ڪتاب جو نالو: اسان پنڌ پرينءَ ڏي (آتم ڪٿا)
مصنف: عبدالحئي پليجو
ڇپائيندڙ: مهراڻ پبلشرس، ڪراچي
ڪيٽيگري: آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي
شايع ٿيڻ جو سال: 2010
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 29 سيپٽمبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1012 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 650 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.
”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • انتساب
  • سنڌ سلامت پاران
  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12

  • انتساب

    پنهنجي نياڻين
    پارس، پرهه ۽ سپيءَ
    جي نالي

    عبدالحئي پليجو


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (261) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ نامياري ليکڪ ۽ سفرناما نگار عبد الحئي پليجي صاحب جي آتم ڪھاڻي جو ٻيو جلد آهي.

    ”اسان پنڌ پرينءَ ڏي“ ڪتاب ۾ عبدالحئي پليجو صاحب پنھنجي ننڍپڻ کان وٺي مئٽرڪ تائين جي زندگي جو سربستو احوال لکيو آھي. هي ڪتاب مهراڻ پبلشرز ڪراچي پاران 2010ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    1

    منهنجو ننڍپڻ مون کي تڏهن ٿو ياد پوي جڏهن آئون پنهنجي ڏاڏيءَ کي، جنهن منهنجي ماءُ جي وفات کان پوءِ منهنجي پالنا ڪئي (جيڪا منهنجي پنجويهن مهينن جي عمر ۾ منهنجي ڀيڻ سلطانه زاديءَجي پيدائش وقت ڊليوري ڪامپليڪشن ڪري وفات ڪري ويئي. جيڪو مسئلو سٺ سالن کان پوءِ به سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورتن کي اڄ به درپيش آهي.) تنهن کي آئون رات جو پاڻ سان گڏ سمهڻ لاءِ تنگ ڪندو هوس. جيڪا رات جو چِلم پيئَڻ جي عادي هئي ۽ آئون تيستائين سندس انتظار ڪندو هوس جيسين هوءَ اُٿي، تيسين آئون هر روز چِلم جون ڦوڪون ڳڻيندو رهندو هوس ۽ ٻي رات کيس ٻڌائيندو هوس ته ڪالهه تو هيتريون ڦوڪون ڀريون، اڄ وڌيڪ ڀريون آهن. هاڻ اُٿ ته هلي سُمهون، يا وري سندس ٿڃ پيئندي کيس چوندو هوس ته مون کي گل وارو بُبو پيار جنهن مان مراد سندس انهيءَ بُبي تي وڏو ڳاڙهو تِر هوندو هو. (اهو به عجيب اتفاق هو جو منهنجي ڏاڏيءَ جي ٿڃ ورهين کان پوءِ وري منهنجي ٿڃ پيئڻ ڪري شروع ٿي وئي هئي.)
    ڪڏهن ڪڏهن مون کي منهنجي ڏاڏي آکاڻي به ٻڌائيندي هئي پر اهي آکاڻيون مون کي ياد ڪونه آهن. منهنجي ماءُ مون کي بلڪل ياد ڪانهي. منهنجي پالنا منهنجي ڏاڏيءَ ڪئي جنهن کي اسان جيجي به چوندا هئاسين. انهيءَ جو اسان جي سڄي خاندان تي وڏو ٿورو آهي. جيڪڏهن اها عورت زنده نه هجي ها ۽ منهنجي پالنا نه ڪري ها ته شايد ئي آئون زنده هجان ها، ڇو ته مون کان پوءِ منهنجي هڪ ڀيڻ به ڄائي هئي، جنهن کي جنم ڏيئي امان وفات ڪئي. منهنجي اها ڀيڻ به ٿورڙن ڏينهن ۾ وفات ڪري وئي منهنجي ماءُ کان اڳ به منهنجي پيءُ جون ٻه گهرواريون هيون جن مان کيس ٻه نياڻيون ۽ هڪ پُٽ هو جيڪو وفات ڪري ويو. باقي ٻي گهر مان منهنجي ماءُ جي وفات کان پوءِ کيس ٽي پُٽ غلام رسول، شمشير جنگ ۽ مير نصير پيدا ٿيا.
    منهنجي پيءُ ارباب نور محمد پليجي هندستان جي آزاديءَ جي تحريڪن ۾ ڀرپور حصو ورتو. جيل ويو، ضلعي بدر ٿيو، گهرن جون تلاشيون ورتيون ويون ۽ ٻنون فائرنگ جهڙن ڪيترن ڪيسن کي پاڻ منهن ڏنو. هندستان جي آزاديءَ کان پوءِ سنڌ کي پنجاب جي غلاميءَ مان آزاد ڪرائڻ ۾ پهرايائين ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي سان هاري تحريڪ ۾ ڪم ڪيائين، جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد سان سڄي زندگي ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪيائين ۽ بزم صوفياءِ سنڌ جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري رهيو. سائين جي ايم سيد جو مشهور ڪتاب ”جيئن ڏٺو آهي مون“ پاڻ ڇپرايائين ته سائين سان گڏ مٿس به ڪُفر جي فتويٰ نڪتي. انهن تحريڪن ڪري بابا اڪثر ڳوٺ کان ٻاهر رهندو هو ۽ اسان جي سڄي گهر جي سارسنڀال اسان جي ڏاڏي ڪندي هئي. پاڻ هڪ سؤ پنج سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين. يعني 1987ع ۾ اسان جو ڳوٺ ٻنون سنڌو درياءَ ۽ پيڃاري ڦاٽ تي هئڻ ڪري وڏي اهميت وارو هو. جتي انسپيڪشن بنگلو، چاوڙي مسافرخانو، ٻيلي کاتي جي آفيس، پرائمري اسڪول (جيڪو 1888ع کان قائم ٿيل آهي.) اسپتال، ڍڪ ۽ شهر جي صفائي، روشني ۽ سنڀال لاءِ سينيٽري ڪاميٽي قائم هئي جنهن جو چيئرمين اڪثر بابا هوندو هو. هو ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻي کي به چيئرمين ڪندو هو. ٻيلي کاتي جي آفيس سان گڏ هت سندن سڄي اسٽاف جي رهائش پڻ هوندو هئي. جيڪي هت وڏي ٺٺ سان رهندا هئا. آر- ايف- او پنهنجي بنگلي ۾ رهندو هو انهيءَ مٿان هڪ وڏي لانڍي ۽ اڱڻ هوندو هو. رينج فاريسٽ آفيسر گهڻو ڪري شام جو اُت ماڙيءَ تي آرام ڪُرسين تي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو ۽ سندس اڳيان سندس ملازم ۽ مالدار ماڻهو ويٺا هوندا هئا. انهيءَ زماني ۾ ٻيلن ۾ مال چارڻ لاءِ سرڪاري في ڏبي هئي جنهن کي ”پن چري“ چئبو هو ۽ مالدار کي في پيارڻ جي رسيد ملندي هئي. اُها رسيد مال چارڻ وارو پاڻ سان گڏ رکندو هو. جيئن بروقت هو ٻيلي کاتي جي عملدارن کي ڏيکاري سگهي. جنهن جو باقاعدي رينج آفيس ۾ رڪارڊ هوندو هو.
    ٻيلن اندر هينئر ماڻهو ۽ مالدار ڌاڙيلن جي رحم ڪرم تي آهن. وڻ نالي ته ٻيلن ۾ ڪابه شيءِ ڪانهي. جيتوڻيڪ ٻيلن ۾ هينئر وڻ پوکڻ لاءِ اقوام متحده ۽ ٻيا ڪيترا عالمي ادارا فاريسٽ ڊپارٽمينٽ کي ڪروڙن رپين جا فنڊ به ڏين ٿا. جيڪي اڳ ڪونه ملندا هئا. پر هينئر ڪرپشن، پاڻيءَ جي گهٽتائي ۽ هر طرح جي بي راه روي جنهن ۾ ٻيلن جي ڪامورن سان گڏوگڏ عوام ۽ سياسي ماڻهن به گهٽتائي ڪانه ڪئي آهي. ٻيلن ۾ وڏا پَها هوندا هئا جن جي باقاعدگيءَ سان لاپنگ صفائي، پاڻي جي ڇنڊڪار ڪئي ويندي هئي. مال جي چرڻ لاءِ سڄو ٻيلو نه پر ڪجهه حصو مخصوص ٿيل هوندو هو. ڀرپاسي جي ڳوٺن جا ماڻهو خاص ٻيلا ڏسڻ لاءِ ايندا هئا.
    دادا گوبند پنجابي 1989ع ۾ جڏهن هندستان مان مون وٽ ٻني گهمڻ آيو هو تڏهن به مولچند ٻيلو گهمڻ هليو هو. اُهي هئا ٻيلي جا ٺٺ. ٻنون انسپيڪشن بنگلو ته انگريزن پنهنجي ۽ سندن بيگمن جي موڪلن ۽ تفريحن لاءِ ٺهرايو هو. سو سنڌ جي چيف مسنٽر هائوس ۽ دهليءَ حڪومت جي چيف منسٽر هائوس (جت اسان کي دهلي جي چيف منسٽر شيلا ڊڪشٽ ڊنر ڏني ۽ ائين ان جي ڏسڻ جو اتفاق ٿيو.) کان به وڌيڪ پروقار ۽ سينگاريل هوندو هو. ٻنون انسپيڪشن بنگلو ٻني کان ميل کن پري پيڃاري ڦاٽ سان لڳ تقريباً پندرهن ايڪڙن ۾ پکريل باغ ۾ وڏن پپرن، بڙن ۽ نمن هيٺان هڪ محل لڳندو هو. انگريز دؤر حڪومت ۾ اهو قانون هو ته صوبي جو گورنر پنهنجي صوبي جي اندر ندين ۽ اهم آثار قديم جي ماڳن تي سال ۾ هڪ ڀيرو ضرور وڃي. هڪ ته انهيءَ ڪري جو انهن جي اچڻ سبب سارسنڀال به ٿي ويندي هئي، ٻيو ته صوبي جي سربراهه کي اهي هنڌ ڏسڻ ڪري سڄي پوزيشن جي خبر پوندي هئي. اهڙي طرح سان وري وائسراءِ لاءِ به قانون هوندا هئا ته سال ۾ هڪ ڀيرو هندستان جي اهم قومي ورثن ۽ اهم فوجي اهميت جي ماڳ مڪانن تي سال ۾ هڪ ڀيرو وڃي ڏسي. اهوئي سبب هو جو وائسراءِ موهن جو دڙو ڏسڻ ايندو هو ۽ پوءِ انهيءَ بهاني اُت شڪار به ڪندو هو ۽ لاڙڪاڻي ۾ تر جي اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو هو. انهيءَ ڪري ئي سرشاهنواز ڀٽو، قاضي فضل الله ۽ ايوب کهڙو هندستان جي مک ليڊرن ۾ ڳڻجڻ لڳا. سرشاهنواز ڀٽو جوناڳڙهه جو وزيراعظم ۽ ايوب کهڙو گول ميز ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ لنڊن وڃي پهتا. نه ته خان بهادر ته سڄي سنڌ ۾ جام هئا. رڳو اسان جي سجاول سب ڊويزن ۾ به سڄا سارا ٻه خانبهادر موجود هئا، هڪ خانبهادر خير محمد چانڊيو ۽ ٻيو خانبهادر خير بخش خان لغاري. انگريز حاڪمن جي انهن دورن ڪري ٻني انسپيڪشن بنگلي جو وڏو شان هو. بنگلي ۾ اڳيان ورانڊو، پٺيان ورانڊو وچ ۾ وڏو هال، هال جي ٻنهي پاسن کان ٻه وڏا سوٽ هئا. هر سوٽ ۾ ٻه ڪمرا، وڏو باٿ روم، جنهن ۾ هر شيءَ انگريزي نموني جي، يعني وڏا ٽب، ڪموڊ وغيره باٿ رومن جي صفائي لاءِ ٻاهران ٻاهر دوازا هئا. بنگلي جي ڪراڪري لاءِ بنگلي اندر هڪ جدا ڪمرو هو. پر بورچي خانو پرڀرو هو، بنگلو ايڏو ڪشادو هو جو ٻنهي سوٽن ۾ رهندڙن جي پراءِ ويسي (Priwacy) بلڪل قائم رهي. انهيءَ وڏي بنگلي ۾ صرف صاحب لوڪ ۽ انهن جو مئڊمون رهنديون هيون. جڏهن اهي هليا ويندا هئا ته بنگلو صفا بند ٿي ويندو هو. ڪير به ان ۾ڪونه رهندو هو. بنگلي ۾ هوا لاءِ وڏيون جهليون، ڇت ۾ ٽنگيل هوندو هيون. جن جا رسا ڇڪڻ لاءِ ڀتين ۾ سوراخ ٺهيل هئا. رسو ورانڊي ۾ ويٺل نوڪر ڇڪيندا رهندا هئا. انگريز آفيسرن کي ۽ انهن رسن ڇڪڻ وارن کي هڪ ٻئي جي شڪل ته پري پر هڪ ٻئي جي ڪا خبر به ڪانه پوندي هئي ته اندر صاحب لوڪ ڇا پيا ڪن. بنگلي تي مٿي چڙهڻ لاءِ ڪشادي ڪاٺ جي ڏاڪڻ ٺهيل هوندي هئي. ان ڏاڪڻ جي ڀرسان بنگلي لاءِ وڏي پاڻي جي ٽانڪي هوندي هئي. جنهن کي ايريگيشن جا ملازم سڄو ڏينهن پيا ڀرينداهئا ۽ صفائي ڪندا رهندا هئا. بنگلي جي ڇت تي آفيسرن جي ويهڻ جو بندوبست ٿيل هوندو هو. بنگلي جي اڳيان هڪ وڏو ٿلهو هوندو هو جنهن جو سيمينٽ پلستر سج جي روشنيءَ تي پيو چلڪندو هو. انهيءَ تي تمام وڏيون آرام ڪرسيون رکيون هونديون هيون، مون ايڏيون وڏيون ڪرسيون زندگي ۾ ڪونه ڏٺيون.
    قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو آهي ته اُهي هوا واريون جهلون هلائڻ وارا ملازم جي ڪڏهن ننڊ سبب سمهي پوندا هئا ته انگريز آفيسر کين ٿڏا هڻي ماري ڇڏيندا هئا ۽ پوءِ جي ڪڏهن انهي آفيسر تي انڪوائري ٿي به ته کيس رڳو وارننگ ئي ڏني ويندي هئي. يا مٿس ٻه روپيا ڏنڊ وڌو ويندو هو. مون پاڪستان ۽ هندستان گهڻو ڪري سڄو ڏٺو آهي، مثلاً ممبئي جو گيٽ وي آف انڊيا، اورنگ آباد، لڳ اجنتا الورا ۽ اورنگ آباد اندر اورنگزيب جي زال جو ٺهيل مقبرو جنهن کي هندستان ۾ ”بيبي کا مقبرا“ چون جيڪو هو بهو تاج محل جو نقل ٺهيل آهي، دهليءَ ۾ لال قلعو، بادشاهي مسجد، لوڌي گارڊن جنهن ۾ ننڍا وڏا مقبرا شامل آهن، قطب مينار، انڊيا گيٽ ۽ ان جي چؤطرف انگريزن جون ٺهيل جايون جنهن ۾ ٻاهران وائسراءِ جو گهر جنهن ۾ انهيءَ وقت ٽي هزار ملازم هوندا هئا. اتي اهڙا ته بورچي هوندا هئا جو لارڊ مائونٽ بيٽن جي زال پنهنجي ساروڻين ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته جڏهن اسان پهريون ڀيرو وائسراءِ هائوس ۾ آياسين ته اتي بورچين اسان جي پاليل ڪُتي لاءِ ڪڪڙ ٺاهي کيس ڏنو پر مون کي اهو ڪتي لاءِ پڪل ڪڪڙ اهڙو ته وڻيو جو مون لِڪي وڃي هڪ عليحده ڪمري جي ڪُنڊ ۾ کاڌو. چون ٿا ته انگلينڊ جو ولي عهد انهيءَ دؤر ۾ جڏهن هندستان آيو ۽ وائسراءِ هائوس ۾ قيام کان پوءِ چيائين ته مون کي اڄ خبر پئي آهي ته بادشاه محلن ۾ ڪيئن رهندا آهن. مٿرا ۾ ڪرشن جي جاءِ پيدائش ۽ اُتي ٺهيل مندر، آگري ۾ تاج محل، آگري جو قلعو، فتح پور سِڪري ۾ جامع مسجد، قلعو ۽ ان ۾ ٺهيل محل.
    لاهور ۾ بادشاهي مسجد، لاهور جو قلعو، شاليمار باغ، ڪراچيءَ ۾ هاءِ ڪورٽ جي بلڊنگ، سنڌ اسيمبليءَ جي بلڊنگ ۽ راڻي باغ ڏٺا آهن. واقعي مغلن ۽ انگريزن گڏيل هندستان ۾ وڏي شوق ۽ نفاست سان محل محلاتون ۽ باغ باغيچا ٺهرايا جن جو مثال ڪونهي ۽ هندستاني اُنهيءَ تي ترنگا هڻي ويهي رهيا.
    هاڻ وري ٿا اچون ٻني جي بنگلي جي احوال تي، انهيءَ جي ٿلهي اڳيان وڏو باغ هوندو هو. جنهن ۾ وڏي لان ۽ ان جي چؤطرف رنگ برنگي موسمي گل، جنهن لاءِ ڪيترا مالهي هر روز باغ جي سارسنڀال لهندا هئا. منهنجو ننڍي هوندي جڏهن باغ/ بنگلي ڏانهن وڃڻ ٿيندو هو ته ڪيترا سارا گل ۽ ڊاک مالهي مون کي ڏيندا هئا، جن کي کڻي اچي ڏاڏيءَ جي پيرن تي رکندو هوس. هن وڏي بنگلي جي ڀر ۾ ٻيو به هڪ تمام وڏو بنگلو هو (پر انسپيڪشن بنگلي کان ڪجهه ننڍو.) جنهن جي اندران ٻاهران ڪئين ولائتي شيشا لڳل هوندا هئا. جن ۾ پاڻ کي سڄو ڏسي ڏاڍو لطف ايندو هو. اهو بنگلو به وڏي بنگلي کان گهٽ ڪونه هوندو هو. پر انهيءَ اڳيان دڪو ۽ باغ ڪونه هوندو هو. انهيءَ بنگلي ۾ ريگيوليٽر، ڪالوني، پيڃاري ۽ شاخن جو انچارج، اسسٽنٽ انجنيئر رهندو هو. انهيءَ کان ٿورو پرڀرو سب انجنيئر، فون آپريٽر (جنهن کي ان وقت ڪئنال وائچر به چوندا هئا.) گدام، بورچي خانو ۽ ڪئمپ آفيسر لاءِ ٺهيل آفيس ۽ ٻيا ڪوارٽر ٺهيل هوندا هئا. پر پوءِ فون آفيس ۽ فون آپريٽر لاءِ ڪوارٽر بنگلي کان گهڻو پري ٺاهيو ويو. ڇو ته فون آپريٽر جي هيلو هيلو ۽ فون جي گهنٽين جو آواز بالا آفيسرن جي آرام ۽ ڳالهائڻ کي ڊسٽرب ڪندو رهندو هو. انهيءَ ڪري فون کي هتان هٽائي آواز جي رينج کان ٻاهر لڳايو ويو.
    بنگلي جي پندرهن ايڪڙن جي ايراضيءَ کي سرسبز رکڻ لاءِ واهن مان پاڻي ايندو هو. ۽ جڏهن واهن جو پاڻي هيٺ ٿي ويندو هو ته پڪي کوهه ذريعي پارڪ، گلن ۽ هن سڄي ايراضيءَ ۾ پوکيل وڻن کي پاڻي ڏنو ويندو هو.
    نيويارڪ ۾ اقوام متحده جو هيڊ ڪوارٽر پڻ پندرهن ايڪڙن تي ٺهيل آهي. هي زمين راڪفيلر مفت ۾ ڏني. ڇو ته زمين شهر کان پري هئڻ ڪري وڪي ڪانه ٿي پوءِ اقوام متحده جي هيڊڪوارٽر ٺهڻ دوران ئي وڏي اگهه ۾ وڪجي ويئي (ڏسو روسي صدر گروميڪو جي آتم ڪٿا) بنگلي ۽ ڪوارٽرن ۽ رستن تي ڇٽڪار ڪئي ويندي هئي. انهيءَ واه جي ڀرسان ڍڳن لاءِ گاهه (جيڪي نار وسيلي واه مان پاڻي ڪڍندا هئا.) به جام هوندو هو. هڪ ڇني تي پکڙيل ڊاک جي وَل جو وڏو شيڊ هوندو هو. جنهن ۾ هميشه ڪاري ڊاک جا وڏا ڇُڳا پيا لڙڪندا هئا. پارڪ سان گڏ بنگلي ڏانهن ويندڙ سڀني رستن تي ڪيترن ئي قسمن جا گل پوکيل هوندا هئا. انهن جي باقائده هر روز سارسنڀال ۽ ڇانٽي ٿيندي هئي. انسپيڪشن بنگلي جي حدن اندر چوپايو مال ته ٺهيو پر اسٽاف کان سواءِ غير واسطيدار ماڻهو به نظر ڪونه ايندو هو. سڄو منظر ۽ ماحول پرسڪون ۽ گلن جي خوشبوئن سان واسيل هوندو هو. اڄ به بنگلي اڳيان جيڪو پِپِرَ جو وڻ بيٺو آهي. تنهنجي ٿُڙ جي گولائي گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه، ٽيهه فٽ ٿيندي. هاڻي ٻيو ته سڀ ڪُجهه ختم ٿي چڪو آهي. سواءِ بنگلي جي بلڊنگ جي تنهن جا به حال هيڻا سور ٻيڻا آهن.
    چون ٿا ته درياءَ مان نڪرندڙ پيڃاريءَ ۾ جڏهن پاڻي لهي ويندو هو ۽ درياءَ کان بنگلي تائين ٻيڙي ڪانه پهچي سگهندي هئي ته پوءِ صاحب لوڪن ۽ سندن مئڊمن کي آگ بوٽ ۽ وڏين ٻيڙين مان کڻي بنگلي تائين پهچائڻ لاءِ وڏيون سينگاريل ڏوليون هونديون هيون جن ۾ کڻي کين انسپيڪشن بنگلي تائين پهچايو ويندو هو. پوءِ اهي مئڊمون وڏن وڏن ٽبن ۾ شام جو خوشبودار پاڻيءَ ۾ وهنجي سهنجي تيل ڦليل ڪري اچي باغ ۾ ٽلنديون هيون. بقول ڪنهن شاعر جي ته:
    کیا رات تھی کہ، ایک کھانی میں کٹ گئی
    اڄ انهيءَ بنگلي ڏانهن ويندي به ڊپ ٿو لڳي. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو. ڪهڙن نه تجربن ۽ قاعدن قانونن سان انگريزن هي سڀ ڪجهه ٺاهيو ۽ ڪيئن نه يڪدم کيل ختم ٿي ويو. اسان پنهنجي ننڍپڻ ۾ سڀ ڪجهه ڏٺو ۽ ٻڌو هو.
    وڏا چوندا هئا ته هر سال جڏهن ممبئي جو ۽ تنهن کان پوءِ سنڌ جو گورنر ٻني بنگلي تي اچي منزل ڪندا هئا ته ٻني ۽ اردگرد جي علائقي ۾ ميلي جو سمان لڳندو هو. گورنر سان سندس فيملي ۽ سڄو اسٽاف گڏ هوندو هو. اسٽاف لاءِ ٽينٽ (تنبو) لڳندا هئا جن ۾ هو رهندا هئا. گورنر جو رڪارڊ اٺن جي ٻنهي پاکڙن تي رکيل پيتين ذريعي پهچندو هو، گورنر هت ٻه ڏينهن رهندو هو. انهن ٻن ڏينهن ۾ پاڻ باقاعدگيءَ سان سرڪاري ڪاغذ ڏسندو، پڙهندو ۽ انهن تي ضروري حڪم جاري ڪندو هو. ڳوٺ جا وڏا ڳالهيون ٿا ڪن ته صبح سوير گورنر انهيءَ جي زال ۽ سندس ڌيئرون بنگلي کان نڪري ٻني جي چؤطرف بند تي چڍين سان واڪ ڪندا هئا. ساڻن ڪوبه گارڊ نه هوندو هو. صرف هڪ گائيڊ (ترجمان) ساڻن گڏ هوندو هو. جڏهن ٻني جي ويجهو بند جي چاڙهيءَ هيٺان ماڻهن جا هشام ڏسندا هئا. جيڪي ماڻهو کين ڏسڻ لاءِ اتي جمع ٿيندا هئا. ته انهيءَ گائيڊ کان پُڇندا هئا ته هي هيترا سارا ماڻهو هتي ڇو اچي گڏ ٿيا آهن ته گائيڊ کين ٻڌائيندو هو ته هي ماڻهو توهان کي ڏسڻ لاءِ آيا آهن ته پاڻ ماڻهن ڏانهن نهاري هٿ لوڏي مشڪي اڳتي روانا ٿي ويندا هئا ۽ ڳوٺ جا غريب، مسڪين ماڻهو انهيءَ ادا تي خوش ٿي ويندا هئا. ٻني جي ويجهو ٽن ميلن تي هڪ تمام وڏي ڍنڍ به هوندي هئي جنهن جو نالو ٻگهي ڍنڍ هوندو هو. جت ملڪ جا وڏا امير وزير ۽ حاڪم شڪار تي ايندا هئا. انهن ۾ مير غلام علي ٽالپر، صدر اسڪندر مرزا ۽ صدر ايوب ۽ ڀٽي کي مون منهنجي ننڍپڻ ۾ اُت شڪار ڪندي ڏٺو. ڍنڍ ۾ جڏهن سَوَن جي تعداد ۾ پکي اڏامندي ڏسندا هئاسين ته ڏاڍو مزو ايندو هو. مون کي بابا سان گڏ محمد يوسف چانڊئي وٽ لاڏين ۾ شڪار تي اچڻ ڪري ۽ سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ ۽ ايئرپورٽ تي نوڪري ڪندي، چوويهه مُلڪن جا سؤ کن وڏا شهر ڏسڻ ڪري ۽ دنيا جي ڪيترن بادشاهن، صدرن، وزيراعظمن، شهزادن ۽ راڻين کي ويجهو ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن ۾ ايئرپورٽ تي ته هر روز ڪونه ڪونه وي آءِ پي ماڻهو ڏسبو هو.
    ٻگهي ڍنڍ کان سواءِ دريا سنڌ، سانوڻ ۾ ٻني سان گڏوگڏ ۽ سانوڻ بعد ٿوري پنڌ تي وهندو هو. ٻني جو پيڃاريءَ سان گڏ هئڻ ڪري درياءَ جي پري هئڻ جو احساس ئي ڪونه هوندو هو. ڇو ته پيڃاريءَ ۾ هميشه ٻيڙيون بيٺيون هونديون هيون. جن ۾ چڙهي درياءَ تائين پهچڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. هندستان کان سنڌ ۾ آيل ڪيترن ئي سياحن جڏهن پهريون ڀيرو سنڌو درياءَ ڏٺو ته انهيءَ سان گڏ ٻنون به ڏٺو، جن پنهنجين لکڻين ۾ ٻني جو به ذڪر ڪيو آهي جنهن ۾ جيمس برنس جو ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ به شامل آهي.
    ڊاڪٽر غلام علي الانا ته پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو آهي ته سڪندر، جڏهن هندستان ۾ ڪاهن کان پوءِ يونان لاءِ سنڌ مان ٿيندو روانو ٿيو هو ته هو ٻني جي پيڃاري ڦاٽ کان ئي وڃي سمنڊ تائين پهتو هو. پوءِ اُتان واپس يونان روانو ٿيو. سو درياءَ بادشاهه جو ٻني سان لڳ هئڻ ڪري ٻنون هميشه سکيو ستابو رهيو آهي. آڳاٽي زماني ۾ جڏهن درياءَ تي اڃان ڊئم ۽ بئراج ڪونه ٺهيا هئا، گهڻو ڪري درياءَ سڄو سال وهندو رهندو هو. اهوئي سبب هو جو سڄو سال پَلا، مڇيون، گانگٽ مرندا رهندا هئا. سانوڻ مهيني ۾ ڪنهن ڪنهن سال ته ايترا پلا ٿيندا هئا جو اڌ رڇ ۾ پيل پلن سان ئي ٻيڙي ڀرجي ويندي هئي. ۽ باقي رڇ ۾ پيل پلا واپس درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيندا هئا. ايترن پلن کي وڍڻ ۽ ڇلڻ لاءِ ٻني جي مياڻ جون سڀ مايون درياءَ تي وينديون هيون. تڏهن به پلا بچي پوندا هئا. پوءِ ٻني جي ماڻهن کي ناکئا نياپيا موڪليندا هئا ته اچي مفت ۾ پلا کڻي وڃو. هڪ ڀيرو ته مون پنهنجي اکين سان درياءَ تي وڃي ڏٺو ته درياءَ جو سڄو ڪپر رڳو پلا ئي پلا ٿيو پيو هو. پوءِ اهي پلا اتان ساٽي ۽ گهوريئڙا گهوڙن، گڏهن ۽ پٺن تي کڻي ميلن تائين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وڪڻڻ لاءِ پکڙي ويندا هئا. (پر اڄ ڪڏهن ڪڏهن ٻني ۾ ٻني جا نه پر توهان کي ايران جا پلا کائڻ لاءِ ملندا.) درياءَ ۾ اُن وقت ٺيڪيداري سسٽم هوندو هو. ٺٽي ضلعي ۾ گهڻو ڪري پلن جا ٺيڪا غلام حسين بابو (سابق ميمبر قومي اسيمبلي) جو پيءُ کڻندو هو. جنهن کي ”سيٺ سوني مُنڊي“ نالي سان سڏيو ويندو هو.
    هڪ دفعي حيدرآباد جي سيٺ ٽئون مل به درياءَ جو ٺيڪو کنيو ۽ بابا سائين جو به ساڻس حصو هو. پلن کي رکڻ لاءِ مياڻ هوندي هئي. جنهن ۾ ٺيڪيدار جو منشي ۽ ٻيو اسٽاف رهندو هو، جن جي رهائش به اُتي هوندي هئي ۽ پلي جي وڪري جو حساب ڪتاب به رکيو ويندو هو جنهن لاءِ رجسٽر هوندا هئا. سڄو سال درياءَ جي وهڪري ڪري درياءَ جي ٻنهي پاسن کان وڏا وڏا سرسبز ٻيلا هوندا هئا جنهن ۾ هر قسم جا وڻ نظر ايندا هئا. درياءَ ۾ پاڻي لهڻ شرط ٻيلي کاتي وارا ٻيڙين ذريعي ۽ پنڌ، پاڻ ۽ مزورن معرفت اُتي ٻج پوکيندا هئا. (ٻيلي کاتي جي آفيس اڳيان ٻجن جي ٻورين جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا.) جڏهن اهي وڻ ٿورا وڏا ٿيندا هئا ته انهن ۾ ڦاڙها ۽ سوئر جام نظر ايندا هئا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ٻني شهر ۾ به لنگهي ايندا هئا. هڪ دفعو اسان جي گهر ۾ به سوئر اچي داخل ٿيو. ٻيو دفعو سانوڻ درياءَ وقت شهر ۾ ٻوڏ جو خطرو هو انهيءَ دوران ماڻهن ڦاڙهو ڏٺو ۽ وڏي آواز وٺي ڦاڙهو ڦاڙهو ڪري پڪارئون ته ڪن ماڻهن سمجهيو ته گهارو گهارو پيا چون ۽ ائين سڄو شهر گهاري جي ڊپ کان اچي بچاءُ بند تي گڏ ٿيو پوءِ خبر پئي ته گهارو نه پر ڦاڙهو هو. ٻيلي ۾ شڪار ڪرڻ ڪري ڪيترا دفعا ڦاڙهي جي گوشت کائڻ جو موقعو مليو. درياءَ ۾ پري پري جا ماڻهو درياءَ گهمڻ ايندا هئا ۽ اسان وٽ بابا سائين جي وقت کان ڪئين مهمان، بابا سائين جا دوست ايندا رهندا هئا. جن ۾، شيخ اياز، جمال ابڙو، سراج ميمڻ، ابراهيم جويو، غلام رباني آگرو، تنوير عباسي، رشيد ڀٽي ۽ بابا جا انگريز آفيسر دوست به شامل هوندا هئا. درياءَ ۾ چانڊوڪيءَ رات جي وقت هڪ سحر انگيز منظر هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پروگرام ٻن ٻيڙين ۾ ته ڪڏهن درياءَ وچ ۾ ڪنهن ٻيٽاري تي ٿيندا هئا. سڄي رات درياءَ ۾ راڳ رنگ، کاڌا پيتا ۽ وڃي صبح ٿئي يا ڀنڀرڪي جو گهر واپس اچبو هو. سانوڻ درياءَ جو پنهنجو گوڙ، موج مستي ۽ ڀرپاسي گهاٽن وڻن جي هٻڪار ڪري ماحول هڪ عجيب منظر پيش ڪندو هو. مٿان شيخ اياز جو ڪلام ۽ دؤر پي دؤر چلي ۾ دل چاهيندي هئي ته هيءَ رات اڄ ختم ئي نه ٿئي. ڪڏهن ڪڏهن اهڙا پروگرام ڏينهن جو به ٿيندا هئا جن ۾ دريا اندر ٻُلهڻيون ٽپ ڏيندي نظر اينديون هيون. اهو نه صرف ٻني ۾ پر سڄي درياءَ سنڌ ۾ توهان کي ٻلهڻيون درياءَ ۾ نظر اينديون هيون. درياءَ سنڌ تي ڊئم ۽ بئراجن ٺهڻ ڪري هاڻ توهان کي صرف پنجاب جي چشما ۽ تونسا واري علائقي ۽ سکر کان مٿي ٻلهڻيون (ڊالفن) نظر اينديون چون ٿا ته هن وقت سڄي درياءَ ۾ فقط 965 ٻلهڻيون وڃي بچيون آهن. دنيا ۾ پنجن قسمن جون ٻلهڻيون ٿين. پهرين ۽ ٻي قسم جون ٻلهڻيون آمريڪا جي اميزون درياءَ ۽ ليپ ليٽ Lap Late ۾ ٿين ۽ ٽي قسم جون ٻلهڻيون چين جي يانگ ٽز Yangtze دريا ۾ ٿين ۽ چوٿين قسم جون ٻلهڻيون نيپال، هندستان ۽ بنگلاديش جي دريائن گنگا، برهم، پترا، ميگهنا ۽ ڪرنافليءَ ۾ ٿين جڏهن ته پنجين قسم واري ٻلهڻ صرف درياءَ سنڌ ۾ ٿئي. جنهن کي انڊس ڊالفن يا انڌي ڊالفن چيو ويندو آهي. جيڪا تمام ناياب ۽ اڻلڀ آهي. ڇو ته هيءَ انڌي آهي، هزارين سال اڳ هيءَ انڌي ڪانه هئي. پر درياءَ سنڌ جي ميري ۽ لڙاٽيل پاڻيءَ ۾ رهي هيءَ انڌي ٿي ويئي ڇو ته هن پاڻيءَ ۾ اندر ڪجهه به ڏسي ڪونه ٿو سگهجي تنهن ڪري قدرت جي قانون مطابق جنهن عضوي جو ڪارج ختم ٿي ويندو آهي ته اهو عضوو خود به خود جاندار جي جسم مان خارج ۽ ختم ٿي ويندو. قدرت ان جي عيوض ٻلهڻ کي وري انتهائي حصاص سونار سسٽم Sonar Ecolotation System سان نوازيو آهي. جنهن تحت هوءَ کاڌي جي تلاش خطري ۽ حملي جي قوت سان پاڻ کي محفوظ رکيو اچي. بحرحال هاڻ درياءَ ۾ اهي ٻلهڻين جا ٺينگ ٽپا ته پنهنجي جاءِ تي پر هاڻ ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري ڪوٽڙيءَ کان هيٺ سم جي پاڻي ۽ سمنڊ جي اُٿل ڪري درياءَ جو پاڻي سانوڻ کان پوءِ کارو ٿي ويندو آهي. کاري پاڻي ڪري هر قسم جي جيوت ۽ مڇي پلو به مري ويندا آهن ۽ درياءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ميربحر ويندا آهن ته شهر مان پيئڻ لاءِ ڪولر پاڻي جو پاڻ سان کڻي ويندا آهن.


    2

    درياءَ ۾ جڏهن ٻيڙين جي آمدرفت ۽ شهرن سان واپار هلندڙ هو. تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍا دلچسپ واقعا به ٿيندا هئا. گهر ۾ منهنجي ڏاڏي خديجه صبح جو سوير اُٿي پهرين نماز پڙهي مصلحي تي تسبيح پڙهي پوءِ ڪم ڪار ۾ لڳي ويندي هئي. اسان سج اڀري کان اڳ ننڍ مان اٿندا هئاسين. گهر ۾ هڪ وڏو صفحو، پاسن کان ٻه ڪمرا، تن اڳيان ورانڊو، ورانڊي جي اترطرف هڪ ڪمرو وهنجڻ ۽ پاڻيءَ لاءِ، ڏکڻ طرف به ڪمرو، انهيءَ کان ٻاهر هڪ تمام وڏي لانڍي، جنهن ۾ رڌپچاءُ به ٿيندو هو ۽ ماني به اُت کائبي هئي. سرديءَ ۾ گهر اندر ۽ گرميءَ ۾ ٻاهر اڱڻ تي سمهڻ ٿيندو هو. پر گرمي ۽ سرديءَ کان سواءِ ، برسات ۾ به انهيءَ لانڍيءَ ۾ سمهبو هو. گهر ۾ بتيون ٻرنديون هيون ۽ ٻن ڪلاڪن لاءِ پئٽرومڪس جنهن کي گولو به چئبو هو سو ٻرندو هو. پر جي مهمان هوندا هئا ته رات دير تائين هڪ نه پر ٻه گولا ٻرندا هئا. سياري ۾ به انهيءَ لانڍيءَ جي وچ ۾ آڳٺي ٻاري چؤطرف ويهبو هو. سمهڻ کان اڳ ڏاڏي سياري ۾ هٿ پير سيڪي پوءَ هنڌ تي سمهاري سوڙ مٿان وجهي پوءِ وڃي پاڻ سمهندي هئي. کاڌي ۾ صبح جو ماني، مکڻ ماکي لسي ۽ بابا بيضو به کائيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن مون کي به بيضو ملندو هو. ٻنپهرن جو گهڻو ڪري مڇي پلو ۽ ڪڏهن ڪڏهن گوشت جو ٻوڙ هوندو هو. صرف بابا لاءِ اضافي هڪ ٻوڙ سبزيءَ جو ٺهندو هو. رات جو گهڻو ڪري اهائي ٻوڙ ۽ چانور ٺهندا هئا. پر مون حيدرآباد پڙهڻ کان اڳ ڪڏهن به رات جي ماني ڪانه کاڌي، صرف وٽو کير جو پي سمهي رهندو هوس. باقي ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني کائيندو هوس. برسات ۾ ڏاڏي مٺو ڀت به ٺاهيندي هئي. مٺو ڀت ڳڙ ۾ ٺهندو هو. برسات جي موسم ۾ شهر جا ٻار سڄي شهر ۾ ڪارڙو ڪنڀارڙو، اَن پاڻي ڏي، مينهڙو وسي، ڳائي گهر گهر مان اَن وٺي پوءِ اهو بازار ۾ وڪڻي پئسا پاڻ ۾ ورهائيندا هئا. ننڍپڻ ۾ آئون گهڻو ڪري طبيعتاً اڪيلائي پسند هوس پر گهر اڳيان ٻارن سان بلورن يا اٽي ڏڪر راند ڪُڏندو هوس.
    ٻنون شهر ڪنهن ماهر جي نقشي ۽ رٿابندي سان ٺهيل آهي جنهن ۾ سرڪاري آفيسون هڪ طرف ته رهائشي علائقو ٻي طرف ۽ وچ ۾ بازار هوندي هئي. ٻنون شهر جون گهٽيون بلڪل سڌيون هونديون هيون. گهٽيون جت هڪ ٻئي سان گڏبيون هيون ته هڪ چوڪ ٺهي پوندو هو. يعني چئن رستن جو وچ، جت پري تائين نظر پوندي هئي. رات جو روشنيءَ لاءِ شمعدان هوندا هئا جن جي هر روز صفائي ٿيندي هئي ۽ گاسليٽ وڌو ويندو هو. شهر جي اولهه ۾ اسڪول، اوڀر ۾ رائيس مِل، اولهه ۾ ٿاڻو، ڏکڻ ۾ ٻيلي وارن جون آفيسون، اسپتال چاوڙي ۽ ٽڪاڻو جنهن ۾ وڏي واءِ هوندي هئي. اتر ۾ پيڃاري جت سدائين جام ٻيڙيون بيٺيون هونديون هيون، شهر جي وچ ۾ بازار، جنهن ۾ دُڪان ۽ هوٽلون هونديون هيون. دڪانن جي اڳيان پِڙيون هونديون هيون. حيدرآباد کان وايا ملاڪاتيار هڪ بس هلندي هئي. جيڪا ٻني کان دڙو، ٻيلو ۽ سجاول تائين ويندي هئي. بس ملاڪاتيار جي قمبر علي شاهه نالي سيد جي هئي. بس جي باڊي ڪاٺ جي هوندي هئي. بس هئنڊل هڻي پوءِ اسٽارٽ ڪئي ويندي هئي. بس جو ڪنڊيڪٽر جکو ميگهواڙ هوندو هو. آئون جڏهن ڪجهه وقت لاءِ سجاول پڙهڻ ويس ته ان بس ۾ چڙهي سجاول ويندو هوس. بس وارا مون کان ڀاڙو ڪونه وٺندا هئا. اڳ خاص ماڻهن جي چڙهڻ لاءِ گهوڙا هوندا هئا. بابا به دڙي، بٺوري ۾ ڪا ميٽنگ ٿيندي هئي ته گهوڙي تي ويندو هو. دڙو ٻني کان يارنهن ميل ۽ بٺورو سترهن ميل پنڌ تي آهن. بابا 1961ع ۾ وليس جيپ ورتي، جڏهن آئون انهيءَ وقت جي حساب سان پنجون انگريزي پڙهندو هوس. بابا اها جيپ اُن وقت جي اسسٽنٽ انجنيئر کان ٽن هزارن ۾ ورتي ۽ مٿس ٻارهن سؤ خرچ ڪيائين ته صفا نئين ٿي پئي جيڪا پوءِ اسان وٽ سالن جا سال هلي. ڪافي وقت کان پوءِ بابا اها جيپ وڪڻي ڪار ورتي جيڪا مورس ڪمپنيءَ جي هئي. مون خود 1976ع ۾ ٽريڪٽر خريد ڪيو جيڪو سورهن هزار ٻه سؤ رپين ۾ مليو. ۽ اڄ يعني سيپٽمبر 2009ع ۾ ٽريڪٽر جو گوبل به ستر هزار رپين ۾ ٿو ملي.
    راند ڪرڻ لاءِ اسان وٽ تمام ٿورو وقت هوندو هو. ڇو ته انهيءَ زماني ۾ شام جو وقت به اسڪول ۾ پڙهائي ٿيندي هئي. رات جو وقت وري سانجهيءَ ۽ سومهڻيءَ جي نماز جي وچ ۾ باقاعدي قرآن شريف پڙهايو ويندو هو ۽ رات جو سوير سمهڻ جي عادت هوندي هئي. اسان جو گهر شهر جي جامع مسجد جي بلڪل سامهون آهي، تنهن ڪري مسجد مان گهر تائين پهچڻ ۾ ڪابه دير ڪانه لڳندي هئي. ائين کير جو وٽو پي سمهي رهبو هو ۽ وري صبح سوير اُٿبو هو. منهنجيون ٻه وڏيون ڀيڻون هيون پر اهي مون کا نوَ ڏهه سال وڏيون هيون ۽ منهنجا ڀائر مون کان پنج سال پوءِ ڄاوا جيڪي اڃان ننڍا هئڻ ڪري مون سان راند ڪرڻ جيڏا ڪونه هئا مون کي ياد ٿو پوي ته شايد پهرين محمد رحيم (سيف) ۽ پوءِ منهنجي مامي شمس الدين جيڪو منهنجو هم عمر هو ۽ پوءِ محمد ميربحر سان منهنجي سنگت يا راندروند جي شروعات ٿي. جيڪا پوءِ ڪافي وقت هلي، محمد ميربحر ته مرحوم ننڍي عمر ۾ ئي وفات ڪري ويو. هر ڳالهه جي هڪ عمر ٿيندي آهي، مون ڏٺو آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ يعني سٺ کان پوءِ (آئون هينئر ڇاهٺ سالن جو آهيان.) ماڻهو پنهنجي فيملي ۽ ٻارن تائين محدود ٿيو وڃي صرف چند مائٽن يا دوستن سان ئي ميل ملاقات رهي ٿي. خاص ڪري لکڻ پڙهڻ واري ماڻهوءَ جي ته پوءِ سنگت صرف ڪتابن تائين محدود ٿيو وڃي. پر جيڪي ماڻهو سياست ۾ آهن تن کي نه چاهيندي به ماڻهن سان رابطو رکڻو ٿو پوي، ڇو ته اها انهن جي ضرورت آهي.
    صبح سوير وهنجي سَهنجي تيار ٿي اسڪول وڃبو هو. منهنجي ڏاڏي مون کي چوندي هئي ته ننڍپڻ ۾ تون وهنجڻ مهل ڀڄي گهٽين ۾ هليو ويندو هئين اسين پيا توکي سڏ ڪندا هئاسين. پوءِ تيار ٿي اسڪول وڃبو هو. انهيءَ وقت اسڪول ۾ ڪتاب ٿورا کڻي وڃبا هئا. هينئر ته پهرئين درجي جي ٻار کي به وڏو ٿيلهو پُٺن تي هوندو آهي. جنهن جي بار سان ٻار گهڻو ڪري جهڪي ويندو آهي. پر اسان جي وقت ۾ تمام ٿورا ڪتاب هوندا هئا. اسڪول وڃڻ مهل يا هر روز گهڻي خرچي ملندي هئي. اهو ياد ڪونهي، پر جڏهن کان ياد ٿو پوي ته شايد اٺ آنا خرچي ملندي هئي اُن مان ڇا خريد ڪبو هو. سو به ياد ڪونهي. اسڪول ۾ هينئر وانگر گهورئيڙا يا شين وڪڻڻ وارا ڪونه ايندا هئا. اسڪول کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ بازار مان ڪا شيءِ وٺي يڪدم گهر اچبو هو. بازار وڃڻ کي انهيءَ وقت سٺو ڪونه سمجهيو ويندو هو. انهيءَ وقت ڪنهن ماڻهوءَ کي هيٺانهون ڏيکارڻو هوندو هو ته چئبو هو ته هي ته ڪو بازاري ماڻهو آهي ۽ رات جو ڪڏهن ڪڏهن بازار وڃبو هو. جڏهن ريڊيو تي فرمائش ايندي هئي يا ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن بهاني طور، نه ته گهر ۾ ريڊيو هوندو هو جيڪو موٽر بيٽريءَ تي هلندو هو ۽ وڻ يا ڇت تي ڪاٺي ٻڌي اُن تي وائر لڳائي ريڊيو سان ڳنڍبو هو ۽ هيٺ به ريڊيو مان وائر ڇڪي زمين ۾ لڳائبو هو جنهن کي ارٿ چئبو هو. ان وقت ريڊيا اڄ جي ٽي وي سائيز جا هوندا هئا. جيڪي مرفي ۽ فلپس ڪمپنين جا هوندا هئا. جن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ جام ماڻهو اچي گڏ ٿيندا هئا. خاص ڪري رات جو بابا سائين گهڻو ڪري انگريزي خبرون، انگريزي پروگرام، ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي ميوزڪ ٻڌندو هو. جن کي ٻڌڻ اسان جي وس کان ٻاهر هو. باقي ان وقت کان بي بي سي ٻڌڻ جي عادت اڃان تائين ڪانه وئي آهي. گهڻو ڪري صرف ماسٽر ڪمپنيءَ جا فونوگرام ۽ رڪارڊ هوندا هئا. بابا جڏهن به ڪراچيءَ مان ايندو هو ته ٻه ٽي رڪارڊ وٺي ايندو هو انهيءَ زماني ۾ گوهر جان ۽ امير جان پاني پت واري جا گانا ڏاڍا مشهور ٿيا. (79ع ڌاري بابا سڀ رڪارڊ سنڌالاجي وارن کي ڏيئي ڇڏيا.) جيڪي ڏاڍي شوق سان ٻڌندو هو. پر ڪڏهن ڪڏهن آيل مهمانن کان سواءِ هتي اهي گانا ۽ پروگرام ٻڌڻ وارو ڪير به ڪونه هوندو هو. فونو يا ريڊيو گهر ۾ نه پر اوطاق ۾ رکيل هوندا هئا. جيڪا گهر جي ڀرسان هوندي هئي ۽ تقريباً اسان جي گهر جيڏي ئي هوندي هئي. انهيءَ ۾ ٻه ڪمرا، وچ ۾ وڏو ڊرائينگ روم جنهن ۾ انگلش اسٽائل جو فرنيچر پيل هوندو هو. جيڪو ٻي عالمي جنگ ختم ٿيڻ وقت آمريڪا جي ڪراچيءَ ۾ جنرل ”هند“ جي استعمال هيٺ آيل سامان هو. جيڪو پوءِ بابا خريد ڪيو، اهو مون کي بابا سائين ٻڌايو. شيشم جي پيتيءَ تي به اهوئي نالو لکيل آهي جيڪا اڄ به اسان وٽ محفوظ آهي. پيتيءَ سان گڏ ٻه بيڊروم لاءِ ٻه عدد اسپرنگ سان ڪوچ ۽ الماري به اڃان موجود آهن. باقي ٻيو فرنيچر ختم ٿي ويو. اوطاق جي وچئين ڪمري ۾ ڪروما پلاٽيڊ ٻه صوفا سيٽ ۽ ڊائينگ ٽيبل پيل هئا. ڀر وارن ٻن ڪمرن مان هڪ ۾ بابا جي لائبريري هوندي هئي. چئن (4) ڪٻٽن ۾ گهڻو ڪري سڀ انگريزي ڪتاب هوندا هئا. ٻيو ڪمرو بيڊ روم طور استعمال ٿيندو هو. ٻاهر وڏو اڱڻ هوندو هو ۽ اوطاق جي پُٺيان پارڪ هوندو هو جنهن ۾ شام جو بابا ۽ سندس دوست ويهندا هئا. شام جو چانهه اوطاق ۾ پئبي هئي ۽ صبح جو گهر. گهر ۾ صرف ٻه ڀيرا چانهه ٺهندي هئي. اوطاق اڳيان هڪ تمام وڏو نم جو وڻ هوندو هو جيڪو اڄ به موجود آهي. ان نم جي بابت مون کان ماسٽر چندر ممبئي ۾ ، ۽ جمال ابڙي وفات کان ٿورو اڳ ڪراچيءَ ۾ پُڇيو هو. ٻني ۾ ان وقت والي بال راند هر روز ۽ هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملاکڙو لڳندو هو. آئون به والي بال ۽ ملاکڙي ۾ حصو وٺندو هوس، پوءِ جڏهن سنڌ لا ڪاليج جي يونين ۾ آيس ته ٻين راندين سان گڏ مَلهه کي به ڪاليج ليول تائين شامل ڪرايم، پر مون کان پوءِ اهو سلسلو ڪاليج مان ختم ٿي ويو. گهر جو خرچ گهڻو ڪري بابا خود ڪندو هو پر جڏهن پاڻ ڪراچي حيدرآباد يا ٺٽي ويندو هو ته گهرجي خرچ لاءِ پهرئين ڏاڏي کي ۽ پوءِ جڏهن آئون وڏو ٿيس ته پئسا مون کي ڏيو ويندو هو. جيڪي صرف پنج روپيا هوندا هئا. اها ڳالهه پنجاهه جي ڏهاڪي جي آهي. جڏهن ڊالر پنج رپين جو هو.
    محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ (Daughter of the East) پورب ڄائي ۾ لکيو آهي ته بابا جڏهن وزير خارجه هو ۽ بابا اَمان پرڏيهي دؤري تي ويندا هئا ته مون کي گهرجي خرچ لاءِ ويهه روپيا ڏئي ويندا هئا. انهيءَ وقت به آمريڪن ڊالر ڇهه، ستن روپين جو هو. بينظير اها ڳالهه سٺ جي ڏهاڪي جي ڪئي اهي. اهو سستائي جو دؤر هو ۽ ضرورتون به گهٽ هيون، ٻه ٽي وڳا ڪپڙن جا، سادي ماني جنهن ۾ هڪ قسم جو ٻوڙ هوندو هو، پئٽرول، ڊيزل ۽ ڪيميائي ڀاڻ جي لعنت اڃان ماڻهن جي زندگيءَ ۾ داخل ڪانه ٿي هئي. تعليم مفت هئي، ڪتاب، ڪپڙو ۽ دوائون بلڪل سستا هئا. هينئر ته ڪراچي ۾ او ليول ۽ اي ليول جي اسڪولن ۾ هڪ ٻار جي في هڪ مهيني جي پنجن ستن هزارن کان گهٽ ڪانهي ۽ ويهه ويهه هزار ڊپازٽ جدا ڏيڻو پوي ٿو انهيءَ وقت ۾ ڪارون، جيپون، هيئنر ٻارن جي هڪ مهيني جي ٽيوشن فيءَ کان به گهٽ قيمت ۾ ملنديون هيون.
    اهي شهر يا ڳوٺ جيڪي دريا جي لڳ آباد هئا. انهن تي ته الله جا خاص ڪرم هوندا هئا. يعني مڇي، پلو، گانگٽ بلڪل سَستا ۽ درياءَ جي ڪپرن تي وڏا ٻيلا، جن ۾ ماکيون، کنئور، لاک، کنڀيون رڌپچاءَ لاءِ ڪاٺيون، گهر ٺاهڻ لاءِ وڏو عمارتي ڪاٺ ۽ درياءَ جي ڪپرن سان چيڪي مٽي، جيڪا عورتون ۽ مرد مٿن تي کڻي اچي گَنبَ جا گهر ٺاهين ۽ ان مٽيءَ سان ڊَڀ ملائي ڇتين، ڀتين ۽ پٽن کي راڳو ڏيندا هئا. ٻيلن مان مال جو چارو بلڪل مفت ملي ويندو هو جنهن ڪري هر ماڻهوءَ جي گهر ۾ هڪ يا ٻه ڦر مال جا ۽ ڪن وٽ ته مال جا ڌڻ جا ڌڻ ٿيندا هئا. دنيا جون قديم تهذيبون هزارن سالن کان درياهن جي ڪپرن تي آباد نظر اچن ٿيون. دنيا جي قديم ترين تهذيب يعني اسان جي پنهنجي تهذيب ۽ ورثو موئن جو دڙو پڻ درياءَ سنڌ جي ڪپرن تي آباد هو. درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري ٻيڙين وسيلي ٽرانسپورٽ جي سهولت به هڪ تمام وڏي سهولت ۽ نعمت آهي. انهيءَ سفر جي ڪري ئي ماڻهن جو هڪ ٻئي سان ميلاپ وڌيو ۽ مختلف قبيلن جون هڪ ٻئي سان مٽيون مائٽيون ٿيڻ لڳيون. جنهن ڪري دنيا هڪ فيملي ٿي پئي.
    ٻنون به درياءَ جي ڪنڌيءَ تي هئڻ ڪري انهن سڀني نعمتن سان نوازيل هو ۽ آهي جنهن ڪري ٻني جا رهاڪو به هميشه سُڪاريل رهيا آهن. انهن سڀني سهولتن ۽ آسائشن سان گڏ ڪجهه نقصان به هئا ۽ آهن. مثلاً دريائن جي ڪپن تي جيڪي به شهر آباد آهن انهن ۾ ڌُوڙ، مٽي اتي جي ماڻهن لاءِ هڪ وڏو آزار آهي. ٻيو ٻوڏن جو خطرو جنهن کان ٻني کي ته رب پاڪ محفوظ رکيو آهي. پر هاڻ درياءَ سنڌ تي ڊئم ۽ بئراجن ٺهڻ ڪري. دريائن مان پاڻي ئي موڪلائي ويو آهي. سو ٻوڏن وارو خطرو به هميشه لاءِ ختم ٿي ويو آهي. درياءَ جي ٻنهي ڪپن تي وڏا ٻيلا سدائين ڌاڙيلن جو مرڪز رهيا آهن ۽ ٻنون به اُن ڌاڙيل فئڪٽر کان محفوظ رهي نه سگهيو آهي. ٻني ۾ پاڪستان ٺهڻ کان به اڳ ڦل ماڇي نالي هڪ مشهور ڌاڙيل پيدا ٿيو جنهن تي فلم به ٺهيل آهي. اَسي جي ڏهاڪي ۾ وڏي واڌ آئي. هڪ اهڙو به زمانو آيو جو ٻني جي ويجهو کڏي ۽ ويران ٻيلو ڪراچي، دادو ۽ حيدرآباد جي ڌاڙيلن جو هڪ وڏو مرڪز ۽ منڊي ٿي پيو جت ماڻهو اغوا ٿي اچي وڪبا هئا. پر جنرل ڪرامت ۽ ڊي پي او، اي ڊي خواجه انهن کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو جنهن لاءِ واقعي اُهي کيرون لهڻن. ڪن پوليس وارن جا ته ڌاڙيلن سان واسطا به رهيا ۽ پاڻ مُخبر ٿي انهن لاءِ ڪم ڪرڻ لڳا پر اهو هيٺين ليول تي ٿيو، سوجت درياءَ جي ڪنڌين ته رهڻ وارن کي ڪيترا فائدا آهن ته وري اهڙن امڪان جو به هميشه خطرو رهندو آهي.
    ٻهراڙيءَ جي زندگي سدائين خاموش ۽ سانت واري ٿيندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اليڪشن، عيد ڏهاڙن يا ڪنهن حاجيءَ جو حج تان اچڻ ڪري يا بابا سائينءَ طرفان ڪنهن ڪانفرنس يا ورسي ملهائڻ ڪري ٻني ۽ اردگرد جي ماحول ۾ چرپر اچي ويندي هئي. مثلاً: شهر جو ڪو ماڻهو حج تان واپس ايندو هو ته شهر جا ماڻهو وڏو سرگس ۽ مولودن سان کيس شهر مان گشت ڪرائي اچي سندس گهر ڀيڙو ڪندا هئا. پوءِ شهر ۽ ڀرپاسي جا سوين ماڻهو هر روز کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ايندا هئا. ات وري هر ماڻهوءَ کي پيالي ۾ آب زم زم ۽ ڪجهه کجور ڏني ويندي هئي. پوءِ ڪي ماڻهو ويٺي ويٺي ته ڪي اُٿي بيهي ڪعبي شريف ڏانهن مُنهن ڪري آب زم زم پيئندا هئا ۽ رب پاڪ جا شڪر بجا آڻيندا هئا. حاجي ڪن ڪن ماڻهن لاءِ قيمي سوکڙيون به حج مان آڻيندا هئا. مرحوم حاجي ارباب محمد سومار دَلَ سال مڪان واري منهنجي لاءِ حج مان قيمتي واچ روليڪس آندي پوءِ رب پاڪ مونکي، منهنجي گهرواري ۽ ٻن پُٽن نور محمد ۽ فرخ کي به حج بيت الله جو ديدار ڪريو. (حضرت محمد ﷺ جو به چوڻ آهي ماڻهو هڪ ٻي کي تحفا ڏيندا ڪن.)
    عيد تي ته واقعي سڄي ڳوٺ ۾ عيد ٿي ويندي هئي. عيد رات سڄو شهر کليو پيو هوندو هو ۽ اسان به نون ڪپڙن کڻڻ بهاني درزيءَ وٽ ڪافي دير تائين ويٺا هوندا هئاسين. گهڻو ڪري نوان ڪپڙا سبرائي استري ڪرائي پوءِ گهر ايندا هئاسين.
    عيد ڏهاڙي وهنجي سِهنجي نوان ڪپڙا پائي، وارن کي مٺو تيل هڻي اکين ۾ سرمون وجهي ٻه وڏيون سفيد چادرون کڻي بابا سائينءَ سان گڏ عيدگاهه ۾ وڏين ٽالين جي هيٺان عيد نماز پڙهي پوءِ ڳوٺ وارن سان عيد ملي ڀرسان ئي قبرستان ۾ پنهنجي مائٽن جي قبرن تي گلن جون چادرون چاڙهي قل پڙهي، پوءِ بازار جو چڪر هڻي اوطاق تي اچبو هو، جت سَوَن جي تعداد ۾ شهر ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو بابا سان عيد ملڻ لاءِ ايندا هئا.
    بابا گهڻو ڪري عيد جي ڏينهن ٻن پهرن جو عيد ملن پارٽي ڪندو هو. جنهن ۾ شهر جا مُک ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا. عيد جي ڏينهن شام جو شهر ۾ گهڻو ڪري ملاکڙو ۽ ڪوڏي ڪوڏيءَ جو مقابلو ٿيندو هو. جنهن ۾ سڄي سنڌ جا وڏا وڏا ملهه ۽ ڪوڏي ڪوڏيءَ جا رانديگر حصو وٺندا هئا. انهن کي ماڻهو دل کولي داد ڏيندا هئا ۽ پئسا به گهور ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن عيد جي ٻي رات اسان جي اوطاق ۾ راڳ جي محفل ٿيندي هئي جنهن ۾ بابا جي پسند جا راڳي مرحوم استاد محمد ابراهيم، مرحوم استاد منظور علي خان ۽ مراد فقير خاص طرح سان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ مان ايندا هئا، اهي مون خود ٻڌا. جڏهن آئون پهريون دفعو هندستان ويس ته ماسٽر چندر مون کي ٻڌايو ته آئون ۽ بسنت به توهان جي اوطاق ۾ نم جي هيٺان محفل ڪري ويا آهيون. مون اڳ ذڪر ڪيو آهي ته ورهاڱو مون کي بلڪل ياد ڪونهي. عيد ڏهاڙي بابا ۽ ڏاڏيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيئن مائٽ ۽ بابا جا دوست خرچيون ڏيندا هئا. مون کي ان وقت بشير احمد شاهه جيڪو شايد رينج فاريسٽ آفيسر هو، تنهن سؤ رپيا خرچي ڏني جيڪا مون کي اڃان تائين ياد آهي ڇو ته پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ سؤ روپيا وڏي ڳالهه هئا. بشير احمد شاهه مرحوم نوڪريءَ جي شروعات ٻني مان فاريسٽ گارڊ طور ڪئي ۽ پوءِ انهيءَ ئي کاتي جو وزير ٿيو، ماڻهو سچ چون ٿا ته:
    “خدا جب دیتا ہے،چھپڑ پھاڑ کے دیتا ہے”
    ننڍي عمر ۾ ايترن پئسن اچڻ ڪري اصل رنگ لڳي ويندا هئا. پر عيد جي ختم ٿيڻ ۾ به دير ئي ڪانه لڳندي هئي. هونئن به انسان جي فطرت آهي ته کيس خوشيون ئي ياد رهنديون آهن ۽ ڏک وسري ويندا آهن ان ڪري ماڻهوءَ کي هميشه گذريل وقت سهڻو لڳندو آهي ۽ پنهنجون يادون ٻڌائيندي ڍاپجندو ئي ڪونهي. ائين اسان کي به ننڍي هوندي جون گهاريل عيديون وسرن ئي ڪونه ٿيون. خدا جو فرمان آهي ته: ”مون غريب امير کي خوشيون غم برابر ڏنا آهن.“ ٻار کي ننڍي هوندي ڪنهن پيار ڪيو، خرچي ڏني يا گهٽ وڌ ڳالهايو ۽ مار ڪڍي سا ڪڏهن به وسرندي ڪانهي. پر سچ پچ ته مون کي نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ اسان جي هڪ استاد ورياڻيءَ جي مار کان سواءِ ٻي ڪا به اهڙي مار يا گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو واقعو ياد ڪونهي.
    ورياڻي هڪ هندو استاد هو سندس گهر مسواڙ تي نورمحمد هاءِ اسڪول جي پٺيان ۽ سول اسپتال جي اولهه طرف ماڙيءَ تي هوندو هو. پاڻ ٻارن کي ٽيوشن به ڏيندو هو پر ڪنهن آسودن مائٽن جي ٻار جي کائنس ٽيوشن نه ورتي ته تيستائين اُن ٻار کي ماريندو ۽ بيعزت ڪندو رهندو هو جيستائين وڃي وٽس ٽيوشن شروع ڪري. ٽيوشن شروع ڪرڻ کان پوءِ سندس رويو بلڪل مختلف ٿي ويندو هو. پوءِ مار ته ٺهيو اُلٽو انهيءَ شاگرد جي خوشامد ڪندو رهندو هو ۽ پوءِ سندس گهر جا دروازا ڏينهن رات انهيءَ شاگرد لاءِ کليا پيا هوندا هئا. اهڙي ڪريل ذهنيت جو استاد مون پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ ڪونه ڏٺو.
    پرائمري اسڪول ۾ سائين نورمحمد سومرو ۽ سائين صالح نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ سائين بالادي ڪنهن سبب ڪري سزا ڏيندا هئا. پر ان ۾ لالچ يا ٽيوشن جو ڪوبه عمل ڪونه هوندو هو ۽ نه ئي ڪڏهن اسان دل ۾ ڪيو يا محسوس ڪيو.
    عيد رات ۽ ٻي رات دير تائين عورتن جو گهر ۾ ، ۽ مردن جو اوطاق ۾ اچڻ وڃڻ ٿيندو رهندو هو تنهن ڪري ڪافي دير تائين گولو به ٻرندو رهندو هو. عيد جي پهرين رات خوشيءَ ۾، ۽ ٻي رات خريد ڪيل رانديڪن سان کيڏڻ جي خوشيءَ ۾ رات جو دير سان سمهبو هو. ڪڏهن ڪڏهن جيجيءَ جا مائٽ به عيد ڏهاڙي گهر ايندا هئا. انهن سان عورتون ٻار به گڏ هوندا هئا ٻارن سان راند ڪُڏي خوشي ٿيندي هئي. عيد جي ٻي رات يا ڪنهن ملاکڙي ميلي کان پوءِ ٻني شهر ۾ رات جو شهر جي چوڪ ۾ گهڻو ڪري راڳ جي محفل ٿيندي هئي. شهر جي راڳين ۾ گلشير خاصخيلي، محمد ٽڪو، راڻي ميربحر ۽ ملهار کانسواءِ ٻاهر جا فنڪار به حصو وٺندا هئا. جنهن ۾ سکر جو رسول بخش ڀٽ آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهران آيل راڳين سان ناچو ڇوڪرا به گڏ هوندا هئا. انهن مقامي وندرن کان سواءِ ٻه ٽي سال شهر ۾ پنجاب کان ٿيٽر وارا به ايندا هئا جن سان جانور، ڳائڻا، ناچو عورتون ۽ ڊرامي جا فنڪار به هوندا هئا، جيڪي راڳ، ناچ ڊراما ۽ جانورن جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا. انهيءَ دؤر ۾ جڏهن سخت پردي جو ماحول هوندو هو ته ٻهراڙيءَ ۾ ائين ڇوڪرين کي نچندي ٽپندي ڏسڻ لاءِ سوين ماڻهو اچيو گڏ ٿيندا هئا. اهي ٿيٽر وارا ڏينهن جا ڏينهن شهر ۾ ديرو ڄمايو ويٺا هوندا هئا، جيسين وڃي ڏسڻ واران جا پئسا پورا ٿين. پوءِ ٿيٽر وارا ٻني کان شفٽ ٿي ڪنهن ٻي شهر دڙي، بٺوري يا سونڊن هليا ويندا هئا. شهر جا شوقين ڇورا به سندن پٺيان شهر شهر پيا رلندا هئا. انهيءَ دؤر جي هڪڙي ناچڻي جنهن جو نالو فيروزه هو ڏاڍي حسين هئي. اسڪول جون موڪلون هونديون هيون ته بابا ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان گڏ حيدرآباد، ٺٽي، سجاول، بٺوري، دڙي، نورئي شريف، پليجاڻي، جنگ شاهي، لاڏيون، ٽيماڻي، باڊهه، سن ۽ مهر شاهه ۽ شاهه فتح محمد جي ميلن تي پاڻ سان گڏ وٺيو ويندو هو. اُت هو پنهنجن دوستن سان ملاقاتون ڪرائيندو هو. اسان جي اردگرد ۾ ڪي اهم واقعا به ٿيا. جيئن 1930ع ۾ منهنجي ڄمڻ کان اڳ اڄ جي ٺهيل ڇنڊڻ موريءَ کان ٿورو اولهه ۾ علي محمد پليجي جي ڪُن واري هنڌ ۽ ٻني کان چار پنج ڪلوميٽر پري، بچل گگو جي ڳوٺ وٽ ۽ انهيءَ کان ويهه ڪلوميٽر پري سورجاڻ وٽ درياءَ سنڌ جي بچاءُ بند ۾ وڏا گهارا پيا انهن ٻني ۽ ان جي آس پاس واري علائقي کي لوڏي ڇڏيو.
    ڇنڊڻ موريءَ وارو گهارو ته ٻني جي مٿانهين طرف کان تمام ويجهو هو. پر ان جون صرف ڳالهيون ٻڌل آهن. ٻني ۽ ڀرپاسي جي ماڻهن لاءِ ٻيو به هڪ عجيب ۽ نه وسرندڙ واقعو ٿيو. ٿيو ائين جو 1965ع واري جنگ ۾ هندستان جو هڪ جنگي هوائي جهاز ٻني کان ڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پر ٻني يونين ڪائونسل ۽ ٿاڻي جي حدن اندر ڳوٺ حاجي عثمان ٻانهيپوٽي جي بلڪل ڀرسان ڪري پيو. جنهن سبب سڄي ضلعي انتظاميه ۽ فوجي آفيسر بروقت پهچي ويا. جنهن کان پوءِ الائي ڪٿان ڪٿان ماڻهو انهيءَ جهاز کي ڏسڻ لاءِ اچي پهتا. آئون ۽ بابا سائين به اهو جهاز ڏسڻ وياسين. بابا سائين ٻني ۾ ڪيئن ڀيرا سياسي جلسا ۽ ادبي ڪانفرنسون ڪرايون. ڪي منهنجون ڏٺل ته ڪي ٻُڌل، تن ۾ ساقي سجاولي جي وفات کان پوءِ سندس ورسيون، سائين جي ايم سيد ۽ ميران محمد شاهه جا جلسا وغيره مون پهريون ڀيرو سائين جي ايم سيد جي جلسي ۾ لائوڊ اسپيڪر ڏٺو. شايد اهو 1951ع جو سال هو. مرحوم محمد رحيم سومرو ڏگن سومرن وارو جلوس اڳيان نعرا هڻندو ويو. پٺيان ڪار ۾ بابا ۽ جي ايم سيد اچي رهيا هئا، جيڪي اچي والي بال گرائونڊ وٽ ڪار مان لٿا، وڌيڪ ڪابه يادگيري ڪانه ٿي پئي.
    ان کان پوءِ محترمه مادر ملت جي اليڪشن جا ۽ ٻيا به ڪيترائي جلسا ٿيا. مادر ملت واري جلسي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي به شامل هو. ٻه لوڪل بورڊ جون اليڪشنون مون کي به ياد آهن. هڪ ۾ حاجي ٻُڍو سومرو ۽ بابا اليڪشن ۾ بيٺا، ٻئي ۾ ارباب حاجي ناٿو ميمڻ موجوده تعلقي ناظم ارباب رميز جو ڏاڏو ۽ بابا اليڪشن ۾ بيٺا. ٻئي ڀيرا بابا وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. جڏهن ته خانبهادر لغاري ۽ تر جي سڀني وڏيرن ارباب حاجي ناٿي جي مدد ڪئي. مون کي رئيس شاهنواز لغاري ٻڌايو ته منهنجي پيءُ گل محمد خان لغاريءَ ٻڌايو هو ته اليڪشن جي ڏينهن منهنجي ڪمدار کان مون قسم کڻائي پُڇيو ته تو ووٽ ڪنهن کي ڏنو ته مون کي جواب ڏنائين ته مون ووٽ ارباب نورمحمد پليجي کي ڏنو. جڏهن ته گل محمد لغاريءَ وارا ارباب ناٿي ميمڻ جي مدد ڪري رهيا هئا. اهو جواب ٻڌي بابا گهوڙي تي چڙهي ڳوٺ هليو آيو ۽ اليڪشن جي رزلٽ کان اڳ اسان کي ٻڌايائين ته پاڻ اليڪشن هارائي چڪا آهيون. انهيءَ اليڪشن ۾ رسول بخش پليجو ۽ ٻين جنگ شاهي مان وڏي تعداد ۾ پليجن اليڪشن ورڪ ۾ ٻني اچي بابا جو ورڪ ڪيو هو ۽ مون پهريون ڀيرو رسول بخش پليجي جي تقرير ٻڌي. ڪڏهن ڪڏهن ته بابا راڄ جي وڏي شاديءَ ۾ به راڳ رهاڻ سان گڏ ادبي ڪانفرنس به ڪرائي ڇڏيندو هو. اُنهن مان مون کي مرحوم وڏيري اسحاق جي شاديءَ ۾ ٿيل ادبي ڪانفرنس ياد ٿي اچي.


