ڪتاب جو نالو: ٽوئر ٽو آمريڪا
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2011
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 27 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1102 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 321 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (259) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽوئر ٽو آمريڪا “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو لکيل سفرنامو آهي.

هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • پهريون حصو
  • ٻيو حصو
  • ٽيون حصو
  • حصو چوٿون
  • حصو پنجون
  • آمريڪا بابت

  • ارپنا

    پنهنجي ڏوهٽي اويس
    ۽
    ڏوهٽين را نيا ۽ آمنه
    جي نالي

    عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (259) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ٽوئر ٽو آمريڪا “ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو لکيل سفرنامو آهي.

    هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2011ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    پهريون حصو

    اسان لنڊن کان آمريڪا وڃن لاءِ گيٽ وڪ Gate wick ايئر پورٽ ڏانهن مظفر جي ڪار ۾ وڃي رهيا آهيون. جيڪو لنڊن کان پنجويهه ميل پري ڏکڻ ۾ ويسٽ سئيڪس West Sussex علائقي ۾ آهي. سينٽرل لنڊن کان توهان گيٽ وڪ ٽئڪسي ڪري وڃو ته سٺ پائونڊ ٿي ويندا يعني پنهنجا تقريباً ساڍا اٺ هزار رپيا پر لنڊن ۾ وڪٽوريا وٽان توهان کي گيٽ وڪ ايئرپورٽ وڃڻ لاءِ هر پندرهن منٽن ۽ اڌ اڌ ڪلاڪ ۾ تيز ترين ريلون ۽ ايڪسپريس بسون تمام سَستي ڀاڙي ۾ جام مِلي وينديون. دنيا جي وڏن شهرن ۾ سياحن ۽ پنهنجن شهرين لاءِ اُتي جي حڪومتن ريلوي انڊر گرائونڊ ۽ بس جو اهڙو ته سُٺو ۽ سستو بندوبست ڪيو آهي جو عام ۽ خاص کي ڪا به تڪليف محسوس نه ٿي ٿئي پر ٿوري چستي ۽ عقل جي ضرورت آهي ٻيو مڙئي ٿيو خير.
    گيٽ وڪ ايئرپورٽ لنڊن ميٽروپوليٽن London Metropoliton جي حدن کان ٻاهر آهي. اُت ڪار ۾ پهچڻ لاءِ سري جي سرسبز علائقي مان برطانيا جي موٽر وي ذريعي ڪار رستي ماڻهو پهچندو. هي رستو ڏاڍو خوبصورت آهي ماڻهوءَ کي هلندي راحت پئي ايندي ۽ ماڻهو چاهيندو ته رستو کٽي ئي نه.
    لنڊن شهر لاءِ چار ايئرپورٽ آهن
    1- هيٿرو ايئرپورٽ Heath Row Airport.
    2- گيٽ وڪ ايئرپورٽ Gate Wick Air port.
    3- لنڊن اسٽئجنٽيڊ ايئرپورٽ London Stagnated Airport.
    4- لنڊن سٽي ايئرپورٽ London City Airport.
    اهي چارئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ آهن جت يورپ ۽ سڄي دنيا کان پروازون پهچن. اسان کي سڄي واٽ ڀوراڻي هر ماڳ، مڪان جي باري ۾ سمجهائيندو آيو ۽ ايئن ڪار سري جي سرسبز علائقي مان ڊوڙندي اچي گيٽ وڪ ايئرپورٽ پهتي. جتي سَونِ نه پر هزارن جي تعداد ۾ سياح ڄڻ ته ڊوڙندا ڊوڙندا اچي وڃي رهيا هئا. جنهن ۾ وڏو تعداد يورپين ۽ آمريڪين جو هو جيڪي ٽوئرسٽ ڊريسن ۾ يعني سامان ڪلهن ۽ هٿن ۾ هئا. جي ڪنهن عورت کي ننڍو ٻار آهي ته سندس پُٺي تي اهڙي نموني ٻڌو پيو آهي. ڄڻ ته کيس خبر ئي ڪانهي.
    اسان پنهنجو سامان کڻي آمريڪي هوائي ڪمپني ڪانٽينٽيل جي ڪائونٽر تي هنن جي حوالي ڪري هنن کان واندا ٿي اچي هڪ ريسٽورانٽ ۾ ويٺاسين. ڀوراڻي اسان لاءِ ڪافي وٺي آيو. ان کي پيئندي اسان جي پرواز جي انائونسمينٽ ٿي ۽ اسان پنهنجي يارن کان موڪلائي اچي جهاز جي گيٽ تي پهتاسين جت ٿلهين متارين آمريڪي ڇوڪرين، ايئرهوسٽس جي ڊريس ۾ اسان سان هٿ ملايو ته هٿن ۾ ڄڻ ڪرنٽ لڳي ويو ۽ سڄي بدن ۾ سيسراٽ ٿي ويو. پاڻ ئي اسان سان هٿ ملايائون ۽ هٿ ڇڏيائون. اسان جي ته هٿ ڇڏڻ تي دل ئي نه پئي چئي. انهيءَ کان اڳيان هڪ ايئرهوسٽس اسان کي وٺي آڻي پنهنجي سيٽ تي ويهاريو. مون کيس واپس ويندي ڏٺو ته سندس لوڏ عام عورتن کان ڪافي مختلف هئي. جيڪا ڏاڍي پرڪشش ۽ وڻندڙ لڳي رهي هئي. دل پئي چاهي ته پاڻ ايئن هلندي رهي ۽ آئون کيس ڏسندو رهان. آئون کيس ڏسي رهيو هوس ته ٻيو مسافر اڳيان اچي ويو ۽ هوءَ ڪافي پري هلي وئي. 474 هوائي جهاز تمام وڏو ٿيندو آهي. جنهن ۾ چار سئو سٺ کن مسافر ۽ تقريبا ويهه پنجويهه جهاز جي عملي جا ماڻهو به هوندا آهن ۽ جهاز به ٻه ماڙ هوندو آهي. مٿئين ماڙ تي فرسٽ ڪلاس پئسينجر ۽ هيٺين ماڙ ۾ عام مسافر هوندا آهن. گهڻن مسافرن هئڻ ڪري رش به ڪافي ٿيندي آهي ته سامان به ڪافي هوندو آهي. جهاز ڪافي ڊگهو، ويڪرو ۽ زمين کان مٿانهون هوندو آهي. پنهنجي سيٽ تي ويهي سڄي جهاز جو جائزو وٺي دريءَ مان نهاريم ته کوڙ سارا جهاز پنهنجي پنهنجي منزل لاءِ اُڏري يا واپس اچي رهيا هئا. اسان جي جهاز به پنهنجي صحيح وقت تي اڏام ڪئي ۽ اسان هيڏي ساري اڏام کٽولڙي ۾ زمين کان ڏور ۽ آسمان کي ويجهو پهچي وياسين. لنڊن کان آمريڪا ست سمنڊ پري ٿڪائيندڙ سفر هيٺ رڳو سمنڊ ئي سمنڊ پاڻي ئي پاڻي. هن دؤر ۾ نوَ ڪلاڪ چپ چاپ ماڻهو ڪرسي تي ويٺو هجي ڪيڏو نه بور ٿيندو جيتوڻيڪ ماڻهو ويٺو حورن ۽ پرين جي وچ ۾ آهي پر اسان جي ڪهڙي ڪم جون رڳو هيلو هيلو مان ڇا ٿيندو.
    جتنا ضروری ہے من کا ملن
    اتنا ہی ضروری ہے تن کا ملن
    گدڙ وانگر ته خار ايڏا ٿا اچن جوکڻي مُنهن ڪري ڀڄان. گدڙ کان اهو ته وسري ويو ته هو کوهه ۾ پيو آهي. سو هت به مُنهن ڪري ڀڄڻ جي ته واهه ئي ڪانهي.
    هيءَ اسان جو ڌرتيءَ ۽ آسمان جي وچ ۾ نَوَنِ ڪلاڪن جو نان اسٽاپ سفر آهي. مُنهن ڪري ڀڄڻ واري ڳالهه ته رڳو گدڙ واري ڳالهه ٿي باقي مڙس ٿي مُنهن ڏيڻو آهي. درين مان سمنڊ ڏسي ڏسي آخر ڪيترو ڏسبو. آمريڪا پهچڻ کان اڳ ۾ سوچيان پيو ته آمريڪا جا رهاڪو چون ٿا ته اسان جي تاريخ صرف پنج سئو سال پراڻي آهي. جڏهن آمريڪا کي يورپين ڳولي لڌو. ڀائي انهيءَ کان اڳ به ته هت ماڻهو رهندا هئا. جن کي توهان نالو ڏنو ريڊ انڊين، ڇو اهي ماڻهو هتي جا اصلي باشندا ڪو نه هئا ڇا؟ توهان انهن جي تاريخ کان آمريڪا جي تاريخ شروع ڪريو انهيءَ تاريخ کي ئي آمريڪا جي تاريخ جو بنياد بڻايو، نه ڪي انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن يورپين آمريڪا کي ڳولي لڌو. آمريڪا تي نالو به هڪ يورپين اٽلين مهم جو شهري آمريگو ويريگو بو Amerigo Verigu bu جي نالي کي ڦيرائي گهيرائي آمريگو مان آمريڪا رکيو ويو.جيئن انگريزن جبل طارق کي جبرالٽر ڪري ڇڏيو. پاڻ وٽ سنڌ جي قديم شهرن.
    1- ساڪرو
    2- ماٿيلو
    3- بٺورو
    4- گورچاڻيءَ
    کي به ميرن جي دور ۾ ماڻهن “ميرپور” اڳيان هڻي کين.
    1- ميرپور ساڪرو
    2- ميرپور ماٿيلو
    3- ميرپور بٺورو
    4- مير واهه گورچاڻي
    ڪري ڇڏيو. يورپين پهرين آمريڪا ۾ سون جي ڳولا جي جستجو ۾ پهتا. هو ريڊ انڊين کي ڏکين ڏکين کاڻين ۾ مزور ڪري استعمال ڪندا هئا. انهن کان زوريءَ زبردستيءَ ايڏو ته پورهيو ڪرائيندا هئا، جو هو ويچارا تنگ ٿي آخر خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. ڪڏهن ته ڳوٺن جا ڳوٺ انهن ظلمن کان تنگ ٿي اجتماعي خودڪشي به ڪندا هئا. ايئن لکين ريڊ انڊين مري ويا ۽ سندن ڪم متاثر ٿيڻ لڳو. جنهن کان پوءِ هو شيدين کي آفريڪا مان زوري زبردستيءَ غلام ۽ قيدي ڪري ٻيڙا ڀري وٺي آيا. ڇو ته آفريڪا جا مُلڪ اڳ ۾ ئي هنن جا غلام هئا جت پڻ هنن سون جي کاڻين ۽ ٻي دولت جي ڦرلٽ لڳائي رکي هئي پر آمريڪا ۾ ايڏي دولت ۽ ايڏو ملڪ هو جو يورپ مان آندل ماڻهن جي ڦرلٽ مان هنن جو پيٽ ئي ڪو نه ٿي ڀريو ۽ اصلوڪن آمريڪين جن تي هنن نالو رکيو ريڊ انڊين، تن جي آدمشماري هنن جي ظلمن سان گهٽجڻ لڳي سو هنن جي ضرورت ٿي پئي ته هي زوري زبردستيءَ آفريڪا مان غلام آڻي هنن کان پورهيو ڪرائين ۽ ايئن لکن جي تعداد ۾ شيدي آمريڪي سوسائٽي جو حصو بڻجي ويا.
    اڄ آمريڪا جو صدر ۽ ڪلهه جو آمريڪي فوج جو چيف آف آرمي اسٽاف ”ڪولن پاول“ هيڏن وڏن عهدن تي پهچي ويا، ان کانسواءِ آمريڪا جي هڪ ٻئي وڏي عهدي يعني صدر جي قومي سلامتي جي ائڊوائيزر به هڪ شيدي عورت آهي جنهن عهدي تي ڪنهن زماني ۾ ڊاڪٽر هينري ڪسينجر هو. انهيءَ کانسواءِ آمريڪا جي ڪافي وڏن عهدن تي نيگروز پهچي ويا آهن.
    هاڻ ڪافي حد تائين وائيٽ آمريڪين هنن کي قبول ڪري ورتو آهي. باقي ڳورين آمريڪين ڇورين جي ته شيدي شوق جي شيءِ آهن. انهيءَ ڪري شيدي پاڻ کي شيدي ئي برقرار رکڻ چاهين ٿا. انهيءَ جو مثال توهان مائيڪل جيڪسن جو وٺو. جيستائين مائيڪل جيڪسن سرجري ڪرائي پنهنجي چمڙي ڳوري ڪا نه ڪرائي هئي تيسين شيدي کيس ڏاڍو چاهيندا هئا.
    هاڻ ته مائيڪل جيڪسن به ڪو نه آهي. جهاز اندر ڪافي مسافر ماني کائي سمهي رهيا آهن ۽ ڪجهه فلم ڏسي رهيا آهن. جهاز اندر بلڪل خاموشي لڳي پئي آهي. آئون فلم به ڏسي رهيو آهيان ۽ توهان سان رهاڻ به ڪري رهيو آهيان ۽ آمريڪا بابت ياد ايندڙ ڳالهيون به توهان کي ٻڌائي رهيو آهيان. جيستائين آمريڪا پهچون تيستائين آئون توهان کي آمريڪا جي غلامي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايان ٿو. دنيا ۾ غلاميءَ جي شروعات ديسي کنڊ جي واپار سان شروع ٿي. ٿيو هينئن جو آفريڪا جي هڪ ٻيٽ جنهن ۾ ڪمند ٿيندو هو ۽ مقامي آفريڪي انهيءَ مان ديسي کنڊ ٺاهيندا هئا. پرتگالي اها کنڊ خريد ڪري يورپ ۾ وڪڻندا هئا ۽ انهيءَ واپار ۾ هنن ايترا ته پئسا ڪمايا جو لالچ ۾ اچي پنهنجي فوج ٺاهي هٿيارن جي زور تي انهيءَ آفريڪي ٻيٽ ميڊيرا Mediera تي زوريءَ زبردستي قابض ٿي ويهي رهيا. ٻيٽ جي مقامي آفريڪين ۽ سندن ڪمند جي ٻنين کي زبردستيءَ پنهنجي قبضي ۾ آڻي انهن کان ئي ديسي کنڊ ٺهرائي يورپ ۾ وڪڻڻ لڳا. ايئن دنيا ۾ يورپين آفريڪا کان غلاميءَ جي شروعات ڪئي ۽ ڏسندي ڏسندي سڄي دنيا تي قابض ٿي ويا. غلامن سان گڏ هنن ڪمند کي به آمريڪي کنڊ جي هڪ ملڪ برازيل پهچايو ۽ ڏسندي ڏسندي ڪمند سڄي آمريڪي کنڊ ۾ پکڙجي ويو.
    پرتگالين کان پوءِ ڊچن غلاميءَ جو ڪاروبار ڪيو. 1660ع کان پوءِ برطانيا انهيءَ ڪاروبار ۾ آيو ۽ 1790ع ۾ هُنن وڏي پئماني تي آفريڪين جي غلاميءَ جو ڪاروبار ڪيو. ارڙهين صديءَ ۾ اهو غلامن جو واپار ڪروڙن تي وڃي پهتو. جيڪو سڄي دنيا تائين ڦهلجي ويو.
    دنيا جي تاريخ ۾ هيءَ پهرين زوري زبردستي هجرت هئي. ويچارن غلامن سان وڏو ظلم انهيءَ وقت ٿيندو هو جڏهن هنن جي بدن تي گرم لوهه جا ٺپا (داغ) هنيا ويندا هئا. جيئن انهن جي سڃاڻپ ٿي سگهي ته هي ڪهڙي ڪمپنيءَ جو غلام آهي.
    هڪ جهاز جي ڪئپٽن چيو ته هي پنهنجي ملڪ ڇڏڻ تي ايڏا ته ناراض هوندا هئا جو پاڻ کي سمنڊ ۾ اڇلائي خودڪشي ڪري ڇڏيندا هئا. پوءِ کين نيئرن سان ٻڌي ڇڏبو هو ته هو وري ڪجهه به ڪو نه کائيندا هئا ۽ چاهيندا هئا ته بُک وگهي مري وڃون پر زندهه آمريڪا نه پهچون. ڊڪليئريشن آف انڊپينڊنس Declaration of Independence ۾ به غلامن کي ڪو فائدو ڪو نه ٿيو.
    1865ع کان پوءِ ابراهام لنڪن وڏي جاکوڙ کان پوءِ هنن کي ڪجهه حق ڏياريا. 1920ع کان پوءِ هنن کي ووٽ جو حق مليو ۽ عليحده اسڪول ۾ پڙهڻ جو خاتمو 1954ع ۾ ٿيو. يورپين شيدين کي آمريڪا ۾ گهڻو ڪري زراعت جي مزوري لاءِ استعمال ڪندا هئا. هنن جي گهڻي محنت ڪري زراعت ايتري ته وڌي وئي جو آمريڪا دنيا جو امير ترين زرعي ملڪ ٿي ويو. سندس زرعي پيداوار ايتري ته وڌي وئي جو هو چاليهه سيڪڙو پنهنجو زراعت جو سامان ٻي دنيا کي موڪلڻ لڳو. آمريڪا ۾ غلاميءَ جو سلسلو ايترو ته وڌي ويو جو نيٺ مجبور ٿي آمريڪي ڪانگريس 1808ع ۾ هن ڪاروبار تي مڪمل بندش وجهي ڇڏي ۽ نيٺ وڃي ويچارن آفريڪين شيدين جي جان ڇٽي. اهو آهي دنيا ۽ آمريڪا ۾ غلاميءَ جو مختصر احوال. اڄ ڪارا آمريڪا جا معزز شهري آهن. جيڪي سڄي آمريڪن معاشري ۾ برابر جا ڀائيوار آهن ۽ ملڪ جو صدر به شيدي آهي. اسان جو هوائي جهاز هاڻ يورپ کان پري ۽ آمريڪا کي ويجهو وڃي پهتو آهي. منهنجي ڀرواري سيٽ تي هڪ اڪيلي ننڍي نيٽي آمريڪن ڇوڪري ويٺي آهي. فلم پئي ڏسي ۽ اوٻاسيون پئي ڏي. سندس سٿرن تي ڪا مئگزين به پئي آهي جنهن کي ڪيڏي ڪيڏي محل کولي ڏسي ٿي. آئون ٽيڏي اک سان کيس ڏسي رهيو آهيان. سندس ڌيان سامهون فلم اسڪرين ڏانهن آهي. پٽاپٽي رنگ برنگي شرٽ ۽ جينس پهريل اٿس. پاڻ سيٽ لائيٽ ٻاري پرس مان نيل پالش رموور ڪڍي ننهن تان آهستي آهستي پالش کرڙي لاهي رهي آهي. آئون سندس توجهه ڇڪائڻ لاءِ سامهون بيٺل ايئرهوسٽس کي سڏي هروڀرو چوانس ٿو ته مون کي ننڍو ويهاڻو ڏي ڇو ته هيڏي وڏي مسافري ڪري چيلهه چٻي ٿي پئي آهي پر پاڻ مون ڏانهن متوجهه نه ٿي. ڪينئن ڳالهايانس خبرون چارون پڇانس ۽ فون نمبر وٺانس. انهن سوچن ۾ هي آواز جهاز ۾ گونجڻ لڳو ته پاڻ هاڻ ٿوري دير ۾ آمريڪا جي بوسٽن Boston انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچڻ وارا آهيون، توهان پنهنجا پنهنجا بيلٽ وغيره درست ڪري سڌا ٿي ويهو ۽ پنهنجا ايئر فون وغيره واپس جهاز جي اسٽاف کي ڏيو. پنهنجو سامان جهاز ۾ وساري نه وڃجو. توهان جي وڏي مهرباني جو اسان جي جهاز ۾ سفر ڪيوَ. اميد ته وري به اسان جي ايئرلائين کي ئي سفر دوران موقعو ڏيندا. اميد ته اسان سان سفر ڪري توهان خوش ٿيا هوندا. سفر دوران ڪوتاهي ٿي هجي ته انهيءَ لاءِ اسان کي معاف ڪندا بوسٽن ۾ هينئر مقامي وقت .... هي آهي، توهان پنهنجون واچون درست ڪريو ۽ تيسين سڌي سيٽ تي ٻڌل بيلٽ سوڌو ويٺا هوندا جيسين وڃي اسين توهان کي ٻڌايون. اسان جي ايئرهوسٽس توهان کي اميگريشن ڪارڊ ۽ ٻيو فارم ڪنهن شيءِ کي ڊڪليئر ڪرڻ لاءِ ضرور ڏنو هوندو. اميد ته توهان اهي فارم ڀري ڇڏيا هوندا جي نه ته جلدي جلدي ڀري وٺندا. جيئن توهان اهي ڪارڊ آمريڪن اميگريشن ۽ ڪسٽم اختيارين وارن حوالي ڪري سگهو. انهن جي ڀرڻ ۾ ڪا دقت محسوس ڪريو ته اسٽاف کي چئو ته اسٽاف توهان جي مدد ڪندو. ٻيو عرض ته اهي مسافر جن جي منزل بوسٽن نه پر اڃان اڳتي آهي، اهي جهاز مان لهڻ شرط هيٺ ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ اسان جي ايئرلائين جي ڪائونٽر تي پهچن. توهان جي وڌيڪ مسافري لاءِ اسان جا جهاز توهان جي انتظار ۾ بيٺا هوندا. توهان جو سامان توهان کي هت گهرجي يا اڳتي واري منزل تي. اهو سڀ ڪجهه توهان اسان جي ڪائونٽر وارن کي ٻڌائيندا ته اهي توهان جي مدد ڪندا. اڳتي وڃڻ لاءِ جي جهاز اڏام ۾ دير هجي ته ڪائونٽر وارا کاڌي لاءِ توهان کي ووچر ڏيندا پر جي ڀُل چڪ ٿي وڃي ته اُهي ووچر ضرور وٺي پوءِ ايئرپورٽ بلڊنگ ۾ مفت جو کاڌو کائيندا.
    ڀر واري سيٽ ڏانهن نهاريم ته ڇوري اڃا ننهن کي لڳي پئي هئي. ڪيڏي ڪيڏي مهل هٿ سڌا ڪري آڱرين کي هيٺ مٿي ڪري وري وري نيل پالش رموور ٿي لڳايائين. تان جو جهاز آهستي آهستي ڌرتيءَ کي ڇهڻ لڳو ۽ هلڪو جهٽڪو محسوس ٿيو ته خبر پئي ته آسمان کان لهي زمين تي پهچي ويا آهيون. جيئن ته هي جمبو جيٽ جهاز آهي سو ٻين عام جهازن کان وڌيڪ ڊوڙي پوءِ پنهنجي ڄاڻايل گيٽ تي لڳو. ٿوريءَ دير ۾ جهاز جو دروازو کليو ۽ اسان اندران اندر هلندا وڃي ٻاهر بلڊنگ ڀيڙا ٿياسين.
    اڄ کان ڪجهه سال اڳ آمريڪن ايئرپورٽن تي اڄ جهڙي سختي ڪا نه هئي. جو پاڪستان جي سرڪاري وفد جي ميمبرن ۽ وزيرن ۽ پاڪستان حڪومت جي فوجي ترجمان کي نيويارڪ ايئرپورٽ تي پيرن مان جُتا لهرائي ۽ اهڙي ته سخت چيڪنگ ڪيائون جو پاڪستان جي سڀني اخبارن ۾ انهيءَ جو ذڪر نمايان طور شايع ٿيو ۽ انهيءَ ڪري انهن کي وڌيڪ مشهوري ملي، يا خواري ملي.
    اسان کي ڪسٽم ۾ ڪا به شيءِ ڊڪليئر ڪرڻي ڪا نه هئي تنهنڪري اسان ڪسٽم وارو فارم ڀريو ئي ڪو نه هو ۽ سامان جي باري ۾ لنڊن ايئرپورٽ تي ئي جهاز وارن کي ٻڌائي ڇڏيو هوم ته اسان کي بوسٽن ايئرپورٽ تي نه پر لاس اينجلس ۾ گهرجي. سو ڪسٽم وارن اسان واري سامان کي هٿ ئي ڪو نه لاٿو ۽ نه وري اميگريشن وارن ڪنهن قسم جي پڇ پڇان ڪئي. سواءِ ڪنهن سوال ڪرڻ جي اسان کي ٽن مهينن جي ويزا جو ٺپو هڻي پاسپورٽ کڻي هٿ ۾ ڏنائون ۽ اسان پنهنجو پاسپورٽ کڻي اڳتي روانا ٿياسين.
    آمريڪا دنيا جو وڏو سياسي ۽ معاشي پاور آهي، تنهن ڪري سڄي دنيا جي غريب ملڪن جي ماڻهن جي اها ڪوشش هوندي آهي ته آمريڪا وڃي پيسا ڪمايون ۽ جي ٿي سگهي ته آمريڪا ۾ رهائش پذير ٿي وڃون. تنهن ڪري هنن کي ۽ وري ٻي پاسي خود آمريڪا کي پڙهيل لکيل ماڻهن جي گهڻي ۾ گهڻي ضرورت آهي. انهيءَ ضرورت جي ڪري هنن گرين ڪارڊ لاٽري ۽ ٻيون بي شمار واپاري سهوليتون سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ متعارف ڪرايون آهن. جيئن پيسو ۽ دماغ سڄي دنيا مان ڊوڙي هنن جي ملڪ ۾ اچي پر تڏهن به هنن پنهنجي ملڪ کي صاف سُٿرو رکڻ ۽ غير ملڪي شهرين لاءِ هڪ مضبوط ڪسٽم اميگريشن ۽ صحت پاليسي مرتب ڪئي آهي جنهن مطابق آمريڪا ويندڙ ماڻهن لاءِ اتر آئرلينڊ کانسواءِ باقي برطانوي باشندن، نيوزيلينڊ، جپان ۽ يونان کانسواءِ اولهه يورپ جي سمورن ملڪن جي شهرين لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا جي ضرورت ڪانهي. بشرطيڪه اتي 90 يا گهٽ ڏينهن رهندا ۽ ويڪيشن ملهائڻ يا واپار سانگي وڃڻ گهرندا. هوائي جهاز يا بحري جهاز وسيلي ايندڙن وٽ تصديق ٿيل آن ورڊ يا اوٽ موٽ واري ٽڪيٽ هئڻ لازمي آهي.
    برطانوي شهرين کي 90 ڏينهن کان وڌيڪ وقت رهڻ لاءِ ويزا گهربل آهي. سرڪاري رڪارڊ موجب اخلاقي ڏوهه جو مرتڪب، سلهه جو مريض، ايڊز يا ايڇ آءِ وي پازيٽو ماڻهو يا اهو ماڻهو جنهن کي اڳ ۾ ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو آهي، انهن مڙني حالتن وارن ماڻهن لاءِ آمريڪا وڃڻ لاءِ ويزا لازمي آهي. دنيا جي آمريڪي سفارت خانن ۾ ويزا بابت مڪمل معلومات موجود آهي. آمريڪا ۾ مسواڙ تي موٽرڪار وٺڻ لاءِ ڊرائيونگ لائسنس ۽ غير آمريڪي جي صورت ۾ پاسپورٽ پڻ ڏيکارڻ ضروري آهي. ڪجهه ڪمپنيون موٽ وارو ٽڪيٽ پڻ طلب ڪن ٿيون. جيڪڏهن توهان نجي موٽرڪار ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ مان آمريڪا ۾ داخل ٿيندا ته توهان کي ڪار رجسٽريشن ۽ انشورنس وارو سرٽيفڪيٽ پڻ آڻڻو پوندو. آمريڪا ۾ طبي نگهداشت ته سٺي آهي پر تمام مهانگي آهي. تنهنڪري غير آمريڪين لاءِ طبي انشورنس کي گهڻي ترجيح آهي. جنهن جو احوال تنوير عباسي پنهنجي سفر نامي ۾ هن ريت ڪيو آهي ته سندس پٽ سرمد کي ڏند ۾ سور ٿيو ، کيس ڏندن جي ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. ڊاڪٽر سرمد جا ڏند ڏسڻ کان پوءِ چيو ته سرمد جا ٽي ڏند خراب آهن. جنهن جي ڪڍڻ جي في تقريباً هڪ لک رپيا ٿيندي ۽ تنوير لکيو آهي ته ايتري رقم جو ٻڌي اسان ڏند ڪڍرائڻ جو ارادو ختم ڪري ڇڏيو. هتي سامان جي پڻ انشورنس ڪندا آهن. جيڪڏهن توهان وٽ ڏهه هزار ڊالرن کان وڌيڪ رقم روڪ صورت ۾ آهي ته پوءِ اوهان کي آمريڪي ڪسٽمس سروس وٽ رجسٽري ڪرڻي پوندي. سفر دوران ٽريولرس چيڪس کڻڻ عقلمندي ٿيندي. خاص ڪري جڏهن توهان جو سفر نيويارڪ ۽ شڪاگو ڏانهن هجي. ٽريولرس چيڪ آمريڪا ۾ جٿي ڪٿي قائم ايجنسين ۾ ورتا ۽ مٽايا وڃن ٿا.
    آمريڪي شهري جيڪي ٻين ملڪن مان واپس آمريڪا اچن ٿا انهن کي پنهنجو سامان ڪسٽمس واري عملدار کان چيڪ ڪرائڻو آهي. باقي سمورن غير آمريڪين کي پهرين پاسپورٽ چيڪ ڪرائڻو آهي. تنهن کان پوءِ پنهنجو سامان ڪسٽمس آفيسر وٽ چيڪنگ لاءِ آڻڻو آهي. تمام گهڻن مسافرن سبب جهاز مان لهي ۽ ايئرپورٽ کان نڪرڻ تائين عموماً ڪلاڪ کن لڳيو وڃي.
    نان ريزِيڊينٽِس چند شيون جهڙوڪ 200 سگريٽ يا 50 سگار يا چروٽ، ٻه ڪلو تماڪ هڪ لٽر شراب پاڻ سان آڻي سگهن ٿا. انهن تي ڪسٽمس ڊيوٽي ڪا نه لڳندي.
    آمريڪا ۾ نائن اليون واقعي کان پوءِ اُت اميگريشن ۽ ڪسٽم قانون ۾ ڪئين ترميمون ڪيون ويون آهن خاص ڪري پاڪستان ۽ مسلمان ملڪن جي شهرين لاءِ ته هنن تقريبن دروازا ئي بند ڪري ڇڏيا آهن. هِن سال انگلينڊ جي حڪومت پڻ شاگردن جي پڙهائي کان پوءِ ٻن سالن واري ورڪ پَرمِٽ ۽ ٽيئر ون واري پاليسي ئي ختم ڪري ڇڏي آهي يعني پڙهائي پوري ٿيڻ شرط ملڪ مان نڪرو ۽ پنهنجي ملڪ واپس وڃو.
    بوسٽن ايئرپورٽ تمام وسيع علائقي تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ بي انتها ايئرلائين جا ڪائونٽر، شاپس، ڊيوٽي فري دڪان، هوٽلون. ريسٽورانٽ، بئنڪون، ناڻي مٽا سٽا، هيلٿ، اميگريشن ڪسٽم ۽ خود هوائي اڏي جي سيڪيورٽي عملي جون آفيسون ۽ ٻين پڻ ڪيترن قسمن جا شاپس آهن جن جي اسٽاف ڏينهن رات مسافرن جي سروس ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ٿي ڇڏي. هوائي اڏي جي چؤطرف وڏا وڏا وڻ اهڙي ته سهڻي ترتيب سان لڳل هئا جو ماڻهوءَ کي موهي ٿي ڇڏيائون. اسان ارائيول جي مرحلن کي پورو ڪري اڳتي وڃڻ لاءِ پنهنجي ايئرلائين جي ڪائونٽر ڳولڻ لاءِ ٻي هڪ ايئرلائين ڪائونٽر وارن کان پڇيو جن ٻڌايو ته توهان جي ڪانٽينٽل ايئرلائين جي آفيس مٿئين ماڙ تي ساڄي پاسي آهي. اسان کي ايئرلائين جي آفيس ملي وئي جت هڪ سيڪنڊ هئنڊ آمريڪن عورت ويٺي هئي. جنهن اسان کي باقي ڊوميسٽڪ سفر لاءِ بورڊنگ ڪارڊ ۽ ٻيا ضروري ڪاغذ ڏنا جيڪي اسان وٺي باقي وقت اچي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين. اسان جي هوائي جهاز جي اڏام ۾ اڃان هڪ ڪلاڪ پيو هو. اسان خود چاهيو ٿي ته اهو هڪ ڪلاڪ گهمي ڦري گذاريون. ڇو ته لنڊن ۽ بوسٽن جي سفر دوران ويهي ويهي بدن ساڻو ٿي پيو هو. سو ڪافي پي ٿورو وڙڪڻ جي ارادي سان مختلف دڪانن تي پُڇ پُڇان ڪندا هلندا هلندا اچي هڪ ڪتابن جي دڪان تي بيٺاسين. دڪان ڪافي وڏو هو. مون دُڪان تان پنج ڪتاب ورتا. هڪ ابراهام لنڪن جي سوانح حيات، ٻه اڳوڻي صدر رچرڊ نڪسن جا لکيل ڪتاب، هڪ هينري ڪيسنجر جو ڪتاب ۽ رابرٽ ڪپيلان جو ڪتاب. ڪتاب ڪافي مهانگا هئا. پاڪستان ۾ آمريڪا يا يورپ جي ليکڪن جا ڪتاب خود هنن جي ملڪن کان سستا ملندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته سيل ۾ اُهي ڪتاب تمام سستا ملندا آهن. مون ڏٺو آهي ته آمريڪا جي ڪتاب گهرن ۾ گهڻو ڪري سڀ نوان ڪتاب رکيل هوندا آهن پر انهيءَ جي مقابلي ۾ پنهنجن ڪتاب گهرن ۾ نوان ڪتاب گهٽ پراڻا ڪتاب گهڻي تعداد ۾ هوندا آهن. اسان ڪتاب خريد ڪري پئسا ڏئي اچي ٻي هڪ اسٽور تي چڙهياسين جت سنهو ٿلهو سامان خريد ڪري اچي فلائيٽ بورڊ جي ڀرسان پيل صوفن تي ويهي رهياسين، جت ٻيا به بيشمار سياح ويٺا هئا جن مان ڪن جي چهرن تي ٿڪ ۽ ننڊ جا خمار ته ڪي اڳتي مسافريءَ تي وڃڻ لاءِ بلڪل تازا توانا، ڳالهه ٻولهه تي کل ۽ مسڪراهٽ هلڻ جي انداز ۾ تيزي ۽ ڦڙتي جيئن هر ماڻهوءَ کي پهرين ڪار هلائڻ جو شوق ۽ پوءِ وري صفا دل نه چوي، اهڙيءَ طرح سان اسان کي پهريائين جهاز ۾ اڏام جو شوق ۽ پوءِ زندگيءَ جي آخر ۾ ڊگهين فلائيٽن کان لهرائڻ ۽ مسافري تي وڃڻ لاءِ دل نه ڪري. انهن سوچن ۽ لوچن ۾ اسان جي جهاز جي اڏام جو اعلان ۽ گيٽ نمبر جي ڄاڻ ته فلاڻي گيٽ تان توهان پنهنجي جهاز ڀيڙا ٿيندا. جهاز جي اڏام جو ٻڌي سامان سهيڙي ٻڌايل گيٽ ذريعي اچي جهاز ۾ پهتاسين. جهاز ۾ رش بلڪل ڪا نه هئي. اسان ايئرهوسٽس جي رهنمائي ۾ پنهنجي سيٽن تي اچي ويٺاسين. هي هيڏو سارو هوائي جهاز اڌ کان به وڌيڪ خالي پيو هو. آمريڪا ۽ يورپ ۾ هوائي، سامونڊي ۽ خشڪيءَ ذريعي سفر جو ڀاڙو تقريباً برابر آهي تنهنڪري جهاز ۾ اهو اضافي فائدو ٿئي ٿو جو ٽائيم بچيو پوي نه ته سامونڊي ۽ خشڪيءَ رستي سفر دوران ماڻهوءَ جا ويهي ويهي لاهه نڪريو وڃن. سو انهيءَ ڪري آمريڪا ۽ يورپ ۾ ماڻهو جهاز ۾ مسافري کي اوليت ڏين تنهنڪري انهن ملڪن ۾ تمام گهڻيون ايئرڪمپنيون آهن ۽ جهازن جي کوٽ ئي ڪانهي. هڪ هڪ روٽ تي بيشمار هوائي پروازون ۽ ننڍن ننڍن شهرن ۾ به هوائي سروس جون سهوليتون آهن تنهن کانسواءِ بيشمار ماڻهن جا پنهنجا جهاز آهن. سو اڪثر ڪري ملڪ اندر هلندڙ جهازن ۾ رش گهٽ ٿئي ۽ سيٽ به آسانيءَ سان مليو وڃي. جيئن پاڻ وٽ جهاز ۾ چڙهڻ ۽ لهڻ دوران هوائي اڏن تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن، يورپ ۽ آمريڪا ۾ ايئن بلڪل ڪونهي. ايئرپورٽن تي لهڻ چڙهڻ ۾ تمام ٿورو وقت ضايع ٿئي، سواءِ انهيءَ دوران جڏهن هوائي اڏن تي بيشمار فلائيٽون هجن اسان جهاز ۾ ويٺاسين ته جهاز به هلڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي. اهي ساڳيون سمجهاڻيون ته جهاز ۾ خرابي ٿئي ته هينئن ڪريو، جي جهاز سمند ۾ ٻڏي ته هونئن ڪريو. مطلب ته ساڳيو گڏهه، ساڳيا آٿر. اهي ئي جوس، سافٽ ڊرنڪس، پيٽيز، پيسٽريز، فرق صرف هي جو لنڊن کان بوسٽن ايندي رات ئي رات ۽ سمنڊ ئي سمنڊ پر هاڻ جهاز کان ٻاهر سج جي روشني ۽ هيٺ آمريڪا جي سرسبز زمين جنهن تي وڻن سان ڍڪيل پهاڙ ۽ حسين واديون نظر پيا اچن. جي جهاز هيٺ اڏام ڪري ته وڏيون وڏيون نديون ۽ ڍنڍون سفيد ليڪن ۽ ڊَهنِ وانگر نظر اچن. بوسٽن کان لاس اينجلس ٻن ڪلاڪن جو سفر آهي تنهنڪري جهاز پهچڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪئي. پائليٽ جي انائونسمينٽ کان اڳ لاس اينجلس جي روشنين اسان جو استقبال ڪيو. اسان جو جهاز انهن رنگين روشنين مان اڏامندو اچي پنهنجي آکيري تي پهتو.
    تقريباً سمورين بين الاقوامي هوائي ڪمپنين ۽ آمريڪي ملڪ اندر هلندڙ هوائي ڪمپنين جا جهاز لاس اينجلس جي هن ليڪسن نالي بين الاقوامي هوائي اڏي تي لهندا ۽ چڙهندا آهن جنهن ڪري اهو دنيا جو ٽيون نمبر مشغول ترين هوائي اڏو ٿي پيو آهي. مثال طور سن 1990ع ۾ هن اڏي تي ساڍن چئن ڪروڙن کان به وڌيڪ مسافر آيا ۽ ويا. هن هوائي اڏي تي چار EW رنويز ٺهيل آهن ۽ اٺ الڳ الڳ ٽرمينل موجود آهن. جيڪي ٻن يعني اپر ۽ لوئر ليولس سان منسلڪ آهن. تنهن کانسواءِ هڪڙو الڳ امپيرئيل ٽرمينل پڻ ٺهيل آهي جتي نان شيڊيولڊ اڏامون ۽ چارٽرڊ جهاز لهندا ۽ چڙهندا آهن.
    اپر ليول سان منسلڪ ٽرمينلن تان ٻاهر ويندڙ اڏامون ٿينديون آهن.
    لوئر ليول ٽرمينلن تي پهچندڙ جهاز لهندا آهن، هتي سروس ڪندڙ بسن ۽ گاڏين جو رنگ بلو، سائو ۽ اڇو آهي جيڪي ٻنهي ليولس درميان هلن ٿيون. لوئر يعني ارائيول ليول تي سامان رکڻ جون جڳهيون، پئسا مٽائڻ جا ڪائونٽر، ٽيليفون بوٿ، سوکڙين پاکڙين وارا دڪان، ريسٽورانٽ ۽ بارون پڻ موجود آهن. هتي ٺهيل نئين ٽام بريڊلي انٽرنيشنل ٽرمينل تي مسافرن جي ترسڻ ۽ سمهڻ جو پڻ بندوبست ٿيل آهي. هيءَ مسافرن لاءِ تمام وڏي سهوليت آهي.
    ليڪسن ايئرپورٽ کي پنهنجو مخصوص انفارميشن دفتر پڻ آهي جت ڪيترين ئي ٻولين ۾ مسافرن کي معلومات فراهم ڪئي وڃي ٿي. هوائي اڏي کان شهر پهچڻ لاءِ زير زمين ٽرانسپورٽ، جيڪا شهر جي مختلف علائقن تائين پهچائي ٿي اها تمام سٺي آهي. اها بسن ۽ ٽئڪسين واري ٽرانسپورٽ آهي. بسون ٽئڪسين کان سستيون آهن هتي ليموسين گاڏيون ٽئڪسيءَ طور هلنديون آهن، البته مهانگيون آهن. پر ڏاڍيون آرامده آهن. مڪي کان مديني ويندي به توهان کي اهڙيون ليموسين ملي وينديون. لاس اينجلس شهر ڪنهن روايتي نقشي ۾ سمائجڻ کان قاصر آهي. هن شهر جي بيهڪ ۽ اڏاوت بابت سوچڻ سان هڪ اهڙي علائقي جو تصور پيدا ٿئي ٿو جنهن ۾ 82 شهر اڏيل هجن. 1500 ميل فري وي ٺهيل، 12500 ميل پڪيون گهٽيون هجن ۽ ملڪ جو ٻيو نمبر وڏي ۾ وڏو شهر جيڪو 464 چورس ميل ايراضيءَ تي پکڙيل آهي پر هتي جا ماڻهو شهر کي اهڙي انداز سان ڪو نه ٿا ڏسن.
    شهر جي فري وي سان متصل بي انتها طويل تجارتي علائقا قائم آهن. جتي اڌ ميل کن ويڪري تجارتي پٽي ۾ خريدار کي ٻن ڏينهن جي وقت ۾ اٽڪل 50 کن ميل پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. اهي مزيدار تجارتي علائقي واريون حدون انهيءَ انداز ۾ انهيءَ ڪري قائم آهن ڇاڪاڻ ته شهر جي ترقيءَ جو انداز جاگرافيائي طور گهربل منصوبابنديءَ کانسواءِ سرزد ٿيو.
    بيورلي هلس، پسنڊينا، سانٽا مونيڪا ۽ ٻيا اهڙا متصل شهر آهن، جيڪي هن شهر جي حدن ۾ سمائجي ويا ڇو ته انهيءَ صورتحال ۾ اهڙن پرڀرن هنڌن تي رهڻ جو مطلب پاڻيءَ کان پري جيئڻ هو جيڪو ماڻهن کي ڪونه آئڙيو.
    لاس اينجلس شهر کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ لاءِ ان کي ڇهن مکيه ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو، جيڪي هيٺيان آهن.
    1- ڊائون ٽائون
    2- هالي ووڊ
    3- ويسٽ سائيڊ
    4- ڪوسٽل
    5- ويليز
    6- سينٽرل
    دلچسپيءَ وارا آسپاس وارا علائقا هيٺيان آهن.
    1- مائونٽينس
    2- ڊزرٽس
    3- سينٽرل ڪوسٽر
    4- آرينج ڪائونٽي
    5- سين ديگو
    جن جو ذڪر الڳ تفصيل سان بيان ٿيندو. جت اسان هڪ ايراني ڇوڪريءَ سان گڏ گهمڻ ويا هئاسين. مٿي ذڪر ڪيل انداز سان لاس اينجلس ۽ ڏکڻ ڪيليفورنيا انتظامي لحاظ سان مناسب ڀاڱن ۾ ورهايا ويا آهن ۽ اهڙيءَ ريت هن رياست ۽ لاس اينجلس شهر جا ماڻهو ڪمائين ۽ کائين ٿا.
    جهاز جون انجڻيون ايئرڪنڊيشن کي هلائڻ لاءِ هلنديون رهيون پر جهاز خاموشي سان پنهنجي منزل تي اچي بيهي رهيو ۽ اسان پنهنجين گهڙين جو ٽائيم هڪ دفعو وري ٺيڪ ڪندي جهاز مان هيٺ لهي وياسين ته اسان جي ميزبانن اسان جو هيٺ استقبال ڪيو ۽ اسان انهيءَ سان گڏ لاس اينجلس جي حسين ترين شهر جي روڊ رستن تي هلڻ لڳاسين. هيڏا وڏا رستا. ڪارون، سپر اسٽور، پارڪ هر شيءِ سليقي ۽ ترتيب سان جوڙيل. هي سڀ ڪجهه ٿيو ڪيئن، اهو سڀ ڪجهه ڏسندا وائسندا لاس اينجلس جي روڊن رستن تان ڪارن ۾ ڄڻ ته ڊوڙندي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهيون.
    لاس اينجلس جي شهر وانگر لاس اينجلس جي ماڻهن جو مزاج، رهڻي ڪهڻي ۽ طرز زندگي به جڳ جهانن کان نرالي ۽ نهايت عجيب آهي. اُهي هر نرالي، نئين ۽ غير معمولي شئي، ڳالهه ۽ عمل ۾ چنبڙي ويندا آهن ۽ عجيب غريب عملن لاءِ هر وقت تيار نظر ايندا. هتي جي معمارن جي باڪمال تعميرات، روشني ۽ رنگن جي حسن ۽ بي تهاشا دولت جو تفريح ۽ عشرت تي ٿيندڙ خرچ ڏسي هرپرديسي جو عقل چرخ ۽ وات پاڻي ٿيو پوي، ڇو ته هتي هر شئي جي فراواني آهي.
    لاس اينجلس جي خاص شاهڪار يادگارن ۽ مکيه معلومات جو مجموعي طور يا اختصار جي صورت ۾ احوال خواهشمند حضرات کي پيش ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو مواد موجود آهي. مثال طور وُڊي ايلن جي مزاحيه طنز موجب ٻين سڀني ڳالهين کانسواءِ هتي رهڻ سان هر واحد ثقافتي فائدو اهو پڻ آهي ته توهان قانون جو احترام ڪندي هر چيڪ پوسٽ تي بيهڻ ۽ سڌو عشرت گاهه رسڻ لاءِ ڀليءَ ڀت لائق ٿي وڃو ٿا. يقيناً فقط لاس اينجلس شهر جي بيهڪ اهڙي نرالي آهي جهڙوڪر شهر جا موجود 49 ڀاڱا خود شهر جي تلاش ۾ سرگردان هجن يا وري مشهور ڪاميڊيئن فريڊ ايلن جي مذاق موجب ”توهان جيڪڏهن آرينج نسل جا شهزادا آهيو ته پوءِ توهان جي رهائش لاءِ هي شهر تمام سُٺو آهي.“ يعني شاهوڪار يا شوقين آهيو ته پوءِ واهه واهه .
    لاس اينجلس شهر جي ماڻهن کي ٻين جو انهن ڏانهن چتائي ڏسڻ گهڻو خراب نٿو لڳي. انهيءَ مان ته اهي پاڻ لطف وٺندا آهن. کين خبر آهي ته سندن شهر جديد شهري زندگيءَ ۾ سرواڻ جي حيثيت ۽ خصوصي امتياز جو حامل آهي. هتي جي اخبار لاس اينجلس ٽائيمز Los Angeles times ۾ هڪڙو مستقل ڪالم ”فقط لاس اينجلس ۾“ عنوان تحت شايع ٿيندوآهي جنهن ۾ شهر جون خصوصيتون ۽ نراليون ڳالهيون بيان ٿيل هونديون آهن. سياحن لاءِ هي عجيب ارشاد آهي ته تجربي کانسواءِ دروازا نه کڙڪايو. هتي سڀني گاڏين هلائيندڙن کي اها آزادي حاصل آهي ته اهي عشرت گاهن ڏانهن وڃڻ جو موقعو هميشه حاصل ڪري سگهن ٿا.
    ”شهر جون متصل 49 آباديون“ وارو محاورو پڻ عجيب معنيٰ جو حامل آهي. شهر جا اهي ڀاڱا جن کي پنهنجو الڳ سٽي سينٽر اهڙي حيثيت جو مالڪ آهي ڄڻ ته اهو سمورين آبادين جو مرڪزي سينٽر آهي. اڃا عجيب ڳالهه هيءَ آهي ته نارنگين، بدڪن ۽ قطبي رڇن جي لاءِ موزون آبهوا جي وچ ۾ پسند ۽ چونڊ جو ته ڪو مقابلو ئي ڪونهي پر انهيءَ جو مطلب اهو به ڪونهي ته هن شهر ۾ ڪنهن شيءِ جي ڪمي ڪانهي. هر وڏي شهر جا مسئلا ظاهر ۽ آشڪار هوندا آهن. هتي اڪثر ڪري ڌنڌ يا ڪوهيڙو گهڻو هوندو آهي، عام شاهراهن تي ٽريفڪ جام ٿيندي رهندي آهي، بي گهر ۽ رول پارٽين جو هل بکيڙو پڻ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، بي توجهيءَ سان مزا ماڻڻ ۽ بيخياليءَ واري لالچ ۽ لوڀ پڻ هتي پسجي ٿو.
    سن 1992ع ۾ هتي پوليس عملدارن هڪ شيديءَ تي تشدد ڪيو. ان جي وڊيو فلم ٽي ويءَ تي ڏيکاري وئي. بس پوءِ ته شهر ۾ قتل و غارت تي مبني ڀيانڪ فساد شروع ٿي ويا. جنهن جي نتيجي ۾ ڪئين انساني حياتيون، ڪروڙن، اربن جون جائدادون، جايون جڳهيون تباهه ٿي ويون ته ٻئي طرف موقعي پرست ماڻهن چوري، ڦر ۽ ڌاڙن جون ڪَئيِن وارداتون ڪيون. انهيءَ ساري ڀڃ ڊاهه ۽ افراتفري هوندي به شهر جي شهرت ۾ ڪا گهٽتائي ڪانه ٿي. هتي آباد ٿيندڙ ٻاهريون ماڻهو به اصل لاس اينجلس جو باشندو معلوم ٿئي ٿو.
    ڪيليفورنيا جنهن کي گولڊن اسٽيٽ به سڏيو ويندو آهي تنهنجي ايل ڊوراڊو El Dorado علائقي ۾ سڀني کان پهرين پهچندڙ اسپيني ماڻهن هتي سون ۽ ولايتي مصالحن لاءِ جستجو ڪئي. انهن ٻنهي شين جي حصول وارا خيال اڃا تائين ماڻهن جي ذهنن ۽ خيالن تي ڇانئيل آهن. پنهنجي خواهشن جي تڪميل جو تصور ڪيليفورنيا وڃڻ سان وابسته ڪيو وڃي ٿو. ڪيليفورنيا وڃڻ وارو نقطو تصور توڙي حقيقي طور تي مرڪزي حيثيت رکندڙ آهي.
    اوڻيهين صديءَ جي هڪ ليکڪ پنهنجي ڪتاب دي اميٽيئر اميگرانٽ The Amateur Immigrant ۾ ڄاڻايو ته 120 سال اڳ واري صورتحال ۾ نيواڊا (Nevada) جي جبلن جي الهندي ڀاڱي جا لڪ لتاڙيندي کيس پنهنجي وطن کان هتي پهچڻ واري اڙانگهي سفر جا سمورا ڏک ۽ ٿڪ هتي پهچڻ سان پنهنجي ڪلهن تان لهندي محسوس ٿيا. اڳتي لکي ٿو ته سفر جي هر موڙ تي اسان پنهنجي خوشحال آئيندي لاءِ ڌرتيءَ تي وک اڳيان ٿي وڌائي، هر هنڌ اسان ڪڪڙن جون سڀاڳيون ٻانگون ٿي ٻڌيون، جيڪي اسان کي نئين ڏينهن ۽ نئين ڏيهه جو ڏس ڏيئي رهيون هيون. اهو ئي ته ماڳ اسان جي منزل مقصود هئي جنهن لاءِ اسان گهڻي وقت کان وٺي واجهائيندا رهياسين. هيستائين هتي تمام وڏي تبديلي ٿي چُڪي آهي. تنهن سان گڏ ڪنهن ڏس ۾ اڃا تائين صورتحال ساڳي پڻ رهي آهي. ماضيءَ جي ڀيٽ ۾ مستقبل سان وڌيڪ چاهه، ڪنهن به روايت جي پابندين کان آزاد بيپايان قوت ۽ تخليقي صلاحيت ۽ تقريباً خالص آبهوا ۾ ڪم ڪرڻ جا بهترين موقعا هتي جون مکيه خصوصيتون آهن. پوري ڌرتيءَ تي ڪنهن به علائقي ۾ گهڻن ماڻهن لاءِ هتي کان وڌيڪ موقعا موجود ڪونه آهن. ڪي ماڻهو هتي ڪامياب ٿين ٿا ته ڪي ناڪام. اهو دنيا ۾ هر هنڌ ٿئي ٿو. اهو پاڪستان سنڌ ۽ ٻني ۾ به توهان کي نظر ايندو. مگر لاس اينجلس شهر اڃا تائين ماڻهن لاءِ گهربل موقعا فراهم ڪري پيو. 1980ع واري ڏهاڪي دوران شهر جي آبادي، اقتصاديات، روزگار، پيداوار ۽ آمدني ۾ ڪمال جو واڌارو رڪارڊ ڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه نون آبادڪارن ۽ بهتر آئيندي جي يقين سبب ممڪن ٿي سگهيو. لاس اينجلس شهر اڃا اڻپورو هجڻ وارو تصور اڃا به برقرار آهي. تبديليءَ جو امڪان موجود هئڻ سبب بهتر آئيندو اڏڻ لاءِ ڪوشش برقرار آهي. انهيءَ ڏس ۾ تصور فلمي اسڪرپٽ وانگر غير متوازن به ٿي سگهن ٿا، ته اهي ٺوس ۽ حقيقي به ٿي سگهن ٿا. جهڙوڪ يقيني بهتر پيداوار ۽ آمدني، عاليشان تعليم جو حصول ۽ بهتر طبي سهوليتون وغيره، فلمي صحرائي روشني ۾ صاف مطلي هيٺان رهندي اهو تصور تقريبا ً غلط محسوس ٿئي ٿو ته مٿيون ڳالهيون شايد حاصل ٿي نه سگهن. هتي هر ڪنهن ڳالهه ۽ ڪم جي امڪان واري اصول ۾ اڃا تائين پختو يقين آهي. اهو تصور خصوصي طور اولهه يورپ وارن گهٽ ڪامياب ماڻهن لاءِ به سلامتيءَ وارا اپاءَ گهٽ مقدار ۾ پر مهيا ڪري ٿو. لاس اينجلس جو معاشرو آزاد خيال ۽ آزاد پسند ته آهي پر اِهو پاڻ وانگر ڇڙواڳ سماج ڪونهي.
    هت Rule of law يعني قانون جي حڪمراني آهي. جنهن کي ٽوڙڻ جي ڪنهن کي به مجال ڪانهي. ايئن لاس اينجلس شهر کي ڏسندا ۽ سندس باري ۾ سوچيندا اچي پنهنجي منزل ڀيڙا ٿياسين. رات ڪافي ٿي چڪي هئي تنهنڪري ماني کائي وڃي آرامي ٿياسين.
    آمريڪا ۾ پهرين رات گذري وئي. ٻڌو هوم ته لاس اينجلس جي موسم سنڌ جهڙي آهي پر هت ته آگسٽ جي مهيني ۾ به ڪمري اندر بلئنڪيٽ جي ضرورت محسوس ٿي، جيڪو بيڊ تي رکيل هو ۽ مٿان ڪرڻ سان مزو پئي آيو. باقي سج لهڻ ۽ اڀرڻ جو وقت بلڪل پاڻ وانگر، نه ڪي يورپ وانگر جو رات جو ٽين بجي اسڪاٽلينڊ ۾ اُٿي دريءَ کان ٻاهر نِهار ته ڄڻ ڀنڀرڪي لڳي پئي آهي پر هت ايئن ڪونهي. صبح ٿي چڪو آهي، بسترو ڇڏي اٿي اچي دريءَ تي بيٺو آهيان. رستن تي ٿوري ٿوري ٽرئفڪ آهي. ڪيڏا نه وڏا ۽ ڪشادا رستا ۽ ڪيڏيون نه وڏيون گاڏيون پر گاڏين کي گهڻو ڪري پاڻ وارين گاڏين جيان چار دروازا نه پر فقط ٻه دروازا آهن. گاڏيون، روڊ، رستا، فوٽ پاٿ، گهرن جون دريون، دروازا، ڀتيون، ڇتيون سندن رنگ روپ، دڪان، مارڪيٽون، بجليءَ جا ٿنڀا تن جون تارون. ٽرانسفارمر، پيدل هلندڙ ماڻهو تن جون شڪليون ۽ رفتار، سندن هلڻ جو انداز، کين پهريل ڪپڙا ۽ بوٽ، سندن تڪڙا تڪڙا قدم، ڪو به سگريٽ ڪو نه ٿو پيئي، ڪنهن جي به هٿ ۾ اخبار ڪانهي، شايد هر گهر ۾ اخبار اچي ۽ سڀڪو اخبار گهران پڙهي پوءِ ٻاهر نڪري. ڪهڙي ضرورت آهي هٿ ۾ اخبار کڻي هلڻ جي.
    عورتن جي پيرن ۾ وڏين کڙين وارا سئنڊل، چپن تي سنهي ليڪ جيان لپسٽڪ لڳل، ميڪ اپ نه هئڻ جي برابر، يورپ جي مقابلي ۾ روڊن تي تمام گهٽ ماڻهو، ڪارن موٽرن ۾ زياده ماڻهو. هيٺ زمين تي ملڪ ملڪ جا ماڻهو ۽ سندن ڀاڳ مختلف پر مٿي ساڳيو ئي نيرو آسمان جيڪو سڀني کي مون وانگر ڏسي ۽ عجب کائي رهيو آهي. ڪافي وقت ٿي چڪو آهي پر اخبار نه آئي سو ٻاهر نڪري آيس ته روڊ جي ٻئي پاسي شيشي جي نفيس ڪَٻُٽَنَ ۾ جيڪي زمين تي ليٽيا پيا آهن.تن ۾ بيشمار اخبارون پيون آهن. ڪو به ماڻهو ڪونهي. پنهنجي پسند جي اخبار کڻو پيسا اتي ئي رکي هليا وڃو جي پئسا نه رکو ته ڪو به پڇڻ وارو ڪونهي.
    اخبارن سان گڏ بيشمار مئگزين پيل آهن. مٿان مٿان لاس اينجلس جي مشهور ۽ زياده ڇپجڻ واري اخبار لاس اينجلس ٽائيمز رکي آهي. هن اداري جا ٻه رسالا لاس اينجلس ماهوار ۽ هفتيوار پڻ نڪرندا آهن. اخبار کڻي پيسا رکي اخبار جي مکيه سرخين تي نظر ڊوڙايم ۽ ايئن اخبار هٿ ۾ کڻي روڊن رستن تي هلڻ لڳس. هاڻ ڪجهه زياده رش نظر پئي اچي پر پيدل هلڻ وارا گهٽ، گاڏيون زياده نطر اچي رهيون آهن. ٿوري ئي پنڌ تي ٽوئرسٽ ڪمپنيون ۽ ايئرلائينن جون بيشمار آفيسون آهن پر سوير هئڻ ڪري سڀ بند پيون آهن. ايئرلائين آفيسن جي بورڊ تي ڪمپني جي نالن سان سندن فون نمبر به لکيا پيا آهن.
    1- ايئرڪئناڊا: 4226232 (800) Air Canada:
    2- آمريڪين ايئرلائين؛ 4337300 (800) : American Air line
    3- برٽش ايئرويز: 2479297 (800) British Air Ways:
    4- ڊيلٽا ايئر لائين: 2211212 (800) Delta Air line:
    5- جپان ايئرلائينز: 5253663 (800) Japan Air Lines:
    6- نارٿ ويسٽ ايئر لائينز: 2252525 (800) North West Air Lines:
    7- يونائيٽيڊ ايئر لائينز: 2416522 (800) United Air Lines:
    8- يو – ايس – ايئر: 4284322 (800) U-S- Air:
    هي ته ٿيا چند ايئر لائينن جا نالا ۽ فون نمبر پر جيڪر آئون سڀني هوائي ڪمپنين جا نالا ۽ انهن جا فون نمبر لکڻ شروع ڪيان ته شايد سون جي تعداد ۾ ٿي وڃن. ٽريولر ۽ ٽوئرسٽ ڪمپنين جا نالا پڙهندو هيڏانهن هوڏانهن ڏسندو وائسندو اڳتي وڃي رهيو آهيان. منهنجي ڀرسان آمريڪن ڇوڪريون تڪڙو تڪڙو لنگهي رهيون آهن. ڪنهن ٻئي طرف ڌيان ڪونهين. آئون کين ڏسي رهيو آهيان. آمريڪن ڇوڪريون جرمني کانسواءِ باقي سڀني يورپين ملڪن جي ڇوڪرين کان وڌيڪ ٿلهيون آهن. سونهن ۽ سوڀيا ۾ يورپ جي سڀني ملڪن کان آخر ۾ آهن. هت ته سڄي دنيا اچي گڏ ٿي آهي. ظاهر آهي ته نسل به اهڙو پيدا ٿيندو. رڳو لاس اينجلس شهر جي اسڪولن ۾ پنجاسي ٻوليون ڳالهائيندڙ شاگرد پڙهن ٿا. باقي آمريڪا جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.
    چون ٿا ته لنڊن شهر ۾ ٽي سؤ ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهو رهن ٿا.
    آئون گهر کان ٻاهران ڪافي اڳتي نڪري ويو آهيان پر هي سڀ ڪجهه ڏسي مزو پيو اچي ۽ اڃا به اڳيان وڃي رهيو آهيان. ٻيا پيدل هلڻ وارا ماڻهو به گهڻو ڪري اڪيلا اڪيلا اچي وڃي رهيا آهن. ڪو به ڪنهن ڏانهن ڌيان ڪو نه ٿو ڏي، سڀ ڪو پنهنجي پنهنجي دنيا ۾ مست مگن لڳو پيو آهي.
    آئون جنهن علائقي مان وڃي رهيو آهيان اهو سڄو رهائشي علائقو آهي. هڪجهڙا گهر، هر گهر جي اڳيان تمام خوبصورت پارڪ ۽ سهڻا قيمتي وڻ تن ۾ اڪثريت ناريل ۽ کجين جي وڻن آهي جيڪي ايڏا ته وڏا آهن جو ڄڻ ته آسمان سان ٿا ڳالهيون ڪن. آمريڪي گهر يورپ جي گهرن کان بلڪل مختلف ۽ وڌيڪ سهڻا ۽ دلڪش آهن. جن تي تمام گهڻو پيسو خرچ ٿيل نظر ٿو اچي. اندر ته الاءِ ڇا هوندو. گهرن کي ڏسڻ سان ماڻهو تي رعب طاري ٿيو وڃي. ڏاڍا شانائتا ۽ پروقار گهر آهن. هاڻ واپس ورڻ گهرجي ڪافي دير ٿي وئي آهي. واپس ورڻ ۾ گهٽ دير ٿي. اسان تيار ٿي دنيا جي لاجواب تفريح گاهه يعني ڊزني لينڊ ڏانهن روانا ٿياسين پر بهتر سمجهيوسين ته شهر جو چڪر هڻندا پوءِ ڊزني لينڊ پهچون. لاس اينجلس شهر دنيا جي چند انهن شهرن مان هڪ آهي جت گهمڻ ڦرڻ لاءِ بي انتها تفريح گاهون آهن. جيڪو سڄي دنيا جي سرزمين تي شاهوڪار ترين زمين جو ٽڪروآهي. هتي سڄي دنيا جا سياح گهمڻ ڦرڻ ۽ تفريح لاءِ هر سال وڏي تعداد ۾ اچن. هتي جي موسم ٻارهن ئي مهينا سياحت لاءِ موزون آهي. هتي صرف هڪ بلڊنگ يعني يونيورسل اسٽوڊيو بلڊنگ جي قيمت پنجاهه بلين ڊالر آهي صرف آمريڪا جي انهيءَ هڪ عمارت وڪڻڻ سان سڄي پاڪستان جو سٺ سال پراڻو قرض لهي وڃي. پوءِ اندازو لڳايو ته سڄي آمريڪا ۾ ڇا ته دولت هوندي. ڪير ٿو مٿو هڻي انهيءَ حساب ڪتاب تي. پاڻ ٿا لاس اينجلس گهمون. لاس اينجلس ۾ مکيه گهمڻ ڦرڻ جا ماڳ مڪان هن ريت آهن. جيڪي ڪوشش ڪري هر سياح کي ڏسڻ گهرجن باقي ڀلا ڀليءَ جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي.
    سينٽرل L-A جا مکيه سياحتي مرڪز
    1- ايرو اسپيس بلڊنگ
    Aero Space Building
    2- ڪئليفورنيا آفرو- آمريڪن ميوزم
    California Afro American Museum
    3- ڪئليفورنيا اسٽيٽ ميوزم
    California State Museum
    4- ايڪسپوزيشن پارڪ
    Exposition Park
    5- وئٽس ٽاورس
    Watts Towers.
    ڊائون ٽائون Down Town
    1- چائنا ٽائون China Town
    2- سٽي هال City Hall
    3- ايڪو پارڪ Echo Park
    4- براڊ بري بلڊنگ Brood Bury Building
    5- ايليشن پارڪ Elysian Park
    هاليووڊ Holly Wood
    1- فارمرس مارڪيٽ Farmers Market
    2-هاليووڊ ميموريل Holly Wood Memorial
    3- واڪ آف فيم Walk of Fame
    4- چائنيز ٿيٽر Chinese Theater
    5- برنسڊال پارڪ Barnsdall Park
    انهيءَ کانسواءِ فلمي اسٽوڊيو بيچس، ويلز ۽ ٻيون هزارين گهمڻ جون جڳهيون جن تي لکن جي تعداد ۾ سياح پيا اچن ۽ وڃن. آئون ٻاهر روڊن رستن تي ڏسڻ سان گڏ هٿ ۾ جهليل اخبار کولي ڏسان ٿو. اخبار ۾ مکيه خبرون مغربي مفادن جو احوال ۽ واکاڻ، ٻي سڄي دنيا هنن جي نظر ۾ دهشتگرد، اڻ سڌريل، ظالم ۽ غير مهذب آهي. اسرائيل هنن جي نظر ۾ امن جو رکوال ۽ مظلوم آهي. تنهنڪري ته لکن عربن جي قاتل شيرون کي هنن امن جو علمبردار سمجهي سڄي دنيا مان ڳولي کڻي سندس ڳچيءَ ۾ نوبل امن ايوارڊ وڌو ۽ انهيءَ جي مقابلي ۾ فلسطيني هنن لاءِ ڪچي گار آهن. چي هي وڏا دهشتگرد آهن ۽ موچڙن کانسواءِ ڪو نه سڌرندا. تنهنڪري هر وقت هنن کي گولين سان اٿارجي ويهارجي. مطلب ته آمريڪا جون سڀ اخبارون اهڙين خبرن سان ڀريون پيون آهن. اخبارن ۾ اهڙيون خبرون پڙهي پڙهي ضمير ۽ ذهن کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. پر بقول شاعر جي ته
    ”روڄ راڙي کانسواءِ، مجبور ماڻهو ڇا ڪندو.“
    خبر ناهي قدرت کي ڪڏهن هنن ماڻهن تي رحم ايندو. اسان لاس اينجلس جي روڊن، رستن، بلوارڊن تان گهمندا ڦرندا اچي ڊزني لينڊ جي ڪار پارڪنگ تي بيٺاسين. ٽڪيٽ وٺي اندر وياسين ته ميڙو متو پيو هو، رڳو اسان جي اندر وڃڻ جي دير هئي. موسم ڏاڍي خوشگوار هئي. سڄي دنيا جي ماڻهن کي هڪ هنڌ ڏسي عجب سان گڏ خوشي به ٿي. آئون سمجهان ٿو ته شايد ئي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جو ماڻهو رهيل هجي. ڪارا، گورا، ڀورا، مشرق کان مغرب تائين، ڪنهن ڪنهن قوم جا نالا لکجن.
    خدا جب حسن دیتا ہے
    تو نزاکت آہی جاتی ہے
    جڏهن پئسو اچي ٿو ته جهنگل ۾ منگل لڳيو وڃن. هي سڀ ڪجهه ته انسان جي دماغ ۽ هٿن سان اڏيو ويو آهي.
    جيئن جيئن قومن ۽ ماڻهن وٽ دولت اچي ٿي تيئن تيئن هو پنهنجي زندگيءَ کي وڌيڪ سينگارين ۽ سنوارين ٿا سواءِ پنهنجي ملڪ پاڪستان جي. پر پاڻ به گهٽ ٿوري آهيون آمريڪا وٽ ايف 16 لڙاڪا جهاز آهن ته پاڻ وٽ به آهن نه رڳو آهن پر ڪجهه ايف 16 جهازن جا پئسا به آمريڪا ڏي رهن ٿا. انهيءَ لحاظ سان آمريڪا اسان جو قرضي به ٿيو. ڊزني لينڊ اندر تمام وسيع ۽ ڪشادو آهي سو گهمڻ جي شروعات ڪٿان ڪريون، اهو سڀ ڪجهه ته هر هنڌ لکيو پيو آهي. پوءِ ٿا اهي بورڊ پڙهون. پهرئين گيٽ جي سامهون جت وڏن اکرن ۾ ڊزني لينڊ لکيو پيو آهي، اُتي ٿا فوٽا ڪڍون پر هت ته تمام گهڻي رش آهي ۽ هر ٽوئرسٽ چاهي ٿو ته گهمڻ جي شروعات هتان فوٽو ڪڍرائي پوءِ ڪجي. رش هوندي به هڪ ٻئي جو خيال رکيو وڃي ٿو. تنهنڪري زياده دير ڪا نه ٿي لڳي. آئون هروڀرو هڪ اڪيلي ڇوڪريءَ کي ڪئميرا هٿ ۾ ڏئي ساڻس ڳالهيان ٿو ۽ کيس عرض ٿو ڪريان ته اسان جا فوٽا ڪڍي. پاڻ کلندي مرڪندي ها ها ڪندي اسان جا فوٽا ٿي ڪڍي ۽ آئون غور سان کيس ڏسان ٿو. ربّ پاڪ ڪيڏا نه سهڻا مهانڊا ۽ انگ ڏنا اٿس. دل ۾ سوچيان پيو ته فوٽن ڪڍڻ کان پوءِ ساڻس ڳالهه ٻولهه ڪريان پر ڇا چوانس. ها اهو بهتر ٿيندو ته کيس چوان ته تنهنجو فوٽو ڪڍان يا اسان سان گڏ فوٽو ڪڍراءِ. سندس ٻانهون سڄيون اگهاڙيون آهن. جن تي شايد وارن لاهڻ وارو ڪريم ڪو نه لڳائيندي آهي ڇو ته سندس ٻانهن تي ننڍا سنها ڀورا وار نظر اچي رهيا آهن. بدن تي ڪاري شرٽ ۽ بلو چڊي پاتل اٿس. پاڻ شايد آمريڪن ڪانهي. سندس نڪ چپ، ڳل ۽ اکيون ڪيڏا نه وڻندڙ آهن. سندس وار نه وڏا آهن ۽ نه ئي ننڍا آهن. ڪيڏي نه ترتيب سان سنواريل آهن. ڪاري قميص تي ڀورا وار ڏاڍا پرڪشش لڳي رهيا آهن ۽ هوا تي اڏرڻ مهل ڪيڏا نه سهڻا ٿا لڳن. سفيد اکڙين ۾ ڀورا تارا ڄڻ ته آسمان ۾ چنڊ هجي. فرينچ ڇوڪرين وانگر ڏاڍي سهڻي هاٺي Body اٿس. هيڏي سهڻي ڇوڪري هن هيڏي ميلي ۾ اڪيلي اڪيلي پئي گهمي. شايد ڪنهن جي اچڻ جو انتظار اٿس. انتظار ته هن جو ڪجي هيءَ ڇو پئي انتظار ڪري پر جي انتظار ڪري ته به ٻاهر ڪرڻ گهرجيس ها پر هن سڄي ڊزني لينڊ اندر هي هڪڙي اڪيلي اڪيلي ٿورئي آهي ٻيون به ته سون جي تعداد ۾ هن جهڙيون، اڪيليون اڪيليون پيون گهمن ڦرن. گهڻين اڪيلين کي مُنهن ڏبو، ڇڏين کڻي، پنهنجو ڪُرو.
    ڊزني کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ هڪ وڏي بورڊ اڳيان نظر وجهي پڙهان ٿو. سوچيان ٿو ته گهمڻ ته پري ٿيو پر هن بورڊ کي پڙهڻ لاءِ به ڪلاڪ گهرجي پر گهمڻ جي شروعات ته سوچي سمجهي پوءِ ڪجي سو مختصر نموني سان بورڊ تي نظر ڊوڙائي اڳتي ٿا وڌون. اسان وٽ سڄي ڏينهن جي گهمڻ واري ٽڪيٽ آهي. تنهنڪري سڄي ڏينهن ۾ سموري ڊزني لينڊ ۾ ڪٿي به گهمي ڦري سگهجي ٿو. سڄي ڊزني لينڊ جي لکن هزارن ماڻهن ۾ آئون واحد ماڻهو آهيان جنهن کي سفاري سوٽ پهريل آهي، ڇو ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڪير به سفاري سوٽ نه پائي، تنهنڪري پاڻ کي هنن سڀني ۾ اوپرو محسوس ڪري رهيو آهيان. اها ماڻهو جي پنهنجي سوچ آهي نه ته هت اگهاڙو پيو هل پر تو ڏانهن ڪير نهاريندو به ڪو نه ته تون ڪهڙي باغ جي موڙي آهين پر انساني ذهن ۾ هروڀرو اهي خيال پيا ڊوڙندا آهن ته هي سڀ ماڻهو منهنجي لاءِ پيا سوچين. اها سوچ به ماڻهو کي ڪنهن حد تائين ذهني مريض ڪريو ڇڏي.


