ڪتاب جو نالو: ڪربلا
مصنف: نورالهديٰ شاهه
ڇپائيندڙ: نيو فيلڊس
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 09 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 1535 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 919 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪربلا سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا نورالهديٰ شاهه جي 80 جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻين جو مجموئو آهي. سندس هن ڪتاب جا چئن کان مٿي ايڊيشن ڇپيا آهن. سڀ کان پهرين نيو فيلڊس پبليڪيسن پاران ڇپايو ويو ۽ آخري دفعو روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
سندس هن ڪتاب ۾ سندس مشهور ڪهاڻيون منهنجو من ڀنڀور، زم زم، گورکن، پن ڇڻ جي رُت ۾ ۽ ڪربلا سميت يارنهن ڪهاڻيون شامل آهن.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ٻه اکر
  • منهنجو من ڀنڀور
  • زم زم
  • گورڪن
  • پن ڇڻ جي رُت ۾
  • منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد
  • مندر، اُداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي
  • زندگيءَ جو زهر
  • انسان
  • ڪربلا
  • پيڙا
  • تون ۽ مان ڪڏهن نه ملنداسون

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو اڻيتاليهون (39) ڪتاب ڪربلا اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪربلا سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره ۽ ليکڪا نورالهديٰ شاهه جي 80 جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڪهاڻين جو مجموئو آهي. سندس هن ڪتاب جا چئن کان مٿي ايڊيشن ڇپيا آهن. سڀ کان پهرين نيو فيلڊس پبليڪيسن پاران ڇپايو ويو ۽ آخري دفعو روشني پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو.
    سندس هن ڪتاب ۾ سندس مشهور ڪهاڻيون منهنجو من ڀنڀور، زم زم، گورکن، پن ڇڻ جي رُت ۾ ۽ ڪربلا سميت يارنهن ڪهاڻيون شامل آهن. مهربانيون سنڌي ادبي بورڊ جي ويبسائيٽ جون جتي هي ڪتاب موجود آهي. ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر آفتاب کوهارو ڊزائن ڪيو آهي.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام


    ٻه اکر

    ليکڪ تي هڪڙو دور بي حد جذباتي نوع جو ايندو آهي. اوچتو، هن جي احساسن جي وهڪري ۾ عام حالتن کان وڌيڪ تيزي اچي ويندي آهي. جيئن اوچتو دريا چڙهي اچي، اُٿلي پوي ۽ ڪک پن بنا ڪنهن الڳ الڳ سڃاڻپ جي ٻوڙيندو وڃي.
    ان نارمل نوع کان هٽيل وهڪري کي ڇا چئبو آهي!؟
    ان شدت جو Re-action ڇا هوندو آهي!؟
    انهن سوالن جو جواب آهي به ۽ ناهي به.
    جيتوڻيڪ اهي احساس بنهين ذاتي هوندا آهن.
    جيتوڻيڪ ان وهڪري جي تيزيءَ جا ڪارڻ ليکڪ جي بنهين اندر، ٻاهرين حالتن کان ڪٽيل، نفسياتي طرح سان مُنجهيل، نه لڀڻ برابر لڀندا آهن.
    ڪڏهن ڪڏهن انهيءَ جي ڪٿَ گهڻو پوءِ ليکڪ پنهنجي نفسياتي ۽ جذباتي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ لڳائيندو آهي، پر گهڻو اڳتي هلي. گهربل ضرورت مطابق Mature ٿيڻ کانپوءِ.
    ان حالت ۾ ٻه صورتون جنمجي سگهن ٿيون.
    يا ته ان جذباتي وهڪري ۾ لکيل پنهنجون سموريون لکڻيون Disown ڪجن يا تهMature نقاد جي حيثيت سان بي درديءَ سان ان تي منڌيئڙا پائي، ڪنهن حد تائين قبول ڪرڻ جوڳو بڻائجي.
    ٻي صورت کي ئي مون بهتر سمجهيو، پر ائين ڪندي به پاڻ تي اخلاقي ذميداري محسوس ٿئي ٿي، ان پس منظر کي ڪنهن چور جيان نه لڪائجي، جيڪو ان ڊوڙ ۾ لکڻ جو ڪارڻ بڻيو.
    ڪجهه سال پهرين تائين پنهنجين ڪهاڻين جي پس منظر ۾ پنهنجي Personal involvement جو ذڪر/ اعتراف- گناهه جي اعتراف جيان مُشڪل لڳندو هو. اڄ مون لاءِ اهو ذڪر/اعتراف ڪنهن نئين ۽ حسين منظر جيان نڪور ۽ حيران ڪندڙ آهي. اڄ جڏهن آئون داخلي احساسن هيٺ پنهنجي اندر جي ڳڙکي کولي، اندر ۾ ليئو پايان ٿي ته ڪنهن ٻار جيان حيران ٿي سوچيان ٿي. اڇا ايترو ڪجهه آهي مُنهنجي اندر!؟ ساڻ ئي هڪڙو بور ڪندڙ احساس ته هيل تائين محض ٻاهر جا منظر لکيا پي شايد!!
    اجنبيت!!
    پنهنجي پاڻ کان اجنبيت!!
    مون هن مجموعي ۾ شامل گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون 1980ع ۾ لکيون. مسلسل ۽ مسلسل، بنا ڪنهن Gap جي.
    Pregnancy جي حالت ۾ (جڏهن گرڀ ۾ پيل ٻارَ لاءِ ڊاڪٽرن وٽ زندگيءَ جي ڪائي ضمانت نه هئي).
    مون تي طاري ٿيل موت جهڙي بوريت.
    بستري تي پئي پئي اها ڀوائتي سوچ ته مون وٽ ڪنهن به ايندڙ پل لاءِ ڪائي ضمانت ڪانهي.
    گرڀَ ۾ پيل ٻار مون سان ڊائيلاگ نٿي ڪيو.
    گرڀَ ۾ ڦهلجندڙ پولار ۽ ان ۾ بولاٽيون کائيندڙ ٻار.
    ٻار، جنهن کي مون هر حالت ۾ جنمڻ ٿي چاهيو.
    اِها خواهش منهنجي اندر جي سگهه بڻجي ويل، بوريئت ويڙهه جي صورت اختيار ڪري ويل ۽ فرار لاءِ داخلي/ خارجي سطح تي Romance هڪ نفسياتي ضرورت بڻجي ويل. اها ضرورت پنهنجي اندر جي عورت جي Inner Satisfaction لاءِ به ته مان آهيان پنهنجي گرڀ جي حقيقت سميت. مان آهيان موت سان وڙهڻ لاءِ- مان آهيان زندگيءَ کي پائڻ لاءِ-
    ۽ مون ڪربلا ۾ شامل ڪهاڻيون لکيون.
    هينئر سال 1991ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڪتاب جي نئين ايڊيشن جي ڇپائيءَ جي سلسلي ۾ جڏهن مون ڪهاڻين کي نئين سري کان پڙهيو. انهن تي منڌيئڙا پاتا. انهن جي جذباتي شدت کي گهٽائڻ جي شعوري ڪوشس ڪئي. ان کانپوءِ به ڪارڻ/ اڪارڻ پڙهندڙ سان ڊسڪس ڪرڻ لنوائي نه سگهي آهيان. جلاوطن جون ڪهاڻيون لکڻ کانپوءِ، داخليئت ڏانهن شعوري/ اڻ شعوري لاڙي کي ڪنهن صحيح دڳ پهچائڻ کان پهرين، ان تبديليءَ کي محض تجربي جي حوالي ڪرڻ کانسواءِ، گهڻو اڳتي هلي مان “رڻ ۽ رَڃ جو اتهاس” لکي نه سگهان ها- ڪربلا جون ڪهاڻيون منهنجو اهو تجربو ئي آهن.

    نورالهديٰ شاهه

    04 سيپٽمبر 1991ع
    حيدرآباد


    منهنجو من ڀنڀور

    ڌرتيءَ جي ٻرندڙ گولي تي ڪو رهجي ويل سپنو آهيان آئون (يا – صليب جو نشان آهيان). ڌرتيءَ جي پوڙهيءَ ڇاتيءَ تي اگهاڙن پيرن ڊوڙان ٿي، جنم جنم کان. پير پٿون ۽ اکيون آڳ اُلا. ڪو پريم پل آيو ئي نه زندگيءَ ۾. دک جي دائري ۾ ڦرندي رهي آهيان. هاڻ ته ڪارن ڪڪر وارن ۾ چانديءَ جون تارون ٿيون جرڪن، ڄڻ هڪ ڊگهو لينگهو پئجي ويو هجي منهنجي جوانيءَ جي نرڙ تي.
    هڪ ڀيري (۽ سال گذريا اُنهيءَ هڪ ڀيري کي) ريلوي لائن جي ڪناري – ڪناري هلندي چيو هئم هن کي (جنهن جو من منهنجي اندر ۽ جنهن جو تن سرحد پار ٿو ڀٽڪي) ته آئون تيزيءَ سان ڊوڙندڙ انهيءَ ريل هيٺان اچي آپگهار ڪنديس، جيڪا تنهنجي هر گس کي منهنجي هر گس تان ڪٽيندي ويندي. منهنجو تن ٽڪر – ٽڪر ٿي ڦهلجي ويندو ڌرتيءَ جي چؤڏسائن ۾، ۽ منهنجو بانورو من رهجي ويندو مڪليءَ جي قبرستان ۾.
    موٽ ۾ هو مُرڪي پيو هو؛ “الاءِ ڇو سمجهان ٿو ته تون آپگهات ڪري نه سگهندينءَ سنڌ!”
    چيو هئم؛ “زندگيءَ جا هاڃا هلي مون پويان ناهن آيا – مون ڪيو آهي هر دک جو پيڇو ۽ ڇا آپگهات ڪو بيحد دکي ڪندڙ هاڃو ناهي گوتم!؟”
    “سنڌ!” پولارن ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي هن چيو هو؛ “الاءِ ڇو ائين ٿو محسوس ٿئيم ڄڻ جنهن ڏينهن تون آپگهات ڪندينءَ، سو ڏينهن حشر جو هوندو. ڪم از ڪم مون لاءِ – ڏس نه سنڌ! جنهن پل اسان آپگهات ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندا آهيون، انهيءَ پل اسان جي اندر جي ماڻهوءَ جو آپگهات ٿي ويندو آهي. باقي رهندو آهي تن، جيڪو زندگيءَ جي رسم نڀائڻ لاءِ پيو تڳندو آهي. پوءِ ڇا ضروري آهي ته انهيءَ کي به آڻي ڇڏجي تيزيءَ سان ڊوڙندڙ ڪنهن ريل هيٺان؟”
    اسان چپ چاپ هلندا رهيا هئاسون، ريل جي پٽين تان. هن پل سوچيان ٿي ته درد جي درياهه منجهان پل – پل لنگهڻ کان پوءِ به آئون آپگهات ڪري نه سگهي آهيان (ڇو!!؟) سلو پوائزن وانگر جيئان ٿي، ڄڻ هوريان – هوريان مرندي هجان. سپنو ڏسندي آهيان ته باهه جي سُرخ اُلن ۾ سڙي ٿو منهنجو تن. سسئي وانگر رڻ ۾ ٿي واڪا ڪرڻ چاهيان، پر دروازا سڀئي بند آهن. جنم قيد جي انهيءَ مسلسل ڪيفيت ۾ آئون جيئان ٿي اڄ تائين. ائين ڀائيندي آهيان، ڄڻ منهنجي چؤڌاري ڪوٽ ڦهليل هجي، اُڀن ڪاون سان.
    ائين محسوس ٿيندو اٿم ڄڻ آئون دک جي مٽيءَ منجهان تخليق ٿي هجان. سک جي مٽي منهنجي پتيءَ جي ئي نه هئي. سو بس انهيءَ جو سپنو ئي ڏٺو هئم. سک ڌرتيءَ جو اڻپورو سپنو آهي ۽ دک درياهه آهي، جيڪو وهندو ٿو وڃي تن جي رڳ – رڳ مان.
    هر نئون صبح نئين آس من ۾ پالي ڏٺي هوندم. شايد اهو صبح هجي منهنجي حصي جو! هر رات جي ڪاري ڏائڻ کي ڀاڪر پائي ستي آهيان. هر نئون سج اميد جا هزار ڏيئا ٻاري ڏٺو اٿم. هر سج اُلهي وڃڻ کان پوءِ ٻئي ڏينهن جا سپنا پاليا هوندم من ۾.
    ياد اٿم ڄامشوري جي هيڊن تتل پٿرن تي گوتم سامتاڻيءَ سان هلندي سوچيو هئم؛ “جو پل موجود آهي، آئون انهيءَ پل جي ڪنوار آهيان. جو پل گذري ويو، سو ڏهاڳڻ جيان آهي.” سامهون سنڌ يونيورسٽيءَ جون عمارتون بيٺيون هيون. هيڊن پٿرن تي اسان جا پاڇولا هڪٻئي سان ٽڪرائجي رهيا هئا.
    “ڇا ٿي سوچين!” چؤڌاري ڦهليل بي انت سانت ۾ هن مون کي پڪاريو هو.
    “سوچيان ٿي گوتم! تون هليو ويندين. تنهنجو ۽ منهنجو ساٿ ويزا جي تاريخ تائين آهي. نڄاڻ انهيءَ کان پوءِ جيئڻ ڪيڏو اوکو هجي! تون جنم – جنم جلا وطن آهين ۽ مون پنهنجي ذات اندر جلاوطنيءَ جو عذاب سَٺو آهي. جڏهن توکي پهريون ڀيرو ڏٺو هئم، تڏهن پهريون ڀيرو ڀانيو هئم ته منهنجي اندر ۾ به وطن آباد آهي شايد.”
    ڏامر جي ڪاري روڊ جي ٻنهي ڪنارن تي بيٺل وڻن جي ڇانوَ مان لنگهي رهيا هئاسون. هلندي هلندي هن ڪنهن وڻ جي ٽاريءَ تان ٿي پن پٽيو. منهنجي ڳالهه جي ورندي ڪيترا پل گذري وڃڻ کان پوءِ ڏني هئائين. ٽاريءَ تان پيلو پن ٽوڙيندي چيو هئائين: “مون توساڻ وصل جي لمحن ۾ به وڇوڙي جو عذاب سَٺو آهي سنڌ!” هن جي اداس اکين ۾ پيڙاؤن ٿي لٿيون انهيءَ پل. “جلاوطن ته هاڻي ٿيو آهيان. جڏهن ته توکان ڌار ٿيڻ جو عذاب اڳ ۾ ئي پيو سهان. آئون سرحد پار پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ ۾ هليو ويندس ۽ منهنجو من، اتي ڪٿي، تنهنجي اندر، موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾، سنڌوءَ جي ڇولين ۾، مڪليءَ جي قبرستان ۾ رهجي ويندو. ٻڌين ٿي نه سنڌ!” انهيءَ پل پهريون ڀيرو پاڻ کي اندر ئي اندر، سنڌ جي بيرانن ۾ سسئي وانگر واڪا ڪندي ٻڌو هئم گوتم – گو – تم – گ – و – ت – م – گو – و – و – تم – تم – تم – اهي ڏينهن جيڪي هن ساڻ سنڌ جي ڌرتيءَ تي ڊگها – ڊگها پنڌ ڪري گهاريا هئم، اڄ به جيئڻ جو ڪارڻ ڀائيندي آهيان. دل جلاوطنيءَ جي ٽياس تي ٽنگجي ويندي آهي. هڪ اداس نما شام جي ٿڪل ٿڪل لمحن ۾ هن ڪاري مارڪر سان منهنجي هٿ تريءَ تي لکيو هو:
    الا – ڏاهي مَ ٿيان – ڏاهيون ڏک ڏسن – ڏاهيون ڏک ڏسن – مون سان مون پرين- ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا – مون سان مون پرين – ڏاهيون ڏک ڏسن – الا – ڏاهي مَ ٿيان.
    اکين منجهاران ٻه بوندون هٿ تريءَ تي وڃي ڪريون هئم. گوتم! زندگي اڄ به زنده رهڻ جي رسم ٿي نڀائي، پر تو چيو هو نه ته ڏس سنڌ! ڪيڏو نه وڏو هاڃو آهي جو تن ته هڪڙيءَ ڀونءِ تي جيئي ۽ من ڪنهن ٻئي ديس ۾ ڀٽڪندو رهي! تن من کان ڌار رهي ڪيئن ٿو جيئي سنڌ! ۽ ڪيئن جيئنداسون پاڻ! پر گوتم! توکان وڇڙڻ کان پوءِ زندگيءَ جون سڀ حقيقتون ڄاتيون اٿم. ماڻهو هر انداز ۾ جيئي ٿو. ڦاسي اچڻ کان هڪ رات اڳ به جيئي ٿو ۽ جلاوطن ٿي به جيئي ٿو. تن ۽ من جي ونڊ ته ازل کان ٿيندي آئي آهي.
    تن ۽ من وچان جيڪا سرحد لنگهي ٿي، ماڻهو انهيءَ کي ڀاڳ جي ازلي ليڪ جيان ڊاهي نٿو سگهي. بس جيئي ٿو انهيءَ لاءِ جو موت جو اوسيئڙو ڪرڻو آهي. ڪڏهن ڪنهن مهاڀاري جنگ ۾ ڪو ايٽم – بم ڪو نيوٽران بم تن ۽ من جو حساب ڪتاب برابر ڪري ڇڏيندو. سو گوتم سامتاڻي! اهو ئي آهي اُهو الميو، جيڪو تنهنجا ۽ منهنجا گس ڌار – ڌار ٿو جوڙي. تو ڪڏهن سوچيو گوتم سامتاڻي! صرف هڪ ٻئي جا چپ چمڻ لاءِ ماڻهوءَ کي تاريخ جي ڪيڏين خوني جنگين مان ٿو لنگهڻو پوي.
    سو تون ۽ آئون هڪ ٻئي جا چپ چمي نه سگهنداسون. ڪنهن ٻئي جنم ۾ به نه. سنڌ اچڻ کان اڳ هن لکيو هو:
    “سنڌ! جنم – جنم کان جلاوطنيءَ جو عذاب من ۾ پالي جيئان پيو. بمبئي منهنجي جنم ڀومي، پر ائين ٿو ڀانيان ڄڻ ڄمڻ مهل رڳو تن هو منهنجو ۽ من، سو نه ڄاڻ دنيا ۾ ايندي – ايندي ڪٿي کوئجي ويو هئم؟ پتڪڙو هئس اڃا، جڏهن امي اکين ۾ ڍير سارو پاڻي ڪٺو ڪري سنڌ جون ڳالهيون ٻڌائيندي هئم ۽ ساڻ ساڻ منهنجو بانورو من سنڌ جي بيرانن ۾ پيو ڀٽڪندو هو. ڀٽ شاهه تي – درازا شريف جي ڳلين ۾ - موئن جي دڙي جي کنڊرن ۾ - مڪليءَ جي قبرستان ۾ - مياڻيءَ جي ٻيلي ۾ - پتاجيءَ کي ٻاروتڻ کان ڀٽائيءَ جا بيت جهونگاريندي ٻڌو هئم. جڏهن سانجهيءَ جا پاڇولا پرڙا پکيڙيندا هئا، تڏهن هو اڱڻ ۾ اچي ويهندو هو ۽ آلين اکين سان پيو جهونگاريندو هو: سج لهي سانجهي ٿي – پکين کوڙيا پک – ڪن ميڙيا ماڻڪ موتي – ڪن ميڙيا ڪک – مون کي پرور ڏيج پک – ته اڏامي اوڏڙي ٿيان – امي چوندي هئي: سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار – دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين – تڏهن سنڌ! منهنجو بانورو من سنڌ جي بيرانن ۾ ڀؤنر جيان ڀون – ڀون ڪندو اُڏامندو هو. سرحد جي هن پار ويهي جڏهن دوستن کان بيک ۾ مليل سنڌ جي رسالن ۾ تنهنجي شاعري پڙهندو آهيان، تڏهن سوچيندو آهيان، تنهنجن پيرن هيٺ ڌرتي آهي، انهيءَ ڪري تنهنجو نانءُ به سنڌ آهي. منهنجي پيرن هيٺ جلاوطنيءَ جو مسلسل عذاب آهي، انهيءَ ڪري ائين ٿو ڀانيان ڄڻ ڪوبه نانءُ نه هجيم.”
    “آئون ڀارت جو هندو سنڌي ڪهاڻيڪار، پر ڇا ڪنهن اهڙي ڌرتيءَ تي اندر جو ڏات ڌڻي جيئرو رهي سگهي ٿو، جتي هن جو من نه هجي! مهيني کن لاءِ اچان پيو. امي ۽ پتاجيءَ جي جوانيءَ جي ديس ۾، بلڪل اوپرو بڻجي. مرڻ کان اڳ اميءَ ۽ پتاجيءَ چيو هو ته اسان جي چتائن جي رک سنڌوءَ ۾ هارڻ لاءِ ڪڏهن سنڌ ضرور وڃجانءِ ۽ آئون انهن پاڳل ڪندڙ احساسن جون چتائون کنيو پيو اچان، جتي منهنجو من کوئجي ويو آهي – گوتم سامتاڻي.”
    ڪراچي ايئرپورٽ تي بيٺل بي پناهه هجوم ۾ هو هٿ ٻڌي ائين بيهي رهيو هو مون اڳيان، ڄڻ ڪنهن عبادتگاهه جي چائنٺ هجان. آس پاس بيٺل ماڻهن جي اکين جي گهور تکي ٿي وئي هئي. پاڻ اڳيان جوڙيل سندس هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهليندي، انهيءَ هڪڙي پل، دل سيني مان نڪري هٿن ۾ ڌڙڪندي ڀانئي هيم – عينڪ جي اڇن اجرن شيشن اندر، سندس اکين ۾ سنڌو درياهه ڀرجي آيو هو ڄڻ.
    ماڻهن جي هجوم مان نڪري آيا هئاسون. ٻاهر چوڌاري نهاريندي چيو هئائين: “آئون ڇو اوپرو آهيان هن ڌرتيءَ تي! آهي نه تاريخ جو سڀ کان وڏو هاڃو!”
    ڌرتتيءَ مهل حيدرآباد ويندي، بس جي سيٽ تي گوتم سامتاڻي جي ايڏو ويجهو ويٺي ڀانيو هئم، ڄڻ ڪجهه آهي، جيڪو من ۾ چڀندو هجيم.
    هو ڳڙکيءَ کان ٻاهر ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو، سنڌ جون ڀٽون ۽ بر. نانگ جهڙو ور وڪڙ کائيندڙ رستو، جيڪو سڌو سنڌ جي ڇاتيءَ ۾ ٿي لٿو.
    “ڪٿي رهندين تون؟ منهنجو ٺڪاڻو ته مارئي هاسٽل آهي.”
    موٽ ۾ هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن نهاريو: “آئون ته بلڪل اوپرو آهيان هن ديس ۾ - مون وٽ هيرآباد جي انهيءَ گهر جو به پتو آهي سنڌ! جيڪو پتاجي نڄاڻ ڪيترا سپنا من ۾ سانڍي جوڙايو هو. امي انهيءَ گهر جا ساروڻا ساري سڏڪي پوندي هئي. پر اهو گهر ڪيئن ٿو منهنجو ٿي سگهي – جو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجا ئي گهر پنهنجي لاءِ درد جو درياهه بڻجي ويندا آهن، جنهن کي ڪڏهن به اُڪري نه ٿو سگهجي.”
    بس تيزيءَ سان روڊ جي ڇاتيءَ تي ڊوڙندي رهي هئي. پر ڪجهه به نه چئي سگهي هيس. اهي سڀ ڳالهيون، جيڪي اندر جو عذاب آهن، چئي نه سگهبيون آهن.
    “آئون هوٽل ۾ ئي رهندس. اوپرا ماڻهو هوٽلن ۾ رهندا آهن نه!” هن کي هوٽل تي ڇڏي جڏهن يونيورسٽيءَ جي بس ۾ ڄامشوري ڏانهن واپس موٽي هئس، تڏهن ڀانيو هئم ته پنهنجي صدين جي تاريخ پويان ڇڏي آئي هجان. هوٽل جي بند ڪمري ۾ ڄڻ منهنجي سمورن بيتن جي معنيٰ کوئجي وئي هجي. گوتم انهيءَ ڏينهن ڄاتو هئم ته وطن آباد هوندو آهي ماڻهوءَ جي اندر. بظاهر جيڪو زمين جو ٽڪر آهي، سو ته روپ آهي اندر ۾ آباد وطن جو. زمين جي ٽڪر تي جيڪو هاڃو ٿئي ٿو، انهيءَ جو عذاب من اندر آباد وطن ٿو ڀوڳي. اڄ تائين اها ڪٿ نه لڳائي سگهي آهيان ته منهنجو اهو پاڳل پڻو تو لاءِ آهي يا سنڌ ڌرتيءَ لاءِ؟. نڄاڻ تو مون کي چاهيو هو يا سنڌ جي اُداس ڌرتيءَ کي؟ ٻئي ڏينهن جڏهن هوٽل پهتي هيس ته هو دريءَ ۾ بيٺو هو. دريءَ کان ٻاهر ڦهليل هو حيدرآباد جو شهر.
    “رات آئون سمهي نه سگهيو آهيان سنڌ! رات اُهي سڀ لڙڪ اکين ۾ چُڀندا ڀانيا اٿم، جيڪي جنم – جنم کان اميءَ جي اکين ۾ ڪٺا ٿيندا ڏٺا هئم.” هن جي اکين ۾ رات جو اوجاڳو هو. آئون ٿڪل ٿڪل وکون کڻندي دريءَ وٽ هن جي ويجهو اچي بيٺي هيس. هيٺ روڊ تي ڊوڙندڙ تيز رفتار موٽرون – رڪشائون – ٽانگا – جائين جا منگهه – ورهاڱي کان اڳ جا اداس گهر ۽ پوءِ جون عمارتون – ماڻهو – اجرڪن وارا ۽ ڳاڙهن واتن وارا.
    “ڇا ٿو ڏسين گوتم؟”
    هن ڇرڪي مون ڏانهن نهاريو. “حيدرآباد جي تن ۾ انهيءَ حيدرآباد جو من پيو ڳولهيان، جنهن جون ساروڻيون ساري پتاجي ۽ اميءَ کي ٻاروتڻ کان سڏڪندي ڏٺو هئم. سنڌ! ڪٿي آهي اُها حيدرآباد؟ منهنجي اکين ۾ ته رڳو ڳاڙها وات ٿا چڀن.”
    هوٽل مان نڪري رستن تي هليا آيا هئاسون. هو ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر اُداس ۽ گم سم. روڊ تي اسان جا پاڇولا هڪٻئي سان ٽڪرائجي رهيا هئا.
    “سنڌ!”
    “هل – هلون منهنجي گهر – آئون اُنهيءَ جي هر ديوار کي ٿو چمڻ چاهيان. پتاجي ۽ اميءَ جا اڻپورا سپنا ٿو ڏسڻ چاهيان.” روڊ تي هلندي – هلندي هو بيهي رهيو. هن پتلون جي کيسي مان گهر جو پتو ڪڍي منهنجي هٿ تريءَ تي رکندي چيو هو: “ائين سمجهه ته ڪنهن کوئجي ويل ٻار کي گهر ڏيکارڻ ٿي هلين.”
    هيرآباد ۾ جلد ئي هن جو گهر لڀي پيو هو. سرخ رنگ جون ديوارون، اڃا به ديوار تي اڇو پٿر لڳل هو. “سندري هائوس” هو انيڪ پل ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو انهيءَ اڇي پٿر کي. نه ڄاڻ ڪهڙي طوفان ۾ گهيرجي ويو هو هن جو من! آئون چپ چاپ ڳاڙهي ڀت کي ٽيڪ ڏيو هن کي ڏسندي رهيس. هو رنو نه هو. عينڪ جي فريم اندر هن پنهنجيون اکيون پوري ڇڏيون هيون.
    اسان ڄڻ ڪنهن مقدس عبادت گاهه جي چائنٺ تي اچي بيٺا هئاسون.
    “سنڌ!”
    “هون!”
    “سندري منهنجي وڏي ڀيڻ هوندي هئي. اميءَ کان ٻڌو هئم ته هوءَ بنهين سهڻي هئي. ايتري جو جيڪو به ڏسندو هئس، سو مٿس موهت ٿي پوندو هو. ڏاڍو مٺو هوندو هئس آواز، جڏهن هوءَ اوچن سُرن ۾ ڀٽائيءَ جون وايون ڳائيندي هئي، تڏهن ڄڻ هر شيءِ سانت ۾ اچي ويندي هئي. ڏاڍي سڌ هوندي هئس ڀٽائيءَ جو سمورو رسالو ياد ڪرڻ جي. سج لٿي جي ويلا ۾ هوءَ انهيءَ گهر جي اڱڻ ۾ ويهي بيت ياد ڪندي هئي، پر ڀٽائيءَ جو رسالو ياد ٿيڻ کان اڳ ئي هوءَ جوانيءَ ۾ مري وئي. ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ ورهاڱو ٿي ويو. سڀ گهر وارا هن گهر ۾ هن جون ساروڻيون ڇڏي ڀارت هليا ويا. مون ڀارت ۾ جنم ورتو. مون ڪڏهن هن جي تصوير به نه ڏٺي، پر هن پل ائين ٿو لڳيم ڄڻ هوءَ سامهون بيٺي هجي، ٻانهون ڦهلايو. ڄڻ هوءَ چوندي هجي ته اڙي – گوتم! – چريا! ايڏو وائڙو ڇو بيٺو آهين؟ اچ – توکي ڀاڪر پايان – تنهنجو مک چمان – ڪيڏو سندر آهين تون. ائين ٿو لڳيم ڄڻ اهي سرخ ديوارون سندريءَ جون ٻانهون آهن. هي دروازو هن جو سينو آهي، جنهن تي سِرُ ڌري آئون سڀ دک روئڻ ٿو چاهيان. هن گهر اندر سندريءَ جو من ٿو ڌڙڪي ۽ آئون هتي پيو ٻڌان هن جي ڌڙڪندڙ من جو آواز.”
    مون ڪنڌ مٿي کڻي انهيءَ اڇي پٿر کي ڏٺو، جنهن تي “سندري هائوس” اُڪريل هو. سمجهي نه سگهي هئس ته ڪهڙو هاڃو آهي اهو، ڪهڙي پلصراط آهي جنهن تي انسانن جو انبوهه ٿو ڊوڙي؟ ائين ڇو ٿيندو آهي ته سندريءَ جي آتما ته سنڌ ۾ ٿي ڀٽڪي ۽ گوتم ڀارت ۾ ٿو جنم وٺي. سوچيو هئم – زمين جي جنهن ٽڪر جي حصول لاءِ ماڻهو تاريخ جون سڀ خوني جنگيون ٿو ڪري، زمين جي انهيءَ ٽڪر جيان اهم اهو ماڻهو به هو، جيڪو انهيءَ جنگ ۾ مارجي ويو. پر اها ڳالهه ڪوئي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ اهو ليکو ڪيئن ڪري سگهبو ته ڪيترا ماڻهو ڀارت کان هيڏانهن ايندي مارجي ويا ۽ ڪيترا ماڻهو ڀارت ويندي مارجي ويا؟ اهي ليکا جيڪر رجسٽرڊ ٿي سگهن ها ته ڪر ماڻهو ماڻهوءَ جو رت نه چوسي ها.
    سندري هائوس جي ڪال بيل تي آڱر رکي ڀانيو هئم ته هوريان هوريان ڪو طوفان آهي، جو اندر گهڙندو ٿو اچي. هو مون پويان چپ چاپ بيٺو هو. ڪيتري اوسيئڙي کان پوءِ دروازو کليو. دروازو ڪنهن سندريءَ نه کوليو هو. اهو ئي ڳاڙهو وات ۽ ڪٺور اکيون.
    “کس سي ملنا هي آپ کو؟” گوتم چپ چاپ هن کي ڏسندو رهيو. ڇو نه ٿي هن کي چئي سگهيو ته هي گهر منهنجو آهي ڳهلا! منهنجي اميءَ ۽ پتاجيءَ جو اڻپورو سپنو آهي. هت منهنجي ڀيڻ جي آتما ٿي ڀٽڪي. ڇا ائين اوچتو ئي اوچتو پنهنجي هر ڪا شيءِ ڌارين ٿي پوندي آهي، سڀئي سڱ سياڪا ڇڄي پوندا آهن؟.
    “کون هين آپ؟.”
    گوتم چپ ڀيڙي ڇڏيا. ڪٺور اکين جي گهور کان گهٻرائجي هن کي ٻڌايو هئم ته: “هي گوتم سامتاڻي آهي. ڀارت مان آيو آهي. هي گهر هن جي ماءُ ۽ پيءُ جو اڻپورو سپنو آهي. هي ڏسڻ ٿو چاهي هن گهر کي، چمڻ ٿو چاهي انهيءَ جي هر ديوار کي. هت هن جي ڀيڻ سندريءَ جا ساروڻا آهن.”
    هن ڪٺور اکين سان گوتم کي ڏٺو. ڄڻ چوندو هجي ڀڄي وڃ هتان. هي گهر تنهنجو ڪونهي، هي ديس تنهجو ڪونهي، اوپرو آهين تون. چيائين: “آپ کي پاس کوئي ثبوت؟.”
    گوتم انڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيو. ڀلا پنهنجي سپنن لاءِ به ڪي ثبوت هٿ ڪبا آهن؟ پنهنجي گهر جي ديوارن کي چمڻ لاءِ به ڪي ثبوت ساڻ آڻبا آهن؟.
    “آپ کو غلط فهمي هوئي هي، يه گهر آپ کا نهين.” در ٺڪاءُ ڏئي بند ٿي ويو. سرخ ڏاڪڻين تي بيٺل اسان جا وجود ڄڻ پاپ نه بخشرائي سگهيا هئا. ڄڻ عبادتگاهه جي چائنٺ تان ڌڪاريو ويو هجي اسان کي. هن اجهامندڙ اکين سان مون کي ڏٺو. مٿي ڏٺائين، جتي سندري هائوس جو اڇو ڪتبو لڳل هو ۽ موٽڻ لاءِ منهنجو هٿ پڪڙي ورتائين.
    اجهامندڙ نما شام جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڄامشوري جي پل تي بتيون ٻرڻ لڳيون هيون. پاڻيءَ ۾ پوندڙ روشنين جو عڪس. هيٺ سنڌو ٿي وهيو. جهڙالو آسمان. هن الائي ڪائون ڀيرو پٿر اڇلايو هو دريا ۾. انيڪ پل ڪجهه به نه ڳالهايو هوسين. ريلنگ ڪناري هلندي هلندي مون هن کي اهي بيت ٻڌايا هئا، جيڪي ڄامشوري جي اُڀن ڪاون جهڙن هيڊن پٿرن تي اگهاڙن پيرن هلندي سوچيا هئم. پريان مهاڻن جون ٻيڙيون ٿي موٽيون.
    اونداهي ۾ اچي بيٺا هئاسون. سامهون روشنيون هيون ۽ دور نيڻ نهار کان ٿي شروع ٿيو حيدرآباد جو شهر.
    “سنڌ! جڏهن هليو ويندس هتان ۽ منهنجي ويزا جي تاريخ ختم ٿي ويندي، تڏهن تون ڪيئن ساريندينءَ مون کي – ڪهڙي انداز ۾ - ڪهڙن لمحن ۾؟!”
    پل هيٺان سنڌو درياهه وهندو ٿي ويو. ڪنارن تي مهاڻن جون ٻيڙيون بيٺيون هيون. ڪنهن مهاڻي جي ريڊيو تي – دور کان آواز ٿي آيو. آيل ڪريان ڪيئن منهنجو نينهن پليو نا رهي – الله هو – هو – الا – الا – آيل ڪريان ڪيئن – منهنجو نينهن. ريلنگ تان نمي دريا جي پاڻيءَ ۾ ليئو پاتو هئم. چيو هئم: “گوتم! توکي سارڻ وارن لمحن ۾ آئون سنڌوءَ جي ڪناري اچي بيهنديس. درياهه جي پاڻيءَ ۾ تنهنجو عڪس ڳولهينديس. جيسيتائين جيئنديس، انهيءَ آس تي ته شايد ڪنهن نه ڪنهن جنم ۾ تنهنجو عڪس سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ لڀي پوي. توکي ڪهڙي ڄاڻ ته هن لمحي ۾ به آئون تنهنجو عڪس ٿي ڳولهيان، سڌوءَ جي جرڪندڙ پاڻيءَ ۾.”
    هو به ريلنگ تان نمي هيٺ پاڻيءَ ۾ لياڪا پائڻ لڳو. نٿي ڄاڻان ته هن جي اکين منجهه ڇا هوندو انهيءَ پل! پر منهنجين اکين منجهاران ٻه بوندون هيون، جيڪي درياهه جي پاڻيءَ ۾ گڏجي وهنديون ويون هونديون عربي سمنڊ تائين، ستن سمنڊ جي ڇاتيءَ منجهه.
    تن ڏينهن برساتيون پوڻ شروع ٿيون هيون. جهڙالو آسمان ۽ هر شيءِ تي ڦهليل آلاڻ. ڄڻ ڪو هر شيءِ تي سر ڌري رنو هجي. ٻاروتڻ هئم تڏهن، جڏهن شڪارپور ۾ وڻن ۾ چينگهلا ٻڌي برسات وارا ڏينهن گهاريندا هئاسون. جواڻي آئي ته برسات وارا ڏينهن ۽ راتيون اداسيءَ جو ختم نه ٿيندڙ سلسلو ساڻ کنيو آيون. انهيءَ اداس راتين ۾ - جڏهن ٻاهر تيز برسات ٿي پئي، مون پهريون – پهريون بيت لکيو هو. ان کان پوءِ راتيون جاڳي بيت لکيا هئم سنڌ جي نانءَ سان. ڄائي هيس ته بابا مٿم نانءُ رکيو هو زيب النساءُ ۽ زيب النساءِ وري ڪڏهن واٽ ويندي به نه ڏٺم.
    ان برسات جي ڪنهن ڀنل پهر ۾ پنڌ ڪندا سينٽرل جيل اڳيان لنگهيا هئاسون. پيرن ۾ ڄڻ سنگهر پئجي وئي هئم. بيهي رهي هيس سينٽرل جيل جي ڪوٽ اڳيان. بند گيٽ اڳيان پوليس واري گهوري ڏٺو هو مون کي.
    “ڇا ٿيو سنڌ! ڇو بيهي رهي آهين؟” گوتم حيران ٿي پڇيو. منهنجيون اکيون ڪوٽ اُڪرنديون سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ منجهه وڃي اڙيون هيون. انهيءَ تاريڪ کوليءَ ۾ گذريل پنجن سالن کان ادا وڏو بند هو. سندس جوانيءَ جي نرڙ تي گهُنج پئجي ويا هئا. هڪ اداس صبح ڀاڀيءَ ادا وڏي تي ٿيندڙ ڏاڍ خلاف احتجاج ڪندي آپگهات ڪيو هو. ڀاڀيءَ جي سيرانديءَ کان اگربتيون ٻاريندي چاهيو هئم ته سسيءَ وانگر واڪا ڪندي نڪري وڃان سنڌ جي بيرانن ۾، پر ٿيو ائين هو جو آئون چپ چاپ چپ ڀڪوڙي اگربتيون ٻاريندي رهي هيس. اها سڄي رات مون بند ڪمري ۾ ويهي سر ڪيڏارو پڙهيو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو جڏهن ٽٽندڙ دل جا هزار ٽڪر هٿ تريءَ تي سجائي، جيل جي مضبوط لوهي سيخن جي هن پار بيٺل ادا وڏي کي ڀاڀيءَ جي آپگهات جو هاڃو ٻڌايو هئم، تڏهن هو نستو ٿي پٽ تي ويهي رهيو هو. اکيون پوري، گوڏن تي سر ڌري نڄاڻ ڪيترا پل رئندو رهيو هو. ملاقات جو وقت ختم ٿيو. وڃڻ لڳيس ته هو اُٿي بيٺو. اکين منجهه سنڌو درياهه هئس. لوهي سيخن منجهان منهنجا هٿ پڪڙي مُرڪي پيو هو. چوڻ لڳو: “سکان جي قبر تي وڃين ته چئجانس – اڃا مئو ناهيان – اڃا اجهاڻو ناهيان – ” آئون نڙيءَ ۾ سڏڪا گهٽي موٽي آئي هيس.
    اهو سڀ ڪجهه سينٽرل جيل جي اوچي ڪوٽ اڳيان بيهي گوتم سامتاڻيءَ کي ٻڌايو هئم. برسات جي بوندن ۾ اسان جا چهرا پُسي رهيا هئا. مون جهُڙالي آسمان ڏانهن اکيون کڻي نهاريو ۽ اکيون پوري ڇڏيم.
