ججهي ڏيتي ليتي هلائي هئي. ديوتائن بنسبت ڏيتي ليتيءَ ۽ ڏاجي جون ڳالهيون رشين ڪيون آهن، تنهن مان ظاهر آهي ته خود ماڻهن ۾ ڏيتي ليتيءَ جو رواج هو، جنهن ديوتائن بابت به اِئين چيو اٿن. مطلب ته ڏيتي ليتيءَ جو رواج، جو هن وقت اسان وٽ آهي، سو رگ ويد واري زماني کان وٺي هلندو پيو اچي.
    (6) رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهو سون مارڻ سکيا هئا ۽ سونا سڪا به هئن، جي ”نِشڪ“ (Niska) سڏبا هئا.
    (7) سنڌ جو پرڳڻو ڀريو ڀاڳيو هو، جنهن ۾ چوپايو مال ججهو هو، سنڌ جا گهورا ناميارا هئا ۽ اُحي رٿن ۾ ٻڌندا هئا.
    (8) گهوڙن تي راجائون موتين سان جڙيل سنج وجهندا هئا، جنهنڪري چئبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي راجائون پنهنجو شاهاڻو شان رکندا هئا. اُن وقت ئي غواص هوندا هئا، جي مهراڻ مان سپون سوجهي، آبدار موتي آڻيندا هئا.
    رگ ويد جي اِنهيءَ ساڳئي منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جي ساراهه کانپوءِ ڪي تڪون سندس راڻيءَ ”روماسا“ بابت آهن، جنهن جي پيءُ جو نالو ”برهسپتي“ هو، (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 6-7). انهيءَ راڻيءَ جو مٿي ذڪر ڪيل دان اُستتيءَ سان ڪوبه لاڳاپو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. اينهيءَ سبب مسٽر گرفٿ، جنهن رگ ويد جا ڪي منتر انگريزي نظم ۾ ترجمو ڪيا آهن، تنهن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي راڻي روماسا بابت شايد ڪو راڳ عام هو، جنهن جون تڪون رگ ويد ۾ اچي ويون آهن. اِنهن تڪن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آهي ته هڪ لڱا راڻي روماسا هڪ نئين قسم جو ويس وڳو پهري چيو ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ (قنڌار ديس جي اِستري) پيئي ڀانئجان.“ جي نالي پٺيان ”گنڌار“ (قنڌار) سڏبو هو. راڻي روماسا جي مٿين لفظن مان ظاهر آهي ته اينهيءَ قديم زماني ۾ ئي سنڌ جي ماڻهن جي قنڌار طرف جي رهاڪن سان گهڻي لهه وچڙهه هئي، ۽ راڻي روماسا کي سڌ هئي ته اِنهيءَ طرف جون زالون ڪهڙي قسم جي پوشاڪ پهرينديون آهن، جنهنڪري اِئين چيائين ته ”هن ويس ۾ مان جهڙي گنڌارڻ پيئي ڀانئجان“. جيڪڏهن گنڌار جي زالن جي پوشاڪ جي سڌ نه هجيس ها، ته اِئين چوڻ جو خيال هرگز نه اچيس ها. هن مان ايهو به پتو پوي ٿو ته اُنهيءَ وقت سنڌ جي زالن جي پوشاڪ جو نمونو هڪڙو ۽ گنڌار طرف جي آرين زالن جي پوشاڪ جو نمونو ٻيو هو. اِهي نمونا ڪهڙا هئا، سورگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. اِنهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ اُن وقت جي سڀيتا جو ٻيو ججهو ئي ذڪر آهي.
    ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن ڪو حاڪم نه هوندو ۽ اَنڌ ڌنڏ سرڪار لڳي پيئي هوندي، ته ڏاڏا ماڻهو هيڻن کي ڦري ماري ويندا، بلڪه سندين زالون ۽ سڀ ملڪيت به کڻي ويندا، ۽ وقتي کين ڪهي پورو ڪري ڇڏيندا. اِنهيءَ سبب مهاڀارت جي شانتي پروَ ۾ چيل آهي ته ”اول ڪو راجا مقرر ڪري، ۽ پوءِ شادي ڪريو ۽ ڌن مال ميڙيو“. اسان به انهيءَ خيال تي اول راڄنيتي جوڙجڪ، ملڪي انتظام ۽ بادشاهتن جو ذڪر ڪيو آهي. هاڻ ماڻهن جي گهرو جيوت جو ذڪر ڪجي ٿو، ته سمجهڻ سولو ٿئي ته کيتيءَ جي هنر جاري ٿيڻ ڪري، جڏهن ماڻهو خانه بدوش ٿي گذارڻ بدران هڪ هنڌ ٿانئيڪا ٿي رهڻ لڳا، ۽ پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ سانگي گوترن جوڙڻ جو رواج وڌائون، تڏهن ڳوٺن ۽ گوترن اندر پنهنجي جيوت ڪيئن ڪاٽيندا هئا. سچي پچي تاريخ آهي ئي اها، تنهنڪري اها ڄاڻائڻ بلڪل ضروري آهي.
    ________________________________________
    * "Looking to you, ye strong Gods! They marched east-wards, armed with broad axes and thirsting for spoil. Ye helped Sudas, and smote his Dasa and Arya enemies, O Indra and Varuna!" "Where strong men came together with their banners raised, where in the encounter there was nought favourable to us, where all looked up to the sky in terror, there ye spoke to us, words of comfort, O Indra and Varuna! Both sides invoked you. O Indra and varuna! In the fight for victory and wealth. Yet protected Sndas and the Tritsus assailed by the ten kings," Reg. veda VII, 83, 1,2 and 6 R.C. Dutt's Translation.
    * Dr. Sita Nath Pradhan: Chronology of Ancient India, p. 175.
    + F.E. Pargiter: Ancient Indian Historical Tradition, p. 223.
    * John Wilson: India Three Thousands Years Ago, p.50.


    باب ڏهون : آرين جي گهرو جيوت ۽ عقيدا

    گهر جو بنياد: گهر اِنسان جو پهريون مڪتب آهي ۽ اِهو ئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي جيوت مِرن وانگر ڪاٽين ها، ته نڪي هجن ها گهر گهاٽ، نڪي مٽيون مائٽيون؛ خود ماءُ پيءُ سان به ناتو ڪونه هجي ها، جيئن وهٽن ۽ ڪتن ٻلن جو ڪونهي. گهر آهي ئي زال سان، جنهن تي گهر جهلڻ جو بار آهي، جنهنڪري اڄ تائين ”گهر واري“ معنيٰ زال يا جوءِ. خود ”گهر“ لفظ جي به اصطلاحي معنيٰ آهي ”زال يا جوءِ“. مثلاً ”فلاڻو پهريون گهر يا ٻيو گهر پرڻيو“. هتي ”گهر“ معنيٰ زال يا جوءِ. زال يا جوءِ به اُها جنهن سان لائون لڌل هجن. مطلب ته گهر جو بنياد پرڻي جي رسم تي ٻڌل آهي. گهر اُهو آهي، جنهن ۾ جوءِ ۽ مڙس ٻوڙ پلاءُ، يا جائي جواري روٽي کائي، گڏ گذارين ٿا، ۽ ڏک سُک ۾ هڪٻئي جا حال ڀائي ٿين ٿا. ائين هڪٻئي سان ايتري پريت ٿئين ٿي، جو هڪٻئي تان گهوريو قربان وڃن ٿا. تنهن ۾ به اِستري، جا پريم پُتلي آهي، سا پنهنجي پتيءَ کي ايترو پيار ڪري ٿي، جنهن جو پورو ورنن ڪوبه ڪري ڪين سگهندو، تنهنڪري سڀني سڌريل قومن پرڻي يا نڪاح جي ضرورت محسوس ڪئي. پنهنجي ڌرم پتنيءَ يا نڪاح پيل زال مان حق حلال جا ٻار ڄمن ٿا، ۽ اُنهن جي به پاڻ ۾ ججهي پريت ٿئي ٿي. ڪنهن وقت کڻي ڀائر پاڻ ۾ وڙهندا جهڙندا، يا هڪ ٻئي سان کهرو خستو ڳالهائيندا، ته به ڪنهن نه ڪنهن مهل هڪٻئي جو تاءُ ضرور اُڀرندن، جنهنڪري چوڻي آهي ته ”رت ونگو به وري“. ٻيو چون ”رت جي رتي، صحبت جو خرار“. اولاد ۽ مائٽن جي هڪٻئي سان پريت هئڻ ڪري، خود گهر لاءِ سڪ جاڳي ٿي. ڪو ماڻهو ڪنهن ڏيساور ڏي ويندو، ۽ اتي کڻي سوين موجون ماڻيندو هوندو ته به جنهن مهل گهر جي ڇڪ ٿينديس، تنهن وقت سمنڊ جهاڳي به موٽي پنهنجي ماڳ ايندو. پريان رڳو پنهنجي وطن جا وڻ ڏسندو، ته خوش پيو ٿيندو، ويتر اباڻا ڪک ڏسي هيڪاري گدگد پيو ٿيندو! مطلب ته گهر ڄڻ ته هڪ محبت جو مندر آهي، ۽ ان جو بنياد وواهه سنڪار تي ٻڌل آهي.
    سڀني سڌريل قومن گهر جو بنياد جيتوڻيڪ نڪاح يا وهانءَ تي ٻڌو، ته به آڳاٽن آرين هن باري ۾ ٻين کان هڪ قدم اڳتي وڌايو. دنيا ۾ ڪهڙا به ناتا ڇڄي سگهن ٿا، پر آڳاٽن هندن ائين ئي مناسب ڄاتو، ته زال ۽ مڙس جو ناتو هڪٻئي سان هرگز ڇڄڻ نه گهرجي. اهڙا خيال نه رڳو مردن جا هئا، پر زالن جا به هئا. مثلاً وشو وارا“ (Visva – Vara) نالي هڪ اِستري ٿي گذري آهي، جا رشين جي دفعي ۾ ليکي ويئي آهي. رگ ويد جي منڊل پنجين (28، 3) ۾ اگني ديوتا کي آراڌنا ڪئي اٿس ته ”وهانءَ جو ناتو ڪڏهن به نه ٽُٽي، ۽ سدائين پختي پائي تي هجي“! هن مان ظاهر آهي ته مردن وانگر خود زالن کي به پنهنجي گهرو جيوت کي پختي پائي تي بيهارڻ جو اونو هوندو هو. انهيءَ اوني سبب هندن ۾ وهانءُ هڪ ڌرمي سنسڪار ليکيو ويو آهي، ۽ زال پنهنجي مڙس جي ”ارڌانگني“ يا ”اڌ سرير“ سڏي ويئي آهي. مرد ۽ عورت اصل ۾ ٻه جدا سرير آهن؛ پر وواهه سنسڪار ڪري ٻئي ملي هڪ ٿين ٿا. هندن ۾ اڄ تائين دستور آهي ته ڪا پوڄا ڪرائين، ته زال مڙس گڏ پلئه ٻڌي وهن، جو پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو نيتارو به گڏجي ڪرڻو اٿن. وهانءَ جي رسم کي اهو ڌرم جو ڌاڳو آڳاٽن آرين اهڙوڳ ٻڌو، جو هڪ واريءَ جو پرڻيو سو پرڻيو، تنهنڪري هندن ۾ اڄ تائين طلاق جو رواج آهي ئي ڪونه. هندو جاتيءَ جي هيءَ هڪ نهايت مکيه ڳالهه آهي، جا آٻين ڪيترين قومن ۾ ڪانهي.
    رواجي ماڻهن جا گهر: رگ ويد ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجا گهر ڪيئن جوڙيندا هئا؛ پر اٿرو ويد جي منڊل نائين مان اهو پتو پوي ٿو. گهر لاءِ ڪو چڱو پَٽ چونڊي اُن جي چئن ڪُنڊن تي چار ٿنڀا ڪندا هئا، ۽ مٿان ڪامون رکندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪي منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل نائون 3). انهيءَ سبب اڄ تائين ڪامن چاڙهڻ مهل پوڄا ڪرائيندا آهن، ۽ مٺائي ورهائيندا آهن. ڇت لاءِ بانس جون لڙهيون ڪم آڻيندا هئا، ۽ انهن جي مٿان پکا وڇائيندا هئا، ته ڇت ۾ سنها سنها سوراخ ڄاريءَ وانگر ڏسڻ ۾ ايندا هئا، جي پوءِ لِنب ڇنب ۾ ڍڪجي ويندا هئا. ٽيڪن ۾ به بانسن جون لڙهيون ۽ ٻُندَ هڻندا هئا. لڙهين ۽ ٻُندن جي وچ ۾ جيڪي خال رهندا هئا، تن ۾ گاهه جا مچا وجهي، پوءِ لنبي ڇڏيندا هئا. ڇت کي ٻنو رکندا هئا. اهو ٻنو اڄ تائين رکبو آهي، ته کُڏ تي بيٺل ماڻهو ڪري نه پوي. مطلب ته گهرن جوڙڻ جو نمونو اهو ساڳيو هو، جو هينئر به ٻهراڙين ۾ عام آهي. گهر گهر کي چار ڀتيون هونديون هيون (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 377)، پر ڪي گول جهوپڙا به جوڙيندا هئا، جن کي ”چؤنرا“ چئبو آهي (اٿرو ويد. منڊل ٽيون 12، 5). گهر ۾ پٽ تي تڏا وڇائيندا هئا ۽ ڪي گاهه پکيڙي ڇڏيندا هئا، (رگ ويد، منڊل نائون 59، 3).
    هرهڪ گهر ۾ اڪثر چار ڪوٺيون هونديون هيون:
    (1) هڪڙي ”سَدَسَ“ (Sadas) يعني وهڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هيءَ هڪ عام صفو هوندو هو، جنهن ۾ سڀ گهر جا ڀاتي مڙي سڙي اچي وهندا هئا، ۽ ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا.
    (2) ٻي ڪوٺي ”پتني نام سدن“ سڏبي هئي، جنهن جي معنيٰ آهي زالن جي وهڻ لاءِ ڪوٺي. هيءَ ڪوٺي انهيءَ لاءِ هئي ته زالون ان ۾ پوشيديون ويٺيون هجن.
    (3) ٽين ”اگني شالا“ يا باهه جي ڪوٺي هئي. اهو هو رنڌڻو، جنهن ۾ يگيه جي اگني به دکائيندا هئا، انهيءَ پوڄا واري ٽڪر کي ٻنو ڏنل هوندو هو، جنهن ڪري رنڌڻي کان الڳ هوندو هو؛ پر ڪوٺي ساڳي هوندي هئي، جنهنڪري رنڌڻو پوتر اسٿان ليکيو ويوآهي. هندو ماهو اڄ تائين رنڌڻي۾ جُتي پائي ڪونه ويندا آهن.
    (4) چوٿين ڪوٺي هئي ”هويرڌان“ (Havirdhana). اها سيڌي پاڌي رکڻ لاءِ ڪوٺي هوندي هئي. هون هوم جون شيون به ان ۾ رکندا هئا.
    انهن صفن ۽ ڪوٺين کان سواءِ هڪ ”آوسٿ“ يعني بيٺڪ يا اوطاق جي؛ جنهن بابت عالمن جو چوڻ آهي ته اها مهمانن لاءِ جاءِ هئي، خاص طرح براهمڻن لاءِ، جي ڪنهن ڪارج منگل تي اچي ڪٺا ٿيندا هئا. (ويدڪ انڊيڪس، 1، 6). هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اوطاقن جو دستور ويدن واري زماني کان هلندو اچي. ڪي ڀائيندا آهن ته اوطاقن جو رواج مسلمانن جي صاحبيءَ ۾ پيو، سا غلط ڳالهه آهي.
    جيڪڏهن ڪنهن گهر ۾ ٻه ٽي ڀائر سگهرا هوندا هئا، ته هنن لاءِ ضروري ڌار ڌار ڪوٺيون هونديون، پر اهڙو ذڪر اٿرو ويد ۾ ڪونهي.
    هرهڪ گهر جا ٻه ”پک“ (Wings) هوندا هئا، جنهن مان سمجهجي ٿو ته گهر جي اڳيان ورانڊو يا دالان هوندو هو، اهو ”پروشٿ“ سڏيو ويو آهي. دالان جا ٿنڀا ڪاٺ جا هوندا هئا، جن تي شڪليون اُڪريل هونديون هيون – ڪن ٿنڀن تي ٻن ڀورين جي شڪل اُڪريل هوندي هئي – اها ڳالهه رگ ويد جي منڊل چوٿين (32، 33) ۾ ڄاڻايل آهي: مطلب ته گهر جي مهڙ وارو يعني ورانڊي جو اڳيون پاسو سهڻو جوڙيندا هئا، ته جاءِ پريان ئي وڻڻ جهڙي ڏسڻ ۾ اچي.
    هن وقت جاين جي اڳيان ”اڱڻ“ رکبو آهي. اهو اصل ۾ آهي ويدڪ لفظ ”آنگن“. جيڪو ٻاهران ايندو هو، سو اَڱڻ مان لنگهي، اول دالان ۾ ويندو هو ۽ پوءِ صفن ۾ گهڙندو هو. ـاڱڻ“ لفظ جي تنهنڪري بنيادي معنيٰ آهي ”جنهن ۾ هلجي يا پنڌ ڪجي“. هن مان سمجهجي ٿو ته صبح يا سانجهيءَ جو، يا رات جو ماني کائڻ کانپوءِ، اڱڻ ۾ پسار ڪندا هئا ۽ اڱڻ رکڻ جي اصل مراد ئي اها هئي. هرهڪ گهر جي ٻاهران لوڙهو ڏنل هوندو هو (رگ ويد، 59، 6). سڄيءَ جاءِ کي چوندا هئا ”شالا“ يا ”گهر“، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”گرهه“ ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”جو قبضي ۾ هجي“. هن مان ظاهر آهي ته گهر جي سموري زمين ماڻهن جي خلاصي ملڪيت هوندي هئي، ۽ پنجاهه سٺ يا نوانوي سالن جي پٺي تي زمين مليل ڪانه هوندي هين، جيئن هينئر آهي!
    رگ ويد جي منڊل ڇهين (46، 9) ۾ ڀارت دواج رشيءَ اندر ديوتا کي آراڌنا ڪئي آهي ته مون کي اهڙو گهرڏي، جو ”تر ڌاتو“ (Tri-Dhatu) ۽ ”تَرو روُٿ(Trivarutha) هجي. هنن لفظن جي ڪن عالمن ڪهڙي، ته ڪن ڪهڙي معنيٰ ڪئي آهي. ڪي چون ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ اها جاءِ جنهن ۾ ٽي شيون ڪم آيل هجن: ڪاٺ، سرون ۽ ڪپچا (ٺاڪيل پٿر). شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جو چوڻ آهي ته ”تر ڌاتو“ معنيٰ ”تر ڀؤميڪ“ يعني ”ٽماڙ“. ممڪن آهي ته اڳي به جاين کي ماڙيون هونديون هيون.
    قديم زماني کان وٺي هندن ۾ اهو رواج آهي ته نئين جڙيل جاءِ ۾ وهڻ مهل هون هوم ڪندا آهن ۽ براهمڻن ۽ ساڌ فقيري کارائيندا آهن. انهيءَ کي ”ٿان شڌ“ چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٿان يا اسٿان شڌ (پوتر) ڪرائڻ“. ان وقت ججهو ڌن لٽيندا آهن، تنهنڪري ”ٿان سڌ ڪرڻ“ هاڻ اصطلاح آهي ۽ معنيٰ اٿس پنهنجو ڌن وغيره ٻين کي ڏيئي ڇڏڻ يا خيرات ڪرڻ. انهيءَ قسم جو رواج يورپ ۾ به هو. انگريزيءَ ۾ ان کي House-Warming چئبو آهي – انهيءَ لفظ ۾ هيءَ خيال رکيل آهي ته نئين جڙيل جاءِ ٿڌي ٿئي ٿي، تنهن ۾ محفل ڪندا هئا، ته گهڻا مهمان اچي گڏ ٿين، ته جاءِ ڪوسي ٿئي.
    رگ ويد جي منڊل ستين ۾ ٻه رچائون (54 ۽ 55) ”وستو سپتي“ (Vastos-Pati)يعني ”واستوُ“ يا گهر جي ديوتا بنسبت چيل آهن، جن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”اي گهر جا راکو دعاگو، تون ٻاجهه ڪج، ته هي گهر اسان کي سڀاڳو لڳي، ڪا بيماري گهر ۾ نه ٿئي، اسان جون مرغيون، اسان جو چوپايو مال ۽ اسين سڀ سکيو سهنج گذاريون، ۽ چور اسان کي نه ڦري وغيره“. اهڙيءَ طرح نئين جاءِ ۾ وهڻ مهل ارداسون پائيندا هئا. هن منجهان هيءُ به ظاهر آهي ته اڳي هندو به گهرن ۾ مرغيون ڌاريندا هئا. گهر جي صفائيءَ لاءِ گهڻا ڪک ڪانا هٿ ۾ جهلي، انهيءَ سان ٻُهر ميڙيندا هئا. انهن ڪکن ڪانن کي چوندا هئا ”بهؤاري“ يعني گهڻا ڪانا، ۽ ان جو اُچار هاڻ آهي ”ٻُهاري“
    گهرو انتظام: پنگتي جوڙجڪ جو مرڪز آهي گهر. رگ ويد واري زماني ۾ گڏيل ڪٽنب جو رواج عام هوندو هو (صفحو 98)، جنهنڪري هرڪو پيءُ يا ڪٽنب جو پريو مڙس گهر جو وڏو هوندو هو، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جي مٿان کيس ڪُلي اختياري هوندي هئي. ”پتا“ (پيءُ) لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”سنڀاليندڙ“، اِهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته گهر سنڀالڻ ۽ گهر جي ڀاتين جي سار سنڀال لهڻ جو بوجو پيءُ تي هوندو هو. چوڻ به آهي ته ”باري کڻن بار، ڪونهي ڪم ڪچن جو“. گهر گهر ۾ اهي وڏڙا مائٽ هوندا هئا، جي سڄي گهر جو بوجو پاڻ تي کڻي ويٺا هوندا هئا، ۽ آڌيءَ کٽيءَ کي پاڻيهي پيا منُهن ڏيندا هئا، جنهنڪري ننڍڙا سڀ ڳڻتيءَ کان ڇٽا پيا هوندا هئا.
    گهر جو پروهت به پيءُ هوندو هو. ڏهاڙي يگيه جي اگني دکائڻ، اگنيءَ ۾ ڇاهوتي وجهڻ، ويدن جا منتر اُچارڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جي هينئر براهمڻ ڪن ٿا، سي سڀ گهر جو وڏو ڪندو هو. اُن وقت به براهمڻ هئا، جي اڪثر برهم وديا جا ڄائو هئا، تنهنڪري براهمڻ سڏبا هئا. اهي راجائن جي ڪُلَ جا پروهت هوندا هئا. ٻين گهر ٻارين کي به ڪا پوڄا ڪرائڻي هوندي هئي يا ڪو وڏو يگيه ڪرڻو هوندو هو، ته ڪنهن رشيءَ يا براهمڻ کي گهرائيندا هئا، نه ته رواجي روز مره جي پوڄا پاڻيهي ڪندا هئا.
    هرهڪ آڪهه جو وڏو يگيه جي اَگني دکائي روز مره جي پوڄا ڪيتري صدق ۽ سچائيءَ سان ڪندو هو، تنهن بابت ”شتپٿ براهمڻ“ ۾ هڪ نهايت عمدي ڳالهه لکيل آهي. ”اَرڻ اؤپويسيءَ“ (Aruna Aupavesi) کي سندس ڪنهن مِتر (مائٽ) چيو ته ”هاڻ وڏا ٿيا آهيو، هاڻ يگيه جون آگنيون دکائيندا رهو“. هن وراڻي ڏنيس ته ”توهين گويا مون کي چئو ٿا ته ڳالهائڻ بند ڪر، ڇاڪاڻ ته يگيه جي اَگني دکائڻ معنيٰ ڪوڙ نه ڳالهائڻ ۽ رڳو نه ڳالهائڻ ڪري ئي ڪوڙ نٿو ٻولجي“. يگيه جي اگني دکائڻ لاءِ ايتري قدر سچائي گهرجي. هيءُ هڪڙو ئي منڊل اسان جا چڱيءَ پر ڪپاٽ کولي ٿو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿئي ٿو ته گهر جا وڏا به وڏيءَ ڪَلا وارا هوندا هئا. انهن کي اڄ تائين ”پُوج“ چئجي ٿو، سو اِهي بيشڪ پوڄڻ جا لائق هئا، جو ٻين لڇڻن سان گڏ منجهن ايتري قدر صدق ۽ سائي به هئي.*

    رگ ويد منجهان معلوم ٿئي ٿو ته پيءُ جيستائين جيئرو هوندو هو تيستائين سڄي گهر جي انتظام جو بار مٿس هوندو هو. جيڪڏهن مري ويندو هو، يا بنهه جهؤر ٿي ويندو هو، ته پوءِ سندس مربي پٽ سندس پاران گهر سنڀاليندو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 70، 5)، ۽ پنهنجن پيرسن مائٽن کي هر طرح سکي رکڻ جو اونو ڪندو هو (منڊل ستون، 18، 23).
    ”ڀراتر“ (ڀاءُ) لفظ جو ڌاتو آهي ”ڀر“ معنيٰ ”جهلڻ“، ڀائر گهر جو جهلو آهن، ۽ مربي ڀاءُ اڄ تائين پيءُ جي سمان ليکبو آهي، تنهنڪري ننڍڙا ڀائر کيس پيرين پئي گڏبا آهن. ڀائرن جي پريت جا نهايت عمدا مثال رامائڻ ۽ مهاڀارت مان ملن ٿا. اهڙن آدرش ڀائرن جو پروو سڄي هندو جاتيءَ تي وقت بوقت پوندو پئي آيو آهي. گڏيل ڪٽنب جو رواج هيتريون صديون ساندهه سڄي هندستان ۾ هليو ئي اِنهيءَ ڪري جو ڀائرن جي پريت پاڻ ۾ ججهي هوندي هئي، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين جا هڪٻئي ۾ ساس پراڻ هوندا هئا. انهيءَ سبب سنڌ ۾ هيءَ چوڻي به عام ٿي ته:
    ”ڀائر ڪوٽ جا ڪنگرا، پٽ گهر جي سونهن،
    ويـٺا ڪن ورونهن، ڏڄـــڻ ڏوران ئــــي ڏري“
    يعني ڀائرن جي ههڙي پريت پاڻ ۾ هئڻ ڪري ڏڄڻ (دشمن) ڊڄي پريان ئي ڀڄي ٿو، ۽ هنن ۾ ڪوبه ڦيٽارو وجهي نٿو سگهي.
    گهر جي انتظام جو بوجو مربي پٽ تي جُهلي پوندو هو، ته پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش ڪندو هو. سندس ڀينرون جيستائين ڪنواريون هونديون هيون، تيستائين کين پاليندو هو ۽ سندن پوريءَ ريت سنڀال لهندو هو. جڏهن وڏيون ٿينديون هيون، تڏهن ڏاجو ڏيئي، کين پرڻائي ڇڏيندو هو، جو ڏيتي ليتيءَ جو رواج انهيءَ قديم زماني ۾ ئي هو (منڊل پهريون 101، 2).
    مائٽ ۽ اولاد: ٻار گهر جي وندر آهن. جن گهرن ۾ ٻارن جو غوغاءُ ڪونه هوندو هو، سو گهر ماڻهن کي پيو کائيندو هو. اِنهيءَ ڪري آڳاٽا ماڻهو ڌڻيءَ کي اها آراڌنا ڪندا هئا، ته ٻار ٻچا ڏجانم! (رگ ويد، منڊلس تون، 1، 11، ۽ 12، منڊل اٺون، 1، 13) اڪثر ائين چاهيندا هئا ته پٽ ڄمن، جي وڏن جو نالو قائم رکن ۽ پترن کي پاڻي به ڏين (منڊل پهريون 105، 3).
    آڳاٽا لوڪ ائين وسنهندا هئا ته جيڪو ماڻهو بنا اولاد مري ٿو ۽ پنڊ ڀرائڻ ۽ پترن کي پاڻي ڏيڻ لاءِ ڪوبه پٽ ڪونهيس، سو ”پؤ“ نالي نرڪ (دوزخ) ۾ پوي ٿو. انهي ئي سبب ڪري فرزند کي سڏيائون. ”پؤتر“ يعني ”پؤ“ نرڪ کان تارڻ وارو. ماڻهن پٽ گهريائي انهيءَ ڪري ٿي ته جيئري ته ٻانهن ٻيلي ٿين پر مئي کان پوءِ به مائٽن جي ڪريا ڪرم ۽ سراڌ ڪري انهن جو نيتارو ڪن. جنهن کي پنهنجو آنڊي ڄائو پٽ ڪونه هوندو هو، سو لاچار ٻئي جو پٽ (خاص ڪري ڏهٽو) گود وٺندو هو. ”گود ۾ وٺڻ“ معنيٰ ڌرم جو پٽ پٽ ڪرڻ. اهو اصطلاح خود ڄاڻائي ٿو ته پرائو ٻار اڃا ٻاروتن ۾ ئي هوندو هو ۽ گويا هنج ۾ وهارڻ جيڏو هوندو هو، تڏهن کيس پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ۽ نه وڏي هوندي. ائين پرائو پٽ پنهنجو ڌرم جو پٽ ڪندا هئا، ته به دل کي اهڙي فرحت نه ايندي هين، جهڙي پنهنجي ڄڻيل پٽ مان اچي ٿي. وقت تي اهي ڌرم جا پٽ موٽي پنهنجن اصلوڪن مائٽن وٽ ويندا هئا. (منڊل ستون، 4، 7-8).
    آدرش پٽ اهو سمجهبو هو، جو شڪل جو سهڻو، قد جو قداور، همت ڀريو، برجستو ۽ گهر جهلڻ جهڙو، سمجهو، سياڻو، شاسترن جو ڄائو ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندڙ هوندو هو (منڊل ڏهون، 47، 3). رگ ويد ۾ هڪ رشيءَ اراڌنا ڪئي آهي ته ”اي ڀڳوان، اهو پٽ ڏجانم جو مها ٻلوان هجي، ڀلي گهوڙي تي چڙهي، جڌ ۾ دشمنن کان سوڀ کٽي، ۽ وڏايگيه ۽ دان ڪري (منڊل ڇهون، 33، 1). مطلب ته مها ٻلوان ۽ ڌرماتما پٽ ماڻهن کي وڻندا هئا. جيڪڏهن قضا سان ڪنهن جو پٽ ناخلف ٿي سامائبو هو، ته مائٽ کيس سيکت ڏيئي، سؤڌيءَ راهه تي آڻيندا هئا. منڊل ٻيو، 29، 5). وقت تي ڪي مائٽ چڙ ۾ ڀرجي پنهنجي اولاد کي نهايت اجوڳ سزائون ڏيندا هئا. اهڙو هڪ مثال رگ ويد ۾ آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته رَجراشوَ (Rjrasv) نالي هڪ جوان ڳوٺاڻن جون هڪ سؤ رڍون جهنگ ۾ چاريندي، بگهڙن کان کارائي آيو، ته پڻس ”ورشاگري“ (Vrasa-giri) مٿس ايترو ڪاوڙيو، جو ٻئي اکيون ڪڍي ورتائينس، ۽ پوءِ اَشوني ڪمار ديوتائن پنهنجي ڪريا سان انڌي مان سڄو ڪيس (منڊل پهريون، 116، 16، 117، 17). رواجي طرح پيءُ پنهنجي پٽ يا نياڻيءَ کي گهٽ ڪونه گهرندو هو، ۽ سدائين اولاد جي بهبوديءَ جو اونو هوندو هوس (منڊل اٺون، 48، 4). پٽ به سدائين پيءُ جي آگيا ۾ هوندو هو، ۽ سندس لاءِ ججهي حب ۽ عزت هوندي هيس ماءُ پيءُ کي پيرين پوڻ جو رواج نهايت قديم آهي. رگ ويد جي منڊل ٻئي (33، 12) ۾ لکيل آهي ته پٽ پنهنجي پيءُ کي پيرين پوندو هو ته پڻس هٿن کان جهلي ڪنڌ مٿي ڪندو هوس. مريادا پرشوتم شري رامچندر به مائٽن کي پيرين پوندو هو، ۽ اهو رواج اڄ تائين هلندو اچي. اڄ به ڪو ماڻهو ڪنهن لائقيءَ کي رسندو آهي ته ائين وسهندو آهي ته ماءُ پيءُ جي آسيس مون کي اَڏيو آهي. هن مان ظاهر آهي ته ماءُ پيءُ ديوتائن جو روپ ڪري ليکبا آهن.*

    نياڻيءَ کي قرب وچان ”پُتري“ (پُٽري) چئبو آهي، نه ته عام طرح ”پُٽ“ جو مونث آهي ”ڌيءَ“ (پراڪرت ڌيئا“)، جو اصل ۾ اهي سنسڪرت لفظ ”دُهتا“ ”دهتر“ (پارسي ”دختر“، ۽ انگريزي ”ڊاٽر“ (Daughter). انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دُهه“ (Duh) معنيٰ ڏهڻ، اڳي نياڻين تي ٻڪرين، گاين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري مٿن اِهو نالو پيو. مطلب ته ”پٽ“ لفظ ۾ هڪڙو خيال ۽ ”ڌيءَ“ لفظ ۾ ٻيو خيال سمايل آهي، تنهنڪري ايهي ٻه علحده لفظ مليا اٿئون.
    پٽ توڙي ڌيءَ ساڳي ئي مائٽ جو اولاد، ته به ٻنهي جي وچ ۾ جيڪو ڦير هن وقت ماڻهو سمجهن ٿا، سو آڳاٽا لوڪ به سمجهندا هئا. پٽ سدائين مائٽن وٽ گذاري ٿو، ۽ ڪُلَ جو نالو قائم ڪندو رهي ٿو. مائٽ پيرسن ٿين ٿا، ته پٽ سندن شيوا ڪري، کين هر طرح سکي رکي ٿو. حقيقتاً ڌيئن کي پاڻ مائٽن جو تاءُ پٽن کان وڌيڪ اُڀرندو آهي. جنهنڪري چوڻي آهي ته ”پيئيءَ ليئيءَ ڌيءَ ڪم اچي“. يعني اَگهائيءَ ۾ مائٽ جڏهن کٽ وٺي پوي ٿو، تڏهن ڌيءَ گهڻو ڪم اچي ٿي. اِنهيءَهوندي به نياڻيءَ جي حالت نرالي آهي. ڌيءَ آخر وڃي پرائو گهر وسائي ٿي. نياڻيءَ کي ڏيتي ليتي ڏيئي اُڪلائجي ٿو، تنهن کانپوءِ به سندس سکي جيوت جو مکيه مدار سندس مڙس تي آهي، جو ڌاريو شخص آهي. خبر نه آهي پس پيش لائق انسان ثابت ٿئي يا نه، ۽ ڇوڪري ساهري گهر سکي جيوت گذاري يا نه، جيڪڏهن نياڻي هر طرح سکي آهي ۽ ڪوبه ڪَنُ ڪُرو ڪونهي، ته مائٽ به خوش؛ پر جيڪڏهن نياڻي ڏکي، ته مائٽ جي دل به اڻپڇو ڏکي. جن کي ساهري گهر ملن رت جون مانيون ۽ سُورن جا ساڳ. تن گهڻي ئي پهاڪا پنهنجي حال تان چيا آهن، جهڙوڪ:
    ”ساهرا اهرا ٻاٻرا ڪنـڊا،
    جو پاسو وراءِ، سو چپ چپ ڪندا“.
    زنانو پهاڪو.
    نياڻين جي آئيندي جا ويچار آڳاٽن ماڻهن کي ايتري قدر ويڙهي ويندا هئا، جو رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائترييه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڌيئون ڏک جو ڪارڻ آهن“. (ستون، 31، 1)
    نياڻين جو اونو ۽ اُڪلاءُ: قديم هندن ۾ لکيل وصيت (Will) ڪرڻ جو رواج هئو ئي ڪونه، سموري ملڪيت جو مالڪ پيءُ هوندو هو. پيءُ کان پوءِ سندس سڀ ملڪيت سندس پٽن جي ٿيندي هئي. ڪنهن کي پٽ نه هوندو هو، ته سندس سموري ملڪيت سندس ڏهٽن کي ملندي هئي، نه ڌيئن کي. اڄ به اهو ئي قائدو آهي. رواجي طرح ڀاءُ پنهنجي ملڪيت مان پنهنجيءَ ڀيڻ کي حصي ڏيڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندو هو (رگ ويد، منڊل ٽيون، 31، 2). انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن ڇوڪريءَ کي سندس دل وٽان گهوٽ نه ملندو هو، يا ڪنوارو رهڻ پسند ڪندي هئي، يا ڪنهن مرض ۾ مبتلا هئڻ سبب سڄي عمر ڪنواري رهندي هئي ۽ اهڙيءَ حالت ۾ پيءُ جي ملڪيت مان حصو گهرندي هئي، ته ملندو هوس (منڊل ٻيون، 7، 17) انهيءَ ريت ڀائر پنهنجا ڀال ڀلائيندا هئا. ته ڀيڻ عزت آبروءَ سان سکي سهنجي جيوت ڪاٽيندي هئي ۽ ڪنهن ٻئي جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه پوندي هيس. جيڪڏهن اباڻي ملڪيت ماڳهين خير ڪا هوندي هئي، ته پوءِ ڇوڪري لاچار ٿي، ڪا ڪرت ڪار وڃي ڪندي هئي، ۽ وقتي لالچن ۾ ڦاسندي هئي. جنهن ڇوڪريءَ جو اوهي نڪو واهي هوندو هو، تنهن جي پٺيان لفنگا پوندا هئا، ۽ ڪي ته آخر کليو کلايو بد پيشو اختيار ڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 7، چوٿون، 5، 5).
    ڪي ڇوڪريون ڪنواري ئي ٻار ڄڻي ڦٽا ڪنديون هيون (منڊل ٻيون، 29، 1، منڊل پنجون، 5، 5 ۽ منڊل نائون 32، 5). يجر ويد جي تئترييه براهمڻ (ٽيون 4، 2، 1) ۾ ”ڪماري پتر“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”ڪنواريءَ جو پٽ“. اهڙن سببن ڪري ڌيئن جو ڄمڻ گهڻن کي وڻندو ئي ڪين هو. جنهن ڪنواري ڇوڪريءَ کي نڪو پيءُ نڪو ڀاءُ هوندو هو، سا نڀاڳي ليکبي هئي، ۽ ٻيا مٿس قياس ڪندا هئا. اِهو به خطرو هو، ته هيءَ ڪنهن مهل اُبتا پير کڻندي (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 77 منڊل چوٿون، 5،5). اٿرو ويد جي منڊل ڇهين (11، 3) ۾ ايشور کي آراڌنا ٿيل آهي ته ”اي ڀڳوان، ڌيءَ ٻين کي ڏجانءِ، هتي اسان جي گهر ۾ پٽ ڏجانءِ!“ مطلب ته ڌيءَ ڄائي ته مائٽن مٿان ڄڻ ته ڪا ڇَپ پيئي! سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”پهرين ڌيءَ پٽ برابر“، پر ڌيءَ پرڻائجي ٿي، ته سيڻن جي اڳيان وار وڇائڻا پون ٿا، ۽ اُنهن جون گهڻي ئي ڳالهيون سهڻيون پون ٿيون، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ هيءَ چوڻي به عام آهي ته ”سؤ پُٽان، هڪ ڳڀان، تنهن ڀَر به لڪان“. جيڪڏهن ڪنهن مائيءَ کي ٻه ٽي نياڻيون اڳي ئي هونديون آهن، ۽ مٿان ٻي به نياڻي ڄمندي اٿس ته اوڙي پاڙي جون زالون ساڻس اِئين اچي ڳالهائينديون آهن، جو ڄڻ ته اعزاپرسي ڪرڻ آيون آهن! رگ ويد واري زماني کان وٺي اهو دستور اڄ تائين هلندو اچي.
    اڳي جيتوڻيڪ سڀني پٽ پئي گهريا، ته به جڏهن ڌيئون ڄمنديون هين، تڏهن کين ڪو گهٽ ڪين گهرندا هئا، جو آنڊو ڪتي ٻلي کي پيارو آهي. حقيقتاً عام طرح نياڻيءَ کي ديويءَ روپ ڪري ليکيندا هئا، ۽ اڄ به نياڻيون ديويون ڪري ليکجن ٿيون. ايترو هو ته وڏور نياڻي گهر ۾ وهارڻ واجب نه سمجهندا هئا؛ تنهنڪري اُنهن جي اُڪلائڻ جو ججهو اونو ڪندا هئا. اهڙا ته آتا هوندا هئا، جو چوندا هئا ته ڪٿي اسان جي نياڻي پرڻجي وڃي شينهن ڪلهي چڙهي، ته اسين چنتا کان ڇٽون! اڄ به ماڻهو اِئين پيا چون. نياڻيءَ لاءِ ڪَڻُ سٺو ملي، تنهن لاءِ ويدن جا منتر به اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ٻيون، 6)
    مائٽي ۽ وهانءُ: رگ ويد ۾ اهڙي ڪا تُڪ آهي ئي ڪانه، جنهن مان سمجهجي ته انهيءَ زماني ۾ ننڍپڻ ۾ شاديءَ ڪرڻ جو رواج هو. جيڪي حقيقتون ڄاڻايل آهن، تن مان پاڻ ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڇوڪريون جڏهن بالغ ٿينديون هيون، تڏهن پرڻبيون هيون. منڊل ڏهين جي سُوڪت 85 ۾ چيل آهي ته ”ٻيءَ ڪنهن ڪنواريءَ ڏي نه وڃ، جا اڃا پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ ويٺي آهي، ۽ پرڻجڻ جون سڀ علامتون منجهس آهن“. جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ڪنهن مرض ۾ مبتلا هوندي هئي، جنهنڪري پرڻجڻ کان خارج هوندي هئي، يا سڄي عمر ڪنوارو رهڻ چاهيندي هئي، ته پيڪي گهر گذاريندي پَريا پئجي ويندا هئس. ٻال وواهه جو رواج سُوترن واري زماني ۾، يعني ويدن کانپوءِ جي زماني ۾ عام ٿيڻ لڳو، ۽ ننڍپڻ جي وهانءَ مان جيڪي اُگرا نتيجا نڪرن ٿا، سي پوءِ ظاهر ٿيڻ لڳا + *

    رگ ويد جي منڊل ڏهين (27، 12) مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ڇوڪريون پرڻبيون هيون، سي پنهنجي لاءِ گهوٽ پاڻ چونڊينديون هيون – ”وَرُ“ معنيٰ ”گهوٽ“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”چونڊيل“. ”سويمور“ معنيٰ پنهنجي چونڊ پاڻ ڪرڻ. ڇوڪريون پنهنجي لاءِ عام طرح اُهو ”ور“ (گهوٽ) چونڊينديون هيون، جنهن تي دل ٿيندي هين، يعني اڪثر پريم وواهه ٿيندو هو (منڊل اٺون، 62، 4)، جو ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته پرڻي جي خوشيءَ جو بنياد ئي پريم تي ٻڌل آهي (منڊل ڏهون، 27. 12).
    رگ ويد واري زماني ۾ذات پاتم جو ڀيد هئو ئي ڪونه، تنهنڪري جنهن جي جنهن سان دل لڳندي هئي، سو تنهن سان پرڻبو هو؛ رڳو سگوتر ۽ سپنڊ وهانءَ جي منع هئي (صفحو 175)، پاڻ کان گهٽ گهر کڻڻ ڪو ڪونه پسند ڪندو هو. ڪنهن وٽ ڌن مال ججهو هوندو هو، پر نه هوندا هئس لڇڻ ۽ نه سهڻي شڪل شبيهه، ته اهڙي کي ٻانهن ڏيڻ ڪو ڪونه چاهيندو هو. ڪي ته ڌن کي ڏسي مائٽيون ڪندا هئا. عام رواج هيءُ هو ته ڪنهن وٽ کڻي ڌن گهڻو نه هوندو هو؛ پر علم ۽ لڇڻ هوندا هئس، ته اهو پسند پوندو هو. ساڳيءَ طرح ڪا ڇوڪري غريب مائٽن جي ڌيءَ هوندي هئي، پر سهڻي ۽ سلڇڻي هوندي هئي ته اها پسند پوندي هئي، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”لڌي کان لڇڻ وڌيڪ“. انڌيون ڪاڻيون۽ ٽيڏيون مشڪل اگهامنديون هيون، پر جيڪڏهن ڪو ساڻن پرڻبو هو، ته انهيءَ ڳالهه تان ڪوبه اعتراض ڪونه اٿاريندو هو (رگ ويد، منڊل 23، 11).
    ________________________________________
    * Satapatha Brahmans, Sacred Books of the East,. Vol. XII, P. 313,20.
    * "The relation of child and parent was clearly, as a rule, one of close affection; for a father is regarded as the type of all that is good and kind." Cambridge History of India, Vol. 1, p. 89.
    * "Marriage in the early Vedic texts appears essentially as a union of two persons of full development. This is shown by the numerous references to unmarried girls who grow old in the house of their fathers." Prof. Macdonell and Keith: Vedic Index.
    + "Child-wives first occure regularly in the Sutra period, though it is still uncertain to what extent the rule of marriage before puberty there obtained." Dr. A.C. Das: Rig. Vedic Culture, page 251.
    ڪنهن جوان ۽ سهڻي ڇوڪريءَ هٿ ڪرڻ لاءِ گهڻائي نوجوان خواهان ٿيندا، پر ڇوڪريءَ کي به سوچڻو ويچارڻو آهي. هوءَ سڀاويڪ طرح پنهنجي لاءِ اهو مڙس چونڊيندي، جو هر طرح لائق هوندو، اوکيءَ سوکيءَ ۾ سنديس پوريءَ ريت سنڀال لهندو، ۽ ٻارن پالڻ جي سمرٿي هونديس. پر متان ڪا ڇوڪري پوريءَ ريت ڳڻ ڳوت نه ڪري، ۽ پرڻجي پوءِ پڇتائي، تنهنڪري رڳو پڳو پنهنجي خيال تي هلڻ بدران پنهنجن مائٽن جو به هٿ هوندو هو. *
    ميلن ۽ محفلن ۾، يا ٻين هنڌ، جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا هڪٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، جيڪڏهن هڪٻئي سان دل لڳي ويندي هين، ته اول پاڻ ۾ پڪون پچائيندا هئا، ۽ پوءِ گهوٽ جي سنگتين يا مٽن مائٽن مان ڪو ڪنواريتن سان وڃي مائٽي چوريندو هو. رگ ويد جي منڊل ڏهين. (سوڪت 85) ۾ ڄاڻايل آهي ته سورج ديوتا جي نياڻيءَ ”سؤريا“ جو وهانءُ سوم (چندرما) سان ٿي ٿيو، ته سوم جي پاران اشوني ڪمار ديوتائن وڃي مائٽي چوري هئي. انهيءَ ڳالهه مان عالمن اهو انومان ڪڍيو آهي ته گهوٽيتن مان ڪا پهر ڪنواريتن سان مائٽي چوريندي هئي. پوءِ جي ساهت، خاص ڪري سمريتن مان معلوم ٿئي ٿو ته گهوٽيتيءَ پهر مان ٻه ودوان وڃي ڪنوار ڏسي ايندا هئا. ٻنهي ڌرين کي جيڪڏهن مائٽي پسند ايندي هئي، ۽ ڪنواريتا جيڪڏهن اڃان پنهنجي من ۾ ٺهراءُ ڪندا هئا ته پنهنجي نياڻي فلاڻي سان پرڻائجي، ته چئبو ته پنهنجي من ڪري پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. انهيءَ کي سڏيندا هئا ”منسادت“(Mansadata) يعني من ڪري ڏنل (Mentally given). اهڙي منشا من ۾ڌارڻ کانپوءِ، مائٽيءَ جي پڪ ڪرڻ لاءِ ڪن براهمڻن جي روبرو اول سيڻ پاڻ ۾ گڏبا هئا، اُن وقت ڪنوار جو پيءُ پنهنجي من جي منشا ظاهر ڪرڻ لاءِ گهوٽ پيءُ کي چوندو هو ته ”پنهنجي پٽ لاءِ منهنجي ڪنواري ڪنيا وٺو، جا مَنَ ڪري کيس ڏني ويئي آهي: هينئر به ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو.“ گهوٽ پيءُ پوءِ ڇوڪري ڏسي، خاطري ڪري، ڪنوار پيءُ کي چوندو هو ته ”توهان جي ڪنواري ڪنيا مان پنهنجي پٽ لاءِ قبول ڪريان ٿو، جا مَنَ ڪري کيس اڳي ئي ڏني ويئي آهي: توهين منهنجو پٽ ڏسو ۽ فيصلو ڪري پرسن ٿيو. ڪنوار پيءُ پوءِ ڇوڪرو ڏسي خاطري ڪندو هو. جيڪڏهن ڇوڪرو پسند ايندو هوس ته پنهنجي ڪنيا دان ڪرڻ جي ڳالهه پنهنجي زبان سان کولي چوندو هو، اهو سڏبو هو ”واڳدان“ (واڪدان) يعني وچن دان. ڪنوار پيءُ براهمڻ جي روبرو پنهنجي ”واچادت“ (Vachadatta) يعني وچن ڪري يا زباني ڏنل (Verbally given) مطلب ته پهريائين من ڪري ڪنيادان ٿيل هو، ۽ هاڻ زبان سان وچن ڏيئي ڪنواريتا پنهنجي نياڻي ڏيئي چڪا. اوڏيءَ مهل حاضر براهمڻن مان پان ورهائيندا هئا. هن وقت مصري کائيندا هئا. ڪنيادان جي ٽين منزل سڏبي هئي ”ڌارادت“ (Stream – given i.e. actually given) Dharadatta يعني جڏهن تت وهندي نياڻي ڏيندا هئا. هي سڀ ڳالهيون سمرتي ڪارن ڄاڻايون آهن. سمرتيون جيتوڻيڪ گهڻو پوءِ جون لکيل آهن، ته به منجهن ڳالهيون ويدڪ زماني جون آهن. *
    وهانءَ جي پڪ ٿيندي هئي ته وهانءَ لاءِ مهورت ڪڍائيندا هئا. وهانءَ جي ڏينهن گهوٽ اُچا سٺا ڪپڙا ۽ جڙت جڙيل سونا زيور پائي (منڊل پنجون، 6، 4) ۽ سرهاڻيون مکي، پنهنجن مٽن مائٽن ۽ سنگتين ساٿين جي ڄڃ وٺي، ڪنواريتي گهر ويندو هو. ڪنواريتا گهوٽيتن جو آءُ آدر ججهو ڪندا هئا، کين اُچا اُچا طعام کارائيندا هئا ۽ پوءِ وهانءَ جي رسم ادا ڪندا هئا.

    وهانءَ جي رسم: قديم زماني ۾ وهانءَ جي رسم رسمات اها ساڳي هئي، جا هينئر آهي. وهانءُ مهل جيڪي منتر براهمڻ اُچارين ٿا، سي گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان ڪي اکر به اکر رگ ويد مان ورتل آهن؛ تنهنڪري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته هاڻوڪي ويڏيءَ جو رواج رگ ويد واري زماني کان وٺي هليو اچي. انهيءَ قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو هندستان جي ٻين هنڌن جي هندن وانگر پرڻي جون رسمون بلڪل پوريءَ ريت بجا آڻيندا پيا اچن. هڪ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته آڳاٽن ماڻهن جي مادري زبان سنسڪرت هوندي هئي، جنهن ۾ اڄ تائين ويڏي پڙهڻ ۾ اچي ٿي. اڳي وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان ڪي پرتگيائون يا قول قرار ڪندا هئا. خود ڪنوار جو پيءُ پنهنجي ناٺيءَ کان ڪي انجام وٺندو هو، جهڙوڪ ”ڌرم ۽ ارٿ (ڌن دولت) جي پراپتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج وغيره“. اڄ ڪالهه اسان جا ماڻهو اڪثر سنسڪرت ڄاڻن ئي ڪونه، تنهنڪري وهانءُ ڪرائيندڙ براهمڻ گهوٽ ۽ ڪنوار جي پاران سوال جواب پاڻ ڪندو ويندو آهي ۽ سمجهندو به رڳو پاڻ آهي. گهوٽ ۽ ڪنوار ماٺ ڪيو ويٺا آهن.ڄاڃين مان ڪي اوڏيءَ مهل کاني پيني ۾ مشغول هوندا اهن، جنهنڪري ڪيترن هنڌ ڏسبو آهي ته جنهن سانت سان هيءُ شڀ ڪارج ٿيڻ گهرجي، سا سانت هوندي ڪانهي، ۽ اٽلندو کيچل لڳي پيئي هوندي آهي. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته ساٺ سوڻ وغيره اهي ئي ساڳيا هليا اچن. اها ڳالهه خود ”وهانءَ“ ۽ ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي، جي لفظ اڄ تائين عام طرح ڪم پيا اچن.
    ”وهانءُ“ لفظ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”وواهه“ جنهن ۾ ”وِ“ معنيٰ وشيش ريت يا چڱيءَ طرح ۽ ”وهه“ معنيٰ ملائڻ يا وٺي وڃڻ. وهانءُ اهو آهي جنهن ۾ گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چڱيءَ ريت يعني ساٺن سوڻن سان وٺي وڃي ٿو. انهن ساٺن سوڻن ۾ جيڪا مکيه ڳالهه آهي، سا ”پرڻو“ لفظ مان ظاهر آهي. ”پرڻو“ لفظ جي بنيادي معنيٰ آهي ”ڦيراڏيڻ“. سنسڪرت ۾ ”پَر“ معنيٰ چوڌاري، ۽ ”نيه“ معنيٰ ”نيڻ يا وٺي وڃڻ“. وهانءُ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي، پوءِ هڪٻئي جو هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي)، يگيه جي اَگنيءَ جي چوڌاري ست ڦيرا ڏيندا هئا. جيستائين گهوٽ ۽ ڪنوار ڦيرا نٿا ڏين تيستائين وهانءُ جائز نٿو ليکجي. جنهن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار پلئه ٻڌي، ۽ ”پاني گرهن“ ڪري يعني هٿ جهلي (هٿيالو ٻڌي) ست ڦيرا ڏنا، تنهن وقت ئي چئبو ته وهانءُ ٿي چڪو. اِنهيءَ ”سپت ٻڌيءَ“ يعني ستن ڦيرن جي نهايت مکيه رسم هئڻ سبب ”پرڻو“ معنيٰ ٿي ”وهانءُ“.
    وهانءَ مهل گهوٽ ۽ ڪنوار جا مٿا ميڙيندا آهن. انهيءَ کي ”لائون“ چئبو آهي، جو اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”نمن“ يعني نماڻن (مٿا نماڻن). انهيءَ سبب ”لائون لهڻ“ معنيٰ ”پرڻجڻ“. جڏهن چئون ته فلاڻن جون هڪٻئي سان لائون آهن، تڏهن ان جي معنيٰ ته پاڻ ۾ ججهي پريت اٿن (گهوٽ ۽ ڪنوار جهڙي). اهڙيءَ ريت لفظن جي بنيادن ۾ ڪيترائي آڳاٽا احوال سمايل آهن، جنهنڪري ٻولين جو اونهو اڀياس نهايت ڪارائتو آهي.
    وهانءَ جون رسمون سڀڪا قوم پنهنجي پنهنجي نموني ادا ڪري ٿي؛ پر سنڌو ماٿر جي رهاڪن جو نمونو ئي نرالو هو. هو وهانءَ کي هڪ ”“سنڪار“(Sacrament) ڪري ليکيندا هئا. هندن هندن جي شاسترن پٽاندر هرهڪ سنڪار ڪرڻ ۾هل ”سراڌ“ ڪرڻ گهرجي. وهانءَ مهل ”سراڌ“ ۽ ”ترڪڻ سُڌي“(Trikarana Suddhi) اهي ٻه مکيه ڳالهيون هونديون هيون. ”سراڌ“ آهي ”سرڌا“ (سچي سرڌا) ۽ ”ترڪرڻ سڌيءَ“ ۾ من، وات ۽ هٿ اهي ٽيئي شڌيا پوتر رکڻا آهن. مطلب ته من ۾ ڪو خراب خيال ڪم نه ڪجي. انهيءَ لاءِ اول ”سنگلف“ وٺندا هئا. ”سنگلف“ۡ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سنڪلپ“، ۽ اصل معنيٰ اٿس ”دل جو ارادو“ يا پڪو ٺهراءُ“. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ چانور، پاڻي، گل ۽ ڏکڻا جهليندا هئا، ۽ اها ڏکڻا پنهنجي ڪُل جي پروهت کي ڏيئي، پنهنجو پڪو پرڻ ظاهر ڪندا هئا ته ”اسين مَنين، وچنين ۽ ڪرمين شڌ (پوتر يا صاف) رهنداسين“. انهيءَ سنڪلپ جي يادگيري ڏيارڻ لاءِ گهوٽ ۽ ڪنوار جي ٻانهن ۾ اڄ تائين ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌندا آهن. رکڙي ٻڌڻ جو اهو مطلب آهي ته ديوتائون سندن رکيا (سنڀال) ڪن ته هو من، وچن ۽ ڪرم ۾ شڌ رهي، پنهنجي وچن جي پالنا ڪن. وهانءَ جي رسمن پوري ٿيڻ کانپوءِ اها رکڙي ڇوڙيندا آهن، جنهن جي معنيٰ ته جيڪو سنڪلپ ڪيو ويو هو، سو پورو ٿيو. سنڪلپ وٺڻ مهل هٿ ۾ ”اڪشت“ (اڻ ڇَڙيل چانور) جهليندا هئا. ”اڪشت“ جو اُچار پوءِ ڦري ”اَڇُٽ“ ٿيو، تنهنڪري هينئر ”اَڇُٽ“ لفظ ”سنڪلپ“ (سنگلف) جي معنيٰ سان ڪم اچي ٿو.
    وهانءَ جي ساٺن سوڻن شروع ٿيڻ کان وٺي ساٺن پوري ٿيڻ جي وقت تائين من، وچن ۽ ڪرم شڌ رکڻ جي ضرور هن ڪري سمجهندا هئا، جو وهانءَ مهل ٽنهي لوڪن (ڀُوه Bhuh ڀُوههَ Bhuvah ۽ سُوهه (Suvah جي ديوتائن کي آراڌنا ڪندا هئا ته ”هن شڀ ڪارج ۾ اچي شامل ٿيو، ۽ گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيس ڪريو ته هو وڌن ويجهن ۽ سکي جيوت گذارين.“ وهانءَ مهل ٽنهي لوڪن جي ديوتائن، ۽ ترلو ڪيناٿ (ٽنهي لوڪن جي ڌڻيءَ يا ايشور) کي حاضر ناظر ڄاڻندا هئا؛ تنهنڪري انهن جي حضوريءَ ۾ پنهنجي من، وچن ۽ ڪرم جي شڌي نهايت ضروري سمجهندا هئا. من کي پوريءَ ريت روڪڻ يا ضابطي ۾ رکڻ لاءِ ”پراڻايام“ (Regulated Respiration) به ڪندا هئا. پراڻايام ڪرڻ ڪري جلد جلد نڙي سڪي ويندي هين، تنهنڪري گهڙيءَ گهڙيءَ ”آچمان“ وٺندا هئا يعني پاڻيءَ ڍڪ پيئندا هئا ته نڙي ڀڄي. وهانءَ مهل ”نندي ديوتائن“ يعني پيترن کي به پڪاريندا هئا ته ”اچي هن شڀ ڪارجه ۾ شامل ٿيو، ۽ پنهنجي اولاد کي آسيس ڪريو ته وڌن ويجهن ۽ توهان جو نالو به قائم رکندا اچن.“
    جوتش موجب گرهن جو اثر ٿئي ٿو، تنهنڪري گرهن جي شانتيءَ لاءِ ”نَوَ گرهي“ يعني نون گرهن (Planatary Spirits) جو پوڄن به ڪندا هئا.
    وهانءَ ۽ ٻين شڀ ڪارجن مهل اڄ تائين گنپتي پوڄا ڪندا آهن. ”گنپتي“ معنيٰ گڻن جي ديوتا“. هن کي ”گڻيش“ يعني گڻن جو ايش (حاڪم) به سڏيندا آهن. ڪيترن عالمن جي خيال موجب ”گنپتي“ يا ”گڻيش“ اصل ۾ فصلن جي ديوتا آهي، ۽ ”گڻ“ (Demigods)، جي فصلن جي رکيا ڪن ٿا، تن جي مٿان اهو ديوتا آهي، ”گڻيش“ کي ”گنبودر“ هه چوپندا آهن، يعني جنهن جو اُدر يا پيٽ لنبو (ڊگهو) هجي – ٻين لفظن ۾ چئبو ته سڀني جو ڍَءَ تي پيٽ ڀرڻ وارو اهو ديوتا آهي. گئيش مهراج جي سواري ڪُئي تي آهي. ڪُئو آهي فصل جو دشمن، پر هيءُ ديوتا ڪُئي تي سدائين سوار ٿيو ويٺو آهي، جنهنڪري سندس پوڄارين جو فصل ڪئا چٽ ڪري نٿا سگهن. ”گڻيش“ جو ٻيو نالو آهي ”وگهنيشور“ (Loard of Obstacles) يعني جو سڀ وگهن (اٽڪون يا مشڪلاتون) دور ڪري – جن وٽ اَن جا ڀانڊا ڀريل هوندا، ۽ جن کي سڀ کاڌو پيتو ڍءَ تي پيو ملندو، تن جون سڀ مشڪلاتون دور! وهانءَ ۽ ٻين شڀ ڪارجن تي گنپتيءَ پوڄا جو رواج پيو ئي انهيءَ سبب آهي ته رزق جي تنگي نه ٿئي. اهڙيءَ ريت هندڪي وهانءَ تي نه رڳو ڄاڃي ماڃي اچن ٿا، پر ديوتائن ۽ پترن جو به ميڙ اچي مڙي ٿو، ۽ اهي گهوٽ ۽ ڪنوار کي آسيس ڪن ٿا ته وڌن ويجهن، رزق جي تنگي نه ڏسن ۽ آدرش جيوت ڪاٽين!
    هندن جي وهانءَ جي ٻي هڪ مکيه ڳالهه هيءَ آهي ته وهانءَ جا ساٺ سوڻ هڪ واريءَ شروع ٿين ته اهي سڀ سانده هلائي پورا ڪجن، ۽ وچ ۾ ناغو وجهڻ نه گهرجي. ڪنگڻ (رکڙي) ٻڌي، سنگلف وٺي، ست ڦيرا ڏبا، ته وهانءُ ٿي چڪو، پر انهيءَ کانپوءِ به ڪي ساٺ سوڻ ڪرڻا آهن. سنڌو ماٿر جي رهاڪن (آڳاٽن آرين) ۾ اهو دستور هوندو هو ته جيڪڏهن سپت پديءَ (ستن ڦيرن) کانپوءِ گهوٽ ۽ ڪنوار مان اتفاق سان ڪو مري ويندو هو، ته باقي رهيل ساٺ سوڻ لاش يا مڙهه سان ڪندا هئا. *آڳاٽا لوڪ ائين وسهندا هئا ته ستن ڦيرن ڏيڻ کانپوءِ گهوٽ ڪنوار جون آتمائون به ملي هڪ ٿي وڃن ٿيون، تنهنڪري سپت پديءَ کانپوءِ جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي ته چئبو ته جسم، جو ”اَنميه ڪوش“ يعني اَن جو پردو يا ڍڪ (food-Sheath) آهي، تنهن مان ساهه ويو، پر ”پراڻ مي ڪوش“ ۽ ٻين ڪوشن ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جون آتمائون پوءِ به گڏيل رهن ٿيون: جنهنڪري مرڻ کانپوءِ به گهوٽ ۽ ڪنوار جو ناتو هڪٻئي سان ٽُٽي نٿو سگهي. انهيءَ ۽ ٻين سببن ڪري ڪن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته هندن جي وهانءَ جي آدرش جهڙو ٻيو آدرش آهي ئي ڪونه! *
    وهانءَ جا ساٺ سوڻ پورا ٿي رهندا هئا، ۽ مائٽ ڏسندا هئا ته هاڻ اسان جي نياڻي اسان جو گهر ڇڏي، ساهري وڃي ٿي ته سندس وڇڙڻ ڪري من ڀرجي ايندو هون. اوڏيءَ مهل گهوٽ کين پر ٻوڌ ڏيندو هو، ۽ چوندو هو ته ”رئڻ بدران پاڻ خوش ٿيو، جو وهانءَ ٿيڻ ڪري هڪ ٻئي سان ورهين جا ورهيه محبت ۾ گذارڻو اٿئون. توهان اسان کي پرڻايو انهيءَ لاءِ آهي ته هڪٻئي جي جيءَ سان جڙيل رهون!“ اهو مائٽاڻو قرب اڄ تائين ڪيڏانهن ويو ڪونهي. وهانءَ ٿي رهڻ کانپوءِ جنهن مهل ڇوڪري پنهنجي ساهري گهر ويندي آهي، تنهن مهل مائٽن جو من اڄ تائين ڀرجي ايندو آهي. ٿر جا سوڍا راجپوت، ڪرار، ڪڇ ڀڄ جا لهاڻا ۽ ٻيا هيڪاري حد ڪندا آهن. ڇوڪريءَ کان موڪلائڻ مهل گهر جي ٻاهرين دروازي وٽ بيهي ايترو ته روڌن ڪندا آهن، جو ڪو اڻ واقف جيڪر ائين سمجهي ته ڪو قضيو ٿيو آهي، جنهنڪري ايترو ماتم متو آهي.

