ڪتاب جو نالو: قرآن جو مطالعو
مصنف: مولانا وحيد الدين خان / يوسف هاشمي
ڇپائيندڙ: سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 03 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 568 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 342 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”قرآن جو مطالعو (قرآني آيتن جو تذڪيري اڀياس)“ نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2016ع ۾سچائي اشاعت گهر دڙو وٽان ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام آهن.
  • سنڌ سلامت پاران :
  • سنڌيڪار پاران
  • پيش لفظ
  • قرآن جو مطالعو

  • 001 - 1
  • 1:002
  • 2:003
  • 004-2
  • 005-2
  • 006-2
  • 007-2
  • 2:8
  • 2:9
  • 3:10
  • 3:11
  • 3:12
  • 3:13
  • 4:14
  • 4:15
  • 4:16
  • 4:17
  • 5:18
  • 5:19
  • 5:20
  • 5:21
  • 6:22
  • 6:23
  • 6:24
  • 6:25
  • 6:26
  • 6:27
  • 6:28
  • 7:29
  • 7:30
  • 7:31
  • 7:32
  • 7:33
  • 8:34
  • 8:35
  • 8:36
  • 9:37
  • 9:38
  • 9:39
  • 9:40
  • 10:41
  • 10:42
  • 10:43
  • 10:44
  • 10:45
  • 10:46
  • 10:47
  • 11:48
  • 12:49
  • 12:50
  • 12:51
  • 13:52
  • 13:53
  • 13:54
  • 14:55
  • 14:56
  • 14:57
  • 15:58
  • 15:59
  • 16:60
  • 16:61
  • 16:62
  • 16:63
  • 16:64
  • 16:65
  • 17:66
  • 17:67
  • 17:68
  • 17:69
  • 17:70
  • 17:71
  • 17:72
  • 17:73
  • 18:74
  • 19:75
  • 20:76
  • 20:77
  • 20:78
  • 20:79
  • 21:80
  • 22:81
  • 22:82
  • 22:83
  • 23:84
  • 23:85
  • 23:86
  • 24:87
  • 25:88
  • 25:89
  • 25:90
  • 25:91
  • 26:92
  • 26:93
  • 27:94
  • 28:95
  • 28:96
  • 28:97
  • 28:98
  • 28:99
  • 28:100
  • 29:101
  • 29:102
  • 29:103
  • 29:104
  • 29:105
  • 30:106
  • 30:107
  • 30:108
  • 31:109
  • 31:110
  • 32:111
  • 33:112
  • 33:113
  • 33:114
  • 33:115
  • 33:116
  • 33:117
  • 34:118
  • 34:119
  • 34:120
  • 34:121
  • 34:122
  • 35:123
  • 35:124
  • 35:125
  • 36:126
  • 36:127
  • 36:128
  • 36:129
  • 37:130
  • 38:131
  • 38:132
  • 133-38
  • 134-38
  • 135-39
  • 136-39
  • 137-39
  • 138-39
  • 139-39
  • 140-39
  • 141-39
  • 142-40
  • 143-40
  • 144-41
  • 145-41
  • 146-41
  • 147-41
  • 148-41
  • 149-42
  • 150-42
  • 151-42
  • 152-42
  • 153-43
  • 154-43
  • 155-43
  • 156-44
  • 157-44
  • 158-45
  • 159-45
  • 160-45
  • 161-45
  • 162-45
  • 163-46
  • 164-46
  • 165-46
  • 166-46
  • 167-47
  • 168-48
  • 169-49
  • 170-49
  • 171-49
  • 172-49
  • 173-49
  • 174-50
  • 175-50
  • 176-51
  • 177-51
  • 178-52
  • 179-52
  • 180-53
  • 181-53
  • 182-54
  • 183-54
  • 184-55
  • 185-55
  • 186-56
  • 187-57
  • 188-57
  • 189-57
  • 190-58
  • 191-59
  • 192-59
  • 193-59
  • 194-59
  • 195-60
  • 196-61
  • 197-62
  • 199-63
  • 200-63
  • 201-64
  • 202-64
  • 203-64
  • 204-65
  • 205-65
  • 206-66
  • 207-66
  • 208-67
  • 209-67
  • 210-68
  • 211-69
  • 212-70
  • 213-71
  • 214-72
  • 215-73
  • 216-74
  • 217-75
  • 218-76
  • 219-77
  • 220-78
  • 221-29
  • 222-80
  • 223-81
  • 224-82
  • 225-83
  • 226-48
  • 227-85
  • 228-86
  • 229-87
  • 230-88
  • 231-89
  • 232-90
  • 233-91
  • 234-92
  • 235-93
  • 236-94
  • 237-95
  • 238-95
  • 239-97
  • 240-98
  • 241-99
  • 242-100
  • 243-105
  • 244-102
  • 245-103
  • 246-104
  • 247-105
  • 248-106
  • 249-107
  • 250-108
  • 251-109
  • 252-110
  • 253-111
  • 254-112
  • 255-113
  • 256-114

  • ترتيب

    هن ڪتاب جا حق ۽ واسطا عام آهن.

    سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي جو ڪتاب نمبر: ٻيو

    [2]
    ڪتاب جو نالو : قرآن جو مطالعو
    ليکڪ : مولانا وحيد الدين خان
    سنڌيڪار : يوسف هاشمي
    ڇاپو پهريون : فيبروري، 2016ع
    ڇپائيندڙ : سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي، حيدرآباد
    ٽائيٽل ڊزائين : مور ساگر، ساحل پرنٽرس، 43 رابعه اسڪوائر، حيدرآباد




    ڪتاب حاصل ڪرڻ لاءِ:


    سچائي اشاعت گهر
    43 ــ رابعه اسڪوائر، حيدر چوڪ،
    گاڏي کاتو، حيدرآباد، سنڌ.
    رابطي لاءِ: 03312997336، 03013640468
    Email: myusifmemon@gmail.com



    QURA’AN JO MUTALOU
    By: Molana Waheed-ul-din Khan
    Translate in Sindhi: Yousif Hashmi
    Published by: Center For Peace & Spirituality Hyderabad (CPSH),
    Hyderabad, Sindh Pakistan.
    Contact: 03312997336, 03013640468
    1st Edition: February 2016


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (263) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”قرآن جو مطالعو (قرآني آيتن جو تذڪيري اڀياس)“ نامياري عالم مولانا وحيد الدين خان جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيڪار يوسف هاشمي صاحب آهي. هي ڪتاب سينٽر فار پيس اينڊ اسپريچوئلٽي پاران 2016ع ۾سچائي اشاعت گهر دڙو وٽان ڇپايو ويو.
    ”تذڪير“ جي لغوي معنيٰ آهي ”ڪا ڀُليل ڳالهه يا وساريل ڳالهيون ياد ڏيارڻ“ ۽ مولانا وحيد الدين خان پنهنجي هن ڪتاب ۾ 256 عنوانن جي چونڊ ڪري، انهن جي قرآني آيتن جي روشنيءَ ۾ نهايت مختصر پر جامع ۽ سوَلي تشريح ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قرآني تعليم جي ڪجهه ڳالهين کان واقف ڪرڻ آهي، جن کان اسين غافل ٿي چڪا آهيون يا ٿيندا پيا وڃون.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    سنڌيڪار پاران

    سنڌيڪار پاران

    ”تذڪير“ جي لغوي معنيٰ آهي ”ڪا ڀُليل ڳالهه يا وساريل ڳالهيون ياد ڏيارڻ“ ۽ مولانا وحيد الدين خان پنهنجي هن ڪتاب ۾ 6 5 2 عنوانن جي چونڊ ڪري، انهن جي قرآني آيتن جي روشنيءَ ۾ نهايت مختصر پر جامع ۽ سوَلي تشريح ڪئي آهي، جنهن جو مقصد قرآني تعليم جي ڪجهه ڳالهين کان واقف ڪرڻ آهي، جن کان اسين غافل ٿي چڪا آهيون يا ٿيندا پيا وڃون.
    اهي ڳالهيون اسانجي روزاني زندگيءَ ۾ پيش اينديون رهنديون آهن، هنن آيتن ۽ انهن جي تشريح اسانکي انهيءَ روزاني ڪاروهنوار جي يادگيري ڏيارين ٿيون. ته انهن جي روشنيءَ ۾ اسين نه رڳو هن دنيا جي وقتي زندگيءَ کي خدائي رهنمائيءَ ۾ گذاريون، پر آخرت جي دائمي زندگي به سنواريون. هيءَ ڪتاب ”قرآن“ جي آيتن جي روشنيءَ ۾ هڪ گائيڊ/رهبر بوڪ آهي.
    هن کان اڳ اسين مولانا وحيد الدين خان جو ڪتاب ”سيرت جو مطالعو“ پيش ڪري چڪا آهيون، هن کانپوءِ مولانا صاحب جي ڪجهه ٻين ڪتابن سان گڏ سندس لکيل قرآن پاڪ جو تفسير ”تذڪير القرآن“ جو پڻ سنڌيءَ ۾ ترجمو پيش ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، جنهن جي ترجمي جو ڪم هلندڙ آهي.
    هن ڪتاب ۾ قرآني آيتن جي ترجمي ۾ مولانا محمد مدنيءَرحه جي ترجمو ڪيل قرآن پاڪ مان مدد ورتي ويئي آهي، جيڪو ’سنڌيڪا اڪيڊمي‘ ڪراچي پاران ڇپرايو ويو آهي، الله تعاليٰ مولانا مدني کي جزاءِ خير عطا ڪري ۽ اسانجي هيءَ ننڍڙي ڪوشش قبول فرمائي...(آمين)
    يوسف هاشمي
    7 جنوري 2016ع حيدرآباد


    پيش لفظ

    پيش لفظ

    قرآن جو مطالعو

    هڪ آسماني ڪتاب جو ڪنهن انسان تي لهڻ هڪ بي حد غير معمولي واقعو آهي. قديم عربستان ۾ اهو غير معمولي واقعو ٿي گذريو. الله تعاليٰ ملائڪ جبرئيل جي ذريعي قرآن کي مڪي جي حضرت محمدصه بن عبدالله بن عبدالمطلب تي لاٿو. قرآن جو اهو لهڻ لڳ ڀڳ ٽيويهن سالن ۾ پورو ٿيو. ان جو شروعاتي حصو مڪي ۾ 610ع ۾ لٿو ۽ ان جو آخري حصو 632ع ۾ مديني ۾ لٿو.


    قرآن جا دليل
    اهو قرآن ڪهڙي نموني پيغمبر اسلام تي لٿو، اُن جو ذڪر قرآن ۾ هنن لفظن ۾ آيو آهي: وِانه لتنزيل رب العالمين نزل به الروح الامين علي قلبک لتکون من المنذرين، بلسان عربي مبين، و اِنه لفي زبر الاولين (الشعراء 192 ــ 196) يعني: ۽ بيشڪ اهو جهان جي پاليندڙ جو لاٿل آهي. ان کي امانت وارو کڻي آيو آهي تنهنجي دل تي ته تون ڊيڄاريندڙن مان ٿئين. پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾. ۽ بيشڪ اهو اڳين جي ڪتابن ۾ لکيل آهي.
    وحيءَ جي لهڻ (روح) جا وڌيڪ تفصيل حديث ۾ آيا آهن. وحيءَ جي حقيقت جي باري ۾ سوال ڪيا ويا ته قرآن ۾ ان جو جواب هن ريت ڏنو ويو: ’ويسئلونک عن الروح، قل الروح من اَمر ربي وما اوتيتم من العلم الا قليلاََه‘ (بني اسرائيل 85) يعني: ۽ هو توکان روح جي باري ۾ پُڇن ٿا، چئو روح منهنجي پالڻهار جي حڪم سان آهي. ۽ توکي تمام گهٽ علم ڏنو ويو آهي.
    اُن جو مطلب اهو آهي ته ان سوال جي سلسلي ۾ اصل مسئلو سنئون سڌو جواب ڏيڻ جو نه آهي، پر خود سوال ڪندڙ جي پنهنجي محدوديت جو آهي. ڇو ته سوال ڪندڙ پنهنجي فطري محدوديت جي ڪري ان مسئلي کي رڳو ٿورو ئي سمجهي سگهي ٿو. هو ڪُلي معنيٰ ۾ ان جي نوعيت جو احاطو ڪري نٿو سگهي، اهو جواب عين سائنٽيفڪ آهي. دنيا جي سڀني شين جي اُڀياس جي لاءِ سائنس ۾ اهو ئي طريقو اختيار ڪيو ويندو آهي. خود سائنسي تحقيق ٻڌايو آهي ته انسان پنهنجي پيدائشي محدوديت جي ڪري ڪنهن علم جو مڪمل طور تي احاطو نٿو ڪري سگهي. تنهن ڪري سائنس ۾ جزوي واقفيت جي بنياد تي ئي سڀئي نظريا قائم ڪيا ويا آهن. اهوئي سائنسي طريقو انسان کي وحيءَ جي باري ۾ به اختيار ڪرڻ گهرجي.
    قرآن، خدا جو ڪلام آهي، اهو پيغمبر اسلام جو پنهنجو ڪلام ڪونهي. ان جو هڪ سادو ثبوت قرآن ۽ حديث جي زبان جو فرق آهي. حديث، خود پيغمبر اسلام جو پنهنجو ڪلام آهي ۽ قرآن اهو خدائي پيغام آهي، جيڪو ملائڪ وسيلي پيغمبر تي لٿو. جڏهن ٻنهي جو تقابلي (ڀيٽا ڀيٽي) اُڀياس ڪيو وڃي ته خبر پوي ٿي حديث پنهنجي سڀني خوبين جي باوجود هڪ ”بشر“ جي زبان لڳي ٿي. ان جي ابتڙ قرآن پنهنجي غير معمولي اسلوب جي ڪري اُتم شاهاڻون ڪلام نظر اچي ٿو. حديث جي زبان ۽ قرآن جي زبان ۾ فرق ايترو ته ظاهر آهي، جو ڪوبه عربي دان جيڪو ٻنهي کي ڀيٽاڀيٽي (تقابلي) پڙهي، اهو ان فرق کي محسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو. ٻنهي جو اهو فرق پنهنجي پاڻ ۾ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قرآن، الله جو ڪلام آهي نه ڪي خود رسول جو پنهنجو ڪلام.
    ٻي شئي اها ته قرآن جي ڪلام ۾ معنوي لحاظ کان اهڙا مختلف پهلو آهن، جيڪي ڪنهن به انسان جي ڪلام ۾ موجود نه آهن. انهن مان هڪ پهلو اهو آهي ته قرآن ۾ فلڪيات، طبعيات، حياتيات، ارضيات، نباتيات، حيوانيات ۽ تاريخ وغيره جي باري ۾ اهڙا بيان آهن، جيڪي ڏيڍ هزار سال اڳ ڪنهن به انسان کي معلوم نه هئا، جيستائين قرآن نازل نه ٿيو. اهي حقيقتون پهريون ڀيرو اڻويهين ۽ ويهين صديءَ ۾ انسان جي علم ۾ آيون. انهن جو حوالن طور تي قرآن ۾ موجود هئڻ، ان ڳالهه جو قطعي ثبوت آهي ته قرآن خداوند عالم الغيب جو ڪلام آهي. ڪوبه انسان ان قسم جي اڳواٽ اطلاع تي قادر ٿي نٿو سگهي.
    ان قسم جا ڪيترائي مثال مون پنهنجن ڪتابن ۾ ڏنا آهن. جهڙوڪ: عظمت قرآن، مذهب ۽ جديد چئلينج جو لاڳاپيل حصو. پنهنجي تفسير ”تذڪير القرآن“ ۾ به مون ڪن آيتن جي تشريح تحت ان قسم جا حوالا شامل ڪيا آهن.
    فرانس جي ڊاڪٽر مورس بڪائي (Maurice) ان موضوع تي فرينچ زبان ۾ هڪ ڪتاب لکيو آهي. ان جو ترجمو مختلف زبانن ۾ ٿيو آهي. عربيءَ ۾ ان جو نالو ”القرآن الکريم والتوراة والانجيل العلم (صفحا 290) ۽ انگريزي ترجمي جو ٽائيٽل: “The Bible The Quran and Science” آهي. ان ڪتاب ۾ قرآن جي قديم بيانن جي ڀيٽ جديد سائنسي دريافتن سان ڪئي ويئي آهي. ليکڪ لکيو آهي ته ٻنهي جي وچ ۾ مڪمل هڪجهڙائيءَ (ڪامل مطابقت) جي تشريح ان کان سواءِ ٻي ڪابه نٿي ڪري نٿي سگهجي ته قرآن کي خدا جو ڪلام مڃيو وڃي. ان موضوع تي تفصيلي بحث ڪندي پڇاڙيءَ ۾ ليکڪ لکيو آهي:
    In view of the level of knowledge in Mohammad’s day, it is inconceivable that many of the statements in the Qur’an which are connected with science could have been the work of a man. It is, more over, perfectly legitimate, not only to regard the Qur’an as the expression of a Revelation but also to award it a very special place, on account of the guarantee of authenticity it provides and the presence in it of scientific statements which, when studied today, appear as challenge to explanation in human terms.


    سهيڙ ۽ ترتيب
    قرآن پرنٽنگ پريس جي زماني کان اڳ جي زماني ۾ نازل ٿيو. پر اُن جي حفاظت جي لاءِ غير معمولي بندوبست ڪيو ويو. پيغمبر اسلام ﷺ وٽ هر وقت ڪونه ڪو وحيءَ جو ڪاتب موجود رهندو هو ته جيئن جڏهن به جبرئيل قرآن جو ڪو حصو کڻي لهي ته اهو هڪدم لکي وٺجي. اها ڪتابت ان زماني جي ڪاغذن تي هوندي هئي، جهڙوڪ: کل وغيره. ڪتابت جو اهو بندوبست ايترو ته گهڻو هو، جو هجرت جي موقعي تي پيغمبرِ اسلام ﷺ پنهنجي صحابي ابوبڪر صديقرضه سان گڏ مڪي کان مديني روانو ٿيو ته جيتوڻيڪ اهو بيحد هنگامي سفر هو، پر ان جي باوجود حضرت ابوبڪررضه جيڪو هڪ ڪاتب وحي به هو. ان پاڻ سان گڏ قلم ۽ ڪاغذ به کنيو هو، ته جيئن سفر جي دوران جيڪڏهن قرآن جو ڪو حصو لهي ته اهو هڪدم لکي وٺجي.
    قرآن کي محفوظ ڪرڻ جو اهو بندوبست هڪ ئي وقت ٻن طريقن سان جاري هو. هڪ، لهڻ کان هڪدم پوءِ اهو لکي وٺڻ. ٻيو ان کي باقاعده ياد ڪرڻ. ايئن هڪ طرف لڳ ڀڳ ٻه ڊزن وحيءَ جا ڪاتب، وحي جي ڪتابت جي عمل ۾ رڌل رهندا هئا، ۽ ٻي طرف هزارن جي تعداد ۾ پاڻ سڳورن جا اهڙا اصحابي هئا، جيڪي قرآن پاڪ کي لفظ به لفظ ياد ڪري وٺندا هئا. پڌرو هجي ته پريس جي دؤر کان اڳ سڄي دنيا ۾ شين کي ياد رکڻ جو رواج هو، تنهن ڪري گهڻي استعمال جي ڪري ان زماني جي ماڻهن جي يادگيري به سٺي هوندي هئي. جهڙوڪ: قديم عربستان ۾ هزارين اهڙا ماڻهو هئا، جن کي ڊگها ڊگها شجرا ۽ وڏا وڏا قصيدا زباني ياد هئا ۽ هو انهن کي پنهنجي حافظي جي مدد سان محفلن ۾ پڙهندا هئا.
    ايئن قرآن موقعي جي مناسبت سان لهندو رهيو. ايستائين جو اهو پيغمبر ﷺ جي لاڏاڻي کان ڪجهه عرصو اڳ مڪمل ٿيو. پيغمبر اسلام ﷺجي هن دنيا مان لاڏاڻي کان اڳ جڏهن قرآن جا سڀ حصا لهي چڪا هئا ته خدا جي حڪم سان جبرئيل پاڻ سڳورن وٽ آيو، هن قرآن جي سڀني لٿل حصن کي هاڻوڪي مصحف موجود ترتيب ڏنو ۽ پوءِ مڪمل قرآن، سورة فاتحه کان وٺي سوره الناس تائين سلسلي وار پڙهي ٻڌايو. ايئن جبرئيل جي سامهون قرآن پڙهڻ جو واقعو ٻه ڀيرا ٿيو. پهرين پڙهڻيءَ کي ’عرضه اوليٰ‘ ۽ ٻيو ڀيرو پڙهڻيءَ کي ’عرضه اخيره‘ چيو وڃي ٿو.
    632ع ۾ پيغمبر اسلام ﷺ جي وفات ٿي ته ان وقت قرآن هر لحاظ کان مڪمل ۽ محفوظ ٿي چڪو هو. البت اهو اڃا سوڌي هڪ مجلد ڪتاب جي صورت ۾ گڏ نه ٿيو هو. اهو ڪم پهرين خليفي ابوبڪر صديقرضه جي هدايت موجب ڪيو ويو. پهرينءَ خليفي ان ڪم جي لاءِ زيد بن ثابت انصاريءَ کي مقرر ڪيو، جيڪو ان ڪم جي لاءِ صحابين مان وڌيڪ اهل سمجهيو ويندو هو.
    حضرت زيد بن ثابترضه ان ڪم جي لاءِ اهو آخري بندوبست ڪيو، جيڪو ڪنهن انسان جي لاءِ ممڪن ٿي سگهيو ٿي. هن پڙو ڏياريو ته جن وٽ به قرآن جا لکيل جيترا به حصا آهن، اهي سڀ آڻين. تنهن ڪري سڀني ڪتابت ٿيل حصا حضرت زيد بن ثابت انصاريرضه جي حوالي ڪري ڇڏيا. هو پاڻ به قرآن جو مڪمل حافظ هو. پر هن وڌيڪ احتياط جي لاءِ ڪجهه ٻين حافظن کي به پنهنجي مدد جي لاءِ مقرر ڪيو.
    هاڻ اهو عمل شروع ڪيو، جنهن کي هڪ مستشرق بجا طور تي چيڪنگ جو ٻٽو طريقو (Double Checking System) جو نالو ڏنو آهي. يعني هڪ طرف قاري قرآن جا حصا پڙهندو هو ۽ ٻي طرف ان پڙهيل حصي جي ڀيٽ لکيل ذخيري سان ڪئي ويندي هئي ۽ جڏهن لکت ۽ يادگيري، ٻئي هڪٻئي موجب ثابت ٿي ويندا هئا ته ان زماني جي دستياب ڪاغذ تي لکيو ويندو هو. اهڙي طرح چيڪنگ جي ٻٽي اصول کي اختيار ڪندي سڄي قرآن کي شروع کان وٺي آخر تائين ترتيب کي ان زماني جي ڪاغذ تي لکيو ويو، ۽ پوءِ اهو سلائي ڪري، ان کي هڪ مجلد ڪتاب جي صورت ڏني ويئي، جيئن ته اهو پهريون مصحف چوڪنڊو هو، تنهنڪري اهو ’ربعه‘ سڏجڻ لڳو.
    ان ربعه (مصحف اول) کي خليفي ابوبڪر صديق، رسول الله ﷺ جي گهر واريءَ حضرت حفصه بنت عمررضه وٽ رکرائي ڇڏيو ۽ اهو مصحف اول ان ئي حالت ۾ حضرت حفصه وٽ محفوظ رهيو. نيٺ حضرت عثمان بن عفان، ٽين خليفي جو زمانو آيو. جنهن ان ’مصحف اول‘ کي حضرت حفصه کان گهرايو ۽ سرڪاري بندوبست هيٺ ان جا ڪيترائي نقل تيار ڪرايا ۽ پوءِ انهن تيار ٿيل سرڪاري نسخن کي مسلم دنيا جي وڏن وڏن شهرن ۾ موڪلي ڏنو ۽ اهو حڪم ڏنو ته اهي نسخا شهر جي جامع مسجدن ۾ رکيا وڃن ته جيئن ماڻهو انهن مان فائدو وٺي سگهن. ان کان پوءِ هر شهر ۾ ماڻهو انهن نسخن تان وڌيڪ نقل تيار ڪرڻ لڳا. ايئن قرآن جا هزارين صحيح نسخا ايشيا کان وٺي آفريقا تائين هر ملڪ ۾ پکڙجي ويا.
    قرآن جي حفاظت ۽ اشاعت جي اها تاريخ اڳيان وڌندي رهي. ان ۾ مختلف پهلوئن کان نسل درنسل ماڻهو حصو وٺندا رهندا. جهڙوڪ: بنو اميه جي حاڪم حجاج بن يوسف الثقفيءَ (وفات 95هه/ 714ع) جي زماني تائين قرآن ۾ اعرابون نه هونديون هيون. جنهنڪري غير عرب ان کي پڙهڻ ۾ غلطيون ڪندا هئا. حجاج سڄي قرآن تي اعرابون ڏياريون، جنهن جي نتيجي ۾ اهو امڪان ختم ٿي ويو ته ڪو شخص قرآن پڙهڻ ۾ ادائگيءَ جي غلطي ڪري.
    ساڳيءَ طرح قرآن جا قديم نسخا ابتدائي خط ۾ لکيا ويندا هئا. ان خط جو اسلوب بنهه سادو هو. ان ۾ هاڻوڪي تحريري سونهن موجود نه هئي. ان کوٽ کي عباسي دؤر جي خطاط ابن مقله (وفات 940ع) پورو ڪيو. ابن مقله خطاطيءَ جو خصوصي ذوق رکندو هو. هن ڊگهي عرصي جي مشق ۽ تجربي کان پوءِ اهو سهڻو عربي خط ايجاد ڪيو، جنهن کي ’خط ڪوفي‘ چيو ويندو آهي. هاڻوڪو عربي خط ان جي هڪ ترقي ڪيل شڪل آهي. ساڳئي طرح ابن مقله جي ڪوششن قرآن کي ’حسن خط‘ جي دؤر ۾ داخل ڪيو.
    قرآن جي حفاظت جو اهو عمل صدين تائين جاري رهيو. ڪجهه ماڻهن مڪمل بندوبست سان قرآن جا نقل تيار ڪندا هئا ۽ ڪجهه ماڻهو مڪمل بندوبست سان قرآن کي حفظ ڪندا هئا. ڪتابت ۽ حفظ کي هڪ ٻئي کان ڀيٽ ڪرڻ جو عمل به صدين تائين جاري رهيو. جڏهن به ڪو شخص قرآن جو هڪ نسخو لکي تيار ڪندو هو ته ڪنهن حافظ کان پڙهائي ان کي ڀيٽيندو هو. ساڳئي طرح جڏهن ڪو شخص قرآن حفظ ڪندو هو ته ان حفظ کي لکيل قرآن سان ڀيٽيندو هو. اهو عمل لڳاتار جاري رهيو. ڪجهه ماڻهن قرأت ايجاد ڪئي، جنهن کان پوءِ هر نسل ۾ هزارين ماڻهو ان عمل ۾ مشغول ٿي ويا ته جيئن هو پيغمبر ۽ پاڻ سڳورن جي اصحابن جي لهجي ۽ قرأت کي اڳوڻي حالت ۾ محفوظ رکن.
    اها حفاظت، قرأت جو اهو بندوبست ايتري ته وڏي پئماني تي ٿيو، جو اڄ هڪ سکيا ورتل قاري جڏهن قرآن جي تلاوت ٿو ڪري ته ٻڌندڙن کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته اهو رسول ۽ اصحاب رسول جي قرآت کي ٻڌي رهيو آهي. ايئن رسول ۽ اصحاب رسول جي قرآن تاريخ جي دوش تي سوار ٿي نسل درنسل سفر ڪندي رهي ته جيئن هر زماني جي ماڻهن کي ان جي گونج اصل آواز ۾ ٻُڌڻ ۾ ايندي رهي.
    قرآن جي حفاظت جو اهو عمل نسل در نسل جاري رهيو. ايستائين جو اهو پرنٽنگ پريس ۽ رڪارڊنگ جي دؤر ۾ پهچي ويو. پرنٽنگ جي ايجاد قرآن جي ڪتابت کي ابدي طور تي محفوظ ڪري ڇڏيو. ساڳئي طرح رڪارڊنگ جي ايجاد قرآن جي اصل آواز جي حفاظت جي يقيني ضمانت بنجي ويئي. ٻين لفظن ۾ اهو ته قرآن جي انساني حفاظت سان گڏوگڏ هاڻ ان جي پويان مشيني حفاظت جو بندوبست به شامل ٿي ويو. ان وڌيڪ بندوبست هاڻ قرآن جي متن ۾ ڪنهن به قسم جي بگاڙ کي عملي طور تي ناممڪن بنائي ڇڏيو آهي.