    زندگيءَ ۾ ڪيترين شين سان محبت ڪيم. انهن منجهان حيدرآباد جو سينٽرل جيل به آهي. گوتم سامتاڻيءَ کي سينٽرل جيل جي اڳيان لنگهندي ٻڌايو هئم ته جڏهن سنڌ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل ڪاليج جا يا سنڌ جا ٻيا نوجوان ڀريا ويندا آهن انهيءَ جيل اندر، تڏهن آئون ڌرتتيءَ مهل جيل جي اڳيان لنگهندي کن پل لاءِ بيهي رهندي آهيان. لڳندو اٿم ته انهيءَ جيل اندر منهنجو روح ٿو پرڙا هڻي. گوتم هلندي – هلندي بيهي رهيو.
    هو پاڳلن وانگر ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو مون کي.
    انهن ڏينهن ڪنهن – ڪنهن پل سج نڪرندو هو. نه ته آسمان تي تن ڏينهين بادلن جو واسو هوندو هو.
    سنڌوءَ ڪناري هلڻ مهل هو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي چتائن جي رک به ساڻ کڻي هليو هو. برنين ۾ بند اُها پوتر رک ڏسي سوچيو هئم – بس! – اها ئي آهي هيڏيءَ ساريءَ زندگيءَ جي پڄاڻي! – جنهن لاءِ ايڏي ڊڪ ڊوڙ ٿو ڪري ماڻهو – مٽيءَ مٺ ۽ ايڏا جتن جيئڻ لاءِ! – تاريخ جا سڀئي پنا ماڻهو ڇاڪاڻ ٿو رت مان سرخ ڪري ڇڏي – سوچيو هئم جڏهن گوتم جا ماءُ پيءُ به نڪتا هوندا – پنهنجو ڀريو ڀريو گهر ڇڏي – سندريءَ جا ساروڻا ڇڏي، تڏهن ڪيئن – ڪيئن نه رنا هوندا. ديوارن کي ڀاڪر پائي – سرحد پار ڪئي هوندائون، ائين جيئن دنيا مان ڪنهن زندگيءَ جي سموري حاصلات جنازو بڻجي کڄندي آهي – هن پل اُنهن جي چتائن جي رک آئون ۽ گوتم سامتاڻي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ٿا هارڻ وڃون – ماڻهو ڪيئن ڪيئن نه پنهنجي جنم ڀوميءَ سان پيو ناتا جوڙيندو آهي. جيئري نه سهي – مرڻ کان پوءِ سهي. سنڌوءَ ڪناري هلندي هلندي هن منهنجو هٿ پڪڙي ورتو هو. “تنهنجو هٿ پڪڙي هلندو آهيان ته اڪيلائپ جو احساس گهٽجي ويندو آهي – سنڌ!” سنڌوءَ جو پاڻي جهڙالي آسمان هيٺ وهندو ٿي ويو.
    “سنڌ! – اها رک تون هارجانءِ پاڻيءَ ۾.” هن جو آواز ڀرجي آيو هو – چوڻ لڳو: “ٻي جنم ۾ چئي ته سگهندس ته سندن چتائن جي رک سنڌ جي هڪ اداس شاعره سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ هاري هئي – جنهن جو نانءُ به سنڌ هو.” هو سنڌوءَ جي ڪناري پٽ تي پاٿولي ماري ويهي رهيو هو.
    دور ٻيڙيون تري رهيون هيون. نوجوان آيا هئا پڪنڪ تي. انهن جو شور تهائين وڌي ويو هو. هو هڪ ٻئي جي پويان سنڌوءَ جي ڪناري ڊوڙي رهيا هئا.
    سرد هٿن سان اهي برنيون کوليون هئم (ائين ڀانيو هئم ڄڻ اهو ئي پل آهي زندگيءَ جو آخري پل)- هوريان هوريان رک هاريندي رهي هيس، پاڻيءَ ۾. برنيون خالي ٿينديون ٿي ويون. انهيءَ پل هو واريءَ تي ليٽي پيو هو ۽ بند اکين تي منهنجي ساڙهيءَ جو پلاند رکي ڇڏيو هئائين.
    گوتم!
    سنڌوءَ جو پاڻي هن لمحي به وهندو ٿو وڃي سنڌ ڌرتيءَ جو سينو چيريندو.
    تنهنجي اميءَ ۽ پتاجيءَ جي رک انهيءَ پاڻيءَ ۾ گڏجي پاڻي بڻجي چڪي. نٿي ڄاڻان ته اڃا ڪيتريون چتائون جلاوطنيءَ جو عذاب کڻي سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ ۽ دنيا ۾ جيترا به درياهه آهن، سمنڊ آهن، انهن ۾ وهنديون. ماڻهو مري ويندا آهن ۽ پويان ڌرتيءَ تي گهڻو ڪجهه رهجي ويندو آهي. ڪينجهر جا ڪنارا – ڄامشوري واري پل – ڪوٽڙيءَ جي پل هيٺان وهندڙ درياهه ۽ انهيءَ جي ڪنارن تي آباد سنڌي مهاڻن جا ڳوٺ – سنڌ جون ڀٽون ۽ بر – مڪليءَ جو قبرستان – شاهه جو رسالو – سچل جون ڪافيون – سنڌ جا لوڪ گيت – مائي ڀاڳي ۽ علڻ فقير جو آواز – گهڻو ڪجهه جيڪو آئون هٿ تريءَ تي سجائي پوءِ مرڻ چاهينديس. مون کان پوءِ انهيءَ ڌرتيءَ تي انيڪ اداس دل شاعرائون ۽ ڪهاڻيڪارائون اينديون، جن جو آواز منهنجي آواز جو پڙلاءَ هوندو. سج جن جي پيشانين تي اڀرندا. آئون نه هونديس پر منهنجو نانءُ ۽ منهنجا بيت اُنهن جي هٿ تريءَ تي رهجي ويندا. پر گوتم! حياتيءَ جي انهيءَ فيصلي ۾ وقت جا فيصلا شامل ناهن. مرنديس، پر ڪو هڪڙو پل آئون پنهنجي هٿ تريءَ تي ضرور لکرائينديس، جنهن ۾ تون ۽ آئون هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪينجهر ڪناري هلندا رهون. ڪڏهن به تنهنجي ويزا جي تاريخ ختم نه ٿئي.
    ڏينهن جيڪي هن ساڻ منسوب ڪيا هئم، سي هوريان هوريان پر ڪري اُڏامندا ٿي ويا. هو روز ٻڌائيندو هئم ته باقي هيترا ڏينهن آهيان تنهنجي ديس ۾. آئون روز انهيءَ ختم ٿي ويل ڏينهن جو عذاب ڪلهن تي کڻي موٽي ايندي هئس هاسٽل ۾.
    ان کان پوءِ موئن جي دڙي جي اجاڙ کنڊرن تي هن سان هلندي نڄاڻ ڇو من دکي ٿي پيو هئم. سوچيو هئم ڇا ڪڏهن منهنجو دور به موئن جي دڙي جيان کنڊر – کنڊر بڻجي ويندو؟ شڪارپور ۾ منهنجو گهر – سندري هائوس – مارئي هاسٽل – سنڌ يونيورسٽي جون عمارتون – تڏهن انهن کنڊرن منجهان جيڪر ڪڏهن منهنجي تن جو هڏ لڌو ته ڪنهن کي ڪيئن ڪَل پوندي ته هيءُ ماضيءَ جي هڪ اُداس سنڌي شاعره جو رهجي ويل نشان آهي. هزارين سال اڳ جنهن سنڌ جي نانءَ سان بيت لکيا هئا، تڏهن ڪنهن ميوزم جي شوڪيس ۾ رکيل منهنجو اهو رهجي ويل نشان ڏسي ڪوئي ڪيئن سمجهي سگهندو ته سنڌ جي رڳ رڳ ۾ گوتم سامتاڻيءَ جو واسو هو؟ ڪنهن کي ڪيئن سُڌ پوندي ته هي سندري هائوس جا کنڊر آهن، جنهن جي بند دروازي تان هزارين سال اڳ گوتم سامتاڻي نڙيءَ ۾ انيڪ سڏڪا گهٽي موٽي ويو هو؟ ڪير ڪيئن ڄاڻندو ته هيءَ مارئي هاسٽل آهي، سنڌ جي اداس شهزادين جو مسڪن. ڪير ڪجهه به نه سمجهي سگهندو. آئون ۽ گوتم گذرون ٿا انهن کنڊرن مٿان. ڪهڙي ڄاڻ انهن کنڊرن منجهه ڪنهن ڪنهن جا سپنا – محبتون – ساروڻيون دفن آهن؟ ڪيترن ڪهاڻيڪارن جون باغي ڪهاڻيون ۽ ڪيترن شاعرن جي اداس شاعري. ڪو گوتم سامتاڻي – ڪا سنڌ – ڪو سندري هائوس – ڪا مارئي هاسٽل. ڪير ڄاڻي، انهيءَ گس تان ڪوئي هٿ هٿ ۾ ڏئي لنگهيو هجي. ڪا اداس دل شهزادي، ڪو خوبصورت دل وارو شهزادو. اهي وقت جا الميا آهن – جن جو ڪو انت ڪونهي.
    “سنڌ!” جُڳ پراڻيءَ ڊٺل ديوار کي گوتم سامتاڻي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، ڄڻ اجهو هن پل انهيءَ ديوار منجهاران نڪتو هجي.
    “سنڌ! دل چوي ٿي انهن کنڊرن منجهه دفن ٿي وڃون. صديون پوءِ جڏهن پنهنجا هڏ لڀن ته انهن تي هڪ ٻئي جو نانءُ اُڪريل هجي.” موٽ ۾ اکيون پوري ڇڏيون هئم.
    هلندي – هلندي هن موئن جي دڙي جي مٽي ٻُڪ ۾ ڀري کيسي ۾ وجهي ڇڏي هئي، ڄڻ ماڻڪ موتي چونڊيندو هجي.
    موئن جي دڙي جي کنڊرن جي پاڇولي ۾، هيٺ پٽ تي ڀت کي ٽيڪ ڏئي انهيءَ ڏينهن انيڪ ڳالهيون ڪيون هيوسين. نڄاڻ ڪنهن مهل هن جو هٿ پڪڙي ورتو هئم. هو منهنجي ساڙهيءَ جو پلاند اکين تي رکي ڳالهائيندو رهيو. بي معنيٰ ڳالهيون، جن جون هزارين معنائون هونديون آهن.
    “سنڌ! دل ٿي چوي دنيا تياڳي هتي کنڊرن ۾ اچي ويهي رهان. دائرو ٺاهي ڇڏيان چوڌاري ۽ انهيءَ دائري اندر ائين ئي توسان ويٺو رهان. تنهنجي پوتيءَ جو پلاند اکين تي رکيو، تيستائين، جيستائين جيئان.” سندس هٿ کڻي پنهنجي اکين تي رکي ڇڏيو هئم. ياد اٿم ته جڏهن اهو هٿ اکين تان هٽايو هئم، تڏهن برسات جي ڀنل رُت وانگر آلو هو اُهو هٿ.
    گوتم جي ويزا تي لکيل تاريخ ويجهي ايندي ٿي وئي. چوندو هو: “روز ويزا جي تاريخ ٿو ياد ڪريان – روز ٿو مران – روز ٿو جيئان.”
    کيس اهو ٻڌائي نه سگهي هئس ته آئون ته پل – پل ٿي جيئان ۽ پل – پل ٿي مران – پل پل جو اهو حساب تاريخ جي ڪهڙي پني تي لکبو؟ نٿي ڄاڻان، لکبو به يا نه!؟
    ڀٽائي جي مقبري تي بيٺل هزارن انسانن جي انبوهه ۾ پاڻ کي تنها ڀانيو هئم. چوڌاري بيٺل ڀٽائيءَ جا مست الست فقير. اجرڪ اندر لڱ ڪانڊارجي ويا هئم. وڇوڙي جو عذاب ۽ ڀر ۾ بيٺل گوتم سامتاڻيءَ جو وجود اکين ۾ جرڪڻ لڳو هئم. ياد آيو هئم، فقير عبدالغفور يونيورسٽيءَ جي اسٽيج تي بيهي جڏهن واڪا ڪري ڳائيندو هو – جاڳ ڀٽائي گهوٽ – توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري – او – مرن ٿيون مارويون – قابو آهن ڪوٽ - ۽ جهول جهلي جنهن وقت ڀٽائي – ڪرندا ڪنڌ هزار او يار – سنڌڙيءَ تي سير ڪير نه ڏيندو – سهندو ڪير ميار او يار – ڪاتيءَ هيٺان ڪنڌ – پوءِ به نعرا نينهن جا – سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ – مرنداسين – پر – مرڪندي – انهيءَ پل منهنجو بانورو من ڪنهن زخمي پاريل جيان ڀٽائيءَ جي مقبري تي اچي نستو ٿي ڪِرندو هو. گوتم سامتاڻيءَ سان گڏ پهريون ڀيرو ڀٽائيءَ وٽ آئي هئس. ڄاريءَ منجهان ليئو پائي اندر ڏٺو هئم، جت ڀٽائي ستل هو – چاهيو هئم واڪا ڪري چوان: جاڳ ڀٽائي گهوٽ – توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري – پر ٿيو ائين هو جو ڄاريءَ تي سر ڌري اکيون پوري ڇڏيون هئم. سوچيو هئم ته ڀٽ تي وينديس ته هڪڙي ئي دعا گهرندي سانس، وصل جي لمحن جي. گوتم جي ويزا جي تاريخ ڪڏهن به ختم نه ٿئي. پر اُتي هر پل هڪڙو ئي بيت هانوَ تي هرندو رهيو هئم. ڳولهيان – ڳولهيان مَ لهان – شال مَ ملان هوت – من اندر جا لوچ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي - شال مَ ملان هوتَ - شال مَ ملان هوتَ.
    گوتم ڄاريءَ تي سر ڌري انيڪ پل بيٺو رهيو. ٻاهر مست الست فقير اوچن سُرن ۾ ڳائي رهيا هئا.
    ٻاهر نڪتا هئاسون. ڏٺو هئم ته هن جون اکيون ٻرندڙ اڱارين سمان سرخ هيون. ٻاهر اچي هن ٻه ڳانا ورتا هئا. هڪ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ۽ ٻيو منهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هئائين. اهي محبتن جون نشانيون آهن، وڇڙي وڃڻ کان پوءِ جيئڻ جو ڪارڻ بڻبيون آهن. بس ۾ هو سڄي واٽ ستو رهيو. سڪون جي ڇانوَ هئي سندس چهري تي. آئون ڳڙکيءَ کان ٻاهر ڏسندي رهي هيس. حيدرآباد ۾ بس مان لهي پنڌ هوٽل ڏانهن هليا هئاسون.
    واٽ تي چيو هئائين: “اڄ شانتي ملي وئي آهي من کي . ائين ٿو ڀانيان ڄڻ درد جو درياهه اُڪري آيو آهيان.”
    هن کي هوٽل جي گيٽ تي ڇڏي موٽي آئي هيس هاسٽل. سپر هاءِ وي جي ڇاتيءَ تي لهندڙ سج جا پاڇولا تري رهيا هئا. هڪ صبح انڪشاف ڪيو هئائين ته ٽنڊي محمد خان ۾ سندس اميءَ جي ڀاءُ جو گهر آهي ۽ وٽس هن جو پتو به آهي.
    پڇيو هومانس؛ “ته هيترا ڏينهن ڇو نه هلئين؟.”
    چيائين؛ “وساري ويٺو هئس سڀ ڪجهه .”
    هڪ گرم ٻه پهريءَ، بس ۾ ٽنڊي محمد خان وڃي رهيا هئاسون. واٽ تي چوندو هليو؛ “سوچيان ٿو ڪيئن سڃاڻي سگهندس ماما کي ۽ الاءِ مون کي پاڻ سڃاڻي به سگهندو يا نه! الاءِ جيئرو به هوندو!؟ ڪيئن ملندس هن ساڻ؟ مامي ۽ سندس ٻار سرحد اُڪري هليا ويا هئا. ماما کوکرا پار تائين اچي موٽي ويو هو ۽ مامي انهيءَ دک ۾ پاڳل ٿي پئي هئي. انهيءَ پاڳلپڻيءَ ۾ واٽ تي پنهنجو پٽ اشوڪ به وڃائي ويٺي. مون سدائين ماميءَ کي انهيءَ پاڳل پڻي ۾ ماما ۽ اشوڪ کي پڪاريندي ڏٺو. امان ماما جي تصوير هٿن ۾ کڻي چوندي هئي: ’ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج – ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، اچي بوءِ بهار جي‘-” بس مان لهي ٽانگو ڪري نڪتا هئاسين تيرٿ رام جو گهر ڳولڻ. جلد ئي گهر لڀي پيو هو. هيڊي رنگ جي ورهاڱي کان اڳ جي جوڙيل جاءِ. جيڪو ماڻهو گهر ڏيکارڻ لاءِ ساڻ آيو هو، انهيءَ بند دروازي جي اڳيان بيهي پڪاريو هو “ڪاڪا تيرٿ رام – او – ڪا – ڪا!” انيڪ پل سانت کان پوءِ در کليو. دروازي تي ڪاڪو تيرٿ رام بيٺو هو. اڇي گوڏ ۾ ويڙهيل ڏٻرو ڏيل. ڪڻڪائون رنگ ۽ وکريل وار. اسي ورهين جي ڄمار. هن جي چهري تي ڦهليل گهنجن ۾ وقت جي ڌوڙ ٿي اُڏاڻي – اڇا برف جهڙا وار. نڪ تي رکيل عينڪ جي گول شيشن منجهاران لياڪا پائيندڙ ٻه اجهاڻل بي رنگ اکيون.
    “تنهنجا مزمان آيا آهن، ڪاڪا!” ساڻ آيل ماڻهو اسان ڏانهن اشارو ڪري هليو ويو. هن عينڪ منجهان اسان کي گهور ڪري ڏٺو. “ڪير آهيو اوهين؟”
    “آئون گوتم آهيان – گوتم سامتاڻي.” گوتم وڌي اچي هن جي ويجهو بيٺو. ائين محسوس ٿيو هئم ڄڻ گوتم روئي پوندو هن پل.
    “گوتم!” هن حيران ٿي ڏانهس نهاريو. “الاءِ ڪير آهين تون! نٿو سڃاڻان توکي.”
    گوتم بيحد دکي ٿي مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ وري هن سان ڳالهائڻ لڳو. چيائين؛ “اندر اچڻ لاءِ به نه چوندين؟.”
    کن پل لاءِ هن گهٻرائجي اسان ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ در تان هٽي لنگهڻ جي جاءِ ڪندي چيائين؛ “اچو – اندر اچو – پوڙهو آهيان نه انهيءَ ڪري نٿو سڃاڻي سگهان هر ڪنهن کي.”
    اسين اندر هليا آياسين. اجڙيل – اجڙيل سنسان قبرستان جهڙو گهر. صفحي ۾ رکيل ڀڳل ڪرسيءَ تي ويهندي ٿڪجي اکيون پوري ڇڏيون هئم. گوتم هن ساڻ ڳالهائي رهيو هو. “آئون – ڪرشن جو پٽ آهيان – ماما!”
    “ڪرشن!!؟. “
    “اوهان جي ننڍي ڀيڻ ڪملا جو پٽ آهيان – گوتم، آئون ڀارت ۾ ڄائو هئس ماما!”
    “تون! تون ڪملا جو پٽ آهين – اڙي! ڪملا جو پٽ آهين تون!” مون اکيون پٽي نهاريو. تيرٿ رام جي پوڙهي اُجهامندڙ اکين ۾ انيڪ ڏيئا ٻري پيا هئا. هو ڪرسيءَ تان اُٿي کٽ تي ويٺل گوتم جي پيرن ۾، هيٺ پٽ تي ويهي رهيو هو. ڏڪندڙ هٿن ۾ گوتم جا هٿ پڪڙي ورتا هئائين. اکين ۾ هوريان هوريان لڙڪ ڀرجي آيس. “تون – تون – ڪميءَ جو پٽ آهين؟!” هو گوتم جي هٿن کي پاڳلن وانگر چمڻ لڳو. “تون – ڪملا جو پٽ آهين!” هٿ تريءَ سان لڙڪ اُگهندي هن هيڪر وري گوتم ڏانهن نهاريو. “ڇا نالو ٻڌايئي پنهنجو!؟”
    “گوتم!”
    “اڙي! ڏس ته – آئون به ڪيڏو پاڳل آهيان – ڪملا جي پٽ کي سڃاڻي ئي نه سگهيس – تو دل ۾ ته نه ڪيو پٽ!”
    گوتم کٽ تان اُٿي بيهي رهيو. هن کي ٻانهن کان جهلي مٿي کٽ تي ويهاريندي چيو هئائين: “جنهن کي ڪڏهن ڏٺو ئي نه هجي – انهيءَ کي سڃاڻڻ ڏاڍو اوکو هوندو آهي.”
    “هيءَ ڪير آهي؟” ڪاڪي تيرٿ رام مون ڏانهن نهاريندي گوتم کان پڇيو هو. “هيءَ!” هو مون ڏانهن نهاري مرڪي پيو. “هيءَ سنڌ آهي – هتان جي شاعره.” هن ڄڻ ته گوتم جي ورندي ٻڌي ئي ڪانه هئي . سوال ڪري هو ٻيهر گوتم ۾ کوئجي ويو هو. هن جو مک پنهنجن پوڙهن ڏڪندڙ هٿن ۾ جهلي چمندو رهيو هو. رئندو ٿي ويو، ڳالهائيندو ٿي ويو. “اڙي ڇورا! تون بنهه ڪملا جهڙو آهين – توکي ڏسي ڄڻ پاڳل ٿي پيو آهيان.” مون ٻيهر ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي سر ڌري اکيون پوري ڇڏيون هيون. بانورو من ڀٽڪندو نڄاڻ ڪٿان وڃي نڪتو هو. وڇوڙي جو اهو ڪهڙو طويل سفر آهي. ماڻهو – ماڻهوءَ کان ڌار ڇو ٿو ٿئي! باهه جي درياهه ۾ تنها ٿو هلي ماڻهو، وصل جي ڪنهن لمحي جي آس تي. ڇا ٿو ٿئي؟ هڪ ئي گهر جا ڀاتي، ڌار – ڌار گسن تي هليا ٿا وڃن. جنهن ڌرتيءَ تي جنم وٺجي اها تنگ ٿي پوي ماڻهن لاءِ. جڏهن هي گهر آباد ٿيو هوندو، جڏهن تيرٿ رام لائون لڌيون هونديون، تڏهن ڪنهن کي اها ٿوروئي سُڌ هوندي ته اهو سڀ ڪجهه اصل ۾ ڪجهه ناهي. اهو ڄڻ قبرستان بڻجي ويندو. جنهن عورت سان هن لائون لڌيون آهن، سا هڪ ڏينهن سرحد پار ڪري ويندي ۽ هو بي حد سڪون منجهان ڀريو ڀڪلو گهر اُجڙڻ جو منظر ته ڏسي سگهندو، پر پنهنجيءَ جنم ڀوميءَ کان وڇڙڻ جو عذاب سهي نه سگهندو ۽ کوکرا پار تائين وڃي موٽي ايندو. اهي سڀ الميا وقت کان اڳ ڪير سمجهي سگهيو آهي؟.
    “ڪملا – ڪيئن آهي؟”.
    “امي ۽ پتاجي نه رهيا آهن هاڻي هن جڳ ۾.” ڪمري ۾ گوتم جو دکي آواز اُڀريو. مون اکيون پٽي نهاريو. ڪاڪي تيرٿ رام جي اکين ۾ درد جو درياهه هو. “۽ تنهنجي مامي ڪيئن آهي؟ ٺيڪ ته آهي نه!”. هن جي اکين ۾ جواڻيءَ جا سپنا ٿي جرڪيا.
    “مامي!” ماميءَ جو الميو ٻڌائڻ کان اڳ کن – پل لاءِ گوتم اکيون پوري ڇڏيون هيون.
    “ماما! توهان جڏهن کوکرا پار کان موٽي ويا هئا، مامي انهيءَ پل پاڳل ٿي پئي هئي. انهيءَ پاڳل پڻي ۾ واٽ تي اشوڪ به کانئس کوئجي ويو. مون ماميءَ کي سدائين رئندي ڏٺو هو. پاڳل پڻي ۾ واڪا ڪندي هئي: اڙي منهنجو سڀ ڪجهه سنڌ ۾ رهجي ويو آهي، مون کي ڪنهن آندو آهي هتي؟ مون کي موٽائي وٺي هلو. چار سال ٿيا جو مامي به هلي وئي. مرڻ سمي اهي ئي واڪا ٿي ڪيائين”. ڪاڪي تيرٿ رام اکيون پوري ڇڏيون.
    “ماما! اوهين ڇو اڌ تائين وڃي موٽي آيا؟”
    ڪمري ۾ ڦهليل موت جهڙي سانت مون سيني ۾ لهندي ٿي محسوس ڪئي. سامهون ديوار تي ڪاڪي تيرٿ رام جي جواڻيءَ جي تصوير ٽنگيل هئي. ڀر ۾ بيٺل عورت شايد اها ئي هئي، جنهن جي ڀاڳ ۾ ازل کان وڇوڙي جو عذاب پاڳل پڻي جي صورت ۾ لکيل هو. سوچيم اها تصوير منهنجو ايندڙ جنم آهي شايد! هو گوتم سامتاڻي آهي، هوءَ آئون آهيان. ڪير ڄاڻي ته اهو پاڳل پڻو منهنجو نصيب به هجي. ڪير ڄاڻي حياتيءَ جي رڻ ۾ ڪڏهن آئون به واڪا ڪندي وتان – اڙي! منهنجو من کوئجي ويو آهي – ڪوئي مون کي آڻي ڏئي منهنجو من. ڪير ڄاڻي اکين اڳيان تاڻيل پڙدي جي هن پار ڇا آهي؟.
    ڪيترا الميا هئا، جي گوتم هن کي ٻڌائي رهيو هو. امي ۽ پتاجي مري ويا، مامي پاڳل ٿي پئي تنهنجي وڇوڙي ۾، اشوڪ سرحد اُڪرندي کوئجي ويو. ڪيترا اشوڪ کوئجي وڃن ٿا رستي ۾. ڪيترا ماڻهو ماڳ تي رسڻ کان اڳ فنا ٿي وڃن ٿا. ڪيترا سپنا واٽ تي ئي ٽٽي پون ٿا. ڪيترا الميا آهن، جيڪي وقت هٿ تريءَ تي سجائي اسان جي پويان اچي ٿو. پوءِ – حياتيءَ جي رڻ ۾ ايڏي وٺ پڪڙ ڇاجي آهي؟ ايڏيون سازشون – ايترا فساد – ايترو لوڀ ڇاجو آهي؟ جڏهن ته ڪنهن به شيءِ کي تڪميل ڪانهي، هر شيءِ واٽ تي ساٿ ڇڏيو وڃي. فنا – وڇوڙو – دک – عذاب ڇا بس اها ئي آهي زندگي جي حاصلات؟.
    تيرت رام اکيون پٽي نهاريو. هن جي اکين ۾ وقت جي ڌوڙ هئي.
    “ڇوڪرا!” تيرٿ رام ديوار تي ٽنگيل تصوير کي گهورڻ لڳو. “ڇو – کوکرا پار تائين وڃي موٽي آيس – اهو ته تون سنڌ جي ڌرتيءَ کان پُڇ – جنهن ويندي ويندي منهنجا پير پڪڙي ورتا هئا ۽ هنن کي وڃڻ ڏنو هئائين – تون اڃا ننڍو آهين، نه سمجهي سگهندين اهي ڳالهيون ته ڌرتي ڪيئن ماڻهوءَ جا پير پڪڙي وٺندي آهي ۽ ماڻهو ڇو چهٽي پوندو آهي ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ کي؟.”
    تيرٿ رام هٿ جي پٺيءَ سان لڙڪ اگهيا. ٻارن وانگر سڏڪندي چيائين: “اشوڪ کوئجي ويو پر مون لاءِ ته سڀ کوئجي ويا. ماڻهو ڇو ٿو هڪٻئي کان کوئجي وڃي؟ تون ئي ٻڌاءِ ڌيءَ!” هو مون ڏانهن مڙيو، چوڻ لڳو: “هن ڇوڪري ڪابه سک جي خبر نه ڏني آهي مون کي – چوي ٿو ڪوئي مري ويو – ڪوئي پاڳل ٿي ويو ۽ ڪوئي کوئجي ويو.”
    “اوهان شڪنتلا جو نه پڇيو ماما!؟” گوتم ساڻ شايد سک جي هڪ ئي خبر آندي هئي، سا ياد ڏيارڻ چاهي هئائين. پنهنجي ڌيءُ جو نانءُ ٻڌي رئندي رئندي هيڪر وري اکين ۾ جوت جاڳي پيس. “اڙي! شڪنتلا – منهنجي ڌيءَ ڪيئن آهي؟ ٻڌاءِ – ڪيئن آهي هوءَ!؟” اکين ۾ آس جا ڏيئا هڪ هڪ ڪري ٻرڻ لڳا هئس.
    “ماما! شڪنتلا دهليءَ ۾ آهي – سندس پتي ڊاڪٽر آهي. اُتي – هڪ ننڍڙو ۽ خوبصورت گهر اٿن – جنهن جي لان ۾ ڪيترا ئي گل ٽڙيل آهن – جنهن ۾ روز شام جو هن جا ٻه ٻار راند رهندا آهن – ڏاڍي سکي آهي هوءَ پنهنجي گهر ۾ - سندس ڊرائينگ روم ۾ اوهان جي ۽ ماميءَ جي قد آور تصوير ٽنگيل آهي – هوءَ روز پوڄا کان پوءِ انهيءَ تصوير تي گل چاڙهيندي آهي ۽ انيڪ پل انهيءَ آڏو هٿ جوڙيو بيٺي هوندي آهي – سندس پٽ ته هوبهو اوهان جهڙو آهي – مئٽرڪ ۾ آهي – شڪنتلا چوندي آهيم – ڏس گوتم! هي هوبهو پتاجيءَ جهڙو آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ڄڻ هي منهنجو پيءُ آهي ۽ آئون هن جي ڌيءَ.”
    تيرٿ رام جي اکين ۾ مشعلون ٻرنديون رهيون. هو روئي به رهيو هو ۽ مرڪي به رهيو هو.
    گوتم کان پڇيائين: “شڪنتلا کي سُڌ هئي تنهنجي هيڏانهن اچڻ جي؟!”
    “نه – ٻڌايومانس ئي نه – ڄاتم ٿي ته هوءَ سڪ مان گهڻو ڪجهه اماڻي ها اوهان ڏي - ٻيو نه ته ڪا چٺي اماڻي ها – سوچيم جيڪر اوهان به نه هوندا ته ڪيئن هن جي ايڏي سڪ موٽائي کڻي ويندس.”
    “ماما!” گوتم ڀڻڪيو.
    “چؤ.” رئندي رئندي هن ڪنڌ مٿي کنيو.
    “ڀارت هلندا؟ ڪجهه ڏينهن لاءِ ئي سهي.” تيرٿ رام موٽ ۾ ٽڪ ٻڌي گوتم کي ڏسندو رهيو هو. چوڻ لڳو: “پاڳل ٿيو آهين ڇا!!! جنهن ڌرتيءَ لاءِ ايترو ڪجهه دان ڪيم، پڇاڙيءَ ۾ اُتي مرڻ به نه ڏيندين ڇا؟!”
    هو انيڪ ڳالهيون ڪندا رهيا هڪٻئي سان ۽ مون ائين ڀانيو ڄڻ ڄڀ ڪپجي وئي اٿم. ڪنن کان ٻوڙي ٿي پئي هجان ۽ اکيون پٿر هجنم.
    اها رات اسين ڪاڪي تيرٿ رام وٽ رهيا هئاسون. سنسان قبرستان جهڙي اُنهيءَ گهر ۾ ڪاڪو تيرٿ رام ۽ گوتم هڪڙي ڪمري ۾ ۽ آئون ٻئي ڪمري ۾ ستي هئس. ڪمري ۾ جڏهن مون کي ڇڏي تيرٿ رام وڃڻ لڳو هو، تڏهن چيو هئائين: “ڌيءَ! هيءُ ڪمرو مون شڪنتلا لاءِ جوڙايو هو. تون به مون لاءِ شڪنتلا آهين!” هو هليو ويو. مون اکيون پوري من ئي من ۾ شڪنتلا کي چيو: شڪنتلا ديوي! اهو به وقت جو الميو آهي. ڪوبه ناتو ناهي تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾. هي گهر جو اوهان لاءِ جڙيو، هي ڪمرو تنهنجو آهي، جنهن جي چٿڙ لٿل ديوار تي تنهنجي ٻاروتڻ جي تصوير ٽنگيل آهي. اڄ توکي هن گهر جا ساروڻا به ڪين هوندا ۽ آئون تنهنجي ڪمري ۾ ويٺي آهيان. توکي ڀلا ڪهڙي ڪل ته آئون هن پل تو لاءِ ڇا ٿي سوچيان؟ ڇا اسين هڪ ٻئي جا اداس پاڇولا آهيون شڪنتلا ديوي! انهيءَ رات ٻئي ڪمري مان رهيو – رهيو ٿي ڪاڪي تيرٿ رام جا گهٽيل گهٽيل سُڏڪا اڀريا. کليل دريءَ منجهان ڏٺو هئم، اڱڻ ۾ سڄي رات گوتم سگريٽ ڦوڪيندو رهيو هو. چانڊوڪيءَ رات جي اُجريءَ روشنيءَ ۾ سامهون ديوار تي هن جو پاڇولو ڊگهو ٿيندو ٿي ويو.
    صبح جو جڏهن وڃڻ لڳا هئاسون، تڏهن تيرٿ رام گوتم کي ڀاڪر پائي اوڇنگارون ڏئي رنو هو. ڪيترا ڀيرا گوتم جو مُک چميو هئائين. ان کان پهرين نيرن تي چانهن ٺاهڻ مهل رڌڻي ۾ هو پنهنجي پوڙهي آواز ۾ ڳائيندو رهيو هو. جيڏيون الو – پنهل سان – جنهن جو پيچ پيئڙو – سا سُمهي سک ڪيئن ڪري – سا سمهي سک ڪيئن ڪري . ڊوڙندڙ ٽانگي مان پريان کان ڏٺو هئم. هو در جي چائنٺ تي گوڏن ۾ منهن ڏيو ويٺو هو. شايد رُنو ٿي. سوچيو هئم، زندگي وڇوڙي جو مسلسل سفر آهي – ڪوئي هن ڪناري بيٺو آهي ۽ ڪوئي هُن ڪناري بيٺو آهي.
    ڪاڪو تيرٿ رام پويان رهجي ويو. وقت جي الميي وانگر ٽنڊي محمد خان جي پراڻي ڀڳل ٽٽل رستي تي ٽانگو بس اسٽينڊ ڏانهن ڊوڙندو رهيو هو. ڀر ۾ ويٺل گوتم کي ڏٺم. هن جي اکين ۾ واري ٿي اُڏاڻي، سنڌ جي صحرائن جي.
    سڄي سنڌ ۾ گوتم ساڻ هلندي رهي هيس. بن بن ڀٽڪندي رهي هيس، هن ڀر کان هُن ڀر تائين. آبادين ۾ - بيرانن ۾ - کنڊرن ۽ قبرستانن ۾، شاعرن ۽ اوليائن جي مقبرن تي – رني ڪوٽ جي قلعي ۾ - سنڌوءَ جي ڪنارن تي – بنواس ورتو هئم تن ڏينهن.
    هن جي وڃڻ جو ڏينهن ويجهو اچي ويو هو. ٻئي ڏينهن هن کي ڪراچي موٽڻو هو. ٻيو ڏينهن زندگيءَ جو سڀ کان المناڪ ڏينهن هو.
    زندگيءَ جو فلسفو سمجهي نه سگهي آهيان. بس – وڇوڙي جي انهيءَ سفر جو نانءُ آهي زندگي . ماڻهو لمحن کي مُٺ ۾ قيد نٿو ڪري سگهي. ماڻهو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. تڏهن به ڪيڏو موهه اٿس زندگيءَ سان، ڪيڏي لگن من ۾ پالي جيئي ٿو. سڄي زندگي موت جو سراپ ماريندو رهي، پر جڏهن مرڻ وارو پل ايندو آهي، تڏهن ڪيڏي آسانيءَ سان، چپ چاپ، بنا ڪنهن احتجاج جي ماڻهو مري ويندو آهي. ڄاتو هئم ته توکان وڇڙڻ جو اهو عذاب ڪيڏو به ڀاري سهي، پر جڏهن اهو پل ايندو، تڏهن تون ۽ آئون چپ چاپ پنهنجي پنهنجي دڳ ڏانهن هليا وينداسين، بنا ڪنهن احتجاج جي. نه آئون سسئيءَ وانگر بن بن واڪا ڪنديس، نه تنهنجا ويندڙ قدم رڪجي سگهندا. اهي ته من اندر جون وارتائون آهن. سسئي وانگر بن بن واڪا ڪنديس ته به من اندر، جي مرنديس ته به من اندر. ڌرتيءَ سان لاڳو الميا به من ٿو سهي. سرحدن تي پاريل جيان پرڙا هڻي نستو ٿي به من ٿو ڪري. تن جو ڇا آهي – ساهه جي آخري تند، ڪنهن به پل ٽٽي پوي. گوليءَ جو هڪڙو گهاءُ – انهيءَ پل مريو پوي. پر من هڪ ڀيرو ڪڏهن ٿو مري. بار بار ٿو مري، بار بار ٿو جيئي. مسئلو جيڪر رڳو تن جي جلاوطن ٿيڻ جو هجي ها ته ڪوبه الميو نه هو. اهو ته ماڻهوءَ جو بانورو من آهي، جيڪو کوکرا پار تي پاڳل ٿيو پوي يا کوکرا پار کان موٽي ٿو اچي. دک اهو آهي ته انهيءَ بانوري من کي سيني مان ڪوئي به ڪڍي اُڇلائي نه سگهيو آهي. وڃڻ مهل هن منهنجون سرد آڱريون پنهنجن هٿ آڱرين ۾ جڪڙيندي ڀڳت ڪبير جو دوهو ٻڌايو هو مون کي.
    سپر هاءِ وي جو ڪارو نانگ جهڙو رستو ڌرتتيءَ مهل ويتر پراسرار ٿي پيو هو. منهنجي پويان مارئي هاسٽل جي اداس عمارت بيٺي هئي. سامهون سنڌ يونيورسٽي ۽ ايل ايم سي جون عمارتون – بنگلا – ڪوارٽر – سوڙها رستا ۽ انهن ڪنارن بيٺل اگهاڙا وڻ – ڄام شوري جو سنسان ميدان ۽ منهنجي ڀر ۾ گوتم سامتاڻي بيٺو هو. هٿ ۾ بيگ کنيو. عينڪ جي اڇن اُجرن شيشن منجهان سندس اکيون اجهامنديون ڀانيون هئم. وڻ تان پيلو پن پٽي ڪوٽ جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيو هئائين. چيائين؛ “هي پيلو پن، تنهنجي ۽ منهنجي وڇڙڻ وارن لمحن جو نشان ڪري رکندس پاڻ وٽ.” آءٌ چپ چاپ پير جي آڱوٺي سان پٽ تي پيل پٿر کي ڇهندي رهي هيس. ڪراچي ويندڙ گاڏيون ترنديون ٿي ويون سپر هاءِ وي تان. ڪيتريون ڳالهيون من ۾ هونديون آهن پر وڇڙڻ سمي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهندو آهي. لڳندو آهي ازل کان گونگا آهيون. ڪڏهن ڪو لفظ به نه ڳالهايو اٿئون زندگيءَ ۾. انيڪ پل چپ چاپ بيٺا رهيا هئاسون. اهي سڀ ڳالهيون تاريخ ۾ ڪنهن به پني تي نه لکبيون. منهنجو هن سان موهه سنڌ جي ڪا لوڪ ڪهاڻي بڻجي نه سگهندو. اندر جون وارتائون لوڪ ڪاڻ نه هونديون آهن. دک جو هر ناٽڪ لوڪ ڪهاڻي بڻجي نه سگهندو آهي.
    هن منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي چيو؛ “توکي ياد اچان ته سنڌوءَ جي ڪناري بيهي رهجانءِ. ڪڏهن نه ڪڏهن توکي لڀي پوندو منهنجو عڪس. تن جو سنجوڳ ڪجهه به ناهي. ڳالهه آتما جي آهي سنڌ!” هن جي هٿ ۾ جڪڙيل منهنجو هٿ پگهر مان شل ٿي ويو هو. پريان کان ڪراچيءَ ڏانهن ويندڙ بس پي آئي. اُمالڪ هن پنهنجو هٿ بلند ڪيو هو بس کي روڪڻ لاءِ. پيرن جي آڱرين منجهان ساهه نڪرندو محسوس ڪيو هئم. بس اسان جي اڳيان اچي بيهي رهي هئي. هن جي گرفت منهنجي آڱرين تي مضبوط پئجي وئي هئي. آڱريون – جن سان بيت لکندي ائين گمان ٿيندو اٿم ڄڻ ڪائنات سموري انهن آڱرين ۾ سمايل آهي. هن منهنجين اکين ۾ ليئو پاتو. دور ڪٿي اُنهيءَ پل برسات پوندي هوندي. اهڙي ئي ڪا خاموش برسات هن جي اکين ۾ هئي انهيءَ پل، جنهن ۾ نه وڄ جا ٺڪاءَ هجن نه بادلن جي گجگوڙ.
    بس جي ڳڙکيءَ مان هن مڙي مون ڏانهن نهاريو. ڇا هوندو هن جي اکين ۾؟ ڏسي نه سگهي هئس. روح جي آسيب کان گهٻرائجي اکيون پوري ڇڏيون هئم. اکيون پٽيون هئم. دور دور تائين (جيستائين نيڻ نهار آهي) سپر هاءِ وي جو ڪارو نانگ جهڙو سنسان رستو هو ۽ آسمان تي ٻرندڙ سج اکين ۾ لهي آيو هئم.


