ڪتاب جو نالو: منھنجو صوڀوديرو
مصنف: ھولارام تيجورام شرما
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: مختلف موضوع
شايع ٿيڻ جو سال: 2004
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 25 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1118 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 261 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • منھنجو صوڀوديرو پھتل آھي سنڌي ٻوليءَ اخبار وٽ
  • ھڪ شخصيت جي ياد
  • آتمارام ساجنداس گوپلاڻيءَ جو ھڪ خط
  • مُنھنجو صوڀوديرو
  • صوڀوديرو
  • پنهنجي ڳوٺ بابت
  • پنهنجي ڪٽنب بابت
  • راڻيپور
  • دونهون
  • ڪجهه قصا
  • ھندو مسلمان گڏ گذاريندا رھياسين
  • چوري يا ڏوهه
  • ڪراچي وڃڻ
  • ورهاڱي جون ڳالهيون
  • صوڀيدري کي ڇڏڻ
  • خط دوست جو (پاڪستان)
  •   خط ھڪ دوست جو
  • شڪر گذاري

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (257) اوهان اڳيان حاضر آهي. ڪتاب ”منهنجو صوڀوديرو“ جو پهريون حصو آهي جيڪو صوڀيدري شهر بابت آهي. ڪتاب جو ليکڪ شري ھولارام تيجورام شرما آهي. هي ڪتاب هند ۾ ئي ڇپيو. شري هولارام ڪتاب بابت لکي ٿو ته ”منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.“

    هي ڪتاب 2004ع ۾ هند ۾ ڇپيو. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ صوڀيدري سان تعلق رکندڙ سائين شاهنواز سومري ڪئي آهي.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه اکر

    ھي ڪتاب مان پنھنجي پتا شري مھاراج تيجورام سکورام شرما ۽ ماتا پارپتي ديوي کي اَرپڻ ڪريان ٿو.
    بابا شري سنسڪرت ۽ پارسي ٻوليءَ جا مھا ودوان ھئا. اُن زماني ۾ سنڌ ۾ پرشن ڀاشا گھڻي ھلندي ھئي. بابا جن کي ھندو- مسلمان گھڻي عزت ڏيندا ھئا.
    منھنجي پوٽن جي پڇ پڇان جي ڪري ھي ڪتاب لکيو آھي. سنڌ جي ڳوٺ ۽ ڪٽنب جو بيان ڪيو آھي. اسانجي مسلمانن سان رھڻي ڪھڻي ڪھڙي قسم جي ھئي اُھا ھن ڪتاب مان معلوم ڪري سگھجي ٿي. مسلمان ۽ ھندو ميل ميلاپ سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو پاڻ ۾ نه ھوندو ھو. سڀ سِڪ ۽ محبت ۾ رھندا ھئا.
    ھولارام تيجورام شرما (B. A)


    منھنجو صوڀوديرو پھتل آھي سنڌي ٻوليءَ اخبار وٽ

    احمدآباد جي سردار نگر مان شري ھولارام تيجورام شرما، پھريون ڀيرو ٻارن جي پُڇ پُڇ ڪرڻ تي نيٺ پنھنجو قلم ھٿ ۾ کڻي ”منھنجو صوڀوديرو“ کي ڏينھن جي روشنيءَ ۾ آندو. سندس چوڻ مطابق سندس ٻار ھر وقت کانئس پنھنجو بنياد پڇي رھيا ھئا. مطلب ته سندس پوٽا جيسين ننڍا ھئا تيستائين ته پڇ پڇ ٿڌي ھئي. پر اُنھن جي جواني اچڻ تي اِھو ڄاڻڻ جي اڇا وڌيڪ مضبوط بڻي ته آخر اسان جو ڏاڏو ڪھڙي ڪُنڊ کان آيل آھي. ٻارن جي گھڙي گھڙي پڇڻ تي ھن پنھنجو جنم جو بنياد ۽ حياتيءَ جا پوپٽي ھيراننداڻيءَ جي سونا روپا ورق ڪتاب وانگر منھنجو صوڀوديرو لکي ڇپائي نه صرف پنھنجي خاندان جي ياد قائم ڪئي، پر سماج جي ٻين سنڌين لاءِ به ھڪ رستو کوليو ته ھو به پنھنجي سنتان کي پنھنجي اصليت کان واقف ڪن جئن اُھي سماج ۾ فخر سان منھن مٿي ڪري ھلي سگھن ۽ چون ته اسان به سنڌ جي اصلي سنسڪرتيءَ جا وارث آھيون. اُنڪري اسان کي ڪير به لٻاڻو نه چئي سگھندو. سچ پچ ته شرما صاحب کي واڌايون ھجن جو ھن گُم ٿيندڙ سنڌي وارثي کان پنھنجي سنتان کي قائم ڪرڻ لاءِيادگيريءَ جي روپ ۾ ھڪ تحفو ڏنو آھي، جنھنجو نالو ”منھنجو صوڀوديرو“ آھي. وڌيڪ لاءِ پاٺڪ پاڻ پڙھي. پَڪ آھي ته شري شرما کي ضرور سنڌي ٻوليءَ ۾ ائڊريس وجھي واڌاين جا خط لکندا. ڪتاب جي ڪابه قيمت نه رکي ھن وڌيڪ درياه دلي ڏيکاري آھي. جئن گھڻا سنڌي ڀائر ۽ ڀينرون کانئس ڪتاب گھرائي پريرڻا پائين.
    (پريم لکياڻي)


    ھڪ شخصيت جي ياد

    صوڀيديري ڳوٺ جي ھڪ برک ماڻھن مان سرڳواسي مربي سيٺ ساجنداس گوپلاڻي ھئا. صورت جا ٺاھوڪا ۽ اعليٰ شخصيت ۽ ودوان ھئا. اُتي گوپلاڻي آڪھ گھڻي ۾ گھڻي ھئي، انھن جا سرڪردا ھئا. سفيد ڪپڙن، سفيد شيرواني ڪوٽ سان اعليٰ، بردبار ۽ رعبدار لڳندا ھئا. ڪراچيءَ ۾ سندن ڪوٺي ۽ ڪاروبار ھوندو ھو. جڏھن ڳوٺ ايندا ھئا ۽ اوطاق ۾ ويھندا ھئا ته اُتي گھڻا غريب ھندو- مسلمان دان وٺڻ لاءِ اچي گڏ ٿيندا ھئا. مربي سيٺ ساجنداس گھرج آھر کين دان ڏيندا ھئا. ڪراچيءَ ۾ ھڪ ڪوٺيءَ جي ڀرسان ھال رکيل ھوندو ھون جو صوڀيديري يا پاسي جي ڳوٺ جو ماڻھو ڪراچيءَ ۾ ويندو ھو ته بنا ڪنھن شڪ جي اُن ھال ۾ مفت رھندو ھو. منھنجي ايشور در اِھا پرارٿنا آھي جو اھڙن داني پرشن کي پرڀوءَ جي چرنن ۾ شانتي ملي ۽ سندن ڪٽنب جو واڌارو ٿئي.

    ھولارام تيجورام شرما


    آتمارام ساجنداس گوپلاڻيءَ جو ھڪ خط

    آتمارام ساجنداس گوپلاڻيءَ جو ھڪ خط
    (چيئرمئن گوپلاڻي چيئريٽي ٽرسٽ، احمد آباد)
    مربي شري ھولارام ونيه،
    نويدن ته ”منھنجو صوڀوديرو“ پڙھيم رايو لکڻ فرض سمجھي لکان ٿو قبول فرمائيندا.
    ”منھنجو صوڀوديرو“ ڪتاب اصليت بي باقبي ۽ پنھنجن (ليکڪ جي) ويچارن جو سھڻو جھڳٽو آھي. مان جيتوڻيڪ صوڀوديرو ڇڏڻ وقت فقط ڏھن يارھن سالن جو ھوس پر ”منھنجو صوڀوديرو“ جي ڳپل قصن ۽ حقيقتن جو شاھد آھيان ۽ شخصي جوابداريءَ جي احساس سان حقيقتن جي تصديق ڪيان ٿو.
    مربي ھولارام جي جذبن، اُتساھ ۽ حقيقت شناسيءَ لاءِ مبارڪبادي. ايشور در سندس وڏي ۽ سگھاري زندگيءَ لاءِ بندگي ڪيان ٿو.

    بندھ، آتمارام ساجنداس گوپلاڻي، احمدآباد.


    مُنھنجو صوڀوديرو

    شري گڻيشياه سرسوتي ديوي نمہ
    ” مُنھنجو صوڀوديرو “
    ڪٿان شروع ڪريان، دل ۾ گھڻا اٺسٺا اُٿن پيا. منھنجا پوٽا ڪافي وڏا ٿيا آھن. ڪيترا سوال پڇندا آھن جنھنجا جواب ڏيندو آھيان. يا ته انھن کي سمجھ ۾ نه ايندا آھن يا ته مونکي لڳندو آھي ته مان اُنھن کي پورو جواب نه ڏنو آھي. دادو: ھڪ پوٽي چيو ته اسان کي اسڪول ۾ سنڌي ڇو چوندا آھن ۽ اسانجي ٻولي ھو نه سمجھندا آھن. اسان کي چوندا آھن ته اوھان سنڌ جا آھيو ۽ اوھان اُتان ڀڄي نڪتا آھيو يا اوھان کي ماري ڪڍيو اٿن. ٻئي مذھب جا ماڻھو اُھي اسان جھڙا ھوندا ھئا. اسان جھڙي ٻولي ڳالھائيندا ھئا ۽ اسڪول ۾ گڏ پڙھندا ھئا وغيره وغيره پوءِ ڇو اسان کي اُتان ھڪلائي ڪڍي ڇڏيائون وغيره. مونکي ھڪ خيال آيو ته مان ھڪڙو ننڍڙو ڪتاب لکان جنھن مان منھنجي پيڙھي ۽ ايندڙ پيڙھيءَ کي ٿورو سنڌ جي خبر پوڻ کپي.
    مونکي ھڪ ماڻھو جو سنڌ ۾ غريب ھو ۽ 1980ع ۾ ھِت احمدآباد ۾ گڏيو جنھن مان خبر پئي ته اسانجي ڳوٺ ۾ ھڪ ڊاڪٽر عبدل رحمان عباسي آھي ۽ سٺو ڊاڪٽر آھي. مونکي ھڪدم ياد آيو ته اُھو ته مون سان گڏ پڙھيو ھو ۽ مئٽرڪ گڏ 1946ع ۾ پاس ڪئي ھئي. مون ھڪ خط کيس لکيو ۽ ننڍپڻ جون ڳالھيون ياد ڏياريون. پوءِ ته لِکڻ جو سلسلو چالو ٿيو. ھن جو خط مون وٽ ۽ منھنجو خط ھن وٽ. اُنھيءَ وچ ۾ ھڪ خط ماسٽر لعل بخش جو به مون سان پڙھندو ھو اُنجو مليو ۽ مون کي اچڻ لاءِ لکيو. منھنجي من ۾ چاھنا ٿي ته پاڪستان وڃان. خط پٺيان خط آيا جنھن ۾ مونکي گھڻو ڪجھ پنھنجي ڳوٺ صوڀيديري جو احوال مليو. پنھنجي صوڀيديري ۾ جن ماڻھن کي سڃاڻندو ھوس اُن ڳوٺ ۾ چڱا سال پڙھڻ ۽ راندين ۾ گڏ اُنھن سان گذاريا ھئا. اُنھن جو احوال مليو.
    مان وِيچارن ۾ اھڙو محو ٿي ويندو ھوس جو رات ۾ به پنھنجي سنڌ جي ڳوٺ صوڀيديري ۾ گھمندو ڦرندو ھوس پر سڀ سپنو. اسانجو ڳوٺ صوڀوديرو، خيرپور، رياست ۾ ھوندو ھو. انگريز جڏھن 1843ع ۾ سنڌ ۾ آيا ھئا ته سنڌ ۾ ميرن جو راڄ ھو ۽ حيدرآباد سنڌ جو گاديءَ جو ھنڌ ھو. انگريز 1857ع جي بلوي کانپوءِ ھندوستان ۾ راڄ ھٿ ڪندا ويا ۽ سنڌ ۾ به ڪاھي آيا ۽ حيدرآباد ۾ ميرن کي ڀڄائي پاڻ راڄ ڪرڻ لڳا ۽ خيرپور، سنڌ ۾ ھڪڙي ننڍي رياست ھئي، جنھن انگريزن سان وفاداري ڪئي ۽ اُنھن ميرن کي انگريزن ھٿ ڪونه لاٿو ۽ رياست کين سونپي پر پنھنجو ھڪ ايجنٽ رکيائون جو انگريزن جي پاران رياست ۾ رھندو ھو ۽ ڏسندو ھو ته مير انگريزن جي برخلاف ڪابه سازش نه ڪن.اسانجو ننڍڙو ڳوٺ صوڀوديرو اٽڪل ويھ- پنجويھ ڪوھن جي مفاصلي تي خيرپور کان پري ھوندو ھو. ڪراچيءَ کان لاھور گاڏيءَ جي لائين لنبي ھئي. ڪراچيءَ جي گاڏي راڻيپور کان لنگھي خيرپور ويندي ھئي لاھور تائين. اسانجي ويجھي اسٽيشن راڻيپور ھئي جا اسان جي ڳوٺ کان پنج ڪوھ پري ھوندي ھئي. اسان کي ڪيڏانھن وڃڻو پوي ته راڻيپور کان ريل پڪڙڻي پوي.