    عربي زبان
    قرآن جي حفاظت سان گڏ اهو به ضروري هو ته قرآن جي زبان عربيءَ کي به سدائين جي لاءِ محفوظ رکجي. اهو ڪم به اُمت جي عالمن وڏي پئماني تي ڪيو. عربي زبان، قرآن جي لهڻ وقت ئي هڪ اعليٰ زبان جي حيثيت رکندي هئي، پر فني لحاظ کان ان جي تدوين نه ٿي هئي. ان سلسلي ۾ ڪيترائي ماڻهو اُٿيا، جن نحو ۽ صرف ۽ لغت جي ميدان ۾ غير معمولي ڪم ڪيا ۽ عربي زبان کي هڪ مدون لغت جي حيثيت ڏيئي ڇڏي. قرآن جي زبان عربيءَ جي حفاظت جو اهو ڪم ايڏي وڏي پئماني تي ٿيو جو عربي زبان اڄ به پنهنجي شروعاتي حالت ۾ جيئري آهي، جيئن قرآن جي نازل ٿيڻ وقت هئي. چوڏهن سؤ سالن جي ڊگهي عرصي گذري وڃڻ جي باوجود ان جي اندر ڪابه لغوي تبديلي اچي نه سگهي آهي، جڏهن ته ان عرصي دوران دنيا جون هڙئي زبانون بدلجي چڪيون آهن.
    جهڙوڪ: جيفري چاسر (Geoffrey Chaucar) انگريزي زبان جو مشهور شاعر آهي. چاسر 1342ع ۾ لنڊن ۾ ڄائو ۽ 1400ع ۾ گذاري ويو. هن جو زمانو اڄ کان پنج سؤ سال اڳ جو آهي. پر سندس زبان هاڻوڪي انگريزي زبان کان ايتري ته مختلف آهي، جو اڄ جو ڪو عام انگريزدان ان کي سمجهي نٿو سگهي. اها فقط ڊڪشنري ۽ مخصوص ماهرن جي تشريح/ وضاحت جي مدد سان سمجهي سگهجي ٿي. پر قرآن جي زبان عربيءَ جو معاملو اُن کان بلڪل ڌار آهي. اڄ جيڪا عربي زبان لکي وڃي ٿي، سا بلڪل اهائي آهي، جيڪا قرآن جي لهڻ وقت هئي. قرآن، حديث ۽ اصحابين جي زبان کي سمجهڻ اڄ به هڪ عربي دان جي لاءِ ايترو ئي سولو آهي، جهڙو اڄ کان چوڏهن سؤ سال اڳ هڪ عربي دان جي لاءِ ممڪن ۽ سولو هو.
    عربي زبان جو ايئن پنهنجي اصلي شروعاتي حالت تي باقي ۽ جيئرو رهڻ ڪو اتفاق ڪونهي. الله تعاليٰ جي توفيق سان هزارين ماڻهو زبان جي حفاظت جي ان عمل ۾ لڳا رهيا. هنن نحو ۽ صرف، لغت ۽ ٻين لاڳاپيل فنن ۾ غير معمولي محنتون ڪيون، ايستائين جو هڪ اڻ سهيڙيل (غير مدون زبان) مڪمل معنيٰ ۾ هڪ مدون علمي زبان بنجي ويئي. قرآني زبان کي محفوظ ڪرڻ جي اها محنت ڪيڏي وڏي پئماني تي ڪئي ويئي، ان جو رڳو هڪ مثال هتي ڏنو وڃي ٿو. ابو سعيد الاصمعي هڪ مشعور لغت نويس هو. هو 122هه ۾ بصري ۾ پيدا ٿيو ۽ 216هه ۾ بصري ۾ ئي وفات ڪيائين. الاصمعي کي ان ڳالهه جي لوري لڳل هئي ته هو عربي لفظن جي اها معنيٰ ڳولهي لهي، جيڪا اصلي عرب رهاڪن جي ذهنن ۾ هوندي آهي. ان مقصد جي لاءِ هو ڊگهي عرصي تائين عربستان جي ريگستان ۾ گهمندو رهيو، ته جيئن عرب بدوئن کان عربي جي باري ۾ لساني ڄاڻ حاصل ڪري، ڇو ته اهو سمجهيو وڃي ٿو ته عرب بدوئن ۾ عربي زبان پنهنجي اصلي (نج/ نبار) حالت ۾ محفوظ آهي.
    قرآن جي هڪ آيت جا لفظ هي آهن. فدمدم عليهم ربهم بذبنهم فسواها (الشمس 14). الاصمعي کي اهو اُلڪو ٿيو ته خالص عرب لفظ ”دمدم“ ڪهڙي موقعي تي ۽ ڪهڙي مفهوم ۾ ڳالهائين ٿا. ان ڌُن ۾ هو عرب جي هڪ بدو قبيلي وٽ ويو. هو ايئن به ڪري سگهيو ٿي ته ڪنهن بدوءَ کان پُڇي ها ته اوهين ”دمدم“ لفظ ڪهڙي معنيٰ ۾ ڳالهايو ٿا، پر هن ايئن نه ڪيو. هن چاهيو ته ڪو اهڙو موقعو اچي، جڏهن هڪ بدو بي ساخته/ بي اختيار/ پاڻمرادي طور تي لفظ ”دمدم“ ڳالهائي. ان مقصد جي لاءِ هو هڪ لاڏائو ڪٽنب سان شامل ٿي ويو.
    اٽڪل ڇهه مهينا گذري ويا. پر بدؤَ جي زبان مان ”دمدم“ لفظ ٻڌڻ ۾ نه آيس. نيٺ هڪ ڏينهن هيئن ٿيو ته هڪ هنڌ تنبو لڳل هو ۽ اُتي ڏينهن جي مانيءَ لاءِ ٻوڙ رڌجي رهي هئي. بدو مرد تنبوءَ جي اندر هو ۽ سندس زال ٻاهر ڪو ڪم ڪري رهي هئي. الاصمعي، بدوءَ وٽ ويٺو هو. ٻوڙ رڌجندي هڪ گهڙي اهڙي به آئي، جو ان جي گرمي سؤ ڊگرين تي پهچي ويئي ۽ ديڳڙيءَ جي مٿان رکيل ڍڪڻ جوش سبب اُڀامڻ لڳو ته زال پنهنجي مڙس کي خبر ڏيندي چيو: دمدمت... اهو ٻُڌندي ئي الاصمعي کڻي ٽپ ڏنو ۽ اهو چئي ٽپڻ لڳو:
    والله وجدت والله جدت (خدا جو قسم مون کي ملي ويو، خدا جو قسم مون کي ملي ويو.)
    ايئن ڪيترن سوَن سالن تائين هزارين اهل علم محنت ڪندا رهيا. هو مختلف پهلوئن کان عربي زبان جي تدوين ۽ حفاظت ۾ رڌل رهيا. ان جو نتيجو اڄ اسين ڏسي رهيا آهيون ته جهڙي نموني قرآن پنهنجي اصلي حالت ۾ محفوظ آهي، ايئن ئي ان جي عربي زبان به مڪمل طور تي محفوظ آهي. زبان ۽ ادب جي معاملي ۾ اها هڪ انتهائي مختلف ڳالهه آهي، ان جو ڪو ٻيو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي. جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ها ته اڄ قرآن کي عام ماڻهن جي لاءِ سمجهڻ ايئن ناممڪن هجي ها، جيئن ٻين مذهبي ڪتابن جا شروعاتي نسخا عام ماڻهن جي لاءِ سمجهڻ ناممڪن ٿي چڪا آهن. ٻيا سڀئي مذهبي ڪتاب ترجمن جي مدد سان پڙهيا وڃن ٿا، جڏهن ته قرآن اڄ به ان جي اصل زبان ۾ پڙهيو وڃي ٿو.


    قرآن جو تفسير
    قرآن ۾ مختلف انداز سان اها ڳالهه چئي ويئي آهي ته قرآن جي نزول جو مقصد اهو آهي ته ماڻهو اُن تي سوچ ويچار ڪن ۽ ان مان هدايت حاصل ڪن: کتاب انزلنه اليک مبارک ليدبروا آيته وليتذکرا ولوا الالباب. (ص- 29) يعني: هي هڪ برڪت ڀريو ڪتاب آهي، جيڪو اسان اوهان ڏانهن موڪليو آهي ته جيئن ماڻهو ان جي آيتن تي ويچارين ۽ ته جيئن عقل وارا ان مان نصيحت پرائين.
    قرآن کي پڙهڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ سادي نموني جي قرائت ڪرڻ ۽ ٻيو طريقو اهو آهي ته ان جي آيتن تي غور ۽ ويچار ڪري ان کي پڙهيو وڃي. قرآن جي قرائت مان هڪ شخص کي ان جي سادي معنيٰ جي خبر پئجي وڃي ٿي، ۽ ايئن قرآن کي سادي نموني سمجهڻ به فائديمند آهي. پر قرآن جي ڳوڙهي معنيٰ فقط تڏهن سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي، جڏهن ان جي آيتن تي غور ۽ ويچار ڪيو وڃي. هڪ اصحابيءَ بابت روايت ۾ آيو آهي ته هن ’سورة البقره‘ جو مطالعو غور ۽ فڪر سان ڪيو ته ان ۾ کيس ٽي سال لڳي ويا.
    قرآن جي سادي پڙهڻي ڇا آهي. ان کي سمجهڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. هر ماڻهو جيڪو عربي زبان ڄاڻي ٿو، اهو سادي قرائت (پڙهڻي) جي ذريعي قرآن جي معنيٰ کي سمجهي سگهي ٿو ۽ جيڪو شخص عربي زبان نٿو ڄاڻي، اهو پنهنجي مادري يا (جيڪا زبان هو ڄاڻي ٿو) ان ۾ قرآن جو ترجمو پڙهي، اهو سمجهي سگهي ٿو.
    ان لحاظ کان قرآن هڪ سولو ڪتاب آهي (القمر 7) جنهن ماڻهوءَ ۾ نصيحت پرائڻ جو ذهن هجي ۽ اهو نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاٿل نه هجي ته قرآن جي عام پڙهڻيءَ يا ان جو ترجمو پڙهڻ به ان لاءِ فائدي وارو ٿي سگهي ٿو. هو عام پڙهڻي جي ذريعي به اهڙيون تذڪيري ڳالهيون سمجهي ويندو، جيڪي هن جي زندگي کي سُڌارڻ/ سنوارڻ واريون هجن ۽ ان جي لاءِ اسلامي زندگي گذارڻ ۾ مددگار بنجي وڃن.
    پر قرآن ۾ تدبر جو معاملو اُن کان مختلف آهي. سادي پڙهڻي ۽ تدبر سان پڙهڻ کي هڪ حديث ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي. ”انزل القرآن علي سبعته احرف، لکل آية منها ظهر و بطن ولکل حد مطلع“ (مشڪاة المصابيح 1/10) قرآن ستن اکرن تي لاٿو ويو. ان جي هر آيت جو هڪ ظاهر آهي ۽ هڪ ان جو باطن آهي ۽ هر حد جي هڪ مطلع آهي.
    مطلع عربي زبان ۾ ڏسڻ يا جانچڻ جي جاءِ کي چوندا آهن. اوهين جيڪڏهن زمين تي بيٺا ڀر پاسي جي شين کي ڏسي رهيا هجو ته اوهان جي نظر جي حد گهٽ هوندي ۽ اوهين بنهه ٿورين شين کي ڏسي سگهندؤ. پر جيڪڏهن اوهين هڪ ملٽي اسٽوري بلڊنگ جي مٿينءَ ڇت تي بيهي ڏسندا ته بيهڻ واري هنڌ جي ڪري (جنهن هنڌ اوهين بيٺا آهيو) اوهان جي نظر جي حد گهڻي وڌي ويندي ۽ اوهين گهڻو پري تائين شين کي پنهنجي اکين سان ڏسي سگهندا.
    ان حديث ۾ ڏسڻ جي فرق جي مثال سان سمجهايو ويو آهي ته قرآن کي ان جي ظاهري لفظن جي لحاظ کان پڙهڻ ۽ اُن جي معنيٰ تي ويچار ڪري پڙهڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي. اهو فرق هيءَ آهي ته جيڪو شخص فقط ظاهري لفظن جي دائري ۾ قرآن کي پڙهي رهيو هجي، اهو ڄڻ هيٺين جاءِ تان قرآن جي مضمونن کي ڏسي رهيو هجي. اهڙو ماڻهو قرآن جي فقط سادي مفهوم تائين پهچي سگهندو. ان جي ابتڙ جيڪو شخص معنيٰ تي غور ڪندي قرآن کي پڙهي اهو ڄڻ مٿاهين هنڌ تان قرآن جي مضمونن کي پيو ڏسي. اهو ٻيو شخص قرآن جي گهرائين تائين پهچي ويندو. قرآن جي اڀياس جي انهن ٻن ڌار قسمن کي علمي زبان ۾ هيئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته اُن ۾ هڪ قرآن جي سٽن (Lines) جو مطالعو آهي ۽ ٻيو قرآن جي بين السطور (Between the Lines) جو مطالعو. مطالعي جي انهن ٻنهي قسمن ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي اهل علم چڱي طرح سمجهي سگهن ٿا.
    قرآن جي سٽن کي پڙهڻ ۽ قرآن جو بين السطور مطالعو ڪرڻ، ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، ان کي هت مثال وسيلي چٽو ڪجي ٿو.
    پيغمبر اسلام ﷺ جڏهن مديني ۾ هو ته اُتي هيئن ٿيو ته پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ ڪي شخص زور زور سان ڳالهائڻ لڳا. اهو اسلامي ادب جي خلاف هو. تنهن ڪري قرآن ۾ ان کان منع جي لاءِ هيءَ آيت لٿي: ”اي ايمان وارؤ! اوهين پنهنجي آواز کي پيغمبر جي آواز کان اوچو نه ڪريو، ۽ نه کيس ايئن سڏيو، جيئن اوهين هڪٻئي کي سڏيو ٿا، ڪٿي ايئن نه ٿئي، جو اوهان جا عمل چَٽ ٿي وڃن ۽ اوهان کي خبر به نه پوي. جيڪي ماڻهو پنهنجي آواز کي الله جي رسول جي آواز کان آهستي رکن ٿا، اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي دلين کي الله تقويٰ جي لاءِ چونڊيو آهي. انهن جي لاءِ معافي آهي ۽ وڏو ثواب آهي. جيڪي ماڻهو اوهان (پيغمبر) کي حجرن جي ٻاهران سڏين ٿا، انهن مان گهڻائي سمجهه نٿي رکي ۽ جيڪڏهن هو صبر ڪن ها، ايستائين جو اوهين پاڻ ئي ٻاهر نڪري اچو ها ته ان ۾ سندن چڱائي هئي ۽ الله بخشيندڙ ۽ مهربان آهي. (الحجرات: 2 ــ 5)
    قرآن جي انهن آيتن کي جيڪو شخص سادي نموني رڳو لفظن جي سطح تي پڙهندو، اهو ان مان ظاهري مفهوم رڳو ذاتي احترام/ تقدس جو مسئلو ڪڍندو. هو سمجهندو ته رسول الله جي ذات تمام گهڻي سڳوري آهي، تنهن ڪري جيڪي ماڻهو پاڻ سڳورن جي مجلس ۾ ويهن ٿا، تن جي لاءِ اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته هو تقدس ۽ احترام جو لحاظ رکندي پاڻ سڳورن وٽ ويهن. اهڙو ماڻهو فقط قديم مديني جا ڪجهه ماڻهو ئي مخاطب سمجهندو. سندس نظر ۾ خود پنهنجي ذات جي باري ۾ يا ٻين جي لاءِ ان ۾ ڪا هدايت نه هوندي.
    ان جي ابتڙ جيڪو شخص حڪم جي معنويت تي ويچاري ۽ وڌيڪ ڳوڙهي مفهوم تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ هو انهن آيتن مان هڪ عام ۽ ابدي مسئلو ڳولهي لهندو، هو سمجهندو ته ”رسالت جي زماني“ ۾ جيڪڏهن ان جو واسطو رسول جي ذات سان هو ته هاڻ ان جو واسطو رسول جي پيغام سان ٿي ويو آهي. جيئن پيغمبر اسلام جي زندگيءَ ۾ پاڻ سڳورن جي آواز کان آواز اوچو ڪرڻ جائز نه هو، تيئن اڄ به اهو جائز نه آهي ته ڪو شخص پيغمبر اسلام جي ڏنل تعليم جي خلاف غير ضروري بحث ڪري ۽ اُن جي مقابلي ۾ سرڪشيءَ جو مظاهرو ڪري.
    اهڙي ماڻهوءَ کي آيتن جو پورو مطالعو ٻڌائيندو ته انهن آيتن ۾ جنهن حقيقت جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي، ته ماڻهوءَ جي هڪ روش اها آهي ته جيڪا ايمان، تقويٰ ۽ صبر موجب هجي ۽ ٻي روش اها آهي جيڪا نفاق، بي ڊپائي ۽ بي صبر جيءَ علامت آهي. ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو هر گهڙي پنهنجو احتساب ڪري، هو پنهنجي اندر ايمان واري صفت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ۽ نفاق وارين صفتن کان پنهنجو پاڻ کي آخري حد تائين بچائي.
    ان معاملي ۾ هڪ ٻيو مثال وٺو. قرآن جي سوره نمبر 12 ۾ حضرت يوسف عليه السلام جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. ان جو هڪ ڀاڱو اهو آهي ته ڏڪار جي زماني ۾ حضرت يوسف عليه السلام جا ڀائر اناج وٺڻ جي لاءِ وٽس مصر ۾ آيا، جڏهن انهن کي اناج ڏنو ويو ته پوءِ هڪ واقعو ٿيو، جيڪو قرآن ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي.
    ”پوءِ جڏهن انهن لاءِ سامان تيار ڪيائين، تڏهن پيئڻ جي پيالي (سقايه) کي پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکيائين ۽ پوءِ هڪ سڏ ڪندڙ سڏ ڪيو ته اي قافلي وارو! بيشڪ اوهين چور آهيو، انهن (قافلي وارن) انهن ڏي منهن ڪري چيو ته اوهان ڪهڙي شئي وڃائي آهي. انهن چيو ته اسان شاهي ماپ (صواع) وڃايو آهي، جيڪو ان کي آڻيندو، تنهن لاءِ اٺ جو بار آهي ۽ آءٌ ان جو ضامن آهيان. انهن چيو، خدا جو قسم! اوهان کي خبر آهي ته اسين ملڪ ۾ فساد ڪرڻ جي لاءِ نه آيا آهيون ۽ نه اسين چور هئاسون. انهن چيو ته پوءِ ان (ڪم) جي سزا ڇا آهي، جيڪڏهن اوهين ڪوڙا هجو. (يوسف جا ڀائر) چوڻ لڳا ته ان (ڪم) جي سزا اها هيءَ آهي ته جنهن جي سامان مان ملي سو پاڻ ان جي سزا آهي. اهڙي طرح اسين ظالمن کي سزا ڏيون ٿا. پوءِ هن جي (ننڍي) ڀاءُ جي سامان جي جهڙتي وٺڻ کان اڳ انهن جي ٻورن جي جهڙتي وٺڻ شروع ڪئي، پوءِ ان (پيالي) کي پنهنجي ڀاءُ جي لاءِ ٻوري مان ڪڍيائين. اهڙي طرح اسان يوسف لاءِ تدبير ڪئي. ڇو ته هو بادشاهه جو قانون موجب پنهنجي ڀاءُ کي وٺي نه ٿي سگهيو. اسين جنهن جا چاهيون تنهن جا درجا بلند ڪريون ۽ سڀ ڪنهن ڄاڻڻ واري کان مٿي هڪ ڄاڻندڙ آهي. (يوسف 70 ــ 76)
    انهن آيتن کي جيڪو شخص سادي نموني رڳو لفظن جي سطح تي پڙهندوته هو ان جو مطلب اهو سمجهندو ته حضرت يوسف عليه السلام جي ويڳن ڀائرن سان سندس سڳو ڀاءُ بن يامين آيو ته هن چاهيو ته هو پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي، پر هن پنهنجن ويڳن ڀائرن تي پنهنجي شخصيت به ظاهر ڪرڻ نٿي چاهي، تنهن ڪري حضرت يوسف پنهنجي ننڍي ڀاءُ جي سامان ۾ شاهي درٻار جو هڪ ٿانوَ رکائي ڇڏيو ۽ پوءِ درٻارين کي ان ۾ شريڪ ڪري بن يامين کي چوريءَ ۾ جلهرائي پاڻ وٽ ٽڪائي ڇڏيو. ان قسم جو معاملو بنا شڪ ۽ شبهي جي هڪ پيغمبر جي شان جي خلاف آهي. پر جيڪو ماڻهو فقط لفظي سطح تي قرآن جو مطالعو ڪندو، اهو انهن آيتن جو اهوئي مطلب ڪڍندو، پر جيڪو ماڻهو قرآن جي سٽن کان گذري اُن جي گهرائيءَ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ گهرائيءَ ۾ لهي ان جو مفهوم ڄاڻڻ چاهيندو، اهو مذڪوره تفسير جي ابتڙ هڪ ٻي تفسير تائين پهچي ويندو، جيڪو پيغمبر جي شان جي عين موجب آهي.
    اهڙو ماڻهو جڏهن قرآن جي انهن آيتن تي ويچاريندو ته ان جو ذهن هڪ هنڌ پهچي بيهي رهندو. هو ڏسندو ته شاهي درٻار جا رُڪن جيڪا شئي ڳولهي رهيا هئا، اهو صواع (يوسف 72) هو، جيڪو عربي قاعدي موجب ”مذڪر“ آهي ۽ ان جي لاءِ ضمير مذڪر (ه) اچڻ گهرجي. پر شاهي درٻار جا ڪارڪن اٺن جي سامان جي جهڙتي وٺن ٿا ته سامان مان جيڪا شئي کين ملي ٿي، ان مليل شئي جي لاءِ قرآن ۾ مونث جو ضمير (ها) استعمال ٿيو آهي. (76)
    هاڻ ويچار ڪندڙ شخص جڏهن ضمير جي ان فرق کي ڏسندو ته هو سمجهي ويندو. معاملي جي اصل تصوير ان جي بلڪل ڌار آهي، جيڪا ظاهري لفظن ۾ نظر اچي ٿي. ان ڳولا جي روشنيءَ ۾ جڏهن هو وڌيڪ ويچار ڪندو ته مٿس پڌرو ٿيندو ته ان معاملي جي اصل تصوير اها آهي ته حضرت يوسف عليه السلام پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي سُڃاڻي پنهنجو پاڻي پيئڻ جو پيالو (سقايه) ان جي سامان ۾ رکي ڇڏيو. سقايه جو لفظ عربي قاعدي موجب مؤنث آهي.
    درٻار ۾ شاهي ماپ جي لاءِ هڪ شاهي پيمانو (صواع) هو، جيڪو شايد چانديءَ جو هو. عربي قاعدي موجب ”صواع“ جو لفظ مذڪر آهي. اتفاق سان اهو ’صواع‘ اناج جي ڍڳ ۾ ڪٿي دٻجي لڪي ويو. يعني اهوئي واقعو ٿيو، جنهن کي انگريزي ۾ مس پليس (Misplace) ٿيڻ چيو وڃي ٿو. قافلي جي رواني ٿيڻ کان پوءِ جڏهن درٻار جي ڪارڪنن ”صواع“ کي نه ڏٺو ته کين قافلي وارن تي شڪ ٿيو، جيڪي ٿورو اڳ درٻار مان روانا ٿيا هئا، تنهن ڪري انهن قافلي وارن کي روڪي انهن جي سامان جي جهڙتي ورتي. ان جهڙتيءَ ۾ انهن جي سامان مان ”صواع“ ته نه مليو، البت سقايه (پيالو) نڪتو. ان ڳالهه جي خبر ايئن ٿي پوي ته جهڙتيءَ جي دوران جيڪا شئي نڪتي، ان لاءِ قرآن ۾ مونث جو ضمير (ها) آيو آهي. حالانڪه جيڪڏهن ’صواع‘ نڪري ها ته ان جي لاءِ قرآن ۾ مذڪر جو ضمير (ه) اچڻ گهرجي ها.
    اهو سقايه (پيالو) حضرت يوسف عليه السلام جي ننڍي ڀاءُ بن يامين جي سامان مان نڪتو، ڇو ته ڀائراڻي محبت تحت حضرت يوسف اهو پنهنجي ڀاءُ جي سامان ۾ رکي ڇڏيو هو. هاڻ هيئن ٿيو ته درٻار جي ڪارڪنن جڏهن بن يامين جي سامان مان سقايه (پيالو) ڪڍيو ته هنن ڀائرن کي چيو ته جيتوڻيڪ اوهان ’صواع‘ جي چوري ته نه ڪئي آهي، پر اوهان اسان جي درٻار جو هڪ ٻيو سامان پيالو چورايو آهي، تنهن ڪري خود اوهان جي قانون موجب اسين اوهان جي ڀاءُ کي روڪيون ٿا ۽ ان کي اوهان سان گڏ واپس وڃڻ نه ڏينداسين. ان کان پوءِ هو بن يامين کي پاڻ سان وٺي آيا ۽ کيس حضرت يوسف عليه السلام جي حوالي ڪيائون.
    قرآن فهمي (قرآن کي سمجهڻ) جي لاءِ ڪيترا علم ضروري آهن، جن جو ذڪر تفسير ڪندڙن ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ قابل لحاظ ڳالهه اها آهي ته قرآن جي مطالعي جا ٻه طريقا آهن. هڪ فني مطالعو ۽ ٻيو مطالعو اهو آهي، جيڪو قرآن مان نصيحت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيو وڃي. جيتري قدر قرآن جي فني مطالعي جو واسطو آهي ته ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي علمن جي گهرج پئجي سگهي ٿي. ايستائين جو انهن علمن کان به وڌيڪ جن جو ذڪر تفسير ڪندڙن ڪيو آهي، جيڪڏهن ان حديث کي سامهون رکيو وڃي: لاتنقفيٰ عجائبه (قرآن جا عجائب ڪڏهن به ختم نه ٿيندا) ته اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته انهن علمن جي هر دؤر ۾ فهرست وڌندي رهندي، ۽ اها ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.
    پر جيستائين نصيحت جي مقصد جو لاڳاپو آهي ته ان جي لاءِ عربي زبان کان واقفيت کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ جنهن شئي جي ضرورت آهي، اها تقويٰ (پرهيزگاري) ۽ خشيت (ڊپ) آهي. جنهن جي تصديق خود قرآن مان ٿئي ٿي. تنهن ڪري قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: اتقوا الله ويعلمکم الله ـــ حقيقت اها آهي ته تقويٰ خود رباني علمن جو هڪ عظيم سرچشمون آهي. جيڪڏهن ماڻهو جي اندر گهري تقويٰ (پرهيزگاري) موجود آهي ته قرآن جي معنيٰ سمجهڻ ۾ هو پنهنجو پاڻ ماڻهوءَ جي لاءِ مڪمل رهنما بنجي ويندو.
    تقويٰ ماڻهوءَ جي اندر سنجيدگي پيدا ٿي ڪري. اهڙو ماڻهو راءِ قائم ڪرڻ ۾ ڏاڍو محتاط بنجي وڃي ٿو. اهو حقيقت کي الله جي نظر سان ڏسڻ جو حريص بنجي وڃي ٿو، نه ڪي رڳو پنهنجي نظر سان ــ هو راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ مطالعي ۽ فڪر جي سڀني شرطن کي پورو ڪرڻ چاهيندو آهي. اهي شيون ماڻهوءَ کي ان جي لائق بنائين ٿيون ته هو صراط مستقيم (سڌي واٽ) تان ڀٽڪڻ کان سواءِ قرآن جي معنيٰ جو ادراڪ (سمجهڻ) ڪري سگهي.