    وهانءَ جي سپت پدي (ستن ڦيرن) کانپوءِ ڪنوار جو پير جنڊي جي پُڙ يا ڪنهن وڏي پٿر تي رکائيندا هئا. اهو پٿر ”اسٿرتا“ يا ”واٽل پدوييءَ“ جو هڪ اُهڃاڻ هو ته ڇوڪريءَ جا پير ساهري گهر ائين کُپن، جيئن پٿر تي پير کُپي ٿو. هوءَ پوءِ ڌرو تاري ڏي نهاري چوندي هئي ته ”اي ڌرو تارا تون جيئن هڪ هنڌ تِرُ ڪري بيٺو آهين، تيئن شل مان پنهنجي ساهري گهر ٿُر پايان ۽ اٽل پدوي ماڻيان!“ هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار جو پيرو ڪڇيندا آهن، تنهن جي معنيٰ به اهائي آهي ته گهوٽ پنهنجي ڪنوار سان سولا پير هلي ۽ ٻنهي جي هڪ ٻئي سان پريت هلندي اچي ۽ هڪ ٻئي جي آتمڪ اُنتيءَ (روحاني واڌاري) جو به اونو ڪندا رهن. پنهنجي ڪنيادان ڪرڻ مهل ڪناور پيءُ اهڙو انجام گهوٽ کان وٺندو هو، ۽ تاڪيد ڪندو هوس ته”ڌرم، ارٿ ۽ ڪام جي پرايتيءَ ۾ منهنجي ڪنيا کي ريٽي نه ڇڏج“. انهيءَ تي گهوٽ نهايت گنڀيرتائيءَ سان انجام ڪندو هو ته ”ناتي چرامي“ يعني ”ڪين ريٽي ڇڏيندوسانس“. اهو انجام ٽي گهمرا ڪندو هو، سو هن لاءِ ته ٽنهي لوڪن جا ديوتائون ٻڌن ته ”کين حاضر ناظر ڄاڻي مان هرهڪ لوڪ جي ديوتائن جي اڳيان اهڙو انجام ڪريان ٿو“. انهيءَ ڪيل قول جو اڄ به پيروي ٿئي ٿي. اڄ به گهوٽ ۽ ڪنوار جيئري ته هڪٻئي جا دک سک ۾ سنگي ٿين ٿا، پر منجهائن جيڪڏهن ڪا ڌر مري ويندي آهي ته جيڪا ڌر جيئري هوندي آهي، سا مئل ڌر جو پنڊ ڀرائيندي آهي، ۽ سراڌ ڪندي آهي. مطلب ته مرڻ کانپوءِ به زالون مڙس کي هڪٻئي جو اونو ڪرڻو آهي ته ٻنهي جو لوڪ سکي ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي.
    ساهري گهر پرويش: ڪنوار پنهنجي گهوٽ سان لانئون لهي، مائٽن کان موڪلائي، ساهري گهر گهوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندي هئي، جا ڍَڪَ سان هوندي هئي. اڄ تائين ڪيترن هنڌ گهوٽ ۽ ڪنوار ڇڪڙي يا بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي ويندا آهن. گهڻو پوءِ اهو دستور پيو ته گهوٽ گهوڙيءَ تي چڙهي ويندو هو، ۽ ڪنوار ڏوليءَ ۾ چڙهندي هئي، جا ڪَهار کڻي هلندا هئا. هن وقت گهوٽ ۽ ڪنوار اڪثر موٽر ۾ چڙهي ويندا اهن“ پر ويدڪ زماني ۾ ڍڪ سان ڇڪڙا هوندا هئا، جي گهوڙا يا ڍڳا ڪاهيندا هئا. ڪنوار کي پيڪن وٽان جيڪي مڻيا، ڪپڙا وغيره ملندا هئا، سي پاڻ سان گڏ گاڏيءَ ۾ رکندي هئي. اوڏيءَ مهل گهوٽ چوندو هوس ته ”اي ڪنوار“ مون سان گڏ گاڏيءَ ۾ ويهه! پنهنجو استري ڌن به گاڏيءَ ۾ رک. اسان جي گهر ۾ تون اسان جي مٿي جو موڙ ٿجانءِ! شل سهري وٽ تنهنجو ججهو قدر ٿئي! شل سَسُ کي وڻين! شل ڌيرن ۽ ڏيراڻين کي تو لاءِ قرب ٿئي“، وغيره.
    رگ ويد ۾ هيئن به لکيل آهي ته گهوٽ پنهنجي ڪنوار کي چوندو هو ته ”اي ڪنوار، پنهنجي پتيءَ جي گهر ۾ (منهنجي گهر ۾) سڀاڳو پير پائج ته اسان جي گهر جي ڀاتين ۽ چوپائي مال تي ڌڻيءَ جي مهر ٿئي. ڪڏهن به اک ۾ شور نه پائج، ڪومل هنئون ڌارج، سوروير ۽ ڌرماتما پٽ ڄڻج، جي ڀڳوان جي ڀڳتي ڪن. اي ڪنوار، تون سَس سهري ۽ پنهنجن ڏيرن نڙاڻن جي مٿان راڻي ٿي راڄ ڪج. شل ورڻ ديوتا ۽ ٻيا ديوتائون اسان جون دليون ڳنڍين،“ وغيره (رگ ويد، منڊل ڏهون، 85، 43-47). ڀانئجي ٿو ته هي پويان لفظ اهو جوان چوندو هو، جنهن جا مائٽ وڏيءَ ڄمار وارا هوندا هئا، ۽ گهر هلائڻ جو بار مٿس هوندو هو. جنهنڪري سندس ڪنوار به گهر جي وڏي هوندي هئي، ۽ سڀني ڀاتين جي مٿان گويا راڻي ٿي راڄ ڪندي هئي. بهرحال هن ٿورڙي ئي مضمون مان ايترو ظاهر آهي ته زالن جو مان مرتبو ڪو گهٽ ڪونه هوندو هو. ساهري گهر پير پائڻ سان ڪنوار گهر جي راڻي ليکبي هئي، ۽ مٿي جو موڙ ڪري سمجهندا هوس. هن مان ظاهر آهي ته ڇوڪري ساماڻل هوندي هئي، جنهنڪري ساهري گهر پير پائڻ سان سڄي گهر جو واڳ ملندي هيس.
    پرڌان آهوتي يا وڏو هوم: ڪنوار ساهري گهر ويندي هئي ته گهوٽ سان پلئه ٻڌي هون هوم ڪندي هئي. انهن مان وڏو يا مکيه هوم ”پرڌان آهوتي“ سڏبو هو. هر ڪو گهوٽ ائين سمجهندو هو ته ”جوءِ آهي ديوتائن جي ڏنل ڏات“، تنهنڪري انهن ديوتائن جي اُستتي ڪندو هو، جن وٽان اها ڏات ملندي هيس. پرڌان آهوتيءَ يا مکيه هوم ڪرڻ مهل گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي چوندو هو ته ”پهريائين سوم ديوتا توکي ماڻيو ٿي، پوءِ گنڌرون ۽ انهن کانپوءِ اگن ديوتا توکي ماڻيو ٿي، ۽ هاڻ مان انسان ذات مان پيدا ٿيل تنهنجو پتي ٿيو آهيان، ته تو مان سنتان (اولاد) پيدا ڪريان“. هرڪو گهوٽ فقط سوم ديوتا، گنڌرون ۽ اگن ديوتا جي هن ريت اُستتي ڇو ڪندو هو، ۽ هي مٿيان لفظ ڇو چوندو هو، ۽ اُنهن جي معنيٰ ڪهڙي آهي، سي ڳالهيون سڀڪو ماڻهو پاڻ مرادو سمجهي ڪين سگهندو، تنهنڪري ٽيڪا ڪارڻ (تشريح ڪندڙن) جيڪي لکيو آهي، سو مختصر طرح ٻڌائجي ٿو ته هيءَ مکيه ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.
    سوم هڪ نشيدار ٻوٽيءَ جو نالو آهي، جنهن جي رس پيڻ سان آڳاٽن آرين جو تن تازو ٿيندو هو – سوم رس ۾ اهو گڻ پيدا ڪندڙ به ”سوم“ ديوتا سڏبو هو. ان کي پوڄيندا هئا ۽ ائين وسهندا هئا ته ساري ونسپتي يا نباتات (Vegetable Kingdom)جي مٿان اهو ديوتا آهي. جيئن سلو وڌي وڻ ٿئي ٿو، تيئن سوم ديوتا جي ڪريا سان انسان جو جسم به وڌي ٿو ۽ بدن تي وار ڄمن ٿا، جيئن سج جو تَو تي وڻ ٽڻ وغيره اُسرن ٿا، تيئن سوم ديوتا جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا جي بدن تي وار پيدا ٿين ٿا. ائين ڄڻ ته سوم ديوتا اول اها ڪنيا ماڻي ٿو*. ڪنيا جي جسم کي وڌيڪ سوڀيا، گنڌرون (Good Goblines) جي ڪرپا سان ٿئي ٿي. کيس ڏڪ ڄمن ٿا ۽ منجهس جوانيءَ جا آثار نظر اچن ٿا. ائين گنڌرو ڄڻ ته اها ڪنيا ماڻي کيس اُسرائين ٿا، ۽ پوءِ کيس اگن ديوتا جي حوالي ڪن ٿا.
    ”اگن“ لفظ جي معنيٰ آهي باهه، ۽ انهيءَ عناصر يا تت جو ديوتا به ڪري ٿو، جنهنڪري کيس هر مهيني زناني اچي ٿي. جنهن ڇوڪريءَ کي اڃا زناني نٿي اچي، سا ”گؤري“ سڏجي ٿي، پر جنهن وقت اچڻ شروع ٿئيس ٿي. تنهن وقت ”روهڻي“ سڏجي ٿي. ائين ڄڻ ته اگن دفيوتا گوري کي ماڻي کيس روهڻي ڪري ٿو. هوءَ پوءِ پڪي زال ٿئي ٿي، ته گهوٽ سان پرڻجي ٻارن ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي. ** انهيءَ سبب جوءِ آهي انهن ديوتائن جي ڏنل ڏات.

    هاڻ چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته جن ديوتائن جي ڪرپا سان ڪنواري ڪنيا اُسري ڦوهه جوانيءَ ۾ اچي ٻار ڄڻڻ جي لائق ٿئي ٿي، تن ديوتائن جي اُستتي ڪرڻ گهوٽ پنهنجو فرض سمجهندو هو، ۽ اهو وڏو هوم انهيءَ لاءِ ئي ڪندو هو. ويدن ۾ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته ڪيڏيءَ ڄمار جي ڇوڪري پرڻائڻ گهرجي، پر ايترو چٽيءَ ريت چيل آهي ته جڏهن اگن ديوتا کيس ماڻي ٿو، يعني جڏهن کيس زناني اچي ٿي، تنهن کانپوءِ هُوءَ پرڻجڻ جي لائق ٿئي ٿي. مطلب ته ننڍپڻ ۾ شادي ڪرائڻ سو آهي گويا گُڏا ۽ گُڏيون پرڻائڻ. تنهنڪري ٻال وواهه جي رسم، جنهن پوءِ زور ورتو، سا ويدن جي برخلاف سمجهڻ گهرجي. پرڌان هوم جا جيڪي منتر آهن، تن مان به ائين ظاهر آهي ته ڇوڪري تڏهن پرڻبي هئي جڏهن بالغ هوندي هئي. *
    ٽي راتيون برهمچريه: وهانءَ جي رسم رسمات ادا ڪرڻ کانپوءِ به گهوٽ پنهنجيءَ ڪنوار کي ڪجهه وقت ويجهو نه ويندو هو. سويل ۾ سويل ته چوٿينءَ رات گهوٽ ۽ ڪنوار همبستر ٿيندا هئا. +گهوٽ نوجوان ۽ ڪنوار به بالغ، پوءِ ڇو پهريون ٽي راتيون واري وهندا هئا، سا ڳالهه ويدن ۾ ڄاڻايل ڪانهي؛ پر گريهه سوترن ۾ کولي ٻڌائي اٿن. انهيءَ ڳالهه جو ٿورن لفظن ۾ مطلب هيءُ آهي ته پرڻجڻ جي اها مراد ڪانهي ته پنهنجون نفساني خواهشون پوريون ڪجن؛ پر ڌرماتما سنتان (اولاد) پيدا ڪجي، جا مائٽن توڙي سڄي ڪُلَ جو آچار ڪري. سنٿان يا اولاد ٽن قسمن جو ٿئي ٿو: هڪڙو ”نامسڪ“ يعني تمي گڻ وار، جو جنسي ڪارو اڱر ٿي سامائجي ٿو، ۽ پنهنجو توڙي سڄي ڪُل جو نقش ٻوڙي ٿو. ٻيو ”راجسڪ“ يعني رجي گڻ وارو، جو محنتي“ سمجهو سياڻو ٿئي ٿو پر، ڌرم جو انگ منجهس گهٽ رهي ٿو، ٽيون ”ساتوڪ“ يعني ستي گڻ وارو، جو وڏو ڌرماتما ٿئي ٿو، ۽ پنهنجون ست پيڙهيون تاري ٿو. اهڙو اُتم پٽ تڏهن ڄمندو، جڏهن سندس ماءُ پيءُ منڍ ۾ ئي پنهنجي نفساني خواهش تي پورو ظابطو رکندا. سنڌو ماٿر جا راڪو انهيءَ سبب وهانءَ مهل اهو سنڪلپ ڪندا هئا ته اسين ساتوڪ د جا يعني ستي گڻ وارو اولاد پيدا نداسين. انهيءَ من جي مراد حاصل ڪرڻ لاءِ وهانءَ جي پهرين4 رات کان وٺي گهوٽ۽ ڪنوار ڪوبه سلوڻو کاڌو نه کائيندا هئا، ۽ ٽ تي سهندا هئا. جيڪڏهن ساڳئي تڏي يا فرش تي سمهندا هئا، ته به وچ ۾ وٿي ڇڏيندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته وچ ۾ ”وشواسو گنڌرو“ (Visvavasu Gandharva)ويٺو اٿئون، تنهنڪري هڪ ٻئي کي نه چنبڙون. ائين ٽي راتيون سانده من ماري وهندا هئا، ۽ اهو ”تر راتر برهمچريه“ (Tri Ratra Branhmacharyan) يعني ٽن راتين جو برهمچريه سڏيو ويو آهي. چوٿينءَ رات گهوٽ هون هوم ڪري، گنڌرو ديوتا کي چوندو هو ته ”اي وشواسو توکي وينتي ٿا ڪريون ته هاڻ اسان جي وچ مان اُٿي وڃ. هاڻ وڃي ڪا اهڙي ڪچڙي ڪنيا ڳول، جنهن کي تنهنجي واهر جي گهرج هجي، يعني جااڃا ڦوهه جوانيءَ ۾ نه ائي هجي، تنهن کي ڦوهه جوانيءَ ۾ اچڻ جي مدد ڪر. هيءَ ڪنوار، جا هاڻ منهنجي استري آهي، تنهن کي مون وٽ ڇڏ ته اسان جو پاڻ ۾ ميلاپ ٿئي“. اهڙيءَ طرح ٽي راتيون من ماري، پوءِ چوٿينءَ رات ساتوڪ سنتان پيدا ڪرڻ جي ارادي سان سنجوڳ ڪندا هئا. اڳي ڪي جوان ٻارهن ڏينهن، ته ڪي مهينو، ڇهه مهينا، بلڪه ٻارهن مهينا به واريندا هئا، ۽ اهو سڀ عرصو پنهنجو من ماري وهندا هئا.
    بُوڌاين جي گريهه سوترن (پرشن پهريون، اڌياءُ ستون، ڪانڊ يارهون) ۾ چيل آهي ته پهريون ٽي راتيون برهمچريه پالن ڪبو ته ”شروتريه“ (Srotriya) پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو، جو ويدن جي هڪ شاکا جو اڀياس ڪندڙ ٿيندو. ٻارهن ڏينهن برهمچريه پالن ڪبو ته ”اَنُوچن“ (Anuchana) ڄمندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو جو ويدانگن جو ڄاڻو ٿيندو. هڪ مهينو برهمچريه پالن ڪبو ته ”رشي ڪلپ“ (Rishikalpa) پيدا ٿيندو، يعني اهو براهمڻ ڄمندو، جو سؤترن ۽ پَروچنن(Pravachanas) ۾ ڀڙ ٿينبدو. ڇهه مهينا برهمچريه پالن ڪري رشي پيدا ٿيندو، جو چئني ويدن جوڄاڻو ٿيندو. جيڪڏهن گهوٽ ڪنوار وهانءَ ٿيڻ جي وقت کان وٺي ٻارهن مهينا ساندهه من ماري وهندا، ته پوءِ کين جيڪو اولاد ڄمندو، سو بجنسي ديوتا ٿيندو. مطلب ته سنڌو ماٿر جا قديم آريه لوڪ وهانءَ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ ته ٽي راتيون برهمچريه پالن ڪندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته ڪام وس ٿي پهرينءَ رات ئي پنهنجيءَ استريءَ سان همبستر ٿيو، ته شهوت جي اثر ڪري تامسڪ ٻار پيدا ٿيندو، جو گهڻو ٻوٽو ڪونه ٻاريندو، ۽ وقتي ڪارو اڱر ٿي سامائبو.
    ٻار گرڀ ۾ ٺهري ۽ ستو گهڻي پيدا ٿئي، تنهن لاءِ ”شيش هوم“ ڪندا هئا. جيڪڏهن چوٿينءَ رات گهوٽ ۽ ڪنوار مان ڪو بيمار ٿي پوندو هو، جنهنڪري هنن جو ميلاپ ٿي ڪين سگهندو هو، ته به جيڪي ضروري منتر هوندا هئا، سي اوس اُچاريندا هئا، جو انهيءَ ڳالهه ۾ دير وجهڻ واجب نه سمجهندا هئا. ائين پنهنجي ڌرم ڪرم تي پوريءَ طرح هلي، گهوٽ ڪنوار گرهست آشرم واري جيوت گذاريندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته آڳاٽن ماڻهن کي پنهنجي من تي ججهو ضابطو هوندو هو.
    زالن جو مرتبو: نؤ ورنيءَ ڪنوار کي ساهري گهر پير پائڻ سان ججهو مان ملندو هو، ۽ سڀڪنهن ڳالهه ۾ مردن جهڙي آزادي هوندي هيس ته به خود خيالي ٿي ڪين هلندي هئي. هوءَ سدائين پنهنجي مڙس جي اڳيان سر جهڪائيندي هئي (رگ ويد، منڊل پنجون، 80، 6)، ۽ سندس چئي ۾ هوندي هئي. جيڪو به ڪم مڙس چوندو هوس، سو ڪندي هئي (رگ ويد، منڊل پهريون، 122، 25). انهيءَ ڪري زال جو مرتبو ڪو گهٽجي ڪونه ويندو هو. اِستري اڄ تائين اڌ سرير سڏجي ٿي. يگين ۽ پوڄائن مهل زال مڙس هڪ ٻئي سان پلئه ٻڌي وهندا هئا، ۽ ائين وسهندا هئا ته ٻنهي جي گت به گڏ ٿيڻي آهي. ٻئي زال مڙس ايشور کي جنهن وقت آراڌنا گڏجي ڪندا هئا، تنهن وقت ڄڻ ته ٻنهي جون آتمائون به ملي هڪ ٿي وينديون هيون! زال مڙس جي اهڙي ميلاپ ڪري ٻنهي جي جيوت سکي گذرندي هئي. رگ ويد ۾ زال گهر جو ڳهڻو يا سينگار سڏي ويئي آهي (منڊل پهريون، 66، 3). منو سمرتيءَ ۾ لکيل آهي ته ”جن ڪُلن ۾ اِستريون سکي رهن ٿيون، تن تي ديوتا پرسن ٿين ٿا، ۽ جن ڪُلن ۾ اِسترين جو مان ڪونهي، تن ۾ سڀ پڃ نرڦل ٿين ٿا“ (اڌياءُ ٽيون، شلوڪ 56). *
    منو سمرتي کڻي عيسوي سن کان ٿوريون صديون اڳي يا پوءِ لکيل هجي، پر اُن ۾ جيڪي ڳالهيون لکيل آهن، سي ويدڪ زماني جون آهن، جي پوءِ قلمبند ڪيون هئائون. رگ ويد واري زماني ۾ ڪي ڪسبياڻيون به هونديون هيون، ته به عام طرح زالن جي اخلاق جو معيار اعليٰ درجي جو هوندو هو، جنهنڪري نه رڳو گهر جا ڀاتي، پر ڌاريا به زالن جو گهڻو مان رکندا هئا. انهيءَ آڳاٽي وقت جي ماڻهن جي گهرو جيوت جو هاڻ ذڪر ڪجي ٿو، جنهن مان هيڪاري سڀ ڳالهيون چٽيءَ ريت ظاهر ٿينديون. **
    گهرو جيوت: رگ ويد ۾ ماڻهن جي گهرو جيوت جو نقشو نهايت چڱيءَ ريت چٽيل آهي. ان ۾ چيل آهي ته ”آبرودار، سچار، ڪم جو چست، نيڪ گهر ڌياڻيون جن کي صبح جي (چڱيءَ) مهل جو قدر هوندو هو، سي اَسُرَ جو اُٿنديون هيون (منڊل پهريون، 79، 1). هو ائين ڄاڻنديون هيون ته سج اُڀرڻ کانپوءِ، جي ستل رهن ٿا، تن جي ڪلا هرت ٿي وڃي ٿي“ (اٿرو ويد، منڊل ستون 13، 2). پراڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن ميرو پريت ڏي برفاني ميدانن ۾ رهندا هئا، تڏهن به اَسر جو اُٿي، ڏندڻ پاڻي ڪندا هئا، ۽ سيءَ ۾ واءِ جي ڪابه پرواهه ڪانه ڪري، ڏهاڙي سنان به اوڏيءَ مهل ڪندا هئا. اَسر جو ڪڪڙ جي ٻانگ ٻڌي، ڪي درياهه تي سنان ڪرڻ ويندا هئا. انهيءَ قديم زماني کان وٺي هندن جو اهو نيم اڄ تائين هليو اچي.
    سنڌيءَ ۾ڏندڻ کي ”پرڀاتي“ به چئبو آهي. اهو لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته ڏندڻ پرڀات جي مهل ڪرڻو آهي، ۽ نه سج اُڀرڻ کانپوءِ. مصنف جي ڏسندي ٻڌندي اڳوڻا پير مرد ائين چوندا هئا ته ”سج اُڀرڻ کانپوءِ جنهن ڏندڻ ڪيو، تنهن ڄڻ ته ڪتي جو پُڇُ ڪيو“. هن وقت ڪي سج اُڀرئي کانپوءِ ته ڪي منجهند جو سنان ڪري پوءِ ماني کائيندا آهن، پر عام طرح سويل سنان ڪرڻ جي عادت هندن ۾ ايتري قدر آهي، جو اڄ تائين هنديءَ ۾ چوڻي آهي ته:
    ”پراتهه ڪال جو ڪري اسنانا،
    دوک روگ تانڪو نهين آنا.“
    يعني پرهه ڦٽيءَ جو جيڪو سنان ڪري ٿو، تنهن کي دک ۽ روڳ (بيماري) نٿو ٿئي. مطلب ته سويل سنان ڪرڻ تندرستيءَ لاءِ فائدي وارو آهي. اڄ تائين ڪيترا هندو سنان ڪرڻ کان اڳ رسوئي کائڻ واجب نه سمجهندا آهن. ڪبير ڀڳت به چيو آهي ته: ”ڌرڳ ڀوڄن اشنان بنا“، يعني سنان ڪرڻ کانسواءِ ڀوڄن کائڻ کي ڌڪار آهي.
    ويدڪ زماني ۾ سويل سنان ڪرڻ جي هيڪاري وڌيڪ ضرورت پوڄا جي سبب ٿيندي هئي. گهر ڌياڻي ڀنڀرڪي جو اُٿي، سنان ڪري اول يگيه جي اگني دکائيندي هئي، ۽ مڙس سان گڏجي اگن ديوتا جي پوڄا ڪندي هئي (منڊل پهريون 173، 2)، ۽ منڊل ٽيون، پڻ ڏسو منڊل پنجون ۽ اٺون). اَسر جو اگني ديوتا کي سوم رسم جو ڀوڳ لڳائي، اگنيءَ کي ڦيرا ڏيئي، هٿ جوڙي ڪنڌ نمائيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 47، 43، ۽ منڊل ستون، 50، 3). اوڏيءَ مهل اها رس پاڻ به پيئندا هئا، ۽ گهر جي سڀني ڀاتين کي به پياريندا هئا. هو اها رس ”امرت“ (Ambrosia) ڪري سمجهندا هئا. اهو پهريون ۽ مکيه ڪم سج اُڀرڻ کان گهڻو اڳي ڪندا هئا، تنهنڪري پرهه ڦٽيءَ کي اڄ تائين ”امرت ويلو“ چئبو آهي، يعني اُها مهل جنهن مهل امرت ورهائجي ٿو. امرت ويلي کي ”سِڌن جي مهل“ به چئبو آهي، جو سِڌ پرشن ۾ به امرت اوڏيءَ مهل ورهائبو هو. هن وقت جيتوڻيڪ سوم رس پيئڻ جو رواج ڪونهي، ته به هندو صبح جو سويل اٿي، سنان پاڻي ڪري، پوٿي پنو ڪڍي ويهي پڙهندا آهن، ۽ ڀڳوان جي ڀڳتي ڪندا آهن. گرونانڪ به چيو آهي ته ”امرت ويلا سچ نانءَ وڏيائيان ويچار“. اڄ تائين امرت ويلي، گروءَ جا سِک آسا جي وار ڪندا آهن، ۽ اوڏيءَ مهل هرهڪ گرمندر ۾ ڪيترا ماڻهو وڃي ڪٺا ٿيندا آهن. ديندار مسلمانن جو به اهو ئي دستور آهي ته اَسُرَ جو اُٿي ڌڻيءَ جي عبادت ڪندا آهن ۽ فجر جي نماز پڙهندا آهن.


    ________________________________________
    * (1) "There is another Verse which also goes to prove that the parents had some control in the selection of bridegroom for their daughter." Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 252.
    (2) "The father probably controlled, in some measure at least, both son and daughter as regards marriage." Cambridge History of India, Vol. I, p. 89.
    * Brilaspati says: "The Samriti of Manu stands high as embodying the teachings of the Vedas." Quoted by R. Raghu Natha Rao The Aryan Marriage. P. 115.
    * "After the Septapadi (the seven steps), even if either of the two die, the remaining ceremonies must be gone through with the corpse as one of the parties." R. Raghu Natha Rao: The Aryan Marriage, pp. 17-18.
    * * "There is no ideal of marriage like the Indian ideal." Mrs. A. Besant.
    * هن وقت جيڪي ڪنيا پالشالائون ۽ ودياليه (ڇوڪرين جا اسڪول) آهن، تن ۾ ڪي ڇوڪريون ستن اٺن ورهين جي ڄمار جون ته ڪي بالغ آهن. جنهنڪري هينئر عام طرح چئون ”ڪنيا“ معنيٰ ڇوڪري، پوءِ ڀلي ته ڄمار ڪيتري به هجيس. حقيقت ۾ ”ڪنيا“ لفظ جي معنيٰ آهي ”ننڍڙي ڇوڪري“ (اٽڪل ڏهن ورهين جي ڄمار جي)، جنهن کي مٿي جي وارن کان سواءِ ٻيو ڪو وار بدن تي نه هجي. - مصنف.
    "When hair has appeared (on the pubes) Soma enjoys (protects) a maiden: the Gandharva enjoys (protects) her when the breasts are developed, and Agni when she had the menstrual discharge".
    Sjt. Sastri: Marriage after Pubertry, p.6.
    * "Pre-pubescent marriage is a mock-marriage and is unquestionably unvedic." R. Raghu Natha Rao: The Aryan Marriage, p.53.
    + "From a study of the Vedic marital rituals is appears that the marriage had to be consummated at the earliest on the fourth night after the ceremony, and this would not have been possible if the bridge was not a youthful lady." Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 251.
    * "The Reg Veda reveals a stage showing that Aryan women, at any rate of the higher and better classes, enjoyed equal freedom in all matters, social and religious. It was this feeling of equality and freedom that evoked the highest virtue of Aryan womanhood and lifted society to a high state of culture." Dr. A.C. Das: Reg. Vedic Culture, p. 106.
    ** "The standard of female morality appears to have been fairly high." Cambridge History of India, Vol. I, p. 88-97
    رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته گهر ڌياڻيون نه رڳو اَسُرَ جو اُٿنديون هيون؛ پر گهر ۾ ”جيڪي ويڙهيا سيڙهيا سمهيا پيا هوندا هئا“ تن کي به اوڏيءَ مهل ائين جاڳائينديون هيون، جئن ”ننڊ ۾“ ستل کي مکيون جاڳائين ٿيون“ (منڊل پهريون، 124، 2). اوڏيءَ مهل داسين ۽ داسن (ٻانهين ۽ ٻانهن) کي اُٿاري ڪم ۾ رنڀائينديون هيون. مطلب ته گهر جي ورتڻ به ان وقت شروع ٿيندي هئي. گهڻو ڪري سڀني وٿ چوپايو مال هوندو هو. تنهنڪري پهريون گهر جو ڪم هو چوپائي مال جي نگاهه ڪرڻ، ۽ کير ڏهڻ. سنسڪرت ”دهتر“ (ڌيءَ، پارسي ”دختگر“ ۽ انگريزي) ”ڊاٽر“ (Daughter) جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دَهه“ (Duh)معنيٰ ”ڏهڻ“ – آڳاٽن سڀني آرين جي گهرن ۾ گاين، مينهن ۽ ٻڪرين وغيره جي ڏهڻ جو ڪم نياڻين تي رکيل هوندو هو، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي. داسيون ۽ داس (ٻانها) يا نوڪر چاڪر به ڏهائي ڪندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل ستين، (73، 6) ۾ ”گودهُڪ“ (Godhuk) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”گايون ڏهندڙ“. هن مان سمجهجي ٿو ته ڪن جو ڌنڌو ئي هو گايون ڏهڻ. منڊل نائين، (10، 4)، ۾ چيل آهي ته اهي ”گودهڪ“ گاين ڏهڻ جي ڪم ۾ ڀڙ هوندا هئا. کير پارين ۾ ڏڀي ايندو هو، ته گهر ڌياڻي اهو باهه تٿي رکي ڪاڙهيندي هئي، ۽ پوءِ جيترو ڄمائڻو هوندو هوس، اوترو ڄمائيندي هئي. ”مانڌاڻيون گهر جي ٿنڀن سان ائين ٻڌل هونديون هيون، جيئن گهوڙو اڳياڙين يا پڇاڙين سان ٻڌل رهي ٿو“ (رگ ويد، منڊل پهريون 28، 4). گهر ڌياڻيون سڀني کي روزو مره جي ڪم ۾ پرهه ڦٽيءَ جو رنڀائينديون هيون (رگ ويد، 108، 48، 6)؛ ڪي ڪاٺ جي اکري مهري کڻي چانور ڇڙينديون هيون (اٿرو ويد، منڊل 12، 3، 139، ته ڪي مانڌاڻيءَ سان ڏڌ ولوڙي مکڻ ڪڍنديون هيون“. ٻهرآرين ۾ اڄ تائين دستور آهي ته گهر گهر ۾ سويل صبح جو ڏڌ پيو ولوڙبو آهي، ۽ اَن پيو پيسندو آهي.
    ”ويرون ولوڙڻ جون ساريان گهڻو صبوح“
    شاهه
    جن وٽ ٻانهيون ۽ ٻانها، نوڪرياڻيون ۽ نوڪر هوندا هئا، تن کان گهر ڌياڻيون گهر جو ڪم چڱيءَ طرح وٺنديون هيون؛ پر ساڻن نرميءَ سان هلت ڪنديون هيون (منڊل ڏهون، 85، 43). وقتي گاين ۽ ٻئي چوڇائي مال جي پاڻ نظرداري ڪنديون هيون، ۽ نوڪرن چاڪرن جي مٿان به نظر ڪنديون هيون، ته برابر ڪم ڪن ٿا يا نه (منڊل ڏهون 85، 44). ڪن گهرن ۾ نوڪر چاڪر ڪين هوندا هئا. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪي گهر ڌياڻيون پاڻ رڌينديون پچائينديون هيون، ۽ باسڻ به پاڻ ملينديون هيون. سندين نياڻيون کوهن تان پاڻي ڀري اينديون هيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 191، 14). سندن مٿن تي دلا نهايت سڌيءَ طرح رکيل هوندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ڏهون، 8، 14). گهر جي ٻئي ڪم ڪار ۾ سندين نياڻيون کين مدد ڪنديون هيون. ماءُ جنهن مهل رنڌڻي ۾ هوندي هئي، تنهن مهل سنديس نياڻين پنهنجن ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جي سنڀال ڪنديون هيون، منجهند جي ماني کائڻ ۽ گهر جي تانگهه تونگهه لهڻ کانپوءِ گهر ڌياڻي ڦڻي ڦوڪارو ڪندي هئي. پاڻ به ڪپڙا مٽيندي هئي ۽ ٻارن کي به اَڇو اُجرو ڪري نوان ڪپڙا ڍڪائيندي هئي (منڊل پهريون، 123، 11، 124، 7، ۽ منڊل چوٿون ۽ ڏهون) هوءَ ويس وڳو ڪري پاڻ کي چڱيءَ ريت ڍڪيندي هئي، ۽ زينت ڀري ڏسڻ ۾ ايندي هئي (منڊي چوٿون، 3، 2، 58، 2). سدائين مُرڪڻو منهن هوندو هوس (منڊل چوٿون، 58، 8). جنهنڪري پنهنجي پتيءَ کي وڻندي هئي. مڙس جي هرڪا شيوا ٽهل ڪندي هئي، ۽ سندس لاءِ بسترو وڇائيندي هئي (منڊل چوٿون، 3، 2). ٻارن کي گهڻو پيار ڪندي هئي ۽ ٻارن ۾ موهه هوندو هوس (منڊل ستون، 81، 4).
    ننڍڙا ٻار گهر ۾ رانديون رونديون ڪندا هئا، ۽ اُهي گهر جو سينگار هوندا هئا (منڊل ستون، 56، 16). ننڍڙن ٻارن کي ڪا شيءِ کپندي هئي، ته پنهنجي پيءُ جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪڻ لاءِ سندس پلئه کان ڇڪيندا هئا، ۽ چلولي نموني چوڳندا هئس ته کين ڇا گهرجي (منڊل ٽيون، 53، 2). ٻارن کي راند جو خفت ايترو هوندو هو، جو راند مهل ماني به وسري ويندي هين. سندين ماءُ ماني کائڻ لاءِ سڏيندي هين، ته هٿ هڻي چوندا هئس ته تون پاسي ٿيءُ (منڊل ڏهون، 94، 14). کير ڌائڪ ٻار ريڙهيون پائي ماءُ جي اکين کان پري ٿيندو هو، ۽ ڪنهن وقت ماءُ ڏسندي هئي ته ٿڃ پيئي وهي، ته ٻار آڻي ڏيندا هئس، جنهن کي پنهنجي پاسي ۾ سمهاري، چڳڙ ڏيندي هئي، ۽ لوڏيندي ڪوڏيندي هيس (منڊل نائون 61، 14). ماءُ جنهن مهل پنهنجو ننڍڙو ٻار هنج ۾ کڻي وهندي هئي، تنهن مهل ڏاڍو پيئي وڻندي هئي (منڊل ستون، 43، 3). ٻار جنهن وقت پيءُ ڏانهن وڌي، ساڻس چچلو ڳالهائيندا هئا، تنهن وقت سندن چچلو ڳالهائڻ ڏاڍو پيو وڻندو هو (منڊل ستون، 103، 3). ڇوڪرين وانگر ڇوڪرا به ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون پائيندا هئا، ۽ ڳچيءَ ۾ به جڙت جڙيل ڪنٺي پائيندا هئا (منڊل پهريون، 122، 14).
    گهر گهر ۾ رات جي ماني سويل تيار ٿيندي هئي، گويا سج کي ڀتر هڻي، ماني کائيندا هئا. ٻار ماني کائي اُٿندا هئا ته ماءُ سندن بسترو وڇائي، کين سويل ئي سمهاري ڇڏيندي هئي. آڌيءَ مانجهيءَ چرخو به پيئي چوريندي هئي، - جو سٽ ڪتڻ جو رواج ڪيترين قومن کان اڳ سنڌو ماٿر جي ماڻهن شروع ڪيو هو. چرخي چوريندي ۽ گهر جي ٻئي ڪم ڪار ڪندي، ڪي زالون گيت پيون ڳائينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪي زالون گڏجي گهمڻ گهتڻ نڪرنديون هيون (منڊل پهريون، 56، 2). ڪي زالون پنهنجن مڙسن يا ٻين مٽن مائٽن سان گڏجي سڀائن ۾ وينديون هيون، ته ڪي محفلن ۽ ميلن تي وينديون هيون، پر جيڪڏهن ڪا زال پرائي گهر ۾ رت جو وڃي ٽڪندي هئي، ته سندس شهرت ٿيندي هئي (منڊل پهريون، 123، 87). جيڪڏهن ڪنهن مرد کي پنهنجيءَ زال جي چال ۾ شڪ پوندو هو، ته پوءِ جيستائين هوءَ ٻرندي مَچَ مان سلامت لنگهي، پنهنجي ست جو ثبوت نه ڏيندي هئي، تيستائين مرد جي پنهنجيءَ زال سان ڪانه پوندي هئي. ڪن حالتن ۾ ڪي مٽ مائٽ يا سنگتي ساٿي وچ ۾ پئي، زال مڙس جو پاڻ ۾ پرچاءُ ڪرائيندا هئا (منڊل ڏهون، 68، 2).
    رگ ويد واري زماني ۾ پردي جو رواج ڪونه هوندو هو. اهو رواج اتهاسن واري زماني ۾ هوندو هو. تنهنڪري ان جو ذڪر اتهاسن واري زماني جي احوالن سان گڏي ڪبو.
    گهر جو سامان ۽ باسڻ برتڻ: رگ ويد جي منڊل ستين (55، 8) ۾ ”تلپ“(Talpa) لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ ڪاٺ جو صندل هوندو هو، جنهن تي سمهندا هئا. ”پروسٿ“ (Prostha) هڪ ڪشادو بينچ يا صندل هوندو هو، جنهن تي زالون سمهنديون هيون. شايد پنهنجو ننڍڙو ٻار به پاڻ سان سمهارينديون هيون، جنهنڪري اهو ڪشادو هوندو هو. ”وهيه“ (Vahya) هڪ قسم جو ”ڪوچ“ يا فرحتي بسترو هوندو هو. وهاڻي يا گديءَ کي اُپِبرهنه“ (Up-barhana) چوندا هئا، جنهن ۾ اندر اُن ياپشم وجهندا هئا. صندليءَ کي ”اَسندي“ چوندا هئا ۽ انهيءَ تي گدي پيل هوندي هئي. ماڻهن وٽ گهرن ۾ ڌاتن بلڪ ڪاٺ مان ٺهيل ٿانءَ پاٽوڙا وغيره) هوندا هئا، ۽ ٺڪر جا ٿانءَ به هوندا هنن، جي جهٽ جهٽ پيا ڀڄندا هئا (منڊل پهريون، 191، 14). سونا پيالا ۽ چانديءَ جا باسڻ به هوندا هئن. سانداريون ۽ بتيون به هونديون هين. ڪيو يون يا ڏويون، ڪرنڊيون (ٽپريون)، اُکريون، مهريون، ڇڄ ۽ پرڻ به هوندا هئن. ڇت ۾ ڇڪا ٽنگيندا هئا، جن ۾ کاڌي پيتي جون شيون رکندا هئا، ته ڪُئا ٽُڪي نه وڃن (اٿرو ويد، منڊل نائون، 3، 6). قيمتي شيون پيتين ۾ رکندا هئا (منڊل ڏهون، 42، 6). باسڻن برتڻن ۽ ٻين شين رکڻ لاءِ ايڏيون وڏيون پيتيون هونديون هين، جو ڀلي ته ماڻهو منجهن سمهي پوي (منڊل پنجون، 78، 5). اهڙيون وڏيون پيتيون مصنف جي سانڀر ۾ ڪيترن گهرن ۾ هونديون هيون. وقتي ڪن گهرن ۾ اڄ تائين به هجن ته عجب ڪونهي. اهي اٽڪل پنج فوٽ ڊگهيون، چار فوٽ کن ويڪريون ۽ ٽي چار فوٽ اونهيون هونديون هيون – ڪپڙن جا بجڪا (بفچا)، مصريءَ جا ڪنا، مڻين جون دٻليون، وغيره منجهن رکندا هئا. رات جو انهيءَ پيتيءَ جي مٿان بسترو وڇائي سمهندا هئا، جا مصنف جي اکين ڏٺي ڳالهه آهي.
    ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج: ماڻهن وٽ اڳي فقط چوپايو مال هوندو هو. پوءِ سونن سڪن جڙڻ جو رواج پيو، ته اهي سڪا ۽ مڻيا منڊيون ڪن ٿانون ۾ وجهي، ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا (منڊل پهريون، 117، 12). ڌرتيءَ ۾ ڌن پورڻ جو رواج پوءِ هلندو آيو، ۽ اڄ به ٻهراڙين ۾ عام آهي. انهيءَ سبب سنڌيءَ ۾ ڪي پهاڪا به دعام ٿيا. مثلاً: ”ڌن هجي ڌوڙ ۾، ته چمڪو ڏئي نور ۾“، يعني جيڪڏهن ڪنهن جو ڌن ڌرتيءَ ۾ پوريل هوندو، ته به سندس شڪل منجهان ئي سهي ڪبو، ته شاهوڪار ماڻهو آهي. ٻيو پهاڪو آهي ته ”کڏ! چي، جيءُ سڏ!“ يعني جيڪڏهن کڏ ۾ ناڻو پوريل هوندو، ته گهرج مهل کڏ به سڏ مڏيندي. ڌرتيءَ ۾ پوريل ڌن جنهن وقت وڃي ڪڍندا هئا، تنهن وقت امانت باسلامت ملندو هون، تنهنڪري چوڻي آهي ته ”پرائي امانت ڌرتي به نه ڊوهي“ – مطلب ته امانت ۾ خيانت نه ڪجي.
    کاڌو پيتو: رگ ويد ۾ ”گوڌرم“ يعني گيهون (ڪڻڪ) ۽ ”ورهي“ (چانور) لفظ ڪم آيل ڪينهن، پر ڌانيه“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڌاڃ“، جنهن ۾ هر ڪنهن قسم جو اَن اچي وڃي ٿو. انهيءَ هوندي به مُڱ، تِرَ ۽ جَوَ ڌار به ڄاڻايل آهن، ۽ اهو به ڄاڻايل آهي ته ترن ۽ جَون جا فصل ڀلا ٿيندا هئا. ويد ۾ جَون جو ذڪر گهڻو آهي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته ماڻهو عام طرح جائي (جَون جي) ماني ۽ مڱن جي دال کائيپيٽ ڀريندا هئا. مڱن جي رڌل دال کي ”مدگ اُدن“ يعني مڱن جو کاڌو چوندا هئا. هن مان ظاهر آهي ته دال سان روٽيءَ کائڻ جو رواج نهايت قديم زماني جو آهي. چڻن جي دال کائڻ جو رواج شايد پوءِ پيو. جَون مان مانيءَ کان سواءِ ٻيون شيون به ٺاهيندا هئا. جَو ڀڃي انهن مان آش ٺاهيندا هئا، جنهن ۾ رڌڻ مهل گيهه ذرو وجهندا هئا. انهيءَ آش ۾ گڏي کائيندا هئا. آش کي چوندا هئا ”ڪرنڀ“ (Karambha) (منڊل پهريون، 187، 16، منڊل ٽيون، 82، 7). جيڪڏهن آش ۾ ڏڌ گڏيندا هئا، ته اُن کي ”دؤڌيه اودَن“ (Duhya-odana) يعني ڏڌ جو کاڌو چوندا هئا. جَون جي بُرَ پيئي (گيهه گڏيل) لولي پچائيندا هئا، تنهن کي چوندا هئا ”اَپُوپ“ (Apupa) منڊل ٽيون، 52، 7). کير ۾ جَون جا داڻا وجهي کيرڻي ٺاهيندا هئا، جنهن کي ”ڪشير اودن“ يعني کير جو طعام طعام سڏيندا هئا (منڊل اٺون، 69، 14). جون مان سَتُون به ٺاهيندا هئا (منڊل ڏهون، 71، 10) اهي ستون کير ۾ ڪاڙهيندا هئا. مطلب ته گهڻو واهپو جَون جو هوندو هو.
    آڳاٽا لوڪن کي کير سان دل گهڻي هوندي هئي، تنهن ۾ به ڳائو کير وڌيڪ پسند ڪندا هئا. هرهڪ آڪهه کي پنهنجون ڳئون هونديون هيون. کير ڪاڙهي، ڄمائي، ڏڌ ڪندا هئا. _هي“ (ڏڌ) اصل ۾ آهي سنسڪرت ”دڌي“، جو لفظ رگ ويد جي منڊل اٺين، 9، ۽ منڊل نائين، 87، 1، ۾ ڪم آيل آهي. ڏڌ ولوڙڻ لاءِ ”منٿا“ يعني منڌي يا مانڌاڻي هوندي هين (منڊل پهريون، 28، 4)، ”گيهه“ لفظ اصل ۾ سنسڪرت“ گهرت“ (Ghrta) جو رگ ويد ۾ گهڻي ئي گهمرا ڪم آيل آهي. مکڻ ڪڍڻ کانپوءِ جيڪا مهي يا لسي بچندي هئي، سا ڪاڙهي ”پاکي“ ٺاهيندا هئا، جا اڄ تائين ڪيترا دل ڪري پيئندا آهن.
    ”پاهي پاکي پٽڙي، پرين ساڻ پيان“
    هن وقت ڪيترا هندو مڇي ماس رڳو ڏسن، ته بڇان پيئي اچين، پر آڳاٽا لوڪ ويشنو ڪونه هوندا هئا. ان وقت جون حالتون به علحديون هونديون هيون. رگ ويد واري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ گهڻو ڪري سڄو سال سيءَ ڏاڍا پوندا هئا (منڊل پهريون، 64، 10، ٻيون، 2، 11، 32، 2، پنجون، 54، 15، ۽ ڇهون 10، 7، 48، 8). ڀانئجي ٿو ته گهڻيءَ ٿڌ پوڻ سبب گوشت کائڻ جو ضرور سمجهيائون، هڪ واريءَ ڏاٺ هرين، ته پوءِ نه رڳو ٻڪرين، ڇيلن، رڍن ۽ گهيٽن، پر گهوڙن جو گوشت به کائيندا هئا. ڪيترا ڳائو توڙي ماهيو گوشت به حلال ڪري سمجهندا هئا. رگ ويد جي پٺيان جيڪو ائتر به براهمڻ آهي، تنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته جڏهن راجا يا ڪو وڏو ماڻهو مهمان ٿي اچي، تڏهن جيڪا گانءِ ”وهِت“ هجي يعني ڦر نه ڏيندي هجي، سا سندس مهمانيءَ لاءِ پارائڻ گهرجي (منڊل پهريون، 3، 4). يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻه اهي، تنهن ۾ لکيل آهي ته ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي مهمانيءَ لاءِ ”مهوڪش“ (مها + اُڪش) يعني وڏيءَ ڄمار وارو ڍڳو پائڻ گهرجي (ٽيون، 4). مهمان نوازيءَ جا اهي نمونا ڪن رشين جا ڏسيل آهن؛ پر ساڳئي وقت ڪي رشي انهيءَ خيال جا به هئا ته ڳئون ۽ ڍڳي جهڙا ڪارائتا جانور ڪهڻ نه گهرجن، تنهنڪري ڏاند يا ڍڳي کي سڏيائون ”اَگهنيه“ يعني جنهن کي ڪهڻ نه گهرجي. رگ ويد ۾ ”اگهنيه“ لفظ ٽي گهمرا ڪم آيل آهي؛ پر مونث لفظ ”اگهنيا“ (گانءِ يا ڳئون) سورهن گهمرا ڪم آيل آهي. گانءِ مان کير، ڏڌ ۽ مکڻ جو ته سهنج، پر کير مان قسمين قسمين مٺايون ۽ غذائون ٺهن ٿيون. ڍڳو يا ڏاند نار ۽ هر ڪاهڻ، بار ڍوئڻ بلڪ سواريءَ لاءِ ڪم اچي ٿو. ههڙن ڪارائتن جانورن جي ڪوس جي برخلاف ڪن رشين رگ ويد واري زماني ۾ ئي آواز کڙو ڪيو، پر ان وقت گهڻن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. اهو رواج اتهاسن واري زماني ۾ به هو. اشوميديگيه يعني گهوڙي جي قربانيءَ جو يگيه رگ ويد واري زماني کان وٺي اهاسن واري زماني تائين ماڻهو ساندهه ڪندا پئي آيا، ۽ ماڻهو گهوڙي جو گوشت به کائيندا هئا. مڇي ماس کائڻ جو رواج گهڻو پوءِ بند ٿيو، جنهنڪري سڄي هندستان ۾ هن وقت ويشنو گهڻا آهن – جيڪي گوشت کائين ٿا، سي به پنهنجي لاءِ پَهرُو پائڻ پارائڻ اڪثر پاپ ڪري سمجهن ٿا. انهيءَ سبب هن وقت ڪاسائي گهڻو ڪري سڀ مسلمان آهن، رڳو ڪي سِک ”جهاٽڪو“ ڪن ٿا. انهيءَ هوندي به هن وقت سڄي هندو جاتي گانءِ کي ”گئو ماتا“ ڪري سمجهي ٿي، ۽ گئو هتيا ڪرڻ اُگر پاپ ڪري ليکي ٿي. قديم مصر جا ماڻهو به ڳئونءَ کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. *

    رگ ويد جي منڊل اٺين (67) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو ڄار ۾ مڇي ڦاسائيندا هئا، جنهنڪري چئبو ته مڇيءَ کائڻ جو رواج به هو. منڊل پهرين، ٻئي، چوٿين ۽ اٺين ۾ شڪارين (شڪار ڪندڙن) جو ذڪر آهي. منڊل پهرين (92، 10) ۾ ائين به ڄاڻايل آهي ته ”شوگهني“ (Sva-ghni) (يعني شڪاري) پکين جا پَرَ يا کنڀ کوهي ڇڏيندا هئا، ته اُڏامي نه وڃن. هرڻ مارڻ جو رواج به عام هو. ڪيترا ماڻهو ”مرگ ڇالا“ يعني هرڻ جي کل عام طرح اوڍيندا هئا. ماڻهو گهرن ۾ مرغيون به ڌاريندا هئا.
    رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهن جو زور رڳو پڳو مڇيءَ ماس تي ڪونه هو، پر ميوا به کائيندا هئا. منڊل ڏهين، (146، 5-6) ۾ ڄاڻايل آهي ته ماڻهو وڻن جا مٺا ميوا کائي، وڻن هيٺ آرام ڪندا هئا. ڪا انگڙي اٽڪائي، پڪل ميوا ڌوڻي، ڪيرائيندا هئا (منڊل ٽيون، 45، 4). ميون جا نالا ڄاڻايل ڪينهن، باقي منڊل پهرين، 146، 20) ۾ مٺن ٻيرن جو ذڪر آهي، جن مان پکي به چُهنگ ڀريندا هئا. منڊل نائين (86، 18) ۾ ”اُڪشو“ يعد ”ڪمند“ لفظ ڪم آيل. انهيءَ مان سمجهجي ٿو ته ڪمند جي پوک ٿيندي هئي، ۽ ماڻهو ان جي رس پيئندا هئا. ”مَڌؤ“ يعني ”ماکي“ لفظ رگ ويد ۾ گهڻن هنڌ ڪم آيل آهي (منڊل پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون، 38، 10). مطلب ته آڳاٽا لوڪ مانيون، کيرڻي، ڏڌ، مکڻ، ماکي ۽ ميوا کائيندا هئا. اَنَ کي ديوتا ڪري ليکيندا هئا (منڊل پهريون، 187).
    باهه ٻارڻ جو هنر: رڌڻ پچائڻ جو ڪم باهه کان سواءِ ٿي نٿو سگهي، تنهنڪري کيتيءَ جي جاري ٿيڻ کان اڳي ئي ماڻهن ضرور باهه ٻارڻ جو هنر ڳولي لڌو هوندو. ٻرندڙ جبلن مان باهه نڪري ٿي، پر ٻرندڙ جبل سڀڪنهن هنڌ ڪينهن، باقي آسمان ۾ بجلي وانگر چمڪاٽ ڪري ٿي، سا سڀڪو ڏسي سگهي ٿو. سج به اگنيءَ جو روپ آهي، ۽ اهو به ڏسي سگهجي ٿو. ائين باهه ڏسڻ سولي، پر پيدا ڪيئن ڪجي؟ اکين سان ڏسجي ٿو ته جڏهن هوا زور سان لڳي ٿي، ۽ ٻيلن ۾ بانس جون ڪاٺيون يا ڪن وڻن جون ٽاريون هڪ ٻئي سان زور سان لڳي، گسن ٿيون، تڏهن انهيءَ گهڪي وچان باهه پاڻمرادو پيدا ٿئي ٿي، ۽ بعضي ٻيلن جا ٻيلا سڙي وڃن ٿا. آڳاٽا رشي، جي قدرت جي ڳالهين جاچڻ جا ڪوڏيا هئا، تن اها ڳالهه جاچي، اها ئي واٽ اختيار ڪئي ۽ باهه ٻارڻ جو رواج وڌائون. آئرون رشي، جنهن جي نالي پٺيان ”اَٿرو ويد“ سڏجي ٿو، تنهن بابت رگ ويد جي منڊل ڇهين، (16، 3) ۾ چيل آهي ته باهه ٻارڻ جو رواج اول انهيءَ وڌو. ٻه ڪاٺيون هڪ ٻئي سان گهي، باهه پيدا ڪيائين. انهيءَ ريت آڪاسن جي آئر بجلي ڄڻ ته هيٺ پرٿويءَ تي اچي، ماڻهن جي چلهين ۾ ٿِرُ پاتو.