    صوڀوديرو

    ھڪ ننڍو سھڻو ڳوٺ آھي. اُن ۾ اسانجو ڪٽنب رھندو ھو. صوڀوديرو ٻن ڀاڱن ۾ وراھيل ھو. جنھن کي ھڪ وڏو صوڀوديرو ۽ ٻيو ننڍو صوڀوديرو چوندا ھئا. ٻنھي جي وچ ۾ مسلمانن جو قبرستان ھوندو ھو جنھن ٻنھي صوڀيديرن کي جدا ڪري ڇڏيو ھو. پر ھو ھڪ ئي. صوڀوديرو ھڪ، اسڪول ھڪ، پوليس اسٽيشن ھڪ، ھڪ ئي ديرو ۽ ھڪئي پئنچايت. ڳوٺ جي ٻنھي پاسن کان واھ ھوندا ھئا. واھن کي ھتي ڪئنال چون ٿا. ھڪ واھ جنھن کي علي بحر واھ چوندا ھئا. اوڀر کان اولھ طرف وھندو ھو ۽ شھر جي ڏکڻ پاسي ھوندو ھو جنھن کي ننڍو واھ به چوندا ھئا ڇو جو ٻِئي واھ کان ويڪر ۽ پاڻيءَ ۾ گھٽ ھوندو ھو. ھيءُ واھ اٽڪل ڏھ ٻارنھن فوٽ ويڪرو ھوندو ھو ۽ پاڻي ست اٺ فوٽ اونھو ۽ ڪٿي ڪٿي پنج فوٽ ھوندو ھو ۽ پاسن ۾ گھٽ ھوندو ھو.
    ٻيو واھ شھر جي اُتر پاسي کان اوڀر اولھ وھندو ھو. اُنجي ويڪر پنجويھ ٽيھ فوٽ ھوندي ھئي ۽ پاڻي ڏھن فوٽن کان اونھو ھوندو ھو پر پاسن کان گھٽ ھوندو ھو. اُن واھ کي محراب واھ چوندا ھئا. اونھاري ۾ شھر جا ڇوڪرا ٻنھي واھن تي تَرڻ ويندا ھئا. گھڻو ڪري سڀ ڇوڪرا ننڍي کان وٺي وڃڻ ڪري تَرڻ جلد سِکي ويندا ھئا. واھن ۾ ڇوڪرن ۽ وڏن مَردن جي چھل پھل لڳندي ھئي ۽ پاڻيءَ جون رانديون ۽ ٽپا وغيره ڏيندا ھئا. ٻاھريان ماڻھو ڳوٺ ۾ ايندا ھئا ته پل تان واھ لنگھي ڳوٺ ۾ ايندا ھئا. راڻيپور جي پاسي کان ايندڙ پھريائين علي بحر واھ جي پل لنگھي ايندا ھئا. ٿورو پنڌ ڪندا ته پھريائين ميرن جا ڪوٽ ايندا. ڪوٽ ڪچين سِرن جون وڏيون ڀتيون ھونديون ھيون ۽ وچ ۾ وڏا دروازا پيل ھوندا ھئا ۽ ڪوٽ جي اندر ميرن جا گھر يا ڏيلا ھوندا ھئا.
    اھڙيءَ طرح چار ميرن جون وڏيون حويليون ھيون جن جا دروازا جدا جدا ھئا ۽ الڳ الڳ رھندا ھئا پر اندر ھڪ ھڪ کي ڪافي ڪوٺيون ۽ ڪمرا ھئا. ڪوئي به موڪل کانسواءِ دروازي اندر وڃڻ جي ھمٿ نه ڪندو ھو. ميرن جا ڪوٽ پار ڪري ٻاھران رستو ھو. شھر ۾ گھڙندو ھو ته پھريون مڪان اسان جو ساڄي ھٿ پاسي ھوندو ھو.
    مڪان جو منھن بازار پاسي ۽ اسانجي پُٺ واري ڀت ميرن جي زمين سان لڳندي ھئي يعني پٺيان ميرن جا مڪان.
    اسانجي گھر کان صوڀوديرو ڳوٺ شروع ٿيندو ھو. لڳ ڀڳ ڏيڍ سؤ کن ھندن جا گھر ۽ دڪان پنھنجي پاسي آمھون سامھون شروع ٿيندا ھئا.. دڪان به گھرن جي اڳيان ھوندا ھئا. ھندن جي گھرن پٺيان ميرن، عباسي، سومرا، مڱڻھارن جا گھر لڳو لڳ ھوندا ھئا. ھِن کي وڏو صوڀوديرو چوندا ھئا.
    ٻئي پاسي وڏو واھ محراب واھ جي پُل لتاڙي اچبو ته ننڍو صوڀوديرو ايندو ھو. پھريائين مھاڻن، شيخ ۽ ڪپڙي اُڻڻ وارن جا گھر ايندا ھئا. اُنھن کانپوءِ ھندن جا گھر ۽ بازار ايندي ھئي. ھن صوڀيديري کي ننڍو صوڀوديرو چوندا ھئا. ھن ڳوٺ پٺيان شيخ، دايا وغيره به رھيل ھوندا ھئا. اسڪول، ھن صوڀيديري ۾ ھوندو ھو ۽ پنھنجي ڳوٺن ۽ پاسي وارا ھن اسڪول ۾ پڙھندا ھئا. ڳوٺن جي اِرد گرد کوکر، لوھار ۽ سامٽين جو ننڍو ڳوٺ ھوندو ھو. ڄڻ ائين لڳندو ھو ته شھر کي پھرو ڏيئي ويٺا آھن ۽ ڏينھن جو خريداري ۽ ننڍن وڏن ڪمن سان سوڀيديري ايندا ھئا. قبرستان کان پوءِ وڏي صوڀيديري کان ننڍي صوڀيديري وڃڻ وقت سؤ کن گھر موچين جا ھوندا ھئا. موچين کانپوءِ ميراسي ۽ حجامن جا گھر ھوندا ھئا پوءِ ھندن جي بازار ۽ گھر شروع ٿيندا ھئا.
    ماڻھن جي سھوليت لاءِ ٻه کوھ ھوندا ھئا. ھڪ ڀائي سرڻداس جو ٽڪاڻو ھوندو ھو. اُنجي سامھون کوھ ھوندو ھو، جنھنکي ڍينگو ٻڌل ھوندو ھو ۽ چوڌاري پڪيون ڪنگريون ٻڌل ھونديون ھيون. ڍينگي کي ڦيرڻ لاءِ ۽ کوھ مان پاڻي ڪنگرين ۾ ڀرڻ لاءِ ھڪ ڏاند جون اکيون ٻڌل ھونديون ھيون ۽ لڪڙي جو چيڪلو ھوندو ھو. ڏاند گول ڦرندو ھو ۽ ڪنگريون ٿوري وڇوٽيءَ تي مالھ ۾ ٻڌل ھونديون ھيون ۽ ڪنگريون پاڻيءَ سان ڀرجي مٿي اينديون ھيون ۽ جنھن وقت مٿي پھچنديون ھيون ته اتي نيسر رکيل ھئي ۽ پاڻي سڄو اُن نيسر ۾ پوندو ھو ۽ ٻي وڏي نيسر ۾ وھي اچي حودي ۾ پوندو ھو. ماڻھو اُتان پاڻي ڀريندا ھئا يا سنان وغيره ڪندا ھئا.
    ٻئي کوھ صبح کان وٺي منجھند جو 2 وڳي تائين چالو ڪندا ھئا. ڏاند ويچارو سڄو وقت پيو گول گول ڦرندو ھو. ڪنھن وقت 2 وڳي کانپوءِ پاڻيءَ جي ضرورت پوي ته ماڻھوءَ کي چڪر گول گول ڏاندجي وانگر ڦيرڻو پوندو ھو.
    ٻنھي ڳوٺن جي پٺيان وڏا وڏا کليل ميدان ھوندا ھئا، جتي صبح ۽ شام جو رانديون ڪرڻ ۾ اينديون ھيون. اُتي ھندو مسلمان جو ڪوبه فرق ڪونه ھوندو ھو. ھڪ ٻئي سان گڏ پڙھندا ھئا. رانديون ڪندا ھئا. ڪنھن به قسم جو جاتي جھڳڙو نه ھوندو ھو. سڀ ھڪ ٻئي سان رلي ملي ھلندا ھئا.
    منھنجي پوٽي مون کان ھڪ سوال پڇيو: دادو اُتي زالن جو ڪھڙو درجو ھوندو ھو؟ سوال ذرا سٺو ۽ ٺيڪ لڳو ته ڇوڪرن کي ھتان جو ماحول ۽ اُتان جي ماحول جي خبر ھئڻ گھرجي ته بھتر آھي. سنڌ ۾ اسانجي وقت يعني 1940ع کان اڳ جيتري مونکي خبر آھي ته عورتن کي گھڻي عزت ڏني ويندي ھئي. جيئن ھت اخبارن ۾ پڙھون ٿا ائين ڪونه ھو. ھڪ ته جڏھن به ڇوڪري اَٺن ورھين جي ٿيندي ھئي ته گھر کان ٻاھر نه نڪرندي ھئي. اسڪول ڪونه پڙھنديون ھيون. ڪنھن به عورت کي اڪيلو ٻاھر نه نڪرڻو پوندو ھو. ھر ھڪ ماڻھو عورت کي عزت سان ڏسندو ھو ۽ عزت ڏيندو ھو. ڇيڙ ڇاڙ جو ڪوبه اھڙو واقعو ڪونه بڻجندو ھو. عورتون ٻاھر نڪرنديون ھيون ته مُنھن وغيره چادر سان ڍڪي نڪرنديون ھيون. اِئين نه سمجو ته زالن ۾ عقل ڪونه ھوندو ھو. گھڻيون گھر ۾ رھندي به مَردن کان ھوشيار ھونديون ھيون. مونکي ياد آھي ته اسانجي ڏاڏِي جنھن کي اسان جيجي چوندا ھئاسين. اسان چڱي ٻڍاپڻ ۾ کيس ڏٺوسين. سھڻي ۽ ويڪرو منھن ۽ بدن ڀريل، ننڍي کٽولي واڻ سان واڻيل، چار فوٽ ويڪري ۽ چار فوٽ لمبي، گھر جي دروازي تي ڪڍي ويھندي ھئي ۽ حقو اڳيان رکيل ھوندو ھوس. اُن کٽولي تي شام ۽ صبح جو وھندي ھئي. جيئن ته اسان ذات جا ھندن جا برھمڻ آھيون. اسان کي ھندو سڀ گرو ڪري مڃيندا ھئا پر مسلمان به چوندا ھئا ته جيئن مسلمانن جا سعيد (سيد) آھن تيئن اھي به ھندن جا سعيدن (سيدن) وانگر آھن ۽ عزت ڏيندا ھئا ۽ گھٽيءَ مان لنگھندا ھئا ته اسانجي جيجي کي سلام ڪندا ھئا ۽ ڪنھن ھندو يا مسلمان جيجي کي نه کيڪاريو ته اُن کي سڏ ڪري پڇندي ھئس ته ڪنھن جو ڇوڪرو آھين يا ڪير تنھنجو وڏو آھي ۽ چوندي ھئس ته اِھو مونکي پيرين پوندو آھي، پر تون ڇو نڪامو ٿيو آھين. اِھو ويچارو معافي وٺي ويندو ھو ۽ وري اھڙي ڀُل نه ڪندو ھو. جيجي پيار مان اسان جي پيءُ کي به مسلمان جو نالو ڏتو ڪوٺيندي ھئي ۽ مھراج تيجورام ڪھڙو جيڪو ڏتل آھي ۽ ڏتل جي نالي سان سڃاڻندا ھئا. بابا اسانجا سنڌي پنج درجا پڙھيا ھئا جو ننڍي ئي اسانجو ڏاڏو سُکرام گذاري ويا ھئا. سڄي گھر جو بار منھنجي پيءُ تي ھو. اُنھن کي اسڪول مان ڪڍي سندن مامي وٽ موڪليو ويو. اُتي اسانجو وڏو مامو منھنجي پيءُ کي ھندي ۽ برھمڻ جو ڪم سيکاريندو ھو. برھمڻ جو ڪم ھوندو ھو ھندو واڻين جو ڪريا ڪرم ڪرائڻ، شاديءَ جو رسمون رواج منترن ۾ پڙھي ڪرائڻ، مرڻ کان پوءِ اُنجي وِڌي وغيره ڪرائڻ ۽ سڀ ڌرمي ڳالھين جي پوءِ واري ڪرڻ. ھندو واڻيا واپار کيتي وغيره ڪن ۽ برھمڻ ڌرم جي ڪمي پوري ڪن. ڪٿا ڪيرتن ۽ انسانيت جو صحيح رستو ڏيکارين. بابا جن اُتي ھڪ سال رھيا ۽ گھڻو ڪجھ سِکي آيا ۽ شادي ڪري ۽ ڪمائڻ کي لڳي ويا. اُن کان پوءِ به پڙھڻ ڪونه ڇڏيائون. پارسي سکيا ۽ جوتش جي گيان جو اُڀياس ڪيائون. ڪافي ھوشيار ھئا. اسانکي خبر آھي ته جڏھن به ميرن ۾ وڏا وڏا پارسي پڙھيل ۽ مذھب جا ڄاڻو ميرن وٽ ايندا ھئا ته مير اسان جي پيءُ کي گھرائي اُنھن جو بحث ٻڌندا ھئا. اُھي مولوي ٻاھر جا به اسان جي بابا کي گياني ۽ ودوان جي نظر سان ڏسندا ھئا. مير به گھڻي عزت ڏيندا ھئا. صوڀوديرو جيئن ته رياست خيرپور ۾ ھوندو ھو. انگريزن خيرپور ميرن کي رياست طور ڏنو ھو اُنجي ديک ڀال يا راڄ مير ھلائيندا ھئا. اُن وقت مير علي نواز خان رياست جا مالڪ ھئا ۽ خيرپور ۾ رھندا ھئا ۽ ٻيا مِٽ مائٽ ڪجھ ڪوٽ ڏيجي، صوڀوديرو، راھوجا ۾ رھندا ھئا. خيرپور ۾ مير علي نواز خان ھڪ بنگلو ٺھرايو ھو. اُن وقت اُن تي خرچ ھڪ لک روپيا آيو ھو. جنھنڪري اُن بنگلي کي نالو ”لکي“ بنگلو ڪري چوندا ھئا. ٻين ڳوٺن مان خاص لکي محل ڏسڻ ايندا ھئا. اُنکي فيض محل به چوندا ھئا جو ميرن جي ڏاڏي جو نالو ھو. خيرپور وڏي رياست ڪونه ھئي. اُن ۾ پنج تعلقا ھوندا ھئا.
    خيرپور ۾ مير گاديءَ تي ويٺل ھو. ھڪ ڪورٽ وڏي ھوندي ھئي ۽ پوليس جو ناظم جنھنکي ڊي. ايس. پي چوندا ھئا. پنج تعلقن ۾ ھڪ جج جي ڪورٽ ۽ معاملتدار جي آفيس ھوندي ھئي. ھر ھڪ تعلقي ۾ ھڪ سب انسپيڪٽر پوليس جي آفيس ھوندي ھئي. ڳوٺن ۾ ٿاڻا ھوندا ھئا ۽ ھڪ پوليس وارو ٿاڻي ۾ رھندو ھو.
    ڳوٺن ۾ گھڻا ڏوھ ڪونه ٿيندا ھئا. جڳھڙا ڪونه ھوندا ھئا ۽ سڀ ھندو مسلمان پاڻ ۾ پريم سان رھندا ھئا. ڪوبه جاتي جھڳڙو ڪونه ڏٺوسين. ھڪ پوليس وارو آسي- پاسي جا گھڻا ڳوٺ سنڀاليندو ھو. ماڻھو تمام گھڻو ڊڄندا ھئا، جنھنڪري ڪوئي به اھڙي حرڪت نه ڪندو ھو جو پوليس اُنکي سڏ ڪري ڌمال ڪڍي. انگريزن جو ھڪ ايلچي خيرپور ۾ رھندو ھو. اُھو صرف صلاح ڏيندو ھو. خيرپور رياست ۾ ھڪ ھاءِ اسڪول ھو جنھنجو نالو ناز ھاءِ اسڪول ھو. اُن سان گڏ بورڊنگ ھوندو ھو جو ٻاھر جي ڇوڪرن کي اُن ۾ رھڻ ڏيندا ھئا ۽ کاڌو به مفت ملندو ھو. باقي ھندن لاءِ اھڙي سھوليت ڪونه ھوندي ھئي. اُنھن کي پنھنجو خرچ ڪري پڙھڻو پوندو ھو جنھنڪري گھڻا ھندو ڪونه پڙھي سگھندا ھئا. مونکي ياد آھي ته ھندن ۾ مان ئي پھريون ڇوڪرو صوڀيديري ڳوٺ مان آھيان جنھن مئٽرڪ ناز ھاءِ اسڪول ۾ پاس ڪئي. نت صوڀيديري مان پھريائين ڪنھن به ھندو مئٽرڪ پاس ڪونه ڪئي ھئي. خيرپور شھر جي ڀرسان ميرواھ وھندو ھو. ھڪ عجيب پُل مير صاحب ٺھرائي ھئي. اُن جھڙي اڄ به ڪٿي نه آھي. پاڻيءَ جي مٿان پُل ٺھرائي اُن تي ٽي ڪاٺ جا ڪمرا ٺھرايا ھئا ۽ اُن جي مٿان پڪي سيمينٽ جي پُل ٺھرائي ھئي جنھن تان گاڏيون، گھوڙا موٽر، سٺي ٽرئفڪ ويندي ھئي. يعني ھيٺان پاڻي اُنجي مٿان ڪمرا ۽ اُنجي مٿان پُل. اونھاري ۾ مير درين دروازن کي کس ٽٽي ھڻائي ڪمري ۾ آرام ڪندا ھئا ۽ چوندا آھن ته ھڪ ڳائڻ واري جنھنجو آواز ڪوئل جھڙو ھو اُن جو اُتي پل ھيٺان ڳائڻ جو پروگرام پنھنجي دوستن سان ٻڌندا ھئا. گائڪا جو نالو بالي ٻائي ھوندو ھو ۽ لتا منگيشڪر جھڙو آواز ۽ سنڌ ۾ مشھور ھوندي ھئي. پر رنگ جي ڪاري ۽ ٿُلھي ھوندي ھئي. سونھن جو نالو بلڪل ڪونه ھئس. مير پاڻ به بدن جو گھڻو ٿلھو ھوندو ھو. چوندا ھئا ته پيٽ گھڻو وڏو ھوندو ھوس جو پاڻ روٽي جو گره وات ۾ وجھندو ھو ته گھڻي تڪليف سان وجھي سگھندو ھو. سندس پھراڻ، پيٽ وٽ ڀاڄي جي رس سان ڀرجي ويندو ھوس. تنھنڪري کائڻ وقت ٻيو ڪپڙو پيٽ سان ويڙھندا ھوس. اُن وقت موٽر يا ڪار مشڪل ھوندي ھئي ۽ ميرن کي به بگيون ھونديون ھيون. وڏن ماڻھن کي بگيون ۽ گھوڙا ھوندا ھئا ۽ ٻيا عام ماڻھو گڏھ ۽ بيل گاڏيون يا اُٺ ڪم آڻيندا ھئا. شادين ۾ جيڪڏھن ھڪ ڳوٺ مان ٻئي ڳوٺ ڄڃ کڻي ويندا ھئا ته بيل گاڏين يا اُٺن تي ويندا ھئا. زالن ۽ ٻارن جي لاءِ اُٺ تي ڪجائو رکندا ھئا، جنھن ۾ ٻار ۽ زالن کي وھاريندا ھئا.
    بئنڊ باجن جو نالو ڪونه ھوندو ھو صرف مڱڻھار دھل ۽ شرنائي (شھنائي) وڄائيندا ھئا. دھلن ۽ شھنائي تي ڊانس جي بدران ڇيڄ ھڻندا ھئا.
    خيرپور ۾ ھڪ سئنيما ھال ھوندو ھو جو وڏي لانڍي وانگر ٺھيل ھو ۽ اُنجي ڇت مٿان لوھ جا پترا ھوندا ھئا. پھرين درجي ۾ ھيٺ وھندا ھئا ۽ اَڍائي آنا ٽڪيٽ، ٻئي نمبر بينچن تي پنج آنا ٽڪيٽ ۽ ٽين ۾ ڪرسين تي ڏھ آنا ٽڪيٽ ھوندي ھئي. خيرپور ۾ ھڪ انگلش دارون جي بٺي ھوندي ھئي، جنھنجو مالڪ سيٺ جوتومل ھو ۽ جوتومل جي بٺي ڪوٺائبي ھئي. دارون تمام سٺو انگلش جي دارون سان نڪ ھڻندو ھو ۽ خيرپور کان ٻاھر موڪلڻ جي بندش ھوندي ھئي. خيرپور جي حد يعني سرحد کانپوءِ برٽش راڄ ۽ قاعدو ليکيو ويندو ھو. برٽش ۾ رھڻ وارا ماڻھو خيرپور جي حد ۾ اچي دارون پي ويندا ھئا يا لڪائي برٽش ۾ کڻي ويندا ھئا.