    نازل ٿيڻ جي سببن جون روايتون
    قرآني آيتن جي سلسلي ۾ نزول جي سببن جون جيڪي روايتون آهن، اهي قرآن فهميءَ جي مطالعي ۾ بي حد اهميت رکن ٿيون. انهن مان مختلف حڪمن جي نزول جي پسمنظر جي خبر پوي ٿي ۽ اها هڪ حقيقت آهي ته پسمنظر کي ڄاڻڻ کان سواءِ ڪنهن ڪلام کي درست طور تي سمجهي نٿو سگهجي.
    اُن معاملي جي اهميت سمجهڻ جي لاءِ هڪ مثال وٺو. راقم الحروف جون لکڻيون لڳاتار انٽرنيٽ تي اچي رهيون آهن. جون 2000ع ۾ منهنجا ڪجهه مضمون انٽرنيٽ تي آيا، جن ۾ اڄ جي مسلمانن کي قرآن جي روشنيءَ ۾ اهو مشورو ڏنو ويو هو ته هو صبر ۽ اعراض جي روش اختيار ڪندي دعوت جو ڪم ڪن. ان کان پوءِ مون کي هڪ ”مسلم مجاهد“ جو انٽرنيٽ تي سخت ردِعمل مليو. جنهن ۾ هن ڪاوڙيل انداز ۾ چيو هو ته ڏسو! هيءَ هندستاني مولانا اسان کي چوي ٿو ته اوهين صبر ڪريو. جڏهن ته قرآن چئي رهيو آهي اوهين ماڻهو جنگ ڪريو ”قاتلوا ائمه الکفر الخ“ (التوبه 12 ــ 13)
    ان جي جواب ۾ مون مذڪوره مجاهد ڀاءُ کي لکيو ته مون اهي جيڪي ڳالهيون لکيون آهن، اهي پنهنجي پاران نه لکيون آهن، پر ان جي لاءِ خود قرآن جا حوالا ڏنا اٿم. پوءِ مون ٻڌايو ته اصل مسئلو ڪهڙو آهي. ان جي وضاحت ڪندي مون لکيو ته اڄ جيئن قرآن اوهان جي هٿن ۾ هڪ جلد ٻڌل ڪتاب جي صورت ۾ آهي، ايئن ئي جيڪڏهن دور اول ۾ موجود هجي ها ته شايد اهائي صورتحال ان وقت به پيش اچي ها.
    تنهنڪري مڪي ۾ جڏهن رسول الله ﷺ اهو چوي ها ته ’اي مسلمانو صبر ڪريو‘ ته اوهان جهڙو ڪو همراهه قرآن کڻي بيهي رهي ها ته ڏسو: ’محمد ﷺ اسان کي صبر جي نصيحت پيو ڪري، پر قرآن چٽن لفظن ۾ چئي رهيو آهي ته ظالمن سان جنگ ڪريو.‘ (الحج 39) ساڳئي طرح، رسول الله جڏهن حديبيه ۾ قريشن جي مشرڪ اڳواڻن سان صلح ڪري رهيو هو ته اتي به ڪو همراهه مڪمل قرآن هٿ ۾ کڻي بيهي چوي ها: ڏسو! محمد ﷺ ته اسان کي چوي ٿو ته اسين ڪافرن سان صلح ڪريون، جڏهن ته قرآن ان جي اُبتڙ چئي رهيو آهي ته انهن سان جنگ ختم ڪري، انهن جو فتنو ختم ڪريو. (الانفال 39)
    دور اول ۾ ان قسم جو ڪو واقعو پيش نه آيو، ته پوءِ موجوده زماني ۾ ايئن ڇو پيو ٿئي. ان عجيب صورتحال جو سبب اهو آهي ته اسلام جي شروعاتي دور ۾ ۽ پوءِ جي زماني ۾ هڪ بنيادي فرق آهي. جيئن ته پاڻ ڄاڻون ٿا ته قرآن ٿورو ٿورو ٿي ٽيويهن سالن جي عرصي ۾ لٿو. مڪي ۾ رسالت جي شروعات کان وٺي، مديني ۾ پاڻ سڳورن جي جهان ڇڏڻ تائين مختلف ۽ ڌار ڌار قسم جون حالتون پيش اينديون رهيون. تنهن ڪري حالتن جي مناسبت سان ان وقت جيڪي هدايتون گهربل هونديون هيون، اهي قرآن ۾ بروقت نازل ڪيون وينديون هيون. اِهائي اُها ڳالهه آهي، جيڪا قرآن جي هن آيت ۾ چئي ويئي آهي: وقراناً فرقنه لتقرأه علي الناس علي مکث و نزلنه تنزيلاً. (بني اسرائيل 106)
    گويا، دور اول ۾ اها صورتحال هئي ته جڏهن ۽ جنهن مهل جيڪو عمل گهربل هوندو هو، ان سان هڪجهڙائي رکندڙ آيت پيغمبر اسلام کي موڪلي ويندي هئي. ٻين لفظن ۾ هيءُ ته ان وقت حڪم جي نازل ٿيڻ ۽ ان جي عملي لاڳو ٿيڻ جي وچ ۾ ڪو فرق يا فاصلو موجود نه هو. پر ان کان پوءِ هي ٿيو ته ٽيويهن سالن ۾ هوريان هوريان لٿل آيتون ۽ سورتون هڪ واحد ڪتاب ۾ مرتب ڪري هڪئي وقت اهل اسلام کي ڏنيون ويون. هاڻ اهوئي مڪمل نسخو پوءِ جي مسلمانن وٽ آهي.
    هاڻ سوال هيءَ ٿو پيدا ٿئي ته حڪم ۽ لاڳو ٿيڻ جي وچ ۾ فرق جي ان مسئلي کي ڪيئن نبيريو وڃي.
    ان جو جواب اسباب نزول ۽ شان نزول جون روايتون ئي آهن. هاڻ اسان کي هيئن ڪرڻون آهي ته نازل ٿيڻ جي سببن جي روشنيءَ ۾ آيتن جو اڀياس ڪري، ان جي مخصوص پسمنظر کي ڳولهيون، جيڪو آيت جي شروعاتي نزول جي وقت مڪي ۽ مديني ۾ موجود هو ۽ پوءِ قديم حالت ۽ موجوده حالت جي وچ ۾ هڪجهڙائي (Similarity) کي ڳولهي، اهو سمجهون ته ڪهڙي صورتحال ۾، ڪهڙي آيت عمل جوڳي (Applicable) آهي ۽ ڪهڙي آيت عمل جوڳي ڪونهي.
    تشريح جي ان ئي حڪمت جي روشنيءَ ۾ فقهه جو اهو اصول ٺهيو ته تتغير الاحکام بتغير الزمان والمکان: يعني: ٻين لفظن ۾ اهو ته حڪمن جي لاڳو ٿيڻ جو تعين خود حالتن جي نوعيت سان هوندو آهي، نه ڪي رڳو حڪم جي لفظن سان.
    اها بي حد اهم ڳالهه آهي. ان مان پتو پوي ٿو ته اهو طريقو صحيح نه آهي ته ماڻهو قرآن جي هڪ آيت کڻي چوي ته ڏسو قرآن ۾ هيءَ حڪم موجود آهي ۽ اسان کي ان تي عمل ڪرڻو آهي. ان جي بدران اهو هئڻ گهرجي ته پهرين ڪنهن وقت ۾ موجود صورتحال کي بي لاگ طور تي سمجهيو وڃي ۽ پوءِ اهو معلوم ڪيو وڃي ته ان قسم جي صورتحال ۾ قرآن جو ڪهڙو حڪم لاڳو ٿيڻ جوڳو آهي.
    چوٿين خليفي حضرت علي بن ابي طالب جي زماني ۾ ڪجهه ماڻهن قرآن جي ڪن آيتن کي مطلق طور تي کڻي انهن جي لاڳو ڪرڻ جي گهر ڪئي. جڏهن ته اهي آيتون ان وقت جي حالتن موجب نه هيون. اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت تبصرو ڪندي چوٿين خليفي چيو. کلمته حق اريد بها الباطل يعني: بظاهر ته اهي ماڻهو قرآن جي آيتن جا حوالا ڏيئي رهيا آهن. پر هو انهن آيتن کي غلط جاءِ تي چُهٽائي رهيا آهن. تنهن ڪري ظاهري طور تي هو حق جو ڪلمون پيش ڪري رهيا آهن، پر هو سراسر باطل تي آهن.
    معلوم ٿيو ته ڪنهن عمل جي قرآني هئڻ جي لاءِ اهو ڪافي ڪونهي ته اُن جي حمايت ۾ ماڻهوءَ هڪ قرآني آيت هٿ ڪئي هجي. پر لازمي طور تي اهو به ضروري آهي ته اها آيت ان خاص موقعي جي لاءِ هجي، جتي ان کي استعمال ڪيو پيو وڃي. ٻي حالت ۾ اهڙو عمل هڪ سرڪشي هوندي نه ڪي قرآن جي پيروي.


    قرآن فهميءَ جو بنياد
    ”فهم قرآن جي حد ڪهڙي آهي.“ ان سوال جا مختلف جواب ڏنا ويا آهن. جهڙوڪ: هڪ جواب هيءُ آهي ته پڙهندڙ قرآن جي ان انقلابي اسڪيم کي ڄاڻندو هجي، جيڪو قرآن جو اصل مقصود هجي. پر اهو هڪ اهڙو جواب آهي، جنهن جو ماخذ خود قرآن ۾ موجود نه آهي. حقيقت اها آهي ته رڳو پنهنجي ذاتي ذهن تحت ان سوال جو جواب مقرر نٿو ڪري سگهجي. اسين قرآن ۾ اهڙي ڪابه آيت نٿا ڏسون، جنهن ۾ اهو چيل هجي ته قرآن کي فقط اهو شخص سمجهندو، جيڪو قرآن جي انقلابي اسڪيم کان واقف هجي. اهڙي حالت ۾ اهو جواب قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي. اهو ان جي لائق آهي ته ان کي اُٿندي ئي رد ڪيو وڃي.
    ساڳئي طرح ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”نظم ڪلام“ اها حد آهي، جنهن جي ذريعي اسين قرآن کي سمجهي سگهون ٿا. پر اهو جواب به صحيح نه آهي. ڇو ته اهو به فقط ذاتي سوچ (Reasoning) تي ٻڌل آهي. قرآن ۾ اهڙي ڪابه آيت موجود نه آهي، جيڪا اهو اعلان ڪري ته ’نظم ڪلام‘ کي سمجهڻ قرآن جو بنياد آهي. اهڙي حالت ۾ ان کي به ويچار هيٺ آڻي سگهجي ٿو. اهو وڌ ۾ وڌ هڪ نتيجو اخذ ڪرڻ آهي. اهو ڪو قرآن مان ورتل حڪم ڪونهي ۽ ان اهم سوال جو جواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ قرآني حڪم گهربل آهي، نه ڪي ڪنهن جي ذاتي چونڊ.
    جڏهن اسين ان پهلوءَ کان قرآن کي ڏسنداسين ته خبر پوندي ته قرآن ۾ ان جو جواب نهايت چٽن لفظن ۾ موجود آهي. جهڙوڪ قرآن جي شروع ۾ ئي اسان کي اها آيت ملي ٿي ته: ”ذالک الکتاب لاريب فيه هدي للمتقين“ (البقره 2) ان آيت مان چٽي نموني خبر پوي ٿي ته قرآن مان رهنمائي وٺڻ جي لاءِ جيڪا اصل شئي گهربل آهي، اها تقويٰ آهي. ساڳئي طرح قرآن ۾ ارشاد ٿيل آهي ته: ”اتقوا الله يعلمکم الله (البقره 282) ان آيت مان به اها چٽائي ٿئي ٿي ته علم رباني يا فهم قرآني جو اصل بنياد هيءُ آهي ته ماڻهوءَ جي اندر تقويٰ جو گُڻ موجود هجي.
    هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته تقويٰ ڪيئن ’فهم قرآن‘ جو بنياد آهي. ان جو جواب هيءَ آهي ته قرآن جهڙي ڪلام کي سمجهڻ لاءِ اصل اهميت اها آهي ته ماڻهوءَ جي اندر سنجيدگي هجي. ان جي اندر مڪمل اعتراف جو جذبو موجود هجي. هو هر قسم جي تعصبن کان خالي ٿي قرآن جو مطالعو ڪري. هو قرآن کي خود قرآن جي نظر سان ڏسي نه ڪي ڪنهن ٻي نظر سان. هو مڪمل معنيٰ ۾ حق جو ڳولائو هجي. هو قرآن ۾ خود قرآن جي ڳالهه ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري، نه ڪي خود پنهنجي ڳالهه قرآن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري. هو کليل ذهن سان قرآن جو مطالعو ڪري، نه ڪي متاثر ذهن (Conditioned Mind) سان.
    حقيقي تقويٰ ماڻهوءَ جي اندر اهي ئي گُڻ پيدا ڪري ٿي. تقويٰ ان گهري، ذهني ۽ دلي ڪيفيت جو نالو آهي، جيڪا ان ماڻهوءَ جي اندر جنم وٺي ٿي، جيڪو الله کي سندس عظمت ۽ وڏائيءَ سان ڳولهي. اهڙو شخص Man Cut to size بنجي وڃي ٿو ۽ ان جي اندر آخري حد تائين Modesty جو گُڻ پيدا ٿي وڃي ٿو، ۽ بيشڪ اِهائي اها نفسيات آهي، جيڪا ماڻهوءَ کي ان جي لائق بنائي ٿي ته اهو حقيقتن کي سمجهي ۽ سُڃاڻي سگهي. قرآن فهميءَ جي ٻين سڀني شرطن جي حيثيت واڌو آهي ۽ ان متقيانه مزاج يا رباني نفسيات جي اصلي حيثيت.
    قرآن حق جي معرفت جو ڪتاب آهي. قرآن جو حقيقي اڀياس اهو آهي، جيڪو سندس عارفاڻون اُڀياس هجي. فني اڀياس قرآن جو حقيقي اڀياس ڪونهي.


    هن ڪتاب جي ترتيب
    هن ڪتاب (قرآن جو مطالعو) جي ترتيب هن ريت آهي ته ان ۾ قرآن جي مڙني سورتن مان ڪجهه نه ڪجهه آيتون کنيون ويون آهن. آيتن جي معاملي ۾ چونڊ جو طريقو اختيار ڪيو ويو آهي. پر سورتن جي معاملي ۾ نه.
    مجموعي طور تي هن ڪتاب ۾ ڪُل 256 ڀاڱا آهن. پڙهندڙن جي سهوليت جي لاءِ هر ڀاڱي يا مضمون (Item) کي هيئن لکيو ويو آهي ته ان جي مٿان پهرين سوره نمبر ۽ سلسلو نمبر آهي ۽ پوءِ ان جي هيٺان تشريح واري آيت جو عنوان. ان سان گڏ هر آيت جو نمبر به ترجمي جي آخر ۾ لکيو ويو آهي. ايئن پڙهندڙ جي لاءِ اهو ممڪن ٿي وڃي ٿو ته هو ان جي ڪنهن به ڀاڱي جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ چاهي ته ان کي هڪدم قرآن ۾ يا قرآن جي تفسير مان ڪڍي وٺي.

    وحيد الدين
    نئين دهلي
    17 جولاءِ 2000ع


    قرآن جو مطالعو

    001 - 1

    001 - 1
    بسم الله الرحمان الرحيم
    بسم الله الرحمان جو جملو قرآن ۾ 114 ڀيرا آيو آهي. اهو ’سوره التوبه‘ کان سواءِ هر سورت جي شروع ۾ موجود آهي. ۽ سوره النمل (آيت 30) ۾ هڪ ڀيرو آيو آهي. ان غير معمولي تڪرار مان ان جي اهميت جي خبر پوي ٿي. بسم الله الرحمان الرحيم جو مطلب آهي: شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان، جيڪو نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
    ماڻهو جڏهن ڪو ڪم شروع ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن نه ڪنهن جي ڀروسي تي شروع ڪندو آهي. جهڙوڪ: ذهني يا جسماني طاقت، مال ۽ دولت، مدد ۽ سهڪاري حالتون ۽ سبب وغيره. اهي سڀ ڪم شروع ڪرڻ جا غير مومناڻا طريقا آهن، ڪنهن ڪم کي شروع ڪرڻ جو مومناڻون طريقو اهو آهي ته ان کي الله جي ڀروسي تي شروع ڪيو وڃي. ماڻهو جڏهن ڪو ڪم شروع ڪري ته ان جي دل رباني جذبن سان ڀريل هجي.
    بندي جي لاءِ ڪنهن ڪم جي سڀ کان سٺي شروعات اها آهي ته هو پنهنجا ڪم پنهنجي رب جي نالي سان شروع ڪري. اها هستي جيڪا سڀني رحمتن جو خزانو آهي ۽ جنهن جون رحمتون هر وقت جاري رهنديون آهن. ان جي نالي سان ڪنهن ڪم جي شروعات ڪرڻ ائين آهي ڄڻ کانئس اها دعا گهرڻ ته هو پنهنجي اڻ مَئي رحمتن سان منهنجي مدد جي لاءِ اچي، ۽ منهنجي ڪم کي خير ۽ خوبيءَ سان پورو ڪري. اها ٻانهي طرفان پنهنجي بندگيءَ جي مڃتا آهي ۽ ان سان گڏ ان جي ڪاميابيءَ جي الاهي ضمانت پڻ.
    قرآن جي خصوصيت اها آهي ته اهو مومن جي دلي احساسن جي لاءِ صحيح لفظن جي چونڊ ڪري ٿو. بسم الله ان نوعيت جو هڪ دعائيه ڪلمو آهي. حديث ۾ آيو آهي ته رسول الله ﷺ فرمايو: ”کل امر ذي بال لم يبداََ فيه بسم الله الرحمان الرحيم اقطع“ (التفسير المظهري 1 /2) يعني هر اها ڳالهه جنهن جي شروعات بسم الله الرحمان سان شروع نه ڪئي وڃي، اها اڻپوري آهي ان جو مطلب هيءَ آهي ته ڪوبه ڪم فقط ان وقت پنهنجي تڪميل تائين پهچي ٿو، جڏهن ان کي خدائي نظام جي آشيرواد حاصل ٿي وڃي. ڪنهن ڪم کي بسم الله الرحمان سان شروع ڪرڻ گويا ايئن چوڻ آهي ته خدايا مون پنهنجي ڪوشش سان هڪ ڪم جي شروعات ڪئي آهي، هاڻ تون پنهنجي مدد سان ان کي پنهنجي پڄاڻيءَ تائين پهچائي.
    بسم الله الرحمان الرحيم ڪو پراسرار ڪلمو ڪونهي؛ ان جو مطلب اهو به ڪونهي ته انهن مخصوص لفظن ۽ اکرن ۾ ڪو طلسماتي اثر لڪل آهي ۽ جڏهن ڪو شخص ان کي پنهنجي زبان سان صحيح اُچار سان ادا ڪري ٿو ته اهو پراسرار نموني پنهنجو ڪم شروع ڪري ٿو ڇڏي. پر اهي لفظ ان انسان جي اُتم جذبن ۽ ڪيفيتن جي علامت آهي، جيڪي خدا جي معرفت جي درجي ۾ پاتل آهن، جنهن جو به اهو ڀروسو هجي ته خدا هر شئي تي قادر آهي، ۽ جيڪو ڪجهه ٿيندو ان جي مدد سان ئي ٿئي ٿو، ان جي مدد کان سواءِ دنيا ۾ ڪجهه به ٿيڻ وارو ڪونهي. اهي احساس جڏهن لفظن جي صورت اختيار ڪري وڃن ته ان جو نالو بسم الله الرحمان الرحيم چوڻ آهي.
    ان ڪلمي ۾ خاص طور تي الله جي ساراهه ۽ رحمت جو ذڪر آهي. ان جو سبب هيءَ آهي ته انسان جي نسبت سان ان ئي صفت جي سڀ کان وڌيڪ اهميت آهي. الله جي اهائي صفت آهي، جنهن جي آڌار تي ماڻهو ان جي اُتم عطين ۽ انعامن جو حقدار بنجي ٿو. الله جو هر شئي تي قادر ٿيڻ ان جي ذاتي ڪمال جو لقاءُ آهي ۽ ان جو رحمان ۽ رحيم هئڻ ان جو متقاضي آهي ته هو پنهنجي قدرت جي خزانن ۾ انسان کي ڀاڱي ڀائيوار بنائي.
    انسان مڪمل طور تي هڪ عاجز مخلوق آهي. هڪ خود شناس (پاڻ سڃاڻندڙ) انسان جڏهن به ڪنهن عمل جي شروعات ڪري ٿو، پوءِ ڀلي اهو ننڍو هجي يا وڏو، ته ان مهل فطري طور تي کيس محسوس ٿئي ٿو ته ڪا مٿاهين هستي هجي، جيڪا سندس عجز جي تلافي ڪري، جيڪو ڪم هو پنهنجي سگهه سان نٿو ڪري سگهي، ان کي هو پنهنجي برتر مدد جي وسيلي مڪمل ڪري. اهوئي فطري احساس آهي، جيڪو هر ڪم جي شروع ۾ هڪ خود شناس انسان جي زبان مان هر هر جاري ٿيندو رهندو آهي.
    بسم الله الرحمان الرحيم هڪ جامع ڪلمو آهي. اهو دعا به آهي ۽ ذڪر به آهي ۽ خدا جي وڏائي ۽ ان جي مقابلي ۾ انسان جي ٻانهپ جي يادگيري به آهي.


