ڪتاب جو نالو: ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مومل پبليڪيشن، ٻنون
ڪيٽيگري: سفرنامه
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 01 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 648 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 289 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو يورپ خاص ڪري پئرس ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.
لنڊن ٽاور بابت هو لکي ٿو “لنڊن ٽاور، شهر تي نوَ سئو سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪئي آهي ۽ اڄ پڻ اهو راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اهم علامت وارو ۽ سياحن لاءِ جڳ مشهور ۽ پرڪشش آهي.”
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • سفرنامو --- 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5

  • انتساب

    پنهنجي يارن
    حمزه خان پليجو
    ڊاڪٽر عارب راڄو
    عبدالحڪيم شاهه
    جي نالي
    پارس، پرهه ۽ سپيءَ
    جي نالي

    عبدالحئي پليجو 


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (260) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڳر لڳي ڳالهيون ڪريون“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي جو يورپ خاص ڪري پئرس ۽ لنڊن بابت لکيل سفرنامو آهي.

    هي ڪتاب مومل سنڌو پبليڪيشن پاران سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سفرنامو --- 1

    دروازي کي اليڪٽرانڪ چاٻي هينئم ته دروازي تي لڳل ڳاڙهي بتي بند ٿي وئي وري سائي بتي ٻرڻ لڳي ۽ دروازي جي لاڪ کي گهمايم ته دروازو کُل جا سم سم وانگر خود به خود کلي پيو ۽ اسان علاءُ الدين جادوئي چراغ کڻي اندر ڪمري ۾ داخل ٿياسين. ڇا ته ڪمرو ڊيڪوريٽ ٿيل هو. هونئن ته هر هوٽل ۾ خوبصورت نفيس غلم غاليچا، پردا بيڊ ۽ ٻيو فرنيچر، لائيٽ جا شينگلر جيڪي ڄڻ ته هيرن جواهرن سان جڙيا پيا آهن. پر هي ڪمرو انهن سڀني شين کانسواءِ ننڍن ننڍن ڊيڪوريشن پيسز سان اهڙي ته نفاست سان سنواريل ۽ سينگاريل هو جو دل پئي چئي ته هر هڪ شيءِ کي ماڻهو ويٺو ڏسي انهيءَ کانسواءِ پئنٽگس به ڏاڍيون ڀلوڙ لڳل هيون. جيڪي ڏاڍي سٺي ترتيب سان ٽنگيل هيون. ڪمرو ڏسڻ شرط سڄي ڏينهن جي مسافريءَ جو ڄڻ ته ٿڪ ئي لهي ويو پر ٽوڪيو جي هوٽل گينزا ڊائچي لاس ويگاس، آمريڪا جي هوٽل مئراج ۽ جرمني ۾ رائن نديءَ جي ڪپ تي ٺهيل هوٽل Tulip جي ڳالهه ئي ٽين هئي. جنهن ۾ گذريل گهڙين جون روح رچنديون ڄڻ ته سڄي زندگيءَ جو سهارو ٿي پيون آهن. انهن يادن جي سهاري باقي زندگي به ڄڻ ته بي مقصد ڪا نه ٿي لڳي.
    هونئن به مون کي زندگيءَ سان ڏاڍو پيار آهي ۽ آئون هر ايندڙ پل کي رب پاڪ طرفان موڪليل هڪ حسين تحفو سمجهي ٿو گذارڻ چاهيان ۽ چاهيان ٿو ته رب پاڪ جي هن حسين تحفي جو هڪ پل به زيان نه ڪريان ۽ آئون پنهنجي گذريل زندگيءَ کي به بي مقصد ڪو نه ٿو سمجهان.
    آگسٽ جو مهينو هو جنهن ڪري ايڏي سردي ڪا نه هئي. مِنا ڪمري جي دري کولي ته پئرس جي سونهن جي خبر پئي. اسان جو ڪمرو شايد هوٽل جي ڇهين فلور تي هو. جنهن ڪري شهر جو وڏو حصو اتان ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ ماڻهن جا فليٽ ۽ انهن جا صحن به چڱي طرح نظر پئي آيا. پئرس جا فليٽ ۽ انهن جا صحن پنهنجي ڪراچيءَ وارن فليٽن کان تمام وڏا ۽ خاص ڪري انهن جا صحن ته بلڪل بنگلن جيان ٿي لڳا جن ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ ڪونڊين ۾ گل رکيل نظر آيا ۽ ايئن چڱو خاصو پارڪ ٿي لڳو. ڪن ڪن جڳهين جي ڇتين تي صرف لان نظر آئي. بلڪل ايئن جيئن پاڻ وٽ بنگلن ۾ نظر اچي.ا سان انهن منظرن جا ڪافي فوٽا به ڪڍيا. آئون باٿ روم ۾ ويس ته باٿ روم ڪمري کان به وڌيڪ خوبصورت ٿي لڳو. باٿ روم ۾ ٻي هر سهوليت سان گڏ فون. ڪارپيٽ. ڪموڊ جي ڍڪ ۽ فليش جي مٿئين حصي تي ڳاڙهو ويليٽ ڪپڙو لڳل هو جنهن جي وچ ۾ سنهري گل سبيل هئا. باٿ روم سڄو خوشبوءِ ٿيو پيو هو. باٿ روم ۾ ننڍا وڏا ست اٺ ٽوال رکيل هئا. پنجن ڇهن جڳهين تي صابڻ رکيل هو. هڪ جوڙو سليپنگ سوٽ جو ۽ هڪ عدد چمپل رکيل. شيمپو، باڊي لوشن، ڪريم، آفٽر شيونگ ڪريم ۽ پرفيوم جون ڪنئين ننڍيون ننڍيون شيشيون جيڪي هر روز ڪمري جي صفائي جي وقت استعمال ٿيل کڻي وري نيون رکي ڇڏين. جي ڪمري ڇڏڻ مهل صابڻ ۽ اهي شيشيون کڻون ته هوٽل وارن کي ڪو به اعتراض ڪونهي ڇو ته ڪمري جي مسواڙ ۾ اهي شيون شامل آهن. آئون باٿ روم کان ٻاهر آيس ته هڪ تمام سهڻي نفيس وڻندڙ شيشي جي فروٽ داني ۾ اسٽرابيريءَ ۽ رس بري پنن سميت سينٽرل ٽيبل تي رکيا هئا. جيڪي کائڻ کان وڌيڪ ڏسڻ ۾ سٺا لڳي رهيا هئا. اسان به ايئن ڪيو. منا اڃان بستري تي ليٽي پئي هئي. مون ڪافي پيتي، ٿوريءَ دير کان پوءِ فرخ فون ڪئي ته شام جو ڇا پروگرام آهي. مون کيس چيو ته ڪمري ته اچو ته پروگرام ٺاهيون. ٿوري ئي دير ۾ نور ۽ فرخ به اچي ويا اوتري ۾ منا به تيار ٿي وئي. اسان هوٽل جي رسيپشن تي چاٻي ڏئي ٻاهر روڊ تي پنڌ ئي پنڌ نڪري پياسين. پئرس جو شهر ڪيترن ئي وارڊن ۾ ورهايل آهي. جنهن کي پئرس وارا چون ”ارانڊسمينٽن“. اسان جي هوٽل جنهن علائقي ۾ آهي انهيءَ علائقي جو نالو اوپيرا گارنيٽر/پگال Opera garnier/ pigalle g.e آهي. موجوده حڪومت هن علائقي جي سُڌاري ۽ ترقي لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ڪيون آهن. جنهن ڪري هاڻ هي علائقو جيڪو اڳ ۾ اهڙو خوبصورت ۽ سهڻو نه لڳندو هو، سو هاڻ ٻئي سڄي شهر جي سونهن سوڀيا وانگر ئي لڳي ٿو ۽ خاص ڪري گارنيئر اوپيرا جي ڪري ته هي علائقو ڏاڍو مشهور ٿي ويو آهي. جت سڄو وقت رونقون لڳيون پيون آهن. هن ارانڊسمينٽن يا علائقي ۾ رهائش جون هوٽلون، کاڌي جا ريسٽورانٽ، ڪلبون، مارڪيٽون ۽ ٿيٽر جام آهن. توهان جو هر ڪم هت روڊ تي هلندي آسان ٿي ويندو. ڳالهائڻو ته توهان کي ئي آهي. ٻيو نه ته به صرف ٻه ٽي لفظ ئي کوڙ آهن. يعني You are free پر مشڪندي. توهان اهو دل مان کٽڪوئي لاهي ڇڏيو ته توهان کي ڪو اهو به جواب ملندو ته آئون ڪا اهڙي تهڙي آهيان ڇا؟ جي ها ته وڏو ٽهڪ ڏئي بيهي رهندي. جي نه ته پوءِ هلندي هلندي ڪنڌ ناڪار ۾ لوڏيندي هلي ويندي. ٻيو ٿيو خير، يا دل ئي دل ۾ چوندي ويندي ته.
    مکڻا تيري پيار دارنگ نهين چکڻا
    ڪمري تان فون ڪري گهرائڻ جي مقابلي ۾ هي رستي هلندي نسخو آسان ۽ تمام سهانگو آهي.
    يه اندر کي بات هي
    سو مهرباني ڪري جيسين پئرس پهچو تيستائين هي نسخو دل ئي دل ۾ هجي ته بهتر. هلندي هلندي فرخ فرمائش ڪئي ته اڄ ڪنهن انڊين ريسٽورانٽ ۾ ڊنر ڪجي ته بهتر، سچ ته اڄ منهنجو به اهو پروگرام هو ته ڪنهن انڊين هوٽل ۾ ماني کائجي. سو فرخ جي فرمائش تي ها ڪرڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪيم، پر مسئلو هو ته هاڻ انڊين هوٽل کي ڳوليون ڪٿي. پر يڪدم ياد اچي ويو ته ٻه ٽي سال اڳ جڏهن آئون اڪيلو پئرس آيو هوس تڏهن به هن ئي هوٽل ۾ رهيو هوس ۽ هن علائقي ۾ ڪنهن انڊين هوٽل ۾ کاڌو کاڌم، ذهن تي زور ڏيڻ جي باوجود به هوٽل جو نالو ياد نه آيم. هاڻ ڇا ڪجي رهائش جي هوٽل به ڇڏي آياسين. هت روڊن رستن تي انگريزي ڳالهائيندڙ ماڻهو ايئن ملن جيئن لنڊن ۾ فرينچ ڳالهائيندڙ سو ڪجي ڇا! نيٺ پري کان هڪ ميٽرو اسٽيشن يا انڊر گرائونڊ جو بورڊ نظر آيو. اندر گهڙي فقط ٻه لفظ ڳالهايم يعني انڊين ريسٽورانٽ، ويٺل همراهه ڪنڌ مٿي کڻي اسان ۾ نهاريو ۽ وري به اسان اهي لفظ ورجايا. انڊين ريسٽورانٽ، همراهه کي ڪجهه ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ سوچ ۾ پئجي ويو. نيٺ سوچيندي سوچيندي هٿن جي اشارن سان سمجهائڻ لڳو. جنهن مان اندازو ٿيو ته هت ئي ڪٿي ارد گرد ڪا انڊين ريسٽورانٽ آهي. اسان ڪنڌ لوڏي سندس ٿورو مڃيندي ميٽرو اسٽيشن کان نڪري هن جي اشارن واريءَ ٻوليءَ تي غور ڪندي اڳيان هلڻ لڳاسين ته پري کان هڪ بورڊ نظر آيو. جنهن تي عربي ۾ لکيل جهانگير فندق، فرينچ ٻوليءَ ۾ به ڪجهه لکيل هو پر اسان جي سمجهه ۽ پڙهڻ کان ڳالهه زور هئي. بورڊ تي تير جو نشان به لڳل هو. هوٽل مين روڊ تي نه پر گهٽيءَ ۾ هئي. اسان هوٽل جو دروازو کولي اندر وياسين ته اسان کي انڊين هوٽل ئي لڳي. هوٽل لنڊن جي اهڙين هوٽلن کان ڪُشادي ۽ تمام ويل ڊيڪوريٽڊ هئي. ڪرسين تي ويهڻ شرط هڪ همراهه مينو سان اچي حاضر ٿيو. ڪنڌ سان سلام ڪري چار تمام خوبصورت کاڌي جا مينو کڻي اڳيان رکيائين ۽ پاڻ سواءِ ڪجهه به وڌيڪ ڳالهائڻ جي واپس هليو ويو. اسان ون ڊش حساب سان ماني جو آرڊر لکايو ۽ کيرڻيءَ جو آرڊر پڻ ڏنو. نور ۽ فرخ دال ۽ ڪابلي پلاءُ جو به آرڊر ڏنو، اسان سمجهيو ته ماني ٿوري ايندي پر جڏهن ماني آئي ته سمجهيوسين ته هيءَ هيتري ساري ماني کائيندو ڪير. پر ماني ايڏي لذيذ هئي جو دل ئي دل ۾ پئي سوچيم ته ٻيو نه ته به کيرڻي ته وري به گهرائجي. کيرڻيءَ ۾ فروٽن جا ڪيترائي قسم، مٿان ٿورو آئس ڪريم ۽ آئس ڪريم جي چوٽيءَ مٿان هڪ ڳاڙهي اسٽرابري، مانيءَ کائڻ جو مزو اچي ويو، پر جڏهن بل ڏٺم تڏهن کاڌي جي مزي کان وڌيڪ بل ڳرو محسوس ٿيو. پئرس ۾ رڳو ڪنهن شيءِ تي هٿ رکڻ جي دير آهي. کيسا خالي. هوٽل ۾ جيتري دير ويٺا هئاسين ته صرف اسين ئي هئاسين ٻيو مڙئي ٿيو خير. اسان بل ڏئي ٻاهر نڪتاسين ته نور ۽ فرخ چيو ته اسان ايفل ٽاور ۽ ٻيو شهر جو چڪر لڳائي پوءِ ٿا اچون. هو ميٽرو ۾ چڙهي اوڏنهين هليا ويا. اسان پنڌ ئي پنڌ واڪ ڪندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين جت فرينچ ملوڪڙيءَ کان چاٻيون وٺي اچي ڪمري تي آرامي ٿياسين. منا ڪجهه وقت ٽي وي ڏٺي ۽ مون هوٽل جي ڪٻٽن منجهه رکيل ٻه ٽي رسالا ڪڍي ڏٺا. انهن ۾ هڪ انگلش مئگزين به هئي. جنهن ۾ فرانس بابت ڪافي مواد هو ۽ منجهس ڪافي فوٽا به هئا جنهن کان پوءِ ٻه ٽي ڪلاڪ هيترن ڏينهن واري ٽوئر جا ڪجهه نوٽس به لکيم. ننڊ جي ٻانهن ۾ ڪيڏي مهل سمهي پيس خبر ئي نه پئي. قرآن شريف جي دور جي مٺڙي آواز تي جاڳ ٿي. اڃان صبح سوير هئي تنهن ڪري بستري تي ئي ليٽيو پيو هوس. انهيءَ انتظار ۾ ته مِنا ڪلام پاڪ جي تلاوت پوري ڪري ته ٻاهر واڪ تي وڃون. هوٽل جي دري کوليم ته ٿڌي هوا محسوس ٿي ۽ دري يڪدم کڻي بند ڪيم. مِنا دور پورو ڪيو ته اسان هوٽل تان هيٺ لهي پئرس جي فٽ پاٿن تي ٿورو تيز هلڻ لڳاسين. ڪافي تعداد ۾ فرينچ مرد ۽ عورتون به واڪ ڪري رهيا هئا. اڄڪلهه جي دنيا ۾ سٺي ۾ سٺي ورزش واڪ ڪرڻ ئي آهي ۽ انگريزي ۾ چوڻي آهي ته :
    If exercise could be packed in a pill it would be the single most widely prescribed and beneficial medince in the world.
    Regular excrise reduces the risk of (1) heart attack (2) obesity (3) stress (4) blood pressure (5) some kinds of cancer (6) high cloestrol (7) anxiety and increases (1) self confedence (2) Sex (3) Better mood (4) Memory and (5) Correct posture.
    پر واڪ اهڙي نموني سان ڪجي جو 20 منٽن ۾ هڪ ميل پورو ٿئي ۽ واڪ ڪرڻ ۾ اهو به خيال ڪجي ته پير پورو زمين تي لڳي، ڪي ماڻهو اهڙي نموني واڪ ڪن جو پير جي کُڙي زمين تي مس لڳي. اهو طريقو صحيح نه آهي. هفتي ۾ پنج ڏينهن اڌ ڪلاڪ يا هفتي ۾ ٽي ڏينهن هڪ ڪلاڪ واڪ يا ورزش ڪري. اهو هر عام ماڻهوءَ لاءِ آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن American heart Association منظور ڪيو آهي جيڪو توهان انٽرنيٽ تي به ڏسي سگهو ٿا پر جيڪڏهن ڪا آرزو يا بيماري آهي ته پنهنجي ڊاڪٽر سان مشورو ڪرڻ گهرجي. ان جي مشوري کانسواءِ واڪ نه ڪجي.
    اسان تيز تيز هلندا ڪافي اڳتي نڪري وياسين. اسان جي کاٻي طرف هڪ تمام خوبصورت ڍنڍ هئي. جنهن ۾ هن وقت به ڪجهه ماڻهو ٻيڙين ۾ گهمي رهيا آهن. ماڻهو ٻيڙيون خود پيا هلائين. اسان کين ڏسندي ڏسندي وڌي رهيا آهيون. ڪٿ ڪٿ سهڻا پارڪ به نظر اچي رهيا آهن. جت خوبصورت جانور ٺينگ ٽپا ڏئي رانديون ڪري رهيا آهن. ڍنڍ جي ڪپرن جي ڀرسان وڻن تي ويٺل پکي سهڻا سهڻا ٻول ٻولي رهيا آهن. روڊن ۽ رستن تي سانت لڳي پئي آهي. تمام ٿوري ٽرئفڪ هلي رهي آهي. انسان جي هن بي پناهه ترقيءَ انسان کي ڪٿان کان ڪٿ وڃي پهچايو آهي. جو اسان پاڪستان جي ڳوٺڙي جا رهواسي پئرس جي گهٽين ۾ واڪ پيا ڪريون . هوائي جهاز جي ايجاد کان اڳ اهو سوچڻ به ناممڪن هو پر هاڻ ته ٻڌون پيا ته خلا ۾ به هوٽلون پيون کُلن جن تي خلائي شٽل ذريعي پهچبو. ماڻهو تمام وڏيون عمريون ماڻيندا. سپر ڪنڪارڊ جهاز ٺهڻ کان پوءِ ڏينهن جا سفر ڪلاڪن ۾ ۽ ڪلاڪن جا سفر منٽن م پورا ٿيندا. الائي ڪير. خوشنصيب اهو سڀ ڪجهه ڏسندا. شل اسان به ڏسون.
    اسان پئرس جي فوٽ پاٿن تان هلندا هلندا اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين. تيار ٿي هيٺ ڊائيننگ هال ۾ آياسين ته سياحن جو چڱو خاصو چهچٽو لڳو پيو هو. انهن مان ڪافي تعداد ۾ ناشتو ڪري رهيا هئا ته ڪي وري پاڻ ۾ گپ شپ ڪري رهيا هئا ۽ ڪي انهيءَ انتظار ۾ هئا ته ڀلي رش گهٽجي ته پوءِ ناشتو ڪريون. آئون جڏهن پليٽ کڻي رهيو هوس ته انهيءَ ڪئنيڊين جوڙي جنهن سان نيس ۾ ملاقات ٿي هئي. تنهن ڊائيننگ ٽيبل ڏانهن اشارو ڪري ٻڌايو ته فلاڻي ڊبل روٽي ضرور کڻجو. هيءَ پئرس جي خاص سوکڙي آهي. اسان سندس شڪريو ادا ڪيو پر اهو ڪو نه ٻڌايومناس ته آئون اڳ به پئرس اچي چڪو آهيان ۽ اهي ڊبل روٽيون اڳ ۾ به کاڌيون اٿم. اسان ڊائيننگ ٽيبل تان ناشتو کڻي وڃي پاسيرا ٿي ويهي رهياسين ته نور ۽ فرخ به پهچي ويا ۽ ناشتو پليٽن ۾ کڻي اچي گڏ ويٺا. مون کين چيو ته پئرس ۾ پاڻ وٽ گهمڻ لاءِ سڄا سارا ٽي ڏينهن پيا آهن. هڪ ته هي ٽوئر وارا گهمائيندا ٻيو ته پاڻ کي به پنهنجي ليکي پئرس شهر گهمڻو آهي. انهيءَ لاءِ پاڻ کي سڄو پروگرام اڳواٽ ٺاهڻ گهرجي. جيئن هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين جلد جلد پهچي سگهون. پاڻ چئون ته اسان کي ٻن ٽن جڳهين کان سواءِ ٻي ڪا به خبر ڪانهي. اهو سڀ ڪجهه توهان تي آهي. ڇو ته پئرس توهان اڳ به اچي چڪا آهيو. ڳالهين ڪندي ناشتو ڪري ورتوسين. نور ۽ فرخ ڪافيءَ جو وڏو مگ ڀري کڻي آيا جيڪو پيتوسين. اسان ناشتي کان واندا ٿي هيٺ آياسين ته ڪافي بسون ۽ سياح پنهنجين پنهنجين بسن ۾ هلڻ لاءِ تيار بيٺا هئا. اسان به اچي پنهنجي بس جي ويجها ٿي بيٺاسين. جت اسان جي ٽوئر گروپ وارا ڪجهه سياح اڳ ۾ ئي بيٺا هئا. اسان ساڻن هيلو هيلو ڪندا وڃي بس اندر پنهنجي سيٽ نمبرن تي ويٺاسين. بس کان ٻاهر بيٺلن مان چند سگريٽ پي رهيا هئا. اڄ ڪلهه يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ ماڻهو سگريٽ تمام ٿوري تعداد ۾ پيئن. انهن ملڪن ۾ هوائي جهاز وانگر توهان کي هر جڳهه هوٽل، ايئرپورٽ ۽ آفيس ۾ نو سموڪي جڳهه نظر ايندي جت توهان آرام سان ويهي سگهو ٿا.
    پاڻ وٽ سگريٽ پيئندڙ، ٻئي نه سگريٽ پيئندڙ جو ڪو خيال ئي ڪو نه ڪري. هونئن به اسان جي معاشري ۾ رواداري ۽ سهپ گهٽ آهي. اسان عورت ۽ ٻارن جو به جائز احترام ڪو نه ٿا ڪريون. جڏهن ته معاشرو اخلاقيات ۽ مذهب انهن ڳالهين لاءِ خاص هدايت ٿو ڪري پر خبر نه آهي ڇو اسان ايئن ڪو نه ٿا ڪريون، ڪنهن حد تائين اسان انهن جي دل آزاري به ڪريون ٿا. پر يورپ ۽ جپان ۾ مون ٻارن ۽ عورتن لاءِ وڏي عزت ۽ احترام ڏٺو. ڪنهن مصروف روڊ تي سائي بتي ٻرندي به ڪو ٻار يا عورت غلطيءَ سان روڊ ڪراس ڪيو ته سوين گاڏيون بيهي رهنديون. جيسين نه اهي ٻار يا عورتون روڊ ڪراس ڪن. ڪنهن ٻار کي بيٺل اُت پوليس واري ڏٺو ته کڻي يا آڱر کان وٺي روڊ ڪراس ڪرائيندو، ڪيڏو نه فرق آهي پنهنجي ۽ يورپ جي معاشري ۾، انهي جاکوڙ مثال آهن پر توهان صرف هڪ ننڍو مثال وٺو. يعني پنهنجي ۽ يورپ جي پوليس جو. يورپ ۾ پوليس ماڻهن لاءِ هڪ پيار ۽ محبت جو اهڃاڻ آهي جنهن کي هر ننڍو وڏو وڏي عزت ۽ احترام سان ڏسي. وڏا ته ٺهيو پر ننڍڙا معصوم ٻار جڏهن صبح سوير اسڪول ايندي ويندي ڪنهن پوليس واري کي ڏسن ته ضرور کيس سلام ڪن. انگلينڊ ۾ ته ننڍا ٻار پوليس وارن کي پيار مان چون ئي بوبي جيڪي پڻ انهن ننڍڙن ٻارن لاءِ ٽافيون کيسن ۾ وجهيو گهمن ۽ هيلو هيلو ڪرڻ شرط يڪدم ٽافي ڪڍي کڻي ٻار کي ڏيندا پر انهيءَ جي مقابلي ۾ پاڻ وٽ پوليس هڪ نفرت جو اهڃاڻ آهي. جنهن کي معاشري ۾ شديد نفرت سان ڏٺو ٿو وڃي. ان حد تائين جو ڪنهن فلم ۾ ڌاڙيل ۽ پوليس جو مقابلي وارو سين هوندو ته ماڻهن جي پوليس کان وڌيڪ انهيءَ ڌاڙيل سان همدردي هوندي نه ڪي پوليس سان، انهيءَ فلمي سين ۾ ڪنهن ڌاڙيل جي گولي سان جي ڪو پوليس وارو مري پيو ته سڄي هال ۾ تاڙين جا ٺڪاءَ ٿي ويندا. انهيءَ مان اهو تاثر ٿو ملي ته غريب ۽ مسڪين ماڻهوءَ کي پوليس سان تر برابر به همدردي ناهي. اسان جي معاشري جي قابل نفرت يعني ڌاڙيل هٿان مرندي به عوام کي انهن سان همدردي بدران خوشي ٿي ٿئي يعني غريب مسڪين ماڻهوءَ لاءِ مصيبت ۽ آزار ڌاڙيل نه پر پوليس آهي. ڪيڏي نه افسوس جو مقام آهي. منهنجو گهر شهر ۽ ٻهراڙيءَ ٻنهي هنڌ آهي پر مون ڏٺو آهي ته شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو پوليس جو شڪار وڌيڪ ٿين ٿا. هڪ ته شهري ماڻهو پڙهيل لکيل آهن، ٻيو ته اخبارون به شهري مسئلن کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿيون.
    پاڪستان ٺهڻ کي ٽيهٺ سال ٿي ويا آهن پر غريب مسڪين ٻهراڙيءَ جو عوام اڃان انهيءَ حالت مان پنهنجي جان آزاد ڪرائي نه سگهيو آهي، نه وري انهن جا ڪي آثار ٿا نظر اچن.
    شيخ اياز پنهنجي لکڻين ۾ ٿاڻي کي گهاڻي سان تشبيح ڏني آهي. انهيءَ موضوع تي هندستان وارن ”مرچ مصالحا“ نالي ڏاڍي لاجواب فلم ٺاهي، سميتا پاٽيل ۽ نصير الدين شاهه انهيءَ فلم ۾ يادگار اداڪاري ڪئي آهي.
    پرويز مشرف ضلعي ليول تي يونين طرز تي جيڪا ڊسٽرڪٽ گورنمينٽ ٺاهي اهو ڏاڍو سٺو سسٽم آهي، جيڪر يورپ وانگيان انهيءَ تي عمل ٿئي ته عام ماڻهوءَ کي ڏاڍو سستو انصاف ملي ۽ فائدو رسي پر اهو ممڪن ناهي، ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ بيوروڪريسي يا نوڪر شاهي ايڏي ته مضبوط آهي جو انهيءَ جو زور ٽوڙڻ ممڪن ئي ڪونهي. اهو صرف عوام طرفان پنهنجي جاکوڙ سان ئي ممڪن آهي، نه ڪنهن آمر طرفان ٺهيل قانون سان. مشرف جي وڃڻ کان پوءِ آيل حڪومت به هاڻ لوڏن ۾ آهي. پر آئون پاڪستان جي معاشرتي مسئلن تي سوچيندو ڪٿان کان الائي ڪٿان وڃي نڪتس.
    اسان کي اڄ ٽوئر وارن طرفان شهر جو سير ڪرائڻو هو، يا سٽي ٽوئر ڪرائڻو هو. جنهن ۾ سڀ کان پهرئين ناٽرڊيم ڪئٿيڊرل ڏسڻو هو. جيڪو مون ڪيترا دفعا اڳ ۾ به ڏٺو آهي. اسان جي بس رستن روڊن تان ڦرندي سرندي اچي هت پهتي. اسان سڀ هڪ هڪ ٿي بس مان لٿاسين ته اسان جي گائيڊ اسان کي کڻي هڪ مقامي فرينچ عورت گائيڊ جي حوالي ڪيو. جيڪا اسان کي ٻاهر مختصر ليڪچر ڏئي ڪئٿيڊرل اندر وٺي وئي. اندر ٻيا سياح به ٿوري تعداد ۾ هئا. ڪئٿيڊرل جي اندر ۽ ٻاهر مون کي ڪا به نواڻ محسوس نه ٿي. اهي بئنچون، اهي ڪرسيون ناٽرڊيم گرجا گهر فرانس جي وچئين دور جي عمارت سازيءَ جو عظيم ڪارنامون آهي. هن عمارت جون ڀوري ناسي پٿر مان ٺهيل ڀتيون وچئين دور ۾ پئرس جي طاقت ۽ عظمت جي علامت طور موجود آهن. هيءَ گرجا گهر جيڪو 1163ع ۾ قائم ٿيو، هڪ قومي اثاثو آهي، صبح ۽ شام جي وقت جڏهن هن جو عڪس سين نديءَ ۾ ڏسجي ٿو، ان وقت هي گرجا چمڪڻ لڳي ٿو. هي گرجا دنيا جي مشهور گرجا گهرن ۾ مکيه حيثيت رکي ٿو ۽ گذريل ڇهن صدين دوران گوٿڪ فن جي ڪمال جي علامت طور موجود آهي. اندر جي ڀيٽ ۾ عمارت جي ٻاهرئين طرز تعمير وڌيڪ دلچسپيءَ جي حامل آهي. گهڙيل رنگين پٿر سان عمارت جي اڏاوت نديءَ جي ڪپ تان موسيقيءَ جي مڌرتا وانگر لطيف ۽ حسين لڳي ٿي. کاٻي طرف چورس دالان وٽان تيرهين صديءَ ۾ ٺهيل گيٽ جن تي مجسما تراشيل آهن، مثلث جي صورت ۾ موجود آهن. ڪنواريءَ ماءُ واري گيٽ تي فلڪياتي جسمن يعني نکٽن ۽ ڪنواريءَ ماءَ جي تاجپوشيءَ جي اُڪر ٿيل آهي. آخري فتويٰ واري گيٽ جي سنگتراشي ٽن حصن ۾ ورهايل آهي. هڪڙي حصي ۾ متفرق عقيدن جي نقاشي آهي، ٻئي حصي ۾ مسيح عليه السلام ۽ سندس مکيه پوئلڳ Apostles ڏيکاريل آهن. ٽئين حصي ۾ يسوع عليه السلام وري جيئرو ٿي ڪافرن تي فتح حاصل ڪيل نظر اچي رهيو آهي. ساڄي طرف سينٽ ايني Saint Anne جو گيٽ آهي. جنهن تي ڪنواري ماءُ ٻار سميت تخت نشين ڏيکاريل آهي.
    وچئين گيٽ جي مٿان هڪ شاهي دري ٺهيل آهي. انهيءَ ۾ هڪڙو شاهي شوڪيس فٽ ٿيل آهي. انهيءَ شيشي جي ڪٻٽ ۾ ڪنواري ماءُ ۽ ٻار جو مجسمو رکيل آهي.
    ڪلوئسٽر گيٽ تي ڪنواري جي ڳنڀير ۽ اداس شبيهه ٺهيل آهي. سندس هنج ۾ قتل ٿيل ٻار ڏيکاريل آهي. ٻار جي ڳچي ڪپيل آهي. ڪنواري ماءُ جو مجسمو اصل ۾ تيرهين صديءَ جو گهڙيل آهي. سج لهڻ مهل گرجا اندر گهمڻ وٽان آهي. اترين پاسي واري گئلريءَ ۾ ٺهيل North rose window تيرهين صديءَ جي بهترين شاهڪار آهي. اندريون حصو گوٿڪ فن عمارت سازيءَ جي علامت ڪالمن يا پيلرن تي مشتمل آهي. انهن تي مقدس بائيبل جي واقعن جا نظارا پٿر تي تراشيل آهن. ممبر جي ويجهو ڪنواري ماءُ ۽ ٻار ڏيکاريل آهن. جيڪي پرسڪون نظر اچن ٿا. گرجا جي مال خاني ۾ شاهي تاجن سميت سون ۽ ٻيو قيمتي سامان رکيل آهي. هن گرجا گهر کي اهو خاص اعزاز به حاصل آهي ته هتي اصلي صليب ۽ ڪنڊن وارو تاج به موجود آهي.
    وڪٽر هيوگو جا لافاني بنايل ڦوهارا ڏسڻ لاءِ جاڙڻ ٽاورن تي چڙهبو جيڪي 225 فٽ اوچا آهن. اتان کان ڪيترن ڀوتن، پريتن، ڏائڻين ۽ شڪار ڪندڙ پکين جون تصويرون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. گرجا گهر جي پويان باغ ۾ انهن شهيدن جو يادگار ٺهيل آهي، جن کي ٻي عالمي لڙائيءَ دوران آسڪوٽرAschwitz ۽ بُچين ورلڊ Buchen world تشدد جي ڪيمپن ۾ ماريو ويو هو. انهيءَ يادگار تي رت واري ڳاڙهي رنگ ۾ هيٺيان لفظ لکيل هئا. Forgive, But donot forget يعني معاف ڪيو مگر نه وساريو، جنهن کان پوءِ اسان هوٽل ٽرائيٽن محل ڏسڻ وياسين. لوئس چوڏهين جي دور حڪومت ۾ هن محل جي اڏاوت جي خرچ سبب فرانس جي خزاني جو ڏيوالو نڪري ويو. ٿي سگهي ٿو ته هن عمارت جي شان شوڪت جو ڌاڪو اڃا وڌيڪ وقت ڄميل رهي.
    ورسيلس وارو تاريخي امن معاهدو سن 1919ع ۾ هن عمارت ۾ صحيح ڪيو ويو، جڏهن هتي وڊرولسن لارڊ جارج، جارجس ڪليمينسيو ۽ اٽلي ۽ بيلجم جا قومي اڳواڻ اچي ڪٺا ٿيا هئا. ڪلاسيڪي فن تعمير جي نقشي ۽ شاهاڻي جاه ۽ جمال سان اڏيل هيءَ عمارت پنج ايڪڙ زمين تي پوکيل باغ ۾ واقع آهي. هاڻوڪن جپاني مالڪن 60 ملين ڊالرن جي خرچ سان هن عمارت کي هوٽل طور چالو ڪيو آهي. توهان محل يا ٻي عمارت جيڪا باغ کان ٻاهر اڏيل آهي انهيءَ ۾ رهي سگهو ٿا.
    محل ۽ هوٽل جي اها عمارت زير زمين سرنگهه Under ground Tunnelوسيلي ڳنڍيل آهي، پراڻي توڙي نئين طرز جا ڪمرا موجود آهن، پر جپاني طرز جا ڪمرا آرائش توڙي لطف ۾ بيمثال آهن. طعام تفريح توڙي مختلف خدمتون جيڪي توهان کي پئرس جي وڏين هوٽلن ۾ نصيب ٿين. سي سڀ سهوليتون هت هر وقت مُيسر آهن. صرف ريسپيشن تي هڪ فون ڪرڻ جي دير آهي. انهن سڀني سهولتن جي ڄاڻ لاءِ عرض آهي ته فون جي هيٺان رکيل خاني کي کوليو ته ڪيترا سارا ڪتاب پيا آهن جن جي پڙهڻ سان هر ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. جنهن ۾ فون نمبر، فوٽا ۽ ٻي سڀ معلومات لکيل آهي. توهان سڌي طرح هوٽل مان يا ٻاهران به انهن سان فون تي ڳالهائي سگهو ٿا. اسان ٽوئر گروپ ۾ هئاسين نه ته هوٽل گهمائڻ ته پري پر اندر داخل به ٿيڻ نه ڏين. جي اهڙي هوٽل ۾ ماڻهو رهي ته جاپاني طرز ڪمرن ۾ رهي خاص ڪري اهي ڪمرا جن ۾ پٽ تي سمهبو آهي. جنهن کي جپان ۾ چون رائيوڪان Royokan جنهن ۾ ڪمري ۾ هيٺ پٽ تي سمهبو آهي ۽ ڪمري ۾ اندر چمپل يا جُتيءَ سان ڪو نه وڃبو آهي. جُتو ڪمري کان ٻاهر لاهي ڇڏبو. جپاني طرز ڪمري ۾ صبح ۽ رات جي ماني جا پيسا به ڪمري جي مسواڙ ۾ شامل هوندا آهن ۽ ماني به جپاني ملندي آهي، اهو به مزو وٺڻ گهرجي. آئون جڏهن ٽوڪيو ويو هوس تڏهن اهڙي هڪ ڪمري ۾ رهيو هوس.
    فرانس جو اهو علائقو جنهن ۾ هي محل نما هوٽل ۽ ناٽرڊيم ڪئٿيڊرل آهن، تنهن کي هت فرانس ۾ سينٽ لوئس ۽ بيو برگ Ue- Saint Louis and Beau boarg چون. هن علائقي ۾ سياحن لاءِ هر شيءِ موجود آهي. هي شهر جو قديم ترين علائقو آهي. ڪنهن دور ۾ هي علائقو شانزلي زي وانگر پئرس جي دل هو پر هينئر به شهر جو مک حسين ترين علائقو آهي. سينٽ چئپل ۽ سينٽ لوئيس واري ٻيٽاري به هن وارڊ ۾ آهي. پئرس شهر جي پکين ۽ گلن جو مرڪز به هي علائقو آهي. انهن ٻنهين جنسن جو هت وڏي پئماني تي واپار ٿئي ٿو. پئرس جا ٻه مک مرڪز يعني جارج پامپيڊو واسڪوائر ۽ وڪٽر هيوگو اسڪوائر پڻ هن علائقي ۾ آهن. اميراڻي طرز ۽ راندين جا وڏا وڏا گرائونڊ به هن علائقي ۾ آهن. اسان هن عظيم هوٽل مان نڪري سامهون هڪ وڏي واپاري مرڪز ۾ گهمڻ لاءِ وياسين. هت جمعا بازار وانگر ڪنئين بازارون لڳل آهن. ڀرسا ن هڪ وڏو تلاءُ آهي، جنهن ۾ ننڍڙا ٻار پلاسٽڪ بوٽس ۾ چڙهي رانديون رونديون ڪري رهيا آهن. اسان هت ٻين سياحن وانگر پيل بئنچن تي ڪجهه دير لاءِ ويهي رهياسين. ڏاڍو خوبصورت منظر هو، هتان کان پوءِ اسان جي ٻي منزل ايفل ٽاور آهي. اسان جي بس وڏي چوڪ تان ڦري درياءَ سين ڪراس ڪري مين روڊ تي چڙهي ايفل ٽاور ڏانهن وڃي رهي آهي. هن علائقي ۾ فرينچ آرمي جون آفيسون آهن، جت ڪجهه آرميءَ وارا نظر آيا. آرمي هيڊ ڪوارٽر تي فرينچ اڇو، ڳاڙهو ۽ بلو رنگ جو قومي جهنڊو نه پر شايد آرمي وارن جو جهنڊو لڳل آهي. جنهن جي مون کي خبر ڪانهي. پئرس جي رستن تي هلندي هلندي نيٺ اسان جي بس منزل مقصود ايفل ٽاور وٽ اچي بيٺي. ايفل ٽاور جي چوگرد بس اسٽينڊ ۽ وڏا وڏا پارڪ آهن. جت سون جي تعداد ۾ بسون ۽ هزارن جي تعداد ۾ سياح هر هنڌ گهمي ڦري کائي پي، فلمون ڀري ۽ فوٽا ڪڍي رهيا آهن. نور ۽ فرخ رات به هت گهمڻ آيا هئا. باقي منا هت پهريون ڀيرو آئي آهي. آئون اڳي ايفل ٽاور گهمي ويو آهيان. هر انسان جي اها تمنا هوندي آهي ته پئرس گهمان. پئرس پهچڻ کان پوءِ هر سياح جي آرزو هوندي آهي ته ايفل ٽاور، ناٽرڊيم چرچ، لوور عجائب گهر، يورو ڊزني، ورسيلس ۽ شانزلي زي ڏسان ۽ واقعي اها ئي ته پئرس آهي. انهيءَ ۾ به جيڪي سياح هفتو کن رهن سي ته سڀ ڪجهه آرام سان ڏسن پر جيڪي هڪ يا ٻه ٽي ڏينهن اسان وانگر رهن. تن کي ته کڙين تي زور رکي سواءِ هڪ منٽ به ضايع ڪرڻ جي، شهر جي انهيءَ تاريخي ماڳن مڪانن کي گهمڻو آهي. پئرس هونءَ به ڪورو جي سيج آهي.
    اسان جي ٽوئر وارن اسان کي چيو ته هاڻ الله واهي، پاڻ وري هاڻ صبح جو هوٽل تي گڏباسين، پوءِ جا پروگرام پوءِ سان. اڄ توهان پنهنجي مرضيءَ سان گهمو ڦرو يعني خوش رهو پنهنجي خرچ تي. هميشه ايئن ٿيندو آهي. اها ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. نور ۽ فرخ ٻڌايو ته رات هت ميلا لڳا پيا هئا. سرچ لائيٽن ۽ خود ايفل ٽاور وارين روشنين ڪري هي سڄو علائقور روشنين ۾ جرڪي رهيو هو. هن کان رات وڌيڪ رش هئي. ڄڻ ته سڄي پئرس جا ماڻهو هت ڪهي آيا هئا. هر طرف رنگن ۽ روشنين جي چمڪ ۽ نور ورکا نظر اچي رهي هئي. هر چهرو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٻهڪي رهيو هو. هي هڪ روح پرور نظارو هو. جيڪو لفظن ۾ بيان ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي. هينئر ته اها ڳالهه ئي ڪانهي. مون اڳ به ايفل ٽاور ڏينهن جو ڏٺو هو. ٽاور تي مٿي چڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ لائينون لڳيون پيون هيون جن جو نڪو هو آرنڪو پار سڄي ٽوئر ۾ ٽڪيٽن جو بندوبست ٽوئر وارا ڪن، پر هت اسان کي ٽڪيٽ وٺڻي هئي. سو سڀ آسرا لاهي لائين ۾ بيهي رهياسين. لائين تمام وڏي هئي پر لائين کٽڻ ۾ دير ئي ڪا نه ٿي. هونئن به يورپ ۾ سياحن جي بي پناهه رش آهي ۽ انهن ملڪن جي ماڻهن کي انهيءَ جو احساس آهي. تنهنڪري هنن سياحن جي سهوليتن لاءِ اهڙا ته بندوبست ڪيا آهن جو دير نٿي ٿئي. اک ڇنڀ ۾ ڪم ٿيو وڃي. جي ايئن نه ڪن ته وري ڪير ايندو، پنهنجو پيسو ۽ وقت ضايع ڪرڻ. هنن ملڪن جو جياپو ئي سياحن ۽ سيلانين ۽ پنهنجي تعليمي ادارن جي ڪمائي تي آهي. يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن جي مقابلي ۾ اسان جي ملڪ ۾ ڪنئين جڳهيون وڌيڪ پرڪشش ۽ حسين آهن. جن ۾ اسڪردو، سوات ۽ مري هلس، ڀورڀن پٽراياٽا ۽ ڪراچي شامل آهن. ڪراچيءَ تي پرويز مشرف حڪومت تمام گهڻو پئسو خرچ ڪيو. جنهن ۾ ڪراچي بيچ تي سمنڊ جي ڪنارن تي سرچ لائيٽون، قائداعظم جو مقبرو، شهر جا روڊ رستا. فلاءِ اوورس انڊر پاس ۽ پارڪ شامل آهن. اسان ٽڪيٽ وٺي وري به مٿي وڃڻ واري لائين ۾ اچي بيٺاسين.
    لنڊن ٽاور، ٽوڪيو ٽاور ۽ پيزا واري ٽاور کان سواءِ ايفل ٽاور به دنيا ۾ مشهور آهي. هي ٽاور ست هزار ٽن فولاد سان تعمير ڪيو ويو ۽ انهيءَ وقت هن کي هميشه قائم رهڻ لاءِ ڪو نه اڏيائون. هڪ ماهر معمار مسٽر گسٽو اليگزينڊر ايفل 1889ع ۾ عالمي نمائش لڳائڻ خاطر هي ٽاور جو ڙيو. هي انجنيئر هن کان اڳ فقط درياهن جون پُليون اڏڻ ۾ مشهور هو پر اتفاقي طور تي آمريڪي آزادي واري مجسمي جي ڊزائين به مسٽر ايفل ٺاهي هئي.
    هي ٽاور ٽي وي اينٽينا سميت (جيڪا 55 فوٽ ڊگهي آهي) ڪُل هڪ هزار ڇاونجاهه (1056) فوٽ اوچو آهي. جڏهن آسمان صاف هوندو آهي ته هي ٽاور چاليهن ميلن جي مفاصلي وٽان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن ٽاور جي بناوت جي ڊزائين دنيا ۾ اهڙي طرز تعمير موجب ٻين ٽاورن اڏڻ لاءِ راهه هموار ڪئي. ڪيترن ماڻهن جو خيال هو ته هن ڊزائين موجب ٽاور ٺهي نه سگهندو. پر ايفل اهو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو.
    ڪافي سالن تائين هي ٽاور انسان جو جوڙيل سڀ کان وڌيڪ اوچو ٽاور رهندو آيو. تان جو نيٺ نيويارڪ شهر ۾ ايمپائير اسٽيٽ بلڊنگ اڏي هن ٽاور واري اوچائي جو رڪارڊ ٽوڙي اڃا وڌيڪ اوچائي وارو رڪارڊ قائم ڪيو ويو. مواصلات جي وائرليس نظام سبب هن ٽاور کي تباهي کان بچايو ويو. اڄ ڪلهه پيٽرو مليشيا جو ٽاور وڏو آهي، هي ٽاور ٽن مرحلن ۾ گهمي سگهجي ٿو. پهرئين طبق تي ايليويٽرن وسيلي پهچڻ سان پئرس شهر جي جڳهين جون ڇتيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن طبق تي هڪ سئنيما، هوٽل بار ۽ هڪڙو ميوزم آهي اهي سمورا پورو سال کليل رهن ٿا.
    ٻي ماڙ تي توهان کي وڌيڪ عجيب نظارا ڏسڻ ۾ ايندا. هن طبق تي لي جولس ورنيس ريسٽورانٽ آهي جتي لنچ يا ڊنر مزي سان حاصل ٿئي ٿي.
    ٽئين طبق تي پهچڻ سان ماڻهو وڌيڪ حيرت ۾ ۽ خوش ٿيندو. هن طبق وٽان شهر جي مکيه ماڳن ۽ مڪانن کي سڃاڻي سگهجي ٿو.
    گرائونڊ فلور تي اوڀر ۽ اولهه وارن پيلپاون ۾ اصلي ايليويٽر ڦٽل حالت ۾ ڏسڻ ۾ ايندا. اهي ايليويٽر 1889ع ۾ ٽاور ٺاهڻ وقت لڳايا ويا هئا.
    لي جولس ورنس ريسٽورانٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ توهان کي گرائونڊ تي ڏکڻ طرف قائم هڪ خانگي ايليويٽر استعمال ڪرڻو پوندو، جنهن وسيلي توهان هڪ پيانو بار ۾ پهچندا جتي ڪجهه ساهي کڻو ۽ هڪ بک وڌائيندڙ مشروب سان لطف اندوز به ٿي سگهو ٿا. ڪجهه دير کانپوءِ توهان ڊائننگ روم جي ڪنهن به ميز وٽ وڃي ويهي سگهو ٿا، جتان روح پرور نظارو پڻ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مندن مطابق مينو ۾ مڇي ۽ گوشت مان ٺهيل ڪنئين ايٽم تبديل ڪندا آهن. هتي رِزَرويشَن به ٿئي ٿي.
    پئرس جي عظمت جو قديم اهڃاڻ جنهن کي ڪروڙين سياح هر سال سڄي دنيا مان ڪهي اچي ڏسن، تنهن کي ڏسندي ڏسندي ڪنئين ڪلاڪ گذري ويا. هاڻ لوور ميوزم ۽ يورو ڊزنيءَ لاءِ وقت نه بچيو هو، ڇو ته انهي کي ڏسڻ لاءِ به ڪافي وقت گهرجي سو خيال ڪيوسين ته پئرس شهر جي ۽ دنيا جي حسين ترين بازار Champs Elyseas جنهن کي فرانس ۾ عام زبان ۾ شانزلي زي چون، تنهن جو چڪر لڳايون سو انڊر گرائونڊ ٽيوب ۾ چڙهي شانزلي زي روانا ٿيا سين. فرانس جون ٽيوب، يورپ جي سڀني انڊر گرائونڊ ريلوي اسٽيشنن کان وڌيڪ ڪشاديون، سينگاريل ۽ صاف سٿريون آهن. جنهن ۾ ڪٿ به گند ڪچرو نظر نه ايندو. اسان ٿوريءَ دير ۾ شانزلي زي جي ٽيوب اسٽيشن تي لهي ٻاهر آياسين. شانزلي زي جي چوڪ جو فوٽو فرانس جي هرسڃاڻپ ڪارڊ ۾ نظر ايندو. انهيءَ کي فرانس ۾ فتح چوڪ، چون Victory squre اها جڳهه مٿي ٽي چار ماڙ آهي ۽ وڏين وڏين ونگن سان آرچ طرز تي ٺهيل آهي. جنهن جي ڇت تي چڙهڻ سان پئرس شهر جون ڇهه اهم بازارون توهان اتي دوربينيءَ سان ڏاڍي سهڻي نموني ڏسي سگهو ٿا. اهڙيون دوربينيون مٿي ڇت تي چوطرف فٽ ٿيل آهن. جن جي ڪا به في ڪانهي. اُتي توهان انهن بازارن جي چوطرف پکڙيل رونقون ڏاڍي مزي سان ڏسي سگهو ٿا.
    شانزلي زي پئرس جي تمام پراڻي بازار آهي. جنهن کي سڀني حاڪمن ڏاڍي چاهه سان هميشه سنواريو ۽ سينگاريو آهي.
    مون آمريڪا، سڄي مغربي يورپ، جپان، سينگاپور ۽ هانگ ڪانگ جون گهڻو ڪري سڀئي مشهور بازارون ڪنئين دفعا ڪارن موٽرن ۽ پيرين پنڌ گهمي ڦري ڏٺيون آهن اسڪاٽ لينڊ جي پرنس اسٽريٽ، سئنفرانسڪو جي گلن واري بازار، لنڊن جي آڪسفورڊ اسٽريٽ ۽ ٽوڪيو جي گنزا به پنهنجي سونهن ۾ بي مثال آهن. پر شاهراه شانزلي زي تي پوکيل وڻ ۽ گل، فٽ پاٿ جن تي فٽ پاٿي هوٽلون ۽ ماڻهن لاءِ رکيل بئنچون ۽ سڄي. دنيا مان آيل سياحن جي رنگ رونقن هن بازار کي سڄي دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز بنائي ڇڏيو آهي. هيءَ بازار پئرس جي 8_ اي سيمينٽن ۾ آهي. هتي فتح چوڪ ۽ ڪنڪارڊ محل جي نالي پٺيان ئي فرانس جي جڳ مشهور هوائي جهازن ڪنڪارڊ ۽ سپر ڪنڪارڊ جو نالو رکيو ويو آهي.