    آڳاٽا لوڪ اَشوٿ وڻ جي ڪاٺي ”شامي“ نالي ڪنڊيءَ جي ڪاٺيءَ سان گهي، باهه پيدا ڪندا هئا. هڪ ڪاٺيءَ کي گيهه مکي ڇڏيندا هئا، ۽ گاهه مُڄا به انهن ڪاٺين جي ويجهو جهلي بيهندا هئا ته جيئن باهه پيدا ٿئي تيئن گاهه پڄري، ۽ گيهه جي زور تي ڪاٺيون به ڀنڀٽ ڪري ٻرن، اشوٿ وڻ ۽ شامي ڪنڊيءَ ۾ اهو وڏو گڻ ڏٺائون، ته اشوٿ جي گهڻي ساراهه ڪيائون. ڪنڊيءَ پوڄڻ جو به رواج وڌائون. اڄ به سڄي هندستان جا هندو دسهڙي جي ڏينهن ڪنڊي پوڄيندا آهن. ڪنهن هنڌ ڪنڊيءَ جو وڻ نه هوندو آهي، ته ڪنهن ٻئي هنڌان ڪنڊي آڻي، ڌرتيءَ ۾ کوڙي، پوءِ ان جو پُوڄن ڪندا آهن. اهو رواج انهيءَ آڳاٽي زماني جي يادگيري ڏياري ٿو، جنهن زماني ۾ قديم لوڪن بابت ٻارڻ جو هنر ڳولي لڌو هو. ان وقت هندستان وارن، ايرانين ۽ يوروپي لوڪن جا ابا ڏاڏا هڪ ٻئي جي نزديڪ گذاريندا هئا، جنهنڪري سنسڪرت لفظ ”آگني“ جو اُچار لئٽن ۾ ”اِگنس“(Egnis) ٿيو. پارسين ۾ اگني پوڄا جو رواج به اُن وقت پيو.
    باهه ٻارڻ لاءِ اشوٽ وڻ جي ڪاٺي مٿان جهليندا هئا، ۽ شامي ڪنڊيءَ جي هيٺان. مٿين ڪاٺيءَ کي ”پروروس“ (Pururavas) ۽ هيٺينءَ کي ”اُروشي“ (Urvasi)سڏيندا هئا. جيئن چندرونسي گهراڻي جي راجا ”پروروس“ کي ”اُروشي“ نالي اپڇرا مان پٽ ڄائو هو، تيئن هنن ٻن ڪاٺين کي هڪ ٻئي سان گهڻ ڪري ”آگن ديوتا“ (باهه) پيدا ٿئي ٿو؛ *

    پر هي وري به ٻه ارڻيون (ڪاٺيون) آهن، تنهنڪري رگ ويد جي منڊل پهرئين، (34، 2-4) ۾ اگن ديوتا کي ”دوي ماترڪ“ يعني ٻن مائرن جو پٽ سڏيو اٿن، ۽ منڊل پنجين، (9، 3) ۾ کولي ڄاڻايو اٿن ته ٻن ڪاٺين مان اگن ديوتا ائين پيدا ٿئي ٿو، جيئن ”تازو ڄاول ٻار“.
    رگ ويد جي منڊل ٻئي (12، 3) ۾ هينئن به ڄاڻايل آهي ته اندر ديوتا ٻن پٿرن جي وچان باهه پيدا ڪئي هئي. انهيءَ سبب منڊل ڏهين، (20، 7) ۾ اگنيءَ کي ”ادريهه سُونهه“ (Adreh Sunuh) يعني پٿر جو پٽ (پٿر مان پيدا ٿيل) به سڏيو اٿن. هيءُ باهه ٻارڻ جو ٻيو نمونو آهي. آسمان ۾ ڪڪر هڪ ٻئي سان لڳن ٿا، ته گجگوڙ ٿئي ٿي، ۽ وڄ پيدا ٿئي ٿي. ڀانئجي ٿو ته آڳاٽن لوڪن اهو نمونو ڏسي، هڪ پٿر ٻئي تي هڻي، باهه ٻارڻ جو هيءُ ٻيو نمونو به چالو ڪيو. اهو ٻيو نمونو به سنڌ ۾ ڪي صديون ساندهه هلندو پئي آيو. هن لاءِ ثابتي هيءَ آهي ته اڄ تائين ڪوهستان جا ماڻهو اهو نمونو هلائيندا پيا اچن. ڪوهستان جي ماڻهن کي جڏهن باهه ٻارڻي هوندي آهي، تڏهن ڪاٺيون ۽ ڇيڻا گڏ ڪري، انهن جي مٿان ڇوڏا ڇينڀا، سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڪک پن رکن. پوءِ ڳاريءَ (چقمق جي پٿر) جي پاسي کان پُرزُ (پَنِ جو شيرو گندرف ۾ ماريل) رکي، ڳاريءَ جي مٿان پٿر يا رُڪَ جي ٽڪر سان ڌڪ هڻن، ته باهه جون چڻنگون پيدا ٿين، جي پرز کي اچيو لڳن، جنهنڪري اول ڪک پن، سنهيون سڪل ٽاريون ۽ ڇوڏا ڇينڀا ڄرڪڻ لڳن، انهن مان پوءِ ڇيڻا ۽ ڪاٺيون دکن، ته ڀنڀٽ ٻريو پوي! هن وقت اسين سئيڊن ۽ ٻين هنڌن جا ماچيس عام طرح ڪم آڻيون ٿا. ماچيس جوڙڻ جا ڪارخانا عيسوي اڻويهين صديءَ ۾ جاري ٿيا. انهيءَ کان اڳي باهه پيدا ڪرڻ جون اهي ٻه واٽون هيون، جن مان پهريون رواج وڌيڪ عام هو.
    ڪنهن به وقت رڌبو پچائبو يا پاڻي وغيره ڪوسو ڪبو، ته ضرور باهه دکائڻي پوندي. ڀيري ڀيري باهه دکائڻ جي تڪليف ڪجي، تنهن کان منجهس ڪاٺيون، ڇيڻا وغيره وجهندو رهجي، ته اهو بهتر آهي. ڪيترين مڙهين ۾ ڏسو ته اڄ تائين دونهين دکندي رهي ٿي. آڳاٽا لوڪ به ائين ڪندا هئا. اگني ٻارهوئي دکندي رهي، تنهن لاءِ اگن ۾ ٽي گهمرا آهوتي (ڪاٺيون، جَوَ، گيهه وغيره) وجهندا هئا: صبح، منجهند ۽ سانجهيءَ. اگنيءَ کي ”گرهه پتي“ يعني گهر جو ڌڻي يا گهر جو ديوتا ڪري سمجهندا هئا، تنهنڪري اَسُر جو باهه پڄرائي، اول اگني پوڄا ڪندا هئا. يگين ۽ هون هوم جي شروعات ائين ڊل پهريون ٿي. پارسين ۾ به اگني پوڄا جو رواج اڄ تائين هليو اچي، خاص طرح يگيه لاءِ اَگني دکائڻ جو رواج انگيرس نالي هڪ رشيءَ وڌو (رگ ويد، منڊل پهريون، 45، 3، 71، 2-3: 83، 4). گوتم رشي، ڀار دواج ۽ ٻيا ڪيترا رشي، انگيرس رشيءَ جي ڪُل مان هئا، ۽ اگني ديوتا جا پوڄاري هئا. سڀني گهرن ۾ اگني ڏينهن رات دکيل رهندي هئي، ته اها پوءِ ”اکنڊ جوت“ سڏجڻ ۾ آئي. اڄ تائين ڪيترين مڙهين ۽ مندرن ۾ جوت سدائين ٻرندي رهي ٿي. درياهه پنٿي به درياهه ٿان جو ڏئو ڪڏهن به اُجهامڻ نه ڏيندا آهن. ڪيترا هندو صبح جو سنان پاڻي ڪري سورج کي هٿ جوڙيندا آهن. سنجها جو ڏيئو ٻاريندا آهن ته ان کي به هٿ جوڙيندا آهن. انهن ڳالهين ۾ هيءُ ڌرمي خيال سمايل آهي ته ايشور جوتي سروپ آهي، ۽ سنديس جوت ڪڏهن به اجهامڻ يا وسامڻ جي نه آهي، تنهنڪري انهيءَ اکنڊ جوت جو نت ڌيان ڌارجي. اگني، ڏئو ۽ سورج سندس جوت جا سروپ آهن، ۽ انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح دکائيندا هئا، تنهن مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي، پرماتما ڏي ويو، جو سندس جوت جا سروپ آهن، ۽ انهيءَ سبب هندو انهن کي هٿ جوڙيندا آهن. ائين رڌڻ پچائڻ لاءِ جا اگني عام طرح دکائيندا هئا، تنهن مان آڳاٽن آرين جو ڌيان ڇڪجي، پرماتما ڏي ويو، جو سندن چِتَ جو لاڙو سدائين ڌرم جي پاسي هو. يجر ويد جي تئيتريه سنهتا، (ڪانڊ 2، پرپاٺڪ 5، انوا واڪ 8، واگ 6) ۾ ڄاڻايل اهي ته يگيه جي اگنيءَ م۾ آهوتي وجهڻ مهل چوندا هئا ”سواها“ (Svaha) ! ائين ديوتائن کي سڏيندا هئا، ته يگيه اچي قبول ڪن ۽ يگيه ڪندڙن تي پنهنجي مهر ڪن.
    رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن ڇيڻي جو به قدر ڪيو هو. ڇيڻن جون ٿاڦڙيون ٺاهي، سڪائيندا هئا، ۽ اهي سڪل ڇيڻا بارڻ جي ڪم آڻيندا هئا. ڪيترن گهرن ۾ هاڻ لادين (Tiles) جا فرش ٻڌل آهن، پر اڳي گهر گهر ۾ پوتي پائڻ لاءِ ڇيڻو عام طرح ڪم ايندو هو. اهو رواج ٻهراڙين ۾ هندن توڙي مسلمانن جي گهرن ۾ اڄ تائين آهي. ڪو هندو مرندو آهي ته اول پٿو پائي، انهيءَ صاف هنڌ تي پراڻيءَ کي رکندا آهن. ڇيڻو نهايت گڻاڪاري شيءَ آهي. رگ ويد واري زماني ۾ ٻڪرين جون ڦولهڙيون به ٻاريندا هئا يا نه، سو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي، پر اهي عام طرح پاڻ ڪري ڪم آڻيندا هئا.
    نشيدار شيون : آڳاٽا لوڪ سکڻي پاڻيءَ يا رڳو لسيءَ ۽ کير سان پياس ڪين مٽائيندا هئا، پر خنڪيءَ لاءِ ذراڪ به وٺندا هئا. هن وقت ڪيترن کي شراب، ڀنگ ۽ ڪُسنبي (ڳاريل آفيم) جي علت آهي، جنهن مان ڪسنبي جو رواج ٿر ۾ نهايت گهڻو آهي. ڀنگ ۽ آفيم ورتائڻ جا رواج گهڻو پوءِ چالو ٿيا؛ باقي شراب پيئڻ جو رواج نهايت قديم آهي. اڳي ماڻهو ٻه نشيدار شيون ورتائيندا هئا: هڪڙي سوم ۽ ٻي سُرا (شراب). ”سوم“ هڪ ٻوٽي هوندي هئي، جا سرسوتي ۽ سنڌو نديءَ جي ڪنارن تي، ۽ امبالغي ضلعي ۾ ڪر کيتر جي ”شريناوت“ (Saryanavat)ڍنڍ جي ڪناري تي پيدا ٿيندي هئي (رگ ويد، منڊل نائون، 61، 7، 113، 1)، پر اُچي ۽ سٺي سوم هماليه جبل جي ”مجوت“ (Mujavat) نالي چوٽيءَ تي پيدا ٿيندي هئي، جنهنڪري ”مؤجوت“ (Manjavata) يعني مجوت جي پيدائش سڏبي هئي (رگ ويد، منڊل ڏهون، 34، 1). ڪي عالم ائين سمجهن ٿا ته ”ڪئلاس“ پريت جو ٻيو نالو ”مُجوت“ هو. اها ٻوٽي ڪيترين صدين کان ناياب آهي، جو ملڪ جون طبعي حالتون ڦري ويون آهن. اڳي سنڌو ماٿر جون طبعي حالتون ئي ٻيون هيون. انهيءَ زماني ۾ اها ٻوٽي گرمي توڙي سرديءَ ۾ سڙي ويندي هئي، ۽ رڳو برساتي موسم ۾ اُسرندي هئي. آڳاٽا ايراني لوڪ به انهيءَ ٻوٽيءَ جي رس دل ڪري پيئندا هئا. اُهي سوم بدران چوندا هئا ”هئوم“ (Haoma). اهو لفظ پارسين جي زنداوستا ۾ ڪم آيل آهي.آڳاٽا لوڪ سوم ٻوٽيءَ جا پَن اول ”اَدري“ (اڏيءَ) تي رکي. سٽي ڪٽي سنهي ڪندا هئا. ٻوٽيءَ سنهي ڪرڻ ۽ گهوٽڻ جو ڪم اڪثر زالون ڪنديون هيون. ٻوٽي گهوٽجي رهندي هئي، ته اُن جي رس زالون آڱرين سان نپوڙي ڪڍنديون هيون (منڊل نائون، 97، 9-12). رس نپوڙڻ مهل زالون سوم جي ساراهه جا گيت ڳائينديون هيون (منڊل نائون، 66، 8). اها رس شايد تمام گهاٽي هوندي هئي، تنهنڪري ان ۾ پاڻي گڏي، پوءِ زالون سموري رس ڇاڻينديون هيون. هن وقت جيڪي آفيم ڳاري ”ڪَسنُبو“ ڪري پيئندا آهن، سي ڪسنبي ڇاڻڻ لاءِ ڪپهه جون پوڻيون ٺاهيندا آهن. جن کي ”منيئان“ چئبو آهي. سوم رس ڇاڻڻ مهل به زالون اُنَ جو پؤڻيون ٺاهي، اهي ڪلسئي (لوٽي) جي مٿهان رکي، رس اوتينديون وينديون هيون، ته ڪن ڪچرو پوڻين کي چنبڙي پوندو هو، ۽ باقي نج رسچ ڇڻي، ڪلسيءَ ۾ وڇي پوندي هئي. رس ڇاڻڻ مهل ان ۾ آڱريون گهمائينديون هيون (منڊل نائون، 67، 9-12). اڱرين گهمائڻ جي مراد اها هئي ته رڳو مٿيون پاڻي ڇڻي نه اچي؛ پر جنهن سوم تَرُ وڃي ورتو هجي، سا به پاڻيءَ سان گڏجي وڃي. رس ڇڻي رهندي هئي ته ان ۾ کير يا ڏڌ ۽ وقتي ماکي گڏينديون هيون (منڊل نائون، 103، 3). آڳاٽا لوڪ انهيءَ رس جو اول ديوتائن کي ڀوڳ لڳائي، پوءِ پاڻ پيئندا هئا. اوائل ۾ نجيءَ سوم رس جو اندر ديوتا ۽ وايو ديوتا کي ڀوڳ لڳائيندا هئا (منڊل پهريون 137، 1، ٽيون، 32، 2 ۽ اٺون، 2، 9-10). پوءِ اهو رواج بند ڪري ڏڌ کير يا ماکي گڏڻ لڳا (منڊل نائون، 9). رگ ويد جو سڄو نائون منڊل، ۽ ٻئي منڊل جا ڇهه سُوڪت (Hymns) سوم رس جي ساک سان ڀريل آهن. *

    پنجاب ۽ سنڌ جا رهاڪو سوم رس پيئندا هئا، ته بت بود ۾ ايندو هون، گهڻو ڪم ڪندا هئا ته ٿڪ ڪونه ٿيندو هون، ائين وسهندا هئا ته انهيءَ رس پيئڻ ڪري ماڻهوءَ جي عمر وڌي ٿي (منڊل اٺون، 48، 11)، جنگي جوڌا لڙائيءَ۾ گهڙڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهي نڪرندا هئا، ته برجستائي سان لڙي سگهجي (منڊل نائون 106، 2). سوم رس ۾ اهي مڙيئي گڻ هئا، تنهنڪري امرت سڏبي هئي، ۽ ديوتائن کي ڀوڳ لڳائڻ جي لائق ليکبي هئي. آڳاٽن لوڪن ۾ اهو لڇڻ هوندو هو ته جن شين ۾ ڪو گڻ ڏسندا هئا، تن کي ديوتا ڪري پوڄيندا هئا. سوم رس کي به ائين ديوتا ڪري پوڄڻ لڳا. ساڳيءَ طرح اَنُ ديوتا ڪري ليکجي ٿو. سوم رس اُسترڳي ڏيندڙ (Stimulant) هئي، تنهنڪري جيڪي ان جو پورو پنو انداز پيئندا هئا، سي پنهنجو ڪم ڪار ڦڙتائيءَ سان ڪندا هئا، باقي جيڪي هر هر پيا پيئندا هئا، يا گهڻي انداز ۾ پيئندا هئا، تن کي ننڊ جي ڳهر ٿيندي هئي (منڊل نائون، 69، 6). انهيءَ پوئينءَ حالت ۾ اها ”مڌ“ (شراب) سمان ليکبي هئي (منڊل نائون، 68، 3، 69،3). نشي ٿيڻ ڪري ڪام جو خيال به ٿيندو هون (منڊل نائون، 68، 10-12).
    سوم ٻوٽيءَ جا پن ڀورا ۽ ڳاڙهسرا هوندا هئا، جنهنڪري منڊل نائين، (33، 2، 63، 4) ۾ سوم کي ”بڀرو“ (ڀورو) ۽ ”اروڻ“ يعني ڳاڙهسرو سڏبو اٿن (منڊل نائون، 40، 2، 45، 3). ان جي رس رات جو چنڊ وانگر چمڪندي هئي (منڊل نائون، 85، 12). انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ ”سوم جي هڪڙي معنيٰ چنڊ ۽ ٻي معنيٰ اها ٻولي يا انجي رس. سنسڪرت ۾ چنڊ کي ”اِندو“ به چئبو آهي. ان جي ٻي معنيٰ آهي ”سوم“ رس ڦڙو يا چمڪو“.
    ”سُرا“ هڪ شراب جو قسم هو. اهو ڪيئن ٺاهيندا هئا، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. وٽني صاحب جي خيال موجب اهو هڪ قسم جو ”بيئر“ (Beer) هو. گيلڊنر صاحب جي خيال موجب اها ”برانڊي“ (Brandy) هئي. جنهن صورت ۾ رگ ويد واري زماني ۾ جَون جا فصل ڀلا ٿيندا هئا، ۽ وسڪي ۽ بيئر ڀڳل جَوَن مان جوڙي سگهجن ٿا، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته آڳاٽا لوڪ اهو شراب جون مان ٺاهيندا هئا. تن ڏينهن ۾ شيشي جون بوتلون يا ٻاٽليون ڪين هونديون هيون، تنهنڪري اهو شراب چم جي ٺهيل ساندارين ۾ رکندا هئا، جن کي ”درتي“ (Drti) سڏيندا هئا (منڊل پهريون، 191، 10) رگ ويد ۾ انهيءَ شراب جي ساک لکيل ڪانهي، پر هاڻ هيئن لکيل آهي ته ”سُرا“ پيئڻ جي علت اهڙي آهي، جهڙي جوا جي علت“. سرا پيئڻ کان پوءِ ماڻهوبڪ ۾ پوندا هئا، ۽ وقت گناهه جا ڪم ڪندا هئا (منڊل ستون، 86، 6). اها شراب پيئڻ جي علت اڄ تائين اسان جي ماڻهن ۾ عام آهي. سنڌ ۾ جيترو شراب جو کاپو هو، تيترو گجرات ۽ ٻين هنڌن ڪونهي. رگ ويد وارو ”سُرا“ لفظ به سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين عام هوندو هو، جنهنڪري شاهه صاحب به پنهنجي رسالي ۾ ڪيترن هنڌ ڪم آندو آهي. سنڌيءَ ۾ اچار اٿس ”سَرو“.
    سسي سي گهرن، جي واٽيندڙ وچ ۾،
    اُوءِ ڪي ٻيو پڇن، سرو جن سنباهيو“.
    يمن ڪلياڻ
    پوشاڪ:
    مـــاءُ پيٽان نــــنگو آيــس، ننگو ويندس آنءُ،
    ڌڻيءَ ڏنا، ڌڻيءَ ورتا، سڳورو سندس نانءُ.
    حضرت ايوب *

    هر هڪ انسان ماءُ پيٽان ننگو ڄمي ٿو، ۽ بدن جي کل يا چمڙي سندس اوائلي پوشاڪ آهي، جا ماس ۽ هڏن کي ڍڪي ٿي. انسان کي جنهن وقت ٻوجهه پوي ٿي ته مان اُگهاڙو آهيان، تنهن مهل هو پنهنجي بت ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هر ڪنهن ملڪ جي آب هوا پنهنجي پنهنجي آهي، تنهنڪري پوشاڪ جا نمونا اب هوا ۽ ٻين ملڪي حالتن تي مدار رکن ٿا. انهيءَ هوندي به ايترو چئبو ته جيڪا قوم جهنگلي حلات مان نڪري سڌريل حالت ۾ اچي ٿي، تنهن جي ترقيءَ جي پروڙ اول سندس پوشاڪ مان پوي ٿي، پوءِ ڀلي ته اها پوشاڪ ڪهڙي به نموني جي هجي. قديم ۾ قديم هندو زمانو، جنهن جي ڪابه تاريخ آهي ئي ڪانه، تنهن زماني جو احوال ”وستر“ لفظ ڏئي ٿو. ”وستر“ معنيٰ جو پهرجي ٿو“ يعني پوشاڪ، پر بنيادي معنيٰ اٿس جو ”وَسا“ يعني وَههُ يا چرٻيءَ کي ڍڪي ٿو، يعني کل يا چمڙي. ڌڻيءَ پنهنجيءَ ٻاجهه سان هر ڪنهن ساهه واري جي بت تي اڳي ئي کل يا چمڙي چاڙهي ڇڏي آهي؛ پر ٻين ڪيترين قومن وانگر آڳاٽن آرين به پنهنجي بت ڍڪڻ لاءِ کل مٿان کل چاڙهي. ماڻهو ڌڻ ڌارڻ سکيا ته اول ٻڪريون پالڻ لڳا، ۽ ٻڪرين جي کلن سان اول پنهنجو بت ڍڪڻ لڳا. يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ”اَجين واسِن“ لفظ ڪم آيل آهي (3، 9، 1، 12). سنسڪرت ۾ ”اَج“ معني ”ٻڪر“ (اَجا معنيٰ ٻڪري)، ۽ ”اَجين واسِن“ معنيٰ ”ٻاڪري کل سان ڍڪيل“ يا ٻڪريءَ جي کل پهريل (ماڻهو). اها هئي سنڌو ماٿر جي رهاڪن جي آڳاٽي ۾ آڳاٽي پوشاڪ. افغانستان، بلوچستان ۽ ٿٻيٽ جا رهاڪو اڄ تائين ”پوستين“ ڍڪين ٿا. آڳاٽن آرين جهلڻ لڳا، تنهن وقت ”مرگ ڇالا“ يعني هرڻ جي کل به ڪم آڻڻ لڳا. اهو رواج پوءِ به ڪئين صديون ساندهه هلندو آيو. اڄ تائين هندو ماڻهو جڻئي پائڻ مهل ۽ ٻين وقتن تي سوڻ خاطر مرگ ڇالا ڪم آڻيندا آهن. اهو اُنهيءَ قديم زماني جي رواج جو هڪ نشان آهي.
    رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ سيءُ گهڻو پوندو هو. رگ ويد جي منڊل ڇهين، (5، 5) ۾ ”هست گهن“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چمڙي جو دستانو“ (جو هٿ کي جهلي بيهي ٿو)‏. انهيءَ آڳاٽي وقت ۾ سبڻ لاءِ سُيون ڪين هيون، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته چم ٽڪر ۾ ڪنڊي وغيره سان سوراخ ڪري، انهيءَ مان وٽيل گاهه جي تند يا ٻي ڪا تند لنگهائي، ڳنڍي ڇڏيندا هئا، ته دستانو هٿ سان قابو ٿيو پيو هوندو هو. هن وقت سوٽي ۽ اوني دستانا به نڪري پيا آهن، نه ته اسان جي ڏسندي به عام طرح چم جا دستانا ماڻهو ڪم آڻيندا هئا؛ ۽ اهو آڳاٽو رواج آهي.
    يجر ويد جي پٺيان جيڪو تئتريه براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ ”وَلڪل“ لفظ ڪم آيل آهي (1، 4، 7). ”ولڪل“ لفظ جي عام طرح معنيٰ ڪندا آهن ”وڻن جي ڇوڏن مان ٺهيل پوشاڪ“. ڇوڏن مان پوشاڪ ڪيئن ٺاهيندا هئا، سا ڳاله ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي، ۽ پاڻيهي سمجهڻ به ڏکي آهي. آلن يا سڪن ڇوڏن بت به رهڙي ڇڏيندا، ۽ پوشاڪ مرڳو آزار ٿي پوندي. تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪکن ۽ ڪانن مان پوشاڪن ٺاهڻ جو رواج عام هو، جو پوءِ به ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو. هن ڳالهه جو ذڪر يوناني تاريخ نويس هيرو ڊوٽس ڪيو آهي، جو عيسوي سن کان ساڍا چار سو ورهيه اڳي ٿي گذريو آهي. ڪانا ڪُٽي سَٽي، تڏن وانگر ڳُتي، پوءِ انهيءَ سان بت ڍڪيندا هئا. اها هئي سندن پوشاڪ. *[1] شنپٿ براهمڻ مان به معلوم ٿئي ٿو ته جڏهن ڪو ماڻهو يگيه ڪندو هو، تڏهن سندس استري (زال) ”ڪُش“ نالي گاهه جي ڊڀن مان ٺهيل ويس پهريندي هئي. هي سڀ ڳالهيون جڏهن گڏي ويچارجن ٿيون، تڏهن ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته ڊڀن کي ڳتي، تڏن جهڙو پيشير يا پڙو ٺاهيندا هئا، ۽ جڏهن ڪانن کي سٽي ڪٽي ڳُتيندا هئا، تڏهن انهيءَ مان ٺهيل پوشاڪ کي ”ولڪل“ سڏيندا هئا.
    رگ ويد جو رچائون جدا جدا زمانن جون ٺهيل آهن، تنهنڪري پوشاڪ ۾ جيڪا وقت بوقت ترقي ٿي، تنهن جو احوال انهيءَ مان گهڻو ئي ملي ٿو. رگ ويد ۾ ڪورين جو ذڪر آهي، ۽ تاڃي ۽ پيٽو لفظ به ڪم آيل آهي (منڊل ڏهون، 30). ”پيڻ“ جو رواج به ان وقت هو. اڄ تائين دستور آهي ته ”پيڻ“ يعني چانورن جي پيڄيءَ ۾ ڪوري تاڃي پُسائيندا آهن، ته تندون مضبوط ٿين. ”پيڻ“ آهي ڪَلف، تنهنڪري پيڻ لڳڻ ڪري ڪپڙو سوٽُ ٿي پوندو آهي. کٿن ۽ لوين کي پيڻ هڻندا آهن، پر انهن کي ڪم آڻڻ کان اڳي هٿ جو مهٽو ڏيئي پيڻ ڪڍي ڇڏبي آهي، ته نرم ٿين. پيڻ هن ڪري به ڪڍي ڇڏبي آهي ته متان اَن جي بانس تي ڪُئو اچي لوئيءَ کي لڳي، ۽ ٽُڪي ڇڏيس. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته تاڃيءَ جي تندن کي ڪئا اچي لڳندا هئا. رگ ويد منڊل ڏهين، 57، 8) مان معلوم ٿئي ٿو ته اُچيءَ سٺيءَ اُن لاءِ ٽي هنڌ مشهور هوندا هئا:
    (1) پرشني (راوي) نديءَ جي ڪناري وارو ملڪ،
    (2) سنڌو ماٿر، ۽
    (3) گنڌار (قنڌار) يعني پشاور ۽ ان جي آسپاس وارو ملڪ.
    انهن ٽن هنڌن مان سنڌ جي ڪپڙي جو ناماچار ڪيترو هوندو هو، سا سڌ به رگ ويد جي ساڳئي منڊل ڏهين (سوڪت 75) مان پوي ٿي، جنهن ۾ سنڌو نديءَ جي اُستتي (ساراهه) ڪندي، سنڌ کي ”سُواسا“ يعني ”سُهڻا ڪپڙا پيدا ڪندڙ“ ۽ ”اُرڻاوتي“ يعني ”اُن پيدا ڪندڙ“ سڏيو اٿن. ان ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ ڪپڙو جام هوندو هو (منڊل 10، 75، 8). اڄ به ٿر ۾ کٿا، لويون ۽ ڪمريون ججهي تعداد ۾ نهايت عمديون ٺهن ٿيون. ان وقت سنڌو ماٿر ۾ ٿڌ گهڻي پوندي هئي، تنهنڪري گهڻو واهپو اوني ڪپڙي جو هوندو هو. انهيءَ سبب رڍون ۽ گهيٽا گهڻا ڌاريندا هئا.*
    رگ ويد ۾ ”ڪرپاس“ (ڪپاهه يا ڪپهه) لفظ ڪم آيل ڪونهي، پر انهيءَ ڪري ائين ڪين چئبو ته سنڌو ماٿر جي رهاڪن کي ڪپهه ۽ سوٽي ڪپڙي جي سڌ ڪانه هئي. ساڳيءَ طرح جيڪڏهن رگ ويد ۾ ”هٿ“ ۽ ”پير“ لفظ ڪم آيل نه هوندا، ته انهيءَ ڪري ائين ڪيئن چئبو ته ماڻهن کي هٿ ۽ پير هئا ئي ڪين. مهن جي دڙي مان ديسي ڪپهه مان ٺهيل ململ جو ٽڪر لڌو آهي. ان جو ذڪر ڪندي سرجان مارشل ڄاڻايو آهي ته سنڌو ماٿر ۾ سوٽي ڪپڙي جوڙڻ جو رواج عيسوي سن کان پنج هزار کن ورهيه اڳي شروع ٿيو هو. سنڌ جي ململ قديم زماني ۾ مصر ملڪ ۽ يورپ ۾ به نيڪال ٿيڻ لاءِ ويندي هئي. سنڌو ماٿر جي آب هوا اهڙي آهي، جو سال جو ڳچ ڀاڱو سوٽي ڪپڙو پهرڻو پوي ٿو، تنهنڪري ڊاڪٽر ميوئر به اهائي راءِ ظهار ڪئي آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن کي سوٽي ڪپڙي جي سڌ هئي. *
    رگ ويد ۾ ريشم لاءِ به ڪو لفظ هن وقت تائين ڪنهن سنسڪرت عالم کي نظر ڪونه چڙهيو آهي، پر جنهن صورت ۾ رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته راڻيون، راڄڪماريون ۽ هوند وارن جون زالون اُچا سٺا ريشمي وڳا پهرينديون هيون، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته ريشمي ڪپڙن جوڙڻ جو هنر رگ ويد واري زماني ۾ ئي شروع ٿيو هو، جنهن ۾ اتهاسن واري زماني ۾، ماڻهن پوءِ گهڻو سڌارو ۽ واڌارو ڪيو هو. ايترو چئبو ته رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ گهڻي ٿڌ هئڻ سبب اول اوني ڪپڙي پهرڻ جي ضرورت ٿي هئي، ۽ پوءِ آب هوا ڦرڻ ڪري سوٽي ۽ ريسمي ڪپڙن پهرڻ جور واج پيو هو.
    ________________________________________
    * "The cow was gradually acquiring a special sanctity, as is shown by the name Aghnya (not to be slain) applied to it in several passages" Vedic Index II, 146.
    * سنسڪرت ۾ ”اگني يا اگن ديوتا“ جنس مذڪر آهي؛ پر سنڌيءَ ۾ ”اگني“ جي جنس مونث ليکجي ٿي – مصنف
    * هن وقت ڪنهن وڻ جو ٿڙ يا ڪاٺ جو ٿلهو ٽڪر ”اڏي“ تي ڪم اچي ٿو، جنهن تي گوشت ۽ مڇي پلو رکي وڍيندا آهن. اڳي اَڏيون پٿر جون ٺهيل هونديون هيون، جو ڪاٺ چيرڻ لاءِ ڪو هٿيار ڪونه هوندو هون. انگريزي لفظ ”هئمر“ (Hammer) يعني مترڪو (مطرقه) جي اصل معنيٰ به آهي ”پٿر جو ٽڙڪو.“
    * "Naked came I out of my mother's womb and naked shall I return thither; the Lord gave, and the Lord hath taken away: blessed be the name of the Lord" Job II, p. 21.

    * Herodotus records "These Indians wear a garment made of rushes which, when they have cut the reed from the river and beaten, it they plait like a mat and wear it like a corset." (Ancient India-Herodotus by Mac Crindle p.2.)
    سنڌ ۾ هن وقت ڇوڪريون ۽ ننڍيون نيٽيون اُچا سٺا ويس وڳا پهرين ٿيون، ۽ پاڻ کي سينگارين ٿيون، ته اڳي به گهٽ ڪانه هئي. رگ ويد جي منڊل ٽئين (39، 2) ۽ پنجين، 29، 15) ۾ ڄاڻايل آهي ته زالون ويس وڳو ٺاهوڪو ڪنديون هيون. منڊل چوٿين، (3، 2) ۾ ائين به چيل آهي ته زالون هن ڪري چڱو چوکو ڪپڙو ڪنديون هيون ته پنهنجن مڙسن کي وڌيڪ سهڻيون لڳون! منڊل پنجين (55، 6) ۾ ”هيرڻ ميان اَنڪان“ (Hirann ayanatkan) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”زريءَ جا ڀرت ڀريل ڪپڙا“. هن مان ائين سمجهجي ٿو ته هوند وارا ماڻهو جيڪي ڪپڙا پهريندا هئا، تن جي ڪناريءَ تي زريءَ جي پٽي هڻندا هئا. جا وقت تي لاهي رکندا هئا. (منڊل 2 (3، 6)، منڊل 4 (36، 7) ۽ 7 (34، 11) ۾ ”پيش“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي به معنيٰ آهي ”ڀرت ڀريل يا گلڪاريءَ وارو ڪپڙو“. يجر ويد ۾ ”پيشڪاري“ لفظ ڪم آيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”ڀرت ڀرڻ واري“. شايد ڪن زالن جو ڌنڌو اهو هوندو هو، جو ڀرت ڀرڻ جو ڪم ڪنديون هيون. اُهو ڀرت جو ڪم ايتري قدر اُوچو ۽ سٺو هوندو هو، جو ماڻهو خلعتون ٺهرائي ٻين کي سوکڙي ڏيندا هئا، ۽ کين سروپائون ڍڪائيندا هئا. رگ ويد ۾ هنن ڳالهين جو جن هنڌ ذڪر آهي، تن جي ٽيڪا ڪندي، پروفيسر ولسن، جنهن رگ ويد جو ترجمون ڪيو آهي، تنهن چيو آهي ته ”جيڪڏهن منهنجو ڪيل ترجمون صحيح آهي، ته چئبو ته خلعت پهرائڻ جو رواج ئي هندستان ۾ پيدا ٿيو ۽ اهو رواج نهايت قديم آهي“.* +**

    آڳاٽا راجائون رشين کي خلعتون ڍڪائيندا هئا، تنهن ڳالهه جو رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ذڪر آهي. مثلاً: سنڌ جي راجا سونييه ڀاوييه پنهنجي ناٺيءَ ڪا ڪشون رشيءَ کي خلعت ڍڪائي هئي. هتي اهو به ڄاڻائڻ ضروري آهي ته جيڪو وقت رشي گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، سو وقت چڱو چوکو کائيندا ۽ هنڊائيندا هئا، پر جنهن وقت رشي، راجائون ۽ ٻيا دنيا ترڪ ڪري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا، تنهن وقت مرگ ڇالا ۽ تنبي ساڻ کڻندا هئا، ۽ ”ولڪل“ پهريندا هئا. اها ٿي تياڳي پرشن جي پوشاڪ؛ باقي ٻيا ماڻهو اُچا سٺا ويس وڳا ڪندا هئا. مطلب ته جنهن زماني ۾ ڪيترين قومن کي اڃا پنهنجي بت ڍڪڻ جي به سڌ ڪانه هئي، تنهن زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا رهاڪو ايتري قدر ترقي ڪري ويا هئا، جو شاهاڻيون پوشاڪون پهريندا هئا، ۽ ٻين کي به خلعتون ڍڪايندا هئا!
    مردن ۽ زالن جي پوشاڪ جي وچ ۾ ڪهڙو فرق هوندو هو، سو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪونهي. انهيءَ هوند به ايترو پتو پوي ٿو ته مرد ٽي ڪپڙا پهريندا هئا؛ هڪڙو ڪپڙو ”نيوي“ (Nivi) سڏبو هو، جو چيلهه سان جڙيو پيو هوندو هئن، جنهنڪري سمجهجي ٿو ته ”ڪوپين“ يا ”لنگوٽي“ ٻڌندا هئا. ٻيو ڪپڙو هو ڌوتي، ۽ ٽين چادر، جنهن کي ”اَڌي واسَ“ يعني ”مٿان وجهڻ جو ڪپرو“ چوندا هئا. سِنگالي اڄ تائين ڌوتي ۽ چادري پهرين ٿا ۽ اهو ويدڪ زماني جو دستور آهي. اسان جا ڀائيبند ڀائر به ڌوتي ڍڪين ٿا، پر جيڪو انگرکو ڍڪين ٿا، سو مهاڀارت واري زماني جي رواج پٽاندر. اسان جا جيڪي جوان سوٽ بوٽ پهرين ٿا، سي ڌوتي ٻڌڻ گهٽ ڳالهه سمجهن ٿا، پر ڌوتي ڪا گهٽ شي ڪانهي. ڪيترن يوروپي عالمن ان جون ساکونڪيون آهن. مثلاً: ڪرنل ميڊوز ٽيلر ڌوتيءَ جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته ڌوتيءَ کان وڌيڪ ڪا ٻي سولي سهنجي پوشاڪ، جنهن ۾ هلڻ، ويهڻ ۽ سمهڻ ۾ سولائي ٿئي، سا جوڙڻ ئي ناممڪن آهي. هن ڳالهه ڪرڻ ۾ اسان جو مطلب هيءُ آهي ته آڳاٽا لوڪ سکڻي سونهن کي ڪين ڪڙهندا هئا؛ پر پوشاڪ ۾ به سولائيءَ ۽ سهنجائيءَ جو گهڻو خيال ڪندا هئا. اٿرو ويد جي منڊل پندرهين، (2، 1) ۾ اُشنيش“ (Ushnisha) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”پَٽڪو“ يا مٿي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو. هن مان سمجهجي ٿو ته پٽڪن ٻڌڻ جو رواج به ويدڪ زماني ۾ ئي هو. ***

    زالون شايد اڳي چڊي ڪم ڪونه آڻينديون هيون. نل دمينتيءَ واري قصي مان معلوم ٿئي ٿو ته دمينتيءَ کي فقط ٻه ڪپڙا پيل هئا. رامائڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته انهيءَ وقت (تريتا جڳ ۾) به زالون فقط ٻه ڪپڙا پهرينديون هيون: ساڙهي هيٺان ۽ چادر مٿان. مهاڀارت ۾ لکيل آهي ته دريون ڌن جڏهن دروپديءَ کي ڀريءَ سڀا ۾ ٿي گهرايو، تڏهن هن هلڻ کان انڪار ڪيو، جو چيائين ته مان ”ايڪ وستر“ آهيان، يعني بت تي رڳو هڪ ڪپڙو اٿم. هن قسم جي حقيقتن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته زالون هڪ ڪپڙو هيٺان ۽ ٻيو مٿان (چادر) ڪنديون هيون، ۽ گهر ۾ چادر پائي ڪونه وهنديون هيون، جنهنڪري گهر ۾ ”ايڪ وستر“ هونديون هيون اڄ به ڪي پريون زالون رڳو هڪ ڪپڙو (چادر يا رئو) هيٺان ڪري، گهر ۾ پوٿو ٻهاري ڪن ٿيون، ۽ ڇاتي اُگهاڙي هوندي اٿن، ته انهيءَ ڳالهه جو سانگو ڪونه ڪنديون آهن. ٻاهر نڪرڻ مهل شايد زريءَ جي ڪناريءَ واري ساڙهي آڻينديون هيون، ۽ مردن جي ڌوتيءَ جي ڪناري تي به زري هوندي هئي، جو ماڻهن ترقي ڪري زريءَ ۽ ڀرت جو رواج به وڌو هو. انگرکن پهرڻ جو رواج اتهاسن واري زماني ۾ پيو، تنهن کانپوءِ به مرد گهڻو ڪري ڌوتي ۽ چادر اوڍيندا هئا، ۽ ٻنهي ڪپڙن جي اڪثر ول وريل ڪانه هوندي هئي.
    زيور: مهن جي دڙي واري زماني، توڙي رگ ويد واري زماني ۾، زالون ۽ مرد عام طرح زيور پائيندا هئا. اجھ به ڪيترا ڪڇي، مارواڙي ۽ ٻيا مرد ڳچيءَ ۾ چانديءَ يا سون جي هسني، ڪنن ۾ واليون يا ڪيوٽيون ۽ ٻانهن تي پٽو پهرين ٿا. منڊين ۽ ڇلن پائڻ جو رواج ته عاملن توڙي ڀائبندن ۾ به عام آهي. اڳي به ائين هو.
    هن وقت جيئن سونيون گينيون ۽ ڊالر آهن، تيئن رگ ويد واري زماني ۾ به سونا سڪا هوندا هئا، جي ”نِشڪ“ (Nishka) سڏبا هئا. اينهن جو وزن هڪجيترو نه هوندو هو، پر عام طرح منجهن سورهن ماسا يا سوا تولو کن سون هوندو هو. جيئن هن وقت ڪي زالون گينن جا هار پائين ٿيون، تيئن اڳي نِشڪن جو هار پائينديون هيون، جو ڇاتيءَ تي پيو لٽڪندو هئن، تنهنڪري اهو ڇاتيءَ توڙي ڳچيءَ جو ڳهڻو سڏيو ويوآهي. عام طرح اهو ”نشڪ گريو“ (Nishka Griva)يعني گلي جو نِشڪ سڏبو هو (منڊل پنجون، 19، 3). ٻيو هڪ زيور دريءَ يا لُڪريءَ وانگر هوندو هو، جو ڇاتيءَ تي پيو لتڪندو هون. اهو ”رُڪم“(Rukma) سڏبو هو (منڊل پهريون، 166، 10، منڊل چوٿون، 10، 5 ۽ منڊل پنجون، 1، 57، 5). سنڌي لفظ ”سونارو“ اصل ۾ آهي سنسڪرت لفظ ”سُورن ڪار“ معنيٰ سون جو ڪم ڪندڙ، پر سنسڪرت ۾ سوناري کي ”رُڪم ڪارڪ“ به چئبو آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”رڪم جوڙيندر“. ڀانئجي ٿو ته رڪمن جو رواج نهايت عام هوندو هو، جنهنڪري ڪي سونارا رڳو رڪمن جوڙڻ جو ڪم ڪندا هئا. زالون ڪَنن ۾ سونا ڳن يا دُرَ پائينديون هيون، جي ”ڪرن شوڀن“ يعني ”ڪنن جي سونهن“ سڏبا هئا. مرد پنهنجي پيشانيءَ تي سهرا يا هار ٻڌندا هئا، جي گلن يا زريءَ جا ٺهيل هوندا هئا. اهي ”سرج“ (Sraj) سڏبا هئا. اهي سهرا شايد وهانءَ مهل يا ٻين ڪن خاص ميوقعن تي ٻڌندا هئا، جو نشڪن ۽ سرجن جوڙيندڙن کي اونو ٿيندو هو، ته مالڪن کي وقت سر جوڙي ڏيون، ته سک سان رهجي اچي نه ته تيستائين ننڊ ڦٽي پوندي هين (منڊل اٺون، 48، 15).
    رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ موتين ۽ قيمتي پٿرن جو ذڪر آهي (منڊل پهريون، 35، 4، ۽ منڊل ڏهون، 68، 1). موتين جا هار ماڻهو پاڻ ته پائيندا هئا، پر گهوڙن کي به موتين جون ڪنٺيون پائيندا هئا (منڊل ڏهون، 68، 1). ”مڻي“ يا جواهرن جو ذڪر منڊل پهرين، (33، 8) ۾ آهي. انهيءَ ساڳئي منڊل (122، 14) ۾ ”مڻي گريو“ (Mani-Griva) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن مان سمجهجي ٿو ته مڻين جو هار ٺاهي ڳچيءَ ۾ پائيندا هئا. گهوٽ پرڻجڻ ويندو هو، ته سونا ڳهڻا پائي ويندو هو، ۽ سرهو پائي ۽ تيل ڦليل ڪم آڻيندو هو (منڊل پنجون، 60، 4).
    وارن جي ٺاهه ٺوهه: رگ ويد واري زماني ۾ زالون پنهنجن وارن جي ٺاهه ٺوهه علحدي علحدي نموني ڪنديون هيون. ڪي وار ڳُتي، چار چوٽيون ڪنديون هيون، جي پٺيءَ تي پيون لٽڪنديون هين (رگ ويد، منڊل ڏهون، 114، 3). ڪي ”اوپش“ ٺاهينديون هيون، يعني پيشاني4 وٽ وارن جون گهنڊيون بيهارينديون هيون (منڊل پهريون (173، 6، اٺون، 14، 5، نائون، 71، 1 ۽ ڏهون 85، 8). ڪي زالون پنهنجا وار پنهنجيءَ ٽِپڻ تي اهڙيءَ ريت ويڙهينديون هيون، جو ڄڻ ته ڪا پاٽ يا سينهُوڙي مٿي تي رکيل اٿن. ڪي وري وارن کي ويڙهي، ٽپڻ وٽ اُڀو ۽ سڱ وانگر چهنبدار ڪنديون هيون. وارن جي ٺاهه ٺوهه جا اهي نمونا اَٿرو ويد جي منڊل ڇهين (238) ۾ به ڄاڻايل آهن. منڊل چوٿين ۾ ته ائين به چيل اهي ته زالون وارن ۾ گل اٽڪائينديون هيون. مرهٽن جون زالوناڄ تائين وارن ۾ گل اٽڪائينديون آهن – هنن کي ڏسي، سن 1925ع کان وٺي ڪيتريون سنڌي ڇوڪريون به ائين ڪرڻ لڳيون آهن. مطلب ته رگ ويد واري زماني جو رواج وري هينئر چالو ٿيو آهي. مصنف جي سانڀر ۾ عام رواج هيءُ هوندو هو ته زالون چوٽيءَ جون ٽي ويڙهيون ڪري، اُهي ڳتي، يڪي چوٽي ڪنديون هيون، ۽ سينڌ سنئين ڪڍنديون هيون. ٿورڙن ورهين کان ڏنگي سينڌ ڪڍڻ، ۽ وارن کي علحدي علحدي نموني بيهارڻ جو رواج عام ٿيو آهي، پر انهيءَ ڳالهه ۾ اسان جون ڇوڪريون اڪثر پارسياڻين ۽ مڊمن سان ريس ڪن ٿيون.
    مردن مان ڪي وڏا ڊگها وار رکندا هئا، ته ڪي ڪٽرائيندا هئا، وشٽ منيءَ جي ڪُل وارن جا وار ڊگها هوندا هئا، (رگ ويد، منڊل ستون، 33، 1)، ۽ اهي مٿي جي ساڄي پاسي ويڙهي، ڳنڍ ڏيئي ڇڏيندا هئا، جيئن هن وقت جوڳي ڪندا آهن. ڪي ڏاڙهي رکائيندا هئا، ته ڪي ڪوڙائيندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 142، 4). اِندر ديوتاس جي نالي چيل آهي ته هو ڏاڙهيءَ سان هو، (منڊل ڏهون، 23، 1-4). اڳي سنڌ ۾ ڏاڙهيءَ رکڻ جو رواج عاملن ۾، ۽ ڏاڙهي ڪوڙائڻ جو رواج ڀائيبندن ۾ عام هو. ٿورن ورهين کان ڏاڙهيءَ ڪوڙائڻ جو رواج عاملن ۾ گهڻو زور ٿيو آهي. ڪي ته مڇون به ڪوڙايو ڇڏين. اهو مڇن ڪوڙائڻ جو رواج ويجهڙائيءَ ۾ صاحب لوڪن کان سکيا آهن.
    راڳ ۽ وڄائڻ جا ساز: انسان پنهنجي ذاتي سُڀاءَ ڪري شاعر آهي، ۽ راڳ سندس روح ۾ آد کان سمايل آهي. ”راڳ“ لفظ جي اصل معنيٰ ئي آهي ”موج يا روح جو ريلو“. راڳ نهايت دلپذير شيءِ آهي، ۽ منجهس جادوءَ جهڙو اثر آهي، جنهنڪري نه رڳو ماڻهو، پر مِرون به موهيو ڇڏي. نانگ به مرليءَ تي ريجهي ٿو. اهڙيءَ طاقت ۽ اثر وارو هنر اول سنڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ (!) شروع ٿيو. اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو ۽ ٿر ۾ مُئو“. ٿري ماڻهن کي راڳ جي گهڻي سڌ ڪانهي.
    اڳاٽن آرين مان ڪيترا سنڌو نديءَ جي ڪناري تي وهندا هئا، ۽ مٺيءَ للڪار سان ويدن جا منتر اُچاريندا هئا- ويدن جون رچائون خود ڄاڻائين ٿيون ته وٽن راڳ جو قدر گهڻُ هو. آڳاٽن آرين جو ڪن سدائين قدرت ڏي مائل هو، ۽ خود قدرت مان کين اَنهد جو آلاپ ٻڌڻ ۾ ٿي آيو، جنهن جون پلٽون اُپنشدن ۾ پلٽيون اٿن. *

    اَٺ ئي پهر وڄي ٿي، مرلي من موهن جي،
    ٻڌي، ٻن ڪنن ســـان، ســــامي ڪـــين رڄي،
    توڙي پــران تـــجي، تــــان ڀــــي ڌن ڌيـــان ۾.
    آڳاٽن هندن راڳ ۾ ڏينهون پوءِ حيرت جهڙي ترقي ڪئي. هندو ماڻهو ورهيه ۾ ڇهه رُتيون ليکيندا آهن. هرهڪ رُت يا موسم لاءِ خاص راڳ رٿيائون. انهن ڇهن راڳن جا نالا ڀيروَ، هندول، ميگهه، سريراڳ، ديپڪ ۽ مالڪوس آهن. راڳن کي تمثيلي طرح ديوتائون ڪري سڏيائون. هرهڪ ديوتا جي نالي ڄاڻايائون ته ان کي پنج ڀاريائون (زالون) ۽ اٺ پٽ آهن. انهن زالن کي راڳڻيون ڪري ڪوٺيائون. راڳن ۽ راڳڻين کي مجسم ڪيائون، مثلاً ڀيروَ کي شِو ڀڳوان وانگر تي اکيون آهن، پيشانيءَ تي چنڊ پيو چمڪيس، جٽائن مان گنگاندي پيئي وهيس، مٿي تي واسينگ نانگ ويڙهيل اٿس ۽ ڳچيءَ ۾ ڪوپرين جي ڪنٺي پيل اٿس. هندول سوئي هندوري ۾ پيو لڏي. سندس چوگرد ڪيتريون اپڇرائون بيٺل اهن، جي هندورو پييون لوڏين ۽ راڳ پيون ڳائين.
    ميگهه لفظ جي معنيٰ ئي آهي ڪڪر، ۽ انهيءَ مان سنڌي لفظ ”مينهن“ (برسات) ٺهيو آهي. ميگهه جو ورن ڪارو آهي، پيلي پوشاڪ اٿس، هٿ ۾ تکي ترار اٿس، ۽ ڪڪر تي سوار آهي. عام طرح ائين چوندا آهن، ته ميگهه راڳ ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته اُمالڪ اچي مينهن پوي (!)
    سريراڳ هڪ سهڻو جوپان آهي. اڇي پوساڪ پيل اٿس، لعلن ۽ بلورن جي ڪنٺي گلي ۾ اٿس، ۽ هٿ ۾ ڪنول گل جهليو بيٺو آهي.
    ”ديپڪ“ لفظ اُهو آهي، جنهن مان سنڌي لفظ ”ڏيِئو“ ٺهيو آهي. ديپڪ کي باهه وانگر چمڪاٽ ڪندر ڪپڙا پهريل اهن. پيشانيءَ مان آگ جا اُلا پيا نڪرنس، ۽ هڪ مست هاٿيءَ تي سوار آهن. چوندا آهن ته ڏيئي ۾ تيل ۽ وٽ وجهي ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ديپڪ ڳائي، ته ڏيئو پاڻمرادو ٻري پوي (!) ڪي ته ائين به چون ته اهو راڳ ڪو پوريءَ وڌيءَ سان ڳائي، ته آگ جون اُليلون سندس اندر مان نڪري خود کيس جلائي پورو ڪن (!)
    مالڪوس هڪ ڏٽو مٽو جوان آهي. منهن مان رت پيو ڇڻيس، اکيون نشي ۾ مخمور اٿس، ۽ هٿ ۾ لٺ اٿس – لباس سندس نيلو آهي، ۽ ڳچيءَ ۾ موتين جي مالا پيل اٿس.
    قديم يوناين ۾ ائين راڳن کي مجسم ڪيو آهي. ايترو آهي ته سڀڪنهن ملڪ يا قوم جي ڳائڻ جو نمونو پنهنجو پنهنجو آهي. آهي. انگريزي راڳن مان ڪن کي مزو ايندو، ته ڪن کي نه به ايندو. ساڳيءَ ريت هندستان جو راڳ به ڪن کي وڻندو، ته ڪن کي نه وڻندو، باقي هرهڪ قوم کي پنهنجو پنهنجو راڳ نهايت پسند پوي ٿو. هرهڪ قوم ۽ ملڪ ۾ راڳ جا وڏا وڏا استاد ٿي گذريا آهن. هندستان ۾ اهڙن وڏن استادن مان تانسين نهايت ناميارو گويو ٿي گذريو آهي.
    پنجاب ۽ سنڌ جا آڳاٽا رهاڪو سازن وڄائڻ ۾ به ڀڙ هوندا هئا. ساز کني ”سامَن“ ڳائيندا هئا، جي الاهي محبت جا راڳ هوندا هئا – ڪي ”گاٿا“ ڳائيندا هئا، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڳاهه“. سنڌ ۾ جڏهن ڪٿي ڀڳت وجهندا آهن، تڏهن ڪنهن قصي يا ڪهاڻيءَ کڻندي، وچ ۾ ڪي بيت سُرَ سان چوندا آهن، جن کي ”ڳاهون“ چئبو آهي.
    جنهن صورت ۾ اهو ويدڪ لفظ آهي، تنهن صورت ۾ ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهو ڳاهن ڏيڻ جو دستور نهايت قديم زماني جو آهي. ڳاهن ڏيندڙ کي ”گاٿِن“ چوندا هئا. ڀانئجي ٿو ته گهڻا ڄڻا گڏجي ڳاهون ڏيندا هئا، يا هڪڙو ڳاهون ڏيئي بس ڪندو هو، ته ٻيو شروع ڪندو هو. جيڪو اول ڳاهون ڏيندو هو، سو ”گاٿاني“ يعني ڳاهه هلائيندڙ يا شروع ڪندڙ سڏبو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 190، 1، ۽ منڊل اٺون، 92، 2). ڳاهن ۾ جيتوڻيڪ ڌرمي ڳالهين بابت مضمون هوندو هو، ته به اهي ويدن جي رچائن ۾ شمار ٿيل نه آهن (ائترييه براهمڻه 7، 18). ڪن رشين کي راجائن وٽان دان ملندا هئا، ته اهي سندن سخائن بابت راڳ چوندا هئا. اهي ”دان اُستتيون“ يا سخا جون ساراهون سڏيون وييون آهن، جنهنڪري اهو ”مديحي شعر“ (Panegryic Poetry) چئبو. سوم رس آڱرين سان نپوڙڻ مهل ست زالون گڏجي سوم رس جي ساراهه بابت گيت ڳائينديون هيون (منڊل نائون، 66، 8). اهي گيت به مديحي شعر جي دفعي ۾ ليکبا. رگ ويد جي ڪن رچائن ۾ جنگين جو ذڪر آهي. اهي رچائون ”رزمي شعر“ (Epic Poetry) جي دفعي ۾ ليکبيون. ڪن رچائن ۾ وهانءَ وڌاڻ ۽ ٻين ڳالهين جا بيان آهن. اهي بياني شعر (Descriptive Poetry) جي دفعي ۾ ليکبيون. اهڙيءَ ريت ويدن جي رچائن کي سندن مضمون پوتاندر جدا جدا فعن يا طبقن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. انهيءَ قديم رواج پٽاندر سنڌيءَ جو هاڻوڪو شعر به جدا جدا مضمونن بابت آهي، ۽ ان جي ڳائڻ جو شوق سڄيءَ سنڌ ۾ آهي. سکر ضلعي ۾ اهو شوق گهڻو آهي، تنهن ۾ به شوقين شهر شڪارپور، راڳ توڙي سازن وڄائڻ جي هنر ۾ برک آهي.
    آڳاٽا لوڪ جنگ مهل، توڙي صلح سانت جي وقت ۾، هڪ قسم جو دُهل يا ڀير (نغارو) وڄائيندا هئا، جنهن کي ”دُندُڀي“ (Dundubhi) چوندا هئا (منڊل پهريون، 28، 5، ۽ ڇهون، 47، 29-31). ٻيو هڪ وڄائڻ جو ساز مرليءَ وانگر هئن، جنهن کي ”ڪرڪري“ (Karkari) ڪوٺيندا هئا (منڊل ٻيو، 35، 13). ويڻا به وڄائيندا هئا (منڊل پهريون 85، 10). رگ ويد جي منڊل ڏهين. (146، 2) ۾ ”آگهاٽي“ لفظ ڪم آيل آهي. پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ڄاڻايو اهي ته ناچ مهل ڪِنجهون وڄائيندا هئا، تن کي آگهاٽيون چوندا هئا، پر شاين آچاريه، جنهن ويدن جي ٽيڪا لکي آهي، تنهن جي خيال موجب اهي ويڻا هئا، جن مان جدا جدا قسمن جا سُر ڪڍندا هئا. هي سڀ ڳالهيون ڄاڻائين ٿيون ته سنڌو ماٿر جي قديم رهاڪن وٽ چڱي گمت لڳي پيئي هوندي هئي.
    ناچ: سنسڪرت لفظ ”نِرتيه“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ ڦري ٿيو آهي ”ناچ“ رگ ويد واري زماني ۾ زالون توڙي مرد ناچ ڪندا هئا، پر اهڙي ڪا ثابتي ڪانهي، جنهن مان سمجهجي، ته ٻئي گڏجي نچندا هئا. شري ڪرشڻ ننڍڙي هوندي گوپين سان راس ليلا ڪئي هئي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته ڇوڪرين ۽ زالن جي ناچ ۾ فقط ننڍڙا ڇوڪرا شامل ٿي سگهندا هئا. رگ ويد جي منڊل پهرئين، (10، 1) ۾ ڄاڻايل آهي ته بانس جون ڪاٺيون اُڀيون جهلي، ناچ ڪندا هئا. ڀانئجي ٿو ته جيئن گجرات ۾ ڇوڪريون ۽ زالون ڌؤنڪا هٿ ۾ جهلي ”گريو“ ڪن ٿيون، تيئن اڳي به ڪندا هئا. ناچ ڪندڙ مرد کي ”نرت“ (nrta) (نٽُ)، ۽ ناچ ڪندڙ عورت کي ”نرتو“ (nrtu) سڏيندا هئا. منڊل پهرين (92، 4) ۾ شايد ڪنهن بازاري ناچ ڪندڙ عورت جو ذڪر آهي – جو ڄاڻايل آهي ته ”کيس ڀرت ڀريل وڳو پهريل هوندو هو، پر ٻين جي ڌيان ڇڪڻ لاءِ پنهنجي ڇاتي اُگهاڙي ڪندي هئي. چڱن خاندانن جون زالون ائين بيشرميءَ سان ناچ نه ڪنديون هيون – جو منڊل اٺين، (17، 7، 26، 13) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”زالون پاڻ کي چڱيءَ ريت ڍڪي، پوءِ ٻين جي اڳيان اينديون هيون. رگ ويد ۾ هيئن به لکيل آهي ته ”زالون ۽ ڪنواريون ڇوڪريون چڱا خاصا ويس وڳا ڪري محفلن ۾ وينديون هيون، ۽ جڏهن ٻنيون ۽ ٻيلا ساوڪ سبزيءَ ڪري خوش نما نظر ايندا هئا، تڏهن ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اوڏهين وڃي ناچ ڪندا هئا. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هڪٻئي جو هٿ جهلي، راس وجهنديون هيون يا چڪلي يا چيڪلي پائينديون هيون، ته ڀُونءِ پيئي ڀڻڪاٽ ڪندي هئي. اوڏيءَ مهل جيڪا لَٽ اُٿندي هئي، سا انهن ماڻهن کي ويڙهي ويندي هئي، جي موج مان اُتي اَچي مِڙندا هئا. اوڏيءَ مهل ڪَنجهون يا جهانجهه به پيا وڄندا هئا.“
    پينگهه: مرد، زالون ۽ ٻار دل ڪري پنيگهن ۾ به لڏندا هئا، جو اها به سندين هڪ وڏي وندر هوندي هئي (منڊل ستون، 87، 5، 88، 3). اڄ به ٻهراڙين ۾ ڪيترا ٻار بلڪه وڏا ڪنهن وڻ ۾ نوڙيءَ ٽڪر پينگهه وانگر ٻڌي، ان ۾ لڏندا آهن.
    ميلا ۽ جلسا: آڳاٽا لوڪ ڪي ميلا، محفلون ۽ جلسا ڪندا هئا، جن ۾ زالون ۽ مرد دل وندرائڻ لاءِ وڃي ڪٺا ٿيندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 124، 8، منڊل چوٿون، 58، 8، منڊل ڇهون، 75، 4، ۽ منڊل ستون، 2، 5). ڪي پنهنجي ڪنهن هنر ظاهر ڪرڻ لاءِ، ته ڪي پنهنجيءَ ڪمائيءَ لاءِ، ايندا هئا. ڪوي يا شاعر پنهنجي نالي ڪڍڻ لاءِ اتي ويندا هئا (منڊل ٻيو، 16، 7) ۽ منڊل نائون، 49، 47)، ڪي تير اندازيءَ ۾ انعام کٽڻ لاءِ تير ڪمان کڻي ايندا هئا، (منڊل ڇهون، 75، 3-5). ڪي ڪُشتي لڙندا هئا، (رگ ويد، منڊل ٽيون، 20، 20). گهوڙن جون شرطون به ٿينديون هيون، (منڊل نائون، 96، 9). اهڙن جلسن يا ميلن هلندي رات گذري ويندي هئي، ۽ مٿان صبح اچي ٿيندو هو، (منڊل پهريو، 48، 6). جوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا اُتي هڪ ٻئي سان لهه وچڙ ۾ ايندا هئا، ۽ ڇوڪريون پنهنجي لاءِ اتي مڙس چونڊي هٿ ڪنديون هيون، (رگ ويد، منڊل ستون، 2، 5، ۽ اٿرو ويد. منڊل ٻيو، 36، 1). اهڙن موقعن تي ڪيسباڻيون پنهنجيءَ ڪمائي لاءِ وينديون هيون، (رگ ويد، منڊل چوٿون، 58، 8). اهڙا جلسا اڄ تائين اتر هندستان ۾، خاص ڪري سولن ۽ سپيءَ ۾ ٿيندا آهن، جن ۾ زالون ججهي تعداد ۾ اچي ڪٺيون ٿينديون آهن. انهن ميلن مان پوءِ هڪ وڏي خرابي پيدا ٿي – ويجهڙائيءَ ۾ سپيءَ وارن ميلن ۾ زالن کي قطارون ڪري بيهاريندا هئا، ۽ جيڪو انهن لاءِ چڱو واڪ ڏيندو هو، تنهن کي اهي زالون تين وار“ ڪري ڏيندا هئا. ويدن واري زماني جي ”سمن“ (Samana) ۾ ڇوڪرين کي رڳو پنهنجي لاءِ گهوٽن ڳولڻ جو وجهه ملندو هو، پر پوءِ هن ريت زالن جو وڪرو ٿيڻ لڳو، ته ڏيهي حاڪمن مڙسي ڪري اها بد رسم بند ڪرائي.
    گهوڙي سواري ۽ گهوڙن جون شرطون: رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ جو پرڳڻو پنهنجن ڀل ڀلوڙ گهوڙن ڪري نهايت مشهور هوندو هو، (منڊل ڏهون، 75، 8). عام طرح ماڻهو گهوڙي تي سواري ڪندا هئا. جنگ مهل رٿن (گاڏين) ۾ گهوڙا ٻڌندا هئا. رٿن جي مٿان کلن جا ڍڪ هوندا هئا، جيئن هينئر ڌمڻ اڪثر چم جي ٺهيل ٿئي ٿي. جنگي جوڌن جي سواريءَ لاءِ گهوڙا ڌار هوندا هئا، جي واچوڙي وانگر اُڏامندا ويندا هئا. دل وندرائڻ لاءِ گهوڙن جون شرطون ۽ رٿن جون شرطون پڄائيندا هئا. رگ ويد جي منڊل چوٿين، (24، 9) ۽ منڊل ڏهين، (156، 1) ۾ ”آجه“ (Aji) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي هڪڙي معنيٰ آهي ”ڊوڙ پڄائڻ جي شرط“ ۽ ٻي معنيٰ آهي ”شرط جو ميدان“. اهي ميدان نهايت ڪشادا هوندا هئا، ۽ انهن جو مفاصلو ماپي ڇڏيندا هکئا، (منڊل اٺون، 80، 8). شرط کٽندڙ کي ”ڌن“ (انعام) ملندو هو، (منڊل پهريون، 81، 3). منڊل ڇهون، 45، 1، ۽ منڊل اٺون، 80، 1). شرط جي ميدان ۾ جن گهوڙن کي ڊورائيندا هئا، تن کي ڌوئي ڌمالي چڱيءَ طرح سينگاريندا هئا، (منڊل ٻيو، 34، 3، منڊل نائون، 109، 10، منڊل ڏهون، 68، 1). رٿن ۾ اڪثر گهوڙيون ٻڌندا هئا، ۽ اهي نهايت ڀليون هونديون هيون. جيلڪب آباد ۽ تلهار ۾، جن گهوڙن جو نماءُ ڏٺو هوندو، تن کي چڱيءَ ريت سڌ هوندي ته هن وقت به سنڌ ۾ ڀلن گوڙن ۽ گهوڙين جي اڻاٺ ڪانهي.ا ڳي راجائون رشين کي گهوڙا ۽ گهوڙيون به دان ڪندا هئا، جنهنڪري رگ ويد ۾ رشين سندن ساکون ڪيون آهن.
    ڍاري راند: آڳاٽن لوڪن جي عام طرح وندر هئي ڍاري راند. انهيءَ راند جو شوق اڄ تائين اسان جي ڪيترن ماڻهن ۾ هليو اچي. اڳي اوطاقون گهڻيون هونديون هيون، جن ۾ ڍاري راند ڪندا هئا. هينئر ڪي مڙهين ۽ ٽڪاڻن کي اوطاقون بنائي ويٺا آهن، جتي چلم جو بڙڪو ۽ ڍاري جو ٺڙڪو ڏينهن رات ٻڌڻ ۾ پيو اچي، ۽ صافو به سُڪڻ ڪونه ڏين.
    ويدڪ زماني ۾ جوا جون ٽِڪريون عام هونديون هيون، جن ۾ جوارين لاءِ شراب ۽ ڪباب جو بندوبست به رکيل هوندو هو (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 70، 10).
    سنسڪرت ۾ ڍاري کي چئبو آهي ”اَڪش“ جنهن جي ٻي معنيٰ ”اک“ به آهي. هن وقت جيڪي ڍارا عام طرح ڪم اچن ٿا، سي عاج جا ٺهيل آهن، ۽ انهن تي انگن جا نشان اک جي نموني نڪتل هوندا آهن. اتهاسن واري زماني ۾ عاج جا ڍارا هوندا هئا، جن ۾ دغابازي ڪري سيهو ڳاري وجهندا هئا، ته ڍارا اهڙيءَ طرح ليٽن جو داءُ کٽي سگهجي. رگ ويد جي منڊل ستين، (86، 6)، ۽ منڊل ڏهين، (34، 1) ۾ ڍارن لاءِ ”وڀيتڪ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ٻهيڙو“. آؤرا، ٻهيڙا ۽ هريڙون، انهن ٽنهي کي گڏي ”ٽڦلو“ (اطريفل) چئبو اهي. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اڳي ٻهيڙن جون ککڙيون ڍارن طور ڪم اينديون هيون. اهي ککڙيون رنگ جون ڀوريون ٿين ٿيون، تنهنڪري رگ ويد ۾ ڍارن لاءِ ”بَڀُرو“ (ڀورو) لفظ به ڪم آيل آهي.
    هن وقت ڍاري راند ۾ ٽي ڍارا ڪم اچن ٿا، ۽ هرهڪ تي انگ نشان ٿيل هوندا آهن. پروفيسر مئڪڊونيل ۽ ڪيٿ ڄاڻايو آهي ته ”ڍارن تي انگ نشان ٿيل ڪين هوندا هئا، جنهنڪري کٽڻ ۽ هارائڻ جي سڌ ڍارن (ککڙين) جي تعداد مان پوندي هئي.“ رگ ويد ۾ ”تر پنچشهه“ لفظ به ڪم آيل آهي. جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”ٽڪو پنجو“. ڪن يوروپي عالمن ان جي معنيٰ ڪئي آهي ”پندرهن“ ته ڪن ڪئي آهي ”ٽيونجاهه“. رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34، 18) مان به ايترو ظاهر آهي ته گهڻا ڍارا (گهڻيون ککڙيون) گڏي اُڇليندا هئا. اها راند ڪيئن ڪندا هئا، تنهن جو پورو پتو رگ ويد مان ڪونه ٿو پوي، باقي ”آڌيديون“(Adhidevana) لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن تي راند ڪجي“. ٻيو لفظ ”ديوان ايرڻ“ (Devana Irina) ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ ”جوا جي ٽِڪري“ به ٿي سگهي ٿي. ڊاڪٽر انباش چندر داس ڄاڻايو آهي ته زمين ۾ ٿوري کڏ کوٽيندا هئا، جنهن کي انهن نالن سان سڏيندا هئا. هن موجب چئبو ته اها هڪ گولين راند هئي، جنهن لاءِ زمين ۾ ”سچ“ کوٽيندا هئا. ڪي يوروپي عالم انهن لفظن جي معنيٰ ڪن ٿا ”ڍاري راند لاءِ تختو“. هن مان وري ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته ڪپڙي جي ٺهيل چؤنپڙ تن ڏينهن ۾ ڪانه هئي، پر ڪا ميز هوندي هئي، ۽ انهيءَ ميز ۾ ڪا کڏ هوندي هئي، جنهن ۾ ککڙيون ائين وڃي پونديون هيون، جيئن ”بليئرڊ“ راند ۾ گولا وڃيو ڪپڙي جي ڳوٿرين ۾ پون ٿا.*+