    1:002

    1:002
    پالڻهار جي ساراهه
    قرآن جي پهرين سورت جي پهرين آيت هيءَ آهي: الحمدالله رب العالمين (الفاتحه 1) يعني، سڀ ساراهون فقط الله جي لاءِ آهن، جيڪو سڄي جهان جو رب آهي. قرآن جي هيءَ آيت قرآن جي نسبت سان ان جي تعليم جو تت آهي ۽ انسان جي نسبت سان ان جي فطرت جي بي ساخته پڪار.
    ”حمد“ (واکاڻ/ ساراهه) جو لفظ ان لطيف احساس جي لاءِ ڳالهايو وڃي ٿو، جيڪو ماڻهوءَ جي اندر مان خدا جي واکاڻ ۽ ان جي ٿورن جي لاءِ فطري طور تي نڪري ٿو. ماڻهوءَ جو پنهنجو وجود ۽ ان جي آسپاس جي سڄي ڪائنات هر گهڙي کيس اهو پيغام ڏيئي رهي آهي ته تنهنجو ۽ ڪائنات جو خالق هڪ انتهائي عظيم هستي آهي ۽ تنهنجي مٿان ان مهان هستيءَ جا عظيم احسان آهن. اهو گهرو شعور جڏهن ماڻهوءَ جي اندر پيدا ٿيو ۽ ان جو اعتراف سندس زبان مان جاري ٿيو ته ان جو نالو ’حمد‘ آهي، جيڪو هڪئي وقت واکاڻ جو پهلو به آهي ته ٿورائتي هئڻ جو پهلو به.
    ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ تي ويچاري ٿو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته کيس هڪ اهڙو وجود ڏنو ويو آهي، جيڪو حيرت ۾ وجهڻ جي حد تائين مڪمل ۽ بامعنيٰ آهي. هو جڏهن پنهنجن پيرن تي هلي ٿو ۽ پنهنجي هٿ سان جهلي ٿو ته کيس محسوس ٿئي ٿو ته هي هٿ ۽ پير هن جي لاءِ ايتري ته وڏي نعمت آهن، جو انهن کان سواءِ هو ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. هو جڏهن اک سان ڏسي ٿو ۽ ڪن سان ٻُڌي ٿو ته ان جي اندر ۾ هڪ اهڙي چرپر (Thrill) پيدا ٿئي ٿي، جنهن جو اظهار لفظن ۾ ڪرڻ ممڪن ڪونهي. هو جڏهن پنهنجي دماغ کي ڏسي ٿو ۽ ان کي استعمال ڪري ٿو ته ان بيان کان ٻاهر نعمت جي اعتراف ۾ سندس سينو جذبن سان ڀرجي وڃي ٿو. ان قسم جي دلي ڪيفيتن جو لفظي نالو ”حمد“ آهي.
    حمد هڪ اهڙو تجربو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ سان هر وقت جاري رهي ٿو ۽ هو رات جو ٿڪجي بستري تي سمهي ٿو ۽ صبح جو تازو توانو ٿي اُٿي ٿو ته هو خدا جي حمد (ساراهه) ۾ سرشار ٿي وڃي ٿو. ڇو ته اهو دراصل خدا ئي هو، جنهن مٿس رات جي وقت ننڊ طاري ڪئي ۽ صبح جو کيس جاڳايو. ان کان پوءِ هو جڏهن زمين تي هلي ڦري ٿو ته سندس اهو هلڻ چلڻ کيس هڪ معجزاتي حد تائين شڪر مڃڻ جهڙو واقعو معلوم ٿئي ٿو. ڇو ته زمين تي انسان جو هلڻ ڦرڻ ڪا رواجي ڳالهه ڪونهي. ڪيترائي فوق الطبعي سبب گڏجي وڃن ٿا. ان کان پوءِ اهو ممڪن ٿئي ٿو ته انسان جهڙي هڪ مخلوق زمين تي هلي- جهڙوڪ: جيڪڏهن زمين جي سائيز موجوده سائيز کان ٻيڻي ٿي وڃي ته ان جي وڌيل ڪشش ثقل جي آڌار تي انسان جو جسم ايترو ته گهڻو وزني ٿي وڃي، جو زمين تي هلڻ مهل کيس ايئن محسوس ٿيندو، ڄڻ هو پنهنجي مٿي تي ڪيترائي ٽن وزني وزن کڻي پيو هلي. ساڳئي طرح جيڪڏهن زمين جي پکيڙ هاڻوڪي پکيڙ کان اڌ ٿي وڃي ته ان جي ڪشش ثقل گهٽجي وڃڻ جي ڪري انسان جو وزن ايترو ته گهٽجي وڃي، جو هو زمين تي لڙکڙائڻ لڳي. سندس لاءِ اهو ناممڪن ٿي پوي ته هو زمين تي پير کپائي هلي سگهي.
    ساڳئي طرح ماڻهو جڏهن صج جي روشنيءَ کي ڏسي ٿو ۽ ان مان فائدو حاصل ڪري ٿو ته هو سج جي تخليق ۽ ان جي نظام ۾ لڪيل اڻ ڳڻين حڪمتن بابت سوچي ڊڄي وڃي ٿو. سج جي شڪل ۾ هو هڪ اهڙي خدائي نعمت کي ڏسڻ لڳي ٿو، جنهن جي اظهار کان سندس زبان لاچار آهي. سج جي شڪل ۾ خدا انسان کي جيڪا نعمت ڏني آهي، ان جا ڪيترائي پهلو آهن. جهڙوڪ: زمين جي مقابلي ۾ سج جو مفاصلو بي حد مناسب آهي. جيڪڏهن اهو فاصلو گهٽجي اڌ وڃي رهي ته گرمي ايتري ته وڌي وڃي جو ان جي گرميءَ ۾ انسان ايئن سڙي وڃي، جيئن تپندڙ تئي تي ڪو ڪاغذ رکيو وڃي. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪڏهن زمين کان سج جو مفاصلو موجوده مفاصلي کان وڌي وڃي ته زمين جي سطح ايتري ته ٿڌي ٿي وڃي، جو انسان اُن ۾ ڏڪي ڏڪي مري وڃي.
    ساڳئي طرح جڏهن انسان هوا ۾ ساهه ٿو کڻي ته هو ان جي حڪمتن تي سوچي حيران ٿي وڃي ٿو ته اهو ڪيئن ممڪن ٿيو ته مختلف گئسن جو متناسب مجموعو هوا جي شڪل اختيار ڪري، ۽ ان ۾ مخصوص تناسب سان آڪسيجن موجود هجي ۽ ان سان گڏ وڻن جي ذريعي آڪسيجن جي سپلائي لڳاتار جاري رهي ۽ پوءِ هيئن ٿيو ته آڪسيجن کي کڻي سڄي دنيا ۾ اُن جي سپلائي ڪري ته جيئن ڪوبه انسان جتي به هجي، اُتي ساهه کڻي جيئرو رهي سگهي. ان سان گڏ انساني جسم جي اندر اهو نظام ته اهو ٻاهران آڪسيجن کڻي ۽ اندران ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ خارج ڪري. ان قسم جون ڳالهيون ڊيڄارڻ جي حد تائين عجيب آهن جڏهن هڪ ماڻهو ان واقعي جو احساس ڪري ٿو ته ان جي زبان مان بي اختيار واکاڻ ۽ ٿورن جي لفظن جو سيلاب جاري ٿي وڃي ٿو.
    ساڳئي طرح انسان اهو محسوس ٿو ڪري ته کيس پاڻي ۽ خوراڪ جي گهرج آهي ۽ پوءِ ڏسي ٿو ته صاف ۽ سٿرو پاڻي، ڀانت ڀانت جون صحتمند غذائون، زمين تي ججهي مقدار ۾ موجود آهن. انسان کي تَن ڍڪڻ لاءِ ڪپڙن جي گهرج آهي ۽ زمين تي اهڙيون شيون ججهي تعداد ۾ رکيون ويون آهن، جن کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي هو انهن کي ڪپڙي جي صورت ڏيئي سگهي. انسان کي پنهنجي تمدن جي تعمير جي لاءِ ڪيتريون ئي مادي شيون گهربل آهن. هتي هو ڏسي ٿو ته زمين جي اندر مختلف قسم جي معدنيات جا ذخيرا وڏي تعداد ۾ اڳواٽ رکيا ويا آهن، جن کي استعمال ڪري هو پنهنجي لاءِ شاندار تمدني زندگيءَ جي اڏاوت ڪري سگهي.
    ساڳئي طرح انسان کي زندگيءَ جي بقا ۽ ترقيءَ جي لاءِ اڻ ڳڻين شين جي گهرج آهي. اهي هڙئي شيون موجوده دنيا ۾ ان حالت ۾ ذخيرو ڪيون ويون آهن، جو انسان اهي سولائيءَ سان ڳولهي ۽ انهن کي وڏي پئماني تي استعمال ڪري سگهي. انهن ۾ اهي شيون به شامل آهن، جن جي انسان کي خبر پئجي ويئي آهي ۽ اهي شيون به آهن، جن جي اڃا تائين کيس خبر نه آهي.
    اهوئي علم ۽ شعور اهي شيون آهن، جن جي ڄاڻ ماڻهوءَ جي اندر ۾ اهي جذبا پيدا ڪري ٿي، جنهن کي قرآن ۾ ”حمد“ چيو ويو آهي. خدا جي نعمتن جو اهو شعور ماڻهوءَ کي خدا جي ويجهو ڪري ٿو ڇڏي، هو خدا کي ياد ڪرڻ وارو بنجي وڃي ٿو. هو غيب ۾ خدا کي ائين محسوس ڪرڻ ٿو لڳي، ڄڻ هو کيس ڏسي پيو.


    2:003

    2:003
    ڪتاب لاريب
    قرآن جي پهرين سوره الفاتحه گويا قرآن جو ديباچو/ پيش لفظ آهي. ان ننڍڙي سوره کان هڪدم پوءِ ”سوره البقره“ آهي. ان سوره جو پهريون جملو هي آهي. ذالک الڪتب لاريب فيه (البقره 2) يعني هي ڪتاب اهڙو آهي، جنهن ۾ ڪو شڪ ڪونهي. ان آيت ۾ ”الکتب“ جو مطلب قرآن آهي. جيئن ته اهو معلوم آهي ته قرآن قيامت تائين جي لاءِ آهي، تنهنڪري ان قرآني بيان جو واسطو انهن سڀني زمانن سان آهي، جيڪي قيامت تائين انسانن جي مٿان گذرندا.
    ساڳئي طرح اهو قرآني بيان ڄڻ ته هڪ ابدي للڪار آهي. ان ۾ قرآن بابت ان يقيني مستقل جو اعلان ڪيو ويو آهي ته ڪڏهن به ڪو گروهه يا فرد ان ۾ شڪ وجهي نه سگهندو. اهو ڪتاب انساني تاريخ جي آخري مرحلي تائين هر قسم جي شڪ ۽ شبهي کان مٿانهون رهندو.
    هيءَ هڪ اهڙو انوکو ڪلام آهي، جنهن جو مثال ڪنهن به ٻي مذهبي ڪتاب ۾ موجود ڪونهي. جهڙوڪ: بائيبل ۾ جن ڳالهين کي رسولن ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي، انهن جي باري ۾ اهل علم ان شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته تاريخي طور تي ان ڳالهين جو انتساب مذڪوره رسولن بابت ثابت ٿيل ڪونهي. ساڳئي طرح هندو ازم جي ڌرمي ڪتاب ’ڀڳود گيتا‘ جي باري ۾ اهل علم ان شڪ جو اظهار ڪيو آهي ته اهو واقعي به جنگ جي ميدان جو ڪلام آهي جيڪو ڪرشن، ارجن کي خطاب ڪندي چيو هو يا اهو گهڻو پوءِ ”رامائڻ“ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ساڳئي طرح جنهن ڪلام کي گوتم ٻڌ ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو، ان جي باري ۾ به اهل علم کي اهو شڪ آهي ته اهو هاڻوڪي رڪارڊ موجب پالي يا سنسڪرت ۾ هو يا ڪنهن ٻي زبان ۾ وغيره.
    پر جيستائين قرآن جو معاملو آهي ته اهو ان قسم جي هر شڪ کان مڪمل طور تي پاڪ آهي. ان جي لهڻ کي چوڏهن سئو سال ٿي چڪا آهن، تنهن جي باوجود، اڄ ڏينهن تائين ڪوبه علم جو ڌڻي ان ۾ شڪ جي گنجائش ڪڍي نه سگهيو ته هيءَ اهوئي عربي ڪلام آهي، جنهن کي پيغمبر اسلام ﷺ عربستان ۾ خدائي ڪلام طور پيش ڪيو هو. اڄ به سڄو قرآن پنهنجي اصلي شروعاتي حيثيت ۾ موجود آهي ۽ بلڪل ان ئي زبان ۾ موجود آهي، جيئن چوڏهن سؤ سال اڳ هو.
    ايئن شڪ جا ٻيا جيترا به پاسا آهن، انهن سڀني جي اعتبار کان قرآن پنهنجي غير شڪي حيثيت کي لڳاتار جاري رکيو اچي. قرآن ۾ ڪيترائي اهڙا حوالا آهن، جيڪي انساني علم سان واسطو رکن ٿا. جهڙوڪ: حياتيات، نباتيات، ارضيات، فلڪيات، معدنيات، معاشيات ۽ تاريخ وغيره. اهي علم، قرآن جي نزول وقت پنهنجي شروعاتي حالت ۾ هئا. پوءِ انهن ۾ واڌارو ٿيندو رهيو، ايستائين جو هاڻوڪي زماني ۾ اهي علم ايتري ته ترقي ڪري ويا جو قرآن جي نزول جي زماني ۾ قياس جوڳا نه هئا.
    پر حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته پوءِ جي زماني جون علمي ترقيون ڪنهن به بيان کي مشڪوڪ ثابت نه ڪري سگهيون. قرآن جو هر بيان پنهنجي سچائيءَ کي بدستور برقرار رکيو آهي.
    جهڙوڪ: قرآن جي هڪ آيت آهي؛ ڇا انڪار ڪندڙن اهو نه ڏٺو ته آسمان ۽ زمين گڏيل هئا، پوءِ اسان انهن کي کولي ڇڏيو. (الانبياء 30) قرآن جي ان آيت ۾ جنهن ڪائناتي حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ويو آهي، اها نزول قرآن جي وقت سراسر غير معلوم هئي. ايتريقدر جو پوءِ جي صدين ۾ جڏهن قرآن جا تفسير لکيا ويا ته انهن تفسيرن ۾ به انهن جي ڪا چٽي تشريح نه ڪئي ويئي. اڄوڪي زماني ۾ علمي ترقي کان پوءِ جيڪڏهن فرض ڪجي ته اها خبر پئي ته زمين ۽ آسمان (يا تارا ۽ گرهه) هينئر جنهن لامحدود خلا ۾ پکڙيل آهن، ساڳئي طرح اهي پنهنجي شروعات کان آهن ته ڪنهن کي قرآن جي مذڪوره بيان تي شڪ جي اظهار جو موقعو ملي سگهيو ٿي. پر پوءِ جي علمي ترقين حيرت انگيز طور تي اهو ثابت ڪيو ته زمين ۽ آسمان شروع ۾ هڪ سپر ايٽم جي صورت ۾ جُڙيل هئا، ان کان پوءِ ان جي اندر هڪ ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پکڙجندڙ ڪائنات وجود ۾ آئي.
    اهوئي معاملو انساني علم جي سڀني شعبن جو آهي. جهڙوڪ: قرآن جي هڪ تاريخي بيان کي وٺو. قرآن ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جي همعصر فرعون جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن هو ٻُڏڻ لڳو ته خدا کيس چيو: اليوم ننجيک بيدنک لتکون لمن خلقک آية (يونس 92) يعني: اڄ اسين تنهنجي بدن کي بچائينداسين، ته جيئن تون ايندڙن جي لاءِ نشاني بنجين.
    ان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ٻُڏل فرعون جو جسم بدستور محفوظ آهي، ته جيئن پوءِ ايندڙن جي لاءِ نشاني بنيل رهي. پر قرآن جي نزول مهل اهو واقعو سراسر معلوم نه هو. ايتريقدر جو پوءِ جي صدين ۾ جڏهن قرآن جا تفسير لکيا ويا ته انهن ۾ به مفسرين ان جو ڪو چٽو تفسير نه ڪري سگهيا. هاڻ جيڪڏهن ماضيءَ وانگيان پوءِ جي زماني ۾ به فرعون موسيٰ جو بدن غير معلوم رهي ها ته ڪنهن کي اهو موقعو ملي ٿي سگهيو ته هو قرآن جي ان بيان تي شڪ جو اظهار ڪري. پر اها حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه آهي ته اڄوڪي زماني ۾ علم جي ترقيءَ ان شڪ تان پردو کڻي ڇڏيو ۽ قرآن جي اُن بيان جي سچائي ثابت ڪري ڇڏي.
    اڻويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ يورپين اسڪالر مصر جي هڪ قديم عمارت مان ممي ٿيل هڪ لاش ڪڍيو. اهو لاش هاڻ قاهرا جي عجائب گهر ۾ شيشي جي هڪ شوڪيس ۾ رکيو آهي. ويهين صديءَ جي شروع ۾ ان لاش تي مختلف تحقيق ڪئي ويئي، ان سان گڏ جديد سائنسي طريقي موجب ان جي عمر معلوم ڪئي ويئي، نيٺ اهو ثابت ٿي ويو ته اهو لاش ان ئي فرعون جو آهي، جيڪو حضرت موسي عليه السلام جي زماني ۾ پنهنجي لشڪر سان گڏ غرق ٿيو هو.
    ساڳئي طرح، جنهن به پاسي کان قرآن جو جائزو ورتو وڃي ته اهو هڪ اهڙو ڪتاب ثابت ٿيندو، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي شڪ ۽ شبهي جي گنجائش نه رهندي. قرآن جي سڄي تاريخ غير شڪي طور تي معلوم آهي، قرآن جو هر اعلان پنهنجي مڪمل سچائيءَ کي لڳاتار برقرار رکيو اچي. لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سال گذرڻ جي باوجود به اڃا تائين ڪنهن کي به اهو موقعو نه مليو آهي ته هو قرآن تي ڪنهن به لحاظ کان ڪو شڪ ظاهر ڪري سگهي.


    004-2

    004-2
    انسان جي تخليق
    قرآن ۾ انسان جي تخليق جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي ”۽ جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته آئون زمين تي هڪ خليفو خلقڻ وارو آهيان، ملائڪن چيو: ڇا تون زمين تي اهڙن ماڻهن کي پيدا ڪندين، جيڪي ان ۾ فساد ڪندو ۽ رت وهائيندو ۽ اسين تنهنجي حمد ۽ پاڪائي بيان ڪريون ٿا. الله فرمايو جيڪي اوهين نٿا ڄاڻون، سو آئون ٿو ڄاڻان ۽ الله، آدم کي سڀ نالا سيکاريا، پوءِ انهن کي ملائڪن جي سامهون آندائين، پوءِ فرمائين ته جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ته انهن ماڻهن جا نالا مون کي ٻڌايو. ملائڪن چيو: تون پاڪ آهين، جيڪي تو اسان کي سيکاريو تنهن کان سواءِ اسان کي ڪابه خبر نه آهي. بيشڪ تون ئي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت وارو آهين، اللهﷻ آدم کي چيو: انهن کي انهن جا نالا ٻڌاءِ، پوءِ جڏهن آدم کين انهن جا نالا ٻڌايا ته الله فرمايو، ڇا مون اوهان کي نه چيو هو ته آئون ئي آسمان ۽ زمين جو ڳُجهه ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي اوهين ظاهر ڪريو ٿا ۽ جيڪي اوهان لڪايو ٿا، اهو سڀ ڄاڻان ٿو. (البقره 30-33)
    الله تعاليٰ انسان کي هڪ آزاد مخلوق جي حيثيت سان پيدا ڪيو آهي. ان ڪري ملائڪن کي اهو انديشو هو ته انسان پنهنجي آزاديءَ جو غلط استعمال ڪندو ۽ زمين تي فساد برپا ڪندو ۽ رتوڇاڻ ڪندو. تاريخ جو تجربو ثابت ڪري ٿو ته انسانن جي باري ۾ ملائڪن جو انديشو بلڪل صحيح هو. اهڙي حالت ۾ سوال اهو آهي ته الله ﷻ انسان کي ڇو پيدا ڪيو. الله کي پنهنجن بندن کان جيڪا شئي گهربل آهي، اها ملائڪن جي لفظن ۾ ساراهه ۽ پاڪائي آهي ۽ اڻ ڳڻيا ملائڪ اهو گهربل ڪم سڄي ڪائنات ۾ انجام ڏيئي رهيا آهن. اهڙي حالت ۾ انسان جهڙي سرڪش مخلوق کي پيدا ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته ملائڪ جيڪا ساراهه ۽ پاڪائي بيان ڪري رهيا آهن، اها مجبورانه واکاڻ ۽ پاڪائي آهي، ڇو ته هو ان کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪري به نٿا سگهن. هاڻ الله چاهيو ته هو اهڙي مخلوق جنمي جيڪا پنهنجي آزاداڻي فيصلي تحت پنهنجو پاڻ کي الله جي اطاعت ۾ ڏي ۽ ذاتي اختيار تحت الله جي ساراهه ۽ عبادت ڪري، ملائڪن جي شڪ کي الله تعاليٰ هيئن دور ڪيو ته سڄي انساني نسل کي پنهنجي قدرت سان هڪ ئي وقت پيدا ڪيو. (الاعراف 172) ۽ پنهنجي خاص قدرت سان آدم کي چيو ته انهن سان تعارف ڪري، ملائڪن کي ٻڌائي ته انهن ۾ ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو جنم وٺندا. ان واقفيت کان پوءِ ملائڪن مڃيو ته جيڪڏهن انسانن ۾ ابو جهل ۽ ابو لهب جهڙا ماڻهو هوندا ته ان سان گڏ ابو بڪررضه ۽ عمررضه جهڙا ماڻهو به هوندا. ان تعارف کانپوءِ ملائڪ مطمئن ٿي ويا.
    اها هڪ حقيقت آهي ته نه رڳو ملائڪ، پر سڄي وشال ڪائنات ۽ ان ۾ پکڙيل اڻ ڳڻي مخلوق، سڀ جي سڀ هر گهڙي خدا جي ساراهه ۽ عبادت ۾ رڌل آهي، جيئن ٻين آيتن مان خبر پوي ٿي. پر اهي بيشمار شيون جيڪو به ڪن ٿيون، اهو پنهنجي آزاد فيصلي تحت نه پيون ڪن، هو اهو ان ڪري پيون ڪن ته الاهي تقدير تحت وٽن ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه ڪرڻ ممڪن ئي نه آهي. فقط انسان ئي آهي، جنهن کي انهن کان ڌار ڪري مرڻ تائين آزادي ڏني ڏيئي آهي. ٻين شين جي ساراهه ۽ عبادت گويا هڪ ٽيپ رڪارڊ وانگر آهي ۽ انسان جي ساراهه ۽ عبادت هڪ جيئري ۽ آزاد هستيءَ جي زبان مان نڪرندڙ با اختيار آواز جيان آهي ۽ ٻنهي ۾ فرق ايترو ته گهڻو آهي، جو مجبوراڻي ساراهه ۽ عبادت جيڪڏهن سڄي ڪائنات جي برابر هجي ته به هڪ انسان جي آزاد ساراهه ۽ عبادت ان جي مٿان ڀاري ٿي ويندي.
    اصل ۾ الله تعاليٰ هڪ بي حد نفيس قسم جي معياري دنيا ٺاهي، جنهن جو نالو جنت آهي، ابدي راحت ۽ لذت واري ان دنيا جي لاءِ الله تعاليٰ کي ڪجهه رهاڪو گهربل آهن، جن کي اُت ٽڪايو وڃي. انهن ئي خوش نصيب روحن جي چونڊ لاءِ هيءَ دنيا جوڙي ويئي آهي. هڪ محدود وقت جي لاءِ انسانن جو امتحان وٺڻ جي لاءِ هتي موڪلبو رهبو ۽ پوءِ جڏهن خدا جو اندازو مڪمل ٿي ويندو ۽ گهربل انسان چونڊجي چڪا هوندا ته ان کان پوءِ هيءَ دنيا جي پُڄاڻي ڪئي ويندي. هاڻ چونڊيل ماڻهن کي جنت جي ڪالونين ۾ سدائين جي لاءِ آباد ڪيو ويندو. ۽ باقي ماڻهن کي ڌار ڪري کين دوزخ ۾ اُڇليو ويندو ته جيئن هو ابدي حسرت جي سزا ڀوڳيندا رهن.
    اهي گهربل انسان اهي آهن جن گمراهين جي ٻيلي ۾ خدا کي دريافت ڪيو. جن بديءَ جي اونداهين ۾ نيڪيءَ جو رستو ڳولڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جن سرڪشيءَ جي ماحول ۾ خود پنهنجي آزاد فيصلي تحت پنهنجو پاڻ کي خدا جي پابنديءَ ۾ ڏيئي ڇڏيو. جن انانيت جي طوفان ۾ تواضع جي روش اختيار ڪئي. جن جي اقتدار کين بگاڙيو ڪونه، جن کي ڌن ۽ دولت ملي، پر هو فخر جي نفسيات ۾ نه ڦاٿا. جن کي اهو موقعو هو ته هو پنهنجي ذات جي لاءِ جيئن، پر ان جي هوندي به هو هڪ خدا سان جيئي. جن جي خود پسندي (پاڻ پڏائڻ) انهن جي لاءِ حق جي اعتراف ۾ رنڊڪ نه بڻي. جيڪي هلڻ جي سگهه رکندي به خدا جي ڊپ سب نه هليا، جن وٽ ڳالهائڻ جي لاءِ زبان هئي، پر خدا جي پڪڙ جي احساس کين ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو.
    اهو گهربل انسان اهو آهي، جنهن غيب جو پردو هٽڻ کان اڳ خدا کي ڏٺو ۽ ان جي اڳيان جهڪي پيو. جنهن آخرت جي پڪڙ کي ايتري ته شدت سان محسوس ڪيو، جو آخرت ۾ احتساب ڪرڻ کان اڳ هن جهان ۾ پاڻ ئي پنهنجو احتساب ڪري ورتو. جنهن جو حال اهو ٿيو ته خدا سان شديد محبت، ان جي دلين مان سڀئي محبتون ڪڍي ڇڏيون ۽ خدا جي خوف، هن جي لاءِ دنيا جي سڀني خوشين ۽ راحتن کي بي مُلهه بنائي ڇڏيو.