    3

    انگريزن جي وقت ۾ ٻنون ڪانگريس جي سياست جو مرڪز هوندو هو. انهيءَ دوران ٻني ۾ پوليس طرفان بابا جي جلسي ۾ فائرنگ جو واقعو ٿيو. جيڪو پوءِ سڄي هندستان ۾ ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ ان وقت جي سڀني اخبارن ۾ انهيءَ واقعي جو ذڪر ۽ سياسي رهنمائن ۽ سياسي پارٽين طرفان اُن جي وڏي پئماني تي مذمت ڪئي وئي. هڪ ڀيرو آل سنڌ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ ٻني ۾ اسان جي اوطاق تي ٿي جنهن ۾ ملڪ جي وڏن وڏن ڪانگريسي ليڊرن شرڪت ڪئي.
    اسان جو گهر مسجد شريف جي بلڪل سامهون هئڻ ڪري اسان ننڍپڻ ۾ ڪڏهن ڪڏهن نماز به پڙهندا هئاسين پر روزا باقاعدگيءَ سان رکبا هئا. رمضان شريف جي مهيني ۾ گهر ۾ بلڪل ڪنهن به قسم جو رڌپچاءُ ڪونه ٿيندو هو. گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ ڪنهن سبب ڪري روزو نه رکيو پر پوءِ به کيس کاڌي لاءِ ڪجهه به ڪونه ملندو هو. لِڪَ ڇپ ۾ ڪو پڪوڙو، سموسو مليو يا نه. ورنه بي روزاتي کي به روزاتي جهڙي بُک برداشت ڪرڻي پوندو هئي ۽ کيس سڄو ڏينهن پاڻيءَ تي گذارو ڪرڻو پوندو هو. مون کي ياد ٿو اچي ته هڪ دفعي مون ۽ محمد رحيم سيف روزو ڪونه رکيو هو ۽ ماستر نعمت جي جڳهه تي ڪا کائڻ جي شيءِ ٽانڊي تي گرم ڪئي سين ته اُن ٽانڊي جي دونهين کي ڏسي پاڙي جا ماڻهو اچي اسان کي ڇنڊ ڪڍي ويا. ته واهه ميان واهه! رمضان شريف جي بابرڪت مهيني ۾ توهان اهڙا پيا ڪم ڪريو. اسان ڏاڍي شرافت ۽ سواءِ ڪنهن سوال جواب جي ٽانڊي ۾ پاڻي وجهي وسائي ڇڏيو ۽ وري ڪڏهن به ائين نه ڪيوسين. انهن ماڻهن ۾ مرحوم اسماعيل خالق ڏنو پليجو به شامل هو. جيڪو اسان کي هميشه انبن جي موسم ۾ پنهنجي انبن جي تغاريءَ ڀري گهر ڏئي ويندو هو. ان جي وفات کي به ڪئين سال ٿي ويا آهن. پر جڏهن به انبن جي موسم ايندي آهي ته الائي ڇو مون کي خودبخود اسماعيل خالق ڏنو ياد اچي ويندو آهي. ڪيڏي ننڍي ڳالهه پر ڪيڏي وڏي يادگيري، شاهه سائين جو بيت آهي ته:
    ڪچن وڏا پانڌ، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا
    واقعي ڪي ڳالهيون ۽ واقعا زندگيءَ ڀر ڪونه وسرندا آهن. نه ته اسان جي باغ تان جيڪي انب ايندا آهن تن ۾ هزارن ۾ نه ته به سون جي تعداد ۾ ته ضرور سڄي سيزن ۾ خراب ٿيندا هوندا پر اسماعيل جا ڏنل پنجويهه انب اڃا تائين ڪونه ٿا وسرن.
    ننڍپڻ ۾ روزا، نماز، تهجد، روزن رکڻ لاءِ جاڳڻ ۽ روزي کولڻ مهل روزاتن لاءِ گهران ماني، فروٽ ۽ شربت پهچائڻ ۽ ثواب ڪمائڻ جو شوق هوندو هو. ڇو ته اسان وٽ ثواب پڻ هڪ نفعي وارو عمل آهي. جنهن سان ثواب به ڪمائجي ٿو، معنيٰ ته ثواب به هڪ منافعي وارو ڌنڌو آهي نه ڪي الله جو حڪم يعني الله جي عبادت ۾ به واپار ۽ ڪمائي واري سوچ موجود آهي.
    بابا سائين انقلابي ۽ سيڪيولر خيالن جو ماڻهو هو، سائين جي ايم سيد جو ڪتاب ”جئين ڏٺو آهه مون“ ڇپرائڻ عيوض مٿس سائين جي ايم سيد سان گڏ مُلن ڪُفر جي فتويٰ ڪڍي ان جي برعڪس منهنجو پڙڏاڏو ارباب نورمحمد پليجو هڪ ديني عالم ٿي گذريو. جنهن پنهنجي سموري ديني تعليم مخدوم نوح رحمة الله عليه هالن واري جي مدرسي مان حاصل ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان ئي اُت رهيو ۽ پڙهيو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري اچڻ کان پوءِ شادي ڪيائين. سندس پهرين گهرواري اسان جي خاندان مان ۽ ٻي گهرواري سال مڪان جي دَلَ برادريءَ مان ڪيائين. پاڻ تعليم مڪمل ڪري جڏهن ٻني آيو تڏهن اسان جي گهر اڳيان وڏي جامع مسجد ٺهرايائين. ان ۾ ديني تعليم لاءِ مدرسو قائم ڪيائين ۽ انهيءَ کي مستقل هلائڻ لاءِ سال مڪان جي وڏي عالم مولوي حاجي محمد سليمان شوري کي ٻني آندائين ۽ ان کي رهائش لاءِ پنهنجي اوطاق ڏنائين. انهيءَ ۾ هينئر ميان عبدالشڪور قاضيءَ جو گهر آهي.
    بابا عيد نماز کانسواءِ نماز ڪڏهن ڪڏهن پڙهندو هو پر جڏهن نجف علي شاهه جهانيا پوٽن وارو ٻني ۾ ايندو هو ته پوءِ انهن ڏينهن ۾ مولوي محمد يوسف ٻني وارو، مولوي محمد راهوٽ وارو ۽ ٻيا مولوي تراويح نماز کان پوءِ اسان جي اوطاق ۾ اچي بابا سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئا. جيڪا گهڻو ڪري سڄي رات هلندي رهندي هئي. وڏا چوندا هئا ته وڏي ڏاڏي ارباب نورمحمد جي زمين ٻاويهه سَؤ ايڪڙ هئي پر ٽن نسلن ۾ اها گهٽجي وڃي ٻه سؤ ايڪڙ رهي. بابا سائين جي وفات وقت سؤ ايڪڙ منهنجي گهرواريءَ جي نالي، پنجاهه ايڪڙ مير نصير جي نالي ۽ پنجاهه ايڪڙ بابا سائين جي نالي زمين هئي جيڪا سندس وفات کان پوءِ سندس وارثن ۾ ورهائي وئي ۽ ڪجهه وڪيل هئي. منهنجي نالي به ديهه ڪوتڪيه ۾ هڪ سَؤ سترهن ايڪڙ زمين کڻت ٿيل هئي پر اها قسطن نه پيارڻ ڪري ڪئنسل ٿي وئي هئي. اها پوءِ مون بابا سائين جي وفات کان پوءِ قسطون پياري بحال ۽ آباد ڪرائي. اسان جي علائقي جي ڳوٺن ۽ ماڻهن جو ذڪر پهريائين تاريخ جي ڪتاب ”تحفته الڪرام“ ۾ نظر اچي ٿو. جنهن ۾ ٻني جو ته ذڪر ڪونهي پر ٻني جي ڀرسان راهوٽ ڳوٺ جو ۽ ان ڳوٺ جي هڪ بزرگ مخدوم صدرالدين راهوٺيءَ جو ذڪر ملي ٿو. (ڏسو صفحو 430) ۽ پليجار پرڳڻي جو به ذڪر ملي ٿو ته پليجار پرڳڻي جا حاڪم ٺٽي جي سيدن کي ستر کراڙ اَن ڏيندا هئا ان جو تحفته الڪرام ۾ هنيئن ذڪر آهي ته:
    ”ميان نورمحمد 1155هه سال ۾ سيد عبداللطيف بن سيد عبدالمجيد کي پليجار پرڳڻي تي ستر کراڙ سارين جي سَنَدَ لکي ڏني. جيڪا پوءِ به وارثن کي ملندي رهي. آخر ۾ اها سند مير علي شير قانع جي والده کي ملي ڇو ته مير علي شير قانع جو نرينو اولاد ڪونه هو.“
    ٻيو ته تحفته الڪرام جي صفحي 449 تي پليجار پرڳڻي جي ڳوٺ ۽ بزرگن جو ذڪر ملي ٿو. صفحي 453 تي شاهه فتو ”جنهن کي هاڻ شاهه فتح محمد جي نالي سان ياد ڪيو ٿو وڃي.“ جو ذڪر آهي ڌٻو ڳوٺ بابت لکيل آهي ته اهو پليجار پرڳڻي جو ڳوٺ هو. جيڪو لڳي ٿو ته ڇورائي پليجن ۽ ريلائي پليجن ضلعو حيدرآباد جي ڳوٺن ويجهو ڪٿ ڳوٺ هو ۽ اهو سڄو علائقو ٻڌڪا ٽڪر جي اردگرد وارو علائقو آهي. جنهن بابت ”چچ نامو“ جي صفحي 473 تي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي اضافي نوٽ ۾ لکيو آهي ته: 179/ (132) اشبهار: فارسي متن جي فاضل ايڊيٽر جي خيالن ۾ اهو قلعو نيرون ڪوٽ سيوهڻ جي وچ ۾ هو.
    (ڏسو فارسي ايڊيشن ص 162حاشيه ص 132)
    مگر اهو صحيح نه آهي. محمد بن قاسم ديبل فتح ڪرڻ بعد نيرون ڪوٽ فتح ڪيو ۽ ان بعد سيوهڻ ڏانهن روانيو ٿيو ۽ سيوهڻ ۽ ٻڌيه جي فتوحات بعد موٽي نيرون ڪوٽ آيو انهيءَ دوران ۾ بلاذري جي فتح البادان خواهه فتحنامي ۾ اشبهار جي فتح جو ڪوبه ذڪر ڪونهي. جنهن جي بنياد تي چئجي ته اهو قلعو نيرون ڪوٽ ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ هو. هن قلعي تي محمد بن قاسم نيرون ڪوٽ کان ڏکڻ لاڙ طرف مهراڻ ٽپڻ لاءِ ويندي وقت چڙهائي ڪئي. اشبهار جي نالي ۾ بهار جي پڇاڙيءَ مان ظاهر آهي ته هن قلعي ۾ به ڪو ٻڌ ڌرم جو مندر هو. ٽنڊو محمد خان لڳ ٻڌ جا ٽڪر اهڃاڻ ڏين ٿا ته غالباً هي قلعو انهيءَ ايراضيءَ ۾ هو.
    (ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صفحو 473)
    منهنجي پنهنجي راءِ آهي ته ٻني جو آڳاٽو نالو ڌٻو هو ۽ اهو ٻڌڪا ٽڪر جي ڀرپاسي ڪٿ آباد هو. وڏن جو چوڻ آهي ته هي ستون ٻنون آهي ڊاڪٽر جيمس برنس پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جي درٻار“ جيڪو هن 1828ع ڌاري لکيو. تنهن ۾ جيڪو ٻني جو نقشو چٽيو آهي سو به هينئر واري ٻني سان نٿو ملي. مثال هو صفحي 34 تي لکي ٿو ته:
    ”ٻني کان ٿورو مٿي سنڌونديءَ مان هڪ عاليشان نهر نڪتل آهي جا نهايت تجمل سان ڪلاڪ ۾ ٽن ميلن جي رفتار سان تيز وهي ٿي. ان جو سڄو پيٽ هر وقت ٻيڙين سان ڀريل رهي ٿو.“
    موجوده ٻني مٿان هڪ ننڍو واهه لنڊي نالي وهندو هو جنهن ۾ ته ٻيڙي هلڻ يا بيهڻ جي گنجائش به ڪانه هوندي هئي. البت وري به هينئر ڳوٺ ريل مولچند جي ڀرسان جت هينئر به پليجن جا ڳوٺ ۽ ٻنيون آهن. ات مولچند نالي واقعي هڪ وڏو واهه درياءَ مان نڪرندو هو جت ايتريون ٻيڙيون بيهڻ جي گنجائش هئي ۽ اڄ جي ٻني ڀرسان پراڻي پيڃاريءَ جو مُنهن به وڃيو اُت دنگ ڪري جنهن کي ٻني جا ماڻهو اڄ ڪوري ٿا چون. پراڻي زماني ۾ درياءَ کي بند ڪونه هوندا هئا ۽ پنهنجي مرضيءَ سان وَهڻ ڪري جيڪا به سندس اڳيان شيءِ ايندي هئي. تنهن کي درياءَ لٽي ڇڏيندو هو. جنهن جو مثال ”موهن جو دڙو“ آهي. جنهن جي کوٽائي ڪرڻ سان شهرن مٿان شهر پوريل نظر ٿا اچن ۽ هت به درياءَ صدين کان وهندو نظر ٿو اچي ۽ ڪيترا ڀيرا هت به کوٽائي سان ڪئين تاريخي شيون هٿ آيون آهن. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر الانا جي ڪتاب ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ جي صفحي 82 ۾ ملي ٿو ته:
    ”جهرڪن جي سامهون درياءَ جي ٻي ڀر واري ٽڪر کي ‘ٻڌن جا ٽڪر’ يا ٻڌڪا ٽڪر چيو ويندو آهي. انهن آثارن جي نالي مان ظاهر آهي ته هي ٻُڌ دؤر جي يادگار آهي.“
    انهيءَ آثارن جو ذڪر ڪندي ‘مسٽر ڪارٽر’ ٻه ننڍڙا دڙا ڳولي لڌا هئا. جن جي سرن جي مقدار ۽ ڊول مٿاڇري جي ڪم آندل رنگ، ڪاريگريءَ ۽ لکت کي جاچيندي کيس ٻُڌ ڌرم جي ٻن راجائن جا نالا ڏسڻ ۾ آيا جي ساڳئي زماني ۾ يمني راجا ڪَنشڪ جي زماني ٿي گذريا آهن. اهي حاڪم ۽ اهي نشان ميرپورخاص واري دڙي جي زماني جا هئا. موجوده وقت هن ٽڪر تان اهڙيون سرون هٿ اچن ٿيون. جن تي ‘ٻڌ ديوتا’ جي تصوير چٽيل هوندي آهي. ساڳئي ڪتاب ‘لاڙ جي ادبي ثقافتي تاريخ’ جي صفحي 83 تي پليجن جي قبرستان جو ذڪر ٿيل آهي. اهو قبرستان ٻني جي سامهون درياءَ جي هن پار قائم آهي. جنهن جو ذڪر ‘مسٽر ڪارٽر’ ڪيو آهي ۽ بدر ابڙي سنڌوءَ جو سفر ۾ به ڪيو آهي.
    الانا صاحب لکيو آهي ته:
    ”اُت قبرستان ۾ ست رانڪون آهن جن ۾ هڪ رانڪ انور بيگ پليجي جي آهي. جيڪو اسان جو ڏاڏو هو. “
    سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سان“ جي صفحي 451 تي بابا ارباب نورمحمد پليجو جو احوال لکندي پليجن ۽ اسان جو شجرو هينئن بيان ڪيو آهي.
    هڪڙي شجري مطابق سماٽ جي سڀ کان وڏن ڏاڏن جا نالا جکرو ۽ جادم هئا. جادم ”يادو“ لفظ مان بدليل آهي جنهن جو چوڏهين پشت تي سمون نالي سان ماڻهو پيدا ٿيو جنهن جي مُک پٽن مان هڪ جو نالو جھام ڪاک هو ان جي پٽ جھام رائدان (يا راءِ ڌن- راڌڻ- راڌو) جي اولاد مان پليجا شمار ڪيا وڃن ٿا.
    معلوم ائين ٿو ٿئي ته اهي اصل ۾ ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ طرف کان سنڌ ۾ آيل آهن. هن وقت اهي ٺٽي ضلعي ۾ گهڻي تعداد ۾ ۽ خيرپور، حيدرآباد، دادو ۽ لاڙڪاڻو ضلعن ۾ ٿوري تعداد ۾ رهن ٿا. هنن سڀني گڏجي ارباب نورمحمد کي پنهنجو پڳدار يا صدر مقرر ڪيو آهي. نورمحمد جي وڏن جا نالا هيٺيئن طرح معلوم ٿي سگهيا آهن.
    ”نور محمد بن عبدالحئي بن نورمحمد بن محمد جعفر بن ميرڻ بن نورمحمد بن علي انور عرف راڌو. سندن سلسلو طريقت سيد عالي عليه الرحمت شيرازي ٺٽوي جي معرفت سهروردي ٿئي ٿو. جنهن جا سنڌ ۾ مکيه مرڪز مخدوم بلاول عليه الرحمة، مخدوم نوح ۽ اُچ ۽ ملتان جا بزرگ هئا.“ (جنب گذاريم جن سين صفحو 451)
    انگريز سياحن ۽ محققن ٻني جو ذڪر سنڌونديءَ ۽ پيڃاري ڦاٽ جي حوالي سان ڪيو آهي ۽ انهن جو رايو آهي ته:
    ”سڪندر جڏهن هندستان مان واپس روانو ٿيو ته هو درياءِ سنڌ نه پر پيڃاري ڦاٽ مان گذري سمنڊ پهتو ۽ پوءِ اتان يونان روانو ٿيو.“
    ٽالمي ته پراڻي Bonis کي هينئر وارو ٻنون بيان ڪري پيش ڪيو آهي. (سنڌ هڪ عام جائزو ايڇ ٽي لئمبرڪ صفحو 459) ان کان سواءِ (سنڌ هڪ عام جائزو ايڇ ٽي لئمبرڪ ص 44)، (سنڌ جي درٻار جيمس برنس صفحو 32-33-34- 115)، (سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي ايڊرين ڊيورٽي صفحو 179) (سنڌوءَ جو ڇوڙ وارو علائقو جنرل هيگ صفحو 14) ۾ ٻني ۽ پيڃاري جو ذڪر ڪيو آهي. ٿي سگهي ٿو ته ٻين مؤرخن به ٻني ۽ پيڃاري بابت لکيو هجي.
    ٻني جي شهر ۽ ان جي ويجهڙائي ۾ راهوٺ جي شهر ۾ ورهاڱي کان اڳ هندو وڏي تعداد ۾ رهندا هئا ٻني شهر ۾ ته مسلمانن کان به زياده گهر هندن جا هئا، جيڪي پڪن گهرن ۽ ماڙين ۾ رهندا هئا. شهر ۾ سواءِ هڪ دڪان جي، جيڪو به بازار کان ٻاهر کمون ميمڻ جو هو، باقي سڄو واپار ۽ سارين جا ٻه ڪارخانا ۽ سرڪاري نوڪرين ۾ به صرف هندو هوندا هئا. شهر جي سڀني هندن جو چڱو مڙس يا مکي، ٻالچند هوندو هو، جيڪو ماڙيءَ ۾ رهندو هو. شهر ۾ هندن جا سَؤ کن گهر هوندا هئا ۽ ايترائي سندن دڪان هئا. شهر ۾ هندن جا ٻه وڏا عاليشان مندر هئا، جن جا سنڀاليندڙ هر هڪ مهراج کيمچند ۽ مهراج ڏاڙهون هئا. باقي ڪارخانيدار هر هڪ تلوڪ چند ۽ رام چند حيدرآباد جا سيٺون هئا. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن هت ايندا هئا نه ته انهن جا منشي ڪارخانا هلائيندا هئا. ماسترن کان سواءِ ٻيا سڀ هندو ملازم ٻاهر جا هئا. هندو سرڪاري ملازمن جا نالا هن ريت هئا:
    پوليس جمعدار: نارائڻ داس
    رينج فاريسٽ آفيسر: ديوان بخشياڻي
    ميڊيڪل آفيسر: ڊاڪٽر هوتچند، ڊاڪٽر رامچند ۽ ڊاڪٽر آسانند
    سب انجنيئر: منڇاڻي
    هيڊماستر: ٻڌومل
    تپيدار: چنديرام
    اهڙي طرح سان تعلقي آفيس بٺوري ۾ به سرڪاري ملازم گهڻو ڪري سڀ هندو هوندا هئا. شهر ۾ هندن کان سواءِ مسلمانن جا به سَؤ کن گهر هئا جنهن ۾ پليجا، ميمڻ، سُرهيا، عباسي، ڌوٻي (عباسي) لوهار (سما) مڱڻهار، کٽي، خاصخيلي، شورا، عمراڻي، ڪنڀار، پاتڻي، موچي، ميربحر (جن کي بائيداڻي سڏبو هو) ۽ شيدي رهندا هئا. هندن جي وڃڻ کان پوءِ شهر ۾ ڪيترا ٻاهريان ماڻهو به اچي رهڻ لڳا. هندن جا اڄ به شهر ۾ ڏهاڪو کن گهر آهن پر اهي سڀ ورهاڱي کان پوءِ اچي شهر ۾ عارضي طور تي آباد ٿيا آهن. جن جا ويهه کن دڪان شهر ۾ ٿيندا.
    مون ورهاڱي کان پوءِ هندن جا جيڪي گهر ڏٺا اهي گهڻو ڪري خالي هئا. مقامي ۽ غيرمقامي ماڻهن اچي مَٿن قبضو ڪيو هو. ورهاڱي کان پوءِ آئون ٻه ڀيرا هندستان ويس ۽ اُت بو سال ۽ جل گائون ۾ وڃي ٻني جي هندن سان مليس جن مون کي بي پناهه محبت ۽ عزت ڏني. اجنتا، الورا، اورنگ آباد پٽنا ديوي گهمايو. پاڻ مون سان واعدو ڪيائون ته اسان هڪ ڀيرو ٻني ضرور اينداسين. خاص ڪري ڪُندن مل ته پاڻ ٻني اچڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي پر کيس ويزا ڪانه ملي. ڪُندن جو هڪ دوست دادا گوبند پنجابي هندستان مان سنڌ آيو ته ٻني به آيو. انهيءَ سفر جو احوال اڳتي ايندو.
    هندستان مان اچي مون ديس بديس نالي هندستان جو سفرنامو لکيو جيڪو سنڌ ۾ ٻه ڀيرا ۽ هندستان ۾ هڪ ڀيرو ٽيڪواڻي ٽرسٽ وارن ڇپايو. ڏاڍو قرب ۽ پيار هو منهنجي ٻني جي هندن ۾، ڪندن ۽ ٻني جي ٻين دوستن به مون کي هندستان وڃڻ کان اڳ ڪئين خط لکيا. هڪ خط مان توهان هنن جي سڪ پيار ۽ محبت جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. مون ٻني جا هندو هندستان ۾ وڃي ڏٺا پر هو پاڻ وري ڪڏهن به سنڌو- سنڌ ۽ ٻنون ڏسي ڪين سگهيا. شل سدائين آباد هجن. پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ ٻني ۾ مهاجرن جا ٽيهه، چاليهه کن گهر اچي آباد ٿيا پر هڪ عجيب اتفاق ٿيو، جو هنن جي هت اچڻ شرط منجهن ڪا بيماري پئي ۽ سندن هڪ نه ٻي ڏينهن ڪونه ڪو ماڻهو مرڻ لڳو ۽ ائين سندن ٻن ٽن مهينن ۾ ويهه ٽيهه کن ماڻهو مري ويا. ۽ پوءِ پاڻ جلدئي ٻنون ڇڏي هليا ويا.
    ورهاڱي کان پوءِ ٻٽن سالن ۾ ڪئين هندستاني ڪليم جا ڪاغذ کڻي ٻني پهچي ويا ۽ مقامي ماڻهن کي اهي ڪاغذ ڏيئي پيسا وٺي روانا ٿي ويا. ڪن ڪليم وارن اهي ڪليم ٻٽن ٻٽن ماڻهن کي وڪڻي ڏنا ۽ ڪليم خريد ڪرڻ وارا ماڻهو اڃان پيا ڪورٽن ۽ روينيو بورڊ جي آفيسن جا چڪر لڳائين. جڏهن ته ورهاڱي کي اڄ ٻاهٽ سال ٿي ويا آهن. پر هندن ورهاڱي وقت ٻنون ڇڏڻ مهل ڪنهن به ماڻهوءَ سان ڪابه چالبازي ڪانه ڪئي. جڏهن ته هو هميشه لاءِ هتان وڃي رهيا هئا. ورهاڱي وقت سڄي هندستان ۾ نفرت جا درياءَ ۽ رت جون نديون وهي ويون پر سڄي هندستان ۾ سنڌ واحد صوبو هو جت ٻنهي طرفن کان لڙڪن جون نديون وهيون. نه ته ٻنهي جو ماضي ڪو شانت سان ڪونه گذريو هو. هندن جي ڇڏيل ملڪيت ۾ تلوڪ چند وارو سارين جو ڪارخانو سيٺ سليمان کي ڪليم ۾ مليو ۽ زمينون وڏي تعداد ۾ اُم سڪينه کي ڪليم ۾ مليون. ۽ ٻه سؤ کن ايڪڙ عبدالعزيز کي ملي جيڪي سڀ زمينون وڪڻي ٻني مان هميشه لاءِ هليا ويا. باقي هندن جا گهر ۽ دڪان 1960ع ۾ عام نيلام ٿيا جيڪي سڀ ٻني شهر جي ۽ اردگرد جي ماڻهن ئي خريد ڪيا. اڄ سٺ سالن کان پوءِ به هڪ به مهاجر ٻنون ته ٺهيو پر سڄي تعلقي بٺوري ۾ توهان کي نظر ڪونه ايندو. سواءِ هڪ ٻه گهرن جي، جيڪي بٺوري ۾ آباد آهن. هاڻ بٺوري تعلقي جي دريا خان سوهو يونين ڪائونسل ۾ ڪراچيءَ جي هڪ پنجابي فيملي پنج ڇهه ملون هنيون آهن. جنهن ۾ الڪوهل، چڪ بورڊ، پلاسٽڪ جون ٻوريون، شگرمل، ايئرڪنڊيشن پلانٽ ۽ موٽر پلانٽ شامل آهن. تنهن ته ٺٽي ضلعي ۾ هڪ ننڍو پنجاب ٺاهي ڇڏيو آهي، جتي تقريباً سڀ ملازم پنجابي آهن. سواءِ ايڪڙ ٻيڪڙ سنڌين جي، سي به صرف نمائش خاطر رکيا ويا آهن جئين قسم کڻڻ جهڙا ٿين ته اسان وٽ سنڌي ملازم به آهن. سيٺ کي سندس ملازم وقار دڙي ۾ موچڙا به هنيا.
    اسان جي ڳوٺ ٻني ۾ پنجاهه سٺ سالن کان هڪ پوليس اسٽيشن قائم آهي. اهڙي پوليس اسٽيشن جهڙيون تعلقي ۽ ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ قائم آهن. ٻني جي ڀرسان دڙو ٻني کان پنجوڻو وڏو شهر آهي پر اتي به صدر ٿاڻو يا مڪمل پوليس اسٽيشن سال 2002ع ۾ قائم ٿي آهي. مون کي خبر ناهي ته هيڏو وڏو ٿاڻو هيڏي ننڍي شهر ۾ انگريزن جهڙي عقلمند قوم ڪئين قائم ڪيو ۽ کين ڪهڙي ضرورت محسوس ٿي جو غريب مسڪين ڳوٺاڻن مٿان هيڏي وڏي مصيبت نازل ڪري ڇڏيائون. مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ ڪوبه پوليس جو اهڙو واقعو يا ڪارنامون ياد ڪونهي جنهن تي پوليس فخر ڪري سگهي.
    ٻه ڀيرا شهر اندر ڌاڙيل اچي ٻه ماڻهو قتل ڪري ويا جنهن ۾ هڪ ميربحرن جو نوجوان ڇوڪرو محمد علي ۽ ٻيو قتل عباسين جي جوان ٻچڙيوال عورت جو هو پر پوليس ڪجهه ڪونه ڪيو. محمد علي جي قتل وقت ته پوليس ڌاڙيلن جو ٻڌي شهر مان ڀڄي وڃي ٿاڻي اندر گيٽ کي تالو هڻي ويهي رهي. عباسين جي عورت جي قتل واري واقعي ۾ مون خود ٿاڻي وارن کي فون ڪري چيو ته جي توهان واردات تي اچڻ ۾ دير ڪئي ته آئون ايس پي کي ٿو فون ڪري چوان. پوءِ پوليس ته آئي پر تيستائين ڌاڙيل واردات ڪري روانا ٿي چڪا هئا. اسان جي ڳوٺ ۾ پوليس جو ڪردار پڻ سڄي سنڌ جي پوليس جهڙو آهي. پنهنجي پنجهٺ سالن جي عمر ۾ مون اکين هنن پوليس کي ڇا ڪندي نه ڏٺو ان مان هڪ نه وسرندڙ واقعو توهان کي به ٻڌايان ٿو.
    شايد هي سٺ جي اوائل جي ڳالهه آهي ان وقت ٻني ۾ برني نالي هڪ پنجابي ايس ايڇ او هوندو هو. ٿيو هينئن جو ڪنهن ماڻهوءَ ٿاڻي تي اچي شڪايت ڪئي ته منهنجي پٽ سان گلو ميربحر زوري ڪئي آهي. ۽ برني عراق جي ابو غريب جيل وانگيان پنهنجي اسٽاف کي حڪم ڏنو ته هن کي اگهاڙو ڪري هن جي ضروري حاجت واري جڳهه ۾ ڪاٺي وجهو ۽ انهيءَ ڪارروائي دوران هن جي جان مان ايترو ته رت وهيو جو هو غريب مسڪين اُهي سور نه سهي ترت مري ويو. نه داد نه فرياد! هڪ انسان جو قتل سڄي انسانيت جي قتل برابر آهي.
    مون کي لنڊن ۾ هڪ دوست ٻڌايو ته هت ماڻهو پوليس جي خلاف نه پر پوليس ماڻهن جي خلاف بالا آفيسرن وٽ شڪايت ڪندي آهي ته هي هي ماڻهو يا گروهه ڊيوٽي دوران يا نجي زندگيءَ ۾ اسان کي تنگ ڪندا آهن ۽ پوليس جي شڪايت جو کاتي ۾ باقاعده هڪ سيل قائم آهي. جنهن جي هر سال سالياني رپورٽ جاري ڪئي ويندي آهي ۽ اهڙيون رپورٽون اخبارن ۽ رسالن ۾ به شايع ڪندا آهن.
    اسان به ننڍپڻ کان هيستائين اهو سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي رهيا آهيون. سواءِ صوبيدار جي بدليءَ جي ٻيو ڪجهه به نه ڪري سگهيا آهيون. هڪ ماڻهو هن سڄي سسٽم ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي. جڏهن ته ان ڏس ۾ ملڪ جون سياسي پارٽيون يا هيومن رائيٽس وارا به ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهن. عام ماڻهو ته ٺهيو پر مون پوليس اڳيان ڪيترا پوليس جا وڏا آفيسر به بيوس ڏٺا. ان جا ڪيئن مثال آهن، پر ڪيترا مثال ڏئي ڪيترا ڏجن.
    شهيد ڀٽو جو دؤر حڪومت اهڙو دؤر هو جو سڄي نوڪر شاهي سان گڏ پوليس کي به ڪي قدر لغام مليو. مون کي پنهنجي سڄي زندگي ۾ صرف هڪ ڀيرو محترمه ڀٽو جي دؤر حڪومت ۾ حيدرآباد قلعي آپريشن دوران پوليس جو ڪردار وڻيو. شيخ اياز پنهنجي لکڻين ۾ ٿاڻي کي گهاڻي سان تشبيح ڏني آهي. پوليس جي هيڏين ڪوتاهين هوندي به آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته پوليس کي درست ڪجي نه ڪي ان کي ختم ڪجي ڇو ته سنڌي صدين کان غلام قوم رهي آهي ۽ اڄ به آهي. سو جيڪڏهن کين ٿوري به ڇوٽ ملي ۽ پوليس جو ڌاٻو ختم ٿيو ته جيڪر هڪ ٻي جون اکيون به ڪڍي ڇڏين.
    جڏهن سر چارلس نپيئر حيدرآباد قلعي ۾ سنڌ جو ستن اڇين ۽ ڳاڙهين پٽين وارو جهنڊو لاهي يونين جيڪ وارو جهنڊو ڦرڪايو هو ۽ سنڌ کي ايسٽ انڊيا ڪمپني بهادر جي راڄ سان ملائي ميرن جا فرسوده ۽ کل جهڙا قانون ختم ڪيا جنهن ۾ چورن ۽ ڏوهارين کي ڏاڙهي مُڇون ڪوڙي يا ڪاراٺ سان مُنهن ڪارا ڪرڻ ۽ ٻروچن کي پنهنجي زال کي قتل ڪرڻ جو قانوني حق (ڏسو سورلي جو گزيٽر صفحو 707) کي ختم ڪري جديد طرز تي سڄي حڪومت قائم ڪئي جنهن ۾ پوليس به اچي وڃي ٿي.
    انگريزن ڪلهوڙن ۽ ميرن جي گادي واري شهر حيدرآباد کي الوداع چئي ڪراچي کي پنهنجي گادي وارو شهر ٺاهيو جنهن پاڻ 1839ع کان ريئر ائڊمرل فريڊرڪ ميٽل جي ڪمانڊ هيٺ بحري فوج ذريعي اڳ ئي قبضو ڪري چڪا هئا. نيپئر ڪراچي پهچي ڪراچيءَ جي ڪليڪٽر پريڊي کان سندس بنگلو خالي ڪرائي پاڻ ان ۾ رهيو. پوليس ۽ جيلن جو گڏي هڪ کاتو ٺاهيو ويو جيڪو فوج جي ماتحت ڪم ڪرڻ لڳو. جنهن جو سربراهه ليفٽيننٽ مارسٽن کي مقرر ڪيو ويو، جنهن مياڻي جي جنگ ۾ نيپئر جي زندگي بچائي هئي. 1865ع ۾ پوليس ملٽري جي ڪنٽرول مان ڪڍي ڪمشنر جي ماتحت ڪئي وئي. 1905ع ۾ ڊي آءِ جي مقرر ڪري سڄو پوليس ڪنٽرول انهيءَ حوالي ڪيو ويو. انهيءَ دوران انگريزن جي جيلن ۾ هي قيدي هئا.
    جيل ۾ سزا مليل قيدي 1262
    ڪيس هلندڙ قيدي 147
    ۽ جنگي قيدين جو تعداد 176 هو.
    1847ع ۾ سڄي سنڌ اندر ٻاويهه سؤ ڏهه (2210) پوليس نفري هئي. جنهن ۾ اٺ سؤ ٽيهه (830) گهوڙي سوار هئا. 1843ع ۾ سڄي سنڌ جي آدم شماري ٻارهن لک چوهتر هزار ست سؤ ٻٽيهه (1274732) هئي. ۽ وري 1921ع ۾ اها وڌي ٻٽيهه لک اوڻاسي هزار ٽي سو ستهتر (3279377) ٿي وئي. خيرپور رياست جي آدمشماري انهيءَ کان علاوه هئي. ان وقت سنڌ صوبي ۾ ڏوهن جو انگ نو هزار ستيتاليهه (9047) هو. جيڪو سڄي هندستان جي صوبن کان زياد هو. (ڏسو سورلي جو گزيٽئر صفحو 712)
    حُر تحريڪ ڪري سانگهڙ ۾ پوليس ٽريننگ اسڪول قائم ڪيو ويو. پر پوءِ پاڪستان بعد 1953ع ۾ سانگهڙ کي ضلعي هيڊڪوارٽر بڻايو ويو ته پوليس ٽريننگ اسڪول کي اتان شفت ڪري شهدادپور ۾ قائم ڪيو ويو. جيڪو هاڻ پوليس ٽريننگ اسڪول نه پر ڪاليج آهي.
    آئون ٻني ٿاڻي جي احوال سان پوليس جي سنڌ ۾ تاريخ لکي ويس. خير ان بهاني گهٽ ۾ گهٽ پوليس وارن کي ته ڪجهه ڄاڻ ملندي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته: ”چور جي گهر پٽ ڄائو ته صوبيدار مٺائي ورهائي“ پر هاڻ سنڌ ۾ چورن نه پر ڌاڙيلن جو راڄ آهي. جيڪي پوليس جي ڪنٽرول کان به زور آهن. ماڻهو اغوا ڪريو، ڪي ٽي اين وارن کي پيا انٽرويو ڏين ۽ پوليس ان سڄي عمل کان ڪوهون پري آهي. ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي. ڪي ٽي اين وارن ته ڌاڙيلن کي پهرين ٻي ۽ ٽي آڪٽوبر ٻه هزار چار تي هر روز خبرنامي ۾ چار پنج ڀيرا ڏيکاريو ويو.
    پوليس، ڌاڙيل، چور، پاٿاريدار اهو به ته زندگيءَ جو حصو آهي. سو انهيءَ جو به احوال ٿيڻ گهرجي. ٿاڻن تي اهڙا ئي ماڻهو ويندا، نه ڪي ابراهيم جويي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر الانا ۽ شيخ اياز جهڙا.
    ميرن جي حڪومت ختم ٿي ۽ انگريز حاڪم ٿيا جن اسان کي علم ۽ سائنس جي ڄاڻ ڏني. سنڌ ۾ صدين کان پارسي ٻولي سرڪاري ٻولي هئي. جيڪا ختم ڪري انگريزن سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي طور رائج ڪيو. جنهن سان اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي شروع ٿي. جيڪا اڄ يونيورسٽي ليول يا ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ ڪري سڄي دنيا ۾ پڙهي وڃي ٿي. موهن جي دڙي جي دريافت ڪري اسان کي بين الاقوامي شهرت ۽ سڃاڻپ ملي. اسان وٽ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون، اسپتالون ۽ قاعدي قانون جي حاڪميت ٿي، ملڪ ۾ چونڊيل عيوضي حاڪم ٿيا ۽ ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿيو. پر انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ اڄ تائين جيڪو ٿيو ۽ ٿي رهيو آهي يعني درياءِ تي ڊئم سنڌ اندر سنڌي اقليت ۾، صوبي جو گورنر، آءِ جي، ڪور ڪمانڊر، چيف جسٽس، ڪراچي پورٽ جو سربراهه سنڌ ۾ سڀني بئنڪن جا سربراه، چيف سيڪريٽري، محتسب اعليٰ، سينيئر ميمبر روينيو بورڊ، ائڊووڪيٽ جنرل ......... پر جي سنڌ ۽ هندستان تي انگريز قبضو نه ڪن ها ته اڄ سنڌ جي اها صورتحال ڪانه هجي ها. اسان ڪيترا به غير ترقي يافته هجون ها پر غلام هرگز نه هجون ها.
    ورهاڱي کان پوءِ اڄ اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. سڄي هندستان ۾ (565) رياستون ۽ (20) صوبا هئا. جن ۾ پنجاب ۽ بنگال ٻن ٽڪرن ۾ ورهايا ويا ۽ سڄي هندستان ۾ خون خرابا ٿيا پر اسان ڪابه خوني هولي ڪانه کيڏي، توهان سڄي هندستان تي نظر ڊوڙايو ته توهان کي سنڌين جهڙي مظلوم قوم ڪابه نظر ڪانه ايندي. هر ايندڙ ڏينهن سنڌي قوم کي ڏکوئيندڙ نظر اچي رهيو آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان اندر پنجابين، مهاجرن ۽ پٺاڻن جي ڄڻ لاٽري نڪتي آهي سڄي ملڪ جي روزگار جا موقعا ڄڻ هنن لاءِ آهن.