    ٻيو حصو

    ڊزني لينڊ جو هي سحر انگيز تفريح گاهه والٽ ڊزني نالي هڪ شخص تعمير ڪرايو ۽ سن 1955ع ۾ جولاءِ مهيني جي سترهين تاريخ تي سير ۽ تفريح لاءِ کوليو ويو. هن کان پوءِ هن قسم جون تفريح گاهون فلوريڊا رياست، جپان ۽ يورپ ايشيا ۾ پڻ تعمير ڪيون ويون پر هن پارڪ جي حيثيت ۽ اهميت برقرار رهي. انهيءَ جو مکيه سبب هي آهي ته وقتاََ فوقتاََ هتي نت نيون شيون آنديون ۽ ڏيکاريون وڃن ٿيون. هتي جي انتظاميه ماڻهن جي سهولت، اطمينان ۽ وڌيڪ لطف لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ اپاءُ وٺي ٿي. جنهن سبب قطارن ۾ بيهندڙ ماڻهن کي انهيءَ انتظار دوران به ڪا تڪليف محسوس ڪا نه ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي هر سال سراسري طور ملين کان وڌيڪ ماڻهو ڊزني لينڊ گهمڻ اچن ٿا.
    فيمليءَ وارن ماڻهن جي سهولت لاءِ هتي بيبي ڪيئر سينٽر Baby Care centre، ڪُتا آڻيندڙن لاءِ ڪينل Kennel ۽ ڪئين ريسٽ روم موجود آهن.
    ڊزني لينڊ گهمڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽ کي پاسپورٽ سڏيندا آهن. ٻن ۽ ٽن ڏينهن لاءِ گهربل پاسپورٽ ۽ سٺ سالن کان وڏي عمر وارن ماڻهن لاءِ اگهن ۾ ڪجهه ڇوٽ ڏجي ٿي. هن پارڪ کي هڪ ڏينهن ۾ مڪمل طور ته مور نٿو ڏسي سگهجي ڇو ته عجائبات جو تعداد تمام گهڻو آهي. هي پارڪ ستن مکيه ڀاڱن ۾ ورهايل آهي. ڊزني لينڊ ريلوي پنهنجي ڏيڍ ميل واري چڪر ۾ سمورن ڀاڱن جو هڪڙو دلفريب نظارو ڏيکاري ٿي.
    پارڪ جي هر ڀاڱي ۾ ڪيترائي ريسٽورانٽ آهن جتي هر قسم جو کاڌو پيتو مُيسر آهي.
    پارڪ ۾ سير جي شروعات مين اسٽريٽ يو ايس اي نالي مکيه دروازي وٽان ٿئي ٿي. گهڙيال جي ڦيري موجب سمورن ڀاڱن مان ٿيندي آخري ڀاڱي ٽومارو لينڊ ۾ دنگ ڪري ٿي. سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي موسيقار ۽ بازيگر ماڻهن کي اضافي طور وندرائڻ لاءِ موجود آهن.
    والٽ ڊزني هڪ ڀيرو چيو هو ته” مون کي اميد آهي ته اسين هڪڙي نهايت عجيب شيءِ کي ڏسڻ ڪو نه وسارينداسين ۽ اها شيءِ آهي ”مڪي مائوس“ يعني اهو ڪُئو جنهن جي نمائش هتي سڀني اسمن کان پهرين ۽ اڳي ڪئي وئي هئي.“
    پارڪ جي تقريباً سمورن ڀاڱن ۾ ڪيترائي هٿرادو ساهوارا نمائش لاءِ رکيل آهن. انهن ۾ انسان، حيوان ۽ پکي پڻ شامل آهن. انهن کي اينيميٽرانڪس Animatronics سڏجي ٿو. اهي ساهوارا اهڙي ته ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن جو اهي ڪنهن به طرح هٿرادو نٿا لڳن. سندن چرپر ۽ آواز حقيقي ساهوارن سان مڪمل طور ملندڙ آهي، جنهن سبب ماڻهو کي هن طلسم تي يقين نٿو اچي. هتي ڪيترن ئي قسمن جا هٿرادو گل ۽ وڻندڙ ٻوٽا پڻ نمائش لاءِ آراسته ڪيل آهن. ڊزني لينڊ اسان گهمي رهيا آهيون ۽ توهان کي به گهمائي رهيا آهيون.
    پارڪ جي پهرئين ڀاڱي کي ايڊوينچر لينڊ Adventure land سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ پاڻيءَ جا ڪيترائي واهڙ ۽ تلاءُ آهن جن ۾ تراکڙين ٻيڙين ۾ هٿرادو نموني ايشيا، آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي مختلف تفريح گاهن جا نظارا ٻيڙين ۾ سير وسيلي ڏيکاريا ويندا آهن. جٿي ڪٿي پاڻيءَ ۾ پاڻي وارا وڏا وڏا مختلف قسمن جا مڇ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. جيڪي پنهنجي پنهنجي مزاج مواقف ڪرتب ڏيکاريندا رهندا آهن.
    پارڪ جي ٻئي ڀاڱي کي ڪريٽر ڪنٽري Critter Country سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾ اتر اولهه آمريڪا جي جهنگلن جي طرز تي گهاٽا جهنگل ڏسڻ ۾ اچن ٿا. انهن جي وچ ۾ ننڍا واهڙ به موجود آهن. هتي جهنگلن ۾ رڇ (Bear) کي ڪرتب ڪندي ڏيکاريو وڃي ٿو. هن جهنگل ۾ وهندڙ واهڙن ۾ وڻن جي ٿڙن مان ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ترنديون آهن، انهن تي چڙهي به ماڻهو هن ڀاڱي جو سير ڪري سگهي ٿو ۽ وڌيڪ لطف وٺي سگهي ٿو.
    پارڪ جي ٽئين ڀاڱي کي فينٽاسي لينڊ Fantasy Land سڏيندا آهن. هن ڀاڱي ۾، ڊزني اسٽوڊيو ۾ ٺهيل فلمون ڏيکاريون وڃن ٿيون. انهن ۾ اوڻيهين صديءَ دوران انگلينڊ جي سماجي صورتحال هڪ مخصوص انداز ۾ پيش ڪيل آهي.
    جهڙوڪ ميڊ هيٽر واري چانهه پارٽي، مسٽر ٽوڊ جي جهنگلي سواري، سليپنگ بيوٽيءَ وارو ڪيسل وغيره، تنهن کانسواءِ وائيٽ نِڪل ٽرپ مزيدار راند آهي. جنهن ۾ هڪ ننڍڙيءَ گاڏيءَ ۾ ماڻهو سوار آهن، اهي اوچتو هڪ مٿانهين هنڌ تان هيٺ گوڏن ڀر اچي ڪرن ٿا. هتي هڪڙي ٽرين ۾ هڪڙو سرڪس گهمايو وڃي ٿو جنهن ۾ ٽن ننڍڙن سوئرن جا ڪرتب ڏيکاريندا آهن ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي مزيدار شيون ڏيکارين ٿا.
    ڊزني لينڊ پارڪ جي چوٿين ڀاڱي کي فرنٽيئر لينڊ Frontier Land سڏين ٿا. هن ڀاڱي ۾ قديم مغربي دنيا کي مخصوص انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هتي آمريڪي ندي مسيسيسپي Mississippi جو نقل ٺاهي منجهس مارڪ ٽوئن ۽ ڪولمبيا نالي جهازن جو سفر ڏيکارين ٿا. ماڻهو انهن جهازن تي چڙهي ۽ گهمي سگهن ٿا. تنهن کانسواءِ هتي هڪڙي ريل گاڏي هڪڙي غار يا کاڻ مان لنگهندي ڏيکارين ٿا. جتي پٿرن جا ٽڪر ڪرندا ۽ چمڙا وغيره اڏامندا نظر اچن ٿا.
    مين اسٽريٽ يو ايس اي Main Street U.S.A نالي واري ڀاڱي ۾ اوڻيهئين صديءَ واري آمريڪي صورتحال ڏيکاري وئي آهي. هتي فقط ٽانگا ۽ بگيون هلايون وڃن ٿيون. هتي سينيما اوپيرا هائوس ۽ ٻارن جي رانديڪن ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جا دڪان به آهن. اوپيرا هائوس ۾ هڪ شو ڏيکارين ٿا انهيءَ جو نالو آهي مسٽر لنڪن سان گڏ گذاريل عظيم لمحات Great Moments with Mr. Linconانهيءَ ۾ آمريڪي صدر ابراهام لنڪن آمريڪي تاريخ تي هڪڙو ليڪچر ڏيندو آهي.
    نيو اورلينس اسڪوائر New Orleans Square نالي ڀاڱي ۾ مارڊي گراس پريڊس ۽ ڊڪسيلينڊ جاز نالي موسيقي ۽ ناچ حقيقي فنڪارن طرفان پيش ڪيو وڃي ٿو. تنهن کانسواءِ قديم ڏکڻ آمريڪي تهذيب جي جهلڪ پڻ ڏيکاري وڃي ٿي. جهڙوڪ ڪيريبئين ٻيٽ جيڪو درياهي چورن جو ڳڙهه آهي. اوڏانهن هڪ ٻيڙيءَ جو سفر ڏيکاريو وڃي ٿو ۽ هڪڙي جنن ڀوتن واري آستان جو سير پڻ ڪرايو وڃي ٿو.
    ڊزني لينڊ پارڪ جي ستين ڀاڱي جو نالو آهي ٽومارو لينڊ Tomorrow Land. هن ڀاڱي ۾ سائنسي ڪرتب ۽ ڪرشما ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي خلائي سفر، سيارن جو سير ۽ سمنڊ اندر آبدوزن وسيلي سفر جون فلمون ۽ جهلڪيون ڏيکارين ٿا.
    مٿي ڄاڻايل سمورن ڀاڱن ۾ پيش ٿيندڙ عجيب ۽ غريب سير ۽ سفر کانسواءِ هن پارڪ ۾ راڪ، فاڪ، پاپ ۽ بگيئينڊ موسيقي ۽ قديم توڙي جديد ناچن جو پڻ جوڳو بندوبست ٿيل آهي جتي هر ماڻهو پنهنجي پسند موجب موسيقي ۽ ناچ مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.
    هت گهمڻ لاءِ ماڻهوءَ کي پورو هفتو گهرجي پر هڪ ٽورئسٽ جيڪو آمريڪا صرف چند هفتن لاءِ گهمڻ اچي جيئن اسان سو صرف ڊزني لينڊ کي هڪ هفتو گهمي پوءِ هن کي آمريڪا گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ سال گهرجي پر نظام الدين جتوئي جهڙو سٺو دوست گائيڊ هجي ته پوءِ هڪڙي ڏينهن ۾ ماڻهو گهڻو ڪجهه گهمي سگهي ٿو. نه ته به مکيه، دلچسپيءَ وارا ماڳ ته ضرور ڏسي وٺندو. هت هر جڳهه ۽ هر شي دلچسپيءَ کان خالي نه آهي پر سج لٿي کان پوءِ رات جي رونقن ۽ رنگينين ۾ جيڪو رنگبرنگي سرڪس نڪري ٿو سو ڏاڍو دلچسپ ۽ نه وسرندڙ پروگرام هوندو آهي. جنهن کي ويجهو ڏسڻ لاءِ سياح سج بيٺي ئي سٺي جڳهه ڳولي ويهي رهندا آهن ۽ ايئن ويٺلن جون لائينون لڳي وينديون آهن. اسان به سڄو ڏينهن ڪئين پروگرام ڏسي نيٺ ٿڪجي هڪ جڳهه تي هن رنگين پروگرام کي ڏسڻ لاءِ ويهي رهياسين. ڪي اهڙيون ڳالهيون ۽ منظر ۽ مثال هوندا آهن جن کي زبان سان پيش ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. جيئن هڪ کدڙي کي وصال جو مطلب سمجهائڻ ممڪن ئي ڪونهي تيئن دنيا ۾ به ڪئين اهڙا ماڳ مڪان آهن جن جو عيني مشاهدو ئي اصل حقيقت آهي سو هي ڊزني لينڊ جو آخري سرڪس يا لاسٽ پريڊ به هڪ روح پَروڙ منظر کان گهٽ نه آهي. جنهن کي سڄي دنيا جا ماڻهو وڏي چاهه سان هر روز ڏسن ٿا. اسان به رنگينين جي هن ماڳ ۾ هي منظر ڏسي رهيا آهيون. جنهن کي ڏسڻ وارا لکن جي تعداد ۾ ته حصو وٺڻ وارا به هزارن جي تعداد ۾ هي من موهيندڙ پروگرام ڏاڍي سهڻي نموني پيش ڪري رهيا آهن.
    پرين وانگر سينگاريل عورتون هن جلوس ۾ سڀني ماڻهن کي هٿ ٻڌي سلام ڪري رهيون آهن ۽ پبلڪ انهيءَ مان لطف اندوز ٿي رهي آهي. سلام به اهڙي ته ناز نياز سان لُڏي لَمي ڪري رهيون آهن ڄڻ ته هي پروگرام ختم ٿيڻ شرط اسان سان گڏجي گهر هلنديون يا ٻاهر گاڏيءَ ۾ اسان جو پڪ ئي پڪ انتظار ڪري رهيون هونديون، رڳو اسان ان جي ٻاهر وڃڻ جي دير آهي. ڪافي دير تائين هن جادوئي نگريءَ ۾ هي آخري پروگرام ڏسي هيڏي ساري رش مان ٻاهر نڪري پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. لاس اينجلس جي روڊن رستن تي روشنيون جهرمر ڪري اسان کي سلام ڪري رهيون آهن ۽ اسان دنيا جي هن حسين ترين شهر جي رنگينين ۽ روشنين مان لنگهي پنهنجي گهر وڃي رهيا آهيون. اڄ رات نظام الدين جي دوستن اسان جي مان ۾ هڪ شاندار دعوت جو اهتمام ڪيو آهي. اسان پنهنجي گهر پهتا آهيون. نظام سندس گهر جي هيٺان ڪار پارڪنگ ۾ ڪار پارڪ ڪري گاڏيءَ ۾ پيل ڪتاب، اخبارون ۽ سامان کنيو ۽ اسان مٿي چڙهي پنهنجي فليٽ تي پهچي ڪجهه دير آرام ڪري فريش ٿي ڪپڙا تبديل ڪري چانهه پيتي. پوءِ نظام سندس دوست کي فون ڪئي. جنهن پڄاڻان اسان وري به لاس اينجلس جي روشنين ۾ گهمندا ڦرندا وڃي نظام جي دوستن جي گهر پهتاسين. هت چار پنج نظام جا دوست اڳ ئي ويٺا هئا جن سان نظام اسان جو تعارف ڪرايو. هنن سان ملي ايئن پي لڳو ته ڄڻ اسان اڳ ۾ ئي هڪ ٻئي جا واقف آهيون. اهو توهان کي آمريڪا ۾ هر هنڌ محسوس ٿيندو. هڪ ٻئي سان نه تڪلف نه رک رکاءُ. جيئن مليو هيلو هيلو، نه مليو ته مڙئي خير. مليو ته وڏا ڀاڪر، پر گهر اچڻ يا ڪا ٻي صلاح بلڪل نه يعني:
    ہوتا نہیں دوست
    ہر ھاتھ ملانے والا
    ڪير به ڪنهن کي چهٽي ڪو نه پوي، ڪم سان ڪم، هتي پاڻ وانگرڪونهين ته ادا آئون تو وٽ کوڙ دفعا آيو آهيان هاڻ تون مون وٽ اچ نه ته هاڻ آئون وري تو وٽ ڪو نه ايندس. ڀلي نه اچ مون ته توکي اڳ به اچڻ جو ڪو نه چيو هو، تون اڳ به پاڻهين آيو هئين هاڻ به پاڻ ٿو چوين ڪو نه ايندس پر چئبو ته ڪو نه اسان هت سڄي سنگت سان ملياسين، سڄي رات دؤر پي دؤر چلي واري محفل ڄمي ۽ ايئن ڏسندي ڏسندي اڌ رات آمريڪا ۾ گذارڻ وارين راتين مان گذري وئي. رات جو دير سان واپس گهر روانا ٿياسين ۽ صبح دير سان ننڊ مان اٿياسين. نيرن به منجهند جو کاڌيسين پر آمريڪا ۾ گهرن ۾ ويهي ڏينهن راتيون ضايع ته ڪرڻيون ڪو نه آهن ۽ هت پل پل مان لطف اندوز ٿيڻو آهي. سو تيار ٿي سوچيان ٿو ته ڪيڏانهن وڃون. خيال ڪيوسين ته اڄ ڊائون ٽائون جي طرف وڃون جت هر شيءِ موجود آهي. ماني به اُت کائڻ جو پروگرام جوڙي گاڏيءَ ۾ چڙهي روانا ٿي اچي ڊائون ٽائون جي علائقي ۾ لٿاسين. ڊائون ٽائون يعني ”هيٺاهون شهر“. شهر جو هي ڀاڱون پئسفڪ وڏي سمنڊ کان اوڀر طرف 12 ميلن جي مفاصلي تي هاربر (SR-11) هالي ووڊ (US-101) سانٽا مونيڪا (10-1) ۽ فري وي جي شموليت سان چوڪنڊي جهڙي علائقي تي مشتمل آهي هي سمورو علائقو ڏينهن جي وقت ۾ ٿيندڙ تجارت جو اعليٰ مرڪز ۽ شهر واري ڦيري لاءِ ڀلو ڀاڱو آهي. هن ڀاڱي ۾ انهيءَ سان گڏ چائنا ٽائون، لٽل ٽوڪيو ۽ شهر جو تاريخي طور اسپين وارن جو قائم ڪيل علائقو ايل پيو ڊي لاس اينجلس به شامل آهن.
    هرٽ آف دي هرٽ يعني دل جي دل مطلب ته سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شيءِ اُترئين مکيه گهٽي ۽ اتي تعمير ٿيل پلازه جيڪا وڻڪار سان ڇانيل ميدان آهي. جتي سنڪو ڊي مايو وغيره ميڪسيڪو جا ساليانه تهوار ملهايا ويندا آهن. اسان هتي مک مک ماڳن اڳيان ڪافي فوٽا ڪڍيا. مذڪوره پلازه ۾ اولويرا اسٽريٽ نالي سن 1930ع ۾ ميڪسيڪن مارڪيٽ/ ٿيم پارڪ نئين سر تشڪيل ڪيو ويو. هن علائقي ۾ تاريخي ۽ عمارتسازي جي لحاظ کان مشهور جايون جهڙوڪ روشن خياليءَ واري اسٽائل ۾ اڏيل ميسنڪ ٽيمپل، وڪٽوريا راڻيءَ واري دور ۾ اڏيل فائير هائوس ۽ مشن طرز تعمير موجب جوڙيل يونين پيسينجر اسٽيشن موجود آهن.
    ڊائون ٽائون جي اسپيني طرز زندگي جي يادگار براڊ وي آهي جيڪو ميڪسيڪو رياست جي سرحدي شهر ٽجوئانا جي باقيات جي صورت ۾موجود آهي. براڊ وي جي اتر ۾ چائنا ٽائون نالي علائقو آهي جتي چيني لساني گروهه جو واسو آهي. هتي چيني طرز جا دُڪان، هوٽل ۽ ريسٽورانٽ پڻ موجود آهن. هتي رهندڙ ماڻهن ۾ اڪثريت ويٽنام ۽ ڪمپوچيا کان آيلن جي آهي. هتي جي مخصوص علائقي ايس ڏانهن سينٽرل اَيوِ Ave ۽ پهرئين اسٽريٽ جي وچ وارو علائقو لٽل ٽوڪيو يعني ننڍڙو ٽوڪيو شهر سڏجي ٿو. چائنا ٽائون جي ڀيٽ ۾ ڊائون ٽائون جو هي علائقو وڌيڪ منظم ۽ پرڪشش آهي. جيتوڻيڪ اهو علائقو ثقافتي طور تي خالص ڪونهي. اسان هتي جپنيز زبان ۾ لڳل ڪافي پوسٽر پڻ ڏٺا. ڊائون ٽائون وارو مالياتي علائقو ڏکڻ اولهه ۾ فلاور اسٽريٽ جي چوڌاري پکڙيل آهي.
    هن علائقي ۾ بهترين هوٽلون، اعليٰ قسم جا شاپنگ سينٽر- ريسٽورانٽ ۽ ميوزڪ سينٽر- ميوزم آف ڪانٽيمپرري آرٽس ۽ ٽيمپرري ڪانٽيپمپرري نالي ميوزم موجوده آهن مگر رات جي پهر ۾ هتي چهل پهل گهٽجيو وڃي. L-A جا رهاڪو ۽ سياح راتيون گهڻو ڪري ڪلبن، ڊسڪو ڪلبن، دعوتن ۽ رنگينين ۾ گهاريندا آهن. ڏکڻ اولهه حد کان ڪجهه اڳتي تجارتي سرگرمي ڪجهه زياده آهي. هتي ڪپڙن يعني تيار لباس جي زبردست مارڪيٽ آهي، جت مون ڪجهه خريداري ڪئي. سياحن لاءِ انهيءَ کان به وڌيڪ دلچسپيءَ واريون چند يادگار عمارتون آهن، جهڙوڪ رابرٽ ڊيراهه واري ڪوڪا ڪولا بلڊنگ جيڪا سائوٿ سينٽرل ايو وٽ ٺهيل آهي. مين ٿيٽر جيڪو سائوٿ هل اسٽريٽ وٽ ٺهيل آهي. اسپيني مشينري جوليا مارگن واري تعمير ٿيل هيرالڊ اگزيمز بلڊنگ جيڪا 11115 سائوٿ براڊ وي تي تعمير ٿيل آهي. تنهن کانسواءِ ايڪسپوزيشن پارڪ پڻ نهايت دلچسپي وارو ماڳ آهي. جتي عظيم ميوزم، راندين جا ميدان. ميموريل ڪوليزم يعني آکاڙو ۽ شرائين آڊيٽوريم بهترين طرز سان اڏيا ويا آهن.
    ڪوليزيئم لفظ سان توهان جي ذهن ۾ اٽليءَ وارو جڳ مشهور ڪوليزيئم ياد نه اچڻ گهرجي پر لاس اينجلس ۾ انهيءَ نالي کانسواءِ هت وينس ارپنا مڪو انڊيانا ميڪسيڪو، لٽل ٽوڪيو، چائنا ٽائون نالي سان ٻين ملڪن جي شهرن ۽ رياستن جا کوڙ نالا نظر ايندا. خود وائيٽ هائوس ۾ چائنا روم آهي پر هي چون ٿا ته انهيءَ روم جو چائنا ملڪ يا قوم سان ڪو به تعلق ڪونهي پر انهيءَ ڪمري تي چيني جي سامان هئڻ ڪري نالو پيو.
    اسان جو اڄ ٻنپهرن جو ماني کائڻ جو ارادو به چائنا ٽائون واري علائقي ۾ ڪنهن چائنيز هوٽل ۾ آهي سو اسان پنهنجي گاڏي آڻي نانڪنگ Nanking نالي هڪ هوٽل جي اڳيان بيهاري، جنهن جو مينو (Menu) ايڏو مهانگو ڪونهي جيڏو يورپ جي هوٽلن جو آهي. هي هوٽل هلائيندڙ چائنيز آهن. مانيءَ ۾ ڪافي بوءِ محسوس ٿي. اها بوءِ توهان کي هانگ ڪانگ جي هوٽلن ۾ چائنيز کاڌي ۾ وڌيڪ محسوس ٿيندي. پاڻ وٽ ته چائنيز کاڌا هاڻ پنهنجي مزاج مطابق تيار ڪن. تنهنڪري هاڻ انهن ۾ چائنيز کاڌي واري بوءِ بلڪل ڪا نه ٿئي. اسان دريءَ جي ڀرسان ويٺاسين. ان تي لڳل پردو هٽايوسين ته ٻاهر ايندڙ ويندڙ ماڻهو ۽ ٽرئفڪ سواءِ ڪنهن گوڙ جي صاف نظر اچڻ لڳا. آمريڪا ۾ رستا ۽ گاڏيون تمام وڏيون آهن. شهر اندر به ڪافي تعداد ۾ رستا ٻه طرفا يعني Double way آهن. تنهنڪري رش گهٽ ٿئي.
    آمريڪا يورپ وانگر ڳتيل ڪونهي انهي ڪري هر هنڌ رش گهٽ نظر ايندي سواءِ چند وڏن شهرن جي. باقي اڃان ته آمريڪا سڄو خالي پيو آهي. توهان کي ڪن جڳهين تي ته سون سون ميلن ۾ ٺلها ميدان نظر ايندا. جيئن اسان خود لاس اينجلس کان لاس ويگاس ڏانهن ويندي ڏٺو. رڳو جبل ئي جبل ۽ خالي پيل برپٽ، ڪٿ ڪٿ فري ويز تي هوٽل يا ڪا وسندي نظر ايندي. پر يورپ ته سڄو ڳنڍيو پيو آهي ڳتيل آبادي گهر گهر سان سلهاڙيل آمريڪا کي ايئن آباد ٿيڻ ۾ اڃان سوين، هزارين سال لڳندا. ٻاهر پوليس جي ڪار سائرن وڄائيندي ڊوڙندي نظر اچي رهي آهي ۽ اسان ماني کائي رهيا آهيون ۽ ڪچهري به ڪري رهيا آهيون ته اهو به سوچي رهيا آهيون ته ترقي يافته ملڪ ڪيڏي نه تيزي سان ترقي ڪري رهيا آهن ۽ ملڪن جا مفاصلا ڪيئن نه اک ڇنڀ ۾ ختم ٿي رهيا آهن. ڪڏهن ته حج تي وڃڻ ۾ به سال لڳي ويندا هئا. پوءِ جڏهن ريل ۽ سامونڊي جهاز ايجاد ٿيا ته دنيا جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين انهن سوارين ۾ سن 1900ع ۾ ٻه مهينا لڳندا هئا ۽ پوءِ پنکي تي هلندڙ جهاز ايجاد ٿيو ته اهو فاصلو گهٽجي چار ڏينهن ٿيو ۽ وري اَسي واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آواز کان تيز هوائي جهاز يعني جيٽ ايجاد ٿيو ته اهو فاصلو اڃان به گهٽجي صرف چوويهه ڪلاڪ وڃي بچيو آهي پر اڄ جڏهن ڪنڪارڊ Con card به هاڻ مسافري لاءِ ايجاد ٿي هوائن ۾ پرواز ڪري رهيو آهي ته اهو فيصلو صرف ٻارهن ڪلاڪ وڃي رهيو آهي. چون ٿا ته صرف ٻن ٽن سالن ۾ سپرسانڪ ڪنڪارڊ جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ خلا ۾ سفر ذريعي اهي فاصلا صرف چند منٽن ۾ طئي ٿي ويندا. خوش نصيب هوندا اهي انسان جيڪي انهن هوائي جهازن ۾ سفر ڪندا، نه ته سر آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته ”منهنجي جوانيءَ ۾ مون کي دنيا جي وڏن وڏن سائنسدانن خود ٻڌايو ته هوائي جهاز ايجاد ٿيڻ ناممڪن آهي پر اهو ايجاد ٿيو ۽ مون خود اُن ۾ سفر ڪيو“ اڄ دنيا جو هر ماڻهو انهيءَ کي اڏامندو ڏسي رهيو آهي.
    جديد دنيا نه صرف هوائي ۽ خلائي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر اقتصادي ترقيءَ ۾ به وڏي ترقي ٿي آهي. سٺ جي ڏهاڪي کان اڳ ماڻهو لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو وڏو مسئلو هو. پاڪستان هر سال آمريڪا کان لکين ٽن ڪڻڪ گهرائيندو هو سو نون ٻِجَنَ جي ايجاد ٿيڻ کان پوءِ ڪڻڪ، چانور، ڦُٽِي، کنڊ ڪپڙو، تازا فروٽ، انب، مڇي سبزي، سنڌ جو گلاب جو گل ۽ ٻيون به ڪئين کاڌي جون جنسون دنيا ۾ ايڪسپورٽ ڪندو آهي. انهيءَ کانسواءِ صحت ۽ تعليم جي شعبي به دنيا وڏي ترقي ڪئي آهي. ٻني جهڙي ننڍي ڳوٺڙي ۾ به ڏهه ڊاڪٽر ۽ ڇهه ميڊيڪل اسٽور آهن. انهيءَ کانسواءِ مواصلات جي ترقي ته سڄي دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به ڊائريڪٽ فون ڪارڊليس فون/ فون، موبائيل فون، ڊش، ڊجيٽل سيٽلائيٽ سسٽم ننڍن ننڍن ڳوٺن ۽ واهڻن تائين پهچي ويو آهي. جنهن مان هر ماڻهو جهرجهنگ مستفيض ٿي رهيو آهي. انهيءَ ترقيءَ مان جت بي انتها فائدا ٿيا آهن اُت بي انتها خراب اثر به ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن. هاڻ ٻيلن ۾ ڌاڙيلن وٽ به موبائيل فون پهچي چُڪا آهن، جنهن جو بي انتها غلط استعمال ٿي رهيو آهي.
    اسان ماني کائي بل ڏئي هن ئي علائقي ۾ دنيا جي مشهور ترين علائقي هالي ووڊ Holly wood ۾ گهمڻ لاءِ روانا ٿياسين. هالي ووڊ ۽ آسڪر ايوارڊ جا نالا ٻڌڻ شرط ماڻهن جو ذهن حورن ۽ پرين جي سنسار ۾ پهچيو وڃي. آسڪر ايوارڊ جي تقريب به هت ٿيندي آهي. انهيءَ هال ۾ صرف هڪ هزار ڪرسين جي گنجائش آهي. جت سال ۾ هڪ ڀيرو اها تقريب ٿيندي آهي. هن علائقي ۾ دنيا جا سٺي ۾ سٺا ۽ مهانگي ۾ مهانگا نائيٽ ڪلب، هوٽلون، ٿيٽر ڪلبون ۽ ٻيون تفريح گاهون آهن. A.B.C ٽيليويزن وارن جي بلڊنگ ۽ آمريڪا جي اها مشهور هوٽل به هن علائقي ۾ آهي جت آمريڪا جو سابق صدر رونالڊ ريگن اچي رهندو هو. هي علائقو هن جي پسند جو علائقو هو. مطلب ته هي علائقو لاس اينجلس، آمريڪا ۽ دنيا جو مهانگو ۽ حسين ترين علائقو آهي.
    اڄ جي دنيا ۾ هي ڳاڻيٽا ڳڻيا ٿا وڃن ته:
    1- دنيا ۾ خلائي طاقت جو مرڪز ناسا Nasa
    2- فوجي طاقت جو مرڪز ماسڪو (دنيا ۾ اڄ به ائٽم (Atamic) ۽ ميزائلن جي فوجي سگهه ۾ ماسڪو آمريڪا کان به وڌيڪ طاقتور آهي. (ڏسو آمريڪي صدر جو ڪتاب ليڊرز)
    3- نيويارڪ دنيا جي دولت جي طاقت جو مرڪز، جتي آمريڪي دولت، اقوام متحده، I.M.F ۽ ورلڊ بئنڪ جا هيڊڪوارٽر آهن.
    4- فيشن، نزاڪت ۽ نفاست جو مرڪز پئرس
    5- علم جي طاقت جو مرڪز لنڊن، (آڪسفورڊ ۽ ڪئمبرج، لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس (آمريڪي صدر بل ڪلنٽن پنهنجي سوانح حيات ۾ لکيو آهي ته دنيا ۾ علم جو مرڪز اڄ به انگلينڊ آهي)
    6- ذهانت جو مرڪز ٽوڪيو
    7- سياحت جو مرڪز پئرس ۽ اسپين (جت الحمرا پيلس آهي)
    (ڏسو گنيز بوڪ آف ورلڊ رڪارڊ)
    8- تيل جو مرڪز عرب دنيا
    (دنيا ۾ تيل جي پيداوار جو ٻاهٺ سيڪڙو عرب دنيا ۾ پيدا ٿئي ٿو.
    9- Pano-Disco-Rock-Jazz-Cabaret –Casino, Sex Clubs, Live Shows جو مرڪز لاس ويگاس آهي.
    10- لاس اينجلس دنيا جو تفريحي مرڪز Entertainment Capital of world
    11- روم دنيا جي تهذيب ۽ ثقافت جو مرڪز
    12 نيويارڪ سياست جو مرڪز، جت اقوام متحده ۾ دنيا جي قومن جي ڇيڙي نبيري ٿيندي آهي.
    لاس اينجلس پوري دنيا ۾ تفريح جو وڏي ۾ وڏو مرڪز آهي. جت هر قسم جي تفريح موجود آهي. فقط لاس اينجلس پهچڻ جي دير آهي ۽ وري لاس اينجلس شهر ۾ به خاص ڪري رات جو توهان کي هالي ووڊ ۽ سانتا مونيڪا Santa Monica ۾ گهڻو ڪجهه ملندو. لاس اينجلس ۾ ٻي تفريح سان گڏ توهان کي مزاحيه ڪلب Comedy Clubs به جام ملندا. جنهن ۾ رابن وليئم ۽ ايڊي مرفي Robin Williams and Eddie Murphy جا مزاحيه ڪلب ته سڄي آمريڪا ۾ ڏاڍا مشهور آهن. جيڪي سڄي دنيا جا ماڻهو پاڻ به ڏسن ته پنهنجي ٻارن کي به ڏيکارين.
    لاس اينجلس شهر ۾ تفريح گاهن جي نالن جي لسٽ لکڻ سان هن جهڙو هڪڙو ٻيو ڪتاب لکجي ويندو ۽ هيڏي وڏي لسٽ ڏيڻ توهان کي بور ڪرڻ برابر ٿيندو. باقي مختصر گهمڻ جي ماڳن جو احوال آئون اڳ لکي چڪو آهيان. آئون توهان کي صرف دلچسپ ۽ مزيدار معلومات ٿو ڏيان. توهان جو جڏهن به لاس اينجلس وڃڻ ٿئي ته توهان ڪولمبيا پڪچرز ۽ وارنر برادرز Cloumbia Pictures and Warner Brothers جي اسٽوڊيوز ۾ ضرور وڃجو جت توهان پيسا ڏئي فلمن جي شوٽنگ ڏسڻ سان گڏ دنيا جي مشهور ائڪٽرن سان گڏ ماني به کائي سگهو ٿا. انهيءَ پروگرام لاءِ اسٽوڊيوز ۾ جدا جڳهه ۽ ٻن ڪلاڪن جو ٽائيم مقرر ٿيل آهي. جنهن ريسٽورانٽ ۾ توهان ائڪٽرن سان گڏ ماني کائيندا انهيءَ جو نالو ڪمپني ريسٽورانٽ Company Restarant آهي. هن پروگرام لاءِ توهان کي اڳواٽ بڪنگ ڪرائڻي پوندي.
    هالي ووڊ نالي علائقو شهر جو هڪ امير ترين علائقو آهي جيڪو سنئون ميداني پٽ ۽ اتريون ڀاڱو، ننڍين ٽڪرين تي مشتمل آهي. هن علائقي ۾ جديد پڪي شاهراهه موجود آهي. انهيءَ جو نالو هالي ووڊ فري وي 101-101 Hollywood Free way آهي. Lee نالي ٽڪريءَ جي ڏاکڻيءَ پاسي تي هالي ووڊ لفظ وارا اکر نشانيءَ طور ٺاهيا ويا آهن. جيڪي ڪيترائي ميل پري کان ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اڳي هي علائقو فلمي صنعت جو عالمي مرڪز هو مگر هاڻي اها حيثيت وڃائي ويٺو آهي. ڇو ته گهڻو ڪري وڏا فلمي اسٽوڊيوز هڪڙي ٻئي علائقي بربينڪ Barbank ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن ۽ آمريڪا جا مشهور فلمي ستارا جيڪي اڳ ۾ هالي ووڊ ۾ رهندا هئا، اُهي هاڻ هتان لڏي لاس اينجلس شهر جي ٻي وڌيڪ خوبصورت علائقي يعني بيورلي هلز ڏانهن هليا ويا آهن.
    موجوده وقت ۾ هاليووڊ بوليوارڊ ۽ وائين اسٽيٽ جو ظاهري نماءُ اڃا برقرار آهي پر اصلوڪو جاه جمال مفقود آهي انهيءَ ڪري هن سابق فلمي راڄڌانيءَ جي ترقي لاءِ مناسب اپاءُ وٺڻ شروع ڪيا ويا آهن. مثلاً اڳوڻي ايل ڪيپٽن ٿيٽر El capiton theater تي اٽڪل 6 ملين ڊالر خرچ ڪري انهيءَ کي سڌاري سنواري وري چالو ڪيو ويو آهي.
    ساڳئي سال سائلينٽ مووي ٿيٽر پڻ نئين جوڙجڪ سان ٺاهي وري کوليو ويو آهي. هاليووڊ جي نئين ترقياتي منصوبي ۾ ايل ڪيپٽن سميت هن بوليوارڊ ۾ اٺن بلاڪن تي مشتمل نئين اڏاوت شامل آهي. انهيءَ علائقي کي سئنيما ڊسٽرڪٽ Cinema District نالو ڏنو ويو آهي. هاليووڊ کي 1920ع ۽ 1930ع واري اوج تي آڻڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي ترقياتي منصوبا جوڙيا ويا آهن ڇو ته ماڻهن ۾ هالي ووڊ جي اڳوڻي اوج وارو چاهه اڃا تائين موجود آهي. هاليووڊ بوليوارڊ جو وائين Vine ۽ سائڪا مور Sycamore جي وچ وارو علائقو قومي تاريخي اهميت وارو ڀاڱو قرار ڏنو ويو آهي. هن علائقي ۾ هاليووڊ جي اڳوڻي اوج واريون ڪافي عمارتون اڃا تائين چڱي حالت ۾ موجود آهن. انهن ۾ مانس چائنيز ٿيٽر Mann’s Chinese theater ۽ واڪ آف فيم اسٽوڊيو Walk of fame studio به شامل آهن. ته ان سان گڏ ڪيپيٽل رڪارڊس ٽاور Capital Records Tower جهڙو موسيقيءَ جو مرڪز پڻ اچي وڃي ٿو.
    لاس اينجلس جي مضافات ۾ موجود چار بوليوارڊ هر هڪ هاليووڊ سن سيٽ، سانٽا مونيڪا ۽ ميلروز ڏينهن دوران تجارتي مرڪزن جي حيثيت جا حامل آهن ته اهي رات جي وقت ۾ تفريح، وندر ۽ ورونهن جا مکيه مرڪز آهن پر هالي ووڊ جي حيثيت مڙني کان مٿانهين آهي. اهو لاس اينجلس جو روايتي توڙي جديد ٿيٽر جو مرڪز آهي. جت سڄي دنيا جا سياح صرف هن جي نالي جي ڪشش ڪري ڪٿان ڪٿان ڪهي هن کي ڏسڻ لاءِ ايندا آهن.
    اسان هاليووڊ جي علائقي جي هڪ بهترين ريسٽورانٽ ۾ ويهي رهياسين جو صبح کان هلي هلي گهمي ڦري ٿڪجي پيا آهيون پر هتان وڃڻ لاءِ دل نٿي چوي. هوٽل ۾ آئسڪريم گهرائي کاڌيسين. آئسڪريم جو پيالو چڱو خاصو وڏو هو پر بل ايڏو وڏو ڪو نه هو، جيڏو وڏو پيالو هو. هوٽل جون ڀتيون سرن جون ٺهيل آهن مٿن پلستر ٿيل ڪونهي.
    پاڻ وٽ اهڙي جاءِ ڏسي ماڻهو سمجهندا ته کٽي ويو آهي. جو اهڙي خوبصورت گهر کي پلستر ڪو نه ٿو ڪرائي. هوٽل جي ڇت بلڪل بلئڪ ڪلر جي آهي. سروس تي گهڻو ڪري سڀ ڇوڪريون آهن جيڪي سڀ ٽين ايجر لڳي رهيون آهن ۽ سڀني کي هڪجهڙو لباس پهريل آهي. جيڪي سهڻي ڊزائين ۽ رنگن ڪري ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو آهي. ڪيڏو نه سادو پر ڪيڏو نه سهڻو آهي. انهيءَ ڊريس ۾ هي جل پريون يا بُلبُلون ڪيڏيون نه چست ۽ پروقار لڳي رهيون آهن. ڪپڙن پائڻ جو اهو لاجواب ذوق توهان کي سڄي آمريڪا ۾ هر هنڌ نظر ايندو. خاص ڪري عورتن ۾ لاجواب ڊزائينون ۽ دلفريب رنگن جي ڪري ننڍيون نيٽيون عورتون ته واهه واهه! پر پوڙهيون به پيون وڻن. آمريڪا ۾ هر هنر لاءِ سوچي سمجهي پوءِ ان کي قبول ڪيو ويندو آهي.
    اسان جهڙي غير باشندي وٽ هتي ايترو وقت ڪٿي مُيسر آهي ته هو وينس جي ساحل تي مختصر ڪپڙن ۾ اڱاري جي ڏينهن اڳين جو وڃي ترڪڻ راند ڪري يا اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ته سپر مارڪيٽ جي آسڻ تي ويٺل ڇوڪرو مائيڪل جيڪسن جو سنگتي سڏائڻ جي شوق ۾ جيڪسن وانگر ڇو پيو نچي ڪڏي؟ اڃا ٻئي طرف دُڪانن اڳيان نفسياتي ماهر عجيب انڪشاف ۽ ڏس پيا ڏين. فري وي تي ڪنهن پير مرد کي هڪ هٿ سان گاڏي هلائيندي ٻئي هٿ سان شرنائي وڄائيندي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. وري ڏسو ته نوجوان کي گَهِرنِ شيشن وارو چشمو پاتل ۽ هٿ ۾ ڪو دٻو اٿس ڪنهن ٻهراڙي واري رستي تي سائيڪل هلائيندو وڃي. شهر جي ڪنهن ڪلب ۾ ڏسندا ته ٿلهين مُڇين وارو ماڻهو ڏاڍي تيزيءَ سان ڪلب ۾ داخل ٿيو آهي. جنهن سان ستارن جي ڀرت واري تمام سوڙهي لباس ۽ سنهي ڊگهي کُڙيءَ وارو سينڊل پاتل هڪ چنچل ناري پڻ گڏ آهي. هتي توهان هڪ ريسٽورانٽ ۾ جوليا نالي ڪنهن خادمه کي ڪنهن ننڍڙي ناول جي وڻندڙ ڪهاڻي وانگر مينو پڙهي ٻڌائيندي پڻ ڏسي سگهندا. جيڪا پسند جي کاڌي لاءِ گهربل آرڊر وٺڻ لاءِ نهايت شائستگي سان ڪوشان هوندي.
    هتي هر ڪنهن کي آزادي حاصل آهي ته پنهنجي مزاج موجب عمومي رويو اختيار ڪري سگهي.
    تنهنڪري اڪثر و بيشتر هر ڳالهه عام رواجي ڀانئجي ٿي. هتي ٺهندڙ فلمن ۾ هر ڪنهن ڳالهه يا عمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ هن ٽنسلٽائون Tinsiltown يعني ستارن جي دنيا هالي ووڊ ۾ هرڪو پنهنجي ناٽڪ جو هيرو آهي. هيءَ ڳالهه ته خسيس محسوس ٿي سگهي ٿي پر حقيقت ڪري هيءَ وندر ورونهن واري صنعت يعني فلمي صنعت تفريح سان گڏ، تاريخ، ادب، فلسفي، مذهبيات ۽ حالات حاضره جي حقيقي صورتحال پيش ڪري ٿي.
    هن خواب ڏيکاريندڙ شهر ۾ رهندڙ ماڻهوءَ لاءِ اها ڳالهه بلڪل مشڪل ٿي سگهي ٿي ته هو وري به هڪ دفعو مڪمل طور سجاڳ ۽ باشعور ٿي پوي.
    لاس اينجلس ۽ سندس پاڙيسري ڪائونٽين جي ماڻهن جي واضح اڪثريت زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ سڌارڻ ۾ يقين رکندڙ شريف ۽ نيڪ نفسيءَ تي مشتمل آهي. هن علائقي جي پنهنجي نرالي ثقافت آهي جنهن کي پيسفڪ ثقافت سڏيندا آهن. هنن ماڻهن جو مزاج اتر ائٽلانٽڪ جي ساحلن وارن ماڻهن کان بلڪل مختلف آهي. هتي روزگار توڙي وندر جي بي انت موقعن ۽ وسيلن سبب صدين کان وٺي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ مان ماڻهو موج در موج ۽ ٽولن تي ٽولا ٿيندا هنن علائقن ۾ آباد ٿيندا رهن ٿا. انهن ۾ ڪارا توڙي گورا، يورپي توڙي آفريڪي ۽ ايشيائي وغيره سمورن نسلن جا ماڻهو شامل آهن. انهن ڌارين جي اچڻ جو سلسلو اڃا تائين برقرار آهي. انهن سمورن جو مجموعي طور تي اهو ئي خيال ۽ خواهش آهي ته جيترو به ٿي سگهي وندر ۽ ورونهن کان ڪنهن به صورت ۾ محنت مزدوري وڌيڪ ڪجي ۽ خوشحالي ماڻجي.
    مون هڪ ننڍي فائيل ۾ رکيل بل کي هڪ پاسيرو ڪري پنهنجي ڪُرسيءَ کي پٺيان گسڪائي اُٿي دروازو کولي ريسٽورانٽ کان ٻاهر نڪري هالي ووڊ جي بلو وارڊن تي نظر ڊوڙائي، ڪار جو دروازو کولي ڪار ۾ لڳل بيلٽ ڪنڌ کان ڦيرائي بدن کي ويڙهي ويهي رهيس ته پاڻ کي هاليووڊ جي ڪنهن فلم جو ڪردار سمجهڻ لڳس ته ڪار به فلمي انداز ۾ اسٽارٽ ٿي هالي ووڊ جي روڊن رستن تي ڊوڙڻ لڳي، نظرون چوطرف گهمڻ ڦرڻ لڳيون. هالي ووڊ جي هن حسين علائقي ۾ اڄڪلهه جپاني وڏي تعداد ۾ ملڪيتون خريد ڪري رهيا آهن. جنهن جو ڏک ته آمريڪين کي گهٽ آهي پر کين هيءَ ڳالهه دل ۾ کٽڪي رهي آهي ته لاس اينجلس شهر جي سڃاڻپ جا اهڃاڻ آمريڪين جي هٿن مان نڪري جپانين جي هٿن ۾ وڃي رهيا آهن. هونئن به لاس اينجلس آمريڪا جو اهو واحد شهر آهي جنهن تي آمريڪا جي مُک شهرن نيويارڪ ۽ واشنگٽن کان وڌيڪ جپان جي گاديءَ واري شهر ٽوڪيو جو اثر آهي.
    ڪئليفورنيا رياست ۽ انهيءَ ۾ لاس اينجلس سڄي شهر ۾ توهان کي جپاني هر هنڌ ملندا. لٽل ٽوڪيو واري علائقي ۾ ته رڳا جپاني رهندا آهن.
    اسان جي ڪار هن شهر جي ڪشادن روڊن تان ڊوڙندي اچي اسان جي گهر جي گيريج ۾ بيٺي. انهيءَ کان اڳ جو گهر پهچون ٿوري ئي پنڌ تي هڪ انڊين جي دڪان تان دستور مطابق روزمره جو سامان وٺڻ لاءِ دروازو کولي اندر داخل ٿياسين ته سندس دُڪان يا مِني سپر اسٽور بلڪل خالي پيو هو ۽ پاڻ اسان کي ڀليڪار چئي لاس اينجلس شهر ۾ گهمڻ ڦرڻ جون خبرون پڇڻ لڳو ته مون وري کانئس هندستان ۾ سندس رهائش واري صوبي جو نالو ۽ سندس نالو پُڇيو ته پاڻ سندس نالو نٿو رام ٻڌايائين جنهن تي مون کيس چيو ته هندستان ۾ ماڻهو پنهنجو نالو نٿو رام رکندا آهن ڇا؟ پاڻ اهڙو سوال ٻڌي چپ ٿي ۽ مون ۾ غور سان نهارڻ کان پوءِ مون کان ئي سوال ڪيائين ته ڇو؟ انهيءَ نالي رکڻ جو هندستان ۾ نه رکڻ جو ڪهڙو سبب. مون کيس چيو ته اهو ته ڏاڍو خطرناڪ نالو آهي. دل ۾ سوچيم ته هي آمريڪا جو هندو آهي نه سنڌ جو، سو اهڙن آڏن سوالن پڇڻ کانسواءِ سڌو سنئون کيس ٻڌايم ته جنهن انسان جي هٿن سان هلايل گولين جي ڪري گانڌي قتل ٿيو انهيءَ جو نالو به نٿو رام هو. پاڻ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين ته Realy وڌيڪ هڪ لفظ ڳالهائڻ کانسواءِآئون پنهنجو سامان کڻي واپس گهر ڏانهن هلندي اهو سوچيان ٿو ته ڪيڏو خوش نصيب هو گانڌي جو سندس خدمتن ۽ قربانين جي عيوض کيس ڪيڏي نه وڏي مڃتا ملي پر دنيا ۾ ڪي اهڙا به ماڻهو هوندا جن جون خدمتون ۽ قربانيون گانڌيءَ کان به تمام گهڻيون هونديون پر اڄ دنيا ۾ ڪو سندن نالو به وٺڻ وارو ڪونهي. دنيا ۾ ڪيڏا نه خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي پنهنجي فن ۽ پورهئي جي ڪري مڃتا ملي ۽ انهن جو نالو وڏي شان ۽ مان سان هميشه لاءِ قائم آهي. جيئن پڪاسو، رافيل، ليورناڊو، ڊائيونچي ۽ مائيڪل اينجلو کي سڄي دنيا سڃاڻي ۽ پنهنجي ڳلي جي سُرن جي سونهن سبب لتا، اُمه حبيبه، ميڊونا، مائيڪل جيڪسن، راحت فتح علي سڄي دنيا ۾ سڃاتا وڃن ٿا پر هنن جي فن ۽ پورهئي کان ڪروڙها دفعا وڌيڪ پورهيو ۽ فن جو حسن اجنتا الورا، کجاراءُ الحمرا مصري، پائرامِڊس، تاج محل، ديوار چين جي ٺاهيندڙن جو آهي. اهڙا بيشمار يادگار يورپ ۽ آمريڪا ۾ نه ڪالهه هئا نه اڄ آهن نه سڀاڻي هوندا پر آمريڪا ۽ يورپ پنهنجي سياحت جي ڪري هنن عظيم ۽ بي مثال شاهڪارن کي ايڏي شهرت ڪو نه ٿو ڏي. جيڏي يورپ ۽ آمريڪا ۾ هڪ معمولي شيءِ کي ڏني وڃي ٿي. گهر پهچي ٽي وي ٿو کوليان ۽ ريموٽ کڻي مختلف چئنلن کي هيٺ مٿي ڪري واپس ريموٽ رکي تڙ ڪري ماني کائي سمهي ٿو رهان. صبح جو سوير تيار ٿي ڪار ۾ چڙهي سين ڊيگو ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪو لاس اينجلس کان 127 ميل پري آهي. يعني بلڪل ايترو پري جيترو حيدرآباد کان ڪراچي وايا ٺٽو پري آهي.
    سين ڊيگو ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي هوائي سروس سندس لنڊ برگ فيلڊ lind Bergh Feild انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان چوويهه ڪلاڪ چالو آهي. تنهن کانسواءِ ٻنهي شهرن ۾ تيز ترين ريل سروس به هر وقت روان دوان آهي پر اسان کي سين ڊيگو فري وي ذريعي وڃڻو هو. جيئن آمريڪا جي ڪنٽري سائيڊ Country Side ڏسون ۽ گهمي ڦري سگهون. انهيءَ لاءِ ئي اسان باءِ روڊ وڃي رهيا آهيون. سين ڊيگو وڃڻ لاءِ ٻه فري وي آهن. هڪ وايا لاس ويگاس ۽ ٻيو پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري. ڪناري جي ڪيترن بيچز تان ٿيندو پوءِ ٿو سين ڊيگو پهچجي. اسان کي لاس ويگاس وڃڻو ته هو پر اُت هڪ ٻه راتيون رهڻ جو ارادو هو پر سين ڊيگو ۾ رات رهڻ جو پروگرام ڪو نه هو. انهيءَ ڪري اسان پئسفڪ ڪناري واري فري وي تان تمام تيزيءَ سان گاڏيءَ ۾ ڊوڙندا چوطرف جي ماحول مان لطف اندوز ٿيندي اڳتي وڌي رهيا آهيون.
    هت سوات، ڀورڀن ۽ يورپ واري قدرتي ساوڪ، حسين موسم ڪانهي پر هت پيسي جي پاور سان جهنگل کي منگل ڪيو ويو آهي. شاندار فري وي جنهن ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ۾ دير ئي نه لڳي، جن تي بيشمار گاڏيون ماڪوڙين جيان ڊوڙي رهيون آهن. ٿوري ٿوري پنڌ تي محل نما هوٽلون ۽ پئٽرول پمپ جن ۾ سياحن لاءِ هر سهولت موجود آهي.
    اسان آمريڪا اچڻ کانپوءِ پهريون دفعو شهرن کان ٻاهر جي ماحول کي ڏسي وائسي اڳتي وڃي رهيا آهيون. گاڏين ۾ ويٺل گهڻو ڪري ٻه ماڻهو يعني هڪ مرد هڪ عورت پر ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏين ۾ صرف هڪ ماڻهو يا ڪن گاڏين ۾ ٻئي سيٽ تي هڪ ٻار يا ڪتو. گاڏيون سڀ ايئرڪنڊيشن جن جا شيشا بند سو ٻاهر جو آواز ٻڌڻ ۾ ئي نٿو اچي. آمريڪا ۾ ايڏا سهڻا روڊ رستا جو هڪ شهر کان ٻئي شهر ۾ پهچڻ ۾ دير ئي نه ٿئي. ڪلاڪن جا سفر منٽن ۾ پورا ٿيو وڃن. سو اسان جي ڪار به سين ڊيگو پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ اسان شهر ۾ داخل ٿيڻ واري روڊ 163-S.R ذريعي شهر اندر داخل ٿي وياسين. اسان گاڏي بيهاري ڪئميرا لاءِ رول ۽ سين ڊيگو مان شايع ٿيندڙ مشهور اخبار دي سين ڊيگو ٽربيون The saindiego Tribune ۽ سين ڊيگو مئگزين خريد ڪري شهر جي شاهراهن تان لنگهندا چؤطرف نظرون ڊوڙائيندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
    آمريڪا جا شهر ڪيڏا نه ڪشادا، خوبصورت ۽ وڻندڙ آهن. ڇا ڏسي ڇا ڏسجي. سين ڊيگو ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايترو ڪجهه آهي جنهن کي ڏسڻ لاءِ ڏينهن گهرجن ۽ اهو فيصلو ڪرڻ به ڏکيو ته ڇا ڏسي ڇا ڏسجي. سياحن جي گهمڻ ڦرڻ لاءِ آمريڪي حڪومت ڇاڇا نه ٺاهي ڇڏيو آهي.
    1. Aero space museum.
    2. Botanical Bld
    3. California Tower
    4. Centro cultural De-La Raza
    5. International Aerospace hall
    6. Museum of man
    7. Natural History Museum
    8. Old Globe theatre.
    9. Sain Deigo Zoo
    10. Orgain pavilion
    11. Timken Art Gallery
    12. Bazaar Del mundo.
    13. Sian Diego union Building.
    14. State historic park.
    تنهن کانسواءِ سين ڊيگو سڄو لاجواب بيچن سان ڀريو پيو آهي. جت سياحن جي لاءِ ڪنهن به شيءِ جي کوٽ ڪونهي.
    سين ڊيگو شهر جي زندگي سندس ساحل وانگر ڏاڍي سهڻي آهي. سين ڊيگو شهر جو بنياد سن 1552ع ۾ ان وقت پيو جڏهن هڪ يورپي مهم جو روڊريگوئيز ڪيبريلو Rodraguez Cabrillo شهر جي پوائنٽ لوما Point Loma نالي ماڳ وٽ پنهنجو ديرو ڄمايو. سن 1769ع ۾ گيسپر ڊي پورٽولا Gaspar de Portola ۽ پيڊري جونيپيرو سيرا Padre Junipero Serra سين ڊيگو نديءَ جي ڇوڙ ويجهو هڪڙي عبادتگاهه اڏي مٿس هڪڙو صليب نصب ڪيو ۽ اهڙي ريت پوري ڪيليفورنيا رياست ۾ هيءَ پهرين يورپي بيٺڪ قائم ٿي هئي. اسپيني قبضي جي تاريخ جا نشان ته آهن مگر اهي هن جاهه ۽ جمال واري جديد آمريڪي شهر ۾ ٽڙيل پکڙيل ۽ غير معروف رهيا آهن. هتي شايد وچ آمريڪا واري تاثر ۾ ڪافي وڌاءُ ڪيو ويو آهي. آمريڪي ۽ ميڪسيڪو واري سرحد هتان کان فقط 18ميل ڏکڻ طرف آهي. مگرسين ڊيگو هن سموري ساحل تي آباد شهرن کان ڪافي مختلف آهي ۽ اهو رومي سمنڊ جي ساحلي شهرن سان مشابهت رکندڙ آهي. پنهنجي اتر طرف وارن پاڙيسري شهرن سان ڪا به حقيقي هڪجهڙائي ڪا نه اٿس. حقيقت ڪري هن شهر ۾ نه ڪا سين فرانسسڪو شهر واري صفائي سٺائي ۽ نه ئي وري لاس اينجلس جهڙي سونهن سوڀيا ۽ چلتو آهي. غالباً سين ڊيگو شهر مذڪوره شهرن جي ديو مالائي ڪهاڻين کان قاصر رهيو آهي. جيڪي انسان جي خيالن تي ڇانئجي وينديون آهن. هتي نه ڪا ماڻهن جي گهڻائي آهي نه ئي ڪو عشقيه انقلاب، نه هالي ووڊ واري جنت درجهان ۽ نڪو ڪو ڀون چال وغيره. هتي ته بس چند چڱا چوکا ماڻهو ساڪن آهن. اصل ۾ موجوده سين ڊيگو شهر سندس پاڙيسرين جي بهترين خصوصيتن جي آماجگاهه آهي. لاس اينجلس شهر جي مکيه علائقي ڊائون ٽائون وانگر هتي پڻ اهڙو علائقو برپا ڪيل آهي ۽ حالتن موافق ترقي ڪري رهيو آهي. شهر جي آسپاس وارا علائقا پڻ نهايت پرڪشش آهن. شهر ۾ هڪڙو عظيم پارڪ پڻ آهي. شهر ۾ مختلف فنون موسيقي، ٿيٽر، ڪلب ۽ اعليٰ قسم جا ريسٽورانٽ موجود آهن. تنهن کانسواءِ اتر ساحل جي سمورن شهرن جي مقابلي ۾ هتي ساحلي ثقافت اوج تي آهي. اڄ به ڏاڍي وڻندڙ ۽ خوشگوار موسم آهي. آمريڪا اچڻ کان پوءِ وارن ڏينهن ۾ سٺي ۾ سٺو ڏينهن آهي. هي شهر هن رياست جو ٻيو نمبر وڏو شهر ۽ پوري آمريڪا ۾ ڇهون نمبر وڏو شهر هئڻ جي باوجود نه تمام گهڻي آدمشماري وارو ۽ نه وري تمام ڇڊي آباديءَ تي مشتمل آهي. شهر جي ڪُل آبادي ٻارنهن لک آهي يعني حيدرآباد کان ٿورو ننڍو پر ڪٿي حيدرآباد ڪٿي سين ڊيگو.
    سين ڊيگو ڪائونٽن جي ڪُل آبادي 2.5 ملين آهي. موجوده شهر ۾ زبردست فوجي بندر، ٽونامڇيءَ جي ماهيگيريءَ ۽ واپار جو وڏو مرڪز قائم آهي. شهر سان متصل ڪنئين مضافاتي وسنديون آهن. جيڪي نڍين ٽڪرين جي صورت ۾ موجود آهن. جن کي سامونڊي ننڍيون کاريون هڪٻئي کان جدا ڪنديون آهن. اهي وسنديون ڪنئين سؤ چورس ميلن تي پکڙيل آهن. انهن مان ڪي ماڳ نهايت پرڪشش ۽ دلپذير آهن. انهن مان هڪڙو علائقو ڊائون ٽائون وارو آهي. هن علائقي جو مکيه حصو هارٽن پلازه Horton Plaza هڪ زبردست شاپنگ ڪامپليڪس آهي. جيڪو شهر جي ساڍن ڇهن بلاڪن تي مشتمل آهي. هن پلازه کي مشهور معمار مسٽر هارن جي نالي سان منصوب ڪيو ويو آهي. جنهن هن علائقي ۾ سڀ کان پهرين تعمير نو جو ڪم سرانجام ڏنو. هت ريسٽورانٽ، ڪلب ۽ هوٽلون قائم ڪيون. هي پلازا ڊائون ٽائون علائقي اندر اهميت ۾ وڌيڪ آهي. ڪنوينشن سينٽر جنهن شهر جي معيشت ۾ استحڪام آندو ۽ هتي جي زندگيءَ ۾ وندر ۽ ورونهن واري رنگينيءَ ۾ وڌيڪ اضافو آندو. هن سينٽر وارين عمارتن جو رُخ ساحل واري پاڻيءَ طرف آهي. انهن جون ڇتيون اهڙيءَ فني ڪاريگريءَ سان ٺاهيل آهن جيڪي غورابن ۽ ٻيڙن جي سڙهن يعني بادبانن وانگر ڏيکائي ڏين ٿيون. ٻين جديد طرز تعمير وارين عمارتن سان گڏ هنن عمارتن پڻ شهر جي جدت ۾ اعتماد کي نئين سر تازو ڪيو آهي ۽ ترقيءَ جي علامت طور موجود آهن. اهو سچ آهي ته سين ڊيگو ۾ ڪيليفورنيا جي ٻين شهرن جهڙي ڪشش ڪانهي پر سياحن لاءِ بلاشڪ نهايت موزون ماڳ آهي. اسان هت ٻنپهرن جي ماني هڪ انڊين هوٽل ۾ کاڌي جيڪا ڏاڍي سليقي سان ڊيڪوريٽ ٿيل هئي. هوٽل جي انڊين اسٽاف کي اردو بلڪل ڪا نه ٿي آئي. اسان کي ٻڌايائون ته اسان تامل آهيون. اسان جي صوبي ۾ هندي يا اردو ڪا نه ڳالهائي ويندي آهي. پوءِ ياد آيم ته هي ته ٺهيو پر هندستان جو هڪ اهڙو به وزيراعظم ٿيو هو جنهن کي هندي بلڪل ڪا نه ايندي هئي، نالو ديوِ گوڙا هوس.
    سٽي سينٽر جي ويجهو بالبوئا پارڪ ۾ قائم ڪيل Zoo يعني خشڪي-آبي ۽ هوائي جاندارن جي نمائش سموري دنيا ۾ مشهور آهي. لاجولا، پئسفڪ بيچ، مشن بي ۽ ڪورو ناڊو چار ساحلي وسنديون قائم آهن جيڪي گهڻي حد تائين هڪٻئي کان بلڪل مختلف آهن ۽ پنهنجي پنهنجي الڳ خصوصيت جون حامل آهن.
    لاجولا جو انداز سڀني کان نرالو آهي. هتي جي کاري پاڻيءَ جي ڀيٽ ۾ پيسي جو زور زياده آهي ڇو ته هتي فيشن، جدت ۽ عشرت جي ڪثرت نمايان آهي. سن 1960ع ڌاري ٽوم وولفي نالي شخص لاجولا واري علائقي جي ونڊنسي Windansea ماڳ وٽ ڇيڳرن ڇوڪرن جو هڪڙو ٽولو سامونڊي گجيءَ ۾ ترندي ۽ ڪئين مزا ماڻيندي ڏٺو. انهن کي پوءِ پمپ هائوس گينگ آف سَرفَروس Pump House Gang of Surfers سڏيو ويو. اڄڪلهه ونڊنسي ماڳ کان وٺي مشن بي، پسئفڪ بيچ ۽ سين ڊيگو نديءَ جي ڇوڙ تائين سموري ساحل تي سامونڊي گجيءَ ۾ وهنجندڙ، ترندڙ ۽ گجيءَ تي ٻيڙيون ڊورائيندڙن جا هشام هزارن جي تعداد ۾ موجود آهن. انهن کانسواءِ اهو تماشو ڏسڻ وارا ته تعداد ۾ انهن کان تمام گهڻا هوندا آهن. اسان هت پنهنجي آخري پروگرام ۾ ڪورو ناڊو، سين ڊيگو بي وارن وارياسن ساحلي علائقن ڏانهن وياسين. جتي ماحول نهايت پرسڪون، خاموش ۽ جهڙوڪر جهان کان جدا جنت نما مڪان هجي. اسان هت هڪ بئنچ تي ويٺا آهيون، جتي سون جي تعداد ۾ سفيد پکي اڏري رهيا آهن.
    سين ڊيگو جي تاريخ ۾ مقناطيسي قوت هئڻ جي سبب هت ڪجهه عناصر دلچسپيءَ جا حامل ضرور آهن. جهڙوڪ ڪيبريلو نيشنل مونيومينٽ. اولڊ ٽائون ۽ بالبوئا نيشنل پارڪ ۾ قائم عجائب گهر گهري دلچسپيءَ وارا عناصر آهن، ٻي مکيه ڳالهه هيءَ آهي ته هتي لاس اينجلس جهڙي اجائي ۽ فضول گهما گهمي ڪانهي جنهن جو آئون اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان. جيڪا ماڻهوءَ کي مت مان ڪڍيو ڇڏي. اتي جي ڀيٽ ۾ سين ڊيگو جي مڙني ماڳن گهمڻ ۾ وڌيڪ سولائي ۽ وڌيڪ لطف حاصل ٿئي ٿو. هتي پهچڻ پڻ وڌيڪ سولو آهي.
    جيتوڻيڪ گهمڻ لاءِ موٽر نهايت موزون بلڪه لازمي آهي جيڪا اسان وٽ موجود آهي مگر چند مخصوص علائقن جهڙوڪ ڊائون ٽائون، مشن بيچ، لاجولا، ڪورو ناڊو ۽ ڊيل مار وغيره ۾ پيدل گهمڻ ۾ پڻ واهه جو مزو آهي. هونئن به ٽوئرسٽ کي زياده ۾ زياده پيدل گهمڻ ڦرڻ گهرجي. آئون هر ملڪ جي شهر ۾ اها ڪوشش ڪندو آهيان ته هر هنڌ پيدل گهمان ڦران ايئن ڪرڻ سان هڪ سياح کي انهيءَ ملڪ جي ماڻهن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو ٿو ملي. جيڪو گاڏين ۾ هلندي ڪڏهن به نصيب نٿو ٿئي. ڪن ڪن شهرن ۾ سياحن کي گائيڊ پنڌ گهمائيندا ڦيرائيندا آهن جنهن لاءِ هو پيسا به وٺندا آهن. آئون ننڍپڻ ۾ پهريون ڀيرو ڪوه مريءَ گهمڻ ويس ته هڪ ماڻهو ٻيو به مونسان گڏوگڏ هلڻ لڳو. اسين ٻئي گڏگڏ گهمي ڦري رهيا هئاسين. آئون جڏهن واپس اسلام آباد وڃڻ لاءِ وئگن ۾ چڙهيس ته مون کي چيائين ته مون کي منهنجي في ڏي مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. سو پڇيو مانس ته ڇا جي في تنهن تي پاڻ ٻڌايائين ته آئون گائيڊ آهيان ۽ مون توهان کي هيتري دير گهمايو ڦيرايو آهي انهيءَ جي في. همراهه جند ئي نه ڇڏي آخر ۾ پنج رپيا ڏئي جان ڇڏائيم انهيءَ وقت يعني 1961ع ۾ هڪ ڊالر پنجن رپين جي مُلهه برابر هو. سو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي.
    اسان تبرڪ طور سين ڊيگو شهر مان ڪجهه خريداري به ڪئي. انهيءَ ارادي سان شهر جي هڪ نهايت ئي خوبصورت مارڪيٽ جي سپر اسٽور تان گهمي ڦري ٻه ٽي شرٽس، پينون، هڪ چشمو ۽ هڪڙو ننڍو پر نهايت ئي خوبصورت گهڙيال خريد ڪيم جنهن مان ڏاڍا وڻندڙ آواز نڪري رهيا هئا. ننڍي ننڍي سامان رکڻ لاءِ هڪ ننڍو ڪاري رنگ جو ٿيلهو به خريد ڪيم ۽ ايئن سين ڊيگو شهر کي آخري سلام ڪندا واپس لاس اينجلس ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جنهن فري وي تان واپس وڃي رهيا آهيون. انهيءَ تي رڳو بيچز ئي بيچز آهن. جنهن تي لکن جي تعداد ۾ آمريڪن ۽ ٻيا سياح هر روز اچن. سين ڊيگو ۽ ان جي آسپاس وارا سامونڊي (بيچز) ڪنارا هيٺيان آهن جيڪي وڌيڪ مشهور آهن.
    1- سن سيٽ ڪلفس
    2- روشن بيچ
    3- مشن بيچ
    4- پئسفڪ بيچ
    5- مشن بي
    6- ونڊن سي بيچ
    7- چلڊرنس پول
    8- لاجولا ڪووِ
    9- لاجولا شورس
    10- ٽوري پائينس اسٽيٽ بيچ
    11- ڪورو ناڊو جوسلور اسٽرانڊ اسٽيٽ بيچ
    12- ڪورو ناڊو ميونسپل بيچ
    13- سولانا بيچ
    14- امپيرئيل بيچ
    15- مون لائيٽ اسٽيٽ بيچ
    16- لير سيڊيا اسٽيٽ بيچ، ڪارلسبيڊ ۽ مشن بي.
    هت وڏي پئماني تي سياحت جو بندوبست ٿيل آهي. جت سال ۾ آمريڪي ۽ ٻي دنيا جا سياح لکن جي تعداد ۾ گهمڻ اچن. سو اسان به خيال ڪيو ته لاس اينجلس ويندي ويندي ڪنهن دلبر بيچ تي چند گهڙيون گهاري اڳتي وڃون. سو اهو سوچي يو ايس هائي ويز U.S. High Ways جي هن رن وي Runway جهڙي روڊ تان ميوزڪ ٻڌندي وڃي رهيا آهيون. آمريڪا ۾ روڊ رستا چار مختلف ادارا ٺهرائيندا آهن. جيڪي هن ريت آهن.
    1- يو ايس هائي ويز U.S High ways
    2- انٽر اسٽيٽ هاءِ ويز Inter State High ways
    3- اسٽيٽ هاءِ ويز State high ways
    4- ڪائونٽي هائي ويز County High ways
    ۽ اسان هن وقت يو ايس هائي ويز جي دلڪش روڊ تان گهمندي ڦرندي اڳتي وڃي رهيا آهيون ۽ آمريڪا جي هيڏي وڏي ترقيءَ تي سوچي رهيا آهيون ته ڪيئن نه قومون محنت سان ترقي ٿيون ڪن نه ته قدرتي وسيلن سان ته خدا تعاليٰ اسلامي ملڪن کي به مالا مال ڪري ڇڏيو آهي. يعني سڄي دنيا جي قدرتي دولت جو ستر سيڪڙو (جنهن ۾ تيل-گئس ۽ معدني دولت شامل آهي) مسلمان ملڪن ۾ آهي پر علمي دولت ۽ ٻي دولت ۾ مسلمان ملڪ تمام پٺتي آهن. ايترو ته پٺتي آهن جو اسان هاڻ اهو عدم توازن برابر ئي نٿا ڪري سگهون. جنهن جا صرف ٻه مثال ئي انسان جو دماغ چرخ ڪيو ڇڏين.
    1- تعليمي عدم توازن، سڄي دنيا جي سڀني مسلم ملڪن ۾ صرف (430) چار سؤ ٽيهه يونيورسٽيون آهن. جڏهن ته صرف جپان ۾ هڪ هزار يونيورسٽيون آهن.
    2- سڀني مسلمان ملڪن ۾ هر سال صرف پنج سئو شاگرد سائنس ۾ پي ايڇ ڊي P.HD ڪندا آهن جڏهن ته صرف هندستان ۾ هر سال پنج هزار شاگرد پي ايڇ ڊي ڪندا آهن.
    دنيا جي ڇهه ارب آدمشماريءَ ۾ مسلمانن جي آدمشماري سوا ارب يا هڪ سئو پنجويهه ڪروڙ آهي پر سڀني مسلمان ملڪن جي G.D.P ٻارهن سئو بلين ڊالر آهي. جڏهن ته صرف جپان جي (Gross Domestic Product) G.D.P پنج هزار پنج سئو بلين ڊالر آهي. هي هيڏو سارو عدم توازن برابر ڪيئن ٿيندو. ڳالهه سمجهه کان زور آهي. اسان تاج محل ته ٺاهيو پر هارورڊ ۽ آڪسفورڊ ٺاهي نه سگهياسين. ڪميونسٽ ورلڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ هاڻ مسلم ورلڊ آمريڪا کي اک ۾ ڪنڊي برابر آهي ۽ هو تر برابر به مسلم ورلڊ کي اڳيان وڌڻ لاءِ گهٽي ڪو نه ڏيندو جنهن جو مثال آمريڪي صدر جي واتان نڪتل هي لفظ آهن ته ”اسان هاڻ صليبي جنگيون لڙڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺا آهيون. (صليبي جنگين مان مراد مسلمانن ۽ عيسائين جون جنگيون آهن).
    سوچن ۾ گم هلندي هلندي اچي اوشن سائيڊ بيچ Ocean Side beach تي پهتاسين ڇا ته منظر آهي. دي سٽي آف اوشن سائيڊ شهر ڪنهن زماني ۾ فوجي شهر سمجهيو ويندو هو ڇو ته اُهي پينڊلٽن نالي هڪ فوجي ڪئمپ سان بلڪل گڏيو پيو هو ۽ اڄڪلهه سياحن جي زبردست آماجگاهه آهي. شهر جي ساحل ۽ بندر تي ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ سدائين موجود هوندا آهن. انهن ۾ مقامي ماڻهن سان گڏ سياح ۽ سيلاني پڻ اڪثر ڪري شامل هوندا آهن.
    شهر جو سامونڊي ڪنارو وارياسو ۽ ڪافي ڪشادو آهي. انهيءَ تي پام جا وڻ سموري ساحل کي سهڻي نموني ڍڪيو بيٺا آهن. انهيءَ ڪري هن ساحل تي ترڻ، سن پاٿنگ توڙي خالي چڪر لڳائڻ ۾ به تمام گهڻو لطف حاصل ٿئي ٿو.
    ڪناري لڳ هڪڙو رستو آهي جنهن کي ”دي اسٽرانڊ“ سڏين ٿا. هتي موٽر سائيڪل وغيره به هلائي سگهجي ٿي ۽ اها ماڻهن جي گهمڻ لاءِ به تمام سولي آهي.
    سمنڊ ڪناري والي بال راند جا ڪيترائي گرائونڊ ٺهيل آهن. پائير يعني ٿلهو جيڪو سمنڊ اندر ٺهيل آهي. انهيءَ پائير تي ويهي اتي گڏ ٿيل سامونڊي گجيءَ ۾ موجود مڇيءَ جو شڪار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.
    سٽي آف اوشن سائيڊ جي ساحل تي ريسٽ روم، هوٽلون ۽ بارون جام آهن. جنهن مان هڪ هوٽل ۾ گهڙي چانهه پي، باٿ روم مان فريش ٿي ٻاهر نڪتاسين ته هڪ آمريڪن کي پنندي ڏسي حيرت ٿي ۽ سوچيان ٿو ته سون، هزارن، لکن جي تعداد ۾ انسان هت به ته انتهائي غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن. ايئن ڇو آهي؟ ڇا هي ماڻهو لڪي ڇپي پني رهيا آهن يا هنن جي حڪومت کي خبر نه آهي يا هنن جي ڪو به سار سنڀال لهڻ وارو نه آهي. ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي.
    بيچ تي لائيف گارڊ عملو پڻ موجود آهي هن ساحل جي ويجهو ڪيپ ڪوڊ وليج ۾ ريسٽورانٽ ۽ ٻيون سهولتون به موجود آهن. شهر جي هاربر يعني بدنر تي ياچ نالي ٻيڙيون موجود آهن جن وسيلي سمنڊ ۾ گهمڻ ۽ چڪر لڳائڻ جو بندوبست ڪيل آهي پر اسان وٽ هت ٿورو وقت آهي. تنهنڪري اسان انهيءَ سهولت مان فائدو وٺي نه سگهياسين. هتي اوشن سائيڊ مرينا اِن نالي هڪ زبردست هوٽل پڻ موجود آهي. جتي طعام ۽ قيام جو اعليٰ بندوبست آهي پر پاڻ کان زور آهي. تنهنڪري اسان هوٽل ۾ به داخل ڪو نه ٿياسين.
    موٽرڪار ذريعي سٽي آف اوشن سائيڊ ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ ڪوسٽ هاءِ وي رسڻ لاءِ سين ڊيگو شهر مان نڪرندڙ فائيو نارٿ انٽر اسٽيٽ هاءِ وي وٺڻو پوندو ۽ اسان انهيءَ رستي شهر اندر داخل ٿياسين.
    سٽي آف اوشن سائيڊ جي ساحل تي ٺهيل پائير جي ٻنهي پاسن تي گاڏي پارڪنگ لاءِ بڪنگ ڪرائڻ لاءِ اسٽال موجود آهن. انهيءَ کانسواءِ مفت ۾ پارڪنگ لاءِ ساحل جي ڀرسان موجود گهٽي دي اسٽرانڊ ۾ فري لاٽ پڻ موجود آهي، اتي به قسمت آزمائڻ جو موقعو موجود آهي. اسان انهيءَ مفت واري پارڪنگ ۾ پنهنجي گاڏي بيهاري. بلڪل سمنڊ ڪناري بيٺا آهيون. جت هزارن جي تعداد ۾ سياح سمنڊ ۾ موٽر سائيڪل ويرن تي هلائيندڙن کي ڏسي رهيا آهن ۽ اهي موٽر سائيڪل هلائڻ وارا انهيءَ انتظار ۾ بيٺا آهن ته ڪڏهن ٿي وڏي وير چڙهي ۽ ڪڏهن ٿا اسان ٽپو ڏئي انهيءَ مٿان سوار ٿيون. انهيءَ راند ۾ حصو وٺندڙن جو تعداد به سوَن ۾ آهن. جنهن ۾ به وري اڪثريت عورتن جي آهي. انهن جي جسم تي ڪپڙا ايترا آهن جيتري ٽئين دنيا جي غريب ملڪن ۾ جمهوريت . اسان به ڪجهه وقت بيهي اهو منظر ٿا ڏسون. اهڙو دلڪش منظر انهيءَ کان اڳ مون صرف انگريزي فلمن ۾ يا ائڊورٽائيز جي فلمن ۾ ڏٺو هو. دل پئي چئي ته اهو منظر ڏسندو رهجي پر ڪافي دير ٿي چڪي آهي ۽ اڳيان به منزل پئي آهي، سو پنهنجي گاڏيءَ ۾ چڙهي ساڳئي هاءِ وي ذريعي واپس لاس اينجلس ڏانهن مُنهن ڪيو اٿئون. هينئر رات ٿي چڪي آهي ۽ روڊن تي ٽريئفڪ وڌي وئي آهي. شايد سڀ آمريڪن پنهنجي پنهنجي مومل سان ملڻ لاءِ ڪاڪ وڃي رهيا آهن ۽ اسان سهڻي من موهڻي ميوزڪ ٻڌي مست ٿي واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن وڃي رهيا آهيون. هيترين گاڏين ۽ هيتري اسپيڊ ۾ به گاڏي اندر ڪو به ٻاهريون آواز ٻڌڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي.
    اسان سين ڊيگو کان لاس اينجلس ويندي ويندي دنيا جي هن عظيم ملڪ جي ٻنهي اهم شهرن جي وچ تي پهتا آهيون. ڪارن جي تيز رفتار هلڻ ڪري ايئن ٿو لڳي ڄڻ ته روڊ ڪارپيٽ وانگر ويڙهجندو وڃي.
    سندر سپنن جهڙي ڌرتي ڪيليفورنيا تي مشهور ناول نگار ريمونڊ چينڊلر Raymond Chandler سن 1949ع ۾ سين ڊيگو شهر جي فيشن واري ساحلي علائقي لاجولا LaJolla ۾ پهچڻ سان پنهنجو ترت تاثر بيان ڪندي لکيو ته ”سندم پهرين خواهش اها اُڀري ته جيڪر عين ٻنپهرن جو ٻاهر گهٽيءَ ۾ اچي چئن حرفن واري لفظ يعني پيار (Love) جا زوردار نعرا هڻان.“ چينڊلر هتي لڳاتار ڏهه سال رهيو. انهيءَ دوران هن هڪڙو جاسوسي ناول لکيو، تنهنجي هيري جو نالو فلپ مارلوو Philip Marlowe آهي ۽ اهو سين ڊيگو شهر جي اتر ۾ موجود عظيم شهر لاس اينجلس جي روشنين جي تهه ۾ موجود بڇڙائين جي گهرائين جو انڪشاف ڪندڙ آهي.
    لاس اينجلس نهايت پرڪشش، پرلطف، اتساهيندڙ ۽ بيحد شاهوڪار شهر هئڻ سان گڏ حقيقت ۾ ڪمال جي حد کان موٽيل آهي.
    سين ڊيگو تمام گهڻو وڻندڙ شهر آهي پر اڃا سن بلوخ عمر کي مس رسيو آهي.
    آمريڪا جي ڪيليفورنيا رياست جي شهرن ۾ خصوصاً تاريخي هڪجهڙايون ڪافي آهن. مثال طور پرتگالي نسل جي جهاز ران جُئان راڊ ريگوئيز ڪيبريلو Juan Rodriguez Cabrillo جي اڳواڻيءَ ۾ يورپي ماڻهن ڪيليفورنيا رياست جي سين ڊيگو اپسمنڊ جي ڪناري تي پهرين پهرين 28 ڊسمبر سن 1542ع ۾ پنهنجا پير ڌرتي تي کوڙيا. ڪيبريلو اها مهم ميڪسيڪو رياست جي انهيءَ وقت واري وائيسراءِ جي حڪم موجب سرڪئي. پوءِ ترت ئي هن سين پيڊرو ۽ سانٽا مونيڪا نالي ماڳ پڻ ڏٺا. هن انهيءَ وقت مقامي ماڻهن جي ٻاريل باهه جا دونهان انهيءَ هنڌ ڏٺا جيڪو ماڳ هن وقت لاس اينجلس شهر جونشيبي علائقو آهي.
    هن رياست جي تقريباََ هر ساحلي شهر ۾ يورپي ماڻهن جي اوائلي آبادڪاري ارڙهين صديءَ جي آخر ڌاري عمل ۾ آئي سا انهيءَ عرصي دوران آمريڪا ۾ هلندڙ ”مقدس مهم“ جي فروغ جو نتيجو هئي جنهن ڪري ڪيليفورنيا جي سموري ساحلي علائقي ۾ ڪُل 21 ڪيٿولڪ تبليغي جماعتون قائم ڪيون ويون. سڀ کان پهرئين تبليغي جماعت سين ڊيگو ڊي الڪالا SanDiego de Alcala ۽ چوٿين نمبر تي سين گيبريئل آرڪ اينجل نالي تبليغي جماعت هئي.