    005-2

    005-2
    گروهي ڇوٽڪارو نه
    آخرت جي ڪاميابيءَ جو واسطو ڪنهن به درجي بنديءَ سان ڪونهي، ان جو سڄو مدار عمل تي آهي، نه ڪي گروهي واسطي تي، قرآن جي هڪ آيت ان معاملي کي چٽو ڪري ٿي، ان جو ترجمو آهي: بيشڪ جيڪي ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ جيڪي ماڻهو يهودي ٿيا ۽ نصاريٰ ۽ صابي، انهن مان جنهن شخص ايمان آندو الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ۽ ان نيڪ ڪم ڪيا ته انهن جي لاءِ ربّ وٽ اَجر آهي، ۽ انهن جي لاءِ نه ڪو ڊپ آهي ۽ نه ئي هو غمگين ٿيندا. (البقره 62)
    قرآن جي هيءَ آيت گروهي ڇوٽڪاري جي نظريي جو انڪار ڪري ٿي، ان آيت ۾ مسلم گروهه کي به ٻين مذهبي گروهن سان هڪجهڙو بريڪيٽ ڪيو ويو آهي. هن آيت موجب، گروهه جي لحاظ کان خدا جي نظر ۾ هڪ ۽ ٻي ۾ ڪو فرق نه آهي، جيڪو به فرق آهي، اهو ماڻهوءَ جي ذاتي سيرت جي لحاظ کان آهي، نه ڪي ڪنهن گروهه سان لاڳاپي جي حوالي کان.
    آيت ۾ چئن گروهن جو ذڪر آهي. هڪ مسلمان، جيڪو حضرت محمدﷺ جي اُمت آهي، ٻيو يهودي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي حضرت موسيٰ عليھ السلام جي اُمت چوي ٿو. ٽيو نصاريٰ (عيسائي) جيڪو حضرت عيسيٰ عليھ السلام جي اُمت هئڻ جو دعويدار آهي. چوٿون صابي جيڪي پنهنجو پاڻ کي حضرت يحيٰ جي اُمت چوندا هئا ۽ پر اچين زماني ۾ عراق جي علائقي ۾ آباد هئا. هو اهل ڪتاب هئا ۽ ڪعبي طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئا. پر هاڻ صابي گروهه ختم ٿي چڪو آهي، دنيا ۾ ان جو ڪوبه وجود نه آهي.
    هتي مسلمانن کي ٻين گروهن کان ڌار نه ڪيو ويو آهي. پر انهن جو ۽ ٻين پيغمبرن سان نسبت رکندڙ اُمتن جو گڏ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته گروهه هئڻ جي اعتبار کان الله ﷻ جي نظر ۾ سڀ برابر جو درجو رکن ٿا. گروهه جي لحاظ کان هڪ ۽ ٻي گروهه ۾ ڪوبه فرق نه آهي. سڀني جي ڇوٽڪاري جو هڪ ئي محڪم اصول آهي، اهو آهي ايمان ۽ سٺا عمل. ڪو گروهه، پوءِ ڀلي اهو پاڻ کي مسلمان چوندو هجي، يا اهو پنهنجو پاڻ کي يهودي، يا مسيحيٰ يا صابي يا ڪجهه ٻيو چوندو هجي، انهن مان ڪوبه گروهه رڳو هڪ مخصوص گروهه هئڻ جي ڪري خدا وٽ ڪو خاص درجو نٿو رکي. درجي جو لحاظ ان تي آهي ته ڪنهن خدا جي مرضيءَ موجب پنهنجي عملي زندگي گذاري.
    پيغمبر جي زماني ۾ جڏهن سندس مڃيندڙن جو گروهه ٺهي ٿو ته ان جو بنياد سدائين ايمان ۽ سٺن عملن تي هجي ٿو. ان وقت ايئن ٿئي ٿو ته نبي جو سَڏ ٻُڌي ڪجهه ماڻهن جي اندر ذهني ۽ فڪري انقلاب اچي ٿو. انهن جي اندر هڪ نئون عزم جاڳي ٿو. انهن جي زندگي جو نقشو، جيڪو هيستائين ذاتي خواهشن جي بنيادن تي هلي رهيو هو، اهو خدائي تعليم جي بنياد تي قائم ٿي وڃي ٿو. اهي ئي ماڻهو حقيقي معنيٰ ۾ پيغمبر جي اُمت هوندا آهن. انهن جي لاءِ پيغمبر جي زبان مان آخرت جي نعمتن جي بشارت ڏني وڃي ٿي. پر پوءِ جي نسلن ۾ صورتحال بدلجي وڃي ٿي. هاڻ خدا جو دين انهن جي لاءِ هڪ قسم جي قومي روايت بنجي وڃي ٿو. جيڪي بشارتون، ايمان ۽ عمل جي بنياد تي ڏنيون ويون هيون، انهن کي رڳو گروهي واسطي جو نتيجو سمجهيو وڃي ٿو. هو اهو گمان ڪري وٺن ٿا ته هنن جي گروهه جو الله سان ڪو خاص رشتو آهي، جيڪو ٻين ماڻهن سان نه آهي، جيڪو شخص انهيءَ مخصوص گروهه سان واسطو رکي، پوءِ ڀلي عقيدي يا عمل جي لحاظ کان ڪيئن به هجي، بهرحال ان جو ضرور ڇوٽڪارو ٿيندو. جنت انهن جي مخصوص گروهه جي لاءِ مخصوص آهي ۽ دوزخ فقط ٻي گروهه جي لاءِ.
    پر ڪوبه گروهه الله سائينءَ جو ڌُڻيل ڪونهي، الله وٽ جيڪا ڳالهه وڻندڙ آهي، اها هيءَ ته ماڻهوءَ جو عمل ۽ فڪر ڪهڙو آهي، آخرت ۾ ماڻهوءَ جي انجام جو فيصلو ان جي حقيقي ڪردار تي هوندو نه ڪي گروهي نسبت سان.
    جڏهن به ڪا ديني تحريڪ اُڀرندي آهي ته هوريان هوريان ان جو هڪ گروهه بنجي ويندو آهي، پر گروهه جي جيڪا به اهميت آهي، اها رڳو دنيا جي حوالي سان آهي. آخرت ۾ هر ماڻهو خدا وٽ اڪيلو پهچندو ۽ هر فرد پنهنجي ذاتي ڪردار جي آڌار تي سزا جو يا انعام جو حقدار ٿيندو.


    006-2

    006-2
    اُمــت وســط
    اُمتِ محمّدي ﷺ جي حيثيت ٻڌائيندي قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي ته: ۽ اهڙي طرح اسان اوهان کي ڀلي جماعت (اُمتِ وسط) ڪيو، ته جيئن اوهين ماڻهن تي شاهد ٿيو ۽ رسول اوهان تي شاهد ٿئي ۽ جنهن قبلي تي تون هئين، تنهن کي اسان رڳو هن لاءِ (مقرر) ڪيو ته جيئن اسين ڄاڻي وٺون ته ڪير رسولﷺ جو پوئلڳ ٿئي ٿو ۽ ڪير (ان کان) پنهنجي کڙين ڀر ڦِري وڃي ٿو ۽ بيشڪ اها ڳالهه جن کي الله هدايت ڪئي، تن کانسواءِ ٻين تي ڳري آهي ۽ الله اهڙو ڪونهي جيڪو اوهان جي ايمان کي ذيان ڪري، بيشڪ الله ماڻهن تي گهڻي ٻاجهه ڪندڙ ۽ نهايت رحم وارو آهي. (البقره143)
    وسط جي معنيٰ آهي ”وچ واري“. اُمت وسط جو مطلب آهي ”وچ واري اُمت“. اُمتِ محمّدي (ﷺ)کي وچ واري اُمت ان ڪري چيو ويو آهي ته اها پيغمبرِ اسلام ۽ اقوامِ عالم جي وچ واري ڪَڙي آهي. ان کي پيغمبرِ اسلام کان خدا جي دين کي بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي وٺڻو آهي ۽ پوءِ ان کي ٺيڪ ايئن ئي اقوامِ عالم تائين پهچائڻو آهي. اهو عمل نسل درنسل جاري رکڻو آهي، ايستائين جو قيامت اچي وڃي.
    مفسر ابن زيد آيت جي تشريح ڪندي چيو آهي (وکذالک جعلنا کم اُمة وسطا) قال. هم وسط بين النبيﷺ و بيد الامم (تفسير الطبري 2/8). يعني ان آيت جو مطلب آهي ته اهلِ اسلام رسول اللهﷺ ۽ ٻين قومن جي وچ ۾ آهن.
    خدا جي تخليقي نقشي موجب، انسان ذات جي اها مستقل گهرج آهي ته ان جي وچ ۾، هر نسل ۽ هر گروهه ۾ اهڙا فرد پيدا ٿيندا رهن، جيڪي انسانن کي لڳاتار خدا جي تخليقي نقشي کان باخبر ڪندا رهن، ته جيئن انسان دنيا ۾ غفلت جي حالت ۾ نه گذاري، پر حقيقت کان مڪمل طور تي باخبر ٿي زندگي گذاري، ان مشن موجب گذريل زمانن ۾ بار بار خدا جا پيغمبر ايندا رهيا. پيغمبرِ اسلام ان نبوت جي آخري ڪڙي هو. هاڻ پاڻ سڳورن کان پوءِ ڪوبه پيغمبر اچڻ وارو نه آهي.
    هاڻ جيتوڻيڪ نبوت جو سلسلو بند ٿي چڪو آهي، پر ڪار نبوتَ اڃا به پوري طرح باقي آهي، ته جيئن انسانيت جي ايندڙ نسلن تائين به ايئن ئي حق جو پيغام پهچندو رهي، جيئن اهو گذريل نسلن تائين پهچندو رهيو هو. پوءِ جي زماني ۾ پيغام رسائڻ جي ان ڪم کي جاري رکڻ جي لاءِ اُمتِ محمّدي (ﷺ)کي ”اُمت وسط“ (ڀَلي جماعت) بنايو ويو. اها اُمتِ محمّديءَ (ﷺ) جي لازمي ذميداري آهي، جيڪڏهن هو لڳاتار رسائڻ جو اهو ڪم نه ڪري ته ان جو ”اُمتِ محمّدي (ﷺ)“ هئڻ ئي الله جي نظرن ۾ شڪي ٿي ويندو.


    007-2

    007-2
    اســلام ۾ روزو
    قرآن ۾ ايمان وارن کي خطاب ڪندي فرمايو ويو آهي ته: اي ايمان وارو! اوهان تي روزو فرض ڪيو ويو آهي، جيئن اوهان کان اڳين تي فرض ڪيو ويو هو، ته جيئن اوهين متقي بنجو. (البقره 183). ان کانپوءِ اهو حڪم ڏنو ويو آهي ته: ايمان وارا هر سال رمضان جو سڄو مهينو روزو رکن. ان ۾ اها حڪمت ٻڌائي ويئي آهي ته ان سان منجهن شڪر جو جذبو پيدا ٿيندو. ان کان پوءِ هڪدم فرمايو ويو آهي ته: ۽ جڏهن منهنجا ٻانها اوهان کان مون بابت پُڇن ته آئون ويجهو آهيان ۽ سڏيندڙ جي سڏ جو جواب ڏيندو آهيان. تنهن ڪري هو منهنجو حڪم مڃين ۽ مون تي ڀروسو رکن ته جيئن هدايت حاصل ڪري سگهن. (البقره 186) روزي جو تفصيلي حڪم ان هڪ هنڌ تي آيو آهي. انهن آيتن جي مطالعي سان روزي جي باري ۾ جيڪي بنيادي احڪام معلوم ٿين ٿا، سي هن ريت آهن:
    1. پهرين ڳالهه اها ٻڌائي ويئي آهي ته روزو هڪ اهڙي عبادت آهي، جنهن جو حڪم اڳين پيغمبرن جي شريعتن ۾ پڻ ڏنو ويندو رهيو آهي. جيئن پاڻ ڄاڻون ٿا ته گذريل پيغمبر هر دؤر ۾ ۽ هر هنڌ ايندا رهيا آهن. ان مان اها ڳالهه چٽي ٿئي ٿي ته روزي جو واسطو زماني حالتن يا جاگرافيائي سببن جي ڪري نه آهي. اها به نماز وانگيان ئي هڪ عبادت آهي. روزو سدائين ۽ هر حال ۾ فرض رهيو آهي ۽ سدائين رهندو. شرعي عذر کانسواءِ ٻي ڪابه شئي ان کي ڇڏڻ (ساقط) جي موڪل نٿي ڏي.
    2. قرآن ۾ روزي جو هڪ مقصد تقويٰ (پرهيزگاري) ٻڌايو ويو آهي. يعني روزو ماڻهوءَ ۾ الله جو ڊپ پيدا ڪري ٿو. الله کان ڊڄڻ ڇا آهي. اهو هي ته ماڻهوءَ هر شئي جي باري ۾ ڀروسو ڪري ته اهو خدا جو عطيو آهي ۽ خدا جڏهن به چاهي انهن شين کي کسي وٺي ۽ اسان کي انهن شين کان محروم ڪري ڇڏي. رمضان جو روزو ماڻهوءَ ۾ اهو ئي احساس پيدا ڪرڻ جي هڪ سالياني تدبير آهي. هن مهيني ۾ ماڻهو پاڻ پنهنجي ارادي سان وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي کائڻ پيئڻ کان محروم ڪري ٿو. ائين پنهنجو پاڻ تي بک ۽ اُڃ لاڳو ڪري اهو تجربو ڪري ٿو ته جيڪڏهن خدا مستقل طور تي کاڌي پيتي کان محروم ڪري ڇڏي ته هو ڪيڏي نه وڏي مصيبت ۾ ڦاسي ويندو. اهو احساس منجهس اندروني طور تي اها رباني ڪيفيت ٻيهر طاري ڪري ٿو، جنهن کي قرآن ۾ تقويٰ چيو ويو آهي.
    3. روزي جو ٻيو فائدو قرآن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته اهو ماڻهوءَ جي اندر شڪر جو جذبو پيدا ٿو ڪري. ماڻهو سڄو ڏينهن بُک ۽ اُڃ ۾ گذاري ٿو. ايستائين جو اُن حالت ۾ شام اچي وڃي ٿي ۽ سج لهي وڃي ٿو. هاڻ هو پنهنجو روزو کولي ٿو ۽ ڍءُ ڪري کائي ۽ پيئي ٿو. ان کان پوءِ ماڻهوءَ جو حال ايئن ٿئي ٿو، جيئن هڪ منسون دعا ۾ چيو ويو آهي: ذهب الظماء و ابتلڪ العروق (اُڃ هلي ويئي ۽ نسون ڀرجي ويون).
    روزي کان پوءِ افطار جو طريقو ماڻهوءَ کي تجرباتي طور تي ان حقيقت جي يادگيري ڏياري ٿو ته خدا پاڻي ۽ غذا جي صورت ۾ انسان جي لاءِ ڪيڏي نه وڏي نعمت پيدا ڪئي آهي ۽ پوءِ هڪ نعمت جي باري ۾ اهو تجربو ماڻهوءَ کي اهي هڙئي نعمتون ياد ڏياري ٿو ۽ ان جو سينو خدا جي ٿورن جي جذبي سان ڀرجي وڃي ٿو. ايئن روزو ماڻهوءَ کي ان جي قابل بنائي ٿو ته هو شڪر ڪندڙ بنجي خدا جي دنيا ۾ رهي.
    4. روزي جي عبادت ماڻهوءَ جي اندر هڪ ٻيو اهو گُڻ پيدا ٿي ڪري ۽ اهو دعا جو گُڻ آهي. روزي جو مهينو روزيدار جي لاءِ روحاني سکيا جو مهينو آهي. ان مهيني ۾ ماڻهو بک ۽ اُڃ جي سختي سهي، پنهنجي وجود جي مادي پهلوءَ کي دٻائي ٿو ۽ ان جي غير مادي پهلوءَ کي اُڀاري ٿو. نمازن جي گهڻائي ان جي اندر ٻانهپ جي احساس کي سجاڳ ٿي ڪري. قرآن کي وڌ ۾ وڌ ٻُڌڻ سان مٿس قرآن جي معنيٰ کلي ٿي ۽ سندس اندر خدا جي عظمت جو شعور جاڳي ٿو. اهو خدا کان ڊڄڻ وارو، خدا جي مهرباني مڃيندڙ ۽ ان جي وڏائي بيان ڪرڻ وارو بنجي وڃي ٿو.
    ايئن روزو ماڻهوءَ کي ان جي قابل بنائي ٿو ته اهو خدا کان سچي دعا گهرڻ وارو بنجي وڃي. هن جي دعا هڪ اهڙي انسان جي دعا هجي، جيڪا خدا وٽ پهچي وڃي، جيڪا بلڪل خدا جي ويجهو وڃي سڏڻ لڳي.


    2:8

    2:8
    فطرت جو قانون
    قومن جي عروج ۽ زوال جي بابُ ۾ فطرت جو هڪ قانون ٻُڌائيندي قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ڪيترائي ننڍا گروهه، الله جي حُڪم سان وڏن گروهن تي غالب آيا آهن ۽ الله صبر ڪندڙن سان گڏ آهي. (البقره: 249)
    هن آيت ۾ ’اذن الله‘ جو مطلب فطرت جو قانون آهي ۽ فطرت جو اهو قانون صبر جي اصول تي ٻَڌل آهي. ان جو مطلب اِهو آهي، ته دُنيا ۾ ڪوبه ننڍو گروهه فقط ننڍو هئڻ جي آڌار تي مغلوب نٿو ٿئي. جيڪڏهن هو صبر ڪري، ته عين ممڪن آهي، ته اهو پاڻ کان وڏي گروهه تي غالب اچي وڃي.
    اهو معاملو ڪو پُراسرار معاملو نه آهي. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا انساني نفسيات جي جائزي ۽ قومن جي تاريخ جي اُڀياس مان سمجهي سگهجي ٿي. اصل اهو آهي، ته هر انسان پئدائشي طور تي اَٿاهه گُڻن جو مالڪ هوندو آهي. پر اهي گُڻ عام حالتن ۾ ماڻهوءَ جي اندر لڪل هوندا آهن. ان هڪ لڪل گُڻ کي جيڪا شئي جاڳائي ٿي اها للڪار آهي، جنهن فرد يا قوم کي پنهنجي ماحول پاران للڪار پيش اچي ٿي، ان جا گُڻ جاڳي پون ٿا. هو اڳ ۾ جيڪڏهن فقط هڪ بشر (Man) هو، ته للڪار جي مُنهن ۾ اچڻ کانپوءِ هو فوق البشر (Superman) بنجي ويندو. هاڻ هو اهڙا ڪارناما سرانجام ڏيڻ لڳندو، جنهن جو للڪار کان اڳ ۾ تصور ڪرڻ به ممڪن نه هو.
    جنهن سماج ۾ ٻه گروهه هجن، هڪ اقليتي گروهه ۽ ٻيو گهڻائي وارو گروهه. اهڙي سماج ۾ سدائين ايئن ٿيندو آهي، ته گهڻائي طرفان ٿورائي کي للڪار پيش ايندي آهي. زندگي جي هر محاذ تي اقليت کي اهو محسوس ٿيندو آهي، ته اڪثريت کيس دٻائي وٺندي ۽ هو اڪثريت جي مقابلي ۾ مغلوب بنجي ويندا. اها صورتحال اقليت جي لاءِ هڪ سخت امتحان هوندو آهي. هاڻ هن جي لاءِ ردعمل جون ٻه صورتون هونديون آهن. هڪ صبر وارو ردعمل ۽ ٻيو غير صبر وارو ردعمل. غير صبر وارو ردعمل اهو آهي، ته اقليتي گروهه شڪايت ۽ احتجاج جي نفسيات ۾ مُبتلا ٿي وڃي. هو ناڪاري طريقن سان ان جو جواب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. ٻين لفظن ۾ اهو للڪار جي مقابلي ۾ ناڪاري جواب (Negative Response) ڏيڻ آهي، ۽ جيڪا اقليت للڪار جي مقابلي ۾ ان قسم جو ناڪاري جواب ڏي، مايوسي ۽ همت هاري ڇڏڻ جو شڪار ٿي وڃي، ان جون فطري صلاحيتون بدستور سُتل حالت ۾ پيل رهنديون. اهڙي اقليت للڪار جي اندر گهيرجي ايئن ختم ٿي ويندي، جيئن ننڍيون جهرڪيون طوفان جي اندر گهيرجي ختم ٿي وينديون آهن. ان جي ابتڙ جيڪا اقليت للڪار جي مقابلي ۾ صبر واري رَوش جو ثبوت ڏي، اها ٻين لفظن ۾ طوفان جي وڏي جهرڪي (Big bird of the storm) آهي. هوءَ پنهنجن سگهارن کنڀن سان اُڏامي مٿي هلي ويندي، ۽ ايئن پنهنجي پاڻُ کي طوفان جي پَڪڙ کان بچائي وٺندي.
    للڪار جي مقابلي ۾ صبر جو رَويو اختيار ڪرڻ جو مطلب اهو آهي، ته ماڻهو مقابلي جي نفسيات سان ان جي آجيان ڪري. هو پنهنجو پاڻ کي ان کان بچائي، ته سندس دماغ درهم برهم ٿي وڃي ۽ هو پيش ايندڙ صورتحال جي مقابلي ۾ هاڪاري طور تي سوچڻ جي لائق نه رهي. جيڪو فرد يا گروهه للڪار جي مقابلي ۾ ان قسم جي هاڪاري جواب جو انداز اختيار ڪري، ان جو فائدو کيس اهو ٿو ملي، ته سندس اندر هڪ نئون حوصلو اُڀري ٿو اچي. ان جون سُتل صلاحيتون جاڳي پون ٿيون. ان جي اندر اهو فڪري انقلاب پيدا ٿئي ٿو، جنهن کي نفسيات جي زبان ۾ دماغي طوفان (Brain Storm) چيو ويندو آهي.
    اهي شيون اقليتي فردن جي اندر سُتل انسان کي سجاڳ ڪري ٿيون ڇڏين. اهڙا ماڻهو زندگيءَ جي هر ميدان ۾ اڪثريت کان وڌيڪ عمل جو ثبوت ڏيندا آهن. هو پنهنجي ذهني ارتقا جي آڌار تي ان جي قابل هوندا آهن، ته مسئلن جو برتر نبيرو (Superior Solution) ڳولهي سگهن. اقليتي گروهه ۾ اهي هڙئي گُڻ صبر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ فطرت جو اهو قانون آهي، ته زندگيءَ جي معرڪي ۾ جيڪي صبر جو ثبوت ڏين، هن دنيا ۾ اهي لازمي طور تي غلبو حاصل ڪندا. ايتريقدر جو اڪثريتي گروهه جي مقابلي ۾ به.


    2:9

    2:9
    هڪ دُعا
    سوره البقره جي پُڄاڻي هڪ دعا تي ٿئي ٿي:
    ”اي اسانجا پاليندڙ! اسان کي نه پَڪڙ، جيڪڏهن اسين ڀُلجي وڃون يا خطا ڪريون. اي اسان جا پاليندڙ! ۽ اسان تي اهڙو بار نه رک، جهڙو تو انهن تي رکيو، جيڪي اسان کان اڳ ۾ هئا. اي اسان جا پاليندڙ ۽ اسان کان اهو بار نه کڻاءِ، جنهن جي اسان کي سگهه نه آهي، ۽ اسان کي درگذر ڪر! ۽ اسان کي معاف ڪر! ۽ اسان تي رحم ڪر. تون اسان جو مالڪ آهين. پوءِ اسان کي ڪافر قوم تي فتح ڏي.“ (البقره- 686)
    دعا ڇا آهي. دعا ٻانهي جي دلي احساسن جو خدا جي سامهون اظهار آهي. جڏهن هڪ انسان هڪ طرف پنهنجي مڪمل نِوڙت سان ۽ ٻي پاسي خدا جي ڪامل قدرت کي ڳولهي ٿو لهي، ته ان کانپوءِ فطري طور تي هيئن ٿئي ٿو، ته هو بيتابيءَ سان خدا کي سڏڻ ٿو لڳي. هن جي اندر اها تڙپ جاڳي ٿي، ته هو پنهنجن سڀني احساسن ۽ سڀني جذبن کي پنهنجي رب جي سامهون پيش ڪري ڇڏي. هو پنهنجي ٻانهپ ۽ خدا جي معبوديت جو مڪمل اظهار بنجي وڃي. اهي لطيف احساس جڏهن لفظن جي شڪل اختيار ڪري وٺن، ته ان جو نالو دعا آهي.
    مذڪوره لفظ بظاهر ته قرآن جا لفظ آهن، پر پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان اهي انسان جي فطرت جو سڏ آهن. انهن لفظن ۾ گويا خود انسان جي سرجڻهار هڪ سچي انسان جي اندر اٿندڙ جذبن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي.
    هڪ ماڻهوءَ کي جڏهن سچو ايمان حاصل ٿئي ٿو، ته هو بي چينيءَ سان اهو چاهيندو آهي، ته پنهنجو پاڻ کي خدا جي اطاعت ۾ ڏيئي ڇڏي. پر هڪ طرف خدا جي بيپناهه عظمت۽ ٻي طرف پنهنجي بيپناهه عجز جي آڌار تي، کيس اهو محسوس ٿئي ٿو، ته هو اِلاهي اطاعت جو حق ادا نه ڪري سگهيو آهي. سندس اهي احساس مذڪوره قسم جي دعا وارن لفظن جي شڪل اختيار ڪري وٺن ٿا. هو اهو چئي نه سگهندو آهي ته خدايا! آئون تنهنجي درٻار ۾ عملن جو تحفو کڻي آيو آهيان. تون اهي قبول ڪر. سندس نظر پنهنجي ڪيئي تي نه هوندي آهي. پر انهن تي هوندي آهي، جيڪو هو ڪري نه سگهيو آهي.
    انهن احساسن تحت هو سڏڻ ٿو لڳي ته خدايا! جڏهن تون منهنجو حساب وٺين، ته مون سان معافي ۽ درگذر وارو معاملو ڪج ۽ مون کي پنهنجي رحمتن جي ڇانوري ۾ وٺج. خدايا، تون منهنجي دشمنن جي خلاف منهنجي مدد ڪر ۽ منهنجي پاران انهن جي مقابلي لاءِ تون وسيلو بنج.