    4

    انگريزن سؤ ساله دؤر حڪومت ۾ پنجاب جي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ چناب، جهلم، راوي، ڀياس ۽ ستلج هئا ۽ سنڌ لاءِ فقط هڪ ندي سنڌو دريا هئي. انگريزن جي دؤر ۾ درياءَ سنڌ تي پنجاب ڪيتري ڪوشش ڪئي ته ان تي پنجاب ۾ بئراج ۽ ڊئم ٺاهجن پر انگريزن پنجاب کي ائين ڪرڻ جي هرگز اجازت نه ڏني. پر ورهاڱي کان پوءِ فلڊ ڪئنال يا عارضي بئراجن جي نالي ۾ پنجاب ۾ درياءَ سنڌ تي، جناح، تونسه، چشما، جهلم لنڪ ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي نالن سان چار بئراج ٺهي چڪا آهن. جيڪي سڄي پنجاب جي زمينن کي آباد ڪري رهيا آهن. ۽ وري هاڻ ڪالاباغ ڊئم ٺاهڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ٿي رهيون آهن. آئون سمجهان ٿو ته پنجاب اهو ڊئم به ضرور ٺاهيندو ڇو ته گن پاوَر ۽ مين پاوَر ٻئي هن وٽ آهن ۽ پوءِ سنڌ پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي لاءِ سڪي رهندي. ڪوٽڙي کان هيٺ درياءَ جي ٻنهي ڪنڌين تي آباد شهر ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو تباهه ٿي ويا آهن يا پنهنجا اباڻا گهر ڇڏي ڪنهن ٻي هنڌ وڃي آباد ٿيا آهن.
    منهنجي ماءُ پيءُ جي شادي 12 اپريل اربع جي ڏينهن 1944ع ۾ ٿي ۽ منهنجي ماءُ جي وفات 2 جون 1947ع ۾ سومر جي ڏينهن صبح جو ٿي. آئون 31 جنوري 1945ع ۾ صبح جو ڄائُس. مون کي راستي پليجي دائي ڄڻايو ۽ منهنجي پيءُ مون کي ڪن ۾ ٻانگ ڏئي منهنجو نالو رکيو. پهرين اپريل 1951ع ۾ اسڪول ۾ داخل ٿيس. پنج سال ٻن مهينن جي عمر ۾، اسان جي اسڪول جو هيڊماستر سائين محمد ابراهيم پليجو هوندو هو ۽ اسان جو ڪلاس ماستر سائين حاجي مجنون ڌماچ هوندو هو. اسڪول عمارت ۾ هڪ وڏو هال هوندو هو جنهن ۾ ٻه ڪلاس پڙهايا ويندا هئا. باقي ٻن ڪمرن ۾ هڪ هڪ ڪلاس پڙهايو ويندو هو. پهرين درجي جا ٻار ورانڊي ۾ پڙهندا هئا ۽ اسان به پهريون درجو ورانڊي ۾ پڙهندا هئاسين. اسان جو استاد هڪ عمر رسيده ماڻهو هو، جيڪو سڄو وقت ڪرسيءَ تي سُتو پيو هوندو هو ۽ اسان کي پڙهائڻ ۾ هن کي ڪابه دلچسپي ڪانه هوندي هئي. جيڏي مهل ننڍ مان سجاڳ ٿيندو هو ته ان مهل ٻه ٽي گاريون ڏيئي وڏو سَتَ اَٺَ فٽن جو لڪڻ ٻن ٽن ڇوڪرن کي هڻي پوءِ وري سمهي رهندو هو. پر ڪڏهن به اسڪول مان غيرحاضر ڪونه رهيو. ان زماني ۾ استادن ۽ شاگردن جو غيرحاضر رهڻ جو تصور ئي ڪونه هو. آئون به سڄي عمر ۾ هڪ ڀيرو اسڪول کان غير حاضر رهيس. سو به شاگرد فقير جو روپ ڌاري گهر اڳيان اچي سدا هنيائون. آئون جيئن ئي گهران نڪري کين خيرات ڏيڻ آيس ته يڪدم مون کي کڻي وڃي اسڪول ڀيڙو ڪيائون. ان واقعي کان سواءِ مون کي ياد ڪونهي ته سڄي زندگيءَ ۾ ڪڏهن اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ مان غير حاضر رهيس. اسان جي زماني ۾ اسڪول صبح شام ٻه وقت هوندو هو ۽ ٻنپهرن جو ماني کائي وري اسڪول پڙهڻ وڃبو هو. شام جو اسڪول ۾ انگ ۽ کوڙا سُر ۾ ياد ڪيا ويندا هئا. يعني سڀ شاگرد هم ڪلام ٿي هڪ ايڪو ٻه ايڪا چوندا هئا. انهيءَ وقت ٻارن کي اسڪول ۾ مارڻ جو رواج نه هئڻ جي برابر هوندو هو. اسان جي پهرين ڪلاس جو استاد سائين حاجي مجنون هو. ٻيو ڪلاس استاد سائين علي محمد سومري اسان کي پڙهايو. ٽين، چوٿين ڪلاس سائين محمود ڀٽي، پنجين، ڇهين ڪلاس سائين محمد صالح ۽ ستين ڪلاس سائين نورمحمد سومري پڙهائي.
    ان وقت بابا سائين ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر، سنڌ مدرسي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جي ڊسٽرڪٽ ايڊيوڪيشن ڪاميٽي جو سيڪريٽري هوندو هو. سو انهيءَ جي ڪوشش سان ٻني ۾ انگريزي ڪلاس به شروع ٿيا. جنهن کي A V Classes ڪلاس (Anglo Vernicular) چئبو هو. بابا ڪوشش ڪري سنڌ جي وڏي اديب ۽ ان وقت جي مشهور استاد سائين غلام احمد جيڪو پوءِ ساقي سجاولي جي نالي سان ادبي دنيا ۾ مشهور ٿيو ٻني ۾ انگريزي استاد طور مقرر ڪرايو. ان زماني ۾ اڃان ڪوٽڙي بئراج ٺهي راس ڪونه ٿيو هو، سکر بئراج 1932ع ۾ ٺهي چڪو هو. تنهن ڪري لاڙ ۾ درياءَ وسيلي پيڃاري ۽ ٻين واهن ۾ صرف ٻه ٽي مهينا پاڻي وهندو هو ۽ ان ٿوري پاڻيءَ تي تمام گهٽ آباديون ٿينديون هيون ۽ ماڻهن جو ذريعو معاش نه هئڻ جي برابر هو. لاڙ ۾ ڪوٽڙي بئراج نيچلداس وزيراڻي ٺٽي ضلعي جي وزير جي ڪوشش سان ٺهيو جنهن جو ذڪر پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اُهي شينهن“ ۾ ڪيو آهي.
    ڪوٽڙي بئراج 1955ع ۾ ٺهيو ان کان پوءِ لاڙ جي ماڻهن چانور ۽ ڪڻڪ ڏٺا. 1980ع ۾ ٺٽي ضلعي ۾ شوگر ملون لڳڻ ڪري ماڻهن پئسا، چيڪ ۽ بئنڪون ڏٺيون نه ته: ”آڻين ۽ چاڙين ڏٿ ڏيهاڙي سومرا.“ وارو حال هو. وڏا ڳالهيون ڪندا هئا ته سکر بئراج ٺهڻ کان اڳ لاڙ سرسبز ۽ زرخيز علائقو هوندو هو. سکر بئراج ٺهڻ ڪري لاڙ جي معيشت ڊانوانڊول ٿي وئي. آئون انهيءَ دور ۾ پيدا ٿيس ۽ پڙهيس. جيتوڻيڪ ٻني ۽ ارد گرد ۾ زراعت گهٽ هئي پر تنهن هوندي به ٻني جي ڀرسان ٻيلو، درياءَ ۽ پيڃاري ۽ ڍنڍون هئڻ ڪري هت ڪوڻيون، قُم، لوڙهيون، گند، ٻور، بِهه، پاٻوڙا، مڇي، پلو، گانگٽ، ڪاٺ ۽ گاهه درياءَ جي اُٿل ڪري مَسور، جوار، مڪئي، ڪڻڪ، گدرا ۽ ڇانهيون جام ٿيندا هئا. انهيءَ ڪري حيدرآباد جهرڪ ۽ ڏاڏوريءَ ڏانهن ٻه طرفو واپار جام ٿيندو هو. هتان چوياپو مال، ان، گدرا، ڇانهيون ۽ مڇي پلو، گانگٽ، ڪنڀار ڪو سامان شهرن ڏانهن ويندو هو ۽ اُتان ڪپڙو، ڊيزل، گاسليٽ، جُتا، سائيڪلون، کنڊ، سگريٽ، ٻيڙيون، تماڪ، پان، ريزڪي دڪان جو سامان دوائون ڪتاب، پينون، پينسلون، مس ڪاپيون ۽ ٻيو روزمره جو سامان وڏي تعداد ۾ ايندو هو. ڪجهه وقت جهرڪ کان ٻني تائين پاڻيءَ جي ننڍي بوٽ به هلندي هئي جنهن کي آگبوٽ سڏبو هو. پر اها مون ڪانه ڏٺي.
    مون کي ڪجهه وقت چانڊيه هاءِ اسڪول سجاول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جت آئون ان وقت جي هاسٽل سپريٽنڊنٽ سومري صاحب جي گهر ۾ رهندو هوس. جنهن جو گهر هاءِ اسڪول ۽ هاسٽل جي چوديواريءَ اندر هوندو هو پر جلد ئي آئون اُتان واپس ٻني هليو آيس. هي اهو دؤر هو جڏهن پنجابي حاڪمن ننڍن صوبن تي اڃان ون يونٽ ڪونه مڙهيو هو ۽ اسان جي ڳوٺ ۾ اڃا هڪ به سرڪاري ملازم غير سنڌي ڪونه هو. البت ٻه گهر پنجابين جا هئا، جن مان هڪ گهر ماستر محمد يوسف پنجابيءَ وارن جو هو جي هت مٽيون مائٽيون ڪري سنڌي ٿي ويا. ماستر محمد يوسف ته سنڌ جو وڏو شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي باقي حڪيم فتح محمد پنجابيءَ وارا اڃان تائين پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ کي قائم رکيو اچن.
    انهيءَ وقت پرائمريءَ ۾ ست درجا هوندا هئا ۽ ستين درجي ۾ فائنل امتحان ڏئي ماڻهو تپيدار، آبدار ۽ سنڌي ماستر يا ٻي ڪنهن نوڪريءَ ۾ لڳي ويندو هو. پوءِ اهو فائنل امتحان ايوب دؤر ۾ ختم ڪيو ويو ۽ صرف مئٽرڪ پاس کي نوڪريءَ لاءِ اهل قرار ڏنو ويو. پرائمري اسڪول ۾ آخري ٽن سالن دوران انگريزيءَ جو ڪلاس به ورتو ويندو هو. انهيءَ کان پوءِ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ٺٽي هاءِ اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ سعيد پور ۾ هڪ خيراتي اسڪول هوندو هو. جنهن جي پڙهائي ۽ بورڊنگ مفت ۾ هوندا هئا ۽ ڪي ڪي ڇوڪرا اُت به پڙهڻ لاءِ ويندا هئا. ان وقت ٻني جي آمدرفت درياءَ ذريعي حيدرآباد، جهرڪ ۽ ڏاڏوري پتڻ سان هوندي هئي. تنهن ڪري سعيدپور وارو سفر ڏکيو ۽ اونڌو لڳندو هو. ان ڪري ٻني مان ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد سعيدپور پڙهڻ لاءِ ويندو هو. نه ته سنڌي ست درجا پاس ڪري سڀ مائٽ گهڻو ڪري پنهنجي ٻارن کي ٺٽي ۽ حيدرآباد پڙهائي لاءِ موڪليندا هئا. انهيءَ کان اڳ بابا سائينءَ جي دؤر ۾ شاگرد ڪراچيءَ پڙهڻ ويندا هئا. جيئن بابا ويو، بابا جي ڪراچي پڙهڻ لاءِ وڃڻ واري ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. جيڪا آئون چاهيان ٿو ته توهان کي ٻڌايان. ٿيو هينئن جو سائين جي ايم سيد جيڪو ڪراچي ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين هو، ٺٽو ضلعو سڄو ۽ دادوءَ جو ڪجهه حصو ڪراچي ضلعي سان شامل هو، ڪراچي ضلعي ڪائونسل ٻنون کان راهوٺ ڪچو رستو ۽ راهوٺ ۾ پڪو کوه ٺهرايو هو جنهن جو افتتاح ڪرڻ سائين جي ايم سيد ٻني آيو ۽ پوءِ راهوٺ ويو. سائين جي ايم سيد علم دوست ماڻهو هو، جيڪو راهوٺ ۽ ٻني جي پرائمري اسڪولن ۾ به ويو ۽ پاڻ راهوٺ ۽ ٻني جي شاگردن کان سوال جواب ڪيا، ائين پاڻ ٻني ۾ بابا سائين ارباب نورمحمد پليجو ۽ راهوٺ ۾ سيد غلام مصطفيٰ شاهه کي ضلعي ڪائونسل ڪراچي طرفان اسڪالر شپ ۽ سنڌ مدرسي ۾ ضلعي ڪائونسل جي سيٽن تي داخلا ڏياري ۽ بابا سنڌ مدرسي ڪراچي پهچي ويو. پاڻ اُت ست درجا انگريزيءَ جا پڙهيو ۽ مئٽرڪ جو امتحان اڌ ۾ ڇڏي کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي ”جئي هند“ جو نعرو هڻي وڃي ڪانگريس پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو. مسلسل سياسي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ ڪري سنڌ مدرسي جي انگريز پرنسپال کيس اسڪول مان رسٽيڪيٽ ڪري ڇڏيو. اهو سڄو احوال سائين ابراهيم جويو، بابا تي لکيل مضمون ۾ ڪيو آهي. جيڪو بابا تي لکيل ڪتاب ”وري نه ورندو وڻجارو“ ۽ اخبارن، رسالن ۾ ڪيترا ڀيرا شايع ٿي چڪو آهي. تازو 2004ع مئي مهيني ۾ ماهوار سوجهرو ارباب نورمحمد پليجو نمبر ۾ به اهو مضمون شايع ٿيو. بابا ٻني کان گهوڙي تي چڙهي ڏاڏ وري پتڻ اُڪري جهمپير ريلوي اسٽيشن پهچي ريل ۾ چڙهي ڪراچيءَ ويندو هو. ٻهراڙي جي هڪ ڇوڪري جڏهن ريل ۾ سفر ڪري ڪراچيءَ جي وڏي ريلوي اسٽيشن ڏٺي ۽ ڪنهن سواريءَ ۾ چڙهي هاسٽل پهتو هوندو ۽ ڪنهن وڏي جي گڏ هئڻ کان سواءِ اسڪول ۽ هاسٽل ۾ داخلا ورتي، اُت انگريز استادن ۽ سڄي سنڌ جي شاگردن وچ ۾ نئين ماحول ۾ زندگي ۽ ڪراچيءَ جي ان وقت جي ايشياءَ جي پهرئين نمبر صاف سٿري شهر ۾ سندس ڪهڙا تاثرات هئا. اها کيس خبر هوندي پر آئون سمجهان ٿو ته هڪ ذهين ٻار کي اُن سڄي ماحول ۾ رلي ملي وڃڻ ۾ ڪا گهڻي دير ڪانه لڳي هوندي. جويو صاحب لکي ٿو ته بابا 1929ع ۾ مون کان هڪ سال اڳ سنڌ مدرسي ۾ داخل ٿيو هو. پاڻ پهرين سنڌ مدرسي جي هاسٽل جي خيرپور هائوس ۽ پوءِ حسن علي هائوس ۾ عليحده روم ۾ رهندو هو ۽ فرسٽ ڪلاس ۾ ماني کائيندو هو. (هاڻ سنڌ مدرسي جي انهن هاسٽلن ۾ رينجرس وارا قابض آهن ۽ منهنجي رهائش واري مسلم هاسٽل حيدرآباد تي به رينجرس وارا قابض آهن، جت ٻهراڙي جا شاگرد اچي رهندا هئا.) تمام سٺا ولايئي بوسڪي ۽ ساٽين جا ڪپڙا پائيندو هو. جهڙا اسان جو استاد ٽيڪن مل پائيندو هو ۽ پوءِ پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائي جئي هند جو نعرو هڻي مدرسو ڇڏي هليو ويو.
    واقعي پڙهائي ختم ڪرڻ انتهائي قدم هو پر سٺي مستقبل ۽ آزاديءَ جا خواب ڏسڻ وارا ماڻهو ايئن ڪندا آهن. هونءَ به وڏا فيصلا وڏا ماڻهو ڪندا آهن. بابا سان گڏ انهيءَ وقت سنڌ مدرسي ۾ اسان جي تر جا هي ماڻهو به تعليم وٺندا هئا. قادر ڏني شاهه موريءَ وارا ٽي سيد ڀائر پروفيسر سيد غلام مصطفيٰ شاهه (جيڪو پوءِ وائيس چانسلر ۽ وفاقي وزير تعليم ٿيو ۽ سجاول کان اڳيان لاڙ شگرمل به لڳايائين.) قادر ڏنو شاهه ۽ علي قطب شاهه، دڙي مان ارباب ولي محمد ميمڻ ۽ ميرپور بٺوري مان خواجه بردران فقير محمد عيسيٰ ۽ محمد موسيٰ پڙهندا هئا.
    ان وقت اسان جا ساليانه امتحان گهڻو ڪري پوري وقت تي ٿيندا هئا. امتحان اڳيان پٺيان ٿيڻ واري بيماري اڃان شروع ڪانه ٿي هئي. اڄ ته يونيورسٽيءَ جو ساليانه امتحان هڪ شاگرد به اڳيان پٺيان ڪرايو ڇڏي. اسان جي وقت ۾ اسڪولن ۾ ڪاپي يا هڙتال جو تصور ئي ڪونه هوندو هو. استادن جي وڏي عزت ڪئي ويندي هئي ۽ استادن کي پيرين پئي ملبو هو.
    اسڪول رجسٽر ۾ هر شاگرد جي پڙهائي بابت ريمارڪس لکيل هوندا هئا. جيئن اڄڪلهه شهرن جي سُٺن پرائيويٽ اسڪولن ۾ ٻارن لاءِ رڪارڊ رکيل آهي. تيئن ان وقت ٻهراڙيءَ جي اسڪولن ۾ به شاگردن جو رڪارڊ هوندو هو ۽ انهيءَ مٿان وري بيٽ عملدار يا صاحب جو نوٽ هوندو هو، منهنجي باري ۾ هينئن لکيل آهي، ”زباني حساب ۽ صورتخطيءَ ۾ گهٽ آهي.“ اهو سٺ سالن جو رڪارڊ اڃان به ٻني پرائمري اسڪول ۾ محفوظ آهي هينئر شاگرد ته ٺهيو پر انهن جا مائٽ به انهن جي طرفداري ڪندي اسڪولن ۾ اچيو استادن کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃن ۽ ڪوبه پڇڻ وارو ڪونهي.
    مون به پنهنجو ستون درجو سنڌي ۽ ٽيون درجو انگريزيءَ جو امتحان ٻني ۾ پاس ڪيو جيڪو دڙي واري سائين محمد طالب ميمڻ ورتو، مون کي چٽيءَ طرح سان ياد آهي ته امتحان وقت سندس اکيون تمام خراب ۽ ڳاڙهيون پئي لڳيون، جنهن ۾ پاڻ امتحان دروان به ڦڙا وجهندو رهيو پر نه امتحان پٺتي ٿيو ۽ نه ئي پاڻ امتحان دوران غيرحاضر رهيو. ان حالت ۾ به پاڻ باقاعدگيءَ سان امتحان ورتو ۽ ڪابه رعايت ڪانه ڪيائين. سندس فرزند نجم الدين ميمڻ مون سان گڏ نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو، ائين آئون ٻني ۾ پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وڌيڪ پڙهائي لاءِ حيدرآباد ويس. مون کان هڪ سال اڳ ٻني مان پڙهڻ لاءِ محمد افضل راجپوت، محمد اسماعيل عمراڻي ۽ خير محمد ميربحر ويل هئا. محمد اسماعيل ۽ خيرمحمد ٿوري ئي وقت ۾ پنهنجي پڙهائي اڌ ۾ ڇڏي واپس ڳوٺ هليا آيا هئا. محمد افضل مئٽرڪ تائين حيدرآباد ۾ پڙهيو پوءِ ٻني مڊل اسڪول ۾ استاد ٿيو ۽ ٻني هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ٿي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿيو. ٻني کان حيدرآباد وڃڻ لاءِ ان وقت ٻه ذريعا هوندا هئا. هڪ ٻيڙين معرفت ڏاڏاوري پتڻ يا جهرڪ وڃبو هو. پوءِ اتان بسن ۾ چڙهي حيدرآباد وڃبو هو يا وري اٺ تي ٻيلي جو راڙ مان ٿيندو ڏاڏوري پتڻ پهچبو هو ۽ اتان ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پتڻ اُڪري نيشنل هاءِ وي تي پهچي سرڪاري بسن ۾ چڙهي ڪراچي، ٺٽي يا حيدرآباد وڃبو هو. ڏاڏوري پتڻ تي سانوڻ درياءَ وقت درياءَ ۾ وڏيون ٻيڙيون ۽ سانوڻ کان سواءِ ننڍيون ٻيڙيون ماڻهن ۽ مال کي هر وقت اُڪارينديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي گهٽ هئڻ ڪري پتڻ اُڪرڻ ۾ ڪافي دير ٿي ويندي هئي ۽ انهيءَ زماني ۾ به ڪڏهن ڪڏهن درياءَ ۾ ايترو ته گهٽ پاڻي ٿي ويندو هو، جو سياري جي مُند ۾ بيل گاڏيون درياءَ اندران آرپار اينديون رهنديون هيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن وري ايڏو ته واريءَ جو طوفان اٿندو هو جو ڪابه شيءِ نظر ڪانه ايندي هئي. هڪ ڀيرو انهيءَ طوفان دوران ٻني جو هڪ ميربحر محمد واريءَ ۾ ڍڪجي مري ويو. ان وقت ۾ خانگي بسون ڪونه هلنديون هيون، سرڪاري بسون ڏينهن ۾ ٻه ڀيرا صبح ۽ شام اينديون هيون، انهن ٻن سببن مان ڪابه بس خراب ٿي پئي ته ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي. صبح واري بس خراب ٿي ته ڪانڊيري جاکري جي هوٽل تي دال ماني کائي شام واري بس ۾ حيدرآباد هليو وڃبو هو پر جي شام واري بس به خراب ٿي پئي ۽ حيدرآباد وڃڻ واري ٽرڪ به نه کنيو ته پوءِ ڏاڏوري ۾ عرس پاتڻيءَ جي اوطاق يا سونڊن ۾ مصري خان جاکري جي اوطاق يا جهرڪن ۾ سيد قاسم شاهه جي گهر وڃي رهبو هو. وري ٻي ڏهاڙي حيدرآباد وڃبو هو. ٻني شهر ۾ جهرڪ ڏاڏوري ۽ ڪوٽڙي وڃڻ لاءِ پيڃاريءَ ۾ ٻيڙيون بيهنديون هيون. جيڪي جهرڪن، ٻني ۽ ڪوٽريءَ جي ٻيڙياتن جون هونديون هيون. اُٺ سواريءَ لاءِ اڄ جت والي بال کيڏي وڃي ٿي ان کان پريان اُٺ ويهندا هئا. جن کي اٺن جي کوڙي چيو ويندو هو. جت صبح سوير ويهه پنجويهه اُٺ تيار ويٺا هوندا هئا. پر تڏهن به هڪ ڏينهن اڳ اُٺ جي هلائيندڙ جنهن کي جت سڏيو ويندو هو، تنهن کي اطلاع ڪبو هو ته سڀاڻي تيار رهج. ڏاڏوري پتڻ هلبو ۽ کيس هلڻ جو ٽائيم به ٻڌائي ڇڏبو هو. اُٺ نه رڳو ڏاڏوري پر ٻني جي اردگرد سڄي علائقي ۾ به سواري جو هڪ مکيه ذريعو هوندا هئا. گهڻو ڪري سرڪاري عملدار به اٺن تي چڙهي گشت يا پوليس جانچ ڪندي هئي. گهوڙا به وڏي تعداد ۾ چڙهڻ لاءِ ماڻهن وٽ هئا پر اڄ ٻني ۾ گهوڙا صرف ٽانگن ۾ ٿا ڏسجن، گهوڙن جي جڳهه موٽر سائيڪلن ورتي، موٽر سائيڪل گهوڙي کان وڌيڪ آسان ۽ بي خرچ آهي. جنهن تي بروقت ضرورت ٽي ماڻهو به چڙهي سگهن ٿا ۽ کس ڪٿ به بيهارڻ ڪو مسئلو ڪونهي. اٺن جي کوڙي تي ان وقت نم کريڙو، سلو لاشاري، محمد رحيم پالاري، خدا ڏنو شاهه، الهڏنو شاهه ۽ جانو پليجو قابل ذڪر جت هوندا هئا. جيسيتائين عبدالرحيم ڪاتيار کان قادر ڏني شاهه موريءَ تائين پڪو رستو ٺهيو، تيستائين حيدرآباد ۽ ٺٽي ڏانهن ائين سفر ڪندا رهياسين. 1958ع ۾ ٻني مان تعليم پوري ڪري پرائمري اسڪول مان ست درجا سنڌي ۽ ٽي درجا انگريزي جا پورا ڪري سرٽيفڪيٽ ورتم جنهن ۾ لکيل آهي. ”جريان نمبر 140 وارو شاگرد عبدالحئي پليجو ولد ارباب نورمحمد پليجو (1958- 5-4 ) چار مئي اوڻيهه سو اٺونجاهه تي وڌيڪ پڙهڻ لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول حيدرآباد ويو ۽ ائين ٻني اسڪول مان منهنجو نالو هميشه لاءِ نڪري ويو.
    حيدرآباد وڃڻ لاءِ مون وٽ ڪهڙو سامان هو، اهو مون کي ياد ڪونهي پر مونکي ياد آهي ته ٻيڙيءَ ۾ چڙهي ان شهر لاءِ روانا ٿياسين، جيڪو سنڌ ۾ واحد شهر آهي. جنهن جو نالو هڪ پکيءَ پٺيان آهي، يعني جهرڪ شهر، اسان ٻني مان گوڊ واڙن جي وڏي ڪٽار ۾ صبح سوير چڙهي روانا ٿياسين. انهيءَ ٻني شهر مان جنهن ۾ سن 1828ع ۾ انگريز ڊاڪٽر جيمس برنس جڏهن پهتو هو ته سندس هي تاثرات هئا.
    ”مان اٺين تاريخ شام جو ٻني ۾ پهتس ۽ پهريون ڀيرو سنڌونديءَ جو معائنو ڪيم. مون کي هن مشهور ۽ تاريخي ندي ڏسڻ جو ايترو ته شوق هو جو مان سڀ پنهنجو سامان پٺيان ڇڏي ۽ چاليهه ميل ڏينهن جو سواري ڪري ٿڪجي ٽٽجي اچي شام جو ان جي ڪناري تي پهتس. منهنجو شوق پورو ٿيڻ ڪري جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا تن جي بيان ڪرڻ جي هت ضرورت ناهي. منهنجي هندو ساٿين ته ڏسڻ سان درياءَ جي پوڄا ۽ بندگي شروع ڪري ڏني، هنن جي نگاهه ۾ ان جي پوتر پاڻيءَ ۾ ٽٻي ڏيڻ ڪري اَبدي آنند حاصل ٿئي ٿو. پر سڪندر جي ڪارگذارين جو لانگاهه ڏسي جي منهنجي دل ۾ جذبا پيدا ٿيا سي هندن جي دل ۾ به ڪونه ٿيا هوندا. هن عظيم ۽ فيض رسان نديءَ جو ڪرم ڏسي چئجي ٿو ته پاڻي ۽ پاڻي جي ديوتائن جي پوڄا تي ڪنهن به قسم جو اعتراض نه ٿيڻ گهرجي.“
    جيمس برنس هندستان مان روانو ٿي سنڌ ۾ 1828ع ۾ پهتو ۽ اسان اڄ مئي 1958ع ۾ يعني هڪ سؤ ٽيهه سال پوءِ ٻني کان حيدرآباد وڃي رهيا آهيون. انهيءَ دوران انگريز واپس هليا ويا ۽ اڄ درياءَ سنڌ جي ڪپرن تي توهان کي ڪوبه انگريز نظر نه ايندو. انهن هڪ سَؤ ٽيهن سالن ۾ آسمان ڪنئين رنگ بدلايا، سا خبر خدا کي! مئي جي مهيني ۾ درياءَ پنهنجي موج سان وهي رهيو هو ۽ اسان درياءَ جي سامهون وڃڻ ڪري ائين وڃي رهيا آهيون جيئن وڏيون گاڏيون سپر هاءِ وي تي چاڙهي چڙهندي هڪ طرف کان ٻي طرف هلنديون رهنديون آهن. ٻيڙيءَ جي انهيءَ هلڻ جي ڍنگ کي ٻيڙياتن ڦٽڪا ٿي چيو. درياءَ ۾ ٻلهڻين ۽ لوڌڙن ۽ ڪنهن ڪنهن وقت مڇين درياءَ مان نڪري ٽپ ٿي ڏنا. ٻني ۽ لاکي پير جي وچ ۾ درياءَ ۾ واڳون به جام ٿيندا هئا. جنهن جو ذڪر بدر ابڙي پنهنجي ڪتاب ”سنڌوءَ جو سفر“ ۾ ڪيو آهي. پاڻ لکي ٿو ته لاکي پير وٽ ڪنهن زماني ۾ واڳون جي پوڄا جو مرڪز هو. الائي واڳن جي پوڄا ڪهڙا ماڻهو ڪندا هئا ۽ ڪهڙي مذهب ۾ واڳن کي به پوڄيو وڃي ٿو!
    درياءَ جي ڪنڌين تي رهندڙ ماڻهن جي لکن سالن جي ڪهاڻيءَ ۾ شايد ائين به هجي ۽ انهن مان ئي شايد اها چوڻي مشهور ٿي، ”ته رهين ٿو دريا جي ڪپ تي ۽ وجهين ٿو واڳن سان وير.“ اسان جي ٻيڙي (وير) ڪن ڏانهن اڳتي وڃي رهي آهي ۽ سڀ ماڻهو درياءَ جي هن حسين ماحول کي ڏسي لطف اندوز ٿي رهيا آهن. درياءَ جون لهرون ٻيڙيءَ کي اهڙي نموني لوڏي رهيون آهن. ڄڻ ته ڪا ماءُ پنهنجي ٻار کي پينگهي ۾ لوڏي رهي آهي. زندگيءَ ۾ ڪيڏو نه حُسن لڪو پيو آهي. درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي وڏا ڊگها ساوا وڻ هوا تي لڏي لمي رهيا آهن. ٽارن جي چوٽين تي سندن هلڪي گلابي ٻُور جا جهڳٽا هيٺ لڙي پيا آهن ۽ وڻن تي پکي ولرن ۾ اڏامي اسان جي آجيان ڪري رهيا آهن. سج جي لالاڻ هن منظر کي وڌيڪ حسين ڪري رهي آهي. چنڊ جي چانڊاڻ ۽ تارن جي جهرمر وانگيان سج جي لالاڻ جي به پنهنجي سونهن آهي. چهري ۽ گلي جي سونهن (معنيٰ سهڻو آواز) دائمي ڪانه هوندي آهي پر سج ۽ چنڊ جي سونهن هميشه قائم آهي.
    ڪنهن وقت درياءَ جي کاڌ جي ڪري پري کان ڪنهن ڀٽ ڪرڻ جو آواز درياءَ ۾ پڙاڏو ڪري رهيو آهي. سج جا ڪنوارا ڪراڻا درياءَ جي لهرن تي پکڙجي لهرن سان رانديون ڪري رهيا آهن ۽ انهن کي ڏسي اسان جون اکيون پيون ٺرن، سانوڻ درياءَ جو گوڙ رات جي وقت پري تائين ٻڌبو آهي. پر هينئر درياءَ وچ ۾ به لهرن جو اواز ڪونه ٿو ٻڌجي. درياءَ کي وهندو ڏسي ماڻهو هڪ گهري سوچ ۾ گم ٿيو وڃي ته هزارن لکن سالن ۾ هن درياءَ اندر ۽ سندس ڪنڌين تي ڇا ڇا نه ٿيو هوندو. ڪيترا بادشاهه ڇا ڇا نه سوچي هت آيا هوندا ۽ نيٺ ڌرتيءَ کي ناچ نچائي وڃي هن جي دنگ تي پهتا هوندا يا رستي ۾ خود خاڪ ٿي ويا هوندا ۽ انهن هزارن سالن ۾ هنن ڪنڌين تي ڇا نه ڪهاڻيون ٺهيون هونديون. پر اسان وٽ صرف هڪ ڪهاڻي سهڻي ۽ مهيار جي مشهور ٿي، جنهن کي شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي بيتن ۾ هميشه لاءِ امر ڪري ڇڏيو.
    انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا جي پنن کي اٿلائيندي جڏهن ماڻهو درياءِ سنڌ جو رنگين نقشو ٿو ڏسي ته اصل اکيون ٺريو پون. ڪيئن نه وروڪڙن سان هماليه جبل جي سورهن هزار فوٽن جي بلنديءَ تان هيٺ وهندي سهڻي ٿي لڳي. پاڻ اوڻٽيهه سؤ ڪلو ميٽر هيٺ جبل ۽ ميدان لتاڙيندي پوڇڙ ۾ ڊيلٽا ٺاهيندي نيٺ اچيو سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري. انهن اوڻٽيهه سَؤ ڪلوميٽرن ۾ مٿس ڪنئين ڊئم ۽ بئراج ٻڌي کيس پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
    سنڌو سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي درياءِ سنڌ جو ذڪر دنيا جي قديم ڪتاب رگويد ۾ به آهي. درياءَ سنڌ چائنا جي علائقي تبت، هندستان جي علائقي ڪشمير ۽ پاڪستان جي ٽن صوبن يعني سرحد، پنجاب ۽ سنڌ مان گذري پوءِ سمنڊ ۾ ٿو پوي. پر درياء سنڌسان جا محبت سنڌين کي آهي اها محبت ٻي ڪنهن کي به ڪانهي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته سنڌ جي وڏي حصي جو وجود ئي درياءَ سنڌ جي وهڻ ڪري ٿيو. ماڻڪ پٿا والا جو چوڻ آهي ته، ”سنڌ پرڳڻي جي انچ انچ جو وجود درياءَ سنڌ جي لٽ ڪري ٺهيو آهي.“ (ڏسو سنڌو جو سفر صفحو 20)
    مولائي شيدائي پنهنجي ڪتاب ”جنت السنڌ“ جي صفحي 16 تي لکي ٿو ته، ”سنڌو درياءَ هڪ ڏينهن ۾ ڏهه لک ٽن واري سمنڊ ۾ ٿو ڪيرائي.“ ظاهر آهي ته هزارن لکن سالن ۾ ان سمنڊ ۾ واري ڪرڻ ڪري ڪيتري نه ڌرتي ٺهي هوندي ۽ اهو سلسلو خبر نه آهي ته ڪڏهن شروع ٿيو هوندو، پر هاڻ 2001ع کان اهو واري سمنڊ ۾ ڪرڻ وارو سلسلو ئي بند ٿي ويو آهي. ان کان پوءِ صرف هڪ ٻه ڀيرا پنج ڇهه هزار ڪيوسڪ پاڻي ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڇڏيو ويو آهي. سو گهڻي واري سمنڊ ۾ ڪري هوندي. واريءَ جو سمنڊ ۾ نه ڪرڻ معنيٰ لکن سالن کان سنڌ جو ٺهندڙ وجود جو خاتمو ۽ پڻ درياءَ سنڌ جي سونهن وڃي هر سال گهٽجندي، خبر نه آهي ته ائين ڇو پيو ٿئي، نه ته يورپين ملڪن ۾ ته اهڙيون تدبيرون اختيار ڪن جو سندن نديون ۽ درياءَ وڃن هر روز خوبصورت ٿيندا. مثلاً ندين مٿان ايڏيون ته خوبصورت پليون ٺاهين ۽ نديءَ جي ٻنهي پاسن کان ريل جا رستا يا موٽر وي ٺاهين، ته جئين وهندڙ ندين جي سونهن ۽ خوبصورتي برقرار رهي يا ندين ۾ جام ٽرانسپورٽ هلي، يعني ڪارگو ۽ مسافر بوٽس ٻئي هلن. دريائن جي ڪپرن تي اهڙو سهڻو بندوبست ڪن جو ماڻهو پنهنجون موڪلون اچي ندين جي ڪپرن تي ٺهيل هَٽس ۾ گذارين. جت کين هر سهولت ميسر ۽ حق ملي. يورپ جو شهر ائمسٽر ڊئم ته سڄو ندين جي ڪپرن تي ٺهيل آهي. روم، پئرس ۽ لنڊن جي وچ شهر مان سيس ۽ ٿيمس نديون گذرن ٿيون جن ۾ توهان هزارن جي تعداد ۾ صبح کان رات تائين ٻيڙين ۾ سياحن کي سير ڪندا ڏسندا. اسان جي ٻيڙي شايد پنهنجي اڌ سفر مڪمل ڪيو آهي ڇو ته ٻيڙي اندر ڪافي پوسل جي پاڻي گڏ ٿي ويو آهي جنهن کي ٻيڙي وارا ڇلن ذريعي ٻاهر ڪڍي رهيا آهن. ٻيڙيءَ ۾ پنجٽيهه چاليهه کن ماڻهو ٿيندا. آئون هن کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو آهيان. هونئن به جيڪي ماڻهو درياهن جي ڪپن تي آباد آهن انهن لاءِ ٻيڙين جو سير يا ترڻ ڪا نئين ڳالهه ڪانه هوندي آهي. ٻيڙيءَ جيئن جيئن درياءَ جي هڪ ڪپ کان ٻي ڪپ ٿي وئي تيئن تيئن ٻيڙياتن ٻيڙيءَ جو سڙهه ڦيرايو ٿي. ڪيڏي ڪيڏي مهل ته هڪ ٻيڙياتو مٿي چڙهي ٿي سڙهه کي وچ ۾ کُتل ڪاٺ جنهن کي سيخلو چئبو آهي. تنهن سان ٻڌيو ٿي جنهن اهو ڪم ڏاڍي تيزيءَ سان ٿي ڪيو ۽ اسان ٻيڙيءَ ۾ ويٺل سڀني ماڻهن کيس ڏاڍي غور سان پي ڏٺو، پر پاڻ سڀني کان بيخبر ٿي پنهنجي ڪم کي لڳو پيو هو. ٻيڙيءَ جو ڪپتان يا وڏو ناکئو ٻيڙيءَ جو سکان هٿ ۾ جهليو ٻيڙيءَ اڳيان خاموش ڏسي رهيو هو ۽ پڻ ٻين کي بروقت ضرورت هدايتون ڏيئي رهيو هو. درياءَ جو وهندڙ پاڻي گهڻو ڪري لٽاسي رنگ جو هوندو آهي. پر جڏهن جبلن مٿان نئيون وَهِي درياءَ ۾ شامل ٿينديون آهن ته ان وقت درياءَ جي پاڻيءَ جو رنگ ڦري ڳاڙهو ٿي پوندو آهي ٻيڙيءَ جي اندران دونهن اچي رهيو آهي. شايد هيٺ ويٺل پنهنجي لاءِ چانهه ٺاهي رهيا آهن. ٻيڙياتا ٻيڙي هلندي ٻيڙيءَ ۾ رڌپچاءُ به ڪندا آهن. سندن هنڌ بسترا به ٻيڙيءَ ۾ ئي رکيل هوندا آهن. ٻني ۽ جهرڪ وچ ۾ درياءَ جي ڪپ تي ڪوبه ڳوٺ آباد ڪونهي. جهرڪن کان مٿان هڪ ڳوٺ بلڪل درياءَ جي ڪپ تي آباد آهي جنهن جو نالو آهي، ”راڄ جو ڳوٺ“
    غريب ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ روزگار جا وسيلا شهرن ۾ هئڻ ڪري شهرن جي ابادي وڃي هر روز وڌندي ۽ ڳوٺ وڃن خالي ٿيندا. پر يورپ ۽ آمريڪا ۾ ائين ڪونهي اُت جهڙا شهر تهڙا ڳوٺ، جيڪا سهولت شهرن ۾ ٿئي اها ڳوٺن ۾ به ٿئي. تنهن ڪري ماڻهو لڏپلاڻ يا نقل مڪاني گهٽ ڪن. ماڻهو شهرن کان وڌيڪ ٻهراڙين ۾ رهڻ پسند ڪن. توهان آمريڪا جي شهرن جي آباديءَ جا انگ اکر ڏسندا ته توهان کي معلوم ٿيندو ته آمريڪا جي وڏن شهرن جهڙوڪ، نيويارڪ لاس اينجلس ۽ سينفرانسسڪو جي آدم شماري جيڪا ويهه سال اڳ هئي. تنهن کان هينئر ڪافي گهٽجي وئي آهي. چوندا آهن ته شهر ٻهراڙين جو رت چوسيندا آهن. اسان کي هاڻ جهرڪن جا جبل صاف نظر اچي رهيا آهن. آئون بابا سائينءَ کان پُڇان ٿو ته جهرڪن ڪيڏي مهل پهچبو. پاڻ مشڪي چيائين ته اڌ ڪلاڪ اندر، جيئن ٿي جهرڪ ويجها آيا تئين ٿي جبل صاف نظر آيا. ٿوري دير ۾ ماڻهن ۾ چرپر نظر آئي، هر ڪنهن پنهنجي پنهنجي سامان کي سنڀالي هٿيڪو ٿي ڪيو ته جيئن ٻيڙي ڪپر تي پهچي ته سامان کڻي جلد ٻيڙيءَ مان لهجي. جيئن ٻيڙي ڪپ تي پهتي ته هڪ ٻيڙيئاتو جلد ٻيڙي مان لهي ٻيڙيءَ سان ٻڌل رسو کڻي زمين ۾ کتل وڏي ڪِلي ۾ ٻڌو ۽ آهستي آهستي ٻيڙي ڪپ سان لڳي بيهي رهي ۽ ٻيڙيءَ تان هيٺ وڏو تختو گِري زمين تي رکئون، ماڻهو هڪ هڪ ٿي هيٺ لهڻ لڳا ۽ اسان به ان تختي تان آهستي آهستي ٿي هيٺ لٿاسين ۽ پوءِ پنڌ هلڻ لڳاسين. درياءَ جي ڪپرن تي جبل کان هيٺ درياءَ سان لڳو لڳ جيڪا زمين هئي سا ان وقت ٻڌائون ته بٺوري جي خواجن جي آهي. جنهن ۾ ان وقت ڪافي وڻ نظر اچي رهيا هئا ۽ ات ڪي سيمينٽ جون بينچون به پيل هيون. وڏڙن ٻڌايو ته اُت اڳ وڏو باغ هوندو هو. پر خواجن جي هتان لڏي وڃڻ ڪري ۽ سنڀال نه هئڻ ڪري اهو باغ سُڪي ويو آهي. اهو دؤر 1958ع جو هو ڀٽي دؤر ۾ سال مڪان کان ساپا موريءَ تائين انهيءَ هنڌان شاخ ڪڍي وئي. جنهن ڪري اهو سڄو علائقو آباد ٿي پيو.
    پر جيئن ته اها شاخ ڪچي مان ٿي لنگهي تنهن ڪري جڏهن به درياءَ جي وڏي اٿل ٿيندي آهي ته اها سڄي شاخ درياءَ جي ريٽ ڪري ڍڪجي ويندي آهي. پوءِ جي ترت مرمت ٿي ته ٺيڪ نه ته سالن جا سال سندس وهڪرو بند ٿي ويندو آهي. منهنجو سال مڪان وارو علائقو چڱيءَ طرح ڏٺل آهي. آئون اُت ڪئين ڀيرا ننڍي هوندي کان ويندو رهيو آهيان. ڇو ته سال مڪان جي ارباب جان محمد دل وارن سان اسان جي پراڻي مائٽيءَ جو رشتو آهي جنهن ڪري انهن سان شادي مرادي ۽ مرڻي پرڻي ميل ملاقات ٿيندي رهندي هئي، ڏاڍا محبتي ماڻهو هئا. ارباب جان محمد جو ننڍو پٽ جمن بابا وٺي اچي ٻني رهايو ته پڙهي پوي، پر پاڻ ڪونه پڙهيو ۽ واپس ڳوٺ هليو ويو، ڏاڍو فهميدو ڇوڪرو هوندو هو. ننڍي عمر ۾ وفات ڪري ويو. اسان خواجن جي ٻنين مان ٿيندا جهرڪن جي چاڙهي چڙهي مٿي جبل تي شهر ڀيڙا ٿياسين. درياءَ کان ايندي پهريان گهر پاتڻين جا هئا، پوءِ ٻيو شهر ٿي شروع ٿيو. اسان جهرڪن جي گهٽين مان ٿيندا هر شيءِ کي حسرت جي نگاهن سان ڏسندا اچي جهرڪن جي بس اسٽينڊ تي پهتاسين، بس اسٽينڊ تي ٻه ٽي هوٽلون ۽ ٻه ٽي پان سگريٽ جون ماڊڻيون هيون. جنهن تي حيدرآباد ٺٽي طرف وڃڻ وارا مسافر اچي ويهندا هئا نه ته جهرڪن جي بازار شهر اندر هوندي هئي. جهرڪ درياءَ جي ٻنهي طرفن کان اچ وڃ جو مرڪز هوندو هو ۽ سٺو اردگرد جو واپاري مرڪز هوندو هو. شهر واسي سکي ستابي زندگي گذاريندا هئا، جهرڪ درياءَ ۽ نيشنل هاءِ وي تي هئڻ ڪري تيستائين ترقي ڪندو رهيو، جيسين وڃي سپر هاءِ وي ٺهيو، سپر هاءِ وي ٺهڻ ڪري جهرڪ ۽ ٺٽي جي وچ وارو علائقو پنهنجي اڳوڻي رونق وڃائي ويٺو، نه ته ڪنهن زماني ۾ اهو رستو اوج تي هو ۽ ان زماني ۾ جن جن وڏيرن جا بنگلا نيشنل هاءِ وي تي هوندا هئا انهن جا پنجاب ۽ اَپر سنڌ جي ماڻهن سان ڏاڍا سٺا تعلقات هوندا هئا ڇو ته وڏي مسافري ۽ گرميءَ ڪري انهن کي مجبورن ڪجهه وقت لاءِ اُت ماني کائي آرام ڪري پوءِ ئي اڳيان ڪراچيءَ وڃڻو پوند هو. انهيءَ دؤر ۾ يورپ ۽ آمريڪا جا سياح به وڏي تعداد ۾ هن رستي کان افغانستان ۽ هندستان ويندا هئا. جن ۾ هپي (Hippie) ڇورا ۽ ڇوريون ته سائيڪلن تي ۽ پنڌ به هتان نيشنل هاءِ وي کان ٿيندا اڳتي ويندا هئا. مرحوم عبدالحڪيم شاهه جي سونڊن واري بنگلي تي مون ڪنئين ڀيرا انهن هپيز کي راتيون گذاريندو ڏٺو. وٽن صرف هڪ ننڍو ٿيلهو هوندو هو جنهن ۾ صرف ٻه وڳا ڪپڙن جا هوندا هئا جيڪي پٺن تي رکي روانا ٿي ويندا هئا. وٽن ڪابه جهل پل ڪانه هئي. کين صرف ماني ۽ چرس پيارڻ جي دير هئي. اڪيليون اڪيليون ڇوريون ٽرڪن کي هٿ ڏيو انهن ۾ چڙهي روانيون ٿي وينديون هيون. مرحوم عبدالحڪيم شاهه ڪنئين ڀيرا اهڙا سڻڀا مهمان مون وٽ حيدرآباد واري فليٽ تي وٺي آيو. پاڻ ٻه ٽي ڏينهن رهي هليو ويندو هو. آئون به ٻٽن ڏينهن کان پوءِ انهن مان تنگ ٿي پوندو هوس، گندا هوندا هئا پر سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته سئانن کي ڪهڙيون سوگون. عبدالحڪيم شاهه جي والد صاحب سان رئيس مصري خان سونڊن واري سان ۽ سيد قاسم شاهه سان بابا سائين جا تمام سُٺا دوستاڻا تعلقات هوندا هئا. انهن تعلقات ڪري منهنجي به عبدالحڪيم شاهه سان ياري هوندي هئي جيڪا سندس وفات تائين قائم رهي. اسان ڪنئين ڀيرا ملڪ کان ٻاهر جپان، هانگ ڪانگ، مڪائو، فلپائين، مليشيا ۽ ٿائيلينڊ گهمڻ وياسين، پاڻ سائين جي ايم سيد جو وڏو عقيدت مند هوندو هو.
    جيسين اسان جي بس اچي تيسين اسان کي انتظار ڪرڻو هو ۽ آهستي آهستي بس جا پئسنجر به ويا وڌندا. ظاهر آهي ته جيڪا بس ٺٽي کان ڏينهن جو ايندي سان مسافرن سان ته ڀرجي ايندي ۽ رش به ٿيندي. جهرڪ شهر ۾ ان وقت رند، پير، ميمڻ، خواجه، پاتڻي، سيد جهرڪا ۽ ميربحر رهندا هئا. شهر ۾ ڪافي واپار ٿيندو هو. جنهن ڪري چهچٽو لڳو پيو هوندو هو. جهرڪ هونئن به تمام قديم شهر آهي جيڪو ٻڌ جا ٽڪر ويجهو هئڻ ڪري ۽ درياءَ سنڌ تي آباد هئڻ ڪري ۽ آغا خان جو ايران کان ڀڄي هت رهڻ ڪري قائداعظم جي جاءِ پيدائش هئڻ ڪري ۽ هڪ وڏو ٽي بي سينٽوريم هئڻ ڪري هي وڏي اهميت وارو شهر هو. انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ۽ سنڌ ۾ ٽي ڪليڪٽوريٽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ٺاهيا. ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ وري ڇهه ضلعا ٺاهيا ان ۾ هڪ جهرڪ به شامل هو. (ڏسو پري ميونٽي رڪارڊرس)
    جهرڪ نيشنل هاءِ وي تي نه پر ان کان ميل کن پري هو، اهو وچ وارو هڪ ميل کن رستو گهڻو پوءِ شهيد ڀٽو دؤر ۾ پڪو ٿيو. شهيد ڀٽي دؤر ۾ سڄي سنڌ ترقي ڪئي اُت جهرڪ شهر به ڪافي ترقي ڪئي، جنهن ۾ اهو پڪو رستو، بئنڪ، فون، واٽر سپلائي، هاءِ اسڪول ۽ اسپتال ٺهيا. الائي ڇو مون کي جهرڪ ۽ سن سان ڏاڍي اُنس هوندي آهي. اسان جي بس پري کان نظر اچي رهي آهي ۽ آئون ڏاڍو خوش ٿي رهيو آهيان. چوندا آهن ته ننڍي ٻار ۽ جانور کي لڏپلاڻ ۾ مزو ايندو آهي. سو آئون به بس ڏسي خوش ٿي رهيو آهيان. بس تيز اچي رهي آهي. ڪجهه ماڻهو بس مٿان به ويٺل نظر اچي رهيا آهن. بس هوٽلن اڳيان هلي پريان ڦري واپس هوٽلن اڳيان اچي بيٺي، سواءِ ڪنهن انتظار جي ماڻهو بس مان لهي به رهيا آهن ته چڙهي به رهيا آهن. تنهن ڪري هروڀرو رش محسوس ٿي رهي آهي. اسان به سوڙها سنگهڙا وڃي بس ۾ ويٺاسين. اڄڪلهه بسن ۾ عورتون اڳيان ۽ مرد پٺيان ويهن پر اڳ ۾ ائين نه هو، خاص خاص مسافر اڳيان ۽ ٻيا سڀ مسافر پٺيان ويهندا هئا. جنهن ۾ عورتون به شامل هونديون هيون ۽ اڳيان ويهڻ وارن کان ٿورو ڀاڙو زياده وٺندا هئا. بس ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر بس مان لهي وڃي هوٽل ڀيڙا ٿيا ۽ سڄي بس جا مسافر سندن انتظار ڪري رهيا آهن. اڄڪلهه هاءِ وي تي هلندڙ بسن کي هڪ دروازو آهي پر ان وقت نيشنل هاءِ وي تي هلندڙ بسن کي ٽي دروازا هوندا هئا. يعني ڊرائيور لاءِ جُدا، اڳين مسافرن لاءِ جدا ۽ پٺيان ويهڻ وارن مسافرن لاءِ جدا گيٽ هوندا هئا. ان زماني ۾ هن روٽ تي صرف گورنمينٽ جون بسون هلنديون هيون جن جو ڳاڙهو رنگ هوندو هو. پهرين انهن تي گورنمينٽ روڊ ٽرانسپورٽ لکيل هوندو هو. پر ون يونٽ ٽٽڻ کان پوءِ سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ لکيل هوندو هو، جيڪو شايد اڄ به لکيل آهي. ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽر بس ۾ چڙهيا ته بس به هلڻ لڳي ۽ ڪنڊيڪٽر هڪ هڪ کان ڀاڙو وٺندو اڳتي وڃي رهيو آهي. ان زماني ۾ ٺٽي کان حيدرآباد هڪ روپيو ٻارهن آنا ڀاڙو هوندو هو ۽ جهرڪن کان حيدرآباد چوڏهن آنا ڀاڙو هوندو هو. منهنجي ننڍي عمر هئڻ ڪري منهنجو ڀاڙو چوڏهن آنن جو اَڌ يعني ست آنا هوندو هو. ڀُٽي دؤر ۾ اُهو ڀاڙو سڀني شاگرن لاءِ مقرر ڪيو ويو بس نيشنل هاءِ وي تي چڙهي حيدرآباد ڏانهن هلڻ لڳي. آئون جبل تي ٿوهرن جي وڻن ۽ ٻين جابلو وڻن کي غور سان ڏسي رهيو آهيان ۽ بابا کان هر هر سوال پُڇي رهيو آهيان ۽ بابا سائين مون کي نه رڳو سوال جو جواب ڏئي رهيو آهي پر هر سوال بابت چڱي نموني سان سمجهاڻي به ڏئي رهيو آهي. بابا ٻڌايو ته سنڌ ۾ انگريزن جي اچڻ کان پوءِ انگريزن پهريون پڪو روڊ ڪراچيءَ کان ڪوٽڙي تائين ٺهرايو ڇو ته اڃان ڪوٽڙي واري پُل ڪانه ٺهي هئي ۽ اهو پڪو روڊ پهريون سڄو پڪو ڪونه هوندو هو پر صرف ٻن ٻن فوٽن جون پڪيون پٽيون ٺهيل هونديون هيون. (ته جيئن گاڏين جي فيٿن کي هلڻ ۾ سهولت ٿئي.) جن مٿان ٽرئفڪ هلندي هئي ۽ ان روڊ کي ڪي ڪي ( K K) روڊ يعني ڪراچي ڪوٽڙي روڊ چئبو هو. پوءِ جيئن ٽرئفڪ وڌندي وئي تئين روڊ ويو وڏو ٿيندو. اڄڪلهه ڪراچي کان حيدرآباد وارو روڊ سنڌ حڪومت وٽ نه پر مرڪزي حڪومت جي اداري نيشنل هاءِ وي اٿارٽي وٽ آهي. جن هن روڊ کي ڪراچيءَ کان گهگهر ڦاٽڪ تائين ڊبل روڊ ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته اتان اسٽيل مل ۽ قاسم پورٽ جي ٽرئفڪ درساڻي ڇني کان ڦري سپر هاءِ وي وڃي، جنهن کان پوءِ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن وڃي. اڄڪلهه سنڌ مان پنجاب ڏانهن تمام گهڻي ٽرئفڪ وڃي ٿي تنهن ڪري مجبورن کين سنڌ جي رستي کي ٺاهڻو پيو. اهڙي نموني سان پنجاب جو گندو پاڻي هاڻي سڄي سنڌ لتاڙي اچي گهاري وٽان سمنڊ ۾ ڪرندو آهي، ان گندي پاڻيءَ جي نيڪال ڪري سنڌ ۾ ڪيڏي نه ماحولياتي گدلاڻ پکڙجندي، ان جي سڀني کي خبر آهي. پر پنجاب ڪنهن جي ڇو ته ٻُڌي.
    بس جهرڪن کان رواني ٿي پوءِ جهرڪ سائيٽ، ٻٻرن جي ڳوٺن اونگر، بوتو مڪان ۽ پڻ ٻين ڪيترن ڳوٺن وٽ ماڻهن کي لاهيندي ۽ چاڙهيندي نئي بارڻ جي پُل ڪراس ڪري ريلوي پٽڙيءَ سان گڏوگڏ هلندي هلندي، پوءِ ٻولهاڙيءَ ۾ بيهندي اچي ڪوٽڙي شهر جي ٻاهران بيٺي جت ڪجهه ماڻهو بس مان لٿا. پوءِ ڪوٽڙيءَ جي سڄي لوهه سان ٺهيل پُل ڪراس ڪري گدو بندر شهر اندران ٿيندي حيدرآباد شهر جي وڏي روڊ جنهن کي ٿڌي سڙڪ چون جت چرين جي اسپتال، ڪمشنر آفيس ۽ ڊي آءِ جي آفيس ۽ ٻيون به ڪيتريون سرڪاري آفيسون هيون. نيٺ چاڙهي چڙهي حيدرآباد جيم خانه سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، حڪيم شمس جي دواخاني ۽ فردوس سئنيما کان اڳيان چوڪ تان ڦرندي گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۽ هڪ تمام وڏي پارڪ (جت اڄ گول بلڊنگ ٺهيل آهي.) ڀرسان اچي بيٺي ۽ اسان پنهنجو سامان کڻي بس مان هيٺ لٿاسين. هيٺ ڪيترا ٽانگا لائين ۾ بيٺا آهن. اسان به هڪ ٽانگي ۾ چڙهي پياسين. آئون هن کان اڳ به هڪ ڀيرو ننڍپڻ ۾ حيدرآباد آيو هوس جڏهن مون کي پيٽ ۾ شديد سور پيو هو ۽ ٻني جي ڊاڪٽر جي علاج سان ٺيڪ نه ٿيس ته بابا مون کي حيدرآباد وٺي آيو هو. سٽي ٿاڻي پٺيان ڊاڪٽر صمد ۽ حڪيم شمس الدين منهنجو علاج ڪيو، ،مون برف کڻي کيسي ۾ وڌي ۽ بابا کي چيم ته ڪيترا نه ٽانگا آهن. ڪيترن سالن کان پوءِ اڄ ٻيو ڀيرو حيدرآباد پڙهڻ لاءِ وري آيس. اسان جو ٽانگو حيدرآباد شهر جي گهٽين مان هلندو تلڪ چاڙهي چڙهندو مارڪيٽ ۽ پوءِ هيرآباد ڏانهن وڃي رهيو آهي. حيدرآباد جو شهر سنڌ جي قديم شهرن مان هڪ آهي، جيڪو ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي گاديءَ جو هنڌ ٿي رهيو پر انگريزن جڏهن سنڌ فتح ڪئي ته انهن حيدرآباد جي جڳهه تي ڪراچيءَ کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايو. چون ٿا ته حيدرآباد جو نالو پهرئين پٽالا هو پوءِ نيرون ڪوٽ ٿيو پوءِ حيدرآباد ٿيو. جنت السنڌ جو لکندڙ مولائي شيدائي ڪتاب جي صفحي 40 تي لکي ٿو ته:
    ”سڪندر جهل مان جهاز ٺهرائي سنڌونديءَ رستي ملتان پهچي ويو هتي جي مالي راجه کي شڪست ڏئي اُچ (سڪلنده) جو شهر تعمير ڪرائي سنڌونديءَ رستي پٽالا (نيرون ڪوٽ) پهتو.“
    پر پٽالا جو نيرون ڪوٽ هئڻ کي جنرل هيگ پنهنجي ڪتاب ”سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو“ ۾ رد ٿو ڪري. هو ڪتاب جي صفحي 9 تي لکي ٿو ته:
    ”حيدرآبادکان وٺي سمنڊ تائين ساري پرڳڻي کي لاڙ چوندا آهن. جنهن جوءِ جو اوڙڪ ۾ احوال اوريو ويو آهي، سو سنڌ جو ڇوڙ وارو اهو تاريخي علائقو آهي جنهن تي سڪندر جي حملي دوران ان جي مؤرخن جون پهريون نظرون پيون هيون. ان بابت سندس اتهاسن ۾ وستار سان ڳالهيون به ڳائجڻ لڳيون هيون. تنهن سمي هن ڇوڙ واري علائقي جو اوڙڪ، مٿيون پاسو پٽالا هو جتان سنڌو ٻه درياهن ۾ ونڊجي ويندو هو. سندس هڪ چاڙهه ڏکڻ اوڀر ڏس تي ۽ ٻي ڏکڻ اولهه پاسي لڙي ويندي هئي. هر هڪ چاڙهه کي سنڌو سڏيو ويندو هو. هاڻي مامرو اهڙو مُنجهي ويو آهي جو پٽالا جي سڃاڻڻ جا امڪان موجود ڪونه آهن مان انهن مؤرخن سان ڪڏهن به سهمت ڪونه آهيان جيڪي هن ٿاڪ کي حيدرآباد يا ان جي ڀرپاسي ۾ سمجهن ٿا ۽ انهن سان به اختلاف راءِ آهي جيڪي ٺٽي کي پٽالا سمجهندا آهن.“
    ان کان به وڌيڪ دلچسپ احوال چچ نامي جي صفحي 401 ۾ ڄاڻايل آهي ته:
    ”محمد بن قاسم ديبل جي فتح بعد نيرون ڪوٽ ڏانهن ڪوچ ڪيو ۽ ڇهن ڏينهن جي پنڌ بعد ستين ڏينهن اچي نيرون ڪوٽ وٽ پهتو جو ديبل کان پنجويهن فرسنگن جي مفاصلي تي هو. نيرون لڳ (برور) جي جوءِ هئي جتي چراگاهه هئا مگر مهراڻ جو پاڻي اڃا اتي ڪونه آيو هو. هن بيان مان ظاهر آهي ته ديبل کان نيرون ڪوٽ ڏانهن ايندي محمد بن قاسم سنڌو درياءَ ڪونه ٽپيو هو. جنهن جي معنيٰ ته نيرون ڪوٽ مهراڻ جي اولهه ۾ هو.“
    ديبل کان نيرون ڪوٽ پنجويهه فرسنگ يعني پنجهتر ميل پري هو. جيڪڏهن ڀنڀور جا کنڊرات ديبل جا آهن جيئن اسان مٿي بحث ڪري آيا آهيون ته ڀنڀور کان حيدرآباد تقريباً پنجهتر ميلن جي مفاصلي تي آهي. محمد بن قاسم چورانوي 94هه ۽ 711ع ۾ نيرون ڪوٽ آيو هو يعني ان وقت درياءِ سنڌ حيدرآباد کان مٿي پري وهندو هو. ان جي تصديق حيدرآباد ۽ ٽالپرن تي پي ايڇ ڊي جو مقالو لکندڙ ليکڪا ڊاڪٽر قمر جهان مرزا پنهنجي ڪتاب ”حيدرآباد شهر“ جي صفحي 28 تي هئين بيان ڪيو آهي ته:
    ”سن 59-1758ع ۾ سالن جي بيتابيءَ بعد سنڌو درياءَ هالن ۽ نصرپور کان ويندي هيٺ تائين ميلن جا ميل پنهنجو اصلوڪو رُخ ڇڏي هالن کان سڌو ڏکڻ طرف رُخ رکي نيرون ڪوٽ جي الهندي کان وهڻ لڳو جتان اڄ ڏينهن تائين وهندو رهي ٿو.“
    تحفته الڪرام جو ليکڪ علي شير قانع لکي ٿو ته:
    ”1182هه يعني 1768ع جي ذوالقعد مهيني ۾ نيرون ڪوٽ جي سرزمين تي هڪ مضبوط جبل آهي جنهن کي تختگاهه بنائڻ جي تجويز ٿي چڪي هئي.“
    نيرون ڪوٽ هن ملڪ جو جهونو ۽ مشهور قلعو آهي سو گهڻي وقت کان ڊهي ويو هو ۽ سندس شهرت وڃي هڪ ڳوٺڙي جيتري بيٺي هئي.
    سنه 1768ع ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي هن جاءِ کي پنهنجي خاص رهڻ لاءِ پسند فرمائي مضبوط قلعي ۽ شاندار شهر جو بنياد رکيو. قلعو انهيءَ سال تيار ٿي راس ٿيو ۽ قلعي جي دروازي ٻاهرن هي قرآني آيت لکي وئي.
    يعني: ”اي رب هن شهر کي امن وارو ڪر.“ ان قرآني آيت مان به هن قلعي جي ٺهڻ واري سال جي خبر پوي ٿي.
    حيدرآباد جي آڳاٽي آدمشماريءَ جا انگ اکر
    سال آبادي گهر
    1808ع 15000 5000
    1818ع 20000
    1843ع 20000
    حيدرآباد ٻڌن، هندن ۽ مسلمان دؤر حڪومتن ۾ سنڌ جو هڪ اهم شهر هو، جت سڪندر اعظم محمد بن قاسم ۽ نيپئر سڀ اچي هن شهر مٿان ڪڙڪيا اڄ به حيدرآباد سنڌ جو هڪ اهم واپاري، ادبي سماجي ۽ مرڪزي شهر آهي. هتي:
    1- ڪوٽڙي بئراج
    2- سنڌ ريجمينٽ جو هيڊڪوارٽر
    چار يونيورسٽيون
    1- سنڌ يونيورسٽي
    2- لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز
    3- مهراڻ يونيورسٽي
    4- اسرا يونيورسٽي
    ڪراچيءَ کان پوءِ سنڌ جو ٻيو نمبر وڏو شهر جتي سنڌ جي ماضيءَ ۽ حال جا وڏا ثقافتي مرڪز موجود آهن. مثلاً،
    1- شهيد هوشو شيديءَ جي مزار
    2- حيدرآباد جو پڪو ۽ ڪچو قلعو
    3- ڪلهوڙن ۽ ميرن حاڪمن جا مقبرا
    4- سنڌالاجي
    5- سنڌي لئنگوينج اٿارٽي
    6- سنڌ ميوزم
    7- سنڌي ادبي بورڊ
    حيدرآباد چاڙهين، پڙن ۽ ٽنڊن جو شهر پڻ آهي.
    چاڙهيون:
    1- تلڪ چاڙهي
    2- ڏتل شاهه جي چاڙهي
    3- هيمونءَ جي چاڙهي
    4- ٺوڙهي جي چاڙهي
    5- ڇٽيل چاڙهي
    6- سخي پير جي چاڙهي
    7- ڪاري موريءَ جي چاڙهي
    8- سرفراز چاڙهي
    9- قدم گاهه واري چاڙهي
    10- هوم اسٽيڊ واري چاڙهي
    11- ڀائي خان جي چاڙهي
    12- پکي پير جي چاڙهي
    13- بلال جي چاڙهي
    14- ڀو چالو شاهه جي چاڙهي
    15- ڇوٽڪي چاڙهي
    16- عيدگاهه چاڙهي
    حيدرآباد جا پڙ:
    1- فقير جو پڙ
    2- جمن شاهه جو پڙ
    3- ميرمحمد خان جو پڙ
    4- ناهين جو پڙ
    5- سانول شاهه جو پڙ
    6- امير شاهه جو پڙ
    7- گنج بخش پڙ
    8- واڍن جو پڙ
    9- دادن شاهه جو پڙ
    حيدرآباد شهر ۾ ٽنڊا:
    1- گدوءَ جو ٽنڊو (جنهن کي هاڻ بندر ٿو سڏجي)
    2- ٽنڊو جهانيان
    3- ٽنڊو طيب
    4- ٽنڊو يوسف
    5- ٽنڊو ميرمحمد
    6- ٽنڊو آغا
    7- ٽنڊو اسماعيل شاهه
    8- ٽنڊو ٺوڙهو
    9- ٽنڊو مير غلام حسين شاهه
    10- ٽنڊو مير نورمحمد
    11- ٽنڊو ولي محمد


    5

    حيدرآباد شهر جون اهم شخصيتون جن ۾ ڪجهه هت ڄاوا پر ڪجهه ڄاوا ته ٻي هنڌ پر سندن سڄي زندگي حيدرآباد ۾ گذري:
    1- علامه آءِ آءِ قاضي
    2- مرزا ٻڍل بيگ
    3- حافظ عبدالله بسمل
    4- بلاول پرديسي
    5- ڪاڪو ڀيرو مل مهر چنڊ آڏواڻي
    6- پرمانند ميوارام
    7- آغا تاج محمد
    8- مير نصير خان جعفري
    9- مظفر حسين جوش
    10- حافظ حيات شاهه
    11- حافظ حامد ميمڻ ٽکڙائي
    12- حسن علي آفندي
    13- مير حسين علي حسين
    14- ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي
    15- مير شهزاد خان حيدري
    16- ديوان ليلا رام خاڪي
    17- لڇي رام خفتي
    18- ڊاڪٽر ابراهيم شيخ خليل
    19- عبدالله خواب
    20- درويش مومن حيدرآبادي
    21- مرزا دوست محمد دوست
    22- سردار علي شاهه ذاڪر
    23- رشيد احمد لاشاري
    24- ساڌو ٽي- ايل- آڏواڻي
    25- مير عبدالحسين سانگي
    26- ميان سرفراز ڪلهوڙو
    27- سلطان علي خان ٽالپر
    28- مير صوبيدار خان
    29- آخوند فقير محمد عاجز
    30- خواجه عبدالرحمان مجدو ٽکڙائي
    31- محمد عثمان ڏيپلائي
    32- غلام محمد ڀرڳڙي
    33- فاضل شاهه فاضل
    34- ديوان سوڀراج فاني
    35- مراز قاسم علي بيگ
    36- مرزا قليچ بيگ
    37- پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻي
    38- ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
    39- آخوند لطف الله
    40- لال چند امر ڏنو مل جگتياڻي
    41- مولانا غلام محمد گرامي
    42- خان بهادر محمد صديق ميمڻ
    43- ممتاز مرزا
    44- فقير نواب ولي محمد لغاري
    45- جنرل هوش محمد شيدي
    46- ميران محمد شاهه
    47- آخوند الهه بچايو ايڊووڪيٽ
    48- آخوند آفتاب ايڊووڪيٽ
    49- محمد ميمڻ ايڊووڪيٽ
    50- غلام نبي ميمڻ
    51- قاضي عبدالمجيد عابد
    52- قاضي محمد اڪبر
    53- غلام محمد شاهواڻي
    54- شيخ عبدالمجيد سنڌي
    55- شوڪت حسين شورو
    56- مشتاق شورو
    57- حميد سنڌي
    58- نور محمد وڪيل
    59- ڊاڪٽر غلام علي الانا
    60- محمد ابراهيم جويو
    61- لال ڪشن آڏواڻي
    62- جهمٽ مل ايڊووڪيٽ
    63- نياز همايوني
    64- امداد حسيني
    65- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
    66- سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
    67- سيد منظور نقوي
    68- رسول بخش پليجو
    69- زرينا بلوچ
    70- قادر مگسي
    71- ديبا سحر
    72- صنم ماروي.
    ۽ ٻيا ڪيترائي حيدرآباد ۾ مشهور عالم، اديب، شاعر ۽ دانشور هوندا پر مونکي اهي ئي ياد آهن.
    اسان جو ٽانگو هيرآباد جي جيل روڊ تان هلندو اچي سيٺ ٽِيون مل جي بنگلي جي دروازي تي بيٺو، جيڪو ان وقت مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جو ميمبر هو. بنگلي جي ٻاهرين دروازي مٿان لڪشمي بلڊنگ لکيل هو. بنگلي جو رنگ ڳاڙهو پر ٻاهرين ڪاٺ جي دروازي جو رنگ هلڪو سائو هو. سيٺ ٽِيون مل بابا جو دوست هو جيڪو ڪيترائي دفعا بابا سائينءَ وٽ ٻني ۾ فيملي ساڻ به اچي چڪو هو. بابا ٽانگي واري کي ڀاڙو چار آنا ڏنا ۽ اسان جو سامان سنڌ جي مشهور راڳي علڻ فقير کڻي وڃي مٿي ماڙيءَ تي پهچايو. علڻ فقير ان وقت سيٺ ٽِيون مل جي بنگلي تي ڪم ڪندو هو. ان وقت علڻ فقير جي عمر مون کان ٿوري وڏي هوندي.
    بابا بنگلي اندر ڊرائينگ روم ۾ بيگم سيٺ ٽِيون مل سان ڪجهه ڳالهايو پوءِ آئون ۽ بابا مٿي ماڙيءَ ڏانهن هليا وياسين. جت هڪ وڏو ڪمرو، ڀر سان ٻيو ڪمرو، اوڀر طرف وهنجڻ خانو ۽ ليٽرين جدا جدا ۽ هڪ ٻيو ڪمرو جنهن ۾ سيٺ ٽئون مل جو مئنيجر آڏواڻي رهندو هو. اسان وڏي ڪمري ۾ رهياسين. بابا حيدرآباد ۾ گهڻو ڪري سيٺ ٽِيون مل ۽ ڪڏهن ڪڏهن سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي وٽ رهندو هو. جنهن شاهه جي رسالي جي لغت ٻاروچي ٻولي نالي ڪتاب لکيو. پاڻ تمام وڏو عالم ۽ مدبر انسان هو. پاڻ پنهنجي اوطاق تي سنڌ جي غريب ڇوڪرن کي رهائيندو هو جيڪي پڙهي پوءِ وڃي نوڪرين سان لڳندا هئا. جيڪي پوءِ وڏا وڏا آفيسر ٿيا، جن جا هاڻ نالا ڪونه ٿا لکون.
    سيد نجف علي شاهه کان سواءِ بابا سائين قاضي غلام رسول پلي ڍوري ناري واري جي بنگلي تي به رهندو هو. جيڪو وزير ايڪسري واري کان ٿورو اڳيان هوندو هو. يا کڻي ائين چئجي ته سيلاٽن جي پاڙي پويان هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوٽل ۾ به رهندو هو، پر اهو تڏهن جڏهن ساڻس ڪو ٻيو ماڻهو گڏ هوندو هو. اسان ٻنپهرن جي ماني کائي آرام ڪري شام جو هاري ڪميٽي جي آفيس ۾ آياسين جت بابا هاري ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شريڪ ٿيو ۽ مون کي به پهريون ڀيرو سڄي سنڌ جي هاري اڳواڻن کي هڪ وقت ڏسڻ جو موقعو مليو. ان وقت ملڪ ۾ جمهوريت هئي. اڃان ايوب خان ملڪ تي مارشل لال ڪونه هنئي هئي. پريس آزاد هئي ۽ هاري ڪميٽيءَ جي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت هئي. هيءَ واحد پارٽي هئي جيڪا ٻهراڙين ۾ هارين ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪري رهي هئي. باقي مسلم ليگ ۽ خاڪسار پارٽيءَ جو اثر رسوخ هاڻ ختم ٿي چڪو هو. هاري ڪميٽي هر روز ويئي عوام ۾ مقبول ٿيندي. هاري ڪميٽيءَ جي هن ميٽنگ ۾ مون پهريون ڀيرو حيدر بخش جتوئي، قاضي فيض محمد، غلام محمد لغاري، نظير حيدري، ڪامريڊ عبدالقادر، غلام حسين سومرو ۽ ٻيا پڻ ڪيترا هاري ليڊر ڏٺا جن ڏاڍيون ٿي سٺيون تقريرون ڪيون. وڏا مدبر انسان هئا، رات جو دير سان سيٺ ٽِيون مل جي گهر پهتاسين جت ماني کائي سمهي پياسين. صبح سوير ناشتو ڪري نورمحمد هاءِ اسڪول پهتاسين جت بابا مون کي چوٿين درجي انگريزيءَ ۾ داخل ڪرايو. ان وقت اسڪول في اڍائي روپيا هئي. اسڪول ۾ داخلا وٺي بابا اريگيشن آفيس سول لائين صدر آيو جت پاڻ انجنيئر ۽ سپرنٽينڊنگ انجنيئر سان مليو. اُت مون کي ڪجهه دڙي بٺوري جا ماڻهو به ڏسڻ ۾ آيا اُتان اسان واپس هيرآباد سيٺ ٽِيون مل جي گهر آياسين. سيٺ ٽِيون مل صوفي سنت ۽ نيڪ انسان هوندو هو. سندس زال مسلمان هئي. جنهن جو نالو زرينه هو پر کيس بالي ڪري سڏيو ويندو هو. جنهن مان کيس ٽي پٽ ۽ ٻه نياڻيون هيون. گهر جو ماحول واڻڪو ڪونه هوندو هو. مون ڪنهن به گهر جي ڀاتيءَ کي پوڄا پاٽ ڪندي ڪونه ڏٺو. سيٺ ٽِيون مل جي سڄي فيملي سيٺ ٽِيون مل کان سواءِ آمريڪا هلي وئي ۽ ٽِيون مل هت ديهانت ڪيو ۽ بالي آمريڪا ۾ سندس اولاد وٽ وفات ڪئي. سندن اولاد آمريڪا ۾ هاڻ ڪٿي آباد آهي سا خبر خدا کي.
    سيٺ ٽِيون مل جا دوست اڪثر ڪري سڀ مسلمان هوندا هئا. پاڻ مسلمانن درويش جي درگاهن تي ڏاڍي شوق سان ويندو هو. جيستائين جيئرو هو تيستايئن مون ڏٺو ته سواءِ نالي جي هن ۾ ٻي ڪابه واڻڪي ڳالهه ڪانه هئي. هو ڪشادي دل ۽ رحمدل انسان هو، باليءَ کان اڳ به کيس ٻي هندو زال هئي پر اها مون ڪانه ڏٺي هئي. شايد وفات ڪري ويئي هئي يا سندس اصلوڪي ڳوٺ ۾ رهندي هئي. انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته: ”Man known from his company which he keeps“ بابا سائين جا جيڪي به مون دوست ڏٺا سي سڀ علم دوست، ادب دوست، انسان دوست ۽ عظيم انسان هئا، ڇا نه ماڻهو هئا، سچ پچ ته باقي زندگيءَ ۾ اهڙا شفيق انسان مون ڪونه ڏٺا. بابا هر ڪم مقرر وقت تي ڪرڻ جو عادي هو. مثال: ماني وقت تي کائيندو هو، چانهه وقت تي، ڪتاب پرهڻ وقت تي، ماڻهن سان ملڻ وقت تي، سمهڻ وقت تي، بابا ٻنپهرن جي ماني کائي ٿوري دير آرام ڪري پوءِ پڙهڻ شروع ڪندو هو. سو بابا ماني کائي آرام ڪيو ۽ آئون ٻاهر گئلري ۾ بيهي هر ايندڙ ويندڙ کي ڏسڻ لڳس.
    سيٺ ٽِيون مل وارن جي ڪار گهر کان ٻاهر بيٺي هئي ڪارو رنگ هو. ڪار مٿان پوش چڙهيو پيو هو. تمام ٿورڙي ٽرئفڪ آهي، ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ ڪار يا بس هلي رهي هئي. نه ته گهڻو ڪري رُڳا ٽانگا ئي ٽانگا هئا. رستو ان وقت به ون وي يعني جيل روڊ تي ٽرئفڪ جيل طرف وڃي رهي هئي. جيڪو نيشنل هاءِ وي تي هو ۽ اتان ٽرئفڪ جيل طرف وڃي رهي هئي جيڪو نيشنل هاءِ تي تي هو ۽ اتان ٽرئفڪ بنگلي جي پٺيان ڀرڳڙي هائوس کان ٿيندي شهر طرف اچي رهي هئي. هيرآباد جو علائقو هندو عاملن جي رهائش جو علائقو هو، جيڪو ورهاڱي ڪري عاملن جي هندستان وڃڻ ڪري هاڻ هندستان مان آيل مهاجرن اچي آباد ڪيو هو. سڄي عامل ڪالونيءَ ۾ سنڌين جا ٿورڙي تعداد ۾ گهر هئا. پر سڄي علائقي ۾ اثر رسوخ انهن چند سنڌين جو هو ۽ حيدرآباد شهر جي سڄي سياست به سنڌين وٽ هئي. تعداد ۾ ته مهاجر گهڻا هئا پر اڃان پنهنجي سياسي حيثيت ٺاهي نه سگهيا هئا. ڇو ته ورهاڱي کي اڃان مس ٻارهن سال ٿيا هئا گهڻو پوءِ حيدرآباد ۾ پهريون مهاجر ليڊر حافظ مبارڪ ۽ پوءِ نواب مظفر موجوده مسلم ليگي اڳواڻ ۽ حيدرآباد ضلعي حڪومت جو ڊپٽي ڪنوينر نواب راشد جو پيءُ مهاجرن جا ليڊر ٿي سامهون آيا. ڇو ته اڃان کين سنڌين جي حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي کارايل ماني هضم ڪانه ٿي هئي. ورهاڱي وقت سنڌي مسلمان هندستان کان آيل مهاجرن لاءِ کاڌي جون ديگيون ڀريو اچيو ريلوي اسٽيشن تي کين کارائيندا هئا. اهو سلسلو ڪيترو وقت سندن هندستان مان اچڻ تائين هلندو رهيو پوءِ جيڪي مهاجرن حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ سنڌين سان ويڌن ڪيا ان جو احوال اڳتي لکندس. هينئر پاڻ حيدرآباد ٿا گهمون.
    بالڪونيءَ مان مسلم هاسٽل سڄي نظر اچي رهي آهي. جنهن ۾ آئون چند روزن ۾ وڃي رهندس. سڄي هاسٽل غور سان ٿو ڏسان هاسٽل ۾ چند شاگرد ۽ اسٽاف نظر اچن ٿا. بابا به اچي گئلريءَ ۾ بيٺو، مون کي چيائين ته فلم ڏسندين مون چيو ته ها ۽ اسان تيار ٿي پنڌ ئي پنڌ فلم ڏسڻ لاءِ روانا ٿياسين. ايلائٽ سئنيما سيٺ جي بنگلي کان چند منٽن جي پنڌ تي هئي.
    مون اڳي ٻني ۾ ٿيٽر ڏٺا هئا پر فلم ڪڏهن به ڪانه ڏٺي هئي. سو فلم ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو. پاڪستان ۾ 1965ع جي جنگ کان پوءِ هندستاني فلمن تي بندش پئي نه ته اڳ ۾ سڄي ملڪ ۾ عام جام هندستاني فلمون هلنديون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن پاڪستاني فلم جو بورڊ به شهر ۾ ڏسڻ ۾ ايندو هو. نه ته گهڻو ڪري هندستاني فلمون سئنيمائن ۾ هلنديون هيون. ٽنگيل بورڊن کان سواءِ جمعي جي ڏينهن سڄي شهر ۾ ٽانگن تي بورڊ هڻي سڄو ڏينهن پيا نئين فلمن جا لائوڊ تي اعلان ڪندا هئا. ته اڄ فلاڻي فلم سئنيما ۾ لڳندي. سئنيمائن ۾ ٽڪيٽ تي به ڏاڍي رش ٿيندي هئي. هڪ ڏينهن ۾ ٽي چار شو فلم جا ٿيندا هئا. وري ڪڏهن ڪڏهن اسپيشل ليڊيز شو به سئنيمائن ۾ ڏيکاريندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مشهور هندستاني فلم کي ڏسڻ لاءِ صبح جو سوير ٽڪيٽ لاءِ لائينون لڳي وينديون هيون جيڪي پري پري وڃيو دنگ ڪنديون هيون، سٺ جي ڏهاڪي ۾ جڏهن پاڪستان ۾ هندستاني فلمن تي بندش هئي تڏهن هندستاني فلم مغل اعظم جي ڏسڻ لاءِ هندستان حڪومت پاڪستانين کي پندرهن ڏينهن جي اسپيشل ويزا ڏني ۽ ڪيترائي ماڻهو اها فلم ڏسڻ لاءِ هندستان ويا. جيئن اڄڪلهه ڪرڪيٽ ڏسڻ لاءِ پاڪستان ۽ هندستان جي ماڻهن کي اسپيشل ويزا ملندي آهي ۽ ماڻهو اسپيشل ٽرينن ۾ چڙهي ڪرڪيٽ ڏسڻ هندستان وڃن ٿا.
    سئنيما مٿان فلم جا وڏا وڏا بورڊ لڳا پيا هوندا هئا. ٻن ماڻهن جي هٿن ۾ تلوارون جيڪي هڪ ٻي جي سامهون وڙهڻ لاءِ تيار، سندن مُنهن تي ڪاوڙ وارو انداز، ٻن پاسن کان حسين عورتن جا فوٽو هڪ نقاب ۾ ته ٻي نچندي، گهوڙي جو پوئين ٽنگن تي بيٺل فوٽو، انهن وڏين تصويرن هيٺان ننڍيون تصويرون وڏن اکرن ۾ لکيل فلم جو نالو ياسمين هو، ائڪٽرن جا نالا، هيروئن وجنتي مالا ۽ هيرو سريش، فلم ڊائريڪٽر اي آر ڪاردار ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر اڄڪلهه جي مشهور ميوزڪ ڊائريڪٽر جان نثار اختر جو پيءُ نثار اختر ۽ ٻيا نالا تمام ننڍڙن اکرن ۾ لکيل هئا. چؤطرف کاڌي پيتي وارن جا هوڪرا، آئون هن سڄي ميلي کي خاموشي سان ڏسي ۽ ٻڌي رهيو آهيان. هر ماڻهوءَ ۽ هر شيءِ کي غور سان ڏسان ٿو. هي سڀ ڪجهه مون لاءِ بلڪل نئون آهي ۽ فلم ڏسڻ وارن مردن سان گڏ عورتون به آهن. پر گهڻو ڪري بُرقعي ۾ آهن. اسان ٽڪيٽ وٺي مٿي گئلري ۾ وڃي ويٺاسين، مٿي به ڪافي رش آهي. پهريون ڀيرو ڪنهن سئنيما اندر داخل ٿيڻ جو اتفاق ٿيو. هال اندر گهڻن ماڻهن هئڻ ڪري هڪ عجيب بوءِ محسوس ٿي رهي آهي. فلم اڃان شروع ڪانه ٿي آهي. آئون بابا کان پُڇان ٿو ته فلم ڪيئن هلندي. پاڻ مون کي هر ڳالهه مختصر پر سهڻي نموني سمجهائي ٿو. ٿوري ئي وقت ۾ لائيٽون بند ٿين ٿيون پردي تي فلم جو نالو هندي ۽ اردو ۾ لکيل آهي. اڄڪلهه هندستاني فلمن ۾ فلم جو ٽائيٽل صرف انگريزيءَ ۽ هنديءَ ۾ لکن- فلم ڏسڻ وقت دل ۾ عجيب سوال ٿا اُڀرن پر آئون ڪوبه سوال جواب ڪونه ٿو ڪريان ۽ چپ چاپ ٿي فلم ڏسندو ٿو رهان. مون کي ان وقت ڏاڍو مزو ٿو اچي. جڏهن فلم ۾ هيروئن هيرو جي ڪڇ ۾ سرو ٿي رکي يا هيرو هيروئن گانا ٿا ڳائين جن ۾ پيار ۽ محبت جا ٻول ۽ وچن آهن. مونکي اڄ به اهي گيت ياد آهن. فلم ۾ ڏهه ٻارهن کن گانا هئا پر آئون انهن مان چئن گيتن جا ٻول توهان کي ٿو ٻڌايان. جان نثار اختر ڪهڙا نه سٺا گيت لکيا هئا.
    بے چین نظر بے تاب جگر، یہ دل ہے کسی کا دیوانا۔
    کب شام ہو اور شمع جلے، اڑ کر پنچھی پروانا۔
    دل ان کو ڈونڈتا ہے، ہم دل کو ڈونڈتے ہیں۔
    بھٹکے ہوئے مسافر، منزل کو ڈھونڈتے ہیں۔
    ہنس ہنس کے حسینوں سے، نظر چار کیئے جا۔
    جو بھی کرے پیار، اسے پیار کیئے جا۔
    مطلب ته فلم ڏسي ڏاڍو مزو آيو پوءِ ته فلمن جي اهڙي عادت پئي جو ڪڏهن ڪڏهن هڪ ڏينهن ۾ ٽي ٽي فلمون به اسڪول يا ڪاليج جي زماني ۾ ڏٺيم ۽ اها فلم ڏسڻ جي عادت مون مان اڃان به ڪانه ويئي آهي. اڄ به انگريزي فلم ٽرائي ڏٺيم. پر هاڻ فلم سئنيما ۾ نه پر گهر ۾ ڏسندو آهيان. اڳ ۾ هڪ سئنيما هوندي هئي ۽ هڪ فلم هوندي هئي پر هينئر ڪيبل جي مهربانيءَ سان گهر اندر ۽ هڪ ٽي وي اسڪرين اندر پنجاهه سئنيمائون ۽ پنجاهه فلمون توهان چوويهه ڪلاڪ ويٺا ڏسو، ڏهن ڏهن ملڪن جا ماڻهو ٽي وي تي هڪ وقت هڪ ئي اسڪرين تي ڏسو ۽ انهن سان ان وقت سوال جواب ڪريو ۽ بروقت توهان کي جواب ملي ڪيڏي نه ترقي ڪئي آهي سائنس پنجاهه سالن ۾، جيڪا گذريل لکن سالن ۾ به نه ٿي هئي. اڳيان ته الائي جي ڇا ٿيندو. خوش نصيب آهن اهي قومون ۽ ماڻهو جيڪي انهيءَ مان لطف اندوز ٿيندا پر ماڻهو جيڪو سوچي ٿو اهو ئي ٿئي ٿو. هي قدرت جا راز انسان جي سمجهه کان ٻاهر آهن. هي اسان جو پنهنجي شمسي نظام جنهن کان اسان باخبر آهيون سو ئي انسان کي حيران ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.