    پنهنجي ڳوٺ بابت

    ھاڻي
    مان اوھان کي پنھنجي ڳوٺ جي باري ۾ ٻڌائڻ چاھيان ٿو. اسان جي صوڀيديري ۾ چئن ڀائرن ميرن جا گھر ھوندا ھئا. شھر ۾ گھڙڻ سان ميرن جو وڏو ڪوٽ ٺھيل ھو، جنھن ۾ اندر جدا جدا ڀائرن جا گھر ھوندا ھئا. اُنھن ميرن جا ٻار شھر جي ماڻھن سان گھٽ ملندا ھئا ۽ پنھنجي اسٽيٽس رکڻ لاءِ پنھنجي ڪوٽ ۾ يا ٻاھر پنھنجي اوطاق ۾ ھوندا ھئا. جي نڪرندا ھئا ته سُٺا ڪپڙا پائي ۽ پٺيان ھڪ نوڪر کڻندا ھئا ۽ چڪر لڳائي ھليا ويندا ھئا. ڳوٺ جا ماڻھو يا دڪاندار اُنھن کي سلام ڪندا ھئا. ڪنھن ۾ به ڪو ڪم ھوندو ھون ته اُنکي نياپو موڪلي پنھنجي اوطاق ۾ گھرائيندا ھئا. ميرن جي ڇوڪرن کي شڪار جو شونق ھوندو ھو. تتر يا ڪڪڙ لڙائڻ جو شونق ھوندو ھو. تتر به رکندا ھئا ته ڪڪڙ به رکندا ھئا. اُنھن جي ديک ڀال نوڪر ڪندا ھئا. ھڪ واقعو مونکي ياد آھي جو اوھان کي بيان ٿو ڪريان. مير نورل صبح جي ٽائيم بندوق کڻي ۽ ٻه ٽي نوڪر وٺي ٻاھر نڪتو. اسان گھڻا ڇوڪرا جيئن ته جمع جو موڪل جو ڏينھن ھو ميدان ۾ راند ڪري رھيا ھئاسون ته اسان کي خبر پئي ته مير سوئر جي شڪار تي وڃي رھيو آھي. اسان به سڀني صلاح ڪئي ته مير کي عرض ڪريون ته اسانکي به موڪل ڏئي ته اسين به ساڻ ھلون ۽ سوئر جو شڪار ڏسون. مير کي عرض ڪيو ويو ۽ ھن ھڪدم مڃيو ۽ چيائين ته ڀلي ھلو. اسان ڪل ڏھ ٻارھان ڇوڪرا ھئاسون، سڀ ھلڻ لاءِ تيار ٿي مير جي پٺيان پٺيان ھلڻ شروع ڪيو. مير سڀني کي بيھاري چيو ته ڀلي ھلو پر ھڪ ڳالھ ياد رکجو، سوئر کي جھنگل مان ھڪلي ٻاھر ڪڍبو ۽ جڏھن ميدان ۾ ايندو تڏھن مان اُن کي گولي ھڻندس. سوئر گاھ ۾ لڪل آھي. پرئين پاسي نوڪر لٺيون ۽ دٻو کڻي ويندا ۽ سوئر کي دٻو وڄائي ھڪليندا. سوئر اسان جي پاسي نڪري ڊوڙندو. ھن پاسي نوڪر لٺيون کڻي بيٺا ھوندا. سوئر کي ٻه ڊگھا اڳيان تِکا چاڪون جھڙا ڏند ھوندا آھن. سوئر جي جيڪو سامھون آيو تنھن کي ٻئي ڏند پيٽ ۾ ھڻندو آھي ۽ پيٽ ڦاڙي ڇڏيندو آھي. پر سوئر جي ھڪ گھٽتائي آھي ته ھو سڌو ڊوڙندو آھي ۽ ڳچيءَ ۾ اھڙو ڳنڍ اٿس جو ڦيرائي نه سگھندو آھي. تنھنڪري جيئن اوھان جي سامھون اچي، اِئين ته مان گولي ھڻندومانس پر قدرتي گولي نه لڳي ته اوھان فقط سوئر جي سامھون بيھي نه رھجو ٿورو ھڪدم پاسيرو ٿي وڃجو ته سوئر ڦِرڻ بجاءِ سڌو ھليو ويندو. پر ھڪ ٻي ڳالھ به فائدي جي آھي ته سوئر جي مادي ھوندو ته اُنکي ڏند ڪونه ٿيندا آھن ۽ اِھا ٿوڻو ھڻندي آھي جي اوھان سامھون ھوندا توھان کي ڪجھ نه ٿيندو رڳو ڌِڪو ايندو ۽ ڪري پوندا. ٿورا ڌڪ لڳندا پر نَر سوئر جو خيال رکندا ۽ پاسيرا ٿي ويندا. مير جي ڳالھ ٻُڌي سڀ ھا ھا ڪرڻ لڳا ته اسان برابر سمجھي ويا آھيون.
    اُھو ھنڌ آيو جتي سوئر لڪل ھو. اسان سڀ مير سان گڏ بيٺاسين ۽ نوڪر ٻئي پاسي لٺيون ۽ دٻو کڻي ويا. اسانجي پاسي وڻ به ھئا. دٻي ۽ نوڪرن جو وڏي آواز ۾ گوڙ به ٻُڌڻ ۾ آيو ۽ آواز آيو ته سوئر اچي ٿو تيار ٿيو. مير پنھنجي بندوق تيار ڪئي. اسانجي دل ڌڪ ڌڪ ڪرڻ لڳي. ائين سوئر اڃا ڏسڻ ۾ ڪونه آيو ته اسان ۾ ھڪ وائڙو ڇوڪرو جنھن جو نالو ددن ھو، ٿلھو متارو ۽ ڌوتي ٻڌندو ھو. زور سان رڙيون ڪندو ڊوڙيو. رڙ ۾ چوڻ لڳو، ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ۽ وڻ تي ڊوڙي چڙھي ويو. ھيڏانھن سوئر وري ٽين پاسي کان ڀڄي ويو. ٻئي وڏي جھنگل ۾ ھليو ويو. نوڪر واپس آيا ۽ مير کي چيائون ته ھاڻي سوئر پٺيان وڃڻ سان به نه ملندو. موٽي ھلڻو پوندو. وري ٻئي ڀيري. تنھن تي ددن رڙ ڪري چيو ته مھرباني ڪري مونکي ته وڻ کان ھيٺ لاھيو. وڻ ٻٻر جو ھو ۽ ددن کي لھڻ ۾ تڪليف ٿيڻ لڳي جو ڪنڊا ٻٻر جا تمام تِکا ھوندا آھن. مير نوڪر کي چيو ته ڪنڊن واريون ٽاريون ڪٽيو ۽ ھنکي ھيٺ لاھيو. اُن ڏينھن کانپوءِ اُن ڇوڪري کي ڏسي ڇوڪرا چوندا ھئا ته ”ڀڳوان ڪري مادي ھجي“ ته ددن کي گھڻي چڙ لڳندي ھئي ۽ غصو ڪندو ھو. مير به ڳالھ ياد ڪري کِلي ڏيندا ھئا.
    اسانجي صوڀيديري ۾ جمع ڏينھن تي شام جو ملاکڙو لڳندو ھو. شام جو سڀ ماڻھو آسي پاسي ۽ شھر کان اچي مقرر ميدان تي ڪَٺا ٿيندا ھئا. پھريان سڀ ڇوڪرا اڳيان وڏو گول ٺاھي وھندا ھئا ۽ اُن جي پٺيان وڏا ماڻھو سڀ بيھي رھندا ھئا ۽ اُن جي پٺيان گھوڙن تي چڙھيل ماڻھو گھوڙا بيھاريندا ھئا. ملاکڙو شروع ٿئي اُن کان اڳ ۾ ميدان ۾ تتر ويڙھائيندا ھئا. ٻه جدا جدا مالڪ پنھنجو تتر ميدان ۾ ڇڏيندا ھئا ۽ تتر ھڪ ٻئي سان وڙھندا ھئا. چَڪ ۽ ھڪ ٻئي کي لتون ھڻندا ھئا. آخر ۾ ھاريل تتر ٻاھر نڪري ڀڄندو ھو. ٻيو تتر ھارائڻ لاءِ اُنجي پٺيان ڊوڙندو ھو. ماڻھو تاڙيون وڄائيندا ھئا ۽ ھو ھو ڪندا ھئا. اھڙي طرح ڪڪڙ ڇڏيندا ھئا. ڪڪڙن جي ويڙھ تمام سٺي ھوندي ھئي. پنجن پنجن منٽن ۾ مالڪ اُنھن کي جدا ڪري پاڻيءَ جون گرڙيون منھن ۾ ھڻندا ھئا. ٻن ٽن منٽن جي ساھي پَٽڻ کانپوءِ وري ميدان ۾ ڇڏيندا ھئا. آخر ڪوئي ڪڪڙ مار نه کائڻ کان ڀڄي نڪرندو ھو ۽ ھنکي ھار مڃي ويندي ھئي. کٽندڙ مالڪ ڏاڍا خوش ٿيندا ھئا ۽ تاڙيون وڄائي ٽپا ڏيندا ھئا. اُن کانپوءِ ملھ جو وارو ايندو ھو. ھڪ ملھ ٻاھر ميدان ۾ ايندو ھو. اُنجي سامھون ٻيو ملھ نڪرندو. ٻئي پنھنجي خميص لاھي ۽ چيلھ سان دپٽي جو پٽو ٻڌاندا ھئا. پاڻ ۾ آمھون سامھون اچي بيھندا ھئا پوءِ ڀاڪر پائي ھڪ ھٿ اڳيان سامھون واري جي ٻڌل دپٽي ۾ ۽ ٻيو ھٿ اُنجي پٺيان چيلھ وٽ وجھندا ھئا ۽ ملھ شروع ٿيندي ھئي. ھڪ ٻئي کي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ملھ جو داءُ ھڻندا ھئا. ھڪ داءُ ائين ھوندو ھو ته ڄنگھ وچ ۾ ڏيئي ۽ ٻئي ڄنگھ تي کڻي ڪيرائيندا ھئا ٻيو داءُ ھوندو ھو جاٺو. پنھنجي ڄنگھ اُنجي ڄنگھ ۾ اٽڪائي پاڻ ڏي ڇڪي ڪيرائيندا ھئا. ٽيون داءُ اھڙو ته پڪو ھوندو ھو جو ھڪ کيلاڙي اُنکي کڻي وٺي چؤگرد ڦيرائيندو ھو. ڦيرائي ڦيرائي زمين تي سٽيندو ھوس جيڪو زمين تي ڪريو اُن ھارايو.
    اُن کيل کانپوءِ پڇاڙيءَ جو جيڪي گھوڙن تي آيا ھئا اُھي ھڪ لائين ۾ بيھي رھندا ھئا ۽ ھڪ ماڻھو سيٽي وڄائيندو ۽ گھوڙا ڊوڙندا. سامھون نشان رکندا ھئا. اُن تائين گھوڙا پھچي پنھنجو نشان کڻي واپس ڊوڙندا ايندا ھئا. جيڪو اڳ ۾ پھچندو ھو اُنکي پھريون نمبر ڏيندا ھئا. اسانجي ھندن ۾ ھڪ گھوڙو منھنجي ڪاڪي ھيمنداس جو ۽ ٻيو سيٺ گوڪلداس جو. جيڪو پاسي جي ڳوٺ سيٺارجا، جا رھواسي ھئا، اُنھن ٻنھي جا گھوڙا، باقي گھوڙا اُتان جي مسلمانن جا ھوندا ھئا. منھنجي ڪاڪي جو گھوڙو گھڻو ڪري پھريون نمبر ايندو ھو، پر ڪڏھن ڪونه به ايندو ھو ۽ ھميشہ ماڻھو چوندا ھئا ته گھوڙو ته مھراج جو ضرور کَٽندو. پر قسمت جا کيل ڪڏھن نه به کٽندو ھو. پر ايترو ضرور ھو جو ھندو مسلمان سڀ ڳوٺ ۾ خوش ھوندا ھئا ۽ پريم سان ھڪ ٻئي جا ڏِڻ ملھائيندا ھئا. مسلمان ڏياريءَ تي ڦٽاڪا ٻاريندا ھئا ۽ ھندن وٽ مٺائي کائيندا ھئا ۽ عيد تي ھندو اُنھن سان ڳلي ملندا ھئا. ھڪ ٻئي کي سوکڙيون ڏيندا ھئا.
    صوڀيديري ڳوٺ ۾ جي ٿوري چھل پھل ھوندي ھئي سا ھوليءَ جي ڏينھن ۾ ماڻھو ملھائيندا ھئا. گھڻو ڪري ھوليءَ جي موقعي تي جيڪي ماڻھو ٻاھر نوڪري ڪندا ھئا يا رھندا ھئا سي موڪل وٺي گھر ايندا ھئا. ھوليءَ ۾ سانگ ٿيندا ھئا. ھڪٻئي سان چرچا ڪندا ھئا. ٻه ڄڻا وڏا سرڪاري ماڻھو بڻجي پاڻ سان ھڪ پٽيوالو کڻندا ھئا ۽ ھڪ ھڪ دڪان تي ويندا ھئا، پڇندا ھئا، دڪان جو مالڪ ڪير آھي؟ اُن کي سڏ ڪريو. اُنکي ھيٺ ويھاري دڪان جي اڳيان پاڻ ڪرسيءَ تي وھندا ھئا. ٽوپلا سوٽ خميص پھري آفيسر بڻجندا ھئا. تماشي ڏسڻ لاءِ گھڻا ماڻھو ۽ ڇوڪرا اچي ڪَٺا ٿيندا ھئا. ھڪ آفيسر ڪتاب کوليندو ۽ چوندو ته ھن دڪان واري جي مٿان ٻه سؤ رپيا ٽيڪس باقي آھي، ڪونه ڏني آھي اُن دڪان واري کي اڳيان ويھاري پٽيوالي کي چوندا ته ھنکي ٻه ٽي پادر ھڻ ته پئسا ڏيئي. دڪان وارو ويچارو ھٿ جوڙي ھيٺ اڳيان ويٺو ھوندو. نيٺ ليلائي پنج- ڏھ رپيا آڇيندو ۽ ڏيئي جان ڇڏائيندو ھو. اھڙي طرح ماڻھو غريب ھوندو ته گھٽ پيسا وٺندا ھئا ۽ اھي پيسا ھولي جي لاءِ جيڪا ڀڳت گھرائيندا ھئا اُنھن کي ڏيندا ھئا يا پرساد ٺاھيندا ھئا، اُن تي خرچ ڪندا ھئا. ڀڳتن سان به ھوليءَ جا چرچا ڪندا ھئا.
    مونکي ياد آھي ته اُنھن ھڪ ڀڳت گھرايو. ٽي ڏينھن اُن جي ڀڳت ھئي. وچ بازار ۾ رات جو ٻارھين بجي کانپوءِ ڀڳت پوندي ھئي صبح جو ڇھين بجي تائين. بزار ۾ ٻنھي پاسي دڪان ھوندا ھئا ۽ مٿان ڪوٺا- ڇت ھوندي ھئي. جئين ته بزار ۾ ٻنھي پاسي ماڻھو ويھندا ھئا ته وچ ۾ گلي ڇڏيندا ھئا. مُھڙ تي باجي وارو ۽ ڌُڪڙ ۽ ڍولڪ وارا ويھندا ھئا ۽ وچ ۾ جا گلي ھوندي ھئي اُن ۾ وڏو ڀڳت ۽ ڀوليڙا نچندا ھئا ۽ ڳالھائيندا ھئا. نچڻ وارو ڀڳت ڇير پيرن ۾ ٻڌندو، بدن تي جامو ۽ مٿي تي پڳڙي پائيندو ھو. نچندا به ھئا ڳائيندا به ھئا. ٽنھي نچندڙن مان وڏو ڀڳت سٺو ڳائيندو ۽ نچندو ھو. جيئن ته زالون ٻاھر نه نڪرنديون ھيون. اُنھن کي ڪوٺن جي ڇت تي وھڻ ڏنو ويندو ھو ۽ اُتان ڀڳت ڏسنديون ھيون. وڏو ڀڳت ذرا زالن جو شونقين ھوندو ھو ۽ گھڙي گھڙي مٿي ڇت طرف نھاري ۽ ھٿ کڻي اھڙو ته مؤج ۾ اچي ويندو ھو جو ڪابه سُڌ ٻڌ ڪونه پوندي ھئس ۽ خوب مزا ڪندو ھو. اھا سمجھ اسان جي شھر جي ڪم ڪندڙن کي به سجھي آئي. پاڻ ۾ صلاح ڪري شام جو ڳجھي طرح ڪوٺن تي وڏا ڪاٺ جا بُنڊ رکي آيا ۽ جڏھن ڀڳت شروع ٿي اُن کان اڳ ۾ بُنڊن تي اڇا ڪپڙا ۽ مٿان روا دُپٽا اھڙي طرح رکيائون ته ڄڻ عورتون ڪپڙن ۾ ويٺيون آھن. ڳوٺ ۾ لائيٽ ھئي ڪانه. ڀڳت ۾ فانوس ٻاريندا ھئا. مٿي ڪوٺن تي بلڪل اوندھ لڳندي ھئي. ھيٺان ڪوئي به نھاري ته اُن کي لڳندو ھو ته مٿي زالون ويٺيون آھن. ھڪ بجي رات جو ڀڳت شروع ٿي. جيئن پڇاڙيءَ جو ڏينھن ھو ته ڀڳت نچڻ ۽ ڳائڻ لڳو. ھر ھر مٿي ڪوٺي ڏانھن نھاري وٺي ٺينگ- ٽپا ڏيڻ لڳو. جن ماڻھن کي خبر ھئي اھي ھڪ ٻئي ڏانھن نھاري کِلن پيا ۽ ڀڳت کي اُتساھ ڏين پيا. واھ واھ ڀڳت اڄ ته لئي لڳائي اٿئي. تيئن ڀڳت نچڻ ۾ زور لڳائي ۽ پگھر پگھر ٿي وڃي. پر پنھنجو ناچ چالو رکي ھٿ جا اِشارا ۽ نھارڻ سڀ ڪوٺي جي طرف ھئا. نيٺ صبح ٿيو. اڇاڻ ٿيڻ لڳي. ڀڳت سمجھيو ته منھنجي ڀڳت مائين جو اھڙي وڻي آھي جو جا ڪابه پنھنجي جڳھ نٿي ڇڏي، پر چُري به نٿي. منھنجي ڀڳت ڪمال ڪري ڇڏيو. صبح جي اڇاڻ ۾ جڏھن ڀڳت جي نظر بُنڊن تي پيئي تڏھن کيس ھڪدم خيال اچي ويس ۽ ھن پاسي ڏٺائين ته ڪم ڪندڙ سڀ کِلن پيا. اُن تي خيال اچي ويس ته ھنن جي حرڪت آھي. سو مٿي تي ڌڪ ھڻي پنھنجي ساٿي باجي واري کي چيائين اِي ڀڳت اَڄ ته سڄي رات بُنڊن سان مٿو ھنيو آھي. ڪاريه ڪندڙ تمام زور سان کِليا ۽ ھڪ ڊوڙي وڃي سڀني بُنڊن تان ڪپڙا لاٿا. ڏسندڙ سڀ کِلڻ لڳا ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳا. ڀڳت ويچارو چُپ ڪري باجي واري جي پاسي ۾ ويھي رھيو ۽ لڄي پئي ٿيو.
    ھڪ ٻيو واقعو اوھانکي ٻُڌايان ٿو. ٽڪاڻي ۾ ڀائي سرڻداس ڏاڍو سشيل ۽ چرچائي ٻائو ھوندو ھو. ٻارن سان به کلندو ۽ ڳالھائيندو ھو. اُنجي ٽڪاڻي ۾ رات جو گھڻا ماڻھو اچي وھندا ھئا ۽ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪندا ھئا. اسانجي ڳوٺ ۾ ٻه- ٽي گھر حلوائي رھندا ھئا. اُنھن مان ھڪ حلوائي ٻاھر رھندو ھو ۽ موڪل وٺي ٻئي ٽئين مھيني گھر صوڀيديري ۾ ايندو ھو. جيئن ته حلوائي قدرتي طور ٿلھا متارا ھوندا آھن ۽ ھي به لمبو ۽ ٿلھو ۽ طاقتور ھوندو ھو. رات جو ٽڪاڻي ۾ اچي ٻٽاڪون ھڻندو ھو ته مان مسلمانن سان پنجو لڙائيندو آھيان ته ڪوبه سامھون نه ايندو آھي. ملھ ۾ ته مان سڀني کان کٽي ويندو آھيان. بار کڻڻ ۾ ته منھنجو نمبر وَن آھي. ٽڪاڻي ۾ ته گھڻا ماڻھو اچي ويھندا ھئا ۽ گپ شپ ھڻندا ھئا. ھڪڙي ڪنڊ ۾ ڳوٺ جو ھڪ ماڻھو چُپ ڪري ويٺو ڳالھيون ٻڌندو ھو. بدن جو سنھڙو ۽ قد جو ننڍو. ماڻھو اُن کي چرڙي جھڙو سمجھندا ھئا ۽ ڪوبه ڌيان نه ڏيندا ھئا. ھو ويٺو سڀني جون ڳالھيون ٻڌندو ھو. ٻن ٽن ڏينھن کان پوءِ رات جو حلوائي ٻاھر کٽ تي سمھيو پيو ھو ته اڌ رات کان پوءِ اُنجو چور چور جو آواز آيو. ماڻھو اُٿي آيا. پر چور ڀڄي ويو. ٽڪاڻي ۾ سڀ ويٺا ھئا ته ڀائي صاحب پڇيو ته (فلاڻا) تو وٽ رات جو چور آيو ھو ڇا؟ تون ته پھلوان آھين اُنکي ڇو نه پڪڙي ويھاريو. اُن جواب ڏنو ڀائي صاحب مان تمام گھري ننڊ ۾ ھئس. تنھن ھوندي به اُنکي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڀڄي ويو. منھنجي مُڪ اُنکي ڪي ڏينھن اُٿڻ نه ڏيندي ۽ ٻاھر ئي نه نڪري سگھندو يا ته مٿو مُڪ سان سُڄي پيو ھوندس يا اھڙو سور ھوندس جو ٽي چار ڏينھن ھيڊ ۽ تيل لڳائي رھيو ھوندو. اُتي اِھو سنھڙو ڀائي اُٿيو. اُنھن جا مان اصل نالا نٿو لکان جو اُنھن جي ننڍن کي کوٽو لڳي. تنھنڪري ڪوبه اصل نالو نٿو لکان پر بلڪل حقيقت آھي. اُن ضعيف ماڻھو کي ھڪ والي ھٿ ۾ ھئي ۽ چيائين ته ٻُڌو اٿم چور تنھنجي والي کڻي ويو. ڪن مان زوريءَ لاھي ويو آھي ۽ تنھنجي ھڪ ڪن ۾ والي آھي. ٻئي ڪن جي والي منھنجي ھٿ ۾ آھي. ھي والي تنھنجي آھي. اُن وقت اِھو ماڻھو جو ٻٽاڪون پھلواني جون ھڻندو ھو ذرا گھٻرايل آواز ۾ چيو توھان والي ڪٿان آندي؟ برابر منھنجي آھي. تڏھن اُن سنھڙي ماڻھو چيو ته چور مان آھيان. تون روز ھِت گپا ھڻندو ھئين ته مونکي لڳو ته تنھنجي بھادري ڏسان. سوئي مان رات جو جڏھن تمام اوندھ ٿي ۽ سڀ ماڻھو سمھي پيا تڏھن مان تنھنجي کٽـولي جي ڀرسان آيس ۽ توکي ڏٺم ته تون گھري ننڊ ۾ کونگھرا ھڻي رھيو ھئين. مان ٽِپ ڏئي تنھنجي ڇاتيءَ تي ويھي تنھنجون ٻئي ٻاھون پڪڙي والي لاھڻ ويٺس. توکي گھري ننڊ ھئي ۽ جاڳي پيو ھوئين. پر توکي ايتري گھٻراھٽ ٿي ته چور وڏي طاقت وارو آھي. سو تون صرف وات مان چور چور ڪرڻ لڳين پر ڊپ ۾ برابر آواز به نه پيو نڪري ۽ ايترو ته ڊڄي وئين جو ڪجھ به نه پيو ڪري سگھين ۽ ھٿ ڇڏائڻ جي ڪوشش به ڪانه ڪئي رڳو وات مان منجھيل آواز ڪيو جو ٿورن ماڻھن کي ٻڌڻ ۾ پيو اچي. مان تيستائين پنھنجو ڪم ڪيو يعني ثابتيءَ لاءِ تنھنجي والي لاٿي. پوءِ ٽپو ڏئي تنھنجي ڇاتيءَ تان لھي پٺيان ئي پٺيان ٽڪاڻي ۾ اچي سمھي پيس. تون رڙيون ڪيون گھڻا اُٿيا پر اھي به ھيڏانھن ھوڏانھن ڳولھي رھيا ھئا پر چور ته چُپ ڪري اچي سمھي پيو. جڏھن سڀني ماڻھن ٽڪاڻي ۾ اھا وارتا ٻڌي تڏھن سڀ کِلڻ لڳا ۽ اُن ٻٽاڪي ماڻھوءَ جو به حال ڏاڍو برو ٿيو ۽ لڄ کان ڪنڌ ئي مٿي نه ڪندو ھو. ماڻھن سڄي ڳوٺ ۾ ڳالھ ڦھلائي ڇڏي ته ھڪ ڪمزور ماڻھو ھڪ پھلوان کي ڊيڄاري ڇڏيو ۽ ڳالھ ڪري کلندا ھئا. اِھو ٿلھو ۽ جبرو ماڻھو ڏاڍو لڄي ٿيندو ھو ڪنھن به ماڻھو سان اک ملائي نه سگھندو ھو. ڳالھ ياد ڪري پاڻ تي شرم ايندو ھوس ته ھڪ نه جھڙي ماڻھوءَ مونکي ھارائي ڇڏيو آھي. اھڙا ٻيا به ننڍا وڏا واقعا ٿيندا ھئا پر مان ھينئر ھتي نٿو لکان.