    ٽيون حصو

    ڪيلفورنيا جي هنن ٻنهي شهرن لاس اينجلس ۽ سين ڊيگو پهرئين پئسفڪ سمنڊ کي پنهنجي ڀاڪرن ۾ آندو پوءِ خشڪيءَ تي وڌيڪ پکڙڻ لڳا ۽ ٻي عالمگير لڙائيءَ کان پوءِ سائنسي بنيادن وارين صنعتن ۾ عروج حاصل ڪيو پر لاس اينجلس شهر کي هاليووڊ ۽ ٻي فلمي صنعت جي موجودگيءَ سبب وڌيڪ معاشي سگهه حاصل ٿي انهيءَ سان گڏ معاشي ماهرن جي اڻٿڪ جدوجهد سبب ترقيءَ جون سرگرميون وڌيون جنهن سبب شهر بيحد ترقي ڪئي. انهيءَ جي ڀيٽ ۾ سين ڊيگو شهر جي ترقيءَ جي رفتار گهٽ رهي ۽ هر ميدان ۾ اهو لاس اينجلس جي ڀيٽ ۾ پوئتي رهيو. اڄڪلهه لاس اينجلس شهر بيشڪ عالمي شهرت ۽ حيثيت جو مالڪ آهي ۽ پوري مغرب کي شهه ڏئي رهيو آهي.
    حقيقت اها آهي ته لاس اينجلس شهر ڪيليفورنيا جي خواب جي زنده تعبير يا صورت آهي جيڪو وڻندڙ به آهي. ڪيليفورنيا جي سپني جي ٻئي ڀاڱي جي زنده تعبير جهڙوڪر لاس اينجلس شهر جي ڏکڻ ۾ موجود سين ڊيگو شهر جي صورت ۾ موجود آهي. هن شهر ۾ پڻ اهي سمورا وسيلا، سگهه توڙي سونهن موجود آهي جنهن جو ذڪر ڪنهن زماني ۾ لاس اينجلس شهر سان منسوب هوندو هو.
    هن وقت لاس اينجلس شهر اُگري گهما گهميءَ ۾ مبتلا آهي. تنهنجي ڀيٽ ۾ سين ڊيگو، نهايت پروقار، پرڪيف ۽ پرسڪون شهر آهي، جتي ڪيليفورنيا رياست جو ڏاکڻو ڀاڱو شروع ٿئي ٿو انهيءَ هنڌ تي سين ڊيگو شهر اڏيل آهي. لاس اينجلس شهر سين ڊيگو جي اتر ۾ ۽ ڪيليفورنيا رياست جي اتر ۽ ڏکڻ ڀاڱن جي دنگ تي پرڪيف ساحلي شهر آهي. هي ٻئي شهر رياست جي توانائي جا سرچشما آهن. هر سياح، سيلاني کي خوشخبري ڏجي ٿي ته هو ٻنهي شهرن جي سڀني نعمتن ۽ عشرتن مان لطف اندوز ٿئي. خيالن خيالن ۾ ٻنهي شهرن جي ڀيٽا ڀيٽي ڪندي اڳتي وڃي رهيا آهيون. رستي ۾ هڪ بلڊنگ ڏٺي سين جنهن تي آمريڪا ۽ ڪيليفورنيا رياست جو جهنڊو لڳل آهي. آمريڪا جي سڀني رياستن جا پنهنجا پنهنجا جهنڊا آهن جيڪي توهان کي هر سرڪاري جڳهه تي آمريڪي جهنڊي سان گڏوگڏ ڦڙڪندي نظر ايندا. پنهنجي ملڪ ۾ ايئن ڪونهي. انگريزن جي ملڪ فتح ڪرڻ کان اڳ هر ملڪ جو پنهنجو جهنڊو هو پر انگريزن سڀني جهنڊن کي لاهي صرف هڪ يونين جيڪ جو جهنڊو قائم ڪيو. يونين جيڪ جي جهنڊي لهڻ کان پوءِ پاڪستان جو جهنڊو لهرائڻ لڳو.
    اسان انهيءَ بلڊنگ جي ويجهو پهتا آهيون جنهن مٿان اهي ٻئي جهنڊا ڦڙڪي رهيا آهن. ڪيليفورنيا جي جهنڊي ۾ شينهن ۽ تارو نظر اچي رهيو آهي ۽ شينهن جي هيٺيان (California Republic) وڏن اکرن ۾ نظر اچي رهيو آهي. رياست ۽ ملڪ جا جهنڊا بلڪل هڪ سائيز جا آهن. آمريڪي جهنڊي ۾ ست ڳاڙهيون ۽ ڇهه اڇيون پٽيون لڳل آهن سائيڊ ۾ بلو رنگ اندر پنجاهه سفيد رنگ جا ستارا لڳل آهن. ست ڳاڙهيون ۽ ڇهن اڇيون يعني ڪُل تيرهن پٽيون پهريائين تيرهن رياستن جي متحده ٿيڻ کي ظاهر ٿيون ڪن، تنهن مٿان ڪُنڊ تي پنجاهه ستارا معنيٰ اڄ جون پنجاهه رياستون:
    ڳاڙهي رنگ مان مراد Courage حوصلو ۽ همت
    سفيد رنگ مان مراد Purity پاڪيزگي
    بلو رنگ مان مراد Vigilance چوڪس،
    Perseverance استقلال (Justice) انصاف.
    انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ آزاد سنڌ جو جهنڊو هوبهو اهڙو هو سواءِ آمريڪي جهنڊي ۾ بلو رنگ ۽ ستارن جي
    (ڏسو ڪتاب نائون مل جون يادگيريون)
    آمريڪا ۾ هن جهنڊي کان اڳ به ٻين ڪيترن ئي جهنڊن تي غور ڪيو ويو پر آخر ۾ سڀ رياستون هن ئي جهنڊي ٿي متفق ٿيون.
    ڪيليفورنيا آمريڪا جي نمبر ون امير ترين رياست سان گڏ آدمشماريءَ ۾ به آمريڪا جي وڏي ۾ وڏي رياست آهي.
    آمريڪا جي صرف ڇهن رياستن جي آدمشماري ڪروڙن ۾ آهي باقي ٻين سڀني جي آدمشماري لکن ۾ آهي. گهٽ ۾ گهٽ آدمشماري واري رياست الاسڪا Alaska آهي جيڪا 1959ع ۾ آمريڪا ۾ شامل ٿي. سندس آدمشماري فقط چار لک آهي. آمريڪا ۾ هن رياست کي The Last Frontier آخري سرحد جي نالي سان به سڏيندا آهن. سو اسان آمريڪي رياستن جي سلسلي جي هن ايڪٽيهين نمبر رياست ڪيليفورنيا جي فري ويز تي ڊوڙندا لاس اينجلس شهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. جيڪو رياست جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي پر رياست جي گاديءَ وارو شهر ڪونهي. جيئن گهڻو ڪري هر سياح سمجهندو آهي. ڪيليفورنيا جي گاديءَ واري شهر جو نالو آهي سئيڪرامينٽو Sacramento جيڪو مون به ڪو نه ڏٺو آهي رڳو ڪتابن ۾ پڙهيم.
    ڪيليفورنيا رياست کي دنيا ۾ آمريڪا ۾ سون جي رياست Golden State يا سون جي کاڻ به سڏيندا آهن. يعني سڀني رياستن ۾ امير ترين رياست آهي.
    اسان اوشن سائيڊ مان نڪرڻ کان پوءِ سڌا ڪٿ به بيهڻ کانسواءِ وڃي لاس اينجلس جي شهر ۾ داخل ٿياسين، شهر جي روشنين ۾ هلندا هلندا وڃي پنهنجي گهر ڀيڙا ٿياسين. جت نظام الدين جتوئي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو. جنهن اسان کي ڳوٺان فونن اچڻ جو حال احوال ٻڌايو ۽ چيائين ته ٿورو آرام ڪري وٺو ته پاڻ به هلي L.A جي سُرهين رنگين راتين کي ڏسون پر گهڻي دير نه ٿئي ڇو ته اڳ ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. اسان ٿوري دير آرام ڪري باٿ روم ۾ شاور وٺي تنهن پڄاڻان ڪپڙا بدلائي جلد سيڙهيون لهي وڃي ڪار ۾ چڙهياسين جيڪا اسان کي کڻي لاس اينجلس جي راتين جي روشنين ۾ گم ٿي وئي ۽ اسان سڄي رات L.A جي نائيٽ لائيف ۾ رولاڪن جيان رُلندا رهياسين. پهريائين اسان هڪ نائيٽ ڪلب ۾ وياسين جتي ڪيترن ئي جوڙن ڊانس پئي ڪئي. پهريائين اسان چپ ٿي ويهي سڄي ماحول جو جائزو ورتو. هيٺ ڊانس ٿي رهي هئي ته وري مٿئين فلور تي هڪڙا گيمز کيڏي رهيا هئا ته ٻيا وري ڊرنڪ ڪري رهيا هئا ته وري هيٺين جي ڊانس به ڏسي مزو ماڻي رهيا هئا. ڪو وري ٻي ڇوريءَ سان ڊانس ڪري رهيو ته وري پنهنجي مٿي بيٺل گرل فرينڊ کي هيٺان سلام به ڪري رهيو هو، يا چيڙائي رهيو هو.
    جنهن وقت اسان جي تند تپي
    وانگر اسان کان به رهيو نه ٿيو ۽ هن ڀرئي ميلي جي رنگ ۾ رنڱجي وياسين.
    ۽ ڪنهن ڳاڙهيءَ ڳل تي باک ڦٽي
    ڪنهن ڪاريءَ چڳ تي رات کٽي
    چواڻي سڄي رات سهڻن جي چيلهن ۾ هٿ پيو رهيو ۽ ايئن چيلهه محو رقص لڏندي لمندي رهي ۽ چپ چپن کي چٽڻ کان ڪير به روڪڻ وارو نه هو.
    هت ڪنهن به ڇوريءَ سان ڊانس ڪرڻ لاءِ صرف اشاري جي دير هئي. باقي جسمن کي جسمن سان ملڻ ۾ ته ڪا دير ئي ڪا نه ٿي لڳي ۽ وري مٿان سوني تي سهاڳو ته نڪا جهل نڪا پل سڀڪو پسي پرينءَ کي.
    ۽، مومل نه سهي سو مل سهي،
    مثال وانگر سڄي رات گذرڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي ۽ اسان به رات جي پوئين پهر وڃي پنهنجي آکيري ڀيڙا ٿياسين.
    صبح جو دير سان اک کُلي ته سڄو بدن ساڻو لڳو پيو هو. بيڊ تان اُٿي T.V کولي چانهه ٺاهي ڪوپ ۾ وجهي اچي ٽي وي ڏسڻ ويٺس. آمريڪا ۾ صدارتي اليڪشن جي مهم پنهنجي زورن تي آهي. ائڊورٽائيز، تبصرا، بحث مباحثا، تاثرات مطلب ته جيڏيءَ مهل به ٽي وي کول ته اهو موضوع سڀني کان سرس نظر ايندو. آئون به انهيءَ حوالي سان توهان کي آمريڪي صدارتي اليڪشن جو هڪ نهايت ئي دلچسپ واقعو ٿو ٻڌايان جنهن کي آمريڪا ۾ واٽر گيٽ اسڪينڊل جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي. آمريڪا جي سڄي صدارتي اليڪشن جي تاريخ ۾ اهڙو واقعو نه ٿيو آهي، نه ٿيندو. اهو واقعو آمريڪي آئين ۽ قوم لاءِ هڪ چئلينج هو جنهن مان هو اُڪري پار پيا.
    ٿيو هينئن ته واٽر گيٽ نالي عمارت ۾ ڊيمو ڪريٽڪ پارٽيءَ جي نيشنل ڪاميٽيءَ جي آفيس جي ڪلفن تي فرينڪ نالي هڪ چوڪيدار ٽيپ جا ڪجهه ٽڪرا چنبڙيل ڏٺا ۽ خيال ڪيائين ته اهي ٽيپ جا ٽڪرا شايد ڪلفن جي مرمت ڪندڙن کان هتي رهجي ويا آهن. سي لاهي اڇلي ڇڏيائين اتفاق سان هن ٻئي ڏينهن پڻ ٽيپ جا ٽڪرا ساڳئي جڳهه ۽ ساڳئي نموني لڳل ڏٺا. تڏهن هن کي ڪا سازش محسوس ٿي ۽ اها ماجرا پوليس کي ٻڌايائين.
    پنج چور 16 جون 1972ع جو فجر کان اڳ نيشنل ڪاميٽي جي آفيس ۾ داخل ٿيا ۽ موٽڻ تي پوليس کين گرفتار ڪري ڏٺو ته انهن وٽ ڪافي چوري ڪيل رقم موجود هئي. تنهن کانسواءِ وٽن ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مشينون ، ٽي وي، ريڊيو ۽ ڪئميرائون هيون. صورتحال موجب اها واردات غير معمولي هئي ۽ شڪ هو ته ايوان صدر جا ڪي اهلڪار به انهيءَ اسڪينڊل ۾ ملوث آهن.
    سال 1973ع جي شروع ۾ چورن تي ڪيس هليو ۽ اهي مجرم ثابت ٿيا. مگر اهو ڪيس هلائيندڙ جج جان سريڪا John Sirica محسوس ڪيو ته ڪيس جي ڪارروائي دوران حقيقتون مڪمل طور پڌريون ڪو نه ٿيون آهن. هن چورن کي چيو ته توهان چوريءَ متعلق سموري حقيقت ظاهر ڪا نه ڪئي آهي ۽ ڪجهه حقيقتن کي لڪايو آهي انهيءَ ڪري توهان کي سچ نه ڳالهائڻ جي جرم ۾ چاليهن سالن کان به وڌيڪ عرصو سزا ملندي. جيڪڏهن توهان هاڻي به مڪمل حقيقت پڌري ڪئي جيڪا اڃا تائين توهان ظاهر نه ڪئي آهي ته پوءِ توهان جي سزا کي معمول موجب گهٽائي سگهبو. جج جي انهيءَ نصيحت تي چورن مان هڪڙو ڦاٽي پيو ۽ باسيائين ته هن چوريءَ بابت اسان وائيٽ هائوس جي ڪجهه عملدارن سان صلاح مشورو ڪيو هو.
    مٿئين انڪشاف جي روشنيءَ ۾ آمريڪي سينيٽ ”سينيٽ واٽر گيٽ ڪاميٽي“ قائم ڪري کيس گهربل تفتيش سونپي ته اها صدر نڪسن جي معاونن جي خلاف الزامن جي تحقيق ڪري.
    صدر نڪسن پنهنجا صوابديدي اختيار استعمال ڪندي پنهنجي معاونن کي ڪاميٽيءَ آڏو پيش ٿيڻ کان روڪيو ۽ صدر جو ڪانگريس سان اختلاف هتان کان شروع ٿيو.
    صدر نڪسن جي انهيءَ رويي تي ڪانگريس، سينيٽ توڙي عوام سخت برهم ٿيو. نيٺ صدر پنهنجو رويو بدلايو ۽ پنهنجن معاونن کي ڪاميٽيءَ آڏو پيش ڪيو.
    پيشيءَ کان اڳ ئي پريسن ذريعي مذڪوره ماڻهن جي هن چوريءَ ۾ ملوث هئڻ جي پڌرائي ٿي وئي هئي ته هنن چوري لڪائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي.
    سن 1973ع جي اپريل مهيني ۾ صدر جا مکيه معاون استعيفا ڏئي ويا. انهن مان هڪڙي جان ڊين John Dean ڪاميٽيءَ اڳيان پيشيءَ دوران بيان ڏنو ته صدر نڪسن کي مذڪوره ڪوراپ جي ڀليءَ ڀت ڄاڻ هئي. ياد رهي ته صدر نڪسن اهو الزام ڪو نه باسيو. صدر ۽ سندس معاون جي ڳالهه ٻولهه ٽيپ ٿيندي آهي. صدر نڪسن معمول کانسواءِ انهيءَ سلسلي ۾ ڳجها ٽيپ به ڀرايا هئا. سينيٽ ڪاميٽي ۽ هن ڪيس لاءِ مقرر ڪيل اسپيشل اٽارني آرڪي بالڊ ڪاڪس Archi Bald Cox ايوان صدر کان مٿي ذڪر ڪيل سمورا ٽيپ گهرايا پر صدر نڪسن اهي ٽيپ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. تنهنڪري ٽيپن جي حصول لاءِ ڪاميٽي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو. ڪورٽ فتويٰ ڏني ته هڪڙي فوجداري ڪيس جي تحقيق لاءِ ٽيپ فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏجي ٿو. صدر قانون کان هرگز بالاتر ناهي نه ڪي پاڻ وانگر سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي ڪورٽ مان جوتا هڻي ڀڄائي ڪڍيو ويو.
    ڪورٽ جو حڪم مڃيندي صدر نڪسن انهن ٽيپن جو اختصار لکت ۾ ڏياري موڪليو ۽ پراسيڪيوٽر کي تنبيه ڪيائين ته هاڻي ٽيپن جي وڌيڪ خواهش نه ڪندا. ٿيو هينئن ته پراسيڪيوٽر ڪاڪس صدر جو حڪم ڪو نه مڃيو ۽ ٽيپ اصلي حالت ۾ گهرڻ لڳو ته کيس گولي هڻي ماريو ويو. انهيءَ صورتحال تي عوام سخت ناراضگي ۽ احتجاج ڪيو. ڪانگريس پڻ سخت برهم ٿي. انهيءَ تي صدر ٽيپ ڏيڻ قبول ڪيو ۽ مسٽر ليون جاوورسڪي Lteon Jaworsky کي نئون پراسيڪيوٽر مقرر ڪيو پر وڌيڪ اهو به چيو ته ڪجهه گهربل ٽيپ وڃائجي ويا آهن. انهيءَ تي صدر نڪسن تي سخت تنقيد ٿيڻ لڳي ۽ کيس صدارت تان لاهڻ لاءِ آواز اٿاريو ويو.
    مذڪوره ڳنڀير صورتحال جي پيش نظر هائوس جي جوڊيشري ڪاميٽي صدر نڪسن خلاف الزامن جي تحقيق شروع ڪئي.
    نيٺ گهربل حقيقي ٽيپ ڪاميٽي آڏو تڏهن پيش ڪيا ويا جڏهن سپريم ڪورٽ 24 جولاءِ 74ع تي وري به پنهنجو حڪم ورجايو ته صدر کي ٽيپ ڏيڻ گهرجن.
    ڪورٽ جي فتويٰ واري ڏينهن کان هائوس ڪاميٽي صدر جي خلاف امپيچمينٽ لاءِ T.V مباحثا شروع ڪري ڇڏيا.
    انهن ۾ صدارتي انصاف جي بيخ ڪني، اختيار جو بڇڙو استعمال ۽ ڪانگريس ۽ ڪورٽن جي عزت نه ڪرڻ جا الزام لڳايا ويا.
    انهن ٽيپن ۾ ثابت ٿيو ته صدر پنهنجي معاونن کي هدايت ڪئي ته حقيقت لڪائڻ عيوض چورن کي Hush يعني ڀاڙ يا رشوت ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح صدر هن اسڪينڊل ۾ بذات خود ملوث ثابت ٿيو. تنهنڪري ڊيمو ڪريٽن توڙي سندس پارٽي طرفان مٿس سخت دٻاءُ وڌو ويو ته هو استعيفا ڏي.
    نيٺ صدر نڪسن 8 آگسٽ 74ع تي استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ 9 آگسٽ 74ع تي وائيٽ هائوس خالي ڪري ويو. آمريڪي تاريخ ۾ اهو پهريون صدر هو جنهن استعيفا ڏني ۽ آئين مطابق نائب صدر وائيٽ هائوس ۾ داخل ٿيو.
    دروازي جي گهنٽي وڄڻ جي آواز تي اُٿي دروازو کوليم ته ٻاهر هڪ حور پري بيٺي هئي. عام آمريڪي عورتن کان قد ڪاٺ ڪجهه زياده هئس. جيسين هيٺان کان مٿي تائين جائزو وٺانس تيسين پاڻ ئي ڳالهايائين. تيز ڳالهائڻ تي چپن کلڻ سان گڏ چپن ڄڻ مون ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي. مون کي سانت ڏسي، مشڪي وري پنهنجو سوال دهرائين ته مون کي به سندس ڳالهه سمجهه ۾ آئي. پاڻ سوشل سيڪيورٽيءَ جي ملازم هئي. جيڪي گهر گهر وڃي ماڻهن جي مسئلن بابت معلوم ڪندا آهن. مون سندس چهرو ڏسڻ سان گڏ پڙهڻ ٿي چاهيو پر پاڻ جلديءَ ۾ هئي. سو مون کيس چيو ته گهر ڌڻي سُتا پيا آهن باقي آئون حاضر آهيان. پاڻ شايد گهر ڌڻين کي سڃاڻيندي هئي سو کلي پنهنجي پرس مان ڪارڊ ڪڍي منهنجي هٿ ۾ ڏئي پاڻ سئينڊل جي وڏين کڙين هوندي به چاڙهيءَ تان هيٺ لهڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪيائين ۽ هٿ ۾ جهليل چاٻي سان ڪار جو دروازو کولي وري به مون ڏانهن نهاري ٿورو مشڪي ڪار اسٽارٽ ڪري ايئن ته رواني ٿي ڄڻ ته پکي پڃري مان نڪري پرواز ڪري ويو ۽ آئون ڏسندو ئي رهيس. دل ۾ ٿو سوچيان ته اندر اچڻ جي صلاح به ڪا نه هنئين مانس. سندس ڏنل ڪارڊ پڙهيم ته سندس نالو ۽ عهدو لکيل هو پر پنهنجو ڇا گهر جو دروازو کولي اندر داخل ٿي باٿ روم مان فارغ ٿي، ڪپڙا بدلائي ناشتو ڪري ٻاهر گهمڻ روانا ٿياسين. اسان کي آمريڪا آئي اڄ هفتو کن ٿي ويو آهي. سڄو لاس اينجلس ته گهمي ڪو نه ٿو سگهجي، اڄ ڪيڏانهن وڃجي. اهو ئي سوچيندي سوچيندي اسان جي ڪار L.A جي رستن تي روان دوان اڳتي وڃي رهي آهي. سوچيان ٿو ته آمريڪا جي فلم انڊسٽري دنيا ۾ ڪيڏي نه ترقي ڪري مشهور ٿي آهي ۽ هندستان جي فلم انڊسٽري ڪيڏي نه وڏي آهي. هندستان ۾ دنيا ۾ زياده کان زياده فلمون ٺهن ۽ هندستان جون فلمون سڄي دنيا سان گڏ يورپ ۽ آمريڪا ۾ به سئنيمائن ۾ وڏي چاهه سان ڏٺيون وڃن. هندستاني يورپ ۽ آمريڪا جي ليڊرن ۽ اديبن جي زندگيءَ تي فلمون ۽ ٽيليويزن سيريز ٺاهڻ ڪري هو سڄي دنيا ۾ ڪيڏا نه مشهور ٿيا. انهيءَ جو مثال شيڪسپيئر- لارڊ بائرن ۽ غالب تي فلمن ۽ ٽي وي سيريز جو ٺهڻ آهي. غالب تي ٺهيل ٽي وي سيريل مون لنڊن ۾ بي بي سي ٽيليويزن تي ڏٺي. جيڪا ڪيترين ئي قسطن ۾ ڏيکاري وئي. پاڻ وٽ به ڪيترا سنڌي عرب پتي ۽ ڪروڙ پتي آهن. اهي ڇو نٿا پنهنجن ٽي وي چئنلز تي شاهه لطيف ۽ شيخ اياز تي فلمون ٺاهين. جي اهي ايئن ڪن ته شاهه لطيف ۽ شيخ اياز کي سڄي دنيا ۾ وڏي شهرت ملي پر اسان جي سرندي وارن جو انهيءَ طرف ڪو به ڌيان ڪونهي باقي اليڪشن تي ڪروڙها رپيا خرچ ڪندي ويرم ئي ڪو نه ڪندا. اڄڪلهه ته چند ميمبرن کانسواءِ باقي ٻين کي ته سڄي ٽرم ۾ چيف منسٽر يا پرائيم منسٽر سان ملاقات به نصيب ڪا نه ٿي ٿئي. ڏوڪڙ ڪمائڻ ته پري ٿيا اڄڪلهه ته دنيا ۾ مذهبي اڳواڻن ۽ نبين جي زندگيءَ تي به فلمون پيون ٺهن جنهنجو مثال آشوڪا- ٻڌا،
    (1) Suleman and Bees (2) Moses (3) Jesses (4) Message (5) The last Tamtation.
    ۽ ٻيون لاتعداد فلمون انهيءَ موضوع تي ٺهي چڪيون آهن. فلم ٺاهڻ ڪو نقصان جو سودو ڪونهي. سنڌي عمر مارئي ۽ ٻيون کوڙ فلمون هندستان ۾ به هليون جن بيشمار پئسو ڪمايو ۽ اڄ به فلم هڪ نفعي بخش ڌنڌو آهي باقي نفعو ۽ نقصان ته هر هنڌ آهي. نفعي ۽ نقصان جي تصور ئي ته انسان کي واپار سيکاريو.
    سو اسان جي سرنديءَ وارن کي اسان جي قومي هيرن، قومي ليڊرن، شاعرن ۽ اديبن تي هڪ اڌ فلم ضرور ٺاهڻ گهرجن پر افسوس جو ڌاڙيلن پرو چانڊئي ۽ ڦل ماڇي تي ته فلمون ٺهيل آهن پر قومي هيرن تي نه! اسان لاس اينجلس جنهن کي پيار مان L.A سڏين جي حسين بازارن مان لنگهي رهيا آهيون. پاڻ ته يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آمريڪا کي به:
    آمريڪا
    يو-ايس-اي
    اسٽيٽس
    يا
    يو-ايس
    ڪري سڏيون. لاس اينجلس شهر جا روڊ يورپ جي سڀني شهرن کان وڌيڪ ڪشادا ۽ گهڻو ڪري شهر اندر به روڊ سڀ جا سڀ ون وي آهن. منهنجو پٽ نور لنڊن ۾ نيٽ ورڪ ريل ۾ اسپانسر آهي، تنهن ٻڌايو ته هت هڪ ميٽر پڪو روڊ جنهن جي ويڪر سٺ فٽ هجي ته ان تي خرچ اچي اسي لک پر پوءِ روڊ سالن تائين ڪونه ٽٽي.
    ٻي جنگ عظيم کان پوءِ جت يورپ ۽ جپان ۾ جمهوريت قائم ٿي اُت ايشيا ۽ آفريڪا جا ڪيترا سارا ملڪ غلاميءَ مان آزاد ٿيا. جنهن ۾ هندستان ۽ پاڪستان به شامل آهن. Freedom of midnight جي ليکڪ ليري ڪولنس لکيو آهي ته آمريڪا جو برطانيا تي تمام گهڻو زور هو ته هندستان کي برطانيا يڪدم آزاد ڪري. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ آمريڪا تمام گهڻي ترقي ڪري دنيا جو وڏو سپر پاور ملڪ ٿي پيو. نه ته 1932ع تائين آمريڪا جي فوجي طاقت دنيا ۾ ڇهين نمبر تي هئي. يعني رومانيه کان به پوئين نمبر تي (ڏسو نڪسن جو ڪتاب (War Without victory).
    پر اڄ آمريڪا دنيا جي واحد معاشي-سياسي ۽ فوجي طاقت آهي. جنهن جي خوشامد ۾ سڄي دنيا جا ملڪ هڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ غلطان آهن. اهو سڀ ڪجهه هن جي دولت جي طاقت جي ڪري ممڪن ٿيو آهي. دولت به عجيب چيز آهي. جي نه آهي ته به انسان جا حوصلا خطا، جي آهي ته به حوصلا خطا. اڳ ۾ ته اهي مثال انسانن لاءِ هئا پر هاڻ ته ملڪ به انهن سٽن ۾ اچي ويا آهن. آمريڪا پنهنجي دولت جي زور تي ئي آهستي آهستي سڄي دنيا تي حاوي ٿي ويو آهي. جيڪو به ملڪ سندس سامهون ٿو ٿئي يا اکيون اکين سان ٿو ملائي ته اهڙو ٿو حشر ڪريس جهڙو حال ڪوٽڙي کان هيٺ ڪچي جي آبادگارن جو آهي، يعني پنڻ پَرين مٿان وري سڄي سنڌ جا ڌاڙيل درياهه ۾ پاڻي نه هئڻ ڪري اچي هت گڏ ٿيا آهن ۽ هر روز ٿا اغوا جا واقعا ٿين. ڪو ٻڌڻ وارو ڪونهي.
    حالتون ات وڃي پهتيون آهن جو ماڻهو پوليس کي اغوا جي واردات جو ٻڌائڻ لاءِ به تيار ڪو نه آهن ڇو ته هڪ ڌاڙيلن کي پئسا ڏبا ٻيو خرچ جي بهاني سان پوليس به ڪا ڪسر ڪا نه ٿي ڇڏي. سنڌ ۾ تحفظ جي خيال سان حڪومت نالي ته ڪا شيءِ نظر ڪا نه ٿي اچي.
    جنهن ملڪ ۾ Rule of law نه آهي، Democrecy نه آهي اهي ملڪ آسرن ۽ ڏٽن تي آخر ڪيترو وقت جيئندا. اڄ پاڪستان ۾ اها وڃي حالت ٿي آهي جو ڪنهن ماڻهو وٽ جيڪر سؤ رپيا ٿا بچن ته هڪ ڊالر خريد ڪريو ڇڏي يا ڪنهن غير ملڪي بئنڪ ۾ رکيو ڇڏي يا ملڪ کان ٻاهر روانو ڪريو ڇڏي ته اها رقم ڏکئي وقت ڪم ايندي.
    سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته پٿر پرايو پر سور سڀ ڪنهن کي پنهنجا.
    سو آيا آهيون آمريڪا گهمڻ، مزاماڻڻ ۽ آمريڪا جي به تمام ماڊرن ۽ سهڻي شهر لاس اينجلس جي سهڻي علائقي هالي ووڊ ۾ گهمندي ۽ سهڻن جا ديدار ڪندي به پنهنجا سور اٿلي پيا ۽ توهان به سوچيندا ته اسان هي ڪتاب سير و سفر جي ڳالهين لاءِ خريد ڪيو آهي نه ڪي ڪنهن قوم يا فرد جي غمن جي داستان پڙهڻ لاءِ.
    سو سائين پاڻ نه رڳو ڪار ۾ هلندي هلندي هالي ووڊ ڏسنداسين پر پاڻ هت گهمڻ ڦرڻ سان گڏ خريداري به ڪنداسين ته ڪنهن پوش Posh هوٽل ۾ ڪنهن ملوڪ ماڻهن سان گوڏو گوڏي سان ملائي ڪنهن سٺي ريسٽورانٽ ۾ ماني به کائينداسين.
    اسان هينئر هالي ووڊ ٽڪرين تي هالي ووڊ جي سڃاڻپ يعني پنجاهه فٽ ڊگها ڪاٺ جا اُچار جنهن تي هالي ووڊ لکيو پيو آهي. جيڪو پهريائين هالي ووڊ لئند لکيل هو پر هاڻ ان مان چار اکر يعني Land ڪڍڻ سان هاڻ صرف Hollywood رهجي ويو آهي. انهيءَ کي ڏسندا ۽ پڙهندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. هالي ووڊ ۾ واحد هڪ وارنر برادرز Warner Brothers وارن جو فلمي اسٽوڊيو آهي جنهن ۾ توهان اڳواٽ بُڪنگ ڪرائي انهيءَ اسٽوديو ۾ ڪمپني ريسٽورانٽ Company Restorant اندر هالي ووڊ جي ائڪٽر ۽ ائڪٽريسن سان گڏ ماني به کائي سگهو ٿا پر انهيءَ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه هفتا اڳ بڪنگ ڪرائڻي پوندي آهي. بُڪنگ توهان هن فون نمبر 9541744 (818) تي ڪرائي سگهو ٿا.
    اسان هالي ووڊ کان ويسٽ هالي ووڊ طرف وڃي رهيا آهيون. هي علائقو اڄڪلهه پراڻي هالي ووڊ واري علائقي کان وڌيڪ پوش ۽ فيشنبل آهي. لاس اينجلس اڄ جت سڄي دنيا ۾ سياحت ۽ تفريح جي حوالي سان سڃاتو ٿو وڃي، جنهن کي Capital of Entertainment سڏين ته ويسٽ هالي ووڊ وري لاس اينجلس جي سونهن جو اهڃاڻ آهي. اسان پنهنجي ڪار ڪتابن جي هڪ تمام وڏي دُڪان ورلڊ بُڪ ائنڊ نيوز World Book and News جي اڳيان بيهاري دُڪان ۾ داخل ٿياسين. دُڪان ڇا هو ڪا حڪومتي لئبريري ٿي لڳي. اسان ڪجهه ڪتاب خريد ڪري بل ڏئي واپس پنهنجي ڪار ۾ رستن تي ڊوڙي رهيا آهيون. ڏينهن جي ڪري رش گهٽ آهي جي نه ته رات جي وقت هالي ووڊ جو علائقو ته روشنين ۾ سڄي رات ٻرندو رهندو آهي. جيسين وڃي صُبح ٿئي ۽ همراهن جا هوش ٺڪاڻي لڳن. Rock-Jazz-Folk-Disco-Piano-Cobarat جي ڪلبن ۾ سڄي رات هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن. نڪا اچڻ جي جهل نه وڃڻ تي جهل.
    آمريڪا ۾ يورپين سون جي ڳولا ۾ آيا ۽ هي ملڪ اهڙو ته وڻين جو رهي پيا. انگريز پاڻ وٽ آمريڪا جي ڳولا کان به اڳ آيا پر وري واپس هليا ويا ۽ هڪ به انگريز سواءِ مارڪ ٽيلي جي، مستقل آباد نه ٿيو.
    انگريزن پنهنجي ايامڪاريءَ ۾ هندستان جي وڏن شهرن ۾ ٽن ڳالهين کي وڏي اهتمام سان رائج ڪيو يعني سول لائينس-بوري بازار ۽ چڪلا. انگريزن کان اڳ انهن آبادين جو نالو نشان به ڪو نه هو. اڄ انگريزن کي وئي چوهٺ سال ٿيا آهن پر اهي ماڳ مڪان اڄ به قائم دائم آهن. هاڻ ته يورپ ۽ آمريڪا ۾ گيز ۽ ليزبين جي بي حيائي جو به وڏو چرچو آهي. سڄي يورپ ۾ هم جنس پرستيءَ جي حمايت ۾ شهرن ۾ وڏا وڏا جلوس ڪڍن. جنهن ۾ ملڪ جا ليڊر ۽ ميئر وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿين. تازو پئرس ۾ اهڙو جلوس ڪڍيو ويو جنهن ۾ پئرس جو ميئر برٽرانڊ ڊيلائو نه صرف شريڪ ٿيو پر وڏي شوق سان جلوس جي قيادت ڪيائين. پاڻ ملڪ جي سوشلسٽ پارٽيءَ جو ليڊر به آهي.
    هاڻ ته توهان کي آمريڪا ۽ يورپ جي هر شهر ۾ هنن جون ڪلبون ۽ سوسائٽيون جام ڏسڻ ۾ اينديون ۽ انهن تي هنن کي وڏو ناز ۽ فخر آهي. شل انهيءَ بي حياتيءَ کان پاڻ بچون. جي نه ته آمريڪا جي هر اشاري تي پاڻ نچڻ لاءِ به تيار ويٺا آهيون پر تڏهن به کين ڪو نه ٿا وڻون. جڏهن ته مشرف، سڄو ملڪ سندن حوالي ڪري ويو. اسان جي ڪار هالي ووڊ جي سنهڻن بلوارڊن (BLD) تان گهمندي ڦرندي لڏندي لمندي اچي هڪ هوٽل تي بيٺي جيڪا سڄي لاس اينجلس ۾ مڇيءَ جي کاڌن جي ڪري ڏاڍي مشهور آهي. هت هر وقت رش لڳي پئي آهي پر آمريڪا ۽ يورپ ۾ هر هوٽل ۽ مارڪيٽ جي اڏاوت اهڙي طرح ڪن جو اُت ڪارپارڪنگ جو ڪو مسئلو ئي ڪونهي. جڏهن کان دنيا ۾ دل ۽ جنسيات جي ماهر ڊاڪٽرن مڇيءَ جي واکاڻ شروع ڪئي آهي ته مڇي دل جي بيمارين لاءِ ناياب شئي آهي ۽ مڇي ۾ Omega-3 وڏي تعداد ۾ موجود آهي ۽ جيڪو جسم ۾ Good Colestrol وڌائي ٿو ۽ Bad Colestrol گهٽائي ٿو تڏهن کان آمريڪا ۽ يورپ جي ماڻهن ۾ مڇي کائڻ جو وڏو شوق پيدا ٿي پيو آهي.
    خاص ڪري سرمئي ۽ Oyster مڇي وڏي شوق سان کاڌي وڃي ٿي. اسان هن A.B.C Fish ريسٽورانٽ نالي هوٽل ۾ داخل ٿياسين ڏاڍي صاف سُٿري هوٽل هئي. گهڻو ڪري سڀ آمريڪن هوٽل اندر ويٺل نظر آيا. اسان به هڪ ڪنڊپاسي ۾ ويهي مانيءَ جو آرڊر ڏنو. گرما گرم مڇي ڪيترن سلادن سان کڻي اچي اسان جي اڳيان رکيائون.
    اڄڪلهه يورپ ۾ کاڌي کان به وڌيڪ قيمت سلادن جي وٺن ۽ آمريڪا ۾ سلاد ۽ کاڌي جي قيمت تقريبن برابر آهي. واقعي سلاد کاڌي کان به وڌيڪ مزيدار آهي، جڏهن کان سپي لنڊن مان ڀائرن کان گهمي ڦري آئي آهي، اُها به هاڻ گهر ۾ ڏاڍا سلاد تيار ڪندي آهي.
    مڇي ڏاڍي لاجواب تيار ڪيل هئي ۽ بل به ايترو گهڻو ڪو نه هو. آمريڪا ۽ يورپ جي کاڌن ۾ پاڻ وارا مصالحا ته بلڪل ڪو نه هوندا آهن. تڏهن به کاڌا ڏاڍا مزيدار هوندا آهن. ڪيترو به کائو پر اوڳرائي به نه اچي. ماني کائي بل ڏئي ٻاهر نڪري واپس ڪار ۾ چڙهي روانا ٿياسين.
    L.A 1964۽ 1984ع جي اولمپڪ راندين جي هت ٿيڻ کان پوءِ وڌيڪ دنيا جي توجهه جو مرڪز ٿيو. اولمپڪ راندين جي ڪري جيڪي اڏاوتون ٿيون تن هن شهر کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا. اولمپڪ راندين جي ڪري جيڪي سياح هت آيا سي يونيورسل اسٽوڊيو، ڊزني لينڊ، هالي ووڊ ۽ L.A جي حسين سامونڊي ڪنارن جي ڪشش ڪري وري وري اچڻ لڳا ۽ ايئن هي شهر ترقيءَ جي بلندين تي پهچي ويو. اسان جي گهڻي ۾ گهڻي ڪوشش هوندي هئي ته آمريڪا ۾ اسان پنهنجو هڪ منٽ به ضايع نه ڪيون ۽ گهڻي ۾ گهڻو گهمون ڦرون ۽ ڏسون وائسون پر هيڏي وڏي ايراضيءَ تي پکڙيل شهر جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ويندي ويندي ڪلاڪ لڳيو وڃن.
    لاس اينجلس شهر چار سئو ستهٺ اسڪوائر ميلن ۾ پکڙيل آهي. جنهن مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته ڪيترو نه پکيڙ ۾ وڏو شهر هوندو ۽ جنهن جي صرف هڪ پارڪ يعني گرفٿ پارڪ (Griffth Park) جي ايراضي چار هزار ٽيهٺ ايڪڙ آهي. سو لاس اينجلس شهر گهمي به ڪيترو گهمبو، نه اسان وٽ ايترا پئسا ۽ نه ئي ايترو وقت جو هت رهي سڄو شهر ڏسون.
    اسان هينئر لاس اينجلس شهر جي چئين بلوارڊن جي چوڪ، جت هي چارئي بلوارڊ اچيو گڏجن يعني: هالي ووڊ-سن سيٽ- سانتا مونيڪا ۽ ميلروز جو چوڪ Round about ڪيڏو نه حسين ۽ خوبصورت منظر آهي. هن علائقي ۾ L.A جا سُٺي ۾ سُٺا نائيٽ ڪلب، سپر مارڪيٽون، ٿيٽر، هوٽلون، ريسٽورانٽون، ڪتابن جا وڏي ۾ وڏا دُڪان مطلب ته هر فيشن جو دُڪان توهان کي هن علائقي ۾ ملندو. هت رات جو وڏا هُل هنگاما ٿين. ڏينهن جو به هت تمام گهڻي رونق ۽ رش هوندي آهي. اسان جي ڪار هن هيڏي ساري رائونڊ ابائوٽ تان ڦرندي سن سيٽ، بلوارڊ ۾ داخل ٿي. پنهنجي سائيڊ يعني ساڄي پاسي گاڏي اڳيان وڃي رهي آهي. ساڄي طرفان انهيءَ ڪري جو آمريڪا ۽ يورپ ۾ پاڻ وانگر روڊ جي کاٻي طرف نه پر ساڄي طرف ٽرئفڪ هلي. يورپ ۾ صرف برطانيا ۾ پاڻ وانگر ليفٽ سائيڊ ڊرائيونگ هلي. اسان جي موٽر ڦرندي سرندي اچي هڪ جڳهه جي اڳيان بيٺي جت اسان سڀ لهي انهيءَ جڳهه ۾ داخل ٿياسين. هيءَ جڳهه اسان جي ميزبان نظام جي ڪنهن دوست جو گهر آهي. نظام منهنجو هن سان تعارف ڪرايو. سندس نالو ظفر هو پاڻ اصل ڪراچيءَ جو مهاجر هو هاڻ ڪافي وقت کان هت آمريڪا ۾ رهندوآهي ۽ پاڻ حڪومت کي جانورن جي کاڌ خوراڪ جي ٺيڪيداري ڪندو آهي. ڏاڍو دلچسپ ماڻهو آهي. ڏاڍيون مزيدار ڳالهيون ٻڌايائين. اسان هت ڪلاڪ کن ويٺاسين. جنهن کان پوءِ واپس پنهنجي گهر روانا ٿياسين. جت پهچڻ شرط وڃي بسترن تي ليٽياسين. ڪافي دير کان پوءِ سجاڳي ٿي. ڪٻٽ ۾ رکيل انگريزي چانهه ارل گري (Earl Grey) مان هڪ ڪوپ چانهه جو ٺاهيم. چانهه ۾ تمام ٿوري زعفران وجهي ٿوري دير لاءِ رکي ڇڏيو جيئن زعفران جي خوشبوءَ چانهه ۾ اثر ڪري پوءِ ويهي چانهه پيتم. چانهه ڏاڍي مزيدار ٿي. سو ٻيو ڪوپ به ڀري پيتم. وهنجي سهنجي ڪپڙا بدلائي تيار ٿي ڪار ۾ چڙهي پهريائين ظفر جي گهر آياسين، جنهن کي پاڻ سان کڻي شهر جي هڪ ٻئي حسين ترين علائقي Baverly Hills ڏانهن روانا ٿياسين. ظفر اسان کي هڪ هوٽل نالي رينمبو Raimbow ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو ته آمريڪا ۽ دنيا جي حسين ترين فلم ائڪٽريس جنهن کي پنهنجي سونهن جي ڪري اڃا تائين ماڻهو وساري نه سگهيا آهن يعني مارلن مئنرو جي مڱڻي جوڊي ميگيو Joe Di maggio سان هن هوٽل ۾ ٿيڻي هئي پر مارلن مئنرو شاديءَ کان اڳ ئي آمريڪن حڪومت جي هڪ سازش جي ڪري قتل ٿي وئي. جنهن جو تفصيلي ذڪر روس جي هڪ سابق صدر گرميڪو پنهنجي يادداشتن ۾ ڏاڍي سُٺي نموني ڪيو آهي.
    ظفر اسان کان پُڇيو ته توهان آمريڪا ڪڏهن آيا آهيو ۽ ڪٿ ڪٿ گهميا آهيو. اسان کيس ٻڌايو ته اسان کي هت آئي هفتو کن ٿيو آهي ۽ لاس اينجلس ۽ سين ڊيگو گهمڻ کانسواءِ ٻئي هنڌ وڃڻ ڪو نه ٿيو آهي. پاڻ اسان کي چيائين ته لاس ويگاس سين فرانسسڪو ۽ هوائي ضرور ڏسجو، ڏاڍا لاجواب شهر آهن. اسان کيس چيو ته هوائي تمام پري آهي جي گهڻو وقت رهڻ ٿيو ته ضرور ڏسبو. باقي لاس ويگاس ۽ سين فرانسسڪو ٻئي شهر ضرور ڏسبا. لاس ويگاس ته سڀاڻي وينداسين ۽ سين فرانسڪو به ضرور ڏسنداسين. پاڻ چيائين ته اهي ٻئي شهر روڊ رستي ڏسجو نه ڪي هوائي جهاز رستي. روڊ رستي گهمڻ ڪري توهان کي آمريڪا کي ويجهي کان ڏسڻ جو موقعو ملندو ۽ ايئن ڳالهيون ڪندا اچي لاس اينجلس شهر جي هڪ حسين ترين علائقي بيورلي هلز پهتاسين جنهن جي ئي هڪ ويسٽ ووڊ ميموريل سيميٽري West wood Memorial Cemeatry ۾ دنيا جي حسين ترين عورت مارلن مئنرو Marlin Monroe ڍڪيل آهي.
    مارلن مئنرو دنيا جي واحد ائڪٽريس هئي جنهن جي زندگيءَ تي ٽي سئو سوانح عمريون Biographies، تمام گهڻيون دستاويزي فلمون Documentries ۽ ان جي نالي تي ڪيتريون گُڏيون ٺاهيون ويون ۽ ڪيترين شين ۾ هن جو نالو استعمال ٿيو آهي. مارلن اداڪاره کان پوءِ هڪ نشان بڻجي وئي. سمجهه ۾ ڪو نه ٿو اچي ته مارلن 36 سالن جي عمر ۾ خودڪشي ڪئي ۽ صرف چند فلمن ۾ ڪم ڪيو، اها ايتري گهڻي مشهور ڪيئن ٿي.