    6

    اسان فلم ڏسي واپس سيٺ ٽِيون مل جي گهر پيا وڃون، پر منهنجي دماغ ۾ رڳو فلم ئي فلم سمائي پئي آهي. فلم ٺهڻ جو به هڪ وڏو داستان آهي. ڪو دؤر هو جو صرف خاموش فلمون ٺهنديون هيون پوءِ آواز به فلم ۾ شامل ٿيو پوءِ رنگين فلمن جو دؤر آيو. هاڻ ته ٽيڪنالاجيءَ جي زور تي سواءِ ڪنهن وڏي پورهئي جي، پئسي ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنڪ سان گهر ويٺي اسٽوڊيو ۾ سڄي فلم ٿوري وقت ۾ تيار ٿيو وڃي. اڳي اهو به زمانو هو جو جڳ مشهور ڪلوپترا فلم ٺاهڻ وقت فلم جي هيروئن ايلزبيٿ ٽيلز کي فلم ۾ نيچرلٽي پيدا ڪرڻ لاءِ ايلزبيٿ ٽيلر کي هڪ سال لاءِ ڪنهن محل ۾ راڻي ڪلوپترا وانگر ئي رهايو ويو. جيئن فلم ۾ سندس ڪردار اصلي ۽ حقيقي روپ ۾ نظر اچي.
    مون آمريڪا جو مشهور يونيورسل اسٽوڊيو گهمي ڏٺو آهي. جت بيشمار فلمون ٺهن، انهيءَ کان سواءِ مون هالي ووڊ به سڄو گهمي ڏٺو جنهن جو ذڪر مون پنهنجي سفرنامن ۾ ڪيو آهي.
    اڄڪلهه ته هالي ووڊ جي فلمن سان گڏوگڏ هندستاني فلمن جو به وڏو چرچو آهي. جيڪي هاڻ گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ ڏيکاريون وڃن. هندستاني ائڪٽرن جا مجسما، توهان کي هاڻ لنڊن جي مادام تساد ميوزم ۾ به نظر ايندا. انهن ۾ اميتاب بچن، ايشوريا راءِ، شاهه رخ خان ۽ سلمان خان شامل آهن. هندستاني فلمن ۾ مرد ائڪٽرن ۾ دليپ ڪمار، راجڪپور، گُرودت اميتاب بچن ۽ شاهه رخ خان وڏو نالو ماڻيو. وري عورت اداڪارائن ۾ مينا ڪماري، نرگس، وجنتي مالا، ريکا، ماڌوري ۽ ايشوريا راءِ وڏي شهرت ماڻي، هندستاني فلمون وي سي آر، وي سي پي، سي ڊي ۽ ڪيبل ذريعي ٻني کان نيويارڪ تائين شهرت جي بلندين تي پهچي ويون آهن. ان ڪري ٻهراڙين جي هوٽلن ۾ پوليس وارن جو هڪ نئون ڌنڌو شروع ٿي ويو.
    هندستان جون آرٽ فلمون ته ڏاڍيون لاجواب آهن جنهن جو شيخ اياز به پنهنجي لکڻين ۾ ذڪر ڪيو آهي. آرٽ مووين ۾ پرهار، اجازت، زبيده، ناچي ميوري، مرچ مصالحا ۽ درو ڪال لاجواب فلمون هيون. هندستان ۾ به اڄڪلهه آرٽ فلمون گهٽ پيون ٺهن ۽ ڪمرشل فلمن ۾ به ساحر لڌيانوي جي اهڙن سٺن شعرن:
    میں پل دو پل کا شاعر ہوں،
    پل دو پل میری کہانی ہے۔
    جي جاءِ تي اڄڪلهه هي بي سرا گانا پيا ڳائين.
    ٹم ٹم ٹم ٹم تارا
    چلتے ہے نو سو دو گیارہ
    هندستاني فلم انڊسٽري ته پنهنجي جاءِ تي پر انگريزي فلمن جي ڳالهه ئي ٻي آهي، ڇا ته ٿو پيسو خرچ ٿئي ۽ ڇا ته ٿيون فلمون پئسو ڪمائين. ان دولت وسيلي آمريڪي فلمن جا ائڪٽر آمريڪا جا صدر ۽ رياستن جا گورنر ٿي ويا. انهن ۾ آمريڪي صدر ريگن ۽ آرنلڊ شيوازنگر قابل ذڪر آهن. آئون جڏهن آمريڪا ويس ته مون کي شوق ٿيو ته مائيڪل جيڪسن ۽ مئڊونا سان ملان. اها ڳالهه مون اسان جي ميزبان نظام الدين جتوئي سان ڪئي. جنهن چيو ته سائين آئون آمريڪا ۾ ڪيترن سالن کان رهيو پيو آهيان پر ساڻن ملڻ ته ٺهيو پر کين ڏسي به ڪونه سگهيو آهيان. سو توهان ڪيئن ٿا ٿوري وقت ۾ ساڻن ملي سگهو. آئون پاڪستان ۽ هندستان ۾ ڪافي فلم ائڪٽرن سان ائيرپورٽ تي نوڪريءَ دوران ۽ هندستان ۾ سنڌي فلمسازن سان ملي چڪو آهيان، پر مون هالي ووڊ جو ڪوبه مشهور ائڪٽر ڪونه ڏٺو هو. محمد علي ڪلي کي مون هانگ ڪانگ ائيرپورٽ تي ڏٺو هو سندس زندگيءَ تي ڪنئين فلمون ٺهي چڪيون آهن ۽ کيس صديءَ جو وڏي ۾ وڏو رانديگر جو اعزاز به ملي چڪو آهي. پر پاڻ رانديگر آهي، نه ائڪٽر.
    سيٺ ٽيون مل جي بنگلي تي پهچي ماني کائي واندا ٿياسين ته مٿي ماڙيءَ تي سيٺ ٽِيون مل به آيو بابا سائين سان ڏاڍي حُب ۽ اُڪير سان مليو. ڪافي وقت مون کان خبرون چارون پڇندو رهيو پاڻ مون کي خرچي به ڏنائين. پوءِ آئون سمهي پيس پر بابا ۽ پاڻ ڪچهري ڪندا رهيا.
    صبح جو سوير اُٿي هاسٽل وياسين جت هاسٽل پراڪٽر کي بابا ٻڌايو ته اسان هاسٽل سپرنٽينڊنٽ سان داخلا جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ پاڻ اسان کي توهان سان ملڻ لاءِ چيو اٿس. پاڻ اسان کان پڇيائين ته توهان جي اسڪول ۾ داخلا ٿي وئي آهي. بابا کيس ٻڌايو ته ها، ۽ پوءِ پاڻ رجسٽر ۾ منهنجو نالو لکي بابا کي فيءَ لاءِ چيائين، جيڪا ان وقت پنجويهه روپيا هئي جنهن ۾ رهائش، ٽي وقت ماني ۽ ڌوٻيءَ جي سهولت هئي. ان کان سواءِ ڪابه ائڊوانس يا سيڪيورٽي وغيره ڪونه ورتائون. بابا کيس پنجويهه روپيا ڏنا جنهنجي بروقت رسيد ڪڍي ڏنائون ۽ اسان کي چيائين ته ٽيبل ڪرسي ڇوڪري کي ملندي، کٽون هاسٽل ۾ اسان شاگردن کي اڳئي ڏيئي چڪا آهيون تنهن ڪري کٽ توهان کي وٺڻي پوندي. باقي هنڌ بسترو ته توهان ڳوٺان آندو هوندو. پراڪٽر بابا کي اهو به چيو ته هاسٽل اڄ کان ۽ اسڪول سڀاڻي کان شروع ٿيندو. هاسٽل ٻاهران ڪتابن جي دُڪان تان ڇوڪري کي ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي ڏيو. 2007ع ۽ 2009ع ۾ ائين وري مون پنهنجي پٽن کي انگلينڊ جي (Warwick) وارڪ ۽ سينٽ اينڊريور بزنس اسڪولس ۾ داخلا ڪرائي پوءِ اهڙو ئي سامان ۽ ڪتاب وٺي ڏنا.
    بابا مون کي ان وقت ڪتابن جي دُڪان تي وٺي آيو. جيڪو ڀرڳڙي روڊ تي هو. دُڪان جو نالو فتح برادرس هو. جيڪو دُڪان شايد اڃان موجود آهي. اهو ڪتابن جو دڪان سنڌين جو هو جنهن دڪان تان پوءِ اڪثر ڪتاب پين، مس وٺندا رهندا هئاسين.
    دُڪان سامهون ايراني هوٽل هئي جنهن ته پوءِ نَوَ سال چانهه پيئندا رهندا هئاسين. آئون هاسٽل ۽ اسڪول ۾ مئي اٺونجاهه ۾ داخل ٿيو هوس. ۽ 1967ع ۾ بي اي جو امتحان ڏيئي هاسٽل ڇڏي هليو ويو هوس. پهرئين هاسٽل ۾ صرف اسڪول جا ٻار رهندا هئا. ڪاليج ٺهڻ کان پوءِ هت ڪاليج جا شاگرد به رهڻ لڳا.
    بابا مون کي ڪتاب ۽ ٻيو ضروري سامان وٺي ڏنو پاڻ مون کي هاسٽل جي ڪمري ۾ ڇڏي ٽيون مل جي گهر هليو ويو ۽ پاڻ مون کي چيائين ته دل لڳائي پڙهه، آئون به تنهنجي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ پڙهڻ ويو هوس، ۽ هاسٽل ۾ رهيس. بابا مون کان موڪلائي هليو ويو ۽ پاڻ مون کي چيائين ته آئون پندرهن ڏينهن کان پوءِ ايندس ۽ گرمين جي ويڪيشن تي توکي ڳوٺ وٺي هلندس. بابا مون کان موڪلائي هليو ويو. منهنجو زندگيءَ ۾ اڪيلو رهڻ جو هي پهريون تجربو هو. پر مون کي اڪيلي رهڻ جو ڪوبه احساس ڪونه ٿيو. شايد حيدرآباد شهر جي شوق ۽ نئين ماحول ۾ مون ۾ وڌيڪ اعتماد ۽ تجسس پيدا ٿيو . هڪ جيڏن هاسٽل جي ٻارن سان آئون گهڻو دير کان پوءِ رلي ملي ويس هاسٽل جي چؤگرد وڏي ديوار ڏنل هئي. جنهن اندر ٻه وڏا ڊبل اسٽوري هاسٽل بلاڪ ٻه ڊائيننگ هال، هاسٽل بلاڪن جي پويان ليٽرين ۽ وهنجڻ خانا، ڌوٻين ۽ ملازمن لاءِ ڪوارٽر ۽ هڪ تمام وڏو رڌڻو هو. وڏو بنگلو هاسٽل سپرنٽينڊنٽ لاءِ ۽ هڪ ننڍو ڪوارٽر هاسٽل پراڪٽر لاءِ هو. وڏي جامع مسجد جنهن ۾ باقاعدگيءَ سان شاگرد پنج وقت نماز ۽ شام جو قرآن شريف پڙهندا هئا. مسجد شريف ۾ باقاعدگي سان شاگردن جي حاضري ورتي ويندي هئي. نالي پڪارڻ کان پوءِ جواب ۾ هر شاگرد لبيڪ چوندو هو. اهو حاضري رجسٽر هر روز ڊائيننگ هال ۾ ويندو هو. جيڪو نماز کان غيرحاضر هوندو هو تنهن کي هڪ ويلو ماني ڪانه ملندي هئي. هاسٽل جي باني مرحوم نورمحمد جي قبر مسجد ٻاهرن ننڍڙي چوديواري ۾ ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي ايندي ويندي شاگرد ٻُڪ کڻي دعا ڪندا هئا. انهن سڀني عمارتن جي چؤگرد وڏو ڪوٽ ۽ ڪوٽ کي لوهي دروازو جنهن تي چوويهه ڪلاڪ پٺاڻ چوڪيدار ڏنڊو کڻيو ويٺا هوندا هئا.
    مون پنهنجي ڪمري ۾ ڪپڙا ڪٻٽ ۾ رکي ڪتاب ٽيبل تي رکيا. کٽ تي هنڌ وڇائي ليٽي پيس ته وچئين جي نماز جو گهنڊ وڳو هاسٽل ۾ اڳ رهندڙ شاگردن ٻڌايو ته نماز جو گهنڊ وڄي چڪو آهي. هلو ته نماز تي هلون، فجر جي نماز تي مسجد جو پيش امام سڀني شاگردن کي ننڊ مان جاڳائيندو هو. پهرئين مون سان ڪمري ۾ ڪير رهندو هو اهو مون کي ياد ڪونهي. پر پوءِ رجب ميمڻ (وائيس چانسلر زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام) عبدالحميد هاليپوٽو، محمد افضل راجپوت، مرحوم نجم الدين ميمڻ (چيئرمين دڙو ٽائون ڪاميٽي) مراد جوڻيجو ۽ ٻيا به ڪنئين دوست؛ ڪيترن جانالا لکجن جيڪي مون سان گڏ هاسٽل ۾ رهيا. وچيئن جي نماز پڙهي، مسجد ۽ ڊائننگ هال وچ ۾ پارڪ ۾ ويهي رهياسين. ڪي شاگرد اڪيلائي اڪيلا ته ڪي وري هڪ ٻئي سان گڏ حال احوال ونڊڻ ۾ لڳي ويا. مثلا: توهان جو نالو، توهان جي پيءُ جو نالو، ڇا ڪندا آهيو، ڪٿان آيا آهيو، هاسٽل ۾ سڄي سنڌ جا شاگرد رهندا هئا. جيڪب آباد جا کوسا، لاڙڪاڻي جا جلباڻي، سانگهڙ جا مَري، ڪراچيءَ جا سيد، دادوءَ جا ٻگهيا، ٺٽي جا سيد، ميمڻ ۽ پليجا، بدين جا ساريجا، حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ نوابشاهه جا شاگرد زياده هئا. ڇو ته اهي ضلعا حيدرآباد کي نزديڪ هئا. وچئين کان پوءِ وري سانجهي ٻانگ ملي ۽ اسان سانجهي نماز پڙهڻ لاءِ وڃي مسجد ڀيڙا ٿياسين. نماز پڙهي هاسٽل تي آياسين ۽ اچي پڙهائي کي شروع ٿياسين. هاسٽل ۾ هر روز جو پروگرام ۽ دستور هوندو هو ته صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري اچي ڊائننگ هال ٻاهران بيهبو هو ۽ لائين ڪري مانيٽر جي نگرانيءَ ۾ اسڪول وڃبو هو. اسڪول ختم ٿيڻ کان پوءِ واپس هاسٽل وڃبو هو. لنچ کائي ٿورو آرام ڪري راند جي ميدان ۾ اچبو هو. جت ڪرڪيٽ، والي بال ۽ فٽ بال رانديون کيڏبيون هيون. جنهن لاءِ وسيع ميدان هوندو هو. راند کان پوءِ نماز، ماني ۽ پڙهائي وڃي رات جا ڏهه ٿيندا هئا. آخر ۾ لائيٽ آف ٿيڻ جو بيل وڄندو هو ۽ سڀ شاگرد وڃي پنهنجن ڪمرن تي آرامي ٿيندا هئا. هاسٽل سپرينٽنڊنٽ کي، جي شڪ پيو ته ڪو شاگرد هاسٽل مان غيرحاضر آهي ۽ لڪي فلم ڏسڻ ويو آهي، ته رات جو هڪ بجي تائين هو ان شاگرد جي انتظار ۾ ويٺو رهندو هو. جيسين وڃي اهو شاگرد هاسٽل پهچي. اهو شاگرد گيٽ کان آيو يا ڀت ٽپي پر بچي ڪونه سگهندو هو. کيس هاسٽل سپرنٽنڊنٽ سزا ڏئي يا ٻڌائي پوءِ وڃي بنگلي تي آرامي ٿيندو هو. اهو دستور گهڻو وقت هليو. مسلم هاسٽل ۾ ڇوڪرن لاءِ ايڏي ته سختي هوندي هئي جيڪا اڄڪلهه ڇوڪرين جي هاسٽلن ۾ به ڪانهي. رات جي ماني جو گهنڊ وڳو ته مانيٽر ٻٽن ڇوڪرن کي سڏيو جن پنهنجن پنهنجن سيٽن تان اُٿي وڌيل ماني کڻي اچي ڇوڪرن اڳيان رکي، پوءِ پاڻ ماني کاڌائون. هاسٽل لاءِ هڪ بورچي ۽ سندس مدد لاءِ ٻه ٽي ٻيا پگهاردار هوندا هئا. بورچيءَ جو نالو سونهارو هو جيڪو آخر تائين هاسٽل جو بورچي هو. پاڻ پنجابي هو، باقي ٻيو سندس سڄو اسٽاف سنڌي هو. رات جي مانيءَ ۾ دال چانور ڏنائون جنهن جو ذائقو مون کي اڃان تائين ڪونه ٿو وسري. کاڌي ۾ نيرن تي اُڦراٽو ۽ چانهه، منجهند جو گوشت جو ٻوڙ ۽ ماني ۽ رات جو دال ۽ چانور ملندا هئا. پوءِ جڏهن فرسٽ ايئر ۾ آياسين ته ٻه ميسون ٿي ويون. هڪ ڪاليج شاگردن لاءِ ۽ ٻي اسڪول شاگردن لاءِ. ڪاليج شاگردن جي ميس جي في ڪجهه وڌيڪ هئي. انهيءَ کي فرسٽ ڪلاس ميس سڏيندا هئا. ڪاليج ۾ داخلا کان پوءِ مون ان ميس ۾ ماني کائڻ شرو ع ڪئي. اسان جي اسڪول جو پهريون مانيٽر شفيق کوسو هو جيڪو پوءِ حيدرآباد ڊويزن جو ڪمشنر ٿيو. اهي پاڻ ۾ چار جيڪب آباد جا ڀائر ۽ سؤٽ هوندا هئا. جن مان ٻه دريا خان کوسي جا پٽ هوندا هئا جن جا نالا فدا حسين ۽ ميرحسين هوندا هئا. باقي نثار احمد ۽ شفيق احمد شايد سندن سؤٽ هئا. نثار ڪافي ٿلهو هوندو هو. اسان رات جي ماني کائي وڃي ڪمرن تي آرامي ٿياسين. زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو گهر کان اڪيلو اڪيلو رهڻ جو اتفاق ٿيو. پر خاص اڪيلائي محسوس ڪانه ٿي. ننڊ اچڻ ۾ مون کي دير ئي ڪانه لڳي. مسلم هاسٽل ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول مرحوم نورمحمد جي ڪوششن جو نيتجو هو. مرحوم نورمحمد جڏهن علي ڳڙهه مان پڙهي اچي حيدرآباد ۾ وڪالت شروع ڪئي تڏهن ان حيدرآباد ۾ مسلمانن لاءِ هڪ جدا اسڪول ۽ هاسٽل جي ضرورت محسوس ڪئي اُن لاءِ پاڻ پهرئين مسلم ايڊيوڪيشنل سوسائٽي قائم ڪيائين. جنهن پهرئين 1930ع ۾ صرف مسلم هاسٽل جو بنياد وڌو ۽ پوءِ حيدرآباد هاءِ اسڪول جي شروعات ڪئي. جنهن جو نالو سندس وفات کان پوءِ نورمحمد هاءِ اسڪول رکيو ويو. سندس ارادو هن اداري کي يونيورسٽي بنائڻ جو هو. پر پاڻ جلد وفات ڪري ويو، سندس وفات کان پوءِ ڪنئين هيڊماستر آيا پر جڏهن سائين الهه بخش نظاماڻي هاءِ اسڪول جو هيڊماستر ۽ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ته پاڻ هن اداري ۾ وري نئون روح ڦوڪيو ۽ هن اداري کي وڏي ترقي وٺرائي، جنهن جو احوال اڳيان ايندو.
    اسان صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري ڪتاب هٿن ۾ جهلي ڊائيننگ هال ٻاهران اچي بيٺاسين. ٿوريءَ دير ۾ هاسٽل مانيٽر اسان سڀني شاگردن کي قطار ۾ ڪري اسڪول ڏانهن هلڻ لڳو، هاسٽل ۽ اسڪول وچ ۾ سول اسپتال ۽ ميڊيڪل اسڪول هوندو هو جيڪو پوءِ ميڊيڪل ڪاليج ٿيو ۽ ڄامشوري شفٽ ٿي ويو. جيڪا هاڻ ميڊيڪل يونيورسٽي (L. U. M. H. S) نالي سان آهي. اسان جو اسڪول جيل روڊ واري پاسي کان نه پر اسپتال جي الهندي طرف کان، جت هاڻ اسپتال جي او پي ڊي آهي، اهو سڄو علائقو آباد ٿي ويو آهي. پر ان وقت اهو سڄو علائقو خالي ميدان ۽ سُنسان لڳو پيو هوندو هو. نورمحمد هاءِ اسڪول جي الهندي طرف جت اڄڪلهه لبرٽي مارڪيٽ ۽ فليٽ آهن. اُت هڪ وڏو پراڻو بنگلو هوندو هو. اسان هاسٽل کان اسڪول پهتاسين، جت پهرئين اسيمبلي ٿي، جنهن ۾ قرآن شريف جي تلاوت ۽ ترجمو ٿيو پوءِ قومي ترانو ڳائي، پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ داخل ٿياسين. اسان جي چوٿين ڪلاس جو ڪلاس ٽيچر سائين غلام حسين بالادي هو جيڪو استاد گهٽ پوليس وارو زياده لڳندو هو. سڀني ڇوڪرن کان نالو، پيءُ جو نالو ۽ ذات پُڇي پوءِ نصاب جي باري ۾ سوال ڪيائين ۽ پوءِ شاگردن جي ذهانت جي بنياد تي شاگردن کي اڳيان پٺيان ڪري ويهاريائين. وچيئن بئنچن تي ويٺل شاگردن کي ڳئو ماتا ۽ بلڪل آخري بئنچن تي ويٺل شاگردن کي گئو شالا ڪري سڏيندو هو. اهو سندس تڪيو ڪلام آخر تائين قائم رهيو، جيسين وڃي اسان امتحان پاس ڪري ٻي ڪلاس ۾ پهتاسين. پاڻ بدن ۾ ڀريل هوندو هو ۽ ڪلاس ۾ گهڻو ڪري فل سوٽ پائي ايندو هو. هميشه حاضري رجسٽر سان گڏ ٽيبل تي رول رکيو هوندو هيس. ٻني ۾ سواءِ انگريزي جي سبجيڪٽ جي ٻيا سڀ سبجيڪٽ هڪ ئي استاد پڙهائيندو هو. پر هت هر سبجيڪٽ جدا جدا استاد پڙهائيندو هو، ڪلاس ٽيچر رڳو اضافي حاضري وٺندو هو ۽ اسڪول مان موڪل به ان استاد کان وٺڻي پوندي هئي. اسڪول ۾ ان وقت ٻيا هيٺيان استاد هوندا هئا.
    1- سائين الهه بخش نظاماڻي هيڊماستر
    2- سائين غلام حسين سومرو هيڊماستر
    3- سائين ڌرمداس ورياڻي مئٽرڪ جو ڪلاس ٽيچر
    4- سائين غلام حسين بالادي چوٿين جو ڪلاس ٽيچر
    5- سائين محمد حسن بوزدار
    6- سائين محمد علي شيخ سنڌيءَ جو استاد
    7- سائين غلام محمد پنهور هسٽريءَ جو استاد
    8- سائين سليم الدين جاگرافيءَ جو استاد
    9- سائين K. A. N آئر سائنس جو استاد
    10- سائين فيروز شاهي عربي ۽ پارسيءَ جو استاد
    11- سائين ڌڻي بخش ساند جنرل مئٿس جو استاد
    12- سائين احمد شاهه سنڌيءَ جو استاد
    13- سائين الهڏنو
    14- سائين ضياءُالدين انگريزيءَ جو استاد
    15- سائين محمد جمن ٽالپر
    نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ پهرين صرف مسلمان شاگرد پڙهندا هئا. پر ورهاڱي کان پوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي ۽ ٻهراڙيءَ جا هندو مسلمان سڀ شاگرد هت پڙهڻ ۽ رهڻ لڳا. ان وقت شهرن ۾ ٻهراڙيءَ جي زميندارن، ٺيڪيدارن ۽ واپاري طبقي جا ايڪڙ ٻيڪڙ گهر هوندا هئا. تنهن ڪري وڏي تعداد ۾ ٻهراڙيءَ جا شاگرد هاسٽل ۾ رهندا هئا. اهي ٻار جيڪي پنهنجي گهرن ۾ رهندا هئا ۽ اسڪول مان واپس هاسٽل نه پر گهر هليا ويندا هئا، هاسٽل جي ٻارن جي هنن سان گهٽ اُٿ ويهه هوندي هئي. پر حفيظ شاهه ۽ پرڪاش سان منهنجو سٺو واسطو هو. اسڪول جي ٻاهران رسيس ۾ ڪچورين، چڻن، پڪوڙن، بن ڪباب، شربت، آئسڪريم، ڪلفي ۽ گول ڳنڍن وارا هوڪرا ڏيندا رهندا هئا. سڀ شاگرد رسيس ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور خريد ڪندا هئا. جڏهن ته اهو رواج ٻني اسڪول ۾ ڪونه هو. ٻني بازار مان آئسڪريم ۽ گول ڳنڍي کان سواءِ ٻيون سڀ شيون ملنديون هيون. جيڪي محمد رحيم خاصخيلي ۽ محمد سومرو ٺاهيندا هئا. سندن پڪوڙن ۽ ڪُرملين جو سواد اڃان ڪونه ٿو وسري. آئون اڄ به ڪڏهن ڪڏهن محمد رحيم خاصخيلي جي پٽ مرتضيٰ کان پڪوڙا، سموسه ۽ ڪُرمليا ٺهرائيندو آهيان. بن ڪباب کي اڄڪلهه برگر جو نالو ڏئي وڏي شان ۽ مان وارو رتبو ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪي آمريڪن ڪمپنيون مڪڊونلڊ، مسٽربرگر، ڊنڪن ڊونلڊ وارا سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪن ۽ ماڻهو انهن جي دڪانن تي وڏي چاهه سان وڃي اهي بن ڪباب برگر جي معتبر نالي ۾ کائين ۽ ڪارن ۾ ويٺي ويٺي ٻڌرائي وڃي پنهنجن ٻارن کي کارائين. انهن ڪمپنين کان اڳ به پاڻ وٽ بن جي اندر ڪباب يا ڪچوري وجهي کائبو هو ۽ جنهن کي بن ڪباب چئبو هو. جيڪي سئنيمائن ۽ اسڪولن اڳيان وڪرو ٿيندا هئا. پر هاڻ ته برگر ۽ سئنڊوچ جي نالي پوڻ ڪري وڏي شان ۽ مان وارو کاڌو ٿي پيو آهي. رسيس دوران پهرين اهي گاڏن وارا اسڪول ٻاهران دروازي تي بيهندا هئا. پر پوءِ جيئن جيئن سندن تعداد وڌندو ويو ته کين گيٽ کان ٻاهر بيهڻ لاءِ چيائون ۽ پوءِ ٻاهر ئي بيهندا هئا. اسان به پوءِ دروازي کان ٻاهر نڪري وڃي انهن کان ڪانه ڪا کاڌي جي شيءِ خريد ڪندا هئاسين. مهينن ۽ سالن پڄاڻا ته اسان انهن جي نالن کان به واقف ٿي وياسين ۽ هو به ڪن ڪن شاگردن کي سڃاڻي ويا هئا. دروازي کان ٿورو پرڀرو ڪيفي شيزان نالي هڪ صاف سُٿري ايرانين جي هوٽل هوندي هئي. پوءِ اُت به وڃي ڪي ڪي سرنديءَ پڄنديءَ وارن جا ٻار ويهندا هئا. آئون ۽ مرحوم سيد محمد حفيظ شاهه (سيد پور وارو جيڪو سيد ذوالفقار شاهه جو والد هو ) به وڃي اُن ايراني هوٽل تي آئسڪريم ۽ سوڍا ڏاڍي شوق سان پيئندا هئاسين. اسان اسڪول مان موڪل کان پوءِ واپس هاسٽل آياسين، ماني کائي نماز پڙهي وڃي ڪمري تي آرامي ٿياسين. اُن زماني ۾ جيتوڻيڪ ون يونٽ چئني صوبن تي مڙهجي چڪو هو. پر تڏهن به اڃان اسڪول ۽ ڪاليجن جي شاگردن ۾ سياسي بيداري ڪانه پيدا ٿي هئي. ٻهراڙيءَ مان شهرن ۾ سنڌي شاگرد اڃان ايڏي وڏي تعداد ۾ پڙهڻ لاءِ ڪونه آيا هئا ۽ سياسي دؤر پوءِ ايوب جي آخري ڏينهن ۾ شروع ٿيو. جنهن وقت سنڌي شاگرد شهر جي تعليمي ادارن ۾ وڏي تعداد ۾ اچي چُڪا هئا. تنهن کان پوءِ چار مارچ جهڙن واقعن سڄي سنڌ کي لوڏي ڇڏيو. نيٺ حاڪمن کي ون يونٽ ٽوڙڻو پيو. 1958ع جي اوائل ۾ سنڌ بلڪل سانت هئي، ون يونٽ ٺهڻ وقت ڪراچيءَ جي چند سنڌي شاگردن ۽ چند سنڌي ليڊرن جن جو سرواڻ سائين جي ايم سيد هو، سنڌي قوم کي گهڻو ئي پڪاريو پر عوامي سطح تي ڪابه چرپر اُڀري مٿي ڪانه وڌي. سائين جي ايم سيد مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٽوڙائڻ وارو بل اسيمبليءَ ۾ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پر جنرل ايوب مارشل لا هڻي سياست ۽ سياستدانن کي گهڻي عرصي تائين قيد ۾ بند ڪري فوج جي زور تي پاڻ حاڪم ٿي ويهي رهيو ۽ جيسين وڃي کيس دل جو دورو پيو ۽ اڌ رنگ ٿيو، ته وري ٻيو جنرل يحيٰ خان اچي حاڪم ٿي ويهي رهيو. اهو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. اهو سڄو احوال ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ڇپيو آهي. قدرت الله شهاب، شهاب نامه جنرل ايوب فرينڊس ناٽ ماسٽرس (Friends not Mastres) اصغر خان جنرلس اِن پالٽڪس نالي پنهنجي ڪتاب ۾ تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي.
    ٻن ٽن هفتن جي پڙهائي کان پوءِ اسڪول ۾ گرمين جون موڪلون شروع ٿيون ۽ آئون بابا سان گڏ واپس ٻني هليو ويس. حيدرآباد کان واپس ٻني ايندي هينئر اسان جهرڪن کان نه پر ڏاڏوري پتڻ کان آياسين. صبح سوير گورنمينٽ بس ۾ ڳوٺ لاءِ روانا ٿياسين. بس اسان کي جهرڪن کان ست اٺ ميل اڳيان ڏاڏوري بس اسٽاف کان هڪ ڪلوميٽر اوريان آڻي لاٿو. نيشنل هاءِ وي کان سنڌو درياءَ تائين تقريباً هڪ ميل پنڌ ٿيندو. حيدرآباد کان ڏاڏوري پتڻ تائين سڄو جابلو علائقو آهي ۽ ڏاڏوري پتڻ پڻ ننڍين ننڍين خوبصورت ٽڪرين جي وچ ۾ آهي. انهن ٽڪرين جي هيٺان درياءَ پنهنجو رُخ بدلائي پوءِ اولهه طرف ڏانهن وهڻ شروع ڪري ٿو. انهيءَ سندس رُخ بدلائڻ ڪري درياءَ جو وهڪرو ڏاڍو خوبصورت ٿو لڳي. اهڙو سندس انداز سڄي وهڪري ۾ صرف چند جڳهين تي آهي. سيوهڻ کان ڏاڏوري پتڻ تائين درياءَ اهڙو موڙ وري ملاڪاتيار وٽ ڪري ٿو نه ته سڌو ئي سڌو وهندو اچي. پر ملاڪاتيار واري موڙ وٽ درياءَ کي ٻنهي پاسن کان خوبصورت ٽڪريون ڪونه آهن. ڏاڏوريءَ وٽ انهن ٽڪرين مٿان سنڌو سڌو وهندي ڏسڻ ۾ سندس سونهن هڪ جادوئي اثر ٿي ڪري، اُن کان اڳتي سمنڊ جي ڇوڙ تائين درياءَ سان ڪٿ به جبل ڪونه ٿو ملي. سپر هاءِ وي ٺهڻ کان اڳ جڏهن صرف نيشنل هاءِ وي هوندو هو تڏهن انهيءَ جڳهه تي ڪراچيءَ جي سرمائيدارن پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ پنهنجا خوبصورت بنگلا ٺهرائڻ شروع ڪيا. جنهن ۾ باواني سيٺين جو بنگلو اڃان به ٺهيو پيو آهي. پر ڏاڍي خراب حالت اٿس، سپر هاءِ وي ٺهڻ ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئڻ ڪري پوءِ اها صورتحال تبديل ٿي وئي. هاڻ اهڙا فارم هائوس توهان کي سَوَن جي تعداد ۾ سپر هاءِ وي تي نظر ايندا. ڏاڏوري واري علائقي جي صورتحال ويتر اڳوڻي کان به خراب آهي. اُتي هڪ بلوچ جو خوبصورت باغ آهي ان باغ جي مالڪ کي به ڌاڙيل اغوا ڪري ويا هئا. اُتان هاڻ ٻني جي ماڻهن جي اچ وڃ به ختم ٿي چڪي آهي، جي امن امان جي صورتحال ائين خراب نه ٿئي ها ته اهو علائقو وڏي پئماني تي ترقي ڪري ها. ڇو ته ٺٽي ۾ جڏهن ابڙو ڊپٽي ڪمشنر هو تڏهن به حڪومت سونڊن وٽ هڪ تمام وڏو پبلڪ اسڪول ٺاهڻ جو پلان ڪيو هو پر اهو به امن امان جي صورتحال جي نذر ٿي ويو. ڏاڏاوري وٽ اهي جبل ته مٿاڻ تي هوندا هئا. جڏهن اُنهن جبلن تي ويهي ٻني ڏانهن نظر ڪبي هئي ته ٻني جا سڀ وڏا وڻ صاف نظر ايندا هئا. بابا سائين مون کي وڏن وڻن ڏانهن اشارو ڪري ٻڌائيندو هو ته هي وڏو نم پنهنجي اوطاق وارو آهي هي ٻٻر ٽڪاڻي جو آهي، هي آمري پاتڻين جي آهي، هي وڏا گهڻي تعداد وارا وڻ ٻني بنگلي وارا آهن. هماليه جي چوٽيءَ مان شينهن جي وات مان نڪرندڙ هي درياءَ جنهن کي اُتي جا لداخي شير درياءَ چوندا آهن، ساوڻ ۾ هت به شينهن جيان گجگوڙ ڪري وهندو هو. منجهس هلندڙ وڏيون وڏيون ٻيڙيون ڪاغذن جي ٻيڙين جيان لڳنديون هيون. ننڍي هوندي جا ڏٺل هي حسين نظارا اڄ به جڏهن ياد ٿا پون ته يادگيريون سمنڊ جيان شرير ۾ ڇوليون ٿيون هڻن هن علائقي جو پٿر پڻ تمام قيمتي آهي اهو ٺٽي جي مشهور مغل بادشاهي مسجد ۾ به استعمال ٿيل آهي. وڏا وڏا ٺيڪيدار ڪراچي ۾ ٺيڪيداري ڪمن ۽ پنهنجن گهرن ۾ استعمال لاءِ هي پٿر کڻي وڃي مشين ۾ گهڙي ٺاهي پوءِ عمارتن ۾ استعمال ڪندا آهن. مون به بابا سائينءَ جي قبر جو پٿر ڏاڏوري مان ٺهرائي پوءِ اچي قبر تي رکيو. هت تازو ڏاڏوري جبلن تي برسات پئي آهي ۽ مالوند ماڻهو مال چاري رهيا آهن، جنهن ۾ ڳئون، ٻڪرين ۽ رڍن جو وڏو تعداد نظر اچي رهيو آهي. جبل جا مالوند ماڻهو مينهون ڪونه پالين، ڇو ته ماهي مال کي پاڻي جام گهرجي ۽ جبل ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ٿئي. پر جڏهن برسات جام پوي ته جبل کان ٻاهريان ماڻهو به پنهنجو مال ڪاهي جبل وڃن. ان موسم کي مالوند ماڻهو وَسَ چون، وَسَ جو لفظ شاهه سائين پنهنجن بيتن ۾ به استعمال ڪيو آهي. جبل جا ماڻهو ڏاڍا سادا ۽ سٻاجها ٿين، انهن ۾ به مال چاريندڙ ڌراڙ ته وڌيڪ سادا ٿين. ظاهر آهي ته انهن کان ٻيو ڪم ڪونه ٿو ٿئي، تنهن ڪري ئي هنن کي مال حوالي ڪيو ويو آهي. هو مال جا ڌڻن جا ڌڻ جنهن ۾ سوين رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون ٿين، سي سڀ حفاظت سان چاريو اچيو شام جو وٿاڻن تي پهچائين. هڪ ڀيرو مون هڪ ڌراڙ کان سوال ڪيو ته تون ڪيئن هنن سڀني جانورن جو حساب رکين؟ پاڻ چيائين ته سڄو حساب آئون منهنجي آڱرين تي ڪريان ۽ ڪڏهن به مون کان هڪ به ٻڪري وئي ڪانهي. هونئن به انهيءَ زماني ۾ جابلو علائقي ۾ چوري ڪانه ٿيندي هئي. جبل جي ماڻهن جو ڌنڌو جيئن ته صرف مال چارڻ آهي. تنهن ڪري هو واندا ڏاڍا هوندا آهن ۽ انهيءَ واندڪائي جي پورائي لاءِ هر رات جو ڪچهريون ڪن. جنهن ۾ گجهارتون، ڏور، نڙبيت ۽ مورا ڳائي سڄي رات پوري ڪن. بيماري ۽ خاص ڪري مال جي بيماريءَ جو علاج به هو رڳو گيهه جي ڍُڪن ۽ جابلو ٽوٽڪن تي ڪن. اڄڪلهه ته اُن جابلو مورن جي سرن تي ڪئين گيت ٺهي پيا آهن، جيڪي ڏاڍا مشهور ٿيا آهن. جبل جي ماڻهن جو مزاج به ٿر جي ماڻهن جيان ٿئي. کاڌي پيتي جي شين کي اهڙي نموني محفوظ ڪري رکن جو ڪيتري وقت تائين اهي شيون خراب ئي ڪونه ٿين. جنهن ۾ گوشت به شامل آهي. جبل جا ماڻهو گوشت کي سنڀالي رکن ۽ کائڻ جا ڏاڍا شوقين آهن. شايد اُن ڪري سندن صحت به ڏاڍي سُٺي ٿئي. اصل جانٺا جوان لڳا پيا هوندا آهن ۽ اهي ڏاڍا سخت جان به هوندا آهن. جابلو ماڻهو توهان کي ڪڏهن به ڪمزور يا ڏٻرو يا ٿُلهو ۽ پيٽ وڌيل ڪونه ملندو. سندن عمر به تمام وڏي ٿئي. ماهر ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته جبلن ۾ رهڻ وارا ماڻهو، ڀاڄيون ۽ روازنا اسپرين جي گوري کائيندڙ ماڻهن جي صحت سُٺي ۽ عمر وڏي ٿيندي آهي. شاهه صاحب سسئي ۽ جبل کي ڳائي ڄڻ ته جبل کي ڏک جي علامت ڪري ڇڏيو آهي. جبل معنيٰ ئي ڏک ۽ ڏوراپو ٿي پيو آهي.
    پر اڄڪلهه يورپ، هندستان ۽ پاڪستان ۾ هل اسٽيشنون ته سيروتفريح جي علامت ٿي پيون آهن. شملا، ڪوه مري، گلگت، ناراڻ ڪاغان سڀ پهاڙن تي ته آهن. پر سنڌ جا جبل سواءِ مينهن، برساتن جي گرم موسم ۾ تپيو ٽانڊو ٿيو پون ۽ انهن گرمين جي مهينن ۾ جبلن ۾ اهڙيون ته لُڪون لڳن جو ماڻهن لاءِ اُت رهڻ ئي ڏکيو ٿيو پوي ۽ سياري ۾ وري جام سردي ٿئي ۽ ان گرمين ۽ سردين ۾ جابلو ماڻهن پيرن ۾ نوڙين جو ٺهيل چمپل پائين جنهن کي هو ڇال چون ۽ پاڻ ئي نظريي ضرورت موجب ٺاهين. جبل جا ماڻهو مرڻي تي مٿي تي ڪارو پٽڪو ٻڌي ڏک جو اظهار ڪن. ٿر ۾ ٿريءَ اُٺ تي عورت اڳيان ويهاري تي معنيٰ سندس ڀيڻ آهي ۽ جي عورت پويان ويٺل آهي ته معنيٰ سندس زال آهي. جيئن ته ٿر جي ماڻهن جو گذران سندن مال تي آهي. تيئن ئي جابلو ماڻهن جو گذران به مال تي ٿئي. تنهن ڪري هو پاڻ کان به مال جو خيال وڌيڪ رکن ۽ پنهنجي سهولت کان به مال جي سهولت کي وڌيڪ ترجيح ڏين. جت مال خوش اُت سندن رهائش ڪن. تنهن ڪري هو هڪ هنڌ گهر ڪري ڪونه ويهن ۽ خانه بدوشن جيان هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ رُلندا وتن. هي سپ هڪ هنڌ گڏ ٿي ڳوٺ ٻڌي ڪونه رهن، پر گهر گهر جدا هڪ ٻئي کان ڪوهين ڏور ٿي ويهن.
    مون سائين جي ايم سيد واري اليڪشن، جنهن ۾ پاڻ ۽ ملڪ سڪندر هڪ ٻئي جي سامهون هئا، دادو ضلعي جو ڪوهستان وارو سڄو علائقو ڏٺو، جنهن ۾ سري، ٿاڻو بولاخان، ٿاڻو احمد خان، مول ڪرچات وغيره. اُن اليڪشن ۾ بابا سائين ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو موڪليا هئا ۽ پاڻ سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو. سائين جي ايم سيد، بابا سائين ۽ آئون مول ۾ وڃي وڏيري ملهه پالاريءَ جا مهمان ٿياسين. خبرن چارن کان پوءِ سڄي رات ڪچهري هلي، ڪچهريءَ ۾ ڀرپاسي جي راڄن جا ڪنئين ماڻهو شامل هئا. وڏيري ملهه ٻه وڏا ڇيلا ذبح ڪرايا، جنهن ۾ ڪنئين طعا م تيار ٿيا. انهن طعامن جو سواد ۽ اها ڪوهستاني ڪچهري مون کي اڄ به ياد آهن. پاڻ سائين جي ايم سيد ۽ بابا کان ٻه ٽي ڀيرا حال احوال ورتا. صبح جو مکڻ، ماکي، ماني ۽ ڏُڌ کائي پوءِ جبلن جي ڳوٺن ۾ اليڪشن ورڪ ڪندا وڃي سن پهتاسين.
    ٻني جو شهر جابلو ۽ سرسبز علائقي جي وچ ۾ درياءَ ۽ ٻيلن جي ٻنڌين تي آباد هئڻ ڪري هميشه سربسز ۽ خوشحال رهيو آهي. بٺوري تعلقي جي بڪڪ موريءَ کان ڇوريا جاگير تائين وارو خطو ٻي سڄي لاڙ جي علائقي کان مختلف آهي. هتي جون زمينون سم ۽ ڪلر کان پاڪ ۽ تمام زرخيز آهن. وڏي ڳالهه ته جَرَ جو پاڻي به مٺو ٿئي. اُن خطي ۾ رهندڙ ماڻهن صدين کان ڪڏهن ڏکيو ڏينهن ڪونه ڏٺو. پر هينئر 2000ع کان 2004ع تائين واري عرصي ۾ درياءَ ۽ بئراجن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ماڻهن کي اچڻ وارا ڏينهن ڏکيا پيا نظر اچن. ٻني جي ڀرسان پراڻي پيڃاري ۾ منهنجي سڄي ڄمار ۾ صرف انهن سالن ۾ پاڻي ڪونه چڙهيو. انهيءَ آبادين ڪري جبلن کان ڪيترائي قبيلا لڏي اچي هت آباد ٿيا ۽ هميشه لاءِ هتي جا ٿي ويا. جن ۾ چانگ، گڊا، برفت، جاکرا شامل آهن. جيڪي هاڻ هت پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌي ڌاڙين وارا ٿي ويا آهن. ان جبلن جي سرسبز ۽ شاداب ساوڪن تي چرندڙ مال کي ڏسندا اچي ڏاڏوري پتڻ تي پهتاسين. هت سنڌوءَ جو پاڻي موج سان وهي رهيو آهي. اسان ڪانڊيري پاتڻيءَ جي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي اچي درياءَ جي ٻي ڀر پهتاسين.
    جَتَ اسان کي ڏسي پنهنجي اُٺ جو گوڏي مان رسو کوليو ته اُٺ به اٿي بيهي رهيو. شايد ڪافي وقت کان سندس گوڏو رسي سان ٻڌل هو. اهو اُٺ کي هڪ هنڌ ويهارڻ جو نُسخو آهي. ائين نه ڪرڻ سان اُٺ اُٿي هڪ ٻئي سان وڙهندا هئا يا هيڏانهن هوڏانهن ڀڄي ويندا هئا. ڏاڏوري پتڻ کان ٻنون پنج ميل کن ٿيندو. اهو رستو جهرڪ کان اڌ پنڌ جيترو ٿيندو. جهرڪ کان ٻني لاءِ صرف ٻيڙيءَ رستي اچڻ جي سهولت هئي پر ڏاڏوريءَ کان ٻني پهچڻ لاءِ بيڙي ۽ اُٺ ٻئي سهولتون هيون. پر ڪڏهن ڪڏهن جي ٻيڙي ُ اُٺ نه مليا ته پنڌ به هليو اچبو هو. نوان ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ٻيلي ۾ گس ڀُلجي ڪٿان جو وڃي ڪٿان نڪرندا هئا. ائين هڪ ڀيرو مون سان به ٿيو هو. رستو ڀُلجي وڃي وڏيري علي محمد گُگي جي ڳوٺ پهتس. پوءِ وري اُتان بچاءُ بند کان ٻيڻو پنڌ ڪري ٻني اچڻو پيو ۽ گهر پهچڻ شرط بخار شروع ٿي ويو. اهو سهڻو سفر مون کي زندگيءَ ڀر ڪونه وسرندو.
    اسان اُٺ تي ٻني ڏانهن روانا ٿياسين، جتان پنجاهه فوٽو، سؤ فوٽو شيديءَ جي ڀٽ ۽ قيدين وارا کامان لتاڙيندا ٻني پيا وڃون. رستي ۾ برساتن تي پيرون، پُسيون، ڏونئرا، گولاڙا، گرگالون، دودڦلا، ڳانڱيون، مُنگها، چڀڙ، کنڀيون ۽ ڇانهيون کائيندا ۽ کڻندا اڳيان پيا اچون. اُن دؤر ۾ ٻني مان شاگرد پڙهڻ لاءِ حيدرآباد ۽ ڪراچي پهچي تعليم پرائي وڏن وڏن عهدن تي پهتا. اڄ جي حالتن ۾ هتي جا ٻيلا ڌاڙيلن لاءِ هڪ محفوظ جڳهه ٿي پئي آهي، جت نه رڳو اغوا، ڌاڙن ۽ ڦرن جو خدشو آهي پر ٻين هنڌن کان به ڌاڙيل مغوين کي کڻي اچي کڏي ويران ٻيلي ۾ قيد ڪندا آهن جنهن جو مثال سنڌ جو مشهور سرجن ڊاڪٽر محمد حسين لغاري آهي، جنهن کي ڌاڙيل حيدرآباد جي علائقي گلستان سجاد مان اغوا ڪري اچي ٻني ويجهو کڏي ٻيلي ۾ رکيو. حاصل مطلب ته ڌاڙيلن لاءِ هي علائقو وڌيڪ محفوظ آهي. هتي جي پوليس کان کين ڪوبه خطو نٿو محسوس ٿئي. ڏاڏوري پتڻ کان ٻني تائين اُٺ جو ڀاڙو سوا روپيو هوندو هو. اُٺ تقريباً ڪلاڪ وٺندو هو.
    اُٺ اسان کي آڻي اُٺن جي کوڙي تي لاٿو. جتان اسان گهر پهتاسين، جيجي وڏي ڀاڪر پائي چميو ۽ ٻين گهر ڀاتين به بيحد پيار ڪيو. شام جو والي بال تي ويس ۽ رات جو شهر. پر ڪجهه ڏينهن ۾ مون کي گهڻو بازار وڃڻ سٺو ڪونه لڳو ۽ هاڻ آئون بازار گهٽ وڃڻ لڳس ۽ گهڻو وقت اوطاق تي ويهڻ لڳس، ته دوست يار به اوطاق تي اچڻ لڳا. مون ٿوري وقت ۾ محسوس ڪيو ته شهر جي ماڻهن جو رويو به مون سان هاڻ هڪ ننڍي ٻار وارو نه پر هڪ شهر ۾ پڙهندڙ شاگرد وارو محسوس ٿيو. جنهن ۾ هنن مون کان هاءِ اسڪول، هاسٽل، حيدرآباد اچڻ ۽ وڃڻ، هاسٽل ۾ کاڌي پيتي جا احوال پڇيا. مثال شهر ۽ ٻهراڙيءَ جو تفاوت ۽ ٻني جي پڙهائي ۽ حيدرآباد جي پڙهائي، استادن جا نالا، پڙهائي تي خرچ گهڻو ٿو اچي، سال ۾ گهڻا ڀيرا ڳوٺ ڇڏيندا. ٺٽي ضلعي جا ٻيا گهڻا شاگرد آهن ۽ ٻيا به ڪنئين سوال پڇيا. اُنهن سوالن ڪري مون ۾ هڪ قسم جو اعتماد پيدا ٿيو ته منهنجي به ڪا اهميت آهي، جو ڳوٺ جا ماڻهو مون سان ملڻ ٿا اچن ۽ هيترا سوال ٿا پُڇن! اعتماد سان گڏ هڪ ذميواريءَ جو احساس به ٿيڻ لڳو، جنهن ۾ پاڻ کي وڏو محسوس ڪرڻ ۽ هر ڳالهه جو جواب سوچي سمجهي ۽ ذميواري سان ڏيڻ شامل هو. ذميوار انسان جي جسم ۽ ذهن ۾ جڏهن تبدلي اچڻ شروع ٿئي ٿي. تڏهن ماڻهوءَ جي روين ۾ به تبديلي هڪ فطري عمل آهي. جنهن جا اثرات انسان کي ڪنهن به طرف وٺي وڃي سگهن ٿا. اهو عمل انسان کي بلوغت جي شروعاتي دؤر ۾ منجهائي ڇڏيندو آهي. ٻار جي صحيح تربيت، مائٽن جي روين ۽ گهريلو ماحول منجهان ئي ماڻهو پاڻ لاءِ ڪو رستو ڳولهي لهندو آهي، جنهن تي پوءِ ماڻهو سڄي زندگي هلندو رهندو آهي. ماڻهن جي روين سبب مون ۾ به تبديلي آئي. اُن ۾ بازار گهٽ وڃڻ، روز ڪپڙا بدلائڻ، وڏن جي ڪچهريءَ ۾ ويهڻ، ريڊيو تان خبرون ٻڌڻ، اخبار پڙهڻ ۽ ٻيون به ڪنئين تبديليون آيون. بابا مون کي پاڻ سان گڏ شادين ۽ ميلن ملاکڙن تي به وٺي وڃڻ لڳو.
    اسان بچل گگي جي ڳوٺ شايد سندس پٽن جي شاديءَ تي وياسين، جت ڪيترن راڄن جي ماڻهن سان ملاقات ٿي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ هونئن ته ڪنئين وڏا قبيلا ۽ ذاتيون آباد آهن پر انهن ۾ ڇهه وڏا راڄ جيڪي ميربحر، لاشاري، مگسي، سومرا، پليجا ۽ گُگا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ اهي ذاتيون پاڻ ۾ مٽي مائٽي ڪونه ڪن. پر اهي ساڳيون ذاتيون ۽ قومون شهرن ۾ هڪ ٻئي سان مٽي مائٽي جي رشتي ۾ ڳنڍجي ويون آهن. جنهن جا پاڻ وٽ ڪنئين مثال آهن. جو سومرن پليجن مان، پليجن سومرن مان، پليجن ميمڻ مان، ميمڻن پليجن مان، پليجا ٻروچن سان به مٽيون مائٽيون ڪري هڪ ٿي ويا آهن. اهو عمل ۽ سوچ به حيران ڪن آهي ته جيڪو عمل اسان کي شهرن ۾ سٺو ٿو لڳي سو عمل اسان لاءِ ٻهراڙين ۾ ناممڪن آهي ۽ اهڙن روين ڪري اسان وڃون پٺتي پوندا ۽ هڪ ٻئي کان ڌار ٿيندا. انهن وڏين ذاتين کان سواءِ ٻيون به ڪنئين ننڍيون ننڍيون ذاتيون هت آباد آهن. ڪيترن جا نالا لکجن. ٻني ۽ ڀرپاسي ۾ ڪنئين درگاهون آهن جن ۾:
    1- شاهه فتح محمد
    2- مورو فقير
    3- شاهه ولي (هت مور ۽ ديلون جام هوندا هئا پر هاڻ ڪونهن)
    4- شاهه پير ڏنو
    5- مائي نياڻي
    6- شاهه اسماعيل (دَڙِ ۾)
    7- احمد شاهه (راهوٺ ڀرسان) شامل آهن.
    ٻني جي قبرستان ۾ 1919ع ۾ پليگ کان اڳ صرف ننڍن ٻارن کي دفن ڪيو ويندو هو ۽ سندس نالو ئي ”معصومن جو مقام“ هو. پر 1919ع واري پليگ ۾ ايڏي ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو فوت ٿيا جو ٻئي هنڌ کڻي وڃڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو هو. تنهن ڪري ننڍن سان گڏ وڏن کي به اُت دفن ڪرڻ لڳا، جيڪو اڄ تائين جاري آهي. اُن کان اڳ ۾ اسان جي خاندان جو قبرستان لاکي پير تي هوندو هو. منهنجي ڏاڏي ارباب عبدالحئي جو پيءُ ارباب نورمحمد ۽ اسان جا ٻيا مٽ مائٽ اُت مدفون آهن. جن مٿان چٽسالي ٿيل پٿرن جون راڪون ٺهيل آهن. اُن پليجن جي قبرستان جو ڪيترن ليکڪن پنهنجي لکڻين ۾ ذڪر ڪيو آهي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن پر انهن سڀني ۾ راهوٺ وڌيڪ تاريخي ۽ قديم شهر آهي. جيڪو خود ٻني کان گهڻو آڳاٽو آهي اهو راهوٺ جي شهرين جي رسم رواج مان ظاهر آهي. راهوٺ جو ذڪر مير علي شير قانع جي تاريخي ڪتاب تحفة الڪرام ۾ به آهي. پر ٻني يا بٺوري تعلقي جي ڪنهن به ٻئي شهر جو ذڪر ڪونهي. ٻني جي ڀرپاسي ۾ ڪيترائي شهر ته بلڪل هينئر ٺهيا آهن. جن ۾ ڊڀو پليجو موري، موالي موري، قادر ڏنو شاهه موري قابل ذڪر آهن. ٻني شهر مان ٻي عالمي جنگ ۾ محمد حسن خاصخيلي جنهن کي شهر جا ماڻهو محمد حسن مخول جي نالي سان ياد ڪندا آهن، فوج ۾ ڀرتي ٿي جنگ ۾ حصو ورتو ۽ پاڻ انگريزن جي فوج سان گڏ برما ۾ ڪجهه سال رهيو. پوءِ جڏهن جنگ ختم ٿي ته پاڻ واپس ٻني آيو، اچڻ شرط سندس ماءُ سان اردوءَ ۾ ڳالهايائين ته سندس ماءُ روئي وڌو ۽ پاڙي وارن کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ چريو ٿي ويو آهي. خبرناهي ته ڇا پيو چوي. آئون ته سندس ٻولي سمجهان ئي ڪانه ٿي. مرڻ گهڙيءَ تائين اها سندس پراڻي وردي اڪثر پائي شهر ۾ چڪر ڏيندو رهندو هو ۽ پاڻ جنگ جا احوال هر هڪ کي ٻڌائيندو رهندو هو. سندس پيءُ عمر مخول به ڏاڍو دلچسپ ماڻهو هوندو هو. 1970ع واري بنگال جي جنگ ۾ ٻني مان پنهون ميربحر بنگال ويو ڪيترا سال هندستان ۾ جنگي قيدي ٿي پوءِ واپس ٻني آيو. اُن به بنگال ۽ هندستان جي قيدين جا ڪنئين قصا ٻڌايا. ان کان سواءِ سمنڊ ۾ مڇي ماريندي ٻني جا ٽي ميربحر هندستان نيوي گرفتار ڪري هندستان جي سابرمتي جيل ۾ قيد ڪري رکيا. سابرمتي اهو شهر آهي جت گانڌي پيدا ٿيو، اهي ميربحر به سالن کان پوءِ هندستان جيل مان آزاد ٿي ٻني آيا، سندن نالا هي آهن:
    1- نور محمد ملاح
    2- يار محمد ملاح
    3- عثمان ملاح
    4- غلام مصطفيٰ ملاح
    ٻني شهر مان مختلف سياسي تحريڪن دوران هي شهري جيل ڪاٽي آيا.
    1- ارباب نورمحمد پليجو (منهنجو والد)
    2- مولوي محمد يوسف قاضي
    3- عبدالحئي پليجو
    4- مير نصير پليجو (منهنجو ننڍو ڀاءُ)
    5- ڊاڪٽر سيلمان پليجو (منهنجو ڀاڻيجو)
    6- محمد موسيٰ سومرو
    7- عبدالغفور قاضي
    8- رياض احمد پليجو
    9- ڊاڪٽر عبدالعزيز سومرو
    10- انجنيئر عبدالعزيز سومرو
    11- آچار ڪنڀار
    12- اڱاريو مڱڻهار
    13- عبدالغني پليجو
    14- حاجي ڀٽي، شامل هئا.
    ٻني ۽ ڀرپاسي ۾ هي فنڪار، سگهڙ ۽ پلهوان هئا.
    فنڪار (راڳي):
    1- استاد حاجي شيدي
    2- استاد بلو شيدي
    3- استاد گلشير خاصخيلي
    4- استاد الهڏنو سومرو
    5- غلام مرتضيٰ پليجو

    سازندا:
    1- يعقوب ميربحر سرندي نواز
    2- راڻو ميربحر دنبوري نواز
    3- ملهار لاشاري نڙ وارو
    4- بهادر منڱڻهار باسري نواز
    5- فقير وسايو عرف وسو منڱڻهار شرنائي وارو
    6- محمد جمن منڱڻهار شرنائي وارو
    7- اعجاز خاصخيلي ڊولڪ نواز
    ٻني شهر ۽ ڀرپاسي ۾ ڀرت جو ڪم ڏاڍو لاجواب ٿيندو آهي جنهن ۾ زري، مُڪو، هرمنج ۽ آر شامل آهن. ان کان سواءِ کرڙين جو ڪم به ڪنهن زماني ۾ ڏاڍو سٺو ٿيندو هو پر هاڻ اهو ڪم کور واهه طرف ٿيندو آهي.
    ٻني ۾ زريءَ جو ڪم ته ڪنئين قومون ڪنديون آهن پر جيڪو ڪم سومريون عورتون ڪن ٿيون، ان جو جواب ڪونهي. صفائي، سُٺائي ته ڪو انهن کان سکي، خاص ڪري مٿي تي پهرڻ لاءِ وڏيون گنديون (چنريون) ڏاڍيون سُٺيون ٺهنديون آهن. جيڪي پري پري جا وڏا وڏا ماڻهو هتان ٺهرائيندا آهن. ڪن گندين تي ته ڏهه ڏهه هزارن تائين به خرچ اچي ويندو آهي.
    مون پنهنجي ٻن مهينن جي موڪلن ۾ خوب گهميو ڦريو ۽ ميلا ملاکڙا ڏٺا ۽ شادين ۾ شريڪ ٿيس، وئڪيشن دوران 28 جون 1958ع تي عيد ٿي جنهن ۾ اڳوڻي کان به وڌيڪ مٽن مائٽن ۽ بابا جي دوستن خرچيون ڏنيون. بابا عيد جي ڏينهن ڳوٺ جي معززين جي دعوت ڪئي ان ۾ آئون به شريڪ ٿيس. دعوت ۾ شريڪ ماڻهو بابا سان گڏ مون سان به ملندا رهيا ۽ حيدرآباد ۾ تعليم جا حال احوال وٺندا رهيا ۽ اُن زماني ۾ عام ماڻهن جو حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ گهٽ اچڻ وڃڻ ٿيندو هو.