    پنهنجي ڪٽنب بابت

    مان
    ھينئر ٿورو بيان پنھنجي ڪٽنب جو ٿو لکان جو منھنجا پوٽا ڄاڻڻ چاھين ٿا. خيرپور جيئن ته ميرن کي مليل ھئي ۽ ميرن کي ٽالپر به چوندا ھئا. اُنھن جا رياست ۾ گھڻا پنھنجا به حڪم ھوندا ھئا. ميرن جو ھڪ آرڊر ھو ته زمين کيتي واري ڪنھن به ھندوءَ کي نه وڪي وڃي. ائين ڪرڻ سان مسلمانن جي زمين سڀ ھندو وٺي ويندا ۽ زمين جا مالڪ سڀ ھندو ھوندا. مسلمان مالي حالت ۾ گھڻو پوئتي ھئا ۽ خاص اُنھن جو ڌنڌو کيتي ھوندو ھو. ھندو، جنھن کي واڻيو به چوندا ھئا، اھي سڀ ڌنڌو ڪندا ھئا ۽ دڪان وغيره ھلائيندا ھئا. مسلمانن کي اوڌر تي مال وغيره ڏيندا ھئا. جڏھن کيتي وغيره لھندي ھئي ته اُنھن کان کيتيءَ جو مال وٺندا ھئا. اِئين ڪندي ھندو سڀ پئسن وارا ھوندا ھئا ۽ مسلمان غريب ھوندا ھئا. جيئن ته اھو ويچار ھوندو ھو ته مسلمان اھڙا پڙھيل به نه آھن ۽ ھندن کان اوڌر تي مال وٺن ٿا. ھندو انھن کي اوڌر ۾ ٺڳي وڃن ٿا ۽ ھميشہ غريب رھن ٿا. جيڪو به کيتيءَ مان پئدا ٿئي ٿو سو سڀ اوڌر ۾ ھندو وٺي وڃن ٿا. تنھن ڪري ميرن جي رياست ۾ قاعدو پاس ٿيل آھي ته کيتيءَ جي زمين ڪوبه ھندو وٺي نه سگھي. اگر وٺي ته وڏي مير جي منظوري اُن تي ھئڻ کپي. تنھنڪري رياست ۾ ھندو واڻيه کي زمين ڪونه ھوندي ھئي. اِھو آرڊر صرف رياست جي اندر ھو. انگريزن جي حد ۾ نه ھو. انگريزن جو جتي راڄ ھو اُتي ته وڏا وڏا زمين وارا ھندو ھئا. فقط رياست خيرپور جي پنجن تعلقن ۾ اِھو حڪم ھو. بابا جن ھڪ ڳالھ ٻڌائي جو اسان وٽ پنجاھ ايڪڙ زمين ھئي. اسان پڇيو ته بابا اسانکي زمين ڪيئن آئي.
    بابا جن ٻڌايو ته صوڀيديري ڳوٺ ۾ ھڪ چريو فقير ھوندو ھو. سڀ ماڻھو اُنکي چريو يا پاڳل چوندا ھا. گھمندو ڦرندو ھو. ڪو روٽي ڏئيس ته کائيندو ھو. دڪان وارا به ناشتو ڏيندا ھئس. پڪوڙن وارا پڪوڙا ڏيندا ھوس. کائي پنھنجي منھن ڦرندو ھو ۽ ننڍڙو ڪاٺيءَ جو لڪڻ کڻي پيو پنھنجي ليکي بُڙ بُڙ ڪندو ھو. سڀني کي سڃاڻندو ھو. بابا جن وٽ اچي وھندو ھو. بابا اُن کي روٽي به کارائيندا ھئا. ڪڏھن ڪپڙا گھڻا ڦاٽي ويندا ھوس ته ڪپڙا ڏيندو ھوس ته بدلائي پائيندو ھو. بابا جن سان ھتي ھُت جون ڳالھيون ڪندو ھو. جي ڳالھيون اھڙيون خاص چرين جون ھونديون ھيون پر معنيٰ ڀريل ھونديون ھيون. ھڪ ڏينھن ڪنھن بدمعاش اُنکي لڪڻ ھنيو. بابا کي چيائين ته مونکي لڪڻ ھنيو اٿائين پر منھنجو يار جڏھن اھا ڳالھ ٻڌندو ته کيس سڄي بدن تي لَڪڻ ھڻندس. ھفتي کانپوءِ وري آيو. مھراج منھنجي يار اُنجي لڪڻ سان کَل لھرائي ڇڏي آھي. ٻڌڻ ۾ آيو ته اُن ماڻھو کي ڪنھن ڪوڙي ۾ اڙائي پوليس ايترو ماريو ھو جو سچ پچ کَل لھي ويئي ھوس. درويش جي بابا ڳالھ ٻڌي ۽ دل ۾ خيال آيس ته ھي فقير سچ پچ الله لوڪ آھي. فقير ھميشہ چوندو ھو ته يار مونکي گھڻو پيار ڪندو آھي. منھنجو يار ڏاڍو مھربان آھي. مون سان ڳالھيون ڪندو آھي.
    بابا جن ھڪ ڏينھن جي ڳالھ ڪئي ته ھڪ اڌ رات جو اِھو فقير آيو. ڪيترن ڏينھن کان ڏسڻ ۾ نه ايندو ھو، پر اُن ڏينھن اڌ رات جو اچي دروازي تي بيھي آواز ڪيائين ”او ڏتل“ او ڏتل سمھي پيو آھين خبر ڪانه اٿئي مان پنھنجي يار وٽان آيو آھيان. اُٿ ٻاھر اچ. بابا جن آواز ٻڌو ته درويش مستاني جو آھي ۽ دروازو کولي پڌر مان پڇيائين ته ڇا آھي؟ درويش چيو ته ڏاڍي بُک لڳي آھي، کاڌو کاراءِ. بابا امان کان رڙ ڪري پڇيو ته کاڌو بچيو آھي. امان ھا ڪئي. چيائين ته پِنڊيءَ ۾ پيو اَٿو. بابا جن پنڊي کڻي اچي فقير جي اڳيان رکيائين. کاڌو چڱو بچيل ھو. اُن ۾ چانور ڀاڄي ۽ چار کن ڦلڪا به پيا ھئا. فقير کائي ڍوُ ڪيو ۽ بابا پاڻيءَ جو لوٽو به ڀري ڏنس. پاڻي پي درويش ڏاڍو خوش ٿيو. بابا ڏي نھاري چيائين اڄ منھنجو يار توکي زمين ٿو ڏيڻ چاھي. کڻي آءُ نوڙي ته توکي زمين ڏيندس. بابا چرچو سمجھي چيو ته فقير تنھنجي دعا ئي گھڻي آھي. تون خوش ته مان خوش. فقير ٿورو ڪاوڙ مان زور سان آواز ۾ چيو ته نوڙي ڪانھي ته گھر ۾ ڍيرو ته آھي، اِھو کڻي اچ. بابا امان کان ھڪ ننڍي ڍيري پيئي ھئي سا ورتي ۽ فقير کي ڏنائين. درويش ڍيري ھٿ ۾ وٺي اُن جو منڍ بابا جي ھٿ ۾ ڏنائين ته ڇڪي ھن سڳي کي ۽ ڪيتري زمين کپئي ايترو سڳو ڇڪ. بابا سڳو کڻي پڌر جي ٻي ڪُنڊ تائين ويو. اُتي بيھي رھيو. درويش رڙ ڪئي ته بس ايتري زمين کپئي. کڻ جيڪا تنھنجي نصيب ۾ آھي. اُھا ئي يار توکي ڏيندو. بس اُن واقعي کي ٿورا ڏينھن ٿيا. بابا جن وڌو حجم کان دڪان تي ڏاڙھي ويٺي لاھرائي ته ھڪ ڪڙمي آيو ۽ بابا کي چيائين ته مونکي زمين ڏيڻي آھي ۽ توھان وٺو. اوھان کي سستي ڏيندس. زمين ڏھ ايڪڙ آھي ۽ زمين جي جڳھ ٻڌائي چيو ته مير اوھان جا دوست آھن ۽ اوھان کي وٺڻ جي موڪل به ڏيندا. حال پئسن جي تمام ضرورت آھي. اُتي اُن حجم جو بابا جن تي گھڻو وشواس پاتر ھوندو ھو. اُن چيو مھراج حال زمين منھنجي نالي لکي وٺوس ۽ پوءِ ميرن کان حڪم وٺي اوھان پنھنجي نالي ڪرائجو ته ھن ويچاري جو به ڪم ٿئي. بابا اُن کي پئسا ڏنا ۽ اُن حجم جي نالي لکاڻ ڪري اھا زمين ورتي. ٿورن ڏينھن ۾ مير سان ڳالھ ڪئي جنھن پنھنجي خيرپور جي ميرن کي چوايو. اُنھيءَ وچ ۾ ٻيا زمين وڪڻڻ وارا به آيا ته مھراج کي زمين وٺڻ جي منظوري مير ڏين ٿا. ائين ڪندي ڪندي اسانجي لڳ ڀڳ پنجاھ ايڪڙ زمين ٿي ويئي ۽ اسان زميندار ليکجڻ لڳاسين. منھنجو بابا ڪڙمين کي زمين پوکڻ لاءِ ڏيندا ھئا ۽ ٻج اسانجو، پورھيو ڪڙمين جو. آخر کيتيءَ مان اڌ اسان جو ۽ اڌ ڪڙمين جو. اُن مان به اسانکي گھڻو بچندو ھو.
    صوڀيديري ۾ سڀ پنھنجي ڪمائيءَ مان خوش ھوندا ھئا ۽ سڀ سستائي ھوندي ھئي. سنڌوندي ٿورائي ميل پري وھندي ھئي ۽ نديءَ جي ٻئي پاسي کي ڪچو چوندا ھئا. کيتن ۾ پاڻي بيٺو ئي بيٺو ھو. اُن ڪچي ۾ چانور تمام گھڻا ٿيندا ھئا. ڪچي مان ھڪ واپاري ايندو ھو ۽ اچي گوپلاڻي جي اوطاق ۾ لھندو ھو. گوپلاڻي آڪھ صوڀيديري ۾ وڏي آڪھ ھوندي ھئي ۽ سيٺ سيتلداس ساجنداس جي نالي سان ڪراچي ۾ ڪوٺي ھوندي ھئن. صوڀيديري ۾ شاھوڪار پارٽي ڳڻي ويندي ھئي ۽ اُن جي وچ بازار ۾ اوطاق ھوندي ھئي جنھن ۾ رات جو ڏينھن جو ڪوبه ماڻھو آرام ڪندو ھو. ٻاھر جا ماڻھو اُن ۾ رھندا ھئا. چانورن جو واپاري اچي وھندو ھو ۽ سڄي شھر ۾ ٽھليو چئي ويندو ھو ته جنھن کي چانور کپن واپاريءَ کي لکائي وڃي. ماڻھو گھرج آھر اُن واپاريءَ کي چانورن جون ڳوڻيون لکائي ويندا ھئا. ڪو ھڪ ڳوڻ ڪو پنج ڳوڻيون. ڪو ٽي ڳوڻيون. اھڙيءَ طرح اِھو واپاري ڳوڻيون ڳوٺ ڏانھن موڪليندو ھو ۽ سڀني کي لکيل موجب ڳوڻيون ڏيندا ھئا. مھيني مھيني واپاري جو ماڻھو ايندو ھو. اوڌر ۾ جيڪو به جيترا پئسا ڏيندو ھو ته ھو وٺي ويندو ھو. اھا اُڌر ٻارھن مھينن ۾ پوري ڪرڻي ھوندي ھئي ۽ سٺي سڳداسي چانورن جي قيمت اٽڪل ڇھ رپيا ڳوڻ جي ھوندي ھئي پوءِ ڪنھن وقت چار آنا مٿي يا چار آنا گھٽ. ڳوڻ ۾ سو سير چانور ايندا ھئا. مڻ ۾ چاليھ سير ۽ اڍائي مڻن ۾ سو سير چانور. ٻيون شيون به گھڻيو سستيون ھونديون ھيون، جنھنڪري ڳوٺ ۾ سڀ ماڻھو آنند ۾ ھوندا ھئا. ڪنھن کي به روٽي جي چنتا ڪانه ھوندي ھئي.
    منھنجي پوٽي مون کان وري پڇيو ته دادو اوھان اسان جي وڏي بابا جي ڳالھ ٻڌائي. اھڙي ڪا اسانجي وڏي ماءُ جي به ڪا يادگيري ٻڌايو.
    مونکي اُن وقت ياد آيو ته اسان جي بابا جي ماءُ جنھنکي اسان جِيجي چوندا ھئاسين، اُنکي کي رات جو اسان سڀ ننڍا ڀائر ۽ سوٽ گھيرو ڪري وھندا ھئاسين ۽ پڇندا ھئاسين. اُن ھڪ ڀيرو اسانکي پنھنجي ننڍي ڀيڻ جو واقعو ٻڌايو. اسانجي جيجيءَ جي ڀيڻ به اسان جي جيجيءَ جھڙي ھئي. منھن ويڪرو ۽ بدن جانٺو ۽ رنگ گورو، اوچائي به ٺيڪ ھئي. تمام ٺيڪ لڳندي ھئي. دل مَردن جھڙي پھلوان ھوندي ھئس. اُن جو به مڙد ٽي پٽ ڇڏي گذاري ويو ھو. ھوءَ ٽن پٽن سان اَٺ ميل پري محبت ديرو جتوئي ۾ رھندي ھئي. اُتي گھوڙو ته گھر ۾ ھوندو ھئن. پوءِ جڏھن به ڀيڻ سان ملڻ ايندي ھئي ته گھوڙي تي پٺيان سندس ننڍي پُٽ کي چيلھ سان ٻڌي وھاري ايندي ھئي. مَردن وانگر اڪيلي پنھنجي ڳوٺ کان صوڀيديري تائين لڪڻ ھٿ ۾ ھوندو ھوس ۽ ايندي ھئي. گھوڙي سواري ۾ به ھوشيار ھُندي ھئي.
    ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي ته اُھا اسان جي ماسي جيجي پنھنجي ڳوٺ ۾ دروازي تي ٻاھر بيٺي ھئي. جيئن ته گھٽي ھئي سڀ ماڻھو لگھندا ھئا ۽ رستي وانگر ھئي. ڪنھن کي به اچ وڃ جي منع ڪونه ھوندي ھئي. اُن وقت زميندار جو پُٽ پنھنجي دوستن سان اچي اُتان لنگھيو. اسان جي جيجي اُن وقت توڙي وڌوا ھئي ۽ ٽن پٽن جي ماءُ ھئي، پر ڏسڻ جي ڪشش واري ھئي. زميندار جي ڇوڪري نھاري ۽ کنگھڪار ڪئي. اسانجي جيجي سمجھي ويئي ۽ پٺيان سڏ ڪيائين ته اي ڇوڪرا ھيڏانھن ته اچ ڪم اٿئي. ڇوڪرو پٺتي موٽيو ۽ اڳيان آيو. جيجيءَ پَٽڪي ۾ ھٿ وجھي پٽڪو لاٿس ۽ ھڪ ٻه بُجو منھن تي ھڻي چيائين شرم نٿو اچئي، مان ته تنھنجي ماءُ جيڏي آھيان امان چوڻ جي بدران کنگھڪار ٿو ڪرين. ڇوڪرو پٽڪو ھٿ ۾ کڻي وٺي ڊوڙ پائي ڀڄي ويو. ڳوٺ ۾ خبر پئي. ھندن جو مُکي اچي ڊنو ته وڏيرو ڇوڪري جو پيءُ مائيءَ جي ڪھڙي حالت ڪندو. مائي به ته اسان جي گُر برھمڻ جي زال آھي ۽ پاڻ ته ھن دنيا ۾ ڪونھي. اسانکي کي ئي نباھڻو آھي. پاڻ ۾ مڙي صلاح ڪن پيا ته وڏيري جو ماڻھو آيو ۽ نياپو ڏنائين ته ھندن جي مکي صاحب کي وڏيري ھاڻي جو ھاڻي گھرايو آھي. سڀ گھٻرائجي ويا ته مائي وارو معاملو ئي آھي. مکي چار پنج ماڻھو گڏ ڪري زميندار جي اوطاق تي ويا.
    زميندار سڀني کي کيڪاريو ۽ وھاري پاڻي پياريو. سڀ پيا ھڪ ٻئي ڏي نھارين. نيٺ زميندار زبان کولي ۽ چيائين مُکي صاحب مان اوھان کي اُن لاءِ گھرايو آھي ته منھنجي ڇوڪري ھڪ ناداني ڪئي آھي. اوھان جي گُرياڻي سان بيھودو ورتاءُ ڪيو آھي. انھيءَ ڪري اُن کي سزا ملڻ کپي. اوھان جيڪا اُن جي لاءِ سزا مقرر ڪريو اُھا سزا اُن کي ڏني ويندي.
    اسانجي سعيدن سان ڪو بيھودو ڇيڙ ڪري ته اسان ڪونه سھي سگھنداسين. ضرور اُن ھندو کي سزا ڏينداسين. تنھنڪري فيصلو اوھانجي ھٿ ۾ آھي. منھنجو ڇوڪرو برابر ڏوھي آھي ۽ ڏوھ ڪيو اٿائين. مُکي ڳالھ ٻڌي دنگ رھجي ويو ۽ زميندار ڏانھن منھن ڪري ھٿ جوڙي چوڻ لڳو ته سائين اوھان مُھان آھيو، برابر مدبر ماڻھو آھيو. اسان اوھان جي اڳيان ڪجھ نه آھيون. جيئن اوھان کي وڻي ھي معاملو دفع ڪريو.
    مُکي جي ڳالھ ٻڌي زميندار چوڻ لڳو چڱو ھاڻي ھي فيصلو ٿا ڪريون ته منھنجو پُٽ اسان سڀني سان گڏجي ھلي ۽ مائيءَ کي پيرين پيئي چوي ته تون منھنجي ڀيڻ به آھين ته ماءُ به آھين. مونکي معاف ڪر ۽ منھنجي ڀُل ٿي ويئي آھي ۽ ھي رئو اُنجي مٿي تي وجھي. سڀني کي فيصلو وڻيو ۽ وڏيري جي واھ واھ ڪئي ويئي. اُنھيءَ وقت سڀ اسانجي ماسي جيجي جي گھر آيا ۽ فيصلو عمل ۾ آندو ويو. اسان ننڍا ھئاسين. اُن وقت ڳالھ ٿوري سمجھ ۾ آئي ته ٿورو خيال ڪيوسين. مان چيو جيجي آکاڻي اسانکي گدڙ- ڪڪڙ جي يا شينھن ۽ ٻڍي برھمڻ جي يا ڪيئن ۽ ڪڪڙ وغيره جي ٻڌاءِ ته اسان ٻڌون.
    جيجي تنھن تي ھڪ ٻي آکاڻي ٻڌائي جا اسان ور- ور ڪري چوندا ھئاسين ته جيجي اُھا آکاڻي مداري ۽ ملان جي ٻڌاءِ. پوءِ اھا آکاڻي شروع ڪندي ھئي.
    مداريءَ کي ھڪ ڀولڙي ھوندي ھئي. صبح جو اُٿي ڀولڙي ڪاھي ٻاھر بازار ۾ ويندو ھو. ماڻھن کي ڀولڙيءَ جو ڊانس ڏيکاري ڪري پئسا ڪمائي گھر دال چانور وٺي زال کي ڏيندو ھو. زال کاڌو بڻائي مداري، ٻارن ۽ پاڻ کائي سمھي پوندي ھئي ۽ اِئين اُنجو وقت گذرندو ھو. ھڪ ڏينھن صبح جو ڀولڙي ڪاھي ٻاھر آيو ته پھريائين ھڪ ملان وڏي ڏاڙھي سان گڏيس. مداريءَ ملان کي عرض ڪيو ته ملان صاحب اڄ منھنجي ڀولڙيءَ جي بازي ڏسو. اِئين چئي ڍولڪي وڄائڻ لڳو ته پاسي اوسي کان ڇوڪرا ۽ ڪجھ ڳوٺ جا وڏا ۽ جوان ڪٺا ٿيا. سڀ گول ڪري بيٺا. مداريءَ ڀولڙي کي چيو ته قلابازيون ڏي ته ڀولي ھڪ پاسي کان ٻئي پاسي تائين قلابازيون ڏنيون. پوءِ مداريءَ اُنکي لٺ ڏني ته تون گايون چاري اچ. ڀولڙي ڪُلھي تي لٺ رکي وات سان ٻچ ڪاريون ڏيندي ڪُنڊ تائين ويئي. پنھنجي ڌڻيءَ سان رُس ته منھن ننڍو ڪري ۽ اکيون مھٽي پري وڃي ويھي رھي. اھڙيءَ طرح ٻيا به کيل ڀولي جا ڏيکاريا. آخر ۾ ماڻھن اُنکي پئسا وڇايل ڪپڙي تي ڦٽي ڪري ڏنا. مداري ملان صاحب وٽ آيو ته ملان کيسي ۾ ھٿ وڌو ۽ ھڪ ڪاغذ ڪڍيو. اُن مداريءَ کي ھٿ ۾ ڏيئي چيو ته ھي ڪاغذ ڳوٺ جي ٻاھران ندي وھي ٿي اُنکي ڏيکاري ته توکي سڀ ڪجھ ملندو. مداري ويچار ۾ پئجي ويو ۽ ملان طرف نھاري خيال ڪرڻ لڳو ته ملان وڏي زور ۾ آواز ڪري چيو ته مان توکي چوان ٿو ته ھي ڪاغذ وڃي نديءَ کي ڏيکار. مداري ويچارو نديءَ طرف ويو. جڏھن نديءَ وٽ پھتو ته ڀوليءَ کي ھڪ وڻ سان ٻڌي نديءَ جي ڪناري تي ويو ۽ اِھو ڪاغذ جنھن تي ڪجھ عجيب ٻوليءَ ۾ لکيل ھو ڪڍي ندي طرف ڪري چوڻ لڳو ته اي ندي ھي ڪاغذ ملان اوھانکي ڏيکارڻ لاءِ ڏنو آھي. مداريءَ ڏٺو ته نديءَ ۾ ھڪ رستو ٿيندو ٿو وڃي. مداري اُن رستي تان ھلندو ويو. جڏھن ھن پاسي ويو ۽ پٺيان نھاريائين ته نديءَ ۾ رستو گم ھو ۽ پاڻي ئي پاڻي وھي رھيو ھو. اڃا فقير اُتي بيٺو ھو ته اُتي ھڪدم گھوڙن تي سپاھي اچي پھتا ۽ فقير پاڻ کي ڏٺو ته ھو راجائي ڪپڙن ۾ آھي ۽ ھڪ گھوڙو پاسي ۾ بيٺو آھي. سپاھي گھوڙن تان لھي کيس سلام ڪري چوڻ لڳا ته بادشاھ سلامت جلدي ھلو ۽ ڪوئي ٻاھر جو دوت آيو آھي. فقير پاڻ کي بادشاھ ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ گھوڙي تي چڙھي محل ۾ آيو. اُن دوت کي گھرائي پڇ پرڇ ڪري اُن دوت کي موڪل ڏني. پاڻ محل ۾ ويو ته راڻي اُن سان ملي ۽ ٻنھي کانو کاڌو ۽ بادشاھ کي چيو ته آرام ڪريو. فقير کي ننڊ اچي ويئي. سپنو ڏٺائين ته منھنجي زال ۽ ٻار ويچارا بُک ۾ آھن ۽ ڪپڙا به برابر ڪونه اَٿن. ننڊ مان اُٿيو ته اُتي شام ٿي ويئي ھئي. يڪدم تيار ٿي ٿورا پئسا کڻي گھوڙي تي چڙھي ندي جي ڪناري تي لھي گھوڙو اُتي ڇڏي ندي کي ڪاغذ ڪڍي ڏيکاريائين ته ساڳي نموني نديءَ ۾ رستو ٿيو. فقير ڊوڙندو رستي تان ھن پاسي آيو ۽ پٺيان نھاري ڏٺو ته رستو گُم آھي ۽ پاڻي ساڳيو وھي رھيو آھي. پنھنجن ڪپڙن ڏي ڏٺو ته اُنکي ساڳيا فقير وارا ڪپڙا پيا آھن ۽ بادشاھي ڪپڙا گُم ھئا. ٿورو اڳتي ڏٺائين ته ڀولي وڻ سان ٻڌي پيئي آھي. کيسي ۾ ھٿ ھنيائين ته اھي ٿورا پئسا پيا آھن جي ماڻھن کيل ۾ صبح جو ڏنا ھئا. ڪاغذ نديءَ کي ھر ھر ڏيکاري پيو ته واپس جو رستو ملندو پر رستو ڪونه مليس. گھر آيو، اُنھن پئسن جو اَٽو دال وٺي آيو ۽ سڀني کاڌو. رات جو ننڊ به نه آيس. صبح جو اُٿي ڀولڙي ڪاھي ھلڻ لڳو ته ڏٺائين ملان صاحب وڃي ٿو. فقير ڊوڙندو ملان وٽ آيو، چيائين اي حضور! اوھان جي چٺي ندي نٿي قبول ڪري ۽ مونکي رستو نٿي ڏيکاري. اوھان ڪا مھر ڪريو جو ندي مونکي رستو ڏي. مان وري نديءَ کي واپس نه ڏيکاريندس. ملان جواب ڏنس ته اي مداري تو مونکي کيل ڏيکاريو ۽ مان به اُنجي بدلي توکي کيل ڏيکاريو. کيل جي بدلي کيل. ھاڻي اسان ٻئي ھڪ آھيون. تون پنھنجو رستو وٺ، مان پنھنجو رستو. اِئين چئي ملان ھليو ويو ۽ ويچارو مداري ڀوليءَ کي وٺي کيل ڪندو رھيو. اسان به ڇوڪرا سڀ ننڍا ھئاسين ۽ جيجي کان سوالن پٺيان سوال پڇون پيا. جيجي جواب ڏيندي ھئي. اسانکي سمجھ ۾ نه ايندا ھئا. جيجي نيٺ ڪَڪ ٿي اسانکي چوندي ھئي ته ھاڻي وڃي سمھي پؤ. سڀاڻي سڀ سوال پڇجو. اسان ملان ۽ فقير تي خيال ڪري ويچاري مداريءَ سان ھمدردي ڏيکاريندا ھئاسين.
    صوڀيديري کان ٻاھر ريل رستي وڃڻو پوندو ھو. اسانجي ويجھي ريل اسٽيشن راڻيپور ھوندي ھئي. راڻيپور ڳوٺ صوڀيديري کان پنج ڪوھ پري ھوندو ھو. راڻيپور ۾ چڱا گھر ھندن جا ھوندا ھئا. وڏي بازار پٺيان ھندن جا گھر ھوندا ھئا.