    سڄي پئرس جون سٺي ۾ سٺيون هوٽلون، ريسٽورانٽ، مارڪيٽون، سپر مارڪيٽون، فيشن جون مک بازارون، پئرس جي هن ئي اتر واري شاهراهه شانزلي زي ۾ آهن جت سڄو ڏينهن رنگينيون ۽ روشنيون پکڙيون پيون آهن. پئرس سڄي دنيا ۾ سهڻو شهر آهي ۽ هيءَ بازار پئرس شهر جي سونهن جو مرڪز آهي. جيڪو سياح پئرس اچي ۽ هيءَ بازار نه ڏسي معنيٰ ته هن پئرس ڏٺي ئي ڪا نه- اسان ڪلاڪ کن پنڌ ئي پنڌ هت چڪر لڳايا جنهن کان پوءِ بئنچن تي ويهي هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسندا رهياسين.
    اسان لڊو سرڪس جي ڀرسان مئڪڊونلڊ وارن جي هڪ ڏاڍي سهڻي هوٽل تي ڪجهه کاڌو پيتو. زندگيءَ ۾ ڪافي جڳهيون ۽ بندر بازار اهڙا به هوندا آهن، جيڪي وسرندا ئي ڪو نه آهن. شانزلي زي به انهن مان هڪ آهي. واقعي جهڙي ٻڌيسين تهڙي ڏٺيسين. پئرس دنيا ۾ سياحت جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي ۽ گذريل سال به ان ۾ هميشه جيئن واڌارو ٿيو آهي.
    جيتوڻيڪ شهر جي نئين عمارتن جي مرمت جي ته ڪا نشاني ڏسڻ ۾ نٿي اچي پر صفائي جي روايتي مهم جنهن ۾ لوورميوزم ناٽرڊيم، چرچ ۽ آپيرا ٿيٽر جي صفائي سبب شهر جي رونق ۾ اضافو بيشڪ ٿئي ٿو. هر شوق ۽ مزاج جا ماڻهو هٿ ۾ هٿ ڏيئي گهمندا ڦرندا، ٻار راند روند ۾ مصروف، کاڌي پيتي جي هوٽلن وغيره ۾ ماڻهن جي کل خوشي گپ شپ ۽ ڪلبن ۾ راڳ ناچ وغيره. هن وقت به پئرس ۾ اڳي کان وڌيڪ ميوزم، ڪلب ۽ ٻيا باعث ڪشش لوازمات گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. هن کان اڳ ۾ ايترا وڏا بين الاقوامي شهرت يافته هوٽل ۽ ڪلب هيڏي وڏي تعداد ۾ ڪو نه هئا. اڄ پئرس جا ماڻهو اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سچائي سان توهان جي آجيان ڪن ٿا ۽ پنهنجي گذر جو مدار توهان تي رکن ٿا. پئرس اچي زندگيءَ جي خوشيءَ ۽ لطف کي ماڻي سگهو ٿا، جنهن بابت پئرس جي عظمت جو علمبردار هر شخص توهان کي يقين ڏياريندو ته هتي حاصل ٿيندڙ خوشي، سڪون ۽ لطف آمريڪا، لنڊن ۽ اٽليءَ ۾ هرگز ڪو نه لڀندو. اها ڳالهه اٽليءَ، آمريڪا ۽ لنڊن وارا ته يقينن ڪو نه مڃيندا پر اها حقيقت آهي. ناپسند ڳالهين کي تاريخ جي صفحن مان ڦاڙي نه ٿو سگهجي.
    جڏهن قديم رومين فرانس کي پنهنجي شهنشاهت جو حصو بنايو تڏهن انهن پنهنجي سرحدن کي رائين نديءَ جي ڪناري ۽ پئرس وارن ٻيلن تائين وڌائي ڇڏيو. شهنشاهه جوليئس سيزر جي شهرت جيڪا کيس اليشيا جي ميدان ۾ بادشاهه ورسينگيٽورڪس کي 52 ق م ۾ شڪست ڏيڻ سان حاصل ٿي. تنهن جي اشاعت هن قديم دنيا جي ادبي شاهڪار ”گئولن جون جنگيون“Gallin wars نالي ڪتاب جي صورت ۾ جلدي ڪرڻ پئي چاهي. انهيءَ سال سين واديءَ جي هڪ جزيري لوٽيٽيا Lutetia ۾ رومين پنهنجي بيٺڪ قائم ڪئي. جنهن کي پوءِ پئرس سڏيو ويو.
    پئرس شهر ۾ ويجهڙائي ۾ ٻه واقعا ڏاڍا اهم ٿيا جيڪي هن ريت آهن.
    اول هيءَ ته سن 1997ع ۾ فرانس ۾ آمريڪي سفير جيڪا چرچل جي پٽ هيريسن جي زال هئي تنهن جو قتل ٿيو. هن عورت جي زندگي ۽ سندس عشق پئرس شهر ۾ گفتگو جو موضوع ٿي پيو ۽ سندس شخصيت ماڻهن جي دلين کي جيتي ورتو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لڳاتار سرد لاڳاپن کي هڪ دفعو گرمائي ڇڏيو. سندس قتل کان هڪ سال کان اڳ سندس واپس وڃڻ جا افواهه شهر کان ٻاهر به پکڙجي ويا هئا.
    انهيءَ کان پوءِ وري پئرس ۾ ليڊي ڊائنا ۽ سندس بواءِ فرينڊ دودي فائد جو پئرس شهر ۾ ايڪسيڊنٽ ۾ موت ٿيو. جنهن لاءِ عام مشهور اهو ٿيو ته ليڊي ڊائنا دودي فائد مان اميد سان هئي ۽ پاڻ مسلمان ٿي دودي فائد سان جلد شادي ڪرڻ واري هئي. اها ڳالهه انگريز بهادر کي نه وڻي ته ليڊي ڊائنا جو هڪ پٽ انگلينڊ جو بادشاهه عيسائي ۽ ٻيو پٽ مصري مسلمان هجي. تنهن ڪري ليڊي ڊائنا سميت سڄي واردات ئي گم ڪئي وئي. يعني ڪاري ٿي مئي يا ڪاري ڪري مارئونس.
    اپر سنڌ جي سماج ۾ ڪاروڪاريءَ جو ڏاڍو آزار آهي. جنهن تي اسان جي ٻن بزرگ ليکڪن شيخ اياز ۽ جمال ابڙي پنهنجي لکڻين ۾ ڏاڍي سُٺي روشني وڌي آهي. خاص ڪري جمال ابڙي پنهنجي سوانح حيات جي چوٿين ڪتاب ”ورندو نه وري هي وڻجارو“ ۾ ڪاروڪاريءَ متعلق تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. جيڪو پڙهڻ گهرجي. ڪارو ڪاريءَ جو رواج اڄ ته جام ٻڌجي پيو پر اسان جي پراڻي تاريخ ۾ انهيءَ جو ڪو به ذڪر ڪو نه ٿو ملي. جنهن جا ڪنئين مثال آهن. جن مان صرف ٻه مثال آئون توهان جي اڳيان پيش ڪريان ٿو. هڪ ته جڏهن راڻو مومل سان ڪاڪ ۾ ملڻ ويو ۽ پاڻ ڏٺائين ته مومل سان ڪو ٻيو مرد ستو پيو آهي ته پاڻ انهيءَ کي ڪاري ڪري مارڻ بدران پنهنجي اچڻ جي نشاني طور ٻنهي جي وچ ۾ بانٺو (لڪڻ) رکي ويو. ٻيو مثال مارئي جو آهي. جيڪا به عمر جي ڪوٽ مان واپس آئي ته انهيءَ کي به ڪاري ڪري ڪو نه ماريو ويو. سڄي دنيا ۾ انهيءَ نوعيت جا ڪنئين قتل ٿيا آهن. جيئن آمريڪا ۾ مارلن مئنرو ۽ انگلينڊ ۾ ليڊي ڊائنا جا مثال پاڻ جي اڳيان آهن پر اهي انفرادي واقعا آهن انهن جو آمريڪا يا انگلينڊ جي سماج سان ڪوئي واسطو ڪونهي. جيئن پاڻ وٽ هاڻ اپر سنڌ ۾ اها هڪ سماجي برائي بڻجي چڪي آهي.
    اسان شانزلي زي جي ٽيوب اسٽيشن ۾ چڙهي پنهنجي هوٽل واري ٽيوب اسٽيشن تي اچي لٿاسين. جتان پنڌ پنڌ پئرس جي رنگين رونقن ۽ نظارن کي ڏسندا اچي پنهنجي هوٽل ريسپيشن تان حسين و جميل ريسپيشنسٽ ڇوڪريءَ کان چاٻيون وٺي اچي پنهنجي ڪمري تي پهاستين. جت ٿوري دير آرام ڪري ڪافي پي آئون ۽ منا ٻاهر وڙڪڻ نڪري وياسين. هلندي هلندي ڪافي اڳيان هليا وياسين جت هڪ هوٽل تي پهچي فرينچ اونين سوپ جو آرڊر ڏنوسين جيڪو منا خود به ڏاڍو سٺو ٺاهيندي آهي. منا پاڪستاني، چائنيز ۽ انگلش کاڌن ٺاهڻ جي ته ماسٽر آهي پر فرينچ ۽ انڊين کاڌن ۾ به فرينچ اونين سوپ ۽ ڊوسا تيار ڪري وٺندي آهي، هينئر به جڏهن آئون پنهنجي گهر ۾ سفر جون هي سٽون لکي رهيو آهيان. منهنجي اڳيان فرينچ اونين سوپ جو وڏو پيالو ڀريو رکيو آهي.
    يورپ ۾ هوٽلون اندران ۽ ٻاهران ايڏيون ته سهڻيون سينگاريل هونديون آهن جو ماني ته پنهنجي جڳهه تي پر دل ڪا نه چاهيندي آهي ته هوٽل مان ٻاهر نڪرجي. ماڻهو چاهيندو آهي ته هوٽل ۾ ئي ويٺو هجي. فرنيچر ۽ اندرين سجاوٽ اهڙي ته نفاست سان ٿيل هوندي آهي جو هر هوٽل کي ڏسندي ماڻهو چاهيندو آهي ته آئون به پنهنجو گهر ايئن ڊيڪوريٽ ڪندس پر ايترا سارا ڊيڪوريشن جا تعداد ڪنهن کي ٿا ياد پون سو واپس ملڪ پهچندي سڀ ڪجهه وسريو وڃي.
    سوپ ڏهن منٽن ۾ آڻي اسان جي اڳيان رکئون جنهن مان دونهان ايئن پئي نڪتا جو دل پئي چاهيو ته کڻي مٿس هٿ سيڪجن، هيڏو سارو پيالو جيڪو ڪنن تائين ٽمٽار، جنهن ۾ ڊبل روٽي جي هڪ سلائيس، هڪ بيدو، ڪيترا ڪتر ٿيل سنهان سنهان ٽڪرا جنهن ۾ تمام ٿورو ڪريم پيل، سڄي سوپ جي پيالي مٿان سڻڀ ۾ داغ ٿيل بصر جنهن جي وڻندڙ خوشبوءِ ۾ سوپ ڄڻ ته ماڻهو تڪ سان پي ڇڏي، پر ڪوسو اهڙو جو هڪ هڪ ڦڙو به ڦوڪي ٿي پيئڻون پيو. سوپ ايتري تعداد ۾ هو جو ٻي ڪنهن شيءِ کائڻ لاءِ پيٽ ۾ گنجائش ئي ڪا نه هئي. سو اسان بل ڏيئي واپس گهمندي ڦرندي اچي پنهنجي هوٽل ڀيڙا ٿياسين. رستي ۾ منا منهنجي لاءِ کير ۽ ٻي به ڪا هڪ اڌ شيءِ خريد ڪئي. مون ڪمري تي پهچي نور ۽ فرخ کي فون ڪئي پر ٺلهي گهنٽي وٺڄندي رهي. پاڻ شايد اڃان ٻاهران موٽي ڪو نه آيا هئا. هيڏي ساري گهمڻ ڦرڻ کان پوءِ رات جو رڳو پلنگ تي ليٽڻ جي دير ٿيندي هئي. ننڊ جو ته ڪو انتظار ئي ڪو نه ڪرڻو پوندو هو ۽ جاڳ دستور مطابق منا جي ڪلام پاڪ جي دور جي مٺي آواز تي ٿيندي هئي. جنهن کان پوءِ گهڻو ڪري ٻاهر واڪ تي هليا ويندا هئاسين. تنهن کان پوءِ اچي تيار ٿيندا هئاسين. قسمت سانگي ڪڏهن ڪڏهن واڪ تي ڪو نه به وڃبو هو پر ايئن تمام گهٽ ٿيندو هو، اسان تيار ٿي هيٺ هوٽل ۾ ناشتي لاءِ پهتاسين ته مختلف ملڪن جون ناريون ۽ مرد خوش پوش لباس ۽ خوشبوئن ۾ ٻهڪي چمڪي هڪ ٻئي کي سلام ڪري ۽ چمي چٽي رهيا هئا. اسان به هلندي هلندي اهڙا رنگين نظارا ڏسندي ڏسندي اچي سون قسمن جي طعامن مٿان بيهي رهياسين. جيڪي اسان جي کائڻ لاءِ گرما گرم ۽ هڪيا تڪيا حاضر هئا. جن جي صرف پليٽن ۾ وجهڻ جي دير هئي. ناشتي، لنچ يا ڊنر ۾ ايترن قسم جا طعام جوس مٺا ۽ فروٽ هوندا هئا جو ڏسندي ئي ڏسندي پيٽ ڀرجي ويندو هو. ماڻهو ڇا کائي ڇا کائي فيصلو ئي نه ڪري سگهبو هو. اکيون ته ڏسڻ شرط ڍاپجي وينديون هيون پر پيٽ ڏسڻ کان وڌيڪ کائڻ جي موڊ ۾ هوندو هو. سو سنڌي مثال ته ڦٻيا اهي جيڪي ڦاٽي مئا. سو هتي به پيٽ پوڄا ڪرڻي آهي. هڪ فرينچ پليٽ کڻي پهريان ته پليٽ کي ڏٺم ڇا ته نفيس ۽ خوبصورت هئي. جنهن تي ڪيترن ئي رنگن جي چٽسالي ٿيل هئي. آئون اڃان پليٽ ڏسڻ ۾ مشغول هئس ته معاف ڪجو جو زنانو آواز ڪنن تي پيم. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته هڪ حسين، نازنين مهجبين مرڪندي ڏٺم. انهيءَ جي پٺيان ڪيترا سارا ماڻهو منهنجي اڳتي وڌڻ جي انتظار ۾ بيٺل ڏٺم سڀني سان مشڪندي معذرت ڪندي تڙ تڪڙ ۾ جيڪي ڪجهه اڳيان ڏٺم پليٽ ۾ وجهندي وڃي ڪرسين تي ويهي کاڌو کائڻ لڳاسين. تيستائين نور ۽ فرخ به اچي سهڙيا، مون کين ٻڌايو ته رات مون توهان جي ڪمري تي فون ڪيو هو پر توهان شايد ٻاهر هئا. انهيءَ جو نڪي هنن جواب ڏنو نه وري ٻيهر مون سوال ڪيو.
    منا مون کان پڇيو ته توهان لاءِ ڪهڙو جوس کڻي اچان، منا جيسين ڪرسي تان اُٿي تيستائين فرخ چيو ته توهان ويهو. آئون ٿو جوس کڻي اچان ۽ ايئن نور ۽ فرخ مون لاءِ انناس ۽ منا لاءِ اورينج جوس جا ٻه وڏا مگ ڀري کڻي اچي اسان جي اڳيان رکئون ۽ اسان به گلاس خالي ڪرڻ ۾ ڪا دير ئي ڪا نه ڪئي. اسان جي ٽوئر جا سياح آهستي آهستي ٿي ڊائيننگ هال مان نڪرڻ لڳا. اسان به انهن جي پٺيان ٻاهر نڪري اچي پنهنجي بس جي ويجها ٽهلڻ لڳاسين. جت سج پنهنجي آب تاب سان روشنين جي ورکا ڪري يورپين کي سندن چمڙي جي روشنين جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري رهيو هو ۽ اسين وري انهيءَ روشنين جي ڪري وڃي ڪنهن ڇانوَ جي پناري پياسين. وٽئمن ڊي بدن کي گهڻي نداز ۾ سج جي روشني مان ملي ٿي.
    پاڻ وٽ بهشت جو تصور معنيٰ ٿڌاڻ ۽ دوزخ جو تصور معنيٰ سج نيزي برابر زمين ٽانڊا ئي ٽانڊا سخت باهه ۽ گرمي پر گرين لينڊ ۾ وري بلڪل انهيءَ جي ابتڙ يعني بهشت معنيٰ باهه ئي باهه ۽ گرميءَ جا آڙاهه ۽ دوزخ معنيٰ ٿڌاڻ ۽ برفون ئي برفون، چوندا آهن ته ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي، سو جنهن جنهن خطي ۾ انسان جي جيڪا جيڪا ضرورت آهي، انهيءَ ضرورت مطابق ئي انسان پنهنجا پنهنجا بهشت ۽ دوزخ جوڙي ورتا آهن. اسان آهستي آهستي ٿي بس ۾ چڙهي پنهنجين سيٽن تي ويٺاسين ته اسان جي گائيڊ اسان کي اڄ جي ٽوئر جي باري ۾ ٻڌايو ته پاڻ پهريائين لوور عجائب گهر هلنداسين. تنهن کان پوءِ ورسائل هلنداسين. جيئن ته اڄ جا ٻئي ٽوئر آپشنل هئا.
    اسان فقط پهرئين ٽوئر ۾ هنن سان گڏ هونداسين تنهن کا ن پوءِ اسان جو پروگرام هنن کان الڳ هو. يعني ڊزني لينڊ ڏسڻ، آپشنل ٽوئر ۾ گهڻو ڪري سڀ سياح ڪو نه هوندا آهن تنهن ڪري هر روز واري رش به ڪا نه هوندي آهي ۽ سيٽ جي ويهڻ جي به ڪا پابندي ڪا نه هوندي آهي، جت کپي وڃي ويهي رهو.
    اسان جي بس پئرس جي صاف سٿرن سهڻن سينگاريل سنواريل رستن تان هلندي نه پر ڄڻ ته ٽلندي ٽمندي مائي ڀاڳيءَ جو هي لوڪ گيت ڳائيندي ته ”تارن مان ترندي اچي، ڇولين مان ڇُلندي اچي. هو دل ٻاروچل، ٻاروچل پئي ڪري، اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن هلڻ لڳي.بس جڏهن درياءَ سين تان گذري ته باغن ۽ باغيچن جي ايڏي ساوڪ جن وچان رستي تي هلندي رنگبرنگي ڪپڙن ۾ ملبوس محبوبائون ڏسي مون کي زيبنساءَ جو هي شعر ياد اچي ويو.
    ”لب جو، سبزه زار، شراب وروئي نگار،
    يعني، ندين جي ڪنارن جي چوطرف سرسبز ساوڪون، سهڻا ساجن، شباب ۽ شراب.
    اسان اهي سربسز ساوڪون ۽ ملوڪ ماڻهو ڏسندا اچي پنهنجي اڄ جي پهرئين منزل لوور عجائب جي اڳيان بس مان لٿاسين. جت ڄڻ ته سياحن جي بَسُن جو ميڙو متل هو. ٻاهر پري کان هلڪي بلورنگ جي شيشن سان ٺهيل تمام وڏو ٽڪنڊو ڏسندي ايئن محسوس ٿيو ڄڻ ته احرام مصر کي شيشا هنيا ويا آهن. بلڪل پئرامِڊ جيان ٿي لڳو.
    جڏهن متران فرانس جو صدر چونڊيو ته هن ٻين ڪيترين پئرس جي يادگار عمارتن سان گڏ لوور ميوزم جي نئين سر جوڙجڪ جو پڻ حڪم ڏنو. جنهن تي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي نڪته چيني ڪئي وئي پر متران انهن نڪتچينين کي رد ڪندي پنهنجي انهيءَ فيصلي تي قائم رهيو. متران ترقي پسند سوچ رکندڙ هو. هن صدر چونڊجڻ شرط ملڪ ۾ ڪيترن انقلابي قدمن جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ فرانس طرفان ناٽو ڇڏڻ جو به اعلان شامل هو. جنهن تي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر رجعت پسند لابيءَ مٿس زبردست تنقيد ڪئي پر هن انهيءَ تنقيد جي ڪا به پرواهه نه ڪئي ڇو ته ماڻهن جي وڏي اڪثريت سندس انهن ترقي پسند ريفارمس جي واکاڻ ڪئي ۽ پاڻ اهڙي طرح ٻيو دفعو به فرانس جو صدر چوٽڊجي ويو. جيڪو چوڏهن سالن جو طويل عرصو هو. ڇو ته فرانس ۾ صدر جو عهدو آمريڪا وانگر چئن سالن جو نه پر ستن سالن جو آهي. سو ٻه دفعا صدر چونڊجڻ جي ڪري اهو عرصو ڪُل چوڏهن سال ٿيو. سندس سياست مان رٽائر ٿيڻ کان پوءِ به سندس وزيراعظم شيراڪ کي پاڻ صدر جي چونڊ لاءِ نامزد ڪيو هو. جنهن کي به فرانس جي عوام وڏي اڪثريت سان صدر چونڊيو.
    اسان دنيا جي هن عظيم عجائب گهر ۾ پنهنجي گائيڊ جي سربراهي ۾ بنا ٽڪيٽ جي مٿان کان هيٺ سيڙهين ذريعي داخل ٿي وياسين ته هيڏي ساري مخلوق کي ڏسندي حيرت ۾ پئجي وياسين. هيٺ تمام وسيع لابي ٺهيل هئي. جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ سياح فوٽا ڪڍي ۽ مووي ڀري رهيا هئا. هيٺ بيشمار ننڍا ننڍا دُڪان هئا جن تي ريفريشمينٽ سان گڏ هر قسم جي موقع مهل جي ضرورت جو سامان ميسر هو. جنهن ۾ ڪئميرائن جا رول، خالي ننڍيون وڏيون وڊيو ڪيسٽون، سيل، ويو ڪارڊ ۽ سووينئر مختلف قسمن جا هزارن جي تعداد ۾ رکيل هئا. جيڪي سياح وڏي تعداد ۾ خريد ڪري رهيا هئا. اسان به ڪجهه ويو ڪارڊ خريد ڪيا. هيٺ توڙي مٿي سيڪيورٽي جو سهڻو بندوبست نظر آيو. عجائب گهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳل هيون. اسان به پنهنجي واري اچڻ تي پنهنجي گائيڊ سان گڏ ميوزم ۾ داخل ٿياسين. اسان جي گائيڊ دروازي تي بيٺل سيڪيورٽي عملي کي پاس ڏيکاري جنهن کان پوءِ اسان اندر داخل ٿياسين. اندر بلڪل رش ڪا نه هئي. ڇو ته هيڏي وڏي عظيم ميوزم ۾ ماڻهو چوطرف پکڙجي ويا هئا. جنهن ڪري ٻاهر جيان هت رش ڪا نه هئي ۽ سڪون نظر آيو. هت اندر رش صرف موناليزا واري رکيل تصوير جي هال ۾ نظر آئي. اُت هر وقت بي پناهه رش ۽ ميڙو متو پيو هوندو آهي.
    ڊيوانچي جي هن بيمثال شاهڪار کي ڏسڻ لاءِ پئرس ۾ ايندڙ سياح جي اها خواهش هوندي آهي ته آئون دنيا جي هن مشهور فنپاري کي ضرور ڏسان. تنهن ڪري تصوير رکيل هن هال ۾ هميشه رش نظر ايندي. عجائب گهر ۾ زياده ۾ زياده سيڪيورٽي به هت نظر ايندي جت الارام ظاهري ۽ خفيه ڪئميرائن جو وڏو بندوبست ٿيل آهي. ڇو ته هن تصوير جي وڏي اهميت آهي. هيءَ تصوير ڪيترا دفعا چوري به ٿي آهي. جنهن ڪري هاڻ هن جي حفاظت لاءِ چوويهه ڪلاڪ سخت سيڪيورٽيءَ جو بندوبست ٿيل آهي. اسان پنهنجي گائيڊ جي پٺيان پٺيان هڪ گئلريءَ کان ٻي گئلري ڏسندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. لوور عجائب گهر جو مختصر پر جامع تعارف ڪجهه هن ريت آهي.
    فرانسيسي عمارت سازيءَ جي عروج جي حامل هن عجائب گهر ۾ ٽن لکن کان به وڌيڪ تعداد ۾ تصويرون فن جي شاهوڪاريءَ جو ثبوت آهن. جيڪي هڪ ئي وقت ۾ نمائش جي لاءِ موجود آهن. تصويرن جو هيڏو سارو مجموعو ٻن عورتن موناليزا ۽ وينس ڊي مائلو جي تصويرن کي ڏسڻ لاءِ روزانو ايندڙ هزارين سياحن جي پيهه جي باوجود پنهنجي عظمت کي برقرار رکيو اچي. 1980ع واري ڏهاڪي ۾ عجائب گهر واري ٻاهرئين ڇپري جي عظمت ماهر عمارت ساز آءِ ايم پيئي جي جوڙايل شاهي مخروطي گنبذ سبب چڱيءَ پَرِ ختم ٿي وئي.
    هي دنيا ۾ سڀ کان وڏو محل ۽ عجائب گهر آهي. هن جي مهاڙيءَ جي صفائي کان پوءِ هي اڳي کان به وڌيڪ سهڻو ٿي پيو آهي. هتي گهمندي توهان کي پنهنجي پسند جي چونڊ ته ڪرڻ پنهنجي ماڳ اُٽلو ڪيترائي ناياب شاهڪار ڏسڻ رهجي ويندا. ڇاڪاڻ ته توهان وٽ نه ايترو وقت آهي نه ئي گهربل سگهه ڇو ته هن عجائب گهر ۾ نوادارات جو ذخيرو تمام گهڻو آهي. فقط هڪ ڏينهن ۾ پئرس شهر گهمندڙ سياح ڪوشش ڪري سڀ کان وڌيڪ مشهور عورتن موناليزا ۽ وينس ڊي مائلو جون تصويرون ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهن جي ميڙ مان پاڻ نڪرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪندا آهن ڇو ته انهن تصويرن کي ڏسڻ جي خواهش هر هڪ کي تمام گهڻي هئڻ سبب اتي تمام گهڻي پيهه لڳل هوندي آهي، انهيءَ هوندي به جيڪڏهن ڪنهن وٽ ڪجهه گهڙيون پاڇي آهن. ته ونگڊ وڪٽري نالي مجسمو جنهنجي ڳچي ڀڳل آهي. اها ڏسڻ گهرندو آهي. اهو مجسمو سيمو ٿريس ماڳ تان لڌو ۽ اندازاً 200 ق م پراڻو چيو وڃي ٿو.
    عجائب گهر م داخل ٿيڻ لاءِ اڱڻ تي شيشي جي ٺهيل 71 فٽ اوچي گنبذ منجهان لنگهڻو پوندو. اهو گنبذ هڪ ماهر عمارت ساز نالي آءِ ايم پيئي جي نگرانيءَ ۾ جوڙيو ويو جيڪو 1989ع ۾ جڙي راس ٿيو. گنبذ شيشي جو هئڻ سبب هيٺان ٺهيل استقباليه دڪانن ۽ هوٽلن تي سج جي روشني پوي ٿي. عمارت جي مرمت سبب نمائش لاءِ گهربل گئلرين ۾ 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي ۽ ٽوئر وارين گاڏين لاءِ زير زمين گيريجون پڻ ٺاهيون ويون آهن. ميوزم ۾ داخلا لاءِ گهربل ٽڪيٽ لاءِ قطار ۾ بيهڻ کان بچڻ لاءِ گهربل ٽڪيٽ ٽيلي فون تي به خريد ڪري سگهجن ٿا. اهي ٽپال وسيلي به گهرائي سگهجن ٿا يا توهان FNAC جي ڪنهن به پئرس واري آفيس تان حاصل ڪري سگهو ٿا.
    هتي گڏ ڪيل شين کي نمائش ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ ستن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.
    1- ايشيائي نوادرات
    2- مصري نوادرات
    3- رومي نوادرات
    4- يوناني نوادرات
    5- مجسما
    6- پينٽنگ ٿيل تصويرون
    7- ڇپيل شيون ۽ ڊرائِنگ جا شاهڪار وغيره.
    1997ع ۾ نئين گئلرين جو تعداد وڌايو ويو. انهن ۾ اٽلي جون پينٽنگس ۽ رومي شيشي ۽ ڪنجهي جو سامان، مشرقي نواردات ۽ مصري نواردات رکيل آهن.
    ميوزم جي رچليو ونگ واري حصي جو افتتاح سن 1997ع ۾ ٿيو. هتي اتر يورپ ۽ فرانس ۾ ٺهيل پينٽنگس، آرائشي سامان ۽ فرانس ۾ ٺهيل مجسما، مشرقي نوادرات جن ۾ اسلامي دنيا جا فن پارا موجود آهن، ۽ نيپولين ٽئين وارا شاهي سيلون نمائش لاءِ رکيل آهن .عمارت جو هي حصو اصل ۾ 1852ع کان 1857ع جي وچ ۾ ٺهيو هو. هن ۾ پوءِ وڌيڪ ڪمرا اڏيا ويا. هاڻي هن ڀاڱي ۾ 165 ڪمرا ۽ ٽي ڍڪيل دالان آهن. جتي ٻارهن هزارن کان وڌيڪ فن پارن جي نمائش جاري آهي. هتي رکيل يوناني ۽ رومي نوادرات ۾ پارٿينن گرجا گهر مان هٿ آيل ڪپڙي تي ٺهيل تصويرن جا ٽڪرا به شامل آهن.
    سڄي دنيا جي ماڻهن جو موناليزا ۽ وينس جي تصويرن سان ته گهڻو لڳاءُ آهي پر فرينچ ماڻهن لاءِ جيڪس ڊيوڊ جي ٺهيل ميڊم ريڪاميئر جي پينٽ ٿيل تصوير دائمي دلچسپيءَ جي حامل آهي. نيپولين جي مخالف جي حيثيت ۾ 23 سالن جي عمر ۾ پنهنجي آرامده سوفي تي ڪلاسيڪي شاهڪار انداز ۾ بَرانجِمانِ آهي. شپ آف فولس، فورسيزنيس ليبرٽي ليڊنگ دي پيپل ۽ پائولو ويرونير واري پينٽنگ ويڊنگ فيسٽ ايٽ ڪينا هن ونگ ۾ شامل آهن. هتي گهمندي ٿڪجڻ سان ساهي پٽڻ ۽ کاڌي پيتي لاءِ ٻه ڪيفي هڪ رچلو ۽ ٻيو مارلي موجود آهن.
    سسٽين چيپل، برٽش ميوزم ۽ لنڊن ٽاور ۾ اندر ويهڻ لاءِ ڪو خاص بندوبست ٿيل ڪونهي پر هت سياحن جي ويهڻ لاءِ تمام سهڻو بندوبست ٿيل آهي. هر هال ۾ تمام سٺا بئنچ پيل آهن. جن تي سون جي تعداد ۾ توهان کي سياح ويٺل نظر ايندا. هي عجائب گهر مٿي ڄاڻايل عجائب گهرن کان تمام وڏو عجائب گهر آهي.
    اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته پنهنجو اڄ جو هت گهمڻ وارو پروگرام پورو ٿيو. پاڻ هاڻ ٻاهر نڪرنداسين. اسان کي جيترو به هن مختصر وقت ۾ ممڪن هو. ايترو گهمايو ويو، تنهن کان پوءِ اسان جي هن گروپ مان هڪڙن کي ورسيلز ٽوئر وارن سان گڏ وڃڻو هو. جيڪو منهنجو اڳ ۾ به ڏٺل هو. تنهن ڪري اسان جو اُت نه پر پئرس جي ڊزني لينڊ وڃڻ جو پروگرام هو. تنهن ڪري اسان پنهنجي ٽوئر وارن کان موڪلائي پنهنجي اڳتي جي منزل ڊزني لينڊ وڃڻ لاءِ ان طرف جي ٽيوب اسٽيشن ڏانهن رونا ٿياسين. والٽ ڊزني آمريڪا جو هڪ مشهور ماڻهو هو جنهن پهريائين آمريڪا ۾ ٻارن جي تفريح لاءِ ڪارٽون فلمون ٺاهيون، تنهن کان پوءِ ڪمرشل فلمون به ٺاهيون. هن ڪجهه وقت کان پوءِ ڊزني لينڊ جي نالي سان لاس اينجلس ۾ هڪ تمام وڏو تفريحي ادارو قائم ڪيو. اهو ايڏو ته ڪامياب ٿيو جو پوءِ هن اُرلانڊو، ٽوڪيو ۽ پئرس ۾ پڻ اهڙي قسم جا تفريحي مقام ٺاهي سڄي دنيا جي ماڻهن لاءِ تفريح مهيا ڪئي. جت روزانو هزارين نه پر لکن جي تعداد ۾ سياح اچن ٿا نه صرف آمريڪا پر سڄي دنيا مان ماڻهو ڪهي هنن تفريحي ماڳن کي ڏسڻ اچن. سڄي دنيا ۾ زياده ۾ زياده پگهار کڻندڙ به هن ڪمپني جو سربراهه آهي ۽ انهن زياده پگهار کڻندڙن ۾ آمريڪي صدر جو نمبر 785 آهي.
    ڊزني لينڊ جي هنن تفريحي مرڪزن ۾ وڏي ۾ وڏو مرڪز اُرلانڊو جو ڊزني ورلڊ آهي. جيڪو وڏي سان گڏ جديد پڻ آهي. ڊزني ورلڊ آمريڪا جي رياست فلوريڊا ۾ آهي. جت ميامي بيچ پڻ آهي. دنيا ۾ زياده ۾ زياده سياح پئرس، اسپين ۽ آمريڪا جي هن رياست ۾ اچن ٿا. پئرس جو هي ڊزني لينڊ شهر کان ڪافي پري آهي. تقريباً ايترو جيترو ڪراچيءَ کان گلش حديد پري آهي. ٽئڪسي ذريعي پهچڻ لاءِ گهرجن هزارين رپيا. سو بهتري انهيءَ ۾ سمجهي سين ته ٽيوب جي ٽڪيٽ ۾ وڃي ڊزني لينڊ پهچون. انهيءَ کان اڳ جو ڪنهن ٽيوب اسٽيشن پهچون. پئرس جي رستن تي وڏن وڏن وڻن جي هيٺان پئرس جي حسين نارين کي ڏسندا سندن سونهن ۽ سرهاڻ مان لطف اندوز ٿيندا اڳتي هلندا وياسين. جت هاڻ صبح واري ٺاپر نه پر ٽرئفڪ ۽ ماڻهن جي ڪافي گهما گهمي نظر آئي ۽ انهن کان به وڌيڪ رش ۽ گهما گهمي توهان کي هت سياحن جي نظر ايندي. اهڙن شهرن ۾ جون جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهيني ۾ ته توهان کي مقامي ماڻهن کان به زياده سياح نظر ايندا. گهڻو ڪري سڀ جوڙا جوڙا پيرن ۾ رٻڙ جو ٿُلهو جوتو، بدن تي گنجي نمابشرٽ جنهن هيٺان چڍي پهريل هٿ ۾ ننڍي ڇٽي هل هلان، هر سياح چاهيندو آهي ته ڏينهن جو پنهنجو هڪ منٽ به ضايع نه ڪيان. پيو گهمان ڦران. سو اسان به هنن جي نقش قدم تي هل هلان ڪري اچي هڪ ٽيوب اسٽيشن تي پهتاسين جت ڀت تي ٽيوب اسٽيشن جي نقشي تي نگاهه وجهي ٽڪيٽ واري دريءَ تان پڇي ڳاڇي هڻي هنڌ ڪري نيٺ وڃي ڊزني لينڊ ٽيوب اسٽيشن جون ٽڪيٽون خريد ڪيون سين. باقي ٽڪيٽ ۽ نقشي تي پنهنجي منزل جي ٽيوب بابت هر سمجهاڻي لکي پئي آهي. صرف سوچڻ سمجهڻ ۽ اکيون کولي هلڻ جي دير آهي نه ته هيڏن شهرن ۾ جي ماڻهو ڀُليو ته پوءِ واپس پنهنجي منزل تي پهچڻ لاءِ وقت سان گڏ پيسو به خامخواهه خرچ ٿيو وڃي ۽ بوريت ان کانسواءِ. سو اسان به ٽڪيٽ وٺي پڇي ڳاڇي اچي پنهنجي اچڻ واري انڊر گرائونڊ ٽرين جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. باقي يورپ ۾ ٽيوب ۽ ريل جي ليٽ ٿيڻ جو ته ڪو سوال ئي ڪو نه ٿو اُٿي. هت اليڪٽرانڪ بورڊ هر هنڌ لڳل آهن. جت سڪينڊ سيڪنڊ جي انفارميشن لکي پئي آهي. اسان جي ٽيوب اچڻ تي اسان به انهيءَ اندر گهڙي پياسين ته ڪيئن قسمن جي سرهاڻ شرير ۾ داخل ٿي اسان جو استقبال ڪيو ۽ ايئن اسان اڳتي پئرس جي ڊزني لئنڊ لاءِ روانا ٿي وياسين. ٽيوب ۾ فرينچن کان ٻيا زياده، سياح نظر آيا. جيڪي شايد ڊزني لينڊ گهمڻ وڃي رهيا هئا. ٽيوب ۾ هڪ به نيگرو نه هو. هونئن به توهان کي آمريڪا ۽ انگلينڊ جي ڀيٽ ۾ ٻي سڄي دنيا ۾ نيگرو گهٽ نظر ايندا ۽ انهن ۾ وري پئرس ۾ گهٽ ۾ گهٽ نظر ايندا. باقي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ته توهان کي هر هنڌ نيگرو وڏي تعداد ۾ نظر ايندا. ٽيوب ۾ ڪافي رش آهي. اسان مٿي بيهڻ وارن لاءِ لڳل هوڪس کي جهلي بيٺا آهيون. ٿورا ٿورا ماڻهو هر ٽيوب اسٽيشن تي لهن پيا پر اڃان به ويهڻ لاءِ جڳهه نظر نه آئي. اسان آهستي آهستي هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا آهيون. سڄي ٽيوب ۾ بلڪل سانت لڳي پئي آهي. لنڊن جي مقابلي ۾ هت ٽيوب اندر ائڊورٽائيز ڪجهه گهٽ آهي.
    ٽيوب سائيز ۾ لنڊن جي ٽيوب جيڏو ئي آهي ۽ سندن ٽڪيٽ جو اگهه به تقريباً هڪ جهڙو آهي پر هي وڌيڪ سنواريل ۽ سينگاريل آهي. هن جون سيٽون به وڌيڪ نفيس ۽ آرامده آهن. صفائي به هر هنڌ لنڊن جي ٽيوب کان وڌيڪ نظر آئي. اسان بيٺل آهيون جنهن ڪري ٻاهر ڪجهه به ڏسي ڪو نه ٿا سگهون جنهن ڪري دل ئي دل ۾ پئرس ڏسي ۽ گهمي رهيا آهيون. انگلش چينل وٽ ڏکڻ اوڀر طرف پئرس شهر سين نديءَ جي ٻنهي ڪنارن تي اهڙي طرح اڏيل آهي. جو هڪڙو قدرتي شاهي رستو اتر ڏکڻ انداز ۾ سين نديءَ کي پار ڪندڙ آهي. فرانس ملڪ جي گاديءَ وارو هي شهر ٻه هزار سالن کان به وڌيڪ پراڻو آهي ۽ يورپ کنڊ جي مکيه خشڪي ڀاڱي ۾ سڀني کان وڏو شهر آهي. هن ڪنئين سئو سالن کان وٺي ڪڏهن به ڪاميابيءَ سان واضح نه ٿيندڙ عمل تحت پوري دنيا ۾ لکين ڪروڙين ماڻهن کي پنهنجي جاهه ۽ جمال جي جادو ۾ گرفتار ڪري رکيو آهي. انهن ۾ اهڙا ماڻهو به شامل رهيا آهن. جيڪي هي ساحر شهر ڏسڻ کانسواءِ ئي مري ويا آهن، يا اڃا تائين زنده آهن. پرستان يا جنت نشان حسين، شوقين، عالمن، ڪاريگرن ۽ فنڪارن جو هي شهر جن پاڻ کي انهيءَ ساڳئي ننڍي عالمي گروهه جي زاوين تائين محدود ڪري رکيو ۽ کيس سورهين صديءَ ۾ ڪمال ۽ جمال بخشي سياحن لاءِ وندر ۽ ورونهن جو مرڪز بنائي ڇڏيو.
    هن دور ۾ شاهوڪار مغربي قومن وٽ جتي ماڻهن کي جنسي آزادي حاصل آهي. ات فرينچن جي جنسي عرياني جنسي مذاق ۽ جنسي ناول بيضرر خيال ڪيا وڃن ٿا.
    سن 1948ع ۾ پئرس جا جنسي ڪاروباري مرڪز قانون طور بند ڪيا ويا. تڏهن کان وٺي روايتي رنڊيون هاڻ ڪال گرلس ٿي ويون آهن جن کي توهان هوٽل ۾ ٽيليفون يا ٽيوب ۾ رکيل ڪتابن کي ڏسي فون ڪري گهرائي سگهو ٿا. ماضيءَ ۾ علوم و فنون جو مرڪز هي شهر پنهنجي اها حيثيت في الحال وڃائي ويٺو پر اوڻيهين ۽ ويهين صديءَ دوران پئرس تخليقي صلاحيتن جي حامل قاموسي ذهنن جو چمن سڏجڻ لڳو. سموري دنيا کان سوين هزارين مصور، سنگتراش، عالم اديب، موسيقار، رقاص ۽ ٻيا فنڪار ڪهي پئرس ايندا هئا، ڇو ته کين اميد هوندي هئي ته پئرس ۾ کين ڪاميابي، ترقي ۽ عروج حاصل ٿيندو. سن 1970ع تائين اها صورتحال باقي نه رهي. البته انهيءَ جي خاتمي جو غم سو موجود هو. اڳوڻو انتظامي ڍانچو بدلجي هاڻي تجارتي ۽ مشيني طريقي وارو ٿي ويو آهي. مجموعي طور تي نظام زندگي ڪافي تبديل ٿي ويو آهي. البته سماج جي زود رنج طبيعت اڃا تائين برقرار آهي. جنهن سبب ڪو به اهڙو سال نٿو گذري جنهن دوران پئرس شهر ۾ سياسي يا معاشي هنگاما آرائي ۽ هڙتال نٿي ٿئي. اها روايت اڃا برقرار آهي. سن 1960ع ۾ پئرس جي ماڻهن سندن روايت موجب شائستگي ۽ ٻين ماڻهن جي معاملن ۾ بيجا مداخلت نه ڪرڻ جي سلسلي ۾ هڪ تحريڪ هلائي. جنهن دوران مذهبي اخلاقيات کي نظر انداز ڪندي عملاً پنهنجو اخلاقي معيار گهٽائي ڇڏيو. سن 1970ع ۾ پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ کين عجيب قسم جي خوشامد سان گڏ رعب تاب ۽ ڌمڪيون پڻ ڏيڻيون پيون خصيص مسئلن لاءِ به بيجا هنگامه آرائي کان ڪو نه مڙيا. اهڙيءَ طرح شهر جو سڪون ۽ آرام برباد ٿي ويو. اڳي وانگر هن وقت تائين به عام ماڻهو حاڪم طبقن جي استحصال جو شڪار رهندا آيا آهن.
    سن 1921ع کان پوءِ شهر جي باشندن هتان لڏڻ شروع ڪيو. انهيءَ سان شهر جي آبادي 2906500 هئي. ماڻهن جي وڃڻ سان جيڪي جايون خالي ٿيون تن ۾ دفتر ۽ مختلف آفيسون قائم ڪيون ويون. باقي رهيل ماڻهن کي شهر جي محدود ايراضين ۾ رهايو ويو. ڌاريون مزدور جيڪو نهايت خراب حالت ۾ هو. تنهن کي شهر جي ٻاهر 150 بدحال بستين ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو.
    گهڻن ماڻهن جي لڏي وڃڻ سان شهر جي پسگردائي ۾ وسنديون پکڙجڻ لڳيون. سن 1958ع ۾ دنيا جي وڏن شهرن وارين مهلڪ بيمارين کان پئرس شهر کي بچائڻ لاءِ حڪومت اپاءُ ورتا، پر شهر جي پسگردائي ۾ اڳوڻي حڪومت مناسب اپاءُ ڪو نه ورتا. ماضيءَ ۾ شهر جي ترقي لاءِ مکيه ڪم سن 1898ع ۾ ميٽرو وارو ڪيو ويو.
    صدر چارلس ڊي گال ۽ سندس جاءِ نشين جي ذاتي مداخلت سان هڪڙو تمام وڏو ڪم هٿ ۾ کنيو ويو، جنهن تحت فرانس ملڪ جي ايراضيءَ جو 2 سيڪڙو جنهن تي پئرس شهر جي پسگردائي ۾ 1305 ڪميون قائم هئا. هڪ خودمختيار ريجن جي حيثيت بحال ڪري اختياري ۽ آزادي ڏيڻ وارو ڪم هو، جيئن ته اڪثر طاقتور مستقل مفاد سندس آزاد ريجن واري حيثيت کي ڇيهو نه رسائي سگهن. ڄاڻايل مقصدن جي حصول لاءِ نوان سياسي حلقا تشڪيل ڪيا ويا. اُتي نئون انتظامي ڍانچو برپا ڪيو ويو. جنهن کي موزون قانوني ۽ مالياتي اختيار حاصل هئا.
    سن 1968ع ۾ هن ريجن جي ٽن محڪمن کي نون ستن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو. انهيءَ ورهاست تحت سين محڪمو هيٺين ڀاڱن ۾ ورهايو ويو.
    1- ول ڊي پئرس
    2- هاٽس ڊي سين
    3- سين سينٽ ڊينس
    4- وال ڊي مارن
    سين ايٽ او وائيز محڪمو ٽن ڀاڱن
    1- ايسون
    2- واءِ ويلائين
    3- وال ڊي او وائيز ۾ ورهايو ويو.
    سين ايٽ مارن محڪمو ساڳيءَ حالت ۾ برقرار رهيو اهڙيءَ طرح پئرس ريجن ۾ هاڻي ٽن بجاءِ 8 پريفيڪٽ يعني محڪما انتظام هلائڻ لڳا انهن کي پئرس ريجن جو ڊسٽرڪٽ پڻ مهيا ڪيو ويو. جيڪو ريجن جو مالي ادارو هو. اهو ادارو 1961ع ۾ قائم ڪيو ويو. ريجن جي مالي پورائي لاءِ ريجنل ٽئڪس وصول ڪري مقامي ترقياتي منصوبا مڪمل ڪيا وڃن ٿا. پئرس ريجن جي ترقيءَ لاءِ ماسٽر پلان سن 1965ع ۾ پڌرو ڪيو ويو ۽ پئرس شهر جي سلسلي ۾ اهو سن 1968ع ۾ شايع ڪيو ويو. انهن منصوبن موجب پئرس شهر جي اتر توڙي ڏکڻ ۾ ڪُل پنج نوان شهر تعمير ڪرڻا هئا جيڪي هيٺيان آهن.
    1- ڏکڻ- اوڀر طرف ٽي لک آباديءَ وارو evry شهر ۽
    2- چار لک آباديءَ وارو شهرMelan Senart
    3- اوڀر طرف چئن ڀاڱن تي مشتمل پنج لک آباديءَ وارو علائقو Vallee de la Marne
    4- اولهه- اتر اولهه طرف تي هڪ لک آباديءَ وارو علائقو Pointoise
    5- ڏکڻ- ڏکڻ اولهه طرف تي ڇهن ڀاڱن تي مشتمل ساڍا تي لک آبادي وارو علائقو Trappes
    ڄاڻايل ماسٽر پلان تحت هنن نون شهرن ۾ جديد رهائشي، سائنسي، تعليمي، تفريحي ۽صحت جون مڪمل سهوليتون مهيا ڪرڻيون هيون. رستن توڙي نيڪال وارو جديد سرشتو تعمير ڪرڻو هو. سن 1966ع ۾ فرينچ ڪابينه هن پئرس ريجن کي اڃا به وڌيڪ اختيار ڏنا جن تحت کيس منصوبن جوڙڻ ۽ انهن کي رد يا بحال ڪرڻ جا اختيار ۽ انهن تي ٿيندڙ خرچ لاءِ ناڻو ڏيڻ جا پڻ اختيار شامل هئا. تنهن کانسواءِ هن ريجن کي ڪابينا جي ڪاميٽين جي ميمبري پڻ حاصل هئي. اهو سن 1968ع ۾ نئين سر تشڪيل ٿيڻ لکو سن 1970ع جي ڏهاڪي واري شروعات ۾ دل جي شڪل سان مشابهه 20 ارونڊ سيمنٽن يعني وارڊن تي مشتمل سين درياءَ جي ڪنارن تي آباد هي پئرس شهر ايئن ڀائنجي ٿو ڄڻ ته اهو دل آهي ۽ سين درياءَ ڌاڳو آهي. جنهن ۾ اهو پوتل آهي. سو پنهنجي حسين اُفق وڃائي ويٺو، ٽيهه ٽيهه ماڙ ٽاورن جون چوٽيون سوين سورهن ماڙ رهائشي عمارتن ڏانهن حيرانگيءَ سان پيون نهارين، شاهي رستا، توڙي زير زمين رستا شهر جي ٻاهران تعمير ڪيا ويا آهن. ماڻهن جو عام چاهه يا لڳاءُ انهيءَ قديم پئرس سان آهي. جيڪا بيرن هائوس مين سن 1835ع کان 1870ع تائين تعمير ڪرائي هئي. انهيءَ دوران شهر جي پاڻيءَ جي رسائي ۽ خراب پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو جوڙيو ويو. پراڻيون پُليون نئين سر تعمير ڪرايون ويون ۽ ضرورت موجب ٻيون نيون پليون به ٺاهيون ويون.
    ليس هال نالي قديم مارڪيٽ نئين سر اڏي وئي. هڪ نئون اوپيرا هائوس به تعمير ٿيو. موجود منصوبي موجب پئرس شهر کي سن 2000ع تائين اڳوڻي کان وڌيڪ سهڻو جاذب ۽ دلڪش بنائڻو هو شهر ۾ فضائي آلودگيءَ جا مکيه ڪارڻ گهڻي ٽرئفڪ ۽ لکين ماڻهن جو روزانو هڪ هنڌ گڏ ٿيڻ آهي. انهيءَ گدلائڻ کي گهٽائڻ لاءِ شهر کان ٻاهر گاڏين جا گيريج تعمير ڪيا ويا آهن. زبردست تجارتي مرڪز توڙي روزمره جي ڪمن لاءِ دفتر ۽ آفيسون پڻ شهر کان ٻاهر قائم ڪيون ويون آهن. ميٽرو سروس پڻ شهر جي مرڪز کان پري ۽ ٻاهر قائم آهي.
    ران ٽائون پارڪنگ لاءِ جوڙيل منصوبي موجب وڏين گهڻ ماڙ عمارتن جي تهخانن کي پارڪنگ لاءِ استعمال ڪجي ٿو.
    سن 2000ع تائين ماسٽر پلان ۽ هر هڪ جديد شهري سهولت مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ اختياريون عمل پيرا رهيون جنهن تحت جديد اسپتالون، اسڪول، اپارٽمينٽ، نرسريون، اسپورٽس، ۽ ليجر سينٽر، باغيچا ۽ پارڪ شامل هئا.