    زم زم

    سڄو ڏينهن سڄي رات برسات پوندي رهي هئي. سڀ ڪجهه ڪلهن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ لڙهندو رهيو هو. مٽيءَ جا ڪچا گهر، کٽون، ڪپڙا، ٿانوَ ۽ ماڻهو، جن جي چهرن تي موت جا ڀاوَ ائين ڦهلجي ويا، ڄڻڪ انيڪ لاش قبرن مان نڪري پاڻيءَ ۾ ترندا هجن.
    وشنو ڪلاڪن کان پاڻيءَ ۾ هلي رهيو هو. پرسال جيڪو گهر نٽهڻ اُس ۾ بيهي جوڙيو هئائين، سو ته ڪڏهوڪو پاڻيءَ ۾ وهي ويو هو، پر وشنوءَ جي من ۾ بي گهر ٿيڻ جو احساس، دک بڻجي واسو ڪري ويو هو. ڪڻس ائين راتو رات بي گهر ٿيڻ ڏاڍو هاڃيڪار محسوس ٿيو هو. پاڻيءَ ۾ هلندي هلندي هن جو سَنڌ سَنڌ ساڻو ٿي پيو هو. آسمان تان وسندڙ پاڻي زمين تي بيٺل پاڻيءَ ۾ گڏبو رهيو. وشنو بيحد دک منجهان پاڻيءَ ۾ وهندڙ کٽ کي ڏٺو (نه ڄاڻ ڪنهن جي هئي) پر اهڙي هڪڙي کٽ هن وٽ به هئي، اهڙا ٿانوَ هن وٽ به هئا، جهڙا هينئر پاڻيءَ ۾ ترندا ٿي ويا. اونداهيءَ ۾ ڪنهن کي به سڌ ڪانه هئي ته ڪنهن کي ڪهڙي پاسي وڃڻو آهي؟ جڏهن هڪڙو لاش نڄاڻ ڪٿان کان ترندو اچي وشنوءَ سان ٽڪرايو هو، تڏهن ڄڻ وشنوءَ جي جيئري جسم ۾ موت جو سرد احساس ڦهلجي ويو هو. الاءِ ڇو ڪڻس اهو احساس ورائي ويو هو ته ٿوري دير ۾ هو به انهن لاشن جيان زنده ماڻهن جي جسمن سان ٽڪرائيندو، پاڻيءَ ۾ ترندو ويندو ۽ جڏهن صبح جو امدادي پارٽيون پهچنديون، تڏهن پاڻيءَ سان ڀريل هن جو نيرو لاش سڃاڻپ ۾ اچي نه سگهندو ۽ هو ڪنهن گمنام لاش جيان ڪنهن قبر ۾ سدائين لاءِ دفنايو ويندو، بنا انهيءَ انڪشاف جي ته هو وشنو آهي ۽ هن جو لاش دفنائڻ بدران جلائڻ گهرجي.
    گهٻرائجي هو وري هلڻ لڳو. پاڻ کي اهو احساس ڏيارڻ لاءِ ته اڃا هو زنده آهي. هن جي جسم سان کٽون، ٿانوَ، ڪپڙا، مئل جانور، هن وانگر ڀٽڪندڙ جيئرا جاڳندا ماڻهو ۽ پاڻيءَ ڀريل نيرا لاش ٽڪرائيندا رهيا. هن رڙيون ڪري ميڙي ۾ وڃائجي ويل ٻار وانگر روئڻ چاهيو، پر وات ۾ ڀرجي آيل پاڻي ٿڪي اڳتي وڌي ويو هو.
    ۽ جڏهن هو ٻيهر ٿڪجي بيٺو هو، تڏهن ڪڻس احساس ٿيو هو پنهنجي جسم کي ڇهندڙ ڪنهن ٻئي جسم جو. هن اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙي ڏٺو. ڪلهن تي کنيل ٻار – ٿڪل ٽٽل ڪنهن عورت جو جسم هو – الاءِ ڇو هنج ۾ ٻار کنيل عورت ڏسي وشنوءَ کي ماءُ ياد ايندي هئي، جنهن کي وشنو ڏسي نه سگهيو هو ۽ جيڪا وشنوءَ کي ڄڻڻ واريءَ گهڙيءَ ۾ ئي مري وئي هئي ۽ وشنوءَ کي سدائين هنج ۾ ٻار کنيل عورت ڏسي پنهنجي اڻ ڏٺل ماءُ ياد ايندي رهي هئي. هن لمحي به هو اندر ئي اندر سڄو خوشبوءِ سان واسجي ويو هو. هن اونداهيءَ ۾ نظر نه ايندڙ ٻار جو چهرو پنهنجن سرد ۽ پسيل آڱرين سان ڇهي ڏٺو – ڄڻ هن جو پنهنجو چهرو هجي. ٻار، جيڪو سڄي رات پاڻيءَ ۾ پسڻ کان پوءِ اڌ مئو ٿي پيو هو، تنهن پل لاءِ اکيون پٽي وشنوءَ ڏانهن نهاريو ۽ وري اکيون پوري ڇڏيو هئائين.
    “مون کي ڏي – آئون کڻانس ٿو.” عورت جي ڪجهه چوڻ کان اڳ وشنوءَ پنهنجو ننڍپڻ ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. کن پل لاءِ وڄ جو جيڪو چمڪاٽ ٿيو هو، انهيءَ ۾ هن عورت جو چهرو ڏٺو هو ۽ ٻئي پل ئي جيڪو ڪڻس وسري ويو هو. ايترو ياد هئس ته سندس بيحد ويجهو بيٺل عورت جواڻ هئي، جنهن جو سڄو چهرو پاڻيءَ مان پسيل هو. شايد هن جي ماءُ جو چهرو به اهڙو هجي! شايد هن جو ننڍپڻ به اهڙو ئي هجي! ٻار چُري ڪڻس جاڳائي وڌو سوچن جي اگهور ننڊ مان.
    “اچ – اڳتي هلون – اڳيان شايد پاڻي گهٽ آهي – اچ.” هوءَ چپ چاپ هن سان گڏ ائين هلڻ لڳي، ڄڻ جڳن کان هن سان گڏ هلندي آئي هجي.
    ڪجهه دير اڳ وشنوءَ جي من ۾ موت جا جيڪي ڀاوَ هئا، سي اجهامڻ لڳا هئا. ڪجهه دير اڳ ڪڻس نه پي سجهيو ته هو ايڏي پاڻيءَ ۾ ڇو ڪلاڪن کان پيو هلي؟ هاڻ سندس ڀاوَ ئي ٻيا هئا. هاڻي ڪڻس هن عورت کي پاڻيءَ مان ڪڍڻو هو، جنهن جو چهرو شايد سندس ماءُ جهڙو هجي – ڪڻس ڪلهي تي کنيل انهيءَ ٻار کي بچائڻو هو، جيڪو ڀاڪرن ۾ ڀري ڪڻس نه ياد ايندڙ ننڍپڻ هانوَ تي هري آيو هو.
    “تون ٿڪجي ته نه پئي آهين؟” هلندي هن عورت کان ائين پڇيو، ڄڻ هوءَ سندس پنهنجي عورت هجي. عورت ڪابه ورندي ڪانه ڏني. بس چپ چاپ هلندي رهي. هلندي هلندي عورت وشنوءَ جي مضبوط ٻانهن کي پڪڙي ورتو هو. وشنوءَ جو سرد جسم ائين گرم ٿي ويو هو، جيئن ڪنهن مرندڙ جسم کي آڪسيجن ڏئي ڇڏجي. زندگيءَ ۾ ڪنهن به عورت هن کي ڇهي نه ڏٺو هو. هن تي پهريون ڀيرو اهو انڪشاف ٿيو هو ته عورت جو ڇهاءُ ڪيڏو گرم ٿيندو آهي. شايد تڏهن ئي ته ٻار ماءُ کان ڌار نه ٿيندا آهن. مڙد انهيءَ ڇهاءَ لاءِ زندگي سڄي محنت ڪندا آهن. هوءَ وشنوءَ جي مضبوط ٻانهن جهلي هلندي رهي هئي ۽ وشنو موت بدران زندگيءَ جا ڀاوَ مَن ۾ سجائي ائين هلندو رهيو، ڄڻ آڪسيجن جي نلي هن جي نڪ مان جيڪر ڪڍي وئي ته هو مري پوندو ۽ وشنو مرڻ نٿي چاهيو.
    پاڻي هاڻ ڪلهن کان لهي چيلهه تائين اچي بيٺو هو، پر برسات جو زور ڪونه گهٽيو هو. کاٻي پاسي پڪو روڊ هو. پڪا روڊ ڪچين آبادين کان پري هوندا آهن. شايد پڪا روڊ، پڪن گهرن وارن لاءِ هوندا آهن. روڊ جي هن پاسي ڪيترا پڪا گهر ٺهي رهيا هئا.
    “سامهون جيڪي اڌ ٺهيل گهر آهن نه، اُتي برسات کان بچاءُ ٿي سگهندو.” هن ٻيهر عورت سان ڳالهايو ۽ موٽ ۾ عورت جو هٿ هن جي ٻانهن ۾ وڌيڪ مضبوط پئجي ويو. وشنوءَ جي دل چيو هو ته هوءَ ساڻس ڳالهائي. انيڪ ڳالهيون ڳالهائڻ لاءِ هونديون آهن. ڳالهائڻ سان اڪيلائپ ۽ دک جا ڀاوَ گهٽجي ويندا آهن ۽ زندگيءَ ڏانهن وڌندڙ وکون تيز ٿي وينديون آهن، پر شايد عورتون گهٽ ڳالهائينديون هجن يا هوءَ ئي گهٽ ڳالهائيندي هجي.
    “هي – سمهي رهيو آهي شايد.” هن ڪلهن تي پيل اڌ مئل ٻار بابت ڳالهائڻ چاهيو. عورت کن پل لاءِ ڪنڌ کڻي ٻار ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ وري هلڻ لڳي. گوڏن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ اکيون کپائي، ڄڻ اهو ٻار هن جو نه هجي.
    روڊ تي پاڻي گوڏن تائين هو. زندگيءَ جا آثار پڪين آبادين ۾ پهچي چٽا ٿي ويندا آهن. هت پاڻيءَ ۾ ترندڙ سامان، جانورن جا لاش، جيئرا ماڻهو ۽ پاڻيءَ مان ڀريل نيرا پئجي ويل لاش ڪونه هئا. ڊگهو ۽ سنئون سڌو رستو هو، جيڪو سڌو خوبصورت بنگلن ڏانهن ٿي ويو، جتي پاڻي اڌ انچ به نه بيهي سگهندو آهي. وشنوءَ من ئي من ۾ پڪن گهرن ۾ رهندڙن کي گار ڏني ۽ بيحد دک منجهان عورت کي ٻڌايو هئائين ته هن پرسال نٽهڻ اُس ۾ بيهي جيڪو گهر اڏيو هو، سو ڪلهه برسات ۾ ڊهي پيو ۽ هو چپ چاپ بي وسيءَ منجهان انهيءَ کي مٽي بڻجي پاڻيءَ ۾ وهندو ڏسندو رهيو.
    “تنهنجو گهر به ڊهي پيو ڇا؟” هن عورت کان پڇيو. عورت پاڻيءَ مان پسيل چهرو کڻي وشنوءَ ڏانهن نهاريو. “منهنجو! منهنجو ڪوبه گهر ڪونهي.”
    “مطلب!” وشنوءَ اچرج منجهان سوچيو ته اهڙا به ماڻهو دنيا ۾ آهن، جن جو ڪوبه گهر نه هجي. عورت، جنهن پهريون ڀيرو ڳالهايو هو ۽ وشنوءَ چاهيو هو ته هوءَ ڳالهائيندي رهي.
    “پوءِ تون ڪٿي رهندي آهين؟”
    “آئون! آئون هڪڙي دڪان جي اڳيان لڳل تختي هيٺ رهندي هيس. اهو دڪان به ڪلهه پاڻيءَ ۾ لڙهي ويو. هاڻ منهنجو ڪوبه گهر ڪونهي.” هوءَ به شايد دڪان جي انهيءَ تختي جي لڙهي وڃڻ تي دکي ٿي پئي هئي. پناهگاهه ڪهڙي به هجي، پر جي اجڙي وڃي ته کن پل لاءِ ئي سهي، پر زندگي ڪيڏي المناڪ محسوس ٿيندي آهي. ڪم از ڪم وشنوءَ ته ائين ئي محسوس ڪيو هو. ازل کان بي گهر هئڻ ايڏو دکي ڪندڙ ناهي، جيڏو اوچتو بي گهر ٿي وڃڻ.
    عورت جو ڳالهائڻ بند ٿي ويو هو. هوءَ هاڻ وشنوءَ جي سهاري کان سواءِ هلي رهي هئي. ڪجهه دير اڳ سڀ ڪجهه وشنوءَ لاءِ ڪيڏو نه موهيندڙ هو. عورت مڙد جو سهارو وٺي هلي ته مڙد پاڻ کي ڪيڏو خوش ٿو محسوس ڪري، اهو انڪشاف به وشنوءَ تي پهريون ڀيرو ٿيو هو. اڌ ٺهيل گهر برسات جي اونداهي رات ۾ کنڊرن وانگر ٿي نظر آيا. وشنوءَ کي خبر هئي ته ڇت پڪي هجي ته ماڻهو پاڻ کي هر قيامت کان آجو محسوس ڪندو آهي ۽ انهن گهرن جي مٿان ڇتيون اڻ پوريون سهي، پر مضبوط ته هيون.
    ۽ انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ پهچي هو امالڪ نستو ٿي پيو هو. عورت ڀت کي ٽيڪ ڏئي ڪيترا ڀل سهڪندي رهي.
    مضبوط ڀت کي ٽيڪ ڏئي ساهه کڻندي ماڻهو ڪيڏو پرسڪون ٿي پوندو آهي. مٽيءَ جي ڪچي ڀت وارا ڀاوَ ته نه هوندا آهن ته نڄاڻ ڪنهن مهل ڊهي پوي. پاڻي هنن جي جسم مان بوند بوند ڪري ٽمندو رهيو. هن ٻار کي ڪلهي تان لاهي سڪي پٽ تي ليٽائي ڇڏيو. ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جو آواز انهيءَ پڪي ڇت هيٺ ڦهليل اونداهي ۾ وشنوءَ کي بيحد ڀوائتو لڳو هو، ڄڻ نڙيءَ ۾ موت اچي اٽڪيو هجي يا ڪو بيمار ڪتو سهڪي رهيو هجي.
    “هن کي شايد ٿڌ لڳي وئي آهي.” وشنوءَ اونداهي ۾ پاڇولي وانگر نظر ايندڙ عورت ڏانهن نهاريو، جيڪا اڃا تائين ڀت کي ٽيڪ ڏئي سهڪي رهي هئي. وشنوءَ جي آواز تي هن ڇرڪي وشنوءَ ڏانهن نهاريو ۽ رڙهي اچي ٻار وٽ ويهي رهي. ٻار جي بدن تي چهٽيل پسيل ڪپڙا لاهي هوءَ نپوڙڻ لڳي.
    “ڏي، آئون سڪايان ٿو.” وشنوءَ عورت جي هٿن مان ڪپڙا وٺي لوهه جي شيخ تي ٽنگي ڇڏيا ۽ جڏهن مڙيو، تڏهن هوءَ ٻار جو اگهاڙو بدن ڀاڪر ۾ ڀري گرمائي رهي هئي. وشنوءَ کي ٻيهر پنهنجي اڻ ڏٺل ماءُ هانوَ تي هُري آئي. هن من ئي من ۾ سوچيو، نڄاڻ ماءُ جي ڀاڪرن ۾ ڪيتري گرمي هوندي آهي! ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جي آواز وشنوءَ جي اندر ۾ ڦهلجندڙ زندگيءَ جي لاٽ به ڄڻ اجهائي ڇڏي هئي. هن کي ائين لڳو ڄڻ انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ ايڏي گرمي ۽ گهٽ جي هوندي به پارو پئجي رهيو هجي ۽ هو اندر ئي اندر برف جي سر بڻجي رهيو هو. هوءَ بنا ڪجهه ڳالهائڻ جي ٻار کي سيني سان لائي ويٺي هئي. ڄڻ هن جا سڀئي ڀاوَ مري ويا هجن يا مٽيءَ جي ڪچن گهرن سمان پاڻيءَ ۾ لڙهي ويا هجن. هو عورت جي سامهون واريءَ ڀت کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهيو. ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ خر خر جو آواز ويو ٿي وڌندو.
    “هن کي بک لڳي هوندي.” وشنو ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ واري احساس کي دٻائي نه سگهيو. وشنوءَ کي پاڻ به بک لڳي هئي. برسات جي انهيءَ قيامت جهڙي رات ۾ بک جو صرف احساس ئي ممڪن هو.
    بک جو احساس هو شايد – يا – الاءِ ماءُ جي جسم جي گرميءَ جو احساس – ٻار گهٽيل گهٽيل آواز ۾ روئڻ لڳو. وشنو دکي ٿي پيو، اهو سوچي ته هو به ننڍپڻ ۾ ائين روئندو هوندو بک جي احساس کان، اڪيلائپ جي احساس کان. هوءَ ڪي پل چپ چاپ ٻار کي روئندو ڏسندي رهي. وڄ جي چمڪاٽ ۾ وشنوءَ ڏٺو، هوءَ پاڻيءَ مان پسيل چولو مٿي کڻي ٻار کي کير ڏئي رهي هئي. اهو سڀ ڪجهه ڏسڻ جي خواهش جڳن کان وشنوءَ جي من ۾ واسو ڪيو ويٺي هئي. خر خر جو آواز بند ٿي ويو هو ۽ هاڻ انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ چس چس جو آواز ڦهلجي ويو هو. وشنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ هن جي ڇاتين مان نڪرندڙ کير بوند بوند ڪري هن جي وات ۾ ڀرجي رهيو هجي. هن جو ننڍپڻ هن جي نڙيءَ ۾ مڙي آيو هو.
    هو اونداهيءَ ۾ رڙهندو اچي هن جي ويجهو ويٺو. اڪيلائپ جي گهيرٽ مان نڪرڻ لاءِ هو بيحد اداسيءَ منجهان عورت جي هنج ۾ پيل ٻار جي نرم نرم ۽ آلن وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. ڄڻ اهي وار به سندس هجن، يا هو ٻار سندس ٻار هجي.
    “هي خر خر ڇو ٿو ڪري؟” هن پريشان ٿي پڇيو.
    “ٿڌ لڳي اٿس.” اونداهيءَ ۾ عورت جو جهيڻو آواز اُڀريو.
    “کير نٿو پيئي ڇا؟” ائين چوندي هو ائين شرمائجي ويو، ڄڻ ڪا خراب ڳالهه ڪندو هجي.
    ڪي کن هوءَ چپ رهي. “کير – هجي – ته پيئي.” هن جي لهجي ۾ شڪست ۽ شرمندگيءَ جو احساس هو. هو چپ چاپ اونداهيءَ ۾ هن کي محسوس ڪندو رهيو.
    “هي – هي منهنجو ٻار ڪونهي. پاڻيءَ ۾ ٻڏو پي – مون کڻي ورتو – هن جي شڪل بلڪل انهيءَ ٻار جهڙي آهي، جيڪو مون ڄڻيو هو- پر – پر اهو مري ويو.”
    انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ گهٽ ۽ گرمي اڳي کان به وڌي وئي هئي. ٻاهر وڄ جا ٺڪاءَ ۽ برسات جو آواز وڌي ويو هو. اها عورت، جنهن ٻار کي ڪجهه دير اڳ چولو مٿي کڻي کير ڏئي رهي هئي، اهو ٻار هن جو نه هو. اهو ٻار شايد وشنوءَ وانگر هو، جنهن جي ڪابه ماءُ ڪانه هئي. جي هئي ته شايد انهيءَ پل ڪلهن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ڀٽڪندي هوندي يا لاش بڻجي پاڻيءَ ۾ وهندي هوندي. وشنو نستو ٿي اتي ئي پٽ تي ليٽي پيو. هوءَ ٻار هنج ۾ کنيو ائين ويٺي هئي جو وشنوءَ جي من کي ويساهه ئي نه پي آيو ته ڪو اهو ٻار هن جو نه هو. وشنوءَ من ئي من ۾ چاهيو هو (بيحد شدت سان) ته هو به انهيءَ عورت جي هنج ۾ هن ٻار وانگر ليٽي پئي. بک، زهر بڻجي وشنوءَ جي من ۾ واسو ڪرڻ لڳي.
    انهيءَ مضبوط ڇت هيٺ انهن ٽنهي جو هڪٻئي سان ڪوبه سڱ نه هو. قيامت جهڙي اها رات انهن ٽنهي جي وچ ۾ ٻڌل مضبوط تند هئي – جيڪا رات وشنوءَ لاءِ عذاب بڻجي وئي هئي، انهيءَ لاءِ هاڻي وشنوءَ چاهيو ٿي ته ڪڏهن به نه کٽي. هو آسمان تي چمڪندڙ وڄ ۾ اکيون کپائي ڳالهائڻ لڳو.
    “جڏهن آئون ڄائو هئس نه، تڏهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻڻ مهل ئي مري وئي هئي.” اونداهيءَ ۾ عورت همدرديءَ مان وشنوءَ ڏانهن نهاريو، پر وشنوءَ کي سڌ ئي نه پئي – بس هو بنا ڪنهن ڪارڻ جي ڳالهائيندو رهيو. “مون کي الاءِ ڇو – هر عورت ڏسي پنهنجي ماءِ ياد ايندي آهي – منهنجي دل ٿي چوي ته اهو ٻار، جيڪو تنهنجي هنج ۾ آهي، آئون هجان ها.” عورت اونداهيءَ ۾ غور سان هن ڏانهن نهاريو. هن کي محسوس ٿيو ڄڻ وشنوءَ جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هجي – ڪجهه پل هنن ٻنهي ڪجهه به نه ڳالهايو.
    الاءِ ڇو ٻئي پل عورت کي پنهنجو مري ويل مڙس هانوَ تي هُري آيو هو. اهو به برسات جي ڪنهن اهڙيءَ رات ۾، نانگ جي ڏنگڻ سان مري ويو هو.
    ٻار جي نڙيءَ مان نڪرندڙ آواز هوريان هوريان گهٽبو ٿي ويو.
    “هن جو آواز – گهٽجي ڇو ويو آهي؟” وشنوءَ پريشان ٿي پڇيو.
    “هي – هي – مري ويندو. شايد – منهنجو ٻار به ائين ئي مئو هو. هن جي نڙيءَ مان به سڄي رات اهڙا آواز ايندا رهيا هئا - ۽ صبح ٿيڻ کان اڳ هو مري ويو.” وشنوءَ کي ائين لڳو، ڄڻ هزارين سڏڪا هن عورت پنهنجي نڙيءَ ۾ گهٽي ڇڏيا هجن. وشنو اهو سوچي بيحد دکي ٿي پيو هو ته صبح ٿيڻ کان اڳ ٻار مري ويندو. هن کي ائين محسوس ٿيو، ڄڻ هو زمانن کان گڏ رهندا آيا هجن ۽ هاڻ ڪنهن هڪ جي مري وڃڻ جو احساس ڪيڏو دکدائڪ هو. هو چپ چاپ اونداهيءَ ۾ پاڇولي وانگر نظر ايندڙ ٻار جي وجود کي محسوس ڪندو رهيو.
    “جي – هي – مري ويو – ته ڇا ٿيندو!” وشنوءَ بيحد اداس ٿي چيو.
    “ڪجهه نه – ڪجهه به ته نه – جڏهن منهنجو ٻار مئو هو نه – تڏهن به ڪجهه نه ٿيو هو – ڪجهه به نه ٿيو هو.”
    وشنوءَ کي ائين لڳو، ڄڻ موت نانگ وانگر سندس جسم تي سري رهيو آهي – برف جهڙو سرد موت.
    پوءَ اوچتو ٻار جو آواز بند ٿي ويو ۽ وشنوءَ جو سمورو ساهه نڙيءَ ۾ اچي اٽڪيو هو. عورت ٻار کي چورڻ چاهيو، پر هو مري چڪو هو شايد. اونداهيءَ ۾ عورت جو سڏڪندڙ آواز اڀريو.
    “مري ويو – شايد!”
    “مري ويو!” وشنوءَ جي نڙيءَ مان گهٽيل گهٽيل آواز نڪتو ۽ اُجهامي ويو. عورت ٻار جي منهن تي مٿو ڌري ائين سڏڪڻ لڳي، ڄڻ اهو ٻار سندس ئي بدن جي تخليق هجي. وشنوءَ هٿ وڌائي عورت جي هنج ۾ پيل مئل ٻار کي ڇهي ڏٺو – برف وانگر سرد پتڪڙو جسم وشنوءَ جي اندر – تهائين اندر (پاتال تائين) لهندو ٿي ويو. هو ٻار جي نرم نرم وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. هن ٻار جون بند اکيون، پتڪڙا چپ، پتڪڙو نڪ ڇهي ڏٺو – وشنوءَ کي محسوس ٿيو ڄڻ گرم گرم پاڻي سندس اکين مان وهندو سندس چهري تي ڦهلجي ويو آهي. هو ٻار جو پتڪڙو ۽ نرم هٿ پنهنجي مضبوط هٿ ۾ جهلي دٻائڻ لڳو.
    انهيءَ پل وڄ جو چمڪاٽ ٿيو – هنن ٻنهي پل اپل لاءِ هڪ ٻئي جي اکين ۾ ڀرجي آيل پاڻي ڏسي ورتو هو.
    “تون – روئين پئي!”
    “تون – تون به ته روئين پيو.”
    “ها- مون کي پنهنجو ننڍپڻ پيو ياد اچي. جڏهن مون کي پنهنجي ماءُ ۽ پنهنجو ننڍپڻ ياد ايندو آهي – تڏهن آئون روئي ڏيندو آهيان.”
    “مون کي برسات جي رات ۾ پنهنجو مڙس ۽ پنهنجو ٻار ياد ايندو آهي.”
    “توکي – پنهنجي ٻار سان گهڻو پيار هو ڇا؟” وشنوءَ هڪ ڀيرو وري مئل ٻار کي ڇهي ڏٺو.
    “هر ماءُ کي پنهنجو ٻار وڻندو آهي.” هن جو آواز وشنوءَ کي پريان کان ايندو محسوس ٿيو هو.
    وشنوءَ جو من دکي ٿي پيو. “جيڪڏهن منهنجي ماءُ جيئري هجي ها ته شايد آئون به هن کي پيارو هجان ها – ها نه!”
    “هون – ن” عورت ڄڻ پاتال مان ڳالهايو.
    ۽ پوءِ ڪيترا پل هنن ڪجهه به نه ڳالهايو. هوءَ ٿڪجي اتي ئي ليٽي پئي. ڳالهائڻ لاءِ ڄڻ ڪجهه به نه رهيو هجي. وشنو به ليٽي پيو. هو ٻئي چپ چاپ انهيءَ مضبوط ڇت کي ڏسندا رهيا، جيڪا هنن جي پناهگاهه هئي.
    “برسات بند ٿيڻ کان پوءِ – تون ڪيڏانهن ويندينءَ؟”
    “الاءِ!” هوءَ بند چپن ۾ ڀڻڪي. اڻڄاڻائيءَ ۾ هن جو نرم هٿ وشنوءَ جي مضبوط هٿن ۾ اچي ويو هو. وشنوءَ جي نڪ ۾ ڄڻ ٻيهر آڪسيجن جي نلي اچي وئي هئي. هو هن جي هٿ جو ڇهاءُ محسوس ڪندو رهيو. – هن عورت جون آڱريون پنهنجين مضبوط آڱرين ۾ جڪڙي ڇڏيون ۽ ٻئي پل ئي هو اڪيلائپ جي گهيرٽ مان نڪري آيو هو. وشنو عورت ڏانهن پاسو ورائي اونداهيءَ ۾ هن کي ڏسندو رهيو.
    “تنهنجو نالو ڇا آهي؟” عورت ائين ئي ڳالهائڻ خاطر چيو.
    “وشنو.”
    “هندو آهين ڇا؟” کن لاءِ وشنو من ئي من ۾ سراپجي ويو. ٿي سگهي ٿو هو هن جو ڌرم ٻڌي، نفرت مان هن کي پري ڌڪي ڇڏي. وشنوءَ ڪي پل ڪابه ورندي ڪانه ڏني. عورت ٻيهر کانئس پڇيو: “هندو – آهين؟”
    “ها.” ائين چوندي وشنو ڪنهن اهڙي ٻار وانگر هيسجي ويو، جنهن کان اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪو ڏوهه ٿي ويو هجي. ڪي پل سانت ئي رهي. عورت هن جي هٿ مان پنهنجو هٿ ڪونه ڇڏايو هو ۽ نه ئي نفرت مان هن کي ڌڪي پري ڪيو هئائين.
    “تون؟” نيٺ وشنوءَ سگهه ساري هئي.
    وشنوءَ کي ڪل ئي ڪانه هئي ته ڪو دين ڌرم کان ڪجهه پرڀرو، ڪجهه ٻيا به ناتا ٿيندا آهن، جيڪي قيامت جهڙين راتين ۾ پاڻ ئي پاڻ ڳنڍجي ويندا آهن. هنن ٻنهي مان ڪنهن به هڪ ٻي کي ڌڪي پري ڪونه ڪيو هو. وشنوءَ محسوس ڪيو هو ته هوءَ هن جي ويجهو اچي وئي آهي. برسات جي گوڙ ۾ به هن عورت جا ساهه، پنهنجي ساهه کان به وڌيڪ چٽا محسوس ڪيا هئا. وشنوءَ پنهنجن منجهيل ۽ آلن وارن ۾ هن جون آڱريون محسوس ڪيون هيون. هن عورت جو چهرو پنهنجين آڱرين سان ڇهي ڏٺو، چپ، نڪ، اکيون، کاڏي، ڳچي. هو ڀڻڪيو:
    “شايد منهنجي ماءُ به توجهڙي هوندي!”
    “الاءِ.” هوءَ بند چپن ۾ ڀڻڪي.
    “سوير – جڏهن تون ٻار کي هنج ۾ کنيو ويٺي هئينءَ نه – تڏهن منهنجي دل چيو پئي ته آئون به هن ٻار وانگر روئان – منهنجي نڙيءَ مان به خر خر جو آواز ايندو رهي.”
    “ڇو؟” عورت وشنوءَ جو چهرو پنهنجين آڱرين سان ڇهي ڏٺو. وشنوءَ جي نڪ جي هيٺ مُڇن جا وار ڦهليل هئا. هن جي هانوَ تي سندس مڙس جو چهرو هري آيو. انهيءَ جي نڪ جي هيٺ به مُڇن جا وار هوندا هئا. هو جڏهن اونداهين راتين ۾ نمي هن جو چهرو چمندو هو، تڏهن مڇن جا اهي وار هن کي پنهنجي چهري تي سُرندا محسوس ٿيندا هئا. هن بيحد شدت سان چاهيو هو ته هينئر – هن لمحي، وشنو نمي هن جو چهرو چمي. هن جون اکيون پورجڻ لڳيون. وشنو پنهنجي چهري تي هن جون آڱريون محسوس ڪندو رهيو.
    وشنو بلڪل اهو پتڪڙو ٻار بنجي ويو هو، جيڪو کانئس ڪجهه پرڀرو مئو پيو هو.
    “آئون – سڪل مانين جا ڳڀا کائي وڏو ٿيو آهيان. مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون سالن جو بکيو آهيان. تو – سوير جڏهن هن ٻار کي کير ڏنو هو نه – تڏهن مون کي ائين لڳو ڄڻ – جن ٻارن جي ماءُ نه هوندي آهي، اهي ڄمڻ کان مرڻ تائين بکيا ئي رهندا آهن.”
    عورت هن جي بيحد ويجهو اچي وئي هئي – وشنوءَ اونداهيءَ ۾ هن کي پنهنجي مٿان نمندو محسوس ڪيو ۽ ٻي پل وشنوءَ پنهنجو وات کير مان ڀربو محسوس ڪيو هو. وشنوءَ پاڻ کي بيحد پتڪڙو محسوس ڪيو هو – ڄڻ ڪي پل اڳ جنم ورتو هجيس. هن جي اڪيلائپ جا گهيرٽ ٽٽي پيا هئا. هن کي ائين لڳو، ڄڻ هيءَ جواڻ عورت هن جي ماءُ هجي. ڄڻ هو هوريان هوريان کير جي درياهه ۾ ٻڏي رهيو هجي.
    ۽ جڏهن هوءَ وشنوءَ کان ڌار ٿي هئي، تڏهن ٻاهر صبح جو سوجهرو هوريان هوريان ڦهلجي رهيو هو. برسات بند ٿي چڪي هئي پر آسمان تي اڃان اڇن – ڪارن ڪڪرن جو هجوم هو.
    هن صبح جي پکڙجندڙ روشنيءَ ۾ ڏٺو – عورت هن کي ڏٺل لڳي هئي. وشنوءَ هن کي شهر جي چؤواٽن تي، گهٽين ۾، بند دروازن اڳيان الله جي نانءَ تي بيک گهرندي ڏٺو هو. هن جا ڪپڙا ڪٿان ڦاٽل ۽ ڪٿان چتيون لڳل هئا. عورت پل لاءِ ڏينهن جي روشنيءَ ۾ هن ڏانهن نهاريو ۽ وري اکيون پوري ڇڏيون.
    پٽ تي پيل ٻار جو لاش نيرو پئجي ويو هو.
    وشنو اٿيو ۽ سيخ تي ٽنگيل سڪل ڪپڙا ٻار جي مٿان وجهي ڇڏيا هئائين. هن دل ۾ سوچيو نڄاڻ هن ٻار کي دفن ڪبو يا جلائڻو پوندو؟ ڌرم جو نشان انسان جي چهري تي ڇو نٿو لڀي!
    “برسات بيهي رهي آهي – مون کي وڃڻ گهرجي.”
    عورت اُٿي بيهي رهي. وشنوءَ کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ قيامت جهڙي رات کٽڻ سان گڏ سڀئي ناتا ٽٽي پيا هجن. هاڻ هو هڪ هندو مڙد آهي ۽ هوءَ هڪ مسلمان عورت ۽ هي مئل ٻار هنن مان ڪنهن جو به ناهي. وشنوءَ چاهيو هو ته هي ڏينهن هن لمحي ئي اجهامي وڃي ۽ ٻيهر چوڌاري برسات جي ڀوائتي رات ڦهلجي وڃي – پر چاهڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟
    وشنوءَ هن عورت کي روڪڻ چاهيو، پر هن وٽ ڪوبه ته ڪارڻ نه هو هن کي روڪڻ جو. هن چاهيو ته هو، هن عورت کي چئي ته تون ويندينءَ ته آئون سدائين وانگر اڪيلو رهجي ويندس ۽ مون کي پنهنجي ماءُ اڳي کان به وڌيڪ ياد ايندي، پر هو چپ چاپ بيٺو رهيو. زندگيءَ ۾ عورت جو هئڻ ڪيڏو ضروري آهي، اهو انڪشاف وشنوءَ تي ته انهيءَ گذري ويل رات ۾ ٿيو هو، پر هن کي روڪڻ لاءِ وشنوءَ وٽ ڪوبه ڪارڻ نه هو.
    “تون – وڃين ٿي؟” هن بيحد اداس ٿي پڇيو.
    “ها.” عورت وڃڻ لاءِ وک وڌائي ۽ وشنوءَ جا پير ڄڻ پٽ ۾ کپي ويا.
    “۽ هي ٻار؟” وشنوءَ پٽ تي پيل نيري لاش ڏانهن نهاريو – عورت کي به ڄڻ وسري ويل ڳالهه ياد اچي وئي هئي. هوءَ ٻار ڏانهن مڙي ۽ ٻي لمحي اهو نيرو پئجي ويل لاش هن جي ڀاڪرن جي دائري ۾ هو.
    ٻاهر نڪرڻ کان پوءِ عورت هڪ ڀيرو مڙي وشنوءَ ڏانهن نهاريو هو. وشنوءَ جي نڪ هيٺان ڦهليل مُڇن جا وار هن جي اکين ۾ ٿوهر جي ڪنڊن سمان چڀڻ لڳا.
    هو ڪيترا پل هن کي گوڏن تائين بيٺل پاڻيءَ ۾ ويندي ڏسندو رهيو.


    گورڪن

    نما شام جا هوريان هوريان ٻڏندڙ پاڇولا، ڌرتيءَ تي پکڙجي آيا هئا. هن جي اونداهي ڀاڳ جيان رات جون اونداهيون به پر پکيڙڻ لاءِ ڄڻ آتيون هيون. قبرستان ۾ هوا جا سڏڪا، وڻن جي جهومندڙ پنن جي سر سر، موت جهڙي سانت ۽ تربتن تي پکڙيل ويرانيون – اهو سڀ ڪجهه ڄڻ هن تي موت جي پڇاڙڪي پل وانگر اڏول ٿيو بيٺو هو ۽ هو هيڪلو ان سموري وايو منڊل ۾ نم جي وڻ هيٺ، ڪنڌ نوايو ائين ويٺو هو، ڄڻ جڳن کان پنهنجي اونداهي ڀاڳ تي ماتم ڪري رهيو هجي. موت جي ان سنسان وايو منڊل ۾، هن جو ڀڳل ٽٽل وجود، ويتر ئي پراسرار ٿي محسوس ٿيو. ڀر ۾ ڪوڏر رکيل – هن وانگر اداس ۽ ٿڪل ٿڪل. (ڪم از ڪم هن ته ائين محسوس ڪيو هو)
    ان قبرستان ۾ هو تڏهن کان گورڪن هو، جڏهن هن جي چهري تي ڏاڙهيءَ جي ساوڪ مس ٿي هئي ۽ اڄ هن جي مٿي ۽ ڏاڙهيءَ جا وار اڌواڌ اڇا هئا. ڌرتيءَ جي ڇاتيءَ ۾ زندگيءَ کان ڇڄي ويل انسانن کي دفنائي، پيٽ پوڄا ڪرڻ هن جو اباڻو ڪم هو. ان جو پيءُ ۽ ڏاڏو ۽ شايد پڙڏاڏو به اهو ئي ڪم ڪندا هئا. موت، زندگي، تربتون، ويرانيون، دنيا کان ڇڄي ويل هيڪلا انسان، اهو سڀ ڪجهه زندگيءَ جو اڌ محسوس ٿيندو هئس.
    ۽ هينئر هي ٻه ڏينهن اهڙا گذريا هئا جو هن جي گهر جي چلهه نه دکي هئي. بک موت وانگر پر پکيڙيو بيٺي هئي. انهن ٻن ڏينهن کان هو ڪنهن هارايل جواري جيان گهر موٽندو رهيو هو. انهن ٻن ڏينهن کان هن جي ڪوڏر به اداس هئي. هن جي ٻارن جي اکين ۾ بک جو واسو هو. جوڻس جي چهري تي پيڙائن جو هجوم هو، انهن ٻن ڏينهن کان.
    انهن ٻن ڏينهن کان موت نه جاڳيو هو. ان شهر ۾ ڪنهن جي به زندگيءَ جي تند نه ٽٽي هئي. هو لاڳيتو سوچي رهيو هو ته جت روز انيڪ انسانن جا سمورا لاڳاپا دنيا کان ڌار ٿي ويندا آهن، اتي ٻن ڏينهن کان سڀئي جيئرا آهن. ان شهر ۾ ڪو ٻيو قبرستان به ته ڪونهي. ٻن ڏينهن کان جڏهن هو خالي هٿين گهر موٽندو هو ته هن جي ٻارن جا چهرا، هن کي ڏسي، تيل کان محروم ڏيئي وانگر اجهامي ويندا هئا. رات ته هن جو ننڍو پٽ بک وگهي، آڌيءَ تائين روئندو رهيو ۽ هن کي ماٺ ڪرائيندي ڪرائيندي جوڻس به سڏڪي پئي هئي.
    انهن سمورين سوچن کيس ساڻو ڪري ڇڏيو هو. هن هڪ ڀيرو پوسرندڙ اکين سان، سموري قبرستان تي نهار ڪئي ۽ ڪنڌ نوائي اٿي بيهي رهيو. ڪوڏر ڪلهي تي رکي – هو ٿاٻڙجندڙ وکون کڻندو قبرستان مان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر اچي هن هڪ ڀيرو، ڪنڌ ورائي، پويان دور دور تائين پکڙيل قبرستان ڏانهن نهاريو. هن کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ انيڪ مرده، تربتن مان نڪري اڇي ڪفن ۾ موت جو رقص ڪري رهيا هجن، ٽهڪ ڏئي رهيا هجن. گهٻرائجي هو تکيون وکون کڻندو قبرستان کان دور نڪري آيو.
    هو جڏهن گهر آڏو پهتو ته پل اپل لاءِ خيال آيس ٻاهران ئي موٽي وڃڻ جو سوچيائين، ٻيهر قبرستان موٽي وڃان. ڪهڙي خبر ته اڄ رات ڪنهن جي زندگيءَ جي لاٽ اجهامي وڃي. پوءِ خيال آيس ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته سدائين جيان ماڻهو کيس سڏي وٺندا. تڏهن هٻڪندو، در تي لٽڪندڙ ڳوڻ جو ڦاٽل پڙدو مٿي کڻي هو گهر جي اڱڻ ۾ هليو آيو. لالٽين جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾، جوڻس ڪنڌ نوايو چپ ويٺي هئي. سندس آڏو سندس ننڍو پٽ ستل هو. هن جي ڳلن تي پکڙيل لڙڪن جا نشان هن ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ به چٽا ڏسي ورتا هئا ۽ اندر ئي اندر ڪجهه ڀرندو ڀانيو هئائين. پَٽ تي هن جا ٻئي وڏا پٽ بلور راند ڪري رهيا هئا يا الائي پنهنجو پاڻ وندرائي رهيا هئا. هن کي ڏسي هو سڀ ائين ڇرڪي پيا، ڄڻ هو جڳن کان هن جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هجن. پر – پر – هن جي چهري تي پکڙيل پيڙا جا پاڇولا ڏسي، هنن جي چهرن تي به مايوسيون پکڙجي ويون. هو ڪنڌ نوائي ڇنل کٽ تي ويهي رهيو. جوڻس شوڪارو ڀري چوڻ لڳي؛ “ننڍڙو مانيءَ لاءِ روئي روئي هاڻي ستو آهي.”
    هُن ڪابه وراڻي ڪانه ڏني.
    “بابا! مون کي به ڏاڍي بک لڳي آهي.” سندس وچٽ پٽ جو آواز ائين چوندي ڀرجي آيو. “بابا! اڄ به ڪو ڪونه مئو؟” پر هن ڪا وراڻي ڪانه ڏني – هن جا چپ ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هئا.
    “بابا! جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ماني پچندي؟” پٽس ٻيهر پڇيو.
    “ها.” جواب ڏيندي هن کي پنهنجو آواز پاتال مان ايندو محسوس ٿيو هو. تڏهن پٽس ٻئي هٿ مٿي کڻي، آڪاس ڏانهن اکيون کڻندي چيو: “الله سائين هاڻ تون ڪنهن کي ماري ڇڏ ته اسان جي گهر ماني پچي او الله سائين!” تڏهن هن جي من اندر دور ڪٿي “آمين” جي صدا اُڀري. هو پاڻ به ٻن ڏينهن کان دعا گهري رهيو هو ته ڪاش، اڄ ڪو اوچتو مري پوي – ڪاش.
    هن جا ٻئي ٻار انهيءَ آس تي ته شايد سڀاڻي ڪو مري پوي، اکيون پوري ليٽي پيا. جيتوڻِڪ بک جي ڪري کين ننڊ ڪانه هئي. هو ۽ جوڻس، ڪنڌ نوايو ويٺا رهيا. جوڻس جو آواز بي انت سانت کان پوءِ اوچتو اڀريو: “تون ڪو ٻيو ڪم ڇو نٿو ڪرين؟”
    “ڪهڙو ڪم ڪريان، ڪهڙو ڪم مون لاءِ رهيو آهي؟ آئون ته ڪو ٻيو ڪم ڄاڻان به نٿو.” هن جي آواز ۾ مايوسيون هيون.
    “تون ڪيستائين اهو ڪم پيو ڪندين؟ اڄ ڪو مرندو، سڀاڻي ڪونه به مرندو. هاڻ ته ان ۽ اٽي جيئان موت به مهانگو ٿي ويو آهي. مئا ڊاڪٽر پيدا ٿي پيا آهن، ڪنهن کي مرڻ ئي ڪڏهن ٿا ڏين!”
    “بختاور! انسان جي نصيب ۾ جڏهن موت ايندو آهي، تڏهن ئي هو مرندو آهي. جڏهن به ڪو مرندو آهي، پنهنجي وقت تي مرندو – تڏهن تنهنجي گهر ۾ به ماني پچندي.” هو جوڻس کي سمجهائڻ لڳو، جيتوڻيڪ سندس اندر واريءَ جي گهرن جيان ڀُرندو ٿي ويو.
    “مون ته بادشاهه پير جي مٺائي مڃي آهي ته جڏهن ڪو مرندو، تڏهن ورهائيندس. ٻن ڏينهن کان منهنجا ٻار بکيا آهن، آخر ڪيسين تائين بکون پيا مرندا؟” اهو چوندي هن جون اکيون ڀرجي آيون. هو پنهنجي ڦاٽل پوتيءَ جي پلاند سان اکيون اگهڻ لڳي. جوڻس کي روئندو ڏسي هن لالٽين اجهائي ڇڏيو ته جيئن جوڻس سندس لڙڪ ڏسي نه وٺي، جيڪي سندس ڏاڙهيءَ کي پُسائي رهيا هئا. هن نٿي چاهيو ته جوڻس هن کي روئندو ڏسي. لالٽين وسائي هو آڌيءَ تائين روئندو رهيو، ان خيال کان ته ٻن ڏينهن کان هن جا ٻار بکيا آهن. هن جون کليل اکيون در تي ڪنهن سڏ جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون پر سڄي رات هن کي ڪوبه سڏ ڪونه ٿيو. رڳو ٻاهر گهٽيءَ ۾ ڪتا ڀونڪندا رهيا. هن کي خبر هئي ته جوڻس به سڄي رات روئندي رهي آهي. جوڻس کي به ڪل هئي ته هو ساري رات لڙڪ هاريندو رهيو آهي. سڄي رات ۾ ڪيترا ڀيرا جوڻس جي لڙڪن سندس ٻانهن پسائي ۽ سندس لڙڪن جوڻس جو چهرو پسايو، پر هو ٻئي لڪائيندا رهيا.
    ٻي ڏينهن، باک ڦٽڻ کان اڳ ۾ ئي هو ڪوڏر ڪلهي تي رکي قبرستان هليو ويو. سڄي واٽ هن جي ڪنن کي روئڻ جا آواز ٻڌڻ جو اوسيئڙو رهيو پر چؤڌاري زندگي پنهنجا خوبصورت پر پکيڙيو بيٺي هئي. هن من ئي من ۾ سوچيو ته جيڪر اڄ به ڪو جنازو ڪونه آيو ته هو چوري ڪندو، ڌاڙو هڻندو پر خالي هٿين نه موٽندو. قبرستان ۾ به سڄو ڏينهن سندس اکيون جنازن جو اوسيئڙو ڪنديون رهيون. ماڻهو ايندا رهيا، تربتن تي قُل پڙهي هليا ٿي ويا. ڪي گل رکيو ٿي هليا ويا. ڪي آيا تربتن تي مٿو رکي، سڏڪي سڏڪي هليا ويا. هو روز اهو سڀ ڪجهه ڏسندو هو. ان ۾ هن لاءِ ڪابه نواڻ ڪانه هئي ۽ نه ئي هن لاءِ ۽ هن جي ٻارن لاءِ زندگيءَ جو ڪو نور هو.
    ڏينهن گذرندو رهيو ۽ پوءِ گذريل ڏينهن وانگر اڄوڪو سج به چپ چاپ ٻڏي ويو. (خبر ناهي سڀاڻي اڀرندو به يا نه؟ هن سوچيو) هڪڙي وسريل ساروڻي هانوَ تي تري آيس ته هڪ وار هڪ نوجوان، هتي ڪنهن تربت آڏو بيهي چيو هو: “اي موت! ڪاش توکي موت اچي.” تڏهن موت لاءِ پٽ ٻڌي هن جا لڱ ڪانڊارجي ويا هئا ۽ اڄ هر هر سندس ڪنن ۾ اهي لفظ پڙاڏو بڻجي ٿي گونجيا. هاڻ ائين ٿي محسوس ٿيس، ڄڻ سچ پچ موت کي ڪو موت اچي ويو آهي. رات جي پکڙجندڙ اونداهيءَ ۾ هو پنهنجن ئي سوچن کان گهٻرائجي ويو. هن جي ٻارن جي بک کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. ان خيال سان ئي کيس پنهنجو من وسامندڙ محسوس ٿيو. هو ڪيئن هنن جي سوالن جا جواب ڏيندو، ڪيئن جوڻس جي چهري تي پکڙيل پيڙا ڏسندو؟ هن جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويا. هو اندر ئي اندر ڀُرندو رهيو، وسامندو رهيو. رات جا ٻارهن اچي ٿيا هئا. هو قبرستان ۾ ئي ويٺو رهيو، پر ڪوبه نه آيو. هڪ ڀيرو وري هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو، ڪوڏر ڪلهن تي رکي، سندس گهر ڏانهن ويندڙ رستي تي هلڻ لڳو. واٽ تي هو من ئي من ۾ سوچيندو رهيو ته سڀاڻي هو ٻيو ڪو ڪم هٿ ڪندو. سڀاڻي کان هو مزور نه سهي چور بڻجي ويندو. ٻي ڏينهن لاءِ انيڪ رٿائون رٿيندو رهيو – ٽوڙيندو رهيو – اندر ئي اندر اجڙندو ۽ جڙندو رهيو. زندگي هن لاءِ ڪائنات جو سڀ کان وڏو هاڃو بنجي وئي هئي. هو من ئي من ۾ ان هاڃي تي ماتم ڪندو پئي ويو. گهٽين ۾ رات جي گهور اونداهي پکڙيل هئي. هن جي اندر ٻاهر اونداهيون هيون. نور جو ڪو هڪڙو ترورو – ڪا هڪڙي چڻنگ – دور، هن کان گهڻو دور، هڪڙو پاڇولو وڃي رهيو هو. بجليءَ جي شاڪ وانگر هڪڙو خيال هن جي ذهن جي سنسان ايوانن ۾ واسو ڪري ويو. جيڪر هو ڪوڏر جي هڪڙي ئي ڌڪ سان هن پاڇولي کي ختم ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ جي سوچ ڪيڏي خوبصورت هئي. هن پنهنجن خيالن ۾ جوڻس کي چلهه تي ماني پچائيندي ڏٺو ۽ هوءَ مرڪي به رهي هئي. هن جا ٽئي پٽ ڀر ۾ ماني کائي رهيا هئا ۽ هڪٻئي سان شرارتون به ڪري رهيا هئا. هو مرڪي پيو – پر هن پاڇولي کي ختم ڪرڻ جو تصور ڪيڏو نه ڀوائتو هو. هن ته ڪڏهن چوري به ڪانه ڪئي هئي، خون ڪيئن ٿي ڪري سگهيو؟ ٻي لمحي هن جي ڪنن ۾ سندس ٻارن جون صدائون پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. هن جون وکون تکيون ٿي ويون. گهٽيءَ ۾ گهور اونداهي هئي. ان اونداهيءَ ۾ هو تکيون وکون کڻي پاڇولي جي پويان هلڻ لڳو. هن جو ساهه ڀرجي آيو ۽ هن جو من طوفان ۾ ڦاٿل ڪک سمان ڏڪي رهيو هو. هن جا هٿ ڪوڏر جي ڳن ۾ ائين کپي ويا، ڀانءِ ڪڏهن به ڌار نه ٿي سگهندا.
    ۽ پوءِ هو پاڇولي جي ويجهو اچي پهتو. هن اکيون پوري ڇڏيون ۽ ڪوڏر کڻي هڻي ڪڍيائين. هڪڙي دانهن چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجي ۽ ٻڏي وئي (ڄڻ ڪجهه به نه ٿيو) اها دانهن شايد ڪنهن ٻار جي هئي، پر هن ۾ سگهه ئي ڪانه هئي نمي ڏسڻ جي. بس پل اپل لاءِ هن جي اکين آڏو پنهنجن ٻارن جا چهرا ڦري ويا. سڄو بت پگهر ۾ شم ٿي ويو هئس. هو ابتن پيرن قبرستان ڏانهن ڊوڙڻ لڳو. هن جون ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. ائين ٿي ڀانيائين، ڄڻ هي پل هن جي زندگيءَ جو آخري پل هجي. پهريون ڀيرو هن کي موت کان ڊپ ٿيڻ لڳو. موت جيڪو ڪنهن بدروح سمان پنهنجا ڪارا وار پکيڙي پنهنجا ميرا ڏند ڪڍي ٽهڪ ڏيندو هن جي پويان پويان ڊوڙي رهيو هو. هن جي رڳن ۾ ڊوڙندڙ رت ڄڻ برف وانگر ڄمندو ٿي ويو. ساهه جي تند – اجها ڪي اجها ٽٽي – هو قبرستان جي گيٽ وٽ پهتو. تڏهن هن ڪنڌ ورائي پويان نهاريو، پويان ڪجهه به نه هو. سنسان گهٽيون، ستل انسان، رات جي گهور اونداهي ۽ هو هيڪلو. هن قبرستان جي نل تي رت هاڻي ڪوڏر کي ڌوئي صاف ڪيو ۽ نم جي وڻ هيٺ اکيون پوري ويهي رهيو. هن جي اندر ۾ طوفان متل هو پر هو سوچي رهيو هو بند اکين جي اندر ته صبح جو ماڻهو هن ٻار جو جنازو کڻي ايندا، هن کي قبر کوٽڻ جا ٽيهه روپيا ملندا ۽ سمورو هفتو ڪيڏو ٿانئيڪو لنگهي ويندو. هن جا ٻار ڪيڏا نه خوش ٿيندا ۽ هو به ڪيڏي مانَ سان اوچو ڳاٽ ڪري اندر گهڙندو. هن جي زال به بادشاهه پير جي مٺائي ورهائيندي. هو پنهنجو ڏوهه ڪنهن کي به ڪونه ٻڌائيندو. پنهنجي زال کي به نه، جنهن کان هو ڪابه ڳالهه نه لڪائيندو هو. ڪنهن کي به خبر ڪانه پوندي.
    پر انهن سمورين سوچن تي ڀوَ جون ڀاونائون ڳريون هيون. جي هو پڪڙجي پيو ته هن کي جنم ٽيپ ضرور ايندي. پوءِ هن جا ٻار ۽ زال بکون مرندا. هو هنن لاءِ جيل ۾ روئندو رهندو.
    رات لنگهي وئي. باک ڦٽي – نئون سج هن لاءِ اميدن جو نور پکيڙي اڀريو. هن جون اکيون گيٽ جي هن پار نظر ايندڙ روڊ تي اٽڪيل هيون، جتان اهو جنازو اچڻو هو. ٻن پهرن ڌارين ماڻهو ڪلهي تي جنازو کڻي گيٽ اندر گهڙيا. سچ پچ ڪنهن ٻار جو ئي جنازو هو، پر ڪنهن جي اکين ۾ لڙڪ نه هو. ڪنهن جي به چهري تي پيڙائن جو هجوم نه هو. ڏک، جيڪو ڪنهن پياري جي وڇوڙي تي چهري تي واسو ڪري وڃي، اهو ڏک ڪنهن به چهري تي نه هو. هو سڀ ائين آيا هئا، ڄڻ ڪو اهڙو فرض پورو ڪرڻ آيا هجن، جنهن ۾ هنن کي ڪابه دلچسپي نه هئي. هن به ڪوڏر کنئي ۽ قبر کوٽڻ لڳو. سندس هٿ ڏڪي رهيا هئا. من ۾ واسو ڪيل ڀؤ جا ڀاوَ ته ڪو سڃاڻي نه وٺي. متان ٻار جو جنازو اٿي ويهي رهي ۽ چئي ڏي ته اجهو – هي آهي منهنجو خوني. پر ائين نه ٿيو. هو قبر کوٽيندو رهيو. تيستائين هنن سڀني جنازي نماز پڙهي ۽ قبر جو انتظار ڪرڻ لڳا. هن محسوس ڪيو ته هو ڪجهه پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا. هن ڪن ڏنا، پر آواز ڄڻ پريان کان اچي رهيا هئا. هو شايد چئي رهيا هئا ته: “نڄاڻ ڪهڙن اڀاڳن مائٽن جو ٻار آهي – ڪنهن جي هن ٻارڙي سان دشمني ٿي سگهي ٿي – ڪير ظالم هو جنهن کي کن پل لاءِ به مٿس ڪهل نه آئي. مائٽ ويچاري کي ڳوليندا هوندا – الائي ڪير آهي، ڪٿان جو آهي؟ هيڏي پڇا کان پوءِ به ويچاري جا مائٽ نه لڌا.” پر هو انهن سڀني ڳالهين کان اڻڄاڻ قبر کوٽيندو رهيو. قبر کوٽجي تيار ٿي ته ماڻهن ٻانهن تي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل جنازو کنيو. هن تڏهن ڏٺو ته ڪفن تي رت جا داغ هئا. الاءِ ڇو هن جون اکيون آليون ٿي ويون. جڏهن هو ٻار کي قبر ۾ رکڻ لڳا، تڏهن دل چيس ٻار جو مک ڏسڻ لاءِ. ماڻهن جي ڪلهن تان نمي هيٺ ڏسڻ لڳو - ۽ - پوءِ هو ڄڻ اونداهين ۾ ٻڏندو ويو. هن جي رت جي هر بوند ۾ اونداهيون ئي اونداهيون سمائجي ويون. موت جو زهر جهڙو ڪڙو ڪسارو ذائقو هن جي نڙيءَ ۾ چڀڻ لڳو.
    گهر ويندي، واٽ تي هو ڪيترا ڀيرا ٽريفڪ هيٺ ايندي بچيو. مٺ ۾ هئس ڏهن جا ٽي نوان نڪور ساوا نوٽ. پر ٻيو هٿ اڄ ڪوڏر کان خالي هئس. پر پوءِ به هو پنهنجو وجود بيحد ڀاري محسوس ڪري رهيو هو. جڏهن هو پنهنجي گهر واري گهٽيءَ ۾ گهڙيو ته جوڻس کي در جي چائنٺ تي پنهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺل ڏٺائين. هن جي اکين ۾ لڙڪ جهلمل ڪري رهيا هئا. هن کي ايندو ڏسي هوءَ اٿي بيهي رهي، پر هو ائين ئي ٿڙندو ٿاٻڙندو گهر اندر هليو آهي. هوءَ سندس پويان ذري گهٽ ڊوڙندي آئي ۽ هن جي اڳيان اچي سڏڪي پئي. “منو رات کان تنهنجي پويان نڪتل آهي، مون ته گهڻو جهليومانس پر هن مڃيو ئي نه – چوڻ لڳو ڏسان ته بابا کي پئسا مليا آهن يا نه؟ تو وٽ پهتو ڪي نه؟”
    هو چپ موت وانگر.
    “تون – تون ڳالهائين ڇو نٿو – ڳالهائين ڇو نٿو؟”
    “تون روئين ڇو پيو – ڇو پيو روئين؟”
    “تون ٻڌائين ڇو نٿو؟” جوڻس پاڳلن وانگر رڙيون ڪرڻ لڳي. ٻئي ٻار اچرج وچان ماءُ پيءُ کي ڏسي رهيا هئا ۽ هو – اهڙي ڏوهاري وانگر ڪنڌ نوايو بيٺو هو، جنهن ۾ ڏوهه مڃڻ جي سگهه نه هجي.
    “منهنجو منو ڪٿي آهي؟” جوڻس دانهن ڪئي.
    ڪوبه جواب ڏيڻ بدران هن پنهنجي مٺ مان ٽيهه روپيه ڪڍي جوڻس جي پکڙيل هٿ تي رکي ڇڏيا ۽ پنهنجي ننڍي پٽ کي ڇاتيءَ سان لڳائي ٻارن وانگر سڏڪي پيو.