    3:10

    3:10
    چِٽيون ۽ اَڻ چِٽيون آيتون
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته ان جون آيتون بنيادي طورتي ٻن قسمن جون آهن. محڪم ۽ متشابه. ان سلسلي ۾ قرآن جو بيان هن ريت آهي: اهو ئي آهي، جنهن تنهنجي مٿان ڪتاب لاٿو. جنهن مان ڪي آيتون محڪم (يعني چِٽيءَ معنيٰ واريون) آهن، اهي ڪتاب جو اصل آهن ۽ ٻيون متشابه (يعني گهٽ معنيٰ واريون) آهن. پوءِ جن دلين ۾ ڏِنگائي آهي، سي منجهانئس جيڪي متشابه (اَڻ چِٽيون) آهن، تن جي پٺيان فتني پکيڙڻ ۽ سندن (مطلبي) مراد ڳولهڻ لڳندا آهن. ۽ الله کانسواءِ ان جو مطلب ڪير به نٿو ڄاڻي. ۽ جيڪي ماڻهو پختو علم رکن ٿا، اهي چوندا آهن، ته انهن کي مڃيوسون. اهي مڙئي اسان جي پالڻهار وٽان آهن ۽ عقل وارن کانسواءِ ٻيو ڪوبه نصيحت نه وٺندو آهي. (آل عمران- 7)
    قرآن جي ان آيت ۾ متشابهات (اَڻ چِٽين) جو مطلب تمثيلون آهن. يعني تمثيلن جي زبان. قرآن ۾ غيب جي ڳالهين کي تمثيل جي زبان ۾ چِٽو ڪيو ويو آهي، ۽ موجوده معلوم دنيا کي چِٽين ڳالهين جي صورت ۾.
    قرآن ۾ ٻن قسمن جا مضمون آهن. هڪ اُهي جيڪي انسان جي ڄاتل سُڃاتل دنيا سان واسطو رکن ٿا. جهڙوڪ: تاريخي واقعا، ڪائناتي نشانيون، دنياوي زندگيءَ جا احڪام وغيره. ٻيو اهو آهي، جنهن جو واسطو انهن غيبي معاملن سان آهي، جيڪي اڄ جي انسان جي سمجهه کان مٿانهان آهن. جهڙوڪ: خدا جا گُڻ، جنت ۽ دوزخ جو احوال، ملائڪن جي نوعيت، وغيره. پهرين قسم جي ڳالهين کي قرآن ۾ چِٽي نموني، سنئين سڌي طريقي سان بيان ڪيو ويو آهي. ٻئي قسم جون ڳالهيون انسان جي اَڻ ڄاتل دنيا بابت آهن، اهي انساني زبان جي گرفت ۾ نٿيون اچن، تنهنڪري انهن کي اَڻ چِٽي انداز ۾ يعني تمثيل ۽ تشبيهه جي اسلوب ۾ بيان ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ: انسان جو هٿ چيو وڃي، ته اُهو سنئين سِڌي زبان جو مثال آهي. ۽ الله جو هٿ تمثيلي زبان جو مثال.
    جيڪي ماڻهو ان فرق کي نٿا سمجهن، سي اَڻ چِٽين آيتن جو مفهوم به ايئن ئي متعين ڪرڻ لڳندا آهن، جيئن چِٽين آيتن جو مفهوم ڪڍيو وڃي ٿو. اها پنهنجي فطري دائري کان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش آهي. ان قسم جي ڪوششن جو انجام ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، ته ماڻهو سدائين ڀَٽڪندو رهي ۽ ڪڏهن به منزل تي نه پهچي. ڇوته ”انسان جي هٿ“ کي مقرر طور تي سمجهي سگهجي ٿو، پر ”خدا جي هٿ“ کي موجوده عقل سان سمجهڻ ممڪن ڪونهي.
    قرآن فهميءَ جو اهو اصول فطرت جي اصول موجب آهي. انسان کي هر معاملي ۾ اهو ئي ڪرڻو پوي ٿو، ته هو ڪجهه ڳالهين کي مڪمل طور تي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ڪجهه ٻين ڳالهين جي سلسلي ۾ اجمالي (مختصر/ٿوري) علم تي ڀاڙي. قرآن کي سمجهڻ جي لاءِ به اهو ئي عام اصول ضروري آهي. جيڪي ماڻهو اهو اصول اختيار نٿا ڪن، اُهي قرآن پڙهي، ان مان فقط ذهني انتشار جي غذا حاصل ڪندا. هو ان مان حقيقي فائدو حاصل ڪري نٿا سگهن.


    3:11

    3:11
    خدا جو عطيو
    قرآن ۾ جيئن عبادت جا حڪم آهن، تيئن قرآن ۾ تاريخ جي تبديليءَ جا قانون به ٻُڌايا ويا آهن. ان سلسلي ۾ قرآن جو هڪ حصو هي آهي: ”چئو ته اي الله! ملڪ جا مالڪ، جنهن کي گهُرين، تنهن کي بادشاهي ڏينءَ ۽ جنهن کان وڻئي، تنهن کان بادشاهي کسينءَ ۽ جنهن کي گهُرين، تنهن کي مانوارو ڪرينءَ ۽ جنهن کي وڻئي، تنهن کي ذليل ڪرينءَ! تنهنجي هٿ ۾ چڱائي آهي. بيشڪ تون سڀ ڪنهن شئي تي وَس وارو آهين. رات کي (گهٽائي) ڏينهن ۾ آڻين ٿو. ۽ ڏينهن کي (گهٽائي) رات ۾ آڻين ٿو. ۽ مُئي مان جيئري کي ڪڍين ٿو ۽ جيئري مان مُئي کي ڪڍين ٿو ۽ جنهن کي گهُرين، تنهن کي اَڻ ڳڻي روزي ڏيندو آهين.“ (آل عمران- 26-27)
    قرآن جي اها آيت انساني تاريخ جي باري ۾ هڪ اهم خدائي قانون کي ٻڌائي ٿي. ۽ اهو هيءَ ته دنيا ۾ ڪنهن کي اقتدار جو ملڻ ۽ ڪنهن کان اقتدار جو کسجي وڃڻ، ٻئي خدا جي فيصلي موجب ٿين ٿا. جيئن ڌرتيءَ تي رات ۽ ڏينهن جو اچڻ، خدائي نظام تحت ٿئي ٿو، تيئن ڪنهن کان اقتدار جو کسجڻ ۽ ڪنهن کي ملڻ به سڄو خدائي معاملو آهي، نه ڪي رڳو هڪ انساني معاملو.
    هن دنيا ۾ اقتدار کي نشانو بنائي مهم هلائڻ ايئن آهي، جيئن رات ۽ ڏينهن جي نظام کي بدلائڻ جي لاءِ مُهم هلائڻ. اقتدار جي نظام ۾ تبديلي خدائي مصلحتن موجب ٿئي ٿي، نه ڪي انساني ڪوششن سان. اهڙي حالت ۾ ماڻهوءَ کي گهرجي، ته هو پنهنجي اصل حاصل ٿيل دائري ۾ پنهنجي ذميدارين کي نباهي ۽ اقتدار جي دائري ۾ قناعت جي اصول کي اختيار ڪري.
    هر قسم جي عزت ۽ طاقت الله جي اختيار ۾ آهي. وقت جا وڏا، جنهن کي بي حقيقت سمجهي وٺن، خدا چاهي ته ان جي حق ۾ عزت ۽ سربلنديءَ جو فيصلو ڪري. علم جي گادين تي ويٺل، جنهن جي جاهليت جي فتويٰ ڏين، خدا چاهي ته اُن جي وسيلي علم جو چشمو جاري ڪري ڇڏي. خدا جي نظر ۾ جيڪڏهن ڪو عزت ۽ طاقت جو حقدار ٿي سگهي ٿو، ته اهو جيڪو ان کي نبار خدا جي شئي سمجهي ۽ خدا جي نظر ۾ ان جو سڀ کان وڏو جيڪڏهن ڪو حقدار نه آهي، ته اهو جيڪو ان کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي وٺي. خدا وشال ڪائنات ۾ هر روز وڏي پئماني تي اهو ڪرشمو ڏيکاري رهيو آهي، ته هو اونداهيءَ کي روشنيءَ جي مٿان تاڻي ٿو ڇڏي ۽ روشنيءَ کي اونداهيءَ جي مٿان. هو مُئل عنصرن مان زندگي وجود ۾ آڻي ٿو ۽ جيئرين شين کي مُئل عنصرن ۾ بدلائي ٿو ڇڏي. خدا جي اها ئي قدرت جيڪڏهن انساني تاريخ ۾ پڌري ٿئي، ته ان ۾ حيرت جي ڪهڙي ضرورت آهي.


    3:12

    3:12
    رباني بنجو
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه جُڳائيندو آهي جو الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏي ۽ اهو وري ماڻهن کي چوي، ته الله کانسواءِ منهنجا ٻانها ٿيو، پر هو ايئن چوندو ته الله جا ٻانها ٿيو، انهيءَ ڪري جو اوهين ان واسطي ٻين کي ڪتاب جي تعليم ڏيو ٿا ۽ پاڻ به ان کي پڙهو ٿا. (آل عمران- 79)
    هن آيت موجب خدا جي پيغمبرن، انسانن کي جيڪا تعليم ڏني، اها هيءَ هئي ته اي انسانو! رباني بنجو. ربانيءَ جو مطلب آهي ربّ وارا/ الله وارا. اهو لفظ قرآن ۾ ان انسان جي لاءِ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو غير خدا پرستيءَ واري زندگيءَ کي ڇڏي، خدا پرستيءَ واري زندگي اختيار ڪري. جيڪو غيرالله ۾ جيئڻ جي بدران رڳو الله جي لاءِ جيئي. جنهن جي صبح ۽ شام رڳو آخرت جي ياد ۾ گذري، نه ڪي انهن دنياوي ۽ مادي شين ۾، جن جي وچ ۾ موجوده زندگيءَ ۾ ماڻهو کي رهڻو پوي ٿو.
    عام انسان جي غذا جيڪڏهن ماديت آهي، ته رباني انسان جي غذا روحانيت آهي. عام انسان جون دلچسپيون جيڪڏهن ظاهري شين ۾ وکريل آهن، ته رباني انسان اعليٰ حقيقتن کي پنهنجي دلچسپيءَ جو مرڪز بنائي ٿو. عام انسان جيڪڏهن مخلوقات ۾ جيئي ٿو، ته رباني انسان خالقِ ڪائنات ۾.
    رباني انسان جي تواضع ۾ لذت ملي ٿي، نه ڪي فخر ۾. رباني انسان معاف ڪرڻ کي محبوب سمجهي ٿو، نه ڪي بدلي وٺڻ کي. رباني انسان کي سادگي وڻندي آهي، نه ڪي نمائش ۽ تڪلف. رباني انسان پوين بئنچن تي ويهڻ پسند ڪندو آهي، نه ڪي اڳين سيٽن تي. رباني انسان اهو آهي، جيڪو ڳالهائي گهٽ ۽ سوچي وڌيڪ. جيڪو ٻين جي احتساب کان وڌيڪ پنهنجي احتساب ۾ دلچسپي رکندو هجي. جنهن کي حاصل ڪرڻ ۾ خوشي نه ٿئي ۽ وڃائڻ، جنهن کي ڏکارو نه ڪري. جنهن جي ڌيان جو مرڪز ڪُل ڪائنات واري دنيا هجي، نه ڪي اڄ جي دُنيا.


    3:13

    3:13
    اسلامي روحانيت
    اسلام موجب، روحانيت جو سرچشمو ڪنهن پراسرار قسم جي ورزش يا عمليات ۾ ڪونهي. پر ان جو سرچشمو حقيقتن جي جهان ۾ غور ۽ ويچار آهي. غور ۽ ويچار جي ذريعي ماڻهو هِتي اهڙا ته فيض ٿو حاصل ڪري، جيڪي سندس اندر ۾ روحاني لهرون پيدا ڪن ۽ ان کي مادي انسان مان کڻي روحاني انسان بنائي ڇڏين. اها حقيقت قرآن جي هنن آيتن مان معلوم ٿئي ٿي:
    ”آسمانن ۽ زمين جي پيدائش ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي واري واري سان اچڻ ۾ عقل وارن جي لاءِ نشانيون آهن. جيڪي ويٺي ۽ بيٺي هر گهڙيءَ الله کي ياد ڪندا آهن ۽ آسمانن ۽ زمين جي پيدائش تي پيا ويچاريندا آهن ۽ چوندا آهن ته اي اسان جا پالڻهار، هنن کي بي رٿو نه بڻايو اٿئي. تون پاڪ آهين، سو اسان کي جهنم جي باهه کان بچاءِ! اي اسان جا پالڻهار! جنهن کي تو باهه ۾ وڌو، تنهن کي بيشڪ خوار ڪيئي ۽ ظالمن جو ڪوبه مددگار نه آهي. اي اسان جا پالڻهار! اسان سڏيندڙن جي سَڏ کي ٻُڌو، جو ايمان ڏانهن سڏيندو آهي، ته پنهنجي پالڻهار تي ايمان آڻيو. پوءِ مڃيوسون. اي اسان جا پالڻهار! اسان کي اسان جا گناهه بخش ۽ اسان کي اسان جون مَدايون ميٽ ۽ اسان کي ڀلارن سان گڏ موت (نصيب) ڪر. اي اسان جا پالڻهار! اسان کي پنهنجي پيغمبر (جي زبان) سان جيڪو انجام ڏنو اٿئي، سو پاڙ ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي خوار نه ڪج، بيشڪ تون وعدي خلافي نه ڪندو آهين. (آل عمران: 191-194)
    اسلام موجب، روحانيت ڪنهن پراسرار دُنيا ۾ گُم ٿيڻ جو نالو نه آهي، ۽ نه ئي ڪا اهڙي ڳولا آهي، جيڪا پنهنجي ذات کان شروع ٿي ۽ پنهنجي ذات تي ئي ختم ٿئي ٿي. ان جي ابتڙ اسلامي روحانيت هيءَ آهي، ته ماڻهو حقيقت ۾ خداونديءَ جو زنده عرفان حاصل ڪري. هو حقيقت جي اَبدي دنيا ۾ پنهنجي لاءِ هڪ باشعور جاءِ ماڻي. اسلامي روحانيت جو سفر ڄاتل سُڃاتل رستن تان ٿي لنگهي ٿو، نه ڪي اَڻ ڄاتل ماٿرين مان.
    ڪائنات پنهنجي پوري وجود سان هڪ خاموش اعلان آهي. ماڻهو جڏهن پنهنجي ڪَن ۽ اَک تان مصنوعي پردي کي هٽائي ٿو، ته هو ان خاموش اعلان کي هر پاسي ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ٿو لڳي. هاڻي کيس اهو ناممڪن نظر ٿو اچي، ته هڪ اهڙي ڪائنات جنهن جا سيارا ۽ گرهه کربين سالن تائين به ختم نٿا ٿين، اتي انسان پنهنجي سڀني خواهشن ۽ سَڌن سميت رڳو پنجاهه سالن ۽ سئو سالن ۾ ختم ٿي وڃي. هڪ اهڙي دنيا جتي وڻن جي سونهن ۽ گلن جي لطافت آهي. جتي هوا، پاڻي ۽ سج جهڙين اَڻ ڳڻين بامعنيٰ شين جو بندوبست ڪيو ويو آهي، اتي انسان جي لاءِ غم ۽ پڇتاءُ کانسواءِ ٻيو ڪو انجام نه هجي.
    پوءِ اهو به کيس ناممڪن نظر اچي ٿو، ته هڪ اهڙي دنيا جتي اُهو اَٿاهه امڪان رکيو ويو آهي، ته هتي هڪ ننڍو ٻج زمين ۾ وڌو وڃي، ته ان جي اندران ساون وڻن جي هڪ سڄي ڪائنات ڦُٽي نڪري اچي. اتي ماڻهو نيڪيءَ جي زندگي اختيار ڪري به ان جو ڪو ڦل حاصل نٿو ڪري. هڪ اهڙي دنيا جتي روزانو اونداهي رات کانپوءِ سُهائو ڏينهن اچي ٿو، اُتي صديون گذري وڃن، ۽ عدل ۽ انصاف جو اُجالو پنهنجي چمڪ نه ڏيکاري، هڪ اهڙي دُنيا، جنهن جي هَنج ۾ زلزلا ۽ طوفان سُمهيل هجن، اُتي انسان ظلم مٿان ظلم ڪندو رهي، پر ڪوبه سندس هٿ جهلڻ وارو سامهون نه اچي.
    جيڪي ماڻهو حقيقتن ۾ جيئن ٿا ۽ گَهرائيءَ ۾ لهي سوچين ٿا، تن جي لاءِ ناقابل يقين ٿي وڃڻ ته هڪ بامعنيٰ ڪائنات، بي معنيٰ انجام تي ختم ٿي ويندي. سوچ ۽ ويچار کانپوءِ هو ڄاڻي ٿا وٺن، ته حق جو داعي پيغام پيو ڏي، ته هو ڳالهه ٻولهه جي زبان ۾ ان ڳالهه جو اعلان آهي، جيڪو خاموش زبان ۾ سڄي ڪائنات ۾ نشر پيو ٿئي. ان جي لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو اهو بنجي ٿو وڃي، ته جڏهن سچائي پڌري ٿئي ۽ جڏهن انصاف جو سج نڪري، ته ان ڏينهن هو ناڪام ۽ نامراد نه ٿئي. هو پنهنجي پالڻهار کي سڏيندي ان ڏانهن ڊوڙڻ لڳي. هو مفاد ۽ مصلحت جي سڀني حدن کي ٽوڙي حق جي داعيءَ سان سَلهاڙجي وڃي، ته جيئن ڪائنات جو سوجهرو ۽ ڪائنات جي اونداهي هڪٻئي کان ڌار ڪيا وڃن، ته ڪائنات جو مالڪ کين سوجهري ۾ جاءِ ڏي. هو کين اونداهيءَ ۾ ڌِڪا کائڻ جي لاءِ نه ڇڏي.
    اِها ذهني ڳولا ماڻهوءَ جي سڄي زندگيءَ کي بدلائي ٿي ڇڏي. هاڻي هو هڪ نئون انسان بنجي ٿو وڃي. هڪ اهڙو انسان، جيڪو دنيا ۾ بامعنيٰ زندگيءَ جي اڏاوت ڪري ۽ آخرت ۾ به پنهنجي لاءِ هڪ بامعنيٰ زندگي حاصل ڪري.


    4:14

    4:14
    شِرڪ معافيءَ جوڳو نه آهي
    اسلام ۾ گناهه جو تصور اهو ڪونهي، ته هڪ ڀيرو اهو ڪجي ته ان جي معافي نٿي ٿي سگهي. اسلام موجب، توبهه ۽ مڃڻ کانپوءِ هر گناهه معاف ٿي وڃي ٿو. البت شِرڪ هڪ اهڙو گناهه آهي، جيڪو خدا وٽ معافيءَ جوڳو نه آهي. قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”بيشڪ الله هيءَ (ڏوهه نه) بخشيندو جو ڪنهن کي ساڻس شريڪ ڪيو وڃي ۽ ان کانسواءِ (ٻيا ڏوهه) جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشيندو ۽ جيڪو الله سان ڪنهن کي شريڪ بنائيندو، تنهن بيشڪ وڏي گناهه سان بهتان ٿيندو. (النساء: 48)
    شِرڪ ڇا آهي؟ شِرڪ اهو آهي، ته انهن شين مان ڪنهن کي به الله سان شريڪ ۽ ساڻس شامل ڪيو وڃي، جيڪي فقط خدا جي لاءِ مخصوص آهن. جهڙوڪ: ڪائنات جي جوڙَ الله اڪيلي سر پنهنجي قدرت سان جوڙي آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪو شخص تخليق جي ان عمل ۾ ڪنهن ٻئي کي شامل ڪري، ته اهو شِرڪ ٿيندو. الله اڪيلي سر ڪائنات جي نظام کي هلائي رهيو آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص ان عمل ۾ ڪنهن ٻئي کي شامل سمجهي، ته اهو شِرڪ هوندو. هر قسم جو اختيار حقيقي طور رُڳو هڪ الله کي حاصل آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو مڃي، ته انهن اختيارن ۾ ڪو ٻيو به ڀاڱي ڀائيوار آهي، ته اهو شِرڪ هوندو. انسان کي هن دنيا ۾ مختلف قسمن جو رزق ملي ٿو، جيڪو سڀ الله جي طرفان هوندو آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪو شخص اهو سمجهي ته ڪو ٻيو به آهي، جيڪو رزق رسائڻ جو اختيار رکي ٿو، ته اهو شِرڪ هوندو.
    ساڳئي طرح الله يا معبود جو درجو رڳو هڪ الله کي حاصل آهي. هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن ٻئي کي معبود مڃي،ته اهو شِرڪ هوندو. ساڳئي طرح عبادت قسم جا هڙئي عمل فقط هڪ خدا جو حق آهي. جيڪڏهن ڪو شخص خدا سان گڏ ڪنهن ٻئي جي عبادت به ڪرڻ لڳي، ته اهو خدا سان شِرڪ هوندو. ساڳئي نموني قرآن موجب ’حُب شديد‘ ۽ ’خوف شديد‘ به رُڳو هڪ خدا جو حق آهي. هاڻ جيڪڏهن ڪو شخص هڪ خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي محبت يا ڊَپُ ۾ مبتلا ٿي وڃي، ته اهو به شِرڪ جهڙو عمل هوندو وغيره.
    شِرڪ معافيءَ جوڳو نه آهي. ڇاڪاڻ ته اهو خدا جي دنيا ۾ ڪنهن ٻئي کي خدائيءَ جو درجو ڏيڻ آهي. اهو خدا جي لاشريڪ حق ۾ ڪنهن ٻئي کي ڀاڱي ڀائيوار بنائڻ آهي. اهو قرآن جي لفظن ۾ خدا سان برابري ڪرڻ آهي. ان قسم جو عمل پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان بلڪل اها ئي شئي آهي، جيڪڏهن عام دنياوي اصطلاح ۾ رياست سان غداري (Treason) يا رياست سان بغاوت (Rebellion) چيو ويندو آهي. غداري ۽ بغاوت، جيئن دنياوي سلطان وٽ معافيءَ لائق ڏوهه نه سمجهيو ويندو آهي، تيئن حقيقي سلطان وٽ به ان قسم جو عمل معافيءَ لائق ڏوهه ڪونهي. شِرڪ، بنا شڪ جي الله جي سڀ کان وڏي ناقدري آهي. الله، بَشري گهُرجن موجب پيش ايندڙ ڪنهن جي گناهه کي معاف ڪري سگهي ٿو، پر جيڪي ماڻهو ڄاڻي واڻي خدا جي ناقدري جي همت ڪن ٿا، اهي پڪ سان معافي جي لائق نٿا ٿي سگهن.