    2

    پئرس ننڍو شهر آهي ناٽرڊيم ڪيٿيڊرل جي اڳيان تعمير ٿيل عظيم اسڪوائر کان ماپي ڏسبو ته هتان کان وٺي شهر جي ڪا به ڪنڊ يا دنگ نشان ڇهن ميلن کان وڌيڪ پري ڪونهي. شهر جي ٻنهي ڇيڙن تي قائم شاهي پارڪن کي ملائڻ سان شهر جي پکيڙ 41 چورس ميل مس ٿي ٿئي. انهن پارڪن واري ايراضيءَ کانسواءِ سڄي شهر جي ڪُل ايراضي 34 چورس ميل ٿيندي. پئرس شهر سين درياءَ طرفان پيالي نما تراشيل زمين جي قطعي تي اڏيل آهي. جنهن جي ڪنارن کي شهر جي سرحد يا دنگ قرار ڏنو ويو. سين درياءَ شهر جي مرڪز وٽان قوس جي صورت ۾ گذري ٿو ۽ شهر جي ڪُل ويهن وارڊن مان ڏهن منجهان لنگهندڙ آهي. درياءَ شهر ۾ ان جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ وٽان داخل ٿيڻ کان پوءِ اتر طرف مڙي ٿو. پوءِ وري ڏکڻ اولهه ڪُنڊ ڏانهن ڦيرو کائي شهر مان نڪري وڃي ٿو، صورتحال موجب درياءَ جو هڪڙو ڪپ شهر ۾ داخل ٿيڻ سان اڀرندو ڪپ اڳتي هلي اُتريون ڪپ ۽ شهر مان نڪرڻ وقت الهندو ڪپ ٿي پوندو آهي. تنهن ڪري شهر جي ماڻهن آسانيءَ لاءِ درياءَ جي وهڪري موافق منهن ڪري بيهڻ سان نديءَ جي ڪپن کي ساڄو ۽ کاٻو سڏڻ جو اصول قائم ڪيو. حقيقت ۾ اهو اصول عام استعمال ۾ ڪونهي، ڇو ته مخصوص ماڳن ۽ عمارتن جي سڃاڻپ يا جاءِ وقوع جي نشاندهي ارانڊسهينٽ يا وارڊن جي نالن ۽ نمبرن موجب ٿيندي آهي.
    شهر جي گهٽين جي سطح کان 30 فوٽ هيٺ درياءَ جي پاڻي جي سطح برابر درياءَ جي ڪنارن تي پٿر جا دڪا ٺهيل آهن. جتي ٻيڙيون اچي تڙ ڪنديون آهن. انهن دڪن جي چوڌاريءَ وڻ ۽ ٻوٽا پولکيل آهن. گهٽين جي سطح تي وڻن جون جدا قطارون پوکيل آهن. جيڪي پاڻيءَ تائين پهچن ٿيون. مٿي ڄاڻايل ٻنهي سطحن جي وچ تي پٿر جي ڇپن سان ٺهيل ديوار لوهه جي شاهي جهنگلي سان آراسته آهي، انهي لوهي جهنگلي ۾ مختلف هنڌن تي درياهه جي گهيڙن ۽ تڙن وٽ گيٽ ٺهيل آهن. هيءَ ديوار جتي ڪٿي آئوي ivy نالي ول سان ڍڪيل نظر ايندي.
    هتي جون قديم عمارتون، درياهه ۾ هلندڙ ٻيڙيون، 32 پُليون، ڪنئين باغ باغيچا ۽ درياءَ جي پاڻي ۾ مختلف رنگن جو عڪس ۽ ان ۾ ٿيندڙ عجيب تبديلي، دنيا جي عجيب ترين ۽ سڀ کان وڌيڪ وڻندڙ شهر جو نظارو پيش ڪن ٿا.
    اسان جي ٽيوب اسٽيشن هاڻ اچڻ واري آهي جنهن ڪري ڊزني لينڊ لهندڙ مسافرن ۾ هاڻ چرپر نظر اچي رهي آهي، اسان وٽ ڪو به سامان ڪو نه آهي پر جن سياح مسافرن وٽ ٿورو گهڻو سامان ساڻ آهي سي پنهنجو پنهنجو سامان ڇنڊي ڦوڪي ڪلهن ۾ وجهي رهيا آهن يا هٿن ۾ جهلي بيٺا آهن. ڇو ته ٽيوب، اسٽيشن تي صرف چند گهڙيون بيهندو آهي. جنهن دوران خود به خود در کلن ۽ بند ٿين ان ٿوري عرصي ۾ ماڻهو چڙهن ۽ لهن. اهو سڄو عمل چند گهڙين ۾ ٿئي تنهن ڪري مقامي ماڻهو جيڪي هر روز پنهنجن پنهنجن مصروفيتن ڪري جنهن ۾ نوڪري، واپار تعليم ۽ ٻيا ڌنڌا ڌاڙي شامل آهن. جنهن ڪري هو ڏينهن ۾ هڪ دفعو، نه پر ڪئين دفعا چڙهن ۽ لهن سو انهن لاءِ ڪا نئين ڳالهه ڪانهين نه وري انهي ۾ کين ڪا دقت ۽ پريشاني ٿئي. هلندڙ ٽيوبن ۾ ايئن پيا لهندا چڙهندا آهن جو ڏسڻ ۾ به مزو پيو ايندو آهي.
    ٻيا اهي غير ملڪي سياح جن جي ملڪن ۾ به اهي ئي ٽيوب ۽ ٽيوب اسٽيشنون هر هنڌ پيا هلن سو انهن کي به انهي لاهه چاڙهه ۾ ذري جي به دقت نه ٿي پر اهي سياح جن جي ملڪن ۾ ٽيوب نالي ڪا شيءِ ٿئي ڪا نه تن سياحن کي پهريائين ڪجهه تڪليف محسوس ٿئي پر هرڪو انسان آهي سوچ سمجهه ۽ پرئڪٽس سان، ڪجهه وقت ۾ سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچيو وڃي پوءِ ته هر روز جو معمول ٿيو وڃي ۽ اهو ساڳيو ماڻهو پيو ٻين کي سمجهايو ٻڌائي. اسان جو ٽيوب هت بيٺو ته هزارن جي تعداد ۾ سياح هيٺ پليٽ فارم تي لهڻ لڳا ۽ ڏسندي ڏسندي سڄو پليٽ فارم ڀرجي ويو. اسان به نهايت ئي ڦڙتائي سان ٽيوب مان، هيٺ لهي وياسين ۽ ڏسندي ڏسندي ٽيوب پنهنجي اڳتي جي منزل لاءِ روانو ٿي ويو ۽ سڄو پليٽ فارم خالي ٿي ويو. ڊزني لينڊ ٽيوب جي بلڪل ويجهو هو جنهن ڪري چند منٽن ۾ سون قسمن جي گلن مان هلندي هلندي اچي ڊزني لينڊ جي دروازي تي پهتاسين. دروازي تي ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ هڪ نه پر ڪئين گيٽ هئا جن تان جلدي جلدي ٽڪيٽ وٺي هر ڪو اندر وڃڻ لاءِ آتو هو. اسان به پنهنجا پنهنجا ٽڪيٽ خريد ڪري اندر روانا ٿياسين. سڄي لوئر ۾ هي پهريون موقعو هو جو ٽڪيٽ خريد ڪري رهيا آهيون نه ته اهي سڀ ڪم ڪار اسان جي ٽوئر ڪمپني وارن تي هوندا هئا. اسان هر هنڌ بالم ٿيا بيٺا هوندا هئاسين پر هت اهو بار به اسان تي هو . هي ڊزني لينڊ لاس اينجلس جي ڊزني لينڊ کان تمام گهڻو ننڍو ٿي لڳو پهريائين وڏي تعداد ۾ اسان هڪ ٻئي جا فوٽو ڪڍيا ۽ مووي ڀري. هي پئرس جو ڊزني لينڊ جديد فرينچ تاريخ ۾ ڪنئين ملين يورو ڊالرن سان تيار ٿيو آهي ۽ دنيا جي عجائبات ۾ شامل آهي. اهو 1992ع ۾ عوام جي تفريح لاءِ کوليو ويو. هي پارڪ پئرس شهر جي اوڀر طرف 20 ميل پري واقع آهي ۽ پنج هزار ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهي. انهيءَ علائقي کي مارني لا ويلي Marne la Vallee سڏجي ٿو.سن 1994ع ۾ هن پارڪ جو نالو غير سرڪاري طور تي بدلائي ڊزني لينڊ رکيو ويو.
    ڊزني لينڊ پارڪ ۾ پنج تفريحي مکيه مڪان، ڇهه ساهي هوٽلون، هڪڙو شاهي ڪيمپ گرائونڊ، هڪڙو فيسٽيول ڊزني مرڪز، هڪ زبردست گولف راند جو ميدان جنهن ۾ بال وجهڻ لاءِ 27 سوراخ آهن. ڪنئين ڊزن ننڍا ريسٽورانٽ، شوروم ۽ دڪان موجود آهن. سموري يورپ کان ايندڙ سياح هتي گلن جي ٻارين جي وچ م گهمندا ڦرندا نظر ايندا جتي ڪنئين تلاءَ ڦوهارا ۽ هٿرادو ڍنڍ هوٽلن سان گهيريل آهن. هتي هٿرادو جانور هزارين ٻارن جي خوشي ۽ وڏن جي عبرت لاءِ موجود آهن.
    مکيه رستي Main Street U.S.A تي گهوڙي گاڏيون موجود آهن ۽ رستي جي ڪارنر تي باربر شاپس آهن هتي ٻاڦ تي هلندڙ ريل ڪارون به آهن. جيڪي فرنٽيئر لينڊ تائين هلايون وڃن ٿيون، اهي ڪارون مِيسِيسِيپي درياءَ ۾ هلندڙ ٻيڙين جي يادگار آهن. هتي ٻي دلچسپ شيءِ هڪڙو چڙيا گهر آهي، جنهن کي ڪريٽر ڪورل Criter Correl سڏين ٿا. اهو ڪاٽن ووڊڪريڪ ۽ لڪي نگيٽ سيلونLucky Nigget Salon وٽ آهي. پارڪ ۾ موجود ٻاڦ واريون ريل ڪارون ايڊوينچر لينڊ کان فينٽاسي لينڊ ڏانهن به هلن ٿيون. هتي پارڪ جو مکيه عنصر سليپنگ بيوٽي ڪيسل Sleeping Beauty castle نالي هڪڙو محل آهي. انهيءَ جا تمام اوچا مينار فرينچ محلاتن جي علامت تصور ڪجن ٿا. محلات جي چوڌاري قائم باغ ۾ ڪيترا ٻيا عناصر جهڙوڪ:
    1. Snow white and the Seven Dwarfs.
    2. Peter Pan
    3. Dumbo,
    4. Alice (from wonder land)
    5. The mad hatter’s tea cups
    6. Sir loncelots magic carousel.
    وغيره پڻ موجود آهن.
    ڊسڪوري لينڊ ۾ سائنس جي جديد تصور موجب تيار ڪيل شين ۽ ڳالهين جي نمائش ڪئي وڃي ٿي ۽ انهيءَ سان گڏ مشهور مصورن ليونارڊو، ڊاونچي، جولس ورن ۽ ايڇ جي ويلس جي خيالن سان ٺهڪندڙ شين جي پڻ نمائش ٿئي ٿي.
    تنهن کانسواءِ ڪيترين ئي فلمن جا شاهڪار ڪردار پڻ نمائش لاءِ موجود آهن.
    مٿئين سمورين شين سان گڏ هتي وليج ڊزني انٽرٽينمنٽ سينٽر village Disney entertainment center پڻ قائم آهي. جنهن ۾ ناچ گهر، دڪان، ريسٽورانٽ، بارون، ٽوئرسٽ آفيس، پوسٽ آفيس ۽ هڪ ٻيڙين جو گهاٽ پڻ آهي.
    هڪ بالغ جي لاءِ هڪ ڏينهن لاءِ گهمڻ جي في 30 کان 39 U.S.A ڊالر برابر 150 کان 195 فرانڪ، هڪ ٻار لاءِ 24 کان 30 ڊالر برابر 120 کان 150 فرانڪ.
    گهمڻ جو وقت: جولاءِ ۽ آگسٽ روزانو صبح 9 بجي کان رات 11 بجي تائين.
    ۽ سيپٽمبر کان جون ۾ سومر کان جمع تائين صبح 10 کان شام 6 بجي تائين، ڇنڇر ۽ آچر صبح 9 بجي کان شام 8 بجي تائين. اسان فوٽو ڪڍڻ ۽ مووي ڀرڻ کان واندا ٿي ڊزني ۾ وڌيڪ گهمڻ ڦرڻ لاءِ روانا ٿياسين. اڃان ٿورو اندر گهڙياسين ته چڱيرڙي برسات شروع ٿي وئي. اسان تيز تيز هلندا وڃي هڪ هوٽل ڀيڙا ٿياسين. جت اڳ ئي ڪافي رش لڳي پئي هئي پر نيٺ ڳولي ڳولي وڃي هڪ هنڌ ويٺاسين. اسان جا ڪپڙا ٿورا ٿورا ڀڄي چُڪا هئا ۽ بدن آهستي آهستي ٿڌو ٿي رهيو هو ۽ ڏسندي ڏسندي منا سيءَ ۾ رڦڻ لڳي. مون چيس خير ته آهي. پاڻ چيائين ته ريشمي ڪپڙا پهريل آهن. انهيءَ ڪري وڌيڪ سيءُ محسوس ٿي رهيو آهي. مون پنهنجي بدن تي پهريل ڪوٽ لاهي کيس پارايو ۽ کڻي کيس پنهنجن ڀاڪرن ۾ آندو پر مون ڏٺو ته سندس سيءُ ڪو نه لٿو هو، ويتر مون کي به سيءُ وارئي ويو هو. منهنجي باڊي هيٽ واري سڄي سائنس فيل وئي. سوچيم ته جي سردي جو اثر نه لٿو ته سڄو پروگرام الٽ پلٽ ٿي ويندو ۽ اسان کي واپس هوٽل وڃڻو پوندو. سو سوچي هڪ آئيڊيا يا نسخو دماغ ۾ اچي ويو. يڪدم هوٽل بواءِ کي سڏ ڪري کيس چيم ته ٽي بلئڪ ڪافي ۽ هڪ ڊبل پئڪ نيٽ ڪونيڪ جو آڻ پر دير نه ڪر سرديءَ ۾ وڃون پيا ٺرندا. همراهه آرڊر آڻڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي ۽ اسان به پيئڻ ۾ دير ڪا نه ڪئي ڪونيڪ پيئڻ ڪري سيءُ ته لٿو پر مڌ چڙهي ويا. سو کيس وري به هڪ ڪافي منا لاءِ ۽ هڪ ننڍو پئگ مون لاءِ جو آرڊر ڏنو. پاڻ وري به اڳ وانگر جلد ڪافي ۽ ڪونيڪ کڻي آيو. ڪافي ۽ ڪونيڪ پيئڻ کان پوءِ سردي گهٽجڻ سان چستي به اچي وئي ۽ برسات به بلڪل بند ٿي وئي ۽ اسان به ٻين سياحن سان گڏ نڪري پياسين. فرخ ۽ نور کي چيم ته توهان جيترو به گهمي سگهو اوترو گهمو مون آمريڪا ۾ به ڊزني لينڊ ڏٺي آهي ۽ منا جي طبيعت به ٺيڪ نه آهي. سو ان لاءِ اهو بهتر آهي ته خوفائتا ۽ محنت مشقت وارا پروگرام نه ڏسي ۽ توهان ٻيا پروگرام ته ڏسو پر خلا جو سير ۽ سمنڊ اندر سير ۽ هاررشو Horrer Show ضرور ڏسجو. اسان ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ توهان کي هت ملنداسين. پاڻ چيائون ته اسان جدا ڪو نه ٿا وڃون پاڻ گڏئي گڏ ٿا گهمون. توهان کي جنهن پروگرام ۾ هلڻو ناهي ته ٻاهر بيهي رهو ۽ ايئن اسان سڀ گڏ ڊزني لينڊ گهمڻ نڪري پياسين. پهرئين ڊزني ريل ۾ چڙهي سڄي ڊزني لينڊ جو چڪر لڳائي واپس انهيءَ ريلوي اسٽيشن تي لٿاسين جت انهيءَ ۾ چڙهيا هئاسين، پوءِ زمين کان مٿي ئي مٿي ڦرندڙ هڪ مني ريل وانگر هلندڙ سواريءَ ۾ چڙهياسين. هن ۾ هلندي ڏاڍو مزو آيو هر شيءِ مٿان کان هيٺ ٿي نظر آئي. جنهن ڪري مزو پئي آيو. تنهن کان پوءِ نور ۽ فرخ هڪ تيز سواري هيٺائين کان مٿي ۽ مٿي کان هيٺ هلندڙ ۾ گهميا.
    آئون آمريڪا ۾ ان ۾ چڙهيو هوس ڪا به تڪليف محسوس ڪا نه ٿي ٿئي. پر هينئر خبر ناهي ڇو ڄاڻي ٻجهي هن سواريءَ ۾ ڪو نه چڙهيس. تنهن کان پوءِ وري به نور ۽ فرخ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺندا رهيا ۽ آئون ۽ منا ٻاهر ئي ٻاهر چڪر هڻندا رهياسين. اُس نڪري چُڪي هئي ۽ گهمڻ ڦرڻ ۾ مزو اچي رهيو هو. برسات جي سرديءَ وارو اثر ختم ٿي چڪو هو ۽ گهمڻ ڦرڻ ڪري بدن چست ٿي ويو هو، دل پئي چاهيو ته پيا پرين جي هن ڏيهه ۾ گهمون ڦرون. جت هڪ جنت نه پر سڄي ڌرتيءَ جي گولي جون پريون اچي گڏ ٿيون آهن جن جي ڳاڙهين اگهاڙين سٿرن تان اکيون ته هٽن ئي ڪو نه ٿيون، پر جرمن عورتن جون ٿلهيون متاريون سٿرون ڏسيو ڊپ سان گڏ جرمن مردن جي قسمت تي کل سان گڏ افسوس به ٿيو پئي ته اها ڳالهه به سمجهه ۾ آئي ته جرمنن سندن زالن جا خار هميشه يورپ ۾ جنگيون ڪري ئي ورتا پر اسان هي خار ڪنهن مان ڪڍون. سو چُپ آهي ڀلي. انهيءَ تي ئي گذارو ڪرڻو پيو. جيسين وڃي جرمن سياحن جو هي ٽولو هڪ پاسيرو ٿئي. پرين جي هن آستان ۾ گهمندي ڦرندي ڪافي دير ٿي وئي هئي تنهن ڪري دل جي نه چاهيندي به مجبورن واپس وڃڻو پيو. واپس ويندي ويندي به ڊزني لينڊ جي هنن پرين کي دل ئي دل ۾ good bye چوندا اچي ڊزنيءَ جي ٽيوب اسٽيشن پهتاسين جت ڪافي رش هئي پر جڏهن ٽيوب آيو ته خبر ڪا نه پئي ته هيتري خلق ڪيڏانهن وئي. اسين به انهيءَ رش ئي رش ۾ ٽيوب ۾ چڙهي پئرس جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي واري ٽيوب اسٽيشن جيڪا اسان جي هوٽل کان ٿوري پنڌ تي هئي اچي لٿاسين. پئرس ۾ هن وقت روڊ رستن تي تمام گهٽ ٽرئفڪ هوندي آهي. هلندي هلندي اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين جت هوٽل رسپيشن واري فرينچ ۾ سلام کان پوءِ سواءِ اسان جي ٻڌائڻ جي ڪمرن جون چاٻيون کڻي اسان جي حوالي ڪيون. اسان سندس ٿورا مڃيندا اچي لفٽ جي گيٽ تي بيٺاسين، جت اڳ ئي ڪافي سياح لفٽ جو انتظار ڪري رهيا هئا.
    جنهن هوٽل ۾ اسين رهيل هئاسين اها تمام وڏي هوٽل هئي. منجهس ڪنئين فلور ۽ گهڻي تعداد ۾ ڪمرا هئا. هوٽل جي لفٽ تمام وڏي هئي. جنهن ۾ هڪ وقت پنجويهه ٽيهه ماڻهو هيٺ مٿي چڙهي لهي سگهيا ٿي پر تڏهن به رش لڳي پئي هئي. پئرس ۽ فرانس ۾ سياحن جي سيزن ۾ سڄي ملڪ ۾ بي انتها رش هوندي آهي. جنهن ۾ خاص ڪري هوٽلون. بارون، نائيٽ ڪلبون، ريسٽورانٽ، ٽرينون، بندر بازارون ۽ سپر مارڪيٽون ته سياحن سان ڀريون پيون هونديون آهن. پئرس، نيس، ڪئينس، مونٽي ڪارلو جي رنگين راتين ڪري سڄي دنيا مان سياح ڪهي هنن ملڪن ۾ اچن. جنهن ڪري صرف سياحن جي آمدني مان ۽ ٻاهرين ملڪن جي شاگردن جي فين مان ئي هي ملڪ دنيا جا امير ترين ملڪ ٿي ويا آهن. دنيا ۾ زياده ۾ زياده سياح يعني اٺ ڪروڙ فقط هڪ سال اندر فرانس ۾ اچن.
    گنيز ورلڊ رڪارڊ صفحو 151 سال 2001ع جنهن ۾ خاص ڪري عرب ڇا نه پيسو خرچ ڪندا هئا. هن ملڪ ۾ عرب، ايراني گهڻو ڪري سياحت لاءِ ايندا آهن. ٻيو ته خود فرانس جا ماڻهو به موڪلن ۾ فرانس ۾ ئي موڪلون ملهائيندا آهن. ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ سياحت لاءِ تمام گهٽ ويندا آهن. فرانس ۾ موڪلن جي شروعات آگسٽ ۾ ٿيندي آهي. تنهن ڪري آگسٽ جي مهيني ۾ فرانس ۾ بي انتها رش هوندي آهي ۽ اسان جو به سڄو فرانس وارو ٽوئر آگسٽ ۾ ئي ٿيو.
    دنيا ۾ زياده ۾ زياده سياحت لاءِ ماڻهو فرانس ۾ اچن ٿا پر سڄي دنيا ۾ سياحت وري زياده ۾ زياده آمريڪن ڪن ۽ سياحت مان زياده ۾ زياده ڪمائي به آمريڪا کي ٿئي.
    ڪنهن وقت ۾ مسلم ملڪن ۾ بي پناهه سياحت ٿيندي هئي. جنهن ۾ سعودي عربستان، ايران، عراق، ترڪي، پاڪستان، افغانستان، مراڪش، انڊونشيا، ملائيشيا، مصر ۽ لبنان شامل هئا. جن ۾ ايران، عراق، سعودي عربستان زيارتن ڪري، مصر احرامن ۽ نيل درياءَ جي ڪري باقي مراڪش پاڪستان، ترڪي، لبنان، انڊونيشيا ۽ ملايئشيا مختلف قديم آثارن، پرڪشش نظارن ۽ سونهن سوڀيا جي ڪري سڄي دنيا جي سياحن جي توجهه جو مرڪز هئا. ڪراچي جو شهر 1940ع ۾ سڄي ايشيا جي شهرن ۾ وڌ کان وڌ صاف سٿرو شهر ڊڪليئر ٿيل هو ۽ لبنان جي گاديءَ جو شهر بيروت ته سڄي دنيا جي پهرئين نمبر شهرن جي لسٽ ۾ شامل هو پر مغربي دنيا انهن مان چند ملڪن کانسواءِ باقي ملڪن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. جنهن ۾ عراق لبنان ۽ افغانستان خاص قابل ذڪر آهن.
    اسان پنهنجي ڪمرن ۾ پهچي چانهه پي ٿوري دير آرام ڪري تازا توانا ٿي رات جي ماني کائڻ ۽ ٿوري دير وڙڪڻ لاءِ وري ٻاهر نڪري پياسين.
    يورپ، آمريڪا ۽ جپان ۾ هندستاني پاڪستاني هوٽلن جو کاڌو ته تمام لذيذ هوندو آهي پر انهن ۾ گهڻو ڪري سوپ ڪو نه هوندو آهي. مون کي رات جي مانيءَ ۾ سوپ پيئڻ جي ننڍي هوندي کان عادت آهي. خاص ڪري گهمڻ ڦرڻ ۾ ته اهو شوق اڃان به وڌي ويندو آهي، ڇو ته گهر ۾ داڪٽري اصولن مطابق ماني ملي ۽ سڻڀ استعمال ٿئي. آئل ۽ لوڻ بلڪل بند، ان جي ابتڙ هوٽلن جا کاڌا سڻڀا ۽ مصالحن ڪري چٽ پٽا، کائڻ ۾ مزيدار ۽ سوادي ٿين جو پيٽ ئي نه ڀرجي، دل پئي چئي ته ويٺو کائجي ۽ هوٽلن وارا دڪان کوليو ويٺا ئي انهيءَ لاءِ آهن ته اسان وٽ وري وري ماڻهو اچن سو اهي کاڌا به اهڙا لذيذ تيار ڪن جو ماڻهو اهي کائڻ لاءِ ڪٿان کان ڪٿان ڪهي اچن. اسان به فيصلو ڪيو ته ٻه راتيون اڳ جنهن هندستاني هوٽل تي ماني کاڌي هئيسين اڄ به انهيءَ کي موقعو ڏيون هو خوش به ٿيندو ته اسان جي هوٽل جي ماني هنن کي وڻي آهي، ٻيو ته اسان جي هوٽل جي ويجهو به هئي ۽ ٻين هوٽلن لاءِ وري پڇ پڇان ۽ ٽئڪسي جو خرچ ۽ دير به لڳي. سو هن سرهي شام جي خوشبودار ۽ خوشگوار موسم ۾ هلندي هلندي خبر ئي ڪا نه پئي ۽ قدم خود بخود اچي هوٽل جي دروازي تي رڪيا. اسان دروازو کولي اندر داخل ٿياسين هتي هلڪي هلڪي آواز ۾ ۾ مڪيش جو هي گانو وڄي رهيو هو.

    کبھی کبھی میرے دل میں خیال آتا ہے
    کہ زندگی تری ذلفوں کی نرم چھاؤں میں
    گذرنے پاتی تو شاداب ہو بھی سکتی تھی
    یہ رنج و غم کی سیاہی جو مجھ پہ چھائی ہے
    تری نظر کی شعاعوں سے کھو بھی سکتی تھی
    مگر یہ ہو نہ سکا اور اب یہ عالم ہے
    کہ تو نہیں ترا غم تری جستجو بھی نہیں،
    گذر رہی ہے کچھ اس طرح زندگی جیسے
    اسی کسی سہارے کی آرزو بھی نہیں
    نہ کوئی جادہ دلی نہ منزل نہ روشنی کا سراغ
    بھٹک رہی ہے خلاؤں میں زندگی میری
    رہ جاؤں گا کھوکر انھیں خلاؤں میں اک دن
    میں جانتا ہوں مری ہم نفس مگر یوں ہے
    کبھی کبھی میرے دل میں خیال آتا ہے۔