    مارلن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌايو ويو آهي جيئن ته هوءَ ننڍي هوندي ننڍن ۽ بيڪار گهرن ۾ رهڻ، جلد هالي ووڊ ۾ اچڻ، هن جون مشهور ماڻهن سان شاديون، ۽ سندس ڪينيڊي جي باري ۾ افواهون، هن جون Abortions جون ڪهاڻيون ۽ هن جي ڊرامائي موت پر ڪجهه به هجي مارلن کي ڀلي ڪير پسند ڪري يا نه پرهوءَ هاڻي اصلي آمريڪن جي نمائندگي ٿي ڪري. لڳندو آهي ته هوءَ فلمن لاءِ ئي ٺاهي وئي هئي. يعني هوءَ Good girl ۽ Bad girl جو ميلاپ هئي. ماڻهو هن سان پيار ڪن يا هن کي ڪيئن به چاهين پر سڀئي هن جي هئڻ تي فخر ٿا ڪن ۽ هن جي چهري جي عجيب معصوميت سان پيار ٿا ڪن. مارلن مئنرو ۽ ليڊي ڊيانا کي وڏي شهرت ملي پر ٻئي جواني ۾ مري ويون. ڀلي ڪنهن به شئي هن کي برباد ڪيو هجي ڀلي اها هالي ووڊ جي معاشيت هجي، يا مارلن جا Affairs واسطا يا هن جي پنهنجي نفسيات Psyche پر هي سڀئي ڳالهيون مارلن جي خوش شخصيت جي سامهون ساهه ڇڏيو وڃن. مطلب ته مارلن پنهنجي وقت جي هڪ تمام وڏي اداڪاره هئي جنهن جو آئون اڳ به ڪافي ذڪر ڪري آيو آهيان. ايلزبيٿ ٽيلر به فلم قلوپطره ۽ گهڻين شادين ڪري هالي ووڊ ۾ ڏاڍي مشهور ٿي. بيورلي هلز علائقي ۾ فيشن جا ڪيئي ڪاليج آهن. هي علائقو ايڏو ته امير ۽ Posh آهي جو هت سخت حفاظتي انتظام هئڻ ڪري سڄي لاس اينجلس ۾ هت گهٽ ۾ گهٽ ڪرائيم ٿين. هي علائقو سٺي Lawns ڇٻرن، اسڪولن، سوئيمنگ پولن ۽ چمڪندڙ ڪارن جي ڪري ڏاڍو مشهور آهي. اسان هت هڪ حسين ترين نائيٽ ڪلب شايد ربيڪاز Rabeccas نالو هوس تنهن ۾ وياسين. جت اڳ ئي وڏا هُل هنگامه لڳا پيا هئا. صرف اسان جي وڃڻ جي دير هئي. اسان به آهستي آهستي هلندي وڃي ڪنهن ڪُنڊ پاسي ۾ جاءِ ڳولي لڌي.
    اسان گهڻا هئاسين تنهنڪري سڀني کي ته ويهڻ جي جڳهه ڪا نه ملي پر تڏهن به هڪ ظفر کانسواءِ ٻيا سڀ سوڙا سڪڙا ٿي ويهي رهياسين. ظفر اسان کي چيو ته توهان ويهو ته آئون سڄي ماحول جو جائزو وٺي ٿو اچان. پاڻ ڪافي دير کان پوءِ گهمي ڦري اچي ٻڌيائين ته هن ئي نائيٽ ڪلب اندر ”لائيو شو“ پڻ هلندڙ آهي. جي توهان جو پروگرام هجي ته اُتي هلون، نه ته هتي ئي ٿا ويهون ۽ هتي به ته رنگ لڳا پيا آهن. اسان مان جنهن جنهن کي پيئڻو هو سو اُٿيو ڪائونٽر تان پنهنجو پنهنجو پيگ وٺيو ٿي آيو. سڀني جي پهرئين پيگ جي پيمنٽ ظفر ڪئي. هت هڪ هڪ پيگ جي پيمنٽ عليحده عليحده ٿي ورتئون. اهو سلسلو هلندو رهيو جيئن محفل گرم ٿي ته پوءِ سڀڪو پنهنجي پنهنجي ليکي ٽڙي پکڙي ويو. ڪو ”لائيو شو“ اندر ته ڪو ڪائونٽر تي ويهي ڪنهن ڇوريءَ سان گپ شپ ۾ مگن لڳو پيو هو. هڪ همراهه ڪنهن ڇوريءَ کي پاڪستان هلڻ لاءِ ور ور ڪري چئي رهيو هو. مطلب ته اهو سلسلو ڪافي دير تائين هلندو رهيو. اسان تمام گهڻي رات گذرڻ کان پوءِ گهر پهتاسين. سواءِ ڪجهه به کائڻ پيئڻ جي سمهي رهياسين ۽ ڏينهن جو دير سان اُٿڻ شرط هلڪو ناشتو ڪري تيار ٿي باءِ روڊ لاس ويگاس وڃڻ واري فري وي تي چڙهي اڳتي وڃي رهيا آهيون. لاس ويگاس، لاس اينجلس کان 266 ميل پري يعني ڪراچيءَ کان مورو. آمريڪا جا سڀ شهر ترقي ته تمام گهڻي ڪري رهيا آهن پر ڏينهون ڏينهن سندن آدمشماري وڃي گهٽجندي، پر لاس ويگاس آمريڪا جي چند انهن شهرن مان آهي جنهن جي آدمشماري تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. لاس اينجلس کان لاس ويگاس ويندي رُڳا جبل ئي جبل آهن جن تي وڻ ٽڻ بلڪل نه هئڻ جي برابر آهن. وڏا وڏا جبل ڄڻ اسان سان گڏوگڏ ڊوڙي رهيا آهن. رستي تي ڪافي ٽرئفڪ آهي پر روڊ رستا ايڏا ڪُشادا ۽ ٻه طرفا آهن جو ٽرئفڪ جي گهڻائي محسوس ئي ڪا نه ٿي ٿئي.
    آمريڪا۽ يورپ ۾ هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڏانهن مسافري ته خير جي ڳالهه آهي پر روڊن رستن تي ڪارن ۾ هلڻ جو به هڪ پنهنجو مزو آهي. دل پئي چاهيندي آهي ته پيو هلجي، نئون ملڪ نئون ماحول، وڏيون وڏيون گاڏيون جن ۾ ٿڪڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. روڊن رستن کي اهڙي ته مضبوط ۽ سهڻي نموني سان تيار ڪن جو دل پئي ٺري. سون هزارن ميلن جي مسافري دوران هڪ فوٽ به ڪٿي رستو ڀڳل ٽٽل نطر نه آيو. پاڻ وٽ ته جڏهن رستا ٽٽي کنڊر ٿين پوءِ سندن مرمت ٿئي ڇو ته پيچ ورڪ يا ٿوري ڪم مان جيڪا ڪامورن کي رشوت ملي تنهن مان سندن پيٽ ئي ڪو نه ٿو ڀرجي. مزيدار ڳالهه ته پاڪستان ۾ به فارين ڪمپنين روڊ رستا ٺاهيا آهن. مثال حيدرآباد کان ڪراچيءَ وارو سپر هاءِ وي ، اٽليءَ جي ڪنهن ڪمپني تيار ڪيو ۽ پنجاب ۾ ٺهيل موٽروي ڪوريا جي ڊيوو ڪمپنيءَ تيار ڪيو. بدين- سجاول روڊ جيئان انهن ايڏو ته دولت جو مينهن وسايو جو انهيءَ وقت جا حاڪم ۽ ڪامورا ڪٿان جو ڪٿي وڃي پهتا. ڏسندي ڏسندي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا. اهي ئي ڪمپنيون پنهنجي ملڪ ۾ ته حاڪمن ۽ ڪامورن کي هڪ پيسو به رشوت طور نه ڏين پر غريب ملڪن ۾ ڪم ڪار لاءِ هو به رشوت ڏين ۽ انهيءَ کي چون بزنس ڊيل ۽ وقت اچڻ تي پنهنجي ملڪ جي حڪومتن کي سڀ ڪجهه ٻڌائين پر تڏهن به انهن حاڪمن جي حاڪميت تي سندن ملڪن ۾ ٽڪي جو به اثر نه پوي. چي بابا سڀ پيا ملڪ کي لٽين، فلاڻي کاڌو ته ڏوهه ٿي پيو ڇا؟ چون ٿا ته پاڻ وٽ ڪنهن صوبي جي وزيراعليٰ پي کلي ڪچهري ڪئي ته ماڻهن ڪنهن آفيسر جي شڪايت ڪئي ته سائين فلاڻو آفيسر راشي آهي. تنهن تي وزيراعليٰ الٽو ماڻهن کان سوال ڪيو ته انهيءَ جي جڳهه تي ملڪ مان ڪنهن هڪ به ايماندار آفيسر جو نالو ٻڌايو جيڪو رشوت نه کائيندو هجي، ته آئون هينئر جو هينئر ٿو هن کي بدلي ڪري انهيءَ کي رکان پر ڪو به ماڻهو ڪنهن به هڪ ايماندار آفيسر جو نالو ٻڌائي نه سگهيو، اُلٽو انهن کي شرمندگي ٿيڻ لڳي. سو پاڻ وٽ حالات اُتي وڃي پهتا آهن. انهن سوچن ۾ ئي اڃان گُم هوس ته ڪار اچي هڪ هوٽل اڳيان بيٺي، هوٽل ڇا پر ڪنهن بادشاهه جو محل ٿي لڳو، ڪيڏي نه وڏي هوٽل آهي. جنهن کي گهمڻ لاءِ به وقت گهرجي. اهڙيون وڏيون هوٽلون لاس ويگاس ۾ سوَن جي تعداد ۾ آهن. جن جي ذڪر سان گنيز بُڪ آف رڪارڊس ڀريو پيو آهي. اسان چانهه پي ٿوري دير آرام ڪري وري پنهنجي منزل ڏانهن روانا ٿياسين. رستي ۾ رات به ٿي وئي هئي سواءِ روشنين جي ٻيو ڪجهه به نظر ڪو نه ٿي آيو. اسان ڪافي دير کان پوءِ لاس ويگاس شهر اندر داخل ٿياسين. هي روشنين جو هيڏو سارو جهرمٽ ۽ ميلو ڏسي آئون ته حيران ٿي ويس. هن کان اڳ ۾ مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ هيتريون ساريون روشنيون ڪڏهن به ڪو نه ڏٺيون هيون.
    نيويارڪ کانسواءِ دنيا جو شايد ئي ڪو وڏو شهر هجي جو مون نه ڏٺو هجي. ڪيترن جا نالا لکجن. واقعي دنيا ۾ ڀلا ڀليءَ جو ڇيهه ئي ڪونهي.
    لاس ويگاس شهر جي هڪڙي خصوصيت جيڪا شهر جي تعريف ڪندڙ توڙي ان جا نقاد ڪري ڇڏيندا آهن. اها هيءَ آهي ته لاس ويگاس شهر بيحد وڻندڙ هئڻ سان گڏ رعبدار ۽ خوفناڪ پڻ آهي. تنهنڪري هتي لطف اندوز ٿيڻ سان گڏوگڏ ماڻهو ڪجهه خائف پڻ رهي ٿو. هن شهر ۾ داخل ٿيس ته مون محسوس ڪيو يا ٻڌو ته توکي لاس ويگاس اچڻ تي ۽ لطف واري ماڳ ۾ داخل ٿيڻ تي پرجوش ڀليڪار ڪجي ٿي. آمريڪن ٽي وي ۽ فلمن ۾ توهان ڏٺو هوندو ته مختلف حوالن سان هن شهر جي مشهوري ڪندي شهر جون ڪيتريون ئي سهڻيون جايون ۽ جڳهيون ڏيکاريندا آهن. انهن ۾ آزاديءَ جي مجسمي جو نقل، هڪڙو شاهي شينهن، مصري احرام جو نقل ۽ اِسفِنِڪس Sphinx يعني ڌڙ شينهن جو ۽ عورت جي سسيءَ واري عجيب مخلوق سان گڏ ٻيون به ڪافي سُهڻيون عمارتون شامل آهن. هت رات جي وقت روشني ايتري ته گهڻي هوندي آهي جو ماڻهو اڪثر ڪري طرف ئي ڀلجي ويندو آهي ۽ حراسجي ويندو يا ته وري لطف اندوز ٿيندي خوشيءَ ۾ ٽهڪ ڏيڻ لڳندو. جيئن مون خود هيتريون ساريون روشنيون ڏسندي محسوس ڪيو ته هي سڀ اهتمام مون لاءِ ڪيل آهن.
    روشنيءَ جو اهڙو نظارو رات جو ٻاهر رستن ۽ چوڪن تي موجود آهي. جاين جڳهين اندر ته دنيا اڃا اور آهي. هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ پيسن جي ريل پيل سان گڏ ٽهڪ، سيٽيون ۽ رڙيون عجيب غوغاءُ طاري ڪندڙ آهن. بس بيحد حيران ڪندڙ گهما گهمي ۽ ديوانه وار پيهه برپا هوندي آهي. جتي ڪنهن وقت ته هوش سنڀالڻ مشڪل هوندو آهي. جيئن اسان جي هڪ ساٿيءَ جو حال ٿيو.
    حقيقت ۾ هي شهر مڪمل طور تي جديد منصوبابندي تحت تعمير ڪيل آهي. جتي دنيا جي عجائبات جا ڪمال جي ڪاريگري سان نقل تعمير ڪيا ويا آهن. جن کي ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ اکيون کيريون ٿيون پون. تنهنڪري ڪوشش ڪري گوڏا کوڙي ۽ ڍؤ ڪري نه پيئجي.
    دنيا جي ٻين شهرن ۾ هوٽلون ۽ رسارٽ Resort وغيره مناسب ماڳن ۽ مڪانن تي اڏيندا آهن پر انهيءَ اصول جي ابتڙ هتي اڏيل هوٽلن ۽ رسارٽ وغيره جي تعمير خود پنهنجي بهترين طرز تعمير سبب انهن هنڌن ۽ ماڳن جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۽ سندن افاديت وڌي آهي. ڇو ته هتي هوٽل ۽ رسارٽ اهڙي ڪمال جي ڪاريگريءَ سان اڏيا ويا آهن. جهڙوڪر دنيا جا سمورا عجوبا کڻي اچي لاس ويگاس شهر ۾ نصب ڪيا اٿن. نتيجتاً جنهن اتفاقاً لاس ويگاس شهر جو ديدار ڪيو سو هتي ٻيو ڀيرو پڪ ايندو ڇو ته شهر جو پهريون ڀيرو ديدار لطيف خواب وانگر محسوس ٿيڻ ڪري انهيءَ تي يقين ڪرڻ لاءِ هو ٻيو ڀيرو ضرور اچڻ جي خواهش ڪندو. اهو فقط انهيءَ ڪري جو هتي تعميرات کانسواءِ هتي جي سماجي زندگي خود نهايت جاذب، پروقار ۽ گوناگون آهي. هن سموري جاهه ۽ جمال توڙي تعميرات ۽ معاشرت جي ڪمال جو سبب فقط Casinos ڪسينو جي سروس ۽ ڪاوش ناهي پر انهيءَ ۾ زندگيءَ جي سمورن شعبن جي خوش اصلوبيءَ تي قائم اعليٰ پئماني جي ڪارڪردگي مڪمل طور شامل آهي.
    جديد تعميرات جي اصول موجب پئرس، وينس، نيويارڪ ۽ قديم مصر ۾ موجود عجائبات کي هتي نئين ۽ نهايت دل فريب انداز ۽ اهتمام سان اڏي بجليءَ سان اهڙي ته حيرت انگيز انداز سان آراسته ڪيو ويو آهي جو انهيءَ جي ديدار شرط هِنيُون حيرت ۾ پئجيو وڃي. هتي شادي رچائڻ لاءِ مخصوص گرجا گهر به موجود آهي. انهيءَ کي هتي ويڊنگ چيپل سڏجي ٿو. هتي ڪئين ديسي پرديسي پهرئين يا ٻي ملاقات دوران شاديءَ جي اعليٰ اخلاقي ۽ سماجي ناتي سان همڪنار ٿيو وڃن. هتي جي زندگي عجيب حسن ۽ شباب ۾ ملبوس ۽ مڌرڪيف ۾ پُر آهي. مثلاً ڪسينو، ڪلبن ۽ هوٽلن جون خادمائون، حسين رومي لباس ۾ مخمور نگاهن سان مرڪندي حاضري هونديون آهن ته ساڳئي وقت پيسي جي ريل پيل اصل پاڻيءَ وانگي وهندڙ آهي. مطلب ته زندگي جون سموريون تفريحات پنهنجي حيران ڪن حد تائين سربسر حاضر ۽ ناضر آهن. عجيب ڳالهه هيءَ به آهي ته هتي جا جُوا خانا جڳ جهان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن ته ٻئي طرف هر بازار جهڙوڪر بازار حسن آهي. لاس ويگاس خود سندس ئي محاوري موافق Cheesy, sleazy and Artificial سڻڀو-سندر، شهزور ۽ مصنوعي آهي. جنهن سان محبت توڙي نفرت ڪرڻ مباح آهي. هي شهر دل کسيندڙ به آهي ته دل خراب ڪندڙ به آهي. هي کلائيندڙ سان گڏ روئاڙيندڙ شهر پڻ آهي. هتي پيسن سان هر ناممڪن امڪان ۾ اچڻ لاءِ تيار آهي. جنت مثل فقط تصور جي آرزو باقي تشنئه انجام آهي.
    صورتحال اها آهي ته تقريباً هر سياح ۽ سيلاني منجهند وقت مس اٿي تيار ٿي سگهندو ۽ ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ گهمڻ ڦرڻ ۾ اهڙو ته مدهوش ٿي ويندو جو رات جو دير ”اَسُور“ تائين پيو جاڳندو.
    مزو وري اهڙو جو انهيءَ وقت به هر هنڌ تازا بهترين کاڌا سموري لطف ۽ لذت سان موجود ملندا.
    هتي جُواري رات وچ ۾ لکا پتي ٿيو وڃن ته ڪن جو ساڳئي رات ڏيوالو نڪريو وڃي. ڪي ماڻهو پيسو ميڙيندي ٿڪجيو پون ته هارائيندي حيران ۽ پريشان، ڪي خوش ٿين ۽ کلن ته ڪي وري روئن ۽ پٽين ويٺا.
    هتي جو محاورو آهي ته زندگيءَ ۾ ماڻهو کي ڪا ثقافتي تعطيل ڪا نه ٿي ملي. تنهنڪري ميوزم تاريخي ماڳ ۽ ٻيا عجائبات ڏسڻ کانسواءِ لطف ۽ لذت جي به هتي ڪا ڪمي ڪانهي. تنهنڪري انهيءَ سان پڻ وهنوار واجب رهندو.
    هتي جدت پسندي ۽ جديد ڪاريءَ جي صورتحال هيءَ آهي ته مقامي محاوري موجب ڏهه سال پراڻي جاءِ جڳهه ميوزم يا Old يعني پراڻو تصور ڪجي ٿو. اصلي تعميرات مان باقي ڪجهه به نه بچيو آهي اهو جديد ڪاريءَ جي نذر ٿي ويو آهي. انهيءَ عمل تي ڳڻتي ڪرڻ هاڻي فضول آهي. الٽو اهو واجب آهي ته وقت تيزيءَ سان گذري پيو ۽ لاس ويگاس شهر ۾ پڻ انهيءَ سان قدم ملائي هلڻو پوي ٿو. قديم ماڳن ۽ مزارن جي ميسارجڻ سبب ايئن هرگز سمجهڻ نه گهرجي ته هاڻي هتي وندر ۽ تفريح جي ڪا به شئي باقي نه رهي آهي جتي لطف ۽ لذت جو سامان موجود آهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڳڻيندي جڏهن هتي پهچڻ سان شهر پسندو ته هتي جي ترقي جدت، ثروت ۽ روان دوان زندگي کان متاثر ٿيڻ کان هرگز ڪو نه بچندو. الٽو هتي جي جاهه ۽ جمال تي رشڪ کائڻ لڳندو.
    لاپيما روشنيءَ جي مقدار ۽ انهيءَ جي آرائش جي عجيب انداز ۾ شام جي وقت شهر سمورن بهشتن جو امتزاج محسوس ٿئي ٿو. جنهن ۾ سموريون مجازي حورون ۽ غلمان انساني روپ ۾ شباب سان ڪباب ۾ مشغول آهن. اسان کي هت مقامي دوست ٻڌايو ته لاس ويگاس جي شام ۽ رات جي جلوي ۽ جمال جو اثر اسان لاءِ پڻ حيرت جو باعث آهي. هتي هر شئي ۽ هر هنڌ، ماڳ مڪان، عمارت، آفيس، هوٽل، ڪسينو، ڪلب، پارڪ توڙي گرائونڊ ۽ اسٽيڊيم پورٽ يا گهر وغيره کي بجليءَ سان اهڙي ته انداز سان آراسته ڪيو ويو آهي جنهن جو ساري جهان ۾ ڪو به مثال ڪونهي. روشنيءَ جو اهڙو جلوو بذات خود هڪ عظيم عجوبو آهي. تنهنڪري انهيءَ کان حيرت زده ٿيڻ کانسواءِ رهڻ ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ڪونهي.
    سموري ماحول تي روشنيءَ جي رنگن جو راڄ قائم آهي. انهيءَ ماحول ۾ هر ماڻهو انهن روشنيءَ جي رنگن ۾ رنڱيل آهي. جنهن ۾ زندگيءَ جو جاه ۽ جمال مڪمل طور موجود آهي. ساڳئي شهر ۾ ثروت جي ڪثرت سبب جوا به تمام گهڻي حد تائين پکڙيل آهي. هتي هڪ مقامي محاوري موجب جوا ايتري قدر گهڻي آهي جيتري گهڻي واري Sand سامونڊي ساحل تي موجود آهي. جوا هتي ايتري ته گهڻن قسمن جي ٿئي ٿي جو ٻاهريون غير جواري به هتي ٿوري دير لاءِ سهي مگر طبع آزمائي کانسواءِ رهي نه سگهندو. جيئن مون به جوا ڪئي ۽ ڪافي پيسا هارايم. هونئن به مون زندگي ۾ صرف ٻه چار دفعا جوا ڪئي آهي پر ڪڏهن به کٽيو ڪونه اٿم. جوا کيڏڻ مون کي زندگي ۾ پهريون دفعو D.F.O علي شير ڏيٿي سيکاري. مڪائو ۽ موناڪو ۾ به جوا ڪيم پر اُت به هارايم ۽ منيٰ کي به ناراض ڪيم. هتي فقط هڪ ڳالهه سڀ کان وڌيڪ پيچيده آهي اها آهي ته هتان سستائي وارو زمانو ڳچ وقت اڳ گذري چڪو آهي. سستائي واري زماني ۾ هوٽلن وارا سڻڀن گرهاڪن سان هر شيءِ ۽ ڪم جي اگهن ۾ ڪافي رعايت ڪندا هئا ۽ گرهاڪ به انهيءَ روش موافق ۽ خدمتن جو وافر مقدار استعمال ڪندا هئا.
    هن وقت اهي روايتون باقي ناهن رهيون البته ڪٿي ڪنهن غير معروف هنڌ کاڌو ڪجهه سستو ملي سگهندو آهي. باقي شباب واري لطف لاءِ ته پيسو پاڻيءَ وانگر وهائڻو پوندو. خرچ ته ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪرڻ به گهرجي، ماڻهو هر روز ته آمريڪا ڪو نه ٿو اچي. اهڙين جڳهين ۽ شهرن ۾ هر روز ٿورئي ٿو اچجي.
    سلاٽ Slot جوا جي ڪلبن ۾ مشروب فري يعني مفت ۾ پياريندا آهن. ڪٿي ڪٿي ٽڪيٽ ختم ٿيڻ جي باوجود گنجائش موجب ماڻهن کي شو مفت ۾ به ڏيکاريندا آهن. جوا کيڏڻ جو موقعو پڻ ڏيندا آهن. هن قسم جي ڪلبن ۾ بيترتيبي، گوڙ ۽ هُل گهڻو هوندو آهي. لاس ويگاس شهر نفعي خورن لاءِ ڀلاري درگاهه مثل آهي. جتي اهي بي تحاشا دولت ڪمائين ٿا. اهڙن هنڌن تي گوڙ ۽ شور گهڻو هوندو آهي ۽ شائستگي ناپيد هوندي آهي. ٿوري بي ڌيانيءَ سان ماڻهو پريشان ٿيو پوي. ڇو ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو ٽُن هوندا آهن.
    مذڪوره صورتحال جي باوجود پنهنجي مخصوص انداز ۾ لاس ويگاس هر قسم جي لطف ۽ لذت جو مرڪز آهي ۽ سندس هر عمارت هوٽل يا ڪلب ۽ ميوزم وغيره ڀلي ڀت بار بار ڏسڻ جي لائق آهي. هي شهر دنيا جي جديد ستن عجوبن مان هڪڙو آهي.
    مائيڪل وينچورا نالي ليکڪ پنهنجي هڪ ناول ۾ لاس ويگاس شهر بابت تاثر ۾ لکيو آهي ته لاس ويگاس شهر ۾ تماشبين معصوم يا اڻڄاڻ ڪو نه آهن. هتي ايندڙ ڪو به ماڻهو ساده لوح ڪو نه هوندو آهي پر سچ پُڇو ته اسان پاڻ کي هت ايئن محسوس ڪيو. هيڏو وڏو شهر هيڏي ساري رش، هيڏيون روشنيون، هيڏي پيسي جي ريل پيل، هيڏا وڏا ڪلب ۽ رنگ رليون، اسان هڪ رات ۽ ڏينهن ۾ لاس ويگاس ۾ جسماني طور ٿڪي پياسين، وري اهڙو ٿڪ استنبول گهمندي منيٰ ۽ محبوب کي ٿيو. استنبول به لاجواب شهر آهي. لاس ويگاس شهر ۾ داخل ٿي شهر جو ٿورو چڪر لڳائي جڏهن دماغ ٺڪاڻي آيو ته هڪ هوٽل نالي ميراج ۾ ڪمرو ورتوسين جيڪا شهر جي مُک بلوارڊ (Bld) يعني لاس ويگاس بلوارڊ تي ئي هئي ڇا ته هوٽل آهي پر اسان جو ڌيان سڄو ان طرف هو ته ٻاهر وڃي گهمون ڦرون. اسان جي ڪمري جو فون نمبر 0111-376 (703) هو. اسان پنهنجو پاسپورٽ نمبر ۽ ٻي معلومات لکائي پنهنجي ڪمري تي پهتاسين. ٿوري دير ڪمري تي ٿڪ ڀڃي فريش ٿي شهر جي مک رستي تي ڪار ۾ چڪر لڳايوسين. جت لاس ويگاس شهر جا مک ڪسينو، ڪلب، جوا خانا ۽ هوٽلون آهن. روڊ رستا ماڻهن ۽ گاڏين سان ڀريا پيا آهن. ايڏي رش هئي جو ميلي جو سماءُ ٿي لڳو پر چون ٿا ته موڪلن ۽ آرتوار جي ڏينهن تمام گهڻي رش ٿيندي آهي ۽ اڳواٽ ڪمرو بُڪ ڪرائي پوءِ هت اچجي نه ته ڪمري نه ملڻ جي به وڏي چانس آهي تنهن کانسواءِ ملڪ جي ٻين تهوارن ۽ نئين سال New year جي جشن جي موقعي تي ته لاس ويگاس شهر ۾ وڏا هُل هنگاما ٿين. سڄي دنيا مان ماڻهو ڪهي هت اچن. سال، سال اڳ بڪنگون ٿين. پيسو پاڻي وانگر نه پر واريءَ جيان اڏامي، نئين سال جي جشن جي موقعي تي وڏا پروگرام ۽ ڪنسرٽ Concert ٿين ۽ لاس ويگاس سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجيو پوي، خاص ڪري گذريل ٻٽن سالن ۾ هتي نئين سال جو تهوار يا جشن وڏي ڌام ڌوم سان ملهايو ٿو وڃي.
    گذريل ٻن سالن کان به اڳي گهڻا ڏيهي توڙي پرڏيهي ماڻهو نئين سال جو جشن لاس ويگاس ۾ ملهائڻ لاءِ ايندا آهن. حقيقتاً ڪجهه تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته سال جي شروعات وارو جشن ملهائڻ لاءِ نيويارڪ شهر جي ٽائيم اسڪوائر جي ڀيٽ ۾ نيواڊا رياست جي هن شهر لاس ويگاس ۾ اڃا به وڌيڪ ماڻهو ايندا آهن.
    تجربي جي بنياد تي ٻڌائي سگهجي ٿو ته 31 ڊسمبر تي ڪيترا گهڻا ماڻهو هتي اچن ٿا. گذريل ٻن سالن جي تخميني مان خبر پئي ته شهر ۽ ان جي آسپاس وارين سمورين هوٽلن ۽ مسافر خانن جا هڪ لک چورانوي هزار ڪمرا هئا. سي ٽي لک ڏهه هزار مسافرن مسواڙ تي ورتا. شهر جي وڏي ۾ وڏي رستي تي هڪ ئي وقت تي اٽڪل چار لک ماڻهو نڪري آيا. جنهن سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. ايتريقدر جو ماڻهن جي هلچل پڻ معطل ٿي وئي. فقط هڪڙي فري مونٽ اسٽريٽ ۾ جشن جو نظارو ڪرڻ لاءِ الڳ پنجاهه هزار ماڻهن ڏهه ڊالر في ٽڪيٽ ورتي. ٽريفڪ مڪمل جام ۽ پارڪنگ ناممڪن ٿي وئي. زمين جو هڪڙو انچ به ماڻهن کان واندو ڪو نه هو. لاس ويگاس شهر ۾ ايترن سارن ماڻهن کي سمائڻ جي نه گنجائش آهي. نڪي ضرورت پر اهڙي موقعي تي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ اچيو وڃن.
    شهر جي مکيه شاهراهه جنهن کي هت اسٽرپ Strip چوندا آهن تنهن جو وڏو حصو ته مرڳو بند ٿيو وڃي. باقي حصي تي ماڻهو شباب ۽ شراب ۾ مست رئونشي ۾ پورا هوندا آهن.
    هن نئين سال جي جشن ۾ سال به سال ڪجهه فرق ٿيندو رهندو آهي. پر جشن جو خاتمو ڪجهه مخصوص رسمون ادا ڪرڻ سان ٿيندو آهي. انهن ۾ فري مونٽ اسٽريٽ جي پاسي تي جشن لاءِ تمام وڏو جلسو منعقد ٿيندو آهي. انهيءَ پنڊال کي رنگين پنن جي گلن ڦلن سان سجايو ويندو آهي. هتي شهر جا معززين ۽ شائقين تقريرون پڻ ڪندا آهن. هتي روشنين جي رنگن جي پڻ عجيب نمائش ٿيندي آهي مگر سڀ کان وڌيڪ اهم اسم هڪڙي عمارت جي ماڊل جنهن کي هاسينڊا Hacienda چوندا آهن، انهيءَ کي وڏي ٺڪاءُ سان ڀڃڻ واري رسم هوندي آهي.
    هن موقعي تي هتي جوا به اوج تي هوندي آهي. جوا جي ڪلبن ۾ رات جو سال جي شروع ٿيڻ وقت جواري هڪ ٻه ٽي ڪري ڪجهه سڪا نذراني طور هتي استعمال ٿيندڙ پيسن رکڻ وارين پيتين جن کي Slots سلاٽس چوندا آهن ۾ وجهندا ۽ نئون سال مبارڪ چئي ٿوري دير ساهي کڻندا آهن. ۽ پوءِ وري به راند ۾ محو ٿي ويندا آهن. تڏهن محسوس ٿيندو آهي ته شايد جشن پورو ٿي ويو ۽ هر شيءِ معمول تي موٽي آئي آهي پر هن شهر بابت ايئن چوڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
    لاس ويگاس شهر ۾ نائيٽ ڪلبن-ڪسينو ۽ جوا خانن کانسواءِ پرڀاسي ۾ ٻيا به ڪيترائي تفريح گاهه ٺاهيا اٿن، جن ۾ وڏا وڏا باغيچا نيشنل پارڪ، وڏا وڏا تلاءُ ۽ ڍنڍون شامل آهن. انهن ۾ وري ”مائونٽ چارلٽسن“ ۽ ”ميڊ“ ڍنڍ خاص قابل ذڪر آهن. جت سياح وڏي تعداد ۾ ويندا آهن. مائونٽ چارلٽسن هڪ لاجواب پهاڙي علائقو آهي. جت سياري جي سخت سردين ۾ ڏاڍي برفباري ٿيندي آهي ۽ سڄو پهاڙي علائقو برف ئي برف ٿيو وڃي. پوءِ ملڪي ۽ غير ملڪي سياح هت برفاني لاهين چاڙهين تي وڏي شوق سان پيا ترڪندا آهن. خاص ڪري سياري جي جنوري مهيني ۾ ته هت ڏاڍو مزو هوندو آهي ۽ اُت وڏي دولت خرچ ڪري سياحن لاءِ وڏيون تفريح گاهون ٺاهي ڇڏيون اٿن. پيسو جڏهن اچي ٿو ته سڀ ڪم آسان ٿيو وڃي. يورپ به آمريڪا جي ڳولا کان پوءِ اُتان هٿ آيل سون ۽ ٻين ملڪيتن جي حاصلات سان گهڻي ترقي ڪئي ۽ پوءِ جڏهن آمريڪا يورپ خاص ڪري انگلينڊ کي جنگ ۾ شڪست ڏئي، پنهنجي حاڪميت قائم ڪئي تڏهن کان وٺي وڃي ترقي ڪندو نه ته اڳ سڄي دولت هتان يورپ هلي ويندي هئي. (جيئن پنهنجي پئٽرول-گئس ڪوئلي ۽ پورٽ جي ڪمائي پنهنجي ڪنهن به ڪم ڪا نه ٿي اچي سڄي رقم پنجاب هضم ڪريو وڃي.)
    هاڻ پنهنجي دولت جي زور تي سڄي دنيا جو حاڪم ٿيو ويٺو آهي. ڪيوبا جي صدر اقوام متحده ۾ تقرير ڪندي ظاهر ڪيو ته آمريڪا جي صرف ٽن ماڻهن وٽ ايڏي دولت آهي جيڪا دنيا جي اٺيتاليهن ملڪن جي ٽوٽل دولت جي برابر آهي ۽ اها رفتار وڃي ڏينهون ڏينهن وڌندي ۽ آمريڪا انهيءَ دنيا جي سڄي دولت مان پيو پنهنجي ملڪ کي سينگاري ۽ سنواري سو آمريڪا جا شهر به وڃن عروج تي پهچندا. لاس ويگاس جي ترقيءَ جو ڪارڻ به اها دولت آهي، جنهن هن شهر کي جنت ٺاهي ڇڏيو آهي. لاس ويگاس شهر جا صرف ڪسينو- ڪلب ۽ جوا خانا گهمجن ته به انهن کي گهمڻ لاءِ ڏينهن ٿا لڳي وڃن. سڄي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏيون ڏهه هوٽلون لاس ويگاس شهر ۾ ئي آهن. اُنهن مان هڪ هڪ هوٽل ۾ مختلف قسمن جا سينگاريل ايترا ته ڪمرا آهن ۽ انهن ڪمرن کانسواءِ هوٽلن ۾ ايترن ته قسمن جون تفريح گاهون آهن جو صرف هڪ هوٽل کي ڏسڻ لاءِ به ڪلاڪ نه پر ڏينهن گهرجن.
    اسان پهريائين هڪ هوٽل جي اڳيان ڪجهه دير لاءِ بيٺاسين جنهن جي خاص خوبي هڪ وڏي پارڪ ۾ باهه ۽ پاڻيءَ جو ڦوهارو آهي. جيڪو ٽيهه فوٽ کن اوچائي تي هو جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر وقت وڏي رش لڳي پئي هوندي آهي. جنهن جا فوٽا وڏي تعداد ۾ سياح ڪڍن.
    آمريڪا ۾ لاس ويگاس شهر کي گناهن جو شهر به ڪري سڏيندا آهن پر مزيدار ڳالهه ته آمريڪا جي سڀني شهرن کان زياده چرچ هن شهر ۾ آهن. شايد گناهن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ هيترا سارا چرچ ٺاهيا اٿن. دنيا ۾ زياده مسجدون چون ٿا بنگلاديش جي گاديءَ واري شهر ڍاڪا ۾ آهن پر بنگالي ته دنيا ۾ غريب ۾ غريب قوم ليکي وڃي ٿي.
    لاس ويگاس جي خوشحاليءَ جو ڪارڻ خبر ڪانهي ته چرچ آهن يا جوا خانا، ڪسينو يا ڪلب.
    اسان هت ڳچ وقت بيهي پوءِ اڳتي وياسين اسان جي هاڻ منزل اهو ڪلب هو جت آمريڪا جو اڳوڻو صدر رونالڊ ريگن فن جو مظاهرو ڪندو هو. آمريڪي سابق صدر رونالڊ ريگن صدارت کان اڳ ائڪٽر-ڊانسر ۽ ڳائڻو هو.
    رونالڊ ريگن لاس ويگاس جي لاسٽ فرنٽيئر جي نالي هوٽل ۾ ڊانس ۽ ڳائڻ جا پروگرام ڪندو هو. جنهن کي ماڻهو ڏاڍو پسند ڪندا هئا. اسان هن ڪلب ۾ به ڪجهه وقت رهياسين. اسان ٿوري وقت ۾ ڪافي ڪلب ۽ ڪسينو ڏسڻ ٿي چاهيا. هتي جي ڪلبن، هوٽلن ۽ ڪسينو وارا تمام وڏا وڏا شو ۽ پروگرام ڪن. جنهن ۾ ملڪ جا فنڪار ۽ وڏا وڏا ماڻهو خاص طور گهرائين.
    گهڻا سال اڳ هت هڪ سينڊس نالي هوٽل ۾ هڪ لاجواب ۽ نه وسرندڙ پروگرام ڪيو ويو هو. جنهن ۾ انهيءَ وقت جي آمريڪا جي چوٽيءَ جي فنڪارن حصو ورتو. جنهن ۾ خاص فنڪار هي هئا.
    1- فرئنڪ سناٽرا
    2- سامي ڊيوس
    3- ڊين مارٽن
    4- پيٽرا فورڊ ۽
    5- جوئي بشپ
    پروگرام اهڙو ته لاجواب ٿيو جو ماڻهو اڃا تائين پيا انهيءَ پروگرام کي ياد ڪن. ڇو ته فرئنڪ سناٽرا هلندڙ پروگرام دوران سامي ڊيوس کي ٻانهن مان مٿي کڻي ماڻهن جو شڪريو ادا ڪيو ته آئون توهان جو بيحد شڪر گذار آهيان جو توهان مون کي هيءَ ٽرافي انعام طور ڏني ۽ ايئن وري ٻانهن ۾ مٿي کنيل سامي ڊيوس کي کڻي وڃي آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي جي هنج ۾ رکيائين ۽ کيس مذاق ۾ چيو ته سائين فنڪشن ختم ٿيڻ تائين توهان منهنجي هيءَ امانت سنڀالي رکندا. سواءِ ڪنهن ڇيڙڇاڙ جي سڄو فنڪشن ٽهڪ ٿي ويو ۽ اها ڳالهه لاس ويگاس وارا ڏاڍي فخر سان هر ڪنهن کي ٻڌائين. فرئنڪ سناٽرا ۽ مايا فيرو ڪئين دفعا هن هوٽل ۾ رهي علامتي شادي ڪئي.
    سڄي لاس ويگاس شهر جي دل M.G.M Grand Hotle/Casino آهي. جيڪا هن هيڏي ساري مشهور ۽ مهانگي شهر جي وچ ۾ هڪ سئو چوڏهن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. ڇا ته هوٽل آهي، (گنيز بُڪ آف ريڪارڊ ۾ هن جو ذڪر ٿيل آهي) جنهن ۾ پنجن هزارن کان به مٿي ڪمرا آهن. جنهن ۾ هاليووڊ هومس نالي ڪمرن جي سڄي دنيا ۾ ڏاڍي ساراهه آهي هنن ڪمرن ۾ Maple ۽ Cherry ڪاٺ جو فرنيچر ٺهيل آهي ۽ سون جي تارن سان پردا ٺهيل آهن. سون مان ٺهيل ائڪٽريسن جا پُتلا به ڪمرن ۾ رکيل آهن. هن هوٽل ۾ ايڏا ته وڏا ۽ خوبصورت هال آهن جن جهڙا هال سڄي دنيا ۾ ڪٿ به ڪو نه آهن. انهن هالن اندر ۽ هوٽل جي ڪن ڪمرن اندر اهو به بندوبست ٿيل آهي جو صرف بٽڻ دٻائڻ سان مٿي ڇت تي ڪئين منظر ٺهي پوندا آهن.
    مثلاً: تارن ڀري رات يا چانڊوڪي رات يا وري مينهن وسڻ جا منظر مطلب ته اهڙا ڪئين حيران ڪندڙ منظر هوندا آهن. هوٽل اندر ”فاريسٽ ڪيفي“ ۽ ”اسٽوڊيو 54“ يادگار هال آهن. جن کي وڏي محنت ۽ ناڻي سان سينگاريو سنواريو ويو آهي جت فلمون ۽ ٻيا لاجواب پروگرام ٻارهي پيا هلن. هوٽل ٻاهران ۽ اندر تمام وڏين ٽي وي اسڪرينن تي سڄي هوٽل جي ڪار گذاري ڏيکارين جنهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جي رش لڳي پئي هوندي آهي. ڪن ڪن هوٽلن ۽ ڪلبن ۾ هت هڪ هڪ پروگرام مهينا مهينا پيا هلن ۽ سڄي آمريڪا جا ماڻهو ڪَهي اهي پروگرام ڏسڻ اچن. اهڙن پروگرامن ڪرڻ ڪري ئي لاس ويگاس شهر هيڏو مشهور ٿيو آهي. ڇو ته اهڙن لاجواب پروگرامن جو سلسلو هت دائمي هلندڙ آهي. اسان رات جي پوئين پهر هڪ نائيٽ ڪلب ۾ سڪا وٺي راند کيڏي. جنهن ۾ هميشه جيان مون ڪافي سڪا هارايا ڇو ته پنهنجي زندگيءَ ۾ مون ڪڏهن به کٽيو ڪونهي. جوا ۾. تنهن کان پوءِ انهيءَ هوٽل ۾ مٿئين فلور تي لائيو شو ۽ ڊانس ڏٺي سين. ڏاڍا سهڻا پروگرام هلي رهيا هئا پر رات به پنهنجا پرڙا پوري رهي هئي ۽ اسان ۾ به پنهنجي ٿڪ ۽ ننڍ کي روڪڻ جي وڌيڪ سگهه ڪا نه رهي هئي. اسان سواءِ ڪجهه به کائڻ جي وڃي پنهنجي ڪمري ۾ سُمهي رهياسين ۽ تمام دير سان ننڊ مان جاڳ ٿي. فون تي چانهه لاءِ چيم ته رسپشن واري چيو ته توهان جو فون بند ۽ ڪمري تي Don’t Distrup لکيل هئڻ ڪري اسان توهان کي اخبارون ۽ مئگزين ڪو نه موڪليون آهن جيڪي هاڻ چانهه سان گڏ روانو ڪري رهيا آهيون. باقي ناشتو هيٺ ڊائننگ هال ۾ ڪريو ته ڪيڏي مهل به ڪري سگهو ٿا. جي وري ڪمري تي ڪريو ته فون ڪجو ته توهان کي ناشتو موڪليون. سڄي دنيا ۾ وڏين وڏين هوٽلن ۾ ناشتو فري هوندو آهي. تنهنڪري ڪوشش ڪري ناشتو هوٽل ۽ ڊائننگ هال ۾ ڪبو آهي ۽ ايترو ته کائبو آهي جو وري وڃي رات جي ماني کائجي ته بهتر ۽ ٻنپهرن جو گهڻو ڪري برگر ۽ سئنڊ وچ تي گذارو ٿي ويندو آهي. ٽوئر ۾ گهمڻو ۽ رلڻو به تمام گهڻو ٿو پوي جنهن ڪري بک به لڳي ٿي پر گهر کان ٻاهر ماني کائڻ ڪري خرچ به ٿئي ٿو ته وقت به ضايع ٿئي ٿو. تنهنڪري برڪتي ناشتو کائڻ ڪري سڄو ڏينهن انهيءَ برڪت سان پيٽ ڀريو پيو آهي. ٻيو ته آمريڪا دنيا ۾ سستي ۾ سستو ملڪ هئڻ ڪري توهان ڏينهن جي مانيءَ کانسواءِ ڪيترو به چٽو ڪريو پر ٻن ٽن ڊالرن کان مٿي خرچ ڪو نه ٿيندو. اسان هوٽل رسيپشن واري کي چيو ته ناشتو هيٺ ڪنداسين. تنهن تي پاڻ يڪدم چيائين ته توهان فلاڻي فلور تي فلاڻي هال ۾ ناشتو ڪجو. هت هوٽلون تمام وڏيون ٿين جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو رهن ٿا. پوءِ سڀ ماڻهو هڪ ئي وقت ۽ هڪ هنڌ ته ناشتو يا ٻيو ڪو کاڌو ڪو نه کائي سگهندا تنهنڪري ڪيترن هنڌن تي کاڌي جو بندوسبت ٿيل هوندو آهي. اسان جنهن فلور تي رهيل آهيون اُهو سٺ نمبر فلور آهي. هوٽل ڪيترا ماڙ آهي، اُها خبر خدا کي پر ظاهر آهي ته هوٽل ۾ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو رهيل هوندا.
    ٿوريءَ دير ۾ چانهه آئي جنهن سان گڏ ننڍا ڪيڪ، فروٽ، بسڪيٽ ۽ ڪئين اخبارون ۽ رسالا کڻي ٻه حسين جميل محجبين کلنديون، مشڪنديون کوڙ سلام ڪنديون سامان ترتيب سان رکنديون اسان جي وڌيڪ حڪم لاءِ هڪ پاسيريون ٿي بيهي رهيون. مون کين مشڪي هيلو ڪيو ۽ کين چيو ته سڄي رات جي ڊيوٽي، هُل هنگاما هوندي به توهان ڏاڍيون فريش لڳيون پيون آهيو، ڇا ڳالهه آهي. پاڻ ڏاڍي چستيءَ ۽ تيزيءَ سان ڳالهائيندي اهڙي ته سهڻي انداز ۾ جواب ڏنائون جو ڄڻ ته اهو سڀ ڪجهه هنن کي اڳواٽ پڙهايل ۽ سيکاريل سبق آهي. اسان کين هيٺ کان مٿي تائين ڏسندي ٻڌندي سندن ٿورا مڃيندي کين مهرباني چيو ته پاڻ ڪورنشون بجا آڻيندي ٽهڪڙا ڏيندي دروازي کي سواءِ ڪنهن به آواز جي بند ڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري ويون ۽ مون چانهه ۾ کير ملائي ڪوپ کي پنهنجي بيڊ جي ننڍي ٽيبل تي رکي اخبارن کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته اخبارن جو وزن، سيرن ۾ محسوس ٿيو. سڀني کان مٿان رکيل اخبار جو نالو هو.
    1- Las vegas Sun
    2- Las vegas Review Jounral
    تنهن کانسواءِ ڊزنن جي حساب سان رسالا ۽ مئگزين هئا. جيڪي سڀ جا سڀ مفت جا هئا. ڪيتري تعداد ۾ اهڙا رسالا هئا جيڪي صرف لاس ويگاس جي روزانه تفريحي پروگرامن سان ڀريا پيا هئا. جنهن ۾ شهر جي سڀني ڪسينو، بارن، هوٽلن، نائيٽ ڪلبن، ريسٽورانٽ ۽ جوا خانن جا احوال ڏنل هئا ته اڄ ڪٿ ڪٿ ڪهڙا ڪهڙا پروگرام هلندڙ آهن يا ٿيندا. هنن ۾ ڪي هفتيوار ڪي پندرهن روز ته ڪي وري ماهوار آهن. انهن رسالن مان ڪن جا نالا هن ريت آهن.
    1- Show biz weekly wekly
    2- Vegas Visitors
    3- What is in las vegas
    4- Las vegas
    5- City life.
    ڪلاڪ اڌ اخبارن کي پڙهيوسين ته لاس ويگاس جون اخبارون به لاس ويگاس شهر وانگيان رنگ رلين سان ڀريل نظر آيون.