    پن ڇڻ جي رُت ۾

    سانجهيءَ ٽاڻي اولهه ۾ ٻڏندڙ سج – ٽٻي هڻڻ کان اڳ چيو – ڪو آهي!! – جو منهنجي جڳهه والاري!! هڪڙي ننڍڙي ڏيئي ڪنڌ مٿي کڻي چيو – آئون ڪوشش ڪندس. (ٽيگور)

    ۽ گهور اونداهين ۾ (جڏهن اولهه جي پلاند ۾ سج ٻڏي چڪو هوندو آهي ۽ اونداهي وار کولي پرٿويءَ جي سيني تي رقص ڪندي آهي) اچانڪ منهنجو من پڪاريندو آهي – آئون ئي آهيان اُهو ڏيئو – سچ – آئون ڪوشش ڪندس سج جي جڳهه والارڻ جي – ۽ – سج اُلهي ويندو آهي – ڀونءِ جي ڊگهن – اکٽ ڪنارن جي هُن ڀر.
    پر – ائين ڀائيندو آهيان، ڄڻ ڪٿي به روشني ڪانهي – روشنيون سڀئي پاڻيءَ جي ڪا تکي لهر اُجهائي وئي آهي.
    اهڙي ڪا تکي لهر اسان جي مٿان کان به لنگهي آهي شايد – جو اسين سڀ اجهاڻا پيا آهيون من ئي من ۾.
    جيل جي اوچين ديوارن ۾ قيد زندگيءَ جا پل – جيل کان ٻاهر ڇا آزاد هوندا آهن!!؟ – سينٽرل جيل جي ديوارن ۾ ڀٽڪندي منهنجو من زندگيءَ جو سمورو فلسفو سوچيندو آهي. هڪ لڱان تو چيو هو؛ “توکي ڀلا ڪهڙي سُڌ ته ماڻهو جيل کان ٻاهر به پير ڪڙيون پائي هلندا آهن يا هلايا ويندا آهن” ڇڻ – ڇڻ جو ڇڻڪو آهي، جنهن جو پڙلاءُ ٿو ڪنن ۾ ٻُري. آزادي ته آتما جي ٿيندي آهي پر حسين! منهنجي آتما ته تو ساڻ سينٽرل جيل جي سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ ۾ ٿي قيد بامشقت ڀوڳي.
    پل – لنگهي ويا آهن – پوءِ ڇا آهي جو پاڻيءَ جي بوند جيان پنبڻن ۾ اٽڪيو پيو هوندو آهي – لڙڪ!!!؟
    هر ساروڻي پنهنجي اندر بي انت سمنڊ آهي – ۽ ڪنهن به ساروڻيءَ جو ڪوبه سرو ڪونهي.
    گناهگارن جي قطار آهي صليبن جي سامهون
    تون ۽ آئون
    پنهنجي واري جي اوسيئڙي ۾ جڳن ڪنا بيٺا آهيون.
    سياري جا بيحد سرد ڏينهن هئا اهي. سگريءَ ۾ ٻرندڙ اڱرن تي هٿ سيڪيندي توکي چيو هئم، بي حد اُداس من سان – سونا! – هي موجود پريم پل ڇا ڪنهن دکدائڪ وڇوڙي جي ابتدا آهي – ڪير ڄاڻي ته ڪيتريون وکون اسين هلي سگهنداسون، ساڻ – ساڻ!!؟؟
    موٽ ۾ تو دريءَ کان ٻاهر جهومندڙ اوچن وڻن ۾ اکيون کپائي ڇڏيون هيون. چيو هيئي، وڇوڙي جي دکدائڪ سفر ۾ (تون نه هوندين جيڪڏهن مون ساڻ) ته آئون تنهنجي پيرن جا نشان کڻي هلندس. حسين! ماڻهو ته بس ساروڻن جي آسانگي تي جيئندو آهي نه ته من ۾ سانڍي رکڻ لاءِ هن ڀريءَ ڀونءِ تي ٻيو آهي ئي ڇا؟
    ۽ - هاڻ بي انت تنهائين ۾ گهيرجي سوچيندو آهيان – تو سچ چيو هو سونا – زندگيءَ جو فلسفو ته بس پويان رهجي ويل پيرن جي نشانن ۾ ئي آهي.
    پيرن جا اهي نشان (اکيون پوريان ته) دل ڌرتيءَ جي چؤڏسائن ۾ ڦهليل نظر ايندا اٿم.
    سوچيندو آهيان – آئون جو سالن کان سي ڪلاس جي تاريڪ کوليءَ ۾ قيد بامشقت ڀوڳيان ٿو (ڄڻ – قبر ۾ مئو پيو آهيان ۽ منهنجو ماس پگهرجي چڪو آهي ۽ منهنجا هڏ ڌرتيءَ جا ڪيڙا هوريان – هوريان ٽڪي رهيا آهن) ڇا آئون زنده آهيان – جيل جي اوچين ديوارن کان ٻاهر ڦهليل چؤڏسائن ۾ زندگيءَ جا هنگاما – ڇا ڪوبه حق ناهي منهنجو انهن تي!!
    ڊگها – سنسان رستا، نيڻ نهار تائين ڦهليل ۽ ڪنارن تي بيٺل اگهاڙا وڻ - ۽ روڊ جي ويڪري ڇاتيءَ تي رهجي ويل اسان جن پيرن جا نشان ۽ وڻن جي ٿڙن تي رهجي ويل اسان جين گرم آڱرين جو نرمل – ڪومل ڇهاءُ – ائين ئي روڊ جي ڪنارن تي اسان هلندا رهيا هئاسون – پيرن هيٺ پيلا پن چيڀاٽجندا رهيا هئا.
    هڪ اونداهي رات آئون وڄندڙ سيٽين پويان ڊوڙندڙ پوليس جي ڀاري بوٽن جي شور ۾ ڀڄي نڪتو هئس جيل مان. جيل جي گيٽ تي زندگي مون لاءِ ٻانهون ڦهلايو بيٺِي هئي. اونداهيءَ ۾ ٻڏل ڀونءِ جي ڪنارن تان روشنيءَ جي اڻ چٽي ليڪ اُڀري آئي هئي.
    آئون شهر جي ڳلين ۾، رستن تي، ديوارن جي پاڇولن ۾ ڪيئي ڪلاڪ لڪندو رهيو هئس. باک ڦٽيءَ جي پهرئين پل – ڪنهن گهر جي سرخ ديوار جي پاڇولي ۾ بيهي مون سوچيو هو – سونا!! مون چيو هو نه ته مون ۾ بي پناهه شڪتي آهي تو تائين رسڻ جي – آئون پير ڪڙين سوڌو صدين تائين زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڊوڙي سگهان ٿو.
    سي ڪلاڪ جي تاريڪ کوليءَ ۾ آئون زنده رهان ها سونا، جيڪڏهن ٻاهر جي دنيا ناس ٿي وڃي ها. ٻاهر جي دنيا جا سڀيئي رنگ منهنجي کوليءَ جي ڳڙکيءَ مان ليئو پائي سرگوشين ۾ چوندا هئا – اچ – هڪ ٻي جي مضبوط ٻانهن ۾ رقص ڪريون - ۽ - آئون زندگيءَ جي ٻانهن ۾ رقص ڪرڻ لاءِ جيل جي بند لوهي دروازن مان پير ڪڙيون ڇني ڀڄي نڪتو آهيان.
    نما شام جي اجهامندڙ لمحن ۾.
    پنهنجي گهر جو بند دروازو کڙڪايو هئم. زندگيءَ ۾ ڪو پل اهڙو به ايندو آهي – جڏهن اسين پنهنجي ئي گهر جي بند دروازي جي چائنٺ تي ڪنهن اوپري ماڻهوءَ جيان بيٺا هوندا آهيون. بند دروازي جي چائنٺ تي وڇڙيل دليون ڌڙڪنديون آهن ۽ منهنجو من ڌڙڪندو رهيو هو – بند دروازي جي چائنٺ تي.
    ڪائنات جو سڀ کان دکدائڪ الميو آهي اهو. آئون ڌڙڪندڙ من سان دروازي تان موٽي آيو هئس. آئون چپ چاپ ڪنهن هارايل جواريءَ سمان وڻن هيٺان هلندو رهيو هئس ۽ ڇڻيل پيلا پن منهنجن پيرن هيٺ ايندا رهيا هئا.
    مون سوچيو هو – آئون زندگيءَ جي سيني تي بيهي آزاديءَ جا چپ چمندس پر – زندگيءَ جا چپ ڪومائجي ويا آهن.
    ڏامر جي ڊگهي ڪاري روڊ جي ڪناري تي – ڪٿي تنهنجو گهر به آهي – انهيءَ شهر جي هڪ ڳليءَ ۾ منهنجو گهر به آهي.
    هر گهر جو دروازو بند آهي.
    ۽ آئون – ڄڻ – مسلسل ڀٽڪان پيو انهن بند دروازن اڳيان.
    امان چوندي هئم – ڳهلا! توکي ڪهڙي سُڌ ته ماءُ ڪيترا خواب ڏسندي آهي پٽ لاءِ. تون ته جيڪر ڪنهن هڪ خواب جو به حساب نه چڪائي سگهين. سوچيندو آهيان – ماڻهو پنهنجا خواب من ۾ ته سانڍي رکي سگهي ٿو پر جي خوابن ۾ ليکو ويهي ڪري – ته ڇا ماڻهوءَ جو اندر ناس نه ٿي ويندو!!! پر – امي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهي ئي نه سگهي. امي چوندي هئي ته بس اهو – لوڪ سڄي جا پٽ ته ڏس – ڪيڏا وڏا آفيسر بڻجي ويا آهن – بس هڪڙو تون ئي آهين، جنهن کان ڪجهه به نٿو ٿئي – ڇو ٿو حڪومت جي دشمني کڻين – ڇو ٿو جلسا جلوس ڪڍين جو پوليس پل لاءِ به نٿي جيئڻ ڏي توکي ۽ اسان کي – ڇو نٿو حڪومت کان معافي وٺين – ڪيسين تائين اسين بک مرنداسون ۽ ڀيڻ تنهنجي ڪنواري ويٺي هوندي؟
    آئون چپ چاپ کٽ تي اکيون پوريو پيو هوندو هئس. سوچيندو هئس- ۽- منهنجن خوابن جا ڪٿ ڪير لڳائيندو!! اُهو سج، جيڪو آئون ڌرتيءَ جي ڪنارن تان اُڀرندو ٿو ڏسان – ڇا اُنهيءَ کي ڀاڪر پائڻ لاءِ آئون ٻانهون به نه پکيڙيان!! امان – نڄاڻ ڇا سوچي منهنجو نانءُ حسين رکيو هو. پر – منهنجي اندر ۾ هرپل ڪا جوالا ٿي دکي اڄ به. منهنجو من سنڌ جي بيرانن کان – ڪربلا جي بند دروازي تائين پيو ڀٽڪندو آهي اڄ به. ڇا اها سچ جي پل صراط آهي؟ امان روئي پوندي هئي - ۽ - آئون ڀٽائيءَ جو هڪ بيت هو، جو سندس هر لڙڪ ۽ هر سڏڪي جي موٽ ۾ کيس ٻڌائيندو هئس. هوءَ کن لاءِ اکيون پوري ڇڏيندي هئي. (سورهه مرين سوڀ کي – ته دل جا وهم وسار – هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍالَ مَ ڍار – مٿان تيغ ترار – مار ته متارو ٿئين)
    امان کي ته سمجهائي به نه سگهيو هئس – ته وقت ڪنهن ڀيانڪ ديوَ جيان اسان جي مٿان اڏول ٿيو بيٺو آهي ۽ ڌرتي ڪنهن وڇڙيل محبوبا جيان اسان جي پيرن کي چهٽي پئي آهي ۽ خواب اسان جي اندر جو سفر آهن - ۽ منهنجو من انهيءَ وڇڙيل محبوبا جي سيني ۾ ڌڙڪي ٿو ۽ مون کي سڀ کان پهرين انهيءَ موتيءَ جهڙي من جو ڀرم رکڻو آهي.
    جنهن رات ڪنهن جلسي يا جلوس مان موٽندو هئس – امان مون سان نه ڳالهائيندي هئي. ڀيڻ جي اکين ۾ جڳن جا رُساما ڀرجي ايندا هئا ۽ آئون سڄي رات جاڳي گذاريندو هئس. صبح جو پوليس در کڙڪائيندي هئي.
    آئون چپ چاپ هليو ويندو هئس.
    ڀلا – آخر انهيءَ سموري ويڙهه جو سلو ڇا آهي!!! بظاهر زندگيءَ جا هنگاما جاري رهندا آهن. لوڪ کي سُڌ ئي نه پوندي آهي ته ڀونءِ جي انهيءَ ساڳيءَ ڇاتيءَ تي سچ جي ڇتي ويڙهه ڇڙيل آهي ۽ انهيءَ ويڙهه ۾ چپ چاپ، بنا ڪنهن هٿيار ۽ فوج جي وڙهڻ وارا مارجي ويندا آهن، ڪنهن مختصر پل ۾. ڪو سونو ٻلو نه ملندو آهي انهن جي پوين کي، ۽ کٽي اچڻ وارن کي ڪو گلن جا هار پارائڻ وارو نه هوندو آهي.
    انهيءَ ڇتي ويڙهه ۾ - آئون زمانن کان وڙهان پيو – پر ڇا منهنجي هر پل جو عذاب – منهنجي پوين لاءِ سونو ٻلو نه هوندو!!؟
    ٻن ڏينهن جي زندگي.
    ٻن ڏينهن جو ميڙو آهي - ۽ - مون کي انهيءَ متل ميڙي مان اٿاري تاريڪ کوليءَ ۾ پوريو ويو آهي. شايد تاريخ ۾ نه لکجي، پر اهو ڪائنات جو سڀ کان وڏو الميو آهي.
    منهنجي کوليءَ جي آس پاس انيڪ کوليون آهن. زندگيءَ کان ڪٽيل جيئرن جاڳندن انسانن جو انبوهه آهي. سالن جو قيد – جنم قيد ۽ ڦاسيءَ جو ڀيانڪ اوسيئڙو آهي. ڀرواري کوليءَ ۾ نڄاڻ ڪهڙو ڏهي آهي جو ڦاسيءَ جو ايذائيندڙ اوسيئڙو ٿو ڪري. اونداهيون ڦهلبيون آهن، ته سڀئي قيدي ٻانهن ۾ مُک لڪائي، سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن (جيتوڻيڪ اندر ۾ اوجاڳا هوندا آهن) تڏهن اهو ڦاسيءَ جو قيدي اوچن سُرن ۾ ڳائيندو آهي – دک جا گيت. پيڙا جو پڙلاءُ هوندو آهي جو تاريڪ کولين ۾ رقص ڪندو آهي. هن جو جسم ڦاسيءَ جي تختي تي ختم ٿي ويندو آهي. هن جو آواز سندس خالي کوليءَ ۾ رهجي ويندو آهي. ڳائيندي ڳائيندي هن جو آواز سڏڪن ۽ اوڇنگارن ۾ لڙهي ويندو آهي. سڏ ڪري پڇندا آهيونس – ڪيئن آهين ڀائو!؟ کن لاءِ چپ ٿي ويندو آهي. کن کان پوءِ بيت ڏيندو آهي انيڪ سڏڪن جي وچ ۾ - لڳي لڳي واءُ – ويا انگڙا لٽجي – پيئي کڻي پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي - ۽ پوءِ سندس آواز ٻيهر سڏڪن ۾ گهٽجي ويندو آهي - ۽ آئون بيحد اُداس من سان – اکيون پوري، من ئي من ۾ پيو ڀڻڪندو آهيان. پيئي کڻي پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي – پئي – کڻي – پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي – پئي – کڻي – پساهه – پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي.
    تنهن پل تون مون کي شدت سان ياد ايندي آهين سونا – توکي پسڻ لاءِ – وڇڙيل محبوبا جهڙي ڌرتيءَ جي پيشانيءَ تي اڀرندڙ نئون صبح پسڻ لاءِ – سپنن جي ساڀيان پسڻ لاءِ – آئون به هوريان هوريان پساهه کڻان ٿو.
    دردَ جي انهن ئي دکي ڪندڙ احساسن کان گهٻرائجي آئون رات جي گهور اونداهين ۾ جيل مان ڀڳو هئس.
    منهنجي گهر جي دروازي تي قلف چڙهيل هو. آئون بند دروازي تان موٽي آيو هئس.
    انهيءَ شام ٻاهر برسات ٿي پئي – مون فون تي توکي چيو هو – آئون جيل مان ڀڄي آيو آهيان سونا – زندگيءَ جا، ڌرتيءَ جا ۽ تنهنجا چپ چمڻ لاءِ – برسات جي ڀنل رت ۾ هوٽل جي اونداهين ڪنڊ ۾ - کن لاءِ تو مون کي سڃاتو ئي نه هو.
    ڪيڏو بدلجي ويو آهين!!
    مفرور قيدي آهيان، پوليس منهنجي پويان آهي. ڌرتي ڪنهن وڇڙيل محبوبا جيان منهنجي پيرن کي چهٽي پئي آهي - ۽ - صرف هڪ ڀيرو – تنهنجا چپ چمڻ ٿو چاهيان سونا!؟
    - تنهنجين اکين ۾ جيڪي به طوفان هئا انهيءَ پل – منهنجو من اڄ به انهيءَ ۾ لڙهي ٿو – چيم – آئون زندگيءَ جي بند دروازي تي بيٺو آهيان – هڪ ڳالهه ٻڌاءِ سونا – ڪيتريون صديون منهنجو اوسيئڙو ڪندينءَ؟؟ چئو سونا. تنهنجا هٿ پڪڙي ورتا هئم. تنهنجا هٿ برف جيان سرد هئا. تنهنجي ڪرائيءَ ۾ پيل سونيون چوڙيون جرڪنديون رهيون.
    ڪيئي پل ڪجهه به نه ڳالهايو هوسين. آئون ڳڙکيءَ کان ٻاهر ڏسندو رهيس. روڊ برسات جي پاڻيءَ هيٺ ٻڏي چڪو هو. وڻن جا پيلا پن پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. هوٽل کان ٻاهر پوليس جي ڀريل ٽرڪ بيٺي هئي.
    سونا!!
    چئو –
    آخري ڀيرو (۽ پهريون ڀيرو) تنهنجا چپ ٿو چمڻ چاهيان. ٻاهر پوليس بيٺي آهي – اوسيئڙي جي بي انت سلسلي ۾ مون کي نه وسارجانءِ – آئون جيل جي کوليءَ ۾ تنهنجا سپنا ڏسندس – پر جي سونا – تون منهنجو اوسيئڙو ڪرڻ جو سوڳنڌ ڏئين – آئون هن پل به پوليس جي اکين کان گم ٿي سگهان ٿو.
    تو – دريءَ کان ٻاهر بيٺل پوليس جي ٽرڪ دونهاٽيل اکين سان ڏٺي.
    منهنجي آتما تنهنجو اوسيئڙو ڪندي حسين! منهنجو تن ڪنهن ٻئي جو ٿي چڪو آهي. تو ڀرجي آيل اکيون پوري ڇڏيون هيون – آئون چپ چاپ اُٿي آيو هئس.
    سوچيو هئم.
    سونا!! لمحن جي انهيءَ سفر ۾ اسان جا وجود پاڇولا آهن ڄڻ – اونداهين مان لنگهندا آهيون ته گم ٿي ويندا آهيون ڄڻ – پر – ڇا اندر جي روشنيءَ کي به اُجهائي ڇڏجي – اسين ته هلندا آهيون اندر جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ جي آسانگي تي – رت ۽ ست ڏيئي ٻاريو آهي اندر جي روشنيءَ جو اهو پتڪڙو ڏيئو.
    سونا – زندگي اسان کي جنم ڏئي وساري چڪي آهي. اُنهيءَ کي هاڻ ڪهڙي سڌ ته اسين انهيءَ جي ڇاتيءَ تي اُگهاڙن پيرن سان ڀٽڪون پيا. آئون اُنهيءَ بي وفا زندگيءَ جي پيرن ۾ زندگي ٿو وجهڻ چاهيان. سونا – آئون جيل جي اوچن ڪوٽن ۾ فنا ٿي ويندس – يا – ڦاسيءَ جي تختي تي منهنجو لاش لٽڪندو رهندو – پر هڪ پل جي آس تي آئون هن دکدائڪ لمحي ۾ به جيئان ٿو – ڪو اهڙو پل ايندو جڏهن زندگي منهنجا اگهاڙا پير اچي چمندي.
    روڊ تي برسات جو پاڻي بيٺو هو. وڻن تان ڇڻيل پيلا پن بيٺل پاڻيءَ ۾ تري رهيا هئا. برسات جون هلڪيون هلڪيون بوندون هوٽل جي شيشن تان ترڪنديون ٿي ويون. ٻاهر ماڻهو پتلونن جا پانچا مٿي کنيو بيٺل پاڻيءَ مان لنگهي رهيا هئا. هوٽل جي دروازي تي پوليس جي ڀريل ٽرڪ بيٺي هئي. بندوقن جا رخ هوٽل جي دروازي ڏانهن هئا ۽ وڻن جا عڪس پاڻيءَ ۾ ويا ٿي تهائين ڊگها ٿيندا.
    مون هيڪر وري، ڪنڌ ورائي ڏٺو هو تو ڏانهن. تون چپ چاپ ڳڙکيءَ کان ٻاهر دونهاٽيل اکين سان ڏسندي رهي هئينءَ. تنهنجيءَ ڪرائيءَ ۾ انيڪ سونيون چوڙيون، نئين نڪور سج جيان جرڪنديون رهيون هيون.
    آئون بيحد اُداس من سان ٻاهر نڪري آيو هئس. منهنجو چهرو به برسات جي بوندن ۾ ڀڄڻ لڳو هو ۽ بندوقن جو رخ مون ڏانهن ٿي ويو هو.
    - ٽرڪ پاڻيءَ مان ڀريل رستن تي ڊوڙندي رهي هئي.
    - هوءَ چپ چاپ اُٿي هئي ڪرسيءَ تان.
    لان ۾ بيٺل وڻن تان پن ڇڻي رهيا هئا. گيٽ کان ورانڊي جي ڏاڪڻن تائين رکيل ڳاڙهين سرن تان هلندي ائين ڀانيو هئائين ڄڻ سندس پيرن جي آڱرين مان ساهه نڪرندو ٿو وڃي. بدن تي ويڙهيل آلي ساڙهيءَ ۾ سندس لڱ هوريان هوريان ڏڪندا رهيا. ٿڪل ذهن ۽ وجود سان هوءَ ورانڊي ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهي. نيساري مان اڃا تائين پاڻي وهي رهيو هو. اندر فون جي رنگ مسلسل وڄندي رهي. اونداهي هوريان هوريان پکڙجندي رهي. گيٽ وٽ ويٺل ٻليءَ حيرانيءَ منجهان اکيون مچڪائي هن کي ڏٺو - ۽ - برسات جو بيٺل پاڻي پيئڻ لڳي.
    هڪ ڀيرو – هن حسين کان پڇيو هو – اسان نه هونداسين حسين! تڏهن ڇا هوندو!! ڇا سڀ ڪجهه ائين ئي هوندو، جيئن هاڻ آهي!!! ماڻهوءَ جي وڃڻ سان هن ڪائنات ۾ ڪا تبديلي ڇو نه ايندي آهي حسين!!.
    هن لمحي هوءَ دل دريا جي ڪناري تنها – بيٺي هئي. اڃا جُڳ نه لنگهيا هئا، جُڳ نه لنگهڻا هئا اڃا.
    اونداهي ڦهلبي رهي – هيڪر وري برسات پوڻ لڳي – گيٽ تي ويٺل ٻلي ڏاڪڻ تي اچي ويٺي هئي – اکين ۾ آيل لڙڪن تي هن ساڙهيءَ جو پلاند رکي ڇڏيو هو ۽ ٻلي حيرانيءَ منجهان اکيون مچڪائي ڏسندي رهي هن کي – ٻاهر دنيا پنهنجن هنگامن سميت سجاڳ هئي.


    منهنجي زندگيءَ جو جنم قيد

    گذريل انيڪ راتين کان مان ستي ئي ڪين آهيان ۽ گذريل انهن انيڪ راتين ۾ بس هڪ ئي سپنو ڏٺو اٿم. ماڻهو ماڻهوءَ کي ڪهي رهيو آهي ۽ دنيا ۾ جيترا به ماڻهو آهن (مون کان سواءِ) انهن جي ڪلهن تي ڪنڌ ناهن ۽ سيني ۾ من نٿو ڌڙڪين. پٿرن جا ٽڪر سينن منجهه دفن آهن، جي ڌڙڪن ئي ڪين ٿا. هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙي قبر آهي، جنهن منجهه هر پل ماڻهو پنهنجي اندر جا احساس – ساروڻيون – دک ۽ سک دفنائيندو رهي ٿو ۽ تڏهن به قبر جو پيٽ ڀرجي ئي نٿو.

    ۽ - هيءَ جا حياتيءَ جي پلصراط آهي.
    سا – ڪير اُڪري پار پوندو!
    هر ماڻهوءَ جا پير وڍيا پيا آهن.
    - ۽ - هر اک ۾ واري ٿي اُڏامي.
    اي درد جي شهر جا واسيو!
    اکيون کوليو ۽ صبح ٿيڻ وارو آهي. – اُٿو - اُ – ٿ – و – هڪ ٻي جا چپ چمو. سج ٿو اُڀري اوهان جي من اڱڻ تي. ڇو نٿا ڪنن منجهان آڱريون ڪڍو - ۽ ڪپيل ڄڀ ڇو نٿا تريءَ تي سجائي رکو – اکيون کوليو.
    هائي –
    ڪيڏي آهي
    اونداهي –
    جانان – جا – نا – ن – ج – ا – ن – جانان.

    برهه جا ڪيس بدنام الا – الا – نينهن رکايم نالا نرالا – برهه ڪيس بدنام الا – الا – (سعيد ٽکڙائي)
    من اندر ۾ رهجي ويل ڪيتريون ڳالهيون آهن، جن کي ڪوبه پڙلاءُ ڪونهي – چپن تي لڳل لپ اسٽڪ ۾ دفن – جُڳن ڪنان.
    ۽ ڊائرين جا سڀئي پنا – خالي – خالي
    لمحا لنگهي ويندا آهن، هوريان – هوريان
    هر لمحي کي پنهنجو عذاب آهي.
    گذريل انيڪ سالن کان مون ڊائري ڪانهي لکي. لکڻ لاءِ آهي ئي ڇا!! ڪو راز، راز ئي نه رهيو – مون تي کنيل آڱرين جي جلوس منجهان، اُگهاڙن پيرن لنگهي اچڻ کان پوءِ – مون ته پاڻ کي ڪنهن هڪڙي لڙڪ جو به اڌيڪار ناهي ڏنو.
    سنگسار جا سڀئي پٿر
    ميڙي سيڙي
    سيرانديءَ رکيا اٿم
    ۽
    هر پٿر رات جو سمهڻ سمي اچي من ۾ ڌڙڪندو اٿم – انيڪ ڳالهيون،
    پٿر چوندا اٿم.
    او – تون ڇو ٿي سڙين – کامين – لوڪ ته انڌو آهي (جو اسان کي توتي ٿو اُڇلي) ۽ انهن کي ڪانهي سُڌ ته تون انهن جي بند اکين ٻاهران چپ چپات بيٺل صبح آهين – او.
    لوڪ کي معاف ڪرڻ وارن جو نانءُ عيسيٰ هوندو آهي – مريم هوندو آهي.
    تون مريم آهين نه!. (۽ - منهنجو عيسيٰ جُڳ اڳ صليب چڙهي چڪو) (مس مريم حسين – جلا وطن)
    منهنجي اندر جي اداس عورت جو نانءُ آهي – م – ر – ي – م.

    منهنجي ڊائرين جي خالي پنن ۾ رکيل پوپٽن جا پر ۽ ٽارين تان ڇڻيل – پيلا سُڪل پن هاڻي ته ڀُرندا ٿا وڃن. اچ ته سپنا ورهائي کڻون. هر اهو سپنو، دک جنهن جي پڄاڻي آهي، اهو آهي ئي مون ڪاڻ. ۽ هر اهو سپنو، جنهن جي پڄاڻي سک آهي، سو تو ڪاڻ ٿي سانڍي رکان ۽ تون ٻانهن ورائي ڀاڪر پائين ئي ڪين ٿو. آئون جڳن ڪنان جاڳندي ٿي اچان ۽ رات آهي جا کٽي ئي ڪين ٿي. ڪيترا جيئرا لاش ڦان ٿيا پيا آهن، ڪنهن صبح جي آس من ۾ پالي ۽ صبح جي اداس من ۾ جڳن جا رُساما آهن. ڳڙکيءَ مان ليئو پائي صبح چوندو آهي – او – لوڪ ته انڌو آهي – آئون ايندو به آهيان ته اکيون ناهي پٽيندو – لوڪ جي اکين ۾ ته واري ٿي اُڏامي ۽ آئون بند اکين جي ٻاهران لنگهي ويندو آهيان، چپ چپات - ۽ - او – جانان! اچ هڪ ٻي جا چپ چمون (ڪائنات فنا آهي) ان کان اڳ جو قيامت اچي وڃي – هڪ ٻي جي اکين ۾ ليئو پائي ڏسندا ئي رهون (اکيون آهن يا درد جو صحرا).
    هڪ ئي بستري تي ڦان ٿي پيل تون ۽ آئون لاش آهيون ڄڻ. ڪيترا دک تنهنجي اندر ٿا کامن ۽ ڪيترا الميا منهنجي اندر لوڪ دفنائي ويو آهي. تون ۽ آئون ٻه الڳ الڳ قبرستان آهيون ڄڻ. (منهنجي اندر جي قبرستان جي ڪنهن به قبر تي سڃاڻپ جو ڪوئي نشان ڪونهي ۽ هر بي نانءُ تربت اندر آئون دفن آهيان) اندر ئي اندر مرندي ٿي وڃان. جيئڻ ٿي چاهيان پر ڪهڙو ڪارڻ آهي مون وٽ/لوڪ وٽ جيئڻ جو؟. منهنجي تن تي ڦهلجندڙ تنهنجين آڱرين جو ڇهاءُ ۽ منهنجو اهو ئي آهي نئون جنم. ڪير ڄاڻي انهيءَ کان پوءِ موت جا ڪيترا سلسلا – ڦهليا پيا آهن!؟.
    جانان! جا –
    درد جي انهيءَ اکٽ سلسلي ۾، هڪڙو سپنو – منهنجي ٻالڪپڻي جو. جنم – جنم کان سيني ۾ ڌڙڪندو – هڪڙو ننڍڙو گهروندو. (گهرن ۾ رهندي به ڪيترا ماڻهو بي گهر هوندا آهن – هن شهر جي ڪنهن به ڳليءَ ۾ منهنجو گهر ڪونهي ۽ هن شهر جي هر ڳليءَ ۾ ڀٽڪي ٿو منهنجو من) ماڻهو ته فوٽ پاٿ تي به پيا هوندا آهن ۽ ماڻهو ته جيل جي کولين ۾ به پيا پراڻي ڪپڙي جيان سڙندا آهن. اصل ۾ ڪنهن جو به گهر ڪونهي – ڪٿي به پناهگاهه ڪانهي.
    او – خدا
    ڪٿي آهي
    منهنجي پناهگاهه
    ۽ لوڪ پٿر کنيو ٿو منهنجي پويان اچي
    لوڪو!
    لو – ڪو –
    ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڪهي ٿو ۽ گهرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيو.
    الا ڏاهي مَ ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن،
    مون سان مون پرين، ڀورائيءَ ۾ ڀال ڪيا.
    ۽ - اڄوڪو سج به اُلهي چڪو آهي – تون ۽ آئون هڪ ٻي جا چپ نه چمي سگهيا آهيون او – سپنا!
    تون منهنجن نيڻن جي ڪنارن تي بيٺو آهين – آدجڳاد کان.
    ۽ مون پنهنجن نيڻن ۾ واري ڀري ڇڏي آهي – او – سپنا! ٻاهر بادل ڀرجي آيا آهن ۽ جُڳ لنگهيا جو منهنجن سڪل ٺوٺ نيڻن منجهه برسات پئي ئي ڪانهي. روئڻ جو جڏهن به ڪو پل آيو ۽ آئون پنڊ پهڻ بڻجي ويس. لوڪ سمجهيو ته ڪو الميو ٿيو ئي ڪونهي ۽ ائين ڪيترا الميا آيا – چپ چاپ لنگهي ويا – ڪنهن کي ڪل ئي ڪانه پئي.
    جانان!
    ۽ - اسان جون سوچون صليب چڙهي چڪيون
    زندگي هئي جا شهر بدر ٿي چڪي
    ديس جا سڀئي خوبصورت دلين وارا شهزادا ۽ اداس شهزاديون پير ڪڙيون پارائي – چؤ کنڀا ٻڌا ويا آهن.
    ۽ هاڻ ڪير رهيو آهي باقي – جو تو لاءِ جيئندو.
    شهر جي ڳلين ۾ رقص ڪندو ۽ تنهنجا چپ چمندو.
    ۽ - لوڪ ته سارو مئو پيو آهي.

    گهڻا سال اڳ،
    ٽارين تان ڇڻيل پيلا پن برسات جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ترندا ٿي ويا. آڪاس تي ڦهليل بادلن جي هجوم هيٺ بيهي گيلري ۾ مون ڪمل جو آخري خط پڙهيو هو.
    ڪمل لکيو هو - ۽ هديٰ! هي منهنجو آخري خط آهي تو ڏانهن، (زندگيءَ جي نانءُ). جياپي جي سگهه پاڻ ۾ ڪٺي ڪندي، اوچتو انڪشاف ٿيندو آهي ته موت اسان جو پيڇو ٿو ڪري. اهو ڪهڙو الميو آهي جو وصل جي لمحن ۾ به انسان وڇوڙي جو عذاب سهندو آهي. جيئندا آهيون پر اندر ئي اندر پيا مرندا آهيون. ماڻهو ايڏي قرب مان جيئي ٿو. ايڏيءَ سچائيءَ سان موت جو اوسيئڙو ڪري ٿو. هديٰ! وقت منهنجن اڇن وارن منجهان هوريان هوريان بي آواز لنگهي ويندو، تڏهن به لڳندو اٿم ته وقت کي پنهنجو آواز آهي. ڄڻ هوريان هوريان ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪندو هجي. ڪمل – آئون وڃان پيو – وڃان پيو آئون تنهنجن اڇن وارن منجهان لنگهندو. ۽ آئون مٺيون ڀيڙي جهلڻي چاهيندي آهيانس. هوريان هوريان، ڪيئي پل لنگهڻ کان پوءِ مٺيون کوليندي آهيان ته خالي هونديون آهن. تو ڪڏهن سوچيو هديٰ! ڪهڙا ڪهڙا لمحا لنگهي ويا آهن، اسان جين بند مٺين منجهان. جن جون ريکائون ڪڏهن به مِٽجي نه سگهيون آهن هٿ تريءَ تان. لوڪ ڀاڳ جا ليڪا چوندو آهي انهن کي. ائين هجي ها جيڪر ته اسان بليڊ سان هٿ تريءَ جون ريکائون پنهنجي سپنن جي حساب سان ڊاهي نه ٻيهر ٺاهي سگهون ها. دک جون ريکائون ڊاهي ڇڏيون ها ۽ سک جون ريکائون رهڻ ڏيون ها. الميو اهو آهي ته زندگي اسان جي آهي پر اسان کي ان تي ڪوبه اختيار ڪونهي ڪو. بس دک جي انهيءَ موڙ تي اچي ماڻهو نه چاهيندي به آپگهات ڪندو آهي ۽ منهنجيءَ ٽيبل تي هن پل ننڊ جون گوريون رکيون آهن. ڪم از ڪم آپگهات ڪرڻ جو اڌيڪار ته اسان کي هئڻ گهرجي نه – هديٰ – ٻاهر رات پر ڦهلايو بيٺي آهي. دريءَ تي رکيل مني پلانٽ جي ول – شيلف ۾ رکيل ڪتاب – ڀت تي ٽنگيل کتريءَ جو چتر - ۽ ٽيبل تي رکيل منهنجي تصوير – سڀ ڪجهه ائين ئي رکيو رهندو – ٽريجڊي اها آهي ته ماڻهو مري ويندو آهي – پر هن جي استعمال جون بي جان شيون رهجي وينديون آهن جڳن تائين لاءِ-
    تنهنجي ڪمل (– 77-6-2)
    ڪمل!
    هر ماڻهوءَ جي من ۾ هڪڙو ڪعبو هوندو آهي. ڪنهن جي ڪعبي تي طواف ڪرڻ وارن جي رش لڳندي آهي ۽ ڪنهن جو ڪعبو اڻيهه ئي سنسان رهندو آهي ۽ - مون کي ته بس اوسيئڙو ئي رهيو، ڪنهن عبادت گذار جو، جيڪو منهنجي ڪعبي کي جيسين تائين جيئي – طواف ڪندو رهي، من جي سمورين سچائين سان - ۽ هي آخري زمانو آهي ڪمل! ماڻهن جي دلين مان عبادتن جي سچي لڳن ختم ٿيندي ٿي وڃي ۽ هاڻ من اندر جا ڪعبا اڻيهه ئي سنسان رهندا.
    ۽ - درد آهي سو وڃي ٿو وڌندو.

    برسات جي ڀنل رُت.
    روڊ تي هلندڙ ٻه پاڇولا. د – و – ر – سانجهي ٻانگ جو پڙلاءُ. ٻنهي جا من اُداس آهن ۽ ٻنهي جي اکين ۾ واري ٿي اُڏامي. وڇوڙو آهي جو سندن پيڇو ٿو ڪري. عورت جي من منجهه جڳن جو عذاب آهي.
    ڇا ٿي سوچين!؟.
    سوچيان ٿي – ڇا وڇوڙي جي انهيءَ پل کي ڀوڳڻ لاءِ ڪئي هئي سين صدين جي پريت!!؟ پر تون ڳالهائين ڇو ڪين ٿو ڀلا – هان – ايڏو ماٺ ڇو آهين!!.
    س – ا – ن – ت – تهائين وڃي ٿي وڌندي.
    او!!
    هان!!
    هٿ آڱريون هڪ ٻي منجهه جڪڙيل ۽ چپ ڏندن هيٺ آيل آهن ٻنهي جا. مڙد جي اندر ۾ جوالا ٿي دکي ۽ وڻن جي پنن تان برسات جون بوندون ٿيون ٽمن.
    او!! تون منهنجي جيون ڪٿا جي سڀ کان سندر ساروڻي آهين. ٻڌين ٿي نه!! ڪرڻ لاءِ ڪيئي ڳالهيون هونديون آهن پر ڇا نيڻن جي نهار مان نٿيون اهي ڳالهيون سمجهي سگهجن؟.
    روڊ تي پيل برسات جي پاڻيءَ ۾ ترندي ٿي وڃي ڪاغذ جي ٻيڙي. هن ڪناري ويٺل ٻالڪ اُداسيءَ منجهان ڏسندو ٿو رهي ٻيڙيءَ کي.
    مڙد نمي ٻيڙي ٿو کڻي. ٻار کي ٿو ڏي. هوءَ پانچا مٿي کنيو هلندي ٿي رهي. عورت جي اندر ۾ مچ پيا ٻرن ۽ مڙد جبل کان به اٽل آهي.
    جنم پل کان جيون ساگر جي لهرن تي اسان پنهنجن پنهنجن سپنن جون ٻيڙيون ڇڏي ڏيندا آهيون، ڪاغذ جي ٻيڙين جهڙيون هونديون آهن اسان جن سپنن جون ٻيڙيون. اونڌيون سڌيون ترنديون رهنديون آهن پر ڪنهن ڪناري سان نه لڳي سگهنديون آهن. نه هن پار – نه هُن پار ۽ اسان هن ٻالڪ جيان گوڏن تي مک رکيو اُداس من سان ويٺا رهندا آهيون.
    وڇوڙو ته آهي ئي هن ڀونءِ تي. ائين ئي ته ماڻهوءَ جو ماڻهوءَ سان پريم وڌندو آهي. وڇوڙي جي ڀوَ کان اسان هڪ ٻئي کي ڀاڪرن ۾ ڀري هلندا آهيون. وصل جي لمحن مان لنگهندا آهيون پر پيرن هيٺ وڇوڙو هوندو اٿئون.
    تون ته پاڳل آهين – ڇا لاءِ ڪئي هيئي مون سان پريت!؟ ڇو – ڇا ان لاءِ!!؟ عورت جو اندر ٿو کامي. ٻريس ٿي رڳ رڳ دک جي مچ ۾. ۽ جي آئون تو بن مري پوان!
    مڙد جي اندر منجهه وڄ ٿي ڪري ڄڻ. آئون توتي تاج محل نه جوڙائي سگهندس – آئون ته پنهنجي جواڻ ڀاءُ جي قبر تي به ڪا پڪي سر نه رکي سگهيو آهيان. بس آئون پاڻ تاج محل بنجي تنهنجي قبر جي سيرانديءَ ويهي رهندس – لوڪ کي چوندس – هن قبر منجهه منهنجو من ٿو ڌڙڪي – اعتبار نه اچيوَ – ته ڀلا ڪن رکي ڏسو.
    ۽ جي لوڪ منهنجي قبر تي ڪن رکي ڏسي – هان! تڏهن ڇا ڪندين!؟ ڀلا قبرن منجهه به ڪو من ڌڙڪندو آهي!؟
    نه – ائين ته نه چئو – وڇوڙي جي سلسلن منجهه جي آئون زنده رهجي ويس ته تنهنجي قبر منجهه منهنجو من ڌڙڪندو هوندو – ويساهه ڪر – ڪچين قبرن منجهه وڇوڙي جي سلسلي ۾ زنده رهجي ويل ماڻهن جو من ڌڙڪندو آهي – جن کي انهيءَ ۾ ويساهه ڪونهي سي ئي قبرون پڪيون ڪرائيندا آهن – پر قبرن ۾ من ڌڙڪندو ضرور آهي – پر لوڪ ڪڏهن ڪن رکيو ئي ڪينهي قبرن تي – بس مٿان مٿان ٻُڪ کڻي موٽي ايندو آهي لوڪ.
    پاڳل آهين تون!!
    پاڳل آهيان آئون – تڏهن ته پاڻ به جيئان ٿو ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيان ٿو.
    ٻڌ!! (ڪن ۾ سرگوشي ٿو ڪريس) حواسن ۾ هجان ها نه پنهنجي – ته – ڪڏهوڪو ڪائنات کي تهس نهس ڪري چڪو هجان ها – پاڳل آهيان. (آواز اوچو ٿيندو ٿو وڃيس) تڏهن ته بنا توکي ڇهڻ جي پيار ڪيو اٿم توسان – حواسن ۾ هجان ها نه – ته توکي جنسي محبت تي آماده ڪري – ريپ ڪري توکي – ڀڄي وڃان ها آئون.
    هيڏانهن هوڏانهن ڦهلجندڙ اونداهيءَ جو واسو. رات ماڻهوءَ جي من ۾ دک ۽ ساروڻيون کڻي ايندي آهي. دک ۽ ساروڻيون بستري تي ماڻهوءَ جو اوسيئڙو ڪندا آهن.ليٽندي ئي – ڀاڪرن ۾ ڀري – چپ چپن تي رکي ڇڏيندا آهن، باک ڦٽيءَ جي پهرئين پل تائين. رات ماڻهوءَ جي اندر جو اوجاڳو آهي. بظاهر بند اکين اندر صدين جا اوجاڳا هوندا آهن. توکي ڪهڙي سُڌ – رات پاڻ سان ڪيڏو ڪرب کڻي ايندي آهي ۽ ڏينهن ڪيئن ماڻهوءَ جي چهري تي ماسڪ چاڙهي ڇڏيندو آهي.
    اونداهي ۾ هنن جا پاڇولا هلندا ٿا رهن. هٿ هٿن ۾ جڪڙيل چپ ڏندن هيٺ آيل آهن ٻنهي جا. موڙ مڙندي مڙد سدائين لاءِ موڪلائي ٿو عورت کان. تنهنجا ساروڻا منهنجي هر پل جي سندرتا هوندا. چڱو – هو هن جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ آخري ڀيرو دٻائي ٿو – تون منهنجي راتين جو اوجاڳو آهين.
    عورت ٽڪ ٻڌي ڏسندي ئي ٿي رهي. ڇا – ان لاءِ پريت ڪئي هئي سون، صدين جي! وڇوڙي جي انهيءَ هڪڙي پل کي ڀوڳڻ لاءِ!! هان!!
    او!! عورت ڀڻڪي ٿي.
    چئو!!
    اڄ آخري ڀيرو – پوءِ ڪڏهن به نه – تون ڇو نٿو منهنجا چپ چمين!! آئون پاڳل ناهيان – پنهنجن حواسن ۾ آهيان – منهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا ٿا چڀن ۽ تون منهنجا چپ چمين ئي ڪين ٿو.
    عورت کي ڀاڪرن ۾ ڀري سرخ لپ اسٽڪ جي رنگ ڏانهن مرد پنهنجا چپ وڌائي ٿو پر چپ چمي ئي نٿو. اندر جا اڻپورا ڀاوَ مَن ۾ کڻي موڙ مڙي وڃي ٿو.
    روڊ تي بيٺل عورت جو پاڇولو – تنها – تنها.
    ا – و – و– و- ا – و – و– و.
    ۽ جنهن به رستي تي ميل جو پٿر نه هجي – انهيءَ جي ڪابه پڄاڻي ڪانهي – جانان! رستي منجهان سوَ رستا نڪرندا آهن ۽ ڪير آهي اُهو ڪٺور من وارو، جيڪو ايڏي اداس من واري ماڻهوءَ کي رستن جي ورن وڪڙن ۾ ڦاسائي ويو آهي. ماڳ ڪٿي به ناهي (ماڳ – جنم – جنم جو فريب آهي) ۽ اسين وڍيل پيرن وارا ماڻهو ائين پيا ڊوڙندا آهيون. ڄڻ – هر وک جيڪا کڄي ٿي، انهيءَ کان پوءِ آهي ماڳ جو پهريون نشان.
    جانان! ۽ منهنجن سپنن لاءِ هيءَ حياتي ڪافي نه هئي. منهنجا سپنا حياتيءَ جي هن رڻ پٽ کان به ڏاڍا ڊگها هئا. دک جي ڳالهه اها آهي ته ڪنهن به جُڳ ۾، جڏهن ڪو اداس من وارو ماڻهو هيءَ ڪهاڻي پڙهندو هوندو – تڏهن ڇا منهنجي تربت جي سيرانديءَ لڳل ڪتبي تي منهنجن سپنن جي فهرست مٽجي ته نه چڪي هوندي!!
    ماڻهوءَ جي شڪستن جي فهرست ڏاڍي ڊگهي آهي، ڪاميابي جي فهرست کان. تڏهن به هر نئون ڏينهن جُوا جي نئين بازي آهي ۽ هارايل جوارين جو هجوم – پل پل جي جُوا آهي – وک وک جا جُوا خانا آهن – زندگي آهي – موت آهي – سپنا آهن ۽ سنسان رستا آهن – هر ماڻهوءَ جو پاڇولو آهي ۽ وجود کوئجي چڪو آهي – جنهن ٽرين جا اسين هم سفر آهيون – نڄاڻ اها ڪنهن پل پٽڙين تان لهي پوي ۽ اسٽيشن تي ڄڻ لال بورڊن تي لکيل شهرن ۽ ڳوٺن جا نالا مٽجي چڪا آهن (۽ ماڳ، جنم جنم جو فريب آهي).

    - آخري ڪهاڻي:
    ماڻهوءَ جي آخري ڪهاڻيءَ جو سرو نه هوندو آهي – اندر ۾ ڪيتريون آخري ڪهاڻيون – آخري سپنا- آخري خواهشون آهن – منهنجي ڪمري کان ٻاهر اوندهه انڌوڪار آهي. ڪڏهن ڪڏهن ٻاهر جي اوندهه انڌوڪار ماڻهوءَ جي اندر ۾ اوتجي ايندي آهي. دريءَ ۾ رکيل مني پلانٽ جي ول سڪندي ٿي وڃي. منهنجي جيون ناٽڪ ۾ تاريخن جو ڪوبه دخل ڪونهي. صبح جو جاڳندي آهيان ته ائين محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ اڄ نئون جنم ورتو آهي مون. رات ٿيندي آهي ته ٻاهر جي اونداهه اندر ۾ اوتجي ايندي اٿم. دک منجهان سوچيندي آهيان، ڇا هيءَ منهنجي آخري رات آهي! اکٽ سلسلو آهي، جنهن جا ٻئي سرا مون کان کوئجي ويا آهن. زندگيءَ جا ڪيترا ئي ناگوار لمحا مون ڦاڙي اُڇلي ڇڏيا آهن، پر هي ناگوار لمحا ڪاغذ جي انيڪ ڦاٽل ٽڪرن جيان پيا مون پويان اُڏامندا آهن. هوا تيز هوندي آهي ته پيا منهنجي وجود سان ٽڪرائبا آهن. آئون – انهيءَ وئشيا جو بدن آهيان، جنهن جي بدن تي هن جا گراهڪ انيڪ ڦٽ ڇڏي ويا آهن. بدن جا ڦٽ آتما تائين لهي اچن ته احساسن جو ناسور جنم وٺندو آهي. وئشيا، جيڪا روز سج لٿي جي ويلا ۾ هار سينگار ڪري، روڊ جي ڪناري بيهي رهندي آهي، ڪنهن گراهڪ جي آس ۾. ۽ ڪپڙن تي هاريل سستي خوشبوءِ واٽ ويندڙن کي کن پل لاءِ روڪي ڇڏيندي آهي – نڄاڻ انهن ۾ ڪير آهي هن جي بدن جو ساٿي، اڄوڪي رات – بلڪل ائين مون ڪيو آهي اوسيئڙو هڪ نئين صبح جو، منهنجي آتما تي هاريل لفظن جي خوشبوءِ سان. اسين اندر جي وسعتن ۾ اڏامندا آهيون ۽ اندر جي پاتال ۾ وڃي ڪِرندا آهيون. سمورو سفر اندر جو آهي – دک سمورا اندر ئي اندر پيا ڦهلبا آهن – اندران وڍجڻ کان پوءِ به اسان ڪيڏا ثابت سلامت هوندا آهيون. هزار ڀيرا ٽڪرائجون ديوارن سان – پٿرن سان – تڏهن به نه ٽُٽون.
    اڄ – روڊ ڪراس ڪندي – سالن پڄاڻان هو گڏجي ويو هئم. بلڪل اهڙو – جهڙو سال اڳ ڏٺو هئم. اکيون اُجهاڻل – نشي ۾ الوٽ – وار ڀڀوت. ڪيترا پل گذري وڃڻ کان پوءِ سڃاتو هئائين مون کي.
    هلو – هلو!! ڪيئن آهين؟ موٽ ۾ ڄڻ ڀڻڪيو هو – زنده آهيان ڏسين ڪانه ٿي – بلڪل نارمل ماڻهوءَ جيان.
    هن جي ٻن آڱرين جي وچ ۾ اٽڪيل پن جي ٻيڙي – سڪل ٺوٺ چپ.
    گهڻا سال اڳ هن مون کي چيو هو – مري ويندو سانءِ ۽ منهنجو رت هن ڀونءِ تي انيڪ ماڻهن جي پيشانين تي داغ بڻجي رهجي ويندو – هو اڃا به جيئرو هو اهڙو ئي – جهڙو انيڪ سال اڳ.
    ڇا ٿو ڪرين اڄڪلهه!؟ هن موٽ ۾ ٻئي هٿ منهنجي اڳيان ڦهلائي ڇڏيا هئا – چوڻ لڳو – ائين ٿو لڳي ڄڻ هٿ ڪپجي ويا اٿم. ڪپيل هٿن سان جيئان ٿو انهيءَ آس تي ته ڪو ڏينهن اهڙو اچي وڃي شايد، جڏهن منهنجي هٿ تريءَ مان نيون آڱريون ڦٽي نڪرنديون. آڪاس سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگن هيٺان لنگهندي پنهنجي جيتامڙي وجود کي من ئي من ۾ پيو محسوس ڪندو آهيان. ڪيڏو نه پتڪڙو آهيان آئون ۽ ڪيڏي وشال آهي هيءَ ڪائنات! تو چيو هو ته آئون دنيا جو مهان چترڪار بڻجندس ۽حقيقت اها آهي ته آئون ٻن ڏينهن کان بکيو آهيان ۽ سمورين آرٽ گيلرين جا دروازا مون تي بند آهن. اڄ مون پنهنجا سڀئي چتر جلائي ڇڏيا آهن. اسين آڪاس سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگن هيٺان لنگهي رهيا هئاسون.
    چيم – توکي ڪانهي سُڌ – ڪيترا ماڻهو مهان آهن پر انهن جي چوڌاري آٽو گرافس وٺڻ وارن جو هجوم نه هوندو آهي. ڪير ڪيئن ڄاڻي سگهي ٿو ته تون سچ پچ مهان چترڪار آهين. وقت ايندو جڏهن تنهنجا چتر اهو ئي لوڪ پنهنجي سيراندين سجائيندو، پر تو ته جلائي ڇڏيا پنهنجا سڀيئي چتر.
    هو چپ چاپ هلندو رهيو – روڊ جو ڪنارو ڏئي. هلندي هلندي کنگهه ۾ وڪوڙجي ويو ۽ رت جو ڍير ٿڪي ڇڏيو هئائين فوٽ پاٿ ٿي. وڄ وراڪا ڏئي وئي هئي منهنجي اندر ۾.
    انيڪ ڏينهن کان پوءِ (ڄاڻان ٿي) ته اخبار جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سندس نانءَ جي خبر پڙهندس – هو – سنڌ جو چترڪار – چپ چاپ مري ويو – اوجها – سيني ٽوريم ۾.
    موڙ مڙندي مون هن کي آخري ڀيرو ڏٺو – فوٽ پاٿ تي پيل هن جي اندر جو رت ۽ انهيءَ مٿان لنگهندڙ بوٽ ۽ سينڊل – مون سج ۾ اکيون کپائي ڇڏيون.
    هاءِ-
    ڪيڏي آهي
    اونداهي-
    جا – نا – ن– ج – ا – ن – ا – ن – جانان!!