    راڻيپور

    راڻيپور ۾ پِير رھندا ھئا. اُنھن ۾ پِير ساليشاہ (صالح شاھ) جي درگاھ ھوندي ھئي ۽ ٻارھين مھيني ۾ ھڪ وڏو ٻارھين جو ميلو لڳندو ھو. ميلو ٽي ڏينھن ھلندو ھو. اُن ميلي جي ميدان ۾ سڀ قسم جا اسٽال ٺاھيندا ھئا. سڄي سنڌ مان ماڻھو ايندا ھئا. کاڌي جا اسٽال، رانديڪن جا، ڪپڙي جي ڊريسن جا، ڪٽلريءَ جا، جوئا جا، وندر لاءِ ڦرڻيون، چؤڏيل، چيڪلا سڀ قسم وندر جا اسٽال نڪرندا ھئا. اسان ننڍڙا ھئاسين. ٽي ڏينھن ميلي جا راڻيپور ۾ ٻارھين جي ميلي ڏسڻ لاءِ ويندا ھئاسين. راڻيپور ۾ پِير جو ھڪ سوئر جي ويڙہ جو ميدان ھوندو ھو. اُن ميدان کي گول ھڪ وڏي ڀت ھئي ۽ ڀِت کي چوڌاري ٻه فوٽ ھيٺ، پڇٽي ٻه فوٽ ويڪري ھوندي ھئي جنھن تي ماڻھو چڱيءَ طرح بيھي سگھي ۽ ميدان ۾ ٿيندڙ ويڙہ ڏسي سگھي. پڇٽيءَ تي چڙھڻ لاءِ ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي ڏاڪا ٺھيل ھوندا ھئا جنھن تان چڙھي چوڌاري پڇٽي تي بيھي ويڙھ جي ميدان جي زمين ڏِسي سگھبي ھئي. جھنگلي سوئر کي اُن ۾ ڇڏيندا ھئا ۽ ڪُتا ڇڏيندا ھئا. چار ڪُتا ته ھڪ سوئر. ڪتا سوئر کي چَڪ پائڻ لاءِ ڊوڙندا ھئا ۽ سوئر ڪُتن کي پنھنجن ڏندن سان زخمي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. ويڙہ ڏاڍي دلچسپ ھوندي ھئي. ڪتن جا مالڪ ڪتن کي بڇ ڪندا ھئا ۽ زور زور سان ھمٿائيندا ھئا. لڙائيءَ ۾ ڪيترن ڪتن جو پيٽ ڦاٽي پوندو ھو ۽ سوئر به زخمي ٿي ڪري پوندو ھو ۽ مري ويندو ھو. ڪيترا ماڻھو لڙائيءَ کي ساراھيندا ھئا. ڪيترا چوندا ھئا ته اِھو پاپ آھي.
    راڻيپور جي شھر کان ريلوي اسٽيشن ڏيڍ ميل پري ھوندي ھئي. وچ ۾ سنڌ سڌار واھ (روھڙي ڪينال) ھوندو ھو. واھ وڏو ۽ سکر وٽان سنڌونديءَ مان نڪتل ھو. اُن واھ مان ننڍا واھ ۽ واھن مان نالا ۽ نالن مان ننڍيون ناليون نڪتل ھونديون ھيون جو سڄي سنڌ جي زمينن کي پاڻي کيتيءَ لاءِ ڏيندا ھئا. راڻيپور اسٽيشن ھڪ ننڍي اسٽيشن ھئي. ھڪ اسٽيشن ماسٽر ۽ ٻه ٻيا ماڻھو ھئا. مونکي ياد آھي ته اسٽيشن تي ھڪ فقير بيٺو ھوندو ھو. اِئين ڏسڻ ۾ ايندو ھو ته مستانو آھي پر ڏاڍو چالاڪ ۽ ھوشيار. اِئين چوڻي آھي ته ڪوئي به ڳوٺ وجود ۾ ايندو آھي ته فقير ۽ ڪتو پھريائين پھچندو آھي. جڏھن کان اسٽيشن ٿي آھي ته ھي فقير ننڍي کان وٺي رھندو ھو. مان ڏٺو ته سڀ جا نالا پيو کڻي. جيڪو ھن کي پئسا نه ڏئي ته اِئين پيو چوي ته فلاڻا (نالو کڻي) اِئين پيو لک لُٽائين پر مون (پنھنجو نالو کڻي) قادو فقير لاءِ ٽانڊو. مان اُنجي ڀرسان بيھي اِھو ڊائلاگ ٻڌندو ھوس ته مونکي مزو ايندو ھو. اسٽيشن ڀرسان ھڪ ھندن جي ڌرمشالا ھڪ پاسي ۽ مسلمانن جو مسافر خانو ھوندا ھئا. سنڀالڻ لاءِ ساڌو ۽ درويش جدا جدا رھندا ھئا.
    راڻيپور کان ٻه ميل پري سچل سرمست جو ڳوٺ درازا ورسيل آھي. سچل سرمست ڪامل ۽ پھچيل، الله جو پيارو ۽ صوفي درويش ٿي گذريا آھن. اُنھن جي درگاھ مقبرو درازن ڳوٺ ۾ آھي. سڄي دنيا ۾ اُنھن جا خليفا ۽ مڃڻ وارا آھن. سندن گادي نشين به انھن گُڻن ۽ ڪرامتن سان ڀرپور آھن. سندن درگاھ تي ھزارين ماڻھو اڄ به دعا گھرڻ ايندا آھن. پنھنجون آشائون پوريون ڪرڻ لاءِ انھن جي آشيرواد پنندا آھن. سچل جو اصلوڪو نالو عبدالوھاب ھو. سچل کي سرمست چوندا ھئا؛ جو ھميشہ مست ھوندا ھئا، نچندا ھئا ۽ بيت چوندا ويندا ھئا. اِئين سُندر زبان مان بيت نڪرندا ھئا جيئن نديءَ مان پاڻي وھندو آھي. سندن مريد لکندا ويندا ھئا. اڄ به سندن گادي نشين سرمست قبول محمد آھن، جي نوجوان ۽ سھڻا جوان آھن. منھنجي ملاقات انھن سان بامبي (ممبئي) ۾ ٿي. ھڪ ٽي ٽيبل تي شوداسڻي جي گھر ۾ ٿي ھئي. اُنھن جي ملاقات مون تي گھرو اثر ڪيو ۽ مان کين عرض ڪيو ته اھڙي ڪا دعا ڪريو جو اسان وري پنھنجي وطن ورون. اُنھن آڱر مٿي خدا طرف ڪئي ته اُنھن کي منظور ھوندو اِئين ٿيندو اسان انسانن جي ھٿ ۾ ڪجھ نه آھي. مان اُنھي واقعي کي بيان ٿو ڪريان. منھنجي پياري نُور نبيءَ (تنوير عباسي) جي ياد ۾ اِھو واقعو ٻڌايان ٿو. ھينئر مرحوم تنوير نور نبي ھن دنيا ۾ ڪونھن اُنھن جي وفات جو خط ٻه سال اڳ ۾ مونکي آيو ھو.
    ڏھ سال ٿيا ته صبح جو سوير مونکي بامبي کان فون آيو. فون تي بامبي مان تنوير نور نبي ڳالھائي رھيو ھو. مان عجب ۾ اچي ويس ۽ پڇيومانس ته تون ڪيئن بمبئيءَ ۾ آيو آھين. جواب ۾ چيائين ته ھت آيو آھيان رام پنجواڻيءَ جي جينتي تي. ھِت بمبئيءَ ۾ سيمينار رکيو اٿن ۽ ھندوستان جا سڀ شاعر ۽ ليکڪ گھرايا اَٿن. مونکي به نينڍ ڏيئي سنڌ مان گھرايو اٿن. ادا عبدالنبي اوھان جي فون جو نمبر ڏنو ھو ۽ چيو ھئائين ته ضرور ضرور فون ڪج. مون کيس چيو ته پوءِ احمد آباد ۾ اچو ٿا؟ جواب ۾ نه ڪيائين ته مونکي ويزا صرف بمبئي جي آھي مان نٿو اچي سگھان. مان کيس چيو ته چڱو مان اچان ٿو. ھوٽل جي ايڊريس لکي ورتم ۽ صبح جو بمبئيءَ لاءِ تيار ٿي گاڏيءَ ۾ بمبئيءَ ويس. ھِت اوھان کي نُور جي ٿوري پڇاڻ ڏيان ٿو. خان بھادر گل حسن خان عباسي صوڀيديري ۾ ھڪ مشھور ماڻھو ھو. انگريزن جي راڄ ۾ ڪلاس ون آفيسر ھو. جڏھن ھندوستان ۾ راشنگ کاتو شروع ڪيو ھو اُن وقت خان بھادر کي ڪراچيءَ ۾ راشنگ جو ھيڊ ڪري رکيو ھو. ھنکي ٽي پُٽ ۽ ھڪ ڌيءُ ھئي. عبدالنبي وڏو پُٽ جو مون سان گڏجي پڙھندو ھو ۽ ٻيو نمبر نُور نبي جو بمبئيءَ ۾ آيو ھو. ڌيءَ نورجھان جا ھينئر صوڀيديري جي ميونسپل جي ھيڊ آھي. کيس ناظم چوندا آھن. ميونسپل جي ھيڊ کي ناظم چوندا آھن ۽ ھوءَ عباسي ڊاڪٽر عبدالرحمان جي بيگم آھي. عبدالرحمان صوڀيديري ۾ ڊاڪٽر آھي ۽ منھنجو خاص دوست آھي. گڏ پڙھندا ھئاسين. مئٽرڪ تائين گڏ ھئاسين ۽ ٻيو منھنجو دوست لعل بخش سامٽيو. اُنھن ٻنھي گھڻو لکيو ته ھڪ ڀيرو مان اُنھن وٽ وڃان. مان فيبروري 2004ع ۾ دھلي ويزا وٺڻ ويس پر ويزا ٻاريءَ تي ايڏي رش ھئي جو ويزا وٺڻ مشڪل ھئي. اَٺ ڏينھن دھليءَ ۾ رھي واپس آيس. اڃا اِھا اُميد آھي ته ھڪ ڀيرو ڪوشش ويزا لاءِ ڪندس ۽ پنھنجو صوڀوديرو ضرور ڏسندس ۽ اُتان جي مٽي کڻي مٿي تي رکندس. ماترڀوميءَ جو درشن ڪندس.
    بامبئي پھچي صبح جو سوير ھوٽل ۾ ويس. اُتي نُور سان گڏيس. نُور اڪيلو ڪونه ھو. اُن جي زال ڪمل (قمر) به گڏ ھئي. ٿورو سيءُ ھو. مان ڪمري ۾ ويس. اُتي نُور مونکي ڀاڪر پاتو ۽ ڪمل (قمر) اُٿي مونکي پيري پيئي. مان ته عجب ۾ پيس ۽ اُنکي پيري پوڻ جي منع ڪئي پر اُن مٿي تي دپٽو رکي مونکي زوري پيري پيئي ۽ چيائين ته اوھان منھنجي وڏي ڏير جا دوست آھيو ۽ منھنجي وڏي ڏير جي سمان آھيو. مان ھُنجي ورتاءُ سان اھڙو خوش ٿيس جو منھنجي وات مان به زور سان نڪتو ”جيتي رھو ۽ ھميشہ آباد رھو“ پوءِ نُور کان حال احوال ورتم. جنھن ٻڌايو ته ھو ھينئر خيرپور ۾ رھندو آھي. پنھنجو دواخانو اٿس ۽. ٻئي زال مڙس دواخاني ۾ ڊاڪٽر آھن. کين ھڪ وڏو پٽ ۽ ٻه ڌيئرون آھن. پُٽ کي آمريڪا ھاير ايجوڪيشن لاءِ موڪليو آھي باقي ڌيئرون خيرپور ۾ آھن. ڌيءُ شاعر به آھي ۽ شاعري لکندي آھي. پوءِ مونکي سندس ڌيءُ جو ھڪ شاعريءَ جو ڪتاب موڪليو ھئائين.
    اڄ ھِت ڪوٺ تي آيو آھيان ۽ اڄ نائين بجي سيتاڀون ۾ ھلڻو آھيان. اُتي پھريائين منھنجي شروعاتي اسپيچ رکيل آھي ۽ اوھان به ھلجو. مون چيو ته مونکي ته ڪوٺ ڪونه آھي. چيائين مان ٿو ڪوٺ ڏيانءِ ۽ اڄ عام ليڪچر آھن. 9 بجي موٽر آئي اسان ٻئي موٽر ۾ چڙھياسين. مان اڳيان ڊرائيور سان ويٺس. ھو ٻئي پٺيان سيٽ تي ويٺا. سيتاڀون ۾ آياسين. پھريائين اُتي ٻاھر گھڻا ماڻھو ويٺا ھئا. انھن ۾ جيٺي ڀيڻ بمبئي جي ھاءِ اسڪول جي پرنسيپال به ويٺي ھئي. ٻنھي کي آءُ ڀاءُ ڪري ويھاريو ۽ مون ڏي پئي نھارين. نُور منھنجي سڃاڻپ ڪرائي چيو ته ھي ھولارام آھي ۽ منھنجي وڏي ڀاءُ جو اسڪول ميٽ ۽ گھرو دوست آھي ۽ مونسان ملڻ لاءِ ھت احمدآباد کان آيو آھي ۽ اسان جي ڳوٺ جو پاڙيسري به آھي. مونکي به اُتان جا شاعر گڏيا ۽ آءُ ڀاءُ ڪيائون. ميٽنگ جو بندوبست مسٽر چاولا ڪيو ھو. اسٽيج وھڻ لاءِ ٺاھي ھئي. اُن اسٽيج تي جي مھمان پريزيڊنٽ سان وھاريا ھئا، وچ ۾ پريزيڊنٽ اھا محلا پرنسيپال ھئا ويٺل ھئي ۽ کٻي پاسي نُور نبيءَ جي پتني ڪمل (قمر) ۽ ساڄي پاسي سرمست قبول محمد سچل سرمست جا گادي نشين ۽ نُور نبي ويٺا ھئا.
    باقي اڳيان ھيٺ ڪرسيون رکيل ھيون ۽ سڀ عام شاعر ۽ ليکڪ ۽ مھمان ويٺا ھئا. مونکي کي به اڳئين لائين ۾ ڪرسي ڏني ويئي ھئي. جڏھن سڀ اچي ويٺا تڏھن مسٽر چاولا پريزيڊنٽ ۽ مٿي منچ تي ويٺل مھمانن جي واقفيت ڏني ۽ پريزيڊنٽ جي موڪل وٺي سڀا شروع ڪئي. پريزيڊنٽ پاڻ اُٿي پھريائين نُور نبيءَ جي ٿوري سڃاڻپ ڪرائي ۽ نُور کي عرض ڪيائين ته پنھنجو بيان پڙھ. نُور پنھنجو بيان پڙھيو ۽ خاص مطلب ميٽنگ جو ھو صوفي متو بيان ڪرڻ. سڀ ڌرم يا مذھب ھڪ ئي رستو ٻڌائين ٿا. پر اسان برابر مطلب نٿا سمجھون. ويد، قرآن، بائيبل ھڪ ئي انسانيت جو سبق سيکارين ٿا پر انسان اُلٽو مطلب ڪڍي پاڻ ۾ ساڙ حسد رکي لڙن ٿا. نُور گھڻو سمجھ وارو بيان پڙھيو، جنھن جو مطلب ھو ته سڀ ڌرم مذھب پاڻ ۾ نه وڙھن ۽ ھڪ ٻئي سان محبت رکن. نُور نبي تنوير ھڪ ٻه سلوڪ ويدن مان بيان ڪيا.
    ھينئر وارو آيو ٻُڌڻ وارن جو. پريزيڊنٽ چيو ته ھڪ ھڪ کي صرف ٽي منٽ ڏنا ويندا جو نُور صاحب چيو آھي اُن بابت اوھان جا ويچار ڪھڙا آھن. ھڪ صاحب اُٿيو پنھنجي تقرير شروع ڪئي. ڄڻ ته پھريائين سوچي آيو ھو جھڳڙو ڪرڻ لاءِ. مان ڪنھنجو نالو ڪونه ٿو ڏيان ۽ حقيقت لکان ٿو. ھن صاحب فرمايو ته اسانجو ئي ڌرم آھي جو ٻئي ڌرم جو ماڻھو ايندو آھي يا اسان جي سنڌ جو ڪتو يا ڪانءُ ايندو آھي ته اسان اُنکي گھڻو مانُ ڏيندا آھيون ۽ اسانجو ماڻھو وڃي ته ڪوبه پڇندو نه آھي. پريزيڊنٽ اُنکي چيو مھرباني ڪري بند ڪيو اوھان جا ٽي منٽ ٿي ويا آھن.
    ٻِئي ماڻھو جنھن اڳ ۾ ڳالھائڻ لاءِ آڱر کنئي ھئي تنھنکي سڏ ڪيو. اُن صاحب به اوچي آواز ۾ ٻئي ڌرم تي ڪجھ چيو. مون ڏٺو ته ڪمل (قمر)، نُور جي ڪنوار جي اکين ۾ پاڻي اچي ويو ۽ رومال سان اُگھڻ لڳي. مونکان سَٺو نه ويو مان اٿي بيٺس ۽ پريزيڊنٽ کان موڪل گھري ته مونکي ٽي منٽ ڳالھائڻ ڏيو. پريزيڊنٽ کي به لڳو ته مان ڪجھ غصي ۾ آھيان. اُن مونکي چيو ته ھولارام اوھان شانتي رکو، مان اوھان کي پوءِ وقت ڏيان ٿي. مان ويھي رھيس ۽ پريزيڊنٽ پاڻ اُٿي چوڻ لڳي ”اوھان سڀ پڙھيل آھيو پاڻ کي شاعر ٿا چوايو ۽ ڪي اديب آھن پاڻ کي ٻين ماڻھن کان اوچ ڪوٽيءَ ۾ ٿا سمجھو اوھانکي وجود نه ڇڏڻ کپي. وجود ۾ رھو. جو ڳالھايو ته اِھو سمجھي سوچي ڳالھايو. وڌيڪ مان اوھانکي ڪھڙي نصيحت ڏيان. توھان پاڻ سمجھدار آھيو. جھڳڙي جو ميدان ڪونه آھي. ھي اديبن جو ميدان آھي.“ مون ڏي نھاري مونکي چيائين ته بس ھولارام ھاڻي ته اوھان کي منچ تي ڳالھائڻ جي ضرورت نه آھي. مان ڪنڌ لوڏي ھا ڪئي. اُن تي نور نبي اُٿي پريزيڊنٽ کان موڪل وٺي مائيڪ تي آيو. ڳالھائڻ شروع ڪيائين ته اسانجي سنڌ ۾ ھڪ صوفي فقير رھندو ھو. تمام درويش ھوندو ھو. جيڪو اُن وٽ ويندو ھو ته ھٿ جوڙي ڳالھائيندو ھو. ھميشہ نماڻي آواز سان پيش ايندو ھو. ڪھڙي به ڌرم جو ماڻھو ايندو ھو اُنکي سڀ قسم جو ھڪ جھڙو سنمان ڏيندو ھو. اُنھيءَ ڳوٺ ۾ ٻه ماڻھو تعصبي ۽ جاھل ھوندا ھئا. مياڻ ۾ تکي ۽ چمڪي واري تلوار رکي ڦرندا ھئا. سڀ کي ڊيڄاري پنھنجو مطلب ڪڍائيندا ھئا. اُنھن کي خبر پيئي ته درويش سڀني کي عزت ڏئي ٿو ۽ ٻين ڌرمن وارن کي به مٿي تي چاڙھي ٿو. اسان ٻئي ھلي ھنکي ڌمڪائي اچون ته اِئين نه ڪري. ٻئي درويش وٽ آيا. در تي بيٺا، صوفي درويش اُٿي بيٺو ۽ ھٿ ٻَڌي چيو ته وڏيرا صاحب اندر اچو. اُنھن کي ويھاري سنمان ڏنو. پاڻي پياريو پر اُھي وڏيرا ھر ھر تلوار ۾ ھٿ وجھي اڌ ٻاھر ڪڍي وري مياڻ ۾ پيا وجھن. تلوار جو چمڪو پيو ٿئي ۽ درويش سمجھي ويو ته ھنن جو مطلب مونکي ڊيڄارڻ جو آھي پر به درويش اڻڄاڻ ٿي اُنھن کان پڇيو ته اوھان اِھو ڇا ٿا ڪريو؟ اُنھن جواب ڏنو ته فقير ھي ھڪ اھڙو ھٿيار آھي جو اسان ڪنھن کي ھڻون ته انسان ٻه اڌ ٿي پوي. جيڪو به ماڻھو ٻئي مذھب واري کي اسانجي مذھب جھڙو درجو ڏيندو آھي ته اسان اُن ماڻھوءَ کي ھن تلوار سان ٻه اڌ ڪري ڇڏيندا آھيون. درويش ھٿ ٻڌي چيو ته ”سائين مون وٽ به ھڪ ھٿيار آھي جو مان اھڙن بي سمجھ ماڻھن لاءِ ڪتب آڻيندو آھيان.“ تنھن تي ھنن رڙ ڪري چيو ته ”ٻڌايو اوھان وٽ اھڙو ھٿيار ڪٿي آھي؟ جلد اسان کي ڏيکاريو اسان ڏسون ته اسانجي ھن تلوار کان وڌيڪ تِکو آھي.“
    درويش چيو ”ته نه تِکو آھي نه چمڪدار آھي. ڏسو منھنجو ھٿيار ھي آھي.“ درويش اُٿي بيٺو ۽ ھٿ جوڙي اُنھن تعصبي ماڻھو جي اڳيان نِميو ۽ چيائين ”سائين منھنجو ھٿيار ھي آھي، ماڻھوءَ کي ٻه اڌ نه ڪندو آھي، پر ٻن غصي وارن ماڻھن کي ٻن مان ھڪ ڪندو آھي.“ اِھو ٻُڌي اِھي شخص فقير کي ھٿ جوڙي ٻاھر ھليا ويا.
    نُور نبيءَ پنھنجا ھٿ ٻَڌي مٿي ڪيا ته منھنجي لاءِ جن کي به ڪاوڙ يا غصو آھي مان اُنھن کان معافي ٿو وٺان. ماڻھو تاڙيون وڄائڻ لڳا ۽ پوءِ جن به ٽن منٽن لاءِ ڳالھايو اُنھن سڀني تنوير نُور جي ساراھ ۾ ڳالھايو. ميٽنگ ھڪ خوشنما ٿي ويئي. ميٽنگ پوري ٿي ته مان نُور کان موڪلائڻ چاھيو پر اُن شام تائين روڪيو. اُنھي وچ ۾ ڪمل (قمر) مونکي چيو ته ادا توھان نُور کي جھليو ته سگريٽ ڇڏي ڏئي. مون به ڏٺو پئي ته جيئن مان ھنن وٽ ھوس ته نُور سگريٽ مٿان سگريٽ پيئي رھيو ھو. مون چيو ته نُور تون ڊاڪٽر آھين پوءِ به سگريٽ گھڻا ڇو ٿو پيئين. تنھنجا مريض جنھنکي دوا ڏيندو ھوندين ته ضرور چوندو ھوندين ته تماڪ گھڻو نه ڇڪيو. پر ڪو مريض ته ضرور چوندو ته اوھان ڇو ڇڪيو ٿا. پوءِ اسان کي ڇو ٿا منع ڪريو. نُور جواب ڏنو. اُنکي مان چوندو آھيان جيڪو به سٺي صلاح ڏئي اُھا ڪريو. پر صلاح ڏيندڙ جيڪو پاڻ ٿو ڪري اِھو بلڪل نه ڪريو. مان ڪمل (قمر) کي چيو ته ڇا ڪريون ھي عادت کان مجبور آھي. مونکي ھت ھڪ ننڍپڻ جي ڳالھ ياد آئي. صوڀيديري ۾ ھڪ مستانو رھندو ھو. اَلو اُنجو نالو ھو. ھڪ ڄنگھ کان منڊو ھو ۽ لٺ جي زور تي ھلندو ھو. اسان سڀ ننڍا ڇوڪرا اُنکي چيڙائيندا ھئاسين ”اَلو ڊکڻ ميڙي مکڻ تاج لنڊي ڪاڻ، تاج لنڊي کڻي بنڊي اَلو ڊکڻ ڪاڻ“ ھو اسانکي گاريون ڏيندو پٺيان ڊوڙندو ھو، پر ڊوڙي نه سگھندو ھو. منڊڪ منڊڪ ڪري پٺيان ايندو ھو. اسان ڇوڪرا ڊوڙ پائي ڀڄي ويندا ھئاسين. ھو وڏن ماڻھن کي دانھون ڏيندو ھو ته ڇورن کي سمجھايو نه ته مان ماري ڇڏيندومان.
    مونکي ياد آھي ته ھڪ ڏينھن مان بازار ۾ ڪجھ وٺڻ وڃان پيو. مونکي خبر ڪانه ھئي ته دڪان جي پاسي ۾ اَلو بيٺو آھي. جڏھن مان برابر اَلو جي پھچ ۾ آيس تڏھن اَلو ڀر ڪري اھڙي لٺ پُٺاڙن تي مونکي ھنئين جو منھنجي رڙ نڪري ويئي. پٺيان اَلو جو آواز آيو ته ڇورا مونکي وري چيڙائيندين؟ کاءُ لٺ. مان ته ھڪو ٻڪو ٿي ويس. برابر ٽي ڏينھن ايترو چيلھ ۾ سور ھو جو مان گھمي ڪونه سگھندو ھوس. پوءِ بازار ۾ نڪرندو ھوس ته ھيڏانھن ھوڏانھن نھاري ڏسندو ھوس ته اَلو ته ڪونه بيٺو آھي. جيڪڏھن بيٺو ھوندو ھو ته پري کان نڪري ويندو ھوس. اِتي ھڪ ٻي ڳالھ ياد آئي ته ميرڪ نالي ٻيو ڳوٺڙو اسانجي صوڀيديري کان ٻه ٽي ڪلوميٽر پري وسيل ھو. اُتي به سؤ کن گھر ھندن جا ھوندا ھئا ۽ مسلمانن جي وچ ۾ رھندا ھئا. اسان ننڍا ھئاسين ته اسانجو بابا ھڪ پرولي ڏيندو ھو ته ميرڪ جي ڳوٺ ۾ ھڪ انڌير ڏٺوسين، گھوڙي ۽ سوار ٻئي ٻيلھ گڏھ تي وڃن پيا. ٻيلھ ڇا کي چئبو آھي ته ٻه ماڻھو گڏ گھوڙي يا گڏھ تي ويٺل ھجن ته اُنکي چوندا ھئا ته ٻئي ٻيلھ گڏھ تي ويٺا آھن. اسان کي سمجھ ۾ نه پيو اچي ته گھوڙو ھڪ وڏو جانور آھي ۽ سوار اُن تي چڙھيل ھوندو پوءِ اِھي ٻئي گڏ (ٻيلھ) ڪيئن گڏھ تي وھندا. گڏھ ته جھڪي پوندو. جيڪڏھن گھوڙي رڳو ٻه ٽنگون گڏھ تي رکي وري گھوڙي جو سوار به گڏھ تي. اِھا ڳالھ ته مڃڻ جھڙي نه آھي. بابا چيو ته مان اوھان کي سمجھايان ٿو. ميرڪ ڳوٺ ۾ لوڪو واڻيو آھي جو حڪيم آھي. ڳوٺ ۾ ماڻھن کي دوا ڏيندو آھي پر ٽنگ کان منڊو آھي. ھڪ ٽَنگ برابر اٿس ٻي ٽَنگ گوڏي کان ھيٺ ڪانه اٿس. اُن ھڪ ڪاٺ جي ٽنگ ٺھرائي ھئي. وڏو ٿُلھو لڪڙو، اُن جي وچ ۾ جتي گوڏو پھچي ڪاٺ جو پاٽيو فٽ ٿيل ھوس ۽ پنھنجو سٿر اُن پاٽيه تي رکي ھلندو ھو. اُن لڪڙي ۽ پاٽيه کي گھوڙي چوندا آھن. ھاڻي جڏھن ھلندو ھو يا گھمندو ھو ته اُن ڪاٺ جي گھوڙيءَ تي مَنڊي ٽنگ رکندو ھو ۽ پنڌ ڪندو ھو. ھڪ ٽنگھ اصل ۽ ٻي ٽنگ گھوڙيءَ تي رکي ھلندو ھو. پر جڏھن گھڻو پنڌ ڪرڻو ھوندو ھوس يعني صوڀيديري ايندو ھو ته گڏھ تي چڙھي ايندو ھو. گڏھ تي چڙھندو ته اِھا ڪاٺ جي گھوڙي به گڏھ تي رکندو ھو ته ڪنھن سياڻي ماڻھو جي نظر پيئي ۽ ھڪدم رڙ نڪري ويس ته سوار (معنيٰ لوڪو) ۽ گھوڙي (ڪاٺ جي ٽنگ) ٻئي ٻيلھ گڏھ تي. پر وڃي پرولي ٺھي. مان جڏھن لوڪو حڪيم کي صوڀيديري ۾ ڏسندو ھوس ته يڪدم پرولي ياد ايندي ھئي ته گھوڙِي ۽ سوار ٻئي ٻيلھ گڏھ تي.