    رگ ويد مان ايترو ظاهر آهي ته انهيءَ راند جو اُصلو اِڪيءَ ٻڌيءَ تي ٻڌل هو، ۽ ٻڌيءَ وارو کٽندو هو. جيڪي ککڙيون ”سچ“ ۾ وڃي پونديون هيون، تن مان جيڪڏهن ”چونڪ“ (چار چار داڻا) ٺهندا هئا، ته اهو ”ڪرت“ (Krta) سڏيندا هئا. جيڪڏهن ٽِٽِڻ (ٽي داڻا گڏ) ٺهندي هئي، ته انهيءَ کي ”تريتا“ ۽ ”ٻِٽڻ“ (ٻه داڻا گڏ) کي ”دواپور“ سڏيندا هئا. جيڪڏهن ”سچ“ ۾ ڪنهن جو داڻو ئي هڪڙو پوندو هو ته اهو داڻو ”ڪلي“ (Kali) ڪوٺبو هو. راند اهو کتندو هو، جنهن جا ”ڪرت“ (چؤنڪ) پوندا هئا، ۽ هڪ داڻي گهٽ پوڻ تي هارائيندا هئا (منڊل پهريون، 41، 9). راند ۾ جيڪو هٿ اڇليندا هئا، تنهن کي ”گرهه – گرڀ“ ڪوٺيندا هئا، (منڊل اٺون، 81، 1، ۽ نائون، 106، 3). راند پوري ٿيڻ کانپوءِ اهي ڍارا (ککڙيون) ڪنهن دٻلي ۾ ڍڪي رکندا هئا، ۽ اهو دٻلو ”اَڪش وپَنَ“ (Aksa – Vapana) سڏبو هو، يعني جنهن ۾ ڍارا يا ککڙيون اڃولي وجهجن. راند ۾ جيڪو داءُ رکندا هئا، تنهن کي ”وج“ (Vij) چوندا هئا. انهيءَ جوا ۾ گهڻن جا خانا خرابا ٿيندا هئا. جوا ۾ ڌن ۽ چوپايو مال ته هارائيندا هئا، پر وقتي پنهنجون جويون به هارائيندا هئا!‘ ماڻهن کي اها جوا جي چوس ڪيتري قدر هوندي هئي، ۽ انهيءَ چوس جي ڪري سندن ڪهڙا حال ٿيندا هئا، تنهن جا جگر ڏاريندڙ احوال اتهاسن مان ملن ٿا. نل دمينتيءَ جو دلسوز قصو پڙهو. مهاڀارت ۾ به ڏسو ته راجا يڌشٽر جهڙي ڌرماتما پرش جوا ۾ پنهنجي راجائي ته وڃائي، پر درويدي به هارايائين! پر اها به ٿي پوءِ جي ڳالهه خود ويدڪ زماني ۾ ئي جوارين جو ڪهڙو حال هوندو هو، سو هتي رگ ويد مان ڄاڻائجي ٿو، ته هن وقت جيڪي جوا ڪن ٿا، انهيءَ مان سبق سکن.
    جواريءَ جو ارمان: هڪ جواريءَ، جوا ۾ پنهنجو خانو خراب ڪري، بلڪ پنهنجي جوءِ کان جدا ٿي پوءِ جيڪو ارمان ظاهر ڪيو آهي، سو رگ ويد جي منڊل ڏهين، (34) ۾ هن ريت ڄاڻايل آهي:
    ”ٻهيڙن مان پيدا ٿيل (ڍار) جيئن ولٽندا وڃن، تيئن منهنجي دل کي خوشي پيئي ٿئي، اهي ڍارا مون کي ائين ٿا هرکائين، جيئن سوم رس تي ماڻهو هرکي وڃي“.
    ”منهنجيءَ زال مون سان ڪڏهن جهيڙو جهٽو ڪونه ڪيو، نڪي ڪڏهن مون کي ڌڪاريائين، پر ڍاري راند سان دل رکي، مون پنهنجيءَ وفادار زال کي هڪالي ڪڍيو آهي“.
    ”پنهنجيءَ سس کي مان ڏٺو نٿو وڻان، ۽ منهنجي زال هينئر مون کي پاڻ وٽ اچڻ نٿي ڏئي، تنگيءَ جي مهل جواريءَ جي دل کي ڪو دلاسي ڏيڻ وارو ڪونهي.“
    ”جهڙيءَ ريت گهوڙي جي پٺي گاٺ سبب ڦَٽي پيئي هوندي آهي، ۽ کيس ڪابه فرحت ڪانه هوندي آهي، تهڙيءَ ريت جواريءَ جي دل کي انهيءَ کان وڌيڪ فرحت ڪانهي“.
    ”جنهن ماڻهوءَ پنهنجو ڌن ڍاري راند ۾ وڃايو آهي، تنهن جي زال وٽ ٻيا مرد کيس هرکائڻ لاءِ وڃن ٿا. هن جو (جواريءَ) جو پيءُ، ماءُ ۽ ڀائر رڙ ڪري پيا چون ته ”اسين سڃاڻونس به ڪونه، ٻڌي وٺي وڃوس.“
    ”منهنجا سنگتي ساٿي مون کي پاڻ ڪڍائي، مون کي ڇڏي ويا آهن، تنهنڪري پِرڻ به ڪريان ته وري ڍاري راند ڪونه ڪندس، پر جڏهن جواري ڀؤرا ڍارا اُڇلين ٿا، ۽ ڍارن جو کڙڪو ٺڙڪو ٿئي ٿو، تڏهن جوا جي ٽِڪريءَ ڏي مان ائين وک کڻي وڃان ٿو، جيئن ڪا عورت پنهنجي آشنا ڏي وڃي.“
    ”ماڻهو ڪهڙو به شوخ ۾ شوخ هوندو، ته به ڍارا سندس غضب کان ڊڄي، سندس اڳيان ڪنڌ نٿا جهڪائين، پر خود راجائون اچيو ڍارن جو سلام ڀرين ٿا“.
    اهي ڍارا ٽانڊن جهڙا آهن، جن پاڻ جيتوڻيڪ ٿڌا آهن، ته به دل کي لهس ڏيو ڇڏين.“
    ”جواريءَ جي ڏتڙيل زال پريشان آهي، ۽ اهو ئي حال آهي انهيءَ ماءُ جو، جنهن کي سڌ ئي ڪانهي، ته پُٽس ويندو ڪيڏانهن آهي.“
    ”جواري جڏهن ڏسي ٿو، ته ٻيون زالون پنهنجن پنهنجن گهرن ۾ سکيون سهنجون آهن، تڏهن پنهنجيءَ زال جا اَٻالا حال ڏسي، سندس جان پيئي جلي، پر صبح جو وري به وڃي ڍارو جوٽي ٿو، ۽ رات جو جنهن وٽ چلهه جي باهه اُجهامي وڃي ٿي، تنهن وقت تائين پاڻ به ڏتڙيل حالت ۾ وڃي پهچي ٿو.“
    ”ڪڏهن به ڍاري راند نه ڪريو. کيتي ڪريو. جيڪا ملڪيت اٿو، تنهن تي راضي رهو، ۽ ائين سمجهو ته اها ڪافي آهي. پوڄڻ جوڳ سَوتر ديوتا (سورج ديوتا) مون کي ائين پيو چوي ته ”اي جواري، اجهي هي تنهنجون گايون ۽ اجها هيءَ آهي تنهنجي زال، انهن جي سنڀال ڪر.“
    هي مضمون نهايت نصيحت آميز آهي، ۽ ساڳئي وقت ڄاڻائي ٿو ته جنهن رشيءَ جو اهو چيل آهي، تنهن انساني سڀاءَ جو پوريءَ ريت اڀياس ڪيو آهي.
    جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جو رواج: جوا جي علت کان سواءِ ٻي هڪ بڇڙي رسم جا اڄ تائين سڄي هندو جاتيءَ تي هڪ ڪوڙهه جو ٽڪو آهي، سا آهي جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي رسم. هن بد رسم جو بنياد آهي ٻانهپ يا غلامي، جا خود هڪ بد رسم آهي. اڳي جنگ ۾ گرفتار ٿيل زالون ٻانهيون ڪندا هئا، ۽ اهي سندن ملڪيت هونديون هيون. گهڻين زالن پرڻجڻ جو رواج ائين پيو. رگ ويد واري زماني ۾ اڪثر ججهيءَ هوند وارا گهڻيون زالون پرڻبا هئا، (منڊل ستون 18، 7، ۽ منڊل ڏهون، 95، 6). ڪي گهٽ ذاتين وارا به ٻه – ٻه، ٽي – ٽي زالون پرڻبا هئا، جو گرفتار ٿيل زالون وڪامنديون به هيون. انهيءَ هوندي به وچولي درجي وارا ماڻهو گهڻو ڪري ”ايڪ پتني وواهه“ يعني هڪ زال سان پرڻجڻ (Monogamy) پسند ڪندا هئا، جيئن ڪاڪشون رشي سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جون ڏهه نياڻيون پرڻيون هو. گهڻين زالن پرڻجڻ ڪري گهر جنسي ڪرهن (جهيڙي) جو آکاڙو ٿيو پوي، تنهنڪري ڪيترن رشين جو عام طرح خيال هو ته گهرو سک آهي ئي تڏهن، جڏهن مرد فقط هڪ زال پرڻجي ٿو، (رگ ويد منڊل ٽيون، 53، 6). ڪن اهو به اوچو آدرش اڳيان رکيو ته فقط هڪڙي زال پرڻجي، ۽ رڳو انهيءَ سان ئي ناتو رکجي، ۽ ٻين کي ماءُ ڀيڻ جهڙو ڪري سمجهجي. انهيءَ سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته ”ايڪ ناري سدا برهمچاري“، يعني جيڪو ماڻهو رڳو پنهنجيءَءِ هڪڙيءَ زال سان ورتي ٿو، سو گويا سدائين برهمچاري آهي. ماڻهن ۾ جيتوڻيڪ انيڪ خيال عام به هو، ته به ”بهو پتني وواهه“، يعني گهڻين زالن پرڻجڻ جي رسم (Polygamy) پوءِ به هلندي ائي. رامائڻ واري زماني ۾ راجا دسرٿ جي گهر ۾ پهاڄپڻي اهڙي حالت پيدا ڪئي، جو خود پنهنجيمربي پٽ شري رامچندر کي چوڏهن ورهيه بنواس ڀوڳايائين، ۽ سندس وڇوڙي ۾ پنهنجا پراڻ تياڳيائين! اهڙن مثالن هوندي به ماڻهن اها بد رسم نپت ڪانه ڇڏي. هندن جي شاسترن ۾ گهڻين استرين پرڻجڻ کان روڪ ٿيل ڪانهي. سرڪار هندن لاءِ جيڪو قاعدو جوڙيو آهي، سو سڄو هندن جي شاسترن ۽ روجن تي ٻڌل آهي، تنهنڪري جيئريءَ تي جيئري پرڻجڻ جي قاعدي موجب روڪ ڪانهي. انهيءَ هوندي به عام طرح گهڻا اها رسم ڌڪارڻ لڳا، جنهنڪري سنڌ ۾، توڙي ٻين ڪيترن هنڌ انهيءَ رسم تي ڪي بندشون وڌائون. ڪيترن ورهين کان عام رواج هيءُ آهي ته ڪوبه ماڻهو هڪڙيءَ استريءَ هوندي ٻي اِستري تڏهن پرڻجي سگهي ٿو جڏهن:
    (1) استري چٽ چري هجي، ۽ سندس سنئين ٿيڻ جي اميد پٽيءَ نه هجي،
    (2) ڪوڙي يا ٻيو اهڙو ڪو نهايت خوفناڪ مرض هجيس. ۽ سندس ڇٽڻ جي اُميد بنهه ڪانه هجي.
    (3) اِستري سنڍ هجي. ۽ پتيءَ کي ٻي شادي ڪرڻ جي پاڻ موڪل ڏئي، ۽
    (4) اِستري رڳو ڌيئون پيئي ڄڻيندي هجي، ۽ پتيءَکي ٻي شادي ڪرڻ جي پاڻ موڪل ڏئي، ته ڀلي ته ٻيءَ اِستري مان پتر سنتان پيدا ڪري.
    جنهن کي انهن چئن سببن مان ڪوبه سبب ڪونهي، سو هڪڙيءَ اِستريءَ هوندي ٻي اِستري پرڻجي نٿو سگهي.
    پنچاتين اهڙيون بندشون وڌيون، تنهن کانپوءِ به ڪي ماڻهو نه رهيا. سندين پنچاتين مٿن مقدما داخل ڪيا، ته هنن هليءَ چليءَ جي برخلاف شادي ڪئي آهي، تنهنڪري اها شادي رد ۽ باطل ٺهرائي وڃي. ڪي هڪ نه ٻيو سبب ڏيئي پاڻ ڇڏائي ويا، ته ڪن حالتن ۾ خود پنچاتين معافي ڏيڻ ضروري سمجهي. هاڻ ماڳهين اها ڪوشش هلندڙ آهي ته انهيءَ بد رسم کي قاعدي جي ڪاتيءَ سان رد ڪجي. هن لاءِ هڪ مسودو هند سرڪار جي قاعدي ساز ڪائونسل ۾ پيش ٿيو آهي. جيڪڏهن اهو بحال ٿيندو، ته سڄي هندستان جي هندن جو انهيءَ ۾ ڀلو ٿيندو.
    اولاد جو ماءُ جي نالي پٺيان سڏجڻ: اڳي عام طرح راجائون، رشي ۽ ٻيا گهڻيون زالون پرڻبا هئا، ته انهيءَ رواج مان هڪ بيو رواج پيدا ٿيو، جو هن وقت عجيب پيو لڳي. هن وقت هرڪو پنهنجي پيءُ جو اولاد سڏجي ٿو، پر اڳي هرڪو ماءُ جو اولاد سڏبو هو، جنهنڪري سمجهڻ سولو ٿيندو هو ته پيءُ جي ڪهڙيءَ زال مان پيدا ٿيل آهي. ڪاڪشون نالي هڪ رشي سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جون ڏهه نياڻيونپرڻيو هو. انهيءَ رشيءَ جي پيءُ جو نالو ”درگهه تمس“ (Drigha – Tamas) يعني ”ڊگهي اوندهه“ هو، ۽ ماڻس جو نالو ”اؤشيج“ هو، تنهنڪري رگ ويد ۾ ڪاڪشون رشي ”اؤشيج“ يعني اُشيج جو پـٽ سڏيو ويو آهي. اهڙا مثال ٻيا به آهن. مثلا: ”اَنجنيه“ معنيٰ ”انجنا جا پٽ“. اهو نمونو ديوتائن ۽ دئتن سان به لاڳو ڪيائون. مثلاً : ”اَدتيه“ معنيٰ آدتيءَ جا پٽ (سورج ديوتا وغيره)، ۽ ”دئتيه“ (دئت) معنيٰ دتيءَ جا پٽ. اهو رگ ويد واري زماني جو رواج پوءِ به هلندو آيو. راجا دسرٿ جو پٽ شري رامڇندر، راجا رگهو جي نسل مان هو، تنهنڪري پنهنجي انهيءَ وڏي ڏاڏي جي نالي پٺيان ”رگهو پتي“ يعني رگهو ڪُل جو مالڪ هو، ۽ ”راگهو“ يعني راجا رگهوءَ جو اولاد سڏجڻ ۾ آيو.
    ________________________________________
    * It is difficult to conceive that cotton (which, as we learn from professor J.H. Balfour, is supposed to have been indigenous in India), though not mentioned in the hymns, should have been unknown when they were composed, or not employed for wearing the light cloth which is necessary in so warm a climate. Dr. Muir: Original Sanskrit. Tests V. p. 462.
    ** Considerable attention was already paid to personal decoration Ibid p. 462.
    + If the rendering be correct, this shows the custom of presenting honorary dresses to be of India. And of origin considerable antiquity. Wilson's Reg veda, III, p. 277.
    * پوپاڪ صاحب ڄاڻايو آهي ته ”قديم يوناني لوڪ هندن وانگر ڌوتي پائيندا هئا، ۽ ڪلهن تي بوڇڻ وجهندا هئا“. اهو پاسو وسايو ئي هندن هو، تنهنڪري هندڪا رواج ايڏانهين عام ٿيا هئا. - مصنف
    ** "Anything more convenient to walk, to sit, or to lie in, it would be impossible to invent." Col. Meadows Taylor; Edinburg Review for July, 1867.
    * Cambridge History of India, 1, 103.
    * Kaegi: The Reg Veda, p. 19.
    * Vedic Index, I, p.4.
    + Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 229.
    ”رگو پتي، راگهؤ، راجا رام،
    پنت پاون، سيتا رام“.
    شري رامچندر، راجا دسرٿ کي راڻي ڪوشليا مان ڄائو هو، تنهنڪري ”ڪوشلييه“ يعني ڪوشليا جو پُٽ به ڪوٺيو ويو آهي. سندس ڀاءُ لڇمڻ ”سمترييه“ يعني راڻي سُمترا جو پٽ، ڪوٺيو ويو آهي. مطلب ته ٽنهي ڀائرن جو پيءُ ساڳيو ئي هو، پر مائون ٻيون ٻيون هين، تنهنڪري مائرن جي نالن پٺيان به سڏجڻ ۾ ٿي آيا.
    مهاڀارت مان معلوم ٿئي ٿو ته ارجن راجا پانڊوءَ جو پُٽ هو، تنهنڪري ”پانڊقؤ“ يعني راجا پانڊوءَ جو پٽ سڏبو هو، پر ماڻس جو نالو ”ڪُنتي“ هو، تنهنڪري ”ڪونتييه“ ۽ ”ڪنتي نندن“ به ڪوٺبو هو. ڪنتيءَ جو ٻيو نالو ”پرٿا“ هو، تنهنڪري شريمد ڀاڳوت گيتا ۾ ارجن جو بيو نالو ”پارٿ“ يعني پرٿا جو پٽ ڄاڻايل آهي. ائين اتهاسن واري زماني ۾ ئي نمونا چالو هئا، يعني هرڪو پيءُ توڙي ماءُ جي نالي پٺيان سڏبو هو. انهيءَ کان گهڻو پو3 هرڪو رڳو پنهنجي پيءُ جو اولاد ليکجڻ ۾ آيو، پوءِ ڀل ته پيءُ جي ڪهڙيءَ به زال مان پيدا ٿيو هجي. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته اهو اصل دراوڙن جو دستور هو، جو آڳاٽن آرين به اختيار ڪيو هو. ڪنهن به صورت ۾ اها پڪ آهي ته گهڻين زالن پرڻجڻ جي رواج هئڻ سبب اهو رواج پيو، ۽ پوءِ جيئن هڪ اِستري پرڻجڻ جو رواج عام ٿيو، تيئن هيءُ رواج گهٽبو ويو، ۽ هاڻ اصل ڪونهي.
    مردن جو وري پرڻجڻ: گهڻين زالن پرڻجڻ بدران فقط هڪ اِستري پرڻجڻ جو رواج عام ٿيندو ويو، ته ايترو ڪيائون، ته جنهن جي پهرينگ هر واري گذاري ويندي هئي، سو ٻيو گهر پڻبو هو. ٻي زال به مري ويندي هئي ته پوءِ ڪنهن کي ٽئين ۽ چوٿين گهر واري پرڻجڻ کان منع ڪانه هوندي هئي، ۽ اهو ئي رواج اڄ تائين چالو آهي. اڪثر ساليءَ سان پرڻجڻ روا ليکبو هو، جو سالي ساڳئي گوتر مان نه آهي. ڪنهن کي پهرئين گهر مان اولاد هوندو، ۽ سالي پرڻبو، ته ٻارن جي اها ماسي پنهنجن ڀاڻيجن ۽ ڀاڻيجين کي گهٽ ڪين گهرندي. البت ايترو آهي ته ماءُ وري به ماءُ آهي، ۽ ماسي نيٺ به ماسي آهي، ۽ اها ڦري ماءُ ٿيندي، ته به جيترو هڏ سڳيءَ ماءُ جو ڪرڪندو، تيترو ماٽي جي ماءُ يا ماسيءَ جو نه ڪرڪندو. انهيءَ سبب چوڻي آهي ته:
    انهيءَ هوندي به ڪنهن هنڌان پرڻجڻ بدران وري به ساليءَ سان پرڻجڻ بهتر سمجهندا هئا، جو ڌاريءَ کان وري به ماسيءَ کي ٻارن جو وڌيڪ تاءُ اُڀرندو. جيڪڏهن ڪنهن کي پهرينءَ زال مان اولاد نه هوندو هو، ته به اڳين ساهرن سان پريت ٽوڙڻ واجب نه سمجهي، سالي پرڻبو هو ۽ ائين اڳيون رستو قائم رکندو ايندو هو. اهڙن سببن ڪري ساليءَ سان پرڻجڻ جو رواج اڄ به عام آهي. ڏير جو ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ به روا ليکبو هو، جو ڀاڄائي به ساڳئي گوتر مان نه آهي. اها ”وڌوا وواهه“ (Widwo Marriage) جي ڳالهه آهي، تنهنڪري ان جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، تنهنڪري ڀاجھائيءَ يا ٻيءَ ڪنهن به وڌوا سان پرڻجڻ جو رواج اڄ به گهڻو عام نه آهي.
    وڌوا وواهه: ”وڌواهه“ لفظ ۾ ”و“ معنيٰ ”سواءِ“ ۽ ”ڌوَ“ معنيٰ ”مڙس“. سنسڪرت لفظ وڌوا جو اُچار انگريزيءَ ۾ آهي ”وڊو“ (Widow) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”مڙس کان سواءِ“، يعني ”رن زال“، جا ”ڏنيل“ ۽ ”ڦلاونتي“ به سڏبي آهي. اڳي ڪنهن ڇوڪريءَ جو مڱئي هوندي مڙس مري ويندو هو، ته پوءِ هن جو وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ اعتراض جوڳي ڳالهه نه ليکبي هئي. اڄ به ائين آهي. جيڪڏهن پرڻجڻ کان پوءِ ڪنهن جو پتي گذاري ويندو هو، ته نڪي اها ڏنيل زال وري پرڻجڻ پسند ڪندي هئي، نڪو ماڻهو وڌوائن سان پرڻجڻ عام طرح پسند ڪندا هئا. انهيءَ هوندي به وڌوا وواهه ٿيندا هئا. ”دڌشو“ (Didhishu)معنيٰ ”اُهو مرد جو ڪنهن وڌوا سان پرڻيو هجي“. ”پر پورو“ (Parapurava)معنيٰ ”اُها زال جنهن نه ٻيو مڙس ڪيو هجي“. پؤنر ڀَوَ“ (Panuarbhava)معنيٰ ”وڌوا زال جو ٻئي مڙس مان ڄاول پٽ“. اهي لفظ خود ڄاڻائين ٿا ته وڌوائون پرڻبيون هيون.
    منوسمرتيءَ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم زماني ۾ وين“ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جو وڌوائن کي زوريءَ پرڻائيندو هو، جنهنڪري ڪيترا ”دوجه“ (Twice born) يعني براهمڻ، کتري ۽ وئش دل ۾ ڪندا هئا، (9- 65-66 شلوڪ). اڄ به ڪيترن جا اهي خيال آهن ته جيڪا وڌوا رهي سگهي، تنهن کي زوريءَ پرڻائڻ واجب نه آهي، پر جا نه رهي سگهي، تنهن کي وريپرڻجڻ کان روڪڻ روا نه آهي.
    رگ ويد ۾ ”ديور“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”ڏير“ ۽ معنيٰ اٿس ”مڙس جو ڀاءُ“. پروفيسر مئڪس ملر جي خيال موجب انهيءَ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”دِوَ“ معنيٰ راند ڪرڻ. هن لفظ مان اها سڌ پوي ٿي ته ڏير ۽ ڀاڄائي پاڻ ۾ ڀاءُ ڀيڻ وانگر رانديون ڪندا هئا، تنهنڪري ”ديور“ (ڏير) جي اصل معنيٰ هئي ”راند ڀائي“ يا ”راند ساٿي“ (A play – mate) . اڄ به ڪيترن هنڌ ڏير ۽ ڀاڄائي گڏجي پتي راند، ۽ ٻي وندر ور ونهن ڪن ٿا.
    ڪي ائين ڀائيندا آهن ته سنسڪرت لفظ ”ديور“ اصل ۾ آهي ”دوي ور“ يعني ٻيو مڙس. اهو هن ڪري چون ٿا ته، جو ڏير پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ سان پرڻجي سگهي ٿو. حقيقتاً ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ جو رواج هندن ۾ نڪي اڳي عام هو، نڪي هينئر عام آهي. اڄ به ڏير جو ڀاڄائيءَ سان پرڻجڻ هڪ نهايت ڪسي ڳالهه ليکجي ٿي، تنهنڪري ائين سمجهڻ ته ”ڏير“ اصل ۾ ٻيو مڙس ڪري ليکبو هو، سا بنهه غلط ڳالهه آهي. ڏير ۽ ڀاڄائيءَ جي ميلاپ بنسبت اڳي هڪ نهايت عجيب رواج به ڪجهه وقت هلندڙ هو، جو ”نيوڳ“ سڏبو هو. جنهن جو ذڪر ڌار ڪجي ٿو.
    نيوڳ: (Levirate) رگ ويد واري زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته جنهن زال جو مڙس مري ويندو هو، سا پنهنجي پتيءَ سان گڏ چکيا تي چڙهي، پاڻ کي جلائي ڀسم ڪندي هئي. اهو ئي رواج ڪي صديون ساندهه هلندو آيو. ڪن حالتن ۾ وڌوا پنهنجي ڏير يا مڙس جي ڪنهن ويجهي عزيز سان پرڻبي هئي. وقتي هيئن به ٿيندو هو ته جنهن جوان زال کي پنهنجي پتيءَ مان ڪو اولاد نه هوندو هو، سا پنهنجي نسل قائم رکڻ لاءِ ڏير سان ڪجهه وقت گڏ رهي، ٻار ڄڻيندي هئي، (رگ ويد، منڊل ڏهون، 40، 2). ڏير سان گڏ رهڻ لاءِ وهانءَ جا ساٺ سوڻ ڪونه ٿتيندا هئا، جو اهي سڄي عمر زال مرس ٿي گڏ نه گذاريندا هئا. انهيءَ رواج جو مثال مهاڀارت مان به ملي ٿو. مهاڀارت واري زماني ۾ ويد وياس پنهنجيءَ وڏيءَ ڀاڄائيءَ انيڪا سان هڪواريءَ سنجوڳ ڪري ”ڌر تراشٽر“ (ڪورون جو پيءُ) ڄڻيو. ساڳئي ويد وياس پنهنجيءَ ننڍيءَ ڀاڄائيءَ انبالڪا مان ”پانڊو“ (پانڊون جو پويءُ) ڄڻيو. اهي ٻار ڄاوا ته پوءِ ويد وياس ڪڏهن به وري پنهنجين ڀاڄاين جي ويجهو ڪونه ويو، جو انهيءَ ٿوري وقت سنجوڳ ڪرڻ جي مراد رڳي ايتري هئي ته پٽ پيدا ٿئي، جو ڪُل جو نالو قائم رکندو اچي. انهيءَ رسم کي ”نيوڳ“ سڏيندا هئا. انهيءَ رواج جو منو سمرتيءَ (9، 89 – 70) ۾ به ذڪر ڪيل آهي. شلوڪ 70 ۾ چيل آهي ته ڀاڄائيءَ جو ناتو پنهنجي ڏير سان فقط تيستائين رهندي جيستائين پٽ ڄمندس. راجا ڌر تراشٽر ۽ راجا پانڊو توڙي جو وڏو گهراڻا آريا هئا، ته به هيءُ نيوڳ جو رواج سڀني آرين ۾ عام نه هو. اهو گهٽ ذات وارن جو رواج هو، جنهنڪري وڏ گهراڻن آرين انهيءَ رواج کي پوءِ زور وٺڻ ته نه ڏنو، پر پاڻ صفا بند ڪري ڇڏيائون، جنهنڪري رڳو گهٽ ذاتين وارا اهو رواج پوءِ هلائيندا آيا. اڄ تائين اوريسا جا ڪي گهٽ ذات ورا هندو پنهنجي نياڻي انهيءَ ماڻهوءَ سان پرڻائيندا آهن، جنهن کي ڪو ڀاءُ هوندو آهي، ته مڙس مري وڃڻ جي حالت ۾ هوءَ ڏير سان پرڻجي سگهي، ۽ هميشه لاءِ وڌوا ٿي رهڻو نه پويس. ساڳيءَ طرح آگري ۽ ائوڌ جي گڏيل پرڳڻن، ۽ بهار جا ڪي گهٽ ذات وارا هندو ڏنيل زال کي پنهنجي ڏير مان اولاد پيدا ڪرڻ جي اجازت ڏيندا آهن. مطلب ته وڏ گهراڻن هندن اِهو رواج بنهه بيهودو سمجهي ٿڏي ڦٽو ڪيو، جنهنڪري هن وقت رڳو ڪي گهٽ ذات وارا هندو اهو رواج هلائيندا پيا اچن، پر اهو به سڀني هنڌ عام ڪونهي.
    هيءُ نيوڳ جو رواج خود ائين پيو ڄاڻائي ته اهو اصل آرين جو جاري ڪيل نه هو، نه ته جيڪر نيوڳ جا گهڻي ئي مثال اتهاسن ۽ پراڻن مان ملن. تاريخ جي اڀياس مان مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو رواج اصل بني اسرائيل (يهودين) جاري ڪيو هو، ۽ هنن کي ڏسي ڪجهه وقت آرين به لاچاري حالتن ۾ اهو روا ڪيو، پر ان کي ڪڏهن به زور وٺائڻ جي ڪوشش نه ڪيائون. رگ ويد واري زماني ۾ ئي اُتر هندستان ۽ ڏکڻ هندستان جا واپاري وڻج واپار سانگي بئبلونيا، سيريا يا شام ملڪ ۽ الهندي ايشيا جي ٻين هنڌن ڏانهن ويندا هئا، ۽ پوءِ اتي پنهنجون بيٺڪون به وڌائون، بلڪ منجهائن ڪي يهودين ۽ ٻين سيميٽڪ قومن سان سنڱ ڳنڍي ويٺا. انهيءَ گهڻي ۽ گهاٽيءَ لهه وچڙ جو هڪ اثر هي ٿيو، جو بني اسرئايلن جو هيءُ رواج ڪن آرين به اختيار ڪيو، پر رڳو لاچاري حالتن ۾ بني اسرائيلن ۾ نيوڳ جو رواج نهايت قديم زماني کان هو، ۽ پوءِ حضرت موسيٰ ان کي زور وٺايو. اها حقيقت عيسائين جي انجيل مان ڀليءَ ڀت معلوم ٿئي ٿي. انجيل ۾ چٽيءَ ريت لکيل آهي ته حضرت موسيٰ جو چوڻ هو ته ”جيڪڏهن هڪڙو ڀاءُ بنا اولاد جي مري وڃي، ته ٻيو ڀاءُ پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان سندس نالي ٻار پيدا ڪري.“ حضرت موسيٰ جي فرمودي موجب قديم يهودي هيئن ڪندا هُئا، جو ڪنهن جو هڪڙو ڀاءُ مري ويندو هو، ته سنديس ڏنيل زال ٻئي ڀاءُ سان گڏ رهندي هئي ۽ بيو ڀاءُ بنا اولاد جي مري ويندو هو ته پوءِ ٽئين، چوٿين، پنجين، ڇهين ۽ ستين ڀاءُ سان به گڏ رهي ٻار ڄڻيندي هئي“! انجيل جي جهوني عهدنامي(Old Testament) مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم يهودين ۾ اصل قاعدو ئي اهو هو ته ”جيڪڏهن ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ منجهائن ڪو هڪڙو بنا اولاد جي مري وڃي، ته فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي سان نه پرڻجي. سندس ڏير کيس پنهنجي زال ڪري ساڻس سنجوڳ ڪري، ۽ جيڪو پهريون ٻار ڄمي، سو فوتيءَ جو اولاد ليکجي، ته بني اسرائيل ۾ فوتيءَ جو نالو قائم رهي“. هن قائدي موجب پنهنجيءَ ڏنيل ڀاڄائيءَ مان ٻار پيدا ڪرڻ ڏير جو فرض هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ انهيءَ فرض ادا ڪرڻ کان انڪار ڪندو هو ته سنديس ڏنيل ڀاڄائي شهر جي بزرگن وٽ دانهياڻي ٿي ويندي هئي، ۽ مکي ۽ پئنچ سندس ڏير کي گهرائي سمجهائيندا هئا. انهن بزرگن جي چوڻ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪو ڏير پنهنجيءَ ڀاڄائيءَ جي ويجهو نه ويندو هو، ته هوءَ انهن بزرگن جي روبرو ڏير کي منهن ۾ ٿڪ هڻندي هئي، ته لوڪ ڏسي ته هيءُ اهڙو نالائق آهي، جو پنهنجي ڀاءُ جي نالي ٻار پيدا ڪرڻ کان انڪار ڪري ٿو، ۽ ٻيا عبرت وٺن ته جيڪو ڏير پنهنجو اهو فرض ادا نه ڪندو، سو ٿڪ لعنت جوڳو ٿيندو! هيءُ رواج هن وقت گهڻن کي عجيب لڳندو، پر آڳاٽن يهودين جا قاعدا اجهي اهي هئا، جي سندن پاڪ ڪتاب (انجيل) ۾ لکيل آهن. **

    آڳاٽن آرين به ”نيوڳ“ جو رواج ڪجهه وقت قائم رکيو، ۽ انهيءَ ۾ ڪو اهم ڪونه ايندو هئن. ايترو آهي ته ڀيشم پتامہ پنهنجي پيءُ جي دل وٺڻ لاءِ سڄي عمر برهمچاري ٿي رهڻ جو پرڻ ڪيو هو، ۽ پوءِ چيائونس ته پنهنجين ڀاڄاين سان ڪجهه وقت گڏ رهي پتر سنتان پيدا ڪر ۽ ائين ڪرڻ کان صفا انڪار ڪيائين، ته ڪنهن به ڏوراپو ڪونه ڏنس. هن مان ظاهر آهي ته يهودين وانگر آريه لوڪ پنهنجين ڀاڄاين مان ٻار پيدا ڪرڻ لاءِ ٻڌل ڪونه هوندا هئا. هن وقت جي ڪري اهو ”نيوڳ“ جو رواج ”نهَ يوڳ“ (اجوڳ) يعني نامناسب يا غير واجبي آهي. ايترو آهي ته ڏير جو وهانءُ هن وقت جيڪڏهن ڏنيل ڀاڄائيءَ سان ٿئي ٿو ته وهانءُ جا ساٺ سوڻ ڪن ٿا، ۽ هو جيستئاين جيئرا آهن، تيستائين زال مڙس ٿي گڏ گذارين ٿا، پر اهڙا وهانءَ به بلڪل ٿورڙا ٿين ٿا.
    ستي: ويدڪ زماني ۾ عام دستور هيءُ هوندو هو ته وڌوائون مڙسن جي لاشن سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي جلائي پورو ڪنديون هيون. اهي ”ستيون“ سڏبيون هيون. اهو رواج ڪيئن پيو، سا ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڪانهي. ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي خيال موجب انهيءَ رسم جي مراد هيءَ هئي ته مرڻ کان پوءِ به مردن جي گهرو سک لاءِ زالون ساڻن گڏ هجن. اهو سچ آهي ته ڪن قديم لوڪن جا اهڙا خيال هوندا هئا. مثلاً قديم مصر ملڪ جا ماڻهو ائين وسهندا هئا ته هر ڪنهن انسان کي مرڻ کانپوءِ ٻئي جهان ۾ به انهن شين جو کپ پوي ٿو، جي شيون هن جهان ۾ ڪم آڻيندو هو. انهيءَ سبب پراڻيءَ کي دفن ڪرڻ مهل مڻيا، ڪپڙا، بسترو ۽ ٻيو گهرو سامان بلڪ گاڏيون ۽ ٻيڙيون به ساڻس گڏ دفن ڪندا هئا! اڄ تائين هندن ۾ به دستور آهي ته ڪو مرد مرندو آهي ته کيس سوني منڊي پائيندا آهن، ۽ ڪا زال مرندي آهي ته هن کي نڪ ۾ نٿڙي يا ڪنن ۾ ڪو زيور پائيندا آهن ته ڀلي ته مڻيو منڊي ساڻ هجيس، پر مصنف جي راءِ موجب ستي لڪڙيءَ جو رواج اهڙي خيال کان ڪونه پيو ٿو ڏسجي. ”ستي“ لفظ خود ڄاڻائي ٿوته جيڪي ستياڻيون پتو رت ڌرم پالن ڪنديون هيون، ۽ پنهنجن مڙسن سان سچي پچي پريت هوندي هين، ۽ کانئن هڪڙو پل به پاسي ٿيڻ نه چاهينديون هيون، سي پتيءَ کان پوءِ پنهنجو جيئڻ جاڙ (آڪيارٿو) سمجهي، ساڻس گڏ چکيا تي چڙهنديون هيون، ته مرڻ کانپوءِ به هڪٻئي سان گڏ هجون، ۽ اسان جي پريت هلندي اچي. مطلب ته پتورت اِسترين جي پنهنجي پتيءَ سان ججهي پريت هئڻ سبب ستي لڪڙيءَ جو رواج وڌو. سندن اهڙن خيالن سبب اڄ تائين چوڻي آهي ته: *

    پريت تو ائسي ڪيجئي، جئسي هندو ڪي جوءِ،
    جيتي جي تو سنگ رهي، مـــئي ڀي ســـتي هـــوءِ.
    يعني پريت ته اهڙي ڪجي، جهڙي هندوءَ جي زال ڪري ٿي، جيئري ته مڙس سان رهي ٿي، پر مڙس جي مرڻ کانپوءِ به ستي ٿئي ٿي. ٻيو هڪ سنڌي پهاڪو آهي ته ”ستي لڪڙن کان موٽڻ (پاڻ نه جلائڻ) ڪسي ڳالهه ليکبي هئي، ۽ پوءِ اهڙيءَ زال جو مان نه رهندو هو. مطلب ته مانُ ٿيندو ئي انهن زالن جو هو، جي پنهنجي پتيءَ سان گڏ پاڻ کي به لڪڙا ڏيئي پورو ڪنديون هيون. ستي لڪڙيءَ جي رواج جو ذڪر اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين (3، 1) ۾ آهي. اهو رواج رگ ويد واري زماني ۾ به هو، پر سڀڪا وڌوا پاڻ کي ڪانه جلائيندي هئي. رگ ويد جي منڊل ڏهين، سُوڪت اٺين (اَشٽڪ ستين جي ڇهين اڌ ڀاءُ جي ورگ ٻئي) ۾ جيڪي لکيل آهي، تنهن جو ترجمو ڪن عالمن ڪيئن ته ڪن ڪيئن ڪيو آهي. گهڻن عالمن ان جو ترجمو هيئن ڪيو آهي:
    ”اي ناري، اُٿ! تون انهيءَ جي ڀرسان اچي ليٽي آهين، جنهن جا پساهه پورا ٿي ويا آهن. جيئرن جي دنيا ۾ آءُ. پنهنجي پتيءَ کان پري ٿيءُ، ۽ انهيءَ جي استري ٿيءُ، جو تنهنجو هٿ جهلي بيٺو آهي، ۽ توسان پرڻجڻ جي مرضي اٿس“.
    جيڪڏهن هيءُ ترجمو صحيح آهي ته چئبو ته جنهن مهل ڪا ستي پنهنجي مئل پتيءَ جي چکيا وٽ پاڻ جلائڻ لاءِ وڃي ليٽندي هئي، تنهن مهل سندس ڪنارو ڏير يا ٻيو ڪو، جو ساڻس پرڻجڻ چاهيندو هو، سو هٿ کان وٺي اُٿاري ايندو هئس. اهڙيءَ طرح هن ٿوري مضمون مان ستي لڪڙيءَ توڙي وڌوا وواهه جي رواج جا اُهڃاڻ ملن ٿا. ايترو چئبو ته ستي ٿيڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل واري وقت تائين به اهو رواج هلندو پئي آيو، پر پوءِ لارڊ وليم بينٽڪ جي ڏينهن ۾ برهمو سماج جي بنياد وجهندڙ راجا رام موهن راءُ جي سرجوشيءَ سان سرڪاري قاعدي پٽاندر بند ٿيو.
    مُردن جو نيڪال: قديم زماني ۾ جڏهن ماڻهو اڃا باهه ٻارڻ جو هنر نه سکيا هئا، تڏهن مُردن جي نيڪال لاءِ ٻه طريقا اختيار ڪندا هئا: هڪڙو ته مُردي کي ڪنهن کليل هنڌ رکندا هئا، ته ڀلي ته جهنگلي مرون کائي وڃنس، يا ڳجهين جو ڳاهه ٿئي. پارسي اڄ تائين ائين ڪن ٿا. ڀانئجي ٿو ته اهو رواج ڪجهه وقت آڳاٽن هندن ۾ به هو، جنهن بابت رگ ويد جي منڊل اٺين، (51، 2) ۽ اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (2، 34) ۾ اشارو آهي. انهيءَ هوندي به رگ ويد ۾ ڪي اهڙا منتر آهن، جن مان عالمن کي ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿيو آهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ هندن ۾ مردن پورڻ جو رواج وڌيڪ عام هو. منڊل ڏهين (18، 10 – 13) ۾ ڄاڻايل آهي ته مردي پورڻ مهل پراڻيءَ کي رشي چوندو هو ته ”پنهنجيءَ ڌرتي ماتا ڏي وڃ، جا گهڻو پکڙيل ۽ فرحتي آهي، ۽ جا پشم جهڙي نرم آهي“. اهو رشي پوءِ ڌرتيءَ کي چوندو هو ته ”اي ڌرتي، تون هن جي مٿان وري وڃ، پر کيس پيڙجانءِ نه، سکيو رکجانس! تون کيس ائين ڍڪج، جيئنماءُ پنهنجي ڪپڙي جي پلئه سان پنهنجي ٻار کي ڍڪي ٿي!…پراڻيءَ جي مٿان جيڪا مٽي وجهجي ٿي، سا شل مٿان اُفونگري ٿي بيهي (پراڻي تي بوجو نه ٿئي)… اي پراڻي، مان تنهنجي چوڌاري مٽيءَ جو ڍڳ وجهان ٿو، ۽ تنهنجي مٿان ڀتر رکان ٿو وغيره“.
    آڳاٽا هندو پوءِ باهه ٻارڻ جو هنر سکيا، ته مُردن سارڻ جو رواج عام ٿيو، پر ساڳئي وقت هيئن به ڪندا هئا، جو مردو ساڙي، پوءِ سنديس رک ۽ ٿورا هڏا ڪنهن ٿانءَ ۾ وجهي، ان جي مٿان ڍڪڻ ڏيئي، پوءِ اهو ٿانءَ ڌرتيءَ ۾ پوريندا هئا، جيئن آشولاين گريهه سوترن ۾ ڄاڻايل آهي. سنک پوري ان جي مٿان سماڌ جوڙڻ جو رواج اڄ تائين آهي. اڄ تائين هيءُ به دستور آهي ته ڪو مئل ڄمندو آهي، يا ڄمڻ کانپوءِ سگهو ئي مري ويندو آهي ته هندو ان جو اگني سنسڪار ڪونه ڪندا آهن، پر کيس پوريندا آهن. انهن ڳالهين جوگريهه سوترن ۾ گهڻو ئي ذڪر آهي.*

    قديم زماني ۾ آڳاٽا آريه لوڪ پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ تير ڪمان سدائين ساڻ کڻندا هئا. منجهانئن ڪو مرندو هو ته اول ڪمان سندس ڪلهن تان لاهي، کيس سنان ڪرائي، ڪوري ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ هن جي ڪائي کڻندا هئا. ڪائيءَ تي کنڻ جو رواج اڄ به آهي. اٿرو ويد جي منڊل ارڙهين، (4، 31) ۾ ڄاڻايل آهي ته پراڻيءَ کي زيور پهرائيندا هئا، ته پرلوڪ ۾ ڪم اچنس. اڄ تائين مئل مرد جي آڱر ۾ منڊي ۽ مئل زال جي نڪ ۾ سوني نٿڙي، ۽ وقتي ڪنن ۾ ڳن پائيندا آهن، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
    ڪيترا هندو ائين چوندا آهن ته مُردن پورڻ بدران مردن ساڙڻ جو رواج آڳاٽن هندن فقط حفظ صحت جي قاعدن جي مدِ نظر جاري ڪيو. هن موجب ائين چئبو ته حفظ صحت جي قاعدن جي سڌ رڳو آڳاٽن هندن کي هئي، ۽ ٻيون قومون ڄڻ ته انهن قاعدن کان غير واقف هيون! حقيقتاً مردن سارڻ جو رواج آڳاٽن هندن هڪ ڌرمي خيال کان وڌو. اهو خيال يگيه جي آگنيءَ مان آين. اگنيءَ ۾ آهوتي وجهجي ٿي، ته اها سموري سڙي ڀسم ٿي وڃي ٿي، ۽ اها رک ڌرتيءَ تي رهي ٿي، پر آهوتيءَ جو تت اگني مٿي آڪاس ۾ ديوتائن تائين پهچائي ٿي، جنهنڪري ديوتائون پرسن ٿين ٿا، ۽ يگيه ڪندڙن تي سنديس آسيس ٿئي ٿي! ويدڪ ڌرم وارن آرين جا اَگنيءَ بابت خيال اهي هئا. اهو ئي ساڳيو ڌرمي خيال موردن ساڙڻ جي رواج ۾ سمايل اهي. مئل ماڻهوءَ جو اگني سنسڪار ڪجي ٿو، ته ماس ۽ هڏا جلي وڃن ٿا، ۽ سڀ مدايون ۽ اوڻايون به هتي ڌرتيءَ تي ئي رهن ٿيون، باقي سندس تت يعني آتما، ديوتائن جهڙو جلوو ڌاري، پِترن واري واٽ وٺي، جم لوڪ ۾ وڃي وارد ٿئي ٿو، جتي سندس ابن ڏاڏن جون آتمائون به آهن (رگ ويد، منڊل ڏهون، 4، 7). آڳاٽن هندن جا اهي خيال هئا، جي ٻين قومن جي ماڻهن جا نه هئا، تنهنڪري ٻيون قومون اڄ تائين مردن پورڻ جو رواج هلائينديون اچن. پارسي به جيتوڻيڪ آڳاٽن آرين وانگر اگني پوڄا ڪن ٿا، ته به هو اهو واجب نٿا سمجهن ته اگنيءَ جهڙي پوتر ديوتا ۾ مُردو وجهي، اَپوتر ڪجي، تنهنڪري هو مردن کي کليل ڇڏيو ڏين. سڀڪنهن جا پنهنجا پنهنجا خيال آهن، ۽ اهڙن علحدن خيالن ئي جدا جدا رسمون جاري ڪرايون آهن.
    جم ۽ جم پري: هن وقت هندو وسهن ٿا ته جڏهن ماڻهو مري ٿو، تڏهن جم جا دوست کيس جم پُريءَ ۾ وٺي وڃن ٿا، ۽ سندس ڪيل پاپن جي ڪري کيس ڪنڀي نرڪ ۾ هڻن ٿا، پر جيڪڏهن چڱا ڪم ڪيل اٿس، ته کيس سرڳ جا سک ملن ٿا. نرڪ ۽ ان جي عذابن جو ذڪر اول اٿرو ويد، (منڊل پهٿرين، 154، 5) ۽ ڪَٿ اُپنشد ۾ آهي. يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ آهي، تنهن ۾ به نرڪ ۽ جونين جو ذڪر آهي، پر رگ ويد انهن سڀني کان آڳاٽو آهي. انهيءَ آڳاٽي وقت جي هندن جا جم ۽ جم پريءَ بابت خيال ئي علحده هوندا هئا. هو يگيه کي مڪتيءَ جو هڪ ساڌن ڪري سمجهندا هئا، جنهنڪري سڄي عمر يگين پٺيان يگيه ڪندا هئا. هو ائين وسهندا هئا ته جي.ن يگيه جي اگنيءَ ۾ جيڪا آهوتي وجهجي ٿي، تنهن ۾ اتفاق سان ڪو ڪک پن اچي وڃي ٿو ته اهو اتي ئي سڙي وڃي ٿو، ۽ ديوتائن تائين رڳو آهوتيءَ جو تت پهچي ٿو، تيئن پرٿويءَ تي رهي، جيڪڏهن ماڻهو ڪي خطائون يا پاپ ڪري ٿو، ته اهي به ڄڻ ڪک پن وانگر اگنيءَ ۾ جلي وڃن ٿا، ۽ رڳو سندس پوتر آتما جم پريءَ يا پتر لوڪ تائين پهچي ٿو. يگيه جي اگني دکائجي ٿي ته ڀنڀٽ ڪري عرشين وڃي لڳي ٿي، جنهنڪري اگني ڄڻ ته ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ پُل وانگر آهي، جنهن تان آتما لنگهي سرڳ ڏي وڃي ٿو، جتي سدائين جوت يا اُجالو آهي (رگ ويد، منڊل نائون، 113، 7). هن کي يم ديوتا جي ٻن ڀوري رنگ وارن ڪتن وٽان لنگهڻو پوي ٿو، جن کي چار چار اکيون آهن، تن ويڪرا اٿن ۽ بت تي پٽا اٿن. اهي ”سرما“ (Sarama) نالي ديوتائن جي هڪ ڪتيءَ جا ٻچا آهن، ۽ اهڪتا جم پريءَ تي پهرو ڏين ٿا. انهن ڪتن وٽان لنگهي هو جم پريءَ ۾ اندر گهڙيءَ ٿو. آڳاٽن رشين جا اهڙا خيال رگ ويد ۾ چٽيءَ ريت ظهار ٿيل آهن. انهن جون انگريزي نظم ۾ به ترجمو ٿيل آهي، جنهن مان ٿوريون سٽون هتي ڏجن ٿيون:
    Thou, Agni, art our priest, divinely wise,
    In holy science versed: they skill detects,
    The faults that mar our rites, mistakes corrects,
    And all our acts completes and sanctifies.
    Thou art the cord that stretches to the skies.
    The bridge that spans the chasm, profound and vast, Dividing Earth from Heaven, o'er which at last,
    The good shall safely pass to Paradiese.
    135 (Dr. J. Muir: Original Sanskrit Texts. Vol. I, p. 2217)
    رگ ويد ۾ يم ديوتا کي نرڪ جو ديوتا نه، پر سرڳ جو سوامي سڏيو اٿن، ۽ چٽيءَ ريت چيو اٿن ته اتي اوندهه آهي ئي ڪانه پر سدائين اُجالو آهي (رگ ويد، منڊل ڏهون. 113، 7 – 198). ائين به چيو اٿن ته اسان جا ابا ڏاڏا جي گذاري ويا آهن، سي اتي يم ديوتا وٽن رهن ٿا، (منڊل ڏهون، 15، 14)، ۽ پرٿويءَ تي رهي، جيڪي چڱا ڪم ڪيا اٿن، تن جو ڦل اتي آنند سان ماڻين ٿا (منڊل پهريون، 154، 5). مطلب ته رگ ويد ۾ جم پريءَ جو نقشو نهايت عمدو چٽيل آهي، ۽ ان کي سرڳ سڏيو اٿن. ائين به چيو اٿن ته اوتي رهي، ماڻهو اَمر ٿئي ٿو، ۽ سنديس سڀڪا ڪامنا پوري ٿئي ٿي (منڊل نائون، 113، 7-10). رگ ويد کان پوءِ جي ساهتيه ۾ جم پريءَ کي نرڪ ڪوٺيو اٿن، ۽ ان جا ڏهڪائيندڙ بيان ڪيا اٿن، جن گرڙ پراڻ ۾ به ڏنل اهن.
    جوڻيون ۽ ڪرم: ڊاڪٽر سُنيتي ڪمار چئٽرجي ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ اهو ڪٿي به ڄاڻايل ڪونهي ته ماڻهو پنهنجن ڪيل ڪرمن پٽاندر وري وري جوڻيون وٺي ٿو. انهيءَ سبب اهو انومان ڪڍيو اٿن ته انهيءَ قديم زماني ۾ ماڻهن جو جوڻين ۾ اعتبار هئو ئي ڪونه، ۽ اهو عقيدو پوءِ دراوڙن وٽان پرايائون. ڊاڪٽر ابناش چندرداس ۽ ٻين ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته رگ ويد ۾ مرڻ ۽ وري ڄمڻ جو ذڪر آهي، ۽ اهو خيال آڳاٽن لوڪن شايد سج ۽ چنڊ مان پرايو. سج ڏهاڙي صبح جو ڄمي ٿو، منجهند جو جوانيءَ ۾ اچي ٿو ۽ سانجهيءَ جو گويا پويان پساهه کڻي مري وڃي ٿو، ۽ وري ئي ڏينهن نئون جنم وٺي ٿو. ساڳيءَ ريت چنڊ به ڄمي، وڌي ۽ مري ٿو، ۽ وري نئين مهيني نئون جنم وٺي ٿو. سج ۽ چنڊ بابت اهي ڳالهيون رگ ويد جي منڊل ڏهين (85، 15) ۾ ڄاڻايل آهن ساڳئي منڊل ڏهين (72، 8-9) ۾ آدتيءَ جي پٽ مارتنڊ (سورج ديوتا) بابت چيل آهي ته هن کي وري ڄمڻو ۽ مرڻو پوي ٿو. منڊل پهرين، (64، 32) ۾ جيڪي چيل آهي، تنهن مان اهو مطلب نڪري ٿو ته ماڻهو جڏهن ماءُ جي پيٽ ۾ ئي آهي، تڏهن ئي جوڻين وهيڻو آهي. جيڪي واسنائون منجهس آهن، تن پتاندر سنديس گت ٿئي ٿي، ۽ ڪرمن جو ڦل ڀوڳي ٿو. ائين جوڻين ۽ ڪرمن بابت اشارا رگ ويد ۾ ئي آهي، جنهنڪري چئبو ته هن وقت هندن جا جيڪي عقيدا انهن ڳالهين بابت آهن، سي رگ ويد واري زماني ۾ به هئا.
    ________________________________________
    * Moses said, "If a man die, having no children, his brother shall marry his wife, and raise up seed unto his brotherL St. Matheus, XXII, 24 ff.
    * Deuteronomy, xxv-5-9.
    * "The idea probably was that the dead man must have his wives accompanying him to the next world for providing him with home comforts". Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 256.
    * Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 242.


    باب يارهون : مکيه ڌنڌا، هنر ۽ ڪاريگريون

    مکيه ڌنڌا. سنڌو ماٿر جا رهاڪو اول رڳو ڌڻ ڌاريندا هئا، ۽ پوءِ کيتي ڪرڻ سکيا. انهن ٻن مکيه ڌنڌن کانپوءِ ٻيا هنر ۽ ڪاريگريون جاري ٿيون ته ڪنهن به ڪرت ڪار ڪرڻ کان ڪوبه عار ڪونه ڪندا هئا. هن ڳالهه جو هڪ رشيءَ رگ ويد جي منڊل نائين (112، 1-4) ۾ نهايت وڻندڙ نموني ۾ ذڪر ڪيو آهي:
    هــرهڪ انسان جي آهي ڌرت پنهنجي،
    هرهڪ انسان جي آهي ڪرت پنهنجي،
    لـــهـر کــــي ڪـــا شيءِ ڪٽڻ لاءِ گهرجي،
    ويـڄ کــي ڪـــو بيمار ڇٽڻ لاءِ گهرجي،
    پــروهــت کي سدا ڪو ججمان گهرجي،
    وٽـــانــــئس کـــيس ڪــجهه دان گهرجي،
    هــــــرڪــــــو دل وٽــــان ڪـــــري واپــــار،
    هـــي جــــــي ســـــون ۾ ٿــــئي ڀـــــائيوار.
    پوءِ پنهنجي ڳالهه ڪئي اٿس ته:
    آئون رشي، بابو ويڄ، امان پيهين اقن،
    ڪرت خاطر هرڪو ڊوڙي جنهن جو جنهن ۾ لڳي من.
    (منڊل نائون، 112، 13).
    رگ ويد واري زماني ۾ ماڻهن جون گهرجون ٿوريون هونديون هيون، ۽ ڪنهن به ڪرت ڪار ڪرڻ ۾ اهم ڪونه ايندو هئن، تنهنڪري ڳوٺن مان گهرج جي هرڪا شي ملي سگهندي هئي. گهر گهر ۾ جنڊ ۽ ايٽ به هوندا هئا، جي مصنف جي سانڀر ۾ وڏن خانداني گهرن ۾ به هوندا هئا. سنڌ جو پرڳڻو سٺي اُن جي ڪري مشهور هوندو هو (رگ ويد منڊل ڏهون، 75، 8). رڍن ۽ گهيٽن جي اُن ڪتري، اوني ڪپڙا ٺاهيندا هئا (منڊل ڏهون، 26، 6). گهر ۾ ڪتڻ جو ڪم زالون ڪنديون هيون. (منڊل ٻيو، 3، 6، 38، 4، ۽ منڊل پنجون، 47، 6). *

    رگ ويد واري زماني ۾ ڪي مائر پنهنجن ٻارن لاءِ ڪپڙو پاڻ اُڻنديون هيون، پر بازار ۾ ڪوري به هوندا هئا، جي اُڻڻ جو ڪم ڪندا هئا رگ ويد ۾ تاڃي پيٽيءَ ۾ پيڻ جي ڪلف جو ذڪر آهي. اهي ڪوري ”وايَه“ يعني اُڻندڙ سڏبا هئا (منڊل ڏهون، 71، 9). زالون ڀرت به ڀرينديون هيون. ان وقت رنگريز به هوندا هئا، جي ڪپڙا رنڱيندا هئا. رگ ويد ۾ …سؤچڪ“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي اصل معنيٰ هئي ”سوچي يا سئيءَ سان ڪم ڪندڙ“. هاڻ اُن جو اُچار آهي ”سوچيءَ، جي جتيون سبندا آهن، پر اهي جتين تي ڀرت به ڀريندا آهن. پوءِ عام طرح هيءُ رواج پيو ته جيڪي وئش شودرياڻيون پرڻبا هئا، تن جو اولاد ”سوچي“ سڏجڻ ۾ آيو، ۽ جتيون سبڻ سندن پيشو ٿيو.
    رگ ويد واري زماني ۾ ٻيا مکيه ڪاسبي واڍا هوندا هئا، جي ”توستر“(Tuastra) (منڊل ڏهون، 119، 5)، ۽ ”تڪشت“ (ڊکڻ) سڏبا هئا (منڊل نائون، 112، 1). اهي گهر ته جوڙيندا هئا، پر گهرن لاءِ سامان (صندل وغيره)، ۽ گهر جي ورتڻ جا باسڻ به ٺاهيندا هئا، جي ”درون“ (ڪاٺ جا ٿانءَ) سڏبا هئا (منڊل نائون 65، 6). اهي واڍا رٿ يا گاڏيون، ٻيڙيون ۽ دنگيون به جوڙيندا هئا. رٿن جي مٿان ڌمڻ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي، پر جنگ ۾ ڪم اچڻ لا3 رٿن جي ڌمڻ ڪنهن ڌاتوءَ جي ٺهيل هوندي هئي، ته دشمن ٽوڙي نهس گهي. رواجي گاڏين ۾ گهوڙا ۽ ڍڳا ٻڌندا هئا. گاڏين ۽ رٿن جوڙيندڙن جو ججهو مان هوندو هو. جو گاڏيون اَن وغيره ڍوئڻ لاءِ ۽ رٿ جنگين مهل ۽ شرطن پڄائڻ لاءِ گهڻو ڪم ايندا هئا. واڍن کان سوءِ لهار به هوندا هئا، جي ”ڪرمار“ سڏبا هئا (منڊل نائون، 112، 2، ۽ ڏهون، 72، 2). اُهي کوري تپائڻ مهل پکين جا پَرَ وڃڻو ڪري ڪمآڻيندا هئا. اهي گهرن ۾ ڪم اچڻ جون شيون، کيتيءَ لاءِ ڏاٽا ۽ ٻيا اوزار ٺاهيندا هئا. جنگ لاءِ ڀالا، ڪهاڙا ۽ ٻيا هٿيار به جوڙيندا هئا. ڪهاڙن سان وڻ به وڍيندا هئا. اشوٿ، کدير، شامي وغيره وڻن جا نالا رگ ويد ۾ آهن. سونارا به هوندا هئا، جي ڪنگڻ، ڪڙيون، ڪيوٽيون يا واليون وغيره ٺاهيندا هئا (منڊل اٺون، 47، 15، 78، 3). جڙوئا به هوندا هئا، جي جڙت جڙيندا هئا. ڪي گلن جا هار ٺاهي وڪڻندا هئا، جي شوقين مرد ۽ زالون خريد ڪنديون هيون. کلن رچائيندڙ به هوندا هئا. کلن مان دٻيون، پاڻيءَ لاءِ اويون (سانداريون) ۽ شراب رکڻ لاءِ زڪون (سانداريون) ٺاهيندا هئا منڊل اٺون، 35، 3).*