    مندر، اُداس ڏيئو، اڌ رات، ديوداسي

    تال سوک ڪر پٿر ڀيو، هنس ڪهين نه جاءِ،
    پڇلي پريت ڪي ڪارني، ڪنڪر چُن چُن کاءِ.
    (ڪبير ڀڳت)

    وڇوڙي کان پوءِ
    وڻن تان سڪل پيلا پن هڪ هڪ ڪري ڇڻندا رهيا هئا، هن جي مٿان ۽ آس پاس. ڀر مان ننڍڙو پٿر کڻي اڇليو هئائين بيٺل پاڻيءَ ۾، ۽ دائرا دور دور تائين پکڙبا ٿي ويا. اڄ ڪلهه هوءَ جيئندي به ڄڻ جيئي ڪانه ٿي. حياتيءَ جا پکراج جهڙا پل ۽ سج جهڙا سپنا اچانڪ هن جي بانوري من منجهارا اڏاڻا هئا ڪنهن ٻيءَ ڀر. هوءَ هئي جا جنم جنم کان ائين ئي هيڪلي ۽ نراس پيلن پنن وارن وڻن هيٺ ويٺي هئي، ڀڪشوئڻ بڻي. ڌرتيءَ جو هي گول دائرو تياڳي، دائري کان ٻاهر.
    “مهراڻ!!”
    (هڪ لڱان ڪراچيءَ ۾ نيري سمنڊ ڪناري هوءَ ۽ مهراڻ واريءَ تي پنهنجن پيرن جا نشان ڇڏيندا ساڻ ساڻ ٿي هليا. هن جي چيلهه مهراڻ جي ٻانهن جي گهيري ۾ هئي ۽ سج سمنڊ جي ڇولين ۾ پاڻ ڍاري ڇڏيو هو)
    مهر – ا – ڻ!!
    ماڻهو جڳن ڪنان بهشت جو بند دروازو ٿو کڙڪائي.
    هٿ ٿڪجي ساڻا ٿي پيا آهن.
    ڪرائيءَ ڪنان وڍجي ڇڻي پيا آهن هٿ.
    رت جو درياهه آهي جو هٿن – آڱرين – ڪرائين مان وهندو ٿو اچي. چيلهه تائين ٻڏو پيو آهي هر ڪنهن جو تن.
    ڪوئي انت ڪونهي - ۽ مهراڻ!! دوزخ جي آڳ ٿي ٻري ماڻهوءَ جي رڳ رڳ ۾.
    ۽ - ان آڳ جا اُلا تهائين اوچا ٿي ويا آهن.
    پيلن پنن جي ڇانوَ ۾ ويٺي ويٺي هن هڪ ٻيو پٿر اُڇليو هو بيٺل پاڻيءَ ۾، ۽ دائرا دور تائين پکڙجي ٿي ويا. ڪيڏي پيڙا ٿي پلجي هن وشال ڌرتيءَ تي!! انسانن جي سمنڊ مان لنگهندي هن هڪ وار سوچيو هو. وک وک تي ڦهليل هي ماڻهو آهن يا زندگيءَ جي ڇاتيءَ تي کوڙيل دک جا ٽياس آهن!! گهڻا گهڻا سال اڳ رومانوي ڪهاڻيون پڙهندي، آرٽ اسڪول ۾ چترڪاريءَ جي سکيا وٺندي نڄاڻ ڪهڙا سج جهڙا ڀاوَ هن کي سرخ بينرن جي هجوم ۾ وٺي آيا هئا. انسانن جي وهندڙ سمنڊ ۾ سڀ کان پويان هلندي هن سوچيو هو: “او خدا!! ڪيڏي تکي اُس آهي اسان جي سر مٿان – انگ انگ ٿو سڙي ان ۾ - پر ڇا انهيءَ تتل ڌرتيءَ جي به ڪائي پڄاڻي آهي!!؟ او خدا – هي ماڻهو آهن يا زندگيءَ جي ڪلهن تي ٽنگيل دک جو ٽياس!
    “هر ظلم جي پڄاڻي به تڏهن ٿيندي آهي نه مهراڻ! جڏهن ماڻهوءَ ۾ سنگهر ٽوڙڻ جو ساهس جنم وٺندو آهي، پر اسان جا هٿ ته ڪرائيءَ ڪنا ڪپيا پيا آهن ۽ آڱريون سڀئي ڇڻي چڪيون آهن.” هن پنهنجا ڪمزور پيلا هٿ مهراڻ جي اداس اکين اڳيان ڦهلائي ڇڏيا هئا ۽ مهراڻ کي هن جا پيلا هٿ ڏسي سرنهن جا پيلا گل هانوَ تي هري آيا هئا.

    سالن کان پوءِ هڪ ملاقات
    “۽ هاڻ ته ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. ڏاڍي دير ٿي وئي آهي. ڪير ڄاڻي اندر جي سگهه ڪڏهن پُنر جنم وٺي! اڇا وار اچي ويا اٿم ڪارن وارن ۾. ننڊ جون گوريون ڦڪي سمهندي آهيان رات جو. سج به اڀري ايندو آهي ديوارن تي، پر منهنجي اک ناهي لڳندي ۽ مهراڻ ۽.” هن جون اکيون جهلمل ڪرڻ لڳيون. ڪرسيءَ تان اٿي اچي هوءَ کليل دريءَ وٽ بيٺي. اڱڻ ۾ پوکيل گلاب ڪومائجي ويا هئا. سڪل پيلي چٻر تي دور دور تائين پيلا پن پکڙيا پيا هئا. هوءَ هڪ ٽڪ پولار ۾ گهوريندي رهي.
    “زندگيءَ جو ڪوئي انت ناهي مهراڻ!! انت آهي ته بس ماڻهوءَ جو. جڏهن ساهه جي ڪچيءَ ڏور تي ئي اعتبار ناهي، پوءِ ايڏا ڊگها ڊگها پنڌ اسين ڪنهن لاءِ ٿا ڪيون!!؟ سوچيندي آهيان ته ڪنهن رات گورين لپ ڦڪي سمهي پوندس سدائين لاءِ. پر پل پل جي موت جو حساب ڪنهن هڪ پل ۾ ڇو نٿا چڪائي سگهون اسين !!؟”
    “پر – جو ڪجهه آهي سو بهتر ته ناهي نه! اهو سڀ ڪجهه بدلائڻو پوندو اسان کي. ٽياس تي ٽنگيل پنهنجي هر ڀاوَ جو ملهه وٺڻو پوندو. اندر جي سگهه تڏهن پنر جنم وٺندي آهي، جڏهن اسان سنگهر ٽوڙڻ چاهيندا آهيون. مريم! جڏهن بند ڪمري جا در دريون کولبا آهن، تڏهن ته سج جي روشني اندر ايندي آهي نه!!”
    ديوارن تان سانوري سنجها جا ڪِرڻا گم ٿيندا ٿي ويا. ڪمري ۾ اونداهي ڦهلجڻ لڳي هئي. دور ريل ڪوڪ ڪئي هئي ۽ پکيئڙا آکيرن ڏي اُڏاڻا هئا. اوچتو هوءَ مڙي هئي. (ڪمري ۾ هوريان هوريان ڦهلجندڙ هلڪي اونداهي ۾، هن جون آگميل اکيون کن لاءِ ڏيئا بڻجي جرڪيون ۽ اجهامي ويون) ميز تي رکيل شمعدان ٻاريندي هوءَ هوريان هوريان نارمل ٿي وئي هئي. کلي چوڻ لڳي: “هن ڳوٺ ۾ اڃا بجليءَ جا آثار ڪين آهن – ان ڪري بس انهن ميرانجهڙين روشنين تي ئي گذارو آهي.”
    هڪ ساروڻي هئي جا ماچيس جي تيليءَ جيان مهراڻ جي اکين ۾ ٻري پئي هئي. “اونداهين ۽ اڪيلائين ۾ ساهه گهٽبو آهي منهنجو – بس ڪنهن اهڙي لمحي ۾ مان مري پوندي سانءِ.”
    پر هوءَ اڄ به جيئري هئي – اونداهين ۽ اڪيلائين جي غفائن ۾. شمعدان جي هيڊي روشنيءَ ۾ هن جو مک تهائين هيڊو ۽ بيمار ٿي لڳو. هو چپ چاپ ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيو سگار پيئندو رهيو. ٽڪ ٻڌي هن کي ڏسندو رهيو. ٽڪ ٻڌي ائين هو اڳ به هن کي ڏسندو هو. (جڏهن هنن پاڻ لاءِ هڪ ئي پيچرو جوڙيو هو) تڏهن هوءَ مرڪي پوندي هئي. چوندي هئي: “ائين نه ڏسندو ڪر مون کي – پاڳل ٿي پونديس مان.” (پر هوءَ پاڳل نه ٿي هئي – عام ماڻهوءَ کان به وڌيڪ نارمل هئي) ۽ هن پل هوءَ چپ چاپ پنهنجي هٿن جون ريکائون ڏسي رهي هئي. چوڻ لڳي؛ “ڇا ٿو ڏسين؟”
    “هان!!” هو سوچن جي دائري ۾ ڦرندي ڦرندي ڇرڪي پيو. سگار جو دونهون هن جي اکين ۾ ڀرجي آيو هو.
    “ڇا ٿو ڏسين – ائين مون ۾؟” انيڪ پل هو چپ رهيو.
    “ڏسان ٿو – ڪيڏي اوپري اوپري ٿي لڳين تون!!”
    هوءَ مرڪي پئي. (يا روئي پئي هئي!! لڙڪ ۽ مرڪ جي وچ ۾ ڏاڍي ٿورڙي وڇوٽي هوندي آهي).
    هن سوچيو، ڇا سپنن جي ڪائي ساڀيان آهي!! ڇا ائين جيون رڻ ۾ تڙپي تڙپي، ڀٽڪي ڀٽڪي هرڪوئي مري پوندو؟ ڇا بس سڀئي پيچرا هڪ ئي هٿ سان ڊاهي سگهجن ٿا؟ جن جي هٿ ۾ حياتيءَ جي ڊگهي ريکا هوندي آهي، سي من ئي من ۾، جُڳ اڳ مري چڪا هوندا آهن. (۽ مريم جي هٿ جي جيون ريکا به ڊگهي هئي هٿ ڪرائيءَ تائين پهتل). اڄ هو هن کي چئي رهيو هو ته ڪيڏي اوپري اوپري ٿي لڳين!!
    “منهنجي اندر ۾ اڄ به تنهنجي نانءَ جهڙو درياهه ٿو وهي – اڇو اجرو جڳن ڪنان وهندڙ مهراڻ – پر زندگيءَ جا ڊگها ڊگها پنڌ آهن، جن منهنجين اکين کي کنڊر ڪري ڇڏيو آهي. کنڊر پنهنجا هوندي به اوپرا لڳندا آهن.”
    دريءَ کان ٻاهر اونداهين آڪاس تي چنڊ اُڀري آيو هو. اونداهي ۾ جهومندڙ وڻ تهائين ڀوائتا ٿي ويا هئا. پريان کان ڪٿان مال موٽيو ٿي وٿاڻن ڏي. ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جو مڌر مڌر پڙلاءُ هو. ڌراڙن جي هڪل جو آواز. هو سگار پيئندي چپ چاپ اهو سڀ محسوس ڪندو رهيو. جڏهن هو هيڏانهن آيو پي، تڏهن نيشنل هاءِ وي تي جيپ هلائيندي هن انيڪ ڳالهيون سوچيون هيون. سوچيو هئائين ته واپسيءَ تي هو مريم کي ساڻ وٺيو ايندو (پر هاڻ اهو سڀ چوڻ جو منجهس ساهس ئي ڪين هو) سول لائين ۾ هن جو بيحد خوبصورت بنگلو – وقت جي حڪومت ۾ اعليٰ عهدو ملڻ ڪاڻ سوسائٽيءَ ۾ هن جو اوچو مقام – سندس بنگلي جي گيٽ تي بيٺل ڪلهن تي بندوق کنيل سپاهي – پڻس جي ايڏي پيسي واري مهاجر دوست جي ماڊرن ڌيءَ سان سندس وهانءُ. ۽ اهو سڀ (جيڪو ڪڏهن ممڪن ئي نه هيو) سندس ڪنهن به سپني جي ساڀيان نه هو. اهو سڀ پنهنجن سپنن ۾ - اوچن آدرشن کان ڪٽجڻ ڪاڻ کيس مليو هو. پر من هو جو ڪڏهن ڪڏهن ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهندو هو. م – ر – ي – م – م – ر – ي – م – م – ر – ي – م.
    هن سگار ڪيس مان ٻيو سگار ڪڍي دکايو. وقت آهي جو بند مٺ مان به چپ چاپ نڪري ويندو آهي ۽ اسان خالي مٺ کنيو زندگيءَ جي دائرن ۾ ڊوڙندا رهندا آهيون. سپنا گهڻو پويان رهجي ويندا آهن. ايترو پويان جو وسري ويندا آهن اسان کان. پر هوءِ سندس اهڙو سپنو هئي، جو سندس من جي ڪنهن ڪنڊ ۾ مسلسل ڌڙڪندو رهيو هو. سوچيو هئائين، جڏهن هو مريم آڏو ايندو تڏهن اندر جا سارا دک مريم جي هٿ تريءَ تي کڻي رکندو. پر هو دک سگار جي دونهين ۾ گڏي اندر ۾ (پاتال تائين) اوتيندو رهيو.
    تن ڏينهن انسانن جي انبوهه ۾ سڀ کان اڳيان سرخ بينر کڻي هلندو هو. هو ڌرتيءَ جا سپنا ڏسندو هو ۽ لوڪ هن سنگ وک وڌائيندو هو. موچڙا، جيل، قيد، جلسا، جلوس، سج جهڙا سپنا، نئين صبح جا آدرش، پيڙا جو هڪ رقص هو، جنهن جي ڪائي پڄاڻي ڪانه هئي.
    1967، ملڪ ۾ ون يونٽ جي خلاف تحريڪ هليل هئي.
    ڪوئي جهڙالو صبح هو، جڏهن هو پهريون ڀيرو مريم سان مليو هو.
    اورينٽ هوٽل جي ڊائننگ هال ۾ گرم ڪافيءَ جا ننڍا ننڍا ڍڪ ڀريندي هو مريم جي اکين ۾ ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو.
    29 فيبروري 1967ع جي ان جهڙالي صبح هن مريم جي ڊائريءَ تي آٽو گراف لکيو هو: “جيڪي قومون سجاڳ هونديون آهن، صبح انهن جي هٿ تريءَ مان اڀرندا آهن –اتهاس جي گهور اونداهيءَ ۾ به انهن جون هٿ تريون جرڪنديون آهن – مهراڻ”
    هن لمحي جڏهن هو مريم جي سامهون سگار ٻن آڱرين ۾ اٽڪايو، مريم ڏانهن ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو هو. هوءَ انيڪ پل کان هٿ تريءَ ۾ اکيون کپايو ويٺي هئي. هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ، مبهم – موئن جي دڙي جي اجاڙ کنڊرن جهڙيون ريکائون هيون هن جي هٿ تريءَ تي. هڪ جيون ريکا هئي جا سڀ کان چٽي ۽ ڊگهي – ڪرائيءَ تائين پهتل هئي.
    “ڇا ٿي ڏسين هٿ ۾؟” هو ائين ئي ڀڻڪيو، بي انت سانت کان گهٻرائجي، ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائڻ خاطر.
    “صبح!!!” هن ڄڻ پاتال مان ورندي ڏني.
    ڇن – ڇن ڪري ڪجهه ڀڄي ڀورا ٿي پيو هو. ساڳي پل ٻنهي جي من ۾.
    هنن ٻنهي ساڳيا سپنا ڏٺا هئا. (پر هو اهي سپنا اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو هو). سچ جي ساڳي اڙانگي پيچري تي هلندي، جڏهن سک جو صبح اڀرندو، تڏهن هو گڏجي هڪ ننڍڙو گهر آباد ڪندا، ٻئي نوڪري ڪندا، پنهنجن ٻارن جا سنڌي نانوَ رکندا. انقلابي ڪتابن تي ڊگها ڊگها بحث ڪندا. مهراڻ ’‏‏‏‏‏‏شاهه جي رسالي‘ جو انگريزي ترجمو لکندو. هوءَ پنهنجي ننڍڙي اسٽوڊيو ۾ ويهي چترڪاريءَ واري اڻپوري سپني جي تڪميل ڪندي. جڏهن چنڊ وچ آڪاس تي چڙهي ايندو ۽ سنڌو درياهه کان ايندڙ هِير گهلندي، تڏهن هو اڱڻ ۾ ويهي، رات جي راڻيءَ جي سڳنڌ ۾، گرم چانهن جا ڍُڪ ڀريندا ۽ استاد منظور علي خان جا ڳايل راڳ ٻڌندا. انهن سپنن ۾ ڪٿي ڪو عاليشان بنگلو نه هو، ڪا چمڪندڙ ڪار نه هئي، يورپ جا چڪر نه هئا. بس هڪ لڱان اولڊ ڪيمپس جي گيٽ وٽ بيٺي نڄاڻ ڪهڙي پُور ۾ اچي مريم چيو هو؛ “مهراڻ! جيڪڏهن زندگيءَ جي حالتن مهلت ڏني ته ڪڏهن تون ۽ مان گڏجي سنڌ گهمنداسين.”
    هو ٽهڪ ڏئي کلي پيو هو. “بس!!”
    “ها بس – ان کان اڳتي ڪجهه به نه – ڪجهه به نه.” مهراڻ هن جو هٿ پڪڙي ورتو هو.
    “تون ايڏا خوبصورت خواب ڪيئن ٿي ڏسين مريم!!”
    “تون نه ڏسندو آهين ڇا!؟”
    “ڏسندو آهيان، پر مون پنهنجن خوابن لاءِ سونهن تنهنجن خوابن مان چورائي آهي.”
    ٻئي مرڪي پيا هئا.
    (ٻنهي جي اها مرڪ اولڊ ڪيمپس جي گيٽ وٽ، لنگهندڙن جي پيرن هيٺ لٽجي – گم ٿي وئي هئي دز ۾)
    اها مرڪ هنن ٻنهي زندگيءَ جي انيڪ لمحن ۾، پنهنجين پنهنجين اڪيلائين ۾ مرڪڻ چاهي هئي، پر وقت ڏاڍو ڪٺور من وارو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ جي چپن تان مرڪ کسي اکين ۾ لڙڪ ڀري ويندو آهي.
    سروم دکم دکم.
    سڀ ڪجهه دک آهي.
    هن جي من ۾ ويٺل مهاتما ٻڌ ڀڻڪيو – سڀ ڪجهه دک آهي.
    “مريم!” شمعدان جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ ڀت تي ڦهليل مريم جي پاڇولي ڏانهن نهاريندي هو ڀڻڪيو.
    “هون!” نڄاڻ ڪهڙن دائرن منجهه ڦرندي ڦرندي هوءَ موٽي آئي هئي. هر ماڻهو جنم جنم کان لمحن جي دائرن جي چوڌاري طواف پيو ڪندو آهي. پر دک اهو آهي ته هر ڪنهن جي عبادت ناهي قبول پوندي.
    ماڻهو اندر جي قيدخاني ۾ جنم ٽيپ ٿو ڀوڳي. آزادي محض هڪڙو سپنو آهي.
    آزاد ڪير به ناهي. ڪنهن جو تن قيد آهي، ڪنهن جي آتما ٿي سوريءَ تي لٽڪي. پر حقيقت اها آهي ته جيئندو هرڪو آهي آزاديءَ جي ڪنهن هڪ لمحي جي آس تي.
    ۽
    ان پل هو اندر جي انهيءَ قيد خاني ۾ آزاديءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺو هو. سندس تن ڪنهن بي جان شيءِ جيان ڪمري جي اونداهين ڪنڊ ۾ پيل ڪرسيءَ تي پيو هو ۽ سندس آتما گذري ويل وقت جي سوريءَ تي لٽڪي رهي هئي. چنڊ جي روشنيءَ ۾ ٻاهر بيٺل وڻ هوريان هوريان جهومندا رهيا.
    “تو ڏانهن اچڻ سمي سوچيو هئم مريم! ته توکي پاڻ سان وٺيو ايندس پر هاڻ ائين ٿو ڀانيان ڄڻ وقت اتي ئي اجهامي ويندو، هن بند ڪوٺيءَ ۾. تو ته دنيا تياڳي ڇڏي آهي ڄڻ. پر مان ڀڪشو يا گوتم ناهيان. تڏهن به لوڪ ساڻ جيئندي ڄڻ بن بن ڀٽڪان ٿو. پر بس دک آهي ته، اهو سڀ انهن سپنن جي ساڀيان ناهي.” هن جو ساهه نڙيءَ ۾ گهٽجڻ لڳو. اوچتو هن جو من ڄڻ ڌڙڪندي ڌڙڪندي بيهي رهيو هو. هوءَ اُٿي بيٺي. شمعدان جي روشنيءَ جيان ان جو ڏڪندڙ آواز اڀريو هو. (ڄڻ تهه سياري ۾ ڪوئي بند دروازي اڳيان پڪاريندو هجي)
    “مان تولاءِ چانهه ٿي کنيو اچان.” ۽ کليل دروازي منجهان نڪري نيڻن کان الوپ ٿي ويو هو هن جو وجود. ڪيترا پل هو کليل دريءَ جي اڳيان بيٺو سگار پيئندو رهيو. سڀ ڪجهه ائين ئي هو – سپنن ۾ به – پر ڇا هن کي اهو حق هو ته هو ايڏو چاهيندي به پنهنجي آڱرين سان هن جو مک ڇهي سگهي!! هو ڪمري کان نڪري، هن کي ڳوليندو رڌڻي ڏانهن نڪري آيو.
    “چانهه ايڏي ضروري ناهي مريم! مان ته بس تو ڪاڻ آيو آهيان.” هو در جي فريم کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو. هوءَ سگريءَ ۾ اڱر دکائي رهي هئي. ميرانجهڙي روشنيءَ ۾ اڱرن منجهان ڪاراٽيل هن جا هٿ ڏسي نڄاڻ ڇو هو دکي ٿي پيو هو. هن غور سان ڏٺو – جواڻيءَ تي شام جا پاڇولا گهرا پئجي ويا هئا. هن بيحد دکي ٿي سوچيو، جيڪي ماڻهو سچ جي ڇتيءَ ويڙهه ۾ ڌوڪي ڪاهي پوندا آهن، ڇا انهن جي سپنن جي پڄاڻي ائين ئي ٿيندي آهي!! موت جهڙي زندگي – سوريءَ تي ٽنگيل آتما. ڇا ماڻهوءَ جو سمورو سفر بي معنيٰ آهي. اڱرن جو دونهون هن جي اکين ۾ گهڙندو ٿي آيو.
    هو چپ چاپ در جي فريم کي ٽيڪ ڏيو هن جا ڪاراٽيل هٿ ڏسندو رهيو.
    هي پنهنجي وقت جي انقلابي عورت جا هٿ آهن. انهن هٿن ۾ هن سرخ بينر ۽ جهنڊا کنيا آهن. انهن هٿن کي لهرائي هن نعره هنيا آهن. انهن هٿن سان هن سنڌ جو اتهاس ڪينواس تي رنگن سان چٽيو آهي ۽ ڪيئي سال اڳ وقت جون انقلابي ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون لکيون آهن. (هن هڪ نئون سگار دکايو – گهڻو گهڻو اڳ جڏهن هو ان عورت سان گڏ جيئندو ۽ مرندو هو، تڏهن بس عام برانڊ جو سگريٽ افورڊ ڪري سگهندو هو. اڄ جو هو اسٽيبلش ٿي ويو هو، ولايت منجهان سمگل ٿيل سگريٽ پيئندو هو ۽ دک ڀوڳيندو هو پنهنجي اندر جا) سنڌي عورتن جي هٿن جي پڄاڻي ايڏي دکدائڪ ڇو ٿيندي آهي!!
    “م – ر – ي – م!!”
    “هون؟!” هن دونهاٽيل اکين سان ڏانهس نهاريو.
    “پينٽنگ ڪندي آهين اڃا؟”
    “نه!” هن جو آواز ڄڻ پاتال مان ٿي آيو.
    “ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون؟”
    “نه.” اهو ئي پاتال مان ايندڙ آواز.
    “ڇو؟”
    هوءَ چپ رهي. سگريءَ تي رکيل ديڳڙيءَ ۾ کير ٽهڪندو رهيو. ڊگهي سانت کان پوءِ دونهاٽيل اکين سان مهراڻ ڏانهن نهاريندي هوءَ ڄڻ سڏڪي هئي. چيو هئائين: “ڪي ماڻهو گذرندڙ وقت سان گڏ هوريان هوريان جيئندا رهندا آهن. ڪي ماڻهو آليءَ ڪاٺيءَ جيان پيا ٻرندا آهن ۽ هوريان هوريان مرندا رهندا آهن. توکي ڪانهي سُڌ ته زندگيءَ مون کي آليءَ ڪاٺيءَ جو روپ ڏنو آهي. مان نه جيئان ٿي، نه مران ٿي.” صديون – مهراڻ جي مٿان کان لنگهي ويون. هن انهيءَ عورت سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ بحث ڪيا هئا. هوءَ چوندي هئي – زندگيءَ ۾ بهرحال ايڏي مايوسي به ناهي مهراڻ! صبح ضرور اڀرندو – ان ۾ منهنجو ويساهه آهي. مايوسي اهو اونداهو کوهه آهي، جنهن ۾ هڪ ڀيرو ڪِرڻ کان پوءِ ٻيهر ناهي اڀري سگهبو، ۽ مان انهيءَ کوهه ۾ نٿي ڪرڻ چاهيان. هڪ اٽل آس واري نوع مان هوءَ چوندي هئي. فرسٽريشن ماڻهوءَ جو هٿ گهڙيو احساس آهي، ڪجهه به نه ڪرڻ جو بهانو آهي.
    مهراڻ گرم چانهه جا ڍڪ ڀريندي هن کي غور سان ڏٺو. هوءَ ڪنڌ نوايو ڪوپ ۾ چمچو گهمائي رهي هئي. نڄاڻ ڪهڙين سوچن ۾ گم، هڪ نئين صبح جي آس هن جي اکين منجهان اجهامي وئي هئي. فرسٽريشن جي انهيءَ گهيرٽ ۾ گهيرجي ويو هو هن جو من، جنهن کي هن سدائين ڌڪاريو هو. هن جي ان مسلسل ويڙهه جي پڄاڻي ڪيڏي ڀيانڪ شڪست هئي.
    هوءَ دريءَ کان ٻاهر اونداهيءَ ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي رهي. چوڻ لڳي: “زندگيءَ جي پيچرن تي هلندي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻ کان پوءِ اهو ئي ڄاتو اٿم مهراڻ! ته اهو نڪور صبح ڪڏهن به نه ايندو. بس انهن اونداهين ۾ ئي ماڻهوءَ کي جيئڻو ۽ مرڻو آهي. ان صبح جو اوسيئڙو بيڪار آهي. پيڙا جو هڪ مسلسل سفر آهي، جنهن ۾ ڪجهه به ناهي پلئه پوندو.” ٽيبل تي رکيل هن جي چانهه ٿڌي ٿيندي رهي.
    گهڻا سال اڳ (۽ جڳ لنگهي چڪا آهن انهن سالن جي سيني تان) ڪنهن انٽرويو ۾ هن چيو هو: “مان منصور حلاج جي محبوبا آهيان ۽ پٿر منهنجو نصيب آهن.” ڇا هن سچ چيو هو! بس پٿر ئي هن جو نصيب هئا! ٻيو ڪجهه به نه!!؟؟
    انيڪ سال اڳ، جڏهن هو سي. ايس. ايس جي امتحان ۾ ٽاپ ڪرڻ کان پوءِ ٽريننگ تي وڃڻ لڳو هو، تڏهن چائنيز جي اونداهي ڪنڊ ۾ هن مريم جا سرد هٿ پنهنجن هٿن ۾ جهلي چيو هو: “مان پنهنجو شاندار مستقبل ڪيئن ٿو ڌڪاري سگهان؟ تو بن جيئڻ ڏاڍو اوکو آهي مريم. پر مان پنهنجي املهه حياتيءَ جا سمورا سال جيلن ۾ گهارڻ نٿو چاهيان. ڌرتي ۽ قوم ڪنهن کي به ڪجهه نه ڏيندا آهن. جيت انهيءَ جي ٿيندي آهي، جيڪو پاڻ لاءِ جيئندو آهي.” اهو سڀ چوندي هن کان گذريل سموريون ساروڻيون ڄڻ وسري ويون هيون. هوءَ چپ چاپ پنهنجن هٿن جون هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ ريکائون ڏسندي رهي. مريم کي اهو سڀ ياد هو – پرهن اهو سڀ مهراڻ کي نٿي ياد ڏيارڻ چاهيو، جو سپنا وڪڻي چڪو هو. سڀ ڪجهه بڪواس هو لاڪاس ان پل. چائنيز مان نڪري هن گهر وڃڻ لاءِ رڪشا کي هٿ ڏنو هو. بس ائين چيو هئائين: “سچ جي ان پيچري تي مان تنها به هلي سگهان ٿي – دک اهو آهي ته تو پنهنجا اوچا آدرش بيحد سستي اگهه ۾ وڪڻي ڇڏيا آهن – صبح ضرور ايندو.”
    پر صبح اڀريو ئي ڪونه هو. زندگيءَ جا سمورا دک ڀوڳڻ کان پوءِ، دنيا تياڳي هوءَ انهيءَ ننڍي ڳوٺ ۾ اسڪول ماسترياڻي اچي ٿي هئي. لوڪ اگهور ننڊ مان جاڳڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. جڏهن هو ۽ مهراڻ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل ڳوٺاڻن لاءِ امداد گهرڻ ڪاڻ لطيف آباد جا بند گيٽ کڙڪائيندا هئا، تڏهن به اهي گيٽ نه کلندا هئا ۽ اهي گيٽ اڄ به بند آهن. سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جا سٿا کڻي انهن اهي گيٽ کڙڪايا هئا. ڪتابن جا سٿا پٽ تي اڇليندي سندن هڪ ڪلاس فيلو مظهر ڀرجي آيل آواز ۾ ڀڻڪندو هو: “لعنت آهي هن قوم تي – مرده دل آهي اها قوم – سڀ بڪواس آهي – مان ڪو ليکڪ هجان ها نه مريم! ڪڏهن به سنڌيءَ ۾ نه لکان ها.”
    لطيف آباد جي ڳلين ۾ ڪتابن جا سٿا کڻي هلندي هن موٽ ڏني هئي: “اهو سڀ وقتي آهي – هر ماڻهو اگهور ننڊ مان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور جاڳندو آهي.”
    “خوش فهمي آهي توکي – ڏس نه مريم! هي جو سنڌين جو اوچو ۽ وچولو شهري طبقو آهي، انهن جي گهرن جي بند دروازن اڳيان سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جو اتهاس سڏڪي سڏڪي مري ويندو. انهن منجهه آس رکڻ بي ڪار آهي مريم!”
    جن جوشيلن سنڌي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان گڏجي هن سچ جي پيچري تي پير هو پاتو، ڌرتتيءَ تي بک هڙتال ڪئي هئي، جلسا ۽ جلوس ڪڍيا هئا، جن سان گڏجي هن احتجاجي بينر کنيا هئا، ون يونٽ ٽٽڻ جا جشن ملهايا هئا، سنڌي رسالن ۽ ڪتابن جا سٿا کڻي سنڌين جا بند دروازا کڙڪايا هئا، ٻوڏ جي ستايلن لاءِ ڊگها ڊگها پنڌ ڪيا هئا، اهي سڀ هوريان هوريان ڪري پنهنجا پنهنجا پيچرا مٽائي ويا هئا، مهراڻ سميت (جيڪو هن جي سپنن جو شريڪ هو). هو پارٽيءَ جي اڳواڻن جي سفارشن تي ايئر ڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ وڃي ويٺا هئا ۽ هن جون جيڏيون انهن ڪامورن سان لائون لهي هاڻ نئين ماڊل جي گاڏين ۾ گهمنديون هيون. ماڻهو ڏاڍو ڪمزور ٿيندو آهي، جسم جي سک لاءِ پنهنجي آتما وڪڻي ڇڏيندو آهي.
    آخري ڀيرو ملڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ يونيورسٽيءَ جي آڊيٽوريم ۾ (جتي جشن لطيف ملهايو پئي ويو) هوءَ مهراڻ جي ڀر واري ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. هن جي چئني پاسن شاگردن ۽ شاگردياڻين جو هجوم هو.
    “مهراڻ!”
    “هون؟” هو اسٽيج تي اکيون کپايو ويٺي هئي – پر هن جو من!!
    “توکي اهو سڀ ڪڏهن به ياد نه ايندو، مهراڻ؟ توکي اهو سڀ ڪيئن وسري سگهندو ڀلا!!”
    “سڀ ڪجهه وسري ويندو آهي مريم! اهي ساروڻا مون کي ڏئي به ڇا ٿا سگهن!! مان بک مرندس ته ٽن وقتن جي ماني به هيءَ قوم مون کي نه کارائيندي.”
    “مون کي وساري سگهندين مهراڻ؟!!” ڪنهن مرندڙ ماڻهوءَ جيان هن جو آواز ٽٽڻ لڳو هو. مهراڻ ڇرڪي ڏانهس نهاريو هو. هن جي اکين ۾ ڏياريءَ جي رات لهي آئي هئي.
    ان رات هو فنڪشن اڌ ۾ ئي ڇڏي هليو ويو هو. هوءَ خالي ڪرسيءَ جي ڀر ۾ پڇاڙيءَ تائين ويٺي رهي. رات اجهامڻ تي هئي. سياري جي بيحد سرد رات ۾ ڄامشوري کان بس ۾ شهر ويندي هوريان هوريان صبح اڀرندو رهيو هو، پر هوءَ اندر ئي اندر مرندي رهي هئي.
    هن جي اوچن آدرشن واريءَ زندگيءَ ۾ ڪيڏو بوگس واقعو ٿيو هو. بلڪل عام ڇوڪرين جيان، شرنائين جي شور ۾ ننڍپڻ جي مڱيندي سان سندس وهانءُ ٿي ويو.
    “اڙي!! هيءَ مان آهيان – سنڌ جي انقلابي نياڻي.” هن حيرت منجهان آرسيءَ ۾ پنهنجي سينگاريل وجود کي گهوريو. ماڻهوءَ جي هر خوبصورت احساس کي فنا آهي. فنا آهي ماڻهوءَ جي هر سپني کي. هڪ اداس صبح ڏاهپ جي ڏوهه ۾ مليل طلاق جو ڪاغذ بيگ ۾ وجهي هوءَ ان ننڍڙي ڳوٺ ۾ هلي آئي اسڪول ماسترياڻيءَ جي حيثيت ۾. اهو هو هن جي سموري جيون ناٽڪ جو ڪلائمڪس. گمنامين جي انهن اونداهين غفائن ۾ اچي هن پنهنجون سموريون ڪهاڻيون ۽ ڪوتائون ڦاڙي ڇڏيون هيون، پنهنجا چتر ساڙي ڇڏيا هئا. ماڻهو بيحد آسانيءَ سان جيئندو آهي، مرڻ جو اوسيئڙو ڪرڻ لاءِ. اڄ هو نڄاڻ ڪيئن هن کي ڳوليندو اچي نڪتو هو. هن کي ائين آڏو ڏسي حيران به نه ٿي هئي. (زندگيءَ جا سمورا هاڃا سندس عادت بڻجي ويا هئا) وقت ٻنهي کي پوڙهو ڪري ڇڏيو هو، پر هوءَ کنڊر بڻجي چڪي هئي ۽ هو اڃا به مضبوط ۽ آباد هو. زندگيءَ جا سمورا سک سندس چهري تي اُڪريل هئا. ماڻهو جنم پل کان آدرش مٺ ۾ ڀري حياتيءَ جي ڇتي ويڙهه ۾ ڪاهي پوندو آهي ۽ ڪو پل اهڙو به ايندو آهي، جڏهن آدرش واٽ تي کوئجي ويندا آهن، مٺ خالي ٿي پوندي آهي ۽ هٿ تريءَ تي رهجي وينديون آهن هڪ ٻي کي ڪٽيندڙ ريکائون.
    هن سگار ڪيس مان هڪ ٻيو سگار ڪڍي دکايو. دونهون چوڌاري ڦهلجي ويو هو، مهراڻ جي چهري تي ۽ مريم جي اکين منجهه. رات هوريان هوريان دريءَ کان ٻاهر لنگهندي ٿي وئي. چنڊ جي هيڊي اُداس روشني مريم جي چهري تي ڦهلجي آئي هئي.
    “مريم!” هو ڀڻڪيو.
    “هون!؟” هوءَ کليل دريءَ ۾ اچي بيٺي.
    “مان توکان ڌار رهي جيئندي به ڄڻ مرندو رهيو آهيان.”
    هوءَ چنڊ جي ميرانجهڙيءَ روشنيءَ ۾ بيحد اداسيءَ منجهان مرڪي پئي هئي. ڄڻ هن ڪا بي معنيٰ ڳالهه ڪئي هجي. انيڪ سال اڳ هوءَ انهن لفظن جي آسانگي تي جيئندي هئي.
    “مان تو بن ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان مريم! سپنا ۽ آدرش جيڪي تو وٽ ڇڏي ويو هئس، انهن گهڙيءَ گهڙيءَ منهنجو پيڇو ڪيو آهي مريم! هل موٽي هلون. مون پنهنجي گهر جي هر ڪنڊ ۾ تنهنجي ڪمي محسوس ڪئي آهي. منهنجي زندگيءَ جو هر سک تو بن اڻپورو آهي.”
    هوءَ اداسيءَ واريءَ نوع ۾ مرڪندي رهي.
    “منهنجي بنگلي جي لان ۾ انيڪ ساوا وڻ آهن، پر انهن هيٺ تون ويٺل ناهين. ڪار ڊرائيو ڪندي ڀر واري سيٽ تو بن مون کي تهائين خالي محسوس ٿيندي آهي – مريم! مان جاڳندي سپنا ڏسندو آهيان، تنهنجو هٿ پڪڙي سمنڊ ڪناري هلڻ جا – مان – مان ڏاڍو ٿڪجي پيو آهيان. مون وٽ سڀ ڪجهه هوندي ڄڻ ڪجهه ناهي – منهنجو سڪون تنهنجي هٿ تريءَ ۾ رهجي ويو آهي.”
    مريم بيحد دک منجهان پنهنجي کليل هٿ جي تري ڏٺي، جنهن منجهه ڪجهه به نه رهيو هو. سڪون، جنهن لاءِ ماڻهو بن بن ڀٽڪيو آهي، اهو سڪون ڪٿي به ناهي. محض هڪڙو لفظ آهي ۽ لوڪ پاڳل ٿي پيو آهي ان لفظ جي پويان. هوءَ چپ چاپ، ڌڙڪندڙ من سان هن کي يڪ ٽڪ ڏسندي رهي. ڪڏهن هن انهيءَ شخص جو بڻجڻ چاهيو هو. اڄ هو ڪيڏو اوپرو هو لاڪاس . کانئس پنهنجن سپنن جي بيک گهري رهيو هو. اوهه – خدا!! زندگيءَ ۾ ڪيترا پل موت جا آهن. ماڻهو جي آس پاس موت جو واسو آهي. – مهراڻ! مان جا هن پل ڪنهن زنده وجود جيان ويٺي آهيان تو اڳيان، تون نه سمجهي سگهندين ته مون کي مُئي جڳ لنگهي ويا آهن. جيڪي سپنا ۽ آدرش پاليندا آهن من ۾، انهن جي جيون ناٽڪ جو ڪلائمڪس اهو ئي ٿيندو آهي. تون اهو سڀ سمجهي نه سگهندين. تنهنجي بنگلي جي گيٽ تي بيٺل سپاهي تنهنجن احساسن تي به پهرو ڏيندا آهن. تنهنجي ڊرائيونگ جي رفتار ڀلا ڪڏهن تنهنجن احساسن جو ساٿ ڏيندي هوندي ۽ ٿڪجي ته مان به پئي آهيان. سڪون نه مون وٽ آهي نه تو وٽ آهي، سڪون ڪٿي به ناهي.
    هوءَ ڪرسيءَ کي ٽيڪ ڏيو بند اکين سان سوچيندي رهي.
    “مان تنهنجي انهيءَ ماٺ کي ڇا سمجهان مريم؟”
    هن اکيون پٽي مهراڻ ڏانهن نهاريو. هن جي بلڪل مٿان بيٺو هو. هن جو پاڇولو مريم جي وجود تي ڦهلجي آيو هو.
    موٽ ۾ هن پنهنجو هٿ نه وڌايو هو. بس آگميل نيڻن سان هن جو مک تڪيندي رهي هئي. ڳوٺ جي مسجد ۾ فجر جي ٻانگ اچي رهي هئي. ٻنهي جو من هوريان هوريان ڌڙڪندو رهيو هو. هوءَ ڪرسيءَ تان اٿي بيٺي ۽ مهراڻ جو وڌيل هٿ ٽاريءَ جيان ڪِري پيو هو. ٻانگ هلندي رهي. مال جي ڳچين ۾ ٻڌل چڙن جا مڌر مڌر آلاپ شروع ٿي ويا هئا.
    “مهراڻ!!” سانت جي مهاساگر منجهان هن ٻوليو هو.

    “صبح ڪڏهن به نه ٿيندو مهراڻ! انهيءَ اونداهيءَ ۾ جيئڻو ۽ مرڻو آهي، سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيڻو آهي. هاڻ ته مون پنهنجا پير به وڍي ڇڏيا آهن. مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان. آخري وک به نٿي وڌائي سگهان. صبح ڪڏهن به نه اڀرندو، تڏهن به مان آس جو هڪڙو ننڍڙو ڏيئو ٻاري رکڻ ٿي چاهيان. سالن پڄاڻان ئي سهي مون وٽ پڙهيل ڪنهن هاري ناريءَ جي پٽ ان ساڳي ويڙهه ۾ ڪاهي پوندو – تڏهن به ان کي مان پنهنجن سپنن جي ساڀيان ڀائيندس. مان هتي ئي ٺيڪ آهيان، بلڪل ٺيڪ آهيان.” آگميل نيڻن سان کيس ڏسندي هوءَ کن لاءِ چپ ٿي وئي.
    “پر – مريم!! صبح ته تڏهن به نه اڀرندو شايد.” مهراڻ جي آواز ۾ زهر ڀرجي آيو هو.
    “ها پر – ڏيئي منجهان ڏيئو ته ٻرندو آهي نه.” هيڪر وري هن جي اندر جي مري ويل انقلابي عورت ساهه کڻڻ لڳي هئي.
    “مهراڻ! هن وشال ڪائنات ۾ منهنجي ڪهڙي حيثيت آهي؟ انهيءَ جي ڪٿ هاڻ لڳائي اٿم. منهنجو اهو گمان غلط هو ته هيءَ ڪائنات مون لاءِ جڙي آهي. مان ته گهر ۾ پيل اها بيڪار شيءِ آهيان، جنهن جو ڪوبه مصرف نه هوندو آهي. پر جنهن کي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ ايڊجسٽ ڪرڻو ئي پوندو آهي.”
    “مان – موٽي وڃان – م – ر – ي – م؟!!” هو دک منجهان ڀڻڪيو.
    دريءَ کان ٻاهر پولارن ۾ نهاريندي هوءَ ڀڻڪي: “ها – توکي موٽي وڃڻ ئي گهرجي – هن جيٽ ايج ۾ به گهڻو گهڻو پوئتي پيل ننڍڙي ڳوٺ کان ٻاهر حياتيءَ جا سڀئي سک تنهنجي آجيان لاءِ بيٺا آهن – توکي موٽي وڃڻ گهرجي.” اهو سڀ چوندي هن جا ڪمزور ۽ هيڊا (سرنهن جي گلن جهڙا) هٿ پگهر ۾ شم ٿي ويا هئا. هو صبح جي ڦهلجندڙ گلابي روشنيءَ ۾ - بيحد اداس من سان ٻاهر نڪري آيو هو. ٻاهر بيٺل هن جي جيپ ماڪ ۾ پسي وئي هئي. هوءَ ٻاهر هن کي خدا حافظ پڻ چوڻ آئي هئي. ٻاهر روشنيءَ ۾ اچي هن مريم کي ڏٺو. ائين ڀانيو هئائين ڄڻ هوءَ ورهين جي بيمار هجي. هن جي اداس نيڻن ۾ پيڙا جو جيڪو مهاساگر وهندو ٿي ويو – مهراڻ کن لاءِ انهيءَ ۾ ٻڏي ويو هو.
    صبح جي گلابي روشنيءَ ۾ مهراڻ کي هن آخري ڀيرو ڏٺو. بلڊ ڪينسر جيان ڪو اڻڄاتو دک هن جي رڳ رڳ ۾ ڦهلجي ويو هو. جيپ ڌوڙ اڏائيندي نيڻ نهار کان الوپ ٿي وئي هئي.