    7

    وئڪيشن ختم ٿيڻ شرط آئون وڃي حيدرآباد پهتس، هاسٽل ۾ اڳئي داخلا ٿي چڪي هئي. صبح سوير اسڪول وياسين جت سائين بالاديءَ سڀني ڇوڪرن کي ٻڌايو ته هاڻ باقائدي پڙهائي ٿيندي، سو رهيل ڪتاب وٺو ۽ سڀاڻي کان اسڪول ۾ يونيفارم پائي اچبو، جن ڇوڪرن جو يونيفارم ٺهيل يا ورتل ناهي سي پنهنجو يونيفارم درزيءَ کان ٺهرائين يا شاهي بازار مان وٺن. اسڪول ۾ ٻن ٽن استادن به اسان کي اهڙي قسم جون هدايتون ڏنيون ۽ ان ڏينهن شام جو اسان رهيل ڪتاب ۽ پنهنجا يونيفارم خريد ڪيا. آئون ٻي ڏينهن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پتلون پائي اسڪول روانو ٿيس. پاڻ کي ڪجهه مختلف محسوس ڪيم ائين اسان جي اسڪول ۾ باقاعدي پڙهائي شروع ٿي وئي. پهرين ڪجهه محنت ڪرڻي پئي پر پوءِ ڪا خاص تڪليف يا نئون ماحول محسوس ڪونه ٿيو. اُن جو هڪ سبب هي به هو جو هاسٽل ۾ سڀ شاگرد اسان جيان ٻهراڙين کان آيا هئا ۽ اسان سڀني لاءِ تقريباً هڪ جهڙو ماحول هو، تنهن ڪري اسان سڀ هڪ ٻئي سان يڪدم رلي ملي وياسين.
    اسڪول جي پڙهائي دوران سيد حفيظ شاهه مرحوم سيدپور وارو، عبدالحميد ميرپور بٺوري وارو ۽ فدا کوسو دريا خان کوسي جو پٽ جيڪب آباد وارو، نجم ميمڻ دڙي وارو ۽ موري منگر جو هڪ شاگرد جنهن جو مون کي نالو ياد ڪونه ٿو اچي. انهن سان منهنجي ويجهڙائپ ٿي. 1958ع ۾ اڃان حيدرآباد بورڊ شروع ڪونه ٿيو هو ۽ اسڪولن، ڪاليجن جا امتحان سنڌ يونيورسٽي وٺندي هئي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ به بمبئي يونيورسٽي جو ڪورس پڙهائبو هو، تنهن ڪري ان وقت تعليم جو معيار تمام اُچو هوندو هو ۽ سخت محنت ڪرڻي پوندي هئي. پر لائق، هوشيار ۽ باصلاحيت استادن جي ڪري پڙهڻ ۾ ڪابه تڪليف محسوس ڪانه ٿيندي هئي. اسان جي دؤر جا شاگرد محنت ڪرڻ ڪري وڏن وڏن عهدن تي وڃي پهتا تن ۾ ڪن ته تمام وڏو نالو پيدا ڪيو. انهيءَ وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي هو.
    انگريزن کان اڳ سڄي هندستان جيان سنڌ ۾ به مغلن کان وٺي ميرن تائين حڪومت جو سڄو ڪاروهنوار فارسي زبان ۾ هلندو هو. مدرسن ۾ به شاگردن کي قرآن شريف سان گڏ فارسيءَ ۾ تعليم ڏني ويندي هئي. اهو مشهور هو ته: ”فارسي گهوڙي چاڙهه سي.“
    ان فارسي تعليم لاءِ سيوهڻ، ٺٽو، کهڙا، مٽياري، ولهاري ۽ حيدرآباد ۾ وڏا مدرسا هوندا هئا. اهو سلسلو انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ به ڏهه سال، يعني 1853ع تائين هلندو رهيو. جيسين وڃي سنڌي لپي تيار ٿي، نه ته ان کان اڳ شاهه، سچل جا رسالا به ابوالحسن جي سنڌيءَ ۾ لکيل آهن جيڪي مون وٽ به آهن.
    1853ع ۾ انگريزن سنڌ ۾ سنڌيءَ زبان کي رائج ڪيو. ۽ شهرن ۽ سنڌي اسڪولن ۾ سنڌي نصاب جي شروعات ٿي، جيڪو پنهنجي جڳهه تي هڪ ڏاڍو دلچسپ داستان آهي. اسڪول، استادن ۽ ڪتابن کان سواءِ هلي ڪونه سگهندا اُن لاءِ پهرين فارسي، عربيءَ ۽ گجراتيءَ مان ڏهه ڪتاب ترجمون ڪري اسڪولن کي ڏنائون پر مڪمل تعليم لاءِ سڀني سبجيڪٽن لاءِ گهڻن ڪتابن جي ضرورت هئي. اُن وقت سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪري کيس بمبئي پرڳڻي سان ملايو ويو هو. هاڻ سڄي لک پڙهه بمبئي پرڳڻي سان ٿيڻي هئي. سنڌيءَ جي انهن درسي ڪتابن کي قائدي قانون پٽاندڙ جوڙڻ ۽ شايع ڪرڻ لاءِ بمبئي سرڪار بمبئي صوبي جي ماهر تعليم ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن مسٽر ڪاورنٽن (Covernton) کي اهو ڏکيو ڪم سونپيو. خوش قسمتيءَ سان اهو پاڻ به سٺي سنڌي ڄاڻندو هو. سندس هيڊڪوارٽر پوني ۾ ٺاهيو ويو. سندس مدد لاءِ ڪمشنر سنڌ پهرين مرزا قليج بيگ کي مقرر ڪيو پر اُن جي انڪار کان پوءِ ديوان پريم چند کي پوني موڪليو ويو. حڪومت گهڻو سيليبس ٻين ٻولين مان ترجمو ڪرايو هو پر ڪجهه ڪتاب ترجمي کان سواءِ به لکيا ويا. اُن نصاب جي ڪم ۾ :
    1- مرزا قليچ بيگ
    2- ڀيرو مل آڏواڻي
    3- پرمانند ميوارام
    4- ديوان ڪوڙو مل
    5- ديوان خانچند ۽ ڪجهه ٻين مکيه ڪردار ادا ڪيو.
    هنن لائق انسانن سالن جا سال وڏي محنت سان اُن ڪم کي مڪمل ڪيو. شاباس هجي انهن اسان جي تعليم جي ماهرن کي جن رات ڏينهن هڪ ڪري اسان کي کوڙ سارا درسي ڪتاب ڏنا. جنهن جي بنياد تي اسان جا اسڪول کُليا ۽ هليا. اسان جا ٻار پڙهيا ۽ اسان به برصغير جي پڙهيل قومن ۾ ليکجڻ لڳاسين، انگريزن هندستان جي ٻين صوبن ۾ اهو نظام اڳ ئي رائج ڪري ڇڏيو هو. سنڌ ۾ به پهرين اهي اسڪول صرف شهرن ۾ شروع ٿيا جت سنڌي مسلمان اٽي ۾ لوڻ برابر هئا. پر هندو وڏي تعداد ۾ آباد هئا ان مان انهن خوب فائدو ورتو تعليم ۾ هو اسان کان گهڻو اڳتي نڪري ويا ۽ اسان پٺيان رهجي وياسين، جيڪو اسان اڃان پيا لوڙهيون. جيتوڻيڪ خلافت تحريڪ، بمبئيءَ کان سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۽ ورهاڱي کان پوءِ ون يونٽ خلاف تحريڪ ۽ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌي مسلمانن تمام گهڻو حصو ورتو. ان ڪري هو سياسي سوچ ۾ هميشه اڳيان رهيا آهن پر ورهاڱي کان اڳ تعليم ۾ پٺتي هئڻ ڪري اسان جو ڪافي نقصان ٿيو.
    انهن اوائلي درسي ڪتابن مان ڪجهه سبقن جون ڪي سٽون توهان کي به ٿو ٻڌايا جيڪي هن ريت آهن:
    اُڃ لــڳي آهــي پــاڻــي ڏي
    هــن دلــي ۾ ٿــڌو پــاڻــي آهــي
    اک پــــــٽ، انـــــب ڏس
    انــب جــي وڻ تـــي پــکــي ڏس
    اٽـــي ڏڪـــــر کـــڻـــي اچ
    *
    ڪــوڏڻ کـي مــکــڻ مــانــي ڏي
    سُڪن ٻيرن کي ڪوڪلا چئبو آهي
    هن گاڏيءَ جا ڦيٿا ڀڳل آهن.
    مون کي ڪنهن ٿي کير پياريو، پيار منجهان ٿي گود ويهاريو.
    آءٌ نه ڪڏهن ڪوڙو ٿيندس- ساهه سدائين سچ تي ڏيندس
    مٿيان ٻه نظم ته موجوده ڪورس ۾ به موجود آهن. نصاب ۾ گهڻي ۾ گهڻا سبق:
    1- پرمانند
    2- مرزا قليچ بيگ ۽
    3- ڪوڙي مل
    لکيا، اهو علم جو پورهيو ڪرڻ وارن پهرين سمجهيو ته کين ڪوبه اُجورو يا عيوضو ڪونه ملندو ۽ اهو صرف پنهنجي قوم ۽ ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن پر حڪومت انهيءَ وقت سندن پورهئي عيوض کين اُجوري جو مُلهه هن ريت ڏنو.
    هڪ سبق لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٻه روپيا ۽ وڌ ۾ وڌ پنج روپيا ۽ بيتن تي به اهڙي طرح سان کين رقم ملي. مسٽر پرمانند ايترا ته سبق ۽ بيت لکيا جو انهيءَ جي عيوض مليل پئسن مان هن هيٺ مٿي جڳهه ٺهرائي. اُهو هو جذبو ۽ محنت، جنهن مان ماڻهن حق حلال جي ڪمائي مان پنهنجا گهر ٺهرايا. انهن سبقن لکڻ لاءِ حڪومت جيڪي هدايتون جاري ڪيون اُهي به ڏاڍيون دلچسپ هيون انهن مان ٻه هدايتون توهان کي به ٻڌيان ٿو.
    1- ڪنهن به سبق ۾ الله،خدا، ايشور، پرميشور ۽ ڀڳوان بدران ڌڻيءَ جو لفظ ڪم آڻبو، ڇو ته اُهو لفظ هندو توري مسلمان استعمال ڪن ٿا.
    2- پهرئين کان چوٿين درجي جي سبقن لاءِ ٻه سؤ لفظ ۽ اُن کان مٿي درجي جي سبقن لاءِ اڍائي سؤ کان ٽي سؤ لفظ مقرر ڪيا ويا هئا. هر سبق کي ٽي چار ڀيرا پڙهبو هو ته جئين هندو توڙي مسلمانن جي دل آزاري نه ٿئي. انهن سڀني ڪتابن جي ڇپائي جو ٺيڪو لنڊن جي هڪ ڪمپني مئڪملن کي ڏنو ويو هو. جيئن اڄڪلهه سنڌ جا ڪتاب لاهور ۾ پيا ڇپجن ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين هڪ غير سنڌي به ٿيو هو جنهن جو اصل ڳوٺ لڪي مروت سرحد صوبي ۾ آهي.
    سنڌي ڪتابن جي ڇپائي کان پوءِ وري انگريزي ڪتابن ۽ انگريزي تعليمي ادارن جي کولڻ جو دؤر آيو ان ۾ به هندو مسلمانن کان گهڻو اڳتي نڪري ويا. هندن جي اسڪولن ۾ مسلمانن جي ٻارن کي تعليم ڪانه ڏني ويندي هئي. ان جو ذڪر جمال ابڙي پنهنجي آتم ڪٿا ۾ تفصيل سان ڪيو آهي.
    سنڌ ۾ مسلمانن جو پهريون باقائدي انگريزي هاءِ اسڪول سنڌ مدرسو حسن علي آفنديءَ ڪراچي ۾ کوليو. جنهن ۾ پاڪستان جو باني محمد علي جناح ٽي ڀيرا سڪول ۾ داخل ٿيو ۽ ساڍا پنج سال اسڪول ۾ پڙهيو ۽ پوءِ اسڪول ڇڏڻ جي سبب ۾ لکيل آهي ته شاديءَ سانگي ڪڇ هليو ويو.
    (ڏسو ڪتاب سنڌ مدرسو صفحو 54)
    سنڌ مدرسي کان سواءِ حيدرآباد ۾ نورمحمد لاکير وڪيل ڊڀري ۾ الهندي شاهه ۽ ٽنڊي باگي ۾ مير غلام محمد ٽالپر ۽ سنڌ جي ٻين مسلمانن به هاءِ اسڪول کوليا پر ابتدائي طرح سان جيڪو تعليمي ڌڪ مسلمانن کي رسيو اُن سنڌي مسلمانن کي ڏاڍو نقصان رسايو. اهو عمل اڄ به جاري آهي. ڇو ته (C. B. M- IBA Szabist) آغا خان ميڊيڪل يونيورسٽي، گرامر اسڪول، آمريڪن اسڪول ۽ ٻيا سٺا اسڪول صرف ڪراچيءَ ۾ ، ۽ تمام گهڻا مهنگا آهن. جنهن ۾ سنڌين جي امير طبقي جا به چند ٻار پڙهندا آهن باقي عام ماڻهوءَ جا ٻار ته اهڙن ادارن ۾ پهچي ئي نٿا سگهن.
    لِپيءَ، اسڪول ۽ هاءِ اسڪولن جو مسئلو حل ٿيو ته وري ڪاليج جو مسئلو پيدا ٿيو، ڇو ته ڪراچيءَ ۾ هڪ به ڪاليج ڪونه هو جت مقامي شاگرد پڙهن. انهيءَ لاءِ بمبئيءَ وڃڻو پوندو هو. جت عام ماڻهن جا ٻار ته پڙهي ڪونه ٿي سگهيا. امير ماڻهن کي به ڪافي ڏوڪڙ خرچ ڪرڻا ٿي پيا ۽ اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانه هئي. انهيءَ لاءِ به وري هندن ئي ڏاڍي محنت ڪئي ان مهم جو اڳواڻ ديوان ڏيارام گدو مل هو، جنهن اُن مهم لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي. ديوان ڏيارام گدومل اهو ماڻهو هو جنهن اوائلي دور ۾ مرزا قليچ بيگ جا سَؤ کن ڪتاب ڇپريا، ديوان صاحب هڪ عظيم انسان هو. انهيءَ عظمت جي هڪ خفيه قرباني ڪري پاڻ پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي ۾ گمناميءَ جي زندگي گذاريائين.
    سنڌ ۾ ڪاليج به ديوان ڏيارام گدومل جي ڪوشش سان قائم ٿيو. هن هڪ آرگنائيزيشن ٺاهي سڄي سنڌ جو دورو ڪري ماڻهن کان چندو ورتو. جنهن ۾ سنڌ جا عامل پيش پيش هئا. ان وقت جي اخبارن سنڌ ٽائيمس ۽ سنڌ سڌارا وڏا وڏا ليک ۽ ايڊيٽوريل لکيا ۽ انهيءَ خير جي ڪم لاءِ سنڌ جي ماڻهن کي اپيلون ڪيون. ان وقت ممبي جو گورنر لارڊ ري هڪ تعليمي ماهر ۽ علم دوست انسان هو. سندس اها جستجو هوندي هئي ته سڄي صوبي ۾ تعليم عام ڪريان. ان وقت جي ڪمشنر کي چيف ڪمشنر جا اختيار مليل هئا جنهن ڪافي مدد ڪئي. ديوان ڏيارام گدومل ممبئي حڪومت، سنڌ سرڪار، ميونسپالٽين ۽ ضلعي لوڪل بورڊن سان گڏ پنهنجي ذاتي دوستن کي به ان ڪاليج جي چندي لاءِ ذاتي طور ساڻن ملي کين عرض ۽ مجبور ڪيو ته هو گهڻي ۾ گهڻو چندو ڏين.
    ان ڪم ۾ جن ماڻهن سندس گهڻي ۾ گهڻي مدد ڪئي انهن ۾:
    ڏيا رام اُڌارام
    ڏيا رام ڄيٺمل
    اُڌارام مولچند
    اي جي رستم
    ۽ ايڊل جي ڊنشا
    خاص قابل ذڪر هئا ٿوري عرصي ۾ ديوان ڏيارام گدومل اسي هزار روپين جو چندو گڏ ڪري ويو ۽ ايتري ئي رقم هن کي ممبئي سرڪار به ڏني. ڏسندي ڏسندي ٿوري عرصي ۾ ڪاليج ٺهي تيار ٿي ويو. جنهن جو نالو سنڌ آرٽس ڪاليج رکيو ويو. ”ڏيا رام ڄيٺ مل“ جي مرڻ کان پوءِ وڏي رقم جي عيوض هن ڪاليج جو نالو ڏيارام ڄيٺمل آرٽس ڪاليج رکيو ويو. جنهن جو مخفف ٿيو .(D. J Arts Collage) اهو ڪاليج اڄ به سنڌ لا ڪاليج جي سامهون اُچي ڳاٽ سان قائم آهي. جنهن جي پروقار ۽ شانائتي بلڊنگ اڄ به ڪراچيءَ جي مکيه بلڊنگن مان هڪ آهي. ڪاليج ٺهڻ کان پوءِ ممبئي سرڪار جي گورنر لارڊري کي افتتاح لاءِ عرض ڪيو ويو هن پنهنجي پهرين مصروفيت ۾ هن ڪاليج جو افتتاح ڪيو. ممبئي جي گورنر لارڊ ري جو هي سنڌ جو پهريون دورو هو. اهڙي طرح سان ديوان ڏيا رام گدومل جي مهربانين ۽ ڪوششن سان سنڌ ڌرتيءَ تي پهريون آرٽس ڪاليج ٺهي راس ٿيو ۽ سنڌ جي ماڻهن جي ممبئي پڙهڻ لاءِ گهڻن خرچن کان جان ڇُٽي ۽ هاڻ اميرن سان گڏ سنڌ جا غريب ماڻهو به ڪراچيءَ ۾ تعليم وٺي ٿي سگهيا. اهو هو جذبو جنهن اسان ۾ ايڏي تعليمي سجاڳي آندي.
    هيترن سالن گذرڻ کان پوءِ اڄ تائين صرف ٽن سنڌي سرنديءَ وارن مسلمانن حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ صرف ٽي اهڙا اعليٰ پائي جا دارا کوليا آهن. يعني حيدرآباد ۾ مرحوم نورمحمد لاکير جي ڪوشش سان:
    1- مسلم ڪاليج
    2- نور محمد هاءِ اسڪول
    3- مسلم هاسٽل (جيڪو اڳ ٽريننگ ڪاليج هو)
    4- نور محمد مڊل اسڪول
    5- مسلم پرائمري اسڪول
    ۽ مرحوم حسن علي آفندي جي ڪوشش سان
    1- سنڌ مدرسو
    2- سنڌ لا ڪاليج
    ۽ هاڻ محترمه بينظير ڀٽو جي ڪوششن سان .
    1- شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ڪراچي- لاڙڪاڻو- اسلام آباد- دبئي.
    ۽ لنڊن لا ڪاليج ائٽ ڪراچي کوليا آهن.وڏن شهرن ۾ جت سنڌ جا سنڌي مسلمان اڄ به پڙهائي لاءِ هزارن جي تعداد ۾ اچن ٿا ۽ سنڌي به هاڻ ڪافي تعداد ۾ سيمينٽ فيڪٽرين، شگرملن ۽ ٽيڪسٽائل ملن جا مالڪ ٿي ويا آهن. پر اسان جي اُن سرندي واري ڪلاس مان ڪنهن هڪ به ان طرف ڌيان ڪونه ڏنو آهي. جڏهن ته ٻين قومن جي سرنديءَ وارن پنهنجا ڪنئين ادارا ٺاهي ڇڏيا آهن. اسان جو رڳو اخبارن ۾ فوٽو ۽ بيان ڇپرائڻ تي زور آهي ان پهلوءَ تي اسان ڪڏهن به ڪونه سوچيو آهي.
    اسڪول جي پڙهائي دوران ڏهن ٻارهن ڏينهن تائين اسڪول ۽ هاسٽل ۾ داخلا لاءِ سڄي سنڌ مان شاگرد ايندا رهيا جن مان ابڙال وارو حاجي عثمان ٻانهيپوٽي جو پٽ محمد حسين ۽ دڙي مان به ٻه ٽي شاگرد هاسٽل ۾ آيا، پر پوءِ اهو سلسلو بند ٿي ويو ۽ باقاعدي سان ڪورس جي پڙهائي شروع ٿي وئي. روزاني پڙهائي سان گڏوگڏ هوم ورڪ به ڪافي ملندو هو. پر محنت ۽ شوق سان هوم ورڪ وقت تي ٿي ويندو هو.
    پهرين ٻه چار ڏينهن نئين ماحول ۾ سوچيندو هوس ته شهر ۾ اسڪول ۾ ڏاڍي تڪليف ٿيندي پر پنهنجي محنت ۽ استادن ۽ مائٽن جي توجه ۽ همت افزائي ڪري ڪڏهن به ڪا دقت محسوس ڪانه ڪيم. ڪڏهن ڪڏهن سائين بالادي مڙئي ڪاوڙ ۾ اچي دڙڪا ڏيندو هو پر پوءِ جيئن جيئن ويو وقت گذرندو، تيئن تيئن وئي آساني پيدا ٿيندي.
    سال ۾ هڪ ٻه ڀيرا ٻين اسڪولن جا شاگرد هاسٽل جي شاگردن سان ڪرڪيٽ ۽ والي بال کيڏڻ آيا. ٻه ڀيرا ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو جا شاگرد به نورمحمد هاءِ اسڪول جي شاگردن سان ڪرڪيٽ مئچ کيڏڻ آيا، کين ڏاڍيون سُٺيون ڊريسون پاتل هيون. منجهن ڊسيپلين ڏسي آئون به ڏاڍو متاثر ٿيس ۽ دل ۾ سوچيم ته ڪاش! آئون به ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ پڙهندو هجان ها. اُن شوق جي پڄاڻي مون هينئن ڪئي جو پنهنجي پٽن نورمحمد ۽ فرخ کي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ داخلا وٺي ڏنم ۽ محبوب به اُتي ٽيسٽ ڏني ۽ رٽن ٽيسٽ ۾ پاس ٿيو ۽ سُٺي انٽرويو ڏيڻ جي باوجود به کيس پيٽارو ۾ داخلا ڪانه ملي اُن جو سڄو احوال ڏيئي آئون هڪ اداري کي بدنام ڪرڻ نٿو چاهيان.
    هاسٽل ۾ پهرئين سال جي پڙهائيءَ دوران هڪ ڀيرو ڊرامو به ٿيو هو پر مون اُن ۾ حصو ڪونه ورتو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو تيئن تيئن شاگردن جي هڪ ٻي سان گهرائپ وڌندي ويئي ۽ تيئن تيئن ڳوٺ جي سڪ وئي گهٽجندي. اسڪول، هاسٽل ۽ ان جي ماحول ۾ دلچسپي وئي وڌندي. نيٺ اهو به وقت آيو جو مهينن جا مهيناڳوٺ وڃڻ ڪونه ٿيندو هو. هڪ ڀيرو ته عيد تي به ڳوٺ ڪونه ويس ۽ جيجي وڏيءَ مون کي ڏاڍو ياد ڪيو. جنهن جو اڄ به ڏاڍو افسوس اٿم ۽ نيٺ بابا سائين مون کي وٺڻ آيو ۽ اُن سان گڏجي ڳوٺ ويس. هاسٽل ۽ اسڪول ۾ وقت گذرڻ سان نوان دوست به ٺهندا ويا جن ۾ محمد بچل، محمد صديق ۽ ولي محمد سمون شامل هئا. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ کٽ ۾ منگهڻ به وڌندا ويا. انهن سان به پهرين دوستي ۽ پوءِ دشمني شروع ٿي وئي. ڇو ته هاڻ هنن کي مارڻ روز جو دستور ٿي ويو، جيسين وڃي هنن مان جان ڇُٽي. مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو منگهڻ هاسٽل جي کٽن ۾ ڏٺا، نه ته اڳ مون کي خبر به ڪانه هئي ته منگهڻ ڇاکي چئبو آهي.
    هاسٽل جو بورچي سونهارو ۽ ڌوٻي ڌرگو هاسٽل جي زندگيءَ جا ٻه منفرد ڪردار هئا جن سان ڳالهائڻ ۽ ملڻ ۾ مزو ايندو هو. هاسٽل جو اهو دستور هوندو هو ته اچڻ شرط سونهاري کي ٻڌائبو هو ته آئون ڳوٺان اچي ويو آهيان. جيئن ماني کائيندڙن ۾ منهنجو به نالو شامل ٿئي. ان جي جواب ۾ سونهارو اسان جي روبرو سندس نائب کي آرڊر ڪندو هو ته ٻوڙ ۾ هڪ گلاس وڌيڪ پاڻي جو شامل ڪري ڇڏ. جيئن ٻوڙ زياده ٿئي. ڌرگو رات جو ٺري پيئڻ کان پوءِ صفا ٽُن ٿي ويندو هو تيسين گهروارن سان جهيڙو جاري رکيو ايندو هو جيسين وڃي کٽ ڀيڙو ٿيئي. ڌرگو رات جو هڪ ته ڏينهن جو ٻيو هوندو هو. ڌرگي کان ڏينهن جو رات واريون ڳالهيون صفا وسري وينديون هيون يا گول ڪري ويندو هو سا خبر خدا کي. آخر ۾ صفا پوڙهو ٿي ويو هو پاڻ ٻارن سان هاسٽل ۾ رهندو هو سندس وڏو پٽ ۽ ٻيو اولاد ڏاڍا سُٺا ماڻهو هئا. آئون هاسٽل ڇڏڻ کان پوءِ به جڏهن هاسٽل ويندو هوس ته ڪوشش ڪري کين ملندو هوس، ويچارا ڏاڍي عزت ڪندا هئا.
    اسڪول ۾ سائين علي محمد شيخ هڪ دفعو واڙ يا لوڙهي جي معنيٰ وڻ ٻڌائي ته مون کيس ڪريڪٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڻ منهنجي ڳالهه غور سان ٻڌي ناراض ته ڪونه ٿيو ٻيڻو منهنجي همت افزائي ڪيائين. اسڪول جي ڪُنڊ ۾ هاءِ اسڪول جي بهترين لائبريري هوندي هئي. جنهن ۾ ڪنئين ڪتاب ڪاٺ جي ڪٻٽن ۾ رکيا هوندا هئا. اسڪول ٻاهران وڏا وڏا وڻ اسڪول بلڊنگ کي وڌيڪ سهڻو ۽ پروقار بنائيندا هئا. اسڪول جي اترئين طرف ميٺارام نالي هڪ تمام سُٺي بلڊنگ هندن جي دؤر جي ٺهيل هوندي هئي. جيڪا نورمحمد اسڪول جي چوديواري اندر اسڪول جو حصو لڳندي هئي. پر اها بلڊنگ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ جي ملڪيت ڪانه هئي. ورهاڱي کان پوءِ اها وفاقي حڪومت جي ملڪيت ٿي، جنهن لاءِ مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ تمام گهڻي لکپڙهه ڪئي پر ڪو کڙتيل ڪونه نڪتو. پر مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي به اُن مسئلي کي هميشه هر اسٽيج تي کنيو ۽ نيٺ تمام گهڻي ڪوشش کان پوءِ اهو هال جيڪو ان وقت لکن جي ملڪيت هو سو نورمحمد هاءِ اسڪول کي مليو ته اسڪول جا ڊراما فنڪشن ۽ سڀ ثقافتي سرگرميون اُن هال ۾ ٿيڻ لڳيون. جيئن جيئن ويا ڏينهن گذرندا تيئن تيئن هاسٽل ۽ اسڪول سان ياري وئي وڌندي وقت سان گڏ فلم ڏسڻ جو شوق به ويو وڌندو. هڪ يا ٻي آچر تي فلم ضرور ڏسبي هئي. آچر جي ڏينهن مانيءَ کان اڳ جيترو به ٿي سگهبو هو اوترو شهر جو سير ڪبو هو.
    حيدرآباد شهر اُن وقت ايڏو وڏو ڪونه هو جيڏو اڄ آهي، قاسم آباد جيڪو اڄ لکن جي آباديءَ وارو علائقو آهي. اُن جو ته ڪو وجود ئي ڪونه هو. مسلم هاسٽل پٺيان سينٽرل جيل اڳيان چؤطرف جيڪي وسنديون ۽ ڪالونيون آهن انهن جو نالو نشان به ڪونه هو. سبزيءَ منڊيءَ کان اڳيان به ڪا شيءِ ڪانه هئي. لطيف آباد به اڄ جيان ڪانه هئي. گورنمينٽ ڪاليج ڦليلي ۽ شهر جي وچ وارو سڄو علائقو ميدان لڳو پيو هو. نورمحمد هاءِ اسڪول کان ڇوٽڪي گهٽي تائين هڪ به دڪان ڪونه هو. اُت هڪ طرف پگٽ ميموريل اسڪول جي ديوار ته ٻي طرف ٽريننگ ڪاليج ۽ چرچ جون ديوارون هونديون هيون. خود تلڪ چاڙهيءَ تي ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان هوندا هئا. حيدرآباد شهر جون رونقون صرف شيش محل هوٽل جي علائقي ۾ هونديون هيون. رات جو هت ڄڻ ته ميلو متو پيو هوندو هو ڇو ته اُن هوٽل پٺيان وئشيائن ۽ ڳائيڻين جا ڪوٺا هوندا هئا. ائڊون بار ۽ ونڊسر بار مان ماڻهو کائي پي اچي هت گانا ٻڌندا هئا. جت رات دير تائين راڳ رنگ ۽ رقص جون محفلون هلنديون رهنديون هيون. ڪي شوقين اتي ئي ڪوٺن تي سمهي پوندا هئا. ته ڪي وري پنهنجي گاڏين ۾ انهن وئشيائن کي کڻي هليا ويندا هئا ته ڪي وري پنهنجون حسرتون ۽ آنهون پنهنجو پاڻ سان کڻي روانا ٿي ويندا هئا.
    چون ٿا ته ورهاڱي کان اڳ اُن بازار ۾ اڃا به وڌيڪ رونقون هونديون هيون. وڏا وڏا معزز ماڻهو به هن بازار ۾ ايندا رهندا هئا. ۽ ڪن هن بازار مان شاديون به ڪيون ۽ انهن مان کين اولاد به ٿيا، جيڪي پوءِ امير، سفير ۽ وزير ٿيا. اُن دؤر جي پراڻن ماڻهن کي اڃان تائين اهي داستان ياد آهن. اُن حسن جي بازار ۾ سڄي هندستان ۽ پنجاب مان ڪنئين حسينائون هت حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به اينديون رهنديون هيون. جن ۾ هزهائينس مير علي نواز خان ناز جي معشوقه بالي به شامل آهي. جيڪا پوءِ سڄي سنڌ ۾ مشهور ٿي ۽ مٿس ڊراما به ٺهيا. چون ٿا ته سنڌ جي ڪلهوڙي بادشاهه غلام شاهه جي ماءُ به ماريچياڻي وئيشيا هئي. جنهن جو نالو گلان هو. حيدرآباد جي اُن حسن بازار ۾ مارواڙ کان ايندڙ انهن ماريچياڻي عورتن جو پنهنجي حسن جي ادائن ۽ وفاداريءَ ڪري ڏاڍو نالو هو. خاص ڪري اميرن کي ريجهائڻ جون رمزون ۽ فن ته ڪو هنن کان سکي. سندن اکين ۾ ته اصل جادو هوندو هو، جنهن سان هر ڪو موهجي پوندو هو ۽ سندن گلي جي سونهن جو آواز ٻڌندڙن کي مست ڪري ڇڏيندو هو. بازار حسن جو ماحول ۽ ثقافت به عجيب آهي، بازار ٻاهران گهٽين ۾ ويٺل گلن وارا، پئسا کُلا ڪرڻ وارا، پانن وارا توهان کي هر هنڌ نظر ايندا.
    محرم جي مهيني ۾ بازار حسن ۾ راڳ، ناچ بلڪل بند هوندو آهي ۽ سڄي بازار حسن ۾ توهان کي عورتن سان گڏ مرد به ڪارن ڪپڙن ۾ نظر ايندا ۽ محرم وارن ڏينهن ۾ بازار حسن جون سڀ حسينائون ماتمي جلوس اڳيان اڳيان هلنديون وڃي مئجسٽڪ سئنيما واري چوراهي تي ماتم ڪنديون هيون. جن کي ڏسڻ لاءِ سڄي حيدرآباد جا جوان اچي هت گڏ ٿيندا هئا. تيستائين اُتي بيٺا هوندا هئا، جيسين وڃي اهي حيسنائون واپس ٿين. بازار حسن ۾ اهي حسينائون ڪوبه ڪم ڪار ڪونه ڪنديون آهن. گهر جو سڄو ڪم هنن جا مرد ڪندا آهن. گهر جون حاڪم عورتون هونديون آهن. هر حڪم انهن جو ئي هلندو آهي. بازار حسن جي گهرن ۾ ڇوڪري پيدا ٿئي ته مٺايون ورهايون وينديون آهن ۽ جي ڇوڪرو ڄائو خوشيءَ جو اظهار ڪونه ٿيندو آهي.
    راڳ سان گڏ ساز وڄائيندڙ ميراثيءَ کي هت استاد ڪري سڏبو آهي ۽ انهن جي هت وڏي عزت ڪئي ويندي آهي. بازار حسن متعلق ڪريم بخش نظاماڻي ۽ لوڪرام ڏوڏيجا ٻنهي آتم ڪهاڻين ۾ ڏاڍو دلچسپ احوال بيان ڪيو آهي، تنهن کان سواءِ ڊاڪٽر مبارڪ پنهنجي ڪتاب شاهي محل ۾ بازار حسن تي ڏيڍ صفحو کن لکيو آهي. پر اُن موضوع تي لوڪ ورثا جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوزيه سعيد نالي هڪ عورت جيڪا آمريڪا مان پي ايڇ ڊي ڪري آئي آهي ڏاڍو دلچسپ ڪتاب لکيو آهي.
    ڪتاب جو نالو ”ڪلنڪ“ آهي.
    (ہیرا کی درپردہ ثقافت)
    هندستان ۾ باقاعده بازار حسن جو رواج پهريان لکنؤ ۽ دهليءَ ۾ پيو. تنهن کان پوءِ اها بازار لاهور ۾ به شروع ٿي پوءِ سڄي هندستان ۾ وڏي پئماني تي عورتن جي ناچ گانن جون اهي بازارون ۽ منڊيون قائم ٿيون، جتي عورتن ۽ سندن جسمن جو باقاعده واپار شروع ٿيو. جيڪو ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ اڄ به جاري آهي. جيتوڻيڪ جنرل ضياءَالحق 1979ع ۾ حدود آرڊيننس جاري ڪري راڳ ۽ ناچ کي جائز قرار ڏئي اُن تي ڪابه بندش ڪانه وڌي پر صرف عورت جي جسم فروشي کي غيرقانوني قرار ڏئي اُن جي سزا سنگسار مقرر ڪئي. اُن سان ٿيو ائين جو اها بُرائي جيڪا هڪ هنڌ محدود هئي سا چؤطرف ڦهلجي وئي اُن جي مقابلي ۾ گهڻو ڪري سڄي دنيا ۾ انهيءَ ڌنڌي کي قانوني شڪل ڏئي هڪ هنڌ تائين محدود ڪيو ويو آهي.
    هالينڊ جي گاديءَ واري شهر ائمسٽرڊئم ۾ ته هنن وئشيائن جون پنهنجون تنظيمون آهن جيڪي حڪومت وٽ رجسٽرڊ ٿيل آهن۽ اُن معرفت هو حڪومت کي ٽيڪس ڏين ۽ قرض وٺن. مزيدار ڳالهه ته هو ڪڏهن ڪڏهن اسٽرائيڪ به ڪن ۽ حڪومت کين پرچائي وري اُن ڌنڌي تي آڻي. جيئن ملڪ ۾ اچڻ وارا سياح اُن برڪت کان محروم نه ٿي وڃن ۽ سندن سياحت جي صنعت متاثر نه ٿئي.
    هٿيارن جي واپار جو اڄ به دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو واپاري روس آهي. پر سندس معيشت اُت وڃي پهتي آهي جو پاڪستان جهڙي ملڪ به کيس ڪڻڪ امداد طور ڏني. انگلينڊ، آمريڪا ۽ سڄي مغربي يورپ جي هوٽلن ۽ پبلڪ فون گهرن ۾ توهان کي ڪال گرلس جا رکيل ڪتاب ۽ پمفليٽ ملندا جن ۾ سندن سون هزارن جي تعداد ۾ فون نمبر لکيل هوندا آهن. توهان فون ڪري کين گهرائي پنهنجون جنسي خوشيون ۽ خواهشون پوريون ڪري سگهو ٿا يا فون ڪري گهرائڻ جي باوجود توهان کين پسند نه ڪريو ته هيلو هليو ڪندي هليون وينديون پر توهان تي ڪڏهن به اکيون ڪونه ڪڍنديون. چون ٿا ته جهانگير جي حرم ۾ اهڙين حسينائن جو تعداد ڇهه هزار هوندو هو. (ڏسو صفحو 9 ڪتاب ڪِلِنڪ)
    قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب ”شهاب نامه“ ۾ لکيو ته:
    ”شولاپور جي انگريز ڊپٽي ڪمشنر ميڊوز ٽيلر جي سرڪاري بنگلي ۾ وٽس ٻاهٺ حسينائون سريت طور هونديون هيون. جن ۾ هڪ پندرهن سالن جي مرهٽي ڇوڪري به هوندي هئي. جنهن جون اکيون اکين سان ملائڻ جو انداز صاحب بهادر کي ڏاڍو وڻندو هو. اسان جي معاشري ۾ سدا سهاڳڻين يا انهن جي سازندن کي جنهن کي ميراثي چوندا آهن. شاهه لطيف به پنهنجي بيتن ۾ سندن ذڪر ڪيو آهي، نه صرف ذڪر ڪيو آهي پر سندن وڏي مڃتا ۽ واکاڻ ڪئي آهي. مثال : انهن وحشيائن لاءِ پاڻ هنيئن ذڪر ڪيو اٿس:
    لنڊيون لک لهن، جي ڏين ڏهاڙي ڏيهه کي
    ستيون ڪوهه ڪجن، جي پنهنجو رکن پاڻ سان
    (شاهه)
    ۽ اهڙي طرح ميراثين کي به پاڻ هنئين ياد ڪيو آهي.
    جي ميراثي مڱڻا، آئون پڻ منجهان تن
    ڪي ڪهه منهنجي ڪن، ارث منجهاران ان جي
    (شاهه)
    اڳوڻي زماني ۾ شهزادا ۽ راجائون اهڙا شوق ڪندا هئا پر هينئر اها جڳهه سياستدانن، ڪامورن ۽ امير طبقي والاري آهي. لاهور جي هيرامنڊيءَ جي لکيل ڪتاب جي ليکڪه چئي ٿي ته جڏهن رات جو هڪ بجي عام ڳائڻ بند ٿيندو آهي ته اُن کان پوءِ هت وڏا وڏا سياستدان ڪامورا ۽ امير طبقي جا ماڻهو ايندا آهن. پوليس يا ته انهن جي اڳيان مجبور آهي يا خود انهن سان مليل آهي. اهو مشاهدو خود هوءِ پاڻ ڪندي سڄو سربستو احوال سندس ڪتاب ۾ لکيو آهي.
    واقعي هن بازار مان مزو وٺڻ وارا وڏي مرتبي وارا آهن ۽ انهن کي ڪوبه روڪڻ وارو ڪونهي ۽ هنن لاءِ ڪوبه ٽائيم مقرر ڪونهي. پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ آهن، جيڏي مهل اچن ۽ وڃن. نفسيات جي ماهرن جون چوڻ آهي ته ماڻهو زوري، نفس جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ نه پر پاور جي جنون ۾ اچي ٿو ڪري.
    لاهور جي بازار حسن هيرامنڊيءَ تي نالو راڻا رنجيت سنگهه جي وزير هيرا جي نالي پٺيان پيو ۽ ڪراچيءَ جي بازار حسن تي اهو نالو سنڌ تي حملو ڪندڙ انگريز جنرل سرچارلس نيپيئر جي نالي پٺيان ”نيپيئر روڊ“ پيو. اهو به هڪ عجيب اتفاق يا انتقام چئجي. حيدرآباد جي بازار حسن جون رونقون ون يونٽ ٽٽڻ ۽ ڪراچي گادي ٿيڻ کان پوءِ ختم ٿي ويون ڇو ته پوءِ ڪامورن، اميرن ۽ سياستدانن جو مرڪز ڪراچي ٿي ويو ۽ انهن اوڏانهن رُخ ڪيو. حيدرآباد جي بازار حسن اندر داخل ٿيڻ لاءِ اڳيان پويان پنج دروازا هوندا هئا. جنهن مان ڪار به هلي ويندي هئي. پر شوقين گهڻو ڪري ڪار پريان روڊ تي ڇڏي پوءِ اندر داخل ٿيندا هئا. رات جي وقت ڪوٺي تي ڳائڻن، سازندن گهنگرن ۽ طبلن جو ايڏو ته آواز هوندو هو جو پري پري تائين اهو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. جنهن ڪوٺي اندر محفل نه هوندي هئي ته اُن ڪوٺي جون مهجبينون بالڪونيءَ ۾ ٻاهر اچي بيهي رهنديون هيون ۽ اهي پنهنجو پاڻ ۾ رؤنشي خاطر کل ڀوڳ ڪري تماشائين کي متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون هيون. ڪي ڪوٺا چار چار ماڙ جا به هوندا هئا. جن جي هيٺ مٿي بالڪونين اندر انهن وئشيائن جا ٽهڪڙا پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندا هئا. اهو ڪنهن کي متوجهه ڪرڻ جو دلچسپ انداز آهي انهن ڪوٺن مان ڪن ڪن جي دروازن تي نفيس پردا، به ٽنگيل هوندا هئا. جن اندر روشنين ڪري سڀ ڪجه نظر ايندو رهندو هو. ڏينهن جي وقت گهٽين ۾ انهن حسينائن جا ٻار گهمندا ڦرندا، راند روند ڪندا رهندا هئا، پر رات جي وقت اهي نظر ڪونه ايندا هئا.
    سماج ۾ جيئن شادي جي پاڪ ۽ مقدس رشتي ۾ عورت ۽ مرد ملي هڪ نئين زندگيءَ جي شروعات ڪندا آهن، تيئن هن بازار حسن ۾ رهندڙ عورت جي ”نٿ لاهڻ“ کي عورت جي شاديءَ برابر سمجهيو ويندو آهي.
    نٿ لاهڻ يا بولي لاهڻ واري رات هت گهر کي چراغان ڪري دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو آهي. جپان ۾ گيشا گرل وارو رواج به ڪي قدر پنهنجي هن بازار حسن جي هن تصور سان ملي ٿو.
    مثال: پاڻ وٽ به ڪئين ماڻهو انهن بازارن ۾ يا ٻي ڪنهن هنڌ فليٽ يا گهر وٺي اهڙين حسينائن کي سريت ڪري ويهاريندا آهن. پوءِ ڪي ساڻن نڪاح ڪري ڇڏيندا آهن ڪي وري ان سلسلي کي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ڪري ڇڏيندا آهن. پاڻ اهڙي رشتي وارين عورتن کي ويهاريل يا رکيل چئون ۽ جپان ۾ اهڙين عورتن کي گيشاگرل چون. اهو صدين جو رواج اڄ به جپان ۾ جيئن جو تيئن هلندو اچي. يورپ ۾ ٽيوب اندر ۽ سنسان جڳهن تي توهان کي اهڙيون عورتون جام ملنديون. فيڊرل ڪاسترو اقوام متحده ۾ تقرير ڪندي اهو انڪشاف ڪيو ته صرف ٿائلينڊ ملڪ ۾ اهڙين عورتن جو تعداد پنجاهه لکن کان به مٿي آهي. جنهن ۾ ان ڌنڌي اندر ٽيهه لک عورتن جي عمر ته ويهن سالن کان به گهٽ آهي. ۽ ان ڌنڌي لاءِ ڪنئين مرد به پنهنجو سيڪس تبديل ڪري وڏي تعداد ۾ عورتون ٿي رهيا آهن. سنڌ جي اڳوڻي گورنر جهانزيب پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته مغربي پاڪستان جي اڳوڻي گورنر ملڪ امير محمد خان کي ڪنهن ٻڌايو ته تنهنجي ڪئبنيٽ جو وزير قانون جڏهن حيدرآباد ويندو آهي ته حيدرآباد چڪلي ۾ جهنڊي لڳل گاڏي ۾ ويندو آهي. ملڪ امير محمد کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي سو کيس پاڻ وٽ گهرائي کائنس ان الزام جي وضاحت پڇي ته پاڻ ملڪ امير محمد کي ٻڌائين ته سائين منهنجو گهر ئي حيدرآباد چڪلي ۾ آهي. چون ٿا ته ملڪ امير محمد اهو ٻڌي کيس بروقت وزارت مان ڊسمس ڪري ڇڏيو.
    هن بازار مان هندستان ۽ پاڪستان جي ڪيترن ئي شهزادن ۽ راجائن جون راڻيون بڻيون، ته وري هندستان ۽ پاڪستان جي چوٽيءَ جون فلمي اداڪارائون به هن بازار ۾ پيدا ٿيون جن ۾:
    • ملڪه ترنم نورجهان
    • ملڪه پکراج
    • مينا ڪماري
    • ريما
    • شميم آرا
    • بابرا شريف
    • زيبا
    انجمن خاص قابل ذڪر آهن.
    هندستان ۽ پاڪستان ۾ بازار حسن ۽ طوائفن جي موضوع تي ڪنئين فلمون ٺهيل آهن، جن ۾:
    • امراءُ جان ادا
    • پاڪيزه
    • پياسا وغيره
    جهڙيون لاجواب فلمون به شامل آهن. اڄڪلهه ته ڪراچي ۽ لاهور جي بازار حسن ۾ اهو ڌنڌو ڪندڙ عورتن ايتري ته دولت ڪمائي آهي جو هو هاڻ ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ٻين پوش علائقن ۾ رهن ٿيون. صرف رات جو چند ڪلاڪن لاءِ انهن بازارن ۾ وڃن ۽ انهن کي به پنهنجي زبان عام ۾ آفيس ۽ آفيس ٽائيم چون.
    اسڪول ۾ ٻٽن ڏينهن جي موڪل ٿي ته ڪافي ڇوڪرا پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۽ شهرن لاءِ روانا ٿي ويا. پر پري رهندڙ شاگرد اُتي ئي رهي پيا ۽ آئون پڻ اڃان ڪو فيصلو نه ڪري سگهيو آهيان ته انهن ٻٽن ڏينهن ۾ ڳوٺ وڃان يا هاسٽل ۾ رهان. تيسين شام جو بابا سائين اچي ويو ۽ آئون انهيءَ رات ساڻس گڏ سيٺ ٽِيون مل جي بنگلي تي وڃي رهيس ۽ صبح جو سوير آئون ۽ بابا سائين سيٺ ٽيون مل جي جيپ ۾ چڙهي اڏيري لال جي درگاهه ڏانهن روانا ٿياسين.
    حيدرآباد کان اڳتي وڃڻ جو هي منهنجو پهريون دفعو هو ۽ هي ملڪ مون کي اسان جي لاڙ واري علائقي کان وڌيڪ آباد ۽ سرسبز لڳو. هت جي سڀ زمين آباد نظر آئي ۽ اهڙا فصل به ڏسڻ جو موقعو مليو جيڪي هن کان اڳ مون ڪڏهن به ڪونه ڏٺا هئا. مثلا: ڦٽيون، ڪيلو، سبزيون وغيره هت گهڻو ڪري سڀ گهر پڪا ۽ خوبصورت نظر آيا. اسان جي علائقي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ جيپ يا ڪار نظر ايندي هئي.پر هت وڏيون شيورليٽ ڪارون ۽ جيپون ڪافي نظر آيون. ان زماني ۾ صرف آمريڪن ڪارون ۽ جيپون روڊن تي هلنديون هيون ۽ جپاني ڪارن ۽ جيپن جو ملڪ ۾ اڃان نالو نشان ئي ڪونه هو.
    اسان مٽياري ۽ ٻين ننڍن ڳوٺن کي ڏسندا ٽنڊي آدم واري روڊ طرف مُڙندا اچي اڏيري لال جي درگاهه تي پهتاسين. ات اسان ڪنهن وڏيري جي اوطاق تي ترسياسين، اُڏيري لال جي درگاهه تي وتائي فقير جي درگاهه جيان هندو ۽ مسلمان جدا جدا ميلو لڳائين، اڏيري لال جي درگاهه تي هندن جو وڏو ميلو لڳندو آهي. جتي سڄي سنڌ ۽ هاڻ هندستان مان به زائرين هت اچن.
    هندن وارو اڏيرو لال هن کان سواءِ ڪوٽڙي، الله رکيو، نصرپور ۽ ڪراچي ۾ پڻ آهي. جنهن تي به هندو ميلو يا ”چيٽي چنڊ“ نالي ڏيهاڙا وڏي ڌام ڌوم سان ملهائن. صرف دهلي شهر ۾ ان ڏينهن تي ٻه ٽي مليا لڳن. ڪراچيءَ وارو اڏيري لال جو ميلو نيٽي جيٽي تي وڻ ديوتا جي مندر وٽ ملهايو ويندو هو.
    ڪلفٽن جي هڪ ٽڪري کي هندو ”رام جهروڪا“ ڪري سڏيندا هئا. جنهن کي هاڻ ”آسٽرراڪ“ يا ”آسٽرويو“ ڪري سڏيو وڃي ٿو. (اسان به اُت رهندا آهيون.) ان جڳهه لاءِ هندن جو عقيدو آهي ته شري رام لکشمڻ ۽ سيتا هنگلاج ويندي هت ڪجهه وقت لاءِ رهي آرام ڪيو هو. ان پٺيان ئي ورهاڱي کان اڳ ڪراچي جي وڏي باغيچي کي ”رام باغ“ ڪري سڏيندا هئا. نصرپور ۾ به اڏيري لال يا امر لال جو ميلو لڳندو هو. جنهن کي هندو ورڻ ديوتا جو اُتار ڪري سڏيندا آهن. سڄي سنڌ جا ٺُڪر يا ٺاڪر هن جا پوئلڳ آهن. ٺٽي جي ويجهو ڪوٽڙي الهه رکئي ڀرسان به اڏيري لال جي درگاهه هوندي هئي، جت اوائلي دؤر ۾ وڏي ڌام ڌوم سان چيٽي چنڊ جو ميلو لڳندو هو. درگاهه ڀرسان هڪ تنبو به لڳل هو جنهن ۾ راڳ جي محفل ٿي، اسان صبح سوير جيپ ۾ چڙهي پهرين مخدوم نوح رحه جي درگاهه تي آياسين. درگاهه جي زيارت کان پوءِ اسان غلام حيدر اگهيم وٽ ماني کاڌي، اهو ان وقت هالن ۾ پوليس پراسيڪيوٽر هو پوءِ پاڻ ترقي ڪري ايس پي ۽ اَي آءِ جي ٿيو. شام ڌاري اسان هالن کان روانا ٿي ڀٽ شاهه آياسين، جت شاهه سائين رحه جو سلام ڀري پوءِ حيدرآباد ڏانهن روانا ٿياسين.


    8

    انگريزن کان اڳ سنڌ جا مرشد، پير ۽ گادي نشين صرف درگاهن ۽ مريدن تائين محدود هئا پر پوءِ انگريز دؤر حڪومت ۾ گورنرن وزيراعليٰ ۽ وزيرن جا ٺٺ ڏسي پير مُرشدن، درگاهه نشينن ۽ سجاد نشِنن سياست ڏانهن رُخ ڪيو ۽ ڏسندي ڏسندي صرف هڪ صديءَ ۾ سڄي سنڌ جي درگاهن سان گڏ سنڌ جا حاڪم ۽ ليڊر ٿي ويا. نه ته سياست ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ۾ انگريزن سان ملڻ وقت سيدن، پيرن ۽ مرشدن کي پڻ جُتي لاهرائي پيرن اگهاڙو انگريزن اڳيان حاضر ڪيو ويندو هو.
    جڏهن هي پير مرشد، سجاده نشين ۽ گادي نشين سنڌ جي سياست ۽ حڪومت جا مالڪ ٿي وزير، اسپيڪر، سفير ۽ امير ٿي ويا ته ڏسندي ڏسندي سنڌ جي شگرملن، ٽيڪسٽائل ملن، ڪاٽن فيڪٽرين ۽ ٻين پڻ ڪيترين ئي ملن جي مالڪيءَ سان گڏ سنڌ جي بيوروڪريسيءَ تي به اچي قابض ٿيا ۽ سنڌ جي اڌ ضلعن جا ناظم سيد، پير ۽ مخدوم ٿيا. آئون سمجهان ٿو ته پيري مريديءَ کان وڌيڪ هنن سياست مان موجون ڪيون هونديون.
    اسان سانجهيءَ مهل حيدرآباد پهتاسين، ڪجهه دير آرام ڪري پوءِ آئون ۽ بابا ٽنڊي جهانيان وياسين. جت بابا سنڌ جي ٻن انمول اديب ڀائرن منظور نقوي ۽ ڪمتر نقوي سان گهڻي دير تائين ڪچهري ڪئي. جت پوءِ ٻيا به ڪنئين عالم ۽ اديب پڻ آيا. جن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ابراهيم جويو به شامل هئا. اسان رات جي ماني به اُت کاڌي، رات جو دير سان واپس اچي سيٺ جي بنگلي تي آرامي ٿياسين. صبح سوير بابا ۽ آئون ڪوٽڙي پهچي سن لاءِ روانا ٿياسين. اُن زماني ۾ حيدرآباد کان سن وڃڻ لاءِ شايد پڪو رستو به ٺهيل ڪونه هو. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس اُن روڊ تي هلندي هئي نه ته سن، سيوهڻ، دادو ۽ لاڙڪاڻي طرف ماڻهو ريل ذريعي سفر ڪندا هئا ۽ ريلون به ٿوريون هلنديون هيون. اسان ڪوٽڙي مان سن ڏانهن روانا ٿياسين. منهنجو زندگي ۾ ريل چڙهڻ جو هي پهريون اتفاق ۽ سفر هو، ڏاڍو عجيب لڳو. ماڻهو هلندڙ ريل ۾ پيا هلن ۽ جت ريل بيهي ته وڏي تعداد ۾ ماڻهو ريل ۾ چڙهن ۽ لهن. ريل جي سيٽيءَ جو آواز ڪيڏو نه رُعبدار ۽ گونجدار ٿيندو آهي، جيڪو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ اچي. ريل ڪيڏي مهل شهرن مان ته ڪيڏي مهل جبلن ۽ ٻيلن مان تيز تيز هلندي وڃي. ٻاهر ڏسڻ سان ڄڻ وڏا وڏا جبل ۽ وڻ ريل سان گڏ هلي رهيا آهن. جبلن تي پري پري وڏا وڏا واچوڙا ڏسي مزو به اچي رهيو آهي ته عجب به لڳي رهيو آهي.
    ريل ۾ ڪي ماڻهو ڪچهريون ڪري رهيا آهن ته ڪي اخبارون ۽ مئگزين پڙهي رهيا آهن ته ڪي ڪجهه کائي رهيا آهن. هڪ به عورت اسان جي دٻي ۾ ڪانهي شايد عورتن لاءِ جدا گاڏو آهي. رضا علي عابديءَ بي بي سي واري پنهنجي ڪتاب ”ريل ڪهاني“ ۾ لکيو آهي ته: ”دنيا ۾ پهرين ريل 1825ع ۾ انگلينڊ ۾ شروع ٿي تنهن کان پوءِ فرانس، آمريڪا، جرمني، روس، اٽلي اسپين ۽ ميڪسيڪو ۾ ريل جي شروعات ٿي.
    هندستان ۾ پهرين ريل گاڏي 16 اپريل 1853ع ۾ هلي ان ڏينهن بمبئي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو. ريل ٽي لڳي پنجويهه منٽن تي بمبئي کان ٿاڻي تائين وئي. منجهس چار سؤ مسافر هئا. گاڏيءَ کي هلڻ مهل ايڪيهن (21) توبن جي سلامي ڏني وئي. ريل گاڏي ۾ چوڏهن گاڏا ۽ ٽي انجڻيون هيون. هر هڪ انجڻ جو نالو سنڌ، سلطان ۽ صاحب هو. سنڌ ۾ ريل جي پٽڙي وڇائڻ ۽ ريل هلائڻ جو سهرو ريلوي انجنيئر جان برٽن جي سر تي آهي. جنهن ڏاڍي ڪوشش سان سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين ريل هلائي.
    انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ۽ 1858ع ۾ ريل گاڏي جي پٽڙي وڇائڻ جي شروعات ڪئي. پٽڙي وڇائڻ جو ٺيڪو هڪ انگريز ٺيڪيدار بِري“ کي مليل هو. پر هو هلندڙ ڪم ڇڏي ٻارهن سؤ مزدورن جا پئسا کائي ڀڄي ويو پوءِ سنڌ ريلوي جي وڇائي جو ڪم به ريلوي جي چيف انجنيئر جان مارٽ ڪيو. ريل جي افتتاح وقت ريل جي انجڻ ته هئي پر دٻو ڪونه هو. تنهن ڪري ريل انجڻ اندر ئي ڪاٺ جي بئنج رکي سنڌ جي ڪمشنر فريئر ۽ سندس زال کي ويهاري سنڌ ريل گاڏيءَ جو افتتاح ڪيو ويو ڇو ته ٻي ڏيهاڙي فريئر سنڌ مان بدلي ٿي وڃي رهيو هو. ريل جي افتتاح وقت ستر هزار ماڻهو اچي گڏ ٿيا هئا. عام ماڻهن جو خيال هو ته هن کي شيطان هلائي رهيو آهي.
    ريل گاڏي جان برٽن پاڻ هلائي جڏهن ريل باقاعده هلي ته پهرين ٿرڊ ڪلاس دٻي ۾ بئنچون ڪونه پيل هونديون هيون ماڻهو بسترا وڇائي ان تي ويهي يا سمهي رهندا هئا. عورتن لاءِ عليحده گاڏو هوندو هو. جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي گوڙ ڪري پري تائين آواز ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ائين پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي سنڌ ۾ ريل شروع ٿي وئي. ان وقت اُن کي ”سنڌ ريلوي“ چيو ويندو هو.
    هتي ريل جي شروعات 1858ع ۾ ٿي ۽ اڄ اسان 1958ع ۾ يعني پوري سؤ سالن کان پوءِ ريل ۾ چڙهي ڪوٽڙي کان سن وڃي رهيا آهون. ريل جي سِيٽين، ٻارن جي کلن ۽ عورتن جي آوازن کي ٻڌندي ٻڌندي اچي اسان جي ريل سن ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اسان پنهنجو مختصر سامان کڻي، اسٽيشن کان ٻاهر نڪري هڪڙي ٽانگي ۾ چڙهي، سن شهر ڏانهن روانا ٿياسين. سن جو شهر حيدرآباد کان ايترو پري آهي جيترو ٻنون منهنجو ڳوٺ يعني پنجاهه ميل سن ۽ ٻنون درياءَ جي ڪپ تي آباد آهن ۽ ٻنهي شهرن ۾ پليجا وڏي تعداد ۾ آباد آهن. ٻني جي اردگرد ته ٻيا به پليجن جا ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. خبر ڪانهي ته پليجا سن ۾ ڪڏهن اچي ۽ ڪيئن اچي آباد ٿيا. سن ريلوي اسٽيشن سن شهر کان ٻن ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي هوندي. ريلوي کان سن ويندي ڄامشورو کان سيوهڻ رستو به گذري ٿو، جيڪو هاڻ سن تائين پڪو رستو ٺهيل آهي. پر ان وقت سن ويندڙ رستو پڪو ڪونه هو. اسان اڌ ڪلاڪ اندر اچي سن پهتاسين. جتان پوءِ سڌا سائين جي ايم سيد جي بنگلي ڏانهن وياسين. سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي سو 1958ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دڪان ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، سيدن ۽ ميمڻن جا چند پڪا گهر جڏهن ته ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. پر تڏهن به جي ايم سيد جو ڳوٺ هجڻ ڪري سندس اهميت ان وقت به هئي ۽ اڄ به آهي، جيئن سنڌ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي ڪري ڳڙهي خدا بخش جي اهميت آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن جت سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄي سنڌ مان ڪهي اچي، جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسيءَ تي گڏ ٿيندا آهن. اسان سائين سان ملياسين، بابا ۽ سائين ڪافي رات ڪچهري ڪئي، مون هن کان اڳ به سائين کي ٻني ۾ ڏٺو هو، جنهن جو ذڪر مون اڳ به ڪيو آهي. بابا ۽ سائينءَ جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مون سان به رهيو. بابا جي وفات کان پوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي رهندو هو پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي ڪري مون کي به پنهنجي اولاد جيان ئي ڀائيندو هو. بابا جي وفات کان پوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا به سائينءَ سان سڄي زندگي نڀائي آيو. بابا، سائين جا ڪيترائي ڪتاب ڇپايا جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائينءَ سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا ملان اُن ڪتاب کي بنياد بنائي اسان تي ڪُر ڪندا رهندا هئا. جڏهن 1969ع ۾ مَلڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائينءَ جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائينءَ جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو ۽ گهر ڀاتين کان سواءِ ساڻس ڪنهن سان به ملڻ نه ڏيندا هئا. پر بابا اُن دؤر ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائينءَ سان ملي وٺندو هو. هڪ دفعو مون کي ياد آهي ته اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو ۽ ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪانه پئي، اها هئي سيد سان محبت جي انتها، نه ته ارباب نورمحمد جي به سنڌ ۾ پنهنجي هڪ سڃاڻپ ۽ عزت هئي. جڏهن سائين بزم صوفياء سنڌ ٺاهي، سڄي سنڌ ۾ دؤرا شروع ڪيا ته بابا به سڄي سنڌ ۾ ساڻس گڏ هوندو هو جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزم صوفياء سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون ۽ انهن ڪانفرنسن جا ڪارڊ منهنجي نالي ڇپيا ۽ سپاسنامون بابا پڙهيو. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريباً سؤ کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل آهن. سائين سنڌ جو اهو پهريون ماڻهو ۽ سياستدان هو ۽ آهي جنهن سنڌ جي حقن جي نه پر آزاديءَ جي ڳالهه ڪئي.
    مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل سائين ڪري سڏيندا آهن. جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو پر سائين ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪونه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير، امداد ڪري سڏيندو هو. اسان به پنهنجن نوڪرن کي به ادا ڪري سڏيندا آهيون. مثلا: ادا سومار شيدي ادا علو ميربحر.
    سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کان پوءِ پيدا ٿيندا آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مون کا پڇيائين ته گهڻو اولاد اٿئي. مون چيس ته هڪ پٽ آهي پاڻ چيائين ته نالو ڇا اٿس مون کيس ٻڌايو ته رُخسار حسنين نالو اٿس پاڻ ان وقت منهنجي پٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نورمحمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نورمحمد ٿي ويو. پر اسان گهرڀاتي ۽ سڄي دنيا کيس ”بوبي“ نالي سان سڏيندا آهيون. شيڪسپيئر جو قول آهي ته: ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن. ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“
    سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پُڄاڻا پيدا ٿيندا آهن. واقعي الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته : ”آئون هر هڪ کي روزي ڏيندس.“ پر ”عزت جنهن کي چاهيان تنهن کي ڏيندس.“
    اسان ٻيو ڏينهن به سائينءَ وٽ رهياسين ۽ بابا مون کي اُت پليجن سان به ملايو جيڪي سن شهر ۾ رهندا آهن. ٻنون ۽ سن ٻئي ڳوٺ درياءَ جي ڪپن تي ۽ ٻيلن جي ٻندين تي قائم آهن. ٻئي بلڪل ٻهراڙي لڳندا آهن ۽ ٻهراڙي نيچر جي وڌيڪ ويجهو لڳندي آهي. شهرن ۾ ڪافي مصنوعيت هوندي آهي. هٿرادا پارڪ ۽ وڻ هڪ ٻئي سان ملڻ به مصنوعيت، چپن تي ڪوڙي ۽ هٿرادي مرڪ، هڪ ٻئي جي هروڀرو تعريف ۽ هر ڳالهه ۾ مطلب ۽ مفاد، پر اندر ڪير نه ڪنهن جو ڪونهي.
    اسان سن ۾ ٻه راتيون هڪ ڏينهن رهي واپس ريل رستي ڪوٽڙيءَ ۽ پوءِ حيدرآباد پهتاسين. بابا مون کي هاسٽل ڇڏي پاڻ موڪلائي ڳوٺ هليو ويو ۽ آئون وري پنهنجي پڙهائي کي لڳي ويس. ٻني ۽ حيدرآباد جي اسڪول جي ماحول ۾ وڏو فرق هوندو هو. وري اهڙي ئي طريقي گهر ۽ هاسٽل جي رهڻ ۾ به.
    گهر ۾ جيڏي مهل مرضي پوي تيڏي مهل ماڻهو ماني کائي پر خبرناهي ته ڪهڙو ٻوڙ آهي پر هاسٽل ۾ هر ويلي تي ماني جي اڳواٽ خبر هوندي هئي. ته اڄ ڪهڙو ٻوڙ آهي. گهر ۾ تڏي، منجي يا کٽ تي ويهي ماني کائبي هئي. پر هاسٽل ۾ پوري وقت تي ڊائيننگ ٽيبل ۽ ڪرسين تي ويهي ماني کائبي هئي ۽ ماني کائڻ وقت ماني کائڻ جي آداب کي به ذهن ۾ رکڻو پوندو هو.
    ٻني ۾ اڪيلو اسڪول وڃبو هو، پر هت هاسٽل کان لائين ۾ وڃبو هو. ڄڻ ته ٻڪرين کي ڌنار چارڻ لاءِ وٺيو پيو وڃي. ٻني ۾ استاد شلوار قميص پائي اسڪول ايندا هئا. پر هت استاد هڪ ٻن کان سواءِ سڀ سوٽ پائي اسڪول ايندا هئا. ٻني ۾ پريڊ سسٽم ۽ رسيس ڪونه ٿيندا هئا. پر هت ائين ٿيندو هو ۽ رسيس جو ڏاڍو انتظار هوندو هو. هت هر ڪلاڪ ۾ نئون استاد مقرر سبجيڪٽ پڙهائيندو هو. پر ٻني ۾ سڄو سال هڪ استاد ڪلاس کي مڪمل ڪورس پڙهائيندو هو. اسڪول ۽ ڪاليج ۾ آئون عام شاگرد هوندو هوس. مون کي حساب ۽ گرامر صفا ڪونه ايندا هئا. منهنجي سنڌيءَ جي صورتخطي صفا بيڪار هوندي هئي ۽ آهي پر منهنجي ننڍي هوندي کان اڄ تائين اها عادت آهي ته هر ننڍي وڏي ڳالهه تي تمام گهڻو سوچيندو آهيان. نه صرف پنهنجي مسئلن تي پر ٻين جي مسئلن ۽ ڏکن سکن تي به تمام گهڻو سوچيندو آهيان. اها عادت هاڻ منهنجي زندگيءَ جو حصو بڻجي چڪي آهي. هڪ ڏينهن آئون حيدرآباد کان ٻني اچڻ لاءِ ٺٽي واري بس ۾ چڙهي اخبار وٺي پڙهڻ لڳس ته اخبار ۾ وڏي سرخي ۾ لکيل هو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳايو ويو آهي ۽ سڀني سياسي ليڊرن کي گرفتار ڪري ڪن کي گهرن ۾ ته ڪن کي جيلن ڏانهن موڪليو ويو آهي. ملڪ جو چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر ايوب خان کي مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ٻه مارشل لا ائڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا هڪ ائيرمارشل اصغر خان ۽ ٻيو................. خبر سان گڏ جنرل ايوب جو هڪ ننڍڙو فوٽو به اخبار ۾ شايع ٿيو هو. شايد ڪنهن گروپ فوٽو مان ڪٽي پوءِ شايع ڪيو ويو هو بس ۾ ويٺل ماڻهو پاڻ ۾ مارشل لال تي ٽيڪا ٽپڻي ڪري رهيا هئا ته مارشل لا ڪهڙي بلا آهي ۽ نيٺ آهستي آهستي ماڻهن جي دماغ ۾ ڳالهه ويٺي ته مارشل لا بلا آهي. يعني مارشل لا معنيٰ جنگل جو قانون- ۽ ائين 1958ع واري مارشل لا کان پوءِ وردي وارن کي اهڙو ته مزو آيو جو اڃا تائين انهن کان پاڪستان جي عوام جي جان ڪانه ٿي ڇُٽي.
    خاص ڪري سنڌين جو ته انهيءَ آمرانه راڄ ڪري حڪومت مان عمل دخل ئي ختم ٿي ويو ڇو ته فورس ۾ سنڌي آهن ئي ڪونه. ايوب خان پنهنجي ڪتاب ”فرينڊس ناٽ ماسٽرس“ ۾ لکيو آهي ته ”مارشل لا اسان صرف ون يونٽ کي قائم رکڻ لاءِ لڳايو هو، نه ته مغربي پاڪستان اسيمبلي ون يونٽ ختم ڪرڻ جو ريزوليشن پاس ڪري چڪي هئي ۽ مرڪز ۾ ننڍا صوبا بنگالين جي مدد سان آسانيءَ سان ون يونٽ ٽوڙڻ وارو ريزوليشن پاس ڪرائي وڃن ها.
    ورهاڱي بعد پهرين ڪراچيءَ کي سنڌ کان جدا ڪيو ويو پوءِ ننڍن صوبن کي پنجاب سان ملائي ون يونٽ ٺاهيو ويو. جڏهن سنڌ بمبئي سان گڏ هئي ته سرڪاري ڪم ڪارين لاءِ بمبئي وڃڻو پوندو هو ۽ هاڻ لاهور وڃڻو ٿي پيو. مارشل لا سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ، سنڌ جي زمينن کي ٻين صوبن جي ماڻهن ۾ مفت ورهائڻ، سنڌي زبان کي تعليمي ادارن مان ختم ڪرائڻ لاءِ لڳو. جنرل ايوب جي وقت ۾ سڄي سنڌ ۾ سرڪاري ملازم گهڻو ڪري غير سنڌي مقرر ڪيا ويا. يعني آءِ جي کان سپاهيءَ ۽ چيف سيڪريٽري کان پٽيوالي تائين ڪوبه سنڌي آفيسر سنڌ ۾ توهان کي نظر ڪونه ايندو هو. وري مارشل لا واري ڏينهن کي ”Revolation Day“ ۽ ون يونٽ مڙهڻ واري ڏينهن کي ”One Unit Day “ ڪوٺي سرڪاري طرح وڏي شان ۽ سان ملهائڻ لاءِ انهن ٻنهي ڏينهن تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪئي ويندي هئي. غلام رباني آگري پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي ڀاڱي ٻئي جي صفحي 448 تي لکيو آهي ته: ”جڏهن آئون انهيءَ دؤر ۾ بورڊ ۾ نوڪري ڪندو هوس ته اسان کي اسلام آباد مان سرڪار وٽان ليٽر آيو ته لفافي يا ڪارڊ تي جيڪو به ماڻهو سنڌ لفظ لکندو سو قانوني طرح سزا جو مستحق هوندو ان دؤر ۾ شيخ اياز هي بيت لکيو:
    سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
    رباني ان ڪتاب جي صفحي 391 تي لکي ٿو ته انهيءَ جي خلاف اسان سنڌي اديبن، دانشورن، صحافين، سياستدانن ۽ شاگردن کان صحيح ڪرائي هڪ ميمورينڊم حڪومت کي موڪلي پر ان ياداشت نامي تي پيرپاڳاري ۽ قاضي اڪبر صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. الطاف گوهر پنهنجي ڪتاب ”ايوب خان ڪي فوجي راج کي دس سال“ جي صفحي 189 تي لکيو آهي ته پير علي محمد راشديءَ صدر ايوب کي صلاح ڏني ته تون صدر نه پر بادشاهه ٿي. توجهڙو لائق ماڻهو قوم کي وري ڪونه ملندو.“ ان ڪتاب جي صفحي 198 تي پاڻ لکي ٿو ته آمريڪا جي وزارت خارجه جي ليٽر نمبر (21,8-2151/790D00) ۾ آگسٽ 1957ع ۾ لکيو آهي ته علي محمد راشدي اهڙو ماڻهو آهي جو اقتدار خاطر پنهنجي ڀاءُ جو گلو ڪٽيندي به دير ڪونه ڪندو.“ ون يونٽ ۽ ايوب جي مارشل لا ۾ سنڌ ۽ سنڌين سان ڇا ٿيو ان تي ڪنئين ڪتاب لکيل آهن. جنهن ۾ سنڌ جي سورن جو تفصيلي احوال ڏنل آهي. خاص ڪري سائين جي ايم سيد اُن موضوع تي ڪنئين ڪتاب لکيا. ملڪ ۾ ايوب جو مارشل لا 27 آڪٽوبر 1958ع تي لڳو.
    آئون ڳوٺ آيس ته ڪجهه ڏينهن بعد بابا جي طبيعت ٺيڪ ڪانه ٿي. کيس پهرئين ٿورو پوءِ گهڻو (Chest Pain) ڇاتيءَ ۾ سور ٿيو ۽ 28 نومبر تي سور وڌي ويو، ته ٽي ڏيهاڙي ٽيڪسي ڪري پاڻ ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ لاءِ حيدرآباد ويو، جت پاڻ ڊاڪٽر ابراهيم کي ڏيکاري، ( E C G) اليڪٽرڪ ڪارڊيو گرام ڪرائي دوائون وٺي چار ڊسمبر تي واپس ٽيڪسي ۾ ٻني آيو. ان زماني ۾ حيدرآباد کان ٻني ڪار ۾ اچڻ لاءِ سيريءَ کان مٿان پيڃاريءَ جو ساڄو ڪپ وٺي قادر ڏنو شاهه ريگيوليٽر پهچبو هو ۽ اُتان پراڻي گنج بحر کان بند تي پهچبو هو پوءِ بند تان هلي اچي ٻني پهچبو هو. اُن زماني ۾ بئراج جي انسپيڪشن پاٿس يا بند مٿان ٺهيل رستن تي عام طرح سان ڪارن، جيپن ۽ جانورن کي هلڻ جي اجازت ڪانه هئي ڪن ڪن هنڌن تي اُت لوهي پائيپن سان گيٽ ٺهيل هوندا هئا ۽ انهن کي ڪلف لڳل هوندا هئا جن جون چاٻيون مقدمي وٽ هونديون هيون. جيڪو اُتي ئي ٺهيل ڪوارٽرن ۾ رهندو هو. پوءِ مقدمي جي مرضي ته اڳيان وڃڻ لاءِ دروازو کولي يا اُتان ئي سواري کي واپس ڪري ڇڏي. بئراج ۽ بندن جي انهن رستن تي روز صفائي ۽ ڇڻڪار ٿيندي هئي. آر ڊي ۽ ميلن تي پٿر لڳل هوندا هئا. جيڪي سفيد چُن جي پالش هئڻ ڪري پري پري کان نظر ايندا هئا. بندن تي ٿوري ٿوري پنڌ تي بيلدارن جون لانڍيون هونديون هيون. آبڪلاڻيءَ جي وقت ته بندن تي ميڙا متا پيا هوندا هئا. ان زماني جي داروغي جي حيثيت هينئر جي اسٽنٽ انجينئر جي برابر هوندي هئي. پيڃاريءَ کان اڳ سڀ واهه درياهه مان نڪرندا هئا. سندن موريون بندن منجهه ٺهيل هونديون هيون ٻني جي اردگرد هيٺيان واهه درياهه مان نڪرندا هئا.
    ايم ايس بند يعني مولچند سجاول بند.
    بند جي 0/0 ميل وٽان مولچند واهه.
    بند جي 0/2 ميل وٽان شڪار واهه.
    بند جي 3/3 ميل وٽان گنج بحر واهه.
    بند جي 7/4 ميل وٽان علي بحر واهه (جنهن مان اڳتي هلي چؤگزو واهه نڪتو).
    7/5 ميل وٽان ڇهه گزو واهه (جنهن کي ٻني جا ماڻهو لُنڊو واهه سڏيندا هئا.) هي سڀ واهه ٻني شهر جي اوڀر کان درياءَ مان نڪرندا هئا ۽ ٻني جي اولهه مان وري هي واهه نڪرندا هئا جيڪي وڃي دڙي جو دنگ ڪندا هئا.
    6/0 ميل وٽان لائقپور واهه.
    محمد علي شاهه جي ڳوٺ وٽان اوچتو واهه، دڙو لڳ اتر اوڀر طرف شيخا واهه، دڙي جي ڏکڻ طرف کان محمود واهه اُن کان پوءِ نيچل برانچ جنهن کي هاڻ دڙو برانچ سڏجي ٿو، ان کان سواءِ پيڃاري ڦاٽ سان لڳ ساڄي ڪپ کان ٻارهن گزو واهه ۽ شهر لاءِ به هڪڙو ننڍو واهه نڪرندو هو جيڪو ٻني شهر جي چؤطرف ڏنل بند اندر زمينن کي آباد ڪندو هو. بچاءُ بند اندر انهن واهن جا نشان اڄ به ڪٿ ڪٿ نظر اچن ٿا پر بچاءُ بند کان ٻاهر هينئر انهن واهن جو نالو نشان به ڪونهي.
    بابا هڪ مهينو کن ٻني ۾ رهي آرام ڪيو ۽ دوائون کاڌيون پر هڪ مهيني گذرڻ کان پوءِ کيس وري به تڪليف ٿي. بابا هينئر ڏاڏوري پتڻ رستي 25 ڊسمبر تي ڪراچي ويو. اُت پاڻ بندر روڊ تي پارڪ هوٽل ۾ رهيو ۽ کيس اُن وقت ملڪ جي مشهور ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچه هوٽل ۾ ئي چيڪ اپ ڪيو ۽ ڊاڪٽر تپاسڻ کان پوءِ کيس يڪدم سول اسپتال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ بابا سول اسپتال جي پرائيوٽ وارڊ جي ميڊيڪل ون ۾ شفٽ ٿي ويو. جت کيس آڪسيجن ڏني وئي. آئون ان دوران ٻني کان حيدرآباد پڙهائي لاءِ هليو ويو هوس پر بابا جي طبيعت جي خبر جو ٻڌي ريل ذريعي ڪراچيءَ هليو ويس. اهو منهنجو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي وڃڻ جو اتفاق هو. ان زماني ۾ سپر هاءِ وي اڃان ڪونه ٺهيو هو. نيشنل هاءِ وي تي ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلندي هئي. سابه تمام گهڻو ٽائيم وٺندي هئي ۽ ريل جو سفر سستو ۽ جلد پهچڻ جو واحد ذريعو هو. آئون ڪراچي ريلوي اسٽيشن تي پهچي ٽانگو ڪري سول اسپتال پهتس، پر مون کي اسپتال جي پٽيوالن اندر وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ڏاڍو پريشان ٿيس اُت بيٺل ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي پٽ دادن جتوئي مونکي سڃاتو ۽ مون کي پاڻ سان گڏ وٺي اندر هليو ۽ ائين آئون اسپتال اندر داخل ٿي ويس ۽ سواءِ ڪنهن پُڇ پڇان جي بابا جي ڪمري تائين پهچي ويس. انهيءَ وقت جي سول اسپتال ڪراچي، اڄ وانگر اندر سوڙهي، ڳتيل ۽ بدبودار ڪانه هئي پر ويڪري وڏن گهاٽن وڻن سان ڍڪيل هڪ صاف سٿري اسپتال هئي. جنهن ۾ ماڻهن جي رش يا گوڙ ڪونه هو. اسان پرائيوٽ وارڊ جي ٻي فلور تي بابا جي ڪمري ۾ داخل ٿياسين. بابا کي ڪجهه ٺيڪ ڏسي مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ اهڙي خوشي جيڪا زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي آهي. بابا مون کي ويجهو ڪري ڳل سان لڳائي چميو ته ڄڻ منهنجي روح کي راحت اچي ويئي. هونءَ به آئون ڪوشش ڪري پنهنجي روح کي مرجهائڻ ڪونه ڏيندو آهيان. پيار جو هر رشتو (Reciprocally) يعني هنيان گهر ته گهرين جي اصول تي قائم آهي. جنهن کي جيترو چاهيندو ۽ ڀائيندو ۽ عزت ڏيندو، ته ٻيو به کيس دل ۾ ضرور عزت ڏيندو پوءِ اهو ڀلي ڪير به هجي، پر مون پنهنجي سڄي ٻاهٺ سالن جي زندگيءَ ۾ هي نتيجو اخذ ڪيو آهي ته پنهنجي اولاد ۽ والدين کان سواءِ ٻيا رشتا گهڻو جٽاءُ ڪونه ٿا ڪن. پوءِ به دنيا ۾ ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو پيا آهن. جن جي دل ۾ هر ماڻهوءَ لاءِ گهڻو پيار ۽ قرب هوندو آهي. پر هاڻ اهڙن ماڻهن جو تعداد به وڃي گهٽجندو. بابا مون کي حيدرآباد کان ڪراچيءَ پهچڻ جو احوال ۽ پڙهائي جو پُڇيو ۽ پاڻ مون کي سندس طبيعت جي باري ۾ ٻڌايو ته ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچا جي علاج هيٺ منهنجي طبيعت هاڻ آهستي آهستي ٺيڪ ٿي رهي آهي. ڪمري ۾ ٻه پلنگ پيا هئا ۽ ٻه ڪرسيون رکيون هيون ۽ ڪمري سان گڏ واش روم به هو.
    بابا جي پلنگ جي پٺيان پلنگ کان به ڊگهي ٽيبل تي دوائون فروٽ ۽ گل رکيا هئا. سندس وهاڻي جي ڀرسان اخبار ۽ رسالا رکيا هئا. آئون چار پنج ڏينهن کن بابا وٽ رهيس. آئون ڀرواري پلنگ تي ۽ هيٺ پٽ تي بابا جي ڪم ڪار ۽ خدمت گذاريءَ لاءِ آيل ڀرو شيدي رهندو هو. بابا سان ملڻ لاءِ سندس ڪافي دوست ايندا هئا، جن ۾ ڪامريڊ عبدالقادر لاڙڪاڻي وارو، ڪامريڊ قادر بخش نظاماڻي، جمال ابڙو، تاج محمد ابڙو، غلام مصطفيٰ شاهه ۽ ٻيا به ڪيترائي سندس دوست ايندا هئا. بابا جي ڀرواري ڪمري ۾ پير صاحب آف مکڊ شريف اسپتال ۾ داخل هو ۽ اهو به اڪثر بابا سان ملڻ لاءِ ايندو هو. بابا کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو. بابا جي اسپتال مان نڪرڻ کانپوءِ به بابا جي ساڻس خط و ڪتابت ۽ هڪ ٻئي ڏانهن تحفا تحائف موڪلڻ وارو رستو ڪافي وقت تائين هلندو رهيو. پاڻ اڪثر مکڊ شريف مان بابا لاءِ کاديءَ جا ڪپڙا موڪليندو هو ۽ جڏهن پاڻ مکڊ شريف مان ڪراچي ايندو هو ته اڳواٽ بابا کي خط لکندو هو ۽ اڪثر ڪري بابا انهيءَ سندس پروگرام تي ڪراچي ويندو هو. ٻيا ڪافي بابا جا ويجها دوست مارشل لا لڳڻ ڪري يا ته روپوش ٿي ويا هئا يا گرفتار ٿي چُڪا هئا. جن ۾ سائين جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي ۽ ڪامريڊ سوڀوگيانچنداڻي شامل هئا.
    بابا کي پهريون هارٽ اٽيڪ ٽيتاليهن سالن جي عمر ۾ ٿيو ۽ مون کي پنجيتاليهن سالن جي عمر ۾ ٿيو. دل جي تڪليف کان پوءِ به بابا ايڪيه سال صحتمند، چُست ۽ ڀرپور زندگي گذاري، 25 مئي 1979ع ۾ وفات ڪئي.
    رب سائين کيس چئن جوان پٽن جي هٿن ۾ هلندي هلايو. نه اڳ ڪنهن جي محتاجي قبول ڪيائين ۽ نه آخري وقت ۾، کيس انهيءَ عارضي کان سواءِ ٻي ڪابه بيماري سڄي زندگي ڪانه ٿي. پاڻ هارٽ اٽيڪ جي عارضي کان اڳ باقاعدگي سان ورزش ڪندو هو. پر ان کان پوءِ ڊاڪٽرن کيس ڪنهن به جسماني پورهئي ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو. ٻٽن ڏينهن گذرڻ کان پوءِ مون کي بابا پنهنجن دوستن سان گڏ ڇڏيندو هو. جيڪي مون کي پنهنجي گهر وٺي وڃڻ سان گڏ شهر جو به سير ڪرائي، پوءِ شام جو واپس بابا وٽ اسپتال ۾ ڇڏي ويندا هئا ۽ ائين ڪڏهن آئون اڪيلو به گهمڻ ڦرڻ لاءِ هليو ويندو هوس. هڪ ڀيرو شام جو بابا به ٿوري دير لاءِ مون سان گڏجي ٻاهر گهمڻ لاءِ هليو. ڪراچيءَ ۾ ان وقت اڄ وانگر وڏيون پنج ستاري (Five Star) هوٽلون ڪونه هيون ۽ ڪراچي شهر به ان وقت صرف سورنهن لک آدمشماري وارو شهر هوندو هو. ۽ نه ڪي اڄ وانگر هڪ ڪروڙ چاليهه لک آدم شماريءَ وارو شهر، ڪراچي ۾ ان وقت اڃان صرف سنڌي ۽ هندستان کان آيل مهاجر آباد هئا ۽ ڪنئين قدر سيڪريٽريٽ، فوج نيوي ۽ ايئرفورس ۾ شامل پنجابي به آباد هئا ڇو ته ان وقت ڪراچي پاڪستان جي گاديءَ وارو شهر پڻ هو. پر بلوچستان، افغانستان، سرحد صوبي، بنگلاديش، برما ۽ بهار جا سٺ لک پٺاڻ افغانين، برمي، بهاري ۽ بنگالين جو ڪراچي ۾ اڄ وانگر ڪو وجود ئي ڪونه هو. اهو ڌارين ماڻهن جو سمنڊ جنرل ايوب جي مارشل لا ۽ افغان جنگ ۾ جنرل ضياءَ الحق جي غلط شرڪت جي فيصلي ڪري ممڪن ٿيو. جنرل ايوب پنهنجي دؤر حڪومت ۾ پٺاڻن ۽ ضياءَالحق پٺاڻن افغانين ۽ سنڌ ۾ ايندڙ سمورن غير سنڌين لاءِ سنڌ جا دروازا کولي ڇڏيا. ڀٽي دشمنيءَ ۾ هو سنڌين جو به دشمن ٿي بيهي رهيو ۽ ڏسندي ڏسندي ڌارين جون ريلن جون ريلون سنڌ اندر داخل ٿيڻ لڳيون ۽ هاڻ اهو سلسلو بند ئي ڪونه ٿو ٿئي. ڪراچيءَ کان سواءِ باقي سنڌ ۾ اهو سلسلو بند ٿي ويو. نه ته ان کان اڳ ٻهراڙين ۾ به ڌارين جا ڪٽڪن تي ڪٽڪ زمينون خريد ڪري آباد ٿي رهيا هئا. پر ڌاڙيل فيڪٽر ۽ پاڻيءَ جي کوٽ سبب هاڻ اهو سلسلو بند ٿي ويو آهي. جنرل مشرف جي حڪومت هاڻ انهن سڀني غيرملڪين کي شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جو آرڊر ڪيو آهي ته انهن ماڻهن کي سندس گهر جي اڳيان اهي سڀ سهولتون مهيا ڪري ڏنيون وڃن ۽ هاڻ ڪراچي ڪنهن هڪ قوم جو شهر نه پر آئون سمجهان ٿو ته پاڪستان جي چئن قومن يعني بلوچن، پٺاڻن، پنجابين ۽ سنڌين سان گڏ مهاجرن، بنگالين ۽ بهارين جو منجهس برابر جو حصو هوندو. آئون سمجهان ٿو ته ڪراچي دنيا جو واحد تيزيءَ سان وڌندڙ آدم شماريءَ وارو شهر آهي، جنهن جي آدم شماري هڪ صديءَ ۾ هزارن کان ڪروڙن تائين وڃي پهتي آهي. ڪراچي جي آدم شماري 1958ع ۾ آئون سمجهان ٿو ته سورهن لک جي لڳ ڀڳ ٿيندي. ڇو ته سنڌ جي آدم شماري جي چارٽ ۾ 1951ع ۾ ڪراچيءَ جي آدم شماري ڏه لک ڇاهٺ هزار ۽ اوڻيهه سؤ ايڪهٺ (1961ع) ۾ اوڻيهن لک ٻارهن هزار ڄاڻايل آهي. ان حساب سان منهنجي نظر ۾ 1958ع جي آخر ۾ اها آدم شماري هئڻ گهرجي. يعني اڄ 2008ع جي هڪ ڪروڙ چاليهه لک؛ ڇا ته اڄ ۽ ان وقت جي ڪراچيءَ ۾ تفاوت هوندو هو.
    دنيا جي شهرن ۾ ڪراچي جي سندس پنهنجي واڌ ۽ وجود جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ ۽ سنسي خيز آهي. ان سڄي ڪهاڻي جو سربستو احوال توهان کي ڪراچي تي لکيل ڪتابن ۽ مضمونن مان ملندو جنهن ۾:
    1- کراچی کی کھانی ٻه جلد
    2- Kurrachee Past Present and Future- Alixander F. Baillie
    3- ڪلاچيءَ جي ڪُن کان ڪراچي تائين، ليکڪ احسان حليم، سنڌيڪار زاهد علي مگسي
    4- نائون مل جون يادگيريون
    5- ڪراچي- ايم- بي پٿاوالا
    6- ڪراچي- ياسمين مزاري
    7- سنڌ بلوچستان- رچرڊ برٽن
    تنهن کان سواءِ مختلف گزيٽيئر ۽ ٻين ليکڪن جي ڪتابن ۽ مضمونن ۾ ذڪر جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي جنهن ۾:
    1- برٽن
    2- هيگ
    3- مير علي شير قانع
    4- جيمس برنس
    5- ايسٽ وِڪ
    6- پونسٽن
    7- آيڊرن ڊا ورٽ
    8- ۽ سورلي
    جا نالا خاص قابل ذڪر آهن.
    آثار قديم جي ماهر ڊاڪٽر ايف خان جي تحقيق مطابق ملير ڊملوٽي روڊ تي هڪ ڳوٺ حاجي الهڏني کان هڪ ميل جي پنڌ تي نئين بازار جي کاٻي ڪپ تي هڪ قديم آباديءَ جو پتو پيو آهي. جيڪا سندس تحقيق مطابق موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي دؤر جي آهي. اها آبادي 200 کان 300 چورس والن تي پکڙيل آهي. (ڪلاچيءَ جي ڪن کان ڪراچيءَ تائين صفحو 20)
    ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾ لکيو آهي ته ڪراچيءَ جو وڌڻ ارڙهين صديءَ جي پيداوار آهي. پر ڪياماڙي کي سڪندراعظم جي نالي سان ڳنڍيو ۽ ياد ڪيو وڃي ٿو. سڪندر اعظم جو مشهور جنرل نيرڪوس جڏهن سنڌو درياءَ مان ٿيندو سمنڊ ۾ داخل ٿيو ته پنهنجا ٻيڙا هتي اچي لنگز انداز ڪيا هئائين. اهو واقعو سال 325 ق- م جو آهي.
    1720ع ۾ سيٺ پوڇو مل ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ۽ ٿوري ئي وقت کان پوءِ وري خان قلات ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو. 1795ع ۾ ٽالپر حاڪمن ڪراچيءَ تي قبضو ڪري کيس سنڌ سان ملايو.
    1839ع ۾ انگريزن ڪراچيءَ تي قبضو ڪري کيس برطانوي هند سان شامل ڪيو.
    1947ع ۾ ڪراچي، برطانوي هند مان آزاد ٿي پاڪستان ۾ شامل ٿي ۽ پاڪستان جي گادي جو هنڌ ٿي.
    پهرين ڪلاچي يا ڪراچي صرف ويهن پنجويهن مهاڻن جي گهرن تي مشتمل هڪ ننڍڙو ڪکائن گهرن جو ڳوٺڙو هو. جت مورڙو به پنهنجن ڀائرن ۽ امڙ سان گڏ رهندو هو. پوءِ اُت مقامي هندو واپارين پنهنجي ۽پنهنجن ٻچن جي پناهه لاءِ ۽ سامونڊي ڌاڙيلن کان تحفظ لاءِ ٽيهن ايڪڙن تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو.
    چون ٿا ته انگريزن جڏهن ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو تڏهن ڪراچيءَ جي آدم شماري اٺ هزار هئي. پوءِ جڏهن هنن ڪراچي کان پوءِ فيبروري 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته هنن کي حيدرآباد جي گرم هوا راس ڪانه آئي ۽ هنن هميشه لاءِ حيدرآباد بدران 1844ع ۾ ڪراچيءَ کي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪيو ۽ سنڌ کي ٽن ڪلڪٽوريٽس ۾ ورهايو ويو. يعني ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ان وقت ڪراچي ڪليڪٽوريٽ ۾ هيٺيان ضلعا هوندا هئا.
    1- ڪراچي
    2- گهوڙا ٻاري
    3- جهرڪ
    4- سيوهڻ
    انهن ضلعن جا وري ڪنئين پرڳڻا هئا.
    انگريز ڪراچي کي باقاعدي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻائي اُتان ويهي حڪومت ڪرڻ لڳا. ابتدائي طور حڪومت هلائڻ لاءِ هي کاتا قائم ڪيا ويا.
    1- پبلڪ گارڊنس (سربراه ميجر بلينڪنس)
    2- ڪينال ۽ ٻيلا (سربراه ميجر اسڪاٽ)
    3- سول جج ۽ ائڊوڪيٽ جنرل (ڪئپٽن ينگ)
    4- پوليس ۽ جيل (سربراهه ليفٽيننٽ مارسٽن)
    5- ڪسٽم (ڪليڪٽر مئڪليوڊ)
    6- پبلڪ ورڪس (سربراهه ميجر پيٽ)
    7- ٽريزر
    8- انڊس فلو ٽيلا ۽ بوٽ (Boat)
    9- سمنڊ فشريز ۽ لوڻ.
    اليگزينڊر بيلي پنهنجي ڪتاب ”ڪراچي“ جي صفحي ڇهين تي لکي ٿو ته: ”هڪ ڀيرو جڏهن وائسراءِ هند ڪراچيءَ جي دوري تي آيو ته کيس چيو ويو ته ڪراچي کي سڄي گڏيل هندستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪريو ڇو ته ان وقت هندستان جي گاديءَ جو هنڌ ڪلڪتو هو. جيڪو انگلينڊ کان تمام گهڻو پري هو، پوءِ اهو ڪراچي کي گڏيل هندستان جي گاديءَ وارو هنڌ مقرر ڪرڻ ڪيترو وقت وائسراءِ جي دماغ ۾ ڊوڙندو رهيو. پر نيٺ فيصلو اهو ٿيو ته دهلي کي گڏيل هندستان جي گاديءَ جو هنڌ مقرر ڪجي.
    ڪراچي جي اڏاوت ۾ انگريزن پهرين فوجي سپاهين جي رهائش لاءِ بيرڪون ٺاهيون جنهن کي نيپئر بيرڪس جو نالو ڏنو. ان کان پوءِ سامونڊي بندر، ريلوي رستو، چرچ ۽ اسڪول ٺهرايا ويا. ان کان پوءِ ٻين ڪمن ڏانهن ڌيان ڏنائون. سنڌ ۽ پنجاب مان ڪراچي پورٽ ذريعي انگلش ڪمپنين، انگلينڊ ڏانهن اناج موڪلڻ جي ڌنڌي ۾ ايڏي ته ترقي ڪئي جو ڪراچيءَ جي گاديءَ ٿيڻ جي سورهن سالن کان پوءِ 1860ع ۾ انهن ڪراچي چيمبر آف ڪامرس قائم ڪيو ۽ ان جي ميمبرن ۾ انگريزن سان گڏ ٻه هندستاني ڪمپنيون به ان جون ميمبر ٿيون. جيڪي هر هڪ: ايس طيب جي ائنڊ ڪمپني ۽ ارد شير ائنڊ ڪمپني هيون. انگلينڊ مال موڪلڻ واري وڏي ۾ وڏي اسٽيم نيوي گيشن ڪمپنيءَ جو نالو ”سنڌيا“ رکيو ويو. (کراچی کی کھانی صفحو 167)
    جڏهن سنڌ جو واپار وڌيو ته ممبئي جي ڪمشنر جي ليٽر نمبر 561 تاريخ 1855ع ڊسمبر جي حڪم مطابق ”بئنڪ آف بمبئي“ جي ڪراچيءَ ۾ برانچ قائم ڪئي وئي. ائين سنڌ ڌرتيءَ تي پهرين باقاعدي بئنڪ ڪم شروع ڪري ڏنو. (Contents of the Pre mutiny Records page 31)
    ڪراچيءَ مان پهريون ڀيرو ”ڪراچي ائڊور ٽائيز“ نالي انگريزي اخبار شروع ڪئي ويئي. جيڪا هفتي ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿيندي هئي. ان کان پوءِ سنڌ ٽائميس ۽ سنڌ سڌار اخبارون شايع ٿيون. انگريزن جت جديد طرز جا پنهنجي فوجين لاءِ بيرڪون ۽ بنگلا ٺهرائڻ شروع ڪيا ته ات شهر جي ترقي، صفائي ۽ ضرورتن لاءِ ڪمشنر ڪراچيِ، فريئر، ميونسپالٽي به قائم ڪئي ۽ پوءِ جلد ئي ڏسندي ڏسندي ڪراچي شهر ۾ ڪنئين بلڊنگون اوچو ڳاٽ ڪري تيار ٿي اٿي بيهي رهيون، جنهن ۾ مکيه بلڊنگون هي هيون.
    1- فريئر هال
    2- انڊريو چرچ
    3- گرامر اسڪول بلڊنگ
    4- ڪراچي پورٽ ٽرسٽ بلڊنگ
    5- ميري ويدر ٽاور
    6- ٽرينٽي چرچ
    7- بولٽن مارڪيٽ
    8- ڪراچي ميونسپل جي بلڊنگ
    9- ڪلفٽن تي ڪوٺاري پريڊ
    انهن بلڊنگس ۽ نون رستن ڪراچيءَ جي رونق ۽ سونهن کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا ۽ هاڻ ڪراچي ايشيا جي سهڻن شهرن ۾ ڳڻجڻ لڳي. ڪراچي ۽ بمبيءَ وچ ۾ برٽش انديا اسٽيم نيويگيشن وارن پاڻيءَ جو جهاز به هلائڻ شروع ڪيو جنهن جي (Deck) عرشيءَ جي مسافرن جو ڀاڙو پنج روپيا هوندو هو پر وري جڏهن انهيءَ روٽ تي حاجي قاسم اسٽيم ڪمپنيءَ وارن پنهنجو جهاز شروع ڪيو ته انهن پنهنجو ڀاڙو پنجن روپين مان گهٽائي اڍائي روپيا ڪيو ۽ مسافرن کي تحفي ۾ هڪ ريشمي رومال به ڏيندا هئا.
    ڪراچيءَ ۾ ٽرام جي شروعات 1885ع ۾ ٿي. پهرين ٽرام ڪوئلي تي هلندي هئي پر تمام گهڻي دونهون ڪڍڻ ڪري کيس ٻن گهوڙن تي هلايو ويو. جيڪي گهوڙا هر ٻن ميلن تي تبديل ڪيا ويندا هئا. گهوڙن کي ڪاڙهي (اُس) کان بچائڻ لاءِ مٿائن سولا هيٽ هڻي کين ڇانءَ ڪري ڏني ويندي هئي. پوءِ گهوڙن کي ختم ڪري ٽرام ڊيزل مشين تي هلايون ويون. ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي تائين هلندي هئي. يعني پنج ميل جو مفاصلو ۽ سندس ڀاڙو صرف هڪ آنو هوندو هو. اسان به ان ٽرام ۾ سفر ڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سٺ جي ڏهاڪي ۾ ٽرام ڪراچي مان بند ٿي وئي. ڪراچيءَ ۾ جڏهن حڪومت هوائي اڏي کولڻ جو پروگرام ٺاهيو ته پهرين حڪومت جو خيال هو ته اهو هوائي اڏو ملير ۾ کولجي ان اميد تي ته ملير ۾ سستي زمين خريد ڪري، حڪومت کي مهانگي اگهه ۾ زمين وڪرو ڪجي. انهيءَ آسري تي ڪراچيءَ جي ڪيترن ئي مالدارن اُت زمين خريد ڪئي ۽ ائين ملير جي ماڻهن جي تقدير کُلي پئي. پر حڪومت چپ چاپ ۾ ملير ۾ نه پر ڊرگ روڊ تي زمين خريد ڪري هوائي اڏو کولي ڇڏيو. هوائي اڏو ٺهي تيار ٿيو ته ڪراچيءَ ۾ (R 101) هوائي جهاز جي هت آڻڻ جو بندوبست ڪيو ويو ۽ انهيءَ لاءِ هڪ هئينگر به ٺاهيو ويو. جهاز کي ڏسڻ لاءِ هزارين ماڻهو اچي ايئرپورٽ تي گڏ ٿيا. سڄي ڏينهن جي انتظار ڪرڻ کان پوءِ رات جو خبر پئي ته اهو ڪراچيءَ اچڻ وارو جهاز فرانس ۾ ڪري تباهه ٿي ويو ۽ منجهس سواريءَ ڪندڙ سڀ مسافر به مري ويا. ڪراچيءَ ۾ پهرين هوٽل پالز هوٽل (Pauls Hotel) جي نالي ۾ هڪ روسي شهريءَ کولي جيڪا ڪئنٽونمينٽ ريلوي اسٽيشن جي سامهون هوندي هئي. جنهن جو نالو پوءِ تبديل ڪري ”ڪارلٽن هوٽل“ رکيو ويو. هن هوٽل جي کولڻ کان پوءِ ڪجهه سالن بعد هڪ ٻئي هوٽل مارڊر نالي ڪنهن يورپين عورت کولي، پر ان ۾ صرف اهي يورپين اچي رهندا هئا جيڪي فرمن ۾ ڪم ڪندا هئا يا فرمن لاءِ آرڊر وٺڻ لاءِ انگلينڊ کان هت مختصر وقت لاءِ ايندا هئا. اها هوٽل هڪ قسم جي فيملي هوٽل هئي. جنهن اسٽائل جون هوٽلون اڄ به انگلينڊ ۾ جام آهن. جن ۾ رهندڙ مسافرن کي پيئنگ گيسٽ (Paying gest) چيو ويندو آهي.
    انگريزن سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪنئين ڪم سرانجام ڏنا ۽ ڪنئين سرڪيولر جاري ڪيا پر انهن مان مکيه نوٽيفڪيشن هي هئا. سرڪيولر ليٽر نمبر (1825 of the 6 sept 1851) ڪمشنر سنڌ طرفان جاري ڪيل سڀني سول ملازمن جي سربراهن کي حڪم ڪيو ته سڀ سرڪاري ملازم سنڌي ٻوليءَ جو لازمي امتحان پاس ڪن.
    ٻيو آفيس ليٽر نمبر 433 تاريخ (25 May 1857) ڪمشنر سنڌ طرفان حڪم جاري ڪري سنڌ جي سڀني ڪليڪٽرن کي حڪم ڪيل آهي. ته اڄ کان سنڌي ٻولي کي سڀني کاتن ۾ سواءِ جاگيرن جي کاتي جي سڀ لکپڙهه صرف سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي ڪئي وڃي ۽ سنڌي اڄ کان سنڌ جي لئنگويج آف رڪارڊ مقرر ڪجي ٿي. (ڏسو صفحو 63 ڪئٽلاگ آف پري ميونٽي رڪارڊس) ۽ ائين انهيءَ حڪم جاري ٿيڻ سان سڄي سنڌ جي سرڪاري ۽ اسڪولي زبان صرف ۽ صرف سنڌي ٿي وئي ۽ سندس اها حيثيت پاڪستان ٺهڻ تائين قائم هئي. پوءِ اردو جو هندستان مان هت اچڻ ۽ انگريزن جي جڳهه تي پهرين مهاجر ۽ پوءِ پنجابين جو ملڪ تي حاڪم ٿيڻ سان سنڌ ۽ سنڌي ٻولي جي اها حيثيت ختم ڪئي ويئي. ان ڪتاب جي صفحي 361 تي ڪمشنر سنڌ جو پگهار لکيل آهي. جيڪو ان وقت يعني 1848ع ۾ ٻاونجاهه هزار روپيا ساليانو مقرر ڪيو ويو هو ۽ ٽوئر دوران کيس روزاني جي حساب سان ڏهه روپيا ملندا هئا.
    جيئن جيئن بابا جي طبيعت ٺيڪ ٿيندي وئي تيئن تيئن بابا تان ڊاڪٽرن جا قانون گهٽجندا ويا. بابا هاڻ اخبارن سان گڏ رسالا به پڙهڻ لڳو. بابا اخبارن ۾ ڊان ۽ هڪ سنڌي اخبار پڙهندو هو ۽ رسالن ۾ مهراڻ ۽ نئين زندگي، پوءِ سهڻي ۽ روح رهاڻ به وٺندو هو. انگريزي رسالن ۾ ٽائيم، ريڊرس ڊائجيسٽ ۽ لائيف مئگزين پاڻ سڄي زندگي باقاعدگي سان آخر تائين پڙهندو هو.
    ڊاڪٽر عبدالرحيم پراچا بابا کي هر روز ڏسڻ ايندو هو. ان وقت ڊاڪٽرن وٽ جديد علاج ۽ دل جي بيماريءَ بابت ايتري ڄاڻ ڪانه هئي، جيتري اڄ آهي. اڄڪلهه ته ڪي وارن جا هر مرض تي جدا جدا ڇپيل ڪتاب وٺي پڙهي مرض بابت وڌيڪ معلومات حاصل ڪري گهڻن خطرن کان پاڻ کي بچائي سگهجي ٿو. جيڪي توهان کي ڪراچي جي سڀني مکيه انگريزي ڪتاب گهرن تي ملندا. هاڻ ته ڪتابن سان گڏ هر مرض بابت انٽرنيٽ تي مڪمل معلومات ۽ پل پل جي نئين تحقيق دستياب آهي پر ڳالهه آهي پڙهڻ ۽ پروڙڻ جي جنهن کان اسان بلڪل پري آهيون.
    ماڻهو سيڪس جون دوائون کائڻ لاءِ ته تيار آهي پر ان تي به ماڻهو ڪتاب پڙهي معلومات حاصل ڪري لطف اندوز ٿيڻ لاءِ يا ان کي سڄي زندگي برقرار رکڻ لاءِ تيار ناهي.
    انگريزي ۾ چوڻي آهي ته ”هر ماڻهو بهشت ۾ وڃڻ لاءِ تيار آهي پر مرڻ لاءِ ڪير به تيار ڪونهي، مطلب ته بهشت ۾ ماڻهو مرڻ کان پوءِ ئي ويندو. اڄڪلهه جي جديد ميڊيڪل سائنس جو چوڻ آهي ته دل جي بيماريءَ جا ننڍا ننڍا ته ڪنئين سبب آهن پر مکيه سبب صرف هي آهن يعني:
    1- هاءِ بلڊپريشر
    2- هاءِ شگر
    3- هاءِ ڪوليسٽرول
    4- هاءِ ڊرنڪنگ
    5- هاءِ اوبيسٽي يعني (گهڻي ٿولهه)
    6- سگريٽ جو استعمال
    انهيءَ سان گڏ ننڍا ننڍا سبب به ڪنئين آهن پر مکيه سبب اهي آهن. مون کي منهنجي ڊاڪٽر ائين ٻڌايو آهي، باقي موروثي بيماريون سي ته ماڻهوءَ جي پنهنجي وس ۾ به ڪونهي. ان سبب لاءِ ڊاڪٽر يا ڪوبه ماڻهو ڇا ٿو ڪري سگهي. چون ٿا ته اڳتي هلي ائين ٿيندو جو ماڻهو جي (Seman) مان موروثي بيماريءَ جا جزا ختم ڪري پوءِ ٻار پيدا ڪيا ويندا. خبر ناهي ته اهو پنهنجي زندگي ۾ ممڪن ٿيندو به يا نه. سائنسدان چون ٿا ته ڌرتيءَ کي ويجهي ۾ ويجهي ستاري تائين پهچڻ لاءِ اڃان اسان کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاسي هزار سال لڳندا. پر سائنسدانن جا سائنسي ايجادن جي باري ۾ خود سندن تجربا به ڏاڍا دلچسپ آهن. مثال 1878ع ۾ پئرس جي هڪ عالمي سائنسي نمائش ۾ هڪ برطانوي پروفيسر لائيٽ جي بلب کي پهريون دفعو ٻرندي ڏسي مٿس مسخري ڪندي چيو ته هن نمائش ختم ٿيڻ کان پوءِ هن بلب ۾ ٻرندڙ روشني به هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي، يا جڏهن ٽيليفون ايجاد ٿيڻ لاءِ ڪوششون ٿي رهيون هيون ته ڪن سائنسدانن جو خيال هو ته تارن ذريعي آواز هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه پهچائڻ ناممڪن آهي.
    1897ع ۾ هڪ برطانوي سائنسدان چيو ته دنيا ۾ ريڊيي جو ڪوبه مستقبل ڪونهي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آمريڪا جي سائنسي ايجادات جي ڪمشنر ايڇ ڊوئيل آمريڪن صدر مڪنلي کي ليٽر لکي چيو ته جيڪي به ايجادون ٿيڻيون هيون سي ٿي چڪيون هاڻ هن آفيس کولڻ جو ڪو ضرور ڪونهي. پر صرف آمريڪا ۾ 1899ع کان پوءِ اڄ تائين آمريڪا حڪومت چئين لکن کان به وڌيڪ پيٽنٽ جي منظوري ڏئي چڪي آهي.
    (ڏسو اڳوڻي آمريڪي صدر نڪسن جو ڪتاب Victory without war). سرسلطان محمد آغا خان پنهنجي آتم ڪهاڻي ۾ لکيو ته دنيا جي مشهور سائنسدانن مون کي چيو ته هوائي جهاز جو ايجاد ٿيڻ ناممڪن آهي. پر اڄ مون وٽ به پنهنجو ذاتي هوائي جهاز آهي.
    بابا مون کي سندس ملڻ وارن دوستن ۽ سندن ٻارن سان گڏ ڇڏيندو هو ته کين چوندو هو ته عبدالحئي کي ڪراچي گهمائي اچو. سول اسپتال ته بندر روڊ تي آهي ۽ صدر به بند روڊ جي ويجهو آهي. ان ڪري ان وقت جي ڪراچي جا ويجها علائقا ئي گهمبا هئا. ڪي اهڙيون جڳهيون به هيون جن جو اڄ وجود ئي ڪونهي. يا ڪي اهڙيون جڳهيون ۽ ماڳ مڪان آهن. جيڪي گهڻو پوءِ ٺهيا. مثلا: اڄ جيڪو سول اسپتال جو نقشو آهي اهو 1958ع ۾ ان کان بلڪل مختلف هو. اهڙيءَ طرح بندر روڊ تي ان وقت ٽرام هلندي هئي جيڪا اڄ ڪانهي، بندر روڊ جي ڪيترين پراڻين جڳهين تي اڄڪلهه ڏهه ڏهه ماڙ وڏيون وڏيون جڳهيون ٺهي ويون آهن. جن جو ان وقت وجود ئي ڪونه هو. شهر جا سٺا سٺا سئنيما گهر ان وقت بندر روڊ تي هوندا هئا ۽ 1965ع جي جنگ کان اڳ هندستاني فلمن جي نمائش تي پاڪستان ۾ ڪابه بندش ڪانه هوندي هئي. تنهن ڪري هندستاني فلمون پاڪستان ۾ هر وڏي ننڍي شهر جي سئنيمائن ۾ ڏيکاريون وينديون هيون ان ڪري ڏاڍي رش هوندي هئي. پر سئنيمائن تي اڄ نه آهن اهي فلمون ۽ نه آهن اهي بندر روڊ تي سئنيمائون. بندر روڊ تي هن وقت جي مقابلي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ بس هلندي هئي، نه ته سڄو بندر روڊ بسن جي دونهين ۽ ماڻهن جي رش کان سواءِ صاف سٿرو ۽ وڻندڙ لڳندو هو. هينئر ته رش دوران بندر روڊ ڪراس ڪندي ئي موت جو منظر ياد اچيو وڃي. صدر وارو سڄو علائقو ڪراچيءَ جو مرڪز هوندو هو. جت ڊسڪو ڪلبون، بارون، سئنيمائون، بهترين هوٽلون، سهڻا سپر اسٽور، ڪتابن جا دڪان، ٻاهرين ملڪن جي سامان جا دُڪان، جنهن ۾ ڪپڙو واچون ۽ هار سينگار جو سامان رکيل هوندو هو. جڏهن ولي عهد اردن ۽ ثروت جي شادي ٿي ته اردن جي بادشاهه شاهه حسين ۽ سندس فيمليءَ صدر مان شاديءَ جي خريداري ڪئي، نه لنڊن يا آمريڪا مان. اها هئي ان وقت ڪراچي، شهر جا معززين غيرملڪي سفارتڪار ۽ ملڪ ملڪ جا سياح هزارن جي تعداد ۾ صدر ۾ توهان کي شاپنگ ڪندي نظر ايندا هئا.