    دونهون

    جڏھن مان خيرپور ناز ھاءِ اسڪول پڙھندو ھوس ته ڪڏھن ڪڏھن سکر ويندا ھئاسين ته رستي ۾ ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جو نالو دونھون ھو. مان دل ۾ چيو ته ھن جو نالو دونھون ڇو آھي، جو دونھون باھ مان نڪرندو آھي. اگر اکين ۾ ويندو آھي ته اکيون سڙنديون آھن ۽ اکين مان پاڻي وھندو آھي. ڪجھ به ڏسي نه سگھبو آھي. دونھين ڳوٺ جو منھنجو ھڪ دوست ھو جنھن جو نالو ٻالچند ماکيجا ھو. مان اُن وٽ ويس ۽ ڳالھ ڪندي پڇيومانس ته دونھون ڳوٺ جو نالو اھو ڇو آھي؟ اُن ڳالھ ڪئي ته ڳوٺ ۾ ھڪ ٻـيرِ آھي. اُن ٻير کي ڪوبه ڪنڊو ڪونھي ۽ اُن ٻير ۾ ھميشہ ٻير ھوندا آھن. کائڻ ۾ ٻير ڏاڍا مِٺا ھوندا آھن. اُن ٻير جي وڻ مان دونھون نڪرندو آھي. وڻ جي پاڙ مان دونھون نڪرندو آھي ۽ ٻير کي ھڪ وردان آھي ته جيڪو ماڻھو ڳلي يا نِڙي جي سور کان دانھن ڪندو ھجي اِھو ماڻھو ھن ٻير جي وڻ تان ھٿ ڦيري پنھنجي ڳلي جي سور تي گھمائي ته اِھو سور غائب ٿي ويندو آھي. مونکي ھن ٻڌايو ته چوندا آھن ته پھريائين گھڻا سال اڳ ھت فقط ڦليا ذات جا مسلمان رھندا ھئا. اُنھن جو گذران کيتي ۽ گاين جي کير تي ھوندو ھو. ڪنھن وقت اُن ڳوٺ ۾ ٻاھران ڪو درويش آيو ۽ ھن دونھين دکائي پنھنجو گودڙي ۽ سامان ڀرسان رکي ديرو ڄمايو. پنھنجو نالو ابراھيم شاھ ٻڌايو. فقير وٽ راھ ويندا ۽ گھڻا ماڻھو ايندي ويندي ويھندا ھئا ۽ فقير سان روح رھاڻ ڪندا ھئا. ڦليا ذات جي قوم کي اُھا ڳالھ پسند نه ھوندي ھئي ۽ فقير کي اُٿارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ٻه ٽي ڄڻا اچي فقير کي ڌمڪائي ۽ اُٿي وڃڻ لاءِ چيو. آخرڪار لٺيون کڻي فقير کي چيائون ته اُٿي وڃ نه ته توکي به ماري ڇڏينداسين. فقير پنھنجي گودڙي ۽ سامان کڻي ۽ دونھين جي جڳھ تي ھڪ بڻانگي ٻير جي ڪاٺي زمين ۾ ٽنبي ۽ ھي پاراتو ڏنو.
    ”کريا کوھ ولين جا، ولڙيون ٿين وايون،
    جيڪي ويون جھنگ ڇڙي، سي وري نه آيون.“
    فقير اُٿي ويو. ٿورن ڏينھن ۾ فقير جو پاراتو لڳو ۽ ڦليا ذات جا ماڻھو آھستي آھستي ناس ٿيندا ويا ۽ جيڪي گايون جھنگ ۾ وينديون ھيون سي به ٿوريون ٿوريون واپس نه پيون اچن ۽ مال به گھٽ ٿي وين ۽ اُن جڳھ جتي فقير ڪاٺي کوڙي ھئي اُتي ھڪ وڏو وڻ ٻير جو ڄمي ويو ۽ چوندا آھن ته اڃا غور سان ڏسو ته اُن وڻ جي پاڙ مان دونھون نڪرندو آھي. ڳوٺ جو نالو دونھون پئجي ويو. دونھي ڳوٺ ۾ پوءِ ھندو مسلمان رھڻ لڳا. مان صرف اِھو ٿو چوڻ چاھيان ته ڪيترن سالن کان اسانجي سنڌ ۾ ھندو مسلمان گڏ رھيا ھئا پر ڪڏھن به مذھب ۽ ڌرم جي نالي ھڪ ٻئي ۾ جھڳڙو نه ڪيو ھو. ٻنھي ڌرم ۾ مذھب جو ڦير ڪونه ھوندو ھو. ھڪ ٻئي ۾ پيار محبت ھوندي ھئي مسلمانن ۾ به اھي ساڳيا گُڻ ھوندا ھئا جي ھندن ۾ ھوندا ھئا.


    ڪجهه قصا

    بابا جن ھڪ ٻي ڳالھ ڪندا ھئا ته ھڪ رات اسانجي ناناڻن جي گھر چور آيا ھئا. بابا جن اُتي ويل ھئا. اڌ رات جو مٿي کُڏ تي ڪنھنجي ھلڻ جو آواز آيو. بابا جن جاڳي پيا. مٿي ماڙيءَ ۾ پيتيون وغيره رکيل ھونديون ھيون. بابا جن ماما کي اُٿاريو ۽ ٻاھر آيا ته پڌر ۾ ڪاٺ جي ڏاڪڻ رکيل ھئي. ھڪ چور ڏاڪڻ کي جھلي بيٺو ھو. بابا جن رڙ ڪري چيو ته ڪير آھي؟ چور ڀڄي ويو. ٻاھر جي ڀِت سان ھڪ ڪاٺي ٽيڪ رکيل ھئي. بابا ٻه لٺيون ٻنھي ھٿن ۾ جھلي زور سان لَٺين کي ٽڪرائڻ لڳا. چور مٿي ھو سو اولي کان نھاري ھٽي ويو. بابا جن ڏاڪڻ ڪيرائي ڇڏي ۽ چور کي چيو ته نه ويندين ۽ زور زور سان اُن چور کي ڌمڪي ڏيڻ لڳا. ڪجھ نالا وٺي زور سان چوڻ لڳا ته توھان لٺيون کڻي اندران ڏاڪڻ تان چڙھي چور کي پڪڙيو. چور به ڏاڍو ڊڄي ويو ۽ سندس ساٿي ته اڳ ۾ ڀڄي ويو ھو. پاڻ ھڪ ڪُنڊ خالي ڏسي اُن کان ٽپو ڏيئي ۽ ڀِت تي جا ڪاٺي ٽيڪ رکي ھئي اُن تي چڙھي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. بابا رڙ ڪري لٺيون زور سان ٽڪرائي آواز ڪري چيو ته نه ويندين نه ويندين. اسانجو مامو ڊُڪ پائي ھڪ چور جي ڄنگھ جا ڪاٺيءَ تي رکي ڀِت ٽپڻ وارو ھو اُنکي پڪڙيو ته ٻيو مامو پھچي ويو ۽ لٺ سان چور کي مارڻ لڳو. ٻه ٽي لٺيون چور کي لڳيون ته ڪري پيو. پوءِ ته ٻيا ماڻھو به آيا ۽ چور کي کڻي ٻَڌائون. صبح جو سوير پوليس چونڪيءَ ۾ چور کي وٺي ويا. پوليس آفيسر چور جي رپورٽ ٺاھڻ لڳو. تڏھن رپورٽ ۾ لکيو ويو ته چور جڏھن ڀت ٽپي ٻاھر ڀڄڻ جي ڪري رھيو ھو ته چور کي اسانجي مامي جو نالو لکي چيو ته اُن پڪڙيو. پوليس جي صاحب چيو ته اي ڦلو (چور جو نالو) اڙي توکي صوڀي پڪڙيو! چور چيو ته سائين ھي مونکي ڇا پڪڙيندو؟ مان ھنکي لت ھڻان ته ھي پنج فوٽ پري وڃي ڪري. مونکي ھن مھاراج بابا جن ڏي اِشارو ڪري چيو ته ھنن جو دھشت ڀريو آواز ۽ رڙين منھنجي سڄي بدن جي طاقت ڪڍي ڇڏي ۽ مَت ئي مارجي ويئي. ھن صوڀي جھڙو مونکي ڇا پڪڙي سگھي ھا. پڪڙيو آھي ته ھن مھاراج پڪڙيو آھي ۽ شير مڙس آھي. ھنن جو آواز ۽ دڙڪن منھنجو ساھ مُٺ ۾ ڪري ڇڏيو. مان ڪري پيس. پوليس آفيسر بابا ڏانھن نھاري کِلڻ لڳا.
    مونکي ھڪ ٻي ڳالھ بابا ٻڌائي جو مونکي ياد آھي ۽ ڳالھ ياد ڪري کِل ايندي آھي. بابا جن ھڪ رات جو 3 بجي راڻيپور اسٽيشن تي لٿا ھئا. ساڻ سندن ڀاءُ ۽ ماسيءَ جو ڇوڪرو لالو به ساڻ ھئا. بابا جن پاڻ به اوچا ۽ بدن ۾ ڀريل ھوندا ھئا ۽ سندن ڀاءُ ته ھڪدم بدن ۾ ڀريل ھوندا ھئا ۽ ماسات به تمام ٿُلھو ۽ اسانجي ڪاڪي کان به وزن ۾ ڪَسر ڪڍي وڃي ۽ ٻنھي جي عمر اڃا سورھن سترھن سال مس ھئي. ڌرمشالا ۾ وڃي آرام ڪيون ته صبح جو ڪوئي وسيلو وڃڻ جو ٿيندو. بابا ڌرمشالا کان ٻاھر آواز ٻڌو. صبح جا 5 ٿيا ھئا ۽ ٿورو ٿورو سوجھرو ٿيو ھو. ٻاھر بابا ڏٺو ته جَت اُٺ ڪاھي آيو آھي. جَت صوڀيديري جي سواري کڻندو ھو. بابا جَت کي چيو ته مان ۽ ٻه ڇوڪرا آھن. جَت چار آنا ھڪ سواري ۽ ڇوڪرن جا ٻه ٻه آنا قبول ڪيا. ٽوٽل اٺ آنا وٺڻ جو مڃيو. بابا ڇوڪرن کي سڏ ڪري ٻاھر وٺي آيو. جڏھن اُٺ واري جي ويجھو آيا ته جت ڇوڪرن ڏي نھاري چيو ته مھراج ھي ته اوھان کان به وڏا آھن ڇوڪرا ڏسڻ ۾ نٿا اچن. بابا جَت کي چيو ته ريل ۾ ئي ھنن جي اڌ ٽڪيٽ ورتي آھي. عمر اڃا ارڙھن سال ڪونه ٿي اٿن ۽ مَرد نه ٿيا آھن. جَت چيو ته برابر عمر جا ننڍا آھن، پر مان اُٺ تي ٻه سواريون کڻندو آھيان. مردن کان به وڏا آھن. مون اوھان سان زبان ڪئي آھي. مان پئسا اوھان کان وڌيڪ نه وٺندس ۽ کڻي ھلڻ لاءِ به ٻڌل آھيان. زبان ضرور پوري ڪندس پر منھنجي اُٺ جو خدا خير ڪري. ڪا اُٺ جي چيلھ نه ٽُٽي پوي. پوءِ اسان ٽنھي کي اُٺ تي چاڙھي پاڻ اڳيان اڳيان مَھار کي وٺي ھلڻ لڳو. اُٺ صبح جو زور زور سان رنڀندا آھن. ٿورو رنڀي ته اُٺ کي ٿپڪي ماري چوي الله خير ڪندو. پُٽ مان ڏسڻ کانسواءِ سواري ڪئي آھي خدا ٻيلي ٿيندو. توکي ڪجھ نه ٿيندو. بابا جن اُن جَت کي آٿت ڏنو ته اُٺ کي ڪجھ نه ٿيندو. اِھو اِئين ٿو رنڀي. جت سڄي واٽ الله کي ياد ڪندو آيو ته مان زبان ڪئي آھي، مان زبان کان نه ڦرندس. پر منھنجي اُٺ جو اي الله! وار به ونگو نه ڪج. جڏھن صوڀيديري پھتاسين، اُٺ تان لٿاسين. جَت ڇوڪرن ڏانھن نھاري چوڻ لڳو ته الله اوھان جھڙا ڇوڪرا پيدا ڪندو ته اسانجي اُٺن جو خير ڪونه آھي. بابا جن پئسا ڏيئي صلاح ڏني ته تنھنجي اُٺ کي ڪجھ نه ٿيندو. خدا مڙئي خير ڪندو ۽ ھي ٻه آنا وڌيڪ اٿئي. اُٺ کي ڳُڙ وٺي کارائي ڇڏ ته اُٺ اڳـئين کان به تازو توانو ٿي ويندو.
    بابا جن ھڪ ٻي ڳالھ به ڪندا ھئا ته پاسي واري ڳوٺ ۾ ڀڳت ٿيڻي ھئي ۽ شادي به ھئي. سو اُھا ڪوٺ ڏيئي ويا ھئا. بابا ۽ ٻئي ڪاڪا جو مٿي بيان ڪيا آھن. اُن شادي تي ويا، رات جو دير سان پھتا ته ڀڳت چالو ھئي. ٻنھي پاسي ماڻھو ويٺا ھئا ۽ ڀڳت وچ ۾ نچي رھيا ھئا. بابا جن وچ مان لنگھي ھُن پاسي وڃڻا ھئا. بابا ۽ ڪاڪا جن کي سٺا ڪپڙا ۽ ڪوٽ ۽ مٿي تي پَٽڪو ٻڌل ھو. اڳ ۾ پاڻ سڀ بدن ۾ ٿلھا ۽ مٿان ڪپڙا ڪوٽ ۽ پَٽڪو ۽ ھٿ ۾ لڪڻ- وچ مان ٻانھون لوڏيندا لنگھيا. ڀڳت پڇيو ته ڪير آھن؟ ڪنھن ٻڌايو ته صوڀيديري جا مھمان آھن. اڃا لنگھي ٻئي پاسي آيا ته ڀڳت رڙ ڪري چيو ته صوڀيديري جا شينھن ته ڏسو. ھِت ته ڀڳت ۾ سڀ ڏُڪر جا ماريل ويٺا آھن ۽ ڄڻ اَٺ ڏينھن روٽي نه کاڌي اَٿن. ٻئي ڀڳت کي چيائين ھل ته صوڀيديري ۾ پيٽ تي رھون ۽ ھنن جھڙا متارا ٿيون. سڀ کِلڻ لڳا.


    ھندو مسلمان گڏ گذاريندا رھياسين

    اھڙيءَ طرح ڏينھن گذرندا ويا. اسان ھندو مسلمان گڏ گذاريندا رھياسين. اسين ھندو ڇوڪرا مسلمانن جي ملان يا ڪنھن وڏي جي مسخري ڪندا ھئاسين ته مسلمان اُن کي مذھبي رنگ نه ڏيندا ھئا يا سڀ گڏ ٿي ھندن کي ستائڻ جي ڪوشش نه ڪندا ھئا. مونکي ياد آھي ته اسڪول ڏانھن وڃڻ جي رستي تي ھڪ مسجد ھوندي ھئي. اُن جي سنڀال لاءِ ھڪ ملان رھندو ھو. ٻانگ پڙھندو ھو. ماڻھو اندر نماز پڙھندا ھئا. اِھو ملان عمر جو جوان ھوندو ھو. اسان اسڪول جي ڇوڪرن سان ڳالھائيندو ھو ۽ چرچا گھپا به ھڻندو ھو. ھندو مسلمان جو ڪوبه ڀيد ڀاؤ ڪونه ھوندو ھو. اسان ھندو ڇوڪرا ۽ مسلمان ڇوڪرا گڏ ٿي اُنکي چيڙائيندا ھئاسين. چوندا ھئاسين ته تون خدا کان اِھا دعا گھرندو آھين ته ”اي الله تعاليٰ! ننڍو وڏو مار پر ڏينھن نه کار“ ته ڏاڍو چڙندو ھو ۽ مارڻ لاءِ ڊوڙندو ھو. اسان ڀڄي ويندا ھئاسين پر ٿوري دير ۾ اِھا ڳالھ ڀُلي ويندو ھو ۽ وري ساڳيو ئي ساڳيو رھندو ھو ۽ ڪابه شڪايت نه ڪندو ھو. ڪنھن ٻئي مسلمان کي دانھن نه ڏيندو ھو. وري ھميشہ کِلي ڳالھائيندو ھو.
    مان اوھانکي پنھنجي ماتا صاحب جي بابت ڪجھ ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته، جڏھن ماتا صاحب جي شادي ٿي تنھن وقت سندس عمر 8 ورھيه ھئي. اسانجي ڏاڏِي (جيجي) کي اُن سان گھڻو پيار ھو. ماتا صاحب جو نالو شريمتي پاربتي ديوي ھو، پر اُن کي پيار مان پاري ڪري ڪوٺيندا ھئا. اسانجي جيجي اُنکي گھڻو پيار ڏيندي ھئي ۽ گھر جو ڪم ڪار گھٽ ڪرائيندي ھئي. پر جيئن اسانجي ماتا صاحب وڏي ٿيندي ويئي تيئن تيئن گھر کي سنڀالڻ لڳي. سڀ ڪم ڪار پنھنجي ھٿن ۾ کڻي ۽ اُنکي پورو ڪندي ھئي. گھر ۾ گايون، مينھون ھونديون ھيون. اُنھن جو کير پاڻ ڏوھندي ھئي. ڳوٺ جا ماڻھو لسي وٺڻ اسانجي گھر ايندا ھئا. امان کي ڳوٺ جون مايون گھڻو ڀائينديون ھيون. امان جيئن جيئن وڏي ٿيندي ويئي تيئن تيئن ٻارن جي پالڻ ۽ اُنھن جي دوا درمل پاڻ ڏيندي ھئي. ڪيتريون ئي ڳوٺ جون زالون ٻارن جي ڏَس لاءِ اسانجي جي گھر امان وٽ اينديون ھيون. اسانجي امان ھميشہ صبح جو 5 بجي اُٿندي ھئي. سڄو ڏينھن گھر جي ڪم ۾ رُڌل رھندي ھئي. ھندوستان ۾ اچڻ کان پوءِ به اسان سان چاليھ سال گڏ رھي. منھنجن پٽن ۽ ڀاءُ جي پٽن کي گھڻو پيار ڪندي ھئي. اڄ سڀ کيس تمام گھڻو ياد ڪندا آھن. منھنجو پٽ ڊاڪٽر آھي جنھن ٻن دواخانن کي پاربتي نالو ڏنو آھي. اڄ به اُھي ٻئي دواخانا پاربتيءَ جي نالي سان تمام گھڻو مشھور آھن. اسانجي ماتا صاحب اسانجي ڪٽنب پريوار لاءِ گھڻو يوگدان ڏنو آھي. جنھن لاءِ اسان سڀ اُنجا شڪر گذار ۽ آڀاري آھيون.