    مون دل ۾ سوچيو ته کبهي کبهي ميري دل مين خيال آتا هي ڇو هميشه خيال اچڻ گهرجي. ٻيو ته سهاڳ رات هي گهونگهٽ اٺها رها هون مين. بلڪل غلط پر هينئن هجي ها ته سهاڳ رات هي..... اٺها رها هون مين. انهن خيالن ۾ ٽيبل تي مينو پيل ۽ ڀر ۾ ويٽر بيٺل ڏٺم ته ذهن تان گاني جي ڳالهه لهي کاڌي جي ياد اچي وئي. شايد سڀني پنهنجو پنهنجو آرڊر ڏئي ڇڏيو هو ۽ منهنجي آرڊر جي انتظار ۾ ويٽر بيٺو هو. سو سڀني ۾ ڏسي مشڪي ۽ جلد جلد ۾ ڪريلا ۽ قيمي جو آرڊر ڏئي چُپ ٿي ويهي رهيس. منا آهستي چيو ته مينو ۾ سوپ به آهي توهان چيس ڪو نه. مون دل ئي دل ۾ سوچيو ته هاڻ ڇا چوانس ڌڪ گُسي ويو ۽ منا کي چيم سوپ سڀاڻي لنڊن هلندي هلندي شپ ۾ پيئنداسين، ڏاڍو مزو ايندو.
    نور ۽ فرخ پنهنجي ڌُن ۾ مگن هئا. اسان ڏانهن شايد ڌيان ڪو نه هئن. اٺن ڏهن منٽن ۾ ويٽر چار گرما گرم ويجيٽيبل سوپ اچي اڳيان رکيا، منا مشڪي چيو ته مون تنهنجي سوپ جو آرڊر به ڏئي ڇڏيو هو. ڇو ته توکان پڇيم ته تو ڪو جواب ئي ڪو نه ڏنو سو تنهنجي بنا پڇڻ جي ئي آرڊر ڏئي ڇڏيو. مون پڇيس ته پوءِ تو مون کان پڇيو ته تو سوپ ڇو نه گهرايو. پاڻ چيائين ته تون ڪافي دير کان وٺي چُپ ويٺو آهين. الائي ڇا پيو دل ئي دل ۾ سوچين.
    منا مون کي ٻڌايو ته توکي ياد آهي ته شاديءَ جي پهرئين رات به تو هي گانو ٽيپ ۾ وڄايو هو ۽ جنهن جا ٻول اڄ به مون کي ياد آهن. جيڪي، ڪجهه هن ريت هئا.
    سمٽ رهي هي تو شرما کي ميري باهون مين
    ۽ ائين کبهي کبهي فلم جي هن گاني مون کي پنهنجي پيار جي ياد پئرس ۾ ڏياري ڇڏي. واقعي پئرس جو شهر انسان کي سڄي زندگيءَ جي خوشين جون گهڙيون ياد ڏياريو ڇڏي ۽ انهن مٺڙين يادن کي ياد ڪندي ماڻهو سوچي ٿو ته منهنجي زندگي بي معنيٰ ڪا نه گذري آهي. اسان بل ڏئي هوٽل مان نڪري پئرس جي جڳمڳ روشنين مان هلندي هلندي اچي پنهنجي هوٽل تي پهتاسين.
    منا نور ۽ فرخ کي ٻڌايو ته سڀاڻي پئرس ڇڏي لنڊن هلبو تنهن ڪري توهان پنهنجو پنهنجو سامان هينئر ئي پئڪ ڪري ڇڏجو. جيئن توهان کي صبح جو سوير ڪا دقت پيش نه اچي. انهن کي ايئن تاڪيد ڪرڻ کان پوءِ پاڻ به سڀ سامان پئڪ ڪري ڇڏيائين. سواءِ برش ۽ ريزر جي باقي صابڻ، شيمپو، ٽوال، شيونگ ڪريم، آفٽر شيونگ ڪريم، باڊي لوشن، هيئر لوشن، هيئر ڪريم، فيس لوشن، فيٽ لوشن، باڊي پرفيو،، مائوٿ واش ۽ ڪيترن قسمن جا ننڍين شيشين ۾ پرفيوم مفت ۾ استعمال ڪرڻ لاءِ پيا هئا. جيڪي استعمال ٿيل هر روز تبديل ڪري وري نوان رکي وڃن ۽ توهان هوٽل ڇڏڻ وقت جي اهي کڻي وڃو ته به هوٽل وارن کي ڪو به اعتراض نه ٿئي. ڇو ته هوٽل وارن اهي شيون توهان کي ڏئي ڇڏيون آهن. پوءِ توهان استعمال ڪيو يا پاڻ سان کڻي وڃو. اها توهان جي مرضي. صرف پندرهن ڏينهن جي ٽوئر ۾ جي اهي گڏ ڪريو ته به سون جي تعداد ۾ گڏ ٿي ويندا.
    اسان اڄ به دستور مطابق پنهنجي مقرر ٽائيم تي لائيٽ آف ڪري سمهي پياسين. ڇو ته صبح هلڻ لاءِ گهڻو ڪري هڪ ئي ٽائيم هوندو هو ڪڏهن ڪڏهن ويڪ اپ ڪال wake-up-cal جو وقت گهٽ وڌ هوندو هو. سو به اڌ ڪلاڪ کن.
    صبح سوير دستور مطابق منا قرآن شريف جو دور ڪيو جنهن کان پوءِ ٿورو ٻاهر نڪري پئرس جي پرهه ڦٽيءَ کي ڏسندا اڳتي واڪ لاءِ هلڻ لڳاسين. هڪ رات جي پڄاڻي ٻي ڏينهن جي شروعات به ڄڻ هڪ جنم جي شروعات آهي. جنهن سان نه صرف انسان ٿو متاثر ٿئي پر سج- چنڊ-تارا- پکي- پکڻ- جيت، جانورن سان گڏ وڻ ٽڻ ۽ ڌرتيءَ تي به انهيءَ جو اثر ٿيندو آهي.
    صبح ٽاڻي بلڪل سانت ۽ سڪون هوندو آهي. پري پري جو آواز بلڪل صاف سٿرو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي ۽ آهستي ماڻهن ۽ ٽرئفڪ جي چرپر کان پوءِ اها ڌرتيءَ جي سڳنڌ ۽ سونهن قائم نه رهندي آهي. انهيءَ سانت جي جڳهه تي گوڙ ۽ دونهون اچي جاءِ والاريندو آهي. اڄ اسان مختصر واڪ ڪيو ۽ پئرس جي رستن، چوراهن، فوٽپاٿن ۽ گهٽين کي آخري سلام ڪندي اچي هوٽل تي پهاستين.
    جت پهرئين فرخ ۽ نور کي جلد تيار ٿيڻ لاءِ چيو سين ۽ اسان به جلد تيار ٿي پنهنجو سامان ٻاهر در جي اڳيان رکي، لفٽ ۾ چڙهي اچي هيٺ آخري ڀيرو مفت جي نيرن سان هٿ اٽڪاياسين ڇا کائي ڇا کائجي. ٽيبل تي رکيل طعامن کي ڏسڻ سان ئي دل ڀرجيو وڃي پر ناشتي ۾ فرانس جي روايتي ڊبل روٽي، آلپائن ميوزلي ۽ انناس جو جوس ته ماڻهو ڇڏي نه ٿو سگهي ۽ ايئن انهن سان ئي پيٽ ڀرجيو وڃي. فرخ چيو ته لنڊن ڪيڏي مهل پهچبو. مون چيس ته اٽڪل شام جو ڇهين بجي گهر پهچي وڃبو. پر جڏهن انگلش چئنل ۾ شپ ۾ سير ڪبو ته لنڊن ۽ پئرس وسري ويندي ۽ دل چاهيندي آهي ته شپ ۾ پيو سير ڪجي.
    اسان بس ۾ چڙهڻ کان اڳ لنڊن ۾ ڀوراڻيءَ کي فون ڪري ٻڌايو ته اسان شام لنڊن پهچي وينداسين. پاڻ دستور مطابق ٽي چار دفعا ويلڪم ويلڪم ڪري اسان کي ڀليڪار ڏنائين ۽ پاڻ ڏاڍو خوش ٿيو ته اسان پنهنجو يورپ جو ٽوئر ختم ڪري واپس لنڊن اچي رهيا آهيون. اسان پئرس جي سرزمين تان هميشه لاءِ قدم کڻي بس ۾ رکيا ۽ اسان جي گائيڊ ٻڌايو ته توهان کي هاڻ ڇا ڪرڻو آهي ۽ توهان وٽ هاڻ ڇا ڇا هئڻ گهرجي.
    مثلاً لنڊن وڃڻ لاءِ پاسپورٽ. ان تي ملٽي پل ويزا لنڊن کان اڳتي هر هڪ کي پنهنجي ملڪ لاءِ او ڪي ٽڪيٽ ۽ وڌيڪ ڏينهن لنڊن ۾ رهڻ لاءِ مناسب ڪرنسي شپ ۾ کڻڻ لاءِ صرف ٻه بئگون ۽ هر هڪ کي بند ليٽر ڏنائين جنهن ۾ ڪمپني طرفان لکيل هو ته هن کي مناسب ٽپ ڏيندا ته مهرباني. اهو پاڻ واتان ڪو نه چيائين هڪ فولڊ ٿيل ليٽر ڏنائين ٽپ به انهيءَ ۾ وجهي کيس واپس ڪرڻي هئي. هٿ ۾ نوٽ ڏيڻا ڪو نه هئا. جيئن شخصي تذليل نه محسوس ٿئي. ٽپ توهان جي مرضي ڏيو يا نه ڏيو ۽ ڪيتري ڏيو ڪا به هجت يا بندش ناهي.
    انهيءَ ڪارروائي دوران بس آهستي آهستي پئرس جي حسين شهر ۾ سين نديءَ سان لڳو لڳ رستي تان اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌي رهي آهي. سين نديءَ جي ڪنارن تي ساوڪ ۾ ننڍڙا ننڍڙا پکي چُڻِي رهيا آهن ته ڪي چهنب چهنبن سان ملائي راند ڪري رهيا آهن يا پاڻ ۾ چنبڙي پيار ڪري رهيا آهن. ڪارا،ساوا، ڳاڙها، هيڊا ۽ رنگبرنگي پکي هڪ ڪپر کان ٻئي ڪپر ۽ سين نديءَ جي ڀرسان وڻن ۾ رانديون ڪري رهيا آهن. نديءَ ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بوٽ هلي رهي آهي. نديءَ جي ڪپرن تي روڊ جي فوٽ پاٿ تي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو تيز تيز قدمن سان اچي وڃي رهيا آهن. اسان جي بس پُل پار ڪري ٻئي ڪپر تي هڪ سڌي روڊ تي هلي رهي آهي. ٿوري ئي پنڌ تي هڪ ٻئي وڏي روڊ تي چڙهي ته روڊ تي Main street U.S.A لکيل هو. هي هڪ وڏو چوڪ آهي. جتي ڊزني لينڊ وانگر ٻارن جي تفريح لاءِ ڪنئين رانديون ۽ پارڪ ٺهيل آهن. هن ڪارنر کي Disney characters چون. هت ٻارن جي وندر لاءِ هڪ هٿرادي عاليشان ڍنڍ به ٺهيل آهي. جنهن ۾ ڪنئين ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون ٻارن جي تفريح لاءِ بيٺل نظر آيون پر هينئر هت ڪو به ماڻهو نظر ڪو نه ٿو اچي سواءِ ڪم ڪار ڪرڻ وارن جي ڍنڍ جي وچ ۾ وڏو ڦوهارو ۽ پاسن کان ننڍا ڦوهارا ٺهيل آهن. پر هينئر بند پيا آهن پاسي کان ڪيئي جڳهيون آهن. جيڪي شايد هوٽلون ۽ دڪان آهن. انهن جي پٺيان گهوڙي گاڏيون بيٺيون آهن. هت پارڪ اندر ٻاڦ تي ٽرام به هلندي آهي. ٽرام تي ڪنئين ڪارٽون ڪيترن رنگن ۾ ٺهيل نظر اچي رهيا آهن.
    اسان جي بس عام بسن کان مٿانهين آهي تنهن ڪري پري پري تائين ڏسي سگهجي ٿو پر هاڻ اسان هن ٻارن جي تفريحي پارڪ کان ايترو ته پري وڃي چُڪا آهيون جو هر شيءِ اکين کان غائب ٿي وئي آهي.
    پئرس جي بنياد رکندڙ شخص کي شايد اها خبر ئي ڪا نه هئي ته هي شهر اڳتي هلي سڄي دنيا جي سونهن ۽ سوڀيا جو اهڃاڻ بڻجي پوندو نه ته هو هن شهر کي پنهنجي نالي سان ضرور منسوب ڪري ها. دنيا جا ٻيا وڏا ۽ مشهور شهر لاس اينجلس، نيويارڪ، سينفرانسسڪو، ٽوڪيو، لنڊن، روم، هانگ ڪانگ ۽ سينگاپور کي به ماڻهن سنواري سينگاري کڻي اڳيان ڪيو آهي پر پئرس جي ڳالهه ئي ٻي آهي. پئرس قدرتي طرح حسين وجميل آهي. جنهن کي ڪنهن جي سينگارڻ سنوارڻ جي ضرورت ئي ڪانهي. هن جي سونهن قدرتي طرح سان هن جي شرير ۾ شامل آهي. سو سڄي دنيا خود بخود هت هلي اچي. واقعي پئرس کي قدرت دائمي سونهن نصيب ڪئي آهي، سا ختم ٿيڻي ئي ڪانهي. اسان جي بس فتح چوڪ جي يادگار کان ڦرندي پري کان شانزلي شاهراهه جو ديدار ڪرائيندي اڃان شهر جي حدن ۾ ڊوڙون پائيندي اڳتي وڃي رهي آهي. بس جي اندر صفا چُپ لڳي پئي آهي. سڀ ڪو پنهنجي ليکي شايد پئرس کان موڪلائي رهيو آهي، يا وري اچڻ لاءِ سوچي رهيو آهي. يا شايد پئرس کي ڇڏڻ لاءِ دل ئي ڪا نه ٿي چوي، يا لنڊن پهچڻ جو انتظار آهي. يا پنهنجو شهر ياد اچي رهيو آهي، ڪجهه ته آهي. جو ايتري خاموشي آهي. انهن خيالن ۾ ئي اسان جي بس پئرس کي ڇڏي فرانس جي ڪشادي ۽ صاف سٿري، وڻن ۽ گلن سان سينگاريل سنواريل موٽروي تي پهچي وئي. جت بس ڪجهه اسپيڊ ورتي ته مسافر اکين تي ڪا شئي رکي آرامي ٿي پيا. مون ڊائري کڻي ڪجهه نوٽس لکڻ شروع ڪيا. ڇا لکان، ڪٿان شروع ڪريان پوءِ لکندس ۽ ايئن واپس ڊائري رکي ڇڏيم. منا بلڪل ستي پئي آهي. سندس پرس هيٺ لڙڪي رهيو آهي. مون خيال ڪيو ته پرس ٺاهي رکان پر دل ۾ خيال آيو ته ننڊ خراب ٿينديس. ننڍي هوندي سُتل ٻارن کي گهر ۾ اُٿاري ماني کارائبي هئي، ننڍي هوندي رات جي وقت سواءِ ماني کائڻ جي سمهي پوندا هئا سين ته ننڊ مان اٿاري گهر وارا ماني ڪو نه کارائيندا هئا ڇو ته بابا سائين جو چوڻ هوندو هو ته ننڊ مانيءَ کان وڌيڪ بهتر آهي،. تنهن ڪري ڪنهن به ٻار کي ننڊ مان اٿاري ماني کارائڻ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿي اٿيو،. سو انهيءَ نظريي تي اسان به عمل ڪندا اچون ٿا.
    ڊيگال جا قول آهن ته ”عظيم ماڻهن کانسواءِ عظيم مقصد حاصل ڪرڻ ناممڪن آهن“ سو دنيا ۾ جتي ملڪن جي ترقيءَ ۾ قدرتي وسيلن جو وڏو اثر آهي، تيئن وري ڪن ملڪن کي اهڙا ته عظيم حاڪم مليا، جن انهن قومن ۽ ملڪن جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي
    1- چارلمين
    2- پوئنڪير
    3- نيپولين بونا پارٽ
    4- جان آف آرڪ
    5- پئپري
    6- چارلس ڊيگال
    7- جانڪالون
    8- هينري iv
    ۽ ڪليمنشو جهڙا فرانس کي عظيم حاڪم مليا جن هن ملڪ کي به عظيم ملڪ ڪري ڏيکاريو ۽ جن هن ملڪ جي تقدير ئي بدلائي ڇڏي. انهن سڀني پنهنجي وقت ۾ فرانس جي وڏي خدمت ڪئي. انهن ۾ هينري iv به هڪ آهي.
    تاريخ ۾ اهڙا گهٽ ماڻهو ملندا جن پنهنجي ملڪ جي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ڪمائتين شخصي خوبين سان ايتري خدمت ڪئي هوندي. جيتري نواري جي هينري، جيڪو پوءِ فرانس جو هينري iv ٿيو ۽ پنهنجي ملڪ جي خدمت ڪئي. هو هڪ اهڙي زماني ۾ فرانس جو محبوب وطن ۽ ملڪي مدبر ثابت ٿيو. جڏهن سندس ملڪ جا ماڻهو گهڻي ڀاڱي مذهبي اختلافن ۽ خانداني جهيڙن ۾ ڦاٿل هئا. هن نه صرف پنهنجي تيز فهمي سان فوجي ڪاميابيون حاصل ڪيون پر عقيدي جي معاملي ۾ دنياوي لذتن کان پاسو ڪندي انهيءَ ميدان ۾ به ڪاميابي حاصل ڪئي. بادشاهي معاملن ۾ آپيشاهي هلائڻ سان گڏوگڏ درگذر کان به ڪم ورتو. هينري بوربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو. هن پنهنجي ملڪ فرانس کي ٽيهن سالن کان هلندڙ مذهبي جنگين کان نجات ڏياري، ان کي خوشحال، طاقتور ۽ يورپي قومن ۾ منفرد حيثيت جو مالڪ بڻايو.
    ٽيهن سالن جي تجربي هينري کي قائل ڪري ڇڏيو هو ته رياست ۾ صرف ۽ صرف بادشاهه جا اختيار هلڻ گهرجن، هو گهڻو ڪري چوندو هو ته سندس بادشاهي ”عوام جي حفاظت هيٺ“ آهي پر هن فرانس جي نمائنده اداري (اسٽيٽ) اڳيان وڌيڪ سچائي سان ڳالهائيندي چيو هو ته ”توهان جي سڀ کان قيمتي موڙي بادشاهه جي حمايت“ آهي. هينري جي زندگي جو سڀ کان وڏو مقصد فرانس ۾ مضبوط مرڪزي حڪومت قائم ڪرڻ هو ۽ هن فرانس لاءِ اهو ئي ورثو ڇڏيو. ٽيهن سالن جي افراتفري کان پوءِ فرانس جي هر نسل ۽ طبقي جي ماڻهو، آزادي مٿان، حڪومت جي سٺي ڪارڪردگي ۽ امن امان قائم ٿيڻ کي ترجيح ڏني. هينريءَ جو پاڻ سان، فرانس سان ۽ فرانس جي هر هڪ ماڻهوءَ جي حالت سان جيڪو چاهه هو تنهن کيس مقبول ڪرڻ سان گڏوگڏ سندس عزت به وڌائي.
    سندس دور ۾ صنعت ترقي ڪئي. هن جو وزراعظم سولي هوگويو ناٽ ڪٽر ڪالونسٽ هوندي به، سندس بهترين صلاحڪار ثابت ٿيو. هن جي زماني ۾ روڊن، پلين ۽ واهن جي حالت سڌاري وئي، سلڪ، ڪلابات (سوني ڌاڳي) جي ڪم ۽ شيشي جي صنعت، ملڪ جي اقتصادي حالت سڌارڻ ۾ مدد ڪئي. هينري فرانس جي بوربان گهراڻي جو پهريون بادشاهه هو. جنهن پنهنجن پوين لاءِ هڪ اهڙو خوشحال ۽ مذهبي معاملن ۾ رواداري رکندڙ، ملڪ ورثي ۾ ڇڏيو، جيڪو مضبوط ۽ متحد هو. هن پنهنجن اختيارن ۽ مضبوط قوت ارادي، خوش خلقي ۽ حرفت کان ڪم وٺي ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکاريو. جڏهن آگسٽ 1610ع ۾ هڪ ڪئٿولڪ مذهبي مجنون، کيس خنجر هڻي ماري ڇڏيو. تڏهن هو سڄي يورپ ۾ سڀ کان وڌيڪ متحد ۽ طاقتور ملڪ جو حاڪم هو. هن جي بواربان جانشينن فرانس کي مهانگين ۽ فضول جنگين ۾ جيڪو ڦاسايو سو شايد اڻٽر هو پر هن جي دور، هڪ صديءَ لاءِ اهڙا بنياد مهيا ڪري ڏنا جنهن ۾ فرانس يورپ جي سڀ کان وڏي طاقت رهيو. هن ملڪ سورهين صديءَ ۾ جيڪو ڪامياب تجربو ڪيو سو ڪنهن به طرح گهٽ ڪارنامو نه هو.
    ماڻهو جنهن به ملڪ وڃي ٿو ته صرف انهيءَ ملڪ جي تعريف ٿو ڪري ته، واهه جو ملڪ هو، ڏاڍا سٺا ماڻهو هئا، سڀ ڪم ڪار قانون مطابق پئي ٿيو، اصل شينهن ٻڪريءَ گڏ پئي کاڌو پر ڏسڻ ۾ اهو آيو آهي ته انهيءَ ملڪ جي اوڻائين جي باري ۾ يا ته بلڪل ڪجهه به ڪو نه لکيو ويو آهي يا وري بلڪل نه برابر لکيل آهي پر انهيءَ جي ابتڙ سنڌ ۾ جيڪي به سياح آيا انهن جيڪي ڪتاب لکيا اهي سڀ سنڌ ۽ سنڌين جي خلاف لکيل آهن. مثلاً چچ نامو مظهر شاهجانيءَ ۾ ته سنڌين جي باري ۾ تمام گهڻو ڪينو ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌيءَ جي هڪ انگريز محقق لامبرڪ به Terrost ۾ حرن جي خلاف لکيو آهي حر به ته سنڌي آهن.
    سو آئون به چاهيندو آهيان ته جنهن به ملڪ ۾ وڃجي انهيءَ ملڪ جي خوبين سان گڏ خامين جو به ذڪر ڪجي پر ڪي ملڪ اهڙا به هوندا آهن جن ۾ ڪا گهٽتائي نظر ئي ڪا نه ايندي آهي. تنهن ڪري انهيءَ ملڪ جي اخبارن ۽ رسالن ۾ مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه ميڙي چونڊي پڙهندڙن اڳيان رکجي سو هي ٿورو گهڻو اخباري مواد فرانس جي اڳوڻي صدر جي خلاف ڏٺم سو هت لکي رهيو آهيان. جيئن توهان حڪومت جي خلاف مخالف ڌر جا رايا پڙهي ۽ معلوم ڪري سگهو.
    سرد جنگ کان پوءِ دنيا ۾ وڏيون اٿلون پٿلون آيون جن ۾ ڪيترن ملڪن جو ته وجود ئي ختم ٿي ويو. جيئن يوگو سلويا ۽ اوڀر جرمني، ته وري ڪنئين نوان ملڪ وجود ۾آيا جيئن ازبڪستان، بوسينا، قازڪستان ۽ ٻيا به ڪيترا ملڪ پر فرينچ اڃا تائين اڳوڻي صدر مٽرانڊ واري هاڃيڪار پاليسيءَ جو شڪار آهن ۽ سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ به فرينچ قومي وقار ۽ اعتماد گهربل حد تائين اُجاگر نه ٿيو. جيتوڻيڪ 1995ع ۾ سندس وفات کان پوءِ مٽرانڊ جي شهرت 93 سيڪڙو وڌي ۽ اهو جلد پڌرو ٿيو ته هن فرانس کي شهسواريءَ لاءِ کنيو هو. هن پنهنجي جاءِ والاريندڙ جميڪس شراڪ کي گرفت کان ٻاهر پسماندگي ۽ بي لغام بيروزگاري واري فرانس ۾ ڇڏيو. ڦٽن تي لوڻ ٻرڪندي مٽرانڊ جي حڪومت واري وزير دفاع کي ڪي جي بي ڇاڙ تي طور ملزم ڄاڻايو ويو آهي ۽ مٽرانڊ جي وقت واريون نظر پرور عمارتون ۽ هوٽلون وغيره ڪِرَن پيون. ماڻهو حيران آهن ته سرڪاري توڙي خانگي خزاني جي ذخيرن ۾ ڪجهه بچيو به آهي جنهن سان هن ڇڙو ڇڙ صورتحال کي سڌارجي. سرڪار هن ڏس ۾ ڪنئين منصوبا جوڙيا آهن پر انهن تي عمل تمام سست رفتاري سان ٿئي ٿو. سراسري طور ترت اڪلائڻ وارن ڪمن لاءِ به پارليامينٽ کي ٻه سال لڳي ٿا وڃن. ماڻهو اڃا تائين وڌيڪ پريشان پيا ٿين. جيڪا ڳالهه هميشه حڪومت کي ڏکي ٿي لڳي. نتيجتاً صورتحال ڪوسو ڀَتِ کائڻ واري يعني سنگين آهي. عوام سمجهي ٿو ته هن صورتحال جو سبب شراڪ جي قدامت پرست پاليسي آهي ۽ سرڪار جي خيال ۾ انهيءَ جو سبب نون آبادگارن جي تعداد ۾ غير متوقع اضافو آهي. جيڪي اڪثر بي سرو سامان ۽ هٿين خالي اچي معيشت تي بار ٿيا آهن. ڄاڻايل صورتحال جي پيش نظر 96ع وارا اگرا واقعا پيش آيا. فرانس ۾ آگسٽ جو مهينو معمول موجب لطف ۽ لذت ماڻڻ وارو هوندو آهي ۽ هن مهيني ۾ ماڻهو ڊگهين موڪلن تي سير ۽ تفريح لاءِ گهمڻ ڦرڻ نڪري وينداآهن پر 1996ع واري آگسٽ جو مهينو آفريڪا مان لڏي آيل 300 ماڻهن جي جنجال ۽ فساد وارو مهينو هو. انهن مان 48 ماڻهن کي چارلس پاسقوا واري 1994ع واري قانون موجب واپس پنهنجي ملڪ موڪلڻو هو. پر ٿيو هينئن ته اهي سمورا 300 ڄڻا سينٽ برنارڊ واري چرچ جي هڪ حجري ۾ وڃي لڪا ۽ انهن مان ڏهن ڄڻن بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي.
    آخرڪار ويڪيشن جي خاتمي کان هڪ ڏينهن اڳ پوليس چرچ تي چڙهائي ڪري ان جا دروازا ڀڃي داخل ٿي. انهن لڪل ۽ هڙتالي آفريڪين کي پڪڙي حراست مرڪز ۾ بند ڪيو هو. ڪارروائي کي گهڻن فرينچن ساراهيو. ڇو ته سندن خيال موجب آفريڪي ۽ عرب ماڻهن هت اچي بيروزگاري ۽ اخلاقي ڏوهن ۾ تمام گهڻو اضافوڪيو آهي. ٻئي طرف اڪثر شاگرد ۽ دانشور طبقو لڏي ايندڙن لاءِ ٺهيل قانون تي سخت تنقيد ڪري ٿو. سندن چوڻ آهي ته مٿيان قانون حڪومت پنهنجي نااهليءَ کي لڪائڻ لاءِ ترتيب ڏنا آهن.
    سن 1996ع شراڪ لاءِ لڳاتار مصيبتن جو سال رهيو. جنهن دوران ٽپال گهرن ۽ ٻين سرڪاري آفيسن ۽ عوامي جڳهين تي بم ڌماڪن سان ماڻهن کي ماريو ويو ۽ دهشت گردي ڦهلائي وئي. انتظاميه ٽن طرفن کان دهشت گرديءَ جي ضد ۾ آئي وغيره.
    بهرحال هي هنن جا پنهنجا رايا آهن. اسان مختصر وقت ۾ پنهنجو ڪو به رايو قائم ڪو نه ٿا ڪري سگهون. تنهن ڪري پاڻ اچون ٿا واپس پنهنجي سفر جي پچار تي .
    اسان فرانس جي ميداني علائقي مان وڃي رهيا آهيون، پري پري سرسبز پهاڙن تي ڳاڙها گهر جن جي ارد گرد وڏا وڏا خوبصورت وڻ صاف نظر اچي رهيا آهن ته وري ڪنهن ڪنهن هنڌ ايڪڙ ٻيڪڙ گهر، نه ته صرف پهاڙ ئي پهاڙ، تن مٿان سنهڙا ڊگها وڻ، پهاڙن جي سونهن ۽ عظمت کي وڌيڪ اجاگر ڪريو بيٺا آهن. مائوزي تنگ جو هڪ شعر آهي ته
    ”سونهن هميشه توهان کي پهاڙن جي چوٽين تي ملندي“
    آمريڪي صدر نڪسن پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ليڊرس (Leaders) ۾ پئرس شهر مان واپس ٿيندي بنجمن فرينڪلن جا هي لفظ ياد ڪندي لکيا آهن ته:
    ”دنيا ۾ هر انسان ٻن ملڪن جو شهري آهي. هڪ پنهنجي ملڪ ۽ ٻيو فرانس جو“
    منهنجي سوچ مطابق انهيءَ جملي جي معنيٰ آهي ته هر ماڻهو کي فرانس اهڙو ٿو وڻي ۽ پنهنجو محسوس ٿئي جو هر انسان فرانس کي پنهنجو چوڻ تي مجبور ٿيو پوي ۽ انهيءَ جي سڪ ايئن ستائي ٿي جيئن پنهنجي ملڪ کان ٻاهر پنهنجي ملڪ جون يادون.
    فرانس مون ڪنئين دفعا ڏٺو آهي پر مونکي فرانس هميشه جوان لڳو. ڇو ته :
    ”جواني ئي سونهن آهي.“
    بس ۾ مائيڪل جيڪسن جو گانو Thirller تمام ڌيمي آواز ۾ وڄي رهيو آهي. دل ۾ خيال ڪيم ته گائيڊ کان پڇان ته ماني رستي ۾ ڪنهن هوٽل تي کائبي يا لنڊن پهچي پرلنڊن ته ڪافي دير سان پهچبو. تيستائين بک ته لاهه ڪڍي ڇڏيندي. پر ياد آيو ته گذريل سال جڏهن پئرس کان لنڊن وڃي رهيو هوس ته ماني انگلش چئنل ۾ هلندڙ شپ ۾ کاڌي هيم سو هينئر به اتي ئي کائي وٺنداسين. شپ ۾ ڪافي ٽائيم هوندو پر هن روڊ تي به ٻن ٽن ميلن تي شاندار هوٽلون آهن جت سياحن لاءِ هر سهوليت مهيا هوندي آهي. شايد ڪٿ بيهارين ڇو ته پئرس کان ڪيلائس Calais تائن ڪافي مفافصلو آهي. جيڪڏهن سواءِ اسٽاپ جي هليا ته ويهي ويهي ٿڪجي پئبو پر جيڪڏهن ماني لاءِ بيهبو ته وري ڪافي دير ٿي ويندي. انهن ئي خيالن ۾ هوس ته گائيڊ هن علائقي جو تعارف ڪرايو ۽ انهيءَ سان گڏ اهو به ٻڌايو ته پاڻ ڪيلائس پورٽ پهچڻ کان اڳ واٽ تي هڪ جڳهه تي تمام ٿورڙي وقت لاءِ بيهنداسين. ۽ پوءِ وري اڳتي پنهنجي منزل لاءِ روانا ٿينداسين. پاڻ اهو ٻڌائڻ کان پوءِ واپس پنهنجي ليڪچر کي شروع ٿي ويو جيڪو ڪجهه هن ريت آهي.
    سن 1348ع جي اونهاري ۾ پليگ (وبائي) بيماري يورپ ۾ پکڙي ۽ چار سال برقرار رهي جنهن دوران يورپ جي آدمشماريءَ جو اٽڪل ٽيون حصو يعني 33 سيڪڙو موت جو کاڄ ٿي ويو. پئرس جي سرنديءَ وارا ماڻهو شهر ڇڏي ٻهراڙيءَ ۽ ٻين سلامتيءَ وارن ماڳن تي وڃي رهيا. نتيجي طور فصل تمام خراب ٿيا ۽ قوم خطرناڪ مالي بحران ۾ وڪوڙجي وئي.
    انگريزن جي فرانس سان سؤ سالا جنگ دوران فرينچ تخت تي قبضي جي نيت ڪري هن فرانس ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪيترائي رستا ٺاهيا. پنهنجي بيپناهه طاقت سان تقريباً سمورو اتريون ڀاڱو جنهن ۾ پڪارڊي Pkardy ۽ نارمنڊيNormandy شامل آهي. تنهن کانسواءِ شيمپين لوئر واديءَ جا ڪجهه حصا ۽ گويين Guyenne وارو وڏو علائقو پنهنجي قبضي ۾ آندو. هن صورتحال دوران هڪ ڪرشمه ساز شخصيت، هاري خاندان جي ڇوڪريءَ جان آف آرڪ joan of Arc عظيم سورميءَ جي صورت ۾ نمودار ٿي. جنهن مايوس ۽ ڇڙوڇڙ فرينچ لشڪر کي منظم ۽ مضبوط بڻائي دشمن خلاف بي مثال جدوجهد شروع ڪئي ۽ بزدل فرينچ ولي عهد جي لاءِ بادشاهه چارلس ستين جي حيثيت ۾ ريمس جي ڪيٿيڊرل (گرجا ۾ سندس تاج پوشي جو بندوبست ڪيو. ڪيٿولڪ چرچ جي مخالفت ڪري هن سورميءَ کي رائج مذهب جي مخالف هئڻ جي الزام تحت روئين شهر ۾ 1431ع ۾ ٽياس تي ٽنگي ساڙي قتل ڪيو ويو. نئين تخت نشين بادشاهه جي اڳواڻيءَ ۾ آندل سڌارن ڪري مالي طور ڪجهه قوت حاصل ٿي ۽ قومي وقار به ڪي قدر بحال ٿيو. پاڻ ۾ وڙهندڙ ۽ ڇڙوڇڙ فوجي ٽولن جي پاڻ ۾ ٺاهه ٿيڻ ڪري انهن انگريزن کي ملڪ جي وڏي حصي مان ڀڄائي ڪڍيو ۽ انگريزن وٽ فقط نارمنڊي وارو ڪيلائس بندر قبضي هيٺ رهيو. سيلٽڪ ٻولي ڳالهائيندڙ ماڻهن تي مشتمل اولهه وارن علائقن کي فرانس ۾ ضم ڪرڻ خاطر بادشاهه چارلس اٺين سن 1400ع جي آخر ۾ برٽيني واري آخري شهزادي ايني. Anne last duches of birttany سان شادي ڪئي.
    اهڙيءَ طرح انگريز ۽ فرينچ هن رشتي جي ڪري وري پاڻ ۾ مٽ مائٽ ٿي امن ۽ شانتيءَ سان رهڻ لڳا. اسان جي بس هڪ شاندار ٽوئرسٽ اسپاٽ تي اچي بيٺي آهي هيءَ پوائنٽ هڪ پهاڙيءَ جي وچ ۾ آهي. جت بيهڻ سان هڪ شاندار ويو نظر اچي رهيو آهي. يعني مٿي پهاڙ ۽ هيٺ به پهاڙ وچ ۾ اسين بيٺا آهيون ۽ پري کان جبلن مٿان هيٺ پاڻي وهي رهيو آهي ۽ هيٺ ڪرندڙ پاڻيءَ تي سج جي روشني پئجي رهي آهي. جنهن ڪري پاڻي چمڪي رهيو آهي. ساوڪن مان هيٺ ڪندڙ پاڻي ڏاڍو خوبصورت لڳي رهيو آهي. هت فقط هڪ هوٽل آهي جنهن اڳيان خوبصورت پارڪ آهي. پارڪ جي وچ ۾ ننڍو تلاءُ آهي جنهن ۾ ڊائنوسار جو مجسمو لڳائي ڇڏيو آهي. پارڪ جي چوطرف ڪاٺ جون بئنچون رکيل آهن. اسان انهن تي ويهي ڪافي جو آرڊر ڏنو. نور ۽ فرخ باٿ روم ڏانهن ويل آهن. چوطرف سياح گهمي ڦري ۽ ڊائنو سار جي ڀرسان هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍي رهيا آهن. اسان هت ڪافي پي باٿ روم مان ٿي واپس اچي بس ۾ ويٺاسين ته سڀ مسافر بس ۾ ويٺل ڏٺم ۽ بس هلڻ لڳي. اسان فرانس جي حسين شاهراهن تان هلندي فرانس جي آخري جهلڪ ڏسندي ڏسندي اچي پنهنجي منزل يعني فرانس جي سامونڊي بندر ڪيلائس تي بس مان لٿا سين. هي بندر فرانس جي نارمنڊي علائقي ۾ آهي. هت اسان جي اميگريشن ۽ ڪسٽم ڪليئرنس ٿي جنهن بعد اسان هت ڊيوٽي فري شاپ تان ڪجهه خريداري ڪئي.
    اسان کي هت ڊيوٽي فري شاپ ۾ گهمندي ڦرندي ڪافي وقت ٿي ويو تنهن کان پوءِ اسان واپس بس ۾ چڙهي اچي انهيءَ شپ جي ويجهو لٿاسين، جيڪا اسان کي هتان کان کڻي انگلش چئنل ڪراس ڪري انگلينڊ جي سامونڊي بندر ڊوور تي لاهيندي جتان اسان ٽوئر وارن جي بس ۾ چڙهي ٽوئر شروع ڪيو هو انهيءَ پوائنٽ تي اچي لهنداسين. پوءِ هر سياح اتان کان پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿيندو. اسان بس مان لهي پنهنجي ٽوئر جي آمريڪن گائيڊ ٽوڊ ۽ رومن ڊرائيور جان ڪارلو کان موڪلائي پنهنجو پنهنجو سامان کڻي شپ ڏانهن روانا ٿياسين. جيڪا اسان جو انتظار ڪري رهي هئي. ٿوريءَ دير ۾ شپ انگلش چئنل تي ترڻ لڳي. شپ جي هلڻ شرط شپ هوسٽس اسان کي اڄ جون انگريزي اخبارون، جوس، پيسٽري ۽ ٽافي ڏني. مون ڏٺو ته نور ۽ فرخ سندن سيٽن تي ڪو نه هئا. نه رڳو اهي ڪو نه هئا پر اڌ شپ خالي پيو هو. آئون به ٻاهر نڪري ڊيڪ ڏانهن ويس ته ڪافي تعداد ۾ شپ جا پئسنجر ٻاهر بيٺل ڏٺم جيڪي شپ جي پويان نڪرندڙ پاڻي کي ڏاڍي چاهه سان ڏسي رهيا هئا، جيڪو فين جي ڦيري ڪري پاڻيءَ کي ڌڪي پويان ڪري رهيو هو ۽ انهيءَ ڪري شپ جي پوئين حصي تي پري پري تائين پاڻيءَ جي تيز ڌارا مٿي اڀري ڏاڍو سٺو ڏيک ڏئي رهي هئي. جنهن کي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچي هت گڏ ٿيا آهن ۽ اسان به اهو منظر ڏاڍي شوق سان ڏسي رهيا آهيون. هونئن به شپ تي ڏاڍو مزو اچي رهيو آهي.
    فرانس کان برطانيا وڃڻ لاءِ هوائي سروس کانسواءِ ريل توڙي بس سروس پڻ آهي. جيڪا انگلش چئنل ۾ تعمير ٿيل ٽيونلن وسيلو ٿئي ٿي پر انهيءَ کانسواءِ قديم آمدرفت جو وسيلو انگلش چئنل ۾ جهاز رانيءَ وارو پڻ آهي، جيڪو صدين کان قائم آهي. فرينچ ماڻهو انگلش چئنل کي عام طور تي لامانچي la manche يعني قميص جي ٻانهن سڏيندا آهن.
    انگلش چئنل ۾ برطانيا ۽ يورپ جي سمورن وابسته ملڪن جي وچ ۾ فيري سروس چالو آهي. اها سروس جنهن ۾ ننڍيون توڙي وڏيون لانچون شامل آهن. انهن مان ڪن لانچن ۾ فقط مسافر کڻجن ٿا پر وڏين لانچن يا ٻيڙين ۾ موٽرون، وينون ۽ ٽرڪون پڻ چاڙهيندا آهن. هي پتڻ واريون بيڙيون ڏينهن توڙي رات سروس ۾ مشغول آهن. البته ڪڏهن ڪڏهن موسمي خرابيءَ، طوفان يا ويرن جي اتار چڙاهه سبب پنهنجي نظام اوقات ۾ مجبوراً ڦير گهير ڪرڻي پوين ٿي. انهن لانچن جي اچڻ وڃڻ جو وقت ريل گاڏين جي ٽائيم ٽيبل سان ڀيٽي مرتب ڪيو ويو آهي. جيئن ته سمورن وسيلن وارن مسافرن کي هڪ ئي وقت تي سفر جون سموريون سهوليتون ميسر هجن ۽ اهي مرضيءَ موجب ريل يا لانچ ۾ سفر ڪري سگهن.
    انهيءَ سلسلي ۾ لنڊن ۽ پئرس شهرن جي وچ ۾ هلندڙ مواصلاتي وسيلن جو ٽائيم ٽيبل سڀ کان وڌيڪ مربوط ڪيو ويو آهي.
    ڊوور کان ڪيلائس ۽ بولون و چ ۾ موجود مکيه روٽن تي گهٽ ۾ گهٽ روزاني اوٽ موٽ ٻارهن چڪر لڳايا وڃن ٿا.
    ڊوور ۽ ڪيلائس شهرن وچ ۾ سڀ کان ٿورو مفاصلو آهي ۽ اتي هلندڙ هائڊرو فوئل ۽ هوور ڪرانٽ لانچون سٺي موسم دوران فقط چاليهه منٽ وٺن ٿيون. ساڳئي فاصلي کي طئي ڪرڻ ۾ آهستي هلندڙ لانچن کي ڪئين ڪلاڪ لڳيو وڃن.
    موٽر ڪار پتڻ وسيلي کڻي وڃڻ لاءِ اڳواٽ انهيءَ جي بڪنگ ۽ رزرويشن ضروري آهي، ڇو ته موٽر گاڏين واري جڳهه اڪثر ڪري ڀريل هوندي آهي. فرانس ۽ انگلينڊ وچ ۾ فيري سروس ۾ سڀني کان وڌيڪ پيش پيش channel lines ڪمپني آهي. هيءَ ڪمپني انگلينڊ جي پورٽس مائو ٿ شهر کان فرانس جي چربرگ شهر جي وچ ۾ پئسنجر توڙي موٽرون کڻندڙ لانچن جي سروس ڪندي آهي. جيڪي ڏينهن ۾ ٽي چڪر لڳائينديون آهن. هر چڪر ۾ اٽڪل سوا چار ڪلاڪ وقت لڳي ٿو. رات جي چڪر ۾ ست ڪلاڪ لڳي وڃن ٿا.
    پورٽس مائوٿ کان فرانس جي شهر لي هاور تائين ڏينهن ۾ ٽي چڪر لڳايا وڃن ٿا، هر چڪر ۾ اٽڪل سوا پنج ڪلاڪ لڳن ٿا. اسان اڄ جنهن روٽ ذريعي وينداسين اهو سڀ کان وڌيڪ مشهور روٽ انگلينڊ جي ڊوور شهر ۽ فرانس جي ڪيلائس شهر جي وچ ۾ هلندڙ لانچن وارو آهي. هن روٽ تي ڏينهن ۾ چوويهه چڪر لڳايا وڃن ٿا ۽ هر طرف فقط سوا ڪلاڪ وقت لڳي ٿو.
    ڊوور ۽ ڪيلائس شهرن جي وچ ۾ هن ڪمپنيءَ جون لانچون روزاني ويهارو کن چڪر لڳائين ٿيون. انهن لانچن ۾ مسافرن سان گڏ سندن موٽر ڪارون پڻ کڻندا آهن. هي لانچون چئنل ڪراس ڪرڻ ۾ اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ وقت وٺن ٿيون.
    فرانس ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ هلندڙ سمورين لانچن جو ڀاڙو عام طور ساڳيو هوندو آهي. بالغن لاءِ هڪ طرف پنجويهه پائونڊ يا چاليهه ڊالر سينيئر سٽيزن يا پاڻ وٽ مروج لفظ عمر رسيده ماڻهن لاءِ ٻاويهه پائونڊ يا پنجٽيهه ڊالر ۽ ٻارن لاءِ پندرهن پائونڊ يا چوويهه ڊالر آهي.
    هوور اسپيڊ hover speed نالي ڪمپني ڊوور ۽ ڪيلائس واري روٽ تي هوور ڪرافٽ لانچون هلائي ٿي جيڪي هڪ ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن چڪر لڳائين ٿيون ۽ فقط پنجٽيهن منٽن ۾ چينل ڪراس ڪن ٿيون.
    هيءَ ڪمپني سي ڪئيٽ نالي لانچون پڻ هلائيندي آهي، جيڪي بولون ۽ فاڪس شهرن وچ ۾ سروس ڪن ٿيون، هي لانچون هن روٽ تي اٽڪل چار چڪر لڳائين ٿيون ۽ اٽڪل 55 منٽن ۾ چئنل ڪراس ڪن ٿيون. هنن لانچن جو عام ڀاڙو 25 پائونڊ يا 40 ڊالر آهي.
    هنن پتڻن يعني لانچن ۾ کڄي ويندڙ ڪارن جو ڀاڙو 130 ڊالر وٺن. مون فرانس ۽ برطانيا وچ ۾ سمنڊ ذريعي هلندڙ سمورن روٽن جو ذڪر انهيءَ ڪري ڪيو آهي ته جيئن لنڊن يا پئرس ويندڙ سياح اهي هڪ ٻئي جي ويجهو شهر به ڏسي سگهن نه ته اسان جو اڄ جو روٽ اڳواٽ مقرر ٿيل هو. يعني ڪيلائس کان ڊوور- اسان ڪافي دير ٻاهر بيهي پوءِ اندر ڊائينگ هال ۾ وياسين. منا چيو ته ڪافي وقت ٿي ويو آهي سو آئون ماني ڪو نه ٿي کانيان باقي توهان ڀلي پاڻ لاءِ گهرايو، آئون صرف جوس پيئنديس. مون پنهنجي لاءِ فش ۽ چپس جو آرڊر ڏنو. نور ۽ فرخ پنهنجي پنهنجي پسند جو آرڊر ڏنو. ٿوريءَ دير ۾ اسان جي آرڊر جي تعميل ٿي ۽ اسان به ٿانوَ خالي ڪرڻ ۾ دير ئي ڪا نه ڪئي. جيڪي پڻ پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا آهن. آئون پئرس ۾ ڪنئين دفعا آيو آهيان. سو بهتر ٿو سمجهان ته توهان کي به پئرس جي رهائش ۽ تفريح جي سَيستين ماڳن مڪانن جي باري ۾ ڪجهه رهنمائي ڪريان.
    پئرس جي سَيستين ٽوئرسٽ رهائش ۽ ماني جي هوٽلن/ ريسٽورانٽن، نائيٽ ڪلبن، وائين بارس، پبلڪ بارس، ميوزڪ هالن، گي ۽ لئسبين ڪلبن جو تفصيل ڪجهه هن ريت آهي.

    پئرس شهر جون سستيون هوٽلون

    1- هوٽل برٽانيڪ hotel britannique
    2- مينسارٽ هوٽل Hotel mansard
    3- ٽم هوٽل لوور Tim Hotle louvre
    4- هوٽل اوپل Hotel opal
    5- گرانڊ هوٽل سينٽ مچل Grand Hotel st: Michel
    6- هوٽل لي هوم ليٽن Hotel le home latin
    7- هوٽل ڊي لاسوربون Hotel de la Sorbonne
    8- هوٽل جارڊن ڊيس پلينٽس Tim Hotel jardin des plantes
    9- ڊيلهيز هوٽل Delhy’s Hotel
    10- هوٽل اوائٽڪ Hotel Aviatic
    11- هوٽل ڊيو گلوب Hotel du globe
    12- هوٽل ڊي نيورس Hotel de nevers
    13- هوٽل لنڊ برگ Hotel lind bergh
    14- هوٽل سول فيرينو Hotel solferino

    سستا ريسٽورانٽ

    1- اينجلينا Angelina
    2-2 ڪيفي رچيليو Café richelien
    3- جو ايلين Joe Allen
    4- لي پول آءٌ پاٽ Le pule ou pot
    5- ليس ڪيور Les cure
    6- چيز جانو Chez janou
    7- ايل ايمبسيڊ ڊي آورن L’ Ambassade d’ Auvergne
    8- براسري ڊي آءِ لي سينٽ لوئس Brasserie De’ I’ lle st: Louis
    9- چيز جو گولڊن برگ Chez jo golden berg
    10- رائل ميڊلين Royal Madeleine
    11- آءٌ پيٽٽ رچ Au petit Riche
    12- لاپي ٽائيٽ ٽونڪينوائيز La- p’tite tonkinoise
    13- بسٽرو ڊي ايل ايٽائيل Bistro de I’ etoile
    14- پيرائوڊن Perraudin
    15- پيٽائيٽ هاسٽلري Petite Hostellerie
    16- آڪس ڪارپينٽيئرس Aux charpentiers
    17- چيز ڊائين Chez Diane
    18- ڪريمري ريسٽورانٽ پوليڊور Cremerie Restourant Polidor
    19- لابيسٽائيڊ اوڊيئن Le Bastide Odeon
    20- لي پروڪوپ Le Procope
    21- ريسٽورانٽ ڊيس بيئڪس آرٽس Restaurant des beaux Arts
    22- روٽيسري ڊي اين فيس Rotisserie d-en face

    ٿيٽر ۽ ميوزڪ هال

    1- سائيٽ ڊي لاميوزڪ Cite de la music
    2- ميسن ڊي ريڊيو فرانس Maison de radio france
    3-اوپيرا باسٽل Opera Bastille
    4- اوپيرا ڪامڪ Opera comique
    5- اوپيرا گارنيئر Opera Garnier
    6- ٿيٽر ڊيس ڪيمپس ايلائيسيز Theater des champs Elysee’s
    7- ٿيٽر ميوزڪل ڊي پئرس Theater musical de pairs
    8- ٿيٽر نيشنل ڊي شيلاٽ Theater National de chaillot
    9- لي باٽا ڪلان Le bata clan
    10- اولمپيا Olympia
    11- آءٌ ڪيويو ڊي لابولي Au caveau de la bolee
    12- آءُ لاپن اگائيل Au lapin Agile
    13- ٿيٽر ڊيس ڊيوڪس اينس Theater des denx Anes

    نائيٽ ڪلبون

    1- چيز مڪائو Chez michou
    2- ڪريزي هارس سيلون Crazy horse saloon
    3- فوليز برگر Folies Bergere
    4- ليڊو ڊي پئرس Lido de paris
    5- مولين روج Moulin Rooge
    6- ولا ڊي ايسٽ villa de este
    7- جاز ڪلب لاوِلا Jazz club la villa
    8- لي بلبو ڪيٽ/ ڪلب سينٽ جرمينLe bliboquet/club st: germain
    9-نيو مارننگ New Morning
    10- سلو ڪلب slow club

    ناچ گهر/ ڊانسنگ ڪلب

    1- بس پالا ڊيئم Bus palla dium
    2- لا بالا جو La balajo
    3- لي نيو رِوَرِ سائيڊ La new River side
    4- لي سينٽ Le saint
    5- ليس بينس Les bains
    6- ليس ايٽائيلس Les etoiles
    7- ريڪس ڪلب Rex club

    وائين بارس

    1- آءٌ ساوگنن Au sauvignon
    2- جوو نائيلس Juveniles
    3- ليس بيڪ چانٽس Les bacchants
    4- وليز وائين بار Willi’s wine bar

    پبلڪ بارون
    1- اڪيڊمي ڊي لابيئر Academic de la biere
    2- بار ڊي ڪريلان Bar de carillon
    3- بار هيمنگوي/ باروينڊوم Bar hemingway/bar Vendome
    4-دي چائنا ڪلب The china club
    5- هيريز نيويارڪ بار Harry’s new yark barr
    6- لي فورم Le forum
    7- پب سينٽ جرمن، ڊيس پريس Pub saint Germain- des- pres

    گي ۽ لئسبين ڪلبون
    1- بنانا ڪيفي Banana café
    2- لاڪيمپميسل La champmesle
    3- لي بار Le bar
    4- لي بار سينٽرل Le barr central
    5- ايل اينٽر ايڪٽ Le entr acte
    6- لي ڪُئين Le queen.
    اسان جو هي محل نما جهاز هاڻ انگلينڊ جي ڪپرن کان گهڻو پري ڪونهي. اسان هتان کان هاڻ برطانيا جو بحري بندر ۽ ان جي پهاڙن تي اڏيل ڪوٽ قلعا چٽي طرح ڏسي رهيا آهيون. جهاز جي ڪپتان اسان کي لائوڊ اسپيڪر ذريعي ٻڌايو ته پاڻ هاڻ جلد برطانيا جي بحري بندر ڊوور تي پهچڻ وارا آهيون، جنهن ڪري توهان خاموشيءَ سان پنهنجين پنهنجين سيٽن تي چيلهه جا بيلٽ ٻڌي آرام سان ويهي رهو. جيسين وڃي هي جهاز ڪپر ڀيڙو ٿئي اسان به ايئن پنهنجون پنهنجون سيٽون درست ڪري خاموشيءَ سان انهن تي ويهي رهياسين.
    اسان سڀ کان پهرئين فون ۾ سڪا وجهي ڀوراڻي کي فون تي پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو. تنهن بعد پنهنجو پنهنجو سامان سهيڙي اچي گيٽ جي ويجها ٿياسين. ڇو ته هيٺ لهڻ لاءِ گيٽ تڏهن کلندا آهن جڏهن جهاز جي ڏاڪڻ هيٺ زمين تان جهاز سان لڳندي آهي ۽ پوءِ مسافر هيٺ لهندا آهن پر جهاز سان ڏاڪڻ اڃان ڪا نه لڳي هئي. انهيءَ کان اڳ جهاز جي هيٺان ويڪري ڏاڪڻ لڳائي پهريائين جهاز اندر گاڏين کي هيٺ لاٿو ويو. تنهن کان پوءِ اسان ۽ اسان جي سامان کي هيٺ لهڻ جي اجازت ملي. اسان به لائين ٺاهي هڪٻئي جي پويان هڪ هڪ ٿي جهاز مان هيٺ لهڻ لڳاسين ته اسان جي ٽوئر ڪمپني ڪاسسموس وارن جو اسٽاف هٿن ۾ ڪاسموس جو لکيل هي بينر کڻي ته اسان توهان کي پنهنجي ڪامياب سفر تان واپس اچڻ تي خوش آمديد چئون ٿا. بيٺل نظر آيو. اسان جي بس به ٿوري پري اسان جي انتظار ۾ اسٽارٽ بيٺي هئي. اسان جي گائيڊ جي رهنمائي ۾ اچي پنهنجي بس ۾ ويٺا سين. جنهن تي ڪاسموس لکيل ڪو نه هو، پر ڪاسموس جي نالي سان بينر لڳل هو.
    اسان سواءِ ڪنهن بندش جي پنهنجي پنهنجي پسند جي سيٽن تي ويهي رهياسين ۽ هڪٻئي کي ائڊريسون ۽ فون نمبر ڏيڻ لڳاسين. ته توهان جڏهن به اسان جي ملڪ ۾ اچو ته اسان سان ضرور ملجو. ايئن هڪ ٻئي کان موڪلائڻ جي گڏجاڻي ڪرڻ لڳاسين. ڪنهن چيو ته اڄ ئي شام جو فلائيٽ ۾ آئون پنهنجي ملڪ واپس هليو ويندس ته وري ڪنهن چيو ته ٻه ٽي ڏينهن هت لنڊن ۾ گهمڻ کان پوءِ پنهنجي ملڪ ويندس يا وري گذر سفر جو هڪٻئي سان حال احوال ته پئرس ۾ ڏاڍو مزو هو، روم ڪيترو نه قديم آهي، سوئيزرلينڊ کي ڪيئن نه پراڻي طرز تي اڃان تائين قائم رکيو اچن.
    چند شهرن کان سواءِ باقي ٻيو سڄو يورپ ڪيڏو نه مهانگو آهي. مطلب ته سڀ ڪنهن وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور هو. ڇو ته پندرهن ڏينهن جي هن ٽوئر ۾ اسان هاڻ هڪٻئي لاءِ اجنبي ڪو نه هئاسين. تنهن ڪري جيسين وڃي بس ڊوور جي هن ننڍڙي شهر جي روڊن تي ڊوڙڻ لڳي تيسين اسان تمام پنهنجائپ واري انداز ۾ هڪٻئي سان روح رهاڻيون ڪندا رهياسين.
    ڊوور جو شهر، جنهن جي بحري بندر تان چينل پار ڪندڙ گهڻي ٽريفڪ اچي ۽ وڃي ٿي، سامونڊي تفريح گاهه جي حيثيت ۾ ڪا خاص ڪشش نه ٿو رکي. پر اهو ڪينٽ واري ساحل جي ٻين تفريحي ماڳن جو سير ڪرڻ ۽ گهمڻ لاءِ مرڪز طور ڪم اچي ٿو. انهن بندرن کي سِنڪ پورٽس سڏبو هو، جن ۾ ڊوور بندر پڻ شامل هو. بندرن جي اها فيڊريشن وچئين دور ۾ قائم ٿي. جنهن کي بحري فوج مهيا ڪرڻ جي عيوض برطانوي سرڪار طرفان گهڻيون سهوليتون مليل هيون. رات جو لنڊن لاءِ تمام گهٽ سواري ملڻ سبب مجبورن ڊوور ۾ رهڻو پوي ٿو. ڊوور جو مکيه پتڻ شهر جي اوڀر طرف ميل کن پنڌ تي آهي. لنڊن لاءِ ڪوچ هتان هلي ٿي. ريلوي اسٽيشن شهر جي اتر اولهه طرف ڏهن منٽن جي پنڌ تي آهي. بس اسٽيشن شهر جي وچ ۾ پينسيٽر اسٽريٽ ۾ واقع آهي. ٽوئرسٽ آفيس ٽائون وال اسٽريٽ ۾ آهي.
    لنڊن روڊ تي چارلٽن هائوس وٽ هڪڙي يوٿ youth هاسٽل پڻ آهي. اونهاري جي مند ۾ گڊوائين روڊ تي ڪنئين مسافر خانان به آهن. ڊوور جي وائيٽ ڪلفس سامونڊي ڪناري وارين سفيد ٽڪرين تي گهمڻ ۾ خاص لطف حاصل ٿئي ٿو ۽ ٻيڙيءَ ۾ سير ڪندي هنن ٽڪرين جو نظارو به ڏاڍو دلڪش آهي. هنن ٽڪرين جي چوٽيءَ تان ويهه ميل پري ڪيلائس ٽڪرين جو نظارو پڻ ڪري سگهجي ٿو.
    شهر ۽ اوڀر طرف وارن پتڻن جي وچ تي سمنڊ جي ڪناري هڪ اوچي هنڌ تي ڊوور شاهي محل اڏيل آهي. هي محل نارمن دور حڪومت جي نشاني آهي، جيڪو وچئين دور ۾ تعمير ٿيندڙ مورچن وارين ديوارن سان گهيريل آهي. محل جي احاطي اندر رومي دور ۾ تعمير ٿيل لائيٽ هائوس جا آثار موجود آهن. اهو لائيٽ هائوس پهرين عيسوي صدي ۾ ٺهيو هو. تنهن کانسواءِ هتي هيل فائير ڪارنر پڻ آهي. جنهن ۾ سرنگهون ٺهيل آهن. برطانوي نيوي وارا ٻي مهاڀاري لڙائي دوران حملي جي وقت ۾ محل ۽ قلعي جي دفاع لاءِ انهن سرنگهن کي استعمال ڪندا هئا.
    هت وائيٽ ڪلفس ايڪسپيريئنس نالي هڪڙو زبردست ميوزم قائم ڪيو ويو آهي. انهيءَ ۾ هڪڙي ڊرامائي تصوير آويزان آهي جنهن ۾ رومي شهنشاهه حمله آور جي حيثيت ۾ ڊيل نالي شهر جي ويجهو سمنڊ جي ڪناري تي لهندي ڏيکاريو ويو آهي. ڄاڻايل شهنشاهه اهو حملو سن 55 ق. م ۾ ڪيو هو. ٻي تصوير ۾ ڊوور شهر جو سن 1944ع جو نظارو ڏيکاريل آهي.
    پراڻي ٽائون هال کان هيٺ هاءِ اسٽريٽ تي شهر جو جيل وڪٽورين دور جي جيلن واري طرز تعمير جو مثال آهي، جنهن ۾ ڪجهه وڌيڪ ڪورٽ روم ۽ ايڪسرسائيز يارڊ پوءِ تعمير ڪيا ويا آهن.
    شهر جي عجائب گهر ۾ رومي مصوريءَ جا ناياب شاهڪار موجود آهن. جيڪي پينٽ هائوس ۾ ڏسي سگهجن ٿا. هي ميوزم مارڪيٽ اسڪوائر ۾ قائم ڪيو ويو آهي. شهر جي اولهه طرف هڪڙو زبردست اوچو ميدان آهي، جيڪو اصل ۾ ڊهيل، نيپولين واري دور ۾ قلعي جي جاءِ وقوع آهي. هتي هڪڙي عجيب شيءِ ٽيڻي ڏاڪڻ ٺهيل آهي. جنهن کي گرانڊ شافٽ سڏين ٿا. حملي جي حالت ۾ فوجي انهيءَ تان تمام تيزي سان جلدي هيٺ لهي قلعي ۽ بندر جي حفاظت ڪري سگهندا هئا.