    حصو چوٿون

    اسان تيار ٿي ناشتي واري ريسٽورانٽ پهتاسين ته ميلو متو پيو هو. ناشتي لاءِ مال به جام نظر آيو ۽ ڪا ڊش ختم ٿي ته انهيءَ جي جڳهه تي وري يڪدم ٻيا ڀريل ڊش کڻي ٿي آيا. هت مون کي غير ملڪي ماڻهن ۾ جپاني ۽ ڪورين زياده نظر آيا. اسان به پنهنجي پليٽ ڀرڻ ۾ ڪا گهٽتائي ڪا نه ڪئي. مون کي ميرپور بٺوري واري رحمت الله خواجه جي پٽ جي شاديءَ جو منظرياد اچي ويو. جنهن ۾ مون هڪ پليٽ ۾ رکيل اٺن ڏهن چڪن پيسن مان هڪڙي کي کڻن جي ڪوشش ڪئي ته هڪ همراهه کڻي ٻانهن مان ورتو چيائين سائين هيءَ ته منهنجي پليٽ آهي توهان ڊش مان چڪن کڻو. تنهن تي مون کانئس سوال ڪيو ته تون هي مال پليٽ ۾ رکي ڪيڏانهن ويو هئين ته پاڻ ٺهه پهه جواب ڏنائين ته آئون پنهنجي لاءِ اڃان به وڌيڪ کاڌو کڻڻ ويو هوس. مون کيس شاباس ڏئي، ڊش مان پنهنجي لاءِ کاڌو پليٽ ۾ لاٿو. کاڌي جي ته ڪا کوٽ ئي ڪا نه هئي فقط صبر جي کوٽ هئي. سو آئون انهي سين کي ورجائي پنهنجي پليٽ کي ڀري وڃي ڪنڊ پاسي ۾ کائڻ لڳس. کاڌن ۾ ايڏي ته ورائٽي ۽ لذت هوندي آهي جو ڇا لکي ڇا لکجي. سو به وري لاس ويگاس شهر ۾ جت چوويهه ڪلاڪ عيش عشرت جا ميلا متا پيا آهن. سياحن جي کاڌي پيتي جو ايڏو ته سٺو بندوبست هوندو آهي جو وقت، پهر ۽ پل جي ته ڪا جهل نڪا پل. هر وقت هر قسم جا کاڌا هڪيا تڪيا تيار رکيا آهن. ايڏو ته خوبصورت، وڏو ۽ سينگاريل سنواريل ڊائيننگ هال آهي جو مانيءَ کائڻ کان پوءِ ٻاهر نڪرڻ تي دل ئي ڪا نه ٿي چوي پر اندر جي رش گهٽائڻ لاءِ مجبورن ٻاهر نڪرڻو ٿو پوي. سو تقريباً اڌ ڪلاڪ کن هت گذارڻ کان پوءِ ٻاهر نڪتاسين ۽ پنهنجي ڪار ۾ چڙهي لاس ويگاس جي شاهراهن تي نڪري پياسين. ٻاهر هڪ ٻه نه پر سون جي تعداد ۾ هوٽلون. ڪيسنو، ڪلب، جوا خانا ۽ ٻيا تفريحي ماڳ جيڪي ايڏا ته ڊگها ڄڻ ته آسمان سان پيا ڳالهيون ڪن. جن تي خرچ ڪيل رقم جو ته ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. هت سياحن لاءِ ڪيترن ئي قسمن جي تفريح جو بندوبست ٿيل آهي. جنهن ۾ جادوئي ڪرتب جا ڪلب ۽ سڄي دنيا ۽ آمريڪا مان اچي هت شادي ڪرڻ جو شوق پورو ڪرڻ آهي. جادوئي ڪرتب ڏيکارڻ ۾ هت سيزرس ميجيڪل ايمپائر Ceasar’s Magical Empire سڀني م وڌيڪ مشهور آهي.
    پش زين ڪناس بودم، شيخ گشتم پارسال غلا گر ارزان شوِد امسال ميثوم سعدي
    (پهريائين ڀنگي هوس، پرسال شيخ ٿيس، هن سال جي ان ججهو ٿيو ته سيد به ٿي ويندس.)
    هن عجيب ۽ غريب قسم جي تفريحي اڏاوت تي بي انداز دولت خرچ ڪئي وئي آهي. هن عجيب تعمير ۾ ڪيتريون سرنگهون، غار، ڦرندڙ ڪمرا، ٿيٽر ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه حيرت ۽ عبرت لاءِ موجود آهي.
    هتي پهچڻ سان هتي جي محافظن طرفان توهان کي 24 کان گهٽ تعداد واري جٿي ۾ شامل ڪري هڪڙي کنڊر نما ماڳ وٽان گهمائي ڦيرائي پنهنجي مخصوص ڊائننگ روم ۾ رسائيندا. هتي توهان کي مقرر ذاتي جادوگر ڪجهه ساحرانه ڪرتب ڪري وندرائيندا. هتي حاضر خدمتگار توهان کي ماني کائڻ دوران مختلف ڪرتبن سان وندرائيندا. تنهن کان پوءِ مکيه ساحرانه ڪرتبن لاءِ توهان کي ٻئي ماڳ وٺي ويندا. هتي ڪيترائي ڪرتب ڏيکاريا وڃن ٿا. هتي پنجن منٽن وارو روشنين تي مشتمل شو ڏيکاريندا آهن. انهيءَ دوران اعليٰ مهارت سان رنگين روشنين جا نظر خيره ڪندڙ ڪرتب ڏيکارين ٿا. روشني تمام گهڻي هئڻ سبب نظر کي نقصان ٿئي ٿو. تنهنڪري نقصان کان بچاءُ وارا چشما پائڻ ضروري آهن. جيڪي هتي ازخود پارائيندا آهن ۽ ٻاهر نڪرڻ وقت واپس وٺندا آهن اڄڪلهه لنڊن ۽ آمريڪا ۾ اهڙيون سئنيمائون عام آهن. هتي ڀتين تي آراسته انساني هڏاون پڃرن سان ڳالهائي ۽ ڀوڳ مسخري ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ڏسجندڙ (غائب) هستين کان موسيقي ٻڌي سگهجي ٿي جيڪا اهي گذارش ڪرڻ تي پيش ڪن ٿا. هن ايمپائر ۾ جٿي ڪٿي ڪئين قسمن جي اٽڪل بازي پڻ ڪارفرما آهي جنهن سان ماڻهو ٺڳجي سگهي ٿو. تنهن ڪري جتي به ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته موجود خدمتگارن کان پُڇي سگهجي ٿو. غسل خانن جي آرسين ۾ به ديون ۽ جنن جون تصويرون لڳل آهن. ٽن مرحلن واري ڊنر دوران عجيب ڪرتب ڏاڍا وڻندر ۽ مزيدار هوندا آهن. هتي مختلف بارون پڻ آهن گروٽو بار ۾ توهان ڪئين ڪلاڪ غائب فنڪارن کان موسيقيءَ سان پاڻ وندرائيندا رهندا. پُکن موجب ڏهن مان ڪنهن هڪ ڊائننگ روم ۾ وڃي ڪيترائي شو ڏسي سگهو ٿا. هتي جا جادوگر توهان کي سندن ڪرتبن ۾ استعمال ڪندا ۽ توهان جي طبيعت موافق توهان کي محذوذ ڪندا. گهٽ ۾ گهٽ ٽن ڪلاڪن ۾ سراسري طور ڪافي شو ڏسي سگهجن ٿا.
    خاص ڳالهه هيءَ آهي ته ساحرانه شو صبح 11 کان 3 بجي تائين مفت ۾ ڏيکاريندا آهن.
    لاس ويگاس شهر ۾ شادي ڪرڻ ۽ شاديءَ جي رسم هتي جي هڪڙي نهايت مشهور ۽ منفرد تقريب آهي ۽ هتي شاديءَ جي رسم نهايت آسانيءَ سان سرانجام ڏني وڃي ٿي.
    ڪلارڪ ڪنٽري ميريج لائسنس بيورو جيڪو 8 بجي صبح کان آڌيءَ رات تائين سومر کان آچر يعني سمورا ڏينهن کليل آهي اُتي وڃي شاديءَ جو لائسنس حاصل ڪريو. شهر ۾ شاديءَ جي رسم ادا ڪرڻ لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ مذهبي جايون ٺهيل آهن ۽ تقريباً هر وڏيءَ هوٽل ۾ پڻ ويڊنگ چيپل موجود آهي جتي هر وقت شاديءَ جي رسم ادا ڪري سگهجي ٿي. هتي رت جي تپاس يا شاديءَ لاءِ مقرر مدو يا تاريخ ڪانهي. جڏهن چاهيو شادي ٿي سگهي ٿي پر اسان هت ڪٿان ڪنوار آڻيون جو شادي ڪريون.
    شادي ڪرڻ وارن چيپلن ۾ شاديءَ لاءِ گهربل سمورو بندوبست اڳواٽ ٿيل هوندو آهي. هتي وڏي ۾ وڏي توڙي ننڍي ۾ ننڍي تقريب سان شادي ٿئي ٿي. چيپل وارا مُنڊي، گلن ۽ ڪپڙن جو پڻ بندوبست ڪندا آهن ۽ وڊيو پڻ تيار ڪندا آهن. آمريڪا توڙي پوري دنيا جا ڪيترا سارا ماڻهو هتي اچي شادي ڪرڻ ۾ وڌيڪ لطف محسوس ڪن ٿا. تنهنڪري هتي هر سال هڪ لک کان مٿي جوڙا شادي رچائيندا آهن.
    هڪڙي چيپل ۾ روزانو اٽڪل ڏهه شاديون منعقد ٿين پر ويلنٽائين ڊي تي سؤ سؤ شاديون پڻ ٿينديون آهن.
    ايلوِس امپرسونيٽر يعني شاديءَ سميت مختلف تقريبن جو منتظم شادي، سالگره، استقباليه ۽ ٻين مختلف تقريبن جو انتظام ڪندو آهي.
    امپرسونيٽر جو نالو جيسي گيرن Jesse Garon آهي سندس ٽيليفون
    نمبر 9227/474/702 ۽ ويب سائيٽ ائڊريس http://www.elvis-vegas.com هن ريت آهي. هو سندس پنڪ نيون لِٽ ڪيڊيليڪ موٽر ۾ توهان وٽ اچي حاضر ٿيندو. سندس ڏهن اصولي اسباب موجب توهان جي شادي رچائڻ ۾ لڳي ويندو. اُهي ڏهه هيٺيان سبب آهن جن مواقف ماڻهو لاس ويگاس شهر ۾ شادي رچائڻ وڌيڪ پسند ڪن ٿا ۽ پري پري کان جوڙا هتي اچي شادي ٿا ڪن ۽ پوءِ هتي هني مون ٿا ملهائين.
    1- پوري دنيا جي ابتڙ فقط لاس ويگاس شهر ۾ ايلوس توهان جي شادي لاءِ چوويهه ئي ڪلاڪ حاضر آهي.
    2- هتي ٿيل شاديءَ جي سالگره توهان کان عمر ڀر نه وسرندي. شادي ته ماڻهو کي سدائين ياد رهندي آهي پر آمريڪا جت هر ماڻهو هر سال شادي ڪري ۽ هر سال طلاق ڏي اتي واقعي هر شاديءَ جي تقريب ياد ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي پر هت ويگاس جي شاديءَ جي نه وسرڻ جي گارنٽي آهي.
    3- دنيا ۾ ڪٿي به توهان شاديءَ ۾ شريڪ مهمانن کي فقط 99 سينٽن ۾ ماني نٿا کارائي سگهو.
    4- هت شاديءَ جي تقريب لاءِ فقط چار لفظ خرچ ٿين ٿا.
    5- شاديءَ جي رات ڪنوار کي ٻڌائي سگهو ٿا ته ڪنهن کي گم ٿيندو ڏسڻ وارو عمل يعني ڪنهن سان شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ وارو عمل مون هتي جي مشهور فنڪارن ۽ اداڪارن سيگفرائڊ ۽ رائي (Roy) کان سکيو هو.
    6- پنهنجي مٽن مائٽن کي پنهنجي مرضيءَ موجب شاديءَ جي تقريب ڏيکاري سگهو ٿا.
    7- پوري شهر ۾ جٿي ڪٿي توهان شاديءَ جي رسم ۾ وڄندڙ گهنڊ ٻڌي سگهو ٿا.
    8- شاديءَ جي رسم ۾ توهان چانورن بدران ڍارو به اڇلائي سگهو ٿا.
    9- جون ڪولنس وانگر شادي سرٽيفڪيٽ ۾ پنهنجي عمر بابت ڪوڙ پڻ ڳالهائي سگهو ٿا.
    10- جيڪي پيسا توهان بچت ڪريو ٿا انهن لاءِ جوا جو ڍارو ڍرندو ئي رهي ٿو.
    ڪي جوان جوڙا سڄي دنيا مان ڪهي اچي هت شادي ڪن ته وري ڪي جوان ۽ جوانڙيون سچ پچ نه پر ڪوڙ پچاڻيءَ جون شاديون ڪري هني مون ملهائن ۽ هتي جي هوٽلن جي هني مون وارن ڪمرن ۾ موڪلن ۾ ڏينهن جا ڏينهن اچي گذارين. ڪو پُڇڻ وارو ئي ڪونهي.
    هونئن به آمريڪا ۽ يورپ ۾ اڄڪلهه هي رواج چوٽ تي آهي، ته سواءِ شاديءَ جي ٻنڌڻ جي گڏجي گذاريو ۽ ٻار به ڄڻيو ۽ کين پاڻ سان گڏ پاليو ۽ نپايو.
    اسان گهمندا ڦرندا ڪئين ميل اڳتي نڪري هن شاهراهه جي تقريباََ ٻئي ڇيڙي تي پهچي هڪ هنڌ ڪار مان لهي هڪ اڪيلي بيٺل ڇوڪريءَ کان هروڀرو ٿا پُڇون ته واندي آهين يا نه. کيس ڪارو چشمو پيل آهي ۽ وات ۾ چيوگم چٻاڙي رهي آهي ۽ رکي رکي چيوگم کي زور سان هوا ٿي ڏي ته ٻاهر نڪريو اچي ۽ پاڻ ور ور ايئن ڪري رهي آهي. قد جي ننڍي آهي چهري تي سواءِ ڪنهن به تاثر ڇڏڻ جي ڪنڌ جي ڌوڻ سان نه ڪيائين ۽ اسان کيس اتي ئي ڇڏي گاڏي اڳيان چوراهي تان ڦيرائي واپس ٻئي روڊ تي گاڏي هلائي اڳيان ٿا وڌون. هن شاهراهه جو نالو اسٽرپ آهي. هت به رڳو هوٽلون ۽ ڪلب ٿا نظر اچن هڪ نه پر سون جي تعداد ۾، ڪيترا نالا لکي ڪيترا لکجن. دل ٿي چئي ته ڪنهن سپر مارڪيٽ مان ڪجهه نه ڪجهه خريداري ڪجي ۽ اسان به محسوس ڪيون ته لاس ويگاس واقعي گهميوسين. سو هڪ وڏي سپرمارڪيٽ ٻاهران گاڏي بيهاري اندر داخل ٿي سوچيان ٿو ته ڇا وٺان. لاس ويگاس نالي واريون شرٽون، پينون، چاٻين جا ڇُڳا. پهرئين هڪ نظر سان سڄي سامان جو جائزو وٺجي پوءِ خريداري ڪجي پر هيڏي سپر اسٽور کي گهمڻ لاءِ به وقت گهرجي جيڪو اسان وٽ بلڪل ڪونهي. تنهنڪري هلندي هلندي جيڪا شيءِ اڳيان ٿي اچي سا وٺڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان ۽ ايئن تقريباً اڌ ڪلاڪ کن هت گذاري ٻاهر ٿا نڪرون. ٻاهر نڪرڻ شرط هوٽلن، ڪلبن ۽ ڪسينو جو هڪ خوبصورت ڏيک نظر ٿو اچي. ڪيڏو نه دل کي وڻندڙ ٿو لڳي. لنچ جو وقت ٿيو آهي. لنچ اڪثر ڪري ڪا نه ڪبي آهي پر اڄ شام واپس لاس اينجلس ورڻو آهي ۽ رات جو خبر نه آهي ته ڪيڏي مهل پهچجي سو بهتر آهي ته لنچ ڪري ڇڏجي. انهيءَ ارادي سان هڪ ريسٽورانٽ ۾ لنچ کائڻ لاءِ روانا ٿياسين. ننڍي هوٽل آهي ڪا خاص رش به ڪا نه اٿس. آرڊر ڏئي انتظار ٿا ڪريون ۽ آئون اخبار اٿلائي پٿلائي ٿو ڏسان. اڄڪلهه ملڪ ۾ صدارتي اليڪشن جو چرچو آهي ۽ اخبار انهن خبرن سان ڀري پئي آهي. سئو قسمن جون خبرون ڇا پڙهي ڇا پڙهجي ڇا لکي ڇا لکجي. هڪ دلچسپ خبر ته اڳوڻن آمريڪي صدرن جا حال احوال آهن.
    صدر ريگن جي باري ۾ آهي ته:
    1- سڀني صدرن کان وڏي ۾ وڏي عمر وارو صدر هو.
    2- واحد صدر هو جنهن کي طلاق ٿي.
    3- هي واحد صدر هو جيڪو ائڪٽر هو.
    4- صدر ريگن واحد صدر هو جنهن تي خوني حملو ٿيو ۽ انهيءَ حملي ۾ زخمي ٿيو ۽ بچي ويو.
    5- صدر ريگن واحد آمريڪي صدر هو جو ليبر يونين جو به صدر رهي چڪو آهي.
    6- ريگن واحد آمريڪي صدر هو جيڪو Contact Lenses استعمال ڪندو هو.
    بل ڪلنٽن جي باري م لکيل آهي ته هي:
    1- آمريڪي تاريخ ۾ واحد صدر هو جنهن تي جنسي تعلقاتن جي سنگين الزامن تحت مٿس انڪوائري ٿي.
    2- بل ڪلنٽن واحد صدر هو جنهن کي الرجيءَ جي بيماري آهي.
    3- بل ڪلنٽن واحد کاٻڙ صدر هو جيڪو ٻه دفعا صدر چونڊيو.
    4- بل ڪلنٽن واحد آمريڪي صدر هو جيڪو پيءُ جي مرڻ کان پوءِ پيدا ٿيو.
    جمي ڪارٽر جي باري ۾ لکيل آهي ته:
    1- جمي ڪارٽر واحد آمريڪي صدر هو جنهن پنهنجي ماءُ کي هڪ سفارتي مهم تي موڪليو.
    2- هي پهريون صدر هو جيڪو اسپتال ۾ ڄائو هو.
    3- هي پهريون صدر هو، جيڪو عام ماڻهن سان فون تي ڳالهائيندو هو.
    رچرڊ نڪسن جي باري ۾ لکيل آهي ته:
    1- آمريڪي تاريخ جو پهريون صدر هو جنهن روس ۾ ٽي وي تي روسي عوام کي خطاب ڪيو.
    2- آمريڪي تاريخ ۾ هي پهريون صدر هو جنهن چائنا جو سرڪاري دورو ڪيو.
    3- آمريڪي تاريخ جو هي واحد صدر هو جنهن آمريڪا جي سڀني پنجاهه رياستن جو دورو ڪيو.
    4- نڪسن واحد صدر هو. جنهن صدر جي عهدي تان استعيفا ڏني. سندس استعيفا جا هي لفظ صرف هڪ سٽ هئي.
    I here by resign the office of the president of the United states.
    Richarad M. Nixon
    جان ڪينيڊيءَ جي باري ۾ لکيل آهي ته:
    1- هي واحد آمريڪي صدر هو جنهن پنهنجي ڀاءُ کي ڪئبينٽ ۾ کنيو.
    2- ڪئنيڊي واحد صدر هو جيڪو رومن ڪيٿولڪ هو.
    3- ڪئنيڊي سڀني صدرن ۾ ننڍي ۾ ننڍي عمر وارو صدر هو.
    4- آمريڪا جي سڀني صدرن ۾ هي سُٺي ۾ سٺُي تقرير ڪرڻ وارو صدر هو.
    5- هي واحد صدر هو جيڪو جرنلسٽ هو.
    آمريڪي صدر فرينڪلن روز ويلٽ جي باري ۾ لکيل آهي ته:
    1- هي يارهن ٻين صدرن جو مائٽ هو.
    2- هي ٽي دفعا صدر چونڊيو ۽ چوٿين صدارتي ٽرم دوران مري ويو.
    3- هي پهريون صدر هو جنهن کي صدارتي هوائي جهاز هو.
    4- هي پهريون صدر هو جيڪو ٽي ويءَ تي ڏسڻ ۾ آيو.
    صدر جانسن جي باري ۾ لکيل آهي ته:
    1- هي پهريون آمريڪي صدر هو جنهن کي پهرين جنگ عظيم ۾ خدمتن جي عيوض نوبل انعام مليو.
    2- هي پهريون صدر هو جيڪو PH.D پڙهيل هو.
    مطلب ته اهڙين دلچسپ خبرن سان اخبار ڀري پئي آهي. اخبار پڙهندي پڙهندي گرما گرم ماني ڊائننگ ٽيبل تي پهتي ته اخبار ڇڏي مانيءَ کي لڳي وياسين. مون سبزين جو سوپ ۽ مڪس وجيٽيبل ٻوڙ ٿورن چانورن سان کاڌو. اسان ماني کائي پنهنجو بل ڏئي ٿوري دير پنهنجي هوٽل جي ڪمري تي آرام ڪري ۽ اُتي به بل ڏئي ڪمرو خالي ڪري خيال ڪيوسين ته اڃا به لاس ويگاس شهر جو ننڍڙو چڪر لڳائي يا سير ڪري پوءِ شام ٽاڻي واپس لاس اينجلس روانو ٿي وڃجي. سو ڪمري کي چيڪ ڪري سڀ سامان کڻي اچي هيٺ گاڏيءَ ۾ رکيوسين، ۽ گاڏيءَ ۾ چڙهي لاس ويگاس جي سهڻن رستن تي نڪري پياسين. اسان کي هاڻ لاس ويگاس کي گهمڻ لاءِ تمام ٿورو وقت آهي. سوچيان پيو ته باقي وقت ۾ ڇا ڏسجي ۽ ڪيئن اهي گهڙيون گهارجن. ڪئميرا ڳچيءَ ۾ ئي پاتل آهي. رول جي انگ وارو پاسو ڦيرائي ڏسان ٿو ته ارڙهن فوٽا اڳ نڪري چُڪا آهن، اڃا به ڪافي فوٽا پيا آهن ۽ سج به چمڪي رهيو آهي. هلندي هلندي هڪ تمام وڏي شينهن جو فوٽو ٿو ڪڍان جيڪو ڪنهن هوٽل جي ٻاهران تمام وڏي سائيز ۾ ٺهيل آهي. سندس هڪ پير پٿر تي رکيل آهي. پٿر تي ڪي اکر به لکيل آهن پر خدا ڄاڻي ته ڇا لکيو پيو آهي. شينهن جي سامهون هڪ ماڻهوءَ جي تصوير ٺهيل آهي پر خبر نه آهي ته ڪنهن جي تصوير آهي. رات جي وقت هي بلڊنگون روشنين ۾ جرڪي رهيون هيون ۽ هيترين روشنين ۾ اسان جو ذهن به ڄڻ ته ڦڙڪي ۽ اڏامي رهيو هو پر هينئر اهي ئي ساڳيون بلڊنگون روشنين کانسواءِ به وڏي شان مان سان ۽ رعب تاب سان اوچو ڳاٽ ڪري اسان جي آجيان ڪري رهيون آهن. اسان کين وڏي غور سان ڏسي اڳتي وڃي رهيا آهيون. ڪا گهڻي رش ڪانهي. هونئن به اڄڪلهه دنيا جي وڏن شهرن ۾ ٽرئفڪ جي وڏي رش آهي. خاص ڪري انهن شهرن ۾ جن ۾ زير زمين ۽ شهرن جي مٿان مٿان روڊ رستا ۽ پُليون ٺهيل ڪو نه آهن. جنهن جو مثال پنهنجو شهر ڪراچي آهي. توهان ڪراچي کان حيدرآباد يا ٺٽي وڃو ته گهر کان قائدآباد يا گهر کان سهراب ڳوٺ پهچندي پهچندي هڪ ڪلاڪ لڳيو وڃي. سو به رواجي طرح پر جي ڪٿ ڪنهن سبب ڪري روڊ بلاڪ ٿي وڃي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا رهو. نيوييئر، چوڏهين آگسٽ، 23 مارچ يا ڇهين سيپٽمبر تي ته ماڻهو گهر کان ٻاهر خاص ڪري رات جي وقت ته وڃڻ جو سوچي به ڪو نه ٿو سگهي. ايڏي ته رش ٿيندي آهي، خاص ڪري قائداعظم جي مقبري جي نئين سر سجاوٽ ۽ سمنڊ ڪناري سرچ لائيٽن ۽ بيچ کي ٽائيلس هڻڻ ڪري ۽ نئين هوٽلن کولڻ ڪري پر هت آمريڪا ۾ ته سياحن ۽ سيلانين جي رش کان بچڻ لاءِ هر قسم جا جتن ڪيا ويا آهن. جيئن رش جي ڪري ماڻهن جو ٽائيم خراب نه ٿئي. ڇو ته هنن ماڻهن وٽ فضول وقت ڪونهي ۽ پاڻ وٽ سواءِ فضول وقت جي ٻيو ڪجهه به ڪونهي. پنهنجو وقت گذري ڪو نه ٿو، هنن کي فالتو ٽائيم ملي ڪو نه ٿو. جيتوڻيڪ هنن کي هفتي ۾ ٻه دفعا موڪلون ملن ۽ پاڻ کي هڪ دفعو موڪل ملي.
    هڪ تمام وڏو چوراهو آهي جنهن جي سامهون ڪا تمام وڏي هوٽل آهي. هوٽل جو منظر ڏاڍو وڻندڙ ۽ روح پرور آهي. دل ٿي چئي ته گاڏي روڪي بيهي رهجي يا اندر گهڙي هوٽل ڏسجي پر هت لاس ويگاس ۾ هي هڪڙي اهڙي هوٽل ٿورئي آهي. لاس ويگاس سڄو اهڙين هوٽلن سان ڀريو پيو آهي. لاس اينجلس جي مقابلي ۾ هت گرمي ڪجهه زياده آهي. لاس ويگاس جي موسم به ٿر ۽ ڪوهستان وانگر ٿئي. يعني ڏينهن گرم ۽ رات سرد، پر سرديءَ جي موسم ۾ پاڻ وٽ صدين پڄاڻا پارو پوي. پارو معنيٰ نالي ماتر برف پر هت لاس ويگاس ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏهين ٻارهين سال ڪافي برف باري ٿيندي آهي. تنهن هوندي به هتي جي موسم پنهنجي ملڪ سان ملندڙ جلندڙ ٿئي. بهار جي مند هت گهمڻ جي لحاظ سان بهتر آهي. هت سنڌ وانگر ڪڏهن ڪڏهن تيز هوائون به لڳنديون آهن. اسان آمريڪا جي هن حسين ترين شهر کي آخري سلام ڪندا لاس اينجلس وڃڻ واري فري وي تي چڙهي چڱي خاصي اسپيڊ ۾ اوڏانهن وڃي رهيا آهيون. ڪار جي ڪئسيٽ ۾ Elvis Persily جو مشهور گانو وڄي رهيو آهي. جنهن کي ٻڌندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
    Elvis Persily کي مُئي تقريباً پنجويهه سال کن ٿي ويا آهن پر آمريڪا جو عوام اڄ به کيس ياد ڪندي سندس ڪئسيٽ ڏاڍي چاهه سان ٻڌندو آهن. سندس ڪئسيٽن جي وڪري جي رائلٽي ڪروڙن ڊالرن جي صورت ۾ سندس اڪيلي ڌيءَ کي ملي. جيڪا ڪجهه وقت مائيڪل جيڪسن جي زال به هئي. اسان جي ڪار روڊ تي روان دوان آهي ۽ موسم به مينهوڳي مائل ٿيندي وڃي ۽ آسمان ۾ چوطرف ڪڪر ئي ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. مون ايندي توهان کي ٻڌايو هو ته L.A کان لاس ويگاس رڳو جبل ئي جبل لڳا پيا آهن ۽ ڪٿ به تر برابر به آبادي ڪانهي. بلڪل ايئن آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي وچ ۾ رڳو جبل ئي جبل آهن.
    آمريڪا جو هي وسيع ملڪ جيڪو ڇهانوي لک ڇهويهه هزار اسڪوائر ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. سو ٻن سمنڊن يعني اتر ائٽلانٽڪ ۽ اتر پئسفڪ ۽ ٻن ملڪن جي سرحدن جي وچ ۾ محيط آهي. يعني ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾. سندس ٿورو بارڊر ڪيوبا سان به ملي ٿو. جيڪو وٽس ليز تي آهي. جنهن کي Guantanamo چوندا آهن هت آمريڪا جو نيول بيس آهي. آمريڪا ايراضيءَ ۾ روس جي اڌ جيڏو ۽ چين کان ٿورو وڏو آهي. جيئن پاڪستان جي سامونڊي پٽي ڪوسٽل بارڊر ست اٺ سئو ڪلوميٽر کن ٿيندي. تيئن آمريڪا جو ڪوسٽل بارڊر ويهه هزار ڪلوميٽر آهي ۽ ڪُل ايراضيءَ جو ٽيهه سيڪڙو ٻيلن تي مشتمل آهي.
    ملڪ جي هيڏي وڏي ايراضيءَ تي پکيڙ پر آدمشماري صرف ٽيهه ڪروڙ ۽ ڄم جو ريٽ صرف 0.9 ۽ 0.9 Growth Rate آهي يعني نئون نسل پيدا ٿيڻ بلڪل بند. سڄي ملڪ ۾ انگريزي ٻولي ڳالهائي ويندي آهي صرف ٿورو تعداد آدمشماريءَ جو اسپينش Spanish ڳالهائيندو آهي پر مزي جي ڳالهه ته هيڏي ساري امير ۽ ترقيءَ جي بلندين تي پهتل ملڪ جو ٽي سيڪڙو اڻپڙهيل ماڻهن جو به آهي. يعني ٽيهه ڪروڙ جو ٽي سيڪڙو ٿيو ايڪانوي لک ماڻهو، هاڻ ڏيو منهن يعني نوي لک ماڻهو آمريڪا ۾ به آڱوٺي ڇاپ آهن ته پنهنجو ڪهڙو ڏوهه پر مغربي يورپ ۾ گهڻو ڪري سڀني ملڪن جا ماڻهو سئو سيڪڙو پڙهيل آهن. هونئن به آمريڪا جي مقابلي ۾ يورپ جا ماڻهو وڌيڪ ڏاها، مهذب، بردبار ۽ سُلجهيل آهن. چوندا آهن ته:
    سیاست شدت مانگتی ہے اور تعلیم مدت مانگتی ہے
    سو سائين آمريڪا کي مهذب ۽ تعليم يافته ٿيڻ ۾ اڃا به وقت گهرجي. يورپين آمريڪا گهمڻ ڪو نه وڃن پر آمريڪن يورپ گهمڻ وڃن. يورپين ماڻهو ڪنهن حد تائين آمريڪن کان نفرت ڪن سواءِ انگلينڊ جي ماڻهن جي، آمريڪن کي انگلينڊ کان آزادي ماڻيندي ڪئين صديون گذري ويون آهن. (آمريڪا 4 جولاءِ 1776ع ۾ انگلينڊ کان جنگ ڪري آزادي حاصل ڪئي.)
    آمريڪا ۾ بيروزگاري اٺ سيڪڙو آهي. ملڪ ۾ ريل پٽڙي ٻه لک ڇهويهه هزار ڪلوميٽر آهي. پڪا رستا ٽيهٺ لک ستر هزار ڪلوميٽر آهن. آبي رستا Water ways ايڪيتاليهه هزار ڪلوميٽر ۽ ملڪ ۾ ايئرپورٽن جو تعداد چوڏهن هزار اٺ سئو ويهه آهي. آمريڪا دنيا ۾ هيڏو وڏو ملٽري پاور هئڻ جي باوجود پنهنجي G.D.P جو صرف 3.2 سيڪرو ملٽريءَ تي خرچ ڪندو آهي. يعني ($400 Billion) چار سئو بليئن ڊالر.
    ٿوري برسات مان وڌي هينئر تمام تيز برسات پئجي رهي آهي پر اسان جي ڪار انهيءَ ئي اسپيڊ ۾ ڊوڙون پائيندي روڊ تي وڃي رهي آهي. چوطرف صرف مينهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نه ٿو اچي. اڳيان پٺيان صرف ڪارن جي روشني نظر اچي رهي آهي. اسان جي ڪار کي اڳيان پٺيان وائيپر لڳل آهن، جيڪي تيز تيز هلي رهيا آهن. سنڌ ۾ برساتون بلڪل گهٽ پون. ڪنهن ڪنهن سال ته بلڪل ڪو نه پون. پوءِ جنهن سال برساتون جام پون ته ڏاڍو مزو ٿئي. ٻني جا ماڻهو گهڻو ڪري بتيلن ۽ هوڙن (ننڍين ٻيڙين جا نالا) ۾ چڙهي درياءَ جو سير ڪن. انهيءَ کانسواءِ ڀرپاسي جا ماڻهو به درياءَ ۾ پاڻي دوران ٻيڙين وسيلي خوب سير ڪن ۽ ننڍا وڏا ماڻهو سڀ شام ٽاڻي درياءَ مان نڪرندڙ پراڻي پينڃاري ڦاٽ ۾ وهنجن. آئون به هڪ ٻه ڀيرا سانوڻ مند ۾ پينڃاريءَ ۾ ضرور وهنجان. اڳ ته سڄي پينڃاري تري وڃي پار پئبو هو پر هاڻ انور پاتڻي ۽ سليم پاتڻي جي ٻيڙِءَ سان گڏوگڏ تري وڃبو. جت ٿڪ ٿئي ته ٻيڙيءَ کي جهلي پوءِ وڃي پار پئبو پر سوَن سالن جي تاريخ ۾ صرف گذريل ڏهن سالن ۾ درياهه ۾ پاڻي گهٽ اچڻ ڪري پينڃاريءَ ۾ پاڻي ڪو نه آيو. سو هاڻ هي آمريڪا جون برساتون ڏسي پيا خوش ٿيون. رب پاڪ پاڻ وٽ به مينهن پاڻي ڪندو، رب سائين مان آسرو ته ڪو نه لاهبو. مينهن وسائيندا الله الله ڪندا اچي لاس اينجلس ۾ پهتاسين ۽ لاس اينجلس هاڻ اسان کي پرايو نه پر پنهنجو شهر لڳي رهيو هو. جت اسان جو يا اسان جي دوستن جو گهر آهي. جت مسافريءَ کان پوءِ وڃي آرام ڪبو ۽ C.L.I تي آيل فون چيڪ ڪري سڀني دوستن سان ڳالهائبو، حالي احوال ٿِبو. اسان شهر جي روڊن رستن، چوڪ چوراهن تان ڦرندا گهرندا اچي گهر ڀيڙا ٿياسين. هت آسمان ۾ جهڙالو هو پر برسات ۽ بوندون بلڪل ڪو نه هُيون دروازو کولي اخبار کڻي پڙهيم ۽ چانهه، پاڻي کير ڪٽليءَ ۾ ئي وجهي لائيٽ جو بٽڻ ٻاريم ته چانهه ٺهڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي.
    سائنس جي انهن ايجادن اسان کي محنت ۽ وقت ضايع ٿيڻ کانسواءِ هر سهولت مهيا ڪري ڏني آهي. روز وڃن ٿيون نيون ايجادون ٿينديون ۽ انسان وڃي ٿو هر روز ترقي ڪندو پر جڏهن به ڪنهن نئين ايجاد لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته خود سائنسدانن انهيءَ کي رد ڪندي اعلان ڪيو ته اهو ممڪن ئي ڪونهي جنهن جا چند مثال هي آهن. مثلن آغا خان سر سلطان محمد پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو آهي ته دنيا جي سڀني وڏن سائنسدانن اهو يقين سان ٻڌايو ته هوائي جهاز ايجاد ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي پوءِ پاڻ اڳيان لکي ٿو ته اڄ منهنجو پنهنجو ذاتي هوائي جهاز آهي. اهڙي طرح سابق آمريڪي صدر نڪسن پنهنجي هڪ ڪتاب Victory without war ۾ لکيو آهي ته: 1876ع ۾ بوسٽن جي هڪ اخبار پنهنجي اداري ۾ لکيو ته:
    1- فون جو ايجاد ٿيڻ ممڪن ئي ڪونهي ڇو ته تار ذريعي آواز جو هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه وڃڻ ناممڪن آهي.
    2- بجليءَ جي روشنيءَ جو پهريون ڀيرو استعمال 1878ع ۾ پئرس ۾ هڪ نمائش ۾ ٿيو. جنهن تي برطانيا جي سائنسدانن کلندي هيءَ راءِ ڏني ته روشنيءَ جو اهو تجربو هن نمائش ختم ٿيڻ شرط دنيا مان ئي غائب ٿي ويندو ۽ ڪٿ به ڏسڻ ۾ نه ايندو.
    3- اهڙي طرح برطانيا جي سائنسدانن ريڊئي جي ايجاد تي کلندي هيءَ راءِ ڏني ته هن بيڪار شيءِ جو دنيا ۾ ڪو به مستقبل ڪونهي.
    4- خود آمريڪا ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ سائنسي ايجادن جي آفيس ڊائريڪٽر حڪومت کي لکيو ته دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ايجاد ٿيڻو هو سو ٿي چڪو آهي هاڻ هن آفيس کي بند ڪيو وڃي. هي هڪ ٽائيم جو زيان ڪرڻ کان وڌيڪ ڪجهه به ڪونهي. انسان ڇا ٿو سوچي ۽ قدرت انسان کي ڪٿي ٿي پهچائي، جي انهيءَ ڊائريڪٽر جي مشوري تي هلجي ها يا انهيءَ دائريڪٽر کي قبر مان اٿاري اهو ڏيکارجيس ته انسان چنڊ تي پهچڻ کان پوءِ هاڻ اڳتي ٻين سيارن تي وڃڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
    1- خلا ۾ هوٽلون پيون کلن.
    2- راڪيٽ ذريعي انسان لکا ميل ڪلاڪن ۾ پورو ڪريو وٺي.
    3- وياگرا (S.R) سؤ سالن جي پوڙهي کي سورهن سالن واري جواني جا مزا پئي وٺرائي.
    4- انٽرنيٽ ذريعي انسان حيران ڪندڙ ترقيءَ جي منزل ماڻي ورتي آهي.
    5- سيٽلائيٽ ذريعي مواصلات جي ترقي انسان کي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهچايو آهي.
    6- دنيا ۾ ماتا سلهه، ڪالرا ۽ ٻين موتمار بيمارين ڪري ڪروڙين انسان مري ويندا هئا پر هاڻ اهڙي بيماري جنهن ۾ ڪروڙين انساني جانيون ضايع ٿين جو ربّ جي مهرباني سان دنيا ۾ وجود ئي ڪونهي.
    7- اڳ دنيا ۾ لکين انسان بُک وگهي مري ويندا هئا پر هاڻ اناج جا فاضل ذخيرا دنيا لاءِ مسئلو ٿي پيا آهن.
    سائنسي ترقيءَ جو اهو حال آهي جو هر روز ٿيون نئيون ايجادون ٿين. هن هيڏي ساريءَ رام ڪهاڻيءَ جو مطلب ته انسان ڏينهون ڏينهن وڃي بلندين کي ڇُهندو ۽ ڪٿي ٿو وڃي دنگ ڪري سا خبر خدا کي. چانهه پي اخبارون اٿلائي ٿو ڏسان. ٻاهران پنڌ ئي پنڌ چڪر لڳائي هلڪو ڦلڪو کاڌو کائي سمهي ٿو رهان. صُبح سوير اُٿي وري اڄ جي تازي اخبار ٿو پڙهان. ناشتو ڪري ٻاهر گهمڻ لاءِ روانو ٿيان ٿو. آمريڪا ۾ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جو آباد ٿيڻ وڏو مٿي جو سور آهي. اُت لاس اينجلس شهر به انهيءَ کان بچي نه سگهيو آهي.
    آباديءَ ۾ انهيءَ اضافي وسيلن ۽ بنيادي صنعت تي وڏو بار وڌو آهي. گهر ۽ گهرن لاءِ گهربل زمين جي ڏينهون ڏينهن کوٽ ٿيندي وڃي. هتي جائداد جون قيمتون اڳي ئي پوري آمريڪا ملڪ کان گهڻيون وڌيڪ آهن. آمريڪا کان يورپ مهانگو آهي ۽ يورپ کان جپان مهانگو آهي. لنڊن جي Economist رسالي کي ڪوڊ ڪندي ريڊرس ڊائجسيٽ وارن جي Did you know رسالي جي 227 صفحي تي لکيل آهي ته صرف جپان جي گاديءَ واري شهر جي ميٽرو پوليٽن ايراضيءَ جي زمين جي ايڏي ته گهڻي قيمت آهي جو جنهن قيمت سان سڄي آمريڪا ملڪ جي ڌرتي خريد ڪري سگهجي ٿي. واقعي دنيا ۾ ميجي رفارمس ۽ ٻي عالمي جنگ ۾ تباهه ٿيڻ کان پوءِ جپان وڏي ترقي ڪئي آهي. جنهن جو مثال ئي نٿو ملي.
    L.A شهر خواب ڏيکاريندڙ مشين وانگر ته موجود آهي پر اڃا تائين دنيا جي اڪثريت لاءِ هن شهر کي وڌيڪ پرڪشش محسوس ڪرڻ ڏکيو ٿئي ٿو. ڇو ته اهو تاريخ توڙي رسم و رواج ۾ اڃا ايترو گهڻو اڀري ڪو نه آيو آهي. جيترو پئرس، لنڊن ۽ نيويارڪ آهن پر حقيقت ۾ هتي وندر ورونهن سير و تفريح ۽ عيش عشرت جا وسيلا ۽ موقعا ساري جهان کان وڌيڪ ميسر آهن. بهترين صنعتي شين جو اڻکٽ ذخيرو خريداريءَ جي وڏي ۾ وڏي شوقين کي به ٿڪايو وجهي. بيحد لذيذ کاڌا، بيشمار ۽ هر هنڌ موجود، پئسفڪ سمنڊ جي ڪناري وٽ ميل پويان ميل تي ماڻهن جي وهنجڻ ۽ وندر لاءِ بهترين بندوبست، جتي هر ماڻهوءَ کي اچڻ جي اجازت آهي. ڪي ساحلي هنڌ ٻارن لاءِ مخصوص آهن. سامونڊي ساحل تي انساني آزادي ۽ برابريءَ جو عجيب منظر موجود هوندو آهي. جيڪو سياسيات جي عالمن لاءِ حيران ڪن هوندو آهي.
    سياري جي مُند واري تفريح لاءِ وري جبل به هتان کان پري ڪو نه آهن. انهن سان متصل آهن. تفريح لاءِ موزون هتي جا مشهور سحرا، ساحلي، ڪوهستاني ۽ سحرائي ماڳ ٻاهرين تفريحن کانسواءِ جاين، جڳهين، ميوزمن، ٿيٽرن، سئنيمائن، هوٽلن، بارن، ڪلبن وغيره ۾ وري انڊور تفريحون بيشمار مقدار ۾ موجود آهن. مطلب ته لاس اينجلس ۾ جيڪا تفريح هڪڙي ڏينهن ۾ مُيسر آهي اها دنيا جي ٻين شهرن ۾ ڪئين مهينن تائين ملڻ محال آهي. شهر جي جديد ثقافت جو اهو ئي وچور آهي.
    ڌارين آبادي جو مسئلو ته اسان سان به لاڳو آهي جنهن ڌرتي ڌڻين جي هڻي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جي ابتدا حُر تحريڪ کي ڪچلڻ کان پوءِ انگريزن ڪئي، جن سانگهڙ ضلعي ۾ وڏي پئماني تي پنجابي آبادڪارن کي ٻنيون ۽ پئسا ڏئي آباد ڪيو. انهن ماڻهن وري پنهنجي مٽن مائٽن ۽ برادريءَ جي ماڻهن کي وڏي پئماني ۾ هت آڻي آباد ڪيو. تنهن کان پوءِ لياقت ورهاڱي بعد ملڪ جو وزيراعظم ۽ ٻي سڄي مشينري هندستان کان هت آئي جيڪا هت انگريزن ۽ هندن وڃڻ ڪري سڄي حڪومتي مشينريءَ تي قابض ٿي وئي. تنهن لکن جي تعداد ۾ هندستان مان مسلمان آڻي سنڌ ۾ آباد ڪيا ۽ باقاعدي انهن جي آبادڪاريءَ لاءِ مرڪز، صوبن ۾ ڪئين کاتا کولي سنڌ جا شهر ۽ سنڌ جون زمينون انهن جي حوالي ڪري ڇڏيون. ڪليمن جو کاتو کولي انهن کي انڊسٽري ۽ واپار وانگر هلايو ويو، اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.
    سنڌ ۾ آبادڪاريءَ جو ٽيون سلسلو ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ صدر جنرل ايوب شروع ڪيو جنهن ۾ سپاهي کان وٺي جنرل تائين سنڌ جون زمينون ورهايون ويون. نه رڳو زمينون پر سکر ضلعي ۾ ته ٻيلا وڍي زمينون خالي ڪري انهن جنرلن جي حوالي ڪيون ويون. هاڻ اها ڪوشش پنهنجي عروج تي آهي، ته اهو زمين جو ٽڪرو سنڌ مان ڪڍي پنجاب سان ملايو وڃي. اهو سربستو احوال اخبارن جي خبرن جي زينت بڻجندو رهندو آهي. انهيءَ دوران ڪراچيءَ ۾ ته لکن جي تعداد ۾ پٺاڻ آباد ڪيا ويا، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. باقي رهي سهي ڪسر جنرل ضياءُ دور حڪومت ۾ پوري ٿي. جنهن دوران افغانستان جنگ ۾ پنجٽيهه لک پٺاڻ افغانستان ۽ سرحدي علائقن مان لڏي اچي ڪراچي ۾ پنهنجا ڳوٺ آباد ڪري ويهي رهيا. تنهن پڄاڻان مهاجرن جون اکيون کليون ۽ اجرڪون ڪُلهن ۾ وجهي لطيف جا گيت ڳائي سنڌ جو لفظ صرف وات تائين آندائون (دل تائين نه) پر سندن اندر جهڙو اڳ هو اڄ به اهڙو آهي. باقي زباني جمع خرچ لاءِ سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان. باقي سندن ماضي اسان سان ڪروڌ سان ڀريو پيو آهي. جنهن جو مثال لياقت علي خان، اسلم بيگ ۽ پرويز مشرف آهي. جنهن ٿل ڪئنال جي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي اسان جي ڦٽن تان کلون لاهڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي.
    اسان گاڏيءَ ۾ چڙهي شهر جي چڪر لڳائڻ لاءِ روانا ٿياسين. لاس اينجلس شهر ۾ گهمڻ ۽ خريداري ڪرڻ لاءِ تمام وڏا اسٽور ۽ چين آف اسٽورس Chain of Stores موجود آهي. جت سڄي دنيا جا سياح توهان کي گهمندي ڦرندي ۽ خريداري ڪندي نظر ايندا جن ۾ اڪثريت جپنيز، ڪورين ۽ عربن جي نظر ايندي. انهن خريداريءَ جي وڏن مرڪزن ۾ هي تمام مشهور آهن.
    1. Arco Plaza
    2. The Baverly Centre.
    3. Century City
    4. Glendale Galleria
    5. Santa Monica Place
    6. Sher man Oak Galleria
    7. West side Pavilion
    8. Wood Land Hills Promenade.
    9. The Board Way Bullocks
    10. Magnin May Company.
    11. Neiman Mar cus
    12. Nord Strom Robin Sons
    13. Salk fifth Avenue.
    هي مون صرف چند سپر اسٽوز ۽ چين آف اسٽورس جا نالا ڏنا آهن، نه ته سڄو لاس اينجلس شهر اهڙن سون هزارن مارڪيٽن سان ڀريو پيو آهي. اسان شهر جا اُبتا سُبتا چڪر هڻندا هڪ انڊين هوٽل تي ٻنپهرن جي ماني کاڌي ۽ پوءِ گهمندا ڦرندا واپس اچي گهر پهتاسين.
    اسان اڄ رات ڪٿ ٻاهر گهمڻ ڪو نه وياسين ڇو ته اسان کي صُبح سوير آمريڪا جي هڪ ٻي نهايت خوبصورت شهر سينفرانسسڪو وڃڻو آهي. تنهن ڪري رات جو مختصر سامان پيڪ ڪري ماني کائي سمهي رهياسين ۽ صبح سوير ڪار ۾ چڙهي ايئرپورٽ آياسين. جت ٽڪيٽ وٺي سينفرانسسڪو روانا ٿياسين. سينفرانسسڪو پهچڻ ۾ هوائي جهاز کي ٻه ڪلاڪ لڳن. لاس اينجلس ۽ سينفرانسسڪو ٻئي سمنڊ ڪناري آهن ۽ ٻئي شهر ڪيليفورنيا رياست جا مُک ۽ حسين ترين شهر آهن. جيڪي سمنڊ ڪناري کي پڻ شاندار فري ويز هئڻ ڪري هڪٻئي سان گڏيا پيا آهن جت آمريڪا جون بيمثال بيچز آهن. جي سينفرانسسڪو کان انهن بيچز جي شروعات ڪجي ته سندن نالا هن ريت آهن.
    1. Prince Ton
    2. Half moon bay
    3. Pesc adero
    4. Santa Cruz
    5. Wat sonville
    6. Castro ville
    7. Monterey
    8. San S. meon
    9. Camd
    10. Cambria
    11. Moro bay
    12. Avila Beach
    13. L.A Purisima
    14. Lompoc
    15. Sant Barbars.
    16. Oxnard
    17. Malibu.
    18. Los Angeles
    مطلب ته دنيا جي امير ترين ملڪ جي امير ترين صوبي جي امير ترين ۽ حسين ترين شهرن جي وچ ۾ قائم هنن بيچن تي سڄو سال ميلا متا پيا آهن. جن تي لکين هزارين سياح پيا اچن ۽ وڃن.
    سياحت جي دنيا ۾ جن ملڪن ۾ سامونڊي ڪنارو ۽ سحر انگيز بيچز آهن، انهن ملڪن ۾ بيشمار سياح اچن سواءِ سوئيزرلينڊ جي. سوئيزرلينڊ سان ڪو به سمنڊ ڪو نه ٿو لڳي پر سوئيزرلينڊ ۾ بيشمار ڍنڍن، ندين ۽ گليشيئرس انهيءَ کوٽ کي پورو ڪري ڇڏيو آهي.
    اسان جو جهاز ٻن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ سينفرانسسڪو جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لٿو ۽ اسان هوائي اڏي جي مرحلن کان واندا ٿي ٻاهر نڪتاسين ته ٿوري ئي پنڌ تي نظام جا دوست اسان جو انتطار ڪري رهيا هئا. اسان ساڻن عليڪ سليڪ ڪري وڃي سندن ڪارن ۾ ويٺاسين. جنهن کان پوءِ اسان دنيا جي هن حسين ترين شهر مان چڪر هڻندا اچي نظام جي دوست جي گهر ڀيڙا ٿياسين. ماني، ڪچهريءَ ۽ آرام کان پوءِ اسان شهر جي شيل تي نڪري پياسين. سينفرانسسڪو سمنڊ وچ ۾ ٽڪرين تي اڏيل شهر آهي ۽ وري انهن ٽڪرين کي خوبصورت پُلين سان ڳنڍيو ويو آهي. انهيءَ ڪري هن جي سونهن ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.
    سينفرانسسڪو شهر جي دريافت آبادڪاري ۽ ترقيءَ جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي.
    سن 1492ع ۾ جهاز ران ڪولمبس طرفان هڪ نئين دنيا لڀڻ جي انڪشاف کان پوءِ يورپ جي تعليمي ادارن ۽ سرڪاري توڙي غير سرڪاري ايوانن ۾ ڪيليفورنيا جي زرخيز ڌرتيءَ بابت ڪئين ڳالهيون ۽ بحٿ مباحثا ٿيندا رهيا مگر ڪنهن شخص يا ڌُر کي صفا پڪ ڪا نه هئي ته اها پراسرار ڌرتي ڪٿي آهي. ڪولمبس کان گهڻو عرصو اڳ هتي ڪي چيني جهاز ران پڻ آيا هئا مگر سندن انڪشاف غير واضح آهن. تاريخي رڪارڊ موجب هن علائقي ۾ پهچندڙ پهريون يورپي ماڻهو پرتگال جو مشهور مُهم جو جُئان راڊريگيئر ڪيبريلو Juan Rodriguez Cabrillo هو. جيڪو سن 1542ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي ڏاکڻيءَ دنگ وٽان ڦرندڙ پئسفڪ سمنڊ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وري مٿي اتر طرف هاڪاريندو نيٺ اچي رشن نديءَ وٽ رسيو. جيڪا ڪيليفورنيا ساحل سان متصل آهي. تقريباً چاليهه سال پوءِ سن 1579ع ۾ سرفرانسز ڊريڪ Sir Francis Drake جيڪو انگريز جهاز ران هو ڪيليفورنيا جي ساحل تي سينفرانسسڪو جي ويجهو لنگر انداز ٿيو. پر اڻڄاڻائي سبب انهيءَ بستيءَ ۾ داخل ڪو نه ٿيو. هو ساحل تي پنهنجي ٻيڙي جي مرمت لاءِ ڪجهه عرصو ترسيو ۽ هن علائقي تي انگلينڊ جي راڻي ايلزبيٿ اول جي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪئي.
    سر ڊريڪ کان ڪجهه سالن کان پوءِ سن 1590ع ۾ هڪڙو ٻيو پرتگالي جهاز ران سيباستئين سر مينو Sebastian Cermeno هن ساحل جي ڪنگس پوائنٽ اچي دريافت ڪئي. مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي جهاز رانن سينفرانسسڪو شهر ڪو نه ڏٺو ڇو ته گهڻي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي سبب کليل سمنڊ مان شهر وارو بندر ۽ اهو بي يعني اپسمنڊ ڏسڻ ۾ نٿو اچي، جنهن ۾ داخل ٿي شهر جي بندر تي رسجي ٿو. تقريباً ٻه صديون پوءِ هي اُپسمنڊ اسپين جي جهاز ران گيسپرڊي پورٽولا ڏٺو، جيڪو هتي جيسوٽس ۽ فرانسسڪز جي باهمي اختلاف کي ختم ڪرائڻ لاءِ سن 1769ع ۾ اسپين جي حڪومت روانو ڪيو هو.
    ڇهه سال پوءِ سن 1775ع ۾ اسپين جي حڪومت هن علائقي جي سروي ڪرڻ لاءِ جهاز ران جُئان آئيلا Juan Ayala جي اڳواڻيءَ ۾ هڪڙو غُراب موڪليو. اهو غراب قسمتاً سينفرانسسڪو بي ۾ داخل ٿي ويو. هتي پهچڻ شرط هنن جهاز رانن هن بي، بندر ۾ شهر جي اهميت کي حقيقي طور محسوس ڪيو ۽ ترت ئي هتي آبادڪاري شروع ٿي. سن 1776ع ۾ جُئان بئوٽسٽا Juan Bautista جي اڳواڻيءَ ۾ سوٽورا ۽ ميڪسيڪو جي سحرائن مان اٽڪل ٽيهارو کن اسپيني ڪٽنب جديد شهر جي اترئين دنگ وٽ اچي رهيا ۽ هتي پهچڻ شرط اسپين جي حڪمرانيءَ جي دعويٰ ڪيائون. سندن مذڪوره دعويٰ کان فقط هڪ هفتو پوءِ اتر آمريڪا جي تيرهن برطانوي بيٺڪن (نو آبادين) آزاديءَ جو اعلان ڪيو. اهي رياستون آمريڪا جي اڀرندي ۾ هيون. اسپيني باشندن هڪڙي قلعي ۾ پنهنجو هيڊڪوارٽر قائم ڪيو. جيڪو موجوده پريسيڊيو پارڪ Presidio Park واري هنڌ وٽ اڏيل هو. هنن آبادڪارن هتان کان هڪ ميل پري هڪڙو چرچ اڏيو هو. اهو انهن پنجن تبليغي چرچن ۾ پڻ پهريون هو. جيڪي هنن سينفرانسسڪو اُپسمنڊ جي ڪنارن تي مختلف هنڌن وٽ اڏيا هئا. هن چرچ جو نالو نوئيسٽراسينوراڊي ڊلورس Nuestra Senora de Dolores هو ۽ اهو سينٽ فرانسز آف اسيسي St: Fransis of Assisi سان منسوب ڪيو ويو هو. مقامي راهبن هن چرچ کي سينفرانسسڪو چرچ نالو ڏنو هو بعد ۾ هن پوري اپسمنڊ ۽ انهيءَ سان متصل علائقي کي به سينفرانسسڪو نالو ڏنو ويو.
    سن 1821ع ۾ ميڪسيڪو اسپين جي تسلط کان آجو ٿي ويو ۽ ڪيليفورنيا جي بندرن تان پڻ اسپيني حڪومت دستبردار ٿي وئي. نتيجتاً ڪيليفورنيا جي بندرن تي آزاد تجارت شروع ٿي وئي. اهڙي ريت سينفرانسسڪو اپسمنڊ جي بَندَرن تان ڪافي مال نيو انگلينڊ ۽ نيويارڪ جي ڪارخانن ڏانهن موڪليو ويندو هو. انهن ۾ ٽالو ڪاٺ جو تيل، ميڻ، چرٻي ۽ کلون شامل هيون. سن 1822ع ۾ رچرڊ سن Richardson نالي هڪ انگريز جهاز ران شهر جي ترقي ٿيڻ تي ڀروسو ڪري هن بستيءَ ۾ اچي ساڪن ٿيو. شهر جي ڪوٽوال کي متاثر ڪرڻ لاءِ هن ڪيٿولڪ عيسائي فرقي ۾ شرڪت اختيار ڪئي. ڇو ته هو ڪوٽوال جي ڌيءَ کي چاهيندو هو. هن پنهنجي تجارتي ڪمپنيءَ تي يربا بيونا Yerba Buena يعني ڀلي ٻوٽي نالو رکيو. ڇاڪاڻ ته موجوده مونٽگمري اسٽريٽ واري علائقي ۾ انهيءَ وقت جهنگلي ڦودني جا ڪجهه قسم قدرتاً ڪافي مقدار ۾ پيدا ٿيا هئا. هن کلن جي واپار مان خوب ڪمايو جنهن ڪري پاڻ بندر جو اڳواڻ ۽ شهر جو پهريون ”تاجر نواب "Merchant Prince" ٿي پيو.
    سن 1839ع ۾ شهر چڱي ترقي ڪئي جنهن ۾ آبادي جي اڪثريت انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهن جي هئي. انهيءَ ڪري سموري اوڻيهين صديءَ دوران انگريزي ڳالهائيندڙن ۽ ميڪسيڪو ۽ اسپيني ماڻهن ۾ جهيڙا جهڳڙا ٿيندا رهندا هئا ۽ اهي ٽيڪساس پورٽوريڪو ۽ ميڪسيڪو بارڊر تائين پکڙجي ويا. انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان ٽي سال پوءِ يعني سن 1846ع ۾ آمريڪي بحري فوجين پورٽسمائوٿ Portsmouth نالي بحري جنگي جهاز ڪاهي اچي شهر جي مکيه تجارتي ڪمپنيءَ جي عمارت تي قبصو ڪيو ۽ انهيءَ تي آمريڪي جهنڊو چاڙهي ڪيليفورنيا رياست آمريڪي حڪومت جو حصو هئڻ جو اعلان ڪيو. شهر جي انتظاميه جنهن کي پريزيڊيو Presidio سڏيو ويندو هو، ڪنهن به ڇڪتاڻ کانسواءِ ئي هٿيار ڦٽا ڪيا. انهيءَ وقت هتي جي اصل باشندن گهُر ڪئي ته هن اُپسمنڊ تي پڻ سرڪاري طور اسان جي شهر وارو ساڳيو نالو رکيو وڃي. ڇو ته انهيءَ سال سموري يورپ ۾ بيچيني، ڇڪتاڻ ۽ آئرلينڊ ۾ مفلسي ۽ خاص طور تي سينفرانسسڪو ۾ سون لڀڻ واري واقعي ماڻهن کي آمريڪا وڃڻ لاءِ هرکايو. انهيءَ دؤر ۾ اولهه آمريڪا جي زرعي دولت آهستي آهستي اوڀر آمريڪا ڏانهن وڃي رهي هئي. اڳوڻي ملاح رچرڊ هينري پنهنجي ناول ٽو ييئرس بفور دي ماسٽ Two years, Before the mast وسيلي ڪيلفورنيا جي خوشحاليءَ بابت ماڻهن ۾ وڌيڪ اتساهه پيدا ڪيو. مذڪوره صورتحال ۾ سن 1841ع ۾ قسمت آزمائيندڙن جي پهرين پارٽي سڌو ڪيليفورنيا رياست ۾ داخل ٿي ۽ شهر سينفرانسسڪو جي آبادي اپريل سن 1848ع ۾ 900 فردن تائين تي پهچي وئي پر انهيءَ وقت حد کان وڌيڪ اضافي جي ڪنهن کي به توقع ڪا نه هئي. جنهن سال هتي سون لڌو هو، انهيءَ سال جي ڇهن مهينن اندر هڪ هزار مان آبادي وڌي وڃي ڇويهن هزارن کي پهتي. جنهن مخصوص علائقي ۾ سون لڀڻ جي خبر پئي اتي فقط هڪ سال اندر هڪ لک ماڻهو پهچي ويا. ٿيو هينئن ته سوئيزرلينڊ ۾ پيدا ٿيل شخص جان آگسٽس سُٽر John Augustus Sutter جي هن علائقي ۾ آرامشين هئي. اُتي هنن سون جا ڪجهه ذرا لڌا. مالڪ خاموشي اختيار ڪرڻ چاهي پر سندس ملازم اهو راز سندس دوستن ۾ فاش ڪري ڇڏيو. نتيجتاً اها خبر اخبارن ۾ ڇپي ۽ ايئن پوري آمريڪا ۽ يورپ ۾ پکڙي وئي.
    چند چست ماڻهن هيڏانهن يڪدم ڌيان ڏنو پر في الحال هتي رش ڪا نه هئي، پر هڪ ڏينهن سام برينن Sam Brannan نالي هڪ شخص سينفرانسسڪو شهر جي گهٽين ۾ ڊوڙندو نعرا هڻندو ويو ته آمريڪي نديءَ ۾ سون لڌو آهي. اتفاقي طور تي دنيا کي هيءَ خبر پهچڻ کان اڳي ئي هن ماڻهو هن علائقي جي حقيقي اهم ايراضي خريد ڪري ورتي ۽ کاڌي پيتي ۽ سون کاڻين ۾ ڪم ايندڙ اوزارن جي مارڪيٽ قائم ڪري ورتائين. دنيا جيڪا تبديليءَ جي ڪناري تي پهتل هئي تنهن هن حقيقت ڏانهن بيدليءَ سان ڌيان ڏنو پر هن طرف ماڻهن جو اچڻ شروع ٿي ويو. شهر جي دُڪانن تي اهڙيون اشتهاري تختيون لڳايون ويون هيون جن تي لکيل هو ته ”ماڻهو سون جي کوٽائي واري ڪم لاءِ ويل آهن.“ انهيءَ صورتحال جي پيش نظر يورپ جي اڪثر ملڪن، ڏکڻ آمريڪا، آسٽريليا ۽ آمريڪا جي اڀرندي ساحل وٽان سوين غراب ۽ ٻيڙا سينفرانسسڪو شهر ڏانهن ماڻهن ۽ کوٽائي جي سامان سان اهڙي طرح چڪار ٿي ايندا هئا ڄڻ ته گهڻي بار سبب اجهو ٿا غرق ٿين. تنهن کانسواءِ وچ اولهه آمريڪا جا ماڻهو سڀني کان وڌيڪ ويجها هئڻ سبب ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻي تعداد ۽ تمام ٿوري وقت اندر پهچڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي شهر جي آبادي بيتحاشا وڌي وئي. خيمن جون ڪئين بستيون وجود ۾ اچي ويون. جنهن سبب سمورو سماجي ڍانچو ڊانوان ڊول ٿي ويو. روزاني واپار رڪجي ويو. جيڪو ٿي جهاز يا غراب لنگر انداز ٿيو ته تمام جلد خالي ٿي ٿيو. وچئين دؤر ۾ به هيتري وڏي پئماني تي ايتري قليل عرصي دوران ماڻهن جي لڏپلاڻ ۽ آبادڪاري ڪا نه ٿي هئي. جيتوڻيڪ سون جي کاڻين کي ويجها ٻيا به ڪافي ساحلي علائقا هئا پر جيئن ته سينفرانسسڪو شهر وڌيڪ معروف هو تنهن ڪري هر ايندڙ شخص جي منزل هي شهر هو. نتيجو اهو ٿيو ته هر ضروري ۽ غير ضروري شيءِ جي کوٽ ٿي پئي ۽ ڏاڍي مهانگائي ٿي. انهيءَ ڪري سيڙپڪارن کي نقصان ٿيو. ڪن جو ته ڏيوالو نڪري ويو. جنهن سبب آپگهات ڪيائون. مٿئين پيچيده صورتحال جي باوجود سينفرانسسڪو شهر هڪ ننڍڙي اسپيني بيٺڪ مان ڦري هڪ زبردست شهر ٿي پيو جنهن جي ترقيءَ لاءِ سمورا امڪان موجود هئا.
    سن 1855ع تائين سون جا مٿاڇري وارا ذخيرا گهڻو ڪري کوٽجي کپي چڪا هئا البته هيٺئين تهه وارا ذخيرا اڃا سلامت هئا، ڇو ته انهن جي کوٽائي لاءِ موجود اوزار ناڪاره هئا. ڪا به ڪمپني اڪيلي سر گهربل خرچ ۽ بندوبست ڪرڻ کان قاصر هئي پر جيئن ته سينفرانسسڪو شهر واپار لاءِ نهايت پرڪشش ۽ موزون هئڻ سبب دنيا جي شاهوڪار ماڻهن هتي دل کولي سيڙپ ڪئي. تجارت جي اهڙي صورتحال ٿي جو ڪو واپاري هڪڙي ئي ڏينهن ۾ لکا پتي ٿي ٿيو ته ڪو ساڳئي ڏينهن ۾ ڪنگال. مطلب ته واپار ڏينهون ڏينهن ترقيءَ جا وڏا ڇال ٿي ڏنا. جنهن سبب مشهور اديب مارڪ ٽوئن Mark Twian به هتي قسمت آزمائڻ وارن مان هڪڙو هو. آمريڪي خانه جنگيءَ دوران ڪيليفورنيا رياست اتحادي رياستن ۾ شامل هئي ۽ اتحادي لشڪر جي خرچ ۽ تربيت جو گهڻو بار مٿس هو. سن 1869ع ۾ ٽرانسڪانٽينينٽل ريلوي آمريڪا جي اولهه ۽ اوڀر وارن بندرن ۽ شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو. انهيءَ ريلوي تي جن جاگيردارن جو ڪنٽرول هو تن جي قسمت جاڳي پئي. ريلوي سبب بار برداريءَ جا مفاصلا گهٽجڻ سان گڏ ڀاڙو ۽ خرچ گهٽ ٿيو. شيون ۽ مزوري ڪجهه گهٽي ته واپار اڃان وڌيڪ ترقي ڪئي. سينٽرل پيسفڪ ۽ سائوٿرن پيسفڪ ريلوي نظام چئن مکيه سرمائيدارن هر هڪ؛
    1- لي لينڊ اسٽين فورڊ Leland Stanford
    2- مارڪ هوپڪنس Mark Hopkins
    3- ڪولس پي هنٽنگٽن Collis P. Huntington
    4- چارلس ڪروڪر Charles Crocker
    (جيڪو نهايت بيرحم شخص هو) جي قبضي ۾ هو. ريلوي ۾ گهڻا مزور چيني هوندا هئا، ڇو ته اهي سڀني کان سستا مزور هئا. اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ريلوي وارن حاڪمن جي ظلم سبب عوام ۾ بيچيني وڌي وئي. ريلوي سبب ٻاهران آيل سستين صنعتي شين جي اچڻ سبب ڪيليفورنيا جي ڪارخانن ۽ ٻي صنعت تي تمام خراب اثر ٿيو. صورتحال وڌيڪ خراب چيني مزورن جي لکن جي تعداد ۾ مسلسل هتي اچڻ سان ٿي. انهيءَ دوران الاسڪا ۾ به سون لڌو ته ماڻهو اوڏانهن به وڃڻ لڳا پر ماڻهو توڙي صنعتي مصنوعات سينفرانسسڪو شهر وٽان ئي الاسڪا وڃي سگهندا هئا. انهيءَ موقعي مان به هن شهر کي ڪافي فائدو ٿيو. انهيءَ وقت بينڪرس آف آمريڪا قائم ٿي جيڪا پوءِ دنيا جي سڀ کان وڏي بينڪ ٿي. اها سن 1904ع ۾ نارٿ بيچ ۾ قائم ڪئي وئي. اها بينڪ اٽليءَ ۾ ڄاول اي پي گيانني A.P. Gianini نالي سرمائيدار جي ذهني ڪاوش هئي. جنهن ڪجهه وقت پوءِ هڪڙي دريائي پل جي تعمير لاءِ ڪُجهه رقم ڏني هئي. سينفرانسسڪو شهر ۾ تاريخ 18 اپريل 1906ع تي صبح سوا پنجين بجي ريڪٽر اسڪيل موجب 8.1 پاور وارو خطرناڪ ترين زلزلو آيو ۽ پورو شهر هڪڙي زبرست باهه جي شعلن ۾ وڪوڙجي ويو. باهه وسائڻ ناممڪن ٿي پيو ۽ اها ٽن ڏينهن تائين مسلسل برقرار رهي. جنهن سبب شهر جون اٺاويهه هزارن کان به وڌيڪ عاليشان عمارتون سڙي رک ٿي ويون. نيٺ مليشيا فورس ڪجهه ڏينهن کان پوءِ باهه تي وڃي ڪنٽرول ڪيو پر ڪن ڪن هنڌن تي باهه ٻيا به ٽي ڏينهن ٻرندي رهي. شهر جا 497 بلاڪ فنا ٿي ويا. جنهن سان شهر جو اٽڪل ٽيون ڀاڱون رک ٿي ويو. انهيءَ بابت هڪ صحافيءَ جيڪ لنڊن Jack London اخبار ۾ لکيو ته”The city of san fransisco is no more يعني سينفرانسسڪو شهر هاڻي باقي نه بچيو آهي.“ زلزلي ۽ باهه شهر جو اصل هُليو مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو.
    شهر جي نئين اڏاوت ته اڳي کان به وڌيڪ سهڻي ۽ سٺي ٿي، ۽ اهو اڳوڻي کان وڌيڪ وڏو ٿيو پر چوڻ ۾ اچي ٿو ته منصوبابندي گهڻي بهتر ڪا نه ڪئي وئي.
    سن 1915ع ۾ پيناما ڪينال جي افتتاحي تقريبن دوران سينفرانسسڪو شهر ۾ پيناما پيسفڪ انٽرنيشنل ايگزيبيشن يعني عالمي نمائش لڳائي وئي جنهن ۾ شهر جي ترقيءَ کي اُجاگر ڪيو ويو. شهر پهرئين عالمگير لڙائي کان اڳي ئي ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. جنهن ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نفعي سان گڏ عمارتن جي پڻ عاليشان تعمير ٿي چڪي هئي.
    7 ڊسمبر 1941ع تي جپان طرفان آمريڪا جي پرل هاربر تي بمباري ڪئي وئي، جنهن ڪري آمريڪا ٻي عالمي لڙائي ۾ سڌو سنئون شامل ٿي ويو ۽ بحري جنگي جهاز ٺاهڻ لاءِ پيسفڪ سمنڊ جي ڪيترن ئي آمريڪي ساحلي شهرن ۾ ڪارخانا قائم ڪيا ويا. انهن ۾ هڪڙو سينفرانسسڪو شهر پڻ هو. انهيءَ وقت هرڪارخاني ۾ روزانو گهٽ ۾ گهٽ هڪ بحري جنگي جهاز تيار ٿيڻ لڳو.
    رچموند شهر جي قيصر Kaiser نالي شپيارڊ ۾ به هڪ لک کان وڌيڪ مزور ڪم ڪندا هئا. اهڙي ريت لکين ماڻهو هن عسڪري صنعت ۾ روزگار سان لڳا جن جو وڏو تعداد ٻاهران مستقل طور ايندڙ ماڻهن تي مشتمل هو. مذڪور صورتحال ۾ شهر ۾ وڏي پئماني تي رهائش لاءِ گهرن جي تعمير ٿيڻ لڳي. ٻاهران آيل ماڻهن ۾ آزاديءَ سبب ڇڙواڳي ۽ آوارگي پيدا ٿي. جنگ جي خاتمي کان پوءِ سپاهي لڏي جي گهڻائي جنهن کي هتي وڌيڪ سڪون ۽ لطف ملندو هو، اُها هِتي اچي دائمي طور آباد ٿي ۽ شهر اڳي کان به وڌيڪ وڌيو، ڪافي عمارت سازي ٿي.
    نوان شاهي رستا، روڊ، تجارتي ۽ تفريحي مرڪز قائم ٿيا. انهن ۾ جديد ثقافتي عناصر جهڙوڪ جنسيات جا شوقين، هِپي، همجنس پرست ۽ البيلا جيڪي بيراهه رويءَ جا شڪار ماڻهو شامل هئا. هتي ڪجهه بشني ٽولا به پيدا ٿي پيا هئا. جسم فروشي، جوا ۽ شراب نوشي شهر ۾ فيشن ٿي پيو اهڙيءَ ريت لاقانونيت وڌي وئي. آواراگردن جو هڪڙو گروهه پاڻ کي بيٽس سڏائيندو هو. اهي پنهنجي سُڃاڻپ جينس-سوئيٽر ۽ سينڊل پائي ڪرائيندا هئا ۽ پنهنجي بيهوده خيالات جو اظهار واهيات شاعريءَ وسيلي ڪندا هئا. سندن اوائلي اڳواڻن ايلن گنسبرگ گريگري ڪورسو ۽ جيڪ ڪيروئيڪ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ سندن مطالبن بابت لکڻ شروع ڪيو هو. اُهي لارينس فرلنگ، هيٽي ڪينيٿ، راڪس روٿ ۽ گيري سنائڊ رسان گڏجي جدوجهد ڪرڻ سان قومي طور تي پنهنجن مطالبن کي پيش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
    13 آڪٽوبر 1955ع ۾ بيٽس جو هڪڙو ميڙ ٿيو جتي سندن اڳواڻ شاعر گنسبرگ هائول نالي شعرن جو مجموعو پيش ڪيو، انهيءَ کي هي ٽولو انجيل تصور ڪري ٿو. فرلنگ هيٽي اهو سن 1956ع ۾ شايع ڪيو. انهيءَ ۾ گهڻي فحاشي هئي ۽ مٿس مقدمو داخل ٿيو پر ڪورٽ اظهار جي آزاديءَ جو سندن حق تسليم ڪيو.
    سن 1960ع واري ڏهاڪي دوران اظهار جي آزادي اڃا به وڌيڪ وڌي جنهن جي نمائندگي هِپِيزِ ڪئي. اهو گروهه ڪلبن ۾ توڙي گهٽين ۾ ناچ ڪندو، ڳائيندو وتندو هو. هر قسم جو نشو پڻ استعمال ڪندا هئا ۽ آزاد جنسي عمل جا مرتڪب هئا. مجموعي طور سندن نصب العين منشيات، جنسيات ۽ جرائم پيشو هو.
    جڏهن ٻي عالمي لڙائي کان پوءِ رٽائر فوجين جي ڪثرت سينفرانسسڪو شهر ۾ رهڻ لڳي. تڏهن کان سبب همجنس پرستي پکڙي ۽ زور وٺڻ لڳي.
    ڪيليفورنيا رياست ۾ هجنس پرستيءَ جون مردن توڙي عورتن جون جدا جدا ٻه تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون هيون. مرداني هم جنسي پرست تنظيم ”ماٽا چين سوسائٽي“ Matta Chain Society سن 1951ع ۾ لاس اينجلس شهر ۾ هينري هي Henry Hay جي اڳواڻيءَ ۾ قائم ٿي. عورتاڻي هم جنس پرست تنظيم ”ڊاٽرس آف بيلٽس Daughter’s of Bilitis نالي سان سن 1955ع ۾ سينفرانسسڪو ۾ قائم ٿي. سن ستر جي ڏهاڪي دوران هم جنس پرستن لاءِ هڪڙو خاص علائقو مخصوص ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي. جنهن موجب انهيءَ علائقي ۾ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ فقط همجنس پرست ڪم ڪندا. اها تجويز رد ڪئي وئي. باقي هم جنس پرستي قانوني طور جائز قرار ڏني وئي. جاگرافيائي حالتن موجب سين فرانسسڪو شهر ۾ زلزلن جا ڪمزور جهٽڪا اڪثر ايندا رهن ٿا. سن 1989ع ۾ 17 آڪٽوبر اڱاري ڏينهن جي شام پنج لڳي چئن منٽن تي ريڪٽر اسڪيل موجب 7.1 ڊگري زلزلو آيو. ويهن سيڪنڊن ۾ 63 ماڻهو مري ويا پر مالي نقصان ڏهه بلين ڊالرن کان به وڌيڪ ٿيو ۽ ڪئين عمارتون ڊهي پيون. هڪڙي ٻماڙ رستي جو مٿيون حصو هيٺئين حصي تي ايئن ڪريو جو هيٺئين حصي ۾ موجود سموريون گاڏيون صفا مُڃ ٿي مانين وانگر چٻيون ٿي ويون. شهر ۾ ڪُل 37 سَون کان وڌيڪ ماڻهو ڦٽيا، ٻارهن هزار کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿيا، ارڙهن هزار گهر ڊهي پيا. شهر جي ڪن حصن ۾ باهه به لڳي هئي پر باهه وسائڻ وارن نهايت بهادريءَ سان انهيءَ تي چند ڪلاڪن ۾ ڪنٽرول ڪري وسائي ورتو.
    سن 1991ع ۾ شهر جي برڪلي ۽ آڪلينڊ هلس ۾ باهه لڳڻ سان 28000 گهر تباهه ٿي ويا هئا.
    مطلب ته هي شهر ڪئين عروج ۽ زوال ڏسندو اڄ سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي. اسان کي اسان جي ميزبان شهر مان گهمائيندو ڦيرائيندو آڻي شهر جي اهم تفريح جڳهه گولڊن گيٽ برج تي لاٿو. هيءَ پُل نه رڳو آمريڪا پر سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. جت ڏينهن رات سياحن جي رش لڳي پئي آهي. هڪڙا پيا اچن ته ٻيا پيا وڃن. ڪنهن جي هٿ ۾ مووي ڪئميرا ته ڪنهن جي اکين تي ڪئميرا ۽ هٿ بٽڻ تي ته ڪنهن جي هٿن ۾ هن پُل جو نقشو ۽ ڪتابچو. مطلب ته هر وقت هن پُل تي سوين ماڻهو ۽ موٽرون نظر اينديون ۽ هيٺ وري سمنڊ جو روح پرور نظارو ڏسڻ ۾ ايندو. جنهن ۾ هزارين ٻيڙيون پري پري تائين نظر اچن. هي شهر ڪيترين ئي ٽڪرين ۾ ورهايل آهي. جيڪي هڪٻئي سان پلين ذريعي ڳنڍيون پيون آهن. جنهن تي سڄو سينفرانسسڪو جو شهر آباد آهي. پُل تان هزارين ڪارون اچي وڃي رهيون آهن. اسان به هت فوٽا ڪڍيا ۽ مووي ڪئميرا سان فلم ڀري.