    چوري يا ڏوهه

    صوڀوديرو شھر ۾ گناھ ۽ چوري چڪاريءَ جو نالو ڪونه ھوندو ھو. ڦر- لُٽ جو به ڪو واقعو ڪونه ٿيندو ھو. ھڪ ٻه چوري ٿي ھئي دڪان يا گھر کي کاٽ ھڻندا ھئا. کاٽ جو مطلب ھوندو ھو پٺيان ڀِت ڀڃي وڏو ٽُنگ ڪندا ھئا، جنھن مان چور اندر لنگھي سامان کڻي ويندو ھو. چوري تمام وڏي ڪانه ھوندي ھئي. ماڻھن وٽ ايترا پئسا ڪونه ھوندا ھئا. ٻه چار سؤ رپيا مس ڪنھن جي گھر يا دڪان ۾ ھوندا ھئا. ڪپڙا وغيره يا باسڻ کڻي ويندا ھئا پر چوري جلد پڪڙجي پوندي ھئي. صوڀيديري ۾ ھڪ ٻه ماڻھو اھڙا ھوندا ھئا جن کي پيراڍو چوندا ھئا يعني چور جو پير جي نشان تي ته چور ڪيڏانھن ويو آھي ۽ وڃي اُن کي پڪڙائيندا ھئا. پوليس واري کي به خبر ھوندي ھئي ته چور ڪھڙا آھن ۽ اُنھنکي ٿاڻي تي گھرائي سچي ڪرائيندو ھو. جلدي چوري پڪڙجي پوندي ھئي. ھڪ پوليس وارو آسي پاسي ڳوٺن ۽ صوڀيديري لاءِ گھڻو ھوندو ھو. اُنجو انتظام بلڪل ساراھ جوڳو ھوندو ھو. سڀ ماڻھو پوليس واري کان ڊڄندا ھئا. ننڍي وڏي دانھن ته مُکي ۽ وڏيرا سُلجھائيندا ھئا. باقي وڏي شڪايت پوليس وارو ختم ڪندو ھو. پوليس وارو بازار مان لنگھندو ھو ته دڪان وارا اُٿي سلام ڪندا ھئا. ايندڙ ويندڙ جھُڪي سلام ڪندو ھو. اسان ڇوڪرا ته يڪدم ڀڄي وڃي ڪُنڊ ۾ لڪندا ھئاسين. وڏي ڪورٽ يا سڀ انسپيڪٽر آف پوليس جو گمبٽ تعلقي ۾ رھندو ھو. ڪوئي ورلي وڏي دانھن کڻي اُنھن وٽ ويندو ھو.
    ھڪ ڏينھن صوڀيديري ۾ ھڪ خبر پکڙجي ويئي ته درازن جي ڳوٺ ۾ سائين سچل سرمست جي درگاھ جو مقبرو آھي اُن جي چوٽيءَ تي سون چڙھيل آھي، اِھو گم ٿي ويو آھي. ڪوئي چور لاھي کڻي ويو آھي. خيرپور جي پوري پوليس ناظم صاحب سان اُتي درازن ۾ پھچي ويئي، تپاس ڪئي ويئي. پورو ھفتو گذري ويو پر پر چور جي خبر نه پئي. عجب جي ڳالھ اِھا ھئي ته ايترو مٿي چور پھتو ڪيئن؟ ڏھ فوٽ وڏو داٻو ۽ اُن مٿان ويڪرو مقبرو ٺھيل آھي ۽ مقبري مٿان گنبذ. مقبرو گھڻو ويڪرو ۽ اوچو سڄو ماربل جو لسو ۽ گسڪڻو ھو، جو اُن تي ڪير به بيھي نه سگھي يا چڙھي مٿي چوٽيءَ تائين وڃي سگھي. ڏاڪڻ وغيره رکڻ جي جڳھ ڪانه آھي. سڀ عجب پيا ڪن ته ڪيئن سون لاٿو ويو آھي. وڏا وڏا ماڻھو به منجھي پيا ته سون ڪيڏانھن ويو. پر اِھو قصو ڪير به سُلجھائي نه سگھيو. لاچار ٿي سڀ پنھنجي پنھنجي مقام تي ھليا ويا. اُنھيءَ ڳالھ کي ڇھ- اَٺ مھينا گذري ويا. جيڪو سون لاھي ويو ھو اِھو ماڻھو ٿورو ٿورو سون اُن مان ڀڃي ٻاھر ٻئي ڳوٺ ۾ وڪڻي ايندو ھو ۽ پنھنجي خرچ ۾ کائيندو ھو. ھڪ ڏينھن ٿورو سون کڻي پري ڳوٺ ڪونه ويو. راڻيپور ڳوٺ ۾ ويو. راڻيپور ۽ درازا گڏيا پيا آھن. سڀني ماڻھن کي چوريءَ جي خبر ھئي. جيئن اِھو ماڻھو سون کڻي سوناري وٽ آيو. سونارو ھندو ھو پر سچل سرمست جو ڀڳت ھو. اُن سڃاتو ۽ انومان ڪيو ته سون اِھو ئي آھي. اُن ماڻھو کي ويھاري پاڻ ٿاڻي تي پوليس کي ٻڌايو. پوليس ساڻ اچي اُنکي پڪڙيو. چور کي ٿاڻي تي وٺي ويو ۽ سچائي ڄاڻي ويو. باقي بچيل سون به مرامت ڪري ناظم کي اطلاع ڪيو. سڀ پوليس عملدار ۽ ٻيا ماڻھو چور سُوڌا درازن ۾ ڪَٺا ٿيا. اُن کان پڇيائون ته تو سون ڪيئن لاٿو آھي. چور جواب ڏنو ته مان مٿي چڙھي لاٿو آھي. سڀني کي عجب لڳو ته چور ڪوڙ ٿو ڳالھائي. چور چيو ته مونکي ڇڏيو ته مان مٿي چڙھي ڏيکاريان. چور کي ڇڏي پوليس چيو ته چڙھي ڏيکار. اِھو چور پھريائين پڇٽي سوڌو ڏاڪڻ رکي ۽ پوءِ مقبري تي نوريئڙي وانگر ھٿن پيرن سان چڙھندو ويو ۽ وڃي چوٽيءَ تي پھتو. سڀ ڏسندڙ عجب ۾ پئجي ويا. چور ھيٺ لھي چيو ته سائين ھيءَ ڪسرت مان ٻارھان مھينا ڪئي آھي، اُن کان پوءِ مان اُن ڪسرت ۾ ڪامياب ٿيس. روز رات جو ڏاڪڻ کڻي ھن پڇٽيءَ تائين پھچي پوءِ مقبري تي ھٿن پيرن جي زور تي چڙھن جي ڪوشش ڪندو ھوس. اڇو صبح ٿيندو ھو پوءِ گھر ڀڄي ويندو ھوس. مان ننڍي ھوندي ھڪ آکاڻي ماستر کان ٻُڌي ھئي ته ڪوريئڙو سترھن دفعا ڀِت تان ڪِريو پر ڪوشش نه ڇڏيائين نيٺ مٿي پھتو. مان به روز ٿورو ٿورو چڙھندو ھوس ۽ ڪِري پوندو ھوس پر ڪوشش ڪونه ڇڏيندو ھوس. برابر ٻارھان مھينا ڪوشش ڪيم ۽ روز سوين ڀيرا ڪِرندو ھوس. وري وري چڙھندو ھوس. نيٺ منزل حاصل ڪئي ۽ چڙھڻ جي اٽڪل حاصل ٿي ويئي. چور جي ڳالھ ٻڌي سڀ عجب ۾ پئجي ويا. چور کي پوليس وارا ٻڌي وٺي ويا. اسان اِھا ڳالھ ٻڌندا ھئاسين ته عجب ۾ پوندا ھئاسين ۽ سائينءَ جو مقبرو ڏسڻ ويا ھئاسين. چور جو ڪمال جو ڪم ھو. لسي ۽ ترڪڻي ماربل تي چڙھڻ تمام مشڪل ھو پر ھن جي لاءِ آسان ھو. ايشور جا رنگ آھن. انسان ڇا نٿو ڪري سگھي. مشڪل ڪم به آسان ڪري سگھي ٿو. چوندا آھن ته اُھو چور آخر ۾ اَنڌو ٿي مُئو.

    مذھبن مُلڪ ۾، ماڻھو منجھايا؛
    شيخي پيري، بزرگي، بيحد ڀُلايا؛
    ڪي نمازون نِوڙِي پڙھن، ڪِن مندر وسايا؛
    اوڏا ڪين آيا، 'سچُو' عقل وارا عشق کي.


    ڪراچي وڃڻ

    مون خيرپور جي ناز ھاءِ اسڪول مان مئٽرڪ 1946ع ۾ پاس ڪئي. اُن سال ئي منھنجي گھر ۾ ميٽنگ ھلي، جنھن ۾ منھنجو بابا ٻه وڏا ڀائر ۽ ماءُ ھئي. پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته ھاڻي ھن کي مٿي پڙھڻ لاءِ ڪراچي موڪليون. اُن وقت سڀ ڪورس جي داخلا ملي سگھندي ھئي، جو تمام ٿورا ڇوڪرا مئٽرڪ پاس ڪري سگھندا ھئا. بمبئي يونيورسٽي ھئي ۽ سڀ ڪاليج ڪراچي ۽ حيدرآباد ھوندا ھئا. باقي سنڌ جي ڪنھن به شھر ۾ ڪاليج ڪونه ھوندو ھو. ڪاليج جو خرچ گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سؤ مھينو ھوندو ھو، جو عام ماڻھوءَ لاءِ خرچڻ مشڪل ھوندو ھو. مونکي 30 رپيا اسڪالرشپ خيرپور رياست جي طرفان منظور ٿي ھئي پر باقي پئسا گھر وارن کي ڏيڻا پون ھا. پر ايترا پئسا گھر وارا ڏيڻ لاءِ تيار ڪونه ھئا. اسان جي ڳوٺ جو خان بھادر گل حسن خان عباسي ڪراچيءَ ۾ اُن وقت راشننگ کاتو نئون کُليو ھو ۽ خان صاحب اُن جو ھيڊ ھئا. ڪراچيءَ ۾ بندر روڊ ايڪسٽينشن تي سندن گھر ھو.
    خان بھادر صوڀيديري ۾ گھر موڪل تي آيل ھئا. بابا مونکي وٺي کين ملڻ ھليا. خان بھادر پنھنجي اوطاق (بنگلي) ۾ ويٺا ھئا. اسين سندن وٽ آياسين. اسانکي ويھاري حال احوال پڇيو. بابا جن کين چيو ته ھِن مئٽرڪ پاس ڪئي آھي. اوھان کان صلاح پڇڻ آيا آھيون ته ھاڻي اڳتي ڪھڙو ڪورس کڻون. بابا بلڪل صاف ڪيو ته اسانکي پئسي جي ايتري طاقت ڪانه آھي جو خرچ ڪري سگھون. خان بھادر صلاح ڏني ته ھنکي ڪاليج ۾ پڙھڻ کپي ۽ گڏوگڏ نوڪري به ڪرڻ کپي. ھن کي B.A. Arts پڙھڻ کپي ۽ ساڻ مان ھنکي راشننگ آفيس ۾ نوڪري به ڏيندس. اِھو فيصلو ٿيو. مان ڪراچي آرٽس ڪاليج برنس روڊ تي جوائن ڪيو. مونکي ڪلارڪ جي نوڪري به خان بھادر گل حسن خان ڏني.
    مان اِئين پھريون سال F.Y. B. A. پاس ڪئي ۽ ٻئي سال ۾ ويس. اُنھيءَ وچ ۾ ھندوستان آزاد ٿيڻ جون ڳالھيون ھلي رھيون ھيون. 14 آگسٽ 1947ع جو پاڪستان ملڪ ٺاھيو ويو ۽ 15 آگسٽ 1947ع جو ھندوستان آزاد ڪيو ويو. پاڪستان کي اڌ پنجاب ۽ اڌ بنگلاديش ۽ سڄو سنڌ پرانت ڏنو ويو. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڳالھيون ٿيڻ لڳيون ته پاڪستان ۾ ھندن کي رھڻ ڏاڍو ڏکيو ٿيندو. ٿورا مسلمان ھندن جي برخلاف ڪن ميڻ لڳا. ھندوستان جون خبرون به خراب اچڻ لڳيون. مونکي گھر کان ڪراچي ۾ ٽيليگرام آئي ته جلد صوڀيديري ھليو اَچ. مان به ڪراچي کان صوڀيديري آيس. بھار جي نوکالي پرانت ۾ ھندو مسلمانن جو جھڳڙو ٿيو. نوکالي مان بھار جا مسلمان لڏي سنڌ ۾ آيا. کوکڙا پار ڪري ميرپور خاص کان حيدرآباد سنڌ ۾ آيا. ٿورا جھڳڙا حيدرآباد ۾ اُنھن ڪيا. 6 جنوري 1948ع ۾ ڪراچي ۽ ڪوئيٽا ۾ وڏو جھڳڙو ٿيو جنھن ۾ ھندن کي ماريو ويو ۽ سندن دڪان ۽ مڪان ڦريا ويا. پوءِ ته ھندو سڀ ھندوستان ڀڄڻ لاءِ تيار ٿي ويا.


    ورهاڱي جون ڳالهيون

    پاڪستان ٿيڻ کان اڳ جي ڳالھ آھي. جڏھن 1942ع جي مومينٽ کانپوءِ ھندوستان ۾ انگريزن جي لاءِ گھڻي نفرت ٿي ويئي ۽ انگريزن کان راڄ وٺڻ لاءِ گھڻو زور ٿي ويو ھو. پير ڳوٺ ۾ پير پاڳارو رھندو ھو. کيس وڏو ڪوٽ ھوندو ھو. ڪوٽ جي اندر وڏي جڳھ ھوندي ھئي. سڀ ڪڇ اندر ھوندو ھو. ڪوٽ جي ڀِت ايتري ويڪر ۾ ٿُلھي ھوندي ھئي جو مٿان بيل گاڏي وڃي سگھي. انگريزن کي پير مان شڪ ھوندو ھو جو پير جا مريد سڄي سنڌ ۾ رھندا ھئا ۽ سڀني ڳالھين ۾ جبرا ھوندا ھئا. انگريزن پير کي ھڪ رات گرفتار ڪري ڪنھن شھر ۾ وڃي قيد ۾ رکيو. ڪنھن کي خبر ڪانه ھئي. پير جي گم ٿي وڃڻ کانپوءِ پير جا مُريد جنکي حُر چوندا ھئا اچي ڍگڙيا ۽ ماڻھن تي حملا ڪرڻ لڳا. دھشت ڦھلائڻ لاءِ سنڌ جي سڀني شھرن ۾ ڊپ ڦھلائي ڇڏيو. خاص ڪري جيڪي وڏا شاھوڪار ۽ زميندار ھوندا ھئا اُنھن تي حملا ڪري ماري مال کڻي ويندا ھئا. سنڌ ۾ گھڻو ڪري سڀني ڳوٺن ۾ ھندو ئي شاھوڪار ھوندا ھئا ۽ آتنڪواد ڦھلائڻ لاءِ ھر رات جو شھرن ۾ ھندن تي حملا ڪندا ھئا. ماري ڦري ڀڄي وڃي جھنگلن ۾ لڪندا ھئا. انگريزن جي راڄ کي ڪلنڪت ڪندا ھئا. سنڌ ۾ امن کي نقصان پھچائيندا ھئا. اسانجي ڳوٺ صوڀيديري جي ڀرسان ھڪ نواڙي نالي ڳوٺ ھو. مان اُن ڳوٺ جو واقعو اوھانکي ٻڌائڻ چاھيان ٿو. نواڙو ڳوٺ صوڀيديري کان ٽي ڪلوميٽر کن پري ھو. اُن ڳوٺ ۾ پنجاھ کن گھر ھندن جا ھئا ۽ باقي مسلمان ھئا. اُن ڳوٺ ۾ ھڪ درٻار ھئي جنھنجو ٻائو ڪوٽومل ھو. جنھن جو ڪٽنب ھينئر مھاراشٽرا، ڀوساول يا کنڊوا ۾ رھندا آھن. ڪوٽومل ڀائي صاحب نوجوان ٽيھ- پنجٽيھ سالن جا ھئا. درٻار ۾ ڪٿا ڪيرتن ڪندا ھئا. گھر به درٻار ھوندو ھئن.
    ھڪ ڏينھن جي ڳالھ آھي ته شام جي ٽائيم ۾ چار- پنج آتنڪوادي آيا. ھڪ کي بندوق ھئي باقي تلوار۽ ڀالا کڻي آيا ھئا. شھر ۾ گھڙڻ بعد ڪوٽومل جي گھر جي پڇا ڪيائون. اُن طرف وڌيا. اُن وچ ۾ ھڪ ڇوڪرو ڊوڙندو ڪوٽومل کي آگاھ ڪيو ته ڌاڙيل اوھان ڏانھن ٿا اچن. بندوق به ساڻ اَٿن. ڪوٽومل جلدي در بند ڪري اندر ڪوٺي ۾ ٻارن سان ھليو ويو. ڌاڙيل آيا ۽ رڙ ڪري چيائون واڻيا در کول نه ته بندوق سان ماري ڇڏينداسين. ڪوٽومل ڏٺو ته در ڀڃي اندر نه اچن. ٻي واھ نه ڏسي پٺئين پاسي دري ھئي. دريءَ ۾ لوھ جون شيخون ھيون. ڪوٽومل اھڙو ته خوف ۾ زور لڳايو جو دريءَ جون ٻه شيخون ٽيڙيون ڪري ڇڏيون ۽ اُن مان ٻاھر نڪرڻ جي جڳھ ڪري ڇڏي. پاڻ ٻاھر نڪري ۽ مٿي ڪوٺي تي پٺيان چڙھي ويو. ڪوٺي جي اولي جون سِرون اکيڙي ھڪ سِر چُپ چُپ ڪري ھڪ ڌاڙيل جي مغز تي زور سان اُڇلي. سِر جي لڳڻ سان ڌاڙيل کان رڙ نڪري ويئي ”يا الله“ ٻَئي ھٿ مٿي تي ڏيئي ويھي رھيو. رت سان سڀ ڪپڙا ڀرجي ويس. اُنھي وقت ٻي سِر ڪوٽومل ڪڍي. ٻِئي ڌاڙيل ڏانھن ڦِٽي ڪئي. بندوق واري بندوق سڌي ڪئي پر ڪوٽومل اولي جي آڙ ۾ ڇُپي ويو. اوچتو نڪري سِر جو وار ڪيو ۽ اُھاسِر بندوق واري کي لڳي ته بندوق ھيٺ ڪري پيس. جيئن بندوق کڻڻ لاءِ ھيٺ نميو تيئن ڪوٽومل ڦڙتيءَ سان ٻي سِر ڪڍي آتنڪوادي جي پُٺاڙن تي ھنئي ۽ آتنڪوادي ويھي رھيو. انھيءَ وچ ۾ ڪوٽومل مرڻ جي ڀؤ کان ايتريون ته جھڙپ سان سِرون پٽي ۽ ڌاڙيلن کي ھڻندو ويو جو اُنھن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ پاڻ ۾ چوڻ لڳا ته ڀڄو جلد ڀڄو نه ته واڻيو ماري وجھندو. ڪوٽومل ڳالھ پيو ڪري ته جڏھن مان ۽ بابا وٽس ويا چوي پيو ته چور اھڙا مُنجھيا جو ھڪ جو ته پَٽڪو به وسري ويو. چور پيا چون ته واڻيو ڇِتو ٿي پيو آھي ۽ اسانکي نه ڇڏيندو ۽ ڀڄو. ڀڄي ويا. جڏھن خبر پئي، خيرپور مان ڊي. ايس. پي پوليس به نواڙي ڳوٺ آيو. ڪوٽومل کي آفرين نامو عطا ڪيو ۽ بندوق رکڻ جو لائيسن به ڏنو. پوءِ ڀائي ڪوٽومل کي بندوق جو لائيسن مليو ھو ۽ بندوق رکندو ھو. اِھا بندوق ھندوستان ۾ به کڻي آيو ھو.
    مونکي ياد آھي ته ھڪ ڏينھن اسانجو استاد مير خدايار خان ڪلاس ۾ جيئن اندر آيو اسان گوڙ ڪريون پيا ته استاد رڙ ڪري چيو ته ڇورا توھان کڻي اُٺ مسيت تي چاڙھيو آھي. اسان مان ھڪ ڇوڪر چيو، سائين اُٺ مسيت تي ڪيئن چاڙھيو ويو ھو؟ پوءِ اسان استاد کي چيو ته سائين اسانکي بيان ڪري ٻڌايو ته ڇوڪرن ڪيئن اُٺ مسيت تي چاڙھيو. پوءِ سائينءَ ٻڌايو ته 15-20 ڇوڪرا صبوح جو سويل 5 بجي اچي ھڪ ڪوٺيءَ جي ڀرسان ڪَٺا ٿيا. ڪوٺي اسڪول جي پٺئين پاسي خالي لڳندي ھئي. ڪوئي به اُن ۾ نه رھندو ھو. مالڪ ڪڏھن ڪڏھن اچي ٻُھاري پائي ھليو ويندو ھو. ڪوٺيءَ کان سَڏ پنڌ تي ھڪ ٻني ھوندي ھئي جنھن ۾ جوئر جو فصل پوکيو ويو ھو. فصل جو لابارو پئجي ويو ھو. ٻارِ به کڄي ويئي ھئي. جوئر جي گاھ جا بند ٻڌي کرا اُڀا ڪيا ويا ھئا. 5- 6 اھڙا کرا ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ تي ھئا. کرن جي چوڌاري ڪَنڊن جو لوڙھو ڏنو ويو ھو ته جيئن جانور گاھ کائي نه وڃن. اڃا اوندھ ھئي ۽ پنھنجو ڪم شروع ڪين. ٻه ڇوڪرا ڊوڙ پائي لانڍيءَ مان ٻڻانگي کڻي آيا. ٻڻانگيءَ سان ڪَنڊن جو لوڙھو پري ڪري لنگھ ٺاھيو ويو. گاھ جابند کَري مان ڪڍندا ڪوٺيءَ تائين پھچايا ويا ھئا. بند ڪوٺيءَ جي پٺئين پاسي کان اھڙي طرح رکندا ويا جيئن آھستي آھستي ڏاڪڻ وانگر چاڙھي ٿيندي ويئي ۽ ڪوٺيءَ جي ڇت تائين پھچي ويئي. ڪوٺيءَ تائين ڏاڪڻ وانگر گاھ جي لاھِي ٺاھي ويئي جيئن آسانيءَ سان گاھ تان چڙھي ڪوٺي جي ڇت تي پھچي سگھجي. ٿوري پنڌ تي جَت جو گھر ھو. اُٺ ٻاھر ٻَڌل ھو. ٻه ڇوڪرا ڊوڙ پائي اُٺ کي مھار کان وٺي ڪاھي آيا. جڏھن ڪوٺيءَ وٽ پھتا ھڪ ڇوڪرو اُٺ کي اڳيان مھار کانوٺي ڇِڪڻ لڳو ٻيو ڇوڪرو پٺيان اُٺ کي لڪڻ سان ھڪلڻ لڳو. ڇڪيندا گاھ تان مٿي ڪوٺي جي ڇت تي چڙھي ويا. جڏھن اُٺ ڪوٺي تي پھتو ته ڇوڪرا ھيٺ لھي آيا ۽ سڀيئي ڇوڪرا گاھ جا بند کڻي اڳـئين طرح کَرا ٺاھي ڪَنڊن جو لوڙھو ڏيئي ٻڻانگي رکي آيا. ٻه ڇوڪرا ٻُھاري ڪوٺيءَ جي چوڌاري پائي صفائي ڪري ڇڏي. ڪوبه گاھ جو نشان نه ڇڏيو. اِھو ڪم ڪري سڀ پنھنجي پنھنجي گھر ھليا ويا. اِسڪول جي ٽائيم تي ڪتاب کڻي اسڪول ۾ آيا. اِھيءَ وچ ۾ ڳوٺ جي ماڻھن جڏھن ڏٺو ته اُٺ ڪوٺيءَ تي چڙھيو بيٺو آھي. عجب ۾ پوڻ لڳا ھڪٻئي کي چوڻ لڳا ته رات ھِن ڳوٺ ۾ جِن ڀوت آيا ھوندا جن اٺ کي کڻي ڪوٺي تي بيھاريو آھي. اُٺ وارو به دانھون ڪرڻ لڳو ته منھنجي ڪمائي ڪيئن ٿيندي؟ آخرڪار استاد کي مغز ۾ ڳالھ آئي ته اِھو ڪم منھنجي ڪلاس جي ڇوڪرن جو آھي. مان اُنھن کي ٻڌايو ھو ته اُٺ ڪيئن ڪوٺيءَ تي چاڙھيو وڃي ۽ ھنن اُھو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. ڇوڪرن کي ھيٺئين مٿئين ڪري سچي ڪرايو ۽ اُنھن کي چيائين ته وڃي اُٺ کي ھيٺ لاھيو. ڇوڪرا ڊوڙندا ويا جھڙي طرح گاھ کڻي آيا ھئا ۽ ڏاڪڻ ٺاھي ھئي اھڙي طرح اُٺ کي لاھي وري ساڳيو گاھ ٺاھي کَرا ٻڌي آيا ۽ ٻھاري پائي ڪوٺيءَ جي ٻاھران صفائي ڪري ڇڏي. ماڻھن جڏھن اِھو تماشو ڏٺو ته عجب ۾ پئجي ويا ۽ چوڻ لڳا اُھو سچ آھي ته اسڪول جا ڇوڪرا اھڙا ڏِنگا آھن جو اُٺ کي ڪوٺيءَ تي چاڙھي سگھن ٿا. اُٺ واري کي ڇوڪرن 5 رپيا ڏنا جو اُنجي ڪمائي نه ٿي ھئي. مان ننڍو ھوس ڳالھ ٻڌي عجب کائيندو ھوس ته اِھو سچ آھي يا ڪوڙ پر سمجھ ۾ نه ايندو ھو.
    مونکي ڪاليج جو واقعو پوءِ ياد آيو جنھن جو مان ھتي ذڪر ڪريان ٿو. فرسٽ ايئر ۾ سرڳواسي رام پنجواڻي اسانجو سنڌيءَ جو پيرڊ وٺندو ھو. ھڪ ڏينھن سڀني ڇوڪرن صلاح ڪئي ته رام پنجواڻيءَ کان گيت ڪلاس ۾ چوارايون. پنجواڻي صاحب جڏھن ڪلاس ۾ آيو تڏھن سڀني ڇوڪرن فرش سان بوٽ گسائڻ شروع ڪيا. پنجواڻي صاحب سمجھي ويو ته ڇوڪرن کان ڪارڻ پڇيو ته ڪھڙي موئي ٻلي توھانجي ڪَڇ ۾ آھي. ڇوڪرن چيو سائين اڄ اسانکي گيت ٻڌايو. تنھن تي پنجواڻي صاحب چيو جڏھن مان ڳالھائيندو آھيان ته توھانجا وڏا ڪنڌ لوڏي ھا- ھا ڪندا آھن ۽ توھان حرڪت ڪريو ٿا. تنھن کان پوءِ ڇوڪرن عرض ڪيو ته سائين معاف ڪريو ۽ ھڪ گيت ٻڌايو. پنجواڻي صاحب آيو لعل جھولي لعل جو ھڪ گيت ٻڌايو ۽ نچڻ لڳو ۽ شاگرد پڻ نچڻ لڳا.
    ٻيو واقعو ڪاليج جو ياد آھي ته ھڪ پروفيسر تمام سھڻو ھوندو ھو. ڇوڪرا سڀ چوندا ھئا ته ھنکي ڏاڙھي ڄمي ئي ڪانه ٿي. ھڪ ڏينھن پروفيسر کي ڇوڪرن گھيرو ڪري ڪارڻ پڇيو تنھن تي پروفيسر جواب ڏنو ته مان ڏاڙھي روز نئين بليڊ، بغير صابڻ جي لاھيندو آھيان مٿان تيل مالش ڪري زور سان اُگھي ڇڏيندو آھيان. اسان به دل ۾ ويچار ڪيو ته اسين به اِھو طريقو آزمائينداسين.
    30 جنوري 1948ع ۾ صوڀيديري ۾ خبر آئي ته مھاتما گانڌيءَ کي بندوق جي گوليءَ سان ماريو ويو آھي ته ڳوٺ ۾ سڀني ھندن جي گھرن ۾ اِھو افواھ اٿيو ته ھينئر ھِت رھڻ ۾ سلامتي ڪانه ٿيندي. روز افواھ پيا اُٿن ته سڀني ڳوٺن مان ھندو لڏي رھيا آھن. ھندوستان وڃي رھيا آھن. اُن کان اڳ ۾ ڪنور رام کي گولي لڳي ھئي يا مھاتما کي گولي لڳي. اُن جو واسطو لڏ پلاڻ سان ڪونه ھو. پر اڻ پڙھيل ۽ جاھل ماڻھو اُنھن حادثن جو بيان ڪري ماڻھن ۾ گمراھي پيدا پيا ڪن. اسانجي سنڌ جي آدمشماري اُن وقت چاليھ لک کن ھئي جنھن ۾ اسان سنڌي ھندو چوڏھن پندرھن لک ھئاسين ۽ باقي مسلمان ھئا. اسان جي وڏن ۽ مِٽن مائٽن پاڻ ۾ صلاح ڪري سنڌ مان لَڏڻ جو ويچار ڪيو. سڀ پاڻ ۾ مِٽ مائٽ صلاح ڪري اچي خيرپور شھر ۾ گڏ ٿيا. گاڏي روھڙيءَ مان شروع ٿيندي ھئي جا ڪراچيءَ تائين ايندي ھئي. اسين سڀ مائٽ ۽ دوست ھڪ دٻو رزرو ڪيوسين. خيرپور مان چڙھي ڪراچي آياسين. بسترا ۽ پيتيون ڪپڙن جون مال گاڏيءَ ۾ بوڪ ڪيل ھيون.