    3

    اسان جي بس اچي برٽش ڪسٽم ۽ اميگريشن جي بلڊنگ ٻاهران بيٺي جت سواءِ ڪنهن پڇ پڇان جي اسان کي ٿوري ئي وقت ۾ فارغ ڪري ڇڏيائون. جنهن کان پوءِ اسان برٽش موٽر وي ذريعي لنڊن ڏانهن روانا ٿي وياسين. چوطرف سرسبز ميدانن ۾ ساوڪ ئي ساوڪ جي وچ ۾ اسان جي بس تيز اسپيڊ ۾ هلي رهي آهي. آئون ۽ مِنا گڏ ويٺل آهيون، نور ۽ فرخ پٺيان ويٺا آهن. اسان جي ڀر واري سيٽ تي ڪاسموس وارن جي اسٽاف جي ڇوڪري وائين پي رهي آهي ۽ پاڻ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي. آئون ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر خبر ناهي ڇا پئي چئي، پاڻ اڪيلي آهي شايد ٽُن ٿي وئي آهي پر وائين جي بوتل ۾ اڃان به وائين ڪافي مقدار ۾ نظر اچي رهيو آهي. سندس نظرون دريءَ کان ٻاهر آهن. پاڻ ڪيڏيءَ مهل ٿورو مشڪي رهي آهي. آئون سمجهان ٿو ته مون کانسواءِ ٻئي ڪنهن به پئسنجر جو هن ڏانهن ڌيان ڪونهي. يورپ ۾ ماڻهو ٻئي جي طرف بلڪل ڪو نه ڏسن انهيءَ کي اخلاق کان ڪريل سمجهيو ويندوآهي. ماڻهو ٻئي طرف ڌيان ڏئي، ٻئي جي پرائوسي ۾ دخل اندازي ٿو ڪري.
    بس ڊيل وانگر هلندي لنڊن کي ويجهو ٿيندي وڃي. لنڊن ۾ پهچڻ کان پوءِ به بس کي ٽوئر آفيس پهچڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو آهي. چوطرف خوبصورت منظر لڳو پيو آهي. آسمان ۾ ڪڪرن تي سج جي تيز روشني پوڻ ڪري ڪڪر ڏاڍا خوبصورت لڳي رهيا آهن. آئون کين ڏسي رهيو آهيان ته ڪڪر بيٺا آهن يا آسمان ۾ اڳتي وڃي رهيا آهن پر تمام آهستي آهستي ڪجهه وڻ آمريءَ جهڙا نظر آيم ڌيان سان ڏٺم پر آمريءَ جا وڻ ڪو نه هئا. يورپ ۾ وڻن ڏسڻ جو مزو جرمنيءَ ۾ آهي. جتي ڪرسمس ٽريءَ جا ٻيلا ڏاڍا دلفريب ۽ وڻندڙ ٿا لڳن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انهن مان لنگهندي به دل ڪا نه ٿي ڀرجي. سڄي يورپ جي سڀني ملڪن ۾ سوين سال بادشاهت رهي جن ۾ فرانس-اٽلي-جرمني ۽ روس ۾ بادشاهت ختم ٿي وئي پر بيلجم-هالينڊ-سوئيڊن-موناڪو-لگزمبرگ ۽ انگلينڊ ۾ اڃا تائين نالي ماتر بادشاهت قائم آهي، جيتوڻيڪ انگلينڊ جي بادشاهت به اڄڪلهه لوڏن ۾ آهي پر تنهن هوندي به ملڪ جي وڏي اڪثريت اڄ به بادشاهن ۽ موجوده راڻيءَ سان جذباتي طرح پيار ڪري ٿي ۽ هو چاهين ٿا ته بڪگهم پيلس ۽ منجهس رهندڙ شل سدائين خوش رهن. جيتوڻيڪ شهزادي چارلس جي ڪردار مان برطانيا جي وڏي اڪثريت خوش ناهي. مون ڪيترا ڀيرا انهيءَ باري ۾ انگلينڊ جي اخبارن ۾ پڙهيو ۽ مختلف انگريز شهرين سان انهيءَ تي بحث ٿيا جن جا رايا سندن راڻيءَ جي باري ۾ ڪجهه هن ريت آهن ته:
    هيءَ بادشاهت برطانوي نه پر جرمنيءَ وارن کان اُڌاري ورتل آهي ۽ نه وري اها حقيقي بادشاهت آهي. شاهي اختيار ٽين ڊائوننگ اسٽريٽ Ten downing street وٽ آهن. اهي اختيار پارليامينٽ نه پر وزيراعظم سان واسطو رکن ٿا.
    اهڙيءَ صورت ۾ وزيراعظم سموري جمهوري عمل ۾ اعليٰ حيثيت جو مالڪ آهي. جيتوڻيڪ وزيراعظم کي سمورا اختيار حاصل آهن. تنهن هوندي به شاهي خاندان سياسي طور تي غير جانبدار ڪونهي. غير سياسي تاجدار جي تابعداريءَ جو مطلب آهي ته سياستدانن کي حاصل اختيار ڪلي ناهن، سياستدان رياستي مشينري آهن ۽ مختيار ڪل حاڪم ڪو نه آهن.
    مٿئين ڳالهه پڻ حقيقت تي مبني ڪانهي ڇو ته بادشاهه کي سياستدانن کي روڪڻ جو اختيار نه رهيو آهي ۽ الٽو سياستدانن کي اهي اختيار حاصل آهن. جنهن جي احتساب کان اهي آجا آهن. مون کي يقين آهي ته منهنجي ماءُ اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ها جيئن ڪا راڻي، عوام جي خواهشن کي پيش ڪرڻ جو بهترين طريقو يعني ووٽ جو حق آهي. بادشاهن ۾ اها توقع رکي نٿي سگهجي ته اهي عوام جي پاران عوام لاءِ ڪو عمل ڪن. البته صدر جي حيثيت ۾ اها ڳالهه سندس ڪمن ۾ شامل آهي.
    گهڻا ماڻهو صدر جي ڀيٽ ۾ غير سياسي بادشاهه کي وڌيڪ فوقيت ڏين ٿا. بااختيار صدر جي لاءِ اهڙي حمايت نظر نه ٿي اچي جهڙي طرح فرانس ۽ آمريڪا جي سياسي نظام جي تشڪيل ۾ برطانوي خيالات کي اهميت حاصل هئي. جيڪڏهن ملڪ ۾ بادشاهي نظام قائم آهي ته اهو نسل وراثت جي بنياد تي برقرار رهندو ۽ برطانوي عوام انهيءَ کي تبديل ڪرڻ نه ٿو گهري، هڪڙي تازي جائزي موجب ٽن ماڻهن مان هڪڙي ماڻهوءَ جي خواهش عوامي جمهوريت واري آهي. اها خصيص اقليت واري سوچ چئبي.
    جڏهن ته ماڻهو عام طور تي بادشاهت جي موجوده صورتحال کان خوش ڪو نه آهن ۽ شهزادي چارلس جي ولي عهد واري وراثتي حق کي رد ڪرڻ گهرن ٿا. سندن گهر آهي ته ايندڙ بادشاهه شهزادو وليئم ٿئي. ايتري قدر جو انهيءَ لاءِ ٽي وي مباحثن دوران به لکن جي تعداد ۾ اهڙي راءِ ڏين ٿا. اهي چون ٿا ته بادشاهي هجي پر سندن عمل ۾ اها ڳالهه ظاهر آهي ته هو انهيءَ لاءِ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ گهرن ٿا. ۽ بادشاهت کي پنهنجي مرضيءَ موجب هلائڻ گهرن ٿا. ظاهر ٿيو ته اهي پنهنجن عملن موجب بادشاهي نه پر صدارتي نظام آڻڻ گهرن ٿا.
    فرانس جي صدارتي نظام جي جديد تاريخ کي برطانوي بادشاهت طرفان عوام کي گمراهه ڪرڻ وارين ڪوششن سان ڀيٽڻ گهرجي. اهو ادارو جيڪو اختيار لڪائڻ گهرندو هجي. ۽ اهو فرد جيڪو عوام ڏانهن ذميوار هجي انهن جي پڻ ڀيٽ ٿيڻ گهرجي. باصلاحيت ماڻهن کان سواءِ بادشاهي قومي اخلاق ڪيرايو وجهي، ڪليسائي ذميواري توڙي مڙيئي نالي ۾ اڳواڻن جي حيثيت ۾ برطانوي شاهي خاندان پنهنجي قدر قيمت جي ڏيوالپڻي واري خطري جي منهن ۾ آهي ڇو ته سندس شاهي طلسم ٽٽي پيو آهي. گهڻن ماڻهن کي اڃا تائين اها ڳالهه وڌيڪ وڻندي هوندي ته ڪو اهڙو ٺاهه ٿئي جنهن ۾ خالص برطانوي ڳالهيون گهڻيون هجن. پر بدقسمتيءَ سان هن نئين پيدا ٿيل وچئين صورتحال ۾ اهڙن خيالن جي اڻاٺ آهي. جتي تبديلي اچڻ جو امڪان موجود آهي.
    تنهن ڪري اهڙي بنيادي حل لاءِ غور ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ بادشاهي جي روايتي تجديد ٿئي ۽ بادشاهي شان ۾ ڪوتاهيءَ سبب پيدا ٿيل ناراضگي ختم ٿئي. برطانوي تاريخ ۾ هن کان اڳي پڻ اهڙي قسم جو حل اختيار ڪيو ويو هو، جڏهن سياسي طاقت ۽ بادشاهي اختيار هڪٻئي جي خلاف داءُ تي لڳل هئا. هينئر ته فقط روايتي شان داءُ تي لڳل آهي. تڏهن گهربل تبديلي ڪيتري نه آسان هئڻ گهرجي. جڏهن کان شاهي خاندان اڪثر گهوٽالن جو شڪار ٿيڻ سبب ٻين ملڪن جي شاهي خاندانن مان ماڻهو اڌاريا آهن، انهن مان ڪن ننڍي عمر جي ماڻهن کي سير ڪرائڻ جي بهاني اغوا به ڪيو ويو ته هاڻي ڪو فرد اُڌارو ڇو نٿو وٺي سگهجي. بادشاهي ادارو ته برقرار رکڻو پوندو پر انهيءَ اداري ۾ رهندڙ ماڻهن کي تبديل ڪرڻو پوندو.
    ايندڙ هزاريءَ واسطي قوت برداشت جو حامل ۽ ترقي يافته سماج مثبت علامت طور سامهون ايندو تنهن ڪري ڊچ ۽ سوئيڊش فردن تي مشتمل نئين بادشاهت جي قيام جي حمايت ڪرڻ گهرجي. هي قدم شاهي خاندان طرفان ويهين صديءَ جي آخر ۾ وچئين دور وارين پڌري پٽ خطرناڪ ۽ بي مزي ٿيندڙ ڪوششن ۾ واضح ۽ عاليشان تبديليون آڻيندو. يورپ ۾ هن وقت مثالي شاهي خاندان خير ڪي آهن. برطانوي شاهي خاندان ۾ موجود فرد بلڪل بيڪما ۽ سدائين واندا، هميشه پنهنجي شريڪن سان عيش ڪوشي ۾ مشغول رهڻ سبب شاهي ذميوارين جو احساس فنا ٿي ويو آهي. گهڻا ماڻهو شاهي خاندان جي اندروني ڪشمڪش کي طلاقن جو سبب ڄاڻائين ٿا. انهيءَ جي بچاءُ بدران غور انهيءَ ڳالهه تي ڪرڻ گهرجي ته شاهي خاندان ۾ موجود اندروني ڪشمڪش پڻ مدي خارج آهي.
    مٿئين وچئين طبقي وانگر جن سان امير خاندانن جي غيرحاضري دوران رلي ملي ويندڙ شاهي خاندان جي افراد ۾ طلاق بازي جي گهڻي رجهان جي توقع رکي پئي سگهجي. تازو هاڻي ڊچيس آف يارڪ جنهن طريقي سان تذليل جو شڪار ٿي انهن سببن بابت ٿيندڙ ڳالهيون بي وزن آهن.
    شاهي خاندان جي چڱائين ۽ مدائين تي بحث ڪرڻ ته انهيءَ کي تبديل ڪري سگهون ٿا، يا ٻاهرئين دٻاءُ کانسواءِ پنهنجي اندروني خلفشار سبب اهو ازخود فنا ٿي ويندو وغيره هاڻي فضول آهي. شاهي خاندان خود پاڻ بادشاهت ۽ جمهوريت جي وچ واري غير ترقي يافته منزل مقصود تي سڀني ڌرين کان اڳي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري پيو. اها اڳين منزل وچ ٿرائي واري آهي. منهنجي خيال ۾ شاهي خاندان کي امير طبقي ۽ مٿئين وچئين طبقي ۾ ضرور اهڙي اميد رکڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڳالهه تي حيرت آهي ته شاهي خاندان پنهنجي پيسي مان لطف اندزو ڇو نه ٿو ٿي سگهي ۽ اڻکٽ مشغولين جو اهتمام ڪري سگهي. اها وچين منزل پنهنجي شاني شريڪ خاندان ۽ اميرن سان گڏجي عيش عشرت ۾ مشغول رهڻ ئي هوندي ۽ وري ڏيک اهڙو پيو ڏيندو ڄڻ ته ترقي پسند ٿيڻ ۾ ڪوشان آهي. اهڙي ريت هي شاهي خاندان ٻنهي طريقن سان بازي کٽڻ جي ڪوشش ۾ آهي.
    ليڊي ڊائنا جي سندس بواءِ فرينڊ دودي الفائد سان پئرس ۾ ڪار ايڪسيڊنٽ ۾ موت جي وقت شاهي خاندان تي برطانيا جي عوام ڏاڍي رنج جو اظهار ڪيو. خاص ڪري انگلينڊ جي اخبارن شاهي خاندان تي ايڏي ته نڪته چيني ڪئي جو راڻي ايلز بيٿ کي نه چاهيندي به انگلينڊ جي عوام کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي خطاب ڪري پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پئي. جنهن کان پوءِ وڃي برطانوي عوام جي ڪجهه ڪاوڙ گهٽي نه ته برطانيا جو عوام راڻي ايلزبيٿ سان ڏاڍو پيار ڪندو آهي.پرنسيس ڊائنا جي مرڻ وقت برطانيا جي عوام کي پرنسيس ڊائنا سان ڏاڍي همدردي هئي. چوندا آهن ته پٿر پرايو ڏک سڀ ڪنهن جا پنهنجا، پر ڊائنا جي موت وقت برطانوي عوام ڏاڍو جذباتي نظر آيو، پر چون ٿا ته هاڻ سندس ورسي جي موقعي تي ماڻهو نه هئڻ جي برابر ايندا آهن ۽ اها ڳالهه نه رهي آهي.
    اسان جي بس لنڊن شهر جي گهٽين، چوڪن مان هلندي هلندي اچي پنهنجي ڪاسموس ٽوئر وارن جي آخري منزل تي پهتي جت اسان بس مان لهي قطار ٺاهي بيٺاسين ته هر هڪ جو سامان کڻي انهيءَ سيل جي اڳيان رکيائون ۽ ايئن هر سياح پنهنجو پنهنجو سامان کڻي هڪ ٻئي کان موڪلائيندو وڃي ٽئڪسي ۾ ويٺو ۽ اسان به ڪاري ٽيڪسي ڪري لنڊن جي شاهراهن تان گهمندا ڦرندا اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن وڌڻ لڳاسين. لنڊن ڪيترا ڀيرا اچڻ ڪري ۽ هينئر به يورپ جو ٽوئر لنڊن مان شروع ڪرڻ ڪري اڄ لنڊن پرايو نه پر جهڙو ڪر پنهنجو شهر ڪراچي نظر اچي رهيو آهي. مون دنيا ڏٺي آهي پر جيڪي شهر گهڻي ۾ گهڻو گهميا آهن انهن ۾ هڪ بئنڪاڪ ۽ ٻيو لنڊن آهي. جيڪي مون پاڪستان جي شهرن لاهور ۽ اسلام آباد کان به وڌيڪ دفعا ڏٺا ۽ وڌيڪ گهميو ڦريو آهيان. اسلام آباد ته ننڍو شهر آهي پر آئون لاهور ۾ شايد ڀُلجي پوان پر لنڊن ۽ بئنڪاڪ ۾ گهمندي ڦرندي ڀُلجڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي.
    جوانيءَ ۾ هر سال يا ته ڪڏهن سال ۾ ٻه دفعا به بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو. پهرئين ته بئنڪاڪ ۾ هوٽلن ۾ رهڻ ٿيندو هو پرپوءِ آخر ۾ انهيءَ دوست جي گهر رهبو هو جنهن جي ڪري بئنڪاڪ وڃڻ ٿيندو هو، ڪڏهن ته ايئر پورٽ کان سڌو انهيءَ جي گهر ڏهه يا ٻارهن ڏينهن صرف انهيءَ هڪ گهر تائين محدود واپسيءَ ۾ بئگ هٿ ۾ سڌو ايئرپورٽ ۽ جتان واپس ڪراچي. صرف هڪ ڀيرو اسان ٻئي گڏجي سينگاپور وياسين. اهو ٻيو ماڻهو هو ڪيسرا سينگڪسم جاد جنهن ڪري ايترا دفعا بئنڪاڪ ويس. انهيءَ ڳالهه کي به ڪيترائي سال ٿي ويا آهن. هاڻي ته نيو ييئر جو ڪارڊ به هڪٻئي ڏانهن ڪو نه موڪليون. آخري خط 1998ع ۾ لکيائين جنهن ۾ لکيائين ته منهنجي شادي ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي نئين گهر جي ائڊريس ۽ فون نبر به موڪليائين ۽ چيائين ته جڏهن به بئنڪاڪ اچين ته مونسان ضرور ملجان. آئون توکي پنهنجي گهوٽ سان به ملائينديس. انهيءَ کان پوءِ صرف هڪ دفعو نيوييئر جو ڪارڊ مليو جنهن کان پوءِ وري نه آئون بئنڪاڪ ويس ۽ نه ڪو رابطو ٿيو. پنهنجي دل تي هي شعر لکي ڇڏيم ته

    اب کے ہم بچھڑے تو شاید خوابوں میں ملیں
    جس طرح سوکھے ہوئے پھول کتابوں میں ملیں۔

    ۽ ايئن پراڻين يادن ۾ گم سم ويٺو هوس ته انگريز ڊرائيور ٽئڪسيءَ جي دري کولي اسان جي لهڻ واري ائڊريس جو پڇيو ۽ مون صرف هي لفظ کيس ٻڌايا ته endlshom 96 balham پاڻ انگريز لنڊن ۾ ڄائو هو پر تڏهن به ٽئڪسي بيهاري لنڊن A.To.z جو نقشو ڏسي پڻ ڀڻ ڪري پوءِ اڳتي هلڻ لڳو ۽ ٿوريءَ دير ۾ اچي ڀوراڻي جي گهر جي اڳيان بيٺو جنهن تي 96 نمبر ڏسي اسين به ٽئڪسي مان هيٺ لٿاسين. ڀاڙو ڏيئي پنهنجو سامان کڻي اچي در تي گهنٽي وڄائي سين ته ڀوراڻي دروازو کولي اسان کي ڀليڪار ڪئي. آئون ۽ مِنا مٿي ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن هليا وياسين نور ۽ فرخ ڀوراڻي سان ڪچهريءَ ۾ لڳي ويا. جيڪو ڪافي وقت اڪيلو رهڻ ڪري هنن سان ڪچهريءَ ۾ شامل ٿي ويو ۽ اسان به هاٽ شاور وٺي ٿوري دير آرام لاءِ ليٽياسين ته نور فون ڪري پڇيو ته توهان لاءِ چانهه موڪليان. مون چيس ته اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ۽ ايئن اسان اڌ ڪلاڪ ۾ ٿورو ريسٽ ڪري ورتو ته چانهه به پهچي وئي. مون مِنا کان پُڇيو ته شام ٽاڻي گهمڻ لاءِ ڪيڏانهن هلبو پاڻ، چيائين ته پندرهن ڏينهن جو ٿڪ آهي اڄ گهر ۾ ئي آرام ڪبو.
    مٿي بورچي خاني ۾ آئون دال ڀت ٿي رڌيان سو کائي سمهي رهبو. نور کي چئو ته ڌنؤرو ٻاهران گهرائي وٺي. مون کيس ٻڌايو ته ڀوراڻي ٻاهرBar. B.Q ٺاهڻ هينئر ئي شروع ٿي ويو آهي. سو تو وارو ڀت هلي ٻني ۾ کائينداسين. باقي هت لنڊن آيا ئي گهمڻ آهيون. سو جي آرام ڪيوسين ته پوءِ روز روز لنڊن ته ماڻهو ڪونه ٿو اچي. ٻيو نه ته به ڪلاڪ اڌ هت بالم جي گهٽين ۾ چڪر هڻي آياسين ته وري لنڊن وارا ٿي وينداسين پاڻ چيائين ته صرف بالم گهمڻ هلبو ته پوءِ بهتر آهي. مون فون ڪري نور ۽ فرخ کان پڇيو انهن چيو ته اسان ڀوراڻي سان گڏجي درياءَ ٿيمس گهمڻ ٿا وڃون سو رات جو دير سان گهر اينداسين اسان به کين پنهنجو پروگرام ٻڌايو ته اسان ڪلاڪ اڌ بالم مان چڪر لڳائي واپس جڳهه تي پهچي وينداسين توهان ڀلي اطمينان سان گهمي ڦري اچجو. اسان سڀ گڏجي نڪتاسين هي ڀرسان ئي ٽيوب ۾ چڙهي هليا ويا. اسان پهرئين هڪ بوڪ اسٽال تان جنگ اخبار جيڪا هتان روزانو لنڊن مان شايع ٿئي ۽ ٻيا پڻ ڪجهه رسالا خريد ڪري بالم جي رستن تي اوڀر طرف هلندا ڪافي اڳتي نڪري وياسين. واپسيءَ ۾ منا سيف ويز Safe ways سپر مارڪيٽ مان باقي هفته کن رهڻ جي لاءِ ڪافي خريد ڪئي. اسان سامان کڻي واپس ڀوراڻيءَ جي گهر آياسين جيڪو انهيءَ سپر مارڪيٽ کان گهڻو پري ڪو نه هو. منا پنهنجي هٿ سان دال ٺاهي ۽ ٻيو ڀوراڻي جو تيار ڪيل ڪجهه Bar B.q کائي ٻارن سان ڪراچيءَ فون تي ڳالهائي سمهي پياسين. منا فجر مهل معمول مطابق قرآن پاڪ جو دور ڪيو. جنهن کان پوءِ اسان واڪ تي وياسين ۽ ناشتو به ٻاهر هڪ بنگاليءَ جي هوٽل تي دال پورين ۽ حلوي سان ڪري پوءِ گهر آياسين ته سواءِ ڀوراڻيءَ جي ٻيا يعني نور ۽ فرخ اڃا تائين سُتا پيا هئا.
    ڀوراڻي اسان کي ڪلهه جي دريا ٿيمس جي سير ۽ ٻي جنگ عظيم جي هڪ جهاز جيڪو هاڻ هنن درياءَ ٿيمس ۾ سياحن لاءِ بيهاري ڇڏيو آهي. هن ٽوئر جو سربستو حال احوال ٻڌايو ۽ اسان کي مشورو ڏنائين ته توهان به اهو درياءَ ٿيمس جو ٽوئر ڪري اچو. اهو ٽوئر لنڊن جي خاص سوکڙي ۽ يادگار آهي. جيڪو لنڊن اچڻ واري هر سياح کي ضرور سير ڪرڻ گهرجي. اسان به نور ۽ فرخ کي سُتل ڇڏي ٽئڪسي ڪري انهيءَ حسين يادگار ٽوئر جي لاءِ روانا ٿي وياسين. جيڪو واقعي اسان جي زندگي جي يادگار لمحن مان هڪ هو. لنڊن گهمڻ جو واقعي اڌ مزو صرف هن هڪ ٽوئر ۾ سمايل آهي پر هن ٽوئر ۾ ماڻهو سان پيارو ساٿي ساڻ شامل ضرور هجي. ٿيمس جي انهن هلندڙ سڀني ٻيڙين (بوٽس) ۾ بار روم آهن. سو بوتل کڻي وڃڻ جي ڪا به ضرورت ڪانهي. اهي بار رومز تمام مهانگا آهن. آئون جڏهن پيئندو هوس ته به زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڏينهن جو ڪو نه پيتم. هاڻ ته ڪافي وقت ٿيو آهي جو پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿم. جيتوڻيڪ منهنجي دل وارو ڊاڪٽر چئي ٿو ته جيڪر هر روز ٻه پئگ پيئن ته سٺو پر هاڻ جي پيئڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ته وري نه پيجان. مون کيس چيو ته قسم ڪو نه کنيو اٿم ته پاڻ کلي پيو. ڊاڪٽر حق ڊاڪٽر سان گڏ هڪ درويش صفت انسان پڻ هو. اسان جي ٽئڪسي اچي درياءَ ٿيمس جي سفر جي شروعات واري جڳهه وٽ بيٺي جيڪا ويسٽ پل جي ڀرسان آهي. هت ڪافي سياح بس مان لهي رهيا آهن. هيٺ به ڪافي سياح بيٺا آهن. جيڪي ڏاڍو خوش نظر اچي رهيا آهن. هيٺ جهاز ۾ چڙهڻ واري جڳهه لاءِ وڏا وڏا ٿلها ٺاهي ڇڏيا اٿن. جن تي ٿوري دير انتظار ڪندي ئي سياح وڃيو بوٽس ۾ چڙهن. ڇو ته بوٽس جي ڪا به کوٽ ڪونهي. هڪڙي ٿي ڀرجي اڳيان نڪري ته پٺيان بيٺل اچيو اڳئين جي جڳهه وٺي ۽ سلسلو جاري آهي. اسان به پنهنجي واري تي هڪ بوٽ ۾ چڙهي پياسين. جيڪا اسان کي کڻي اڳتي رواني ٿي وئي. اسان به بوٽ جي آخري ماڙ تي چرهي لنڊن جي هن حسين منظر کي ڏسڻ لڳاسين. بوٽ هاڻي درياءَ جي بلڪل وچ ۾ پئي هلي، درياءَ جا ڪپر پري ٿي ويا آهن. پر انهن تي لنڊن جون ڊگهيون ڊگهيون جڳهيون پري کان ڏاڍيون خوبصورت لڳي رهيون آهن. ٿيمس نديءَ ۾ پاڻي گهڻو هئڻ ڪري ڪپرن تائين ڀري پئي آهي پر پئرس ۾ درياءَ سين بلڪل هيٺ وهڻ ڪري منجهس گهمڻ دوران اهو مزو نٿو اچي جيڪو لنڊن جي درياءَ ٿيمس ۾ گهمڻ ۾ آهي. هت هر جڳهه ۽ شيءِ صاف ۽ چٽي نظر اچي رهي آهي. جيڪا ڳالهه پئرس ۾ سين نديءَ ۾ گهمندي ڪانهين. سين تمام هيٺ ٿي وهي جنهن ڪري ڪپرن تي ڪجهه به نظر نٿو اچي. ٻيون به ڪيتريون بوٽس ٿيمس ۾ گهمي ڦري رهيون آهن. جيڪي سڀ جون سڀ سياحن سان ڀريون پيون آهن.
    لنڊن شهر مان وهندڙ ٽيمس ندي ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ لاءِ توهان کي سڄو ڏينهن هزارين سياح ملندا، هڪڙا پيا ٻيڙين ۾ چڙهندا ته ٻيا پيا لهندا. هن نديءَ جي ڪنارن ۽ آسپاس ۾ سير جي خيال کان نهايت پرڪش نظارا ۽ جڳهيون موجود آهن. جتي بيحد لطف حاصل ٿئي ٿو. لنڊن شهر جي تاريخ ۽ ترقي جي هن نديءَ سان نهايت گهڻي وابستگي آهي. لنڊن شهر کي هي درياهه سمنڊ سان به ڳنڍيندڙ آهي. جنهن وسيلي ماضي ۾ شهر دولت ۽ طاقت حاصل ڪئي. هي درياءَ لنڊن شهر جي واپار جو مکيه ذريعو ۽ سلطنت جي واحد شاهراهه هئي. ٻيڙين ۾ هرڪو سرڪاري جلوس هن درياءَ مان وڏي ڌام ڌوم سان ڪڍيو ويندو هو. اهي ٻيڙيون هن وقت گرين وچ ميري ٽائيم ميوزم ۾ ڏسڻ ۾ اينديون.
    سمورن مکيه سياسي قيدين کي درياءَ جي رستي لنڊن ٽاور آندو ويندو هو. جيئن سندن ساٿين کي کين ڇڏائڻ جو امڪان باقي نه رهي. جيڪو خشڪي وارن رستن تي موجود هوندو هو.
    جڏهن لنڊن شهر جون گهٽيون وڌيڪ ڪشاديون ڪيون ويون ته درياءَ تي تجارتي ٽرئفڪ جي رش گهٽجي وئي ۽ شهر ۾ گهوڙي گاڏيون ۽ ٽانگا هلڻ لڳا.
    درياءَ ۾ ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ سان جيڪو لطف حاصل ٿئي ٿو، سو خشڪيءَ تي سير ڪرڻ سان هرگز حاصل ٿي نٿو سگهي. ٻيڙين ذريعي سير ڪرڻ ۾ معلوم ٿيندو ته درياءَ جي ڪناري ۽ ان جي آسپاس شهر ڪنئين وڌيو ۽ ويجهيو شهر جا ڪيترائي يادگار ماڳ ۽ ميدان هن درياءَ جي ڪناري تي قائم آهن.
    هتي ڪافي اهڙيون ڪمپنيون آهن جيڪي ٿيمس درياءَ ۾ سير ڪرڻ لاءِ موٽر لانچون هلائينديون آهن. اهي لانچون ويسٽ منسٽر پل وٽ ٺهيل ٿلهين Piers کان پوري شهر ۾ درياءَ جو سير ڪرائين ٿيون.
    ويسٽ منسٽر کان گرين وچ تائين هلندڙ ٿيمس پئسنجر بوٽ سروس، ويسٽ منسٽر پيئر يعني ٿلهي کان ٿئي ٿي ۽ اپريل، مئي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر مهينن ۾ ساڍي ڏهين بجي صبح کان هر اڌ ڪلاڪ ۾ ساڍي چار بجي شام تائين جاري رهندي آهي. جون ۽ آگسٽ مهينن ۾ روزانو ساڍي ڏهين بجي صبح کان ساڳئي وقفي سان پنج بجه شام تائين چالو هوندي آهي.
    بالغن لاءِ هڪ طرفو ڀاڙو 4.80 پائونڊ يعني 7.70 ڊالر ۽ سورهن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن لاءِ هڪ طرفو ڀاڙو 2.40 پائونڊ يعني 3.85 ڊالر آهي.
    ٻن بالغن ۽ ٽن ٻارن تائين فيملي ٽڪيٽ 12.50 پائونڊ يا ويهه ڊالر هڪ ۽ پندرهن پائونڊ يا چوويهه ڊالر اوٽ موٽ ڀاڙو آهي.
    ويسٽ منسٽر پئسنجر ايسوسيئيشن لميٽيڊ طرفان اوڀاري وهڪرن ۾ هلندڙ لانچون ويسٽ منسٽر پيئرن کان هلي ڪيو هيمپٽن ڪورٽ تائين وڃن ٿيون. هنن لانچن ۾ بارون پڻ آهن. هيءَ سروس ايسٽر واري تهوار کان اڳ ۾ ايندڙ سومر کان شروع ٿئي ٿي ۽ آڪٽوبر جي آخر تائين روزانو چالو رهندي آهي. هن سروس ۾ ويسٽ منسٽر ٿلهين کان ڪيو تائين اڍائي کان چار ڪلاڪ کن وقت لڳيو وڃي. انهيءَ جو دارومدار وير جي اوتار ۽ چاڙهه تي هوندو آهي. هي لانچون روزانو ساڍا ڏهه بجي صبح سوا يارهن بجي منجهند ۽ 12 بجي منجهند تڙ تان ڇڙنديون آهن.
    بالغن لاءِ اوٽ موٽ ٽڪيٽ اٺن کان ٻارهن پائونڊ، چئن کان چوڏهن سالن جي ٻارن لاءِ چار کان ست پائونڊ آهي.
    مئي کان سيپٽمبر تائين هتان شام جو پڻ لانچون هلنديون آهن. اهي روزانو ساڍي ستين ۽ ساڍي اٺين بجي شام جو هلنديون آهن. اهي لانچون خاص آرڊر تي رات جو ساڍي نوين بجي پڻ هلايون وينديون آهن. انهن جو هڪ طرفو ڀاڙو بالغن لاءِ پنج پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 3.50 پائونڊ آهي.
    ٿيمس نديءَ تي شهر جي حدن اندر ڪيتريون ئي عاليشان پليون تعمير ٿيل آهن. انهن ۾ هڪڙي پُل جو نالو لنڊن برج آهي. هيءَ پل جيتوڻيڪ ڪڏهن به ڪري يا ڊٺي ڪانهي پر انهيءَ کي ڪافي دفعا نئين سر تعمير ڪيو ويو آهي. هن پُل جي اڳوڻي پڃري کي سن 1960ع ۾ اکوڙي هاواسو ڍنڍ ڏانهن موڪليو ويو ۽ هتي وري نئون ڍانچو تعمير ڪيو ويو.
    هن لنڊن برج جي اوڀر طرف درياهه تي ٺهيل ٻي پل جو نالو ٽاور برج آهي. هيءَ ٽاور برج لنڊن برج کان وڌيڪ سهڻي ٺهيل آهي. شايد پوري دنيا ۾ هن پل جا گهڻي ۾ گهڻا فوٽا ۽ تصويرون پينٽ ڪيون ويون آهن. هن پل جي وچئين دروازي جي ڍانچي کي ڊاهي سن 1994ع ۾ انهيءَ کي نئين سر تعمير ڪيو ويو.
    سن 1993ع ۾ هن پُل جي سالياني جشن طور هن پل اندر قائم ايوان ۾ هڪڙي نمائش منعقد ڪئي وئي هئي. هن پل جي ٽاورن جي چوٽيءَ تي ٺهيل پڃري وٽان شهر جو نهايت وڻندڙ نظارو ڏسڻ وٽان آهي. هتان ٽاور آف لنڊن، پارليامينٽ هائوس ۽ سينٽ پال چرچ وارا عاليشان منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
    هن پل جي ڏاکڻي ٽاور هيٺ هڪڙو انجڻ روم آهي جتي پل جي رستن کي هيٺ لاهڻ ۽ مٿي چاڙهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون نصب ٿيل آهن. هن پل کي جديد ڪاريگري سان ٺاهيو ۽آ راسته ڪيو ويو آهي. هتي وڊيو ۽ ڪمپيوٽر پڻ نمائش لاءِ رکيل آهن. جن وسيلي پل جي تاريخ ۽ ٻي سائنسي معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي. سير ڪرڻ وارن لاءِ هيءَ پل اپريل کان آڪٽوبر تائين روزانو ڏهه بجي صبح کان ساڍا ڇهه بجي شام تائين ۽ نومبر کان مارچ تائين روزانو ساڍا نوَ صبح کان ڇهه بجي شام تائين کليل رهندي آهي.
    بالغن لاءِ ٽڪيٽ 5.70 پائونڊ ٻارن لاءِ 3.90 پائونڊ آهي. ايڇ ايم ايس بيلفاسٽ بحري جهاز H.M.S Belfast ساڍا يارهن هزار ٽن وزني آهي. اڄڪلهه شاهي بحريه جي ترندڙ نمائش طور استعمال پيو ٿئي. هي جهاز ٻي عالمي لڙائي دوران شاهي بحري فوج وٽ هو. هن وقت هي غراب ٿيمس نديءَ تي ٺهيل ٽاور برج ۽ نئين لنڊن برج جي وچ ۾ لنگرانداز آهي روسي يلغار دوران ۽ پوءِ واري جنگي دور ۾ هن جهاز نمايان خدمت سرانجام ڏني. ڪوريا سان جنگ دوران هن جهاز کي سڌو حملو ڪندڙ جهاز سڏڻ لڳا. هن جهاز جو هر هڪ حصو گهمي سگهجي ٿو. انهيءَ مان پتو پوندو ته گذريل پنجاهه سالن دوران هن جهاز جا فوجي ڪهڙي نه جان فشائيءَ سان دشمن سان وڙهندا رهيا. گهمڻ واسطي هي جهاز اونهاري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان پنج بجي شام ۽ سياري ۾ روزانو ڏهين بجي صبح کان سوا چار بجي شام تائين کليل هوندو آهي. بالغن لاءِ 4.40 پائونڊ ۽ ٻارن لاءِ 2.20 پائونڊ ٽڪيٽ آهي. ٽاور واري تڙ کان جهاز تائين پهچائيندڙ پتڻ واري لانچ جو ڀاڙو 50 پينس آهي.
    هن جهاز اندر هوٽل ۾ بار روم به آهي. پر بل مهانگو اٿس اسان هت ڪا به شيءِ استعمال ڪا نه ڪئي. هي بحري جهاز عام بحري جهازن جهڙو آهي. اسان پئرس کان لنڊن تائين جنهن بحري جهاز ۾ آياسين انهيءَ کان هي جهاز ننڍو آهي. پر جيئن ته هن کي خاص سياحت لاءِ هت بيهاريو ويو آهي. انهيءَ ڪري هن کي هنن تفريح گاهه ٺاهڻ ۾ ڪافي دولت خرچ ڪئي آهي. مون ۽ منا هت ۽ سڄي هن ٿيمس نديءَ جي سير ۾ هڪٻئي جا ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ هتي هن جهاز ۾ به ٻين سياحن وانگر اسان به ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ ڏاڍو افسوس ٿيو ته مووي ڪئميرا ڪو نه کڻي آياسين. ڏينهن به روشن لڳو پيو آهي. مووي ڏاڍي سٺي ڀرجي ها. اسان هت چار ڪلاڪ کن ٿيمس ندي جو سير ڪري ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي ٽرافلگر اسڪوائر ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ نئشنل گئلري ۽ سينٽ مارٽن وارو چرچ ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. لنڊن ۽ يورپ جو هر ماڻهو مرد توڙي عورت ڪم ڪري. تنهنڪري گهر کان ٻاهر نڪري ڪنهن نه ڪنهن سواريءَ تي سوار ٿي پنهنجي منزل ڏانهن روانو ٿئي. پر تڏهن به پنهنجي ملڪ جي وڏن شهرن واري رش نظر نه ٿي اچي. ڇو ته هنن قومن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ ايڏيون ته سهوليتون مهيا ڪيون آهن جو عام ماڻهو به انهن سهوليتن مان فيضياب ٿي رهيو آهي. لنڊن ۾ سرڪيولر ريلوي ۽ انڊر گرائونڊ ٽيوب جي ايڏي ته سهوليت آهي جو ماڻهو پنهنجون گاڏيون به استعمال ڪو نه ڪن. سواءِ پري جي مسافري ۽ موڪلن تي وڃڻ لاءِ باقي هر ننڍو وڏو ماڻهو زياده تر انهن سوارين کي استعمال ڪري سو توهان جڏهن ٽئڪسي ۾ چڙهندا ته توهان کي پاڻ وانگر ڪلاڪن جا ڪلاڪ لنڊن جي روڊن تي بيهڻ جي تڪليف کي منهن ڏيڻو ڪو نه پوندو. اسان کي ٽئڪسي گهمائي ڦيرائي آڻي ٽرافلگر اسڪوائر جي ڀرسان لاٿو. منا هت ٻاهر ڪبوترن جي چاري واري دڪانن تان ڪبوترن لاءِ چارو ورتو ۽ مون ڪئميرا لاءِ سيل ورتا. لنڊن جي هن علائقي ۾ ٻين سياحتي مرڪزن وانگر هميشه سياحن ۽ سيلانين جي رش لڳي پئي هوندي آهي.
    اٽڪل ست ملين آباديءَ وارو لنڊن شهر يورپ ۾ پکيڙ ۾ وڏي ۾ وڏو شهر آهي. هن جي پکيڙ پندرهن سئو چورس ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ ٿيندي جنهن جو مرڪز ٿيمس ندي آهي. ملڪ ۾ دولت توڙي واءُ سواءُ جو مرڪز پڻ هتي آهي. جيتري قدر شهر جي باشندن جو تعلق آهي. ته صوبائي زندگي آربيٽل موٽروي جي سرڪٽ کان پري يا ٻاهر شروع ٿئي ٿي. لنڊن جي شهرين جي وڌيڪ مهذب هئڻ علائقائي سطح تي منفي توڙي مثبت اثر پيدا ڪيا آهن پر لنڊن جي بيمثال خصوصيت ۽ اعليٰ لياقت کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪو سندس ولولي ۽ ڪاميابيءَ جو سبب آهي. هنن خصوصيتن جي قطع نظر لنڊن يورپ ۾ واحد راڄڌاني آهي. جنهن کي پنهنجي ذاتي نگران تنظيم حاصل ناهي جنهن جو ثبوت مکيه ضروريات بابت ڏهاڪو کن سالن کان سياسي تعطل برقرار آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته شهر ۾ خانگي ملڪيت جي نمائش ۽ وري سڌاريل علائقن ۾ شراب ۽ شباب عروج تي آهي. ٻئي طرف ماڻهن ۾ گدلاڻ ۽ بدحالي به وڌي پئي . رات جي وقت ۾ لنڊن جي ويسٽ اينڊ علائقي جي گهرن جا رستا شهري بي گهر ماڻهن لاءِ سمهڻ جي جاين ۾ تبديل ٿيو پون ۽ ڏينهن جو ڪم تي ويندڙ مسافر پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام سان محاذ آرائي ۾ مبتلا رهن ٿا.
    لنڊن کي موجوده صورتحال کان ته بهتر ٿيڻ کپي پر اهو اڃا به جلوه افروز آهي. مرڪزي کليل شاهي رستن تي ڪنئين شاهي عمارتون پکڙيل آهن ۽ سندن سوڙهن گذر گاهن ۽ ڦاٽڪن کي جانچيندي ۽ گهمندي رات جي وقت ۾ ماڻهن جي ڀڻ ڀڻ جاري ۽ ساري آهي. توقع جي برخلاف شهر ۾ تمام گهڻي ساوڪ ۽ شادابي آهي، منجهس تمام گهڻا ۽وڏا پارڪ ۽ باغيچا پوکيل آهن.
    شهر ۾ عجائب گهر ۽ گئلريون به تمام گهڻيون ۽ مختلف قسمن جي نواردات سان ڀريل ۽ سجايل آهن. نواردات جي گهڻائي پنهنجي بادشاهت واري دور ۾ پنهنجي غلام ڪالونين ۾ ڦرلٽ جي دولت سان گڏ ڪئي وئي اُتي هنن ڪا به شيءِ ڪا نه ڇڏي. ويندي ويندي لاش به پاڻ سان گڏ کڻي ويا يعني احرام مصر مان مصرين جون مميون ڪي قدر هنن کي سوکڙي طور يا عطيي جي صورت ۾ مليل آهن. بلاشبه شهر پنهنجي شاندار ماضيءَ جنهن ۾ قديم رومي آثارن کان وٺي برطانوي سلطنت جي مرڪز واري حيثيت وارن گهڻن يادگارن جو مرڪز پڻ آهي.
    قديم رومي حاڪمن لنڊنيئم شهر ٿيمس ندي جي اترئين ڪناري تي سن 43 عيسوي ۾ اڏيو. پر حقيقت ڪري انهيءَ ۾ ڪو واڌارو يا سڌارو يارهين صدي عيسويءَ تائين ڪو نه ٿيو. يارهين صدي عيسوي ۾ نارمنڊي واري ڊيوڪ وليئم ثاني آخري ڪامياب حمله آور جي حيثيت سان لنڊن شهر کي پنهنجي ر اڄڌاني بڻايو. وليئم ثاني انگلينڊ جو پهريون بادشاهه هو. جنهن جي تاجپوشي ويسٽ منسٽر ايبيءَ ۾ ٿي. هن بادشاهه ٽاور آف لنڊن واري مکيه ۽ مرڪزي حيثيت جي حامل عمارت وائيٽ هال جي چوڌاري پنهنجي عظمت جا نشان ڇڏيا هئا پر سن 1666ع ۾ لنڊن شهر کي لڳيل زبردست باهه سبب شهر جون گهڻيون بهترين عمارتون، اٽڪل تيرهن هزار گهر ۽ تقريباً نوي گرجا گهر سڙي رَک ٿي ويا. اهڙي طرح گذريل مهامري سان شروع ٿيل تباهي جي چڪر جو انت انهيءَ باهه تي پورو ٿيو. هن باهه مان اتفاقاً فائدو حاصل ڪندڙ سر ڪرسٽوفر رين هو. جنهن کي تباهه ٿيل عمارتن جي جڳهه تي نيون عمارتون تعمير ڪرڻ جو ڪم سونپيو ويو. جنهن ۾ گرين وچ ۾ تعمير ٿيندڙ بحري فوج واري اسپتال ۽ سينٽ پال واري ڪيٿيڊرل (شاهي گرجا) جي تعمير شامل هئي.
    بدقسمتيءَ سان انهيءَ باهه کان پوءِ وارين عطيم عمارتن جو پڻ ٿورو تعداد وڃي بچيوآهي. سن 41-1940ع ۾ جرمنيءَ جي بمباريءَ سان گهڻيون عمارتون تباهه ٿي ويون. ٻيون جديد تعميرات سبب ڦٽيون جنهن لنڊن کي جديد ڪاٻاڙي بڻائي ڇڏيو آهي. لنڊن جي اصلي خصوصيت جاين جڳهين ۾ نه پر اها لنڊن جي شهرين ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿي. گهٽ م گهٽ سترهين صدي عيسوي کان وٺي شهر ڪنئين مختلف ثقافتن جو آماجگاهه ٿي پيوآهي. جڏهن کان دنيا جي هر طرف ۽ ملڪ کان ماڻهو هتي اچي رهڻ لڳا. جن ۾ هندستاني پاڪستاني بنگالي، ڪيربيئن ،رومي سمنڊ جي ڪنارن تي رهندڙ ۽ ڏور اوڀر وارن ملڪن جا هزارين ماڻهو شامل هئا. آباديءَ جي انهيءَ يلغار شهر ۾ وسعت آڻي منجهس ميٽرو پولس يعني شاهي شهر جا آثار پيدا ڪيا.
    ٽرافلگر اسڪوائر واري علائقي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ هوندي آهي. هن اسڪوائر وٽ 185 فوٽ اوچو پلر ٺهيل آهي. جنهن تي عظيم بحري سالار ايڊمرل هوريٽيو نيلسن جو مجسمو آويزان آهي. جيڪو 1805ع ۾ ٽرافلگر واري فرينچ نيوي هٿان مليل شڪست واري جنگ ۾ مري ويو. راڻي وڪٽوريا جي دور جي پينٽر ايڊون سيئر انهيءَ پلر جي بنياد وٽ چار شينهن محافظن وانگر ڊزائين ڪيا آهن. پاسي کان ٻه ڦوهارا لڳل آهن. جيڪي اونهاري ۾ گرميءَ کان عاجز سياحن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا.
    سنڌ جي فاتح سر چارلس نيپئر جو مجسمو به هت رکيل آهي. جيڪو حڪومت نه پر سندس ذاتي دوستن ٺهرايو آهي. هت بي شمار سياح سڄو ڏينهن ايندا ويندا رهندا آهن. جيڪي شينهن تي ويهي ۽ ڪبوترن کي چارو کارائي فوٽا ڪڍڻ ۾ ڏاڍو لطف اندوز ٿيندا آهن. اسان به ڪافي فوٽا ڪڍيا ۽ اڳي ڪڍيل فوٽن کي ياد ڪري نئين انداز سان هڪ ٻئي جا فوٽا ڪڍياسين.
    ٽرافلگر اسڪوائر جي ڏکڻ طرف هڪڙو ٽڪنڊو يا ٽه واٽو آهي. اتي چارلس اول جو مجسمو لڳل آهي. اهو هنڌ چارنگ ڪراس (نشان) وارو اصل ماڳ آهي. جتان لنڊن کان مختلف طرفن ۽ شهرن ڏانهن ويندڙ رستن جي ماپ ڪئي ويندي آهي. هن هنڌ تي اهو نالو يعني چارنگ ڪراس ايڊورڊ اول پنهنجي زال ايليئز جي جنازي جي جلوس واري رستي تي لڳل يادگار نشانن مان آخري نشان طور مقرر ڪيو هو. اهو يادگار نشان اڃا تائين چارنگ ڪراس ٽرين اسٽيشن جي اڳيان اوڀر طرف موجود آهي.
    اسان هتان کان پوءِ ٽرافلگر اسڪوائر جي اترئين پاسي نئشنل گئلريءَ طرف وياسين. جتي دنيا جي عظيم فن پارن جو زبردست ذخيرو موجود آهي برطانيا ڪي پنهنجا وڏا فنڪار پيدا ڪيا. ۽ ڪن روشن خيال فنڪارن جي پذيرائي به ڪئي پر هن ملڪ دنيا جي فني شاهڪارن کي گڏ ڪرڻ وارن شوقينن جو چڱو تعداد پيدا ڪيو جن خاص طور تي ارڙهين صديءَ دوران اعليٰ ثقافتي فني شاهڪار ۽ نواردات حاصل ڪرڻ لاءِ پوري يورپ جو سير سفر ڪيو . جنهن ڪري لنڊن ۾ پوري يورپ جي سمورن مکيه فني اسڪولن ۽ فنڪارن جا ايترا ته گهڻا شاهڪار موجود آهن جيترا سندن اصل ملڪن ۾ به مس موجود هوندا. مثلاً فقط اٽليءَ جي فني شاهڪارن جي تعداد تي نظر وجهڻ سان اٽليءَ جي تقريباً سڀني وڏن فنڪارن جهڙوڪ پيرو ڊيلا فرانسيسيڪا، رافائيل، بوٽيسيلي، بوسلو، مائيڪل اينجلو، ڪارا واگيو، ٽائيٽيئن، پائولو، ويرونيز ۽ مانٽيگنا وغيره جا هزارين فني نوادارات گئلريءَ جو سينگار آهن. اسپين جي عظيم فنڪارن جا سدا جڳ مڳائيندڙ زرين فني شهپارا هتي سونهن جي سامان ۾ شامل آهن. مثلاً ويلاسڪيئز وارو ”راڪيبي وينس“ شاهڪار ايل گريڪو گويا ۽ ٻين ڪمال جي صاحبن جا فني جواهرات ڪثرت سان موجود آهن. انگلينڊ کان هيٺ وارن ملڪن جي پڻ ڪمال جي ڪاريگرن جهڙوڪ ميملنڪ، وان آئيڪ جو فني ڪارنامو، ارنالفني ميرئيج، وان ڊرويڊن رُبنس ۽ ٻين جي مصوري جو پڻ وڏو ذخيرو موجود آهي. هتي ريمبرانٽ جي پرُتجسس تصويرن جي ترتيب جو پڻ عجيب نماءُ آهي.
    پوسين، لورين، واٽيو ۽ ڊيوڊ وارين تصويرن جو مجموعو ملڪ ۾ موجود ويهين صديءَ جي فرانسيسي فني شاهڪارن جو هتي پهتل اوائلي حصوآهي. تنهن کانسواءِ مونيٽ جو شاهڪار ”واٽر لليز“ توڙي سيزاني ۽ سيوريٽ جون تصويري ڪاوشون پڻ هتي آويزان آهن.
    جيڪڏهن توهان هن فن جو تاريخي جائزو وٺڻ چاهيو ٿا ته پوءِ توهان کي گئلري وٽ بلڪل جديد طرز واري 1991ع ۾ کلندڙ سينسبري عمارت ۾ انهيءَ جي شروعات ڪرڻي پوندي. منجهند جي وقت ڪمرن ۾ خصوصاً آچر تي پيهه سبب هتي تصويرن کي گهرائي سان ته ڏسڻ ئي ناممڪن ٿيو پوي. ليونارڊو جو ڪارٽون ڏسڻ وارن جي هميشه تمام گهڻي رش هوندي آهي. اهو ڪارٽون سندس زبردست شاهڪار ”ورجن آف دي راڪس“ جي پويان، هتي قائم هڪڙي چيپل يعني ننڍڙي عبادت گاهه، جنهن تي گولين جي ڌڪ جو اثر به نه ٿو ٿئي ۾ سجايل آهي.
    روشن خياليءَ واري ۽ ان کان پوءِ واري دور جا فن پارا ته اڳوڻي مکيه عمارت ۾ زير نمائش آهن. پر هيءَ نئين سينسبري بلڊنگ پڻ، گئلريءَ ۾ سمورين تصورن جي نمائش لاءِ گهربل جڳهه مهيا ڪرڻ کان قاصر آهي. انهيءَ جي باوجود هتي وارين هيٺين گئلرين ۾ سجايل بهترين تصويرن جي عاليشان مجموعي جي مشاهدي ۾ نظر چُڪ نه ڪندا.
    ٽرافلگر اسڪوائر جي اولهه طرف جيمس گبس طرفان ارڙهين صديءَ جي شروعات ۾ اڏيل ”سينٽ مارٽن ان دي فيلڊس“ وارو چرچ قائم آهي. جنهن ۾ ڪيترائي قديم طرز جا ڪالم ۽ هڪ غير رواجي طرز جي مناري سان مهاڙي ٺهيل آهي. نئشنل گئلري جي ڀر سان سينٽ مارٽن واري جڳهه ۾ عظيم انسانن جي تصويرن جي پڻ هڪ الڳ قومي نمائش قائم ڪئي وئي آهي. جنهن کي ”نيشنل پورٽريٽ گئلري“ سڏين ٿا. هيءَ نماش سومر کان ڇنڇر تائين صبح 10 بجي کان شام 6 بجي تائين ۽ آچر تي منجهند 12 بجي کان شام 6 بجي تائين مفت ڏيکاري وڃي ٿي. هيءَ گئلري سن 1856ع ۾ قائم ڪئي وئي. هتي موجود نوادرات ۾ هڪڙي هينري اٺين جي ماڻهو جي قد کان به وڏي تصوير آهي. جيڪا هينس هولبين جي ٺهيل آهي. بيشڪ هي ميوزم تصويرن جي مختلف فني قسمن جو تاريخي مجموعو به پيش ڪري ٿو ته ٻئي طرف برطانيا جي مشهور هستين جو تعارف پڻ پيش ڪري ٿو. ٽيو ڊور گهراڻي ۽ دور سان واسطو رکندڙ شخصيتن جون تصويرون مٿيئن ماڙ تي سجايل آهن. وچين ماڙ تي وڪٽورين دور وارن ماڻهن جون تصويرون رکيل آهن. بلڪل هيٺئين طبقي گرائونڊ فلور تي ويهين صديءَ جي مشهور ماڻهن جهڙوڪ پوپ ايڪٽرن، رانديگرن، سياستدانن ۽ شاهي گهراڻي جي شخصيتن جون تصويرون سجايل آهن. هن عمارت جي هڪڙي حصي ۾ وقت بوقت خصوصي نمائشون پڻ لڳايون وينديون آهن. جن ۾ فوٽوگرافي جون بهترين نمائشون به شامل آهن.
    هن چرچ ڏسڻ کان پوءِ اسان پنڌئي پنڌ لنڊن جي روڊن تي گهمندا ڦرندا اڳتي وڃي رهيا آهيون. ڊبل ڊيڪربس جنهن جي ڇت ڪانهي تنهن ۾ سياح مٿي ويٺا ڪچهريون ڪري رهيا آهن. هتي سڄي انگيلنڊ ۾ اهڙيون بسون جام هلن. توهان هڪڙيءَ ٽڪيٽ ۾ بس، زير زمين ٽيوب ۽ ٽرين ۾ چڙهي گهمي ڦري سگهو ٿا. انهن ۾ گهمڻ لاءِ هڪ ڏينهن هڪ هفتي ۽ سيزن ٽڪيٽ ٿين جيڪي توهان کي انهن جي اڏن تان ملي ويندا. ٽڪيٽ جو مدو جيئن وڌيڪ تئين ڊسڪائونٽ زياده. اسان اڄ سڄو ڏينهن گهميا ڦريا آهيون. ۽ هينئر به ڪافي وقت پنڌ ئي پنڌ لنڊن جا چڪر لڳاياسين سو هاڻ هڪ ٽئڪسي ڪري واپس پنهنجي رهائش واري جڳهه ڏانهن وڃي رهيا آهيون. شام جي وقت ۾ ڪافي ماڻهو فوٽ پاٿن تي گهمي ڦري رهيا آهن. اسان کي ٽئڪسي واري آڻي پنهنجي جڳهه ڀيڙو ڪيو. ڀوراڻي ٻڌايو ته فرخ ۽ نور به ٻاهر گهمڻ ڦرڻ لاءِ نڪري ويا آهن. اسان ڪپڙا بدلائي ريسٽ لاءِ بيڊ تي ليٽي پاسين.
    ٿورو آرام ڪري چانهه پي ٻاهر ٽهلڻ لاءِ نڪري پياسين. اسان جو گهر جيڪو Endlsham روڊ تي آهي. تنهنجي هڪ ڇيڙي تي اسڪول آهي. جنهن ۾ صبح جو ٻار اسڪول ويندا آهن. تنهن مهل اهي راند ڪندا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهندا آهن ۽ سندن کلڻ، ڳالهائڻ صاف ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. ننڍو ٻار ۽ پاليل جانور انسان کي انهيءَ ڪري وڻندا آهن، جو انهن جو ڪو به مطلب مفاد ڪو نه هوندو آهي. هو صرف پيار ئي پيار ۽ معصوميت جو اهڃاڻ هوندا آهن. آئون لنڊن ڪيترا دفعا آيو آهيان. ڪيترن ئي اسڪولن ۾ وڃڻ ٿيو آهي ۽ گهرن ۾ هتي پڙهيل ڪافي شاگردن سان ملاقات ٿي آهي پر ڪراچي جي بيسڪ ايڊيو ڪيشن به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي اسڪولن ۾ ٻار ڏاڍا صحتمند ۽ خوش نظر ايندا آهن.
    هي رات جو ٽائيم آهي هن وقت هت هميشه خاموشي هوندي آهي، هت اسڪول ٽائيم کان پوءِ مون ڪو به چوڪيدار يا گارڊ ڪو نه ڏٺو. جيئن ڪراچي جي پرائيويٽ اسڪولن ۾ هوندو آهي پر اڄ اندر ماڻهو نظر اچي رهيا آهن. شايد ڪا تقريب اهي. اسان اسڪول جي پاسي مان لنگهي اڳتي وڃي رهيا آهيون. ييلو ڪيب وارن جي آفيس، ڪپڙن ڌوئڻ جو دُڪان جت ماڻهو شام جي وقت پنهنجا پنهنجا ڪپڙا کڻي اچي خودبخود ڌوئن ۽ جيسين ڪپڙا مشين ۾ ڌوپجي تيار ٿي ۽ سُڪي به وڃن تيسين هي ويٺا اخبارون ۽ رسالا پڙهن ۽ هڪ ٻئي سان بلڪل ڪو نه ڳالهائين. پنهنجو ڪم لاهي چپ چاپ هليا وڃن پر هڪ ٻئي سان هڪ لفظ به ڪو نه ڳالهائين. ان جي ابتڙ پاڻ جيڪر بس، ريل، هوائي جهاز يا ڪنهن سُپر مارڪيٽ ۾ پنهنجي ڀرسان ويٺل ماڻهو کي ڏسون ته ضرور به پڇون ته توهان ڪير آهيو، ڪٿي ويٺا آهيو، ڇا ڪندا آهيو. پوءِ جي ڀر واري چيس ته آئون ڪجهه ڪو نه ڪريان، غريب مسڪين آهيان ته ڳالهه ٿي پوري پر جي ان چيس ته آئون اسيمبلي ميمبر آهيان ٻه ڇوڙائڻ ۽ ٻه ٻڌائڻ منهنجو محبوب مشغلو آهي يا راشي کاتي ۾ وڏو رشوتي ڪامورو آهيان ته پوءِ توهان جي خوشامد ڪرڻ ۾ ڪا به گهٽٽائي ڪا نه ٿيندي. اها به اسان جي غلام هئڻ جي هڪ نشاني آهي ته حاڪم ڪٿي به ملي ته سندس خوشامد ڪرڻ اسان جي فرض ۾ شامل آهي. اسان اڳتي مين روڊ تي پهتا آهيون. سامهون مڪڊونلڊس وارن جو دُڪان آهي ڀرسان سپر اسٽور آهي جنهن طرف اسان وڃي رهيا آهيون. ان طرف وائين شاپ ۽ ٻيا به ڪيترن قسمن جا دڪان آهن. اسان آهستي وڃي رهيا آهيون. منا چيو ته رات جي ماني ٻاهر ڪنهن پاڪستاني هوٽل تي کائون. مون چيس ته پوءِ پاڻ کي گهر ڀوراڻيءَ کي ٻڌائي اچڻ گهرجي ها. هو ته ماني ٺاهي ڇڏيندو سو اڄ نه سڀاڻي رات جو ٻاهر ماني کائينداسين. اڄ واڪ ڪري گهر ٿا هلون سڄو ڏينهن ٿيو آهي جو نور ۽ فرخ سان به ڪو نه گڏيا آهيون. سو مانيءَ تي انهن سان ڪچهري به ٿي ويندي. ايئن واڪ به ڪندا وڃون ۽ ڪچهري به ڪندا وڃون. رستي تي هڪ پب آهي جنهن ۾ اندر درين جي شيشي مان سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آهي. اندر ڪافي رش آهي پر اسان هلندا وڃون.
    ٻي جنگ عظيم ۾ جڏهن جرمنيءَ فرانس فتح ڪيو ته ڊيگال ۽ ٻيا ڪيترا يورپ جي ملڪن جا سربراهه پنهنجا پنهنجا ملڪ ڇڏي اچي لنڊن ڀيڙا ٿيا ۽ هي ريڊيو اسٽيشن ذريعي پنهنجي قومن کي حوصلو ۽ همت ڏيئي رهيا هئا تنهن دوران خود برطانيا جا ماڻهو به جنگ جي خوف ڪري ڏاڍا هراسيل هئا. ننڍا وڏا شهر سُنسان لڳا پيا هئا، پر انهيءَ دوران به حڪومت اهو حڪم جاري ڪيو ته سڄي انگلينڊ جا پب کليل رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو اُت ايندا رهن ۽ زندگي روان دوان رهي ۽ ماڻهو همت نه هارين. واقعي ڪڏهن ڪڏهن ننڍيون ننڍيون ڳالهيون وڏا ڪم ڪريو ڇڏين.
    اسان اڳتي وڃي رهيا آهيون منا چيو ته پُل کان پوءِ واپس ورنداسين اسان صبح جو به واڪ تي انهيءَ پل تائين ايندا آهيون. رات ٿي وئي هئي پر هنن ملڪن ۾ ڊپ ۽ خوف جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي. سو اسان پنهنجو چڪر پورو ڪري پوءِ واپس ٿينداسين. عام ماڻهوءَ کي ته ڊپ ڪونهي پر هنن ملڪن جي بادشاهن، صدرن ۽ وزيراعظم کي به تر برابر به پنهنجي ملڪ جي عوام کان خوف خطرو ڪونهي. انهيءَ جو مثال 10 ڊائونگ اسٽريٽ آهي. جت ملڪ جي وزيراعظم جي آفيس ۽ رهائشگاهه آهي. وزيراعظم هائوس جو در هڪ عام فٽ پاٿ تي کلندو آهي. جت سڄو ڏينهن عام ماڻهو ايندا ۽ ويندا رهندا آهن. حڪومت انهيءَ فٽ پاٿ کي عام پبلڪ لاءِ بند نه ڪيو آهي. هن فٽ پاٿ تي هلندڙ هڪ عام واٽهڙو آساني سان ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    اسان پنهنجو رائونڊ پُل تائين مڪمل ڪري واپس گهر ڏانهن وڃي رهيا آهيون. ڪافي دڪان بند پيا آهن. ماڻهن ۽ ٽرئفڪ جي رش نظر ڪا نه ٿي اچي. اسان بالم جي عام شاهراهه نه پر سيف وي Safe way واري پٺئين روڊ کان گهر ڏانهن مڙيا آهيون. انهيءَ رستي سبب ڪافي شارٽ ٿيو وڃي. گهر جي دروازي تي پهچي بيل وڄايم ته نور دروازو کوليو پاڻ خير سان گهمي ڦري اچي ويا هئا.ا سان مٿئين ماڙ تي پنهنجي بيڊ روم ڏانهن روانا ٿياسين ٿوري دير ۾ دستور مطابق نور اسان لاءِ ماني کڻي آيو جيڪا کائي سمهي پياسين. سڄي ڏينهن جو ٿڪ هو ۽ سڀاڻي به وري سڄو ڏينهن گهمڻو ڦرڻو هو.
    صبح جو اٿي تيار ٿي منا ۽ مون ناشتو ڪيو. نور ۽ فرخ اڃان سُتا پيا هئا. اسان گهر کان ٻاهر نڪري پهرئين اردو اخبار جنگ ۽ انگريزي اخبار خريد ڪري اڄ جي پنهنجي گهمڻ جي پوائنٽ ٽاور آف لنڊن لاءِ ٽئڪسي ڪري روانا ٿياسين.
    ٽاور آف لنڊن وڃڻ لاءِ ٻين لنڊن جي اهم جڳهين وانگر ٽيوب سروس پڻ هلندي آهي پر اسان ٽئڪسي ڪري اوڏانهن وياسين، صبح سوير آهي ڪا گهڻي رش ڪانهي. ٽئڪسي واري اسانکي لنڊن جو سير ڪرائي لنڊن برج مٿان ڦيرائي آڻي ٽاور آف لنڊن جي اڳيان لاٿو، ٽاور آف لنڊن ٿيمس نديءَ جي بلڪل ڪپ تي آهي ۽ ڏاڍي پرڪشش جڳهه تي ٺهيل آهي. هت ٿيمس نديءَ جي ٻنهي ڪپرن تي لنڊن جون اهم جڳهيون ٺهيل آهن. جت سياح وڏي تعداد ۾ گهمڻ اچن ٿا جن ۾:

    1- ٽاور آف لنڊن
    2- لندن برج
    3- سائوٿ وارڪ ڪيٿيڊرل
    4- شيڪسپيئر گلوب ٿيٽر
    5- لائيڊ بلڊنگ
    6- ڪئنسين اسٽريٽ
    7- بئنڪ آف انگلينڊ
    8- مينشن هائوس

    ۽ ٻيون کوڙ ساريون جڳهيون آهن. لنڊن ٽاور جي ڀرسان ڪي ايف سي وارن جي هڪ بهترين ريسٽورانٽ آهي جت هر وقت رش لڳي پئي آهي. انهيءَ کانسواءِ ٻيا به ڪيترا شاپس آهن. خاص ڪري هتان ئي ٿيمس ندي جي سير لاءِ توهان کي بيشمار بوٽس ملنديون جن ۾ چڙهي گهمي ڦري واپس هتي اچي لهو. يا ڪنهن ٻئي هنڌ اها توهان جي مرضي، مطلب ته هر وقت هن جڳهه تي رونق ۽ چهچٽو لڳو پيو آهي. هتي هزارن جي تعداد ۾ سياح پيا اچن ۽ وڃن، ٽاور آف لنڊن جي به اندر ۽ ڀرسان تمام وڏا گهاٽا وڻ بيٺل آهن. جن جي هيٺيان بيشمار ڪاٺ جون بئنچون پيون آهن. انهن تي ويهي سياح ٿيمس نديءَ ۾ هلندڙ لانچون ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. ٽاور آف لنڊن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون قطارون لڳيون پيون آهن. اسان به هڪ قطار ۾ بيهي رهيا سين. برٽش ميوزم ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪا به في ڪانهي پر هت ٽاور آف لنڊن ۾ داخلا في آهي ۽ انهيءَ جي ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ اسان قطار ۾ بيٺا آهيون. پنهنجي واري تي اسان کي به ٽڪيٽ ملي جيڪا هٿ ۾ کڻي ٽاور آف لنڊن جي اندر داخل ٿيڻ لاءِ مين گيٽ تي اچي بيٺاسين گيٽ بند آهي. ٽاور آف لنڊن جي اندر جو سير پاڻ مرادو نه پر سڄو سير گائيڊ گروپ جي شڪل ۾ ڪرائيندا آهن. تنهنڪري جيئن جيئن گائيڊ واندا ٿين. تيئن تيئن ماڻهو اندر داخل ٿين ۽ انهن کي اول کان آخر تائين گهمائي ڦيرائي ٻاهر روانو ڪن.
    فرانس جي لوور عجائب گهر ۾ يورپ جا سياح گهڻي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن جو انهيءَ ۾ مونا ليزا جي تصوير رکيل آهي ۽ ٽاور آف لنڊن ۾ هندستاني، پاڪستاني ۽ بنگلاديشي وڏي تعداد ۾ انهيءَ ڪري وڃن جو هت هندستان جو مشهور هيرو ڪوهه نور رکيل آهي. جيڪو ماڻهو ٽاور آف لنڊن گهمي ڏسي سگهي ٿو. تنهن ڪري هت هندستان ۽ پاڪستان جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ اچن، اهڙي طرح سان ٽيپو سلطان جي تلوار وري اسڪاٽ لينڊ جي تاريخي قلعي ڪئيسل آف ايڊنبرگ ۾ رکيل آهي. اسان سان گڏ ننڍڙن ٻارن جو هڪ گروپ به شامل آهي. جنهن کي سندن ماسترياڻي هر هڪ ڳالهه سمجهائي رهي آهي.
    ڪيڏا نه پيارا ٻارڙا آهن. پنهنجي استاد جي هر ڳالهه ڌيان سان ٻڌي رهيا آهن ۽ معصوم زبان ۾ پنهنجي استاد کان سوال ڪري رهيا آهن. منا تمام ڌيان سان کين ڏسي رهي آهي ۽ مون کي ٻڌائي رهي آهي. هت اسان کي هڪ سنڌي فئملي به گڏي جيڪي حيدرآباد جا آهن. اسان جو گائيڊ اسان کي هر هڪ شيءِ جي باري ۾ اهڙي ته سهڻي نموني سان سمجهائي رهيو آهي. ڄڻ ته هر هڪ شيءِ جي اسان جي اڳيان تصوير ڇڪجي وئي. پاڻ هر هڪ ڳالهه تمام وڏي آواز ۽ تقرير جي انداز ۾ ٻڌائي ۽ سمجهائي رهيو آهي. سلسلو اول کان آخر تائين جاري رهيو. ٽاور آف لنڊن ٽوڪيو ٽاور ۽ ايفل ٽاور وانگر صرف ٽاور نه پر هڪ قلعي نما محل آهي جنهن جي هڪ وڏي تاريخ آهي جيڪا سون سالن تي محيط آهي پر انهيءَ جي مقابلي ۾ ٽوڪيو ۽ پئرس وارا ٽاور جديد دور جي ٽاورن جي عڪاسي ڪن ٿا. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جدا ۽ منفرد حيثيت آهي. ٻنهي کي هر روز سڄي دنيا جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڏسن ٿا. اسان ٽاور جي ٻاهران ٽاور جي باري ۾ هڪ ڪتاب خريد ڪيو آهي. جنهن کي آهستي آهستي پڙهندا گائيڊ کي ٻڌندا، فوٽو ڪڍندا اڳتي وڌي رهيا آهيون.
    ٽاور تي لڳل جهنڊي ڏانهن اشارو ڪري منا پڇيو ته هي ڇا جو جهنڊو آهي، مون کيس ٻڌايو ته هي برطانيا جو قومي جهنڊو آهي.
    لنڊن ٽاور، شهر تي نوَ سئو سالن کان وڌيڪ وقت حڪمراني ڪئي آهي ۽ اڄ پڻ اهو راڄڌانيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اهم علامت وارو ۽ سياحن لاءِ جڳ مشهور ۽ پرڪشش آهي.
    پنهنجي طويل تاريخ دوران هي ٽاور شاهي محل، قلعو، قيد خانو، ڦاسي گهاٽ، اسلحي گاهه، ڪارخانو، ضرب خانو، چڙيا گهر ان سان گڏ شاهي جواهرات، نوادرات ۽ هٿيارن جو نمائش گهر به رهيو آهي. اڄ اهو ٽاور برطانوي تاريخ جي طاقتور ترين علامتن يعني قديم شاهي غلامن، لنڊن جي ڪانگن جيڪي بلڪل ٿر جي ڪانگن جهڙا ڪارا ۽ وڏا ڪانگا آهن ۽ شاهي هيرن جواهرن جو گهر آهي. لنڊن ٽاور حقيقت ۾ هڪ نه پر گهڻن ئي ٽاورن، محلن، قلعن ۽ متفرڪ جڳهين جو مجموعو آهي. جن کي پسڻ ۽ پروڙڻ سان متاثر ڪندڙ ڄاڻ ۽ لطف حاصل ٿئي ٿو. هيٺ انهيءَ جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.

    الهندو شاهي دروازو ۽ آبي رستو
    هي علائقو لنڊن ٽاور جي سياحن لاءِ مقرر ڪيل مکيه دروازي کان وٺي آبي رستي جي دنگ وٽ ڪريڊل ٽاور تائين مشتمل آهي. هي ماڳ ٽاور وٽ پهچڻ شرط يا ته موٽندي ٽاور ڇڏڻ وقت گهمي سگهجي ٿو.

    الهندو لنگهه
    ايڊورڊ پهرئين جي وقت کان وٺي (1272ع کان 1307ع) محل ۾ وڃڻ جو مکيه زميني رستو ڪيترن ٽاورن ۽ لچڪدار پلين مان گذرندو هو جيڪو پوءِ ٿيندڙ ڪيترين ئي ترميمن سبب، اڄ اها اصلي صورت وڃائي ويٺو آهي. ايڊورڊ اول طرفان قلعي ۾ ٿيل توسيع ۾ نئين ٻاهرئين پناهه ديوار ۽ شهر ۽ نديءَ وارا مکيه دروازا شامل آهن. شهر جي طرف وارو نئون شاهي دروازو 1275ع کان 1281ع جي وچ ۾ اڏيو جنهن ۾ ٽي ٽاور (1) لائين ٽاور (2) مڊل ٽاور ۽ (3) باءِ وارڊ ٽاور جوڙيا ويا. لائين ٽاور بعد ۾ ڊاٺو ويو. هن وقت جديد ڪنڪريٽ پُل، ٽاور هل کان مڊل ٽاور تائين وڃي ٿي. جديد پُل تان قديم لچڪدار پُل جا آثار ۽ لائين ٽاور جي ٻاهرين ديوار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. جنهن جا پٿر ٽاور شاپ جي اڳيان ٺهيل پٽڙيءَ ۾ لڳل نظر ايندا.
    هن ٽاور ۾ شاهي چڙيا گهر قائم هو. جنهن ۾ شينهن به هوندا هئا. تنهن ڪري هن ٽاور جو نالو ”لائين ٽاور“ رکيو ويو. شاهي چڙيا گهر 1834 ۾ موجوده لنڊن زو ڏانهن منتقل ڪري لائين ٽاور کي ڊاهي انهيءَ هنڌ پمپ هائوس اڏيو ۽ ان کي ٽاور شاپ طور استعمال ڪجي ٿو.

    مڊل ٽاور
    لائين ٽاور کان مڊل ٽاور ڏانهن هڪڙي لچڪدار ننڍي پُل هئي سا هاڻي ڦٽي وئي آهي. 1717ع ۾ جارج اول مڊل ٽاور ۾ ترميم ۽ ڪجهه سڌارو ڪري گيٽ تي هٿيار وغيره چاڙهيا. هي ٽاور هن وقت يئومين گارڊ (قديم غلام محافظ) جي رهائشگاهه آهي. ٽاور جو بچاءُ حقيقتاً گيٽ وٽ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن تاقن کي زمين ۾ لڳل کانچن ۾ لڳائي ڦاٽڪ بند ڪرڻ سان ٿيندو هو. اهي کانچا اڄ به ڏسڻ ۾ اچن ٿا.

    باءِ وارڊ ٽاور
    مڊل ٽاور ۽ باءِ وارڊ ٽاور جي وچ ۾ هڪ ننڍو رستو هوندو هو جنهن ۾ اصل کان هڪ لچڪدار پُل هوندي هئي. ياد رکڻ گهرجي ته انهيءَ هنڌ موجود کاهيءَ ۾ 1843ع تائين پاڻي ڀريل هوندو هو. هي گيٽ هائوس ايڊورڊ اول جي ٺهرايل ٻن گول ٽاورن سميت اڃا تائين گهڻن ئي اصل مهانڊن جو حامل آهي. مڊل ٽاور وانگر باءِ وارڊ ٽاور پڻ لوهي سيخن جي ٺهيل ٻن تاقن سان ڦاٽڪ بند ڪري محفوظ رکيو ويندو هو. ڦاٽڪ وٽان لنگهندي اهو سيخدار تاقن ۽ خوني سوراخن جو سلسلو ڏسڻ ۾ ايندو جيڪي سوراخ شايد حمله آور دشمنن طرفان گيٽ کي باهه سان ساڙڻ لاءِ استعمال ڪيا ويا هئا. ڦاٽڪ جي اڳئين پاسي ساڄي طرف تير اندازيءَ لاءِ ٺهيل اصلي سوراخ آهي. جيڪو ڦاٽڪ جي حفاظت لاءِ استعمال ٿيندو هو.
    ڦاٽڪ جي ٿورو پويان ساڄي طرف هڪ ننڍو خانگي لنگهه آهي. جيڪو گهاٽ کان ٽاور ڏانهن ويندڙ هو ۽ شاهي خاندان پاران پندرهين ۽ سورهين صدين دوران استعمال هيٺ هو. انهيءَ لنگهه تي ننڍڙي ڦاٽڪ ۽ گهاٽ واري پاسي کان لچڪدار پُل پڻ ڏسي سگهجي ٿي. اهو پوسٽرن گيٽ اصل ۾ ايڊورڊ اول ٺهرايو هو. پر سندس موجوده صورت پندرهين صديءَ کان شمار ڪجي ٿي.

    واٽرلين يا آبي رستو
    باءِ وارڊ ٽاور جي هيٺان لنگهڻ کان پوءِ اوهان انهيءَ هنڌ پهچندا جتي اوهان جي کاٻي هٿ تي اتر طرف ويندڙ ضرب خاني واري گهٽي آهي ۽ اڳيان اَٿوَ- واٽر لين. اهو هنڌ ايڊورڊ اول جي دور وارو آئوٽر وارڊ يعني خارجي ميدان آهي. اهو وارڊ ايڊورڊ اول طرفان لنڊن ٽاور جي توسيع دوران ان وقت قائم ڪيو ويو، جڏهن 1275ع کان 1282ع جي وچ ۾ محل جي اولهه، اتر ۽ اوڀر، طرفن کان هڪ نئين ٻاهرين بچاءُ واري اضافي ديوار (آئوٽر ڪرٽين وال) تعمير ڪئي وئي ندي سان لڳو لڳ موجود واٽرلين وارو سمورو علائقو آئوٽر وارڊ قرار ڏنو ويو ۽ ٿيمس ندي جي ڪناري سان لڳو لڳ ٽاورن تي مشتمل بچاءُ جي شاهي ديوار تعمير ڪئي وئي انهيءَ کان اڳ اندروني پناهه واري ديوار تي اڏيل سمورا ٽاور ندي جي ڪپ تي قائم هئا. تنهن ڪري انهيءَ هنڌ جو نالو واٽرلين سڏيو ويو. اندرين ۽ ٻاهرين بچاءَ جي ديوارن جي وچ واري بيل ٽاور کان وٺي سالٽ ٽاور تائين واري ايراضيءَ جو تمام وڏو حصو واقعتاً شاهي ضرب خاني وارن جي ورڪشاپ آفيسن ۽ گهرن جي قبضي هيٺ هو جيڪي ملڪي ناڻي جا سڪا تيار ڪندا هئا. بيل ٽاور جو اتريون ڀاڱو اڃا تائين منٽ اسٽريٽ طور ڄاتو وڃي ٿو.
    منٽ اسٽريٽ لڳ، اڳيان نهارڻ سان ٻاهرين بچاءَءُ واري ديوار جي پويان چبوترن تي ٺهيل ارڙهين صديءَ وارن گهرڙن جي قطار نطر ايندي جتي يئومين وارڊر پنهنجن ڪٽنبن سميت رهن ٿا.

    بيل ٽاور
    بيل ٽاور، منٽ اسٽريٽ ۽ واٽر لين واري ڪنڊ تي ٺهيل آهي ۽ وائيٽ ٽاور کانسواءِ محل جي سمورن ٽاورن ۾ پراڻو آهي. بيل ٽاور ۽ ساڻس ملندڙ ڪريٽن وال جيڪا واٽر لين سان لڳو لڳ وڌندي بلڊي ٽاور سان ملي ٿي. لنڊن ٽاور ۾ 1190ع واري اوائلي توسيع ۾ شمار ڪجن ٿا جنهن وقت اهي درياءَ جي ڪپ تي موجود هئا. بيل ٽاور جي بنياد وارا بلاڪ ان جي ڀرسان موجود هڪ کڏي مان ندي جي ڪپ تي موجود ڏسي سگهن ٿا. ٽاور جي بناوت مان اندازو آهي ته شايد اهو ٻن مرحلن ۾ تعمير ٿيل آهي. مٿين ٻي ماڙ جيڪا گول آهي سا هيٺئين پنج ڪنڊي طبقي مٿان پوئين مرحلي ۾ اڏيل ڀانئجي ٿي.
    جيتوڻيڪ موجوده بيل ٽاور 1651ع کان موجود ڄاڻايو وڃي ٿو پر ڪرفيو جو گهنڊ هن ٽاور مان گهٽ ۾ گهٽ 5 سئو سالن کان وڄندو رهي ٿو. لنڊن ٽاور جي تاريخ ۾ ڪانسٽيبل جي رهائش گاهه بيل ٽاور سان گهڻو اڳ ڳنڍي وئي.
    ٽيوڊور بادشاهن جي زير حڪومت جڏهن محل جي محافظ اعليٰ ڪانسٽيبل جي نائب يعني ليفٽيننٽ جنهن کي ريزيڊنٽ ڊپٽي به سڏبو هو. ان جي ڊيوٽي ۾ قيدين جي سلامتي شامل هئي. ان وقت بيل ٽاور تمام مکيه حيثيت وارن قيدين جي رهائش گاهه بڻجي ويو. جهڙوڪ سرٿامس مور ۽ شهزادي ايلزبيٿ جيڪا راڻي ايلزبيٿ اول هئي. واٽر لين سان گڏ اڳيان وڌڻ سان مٿي کاٻي طرف موجوده راڻي جي رهائش جو پويون حصو ڏسڻ ۾ ايندو. جتي ٽاور جو گورنر اڃا تائين رهندو آهي. ٿورو اڳتي توهان جي ساڄي طرف تي ميڊيئيول پيليس جو گيٽ آهي. ۽ ٿورو پوئتي ٽرائيٽرس گيٽ آهي. بلڊي ٽاور جو رستو مخالف رُخ ۾ انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو.

    ٽرائيٽرس گيٽ
    سينٽ ٿامس جو ٽاور بادشاهه جي رهائش لاءِ بادشاهه ايڊورڊ اول سن 1275ع جي وچ ۾ اڏايو. بلڊي ٽاور واري آبي رستي بجاءِ هن ٽاور لاءِ الڳ هڪ نئون آبي رستو پڻ جوڙايو ويو. انهيءَ نهر کان ايندڙ آبي ڦاٽڪ کي ٽرائيٽرس گيٽ سڏجي ٿو. چيو وڃي ٿو ته ڪيترائي حڪومت جا غدار ماڻهو انهيءَ ڦاٽڪ مان داخل ٿيا هئا. مثلاً راڻي ايني بولين ۽ سرٿامس مور، سندن اهو سفر آخري ٿيڻو هو. وائيٽ ٽاور جي ڇت تي ٺهيل ٽانڪيءَ ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ ٽرائيٽرس گيٽ جي پويان هڪڙي پول ۾ مشين استعمال ٿيندي هئي. مشين اصل ۾ پاڻيءَ جي زور تي يا وري گهوڙي جي طاقت سان ڪم ڪندي هئي ۽ ٻاڦ تي هلائي ويندي هئي. سن 26-1724ع ۾ مشين بندوقن جي نالين ۾ سوراخ ڪرڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون هلائڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي 1860ع ۾ ان کي هٽايو ويو.

    هينري ٽئين وارو گيٽ ۽ لوئر ويڪ فيلڊ ٽاور
    واٽر لين سان اڳتي وڌندي، اوڻويهين صديءَ واري پل هيٺيان هينري ٽئين واري ذاتي آبي ڦاٽڪ جا آثار نظر ايندا. ڄاڻايل پل سينٽ ٿامس واري ٽاور ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور کي ملائي ٿي. اهو آبي ڦاٽڪ اصل ۾ نهر کان سڌو ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبق ۾ داخل ٿيندو هوندو. ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺئين طبق ۾ محافظن لاءِ هڪڙو ڪمرو هو. واٽر گيٽ تي چوڪي ڏيندڙ سپاهيءَ انهيءَ ڪمري ۾ رهندا هئا. اهي سپاهي لڳ ڀڳ 1280ع تائين تير بازيءَ جي ڳڙکين وسيلي نهر تي چوڪي ڏيندا آيا. جڏهن نهر جي صفا لڳ ڪپ سان هڪڙي نئين ٻاهرئين بچاءُ واري ٽاورن تي مشتمل ڀت اڏي آئوٽر وارڊ قائم ڪيو ويو، تڏهن انهيءَ هيٺئين طبق جون تير اندازيءَ واريون ڳڙکيون بند ڪري، فرش کي ٻاهرئين زمين جي ليول مطابق مٿي ڪيو ويو هو پر پوءِ اها ڀرائي وري خارج ڪرائي وئي جيئن ته استن جي پٿرن تي ٿيل ڪم کي اصل حالت ۾ ڏيکاري سگهجي. اصلي حالت کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مٿئين ڪمري ۾ ڪاٺ جو فرش نئين سر اصلي نموني مطابق تعمير ڪيو ويو آهي. انگلينڊ ۾ گهڻيون جڳهيون اڄ به ڪاٺ جون ٺهيل آهن. ڪاٺ جي جڳهين ۾ سردي گهٽ لڳي. اڄڪلهه ته هر شيءِ سينٽرلي هيٽيڊ آهي پر تڏهن به هت گهرڪاٺ جا ٺاهين. جنهن گهر ۾ اسان رهيل آهيون. اهو به ڪاٺ جو ٺهيل آهي. ويڪ فيلڊ ٽاور جو مٿيون طبق وچئين دور جي محل جي هڪ ڀاڱي طور عوام لاءِ نمائش خاطر کليل آهي.
    ويڪ فيلڊ جي هيٺئين طبق مان نڪري کاٻي طرف مڙي بلڊي ٽاور جي ڦاٽڪ مان لنگهي واپس اچي واٽر لين ۾ داخل ٿيندئو.

    ڪريڊل ٽاور
    واٽر لين تي اڃا وڌيڪ اڳتي ڪريڊل ٽاور ٺهيل آهي. جيڪو بادشاهه ايڊورڊ ٽئين (1377ع-1327ع) پنهنجي رهائشگاهه لاءِ ذاتي استعمال واري هڪ نئين آبي ڦاٽڪ طور تعمير ڪرايو هو. بادشاهه جي رهائش ان وقت لينٿرن ٽاور ۽ ان جي آسپاس جاين تي مشتمل هئي.
    ڦاٽڪ اندر لوهي سيخن واري دروازي جي جهل لاءِ فرش ۾ ٺهيل کانچا اڃا تائين ڏسجن پيا. پٿر جي ٺهيل سهڻي گولائي واري ڇت پڻ قابل توجهه آهي.
    ڪريڊل ٽاور بعد ۾ قيد خاني طور استعمال ٿيو. سن 1599ع ۾ ٻن قيدين هر هڪ نالي
    1- فادر جان گيرارڊ ۽ 2- جان آرڊرن
    ٽاور مان ڀڄڻ جو بندوبست ڪيو. اهي ٽاور مان رسي ذريعي نڪري هيٺ پاڻيءَ سان ڀريل کاهي ۾ سندن ساٿين پاران تيار بيٺل ٻيڙيءَ تي چڙهي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا.
    ڪريڊل ٽاور جي سامهون راڻي ايلزبيٿ ثانيءَ وارو آرچ ڦاٽڪ آهي. جيڪو انروارڊ ڏانهن وڃي ٿو. هت ڪافي سياحن فوٽا ڪڍيا جنهن کان پوءِ اسان جو هي قافلو اڳتي وڌيو.

    ميڊِيئيوَل محل
    ميڊيئيول محل ۾ داخل ٿيڻ جو رستو واٽرلين ۾ ٽرائيٽرس گيٽ جي ڀرسان آهي. لنڊن ٽاور جي عمارتن جو اهو تعداد جن کي بادشاهه شهر ۾ موجودگيءَ دوران رهائش طور استعمال ڪندا هئا، انهن جڳهين جو گڏيل نالو ميڊيئيول محل رکيو ويو. انهن مان به مکيه حصي کي انموسٽ وارڊ چئجي ٿو. تنهن حصي ۾ سير ڪندي وال واڪ جي ڏکڻ کان ۽ ويڪ فيلڊ ۽ لينٿرن ٽاورن وچان به ڏسي سگهبو.