    9

    سنڌ جو مفڪر ۽ محقق پير حسام الدين راشدي هر روز شام ٽاڻي صدر گهمڻ ايندو هو. شيخ اياز جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو ته صدر ۾ هوٽل جبيس ۾ رهندو هو ۽ شام جو دوستن سان گڏ صدر جو سير ڪندو هو ۽ ائين نسيم کرل به صدر ۾ اچي رهندو هو. بابا ۽ آئون جڏهن به ڪراچي ايندا هئاسين ته صدر گهمي پوءِ وڃي شام جي چانهه گهڻو ڪري صدر ۾ ڪيفي جبيس يا پوءِ انٽرڪانٽيننٽل هوٽل ۾ پيئندا هئاسين. بابا جڏهن به ڪراچيءَ ايندو هو ته سائين جي ايم سيد جي بنگلي حيدر منزل تي رهندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هوٽل ۾ به رهندو هو. انٽرڪانٽيننٽل ٺهڻ کان پوءِ ان ۾ رهندو هو ۽ آئون به ان ۾ بابا سان گڏ ڪئين ڀيرا رهيس.
    صدر ۾ نَوَ کن شراب خانا هوندا هئا پر انهن ۾ ”يو بار“ ۽ ”ونرز بار“ عوامي نوعيت جا شراب خانا هوندا هئا ڪراچي جي ٻين بارن جا نالا هن ريت هئا.
    1- دي هٽ بار ساڻس گڏ ڊسڪو
    2- پئرس بار ۽ بلئيرڊ روم
    3- اڪسيليسر بار ۽ نائيٽ ڪلب
    4- ميرينا بار ۽ ڪلب
    5- ريڪس بار
    6- سما بار ۽ ڊسڪو
    7- لي گورمينٽ Le gourment ۽ بار
    8- لڊو بار ۽ نائيٽ ڪلب
    9- روما شبانا بار ۽ نائيٽ ڪلب
    صدر جي انهن بارن، ڊسڪو ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ سڄي رات جام پي جام چلي دور پي دور چلي، هلندو رهندو هو. رات جي وقت انهن بارن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ ايڏي ته رش ٿيندي هئي جو ڪيتري دير بيهي انتظار ڪرڻ کان پوءِ ويهڻ جي جڳهه ملندي هئي. اهو سلسلو سڄي رات جاري رهندو هو.
    آئون ۽ خليل بچاڻي جڏهن به ڪراچيءَ ايندا هئاسين ته انهن بارن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ ضرور ويندا هئاسين ۽ اهڙي طرح وري لنڊن پئرس ۽ آمريڪا جي بارن ۽ نائيٽ ڪلبن ۾ آئون ۽ حمزو خان گڏ هوندا هئاسين. ڪراچيءَ جي انهن نائيٽ ڪلبن ۾ بلڪل آخري ڊانس جو پروگرام گهڻو ڪري ڊانسر ڇوريون ڪپڙن کان آجيون ڊانس ڪنديون هيون. تنهن ڪري اُن آخري پروگرام جي انتظار ۾ شوقين آخر تائين ويٺا هوندا هئا ۽ پوءِ اهو پروگرام ڏسي بندر روڊ تي بندوخان جي هوٽل تي تڪا، ڪباب، پوريون ۽ حلوو کائڻ لاءِ وڃبو هو. جت فلم ڊائريڪٽر ڀائي جان جي معرفت فيض احمد فيض سان به ڪنئين ڪچهريون ٿيون ۽ سندس واتان سندس ڪلام ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو. فيض جي شخصيت ڏاڍي وڻندڙ، پياري ۽ پاڻ ڏانهن ڇڪيندڙ هوندي هئي. منهنجي زندگيءَ جي رنگين دؤر جو گهڻو حصو پهرين خليل بچاڻي ۽ پوءِ حمزو خان سان گڏ گذريو. سچ پچ ته جڏهن اهي ڏينهن ٿا ياد پون ته وريو جوان ٿيو پوان ۽ ڪنئين ڏينهن اُنهن يادن کي ياد ڪندي زندگي وڌيو وڃي. ڪراچي جي صدر جا گوٽن هال، ايسٽر هال ۽ ڪٽرڪ هال سڄي ڪراچي جي ثقافتي تقريبن جا مرڪز هوندا هئا. اسان ڪنئين دفعا اُت سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جا جشن ملهايا ۽ ٻيون به تقريبون ملهايون. شام جي وقت صدر جي فليٽن ۾ رهندڙ ڪرسچن ڇوريون جڏهن پينٽ شرٽ پائي صدر جي رستن تي هلنديون هيون ته صدر جون رونقون اڃان وڌيڪ رنگين ٿي وينديون هيون. پر اڄڪلهه ڪراچيءَ جي انهن سڀني بارن، نائيٽ ڪلبن ۽ سئنيما هائوسن جي جڳهين تي وڏيون وڏيون بلڊنگون ۽ پلازه تيار ٿي ويا آهن. صدر جي مشهور ڪيفي ڊي خان جي جڳهه تي هاڻ محبوب ڪلاٿ مارڪيٽ ٺهي وئي آهي ۽ هاڻ صدر جي جڳهه ڪلفٽن ۽ طارق روڊ والاري آهي. آئون به بابا جي طبيعت ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ اڪثر بابا جي دوستن سان گڏ ان دور جي صدر ڏسڻ ويندو هوس جيڪا مون کي اڄ به ياد آهي. جت پهريون ڀيرو زندگيءَ ۾ ڇانهين، سردن پپيتي ۽ ڪيلن جي ٽڪرن کي گڏي مٿان مرچ ۽ گرم مصالحو هڻي کائڻ جو اتفاق ٿيو جنهن کي انهن چاٽ ٿي چيو. پهريون ڀيرو کير ۾ پاڻي (يعني برف) وجهي ٿڌو ڪري پيتم. ان وقت ڪراچيءَ جي روڊن رستن تي جپاني گاڏين ڪرولا، مزدا، سني، مرگلا ڪلٽس ۽ سوڪ جي جڳهه تي آمريڪن گاڏيون ڪئڊلڪ، شيورليٽ بيوڪ ۽ اٽلين گاڏيون مورس، فيئٽ ۽ اوپل؛ جرمن گاڏيون مرسيڊير ۽ فاڪس ويگن هلنديون هيون.
    ان دؤر ۾ سول اسپتال جي هڪ ٽريني نرس ... سلامتي سان منهنجو نينهن جڙيو جيڪو سلسلو ڏهه سال هليو ۽ پوءِ مس سلامتيءَ جي ڪري ڪراچي سان به اهڙو ته نينهن جو ناتو جُڙيو جيڪو اڄ تائين هلندو اچي ۽ انهيءَ دؤر جي سندس لکيل خطن تي هڪ جملو مون کي اڃا تائين ياد آهي جيڪو جملو (Fly Postman Fly) آهي. بابا مون کي هڪ هفتي کان پوءِ واپس حيدرآباد روانو ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ ٻه ٽي هفتا اسپتال ۾ رهيو. تقريباً مهيني کن جي علاج کان پوءِ ڊاڪٽرن جي اجازت سان واپس ڳوٺ هليو ويو.
    آئون ڪراچيءَ کان واپس اچي پڙهائي کي لڳي ويس ۽ پنهنجي مقرر وقت تي ساليانو امتحان ٿيو ۽ هي منهنجي ٻني کان ٻاهر پهريون امتحان هو. آئون امتحان ۾ پاس ٿيس، پر خبرناهي ته ڇو مون کي پنجين انگريزي ڪلاس پڙهڻ لاءِ نورمحمد هاءِ اسڪول جي برانچ جيڪا ان وقت ريشمي گليءَ ۾ هوندي هئي ۽ هينئر اهو اسڪول بند پيو آهي مون کي اوڏانهن موڪلي ڇڏيائون، منهنجي نئين اسڪول ۾ به اڪثريت سنڌي استادن ۽ شاگردن جي هوندي هئي پر هت گهڻو حيدرآباد شهر جا ٻار پڙهندا هئا. منهنجو ڪلاس ٽيچر سائين حسين ڀٽو منهنجي سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد سائين حسن ڀٽي جو ننڍو ڀاءُ هو. (سائين حسن ڀٽو پوءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين ٿيو.) نورمحمد هاءِ اسڪول ۾ گهڻا ڇوڪرا پڙهندا هئا. ان جي مقابلي ۾ هي ننڍو اسڪول هو. پر پڙهائي هت به نورمحمد هاءِ اسڪول جهڙي هوندي هئي. هت پڙهڻ سان اهو فائدو ٿيو جو هاسٽل کان اسڪول ايندي ويندي اڌ شهر جو خود به خود سير ٿي ويندو هو. منهنجي اسڪول اچڻ جو روٽ هن ريت هوندو هو. هاسٽل کان نورمحمد هاءِ اسڪول، نورمحمد هاءِ اسڪول کان تلڪ چاڙهي ۽ پوءِ سينٽ بونا وينچر ڪانوينٽ هاءِ اسڪول پٺيان اندر گهٽين مان ٿيندو وڃي اسڪول پهچبو هو ۽ واپسي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ريشمي گلي ۽ تلڪ چاڙهيءَ جو چڪر به لڳي ويندو هو. پر جيئن ته ٻنپهرن جي مانيءَ جو وقت ساڳيو هو ۽ منهنجو اسڪول هاڻ ڪافي پنڌ تي هو. تنهن ڪري ڪوشش ڪري هاسٽل وقت تي پهچڻو پوندو هو جيئن ڊائننگ هال بند نه ٿي وڃي ۽ ماني ختم نه ٿي وڃي. تنهن ڪري ڪوشش ڪري لنچ ٽائيم تي پهچبو هو. ماني ختم ٿيڻ کان پوءِ به سونهارو بورچي ڪڏهن ڪڏهن جي ماني بچندي هئي ته ماني ڏيندو هو. پر جي ماني نه بچي ته سونهارو ويچارو ڇا ڪندو؟ هاسٽل ۾ رهڻ واري سموري وقت ۾ ائين ڪونه ٿيو جو ماني نه ملي ۽ بُک ڪاٽجي. پر تڏهن به خيال ڪرڻو ٿي پيو. هاسٽل ۾ شاگردن سان گڏ استاد به حيدرآباد شهر کان ٻاهر جا هئا. تنهن ڪري استاد ۽ شاگرد هڪ ٻئي جو خيال ڪندا هئا.
    مون کي هت حيدرآباد ۾ آئي پورو هڪ سال گذري ويو هو ۽ وري ٻن مهينن جي وئڪيشن ٿي ۽ آئون ڳوٺ هليو ويس جت پورا ٻه مهينا گذارڻا هئا. ٻن مهينن جي موڪل ڪري سڄي هاسٽل مڪمل خالي ٿي ويندي هئي ۽ انهيءَ دوران ڪوشش ڪري اسڪول، هاسٽل ۽ اسڪول برانچ هلائڻ وارو مسلم ايڊيوڪيشن بورڊ اُنهن ٽنهي ادارن جو رنگ روغن ۽ مرمت ڪرائيندو هو. شاگرد به گهڻو ڪري پنهنجو سمورو سامان کڻي هاسٽل مان هليا ويندا هئا. جنهن ۾ بسترو به شامل هوندو هو پر آئون پنهنجو فالتو سامان سيٺ ٽِيون مل جي بنگلي تي رکي ڳوٺ هليو ويندو هوس. وري جڏهن ڳوٺان موٽندو هوس ته پهرين اهو سامان کڻي پوءِ هاسٽل ويندو هوس. اهو سلسلو تيستائين جاري رهيو جيستائين اسان پنهنجو حيدرآباد ۾ فليٽ مسواڙ تي ورتو. سو هينئر به بسترو ۽ فالتو سامان سيٺ ٽيون مل جي گهر ڇڏي صرف هڪ بئگ کڻي ٽانگي ۾ چڙهي گورنمينٽ بس اسٽينڊ تان گورنمينٽ جي بس ۾ چڙهي جهرڪن ۽ سونڊن جي وچ ۾ ڏاڏوري پتڻ تي هلي ٿورو پنڌ ڪري پتڻ تي پهچي ٻني وڃڻ واري ٻيڙيءَ ۾ چڙهي درياءَ بادشاهه جي موج مستي ڏسندا اچي ٻني وٽ شاهه پير ڏني واري مُقام ڀرسان جت بند مٿي مڇي پلي جي مياڻ هوندي هئي ات اچي اسين ٻيڙيءَ مان لٿاسين، اتان کان منهنجو گهر صرف پنجن منٽن جي پنڌ تي آهي سو گهر پهچڻ ۾ دير ڪانه لڳي.
    جيجي وڏيءَ ۽ بابا سائين کي پيرن تي هٿ رکي مليس ۽ پاڻ مون کي گلي لڳائي چميون ڏنيون ته ڄڻ روح کي راحت اچي وئي. بابا جي طبيعت هاڻ بلڪل ٺيڪ ٿي وئي هئي. پاڻ تمام گهڻي پرهيز ڪندو هو ۽ وقت تي دوا، ماني ۽ آرام ڪندو هو. بابا مون کان اڳ ڪراچيءَ مان آيو هو پر تڏهن به بابا کي پڇڻ ۽ ملڻ لاءِ ترجا ۽ پري پري جا هر روز ڪنئين ماڻهو ايندا هئا. جن ۾ پنهنجائپ وارن جون عورتون ۽ ڪنئين غريب مسڪين عورتون ۽ مرد به ايندا هئا. ۽ مٿي آسمان ڏانهن هٿ کڻي بابا کي دعائون ڏيندا هئا.
    اسان جي اوطاق اسان جي تر ۾ سڀني لاءِ سماجي، ثقافتي ۽ سياسي مرڪز طور استعمال ٿيندي رهندي هئي. راڄداري طور سندس استعمال اسان جي راڄ يعني پليجا ۽ ٻين به ڪيترن ئي راڄن جا ماڻهو ڪمن ڪارين ۽ فيصلن لاءِ هميشه ايندا رهندا هئا ۽ ٻيو ته بابا کي راڳ رنگ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو تنهن ڪري عيد براد ۽ ڏينهن ڏهاڙي هت راڳ رنگ جون محفلون ٿينديون رهنديون هيون ۽ بابا جي سياست ۾ هئڻ ڪري هت سياسي ميڙ ميٽنگون به ٿينديون رهنديون هيون. ٻيو ته ٻنون صفا هڪ ڪُنڊ ۾ هئڻ ڪري اڪثر روپوش سياسي ورڪر به هتي اچي ڪجهه وقت لاءِ ٿانيڪا ٿيندا هئا ۽ حالتن بهتر ٿيڻ بعد هتان هليا ويندا هئا. شهر جا ڪنئين ماڻهو سندن شاديون،طهر ۽ ٻيون ثقافتي سرگرميون اسان جي اوطاق ۾ ڪندا هئا. پوءِ ظاهر آهي ته هيترين سارين سرگرمين جو هت هئڻ ڪري اسان جي اوطاق تي هميشه رونقون لڳيون پيون هونديون هيون. بابا سائين جي طبيعت ۾ خدا تعاليٰ اهڙي ته مٺاڻ ۽ محبت رکي هئي جو هر ماڻهو بابا جي نالي چوندو هو ته ارباب نورمحمد پليجو مون کي ڏاڍو ڀائيندو هو. اها به قدرت جي ڪرم نوازي آهي. نه ته سڄي زندگي ۾ ماڻهو رڳو هڪ ماڻهو کي به راضي نٿو رکي سگهي. هن دور ۾ ته ماڻهو، ماڻهوءَ کان ته ٺهيو پر خدا مان به راضي ڪونهي. وئڪيشن دوران بابا پنهنجن ويجهن مائٽن ۽ دوستن کي گهرائي پنهنجو هي فيصلو ٻڌايو ته منهنجي راءِ آهي ته آئون پنهنجي جيئري ئي پنهنجي خاندان ۽ راڄ جي پڳ پنهنجي وڏي پٽ عبدالحئي کي ٻڌايان ته سواءِ ڪنهن بحث ۽ اختلاف جي سڀني هاڪار ڪري کيس مبارڪون ڏنيون. ائين تاريخ به اُتي جو اُتي مقرر ڪئي وئي ۽ سڀني کي ڪم ڪار ورهائي ڏنائون. مهيني کن جي جاکوڙ کان پوءِ ٻني جي عيدگاهه ۾ مون کي پڳ ٻڌرائڻ واري پروقار تقريب ٿي جنهن ۾ ڀر پاسي جي معززين ۽ راڄن کان سواءِ پري پري جي بابا سائينءَ جي واسطيدار ۽ دوست شخصيتن به شرڪت ڪري مون کي پڳ ٻڌرائي. ان تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن مان مون کي اڄ به ڪن ماڻهن جا نالا اڃا تائين ياد آهن جن ۾:
    1- رئيس محمد يوسف چانڊيو
    2- خان بهادر خيربخش خان لغاري
    3- پير حيدر شاهه (گادي نشين درگاهه بلڙي شريف)
    4- ارشاد عباس صوفي (گادي نشين درگاهه جهوڪ شريف)
    5- قاضي غلام رسول پلي (ڍوري ناري وارو)
    6- مرحوم سيد قادر ڏنو شاهه شيرازي
    7- پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه ڊائريڪٽر ايجوڪيشن پوءِ (وفاقي وزير تعليم)
    8- ملڪ غلام حسين ملڪاڻي راڄ ملڪ وارو
    9- وڏيرو ساجن سومرو
    10- وڏيرو علي محمد گگو
    11- فقير خواجه محمد عيسيٰ
    12- سيٺ محب علي خواجه
    13- سيد نجف علي شاهه (جهانيان پوٽو) حيدرآباد وارو
    14- سيٺ ٽِيون مل
    15- ارباب جان محمد دل (سال مڪان وارو)
    16- سيد گُلي شاهه (اسان جو مرشد)
    17- رئيس مصري خان جاکرو (سونڊن وارو)
    18- وڏيرو ملهه پالاري (سريءَ وارو)
    19- سيد قاسم شاهه (جهرڪن وارو)
    20- خليفو لالا غلام قادر (مغلبين وارو) جاتي
    ۽ سڄي سنڌ جا پليجا ۽ ڀرپاسي جا راڄ تقريب ۾ شريڪ ٿيا ۽ مون کي پڳ ٻڌرايائون. مون کي پڳ جو پهريون وَرُ اسان جي مرشد سائين گلي شاهه ڏنو (۽ پوءِ جنهن ٻانگ ڏئي منهنجي پٽ تي نورمحمد نالو رکيو) اها تقريب 1959ع جي جولاءِ مهيني ۾ ٿي. ان رات اسان جي اوطاق تي راڳ جي وڏي محفل به ٿي هئي. جنهن ۾ بابا جا ڪيترائي دوست به شامل هئا. راڳين ۾ ماسٽر محمد ابراهيم، مراد فقير ۽ مائي ڀاڳي شامل هئي.
    سنڌ جي پراڻي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اسان وٽ سرداري نظام يا ڪاروڪاريءَ جي رسم اسان کي ڪٿ به نظر ڪانه ٿي اچي. مثلاً: راڻو جڏهن ڪاڪ ۾ مومل سان ملڻ ويو ته کيس مومل سان گڏ ٻيو مرد ستل نظر آيو. (جيڪا سندس غلط فهمي هئي.) ته پاڻ ان کي مارڻ بدران واپس ٿيو يا مارئي جڏهن عمر جي قيد ۾ قيد رهي واپس پنهنجي مائٽن ۾ آئي تڏهن به کيس ڪاري ڪري ڪونه ماريو ويو. اهڙي نموني سان اسان کي اسان جي پراڻي سنڌي سماج ۾ ڪٿ به ڪارو ڪاري ڪري ماڻهن کي مارڻ جو رواج نظر ڪونه ٿو اچي. اهو سڀ ڪجهه گهڻو پوءِ جڏهن سنڌ ۾ ميرن جي حڪومت قائم ٿي ۽ انهيءَ دوران وڏي تعداد ۾ سنڌ اندر ٻروچ اچي آباد ٿيا ۽ اهي رسمون انهن کان پوءِ نظر اچن ٿيون.
    اڳ ۾ به قبيلائي رسمن مطابق پڳون ٻڌرائبيون هيون پر هاڻ ته سياسي ليڊر جنهن ۾ ترقي پسند ۽ روشن خيال سياستدان به شامل آهن سي به پنهنجي پيءُ ليڊر جي وفات تي وڏيون دعوتون ڪري پاڻ کي پڳون ٻڌرائن.
    بهرحال مون بابا سائين جي وفات کان پوءِ آهستي آهستي اهي سڀ رسمون ختم ڪري ڇڏيون جنهن ۾:
    1- شادي جا ڏينهن مقرر ڪرڻ
    2- گهوٽ کي پڳ ٻڌائڻ
    3- ارباب جي گهر ڪوڙي موڪلڻ (جنهن ۾ روڪ پيسا، گوشت، گيهه ۽ چانور هوندا هئا.)
    4- کرٽئي لاءِ سڳو پڙهي ڏيڻ
    5- شاديءَ جي گهور مان هڪ حصو ارباب کي ملڻ
    6- فيصلي کان پوءِ ڌرين تي ڏنڊ وجهڻ ۽ ارباب طرفان راڄ ۾ گهور به ڏيڻ جو رواج ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون رسمون شامل هيون. بهرحال مون صدين کان هلندڙ اهي سڀ جون سڀ رسمون آهستي آهستي ختم ڪر ي ڇڏيون.
    آخر اهي مدي خارج رسمون اسان جي سماج مان ڪير ته ختم ڪندو. ڪڏهن ته ختم ٿينديون شايد سڄي سنڌ ۾ واحد آئون اهڙو هڪڙو ماڻهو آهيان جنهن ائين ڪيو آهي. حيدرآباد پڙهڻ کان پوءِ آئون هاڻ گهڻو ڪري هر روز اخبار پڙهڻ لڳس ۽ حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ سنڌي رسالن ۽ اخبارن کي خط به لکڻ شروع ڪيم. جنهن ۾ محمد عثمان ڏيپلائي جو رسالو عبرت به شامل هو. (عبرت پوءِ قاضي اڪبر خريد ڪئي ۽ پوءِ رسالي مان روزانه اخبار شايع ٿيڻ لڳي.) ۽ جڏهن منهنجا اهي خط شايع ٿيڻ لڳا ته وڌيڪ شوق پيدا ٿيو ۽ وڌيڪ رسالن ۽ اخبارن کي خط لکڻ شروع ڪيم. اها هئي منهنجي لکڻ ۽ پڙهڻ جي شروعات جنهن اڳتي هلي مون ۾ وڌيڪ لکڻ پڙهڻ جو شوق پيدا ڪيو، جيڪو اڄ تائين باقاعدگي سان جاري آهي. رب جي مهرباني جو پوءِ منهنجي گهرواري ۽ منهنجي ٻارن ۾ به اهو ساڳيو شوق پيدا ٿيو ۽ پرهه ته ”پرهه منهنجي پانڌ ۾“ ڪتاب سان گڏ ٻيا به ڪيترا ڪتاب لکيا ۽ مون کي به لکڻ ۾ مدد ڪندي آهي ۽ نورمحمد به ڪيترا مضمون لکيا جيڪي ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ فرخ به ڪيتري ساري شاعري ڪئي ۽ سندس ڪنئين شعر ماهوار سوجهرو سان گڏ ڪيترن رسالن ۾ شايع ٿيا ۽ پاڻ تمام ننڍي عمر ۾ ڪنئين ورلڊ هسٽريون ۽ دنيا جي مشهور ليکڪن جا مشهور ڪتاب ۽ آٽو بائيوگرافيون پڙهيون آهن. اهو سلسلو سندن نوڪرين جي مصروفيتن باوجود اڄ به جاري آهي. سندن خريد ڪيل ڪتابن جي به هڪ ننڍڙي لائبريري قائم ٿي چڪي آهي. نورمحمد جو مطالعو ته مون کان به وڌيڪ آهي. پره ۽ محبوب جو مطالعو شايد برابر هجي، ٻيا ٻار به ڪجهه نه ڪجهه پڙهندا رهندا آهن.
    وئڪيشن ۾ سانوڻ جي مُند هئي ۽ درياءَ پنهنجي جوڀن تي هو، تنهن ڪري اسان هڪ جيڏا گڏجي شام جو درياءَ جي سير تي ويندا هئاسين. درياءَ جي سير دوران درياءَ ۾ وهجندا ۽ ترندا به هئاسين. هڪ ٻئي سان ترڻ جا مقابلا به ڪندا هئاسين ۽ پاڻي جون رانديون به ڪندا رهندا هئاسين. ٻيڙيءَ اندر تريل پلا، آنيون ۽ پَلي جا ڀت کائيندا هئاسين. چانڊوڪيون هونديون هيون ته رات جو تمام دير کان پوءِ واپس گهر اچڻ ٿيندو هو پر جي اونداهيون راتيون هونديون هيون ته جلد گهر موٽبو هو. رات جو دستور مطابق اوطاق تي ڪچهريون ٿينديون هيون، جنهن ۾ شهر وارن سان گڏ ڀرپاسي وارا به بابا جا يار دوست ايندا رهندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ٻنون انسپيڪشن بنگلي ڏانهن به وڃبو هو. اهو سلسلو تيستائين جاري رهيو جيستائين وڃي منهنجي ٻن مهينن واري وئڪيشن پوري ٿي ۽ آئون پنهنجو سامان کڻي ٻيڙيءَ ۾چڙهي نيشنل هاءِ وي تي بس ۾ چڙهي وڃي حيدرآباد پهتس، ته سڄن سارن ٻن مهينن گذرڻ جو احساس ئي ڪونه ٿيو. هاسٽل ۾ رات جي مانيءَ تي گهڻو ڪري سڀ ٻاهر جا شاگرد پهچي ويندا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاگرد بيماريءَ يا ڪنهن انتهائي مجبوري جي ڪري ڪونه پهچندو هو ۽ ائين صبح جو ناشتي کان پوءِ سڀ شاگرد لائين ۾ اسڪول لاءِ روانا ٿي ويندا هئا. آهستي آهستي ڳوٺ جون يادون وسري وينديون هيون ۽ هاسٽل، اسڪول، پڙهائي ۽ راند روند ۾ ماڻهو مصروف ٿي ويندو هو. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ ڇوڪرا وئڪيشن کان پوءِ اسڪول ۽ هاسٽل ۾ اچي داخلا وٺندا هئا. يا ڪي وري اسڪول ۽ هاسٽل ڇڏي هليا ويندا هئا.
    اسان پنهنجا رهيل ڪتاب خريد ڪري پڙهائي شروع ڪئي سين. ان زماني ۾ اڃان شاگردن کي ٽيوشن ڏيڻ جو رواج وڏي پئماني تي شروع ڪونه ٿيو هو. ايڪڙ ٻيڪڙ ٻار ٽيوشن وٺندا هئا ۽ گهڻا ڇوڪرا پاڻ محنت ڪري هوم ورڪ ۽ ڪورس پورو ڪندا هئا.
    منهنجو اسڪول نورمحمد هاءِ اسڪول جي هڪ برانچ هو جيڪو ريشمي گليءَ ۾ هو، جنهن جو آئون اڳ به ذڪر ڪري چڪو آهيان. هاڻ آئون اسڪول، استادن ۽ شاگردن سان ڪافي مانوس ٿي چڪو هوس ۽ اسان جي پڙهائي آهستي آهستي اڳتي وڌي رهي هئي. استاد اسان کي هوم ورڪ ۽ ليڪچر ڏيئي پنهنجي ڪورس کي اڳتي وڌائي رهيا هئا. اسڪول سان گڏ هاسٽل ۾ به باقاعدگي سان پڙهائي ۽ هوم ورڪ ڪيو ويندو هو. اهو ناممڪن هو جو هوم ورڪ جو هڪ سوال ۽ سِٽ به رهجي وڃي. اهو استادن ۽ شاگردن جي ذهن ۾ ئي ڪونه هوندو هو ته ڪونه پڙهبو. آچر جي ڏينهن يا ڪنهن موڪل واري ڏينهن سلامتيءَ کي خط لکندو هوس. جيڪا خط ملڻ شرط جواب ڏيندي هئي ۽ اها به لکندي هئي ته هت به پڙهائي ۽ ڊيوٽيءَ ڪري فالتو ٽائيم ئي ڪونه ٿو ملي. جيڪڏهن واندڪائي جو وقت مليو ته توکي خط لکنديس ۽ پوءِ تون ڪراچي اچجين. اهو هڪٻئي کي خطن لکڻ جو سلسلو هلندو رهندو هو ۽ سندس لکيل خط سڀ مون وٽ محفوظ هوندا هئا. ۽ ڪڏهن واندڪائي ۾ خط پڙهي پيو دل وندرائيندو هوس پر پنهنجي پڙهائي ۾ ڪابه ڪوتاهي ڪانه ڪبي هئي. اهو سلسلو هلندو رهيو ته هڪ ڏينهن پاڻ لکيائين ته آچر سان گڏ ڪاٻي موڪل به آهي ۽ آئون ٻن ڏينهن لاءِ فري آهيان. تون ڪراچي اچين ته ڀلي اچ. ان ٻن ڏينهن واري وچ واري رات جي به مون موڪل وٺي ڇڏي آهي. ان ڏينهن اسڪول ۾ ته موڪل هئي پر هاسٽل مان هائوس ٽيچر کي درخواست ڏيئي موڪل منظور ڪرائي صبح سوير ڪراچي ايڪسپريس ۾ چڙهي ڪراچيءَ روانو ٿي ويس. جيڪا ان وقت حيدرآباد مان صبح جو ساڍي ستين بجي نڪرندي هئي ۽ ساڍي ڏهين بجي ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي پهچندي هئي. ان وقت ريلوي جو نظام اڄ جي ريلوي نظام کان وڌيڪ بهتر هوندو هو ۽ جنرل ايوب خان ملڪ ۾ تازي فوجي آمريت قائم ڪئي هئي. تنهن جو به سول ڪامورن تي وڏو ڏهڪاءُ ۽ ڊپ هو، نه ته سول ڪامورا به ڪنهن ننڍي فرعون کان گهٽ ڪين آهن. حيدرآباد ريلوي اسٽيشن تي تمام گهڻي صفائي لڳي پئي هئي. پليٽ فارم جي ٻاهران ۽ پليٽ فارم اندر ڪاغذ جو ٽڪرو يا ماچيس جي تيلي به نظر ڪانه ٿي آئي. ريلوي جي لائينن تي به صفائي ٿيل نظر آئي. مسافرن کان سواءِ فالتو ماڻهو پليٽ فارم تي نظر ڪونه ٿي آيو. اڄ ته ريلوي اسٽيشن تي سؤ ڀيرا اچو ۽ وڃو توهان کان ڪوبه پليٽ فارم تي ٽڪيٽ پڇڻ وارو ڪونهي. ريلوي اسٽاف کي اڄڪلهه اسٽيشن ٻاهران بيهندڙ سون جي تعداد ۾ ٽيڪسين مان ملندڙ منٿليءَ مان ئي هزارين رپيا آمدني ٿيندي آهي. اها ڳالهه توهان کي اُت ويٺل هر هڪ ٽئڪسي ڊرائيور بنان ڊپ جي ٻڌائيندو ته اسان کي پنهنجون ٽيڪسيون هت بيهارڻ جي عيوض ريلوي وارا اسان کان هيترا پئسا وٺندا آهن. آئون پنهنجي ٽڪيٽ وٺي چانهه جو هڪ ڪوپ پئي ريل اندر سيٽ تي اچي ويٺس. ريل اندر به بهترين صفائي نظر آئي. ريل پنهنجي صحيح وقت تي رواني ٿي. ٿوري ئي پنڌ هلڻ کان پوءِ اچي ڪوٽڙي اسٽيشن تي بيٺي. جت تقريباً اڌ ڪلاڪ بيهڻ بعد ڪراچيءَ لاءِ رواني ٿي ۽ پوءِ اڍائي ڪلاڪن جي مسافريءَ بعد اچي ڪراچيءَ پهتي. مون وٽ ڪوبه سامان ڪونه هو سو يڪدم بگهي ڪري، جيڪي ان وقت ڪراچيءَ ۾ وڏي تعداد ۾ هلنديون هيون، اچي سول اسپتال پهتس جنهن کان پوءِ آئون نرسنگ ٽريني هاسٽل پهتس. دروازي تي ويٺل نوڪرياڻي کي سلامتي لاءِ مئسيج ڪيم ته سلامتي ڊوڙندي اچي مون سان ملي ۽ پاڻ چيائين ته توهان ٿورو انتظار ڪيو ته آئون اچان ٿي پوءِ پاڻ گڏ ٻاهر ٿا هلون. منهنجي لاءِ اهي منٽ انتظار ڪرڻ ڪيئي سال ٿي ويا ۽ جيئن ئي سلامتي آئي ته اسان سول اسپتال جي ٿورو پريان بندر روڊ جي ٻي پاسي پارڪ هوٽل ۾ ڪمرو وٺي اچي رهياسين. سلامتي به چئن مهينن کان هت هاسٽل ۾ رهيل هئي ۽ نرسنگ جو ڪورس ڪري رهي هئي ۽ ڪراچيءَ جي بلڪل اڻ واقف هئي ڇو ته سندس تعلق پنجاب جي شهر گجرات سان هو پر آئون اڳ به ڪراچي گهمي ڦري چڪو هوس. اسان ڪمري ۾ داخل ٿيڻ شرط هڪ ٻئي سان چنبڙي وياسين ۽ هڪ ٻئي سان پيار ونڊيندي اسان کي ٻنپهرن جي ماني ۽ شام جي چانهه جي ياد به ڪانه پئي. تان جو وڃي رات اونده ٿي. اسان رات جي ماني به ڪمري ۾ کاڌي ۽ پڻ سڄي رات هڪ ٻئي سان روح رچنديون ڪندا رهياسين. چوندا آهن ته گناهه کي صرف اڪيلائي گهرجي سو اسان وٽ ته فقط اڪيلائي ۽ اڪيلائي هئي. اسان ٻنهي جون عمريون ان وقت چوڏهن سال کن هونديون. چوندا آهن ته مرد جي عمر اها آهي جيڪا هو خود محسوس ڪري ۽ عورت جي عمر اها آهي جيڪو ٻيو محسوس ڪري. پر اسان ٻنهي تي ان عمر ۾ اها چوڻي پوري نٿي لٿي ۽ ائين به چيو ويندو آهي ته مرد طاقتور تڏهن هوندو آهي. جڏهن هو ڪنهن حسين عورت جي ٻانهن ۾ هوندو آهي. صبح جو دير سان اک کلي ته ٻاهر نه وڃڻ چاهيندي به تيار ٿي پهرين. سمنڊ ڪناري وياسين، جت اڄ واري گهماگهمي ڪانه هئي صرف جهانگير ڪوٺاري پريڊ ۽ ان کان اڳيان سهڻي پٿرن سان ٺهيل چاڙهي جيڪا اڳيان وڃي هڪ ٻئي تفريح جڳهه تي ختم ٿيندي هئي. هاڻ انهن ٻنهي پراڻين تفريح گاهن تي توهان کي هر وقت هيروئني سگريٽن جا سوٽا هڻندي نظر ايندا. جيڪي زنده لاشن جيان هر ڳالهه کان بي پرواهه توهان کي نظر ايندا. کين ڏسندي ڊپ پيو ٿيندو آهي. جهانگير ڪوٺاري پاڻ خود به هڪ وڏو سياح هو، جنهن سڄي دنيا گهمي ڦري ڏٺي هئي. اڄ جت جهانگير ڪوٺاري نالي يادگار ٺهيل آهي، اهو پهرين سندس رهائشگاهه جو بنگلو هو. ڪلفٽن پل به هن پارسي امير زادي ٺهرائي نه ته هن کان اڳ اُت ڪاٺ جي پل ٺهيل هئي. اسان بندر روڊ تان (جنهن کي هاڻ ايم اي جناح روڊ چيو وڃي ٿو.) بس ۾ چڙهي ڪلفٽن ڏانهن روانا ٿياسين. ان وقت جي روڊن رستن جا نالا هاڻ تقريباً سڀ تبديل ٿي چڪا آهن. آئون مثال طور اوهان کي ٻن ٽن رستن جا پراڻا ۽ نوان نالا ٻڌايان ٿو.
    پراڻا نالا نوان نالا
    1- وڪٽوريا روڊ
    2- ايلفنسٽن اسٽريٽ
    3- گارڊن روڊ
    4- سمرسيٽ اسٽريٽ
    5- ڪلارڪ اسٽريٽ
    6- هيوو لاڪ روڊ
    7- ڊيپارٽ روڊ
    8- ڪچهري روڊ
    9- فريئر روڊ
    10- بندر روڊ
    11- ميڪلوڊ روڊ عبدالله هارون روڊ
    زيب النساءِ اسٽريٽ
    آغا خان روڊ
    غضنفر علي اسٽريٽ
    شاهراهه عراق
    ايوان صدر روڊ
    سرور شهيد روڊ
    ڊاڪٽر ضياءُالدين روڊ
    شاهراه لياقت
    ايم اي جناح روڊ
    آءِ آٰ چندريگر روڊ
    مطلب ته نون حاڪمن ڪراچيءَ جي روڊن تان انگريزن جا نالا لاهي پنهنجا نالا رکي ڇڏيا ۽ اسان هاڻ انهن تازو مسلمان ٿيل روڊن رستن تان ڊوڙندا ڪلفٽن تفريح گاهه ڏانهن وڃي رهيا آهيون ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ جڳهين کان سواءِ سڀ جڳهيون گهڻو ڪري انگريزن جون ٺهرايل آهن ۽ ڏاڍيون پروقار لڳي رهيون آهن. اسان جي بس ڪلفٽن جي بس اسٽينڊ تي بيٺي، جت ڪا به رش ڪانه هئي. ڇو ته ان وقت ڪراچيءَ جي آدم شماري تمام گهٽ هئي. ڪراچيءَ جي آدم شماريءَ جا ڪجهه انگ اکر توهان جي معلومات لاءِ هت ڏجن ٿا.
    سال آدمشماري
    1892 سٺ هزار
    1901 هڪ لک سترهن هزار
    1921 ٻه لک سترهن هزار
    1941 ٽي لک ستاسي هزار
    1961 اوڻيهه لک سترهن هزار
    مٿيان انگ اکر ڊاڪٽر مهتاب ڪريم جي ڪتاب (The Challenge of Urban Growth) تان ورتل آهن.
    اڄ جي ڪراچيءَ جي آدم شماري هڪ ڪروڙ پنجٽيهه لک، 1961ع واري آدمشماري کان اٽڪل هڪ ڪروڙ سورهن لک وڌيڪ آدمشماري! ڪيڏو نه تيزيءَ سان ڪراچي جي آدمشماري وڌي آهي!! ظاهر آهي ته ماڻهو گهٽ هئڻ ڪري بسون، ويگنون، ڪارون، موٽرون ۽ ٻي هر قسم جي ٽريفڪ گهٽ هئي. شهر ۾ دونهون ۽ ٻي ماحولياتي آلودگي به گهٽ هئي پر اڄ جهڙا ڪلفٽن تي پارڪ، ڦوهارا، وڏيون سرچ لائيٽيون ۽ مڪڊونلڊ ۽ ڪي ايف سي، پيزاهٽ جهڙيون هوٽلون انهن جون روشينون ۽ رونقون ڪونه هيون. سمنڊ ۽ ڪوٺاري پارڪ جي وچ ۾ هڪ بازار هوندي هئي، جنهن جي چؤطرف سوين گاڏن ۽ پڙين وارا ڪوڏين جا رانديڪا ۽ کائڻ پيئڻ جا سامان وڪڻندا هئا، جن تي ٻارن ۽ عورتن جي رش لڳي پئي هوندو هئي. ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ صاف سُٿري هوٽل به هوندي هئي. اسان به اهڙن دڪانن تان گهمندا ڦرندا وڃي سمنڊ ڪناري پهتاسين. مون سلامتي کان پڇيو ته تون ڪڏهن پهرين هت سمنڊ گهمڻ آئي آهين، پاڻ چيائين ته هت اچڻ ته پري ٿيو پر آئون زندگي ۾ پهريون دفعو سمنڊ ڏسي رهي آهيان. منهنجي لاءِ هي هڪ عجيب نه وسرڻ جهڙو نظارو آهي. حدنظر تائين رڳو پاڻي ئي پاڻي، جنهن تي ڪنئين جهاز پيا ترن. سمنڊ ۾ هزارن قسمن جون مڇيون پر ان جو پاڻي ڪنهن به ڪم جو ڪونهي. يعني نه ته ان سان ڪابه پوکي ڪري سگهجي ٿي ۽ نه ئي وري اهو پي سگهجي ٿو. اها عجيب ڳالهه آهي! اسان ڪافي وقت سمنڊ تي گذاري پوءِ صدر ۾ آياسين، جت هڪ ايراني هوٽل تي ماني کائي پوءِ مئٽني شو فلم ڏسڻ وياسين. فلم ڏسي پوءِ مون کيس آڻي هاسٽل تائين پهچايو. پاڻ مون کان پڇيائين ته وري ڪڏهن ڪراچيءَ اچبو. مون چيو ته ڪا خبر نه آهي. اسان ڪافي وقت هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياسين. اسان پنهنجي ڳوڙهن کي اکين ۾ لڪائي هڪ ٻئي کان موڪلائي روانا ٿي وياسين. جيستائين آئون نظر کان اوجهل ٿيس تيستائين پاڻ مون کي ڏسندي رهي. آئون ٻاهر نڪري ڪينٽ اسٽيشن ڏانهن ويندڙ بس ۾ چڙهي اسٽيشن ڏانهن روانو ٿي ويس. جتان ان وقت رات جو نوين وڳي خيبرميل نڪرندي هئي. تقريباً ٻاهرين بجي رات جو حيدرآباد اسٽيشن پهتس، اتان ٽانگي ۾ چڙهي هاسٽل پهتس. جيئن ته منهنجي هاسٽل جي موڪل ورتل هئي ۽ هائوس ماستر طرفان مون وٽ ٻن ڏينهن جي موڪل جي پاس هئي. تنهن ڪري مون کي ڪوبه ڊپ ڪونه هو ۽ آئون هاسٽل پهچي چوڪيدار کي پاس ڏيکاري اچي پنهنجي ڪمري تي آرامي ٿيس، صبح سوير تيار ٿي ناشتو ڪري ڪتاب کڻي شاگردن جي لائين ۾ لڳي نورمحمد اسڪول کان پوءِ اڪيلو اڪيلو اسان جي اسڪول پهتس. اهو سلسلو تيستائين هلندو رهيو جيسين پنجين درجي جو امتحان ٿيو ۽ آئون ان ۾ پاس ٿيس ته مون کي وري برانچ اسڪول مان، مين اسڪول ڏانهن ٽرانسفر ڪيو ويو ۽ ان اضافي پنڌ مان منهنجي جان ڇُٽي، يعني آئون هاڻ ڇهين درجي ۾ پهچي ويس.
    اسان جي هاسٽل جي ڀرسان جت هينئر ڊاڪٽرن جون هاسٽلون آهن. ان زماني ۾ اهو گرائونڊ بلڪل خالي پيل هوندو هو. ڪنهن ڪنهن سال ماڻهو انهيءَ ميدان تي لڳندڙ نمائش کي ڏسڻ ۽ خريداري ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. خاص ڪري رات جي وقت ان نمائش ۾ وڏي گهماگهمي ٿيندي هئي. رات جي وقت وڏي تعداد ۾ عورتون به خريداري ڪندي نظر اينديون هيون. ان ميدان ۾ شاميانا لڳي رهيا هئا ۽ پوليس بيٺل هئي. مونکي ڪنهن ٻڌايو ته سڀاڻي هت مارشل لا لڳائيندڙ فوجي ڊڪٽيٽر ايوب خان ايندو ۽ هاسٽل جي شاگردن جي موڪل هوندي ۽ هو جلسو ڏسي سگهن ٿا. ان زماني ۾ حاڪم آمرن کي اڃان پنهنجي رعيت منجهان زندگيءَ جو ڪوبه خطرو ڪونه هو جيڪو هينئر آهي. اسان ٻئي ڏينهن هاسٽل جا شاگرد ان گرائونڊ تي آياسين. اسان کي ڪنهن به ماڻهوءَ اُت وڃڻ کان ڪونه روڪيو. اسان جنرل ايوب جو سڄو جلسو ڏٺو. اُت مون ٺٽي جو ڪليڪٽر به ڏٺو جيڪو بابا وٽ ٻني ۾ اسان جي اوطاق تي ماني کائي ويو هو. شايد شاهجهان ايس ڪريم نالو هوس ۽ مون ٻيا به ڪنئين سنڌ جا مشهور ماڻهو پهريون ڀيرو اُت ڏٺا. پاڪستان ۾ جت لولي لنگڙي جمهوريت کي ختم ڪري فوجي آمريت قائم ڪئي وئي ۽ ملڪي فوج جو سربراه ڪوڙي ريفرينڊم ذريعي ملڪ جو صدر ٿي ويو هو. ان دؤر ۾ دنيا اندر ويهين صديءَ جا عظيم ليڊر پنهنجن پنهنجن ملڪن جا سربراه هئا، ڇا ته سڄي دنيا ۾ سندن شان، عزت ۽ وقار هو. اهي هئا:
    1- جواهر لعل نهرو، هندستان جو وزيراعظم
    2- مائوزيتنگ، چين جو صدر
    3- سوئيڪارنو، انڊونيشيا جو صدر
    4- خروسچوف، روس جو پارٽي صدر
    5- جمال ناصر، مصر جو صدر
    6- حافظ الاسد، شام جو صدر
    7- ياسر عرفات، فلسطين جي آزاديءَ جو رهبر
    8- فيڊرل ڪاسترو، ڪيوبا جو صدر
    9- مارشل ٽيٽو، يوگو سلاويا جو صدر
    10- بوما دين، الجزائر جو صدر
    11- هوچي منهه، ويٽ نام جي آزاديءَ جو اڳواڻ ۽ صدر
    مطلب ته جت سڄي دنيا جون مظلوم قومون غلاميءَ مان نجات حاصل ڪري آزادي ماڻي رهيون هيون، اُت اسان جو ملڪ وري پنجابي مليٽري ڊڪٽيٽرشپ جي شڪنجي ۾ اچي ويو هو. جتان اڃا تائين بنگالين کان سواءِ ٻيا سندس مليٽري قيد ۾ بند آهن ۽ سنڌ بلوچستان جي سڀني گذر جي وسيلن تي پاڻ قابض آهن ۽ سنڌي ۽ بلوچ، پنجاب جي وڏي مليٽري پاور اڳيان بيوس آهن.ايوب جي دؤر ۾ پاڪستان آمريڪا سان ڪئين فوجي معاهدا ڪيا ۽ پڻ پهريون ڀيرو آمريڪا سرحد صوبي ۾ پنهنجو فوجي اڏو قائم ڪيو، جنهن تان آمريڪا جا جاسوسي جهاز اڏامي روس ملڪ جي جاسوسي ڪندا هئا. ان وقت جو آمريڪي صدر آئزن هاور جڏهن پاڪستان جي دوري تي آيو ته ڪراچيءَ ۾ پاڪستاني ڪرڪيٽ مئچ جي بليزر پائي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آيو پر هاڻ آمريڪي صدر ايوان صدر کان ٻاهر ڪونه نڪرندو آهي پاڪستان ۾ اها مئچ پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿي رهي هئي.
    نورمحمد هاءِ اسڪول جي برانچ اسڪول مان هت آيس ته صرف هاسٽل ۽ اسڪول تائين محدود ٿي ويس پر اڳ جڏهن اسڪول وڃبو هو ته واپسي ۾ حيدرآباد جي شاهي بازار جو چڪر لڳائي پوءِ هاسٽل اچبو هو. حيدرآباد جي شاهي بازار جيڪا پڪي قلعي جي دروازي کان شروع ٿي مارڪيٽ ٽاور وٽ ختم ٿئي ٿي. انهيءَ جو ان دؤر ۾ وڏو اوج هو، هينئر وانگر ٻي هنڌ وڏا واپاري مرڪز ڪونه هوندا هئا. جيئن هينئر لطيف آباد، قاسم آباد ۽ صدر ۾ آهن. سڄي شهر جو واپاري مرڪز شاهي بازار ۽ ان جي اردگرد مارڪيٽ، فقير جو پڙ ۽ سري گهاٽ هوندا هئا، جيڪي به شاهي بازار سان لڳ هئا.