    رگ ويد واري زماني ۾ ڪنڀار به هوندا هئا، جي نار لاءِ ڪنگريون، ۽ گهر ۾ ڪم اچڻ جا ٺڪر جا ٿانءَ (مٽ، دلا، ڪنا ۽ پاٽيون وغيره) ٺاهيندا هئا، جي جهٽ جهٽ پيا ڀڄندا هئا (منڊل ڏهون، 89، 7). حجامت لاءِ نائي به هوندا هئا. سنسڪرت لفظ ”ناپتي“ جو اُچار سنڌيءَ ۾ آهي ”نائي“، پر رگ ويد جي منڊل ڏهين (142، 4) ۾ ”وپتا“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وار ڪتريندڙ“. اهي مردن جون ڏاڙهيون ڪوسي پاڻيءَ سان ڀڄائي پوءِ ڪوڙيندا هئا، (اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 68، 6). سئس، پيلوان، رسيون ٺاهيندڙ، رنگريز ۽ بيا ڪاسبي به هوندا هئا. ڪي ناچو به هوندا هئا.
    طبابت ۽ جراحت: سنڌو ماٿر جي رهاڪن مان ڪو بيمار پوندو هو ته دوا ستيءَ ڪرڻ لاءِ ويڄ يعني طبيب يا حڪيم به هوندا هئا، جي ”ڀيشڪ“ (ڀشج)(Bhishai) سڏبا هئا (منڊل نائون، 112، 1، 3). ويڄن بابت، رگ ويد ۾ چرچي طور چيل آهي ته ”ائين چاهيندا هئا ته ڳوٺن ۾ شل ڪا بيماري منهن ڪڍي، ته اسان جي ڪمائي وڌي!“ منجهانئن ڪي حاذق حڪيم به هوندا هئا. اهڙي هڪ جراح حڪيم جو ذڪر ڪندي، هڪ رشيءَ چيو آهي ته ”اي ويڄ، مان توکي گهوڙو، گانءِ ۽ ويس وڳا ته ڏيان، پر پنهنجي جند به توتان قربان ڪريان“ (منڊل ڏهون، 97). مطلب ته حاذق حڪيمن جو ماڻهو ججهو قدر ڪندا هئا.
    رگ ويد واري زماني ۾ هاڻوڪي وانگر لئبارٽريون يا تجربي خانا(Laboratories) ڪين هئا، ته به انهيءَ قديم زماني جي ويڄن کي قسمين قسمين ٻوٽين جي خاصيتن جي سڌ هوندي هئي، جن مان ڊڀ ۽ ڦڪيون ستيون جوڙيندا هئا. ان وقت پوٺن تي ۽ جبلن جي وَٽِ سان، جيڪي اڻ پڙهل رهندا هئا، سي به ٻوٽيون سڃاڻي سگهندا هئا. هڪ آسوريءَ ڪو ڪارو ٻوٽو ڳولي لڌو، جو چٽيءَ ۽ ڪوڙهه لاءِ ڪم ايندو هو (اٿرو ويد، 1، 24، 2). جن کي ٻوتيون کپنديون هيون، سي ”ڪراٽ“ (Kirata) نالي هڪ جابلو قوم وارن جي نياڻين کان خريد ڪري ايندا هئا. اهي ڇوڪريون جبلن جي مٿاهين چوٽين تي چڙهي، اتان ٻوٽيون کوٽي ڪڍي اينديون هيون، ۽ انهن جي عيوض ڪپڙا، تڏا، ٻاڪريون کلون وغيره وٺنديون هيون (اٿرو ويد، منڊل چوٿون، 7، 6). رگ ويد جي منڊل ڏهين ۾ هڪ سُوڪت (Hymn) سڄو ئي ٻوٽين جي ساک بنسبت آهي. ان ۾ ڪن ٻوٽين جا نالا ڄاڻايل آهن – جهڙوڪ اَشووتي، سوموتي، اُرجينتي ۽ اَدُوجَسَ. ڪن ٻوٽين جا نالا اهڙا آهن، جن جي معنيٰ هن وقت ڪوبه سمجهي نٿو سگهي: ”پرشني پرني“ (Hermionities Cordifolia). (Prisni Parni) نالي هڪ ٻوٽي عام هوندي هئي. جنهن زال کي ڪچي ٻار پوڻ جو امڪان هوندو هو، تنهن لاءِ اها مفيد سمجهي ويندي هئي ششرت (1، 377، 7) ۾ به ڪچي ٻار پوڻ کي روڪڻ لاءِ اهو ئي علاج ڏسيل آهي. ٻوٽين جي خاصيتن جون ڳالهيون ڳڻي، رگ ويد ۾ هڪ رشيءَ چيو آهي ته ”جيئن ڪو راجڪمار جڌ جي ميدان ۾ بيهي، دشمن کي هٽائي ٿو، تيئن هي ٻوٽيون بيمارين تي غالبپئي، انهن کي ڀڄائي ڇڏين ٿيون… اي ٻوٽيون! توهين جو پرٿويءَ تي ٽڙيون پکڙيون پييون آهيو، سي منهنجي هيڻي هڏ ۾ طاقت آڻيو. جيڪي توهان کي ڌرتيءَ مان کوٽي ڪڍن ٿا، سي شل توهان کي ڪو ضررر نه رسائين! شل منهنجا پاليل پکي ۽ چوپايا بيمارين مان ڇٽن!“ هن منجهان ظاهر آهي ته ان وقت جا ويڄ نه رڳو ماڻهن، پر جانورن ۽ پکين جو به علاج ڪندا هئا. ٻوٽين مان ٺهيل دوائن کان سواءِ اڇين ماڪوڙين (اُپجهو ڪائن) جي مٽي (ٻَرنِ جي مٽي) به ڪيترن مرضن لاءِ دوا طور ڪم آڻيندا هئا. اها مٽي زهر لاءِ ترياق ڪري سمجهندا هئا. ڪؤشڪ سوُتر (31، 26) ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جي بدن مان زهر ڪڍڻو هوندو هئن ته اها مٽي زهر واري هنڌ ٻڌندا هئس، پاڻيءَ ۾ ملائي پياريندا هئس، ۽ انهيءَ مٽيءَ گڏيل پاڻيءَ سان گرڙيون به ڪرائيندا هئس. اها مٽي ڪوسي پاڻيءَ ۾ ملائي بت تي به ٿڦيندا هئس. اٿرو ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته وهندڙ رت کي روڪڻ لاءِ به اها مٽي ڪم ايندي هئي. ڦاڙهي جو سڱ کيتري (Heriditary) بيمارين ڇٽائڻ لاءِ ڪم ايندو هو (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 7، 1).
    ڪنهن به مرض جي علاج ڪرڻ کان اڳي، مرض جي سڃاڻپ (Diagnosis)ضروري آهي. ويدڪ زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا ويڄ مرضن کي پوريءَ ريت سڃاڻي سگهندا هئا. اها ڳالهه هن مان ظاهر آهي ته رگ ويد ۽ اٿرو ويد ۾ ڪيترن مرضن جا نالا ڄاڻايل آهن: مثلاً، ”هرت“ (Harita) يعني ”يرقان“ (Jaundice)، ”ڪلاس“ (Kilasa) يعني چٽي يا ڪوڙهه، ”ڪاسڪا“ (کنگهه“ ”پاما“(Herpes)، ”هرديوت“ (Hriddyota) يعني دل جي بيماري، ”جايانيه“(Venereals) ۽ ٻيا. رگ ويد ۾ هڪ سوُڪت ”تڪما“ (تپ) بابت آهي: انهيءَ ۾ تپ جا سڀ قسم ۽ سلهه جا سڀ ارڪان نهايت چٽيءَ ريت ڄاڻايل آهن. مرضن کي پوريءَ ريت سڃاڻڻ ۽ انهن لاءِ پورو پورو علاج ڪرڻ جنهن کي ايندو هو، سو ئي ”وئديه“ سڏبو هو. ”وئديه“ (ويڄ) لفظ جي بنيادي معنيٰ ئي آهي ”ڄائو“، (ڌاتو: ”ود“ Vid معنيٰ ”ڄاڻڻ“). انگريزي لفظ ”ڊاڪٽر“ ۽ عربي لفظ ”حڪيم“ جي به اصل معنيٰ آهي ”ڏاهو“. حڪمت معنيٰ ڏاهپ. عيسوي سن کان سوا ٽي سو کن ورهيه اڳي، سڪندر اعظم جي وقت ۾ به سنڌ جا حڪيم هاڪارا هوندا هئا، جنهنڪري يوناني تاريخ نوڳيسن سندين گهڻي ساک ڪئي آهي. مطلب ته قديم زماني کان وٺي سنڌي ماڻهو طبابت ۾ ڀڙ هوندا هئا. مصنف جي ڏسندي، سن 1886ع تائين حيدرآباد جهڙي شهر ۾ هڪ ٻه ڊاڪتر مس هوندو هو، نه ته رڳو ويڄ ۽ طبيب هوندا هئا، جي اڄ به گهڻي ئي آهن. ٻهرآرين ۾ ماڻهو ڊاڪٽر جي دوا اڪثر ڪونه ڪندا. ڪهڙي به بيماري ٿئين، ته ڪنهن ڏاهي يا ڏاهيءَ کان وڃي ڏس پڇن، ۽ انهيءَ ڏس پٽاندر علاج ڪن. ننڍڙن ٻارن کي ڪا بيماري ٿيندي هئي ته سندين مائر يا ڏاڏيون علاج ڪنديون هيون. اجھ به ڪيتريون ٻڍڙيون پنهنجن ٻارن جو علاج پاڻ ڪنديون آهن.
    آڳاٽن لوڪن کي انگ وديا يا علم تشريح (Anatomy) جي به سڌ هئي. قديم زماني ۾ ”پرش ميڌ“ يعني ماڻهن جي قربانيءَ جو يگيه (Human Sacrifice) ۽ ”اشو ميڌ“ يعني گهوڙن جي قربانيءَ جو يگيه (Horse Sacrifice) عام طرح ٿيندو هو، ۽ ٻيا جانور به ٻل چاڙهيندا هئا. يگيه ڪرائيندڙ رشي هرهڪ ساهواري جي بت جا ڀاڱا باترتيب وڍي. هرهڪ ڀاڱو اگنيءَ (باهه) ۾ اُڇليندو ويندو هو. انهن يگين منجهان ئي انگ وديا جي پروڙ پين. انهيءَ زماني ۾ مڇي ماس کائڻ جو رواج به عام هو، تنهنڪري ڪاسائي به هوندا هئا. جيئن هن وقت ڪاساين کي پنهنجي ڌنڌي ڪندي ٻڪرين، رڍن وغيره جي بت جي بناوت جي سڌ پئجي ويئي آهي، جنهنڪري انهن جو هرهڪ ڀاڱو باترتيب وڍين ٿا، تيئن آڳاٽن لوڪن کي نه رڳو ٻڪرين، رڍن ۽ ٻين ساهوارن، بلڪ انسانن جي بت جي بناوت جي به پوري پروڙ پئجي ويئي، جنهنڪري انگ وديا ۾ ڀڙ هوندا هئا، پر ساڳئي وقت منتر به ڪم آڻيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل پهريون، 17).
    رگ ويد ۾ اهڙا به اشارا آهن، جن مان ظاهر آهي ته ڪنهن جو ڪو عضوو خراب ٿي پوندو هو ته اهو پوريءَ ريت ڪپي، ان جي عيوض ڪو جڙتو عضوو وجهندا هئس. ”وشپلا“ نالي هڪ برجستي اِستريءَ جي ڄنگهه لڙائيءَ ۾ وڍجي ويئي، ته اشوني ڪمار ديوتائن لوهه جي ٽنگ ٺاهي وڌيس (منڊل پهريون، 112، 10). هن مان ائين سمجهجي ٿو ته ان وت جا ويڄ جيڪڏهن ڪنهن کي ڇٽائيندا هئا، ته اها هام ڪانه هڻندا هئا ته اسين بيمارين کي ڇٽايون ٿا، پر چوندا هئا ته اها ديوتائن جي ڪرپا آهي. اشوني ڪمار ديوتائن کي ٻين ديوتائن جو طبيب ڪوٺيو اٿن، تنهنڪري پنهنجي ساراهه ڪرڻ بدران انهن کي ساراهيو اٿن. اهڙا مثال ٻيا به آهن. رجراشوَ نالي هڪ شخص رڍن چاريندي هڪ سؤ رڍون بگهڙن ۽ بگهاڙين کان کارائي آيو، ته پڻس کي اهڙي چڇڙ وٺي ويئي، جو ٻئي اکيون ڪڍي ورتائينس، پر اشوني ڪمار ديوتائن وري اکيون وڌيس، ۽ ڏسڻ وائسڻ لڳو (منڊل پهريون، 116، 16). پراواج (Paravaj) نالي هڪ شخص انڌو ۽ منڊو هو، ته اشوني ڪمار ديوتائن کيس سڄو ڪيو (منڊل پهريون، 112 1، 8(. گهوشا نالي هڪ استريءَ جو سڄو بت روڳ ۾ ورڳي ويو، ۽ سندس ڇٽڻ جو ڪوبه آسرو ڪونه هو، تنهنڪري مڱجڻ پرڻجڻ کان رهت ٿي پيئي هئي، پر پوءِ ديوتائن جي ڪرپا سان مرض ڇٽي ويس ۽ پرڻي. هي ڳالهيون ڏيکارين ٿيون ته سنڌو ماٿر ۾ حاذق حليم ئي قابل جراح هوندا هئا. قديم هندن جا اوزار به اهڙا تکا هوندا هئا، جو وار کي لنبائيءَ مان وڍي ٻه اڌ ڪري سگهندا هئا. ڪشتا به اهڙا ٺاهي سگهندا هئا، جو پوڙهي کي جوان ڪري ڇڏيندا هئا. *

    شيوَن (Cyavana) رشيءَ جي نالي ڄاڻايل آهي ته هو بنهه جهور ٿي ويو هو، پر پوءِ نئين جواني مليس، ۽ ڪيتريون ڪماريون پرڻيون (منڊل پهريون، 116، 10). اڄ به اسان جا ويڄ ۽ حڪيم ڪشتن جوڙڻ ۾ ڀڙ آهن، پر ڪي نيم طبيب به اهن، جي بيمارين کي يا چاڙهين يا مارين، يا عمر لاءِ کارين.

    جهاڙون جهپون ۽ ٽؤڻا ڦيڻا: آڳاٽا لوڪ بيمارين لاءِ علاج ته ڪندا هئا، پر وقتي ڪنهن کي ڪا بلا يا نانگ چڪ پائيندو هو، يا وڇون ڏنگيندو هو، ته جهاڙون جهپون به وجهائيندا هئا (رگ ويد، منڊل پهرين 191). ڪنهن کي ڪا اهڙي بيماري هوندي هئي، جا سندس مائٽن کي به هوندي هئي، ته جون جو ڪک هن جي مٿان لوڏي منتر پڙهندا هئا ته اها موروثي بيماري وڃي، ۽ سندس اولاد سنديس اَڍَ نه ڇڪي (اٿرو ويد، منڊل ٻيو، 8، 3). جلندر جي بيماريءَ لاءِ بيمار ماڻهوءَ کي جل پڙهي پياريندا هئا، ۽ مٿان ڇٽڪاريندا هئا ته پيٽ وارو پاڻي نڪري وڃيس (اٿرو ويد منڊل ڇهون، 24). تپ واري ماڻهوءَ جي کٽ جي پائي سان ڏيڏر ٻڌي منتر اُچاريندا هئا ته ٿڌو ڏيڏر تپ جي گرمي ڇڪي وٺي (اٿرو ويد، منڊل ستون، 11، 6). رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهو عام طرح ائين وسهندا هئا ته جن ڀوت آهن، جن جو جيڪڏهن پاڇو گرڀ واريءَ زال تي پوندو ته ڪُهائي ٿينديس يعني ڪچو ٻار پوندس، يا مئل ٻار ڄمندس، جنهنڪري وقتي اهڙو زهر چڙهي ويندس، جو پاڻ به مري ويندي. جنن ڀوتن جي اهڙن بداثرن ٽارڻ لاءِ ويدن جا ڪي منتر اُچاريندا هئا، جي رگ ويد ۾ ڏنل آهن. اٿرو ويد ۾ ته اهڙا منتر هيڪاري گهڻا آهن. ڪنهن زال کي گرڀ نه بيهندو هو، ته ان لاءِ به منتر اُچاريندا هئا. بدن مان هر قسم جي پيڙا نڪري وڃي، تنهن لاءِ به ڪي منتر اُچاريندا هئا (منڊل ڏهون، 63). ڪي ٻَليون چاڙهيندا هئا، ٽؤڻا ڦيڻا ڪندا هئا (منڊل ڏهون، 161). ڪا زال چاهيندي هئي ته مرس جو پيار مون تي وڌي، ته انهيءَ لاءِ به منتر اُچاريندا هئا (منڊل ڏهون، 159). مطلب ته بَک ڪڍڻ، جهاڙن وجهائڻ، ٽؤڻن ڦيڻن ڪرڻ ۽ تعويذن ٻڌڻ جو رواج جو اڄ ڪالهه عام آهي، تنهن جو ٻج رگ ويد واري زماني ۾ ئي ڇٽيل هو. هن وقت ڪنهن درد دفع ڪرڻ يا ڪنهن گرهه چار جي اثر ٽارڻ لاءِ ٻوا ۽ ٻانڀڻ ماڻهن کي جل پڙهي پياريندا آهن، تنهن رواج جو ذڪر به منڊل ڏهين (137) ۾ آهي. ڪو منتر پڙهي جل ۾ ڦوڪ ڏيندا هئا، ته جل ۾ گويا بجليءَ جهڙو اثر ٿيندو هو، ۽ اهو جل بيمار کي پياريندا هئا، ته پڙهيل پاڻي سنديس پيڙا ڪڍي ڇڏي. منتر پڙهي بوڇڻ ڇنڊيندا آهن، سو گويا پيڙا ڇنڊي پاسي ڪندا آهن. رگ ويد ۾ لڱ لڱ مان بلڪ روم روم مان پيڙا ڪڍڻ لاءِ منتر آهن. ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ڀرم ۽ سنسا اصل دراوڙن ۾ هئا، جن جو پوءِ آرين تي به اثر ٿيو.
    جنگي سپاهه: رگ ويد واري زماني ۾ ڪن جوانن جو ڌنڌو ئي هو جنگين ۾ لڙڻ. رشين ۽ براهمڻن جو گهڻو ڌيان ڌرمي ڳالهين ڏي هوندو هو، ته به هٿيارن هلائڻ ۾ ڀڙ هوندا هئا. ڪا وڏي جنگ لڳندي هئي ته جنگي سپاهه جي پٺيان جڌ جي ميدان ۾ ويندا هئا، ۽ دشمنن سان مڙسيءَ سان لڙندا هئا (رگ ويد، منڊل ستون، 33). رشي، براهمڻ توڙي ٻيا جنگي جوان جڌ جي ميدان ۾ سوم رس جو چڪو چاڙهيندا هئا، ۽ انهيءَ خنڪيءَ وچان سر جو ڪوبه سانگو نه ڪري، مڙسان مڙسيءَ لڙندا هئا، ۽ ٽپ ٽپ تي اندر ديوتا جو نالو اُچاريندا هئا. رگ ويد واري اوائلي زماني ۾ اندر مهراج نه رڳو برسات جي ديوتا، پر جڌ جي ديوتا (War-god) به ليکبو هو. اندر جا پوڄاري کيس سوم رس جو ڀوڳ لڳائيندا هئا، ۽ اگنيءَ (باهه) ۾ مينهن ۽ ڍڳن جي چرٻي وجهندا هئا، ته اندر ديوتا پرسن ٿي پنهنجن پوڄارين کي جنگين ۾ سوڀارو ڪري (رگ ويد، منڊل ڇهون، 3، 5، ۽ منڊل ڏهون، 160، 3). آسمان ۾ جڏهن ڪارا ڪڪر مڙي ايندا هئا، پر برسات نه پوندي هئي، تڏهن ائين وسهندا هئا ته آسمان ۾ ڪي دئت آهن، جي برسات جي پاڻيءَ کي پنهنجن قلعن ۾ قابو ڪري ويٺا آهن. انهن دئتن سان پڄڻ جوڳو هڪڙو ئي اندر ديوتا سمجهندا هئا، پر اندر ديوتا خنڪيءَ سان تڏهن دئتن سان لڙي سگهندو، جڏهن سوم رس جو چُڪو چاڙهيندو. اندر ديوتا کي سوم رس جي جي ڀوڳ لڳائڻ جي مکيه مراد ئي اها هوندي هئي. هو وسهندا هئا ته سوم رس جي ڀوڳ لڳائڻ ڪري اندر ديوتا ايتري قدر بود ۾ اچي ٿو، جو ورتر ۽ ٻين ديوتائن جا قلعا به ٽوڙي ڇڏي ٿو، جنهنڪري دشمنن جي قلعن ۾ اندر قابو ٿيل برسات جو پاڻي پوک لاءِ ملي ٿو. انهيءَ سبب اندر ديوتا کي ”پُريندر“ يعني قلعا ناس ڪندڙ به سڏيو اٿن. اهڙن عقيدن ڪري پاڻ به جنگ تي چڙهڻ کان اڳ سوم رس جو چڪو چاڙهيندا هئا، ته همت سان لڙي دشمنن جا قلعا به ٽوڙي ڇڏجن.
    جنگين لاءِ سبب ۽ سپاهين جا ساج (Accoutrements): رگ ويد واري زماني ۾ ڪي جنگيون ۽ چٽاڀيٽيون خاص هن سبب لڳنديون هيون، ته ڌاڙيل جيڪو مال ڪاهي ويا هجن، سو کانئن موٽي هٿ ڪجي، يا دشمنن جو چوپايو مال بلڪ سندين زالون هٿ ڪجن (رگ ويد، منڊل نائون، 67، 10-12). وقتي پوک جي پاڻي4 تان تڪرار ٿيندا هئا (رگ ويد مندل ڇهون، 25، 4)، ته جنگي جوڌا مخالف ڌر جي پٺيان جوش منجهان ڪاهي پوندا هئا (رگ ويد، منڊل ستون 84، 7). جڌ مهل سورهيه سپاهي پنهنجا جهنڊا کڙا ڪندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 103، 1). جنگ شروع ڪرڻ مهل ڀيريون يا نغارا وڄائيندا هئا ته پريان ئي سڌ پوندي هئي ته هاڻ جنگ لڳي ٿي. جنهن وقت ڌوم مان ڌمالون وڄنديون هيون، تنهن وقت مانجهي مڙس شور مچائي، تکا تير کڻي، جڌ جي ميدان ۾ ڪاهي پوندا هئا، ۽ سندن سور پرانهن پَٽن ۾ پڙاڏا پيو ڪندو هو (رگ ويد، منڊل پنجون، 54، 13). اوڏيءَ مهل سارٿي (رٿ ڪاهيندڙ) پنهنجا رٿ تڪڙا تڪڙا ڪاهي، ناهموار پَٽن تان به ائين تکا ويندا هئا، جيئن ندين جو پاڻي ڪنهن وڏي لاهه تان لهي، تڪڙو تڪڙو وهندو آهي، پنهنجن گهوڙن جون واڳون ٻنهي هٿن ۾ قابو جهلي، دشمنن تي ائين وڃي پوندا هئا، جيئن باز ڪنهن شڪار کي وڃي جهٽ هڻندو آهي (رگ ويد، منڊل ڇهون، 46، 13-14). گهڻن سوارن جا گهوڙا هڻڪارون ڏيندا. هڪڙي ئي وقت تڪرا ڊوڙندا هئا ته گهڻي لَٽ اُٿندي هئي. ڪن جنگي جوڌن کي ڪلهن تي ڀالا هوندا هئا، ۽ جيڪي زيور پيل هوندا هئا، تن جو چمڪو پريان پيو پسبو هو (رگ ويد، منڊل پهريون، 64، 6). ڪيترن جوانن کي پيرن ۾ ڪڙيون پيل هونديون هيون. ڪن جون سونيون زنجيرون ڇاتيءَ تي پييون لٽڪنديون هيون (رگ ويد، منڊل پنجون 54، 10). ٻانهن ۾ پٽا ٻڌل هوندا هئن (منڊل پهريون 64، 10) ڪن کي زرهه پيل هوندا هئا، ۽ ڪمانون ڪلهن تي پيل هونديون هين. سندن گهوڙن ۽ گهوڙين کي موتين جون ڪنٺيون پيل هونديون هيون (رگ ويد، منڊل 77، 18، 22-23). جنگي سپاهين مان ڪي هاٿين، گهوڙن ۽ رٿن تي سوار هوندا هئا، ته ڪي پيادا هوندا هئا. تيرن رکڻ لاءِ تيرڪش يا بٿيون هونديون هين.*

    قديم يوناني لوڪ تير ڪمانن ۾ وجهي، ڇاتيءَ تائين ڇڪي، پوءِ ڇوڙيندا هئا. اسان جي سنڌو ماٿر جا جنگي جوڌا تير ڪمانن ۾ وجهي، ڪنن تائين ڇڪي، پوءِ ڇوڙيندا هئا.
    دوبدو لڙڻ مهل ڪهارا، نيزا ۽ ترسولن جي نموني جڙيل هٿيار ڪم آڻيندا هئا. ڪنهن جڌ ۾ سوڀارا ٿيندا هئا ته ڀيريون يا نغارا زور سان وڄائيندا هئا، ۽ بلند آواز سان جئي جئيڪار منائيندا هئا.
    ________________________________________
    * اهو رواج يورپ ۾ به هو. انگريزي لفظ ”سپنسٽر“ (Spinister) معنيٰ ”ڪنئاري“، پر بنيادي معنيٰ اٿس ”ڪاپائتي يا ڪتڻ واري“. هيءُ لفظ ڄاڻائي ٿو ته يورپ ۾ ڪنئاريون ڇوڪريون ڪتڻ جو ڪم ڪنديون هيون. انگريزي لفظ ”بئچيلر“ (Bachelor) معنيٰ ڪنئارو. ان جو ڌاتو يا بنياد ڪن ڪهڙو ته ڪن ڪهڙو ڄاڻايو آهي؛ پر عام طرح چون ته لئٽن ٻوليءَ ۾ ”بئڪا“ (Vacca) Bacca معنيٰ ”گانءِ“. اڳي ڪنئارين تي گاين چارڻ جو ڪم رکيل هو، تنهنڪري اهو لفظ عام ٿيو. اهڙيءَ طرح ڪن لفظن جي بنيادن مان به ماڻهن جي اڳين ڌنڌن ڌاڙين جي سڌ پوي ٿي. – مصنف.
    * سنڌ ۾ پکالو يا ساندارا اڄ تائين عام طرح ڪم اچن ٿا. ٿر ۾ مسافريءَ ڪرڻ مهل پاڻيءَ جون اويون ڀري پاڻ سان کڻن ٿا. انهن ۾ پاڻي چڱو ٺري ٿو. ڪوهستان ۾ پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ اوئي عام طرح ڪم اچي ٿي. اوئيءَ رنڱڻ لاءِ فقط ٻٻر جي ڇوڏي وجهن ٿا. بعضي ڪانهيريءَ جو ڇوڏو به ڪم آڻين ٿا. جيڪڏهن اوئيءَ ۾ کير وجهڻو هوندو اٿن، ته ساڳيءَ کل ۾ ٻيرولي ۽ ڏاڙهونءَ جي کل وجهن ته رچي نرم ٿيو پوي، ۽ رنگ به بدلجي هيڊو ٿيو پويس. جيڪڏهن انهيءَ ساڳيءَ کل کي گيهه وجهڻ لاءِ ڪم آڻڻو هوندو اٿن، ته منجهس مينديءَ جا پن ۽ کور جا وڻ جو ڇوڏو وجهندا آهن. وڌيڪ سٺي ۽ خوشبودار اوئي بنائڻ لاءِ کجور ڪاڙهي، ان جي رس وجهي، ڳچ ڏينهن رکي ڇڏين، ۽ پوءِ اوئي صاف ڪري، گيهه وجهڻ لاءِ ڪم آڻين. اها ”زڪ“ سڏجي ٿي. اڳي به شايد ائين ڪندا هئا. – مصنف.
    * "The surgical instruments of the Hindus were sufficiently sharp, indeed, as to be capable of dividing a hair longitudinally." Mrs. Manning: Ancient and Mediaeval India, Vol. II. P. 346.
    * "The main object of the Soma sacrifice was to strengthen Indra in his fight with Vrtra, and bring down timely rains from the reluctant clouds for helping agricultural work." Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, p. 508.


    باب ٻارهون : وڻج واپار ۽ ڏيساورن ۾ بيٺڪون

    قديم سنڌ جا واپاري: رگ ويد ۾ ڪيترن هنڌ ”پڻي“ لفظ ڪم آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”وڻجارو“ (وڻج ڪندڙ يا ”واپاري“). انهيءَ لفط جو ڌاتو يا بنياد آهي ”پڻ“ معنيٰ ”سودو ڪرڻ، ڳنهڻ“ وغيره. هو بنهه پڪائيءَ سان جنسن جي خريد و فروخت ڪندا هئا، سودي ۾ للي چپي يا مروت ڪندا ئي ڪانه هئا، ۽ رڳو پنهنجي سُود يا نفعي جي ڳالهه ڳڻيندا هئا. انهيءَ سبب هو رگ ويد جي منڊل ڇهين، سُوڪت 51، رچا 14، ۾ ”بگهڙن وانگر هٻڇي“، ۽ منڊل ڇهين جي سُوڪت 161 جي رچا پهرينءَ ۾ ”خود مطلبي“ سڏيا ويا آهن.
    اهي ”پڻي“ (واپاري) اصل آريه هئا يا دراوڙ، يا کڻي فرض ڪجي ته اصل دراوڙ هئا، ۽ پوءِ آرين سان مٽي مائٽي ڳنڍڻ ڪري ”آريه“ سڏجڻ ۾ آيا، ته به هنن ججهو ڌيان لهڻو، جو سنڌو ماٿر جا اوائلي واپاري اهي هئا. رگ ويد ۾ اهي ”پڻي“ لوڪ ”وڻڪ“ به سڏيا ويا آهن. ڊاڪٽر ابناش چندر داس ڄاڻايو آهي ته پوءِ جي سنسڪرت ڪوششن (لغتن يا ڊڪشنرين) ۾ جهڙوڪ ”راج نر گهنت“(Raja-Narghanta) ۾ .ُنڪ“ ۽ ”پڻڪ“ ساڳيا ئي لفط ڪري ڄاڻايل آهن. رگ ويد ۾ ڄاڻايل انهن پڻي لوڪن مان پوءِ ڪي ڏکڻ هندستان ڏي لڏي ويا، ۽ منجهائن جيڪي هميشہ لاءِ سنڌو ماٿر ۾ رهيا، سي ويدڪ آرين جي پنگت ۾ داخل ٿي ويا، ۽ اهي پوءِ ”وئشن“ جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيا. * هن مان ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني جا پڻي يا ”پڻڪ“ ۽ ”وڻڪ“ اهي آهن، جي هن وقت ”واڻيا“ (وڻج ڪندڙ) ۽ ڀائيبند سڏجن ٿا، ۽ اڄ تائين ”وئشن“ جي دفعي ۾ ليکجن ٿا.
    سنڌ ۾ هن وقت هندن جا ٻه مکيه پکا آهن: هڪڙا عامل، ۽ ٻيا ڀائيبند. سچ پچ ته هاڻوڪن عالمن مان ڪي اصل ڀائيبند هئا، ۽ پوءِ عاملن ۾ گڏجي ويا. هيئن به اهي ته ڪي عالم ۽ خدا آبادي ڀائيبند ساڳئي هڪڙي ڏاڏي جو اولاد آهن، پر منجهانئن جن ڪلهوڙن ۽ ميرن وٽ نوڪري ڪئي، سي ”عامل“ سڏجڻ ۾ آيا، ۽ جن پنهنجن ابن ڏاڏن واري وڻج واپار جي ڪرت سانده ڪئي، سي ڀائيبند ڪوٺجڻ ۾ آيا. چند عاملن مان رڳا ڪي ٿورا کتري آهن، نه ته گهڻا وئش آهن، پر ٻنهجي جون ڪراچيءَ جي سيٺين، ۽ حيدرآباد جي مکين ۽ ٻين خدا آباد ڀائيبندن سان مٽيون مائٽيون آهن. انهيءَ ويجهيءَ عزارت ڪري، عامل کين ”ڀائيبند“ يعني ”ڀائي“ (ڀاءُ)، ۽ ”ٻنڌو“ (مائٽ) سڏڻ لڳا، ۽ اهو سٺو ۽ مٺو نالو اڄ تائين هليو اچي. ڀائيبندن مان هاڻي ڪي نوڪريون ڪن ٿا، نه ته سندن مکيه ڌنڌو آهي وڻج واپار، انهن واپارين جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو احوال رگ ويد مان ملي ٿو، جو مختصر طرح هن ريت آهي:
    سنڌو ماٿر (پنجاب ۽ سنڌ) جي ڳوٺن ۾ ماڻهن جي کاٻي کان وڌيڪ جيڪو اَن، ڪپڙو وغيره هوندو هو، سو اهي ”پڻي“ (واپاري) ٻين هنڌ وڪڻڻ ويندا هئا. ٻانهن جو واپار به ڪندا هئا. هماليه جبل ڏي سوم ٻوٽي ججهي انداز ۾ پيدا ٿيندي هئي، ۽ ان جو کاپو گهڻو هوندو هو، ۽ چڱي اگهه ۾ وڪامندي هئي، تنهنڪري انهيءَ ٻوٽيءَ جو به وڻج ڪندا هئا. سڀني جنسن جو واپار ڪي خشڪيءَ ته ڪي درياهه يا سمنڊ جي رستي ٿيندو هو.
    خشڪيءَ جي رستي واپار ڪرڻ لاءِ واپاري قافلا ٺاهي ويندا هئا. پنهنجو وکر گهوڙن، ڏاندن، اُٺن، ۽ گڏهن تي لڏي، پرانهن هنڌن ڏي ويندا هئا. انهيءَ زماني ۾ به چور ۽ رهزن هوندا هئا. واپاري پنهنجيءَ جان ۽ مال جي بچاءَ لاءِ ڪهڙا جتن ڪندا هئا، سا ڳالهه رگ ويد ۾ ڄاڻايل ڪانهي، باقي پوءِ جي ساهت مان پتو پوي ٿو ته پنهنجا ”ڄيٺڪ“ (وڏيرا يا مکي) هوندا هئن، جن تي سندين جان ۽ مال جي بچاءَ جو بار هوندو هو، ۽ اهي پنهنجا بورائو ۽ سپاهي ساڻ کڻندا هئا. اهي ويدڪ زماني کانپوءِ جون ڳالهيون پوءِ ڄاڻائبيون، هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ قداور ڪتا ساڻ هوندا هئن، جن جي ويجهو اچڻ جي ڪنهن چور يا رهزن کي جرئت ڪانه ٿيندي هئي. اهي واپاري ڪهڙن ملڪن ڏي ويندا هئا، سا ڳالهه رگ ويد جي ڪنهن به منڊل ۾ کليءَ ريت ڄاڻايل ڪانهي.
    سنڌ ۽ پنجاب ۾ ندين هئڻ سبب قديم زماني ۾ ئي اسانجن ماڻهن ٻيڙين ۽ دنگين جوڙڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. پراڻن پٽاندر سڄي ڄمون دويپ جي چوڌاري سمنڊ هو، ۽ رگ ويد موجب ”سپت سنڌوءَ“ جي چوڌاري چار سمنڊ هئا، جنهنڪري جهازن جوڙڻ جو هنر ۽ جهاز رانيءَ جو فن به انهيءَ قديم زماني ۾ هون.درياهه جي رستي مال آڻڻ ۽ ٻاهر موڪلڻ جو رواج انهيءَ آڳاٽي زماني کان وٺي ويندي انگريزن جي صاحبيءَ جي اوائل تائين عام هو. سن 1858ع ۾ ڪراچيءَ کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين ريل جي رستي جڙڻ جو آرنڀ ٿيو، تنهن کانپوءِ اها آمدرفت گهٽي، پر صفا بند ڪين ٿي وئي. اڄ تائين روهڙي، سکر ۽ ٻين هنڌن جا واپاري پنهنجو مال درياهه جي رستي آڻيندا ۽ نيندا آهن.
    قديم زماني ۾ خريد فروخت روڪڙن پئسن تي ڪانه ڪندا هئا. جنسن جي اڪثر مٽا سٽا ڪندا هئا. هڪڙي جنس جي عيوض ٻي ڪا جنس، يا گايون، مينهون ۽ ٻيو چوپايو مال، پر خاص ڪري گايون وٺندا هئا (رگ ويد، منڊل چوٿون، 24، 10). اهو مٽا سٽا جو دستور مصنف جي سانڀر ۾ به حيدرآباد جهڙي شهر ۾ ٿام هو. اَن داڻا ڏيئي پساريءَ کان مصالحا وٺندا هئا. ساڳيءَ طرح ڪي ڪوڏيون به ڏيندا هئا. اڄ به واهڻن ۽ وسين ۾ هاري ناري اَن ڏيئي دڪاندار کان ڪپڙو وغيره وٺيو اچن. هن قديم زماني جي رواج جون نشانيون آهن.***

    آڳاٽي وقت ئي ماڻهو نهايت پڪائيءَ سان سودو ڪندا هئا. رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي ته جنسن جي خريد و فروخت مهل ماڻهو ريڙهه پيڙهه ڪندا هئا. اگهه پار جي ٻول ڪري ڇڏيندا هئا، تنهن مان اهو انومان ڪڍڻو پوي ٿو ته نه رڳو حاضري مال وڪامندو هو، پر وڏاڻ سودو به ٿيندو هو. هڪواري جيڪا ٻول ٿيندي هئي، تنهن کان ڪنهن کي ڦرڻ ڪونه ڏيندا هئا. رگ ويد جي منڊل چوٿين (24، 9) ۾ ڄاڻايل آهي ته ”ڪو ماڻهو ڳري ملهه وري شي ٿوري ناڻي ۾ ڏئي ٿو، ۽ پوءِ ڦري اچي خريدار کي چوي ٿو ته ”مون اهو وڪرو ڪيو ئي ڪونهي، مون کي پوري رقم ڏي“، پر ڪجهه به وقت نٿو مليس، جو ٻول تي قابو رهڻو اٿس“. ڀانئجي ٿو ته ڪي تنگيءَ مهل ڳري ملهه واري شيءَ ٿوري ناڻي ۾ ڏيڻي ڪندا هئا، ۽ پو3 اچي ڦرندا هئا، ته نڪي وڪڻيل شيءَ واپس ملندي هين، نڪي وڌيڪ ناڻو ملندو هون.
    بحري يا سامونڊي واپار: Maritime Trade گذريل اُڻويهين صديءَ جي شروعات ۾ تاريخ جون کوجنائون پئي ٿيون، ته سنسڪرت ساهت مان ڪي يوروپي عالمن کي ائين سمجهڻ ۾ آيو ته قديم آرين کي جهاز رانيءَ جي ڪابه سڌ ڪانه هئي! اهڙو رايو پروفيسر هاپڪنس ظاهر ڪيو.
    پروفيسر مئڪڊونيل، جنهن سنسڪرت ساهت جي تاريخ لکي آهي، تنهن ته ائين به چيو ته رگ ويد واري زماني ۾ آڳاٽن آرين ڪڏهن وڏو سمنڊ (Ocean) اکين سان ڪونه ڏٺو هو، شايد سمنڊ جو رڳو نالو ٻڌو هوائون. ههڙا غلط رايا ظاهر ٿيا ته اسان جن ڪن ڏيهي عالمن ظاهر ڪيو ته هنن يوروپي پنڊتن ويدڪ ساهت جو رڳو اُڇاترو اڀياس ڪيو آهي، تنهنڪري سندن راين تي سنڀالي لڳڻ گهرجي. پروفيسر ولسن، جنهن رگ ويد جو ترجمو ڪيو آهي، تنهن خود رگ ويد مان حوالا ڏيئي، ڄاڻايو ته سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ وڏا کاري کيڙائو ۽ واپاري لوڪ هئا. رگ ويد جي سوُڪتن ۾ وڏي سمنڊ (هندي وڏي سمنڊ) جو ذڪر آهي. جهازن تي واپاري پنهنجي سوُد خاطر ريڙهه پيڙهه ڪندا هئا، تنهن ڳالهه جو به ذڪر آهي، بلڪ هڪ لڱا ڪنهن ڏورانهين ٻيٽ تي سمنڊ جي رستي ڪاهي ويا هئا، پر جهاز ڀڄي پين، جنهنڪري مراد پوري نه ٿين. پروفيسر ولسن کان پوءِ ٻين ڪن يوروپي عالمن به کوجنائون ڪري ظاهر ڪيو ته قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جهڙا جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا، تهڙائي جهازن جوڙڻ ۾ قابل هئي. اهي سمنڊ جهاڳي وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا. اهي حقيقتون پوڪوڪ صاحب. جرمنيءَ جي نامور عالم پروفيسر بلهر ۽ ٻين کولي ظهار ڪيون، جنهنڪري پروفيسر هاپڪنس ۽ پروفيسر مئڪڊونيل پارن جا رايا رد ٿي ويا، ۽ هاڻ انهن کي ڪوبه ڪونه ٿو ليکي. پروفيسر بلهر ته ائين به ڄاڻايو آهي ته آڳاٽا آريه هندي وڏو سمنڊ جهاڳي ويندا هئا، ۽ اهي واپاري هندو پوءِ ايراني نار طرف به وڻج واپار سانگي ويندا هئا. *+*
    "There are passage in ancient Indian works which prove the early existence of a navigation of the Indian Ocean, and the somewhat later occurrence of trading voyages undertaken by Hindu merchants to the shores of the Persian Gulf and its rivers." Professor Bulher.
    مطلب ته ڪن يوروپي عالمن شروعات ۾ ڪي غلطيون ڪيون، جي پوءِ ٻين ڪن يوروپي عالمن سڌاريون، پر سندين گهڻين غلطين جي اُگهڙ اسان جي ڪن ڏيهي عالمن ڪئي، جنهنڪري انهن ڳاين راين ڄاڻائڻ بدران تازين کوجنائن جو ذڪر ڪجي ٿو.
    ويجهڙائيءَ ۾ جيڪي حقيقتون يوروپي توڙي ڏيهي عالمن ويدڪ ساهت مان کولي ظاهر ڪيون آهن، تن پٽاندر ڄاڻائجي ٿو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا ”پڻي“ (وڻجارا) جهازن ۾ مال کڻي، سمنڊ جهاڳي، ڏيساورن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، سوُڪت 48 رچا 3). ڪيترا واپاري پاڻ ۾ گڏجي، جهازن جون بهيرون ڏورانهين ڏيهن وٺي ويندا هئا (منڊل پهريون 56، 27). سندن جهازن کي هڪ سو اوورا (Oars) هوندا هئا (منڊل پهريون، 116، 5) سمند جي وچ ۾ ٻيٽ هوندا هئا (منڊل پهريون، 1696، 3). جهازن هاڪارڻ کان اڳ ۾ اهي واپاري ورڻ ديوتاکي آراڌنا ڪندا هئا، ۽ چوندا هئا ته انهيءَ سمنڊ جي ديوتا کي ئي سڌ آهي ته جهاز ڪهڙيءَ واٽ کان هلائجن، ۽ هوا ڪهڙي (سڻائي يا اڻائي) لڳندي (منڊل پهريون، 25، 7). هن مان ظاهر آهي ته اهي واپاري ”آريه هئا، ۽ ورڻ ديوتا جا پوچاري هئا.
    سنڌو ماٿر جا وڻجارا پاڻ سفر تي نڪرندا هئا ته پٺيان اگن ديوتا سندن ٻارن ٻچن جو راکو (دعاگو) ٿيندو هو (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، سوڪت 15، منتر 7). هنن لفظن مان ائين سمجهڻ ۾ پيو اچي ته جيئن هن وقت ڪي سنڌ ورڪي پاڻ ٻاهر هليا وڃن، ۽ پٺيان ڀڳوان سندن ٻچن جي پيو سنڀال لهي، تيئن آڳاٽا واپاري به اگن ديوتا ۽ ٻين ديوتائن جي آسري پنهنجا ٻار ٻچا ڇڏي ڏورانهن ڏيهن ڏي ڌن ڪمائڻ ويندا هئا.
    ساموندي سفر لاءِ اهڙا جونگ جهاز گهرجن، جي لهرن جون لپاٽون سهي سگهن. قديم زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر جا پڻي پنهنجي ڊول جا نهايت مضبوط ۽ ڪارگر جهاز جوڙيندا هئا، ۽ سندن اهو ڪاريگريءَ جو نمونو سندن پوين به اختيار ڪيو. يوروپي لوڪ هندستان جي ماڻهن سان لهه وچڙ ۾ آيا، تنهن کان ٻه صديون کن پوءِ به آڳاٽن جهازن ۽ دنگين ۾ هڪڙو به سڌارو ڏسي نٿي سگهيا. انهيءَ هوندي به رگ ويد مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم وڻجارن جا جاهز وقت سٽاڻي سمنڊ جي سَٽَ سهي ڪين سگهندا هئا، جنهنڪري سندن غوراب بعضي غرق ٿي ويندا هئا. ”ڀجيو“ (Bhujya) نالي هڪ شخص ڪنهن ڏورانهين دويپ (ٻيٽ) تي سمنڊ جي رستي ڪاهي ويو، پر غوراب غرق ٿيڻ ڪري ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون لهرين ۾ پئي لڙهيون، ۽ پوءِ ناستيه (اشوني ڪمار ديوتائن) تار منجهان تاري پار پهچايس. هيءُ جيڪو اتفاق بڻيو، تنهن جو ذڪر رگ ويد منڊل پهرين ۽ ستين ۾ گهڻن هنڌ آهي. هن حقيقت مان ظاهر آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا پني (وڻجارا) جي سِر جي سٽ ڏيئي ڏورانهن ڏيهن ڏي پنهنجا جهاز هاڪاري ويندا هئا. اها جرئت اسان جن هاڻوڪن سنڌ ورڪين ۾ به آهي، جي سر جو ڪوبه سانگو نه ڪري سمنڊ جي مسافري ڪندا آهن.*

    چئن سمنڊن جو ذڪر: رگ ويد ۾ جيتوڻيڪ اهو ڄاڻايل ڪونهي ته انهيءَ قديم زماني ۾ سنڌو ماٿر جا پڻي (وڻجارا) ڪهڙن سمنڊن ۽ ٻيٽن ڏي ويندا هئا، ته به رگ ويد جي منڊل نائين (23، 6)، ۽ منڊل ڏهين (47، 2) ۾ چئن سمنڊن جو زڪر آهي، جن مان هڪ کي ”پورو سمدر“ يعني اُڀرندي وارو سمند سڏيو اٿن (رگ ويد، منڊل ڏهون، 136، 5). ڊاڪٽر ابناش چندر جي خيال موجب بنگال جي اُپسمنڊ کي ”پورو سمدر“ سڏيو اٿن. ٻيو هندي وڏو سمنڊ هجو، ۽ ٽيون هاڻوڪو عربي سمنڊ هو. چوٿين سمنڊ بابت پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته ڪهڙو سمند هو. جيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان ائين معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن زماني ۾ عربي سمنڊ وڌي راجپوتانا تائين ٿي آيو، جنهنڪري سڄو راجپوتانا وارو پاسو، ۽ هاڻوڪو ٿر ملڪ اڳي پاڻيءَ جي هيٺ هئا، ۽ پوءِ ڌرتيءَ ڌٻڻ سبب سمنڊ هٽي پري ٿيو. سمنڊ جي نساني راجپوتانا ۽ ٿر جون هاڻوڪيون ڀتون آهن. رگ ويد جي منڊل ستين سوُڪت 95، رچا 2 ۾ ڄاڻايل آهي ته سرسوتي ندي جبلن مان وهي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. اهو اشارو اڻ پڇيو راجپوتانا واري سمنڊ ڏي آهي. ڀانئجي ٿو ته جنهن زلزلي وقت راجپوتانا کان سمنڊ هٽيو، تنهن وقت سرسوتي نديءَ جو وهڻ به بس ٿيو. اڳوڻي سرسوتي نديءَ جي پيٽ مان هن وقت جيڪو پاڻي برساتي موسم ۾ وهي ٿو، سو راجپوتانا جي واري چُهي وڃي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته سرسوتي هاڻوڪي پٽياليه راڄ مان لنگهي، انهيءَ راجپوتانا واري سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. هاڻ اسان کي هيءَ ڳالهه ڳولهي لهڻي آهي ته سنڌو ماٿر جا واپاري ڪهڙن ڪهڙن ملڪن ڏي ويندا هئا. * **
    بنگال ۽ چين سان واپار:
    رگ ويد ۾ ذڪر ٿيل چئن سمنڊن مان هڪ ”پورو سمنڊ“ يعني اُڀرندي وارو سمنڊ سڏيو ويوآهي (رگ ويد، منڊل ڏهون، سُوڪت 136، رچا 5). ڊاڪٽر ابناش چندر جي خيال موجب بنگال جي اُپسمنڊ کي (پورو سمدر) سڏيو اٿن. اسان کي اها ڳالهه دل سان لڳي ٿي. سنڌ ۽ پنجاب جا پڻي(وڻجارا) چين ولايت ڏي ويندا هئا، تن جي وڃڻ جي واٽ ئي بنگال جي اُپسمنڊ کان هئي. ويدڪ واري زماني کان پوءِ اتهاسن وارو زمانو آيو، ته به چين ولايت سان لهه وچڙ هلندي آهي، جنهن لاءِ هڪ ثابتي هيءَ آهي ته رامائڻ ۾ چين ولايت جي ريشم ۽ ٻين پيدائش جو ذڪر آهي. ويدڪ زماني ۾ سنڌو ماٿر جا پني بئبلونيا، ميسوپوٽيميا ۽ الهندي ايشيا جي ٻين هنڌن ڏي ويا، ته به شايد چين ولايت سان واپار پوءِ به ڪندا رهيا. ڀانئجي ٿو ته بني اسرائين (يهودين) ۽ بين سيميٽڪ قومن کي چين ولايت جي سڌ انهن پڻي لوڪن وٽان پئي، جنهنڪري عيساين جي انجيل ۾ به چين جو نالو ڄاڻايل آهي. انجيل يا بائيبل ۾ چين جو اُچار ”سئنام“ آهي. الهندي ايشيا ۽ مصر جا رهاڪو وڻج واپار سانگي هندستان ڏي ايندا هئا، سا ڳالهه به عيساين جي انجيل جي پيدائش جي ڪتاب (باب 38، آيت 25) ۾ ڄاڻايل اهي، جو مصالحا، سرهاڻيون، مُدَ وغيره اُٺن تي لڏي مصر ملڪ ڏي ٿي ويا. ”پيريپلس“ مان معلوم ٿئي ٿو ته عيسوي پهرين صديءَ ۾ چين ولايت مان ريشم ايندو هو، ۽ اهو واپار هندستان جا ماڻهو ڪندا هئا. هيءَ به تاريخي حقيقت آهي ته لڪلهوڙن بڪ ميرن جي صاحبيءَ ۾ به سنڌ جا واپاري وڻج واپار لاءِ چين ڏي ويندا هئا. انهيءَ ڳالهه جو ٿورو ذڪر شاهه جي رسالي جي سر سريراڳ ۾ به آهي، جنهن ۾ چيل آهي:
    سودي ڪارڻ سنڀري، ويهون وڻجارن،
    ويـــا چـــين بـنگال ڏي، رکي ماڻڪ من.
    شاهه
    هنن ٻن تُڪن سان گڏ هيءَ حقيقت به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تنهن کان رڳو پنج ورهيه اڳي، يعني 1838ع ۾ جيڪو واپار ڪراچيءَ ۾ هليو هو، تنهن جو مفصل بيان ڪمانڊر ڪارليس ڏنو آهي، جو ٿوري قدر ائٽڪن صاحب واري ”سنڌ گزيٽيئر“ ۾ ڄاڻايل آهي. انهيءَ سال سنڌ ۾ اٽڪل ساڍن ايڪيهين لکن جو واپار هليو هو. جيڪي مکيه شيون ٻاهران آيون هيون، تن ۾ ريشم هو. هنن حقيقتن مان معلوم ٿيندو ته اسان جا هن وقت جا ڀائيبند، جو چين، جپان، برما، منيلا، سينگاپور ۽ دور پورب ڏي ٻين هنڌ وڃڻ لڳا، سو رواج ويدڪ زماني ۾ ئي جاري هو، جو پوءِ ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبيءَ تائين به هلندو پئي آيو، جنهنڪري شاهه جي رسالي ۾ ان جو ذڪر آهي. *

    رامائڻ ۾ يون دويپ ۽ سُورن دويپ (جاوا ۽ سوماترا) ۽ لوه ساگر (ڳاڙهي سمنڊ(Red Sea جو زڪر آهي، تنهن مان سمجهجي ٿو ته انهن پاسن سان لهه وچڙهه ويدڪ زماني ۾ ئي شروع ٿي هئي، جا پوءِ اتهاسن واري زماني ۾ به هلندي آئي.
    ڏکڻ هندستان ۽ سلون سان لهه وچڙ: رگ ويد ۾ موتين جو ڪيترن هنڌ ذڪر آهي (منڊل پهريون، 35، 4، ۽ منڊل ڏهون، 68، 1). سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه، ڪاڪشون رشيءَ کي موتي دان ڪيا هئا. ان وقت جا راجائون پنهنجن گهوڙن ۽ گهوڙين کي به موتين جون ڪنٺيون پائيندا هئا. ايترا موتي ڪٿان آڻيندا هئا؟
    هن وقت سنڌ ۾ سمنڊ مان موتين ڪڍڻ جو مقاطعو ڪراچيءَ جي ڪسٽم کاتيوارا ڏيندا آهن، پر ويجهيءَ ڇڪ مان جيڪي سپون هٿ اچن ٿيون، تن مان اڪثر رڳو جهان، نڪرندي آهي، جا معجون جوڙڻ ۽ ڪن دوائن ٺاهڻ ۾ ڪم ايندي آهي. اُچا آبدار موتي اڄ به ايراني نار کان ايندا آهن. ويدڪ زمان جا پڻي لوڪ بئبلونيا ۽ ميسوپوٽيميا ڏي ايراني نار کان ايندا ويندا هئا، ۽ موتي به اتان آڻيندا هئا ته عجب ڪونهي پر ٻي واٽ به هين.
    رگ ويدڪ زماني ۾ قديم آرين هماليه جبل طرفان اچي، اُتر هندستان ۾ پنهنجي دڳو ڄمايو، ته ان وقت جيڪي دراوڙ ۽ پڻي (وڻجارا) سنڌو ماٿر ۾ رهندا هئا، تن مان ڪيترا ڏکڻ هندستان ڏي ويا، جا ڳالهه پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. انهيءَ مان ائين سمجهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته ملبار، ڪارو منڊل ڪنارو ۽ سلون (لنڪا)، جي اڄ تائين موتين کان مشهور آهن، تتان به موتي آڻيندا هئا. ائين وسهڻ لاءِ سبب هيڪاري هن ڪري ٿئي ٿو ته سنسڪرت لفظ ”مڪت“، جنهن جو اُچار سنڌيءَ ۾ ”موتي“ آهي، سو اصل دراوڙي ٻولين جو لفظ آهي، جيئن پادري ڪالڊ ويل پنهنجي جوڙيل دراوڙي ٻولين جي گرامر، ۽ ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پنهنجي جوڙيل بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي.
    اتر هندستان جا واپاري سلون يا لنڪا ساان نهايت قديم زماني کان وٺي وڻج واپار ڪندا هئا. انهيءَ آمدرفت جاري هئڻ سبب ئي لنڪا جو راجا رانوڻ اتر هندستان ڏي آيو هو، جتان سيتا کي کڻي ويو، ته پنهنجي انهيءَ ڪڪرم جو ڪيتو لوڙيائين، اها رامائڻ واري ڳالهه تريتا جُڳ جي آهي. رانوڻ کان پوءِ لنڪا وارو پاسو سندس نالي پٺيان سڏجڻ ۾ آيو. هڪ يوناني تاريخ نويس ”تپ روبين“(Taprobane) نالو ڄاڻايو آهي، جنهن ۾ ”تپ“ معنيٰ ”ٻيٽ“ ۽ ”روبين“ (رهن) اصل ۾ ”رانوڻ“ آهي، جنهنڪري انهيءَ نالي جي معنيٰ آهي ”رانوڻ وارو ٻيٽ“. يوناني تاريخ نويس ”ٽالمي“ (Ptolmey) جي وقت ۾ لنڪا کي ”سليس“(Salice) ۽ اتي جي رهاڪن کي ”سلوئي“ (Saloe) سڏيندا هئا، جنهن مان ”سيلان“ (Ceylon) نالو ٺهيو. هندو عام طرح لنڪا کي ”سنگلديپ“ سڏيندا هئا. عيسوي سن کان 550 ورهيه اڳي بنگال جي راڻي وجيه اهو ٻيٽ هٿ ڪيو، ۽ ”سنهل دويپ“ نالو ڏنائينس، جنهن جو اُچار پوءِ بگڙجي ”سنگهلديپ“ ۽ ”سنگلديپ“ ٿيو. انهيءَ نالي پوڻ کان ئي اڳي اهو ٻيٽ واپار لاءِ نهايت مشهور هو، ۽ اها مشهوري پوءِ به هلندي آيس، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن ان جو ذڪر ڪيو آهي. ”ڪامس“ (Comas) ته ايئن به چيو آهي ته سڄي هندستان پرشيا، (ايران) ۽ ائٿوپيا مان دنگيون ۽ جهاز سلون ڏي اچن وڃن ٿا، ۽ سلون کان ڪيترو مال سنڌ ڏي اچي ٿو.
    سنڌ جا واپاري اُچا آبدار موتي ايراني نار، ڪاري منڊل ۽ سلون طرفان نه رڳو گهرائيندا هئا، پر موتين هٿ ڪرڻ لاءِ پنهنجا غواص يا ٽوٻير به موڪليندا هئا. اهو دستور ڪلهوڙن جي صاحبيءَ تائين هلندو پئي آيو. جنهنڪري شاهه جي رسالي ۾ موتين ۽ غواصن جو ذڪر آهي:
    ”ويا سي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏيئي،
    تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي.“
    شاهه
    هن ٻن مصراعن منجهان ئي ظاهر آهي ته شاهه جي وقت (ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ به اسان جا غواص يا ٽوٻير عميق (اونهي سمنڊ) ۾، منهن کي ڪائو (شيشو) ڏيئي ويندا هئا، ته اکين ۽ نڪ ۾ پاڻي نه پوي، ۽ پوءِ هيٺ پاتال ۾ وڃي سپون سوجهي ڪڍندا هئا. اهو دستور جو نهايت قديم زماني ۾ جاري ٿيو هو، سو پوءِ به هلندو پئي آيو، جنهن جو اکين ڏٺو احوال رسالي ۾ آهي.
    شاهه جي رسالي مان اهو ظاهر آهي ته ڪلهوڙن جي صاحبيءَ ۾ سنڌي ماڻهو لنڪا (سلون) تائين به ويندا هئا.
    ”لـــنڪا لـــنڪا ڪـــن، لءِ لنڪا جي اوهريا،
    سڻي سون لنڪا جو، سک نه سامونڊين“.
    شاهه
    شاهه جي رسالي مان اهو به سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ جا وڻجارا هندو لهاڻا هئا، ۽ درياهه جا پوچاري هئا. اهي مغلڀين تعلقي جاتيءَ جي پريان ڪوري کاريءَ مان لنگهي، ڪڇ جي نار ڏي ويندا هيا جتان ڪنارو ئي ڪنارو ڏيئي ملبار ۽ سلون ڏي ويندا هئا. سندين زالون ڏيئا ٻاري، اکا ۽ بحرانا درياهه ۾ وجهنديون هيون ته سندن مڙس شل سک سان موٽن!
    جــــيا جـــر جــــاٽون نـــه ڏئـــي، ڏئــــا نــه موهي،
    سڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون؟
    شاهه
    سري رامچندر رانوڻ سان لڙڻ لا3 لنڪا ڏي ويو هو، ۽ اتي سندس لشڪر کي گهڻو سون هٿ آيو هو، انهيءَ ڳالهه جي يادگيري قائم ڪرڻ لاءِ اڄ تائين سنڌ جا براهمڻ اسان جن ماڻهن کي ڏياريندا آهن. دسهڙي ڏينهن هندو ڪنهن هنڌ گڏجي ڪنڊي پوڄيندا آهن. ان وقت براهمڻ کين ڳوهيل چيڪي مٽي ڏيندا آهن، ۽ چوندا آهن ته اها سانڍي رکو ته ٻارهن مهينن کان پوءِ سون ٿي پوندي، ائين ڄڻ ته لنڪا لٽي سون کڻي ايندا آهن.
    شاهه جي رسالي ۾ ٻي به هڪ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ جوڳي آهي.
    ڦــــرڦــــل، ڦــــوٽـــا، پـــارچـا، پاڻيٺ پاتائون،
    ڪوٺيون قيمت سنديون تر ۾ تاڪيائون.
    شاهه
    ڦرڦل يعني لؤنگ ۽ ايلاچي يا ننڍا ڦوٽا سنڌ جي پيدائش نه آهن. اهي ملبار يا فلپائين ٻيٽن مان آڻيندا هئا، ۽ اهي پوءِ دنگين جي رستي نيئي ٻين هنڌ نيڪال ڪندا هئا.
    ويدڪ زماني ۾ ئي دنگين ۽ جهازن لاءِ پڪو ساڳ ته اڻ پڇو ملبار طرفان آڻڻو پوندو هون. اڄ به انهيءَ پاسي کان اچي ٿو، جو اتر هندستان ۾ پڪو ساڳ ٿئي ئي ڪونه. اهڙيءَ طرح ٻيون به ڪي ڳالهيون ملبار سان لهه وچڙ بنسبت آهن، جن جو ذڪر ڌار ڪبو. هتي رڳو ايترو ڄاڻائجي ٿو ته ويدڪ زماني کان وٺي سنڌو ماٿر جا رهاڪو سمنڊ جي سفر ڪرڻ تي هريل هئا، ۽ واپارن ۾ بحري واپار مکيه ليکيندا هئا.
    چوماسي ۾ سمنڊ جو سفر ڪرڻ ڀوائتو آهي، تنهنڪري واپاري اهو وقت سامونڊي سفر کان روڪجي پوندا هئا. چؤماسو پورو ٿيندو هو ته خوشي منائيندا هئا، ۽ سمنڊ ۾ ناريل وجهندا هئا. اهو ناريل پورڻما جو ڏينهن اڄ تائين هندن جو هڪ وڏو ڏينهن آهي. انهيءَ ڏينهن کان وٺي سمنڊ ماٺو ٿيڻ لڳي ٿو، جنهنڪري سمنڊ جي رستي وڻج واپار ڪرڻ لاءِ واٽ کلي ٿي. ناريل پورڻما ملهائڻ جو رواج ئي انهيءَ سبب پيو، جنهنڪري چئبو ته اهو وڏو ڏينهن نهايت قديم زماني جي سامونڊي واپار جي يادگيري ڏياري ٿو. ناريل پورڻما ڏينهن هندو واپاري براهمڻن کي اهڙيءَ وڏيءَ دل سان دان ڏيندا هئا، جو اڄ تائين براهمڻن اهو نهايت مکيه ڏينهن ڪري ليکيندا آهن، ۽ انهيءَ ڏينهن پراڻو جڻيو لاهي، نئون جڻيو پائيندا آهن.
    سنڌي ۽ گجراتي ماڻهن کان ڏکڻ هندستان جا ماڻهو اِهو ناريل پورڻما جو ڏينهن هيڪاري وڌيڪ ڌام ڌوم سان ملهائيندا آهن، جو رگ ويد واري زماني کان وٺي ڪيترا دراوڙ لوڪ سمنڊ جا وڏا سفر ڪندا هئا. اهي جهازن جوڙڻ توڙي جهاز رانيءَ ۾ نهايت ڀڙ هوندا هصئا. هن وقت به سنڌي ۾ ”آرڪاٽي“ معنيٰ ”سکاني“، پر اصل معنيٰ اٿس ”آرڪاٽ“ (آرڪوٽ Arcot مدراس کاتي جي شهر) جو رهاڪو“. آرڪوٽ جا سکائي نهايت ناميارا هوندا هئا، تنهنڪري لفظ کي اِها خاص معنيٰ ملي آهي. ڪڇ ڀڄ گجرات جا سکاني عام طرح ”ملم“ سڏبا آهن. سنڌو ماٿر جا وڻجارا ساموندي سفر ڪري موٽندا هئا ته خوشي منائيندا هئا، جنهن ڳالهه جو اٿرو ويد منڊل ٽئين (15، 8) ۾ نهايت وڻندڙ نموني ذڪر ٿيل آهي. ان وقت خوشيءَ وچان خيران ڪندا هئا. ”بريو“ (Birbu) نالي هڪ وڏي سيٺ رشين کي دان ڏنا هئا، تنهنڪري رگ ويد جي مندل ڏهين (45، 32، 33) ۾ سنديس گهڻي ساک لکيل آهي. اڄ به سنڌ ورڪي سک سان موٽيندا آهن ته خوشيون منائيندا آهن، ۽ ٻاون ۽ ٻانڀڻ کي وڏيءَ دل سان دان ڏيندا آهن.
    ملبار سان واپار ۽ ان جو ٻوليءَ تي اثر: قديم زماني کان وٺي سنڌ جا ماڻهو ملبار طرف جي رهاڪن سان وڻج واپار ڪندا آيا آهن، ته انهيءَ ڳالهه جو ٻوليءَ تي به اثر ٿيو آهي. مثلاً، ”ايلاچي“ اصل ۾ دراوڙي (Dravidian) لفظ اهي، جو اول سنسڪرت ۾ چالو ٿيو. سنسڪرت ۾ رڳو چون ”ايلا“، پر اسين چئون ”ايلاچي“. پڇاڙي (Suffix) ڪئنريز ٻوليءَ مان ورتي اٿئون، جيئن مسٽر دويٽيا پنهنجيءَ ٺاهيل گجراتيءَ ٻوليءَ جي تاريخ ۾ ڄاڻايو آهي. ”ڪڙهي“ اصل ۾ دراوڙي لفظ ”ڪري“ (Kari) آهي، جو مهاونش هراڪ ۾ به ڪم آيل آهي، ۽ اهو پراڻ 477ع جو جڙيل چوڻ ۾ اچي ٿو. ڀانئجي ٿو ته چانورن سان ڪڙهي کائڻ جو رواج ئي دراوڙن کان سکيا هيون. ”ڪوتمير“ (ڌاڻن جا پن)، ”چاڏي“، ”ڪاٻار“ ۽ ٻيا ڪيترا دراوڙي لفظ سنڌيءَ چالو ٿي ويا آهن، ۽ اهي ”ديشي“ لفظن جي دفعي ۾ ليکجن ناريل جا وڻ ملبار طرف جام آهن، ۽ اڄ تائين کوپري جي تيل پيڙڻ ۾ ڏونگيون اُتان اچن ٿيون. ناريل جي اندورن مان ٺهيل رسيون به اصل ملبار ۽ مدراس کاتي جي ٻين پاسن کان اينديون هيون. اهي ڪاٻار جون رسيون عيسوي سورهين صديءَ ۾ يورپ ڏي وينديون هيون، تنهنڪري دراوڙي لفظ ”ڪايار“ انگريزيءَ ۾ به چالو ٿيو. انگريزيءَ ۾ چون ”ڪاير“ (Coin). گجرات ۽ سنڌ جا ميربحر ڪانبار“ چوندا هئا. نامور عالم البيرونيءَ به سنه 1030ع ڌاري انهيءَ وڻج واپار جو ذڪر ڪندي ڪانبار لفظ ڪم آندو آهي، پر هاڻ اسين عام طرح چئون ”ڪاٻار ۡاٻارو“. ملبار طرف سان لهه وچڙ هئڻ سبب اُتي جي ”اِٽي ڏڪر راند ويجهڙائيءَ ۾ سنڌ ۽ گجرات ۾ چالو ٿي. اِٽي ۽ ڏڪر“ ٻئي سنسڪرت بنياد جا لفظ آهن، پر انهيءَ راند ۾ اان جا ٻار ”وڪٽ“، لئن مُن، نار“ وھيره لفظ ڪم آڻين ٿا، سي دراوڙي يعني تيليگو ۽ ڪئنريز ٻولين جا انگ آهن ۽ معنيٰ اٿن ”هڪ، ٻه، ٽي، چار“، وغيره. هيءُ سڀ لهه وچڙ جو اثر آهي، جو اسان جي ٻوليءَ ۾ اڄ تائين ظاهر بيٺو آهي.*