    حصو پنجون

    اڄ موسم ڏاڍي خوشگوار آهي. سج جي روشنيءَ ۾ سمنڊ ۾ اندر هلندڙ ٻيڙيون چوطرف گهمي ڦري رهيون آهن، جن جا اڇا سِڙهه انهيءَ روشنيءَ ۾ ڏاڍا وڻندڙ لڳي رهيا آهن. هونئن به آمريڪا ۾ ڪيليفورنيا رياست جي موسم سڀني رياستن کان مختلف آهي. ڪيليفورنيا کي هت آمريڪا ۾ موسم جي لحاظ سان هندستان ۽ پاڪستان سان ڀيٽيو ويندو آهي. يورپ ۾ سڄو سيارو ملڪ سياحن کان خالي هوندو آهي ڇو ته يورپ ۾ سياري ۾ سخت سردي ۽ برفباري هوندي آهي پر ڪيليفورنيا رياست جا شهر پنهنجي لاجواب رنگيني ۽ وڻندڙ موسم ڪري سڄو سال سياحن لاءِ کليا پيا آهن. خاص ڪري هت بهار جي موسم ته ڏاڍي لاجواب هوندي آهي جنهن ۾ سڄي دنيا کان بي انتها سياح آمريڪا ۽ خاص ڪري هن رياست ڪيليفورنيا جي شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ اچن. سينفرانسسڪو ۾ ڪوهيڙو جام ٿئي پر اڄ موسم صاف ۽ وڻندڙ آهي.
    هي آگسٽ جو مهينو آهي هن مهيني جي نه رڳو موسم سٺي آهي پر هن مهيني ۾ هت ڪئين سُٺا سُٺا ساليانه تهوار به ٿين. جنهن ڪري به آمريڪا ۽ ٻي دنيا جا سياح هت وڏي شوق سان اچن. انهن تهوارن ۾ Renaissance Pleasure Fair خاص قابل ذڪر آهي. جنهن ۾ راندين، آرٽ، ثقافت ۽ کاڌي ٺهڻ جا خاص جشن ۽ وڏا پروگرام ٿين جيڪي سڄو آگسٽ جو مهينو هلن. هونئن به سينفرانسسڪو پنهنجي ڏيهاڙن ۽ تهوارن ڪري نرالو ۽ سڄي آمريڪا ۾ مشهور آهي. انهن تهوارن ۾ به هي تهوار هت ڏاڍا مشهور آهن جيڪي سڄو سال ترتيبوار هيٺين ريت ملهايا وڃن.
    Janruary
    1. Sanfrancisco Sprots and Show
    February
    2. Chinese New Year
    March
    3. St: Patricks Day Parade
    April
    4. Cherry Blossom Festival
    May
    5. Cinco de mayo celebration Bay to breaks foot Race Carnival.
    June
    1. Union Steet Art Festival.
    2. Haight Steet Fair
    3. North Beach Festival.
    4. Sanfrancisco Lesbain, Gay Bisexual Parade Celebration
    July
    1. Jass and All that art on fill more.
    2. Fourth of july celebration.
    3. Sanfrancisco Marathan
    August
    1. Ala Carte Ala Park
    September
    1. Open in the park
    October
    1. Reggae in Park.
    December
    1. Francisco Balle
    مطلب ته سينفرانسسڪو ۾ سڄو سال جشن لڳا پيا آهن رڳو هت پهچڻ جي دير آهي.
    سينفرانسسڪو جي هيءَ جڳ مشهور پُل اُپسمنڊ Bay ۽ پيسفڪ وڏي سمنڊ کي پاڻ ۾ ملائيندڙ آهي. سامونڊي نار Strait جو نالو گولڊن گيٽ راس آهي اها سامونڊي ڳچي Strait اٽڪل ٽي ميل کن ڊگهي ۽ هڪ ميل کن ويڪري آهي. منجهس حسب معمول وهڪرو ساڍا چار ناٽ ۽ ساڍا ست ناٽ في ڪلاڪ رهي ٿو. هن راس تي اهو نالو آمريڪي فوج جي ڪئپٽن جان فرمونٽ John Fremont جيڪو فوج ۾ ٽوپو گرافيڪل انجنيئر هو تنهن استنبول شهر جي هڪڙي گودي Harbour جي نالي ڪرائيسو سيرس Chrysoceras يعني سُنهري سنڱ کان متاثر ٿي سن 1846ع ۾ رکيو هو. هن راس Strait تي ٺهيل هن پُل جو نالو به راس وارو ئي اختيار ڪيو ويو. هن پُل جي ڪهاڻي هن ريت آهي.
    1. هن پُل جي ڪُل ڊيگهه 8981 فوٽ
    2. سڀني کان وڏو اسپان 4200 فوٽ ڊگهو
    3. سڀني اسپانن جي ڊيگهه 6450 فوٽ
    4. پاسن وارن اسپانن جي ڊيگهه 1125 فوٽ
    5. پُل جي ويڪر 90 فوٽ
    6. پُل جي روڊ جي ويڪر 62 فوٽ
    7. فوٽ پاٿ جي ويڪر 62 فوٽ
    8. پاڻيءَ جي سطح کان پُل جي ڇت تائين ڪليئرنس 220 فوٽ
    9. پُل جي پلرن جي پاڻيءَ اندر پيڙهه 110 فوٽ
    10. پُل جي ٽاورن جي پاڻيءَ جي سطح کان اوچائي 746 فوٽ
    11. ٽاورن جي پُل واري روڊ تي اوچائي 500 فوٽ
    12. پُل جي پلرن جي ويڪر 54 فوٽ ۽ ٿولهه 33 فوٽ
    13. پُل ۾ لڳل ڪيبلس جو وزن 61500 ٽن
    14. پُل جي ٻن ٽاورن جو وزن 44400 ٽن
    15. هڪڙي ڪيبل جي ڊيگهه 7650 فوٽ
    16. ڪيبل جو قطر 8/3 36 ارنچ= هڪ ميٽر
    17. هر ڪيبل ۾ لڳل وائرن جو تعداد 27572
    هر ڪيبل ۾ 61 ننڍيون رسيون آهن. جيڪي گڏجي هڪ ڪيبل ٺاهين ٿيون. هنن ڪيبلن ۾ ڪم آيل وائرن جي ڪُل ڊيگهه اَسي هزار ميل آهي.
    هيءَ پُل پنهنجي شاندار ٽاورن، سهڻن ڪيبلن ۽ شاهي اسپانن جي بدولت دنيا جي تمام سهڻين پلين ۾ به پنهنجي نرالائي جي حامل آهي. پُل جي تعمير لاءِ اوائلي منصوبو پُل جي موجوده تعمير ٿيل ڍانچي جي ڀيٽ ۾ نهايت سادو هو. اهو خاڪو چيف انجنيئر جوزف بي اسٽرائس Josephj B. Strauss پيش ڪيو هو. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ معاون انجنيئر ليون ايس موئيسيف Leon S. Moissciff راس تي وڏن اسپانن واري پُل ٺاهڻ لاءِ راءِ ڏني. انهيءَ وقت تائين هيتري وڏي اسپان واري پُل اڃا تائين دنيا ۾ ڪٿي به ٺهيل ڪا نه هئي. هيءُ منصوبو اڃا زير غور هو، حتمي ۽ قابل عمل نقشو معاون معمار مسٽر اورنگ ايف مارو Lving F. Morrow ۽ سندس زال گرٽروڊ سي مارو Gertrude C. Morrow جي راين کان پوءِ تيار ڪيو ويو. هنن معمارن پُل جي سونهن بابت جيڪي صلاحون ڏنيون تن کي اختيار ڪيو ويو. مثلاً هنن فٽ پاٿن کي سولو بڻايو ۽ موٽرن جي سهولت لاءِ رستو وڌيڪ آسان. روشنيءَ وارا پول پڻ وڌيڪ مناسبت سان فٽ ڪرايا. وقتي طور قائم ٽاورن تي ڪشاديون پٽيون عمودي انداز سان لڳرايون. جيئن سج جي روشني پُل کي وڌيڪ اجاگر ڪري. هنن ٽاورن جي اوچائي پڻ زياده ڪرائي. انهن خوبين کي پوري دنيا ۾ واکاڻيو ويو. 16 اپريل 1936ع ۾ معاون يا معمار مسٽر پارو پُل جي رنگ ۽ روشنيءَ جي سجاوٽ لاءِ هڪڙي رپورٽ چيف انجنيئر جوزف اسٽرائس کي پيش ڪئي، جنهن ۾ هن پُل جي وڏي سائيز ۽ عظمت کي ڌيان ۾ رکندي روشنيءَ جو نهايت سهڻو بندوبست ڪيو. جنهن تحت ٽاورن جي چوٽين تي هلڪي روشني وڌي وئي. پُل جي روڊ توڙي فوٽ پاٿ تي هلڪي داٻ واري سوڊيم سان ڀريل بجليءَ واريون بتيون آويزان ڪرايائين. انهيءَ وقت سن 1937ع ۾ اهي بتيون ۽ بلب جيڪي دنيا ۾ جديد ترين ۽ بهترين هئا. سي ئي پُل تي نصب ڪرايا ويا.
    45 سال پوءِ پُل جي روڊ تي اڳوڻين هلڪي پريشر وارين بتين جي بدران گهڻي داٻ واري سوڊيم واريون بتيون نصب ڪيون ويون. هنن جديد بتين جي استعمال تي خرچ گهٽ ٿو ٿئي. بتين تي پلاسٽڪ جا ايمبر ڪَورَ چاڙهيا ويا آهن جيئن روشنيءَ جي اجائي تيزي ضابطي ۾ رهي. ٽول پلازه جي اوڀر ۾ گفٽ سينٽر وٽان پُل تي اصلوڪيون بتيون ٻرندي ڏسجن ٿيون. رقم جي کوٽ سبب شروعات ۾ ٽاورن ۾ بجليءَ جو گهڻو سينگار ڪو نه ڪيو ويو هو. پُل جي پنجاهه ساله جشن جي موقعي تي بجليءَ جي ڊيڪوريشن تي 1.2 ملين خرچ آيو. جيڪو پيسفڪ گيس اينڊ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ چندي طور قسطن ۾ ادا ڪيو. ٽاورن ۾ بجليءَ جي فٽنگ ايبٽ اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ هڪ ملين ڊالرن جي ٺيڪي تحت ڪئي.
    گولڊن گيٽ پُل انٽرنيشنل آرينج يعني ڳاڙهاڻ مائل، نارنگي رنگ سان پينٽ ڪئي وئي آهي. انهيءَ رنگ کي عام طور انٽرنيشنل آرينج سڏيندا آهن ۽ اهو رنگ پري کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ٽوڪيو ٽاوَر جيڪو هن کان گهڻو پوءِ ٺهيو جيڪو مون به ڏٺو آهي، انهيءَ ۾ به انهيءَ رنگ جو استعمال زياده ٿيل آهي. هي رنگ پڻ مسٽر مارو ئي چونڊيو ۽ ڪم آندو. سندس چوڻ موجب فقط اهو ئي رنگ هن شاندار پُل جي عظمت کي حقيقي طور تي عيان ڪري ٿو. جيڪڏهن پُل جو ڪم آمريڪي بحريه جي حوالي هجي ها ته اها پُل کي ڪارو رنگ ڏياري، ان تي پيلا پٽا پينٽ ڪرائي ها. جيئن کيس جهاز رانيءَ ۾ آساني ٿئي. پُل جي رنگائي جو ڪم ڪو هڪڙي ڏينهن جو ڪونهي. اهو ضرورت موجب وقتاً فوقتاً ٿيندو رهندو آهي. ڇو ته فقط رنگ ئي اهڙي شيءِ آهي جيڪا پُل جي لوهي ڍانچي کي زنگ ۽ ڪٽ کان بچائي ٿي.
    هيءَ پُل هر سال مڪمل طور نئين سرپينٽ ڪا نه ٿيندي آهي. پنهنجي تڪميل سان اها مڪمل طور ريڊلين پرائيمر يعني انٽرنيشنل آرينج رنگ سان رنگي وئي. باقي پوءِ ضرورت موجب جزوي طور سندس پينٽنگ ٿيندي رهي. سن 1965ع ۾ گهڻي زنگ لڳڻ سبب اڳوڻو سڙي ويل رنگ لاهي پهريون تهه زنڪ سليڪيٽ سان پينٽ ڪيو ويو ۽ مٿيون يعني پويون هٿ ايڪرائلڪ ايملشن سان رنڱيو ويو. پُل جي رنگائي سن 1995ع ۾ مڪمل ٿي.
    پُل جي وچئين اسپان ۽ ڏاکڻيءَ چبوتري تي اصلوڪا فاگ هارس يعني توتارا، پنجاهه سالن تائين صحيح حالت ۾ وڄندا رهيا. جيڪي سينفرانسسڪو جي شهرين کي ڌنڌ ۽ ڪوهيڙي جي گهاٽائي بابت خبردار ڪندا هئا ۽ پُل وٽان لنگهندڙ ٻيڙين ۽ لانچن لاءِ آساني پيدا ڪندا رهيا.
    سن 1970ع جي آخر ۾ وچئين اسپان وارو هارن خرابيءَ جو شڪار ٿي پيو. هي هارن صحيح حالت ۾ ٻن قسمن جو آواز ڪڍندو هو ۽ هاڻي فقط هڪ قسم جو آواز ڪڍڻ لڳو. نيٺ سن 1985ع ۾ انهن پراڻن هارنن کي هٽائي لِسلي ايئر هارن ڪمپنيءَ جا ٺهيل جديد هارن نصب ڪيا ويا. اهي هڪڙي قسم جو آواز ڏيڻ جي باوجود اصل مقصد خوش اصلوبيءَ سان پورو پيا ڪن. هي ڪوهيڙي بابت خبردار ڪندڙ هارن روزانا سراسري طور اڍائي ڪلاڪ وڄندا آهن. مارچ ۾ اهي اڌ ڪلاڪ کن مس وڄائيندا آهن پر گهڻي ڪوهيڙي واري مند دوران يعني جولاءِ کان آڪٽوبر تائين اهي پنجن ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت وڄندا رهندا آهن.
    جن ننڍڙين ٻيڙين ۾ راڊار سسٽم سان رابطو ڪونهي اهي ڪوهيڙي جي مُند ۾ هنن هارنن جي آواز موجب سفر ڪن ٿيون.
    مذڪوره هارنن کانسواءِ هن راس ۾ جهاز رانيءَ جي سهولت ۽ خبرداريءَ لاءِ ۽ هوائي جهازن کي سگنل ڏيڻ واسطي پُل ۾ هر ٽاور تي ڪيترن ئي قسمن جون سگنل بتيون نصب ٿيل آهن. سن 1983ع ۾ انهن جي جاءِ تي جديد ۽ وڌيڪ سُٺيون بتيون هنيون ويون. انهن کي بيڪن Beacon سڏيندا آهن. پُل ۾ لڳل ڪيبلس تي پڻ ڳاڙهي رنگ سان ليڪون ٺهيل آهن.
    هيءَ گولڊن گيٽ پُل 5 جنوري سن 1933ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي ۽ 27 مئي 1938ع تي ٺهي راس ٿي. انهيءَ ڏينهن پيدل ماڻهن لاءِ پُل چالو ٿي. ٻئي ڏينهن يعني 28 مئي 1938ع تي وقت جي صدر فرينڪلن روز ويلٽ پنهنجي وائيٽ هائوس واري آفيس ۾ ٽيلي گراف جي چاٻي ڦيرائي پُل تي گاڏين جي ٽريفڪ چالو ٿيڻ جو افتتاح ڪيو. اهڙيءَ طرح هيءَ پُل پئسي جي کوٽ جي باوجود مقرر وقت کان اڳ ۾ تيار ۽ چالو ٿي وئي ۽ اڄ اسان ٻني جا ڳوٺاڻا هت پهچي هن پُل جو ديدار ڪري رهيا آهيون ۽ فوٽا ڪڍي رهيا آهيون. مون هن پُل جا ايترا ته فوٽا ڪڍيا جو ڪئميرا جو رول ختم ٿي ويو ۽ مون ڪئميرا ۾ ٻيو رول وڌو. هونئن به ماڻهو جون يادون صرف فوٽو ذريعي زنده رهن ٿا. اسان هتان ڪار ۾ چڙهي وڏين وڏين ٽڪرين جي ڀرسان ٺهيل شاندار روڊن تان هلندي روڊ جي ٻنهي پاسن ۾ ٺهيل سگنلن کي ڏسندي ڏسندي اچي شهر جي وچ ۾ پهتاسين. اسان هڪ وڏي چوڪ تي گاڏي بيهاري هيٺ لٿاسين ۽ هت هڪ تمام وڏي سُپر مارڪيٽ ۾ گهڙي پياسين. جيڪا گولڊن ايرا بلڊنگ Golden Era Building جي منٽگمري اسٽريٽ تي آهي. هن بلڊنگ تي هي نالو هتان نڪرندڙ مشهور رسالي گولڊن ايرا Golden Era کان متاثر ٿي رکيو ويو آهي. اسان کي صرف ڪئميرا جو رول وٺڻو هو. پر هت ته رنگ لڳا پيا آهن. ڪئين فلورن تي ڦهليل هن مارڪيٽ جي سڀني طبقن تي رش لڳي پئي آهي. مارڪيٽ جا Elevater يا لائيٽ تي هلندڙ ڏاڪڻيون اهڙي ته سهڻي نموني ۽ ترتيب سان لڳايون ويون آهن جو هنن تي لهندي چڙهندي مزو پيو اچي ۽ ڪيترن مردن ۽ عورتن سان ڀريا پيا آهن. اسان به گهمڻ جي خيال سان هن مارڪيٽ ۾ چڪر لڳايو. مون ڪئميرا جي رول سان گڏ هڪ نيڪ ٽاءِ ۽ هڪ ڪتاب به ورتو ۽ اڌ ڪلاڪ کن هت چڪر هڻندا اسان کائي پي پوءِ اچي ڪار ۾ چڙهياسين. جتان کان پوءِ اسان سينفرانسسڪو جي گلن جي گهٽيءَ ڏانهن روانا ٿياسين. جنهن کي هت چون لام بارڊ اسٽريٽ Lambard Street . جيستائين انهيءَ حسين منظر تي پهچون تنهن کان اڳ ۾ ڪئين حسين سهڻا گلن سان سنواريل روڊ رستا ڏسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. هت روڊن تي آمريڪن ڪارن سان گڏ ڪافي جپاني ڪارون ڏسڻ ۾ آيون پر انهن جو معيار ۽ بناوت پنهنجي ملڪ ۾ هلندڙ جپاني ڪارن کان تمام وڌيڪ مضبوط، سٺي ۽ سهڻي آهي، جيڪو روڊن رستن تي هلندي ڏسندي پسندي چٽي طرح محسوس ٿي رهيو هو. جپاني گاڏين کانسواءِ يورپين ملڪ جي گاڏي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ نظر ٿي آئي، نه ته گهڻو ڪري سڀ آمريڪي وڏيون گاڏيون روڊن تي هلي رهيون هيون. جيڪي اسان ننڍي هوندي حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ڏسندا هئاسين. جنهن ۾ شيورليٽ ڊاج ۽ بيوڪ خاص قابل ذڪر هونديون هيون پر اڄ جي پاڪستان جي شهرن ۾ اهي وڏيون گاڏيون روڊن تي هلن ته جيڪا ٽريفڪ جي رش هينئر آهي جنهن ڪري ڪلاڪن جا ڪلاڪ ماڻهوءَ کي روڊن تي بيهندي ئي گذريو وڃن، سا رش پوءِ ڪي ڏينهن ۾ تبديل ٿي وڃي، نه ته شوق پوري ڪرڻ لاءِ ماڻهو صرف ڪلفٽن ۽ ڊفينس ۾ ئي چڪر لڳايو واپس گهر پهچيو وڃي يا وري ٻئي طرف لاءِ آلٽو Alto ۾ چڙهي وڃي.
    ڳالهين ڳالهين ۾ اسان پنهنجي منزل لام بيرڊ اسٽريٽ Lam bard Street پهچي وياسين جيڪا خود هائيڊ ۽ ليون ورٿ Leaven worth اسٽريٽ جي وچ ۾ آهي. هت ٽوئرسٽن جي تمام گهڻي رش هوندي آهي ۽ ٻيو ته ڪارون ماڻهوءَ جي اسپيڊ کان به گهٽ اسپيڊ ۾ هلن. تنهنڪري جيسين انهيءَ گلن جي گهٽي تي گاڏي هلڻ لاءِ پهچي تيسين هت ڪجهه وقت انتظار به ڪرڻو ٿو پوي. اسان سان گڏ ٻيون به بي شمار گاڏيون بيٺل آهن. ٿوري دير هلندا هلندا اسان به وڃي انهيءَ هنڌ تي پهتاسين، جتان اسان کي شروعات ڪرڻي آهي. هن اسٽريٽ جو هڪ پاسو تمام مٿي ته ٻيو پاسو هيٺ آهي. جتان شروعات ڪجي ٿي اهو پاسو مانهين تي آهي ۽ ايئن مٿان کان هيٺ هلڻو ٿو پوي ۽ هي رستو سڌو نه پر ورن وڪڙن (Zig Zag) وارو آهي ۽ هلڻو به تمام آهستي ٿو پوي. جيئن ڪنهن شاديءَ جي سرگس ۾ گهوٽ جي گاڏي هلندي آهي. سو هت هن منظر ڏسڻ جو ڪافي وقت ٿو ملي ۽ ٻيو ته جيئن ماڻهو ٽوڪيو وڃي ته ٽوڪيو ٽاور ضرور ڏسي اورلانڊو وڃي ته واٽر ورلڊ ضرور ڏسي. لاس اينجلس وڃي ته يونيورسل اسٽوڊيو ۽ ڊزني لينڊ ضرور ڏسي. پئرس وڃي ته ايفل ٽاور ضرور ڏسي. وينس ۽ ائمسٽرڊم وڃي ته ٻيڙين ۾ سير ضرور ڪري. آگري وڃي ته تاج محل ضرور ڏسي. قاهراهه وڃي ته پئرامڊس ضرور ڏسي. بيجنگ وڃي ته ديوار چين ڏسي. لاڙڪاڻي وڃي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي مزار ۽ موهن جو دڙو ضرور ڏسي. امرتسر وڃي ته گولڊن ٽيمپل ڏسي. مليشيا وڃي ته پيٽروٽاورس ڏسي. مطلب ته ماڻهو جنهن ملڪ يا شهر وڃي ٿو انهيءَ جي اڳواٽ ڄاڻ وٺي ٿو ۽ انهيءَ ملڪ ۽ شهر جا مشهور ماڳ مڪان ۽ مکيه جڳهيون ضرور ڏسي ٿو. سو ماڻهو سينفرانسسڪو وڃي ۽ گولڊن گيٽ برج، فشرس مارڪيٽ ۽ هن گُلن جي گهٽيءَ کي ضرور ڏسي ۽ ڪار ۾ چڙهي هن گُلن جي گَهٽيءَ جو چڪر نه لڳائي ته سينفرانسسڪو وڃي ڇا ڪيائين.
    اسان به تمام گهٽ اسپيڊ ۾ يعني سرگس واري اسپيڊ ۾، پر اسان پاڻ کي گهوٽ نه پر ڄاڃي محسوس ڪندي هن سرگس ۾ وڃي رهيا آهيون ته واقعي هڪ گهوٽ ڪنوار جي سفيد وڏي ڪار گلن سان سينگاريل جنهن ۾ سچ پچ گهوٽ ڪنوار ٺهيا جُڙيا ويٺا آهن، تن تي نظر پئي، اسان کان ٻه ٽي ڪارون اڳيان آهن. شايد چرچ مان دعا گهري هت چڪر لڳائي پوءِ پنهنجي هني مون واري ماڳ تي وڃي سُرهي سيج تي موجون ماڻيندا پر هت آمريڪا ۽ يورپ ۾ ڇوريون ڇورا ڏاڍا ريجالا آهن. اهي ننڍي هوندي کان ئي انهن موجن تي هريا پيا آهن. شادي ته رڳو قانون جي پاسخاطري آهي ٻيا ڪم ته اڳ ۾ ئي لهيو وڃن پر انهن حرڪتن تي ٻنهي ڌرين کي ڪو به اعتراض ڪونهي. هت ته:
    مومل نه سهي، سو مل ئي سهي
    کاڌل نه سهي، پيتل ئي سهي.
    يا
    جوڻهائي سهي مگر پيار توکر
    وارو حساب لڳو پيو آهي. واقعي ڊسپوزل پيار Dispoal love ۽ سچي پيار جار رستا هڪٻئي کان ڪوهين ڏور آهن.
    اسان جي ڪار مان اسان هاڻ هنن گهوٽ ڪنوار کي چٽي طرح سان ڏسي رهيا آهيون جيڪي هڪٻئي جي بدن سان چهٽي سڄي جهان کان لاپرواهه ٿي هڪٻئي کي پيار ڪري رهيا آهن. ماڻهو کين کلي کيڪارون ڏيئي رهيا آهن. ايتري ۾ مون نظام کي چيو ته نظام گاڏي خيال سان هلائج متان پرائي شاديءَ ۾ عبدالله ديوانا واري ڪار نه ٿئي. تنهن تي نظام وڏو ٽهڪ ڏيندي جواب ڏنو ته پليجا صاحب توهان بي فڪرا ٿي ويٺا هجو، اسان هاڻ آمريڪا ۾ اهڙن نظارن جا عادي ٿي ويا آهيون. هاڻ توهان هت آمريڪا ۾ سڀ سِڪون لاهي پوءِ ملڪ واپس وڃجو. متان وري فون ڪري ڪنهن رهيل ڪم جي ڪا ميار ڏيو. اسان سڀ کلڻ لڳاسين. سينفرانسسڪو سٽي گورنمينٽ City Govt وارن هن اسٽريٽ کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. چونڊيل سهڻا قيمتي گُل جيڪي سهڻن رنگن جي ترتيب سان سينگاريل سنواريل آهن، جن کي صبح شام ڪَٽي هڪ جهڙو رکيو وڃي ٿو جيئن بناوت ۾ وڻندڙ ۽ جاذب نظر لڳن. هنن گلن کي ڏسندي سچ پچ ته اهڙي موج ۽ مزو پيو اچي جيئن پئرس جي شانزلي زي بازار ۽ لاس ويگاس ۽ مونٽي ڪارلو جي نائيٽ ڪلبن ۾ سهڻن جي ڀريل ڀاڪرن ۾ رقص ڪندي لڏندي لمندي هي گانو ياد ڪندا.
    باہوں میں تیرے مستی کے گھیرے
    ۾ مزو اچي. رستي جي پاسن ۽ ورن وڪڙن جي وچ ۾ وڏا ساوا ٻوٽا ۽ انهن جي وچ ۾ اڳيان، پويان سهڻن رنگن جا گل جنهن ۾ سوين قسمن جا وڻندڙ رنگ ڏسيو هانءُ ۽ نيڻ پيا ٺرن. وري انهن ورن وڪڙن ۾ وڏيون وڏيون ڪاريون سج جي روشنيءَ ۾ پيون جَرڪن. انهن ڪارن ۾ ويٺل حسينن جي منهن تي سنهڙو پگهر ڏسي فيض جو هي شعر ياد اچيو وڃي ته:
    کیسے ہیں مغرور حسینائوں کے برفاب سے جسم
    کہ گرم ہاتھوں کی حرارت سے پگھل جاتے ہیں
    سو، سائين دل پئي چاهي ته هي سفر نه کٽي پر نه چاهيندي به آئون سمجهان ٿو اسان جي ڪار وچ رستي تي پهچي چُڪي آهي. اهڙي قسم جي تفريح مون صرف هت سينفرانسسڪو ۾ ڏٺي، نه ته آمريڪا سڄو هزارن قسمن جي تفريح گاهن سان ڀريو پيو آهي، ڪهڙا نالا لکي ڪهڙا لکجن. ڪارون ٿورو آهستي هلڻ لڳيون ته اسان جي اڳيان ڪار ۾ ويٺل جوڙو هڪٻئي کي (Kiss) چُمڙي ڏئي وري هڪٻئي کان ڌار ٿي گاڏي آهستي آهستي اڳيان ريڙهي رهيو آهي ۽ اسان به اڳيان پٺيان اهڙا نظارا ڏسندا وڃي رهيا آهيون. هت ڪار جي رستي ساڻ ننڍڙو فٽ پاٿ به ٺهيل آهي. جيئن پيدل ماڻهو به سير ڪن ۽ هن اسٽريٽ جي رونقن مان لطف اندوز ٿين. اسان هت جنهن موسم ۾ گهمون پيا سا بهار جي مُند آهي. تنهنڪري هت موسمي سهڻن گلن جي ڏاڍي رونق لڳي پئي آهي. هتان کان پوءِ اسان هڪ پاڪستانيءَ جي گهر وياسين. جنهن اسان جو ڪافي آڌر ڀاءُ ڪيو. انهيءَ کان پوءِ اسان رات جي رهائش جي هوٽل تي وياسين جت پنهنجو سامان ڇڏي، فريش ٿي پوءِ هڪ ڊسڪو ڪلب وياسين. پنهنجي ملڪ ۾ به ضياءُ الحق کان اڳ لاجواب بارون ۽ نائيٽ ڪلب هوندا هئا. جنهن ۾ پاڪستانين سان گڏ بيشمار غير ملڪي سياح به وڏي شوق سان ايندا هئا، جن جو معيار به ڏاڍو سٺو هوندو هو. شهيد ڀٽي ته ڪراچي بيچ تي هڪ لاجواب ڪسينو ٿي ٺهرايو پر پوءِ اهو ڪم اتي ئي رهجي ويو. اهو اڌ ٺهيل ڪسينو هاڻ بيچ تي آفيسن طور استعمال ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ ڪراچي ۽ ٻيا وڏا شهر ته پري ٿيا پر ننڍن ننڍن شهرن ۾ به آمريڪا ۽ يورپ جا سياح وڏي تعداد ۾ گهمڻ ايندا هئا. جن ۾ منڇر، ڪينجهر، هاليجي ڍنڍ، موهن جو دڙو، ڀنڀور، مڪلي خاص قابلِ ذڪر آهن. جت توهان کي غير ملڪي سياح وڏي تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا هئا پر دنيا ۾ آمريڪي مفادن ڪري غريب ملڪن جي مفادن کي هر طرح سان ڇيهو رسيو آهي. ٻيو عيسائي ملڪن جي پروپئگنڊا به سياحت تي وڏو اثر وڌو آهي. انهيءَ پروپئگنڊا کان متاثر ٿي ماڻهو يورپ ۽ آمريڪا جو رُخ ڪن ٿا. نه ته رب پاڪ پنهنجي سڄي سرزمين کي سهڻو ۽ سرسبز بڻايو آهي. جنهن جو مثال توهان کي پنهنجي ملڪ ۾ ملي ويندو. پاڪستان جا ماڻهو سياحت لاءِ وڏي انگ ۾ ڪوهه مري ٿا وڃن ڇو ته اُت هر سهولت ۽ گهما گهمي آهي ۽ ڪوهه مري پنجاب ۾ آهي. انهيءَ ڪري پنجاب حڪومت ۽ مرڪز ۾ ويٺل پنجابي ڪامورا ڪوهه مريءَ تي زياده ٿا خرچ ڪن. جنهن ۾ روڊ، رستا، هوٽلون ۽ ٻيون تفريحي سهولتون شامل آهن ڪوهه مَرِيءَ جي مقابلي ۾ سوات، ڪاغان ۽ ناراڻ لک دفعا وڌيڪ سرسبز، پرامن ۽ حسين واديون آهن پر اُت ڪوهه مريءَ جي مقابلي ۾ گهٽ سهولتون هئڻ ڪري اُت توهان کي سياح گهٽ نظر ايندا.
    اڄ ته ائڊورٽائيز جو دؤر آهي. ماڻهو ڏسي وائسي به پيزا هٽ، مڪڊونلڊ ۽ K.F.C تان رپئي جي شئي به سؤ رپين ۾ خريد ٿا ڪن. سو هني مون ملهائيندڙ جوڙن کي ڪوهه مريءَ ۾ پرل ڪانٽينينٽل (P.C) جهڙي لاجواب هوٽل ملي وڃي جيڪا سينٽرل هيٽيڊ آهي جنهن جي ڪمري مان سياري ۾ به برف باري ٿيندي ڏسندي بدن گرم لڳو پيو هوندو آهي، سو ڪهڙي ضرورت آهي جو ماڻهو سوات يا ڪاغان وڃي جتي ته ماڻهو کي هني مون ملهائڻ سان گڏ رات جو سرديءَ ۾ ڏند به ٺڪ ٺڪ سان هلائڻا پوندا ۽ هڪ رات جي سرديءَ ۾ ئي ماڻهو اڌ مُئو ٿيو وڃي سو اُهو سون گهوريو جيڪو ڪن ڇني.
    اسان جي ڪار ڊسڪو ڪلب وڃڻ لاءِ سينفرانسسڪو جي هڪ تمام حسين ترين علائقي مان لنگهي رهي آهي. جنهن علائقي کي هت چون يونين اسڪوائر. آمريڪا ته پنهنجي پئسي ۽ ڏنڊي جي زور تي سڄي ملڪ کي ڇا مان ڇا بڻائي ڇڏيو آهي.
    جيئن ايوب خان جي دؤر ۾ اسلام آباد ۽ نواز شريف جي دور ۾ سڄي ملڪ جي دولت لاهور تي خرچ ٿي. تيئن هت آمريڪا ۾ ڪو نه ٿئي ته وقت جو حاڪم، صرف پنهنجي شهر يا اسٽيٽ تي خرچ ڪري. هت جنهن اسٽيٽ ۾ سياح زياده اچن اُت اصل رونقون لڳيون پيون آهن. اهي تفريحي مقام ڊزني لينڊ، يونيورسل اسٽوڊيو، واٽر ورلڊ، سمنڊ جا حسين ڪنارا جت اربين رپين سان ٺهيل هوٽلون اهي سڀ آمريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپنين جا ڪارنامه آهن، جن نه رڳو آمريڪا پر پيزاهٽ، K.F.C ۽ مڪڊونلڊ کي آڻي اسان وٽ حيدرآباد پهچايو آهي ۽ اسان به شام جو ٻه ڏوڪڙ بچت وارا انهن جي حوالي ڪريو اچون. اسان جا ته ڪم اڳ ۾ ئي آمريڪا جي دوا-سگريٽ- چانهه، پئٽرول ۽ مشروب ڪمپنين لاهي ڇڏيا آهن، باقي رهي سهي ڪسر هي پيا لاهين. اسان جي حق حلال جو ناڻو ڊوڙندو خود به خود انهن يهودين جي ڪمپنين ڏانهن هليو وڃي جيڪي ڪمپنيون انهن ئي پئسن مان پيون اسرائيل کي مضبوط ۽ سگهارو ڪن ۽ هو پيو مظلومن جو قتل عام ڪري ۽ انهن کان ڪو پُڇڻ وارو ئي ڪونهي. وري اچون ٿا سينفرانسسڪو گهمڻ جي احوال تي، جنهن کي چاهيون ٿا ته سواءِ هڪ منٽ به ضايع ڪرڻ جي گهڻي کان گهڻو گهمون ڦرون، ڏسون وائسون. هينئر رات ٿي چُڪي آهي چوطرف روشنيون ئي روشنيون آهن. آمريڪا ايراضيءَ ۾ هڪ ملڪ نه پر ڪئين ملڪ ڇا پر هڪ کنڊ ٿو لڳي.
    سندس صرف هڪ رياست ٽيڪساس Texas جي پکيڙ به سڄي فرانس ملڪ کان ٻيڻي آهي ۽ وري آمريڪا جي هڪ ٻي رياست الاسڪا جي پکيڙ ٽيڪساس کان به ٻيڻي آهي. منهنجي هن ايراضي ٻڌائڻ جو مطلب هي آهي ته آمريڪا ملڪ ۽ سندس شهر ڳتيل ستيل نه پر ويڪرا ۽ ڪشادا آهن. جنهن ڪري روڊ رستا به ڪشادا آهن ۽ ٽرئفڪ جي رش سواءِ ڪيليفورنيا جي ڪن رستن يا موٽرويز جي باقي ٻي آمريڪا ۾ گهٽ محسوس ٿئي ٿي. سينفرانسسڪو به ڪشادو، پکڙيل ۽ ويڪرو آهي.
    سينفرانسسڪو شهر پيسفڪ سمنڊ ۽ سينفرانسسڪو اپسمنڊ جي وچ ۾ پکڙيل خشڪي پٽيءَ تي اڏيل آهي. انهيءَ جزيره نما جي ڊيگهه اٽڪل 32 ميل کن ٿيندي. شهر جي ايراضي اٽڪل 46 چورس ميل کن ٿيندي. شهر جو سڀ کان مٿانهون هنڌ اٽڪل 900 فوٽ سمنڊ جي سطح کان مٿي ٿيندو. هن ڀاڱي کي جاڙيون ٽڪريون Twin Peaks سڏين ٿا. شهر ۾ اول ته ڪجهه مُنجهه سُنجهه ٿئي ٿي پر جلد ئي ماڻهو ماحول ۾ هريو وڃي، پر اسان جيان ٻه ٽي ڏينهن رهندڙ لاءِ اهو ممڪن ڪونهي.
    اسان جنهن علائقي مان لنگهي رهيا آهيون انهيءَ جو نالو يونين اسڪوائر Union Square آهي. هي شهر جو وڏو واپاري مرڪز آهي. اڪثر مکيه هوٽلون ۽ تمام وڏا ڊپارٽمينٽل اسٽور هن اسڪوائر جي چوڌاري موجود آهن. انهن شاهي عمارتن جي وچ ۾ ڪيترائي ريسٽورانٽ، بٽيڪ ۽ گئلريون آهن.
    هتان کان ٿورو اوڀر طرف ايمبارڪيڊور سينٽر تعمير ٿيل آهي. جيڪو ساڍا اٺ ايڪڙ ايراضي تي اڏيل هڪڙو زبردست گهڻ ماڙ مينشن آهي. انهيءَ ۾ سوين آفيسون، گهر، دُڪان ۽ ريسٽورانٽ قائم آهن. هن ڪامپليڪس کان ڪجهه مفاصلو اڃا اوڀر طرف مشهور ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي عمارت آهي. ان جي ڀرسان فيري بلڊنگ آهي. سائو سيليٽو ۽ لارڪسپر ڏانهن ويندڙ پاتڻي ٻيڙيون فيري، بوٽس اڃا تائين هن بلڊنگ وٽان وينديون آهن. پُل ٺهڻ کان اڳ ۾ سموري بار برداريءَ جي آمدرفت جو مرڪز اها فيري بلڊنگ هوندي هئي.
    سينفرانسسڪو جي نائيٽ لائيف ٻين آمريڪي شهرن وانگر ڏاڍي رنگين آهي پر جيئن ته سينفرانسسڪو سڄي دنيا ۾ گيز Gays ۽ ليزبين Lesbain جو مرڪز آهي. تنهنڪري هتي جي راتين جون رونقون اڃا به اور آهن. سڄي دنيا جي گيز ۽ ليزبين جو مرڪز هي شهر سينفرانسسڪو آهي. هتي جي نائيٽ ڪلبن ۾ اڳواٽ فون ڪرڻ سان توهان کي اضافي فيءَ تي پنهنجي لاءِ عورت ڊانسر به ملي ويندي. جنهن جي في تقريباً ويهن کان چاليهه ڊالر کن هوندي آهي. اهو فون نمبر هي 2582-552/415 آهي پر ڊانس ڪلب پهچڻ کان ڪجهه وقت اڳ فون ڪرڻ گهرجي، پر اها ڇوري صرف توهان جي ڊانس جي وندر تائين محدود آهي ٻيو آسرو نه ڪرڻ گهرجي، باقي، ”جتنا گڙ ڊالينگي اُتنا ميٺا هوگا “ وانگر ته سڀ ڪو اُڪريو پار وڃيو پوي پر اهو ڊپارٽمينٽ وري عليحده آهي. سينفرانسسڪو جي نائيٽ ڪلبن ۾ وسڪي ۽ وائين به دستياب هوندو آهي پر اُن جو اگهه نائيٽ ڪلب جي معيار تي آهي.
    اهو گهڻو ڪري ساڍن ٽن ڊالرن کان ڇهن دالرن تائين هڪ پيئگ هوندو آهي. بهتر آهي ته کائي پي ٽُن ٿي اچي نائيٽ ڪلب ۾ داخل ٿجي. باقي سوڻ خاطر هڪ اڌ پيئگ کڻي پاڻ ۽ پنهنجي ڊانس پارٽنرکي پيارجي، پر جي شروعات ئي پيئڻ جي اچي هت ڪيائين ته پوءِ ته صُبح تائين جو حساب لاهه ڪڍي ڇڏيندو. سينفرانسسڪو جي سڄي شهر جي نائيٽ لائيف جو تمام سٺو معيار آهي پر انهن ۾ به وڌيڪ ورائٽي توهان کي سوما Soma ۽ نارٿ بيچ North Beach تي ملندي.
    سو اسان به سوما جي علائقي جنهن کي هت مارڪيٽ اسٽريٽ Market Street جي نالي سان به سڏيندا آهن اچي پهتاسين. هت ڪئين لاجواب انٽرنيشنل اسٽينڊرڊ جا نائيٽ ڪلب آهن، جن ٻاهران سون قسمن جون لائيٽون جهرمر جهرمر ٻري رهيون آهن. ٻاهر ڪا به خاص رش نه نظر آئي پر جڏهن اندر داخل ٿياسين ته ايڏي ته رش هئي جو تر ڇَٽڻ جي جڳهه ڪا نه هئي. هن نائيٽ ڪلب جو نالو جوليس سپر ڪلب Jullis Super clubs هو. مٿي رش هئڻ ڪري اسان هيٺ بيس مينٽ Basement ۾ وياسين. اهو به نائيٽ ڪلب جو حصو هو. هت به ڪافي رش هئي پر مٿي کان گهٽ. اسان مان ڪي رسپشن تي ڪي ڊانسنگ فلور تي، ته ڪي وري نيڪڊ پورشن ۾، نيڪڊ ڊانسنگ ڏسڻ ويهي رهيا. انهيءَ نيڪڊ ڊانس ڏسڻ لاءِ اڃا به ڪجهه اضافي پيمنٽ ٿي ڪرڻي پوي پر آئون انهيءَ طرف ڪو نه ويس. مون کي الف عورت صرف اڪيلائي ۾ وڻندي آهي نه ڪي هجوم ۾. سو آئون ڪائونٽر تي هڪ اڌ پيگ پي ڪجهه دير دل کي وندرائي واپس اچي هڪ جڳهه تي ويهي سڀني جو تماشو ڏسڻ لڳس. مختلف زاوين ۽ طرفن کان روشنين جو هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ڏاڍو دلچسپ لڳي رهيو هو. هونئن به موج ۾ اچڻ کان پوءِ هر شيءِ ۾ سونهن ۽ سوڀيا ڪجهه سرس نظر ايندي آهي. ڇو ته آمريڪا ۾ چوڻي آهي. "More Whisky More Thinking" پي، کائي وڃڻ سان هيڏي حسين ماحول ۾ مزو ته خود به خود اچيو وڃي ۽ انهيءَ مزي ۽ موج لاءِ پيسو خرچ ڪري ماڻهو هت ٿو پهچي.
    آئون هتان اُٿي رسيپشن ڪائونٽر تي ويٺس ۽ هڪ ٻه پئگ اتي ويٺي ختم ڪيم پر ڀر ۾ ويٺل ڇوريءَ جي سگريٽ جي دونهين ڏاڍو بور ڪيو. ايتري ۾ نظام به اچي اُت پهتو. پاڻ ويهڻ شرط چيائين ته ڪيئن سائين مزو اچي پيو. مون کيس هاڪار ۾ جواب ڏئي چيو ته هاڻ واپس هلڻ گهرجي. پاڻ به شايد منهنجي صرف انهيءَ چوڻ جي انتظار ۾ هو ۽ ايئن اسان پنهنجي رهائش واري هوٽل ڏانهن روانا ٿياسين. جت ڪپڙا بدلائي سمهي پياسين. صبح دستور مطابق آئون سوير اٿيس. تيار ٿي ناشتو ڪري پوءِ نظام جي هڪ دوست جي هوٽل تي آياسين. هوٽل بلڪل اهڙي هئي جهڙي مڪڊونلڊ وارن جي ڊفينس سائيڊ تي ڪراچي بيچ تي آهي. هيءَ مڪڊونلڊ وارن جي نه پر Kings ڪنگس ڪمپنيءَ وارن جي ريسٽورانٽ آهي. هت آمريڪا ۾ چين آف هوٽلس Chain of Hotles جا ته ڪئين قسم ۽ نالا آهن. ڪيترا ياد ڪري ڪيترا ياد ڪجن. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به ته اهڙيون صرف پنج يا ڇهه قسم جون ڪمپنيون آهن. مثلاً
    1. Macdonald’s
    2. K.F.C
    3. Piza Hut
    4. Mr Burger,
    5. Donal Dunken.
    ۽ اهڙي نموني سان ٻن ٽِن رهائشي هوٽلن جون هت شاخون آهن. نظام جي دوست اسان جي سندس هوٽل تي تمام گهڻي آڌرڀاءُ ڪئي. پاڻ اسان کي خوش آمديد چوڻ کان پوءِ اسان کي ڪيترن ئي قسمن جا برگر، سئنڊ وچ ۽ ٻيا الاهي ڪيترن قسمن جا جوس، ڊرنڪس پيارڻ کان پوءِ تحفا ڏنائين. جنهن کان پوءِ شهر جي مشهور تفريح گاهه فشرس وارن بيچ گهمائي، جت اسان ٻه ڪلاڪ کن گذاريا. فشرس بيچ تان اسان اُت رکيل ڪجهه شيون به خريد ڪيون. فشرس وارن بيچ سينفرانسسڪو جو وڏو تفريحي مقام آهي. جت تفريح لاءِ ڪئين وندرون هر وقت موجود آهن. هت سمنڊ ڪناري تي ڪافي رش آهي. پر وڌيڪ رش ۾ ئي وڌيڪ مزو ايندو آهي. هت ڪنهن زماني ۾ ڪافي ڪارخانا هوندا هئا پر هينئر اهي ختم ٿي ويا آهن، هينئر صرف ۽ صرف تفريح گاهه طور هي علائقو استعمال هيٺ آهي. اسان ٿوريءَ دير لاءِ اچي هڪ هوٽل تي ويٺاسين. هوٽل اندر تمام گهڻي رش آهي. ڪيترا ماڻهو بيٺا آهن سوچيون پيا ته ڪٿ ويهون، پر جڳهه ملڻ جي ڪا به گنجائش ڪانهي سو ٿورو اڳڀرو نو سموڪي No smokey پورشن ۾ هليا وياسين ته ڪنڊ ۾ هڪ اڌ خالي ڪُرسي نظر آئي. جيسين ڪرسين ڀيڙا ٿيون، تيسين اُتي ئي ڪنڊ ۾ ويٺل ڇوريءَ کي ڏٺم ته نو سموڪي حصي ۾ به هٿ ۾ هيٺ سگريٽ جهليو ويٺي هئي. منهنجي نظر پوڻ تي مشڪي لڄاري ٿي کڻي سگريٽ سينڊل هيٺ اڇلايائين ۽ مٿان پير رکي صفا بي خبر ٿي ويهي رهي. اسان به کيس وڌيڪ شرمندگيءَ کان بچائڻ لاءِ انهيءَ طرف صفا بي توجهه ٿي پنهنجي ڪچهريءَ ۾ لڳي وياسين. تيسين چٽڪمرن ڪپڙن ۾ هڪ ٺاهوڪي ڇوري اسان کان آرڊر وٺڻ لاءِ اچي حاضر ٿي. اسان جو ميزبان کيس لمبو چوڙو آرڊر ڏيڻ جي موڊ ۾ هو، پر اسان کيس چيو ته هينئر ئي توهان جي دوست جي هوٽل مان گهڻو ڪجهه کائي آيا آهيون ۽ وري به توهان گهر مانيءَ لاءِ اڳواٽ چيو آهي سو صرف چانهه پيبي ۽ ٻيو ڪجهه به نه ۽ ايئن اسان چانهه پي بل ڪائونٽر تي ڏئي رش کان ٿورو اڳيان سمنڊ ڪناري سمنڊ مٿان ڪاٺ جي ٺهيل هڪ وڏي پيسيج تي هلندي هلندي ڪافي اڳتي نڪري وڃي هڪ ڪنڊ تي بيٺاسين. پري کان بيشمار سياح ٻيڙين ۾ گهمي رهيا آهن. ٻيڙين جا سفيد سڙهه سج جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا هئا. ڪي ٻيڙيون گهڻي اسپيڊ ۾ اچي سمنڊ ۾ ڄڻ ته ٽپ ڏئي تري رهيون هيون. اسان سان گڏ سمنڊ به ڪشادي سيني سان کين آڌر ڀاءُ ڪري رهيو هو. ٻيڙين ۾ تفريحي، ٻيڙين جون رانديون، مڇي مارڻ ۽ ترڻ Swimming اڄڪلهه هر آمريڪي جي شوق جي شيءِ آهي. موڪلن وارن ڏيهاڙن ۾ آمريڪي شهرين جو گهڻو انگ انهن راندين ۾ وڏي شوق سان ۽ چاهه سان حصو وٺندو آهي.
    بوٽنگ ۽ سوئمنگ ته اڄڪلهه اولمپڪ گيمز ۾ به شامل آهن. جنهن ۾ سڄي دنيا وڏي چاهه سان حصو وٺي.
    ڊاڪٽر جيمس برنس جڏهن هندستان کان سنڌ جي مير حاڪمن جو علاج ڪرڻ ڪڇ کان ٿيندو پيڃاري ڦاٽ رستي درياءَ سنڌ ڏٺو ته اهو شهر ٻنون هو جيڪو هينئر ٺٽي ضلعي ۾ آهي. ٻنون درياءَ سنڌ جي ڪناري تي هڪ خوبصورت شهر هو. جنهن جي ڪپرن وٽ هُن ڪئين ٻيڙيون بيٺل ڏٺيون جنهن جو تفصيلي احوال پاڻ سندس ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ ۾ ڪيو آهي.
    ٻنون سنڌوءَ جي ڪپرن تي ڪنهن وقت ڏاڍو خوبصورت شهر هو، جنهن جون گهٽيون ڏاڍيون سڌائي سان ۽ نقشي مطابق ٺهيل هيون ۽ شهر جا چوڪ ۽ چؤ واٽا ڏاڍي ترتيب ۽ سنوت ۾ ٺهيل هوندا هئا. جنهن مان وڏيون ٽرڪون به آرام سان ڦري سگهنديون هيون پر هينئر ته هڪ ڪار به گهٽيءَ مان مس ٿي لنگهي سگهي. منهنجو هي ٻني جو ذڪر انهيءَ لاءِ آهي ته ڪنهن زماني ۾ ٻنون به درياءَ جي ڪپ تي هڪ لاجواب شهر هو، جيڪو لاڙ جي گيٽ وي Gate way طور استعمال ٿيندو هو. جت ڪئين ٻيڙيون مسافري، مال برداريءَ، پلو، مڇي مارڻ ۽ تفريح لاءِ موجود هونديون هيون پر هينئر ٻيڙيون ته ٺهيو پر درياءَ ۾ پاڻيءَ ڦڙو به ڪونهي جو چوپايو مال پيئي. پر هي آمريڪا جي سمنڊ جا ساحلي ڪنارا جيڪي ڪنهن وقت فوجي مقصد ۽ مڇي مارڻ طور استعمال ٿيندا هئا، هاڻ دنيا جا وڏا تفريحي مقام ٿي پيا آهن. جت سڄي دنيا کٽي ڪمائي اچي پيسو لٽائي ٿي ۽ اسان به هينئر انهيءَ تفريحي ماڳ تي بيهي هي سڀ ڪجهه ڏسي وائسي ۽ توهان کي به انهيءَ تفريح ۾ شامل ڪري لطف اندوز ڪري رهيا آهيون ۽ هنن به پنهنجن تفريحي ماڳن کي سنوارڻ سينگارڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي آهي.
    سينفرانسسڪو به آمريڪا جي انهن چند شهرن مان هڪ آهي جن کي پنهنجي تاريخي اهميت وارن ماڳن ۽ مڪانن جي نمائش ۽ پذيرائيءَ جو عاليشان هنر ۽ مهارت حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي جنهن ڪري هي مهاڻن جو تَڙِ پوري دنيا جي سياحن لاءِ سڀ کان وڌيڪ پرڪشش علائقو ٿي پيو آهي. سو بلڪل صبح جو تمام سوير پهچڻ ڪري هتي اڳوڻو مڇيءَ جو شڪار ته مور ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو جيڪو هن تڙ ۽ گهاٽ تي اڳي عام جام ٿيندو هو. هاڻي ته هتي فقط سياحن جي ناڻي واري شڪار جي ريل پيل لڳي پئي آهي. هن تَڙِ جو اصل نالو ”ميگ وارو گهاٽ“. Meigg’s Whart هو. وهارف جو موجود نالو انهن مهاڻن جي ڪري پيو. جيڪي ڪيترن ئي نسلن کان وٺي پنهنجي ٻيڙين کي آڻي هن تڙ تي بيهاريندا هئا. اڄڪلهه هي سامونڊي ڪنارو ڪجهه بدبودار ۽ مهلڪ مادن جي موجودگيءَ سبب آلودگيءَ جو شڪار آهي، جنهن کان حتي الامڪان بچڻ لاءِ خبردار ڪندڙ تختيون جتي ڪٿي ٽنگيل نظر اينديون. هن تڙ تي اڃا تائين ٽيهارو کن ٻيڙيون موجود آهن. پر شڪار لاءِ نه بلڪه سياحن کي گهمائڻ ۽ سير ڪرائڻ لاءِ ڪم اچن ٿيون. حقيقت اها آهي ته موجوده وقت ۾ تڙ وارو سمورو ڪنارو هڪڙي شاهي بازار ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جيڪا اولهه طرف گيئرارڊيلي اسڪوائر Ghirardelli Square کان شروع ٿي اوڀر طرف 39 Pier يعني ٿلهي نمبر 39 وٽ وڃيو ڇيهه ڪري. ڪجهه ماڻهو هن گهاٽ سان ته دل لڳائي ويٺا آهن ۽ ڪي وري اهڙا به آهن جيڪي هن پُرڪشش ماڳ کان اجايو پري رهڻ نٿا گهرن پر تمام گهڻن ماڻهن جي اها خواهش آهي ته زندگيءَ ۾ هڪ دفعو هن گهاٽ جو سير ضرور ڪرڻ گهرجي پوءِ سندس نيت انهيءَ سلسلي ۾ ڀلي ته ڪهڙي به هجي.
    هن ئي علائقي ۾ هڪ لاجواب اسڪوائر پولڪ ۽ لازڪن گهٽين جي وچ ۾ 1884ع ۾ جڙي راس ٿيو. جنهن ۾ لشڪر لاءِ يونيفارم تيار ڪرڻ لاءِ ڪارخانو به قائم ڪيو ويو هو پر پوءِ هيءَ عمارت جنهن کي عرف عام موجب گيئرار ڊيلي چوندا هئا مارڪيٽ ۾ تبديل ڪيو ويو. جنهن ۾ 50 وڏا جنرل اسٽور ۽ ويهارو کن مانيءَ جا هوٽل آهن پر اسان هت ماني ڪو نه کاڌي. عمارت جي الهندي ڀاڱي ۾ بازيگر به سدائين بازي پکيڙيو ويٺا آهن. دڪان اونهاري ۾ صبح ڏهين بجي کُلن ۽ رات جو نائين بجي بند ٿين ۽ سياري ۾ اهي 6-7 بجي تائين کليل رهندا آهن.
    ٻي به هڪ سمنڊ ڪناري تي ساڍن چئن ايڪڙن تي مشتمل هڪڙي شاهي عمارت آهي. جيڪا مهاڻن واري تڙ کان اوڀر طرف چند چوڪڙين جي مفاصلي تي آهي. مال لاهڻ ۽ چاڙهڻ لاءِ ٺهيل دِڪي تي هيءَ عظيم عمارت هن وقت هڪڙي حسين تفريح گاهه ۾ تبديل ٿي وئي آهي. جتي اڳوڻي ڪنهن ڪار گذاريءَ جو ڪو نالو نشان به نظر ڪو نه ايندو. هن وقت هن پيئر تي سدائين خريدارن جي پيهه لڳل هوندي آهي. مشهور زمانه اخبار لنڊن آبزرور موجب جڳ مشهور تفريح گاهن ڊزني ورلڊ Disney World ۽ ڊزني لينڊ Disney land کان پوءِ پوري دنيا ۾ هيءَ ئي ته تفريح گاهه آهي جتي هر سال گهڻي ۾ گهڻا سياح سير ۽ تفريح لاءِ اچن ٿا. هتي سئو کان وڌيڪ وڏا جنرل اسٽور ۽ ڏهه عاليشان هوٽل ڪناري تي پاڻيءَ سان بلڪل لڳو لڳ ٺهيل آهن. انهيءَ کانسواءِ هڪڙو ٿيٽر ۽ فلم هائوس پڻ موجود آهن. هتي سينفرانسسڪو شهر جي پراسرار زندگيءَ جي نمائش ٿئي ٿي.
    فشرمينس وهارف جي تفريحي لوازمات ۾ هڪڙي نئين شيءِ جو اضافو ڪيو ويو آهي. انهيءَ جو نالو انڊرواٽر ورلڊ Under Water World يعني ”زير آب جهان“ آهي. هي هڪڙو تلاءُ آهي جنهن ۾ اٽڪل ست لک ستر هزار گيلن پاڻي پيل آهي ۽ منجهس ڪيترائي هٿرادو آبي جانور رکيل آهن. انهن جي نمائش پاڻيءَ اندر شفاف ڪپڙي جي سرنگهن ۾ سياحن کي گهمائڻ دوران ڪئي وڃي ٿي.