    4:15

    4:15
    تحاڪم اليٰ الطاغوت
    قرآن ۾ ايمان وارن کي خطاب ڪندي اهو حڪم ڏنو ويو آهي: ”اي ايمان وارؤ! الله جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اوهان مان جيڪو حاڪم هجي، تنهن جي (به). پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شئي بابت جهڳڙو ڪريو، ته جيڪڏهن الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃيندا آهيو، ته ان کي الله ۽ پيغمبر (جي حڪم) ڏانهن رجوع ڪريو. اهو ڀلو ۽ نتيجي جي ڪري ڏاڍو چڱو آهي. (اي پيغمبر!) انهن ڏانهن نه ڏٺو اٿئي ڇا؟ جيڪي ڀانئيندا آهن ته جيڪي توڏانهن لاٿو ويو، تنهن کي پاڻ مڃيو اٿن. هي ان هوندي به طاغوت (يعني غير خدا) ڏانهن (مقدمو نيئي) فيصلو ڪرائڻ گهرندا آهن. جيتوڻيڪ ان جي نه مڃڻ جو حڪم ڪيو ويو اٿن ۽ شيطان کين وڏي ڀُل ۾ ڀُلائڻ گهُرندو آهي. (النساء: 59-6)
    هن آيت ۾ طاغوت جو مطلب قديم مديني جو يهودي سردار ڪعب بن اشرف آهي (تفسير القرطبي: 5/263) ڳالهه هيءَ آهي ته مدني دور جي شروعاتي سالن ۾ اتي اسلام جو مڪمل اقتدار قائم نه ٿيو هو. هڪ طرف رسول الله ﷺجي ذات هئي، جنهن وٽ ماڻهو پنهنجن تڪرارن ۽ مُقدمن جا فيصلا ڪرائڻ ايندا هئا. ٻئي طرف ڪعب بن اشرف هو، جنهن کي اتي گهڻي وقت کان هڪ قسم جي عدالتي حيثيت حاصل ٿي وئي هئي. جڏهن به مديني (يثرب) جي ٻن ماڻهن ۾ تڪرار ٿيندو هو، ته ٻئي ڪعب بن اشرف وٽ ايندا هئا ۽ کانئس پنهنجن تڪرارن جا فيصلا ڪرائيندا هئا.
    ان زماني ۾ ڪي اهڙا واقعا ٿيا، جڏهن ڪنهن ڪمزور مسلمان پنهنجي مُقدمي جي فيصلي جي لاءِ رسول الله ﷺ جي بدران، ڪعب بن اشرف ڏانهن رجوع ڪيو، ان اميد سان ته اتي هو پنهنجي مرضيءَ موجب فيصلو وٺي سگهندو. اُن تي اها آيت لٿي ۽ چيو ويو ته جيڪي مسلمان، رسول الله ﷺجي بدران پنهنجو مُقدمو ڪعب بن اشرف وٽ کڻي ويندا آهن، اهي شيطان جي پيروي ڪري رهيا آهن.
    اڄوڪي زماني ۾ اهو قرآني حڪم انهن سڀني ملڪن تي لڳي ٿو، جتي سيڪيولر عدالتون قائم آهن. اُنهن ملڪن جي مسلمانن جي وچ ۾ جڏهن به ڪو تڪرار ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي اهو مالي هجي يا غير مالي ته انهن تي فرض جي درجي ۾ ضروري آهي ته هو پنهنجن تڪراري معاملن جا فيصلا قرآن ۽ سنت موجب ڪرائين. يعني انهن ملڪن جي دارالافتاء يا دارالقضا يا عالمن جي مجلس جي سامهون پنهنجو مقدمو پيش ڪن ۽ اهي قرآن ۽ سُنت جي روشنيءَ ۾ جيڪو فيصلو ڪن اهو ٻئي ڌريون مڃي وٺن. انهن ملڪن جا مسلمان جيڪڏهن ايئن نه ڪن، پر هو پنهنجا مقدما ۽ تڪرار، سيڪيولر عدالتن ۾ کڻي وڃن، ۽ اُتي پنهنجي مرضي موجب فيصلا حاصل ڪن، ته اهڙن مسلمانن تي مذڪوره آيت لاڳو ٿيندي.
    اها آيت سياسي معنيٰ ۾ نه آهي، يعني ان جو مطلب اهو ڪونهي، ته مسلمان هر هنڌ اسلامي حڪومت قائم ڪن ۽ ان موجب شرعي عدالت جو نظام جوڙين، جيئن انهن جي مقدمن جو فيصلو شريعت جي روشنيءَ ۾ ڪري سگهجي. هن آيت جو لاڳاپو قانون جي حاڪماڻي نفاذ سان نه، پر خود پنهنجي مرضي سان اسلامي حڪومت کي مڃڻ سان آهي. تنهنڪري اها آيت هر هنڌ عمل جوڳي آهي. اسلامي حڪومت ۾ اسلامي عدالتن وسيلي ۽ جتي اسلامي حڪومت نه هجي، اُتي اسلام جي عالمن جي مجلس فتويٰ يا مجلس قضاء جي وسيلي. جنهن ملڪ ۾ اسلامي حڪومت قائم هجي، ته اُتي جي لاءِ قرآني حڪم جو مطلب اهو هوندو، ته مسلمانن جي مٿان حاڪماڻي سگهه جي ذريعي اسلامي قانون لاڳو ڪيو وڃي ۽ جي اسلامي حڪومت قائم نه هجي، اتي به اهو لازمي حڪم بدستور گهربل رهندو. فرق رڳو اهو هوندو ته اسلامي حڪومت ۾ جيڪڏهن اهو حاڪماڻي سگهه سان لاڳو ڪيو ويندو، ته غير اسلامي حڪومت ۾ هرمسلمان جي مٿان اهو فرض هوندو، ته اُهي رضاڪاراڻي پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان اهو پنهنجي مٿان لاڳو ڪن.


    4:16

    4:16
    هڪجهڙو حساب ڪتاب
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته آخرت ۾ انسانن جو جيڪو حساب ڪتاب ٿيندو، ان ۾ هڪٻئي جي وچ ۾ ڪوبه فرق نه رکيو ويندو. پر انصاف جي ساڳيءَ اصول موجب سڀني جو حساب ٿيندو. قرآن ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”نڪي اوهان جي سَڌن تي ۽ نڪي ڪتاب وارن جي سَڌن تي ڇوٽڪارو آهي، جيڪو ڪا برائي ڪندو، تنهن کي ان جي سزا ڏبي ۽ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ نڪو سنڀاليندڙ ۽ نڪو مددگار لهندؤ ۽ جيڪي (ماڻهو) مرد يا عورت چڱا ڪم ڪندو، سي بهشت ۾ گهِڙندا ۽ تِر جيترو به ظلم نه ٿيندو. (النساء: 123-124)
    پيغمبر جي دعوتي جدوجهد جي نتيجي ۾ جيڪي ماڻهو ايمان آڻين ٿا، اهي پيغمبر جي اُمت سڏيا وڃن ٿا. ان اُمت جي پهرينءَ نسل جي ماڻهن جو ايمان جيئرو هوندو آهي. انهن جي زندگي صالح عملن جو نمونو هوندي آهي. پر اُمت جي پوءِ جي نسلن ۾ ايمان ۽ عمل جو جذبو هِيڻو پئجي ويندو آهي. هاڻي هو عملن جي بدران سَڌن ۽ خوش گمانين ۾ جيئڻ لڳندا آهن. هو ذاتي عملن جي بدران پيغمبر جي اُمت سان گروهي وابستگي کي ئي ڇوٽڪاري جي لاءِ کوڙ سمجهندا آهن.
    رسول الله ﷺجي ظهور کان اڳ يهودين جو اهو حال ٿي چُڪو هو، جو هو پنهنجو پاڻ کي موسيٰ جي اُمت سمجهندا هئا. پر اها رڳو يهودين جي صفت ڪونهي، پر اهو ان زوال جو نتيجو آهي، جيڪو لازمي طور تي هر اُمت تي پيش اچي ٿو ۽ قرآن ۽ حديث جي بيان موجب خود مسلم اُمت ۾ به اهو پيش اچڻو آهي. قرآن جي اها آيت ٻُڌائي ٿي ته ان معاملي ۾ خودمسلمانن سان به خدا جو اهو ئي قانون لاڳو آهي، جيڪو يهودين سان هو.
    مسلم اُمت سان به اهو ئي پيش ايندو، جيڪي پهرين نسل ۾ ان جا فرد زنده ايمان جا حامل هوندا، انهن جو سڄو مدار صالح عملن تي هوندو، انهن جو سڄو ڌيان ان تي رهندو، ته هو دنيا ۾ سچي ايمان ۽ حقيقي عمل جو ثبوت ڏين، ته جيئن آخرت ۾ هو خدا جي عدالت ۾ خدا جي رحمتن جا حقدار قرار ڏنا وڃن. پر پوءِ جي نسلن ۾ جڏهن هو زوال جو شڪار ٿيندا، ته اها صورتحال بلڪل بدلجي ويندي.
    هاڻ آخرت جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ رڳو خوش فهميون ئي کين کوڙ نظر اچڻ لڳنديون. هنن جي وچ ۾ ڀانت ڀانت جا عقيدا پيدا ٿي ويندا، جن جو قرآن ۽ سنت ۾ اَتو پتو ئي نه هوندو. پر ڪُوڙن قصن ڪهاڻين ۽ بزرگن جي مفروضن ۽ خوشنما چوڻين جي بنياد تي هو انهن تي ڀروسو ڪري وٺندا آهن، ڄڻ اهي سِڌو سنئون آسمان تان مٿن لاٿيون ويون آهن. ڪجهه ظاهري عمل، ڪنهن بزرگ جي سفارش، ڪنهن وڏي گروهه سان لاڳاپو، ڪجهه پاڪ علمن جو ورد، ايتريقدر جو نعت خواني ۽ قبرن جي زيارت، بس ان قسم جي سَستين ۽ نمائشي عملن تي هو اها اميد ڪري وٺندا آهن، ته اهي کين دوزخ کان بچائڻ لاءِ ڪافي هوندا ۽ کين يقيني طور تي جنت ۾ سُهڻن باغن ۾ داخل ڪيو ويندو. پر قرآن موجب اهي هڙيئي بي بنياد خوش فهميون آهن، جيڪي نه يهودين جي ڪم اچڻ واريون آهن ۽ نه مسلمانن جي ڪم اينديون.
    ان قسم جون خوش خياليون، پوءِ ڀلي انهن کي ڪيترو به سهڻن لفظن ۾ بيان ڪيو ويو هجي، اهي خدا جي انصاف واري ساهميءَ ۾ سراسر بي حقيقت آهن. الله جو نظام حد درجي جو پختو نظام آهي. وٽس سڀيئي فيصلا حقيقتن جي بنياد تي ٿيندا آهن، نه ڪي سَڌن جي بنياد تي. الله جي عدالت ۾ هر ماڻهوءَ جو پنهنجو عمل ڏٺو ويندو ۽ جنهن جو جهڙو عمل هوندو، بلڪل ان موجب فيصلو ڪيو ويندو. الله جي عدل جي قانون کانسواءِ ٻي ڪابه شئي ڪونهي، جيڪا الله وٽ فيصلي جو بنياد بنجڻ واري هجي.


    4:17

    4:17
    عدل واري زندگي
    قرآن ۾ ايمان وارن کي مخاطب ٿي چيو ويو آهي: اي ايمان وارؤ! انصاف تي ڄمي بيهڻ وارا ۽ الله جي لاءِ خوب شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، پوءِ ڀلي اهو اوهان جي يا اوهان جي ماءُ پيءُ يا مٽن مائٽن جي خلاف هجي. جيڪڏهن ڪو مالدار آهي يا مُحتاج ته الله اوهان کان وڌيڪ ٻنهي جو خيرخواهه آهي. تنهنڪري اوهين سَڌن جي پيروي نه ڪريو، جو متان حق تان هٽي نه وڃو. ۽ جيڪڏهن اوهين ڦيرائي ڳالهائيندؤ يا منهن موڙيندؤ، ته جيڪو ڪندا آهيو، تنهن جي الله خبر رکندو آهي. (النساء: 128)
    هن آيت جو مطلب اهو نه آهي، ته دنيا ۾ عدل جو نظام يا عدل جي حڪومت قائم ڪريو. هيءَ ڪا سياسي آيت نه آهي. ان ۾ سڀني فردن کي مخاطب ڪيو ويو آهي. اها آيت ٻڌائي ٿي، ته هر مسلمان فرد دنيا ۾ ڪيئن رهي. ان موجب هر شخص کي کپي ته هو پنهنجي ذاتي زندگيءَ کي عدل ۽ انصاف جي اصول تي قائم ڪري، ان معاملي ۾ هو پنهنجو نگران پاڻ بنجي وڃي.
    انسان جي زندگيءَ ۾ بار بار ايئن ٿيندو آهي، ته سندس سامهون اهڙو معاملو ايندو آهي، جنهن ۾ هڪ رستو پنهنجي مفاد ۽ سَڌ جو هوندو آهي، ۽ ٻيو حق ۽ انصاف جو. جيڪي ماڻهو الله طرفان غافل هوندا آهن، جن کي ڀروسو نه هوندو آهي، ته الله هر وقت کين ڏسي رهيو آهي، هو اهڙن موقعن تي پنهنجي خواهشن جي رُخ ۾ هلڻ شروع ڪندا آهن. هو ان کي ڪاميابي سمجهندا آهن ته حق جي پرواهه نه ڪن ۽ معاملي کي پنهنجي مفاد ۽ پنهنجي مصلحت موجب هلائين. پر جيڪو ماڻهو خدا کان ڊڄي ٿو، جيڪو الله کي پنهنجو نگران بنائي چڪو آهي، اهو انصاف جي سڀني پاسن کي ڏسندو ۽ اهو ئي ڪندو آهي، جيڪا حق ۽ انصاف جي تقاضا هوندي آهي. سندس ڪوشش سدائين اها هوندي آهي، ته کيس موت اچي، ته ان حالت ۾ ته هن ڪنهن سان ناانصافي نه ڪئي هجي، ۽ هو پنهنجي پاڻ کي مڪمل طور تي عدل ۽ انصاف تي قائم رکي.
    اهڙي ماڻهوءَ جي انصاف پسنديءَ جو جذبو ايترو ته وڌيل هوندو آهي، جو هن جي لاءِ اهو ناممڪن بنجي ويندو آهي ته هو انصاف کان هٽيل ڪو رَويو ڏسي ۽ ان کي سَهي. جڏهن به اهڙو ڪو معاملو سامهون ايندو آهي، ته هڪ شخص ٻئي سان ناانصافي ڪري رهيو هوندو آهي، ته هو اهڙي موقعي تي حق جو اعلان ڪرڻ کان نه مُڙندو آهي. جيڪڏهن انصاف جي اعلان ڪرڻ ۾ سندس ويجهن واسطيدارن تي ڇَنڊا پوندا آهن يا سندس پنهنجون ڪي مصلحتون مجروع ٿينديون هجن، تڏهن به هو اهو چوندو، جيڪو انصاف موجب کيس چوڻ گهُرجي. هن جي زبان کلندي آهي، ته الله جي لاءِ کلندي آهي، نه ڪنهن ٻي شئي لاءِ. ساڳيءَ طرح اها ڳالهه به انصاف جي خلاف آهي، ته جيڪڏهن سامهون وارو ڪو سگهارو آهي، ته ان کي حق ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن ٻي ڌُر هيڻي آهي، ته ان کي سندس حق نه ڏنو وڃي. مؤمن اهو آهي، جيڪو هر ماڻهوءَ سان انصاف ڪري، پوءِ ڀلي اُهو ڏاڍو هجي يا هيڻو.
    جڏهن ڪو ماڻهو ناانصافيءَ جو ساٿ ڏي، ته هو اهو چئي ايئن نٿو ڪري، ته آئون ناانصافي ڪندڙ جو ساٿي آهيان. پر هو پنهنجي ناانصافيءَ کي انصاف جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ان مقصد جي لاءِ هو ٻن مان هڪ رَويو اختيارڪندو آهي. يا ته هو هيئن ڪندو آهي، ته اصل ڳالهه کي بدلائي ڇڏيندو آهي. هو معاملي جي نوعيت کي اهڙن لفظن ۾ بيان ڪندو آهي، جنهن مان ظاهر ٿيندو آهي، ته اهو معاملو ناانصافيءَ جو نه، پر عين انصاف جو معاملو آهي. جنهن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي، اهو ان جو حقدار آهي، ته ساڻس ايئن ڪيو وڃي. ٻي صورت هيءَ آهي، ته اهو ڄاڻندي به ته هتي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، ماڻهو ماٺ اختيار ڪري وٺي، هو ان معاملي ۾ اَڻ ڌُريو بنجي وڃي ۽ جيڪا ڳالهه چوڻ گهُرجي، اها زبان تي نه آڻي. اُن قسم جو عمل ثابت ڪري ٿو، ته ماڻهوءَ پنهنجي مٿان الله کي نگران نٿو سمجهي. هو ان ايندڙ ڏينهن کان بي اُلڪو آهي، جڏهن خدا کيس پڪڙيندو ۽ کانئس سندس قول ۽ عمل جو حساب وٺندو.


    5:18

    5:18
    دين جي مضبوطي
    هجرت جي ڏهين سال قرآن جي اها آيت لٿي، جنهن کي دين کي مڪمل ڪرڻ واري آيت چيو وڃي ٿو، اهاآيت هيءَ آهي: ”اڄ ڪافر اوهان جي دين کان نااميد ٿيا، تنهنڪري کانئن نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو! اڄ اوهان جو دين اوهان لاءِ مڪمل ڪيم ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ دينِ اسلام پسند ڪيم.“ (المائده: 3)
    هن آيت ۾ مڪمل (تڪميل) جو مطلب حڪمن جي فهرست مڪمل ٿيڻ نه آهي، ڇوته اهو ثابت آهي ته ان آيت جي لهڻ کانپوءِ به قرآن ۾ ڪيترائي حڪم لٿا. (الجامع لاحڪام القرآن للقرطبي: 6/26)
    وڌيڪ اهو ته هن آيت ۾ ”تڪميلِ دين“ جو فائدو ٻُڌائيندي اهو نه چيو ويو آهي، ته هاڻ اوهان کي هر حڪم قرآن مان ملي ويندو، ڇوته سڀيئي ممڪن حڪم قرآن ۾ لاٿا ويا آهن. بلڪ ان جي بدران اهو چيو ويو آهي، ته هاڻ مُنڪر ۽ مخالف، اُن مان مايوس ٿي چڪا آهن، ته هو اوهان جي خلاف ڪجهه ڪري سگهن. هاڻ اوهان جي لاءِ ڊپ جو مسئلو خدا طرفان آهي، نه ڪي انسانن طرفان.
    ان مان پتو پيو، ته ’تڪميلِ دين‘ جو مطلب دين جي مضبوطي آهي، نه ڪي حڪمن جي فهرست. جڏهن اِها آيت لٿي ته ان وقت مڪو فتح ٿي چڪو هو ۽ عربستان جا سڀيئي قبيلا مديني جي اسلامي رياست سان سَلهاڙجي چڪا هئا. مُشرڪن جي مغلوبيت ۽ توحيد جي غلبي جو مقصد پوري طرح حاصل ٿي چڪو هو. ايئن چِٽو ٿي ويو هو، ته اسلام هڪ سگهاري دين جي حيثيت حاصل ڪري چڪو آهي، ان سلسلي ۾ هت ٻه حوالا نقل ڪجن ٿا:
    ”الله دينِ اسلام کي ايئن مڪمل ڪري ڇڏيو، جو اسلام جا دشمن سدائين جي لاءِ مغلوب ٿي ويا ۽ دينِ اسلام کي سڀني دينن جي مٿان غالب ڪري ڇڏيو.” (تفسير القرطبي: 6/62)
    ”هاڻ دشمن تنهنجي باري ۾ مايوس ٿي چڪا آهن، ته هو هن دين کي مغلوب ڪري سگهن. اهو ايئن آهي، جيئن بادشاهه چوندا آهن، ته اڄ اسان جو اقتدار مڪمل ٿي ويو يعني اڄ اسان جي دشمنن کان ڪو خطرو نه رهيو.“ (تفسير النسفي: 1/270)
    دينِ اسلام جي سگهاري هئڻ جو مطلب هيءَ آهي، ته هاڻ اهو ايئن محفوظ ٿي چڪو آهي، ته ان جي محفوظيت جي لاءِ هاڻ ڪو خطرو نه آهي. دنيا جا انقلاب هاڻ ڪڏهن به اسلام کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهندا. دنيا جي ڪابه علمي ترقي اسلام جي سچائيءَ کي شڪي ڪري نه سگهندي. پوءِ جي زماني جون دريافتون اسلام جي سچائيءَ کي ثابت ڪرڻ واريون هونديون، نه ڪي ان جي ترديد ڪرڻ واريون. اسلام کي هر دؤر ۾ اهڙا حامي ۽ مددگار ملندا رهندا، جيڪي ان کي هڪ سچي دين جي حيثيت سان جيئرو رکندا وغيره.
    قرآن جي اها آيت قرآن جي اِلاهي ڪتاب هئڻ جو کليل ثبوت آهي، ڇوته چوڏهن سؤ سال پهرين جو هڪ اعلان هر قسم جي اختلاف جي هوندي به، پنهنجي معنويت برقرار رکيو پيو اچي. اهو اعلان هڪ لحاظ کان ابدي اعلان بنيل آهي.


    5:19

    5:19
    مؤمن جي سُڃاڻپ
    قرآن ۾ ايمان وارن کي مخاطب ڪندي چيو ويو آهي: ”۽ اوهان جي مٿان الله جي جيڪا نعمت آهي، سا ياد ڪريو ۽ سندس اهو انجام جيڪو اوهان سان پڪيءَ طرح ڪيائين، تنهن کي (به ياد ڪريو)، جڏهن اوهان چيو ته ٻُڌوسون ۽ مڃيوسون. ۽ الله کان ڊڄو ته الله دلين جو ڄاڻندڙ آهي. اي ايمان وارؤ! الله لڳ بيهڪ وٺندڙ ٿيو ۽ انصاف سان شاهدي ڏيندڙ ٿيو ۽ ڪنهن گروهه جي دشمني اوهان کي اوهان جي بي انصافيءَ تي نه اُڀاري. انصاف ڪريو، اهو پرهيزگاريءَ کي گهڻو ويجهو آهي ۽ الله کان ڊڄو. ڇوته اوهين جيڪو ڪندا آهيو تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي.“ (المائده: 87)
    ايمان هڪ وچن آهي، جيڪو ٻانهي ۽ خدا جي وچ ۾ ٿيندو آهي. ٻانهو اهو وچن ڪري ٿو، ته هو دنيا ۾ الله جي مرضيءَ موجب گذاريندو. ٻانهي کي پنهنجي وچن تي پورو لهڻ جي لاءِ ٻن ڳالهين جو ثبوت ڏيڻو آهي. هڪ اهو ته هو خدا جي ڳالهين تي چڱيءَ طرح قائم رهڻ وارو هجي، سندس وجود هرموقعي تي صحيح جواب پيش ڪري، جيڪو ٻانهي کي پنهنجي رب جي لاءِ پيش ڪرڻ گهُرجي. هو جڏهن ڪائنات کي ڏسي ته هن جو ذهن خدا جي قدرتن ۽ عظمتن جي تصور سان سرشار ٿي وڃي. هو جڏهن پنهنجو پاڻ کي ڏسي، ته کيس پنهنجي زندگي سراپا پالڻهار جي مهرباني ۽ ان جو ٿورو نظر اچي، سندس جذبا خدا جي لاءِ پَلٽجن. هن جو ڌيان جيڪڏهن ڪنهن شئي کي پنهنجو مرڪز بنائي، ته اهو خدا کي بنائي. هن جي محبت خدا جي لاءِ هجي. هن جا انديشا خدا سان لاڳاپيل هجن. هن جي يادن ۾ خدا سَمايل هجي. هو خدا جي بندگي ۽ اطاعت ڪري. خدا جي واٽ ۾ پنهنجي موڙي خرچي. هو پنهنجو پاڻ کي دين جي واٽ تي لڳائي خوش ٿئي ٿو.
    وچن تي قائم رهڻ جو ٻيو شرط ٻانهن سان انصاف آهي. انصاف جو مطلب اهو آهي، ته ڪنهن شخص سان گهٽ وڌائيءَ کانسواءِ اهو سلوڪ ڪرڻ، جنهن جو هو واقعي حقدار هجي. معاملن ۾ حق کي اختيار ڪرڻ، نه ڪي پنهنجي سَڌن کي. ان معاملي ۾ ٻانهي کي ايترو ته گهڻو پابند بنجڻو آهي، جو هو اهڙن موقعن تي به انصاف سان ٻڌل رهي. جڏهن هو دشمن ۽ باطل پرستن سان معاملو نبيري رهيو هجي، جڏهن ته شڪايتون ۽ تلخ يادون کيس انصاف جي رستي تان ڦيرڻ لڳن.
    دنيا ۾ خدا نشانين جي صورت ۾ پڌرو ٿئي ٿو، يعني اهڙن دليلن جي صورت ۾، جنهن جو رد ماڻهوءَ وٽ موجود نه هجي. جڏهن ماڻهوءَ وٽ خدا جو دليل اچي ۽ هو ان کي مڃڻ جي بدران ان تي لفظي تڪرار ڪرڻ لڳي، ته ڄڻ هن خدا جي نشانين کان نابري واري. اهڙا ماڻهو خدا وٽ سخت سزا پائيندا ۽ جن ماڻهن ان کي مڃيو، اهي خدا جي انعام جا حقدار هوندا.


    5:20

    5:20
    اَمربالمعروف نهي عن المنڪر
    قرآن ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته بني اسرائيلن مان جن ماڻهن ڪُفر ڪيو، انهن تي لعنت وڌي وئي دائود ۽ ابن مريم جي زبان سان. ڇاڪاڻ ته انهن نافرماني ڪئي ۽ حدکان اڳيان وڌي ويندا هئا. هو جيڪا برائي ڪندا هئا، تنهن کان هڪٻئي کي نه روڪيندا هئا. هو جيڪي ڪندا هئا، سو ضرور خراب آهي. (المائده: 78-79)
    لعنت جو مطلب آهي، خدا جي رحمت کان پري ٿيڻ. قرآن يا حديث مان اهو ثابت نٿو ٿئي ته حضرت دائود يا حضرت عيسيٰ، بني اسرائيل کي چيو، ته اي بني اسرائيل اوهان تي لعنت هجي يا اهو ته اوهين ملعون آهيو. اهڙي حالت ۾ سوال اهو آهي، ته انهن پيغمبرن جي ذريعي بني اسرائيل تي جيڪا لعنت وڌي ويئي، ان جي ڪهڙي صورت هئي.
    قرآن، حديث ۽ بائيبل جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، ته انهن پيغمبرن هي ڪيو، ته انهن کي پڌرو (Expose) ڪري ڇڏيو. يعني هو اندران ديني جذبي کان خالي ٿي چڪا هئا. پر پنهنجي مٿان دينداريءَ جو شاندار چوغو اوڍيل هئن. انهن پيغمبرن اهو ڪيو، ته انهن جي منافقت ۽ نمائشي دينداريءَ جو پردو کولي ڇڏيو، ۽ کين ٻڌايو ته ان قسم جي بي روح مذهبيت خدا وٽ ڪنهن به ڪم اچڻ واري نه آهي.
    بائيبل جي اَڀياس مان خبر پوي ٿي، ته بني اسرائيل پنهنجي زوال جي زماني ۾ بلڪل بي دين ٿي ويا هئا. وٽن توريت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جا ادارا قائم هئا، وٽن نماز (عبادت) به موجود هئي. هو زرعي پيداوار مان عشر به ڪڍندا هئا. سندن عالم عوام جي سامهون مذهبي موضوعن تي دلپذير تقريرون به ڪندا هئا. ان قسم جون ڪيتريون ئي ديني سرگرميون مَنجهن جاري هيون. پر هنن هڪ خدائي حڪم کي بلڪل ڇڏي ڏنو هو. اهو هو امر بالمعروف ۽ نهي المنڪر. يعني: پنهنجي قوم جي ماڻهن کي برائين کان منع ڪرڻ ۽ کين ظلم ڇڏي انصاف جي واٽ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪرڻ.
    يهودي عالمن چاهيو ٿي، ته هو پنهنجي قوم جي اڳيان سٺا بنيل رهن. کين پنهنجي قوم جي اڳواڻي حاصل رهي. اهوئي سبب آهي، ته هو پنهنجي قوم جي ماڻهن کي برائي ۽ زيادتي ڪندي ڏسندا ته هئا، پر هو اهڙن ماڻهن جي مذمت نه ڪندا هئا. هو چاهيندا هئا ته پنهنجي قوم جي وچ ۾ خراب به نه بنجن ۽ دين جو ڪريڊٽ به کين حاصل رهي. پر قرآن ۽ حديث جي چِٽي تشريح موجب ايئن ٿيڻ ممڪن نه هو. عالمن کي پنهنجي قوم جي زيادتين جي خلاف اُٿڻو پوندو. ان کانسواءِ ظاهري دينداري يا رواداراڻي مذهبيت کين خدا جي پڪڙ کان بچائي نٿو سگهي.