    ايراني نار، اُلهندي ايشيا ۽ مصر سان واپار: ويدڪ زماني ۾ اتر هندستان ۾ آرين پنهنجو دڳو ڄمايو، ته سنڌو ماٿر جي اصلوڪن رهاڪن مان ڪي ساڻن رلي ملي ويا، پر ڪيترا ”پڻي“ ۽ ٻيا ڏکڻ هندستان ڏي ويا، جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي. عالمن کي کوجنائن ڪرڻ سان معلوم ٿيو آهي ته ڏکڻ هندستان ۾ هنن ملبار ۽ ڪارو منڊل ڪنارو وڃي وسايو، جتي چول ۽ پانڊيه (دراوڙن) سان گهڻي لهه وچڙ ٿين ۽ سندن سڀيتا جو مٿن اثر ٿيو هو ڏيساورن سان وڻج واپار ڪرڻ تي هريل هئا، تنهنڪري هڪ هنڌ پڙ ڪري ڪين ويٺا. ڏکڻ هندستان کان پهريائين ايراني نار ڏي ويا، جتي جي رهاڪن سان رس رهائيندا آيا، ۽ ساڳئي وقت ڏکڻ هندستان جي ماڻهن سان به رستو رکندا آيا. پڪو ساڳ، ڪاٻارو، مصالحا ۽ ٻيون اهڙيون شيون اُتان ئي ملن ٿيون. ڪنهن وقت سيميٽڪ قوم وارن سندين بيٺڪن تي ڪاهيو، ته هو اُتان لڏي سريا (شام ملڪ) ڏي، سمنڊ جي ڪناري جي ويجهو پنهنجا ماڳ جوڙي ويٺا، ۽ ساڳئي وقت شام ملڪ وارن سان به رس رهاڻ واجب سمجهيائون. انهن سان اختر ايتري قدر رلي ملي ويا، جو منجهانئن ڪن سان سنڱ ڳنڍيائون، جنهنڪري اهي ”پڻي“ (وڻجارا) پوءِ ”پيونڪ قوم“ (Punic race) وارا ۽ ”فنيشن“ Phoenicians)) سڏجڻ ۾ آيا،جيڪو ملڪ پاڻ والاري ويٺا هئا، سو به سندن انهيءَ نالي پٺيان ”فنيشيا“ (Phoenicia) ڪوٺجڻ ۾ آيو. هتان يوناني آرچيليگو وارن ٻيٽن، يورپ جي ڏاکٽي ڀاڱي ۽ آفريڪا جي اتر واري پاسي سان وڻج واپار ڪرڻ جي سهوليت گهڻي ٿين.+ *

    مٿيون احوال، جو گهڻو ڪري سمورو ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي ڪتابن ”رگ ويد انڊيا“ ۽ ”رگ ويدڪ ڪلچر“ مان ڪڍيو ويو آهي، تن ۾ هن صاحب ائين به ڄاڻايو آهي ته پڻي لوڪن مان ڪن ميسو پوٽيميا ۾ به وڃي بيٺڪون وڌيون، ۽ پوءِ سريا جي سمنڊ جي ڪناري طرف ۽ ڀونوچ سمنڊ وارن ٻيٽن ۾ وڃي رهيا، ۽ آفريڪا جي اتر ڏي به ويا.
    پڻي لوڪن سان گڏ کانئن پوءِ ڏکڻ هندستان مان چول (Cholas) لوڪ به انهيءَ پاسي ويا. مٿن، آرين جي تهذيب جو اثر اڳي ئي ٿيو هو، اهي چول لوڪ الهندي ايشيا ۾، جنهن هنڌ پنهنجون بيٺڪون وجهي وڃي رهيا، سو سندن نالي پٺيان ”چول ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار به ڦري ”ڪئلڊيا“ (Chaldea)ٿيو، ۽ پاڻ به ”ڪئلڊي (Caldees) ڪوٺجڻ ۾ آيا. مطلب ته ڊاڪٽر ابناش چندرداس جي کوجنائن موجب ميسو پوٽيميا جا سمرين لوڪ ۽ ڪئلڊيا يا بئبلونيا (بابل) جا ڪئلڊي لوڪ اصل سنڌو ۾ اُتر جا پڻي ۽ ڏکڻ هندستان جا چول لوڪ هئا، جي پوءِ سيميٽڪ قومن سان سڱ ڳنڍي ساڻن گڏجي مسجي ويا ٻين عالمن به ائين ڄاڻايو آهي تهسيميٽڪ قومن ۾ بئبلونيا ۽ اسيريا جا ماڻهو هنرن ۾ برک هئا، ۽ انهن اهي هنر آڳاٽن ڪئلڊي لوڪن وٽان پرايا. *+


    ميسو پوٽيميا طرف بيٺڪون: الهندي ايشيا ڏي سنڌو ماٿر وارن آرين جون بيٺڪون هيون، تنهن لاءِ گهڻي ئي ثابتيون هن وقت تائين ملي چڪيون آهن، پر اهو ڪنهن به ڏيهي توڙي يوروپي عالم ڄاڻايو ئي ڪونهي ته ميسو پوٽيميا جي رهاڪن تي ”سميرين“ (Sumerians) نالو ڪيئن پيو. انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا توڙي ڪن تاريخن مان ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن قديم زماني ۾ ڪي لوڪ ميسنو پوٽيميا ۾ اچي رهيا. سندن اصل نسل جو پتو ڪونهي، پر اهي ”شمير“(Shumer) سڏجڻ ۾ آيا، ۽ انهيءَ مان ”سميرين“ نالو ٺهيو. انسائيڪلو پيڊيا ۾ سميرين“ لفظ جي سري هيٺ ائين به ڄاڻايل آهي ته عيساين جي انجيل ۾ ”شمير“ بدران ”شنر“ (Shinar) نالو ڪم آيل آهي، ۽ اهي ساڳيا ئي نالا آهن. انجيل ۾ ڪم آيل ”شنر“ لفظ بابت پوپوڪ صاحب پنهنجي ڪتاب ”انڊيا اِن گريس“(India in Greece, pp 45-47) ۾ ڄاڻايو آهي ته اهو آهي ”سنڌور“ يعني ”سنڌونديءَ جا رهاڪو (The People of the Indus) مصنف جي خيال موجب ميسوپو ٽيميا جا رهاڪو ”شمشير“ (Shumer) ۽ سميرين(Sumerians) سڏجڻ ۾ آيا، سو نالو ائين پيو ڄاڻائي ته جيڪي آريه لوڪ اصل اتر قطب طرف سمير پربت (ميرو پربت) تي رهندا هئا، ۽ پوءِ سنڌو ماٿر ڏي آيا، تن مان ڪي ”پڻي“ (وڻجارن) لوڪن سان گڏجي بئبلونيا ۽ ڪئلڊيا ڏي ويا، ۽ ميسوپوٽيميا ۾ پنهنجون بيٺڪون ڌار وڌائون. اهي تازا سمير پربت کان آيل هئا، تنهنڪري خود ميسوپو ٽيميا تي ”شمير“ (سمير) نالو پيو ۽ اتي جا اهي رهاڪو ”سميرين“ سڏجڻ ۾ آيا: ۽ ”شمير“ جو اُچار پوءِ سيميٽڪ قوم وارن ڦيرائي ”شئر“ ڪيو ٿو ڏسجي. ٻنهي حالتن ۾ ائين ئي چئبو ته اهي اسان جي سنڌو ماٿر جا رهاڪو هئا، جن ميسو پوٽيميا وارو پاسو وسايو، ۽ سنڌو سڀيتا جو اوڏهين ڦهلاءُ ڪيو.*


    سنڌو ماٿر جي سڀيتا جو ڦهلاءُ ميسو پوٽيميا ۾ ڪيتري قدر ٿيو، تنهن ڳالهه جو ذڪر ڪنهن به تاريخ نويس ڪونه ڪيو آهي، جو ان جو پتو اسان کي پيو ئي 1922ع ۽ 1927ع جي وچ ڌاري آهي. انهن سالن ۾ آرڪيالاجيڪل کاتي وارن مهن جي دڙي جي کوٽائي ڪرائي، ته اتان ڪيتريون مهرون لڌيون، جن تي اڪٿر جانورن جون شڪليون آهن، پر ڪن ڪن مهرن تي جانورن جي شڪلين سان گڏ هڪ ٻه سٽ به لکيل آهي. انهن اکرن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ديوناگريءَ جي نموني ماترائون يا لاڪنائون آهن. ميسو پوٽيميا منجهان به ڪي اهڙيون مهرون لڌيون آهن، جي هوبهو مهن جي دڙي مان لڌل مهرن جهڙيون آهن. ميسو پوٽيميا ۽ مهن جي دڙي جي سڀيتا جا ٻيا اُهڃاڻ به ايتري قدر هڪ ٻئي سان ملي ٿا اچن، جو خود آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊئريڪٽر جنرل، سرجان مارشل، مهن جي دڙي جي سڀيتا کي اول نالو ڏنو ”انڊو – سميرين سڀيتا“ (Indo Sumerian Civilization)؛ پر پوءِ نالو ڦيرائي ڪيائين ”سنڌو ماٿر جي سڀيتا“. ٻنهي هنڌن جي تهذيب بنهه ساڳي، تنهنڪري هيڪاري ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته اهي سنڌو ماٿر جا آريه هئا، جي اصل (سمير) ميرو پربت کان آيا هئا، ۽ انهن پنهنجي سڀيتا ميسوپوٽيميا ۾ وڃي ڦهلائي، جتي هو ”سمير“ (سمير پربت کان آيل) سڏجڻ ۾ آيا. يوروپي عالم توڙي ٻيا ايترو قبول ڪن ٿا ته فنيشن لوڪ اصل سميٽيڪ قوم جا نه آهن، پر اهي ڪٿان ٻاهران آيا هئا، انسائيڪلو پيڊيا برٽنيڪا مان معلوم ٿئي ٿو ته فنيشن لوڪ پاڻ چوندا آهن، ته اسان جن قديم شهرن جو بنياد ديوتائن وڌو هو، ۽ اسان جي اصلوڪي قوم کي 30 هزار ورهيه ٿي ويا آهن. اهو عرصو خود پيو ڄاڻائي ته ميسو پوٽيميا جا اصلوڪا رهاڪو انهيءَ زماني جا هئا، جنهن وقت سمير پربت وارو پاسو وسيل هو، ۽ اهي سمير پربت وارا آريه هئا، جن مان ڪي هيڏانهن ويا. هتان آرين جون بيٺڪون لڌيون آهن، جن جو ذڪر منڍ ۾ اڳي ئي ڪيو ويو آهي. *

    الهندي ايشيا طرفان جيڪي آرين جون بيٺڪون لڌيون آهن، سي ويدڪ زماني کان گهڻو پوءِ جون آهن. هتي ڪي ٻيون ثابتيون ڄاڻائجن ٿيون، جن مان چڱيءَ ريت سمجهڻ ۾ ايندو ته ويدڪ زماني کان وٺي جيڪا لهه وچڙهه هن طرف جي رهاڪن سان سنڌو ماٿر وارن جي ٿي، سا ويدڪ زماني کانپوءِ اتهاسن واري زماني، بلڪ ٻڌ ڌرم واري زماني تائين به ساندهه هلندي پئي ائي. هتي اول ويدڪ زماني جي هڪ ڳالهه ڄاڻائجي ٿي.
    رگ ويد جي منڊل اٺين، (78. 2) ۾ ”منا“ (Mona) لفظ ڪم آيل آهي. اهو هڪ سونو سڪو هو، جنهن جو وزن ۽ ملهه ٺهرايل هو، جنهنڪري ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته ”منا“ لفظ جو ڌاڻو آهي ”م“ معنيٰ ماپڻ“ يا ”مَن“ معنيٰ ملهه ڪرڻ“ پهريون يوروپي عالم فرئنڪوئس لينورمنٽ (Francois Lenorment) هو، جنهن ڄاڻايو ته اهو رگ ويد ۾ ڪم آيل لفظ ساڳي4 معنيٰ سان قديم ڪئلڊيا يا بئبلونيا جي ٻوليءَ ۾ به آهي. اهو سڪو ساڳي نالي ۽ ساڳيءَ معنيٰ سان پوءِ يوناين پاڻ وٽ چالو ڪيو، ۽ انهيءَ کانپوءِ لئٽن ٻولي ڳالهائيندرن ان جو اُچار ڦيرائي ”مِنا“ (Mina) ڪيو. انهيءَ مان ائين سمجهڻ ۾ آيس ته هندستان ۽ بئبلونيا جي وچ ۾ لهه وچڙ ڪنهن نهايت قديم زماني جي آهي. هن ڳالهه جو مئڊم رئگوزن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”ويدڪ انڊيا“ ۾ ذڪر ڪيو آهي. جنهن صورت ۾ سڄي هندستان مان رڳو رگ ويد ۾ ڄاڻايل ”پڻي“ (وڻجارا) بئبلونيا ڏي ويا، ۽ سندن پٺيان ڏکڻ هندستان وارا چول لوڪ ويا ۽ بئبلونيا سندن ئي نالي پٺيان ”ڪئلڊيا“ (چول لوڪن جو ملڪ) سڏجڻ ۾ آيو، تنهن صورت ۾ اڻ پڇو چئبو ته رگ ويد ۾ ڄاڻايل”منا“ نالي سڪو انهن ئي ايڏهين وڃي چالو ڪيو هوندو. *

    سنڌ جي مغربي ملڪن ۾ مشهوري
    : رگ ويد واري زماني ۾ سنڌ جو پرڳڻو اوني ڪپڙي جي ڪري مشهور هوندو هو، جيئن خود رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهي. انهيءَ زماني ۾ سنڌ ۾ سڄو سال سيءُ گهڻو پوندو هو، جنهنڪري ماڻهو اوني ڪپڙو پهريندا هئا. ڪهڙي زماني ۾ آب هوا ۾ ڦيرو پيو، جو ماڻهو سوٽي ڪپڙو پهرڻ لڳا، سو پتو ڪونهي، باقي ايترو معلوم ٿئي ٿو ته ونئڻ پوکڻ جو رواج پهريائين پهريائين هندستان ۾ پيو، ۽ ڪپهه جو اصلوڪو ماڳ اهو اهي. آرڪيالاجيڪل کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل سر جان مارشل ڄاڻايو آهي ته ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو هنر پهريائين پهريائين پنجٻ ۽ سنڌ ۾ شروع ٿيو، ۽ ٻه ٽي هزار کن ورهيه پوءِ ايشيا کنڊ جي الهندي طرف ۽ مصر ملڪ ۾ جاري ٿيو. +هن موجب چئبو ته مهاڀارت وارو زمانو، جنهن کي اڄ پنج هزار کن ورهيه ٿيا آهن، تنهن ۾ ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو رواج سنڌو ماٿر ۾ پيو، پر اهو رواج انهيءَ کان گهڻو آڳاٽو ڏسجي ٿو. رگ ويد کانپوءِ جيڪو ساهت آهي، تنهن ۾ اها ڳالهه ڪٿي به ڄاڻايل ڏسڻ ۾ ڪانه ٿي اچي ته رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌ ۾ سڄو ورهيه ساندهه سيءَ پوندا هئا، انهيءَ سبب ائين وسهڻ لاءِ سبب ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ سوٽي ڪپڙي جوڙڻ جو رواج ويدڪ زماني ۾ ئي پيو هو. اهو هن ڪري چئجي ٿو، جو رامائڻ ۾ ريشمي ڪپڙن جو ذڪر آهي. هن مان ظاهر آهي ته تريتا جڳ ۾ جڏهن ريشم جوڙڻ جو رواج هو، تڏهن سوٽي ڪپڙي پهرڻ جو رواج ضرور اڳ ۾ ئي جاري ٿيو هوندو، جو سڀڪو ماڻهو ريشم نٿو پائي پر سوٽي ڪپڙي کان سواءِ ڪنهن غريب کي به نٿي سري. مطلب ته سڄي هندستان ۾ پهريائين پهريائين ونئڻ پوکڻ ۽ ڪپهه مان ڪپڙي جوڙڻ جو رواج سنڌو ماٿر ۾ پيو، باقي سنڌ جي ڪپهه ۽ انهيءَ مان جڙيل ڪپڙي ٻاهر رواني ڪرڻ جو رواج گهڻو پوءِ پيو. اِهي اسان جا سنڌي ماڻهو هئا، جي پنهنجيءَ گهرج کان وڌيڪ ڪپڙو جوڙي، ڏيساورن ڏي روانو ڪندا هئا، جنهنڪري سنڌ جو نالو ڪيترن هنڌ مشهور ٿي ويو. هن لاءِ گهڻيون ئي ثابتيون آهن. مثلاً، قديم زماني ۾ هندستان ۽ مغرب وارن ملڪن جي وچ ۾ جيڪو واپارهلندو هو، تنهن جو ذڪر ڪندي، رالنسن صاحب ڄاڻايو آهي ته عيسوي سنه کان 668 کن ورهيه اڳي جا ڪتاب سريا (شام) ملڪ جي حاڪم ”اسر بني پال“ جا هٿ آيا آهن، جن ۾ ”سنڌ“ لفظ هندستان ڪپهه جي معنيٰ سان ڪم آيل آهي.پروفيسر اي. ايڇ. سئس ڄاڻايو آهي ته عيسوي سن کان چار صديون کن اڳي سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو ايراني نار جي رستي بئبلونيا ۽ مصر ملڪ ڏي ويندو هو. +***

    پروفيسر لئسن ڄاڻايو آهي ته مصر جا ماڻهو مردن جي ڪفن لاءِ سنڌ جي ململ ڪم آڻيندا هئا.
    مئڊم زئگوزين ۽ ٻين ڪن عالمن ڄاڻايو آهي ته بابل يا بئبلونيا جا قديم رهاڪو سنڌ جي ململ کي ”سنڌو“ سڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته اهو ڪپڙو ايندو ئي سنڌ مان هو.
    سنڌ جي ململ ايراني نار کان بئبلونيا (بابل) ڏي ويندي هئي، ته ايران ۽ بئبلونيا جي ماڻهن وٽان يهودين کي انهيءَ جي سڌ پيئي، ته پوءِ اهي قديم يهودي لوڪ به سنڌ سان ململ ۽ ٻين جنسن جو وڻج واپار ڪرڻ لڳا. قديم زماني ۾ ڪراچي ضلعي جي لاڙ ۾ پاتال“ نالي هڪ ناميارو بندر هو، جتان سنڌوندي ٻه شاخون ٿي وهندي هئي. عيسوي سنه کان سوا ٽي سؤ کن ورهيه اڳي سڪندر اعظم سنڌ تي ڪاهه ڪئي، تنهن وقت به ”پاتال“ نهايت مسهور بندر هو، جنهنڪري يوناني تاريخ نويسن ان جو زڪر ڪيوآهي. ميجر جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“ (Indus Delta Country) ۾ ڄاڻايو آهي ته حضرت سليمان جي وقت ۾ دنگين ۽ جهاز سنڌو نديءَ جي ڇوڙ (پاتال بندر) وٽ اچي بيهندا ڪندا هئا. اهو واپار ايتري قدر زور هو، جو سنڌ جو نالو الهندي ايشيا ۾ مشهوي ٿي ويو، ۽ خود عيساين جي انجيل ۾ به سنڌ جو نالو اچي ويو. ”سنڌو“ جو نالو ايرانين ڦيرائي ڪيو ”هندو“، ته يهودين ان جو اچار وڌيڪ بگيڙي ڪيو ”هودو“ (hoddu). عيساين جو انجيل، جو اصل عبرانيءَ (Hebrew) يا يهودين جي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي، جا ڳالهه، يول ۽ برنيل صاحبن پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”هابسن جابسن“ ۾ ڄاڻائي آهي. بئبلونيا جي رهاڪن ۽ يهودين وٽان مصر ملڪ جي ماڻهن کي سنڌ جي ململ جي سڌ پيئي، تها هي به سنڌ ملڪ سان وڻج واپار ڪرڻ لڳا، ڊيوڊ مئڪفرسن پنهنجي ڪتاب ”ائنلس آف ڪامرس“(Annals of Commerce) ۾ ڄاڻايو آهي ته مصر ملڪ جا جهاز پاترال بندر (سنڌ) تائين ويندا هئا. *

    سنڌ جو نالو ايرانين ۽ يهودين وٽان يونانين به ٻڌو:
    بئبلونيا وارو پاسو سنڌو ماٿر جي قديم ”پڻي“ (وڻجارن) لوڪن ۽ ڪن دراوڙن وسايو هو، ۽ اهي پوءِ يورپ ڏي به وڻج واپار ڪرڻ ويندا هئا، جنهنڪري يونانين سنڌ جو نالو انهن کان به ٻڌو هجي ته عجب ڪونهي. بهرحال اها پڪ آهي ته قديم ايرانين ۽ يونانين کي سنڌ جي اعليَ سڀيتا ۽ شاهوڪاريءَ جي سڌ اول کان هئي، ۽ اهو ئي سبب آهي جنهنڪري ايرانين ۽ يونانين سنڌ تي ڪاهه ڪري، اهو ڀريو ڀاڳيو پرڳڻو ڪجهه وقت پنهنجي قبضي ۾ ڪيو هو. يورپ جي ماڻهن کي سنڌ جي سنهيءَ ۽ نفيس ململ جي سڌ پهريائين تڏهن پيئي، جڏهن سڪندر اعظم جو لشڪر اها ململ سوکڙي ڪري ساڻ کڻي ويو. ان وقت سنڌ ۽ پنجاب جا رهاڪو توڙي ٻيا هندستان سوٽي ڪپڙو پهريندا هئا. سوٽ ڪپڙي جو تَر لهردار هوندو هو، جنهن يوروپي لوڪن جو گهڻو ڌيان ڇڪيو. *

    قديم يوناني لوڪ سنڌ جي ململ کي ”سنڊن“ (Sindon) سڏيندا هئا. ان وقت شايد اها چوڻي عام هئي ته ”ململ ته سنڌڻ“ (سنڌ جي). اهو ئي سبب ڀانئجي ٿو، جنهنڪري سنڌي لفظ ”سنڌڻ“ ململ“ جي معنيٰ سان ڪم ايندو هو، ۽ يونانين ان جو اُچار ڦيرائي ”سنڊن“ ڪيو. ويجهڙائيءَ ۾ ملٽن به اهو لفط ڪم آندو آهي، پر ملٽن واري مضمون ۾ معنيٰ اٿس ”سنگين اوڇڻ يا ويڙهڻ لاءِ ڪپڙو، منهن ڍڪڻ لاءِ ڄاري“. انگريزيءَ ۾ ٻيو لفظ ”سينڊل“ (Sendal) به عام ٿيو، جو اصل ۾ آهي سنڌي لفظ ”سينڌڙ“ ۽ معنيٰ اٿس ”سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳي مان ولايت ۾ اڳي ٻيڙين لاءِ پڳوهه (رسا) ٺاهيندا هئا. اهي قيمتي رسا انهن شاهاڻين ٻيڙين ۾ ڪم آڻيندا هئا، جن جا سڙهه ريشمي هوندا هئا. مطلب ته سنڌ جو سنگين وٽيل ڌاڳو به يوروپي لوڪ هڪ شاهاڻي شي ڪري ليکيندا هئا. انهيءَ ريت سنڌ جي صوي پنهنجو ججهو ناماچار ڪڍيو، جنهنڪري مغربي ملڪن ۾ مشهوري مليس.+**
    اتر هندستان ۾ پنجاب ۽ سنڌ سنگين ململ جوڙڻ ۾ نالو ڪڍيو ته پوءِ ڏکڻ هندستان به پٺتي ڪين پيو. ڍاڪا جون ململيون اهڙيون ته سنگين هيون، جو چون ٿا ته ململ جو سڄو تاڪيو منڊيءَ مان لنگهائي سگهبو هو. اها سنگين ململ به يورپ ڏي وڃڻ لڳي، ۽ يوروپي لوڪ انهيءَ چڱي رقم ڏيندا هئا. ڪئين ورهيه ساندهه هندستان جو مال ائين يورپ ڏي وڃڻ لڳو. هندستان جا ماڻهو ساڄا ٿيڻ لڳا، ته ڪي يوروپي پوسرڻ لڳا. يورپ ۾ اوني ڪپڙو جوڙيندا هئا، پر اسان جي سوٽي ڪپڙي لئنڪشائر جي اوني ڪپڙي جي ڪارخانن کي ڌڪ هڻي ڇڏيو، ته لئنڪشائر ۾ وڏو غلغلو مچي ويو. اُهي ايتري قدر ويا، جو سن 1666ع ۾ قاعدو پاس ڪرايايائون، ته ڪنهن فوتيءَ جو ڪفن جيڪو سندس مائٽ اوني ڪپڙي مان نه جوڙائيندو، سو ڏنڊ جي سزا جوڳو ٿيندو! انهيءَ عجيب قاعدي جاري ٿيڻ کانپوءِ به جڏهن ڏٺائون ته ڪيترا يوروپي هندستان جي سهني سوٽي ڪپڙي پهرڻ کان نٿا رهن، تڏهن لئنڪشائر جي ڪارخانن وارا پاڻ به سوٽي ڪپڙو جوڙڻ لڳا. انهيءَ ريت هندستان جي سوٽي ڪپڙي يورپ ۾ هنري انقلاب آندو. هي حقيقتون ڪيترين ئي تاريخن ۾ لکيل آهن، پر اهي ٿيون هاڻوڪيون ڳالهيون، تنهنڪري اسين موٽي آڳاٽين ڳالهين تي اچون ٿا.*


    مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا ”پڻي“ (وڻجارا) بئبلونيا ۽ ميسوپوٽيميا ڏي ويا، ته ڏکڻ هندستان جا چول لوڪ به اوڏهين ويا، ۽ اتي پنهنجون بيٺڪون وڌائون، جنهنڪري اهو ملڪ چول لوڪن جي نالي پٺيان ”چول ديش“ سڏجڻ ۾ آيو، جنهن جو اُچار پوءِ ڦري چئلڊيا (ڪئلڊيا) ٿيو، ۽ اهو ”بئبلونيا“ به سڏجي ٿو. بئبلونيا ۾ جن قديم حاڪمن حڪومت ڪئي، تن جي گاديءَ جو هنڌ ”اُر“ (Ur) نالي شهر هو، جو فرات (يوفريٽس) نديءَ جي هاڻوڪي پيت کان ڇهه ميل پري، ڏکڻ ڏي هو. اهو آڳاتو شهر ڪيترن ورهين کان ڦٽي ويو اهي. ويجهڙائيءَ ۾ اُتي جي کنڊرن جي کوٽائي ڪندي ڊاڪٽر ارنيسٽ مئڪي اتان هڪ مهر لڌي، جا عيسوي سن کان ايڪيهه سو ورهيه اڳ جي آهي، ۽ اها هوبهو انهن مهرن جهڙي آهي، جي سنڌ ۾ مهن جي دڙي مان لڌيون آهن. هيءَ حقيقت سرجان مارشل پنهنجي ڪتاب ”موهن جو دڙو ۽ سنڌو سڀيتا“ ۾ ڄاڻائي آهي. انهيءَ کان پوءِ 1931- 1930ع ۾ ميسوپوٽيميا طرف کوٽائي ڪرائيندي، ڊاڪٽر ايڇ. فرئنڪفورٽ کي مهن جي دڙي مان لڌل مهرن جهڙي هڪ مهر هٿ آئي، جا عيسوي سن کان ٽي هزار کن ورهيه اڳ جي آهي.
    قديم شهر ”اُر“ جي ويراني مان پڪو ساڳ به لڌو آهي. پڪو ساڳ ڏکڻ هندستان جي پيدائش آهي، ۽ الهندي ايشيا ڏي ٿئي ئي ڪونه، تنهنڪري اها به هڪ پڪي پختي ثابتي آهي ته بئبلونيا جي رهاڪن جي ڏکڻ هندستان وارن سان قديم زماني۾ ئي لهه وچڙ هئي، ۽ جهازن توڙي عمارتن جوڙڻ لاءِ پڪو ساڳ ملبار طرفان گهرائيندا هئا. هيءَ حقيقت پروفيسر سئس پنهنجين تقريرن (هبرٽ ليڪچرس، 1888ع) ۾ ڄاڻائي آهي. مطلب ته مهن جي دڙي ۽ رگ ويد واري زماني کان وٺي سنڌ جي سنڌ ورڪين الهندي ايشيا، مصر ملڪ ۽ يورپ سان وڻج واپار ڪري پنهنجي پرڳڻي کي ملڪان ملڪ مشهور ڪري ڇڏيو هو، ۽ دراوڙ به وڻج واپار ۽ جهاز رانيءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا. ويجهڙائيءَ ۾ به اسان جا ڪيترا سنڌ ورڪي ڀائر هيڏانهن مالٽا، جبرالٽر، ڪئرو (قاهره) ۽ ٻين مغربي هنڌن ۾، ته هوڏانهن وري دور پورب يعني رنگون، برما، سينگاپور، منيلا، چين ۽ جپان ۾ پنهنجون ڪوٺيون ڪڍي ويٺا هئا، جي پوءِ جرمنيءَ ۽ جپان جي جنگين ڪري بند ڪرڻيون پين.
    گوتم ٻڌ جي جنم جون جنم ڪٿائون جن ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهن، سي ”جاتڪ“ يعني جنم جون ڪٿائون سڏجن ٿيون، جن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ٿيل آهي. جاتڪ ڪٿائن مان هڪ جو نالو آهي ”بيبروُ جاتڪ“. اهو بيبروُ لفظ اُهو ساڳيو آهي، جنهن جو اُچار هن وقت ”بئبلونيا“ آهي. پروفيسر رالنسن به انهيءَ بيبروُ جاتڪ مان هندستان ۽ بئبلونيا جي وڻج واپار جونم ڳالهيون ڪڍي پنهنجي ڪتاب ۾ ڄاڻايون آهن. ٻين عالمن به ائين ڪيو آهي، ۽ ڄاڻايو اٿن ته هندستان ۽ بئبلونيا جي وچ ۾ وڻج واپار گهڻي قدر عيسوي سن کان 480 کن ورهيه اڳي بند ٿي ويو.+*

    اسان جا هي سرويچ واپاري، جن مان ڪي اصل سنڌو ماٿر جا پڻي ته ڪي ڏکڻ هندستان جا دراوڙ هئا، سي پوءِ يورپ ڏي وڌي، بنهه اُتر ڏي اسڪئنڊينيويا تائين به ويا، ۽ پنهنجيءَ سڀيتا جو اوڏهين به ڦهلاءُ ڪيائون. پروفيسر نلسن(Professor Nilson) جو ”جهوني وٿ وگيان“ (Archaeology) ۾ هڪ وڏي سند ڪري ليکيو آهي، تنهن کوجنائون ڪري ڄاڻايو آهي ته انهن پڻي يا فنيشن لوڪن ناروي جي اتر تائين به وڃي بيٺڪون وڌيون هيون، ۽ اوڏهين ”بئل ديوتا“ (God Baal) جي پوڄا جو رواج به وڌائون. پڙهندڙن کي معلوم هجي ته بئل ديوتا جي پوڄا سا مهاديو جي لنگهه جي پوڄا جو هڪ نمونو آهي، ۽ سنڌو ماٿر جا شوي آريه لوڪ، ۽ ڏکڻ هندستان جا دراوڙ لوڪ لنگ جا پوڄاري هئا. اهي ئي اسان جا سنڌو ماٿر جا پڻي هئا، جن يونان ۾ به پنهنجون بيٺڪون وڌيون، ۽ يوناين کي پنهنجيءَ سڀيتا جي رنگ ۾ رنڱي ڇڏيائون. ڪهڙي زماني ۾ اسان جا وڻجارا اوڏاهين ويا، سي سنبت ۽ سن ملڻ مشڪل آهن، پر اها پڪ آهي تهانهن وڻجارن مان ڪي اسان جا سنڌي ماڻهو هئا. جيئن هن وقت سنڌ جا ڪي ملاح مغلڀين، تعلقي جاتيءَ ج4ي پريان ڪوري کاريءَ مان لنگهي، ڪڇ جي نار کان ملبار وڃن پيا، تيئن اڳي به اها واٽ وٺي ويندا هئا، ۽ هڪ پاسي ايراني نار ڏي دنگيون ۽ جهاز هاڪاري مغربي ملڪن سان وڻج واپار ڪندا هئا. پوڪوڪ صاحب انهيءَ باري ۾ هيئن لکيو آهي:**

    "At the mouth of the Indus, dwell a sea-faring people, active, ingenious and enterprising, as when, ages subsequent to this great movement, they themselves, with the warlike denizens of the Punjab, were driven from their native land, to seek the far distant climes of Greece. The commercial people dwelling along the coast that stretches from the mouth of the Indus to the Core, are embarking on that emigration whose magnificent results to civilization, and whose gigantic movements of art, fill the mind with mingled emotions of admiration and awe. These people coast along the shores of Mekran, traverse the mouth of the Persian Gulf and again adhering to the sea-board of Oman, Hadramant and Yemen (Eastern Arabia), and sail up the Red sea; and again, ascending the mightly stream that fertilizes a land of wonders, found the kingdoms of Egypt, Nubia and Abyssinia. These are the same stock that, centuries subsequently to this colonization, spread the blessings of civilization over hellas and her islands. The connection, therefore, which is so constantly represented by Greek historians as subsisting between Egypt and Athens, as well as Benotia, and other parts of Greece, is perfectly natural, and in fact is just what we should anticipate from a people, who so highly honored and deeply venerated their parent state as to receive from its hands their sacred fire, and their ministers of religion.
    "Of the triple connection that links Egypt, Greece and the lands of the Indus, there will remain no longer the shadow of a doubt, as the reader accompanies me in the geographical development of the colonisations of Africa founded by the mercantile and thriving community of Corinthus. This is past controversy: for the Abusin, a classical name for the Indus is reproduced in Greece as the Col-Indus (Corinthus), that is the people of the Coi Indus."—Pocoke: India in Greece.
    قرض ۽ وياج: رگ ويد واري زماني ۾ واپاري نهايت شاهوڪار هوندا هئا (منڊل چوٿون، 25، 7). اهي اڪثر ڳرن اگهن ۾ پنهنجو مال نيڪال ڪندا هئا، جنهنڪري ڪيترن واپارين جو نالو بد هوندو هو. منڊل پهرئين (33، 3) ۾ اندر ديوتا کي آرڌنا ڪندي، هڪ رشي چوي ٿو ته ”تو وٽ گهڻي ئي نڌيون يا خزانا آهن، پر پڻين (وڻجارن) وانگر اسان سان هلت نه ڪج. وڏيءَ دل سان اسان کي دان ڏج ۽ ان جي عيوض اسان کان گهڻو نه گهرج“ – مطلب ته اسان جي ٿوريءَ پوڄا تي گهڻو راضي ٿي، اسان سان پنهنجو وڏو وڙ ڪج.
    قديم زماني جا سيٺيون گهرجائو ماڻهن کي ڳري وياج تي پئسا اُڌارا ڏيندا هئا. وقت تي تنگ طلبي ڪندا هئا، جنهنڪري قرض هڪ وڏو مرض ڪري ليکبو هو. ماڻهو ڌڻيءَ کان اها دعا پيا گهرندا هئا ته ”قرض کان آجو ڪجانم“. ڪي ماڻهو جوا مهل به قرض کڻندا هئا. جيڪي لهڻي رقم نه ڏيندا هئا، تن کي لهڻيدار ٿنڀن سان ٻڌندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 34، 14). شايد اهو مطلب هوندو هون ته جڏهن ساڻن سختي ڪبي، تڏهن هو پاڻ يا سندن مٽ مائٽ يا سنگتي قرض واري رقم ڏيندا جيڪي لهڻي رقم ڏيئي ڪين سگهندا هئا، تن کي لهڻيدارن وٽ قرض ۾ وهڻو پوندو هو. اڄ به ڪي قرض ۾ وهن ٿا. ابن ڏاڏن جو کنيل قرض لاهڻ ماڻهو پنهنجو فرض سمجهندا هئا. قرضدار پاڻ کي اهڙو دکي سمجهندا هئا، جو چوندا هئا ته ”اسان لاءِ سج اُڀري ئي ڪونه ٿو“ (منڊل ٻيو، 28، 9). اڄ به چوڻي آهي ته ”قرض جهڙو مرض ڪونهي“، ۽ ”قرض ڪوڙهه جو ٽڪو“.

    سڪا: قديم زماني ۾ جنسن جي اڪثر مٽا سٽا ٿيندي هئي، پر وقتي روڪڙو ناڻو به ڏيندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ نِستڪه“ نالي سونا سڪا هوندا هئا. ٻيو هڪ سونو سڪو ”منا“ نالي هوندو هو (رگ ويد، منڊل اٺون، 78، 2). انهن سونن سڪن تي شايد گانءِ يا ڍڳي جي شڪل هوندي هئي، ۽ ان جو ملهه گانءِ جي ملهه جيترو هوندو هو، جنهنڪري جيڪڏهن ڪو گانءِ نه ڏيندو هو، ته ان جي عيوض سونو سڪو ڏيندو هو. رگ ويد جي منڊل پنجين (33،6) ۾ چانديءَ جي سڪن جو به ذڪر آهي. ان وقت جا راجائون سون ۽ چانديءَ جا سڪا عام طرح ڏان ڪندا هئا. منڊل اٺين (2، 41) ۾ راجا بڀندو (Bibhindu) بنسبت هڪ رشيءَ چيو آهي ته ”انهيءَ راجا هڪ گهمري مون کي چاليهه هزار سڪا ۽ ٻئي گهمري اَٺ هزار سڪا دان ڪيا هئا.“ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه به ڪاڪشون رشيءَ کي ججهو ڌن ڏنو هو. هن مان ظاهر آهي ته انهيءَ وقت ئي ملڪ ڀريو ڀاڳو هو، ۽ دان پڃ ڪرڻ جو انگ به ماڻهن ۾ جهجهو هو. جن وٽ اَن جا انبا، ۽ سون چانديءَ جا سڪا ججها هوندا هئا، سي وڏا ماڻهو ليکبا هئا، جنهنڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”سونيتي، روپيتي، اَنيتي سلام“! يعني جيڪي سون وارا، روپ يا چانديءَ وارا ۽ اَن وارا آهن، تن کي سڀڪو سلام ڪري ٿو – ”مايا کي نمسڪار“.
    ________________________________________
    * "It would have been strange if the many wide and deep rivers had not encouraged boat-building, even ship building and navigation: so that, while the general formation of the land, divided by intersecting mountain spurs in countless valleys, favoured the establishment of separate and independent tribes. The many easy ways of communication fostered neighborly intercourse, and laid the beginnings of commerce." Z.A Regozin: Vedic India, page112.
    ** "Movable property could change hands by gift or by sale, the latter taking the form of a barter The standard of value seems to have been the cow." Cambridge History of India Vol. 1. Page 97.
    * Professor E.W. Hopkins: The Religions of India, page 34.
    + Professor A.A. Macdonell: History of Sanskrit Literature.
    * Professor Wilson's Translation of the Reg Ved, Introduction page XII, Second Edition, 1860.
    + + "That the people of the country of the Indus rankes as navigators, in the most venerable antiquity, is perfectly clear from the ancient institutes of Manu, where 'merchants who traffic beyond the seas, and bring presents to the King'. Are expressly mentioned." Pococke: India in Greece.
    * "Indian vessels are so admirably adapted to the purpose for which they are required that, no withstanding their superior science, Europeans were unable, during an intercourse with India for two countries, to suggest or to bring into successful practice one improvement." Sir John Malcolm, Journal of Royal Asiatic Society, Vol. I.
    * جيالاجيڪل کاتي وارن جو چوڻ آهي، ته اڳي هڪ سمنڊ هاڻوڪي ترڪستان کان وٺي سئبيريا تائين، ۽ منگوليا کان وٺي ڪاري سمند تائين هو، جو پوءِ (شايد زلزلي سبب) گم ٿي ويو. رگ ويد ۾ (ساڳئي) انهيءَ سمنڊ ڏي اشارو آهي يا نه، سو چئي نٿو سگهجي. – مصنف.
    ** "The existence of the Rajputana sea to the south of this region (Septa Sindhu) down to the seventh or eighth millennium B.C, has already been referred to…….. It is further certain that the Arabian sea also sent up an arm towards the Indus through and crossed a large part of the province of Sindh, which is now occupied by desert and the lower course of the Indus". Dr. A.C. Das: Regvedic India, p.p. 26-27
    * "A detailed report of the Trade of Karachi 1838 by Commander Carless of the Indian Navy furnishes some particulars of much interest. The value of the whole trade for that year was estimated at Rs. 21. 46, 625, the most important items in the list of imports being China and Bengal silk". Cazetter of the Province of Sindh, Vol. I, Chapter VIII, Page 368.
    * البيرونيءَ جو جنم 970ع ۾، ۽ چالاڻو 1038ع ۾ ٿيو هو. – مصنف
    + "The Phoenicians were the descendents of the Panis, and the product of an amalgamation of the Aryan and semetic races." Dr. A.C. Das: Reg Vedic Culture, page 88 and 152.
    * * "The Panis moved on towards the north of Syria, which they called Phoenicia or the land of the Panis or Panikas." Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, page 204.
    + + "There can be no question now as to who the Sumerians or the Chaldeans were, and whence they immigrated to Chaldea. They were, as I have already said a mixed race sprung from the Panis, and the Dravidians (Cholas), and were immigrants from the Coromandal and the Malbar Coasts." Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, page 225.
    * "Considered as artists, the Babylonians and Assyrians stand foremost among the semities, but they are indebted for this to the early Chaldeans." Hist. Hist. of the World, Vol. I pp. 546-47.
    ++ Babylon an ancient city on the left of the Euphrates about 70 miles south of Bagdad. "Babylong" is the Greek form of Babel or Baba-iii, "The gate of the God" Which again is the semitic translation of the original Sumerians name Ka-dimirra. Encycl Britt. Article "Babylon."
    ** "Shumer actually did mean all Babylonia appears evident from the biblical use of shiner i.e. Shumer to describe the district which contained the four chief Babylonian cities viz. Babel, Erech, Accad and Calnch (Genesis X. 10)….. The identity of Shinar and Shumer is also demonstrated by the Septuagaint rendering of Shinar in Isiah XI. II by Babylonia." Encycl. Britt article. Sumer and Sumerians.
    * See also sjt. Chamanlal's "Hindu America," p. 45.
    * "The Phoenicians claimed that their oldest cities had been founded by the gods themselves, and that their race could boast an antiquity of 30,000 years." Encycle: Britt. Article "Phoenicians."
    * RagozineL Vedic India, p. 304,
    ** "India is the original home of Cotton." Dr. James A.B. Scherer: "Cotton as World Power."
    + Sir John Marshall: Mohan Jo Daro and Indus Civilization.
    * Professor H.G. Rawlinson: Intercourse between India and Western World.
    + Professor A.H. Sayce. Hibbert Lectures (1887)
    ** "The Old Babylonian name for muslim was "Sindhu" i,e, that the stuff was simply called by the name of the country which exported it. "Z.A. Ragozin. Vedic India called by the name of the country which exported it." Z.A. Ragozin. Vedic India P. 306
    * Yule – Burnell: Hobson Jobsonor Glossary of Anglo – Indian Words and phrases, article "India"
    * "Cotton Cloth was first seen in Europe when the soldiers of Alexander the Great brought some of it back, as a curiosity, in the fourth century before Christ. All India was clothed with it then, as today; some of the ancient textiles being so delicate and beautiful as to give rise to the poetic description, 'Webs of the woven wind'. " Dr. James. A.B. Scherger: Cotton as World Power.
    + "Wore she not a veil of Sindhon!" Milton.
    ** "Sails of silk, and ropes of sandal, such as gleam in ancient lore." Longfellow.
    * Dr. James A. B Scherer: Cotton as World Power.
    * Jataka stories, translated by Cowel and Rause (Cambridge 1907) III p. 83
    + Radha Kumud Mookerji: Indian Shipping, p. 88.
    ** "These Panis or Phoenicians are known in history as the Punic race, who established colonies in Mesopatamia, Egypt, Pheonicia and North Africa, and even Norway, and played an important part in the early history of Europe" Dr. A.C. Das: Reg Vedic India, p. 587


    باب تيرهون : ٻولي، آئيويٽا ۽ ساهت

    تهذيب جو وسيلو ٻولي: سڀني ملڪن جي قومن جيڪا به ترقي ڪئي آهي، سا ميل ميلاپ ۽ گڏيل ڪوششن جو ڦل يا نتيجو آهي. دنيا ۾ ڪروڙين ڪارخانا، گوديون، آفيسون، اسڪول، ڪاليج ۽ ٻيون سنسٿائون آهن، جيڪي سڀ ميل ميلاپ تي مدار رکن ٿيون. ڪارخانن کولڻ لاءِ سيٺيون وڏيون وڏيون رقمون سيڙائين ٿا، پر جيڪڏهن ڪاريگر ۽ مزور وٽن ڪم ڪرڻ کان نابري واري وهن، ته جيڪر ڪارخانا ڪيئن هلن؟ ساڳيءَ ريت جيڪڏهن هاري ناري نه هجن، ته زميندار يڪي سر ڪهڙي ڪوڏر هڻي سگهن؟ جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ سان ملي ڪم ڪري ٿو، تڏهن چرخو چڱيءَ ريت هلي ٿو، ۽ هنرن ۽ واپارن وغيره ۾ ترقي ڪري سگهجي ٿي، نه ته جيڪر دنيا جو چرخو بيهي وڃي.
    ماڻهن جي ميل ميلاپ لاءِ، ۽ چڱيءَ ريت چرخي هلائڻ لاءِ ٻولي نهايت ضروري آهي. جيڪڏهن ٻولي نه هجي ته ڪيئن جيڪر سيٺيون ۽ گماشتا، زميندار ۽ هاري ناري ۽ ٻيا ماڻهو هڪ ٻئي جي ڳالهه سمجهي سگهن؟ جيڪڏهن سڄي دنيا ۾ ماڻهو ٻوليءَ ڪم آڻڻ بدران گونگن وانگر اشارا ڏين، ته پوءِ جيڪر گهڻي ترقي ڪري ڪين سگهجي. انهيءَ مان سڀڪو سمجهي سگهندو ته سڀ ڪنهن ملڪ جي سڀيتا يا تهذيب ٻوليءَ سان شروع ٿئي ٿي، ۽ اهائي تهذيب جي ترقي4 جو هڪ وڏو وسيلو آهي. نوان نوان هنر جاري ٿيندا ته انهن سان لاڳاپا رکندڙ ڳالهين لاءِ ماڻهو ضرور پورا پورا لفظ ڪم آڻيندا، ته جيڪي سندن ڌنڌي وارا آهن، يا جن جي ساڻن ڏيتي ليتي آهي، سي سندين ڳالهه ٻوريءَ ريت سمجهن. اهڙيءَ ريت اخلاقي اطوار، وگياني ويچار، روحاني راز ۽ ٻيون ڪئين ڳالهيون ٻوليءَ جي وسيلي ظاهر ڪجن ٿيون، جن لاءِ پورا پورا لفظ ڪم آڻڻا پون ٿا، تنهنڪري ماڻهن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ ٻولي به ترقي ڪري ٿي، ۽ پلٽو کائي ٿي. اهي ئي ڳالهيون اسان کي هن باب ۾ کولڻيون آهن ته قديم سنڌو ماٿر جي تهذيب جي تاريخ سمجهڻ سولي ٿئي.
    سنسڪرت ۽ ان جا قسم يا درجا: سڀڪنهن پرڳڻي جي ٻولي پنهنجي پنهنجي ٿئي ٿي. قديم سنڌو ماٿر جا آريه لوڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا، سا اها آهي، جا هاڻ عام طرح ”سنسڪرت“ سڏجي ٿي. ندن جا ويد انهيءَ ٻوليءَ ۾ لکيل آهن، جن بابت هندو عام طرح ائين چون ته اهي ”انادي“ آهن، يعني انهن جي اَد يا شروعات آهي ئي ڪانه، جنهنڪري چئبو ته سنسڪرت ٻولي نهايت قديم آهي. انهيءَ ٻوليءَ ڳالهائڻ جو رواج ڪڏهن پيو، سو ڪوبه چئي ڪونه سگهندو.
    هندن جا جملي چار ويد آهن: رگ، يجر، سام ۽ اٿر. انهن چئني مان رگ ويد نهايت آڳاٽو آهي، ۽ انهيءَ جهڙو جهونو پستڪ ٻيو آهي ئي ڪونه. سڄو رگ ويد منڊلن يا بابن ۾ ورهايل آهي، ۽ اهي منڊل جدا جدا زمانن جا آهن. چالو ٻوليءَ ۾ وقت بوقت ٿورو گهڻو ڦير پوي ٿو، ۽ اها پلٽو کائي ٿي. خود رگ ويد جي ٻوليءَ ۾ ڦير آهي. رگ ويد جون ڪي ڪي رچائون اهڙيءَ ڪنهن قديم سنسڪرت ۾ لکيل آهن، جو جيڪي رشي ويدن واري زماني کان سگهو ئي پوءِ ٿي گذريا، سي به انهن جو مطلب سمجهي نٿي سگهيا، ۽ اڄ تائين ڪوبه يوروپي توڙي ڏيهي عالم اهي سمجهي نه سگهيو آهي. ٻين ٽن ويدنجي ٻوليءَ ۾ ٿورو ٿورو ڦير آهي، پر ٿلهي ليکي انهن چئني ويدن ۾ ڪم آيل ٻوليءَ کي ”ويدڪ سنسڪرت“ سڏجي ٿو. سر گريئرسن ۽ بين ڪيترن يوروپي ۽ ڏيهي عالمن جو چوڻ آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ ڳالهائڻ ٻولهائڻ توڙي لکپڙهه ۾ جيڪا ٻولي ڪم آڻيندا هئا، تنهن جو مثال رگ ويد واري ٻولي سمجهڻ گهرجي.
    اهو قدرت جو قاعدو آهي ته جيڪا ٻولي روز مرهه ڳالهائڻ ۾ پيئي ايندي، تنهن ۾ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سڀاويڪ طرح پاڻمرادو پيئي ٿيندي. سنسڪرت ۾ به ائين وقت بوقت ڦيرڦار ٿي، پر عام طرح ان جا ٽي مکيه قسم يا درجا ليکجن ٿا: قديم، وچولو ۽ آخرين. قديم سنسڪرت، جنهن کي ”ويدڪ سنسڪرت“ يعني ويدن واري سنسڪرت (ويدن جي زماني واري سنسڪرت) سڏجي ٿو، تنهن کانپوءِ ”وچولي سنسڪرت“ (Middle Sanskrit) آهي. اها ويدن واري زماني کانپوءِ جي سنسڪرت (Post Vedic) سنسڪرت انهيءَ زماني جي آهي، جنهن ۾ ”سوترن“ لکڻ جو رواج هو. ”سوتر“ آهن ڌرمي ۽ ٻين ڳالهين بابت ننڍڙا قاعدا، جي ٿورڙن پر نهايت مائيدار لفظن ۾ ائين لکيل آهن، جو ڄڻ ته ”سوتر“ (سٽ يا ڌاڳي) ۾ موتي پوتل آهن، تنهنڪري انهيءَ وچولي سنسڪرت کي عام طرح ”سوترن جي زماني واري سنسڪرت“ (Sanskirt of the Sutra Period) به چئبو آهي. ويدن جي پٺيان ”براهمڻ“ گرنٿ آهن، ۽ اهي سوترن ۾ لکيل اهن. ساڳيءَ طرح پانني منيءَ جي جوڙيل ”اشٽا ڌيائي“ (سنسڪرت گرامر) ۽ بيا ڪي پستڪ سوترن ۾ لکيل آهن. قديم آريه لوڪ جيئن جيئن ٻين قومن (اڻ آرين) سان لهه وچڙ ۾ آيا، تيئن تيئن سندن ٻوليءَ ۾ وڌيڪ ڦير پوندو ويو، جنهنڪري وچولي سنسڪرت ڦري آخرين درجي واري سنسڪرت تي آئي. هندن جا اهي اتهاس (رامائڻ ۽ مهاڀارت)، سمرتيون، ڪوي ڪاليداس جا ناٽڪ ۽ ٻيا جيڪي به پستڪ اڄ تائين سنسڪرت ۾ نڪتا آهن، سي انهيءَ ۾ لکيل آهن. هندن جا ”پراڻ، به ان ۾ لکيل آهن، تنهنڪري اها عام طرح ”پراڻڪ سنسڪرت“ سڏجي ٿي. ”حقيقتاً اڄ ڪلهه سنسڪرت سڏبو ئي انهيءَ آخرين درجي واري سنسڪرت“ (Classical Sanskrit) کي آهي، ۽ هن وقت اهائي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پاڙهڻ ۾ اچي ٿي.*

    ٻوليءَ ۾ وقت بوقت ڦير پوندو ڏسي، آڳاٽن آرين هيءُ حڪم جاري ڪيو ته شودرن کي ويدن پڙهڻ جو ڪوبه اڌڪار (حق) ڪونهي. پڙهڻ ۽ پاڙهڻ جو ڪم رڳو براهمڻ ڪن، ته ويدن جا منتر اهي پوريءَ ريت اُچارين، پر چالو ٻولي ڪنهن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ جي ڪانهي. سنسڪرت ۾ پوءِ به تبديلي ٿيندي ويئي. رفتي رفتي اهڙي حالت ٿي، جو جيڪا سنسڪرت عام طرح ڳالهائڻ ۾ ايندي هئي، سا سموري ڦري هڪ بنهه نئين قسم جي ٻولي ٿي پيئي، ۽ اها ”پراڪرت“ سڏجڻ ۾ آئي. عام طرح ماڻهو پراڪرت ڳالهائڻ لڳا ته سنسڪرت ڳالهائڻ جو رواج ئي بند ٿي ويو. هندن جا ويد ۽ ٻيا ڌرمي بستڪ سنسڪرت ۾ لکيل آهن، تنهنڪري براهمڻن، رشين ۽ منين سنسڪرت جو درجو پراڪرت کان مٿي رکيو، ۽ اڄ اها سڄي هندستان جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي ليکجي ٿي.
    مهاڀارت وارو زمانو دور پور جڳ جي پڇاڙيءَ ڪلجڳ شروع ٿيڻ کان ٿورو اڳ تائين هلندو پئي آيو، ۽ اهو سڀ وقت سنسڪرت چالو هئي، جنهنڪري چئبو ته ڪلجڳ شروع ٿيڻ سان سنسڪرت جو واهپو بند ٿي ويو. انهيءَ هوندي به پوءِ جي رشين ۽ منين سنسڪرت تي گهڻو ڌيان پئي ڏنو. ياسڪ نالي هڪ مني، جو عيسوي سنه کان ڇهه صديون کن اڳ ٿي گذريو آهي، تنهن ويدڪ سنسڪرت جو گرامر لکيو، جو ”اُشٽا ڌيائي“ نالي سان مشهور آهي. پوءِ ڪاتياينه ۽ پتنجلي رشيءَ سنسڪرت گرامر جوڙيا. ائين سنسڪرت کي وڌيڪ بگڙجڻ کان روڪڻ لاءِ ان کي قاعدي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌي ڇڏيائون. انهيءَ سبب جيڪا سنسڪرت پانني منيءَ، ڪاتياينه ۽ پتنجلي رشيءَ جي جوڙيل گرامر پٽاندر نه هوندي، سا غلط ليکبي. اهو ئي سبب آهي، جنهنڪري هينئر سنسڪرت ۾ وڌيڪ ڦيرو نٿو پوي.
    ”سنسڪرت“ لفظ جي معنيٰ: قديم آريه لوڪ پنهنجيءَ ٻوليءَ کي ”ڀاشا“ چوندا هئا، جنهن جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ڀاش“ معنيٰ ڳالهائڻ. ”ڀاشا“ معنيٰ ”جا ڳالهائجي ٿي“ يعني ٻولي. خود .ٻولي“ معنيٰ به جا ٻولجي جا ڳالهائجي ٿي. آرين جي ٻوليءَ تي ڪو خاص نالو رکيل ڪونه هو، ۽ ”سنسڪرت“ نالو ڪو گهڻو قديم ڪونهي، جو اهو ويدڪ ساهت ۾ ڄاڻايل ئي ڪونهي. انهيءَ قديم ڀاشا ڳالهائڻ جو پوءِ رواج ئي بند ٿي ويو. ياسڪ ۽ پانني منين انهيءَ جو اونهو اڀياس ڪيو، ته يقين ٿين ته اها ٻولي نهايت وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري ان کي سنسڪرت نالو ڏنائون، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل يا سڌريل بولي.“ هيءُ نالو خود ڄاڻائي ٿو ته اهو ٻوليءَ صفت ظاهر ڪري ٿو، ۽ باسڪ ۽ پانني منين هن ڀاشا (ٻوليءَ) جي عمدي بناوت ڏسي، مٿس اهو نالو رکيو. اهو لفظ ئي سندن وقت جو جڙيل آهي، ۽ جوڙيو ئي شايد پاڻ هئائون، جو کانئن اڳي اهو نالو ڪٿي به ڪم آيل ڪونهي. *

    ”سنسڪرت“ ۽ ”ديوناگري“ نالن تي ويچار: سنسڪرت ٻولي عام طرح ”ديو واڻي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏبي آهي. آخرين درجي واري سنسڪرت(Classical Sanskrit) ۾ به اها ”سُر ڀارتي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏي ويئي آهي. ”سُر“ معنيٰ ”ديوتا“ ۽ ”ڀارتي“ معنيٰ ”واڻي يا ٻولي“. سنسڪرت ٻولي جنهن ائيويٽا ۾ لکبي آهي، سا اڳي ”براهمڻي“ لپي ڪوٺبي هئي، ۽ هاڻ اها ”ديناگري“ يعني ديوتائن جي ننگر (شهر) جي آئيويٽا ڪوٺجي ٿي. سنسڪرت آئيويٽا تي اهي نالا ڪيئن پيا، سا ڳالهه اڳي ڪنهن به کولي نه ٻڌائي آهي، تنهنڪري ان بابت مان پنهنجا شخصي ويچار ظاهر ڪريان ٿو.
    سڄي هندستان جا هندو عام طرح ائين چوندا آهن ته اسان جا ديوتائون اُتر ڏي آهن. هندستان جي اُتر ڏي هماليه جبل آهي، ۽ ان جي پريان ميرو پربت هو، جو سمير پربت به سڏبو هو. آڳاٽن آرين مان گهڻا انهيءَ پاسي رهندا هئا. منجهانئن ڪيترا رشي هئا، جن مان ست رشي مکيه هئا، جنهن ڪري ”سپت رشي“ لفظ مهاڀارت، پراڻن وغيره ۾ گهڻن هنڌ ڪم آيل آهي. شڪل يجر ويد جي پٺيان جيڪو شتپٿ براهمڻ گرنٿ آهي، تنهن ۾ انهن ستن رشين جا نالا گوتم، ڀردواج، وشوامتر، جمد گني، وشسٽ، ڪشيپ ۽ اَتري ڄاڻايل آهن. اهي ئي آڳاٽا رشي هئا، جن جي واتان ويدن جا منتر ظاهر ٿيا. ويدن جا منتر جهڙي تهڙي ماڻهوءَ جي واتان ظاهر ٿيڻ جا نه آهن، پر پهتل شخصن جي واتان اهي رشي پهتل شخص هئا، ۽ هاڻوڪا سڀ براهمڻ آڳاٽن رشين جو اولاد آهن، تنهنڪري براهمڻن پنهنجن انهن ابن ڏاڏن (رشين) کي ”ديوتائن“ ڪري ڪوٺيو ته اها ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي. قديم يوناني لوڪ به پنهنجن ابن ڏاڏن کي ”ديوتائون“ ڪري ڪوٺيندا هئا. اهي اڄ به ائين چون ته اسين ديوتائن جو اولاد آهيون.
    سپت رشي امر آهن: اڄ به اکيون کڻي آسمان ڏي نهاريو ته هڪ تارن جو ميڙ ڏسڻ ۾ ايندو، جنهن ۾ ست تارا آهن. اهي اهڙيءَ طرح بيٺل آهن، جو ڄڻ ته اُڀ ۾ هڪ وڏو رڇ بيٺو آهي، تنهنڪري انگريزيءَ ۾ لکيل کگول وديا ۾ اهو (Ursa Major or Great Bear) يعني ”وڏو رڇ“ سڏيو ويو آهي. انهن ستن تارن جي ميڙ کي هندو ”سپت رشي“ سڏيندا آهن، ۽ انهن کي ديوتائن ڪري ڪوڍيندا اهن. مطلب ته انهن ستن رشين کي نه رڳو براهمڻ، پر کتري ۽ وئش به ديوتائن ڪري سمجهن ٿا. منو سمرتيءَ ۾ انهن ستن رشين جي نالن سان گڏ ٻيا ٽي نالا دڪش، ڀرگو ۽ نارد ڄاڻايل آهن، ۽ اهي ڏهه ئي ”پرجاپتي“ (برهما) سڏيا ويا آهن، يعني ته انهن بابت چيل آهي ته سڄي انسان ذات انهن مان پيدا ٿي هئي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن سڄي هندو جاتيءَ آڳاٽن رشين کي ديوتائون ڪري ليکيو، ته اها ڪا عجب جي ڳالهه ڪانهي. خود آڳاٽا رشي پنهنجي نالي ائين چوندا هئا ته اسين ديوتائن جو اولاد آهيون. رگ ويد جي منڊل 3، (سُوڪت 53، رچا 9) ۾ چيل آهي ته وڏو رشي وشوامتر ديوتائن مان پيدا ٿيو هو. آڳاٽا رشي ۽ سندن وڏا ڳالهائڻ ۽ ٻولهائڻ توڙي لکڻ پڙهڻ ۾ سنسڪرت ٻولي ڪم آڻيندا هئا، جا اڄ تائين هندن جي پوتر ڀاشا يا پاڪ ٻولي آهي، ۽ انهيءَ سبب ان کي ”ديو واڻي“ يعني ديوتائن جي ٻولي سڏين ٿا. آخرين درجي واري سنسڪرت ۾ به اها ”سُر ڀارتي“ يعني ديوتائن جي ٻولي ڪوٺڻ جو رواج به ڪن ڪسابن کان جاري ٿيو هو.*