    4

    سينٽ ٿامس وارو ٽاور
    هي ٽاور بادشاهه ايڊورڊ اول 1275ع کان 1279ع تائين ٻن مقصدن ڪارڻ جوڙايو هو. يعني هڪ ته بادشاهه جي رهائش لاءِ وڌيڪ جڳهه جو حصول ۽ ٻيو انهيءَ سان گڏ هڪ اهڙو نئون آبي گهاٽ جنهن وسيلي بادشاهه نديءَ جي طرف کان محل ۾ پهچي سگهي. هن ٽاور کي هاڻي ٽرائيٽرس گيٽ سڏجي ٿو ڇو ته انتظاميه جو خيال هو ته غداريءَ واري مقصد سان ويسٽ منسٽر کان هتي ايندڙ ماڻهو انهيءَ ڦاٽڪ مان داخل ٿي هن محل ۾ پهتا هئا.
    هن ٽاور جي بناوت ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون پئي ويون آهن. قديم آثارن جي اصلي صورت ۽ پوءِ ٿيل تبديلين کي ڏيکارڻ لاءِ جيڪي تيرهين صديءَ کان وٺي اتي ٿينديون رهيون آهن. هن ٽاور جي پهرئين چيمبر کي جيئن جو تيئن رهڻ ڏنو ويو آهي.
    سن 1532ع ۾ بادشاهه هينري اٺين جي ٻيو نمبر زال ايني بولين جي تاجپوشي جي تياريءَ جي سلسلي ۾ اعليٰ عملدارن ۽ درٻارين جي رهائش جي لاءِ هن ٽاور جي نئين سر وڏي پئماني تي تعمير ٿي. ارڙهين صديءَ جي شروع ڌاري ٽاور جي حالت افسوسناڪ ٿي وئي . بندوقن جي نالين ۾ سوراخ ٺاهڻ لاءِ ڪم ايندڙ مشينون سنڀاليندڙ مستري، قديم غلام محافظن جو ڪجهه تعداد ۽ ٽاور ۾ قائم اسپتال ۾ داخل مريضن جي رهائش جو بندوبست پڻ هتي ئي ڪيل هو.
    1860ع ۾ ٽاور جي اصليت کي بحال ڪرڻ لاءِ هڪ ماهر تعميرات اينٿوني سالوِن کي مقرر ڪيو ويو. اڄ هي ٽاور انهيءَ آب تاب سان قائم آهي. جيئن سالوِن ٺهرايو هو. ٽاور جواهرات خاني جي ناظم ۽ ڪجهه عرصو پوءِ لنڊن ٽاور جي ڊپٽي گورنر جي رهائش لاءِ ڪم آيو. جواهرات خانو ڀرسان موجود ويڪ فيلڊ ٽاور ۾ قائم هو. هي ٽاور فقط 1990ع کان عوام جي سير لاءِ کوليو ويو. هن ٽاور جو پهريون اڻ تبديل شده ڪمرو بادشاهه جو ميگنا ڪيمرا شاهي ڪمرو ليکبو هو. هن چيمبر م اسٽرانگ روم خواب گاهه ۽ غسل خاني جو بندوبست هو. بدقسمتيءَ سان ڄاڻايل ڪوائف مان هن وقت باقي تمام ٿورو بچيو آهي پر چيمبر ۾ ٺهيل هڪ سوڙهي گذرگاهه ۾ موجود اهو اسٽرانگ روم ۽ غسل خاني جا نشان ڏسڻ ۾ ايندا. انهيءَ هنڌ وٽان نهر جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. چيمبر کي اهڙي طرح ڊيڪوريٽ ڪيو ويو آهي، جيئن اندازاً بادشاهه ايڊورڊ اول جي وقت ۾ هوندو. ٿيل تبديلين جا اهڃاڻ به پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. انهيءَ تبديليءَ جي باري ۾ گائيڊ اسان کي سٺي نموني سمجهايو.
    ٻيو نمبر ڪمرو اصل ۾ بادشاهه جو ذاتي ڪمرو آئلا هو ۽ ان کي پڻ شاهي ڪمري وانگر نئين سر تعمير ڪيو ويو، هتي بادشاهه ماني کائيندو، وندرندو ۽ عبادت ڪندو هو. هڪ ننڍي گذرگاهه جتان اصل ۾ ٿيمس نهر جو نظارو ڪبو هو ۽ هاڻي اتان کان گهاٽ ۽ ٽاور برج به ڏسجي ٿي. انهيءَ گذرگاهه ۾ عبادت ڪندو هو. انهيءَ گذرگاهه ۾ عبادت لاءِ هڪڙي ننڍي ڊيسڪ رکيل آهي.
    اوڻيهين صديءَ ۾ ٺهيل هڪڙي ڍڪيل پل آهي، جيڪا هن ٽاور کان ويڪ فيلڊ ٽاور ڏانهن وٺي وڃي ٿي.

    ويڪ فيلڊ ٽاور
    هيءَ ٽاور لنڊن ٽاور جي سڀني ٽاورن ۾ وائيٽ ٽاور کان پوءِ ٻيو نمبر وڏو ٽاور آهي. اڳ ۾ موجوده محل جي عمارت ۾ واڌاري طور هي ٽاور 1220ع کان 1240ع جي وچ ۾ بادشاهه هينري ٽئين جي دور حڪومت ۾ جوڙيو ويو. بادشاهه جي مکيه ذاتي ڪمري جي حيثيت سان گڏوگڏ محل جي وڌايل بچاءَ وارن عناصر ۾ هيءَ ٽاور مضبوط هنڌ هو. نديءَ جي صفا ڪپ تي هئڻ ڪري هڪ پاسي مکيه آبي ڦاٽڪ تي ضابطو رکندو آيو. جيڪو پوءِ بلڊي ٽاور سان ملايو ويو ۽ ٻئي طرف درياءَ کان محل ڏانهن ويندڙ ننڍو پويون گذرگاهه پڻ هو. جيڪو واٽر لين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. واٽر لين وٽان ويڪ فيلڊ ٽاور جي هيٺين چيمبر جو معائنو ڪري سگهجي ٿو. جتي ڪنهن وقت ۾ محافظن جو هڪ ڪمرو به هوندو هو.
    ٽاور جو مٿيون طبق، وڏين درين ۽ بخاري وارو چيمبر جنهن جي گولائي واري ڇت اوڻهين صديءَ ۾ نئين سر تعمير ڪئي وئي، بادشاهه هينري ٽئين جي ذاتي خواب گاهه طور تعمير ٿيو هو. سندس بسترو اتر اوڀر ۾ موجود خلوت خاني ۾ رکيل هوندو. ان وقت اولهه ۾ خانگي هال قائم هوندو جتي بادشاهه پنهنجي صلاحڪار ڪائونسل سان ملندو هوندو ۽ طعام تواضح ڪندو هوندو.
    لکيل احوالن، شاهدين ۽ بچي ويل سامان جي آڌار تي ڪمرن کي اندر بادشاهه ايڊورڊ اول جي وقت ۾ ٿيندڙ سينگار ۽ آرائش وانگر آراسته ڪيو ويو آهي. ايڊورڊ اول جي وقت ۾ هن ڪمري جي خواب گاهه واري حيثيت ختم ٿي ۽ اهو سينٽ ٿامس جي ٽاور واري هڪ نئين چيمبر جو انتظار گاهه طور ڪم اچڻ لڳو. ايئن ئي هي ڪمرو وري حاضريءَ جو ڪمرو يا شاهي تخت واري چيمبر طور ڪم اچي ٿو. ويسٽ منسٽر ايبي ۾ رکيل تاجپوشي لاءِ ڪم ايندڙ ڪرسيءَ جو نقل ڪري ٺاهيل تخت ڪمري ۾ اولهه طرف ٺهيل دڪيءَ تي رکيل آهي. 1307ع ۾ ايڊورڊ جي وفات بعد بادشاهه جو ذاتي چيمبر لينٿرن ٽاور ۾ منتقل ڪيو ويو ۽ ويڪ فيلڊ ٽاور جي رهائشي حيثيت ختم ٿي وئي.
    ڪاٺ جي رنگيل پردي پويان هڪ ننڍڙي عبادت گاهه ٺهيل آهي. جنهن ۾ شيشي جي درين مان روشني پهچي ٿي. ان ۾ پادري جي ويهڻ لاءِ هڪڙي صندلي، ساڄي طرف برتن ڌوئڻ جي گهينڊي ۽ کاٻي طرف ٿانون رکڻ لاءِ ڪٻٽ رکيل هو، ڪاٺ وارو اسڪرين وچ تيرهين صديءَ جي آڪسفورڊ شائر واري اسڪرين جو نقل ڪري ٺاهيل هو. روايت موجب هيءَ عبادتگاهه خصوصي طور هينري ڇهين سان وابسته آهي. هينري ڇهون 1422 کان 1461ع تائين ۽ پوءِ به وري 1470 کان 1471ع تائين انگلينڊ جو پلاٽيجينٽ (لينڪيسٽر) خاندان گهراڻي جو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن کي 1471ع ۾ نئين يارڪسٽ بادشاهه ايڊورڊ چوٿين خانداني ويڙهه (وارس آف روزز) دوران قيد ڪيو ۽ کيس ويڪ فيلڊ ٽاور ۾ سندس حيثيت موافق رهايو ويو ۽ پوءِ ٿوري عرصي ۾ ئي کيس بادشاهه جي حڪم سان عبادت دوران قتل ڪيو ويو.
    حقيقت ۾ هينري ڇهين جي قيد کان گهڻو وقت اڳ ئي ويڪ فيلڊ ٽاور سرڪاري رڪارڊ ۽ ڪاغذن جي آفيس ۾ تبديل ٿي ويو هو. تنهنڪري اهو گمان غالب آهي ته کيس لينٿرن ٽاور ۾ ئي رکيو ويو هجي جتي نئون بادشاهه خود رهندو هو.
    جڏهن سرڪاري رڪارڊ چانسري لين ۾ پنهنجي نئين آفيس ۾ منتقل ٿي ويو، جيڪا 1856ع ۾ کلي هئي ته ان وقت ويڪ فيلڊ ٽاور جي مٿئين طبق ۾ شاهي تاج ۽ جواهرات جو گهر قائم ڪيو ويو، تان جو اهو وري 1967ع ۾ نئين جوئيل هائوس ۾ منتقل ٿي ويو. نيٺ 1994ع ۾ اڃا به هڪڙي نئين جوئيل هائوس جو قيام عمل ۾ آندو ويو جيڪو اڃا تائين قائم آهي.

    وال واڪ
    ويڪ فيلڊ ٽاور وٽان سيڙهي چڙهندي توهان وال واڪ تي پهچندا، ديوار جو هيءَ هنڌ لنڊن ٽاور جي سڀ کان وڌيڪ اندرئين حصي جي نقشي کي سمجهڻ لاءِ تمام سٺو آهي. اڄ اها ڇٻر واري ايراضي ٽاور جي اوائلي تاريخ سان گهٽ وابسته لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ اها محل جي بلڪل اصل شامل عنصرن مان هڪ آهي. وائيٽ ٽاور جي اوڀر ۾ ڇٻر تي ٿيل نشان اٽڪل 200ع ۾ اڏيل رومي ديوار جو ليڪو آهي. جنهن سان گڏ اٽڪل 400ع ۾ اڏيل رومي قلعي جو بنياد موجود آهي. جنهن جي مٿان يارهين صديءَ ۾ وارڊ روب ٽاور اڏيو ويو، وال واڪ جي بلڪل هيٺان درياءَ جي طرف کان شهر کي ڏنل ڀت جو حصو ٻاهر ظاهر آهي. هيءَ ڀت اٽڪل 390ع ۾ جوڙيل هئي ۽ اها گئلري واري دُڪان جي سامهون ڏسي سگهجي ٿي.
    حقيقت ۾ وائيٽ ٽاور انهيءَ رومي ديوار جي اندرئين ايراضي ۾ اڏيل هو. اتر ۽ اوڀر طرف کان شاهي کاهي ٺاهي ان جي ڪناري تي مٽيءَ جو وڏو بند ٻڌي ان جي مٿان ڪاٺ جي ديوار ٺاهي ٽاور کي محفوظ ڪيو ويو. ٽاور جي حفاظت لاءِ ان کان پوءِ وڌيڪ اپاءُ ورتا ويا ۽ ٽاور جي اڳئين طرف واري ايراضي تيرهين صديءَ ۾ ٽاور جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ تي هڪ شاهي گيٽ هائوس اڏي بند ڪئي وئي. وائيٽ ٽاور جي کاٻي طرف ان جا بنياد ڏسي سگهجن ٿا. انهيءَ گيٽ کي ڪولڊ هاربر گيٽ سڏبو هو ۽ اتان کان محل جي بلڪل اندرئين ڀاڱي ۾ وڃي سگهبو هو. ويڪ فيلڊ ٽاور ۽ هن گيٽ هائوس جي وچ ۾ انهيءَ ديوار جا آثار موجود آهن، جيڪا محل جي انهيءَ انموسٽ وارڊ جي اولهه طرف جو بچاءُ ڪندي هئي. انهيءَ ۾ تير اندازيءَ لاءِ ٺاهيل ڳڙکيون اڃا تائين موجود آهن. انموسٽ وارڊ ۾ بادشاهه جو شاهي هال، بورچي خانو، مهمان خانو ۽ هينري ٽئين جي ٻي زال، راڻي ايني بولين جي تاجپوشيءَ جي سلسلي ۾ خاص مهمانن جي رهائش لاءِ اڏايل عمارتون به شامل هيون بعد ۾ محل ۾ توسيع ڪئي وئي. هينري اٺين وائيٽ ٽاور جي ڏاکڻي پاسي کان جواهرن جو گهر جوڙايو جنهن جو رُخ نديءَ ڏانهن هو. ان جي اوڀر طرف انهيءَ سان گڏ هڪڙي ٻي عمارت اڏائي. محل جي اولهه طرف لينٿرن ٽاور ۽ وارڊ روب ٽاور جي وچ ۾ هڪ عبادت گاهه ٺاهيو ويو. محل جي اوڀر طرف سالٽ ٽاور ۽ براڊ ايرو ٽاور تعمير ڪيا. بادشاهن جي رهائش ختم ٿيڻ کان پوءِ محل جي چوڌاريءَ اڏيل اهي عمارتون ڪافي عرصو سلامت رهيون. منجهائن ڪي 75-1674ع ۾ ڪيرايون ويون. شاهي هال سميت ٻيون جايون گدامن ۽ آفيسن ۾ تبديل ٿي ويون. 77-1775ع ۾ لينٿرن ٽاور باهه لڳڻ سان چٽ ٿي ويو ۽ ان سان گڏ ٻيون عمارتون به ڪري پيون.

    لينٿرن ٽاور
    اصل لينٿرن ٽاور، راڻيءَ جي رهائش طور ٺهندڙ ويڪ فيلڊ ٽاور سان گڏ تعمير ٿيو. 1774ع ۾ باهه لڳڻ سبب تباهه ٿيو ۽ ترت پوءِ ڪيرايو ويو. موجوده عمارت اوڻيهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ تعمير ٿي ۽ اڄ اها تيرهين صديءَ جي ڪجهه انهن خاصيتن کي پيش ڪري ٿي، جيڪي ايڊورڊ اول جي وقت ۾ محل جي زندگيءَ ۾ موجود هيون.
    جيئن ئي لينٿرن ٽاور مان نڪرندا ته راڻي ايلزبيٿ ثاني واري چاڙهيءَ تان لهڻ کان اڳ وال واڪ وٽان ڪيترائي اهم ٽاور ڏسي سگهندا. ڏور اوڀر طرف ٽاور برج ڏانهن نهارڻ سان آئوٽر وارڊ جي ڏکڻ اوڀر ڪُنڊ تي ڊيولن ٽاور ڏسڻ ۾ ايندو. ڪنهن وقت ۾ هن ٽاور وٽان هڪ گذرگاهه نڪري کاهي وٽان ٿيندو محل جي پوئين طرف پهچندو هو. ڊيولن ٽاور جي ساڄي طرف هيٺائون ۽ بلاڪ جهڙو نرالو ٽاور ويل ٽاور آهي.
    روس کانسواءِ باقي سڄي مغربي يورپ جي ملڪن ۾ گهڻو ڪري سمورا اهم محل ۽ گرجا گهر ڏٺا اٿم جنهن ۾ سڀني کان زياده سادگي مون کي برطانيا ۾ نظر آئي. جن پنهنجي محل محلاتن تي ٻين مغربي ملڪن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ خرچ ۽ سادگي اختيار ڪئي. شايد تنهنڪري ئي ٻين ملڪن ۾ بادشاهتون مٽجي ويون پر برطانيا ۾ اڃان به نالي ماتر بادشاهت قائم آهي. هونئن به دنيا ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته آخر ۾ صرف پنج بادشاهه قائم هوندا چار تاش جي پتن جا بادشاهه ۽ هڪ برطانيا جو بادشاهه. لنڊن کان اسڪاٽلينڊ ويندي مون لوهه يا سيمينٽ جي لائيٽ جي ٿنڀي جي بجاءِ ڪاٺ جا ٿنڀا ڏٺا. جن تي سڄي علائقي جي سون ميلن ۾ لائيٽ جو نظام هلندڙ هو. اهڙا ڪاٺ جا ٿنڀا پاڻ وٽ سنڌ ۾ به اڄ کان پنجاهه سال اڳ عام جام هئا ۽ انهن جي نشاني طور ڪراچيءَ کان ٺٽي واري پراڻي روڊ تي ٻه ٽي سال اڳ به اهڙا ٿنڀا نظر ايندا هئا، پر هاڻ غائب آهن. باقي لوهه جا ڪيترائي واپڊا جا نوان ٿنڀا بيڪار لڳا پيا آهن. جن کي ٻئي ڪنهن ڪم ۾ به آڻي سگهجي ٿو. پر ايئن ڪو نه ٿو ڪيو وڃي ۽ اسان جي اربين رپين جي قومي دولت ضايع ٿي رهي آهي ۽ ڪو به انهن کان پڇڻ وارو ڪونهي. رڳو قومي اڪائونٽس ڪاميٽي جي رپورٽ ٿي پڙهجي ته وار ڪانڊارجيو وڃن، ڏاڍيون مزيدار رپورٽون هونديون آهن. هڪ مثال نموني طور حاضر آهي.
    هڪ پڪ اپ ملير ڪينٽ وارن ساڍن چئن لکن ۾ خريد ڪئي. اها ساڳي پني عاقل ڇانوڻي وارن ساڍن پنجن لکن ۾ ورتي. ته وري اها ساڳي پڪ اپ ملتان وارن ساڍي ڇهن لکن ۾ خريد ڪئي، گاڏي ساڳي ماڊل ۽ سال ساڳي اهو سڀ ڪجهه اخبارن ۾ به اچي چڪو آهي پر جيڪو اخبارن ۾ ڪو نه ٿو ڇپجي اهو ته الائي ڇا هوندو پر پاڻ اهڙين خبرن جا عادي ٿي چُڪا آهيون.
    اسان لنڊن ٽاور جي تاريخي ماڳ کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏسڻ کان پوءِ پنڌ ئي پنڌ ٿيمس نديءَ جي ڪپرن تي هلندي هلندي اچي لنڊن برج تي بيٺا آهيون. جت اسان بيشمار تصويرون ڪڍيون جنهن کان پوءِ اسان لنڊن برج ٽپي ٻي ڪپ تي کليل ڇت واري بس تي چڙهي گهمندا ڦرندا اچي آڪسفورڊ اسٽريٽ تي پهتاسين. لنڊن ۾ گهمڻ ڦرڻ لاءِ بيشمار بازاريون مارڪيٽون آهن پر هر سياح کي لنڊن جون مکيه بازارون ۽ مارڪيٽون گهمڻ گهرجن. انهن مکيه بازارن ۾ چند هيٺيون آهن.

    1- آڪسفورڊ اسٽريٽ: جت مارڪ اسپينسر ۽ سيلف رجز جا دڪان آهن.
    2- ريجنٽ اسٽريٽ
    3- بانڊ اسٽريٽ
    4- پڪڊلي
    5- ڪئيران بائي اسٽريٽ Caran by street
    6- جيرمين اسٽريٽ Jermyn Street
    7- سوهو Soho
    8- نائيٽس برج Nights bridge
    جت هئرڊس جڳ مشهور مارڪيٽ آهي.
    9- سلون اسٽريٽ Sloane Street
    10- والٽون اسٽريٽ

    لنڊن جون مشهور مارڪيٽون.

    1- ڪانوينٽ گارڊن مارڪيٽ Convent garden market
    2- جوبلي مارڪيٽ
    3- ايپل مارڪيٽ
    4- چيلسا مارڪيٽ
    5- مارٽن، ان دي فيلڊس مارڪيٽ Martin in the fields market
    6- وِڪِ مارڪيٽ Ber wick market
    7- پورٽو بيلو مارڪيٽ Porto bello market
    هي چند بازارون ۽ مارڪيٽون مون صرف سينٽرل لنڊن جون لکيون آهن، نه ته لنڊن سڄي بازارن ۽ مارڪيٽن سان ڀري پئي آهي. اسان کي بس آڻي هڪ چوڪ تي لاٿو جتان ٿوري ئي پنڌ تي آڪسفورڊ اسٽريٽ آهي. اسان شيشن جي فوٽ پاٿن تان هلندي سعودي عرب ايئرلائين جي آفيس کان ڦرندي مئن آڪسفورڊ اسٽريٽ تي پهچي چڪا آهيون. جتان منا ڪجهه خريداري ڪئي. اسان هت بلڪل هڪ ننڍي ريسٽورانٽ تي چڪن رول ۽ ڪوڪ پيتي. اسان هن هوٽل مان گهر فون ڪئي ته نور کنئي جنهن کي اسان پنهنجي اچڻ جو ٻڌايو. لنڊن شهر جا ٻه ايريا ڪوڊ آهن. هڪ سينٽرل لنڊن لاءِ آهي ٻيو هيٿرو ايئرپورٽ، ويمبلڊن، گرين وچ ۽ ٻين علائقن لاءِ آهي. انگلينڊ جو ڪنٽري ڪوڊ 0044 آهي.
    اسان مارڪس اسپينسر ۽ ٻين کوڙ سارين سپر مارڪيٽن ۾ گهمندا ڦرندا رهياسين. ته دڪان بند ٿيڻ جو وقت به ويجهو اچي چڪو هو. لنڊن جون مکيه بازارون ساڍي ڏهين بجي کُلَن ۽ شام ساڍي پنجين بند ٿين. سواءِ اربع ۽ خميس جي انهن ڏينهن ۾ دڪان شام جو ستين بجي بند ٿين ۽ ڇنڇر جي ڏينهن ٻنپهرن جو هڪ بجي دُڪان ۽ مارڪيٽون بند ٿين ۽ آچر بلڪل موڪل هوندي آهي. يعني سيون ڊيز اي ويڪ ۾ ڏيڍ ڏينهن شهر جون بازارون ۽ مارڪيٽون بند هونديون آهن. لنڊن جون بئنڪون صبح جو ساڍي نوين بجي کلن ۽ شام ساڍي ٽين بجي بند ٿين. بازارن ۽ بئنڪن کان سواءِ لنڊن جي واپار جون آفيسون صبح جو نوين بجي کلن ۽ شام پنجين بجي بند ٿين. بارون ۽ پبس (پب مخفف آهي پبلڪ بار جو) صبح جو يارهين وڳي کُلن ۽ بند به رات جو يارهين بجي ٿين. لندن ۾ بازارن ۽ مارڪيٽن جي بند ٿيڻ مهل ٿوري رش ٿيندي آهي. تنهنڪري اسان ٽيوب جي بدران ٽئڪسي ڪري گهر ڏانهن روانا ٿياسين. لنڊن شهر ۾ گهمڻ ڦرن لاءِ گهڻو ڪجهه آهي پر لنڊن جي ارد گرد به بهترين قسمن جون گهمڻ ڏسڻ لاءِ تفريح گاهون آهن. جن ڏانهن صبح جو وڃي شام جو واپس لنڊن اچي سگهجي ٿو. اهي جڳهيون ضرور ڏسڻ گهرجن. جيڪي هيٺيون آهن.

    1- برائٽن Brighton
    2- ونڊسر Windsor
    3- آڪسفورڊ سٽي Oxford City
    4- ڪئمبرج ٽائون Cambridge twon
    5- ڪئنٽر بري Canter Bury
    6- شيڪسپيئر اسٽارٽ فورڊ Shakespear start ford
    7- سالسبري Salisbliry

    گاڏيءَ اسان کي اچي گهر اڳيان لاٿو، دروازو کليو ته اسان وڃي پنهنجي بيڊ روم ڀيڙا ٿياسين. ٿوري دير آرام ڪري ڪافي پي اچي هيٺ ڪچن ۾ ويٺاسين. نور ۽ فرخ به اُت ويٺا هئا. اسان کين پنهنجي سڄي ڏينهن جي روداد ٻڌائي. هنن ٻڌايو ته اسان به ٻاهر گهمڻ ويا هئاسين. اسان اڄ رات ٻاهر ڪيڏانهن به گهمڻ ڪو نه وياسين. پر نور ۽ فرخ ۽ ڀوراڻي ٻاهر گهمڻ ويا. اسان دال ڀت سان گڏ مڇي به فرائي ڪري کاڌي. اچڻ مهل مون لنڊن جون مشهور اخبارون خريد ڪيون هيون. جيڪي هي هيون.
    دي ٽائيم The time
    دي ٽيليگراف The telegraph
    دي ڊيلي ميل The Daily mail
    دي مانچيسٽر The Manchestor
    گارڊيئن Guaredian
    ۽ انهن اخبارن سان گڏ، لنڊن مان شايع ٿيندڙ هڪ رسالو (City limits) به خريد ڪيو هو. سو ويهي اهي اخبارون پڙهيم جن کي پڙهندي پڙهندي ۽ منجهن ڇپيل ائڊورٽائيز ڏسندي ڏسندي اکيون پورجي ويون، ۽ سار وڃي صبح جو مٺڙي آواز تي ٿي. ايئن هڪ حسين ترين رات منهنجي زندگي جي ڪئلينيڊر مان گهٽجي وئي ۽ آئون صبح جو ڌرتيءَ تي پوندڙ ڪنوارن ڪرڻن کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي دريءَ جي سامهون بيٺو آهيان جت ڪنوارن ڪرڻن سان گڏ لنڊن جون ڪنواريون ڇوڪريون ايڏو ته تڪڙو وڃي رهيون آهن. جو چڱي طرح ڏسڻ کان اڳ ئي نظرن کان غائب ٿيو وڃن.
    اسڪول جا ابهم ٻار سهڻن يونيفارمن ۾ تڪڙا تڪڙا اسان جي رهائشگاهه جي ڀر واري اسڪول ڏانهن وڃي رهيا آهن. سڄي يورپ ۾ سواءِ بيلجم ۽ فرانس جي باقي سڀني ملڪن جا شهري جنهن ۾ مرد، عورتون، ٻار اچي وڃن ٿا ڏاڍا ٿلها آهن. ننڍي هوندي ٻڌندا هئاسين ته ٿلها ۽ ڏندرا ماڻهو هميشه نقصان ۾ آهن. ڇو ته ٿلهو ماڻهو گهر ۾ گهڙندو ته زال پيٽ کي ڏسي سمجهندي ته پيٽ ڀريو پيو آهيس، پوءِ ڀلي کڻي همراهه بک ۾ ماندو هجي ۽ ائين ڏندرو ماڻهو به جنهن جا ڏند قدرتي طرح سان وات کان ٻاهر نڪتا پيا هوندا آهن پوءِ ڀلي کڻي ڪيترن غمن ۾ گهيريل هجي پر سڀڪو پيو سمجهندو ته کلي پيو. معنيٰ ته ڏاڍو خوش آهي. سو هت يورپ ته سڄو ٿلهن ماڻهن سان ڀريو پيو آهي. باقي بک ۽ سُک جي ته کين خبر هوندي.
    منا چانهه آڻي منهنجي اڳيان رکي. هيڏو سارو چانهه جو مَگِ ڪنهن کان کٽندو. جيسين تيار ٿيس ته ناشتو به مونکان اڳ تيار ٿيو رکيو هو. منا ۽ مون گڏجي ناشتو ڪيو. پاڻ گرما گرم سلائيز تي مون کي بٽر هڻي ڏنائين. جنهن مٿان مون ايپل مُربو هڻي واپس کيس ڏنو. آئون سلائيس سان صرف بيدي جي سفيدي کائي رهيو آهيان ۽ زردي پري ڪري رهيو آهيان. ڇو ته بيدي جي زردي. ٻاڪرو مغز ۽ سچو گيهه چون ٿا ته rich source of colestrol آهي. ڪولسٽرول ٻين گهڻين براين سان گڏ Sex killer به آهي.
    پر هاڻ نئين تحقيق مطابق آمريڪن هارٽ ايسوسيئيشن جي کاڌي واري چارٽ ۾ ٻڌائن ٿا ته بيدي جي زردي ڪوليسٽرول ته آهي پر خراب سڻڀ Bad colestrolنه پر سٺو سڻڀ Good colestrol آهي. يعني L.D.L نه پر H.D.L آهي. جيڪو انساني صحت لاءِ مضر نه پر مفيد آهي. سائنس ايڏي ترقي ڪئي آهي پر اڃان اها به خبر ڪانه پئي آهي ته بلڊ پريشر ڇو ٿو ٿئي. رڳو گمان انداز Persumption آهن. آمريڪن هرٽ ايئسوسيئيشن جي پرنٽ آئوٽ تي بلڊ پريشر واري حصي جي پهرئين سٽ تي هي اکر لکيل آهن ته بلڊ پريشر ڇو ٿو ٿئي ان جي ڪا به خبر ناهي.
    منا پڇيو ته اڄ جو ڇا پروگرام آهي. مون کيس ٻڌايو ته اڄ انگلينڊ جي راڻيءَ جي گهر ٿا هلون. پاڻ کلي چيائين سچ ٻڌائي ته اڄ ٻاهر گهمڻ جو ڪهڙو پروگرام آهي. مون وري کيس ساڳيو جواب ڏنو ۽ سڄي رام ڪهاڻي ٻڌائي ته انگلينڊ جي راڻي جي لنڊن واري سرڪاري رهائش گاهه ٿا هلون. پاڻ پڇيائين ته اُت اچڻ ڏيندا. پوءِ مون کيس سڄو احوال ٻڌايو ته 1992ع ۾ بڪنگهم پيلس جي هڪڙي حصي کي زبردست باهه لڳي جنهن ۾ محل جو هڪڙو حصو سڙي ويو. محلات ۽ ان ۾ رکيل نوادرات. فرنيچر، پردا، ڪارپيٽ ۽ بجليءَ جي فٽنگ کي به زبردست نقصان پهتو.
    باهه کان پوءِ بڪنگهم پيلس وارن حڪومت کي لکيو ته محل جي مرمت ڪرايو ۽ سڙيل سامان به وٺي ڏيو. حڪومت کين جواب ڏنو ته اسان چريا آهيون جو راڻيءَ جي ذاتي گهر جي مرمت ڪرايون. راڻيءَ کي حڪومت جيڪو ساليانو ڀتو ٿي ڏي. راڻي صاحبا کي چئو ته انهيءَ مان محل کي ٺهرائي ۽ راڻيءَ وري کين جواب ۾ چيو ته حڪومت جيڪو مون کي الائونس ٿي ڏي انهيءَ مان ته منهنجو گذر سفر ئي مس ٿو ٿئي سو آئون هي هيڏو سارو خرچ يعني محل جي مرمت ۽ سامان سڙو ڪيئن وٺي سگهنديس.
    ڪافي وقت ٻنهي ڌرين ۾ لکپڙهه هلندي رهي پر ڪو به خاطر خواهه نتيجو ڪو نه نڪتو. آخر مجبور ٿي شاهي خاندان هن نتيجي تي پهتو ته محل جي باقي حصي کي عام ماڻهن لاءِ ايستائين ٽڪيٽ تي کولي ڇڏجي جيستائين گهربل فنڊ حاصل ٿين. نيٺ ڪافي ائڊورٽائيز کان پوءِ محل عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو ۽ ڏسندي ڏسندي بي پناهه دولت گڏ ٿي وئي. جنهن سان محل جي نئين سر مرمت ڪئي وئي. محل ته تيار ٿي ويو پر شاهي خاندان انهيءَ مان ايتري ته دولت ڪمائي جو هاڻ جنهن موسم ۾ برطانيا ۾ جام سياح اچن انهيءَ دوران راڻي وڃي ٻي محل ۾ رهي ۽ هي محل سياحن لاءِ مخصوص ڪريو ڇڏين، ۽ ايئن پاڻ به بڪنگهم محل گهمي اينداسين. انهيءَ تي منا چيو ته تنهنجي معنيٰ ته جي شاهي محل کي باهه نه لڳي ها ته مومل برطانيا جي راڻيءَ جو محل نه ڏسي سگهي ها. اسان کلندي ڪئميرا کنئي ۽ ايئن جڳهه مان ٻاهر نڪري پياسين. هلندي هلندي اچي ٽيوب اسٽيشن تي پهتاسين، جت ڪافي رش هئي. اسان قطار ۾ بيهي ٽڪيٽ خريد ڪري ٽيوب اسٽينڊ اندر انڊر گرائونڊ جو انتظار ڪرڻ لڳاسين. انڊر گرائونڊ اندر هڪڙا پيا ايندا آهن ته ٻيا پيا ويندا آهن. ڪي انڊر گرائونڊ هيٺ ته ڪي مٿي. انهن لاءِ لائيٽ تي سيڙهيون ٺاهيون اٿن. جيڪي سڄو ڏينهن پيون هيٺ مٿي هلن ۽ ڪا خراب ٿئي ته هي بورڊ هڻي ڇڏين ته آئوٽ آف آرڊر. پهرئين پاڻيءَ جي جهازن پوءِ هوائي جهازن، ريلوي ۽ ٽيوب جي ڪري دنيا جو مفاصلو ئي گهٽجي ويو آهي.
    انهن سهوليتن جي ڪري اوائل ۾ ماڻهن واپار ڪيو، پوءِ شاگرد ٻاهرين ملڪن ڏانهن پڙهڻ لاءِ ويا. تنهن پڄاڻا علاج ۽ زيارتن سانگي دور دراز ماڳن ڏانهن وڃڻ لڳا. انهن سهوليتن ڪري ماڻهو پري پري هڪ ٻئي سان مائٽي به ڪرڻ لڳا. تنهنڪري نه رڳو اهي ماڻهو پر انهن جا مٽ مائٽ به شادين مرادين ڪري پري پري ملڪن ۾ هڪٻئي وٽ اچڻ وڃن لڳا ۽ ائين هي مفاصلا ويا گهٽجندا ۽ ماڻهن جو هڪ ٻئي سان ميل جول ويو وڌندو ۽ ماڻهن جا مفاد جيڪي هڪ هنڌ ساڪن هئا، سي ويا ڏورانهن ڏيهن تائين پکڙجندا.
    اسان جي روٽ جي انڊر گرائونڊ ٽيوب آئي ته اسان به ٽيوب ۾ چڙهي ٽنگيل ڏنڊي کي جهلي بيهي رهيا سين، ٽيوب سيڪنڊن ۾ تيز طوطري وڄائيندي اسان کي ڪٿان کان ڪٿان وڃي پهچايو پر اسان جي اسٽيشن يعني بالم انڊر گرائونڊ کان بڪنگهم انڊر گرائونڊ ڪافي پري آهي. تنهنڪري اسان اڃان پنهنجي سيٽن تي ويٺي لهڻ چڙهڻ وارن کي ڏسي واسي رهيا آهيون. لنڊن ۾ رهڻ ڪري تمام گهڻين جڳهين ۽ شين سان واسطو پوي ٿو.
    سو مڙيئي توهان کي آئيڊيا ٿي ڏجي ته جي لنڊن وڃو ته پنهنجي بجيٽ انهيءَ نموني ٺاهي وڃجو ۽ هوائي ٽڪيٽ جو اگهه ۽ روٽ به لنڊن وڃڻ لاءِ هڪ نه پر ڪنئين آهن. سو صلاح مشوري کان پوءِ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائجي ته بهتر ٿيندو. اڄڪلهه سستي ۾ سستي ٽڪيٽ قطر ايئر ويز وارن جي آهي. اسان جي منزل اچي وئي ۽ اسان ٽيوب مان لهي فوٽ پاٿ تي هلي بڪنگهم محل ڏانهن وڃي رهيا آهيون. سر سلطان محمد آغا خان، اسماعيلن جو روحاني پيشوا جڏهن لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ايندو هو ته پاڻ راڻيءَ جي انهيءَ گهر بڪنگهم محل ۾ رهندو هو. جيتوڻيڪ لنڊن ۾ سندس پنهنجو فليٽ پڻ هوندو هو. يعني پاڻ برطانيا جي بادشاهن کي ايترو ويجهو هو جو هو کيس پنهنجي ذاتي گهر ۾ رهائيندا هئا. آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ به شاهي خاندان سان سندس لاڳاپن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. سر آ خان جي آتم ڪهاڻيءَ وارو ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي.
    بڪنگهم محل لنڊن شهر ۾ بادشاهه يا راڻيءَ جي سرڪاري رهائش گاهه آهي. هي محل عوام جي معائني لاءِ اول سن 1993ع ۾ کوليو ويو. هي محل گهمڻ لاءِ منجهس داخل ايمبيسيڊر ڪورٽ وٽان ٿيڻو پوي ٿو. جيڪا بڪنگهم پيلس روڊ تي واقع آهي. اسان به انهيءَ رستي محل ۾ داخل ٿياسين. محل جو موجوده گرانڊ هال اڳوڻي اينٽرنس هال واري هنڌ تي ٺهيل آهي. سندس گرانڊ اسٽيئر ڪيس يعني سيڙهيءَ جي نسبت سان هن هال تي گرانڊ هال نالو رکيل آهي. ڏاڪڻ جا پايا خصوصي طور سنهري رنگ واري پتل جا ٺهيل آهن. انهن تي گلدار ول جي ڄاري ٺهيل آهي.
    محل جي گارڊ روم وٽان لنگهندي ڀتين تي گوبلين پردا آويزان ڏسڻ ۾ ايندا. محل جي گرين ڊرائنگ روم جون ڀتيون نهايت سهڻن رنگين ريشمي پردن سان آراسته آهن ۽ ان جي ڇت تي تمام سهڻي چٽسالي سوني پاڻيءَ سان نهايت خوبصورتي سان ڪيل آهي. هي ڪمرو اصل ۾ راڻي چارلوٽ جو سيلون هو. محل جي ٿرون روم ۾ اهي ڪرسيون رکيل آهن. جيڪي موجوده مهاراڻيءَ جي تاجپوشيءَ دوران استعمال ڪيون ويون هيون.
    بڪنگهم محل جو شاهي بال روم جيڪو 122 فوٽ ڊگهو آهي، مهاراڻي وڪٽوريا جي دور ۾ ڪرائميا سان ٿيل جنگ جي خاتمي واري تقريب لاءِ سن 1856ع ۾ استعمال ڪيو ويو هو. سڄي محل کي گهمڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڏينهن گهرجن پر اسان هت گهمڻ لاءِ ٻه ڪلاڪ رکيا آهن.
    ماهر تعميرات مسٽر نيش جي نقسي موجب اڏيل پڪچر گئلري ۾ ڪنئين عجيب فن پارن جو خزانو موجود آهي. جيڪي روبن، ريمبرانڊٽ، ڪيناليٽو، ورمير ۽ ڪيترن ٻين جون ڪاوشون آهن. هتي رکيل تصويرون راڻيءَ جي قائم شده ٽرسٽ جي ذخيري مان چونڊيل آهن ۽ برطانيا جي قومي ورثي جون حامل آهن.
    محل جي اسٽيٽ ڊائننگ روم ۾ جارج ٽئين ۽ چوٿين سميت ڪيترن بادشاهن ۽ راڻين جون شاهي تصويرون ڳاڙهي بروڪيڊ سان سينگاريل تمام سهڻيون لڳن ٿيون. هن هال ۾ رکيل ڪرسيون پرنس ريجمينٽ پنهنجي چارلٽن هائوس واري رهائش گاهه لاءِ سن 1813ع ۾ خريد ڪيون هيون. جن تي هاڻ عام سياح ويهي فوٽا ڪڍي رهيا آهن. اسان به هڪ ٻئي جا ڪرسين تي ويهي فوٽا ڪڍيا.
    محل جي بلو ڊائننگ روم ۾ اونڪس ڪالم ۽ پورسيلين مٽيريئل مان ٺهيل ميز رکيل آهي. اها ميز نيپوليئن جي استعمال لاءِ ٺاهي وئي هئي. محل جي شاهي گنبڊ واري ميوزڪ روم جي اڌ گول درين مان باغيچي ۽ ميدان جو سهڻو نظارو ڪري سگهجي ٿو.
    هن ڪمري ۾ ڪينٽر بريءَ جي شاهي پادريءَ شاهي خاندان جي چئن ٻارن تي مذهبي رسم موجب نالا رکيا.
    محل وارو وائيٽ ڊائننگ روم غالباً سڀ کان وڌيڪ شاندار لڳندو ڇو ته اهو ڪمال ڪاريگري سان سجايل آهي. هن روم ۾ فرينچ نوادرات پڻ رکيل آهن. ڇت ۾ انگلش ڪٽ گلاس جا ٺهيل فانوس ۽ شمعون ڪمال حسن سان فٽ ٿيل آهن. سنهري رنگ وارين ڀتين تي ڪنئين ٻين شوخ ۽ جاذب رنگن سان چتر ڪاري ٿيل آهي. هن هال جي دنگ وٽ منسٽرس اسٽيئرس نالي ڏاڪڻ ٺهيل آهي. جيڪا محل جي مکيه فرش تي پهچائي ٿي. اتان اڳتي ماربل هال موجود آهي. اهو اصلوڪي بڪنگهم هائوس جي دل تصور ڪجي ٿو. انهيءَ هال ۾ اٽليءَ جو سنگ مرمر استعمال ڪيل آهي. معروف سنگتراش اينٽونيو ڪينووا جي تراشيل ٽن مجموعن سميت هن هال ۾ ڪيترائي تمام سهڻا مسجما آويزان آهن. اسان ساڻ هت ٻيا به ڪافي سياح آهن.
    بڪنگهم محل جي تاريخ سن 1702ع ۾ تڏهن شروع ٿي جڏهن بڪنگهم جي ڊيوڪ پنهنجي لنڊن جي رهائش گاهه طور اهو جوڙايو هو. بڪنگهم واري ڊيوڪ جي پٽ سن 1761ع ۾ بادشاهه جارج ٽئين کي اهو وڪڻي ڏنو. سن 1774ع ۾ هن محل تي ”ڪئينس هائوس“ نالو تڏهن رکيو ويو جڏهن کان راڻي چارلوٽ هن محل ۾ رهڻ لڳي.
    جڏهن هي محل بادشاهه جارج چوٿين جي حوالي ٿيو ته هن سن 1820ع ۾ نيش نالي هڪ ماهر تعميرات کي محل ۾ گهربل مرمت ۽ اڏاوت لاءِ مقرر ڪيو هن محل جي مکيه اڏاوت کي برقرار رکندي ساڻس گڏ هڪڙو اضافي سوٽ اهڙيءَ طرح تعمير ڪيو جنهن جو اڱڻ اولهه طرف باغيچي ڏانهن هو، جنهن ڪري محل جي سائيز ٻيڻي ٿي پئي. انهيءَ ۾ قديم ۽ جديد فرينچ اڏاوت جو نمونو اختيار ڪيو ويو.
    هاڻي ٿيل مرمت دوران پڻ مسٽرنيش جي طرز تعمير کي اصل صورت ۾ برقرار رکيو ويو آهي. مِنا اڃان دريءَ وٽ بيٺي گل ڏسي، پر هتان کيس هڪ گُل به ڪو نه ملندو. پاڻ اڳ به لنڊن مان اٺ ڪارا گلاب خريد ڪيا آهن ته ڪراچي کڻي هلنديس.
    سن 1837ع ۾ بڪنگهم محل ۾ پهرئين حڪمران جي حيثيت ۾ راڻي وڪٽوريا پنهنجي رهائش اختيار ڪئي. هن محل جي اڏاوت ۾ هڪ ڀيرو وري به ڪجهه تبديلي آندي وئي جنهن موجب محل جو گيٽ وي پنهنجي اصلوڪي جاءِ وقوع کان هٽائي ٽائيرن نالي ٻي جڳهه وٽ کڙو ڪيو ويو، جتي اڃا تائين اهو ماربل آرچ جي نالي سان موجود آهي.
    اڄڪلهه بڪنگهم محل نه فقط راڻي ۽ ايڊن برگ واري ڊيوڪ جي گهر طور ڪم اچي ٿو پر اهو شاهي انتظاميه جي دفتر طور پڻ استعمال ٿئي ٿو. محل ۾ موجود اسٽيٽ اپارٽمينٽس ۾ مدعو مهمانن جي راڻيءَ طرفان آجيان ۽ تواضح ڪرائي وڃي ٿي اونهاري جي مند ۾ محل جي گارڊ جي تبديليءَ واري رسم محل جي اڳئين پاسي کان عمل ۾ ايندي آهي. جيڪا هر عام ۽ خاص ڏسي سگهي ٿو. اوائل ۾ لنڊن وڃڻ دوران آئون اها تقريب ٻارن کي ضرور ڏيکاريندو هوس. هي محل برطانوي آئيني بادشاهت جو دفتر توڙي مرڪز جي حيثيت جو حامل آهي. ۽ سندس شاندار اڳياڙي پوري دنيا جي عمارتن ۾ نرالي آهي. هن محل ۾ ڊيوڪ، راڻي ۽ سندس ڪٽب جي روزاني ڪمن ڪارين لاءِ مقرر ملازمن جا دفتر موجود آهن. هتي ڪيتريون ئي سرڪاري شاهي تقريبون منعقد ٿينديون آهن. انهن تقريبن جو انتظام شاهي انتظاميه طرفان ٿيندو آهي.
    جيتوڻيڪ هن محل کي ڪنئين بيش بها فني شاهڪارن سان آراسته ڪيو ويو آهي. جيڪي شاهي نوادرات جي ذخيري تي مشتمل آهن پر انهيءَ کي آرٽ گئلري يا عجائب گهر ۾ تبديل ڪو نه ڪيو ويو آهي.
    اڏاوت ۾ محل ته تمام وڏي عمارت آهي پر انهيءَ جا اسٽيٽ رومس راڻيءَ ۽ شاهي خاندان جي گهڻي استعمال هيٺ آهن. جتي دائمي طور سرڪاري ضيافتون ۽ تفريحي تقريبون منعقد ٿينديون رهنديون آهن. هتي هر سال پنجاهه هزارن کان به وڌيڪ تعداد ۾ شاهي مهمان استقباليه، ضيافات، انعامات ۽ ٻين تقريبن ۾ شموليت لاءِ ايندا آهن.
    گهمندڙن کي محل جي ڪن ڀاڱن جي اجازت آهي اسان به ٻين سياحن سان گڏ ڪافي فوٽا ڪڍيا. مهل جي گارڊ جي تبديليءَ واري تقريب پهرئين اپريل کان جولاءِ جي شروعات تائين روزانو ۽ سال جي باقي عرصي ۾ هر ٻئي ڏينهن عمل ۾ ايندي آهي. اها تقريب مون اڳ ۾ به ڏٺي آهي.
    شاهي محلن تي مقرر فوجن بادشاهه سلامت ۽ سندن محل محلاتن جي حفاظت سن 1660ع کان وٺي پئي ڪئي آهي. راڻي جي حفاظتي جٿي ۾ شامل پيدل سپاهين کي پهريل فوجي پوشاڪ سرخ ٽيونڪس ۽ رڇ جي کل جي ٺهيل هوندي آهي.
    محل جي گارڊ جي تبديلي واري تقريب اٽڪل منو ڪلاڪ وٺي ٿي. جنهن دوران ڊيوٽيءَ تي چڙهندڙ گارڊ ويلنگٽن بيرڪن مان بئنڊ وڄندي محل ڏانهن ايندو آهي، جتي پهچندي اهو حاضر گارڊ کي بيدخل ڪندو آهي. بيدخل ٿيندڙ گارڊ وارو جٿو واپس بيرڪن ڏانهن ويندو آهي.
    بڪنگهم محل هڪڙي مخصوص وڻراهه سان گهيريل آهي. اها وڻراهه محل کان مشهور چارنگ ڪراس تائين وڃي ٿي. چارنگ ڪراس لنڊن شهر جو قديم مرڪز آهي جيڪو ٽرافلگر اسڪوائر سان لڳو لڳ آهي. سڄي شهر جا مختلف طرفن کان مفاصلا هن هنڌ وٽان ماپيا ويندا هئا. يعني شهر جو زيرو ميل آهي. جيئن ڪراچي جو زيرو ميل ميٽرو پول وٽان شروع ٿيندو آهي ۽ ٺٽي ڪراچيءَ جو مفاصلو غلط لکيل آهي پر ڪنهن انهيءَ طرف ڌيان ڪو نه ڏنو آهي. مٿي ڄاڻايل وڻراهه تي پٿرن ۽ سيمينٽ سان ٺاهيل زمين جي سطح کان مٿي اڀريل لائين آهي. انهيءَ کي الائنمينٽ يا لي لائين ڪوٺين ٿا. تنهن کي سنڌيءَ ۾ ٻجرو چئي سگهجي ٿو. اها لائين بڪنگهم محل کان ٿيندي ٻين طرفن ڏانهن به وڃي ٿي. مثلاً اها لائين ڏکڻ اولهه طرف ويندي پهرين ٻن ڪليسائن يعني سينٽ پيٽرا واري ليٽن اسڪوائر واري ڪليسا ۽ سينٽ ليوڪ واري چيلسي ڪليسا مان لنگهي ٿي. اتان کان اڳتي اها فلهام محل مان پڻ گذري ٿي. اهو محل ڪيترين ئي صدين تائين لنڊن جي بشپس يعني وڏن پادرين جي رهائشگاهه ٿي رهيو آهي. انهيءَ کان پوءِ اها لائين ٻن رائيل پارڪن هڪ رچمونڊ پارڪ ۽ ٻئي بُشي پارڪ مان لنگهي ٿي. اها لائين سينٽ ميريءَ واري چرچ وٽان ٿيندي ٿيمس نديءَ جي ڪناري تي والٽن نالي ماڳ وٽ پهچي ٿي. تنهن کان پوءِ اها اوٽلينڊس محل، وي برج، آل سينٽس چرچ، سڪس ڪراس روڊس يعني هارسيل ڪامن، ووڊ هام روڊ ۽ هل اپ پيرش چرچ وٽان گذرندي وڃيو سينٽ ايڊورڊ دي مارٽر واري آرٿو ڊاڪس چرچ ۽ بروڪوڊ قبرستان وٽ ڇيهه ڪري. هيءَ بڪنگهم محل سان وابسته لائين يا سڙڪ قديم لنڊن جي نشاندهي ڪري ٿي. اهو انڪشاف هيئر فورڊ واري الفريڊ ويٽڪنس سن 1925ع ۾ ڪيو. اها لي لائين اٽڪل ٽيويهه وکون ويڪري ڏٺي وئي آهي. اسان هت اڍائي ڪلاڪ کن گهمياسين. منا چيو ته پئرس ۾ فرانس جي اڳوڻن بادشاهن جي رهڻ جي محلات ورسيلز هن کان تمام سُٺي ۽ پروقار ٿي لڳي.
    مون منا کي چيو ته فرانس اڄ به انگلينڊ کان وڌيڪ شاهوڪار ۽ امير مُلڪ آهي. اهو نه صرف هن محل مان پر ملڪ ۽ انهيءَ ۾ رهندڙ ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ سونهن سوڀيا، نفاست، نزاڪت مان به محسوس ٿئي ٿو ته فرانس انگلينڊ کان وڌيڪ امير ملڪ آهي.
    بڪنگهم پيلس جنهن ۾ ويهي انگريز حاڪمن.