    زندگيءَ جو زهر

    هن جي ڄمڻ جو اوسيئڙو به ڪيڏو هئن، پر نڀاڳي ڄائي به ته ائين جو سموريون آسون اميدون بي موت مري ويون. ڄمندي ئي بک جو شديد احساس پيٽ ۾ لڪائي ائين روئندي سڏڪندي آئي، ڄڻ هن لاءِ هن جڳ ۾ کير جي سبيل ورهائجي رهي هجي. هوءَ هئي به ته اهڙي جو کيس ايڏن سورن سان ڄڻڻ واريءَ ئي نفرت منجهان اکيون پوري ڇڏيون. هن جو جنم ماڻس لاءِ ائين به نئون هو جو انهيءَ ڏينهن مڙس دل تي ڪٽيو هئس، جنهن ۾ سور اچي ٿيا هئس. انهيءَ ڏينهن هو دل تي نشو ڪري آيو هو ۽ اچڻ سان ئي مٿس موچڙن جو سٽڪو لائي ڏنو هئائين، جو کيس شڪ هو ته جوڻس کي اهو ڪنهن ٻئي مان ٿيو آهي. ائين هن جي ڄمڻ جو ڏينهن به هن وانگر نڀاڳو بڻجي ويو ۽ جڏهن هن ماءُ جي پيٽ مان منهن ٻاهر ڪڍيو هو، تڏهن ماڻس سموري ڪائنات جون نفرتون پنهنجي من ۾ پکيڙبيون ڀانيون هيون. نه ته هن کان اڳ به هن اٺ جيئرا جاڳندا ٻار جنم ڏنا هئا. جنهن ڏينهن هن کي سور ٿيندا هئا، انهيءَ ڏينهن مڙس مٿانهس سؤ ڀيرا پيو صدقي ٿيندو هو، پر اهي ٻار هوندا به ته چنڊ جهڙا هئا. سدا ملوڪ، ماءُ پيءُ وانگر موچارا. تڏهن ئي اسپتالن جي معرفت بي اولاد ماڻهو چڱي اگهه تي کڻي ويندا هئا ۽ پوءِ ڪڏهن به هنن جي سار نه ايندي هئس ۽ کير جيڪو هن جي ڇاتين ۾ ڀرجي ايندو هو، اهو به چڱي اگهه تي ڪنهن ٻار جي آيا بڻجي وڪڻي ڇڏيندي هئي. ائين سمورو سال سک سان لنگهي ويندو هئن. تڏهن ته مڙس آپريشن ڪرائڻ نه ڏيندو هئس. ڄڻ هوءَ عورت نه هجي ٻار ڄڻڻ جي مشين هجي.
    پر هن ڀيري هوءَ ڄائي هئي ته اهڙي ڪاري جو مٿس اونداهيءَ رات جو گمان ٿئي. ايڏي ڪوجهي جو ڏسڻ تي دل نه چوي. ايڏي ڪمزور ۽ بيمار جو هڏن جي پڃري جو گمان ٿئي. مڙس ته اڳئي مٿانهس بگڙيو ويٺو هو. ويتر هن کي ڏسي پڪ ٿي ويس ته اهو پيٽ جوڻس کي ڪنهن ٻئي مان هو. هاڻ الله جيڪر ڄمڻ واري جي پٺيءَ تي هن جي پيءُ جو نالو به لکي ڇڏي ته ڪيڏو نه چڱو ٿئي. ڀلا هوءَ سال به سال پاڻيءَ مان ڀريل مٽ جهڙو پيٽ کڻي ڪنهن سان ياري رکندي هوندي. ٻيو به الله کي ڪل ته هوءَ ايڏي ڪوجهي ڇو ڄائي هئي، جو هن کي ڏسڻ لاءِ به دل نه چوي.
    هن جي ڪنن ۾ ٻانگ به نه ڏني وئي، بس ائين ئي هن جو نالو ڪاري پئجي ويو. هوءَ هفتو سڄو اسپتال ۾ پئي هئي، پر ڪوبه هن جو گراهڪ نه ٿيو. البت هن جي پتيءَ جو کير ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي نئين ڄاول ٻار جي حصي ۾ هليو ويو ۽ هوءَ وچ جهڳيءَ ۾ پئي ائين سڏڪندي هئي، ائين رڙهندي هئي ڄڻ آسمان جي اوچائين تان ڪنهن ڌڪو ڏئي پستين ۾ اڇلايو هجيس.
    پڻس جي نرڙ تان گهنڊ نه لٿو – چئي رن نڀاڳي! موچاري شڪل آڻي ها ته گهٽ ۾ گهٽ اٺ نو سؤ ته نڪري اچن ها. ۽ جڏهن پيرين پنڌ ڪرڻ لڳي ۽ ٻاتائي ٻاتائي ماني گهرڻ لڳي، تڏهن وڏي اوسيئڙي کان پوءِ ماڻس جو پيٽ ٻاهر نڪتو. هاڻ پڻس جي نرڙ جا گهنج ڪنهن قدر گهٽجي ويا هئا. هوءَ مانيءَ جي سين هڻندي هئي ته پڻس “رن حرامڙي” چئي پيرن مان موچڙو لاهي هڻندو هئس – وڃي ماڻهين جي چگهه کان ماني گهر جنهن جو اولاد آهين.
    تن ڏينهن ئي مون هن کي ڏٺو هو. اگهاڙي، ڪاري ڪوجهي، سڄو بدن ۽ وار ڌوڙ ۾ لٽيل. سموري پاڙي ۾ وائڙي وائڙي ڦرندي هئي. هڪڙي مانيءَ جي سين هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي، هن جي آلين آلين اکين ۾ پکڙيل هوندي هئي.
    ٻار ڪڻس چيڙائڻ لاءِ چوندا هئا: “ڪاري! ماني کائيندينءَ؟” هوءَ يڪدم هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ڇڏيندي هئي. ٻار هن کي ماني ڏيکاري ڊوڙڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ به ڪنهن بکايل ڪتيءَ وانگر، وات ڦاڙي پويان پويان ڊوڙندي هئي. پوءِ جڏهن ٻار انهيءَ تماشي مان ٿڪبا هئا، تڏهن ماني اڳيان اُڇلائي ڇڏيندا هئس.
    نه ڄاڻ ماڻس ڪڏهن ڪم ڪار تان موٽندي هئي ۽ هن کي ٻانهن کان جهلي وڃي جهڳيءَ ۾ اڇلائيندي هئي. هن کي گهر ۾ مانيءَ جو سڪل ٽڪر به نه ملندو هو. هِتان هُتان پني سني پيٽ ڀريندي هئي. اڳي پڻس نشو ڪري ايندو هو ته رڳو ماڻس جون آهون ۽ دانهون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. پر هاڻ ته گڏوگڏ هن جون ڪيڪون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. عجيب عذاب هوندو هو هن جي ڪيڪن ۾، ڄڻ سموري ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي. ٻئي ڏينهن هوءَ سموري پاڙي ۾ پنهنجي بدن تي لڳل ڪارا نيرا نشان ڏيکاريندي وتندي هئي ۽ ٻڌائيندي وتندي هئي ته رات پڻس، ماڻس کي اُگهاڙو ڪري بوٽ سان ماريو هو. پر ماڻس کي ته ڄڻ پرواهه ئي ڪانه هئي. هوءَ صبح ساڻ هار سينگار ڪري بنگلن ۾ ڪم تي هلي ويندي هئي. هاڻ نڄاڻ ڪيترا ڦٽ هوندا هن جي ڪپڙن اندر لڪل.
    هوءَ اسان جي گهر به ايندي هئي. در تي اچي مانيءَ جي سينَ هڻندي هئي. جي ماني نه ملندي هئس ته اُتي ئي پٽ تي ائين روئڻ لاءِ ويهي رهندي هئي، ڄڻ پڻس جو ڪو گهر هجي، پر پيءُ جي گهر ته هن جي ايتري به حجت ڪانه هئي. اسان جي ڏاڏي پنج ئي وقت نماز پڙهڻ واري، جيسين تائين جاڳندي هئي، وضوءَ ۾ رهندي هئي. هن کي ڏسي پريان ئي رڙ ڪندي هئي: “رن هيڏانهن متان اچين، سڀني کي پليت ڪندينءَ.” هوءَ هيسجي اتي ئي بيٺي هوندي هئي. “وٺ ماني.” ڏاڏي ماني اڇلائي ڏيندي هيس ۽ هوءَ ائين پٽ تي پيل مانيءَ ڏانهن ڊوڙندي هئي جو پل اپل لاءِ مٿس گمان ٿيندو هو بکايل ڪتيءَ جو.
    اسان جن بنگلن جي پويان جهڳين جي ۽ مٽيءَ جي ڪچن گهرن جي هڪڙي قطار هئي. انهن مان هڪڙي جهڳي هنن جي به هئي. پٺئين پاسي جي درين مان هنن جو پاڙو نظر ايندو هو. مون به انهن درين مان هڪ وار کيس پاڙي جي لوفر ڇورن اڳيان نچندي ڏسي ورتو. هن جو اڌ اگهاڙو، ڪارو ۽ بيمار بدن نچندي ڪيڏو عجيب لڳو هئم ۽ ڇورن جا ٽهڪ هئا، جي اوچا ٿيندا ٿي ويا ۽ پوءِ ڄڻ اهو سڀ ڪجهه هر ڪنهن کي تماشو ٿي هٿ آيو.
    “ڪاري نچي ڏيکار ته آنو ملندئي، ماني ملندئي.” ۽ حڪم ملندي ئي هوءَ نچڻ لڳندي هئي. نچڻ مهل هن جو نڪ پيو وهندو هو ۽ ساهه ڀرجي ايندو هئس. اکيون پورجي وينديون هئس. عجيب تماشو هوندو هو هن جي ناچ ۾، جو رڳ رڳ ۾ زهر پکڙبو محسوس ٿيندو هو ۽ چپن تي مرڪ پکڙجي ايندي هئي.
    هن کان پوءِ ٽي ڀيرا ماڻس کي پيٽ ٿيو پر ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻار ڪهائي ٿي ويندو هئس، ڄڻ ڪنهن ڪامياب بزنس مين جو بزنس اوچتو ئي اوچتو تباهه ٿي وڃي. نڀاڳي اهڙو نڀاڳ کڻي آئي جو برڪت ئي کڄي وئي. جنهن ڏينهن ماڻس جو ٻار ڪهائي ٿيندو هو، پڻس زمين آسمان کڻي هڪ ڪندو هو. اهڙيون اهڙيون گاريون ڏيندو هو جو امان اسان جو اڱڻ تائين نڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي هئي. هن جو آواز اسان جي گهرن تائين پهچندو هو. پڇاڙيءَ ۾ ڪاريءَ جون ڪيڪون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، ڄڻ ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي.
    شهر ۾ ماتا جو مرض پکڙيو ته اسان جي پاڙي ۾ سڀ کان پهرين ڪاريءَ تي حملو ڪيائين.
    “خدا ڪو موت ڏي هن نڀاڳيءَ کي.” پڻس جي رنڀ اسان جي گهرن تائين گونجندي هئي ۽ هوءَ هئي جنهن مرڻ جو نالو ئي نٿي ورتو. ڄڻ ماءُ جي پيٽ مان ئي صديون جنم جيئڻ جو پهه ڪري آئي هئي. پڻس انعام جي لالچ تي ڊاڪٽرن کي اطلاع به ڏنو، پر ڪوبه اوهي واهي نه وريو. هوءَ پاڻ ئي پاڻ چاق ٿي وئي. مون هن کي ٻيهر گهٽيءَ ۾ نچندي، پنهنجي چاقائيءَ جو جشن ملهائيندي ڏٺو. هن ڀيري مٿس ڪنهن پراڻي تربت مان نڪتل لاش جو گمان ٿيندو هئم. اهڙو لاش، جنهن جي رڳن ۾ زندگي اڃا باقي هجي. گوشت هن جي بدن تي اڳ به ڪونه هو، هاڻ ته ڄڻ هڏن جو پڃرو هئي. سندس چهري تي ماتا جا انيڪ داغ پکڙيل هئا ۽ سندس هڪڙي اک ختم ٿي وئي هئي. ڪيڏو ڀوائتو هو هن جو رقص، موت جو رقص، زندگيءَ جو رقص.
    “ڪاري! ماني کائيندينءَ؟” ڪنهن هن کي ماني ڏيکاري. ماني ڏسي هن جي هڪڙي اک جرڪڻ لڳي، هن جي ڀوائتي چهري تي زندگيءَ جي لهر پکڙجي آئي.
    “ڏي – ڏي – ماني ڏي” جي سينَ هڻندي هوءَ ائين پويان ڀڳي ڄڻ ڪو ڌاڙيل هن جي زندگيءَ جو سمورو حاصل کنيو پيو وڃي. آئون اڄ به سوچيندي آهيان ته شڪليون مٽجي وڃن پر پيٽ جي بک جو انداز نٿو مٽجي سگهي. هڪڙي سڪل، پاروٿي مانيءَ جو ٽڪر هن جي زندگيءَ جو سمورو حاصل هو. ماڻس جو بزنس تباهه ٿي ويو. پڻس نشي جو ماريل الاءِ ڪيڏانهن هليو ويو. جوڻس ٻڌائيندي هئي ته جوا جو اڏو هلائيندو آهي ۽ دلالي ڪندو آهي ۽ هوءَ جا روز هار سينگار ڪري وڏن ماڻهن جي زالن جا لاٿل ڪپڙا پائي ڪم تي ويندي هئي، جنهن جي ڌيءَ ڦاٽل ڪپڙن ۾ مانيءَ جي سينَ هڻندي هئي ۽ پاڙي جي لوڦر ڇورن اڳيان هڪڙي آني جي لالچ تي نچندي نچندي ساڻي ٿي پوندي هئي. اها هڪ ڏينهن اسان جي گهر آئي. امان کي هن بي غيرت کان ازل جي نفرت هئي. آئي ته سڃاڻپ ۾ نه پئي اچي. ڦاٽل ڪپڙن ۾، بک هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي اٽڪيل، بيمار ۽ لٽيل. نڄاڻ ڪهڙو پل هو جڏهن کيس ڌيڻس جو پاراتو لڳو هو. اچڻ سان ئي امان جي پيرن تي ڪري پئي، “هڪڙي پنجاهي رپين جي الله جي نانءَ تي ڏيوم، ڀلي گرويءَ ۾ اوهان ڪاريءَ کي رکو.” ڪيڏو لوڀ هو هن جي اکين ۾، ۽ ڪيڏو عذاب هئس چهري تي پکڙيل. امان نفرت مان هن جي هٿن مان پنهنجا پير ڇڏائيندي چيو: “مائي! اسان ڪو ڇوڪرين جي بازار کولي آهي ڇا؟” انهيءَ مهل ڪيڏو دل چيو هيم ته سموري ڪائنات ڏئي هن جو ڀوائتو وجود خريد ڪيان. ايڏو مهانگو به ته نه هو هن جو وجود. دنيا جي هر شيءِ کان سستو ئي ته هو. هن به گهر گهر وڃي ڌيڻس جو هوڪو ڏنو، پر هوءَ اهڙي بيڪار شيءِ هئي، جنهن لاءِ ڪو گراهڪ ڪونه هو.
    ڪنهن چيو: “نه اڙي امڙ! منهنجا ٻار ته هن کي گهٽيءَ ۾ ڏسيو ئي ڊڄيو وڃن، هن کي گهر ۾ ڏسي ته هو اندر پير ئي ڪونه رکندا.” ائين هن جو وڪرو نه ٿيو ۽ هن جي بازار ته صرف گهٽيءَ ۾ ئي لڳندي هئي.
    پوءِ اوچتو هڪ ڏينهن هوءَ ڪاريءَ کي وٺي الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي. گهٽين ۾ گونجندڙ مانيءَ جي سينَ ختم ٿي وئي. هڪڙو سرڪس هو، جيڪو ڪجهه ڏينهن تماشو ڏيکاري ڪنهن ٻيءَ ڀر هليو ويو. هن جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن به مون مانيءَ جو ڪو گراهه کنيو، هانوَ تي هُري آيو هن جو ڀوائتو چهرو ۽ بکايل اکيون. ۽ پوءِ ٻن ٽن سالن کان پوءِ، جڏهن ڪاري اسان کان وسري وئي، تڏهن ماڻس موٽي آئي. پر هن ڀيري ڪاري ساڻس گڏ نه هئي. “ڪاريءَ کي مون وڪڻي ڇڏيو.” هن ڏاڍي مانَ سان اها خبر ٻڌائي: “مون هن کي هزار روپين ۾ وڪڻي ڇڏيو.” ڪاري ڏاڍي سستي وڪاڻي. هوءَ اسان جي گهرن ۾ نه وڪاڻي پر هڪڙي جاءِ اُها به هوندي، جتي عورت جي هر ڪا شڪل، هر ڪو جسم، هر ڪو روپ وڪامجي ويندو آهي، رڳو اگهه پار جو فرق هوندو آهي. ڪاري به اُتي هزار ۾ وڪامجي وئي. انهن پيسن مان ماڻس پلش جو هڪڙو سيڪنڊ هينڊ گلابي وڳو جهوني مارڪيٽ مان ورتو هو، جيڪو بدن تي اوڍي هوءَ اسان ڏانهن موٽي آئي هئي. هڪڙي ڏينهن روئندي پٽيندي آئي. سندس مڙس ٻي زال وڃي ڪئي هئي، جيڪا هن کي سال به سال نئون ۽ موچارو ٻار ڏئي ٿي سگهي. آئون ڦرجي ويس جون صدائون چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. اسان سڀ لڪي، هن جو تماشو ڏسڻ وياسون. جهڳيءَ ۾، هڪڙيءَ ڇنل کٽ تي هوءَ اونڌو منهن ڪيو پئي هئي. هن کي اهو ئي پلش جو گلابي وڳو پيو هو. چولو هن ڦاڙي ڇڏيو هو. وارن ۾ ڌوڙ ڀري ڇڏي هئائين. ٺونٺ تائين جيڪي چوڙيون پائيندي هئي، انهن جا انيڪ ٽڪر پٽ تي وکريا پيا هئا. هن جو سهاڳ سلامت هو پنهنجي ٻيءَ زال سان گڏ. هن جا اٺ خوبصورت ٻار، انهيءَ لمحي زندگيءَ جو حسن ميڙيندا هوندا. هن جي ڪاري ڪوجهي ڌيءُ هٿون هٿ وڪامجندي هوندي. انهيءَ لمحي هوءَ ڪنهن ڏهاڳڻ وانگر ائين ماتم ڪري رهي هئي، جنهن جي مڙس جو جنازو هن جي آڏو رکيو هجي. جيڪا ڦوهه جواڻيءَ ۾ ڏهاڳڻ ٿي وئي هجي، جنهن جو مڙس هن جي هنج ۾ ڪابه نشاني نه ڇڏي ويو هجي.
    هن اکيون پٽي اسان ڏانهن نهاريو. ڪيڏي وحشت هئي هن جي اکين ۾. هوءَ اٿي ۽ ڊوڙي اچي مون کي ڀاڪرن ۾ ڀريئين: “منهنجي ڌيءُ، منهنجي ڪاري! منهنجي ڪاري ڌيءَ.” انهيءَ لمحي هرڪو چهرو هن کي ڪاريءَ جو چهرو نظر ٿي آيو. هن جي ٻانهن ۾ سموري ڪائنات جي طاقت هئي. آئون هن جي ٻانهن مان پاڻ ڇڏائي ڀڳس. هوءَ به پويان ڊوڙندي آئي. واٽ تي جيڪو به ٻار ڏٺئين، انهيءَ کي “منهنجي ڪاري ڌيءَ” چئي کڻي ڀاڪر وڌائين. سوچيندي آهيان، هن ڪاريءَ کان سواءِ به اٺ ٻار جنم ڏنا، پر انهيءَ لمحي ڇو هڪڙيءَ ڪاريءَ جو چهرو هن جي ذهن ۾ واسو ڪري ويو؟ هڪڙيءَ ڪاريءَ جي ئي نانءَ جي صدا ڇو هن جي چپن تي اٽڪي پئي هئي؟ چاق ٿيندي هئي ته ڪم تي هلي ويندي هئي. دورو پوندو هئس ته سڃاڻپ ۾ ڪانه ايندي هئي. مڙس وٽ وئي ته سندس پهاڄ ڌڪا ڏئي ڪڍيس. مڙس کي ته ازل کان هن کي مارڻ جي عادت هئي، سو هوءَ بدن تي ڪارا نيرا نشان سجائي موٽي آئي. ڪاريءَ کي واپس آڻڻ لاءِ هن پائي پائي گڏي هزار روپيا گڏ ڪيا، پر هوءَ ته وڪامندي وڪامندي الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي هئي.
    “اڃا ته هن کي ڪاريءَ جون پٽون لڳنديون. اڃا ڪٿي ڪم پيو آهي.” هن جا سڏڪا ۽ آهون ٻڌي امان نفرت منجهان چوندي هئي. سچ پچ هن کي ڪاريءَ جون آهون لڳيون هيون. قدرت هن کي ڪاريءَ جي شڪل ڏسڻ لاءِ ڪيئن ڪيئن نه ترسايو. ڪاري، جا هن لاءِ واريءَ جو ننڍڙو ذرو هئي، سا هن جي زندگيءَ جي سڀ کان وڏي تمنا بڻجي وئي.
    ۽ ائين ڪيئي ڏينهن لنگهي ويا. هڪ ڏينهن هوءَ الاءِ ڪٿان، الاءِ ڪيئن ڪاريءَ کي پڪڙي آئي. سڄي پاڙي ۾ ڳالهه پکڙجي وئي ته ڪاري اچي وئي. امان ته هاڻ اسان جو گهٽين ۾ نڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو، نه ته ڪيڏو دل چيو هيم ته ٻاهر ڊوڙي وڃي ڪاريءَ جي آجيان ڪيان. دريءَ جي ڄاريءَ جي پويان کان مون گهٽيءَ مان ڪاريءَ جو جلوس لنگهندي ڏٺو. اهو ئي ڀوائتو چهرو، اها ئي هڪڙي اک، اهي ئي سڪل ٺوٺ چپ، ڄڻ اجهو هينئر اهي چپ چوندا، “ماني ڏي – ماني ڏي.” پر اهي چپ نه چريا. مون حيران اکين سان ڏٺو. هن جو پيٽ ڦوڪڻي وانگر ڦوڪيل هو. هن جو قد اڳي کان گهڻو وڌي ويو هو. ڪاري جوان ٿي وئي هئي. هاڻ هوءَ گهٽين ۾ نچڻ واري ٻار نه هئي. انهيءَ جو ثبوت هن جو ڦوڪڻي وانگر ڦوڪيل پيٽ هو.
    هن سان گڏ ماڻس به هئي. هلندي هلندي کڻي ڀاڪر ٿي پاتائينس يا هن جو ڀوائتو چهرو ٿي ائين چميائين، ڄڻ اهو ڪاريءَ جو چهرو نه پر ڪو مقدس ڪتاب هجي. ڪيڏو عذاب هو ڪاريءَ جي چهري تي ۽ ڪيڏي زندگي هئي هن جي ماءُ جي اکين ۾. ڪاري اچي ته وئي، پر هوءَ جهڳيءَ کان ٻاهر نه نڪرندي هئي. هوءَ مانيءَ جي سين نه هڻندي هئي. ڪڏهن ڪو ڪو لوفر ڇورو ننڍپڻ ۾ ڪاريءَ کي ماني ڏيکاري چيڙائڻ وارو، هنن جي جهڳيءَ جي اڳيان لنگهندو هو ته چئي ڏيندو هو؛ “ڪاري! ماني کائيندين؟” وراڻيءَ ۾ ماڻس ٻاهر نڪري ايندي هئي؛ “ماني وڃي کاراءِ ماڻهين ۽ ڀيڻين کي، ماني کاراءِ پنهنجين جوئين کي.”
    مون کي ڏاڍي سڌ هئي ته ڪاريءَ کي گهٽيءَ ۾ نچندي ڏسان، هن کي مانيءَ جي سينَ هڻندي ٻڌان، پر هوءَ ته موت جهڙي سانت چپن تي اٽڪائي آئي هئي. ماڻس کي ڄڻ ڪو خزانو ملي ويو هو. ڏينهن رات ڄڻ ڌيڻس جي پوڄا ڪندي هئي. ٻڌو هئم ته ڪاري ماڻس سان ڳالهائيندي ئي ڪانه هئي، ماڻس کي ويجهو اچڻ ڪانه ڏيندي هئي، پر ماڻس ته خوش هئي، بي انتها خوش هئي. هاڻ هن کي دورا به نه پوندا هئا، هاڻ هوءَ پاڙي جي ٻارن پويان به نه ڊوڙندي هئي ۽ ڪاري هئي جنهن پنهنجو نئون روپ نه ٿي مٽايو، جنهن چپن تان ماٺ جا قلف نٿي لاٿا، پر ماڻس جي گيان ڌيان ۾ ڪوبه فرق نه آيو.
    “پاڙي ۾ ڪنواريون ڇوڪريون ويٺيون آهن. رن کي باهه لڳي، گناهن جي هڙ پاڻ سان کڻي آئي آهي.” وڏڙين دڙيو پر ڪنهن ۾ ايڏي طاقت هئي جو ڪاريءَ جي ماءُ جي هوندي ڪاريءَ لاءِ ڪجهه چوي.
    ۽ پوءِ جنهن رات ڪاريءَ جي ڦوڪيل پيٽ مان گناهن جي انهيءَ هڙ جنم ورتو، انهيءَ رات ڪاريءَ جون ڀوائتيون رڙيون اسان جي گهرن جي بند دروازن کي چيرينديون اسان جي ڪنن ۾ پڙلاءُ بڻجي گونجڻ لڳيون. ماڻس در در تي هٿ ٻڌي آزيون نيازيون ڪرڻ وئي ته ڪو ڪاريءَ جو هلي ويم ڪري، نه ته هوءَ مري ويندي، پر ڪير وڃي؟ هوءَ در در صدا ڏيندي رهي ۽ ڪاريءَ جون ڪيڪون چوڌاري پڙلاءُ بڻجي گونجنديون رهيون، ڄڻ ڪائنات تي خدا جو عذاب نازل ٿي رهيو هجي.
    “رن جي بي حيائي ته ڏسو جهڙو ڪو حرامي ٻار ڄڻائڻ اسان جو ڌنڌو هجي. نياڻيون گهر ۾ ويٺيون آهن، تنهن کان ٻڏي مرجي.” امان کي ازل کان نفرت هئي. رات جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڪاريءَ جون رڙيون هوريان هوريان ماٺ ٿي ويون، ڄڻ طوفان ماٺ ۾ اچي ويو هجي. ڄڻ قدرت کي سڪون اچي ويو هجي ۽ پڇاڙيءَ ۾ ڪاريءَ جي ٻار جي روئڻ جو هلڪو هلڪو آواز ايندو رهيو.
    صبح جو ماڻس گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پاڳلن وانگر پئي ڦري. هن جا ڪپڙا ڦاٽي ويا هئا، هن جي وارن ۾ ڌوڙ ڀريل هئي، هن جي اکين ۾ ڪائنات جي سموري وحشت هئي ۽ هن جي هنج ۾ ڪاريءَ جي اڇي موچاري ڌيءَ هئي، جنهن کي ڇاتيءَ سان لڳايو هوءَ رڙيون ڪري رهي هئي: “منهنجي ڪاري مري وئي، هاءِ منهنجي ڪاري مري وئي – مون سان ظلم ٿي ويو – مون سان ڪِيس ٿي ويو.” هوءَ ڪاريءَ جي ڌيءَ کي هنج ۾ کڻي وچ گهٽيءَ ۾ ويهي رهي، لڙڪن جي قطار ڳلن تي پکڙي آيس. ڪاريءَ جو نانءُ هن جي سڪل ٺوٺ چپن تي اٽڪيل هو. ماڻهو اهو نئون تماشو ڏسڻ لاءِ هن جي چوڌاري بيٺا هئا. هوءَ هر ڪنهن کي ڪائنات جو سڀ کان وڏو الميو ٻڌائي رهي هئي. “ڪاري مري وئي.” هن جي هنج ۾ ڪاريءَ جي ڌيءَ بک کان روئڻ لڳي. هن روئندي روئندي هن ڏانهن نهاريو، پوءِ اوچتو هن کي ڇاتيءَ سان لڳائي چوڻ لڳي: “منهنجي ڪاريءَ کي بک لڳي آهي – ڪاري ماني کائيندي – ڪاري کير پيئندي.” هن پنهنجو ڦاٽل چولو مٿي کنيو ۽ پنهنجي سڪل پوڙهي ڇاتي ڪاريءَ جي ڌيءَ جي وات ۾ وجهي ڇڏيائين.


    انسان

    سج ماڻهوءَ جي من جيان هوريان هوريان ٻڏندو آهي –
    ٻڏندڙ سج جي آخري ڪِرڻي کن لاءِ ٽمڪو ڪيو ۽ اُجهامي ويو.
    ساڻ ئي اُجهاڻو هو روڊ جي ڪاري ماتمي ڇاتيءَ تي ڦهليل سندس پاڇولو –
    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    ائين ڀائيندو آهي ڄڻ سندس سڃاڻپ ڪنهن تيز رفتار بس هيٺ اچي چيڀاٽجي مري چڪي –
    “ڪير آهيان مان!!؟”
    “هن شهر ۾ ڪهڙو ٺڪاڻو آهي منهنجو!!؟؟”
    هو ڪلهن تي پنهنجي صليب کنيو پيو هلي –
    هن ڌرتيءَ جي اهڙي ڪهڙي ڪنڊ آهي جتي هو اهو ڀاري صليب کوڙي سگهي –
    (پنهنجو ماڻ مصلوب ڪرڻ لاءِ- ۽ هر ماڻهو صليب تي ٽنگيو پيو آهي)
    ڌرتيءَ جي هر ڪنڊ تي جنگ جو خطرو آهي –
    امن ناهي –
    ماڻهوءَ جي سڙندڙ رت ۽ ماس جي باس آهي –
    گهر – خوبصورت ۽ سجايل گهر –
    ٻار – گلن جهڙا
    عورتون – جن جي انگ انگ ۾ مٽيءَ جي سُڳنڌ آهي –
    مڙد – جن جي ٻانهن جي گهيري ۾ ڪائنات آهي –
    ڇا سڀ ڪجهه ناس ٿي ويندو!!؟
    او خدا!!
    ڇا سڀ ڪجهه ناس ٿي ويندو!!؟
    ڌرتيءَ جي اُجاڙ – پوڙهي ڇاتيءَ تي بس رهجي ويندا مئل ماڻهن جا هڏا!!
    هڏا، جيڪي هوريان هوريان مٽي بڻجي ويندا –
    مٽي ماءُ آهي –
    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    سندس اکين منجهه جنمن جا اوجاڳا آهن –
    شهر جي سمورن رستن ۽ ڳلين ۾ هن جي پيرن جا نشان آهن –
    سمورن بند دروازن جي ڪٺور ڇاتين تي هن جي هٿن جا نشان آهن –
    (گهر – قبرن سمان بند آهن. هر گهر ۾ جيئرا ماڻهو مئا پيا آهن) –
    هو آهي جو نه جيئي ٿو نه مري ٿو ۽ هي جيئڻ به ڀلا ڪو جيئڻ آهي!! (سوچي ٿو!!)
    گگهه اونداهي آهي، جنهن منجهه عالمي طاقتن جا ڪارا ايٽمي ڏند ڪرٽ – ڪرٽ ٿا ڪن –
    نيوٽران بم جو زهر سندس رڳ رڳ ۾ لهندو ٿو اچي –
    سندس هرڪا وک اوجها سيني ٽوريئم ڏانهن ٿي کڄي –
    ۽ هو روز تصور ۾ U.N.O جي عاليشان بلڊنگ کي باهه لڳائيندو آهي–
    هو روز تصور ۾ هائيڊ پارڪ ۾ مظاهرو ڪندو آهي –
    (سندس ملڪ ۾ اهڙن مظاهرن تي پابندي آهي) –
    دنيا جي گولي تي رت سِيرون ڪري وهي ٿو –
    ماڻهو ماڻهوءَ کي چاٻا ڏئي کائي رهيو آهي –
    سڀ ڪجهه ناس ٿي رهيو آهي –
    تصور ۾ اڀري ايندو آهيس آفريڪا جو بکيو – اُڃيو – هڏن مٺ جهڙو ٻار –
    بک موت بڻجي ڳڙڪائي وئي آهي سندس ماءُ کي –
    هو ماءُ جي پگهرندڙ لاش جي سرانديءَ ڇا ويٺو سوچي!!؟
    ڇا مان پنهنجي مٺڙي امڙ – پياري امڙ جي گوشت سان پنهنجو پيٽ ڀري سگهان ٿو!؟
    مون کي بک به ته ڏاڍي لڳي آهي –
    مون کي بک به ته ڏاڍي لڳي آهي –
    هن ٻار کي ڪوئي آهي جو ايٽمي بارود کارائي هن جو پيٽ ڀري!!؟
    ٻار اٿي ٿو ۽ ماءُ جي ڇاتيءَ ۾ کپائي ٿو ڇڏي پنهنجا ڏند –
    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    سندس پيٽ ۾ ڳالهين جا گهاٽا – ڊگها وڻ آهن جي وڌندا ٿا وڃن –
    سندس وات ۾ هڪڙي ڄڀ به آهي –
    (خدا ماڻهوءَ کي زبان ڏني آهي ڳالهائڻ لاءِ)
    ڪوئي اندر ئي اندر ڌونڌاڙيندو آهيس –
    ڳالهاءِ – ڳالهاءِ – ڳالهاءِ –
    چؤ ته منهنجي آتما آزادي ٿي چاهي
    چؤ ته مان جيئڻ ٿو چاهيان –
    چؤ ته....!!؟؟؟
    چؤ ته....!!؟؟؟؟
    هو ڳالهائڻ لاءِ وات کوليندو آهي هوريان – هوريان – ڪو لفظ اڃا ٻولڻ چاهيندو آهي ته اوچتو وات رت سان ڀرجي ايندو اٿس –
    ڄڀ ڪپجي اچي هٿ تريءَ تي ڪِرندي اٿس –
    هو ڪپيل ڄڀ هٿ تريءَ تي کنيو شهر جي سنسان رستن تي پيو رلندو آهي –
    ڪپيل ڄڀ تيسين ناهي ٻيهر جڙي سگهندي،
    جيسين تائين هو ڪجهه به نه اکڻ جو وچن ناهي ڏيندو –
    ڪنهن جُڳ ۾ هو “سچ” جي نانءَ سان ڪهاڻيون به لکندو هو –
    اڄڪلهه ته سندس سڀئي هٿ آڱريون وڍيون پيون آهن –
    هو سڀ ڪجهه اکيون مچڪائي مچڪائي ڏسندو ئي رهندو آهي –
    اندر ئي اندر پيو کامندو ۽ سڙندو آهي –
    (ڄاڻي ٿو ته ائين سڙندي پڄرندي مري ويندو هو) –
    لوڪ جو خيال آهي ته شايد هن جا پير وڍيا پيا آهن –
    تڏهن ئي ته هو هڪڙي ئي دائري ۾ پيو ڦرندو آهي –
    نستو ٿي ڊهي پوندو آهي –
    ساهه پٽڻ چاهيندو آهي جو پٺن تي چهبڪ جو سٽڪو ٿيندو آهي – هو ٻيهر اٿي ڦرڻ لڳندو آهي –
    پگهر ۾ شم ٿي ويندو آهيس تن ۽ ساهه ڀرجي ايندو آهيس –
    سندس سهڪي جو پڙلاءُ ڀونءِ ساريءَ تي گونجندو آهي –
    (پر لوڪ ته ٻوڙو آهي ۽ لوڪ کي ڪانهي سڌ ته هر ڪنهن جو ساهه ڀرجي آيو آهي) –
    هن جي اکين تي کوپا چڙهيل آهن –
    پر – هو انهن منجهان به ڏسي سگهندو آهي (۽ سوچيندو آهي)
    ڪاش مان انڌو به هجان ها
    ڀوڳيندو ته بس اهو ئي آهي،
    جنهن جون اکيون ته هونديون آهن –
    پر – ڄڀ ڪپيل هوندي آهي –
    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    اُجھاڻو پيو آهي اندر ئي اندر –
    پيڙائون وک – وک تي سندس پيڇو ڪنديون آهن –
    وٽس جيئڻ جو ڪوبه ڪارڻ ناهي –
    پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ تڏهن به وٽس هزارين ڪارڻ گهڙيا رکيا آهن. –
    سوچيندو آهي: ڪڏهن ته روشني ٿيندي.
    (۽ کيس اها به سڌ آهي ته روشني ڪڏهن به نه ٿيندي – ڪڏهن به نه ٿيندي) –
    سگريٽ جي ٻوٿ ۾ چرس ڀري – نشي ۾ الوٽ،
    هو رات جي گگهه اونداهي کان فرار ٿو چاهي –
    ان گگهه اونداهي ۾ هن ڦاڙي ڇڏيون آهن ڪاڳر جون سڀ ڊگريون. (ڦاڙي ڇڏيا آهن حياتيءَ جا انيڪ املهه سال).
    ۽ ڦاٽل ڪاڳرن جا ٽڪر سندس من جي سنسان صحرا ۾ به اڏاڻا هئا –
    سڀ بڪواس آهي –
    ڪوڙ آهي – ڌوڙ آهي –
    خوبصورت ذهنن کي تيلي ڏيو ساڙيو پيو وڃي –
    باهه جي مچ ۾ جلائي پئي وڃي هر ڪا ڌڙڪندڙ دل –
    بند دروازا کڙڪائي کڙڪائي نيٺ به ته هٿ ڇڻي پوندا –
    هو No Vacancy جو پوسٽر سيني تي سجائي مري ويندو –
    ائر ڪنڊيشنڊ آفيسن ۾ ويٺل خوبصورت ذهنن جا واپاري، ڪڏهن ڪونه مرندا –
    شڪست مسلسل شڪست –
    بي وسيءَ جي عجيب ڪيفيت هيٺ پيڙهجندو رهندو آهي –
    سوچيندو آهي: ڇا اسان جا هي ڇڻيل هٿ،
    سڙي رک ٿيل خوبصورت ذهن،
    ۽ ڌڙڪندڙ دليون،
    سڀ عجائب گهرن جي شوڪيسن ۾ سجايا ويندا! .
    صدين تائين نسلن جا نسل ڏسڻ ايندا انهن کي –
    ڏاها، پنهنجي پنهنجي دور جا، ڪتابن ۾ لکندا،
    هٿ ڪپي ڇڏيو پنهنجا، ان کان اڳ جو اوهان جا هٿ ڪپيا وڃن –
    چپ سبي ڇڏيو، ان کان اڳ جو ڄڀ ڪپي وڃي اوهان جي –
    اکين تي کوپا چاڙهي ڇڏيو، ان کان اڳ جو پيڙائون اوهان جو نصيب بڻجن –
    اندر ئي اندر مري وڃو – مري وڃو – مري وڃو –
    تڏهن به سوچيندو آهي،
    ڪڏهن ته روشني ٿيندي!!
    (۽ کيس اها به سڌ آهي ته روشني ڪڏهن به نه ٿيندي – ڪڏهن به نه ٿيندي) –

    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    سندس سانوري تن جو رت ۽ ست سڪندو ٿو وڃي –
    نٽهڻ اُس ۾ ڪاراٺجي ويو آهيس رنگ –
    آڪاس سان ڳالهيون ڪندڙ بلڊنگن هيٺان لنگهندي، سندس پاڇولو به کانئس کوئجي ويندو آهي –
    (هو تصور ۾ روز انهن بلڊنگن کي باهه ڏيندو آهي ۽ کيس روز انهن هيٺان لنگهڻو پوندو آهي) –
    ساهه گهٽيندڙ باس ايندي آهيس انهن مان –
    رت جي باس –
    پگهر جي باس –
    پگهرندڙ ماس جي باس –
    سڀڪجهه ائين ٿيڻ نه گهرجي جيئن ٿيندو پئي آيو آهي –
    هو رستي هلندي پگهر ۾ شم مزدور کي ٻانهن کان پڪڙڻ چاهيندو آهي –
    ٻڌ!! – او – ٻوڙا – ٻڌ!! غور سان ٻڌ!! –
    تنهنجي رت جي هر بوند – پگهر جي هر بوند – تنهنجا سپنا – او – سڀ ڪجهه،
    چؤواٽي تي نيلام ٿي رهيو آهي –
    پاڳل!! – وگهري – وگهري مري ويندين –
    تنهنجي گهر جي ڇت برسات ۾ ٽمندي ئي رهندي –
    او – گونگا!! ڪجهه ته ٻول – ڪجهه ته ٻول –
    پنهنجي رت جا سڏڪا نٿو ٻڌين انهن ديوارن مان!!؟؟
    ۽ پوءِ کيس اها سڌ پئي هئي،
    ڄڀ ته هر ڪنهن جي ڪپي پئي آهي –
    آکڻ لاءِ لفظ ته کوڙ آهن –
    پر اسان لفظن کي سوريءَ چاڙهي ڇڏيو آهي –
    گونگا – ٻوڙا – انڌا ماڻهو،
    لاش – لاش ماڻهو،
    گمنام لاشن جو هجوم آهي –
    گمناميءَ جو سنسان قبرستان آهي –
    حياتيءَ جو ڪوڙو – بوگس – فلاپ ناٽڪ آهي –
    بلڊنگون تهائين اوچيون ٿينديون ٿيون وڃن –
    ۽ انهن هيٺان لنگهندي کانئس سندس پاڇولو به کوئجي ويندو آهي –

    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    سوريءَ تي ٽنگيل پنهنجي آتما جو ماتمي –
    هن شاندار جيٽ ايج جي رڳن ۾ ڪينسر جيان ڦهلجندو ٿو وڃي –
    ڀاري پٿرائين ڇپ هيٺان دفن سندس آتما –
    هر ڪنهن رڙ جو جيتوڻيڪ ڳلو گهٽي ڇڏيو آهيس،
    تڏهن به سندس اندر جي ايوانن ۾ راڙو راڙ متي پئي آهي –
    هو ڄڻ ڪو ماتمي آهي –
    رنگ ۽ نسل جي فرق تي ڌڪاريل ماڻهن جو ماتم –
    اسپتالن جي ڏاڪڻين تي مرندڙ هزارن لکن انسانن جو ماتم –
    ايٽمي طاقتن جي پاڇولن ۾ بک وگهي مرندڙ انسانن جو ماتم –
    ايڏي گگهه اونداهي ۾،
    هو ڪربلا جي وشال ميدان ۾ بيٺل اڪيلو ماتمي آهي –
    (هاءِ – هاءِ – هاءِ) –
    هو سيني تي هٿ هڻندو آهي ۽ پنهنجن سڏڪن جو ڳلو گهٽيندو آهي-
    (هاءِ – هاءِ – هاءِ) –

    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو آهي –
    پاڳل خانن جي ديوارن سان سر ٽڪرائيندو آهي اڄڪلهه –
    (ساري پاڳل خاني ۾ هو اڪيلو ئي پاڳل آهي، جيڪو پاڳل ناهي) –
    خوبصورت ذهنن جا واپاري کيس انهن ديوارن ۾ پوري ويا آهن –
    اڻيهه ئي لاءِ – دروازن تي ڀاري قلف چاڙهي ويا آهن –
    چائنٺ تي ڪنڊا پوکي ويا آهن –
    سندس ڇڻيل هٿ ۽ ڄڀ ميوزم جي شوڪيسن ۾ رکيا ويا آهن –
    سندس روشن اکيون اونداهي ۾ انڌيون آهن ڄڻ –
    شهرن جا شهر آهن، جي اجڙندا ٿا وڃن –
    ماڻهو هڪ ٻئي جو سمورو رت چوسي چڪا –
    ڳجهون (عالمي ايٽمي طاقتون) ماڻهوءَ جو ماس پٽي چڪيون –
    بک جو ڀوت ماڻهوءَ جي پيٽ تي قبضو ڪري چڪو آهي –
    کائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي –
    (پيٽ کي پٿر ٻڌي ڇڏيو –
    ماني بارود آهي جا ايٽم بم جي پيٽ ۾ ڀري پئي وڃي.
    پيٽ کي پٿر ٻڌي ڇڏيو)
    ڪتاب سڀئي ساڙي ڇڏيو –
    سج ڪڏهن به نه اڀرندو – ڪڏهن به نه اڀرندو –
    پنهنجين پنهنجين قبرن ۾ دفن ٿي وڃو –
    رات ڊگهي آهي،
    ۽ انهيءَ رات جي پڄاڻيءَ تي قيامت جو رقص آهي –
    قيامت، جنهن جي ٻانهن ۾ رقص ڪرڻ وارن جي ڊگهي قطار آهي –
    بکين اگهاڙن انسانن جي قطار –
    جن جا گهر اجڙي چڪا –
    سک جا سپنا بک جي چرنن تي دان ٿي چڪا آهن جن جا –
    قيامت جون ٻانهون ڏاڍيون ڊگهيون آهن.
    (۽ - اهو سڀ هو پاڳل خاني جي بند ديوارن ۾ پيو سوچيندو آهي) –
    لوڪ ته ٻوڙو آهي ۽ هاڻ ته هن جا سڏ پڙاڏا پاڳل خاني جون ديوارون به اُڪري نٿا سگهن –
    هو بس سوچيندو پيو آهي.
    (۽ هر سوچ کي سوريءَ پيو چاڙهيندو آهي) –
    سوچيندو آهي: ڪير آهيان مان!!؟
    ڪهڙيءَ دوش ۾ هتي پوريو ويو آهيان!!؟
    کيس بس پنهنجو هڪ ئي نالو سجهي ٿو (انسان) –
    کيس بس پنهنجو هڪ ئي دوش سجهي ٿو (سندس انسان هئڻ) –
    ۽ هو ڀريل ڪائنات ۾ لوڪ جي هجوم ۾ اڪيلو انسان آهي،
    (سو به پاڳل خاني جي ديوارن ۾ بند، اڪيلو – مئل) –
    ۽ کيس پاڳل خاني جي ديوارن ۾ پورڻ کان پوءِ،
    ڪائنات ۾ موت ۽ بک جو رقص تهائين تکو ٿي ويو آهي –
    کيس سڀ سڌ آهي،
    پر هو ايڏي گگهه اونداهي ۾ ڪري به ڇا ٿو سگهي!!؟؟
    روشنين جا سڀئي ڏيئا هو کانئس ڦري ويا آهن –
    سورج جي اک انڌي ڪري ويا آهن –
    (انڌو سورج اڀرندو به آهي پر هن جي روشنيءَ ۾ به گگهه اونداهي ٿيندي آهي) –
    هو چپ چاپ مري رهيو آهي –
    اُجهامي رهيو آهي –
    ۽ جنهن ڪوٺيءَ ۾ کيس پاڳل سمجهي پوريو ويو آهي،
    ان ڪوٺيءَ جي ٻاهران امن – آزادي ۽ سک جو سورج،
    آس جي شهزادي،
    ۽ سچ جو نوجوان شهزادو،
    آدجڳاد کان ڄڻ سڏڪا ڀري روئن پيا –
    ديوارن سان سر ٽڪرائين ٿا –
    (انسان – انسان – او – انسان
    هو سڀ کيس رڙيون ڪري پڪاريندا آهن) –
    پر هو اندر مئو پيو آهي –
    هوريان هوريان سندس بدبودار لاش وگهري رهيو آهي –
    ۽ جڏهن جڳن پڄاڻان پاڳل خاني جا دروازا کلندا ته،
    ڪجهه به نه هوندو اتي –