    10

    ڪئنٽونمينٽ، بوري بازار، هيرآباد ۽ چڪلو انگريزن جي دؤر ۾ ٺهيا، نه ته اهو سڄو علائقو ويران ۽ غيرآباد هوندو هو. حيدرآباد سڄي لوئر سنڌ جي دل ۽ واپاري ۽ ثقافتي مرڪز هو. ان ۾ وري شاهي بازار جي وڏي اهميت هوندي هئي. هيٺ دڪان، مٿي گهر، بازار جي ٻنهي پاسن کان ننڍيون ننڍيون بيشمار گهٽيون جن ۾ سَوَن جي تعداد ۾ پيادل ماڻهو سڄو ڏينهن پيا ايندا ويندا هئا.
    ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ حاڪم ۽ سندن فوج قلعي اندر رهندا هئا ۽ شاهي بازار سڄي واپار ۽ واپارين جي رهائش طور استعمال ٿيندي هئي. ورهاڱي کان پوءِ ٻارهن سالن بعد جڏهن آئون حيدرآباد پڙهڻ ويس تڏهن به شاهي بازار پنهنجي رونق ۽ واپار جي ڪري شهر جو مرڪز ۽ وڏي گهماگهمي ۽ رونق وارو علائقو هوندو هو. جت رات تائين وڏي رش لڳي پئي هوندي هئي. بابا جڏهن به ڳوٺان حيدرآباد ايندو هو ته اسان جو سندس ۽ گهر جو سامان شاهي بازار مان ئي وٺبو هو. پر هاڻ شاهي بازار پنهنجي اها حيثيت وڃائي چڪي آهي. هاڻ ڏينهن جو به شاهي بازار ۾ نالي ماتر واپار ٿيندو آهي ۽ شاهي بازار جي دڪانن جي سڄي شهر ۾ گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۽ مسواڙ آهي. شاهي بازار ۾ سؤ سيڪڙو دڪان مهاجرن جا آهن. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ دڪان پنجابين جا به آهن، جيڪي سڄو ڏينهن ويٺا پنهنجي حال جو روئڻو روئن.
    حيدرآباد ۾ اڄڪلهه قاسم آباد ۽ صدر واپاري مرڪز آهن. ماڻهو سوچيندو ڇا آهي ۽ ٿيندو ڇا آهي! مهاجرن سنڌين سان حيدرآباد ۾ رڻ ٻاري ڏنو ته جيئن سنڌي حيدرآباد خالي ڪري وڃن، پر ان جي ابتڙ سنڌي وڏي تعداد ۾ ٻهراڙين مان لڏي اچي قاسم آباد رهڻ لڳا ته اڌ شهر ۽ شهر جو واپار مهاجرن کان کسجي سنڌين جي حوالي ٿي ويو. قاسم آباد تعلقو پوءِ سب ڊويزن ٿي ويو. هاڻ اتان هڪ سنڌي اسيمبلي ميمبر به چونڊجي سنڌين جي شهر ۾ واپاري ۽ سياسي طاقت هر روز وڃي وڌندي، سا مهاجرن جي هنگامن کان اڳ ڪجهه به ڪانه هئي. هاڻ توهان کي شهر اندر سنڌي مهاجر برابر نظر ايندا. جن جو تعداد روز وڃي وڌندو. مهاجرن ڇا سوچي سنڌين تي حملا ڪيا ۽ ٿي ڇا ويو! سنڌ جو هيڏو وڏو شهر جيڪو هميشه هندن جو شهر رهيو ان کان پوءِ اهو شهر مفت ۾ مهاجرن کي مليو. لياقت علي پنهنجي حڪومت دوران اهڙا ته سنڌ دشمن قاعدا ۽ قانون جوڙيا (۽ اهو سلسلو وري صدر مشرف جي حڪومت ۾ به جاري ڪيو ويو آهي.) جو هندن جي ڇڏي ويل ملڪيت مان داڻو به سنڌي مسلمانن کي هٿ نه آيو. پر هينئر سڄي شهر ۾ توهان کي سنڌي اڪثريت ۾ ملندا. سو مون عرض ڪيو ته ماڻهو سوچي ڇا ٿو ۽ ٿئي ڇا ٿو. اهو ساڳيو حال سوشلزم قائم ۽ ختم ٿيڻ ۾ به ٿيو. ڪنئين ڪروڙ ماڻهو سوشلزم کي قائم ۽ ختم ڪرڻ دوران مئا پر اڄ ڪٿي آهي اها سوشلزم؟ اڄڪلهه ته ڪراچي ۾ به سنڌي تمام وڏي تعداد ۾ آباد ٿي ويا آهن ۽ ٿي رهيا آهن. جي ڪڏهن افغان جنگ نه لڳي ها ۽ ضياءُالحق ڪراچي جا دروازا افغانين لاءِ کولي نه ڇڏي ها ته سنڌي اڃان به وڏي تعداد ۾ ڪراچيءَ ۾ اچي آباد ٿين ها. پر افغانين ڪري روزگار محدود ٿي ويو. تنهن ڪري سنڌين انهيءَ دؤر ۾ ڪراچي ڏانهن رُخ گهٽ ڪيو. ان ايوبي دؤر ۾ پاڪستان ۾ ڏهائي سڪو شروع ٿيو. جنرل ايوب پاڻ ئي صدارت چونڊ لاءِ ريفرينڊم ڪرايو ۽ پاڻ ئي پنهنجو پاڻ سان اليڪشن وڙهيو ڇو ته ريفرينڊم ۾ سندس سامهون ٻيو ڪوبه اُميدوار ڪونه هو. ريفرينڊم کان پوءِ وري به پاڻ ئي پاڻ کي فيلڊ مارشل جي لقب سان نوازيائين. ان دؤر ۾ ئي منهنجي ننڍي ڀيڻ جي شادي ٿي، جنهن ۾ پهريون ڀيرو شادي جي ريتن رسمن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان کان اڳ منهنجي وڏي ڀيڻ جي شادي ٿي هئي پر آئون ان وقت ننڍو هوس. پر هينئر مون کي انهن رسمن کي ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو صحيح طريقي سان موقعو مليو. هن وقت ته شهرن ۾ شادي جي هر رسم مصنوعي ۽ ڦڪي ڦڪي پئي لڳندي آهي. گهوٽ/ گهوٽيتا به شادي هال ۾ ٻين وانگر مهمان پيا لڳندا آهن. شهري شادين ۾ پنهنجون سنڌي رسمون رواج بلڪل نظر ڪونه اچن. اها شادي نه پر صرف رسمي دعوت هوندي آهي. جنهن ۾ ڪنوار اسٽيج تي هڪ ڊيڪوريشن پيس وانگر نظر ايندي جيڪا ميڪ اپ جي تهن ۾ هڪ ڀوت لڳندي آهي. وڊيو ڪئميرا ۽ ڪئميرائن جي روشني ۾ ڪنوار جو ميڪ اپ لهندو ويندو آهي. جنهن کي سڀني جي سامهون ٽشو پيپر سان پيا صفا ڪندا آهن. نه ڳيا نه سهرا، نه لانئون، نه سرگس نه دهل دمام؛ صفا رُکي ۽ ڦِڪِي تقريب، جيڪا ڪلاڪ اڌ ۾ ختم. اڳ ۾ ونواه جي ستن ڏينهن کان وٺي ويندي شاديءَ تائين گهوٽ جا مٽ مائٽ پيا مينديءَ ۽ ٻڪيءَ جون رسمون ڪندا ۽ راڄ جي مڱڻهاري سڄو هفتو پئي ڪنوار کي پيٺيءَ جي مالش ڪندي ۽ ست ڏينهن سندس مُنهن اِکئي ۾ ڍڪيو پيو هوندو. انهيءَ دوران ڪنوار جي رنگت ئي تبديل ٿي ويندي هئي. شاديءَ ۾ ڪنوار کي سڀ ڳهه پيل هوندا هئا. خاص ڪري ڪنوار نٿ پائيندي هئي.جيڪا سڄي زندگي کيس پهريل هوندي، جيسين وڃي سندس مڙس وفات ڪري، ڪنوار کي گهر ۾ ڪنئار ٻائي جي نالي سان سڏبو هو جيسين وڃي کيس اولاد ٿئي، پر هينئر شهري شادي ۾ ڪنوار نٿ ڪانه پائي نه ته اڳ ۾ بولو، بينسر، ڦلي، ڪلي، ڪوڪو، لونگ، سري، مورائو، وينڍيو نڪ جا زيور هئا، مطلب ته:
    1- مڱڻي
    2- شاديءَ جا ڏينهن ٻڌڻ
    3- پڙي جا گيت
    4- ونواهه
    5- شادي جي رسم
    6- نکيٽيءَ جي رسم
    7- ۽ ستاڙي جي رسم
    ڪنواريتا ۽ گهوٽيتا وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا هئا ۽ هر تقريب ۾ سهرا، هيرا ۽ گيت ڳايا ويندا هئا. ڪي ڳيا ۽ ڳيچ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلچسپ هوندا هئا جيڪي مون کي اڃان تائين ياد آهن ۽ توهان کي به ٿو ٻڌايان.
    *
    موڙ ادل جا مان لاڙئون گهرايان
    ڇهٽ جهلي آيو لاڌل بني تي
    کهنبا ادل جا مان لاڙئون گهرايان
    ڇهٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
    ڀيڻون لاڏل جون مان لاڙئون گهرايان
    ڇهٽ جهلي آيو لاڏل بني تي
    *
    سهڻي دهري جوڙائي، ادل تنهنجيءَ شادي ۾ پايان
    منهنجي ادل کي شوق، مور مومل ماڻي آيو
    سيڻ سڄڻ سالا تنهنجا ڪاڄ ڪري آيو
    منهنجي لاڏل کي شوق مور مومل ماڻي آيو
    سهڻي نَٿَ جوڙائي ادل تنهنجي شاديءَ ۾ پايان
    منهنجي ادل کي شوق مور مومل ماڻي آيو
    *
    ڏند ادل جا ماڻڪ موتي
    ڪجل جوڙ بنايو ادل جو ٿيو لايو سجايو
    ”هاڻ ته ڏند ادل جا ماڻڪ موتي نه پر پانن جي ڪاٿي ۽ چن جي راڳي سان سونهن پيا.“
    مڱڻيءَ جي موقعي تي چاندي جي وٽي ۾ کير وجهي ان ۾ منڊي وجهي پوءِ مڱڻي جي رسم مهل اها منڊي کير وٽي مان ڪڍي ڪنوار کي پهرايو ته معنيٰ مڱڻي ٿي وئي. مڱڻيءَ کان پوءِ ونواهه جي رسم جنهن ۾ نياڻين جي ڪوٺ ڪري ڪُنئاريتا پنهنجي حيثيت مطابق ونواهه ڪندا. جنهن ۾ ڳيا سهرا، ڳيچ ڳايا ويندا ۽ ڪنئار کي ساٽ سوڻ ڪري وينڍو ويڙهبو ۽ پوءِ ست ڄڻيون اهو کولينديون ۽ پوءِ اکيون ٻَڌبِيون ۽ آخر ۾ ڪنوار کان پليٽ ڀڃرائي پوءِ مينڌيءَ جي رسم ٿيندي. جيڪي گهوٽ جون مائون، ڀيڻون ڪنديون. تنهن کان پوءِ شاديءَ جي رسم ٿيندي جنهن ۾ ڪنوار کي چپن تي مساڳ لڳل، هٿن پيرن تي ميهڙ جي ميندي لڳل، اکين ۾ ڪجل پاتل نڪ ۾ سهاڳ جي نشاني نٿ پاتل ۽ ڊيل جهڙي ڳچيءَ ۾ ست سري دُهري پاتل، سينڌ ۾ چوٽي ڦل ڳچيءَ سان لڳل هار جنهن کي ڳل پٽا، چئبو ته بدن جي هر حصي ۾ ڪنئار کي زيور پهريل هوندا هئا. ان کان پوءِ رات جو دير سان ڀيڄ ڀنيءَ مهل لائون لهڻ، ٽڪ ۾ هڪ ٻئي جو مُنهن ڏسڻ، گهوٽ طرفان ڪنوار جو هٿ کولڻ آخر ۾ ساليون گهوٽ جي نڪ ۾ جهلينديون ۽ جوتو لڪائينديون ۽ پوءِ گهوٽ سالين کي پيسا ڏيندو ته نڪ مان هٿ نڪرندو ۽ جوتو به واپس ملندو. تنهن کان پوءِ گهوٽ ڪنئار ڪجهه وقت لاءِ هڪ تمام سهڻي نموني سينگاريل ڪمري ۾ ويهندا ۽ پوءِ گهوٽ هليو ويندو ۽ ڪنوار کي سندس سهيليون پيون ٺاهينديون جوڙينديون. اڄڪلهه شادي ختم ٿيڻ شرط گهوٽيتا ڪنئار وٺيو وڃن. پر اڳ ائين ڪونه هوندو هو، هينئر شادي جي ماني هڪ ويلو ٿئي پر اڳ ۾ شاديءَ ۾ ٽي وقت ماني کارائبي هئي. رات جي ماني صبح جو ناشتو ۽ ٻنپهرن جي ماني، تنهن کان پوءِ سج لٿي مهل گهوٽيتا، ڳين، سهرن، دهلن شرناين سان ڪنوار کي وٺي ويندا هئا. اڳ ۾ ونواهه ڪنئاريتا ۽ شادي گهوٽيتا ڪندا هئا پر هينئر شهرن ۾ ونواهه، مينڌي ۽ شادي ڪنئاريتا ڪن ۽ گهوٽيتا صرف وليمون ڪن. اهي رسمون شهرن ۾ رهڻ ڪري اسان کي مليون. نه ته سنڌي مسلمانن ۾ اڳ ۾ ائين ڪونه هوندو هو. سنڌي مسلمانن جون سڀ رسمون عربن ۽ مسلمانن جون رسمون آهن، جيڪي اڄ به عربن ۾ سواءِ ڪن تبديلين سان قائم آهن. اڄڪلهه شادي جو ڪاڄ ڪرڻ بلڪل آسان آهي، هر ڳالهه فون تي ٿئي مثلاً:
    1- جيولري وارو
    2- ڪپڙن وارو
    3- ماني ۽ ڊيڪوريشن وارو
    4- هال بڪنگ
    5- اسٽيج ٺاهڻ
    6- بيوٽي پالر وارو
    7- فوٽوگرافر ۽ وڊيو وارو
    8- ڪارڊن ڇپائڻ لاءِ ماڻهو کي رڳو فون ڪري پنهنجي گهر گهرائڻ جي دير آهي.
    اڄڪلهه ته ماڻهو وڏي تعداد ۾ دعوتون به فونن ۽ موبائيلن تي ڏين ۽ گهوٽيتا به شاديءَ کان اڌ ڪلاڪ اڳ هال ۾ پهچن. اڳي شادين جون تياريون مهينا اڳ شروع ٿينديون هيون ۽ ڪم ڪار ورهائي کڻبا هئا. ڪو ڪاڄ جي ڀت لاءِ ڪاٺين جو انچارج ته ڪو ڇنهي جو انچارج ڇنهون به اڳ پهريائين ٿلهيون ڪاٺيون کوڙي پوءِ مٿان ۽ پاسي کان لئين جي سنهين ڪاٺين سان ڍڪبو ۽ پاسا ٻڌبا هئا. پوءِ وچيئن دور ۾ ڇنهون ٽُوئَنِ ۽ پکن سان ٺاهبو هو پر هاڻ ته اهڙا شاميانه ۽ تنبو ۽ فرنيچر وجهن جو ان ۾ گهڙڻ سان ائين پيو محسوس ٿيندو آهي جو ڄڻ ته ماڻهو ڪنهن فائيو اسٽار هوٽل ۾ داخل ٿي رهيو آهي. باقي خود فائيو اسٽار هوٽلن ۾ شادي ته عام ڳالهه آهي. نه ته اڳ ۾ ڇنهون، ڪاٺيون، ديگيون راڄن مان گڏ ڪرڻ پاڻيءَ جو بندوبست ڪرڻ، ڦنڊرون، ڇيلا، ڪم ڪار لاءِ ڍڳي گاڏيون، چرون، سيڌو خريد ڪرڻ ۽ راڄن تائين دعوتون پهچائڻ ۽ خود ڪنهن شاديءَ ۾ پهچڻ وڏو مسئلو هوندو هو. وڏين شادين ۾ ڳائڻ، گهوڙا ڊوڙائڻ ۽ ملاکڙو عام ڳالهه هوندي هئي.
    منهنجي شادي فيبروري 1977ع ۾ اليڪشن دوران ٿي انهيءَ شادي ۾ رئيس محمد يوسف چانڊئي عام جلسن جيان تقريرون ڪري ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ لاءِ اپيل ڪئي. شاديءَ ۾ کاڌي پيتي لاءِ ڦيليون، مٽ، دلا، ڪرا، چليمچيون، ڇلون، ناديون راڄ جو ڪنڀار ٺاهيندو هو. جيڪو ان سامان ٺاهڻ لاءِ هڪ پئسو به ڪونه وٺندو هو. پر آخر ۾ گهوٽيتا کيس مينهن ڏيندا هئا. ائين طُهرن مهل حجام کي به مينهن ڏني ويندي هئي. باقي مڱڻهارن جا ته ونواهه، ميندي، شادي، سرگس ۽ لائنئن تي هر وقت پيسا ئي پيسا لڳا پيا هوندا هئا. شادين ۾ وڏي سرندي وارا ماڻهو سنڌ کان ٻاهران به گويا ڳائڻا ۽ ڳائڻيون گهرائيندا هئا. لاهور واري بالي ڳائيندي ڳائيندي خيرپور رياست جي راڻي ٿي وئي.
    آئون بمبئي ويس ته دادا گوبند سان گڏجي ماسٽر چندر سان به ملڻ ويس. تمام گهڻي ڪچهريءَ کان پوءِ پڇيائين ته توهان جي اوطاق ۾ جيڪو نم بيٺل هو اُهو اڃان بيٺو آهي يا نه. مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو ته ڪٿ بمبئي، ڪٿ ٻنون ۽ ان ڳالهه کي به ڪنئين سال ٿي ويا، پر کيس ٻني جا ماڻهو ته ٺهيو پر وڻ به ياد آهن. واقعي مٽيءَ جي محبت جهڙو ٻيو ڪوبه رشتو ڪونهي. مون کي پوءِ پاڻ سربستو احوال ٻڌايائين ته آئون ۽ بسنت لائقپور ۾ ڪنهن ديوان جي شاديءَ تي ڳائڻ لاءِ آيا هئاسين. پوءِ شاديءَ جي ٻي رات مون کي توهان جو والد صاحب ارباب نورمحمد ٻني وٺي آيو هو ۽ اسان توهان جي اوطاق ۾ نم هيٺيان سڄي رات راڳ رنگ جي محفل ڪئي هئي. پاڻ ٻڌايائين ته اسان لائقپور کان ٻني ٻيڙيءَ ۾ آيا هئاسين. ٻني کان پوءِ هڪ وڏي ٻيڙي جنهن کي ڪٽار ٿي چيائون، ان ۾ چڙهي گدوبندر پهتاسين. سانوڻ درياءَ جي موج مستي ۽ درياءَ جي ٻنهي ڪپرن تي ٻيلن جي وڏن وڏن وڻن جا ديدار ڪندا، درياءَ ۾ ٻُلهڻين جا ٺينگ ٽپا ڏسندا اچي پنهنجي منزل تي پهتاسين. اهي درياءَ جون موجون ۽ گجگوڙون جڏهن ياد ٿيون پون ته ويهي درياءَ شاهه جا بيت جهونگاريندو آهيان. سڄي سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون گهڻو ڪري هڪ جهڙيون هونديون آهن. لاڙ، اتر، ٿر ۽ ڪوهستان جي شادين جي رسمن ۾ ٿورو فرق هوندو آهي. اسان جي سڄي تر يعني ٻنون، لائقپور، دڙو ۽ بلڙي شاهه ڪريم جي شادين جي رسمن کان اسان جي ڳوٺ سان لڳو لڳ راهوٺ ڳوٺ جون رسمون ڪجهه مختلف آهن. ڇو ته راهوٺ انهن سڀني شهرن ۽ ڳوٺن کان تمام گهڻو قديم آهي. جنهن جو سنڌ جي ڪافي پراڻن ڪتابن ۽ تاريخن ۾ به احوال آهي. جنهن ۾ تحفة الڪرام به شامل آهي. اڄڪلهه امير ماڻهن جون شهرن ۾ ٿيندڙ شاديون اسان جي تهذيب، ثقافت ۽ ورثي کان بلڪل مختلف آهن. جن شادين تي سنڌ کان وڌيڪ يوپي، سي پي ۽ دهليءَ جي ثقافت جو رنگ چڙهيل آهي. خاص ڪري ڪنئار شاديءَ جي ڪپڙن ۾ ته صفا هندستاني ڪنئار لڳندي آهي. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ اڄ به اهي قديم رسمون ۽ رواج قائم ۽ دائم آهن.
    مون ڏٺو آهي ته شهري ۽ امير سنڌي ماڻهو اسان جي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿيندو وڃي. خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ ان جي مقابلي ۾ ٻهراڙي ۽ ان ۾ رهندڙ ماڻهو اسان جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ ٻوليءَ کي قائم رکيو اچن. ننڍيءَ ڀيڻ جي شاديءَ کان پوءِ واپس اسڪول موٽي وياسين. هڪ ڏينهن رسيس مهل ڏٺم ته ٽاور مارڪيٽ جي ڀرسان گهٽيءَ ۾ شاميانه لڳا پيا هئا. ڪنئين ڪرسيون رکيون هيون ۽ هڪ ننڍو اسٽيج به ٺهيل هو، جنهن تي لائوڊ اسپيڪر هڻي رهيا هئا. ات ماڻهن جي سُس پُس مان معلوم ٿيو ته ڪنهن بئنڪ برانچ جو افتتاح ڪرڻ لاءِ پاڪستان جو وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽو اچي رهيو آهي. هي سڀ تياريون ان لاءِ ٿي رهيون آهن. سو آئون به ڀٽي کي ڏسڻ جي شوق ۾ بئنچن تي ويهي رهيس. ڀٽي کي مون ان کان اڳ به اسان جي ڳوٺ ڀرسان ٻگهي ڍنڍ تي ايوب جي شڪار دوران ڏٺو هو. پاڻ ٺٽي ضلعي جي معزز شخصيت ۽ بابا سائين جي دوست رئيس محمد يوسف چانڊئي جي شڪار تي صدر ايوب سان گڏ آيل هو. بابا ترقي پسند سوچ جو ماڻهو هو پر محمد يوسف جي ذاتي ۽ خانداني دوستيءَ جي ڪري هڪ ٻي وٽ ايندا ويندا هئا. رئيس محمد يوسف چانڊئي وٽ جڏهن به ملڪي ۽ غيرملڪي سربراهه مملڪت شڪار يا ٻئي ڪنهن موقعي تي ايندا هئا ته رئيس محمد يوسف چانڊيو بابا سائينءَ کي ضرور دعوت ڏيندو هو ۽ آئون جي ڳوٺ هوندو هوس ته بابا مون کي اهڙين تقريبن ۾ وٺي ويندو هو. ائين هن ڀيري به بابا مون کي اُت وٺي ويو، ته مونکي ڀٽي صاحب کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو مليو. پر ان وقت سندس اهميت صرف اها هئي ته پاڻ هڪ نوجوان ۽ سهڻو سنڌي وزير هو. جيڪو سر شاهنواز ڀٽي جو پٽ هو ۽ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ جو پڙهيل لکيل نوجوان هو. هو پنهنجي شڪل شبيهه ۽ طور طريقي سان شهزادو ٿي لڳو. سندس شخصيت تمام پروقار ۽ شانائتي هئي ۽ پاڻ سڀني ماڻهن کان مختلف ٿي لڳو، ڀٽو ٻگهي ڍنڍ تي صرف شڪار ڪرڻ لاءِ آيو هو پر حيدرآباد ۾ کيس تقرير به ڪرڻي هئي، پاڻ اچڻ شرط بئنڪ جو ربن ڪٽي افتتاح ڪيائين ۽ تقرير به ڪيائين، تنهن کان پوءِ چانهه پارٽي هئي جنهن ۾ پاڻ بلڪل صاف لاڙڪاڻي لهجي ۾ ماڻهن سان ٿي ڳالهايو. کيس فل سوٽ پهريل هو. اُت مون پهريون ڀيرو سنڌ جي ٻي هڪ قابل احترام شخصيت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي به ڏٺو، مخدوم صاحب جن به ڏاڍي سهڻي شخصيت جا مالڪ هئا.
    ٽيون ڀيرو مون ڀٽي صاحب کي اسان جي مسلم ڪاليج جي نئين بلڊنگ جي افتتاح ڪرڻ وقت ڏٺو، تڏهن به فل سوٽ پهريل هوس ۽ سندس شرٽ جو آخري ٻيڙو کليل هو. جنهن ڪري سندس نيڪ ٽاءِ هيٺ ٿي لڳي پوءِ مون کي خبر پئي ته اها سندس عادت هئي. اسان جي ڪاليج جي پرنسپال نظاماڻي صاحب انگريزيءَ ۾سپاسنامو پڙهيو ۽ ڀٽي صاحب به انگريزيءَ ۾ تقرر ڪئي ۽ ان وقت پاڻ صرف انگريزيءَ ۾ تقرير ڪندو هو ۽ تمام گهڻو پوءِ پاڻ سنڌي ۽ اردوءَ ۾ تقرير ڪرڻ شروع ڪيائين پر سنڌي تمام صحيح ڳالهائيندو هو شايد ان جو سبب گهر ۾ سنڌي ڳالهائڻ هجي.
    برصغير ۾ ڀٽي خاندان ۽ نهرو خاندان پنهنجي حيثيت پاڻ مڃرائي آهي ۽ دنيا آڏو اهو ثابت ڪيو آهي ته سندن هٿ عوام جي نبض تي آهي ۽ عوام جو هڪ تمام وڏو حصو ساڻن گڏ آهي. پاڪستان جو واحد ڀٽو ئي ليڊر آهي جنهن تي ملڪي ۽ غيرملڪي صحافين، ليکڪن ۽ سياستدانن گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي. غيرملڪي ليکڪن ۾ڀٽي تي لکندڙن ۾ ٻين سان گڏ اٽلين صحافڻ اوريانا فلاسي به آهي جنهن هڪ جڳهه اهو لکيو آهي ته جڏهن مون آمريڪا جي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کان انٽرويو ورتو ته پاڻ مون کان هڪ سوال ڪيائين ته تو سڄي دنيا جي مکيه ماڻهن جا انٽرويو ورتا آهن انهن سڀني ليڊرن مان توکي وڌيڪ ذهين ڪير لڳو؟ اوريانا فلاسي چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو، جنهن تي ڊاڪٽر ڪسنجر چيو واقعي ڀٽو دنيا جو ذهين ترين ليڊر آهي.
    چون ٿا ته، جڏهن ڀٽو وزير خارجه هو ته آمريڪا جي دوري دوران تنهن وقت جي صدر ڪئينڊي کائنس متاثر ٿي کيس چيو ته تون جيڪڏهن آمريڪي شهري هجين ها ته آئون توکي پنهنجو وزير خارجه ڪريان ها. جنهن تي ڀٽي کيس پر اعتماد انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن آئون آمريڪا جو شهري هجان ها ته اڄ آمريڪا جو صدر تون نه پر آئون هجان ها ۽ توکي وزير خارجه طور کڻان ها. جنهن تي ڪئينڊي ڏاڍو کليو. اسان جي ڪاليج جي افتتاح کان پوءِ ڀٽي صاحب لاءِ چانهه پارٽيءَ جو بندوبست ڪيل هو. اتي پاڻ اڌ ڪلاڪ شاگردن سان ڳالهايو ۽ اسان کي آڪسفورڊ جو هڪ واقعو ٻڌايائين ته هتي ڇوڪرا فرسٽ ڪلاس ۽ سٺن گريڊن لاءِ گهڻو ٿا سوچين پر انگلينڊ ۾ ائين ڪونهي. پاڻ ٻڌايائين ته هڪ ڇوڪرو ٽيچر وٽ ويو ۽ چيو ته مون کي گڊ گريڊ ملڻ کپندو هو پر نه مليو آهي. جنهن تي پروفيسر سواءِ ڪنهن بحث جي کيس گريڊ وڌائي ڏنو. ٻيو اسان کي چيائين ته پاڻ وٽ امتحان ٻه ٽي ڀيرا ملتوي ٿيندا آهن، جنهن ڪري سڄو تدريسي عمل پٺيان پئجي وڃي ٿو. جڏهن ته انگلينڊ ۾ سالن کان هڪ ئي تاريخ تي امتحان ٿيندا آهن ۽ اڄ به ان تاريخ تي ٿين ٿا. ان وقت ڀٽو دنيا جو هڪ مڃيل رهنما ڪونه هو پر هڪ فوجي ڊڪٽيٽر جي ڪابينا جو رڪن هو پر پوءِ به سندس سوچ ترقي پسند هئي. سندس شخصيت پرڪشش ۽ ڳالهائڻ جو انداز متاثر ڪن هو. جهڙو هو سهڻو، تهڙائي کيس ڪپڙا سٺا پاتل هئا. پاڻ ڪجهه وقت اسان سان گذاريائين، پر سڀني شاگردن تي هڪ تاثر ڇڏي ويو، وري آئون کيس سندس وزارت دوران محمد يوسف چانڊئي جي بنگلي تي لاڏين ۾ مليس جتي پاڻ شايد شهنشاهه ايران سان گڏ شڪار تي آيل هو، پوءِ جيسين وزارت تان لٿو تيسين ساڻس ڪٿي به ملڻ ياد ڪونه ٿو اچي. پاڻ جنرل ايوب جي حڪومت ۾ رهندي به پنهنجي سوچ ۽ دورانديشيءَ جي ڪري پاڪستان کي روس ۽ چين جي گهڻو ويجهو آندو، جنهن جي نتيجي ۾ چين سان ڪيترائي تجارتي معاهدا ڪيا ۽ روس سان پاڪستان ۾ تيل جي ڳولا ۽ اسٽيل مل ٺهڻ جو واپاري ٺاهه ڪرايو.
    1965ع ۾ جڏهن پاڪستان ۽ هندستان جي جنگ لڳي ته ان وقت پاڪستان ۾ آمريڪا جو فوجي اڏو پشاور ويجهو بڊابير ۾ هو ۽ آمريڪا جو پاڪستان ۾ گهڻو اثر هو، پر تنهن هوندي به پاڪستان پنهنجي خارجه پاليسيءَ جي ڪري (جنهن جو ڀٽو وزير هو) هندستان سان جنگ بنديءَ جو ٺاهه سوويت يونين ۾ تاشقند ۾ ڪيو. قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب شهاب نامه ۾ لکيو ته: تاشقند ۾ سربراهيءَ اجلاس هلندي جنرل ايوب ۽ ڀٽي ۾ تلخ ڪلامي ٿي. اهوئي سبب هو جو تاشقند کان پوءِ ڀٽو ۽ ايوب گڏ هلي نه سگهيا ۽ ڀٽي پوءِ جلد ئي ايوب جي ڪابينا کان استعيفا ڏيئي ڇڏي ۽ ايوب جي خلاف ايتري ته ڀرپور تحريڪ هلائي جو مجبوراً ايوب کي اقتدار ڇڏڻو پيو. ان دؤر ۾ ايوب ڪتا هاءِ هاءِ! اهڙو ته نعرو هليو جو جهانداد خان پنهنجي آتم ڪهاڻيءَ ۾ لکيو آهي ته عمر جي آخري حصي ۾ ايوب خان اسلام آباد ۾ شاگردن کي ڏسي خودبخود ايوب ڪتا هاءِ هاءِ جا نعرا هڻندو هو. پاڪستان ۾ اڃا تائين ايتري وڏي تحريڪ نه هلي آهي جيڪا ايوب کي هٽائڻ لاءِ هلائي وئي. ڀٽي صاحب استعيفا ڏيئي جڏهن ايوب خلاف سڄي ملڪ ۾ تحريڪ هلائي ته ان وقت اسان يعني نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارن جنهن جو صدر يوسف لغاري نائب، صدر آئون ۽ جنرل سيڪريٽري ڄام ساقي هئا تن 70 ڪلفٽن ۾ ساڻس ملي کيس حيدرآباد ۾ شاگردن کي خطاب ڪرڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائين. اهو ڇاهٺ جو سال هو ۽ منهنجي عمر 21 سال هئي. ڀٽي صاحب سان ملاقات ته اڳ ڪيترا دفعا ٿيل هئي. پر 70 ڪلفٽن ڏسڻ جو پهريون موقعو هو. جتي پاڻ اسان کي پنهنجي لائبريري ڏيکاريائين. جيڪا شايد منهنجي هينئر جي لائبريري جيتري هئي. پاڻ مقرر تاريخ تي حيدرآباد آيو ۽ ريلوي اسٽيشن تي اسان سندس شاندار استقبال ڪيو. اسان جو جلسو شام جو جامعه عربيه ڪاليج جي پٺيان، جتي هينئر نذرت ڪاليج جي بلڊنگ آهي. اتي تنهن وقت وڏو ميدان هو. اتي پاڻ انگريزيءَ ۾ شاگردن کي خطاب ڪيائين ۽ گهڻو ڪري فارين افيئرس تي ڳالهايو. ان دؤري دؤران انسٽيٽوٽ آف انٽرنيشنل افيئرس وارن کيس اندس هوٽل ۾ آجياڻو ڏنو. ان تحريڪ دؤران مير رسول بخش ٽالپر ۽ ٻين ڪيترن حيدرآباد جي سياسي اڳواڻن سندس دعوتون ڪيون. هڪ دفعي پاڻ مير رسول بخش جي بنگلي تي رهيل هو ته آئون ڄام ساقي ۽ ڪجهه ٻيا دوست ساڻس اتي ملڻ وياسين. ايترا ڀيرا ملڻ ڪري مون کي چڱي طرح سڃاتائين ٿي ۽ مون کي ايتري ننڍي عمر ۾ ايترو سرگرم هجڻ جي خوشي ٿي، پر بابا سائين جو سائين جي ايم سيد سان گهڻو واسطو هو، سو جيئن جيئن سياسي عمل وڌندو ويو، تيئن اسان پيپلزپارٽيءَ کان پري ۽ متحده محاذ کي ويجها ٿيندا وياسين. پر ڀٽي جي جلسن ۾ وڃڻ ۽ کيس ٻڌڻ جو سلسلو جاري رهيو. شهيد ڀٽي جي انهيءَ سياسي طوفان ۾ ايوب استعيفا ڏئي اقتدار وري ٻي فوجيءَ حوالي ڪري ملڪ کي هڪڙي نئين بحران ۾ وجهي هليو ويو ۽ نئين صدر يحيٰ خان ايوب کي اسلام آباد ۾ رهڻ ڪونه ڏنو ۽ کيس پنهنجي اباڻي ڳوٺ ۾ نظربند ڪري رکيو. يحيٰ خان پاڪستان جي تاريخ ۾ واحد غيرجانبدار اليڪشن ڪرائي ۽ ون يونٽ کي ختم ڪيو، پر مستقل اقتدار جي حاصلات لاءِ ملڪ کي ٻه ٽڪرا ڪري ڇڏيو. حالتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت نه هجڻ ڪري استعيفا ڏئي ملڪ جي اقتدار جون واڳون ان وقت جي قومي اسيمبليءَ ۾ اڪثريتي پارٽيءَ جي حوالي ڪري پاڻ وڃي نظربند ٿيو. ان وقت خزاني جي حالت بابت عبدالحفيظ پيرزادي ڪي ٽي اين کي پنهنجي انٽرويو ۾ ٻڌايو ته جڏهن اقتدار ڀٽي حوالي ڪيو ويو ته ملڪي خزاني ۾ هڪ ڪروڙ ڊالر موجود هئا. ان سان حڪومت جو ڪاروهنوار ڪئين هلائجي. پوءِ ڀٽي صاحب مون کي يعني عبدالحفيظ پيرزادي کي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئيءَ کي ڪرنل قذافي، شهنشاهه ايران، شاهه فيصل ۽ شيخ زيد ڏانهن موڪليو ته اسان جي مدد ڪريو، جن ان وقت جي حڪومت جي خاطر خواهه مدد ڪئي ۽ ملڪ جوگاڏو هلڻ لائق ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي شهيد صدارت جي حلف کڻڻ جي ڪجهه ئي عرصي ۾ بين القوامي سامراجي ادارن کان عليحدگي اختيار ڪئي. جنهن ۾ دولت مشترڪه، سيٽو ۽ سينٽو جهڙا ادار شامل آهن. پاڻ ڪيترن ملڪن جو دورو ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي هندستان کان جنگ هارايل ملڪ هڪ مضبوط ۽ مستحڪم ملڪ ٿي پيو ۽ ان جو ئي سبب هيو جو پاڻ جڏهن هندستان سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيو هو ته سڄي قومي اسميبليءَ کيس اعتماد جو ووٽ ڏنو ۽ پاڻ وڏي اعتماد سان هندستان سان شملا ٺاهه ڪري پاڪستان جا علائقا ۽ جنگي قيدي بنا ڪيس هلڻ جي ۽ بنا ڪجهه وڃائجڻ جي واپس ورتا.


    11

    مون کي هندستان جي ٽوئر دوران هڪ ٽوئر گائيڊ ٻڌايو ته جڏهن شملا ۾ ڳالهيون هلي رهيون هيون ۽ ڳالهين مان اهو تاثر ملڻ لڳو ته شايد ڳالهيون ناڪام ٿي وڃن ته پاڻ اندرا گانڌيءَ کي فون ڪري چيائين ته تون اجنتا ۽ الورا جي ثقافت جي وارث آهين ۽ مان موهن جي دڙي جي تهذيب جو وارث آهيان ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون يا اسان ڪنهن چڱي نتيجي تي نه پهتاسين ته اسان جا ايندڙ نسل اسان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندا. ڀارت جا سياسي تجزيه نگار اڄ به جڏهن ٽي وي تي ان ٺاهه جو ذڪر ڪندا آهن ته هي چوندا آهن ته ڀٽو اندراگانڌيءَ کان هر ڳالهه بنا ڪجهه ڏيڻ جي مڃرائي ويو. جيتوڻيڪ حالات اهڙا هئا جو اندرا گانڌي پنهنجي هر ڳالهه مڃرائي پوءِ ڀٽي جون ڳالهيون مڃي ها. پر حقيقت اها آهي ته عظيم تهذيبن جا وارث وڏا ۽ ڏکيا فيصلا ڪندا آهن. ڀٽي حڪومت جون واڳون وٺڻ شرط بئنڪون، انشورنس ڪمپنيون، شپنگ ڪمپنيون ۽ وڏا ادارا سرمائيدارن کان کسي حڪومت حوالي ڪيا. اهڙوئي قدم جڏهن چين ۾ کنيو ويو ته ان سان غربت جي چيلهه چٻي ٿي، پر اسان وٽ هميشه کان غريبن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جو رواج آهي. ڀٽي کان پوءِ حڪومتن ان کي هڪ انتهائي غلط قدم قرار ڏنو ۽ سواءِ نواز شريف جي اتفاق فائونڊري جي ٻيون سڀ صنعتون ۽ ادارا اصل مالڪن کي نه پر ٻين نون ماڻهن کي وڪرو ڪيا ويا ته جيئن ڪجهه پئسا حڪومت سان گڏ حڪومتي ڪارندا به ڪمائي سگهن ۽ نجڪاري نالي ۾ اهو ڪم اڄ به جاري آهي. جيڪڏهن ڀٽي صاحب جو اهو قدم ايترو ئي غلط هو ته اهڙي قدم سان چين ترقي ڇو ڪئي ۽ صفا جيڪڏهن نه ته به اهي ڪارخانا پنهنجي اصل مالڪن کي ته واپس ٿيڻ کپن ها نه ڪي ڪنهن ٻي کي. ايوب خان جيڪو لينڊ رفارمس جو پروگرام شروع ڪيو هو. تنهن ۾ عام خلق کي ڪو فائدو ڪونه ٿيو پوءِ شهيد ڀٽي پنهنجي اقتدار جي دؤر ۾ اثرائتي نموني سان لينڊ رفارمس آندا جنهن سان غريب مارو ماڻهن مسڪينن ۽ هارين کي وڏو فائدو ٿيو. جنهن ۾ ”Pre- emption“ خاص قابل ذڪر هو. ضياءَ پنهنجي اقتدار دؤران ان کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ ان کي ختم ڪرڻ واري آرڊر ۾ ڄاڻايو ته اهو اسلام جي روح جي منافي آهي. ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ پاڪستان ۾ سڀني اسلامي ملڪن جي سربراهن جي ڪانفرنس لاهور ۾ ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سڄي اسلامي دنيا جا سربراهه گڏ ٿيا. انهن سڀني اڳواڻن متفقه طورتي ڀٽي کي (O I C) جو سربراهه چونڊيو ۽ اهوئي وقت هو جڏهن وڏي عرصي کان پوءِ سڄي اسلامي دنيا هڪ آواز ٿي گڏ ٿي. اهڙو وقت به آيو جڏهن سڀني عرب ملڪن آمريڪا کي تيل بند ڪري ڇڏيو ۽ جيسين تقريباً قيمتون ٻيڻيون نه ٿيون تيسين تيل جي ترسيل بند رکي. ڀٽي شهيد پنهنجي ذاتي اثر رسوخ ۽ حڪمت عمليءَ سان فرانس سان ٻن ائٽمي ريئڪٽرن جو سودو ڪيو. جنهن مان هڪ ريئڪٽر پاڪستان آيو پر ٻيو ڀٽي جي حڪومت ختم ٿيڻ جي ڪري فرانس حڪومت اهو سودو ئي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي ايٽمي فيلڊ ۾ ايتري ترقيءَ کي ڏسندي آمريڪا ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي پاڪستان موڪليو ته ڀٽي کي سمجهائي ته پنهنجي ايٽمي پروگرام تان هت کڻي نه ته اسان تنهنجو بُرو انجام ڪنداسين. پر پاڻ ايٽمي پروگرام جاري رکڻ جي ڳالهه ڪيائين ۽ ان کي ختم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. نيٺ آمريڪا پنهنجي ڏوڪڙن سان اهڙا حالات پيدا ڪيا جو ملڪ ۾ افراتفري پيدا ٿي ۽ ان لاءِ ڀٽي پاڻ قومي اسيمبليءَ ۾ چيو ته منهنجي خلاف هيءَ ڪا ديسي سازش ڪانهي پر هيءَ هڪ بين الاقوامي سازش آهي. نيٺ حڪومت کسي جنرل ضياءَ حوالي ڪئي وئي. ڀٽي کي شهيد ڪيو ويو ان ڪيس جي هڪ جج جسٽس صفدر شاهه بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اهو قتل جو مقدمو نه پر مقدمي جو قتل آهي. P P C جي سڄي تاريخ ۾ اهو صرف هڪڙو ڪيس آهي، جنهن ۾ ججن جي ايتري مختلف راءِ هجڻ باوجود چيف جسٽس پنهنجي راءِ ڏئي ڀٽي کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو. FIR ۾ ڄاڻايل آهي ته ذوالفقار علي ڀٽي سندس سياسي مخالف احمد رضا قصوري خلاف هڪ سازش ڪري کيس مارائڻ جي ڪوشس ڪئي ۽ گولي ان کي لڳڻ بدران ان جي پيءُ کي لڳي جنهن جي خلاف ته ڪا سازش ئي ڪانه هئي ۽ جنهن خلاف سازش ٿي اهو اڄ به زنده آهي. مسئلو هو آمريڪا جي حڪم جي تعميل ڪرڻ جو ۽ آڻ مڃڻ جو پر ڀٽي شهادت قبول ڪئي، آڻ ڪانه مڃي بقول شيخ اياز،
    آڻ مڃين ها عيش ڪرين ها،
    هيئن جوانيءَ ۾ نه مرين ها.
    جواب: تون ڇا به چوين مان مرڻو ناهيان
    ويس بدل سان ورڻو آهيان
    تنهنجي منهنجي جنگ ازل کان
    جاري آهي جاري رهندي.
    ۽ واقعي ڀٽي جي شهادت کي اڄ اٺاويهه سال ٿيا آهن پر جيئي ڀٽو جو نعرو اڄ به سڄي پاڪستان ۾ ائين گونجي ٿو جيئن سندس حياتيءَ ۾ گونجندو هو. پاڻ ويس بدل سان ٻئي روپ ۾ به انهن طاقتن جي خلاف وڙهي رهيو آهي. جيڪي هن ملڪ تي حڪومت جو اڪيلو حق جتائين ٿيون. جنهن نسل نه ڀٽي کي ڏٺو نه ٻڌو، اهو نسل به اڄ جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي ٿو. ان جو ڪو ٻيو سبب ڪونهي سواءِ ان جي ته نئون نسل به ان حقيقت کان واقف آهي ته عام غريب ماڻهوءَ جي زبان ذوالفقار علي ڀٽو جي وات ۾ هئي. پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي بيان جي آخر ۾ چيو هئائين ته:
    اب آ پ مجھے بڑےشوق سے پھانسی پر چڑھا سکتے ہیں۔
    ۽ جنهن تي فيض چيو ته:
    لاو تہ قتل نامہ میرا میں بھی دیکھوں
    کس کس کی مہر ہے سر محظر لگی ہوئی
    دنيا جي تاريخ ۾ اهڙين قربانين جا گهٽ مثال ملن ٿا، جنهن ۾ پاڻ شهيد ٿئي ۽ سندس ٻه پٽ پنهنجي جوانيءَ ۾ شهيد ٿين، هڪ نياڻيءَ کي طويل جلاوطني کان پوءِ ڏاڍي بيدردي سان قتل ڪيو وڃي ۽ جيڪا جلاوطن هجي صرف ان ڏوهه ۾ ته خدارا عوام ۽ عوام جي سچن پچن نمائندن کي اقتدار ڏنو وڃي. الله ڪري شل ته ڀٽي خاندان سميت ٻين سڀني شهيدن جون قربانيون رنگ لائين ۽ خلق خدا جو راڄ اچي.
    شہیدوں کے مزاروں پہ لگیں گے ہر برس میلے
    وطن پہ مٹنے والوں کا یہی انجام ہوتا ہے
    جنرل ضياءَ ڀٽي جي حڪومت کي ختم ڪري کيس گرفتار ڪري مٿس خون جو ڪيس هلايو. پهرين پاڻ لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو پوءِ کيس راولپنڊيءَ جي سينٽرل جيل ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلائڻ لاءِ آندو ويو. جتي ڪرنل رفيع الدين ڀٽي مٿان ملٽري سيڪيورٽي آفيسر مقرر هو جنهن ضياءُ جي موت کان پوءِ انهيءَ سڄي احوال تي مشتمل هڪ ڪتاب ۾ ”ڀٽو جا آخري 323 ڏينهن“ نالي ڪتاب لکيو. جنهن ۾ هُن ڪنئين دلچسپ واقعا بيان ڪيا آهن، جيڪي پڙهڻ گهرجن. ڪتاب لکڻ دوران ڪرنل رفيع ڪرنلي ته وساري ڇڏي پر پنهنجي پنجابي ذهنيت ڪانه وساري آهي. ڀٽو شهيد جڏهن سنڌ جي ڳالهه ڪندو هو ته کيس ڪانه وڻندي هئي. بهرحال پاڻ ڪتاب ۾ ڪنئين دلچسپ ۽ دردناڪ ڳالهيون لکيون آهن، جن ۾ ڀٽي جي پسند جا کاڌا، ڪپڙا ۽ پرفيوم سان گڏ اهو به لکيائين ته ڀٽي کي ڦاسي چاڙهڻ وارن آخري ڏينهن ۾ جڏهن سندس استعمال ‎۾ اچڻ وارو سڀ سامان کسي ورتائون، وٽس صرف هڪ وڳو ڪپڙن جو هو، جيڪو ٽوال ٻڌي پاڻ ڌوئارئين پي جيڪو سندس اردليءَ کيس ڌوئي ڏنو. اردليءَ کيس ٻڌايو ته حفيظ پيرزادو ساڻس ملڻ آيو آهي پوءِ پاڻ تڙ تڪڙ ۾ اڌ سُڪل ڪپڙا استري ڪرائي وڃي پيرزادي سان مليو. ڦاسيءَ کان ڏهه ڏينهن اڳ پاڻ بک هڙتال تي هو ۽ پاڻ ڪجهه به ڪونه کاڌو هئائين. پر ڦاسيءَ جو آرڊر جيل سپرنٽينڊنٽ کان ٻڌڻ کان پوءِ پاڻ ڏاڍي اطمينان سان سمهي پيو ۽ جيل اسٽاف کي اچي ڊپ لڳو ته هي ڇا ٿي ويو. سو سُتي ٽي دفعا سندس بلڊپريشر ۽ نبض چيڪ ڪيائون. جيڪي بلڪل معمول مطابق هئا ۽ ائين موهن جي دڙي جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ انسان پنجاب ۾ ڦاسي گهاٽ اندر اسان سڀني سنڌين جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو.
    ڪرنل رفيع پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته مون کي مٿان اهو به حڪم مليو هو ته ڀٽي خلاف شاهدي ڏيندڙ شاهدن کي اهو دلاسو ڏيندا رهو ته توهان ڀٽي خلاف ٺوڪي شاهدي ڏيو. توهان کي آخر ۾ آزاد ڪيو ويندو ۽ پاڻ آخر ۾ اهو به لکيو آهي ته اسان کي فوجي حڪمرانن کان حڪم مليو هو ته جي سپريم ڪورٽ به ڀٽي کي آزاد ڪري ڇڏي پر توهان کي کيس آزاد ڪرڻو نه آهي.
    ڪرنل رفيع پنهنجي سؤ صفحن جي هن ننڍڙي ڪتاب جي آخر ۾ ڏاڍو دلچسپ انڪشاف ڪيو ته اسان کي ضياءُالحق جو حڪم مليو ته ڦاسيءَ کان پوءِ ڀٽي جي مرداني عضوي جا فوٽا ۽ فلمون ڪڍي مون کي موڪليو ڇو ته سندس مرداڻو عضوو ڏسڻ چاهي ٿو. (صفحو 93 سٽ نمبر ست)
    ”ولادت سے شہادت تک“ ڪتاب جو ليکڪ سجاد بخاري پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته اهو ڪرنل رفيع ئي هو جنهن خالي پنن تي صحيح ڪرائڻ لاءِ شهيد ڀٽي تي تشدد ڪيو هو جنهن سبب سندس وفات ٿي هئي.
    بينظير پنهنجي ڪتاب (Daughter of The East) ۾ لکي ٿي ته، ”بابا کي اهو يقين هو ته گرفتاري وقت تر برابر به ملٽريءَ کي موقعو ڏنو ته هو شيخ مجيب الرحمان وانگر پاڻ سڀني کي قتل ڪري ڇڏيندا، تنهن ڪري هنن کي اهڙو ڪوبه موقعو نه ڏنو وڃي.“ بينظير ان ڪتاب ۾ ٻي هنڌ لکيو آهي ته هڪ دفعو مون کي ڪئپٽن افتخار چماٽ هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻيو ڀيرو مون کي فرش تان گهلي گاڏيءَ ۾ چاڙهيو ويو، جنهن ڪري منهنجا ڪپڙا ڦاٽي پيا ۽ ٽنگن تي رهنڊون پئجي ويون.
    پوءِ ان ساڳئي بينظير بابت آمريڪي صدر بل ڪلنٽن جي زال هيلري ڪلنٽن پنهنجي آتم ڪٿا ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن آئون ۽ چيلسي لنڊن م هيونسين ته لنڊن جي انٽر هوٽل جي اڳيان ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون هيون. مون کي خبر پئي ته پاڪستان جي وزيراعظم بينظير ڀٽو انهيءَ هوٽل ۾ رهيل آهي ۽ ماڻهو ان جي هڪ جهلڪ ڏسڻ لاءِ اتي اچي گڏ ٿيا آهن ۽ آئون به ان کي ڏسڻ لاءِ لائين ۾ بيهي رهيس. پوءِ ٿوريءَ دير ۾ بينظير ان هوٽل مان نڪتي ته مون به لائين ۾ بيهي انتظار ڪري کيس ڏٺو ۽ دنيا جي هيءَ واحد ليڊر هئي جنهن کي مون لائين ۾ بيهي سندس ديدار ڪيو مون ۽ منهنجيءَ ڌيءَ چيلسيءَ کيس تمام ويجهڙائي کان ڏٺو، جڏهن هوءَ ليموزين ڪار مان لٿي تڏهن هوءَ ڏاڍي پروقار ۽ شان سان قدم کڻندي هوٽل لابي ۾ پهتي بينظِر کي ان وقت هيڊي رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا جن ۾ هوءَ ڏاڍي سمارٽ لڳي رهي هئي. (زنده تاريخ- هيلري ڪلنٽن صفحو 122)
    مسلم ليگ نواز جي رهنما جاويد هاشميءَ پنهنجي ڪتاب ”ہاں میں باغی ہوں“ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته آئون مڪي شريف ۾ هوس ۽ دل ۾ اها تمنا هُيَم ته ڪعبي شريف کي اندران ڏسان پر مون دل ۾ سوچيو ته اهو ناممڪن آهي. ايتري ۾ وزير مذهبي امور نواب افتخار انصاريءَ مون کي هوٽل تي فون ڪري چيو ته جلدي حرم شريف پهچ ڪعبي شريف جو دروازو کلڻ وارو آهي ۽ آئون جلدي جلدي ڪعبي شريف پهتس، مون سان گڏ منهنجو سؤٽ ارشاد علي ۽ روزانا وفاق جو ايڊيٽر مصطفيٰ صادق به گڏ هئا. اسان جڏهن ڪعبة الله اندر داخل ٿياسين ته مصطفيٰ صادق مون کي هڪ جڳهه ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته حضور ﷺ جن هن جڳهه تي نماز پڙهندا هئا. مصطفيٰ صادق ٻڌايو ڀٽو شهيد لاءِ جڏهن ڪعبي شريف جا دروازا کوليا ۽ کيس ٻڌايو ويو ته حضور صه جن هت نماز پڙهندا هئا ته پاڻ يڪدم جواب ڏنائين ته جت نبي ڪريم صه جن جا پير مبارڪ لڳا هوندا انهيءَ جڳهه تي منهنجي ڇا مجال آهي جو پير رکان. جاويد هاشمي چوي ٿو ته جڏهن مون اهو ٻڌو ته پوءِ منهنجي دل ۾ ڀٽو لاءِ جيڪو بغض هو اهو مون هميشه لاءِ دل مان ڌوئي ڇڏيو.
    تازو ڀٽي ڪيس ۾ ڀٽي کي سزا ڏيڻ واري هڪ جج نسيم حسين شاهه هڪ ٽيليويزن پروگرام ۾ کلي عام چيو ته ڀٽي تي ڪيس هلائڻ مهل مون سميت اسان سڀني ججن ضياءُ جي سخت دٻاءَ هيٺ اهو فيصلو ڏنو هو. اهو هو ضياءَ جي مرڻ کانپوءِ انهيءَ بينچ جي هڪ جج جو تاثر.
    ڀٽي جي شهادت وقت هيٺين پنهنجو پنهنجو رول ادا ڪيو.
    1- آءِ جي جيل چوڌري نظير اختر
    2- جيل سپرنٽينڊنٽ چوڌري يار محمد
    3- آرمي سيڪيورٽي سپرنٽنڊنٽ ڪرنل رفيع الدين
    4- جيل جو ڊاڪٽر ڊاڪٽر اصغر علي شاهه
    5- اسسٽنٽ جيل سپرنٽنڊنٽ مجيد قريشي
    6- مئجسٽريٽ بشير احمد خان
    7- جلاد تارا مسيح هئا.
    شهادت کان پوءِ کيس تڙ اتي جيل ۾ ئي مولوي محمد حيات نالي هڪ شخص ڏنو. ان وقت کيس بلو رنگ جا ڪپڙا پاتل هئا. مولوي محمد حيات چئي ٿو ته ڀٽو جو تابوب جيل جي مين گيٽ مان نه پر پُٺئين ڀت ڀڃي ان مان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. بي بي سيءَ جي نمائندي مارڪ ٽيليءَ جي چوڻ موجب سندس وات مان نڪتل آخري لفظ هي هئا.
    ”ياالله منهنجي مدد ڪر، آئون بيگناهه آهيان“
    شهيد ڀٽي جي دفنائڻ جو سڄو ڪم سندن خانداني ڪمدار نظر محمد ڪيو. بينظير پنهنجي ڪتاب (”Daughter of The East“ جي صفحي 35 ۾ لائين نمبر نوَ کان سترهن) تي هڪ عجيب انڪشاف ڪندي لکيو آهي ته چاچا ممتاز ڀٽي مون سان سهالا ريسٽ هائوس مان فون تي تعزيت ڪندي چيو ته توهان ڀٽي شهيد جو لاش قبر مان ڪڍائي ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ان سان پاڻ کي تمام گهڻو سياسي فائدو رسندو، سياسي فائدو؟
    ان سان شهيد جيئرو ته ڪونه ٿي پوندو. هن کي شهادت کان اڳ به موت جي ڪوٺڙي ۾ آرام ڪرڻ ڪونه ڏنو ويو هو هاڻ کيس آرام ڪرڻ ڏيو. مون کيس جواب ڏنو. ڀٽو پاڪستان جو اهو واحد سياسي ليڊر هو، جنهن تي پاڪستان ۽ سڄي دنيا ۾ ڪتاب ۽ مضمون لکيا ويا جن ۾ مکيه ڪتاب هي آهن.
    1- ‘Zulfi Bhutto of Pakistan’ By: Stanely wolpert
    2- ‘Bhutto Trial and Fxcution’ By: Victoria
    3- ‘Zulfi my Friend’ By: Peelu Modi
    4- ديده ور کوثر نيازی
    5- ذوالفقار علی بھٹو بچپن سے تخت دار تک سلمان تاثير
    6- بھٹو کی سیاسی پیش گوئیاں حامد مير
    7- مرده بھٹو زنده بھٹو ستار طاهر
    8- پرائم منسٹر ہائوس میں بھٹو کی آخری رات ادیب جادوانی
    9- بھٹو کے آخری 323 دن کرنل رفيع الدین
    10- بھٹو صاحب ضياء ساجد
    11- ميرا لہو فرخ سہیل گوئندی
    12- کال کوٹھڑی سے بھٹو کی آخری تحریر رشيد بھٹ
    13- جدوجہد کے پچیس سال منير احمد
    ان کان سواءِ ٻيا ڪئين ننڍا وڏا ڪتاب شهيد جي زندگيءَ تي لکيا ويا، ڀٽي پاڻ به ست ڪتاب لکيا هئا:
    1- مٿ آف انڊپينڊس
    2- پوليٽيڪل سچوئيشن اِن پاڪستان
    3- دي گريٽ ٽريجدي
    4- تیسری دنیا اتحاد کا تقاضا
    5- اگر مجھے قتل کیا گیا
    6- بينظير ڏانهن سندس لکيل خط
    شهيد ڀٽي تي ٺهندڙ مقبرو آئون سمجهان ٿو ته جڏهن ٺهي تيار ٿيندو ته پاڪستان ۾ مزار قائداعظم کان پوءِ وڏي ۾ وڏو مقبرو هوندو.
    بئنڪ جي افتتاح وقت ڀٽي روايتي قسم جي تقرير به ڪئي پر سندس انداز ۽ انگريزي ڏاڍا وڻندڙ هئا. آخر ته پاڻ هارورڊ ۽ آڪسفورڊ جو پڙهيل هو، هي فنڪشن ڏسي آئون پنهنجا ٻه پيرڊ مِس ڪري اسڪول بجاءِ سڌو هاسٽل ڏانهن هليو ويس.
    هينئر مئٽرڪ تائين ڪُل ڏهه ڪلاس آهن، پر انهيءَ دؤر ۾ ست سنڌي پوءِ فائنل جو امتحان، فائنل پاس کي ماستري تپيداري ۽ اهڙي قسم جون ٻيون هيٺين گريڊ جون نوڪريون ملي وينديون هيون. ماڻهو ڳوٺ جو ڳوٺ ۾ پڙهي سرڪاري نوڪريءَ سان لڳي ويندا هئا ۽ جن کي ستين سنڌيءَ کان پوءِ وڌيڪ انگريزي پڙهڻ جو شوق هوندو هو يا جيڪي شهرن جي پڙهائي جو خرچ برداشت ڪري سگهندا هئا اهي ٻار وڌيڪ پڙهائي لاءِ وڏن شهرن ڏانهن هليا ويندا هئا. ڇو ته ان زماني ۾ فقط وڏن شهرن ۾ ئي هاءِ اسڪول هوندا هئا. ڪن ڳوٺن ۾ ستن سنڌي درجن سان گڏ ٽي درجا انگريزيءَ جا به پڙهايا ويندا هئا ۽ پوءِ چوٿين انگريزي درجي ۾ وڃي هاءِ اسڪول ۾ داخلا وٺبي هئي ۽ وري انگريزيءَ جا به ست درجا هوندا هئا. هاءِ اسڪول ۾چوٿون، پنجون، ڇهون ۽ ستون انگريزي درجا پڙهي پوءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺبي هئي. يعني اڄ مئٽرڪ تائين ڏهه سال ٿا لڳن ۽ انهيءَ وقت مئٽرڪ تائين يارهن سال لڳندا هئا.
    آئون چوٿون درجو مين اسڪول ۾ پڙهيس، پنجون درجو ريشمي گليءَ واري نورمحمد هاءِ اسڪول برانچ ۾ پڙهيس وري ڇهون ۽ ستون درجو مين اسڪول ۾ پڙهيس، ڇهون درجو پاس ڪري جڏهن ستين درجي ۾ آياسين ته اسان کي ڏاڍي محنت ڪرڻي پيئي ڇو ته ان وقت ۾ اڃان سيڪنڊري بورڊ مئٽرڪ جو امتحان ڪونه وٺندو هو. پر سنڌ يونيورسٽي ئي مئٽرڪ جو امتحان وٺندي هئي. جنهن جو مئٽرڪ جو ڪورس اڃان تائين بمبئي يونيورسٽي وارو هو. سڀ سبجيڪٽ اهي هئا جيڪي بمبئي يونيورسٽي جي لاءِ مئٽرڪ ۾ مقرر ڪيل هئا. اهي سبجيڪٽ هن ريت هئا.

    Compulsory
    group compulsory Alternati
    group Optional Subject
    English Sindhi or Urdu Arithmetic B
    Algebra Geometry physics and chamistry A
    Persian or Arabic History Geography

    يعني آرٽس گروپ ۾ به ارٿ ميٽڪ ڪمپلسري سبجيڪٽ هو ۽ حسابن سان منهنجي پئي ئي ڪانه. ان وقت نه ڪاپي ٿيندي هئي نه ئي وري بورڊ ۾ ڏنو پٽ ڇٽو وارو حساب هلندو هو. مئٽرڪ جو امتحان ٿيو سڀني سبجيڪٽن ۾ پاس ٿيس سواءِ ارٿميٽڪ جي. بابا کي خبر هئي ته آئون ارٿميٽڪ ۾ ڪمزور آهيان پر اها خبر ڪانه هئس ته حسابن ۾ ڪو آئون اهڙو جڏو آهيان، جو امتحان به پاس ڪري ڪونه سگهندس.
    سو منهنجي فيل ٿيڻ ڪري ڏاڍو ناراض ٿيو ۽ مون کي به فيل ٿيڻ تي ندامت ۽ افسوس ٿيو. هيستائين آئون ڪڏهن به ڪنهن به سبجيڪٽ ۾ فيل ڪونه ٿيو هوس نه وري ڪڏهن اڳتي به ڪنهن امتحان ۾ فيل ٿيو آهيان. پوءِ سڄو سال فقط حسابن جي سبجيڪٽ ۾ محنت ڪيم ۽ ٻئي سال ارٿميٽڪ جي سبجيڪٽ ۾ ٽيٽيهه مارڪون کڻي مئٽرڪ جي امتحان ۾ پاس ٿي مسلم ڪاليج ۾ فرسٽ ائير ۾ داخلا وٺي اسڪول اسٽوڊنٽ مان ڦري ڪاليج اسٽوڊنٽ ٿي ويس. مسلم ڪاليج ساڳوڻي مسلم ايڊيوڪيشن سوسائٽي جو ڪاليج هو ۽ نورمحمد هاءِ اسڪول جي چوديواري اندر ئي سندس بلڊنگ هئي ۽ هاسٽل به ساڳئي هئي پر اسان اسڪول ونگ کان شفٽ ٿي ڪاليج ونگ هليا وياسين جتي هاڻ اسان تي هاسٽل جون سڀ پابنديون ختم ٿي ويون. پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ، هاسٽل ۾ جيڏي مهل کپي تيڏي مهل اچون ۽ وڃون ڪوبه پڇڻ وارو ڪونه هو. ڪاليج شاگردن جي ميس به اسڪول شاگردن کان عليحده هئي ۽ اسڪول شاگردن کي فقط ٽائيم تي ماني ملندي هئي پر ڪاليج شاگردن کي ٽائيم کان پوءِ جي ماني هوندي هئي ته ملندي هئي پر جي ماني ختم ٿي وئي ته پوءِ ٺهيو ۽ ڊريس جي به پابندي ختم ٿي وئي. اهڙي طرح سان ڪاليج ۾ به وچ ۾ پيرڊ خالي هوندو هو ته ٻاهران گهمي ڦري پوءِ اچي پيرڊ اٽينڊ ڪبو هو. مطلب ته اسڪول لائيف ۽ ڪاليج لائيف ۾ وڏو فرق آهي. ڪاليج جو پرنسپال ساڳيو اسڪول وارو نظاماڻي صاحب هو. مرحوم کي الله جنت ۾ جايون ڏي ڏاڍو شريف انسان هوندو هو. ڪاليج ۾ آرٽس سان گڏ سائنس ۽ ڪامرس ڊپارٽمينٽ پڻ هوندا هئا. اسان ڪاليج ۾ آفيس سپرنٽنڊنٽ مسٽر محراب خان ڀٽي کي ڪاغذ ۽ في ڏئي رسيد وٺي وڃي ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر جي ڪلاس روم ۾ ويٺاسين. ڪاليج ۾ ڪافي ڇوڪرا پڙهندا هئا پر مون کي هينئر فقط هنن ڇوڪرن جا نالا ياد آهن.
    مرحوم شبير شيخ جيڪو پوءِ ايس پي ٿيو، نظام الدين جتوئي جيڪو پوءِ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ڊائريڪٽر جنرل ٿيو. عبدالحميد شاهين جيڪو پوءِ هاءِ اسڪول هيڊماستر ٿيو. پرڪاش ۽ ربڏنو ساريجو جيڪي پوءِ ضلعي ڪائونسل جا ميمبر ٿيا اسان جا پروفيسر جن جا نالا مون کي ياد آهن. سي هيٺيان هئا:
    ڪي اي اين آئير (KAN Iyer) جيڪو پوءِ ڪئناڊا هليو ويو، شفيق پراچا جيڪو پوءِ (P C S) پاس ڪري ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿيو. منظور قريشي ۽ ٻيا ڪيترا جن جا هينئر 46 سال گذرڻ ڪري نالا به وسري ويا آهن. ڪاليج طرفان هر سال مئگزين نڪرندي هئي. هينئر به ڪاليج طرفان مئگزين نڪرڻ جو آرڊر ٿيو ۽ مرحوم عبدالحميد شاهين جيڪو منهنجو دوست هو، تنهن کي سنڌي سيڪشن جو انچارج ڪيو ويو. جنهن چيو ته عبدالحئي مئگزين لاءِ ڪجهه لکي ڏي ۽ مون کيس هڪ ننڍي ڪهاڻي لکي ڏني جيڪا مئگزين ۾ شايع ٿي ۽ ائين منهنجي لکڻين جي شروعات ٿي. ان کان اڳ پرائمري اسڪول ۽ مڊل اسڪول واري زماني ۾ آئون پندرهن روزه عبرت رسالي کي خط لکندو هوس جيڪي ڪڏهن شايع ڪندا هئا ته ڪڏهن ڪونه ڪندا هئا ۽ ائين منهنجي لکڻين جي شروعات ٿي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي. مون کي منهنجي لکڻين جي اوائلي دؤر ۾ غلام حسين رنگريز ۽ پوءِ پرهه، شمشير ۽ قادر ڏاڍي مدد ڪئي ۽ جيڪر اهي منهنجي مدد نه ڪن ها ته شايد آئون هيترا سارا ڪتاب لکي نه سگهان ها. اها هنن جي هيلپ مون سان جاري آهي. آئون تمام تڪڙو لکندو آهيان جن کي فيئر قادر ڪندو آهي اهي منهنجا تڪڙ ۾ لکيل اکر قادر پڙهي ويندو آهي پر آئون ڪونه پڙهي سگهندو آهيان. انهيءَ دوران نظاماڻي صاحب ڪاليج ۾ ٻه وڏا فنڪشن ڪيا. هڪ شاهه لطيف جي ورسي جنهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مهمان خاص هو ۽ ٻيو شهيد ڀٽي کي ڪاليج ۾ گهرائي سندس مان ۾ دعوت ڪئي وئي. انهيءَ دوران ڪاليج کان ٻاهران تلڪ چاڙهي تي اسماعيلين پرنس ڪريم جي دعوت ڪئي. جتي مون کيس ڏٺو، ڏاڍي پروقار شخصيت هيس ان کان پوءِ ائيرپورٽ تي به کيس ڪئين دفعا ڏٺم ۽ ساڻس هٿ ملايم.