    1- فاتح وليئم
    2- بادشاهه جان
    3- هينري viii
    4- ايلزبيت اول
    5- اوليور ڪرام ويل
    6- وليئم پٽ (وڏو)
    7- وليئم پٽ (ننڍو)
    8- وليئم ولبر
    9- ويلنگٽن
    10- راڻي وڪٽوريا
    11- راڻي ايلزبيت

    بادشاهن سڄي دنيا تي حڪومت ڪئي. يعني آسٽريليا کان آمريڪا تائين سون سالن تائين هنن بادشاهن هن محل مان ويهي حڪم هلايا. ڇا نه شان هوندو هن محل جو، پر اڄ ٽڪي جي ٽڪيت تي هر ايرو گيرو انگلينڊ جي راڻي جي حرم سرا ۾ پنهنجي پيرن جا نشان ڇڏيو وڃي. جت اڳ ڪن ملڪن جي بادشاهن کي به اچڻ جي اجازت نه هئي. اسان بڪنگهم پيلس مان ٻاهر نڪري پنڌ ئي پنڌ ٿوروئي اڳيان هڪ شاهي ڍنڍ جيڪا به شاهي محلن جي وچ ۾ انهن جو ئي هڪ حصو آهي. تنهن جي ڪپرن تي پيل بئنچن تي ڪجهه دير لاءِ ويهي رهياسين. وچ شهر ۾ هوندي به ڪافي وڏي ڍنڍ آهي. جنهن ۾ خوبصورت بوٽس ۾ سياح گهمي ڦري رهيا آهن. ڍنڍ ۾ بدڪون ۽ ٻيا پکي به پاڻيءَ ۾ تري ۽ اُڏري رهيا آهن. اسان اڳ به هن ڍنڍ ۾ اچي چڪا آهيون پر اڄ ڪجهه زياده گهما گهمي نظر اچي رهي آهي. شايد اتوار جي موڪل جي ڪري. آرتوار ۽ ڇنڇر جا ڏينهن يورپ ۽ آمريڪا ۾ مڪمڪل موڪل هوندي آهي پر ڇنڇر جي بنسبت آرتوار کي گهمڻ ڦرڻ لاءِ ترجيح ڏين.
    آرتوار کانسواءِ ٻين موڪلن جي ڏينهن ۾ به انگلينڊ ۾ بي پناهه رش نظر ايندي آهي. انگلينڊ ۾ ٻين عام موڪلن جا هيٺيان ڏينهن آهن.
    1- New years Day.
    2- Good Friday.
    3- Easter Monday.
    4- May Day (First Monday in may)
    5- Spring And summar Band HoliDay,
    6- Chrismas Day,
    7- Boxing Day, (26th decemeber)
    يعني ڪُل ست موڪلون آهن. پاڻ وٽ پاڪستان ۾ به اڳ ڪجهه زياده موڪلون هونديون هيون پر هاڻ گهٽائي اٺ موڪلون ڪيون اٿن.
    يعني
    1- عيدالفطر Eid-ul-fitr
    2- عيدالاضحيٰ Ed-ul-Azha
    3- يوم عشورا Youm-e-Ashura
    4- عيد ميلاد النبي Eid Milad-un-nabi
    5- يوم پاڪستان Pakistan Day
    6- يوم آزادي Independence Day
    7- يوم اقبال Iqbal Day
    8- يوم ولادت قائداعظم رحه ۽ ڪرسمس ڊي Birth of Qaid-e-Azam Muhammad Ali Jinnah And Chrismas Day.
    يعني چار مذهبي موڪلون ۽ چار پاڪستان جي قومي ڏينهن جون موڪلون.
    هت ڪا به ڪيفي يا ريسٽورانٽ ڪانهي. شام ٿيڻ واري آهي پر صبح جي ناشتي کانسواءِ سڄي ڏينهن ۾ چانهه به ڪا نه پيتي اٿم. صرف ڪجهه پستا ۽ بادام منا پرس مان ڪڍي ڏنا جيڪي کاڌا اٿم. مون منا کي چيو ته گهر هلون. پاڻ چيائين ته ڏاڍو مزو پيو اچي. ڪجهه دير کان پوءِ هلنداسين. اسان بئنچن تان لهي هيٺ ڇٻر تي ويهي رهياسين. مون پيرن ۾ پاتل جوتو به لاهي ڇڏيو ۽ ڇٻر تي ليٽي پيس. ڇٻر مان ڄڻ ته خوشبوءَ پئي اچي، ڪيڏي نه صاف سٿري ڇٻر آهي. پري کان هيڊا گل ڏاڍا وڻندڙ لڳي رهيا آهن. هت ڪو به ماڻهو گل ڪو نه پٽي، پاڻ وٽ هر ماڻهو گل پٽي، هت هر ننڍي وڏي گهر ۾ توهان کي گل نظر ايندا.
    پاڻ وٽ شهر ۾ بنگلا ٺهرائي پوءِ وڪڻڻ جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو اهڙن بنگلن ۾ تمام سُٺا پارڪ هڻن جنهن ۾ گل چونڊي چونڊي هڻن، پر بنگلو وڪڻڻ کان پوءِ جيڪو انهيءَ پارڪ ۽ گلن سان حشر ٿئي سو انهن ويچارن گلن کي خبر آهي. ڪراچيءَ ۾ ته مون خود پنهنجي هڪ دوست جي ڊيفنس جي بنگلي ۾ ڏٺو ته سندس سڄو پارڪ سُڪي ويو ۽ ڇٻر واري جڳهه تي مٽيءَ جي دز پئي اُڏري، مون کانئس انهيءَ جو سبب پڇيو ته پاڻ چيائين ته يار ڪير پيو روز پيسن جو پاڻي پارڪ ۾ وجهي، سو انهيءَ ڪري هن جو ڏاڍو لاجواب سڄو پارڪ ختم ٿي ويو. اهڙا به باذوق ماڻهو دنيا ۾ پيا آهن.
    اسان ٽئڪسي ڪري ويسٽ منسٽر محل ڏانهن روانا ٿياسين. هينري اٺين کان اڳ سانده پنجن صدين تائين بادشاهه هتي رهندا هئا ۽ پنهنجون دربارون لڳائيندا هئا. هينري اٺين پنهنجي رهائش وائيٽ هال ۾ اختيار ڪئي، جيڪو ٽاور آف لنڊن جو هڪڙو حصو آهي. هينري اٺين جي وفات کان پوءِ دارالعوام جيڪو اڳي ويسٽ منسٽر ايبي جي چيپٽر هائوس ۾ منعقد ٿيندو هو، اهو ويسٽ منسٽر محل ۾ منتقل ٿيو. تڏهن کان وٺي هن محل جي پارليامينٽ سان وابستگي شروع ٿي. هن محل وارين عمارتن جي جهڳٽي کي 1834ع ۾ باهه لڳي جنهن سان تقريباً سموري اڏاوت سڙي وئي ۽ ڪجهه نشان وڃي باقي رهيا. هن وقت اهي پڻ هتي ٿيندڙ نئين تعميرات ۾ ڍڪيل آهن. موجود عمارتون تقريباً سموريون اوڻيهين صديءَ جي تعمير آهن. هن تعميراتي منصوبي جي مکيه معمار چارلس بيريءَ کي هدايت ڪئي وئي ته هو گوٿڪ ۽ ايلزبيٿن فن تعمير موجب هي عمارتون جوڙائي جن ۾ قومي وقارنمايان رهي. دروازن ۽ درين جي ونگن تي گوٿڪ فن تعمير واري چٽسالي نهايت دلپذير انداز سان ٿيل آهي. جنهن سبب عمارتن ۾ بناوت جي هڪجهڙائي وڌيڪ سهڻي لڳي ٿي. جيتوڻيڪ ڏاکڻيءَ دنگ وٽ ٺهيل وڪٽوريا ٽاور وڌيڪ اوچو آهي پر اترئين طرف وارو وڌيڪ چٽسالي ۽ سينگار سان جڙيل گهڙيال وارو ٽاور وڌيڪ مشهور آهي. تنهن جو نالو ”بگ بين“ آهي. جيڪو لنڊن جي سڃاڻپ آهي. جڏهن تمام گهڻي برف پوندي آهي ته بگ بين جي گهڙيال جون سُيون به بيهي رهنديون آهن. پر اهو ڪڏهن ڪڏهن سالن پڄاڻان ٿيندو آهي. آرتوار جي شام هئڻ ڪري هت تمام گهڻي رش آهي. منا هت به ڪافي فوٽا ڪڍيا. وڪٽورئين دور ۾ گوٿڪ فن تعمير جي نمايان جهلڪ ڪميٽي رومن ۽ آفيسن جي لين ۾ عيان آهي. هن سموري تعميراتي ڪاريگريءَ کي هڪ ڀيري چڱيءَ طرح ڏسي نه ٿو سگهجي. دارالعوام ۽ دارالخواص ٻنهي ايوانن ۾ قائم گئلرين جو تعداد مختلف آهي. پارليامينٽ جي ڪارروائي ڏسڻ ۽ سوال پڇڻ لاءِ گهربل پاس وٺڻ کان پوءِ شام 4:30 بجي گئلريءَ ۾ داخل ٿي سگهجي ٿو. اهڙي پاس پارليامينٽ جي مقامي ميمبر کان يا لنڊن جي ايمبسيءَ مان ڪافي هفتا اڳي حاصل ڪرڻي پوندي. دارالعوام ۾ بحث جمعي کانسواءِ سمورن ڪم وارن ڏينهن دوران ڏينهن جو اڍائي بجي شروع ٿيندو آهي. ڪرسمس ۽ ايسٽر وارن مذهبي ڏهاڙن ۽ آگسٽ کان وچ آڪٽوبر تائين اجلاس ڪو نه ٿين. اندر جت پارليامينٽ جو اجلاس ٿئي، اهو هال تمام سادو آهي. پاڻ وٽ جيڪر اهڙو سادو هال هجي ته شايد ڀڃي وري نئين سر ٺهرائين پر هت لنڊن ۾ جيئن پراڻي جڳهه تيئن انهيءَ جي اهميت ۽ قيمت زياده. توهان هي اجلاس انٽرنيٽ ذريعي به ڏسي سگهو ٿا.
    عوام کي ويسٽ منسٽر محل جي اصلوڪي جڳهين مان بچي ويل ”ويسٽ هال“ گهمڻ جي پڻ اجازت حاصل آهي. هي هال چوڏهين صديءَ ۾ تعمير ٿيل آهي. جنهن جي ڇت آڪ جي ڪاٺ جي ٺهيل آهي. پاڻ وٽ ڪراچيءَ جي مشهور فريئر هال جي ڇت به ڪاٺ جي ٺهيل آهي. هي هال به انگريزن ٺهرايو هو. ڪنهن وقت ويسٽ هال ملڪ جي وڏي ۾ وڏي عدالت طور استعمال ٿيندو هو ۽ هتي ئي وزيراعظم سرٿامس مور، گئي فيڪس ۽ چارلس اول کي موت جي سزا ڏني وئي. چارلس ثانيءَ 1661ع ۾ ڪرومويل جي سسي قبر مان ڪڍائي ويسٽ هال جي ڇت تي ڪاٺ جي شهتير تي ٽنگائي ڇڏي. جيڪا اُتي ويهن ورهين کان به وڌيڪ عرصو ٽنگي پئي هئي. هتي انتقام جو اهو مثال آخري هو پر غريب ملڪن ۾ اهو سلسلو اڃان جاري آهي.
    ڪافي دير ٿي چُڪي آهي لنڊن جون روشنيون ٿيمس نديءَ جي پاڻي تي جرڪي رهيون آهن. سندن اولڙا پري پري تائين نظر اچي رهيا آهن. ڏاڍو پرڪشش منظر لڳي رهيو آهي. دير سبب اسان ٿورو پنڌ هلي پوءِ ٽئڪسيءَ ۾ چڙهي گهر روانا ٿياسين. لنڊن جي روڊن رستن تان ترندي اسان جي گاڏي اچي ڀوراڻي هائوس جي دروازي ڀيڙي ٿي. جنهن جو در به گهنٽيءَ تي ڀوراڻيءَ کوليو. پاڻ ڏاڍي قرب سان سلام ڪيائين ۽ ٻڌايائين ته نور ۽ فرخ صبح سوير ٻاهر ويا آهن. اسان مٿئين منزل تي پنهنجي بيڊ روم ۾ وياسين. ٿوريءَ ئي دير ۾ ماني کائي سمهي پياسين. صبح جو دستور مطابق تمام سوير اُٿي پهرئين چانهه پي پوءِ لنڊن جي روڊن رستن تي واڪ ڪري واپس گهر آياسين. جت ناشتو ڪري هيٺ نور ۽ فرخ کي ٻڌايم ته اڄ پاڻ کي واپس سنڌ هلڻو آهي. نور چيو ته آئون مٿي توهان وٽ اچان ٿو. نور مٿي آيو ۽ چيائين ته آئون واپس توهان سان گڏجي ڪو نه ٿو هلان. آئون لنڊن ۾ اڃان ٻه ٽي هفتا رهندس. توهان ڀلي هلو. ايئن نور لنڊن ۾ رهي پيو. آئون منا ۽ فرخ تيار ٿي ٽئڪسي ڪري هيڙو ايئرپورٽ ڏانهن روانا ٿياسين. نور به اسان کي ايئرپورٽ تائين ڇڏڻ هليو.
    اسان ايئرپورٽ فارملٽيز مان جان ڇڏائي اندر اچي ڊيوٽي فري شاپ جي دڪانن تي هلڪي ڦلڪي شاپنگ ڪرڻ لڳاسين. هت هيٿرو ايئرپورٽ اندر به هراڊس وارن جو هڪ شاندار ڊيوٽي فري شاپ آهي. جت ڪنئين شيون ملن ٿيون. اسان هت فارم ڀرائي لنڊن جي دُڪانن تان ورتل سامان جا لوڪل ٽيڪس جا پئسا واپس ورتا. جيڪي ٻاهرين ملڪن جي شهرين کي ملڪ ڇڏڻ وقت ايئرپورٽ يا سي پورٽ تي واپس ملن ٿا. هيٿرو ايئرپورٽ جو اندر ۽ ٻاهر جو ڏيک ايڏو خوبصورت ڪونهي جهڙو دنيا ۾ اڄ جي جديد ٺهيل ايئرپورٽن جو آهي. مون اڳ به هن ڪتاب ۾ عرض ڪيو ته انگريز هڪ پيسو به فضول خرچ ڪو نه ڪري، ٺلهي ڏيک ۽ ٺاهه ٺوهه کي پسند ڪو نه ڪري. اهو توهان کي نه رڳو هيٿرو يا لنڊن ۾ نه پر سڄي انگلستان ۾ نظر ايندو. اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ته اسان پنهنجو هيٿرو ايئرپورٽ تان ورتل سامان کڻي ٻڌايل گيٽ ذريعي سڌو وڃي پنهنجي جهاز ۾ داخل ٿياسين. جهاز جي دروازي تي بيٺل جهاز جي ڪئپٽن ڪرو اسان جو کلي آڌر ڀاءُ ڪيو. انهن مان هڪ ايئرهوسٽس اسان کي ساڻ وٺي آڻي پنهنجي سيٽ ڏيکاري.
    جهاز لنڊن مان اڏامي پهرئين دبئي بيهندو ۽ اُت مسافرن کي لاهيندو پوءِ اڳيان ڪراچيءَ ويندو. تنهن ڪري جهاز سڄو مسافرن سان ڀريل آهي ۽ ڪافي رش آهي. اسان پنهنجي هٿن ۾ کنيل سامان کي مٿي سامان جي جڳهه ۾ رکي پوءِ پنهنجي سيٽن تي ويهي رهياسين. آئون دريءَ واري سيٽ تي ويٺس. ٻاهر ٿورڙو مينهن پئجي رهيو آهي. جهاز جو عملو (اسٽاف) برساتيون اوڍي جهاز جي هيٺيان ڪم ڪري رهيو آهي. چوطرف رڳو جهاز ئي جهاز بيٺا آهن. جن جي ارد گرد ڪيترا ئي عملي جا ماڻهو ڪم ڪندي نظر اچي رهيا آهن. ٻاهر ڏاڍي وڻندڙ موسم آهي پري پري تائين سنهي ڦوهار پئجي رهي آهي. انهيءَ ڦوهار ۾ جهاز هيٺ مٿي لهي چڙهي رهيا آهن. هوائي ڪمپنين جا هوائي جهاز جن تي پنهنجي پنهنجي ايئرلائين ۽ ملڪن جو نالو نظر اچي رهيو آهي. اسان جي جهاز اندر اڃان به مسافر اچي رهيا آهن. جن ۾ اڪثريت عربن ۽ يورپين جي آهي. عرب شايد پنهنجين فيملين سان گڏ وئڪيشن تي لنڊن آيل هئا. جيڪي هاڻ پنهنجي ملڪ واپس وڃي رهيا آهن ۽ يورپين وري دبئي گهمڻ وڃي رهيا آهن. اڄڪلهه دبئي به دنيا جي سياحتي مرڪزن مان هڪ آهي. جت هڪ سال ۾ هڪ ڪروڙ پنجهتر لک سياح اچن ٿا. جيڪو انگ يورپ جي ڪيترن مغربي ملڪن جي برابر آهي. هونئن به يورپ ۽ آمريڪا جا ماڻهو سال ۾ هڪ دفعو ضرور ملڪ اندر يا ملڪ کان ٻاهر گهمڻ وڃن. جنهن ۾ انهن ملڪن جا سربراهه به شامل آهن. انگلينڊ جو مشهور وزير اعظم چرچل پنهنجون موڪليون آفريڪا جي ملڪ مراقش ۾ ملهائيندو هو. آمريڪا جهڙي اهم ملڪ جي سربراهه لاءِ به سال ۾ هڪ ڀيرو وئڪيشن گذارڻ لاءِ موڪلون مقرر ٿيل آهن ۽ هو باقائدگي سان انهن ڏينهن ۾ پنهنجي فيملي ساڻ موڪلون گذارڻ پنهنجي ملڪ يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ضرور وڃي.


    5

    اسان جي جهاز جو دروازو بند ٿي چڪو آهي پر انائونسمينٽ ڪري ٻڌايائون ته رنوي تي جهازن جي گهڻائي ڪري رش آهي. جيئن ڪنٽرول ٽاور کان سِگِنَل مليو تيئن پاڻ پنهنجي منزل يعني دبئي لاءِ اڏام شروع ڪنداسين. توهان به رن وري تي ڏسي رهيا آهيو ته ڪيڏي نه رش آهي. درين مان برابر سڀ مسافر ٻاهر ڏسي رهيا آهن ۽ باقي مسافر پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهائي رهيا آهن. آئون دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو آهيان. ٻاهرئين موسم هلڪي برسات پوڻ ڪري ڏاڍي مست لڳي پئي آهي. اسان جي اڳيان عرب فيملي ويٺل آهي. جن سان ننڍڙا ٻار به آهن. جيڪي عربيءَ ۾ ڳالهائي رهيا آهن. مون ڪيترا عرب ملڪ ڏٺا آهن. يورپ ۽ آمريڪا ۾ به عرب ڏٺا آهن پر مون کين عربيءَ کانسواءِ ٻي ٻولي ڳالهائيندي ڪو نه ڏٺو آهي پر پنهنجا سنڌي جيڪي ڳوٺن مان شفٽ ٿي اچي ڪراچي ۾ پهتا آهن سي ڪجهه وقت ۾ سنڌي ڇڏيو، گهرن ۾ اردو پيا ڳالهائيندا آهن. ڇو ته کين انگريزي ته اچي ئي ڪا نه جو ويچارا اها ٻولي ڳالهائين. پوءِ مڙئي اردو ڳالهايو پنهنجن تي رعب ڪريو ويٺا آهن.
    اسان جي جهاز جي هلڻ جي مٺڙي زناني آواز ۾ انگريزي ۽ عربيءَ ۾ انائونسمينٽ ٿي ته اسان جو جهاز به رن وي تي آهستي آهستي هلڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي اسان کان لنڊن جا نظارا به گم ٿي ويا. صرف ڪڪر ئي ڪڪر نظر اچڻ لڳا. جن منجهان جهاز اڳتي هلي رهيو هو ۽ ڪافي دير کان پوءِ ڪڪرن جي انهيءَ قافلي کان ڌار ٿي تمام مٿي هليو ويو ۽ ڪڪر هيٺ ئي هيٺ، مٿي اڏامندڙ هن جهاز کي ڏسندا رهيا ۽ اسان وري هيٺ ڪڪرن کي ڏسندا رهياسين. هيٺ سفيد ڪڪرن کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ نظر ڪا نه ٿي آئي. جڏهن جهاز ڪڪرن کان ٻاهر نڪري پنهنجي صحيح رُخ تي آيو ته سيٽ بيلٽ کولڻ جو آواز ٿيو ۽ اسان انهن کي کولي آرامي ٿي ويٺاسين. پٺيان ٽرالي ريڙهڻ جي آواز سان گڏوگڏ سنهو مٺو آواز به ڪن کي ڇهڻ لڳو. هوائي جهاز يا ڪنهن به اهڙي هنڌ ماڻهو ڪنڌ پٺيان ورائي ته ڪو نه ٿو سگهي ڇو ته اهو سخت ناگواره ٿو لڳي سو انهيءَ آواز جي انتظار ۾ ڪافي وقت لڳي ويو. ڇو ته هر مسافر کان پهرئين پنهنجي پسند پڇڻ يعني ڪافي. چانهه، سافٽ ڊرنڪ يا جوس پوءِ برف يا بغير برف، باقي کير ۽ کنڊ ته هونئن به جدا ڏين سو انهيءَ جي پڇڻ جو ته سوال ئي ڪو نه ٿو پيدا ٿئي. انهيءَ پڇ پڇان ۾ ڪافي وقت لڳيو وڃي. وري جي ڪو ٻار هجي ته هو ذري ذري پيو پنهنجي راءِ بدلائي ۽ ايترن سوالن جوابن ۾ ته دير ٿئي ٿي. ٻيو ته عورت سان ڳالهائيندي به ته دل ڪا نه ٿي ڀرجي. ايئن انتظار ڪندي اسان جو به وارو آيو. منا هميشه جيان آرينج جوس پيتو ۽ مون اڄ انناس جوس جي جڳهه تي چانهه پيتي ۽ فرخ ڪافي پيتي ايئن جوس چانهه پيئندي، ماني کائيندي، فلمون ۽ ٻيا پروگرام وڏي اسڪرين تي ڏسندي ڏسندي ڏينهن مان رات ۽ رات مان پرڀات ٿي وئي ۽ اسان لنڊن کان دبئي پهچي وياسين. جهاز جي رفتار ۽ وقت جي ابتڙ هلندي وقت گذرندي ويرم ئي ڪا نه ٿي لڳي اسان صبح جو سوير دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي وياسين. هت ڪافي مسافر ۽ انهن جو سامان لهڻو هو. تنهن ڪري اسان کي به چيائون ته توهان ڀلي دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ڊيوٽي فري شاپ مان ٿي اچو، پر مڙيئي جلدي دبئي ايئرپورٽ ۽ دبئي منهنجو اڳ به ڪافي ڀيرا ڏٺل هو. تنهنڪري ڪنهن به قسم جي تڪليف محسوس ڪا نه ٿي. ڄڻ ته آئون منا ۽ فرخ جو گائيڊ ٿي پيس. دبئي ايئرپورٽ ڊيوٽي فري سان گڏ ٻين ڪافي سهوليتن سان سينگاريل ۽ سنواريل آهي. جنهن ۾ خريداري تي انعام وسيلي نئين مرسڊيز ڪار کٽڻ جي سهوليت به آهي. اها مرسڊيز ڪار ڊيوٽي فري دڪانن جي وچ ۾ ايئن انتظار ڪري رهي آهي، ڄڻ ڪنوار سيج تي سُتي پئي آهي. مسافرڪار کي ايئن ڏسي جيئن اليڪشن جي ڏينهن اميدوار ووٽر کي ڏسي مشڪي.
    انهن انعامن سان گڏ ٻيا پڻ هزارين انعام رکيل آهن. انهيءَ ڪري ايئرپورٽ اندر ڄڻ ته ميلو لڳيو وڃي. دبئي ايئرپورٽ تي ڪراچي ايئرپورٽ، جده ايئرپورٽ يا بمبئي ايئرپورٽ کان وڌيڪ رش ٿئي. امير ماڻهن جي موجودگيءَ ڪري وڌيڪ سونهن، سوڀيا ۽ سرُهاڻ محسوس ٿئي. ايئرپورٽ جو اسٽاف پڻ ڌاڍي شائستگيءَ سان پيش اچي. اچڻ وڃڻ ۾ ڪا به بوريت محسوس ڪا نه ٿئي.
    مون ٽوڪيو کان وٺي سئن فرانسسڪو تائين دنيا جا ڪئين ايئر پورٽ ڏٺا آهن پر مون جده ايئرپورٽ جهڙي مسافرن سان خراب روش دنيا جي ڪنهن به ايئرپورٽ تي ڪا نه ڏٺي. اڇي چمڙيءَ وارن کانسواءِ باقي هر مسافر لاءِ اهو سمجهندا آهن ته هي اسان وٽ پنڻ آيو آهي. ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ڪو نه آهن. سعودي ايئرلائين اسٽاف کانسواءِ ٻي ايئر لائين جي اسٽاف سان به هنن جو رويو ٺيڪ نه هوندو آهي. باقي پي آءِ اي اسٽاف کي ته مسافرن وانگر ئي ڊيل ڪن.
    پاڻ اچون ٿا پنهنجي منزل دبئي جي احوال تي جيڪو اڄڪلهه سڄي دنيا جي توجهه جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. دبئي اصل عرب مڇيرن جو هڪڙو ڳوٺ هو. لوا (Liwa) نالي نخلستان ۾ رهندڙ بني ياس Bani yas جي هڪ خاندان سن 1830ع ۾ دبئي تي راڄ ڪرڻ شروع ڪيو. حڪمران اڃا تائين ساڳيو خاندان آهي. دبئي جي رهواسين جي گذر جا اصل وسيلا مڇي مارڻ، رڍون ۽ ٻڪريون چارڻ ۽ ڪجهه قدر کجيءَ جا باغ پوکڻ هئا، پر پوءِ هنن تجارت کي مکيه ڌنڌي طور اختيار ڪيو. انهيءَ ۾ آهستي آهستي وڌندي اڄڪلهه ڪمال جي ترقي حاصل ڪئي اٿن. شهر جي فقط هڪ تجارتي علائقي (Deira) ڊيرا ۾ به 350 کان وڌيڪ گهڻ ملڪي تجارتي ڪمپنين جا مرڪز موجود آهن.
    اها ترقي فقط حڪمرانن جي آزاد تجارت واري سٺي پاليسي اختيار ڪرڻ سبب ٿي سگهي آهي. انهيءَ ڪري اول هندستاني پاڪستاني، ۽ ايراني واپاري هتي ڪاروبار ڪرڻ لڳا. انهيءَ عرصي دوران دبئي سياسي طور برطانيا جي تسلط هيٺ هڪ پروٽيڪٽوريٽ Protectorate يعني ڪمزور ۽ طفيلي رياست جي حيثيت ۾ برطانيا جي پناهه ۾ رهندڙ وچ اوڀر وارين رياستن مان هڪڙي هئي. جيئن 1947ع کان اڳ پنهنجو ملڪ پاڪستان هو.
    دبئي سن 1971ع ۾ برطانيا کان آزاد ٿيڻ کان پوءِ عرب رياستن جي اتحاد متحده عرب امارات ۾ شامل ٿيو. انهيءَ اتحاد ۾ ابوظهبي، شارجه، اجمان. امه القوئين ۽ فيوجائراه رياستون شامل هيون. اهو اتحاد هن عرب علائقي ۾ سن 1966ع ۾ تيل لڀڻ کان پوءِ ترت عمل ۾ آيو. جنهن هنن عرب عمارتن جي زندگيءَ ۾ تمام وڏي تاريخي تبديلي آندي.
    دبئي جي هن غير معموليءَ ترقيءَ جو سهرو اڳوڻي حڪمران هز هائينس شيخ راشد جي سر تي آهي، جنهن تيل جي ڪمائي ملڪي ترقي لاءِ ڪم آندي. شيخ راشد جي شروع ڪيل منصوبن کي موجود. حڪمران شيخ مڪتوم بن راشد ۽ سندس ڀائر پايئه تڪميل تي رسائڻ لاءِ برقرار رکيو اچن. انهيءَ جو نتيجو اهو ٿيو آهي جو جديد بنيادي شين جهڙوڪ مواصلات، صحت، تعليم ۽ سياحت جا زبردست منصوبا تڪميل تي پهچڻ وارا آهن ۽ سمورو سماجي نظام جديد زاوين تي قائم آهي. انهي ترقيءَ جو مدار آزاد تجارت تي قائم آهي. تعليم جي معيار جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آڪسفورڊ ۽ هارورڊ ۾ پڙهيل بينظير ڀٽو صاحبه به پنهنجا ٻار پڙهائي لاءِ انگلينڊ ۽ آمريڪا بدران دبئي ۾ پڙهڻ لاءِ ڇڏيا هئا پر هاڻ U. K ۾ پڙهندا آهن. سمورين عرب عمارتن وانگر دبئي جي آبهوا پڻ نيم خط استوائي خشڪ قسم جي آهي. هتي برسات ٿوري ۽ ڪڏهن ڪڏهن پوندي آهي ۽ گهڻو ڪري سياري ۾ ٿيندي آهي. گرميءَ جو درجو سراسري گهٽ ۾ گهٽ 10 ڊگريون سيلسيئس Celsius ۽ وڌ ۾ وڌ 48 ڊگريون سيلسيئس تائين ٿيندو آهي.
    دبئي جي سرڪاري ٻولي عربي آهي. انگريزي ٻولي پڻ هتي سمجهي وڃي ٿي ۽ عام استعمال ۾ آهي.
    دبئي رياست جا ڪيترين عالمي تنظيمن سان تعلقات قائم آهن. مثلاً اهو متحده عرب امارات جي ميمبر طور سن 1971ع ۾ اقوام متحده ۽ عرب ليگ جو ميمبر ٿيو. تنهن کان پوءِ اهو تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ OPEC جو ميمبر ٿيو. انهيءَ کان پوءِ آءِ ايم ايف I.M.F جو ميمبر ٿيو. انهيءَ کانسواءِ اهو عالمي تجارتي تنظيم W.T.O جو ميمبر پڻ آهي. ان کان سواءِ هي عرب ملڪن جي ٻي تنظيم A.G.C.C جو ميمبر پڻ آهي. انهيءَ تنظيم جا ٻيا ميمبر ملڪ آهن: سعودي عربيه، عمان، قطر، بحرين ۽ ڪوويت. دبئي UAE اتحاد جي ميمبر طور غير جانبدار خارجه پاليسيءَ جو حامل هئڻ سان گڏ عرب اتحاد جو پڻ گهڻو خواهان آهي.
    دبئي رياست جي پکيڙ 3885 چورس ڪلوميٽر آهي ۽ متحده عرب امارات ۾ ايراضيءَ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏي رياست آهي دبئي امارت دبئي کاري جي ڪنارن تي مشتمل رياست آهي. اها دبئي کاري نارعدن مان نڪرندڙ هڪ کاري آهي. دبئي شهر انهيءَ کاري جي ٻنهي ڪنارن تي اهڙي طرح آباد آهي جنهن موجب شهر جو هڪڙو ڀاڱو انهيءَ کاري جي اترئين ڪپ تي آباد ۽ ٻيو ڀاڱو انهيءَ جي ڏاکڻئين ڪناري تي آباد آهي. دبئي شهر عرب امارات جو هڪ مکيه بندر ۽ تجارتي مرڪز آهي.
    دبئي رياست کي هڪ سئو ڪلوميٽرڊگهو سامونڊي علائقو آهي. دبئي جي حاڪم جو محل به سامونڊي ڪناري تي آهي جتان هو محل مان ويهي سامونڊي جهازن جي چرپر ڏسندو آهي. هي محل ارڙهين عيسوي صدي ۾ ٺهيل آهي پر هاڻ هن کي وڏي پئماني تي جديد بڻايو ويو آهي. دبئي جي سامونڊي ڪناري کي پڻ ڏاڍو سنواريو سينگاريو ويو آهي.
    متحده عرب امارات جي وفاقي حڪومت جو صدر ابو ظهبيءَ جو حڪمران شيخ زيد بن سلطان النهيان جو پٽ آهي. نائب صدر دبئي جو حڪمران شيخ مڪتوم بن راشد آهي. شيخ زيد بن سلطان مون ننڍي هوندي محمد يوسف چانڊيي جي ڳوٺ ڏٺو هو. جت پاڻ شڪار تي آيو هو. ساڻس گڏ لبنان جو صدر پڻ هو.
    عرب امارات جي سپريم ڪائونسل جا ست ميمبر آهن. جيڪي واسطيدار امارات جا حڪمران آهن.
    مواصلات ۽ اطلاعات، تعليم، دفاع، ترقيات، قانون ۽ خارجه تعلقات جا شعبا انهيءَ وفاقي سپريم ڪائونسل جي حوالي آهن. ڪيبينيٽ فيڊرل ڪائونسل آف منسٽرس سڏجي ٿي. جيڪا سپريم ڪائونسل جي تشڪيل ڪيل آهي ۽ انهيءَ ڏانهن جوابده آهي. هڪڙي مجلس شوريٰ پڻ آهي. جنهن ۾ چاليهه ميمبر آهن. جيڪي حصي رسيءَ موجب هر ميمبر امارت مقرر ڪندي آهي. انهيءَ شوريٰ جو مدو ٻه سال آهي. اها تجويزون ڏئي سگهي ٿي. باقي ويٽو پاور نه ٿي رکي.
    متحده عرب امارات جي راڄڌاني ابوظهبي آهي پر ڪجهه وزيرن جون آفيسون دبئي ۾ پڻ آهن. خارجي پاليسي ۽ دفاع کانسواءِ باقي عوامل ۾ هر ميمبر امارت آزاد آهي. اهڙي طرح دبئي رياست آزاد تجارتي پاليسي اختيار ڪئي آهي جنهن تحت ٻاهران ايندڙ مال تي محصول يا ڪسٽم في معاف آهي. تنهن ڪري پرڏيهي سيڙپڪاري جا موقعا هتي هميشه موجود آهن.
    دبئي حڪومت جي تجارتي پاليسي جا چند هيٺيان اصول بيان ڪجن ٿا.
    1- سڌي تجارت Direct Trade جنهن تحت ڏيهي ۽ پرڏيهي تجارتي ڪمپنيون هڪٻئي سان سڌو واپار ڪري سگهن ٿيون.
    2- Commercial agency arrengements
    هن قانون تحت پرڏيهي ڪمپني پنهنجو دبئي ۾ نمائندو، دبئي جو شهزادو مقرر ڪندي ۽ اهڙو عهد نامو واپار واري وزارت وٽ رجسٽر ڪرائبو.
    3- دبئي شهر ۾ پرڏيهي ڪمپني پنهنجي آفيس قائم ڪري سگهي ٿي. تنهن لاءِ کيس ايڪانامڪ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ کان لائسنس وٺڻو پوندو. انهيءَ کانسواءِ اسپيشل انويسٽمينٽ اسڪيم تحت ۽ ايئرپورٽ فري زون ۾ تجارت قائم ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ڪمپنين کي هيٺيون سهوليتون ڏنل آهن.
    1- سئو سيڪڙو پرڏيهي ملڪيت جي اجازت
    2- 15 سالن تائين ٽيڪس جي معافيءَ جي ضمانت
    3- ڪسٽم بلڪل مفت
    4- لچڪدار سيڙپ جا موقعا
    5- نقل و حمل ۽ ورهاست جون بهترين سهوليتون
    6- انتظامي ۽ افرادي امداد
    انهيءَ کانسواءِ هيٺيون سهوليتون پڻ ميسر آهن. جهڙوڪ:
    1- آزاد ڪمپني نظام
    2- ٽرانسپورٽ جو اعليٰ انتظام
    3- اطلاعات جو جديد نظام
    4- جديد مالياتي ۽ سروس جو شعبو
    5- اعليٰ عالمي نمائش ۽ ڪانفرنس ڪرڻ جو بندوبست
    6- بهترين قسم جي آفيسن ۽ رهائش جو بندوبست
    7- موزون توانائي ۽ ٻين شين جي موجودگي
    8- فرسٽ ڪلاس هوٽلن، اسپتالن، اسڪولن ۽ تجارتي مرڪزن جي موجودگي
    9- جديد عالمي معيار جي شهري سماج جي موجودگي.
    پرڏيهي ڪمپنين لاءِ مٿي بيان ڪيل سهوليتن کانسواءِ هيٺيون سهوليتون پڻ موجود آهن.
    1- ڪارپوريٽ ٽيڪس معاف
    2- انڪم ٽيڪس معاف
    3- فارين ايڪسچينج تي ڪو به ڪنٽرول ڪونهي
    4- ڪجهه شين تي جزوي محصول
    5- مناسب مزوري
    6- مناسب قيمتون
    7- مناسب مسواڙ
    8- آزاد تجارت
    دبئي دنيا جي وڏي واپاري منڊي آهي. هتي هر سال 17 بلين ڊالرن جو آمدني واپار ٿئي ٿو.
    دبئي ۾ 170 بحري جهازن واريون ڪمپنيون ۽ 86 هوائي ڪمپنيون مسافر ۽ مال آڻين ۽ نين ٿيون.
    پاڻ وٽ افغانستان جي جنگي حالتن ڪري ڪيترين ئي هوائي ڪمپنين پاڪستان اچڻ ئي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ انهن ڪراچي جي جڳهه تي دبئي کي پنهنجو بيس بڻايو آهي. جنهن ڪري دبئي جي اڃا به تجارتي اهميت وڌي وئي آهي. جيڪا هاڻ ڏينهون ڏينهن وڃي وڌندي.
    منا دبئي ايئرپورٽ اندر داخل ٿي، پهريائين سڄي ايئرپورٽ جو جائزو ورتو، پوءِ هر هڪ شاپ جو جائزو وٺندي اڳتي هلندي رهي. تان جو اچي هڪ اليڪٽرانڪ جي شاپ تي بيٺي، جتان پاڻ ڪجهه اليڪٽرانڪ ۽ ڪافي ٻيو سامان پڻ خريد ڪيائين. مون ٻه ٽي پرفيوم ۽ هڪ ڪئميرا خريد ڪئي. باقي رڳو ٽي چار ڪلاڪ چڪر لڳائيندا رهياسين ۽ هر فلائيٽ جي ايندڙ ويندڙ مسافر کي ڏسندا رهياسين.هڪ ريسٽورانٽ تي ڪجهه دير ويهي برگر کاڌاسين ۽ ڪوڪ پڻ پيتي سين. جده ايئرپورٽ جي مقابلي ۾ هت يورپين ماڻهو زياده نظر آيا ۽ شاپنگ جي خيال کان به دبئي، جده ايئرپورٽ کان بهتر آهي. ٿوريءَ دير ۾ اسان جي فلائيٽ جي انائونسمينٽ ٿي ۽ اسان بس ۾ چڙهي هوائي جهاز ڏانهن روانا ٿياسين. بس اچڻ مهل مسافرن سان ڀري پئي هئي پر هينئر به ڪافي مسافر هئا. ڪي هتان دبئي مان ڪراچي لاءِ چڙهيا هئا ۽ ٿوري دير کان پوءِ هوائي جهاز ڪراچي ڏانهن اڏام ڪئي. سج جي روشنين ۾ هيٺ هر شيءِ نظر اچي رهي هئي. جنهن ۾ گهڻو ڪري سمنڊ نظر اچي رهيو هو. لنڊن کان ايندي يورپين مسفار وڏي تعداد ۾ جهاز ۾ هئا پر هينئر هڪ به نطر نه آيو. گهڻو ڪري سڀ پاڪستاني مسافر هئا. جن جي سامان ۾ هڪ ٽيپ رڪارڊر، هڪ بلانڪيٽ، هڪ وڏو ٿيلهو جنهن ۾ اليڪٽرانڪ ۽ شيشي جا ٿانوَ ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. سندن ٻار وڏي واڪ ڳالهائي ۽ رڙيون ڪري رهيا هئا. پاڻ ٿڪل ۽ هيسيل پر ڳوٺ وڃڻ جي خوشيءَ ۾ مرڪي رهيا هئا. سندن زالون مردن کان ڪجهه وڌيڪ خوش لڳي رهيون هيون. جن کي ملڪ کان وڌيڪ پنهنجي مٽن مائٽن سان ملڻ جي خوشي ۽ سندن دماغ ۾ ڪئين خوشيون ۽ سوچون ۽ انهيءَ جو انتظار ته ڪڏهن ٿا گهر پهچون. الائي ايئرپورٽ تي ڪو مٽ مائٽ آيو به هوندو يا نه، ڪراچي ايئرپورٽ جا سور، پنهنجن سان ملڻ جون خوشيون بهرحال ڪيئن انومان دل ۾ اوريندي اوريندي ماڻهو ڪراچي پهچيو وڃي.
    ڪراچيءَ کي ويجهي ۾ ويجهو ايئرپورٽ دبئي، تنهن کان پوءِ بمبئي ۽ لاهور آهي، پر پرائي ملڪ ۽ هٿ ۾ پاسپورٽ هئڻ ڪري ويجها به ڏور ٿيو پون سپرين. هڪ سنهي سريلي ۽ مٺڙي آواز تي خبر پئي ته جهاز ڪراچي ۾ لهڻ وارو آهي ۽ سڀ مسافر جهاز اندر مٿان ڪٻٽن ۾ رکيل پنهنجو پنهنجو سامان ڪڍي هيٺ رکڻ ۽ هٿن ۾ جهلڻ لڳا. جهاز اڃان هوائن ۾ تري رهيو هو تنهن ڪري اسان اهو بهتر سمجهيو ته جهاز لينڊ ڪري پوءِ ٿا سامان کڻون. سو ويهي انهن مسافرن جو مزو ڏسڻ لڳاسين. ته جهاز به پنهنجي بي Bay تي هيٺ لهي هلڻ لڳو ۽ اسان چيلهه وارو پٽو زور سان ڇڪي ويهي رهياسين. تان جو جهاز ٿوريءَ دير ۾ آهستي آهستي هلندو اچي پنهنجي مقرر گيٽ سان ايئرپورٽ بلڊنگ وٽ بيٺو ٿوريءَ دير کان پوءِ جهاز جو دروازو کليو اسان پنهنجو پنهنجو سامان کڻي هوائي جهاز کان ٻاهر نڪري ايئرپورٽ ٽرمينل بلڊنگ ۾ داخل ٿياسين. جت پري کان ٻگهئي ڪسٽم آفيسر سلام ڪيو. انهيءَ سان ڳالهائيندي ۽ دعا سلام ڪندي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪري آياسين.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471114
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188582
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