    پيئر 39 وٽ ننڍين تفريحي ٻيڙين بيهارڻ لاءِ به ٿلهيون ٺهيل آهن. جتي اٽڪل ساڍا ٽي سئو ياچ ٻيڙيون بيٺل آهن. جن کي بلو اينڊ گولڊ بي سائيٽ سيئنگ فليٽ Blue and gold bay site sieing fleet سڏين ٿا. هن پيئر وٽ 600 کن ساموندي شينهن جن کي سيل پڻ چوندا آهن دِڪن ۽ ٿلهن تي چڙهي ويٺل نطر اچن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن عجيب آواز ڪڍي ڪافي شور پڻ مچائين ٿا. هنن آبي شينهن جي حياتي، صحت ۽ طبيعت ۾ انهن لاءِ موزون ماڳن ۽ ماحول بابت هتي سياحن کي ليڪچر ڏيڻ جو انتطام پڻ ٿيل آهي پر اسان جو ان ليڪچر ٻڌڻ جو ڪو به پروگرام ڪونهي. سو اسان هاڻ گاڏيءَ ۾ چڙهي واپس پنهنجي ميزبان جي گهر پيٽ پوچا لاءِ وڃي رهيا آهيون. اسان جي ميزبان جو گهر هن تفريح مقام کان گهڻو پري ڪونهي. جنهن ڪري اسان کي ات پهچڻ ۾ خاص دير نه لڳي. اسان جي ميزبان جو گهر بلڪل آمريڪن اسٽائل جو هڪ نئون ۽ جديد گهر هو. جيڪو اندر ڏاڍي نفاست سان سينگاريل هو. گهر ته آمريڪي طرز جو هو پر کاڌو بلڪل پاڪستاني اسٽائل جو هو.
    کاڌا سڀ پاڪستاني، هندستاني طرز جا ٺهيل هئا ۽ سٺي ترتيب سان سيٽ ڪري فرينچ ڪراڪريءَ ۾ ٺاهي جوڙي رکيا ويا هئا. هڪ ٻه تمام اوچي قسم جا فرينچ وائين به ڊائيننگ ٽيبل تي رکيل هئا. جن مان سڀني رڳو تبرڪ طور گلاس ۾ وجهي پنهنجي پنهنجي اڳيان رکي ڇڏيو ۽ آخر تائين سڀني صرف هڪ هڪ گلاس ختم ڪيو. اسان جي ميزبان تمام ٿورو ٿورو وري به سڀني جي گلاسن ۾ وڌو يا وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.
    کاڌي ۾ ته سڄي دنيا ۾ امير ۽ غريب لاءِ صرف ٽي ئي قسم آهن. يعني سي فوڊ Sea food، گوشت (ڪُڪُڙَ ۽ تتر جو به ته گوشت ئي آهي) ۽ سبزيون
    پر کوپڙي کوپڙي مت نياري
    سو انهن ٽن قسمن مان خبر ناهي ته ڪيترا ٿا طعام تيار ٿين. اهڙي نموني سان مٺاين جا به سوين قسم ٿين ۽ هر قسم جو ذائقو عليحده عليحده ٿئي پر تيار ته صرف ٽن شين يعني کنڊ، گيهه ۽ ميدي مان ٿين. ماني لڳي چڪي آهي مون سبزيءَ جو سوپ پنهنجي پيالي ۾ لاٿو. سوپ عام سبزيءَ جي سوپن کان ٿورو ڇڊو هو پر ٽيسٽ لاجواب هئس. کاڌي ۾ مون سڪل فروٽن ۾ رڌيل چانور ٿورڙا پليٽ ۾ لاٿا. چانور عام چانورن کان ٿورا ٿلها هئا. اسان جي ميزبان ٻڌايو ته هي چانور خالص آمريڪي چانور آهن ۽ ڏاڍا مهانگا آهن. هت آمريڪا ۾ هنن چانورن کي سڏين جهنگلي چانور. سڀني ڊشن مان ٿورو ٿورو ٽيسٽ ڪيم. گهڻي وقت کان پوءِ هڪ لاجواب لنچ کائڻ جو موقعو مليو. مون کي پنهنجي والد صاحب جي کاڌي جي باذوق هئڻ ڪري ننڍي هوندي محمد يوسف چانڊئي جي دعوتن ۾ وڃڻ ڪري (سڄي دنيا جا مک حڪمران سندس ڍنڍ تي شڪار لاءِ ايندا هئا) ۽ سالها سال ڪراچي ايئرپورٽ ۽ سي پورٽ تي نوڪري ڪرڻ ڪري نه رڳو سٺا کاڌا کائڻ جو موقعو مليو پر دنيا جي مشهور ماڻهن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن کي ويجهو ڏسڻ، ملڻ ۽ کين ٻڌڻ جو موقعو مليو. (مون اهو احوال پنهنجي ”آتم ڪٿا“ ۾ بيان ڪيو آهي.) جنهن مان گهڻو ڪجهه پرايم. لنچ کان پوءِ آمريڪي رياست هوائي جا ڪيترائي لاجواب ميوا ڏسڻ ۽ کائڻ جو موقعو مليو. جنهن ۾ هي فروٽ خاص قابل ذڪر هئا. ايروڪيڊو، ناسپاتيون، مٺن رسن سان ٽمٽار گدرا، تمام نفيس سنها ۽ ڊگها انگور ۽ سڪل ميون ۾ ميڪا ڊيميا، اخروٽ سڀني ڏاڍي چاهه سان کاڌا. مون کي آمريڪا جي ٽوئر ۾ جت به موقعو ملندو هو ته ناسپاتين جو جوس ضرور پيئندو هوس. ڏاڍو لاجواب هوندو هو. ڪراچيءَ ۾ به Agha’s Super Store وارن کي ڪيترائي دفعا اهو جوس ۽ ايراني زم زم ڪولا جو آرڊر لکرايو اٿم پر رڳو آسرا پيا ڏين ٻيو مڙئي ٿيو خير. آخر ۾ سُئيز آئس ڪريم سان ماني پنهنجيءَ پڄاڻي کي پهتي. اسان ڊائننگ هال مان اُٿي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺاسين جت هڪ لاجواب ڊيڪ تي اڳ ۾ ئي هلڪي ميوزڪ وڄي رهي هئي. جنهن دوران ئي پاڪستان، آمريڪا ۽ دنيا جا حال احوال به هلندا رهيا ته غريب ملڪن جا حال اڳ ئي بُڇڙا، وري فوج ۽ حڪومتن تي خرچ به ڳاٽي ٽوڙ آهن. مثال طور هندستان ۽ پاڪستان اڳ ۾ ئي مقروض ملڪ وري ٻنهي ملڪن جي حڪومت ۾ ڪيڏي ڪئبينٽ جنهن تي ڳاٽي ڀڳا خرچ ٿين، پر هت آمريڪا ۾ سون سالن کان وٺي هڪجيتري ڪئبينيٽ يا وزارتي ڪائونسل يعني صرف چوڏهن وزارتون ۽ وزيرن تي مشتمل ڪئبينيٽ جن جو تعداد، نالا ۽ کاتا ڪجهه هن ريت آهن.
    Cabinet Members Under Barak Obama
    1. Secretary of state: Helry Clinton
    2. Secretary of the Treasury:
    3. Secretary of Defense:
    4. Attorney General:
    5. Secretary of the Interior
    6. Secretary of Agriculture:
    7. Secretary of Commerce:
    8. Secretary of Labour:
    9. Secretary of Health and Human Services:
    10. Secretary of Housing and Urban Development:
    11. Secretary of Transporation:
    12. Secretary of Enrgy:
    13. Secretary of Education:
    14. Secretary of Veteran’s Affairs:
    اسان جي هن دعوت ۾ اسان جي ميزبان سندس ٻين دوستن کي به دعوت ڏني هئي جيڪي سڀ جا سڀ ڪافي وقت کان هت رهندڙ هئا ۽ سڀ غير سنڌي هئا پر انهن کي اُت ڪافي وقت رهڻ ڪري پاڪستان ۾ قوميتن جي تضادن جي تفصيلي ڄاڻ ڪا نه هئي. تنهنڪري هنن ۾ پنجابي پناهگير واري شائونزم نظر ڪا نه آئي، جيڪا هت انهن ۾ نظر اچي ۽ پاڻ کي حاڪم محسوس ڪرائين. اسان جي هن ڪچهريءَ ۾ ناسٽراڊيمس جي اڳڪٿين کان وٺي سينفرانسسڪو جي گيز ۽ ليزبين جو ذڪر وڏي تفصيل سان ٿيو. ڳالهين هلندي ڪافيءَ جو دؤر به هليو. هن پر اهتمام لنچ کان پوءِ اسان هن لنچ جهڙو ئي هڪ لاجواب ٽوئرسٽ مرڪز ڏسڻ وياسين. جيڪو سڄي دنيا ۾ ڊزني لينڊ ۽ ڊزني ورلڊ کان پوءِ ٽيون نمبر وڏو تفريح مرڪز آهي. اسان سڀ هڪ ٻئي کان موڪلائي ڪارن ۾ واپس پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن روانا ٿي وياسين. اسان سينفرانسسڪو شهر جي حسين جميل شاهراهن ۽ چوڪن تان ڦرندا گهرندا اچي انهيءَ تفريحي ماڳ تي ڪارن مان لٿاسين، هت اندر داخل ٿيڻ لاءِ ڪا به في نه وٺن سو ٽڪيٽ وٺڻ کان سواءِ اندر هليا وياسين.
    گولڊن گيٽ قومي تفريحي علائقو شهرن ۾ ٺاهيل پارڪن ۾ سڄي دنيا ۾ سڀني کان وڏو پارڪ آهي ۽ نيويارڪ شهر جي مرڪزي پارڪ سان هڪجهڙائي رکي ٿو. هي تفريحي علائقو، ٽن ڪائونٽين جي تقريباً 28 ميل ڊگهي ساحلي پٽي تي مشتمل آهي. جنهن کي گلن ڦلن ۽ ساوڪ جو سهڻو پوش پهرايو ويو آهي. سينفرانسسڪو شهر جي اتر ۽ اولهه واري ساحل تي مشتمل هي تفريحي علائقو نيشنل پارڪ سروس نالي جي انتظام هيٺ آهي. جتي عوام کي مفت ۾ تفريح ڪرڻ جي اجازت آهي. هن تفريحي علائقي ۾ موجود ڪافي مزيدار پڪنڪ پوائنٽون آهن. مثلاً: اڪواٽڪ پارڪ، ڪلف هائوس، فورٽ ميسن ۽ اوشن بيچ جهڙا پر لطف ماڳ هتي هلندڙ مِني بس نظام وسيلي گهمي سگهجن ٿا. انهن جو مختصر احوال دلچسپيءَ کان خالي ڪونهي. مثلاً: اڪواٽڪ پارڪ، هائيڊ اسٽريٽ واري دِڪي سان متصل عمارت آهي. انهيءَ ۾ ترڻ جي اجازت آهي. هن پارڪ جي ويجهو ئي سينفرانسسڪو ميري ٽائيم نيشنل هسٽاريڪل پارڪ ۾ بحري جهاز جي شڪل جهڙو هڪ مزيدار عجائب گهر پڻ گهمڻ وٽان آهن.
    فورٽ ميسن سينٽر جي اسٽريٽ ۽ شور لائين جي وچ ۾ ڪئين ننڍن وڏن دِڪن ۽ عمارتن تي مشتمل تفريحي مرڪز آهي. هتي ٺهيل دِڪا ٻي عالمي لڙائي دوران آمريڪي بحريه جي استعمال ۾ هئا پر هاڻي انهن دِڪن تي عاليشان عجائب گهر، ناٽڪ گهر، هوٽلون، وندر گاهون ۽ سماجي تنظيمن جي دفترن لاءِ تمام سهڻيون عمارتون ٺهيل آهن. انهيءَ کانسواءِ هتي پارڪ هيڊڪوارٽرس نالي هڪڙو تمام سهڻو باغيچو پڻ پوکيل آهي. اسان هن باغيچي ۾ ڪئين فوٽا ڪڍيا.
    اولهه طرف ڪجهه اڳتي ليگُونا اسٽريٽ جي اترئين ڇيڙي وٽ مرينا گرين نالي هڪ مخصوص ايراضيءَ ۾ ماڻهو پنڌ ڪندي، ڊوڙندي، لغڙ اڏائيندي نظر ايندا. هن اسپاٽ تي سينٽ فرانسزياچ ڪلب پڻ موجود آهي. جتي سير لاءِ ٺهيل ننڍيون ٻيڙيون ماڻهن کي گهمائڻ لاءِ هر وقت حاضر آهن. هن هنڌ وٽان گولڊن گيٽ پرومينيڊ Golden Gate Promenade نالي اهو ساڍا ٽي ميل ڊگهو ساحلي پٽو شروع ٿئي ٿو جيڪو گولڊن گيٽ برج وٽ ڇيهه ڪري ٿو. هي سمورو پٽو فرش ٿيل آهي. هتي ڊوڙندڙ کانسواءِ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن وارا شوقين گهڻي تعداد ۾ نظر ايندا. ساحل جو هي ٽڪرو ڏاڍو پيارو ٿو لڳي. اسان انهيءَ مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هت ڪافي دير بيهي رهياسين. هن ئي ايراضيءَ ۾ تختن تي ترندڙ چنچل نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي پڻ لطف اندوز ٿيندو ڏسي سگهجي ٿو. نوجوانن سان گڏ ڪافي وڏي عمر جا شوقين به انهن تختن تي ترندي نظر آيا. دل تي ٻني واري پيڃاري ۾ ترڻ واريون يادون اچي ويون. هن تفريحي علائقي ۾ موجود فورٽ پوائنٽ نالي عمارت سن 1853ع ۾ بندر جي هڪڙي سوڙهي گهاٽ جي بچاءَ خاطر هڪڙي ننڍي قلعي جي صورت ۾ تعمير ڪئي وئي، جتي پنج سؤ کن سپاهي رهندا هئا. هن قلعي ۾ منهن ڀرتيءَ واريون 126 توپون نصب ٿيل هُيون. سن 1900ع ۾ عمارت جي قلعي واري حيثيت ختم ڪري هتان فوج ۽ رکيل توپون هٽايون ويون پر هي سرن سان ٺهيل سهڻي جڳهه اڃا تائين سٺي حالت ۾ موجود آهي ۽ اربع کان آچر تائين صبح 10 بجي کان شام پنجين بجي تائين مخصوص قسم جي سير واسطي کولي وڃي ٿي. ۽ وندر طور اُتي پيل توپن مان ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه فائر پڻ ڪيا ويندا آهن پر اسان فائر جا آواز ڪو نه ٻڌا. لِنڪن بوليوارڊ يعني وڻراهه، اولهه طرف واري ساحل سان لڳو لڳ اڳتي وڌندي بيڪر بيچ نالي ترڻ واري هنڌ وٽ وڃيو دنگ ڪري. تفريحي علائقي جي هن مخصوص هنڌ کي اُس کائڻ يا اُس ۾ بدن سيڪڻ، مڇي مارڻ ۽ پنڌ ڪرڻ لاءِ بهترين هنڌ قرار ڏنو ويو آهي.
    هتي پيدل هلندڙ سياح، سامان پٺن تي رکي مزي سان پنڌ ڪندا لينڊس اينڊ ماڳ ڏانهن روان دوان نظر ايندا. بيڪر بيچ کان ٿورو اڳتي هت ساحلي گهاري آهي جنهن کي چائنا بيچ چوندا آهن، هتي ترڻ جي اجازت آهي. هتي ڪيترائي ريسٽ روم، چينجنگ روم، ۽ خاص حمام پڻ ٺهيل آهن. هن هنڌ کان اولهه طرف ڪجهه مفاصلو اڳتي لينڊس اينڊ نالي هڪڙي مخروطي بُٺي آهي اها ۽ ٻين ڀر وارين ننڍين ٽڪرين تي پائين ۽ سائپريس جا وڻ ڪثرت سان موجود آهن. جن جو نطارو ڏاڍو وڻندڙ لڳي رهيو آهي.
    هن هنڌ کان ڪجهه اڳتي ساڳئي ساحل تي پهرين پوائنٽ لوبوس آهي، تنهن کان اڳتي سٽرو باٿس ۽ انهيءَ کان به ٿورو پري ڪلف هائوس نالي سلسليوار الڳ الڳ نهايت سهڻا ماڳ آهن. جتي تفريح جو سمورو بندوبست ٿيل آهي. ڪلف هائوس نالي ماڳ وٽ سامونڊي شينهن يعني سِيلُن جو آستانو آهي. هن هنڌ سامونڊي پکي پڻ تمام گهڻي تعداد ۾ موجود آهن.
    هتي هڪڙو اطلاعاتي مرڪز پڻ قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ جي ڀر ۾ وندر لاءِ هڪڙو شيڊ ٺاهيو ويو آهي. جتي راندين جون اهڙيون مشنيون رکيل آهن. جن ۾ ڪجهه مقرر ڪيل سڪا وجهي راند ڪري سگهجي ٿي پر جيئن ته منهنجي ڀاڳ ۾ جوا ۾ کٽڻ (جيت) لکيل ئي ڪانهي سو انهيءَ ۾ سڪا وجهي کيڏڻ جو ڪو به پروگرام ڪونهي.
    وهنجڻ ۽ ترڻ لاءِ هي هنڌ سموري ساحل تي سڀ کان وڌيڪ سٺو ماڳ آهي، جتي چوويهه هزار ماڻهو هڪ ئي وقت وهنجڻ ۽ ترڻ جو مزو ماڻي سگهندا هئا پر سن 1966ع ۾ خطرناڪ باهه لڳڻ سبب هي سمورو هنڌ سڙي خاڪ ٿي ويو. انهيءَ کي وري نئين سر تعمير ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ڪا به ڪوشش ڪا نه ٿي آهي. تنهنجو سبب معلوم ڪونهي. اهو احوال اسان کي اُت ڊيوٽيءَ ڏيڻ وارن پُڇڻ تي ٻڌايو. ساحل کان ٿورو پنڌ خشڪيءَ ڏانهن ڪيليفورنيا اسٽريٽ جي الهندي دنگ وٽ لِنڪن پارڪ بيحد سرسبز ۽ شاداب ماڳ آهي. هن پارڪ جي حدن اندر گولف راند جو بيحد سهڻو ۽ وسيع ميدان ٺهيل آهي. ان کانسواءِ پارڪ ۾ آمريڪي فوج جو هڪڙو عاليشان عجائب گهر هن ئي پارڪ ۾ ٺهيل آهي.
    اوشن بيچ واري ماڳ جي ڏکڻ واري دنگ وٽان ساحل کان چار ميل کن پري فورٽ فنسٽون جي چوڌاري هڪڙو ٻيو پارڪ به آهي. هتي پيدل سياح وڏي تعداد ۾ ننڍين ٽڪرين جي آسپاس لاهين چاڙهين تي چڙهندا ۽ لهندا نظر ايندا. هتان کان اڃان به ڏکڻ طرف روٽ نمبر 280 سان متصل سُئيني رج Sweeney Ridge نالي ٽاڪرائون سلسلو سرسبز ساحلي ٽڪرين جو حسين نظارو پيش ڪري ٿو جيڪو فقط موٽر گاڏين وسيلي ئي ڏسي وائسي سگهجي ٿو. هي حسين ساحلي ماڳ هزارين ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. سن 1769ع ۾ ڊون گيسپر ڊي پورٽولا جي اڳواڻيءَ ۾ بحري مهم جو ٽولو سينفرانسسڪو بي ڏسڻ وقت پهرين هن سُئيني رج سان متصل ساحل تي لنگر انداز ٿيو هو.
    گولڊن گيٽ قومي تفريحي علائقي جي حد ميرين ڪائونٽيءَ ۾ شامل آهي جتي ميڊلينڊس، موئر وُڊس، نيشنل مونيومينٽ اوليما واديءَ نالي تفريح گاهون به موجود آهن.
    آمريڪا سڄو تفريح گاهون ٿيو پيو آهي. ڇا گهمي ڇا گهمجي سڄو پئسي جو ٽڪساٽ آهي. ”پئسا ڦينڪ تماشا ديک“ وارو کهيل آهي.
    اسان کي هن لاجواب تفريحي علائقي ۾ ڪافي وقت گذري ويو پر ڪا به خبر نه پئي. خبر انهيءَ وقت پئي جڏهن سڀ جون سڀ لائيٽون يڪدم روشن ٿي ويون ۽ ڏينهن مان ڦري رات ٿي پئي ته سڀني دوستن کي احساس ٿيو ۽ سڀني ورڻ جي ڪئي. اسان سڀ هڪٻئي کان موڪلائي پنهنجي پنهنجي آکيري ڏانهن روانا ٿي وياسين ۽ اسان ڦرندا گهرندا سوڪ سينٽر واري خوبصورت علائقي مان گذرندي جت سهڻا گهر، نيون عمارتون مثلاً اوپيرا هائوس، سٽي هال، مک لائبريري جي بلدنگ لاجواب نيون خوبصورت ريسٽورانٽ ۽ ڪلبن جون سهڻيون خوبصورت بلڊنگون ڏسندا اچي پنهنجي رهائش جي هوٽل تي پهتاسين. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ آهي انهيءَ علائقي کي سن سيٽ ڊسٽرڪٽ Sun Set District سڏين. هت بارون ۽ ڪلبون به جام آهن. هن علائقي کي عياشين ۽ من موجين جو علائقو چئجي ته بهتر. هت ڪجهه هپي به نظر آيا. جيڪي ڪنهن زماني ۾ ڪراچي ۾ نظر ايندا هئا ۽ هپي ڇوريون ته هر هڪ ڪار واري کان لفٽ گهرنديون رهنديون آهن. هتان کان ٿورو پريان ڪول اسٽريٽ آهي. اُهو علائقو هن علائقي کان وڌيڪ پرسڪون ۽ ماٺار وارو آهي. هي علائقو ڳتيل لڳي ٿو. جتي گهمندي ڦرندي، هلندي سوڙهه محسوس ٿئي ٿي. هي علائقو باقي سڄي شهر کان سستو آهي. هت ميڪسيڪن ڪافي تعداد ۾ رهندا آهن. جيڪي هت به پنهنجي طور طريقي سان پنهنجا تهوار ملهائيندا رهندا آهن. هي علائقو انهيءَ ڪري به ڏاڍو مشهور آهي جو تهوارن دوران شهر جي ٻين علائقن جا ماڻهو به انهن تقريبات کي ڏسڻ ايندا آهن. تڏهن هن علائقي ۾ وڌيڪ رش ۽ گهما گهمي نظر ايندي آهي ميڪسيڪن سان گڏ هت ڪجهه ڏکڻ آمريڪن ماڻهو به آباد آهن.اهي به پنهنجي روايتن ۽ ڏيهاڙن کي برقرار رکيو اچن. دنيا جي هر وڏي شهر ۾ گهڻو ڪري چائنا ٽائون نالي علائقو آهي پر هي دنيا جو شايد واحد شهر آهي جت چائنا ٽائون سان گڏوگڏ رشين ٽائون، جپان ٽائون ۽ ميڪسيڪن ٽائون به آهن. مزيدار ڳالهه ته آمريڪن کي جنهن نالي کان چِڙَ آهي انهيءَ نالي سان هت هڪ ڊسٽرڪٽ قائم دائم آهي. يعني ڪاسٽرو ڊسٽرڪٽ Castro District پرڪاسٽرو سان فيڊرل جو اضافي رنگ هن سان ڳنڍيل ڪانهي. شايد انهيءَ ڪري هن نالي کي برداشت ڪيو اٿن نه ته صدام، اُسامه ۽ فيڊرل ڪاسٽرو نالا هن لاءِ ماءُ جي گار کان به وڌيڪ ايذاءَ رسائيندڙ آهن.
    هوٽل جي ڪمري ۾ چادر- صابڻ- ٽوال- چمپل- نائٽيز بدلائڻ سان گڏ روزانه اخبار سينفرانسسڪو گارڊين جي هڪ ڪاپي ۽ هفتيوار سينفرانسسڪو گارڊين رسالي جي هڪ ڪاپي به ڪمري ۾ رکي ويندا هئا. جي رات جو هوش حواس سالم هوندا هئا ته ضرور پڙهندا هئاسين ۽ آمريڪا جي باري ۾ حال احوال معلوم ٿيندا هئا. باقي پنهنجي ملڪ پاڪستان جي ته آمريڪن کي تڏهن خبر پوندي آهي، جڏهن هن خطي ۾ جنگ لڳندي آهي يا پاڪستان ائٽمي يا ميزائلي تجربا ڪندو آهي. نه ته ٻيو ٿيو خير، ۽ هونئن به ته پاڪستان جي نالي کان ايئن بي خبر آهن جيئن پاڻ ڪيترن آفريڪي ملڪن جي نالن کان بي خبر آهيون. مثلاً:
    1. Sychelles
    2. Surinam
    3. Trinidad and Tobago
    4. Benin
    5. Equatorial
    6. Guinea
    7. Gugana
    8. Honduras
    9. Lesotho
    ٿي سگهي ٿو ته پاڻ مان به ڪن عام معلومات ياد ڪندڙن ۽ سي-ايس- پي جي تياري ڪندڙ شاگردن کي انهن غير اهم ملڪن جا نالا به ياد هجن پر گهٽ ۾ گهٽ مون کي ياد ڪونهي.
    اخبار جي پهرين ۽ آخري صفحي تي نظر ڊوڙايم باقي ٻين صفحن کي اٿلائي پُٿلائي کڻي اخبار مان هٿ ڪڍيم. ٻي عالمي جنگ کان پوءِ اتحادين ليگ آف نيشنس کان وڌيڪ مضبوط اداري جي دنيا ۾ ضرورت محسوس ڪئي ۽ انهيءَ مضبوط اداري جوڙڻ لاءِ جنهن شهر ۾ سڀ اتحادي اچي گڏيا اهو اعزاز به هن شهر سينفرانسسڪو کي حاصل آهي، جت تمام گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ اقوام متحده جي جوڙجڪ ٿي. اقوام متحده جي اداري کي دفتر ٺاهڻ لاءِ ان وقت جي دنيا جي امير ترين ماڻهو يعني راڪفيلر نيويارڪ شهر ۾ مفت ۾ زمين ڏني. جنهن زميني اقوام متحده جي موجوده بلڊنگ ٺهي راس ٿي. انهيءَ کان اڳ سينفرانسسڪو شهرين به اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر کي هت قائم ڪرائڻ لاءِ ڪافي ڪوشش ڪئي پر اهو ٿي نه سگهيو. اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس 1946ع ۾ لنڊن جي سينٽرل هال ۾ ٿيو جنهن ۾ 51 مندوبين شريڪ ٿيا. انهيءَ کان پوءِ ٻيو اجلاس نيويارڪ جي ويجهڙائي ۾ فليشينگ نالي علائقي ۾ ٿيو. سلامتي ڪائونسل جو هيڊڪوارٽر پهرين نيويارڪ شهر کان پنجويهه ميل پري سڪسن ڍنڍ وٽ قائم ڪيو ويو هو. اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر ڪهڙي ملڪ ۾ قائم ڪجي انهيءَ تي هر ملڪ جو پنهنجو رايو هو. پهريائين جن شهرن جا اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر هئڻ لاءِ نالا تجويز ڪيا ويا تن ۾ ڪوپن هيگن. پئرس ۽ جنيوا خاص قابل ذڪر هئا پر هر ملڪ جو پنهنجو رايو هو ۽ آخر ۾ راءِ شماري ٿي جنهن ۾ کليل ووٽ ذريعي راءِ ورتي وئي. جنهن ۾ ٻه ميمبر غير جانبدار رهيا. ٽيويهن ملڪن يورپ جي حق ۾ ۽ پنجويهن ملڪن آمريڪا جي حق ۾ ووٽ ڏنا. اهڙي طرح آمريڪا ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر قائم ٿي ويو. ٻي عالمي لڙائي دوران اتحادي ملڪ سندن دوست ملڪن جي ساٿ کي سڏيندا ئي اقوام متحده هئا. جنگ کان پوءِ قائم ٿيندڙ عالمي تنظيم کي اهو ئي نالو ڏنو ويو. پهرئين جنوري 1942ع ۾ اتحادي ملڪن ٻي عالمي لڙائي جي اسباب ۽ مقاصد بابت پڌرنامو جاري ڪيو. انهيءَ پڌرنامي جو عنوان هو ”اقوام متحده جو پڌرنامو“ انهيءَ وقت کان وٺي اقوام متحده وارو لفظ پکڙجي مشهور ٿيڻ لڳو.
    واشنگٽن شهر جي هڪ علائقي ڊمبارٽن آڪس ۾ 21 آگسٽ 1944ع ۽ 7 آگسٽ 1944ع ۾ دنيا جي چئن وڏن اتحادي ملڪن آمريڪا، برطانيا، روس ۽ چين طرفان ڪانفرنس ۾ هن مستقل عالمي تنظيم جي تشڪيل لاءِ مکيه ۽ اهم ڪم ڪيو ويو هو پر انهيءَ بابت هڪ مڪمل ۽ متفقه منصوبو جُڙي ڪو نه سگهيو ڇو ته آمريڪا ۽ برطانيا جو ٻن مکيه معاملن تي اختلاف ٿي پيو. هڪڙو مجوزه سلامتي ڪائونسل ۾ ووٽ ڏيڻ ۽ فيصله ڪن ووٽ يعني ويٽو پاور جي اختيار وارو مسئلو ٻيو اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ واري اصول جو اختلافي مسئلو. روس سوويت يونين جي سمورين رياستن جي اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ جداگانه ۽ آزادانه ميمبر شپ جي گهر ڪئي هئي. اها برطانيا ۽ آمريڪا قبول ڪا نه ڪئي. بعد ۾ يالٽا ڪانفرنس دوران آمريڪي صدر روزويلٽ برطانوي وزيراعظم چرچل ۽ روسي صدر اسٽالن مٿين اختلافن کي ختم ڪيو ۽ اقوام متحده نالي تنظيم ۾ اڳوڻي عالمي تنظيم ۾ موجود ٽرسٽي شپ وارو نظام رائج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙيءَ طرح يالٽا ڪانفرنس ۾ ڊممبارٽن ڪانفرنس واري خاڪي ۾ ترميمون آڻي اقوام متحده جي تشڪيل لاءِ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ هڪڙو مناسب بنيادي خاڪو اتفاق راءِ سان جوڙيو ويو. انهيءَ موجب 25 اپريل 1945ع تي اتحادي ملڪن سينفرانسسڪو شهر ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي. جنهن ۾ اقوام متحده جو چارٽر مرتب ڪيو ويو. انهيءَ چارٽر تي انهن 46 ملڪن 26 جون 1945ع تي صحيح ڪئي، جن جي نمائندن سينفرانسسڪو ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي هئي. ڪانفرنس هلندي چئن ٻين قومن يوڪرين، بائلو روس، ارجنٽائين ۽ ڊينمارڪ کي پڻ انهيءَ ۾ شامل ڪيو ويو. تنهن کانسواءِ هن ڪانفرنس ۾ شامل نه رهندڙ ملڪ پولينڊ کي پڻ اقوام متحده جو ميمبر بڻايو ويو. اهڙي ريت اقوام متحده جي ميمبر ملڪن جو تعداد 51 بڻيو. 24 آڪٽوبر 1945ع تي اقوام متحده وارو چارٽر اصولي طور نافذ ڪيو ويو. انهيءَ وقت چئن عالمي طاقتن يعني آمريڪا، برطانيا، روس ۽ چين سان گڏ فرانس ۽ باقي ميمبر ملڪن جي اڪثريت انهن تي چارٽر موجب عائد ضروري اسناد پيش ڪري ڇڏيون هيون. سينفرانسسڪو ڪانفرنس، گذريل هزار سالن جي ڊگهي عرصي ۾ عالمي پئماني تي سڏايل پهرين ڪانفرنس هئي. جنهن تي ڪنهن به يورپي قوم جو غلبو ڪو نه هو.
    سينفرانفسسڪو ڪانفرنس نه فقط جاگرافيائي طور تي يورپ کان تمام پراهين پڊ تي منعقد ڪئي وئي هئي پر انهيءَ ۾ سوويت روس ۽ اولهه وارن فقط نون 9 يورپي ملڪن شرڪت ڪئي هئي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي 21 ملڪن، 7 ويجهن مشرقي ملڪن، 6 دولت مشترڪه جي ملڪن، 3 سوويت رياستن، 2 ڏور اوڀر جي ملڪن ۽ 2 آفريڪي ملڪن سموري دنيا جي نمائندگي ڪئي. اتحادي ملڪن جي مخالف 9 ملڪن جرمني، اٽلي، جپان، هنگري، آسٽريا، رومانيا، بلغاريه، فن لينڊ ۽ ٿائيلينڊ، 8 غير جانبدار ملڪن: سوئيزرلينڊ، اسپين، پرتگال، سويڊن، آئرلينڊ، افغانستان آئيرلينڊ، يمن ۽ پڻ پولينڊ هن ڪانفرنس ۾ نمائندگي ڪا نه ڪئي.
    اڳوڻي ليگ آف نيشنس جو پهريون صدر آغا خان سلطان محمد (جيڪو سنڌ ڄائو هو) هو ۽ هن نئين قائم ٿيل اقوام متحده جو پهريون سيڪريٽري جنرل ناروي جو ٽريگولي چونڊيو ويو. سينفرانفسسڪو جي شهرين ۽ ميونسپالٽي جي لک ڪوششن جي باوجود به هي شهر اقوام متحده جو هيڊڪوارٽر ته نه ٿي سگهيو پر سڄي دنيا جي گيز ۽ ليزبين جو هيڊڪوارٽر ٿي ويو. شايد اهو ئي سندس نصيب ۾ لکيل هو. جيئن سنڌ جي فاتح نيپئر جي نصيب ۾ ڪراچيءَ جي چڪلي جو نالو پيو.
    فرج مان کير ڪڍي پي پوءِ لائيٽ وسائي سمهي پيس ۽ دستور مطابق صبح سوير جاڳ ٿي. تمام هلڪي آواز ۾ وائيس آف آمريڪا تان خبرون ٿو ٻڌان. عورت جي سُريلي آواز ۾ خبرون ٻڌندي مزو پيو اچي. هونئن به صبح جو سانت ۾ هر شيءِ پئي وڻندي آهي، هي ته زنانو آواز آهي. انگريز هر ڳالهه ۾ اڳتي آهن پر راڳ ۾ مار کائي ويا آهن، پوءِ اهو عورت جي آواز ۾ هجي يا مرد جي آواز ۾. ننڍي هوندي سئنيما ۾ فلم ڏسندي جي انگريزي فلم ۾ گانو شروع ٿيو ته سڀ ماڻهو کلڻ لڳندا هئا. گانو ٻڌندي ٻڌندي سڄو سئنيما هال ٽهڪڙا ٿي ويندو هو. جيسين وڃي گانو ختم ٿئي. گاني کانسواءِ انگلش اسٽائل جي ڊانس به ٻارن جي پي ٽي P.T وانگر لڳندي آهي.
    راڳ ۽ ڊانس هندستان کان پوءِ دنگ آهي. جت بادشاهن جي محلن کان وٺي ٻيلن ۾ ڌنار تائين هر ڪو انهيءَ شوق جو شيدائي هو ۽ آهي.
    مولانا ابوالڪلام آزاد پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”غبار خاطر“ ۾ راڳ تي ڏاڍو سهڻو لکيو آهي نه رڳو راڳ تي پر هر ٽاپڪ تي لاجواب لکيو اٿس.
    آئون هوٽل مان نڪري ٻاهر تازي هوا ۾ رستي تي ٿو هلان. ٻاهر بلڪل سانت لڳي پئي آهي. نه ٽرئفڪ جو گوڙ نه ماڻهن جو آواز، پري پري ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن پيا. آئون پنڌ هلندي هلندي ڪافي اڳيان نڪري ٿو وڃان. هڪ هنڌ اخبارون شيشي جي ڪٻٽ ۾ رکيون آهن پر ڪو به ماڻهو ڪونهي. اهو توهان کي لاس اينجلس، لاس ويگاس، سين ڊيگو ۽ سينفرانسسڪو ۾ عام نظر ايندو. سو اخبار کڻي پئسا اُتي رکي گهمندو ڦرندو واپس ڪمري تي اچي اخبار ٿو پڙهان. ٿوريءَ دير کان پوءِ هوٽل جي ڊائيننگ هال مان ٿرماس ۾ پيل چانهه ڪوپ ۾ وجهي کڻي اچي ڪمري تي پيتم. اسان جي هن هوٽل جو ڊائيننگ هال سيلف سروس اسٽائل جو آهي. هن مان کاڌو ۽ پيتو توهان جي مرضيءَ مطابق توهان اُت کائي يا ڪمري تي کڻي اچي کائي ٿي سگهيا پر اهو صرف ناشتي تائين محدود هو. باقي ٻين کاڌن لاءِ ٻيو ڊائيننگ هال هو. جت کاڌو آرڊر سان ٻين هوٽلن وانگر کائبو هو پر اسان سينفرانسسڪو جي هن هوٽل ۾ ٻن ڏينهن واري قيام ۾ صرف هڪ دفعو کاڌو نه ته گهڻو ڪري ماني يارن دوستن جي گهرن تي کائبي هئي پر انهيءَ لاءِ به ٽائيم ڪو نه ملندو هو ۽ ڪيتريون دعوتون رهجي ويون ڇو ته اسان اُت دعوتون کائڻ نه پر گهمڻ ڦرڻ ويا هئاسين. سو هر هنڌ ۽ هر شهر ۾ اها ڪوشش هوندي هئي ته کائڻ پيئڻ ۽ سمهڻ گهٽ پر گهمڻ زياده هجي. اخبار پڙهندي دوست اٿيا ۽ اسان ناشتو ڪري تيار ٿياسين ته نظام جو هڪ دوست گاڏي کڻي پهچي ويو ۽ اسان انهيءَ سان ڪار ۾ چڙهي روانا ٿي وياسين. سينفرانسسڪو جون مشهور جڳهيون گهمي ورتيون سين. هاڻ ڪيڏانهن وڃجي اهو سوچيندا سوچيندڪار ۾ سينفرانسسڪو جي سهڻن شاهران تان لنگهي رهيا آهيون. اڄ اسان کي واپس لاس اينجلس به وڃڻو هو. تنهن ڪري سوچيوسين ته شهر جو مختصر چڪر هڻي ايئرپورٽ ڀيڙا ٿيون سو پرين جي داستان جهڙي هن حسين شهر کي سلام ڪندا وڃي ايئرپورٽ تي پهتاسين. جت هوائي جهاز ڄڻ ته حيدرآباد ريلوي اسٽيشن ٻاهران بيٺل ٽانگن جيان لڳا پر پنهنجي انهيءَ هوائي جهاز جي ڪائونٽر تي وياسين جنهن هوائي جهاز ڪمپنيءَ ۾ لاس اينجلس کان هتي آيا هئاسين ۽ پنهنجا ٽڪيٽ ڪڍي پنهنجي ايئرلائين ڪائونٽر تي ويٺل آمريڪي ڇورين جي حوالي ڪياسين. انهن اسان کي بقول شمن ميراليءَ ته:
    ”توکي جيءَ ۾ جايون ڏيندس.“
    وانگر خوش آمديد ڪري کڻي ٽڪيٽ ۽ اسان جو سامان پنهنجي حوالي ڪيو ۽ انهيءَ جي عيوض چند منٽن ۾ اسان جا بورڊنگ ڪارڊ ۽ سامان جا بئگ کڻي اسان جي حوالي ڪيا ايئن اسان سينفرانسسڪو انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي پئسينجرن جي لائونج ۾ پهچي پهريائين ڊيوٽي فري شاپس جو چڪر هڻي اچي نيٺ پنهنجي منزل يعني هڪ ڪتاب گهر ڀيڙا ٿياسين جتان مون هڪ ٻه ڪتاب پنهنجي لاءِ، هڪ ٻه ڪتاب يارن دوستن لاءِ ۽ ٻه ڪتاب فرخ ۽ محبوب لاءِ ورتا. ته اسان جي جهاز جي اڏام جو اعلان ٿيو ۽ اسان پنهنجا ڪتاب ڪَڇُن ۾ هڻي جهاز جي ڄاڻايل گيٽ ڏانهن روانا ٿياسين، جت اسان پنهنجي ميزبانن کان موڪلائي جهاز اندر داخل ٿياسين ته جهاز جي عملي جنهن ۾ ڪئين ايئرهوسٽس حسين مرڪن سان اسان کي خوش آمديد چيو ۽ اسان کين کلي جواب ڏئي پنهنجي پنهنجي سيٽن ڏانهن روانا ٿياسين. سامان مٿي رکي اسان هيٺ سيٽن تي ويهي رهياسين. سڀ مسافر اڇي چمڙي وارا ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ڪارو نظر آيو. پاڪستاني صرف اسان هئاسين. ايئن اڌ کن جهاز مسافرن سان ڀيرو ته جهاز جي هلڻ جو اعلان ٿيو ۽ اسان پنهنجا سيٽبيلٽ درست ڪري سيٽ سڌي ڪري ويٺاسين ته جهاز آهستي آهستي هلي پنهنجي ڄاڻايل رنوي Run way تي ڊوڙون پائيندو زمين کان کڄي هوائن جي هنج ڀيڙو ٿي ويو ۽ اسين هيٺ آمريڪا جي سمنڊن ۽ سرزمين کي ڏسندا وائسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون.
    مٿي آسمان ۾ سفيد ڪڪر ايڪڙ ٻيڪڙ نظر اچي رهيا آهن نه ته آسمان گهڻو ڪري صاف لڳو پيو آهي. جهاز هوائن ۾ پنهنجي جڳهه والاري ته بيلٽ کولڻ جو آواز ٿيو ته اسان به پنهنجا بيلٽ ڍرا ڪري اندر ايئر هوسٽس کي ٽراليءَ سميت پاڻ ڏانهن ايندڙ ڏسي تيار ٿي ويٺاسين ته خبر نه آهي ڪهڙي ٿي اسان مٿان ورکا ٿئي ۽ اسان انهيءَ ورهاست کان محروم نه ٿي وڃون.
    ڳاڙهي وردي سفيد شرٽ پهريل ۽ اڌ ٽنگون اگهاڙي ايئر هوسٽس کي ڏسي مون کي هڪ پراڻو قصو ياد اچي ويو. چون ٿا ته سنڌ ۾ انگريز دؤر ۾ ڪنهن مير صاحب کي انگريز لنڊن گهمڻ لاءِ موڪليو. مير صاحب لنڊن گهمي ڦري جڏهن واپس سنڌ پهتو تڏهن کيس لنڊن مان واپس اچڻ تي مبارڪ ڏيڻ وارن کي ڏاڍي عجب مان ٻڌايائين ته ابا لنڊن ۾ مايون سُٿڻون پائين ئي ڪو نه ٻيو ته ات ننڍڙن ٻارن کي به انگريزي اچي.
    سو اسان به انهن ايئر هوسٽس کي ڏسي خوش ٿي کڻي، سندن هٿن مبارڪن سان ڏنل سامان پنهنجي پليٽن مان کڻي کائڻ لڳاسين. جنهن ۾ چَهرو گهٽ مٺو زياده هو. مون هميشه وانگر ناسپاتين جو تازو جوس پنهنجي لاءِ ورتو پر انهيءَ کان اڳ پاڻيءَ جو گلاس به پيتم ، کائيندي پيئندي ڪنن تي چڙهيل ايئرفون تي ميوزڪ ٻڌندي هنن حسين محجبين ايئرهوسٽس کي ڏسندي هوائي جهاز لاس اينجلس پهچڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي.
    جهاز جيئن ئي هيٺ زمين ڀيڙو ٿيو ته اسان پنهنجو سامان کڻي جهاز مان نڪري سواءِ ڪنهن به چيڪنگ جي ايئرپورٽ بلڊنگ مان نڪري ٻاهر اسان جي انتظار ۾ بيٺل ڪار ۾ چڙهي پنهنجي رهائش جي جڳهه تي پهتاسين. ڪجهه دير آرام ڪرڻ کان پوءِ اُٿيس. مون اڄ جي اخبارن تي سراسري نظر وڌي. اڄ جي اخبارن ۾ لاس اينجلس شهر ۽ ان جي واپار ۽ سياحت تي خاص مضمون لکيل هئا. شايد اڄ ڪو خاص ڏينهن هو.
    لاس اينجلس ۽ ان جا پاڙيسري علائقا تجارت، صنعت، اعليٰ صنعت، زراعت ۽ فضائي حرفت جي لحاظ سان آمريڪي ترقيءَ لاءِ پاور هائوس جي حيثيت رکندڙ آهن. اقتصادي لحاظ کان ڪيليفورنيا رياست پوري دنيا ۾ ڇهون نمبر وڏي ۾ وڏي قوت جي حامل آهي. آمريڪا جي سڀني رياستن کان اها پيداوار، زراعت توڙي وندر ۽ ورونهن ۾ گهڻو اڳتي آهي. باقي فقط تيل ۽ گئس ۾ اها چوٿون نمبر آهي. باقي واپار ۾ گهاٽي واڌي اها سڄي آمريڪا وانگر هتي به ڪڏهن ڪڏهن ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ هي شهر اهڙي ته بهترين هنڌ تي قائم آهي. جتي هر طرح سان واڌاري، سڌاري، ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جا موقعا دائمي طور موجود آهن.
    پئسفڪ رائيزنگ Pacific Rising ڪتاب جي ليکڪ سائمن ونچيسٽر لکيو آهي ته ”لاس اينجلس شهر پئسفڪ سمنڊ جي حوالي سان اهڙي حيثيت حاصل ڪندو. جيڪا حيثيت ايٽلانٽڪ سمنڊ سان وابسته شهر نيويارڪ کي حاصل آهي. اهو قدرتي طور تي ايڪيهين صديءَ ۾ دنيا جو هڪڙو عظيم ۽ نهايت شاندار گيٽ وي، زبردست بندر، بيحد پيارو شاهوڪار ترين، جديد ترين ۽ تمام گهڻي آدمشماريءَ وارو شهر ٿي ويندو.“
    لاس اينجلس پنهنجي مختصر مگر شاندار ماضيءَ موجب پنهنجي بيهڪ ۾ خوشنصيب شهر آهي. شهر جي اوڀر ۾ صحرائن ۽ پهاڙي سلسلي جي صورت ۾ تقريباً شهر جي سرحد متعين آهي. طبعي نفسياتي ۽ اقتصادي وسيلا توڙي موقعا شهر جي اولهه طرف وافر مقدار ۾ موجود آهن. جتي ايشيائي ماڻهن جي اچڻ سان مذڪوره وسائل ۾ ترقي ۽ خوشحالي حقيقي روپ ڌاريندي. جيئن هن جي ڏکڻ ۾ سين ڊيگو ۽ اتر ۾ سينفرانسسڪو شهر جي اهميت رهي آهي. مگر لاس اينجلس شهر جي پوري پيسفڪ ساحل تي سمورن شهرن جي ڀيٽ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
    سنڌيءَ ۾ چوندا ته: ”ابي چاڙهي (ڪُني) ادي چاڙهي مون نه چاڙهي ڄڻ ته ڪنهن نه چاڙهي“ سو سائين آمريڪا ۽ ڪيليفورنيا ۽ لاس اينجلس ته امير آهن پر پنهنجي ملڪ پاڪستان ۽ سنڌ جا ته حال ڏينهون ڏينهن وڃن هيڻا ٿيندا.
    ماڻهو چاهين ٿا ته هت ڪم وارا ۽ دولت وارا ماڻهو اچن جيئن ڪم به ٿئي ۽ دولت به اچي، نه ڪي هت کوٽي ۽ کٽل اچن. جنهن ڪري ئي ٿائي، بنگلاديش، فلپنو ۽ انڊين کي هت مزوري لاءِ گهرائيندي پسند ڪيو ويندو آهي. ڇو ته هي ويچارا محنت به گهڻي ڪندا آهن ۽ ڏاڍا هيڻا ۽ رضا تي راضي رهڻ وارا هوندا آهن. مون خود به آمريڪا، يورپ، سعودي عربستان ۽ دبئي ۾ به ڏٺو ته انهن ملڪن جا شهري اُت وڏي تعداد ۾ آباد هئا. اسان هت هڪ سپرمارڪيٽ ۾ وياسين، جيڪا تمام وڏي هئي. لاس اينجلس جا فري ويز ۽ سپر اسٽور ايڏا ته وڏا آهن جو آمريڪا ۾ ته ٺهيو پر دنيا ۾ به ڪو نه هوندا.
    اسان هت خريداري ته گهٽ ڪئي پر مڙئي ٽائيم پاس ڪرڻ ۽ هت وڙڪڻ ڪري ڪافي وقت لڳايو. مون ڪجهه دوائون ۽ شرٽس خريد ڪيون نظام اسان لاءِ سٺا جوس ۽ ٻيو گهر جي استعمال لاءِ سامان خريد ڪيو. ايڏو وڏو اسٽور هو ۽ ايڏي وڏي تعداد ۾ شمعدان ۽ لائيٽن جي جهرمر هئي جو دل ئي ڪو نه ٿي چاهيو ته هتان نڪرون پر رات جو نظام جي دوستن جي دعوت هئي سو هتان نڪري گاڏيءَ ۾ چڙهي شهر مان ڦرندا گهرندا اچي گهر پهتاسين. جت سامان رکي هڪ ٻه فون ڪري اسان، اسان جي ميزبان جي گهر ڏانهن روانا ٿياسين. لاس اينجلس شهر سڌاري لاءِ تبديلي آڻڻ جا هر ماڻهوءَ لاءِ موقعا فراهم ڪري ٿو پر عقل ۽ محنت جي به ضرورت آهي نه ته اسان جا ڪيترا سارا واقفڪار سالن کان آمريڪا ۽ انگلينڊ ۾ رهندا آهن پر سيٽ نه ٿي سگهيا آهن ۽ ڏاڍا پريشان آهن. هن شهر جي مٿان تمام ڪشادو آسمان ۽ نهايت وسيع افق موجود آهي. جتي بيشمار وسيلا ۽ موقعا موجود آهن.
    شهر جي مثالي ترقيءَ جا بنياد ڪشادي ۽ وسيع علائقي، بي انداز جائداد، اوسر ۽ بي تحاشا آمدرفت تي قائم آهن. مغربي دنيا ۾ هن شهر کي خوابن کي تعبير ڏيڻ واري فيڪٽري طور بيان ڪيو ويندو آهي. انهيءَ چوڻي موجب اهو سدائين ترقي ۽ خوشحاليءَ جا ڪيترائي خواب ڏسندو ۽ تعبير ڪندو رهندو آهي.
    ڪڏهن ڪا عارضي تعمير پڻ مستقبل جي امڪان کي روشن ڪري وجهي ٿي. ڀلا لاس اينجلس کانسواءِ ٻيو ڪهڙو هنڌ يا شهر اعليٰ پايي جي، جديد فني شاهڪارن کي ڪنهن دُڪان ۾ سجائي سگهيو ۽ انهن تي ”عارضي همعصر“ وارو نالو رکي سگهبو ڇا؟ عجيب ڳالهه اها پڻ آهي واقعي! لاس اينجلس جي موجودات پڻ گهڻي ڀاڱي عارضي ٿي سگهي ٿي ۽ لاس اينجلس همعصر شهر ته از خود آهي ڇو ته ٻيا به ڪيترائي شهر هن جي عمر جيترا ۽ هن سان گڏ دنيا ۾ بلڪه پيسفڪ ساحل تي موجود آهن.
    شهر جو فري وي، سڌريل، گهڻو وهندڙ ۽ ڏاڍي رش وارو آهي. جتي ڪڏهن ڪڏهن ٽريفڪ جام ٿيڻ سان بدمزگي ۽ بدامني پڻ سرزد ٿيندي آهي. جنهن جو ذڪر آئون اڳ به ڪري آيو آهيان. لاس اينجلس اهو شهر آهي جنهن ۾ مِڪي مائوس جهڙا مزيدار ڪارٽون، پيزا جهڙا لذيذ طعام ۽ ويليٽ جهڙا مزدور جٿي ڪٿي ملندڙ هجن ۽ جهڙو ڪر آمريڪي خواب وارو دلفريب ناٽڪ جاري هجي، جيڪو سڄي آمريڪا ۾ فقط هن ئي شهر ۾ موجود آهي. ڇو ته پوري آمريڪا ۾ اها اضافي خصوصيت فقط هن ئي شهر کي حاصل آهي.
    ماحوليات جي ماهر ليکڪ واليس اسٽيگلز جي تجزيي موجب ”آمريڪا اهڙو ملڪ آهي، جنهن ۾ هر شيءِ جي فراواني آهي“ واقعي هت هر شئي جي گهڻائي آهي. اهو پر رئونق آهي هتي ڪا به شيءِ گهٽ يا غير معياري ڪانهي. هتي ناممڪن ڳالهيون امڪان ۾ ايندي محسوس ٿين ٿيون.
    شِوِ نيپال نالي هڪڙي ٻئي ليکڪ جي بيان موجب آمريڪا فقط قسمت آزمائيندڙن ۽ ڪاميابي چاهيندڙن جي آماجگاهه ڪونهي، پر هي نئون تشخص پيدا ڪرڻ وارن جو پڻ ملڪ آهي.
    تنهنڪري ڪيليفورنيا وارن جو نصب العين يوريڪا Eureka شايد واقعي درست آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ته ”مون لڌو آهي.“ مطلب ته هي اهو هنڌ آهي جتي مون کي زندگي جون عظيم ڪاميابيون حاصل ٿينديون آهن. واقعي عقل ۽ محنت سان ماڻهو آمريڪا ته آمريڪا آهي پر غريب ملڪن ۾ به وڏيون ترقيون ڪري مقام حاصل ڪيو آهي. ڳالهين ڳالهين ۾ اچي اسان پنهنجي ميزبان جي گهر پهتاسين. جت اسان جا ميزبان اسان جا منتظر هئا، رڳو اسان جي اچڻ جي دير هئي. اسان هڪ ٻئي سان ملي اندر ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿياسين. اسان جي ميزبانن ٻين به دوستن کي دعوت ڏني هئي جيڪي پڻ ڊرائينگ روم ۾ ويٺل هئا. انهن جو اسان سان تعارف ڪرايو ويو. اُهي سڀ پنجابي هئا. هت سندن وڏا ڌنڌا ڌاڙي هئا ۽ نظام جا ويجها دوست هئا. جنهن ڪري اسان جي دعوت ڪئي هون. ڊرائينگ روم ۾ لائيٽ تمام گهٽ هئي ۽ هلڪي ميوزڪ هلي رهي هئي. ”دورپي دور چلي“ شايد اسان جي دير سان پهچڻ ڪري اڳ ئي جاري هو.
    گهر تمام نفاست سان سيٽ ڪيل هو ۽ هڪ پر تڪلف دعوت جو اهتمام ٿيل هو. ملڪي، غير ملڪي، سياسي ۽ معاشي حال احوال ٿيا. آخر ۾ هڪ تمام پر تڪلف ڊنر جو اهتمام ٿيو. اسان دير سان واپس گهر پهتاسين ۽ دير سان سُتاسين ٻئي ڏينهن ايئرپورٽ پهچي جهاز ۾ عملي طرفان روايتي خوش آمديد جو جواب ڏئي وڃي اندر پنهنجي سيٽ ڀيڙو ٿيس. چند منٽن کان پوءِ جهاز رن وي تي ڊوڙڻ لڳو ۽ ايئن آئون آمريڪا کي آخري دفعو ڏسندو پيسفڪ سمنڊ مٿان جهاز ۾ اڏامي رهيو آهيان.