    12

    لطيف جي ورسي ڀٽي جو فنڪشن ۽ مئگزين ۾ منهنجي ڪهاڻيءَ جو ڇپجڻ ۽ ڪاليج جي آزاد ۽ ڇڙواڳ زندگي، سٺا سٺا ڪپڙا پائڻ، سٺين هوٽلن ۾ وڃڻ ۽ هاڻ جلد جلد ڪراچيءَ وڃڻ ۽ سلامتيءَ سان ملڻ ۽ روح رچنديون ڪرڻ ۽ بابا جي وسڪيءَ جي بوتلن مان ڪڏهن ڪڏهن پئگ اڌ پيئڻ ۽ بابا منهنجي خرچي به وڌائي ڇڏي. انهن ڳالهين منهنجي سوچ، ذهن ۽ جسم ۾ ڏاڍي تبدلي آندي. آئون صفا ٻيو انسان ٿي ويس جيڪو هاڻ جهونگارڻ ۽ خواب ڏسڻ لڳو. ڪاليج وانگر هاسٽل ۾ به ڪيئن نوان ڇوڪرا آيا. مسلم ڪاليج کان سواءِ ٻين ڪاليج جي شاگردن کي به هاسٽل ۾ داخلا ملي جن ۾ ڪن جا نالا هي هئا.
    1- خليل بچاڻي
    2- نثار لنڊ (هاڻ نثار بلوچ PTV)
    3- غلام نبي سومرو
    4- انور پليجو
    5- عبدالمجيد ٻگهيو
    ان وقت فرسٽ ايئر لاءِ ڪمپلسري سبجيڪٽ هي هئا. هڪ انگلش ٻيو سليس اردو ۽ انٽر ۾ انگلش ۽ سنڌي ڪمپلسري سبجيڪٽ هئا. باقي آپشنل سبجيڪٽ توهان جي مرضي جيڪي به کڻو. مون هسٽري ۽ اسلاميات کنيا. ڪاليج جي پڙهائي کي اڃان ڪجهه ئي ڏينهن ٿيا هئا ته اسان جي ڪاليج جي فٽ بال ٽيم جي ڪئپٽن مون کي چيو ته پنهنجي ڪاليج جي فٽ بال ٽيم پشاور ۾ فٽ بال راند مقابلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهي آهي ۽ مئچ ختم ٿيڻ کان پوءِ سڄي مغربي پاڪستان جو ٽوئر رکيل آهي ۽ سڄي پروگرام ۾ ڪُل سترهن ڏينهن لڳندا جي تون هلين ته پنهنجي راءِ کان مون کي هفتي اندر آگاهه ڪر ۽ سٺ روپيا ٽوئر في به ڪاليج ۾ جمع ڪرائي جيڪي سڄي ٽوئر جو ڪُل خرچ آهي. جنهن ۾ ريل جو ڪرايو ۽ ماني شامل آهي. پشاور ۾ يوٿ (Youth) هاسٽل ۾ رهبو باقي سڄي ٽوئر ۾ ريل جي بوگيءَ ۾ رهبو. ماني به اُت ٺهندي، هاسٽل وارن هڪ بورچي به ڏنو آهي ۽ ڪاليج وارن کان هڪ پٽيوالو ورتو اٿئون. باقي بسترو سڀ ڪو پنهنجو کڻي هلندو. ان وقت مشرقي پاڪستان اڃان جدا ڪونه ٿيو هو ۽ مغربي پاڪستان ۾ پڻ ون يونٽ هو. مغربي پاڪستان ۾ ريلوي کي ويسٽرن ريلوي چئبو هو. مون ٻئي ڏينهن پئسا جمع ڪرايا ۽ ڪجهه نوان ڪپڙا خريد ڪيا ۽ ائين اسان مغربي پاڪستان جي ٽوئر تي روانا ٿي وياسين. اسان لاءِ ريل جي هڪ بوگي بُڪ هئي جيڪا سڄي ٽوئر ۾ اسان سان گڏ هئي. اسان جڏهن ڪنهن شهر ۾ گهمڻ لاءِ ٿي وياسين ته اسان جو بورچي ۽ پٽيوالو بوگيءَ ۾ اسان جي سامان جي حفاظت ڪندا هئا ان زماني ۾ وزيرن ۽ گورنرن جون به ريل ۾ بوگيون مخصوص هونديون هيون ۽ پاڻ ٽوئر ۾ ويندا هئا ته انهيءَ ريل گاڏيءَ ۾ ئي سفر ڪندا هئا. اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي بوگيون ائيرڪنڊيشن ۽ تمام سنيگاريل هونديون هيون. اسان پنهنجي مقرر تاريخ تي سڀ شاگرد ريل رستي پشاور روانا ٿي وياسين. اسان جي بوگي اسان سڀني شاگردن کي کڻي تيزرو ٽرين سان لڳي. پشاور ڏانهن رواني ٿي وئي. بوگيءَ ۾ هيٺ بئنچون ۽ مٿي سليپر هئا. جيڪي سڀ ڪاٺ جا هئا جن تي اسان پنهنجا بسترا وڇائي ويهي رهياسين. منهنجو هي مغربي پاڪستان جو پهريون سفر هو ۽ ان وقت منهنجي عمر ارڙهن سال هئي. ان ٽوئر ۾ اسان سان لالا قادر به گڏ هو جيڪو پوءِ قومپرست شاگرد رهنما ٿيو ۽ پاڻ آزاد ماروئڙا نالي شاگرد تنظيم ٺاهي، ۽ جلد ئي پاڻ ۽ سندس شاگرد تنظيم هميشه هميشه نظرن کان اوجهل ٿي ويا. ٽرين کي پهريائين سنڌ پوءِ سرائڪي پٽي پوءِ پنجاب مان گذري ۽ سرحد صوبي جو ڪافي حصو لتاڙي پوءِ پشاور پهچڻو هو. يعني اسان جي هن سفر ۾ بلوچستان کان سواءِ ٽيئي صوبا اچي ٿي ويا. مون پهريون ڀيرو هڪ ڇيڙي کان ٻي ڇيڙي تائين سنڌ ۽ پنجاب سرحد کي ڏٺو. سنڌ حيدرآباد کان ريتي تائين سڄو آباد لڳو پيو هو ۽ پنجاب اڌ آباد ۽ اڌ غيرآباد هو ۽ سرحد صوبو سڄو غيرآباد ۽ جبل ئي جبل لڳا پيا هئا. جت ڪنهن به زرعي آبادي جو پري پري تائين نالو نشان به ڪونه هو. هونئن به اُن دؤر ۾ سنڌ تمام خوشحال صوبو هو. باقي پنجاب ڪجهه ضلعن کان سواءِ سڄو غيرآباد ۽ غريب صوبو هو. جيتوڻيڪ ون يونٽ ٺاهي سنڌ جي نوڪرين ۽ زمينن تي پنجاب جي سول ۽ فوجي بيوروڪريسي قابض ٿي چڪي هئي ۽ ان وقت اها حالت هئي جو ڪو پنجاب ۾ رانديگر ڪوڏي ڪوڏي يا ملهه به کٽندو هو ته کيس سنڌ ۾ انعام طور زمين ڏني ويندي هئي. خود پنجاب ۾ اڃان منگلا، تربيلا ڊئم ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال، ڪالاباغ بئراج، ٿل ڪئنال ۽ گريٽر ٿل ڪئنال ڪونه ٺهيا هيا ۽ تونسا ٺهڻ جي مرحلن ۾ هو، پنجاب اڄ وانگر آباد شاداب ۽ سرسبز ڪونه هو.
    انگريزن جي وقت ۾ پنجاب حڪومت پنجاب صوبي اندر بئراج ۽ واهه کوٽائڻ لاءِ ڪئين اسڪيمون گڏيل هندستان جي مرڪزي حڪومت اڳيان رکيون پر مرڪزي حڪومت انهن اسڪيمن کي رد ڪري انڊيا ائڪٽ منظور ڪري اهو قانون ٺاهيو ته سڀني صوبن جي رضامندي کان سواءِ ڪوبه نئون ڪئنال نٿو ٺاهي سگهجي. پنجاب صرف اُن ڪري سنڌ صوبي کي ختم ڪري ون يونٽ ٺاهي سڀ فيصلا پنهنجي مرضيءَ سان ڪري، پنجاب ۾ ڊئم ۽ بئراج ٺاهي سنڌ جون زمينون پنجابين ۾ ورهائي، پوءِ ون يونٽ ختم ڪري سنڌ کي رڻ پٽ بڻائي ۽ پنجاب کي سرسبز ڪري، پنهنجو مطلب حاصل ڪيو. ون يونٽ ٺهڻ وقت پنجاب صوبو مرڪز جو مقروض هو ۽ سنڌ جي خزاني ۾ ڪروڙين رپيا پيل هئا ۽ ائين ون يونٽ ٺهڻ ڪري اهي ڪروڙين رپيا خوبخود پنجاب حوالي ٿي ويا ۽ انهن مان پنجاب اندر بئراج ۽ ڊئم ٺاهيا ويا.
    اسان جي ٽرين تقريباً پنجٽيهن ڪلاڪن جي سفر کان پوءِ پشاور جي ريلوي پليٽ فارم تي پهتي ته اسان پنهنجو سامان کڻي ريل جو ڊٻو خالي ڪري ٽانگن ۾ چڙهي يوٿ هاسٽل روانا ٿي وياسين. اُن وقت سنڌ اندر پٺاڻ يا افغاني تمام گهٽ هوندا هئا. هينئر جيئن سڄي ڪراچي پٺاڻن ۽ افغانين سان ڀري پئي آهي سا پوءِ ايوب خان جي صدر ٿيڻ ڪري ۽ ضياءُالحق جي افغاني پاليسين جي ڪري ٿيو نه ته ڪراچي ۽ باقي سنڌ ۾ ٿوري تعداد ۾ پٺاڻ آباد هئا. سو هي جي هيترا سارا پٺاڻ ۽ هڪ مختلف ڪلچر جو ڏسڻ ٿيو ڏاڍو عجيب لڳو. عورتون تمام گهٽ سي به گهڻو ڪري پردي ۾. اسان ٽانگن ۾ چڙهي اچي پشاور يونيورسٽي اندر ٺهيل يوٿ هاسٽل ۾ پهتاسين. جت اسان کي هڪ هال ڏنو ويو جيڪو بلڪل صاف سٿرو ۽ تازو صفا ٿيل ٿي لڳو. هال اندر کٽون پيل هيون ۽ اسان انهن تي پنهنجا پنهنجا بسترا وڇائي هيڏي ساري مسافري جو ٿڪ لاهڻ لاءِ سمهي پياسين ۽ وڃي شام ڌاري اک کولي. هاسٽل جي ٻاهران چؤطرف نارنگين جا سَوَن جي تعداد ۾ وڏا وڻ هئا. جيڪي نارنگين جي وزن ڪري هيٺ پيا هئا. نارنگين جا هي ساوا وڻ رنگين ۽ پڪل نارنگين جي ڇُڳن ۾ ڏاڍا وڻندڙ ۽ دلڪش لڳي رهيا هئا. فٽ بال جون سڄي پاڪستان جي ڪاليجن مان ٻيون به ڪيتريون ئي ٽيمون پهچي چڪيون هيون. جيڪي پنهنجي پنهنجي هاسٽلن ۾ رهيل هيون. اسان جي فٽ بال ٽيم فٽ بال جي ڊريس پائي ڄاڻايل فٽ بال جي گرائونڊ تي پريڪٽس لاءِ رواني ٿي ۽ آئون پشاور شهر جي سير تي روانو ٿي ويس. مون کي فٽ بال راند سان ايتري دلچسپي هئي جيتري سنڌي زميندار کي پنهنجي اولاد جي تعليم لاءِ. سو آئون ڪافي دير هوندي به پشاور شهر جي چڪر تي نڪري پيس. پوءِ اهو سلسلو ٻه ٽي ڏينهن هلندو رهيو. پشاور شهر پاڪستان جي سڀني صوبائي گاديءَ وارن شهرن کان وڌيڪ قديم ۽ تاريخي پس منظر رکندڙ شهر آهي جنهن جي تاريخ به ڏاڍي دلچسپ آهي. جرمنن لاءِ دنيا ۾ هي چوڻي مشهور آهي ته جرمن عورت ۽ جرمن گاڏي توهان کي ڪڏهن به دوکو ڪونه ڏيندا. تيئن وري انگريزن لاءِ هي چوڻي مشهور آهي ته توهان ڪنهن انگريز جو دماغ کولي ڏسندا ته منجهس بائيبل، شيڪسپيئر، اسڪاچ وسڪيءَ ۽ بيئر جون بوتلون، مڇي ڪافي ۽ سگريٽ جا ٽوٽا نظر ايندا. تئين پشاور شهر لاءِ به هنيئن چئي سگهون ٿا ته پشاور معنيٰ:
    قهوا
    چپلي ڪباب
    نسوار
    قلعو بالا حصار
    پشاوري چپل
    قصه خاني بازار ۽
    اسلحه
    بابر بادشاهه ”تزڪ بابري“ ۾ لکي ٿو ته، مون بگرام (پشاور) جي ويجهو علي مسجد جي احاطي ۾ پنهنجي ڪئمپ هنئي ۽ پنهنجو خيمون هڪ تمام وڏي چوٽي تي لڳرايو ۽ پوءِ جڏهن رات جي وقت بادشاهي ڪئمپ ۾ باهه ٻرندي هئي ته اهو منظر مون کي ڏاڍو وڻندو هو. پوءِ آئون شراب پيئندو هوس ۽ مست ٿي ويندو هوس ۽ پوءِ صبح جو معجون کائي روزو رکي سمهي پوندو هوس ۽ ٻي ڏينهن جڏهن صبح جو پشاور جي ويجهو باڙهه دريا پار ڪري جهنگل ۾ پهتاسين ته هڪ گينڊو نظر آيو. منهنجي پٽ همايون ۽ مون سان گڏ ٻين ماڻهن اڳ ڪڏهن به گينڊو ڪونه ڏٺو هو. تنهن ڪري ڏاڍو تماشو لڳي ويو پوءِ اسان ان کي ڊوڙائي ڊوڙائي تيرن سان ماريو. بابر چئي ٿو ته مون کي خيال آيو ته گينڊي ۽ هاٿيءَ جو مقابلو ڪرائجي سو هڪ ڏينهن ائين ڪرايوسون پهريائين. ته گينڊي هاٿيءَ تي حملي لاءِ رومڙ ڪئي پر پوءِ ڀڄي ويو. منهنجو هي احوال لکڻ جو مطلب اهو هو ته پشاور جي اردگرد ايڏا وڏا جهنگل هوندا هئا، جن ۾ گينڊا به هوندا هئا جت وقت جا بادشاهه تفريح ۽ شڪار ڪرڻ ايندا هئا. پشاور هزارين سال پراڻو شهر، هميشه هن سرزمين جي گادي جو شهر ۽ تاريخي ۽ ثقافتي مرڪز رهيو آهي. سر زمين خيبر جو پهريون تمدني شهر هئڻ جي ناتي هن شهر جي سيني تي ڪيترن ئي حمله آورن جي عروج ۽ زوال جو داستان لکيو پيو آهي. اُن ناتي هي شهر ڪيترين ئي تهذيبن ۽ ثقافتن جو مرڪز رهيو آهي. هت اڄ به گنڌارا تهذيب، ٻڌ مت، هندو ۽ مسلمان تهذيب جا بيشمار نشان موجود آهن. ان ڪري ئي هن شهر تي بيشمار نالا پيا. هيرو ڊوڊٽس جي تحقيق مطابق پشاور جو قديم نالو ڪاسپتروس هو. چيني سياح هون سانگ پشاور کي پولو شاد پولو نالي سڏيو آهي ته سنسڪرت ۾ کيس سوپره جو نالو ڏنو ويو آهي. البيروني کيس پورشا پوريا پرشاپور جو نالو ڏنو آهي. حضرت نسان بن سلمه جي حملي وقت هن واديءَ کي ”روهه“ جي نالي سان سڏيو ويو آهي. هڪ روايت مطابق پشاور کي ٻڌ هيه به چيو ويندو هو. ويدن ۾ پشاور کي بگرام جي نالي سان سڏيو ويو آهي. بگرام نالي جو ذڪر صوفي بزرگ رحمان بابا جي شعرن ۾ به ملي ٿو.
    ہم نغمے کاندی وہم رقص کہ ہم کاندی
    د رحمان پہ شعر ترکے دا بگرام
    تزک بابريءَ ۾ به پشاور کي بابر بگرام جي نالي سان سڏيو آهي. پشاور ۽ هن سڄي علائقي کي صدين کان وٺي گاندهاراجي نالي سان سڏيو ٿو وڃي. ابن خلدون، هيروڊوٽس ۽ گوپي چند جي تحقيق مطابق پشاور شهر جو بنياد اوشهنگ پشداد رکيو ۽ انهيءَ زماني ۾ سندس نالو پورشاپور هو. هندستان ڏانهن جيڪي به بادشاهه سينٽرل ايشيا مان ڪاهي آيا سي سڀ پشاور کان ٿيندا پوءِ اُت پهتا. پشاور جي قديم چترڪاري، تعميرات جو فن، ڪپڙن تي ڀرت جو هنر، چينيءَ جي ٿانون تي گلڪاري، گهرن جي ڇتين ۽ ڀتين تي گل، گلڪاريءَ جو هنر، غاليچن ٺاهڻ جو هنر، ٽانگن، ٻگهين ٺاهڻ جو فن، ديسي علاج ۽ رنگبرنگي روايتي ثقافتي سرگرمين جو هي شهر هميشه مرڪز رهيو آهي. جيئن ڪنهن زماني ۾ ڪراچيءَ جو شهر قلعي اندر آباد هو. قلعي کي ٻه دروازا هوندا هئا. هڪ مٺو در ۽ ٻيو کارو در، جنهن کي هينئَر ميٺادر ۽ کارادر جي نالي سان ڃاتو وڃي ٿو. تِيئن پشاور شهر به قلعي اندر آباد هوندو هو. جنهن جا سورهن دروازا هوندا هئا جن جا هيٺيان نالا آهن.
    ڪابلي دروازو
    باجوڙي دروازو
    ڊبگري دروازو
    رام داس دروازو
    سر آسيا دروازو
    سروچاه دروازو
    سرڪي دروازو
    ڪوهاٽي دروازو
    يڪ توت دروازو
    گنج دروازو
    لاهوري دروازو
    (لال قلعي دهليءَ جي هڪ دروازي جو نالو به لاهوري دروازو آهي.)
    هشتنگري دروازو
    نيا دروازو
    ريتي دروازو
    ڪچهري دروازو
    آسامائي دروازو
    پر انهن سورهن دورازن مان هن وقت صرف ٻه دروازا هر هڪ.
    سر آسيا دروازو
    سروچاهه دروازو
    صحيح سلامت آهن. باقي ٻين چوڏهن دوازن جو هن وقت نالو نشان به ڪونه رهيو آهي.
    پشاور جو هي تاريخي شهر باغن، حويلين، شاهراهن، چشمن، درسگاهن مزارن، خانقاهن، سڀني مذهبن جي عبادتگاهن ۽ اسٽوپن جو شهر آهي. اسلامي دؤر ۾ خاص ڪري مغلن جي دؤر ۾ هت ڏاڍيون شاندار مسجدون تعمير ٿيون جيڪي پنهنجي گنبذن حوضن ۽ مينارن جي ڪري ڏاڍيون پروقار لاجواب ۽ بيمثال لڳنديون آهن. جن ۾ اڄ به:
    مسجد خواجه معروف
    جامع مسجد مهابت علي خان
    مسجد قاسم علي خان
    جامع مسجد گنج علي خان
    مسجد دلاور خان
    مسجد سلطان پوره
    مسجد شيخ حبيب
    مسجد ميان غلام جيلاني
    مسجد چوڪ شادي پير قائم ۽ دائم آهن.
    پشاور ۾ مسجدن سان گڏ قديم مندر پڻ آهن جيڪي ٺهرايل ته ٻڌن جا آهن پر جڏهن هندو حاڪمن ٻڌن کي هن علائقي مان تڙي ڪڍيو ته پوءِ ٻڌن جي انهن عبادتگاهن کي هنن هندو مندرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو جيئن تاريخ ۾ هميشه ٿيندو اچي. انهن قديم مندرن جا نالا هيٺيان آهن:
    مندر رتن ناٿ
    مندر بابا ڪالو رام
    مندر سنگي گران
    مندر جوگن شاهه
    مندر گورکهه ناٿ ڪافي مشهور آهن.
    پشاور جو هي قديم شهر اڄ به پنهنجي عظيم تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ڪري ڪيترين ئي ڳالهين ڪري مشهور آهي اڄ به پشاور شهر جي سڃاڻپ جا هي ٽي عظيم يادگار سندس ڳاٽ اوچو ڪريو بيٺا آهن، جيڪي هي آهن:
    قلعو بالا حصار
    قصه خواني بازار
    ۽ رحمان بابا جو مقبرو
    اچو ته توهان کي اهي تاريخي ماڳ مڪان به گهمايان.
    پشاور ۾ جيڪڏهن اهي تاريخي ماڳ نه هجن ها ته پوءِ پشاور صرف نسوار، هٿيار، قهوه ۽ چپلي ڪباب جو شهر ئي سڏجي ها، پر پنهنجي اُن تاريخي ورثن ڪري پشاور شهر جو ڳاٽ هميشه اوچو رهندو. انسان جڏهن بربريت ۽ وحشيت جي دؤر کان ٻاهر نڪتو ته هن کي هڪ محفوظ جڳهه ۽ گهر جي ضرورت محسوس ٿي، جنهن ۾ پاڻ، سندس خاندان، مال متاع ۽ هٿيار ۽ خزانو محفوظ رهي. ان ڪري هن فوج ۽ قلعن کي تعمير ڪري پاڻ کي وڌيڪ محفوظ ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ ڏسندي ڏسندي سڄي دنيا اندر وڏا وڏا قلعا تعمير ٿي ويا، جن ۾ هاڻ بادشاهه پنهنجي فوج ۽ وزيرن سان گڏ سڪون سان رهڻ لڳا. پشاور جو تاريخي بالاحصار به ائين ٺهيو ۽ اهو اڄ به پشاور جي تاريخي ۽ ثقافتي ورثي ۽ شان کي مٿانهون ڪريو بيٺو آهي.
    سڀ تاريخدان متفق آهن ته پشاور شهر فارس جي بادشاهه هوشنگ پيشدار ٺاهيو پر پشاور جي قلعي جي ٺهڻ بابت اسان وٽ ڪابه تاريخي ثابتي ڪانهي، صرف ابن خلدون جو چوڻ آهي ته بادشاهه هوشنگ جا وڏا قلعن ٺاهڻ جا شوقين هوندا هئا. تنهن ڪري اسان سمجهون ٿا ته پشاور جو هي قلعو به هوشنگ ئي ٺهرايو هوندو. قلعي بالاحصار تي اسان وٽ صرف ميجر محمد نواز جو هڪ ننڍڙو پمفليٽ لکيل آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هن قلعي کي تعمير ٿيندي ٻه هزار سال کن ٿي ويا هوندا. پاڻ اهو احوال به مشهور آرڪيالوجسٽ ڊاڪٽر احمد حسن داني جي هڪ مضمون تان ورتو آهي. قلعو بالاحصار هڪ مٿانهين جڳهه تي ٺهيل آهي، جيئن پنهنجو حيدرآباد وارو قلعو.
    قلعو شهر جي پراڻي قديم اسپتال ليڊي ريڊنگ سان بلڪل گڏوگڏ آهي. حيدرآباد جي مسلم هاسٽل ۽ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي واري هاسٽل ۽ جناح ڪورٽ وانگر هن قلعي تي به فرنٽيئر ڪانسٽبيلريءَ وارن جو قبضو آهي. هي قلعو هميشه هن خطي تي حڪومت ڪندڙن جن ۾ غزنوي، مغل، دراني، سک ۽ انگريز اچي ٿا وڃن هن ۾ ويهي حڪومت ڪئي ۽ هن کي ٺاهيو ۽ وڌايو. خاص ڪري دراني تيمور شاهه ۽ شاهه شجاع هن قلعي اندر باغ باغات ۽ وڌيڪ ڪنئين محل محلاتون ٺهرايون. صرف سکن جي بادشاهه رنجيت سنگهه جي پشاور جي گورنر سردار تلوه سنگه هن قلعي کي ڀڃي ڀوري ڇڏيو ۽ نيٺ وري پاڻ ئي هن جي مرمت ڪرايائين. سکن کان پوءِ جڏهن هت انگريز بادشاهه ٿي آيا ته انهن دفاعي نوعيت کي مدنظر رکندي هن سڄي قلعي جي پڪين سرن سان وڏي پئماني تي مرمت ڪرائي. پوءِ پاڻ هت ويهي سڄي علائقي تي حڪومت ڪرڻ لڳا ۽ هن قلعي کي قيدخاني طور به استعمال ڪرڻ لڳا. انگلينڊ جو مشهور وزيراعظم چرچل جڏهن سيپٽمبر 1897ع ۾ هندستاني فوج ۽ سيڪنڊ لفٽيننٽ ٿي آيو ته پاڻ پشاور ۽ مالاڪنڊ ۾ به نوڪري ڪيائين. اهڙا فوٽا سندس آتم ڪٿا لکندڙ مارٽڪن گليبرٽ جي ڪتابن ۾ به آهن، پاڻ وردي ۾ گهوڙي تي ويٺل نظر اچي ٿو.
    دنيا جا ڪيترا شهر صرف پنهنجي بازارن جي ڪري سڃاتا وڃن ٿا. جيئن:
    لنڊن آڪسفورڊ اسٽريٽ
    پئرس شان زلي ذي
    دهلي چاندني چوڪ
    ڪراچي طارق روڊ
    حيدرآباد شاهي بازار
    لاڙڪاڻو مني بازار
    لاهور انارڪلي بازار
    ٺٽو پلنگ پاڙو
    تيئن پشاور شهر جي سڃاڻپ قصه خواني بازار آهي. هيءَ بازار پشاور شهر جي دل ۽ شهرين جي دل جي ڌڙڪن آهي. جي پشاور شهر جي ثقافت ۽ تهذيب توهان کي ڏسڻو آهي ته اها توهان کي صرف قصه خواني بازار ۾ ئي ملندي. پشاور شهر جي ماڻهن کي هن بازار سان ايڏي ته محبت آهي جو جڏهن هن شهر جا ماڻهو شهر کان ٻاهر هوندا آهن ته به هن بازار کي ياد ڪندا آهن. هونئن به ڪو ماڻهو پشاور وڃي ۽ قصه خواني بازار نه ڏسي ته معنيٰ ان پشاور نه ڏٺي. لنڊن جي بازارن ۾ جيئن توهان کي پب (Pub پب مخفف آهي Public bar جو) نظر ايندا تيئن قصه خواني بازار ۾ توهان کي قهوه خانا نظر ايندا. جت توهان کي هندڪو، پشتو، چترالي، ڪوهستاني، افغاني، فارسي زبان ڳالهائيندڙ ماڻهو ملندا. قصه خواني بازار ڪابلي گيٽ کان شروع ٿئي ٿي. هت توهان کي مشهور چپلي ڪباب ڪڙهي گوشت، لاهوري سوئيٽ ۽ عمر بخش جو فالودو ملندو. پشاور جا معزز شهري به توهان کي هت فالوده کائيندي نظر ايندا. جيئن حيدرآباد جا شهري بمبئي بيڪري جو ڪيڪ لائين ۾ بيهي وٺن. پشاور جي سڃاڻپ قراقلي ٽوپيون، سلور جو سامان، پراڻين جڙي ٻوٽين جا دڪان، پشاور جا مقامي شربتن جا دڪان، ٺڪر جي سامان جا دڪان، عطر فروش، چترالي ٽوپيون ملي سگهنديون. مزيدار ڳالهه ته هندستان جو مشهور فلم ائڪٽر شاهه رخ خان به قصه خواني مان نڪرندڙ هڪ گهٽي ”شاهه ولي قتال“ ۾ ڄائو. سندس چاچي مرحوم غلام محمد گامان جا گلن جا باغ هوندا هئا، (ڏسو ڪتاب ثقافت سرحد 128) مطلب ته جيڪي ماڻهو پشاور گهمڻ اچن سي قصه خواني بازار ضرور ڏسن.
    پشاور شهر جي ٽئين سڃاڻپ مشهور صوفي شاعر ”رحمان بابا“ جي درگاهه آهي جيڪا شهر جي مشرق طرف هزار خواني علائقي ۾ آهي. هن صوفي بزرگ جو اصل نالو عبدالرحمان هو پر کيس دنيا وارا رحمان بابا جي نالي سان سڏين. پاڻ تمام وڏي پائي جو صوفي شاعر هو. پاڻ درويش ۽ عظيم انسان هو. رحمان بابا جي شاعري نه صرف پٺاڻن لاءِ پر سڄي انسانيت لاءِ هڪ پيغام آهي. پاڻ 1706ع ۾ وفات ڪيائين. پاڻ هڪ غريب مسڪين عبدالستار جي گهر ۾ ڳوٺ بهادر ڪلي ۾ پيدا ٿيو پر پاڻ پشاور ۾ دفن آهي. پهرين سندس تمام ننڍو مقبرو هوندو هو. پر 1956ع ۾ افغانستان جي اڳوڻي بادشاهه ظاهر شاهه جي مدد سان ۽ پوءِ 1994ع ۾ سرحد صوبي جي حڪومت جي مدد سان سندس هڪ لاجواب مقبرو تيار ٿي ويو. مقبري سان گڏوگڏ هڪ مسجد ۽ آڊيٽوريم پڻ ٺاهيو ويو آهي. رحمان بابا جي مقبري تي هي شعر لکيل آهي.
    زہ بہ ھثیح کلہ دنیا کنی مڑبہ نہ شم
    دمینہ ڈک زڑچہ رنکہ فنا گینبری
    معنيٰ: آئون دنيا اندر ڪڏهن به ڪونه مرندس ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته محبت سان ڀرپور دل فنا ٿي وڃي.
    اها به عجيب ڳالهه آهي ته مون سون عام پٺاڻن کي رحمان بابا جو هڪ شعر ٻڌائڻ لاءِ چيو پر ڪنهن هڪ به سندس سڄو ته ٺهيو پر اڌ شعر به ڪونه ٻڌايو. پر ان جي برعڪس توهان ڪنهن به سنڌيءَ کان شاهه سائين جو شعر ٻڌائڻ لاءِ چئو ته تمام گهڻي تعداد ۾ ماڻهو توهان کي شاهه سائين جا شعر ٻڌائيندا. جيتوڻيڪ پٺاڻن ۾ سنڌين کان وڌيڪ ٻڌي ۽ قومي ايڪتا آهي. جيستائين اسان جا ٻيا دوست فٽ بال ٽورنامينٽ مان واندا ٿين ۽ اسان ڪيڏانهن گهمڻ وڃون، تيستائين مون چاهيو ٿي ته آئون اڪيلوئي وڌ کان وڌ گهمي وٺان. سو ٻه ٽي ڏينهن پشاور شهر گهميس ۽ پوءِ راولپنڊي، ڪوه مري ۽ ٽيڪسيلا گهمڻ لاءِ هوائي جهاز جي رٽرن ٽڪيٽ وٺي پنڊي، ڪوه مري ۽ ٽيڪسيلا گهمڻ لاءِ ويس ان وقت پشاور پنڊي رٽرن ٽڪيٽ ٻاويهه رپيا هئا ۽ منهنجو جهاز ۾ چڙهڻ جو هي پهريون اتفاق هو.
    آئون پنڊي وڃڻ لاءِ جهاز ۾ چڙهيس ته ڏاڍو مزو آيو زمين کان هزارين فٽ مٿي، جبلن مٿان ڊگهن ڊگهن وڻن جو دلڪش نظارو پري پري، ڪوه مريءَ طرف ڪٿ ڪٿ جبلن جي چوٽين تي برف پيل، جن تي سج جي ڪرڻن جي روشني وڌيڪ مزو ڏئي رهي هئي. جهاز تمام ننڍو هو ۽ سڄو پئسينجرن سان ڀريل به ڪونه هو. جهاز ٿوري وقت ۾ راولپنڊيءَ جي هوائي اڏي تي لٿو. مون ٽئڪسي ڪري پهرين راولپنڊيءَ جو سير ڪيو جنهن ۾ پنڊي جي مشهور راجه بازار، گورڊن ڪاليج ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بازارون ۽ تفريح گاهون ڏسي شام جو ان ئي ٽئڪسيءَ ۾ ڪوه مري ڏانهن روانو ٿي ويس. ان وقت پنڊيءَ ۽ ڪوه مريءَ جو روڊ ايترو ڪشادو ڪونه هو. جيترو هينئر آهي. تنهن ڪري رستي تي هلندي ڊپ پئي لڳو. ڪافي دير کان پوءِ ٽئڪسي ڪوه مري پهتي. مري ان وقت ايڏو وڏو شهر ڪونه هو، جنهن ۾ ڪئبل ڪارون يا پنج ستاري هوٽلون ۽ گهڻڻ ماڻهن ۽ گاڏين جي گهماگهمي هجي پر ان وقت مري هڪ خاموش پرسڪون ننڍو شهر هو. آئون ڪشمير روڊ تي هوٽل ۾ ڪمرو وٺي ڪجهه وقت آرامي ٿي پوءِ ٻاهر گهمڻ لاءِ روانو ٿي ويس. گهمندي ڦرندي ڏاڍو مزو آيو. ڪراچي، حيدرآباد ۽ پشاور ۾ رات جو به گرمي هوندي آهي پر هت ته سيءُ پي پيو ۽ مون کي گرميءَ جا ڪپڙا پهريل هئا. تنهن ڪري ماني کائي سمهي پيس. صبح سوير بس ۾ چڙهي پنڊيءَ ويس جتان وري ٽئڪسي ڪري ٽيڪسيلا گهمڻ ويس. ٽئڪسيلا ۽ سڄي دنيا ۾ موهن جي دڙي جو نالو مشهور هو، ٽئڪسيلا جي باري ۾ ڪنهن کي ڪابه خبر ڪانه هئي، پر پنجابين پنهنجي هر ڳالهه کي اهميت ڏيڻ وانگر ٽئڪسيلا کي به هر طرح سان اڳيان آندو ۽ هيوي مشينري ڪامپليڪس جو نالو ”ٽئڪسيلا هيوي مشينري ڪامپليڪس“ رکيو. ٽئڪسيلا نالي سان ميونسپالٽي قائم ڪئي ۽ ٽئڪسيلا تائين رستا ٺاهيا ويا ۽ اُت وڏو ميوزم قائم ڪيو ويو ۽ ٻاهرين سربراهان مملڪت کي گهمائڻ لاءِ هت آندو ويو ته ٽئڪسيلا جي اهميت وڌي وئي. ٽئڪسيلا جي پهريائين کوٽائي سر الينگزيندڙ ڪننگهم شروع ڪرائي، پوءِ موهن جي دڙي جي کوٽائي ڪندڙ ۽ ان تي ڪتاب لکندڙ سرجان مارشل کوٽائي ڪرائي ۽ ٽئڪسيلا تي به هڪ ننڍڙو ڪتاب گائيڊ نما لکيو ويو. ان کان پوءِ وري سر ماريٽيمر وهيلر کوٽائي ڪرائي. انگريزن جي وڃڻ کان پوءِ وري محمد حليم جي نگرانيءَ ۾ کوٽائي ڪرائي وئي.
    ڪاڪي ڀيرومل پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته رام جي ڀاءُ ڀرت کي ٻه پٽ هئا. انهن مان هڪ جو نالو ”تڪش“ هو. ان ڪري پهريائين. تڪشلا ۽ پوءِ ڦري هن شهر جو نالو ٽئڪسيلا ٿيو ۽ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ موهن جي دڙي کي به مهاجر موهن جو ڊارو جي نالي سان سڏيندا ۽ لکندا هئا. تئين هنن (ت) کي (ٽ) ڪري ڇڏيو ۽ تڪشلا کي ٽئڪسيلا بنائي ڇڏيو. آئون ٻه ٽي ڪلاڪ هي قديم وادي گهمي پوءِ ان ٽئڪسي ۾ واپس سڌو پنڊي ائيرپورٽ پهتس جتان جهاز ۾ چڙهي سڌو پشاور ڏانهن روانو ٿيس ۽ سج لٿي مهل پشاور پهچي ويس. ائيرپورٽ شٽل اسان کي شهر ۾ پي آءِ اي جي آفيس تائين پهچايو. جتان آئون ٽانگو ڪري پنهنجي هاسٽل پهتس ۽ سڀني دوستن سان ملاقات ٿي جن ٻڌايو ته فٽ بال رانديون ختم ٿي ويون آهن. پاڻ سڀاڻي پشاور کان ٻاهر گهمڻ هلنداسين اسان سڀ دوست صبح جو سوير بس ۾ چڙهي دره خيبر، جمرود، لنڊي ڪوتل ۽ پاڪ افغان سرحد جي بارڊر يعني تورخم ڏانهن روانا ٿياسين. هي سڀ مڪان خبير ايجنسيءَ ۾ آهن. اسان جي پهرين منزل ”دره خيبر“ جو تاريخي گيٽ هو، هي قديم زماني ۾ ڪابل ۽ پشاور جو وچ سمجهيو ويندو هو. هزارن سالن کان ان رستي ڪنئين فوجون ۽ حاڪم آيا ۽ ويا ڪي هت رهي پيا ته ڪي هندستان کي ڦري لٽي واپس روانا ٿيا ويا. جن جا داستان دره خيبر جي سيني ۾ ضرور دفن هوندا. بقول ساحر جي ته:
    آتے ہوئے قدموں سے، جاتے ہوئے قدموں سے
    بھری رہے گی رہگزر، مگر ہم نہیں تو کچھ نہیں
    اسان بس مان لهي هت ڪيترا فوٽا ڪڍيا، پوءِ اسان جي بس تورخم ڏانهن رواني ٿي وئي. هي سڄو پهاڙي علائقو هو. پهاڙن جو به پنهنجو حسن آهي، اسان وروڪڙ رستن سان هلندا ۽ ڪٿ ڪٿ ٿوري دير لاءِ بيهندا نيٺ پنهنجي منزل تورخم تي پهتاسين. هي پاڪستان ۽ افغانستان جو نالي ماتر بارڊر هو. جت انهيءَ وقت ۾ افغانستان وڃڻ لاءِ اتي جو اتي پاس ٺاهي ڏيندا هئا ۽ ڪيترا ماڻهو صبح جو ڪابل ويندا هئا ۽ شام جو گهمي ڦري خريداري ڪري واپس موٽي ايندا هئا. جيئن اڄڪلهه توهان هندستان گهمڻ وڃو ۽ صبح سوير دهليءَ کان بس ۾ نيپال جي گادي کٽمنڊو سواءِ پاس پورٽ هليا وڃو، گهمي ڦري ٻي ڏينهن واپس هليا اچو. بارڊرن تي ٻنهي طرفن کان فوجون بيٺل هيون پر اچ وڃ لاءِ ڪاغذن جي جانچ پڙتال فوجي نه پر ٻي ڪنهن ايجنسي وارا ڪري رهيا هئا. اڳ جيڪو پنج روپين جو نوٽ هوندو هو، ان تي به تورخم جو فوٽو هوندو هو. پر هاڻ اهو نوٽ ئي بند ٿي ويو آهي. اسان هت به بس مان لهي ڪيترا فوٽا ڪڍيا، جيڪي اڄ به مون وٽ محفوظ آهن. هن بارڊر تي مون ڪيترا ئي ماڻهو گڏهن تي سرحد پار ڪندي ايندي ويندي ڏٺا. ڪافي دير کان پوءِ اسان هتان روانا ٿياسين ۽ ان پهاڙي رستن تان هلندا هلندا چي لنڊي ڪوتل جي شهر پهتاسين. هت اسان ماني کاڌي، مانيءَ ۾ ڪڙاهي گوشت ۽ چپلي ڪباب کاڌاسين، جيڪي ڏاڍا لذيذ هئا. چپلي ڪباب آهي ئي لنڊي ڪوتل جي سوکڙي. سرد ملڪن جو گوشت، کائڻ ۾ ڏاڍو سوادي هوندو آهي. تڏهن ته آمريڪا ۾ به جانورن جي پالنا گهڻي انداز ۾ آمريڪا جي برفيلي رياست الاسڪا ۾ ڪئي ويندي آهي. ڪراچيءَ ۾ ڪڙهي گوشت ٺاهڻ وارن کان اهو سوال ڪندو آهيان ته توهان هيڏي محنت سان هت ڪڙهي گوشت تيار ٿا ڪريو پر جيڪو گوشت کائڻ جو مزو سرحد صوبي ۾ آهي اهو هت ڪونهي. ته پاڻ چوندا آهن ته صاحب ات برف ۽ سرديءَ جي ڪري گوشت ۾ جيڪا قدرتي لذت ٿيندي آهي سا هتي جي گوشتن ۾ صرف مصالحن ڪري ڪيئن ايندي. اسان کي هت صرف ماني کائڻي هئي، سو ماني کائي پشاور ڏانهن روانا ٿي وياسين. ٻي ڏينهن اسان باڙا بازار وياسين. باڙا ان وقت پشاور کان ويهه پنجويهه ميل پري هڪ غيرملڪي سستي سامان جي وڪري جو شهر هوندو هو، اهو هاڻ اتان ختم ٿي پشاور شهر ۾ اچي ويو آهي جنهن کي پشاور وارا چون ڪارخانا.
    اسان جي ان بس ۾ پٺاڻ مسافر گهٽ پر ڪراچي لاهور ۽ پنڊي جا مسافر زياده هئا. جيڪي سڀ پنهنجي فيملين سان باڙا خريداري لاءِ اسان سان گڏ هلي رهيا هئا. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ڪانه ايندي آهي ته هي سرحد ۾ شهر جيڪي افغانستان جهڙي هڪ قبائلي ويران ملڪ سان گڏ آهن. ته پوءِ هتي هي يورپ ۽ آمريڪا جون شيون ڪٿان ٿيون اچن ۽ ڪيئن ايترو سستيون ٿيون ملن؟ پر جڏهن آئون سي پورٽ تي اميگريشن آفيسر ٿي رهيس ته خبر پئي ته افغانستان کي ڪوبه پنهنجو سي پورٽ ڪونهي ۽ لئنڊ لاڪڊ (Land Locked) ملڪ آهي. ان ڪري افغانستان جو سڄو واپار پاڪستان سي پورٽ معرفت ٿئي ۽ پاڻ اهو سامان يورپ ۽ جاپان مان گهراين ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ان تي ٿورو ٽيڪس لڳائين ۽ پوءِ اهو سڄو سامان واپس پاڪستان پهچي وڃي ۽ هت وڪرو ٿئي ۽ اها به خبر پئي ته اهو سامان به پاڪستان جا ئي واپاري يورپ ۽ جاپان مان گهرائين ۽ رڳو افغانستان مان چڪر لڳائي اچي هت وڪڻن. پشاور کان باڙا پهچڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳي. سڀني شاگردن پنهنجي پنهنجي حيثيت مطابق باڙا مان خريداري ڪئي. پر سڄو باڙا شهر گهمڻ ۾ گهٽتائي ڪنهن ڪانه ڪئي. اسان شام ڌاري واپس روانا ٿياسين ته سڄي بس سامان سان ڀرجي وئي. ماڻهو گهٽ ۽ سامان زياده ٿي ويو. اسان ته تمام گهٽ خريداري ڪئي، پر جيڪي ماڻهو ڪراچي لاهور ۽ پنڊي کان آيا هئا، انهن تمام گهڻي خريداري ڪئي. اسان کي واپسي ۾ ڪسٽم وارن ٻن ٽن جڳهين تي بيهاريو پر انهن جو معاملو اسان جي بس ڊرائيور ئي حل ڪرائي ڇڏيو ۽ پوءِ اسان جلد پشاور پهچي وياسين. رات جو اسان پنهنجو سامان ٺيڪ ڪري ڇڏيو اسان کي ٻه ٽي ڏينهن لاءِ لاهور ۾ رهي پوءِ سڌو حيدرآباد وڃڻو هو. تنهن ڪري سامان پئڪ ڪري آئون پشاور جي قصه خواني بازار گهمڻ هليو ويس ۽ مون رات جي ماني به ات کاڌي. پشاور شهر صوبي سرحد جي دل ۽ وري قصه خواني بازار پشاور شهر جي دل آهي. پشاور شهر سڄي صوبي جو ثقافتي ورثو ۽ مرڪز ۽ ميراث آهي. پشاور شهر جي ماڻهن کي ته هن بازار سان هڪ قسم جو عجيب لڳاءُ آهي. شام ٿيڻ سان شهر جا ماڻهو هت اچڻ شروع ٿيندا آهن ۽ پوءِ آڌيءَ رات تائين هت رونقون لڳيون پيون هونديون آهن. مون هتان هن بازار جي خاص سوکڙي چترالي ٽوپي ۽ واسڪوٽي خريد ڪئي ۽ پوءِ هڪ هوٽل ۾ سيخ ڪباب، چپلي ڪباب سان ماني کائي ۽ قهوه پي واپس پنهنجي هاسٽل ۾ پهچي سمهي پيس. صبح سوير سڀ ڇوڪرا پنهنجا پنهنجا سامان کڻي پشاور ريلوي اسٽيشن ڏانهن روانا ٿياسين. ريلوي اسٽيشن تي اسان جي فٽ بال جي ڪئپٽن، آفيس مان اسان جي ريل جي بوگيءَ جي باري ۾ پڇيو ته ريلوي وارن ٻڌايس ته توهان جي بوگي ريلوي سان لڳي چڪي آهي ۽ سندس نمبر هي آهي. جيڪا ڪراچي ويندڙ گاڏي تيزرو سان لڳل آهي. اسان پنهنجو سامان کڻي ۽ بستر ڪولين کان کڻائي پنهنجي گاڏيءَ ڏانهن روانا ٿياسين. هت ريلوي اسٽيشن تي به ڪسٽم وارا مسافرن جو سامان چيڪ ڪري ۽ کين تنگ ڪري رهيا هئا. ڪن مسافرن جا ته بسترا به پي کولرايائون پر اسان جو نالو به ڪونه ورتائون. اسان پنهنجو سامان کڻي اچي پنهنجي گاڏيءَ ۾ داخل ٿياسين. هاڻ هي گاڏو اسان سان حيدرآباد تائين گڏ هوندو، سو سڀ شاگرد ڪي هيٺ ته ڪي مٿي پنهنجا پنهنجا بسترا وڇائي سامان رکي ڪري ويهي درين مان پليٽ فارم جي گهماگهمي ڏسڻ لڳا ته ڪي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳا ته ڪي وري هيٺ پليٽ فارم تي ٽهلڻ لڳا. اسان سان جيڪي اسان جا ٻه خدمگار ۽ ماني پچائڻ وارا هئا، سي به پنهنجو پنهنجو سامان هڪ ڪنڊ ۾ ويهي سيٽ ڪرڻ لڳا. اسان جي باٿ رومن ۾ لائيٽ ڪانه ٿي ٻري سو اسان جو ڪئپٽن ۽ آئون وري هيٺ لهي ريلوي وارن کي اهو احوال ٻڌائڻ لاءِ وياسين جن اسان کي هڪ ماڻهو گڏ ڏنو. جنهن اچي لائيٽ ٺيڪ ڪري ڏني، تيسين ٻين شاگردن اسان جي گاڏي ٻاهرن (Reserved) رزروڊ جو بئنر هڻي ڇڏيو. اسان پنهنجي گاڏي جا دروازا به بند رکندا هئاسين پر ڪيترا مسافر درين مان به چڙهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. پر جي هي بئنر لڳل هوندو هو ته گهڻو ڪري عام پئسينجر اسان جي گاڏي اندر ڪونه چڙهندا هئا. اسان جي ٽرين سيٽي وڄائي ۽ گارڊ سائي جهنڊي ڏيکاري تي ريل اڳتي پنهنجي منزل ڏانهن چرڻ لڳي. ۽ ڪنئين ڪلاڪن جي مسافري ۽ ڪيترين اسٽيشنن تي بيهڻ کان پوءِ رات دير سان اسان جي گاڏيءَ کي لاهور پليٽ فارم حوالي ڪري پاڻ ڪراچي ڏانهن رواني ٿي وئي. اسان جي ٻڌائڻ کان پوءِ ريلوي وارن اسان جي گاڏي کي ٻٽن ڏينهن لاءِ هڪ پاسيرو بيهاري ڇڏيو ته ٻين ايندڙ ويندڙ ريلن کي ڪا ڏکيائي نه ٿئي. اسان باقي رات گاڏي اندر سمهي گذاري. صبح سوير سڀ شاگرد ڪي ٽولين ۾ ته ڪي جدا جدا لاهور جي هن تاريخي شهر جي سير لاءِ نڪري پيا. اسان کي هت گهمڻ لاءِ ٻه ڏينهن ۽ هڪ رات هئي. هندستان پاڪستان جي چَئِن شهرن آگره، فتح پور سڪري، دهلي ۽ لاهور کي مسلمان فاتحن خاص ڪري مغلن ڏاڍي چاهه سان ٺهرايو. آزاديءَ کان پوءِ هندستاني ڏاڍي آسانيءَ سان انهن بلڊنگس تي ”ٽه رنگا چاڙهي“ بندي ماترم ڳائڻ لڳا.
    انگريزن جي بادشاهي ۾ انگريزن به دهليءَ ۽ لاهور ۾ انگريزي طرز تعمير سان ڪئين چرچ، تعليمي ادارا، ڪورٽون، اسيمبلي هال، تفريحي پارڪ، ريلوي اسٽيشن ۽ ٻيون پڻ ڪيتريون ئي شاندار عمارتون ٺهرايون، جيڪي ٻنهي شهرن ۾ اڄ تائين قائم آهن.
    مون، پاڪستان منوڙي کان تورخم تائين ۽ هندستان جا به هي ٻارهن شهر ڏٺا آهن.
    1- ممبئي
    2- جل گائون
    3- بوسال
    4- اجنتا
    5- الورا
    6- اورنگ آباد
    7- پٽنا ديوي
    8- چاليس گائون
    9- آگره
    10- فتح پور سڪري
    11- مٿرا ۽
    12- دهلي
    هندستان ۽ پاڪستان جي سڀني روٽن کان مونکي لاهور، امرتسر، دهلي، مٿرا، فتح پور سڪري ۽ آگرهه واري رستي تي جيڪو گهمڻ جو مزو آيو، اهڙو ٻي هنڌ ڪٿ به نه آيو.
    سڄي هندستان کان وڌيڪ نئين ۽ پراڻي طرز تعمير چئن مذهبن جي ثقافت جو سنگم يعني مسلمان، سک، قادياني ۽ هندن جا قديم ۽ جديد ورثا ۽ سندن نه مٽجندڙ پيرن جا نشان اڄ به توهان کي هنن شاهراهن تي نظر ايندا. روڊ يا ريل رستي لاهور کان امرتسر پوءِ دهلي، مٿرا، فتح پور سڪري ۽ آگرهه گهمڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. آئون ڪوشش ڪندو آهيان ته هر ملڪ باءِ روڊ ڏسان ۽ تقريباً سڄي مغربي يورپ جي سڀني ملڪن کي ڪئين ڀيرا فيمليءَ سان گڏ باءِ روڊ گهمي ڏٺو آهي. شهرن ۾ به ڪوشش ڪري پنڌ گهمڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان ۽ پڻ امريڪا جون ڪنئين رياستون باءِ روڊ گهميس. لاهور انارڪلي جو شهر جت نورجهان به دفن ٿيل آهي، جت جهانگير هڪ لاجواب مقبري ۾ دفن ٿيل آهي ۽ جت شاهجهان پيدا ٿيو. لاهور ڪيترو وقت مغلن جي گاديءَ جو هنڌ رهيو. جت اڪبراعظم ٻارهن سال تخت لاهور تي ويهي سڄي هندستان تي حڪومت ڪئي ۽ هت بي مثال يادگار تاريخي جڳهيون ٺهرايون. انهن ۾ بادشاهي مسجد، شاليمار باغ جنهن جهڙو باغ سڄي هندستان ۾ ڪونهي. شاهي قلعو، جنهن اندر بادشاهن ۽ امرائن لاءِ ڪئين محل محلاتون ۽ ٻيا به ڪئين مقبرا ۽ يادگار ٺهرايا. تنهن کان پوءِ سکن به پنهنجي بادشاهيءَ دوران هت ڪئين جڳهيون ۽ لاجواب گورد وارا ٺهرايا، جيڪي اڄ به قائم آهن.
    ان کان پوءِ انگريزن سؤ سالن تائين هن شهر کي وڏي ترتيب سان سنواريو ۽ سينگاريو، چون ٿا ته لاهور جهڙي ريلوي اسٽيشن سڄي هندستان ۾ ڪانهي، جت پئسينجرن جي رهائش لاءِ اسٽيشن مٿان ڪمرا به ٺهيل آهن. ان کان سواءِ فرسٽ ڪلاس ويٽنگ روم ٺهيل آهن. هڪ ڀيرو آئون ريل ۾ دهلي ويس ته آئون، منهنجي گهرواري مومل ۽ منهنجي ڌيءَ ڊاڪٽر پارس به هڪ رات ان ريسٽ روم ۾ گذاري، ٻي ڪمري ۾ شمشير حيدري ۽ حميد ڀٽو سنڌ ٽي وي وارو رهيل هئا.
    اسان جڏهن لاهور ويل هئاسين، تڏهن ون يونٽ هو ۽ سنڌي اسيمبلي ميمبر مغربي پاڪستان اسيمبليءَ ۾ شرڪت لاءِ لاهور ويندا هئا ۽ اڃان هيرامنڊي جي رونق تي بندش ڪانه پئي هئي. تنهن ڪري لاهور م رونقون لڳيون پيون هيون ۽ لاهور جي فلمي انڊسٽري به انهيءَ وقت پنهنجي عروج تي هئي ۽ پاڪستان جي فلمي انڊسٽري جو مرڪز لاهور هو، جيئن اڄڪلهه سنڌي سرنديءَ وارن کي اخبار ۽ ٽي وي چئنل کولڻ جو شوق آهي تئين ان وقت سنڌي وڏيرن کي اردو سنڌي فلمون ٺاهڻ جو شوق هوندو هو ۽ پاڻ ان شوق خاطر لاهور ۾ بنگلا وٺي رهيا پيا هئا. پوءِ ڪي ته ڏاڍا بي آبرو ٿي لاهور مان نڪتا ۽ وري ڪي لاهور مان گهوٽ ٿي واپس وريا.
    انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ۾ لکيل آهي ته پنجاب جو ذڪر تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ابن بطوط جي سفرنامي ۾ ملي ٿو، انهيءَ کان اڳ ڪنهن به تاريخ ۾ پنجاب لفظ جو ذڪر ئي ڪونه ٿو ملي. هندو روايات ۽ ديومالائي قصن مطابق رام جي ٻن پٽن لوهاور پٺيان لاهور شهر جو نالو پيو ۽ سندس ٻي پٽ ڪش يا ڪشاور پويان قصور شهر جو نالو پيو. مسٽر ٿارٿن پنهنجي لاهور تي لکيل ڪتاب ۾ لاهور جو اصلي نالو لوه ڪوٽ ٿو لکي ۽ اهو به لکي ٿو ته لاهور شهر جو باني رام جو پٽ ئي هو. عربي مؤرخ احمد بن يحيٰ پنهنجي اوائلي عربي ڪتاب ”فتح البلدان“ ۾ لاهور شهر کي الهاور جي نالي سان سڏيو آهي.
    البيروني پنهنجي ڪتاب قانون ۾ لکي ٿو ته هماليا جبل کي ٽيڪاس (ٽيڪسلا) ۽ لهاور (لاهور) مان به ڏسي سگهجي ٿو. تاريخ جي ڪتابن ۾ ۽ پڻ ٻين ڪيترن ليکڪن هن شهر جي باري ۾ ڪيئن دليل ڏنا آهن. ۽ ڪيئن ڪتاب لکيا آهن پر اها ڳالهه واضح آهي ته هن شهر جو نالو هن تي رام جي پٽ لوهه تان پيو. جيڪو هن شهر جو باني به هو. پر لاهور جي باري ۾ اوائلي تاريخ صفا چپ آهي. سڪندر جي وقت کان وٺي چيني سياح زائرهيون سانگ تائين جنهن 630ع ۾ سڄي هندستان جو سفر ڪيو جنهن ۾ پنجاب به شامل آهي. پر هن پنهنجي سفرنامي ۾ ڪٿ به لاهور شهر جو ذڪر ڪونه ڪيو آهي. نه وري اهڙي ڪنهن به شهر جو ذڪر ڪيو آهي جنهن مان اندازو لڳائجي ته اهو قديم شهر لاهور ئي هو. پر پاڻ پنهنجي سفرنامي ۾ قصور شهر جو اشارتن ذڪر ڪيو آهي ۽ پاڻ لکي ٿو ته پنجاب جي گاديءَ جو هنڌ ٽڪي هو.
    لاهور کي اٺين ۽ نائين صديءَ ۾ زياده اهميت ملي جڏهن هي برهمڻ حاڪمن جي گادي جو شهر هو ۽ هي اهو دؤر هو جڏهن سبڪتگين ۽ سندس پٽ محمود هندستان تي حملا ڪيا.
    هندستان پاڪستان ۾ وڏي ۾ وڏو ڏيهاڙو يا تهوار لاهور شهر ۾ بسنت جي نالي سان ملهايو ٿو وڃي. بسنت معنيٰ بهار هي تهوار مهاراجه رنجيت سنگهه جي دؤر کان ملهايو وڃي ٿو. ان ڏينهن ته مهاراجه ۽ سندس وزير ۽ جنرل ڏاڍا سٺا لباس پائي اچي هن تهوار ۾ شريڪ ٿيندا هئا. جيڪو ان دؤر ۾ به وڏي شان ۽ مان سان ملهايو ويندو هو ۽ مهاراجه رنجيت سنگهه ان ڏينهن تي يارهن سؤ رويپا نقد ۽ ٻه هيڊي رنگ جون شالون انعام طور ورهائيندو هو ۽ پاڻ هڪ خاص جڳهه (جنهن کي ”خانقاه“ چئبو هو) تي اچي ويهندو هو. لاهور ۾ اڄ به بسنت جو تهوار وڏي شان شوڪت سان ملهايو وڃي ٿو. فرق صرف ايترو آهي جو هاڻ راڻا رنجيت سنگهه جي جاءِ جنرل پرويز مشرف ورتي آهي ۽ اڄ به ان تهوار ۾ سڄي پاڪستان جا ماڻهو اچي لاهور ۾ شريڪ ٿين. ان ڏينهن تي لاهور شهر وڃڻ لاءِ هوائي جهاز جي ٽڪيٽ ۽ رهڻ لاءِ هوٽل ۾ ڪمرو به ڪونه ملندو آهي.
    پنجاب جيڪو پاڪستان جو وڏو صوبو ۽ گن پاور ۽ مين پاور آهي ان صوبي جي شهر لاهور کي ملڪ جي گادي جو شهر صرف ان ڪري ڪونه ڪيو ويو جو هو هندستان جي بارڊر کان صرف چند ميلن جي مفاصلي تي هو ۽ صرف ان ڪري ڪراچيءَ کي پاڪستان جي گادي بنايو ويو. ۽ پوءِ پاڪستان جي پهرئين جنرل حڪمران ايوب خان چند سالن ۾ گاديءَ کي واپس پنجاب ۾ هڪ نئون شهر اسلام آباد تعمير ڪرائي ان ۾ منتقل ڪيو ويو. لاهور رواي نديءَ جي ڪناري تي هڪ تمام خوبصورت شهر آهي جنهن کي مغلن کان وٺي هر حاڪم ڏاڍي چاهه سان سنواريو ۽ سينگاريو آهي. پاڪستان کان پوءِ هن شهر کي نواز شريف ڏاڍو دل و جان سان ٺهرايو آهي. جنهن ۾ لاهور، اسلام آباد موٽر وي، منجهس هڪ نئون خوبصورت ۽ جديد ايئرپورٽ، سٺي شهر جي ٻاهران رنگ روڊ ۽ پڻ داتا دربار تي ڪروڙها روپيا خرچ ڪري نهايت ئي خوبصورت ۽ پروقار درگاهه تعمير ڪرائي. نواز شريف لاهور کي خوبصورت بنائڻ ۾ ڪابه ڪسر ڪانه ڇڏي. لاهور ۾ سياحت ۽ تاريخي ماڳ مڪانن سان گڏ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ۽ پوءِ ڏاڍا سٺا تعليمي ادارا قائم ٿيا جنهن ۾ پنجاب يونيورسٽي خاص قابل ذڪر آهي.
    سنڌ جڏهن بمبئي کان جدا ٿي ته ڪوشس ڪئي وئي ته سنڌ ۾ به يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي. پر تازو بمبئي صوبي کان ڌار ٿيل سنڌ حڪومت ان ڪم لاءِ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ان ڏس ۾ رپورٽ ڏيڻ لاءِ چيو، جنهن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته: ”دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ ادارا پنهنجي مادر علمي کان ايترو پري ناهن جيترو سنڌ جا اسڪول ۽ ڪاليج بمبئي يونيورسـٽي کان پري آهن. اهڙي صورتحال صوبي جي دانشوراڻي اوسر ۾ يقيني طور تي ناڪاري اثر وجهي ٿي. گذريل انيڪ سالن کان ڪيترن ئي ڪاليجن ۽ اسڪولن جي باوجود سنڌ ۾ اهڙي ڪنهن ماحول جي اڻهوند ئي منهنجي خيال ۾ يونيورسٽي قائم ڪرڻ واسطي مضبوط ترين دليل آهي.“
    پر ترت پوءِ ٻي عالمي جنگ شروع ٿي جنهن ڪري يونيورسٽيءَ واري اسڪيم ڪيترا سال سردخاني حوالي ٿي وئي. ان ڪري سنڌ حڪومت لاءِ اهو مسئلو سامهون آيو ته سنڌ جا تعليمي ادارا ساڳوڻي طرح سان بمبئي يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل رهن. يا هاڻ کين پنجاب يونيورسٽي سان ڳنڍجي، پر ان تي به سنڌ جي تعليمي ماهرن اها راءِ ڏني ته پنجاب يونيورسٽي بمبئي يونيورسٽي کان گهڻو پٺتي آهي. تنهن ڪري سنڌ جي تعليمي ادارن کي بمبئي يونيورسـٽي سان ئي گڏ رکيو وڃي. پر اڄ پنجاب ۾ پنجاب يونيورسٽي ۽ لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنس (Lahore University Management Science) جنهن کي هاڻ لمس جي نالي سڏيو وڃي ٿو ۽ لاهور اسڪول آف اڪنامڪس ۽ انگريز دؤر ۾ پنجاب جي انگريز گورنر سرچارلس ايڇيسن جي نالي پٺيان ايڇيسن ڪاليج قائم آهن. اهي ادارا نه رڳو لاهور ۽ پنجاب پر سڄي پاڪستان ۾ لاجواب تعليمي ادارا آهن جنهن ۾ نه رڳو پاڪستان جا شاگرد پڙهن ٿا پر پاڪستان کان ٻاهر جا به ڪيترائي شاگرد انهن ادارن ۾ تعليم وٺڻ لاءِ اچن ٿا. لاهور ڪراچي کان پوءِ پاڪستان جو وڏو ۽ سٺو شهر آهي جنهن ۾ گهمڻ لاءِ تمام گهڻيون جڳهيون آهن پر لاهور شهر جون مکيه گهمڻ لاءِ هي جڳهيون آهن، جيڪي هر سياح کي گهمڻ گهرجن.
    • بادشاهي مسجد
    • قلعو
    • شالامار باغ
    • درگاهه حضرت داتا گنج بخش
    بادشاهي مسجد 1663ع سن ۾ ٺهي هئي. هيءَ مسجد شهنشاهه اورنگزيب عالمگير ڇهه لک روپين ۾ ٺهرائي. هي مسجد دهليءَ جي جامع مسجد کان تمام وڏي ۽ ڪشادي آهي. هيءَ مسجد تمام مٿانهين جڳهه تي ٺهيل آهي. سندس دروازو ڏاڍو خوبصورت ٺهيل آهي. هي مسجد مڪي جي الوليد مسجد جو نقل آهي. مسجد جا هڪ سؤ ساڍا ٽيتاليهه فٽ مينار توهان کي پري کان نظر ايندا. توهان ڏاڪڻين ذريعي انهن تي چڙهي مٿان کان سڄي شهر جو نظارو ڪري سگهو ٿا. ڳاڙهي پٿر ۽ سفيد سنگ مرمر جي ڪري هي مسجد ڏاڍي خوبصورت لڳي ٿي. سک بادشاهه رنجيت سنگهه هن مسجد شريف کي اسلح خاني ۽ فوجي گدامن لاءِ استعمال ڪيو پر پوءِ انگريزن جي بادشاهيءَ ۾ هي مسجد واپس مسلمانن جي حوالي ڪئي وئي.
    (ڏسو ڪتاب تاريخ لاهور صفحو 183)
    لاهور جو قلعو دهليءَ جي قلعي کان ننڍو آهي، هي قلعو شهنشاهه اڪبراعظم لاهور جي پراڻي قلعي جي جڳهه تي ٺهرايو پوءِ جهانگير، شاهجهان ۽ اورنگزيب به هن قلعي کي وڌايو ۽ ٺهرايو. قلعي اندر ديوان عام ۽ ديوان خاص ٺاهيل آهن. ديوان عام ۾ بادشاهه رعيت کي ديدار ڪرائيندو هو ۽ ديوان خاص ۾ هو پنهنجي امرا، گورنرن ۽ وزيرن سان ملڪي ۽ غيرملڪي حالات تي صلاح مصلحت ڪندو هو ۽ حڪم جاري ڪندو هو، هن وسيع قلعي اندر ديوان عام ۽ ديوان خاص سان گڏوگڏ
    • اسلح خانو
    • موتي مسجد
    • شاهي حمام ۽
    • شيش محل پڻ آهن.
    شيش محل ۾ مغل بادشاهه پنهنجي فيملين سان گڏ رهندا هئا ۽ هتي ئي جهانگير گلن جي سرهي سيج تي نورجهان سان گڏ روح رچنديون ڪيون. مغل شهنشاهه کان پوءِ پنجاب جي سک حاڪم به هن شيش محل کي پنهنجي رهائش طور استعمال ڪيو. لاهور ۾ مغل بادشاهه بيشمار ننڍا وڏا باغ قائم ڪيا. پر انهن مان ڪيترا ئي باغ هميشه هميشه لاءِ ختم ٿي ويا. جنهن ۾ لاهور جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان نولکا باغ جو به تاريخ جي ڪيترن ئي ڪتابن ۾ ذڪر ملي ٿو. پر اڄ ان باغ جو نالو نشان به ڪونهي ۽ انهيءَ هند تي بيشمار جڳهيون ٺهي ويون آهن انهن باغن ۾:
    انگوري باغ، مهتابي باغ، گلابي باغ ۽ باغ داد جو اڄ نالو نشان ڪونهي. پر مغلن جو ٺهرايل شالامار باغ اڄ به قائم آهي ۽ هن باع جو جواب ڪونهي. هن باغ جهڙو قديم باغ اڄ به سڄي هندستان ۽ پاڪستان ۾ ڪٿ به ڪونهي.
    شهيد ڀٽي جي حڪومت واري دؤر ۾ جيڪا پاڪستان ۾ اسلامي سربراهه ڪانفرنس ٿي هئي جنهن ۾ مسلم دنيا جا سڀ سربراه مملڪت شريڪ ٿيا هئا. جنهن ۾:
    شيخ مجيب الرحمان بنگلاديش جو وزيراعظم
    شاهه فيصل سعودي عرب جو بادشاهه
    حافظ الاسد شام جو صدر
    ڪرنرل قذافي لبيا جو صدر
    ياسر عرفات فلسطين جو صدر
    ۽ پڻ ٻيا پنجاهه کان به وڌيڪ مسلم سربراهه مملڪت هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيا هئا، ان سربراه ڪانفرنس جون ڪئين تقريبون لاهور جي هن شالامار باغ ۾ ٿيون. گهڻو ڪري لاهور ۾ جيڪو به سربراهه مملڪت اچي ته ان جي شان ۾ جيڪا ضيافت ٿئي سا به هن ئي شالامار باغ اندر ٿئي. پنجاب حڪومت هن باغ کي ڏاڍي سهڻي نموني سنڀالي رکيو آهي. سڄي باغ ۾ ڪنئين بارادريون، ڦوهارا ۽ گل ڏاڍي ترتيب ۽ مهارت سان لڳايا ويا آهن جنهن ڪري هن باغ جي سونهن هميشه لاءِ برقرار آهي. شالامار باغ، قلعي ۽ بادشاهي مسجد سان گڏ توهان کي لاهور جي صوفي بزرگ حضرت داتا گنج بخش (جنهن جو اصل نالو علي مخدموم هجويري آهي) جي درگاهه تي به توهان کي هر وقت هزارين زائرين ملندا. داراشڪوه پنهنجي ڪتاب سڪينته الاولياءَ ۾ حضرت داتا گنج بخش جي ڏاڍي تعريف ۽ ساراهه ڪئي آهي. حضرت داتا گنج بخش، درويش وڏو ليکڪ به هو، ڪيترن ئي ڪتابن سان گڏ سندس هي ڪتاب ”ڪشف المحجوب“ ڏاڍو مشهور ٿيو. سندس مقبرو شهنشاهه اڪبر ٺهرايو. انهن مشهو رتاريخي ماڳن کان سواءِ لاهور ۾ واگها بارڊر تي هندستان ۽ پاڪستان جي سيڪيورٽي فورس جي روزانا پريڊ جي تقريب به ڏسڻ وٽان هوندي آهي. لاهور ۾ مال روڊ انارڪلي بازار، لبرٽي مارڪيٽ جون بازارون به گهمڻ وٽان آهن. جت هميشه رونقون لڳيون پيون آهن.
    اڄڪلهه لاهور ڀرسان راءِ ونڊ ۾ تبليغ جماعت جي سالياني اجتماع ۾ به سڄي پاڪستان مان ماڻهو اچي شريڪ ٿيندا آهن. ان موقعي تي لاهور وڃڻ لاءِ سڄي پاڪستان مان خاص ريل گاڏيون به هلنديون آهن. پهرين اهو اجتماع سنڌ جي شهر ٽنڊو آدم ۾ ٿيندو هو. پر پوءِ اهو لاهور ۾ ٿيڻ لڳو. اسان پنهنجو هي لاهور جو سير پورو ڪري ريل رستي پنهنجي اڳتي جي منزل حيدرآباد ڏانهن روانا ٿي وياسين ۽ وري به لاهور کان حيدرآباد تائين سڄو پاڪستان لتاڙي اچي حيدرآباد پهتاسين. مون ڏٺو ته ماڻهوءَ ۾ گهمڻ ڦرڻ سان عيني مشاهدو ٿئي ٿو. ان سان انسان جي ذهن ۾ وڏي تبديلي اچي ٿي،

    *


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566204
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215636
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