    هو پنهنجي سڃاڻپ کان ڪٽيل شهر جو اڪيلو ماڻهو هو –


    ڪربلا

    پتڪڙو هئس. تڏهن، اسڪول ويندو هئس ڦاٽل ڳوٿريءَ ۾ ڪتاب وجهي. رات جو جڏهن امان کان ماني گهرندو هئس – تڏهن امان مون کي ماني ڏيڻ بدران آسمان تي تارا ڏيکاريندي هئي.
    هو ڏس ڀٽون – هو آهي ٽيڙو - ۽ هوءَ کٽ آهي.
    ائين تارا تڪيندي تڪيندي، نڄاڻ ڪهڙي مهل اک لڳي ويندي هئم. صبح جو چوندي هئي ته تون اسڪول هل، آئون کنيو ٿي اچان ماني. آئون سڄو وقت در ۾ اکيون اٽڪايو ويٺو هوندو هئس. منهنجي پيٽ ۾ ڄڻ ٻليون پيون وڙهنديون هيون، پر امان ڪانه ايندي هئي. منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئا ۽ آئون انهن کي لڪائڻ لاءِ اکين آڏو ڏئي ڇڏيندو هئس ڦاٽل – ساٽل ڪتاب.
    منهنجي هڪ وڏي ڀيڻ به هوندي هئي. سڄو وقت نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي سوچيندي اکين ۾ لڙڪ اچي ويندا هئس. شايد امان انهيءَ کي به مون وانگر مانيءَ جا آسرا ڏيندي هوندي. ٻيو هڪڙو پتڪڙو ڀاءُ به هوندو هئم. ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هوندو هو. هن جي تن تي ڄڻ ماس هوندو ئي ڪونه هو. بيمار هوندو هو شايد. مون کي ياد آهي ته هن جي وات تي سدائين مکين جا ميڙ هوندا هئا. هو انهن ڀڻ ڀڻ ڪندڙ مکين سان ڳالهائيندو هو شايد، آغون – آغون ڪري. بابا صبح ساڻ نڪرندو هو گهران ۽ لوڪ ستي موٽندو هو. امان ڳل تي هٿ رکيو پئي بابا جو اوسيئڙو ڪندي هئي. نڄاڻ ڇا پئي ڀڻڪندي هئي ۽ روئندي ويندي هئي ۽ جڏهن بابا موٽندو هو، تڏهن هوءَ ڄڻ سڏڪن ۾ پئجي ويندي هئي. آئون پنهنجي مٿان پيل ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان پيو ڏسندو هئس. بابا ڀت تي ڪنڌ لاڙي اکيون پوري ڇڏيندو هو ۽ هوءَ سڏڪندي ويندي هئي، ڳالهائيندي ويندي هئي – نڄاڻ ڇا ڇا پئي چوندي هئي – پر هن جون ڳالهيون ٻڌي ڳوڻ اندر منهنجون اکيون به لڙڪن سان ڀرجي وينديون هيون. نيٺ بابا به سڏڪي پوندو هو. ٻئي هٿ کڻي امان آڏو جوڙيندو هو – چوندو هو: “جنت! تون روز روز ڇو ٿي منهنجن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين – آئون ڀلا ڇا ڪريان – ڪيڏانهن وڃان – منهنجي پيرن ۾ ته لڦون پئجي ويون آهن هاڻي – ڪٿي به روزگار نٿو ملي – تون سمجهين ٿي منهنجو هانءُ نٿو جهُري، هنن کي بکيو سمهندو ڏسي – آئون ته اوهان جي ڪري آپگهات به نٿو ڪري سگهان جنت! نه ته خدا شاهد آهي – جيئڻ ڪاڻ دل نٿي چوي.” ائين چئي هو سڏڪن ۾ پئجي ويندو هو، بلڪل امان وانگر. منهنجي دل چوندي هئي ته آئون بابا جا لڙڪ وڃي اگهان، پر آئون چپ چاپ بي ستو پيو هوندو هئس ڦاٽل ڳوڻ جي اندر ۽ بک جو احساس تهائين وڌي ويندو هو.
    اسان جو گهر هڪ اونداهين بدبودار گهٽيءَ جي ڇيڙي تي هوندو هو. بيحد پراڻو – سوڙهو ۽ اونداهو ڪمرو، جنهن ۾ ڪابه دري ڪانه هوندي هئي. امان چوندي هئي: “هي گهر ٿورو ئي آهي – هي ته جيل جي کولي آهي – انهيءَ کان به ابتر.” هڪڙو ننڍڙو اڱڻ به، جنهن جي هڪڙي ڪنڊ ۾ رڌڻو (جيڪو ڪڏهن ڪڏهن ئي آباد ٿيندو هو) ٻي ڪنڊ ۾ ڪاڪوس ۽ ٽين ڪنڊ ۾ وهنجڻ جي جاءِ (جتي پاڻيءَ جي بي پناهه کوٽ جي ڪري ڪير وهنجندو به ڪونه هو) ڏاڍي باس هوندي هئي اسان جي گهر ۾. اهڙا انيڪ گهر هوندا هئا پاڙي ۾. شام ٿيندي هئي ته اسان پاڙي جا ٻار گهٽيءَ ۾ ڦهليل اونداهيءَ ۾ لڪ لڪوٽي راند رهندا هئاسون. اسان جن گهرن جي پويان پڪو پختو ڏامر جو ڪارو روڊ هو ۽ روڊ جي هن پار نڄاڻ ڇا جو ڪارخانو هو، جنهن جو ڪارو دونهون سڄو ڏينهن رات پيو اسان جن گهرن مٿان لنگهندو هو..... پاڙي جا گهڻي ڀاڱي مڙد انهيءَ ڪارخاني ۾ مزدور هئا. مون کي خواب وانگر ساروڻا آهن ته بابا به انهيءَ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو هو. تڏهن اسان ٻه ويلا ماني کائيندا هئاسون. پوءِ هڪ ڀيرو انهيءَ ڪارخاني ۾ ڏاڍو گوڙ ٿيو هو. ماڻهن جو هجوم هو، جيڪو ٻانهون لهرائي لهرائي رڙيون ڪري رهيو هو. انهن جا منهن تپي ٽامو ٿي ويا هئا ۽ انهن سڀني جي اڳيان اڳيان هو منهنجو بابا. هن جي هٿ ۾ ڪارو جهنڊو هو ۽ هو ڪجهه ڳالهائي رهيو هو. انهيءَ ڏينهن کان پوءِ بابا ڪڏهن به ڪارخاني ڪونه ويو. سندس نوڪري ختم ٿي وئي هئي. بس اهو ڏينهن هو، جڏهن کان اسان ٻه ٻه ڏينهن ماني کائڻ ڇڏي ڏني هئي. شروع شروع ۾ آئون ۽ ڀيڻ ڏاڍو روئندا هئاسون، پر پوءِ اسان کي عادت پئجي وئي هئي انهيءَ بک جي. جيڪڏهن بک لڳندي به هئي ته تارا ڳڻڻ لڳندا هئاسون. ائين اک لڳي ويندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن امان ٻُڪ کڻي انهيءَ ڪارخاني کي پٽيندي هئي: “شل باهه لڳي انهيءَ ڪارخاني کي.” پر باهه نه لڳي هئي انهيءَ کي.
    انهن ئي ڏينهن امان جو پيٽ مٽ وانگر ڀرجڻ لڳو هو. آئون ڀيڻ کان پڇندو هئس: “ڀيڻ! امان جي پيٽ ۾ ڇا آهي؟” ڀيڻ ڏاڍي عقل واري هوندي هئي. ڪي کن سوچي پوءِ چوندي هئي: “ڀاءُ آهي امان جي پيٽ ۾” پر امان کي ڪابه خوشي ڪانه هئي پيٽ ۾ ڀاءُ جي. ڪڏهن ڪڏهن جڏهن هوءَ بابا سان گهڻو اٽڪندي هئي، تڏهن پيٽ تي مڪون هڻندي ويندي هئي ۽ چوندي ويندي هئي: ’انهيءَ مصيبت کي به هينئر اچڻو هو. آهي کائڻ لاءِ ڪڻو به ڪونه، هيءُ ڪيئن پلبو!‘ موٽ ۾ بابا گهٻرائجي چوندو هو؛ “نه – نه – جنت! هرڪو پنهنجو روز پاڻ ساڻ ٿو آڻي. نه هڻ پيٽ تي مڪون، ڇو ٿي پاپ ڪرين.” بس انهيءَ ڳالهه تي امان مچ ٿي ويندي هئي – رڙ ڪري چوندي هئي: “اسان ڪهڙو پنهنجو روز پاڻ ساڻ آندو جو هيءُ به آڻيندو.”
    بابا چپ ٿي ويندو هو. هو ڪڏهن به امان سان پڄي نه سگهيو. هڪ صبح جڏهن آئون ننڊ مان اٿيو هئس ته امان جي ڀر ۾ ڀاءُ پيو هو. بيحد پتڪڙو، ڪمزور ۽ هيڊو، بابا جي پراڻي گوڏ ۾ ويڙهيل. هن اکيون ڇنڀي مون کي ڏٺو کن پل لاءِ ۽ پوءِ پوري ڇڏيون هئائين. ٻليءَ جي پونگڙي جهڙيون هيون هن جون اکيون. مون کي ته ڏاڍو وڻيو هو. سڄو سڄو ڏينهن پيو ڏسندو هوسانس. هو ڇنل کٽ تي جهول ۾ پيو رڙندو هو – مکين جا ميڙا هوندا هئا مٿس، پر امان مڙي به نه نهاريندي هئي ڏانهنس – بس ڀيڻ پئي ڪڇ تي گهليندي هيس – بابا ايندو هو ته ڪاوڙبو هو امان تي ’تون کير ڇو نٿي ڏين هن کي!‘ امان سدائين جيان مچ ٿي ويندي هئي، ’ڪٿان آڻيان کير؟ بک ۾ پاهه پئي ٿيان – کير اچيم ته ڏيانس.‘ بابا ٿڌو شوڪارو ڀري ڀاءُ ڏانهن نهاريندو ۽ اکيون پوري ڇڏيندو هو. امان بابا کي سدائين چوندي هئي ته اسان جو هيءُ حال تنهنجي ڪري ٿيو آهي – نه ڪرائين ها ڪارخاني ۾ گوڙ ته ڇو اڄ اسين بک مرون ها.
    ڀيڻ ته ڪجهه ڳالهائيندي ئي ڪانه هئي. سڄو وقت ماٺ ماٺ ۾ هوندي هئي. ڀيڻ کي شيشي جون چوڙيون ڏاڍيون وڻنديون هيون، پر ڪڏهن به اهي چوڙيون وٺي نه سگهي هئي. آئون گند جي دڙن تان هن کي ڀڳل چوڙين جا ٽڪر ڳولهي آڻي ڏيندو هئس. هن وٽ هڪڙي کوکي ۾ ڍڳ کن گڏ ٿي ويو هو، ڀڳل چوڙين جي ٽڪرن جو. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ اهو کوکو کولي ويهندي هئي. هرڪو رنگ ڌار ڪندي ويندي هئي ۽ اکين ۾ لڙڪ گڏ ٿيندا ويندا هئس ۽ جڏهن لڙڪ ڳلن تي لڙي ايندا هئس، تڏهن هوءَ کوکو بند ڪري ڇڏيندي هئي. هوءَ ڪانه ڳالهائيندي هئي، پر آئون ساڻس ڳالهائيندو ويندو هئس. هوءَ هون – هان ۾ پئي جواب ڏيندي هئي – شايد بک کان ڳالهائي ڪانه سگهندي هئي.
    هڪ ڏينهن اسڪول کان موٽندي گند جي دڙن تي ڀيڻ لاءِ چوڙين جا ٽڪر ڳولهڻ لڳو هئس، جو نظر پئجي وئي هئم دڙي تي هاريل پاروٿي ڀت تي. ڪتو سونگهي رهيو هو انهيءَ ڀت کي. ڪتي کي سروٽو اڇلي ڀڄائي ڪڍيو هئم ۽ جهوليءَ ۾ ميڙي – سيڙي کڻي آيو هئس اهو ڀت. جڏهن گهر ۾ گهڙيس ته بابا ويٺو هو. انهيءَ ڏينهن نڄاڻ بابا ڪيئن جلدي موٽي آيو هو.
    “جهوليءَ ۾ ڇا اٿئي؟” بابا پڇيو هو.
    “ڀت!” ڊڄندي ڊڄندي وراڻي ڏني هئم.
    “ڪٿان آندو اٿئي؟”
    “گند جي دڙي تان.” آئون ڪوڙ ڳالهائي نه سگهيو هئس. پوءِ ته بابا ڄڻ سڃاتو ئي نه پئي. ڳچيءَ مان اچي پڪڙيو هئائين مون کي. ايڏو ماريو هئائين جو اڌ مئو ٿي پيو هئس. ڀت پٽ تي ڪِري پيو هو. آئون ڪنڊ ۾ ويهي روئڻ لڳس ۽ سدائين جيان امان اچي بابا کي ورايو هو. پريان ويٺل ڀيڻ ٽڪ ٻڌي پٽ تي پيل ڀَت کي ڏسندي رهي هئي. بابا سڏڪندي رڙ ڪئي هئي؛ “منهنجو هانءُ ٿو جهُري جنت! هن جو گند جي دڙي تان ڀت آندو آهي.” پوءِ الاءِ ڇا ٿيو هو جو هٿ جي پٺ سان لڙڪ اگهندي مون کي سڏ ڪيو هئائين – آئون ڊڄندو ڊڄندو ويجهو اچي بيٺو هوسانس.
    “بک گهڻي لڳي اٿئي ڇا؟”
    موٽ ۾ منهنجي اکين مان لڙڪ ڪِري پيا هئا. مون کي ٻانهن کان جهلي پٽ تي ويهاريو هئائين ۽ چوڻ لڳو: “چڱو ويهه کاءُ هي ڀت.” مون ڊنل نظرن سان ڏانهس نهاريو – اعتبار ئي نه پئي آيم.”
    “ها – ها – ڀلي کاءُ ڀت.”
    آئون لڙڪ اگهي پٽ تي پيل ڀت کائڻ لڳس. ڀرسان ويٺل ڀيڻ به اٿي آئي هئي.
    “امان! تون به اچ نه.” مون امان کي سڏ ڪيو.
    بابا کي چوڻ جي ڪنهن به سگهه ڪانه پي ساري. ڪي کن هو اسان کي ڀت کائيندو ڏسندو رهيو، پوءِ چوڻ لڳو؛ “اڙي! مون کي به ته ڀت کارايو.” ائين چيو هئائين، ڄڻ روئندو هجي. هو به ڀت کائڻ لڳو ۽ ساڻ ساڻ روئندو ٿي ويو. ڏاڍي بانس هئي انهيءَ ڀت ۾ پر اسان سڀ کائي ويا هئاسون.

    ٻئي ڏينهن جڏهن آئون اسڪول مان موٽيو هئس ۽ در تي پير رکيو هئم ته اڱڻ ۾ ويٺل ڀيڻ ڇرڪي نهاريو هو، منهنجي خالي جهوليءَ ۾. کن کان پوءِ امان اندران نڪتي هئي. بي اختيار ٿي پڇيو هئائين؛ “ڀت آندو اٿئي ڇا؟” مون ته ڪجهه به ڪونه آندو هو. چپ چاپ بيٺو رهيس. انهيءَ رات بابا جڏهن آڌيءَ مهل موٽيو هو، آئون ڳوڻ ۾ ويڙهيو پيو هئس. امان کان سرٻاٽ ڪري پڇيو هئائين؛ “ڪاڪي ڀت ڪونهي آندو اڄ؟”
    “نه.” امان جو آواز ڏاڍو جهيڻو هو.
    “اڇا!!” ۽ پٽ تي ليٽي پيو هو بابا.
    مون ۽ ڀيڻ انب جو ڪوئلو پوکيو هو اڱڻ ۾. روز ننڊ مان اٿي انهيءَ ڪنڊ جو رخ ڪندا هئاسون. سوچيندو هئس ته جڏهن انب جو وڻ وڏو ٿيندو ۽ انب ڏيندو، تڏهن اسين ڪڏهن به بک ڪونه مرنداسون. ڀيڻ به شايد ائين سوچيندي هئي. هڪ ڏينهن زمين مان منهن ڪڍيو هو انب جي ٻوٽي.
    پوءِ هوريان هوريان وڌڻ لڳو هو اهو ٻوٽو. آئون هاڻ آسمان تي تارا ڳڻڻ بدران پهرن جا پهر انهيءَ ٻوٽي کي پيو تڪيندو هئس.
    هڪ ڏينهن بابا آيو ته ساڻ آندا هئائين پنجاهه روپيا. بلڪل ائين، جيئن اوچتو عيد جو چنڊ ڏسي وٺجي. ڪٿان آيا هئا اهي پنجاهه روپيا – انهيءَ جي ته ڪنهن کي به ڪَل ڪانه هئي، پر انهيءَ ڏينهن اسان ڍوَ تي ماني کاڌي هئي. بابا نڄاڻ ڇو سمورو وقت چپ چاپ اکيون پوريو پيو هو. ڪجهه به ته نه پي ڳالهايائين.
    انهيءَ ڏينهن پهريون ڀيرو امان پيار منجهان بابا کان پڇيو هو؛ “ڇو ائين پيو آهين؟ چاق ته آهين نه؟”
    بابا کن لاءِ اکيون پٽي امان کي ڏٺو ۽ پوءِ وري اکيون پوري ڇڏيون هئائين.
    “ماني نه کائيندين؟” امان بابا جي وارن ۾ آڱريون ڦيريندي وري پڇڻ لڳي.
    “نه.” بابا ٻئي هٿ کڻي اکين تي رکيا هئا.
    “ڇو؟”
    “مٿو پيو ڦريم.” بابا جا هٿ هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.
    “ڪم ڪهڙو ڪري آيو آهين؟” امان جو آواز تهائين مٺو ٿيندو ٿي ويو.
    “ڇا ٻڌي ڪندينءَ جنت! تو ته اڄ ڍوَ تي ماني کاڌي آهي نه!”
    امان ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي.
    “جنت!” اکين تان هٿ لاهي بابا امان ڏانهن اکيون پٽي نهاريو.
    “چئو!”
    “آئون پنهنجي – رت – جي بوتل وڪڻي آيو آهيان.” بابا وري کڻي اکين تي هٿ رکيا هئا، پر مون پريان کان ئي بابا جي اکين ۾ ڪجهه جرڪندو ڏسي ورتو هو. لڙڪ هئا شايد ۽ بابا جي ڳالهه ٻڌي اسين سڀ ڇرڪي پيا هئاسون. آئون ته سمجهي به نه سگهيو هئس بابا جي ڳالهه. ها امان ۽ ڀيڻ کي نانگ سونگهي ويو هو ڄڻ. امان ته ڪيتري دير گوڏي تي مٿو رکيو بابا کي ڏسندي رهي هئي. لڙڪ نه ها امان جي اکين ۾، پر مون کي ائين لڳو هو، ڄڻ اجهو – هينئر امان روئي پوندي. ڀيڻ چلهه ٻارڻ ۾ لڳي وئي هئي، ڀاءُ ڇنل کٽ جي جهول ۾ پيو هو – اڄ انهيءَ به ڍوَ تي کير پيتو هو – انهيءَ ڪري هو به ڏاڍي گهري ننڊ ۾ ستو پيو هو.
    “جنت!” بابا امان کي چوڻ لڳو؛ “ماٺ ڇو ٿي وئي آهين جنت؟”
    امان ڪابه ورندي ڪانه ڏني هئي – هوءَ بس ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي.
    پوءِ ٿيو ائين جو بابا ويو ٿي ڪمزور ٿيندو. هن جو سانورو رنگ هيڊو پوندو ٿي ويو. اکين هيٺ ڪارا دائرا پوندا ٿي ويس. بلڪل هڏن جو پڃرو لڳندو هو – پر هو اڪثر ساڻ پنجاهه روپيا آڻيندو هو ۽ اسان ٻه ويلا ماني کائڻ لڳا هئاسون. بابا کي مٿي ۾ سور ۽ ڦيري ٿيڻ لڳي هئي. هاڻ ته هو ٻاهر به ڪونه نڪرندو هو – سڄو ڏينهن ڀت جي پاڙ ۾ پيو هوندو هو. اٿندو هو ته ٻه وکون کڻي ڪِري پوندو هو. چوندو هو ته منهنجين اکين اڳيان اونداهي ٿي اچي. امان زوريءَ ڪڻس مانيءَ جا گرهه وات ۾ وجهندي هئي. بابا کائيندو ئي ڪونه هو ماني. امان چوندي هئي؛ “ماني نه کائيندين ته هيڪاري ڳرندو ويندين – ڪيئن منجهئي رت ٿيندو.” ۽ ائين چوندي امان جون اکيون نمي وينديون هيون – بابا ڇرڪي نهاريندو هو امان ڏانهن. سندس اکين ۾ نڄاڻ ڇا هوندو هو، جو انهيءَ پل آئون به ڏانهس نهاري نه سگهندو هئس. ائين کلي چوندو هو؛ (ڄڻ روئندو هجي) “ڏاڍي خود غرض آهين – جنت!” ۽ امان جون اکيون هيڪاري نمي وينديون هيون.
    بابا ڳرندو ٿي ويو – ايترو، جو ڪڻس ڏسي ڊپ ٿيندو هو – هڪ ڏينهن ويو پر ساڻ پنجاهه روپيا نه آندا هئائين.
    “ڇو – اڄ ائين پيو اچين؟” سندس خالي هٿ ڏسي امان پڇيو هو. چلهه ۾ باهه ٻاريندي ڀيڻ جا هٿ بيهي رهيا هئا – بابا ساڻو ٿي اچي ڪِريو هو ڀت جي پاڙ ۾.
    “جنت!”
    امان اٿي ويجهي اچي ويٺي هيس.
    “ڇا – ٿيو؟؟”
    “ڊاڪٽر چون ٿا هاڻ تومان رت نه ڪڍنداسين – نه ته مري پوندين ۽ خون پوندو اسان جي ڳچيءَ ۾.”
    امان جي نرڙ تي گهنڊ پئجي ويو هو.
    “ٻڌئي جنت! هاڻ ته رت به کٽي ويو آهي مون مان.” ائين چئي بابا اوڇنگارن ۾ پئجي ويو هو – ڄڻ ڪو مري ويو هجي – امان چپ چاپ ڏسندي رهي هئي بابا کي.
    ٻئي ڏينهن بابا ٿڙندو ٿاٻڙندو نڪري ويو هو روزگار جي ڳولها ۾. ٻيو ڏينهن اچي ٿيو، پر بابا نه وريو. امان وري نڄاڻ ڇا ڀڻڪڻ لڳي هئي ۽ ساڻ ساڻ روئندي ٿي وئي. انهيءَ رات آئون ڪيتري دير ڦاٽل ڳوڻ جي ڳڙک مان در ڏانهن ڏسندو رهيو هئس.
    ٽين ڏينهن پاڙي وارو ڪو ماڻهو آيو هو، ٻڌائڻ لاءِ ته بابا اسپتال ۾ پيو آهي. ڪني پاڻيءَ جي نالي ۾ بيهوش پيو هو جو ماڻهو کڻي ويا هئس اسپتال. اسين ويا هئاسون بابا کي ڏسڻ لاءِ. پلنگن جي قطار ۾ هڪڙو اڇو اجرو پلنگ بابا جو به هو. ڇت ۾ اکيون اٽڪايو چپ چاپ پيو هو. اسان سڀني کي ٽڪ ٻڌي ڏسندو رهيو. ڪجهه به ته نه ڳالهايو هئائين.
    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ بابا اسپتال مان موٽي آيو.
    انهن ڏينهن جڏهن بابا اسپتال ۾ هو، امان روزگار لاءِ ٻاهر نڪري ويندي هئي. پر جڏهن بابا موٽيو ته امان وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو ۽ اسان کي به منع ڪري ڇڏيو هئائين بابا کي ٻڌائڻ کان. نڄاڻ ائين ڇو ڪيو هئائين، نه ته بابا اسان کي ٻه ٻه ويلا ڪڏهن ڪڏهن کارائيندو هو، پر امان ٽي ويلا کارائيندي هئي. شايد امان ۾ بابا کان جهجهو رت هوندو. بابا آيو ته اسين وري ڪيترا ڪيترا ويلا لنگهڻ ڪاٽڻ لڳاسين.
    بابا اهو ئي پيو روزگار لاءِ ڀٽڪندو هو ۽ پوءِ هڪ ڏينهن بابا کي روزگار ملي ويو. بابا فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو. انهيءَ ڏينهن بابا نما شام مهل ئي موٽي آيو هو. ڳالهه ڳالهه تي ٿي ٽهڪ ڏنائين. اسين سڀ حيران ٿي بابا کي ڏسندا رهيا هئاسون ته ڇو ٿو کلي بابا!! رات جو بابا اوچتو ٻڌايو ته هو فوج ۾ ڀرتي ٿي ويو آهي. آئون ڏاڍو خوش ٿيو هئس. مون کي فوجي ڏاڍا وڻندا هئا. بندوق ڪلهي تي، مٿي تي لوهي ٽوپ ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڪارو بوٽ. مون ته بابا کي سدائين ڦاٽل ڪپڙن ۾ ڏٺو هو. خوشيءَ منجهان مون بابا کي کڻي ڀاڪر پاتو هو. ڀيڻ مرڪي پئي هئي – هوءَ جڏهن خوش ٿيندي هئي ته بس مرڪي ڏيندي هئي ۽ امان – اها ته بابا کان به وڏا ٽهڪ ڏئي رهي هئي. سڄو پاڙو آيو هو مبارڪون ڏيڻ. اسان ته ڪڏهن ماڻهن وانگيان عيد ملهائي ئي ڪانه هئي، پر انهيءَ ڏينهن ڄڻ عيد اچي وئي. جيتوڻيڪ انهيءَ رات به اسان ماني ڪانه کاڌي هئي، پر خوشيءَ مان اسين سڄي رات جاڳندا رهيا هئاسون. وچ ۾ بابا ويٺو هو ۽ انهيءَ جي چوڌاري آئون، ڀيڻ ۽ امان. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ امان ڀاءُ کي ڪڇ ۾ کنيو ويٺي هئي.
    “بابا! هاڻ ته ٽئي ويلا ماني ملندي نه؟” مون پڇيو هو. بابا کڻي ڀاڪر پاتو هو مون کي.
    “اڙي ها منهنجا راجا! هاڻي سمجهه ته وڏو ماڻهو ٿي ويو آهين تون.”
    “بابا! تون هت ئي رهندين نه؟” ڀيڻ پڇيو هو. کن لاءِ بابا چپ ٿي ويو هو.
    پوءِ چيو هئائين: “نه، پر هاڻ اوهين بک ڪونه ڪاٽيندا. هاڻ ڦاٽل ڳوڻ ۾ ڪونه سمهندا. هاڻ اهڙي گهر ۾ ڪونه رهندا.” بابا اسان کي ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون ٻڌائيندو رهيو.
    “بابا! آئون نوان ڪتاب وٺندس.” مون چيو هو.
    “اڙي! توکي انهيءَ خيراتي اسڪول مان ڪڍائي ڪنهن سٺي اسڪول ۾ ويهاريندس. هاڻ ته پڪ ئي پڪ تون ڊاڪٽر ٿي ويندين.”
    “بابا! آئون ريشمي ڪپڙا ۽ چوڙيون وٺنديس.” ڀيڻ چيو هو.
    بابا ٻي ٻانهن سان ڀيڻ کي ڀاڪر پائيندي چيو هو: “توکي ته آئون ڪنوار ڪندس.” آئون ٽهڪ ڏئي کلي پيو هئس ۽ ڀيڻ کي چيڙائڻ لاءِ چوڻ لڳس: “ڀيڻ! هاڻ تنهنجي شادي ٿيندي – تنهنجي ڄڃ ايندين – تون ڪنوار ٿينديئن.” ڀيڻ شرمائجي بابا جي پويان لڪي وئي هئي.
    امان ته بس گوڏن تي ڪنڌ لاڙيو اسان سڀني کي ڏسي مرڪندي رهي هئي. نڄاڻ ڇا ڇا سوچيندي رهي هئي. سندس ڪڇ ۾ ڀاءُ ستو پيو هو ۽ ننڊ ۾ مرڪي رهيو هو، شايد اسان جي ڳالهين تي.
    پوءِ بابا هليو ويو، اسين ٻه ويلا ماني کائڻ لڳاسون. مون اسڪول جا ڪجهه نوان ڪتاب ورتا هئا. ڀيڻ چوڙيون ورتيون هيون. امان هاڻ ڀاءُ کي شيشي ۾ کير وجهي ڏينهن ۾ ٻه ٽي ڀيرا پيارڻ لڳي هئي. بابا کي وئي ڪيترا ڏينهن ٿي ويا هئا. اڱڻ ۾ لڳل انب جو ٻوٽو ڪجهه اڃا به اُڀري آيو هو – پر هاڻ آئون يا ڀيڻ گهٽ انهيءَ جي سار سنڀال لهندا هئاسون. امان روز صبح جو اُٿي مون لاءِ نيرن ٺاهيندي هئي. اسڪول مان موٽندو هئس ته ماني تيار رکي هوندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کٽ تي ليٽي تارا ڳڻيندو هئس ۽ امان رڙ ڪري چوندي هئي: “ڇورا! نه ڳڻ تارا – مٿي ۾ سور پوندئي.”
    ۽ مون تارا به ڳڻڻ ڇڏي ڏنا هئا – هاڻ ته آئون دڙي تان ڀيڻ لاءِ ڀڳل چوڙين جا ٽڪر به نه ڳولهيندو هئس – هاڻ ته ڀيڻ چوڙيون گڏ ڪرڻ لڳي هئي ۽ سندس ٻنهي ٻانهن ۾ ڳاڙهيون سايون چوڙيون پيون جرڪنديون هيون.
    هڪ ڏينهن بابا جو پهريون خط آيو هو – لفافي ۾ بند خط کڻي آئون اڱڻ ۾ نچڻ لڳو هئس ۽ امان ۽ ڀيڻ منهنجي پويان پويان ٿي ڊوڙيون خط وٺڻ لاءِ. انهيءَ خط ۾ بابا لکيو هو؛ “آئون اوهان کي ڏاڍو ياد ٿو ڪريان، پر في الحال اچي نه سگهندس. ڏاڍي سخت ٽريننگ آهي.” موٽ ۾ اسان به بابا کي خط لکيو هو. پوءِ ائين بابا جا خط ۽ پيسا ايندا رهيا. جنهن ڏينهن پيسا ايندا هئا، اهو ڏينهن عيد جو هوندو هو. امان پيسا گڏ ڪري ڀاءُ لاءِ ننڍڙو پينگهو ورتو هو. هاڻ ڀاءُ انهيءَ پينگهي ۾ سمهندو هو. هاڻ هو ٿلهو ٿيندو ٿي ويو – ڀيڻ به هاڻ کلڻ ۽ ڳالهائڻ لڳي هئي – گهر به هاڻ صاف سٿرو هوندو هو.
    هڪ نما شام جو بابا اچي نڪتو هو – بابا جي پويان پويان پاڙي جي ٻارن جو ميڙ هو. بابا ته سڃاڻپ ۾ ئي نه پي آيو. بدن ۾ ڀريل ڳاڙهو ڳٽول فوجي ورديءَ ۾، مٿي تي لوهي ٽوپ، ڪلهن تي بندوق ۽ پيرن ۾ ٺڪ ٺڪ ڪندڙ ڀاري بوٽ. بابا دروازي تي بيهي مون کي سليوٽ ڪيو هو ۽ منهنجو وات ڦاٽي ويو هو بابا کي ڏسي. امان ته بابا جي ڇاتيءَ تي مٿو رکي سڏڪن ۾ پئجي وئي هئي. بابا گهر جو نئون رنگ ڏسي مرڪي پيو هو: “ته چئبو ته مزي ۾ آهيو.” اسان سڀني بابا کي اهي ننڍڙيون شيون به ڏيکاريون، جيڪي اسان بابا کان پرپٺ ورتيون هيون.
    بابا هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات هو. سڄو پاڙو آيو هو ساڻس ملڻ لاءِ. انهيءَ ڏينهن بابا جون اکيون ڏاڍيون پئي چمڪيون.
    بابا هليو ويو – ڪڏهن ڪڏهن ايندو هو ته ساڻ ڄڻ عيد کنيو ايندو هو. آئون پڇندو هوسانس، “بابا! تنهنجو ڪم ڪهڙو آهي؟”
    “منهنجو ڪم! منهنجو ڪم آهي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ.”
    “ملڪ جي حفاظت ڪيئن ٿيندي آهي بابا؟” آئون سمجهي نه سگهندو هئس.
    “جڏهن به هن ملڪ ۾ جنگ لڳندي، تڏهن آئون وڙهندس.” بابا جا هٿ بندوق جي ناليءَ تي مضبوط پئجي ويندا هئا. مون جنگ جو نانءُ جڏهن کان ياد ٿو پويم، تڏهن کان ٻڌو هئم. جنگ ڇا ٿيندي آهي، اها ته سڌ ئي نه هئم. بابا ٻڌائيندو هو ته ڪيئن جنگ ۾ حملا ٿيندا آهن – ماڻهو مرندا آهن – بم ڪِرندا آهن – بندوقون، گوليون، موت، رت، تباهه ٿيندڙ شهر، ڳوٺ، گهر، بليڪ آئوٽ، آئون سڄو سراپجي ويندو هئس. منهنجين اکين ۾ نڄاڻ ڇا اچي ويندو هو جو بابا کڻي ڀاڪر پائيندو هئم. مون کي ياد آهي – چلهه وٽ ويٺل امان جا هٿ ڏڪڻ لڳندا هئا ۽ ڀيڻ اٿي هلي ويندي هئي.
    “بابا!” منهنجو آواز نڙيءَ ۾ گهٽجڻ لڳندو هو.
    “جيءَ بابا؟” بابا جو ڀاڪر هيڪاري تنگ ٿي ويندو هو.
    “بابا! تون ته چوندو آهين ته ماڻهو مارڻ گناهه آهي – ها نه – بابا؟!!” ڀوَ کان آئون بابا جي ٻانهن جي گهيري ۾ لڪندو ويندو هئس. بابا چپ ٿي ويندو هو – ڪابه ورندي نه ڏيندو هو.
    انهن ئي ڏينهن مون کي سڄيون سڄيون راتيون ننڊ نه ايندي هئي – آئون بستري ۾ پئي پئي سوچيندو هئس، جيڪڏهن جنگ لڳي ته ڇا اسين سڀ مري وينداسون؟ اسان جو گهر، جنهن جي اڱڻ ۾ پوکيل ان جو ٻوٽو گهڻو اُڀري آيو هو، جنهن جي ديوارن تي بابا تازو گلابي رنگ ڪرايو هو، جنهن کي هاڻ امان جيل جي کوليءَ جو نانءُ نه ڏيندي هئي. آئون سوچيندو هئس ڇا آئون به مري ويندس – ڀيڻ به، جيڪا هاڻ هر وقت پئي ڳالهائيندي هئي ۽ کلندي هئي – ڀاءُ به – جيڪو هاڻ سرڻ لڳو هو – ڳالهه ڳالهه تي پيو ٽهڪ ڏيندو هو – آئون چپ چپ رهڻ لڳو هئس.
    بابا جڏهن به ايندو هو، منهنجو اندر سراپجي ويندو هو.
    رات جو اڱڻ ۾ پيل کٽ تي بابا جي ڀر ۾ اچي ليٽندو هئس. مٿي آسمان تي تارا پيا جرڪندا هئا – بابا اُتي جون ڳالهيون پيو ٻڌائيندو هو، جتي هاڻ هو رهندو هو.
    آئون ڀوَ کان بابا جي ڀاڪرن ۾ گهڙندو ويندو هئس.
    “بابا! جنگ ڇو لڳندي آهي؟ ڏس نه بابا – ائين ته سڀ ماڻهو مري ويندا نه!”
    بابا چپ ٿي ويندو هو. شايد جواب پيو سوچيندو هو. مون کي خبر هئي ته بابا کي منهنجي ڪنهن به سوال جو جواب نٿو اچي.
    “بابا! تون به ماڻهو ماريندين ڇا؟ تون نه مارجئين بابا! نه ته انهيءَ ماڻهوءَ جا ٻار روئندا – ڪونه ماريندين – نه؟” آئون اميدن مان بابا ڏانهن نهاريندو هئس ۽ بابا اکيون پوري ڇڏيندو هو – الاءِ ڇو!!!
    “بابا! تون به ماڻهن جي گهرن تي بم ڪيرائيندين ڇا؟”
    “بابا! ڇا اسان جن گهرن تي به بم ڪِرندا؟”
    “مون کي ڊپ ٿو ٿئي بابا!”
    آئون بابا جي ڀاڪرن ۾ پيو هوريان هوريان ڏڪندو هئس – بابا نڄاڻ ڇا پيو سوچيندو هو – ڪڇندو ئي ڪونه هو. امان رڙ ڪري چوندي هئي، “چپ نٿو ڪرين ڇورا! مرڳو هانءُ ئي ڪڍيو رکين.”
    آئون چپ ته ٿي ويندو هئس، پر منهنجو ڊپ ويندو هو وڌندو.
    بابا واپس هليو ويندو هو، پر آئون پيو سوچيندو هئس.گهر جي هڪ هڪ شيءِ کي ائين پيو تڪيندو هئس، ڄڻ ڦرجڻ واريون هجن مون کان. امان، ڀيڻ ۽ ڀاءُ به ڄڻ ڦرجڻ وارا هجن مون کان.
    بابا جا خط پيا ايندا هئا. امان اهي خط ڪاٺ جي هڪ پراڻيءَ پيتيءَ ۾ سانڍيو پئي رکندي هئي.
    هڪ ڀيرو گهڻن گهڻن ڏينهن کان پوءِ بابا آيو. چپ چپ هو، نه ته اڳي ايندو هو ته بابا جون ڳالهيون ۽ ٽهڪ ئي نه کٽندا هئا. مون ڪيترو ڳالهائڻ چاهيو هو، پر بابا ڳالهايو ئي نه. نڄاڻ ڪهڙي ڳالهه تي رٺل هو – آئون سوچيندو هئس.
    بابا جي وڃڻ ۾ ٻه ڏينهن هئا باقي. هڪ صبح ساجهر بستري ۾ پيو هئس اڃا. بابا چلهه جي اڳيان امان وٽ چانهه جو ڪوپ هٿن ۾ جهليو ويٺو هو. امان ڳالهائي رهي هئي:
    “هاڻ وري ڪڏهن ايندين تون؟” امان پڇيو هو.
    “الاءِ” بابا جهيڻي آواز ۾ ڀڻڪيو هو. ڪي کن ٻئي چپ چاپ ويٺا رهيا. بابا هٿن ۾ ڪوپ جهليو نڄاڻ ڇا سوچيندو رهيو.
    “جنت!” بستري ۾ پئي پئي بابا جو ڀڻڪو ٻڌو هئم.
    “جنت! جنگ لڳڻ واري آهي. نڄاڻ وري ڪڏهن اچڻ ٿئي! ٿي سگهي ٿو ته هي پاڻ آخري ڀيرو ملندا هجون.”
    امان جي هٿن مان ڪو ٿانءُ ڇڏائجي ويو هو شايد – هوءَ ٽڪ ٻڌي ڏسندي رهي هئي بابا کي. رليءَ مان سِير ڪري مون ڏٺو – امان جي اکين ۾ هوريان هوريان جيڪو پاڻي گڏبو ٿي ويو، سو سندس ڳلن تي لڙي آيو هو.
    “روئين ڇو ٿي چري! مرڻ ته هونئن به هر ڪنهن جي مٿان رکيو آهي.” بابا کلي چيو هو، پر الاءِ ڇو مون کي بابا جي کل ڪانه وڻي هئي. بابا سدائين ائين ٿوروئي ڪو کلندو هو.
    “جنت!”
    “هون.”
    “جي آئون موٽي نه آيس ته اوهان کي حڪومت ٿورا گهڻا پيسا پئي ڏيندي. ڪاڪي کي به مُڇن جي ساوڪ بيٺي آهي. ڪنهن ڪم تي لڳرائي ڇڏجانس. پڙهڻ نه ڇڏرائجانس. منهنجو پٽ آفيسر ٿيندو.” هن ڀيري به بابا کليو هو، پر هن ڀيري به مون کي بابا جي کل ڪانه وڻي هئي. امان ڪابه ته ورندي ڪانه ڏني هئي. انهيءَ صبح جڏهن آئون بستري مان اٿيو هئس ته سڄو پگهر ۾ شم هئس ۽ منهنجو بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيو هو.
    امان مون کي اسڪول لاءِ اٿاريو هو. الاءِ ڇو آئون روئي پيو هئس. سڏڪندي چيو هئم، “اڄ آئون اسڪول ڪونه ويندس امان!”
    الاءِ ڇو امان سدائين وانگر اها ڳالهه ٻڌي دڙڪو نه ڏنو هو مون کي – بس ايترو پڇيو هئائين ته؛ “ڇو اسڪول نه ويندين؟”
    “نه – اڄ آئون اسڪول ڪونه ويندس – اڄ آئون بابا سان ڳالهيون ڪندس.”
    منهنجي ٻانهن تان امان جو هٿ ڍرو پئجي ويو هو.
    “اڙي ڇو اڄ اسڪول ڪونه ويندين؟” پريان کان بابا رڙ ڪئي هئي.
    “اڄ آئون توسان ڳالهيون ڪندس بابا!”
    “ڇو؟!! آئون ڀڄيو ٿو وڃان ڇا؟”
    “الاءِ.” منهنجي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو هو ۽ نڄاڻ ڇو امان به پوتي اکين تي رکي روئڻ لڳي هئي.
    انهيءَ ڏينهن آئون اسڪول ڪونه ويو هئس. انهيءَ ڏينهن مون کي بابا ڀر ۾ ليٽائي ڪيتريون ئي آکاڻيون ٻڌايون هيون، بهادر ڇوڪرن جون.
    نڄاڻ ڪهڙيون آکاڻيون هيون – آئون ته بس بابا کي ڏسندو رهيو هئس. ڀاءُ کي به کڻي پيٽ تي ويهاريو هئائين. پوءِ جيترو وقت به بابا هو، مون امان کي سڀني کان لڪي ڪنڊن پاسن ۾ روئيندي ڏٺو هو.
    هڪ شام بابا هليو ويو – وڃڻ مهل امان اوڇنگارون ڏئي رني هئي. ڀيڻ به سڏڪي سڏڪي رني هئي. بابا ڀاءُ کي ڪڇ تي کڻي سندس نرڙ چميو هو. مون کي ۽ ڀيڻ کي ڀاڪر پاتو هئائين. امان ڏانهن نهاريو هئائين – ته ڏٺو هئم شايد لڙڪ هئا بابا جي اکين ۾.
    ڪيترا ڏينهن لنگهي ويا هئا بابا کي وئي. امان سڄو سڄو ڏينهن پئي ٽپالي جو انتظار ڪندي هئي. ڪو خط ئي نه آيو هو بابا جو. هڪ اونداهين رات جو ننڊ مان اک پٽجي پئي هئم، عجيب قسم جي شور کان. مون کي ائين لڳو، ڄڻ زمين ڌٻي رهي هجي.
    گهگهو وڄي رهيا هئا.
    کٽ تي امان گوڏن ۾ منهن لڪايو رني ٿي شايد! ڀيڻ امان جي ڀر ۾ ويٺي هئي. گهور اونداهيءَ ۾ هو مون کي ڪنهن پاڇولي وانگر ٿي نظر آيون. آئون به کٽ تان لهي امان جي کٽ تي وڃي ويٺو هئس – مون کي ائين محسوس ٿيو ڄڻ اسان جا بدن هوريان هوريان ڏڪي رهيا هئا.
    “امان!”
    “امان! هيءُ ڇا پيو ٿئي؟” آئون روئي پيو هئس.
    “جنگ لڳي آهي.” امان جو آواز به ڏڪي رهيو هو. آئون سڄو سراپجي ويو هئس ڀوَ کان.
    “هاڻ ڇا ٿيندو امان!” هن ڀيري ڀيڻ سڏڪي هئي.
    “امان! هاڻ پاڻ مري وينداسون؟ پنهنجو گهر به ڊهي پوندو؟ بابا هاڻ ڪڏهن به نه ايندو ڇا؟ تون ڳالهائين ڇو نٿي امان؟!!” موٽ ۾ امان پنهنجو هٿ کڻي منهنجي وات تي رکيو هو.
    رهيو رهيو ٿي ٺڪاءُ ٿيا.
    سڄي رات اسان ائين کٽ تي ويهي گذاري هئي.
    ائين لنگهڻ لڳا هئا ڏينهن هوريان هوريان.
    بابا جو خط ئي نه پي آيو.
    ڀيڻ سڄو سڄو ڏينهن انب جي انهيءَ اڀرندڙ ٻوٽي کي ڏسيو نڄاڻ ڇا پئي سوچيندي هئي! ڪنهن ڪنهن مهل ڪٻٽ ۾ رکيل کوکي مان چوڙيون ڪڍي پئي ٻانهن ۾ لاهيندي چاڙهيندي هئي. امان نڄاڻ ڇو ٽڪ ٻڌي گهر جي هر شيءِ کي پئي ڏسندي هئي. ڀاءُ کي ته ڪل ئي نه هئي ڪنهن ڳالهه جي.
    سج لهندو هو ته اونداهي ڦهلجي ويندي هئي. آئون بتي ٻارڻ چاهيندو هئس پر امان ٻارڻ نه ڏيندي هئي ۽ مون کي اونداهيءَ ۾ ڊپ ٿيندو هو. کٽ تان هيٺ لهندو ئي نه هئس. گهر جي پويان جيڪو ميدان هو، اتي خندقون کوٽجي ويون هيون. گهگهو وڄندو هو ته پاڙي جا ڪيترا ماڻهو انهن ۾ وڃي لڪندا هئا. اسان جي گهرن مٿان جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا – منهنجي دل زور زور سان ڌڙڪڻ لڳندي هئي. سوچيندو هئس، اجهو هي جهاز بم ڪيرائيندو ۽ اسين سڀ مري وينداسون. بابا جي ڪا خبر ڪانه هئي – آئون سوچيندو هئس بابا کي ڪيڏو نه گناهه ٿيندو، جو هو ماڻهو ماريندو هوندو. ماڻهو، ماڻهوءَ کي ڇو ماريندو آهي!؟ مون کي سمجهه ۾ ڪونه ايندو هو. سوچيندو هئس آخر اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي جو ٻي ملڪ وارا اسان کي مارڻ ٿا چاهين. آئون ته ٻي ملڪ وارن کي سڃاڻندو به ڪونه هئس. مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو هوندو! گهٽ ۾ گهٽ منهنجي گهر مٿان ته نه بم ڪيرائين. مون کي ته نه مارين. پر شايد بابا ڪو ڏوهه ڪيو هوندو! ڪنهن جو پيءُ پڪ ماريو هوندو – پڪ ڪنهن جي گهر مٿان بم ڪيرايو هوندو، تڏهن ته هو زوزاٽ ڪندا لنگهندا هئا اسان جي گهر جي مٿان کان.
    هڪ صبح سرڪاري تار آئي هئي اسان جي گهر، انگريزي ۾ هئي. ٽپاليءَ امان کي پڙهي ٻڌائي هئي – بابا جنگ ۾ وڙهندي مارجي ويو هو – مون کي ياد آهي، امان گهٽيءَ ۾ بيهي پار ڪڍي رهي هئي. مٿي ۾ ڌوڙ ڀري ڇڏي هئائين. ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪيا هئائين – پاڙو سڄو اچي مٿانس گڏ ٿيو هو. آئون چپ چاپ در تي بيٺو رهيس – ڪيتريون ئي ڳالهيون سوچيندو رهيو هئس. انهيءَ پل گهگهو وڳو هو – امان جي چوڌاري گڏ ٿيل ماڻهو ڊوڙي وڃي خندقن ۾ لڪا هئا – گهٽيءَ ۾ امان اڪيلي رهجي وئي هئي ۽ مٿان جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا – امان ڪنڌ کڻي انهن کي ڏسندي رهي هئي – سڪل ٺوٺ اکين سان چوڻ لڳي، ’آ – ڪهڙو ظلم ڪيو اٿوَ مون تي، منهنجا هيڏڙا پسون يتيم ڪري ڇڏيانو! – اڙي! مون کي نڌڻڪو ڪري ڇڏيانوَ – ڪهڙو ته ڏوهه ڪيو هو مون اوهان جو؟؟‘ جهاز بنا ڪا وراڻي ڏيڻ جي لنگهي ويا ها.
    انهيءَ شام ڀيڻ اڱڻ ۾ ويهي پٿر سان ٻانهن ۾ پيل ڳاڙهيون ساديون چوڙيون ڀڃي ڀور ڪيون هيون – امان سڄو ڏينهن پار ڪڍي رُني هئي. سندس چوڌاري پاڙي جي عورتن جا ميڙا هئا.
    پر امان ته ڄڻ پاڳل ٿي پئي هئي – ڀيڻ جي اکين ۾ لڙڪ ئي نه هئا – هوءَ ته بس چپ چاپ اکيون ڦاڙي سڀني کي ڏسندي رهي هئي. مون کي بابا ٻڌايو هو ته جنگ ۾ مرڻ وارا شهيد ٿيندا آهن ۽ شهيد مرندا ناهن، جيئرا هوندا آهن – بس ٻين کي نظر نه ايندا آهن.
    انهيءَ رات، جڏهن امان پٽ ۾ پئي شوڪارا ڀريندي رهي هئي – ڪوٺيءَ ۾ ڪنهن ڪنهن مهل ڀيڻ جو سڏڪو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو ۽ آئون سڄي رات جاڳي بابا جو، اکيون پٽي انتظار ڪندو رهيو هئس. بابا شايد سچ پچ مري ويو هو، تڏهن ته نه آيو هو – مري نه ها ته ضرور اچي ها امان کي ائين روئندو ڏسي.
    بابا نه آيو –
    ٻي ڏينهن به نه آيو –
    امان کي شايد پڪ هئي ته بابا ڪونه ايندو – تڏهن ته هوءَ روز صبح جو ائين پار ڪڍي روئندي هئي ڄڻ بابا اڄ مئو هجي.
    مون کي ياد آهي بليڪ آئوٽ جي اُها اونداهين رات – ڪجهه به نه رڌو هو اسان جي گهر. امان گذريل ڪيترين راتين جيان پٽ ۾ پئي هئي – سندس شوڪارا ۽ سڏڪا اونداهيءَ ڪوٺيءَ ۾ پئي گونجيا. ڀيڻ کٽ تي اونڌو ڪنڌ ڪيو پئي هئي – سندس چوڙين کان ٻُٽي ٻانهن کٽ کان هيٺ لٽڪي رهي هئي. ڀاءُ پينگهي ۾ پيو هو.
    آئون اونداهيءَ ۾ اکيون ڦاڙيو ويٺو هئس. شايد بابا مئو نه هجي ۽ ڪنهن مهل اچي نڪري – ننڊ منهنجي اکين ۾ مرچ ڀري ڇڏيا هئا ڄڻ، پر اکيون نه پوريون هئم تڏهن به.
    انهيءَ لمحي گهگهو وڳو هو – گهٽيءَ ۾ ماڻهن جي ڊوڙڻ جا آواز اچڻ لڳا هئا- شايد خندقن ۾ لڪڻ ٿي ويا – نڄاڻ ڇو منهنجي دل چئي رهي هئي ته اسين به خندقن ۾ وڃي لڪون – امان کي چيو هئم؛ “مون کي ڊپ ٿو ٿئي امان! هل پاڻ به هلي خندقن ۾ ليٽون – هل نه امان!” موٽ ۾ امان هڪ ڊگهو ٿڌو ساهه ڀريو هو – ڄڻ سڏڪندي هجي – چوڻ لڳي، “هاڻ ڪهڙا ڊپ – جنهن ساڻ جيئڻ هئا سو ئي ويو هليو.”