    آمريڪا بابت

    1000ع ۾ ليف ايرڪسن نالي هڪ مهم جُو يورپي جهاز ران اتر آمريڪا جي سامونڊي حدن ۾ اچي داخل ٿيو.
    1492ع آڪٽوبر 12 ۾ مشهور عالم جهاز ران ڪرسٽوفر ڪولمبس Christopher Columbus ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ ۾ طوفان جي ضد ۾ اچي آمريڪي ساحل تي پهتو ۽ سين سلوادو San Slavador ٻيٽ تي لنگر انداز ٿيو.
    1607ع ۾ ورجينا رياست جي جيمس ٽائون James Town شهر ۾ انگريزن جي پهرين ڪالوني قائم ٿي ۽ انگريز سڀ کان پهرين هن شهر ۾ اچي آباد ٿيا.
    1619ع جولاءِ 30 ۾ House of Burgesses يعني آمريڪا جي پهرين قانون ساز اسيمبلي هن ئي جيمس ٽائون شهر ۾ پنهنجو اجلاس منعقد ڪيو.
    1620ع ۾ انگريزن جي مساچوسيٽس Massachusetts واري ڪالوني ۾ مي فلار May flower نالي سياسي تنظيم آبادگارن جي Settlers اڪثريت راءِ موجب پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.
    1636ع آڪٽوبر 28 ۾ مساچوسيٽس بليڪ جي ڪيمبرج Cambridge شهر ۾ هارورڊ ڪاليج Harward College قائم ڪيو ويو، جيڪو آمريڪا ۾ پهريون ڪاليج هو.
    1647ع ۾ مساچوسيٽس حڪومت قانون جو اسڪول Law of School جو بنياد رکيو جتي مفت تعيلم ڏني ويندي هئي.
    1774ع سيپٽمبر 5 ۾ پينسلوانيا نالي ڪالونيءَ جي شهر فُلاڊيلفيا Philadelphia ۾ آمريڪي نوآبادين جي ڏکوئيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاءِ آمريڪا کنڊ وارين نوآبادين جي ڪانگريس جو اجلاس منعقد ٿيو.
    1775ع اپريل 19 ۾ مساچوسيٽس نوآباديءَ جي شهر ليڪسنگٽن Lexington ۾ آمريڪا جي آزاديءَ لاءِ برطانيا خلاف جنگ شروع ٿي جتي ڌرين هڪٻئي خلاف فائرنگ به ڪئي.
    1776ع جولاءِ 4 ۾ آمريڪا ۾ برطانيا جي تيرهن ڪالونين انگلينڊ کان آزاديءَ حاصل ڪرڻ واري پڌرنامي تي هڪڙي اجلاس ۾ صحيحون ڪيون ۽ فلاڊيلفيا شهر ۾ آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
    1781ع آڪٽوبر 17 ۾ ورجينيا رياست جي يارڪ ٽائون Yarktown شهر ۾ برطانيا جي جنرل ڪارن والس General Corn Wallis هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي.
    1787ع ۾ آمريڪا جي آزاد رياستن جي اتحاد جو فلاڊيلفيا شهر ۾ تاريخي ڪنوينشن ڪوٺايو ويو، جنهن دوران ڪنفيڊريشن جي آئين جو گهرو جائزو ورتو ويو ۽ رياستن جي اتحاد لاءِ تبديل ٿيل صورتحال موافق هڪ نئين آئين جو مسودو تيار ڪيو ويو.
    1791ع تي جارج واشنگٽن George Washington کي آمريڪا جي رياستن جو پهريون صدر چونڊيو ويو.
    1781ع ۾ آئين ۾ پهريون ڏهه ترميمون ڪري انهيءَ ۾ The bill of rights يعني شهرين جي حقن وارو قانون شامل ڪيو ويو.
    1793ع ۾ هڪڙي سائنسدان ايلي وٽني Eli Whitney ڦٽين مان ٻج ڪڍڻ واري مشين Cotton Jinning Machine يعني ڪپهه ٽاڻڻ واري مشين ايجاد ڪئي.
    1794ع ۾ آمريڪي ڪانگريس ٽپال جي نظام متعلق قانون First Postal Service law جوڙيو.
    1800ع ۾ ٿامس جيفرسن Thomas Jefferson آمريڪا جو ٽيون صدر چونڊيو ويو.
    1801ع ڊسمبر 1 ۾ آمريڪا جي وفاقي راڄڌاني فلاڊيلفيا شهر مان کڻي ورجينيا رياست جي شهر واشنگٽن ڊي سي Wahsington D.C ۾ قائم ڪئي وئي.
    1803ع ۾ آمريڪا فرانس کان سندس ڪالوني لوزيانا Louisiana خريد ڪئي، جنهن ڪري آمريڪا جي گڏيل رياستن جي ايراضي تقريباً ٻيڻي ٿي وئي.
    1804ع ۾ آمريڪا جي اتر اولهه وارن ڀاڱن جي پڙتال ۽ جائزي خاطر Lewis and Clark Expedition نالي کوجنا واري مهم چالو ڪئي وئي.
    1807ع ۾ رابرٽ فُلٽن Robert Fulton نالي هڪڙو آمريڪي جهاز ران ٻاڦ تي هلندڙ پهرين ٻيڙيءَ وسيلي هڪڙو ڪامياب چڪر لڳائي آيو.
    1818ع ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ ڪيناڊا جي وچ واري غير مستحڪم سرحد بابت هڪڙو ٺاهه ڪيو ويو.
    1819ع ۾ آمريڪا اسپين کان سندس آمريڪي بيٺڪ فلوريڊا Florida خريد ڪئي.
    1823ع ۾ مونرو ڊاڪٽرائين Monroe Doctrine نالي هڪ قانون تحت آمريڪي رياستن ۾ يورپي ماڻهن جي آبادڪاريءَ تي سرڪاري بندش وڌي وئي.
    1828ع ۾ Andrew Jackson آمريڪا جو ستون صدر چونڊجي آيو. انهيءَ ساڳئي سال آمريڪا ۾ ريلوي لائين وڇائي وئي.
    1833ع ۾ Hussey Reaper ۽ سن 1834ع ۾ Mc cormick Reaper نالن سان اناج وارن فصلن جو لابارو ڪرڻ واريون مشينيون ايجاد ٿيون جن ان ڏس ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو.
    1839ع ۾ چارلس گڊييئر Charles Goodyear نالي آمريڪي سائنسدان رٻڙ جون خاصيتون بدلائي بهتر ڪرڻ لاءِ هڪ مخصوص طريقو ايجاد ڪيو انهيءَ طريقي کي Vulcanization سڏجي ٿو. هن طريقي کي ڪم آڻيندي رٻڙ مان هزارين ڪم ورتا وڃن ٿا.
    1844ع ۾ سيميول ايف بي مورس Samual F.B. Morse واشنگٽن ڊي سي کان بالٽيمور Baltimore، ميري لينڊ Mary land پهريون ٽيليگراف ميسيج موڪليو.
    1860ع ۾ ابراهام لنڪن Abraham Lincoln آمريڪا جو سورهون صدر چونڊجي آيو. ساڳئي سال 20 ڊسمبر تي ابراهام لنڪن جي صدر چونڊجڻ تي احتجاج ۽ خوف تحت ڏکڻ ڪيرولينا ٻين ڇهن ڏاکڻين رياستن سميت آمريڪي رياستن جي وفاق مان نڪري پنهنجي الڳ ڪنفيڊريشن ٺاهي ڇو ته هنن رياستن ابراهام لنڪن واري عام غلامن کي آزاد ڪرڻ واري خيال جي مخالفت ڪئي هئي. تنهنڪري هنن رياستن، جي جدا ٿيڻ واري سوال تي سن 1861ع ۾ ڌرين ۾ جنگ ڇڙي پئي.
    1862ع ۾آمريڪا جي هر رياست ۾ زرعي ۽ هنري ڪاليجن لاءِ زمين مخصوص ڪرڻ لاءِ هڪڙو قانون جوڙيو ويو، زمين گرانٽ ڪئي وئي.
    1863ع جنوري 1 ۾ صدر ابراهام لنڪن سمورين ڏاکڻين رياستن ۾ غلامن جي آزاديءَ بابت حڪم جاري ڪيو.
    1865ع اپريل 9 ۾ ڏاکڻين باغي رياستن جي ڪنفيڊريشن طرفان هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃڻ سبب اتر ۽ ڏکڻ وارين رياستن ۾ هلندڙ گهرو لڙائي پڄاڻيءَ تي پهتي پر 14 اپريل تي صدر لنڪن رات جي وقت هڪ ٿيٽر ۾ قاتلانه حملي سبب سخت زخمي ٿي پيو ۽ صُبح جو دم ڏنائين. ساڳئي سال آمريڪي آئين ۾ تيرهين ترميم ڪري هر قسم جي غلاميءَ تي مڪمل بندش وڌي وئي.
    1867ع ۾ الاسڪا واري رياست روس کان خريد ڪئي وئي.
    1868ع ۾ آئين ۾ چوڏهين ترميم ڪري آمريڪا ۾ پيدا ٿيل، سانڍيل ۽ غلام ڪري رکيل سمورن ماڻهن کي آمريڪا جي شهريت عطا ڪئي وئي.
    1869ع مئي 10 ۾ اتاهه Utah رياست ۾ پرومونٽري Promontary نالي ماڳ وٽ هڪڙي زبردست جنڪشن تعمير ڪري سينٽرل پيسفڪ ريلويز Central Pacific Railways ۽ يونين پيسفڪ ريلويز Union Pacific Railways کي ڳنڍي ٽرانسڪانٽينينٽل ريل روڊ جي تشڪيل ڪئي وئي.
    1870ع ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ووٽ ڏيڻ وارو کسيل حق آئين ۾ پندرهين ترميم وسيلي بحال ڪيو ويو.
    1878ع ۾ آمريڪا ۾ پهريون ٽيليفون ايڪسچينج کليو.
    1879ع ۾ مشهور سائنسدان ٿامس ايڊيسن بجليءَ جو بلب ايجاد ڪيو.
    1889ع ۾ آمريڪي وفاق ۾ شامل ايڪيهين رياستن عالمي تعلقات ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ واسطي پَين آمريڪن يونين Pan-American Union جي نالي سان هڪڙو ادارو منظم ڪيو.
    1898ع ۾ اپريل جي مهيني ۾ آمريڪا اسپين ملڪ سان جنگ شروع ڪئي ۽ جولاءِ ۾ بند ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪڙو جامع ۽ واضح ٺاهه ٿيو، جنهن تحت اسپين ڪيوبا آزاد ڪيو. ويسٽ انڊيز ٻيٽ ۽ پورٽوريڪو پڻ اسپين خالي ڪيا. گئام ۽ فلپائين نالي ايشيائي نو آباديون آمريڪا اسپين کان ويهه ملين ڊالرن جي رقم سان خالي ڪرايون.
    1901ع سيپٽمبر 6 تي نيويارڪ شهر ۾ منعقد عالمي نمائش ۾ موجود هئڻ دوران آمريڪي صدر وليئم مِڪنلي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، سو حملي جي اٺين ڏينهن 14 سيپٽمبر 1901ع تي گذاري ويو. انهيءَ ڪري موجود نائب صدر مسٽر ٿيوڊور روز ويلٽ، صدارتي عهدي تي فائز ٿي ويو.
    1902ع ۾ ڪيليفورنيا رياست ۾ شهر لاس اينجلس ۾ سئنيما ٺهي چالو ٿي، جتي بجليءَ تي هلندڙ فلمون ڏيکارڻ لڳا، هيءَ سئنيما سڄي آمريڪا ۾ ٺهندڙ اولين فلم هائوس هو.
    1903ع ڊسمبر 17 ۾ اوليور ۽ ولمبر رائيٽ ٻه ڀائر مشين وسيلي هلندڙ هوائي جهاز اڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هنن پنهنجو ٺهيل جهاز اتر ڪيرولينا رياست جي ڪِٽي هاڪ Kitty Wawk نالي ماڳ وٽ اڏايو هو. انهيءَ سال آمريڪا ۾ هڪڙي فلم The Great Train robbery نالي ٺاهي وئي جنهن ۾ ناٽڪ جي فني نڪتن کي جديد مغربي انداز سان پيش ڪيو ويو هو.
    1906ع ۾ صدر ٿيوڊور روز ويلٽ پهريون آمريڪي صدر هو جنهن کي نوبل پرائيز مليو هو.
    1907ع ۾ البرٽ مچلسن پهريون ماهر طبعيات آمريڪي هو جنهن کي نوبل انعام ڏنو ويو هو.
    1908ع آڪٽوبر 1 ۾ هينري فورڊ هڪڙي سستي موٽرڪار متعارف ڪرائي ۽ آمريڪا ۾ موٽرڪارن ٺاهڻ جو دور چالو ڪيو.
    1909ع اپريل 6 تي آمريڪي امير البحر مسٽر رابرٽ پيئري ڌرتي جي اتر قطب جي آرڪٽڪ نالي برفي سمنڊ ۾ پهچي ويو .
    1912ع ۾ وُڊرو وِلسن Woodrow Wilson آمريڪا جي 28 صدر طور چونڊجي آيو. هن ئي سال اليڪسزڪيرل پهريون آمريڪي ماهر طب هو جنهن کي نوبل انعام مليو.
    1914ع آگسٽ 15 ۾ وچ آمريڪا جي پيناما رياست ۾ کوٽيل پيناما ڪئنال جو افتتاح ٿيو. هن ڪئنال جي کلڻ سان ائٽلانٽڪ وڏي سمنڊ کان پيسفڪ وڏي سمنڊ ۾ جهاز ڏکڻ آمريڪا جي هيٺان ڦيري کانسواءِ آسانيءَ ۽ ٿوري وقت اندر داخل ٿين ٿا.
    هن سال نوبل انعام کٽيندڙ پهريون آمريڪي ڪيميادان مسٽر رچرڊس T.w Richards هو.
    1915ع ۾ گرائفٿ D.W. Griffith هڪڙي فل سائيز جي فيچر فلم The brith of a nation نالي سان ٺاهي جيڪا ڪيترن ئي سالن تائين فلم سازن لاءِ اتساهه جو باعث رهي.
    1917ع اپريل 6 تي جرمنيءَ طرفان آمريڪا سان ٿيل معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ سبب آمريڪا پهرين عالمي لڙائيءَ ۾ شامل ٿي ويو.
    1918ع نومبر 11 تي صلح جي ٺاهه موجب پهرين عالمي لڙائي ختم ٿي.
    1919ع ۾ آمريڪا جي آئين ۾ ارڙهين ترميم ڪري آمريڪا ۾ الڪوهل يعني شراب ۽ شراب وارن مشروبات جي استعمال تي بندش وڌي وئي.
    1920ع ۾ آئين ۾ اوڻيهين ترميم وسيلي عورتن کي ووٽ ڏيڻ جو حق تسليم ڪري ان جي گارنٽي ڏني وئي.
    1927 جنوري 1 تي پهريون دفعو روزبائول فوٽ بال گيم بابت نيشنل براڊ ڪاسٽنگ ڪمپني خاص پروگرام نشر ڪيو جيڪو سڄي ملڪ ۾ ٻڌو ويو. هن ئي سال Charles Lindbergh نالي هواباز اڪيلي سر نيويارڪ کان پئرس تائين هڪڙي جهاز کي اڏائيندو ويو.
    1928ع ۾ وارنر برادران The jazz Singer نالي آواز واري پهرين فيچر فلم ٺاهي انهيءَ فلم فلمي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
    1929ع آڪٽوبر 29 تي آمريڪا ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ زبردست لاٿ آئي، جنهن سبب آمريڪا جي اقتصادي صورتحال تمام خراب ٿي وئي.
    1930ع ۾ مسٽر سنڪليئر پهريون آمريڪي هو جنهن ادب ۾ نوبل انعام حاصل ڪيو.
    1932ع ۾ فرينڪلن ڊي روزويلٽ آمريڪا جو 32 صدر چونڊجي آيو.
    1933ع ۾ روز ويلٽ جي زير صدارت آمريڪي حڪومت New deal نالي سان هڪڙو پروگرام شروع ڪيو جنهن وسيلي بيروزگارن لاءِ روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا ويا، زرعي جنسن جا اگهه وڌايا ويا، بينڪن جي ڪارڪردگيءَ ۾ گهربل سڌارا آندا ويا.
    1935ع ۾ آمريڪي ڪانگريس هڪڙو قانون پاس ڪيو جنهن کي Social Security Act سڏيو ويو. جنهن تحت عمر رسيده ماڻهن، نابينن ۽ مجبورن، ٻارن جي ڀلائي، امداد ۽ بيروزگارن جي روزگار جي پيدا ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيو ويو.
    1936ع ۾ فرينڪلن روز ويلٽ ٻيو دفعو ۽ سن 1940ع ۾ ٽيون دفعو اڻڄاڻايل مدي تائين آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو.
    1939ع ۾ سڄو يورپ ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ شامل هوندي به آمريڪا نيوٽرل رهڻ جو اعلان ڪيو.
    1941ع ۾ آمريڪي ڪانگريس لينڊ ليز ايڪٽ منظور ڪيو ۽ 11 مارچ 1941ع تي صدر روز ويلٽ صحيح ڪئي.
    1941ع ڊسمبر 7 تي جاپان پرل هاربر تي هوائي حملو ڪري بمباري ڪئي، جنهن ڪري آمريڪا به ٻي عالمي لڙائي ۾ شامل ٿي ويو.
    1942ع جون 3 ۾ آمريڪا Battle of Midway واري لڙائي ۾ مشغول ٿي ويو.
    1942ع نومبر 4 ۾ آمريڪي فوجون اتر آفريڪا ۾ داخل ٿي ويون.
    1942ع ڊسمبر 2 ۾ شڪاگو يونيورسٽي جي ماهرين طبعيات Nuclear Chain Reactior نالي سان ايٽمي توانائي حاصل ڪرڻ بابت تجربن جي روشنيءَ ۾ هڪڙو اصول واضح ڪيو.
    1943ع جولاءِ 9 ۾ آمريڪا ۽ سندس جنگي اتحادين جون فوجون سِسلي ۾ داخل ٿيون.
    1944ع جون 4 تي اتحادي فوجون روم شهر تي قابض ٿي ويون ۽ يورپ جا جرمني طرفان فتح ڪيل ملڪ آزاد ڪرائڻ لاءِ اتحادين پنهنجون فوجون نارمنڊيءَ جي ساحل تي آڻي پهچايون.
    1944ع آگسٽ 24 تي پئرس شهر آزاد ڪرايو ويو. ساڳئيءَ سال آمريڪي فوجون فلپائين ۾ داخل ٿيون.
    1944ع نومبر 7 تي روز ويلٽ چوٿون دفعو آمريڪا جو صدر چونڊيو ويو.
    1945ع اپريل 12 ۾ صدر روز ويلٽ دماغي نبض ٽٽڻ سبب وفات ڪئي، سندس جاءِ تي نائب صدر هينري ٽرومين کي صدر مقرر ڪيو ويو.
    1945ع اپريل 25 ۾ آمريڪي فوجون سوويت فوجن سان جرمنيءَ جي ٽورگائو Torgau شهر ۾ اچي گڏيون.
    1945ع مئي 7 تي جرمنيءَ هٿيار ڦٽا ڪري آڻ مڃي.
    1945ع جون 26 تي آمريڪا سان گڏ پنجاهه ملڪن اقوام متحده جي چارٽر تي ڪيليفورنيا رياست جي شهر سينفرانسسڪو ۾ دستخط ڪيا.
    1945ع آگسٽ 14 تي جپان آمريڪا اڳيان آڻ مڃي ۽ ايشيا ۾ جنگ ختم ٿي.
    1946ع جولاءِ 4 تي فلپائين کي آزادي ڏني وئي. هن ئي سال اقوام متحده جي طرفان قائم ڪيل ايٽمڪ انرجي ڪميشن جي آمريڪي نمائندي دنيا ۾ ايٽمي توانائي تي ضابطو رکڻ لاءِ انٽرنيشنل ايٽمڪ ڊيولپمينٽ اٿارٽي نالي هڪ ادارو قائم ڪرڻ بابت هڪڙو دستاويز پيش ڪيو.
    1948ع نومبر 2 ۾ هيري ٽرومين غير متوقع طور صدر چونڊيو ويو. هن سال جون 47ع ۾ وزير خارجه جارج مارشل طرفان مرتب ڪيل ”مارشل پلان“ نافذ ڪري جنگ ۾ تباهه ٿيل يورپي اتحادين کي پهرئين سال ۾ ڇهه هزار ملين ڊالر امداد طور ڏنا. انهيءَ سال سوويت يونين جي فوجن اولهه برلن جي رستي جي ناڪابنديءَ سبب ماڻهن کي کاڌو، ٻارڻ ۽ ٻيون ضروري شيون هوائي جهازن وسيلي پهچايون ويون.
    1949ع ۾ آمريڪا، ڪئناڊا ۽ اولهه يورپ جي ملڪن سان گڏجي ميمبرن ملڪن سان مخالفن جي حملي جي صورت ۾ بچاءُ ۽ مدد لاءِ نارٿ ائٽلانٽڪ ٽريني آرگنائيزيشن يعني Nato نيٽو قائم ڪئي.
    1950ع جون 27 ۾ آمريڪا جي سربراهيءَ ۾ اقوام متحده جون فوجون اتر ڪوريا جي حملي کان بچاءَ خاطر ڏکڻ ڪوريا ۾ داخل ٿيون.
    1951ع سيپٽمبر 8 ۾ آمريڪا ۽ اقوام متحده جي ميمبر ملڪن سان جپان طرفان ٿيل ٺاهه تي صحيحون ڪيون ويون.
    1951ع ڊسمبر 20 ۾ آمريڪا ۾ پهريون ايٽمي توانائي وسيلي هلندڙ بجلي گهر چالو ٿيو.
    1952ع ۾ ڊوائيٽ دي آئزن هاور جي آمريڪا جي صدر طور چونڊڻ سان آمريڪي ريپبليڪن پارٽي ويهن سالن کان پوءِ وري اقتدار ۾ آئي.
    1954ع ۾ آمريڪي حياتياتي ڪيميادان ڊاڪٽر جوناس-اي سالڪ پوليو کان بچاءَ واري ويڪسين ايجاد ڪئي.
    1955ع ۾ جنيوا ڪانفرنس ۾ صدر آئزن هاور عالمي سطح تي هٿيار گهٽائڻ بابت هڪڙي رٿ پيش ڪئي. هن ئي سال جي ڊسمبر مهيني ۾ ڊاڪٽر مارٽن لوٿر ڪنگ، شهري حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ قومي ليڊر طور نمودار ٿيو. هن اها حيثيت مونٽ گمري ۽ الاباما جي بسن وارن جي نسلي بنيادن تي مسافرن کي جدا جدا بسن ۾ کڻڻ واري قدم جي خلاف، يڪو سال بائيڪاٽ واري ڪامياب احتجاج کان پوءِ حاصل ڪئي.
    1958ع جنوري 31 ۾ آمريڪا ايڪسپلورر 1- (Explorer.1) نالي پهريون سيٽ لائيٽ خلا ۾ موڪليو.
    1959ع ۾ آمريڪي رياستن جي وفاق ۾ ٻن وڌيڪ رياستن 1- الاسڪا ۽ 2- هوائي، جي شموليت سان آمريڪي رياستن جو تعداد 50 ٿي ويو.
    1960ع ۾ جان-ايف ڪينيڊي، آمريڪا جو پنجٽيهون صدر چونڊيو ويو.
    1961ع ۾ آمريڪا ۾ هڪ پيس ڪور Peace Corps يعني امن فوج قائم ڪئي وئي. هن ئي سال ۾ 5 مئي تي ايلن بي شيپارڊ جونيئر Alan B. Shepard Junior پهرين آمريڪي خلاباز طور خلا ۾ سفر ڪيو ۽ 20 فيبروري 1962ع ۾ خلا باز جان ايڇ گليف پهرين آمريڪي خلاباز طور ڌرتيءَ جي مدار جو چڪر لڳايو. هن سال 15 مارچ تي هٿيار گهٽائڻ واري آمريڪي رٿ سوويت يونين رد ڪري ڇڏي.
    1963ع جولاءِ 25 ۾ آمريڪا، برطانيا ۽ سوويت يونين ڪجهه تجربن تي بندش بابت ٺاهه تي راضي ٿيا جنهن تي ايندڙ 10 آڪٽوبر تي عمل ڪرڻو هو.
    1963ع آگسٽ 28 تي ٻن لکن کان وڌيڪ ماڻهن، شهري حقن بابت مجوزه قانون سازيءَ جي حق ۾ واشنگٽن شهر ۾ مارچ ڪيو، هن ئي سال نومبر جي 22 تاريخ تي صدر ڪينيڊي گولين سان قتل ٿيو. صدارتي عهدي تي سندس نائب صدر، لنڊن بينز جانسن قسم کنيو.
    1964ع جولاءِ 2 تي صدر جانسن شهري حقن واري قانون تي صحيح ڪري اهو نافذ ڪيو، انهيءَ قانون تحت سمورن پبلڪ پليسز يعني سرڪاري ادارن ۾ رنگ ۽ نسل جو مت ڀيد ختم ڪيو ويو.
    1965ع ۾ تعليم، طبي نگهداشت، گهرن جي اڏاوت، مختلف فنون، وفاقي امداد ۾ ووٽ جي حق واري بل سميت شهري حقن واري قانون ۾ توسيع ڪئي وئي.
    هن سال خلائي سفر جي جمني سلسلي وارن ڇهن اڏامن وسيلي آمريڪي خلائي سياستدانن کي چنڊ تي لهڻ لاءِ گهربل ڄاڻ مهيا ٿي، ساڳئي سال آمريڪن Early Bird نالي دنيا جو پهريون ڪمرشل ڪميونيڪيشن سيٽلائيٽ فزا ۾ روانو ڪيو جنهن وسيلي يورپ ۽ آمريڪا ۾ ساڳي ٽيليويزن نشريات پهچي سگهي ۽ ٽيليفون جي سهوليت ۾ ٽئين حصي کان به وڌيڪ واڌارو ۽ سڌارو آيو.
    1966ع ۾ آمريڪا جو سرويئر ون (Surveyor1) نالي راڪيٽ چنڊ تي لٿو، انهيءَ ۾ ڪو خلا باز ڪو نه هو.
    1967ع ۾ اپولو نالي راڪيٽ جي زمين تي آزمائش دوران ٽي خلاباز سڙي مُئا.
    1968ع اپريل 4 تي شهري حقن بابت جدوجهد هلائيندڙ مشهور انقلابي اڳواڻ مارٽر لوٿر ڪنگ کي ٽينيسي رياست جي ميمفس شهر ۾ گوليون هڻي ماريو ويو. هن کي امن جو نوبل انعام پڻ مليو هو.
    ساڳئي سال 5 جون تي قتل ٿيل صدر ڪينيڊيءَ جي ڀاءُ رابرٽ ڪينڊيءَ کي لاس اينجلس شهر ۾ گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو. جتي هو صدارت لاءِ اوائلي چونڊن ۾ ٻن رياستن ۾ ڪامياب ٿيڻ تي منعقد جشن ۾ شامل هو. هو پوءِ سگهو ئي مري ويو.
    8 نومبر تي رچرڊ نڪسن آمريڪا جو 37هون صدر چونڊجي آيو.
    1969ع جولاءِ 20 تي اپولو اليون نالي راڪيٽ ۾ خلاباز نيل آرمسٽرانگ ۽ ايڊون الڊرين، چنڊ گاڏيءَ وسيلي چنڊ تي لٿا ۽ ٻه ڪلاڪ کَن چنڊ جي سطح تي پنڌ ڪري چنڊ جي مِٽي ۽ پٿرن جا نمونا گڏ ڪيا. 21 ڪلاڪن کان پوءِ اهي چنڊ گاڏيءَ وسيلي چنڊ جي مدار ۾ ڦرندڙ اپولو اليون راڪيٽ ۾ اچي داخل ٿيا. هنن خلابازن کي چنڊ تي لهندي ۽ گهمندي ڦرندي ۽ وري واپس ٿيندي ٽيليويزن وسيلي ڌرتيءَ تي ڏٺو پي ويو. ڌرتي ۽ چنڊ جي وچ ۾ چار لک ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي. نومبر ۾ پڻ خلاباز چنڊ تي لٿا هئا. انسان جو چنڊ تي لهڻ وارو هي ٻيو واقعو هو. هن ڀيري خلاباز اتي ڏيڍ سال اڳي ڪريل راڪيٽ سرويئر ٿري جا ٽڪرا پڻ کڻي آيا.
    1970ع ڊسمبر 15 ۾ آمريڪا جي GNP گراس نيشنل پروڊڪٽ يعني قومي پيداوار تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ ملين ڊالرن تي پهتي. هن سال آدمشماري واري کاتي جي پڌرائي موجب آمريڪا جي آدمشماري ويهه ڪروڙ، ٻٽيهه لک، پنجٽيهه هزار ٻه سئو اٺانوي هئي.
    1971ع ۾ آئين ۾ ڇويهين ترميم ڪري ووٽرن جي گهٽ ۾ گهٽ عمر 18 سال مقرر ڪئي وئي.
    1972ع جي فيبروري مهيني ۾ صدر نڪسن چين جو دورو ڪيو ۽ مئي مهيني ۾ روس جو دورو ڪيو. صدارتي عهدي تي فائز هوندي، نڪسن پهريون آمريڪي صدر هو جنهن هنن ٻنهي ملڪن جو دورو ڪيو. 22 مئي تي خطرناڪ هٿيارن گهٽائڻ بابت ٺاهه سالٽ ون (Salt 1) تي ماسڪو شهر ۾ روسي ۽ آمريڪي اڳواڻن صحيحون ڪيون.
    1972ع نومبر 7 تي نڪسن ٻيو ڀيرو به صدر چونڊجي ويو.
    1973ع جنوري 27 ۾ پئرس شهر ۾ ويٽنام ۾ جنگ بند ڪري امن بحال ڪرڻ بابت ٺاهه تي صحيح ڪئي وئي.
    1974ع آگسٽ ۾ واٽر گيٽ اسڪينڊل ۾ ملوث هئڻ جي ثبوتن جي پڌري ٿيڻ ڪري صدر نڪس، پهرئين آمريڪي صدر طور مجبوراً استعيفا ڏني، سندس جاءِ تي نائب صدر جيرالڊ فورڊ صدارت جي عهدي تي فائز ٿيو، هن سال 23-24 نومبر تي آمريڪي صدر فورڊ ۽ روسي صدر برزنيق گڏجاڻي ڪئي ۽ خطرناڪ ايٽمي هٿيار ۽ لانچر گهٽائڻ جو سمجهوتو ڪيو.
    1975ع جولاءِ 17 کان 19 دوران آمريڪا ۽ روس جي خلابازن پنهنجن جدا جدا راڪيٽن مان نڪري شٽل وسيلي هڪٻئي جي راڪيٽن ۾ داخل ٿي ملاقات ڪئي ۽ پنج گڏيل تجربه ڪيا.
    1975ع آگسٽ پهرين تي فنلينڊ جي شهر هيلسنڪي ۾ يورپ ۾ سلامتي ۽ تعاون واري هيلسنڪي معاهدي تي آمريڪا جي صدر فورڊ ۽ يورپ جي 39 ملڪن جي اڳواڻن صحيحون ڪيون، هن ئي سال صدر فورڊ چين جو دورو ڪيو جنهن دوران چيئرمين مائوزيتنگ ۽ وزيراعظم ڍينگ زيائوپنگ سان ملاقات ڪئي.
    1976ع جولاءِ 4 تي آمريڪا پنهنجي آزاديءَ جو ٻه سئو ساله جشن ملهايو، هن سال 20 جولاءِ ۽ پوءِ 3 سيپٽمبر خلائي راڪيٽ وائڪنگ ون ۽ وائڪنگ ٿري مريخ جي سطح تي لٿا، هنن راڪيٽن ۾ ڪو به خلا باز ڪو نه هو. انهن راڪيٽن ۾ نصب مشين مقرر ڪم خوش اصلوبيءَ سان ڪيا.
    1976ع 3 آڪٽوبر کان 21 آڪٽوبر دوران ستن آمريڪين نوبل انعام حاصل ڪيا. انهن ۾ Saul Bellow سؤل بيلو ادب ۾، ملٽن فرائيڊ مين اقتصاديات ۾، بارڪ ايس بلمبرگ ۽ ڊينيئل چارليٽن گاجُڊُ سيڪ ميڊيسن ۾، سيموئل ٽنگ ۽ برٽن اِچٽر فزڪس ۾ ۽ وليئم اين لِپس ڪومب کي ڪيمسٽريءَ ۾ انعام مليا.
    1976ع نومبر 2 تي جمي ڪارٽر آمريڪا جو 39 هون صدر چونڊجي آيو.
    1977ع جون 20 تي الاسڪا رياست جي اتر ۽ ڏکڻ وارن ساحلي شهرن کي ڳنڍيندڙ 1290 ڪلوميٽر ڊگهي آئل پائيپ لائين جو افتتاح ڪيو ويو.
    1977ع سيپٽمبر 7 تي صدر ڪارٽر ۽ پيناما جي اڳواڻ عمر هيرار هڪ سمجهوتي تي صحيحون، ڪيون جنهن موجب سال 2000ع کان وٺي پيناما ڪئنال، پيناما حڪومت جي ملڪيت هوندو ۽ انهيءَ جي ضابطي هيٺ رهندو.
    1978ع ۾ صدر ڪارٽر آمريڪا جي پهرين صدر جي حيثيت ۾ اتر آفريڪا جي صحرائي ڀاڱي جو دورو ڪيو.
    1978ع سيپٽمبر 17 ۾ آمريڪا اسرائيل جي اڳواڻ بيگن ۽ مصري صدر انور سادات جي وچ ۾ ٿيندڙ ڪيمپ ڊيوڊ معاهدي جي ٽياڪڙي ڪئي.
    1979ع جنوري پهرين تي آمريڪا چين سان مڪمل سفارتي تعلقات استوار ڪيا. هن سال جون 18 تي ويانا شهر ۾ سالٽ ٽو نالي معاهدي تي آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ صحيحون ٿيون.
    1980ع نومبر 4 تي رونالڊ ريگن آمريڪا جو 40 هون صدر چونڊجي آيو
    1981ع اپريل 12 تي آمريڪا خلائي اسٽيشن شٽل ڪولمبيا 54 ڪلاڪن تائين ڌرتيءَ جي مدار تي چڪر ڏيندو رهيو جنهن دوران منجهس سوار ٻن خلابازن ڪيترائي مفيد تجربا ڪيا.
    ايسٽرن ڪريبيئن اسٽيس Eastern Caribbean States جي اتحاد گريناڊا جي گورنر جنرل جي آمريڪا کي اپيل کان پوءِ 1983ع آڪٽوبر 25 تي آمريڪا ۽ ڪيريبيئن اتحاد جون امن قائم ڪندڙ فوجون، آمريڪي شهرين کي بچائڻ ۽ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ گريناڊا ۾ داخل ٿيون.
    1983ع نومبر 28 تي اسپين شٽل ڪولمبيا سان گڏ يورپيئن اسپيس ايجنسيءَ جي تيار ڪيل اسپيس ليبارٽري پڻ خلا ۾ پهچائي وئي. جتي آمريڪي ۽ يورپي خلابازن گڏيل تجربا ڪيا.
    1984ع اپريل 26 تي صدر ريگن چين جو دؤرو ڪيو. 12 ۽ 14 نومبر 1984ع تي خلابازن ڊسڪوري نالي شٽل ۾ ٻاهر نڪري ڪميونيڪيشن جي سيٽ لائيٽن جي مرمت جي ڪوشش ڪئي.
    1985ع مارچ 12 ۾ آمريڪا ۽ روس ايٽمي ۽ خلائي هٿيارن متعلق جنيوا شهر ۾ نئين سر ڳالهيون شروع ڪيون.
    1985ع 19 کان 21 نومبر ۾ صدر ريگن ۽ صدر گورباچوف جنيوا ۾ سربراهي ملاقات ڪئي، هتي ٿيل ڳالهين جي نتيجي طور هنن اڳواڻن ٽن مختلف معاهدن تي صحيحون ڪيون.
    1- خطرناڪ ايٽمي هٿيارن جي پنجاهه سيڪڙو گهٽتائي.
    2- انٽرميڊيئيٽ رينج نيوڪليئر فورسز بابت ٺاهه.
    3- هڪ نئون ثقافتي لين دين جو معاهدو.
    2008ع ۾ آمريڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو شيدي باراڪ حسين اوباما صدر چونڊيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471113
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