    آسمان ۾ جيڪو ستن تارن جو ميڙ ”سپت رشي“ (Great Bear) سڏجي ٿو، تنهن ۾ ٻه تارا ”ڏس ڏيکاريندڙ“ (Pointers) آهن. انهن وٽان سڌيءَ ليڪ ۾ ”ڌرم تارو“ (Polo Star) ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جو سدائين اُتر ڏي هوندو آهي. اهو ڌرو تارو اڄ تائين ڄڻ ته ائين پيو ڏيکاري ته انهن آڳاٽن رشين جو ماڳ اتر طرف (ميرو پربت) تي هو. وشنو پراڻ ۾ لکيل آهي ته ڄمون دويپ جي وچ ۾ ميرو پربت هجو، ۽ انهيءَ پربت جي چوٽيءَ تي هڪ شهر ٻڌل هو، جو پرٿويءَ تي سرڳ يا بهست هو، ۽ اهو ”برهما جو لوڪ“ هو. آڳاٽا سپت رشي، جي ”پرجا پتي“ (برهما) سڏيا ويا آهن، تن جو اصلوڪو ماڳ اهو ؟برهما جو لوڪ“ هو. انهيءَ مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اهو ئي پهريون ماڳ هو، جتي سنسڪرت لپي (آئيويٽا) ٺهي، ۽ ”برهما جي لوڪ“ ۾ ٺهڻ ڪري اها ”براهمي“ سڏجڻ ۾ آئي. اها پوءِ ”ديوناگري“ يعني ”ديوتائن جي ننگر يا سهر“ جي آئيويٽا سڏجڻ ۾ آئي، سو به انهيءَ ڪري جو آڳاٽن رشين جو ننگر يا شهر اهو ”برهما جو لوڪ“ هو، جو ميرو پربت جي چوٽيءَ تي هو، ۽ اها آئيويٽا اصل انهيءَ شهر ۾ جڙي هئي.
    لکڻ جو هنر: گذريل اڻويهين صديءَ ۾ تاريخ جي کوجنائن ڪندي، ڪن يوروپي عالمن هيءُ رايو ظاهر ڪيو ته ويدن واري زماني ۾، بلڪ ان کان ڪيتريون صديون پوءِ به، آڳاٽن آرين کي لکڻ جو هنر ڪونه هو، ۽ ويدن جي واڻيءَ، ۽ اتهاسن ۽ پراڻن جي ڳالهين جو ڦهلاءُ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ٿيندو هو. ڪيترن يوروپي عالمن ڊاڪٽر بلهر (Dr. Bulher) جو رايو قبول ڪيو ته ”فنيشن“ آئيويٽا، جا عيسوي سنه کان نَوَ (9) صديون اڳي چالو هئي، تنهن تان براهمي لپي (ديوناگري) ٺهي، ۽ ان کانپوءِ آرين وٽ لکڻ جو هنر عام ٿيو! يوروپي عالمن جو چوڻ هو ته قديم زماني ۾ هندستان ۽ ميسو پوٽيميا جي وچ ۾ گهڻي لهه وچر هئڻ سبب ميسوپوٽيميا جي فنيشن آئيويٽا هندستان ۾ چالو ٿي!*

    يوروپي عالمن جي ههڙن راين اسان جن ماڻهن ۾ غيرت پيدا ڪئي، ۽ گهڻو اُتساهه جاڳايو. هو پنهنجي سر کوجنائون ڪرڻ لڳا، جو ڪنهن کي به اها ڳالهه اعتبار ۾ نٿي آئي ته قديم آرين فنيشن آئيويٽا تان ديوناگري اکر جوڙيا هئا. اسان جن ڏيهي عالمن مان، جن يوروپي لوڪن جي انهيءَ رايي کي اول رد ڏنو، تن مان مکيه پروفيسر ڊي. آر. ڀنڊارڪر هو. هن صاحب کوجنائون ڪري چيو ته لکڻ پرهڻ جو هنر رگ ويد واري زماني ۾ ئي هندستان جي ماڻهن کي هو. تاريخ کان اڳ جي زماني جي آئيويٽا جا نشان جهڙا حيدرآباد دکن مان لڌل ٿانون ٿپن تي آهن، تهڙن اکرن تان براهمي لپي (ديوناگري) ورتل آهي. *

    هن باري ۾ جيڪي وڌيڪ کوجنائون هن وقت تائين ٿيون آهن، سي هتي مختصر طرح ڄاڻائجن ٿيون، ته سڄي ڳالهه سمجهڻ سولي ٿئي.
    ڪلڪتي يونيورسٽيءَ جي تاريخ جي پروفيسر ڊاڪٽر ابناش چندرداس خود رگ ويد مان حوالو ڏيئي ڄاڻايو آهي ته رگ ويد جي منڊل ڏهين (سوُڪت 71، رچا 4) ۾ لکيل آهي ته ”اهڙا به ماڻهو آهن، جي واڻيءَ جي معنيٰ ۽ مطلب مطلب سمجهڻ کان سواءِ اُها ٻڌن ۽ ڏسن ٿا“.
    اهو حوالو ڏيئي چيو اٿس ته ”واڻي تڏهن ڏسي سگهبي، جڏهن لکيل هوندي، تنهنڪري هنن لفظن مان اڻ پڇو اهو مطلب ڪڍبو ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي ماڻهن کي نه رڳو لکڻ ۽ پڙهڻ جو هنر هو، پر ڪي پستڪ به هئن.“ *

    ڊاڪٽر ابناش چندر داس جي هن ڳالهه کي ڪوبه يوروپي توڙي ڏيهي عالم اڄ تائين ڪو به رد ڏيئي ڪونه سگهيو آهي، ۽ نڪو ڪو ڏيئي سگهندو. اسين پنهنجي سر يوروپي عالمن جي اڳين راءِ کي سراسر غلط سمجهون ٿا، ۽ ڊاڪٽر ابناش چندر داس جو رايو سورهن آنا صحيح سمجهون ٿا، تنهن لاءِ هيءُ به هڪ سٽاڻو سبب آهي، جو خود اٿرو ويد جي منڊل اڻويهين (سوُڪت 68، منتر 72) ۾ چٽيءَ ريت چيل آهي ته ”پستڪ (ويد) جي پاٺ ڪرڻ مهل اهو پيتيءَ مان ڪڍندا هئا،. ۽ پاٺ پوري ڪرڻ کان پوءِ اهو موٽائي پيتيءَ ۾ رکندا هئا.“ هن کان وڌيڪ پڪي پختي ۽ نهايت چٽي ثابتي ٻي ٿي ڪين سگهندي، تنهنڪري اڻ پڇو قبول ڪرڻو پوندو ته ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽا آريه لوڪ نه رڳو لکي پڙهي ڄاڻندو هئا، پر لکيل پستڪ به هئن، جن جي ججهي سنڀال ڪندا هئا، ۽ اهي پيتيءَ ۾ سانڍي رکندا هئا.
    لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ پنهنجي جوڙيل ڪتاب ”آرڪٽڪ هوم“ ۾ مهاڀارت جي شانتي پَرَو مان احوال ڏيئي ڄاڻايو آهي ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن اُتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن به ويد ۽ پراڻ هئن، جي عيسوي سنه کان اَٺ ڏهه هزار ورهيه اِڳي مها پرلئي ٿيڻ وقت گم ٿي ويا، ۽ پوءِ رشين کي تپسيا جي ٻل تي جيتري قدر ياد پيا تيتري قدر وري نئين سر لکيائون. هنحقيقت موجب چئبو ته آڳاٽا آريه لوڪ جڏهن ميرو پربت طرف هئا، ۽ هندستان ۾ اڃا آيا ئي ڪين هئا، تڏهن به ويد ۽ پراڻ هئن، ۽ لکڻ پڙهڻ جو هنر به هون.
    لکڻ جا آڳاٽا دستور يا نمونا: آرڪيالاجيڪل کاتي وارن کي کوجنائن ڪرڻ سان يقين ٿيو آهي ته سڄيءَ دنيا ۾ اڳي هيءُ دستور هو ته ماڻهن کي جڏهن ڪو خيال ظاهر ڪرڻو هوندو هو، تڏهن ان جي شڪل ڪڍندا هئا. مثلاً گرڙي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جو نالو لکڻو هوندو هون ته انهيءَ جي شڪل ڪڍندا هئا. اهي شڪليون پوءِ پنهنجي صورت مٽائي، هاڻوڪيون آئيويٽائون ٿيون آهن. ”لپي“ يا آئيويٽا کي ”ورڻ مالا“ چئبو آهي. ”ورڻ“ لفظ جي معنيٰ آهي ”رنگ“. مثلاً ”سون ورنو“ معنيٰ سون جي رنگ وارو يعني ”سهڻو“. اهو ”ورڻ مالا“ لفظ ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چِٽيندا هئا، ۽ اها چٽيلن اکرن جي قطار اوائلي آئيويٽا هئي. اسان جو اهو قياس سچو آهي، تنهن جي تصديق ”لپي“ لفظ ڪري ٿو. ”لپي“ معنيٰ ”آئيويٽا“، پر ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”لپ“ (Lip) معنيٰ ”چِٽڻ“. اهو ”لپي“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته اڳي آئيويٽا جا اکر چٽيل هوندا هئا، ۽ پوءِ هرهڪ اُچار لاءِ ڪي اکر مقرر ٿيا. خود اکرن لکڻ جو نمونو به وقت بوقت ڦريو آهي. نموني لاءِٽرمپ صاحب وارو ۽ بمبئي ڇاڇي وارو شاهه جو رسالو ڏسو، جن ۾ اکر اؤر نموني لکيل آهن. مطلب ته جيئن ٻولي ترقي ڪري، نوان نوان روپ وٺي ٿي، تيئن آئيويٽائن به روپ بدلايا آهن. اڳاٽي ديوناگري آئيويٽا ”براهمڻي لپي“ سڏبي هئي، ۽ اها جدا جدا زمانن ۾ روپ بدلائي هاڻوڪي ديوناگري ٿي آهي. هن وقت سنسڪرت ۾ لکيل ڪيترائي جهونا پستڪ آهن، جن ۾ ڪم آيل آئيويٽا هاڻوڪن ديوناگري اکرن کان گهڻو ڦريل آهي.
    هندستان ۽ يورپ جا قديم آريه لوڪ ڪيئن لکندا هئا، سا سڌ سنڌي لفظ ”لکڻ“ ۽ انگريزي لفظ ”رائيٽ“ (Write) مان پوي ٿي. انهن ٻنهي لفظن جي بنيادي معنيَ آهي کرڙڻ، رهڙڻ“ يعني اُڪرڻ. انهيءَ بنيادي معنيٰ مان پتو پوي ٿو ته اڳي پٿرن يا ڪنهن ڌاتوءَ تي اکر اُڪريندا هئا. خود ”اکر“ (سنسڪرت ”اڪشر“) لفظ جي معنيٰ آهي ”جو کرجي نه يا، ڊهي نه“ مس قلم سان لکيل اکر ڊهي ويندا، پر اُڪريل اکر نه ڊهندا. مطلب ته ”لکڻ“ ۽ ”اکر“ لفظ انهيءَ قديم زماني جا جڙيل آهن، جنهن زماني ۾ اکرن اُڪرڻ جو رواج هو.
    ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چئٽرجيءَ پنهنجيءَ ٺاهيل بنگالي ٻوليءَ جي تاريخ ۾ سنسڪرت لفظ ”پستڪ“ جو لاڳاپو پارسي لفظ ”پوست“ (کَل) سان ڄاڻايو آهي. هيءَ تاريخي ڳالهه آهي ته قديم ايراني لوڪ گاين جون کلون ڪاغذ يا پني جهڙيون سنهيون ڪري، انهن تي لکندا هئا. اها حقيقت ڊاڪٽر مارٽن هاگ پنهنجي ڪتاب ۾ پارسين جي مذهب ۽ ٻوليءَ جو ذڪر ڪندي صفح 136 ۾ ڄاڻائي آهي. ”پستڪ“ لفظ به ڄاڻائي ٿو ته قديم هندو لوڪ به ڪجهه وقت کلن تي لکندا هئا، جو گاين ۽ ڍڳن ڪهڻ ڳائي گوشت کائڻ جو رواج مهاڀارت واري زماني تائين به عام هو.
    ڪاغذ يا پني جي ڀيٽ ۾ کَل بلڪل مهانگي شيءِ آهي. کل جي ڇلي پني جهڙو سنهو ۽ لسو ڪرڻ به پورهيو ٿو پڇي، تنهنڪري ڀانئجي ٿو ته اهو رواج گهڻي وقت تائين ۽ عام طرح چالو ٿي نه سگهيو هوندو.
    عام رواج هيءُ هو ته ڪيترن ملڪن ۾ ماڻهو وڻن جي پنن تي لکندا هئا، ۽ اها ساک ڪي لفظ به ڀرين ٿا. مثلاً سنڌي ”پن“ (Leaf) ۽ ”پنو“ (ڪاغذ) ساڳئي سنسڪرت لفظ ”پرڻ“ مان ٺهيا آهن. انگريزي لفظ ”ليف“ (Leaf) جي به هڪڙي معنيٰ آهي ”وڻ جو پن“ ۽ ٻي معنيٰ ”ورق“ (ڪتاب جو). خود عربي لفظ ”ورق“ جو به اهي ٻئي معنائون آهن. هن مان ظاهر آهي ته يورپ، عربستان ۽ هندستان ۾ وڻن جي پنن تي لکڻ جو رواج عام هو، ۽ اهو رواج ڪئين صديون ساندهه هلندو پئي آيو.
    هوان شيانگ نالي هڪ چيني مسافر عيسوي ستين صديءَ ۾ هندستان ۾ سير ڪرڻ آيو هو، ۽ سنڌ به گهمي ويو هو. هن صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ ڄاڻايو آهي ته هندستان ۾ ڪيترن هنڌ مون ماڻهن کي وڻن جي پنن تي لکندو ڏٺو. سنسڪرت ساهت مان به معلوم ٿئي ٿو ته اڳي ”ڀوڄ وڻ“ (Birch Tree) جا پن عام طرح لکڻ لاءِ ڪم آڻيندا هئا. اڄ تائين شريمد ڀاڳوت، گرڙ پراڻ ۽ بيا ڪيترا ڌرمي پستڪ براهمڻن وٽ ٿها ٿيا رکيا آهن، ۽ جلد ٻڌل ڪين اٿن. هندو ماڻهو جڏهن گهرن ۾ شريمد ڀاڳوت وغيره جو پارائڻ رکائيندا آهن، تڏهن براهمڻ هڪ هڪ پرت پڙهندا، ٿهي جي هيٺان رکندا ويندا آهن. اڳي به ائين ڪندا هئا، پر متان ڪنهن وقت پنن جو ٿهو ڪري پوي، ۽ پن پن کان ڌار ٿي وڃي، تنهن ڪري ڀوڄ وڻ جو ڇوڏو انهن پنن جي ٿهي مٿان رکي، پوءِ ڇوڏي ۽ پنن جي آرپار ٽنگ ڪندا هئا، ۽ انهيءَ ٽنگ مان ڌاڳو لنگهائي، ڳنڍ ٻڌي ڇڏيندا هئا، ته سنئون سولو ڪتاب ٿي پوندو هو. انهيءَ کي سڏيندا هئا گرنٿ، جنهن جي هڪڙي معنيٰ اهي ”پستڪ يا ڪتاب،، ۽ ٻي معنيٰ آهي ”ڳنڍ“. سکن جي گرن جي ٻاڻي جنهن ڪتاب ۾ لکيل آهي، تنهن کي ادب ۽ عزت وچان ”گرنٿ صاحب“ چوندا آهن، نه ته اصل معنيٰ اٿس ”ڪتاب“، ۽ پوءِ خاص طرح معنيٰ ٿيس ”گرن جي ٻاڻيءَ جو ڪتاب“. ساڳيءَ طرح مسلمانن جو پاڪ ڪتاب ”قرآن“ يا ”القران“ سڏجي ٿو، جنهن جي به اکري معنيٰ آهي ”ڪتاب“ (The Book) – (قرء معنيٰ پڙهڻ). ان کي ”مصحف“ يا ”المصحف“ به چوندا آهن. انهيءَ لفظ جي بنيادي معنيٰ اهي ”ڪتاب“ (صحف معنيٰ لکيل پرت، ۽ اهو ”الڪتاب“ به سڏبو آهي. ائين لفظن کي ڪي خاص معنائون ملن ٿيون.
    مٿي جيڪي چيو ويو آهي، تنهن مان معلوم ٿيندو ته ويدڪ زماني ۾ بلڪ تنهن کان ڪئين صديون پوءِ به هاڻوڪي وانگر ڪتاب ڪين هئا. ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو هنر اسان جا ماڻهو گهڻو گهڻو پوءِ سکيا، ۽ اها ڄڻ ته ڪلهه ڪلهوڻي ڳالهه آهي. انسئڪلو پيڊيا برٽنيڪا مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪاغذن يا پنن جوڙڻ جو رواج چين ولايت ۾ عيسوي سنه شروع ٿيڻ کان به اڳي هو. سنه 751ع ۾ عربن سمرقند تي ڪاهيو، ته چين جو لشڪر سامهون ٿين. ان وقت عربن ڪي چينائي گرفتار ڪيا، ۽ کين پاڻ وٽ نظربند رکيائون. انهن گرفتار ٿيل چيناين عربن کي چيو ته .جيڪڏهن توهين اسان کي آزاد ڪندا، ته انهيءَ مهربانيءَ جي عيوض اسين اوهان کي هڪ عمدو هنر سيکارينداسين.“ عربن اها ڳالهه قبول ڪئي. انهيءَ تي چيناين کين ڪاغذ جوڙڻ جو هنر سيکاريو. عربن به پنهنجو ٻول پاڙي انهن قيدين کي آزاد ڪيو. اهو هنر پوءِ هندستان بلڪ يورپ جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. انهيءَ کان اڳي حسابي علم ۽ ٻيا ڪي علم عربن کي هندستان جي ماڻهن سيکاريا هئا. عربيءَ ۾ حسابي علم کي چون ئي .علم هندسه“، ڇاڪاڻ ته اهو علم هندستان مان پرايو هئائون. پوءِ پنن جوڙڻ جو هنر هندستان جي ماڻهن کي پاڻ سيکاريائون. ائين هڪ ٻئي جو ٿورو لاهي ڇڏيائون.

    ديوناگريءَ جو ڦهلاءُ
    : سڀ قديم آريه لوڪ يا منجهانئن گهڻا جڏهن اتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن سنسڪرت ٻولي ڳالهائيندا هئا. انهيءَ ٻوليءَ لکڻ لاءِ براهمڻي لپي ڪم آڻيندا هئا، جا پوءِ ”ديوناگري“ سڏجڻ ۾ آئي. اهي آڳاٽا لوڪ پوءِ اتر هندستان ۾ آيا، ته ديوناگري اکرن جو سنڌو ماٿر ۾ ڦهلاءُ ٿيو. رگ ويد اوري زماني ۾ سنڌو ماٿر ۾ ”پڻي“ (وڻجارا) هئا، ۽ واپاري لوڪن کي پنهنجي حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ڪانه ڪا آئيويٽا ضروري کپي. اهي پڻي آڳاٽي برهمڻي لپي ڪم آڻيندا هئا، جا ڳالهه هن مان ظاهر آهي ته اهي پوءِ ڏکڻ هندستان ڏي ويا، جيئن پراڻن ۾ ڄاڻايل آهي، ۽ ويجهڙائيءَ ۾ ڏکڻ هندستان مان لڌل ڪن ٿانون ٿپن تي جيڪي اکر لکيل آهن، تن بابت ظاهر ٿيو آهي تها هي قديم براهمڻي لپيءَ جهڙا آهن. اهي سنڌو ماٿر جا پڻي، ۽ ڏکڻ هندستان جا چول لوڪ پو3 بئبلونيا، ميسوپوٽيميا ۽ الهندي ايشيا ۾ ٻين هنڌ بيٺڪون وجهي وڃي ويٺا، ۽ سيميٽڪ قوم وارن سان سڱ ڳنڍي ساڻن گڏجي مسجي ويا، جنهنڪري اهي ”پيونڪ“ (پڻڪ) قوم (Punic Race) وارا ۽ ؟فنيشن“ (Phoenicians)سڏجڻ ۾ آيا. ان وقت الهندي ايشيا ۾ جيڪي اصلوڪا سيميٽڪ قوم وارا هئا، تن کي پنهنجي ڪابه ائيويٽا ڪانه هئي، تنهن ڪري انهن، هنن هندستان مان آيل پڻي لوڪن واري (براهمڻي ديوناگري) آئيويٽا اختيار ڪئي، تنهن ڪري سيميٽڪ قوم وارن جي آئيويٽائن جو بنياد ”فنيشن“ (پڻي لوڪن) جي آئيويٽا سڏجي ٿي، جيئن انسئڪلوپيڊيا برٽنيڪا ۽ ٻين ڪتابن ۾ ڄاڻايل آهي. *
    هن وقت سنسڪرت ۾ ٽيٽيهه حرف صحيح (ونيجن)، سورهن حرف علت (سُر) آهن. مصنف کي ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمڻي لپيءَ ۾ اصل فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، ۽ ماترائون هيون ئي ڪين. اهو ئي سبب ڏسجي ٿو، جنهن ڪري جيڪي ”پڻي“ پوءِ ”فنيشن“ سڏجڻ ۾ آيا، تن جي ائيويٽا ۾ فقط ٻاويهه حرف صحيح هئا، حرف علت هئو ئي ڪونه، جنهن ڪري سيميٽڪ قومن کي اتائن فقط اوترا آئيويٽا جا حرف صحيح مليا ۽ هڪڙو به حرف علت ڪونه ملين. مثلاً عربن پنهنجي آئيويٽا آرم ملڪ سيميٽڪ قوم وارن کان ورتي، ته اڄ به ڏسو ته عربيءَ ۾ سڀ حرف صحيح آهن ۽ حرف علت آهي ئي ڪونه. عربن کي جيڪي حرف صحيح اَرم ملڪ وارن وٽان مليا، تن مان ڪن جا منهن بند هئا، جي عربن کوليا. عربيءَ ۾ ڪي اُچار آهن، جي اَرم مان مليل آئيويٽا ۾ ڪين هئا، ته پنهنجي گهرج آهر ان ۾ اکر گڏيائون. مثلاً ب ۽ ت؛ ج، ح ۽ خ ساڳيءَ صورت وارا لفظ آهن، ته انهن ۾ نقطا هيٺ مٿي گڏي، پنهنجي آئيويٽا جا اکر وڌائي اٺاويهه ڪيائون. سنه 634-635ع ڌاري عربن ايران فتح ڪيو، ته اتي عربي ٻولي ۽ عربي آئيويٽا چالو ٿي. ايراني ٻوليءَ ۾ ڪي اهڙا اُچار آهن، جي عربيءَ ۾ ڪينهن، ته ايرانين عربي آئيويٽا ۾ پنهنجا ٻيا چار اکر ٺاهي وڌا، جنهن ڪري هينئر پارسي آئيويٽا ۾ بٽيهه اکر آهن.

    ڪابه ٻولي حرف علت يا اعرابن کان سواءِ هلي ڪين سگهندي. سيميٽڪ قومن کي پڻي يا فنيشن لوڪن جي آئيويٽا مان اعرابون يا حرف علت نه مليا، ته هنن پنهنجو هوش هلائي، پنهنجي لاءِ هڪ سولي سهنجي واٽ گهڙي. مثلاً عربيءَ ۽ پارسيءَ ۾ ”ا، و ۽ ي“ اهي ٽي اکر جيتوڻيڪ حرف صحيح آهن، ته به پنهنجا اُچار اٿن، تنهن ڪري اهي ساڳيا اکر حرف علت ڪري به ڪم آڻڻ لڳا. ”الف“ مان ”اَ“، ”و“ مان ”اُ“ ۽ ”ي“ مان ”اِ“. اهي ٽي اعرابون ٺاهيائون. اهي ٽيئي ننڍي اُچار واريون اعرابون آهن، پر ٻوليءَ ۾ ڊگها اُچار به کپن. انهيءَ اوڻائيءَ جي پورائي ڪرڻ لاءِ عرب لوڪ اهي ساڳيا ٽي ننڍا اچار ٻٽا ڪري ڪم آڻڻ لڳا. مثلاً عربيءَ ۾ لکن ”اادم“، جنهن جو اُچار آهي ”آدم“. ائين اَ + اَ = آ، اِ + اِ = اِي ۽ اُ + اُ = اُو. جن قاعدن پٽاندر ٻه ننڍا اُچار پاڻ ۾ ملي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا، تن کي چئبو آهي ”سنڌيءَ جا قاعدا“ (Rules of Euphoney) . سنڌيءَ جا قاعدا قدرت جا قاعدا آهن، تنهن ڪري اهي سنسڪرت، سنڌي، عربي ۽ دنيا جي ٻين سڀني ٻولين سان هڪجهڙا لاڳو آهن. مثلاً سنڌيءَ ۾ ”پنج + اَسي“ جو اچار ڪريون ”پنجاسي“. پنجَ“ لفظ ۾ ”ج“ جي مٿان زبريعني ”اَ“ جو اچار آهي، ۽ ”اسي“ لفظ جي اڳيان به ”اَ“ جو اچار آهي. اهي ٻئي ”اَ“ جا اچار پاڻ ۾ ملي ”آ“ ٿين ٿا، تنهن ڪري .پنج + اسي“ بدران چئون ”پنجاسي“، ”ڇهه + اَسي“ بدران چئون ”ڇهاسي“ ۽ ”ست + اَسي“ بدران ”ستاسي“ چئون ٿا.
    اهي پڻي يا فنيشن لوڪ پوءِ وڻج واپار سانگي الهندي ايشيا کان يورپ ڏي انهيءَ وقت ويا، جنهن وقت يوروپي لوڪن کي پنهنجي ڪابه ائيويٽا ڪانه هئي. پهريائين پهريائين گريڪ يا يوناني لوڪن فنيشن آئيويٽا اختيار ڪئي، ۽ پوءِ اها يورپ ۾ ڦهلي. فنيشن آئيويٽا ۾ ڀ، ٿ، ڦ، ڇ وغيره ”وسرگ اکر“ يعني ”هه“ جي اچار وارا کار (Aspriates) آهن، پر يوروپي ٻولين ۾ اهي اچار ڪينهن، ته هنن اهڙا اچار ڇڏي، ۽ فنيشن آئيويٽا ۾ ٻيون به گهربل ڦير ڦريون ڪري، پو3 اها ڪم آندي. مطلب ته براهمي لپي يا ديوناگري آئيويٽا فنيشن لوڪن يورپ ۾ ڦهلائي، جي اصل سنڌو ماٿر جا ”پڻي“ هئا. سر مونيئر وليمس پنهنجي جوڙيل سنسڪرت – انگريزي ڊڪشنري جي ديباچي ۾ کليءَ ريت لکيو آهي ته جيڪا آئيويٽا يوناني، رومن ۽ يورپ جي هاڻوڪين قومن اختيار ڪئي، سا بنياد ڪري يورپ جي آيويٽا ڪانهي، پر ايشيا جي آهي، ۽ ديوناگريءَ سان مشابهت رکي ٿي. سر مونيئر وليمس پنهنجيءَ ڊڪشنريءَ جي ديباچي ۾ اکرن جون تصويرون به ڏنيون آهن، ۽ چٽءَ ريت ڄاڻايو اٿس ته ڪيئن فنيشن آئيويٽا (قديم ديوناگريءَ) جي اکرن پنهنجي صورت بدلائي هاڻوڪن انگريزي اکرن جي صورت ورتي آهي. پڻ ڏسو انسئڪلوپيڊيا برٽينڪا جو تازو ڇاپو چوڏهون.*

    عربيءَ ۾ فقط ا، و، ي – اهي ٽي اکر حرف علت ٿي ڪم اچن ٿا؛ پر انگريزيءَ ۾ ڇهه حرف علت A,E,L, O, U & Y آهن. هن مان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته اتر هندستان وارن آرين پوءِ ديم ديوناگري اکرن ۾ ڪجهه وڌيڪ سڌارو ڪيو، ۽ جن هندن يونان، جرمني ۽ اسڪنڊينيو يا وغيره وڃي وسايا، تن اهو ديوناگريءَ جو وڌيڪ سڌريل نمونو اوڏهين چالو ڪيو، يا اهي ساڳيا پڻي (فنيشن) جي پوءِ به هندستان توڙي يورپ سان لهه وچڙ ۾ هئا، تن اهو سڌريل نمونو يورپ ۾ ڦهلايو. انهيءَ هوندي به انهيءَ سڌريل آئيويٽا مان يوروپي لوڪن کي پورت نه پيئي، تنهنڪري عربيءَ جي نموني ٻه حرف علت گڏ ڪم آئي، هڪ يڪو ڊگهو اُچار (سنڌيءَ جي قاعدن موجب) ڪرڻ لڳا. مثلاً Fool, Tool, Wool: Keep, Sheep, Weep, لفظ ۾ ”اُو“(O) ۽ ”اي“ (E) اکر ٻه دفعا ڪم آڻي ”اُو“ ۽ ”اِي“ جا ڊگها اچار پيدا ڪن ٿا.
    انگريزي ٻولي هن وقت سڄي دنيا ۾ ڦهلجي ويئي آهي، پر ان جي آئيويٽا ڪا عمدي ڪانهي.مثلاً انگريزي لفط ”سيل“ (Cell)۽ ڪئچ (Catch) ۾ ساڳي طرح ”سي“ © اکر جو اچار هڪ هنڌ ”س“ ته ٻئي هنڌ ”ڪ“! انگريزيءَ جي طرف حرف علت جي ترتيب (Vowell System) ته هيڪاري منجهائيندڙ آهي، جو ڪٿي چار چار اکر ساڳيا؛ پر اچار ٻيا ٻيا. مثلاً ”ڪاف“ Cough (Couf) ، ”رف“ (Ruff) Rough، ۽ ”بُو“ (Bow) Bough، ”ڊو“ (Do) Dough، ”هاڪ“ (Hock) Hough، ۽ ”ٿرو“ (Throo) Through. انگريزيءَ ۾ به عربيءَ وانگر ٻه ٻه ننڍي اچار وارا حرف علت گڏي، هڪ يڪو ڊگهو اچار پيدا ڪن ٿا، جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي. اهي سڀيئي ڳالهيون ڳڻي4 چئبو ته سيميٽڪ قومن ۽ يوروپي لوڪن جون آئيويٽائون آدرش آئيويٽائون نه آهن.
    آدرش آئيويٽا (Ideal Alphabet) انهيءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ هرهڪ اُچار لاءِ فقط هڪ نشان (اکر يا اعراب) مقرر ٿيل هجي. رڳو سنسڪرت لپيءَ ۾ ائين آهي جنهن ۾ هرهڪ ماترا کي رڳو هڪڙو اچار آهي، جنهن ڪري عربيءَ ۽ انگريزيءَ وانگر ٻه ٻه حرف علت گڏ ڪم آڻڻا نٿا پون. ديوناگري آئيويٽا جي ٻي وڏي خوبي هيءَ آهي ته ان جا سڀ اکر بنه باترتيب بيٺل آهن.

    سڀ اُچار وات جي پنجن جاين يعني ڪنٺ يا نڙي (ڪ، ک، گ وغيره)، تارون (چ، ڇ، ج وغيره). ڏندن (ت، ٿ، د وغير) ۽ چين (پ، ڦ، ب وغيره) مان ڪجن ٿا. ڪي اُچار نڪ مان (ڱ، ڃ، م وغيره) به ڪجن ٿا، ۽ اها ئي قدرت جي جوڙيل واٽ آهي. ديوناگريءَ ائيويٽا جا سڀ اکر انهيءَ قدرت جي قاعدي پٽاندر بنهه باترتيب بيٺل آهن، جنهن ڪري انهيءَ جهڙي وگيانڪ (Scientific) ريت جڙيل ٻي ڪابه آئيويٽا ڪانهي. هن منجهان ائين سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته قديم براهمي لپي (ديوناگريءَ) جو ڦهلاءُ الهندي ايشيا ۽ يورپ ڏي ٿيو، تنهن کان پوءِ هندستان وارن آرين ان ۾ وڌيڪ سڌارو ۽ واڌارو ڪري ان کي آدرش آئيويٽا ڪيو. سندن ٻولي به نهايت وگياني ريت جڙيل آهي، تنهن ڪري اها پوءِ ”سنسڪرت“ (صاف ٿيل يا ڪامل ٻولي) سڏجڻ ۾ آئي، نه ته اڳي رڳو ”ڀاشا“ سڏبي هئي. ٿورن لفظن ۾ چئبو ت6ه جيئن هرڪا ٻولي ترقي ڪري ڪماليت کي رسي ٿي، تيئن ديوناگري اکرن به ترقي ڪري، ۽ پنهنجي اڳوڻي صورت بدلائي هاڻوڪي صورت ورتي آهي
    هاڻوڪيون ڏيهي آئيويٽائون.
    : ويدڪ زماني کان وٺي سنڌو ماٿر ۾ ديوناگري ائيويٽءٌا ڪم اچڻ لڳي، ۽ اڄ تائين ان جو واهپو سنڌ بلڪ سڄي هندستان ۾ آهي. مرهٽي ۽ هندي اڄ تائين ديوناگري اکرن ۾ لکڻ ۾ اينديون اهن، ۽ انهن لاءِ ڪا ڌار آئيويٽا آهي ئي ڪانه. بنگالي، گجراتي، هندو، سنڌي ۽ ٻيون آئيويٽائون جي هن وقت چالو آهن، سي گهڻو ڪري سڀ ديوناگريءَ جون بگڙيل صورتون آهن. جدا جدا پرڳڻن جي ماڻهن ديوناگريءَ ۾ پنهنجي پنهنجي نموني ڦيرڦار ڪري اهي آئيويٽائون ٺاهيون آهن. گجراتيءَ ۽ ديوناگريءَ واريون ساڳيون ماترائون آهن، پر راجسٿان جي ”مهاجنيءَ“ ۾ بُٽا اکر آهن يعني منجهن لاڪنائون يا ماترائون ڪينهن. پنجاب جا هندو واپاري پنهنجو حساب ڪتاب جن اکرن ۾ رکندا آهن، سي ”لُنڊا“ يعني ٻُٽا اکر سڏبا آهن. سنڌ جا ڀائيبند هندو سنڌي يا واڻڪا اکر ڪم آڻين ٿا، ۽ انهن ۾ به ماترائون ڪينهن. سنڌ ۾ مسلمانن جي صاحبيء ڳچ تائين هلي، ته به خواجا ۽ ميمڻ واپاري به هندو سنڌي آئيويٽا ڪم آڻيندا هئا، ۽ اڄ تائين به ڪيترا پنهنجو حساب ڪتاب انهن اکرن ۾ رکندا آهن. هندن کان خواجن جي لکڻ جو نمونو وڌيڪ پسنديءَ جهڙو آهي، جو هو چار لاڪنائون يا ماترائون ڪم آڻين ٿا. سنڌ ۾ جيڪي هن وقت ڀائيبند آهن، تن مان ڪي پنجاب، ته ڪي گجرات ۽ راجپوتانا کان آيل آهن، تنهن ڪري خود هندو سنڌي اکرن ۾ ڪي تفاوت آهن يعني سڄيءَ سنڌ ۾ سڀ ڀائيبند هڪجهڙا اکر نٿا لکن. هن وقت هندو سنڌي اکرن جا ڪل تيرهن نمونا آهن، جي ڪئپٽن جارج سٽئڪ جي جوڙيل سنڌي گرمر ۾ ڄاڻايل آهن. اکرن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ، ۽ لاڪنائن يا ماترائن ڪڍي ڇڏڻ جو رواج واپارين جو جاري ڪيل ڏسجي ٿو. واپارين کي پنهنجيون گهڻيون ئي ڳالهيون گپت رکڻيون پون ٿيون، تنهن ڪري جدا جدا هنڌن جي واپارين پنهنجي پنهنجي نموني اکرن ۾ ڦيرڦار ڪئي ته سندن چٺيون چپاٽيون سڀڪو سولائيءَ سان سمجهي نه سگهي. راجسٿان جي مهاجني، سنڌ جي هندو سنڌي ۽ پنجاب جي لنڊن اکرن ۾ ماترائن نه هئڻ سبب هن وقت هيءَ حالت آهي، جو وقتي ڪي ماڻهو پنهنجي لکيت پاڻ سمجهي ڪين سگهن! مثلاً: گ ۽ ل اکر گڏي لکن ته انهن ٻن اکرن جو اُچار گُلُ، ڳِلِ، گول، گولو، گولي وغيره ٿي سگهي ٿو، جنهن ڪري رڳو مضمون جي مد نظر لفظ جو صحيح اُچار سمجهي سگهجي ٿو. سکن جي گرن جي واڻي ”گرمکي“ اکرن ۾ لکيل آهي. اهي اکر گرو انگد صاحب 1538 ۽ 1552ع جي وچ ڌاري جوڙيا هئا. گرمکي اکرن ۾ ديوناگريءَ واريون ماترائون آهن، تنهن ڪري هندو سنڌي اکرن کان اهي وڌيڪ پسنديءَ جهڙا آهن.
    ويدڪ ساهت (Vedic Literature) سڀڪنهن ملڪ جو ساهت يا علم و ادب شعر سان شروع ٿئي ٿو. يعني جتي ڪٿي اول نظم ۽ پوءِ نثر چوڻ ۾ اچي ٿو. ويدڪ ساهت ۾ به اول نظم ۽ پوءِ نثر آهي. انهيءَ سموري ساهت جو درجو ۽ مان مرتبو ٻئي ساهت کان مٿي آهي، تنهنڪري سنڌ سميت سڄي هندستان جا هندو ان ڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. انهيءَ سبب هتي ڄاڻائڻ ضروري آهي ته ”ويدڪ ساهت“ ڇا کي چئجي ٿو.
    ويدڪ ساهت جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو شريتون يا وپڍ، ۽ ٻيو سمريتون يا ڌرم شاستر، ويد لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي ”وِد“ (Vid) معنيٰ ”ڄاڻڻ“. انهيءَ مان ”وديا“ (وڄا) لفظ ٺهيو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”علم يا ڄاڻ“. ”ويد“ لفظ جي به بنيادي معنيٰ ”گيان يا ڄاڻ“، پر خاص طرح معنيٰ اٿس ”ايشوري گيان“ يا ”روحاني علم“، مطلب ته ويدن ۾ ايشوري گيان يا روحاني علم سمايل آهي، تنهنڪري اهو نالو پيو اٿن.
    هندو ائين وسهندا آهن ته ويد ”اَپؤرشيه“ آهن يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل ڪينهن. اڳاٽن رشين کي جيئن جيئن الهام ٿيو، يا سرسوتيءَ ٻولايو، تيئن تيئن ويدن جا منتر اُچاريندا ويا، انهيءَ سبب آڳاٽا رشي ”منتر ڪرتا“ يعني منتر جا جوڙيندڙ سڏبا آهن، پر ”منتر درشٽا“ يعني منترن جا ڏسندڙ، چن ته جيئن ايشور جي مک مان وچن نڪتا تيئن رشين ڏٺا ۽ ٻڌا، ۽ پاڻ به ائين اُچارڻ لڳا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته ويدن جا منتر ايشور جا وچن آهن، جي رشين جي واتان طاهر ٿيا. اهڙيءَ ريت ويدن ۾ ڄاڻايل ڳالهيون اڳاٽن رشين اڪاس واڻيءَ جي وسيلي ٻڌيون، تنهنڪري ويد ”شريتون“ (Books of Revelation) سڏجن ٿا. ”شرتي“ لفظ جو ڌاتو آهي ”شروُ“ معنيٰ ٻڌڻ.
    آڳاٽن رشين کي ڪيتريون ڌرمي ڳالهيون بر زبان ياد هونديون هيون، جي پنهنجن ٻارن ٻچن ۽ شاگردن کي به برزبان ياد ڪرائيندا هئا. اهي گهڻو پوءِ قلمبند ٿيون. جن ڌرمي پستڪن ۾ اهي ياد ڪيل ڳالهيون لکيل آهن، تن کي ”سمرتيون“(Books of Tradition) چئبو آهي. ويدن ۾ آتمڪ گيان يا روحاني علم منترن ۾ لکيل آهي. پر سمرتين ۾ پنگتي، نيتي، راڄنيتي ۽ ٻين دنوي ڳالهين بابت ”سُوتر“ يا ننڍڙا قاعدا اهن، انهن مان سڌ پوي ٿي ته ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين ڪيئن پوريءَ ريت ڌرم تي هلجي. اهي پنگتي، راڄنيتي وعيره بابت قاعدا ويدڪ ساهت جي گريهه سوترن ۽ ڌرم سوترن تي ٻڌل آهن، تنهنڪري ”ڌرم شاستر“ ۾ شرتيون ۽ سمرتيون ٻئي اچي وڃن ٿيون، پر عام طرح سمرتين کي ”ڌرم شاستر“ يعني ڌرم تي هلڻ جا قاعدا چئبو آهي. اهي ويدڪ ساهت جو مکيه ڀاڱو آهن. سمرتيون گهڻي ئي آهن، جهڙوڪ: يا جنولڪيه سمرتي، پاراشر، نارد سمرتي وغيره. سڀني ۾ مکيه منو سمرتي آهي. اهي سمرتيون گهڻو پوءِ قلمبند ٿيون. جيئن جيئن رواج ڦرندا ويا، تيئن تيئن منجهن ڪي ڦيرڦاريون به ٿيون، پر انهن ۾ ڄاڻايل قاعدا ويدن تي ٻڌل آهن. تنهنڪري اهي ويدڪ ساهت جو ڀاڱو آهن. هاڻوڪي وانگر اڳي لکڻ جون سهوليتون ڪين هيون، انهيءَ سبب سمرتين جي قاعدن ۽ ٻيءَ پاڻيءَ ڪنٺ ڪرڻ جو رواج نهايت عام هوندو هو. اڄ به ڏسو ته ڪيترن سکن کي گروءَ جي پاڻي برزبان ياد آهي. ڪنهن پوٿيءَ تان ڏسي پڙهڻ بدران بر زبان پاڻي اچارڻ اسان جا ماڻهو وڌيڪ پسند ڪن ٿا، تنهنڪري چوڻي آهي ته ”ناڻو اهو جو ڳنٺين ۽ پاڻي اها جا ڪنٺين“ يعني ناڻو اهو جو ڳنڍ ۾ ٻڌل هجي، ۽ ٻاڻي اها جا ڪنٺ يا برزبان ياد هجي. اڳي گرو ڪلن ۾ ويدن جي رچائن ياد ڪرائڻ جي ترتيب ئي اهڙي هوندي هئي، جو ڪنهن کي به اهي رچائون وسري ڪين وينديون هيون. جهڙيءَ ريت عربي بحر ۽ وزن تي ٺهيل شهر جي تقطيع (Scansion) ڪرڻ سان جهٽ سهي ڪري سگهبو آهي ته وزن پورو آهي يا نه، تهڙيءَ ريت آڳاٽا هندو ”پدپٿ“ (Padapatha or Word text)جي وسيلي هڪ هڪ پد چڪاسي سگهندا هئا، ۽ ”سمهتا پٿ“ (Samhita-Patha or Continuous Text) جي ترتيب هئڻ سبب هرهڪ چوڪ سڌاري سگهندا هئا. پروفيسر رئيسن، جنهن قديم هندستان جي ننڍي تاريخ جوڙي آهي، ۽ ”ڪئمبرج هسٽري آف انڊيا“ تاليف ڪئي آهي، تنهن آڳاٽن ماڻهن جي حيرت جهڙي حافظي جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته اڄ به جيڪڏهن سڀ دستخط ۽ ڇپيل ويد گم ٿي وڃن، ته به اهڙا پنڊت پيا آهن،
    ________________________________________
    * "The Mantras were not all composed at onetime. The Samihtas contain, to quote the words of one of the Mantras, 'ancient, intermediate and modern hymns" (RV. Vi. 21. 5; v. 42, 6 etc) Quoted by P.T. Srinivas Lyengar: Life in ancient India in the Age of the Mantras, page 4.
    * س”سنسڪرت“ لفظ جو ڏاتو يا بنياد آهي ”ڪر“ (To do). ان جو اسم مفعول آهي ”ڪرت“ معنيٰ ڪيو يا ڪيل (Done). ”سم“ هڪ اڳياڙي (Prefix) آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”چڱو“، جنهنڪري ”سمڪرت“ (سنسڪرت) معنيٰ چڱي يا صاف ٿيل يعني اُجاريل ٻولي (Polished or refined Language). سنسڪرت ۾ سنڌيءَ جا قاعدا (Rules of Euphony) آهن، جن مان هڪڙو قاعدو هيءُ آهي ته ”ڪر“ ڌاتوءَ جي اڳيان جيڪڏهن ”سم“ اچي، ته ”س“ جو اُچار بالائي گڏڻ گهرجي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري ”سمڪرت“ بدران ”سمسڪرت“ (سنسڪرت) چئبو آهي. ساڳيءَ ريت ”سمڪار“ بدران ”سنسڪار“ (Sacrament) چئبو آهي. – مصنف.
    * "The great rishi (Visvamitra), director of men, sprung from the gods." (R.V. iii, 53, 9) Quoted by J. Muir: Original Sanskrit Texts, part iii, p. 145.
    * "Brahmi has been traced back to the Phoenician type of writing represented by the inscription in which Mesha, King of Meab (c. 850 B.C.) records his successful revolt against the Kingdom of Israel." Cambridge History of India, Vol. I.
    * "The European views on this subject have recently been challenged by some Indian Scholars, notably by professor D.R. Bhandarkar. He maintains that the art of writing was known to the Indians as early as the time of Regveda, and derives the Brahmi alphabet from prehistoric alphabetic signs such as have been recently found on pre-historic potteries dug out of the Hyderabad Cairns."
    Dr. Ramesh Chandra Mojumdar: Outline of Ancient Indian History and Civilization, Page 42.
    * The question is wether the art of writing and books existed in Reg-vedic times. I have discussed this question elsewhere, and have come to the conclusion that the Reg-vedic Aryans were most likely acquainted with the art of writing, and probably there were books or granthas in which the mantras were recorded. The statement in the Reg-vedic verse (X. 714) that "there are men who hear and see speech without understanding its meaning" unmistakeably points to the existence of books and the art of writing."
    Dr. A.C. Das: Regvedic Culture, pp. 387-388.
    * "Devinagri is the original source thence, the alphabets of Western Asia were derived." Sir William Jones: Asiatic researches. Vol. I Page 423
    * "Let me then in the first place point out that our so-called European alphabet, as adopted by the Greeks, Romans and modern nations of Europe, is really Asiatic, and not European in its origin. And secondly, let me try to show that it has certain features which connect it with the so-called divine Nagri alphabet of the Brahmans." Sir Monier Williams: Sanskrit English Dictionary. Introduction, page XXII.
    * "If all the manuscripts and all the printed copies were destroyed its text could now be recovered from the mouths of living men with absolute fidelity as to the form and accent of every single word. Such a tradition has only been possible through the wonderfully perfect organization of a system of schools of Vedic study in which untold generation of students have spent their lives from boyhood to old age in learning the sacred texts and in teaching them to their pupils. This is, beyond all question, the most marvelous instance of unbroken inarvel increases when we consider that this extra ordinary continuity to be found in the history of mankind: and the marvel increases when we consider that this extra ordinary fact of the human memory has been concerned rather with the minutely accurate preservation of the forms of words than with the transmission of their meaning."
    ويدن جي منترن جي ورڇ: مهاڀارت ۾ ڄاڻايل آهي ته اوائل ۾ ويد فقط هڪڙو هو، پر پوءِ ماڻهن جي عمر ۽ ٻل جي مد نظر تي چار ويد ٿيا: رگ ويد، يجر ويد، سام ويد ۽ اٿرو ويد. مهاڀارت ۽ رگ ويد مان ائين به معلوم ٿئي ٿو ته رگ ويد جي هاڻوڪن جهونن منترن کان به ڪي آڳاٽا منتر هئا جي ”نِوِدَ“، ”نِگدَ“ ۽ ”آهاب“ سڏبا هئا، ۽ اهي جهونا منتر مها پرليءَ ٿيڻ وقت گم ٿي ويا، ۽ پوءِ جيتري قدر رشين کي ويدن جا منتر ياد پيا، تيتري قدر قلمبند ڪيائون، ته به ڪيترا جهونا منتر اڄ تائين عدم موجود آهن. ويدن جي منترن کي باترتيب بيهارڻ جو ڪم جدا جدا زمانن ۾ جدا جدا ماڻهن ڪيو، ۽ اهي سڀ ”وياس“ يعني مؤلف(Compilers) سڏيا ويا آهن. وشنو پراڻ (3، 3) موجب جملي 28 وياس ٿي گذريا آهن، جن مان پويون ”ڪرشن دويپاين“ هو.
    مهاڀارت ۾ لکيل آهي ته پاراشر رشيءَ کي ستيه وتي نالي هڪ ميربحرن جي نياڻيءَ مان هڪ پٽ ڪنهن ٻيٽ تي ڄائو هو، تنهنڪري اهو ”دويپاين“ يعني ”دويپ يا ٻيٽ تي ڄاول“ سڏبو هو. اهو ٻار شڪل جو ”ڪرشڻ“ يعني سانورو هو، تنهنڪري ”ڪرشڻ دويپاين“ ڪوٺبو هو. مهاڀارت واري زماني ۾ هاڻوڪي امبالي ضلعي ۾ ”ڪر کيتر“ نالي هڪ وڏو کيتر (کيٽ) هو، جنهن جي نزديڪ ”کانڊو پرست“ نالي هڪ وڏو ۽ گهاٽو بن هو. پانڊون جي وچين ڀاءُ ارجن سري ڪرشڻ جي مدد سان انهيءَ بن کي باهه ڏياري صفا پٽ ڪري ڇڏيو، تنهن کانپوءِ انهيءَ ڪرشڻ دويپاين ويدن جا منتر باترتيب بيهاريا هئا، تنهنڪري ”ويد وياس“ يعني ويدن جو مؤلف نالو پيس. مطلب ته ويد اصل هڪڙو هو، ۽ پوءِ ان جي منترن جي ونڊ ورڇ ڪري، ۽ اهي باترتيب بيهاري چار ويد ڪيائون، پر سڀني ۾ اهو ئي آتمڪ گيان يا روحاني علم آهي، جو آڳاٽن رشين ايشور کان ٻڌو، تنهنڪري قديم زماني کان وٺي سڄي هندستان جا هندو ائين ئي چون ته ويد ”اپورشيه“ آهن. يعني ڪنهن به پرش يا ماڻهوءَ جا جوڙيل نه آهن (پر ايشور جا وچن آهن)، ۽ اهي ”آنادي“ آهن، يعني جن جي آد يا شروعات آهي ئي ڪانه، ۽ ”نيته“ (نت يا سدائين) آهن (Existing in all eternity) جيئن مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي.
    ويدن جا ڀاڱا – سنهتا ۽ براهمڻ: هرهڪ ويد جا ٻه ڀاڱا آهن: هڪڙو. ”سنهتا“ ۽ ٻيو براهمڻ. ويدن جي سنهتا واري ڀاڱي ۾ منتر ڪٺا ٿيل آهن، تنهن ڪري ويدڪ زماني کي عام طرح ”منترن وارو زمانو )The age of Mantras)چئبو آهي. هرهڪ ويد جي منترن اُچارڻ جو نمونو نرالو آهي، ۽ انهن جي بناوت به هڪ ٻئي کان ڦريل آهي، تنهنڪري هرهڪ ويد لاءِ ”منتر“ لفظ ڌر ڌار معنائن سان ڪم آڻبو آهي.
    ”منتر“ کي ”رچا“ تڏهن ڪوٺبو آهي، جڏهن اهو وزن تي جڙيل هوندو آهي، ۽ بلند آواز سان اُچارڻو پوندو آهي. اهڙيون رچائون رگ ويد ۾ آهن.
    ”منتر“ کي ”يجس“ (Sacrificial hymn) تڏهن چئبو آهي، جڏهن اهو نثر ۾ هوندو آهي، ۽ ان جو رڳو جاپ ڪبو آهي يعني فقط چپن ۾ اُچاربو آهي. اهڙا منتر يجر ويد ۾ آهن. ”يجر“ ۽ ”يجس“ ٻنهي جي معنيٰ آهي ”يگيه“.
    منتر کي ”سامن“ (Psalms) تڏهن سڏبو آهي، جڏهن اهو وزن تي جڙيل هوندو آهي، پر سُر سان آلاپبو آهي، يا جهاڙن جهپن پڙهڻ مهل ڇُوڪاربو آهي. اهڙا منتر سام ويد ۾ آهن. اوائل ۾ مکيه منتر رڳو انهن ٽن ويدن جا ليکبا هئا.
    هرهڪ ويد جي پهرئين ڀاڱي ۾ اهي جدا جدا قسمن جا منتر ڪٺا ٿيل آهن، تنهن ڪري ئي اهو ڀاڱو ”سنهتا“ (Collection) سڏجي ٿو. انهن منترن مان رڳو ڪي ڪي نثر ۾ پرارٿنائن جي نموني آهن، نه ته هرهڪ ويد جو پهريون ڀاڱو اڪثر نظم ۾ آهي. انهيءَ نظم جا ڇنڊ يا وزن (Measures) آهن، جن مان ست ڇند اگن ديوتا جا ”ست مُک“ سڏيا ويا آهن: گايتري، ترشنتپ (Trishtap)، جڳتي وغيره ڇندن جا نالا آهن. هن مان ثابت آهي ته قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جڏهن اڃا اُتر قطب طرف ميرو پربت تي رهندا هئا، تڏهن ئي علم عروض ۽ موسيقي (گاين وديا) ۾ چڱي ترقي ڪئي هئائون، ۽ کانئن اڳي ٻيءَ ڪنهن به قوم کي انهن علمن جي سڌ به ڪانه هئي.
    هرهڪ ويد جي منتر اُچارڻ ۾ مکيه تفاوت ”سُور“ (سُرَ) (Suara or Musical accent) جو آهي. جنهن صورت ۾ ويدن جي منترن اُچارڻ جي ريت سر آلاپي چوڻ سان آهي، تنهن صورت ۾ مصنف ڪنهن پنڊت کي چيو ته چئني ويدن جا ٿورا ٿورا منتر اُچاري ڏيکاريو، ته سُور (سُرَ) جي سڌ پوي. رگ ويد جو سر ڪنٺ يا نڙيءَ مان اهڙي ڀريل ساهه سان ڪيائين، ۽ هڪ ساهيءَ آواز کي ائين مٿي کڻندو ويو، جو يقين ٿيو ته جنهن جي ڇاتي ڪمزور هوندي، سا اهڙي ڀريل ساهه سان ۽ پوريءَ ريت اُچار ڪري ڪين سگهندو، ۽ جي ڪندو ته به جهٽ سهڪيءَ ۾ ڀرجي ويندو. رگ ويد جي منتر اُچارڻ مهل ساهه کي ڪيتري قدر گهٽڻو به پوي ٿو، جنهن ڪري اهو سُر نهايت ڏکيو چئبو. پنڊت پاڻ به چيو ته اڳي ماڻهو برهمچاري ٿي رهندا هئا، ۽ بت جا سگهارا هوندا هئا، تنهنڪري اهو ڪٺن سُر آسانيءَ سان ڳائي سگهندا هئا. ٻين ويدن جي منتر اُچارڻ مهل به ڇاتيءَ جو ٻل گهڻو گهرجي ٿو.
    جدا جدا ويدن جي منتر اُچارڻ مهل پنڊت تال به ٻيءَ طرح وٺڻ لڳو. رگ ويد جي منترن اُچارڻ مهل اول هٿ اهڙيءَ ريت مٿي ٿي ڪيائين جو ڄڻ ته ملٽري سلام ٿي ڪيائين، ۽ سگهو ئي وري هٿ لاڙي هيٺ ٿي ڪيائين. يجر ويد جي منترن اچارڻ مهل اهو پنڊت پنهنجو هٿ نانگ جي ڦڻ وانگر لوڏڻ لڳو. سام ويد جي سُر ٻڌائڻ مهل پنهنجي هٿن جون آڱريون هلائڻ لڳو.اٿرو ويد جو سُر ٻڌائڻ مهل مک مان اُچاريائين ٻئي تنهن وقت سندس ڪنڌ جي لوڏ پئي پيئي. مطلب ته ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽا آريه لوڪ گاين وديا ۾ ڀڙ هئا، جنهن ڪري سُر ۽ تال جي سڌ پوندي هين. ڇاتي به بلڪل مضبوط هوندي هين، جنهن ڪري ڀريل ساهه سان سُر چاڙهڻ ۽ اتي ئي وري ساهه گُهٽڻ سولو لڳندو هو.
    هرهڪ ويد جي منترن اُچارڻ جو ڪم ڪن خاص پروهتن تي رکيل هوندو هو. يگيه مهل رگ ويد جا منتر جيڪو پروهت اُچاريندو هو، سو ”هوتري“(Invoking Priest) سڏبو هو. يجر ويد جا منتر جيڪو پروهت اُچاريندو هو، سو ”اڌوريو“ (Adhvaryu) ڪوٺبو هو. اهو اڌوريو پوڄا لاءِ زمين ٽڪر ماپي ويڏي (Altar) ٺاهيندا هئا. يگيه لاءِ برتن پنهنجن هٿن سان ٺاهي رکندا هئا. پوڄا لاءِ پاڻي، ۽ يگيه جي اگنيءَ لاءِ ڪاٺيون پاڻ آڻيندا هئا. يگيه مهل جيڪو جانور ٻل چاڙهڻو هوندو هو، سو به پاڻ آڻيندا هئا، ۽ اهو پنهنجن هٿن سان پائيندا به پاڻ هئا. مطلب ته يگين لاءِ جيڪو به پورهيو هٿن سان ڪرڻو پوندو هو، سو سڀ اڌوريو پروهت پاڻ ڪندا هئا.
    سام وڍ ۾ جيڪي ”سامن“ آهن، سي ديوتائن کي سوم رس جي ڀوڳ لڳائڻ مهل جيڪي پروهت ڳائيندا هئا، سي ”اُدَگات“ (Singing Priests) سڏبا هئا.
    جيڪو يگيه ڪرائيندڙ ٽنهي ويدن جي منترن ۾ ڄاڻو هوندو هو، سو ”براهمڻ“ سڏبو هو (ستپٿ براهمڻ، 9، 5، 8، 1). پاسڪ منيءَ جي جوڙيل ”نرڪت“ (7، 5) موجب هوتري، اڌوريو، براهمڻ ۽ اُدگات ساڳئي ئي هڪ ماڻهوءَ جا نالا هوندا هئا، ۽ جنهن مهل جيڪو يگيه ڪرائيندو هو، تنهن مهل انهيءَ سان سڏبو هو.
    ويدن جو مضمون: هرهڪ ويد جو مختصر ذڪر هتي ڌار ڌار ڪجي ٿو، ته سمجهڻ ۾ اچي ٿو ته هرهڪ ۾ ڪهڙو ڪهڙو مضمون سمايل آهي:
    رگ ويد –رگ ويد ۾ ”رگ“ (رڪ يا رچ) يعني ”رچائون“ (Hymns) آهن، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿس. سڄو ئي رگ ويد ڏهن. منڊلن (ڀاڱن) يا اَٺن اشٽڪن ۾ ورهايل آهي. هرهڪ منڊل ۾ ”سوُڪت“ (س + اُڪت)(Laduations) آهن؛ ۽ هرهڪ سُوڪت ۾ ”رچائون“ (Hymns) آهن، جن کي ”منتر“ به چئبو آهي. انهن رچائن ۾ ديوتائن جي اُسنتي (ساراهه)، يگين جي وڌي(Formula)، ايشور جي اپاسنا ۽ سندس پراپتيءَ جا ساڌن آهن، ۽ ايشور جي سوکيم سروپ ۽ منشپڻي (انسانيت) جي اُتم ۽ پوتر ويچارن جو ذڪر آهي. رگ ويد ۾ ڪي ”دان اُستتيون“ (سخا جون ساراهيون ”ندي اُستتي“ (ندين جي ساراهه) ۽ هڪ ”جواريءَ جي ارمان“ جو به ذڪر آهي. ديوتائن جي اُستتي ڪندي آڳاٽن رشين ڪهڙي نموني شاعراڻي پلٽ پلٽي آهي، سو نمونو اگن ديوتا ۽ اُشا ديوي (Dawn) جي ذڪر ڪندي ڄاڻايو ويو آهي.
    سڄو ئي ويد هڪ ڌرمي پستڪ آهي، پر ان ۾ ڪيتريون ملڪي، پنگتي ۽ سڀيتا جون ڳالهيون تشبيهه طور يا ٻئي نموني ڄاڻايل آهن، جنهن ڪري منجهانئس تاريخ جوڙڻ لاءِ گهڻو ئي مصالحو ملي ٿو. رگ ويد جون جهوني ۾ جهونيون رچائون منڊل ٻئي کان وٺي ستين تائين آهن، ۽ اهي وشوامتر، وامدبتر، اَتري، ڀردواج ۽ وسشٽ منيءَ جي مکان ظاهر ٿيون هيون.
    يجرويد – يجرويد ۾ يگين جي وڌين جو رگ ويد کان به وڌيڪ وستار آهي. ”يجر“ يا ”يجس“ (Yajas) جي معنيٰ ئي آهي ”يگيه جي پرارٿنا يا وڏي“(Sacriflicial Prayer or Formula) يجر ويد جا اڌ جيترا منتر نظم ۾ ته اڌ جيترا نثر ۾ آهن. اهي شايد اڳي گڏيا مسيا پيا هئا، جي پوءِ ڌار ڪيائون. هن وقت يجر ويد جا ٻه وڀاڳ آهن، جن مان هڪڙو مشڪل (White) يجر ويد يا ”واجسنيئي سنهتا“ سڏجي ٿو. يا جنولڪيه (ياگيولڪ) رشيءَ جو بيو نالو ”واجسنيئن“ (Vajasneyin) هو، ۽ سشڪل يجر ويد جا منتر سندس مگان ظاهر ٿيا هئا، تنهن ڪري اهو سندس نالي پٺيان سڏجي ٿو. ٻيو ”ڪرشڻ“ (Black)يجر ويد آهي، ان ۾ ڄاڻايل يگيه تي وڌين بابت آڳاٽن آضرين جا ڌار ڌار متا هئا، جن جو پتنجلي رشيءَ پنهنجي جوڙيل سنسڪرت گرامر ۾ ذڪر ڪيوآهي. انهن علحدن علحدن متن وارن جي نالن پٺيان ڪرڻ يجر ويد جي سنهتا“(Collection) تي علهده علحده نالي رکيل آهن، جن مان مکيه ”ڪاٿڪ سنهتا“، مئترياڻي سنهتا“ ۽ ”تئترييه سنهتا“ آهن. اتر هندستان ۾ سشڪل يجر ويد ۽ ڏکڻ هندستان ۾ ڪرشڻ يجر ويد جا اڀياسي گهڻا آهن.
    سشڪل يجر ويد ۽ ڪرشڻ يجر ويد ۾ مکيه تفاوت هيءُ آهي ته پهرئين ۾ فقط ”يجس“ يعني يگين جون وڌيون آهن، ۽ ٻئي ۾ منترن سان گڏ انهن جي ٽيڪا يا تشريح به آهي، جا نثر ۾ لکيل آهي، ۽ اها درحقيقت براهمڻن واري ڀاڱي ۾ وڃڻ کپندي هئي، انهيءَ سبب مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته يجر ويد جا اڌ جيترا منتر نظم ۾ ته اڌ جيترا نثر ۾ آهن. سشڪل يجر ويد ۾ ڪي ڪي منتر اکر به اکر رگ ويد ۽ اهروويد وارا آهن، پر قادر ۽ قدرت بابت ان ۾ سوکم ويچار نهايت عمديءَ ۽ باريڪ ريت ظهار ٿيل آهن، تنهنڪري رگ ويد کانپوءِ اهو ٻئي نمبر تي ليکجي ٿو.
    سام ويد – سام ويد ۾ ايشور جي اُستتي ۽ سوم يگيه بابت .سام، (Psalms) آهن، جي گهڻو ڪري سمورا رگ ويد مان ورتل آهن، تنهن ڪري رگ ويد کان وڌيڪ تاريخي احوال منجهانئس ڪونه ٿو ملي، باقي هندي راڳ جي تاريخ انهيءَ مان ملي ٿي.
    ”سام“ لفظ جي اکري معنيٰ ئي آهي ”سامت ۾ آڻيندڙ“، ”سانت ڏيندڙ، دل ٺاريندڙ. سام ويد جا منتر من کي شانتي يا روح کي راحت ڏين ٿا، تنهن ڪري اهو نالو رکيو اٿن. اهي منتر جيڪي پروهت اچاريندا هئا، سي ”اُڌ گهات“ سڏبا هئا، ۽ سندين مٺي للڪار ٻڌندڙن جو لنوَ لنوَ ٺاريندي هئي. ڀانئجي ٿو ته ڀڄنن ڳائڻ جو شوق اسان جي ماڻهن ۾ سام ويد جي وقت کان وٺي وڌيو.
    اَٿرو ويد – هيءُ ويد اٿرون نالي هڪ رشيءَ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. انهيءَ رشيءَ ”اٿرون“ يعني باهه ٻارڻ جو هنر جاري ڪيو هو، تنهن ڪري اهو نالو پيس. اٿرو ويد ۾ ٿورا سُوڪت نثر ۾ آهن، پر ڪي رچائون ساڳيون رگ ويد، واريون آهن، جنهن ڪري منجهس برهم گيان جون ڳالهيون آهن. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين جيڪي سنسار ڪرڻا آهن، تن جو توڙي راجائن جي تاجپوشيءَ جي رسمن جو احوال به ان ۾ آهي. منجهس ٽؤڻن ڦيڻن ۽ جهاڙن جهپن جو ذڪر آهي. ڪيترا منتر جنن ڀوتن ۽ ڏائڻين جي ثرن ٽارڻ، دشمن دفع ڪرڻ ۽ ٻين دنوي مرادن حاصل ڪرڻ بنسبت به آهن، تنهن ڪري ڪوٽليه جي ارٿ شاستر(Political Economy) جڙڻ جي وقت يعني 320 سال ق. م. تائين ويد فقط ٽي ليکبا هئا، ۽ اهي ”تريئي“ (Trayee) ۽ ”ترئيوديا، (The threefold Veda or knowledge Traividya) سڏبا هئا، ۽ اٿرو ويد پوءِ ويدن جي دفعي ۾ ليکجڻ ۾ آيو.
    ڪيترن عالمن جو چوڻ آهي ته جنن ڀوتن جي اثرن، ٽؤڻن ڦيڻن، جهاڙن جهپن، سنسن ۽ ڀرمن جون ڳالهيون آڳاٽان دراوڙن ۾ زور هيون، جن جو پوءِ آرين تي اثر ٿيو، جنهن ڪري اٿرو ويد ۾ اهڙين ڳالهين کي جاءِ ملي. بهرحال آڳاٽن ماڻهن جي اوائلي حالت ۽ منورتيءَ جي سمجهڻ لاءِ اٿرو ويد بلڪل ڪارائتو آهي.
    منترن اچارڻ جي مراد: انساني سڀاءُ جهڙو هاڻ آهي، تهڙو اڳي به هو. هن وقت ڪيترا ماڻهو پاٺ پوڄائون، ڀڳتي ۽ شيوا اڪثر انهيءَ لاءِ ڪندا آهن ته اسان جون من جون مرادون پوريون ٿين. ڪو ڌڻيءَ کي سوال ڪري ٿو ته ”پٽ ڏجانم، ڪشٽ ڪٽجانم، قرض ڪوڏيون ڪري لاهجانم، فلاڻي فلاڻي چنتا کان ڇڏائجانم وغيره“. اڳاٽا آريه لوڪ به ائين ڪندا هئا. اهي ڳاهيون ويدڪ ساهت ۾ کليءَ ريت لکيل آهن. مثلاً ويدن جا منتر هن لاءِ اچاريندا هئا ته:
    1. سؤ ورهين تائينجيئرا رهون، ۽ پٽن جو اولاد اکين سان ڏسون (رگ ويد، منڊل پنجون، 1، 89).
    2. هر قسم جي خوف خطري ۽ مصيبت کان بچون (اٿرو ويد، 19، 7).
    3. اوسر يا ڏڪار نه پوي (رگ ويد، منڊل 5، 68).
    4. فصل ڀلا ٿين (اٿرو ويد، منڊل 6، 142).
    5. جيڪا جنگ جوٽيون، تنهن ۾ سوڀارا ٿيون (رگ ويد، منڊل پهريون، 100، ۽ ٻيو، 30).
    6. من جون سڀ مرادون پوريون ٿين (اٿرو ويد، 15، 9).
    ڪنهن کي آسيب يا لڳت جو حساب ٿيندو هو، يا ڪا ٻي بيماري ٿيندي هئي، ته انهيءَ لاءِ به منتر اُچاريندا هئا (اٿرو ويد، منڊل ٽيون، 31، ۽ منڊل پنجون، 5، 22). زال مڙس جو پاڻ ۾ ٺاهه ٿئي، رٺل يار پرچن، دل گهري ٻانهن ملي، جنهن ڪم ۾ هٿ وجهون، تنهن ۾ ٻئون ٻارهن ٿئي وغيره، تنهن لاءِ به منتر اُچاريندا هئا (رگ ويد، منڊل نائون، 68، 9-11، ۽ اٿرو ويد، منڊل 3، 4، 5، ۽ 6).
    آڳاٽن لوڪن پوءِ محسوس ڪيو، ته اهو آهي گويا ڌڻيءَ سان سودو ڪرڻ، يعني اي ڌڻي اسين تنهنجي عبادت ڪريون ٿا، ۽ ان جي عيوض اسان کي فلاڻا فلاڻا ڏاڻ ڏج. اهو سوداگريءَ جو خيال ڇڏي، پوءِ نشڪام ڀڳتي ڪرڻ لڳا، جو ڄاتائون ته پريم ڀڳتيءَ جهڙي ٻي ڀڳتي آهي ئي ڪانه.
    ويدن جا براهمڻ: ويدن جو ٻيو ڀاڱو ”براهمڻ“ سڏجي ٿو. ويدن جا منتر نهايت آڳاٽا آهن، ۽ براهمڻ گرنٿ پوءِ جا آهن. انهن ۾ منترن جي سمجهاڻي، يگين جي وڌين جو بنياد، ۽ يگين جو اندروني مطلب نثر ۾ سمجهايل آهي، تنهن ڪري ويدن جي منترن واري ڀاڱي (سنهتا) کان اهي علحدا آهن، پر اهي به شرتين جي دفعي ۾ ليکيا ويا آهن. هر هڪ ويد جي پٺيان پنهنجا پنهنجا براهمڻ گرنٿ آهن، ۽ اهي ويدڪ ساهت جو ڀاڱو ليکجن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئبو ته براهمڻ گرنٿ ”فقہ جا ڪتاب“ (Theological works) آهن، جن ۾ برهه گيان ۽ آڳاٽن براهمڻن جي فيلسوفي سمايل آهي، جنهن ڪري ئي اهي ”براهمڻ گرنٿ“ سڏجن ٿا.
    براهمڻ گرنٿن مان ڪوبه تاريخي احوال سڌيءَ ريت ڪونه ٿو ملي. يگين جي وڌين جي بنياد بابت جيڪي ڪٿائون منجهن آهن، تن مان ان وقت جي ماڻهن جي ڪيترين رسمن جي سڌ پوي ٿي. تنهن ڪري تاريخ جوڙڻ ۾ براهمڻ گرنٿ به ڪجهه مدد ڪن ٿا.
    آرڻيڪ ۽ اُپنشد: ويدن جي براهمڻ واري ڀاڱي جا ٻه ٻه حصا آهن: هڪڙو ”آرڻيڪ“ ۽ ٻيو ”اُپنشد“. ”آرڻيڪ“ لفظ جي معنيٰ ئي آهي ”ارڻ يا بن جا پستڪ“ (Forest books) . آڳاڻا رشي ۽ ڪيترا راجائون توڙي ٻيا، پنجويهه ورهيه ساندهه بن ۾ رهي، ايشور جو ڌيان ڌاريندا هئا، ۽ ساري سنسار، جيو آتما ۽ پرماتما بابت ويچار ڪندا هئا. سندن اهي ڳوڙها ويچار، جن ۾ اعليٰ درجي جي فيلسوفي سمايل آهي، سي آرڻيڪن ۾ ڏنل آهن.
    آرڻيڪن کان سواءِ اُپنشد به آهن، جن مان ڪي براهمڻ گرنٿن جي پٺيان ڏنل آهن، ته ڪي ڌار پستڪ آهن، پر اهي به براهمڻن جو ڀاڱو آهن، تنهن ڪري ويدڪ ساهت ۾ ليکيا ويا آهن. اُپنشدن ۾ اڪثر گروءَ ۽ چيلي جي وچ ۾ برهم گيان ۽ آتم گيان جي ڳوڙهي فيلسوفي بابت گفتگو آهي. انهيءَ سبب ڪيترن يوروپي عالمن جو چوڻ آهي ته ”اپنشد“ لفظ ۾ ”اُپَ“ معنيٰ ”ويجهو“ ”نِي“ معنيٰ ”نيچي يا هيٺ“ ۽ ”شد“ معنيٰ ”وهڻ“: مطلب ته گروءَ جي ويجهو وڃي، سندس هيٺ (ڄرنن اڳيان) ويهي، جيڪا سکيا پرائجي، تنهن کي ”اُپنشد“ چئجي ٿو.
    ”اُپنشدن“ کي ”ويدانت“ به چئبو آهي. ڪي چون ته اهي ويدن جي انت يا پڇاڙيءَ ۾ ڏنل آهن، تنهن ڪري اهو نالو پيو اٿن. عام طرح جنهن کي ”ويدانت“ (مت) چئجي ٿو، تنهن جي معنيٰ ڪندا آهن ”ويد يا ڄاڻ جي پڇاڙي يا آخرين حد“ يعني ته ويدانت کان مٿي ٻيو علم آهي ئي ڪونه، ۽ اهو ئي برهم گيان جي آخرين حد آهي.
    مکيه براهمڻ گرنٿ ۽ مکيه اُپنشد: مٿي اڳي ئي چيو ويو آهي ته هرهڪ ويد جي پٺيان پنهنجا پنهنجا براهمڻ گرنٿ آهن، ۽ انهن گرنٿن جي پٺيان آرڻيڪ ۽ اَپنشد آهن. انهن مان جيڪي مکيه آهن، سي هي آهن:
    (1) رگ ويد جي پٺيان ٻه براهمڻ گرنٿ آهن: هڪڙو ”ائترييه براهمڻ“ (مهيداس ائتريي جو جوڙيل)، ٻيو، ”ڪوشيتڪي يا شانکاين براهمڻ،. انهن ۾ ڳورهي فيلسوفي سان گڏ سوم ٻوٽي ۽ يگيه، ۽ ٻيا وڏا يگيه، جي راجائون ڪندا هئا، تن جو ذڪر نآهي. ائترييه براهمڻ جي پٺيان جيڪي آرڻيڪ ۽ اُپنشد آهن، سي به انهن ساڳين نالن پٺيان ”ائترييه آرڻيڪ“ ۽ ”ائترييه اُپنشد“ سڏجن ٿا. ڪؤشيتڪي براهمڻ جي پٺيان ڪؤشيتڪي آرڻيڪ آهي، جنهن جو هڪ ڀاڱو ڪؤشيتڪي اُپنشد سڏجي ٿو.
    (2) يجر ويد جا ٻه وڀاڳ آهن. شڪل يجر ويد ”واجنيئي سنهتا“ جي پٺيان شتپٿ براهمڻ ڏنل آهي، جو سڀني براهمڻ گرنٿن ۾ مکيه اهي. آڳاٽن رشين جي فقہ ۽ فيلسوفي، ۽ ٻين ڳوڙهن ويچارن توڙي رسمن ۽ رواجن جي انهيءَ مان گهڻي سڌ پوي ٿي. شتپٿ براهمڻ جي چوڏهين باب جو پهريون ڀاڱو آرڻيڪ آهي، ۽ ان جي پوئين ڀاڱي ۾ ناميارو برهدارڻيڪ آپنشد آهي. واجنيئي سنهتا پٺيان ”ايش“ اپنشد آهي.
    (الف) ڪرشڻ يجر ويد جي سنهتا ۾ ڪاٿڪ سنهتا، ڪپشٿل ڪٿ(Kapishthala –Katha) سنهتا، مئترياڻي سنهتا ۽ تئترييه سنهتا آهن، ۽ پٺيان ڏنل تئترييه براهمڻ تئترييه سنهتا جو ڀاڱو آهي. تئترييه براهمڻ جي پٺيان تئترييه آرڻيڪ ۽ ان جي پٺيان تئترييه اپنشد آهي.
    (3) سام ويد جي پٺيان تانديه مها براهمڻ آهي، جنهن ۾ ”وراٽيه ستوم“(Vratyastoma) جو ذڪر آهي. اهو ڄڻ ته شڌيءَ ڪرڻ لاءِ هڪ يگيه هوندو هو، جنهن جو وڌيڪ ذڪر پوءِ ڪبو. ان جي پٺيان ڇاندوگيه اپنشد، ڪين اپنشد ۽ ٻيا اپنشد آهن. ڇاند وگيه جو پهريون ڀاڱو آرڻيڪ آهي.
    (4) اٿرو ويد سان ڪو آڳاٽو براهمڻ گرنٿ ڪونهي، پر ”گوپٿ براهمڻه“ ان جو ڀاڱو ليکيو وڃي ٿو. مڻڊڪ اپنشد، پرشن (Prasna) اپنشد ۽ ماڻڊوڪيه اپنشد اٿرو ويد ۾ آهن.
    اُپويد (Subsidiary Vedas) چئن ويدن کان سواءِ چار اُپيد آهن. اهي ويدن سان لاڳو آهن، تنهن ڪري ويدڪ ساهت جي دفعي ۾ ليکجن ٿا، پر شريتون ڪري نٿا ليکجن، جو اهي ماڻهن جا جوڙيل آهن. ازان سواءِ انهن جو لاڳاپو دنوي ڳالهين سان آهي، تنهن ڪري ويدن کان انهن جو درجو گهٽ ليکيو ويو آهي. ”اُپويد“ لفظ جي اکري معنيٰ ئي آهي ”گهٽ درجي وارو علم“ (Inferior Knowledge) ايترو چئبو ته انهن اُپويدن مان چٽيءَ ريت سڌ پوي ٿي ته قديم ويدڪ زماني ۾ ئي آڳاٽن هنڌن ڪيترن دنوي علمن ۾ چڱي ترقي ڪئي هئي. اُهي عدم هي آهن.
    (1) رگ ويد جو اُپويد ”ايؤر ويد“ (Medical Science) آهي، جنهن ۾ چرڪ، ششرت، واڪڀت وغيره گرنٿ آهن. انهن” بدن جي طاقت وڌائن، بيمارين کي روڪڻ ۽ مرض کان ڇٽڻ جا اُپاءَ ڏسيل آهن. اهڙيءَ ريت طب جي ڪتابن لکڻ جو رواج اول آرين وڌو. مٿي اڳي ئي ڄاڻايو ويو آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي سنڌو ماٿر ۾ جراح، طبيب ۽ حاذق حڪيم هوندا هئا. اڄ ڪالهه سنڌ ۾ جيتوڻيڪ يوناني حڪيم به آهن، ته به اسان جا سنڌي وئديه (ويڄ) پنهنجن ابن ڏاڏن واري هڪمت اڄ تائين ڀليءَ ڀت هلائيندا پيا اچن. ائين به اکين سان ڏٺو ويو آهي ته اسان جا ڪيترا ماڻهو انگريزي دوائن بدران يوناني ۽ آيور ويدڪ علاج وڌيڪ پسند ڪن ٿا، جنهن ڪري ويڄن جو قدر سنڌ ۾ اڄ تائين آهي.
    (2) يجر ويد جو اپويد ”ڌنر ويد“ (Military Science) آهي. قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو جنگي ڀاارا هئا، تن انهيءَ سائنس (وگيان) کي زور وٺايو، پر ٻوڌي زماني ۾ اهو ڀاؤ اسان جن ماڻهن مان نڪري ويو، جنهن جو نتيجو اڄ به اکين سان پسجي پيو.
    (3) سام ويد جو اپويد ”گنڌرو ويد“ (Music) آهي، جنهن جا ٻه ڀاڱا هئا: هڪڙو لوڪن جي دل وندرائڻ لاءِ، جنهن ۾ راڳ ۽ راڳڻيون هيون، ۽ ٻئي ۾ ويدڪ راڳ ۽ ويدن جا سُر ڏنل هئا. ائين گاين وديا قديم زماني ۾ ئي سڌو ماٿر ۾، خاص ڪري پنجاب ۾ زور ورتو، جنهن ڪري اڄ تائين چوڻي آهي ته ”راڳ پنجاب ۾ ڄائو، ۽ ٿر ۾ مئو“. هن وقت گائن وديا جو گهڻو چاهه سرحد سنڌ ۾، خاص ڪري شوقين شهر شڪارپور ۾ آهي.
    (4) اٿرو ويد جو اپويد ”اسٿاپيه ويد“ (Mechanics) آهي، جنهن ۾ شِلپ (ڪاريگري) ۽ ڪلا (هنر) جي وديا هئي. جنڊيءَ جو ڪم، ڪاشيءَ جو ڪم، جڙت جڙڻ، ڀرت ڀرڻ، لونگيون، کيس وغيره جوڙڻ ۽ ٻيا هنر سنڌ ۾ زور هئا. حيدرآباد ۾ خاتو بندن جو پاڙو اڄ تائين آهي. آيور ويد کان سواءِ ٻيون سڀ وديائون گهڻو ڪري گم ٿي وييون آهن. هن باري ۾ هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته دنيا ۾ ماڻهو گهڻي ئي ڪتاب لکن ٿا، جن مان ڪي گهڻي وقت تائين جٽاءُ ڪن ٿا، ته ڪن جو ٿوري عرصي گذرڻ بعد نانءُ نشان به مٽجيو وڃي. ڪتاب جي ٿوري يا گهڻي جٽاءُ جو مدار ان جي مضمون ۽ ماڻهن جي قدر شناسيءَ تي آهي. ڪن اپويدن جو ماڻهن پوءِ گهڻو قدر نه ڪيو، ته اهي گم ٿي ويا، پر ٻيو آڳاٽو ساهت اڃا سلامت آهي. هندن جي ويدن، اتهاسن ۽ پراڻن ۾ اهڙو ته مصالحو ڀريل آهي، جو جڳن کان اهي جيئندا اچن، ۽ جيستائين هندو جاتي حيات آهي، تيستائين اهي ڪڏهن وڃڻ جا نه آهن. سڄي هندو جاتيءَ کي پنهنجن انهن ڌرمي پستڪن لاءِ ججهي عزت ۽ گهڻو فخر آهي، ۽ ڪيتريون ڌاريون قومون به انهن ڏي عزت جي نگاهه سان نهاري رهيون آهن. اُپنشدن جو ترجمو پارسيءَ ۾ ٿيو، ۽ انهيءَ تان لئٽن ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو، ته شوپنهار (Schopenhaver) نالي هڪ فيلسوف اپنشدن جي فيلسوفيءَ جو اڀياس ڪري، بي اختيار هيٺيان لفظ چيا:
    "In the whole world there is no study, except that of the originals, so beneficial and so elevating as that of the Oupnakht (Upnishad). It has been the solace of my life, it will be the solace of my death." Sacred Books of the East Vol. I, P. LXI.
    اپنشدن بابت پروفيسر مئڪس ملر به هيءُ رايو ظاهر ڪيو آهي:
    "The earliest of these Philosophical.. will always maintain a place in the literature of the world, among the most astounding productions of the human mind in any age and in any Country" (Sacred Books of the East, Vol. I, P. LX VII)
    پنجون ويد – اتهاسن ۽ پراڻ: اڳي اتهاسن ۽ پراڻن کي گڏي ”پنجون ويد“ سڏيندا هئا. پوءِ مهاڀارت تي اهو نالو پيو. سچ پچ ته اهو اتهاس آهي، پر انهيءَ مان ڌرم، نيتي ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين جي سڌ پوي ٿي. چوڻي آهي ته ”جيڪي مهاڀارت ۾ نه آهي، سو ڀارت ۾ ڪينهي“ يعني ڀارت کنڊ جون سڀ مکيه ڳالهيون مهاڀارت ۾ آهن. اهو هڪ وڏو وديا جو ڀنڊار آهي، تنهن ڪري پنجون ويد ڪري ليکيو ويو آهي. منجهس تاريخي احوال به گهڻي ئي آهن، تنهن ڪري قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ لاءِ عالمن منجهانئس گهڻو ئي ذخيرو ڪڍيو آهي.
    اتهاس: ”اتهاس“ لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”ائين ٿيو آهي“ (So it has been). *[1] هندن جا ٻه مکيه اتهاس رامائڻ ۽ مهاڀارت آهن، پر اڳي ”اتهاس“ لفظ جي وڏي معنيٰ هئي. ڪؤٽليه جي ارٿ شاسترن مان معلوم ٿئي ٿو ته پراڻ، اِتيورت(Itivritta)، تاريخ (History)، اُدهرڻ (Illustrative Udharana Stories)ڌرم شاستر ۽ ارٿ شاستر (Science of Wealth i.e Political Economy)انهن سڀني کي گڏي ”اتهاس“ چوندا هئا، ۽ اتر هندستان جو هرڪو راجڪمار (شهزادو) اتهاسن جو اڀياس ڪندو هو.
    پراڻ: ”پراڻ لفظ جي معنيٰ ئي آهي پراڻي ڪٿا يا جهوني ڪهاڻي (Ancient lore). انهيءَ سبب دنيا جي ڪهڙي به ڪهني قصي کي جيڪر ”پراڻ ڪوٺجي، پر هندو پنهنجن انهن جهونن ڌرمي پستڪن کي پراڻ سڏين ٿا، جن ۾ (1) ”سرڳ“ يعني سرشٽيءَ جي اُتپتي يا جهان جي پيدائش، (2) ”پرتيسرگ،(Pratisarga) يعني مها پرلئه ۽ سرشٽيءَ جي وري نئين سر اُتپتي، ۽ (3) مهنو نترن يا جڳن جا احوال آهن. انهن کان سواءِ منجهن (4 ۽ 5) ديوتائن جو ذڪر ۽ رشين ۽ راجائن جا چرتر ۽ سندين ونساوليون يا شجرا آهن. هر هڪ پراڻ جا اهي پنج مکيه لڇڻ يا خاصيتون (خاص ڳالهيون) آهن، تنهنڪري پراڻن کي ”پنج لڪشڻ“ (پنج لڇڻ) به سڏيو اٿن.
    مکيه پراڻ ارڙهن آهن.
    بــــرهــــــم، پـــــــدم، وشـــنو، شـــو ۽ ڀاڳــوت،
    نارد، مارڪنڊيه اگني، ڀوش، برهم وئيورت،
    لــــنگ، واراهـه، سڪنڌ، وامن، ڪؤرم پراڻ،
    متيه، گرڙ، برهمانڊ سان جملي ارڙهـن ڄــاڻ.
    (غريب)

    هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته پراڻن تي گهڻو ڪري اوتارن ۽ ديوتائن جا نالا رکيل آهن. جيڪو پراڻ جنهن ديوتا جي نالي آهي تنهن ۾ مکيه مهما انهيءَ جي آهي، ۽ ٻين جي واجبي. تاريخ جي خيال وچان انهن پراڻن جو جيتري به قدر ڪجي تيترو ٿورو آهي. انهن ۾ آڳاتن رشين ۽ راجائن جون ونساوليون يا سجرا ۽ سندن چرتر يا ڪارناما آهن، تنهنڪري قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ لاءِ انهن مان نهايت گهڻو مصالحو مليوآهي. اهو جيڪڏهن نه ملي ها، ته قديم هندستان جي تاريخ ئي مشڪل ٿي پوي ها. جن يوروپي عالمن پهريائين قديم قديم هندستان جي تاريخ جوڙڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، تن جي اها ئي دانهن هئي ته آڳاٽن آرين کي ٻيو هوش گهڻو ئي هو، پر تاريخ جوڙڻ جو عقل ڪونه هون. پوءِ ٻين ملڪن جا ڌرمي پستڪ ڏٺائون، ته معلوم ٿين ته اڳي تاريخ جوڙڻ جو نمونو ئي اهو هو، جو ڌرمي ڳالهين سان تاريخي ڳالهيون به ڳنڍي ڳتي ڇڏيندا هئا، ۽ ڪي تاريخي ۽ سائنس جون ڳالهيون ڪٿائن يا آکاڻين جي نموني لکندا هئا، ته پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن کي ياد ڪرڻ سوليون ٿين. هاڻ يوروپي عالم پراڻن جو گهڻو قدر ڪرڻ لڳا آهن، ۽ سمجهن ٿا ته انهن ۾ سچا پچا تاريخي احوال آهن، ۽ جيڪي ڏند ڪٿائون آهن، سي به ڪن حقيقتن تي ٻڌل آهن.
    ________________________________________
    * شنسڪرت ۾ ”اتي، معنيٰ ”آئين“، ”هه“ معنيٰ ”تحقيق يا سچ پچ“ ۽ ”آس“ معنيٰ ٿيو آهي“ (اس معنيٰ ٿيڻ) – يعني ”ائين سچ پچ ٿيو آهي“، يا ”ٿي گذريو آهي“: جنهنڪري ”اتهاس“ معنيٰ ”تاريخ يا روايت“. (ڏند ڪٿا)


    باب چوڏهون : علم ۽ تعليم جو انتظام

    چار پرشارٿ: قديم سنڌو ماٿر جا رهاڪو پنهنجن ٻارن کي ڪهڙي قسم جي سکيا ڏيندا هئا، تنهن بابت اول هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته انهيءَ قديم زماني ۾ ئي رشين ۽ منين پنهنجن ماڻهن جي دلين تي اهو اثر وهاريو، ته جيوت جو اهو مطلب نه آهي، ته رڳو کائجي ۽ پيئجي، ۽ موجون ماڻجن. هنن آتمڪ اُنتيءَ يا روحاني ترقيءَ جي ضرورت تي زور ڏنو، ۽ پنهنجن ماڻهن کي ائين ئي ذهن نشين ڪرايائون، ته سکيءَ جيوت ڪاٽيندي به ڌڻيءَ جو ڌيان ڌارڻ، ۽ رفتي رفتي دنوي سک تياڳي موڪش يا نجات حاصل ڪرڻ، اها ئي ست پرشن جي مرجاتا آهي، ۽ اهو ئي آهي حياتيءَ جو مول مقصد، تنهنڪري ٻارن کي ننڍڙي هوندي سکيا به اهڙي ڏيڻ گهرجي.
    حياتيءَ جي انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هرهڪ انسان کي چار مکيه مرادون دل ۾ ڌاريون آهن،جن لاءِ کيس پرشارٿ (پرکارٿ) يعني اُدم يا ڪشالو ڪرڻو آهي. ”پرشارٿ“ لفظ ۾ ”پرش“ معنيٰ ماڻهو ۽ ”ارٿ“ معنيٰ مطلب، جنهن ڪري چئبو ته اهي پرشارٿ گويا پدارٿ آهن، جن سان هر ڪنهن ماڻهوءَ جو مطلب آهي. اهي چار پرشارٿ آهن. ڌرم، ارٿ، ڪام ۽ موڪش.
    (1) پهرئين پهرئين درجي ۾ ڌرم ليکيائون. انسان جا جيڪي به فرض آهن، سي سڀ ڌرم ۾ اچي وڃن ٿا. اخلاقي يا نيتيءَ جون ڳالهيون به ڌرم ۾ اچي وڃن ٿيون. اهو به ٺهرايائون ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڌرم ۽ نيتيءَ تي نه هلي، ته خود راجا جو ڌرم (فرض) آهي ته ساڻس قاعدي جي ڪارروائي ڪري، ته آئيندي ڌرم جي راهه تي هلي، ۽ ڪوبه اونڌو قدم نه کڻي، تنهن ڪري ڏنڊ نيتي (Science of Coercion) به ڌرم جي رکيا لاءِ آهي. آڳاٽن رشين، منين ۽ ٻين براهمڻن ڌرم کي گهڻي اهميت ڏني، جنهن ڪري هندن جا فوجداري توڙي ديواني ڳالهين بابت سڀ قاعدا ڌرم تي ٻڌل آهن. اڄ تائين اهي قاعدا هندن جي شاسترن ۾ ڌرمي ڳالهين سان ڳتيا پيا آهن ۽ اهي ڌرم کان ڌار ڪرڻ جا نه آهن.
    (2) ”ارٿ“ لفط جي معنيٰ آهي ”ڌن دولت يا ناڻو“، هر ڪنهن غريب توڙي شاهوڪار کي ناڻو گهرجي، جو ناڻي کان سواءِ ڪوبه ڪم ٿي ڪونه سگهندو. انهيءَ سبب چوڻي به آهي ته:
    ”اُٿ به ناڻو، ويهه به ناڻو،
    ناڻي بنا نر ويڳاڻو“
    ڌن دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ”ورت“ (Varta) يعني گذران جون واٽون ٺهرايائون، جهڙوڪ کيتي، واپار، هنر ۽ ڪاريگريون ۽ ٻيو ڪهڙو به پورهيو. مطلب ته سڀڪنهن کي حق حلال جي ڪمائي ڪري پيٽ پالڻو آهي، ۽ ناڻي پيدا ڪرڻ ۾ به ڌرم تي هلڻو آهي. مثلاً: تور ۾ ٺڳي نه ڪجي. انهيءَ سبب چوڻي به آهي ته ”اگهه کٽيو کائجي، پر وَٽَ کٽيو نه کائجي“. يعني کوٽا وٽ ڪم آڻي يا گهٽ وزن ڏيئي فائدو کائڻ نه گهرجي.
    (3) ”ڪام“ جي معنيٰ آهي ”سک ڀوڳڻ“. پنهنجي حق حلال جي ڪمائي ڪري، پنهنجن ٻچن سان گڏجي سک ڀوڳڻ، تنهن لاءِ به پرشارٿ يا اُدم ڪرڻ ضروري آهي، ۽ اها به انسان جي مکيه مراد آهي.
    (4) ”موڪش“ (موک) معنيٰ نجات يا ڇوٽڪارو. پنهنجي ڌرم ڪرم تي پورو رهي، حق حلال جي ڪمائي ڪري، سکي جيوت ڀوڳڻ ۽ پوءِ رفتي رفتي دنوي سک تياڳي، ڌڻيءَ جو ڌيان ڌارڻ، ۽ آخر ڌڻيءَ ۾ لين (فنا في الله) ٿيڻ کي ”موڪش“ چئجي ٿو. اهڙو ماڻهو پوءِ جنم مرڻ جي ڦيري کان ڇٽل رهي ٿو: اهڙيءَ آدرش جيوت گذارڻ لاءِ آڳاٽن لوڪن تعليم جو سرشتو ئي اهڙو رکيو، ۽ پنهنجو سمورو ڌيان ڌرمي سکيا تي ڏيڻ لڳا.
    تعليم جو سرشتو: رگ ويد ۾ ڪي اهڙا اشارا آهن، جن مان چٽيءَ ريت سمجهي سگهجي ٿو ته انهيءَ قديم زماني ۾ ئي آچاريه (استاد) ۽ وديار ٿي (شاگرد) هئا. مثال لاءِ ڏسو رگ ويد جو منڊل پهريون (سوُڪت 12، 2). جنهن ۾ چيل آهي ته ”اي اشوني ڪمار ديوتائون، جيڪي اُستاهي پوڄاري خاص رڳو توهان جي پوڄا ڪن ٿا، سي توهان جي رَٿَ (گاڏهيءَ) جي چوڌاري بيهي، توهان جيءَ ڏات مان ائين لاڀ پرائين ٿا، جيئن سکيا وٺڻ لاءِ وديار ٿي پنهنجي گروءَ جا وچن ڌيان ڏيئي ٻڌن ٿا“. وري منڊلس تين (87، 47) ۾ چيل آهي ته ”ورڻ ديوتا مون پاترشش (لائق شاگرد) کي سکيا ڏيئي برهم لوڪ جون ڳجهارتون ٻڌايون آهن.“ هنن ٻن مثالن منجهان ئي ظاهر آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي رشي ۽ براهمڻ عام ماڻهن جا وديا گرو هئا، ۽ اهي کين آتمڪ سکيا يا روحاني تعليم ڏيندا هئا. ان وقت سنڌو ماٿر ۾ براهمڻ، پروهت، رشي ۽ راج رشي گهڻائي هوندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 103، 7).
    سنڌو ماٿر جا رهاڪو ننڍپڻ کان وٺي وديا پرائيندا هئا، سا ڳالهه هن منجهان سمجهي سگهجي ٿي، جو رگ ويد جي منڊل ستين، (103، 5) ۾ چيل آهي ته ” برسات ۾ هڪڙو ڏيڏر ٻئي ڏيڏر جي ٽان ٽان ٻڌي، پاڻ به ائين ٽان ٽان ڪري ٿو، جيئن ڪو سيکڙاٽ پنهنجي گروءَ جي واتان لفط ٻڌي، پاڻ به ان موجب اُچار ڪري ٿو.“ هن مان پڌرو آهي ته ننڍڙن ٻارن جي چچلي ڳالهائڻ کي ڏيڏرن جي ”ٽان ٽان“ سان ڀيٽيو اٿن. اڄ به ڏسو ته سنڌي اسڪولن جي ٻاراڻن ڪلاسن ۾ اول استاد ڪو لفظ اُچاري ٿو، ته سندس پٺيان ننڍڙا ٻار به ڪوشش ڪري اهڙا اُچار چچلي نموني ڪن ٿا. ائين اها ”ڏيڏرن واري ٽان ٽان“ اڄ تائين هلي اچي.
    ٻاراڻي ڪلاس جا شاگرد جڏهن ڪجهه وديا سکي مٿئين درجي ۾ ويندا هئا، تڏهن انهن کي آچاريه ويدن جا منتر برزبان ياد ڪرائيندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 103، 5).
    پروفيسر مئڪس ملر چوي ٿو ته جن ڏينهن ۾ ماڻهن وٽ لکپڙهه جي سامگري (مس، قلم ۽ ڪاغذ) ڪانه هئي، تن ڏينهن ۾ وديايارٿين کي آچاريه ڪهڙي نموني ويدن جا منتر سيکاريندا هئا، سو پتو ”پراتيشاکيا“ (Paratisakhya) مان پوي ٿو. چيلا پنهنجي گروءَ کي ڀاڪر پائي چڇوندا هئا ته ”سوامي، پڙهو“. آچاريه گنڀيرائيءَ سان ڇوندو هو: ”اوم“ (هائو). هو پوءِ هڪ پرشن (سوال) چوندو هو، جنهن ۾ ٻه ٽي تڪون هونديون هيون، پر متان ڪنهن لفظ تي شاگردن جو ڌيان پوريءَ ريت نه ڇڪجي، تنهنڪري سني لفظن تي گهڻو زور ڏيئي اُچاريندو هو، ۽ ڪي لفظ ٻه ٻه ڀيرا چوندو هو، اين گرو ڪي لفظ چئي رهندو هو ته پهريون شاگرد انهن تڪن جا پهريان لفظ چوندو هو. جيڪڏهن ڪا ڳالهه کولڻي هوندي هئي، ته گرو چوندو هوس ته ”انهن لفظن جو مطلب ٻڌاءِ“. شاگردن جڏهن مطلب ٻڌائي رهندو هو، تڏهن ٻيو شاگرد اهي ساڳيا گروءَ وارا چيل لفظ اُچاريندو هو. پوءِ سڀ شاگرد سبق وري وري پڪو ڪندا هئا. ٻالڪن کي وات ويڻيءَ سيکارڻ جو طريقو اجهو اهو هو. اهڙيءَ ريت شاگرد ڪئين ڳالهيون ڪنٺ ڪندا هئا، جن جو پوءِ پيڙهيءَ به پيڙهيءَ حافظي جي وسيلي ڦهلاءُ ٿيندو هو. ابتدائي تعليم انهيءَ نموني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏيئي، پوءِ کين اعليِٰ درجي جي تعليم ڏيندا هئا.
    زناني تعليم: رگ ويد واري زماني ۾ ئي آڳاٽن هندن کي زناني تعليم جو گهڻو قدر هوندو هو. نياڻين کي به پٽن وانگر تعليم ملندي هئي، جيئن هن وقت ڪيتريون ڇوڪريون اسڪولن ۽ ڪاليجن جي امتحانن ۾ ڪيترن ڇوڪرن کي شهه ڏيئي وڃن ٿيون، تيئن اڳي به ڪيتريون استريون ڪن مردن کان گوءِ کڻي وينديون هيون. زالن کي نه رڳو رواجي سکيا ملندي هئي، پر ڌرمي سکيا به ملندي هين. هن لاءِ هيءَ ثابتي آهي ته گهوشا (راجڪماري)، آپالا، لوپَ، مُدرا ۽ وِشِو وارا نالي استريون رشين جي درجي کي پهتل هيون. اهي ويدن جي منترن جو پورو پورو ارٿ ٻين کي ٻڌائينديون هيون، ۽ گيان ڏينديون هيون. وِشو وارا ته پوڄائون به ڪرائيندي هئي، جيئن اڄ به ڪي گرياڻيون يا ٻانڀڻياڻيون ڪن ٿيون. قديم زماني جا گروڪا براهمڻن جون ڄڻ ته يونيورسٽيون هيون، جن ۾ پٽن سان گڏ نياڻين کي به اعليٰ درجي جي تعليم ملندي هئي.
    گروڪل ۽ آشرم: اَٿرو ويد جي منڊل نائين، (سؤڪت 5) ۾ صفائي صفا لکيل آهي ته وديارتي جڻيو پائي، برهمچاري ٿي رهندا هئا، ۽ گروڪل ۾ رهي، وديا پرائيندا هئا. آچاريه ڪل واسن“ يعني ”اَچاريه (استاد) جي ڪل ۾ رهندڙ“ لفظ به ڪم آيل آهن. خود رگ ويد جي منڊل ڏهين، (109، 5) ۾ برهمچاري“ لفظ ڪم آيل آهي. منڊل ستين (103، 1) ۾ چيل آهي ته ”براهمڻ سدائين پنهنجي وچن جي پالنا ڪندا هئا.“ هن مان ظاهر آهي ته براهمڻن کي ننڍڙي هوندي کان ئي اها اخلاقي سکيا ملندي هئي ته ”پنهنجو ڪيل وچن ڪڏهن به ڀنگ نه ڪجي“. برهمچاري4 جو اهو به هڪ مکيه لڇڻ آهي. هن قسم جي ثابتين مان خود ڪي يوروپي عالم سمجهن ٿا ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گروڪل هئا، جنهنڪري چئبو ته گهڻين قومن کي اڳي سنڌو ماٿر جي آرين کي وديا جو قدر هو. *

    پـــڙهــڻ، ترڻ تير هــــڻڻ، چوٿين سواري،
    ننڍي هوندي جو نه سکي، وڏي خواري.
    (پهاڪو)
    هتي به ڏسو ته پهريائين آهي، پڙهڻ، ۽ پوءِ ٻيون ڳالهيون. ”اڻ پڙهيا پڙهين اڳيان ڀريون ڍوئيندا.“ هن قسم جا پهاڪا ڄاڻائين ٿا ته سنڌي ماڻهن وديا جو ججهو قدر ڪيو ٿي.

    آڳاٽا لوڪ انسان جي عمر سراسري هڪ سؤ ورهيه ليکيندا هئا، ۽ اها چئن آشرمن يعني منزلن يا درجن ۾ ورهايل هوندي هئي. انهن چئن آشرمن جا نالا برهمچريه، گرهسٿ، وانپرسٿ ۽ سنياس آهن. ”برهمچريه“ لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته انهيءَ پهرينءَ منزل ۾ ”برهم“ (ايشور) ڏي هلڻ جي واٽ وٺڻ سکندا هئا، ۽ اهي ”برهمچاري“ سڏبا هئا. هرڪو ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ مان ڄمي ٿو، پر ڌڻيءَ سان ملڻ جي واٽ وٺڻ لاءِ کيس ننڍڙي هوندي ئي ٻيو جنم وٺڻو آهي. انهيءَ ٻئي جنم وٺڻ جي نشاني ”جڻيو“ آهي، جڻيو پائيندڙ ”دوجه“ يعني ٻيو ڀيرو ڄاول سڏيو ويو آهي. جڻئي پائڻ جي وقت کان وٺي ”گايتري“ سنديس ماتا آهي، ۽ آچاريه (استاد) سندس پتا آهي. آڳاٽا لوڪ ننڍڙي هوندي ئي جڻيو پائي، پنجويهن ورهين جي ڄمار تائين برهمچاري ٿي رهندا هئا، ۽ گروڪل ۾ رهي وديا پرائيندا هئا. برهمچريه آشرم ۾ پهرين ۽ مکيه ڳالهه هئي پنهنجين نفساني خواهشن کي روڪڻ. انهيءَ سبب هو پنجويهن ورهين جي ڄمار تائين پرائي ڪنيا يا استريءَ ڏي اک کڻي به ڪين نهاريندا هئا. پنهنجي نفس تي ضابطو هون، تنهنڪري ئي سدائين رشٽ پشٽ هوندا هئا، ۽ وڏا سؤر وير ٿي سامائبا هئا. اهو سڀ وقت ويد وديا ۽ ٻيون وديائون سکي، پنهنجو ٻل ۽ ٻڌيوڌائي موٽندا هئا. انهن گريجوئيٽن جو ايڏو مان هوندو هو، جو خود ديس جو راجا سندن استقبال لاءِ وڌي اڳيان ويندو هو. برهمچاري گهر ڏي موٽندا هئا، ته پوءِ سگهو ئي ڪنهن لائق ڇوڪريءَ سان پرڻبا هئا. هيءَ ٻي منزل ”گرهست آشرم“ سڏبي هئي. جنهن ۾ نوجوان گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، ۽ حق حلال جي ڪمائيءَ مان گذران ڪندا هئا. گهر ٻاري ٿي به پنهنجي واندڪائيءَ جو وقت ايشور جي ڀڪتي، ست پرشن جي شيوا ۽ ساڌ سنگت ۾ سڦلو ڪندا هئا. ديس ۾ بيروزگاري هئي ڪانه، ۽ ماڻهن جي ڪمائي به ججهي هوندي هئي. اتهاسن مان معلوم ٿئي ٿو ته جهڙي تهڙي پورهيت کي به هڪ سوني مهر روز ملندي هئي. ڪن کي پگهار بلي اڌ جيترو اناج، ۽ اڌ جيترا روڪ پئسا ملندا هئا. پر ويدن واري زماني ۾ ئي گرهستي ماڻهن وٽ اَن توڙي پئسو ايترو هوندو هو، جو ٻين آشرمن وارن کي پئسي توڙي سيڌي پاڌي جي مدد ڪندا هئا، جنهنڪري گرهستين يا گهر ٻارين جو مان مٿي ليکبو هو. اڄ به برهمڻ، ٻاوا ۽ ٻيا ڪيترا گرهستين جي ڪمائيءَ تي پيا پلجن.
    گرهستين جو اولاد سامائبو هو، ته پاڻ آهستي آهستي دنيوي ڳالهين تان چُت هٽائي، پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ وانبرسٿ آشرم ۾ گهڙندا هئا. يعني گهر تياڳين ڏي ويندا هئا. گهر ڇڏڻ مهل پنهنجي اولاد، ننڍن ڀائرن ۽ ٻين مٽن مائٽن کي گرهست آشرم جي فرض پالڻ جو گهڻو تاڪيد ڪندا هئا. ”چڱا سي، جن جا پويان چڱا“. پاڻ ٻن ڏي وڃن، ۽ پٺيان اولاد متان ڪُل جو قس ٻوڙي، تنهنڪري کين تاڪيد ڪري پوءِ نرسني بن ڏي ويندا هئا: پنهنجون فرحتي جاون ڇڏي ڪکاين ڀنگين ۾ رهندا هئا، ۽ ڪنهن به سواد جي سَڌ ڪانه ڪندا هئا. رواجي ڪپڙا به ڪونه پهريندا هئا، پر وڻن جي ڇوڏن ۽ ڪن گاهن جي تاندورن مان ٺهيل ڪپڙا ڍڪيندا ها. اهڙا ڪپڙا اتر هندستان ۾ اڄ به ڪٿي ڪٿي آهن. بن ۾ به يگيه ڪندا هئا، پر پنهنجي نفساني خواهشن کي روڪڻ لاءِ هڪ وڏو يگيه سمجهندا ها. پنهنجي استري اڪثر ساڻ هندي هين، ته به هن جي ويجهو نه ويندا هئا، پنهنجي سرير کي تپسيا ۾، من کي اڌياتم ويچار ۽ ايشور جي آراڌنا ۾، ايڪانت نواس دواران لڳائيندا هئا، ته هي لوڪ ۽ سکي، ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي.
    اهو ون پرسٿ آشرم ويراڳ پچائڻ واسطي هو. ويدن جي براهمڻن ۾ ڄاڻايل آهي ته جنهن ڏينهن پورو پورو ويراڳ پراپت ٿئي، انهيءَ ڏينهن ڄاڻڻ گهرجي ته ون پرسٿ آسرم جو سمو پورو ٿيو، ۽ پوءِ سنياس آشرم ۾ گهڙجي. ”سنياس“ لفظ ۾ ”سم“ معنيٰ سڀ“، ”ني“ معنيٰ ويجهو“ ۽ ”آس“ معنيٰ ”اُڇلڻ“. سڀ جيڪي ويجهو هجي سو اُڇلي ڇڏڻ يعني سڀڪجهه تياڳڻ کي ”سنياس“ چئجي ٿو، مطلب ته پويان پنجويهه ورهيه بنهه تارڪ ٿي يا سڀڪجهه تياڳ ڪري، يوگ دواران موڪش پد (نجات) يا مڪتي) حاصل ڪندا هئا. انهيءَ ريت پنهنجي سڄي حياتي سڦلي ڪندا هئا. رگ ويد واري زماني ۾ ئي شايد ائين جيوت گذاريندا هئا، جو اهڙا اشارا رگ ويد ۾ آهن.
    مني ۽ وراٽيه: سنڌو ماٿر جا جيڪي سنياسي دنيا ترڪ ڪري بن ۾ گذاريندا هئا، ۽ ويدن جا منتر پيا اُچاريندا هئا، سي رگ ويد ۾ ”مني“ (Sages) سڏيا ويا آهن. ”وڻن جي ڌڏڻ جا آواز اهڙا پيا اچن جهڙا مُنين جي منترن اُچارڻ جا الاپ“ (رگ ويد، منڊل ستون، 56، 8). ”منين جو سُکو يا ساٿي اندر ديوتا آهي، (منڊل سون، 7، 14). انهن متين بابت هيئن به ڄاڻايل آهي ته منجهانئن ڪي ننگا هوندا هئا، ته ڪن کي گيڙوءَ رتا ڪپڙا پيل هوندا هئا (رگ ويد، منڊل ڏهون، 136، 2). اهي ”ڪيشي“ يعني ڊگهن وارن وارا هوندا هئا، ۽ هوا وانگر آزاد پيا ڦريندا هئا. اهي ديوتائون ڪري ليکبا هئا.
    ٻيا هڪڙا سنياسي جي منين کان علحده هوندا هئا، سي (Varatya) سڏبا هئا. اهي رمتا ساڌو هوندا هئا. انهن کي سواريءَ لاءِ ساديون گاڏيون هونديون هيون، جن ۾ به ڍڳا ٻڌل هوندا هئا، ۽ ٻه پيادا اڳيان ۽ ٻه پٺيان هوندا هئن. انهن جا وار رکيل هوندا هئا، بت تي ساڌن جهڙو ويس هوندو هون، ۽ مٿي تي پڳڙي هوندي هين. اهي به ديوتا پرش ڪري ليکبا هئا. اهي وراٽيه شايد مهاديو (اشو مهراج) جا پوڄاري هئا. خود راجائون کين مان ڏيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل 15، 10)، ۽ براهمڻ کين آڌرڀاءُ ڏيئي پاڻ وٽ مهمان ڪري رهائيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل 15، 12).
    جيڪي رشي ۽ مني دنيا ترڪ ڪري بن ۾ رهندا هئا، تن جون جهوپڙيون جيتوڻيڪ پنهنجون پنهنجون هونديون هيون، ته به ڪيترن وقتن تي ڪنهن ميدان ۾ گڏ ٿي، ڪٿا ڪيرتن ۽ گيان گوشٽ ڪندا هئا. مهاڀارت، سريمد ڀاڳوت ۽ ٻين ڪيترن پراڻن جي منڍ ۾ ڄاڻايل آهي ته اهي ڪٿائون نئمشارڻ بن جي وچ ۾ ويهي، ويد وياس جي شش سؤتي اٺاسي هزار رکيشرن کي ٻڌايون هيون. هن مان معلوم ٿيندو ته بن ۾ به وٽن وڏن گمت لڳي پيئي هوندي هئي، ۽ گيان ۽ ويراڳ جي وارتائن ٻڌڻ مهل هزارن جي تعداد ۾ هڪ هنڌ وڃي ڪٺا ٿيندا هئا.
    کگول وديا ۽ جوتش جو اڀياس – وقت جي ماپ: آڳاٽا رشي ۽ مني جي ڳوٺن ۾ گهر ٻاري ٿي رهندا هئا، يا ويراڳ ورتي ڌاري، بن ۾ وڃي گذاريندا هئا، تن جو نه رڳو ڌرمي ڳالهين تي ڌيان هوندو هو، پر قدرت سان رهاڻ ڪرڻ جا به ڪوڏيا هوندا هئا. سندين مشاهدي جي قوت به سگهاري هوندي هئي. سندين هڪ مکيه ڳالهه جنهن ججهو ڌيان لهڻو، سا هيءَ آهي ته رگ ويد واري زماني ۾ ئي گرهن، تارن ۽ نکترن ڏي نظر پئي ڪئي، ۽ ائين کگول ودي ۽ وتش جو بنياد وڌائون.
    آڳاٽن آرين جو گهڻو زور بگين ڪرڻ تي هوندو هو. ڪي وڏا يگيه ڪندا هئا، جي ”سَتر“ سڏبا هئا. انهن سترن لاءِ اڪثر اهي ڏينهن مقرر ڪندا هئا، جن ڏينهن تي سج جو پاڇو ڦرندو هو، ۽ ڏينهن وڏا ۽ راتيون ننڍيون، يا ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿيڻ لڳنديون هيون. لوڪمانيه بال گنگا ڌر تلڪ پنهنجي ڪتاب ”اورني“ ۾ ڄاڻايو آهي ته انهيءَ ريت يگيه چڻ ته وت جي ماپ ڏيکاريندڙ(Chronometers) هوندا هئا.
    وقت جي ماپ چنڊ پٽاندر به ڪندا هئا. چنڊ کي سڏيندا هئا ”ماس“، جنهن جو اُچار پارسيءَ ۾ آهي ”ماهه“. ماس يا ماهه جي هڪڙي معنيٰ نآهي ”چنڊ“ ۽ ٻي معنيٰ ”مهنو“ ۽ ان جو ڌاتو يا بنياد آهي ”ما“ معنيٰ ”ماپڻ“. جنهنڪري ”ماس“ (ماهه) جي بنيادي معنيٰ آهي ”ماپيندڙ“ هيءُ لفظ خود ڄاڻائي ٿو ته وقت جي ماپ چنڊ پٽاندر ڪندا هئا. چنڊ پورو ٿيو ته مهنو پورو ٿيو، تنهنڪري ٻيو مهنو وري نئين چنڊ کان وٺي ليکيندا هئا. مهني ۾ ٽيهه ڏينهن ليکيندا هئا، جنهنڪري ورهيه ۾ 360 ڏينهن ليکيندا هئا، پر وقتي تيرهون مهينو به گڏيندا هئا، جو عام طرح ”اڌڪ“ يا ”لنڊ“ يا ”پرشوتم“ جو مهينو سڏجي ٿو. هرهڪ ڏينهن کي سورج ديوتا جو ”ڌام“ سڏيندا هئا (اٿرو ويد، منڊل پهريون، 64، 11). ڏينهن ۾ چار پهر ليکيندا هئا. پنهنجو سال سياري کان وٺي ليکيندا هئا، جنهن ۾ ٽي مندون (هرهڪ چئن مهينن جي) شمار ڪندا هئا. پو3 ورهيه ۾ ڇهن رتين ليکڻ جو رواج پيو. اهي ڇهه رتيون هي هيون: (1) گريشم (گرميءَ جي موسم يا انهارو). (2) هيمنت (خزان)، (3) ششر (سيارو)، (4) وسنت (بسنت بهار)، (5) شرد (سرءُ) ۽ (6) ورشا (برساتي موسم) اٿرو ويد، منڊل ڇهون، 55، 2، ۽ منڊل ٻارهون، 1، 36). اٿرو ويد جي منڊل اڻويهين (7) ۾ اٺاويهه نکتر ڄاڻايل آهن، جي ڪرتڪا (ڪتين) کان وٺي ليکيندا هئا. هن قديم زماني ۾ ئي وگيان (سائينس) جي ڳالهين تي هيترو ڌيان ڏنائون ٿي، تنهن تان ڪيترن يوروپي عالمن عجب ظاهر ڪيو آهي.

    ________________________________________
    * کترين کي اها به سکيا ملندي هئي. راجا هرشچندر ڪئين تڪليفون سٺيون؛ پر پنهنجو وچن ڀنگ نه ڪياين. راجا دسرٿ پنهنجي راڻي ڪيڪنيءَ کي وچن ڏيئي، پوءِ جيتوڻيڪ گهڻو ئي پڇتايو، بلڪ پڇتائيندي پڇتائيندي ڏک وچان پنهنجا پراڻ تياڳيائين، ته به قول تي قابو رهيو. ڀشم پتامهه سڄي عمر ڪنوارو رهڻ قبوليو، ۽ راجگديءَ تان هٿ کنيائين؛ پر پنهنجو وچن نه ٽوڙيائين، ويجهڙائيءَ ۾ گرنار ڪوٽ جي راجا راءِ ڏياچ ٻيجل چارڻ کي چيو ته ”گهر جيڪي گهرڻو هجيئي“ هن چيس ته ”مون کي پنهنجي سسي لاهي ڏيو“. هن وڏيءَ دل داتا اتي ئي ڪرٽ کڻي ڪاپار ۾ وڌو، ۽ پنهنجي سسي لڻي لاهي وڌائين؛ پر ٻول ۾ رول نه ڪيائين. – مصنف.


    باب پندرهون : نيتي يا اخلاق

    دان پڃ: قديم زماني کان وٺي هندو ماڻهو دان پڃ ڪرڻ هڪ ڌرمي فرض ڪري سمجهندا آهن. ويدن جي رچائن ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڌڪار ظاهر ٿيل آهي، جن وٽ اَن جا ڀاندار ڀريل آهن، پر دل اهڙي ڪٺور اٿن، جو ڪنهن گهرجائوءَ کي جيڪر اَن جو ڪڻو به نه ڏين. هڪ رشيءَ ديوتائن کي آراڌنا ڪئي آهي ته ”اَن اُدارتا“ (llliierality) شل دنيا ۾ هجي ئي نه (رگ ويد، منڊل ڏهون، 23، 12)! ويدن جي رچائن ۾ انهن ماڻهن جي ساک لکيل آهي، جي غريبن ۽ اناٿن جون گهرجون پوريون ڪن ٿا، ۽ هيڻن جا همراهه ٿين ٿا. هيئن به چيل آهي ته جيڪي ”ڀوڄ“ آهن يعني ٻين کي کاڌو کارائين ٿا، ۽ ٻين جي دل وٺن ٿا، تن جو هيءُ لوڪ سکي ۽ پر لوڪ سهيلو ٿئي ٿو (رگ ويد، منڊل پهريون، 126، 1، منڊل پنجون، 30، 12، 15، منڊل ستون، 18، 21، 24). جيڪي راجائون وڏيءَ دل سان دان ڪندا هئا، تن جون ”دان“ اُستتيون“ (سخا جون ساراهون) رگ ويد ۾ ڄاڻايل آهن، جن مان منڊل پهرئين ۾ سنڌ جي راجا سونيه ڀاوييه جي دان اُستتي ڪاڪشون رشيءَ ڳائي آهي. ديا، ڌرم جو مول چيو اٿن ۽ ائين به چيو اٿن ته ”ديا بنا سڌ به ڪاسائي“، تنهنڪري قديم زماني کان وٺي هندو نه رڳو ماڻهن پر ٻين ساهه وارن تي به ديا ڪندا اچن، گاين کي گاهه ۽ اَٽي جا پيڙا ڏيڻ، ماڪوڙين کي ڏارو ڏيڻ. درياهه ۾ مڇين ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ اَکا وجهڻ، پنهنجي روز مرهه جي کاڌي مان ڪنهن فقير کي ماني ڏيڻ، ڪتي ۽ ڪانءُ کي گرهه ڏيڻ ۽ ٻيا اهڙا رواج اڄ تائين عام آهن. اهي سڀ جيو ديا جا ڪم آهن، جن جو ماڻهن نيم ٻڌي ڇڏيو آهي. اهي روز مرهه جا نيم ياد ڏيارين ٿا ته جيڪي کٽجي ڪمائجي ٿو، سو رڳو پنهنجي تن پروريءَ ۽ سرخوئيءَ لاءِ نه آهي، پر سدائين ٻين سان ونڊي کائجي. .ونڊ کاءُ، سک پاءِ، ڇپ کاءُ، ڇائي پاءِ“- اهو پهاڪو اڄ تائين عام آهي.
    رگ ويد ۾ ”پڻي“ لوڪن (وڻجارن يا واپارين) لاءِ ڌڪار ظهار ٿيل آهي، جو انهن کي لوڀ گهڻو هوندو هو، ديا جو انگ منجهن خير ڪو هوندو هو، ۽ ماڻهن کان ڳرا وياج وٺندا هئا (منڊل اٺون، 77، 10). سندن هڪ مکي ”بربو“ (Barbu)نالي هو. سؤ دان ڪندو هو، ۽ هن جي ساراهه لکيل آهي (منڊل ڇهون، 45، 33).
    رگ ويد واري زماني جي واپارين جي هاڻوڪي زماني جي واپارين سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته زمين آسمان جيترو ڦير ڏسڻ ۾ اچي ٿو. اسان جا سنڌ ورڪي ڀائر توڙي ٻيا واپاري پنهنجيءَ ڪمائيءَ مان سدائين ڪجهه حصو ڌرمائو ڪڍندا ويندا آهن. ائين وڏيون رقمون ڪٺيون ڪري چڱي ڪم آڻيندا آهن. حيدرآباد شهر ۾ ڪيترا مندر، ٺاڪر دوارا، ڌرمشالائون وغيره جوڙايل ئي اسان جي ڀائيبند ڀائرن جون آهن. ٺاڪر دوارن ۽ ٽڪاڻن وغيره تي گهڻي خرچ ڪرڻ بدران هاڻ حيدرآباد، شڪارپور ۽ ٻين هنڌن جا سيٺيون گئوشالا، ناري شالا، ڪنيا پاٺشالا، خيراتي اسپتالن، ويم گهرن ۽ بين اهڙن ڌرم جي ڪمن بلي ججهو ڌن خرچين ٿا. عاملن جون جاري ڪيل ناري شالائون، ڪنيا پاٺشالائون، ڌرمائو اسپتالون وغيره به آهن، پر جيترو پئسو سنڌ جي ڀائيبندن اهڙنڪمن بلي خرچ ڪيو آهي. اوترو عاملن ڪونه خرچيو آهي.
    مهمان نوازي: رگ ويد واري زماني ۾ ئي مهمان نوازيءَ جو انگ اسان جن ماڻهن ۾ هو، ۽ اهو هڪ فرض ڪري ليکبو هو. ماڻهن جي گهرن جا دروازا مهمانن لاءِ سدائين کليل هوندا هئا (رگ ويد، منڊل پهريون، 128، 6). مهمان گهر ۾ گهڙندو هو ته ان جو آدرستڪار ڪندا هئا، هٿ ڏيندا هئس، ۽ تڏي تي وهاريندا هئس. هو پوءِ سنان پاڻي ڪري رسوئي کائيندو هو، تنهن کانپوءِ پاڻ کائيندا هئا. رهڻ لاءِ خلاصي ڪوٺي ڏيندا هئس. (رگ ويد، منڊل پهريون، 72، 1)، جنهن ۾ وهاڻا، گديون وغيره هوندا هئا. صبح سانجهيءَ مهمان کي سکي رکڻ جو اونو ڪندا هئا. مهمان کي ائين پوڄيندا هئا، جيئن ماڻهو اگن ديوتا کي پوڄي ٿو (منڊل ستون، 3، 5). جن وٽ آءٌ آدر نه هوندو هو، تن بابت رشين چيو آهي ته اهڙا ماڻهو ته شل هجن ئي نه! (منڊل نائون، 63، 5). اڄ تائين چوڻي آهي ته ”مهمان اچن وڏ ڀاڳين جي گهر“. هندن جي شاسترن ۾ مهمان نوازيءَ کي هڪ وڏو يگيه ڪري ليکيو اٿن.
    اخلاق جو انگ: آڳاٽن ماڻهن ۾ اخلاق جي انگ کي زور وٺائڻ لاءِ، ۽ کين ڌرم جي راهه تي هلائڻ لاءِ رشين کين هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرئاي، ته دنيا ۾ جيڪي چڱا توڙي بڇڙا ڪم، لڪائي توڙي پڌري پٽ ڪجن ٿا، سي ڌڻي سڀ ڄاڻي ٿو. سڀني ڳالهين جو ساکي سورج ديوتا آهي. اهو شاهد مٿان بيٺو آهي، تنهنڪري سوچي ويچاري هلت ڪجي. سوچي ويچاري هلت ڪرڻ لاءِ هڪڙو ئي ”اهنسا“” جو منتر سيکاريائون. ”اهنسا پرمو ڌرم“ چيو اٿن يعني اهنسا وڏو ڌرم آهي. اهنسا جو پرچار پو3 گوتم ٻڌ ۽ مهابير سواميءَ ڪيو، هن وقت مهاتما گانڌي انهيءَ جو ڀليءَ ڀت پرچر ڪري رهيو آهي.
    ”هنسا، لفظ جي اکري معنيٰ آهي ”هڻڻ يا ايذاءُ رسائڻ،“ پر رڳو ڪنهن کي ڌڪ هڻڻ هنسا نه آهي. ڪنهن سان ڪو ڊوهه ڪرڻ به هنسا آهي. مطلب ته منين، وچنين ۽ ڪرمين يعني من يا دل سان، وائيءَ يا زبان سان ۽ ڪنهن ڪرم (فعل يا هلت) ڪري، ڪنهن کي ڪو ايذاءُ يا نقصان رسائڻ – تنهن کي ”نسا، چئبو آهي. مهاڀارت جي انوشاسن پرو جي اڌياءَ تيرهين ۾ ڏهن قسمن جا دوش يا پاپ ڄاڻايل آهن، جن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. *

    انسان خطا جو گهر چيو اٿن. بندو سدائين ڀُلو بيٺو آهي، پوءِ انهن ڏهن قسمن جي پاپن کان کيس بچائي ڪير؟
    ”قادر پنهنجي قدرت سين قائم آهه قديم“.
    شاهه
    قادر جي قدرت يعني شڪتي يا طاقت آپار آهي، ۽ اها ئي هر ويلي همراهه ٿئي ٿي. انهيءَ شڪتيءَ يا طاقت کي مجسم (Personify) ڪري، ان کي نالو ڏنائون ”درگا“. ”درگا“ لفظ ۾ ”دُر“ معنيٰ مشڪل ۽ ”گ – گم“ معنيٰ وڃن. ”درگا“ جي اکري معنيٰ آهي ”جنهن مشڪل ۾ وڃي سگهجي“ انهيءَ سبب سنسڪرت ۾ ”درگاهه“ معنيٰ قلعو يا ڪوٽ، ٻي معنيٰ ديوي (شڪتي). ديوي پنهنجن پوڄارين لاءِ هڪ قلعو يا بچاءُ آهي. ۽ سندس ٻاجهه سان ڪوبه ڏک يا پاپ پُڙي نٿو سگهي. قادر يا سرب شڪتيوان (ايشور پتا آهي، سنديس قدرت يا شڪتي ماتا آهي، ۽ انهن هي سارو جهان پيدا ڪيو آهي، ۽ ساري جهان کي قدرت ائين سنڀالي ٿي، جيئن ماءُ پنهنجن ٻچن کي سنڀالي. ديويءَ جي پوڄا جو رواج اهڙن خيالن سبب وڌائون. پوءِ گنگا نديءَ کي ديوي جو روپ ڄاڻائي انهيءَ تي نالو رکيائون ”دهشهرا“ يعني دش (ڏهن) پاپن کي هرڻ ڪرڻ (کڻي وڃڻ يا لا