    صوڀيدري کي ڇڏڻ

    جڏھن ڪراچي پھتاسين ڪانگريس شيوڪ اسانکي مندر ۾ وٺي آيا، جتي ھزارين سنڌي ھندن جا ڪٽنب رھيل ھئا. ريل مان سامان وٺڻ وياسين ته ڪجھ نه مليو. سڀ گم، دانھن ڪئي پر ڪوبه نه پيو ٻُڌي. وڏا نيتا به چون پيا ھندوستان سلامت وڃو. اِھوئي ڪافي آھي. اٺ ڏينھن مندر ۾ رھياسين. دال چانور کاڌي لاءِ ڪانگريس وارا ڏين پيا. اڌ بُک پيا ڪڍون. اٺن ڏينھن کانپوءِ وارو آيو ته اوھان پنھنجون ٽڪيٽون پاڻيءَ جي جھاز جون وٺو. پندرھن روپين ۾ ھڪ ٽڪيٽ جا ڏيئي ٽڪيٽ وٺي آياسين. ٻئي ڏينھن ٽرڪ ۾ چاڙھي پاڻيءَ جي جھاز ۾ بندر تي آياسين. جھاز ۾ اٽڪل ٽي ھزار ماڻھو چڙھيا ھئا. ھيٺ جھاز ۾ وڏو ھال ھو جنھن ۾ ٿورو جيڪو سامان ھو رکي ويھي رھياسين. رات جو سوڙھ سنگھوڙ ۾ سمھي پوندا ھئاسين. دال چانور سرڪار جي طرفان ملندا ھئا. ٽن ڏينھن کان پوءِ بمبئيءَ اپولو بندر تي اچي پھتاسين. جھاز مان لھي دڪو جو تمام وڏو ھو اُتي سامان رکي ويٺاسين. اسان کان اڳ ۾ ھزارين ماڻھو ويٺا ھئا. لائوڊ اسپيڪر تي ظاھر پيا ڪن ته ھتان ٽرين رات جو ڇٽندي، جنھنکي به وڃڻو ھجي گاڏيءَ ۾ وڃي ويھي. اُنکي ڪئمپ ۾ وٺي ويندي. اُتي اوھانکي رھڻ لاءِ جڳھ ۽ کاڌي لاءِ راشن ملندو. اِھي ماڻھو ڀلي وڃي سگھن ٿا. ڪئمپون آھن: اڪبر، ڪلياڻ، ساوٿ، ديوالي، ڍونڍو، پمپري وغيره. ڪھڙي گاڏي ڪيڏانھن ويندي اِھا خبر ڪانه آھي. اسان سڀني پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته ھڪ ٻه ڏينھن ڏسون ۽ پڇا ڪريون ڪيڏانھن ھلون. ٻه ڏينھن گذريا بمبئيءَ به ڏينھن جو گھمي پيا اچون. ھڪ رات جو اٽڪل 3 ٿيا ھئا ته ھڪ ٻُڍو پيشاب ڪرڻ اُٿيو. تڏھن اپولو بندر کي اولو ڪونه ھو. ميدان ۽ پاڻي گڏيا پيا ھئا. ٻُڍو رات جو ڏسي ڪونه سگھيو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ ڪريو ۽ رڙيون ڪيائين. ڪير پاڻيءَ ۾ وڃي اُنکي بچائي ٻُڍو ٻڏي ويو. اسانجي سڀني قبيلي وارن کي خوف لڳو ته ھلو ھلو. ٽرين بيٺي آھي. جتي ڇڏي، ھلي رھنداسين پر ھِتان نڪرون. ٻُڍو ڀوت بڻجي نه رات جو اسانکي پڪڙي. سڀ اُٿيا. پنھنجي ھرڪو ھڙ کڻي گاڏيءَ ۾ چڙھيو. اسان به گاڏيءَ ۾ چڙھي سمھي پياسين. گاڏي رات جو ڪڏھن ھلي خبر ئي نه پيئي. صبح ٿيو ته اسان ڏسون پيا ته گاڏي ھلندي ھلندي پيئي ويئي. نيٺ صبح جو 12 بجي ھڪ ننڍي اسٽيشن تي پاسي واري ريل جي پٽي تي بيٺي. اُتي دٻا ڇڏي اِنجڻ ھلي ويئي. اسان ڏٺو ته ننڍي اسٽيشن اسوالي آھي ۽ پڇا ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته اُتان ڏيڍ ڪلوميٽر پري ليڪ بيل (Lake Beale) ڪئمپ آھي، جنھن ۾ اسانکي رھڻو آھي. شام جو ٽرڪ آئي ۽ اسانکي ليڪ بيل ۾ کڻي ويئي. اُتي ٻه سال رھياسين. راشن سرڪار ڏيندي ھئي. جو ٿورو کُٽندو ھو سو پاڻ خريد ڪندا ھئاسين. ھي ڪئمپ ڊيولالي ۽ ناسڪ جي ڀرسان ھوندي ھئي. ٻه سال ھن ڪئمپ ۾ رھياسين. ٻن سالن کان پوءِ اسان احمدآباد آياسين. احمدآباد ۾ سرڪار جون رھڻ جون جايون ھيون. ڪٻير نگر، واڙيچ، ٺڪرٻاپانگر، درياپور ۽ مڻينگر، راڻپ ڪئمپ سڀ ڀرجي ويون ھيون. اسانجي لاءِ راڻپ ڪئمپ ۾ تنبو لڳايا ھئا. اسان ڇھ مھينا تنبوءَ ۾ رھياسين. اُن وچ ۾ سردار نگر ٺھي رھيو ھو. اسان کي پوءِ سردار نگر ڏنو ويو. سردار نگر جنھن جڳھ ۾ رھيا آھيون. اِھائي اڄ تائين جڳھ آھي.
    ڌنڌن لاءِ ماڻھو احمدآباد شھر ۾ جتي جڳھ خالي ڏسن پيا اُتي صندل يا ڪئبن رکي ڌنڌو ڪن پيا. ڪيترا ماڻھو گھوراڙو ٿي گاڏين ۾ شيون وڪڻڻ لاءِ وڃن پيا. مطلب ته ھر قسم جو ڌنڌو سنڌين ڪيو پئي. زندگيءَ سان جدوجھد ڪري بھتر ڏانھن ڊوڙون پيا. ھينئر ڏسنداسين ته 25 سيڪڙو سنڌي تمام سٺي حالت ۾، 25 سيڪڙو سٺي حالت ۾، 25 سيڪڙو پوري حالت ۾ ۽ باقي 25 سيڪڙو غريبي يعني تمام گھٽ حالت ۾ آھن.
    سنڌي اڃا به شرنارٿي چيا وڃن ٿا، جو اسان سنڌين کي پنھنجي سنڌ ڪونه آھي. اسان گجرات ۾ گجراتين جي اڌين آھيون. مھاراشٽر ۾ اُنھن جي اڌين، اسان جا سنڌي سڀني ديشن ۾ ٿورا ٿورا ٿي ويا آھيون پر اسانکي پنھنجو ديش ٽڪر ڪونه آھي، جنھن کي اسان پنھنجي سنڌ چئي سگھون. سڀني راجين ۾ اسين ٻاھر جا آھيون پر اسان کي پنھنجو راجيه ڪونه آھي.
    اسانجي سنڌي ٻولي گھٽ ٿيندي ٿي وڃي. مان پنھنجي گھر جو مثال وٺان. مان پنھنجي پٽن کي سنڌي پڙھايو. پر منھنجي پٽن ڪنھن کي به سنڌي اسڪولن ۾ داخل نه ڪيو. سڀ انگريزي ماڌيم ۾ داخل ٿيا آھن.
    اھڙي طرح سڀني سنڌين جي گھر ۾ سنڌي ٻولي گم ٿي رھي آھي. آھستي آھستي اسڪول بند ٿي رھيا آھن. اسان کي ھي بوڪ به انگريزيءَ ۾ لکڻو پوندو ته اسانجا ننڍا پڙھي سگھن.
    اسانجي سنڌڙي جيڪا ھميشہ اسان سنڌين کي ياد رھندي اُنکي ياد ڪري ھميشہ پيا خوش ٿينداسين. سنڌيءَ ۾ آکاڻي لکڻ وقت اسان کان ڪڏھن اکين مان پاڻي وھندو آھي ۽ سنڌونديءَ جو پاڻي ياد ايندو آھي. پھريائين اسانجا آريا سنڌ ۾ آھي. موھن جو دڙو سنڌ جو مشھور آھي. سنڌ جو راجا ڏاھرسين اڄ به ياد آھي. اُنجي عربن سان لڙائي ۽ دوکي سان مارجي وڃڻ ڪري گھڻو دک ٿيندو آھي. اسانجون سنڌ جو ستيون ۽ راڻين ديش لاءِ قرباني ڏنيون آھن ۽ تن جي امر ڪھاڻي پڙھي دل اُڀامي اُٿندي آھي ۽ سنڌ ۽ سنڌين سان جيڪي دوکا ٿيا آھن اُھي ياد ڪري ارمان ٿيندو آھي. ھي سڀ راڄنيتيءَ جي ڪارڻ ڪري سنڌ سھن ڪيو آھي. اِھو مثال پاڪستان ٿيڻ وقت سنڌ کي صدقي جي ٻڪري بڻائي پاڪستان سان ملايو ويو آھي. جنھنڪري اسان سنڌي ھندن کي سنڌي مسلمانن کان جدا ڪيو ويو آھي جن سان اسان ڪيترائي ورھيه گڏ گذاريا آھن.


    خط دوست جو (پاڪستان)

    786
    سدا برادرم ھولارام خوش بھار ٻچن سميت ھجو.
    برادرم گھڻن سلامن ۽ پيار محبت جي لکجي ٿو ته، اوھان جي پُٽ جي شاديءَ جو دعوت نامو مليو وڏي مھرباني. مان ڪراچيءَ ويل ھوس. اکين جي ماڻڪي وِڌل آھي. اُھي ٽاڪا ڪرائي ۽ چشمو ورتم. موٽي آيم ته اوھانجي نينگر جي شادي ٿي گذري ويئي. اوھانکي لک لک واڌايون ھجن. گھوٽ ڪنوار ۽ ماڻس کي پڻ واڌايون ڏيندا. حياتيءَ تي اعتبار نه آھي اُنڪري جلد ايندا ٻچن سميت ته اسانجا ٻچا اوھان سڀني کي ڏسي خوش ٿيندا. سکر به گڏجي ھلنداسين.
    ادا عبدالنبي ھاڻي وزير سنڌ آھي. سندس ٽيليفون ................. آھي اُن سان به ڪراچيءَ ڳالھائيندا. منھنجا ٻه پُٽ به ڪراچيءَ ٿا رھن. ھڪ پُٽ زاھد حسين لائيٽ جي ڪم لاءِ ويو آھي. ٻن ڏينھن بعد ڪراچيءَ پھچندو ۽ ننڍو شاھد حسين انجنيئر سي. ڊي. اي اسلام آباد آھي. توھان ضرور ايندا، خط لکڻ ۾ دير نه ڪندا. سلام ۽ پيار سڀني ننڍن وڏن کي ڏيندا.

    نيازمند، عبدالرحمان عباسي (ساڳيو)


      خط ھڪ دوست جو

    پاڪستان
    پيارا ھولارام سدا باغ بھار بعد سِڪ سلام، شونق، ديدار درشن جي ته اوھان جو قرب ڀريو خط 26.3.2004 جمعي تي مليو. پڙھي دستخط ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي. پيارا وڏو عرصو گذري رھيو ھو جو اوھانجو خط نه آيو. اڳ ھڪ خط ڊاڪٽر صاحب جي خط سان موڪلي مليو. ان ۾ راضي احوال ھو ته جلد ايندس. پنجاھ سالن جو وڇوڙو جدائي ختم ٿي ويندي. اُن آسري دلاسي تي دل کي آٿت ڏيندو رھيس. ھر ھڪ دوست سڄڻ کي اِھو احوال ھو ته ننڍڙائپ جو سڄڻ جلد اچڻ وارو آھي، جو گڏجي صوڀيديري جو سير ڪبو. ڊاڪٽر عبدالرحمان عباسي عيد بعد مليو وري ڪراچي ھليا ويا آھن جو سندن طبيعت ٺيڪ نه ٿي پيئي ھئي. سو به سڄڻ اڄ تائين واپس نه آيو آھي. سندس گھر واريءَ کان ھر وقت پڇا ڪندو رھندو آھيان ته ڪڏھن ايندا. ادي ھِت ناظم آھي اُنکي پنھنجي آفيس جا ڪم آھن اُن ڪري ھِت رھي ٿي. باقي ادا ڊاڪٽر صاحب ڪراچي رھن ٿا. اديءَ جو چوڻ ته ڊاڪٽرن منع ڪئي آھي ته ٻاھر به نه نڪري، گھٽ ڳالھائي، ھِت اچي ٿو ته گھر نٿو رھي. ڪراچيءَ ۾ نينگرن جي نظر ۾ آھي. ھُت آرام ۾ رھي ٿو. ھِت 28.3.2004 تي نائب ناظم ۽ ڪجھ ڪائونسلرن جي ووٽنگ چونڊ آھي. صوڀيديري ۾ نائب ناظم جي چونڊ آھي. اڳيون نائب ناظم استعيفا ڏيئي ويو آھي. اِھا جاءِ ڀرڻي آھي. 1.4.2004 کان ادي نورجھان به ڪراچي ويندي پوءِ ڊاڪٽر صاحب کي به وٺي ايندي. ڊاڪٽر صاحب جي به ڏاڍي سِڪ لڳي آھي. مان ھِت عشر نڪاح جي ڪم رُڌل آھيان جو نائب چيئرمين آھيان. منھنجو به وڃڻ ڪراچيءَ ڪونه ٿيو آھي. اوھان وارو خط ادي نورجھان ڏانھن موڪلي ڏنو اٿم جو ڪراچي ڊاڪٽر صاحب ڏي موڪليندي. اھو خط مون کوليو نه آھي. پنھنجا ٻه فوٽو موڪليان ٿو. اُميد ته ديدار ٿيندو. اوھان جو فوٽو ساڻ پرس ۾ رکيو اٿم جو ھر وقت ديدار ٿيندو رھي ٿو. جڏھن به ٻٽون کوليان ٿو ته ديدار ٿئي ٿو. ٽيليفون نمبر ڪراچي وڏي پٽ عبدالستار سامٽيو جو ڊپٽي ڊائريڪٽر آف حج ڪراچي ۾ آھي. سڀني کي پيار سلام چوندا. آءٌ به اچڻ لاءِ دل چوي ٿي پر عمر وڏي 84 سال آھي. ڊاڪٽر صاحب به ھم عمر آھي. سفر جي تڪليف نٿي ڪري سگھجي. سکر به لاچار وڃڻ ٿئي ٿو. ڊاڪٽر به لاچار ڪراچي وڃي ٿو. سو به پنھنجي خاص گاڏي اٿن. اوھان جي طبيعت فوٽو مطابق سٺي سھڻي طاقت واري ڏسجي ٿي. سفر جي تڪليف سھڻ جھڙي آھي. مالڪ ڪندو ته ھڪ دفعو ڀاڪر پائي پوءِ حياتي پوري ٿئي شڪل دليون جدائيءَ ۾ رھجي نه وڃن.

    اوھان جو منتظر- لعل بخش سامٽيو


    شڪر گذاري

    مون جڏھن ڪتاب لکيو ته اُن جي ڇَپائڻ جي چنتا ۾ ڪيترن ماڻھن کان پڇا ڪئي ته ڪٿي ڇَپايان. پر اھڙو ماڻھو ڪونه پئي مليو. نيٺ ھڪ نمبر قسمت سان مليو. فون ڪيم. 'جئه امبي گرافيڪس' (انجواڻي آسو چنديرام) مليا. مان روبرو ويس. آسو ڀائيءَ سان ڳالھائڻ ۾ مونکي لڳو ته صحي ماڻھو مليو آھي. اُن ڪتاب ڇپيو آھي جو تمام سٺو ۽ مونکي سڀ سھڪار مليو. مان سندس شڪر گذار آھيان جو اھڙو سٺو ماڻھو مليو. سندس اڳتي وڌڻ جي پرارٿنا ٿو ڪريان.

    ھولارام تيجو رام شرما


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 538
    ڪتابن جو مشاهدو: 567597
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 216110
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