    ماٺ ڇانئجي ويئي هئي چوڌاري ۽ انهيءَ ماٺ ۾ جنگي جهاز زوزاٽ ڪندا لنگهيا هئا اسان جي گهرن جي مٿان کان.
    ياد اٿم مون کٽ تان لڙڪندڙ ڀيڻ جي ٻي ٻانهن پڪڙي ورتي هئم. انهيءَ لمحي جڏهن ايڏو زبردست ٺڪاءُ ٿيو هو – ڄڻ زمين ڦاٽي پئي هجي ۽ هر شيءِ منهنجي مٿان اچي ڪِري هجي. مون رڙيون ڪري پڪارڻ چاهيو هو سڀني کي، نڄاڻ ڇا ٿيو جو ڪنهن به ورندي نه ڏني هئي مون کي.

    نڄاڻ ڪنهن مهل اکيون پٽيون هئم – ڄڻ قبر ۾ پيو هئس – سوچيو هئم مري ويو آهيان شايد – مون کي روئڻ اچي ويو هو – سوچيو هئم ڇو مئو آهيان آئون – مون کي ته اڃا جيئڻو هو نه – وڏو آفيسر بڻجڻو هو – وڏو ٿي مون کي ته اڃا سڄي دنيا مان جنگ بند ڪرائڻي هئي – ڇا ڇا نه ڪرڻو هو مون کي – پر مون ائين محسوس ڪيو هو ڄڻ آئون مري ويو آهيان – ڀيڻ به شايد انهيءَ قبر ۾ هئي – جو سندس ٻانهن اڃا تائين منهنجي هٿ ۾ هئي.

    “ڀيڻ!” مون قبر جي اونداهيءَ ۾ ڀيڻ کي سڏ ڪرڻ چاهيو – ڀيڻ ڳالهايو ئي نه – شايد هوءَ به سوچيندي هوندي ته آئون ڇو مري وئي آهيان؟!
    نڄاڻ ڪهڙي مهل هئي – جو قبر جي ٻاهران مشينن جو آواز ۽ ماڻهن جو آواز اچڻ لڳو – الائي ڪيتريون قبرون هيون منهنجي قبر جي پاسي ۾ - مشينن جو آواز ڇا جو هو؟ ڇا قبرن اندر به جنگ لڳندي آهي؟؟ ڀوَ کان اکيون پوري ڇڏيون هئم.

    منهنجي مٿان قبر جي مٽي هٽڻ لڳي هئي – ماڻهن جا ۽ مشينن جا آواز ويا ٿي اوچا ۽ ويجها ٿيندا. مون کي ڏسي ڪنهن رڙ ڪئي هئي، “اڙي! هي ته جيئرو آهي.” مون کي ڇڪي قبر مان ڪڍيو ويو – ڀيڻ جي ٻانهن منهنجي هٿ مان ڇڏائجي وئي - ۽ آئون جيئرو هئس – ڀيڻ اندر قبر ۾ رهجي وئي هئي.

    “اندر – منهنجي ڀيڻ به آهي.” ڀر ۾ بيٺل فوجيءَ کي رڙ ڪري چيو هئم – هو قبرون کوٽڻ لڳا – پر اُهي قبرون ته نه هيون – گهر هو منهنجو – مٽيءَ جو دڙو – ڪجهه دير کان پوءِ هنن ڀيڻ کي ڇڪي ڪڍيو هو – پٽ تي پئي هئي مون نهاريو اُها ڀيڻ نه هئي.
    ڀيڻ جي ٻانهن هئي – ڪپيل - ۽ ٻُسي.

    ڀاءُ جو صرف پينگهو نڪتو هو – ڀڳل – ڀور ڀور ٿيل ڪاٺيون.
    ۽ امان – سا ته نڄاڻ ڪيڏانهن گم ٿي وئي هئي – بس سندس پوتي پئي هئي دڙي اندر – اڇي ڦاٽل پوتي.


    پيڙا

    دور – دور تائين ماڻهوءَ جو رت وهندو ٿو وڃي.
    شانتي ڪانهي.
    (سرور دکم دکم – سڀ ڪجهه دک آهي – سڀ ڪجهه دک آهي)
    ڪيڏي اُساٽ آهي.
    دونهين جا بادل چؤڏس ڦهليل – (هاءِ) منهنجو ساهه ٿو ٻوساٽجي. (ڇا مان مري رهيو آهيان!!) ائين ٿو لڳي ڄڻ پيڙا جي هن رات جو ڪوبه ڪنارو ڪونهي، پر مان هن پيڙا ڀريءَ رات مان ٻانهن ڊگهاري، پولار جو سينو چيريندي ستين آسمان جو ڪنارو ٿو ڇهڻ چاهيان.
    راڻا!!
    مهل ڪڏهن به بيهي نه سگهندي – هاڻي.
    سندس واڳون اسان جي هٿن مان ڇڏائجي چڪيون آهن.
    (راڻا!! تو ڏٺو ته ڪيئن اسان جي ڪومل هٿن جون ريکائون مٽايون پيون وڃن.)
    تو پنهنجن نيڻن تي ڇو هٿ ڌري ڇڏيو آهي؟! ڇا تون هن هٿ جي آر پار ڏسي سگهندين! ايڏو نراس ڇو آهين؟ ايڏو ڪٺور بڻجي ڇو ٿو سوچين!؟ ڇا تنهنجو ويساهه نه رهيو آهي پنهنجي اندر جي سگهه ۾ - اکيون پٽ نه – راڻا!! ٻانهن ڊگهاري ڇو نٿو وقت جي سرڪش گهوڙي جا گس جهلين – تو کي ائين جهول کٽ تي پئي پئي مرڻ نه گهرجي.
    اکيون – پٽ – نه – راڻا!!
    مان اڪيلي شهر جي سنسان گهٽين ۾، بند دروازن کي کڙڪائيندي ڊوڙي رهي آهيان.
    جاڳندڙ اکين سان سپنا ڏسي رهي آهيان – پر ڇا ڪڏهن به اهي بند دروازا کلي نه سگهندا؟.
    ڄاڻان ٿي، ماڻهو انڌا به ناهن – ماڻهو گونگا به ناهن – ماڻهو ٻوڙا به ناهن، پر ماڻهن جي دروازن جي ٻاهران ڪٽ چڙهيل قلف چاڙهيا ويا آهن ۽ ماڻهو اندر پوريا پيا آهن.
    (نه پر مُئا پيا آهن ۽ ڪيڏي بانس آهي سڙندڙ آتمائن جي.)
    (صدين جي سُک لاءِ
    صدين جي جنگ جوٽڻي پوندي آهي ماڻهوءَ کي)
    تو لکيو آهي ته؛ “اسان پن پن ٿي ڇڻي رهيا آهيون.”
    پر راڻا!! جڏهن به گهٽائون گجگوڙ ڪري وسنديون ۽ جڏهن به امن جي گلابي مند موٽي ايندي – تڏهن ڪنهن تارن ڀري رات ۾ اسان جي اجهاڻل مرڪ ۾ نئين چڻنگ دکندي ۽ اسان اهو پن پن ميڙي جيون – جنگ ۾ ٻيهر ڪاهي پونداسين (ها نه – راڻا!!).
    تو اهو به لکيو آهي نه ته ساوڻ جهڙو جيءُ اسان جو – گجگوڙ ڪري وسندو.
    اڄ ڀنڀرڪي تائين توکي ۽ مون کي ملڻو آهي – هن اونداهي رات مان ٻانهن ڊگهاري سورج ديوَ کان روشنيءَ جي بيک به مڱڻي آهي – پنهنجيءَ مٺ ۾ ساوڻ جهڙا لڙڪ سهي، پر تو ڪڏهن برسات کان پوءِ بادلن جي اوٽ مان سج کي اڀرندو ڏٺو آهي راڻا!! ائين لڳندو آهي، ڪائنات ٻيو جنم وٺندي هجي – پر منهنجو ٻي جنم ۾ ويساهه به ڪونهي – ڏس نه ماڻهوءَ کي ٻي جنم جي آس تي ٺڳڻ بدران، انهيءَ هڪڙي جنم جا دائرا ٽوڙڻ گهرجن – تنهنجي سگريٽ جو ڦُلو وڌندو پيو وڃي، ڇا پيو سوچين؟ ڀوَ جا ڀاوَ نه ورائيندا اٿئي راڻا، ته ڪٿي ائين سوچيندي سوچيندي ئي نه حياتي بند مُٺ مان لنگهي وڃي. ڇا تو ۾ حياتيءَ جي لهندڙ سج جي پاڇولن ۾ ويهي خالي (ڪوري ڪاڳر جهڙي) مٺ ويهي پَسڻ جي سگهه هوندي!؟ نه، نه. مان ته ائين سوچي ئي دُکي ٿي پوندي آهيان. بند مُٺ ۾ ڪجهه نه رهجي وڃڻ گُهرجي – سانوڻ جهڙو ڪو لُڙڪ، بسنت رُت جهڙي ڪا مُرڪ.
    ياد نه ٿو پويم ته ڪڏهن، پر ڪنهن خط ۾ تو لکيو هو، “سُڳنڌ! وقت ڏاڍو تکو ٿو ڊوڙي. ايڏو تکو – ايڏو تکو جو پل اپل ۾ ئي نيڻ نهار کان الوپ ٿيو وڃي. پوءِ انڌن وانگر هٿوراڙيون ڏئي ماڻهوءَ کي هلڻو پوندو آهي. هزارين لکين سپنا ڏسندا آهيون، پر حقيقت اها آهي ته اسان اُتي جو اُتي رهجي ويندا آهيون. اسان جيون سوچون ۽ سپنا وقت جي تِکي ڊوڙ جو ساٿ ڏئي نه سگهندا آهن. پوڙها ٿي ويندا آهيون ۽ مري ويندا آهيون.”
    تون ائين ڇو سوچيندو آهين، راڻا؟ ائين نه سوچيندو ڪر. جيون رڳو ٽي بي سيني ٽوريئم ته ناهي نه، جنهن ۾ صرف رت ٿُڪي ٿُڪي مري وڃجي. 1971ع ۾ جڏهن جنگ لڳي هئي ۽ اسان جي گهر ۾ بليڪ آئوٽ جي گهور اونداهي ڦهلجي ايندي هئي، مان گيلريءَ ۾ بيهي ٻاهر اونداهيءَ ۾ ٻُڏل ڪائنات کي ڏسندي، موت ۽ زندگيءَ جي فلسفي تي ڇا ڇا نه سوچيو هو. ماڻهو ڪيڏو به کڻي موت جو آڙاهه ٻاري، پر هي چوڏهينءَ جو چنڊ اُجهامڻو ناهي. تارن ڀريو آسمان، اونداهيءَ ۾ جهومندڙ وڻ، وهندڙ سمنڊ جو وشال نيرو سينو، ماڻهن جي گهرن جي چمنين مان وٽ سٽ کائي نڪرندڙ دونهون، پاڙي جي گهر مان ايندڙ ٻار جي ٽهڪ جو مڌر پڙلاءُ. وقت جي تِکي ڊوڙ ته رڪجي نه سگهندي آهي، راڻا! پر ماڻهوءَ جا نيڻ به ڪڏهن سپنن کان خالي نه رهندا آهن. ماڻهوءَ جا نيڻ آباد شهر سمان آهن.
    اچ نه – راڻا!! کليل نيڻ ٻرندڙ سج ۾ کُپائي ڇڏيون.

    ڪيسين تائين پيو ائين ويليم تي تڳيندين!؟ ڀسم ٿي ويندين راڻا! جيڪڏهن ائين پيو اندر ۾ سلو پوائزن اوتيندين. ائين ته سوچڻ سمجهڻ جون سموريون صلاحيتون مري ويندءِ. انيڪ ڏينهن کان پئي سوچيان ته گورين جي اُها شيشي دريءَ کان ٻاهر اڇلي ڇڏيان. توکي ڪُلهن کان جهلي ايڏو ڌُونڌاڙيان، ايڏو ڌُونڌاڙيان جو تنهنجي رت جي هرڪا بُوند اُٿلي پوي. ڇو ايڏو بيحس ٿي ويو آهين!؟ ڪيترن ڏينهن کان دري نه کولي اٿئي، ڇا پاڻ کي اهو ويساهه ڏيارڻ ڪاڻ ته ائين پاڻ کي ٻين کان ڪٽي سگهڻ ۾ ڪامياب ويندين!! ڏس نه، ٻاهر ڪائنات پنهنجن سمورن هنگامن سميت سُجاڳ آهي. برسات جون بُوندون رستن تي جَرڪي رهيون آهن. تو جهڙا انيڪ ماڻهو آهن، جيڪي مسلسل انهن رستن تي ڊوڙي رهيا آهن، جنم پل کان مرڻ پل تائين – تنهنجي بند دريءَ کان ٻاهر پوکيل گلاب جي ٻُوٽي تي انيڪ گُل ٽڙي پيا آهن. مان تو لاءِ هڪ گُل ڇِني اچان، راڻا!! هاڻ ته ڀلا سگريٽ اُجهائي ڇڏ، ڪٿي آڱريون نه سڙنئي. ائين گهوري ڇا ٿو ڏسين مون ۾؟
    اچ، راڻا!! بادلن کي ڀاڪرن ۾ ڀريون.
    سنڌ جي سر مٿان تاڻيل نيل گگن هيٺ بلڪل تنها (پنهنجي سنسان ذات اندر) سوچيان ٿي راڻا!! اسان جن پيرن هيٺان وهندڙ وقت جو کارو – گهرو سمنڊ ڪٿي وڃي پڄاڻي ڪندو!؟ ڇا اسان سڀ (تون – مان ۽ هي موڳي من وارو لوڪ) ڪنهن اونهيءَ کاهيءَ ۾ ڪِرڻ وارا آهيون ۽ پوءِ ڇا اسان سڀ انهيءَ اونهيءَ کاهيءَ منجهه رڙيون ڪري ڪري(Help – Help – Help) مري وينداسين؟ ۽ ٻاهر ڪائنات جيئن جو تيئن موجود هوندي! تون ٻڌين پيو نه؟ الاءِ ڇو مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ تنهنجن ڪنن منجهه پٿر ڀريل آهن – ماڻهو چون ٿا ته تون پاڳل ٿي رهيو آهين – ماڻهو بڪواس ٿا ڪن، ها نه راڻا!! مان ڄاڻان ٿي ته تنهنجي اندر جو سچو انسان جيئڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي – مان سڀ ڄاڻان ٿي – ماڻهوءَ جا نيڻ ته ڪائي جي ڀت آهن، جنهن جي آر پار سڀ ڪجهه ٿو پسجي – ڪالهه تو چيو هو نه ته تون ان لاءِ نٿو دري کولين جو پريان کان پسجندڙ پاڳل خاني جي ڊگهي ديوار تنهنجن نيڻن ۾ ٿي چُڀي!! مان به انيڪ سالن تائين پنهنجي ڪمري جي دري ان لاءِ ئي نه کوليندي هيس جو سامهون (نيڻ نهار تائين) ڦهليل سنسان قبرستان نيڻن منجهه لهي ايندو هئم – پر راڻا!! اهي ته زندگيءَ جون حقيقتون آهن نه – ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو پاڳل نه هوندي به پاڳل ٿي پوندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن جيئرو هوندي به مئل مئل پيو محسوس ڪندو آهي.
    اچ نه راڻا!! ٻانهن ڊگهاري سج کي مٺ ۾ بند ڪريون.
    ڪنهن هڪڙي دڳ تي ويهي ليڪا پائڻ کان، ڇا سڦل اهو ناهي راڻا! تون اهو دڳ ئي اورانگهي اچين – هي ڇا، لڙڪ!!؟ اوري آءُ – مان پنهنجيءَ پوتيءَ جي پلاند سان تنهنجا لڙڪ اگهان - اڙي – تون ته ايڏو اٽل هئين، نه ڀُرڻ جهڙو – ڇا ٿي ويو اٿئي راڻا؟ ان سموري عرصي ۾ آرسي ڏٺي اٿئي؟ ڪارا دائرا پئجي ويا اٿئي نيڻن جي چؤڌاري. ڪيڏو ڏٻرو ٿي ويو آهين – هڏ به ماس تان اُڀري آيا اٿئي – اڃا ته جوان آهين راڻا!! پر هينئر کان ئي هٿن ۾ ڏڪڻي اچي وئي اٿئي – ڇا اهو سڀ تو جهڙي ماڻهوءَ لاءِ سڦل آهي!!؟ سمهڻ، کائڻ ۽ ڀوڳڻ، رڳو اها ئي تنهنجي زندگيءَ جي روٽين نه هئڻ گهرجي راڻا!! مسلسل ننڊ جون گوريون کائڻ کان پوءِ هڪڙي اسٽيج اها به ايندي آهي، جڏهن جڳن جا اوجاڳا ماڻهوءَ جو نصيب بڻجي ويندا آهن – مان ڄاڻان ٿي ته تون گذريل انيڪ راتين کان جاڳندو پيو اچين – راتين جي انهن اوجاڳن ۾ ڇا لوچيندو آهين راڻا؟ مان ماڻهن منجهان ناهيان، پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي به ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ تنهنجي سڻڻ، آکڻ، سوچڻ جي سگهه مرندي ٿي وڃي ۽ تون پاڳل ٿي رهيو آهين – جي ائين ناهي ته پوءِ تون ڇو نٿو ڪوريئڙي جي ان ڄار مان نڪري اچين –
    اچ نه راڻا!! سڀئي نيئر ڇني ڇڏيون –
    سانجهيءَ ويل، ڪارونجهر جي ڪناري تي اڪيلي بيٺل آهيان مان – آرسيءَ جهڙي پاڻيءَ منجهه اُڀري آيل منهنجو عڪس، اڇن پکين جي ڊگهي (۽ تهائين اوچائيءَ ڏانهن) اڻکٽ اُڏام – پاڻيءَ منجهه پاڻ ڍاريندڙ اڄوڪو سج، ڪي کن اڳ جڏهن اُجهاڻو هو، تڏهن من ئي من ۾ لوچيو هئم تولاءِ ته تون اڄ به هٿ ڊگهاري سورج ديوتا کان روشني بيک مڱي نه سگهين - ۽ اونداهين جي ان غار جي پڄاڻيءَ جي سُڌ به اٿئي راڻا؟ جنهن منجهه روشنيءَ جو ڪو هڪ ترورو به ڪونهي ۽ تون جنمن کان هڪ ئي ڀت کي ٽيڪ ڏيو، نستو ٿيو پيو آهين – توکي ڪابه سڌ ڪانهي – توکي اها به سڌ ڪانهي ته ماڻهوءَ جي هٿ – ريکا گونگي آهي ازل کان . (اجايو پيو ائين ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿ ريکا تڪيندو آهين). ٻولڻ جي سگهه ته ماڻهوءَ جي من ۾ هوندي آهي، راڻا!! جيڪو پل – پل پيو ڌڙڪندو آهي، پر تو ته ڪڏهن به ڌڙڪندڙ من جي آوازن تي ڪن ئي ناهي ڌَريو. تون ائين پڄري، کامي، سڙي رک ٿي ويندين، اندر ئي اندر – مري ويندين، راڻا!!
    مري ويندين – مري ويندين – مري ويندين.
    (هوءَ ٻنهي هٿن ۾ مُک لڪائي سُڏڪا ٿي ڀري. سندس هٿن جون نرمل، ڪُومل آڱريون هوريان هوريان آليون ٿينديون رهيون ۽ هو اندر ئي اندر پٿر بڻيو رهيو)
    اچ نه راڻا!! لڙڪ سڀئي روئي ڏيون. (سڏڪو)
    دُک سڀئي اوري ڇڏيون. ائين چپ ڏندن هيٺ ڀيڙي ڇا ٿو سوچين!! ڪيترن ڏينهن کان شيوَ به نه ڪيو اٿئي. (صديون لنگهي ويون آهن ۽ تون منهنجي ڪلهي تي ڪنڌ ڌَري رُنو به ناهين) لُڙڪ سڀئي روئي ڏيڻ کان پوءِ اندر ۾ نئين سگهه جنم وٺندي آهي. مان ڄاڻان ٿي ته ڪهڙو دُک توکي اڏوهيءَ جيان اندر ئي اندر کائي ٿو. تون مون کان ائين لڪائيندو ڇو آهين!؟ ڪونه ڪو دُک اسان سڀني جي من ۾ پلجي پيو. اسين سڀ پنهنجي پنهنجي پيڙا جي پولار ۾ هٿوراڙيون ڏئي ڊوڙون پيا پايون. پر ائين شڪستن جو ڪفر تاڻي سُمهي پوڻ اسان مان ڪنهن کي ٿو جُڳائي، راڻا!!؟ جنهن ڀت کي تون ٽيڪ ڏيو (صدين کان) ائين نِستو ٿيو پيو آهين، ڄاڻين ٿو انهيءَ ڀت جي هُن پار ڇا آهي!؟ ڇو تنهنجين اکين منجهه ايڏي ويراني لهندي ٿي اچي!؟ ڊاڪٽر غلط ٿا چون ته تون پنهنجو دماغي توازن وڃائي رهيو آهين. ڊاڪٽرن کي ڪهڙي سُڌ ته تون ڪيڏو اَٽل آهين. پاڳل پڻي جي ڪيفيت مان ته هرڪو لنگهندو آهي. جڏهن مان به (ڪڏهن ڪڏهن) پيڙا جون سموريون حدون اورانگهي ويندي آهيان، تڏهن مون کي به ائين پيو محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ پاڳل ٿي وئي هجان. ايڏا سگريٽ ڇو ٿو پيئين؟ چون ٿا ته ان سان ڪينسر ٿي پوندو آهي. نه، نه. مان توکي ائين جهول کٽ تي پئي پئي مرڻ نه ڏينديس، راڻا؟ اهو هڪ ئي ڀيرو جيئڻ جو آهي نه، پوءِ ان ۾ جي انيڪ وار پيو مرندين ته پوءِ ڀلا جيئندين ڪڏهن، راڻا!!؟ اُٿي ته ٻاهر برسات پئي پوي. جهڙالو آسمان آهي. ماڪ ڦڙن جهڙيون بُوندو آهن. هل ٻاهر ورانڊي ۾ هلي ويهون. مان تولاءِ گرم ڪافي ٺاهي ٿي اچان. وڻن جو پن پن ڌوپجي ويو آهي. رستي تي ٻار قميصون لاهي برسات جي پاڻيءَ ۾ وهنجي رهيا آهن، نه!!؟ ڀلا دري کوليان!؟ آخر ڇو راڻا! ڇا تون پنهنجن کليل نيڻن منجهه ڪائنات جي اها سُندرتا نٿو ڀرڻ چاهين؟ حياتيءَ جي هنن ساون لهرائيندڙ کيتن منجهه تنهنجو به ته حصو آهي نه!؟ ڇا ڳالهه آهي، تون ائين يڪ ٽِڪ ڇا گهوري رهيو آهين، راڻا. راڻا!!
    اچ نه راڻا!! حياتيءَ جي ساون ساون کيتن ۾ ڊوڙون پايون.
    پڄاڻي: سالن پڄاڻان پاڳل خاني جي اوچي ۽ ڊگهي ديوار جي اڳيان کان لنگهندي من ائين ڀرجي آيو هيس، جيئن ڇُٽندڙ ڦٽ اُٿلي پوندا آهن.
    “راڻا!” بند چپن جو ڀُڻڪو.
    کن ترسي، وارن ۾ لڳل گُلاب جو گُل ڪڍي ڀت جي هن پار اُڇلي ٿي، پاڳل خاني جي اندر.


    تون ۽ مان ڪڏهن نه ملنداسون

    اسان مليا هئاسون سال جي شروعات ۾. جنوريءَ جي ڪهڙي تاريخ هئي؟ ياد نه اٿم. پر اها شام ڪيڏي ٿڌي ۽ هيڊي هئي! ان جو ساروڻو اٿم. وڻ سڀئي بي لباس هئا تن ڏينهن. سج جي ڪِرڻن، پريتم جي ڇُهاوَ جيان ٿي جسمن کي گرمايو. ان شام جيتوڻيڪ اڃا سج لهڻ جو سمو نه ٿيو هو، پر آسمان ايترو ته جهُڙالو هو، جو سَنجها جو سمو ٿي لڳو. زندگي ائين ئي روان دوان هئي، جيئن جُڳ جڳاندر کان رهندي پئي آئي آهي. نه پر (شايد!) ان شام زندگي سدائين کان وڌيڪ هنگاما خيز هئي. سيمينار جي پڄاڻيءَ تي اسان ٻئي ڪافي شاپ ۾ اچي ويٺا هئاسون. لٽريچر، آرٽ، فلسفي ۽ دنيا جي بدلجندڙ حالتن ۽ انهن جي تهائين گهڻو بدنما ۽ ڀيانڪ پوڻ تي ڳالهائيندي ڳالهائيندي، نڄاڻ ڪهڙي پل سڀئي موضوع ختم ٿي ويا هئا ۽ وچ ۾ آيل ماٺار جي وٿي، ڄڻ انت پولار بڻجي پئي هئي. هُن دريءَ کان ٻاهر نهاريو. سگريٽ دکايائين ۽ سگريٽ جو دونهون وٽ سٽ کائيندو، کن لاءِ منهنجي چهري کي گهيري بيهي رهيو، ڄڻ ڪو ڪوهيڙو ڇانئجي ويو هجي، اسان ٻنهي جي وچ ۾. ڪي کن پل پوءِ جڏهن ڪوهيڙو هٽيو هو اسان ٻنهي جي وچ تان، تڏهن منظر بدليل محسوس ٿيو هئم. اسان جي اندر جا منظر بدلجي ويندا آهن، اسان جي نيڻ نهار ۾، پر اڪثر احساسن جي رستي. بلڪل ائين، جيئن نيرو آسمان، ڪڏهن ڪڏهن، پنهنجي اندر ۾ سُرخ ٽامو محسوس ٿيندو آهي.
    هن چيو: اسان ٻين جي اندر جي گهرائين ۾ لهڻ کان پهرين، پنهنجي اندر ۾ ڪيڏا اجنبي هوندا آهيون، ان هوندي به ته، بظاهر ڪيترا منظر، ڪتاب، ماڻهو، خواب زندگيءَ ۾ شامل هوندا آهن. عجيب ڳالهه اها آهي ته پنهنجو پاڻ، پاڻ کان وڌيڪ، ڪنهن ٻئي، ڪنهن نئين ۽ بلڪل اوپري شخص جي اندر ۾ احساسن رستي لڀندو آهي. اڄ توسان ڳالهائيندي ڳالهائيندي، بلڪل هينئر، اوچتو ۽ پهريون ڀيرو مون کي لڳو ته مان پاڻ کي سڃاڻي سگهان ٿو!؟
    مون چيو: شايد، اسان جي اندر ۾ دٻيل، احساسن ۾ ويڙهيل ڪجهه منظر، اوچتو، ڪنهن اوپري شخص سان ٽڪراءَ کان پوءِ وڌيڪ چٽا ٿي نيڻ نهار آڏو ٿي بيهندا آهن. مان ان کي سڃاڻندي ته هيس، پر ان سڃاڻپ ۾ حساسيت ۽ جذباتي پڻو مون کي پهريون ڀيرو محسوس ٿئي ٿو.
    ڪافي شاپ مان اسان ٻاهر نڪتاسون ته سچ پچ رات ٿي چڪي هئي. سياري جي ڪري ٽريفڪ تمام گهٽ هئي. ايڪڙ ٻيڪڙ فوجي ٽرڪ ٿي لنگهيا. موڙ، جتان اسان جا رستا الڳ الڳ ٿيا ٿي، اُتي چيڪ پوسٽ گذريل ڪيترن مهينن کان قائم ٿيل آهي. ٻه فوجي مورچن ۾ نشانو وٺيو ويٺا هئا. ڪجهه مورچن کان ٻاهر، جديد هٿيار ڪُلهن ۾ لٽڪايو بيٺل هئا. هڪ اسان تي ٽارچ جي روشني وڌي ۽ هڪل ڪئي. ڪجهه پل پهريون ذهن جنهن جذباتي پڻي ۾ ٻڏل هو، اُهو ڀوَ جا ڀاوَ بڻجي، لونءَ لونءَ ۾ چڀڻ لڳو. فوجيءَ اسان جي تلاشي ورتي. منهنجي پرس ۾ ڪنهن هٿيار بدران اهو نظم هو، جيڪو سيمينار جي شروعات ۾ پڙهيو هئم.

    آءٌ
    پاڳلن جيان
    ڪڏهن پنهنجي ڌرتيءَ جي مٽي
    منهن تي مليان ٿي
    ڪڏهن پنهنجن هم وطنن جا چهرا
    ڪنهن جلاوطن جيان نيڻن ۾
    ڄڻ آخري ڀيرو ڀريان ٿي
    جنهن درياهه جو پاڻي، جنم کان ئي ماءُ پياريو اٿم
    انهيءَ ۾ آڱريون ائين ٻوڙيان ٿي
    ڄڻ جنم کان ئي اڃايل آهيان
    ۽ پيئڻ لاءِ مون وٽ بس اک جو پاڻي آهي
    هر صبح کي – هر شامَ کي
    ٻارن جيان حيرت مان پسان ٿي
    پنهنجي ئي جنم شهر جي ڳلين ۾
    اجنبين جيان ڦرندي
    پنهنجي ئي گهرَ جو ڏس پڇان ٿي.

    جڏهن کان منهنجي ڏيهه تي
    ڌارئين ڪاهه ڪئي آهي تڏهن کان
    پاڳل پڻي جي اهڙين ئي ڪيفيتن ۾ آهيان.

    فوجيءَ هڪ اُڇاتري نهار نظم تي وڌي. شڪ ٻُڏاڻل نوع ۾ مون ڏانهن نهاريائين ۽ نظم وارو ڪاغذ ڦاڙي، پُرزا پُرزا ڪري هوا ۾ اڏاري ڇڏيائين. ڪاغذ جا پُرزا ڪي کن اُڏاڻا، پوءِ نستا ٿي روڊ جي ڪاريءَ پٿرائينءَ ڇاتيءَ تي ڪِري پيا. ٻولي نه سمجهندي به فوجيءَ کي اندازو ٿي ويو هو ته اهو نظم ئي ٿي سگهي ٿو. آءٌ ۽ نظم ائين جدا ٿياسون، جيئن ماءُ ٻار کان جدا ٿيندي آهي. تلاشيءَ دوران هن جي کيسي مان اهو مقالو نڪتو، جيڪو هن سيمينار ۾ پڙهيو هو. ’منهنجي ڏيهه کي ڌارئين جي ڪاهه کان بچايو.‘ ان مقالي دوران هر هر پنڊال تاڙين سان گونجندو رهيو هو ۽ هن وقت مقالي جي ڪاغذن تي فوجيءَ جو ڀاري بوٽ رکيو هو. اسان جي دٻيل دٻيل احتجاج تي، چڀندڙ لهجي ۾ فوجيءَ چيو: “آءٌ اندازو لڳائي سگهان ٿو ته هن دور ۾ اوهان جي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪابه شيءِ امن امان جي صورتحال ۾ بگاڙو آڻي سگهي ٿي.”
    ان موڙ تان، رستا الڳ ٿيڻ تي، موڪلائڻ کان پهرين، ڪي کن اسان چپ چاپ اسٽريٽ لائيٽ هيٺ بيٺا رهيا هئاسون. نه هن ڳالهايو ۽ نه مون – بنا ٻيهر ملڻ لاءِ ڪجهه چوڻ جي.
    چڱو.......
    چڱو.....
    چئي الڳ الڳ رستن ڏانهن مڙي ويا هئاسون. اِها اسان جي پهرين ملاقات هئي.

    ان کان پوءِ اڪثر روڊ تي ڪڏهن پنڌ، ڪڏهن بس ۾، دل چاهيو ته ڪاش ڪٿي اوچتو، هڪٻئي جي سامهون اچي بيهون. ان رات جي تلخيءَ ۾ جيترو ڪجهه اڻپورو ۽ بي معنيٰ بڻجي پيو هو، اُهو ٻِيهر محسوس ڪندي، هلڪهڙي ڇُهاوَ جي احساس سان بس مان لهي، روڊ ڇڏي، فوٽ پاٿ تي ساڻ ساڻ هلندا رهون.
    تن ڏينهين شهر ۾ ڏاڍي ڇڪتاڻ هئي. ناحق ۽ ڏاڍ جو سلسلو، ڏاڍي طبقي طرفان هيڻي طبقي يا قوم تي بنا روڪ ٽوڪ جي هلندو رهي، ته نه رڳو اُن ڏاڍ ڪندڙ طبقي جي صفن ۾ سڪون رهندو آهي، پر حڪومت جي معمولات به پرسڪون نوع ۾ جاري رهندي آهي. رياست جي سرد مهر خاموشيءَ ۾ طوفان جون لهرون تڏهن اٿنديون آهن، جڏهن پيڙجندڙ طبقو يا قوم اوچتو احتجاج جي پهرين دانهن ڪندي آهي. ان کي رياستي ٻوليءَ ۾ امن امان ۾ بگاڙو چئبو آهي. ان امن امان جي بگڙيل صورتحال تي قابو پائڻ لاءِ ناحق ڪندڙ جي بدران، احتجاج ڪندڙ جي وات تي حڪومت کي لت رکڻي پوندي آهي. ملڪ جي سلامتيءَ جي نالي تي رچايل ناٽڪ ۾ احتجاج ڪندڙ ڪردار جي وات تي لت رکڻ جي اُن ڪُڌي فعل کي قانوني جواز ۾ حق مليل آهي.
    وات تي رکيل لت
    ان رد عمل ۾
    احتجاج ڪندڙ طبقو ڇتو بڻجي پيل.
    اسان جي ٻي ملاقات اهڙين ئي حالتن ۾ ڪيتري عجيب ۽ اڻپوري هئي، جيئن وات تائين آيل پاڻيءَ جو گلاس ڪوئي ڦري وٺي.
    روڊ جي هِن پار مان ۽ هُن ڀر هو، وچ تي مڇريل جلوس، احتجاج ڪندڙن جو ۽ ان تي پوليس ۽ فوج جي ڪاهه – لٺيون، لتون، پهرين هوائي فائرنگ کان پوءِ سڌو هجوم ڏانهن رائفلن جا منهن کڄي ويل. آخر ۾ ٽيئر گيس ۽ اکين تي هٿ ڌري مختلف ڏسائن ڏي ڊوڙندڙ هجوم. ان سموري واردات دوران، اسان هڪ ٻئي کي روڊ جي هِن ڀر ۽ هُن ڀر اکين ئي اکين ۾ پائي ورتو هو.
    پوءِ وچ وچ ۾ هڪٻئي کي پائڻ جي جتن دوران، هڪٻئي جي نيڻ نهار کان الوپ ٿي ويا هئاسون. ان کان پوءِ قيامت جهڙي شور ۾، ٽيئر گيس کان گهٽجندڙ ڳلي ۽ سڙندڙ اکين تي هٿ ڌري، پاڳلن جيان ڀڄندي، هڪ ڊگهي عرصي لاءِ جدا ٿي ويا هئاسون.
    شهر ۾ ڊگهو عرصو ڪرفيو لڳل رهيو. ڪرفيو فقط سڙڪن ۽ ڳلين ۾ نه لڳندو آهي، ڪرفيو ذهنن تي به لڳندو آهي. احساسن، اميدن ۽ ويساهه کي ٿڪائي شل ڪرڻ لاءِ. منهنجا احساس سڄي سڄي رات لاش جيان منهنجي بستري ۾ پيا هوندا هئا. لاش، جنهن تي ڪڏهن هن جي جسم جو گمان ٿيندو هئم ۽ ڪڏهن پنهنجي جسم جو. جن حالتن ۾ مون ايترا ذاتي ۽ حساس خواب ڏسڻ شروع ڪيا هئا، اهي حالتون ئي اهڙيون هيون، جن ۾ مان ڪنهن زنده انسان بدران لاش سان ئي وصل ماڻي سگهيس ٿي.
    گهٽ ۾ گهٽ لاش جهڙو جيئرو انسان.
    اُميد ۽ ويساهه ته هُئن به ٿڪجي شل ٿي پيا هئم.
    ان کان پوءِ مليا ته هئاسون، ساڳي ڪافي شاپ جي ساڳي ڪارنر تي. وڻن تي ساوڪ پنهنجو رنگ هاري، انهن جي ننگائپ کي ڍڪي ڇڏيو هو. پهريون ڀيرو جڏهن اتي اچي ويٺا هئاسون، تڏهن سامهون ڳڙکيءَ مان پسجندڙ پيلي پٿر جي اُها مُني صدي پراڻي بلڊنگ، جنهن ۾ شهر جي اصلوڪن رهواسين جا فليٽ هئا، جيئن جو تيئن بيٺل هئي. جيتوڻيڪ، مُني صديءَ جو عرصو لنگهڻ کان پوءِ بيحد بدصورت ۽ کنڊر بڻجي چڪي هئي، تڏهن به منجهس زندگيءَ جا آثار ڪر کنيو بيٺا هئا. مثلاً گيلرين ۾ سُڪندڙ آلا ڪپڙا (مون کي اڃا تائين ڪنهن هڪ گيلري ۾ سُڪندڙ ڪنهن نئين ڄاول ٻار جو ڳاڙهو سوئيٽر ۽ ٻه پتڪڙا جوراب ياد آهن) بلڊنگ جي ڳڙکين مان ليئا پائيندڙ چهرا ۽ آواز، ڄڻ زندگيءَ جي موجودگيءَ جا ثبوت هئا ۽ هينئر ساڳي بلڊنگ قبر مان نڪتل ڪنهن ڀوائتي هڏائين پڃري جيان ٿي محسوس ٿي، جنهن جو بد روح آڌيءَ آڌيءَ رات جو قبر مان نڪري، شهر جي سڙڪن تي پنهنجي قاتلن جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو هجي. احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾، جتي شهر جي اصلوڪن رهواسين جو ڪيترو ڪجهه ماريو، ساڙيو ۽ برباد ڪيو ويو هو، ان ۾ اها بلڊنگ به شامل آهي. پهريون ڀيرو ملڻ تي اسان ڪيترو ڪجهه ڳالهايو هو ۽ اڄ ڄڻ اسان وٽ ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي. ادب، آرٽ، فلاسافي – ڪٿي ڪٿي انهن جي حد به ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ماڻهوءَ جي دل صرف رڙيون ڪرڻ چاهي ٿي.
    گهري خاموشي، رڙين ۽ دانهن جو پس منظر يا ردعمل آهي.
    ڪافيءَ جا مگ ائين ئي اسان جي وچ ۾ پيا رهيا ۽ انهن مان ٻاڦ اٿندي رهي. ڊگهي خاموشيءَ کان پوءِ اسان ڳالهايو هو.
    هن چيو: انهيءَ وچ واري عرصي ۾ توساڻ ملڻ لاءِ دل ڏاڍو ٿي چاهيو، پر ائين ٿي لڳو ته تنهنجي آفيس جي وچ ۾، جيڪو ويهن منٽن جو فاصلو آهي، انهيءَ ۾ ٻن مهاڀاري لڙائين جي تباهيءَ جيترو ڦهلاءُ آهي. اسان جيون زندگيون بس ائين ئي آهن. ڪنهن اڄاتي ٽائم تي فڪس ڪيل ٽائم بم مٿان رکيل. زندگيءَ جي سموري گول ڦرندڙ ڦيري دوران، اسان بم بلاسٽ ٿيڻ جا منتظر آهيون. توسان مِلان به ته ڪيئن!؟ ڪڏهن ٽيئر گيس ڪوهيڙو بڻجي منهنجي اکين مان منهنجا سڀئي گس پنڌ وڃايو ڇڏي، ڪڏهن گولين جو وسڪارو، ڪنهن ڀڄي نڪتل رنگروٽ جيان موت جي ڀوَ هيٺ ابتن پيرن ڊوڙڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي. مان موت کان لڪندو وتان يا توساڻ ملڻ جون راهون ڳوليان!؟ نه ئي مرڻ ٿو چاهيان، نه توکي وساري ٿو سگهان، نه ئي هن نفسياتي ۽ هٿياربند ويڙهه ۾ نه چاهيندي به ڦاٿل پنهنجي انفرادي سڃاڻپ کي اجتماعي حوالي سان شڪست جي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪري سگهان ٿو. مثلاً مون وٽ هٿيار ڪونهي، پر مان وڙهڻ ٿو چاهيان ۽ جڏهن وڙهڻ جي سگهه ڪٺي ڪرڻ جو جتن ٿو ڪريان ته اها ڄاڻ ٿي پويم ته وڙهي نٿو سگهان. مرڻ نٿو چاهيان، پر انهن خوابن تان هٿ کڻڻ منهنجي وس ۾ ئي ڪونهي، جن ۾ نه رڳو تون آهين، پر اهو سڀ ڪجهه آهي، جن کي ماڻڻ لاءِ رستا وري به گهمي ڦري انهيءَ مڙهيل نفسياتي ۽ هٿياربند جنگ تي اچي رسن ٿا – ڇا ڪجي!؟ مان بهرحال هيڻي طبقي منجهان آهيان ان ڪري چپ رهندي به احتجاج ڪندڙ آهيان ۽ ان ڪري ان مڙهيل جنگ ۾ وڙهڻ لاءِ مجبور آهيان. انهيءَ ويڙهه جي انت ۾ شايد مان ۽ تون جيئرا هجون! شايد اسان ٻنهي منجهان ڪو هڪ باقي هجي يا شايد اسان ٻئي نه هجون! سچ پڇين ته ايذاءَ جي ڊگهي سلسلي مان لنگهايو پيو وڃان. شهر جي هر چؤنڪ تي بيٺل فوجين کي پنهنجي تلاشي ڏيندي ڏيندي، ڄڻ چور بڻجي پيو آهيان. اهو ڄاڻندي به ته منهنجا کيسا خالي آهن، ڀوَ کان دل بيهڻ لڳندي آهي ته نڄاڻ ڪهڙي شيءِ مون منجهان نڪري پوي ۽ مان پڪڙيو وڃان.
    سج لهندي ئي ڪرفيو راڪاس جيان شهر جي ٻي گليءَ مان ڦري ويندو آهي ۽ زندگي ڪنهن بي ڏوهيءَ جيان مڙهيل قيد هيٺ، گهرن ۾ پورجي ويندي آهي. افسوس اهو آهي ته مان سڪون، امن ۽ انسان دوستيءَ جي ڪنهن شاندار دور ۾ نه جنميو ويس. منهنجي حصي ۾ آڳ، خون، بربادي، تباهي، ماڻهوءَ جي هٿان ماڻهوءَ جي ڪوس ۽ هٿيارن جي ڀيانڪ ويڙهه ۾ ٿڪائيندڙ مايوسيءَ جو جُڳ آيو ۽ مان ان ۾ ان لاءِ به جيئڻ لاءِ مجبور آهيان، جو مان بهرحال موت کان ڊڄان ٿو، اهو ڄاڻندي به ته موت ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾، ڪٿي نه ڪٿي مون کي گڏجڻو ئي آهي. اها به پڪ اٿم ته منهنجو لاش لاوارث حيثيت ۾ ڪنهن اونداهيءَ ڳلي يا ڪنهن گنديءَ ناليءَ مان لڀندو يا انيڪ ڏينهن پنهنجي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو هوندو، يا ماتم ڪرڻ لاءِ منهنجي ماءُ کي ڏنو ويندو ۽ هوءَ ماتم ڪندي به منهنجي چچريل چهري کي ڏسي هر هر شڪ منجهان سوچيندي ته نڄاڻ اهو منهنجو پُٽ آهي يا نه؟ ان کان به وڌيڪ افسوس ان ڳالهه جو اٿم ته اهو سڀ ڪجهه مان پنهنجي ئي وطن ۾، پنهنجي جنم شهر ۾ ڀوڳيان پيو، جنهن شهر جي ڳلين ۾ ٻاروتڻ ۾ اٽي ڏڪر ۽ لڪ لڪوٽي راند رهي آهي ۽ لغڙ اُڏايا آهن. جواڻيءَ جي نئين نڪور شروعات ۾ ڪيئي ڀيرا ڌڙڪندي دل سان ڪيئي محبتون ماڻيون اٿم، انهن ساڳين ڳلين ۾ کلندڙ ڳڙکين مان توکي خبر آهي، سورهن سالن جي عمر ۾ پهريون پيار ڪنهن سان ڪيو هئم؟ ڪاهه ڪري آيل انهيءَ ڌارئين لشڪر جي ڇوڪري سان، جنهن لشڪر طرفان مڙهيل ڏاڍ هيٺ اڄ اسين پيڙهجي رهيا آهيون ۽ پيڙهجڻ کان انڪار ڪرڻ لاءِ احتجاج جي ڏوهه هيٺ، تهائين وڌيڪ پيڙهجي رهيا آهيون، سرڪار هٿان. پر تڏهن ان پهرئين پيار ۾ پنهنجي پنهنجي گهر جي ڇت تي وچ ۾ بيٺل ديوار جي هِن ڀر ۽ هُن ڀر بيهي، پيار جون ڳالهيون ڪندي اسان کي ڪڏهن خيال ئي نه آيو ته ايندڙ وقت رتوڇاڻ ٿيو، اسان جي پٺيان بيٺو آهي. وقت ايندو، جڏهن هڪ ٻئي جي ڀر مان لنگهندي نفرت جو احساس نانگ جيان ڏنگيندو اسان کي . منهنجي پهرئين پيار جي پڄاڻي نفرت جي انهيءَ اظهار تي ٿي هئي. هن منهنجي قوم کي بُرو چيو هو ۽ مون هنن کي. ان لاءِ هن وٽ ڪيئي جذباتي ثبوت هئا ۽ مون وٽ به ڪيئي دليل هئا. ان کان پوءِ هوريان هوريان مان انهن ساڳين ڳلين ۾ اوپري بڻبي ويس. پنهنجي ئي اندر ڄڻ بي امان ٿي پئي آهيان، جو پنهنجي ئي گهر جي بند ڪمري ۾ سمهندي به ائين پيو محسوس ٿيندو اٿم، ڄڻ فٽ پاٿ تي الف اُگهاڙي آسمان هيٺ پيل آهيان ۽ چنڊ به ڪنهن دهشتگرد جي اک جيان ٿو مون کي گهوري ۽ توري تڪي.
    مون چيو: وري ڪڏهن ملنداسون؟
    هن چيو: تون ۽ مان هاڻي شايد ڪڏهن به نه ملنداسون ۽ جي ملنداسون ته به هر ڀيري اويساهيءَ جي ان احساس هيٺ جدا ٿينداسون ته شايد اها آخري ملاقات آهي، شايد ان کان پوءِ ٻيهر نه ملون.
    ان کان پوءِ ڪيتري دير چپ چاپ ويٺا رهياسون. ڪافي ٿڌي ٿي چڪي هئي. مون محسوس ڪيو ته اهڙي ئي ٿڌ اسان جي اندر ۾ آهي. ان خاموشيءَ دوران پنهنجي پنهنجي حصي جي ٿڌي ڪافي، زهر جي پيالي جيان هڪ ئي ڍُڪ ۾ پيئندي مون محسوس ڪيو ته هو به سقراط آهي ۽ مان به سقراط آهيان، پر افسوس اسان جو سُور زهر پيئڻ سان به نٿو مري.
    ان کان پوءِ
    اهڙيون ڪجهه پوريون/اڻپوريون ملاقاتون. انهن ۾ گڏيل پيڙائن، اداسين ۽ احساسن جو اظهار. اهڙو اظهار ڪڏهن خاموشيءَ جي رستي، ڪڏهن لفظن جي رستي. ڪڏهن ٿڌي ڪافي ۽ ڪڏهن گرم. ان کان پوءِ هڪ تهائين گهڻو ڊگهو عرصو دوريءَ جو وچ ۾ ڦهلجي بيٺل. ان ڦهلاءُ ۾ اهو ئي ناحق، ڏاڍ، ان جو ردعمل، احتجاج ۽ پڇاڙيءَ ۾ احتجاج جي وات تي لت رکيل ۽ ڪرفيو.

    اسان جي آخري ملاقات ڏاڍي عجيب هئي. هڪ صبح بستري ۾ پئي اخبار کولي هئم. ڪتي جيان ڄڀ ڪڍي سهڪندڙ اخباري بيان پڙهندي پڙهندي، هڪ فوٽوءَ تي اکيون اٽڪيون هئم ائين، جيئن ڄار ۾ ڪوريئڙو اٽڪي پوندو آهي. مون پنهنجي نيڻ نهار کي ڦاسندو، ڦٿڪندو ۽ نِستو ٿي سهڪندو محسوس ڪيو هو. ’فساد ۾ مارجي ويل لاوارث لاش سُڃاڻو‘ جي سري هيٺ هُن جو فوٽو ڇپيل هو.
    ٻاهر ڪرفيو لڳل هو ۽ اندر مان بستري جي قبر ۾ دفن ٿيل.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 756
    ڪتابن جو مشاهدو: 1267686
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 387992
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