    5:21

    5:21
    جنت جي قيمت
    قرآن ۾ هڪ صالح گروهه جو ذڪر ڪندي ارشاد ڪيو ويو آهي: ”۽ جڏهن اُهو ڪلام ٻُڌندا آهن، جيڪو پيغمبر ڏانهن لاٿو ويو، تڏهن سندن اکين مان لڙڪ جاري ٿي ويندا آهن. چوندا آهن، ته اي اسان جا پالڻهار! ايمان آندوسون، تنهنڪري اسان کي شاهدن ۾ لک ۽ اسين ڇونه ايمان آڻيون الله تي ۽ ان سچ تي، جيڪو اسان کي پهتو آهي، جو اسين اميد ٿا رکون ته اسان جا پالڻهار اسان کي صالحن جي ٽوليءَ ۾ شامل ڪر. تنهنڪري الله کين بهشت ڏنو، جنهن جي هيٺان نهرون وهنديون ۽ هو سدائين ان ۾ رهندا. (المائده: 83-85)
    انهن آيتن موجب الله مذڪوره گروهه جي لاءِ جنت جو فيصلو ڪيو ۽ اهو فيصلو سندس هڪ قول جي ڪري هو. (فاثابهم الله بماقالواجنت)، اها ئي ڳالهه حديث ۾ هن ريت آئي آهي، ته جنهن شخص چيو الله کانسواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، اهو جنت ۾ داخل ٿيندو. (من قال لااِله الالله دخل الجنة)
    هن آيت ۾ جنت کي ”وچن“ جو بدلو قرار ڏنو ويو آهي. پر اهو ”وچن“ ڪهڙو هو، جنهن کي مڃيندڙن کي ابدي جنت جو حقدار بنايو ويو. اهو وچن انهن جي سڄي هستيءَ جو نمائندو هو. هو ان جي شخصيت جي ڦاٽڻ جو آواز هو. هنن الله جي ڪلام کي ايئن ٻُڌو، جو سندن انداز ۾ جيڪو حق هو، اهو مڪمل طور تي پائي ورتائون. اهو هنن جي دل ۽ دماغ ۾ لهي ويو. ان هنن جي اندر اهڙو انقلاب آندو، جو هنن جي حوصلن ۽ سَڌن جو مرڪز بدلجي ويو. تعصب ۽ مصلحت جون سڀيئي ديوارون ڊَهي پَٽ پيون. هنن پنهنجي پاڻ کي حق سان ايئن شامل ڪري ڇڏيو، جو ان کان ڌار سندن باقي ڪابه هستي نه رهي. هو ان جا شاهد بنجي ويا ۽ شاهد بنجڻ هڪ حقيقت جو انسان جي صورت ۾ مُجسم ٿيڻ آهي. قرآن هاڻ انهن جي لاءِ رڳو هڪ ڪتاب نه رهيو. پر ڪائنات جي مالڪ جي زنده نشاني بنجي ويو. اهو رباني تجربو، جيڪو مٿانئن گذريو، بظاهر ان جو اظهار جيتوڻيڪ لفظن جي صورت ۾ ٿيو هو، پر اُن جا اهي لفظ، لفظ نه هئا. بلڪ اهو هڪ زلزلو هو، جنهن سندن سڄي وجود کي لوڏي ڇڏيو. ايستائين جو اُنهن جي اکين مان لُڙڪ وهي اُٿيا.
    وچن پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان ڪنهن قسم جي لساني اُچار جو نالو نه آهي. اهو ماڻهوءَ جي عمل کي معنويت جو روپ ڏيڻ جي مٿانهين شڪل آهي، جنهن جو اختيار معلوم ڪائنات ۾ رڳو انسان کي حاصل آهي. هڪ حقيقي قول سڀ کان وڌيڪ لطيف۽ سڀ کان وڌيڪ بامعنيٰ واقعو آهي. قول/ وچن گويا هڪ ناطق عمل آهي. تنهنڪري جڏهن ڪو شخص وچن جي سطح تي پنهنجي ٻانهپ جو ثبوت ڏيئي ڇڏي، ته هو يقيني طور تي جنت جو حق حاصل ڪري ٿو وٺي.
    سچو وچن بيشڪ سڀ کان وڏو عمل آهي. انسان جهڙي هڪ آزاد ۽ بااختيار مخلوق جي زبان مان هڪ حقيقي ڪلمي جو اعتراف ايترو عظيم آهي، جو زمين ۽ آسمان جي عظمت به ان جي برابر ٿي نٿي سگهي. ان قسم جو هڪ وچن ٻانهي پاران پنهنجي رب جي لاءِ هڪ نادر سوکڙي آهي۽ جنت ان ناياب سوکڙي جو خدائي انعام.


    6:22

    6:22
    قانون التباس
    مُنڪرن جي هڪ مطالبي جي جواب ۾ قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ هو چون ٿا ته مٿن ملائڪ ڇو نه لاٿو ويو ۽ اسين جيڪڏهن ملائڪ نازل ڪريون ها، ته ضرور معاملي جو فيصلو ٿي وڃي ها (يعني هلاڪ ٿي وڃن ها)، وري کين مهلت (مُور) نه ڏجي ها. ۽ اسين جيڪڏهن ڪنهن ملائڪ کي رسول ڪري موڪليون ها، ته ان کي به ماڻهو (جي شڪل ۾) بڻايون ها. ۽ جهڙو شبهو (هاڻي) ڪندا آهن، تهڙو ئي شڪ مٿس به ڪن ها.“ (الانعام: 8-9)
    پيغمبر جي همعصرن، پيغمبر کي چيو ته اوهان جي دعويٰ آهي، ته اوهان وٽ خدا جو ملائڪ، خدا جي وحي کڻي ٿو اچي. ته اهو ملائڪ لڪل نموني ڇو ٿو اچي. ان کي اعلانيه طور تي اوهان وٽ اچڻ گهُرجي ته جيئن اسين کيس ڏسون ۽ پوءِ اوهان تي اسان جو ايمان آڻڻ سولو ٿي وڃي. ان جي جواب ۾ چيو ويو، ته ايئن نٿو ٿي سگهي، ڇوته هن دنيا ۾ انسان جو امتحان اهو آهي، ته اهو غيب جي حالت ۾ رهندي ايمان آڻي. خدا کي اهو ايمان گهربل ڪونهي، جيڪو سڀ ڪجهه ڏسي وٺڻ کانپوءِ آندو وڃي.
    ان اِلاهي سنت جي آڌار تي موجوده دنيا ۾ هر شئي سان هڪ شڪ جو عنصر (Element of Doubt) شامل رکيو ويو آهي. خدا جو طريقو اهو آهي، ته انسان کي حقيقتون اَڻ اگهاڙي حالت ۾ ڏيکاريون وڃن ۽ پوءِ هو پنهنجي عقل ۽ سمجهه کي استعمال ڪندي، ان کي اصل شڪل ۾ ڳولي لهي ۽ ان تي ايمان آڻي.
    هن دنيا ۾ حق جي دعوت جو سڄو معاملو خدا جي قانون التباس تي ٻَڌل آهي. هتي حق جي مٿان شڪ جو هڪ پهلو سدائين باقي رهي ٿو، ته جيئن ماڻهو اقرار جي دليلن سان ڪجهه انڪار جا سبب به پائي سگهي ٿو. ماڻهوءَ جو اصل امتحان اهو آهي، ته هو ان شڪ جي پردي کي ڦاڙي، پاڻ کي يقين جي هنڌ تي پهچائي. هو شڪ جي پهلوءَ کي ختم ڪري يقين جي پهلوءَ کي کڻي اچي. ماڻهوءَ جو اصل امتحان اهو آهي، ته هو ڏسڻ کانسواءِ مڃي. جڏهن حقيقت کي ڏيکاريو وڃي، ته ان کانپوءِ مڃڻ جي ڪابه قيمت ڪونهي.
    انسان موجوده ڪائنات ۾ هڪ غيرمعمولي قسم جي مخلوق آهي. ان کي عقل ۽ فرق جي صلاحيت ڏني ويئي آهي. هو پنهنجي سمجهه سان حق ۽ ناحق جي وچ ۾ فرق ڪري سگهي ٿو. هو اها صلاحيت رکي ٿو، ته ظاهر ۽ باطن کي ڳولي. هو ڏسڻ کانسواءِ انهن شين کي ڄاڻي وٺي، جيڪي ظاهري طور تي نظر نٿيون اچن.
    انسان جي اها خصوصيت سندس آزمائش جي عين موجب آهي. هن دنيا ۾ انسان کان اهو ئي امتحان ورتو پيو وڃي، جنهن جو اهل ڪري کيس جنميو ويو آهي. اهڙي حالت ۾ حقيقت سان گڏ شڪ جو عنصر هئڻ انسان جي لاءِ ڪو عُذر ڪونهي. کيس بهرحال اهو ڪرڻو آهي، ته شڪ جي باوجود به حقيقت کي سُڃاڻي. جيڪو ماڻهو امتحان ۾ ناڪام ٿي وڃي، ته ان کي ڪابه شئي آخرت جي پڪڙ کان بچائڻ واري نه آهي.
    اهو امتحان سڀ کان وڌيڪ حق جي داعيءَ جي معاملي ۾ هوندو آهي. حق جو داعي سدائين پنهنجي زماني جي ماڻهن کي هڪ عام انسان جي روپ ۾ نظر ايندو آهي. ان جي تصوير ماڻهن کي سدائين شڪ ۾ مبتلا رکندي آهي. داعي جي زندگي ۽ ان جي ڪم ۾ واضح طور تي اهو ثبوت هوندو آهي، ته اهو حق جو داعي آهي. پر ماڻهو شڪن ۾ پئجي ان کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين. حق جي داعيءَ سان سندس همعصرن جو اهو سلوڪ بيشڪ هڪ نه معاف ٿيڻ جوڳو ڏوهه آهي. ڪوبه عذر کيس ان ڪوتاهيءَ کان آجو قرار ڏيئي نٿو سگهي.


    6:23

    6:23
    نتيجي جي اهميت
    قرآن ۾ ايمان وارن کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي: ”۽ الله کانسواءِ جن ماڻهن کي اهي سڏيندا آهن، تن کي گاريون نه ڏيو (جو) متان (اهي) بي سمجهائي جي ڪري دشمنيءَ کان الله کي ڳالهائين. اهڙي طرح مزاحمت جي لاءِ سندن عمل سينگارياسون. وري انهن سڀني کي پنهنجي پالڻهار ڏانهن موٽڻو آهي. پوءِ (الله) جيڪو هو ڪندا آهن، تنهن جي کين سُڌ ڏيندو.“ (الانعام: 108)
    هن آيت مان اها خبر پوي ٿي، ته اسلام ۾ هڪ اهڙو ڪم ڪرڻ جائز نه آهي، جو ظاهري طور تي درست لڳي، پر اهو اُبتو نتيجو پيدا ڪرڻ وارو (Counter-productive) هجي. ڪنهن قدم کڻڻ مهل رڳو ان جي اصولي حيثيت نه ڏٺي ويندي، پر اهو به ڏٺو ويندو، ته عملي طور تي ان جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. جيڪڏهن عملي طور تي نتيجو اُبتي صورت ۾ نڪري، ته فرض جي درجي ۾ ضروري هوندو، ته ايمان وارا ان کان مڪمل طور تي پاسو ڪن.
    مُشرڪن جي بُتن يا انهن جي مذهبي اڪابرن کي گهٽ وڌ چيو وڃي، ته بظاهر اها ڪا غلط ڳالهه نه آهي. پر جڏهن ڪو گروهه هڪ ڊگهي عرصي کان هڪ عمل کي سڳورو سمجهي ڪري رهيو هجي، ته ان سان سندس گَهريون وابستگيون ٿي وڃن ٿيون. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن ايمان وارا ان کي گهٽ وڌ چوندا، ته هو مڇرجي پوندا ۽ جذبات ۾ اچي اسلامي شخصيتن، ايتريقدر جو خدا کي به گهٽ وڌ چوڻ لڳندا. تنهنڪري ايمان وارن کي گهُرجي، ته هو ان قسم جي برائي پيدا ڪرڻ جو سبب نه بنجن.
    منع جو اهو حڪم گهٽ وڌ ڳالهائڻ يا لغت ۽ ملامت جي لاءِ آهي. جيتريقدر دليل تي ٻَڌل تنقيد ۽ تجزيي جو لاڳاپو آهي، ته اهو اسلام ۾ نه رڳو جائز آهي، پر گهربل آهي. قرآن ۾ ۽ رسول الله جي ڪلام ۾ ان جا چِٽا نمونا موجود آهن.


    6:24

    6:24
    جيئرو انسان
    قرآن ۾ هدايت پاتل ماڻهن جي باري ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”جيڪو شخص مُئل هو، تنهن کي جياريوسون ۽ ان لاءِ سوجهرو ڪيوسين، جنهن سان ماڻهن ۾ گهمي ٿو، اُهو ان شخص جهڙو آهي ڇا؟ جيڪو اونداهين ۾ آهي، منجهائنس نڪرڻ وارو نه آهي؟ اهڙي طرح مُنڪرن جي نظرن ۾ سندس عمل سُهڻا بنايا ويا آهن.“ (الانعام: 122)
    هن آيت ۾ مؤمن ۽ غير مؤمن جو فرق، جيئري انسان ۽ مئل انسان جي مثال ذريعي ٻڌايو ويو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي حق نه مليو، ان جو حال هيءُ ٿئي ٿو، ته هو غيرحقيقي فڪرن ۽ تعصبن ۾ گهيريل هوندو آهي. حق جي ڳالهه سامهون اچي ته اُن تي ويچارڻ جي بدران، ان کي پيش ڪرڻ واري جي شخصيت کي ڏسي ۽ جڏهن هو کيس غيراهم نظر اچي، ته هو ان جي ڳالهه کان ڪَن لاٽار ڪري ڇڏي.
    ساڳئي طرح سندس ذهن ۾ پنهنجي مادي مفاد جو غلبو هوندو، جڏهن کيس نظر ايندو، ته حق جو ساٿُ ڏيڻ ۾ سندس مفاد ڌڪجي ٿي رهيا آهن، ته هو مفادن کي وڏي شئي سمجهي وٺندو ۽ حق کي ننڍي شئي سمجهي ان کي ڇڏي ڏيندو. هڪ خاص گروهه سان ڊگهي عرصي تائين لاڳاپيل رهڻ جي ڪري هوتعصب جي حد تائين ان سان سَلهاڙجي ويندو. ان جو نتيجو اهو نڪرندو، ته جڏهن ڪنهن ٻي گروهه سان سندس تعارف ٿيندو، ته پوءِ هو ڀلي حق تي هجي، پر سندس پنهنجي گروهه جي مقابلي ۾ ٻي گروهه جي سچائي کيس نظر نه ايندي.
    اِها لڳ ڀڳ اها ئي حالت آهي، جنهن کي قيدي سوچ (Conditional thinking) چيو وڃي ٿو. ماڻهو ڊگهي لاڳاپي کانپوءِ هڪ خاص رَوش سان ايترو ته هِري ٿو وڃي، جو هو ان ۾ ئي جيئڻ ٿو لڳي. ان کان ٻاهر کيس ڪنهن شئي جي اهميت نظر نه ايندي آهي. اهڙي ئي شخص کي قرآن ۾ مُئل انسان چيو ويو آهي. اهڙو انسان حياتياتي لحاظ کان جيئرو، پر شعور جي لحاظ کان مُئل هوندو آهي.
    ان جي مقابلي ۾ ٻيو انسان اهو آهي، جنهن جي فطرت اڃا جيئري هئي. سندس سامهون حق آيو ته ان کليل دل سان ان تي ويچاريو. ايتريقدر جو حق سندس دل ۽ روح ۾ لهي ويو. حق کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس حال اهڙو ٿي ٿو وڃي، هڪ سُڪل وڻ پاڻي ملڻ کانپوءِ سائو سَتابو ٿي وڃي. حق کيس حيوان جي سطح کان مٿي ڪري حقيقي انسان جي سطح تائين پهچايو ڇڏي.
    هاڻ سندس حال اهو ٿي ويو، ته هن جي ڄي زندگي حق جي روشنيءَ ۾ گذرڻ لڳي. هڪ طرف ان جو ذهن صحيح رُخ ۾ ارتقا ڪرڻ لڳو، صبح ۽ شام جا روحاني تجربا سندس شخصيت جي هاڪاري تعمير ڪرڻ لڳا. هن جي زندگي اصل واري انسان جي زندگي بنجي ويئي. ٻئي طرف هو پنهنجي ماحول ۾ هڪ روشنيءَ جيان بنجي ويو. هو ماڻهن کي حق جو رستو ڏيکارڻ لڳو. کيس هڪ اهڙو رباني مشن ملي ويو، جنهن جي لاءِ هو سڄي وَهي ڪم ڪندو رهي.
    ان ورهاست ۾ پهريون انسان ڄڻ هڪ مُئل انسان آهي ۽ ٻيو انسان حقيقي معنيٰ ۾ هڪ جيئرو انسان. جيڪو ماڻهو حيوانيت جي سطح تي جيئي، اهو ماڻهپي جي حيثيت سان هڪ مُئل انسان بنجي ويو ۽ جيڪو ماڻهو حيوانيت کان مٿانهون ٿي انسانيت جي سطح تي جيئي رهيو هجي، اهو ان جي لائق آهي ته کيس حقيقي معنيٰ ۾ جيئرو انسان سڏي سگهجي.


    6:25

    6:25
    هدايت ۽ گُمراهي
    قرآن ۾ هدايت جو اصول هن ريت بيان ڪيو ويو آهي: ”الله جنهن کي چاهي هدايت ڏي، ته سندس سينو اسلام جي لاءِ کولي ڇڏي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس گمراهه ڪري، ته سندس سيني کي بلڪل سوڙهو ڪري ٿو ڇڏي، ايئن ڄڻڪ کيس آسمان تي چڙهائي ٿو. جيڪي نه مڃيندا آهن، تن تي الله اهڙي پليتي رکندو آهي.“ (الانعام: 125)
    هن آيت ۾ ظاهري طور تي هدايت ۽ ڀلائيءَ کي خدا طرف منسوب ڪيو ويو آهي. پر حقيقت ۾ ان جي نسبت انساني فطرت جي طرف آهي، جيڪا هر ڪنهن کي خدا پاران مليل آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي فطرت کي ان حالت ۾ باقي رکي، ان جي لاءِ سندس فطرت هڪ خدائي رهنما بنجي ويندي. ان جي اُبتڙ جيڪو ماڻهو فطرت کي بگاڙيندو يا ان کي مُڏو ڪندو، اهو فطرت جي رهنمائيءَ کان محروم ٿي گمراهين ۾ ڀٽڪندو رهندو.
    حق پنهنجي ذات ۾ ايترو ته چِٽو آهي، جو ماڻهوءَ لاءِ ان جو سمجهڻ ڪڏهن به ڏکيو ٿي نٿو سگهي. پوءِ به هر دؤر ۾ اَڻ ڳڻيا ماڻهو حق جي وضاحت جي باوجود حق کي قبول نه ڪندا آهن. ان جو سبب سندن اندر جون اهي رنڊڪون آهن، جيڪي پنهنجي نفسيات پيدا ڪري وٺنديون آهن. ڪو وري پنهنجو پاڻ کي سڳورين هستين سان ايترو ته لاڳاپي ڇڏيندو آهي، جو انهن کي ڇڏيندي کيس محسوس ٿيندو آهي، ته هو بلڪل برباد ٿي ويندو. ڪنهن جو حال وري اهو هوندو آهي، ته پنهنجي مصلحتن جو نظام ٽُٽڻ جا انديشا مٿس ايترا ته ڇانئجي ويندا آهن، جو هن جي لاءِ حق ڏانهن وک کڻڻ ممڪن ئي نه رهندو آهي. ڪنهن کي نظر ايندو آهي، ته حق کي مڃڻ پنهنجي برائيءَ جي مينار کي هٿ سان ڊاهي ڇڏڻ آهي. ڪنهن کي محسوس ٿيندو آهي، ته ماحول جي رواج جي خلاف اها ڳالهه جيڪڏهن مڃي وٺجي، ته آئون سڄي ماحول ۾ اوپرو بنجي ويندس. ان قسم جا خيال ماڻهوءَ جي مٿان ايترو ته حاوي ٿي وڃن ٿا، جو حق کي مڃڻ هن جي لاءِ بيحد ڏکي مٿانهينءَ تي چڙهڻ جي برابر نظر اچڻ لڳندو آهي، جنهن کي ڏسي ماڻهو جي دل سُسڻ لڳندي آهي.
    اُنهن ماڻهن جو معاملو ان جي ابتڙ آهي، جيڪي نفسياتي مونجهارن ۾ ڦاٿل نه هوندا آهن، جيڪي حق کي هر ٻي شئي جي مٿان اُتم سمجهندا آهن. هو اڳ ۾ ئي سچا ڳولائو بڻيل هوندا آهن، تنهنڪري جڏهن حق اُنهن جي سامهون ايندو آهي، ته هو بنا دير جي سُڃاڻي وٺندا آهن. سڀني عذرن ۽ انديشن کي نظرانداز ڪري اهو قبولي وٺندا آهن.
    خدا پنهنجي حق کي نشانين (اشارتي حقيقتن) جي شڪل ۾ ماڻهن جي سامهون آڻي ٿو. هاڻ جيڪي ماڻهو پنهنجي دلين ۾ ڪمزوريون کڻيو ويٺا آهن، اهي انهن اشارن جي پنهنجي من پسند تشريح ڪري پنهنجي لاءِ ان کي نه مڃڻ جو جواز ڳولي وٺندا آهن ۽ جن ماڻهن جا سينا کليل هوندا آهن، اُهي اشارن کي سندن اصل گَهرائين سان ڄاڻي وٺندا آهن، ۽ انهن کي پنهنجي ذهن جي غذا بنائي وٺندا آهن. انهن جي زندگي بنا دير جي ان سنئين واٽ تي هلڻ لڳندي آهي، جيڪا خدا جي رهنمائيءَ ۾ طئي ٿيندي آهي، ۽ نيٺ ماڻهوءَ کي اَبدي ڪاميابي جي مقام تائين پهچائي ڇڏيندي آهي.


    6:26

    6:26
    حجت بالغه
    قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”مشرڪ سِگهو ئي چوندا ته جي الله گهري ها، ته نڪي اسين شِرڪ ڪريون ها ۽ نه ڪي اسان جا ابا ڏاڏا (شِرڪ ڪن ها) ۽ نه اسين پاڻ تي ڪا شئي حرام ڪريون ها. اهڙي طرح جيڪي کانئن اڳ هئا، تن به ڪُوڙ ڀانئيو، تان جو اسان جي سزا (جو مزو) چکيائون. (اي پيغمبر! کين) چئو ته اوهان وٽ ڪو دليل آهي، ته اهو سامهون آڻيو. (اوهين) رڳو گمان تي هلندا آهيو ۽ اوهين رڳو اٽڪل ڪندا آهيو. (اي پيغمبر) کين چئو ته الله جي حجت مضبوط آهي، جيڪڏهن گهري ها ته ضرور اوهان مڙني کي سڌي واٽ ڏيکاري ها.“ (الانعام: 148-149)
    هن دنيا کي ان جي خالق ايئن جوڙيو آهي، ته هتي حقيقي دليل رڳو توحيد جي لاءِ آهي. شِرڪ ۽ الحاد جي لاءِ هن دنيا ۾ ظن (گمان) ۽ قياس (جانچ/پرک) کانسواءِ ڪا ٻي شئي نه ملي. انسان جي سڄي فڪري تاريخ قرآن جي ان بيان جي تصديق ٿي ڪري. جهڙوڪ: ڪجهه ماڻهن شِرڪ جو عقيدو گهڙيو ۽ ان جي ثبوت ۾ چيو ته جڏهن دنيا جي لقائن ۾ گهڻائي آهي، ته هن دنيا جا به ڪيترائي خدا هئڻ گهرجن. پر جڏهن انساني علم وڌيو ۽ دنيا جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ حاصل ٿي ته خبر پئي، ته اها گهڻائي رڳو ظاهري آهي. دنيا جون هڙئي شيون نيٺ هڪئي مادي (ائٽم) مان جُڙيون آهن. ايتريقدر جو سڄي وشال ڪائنات هڪئي فطري قانون تحت هلي رهي آهي. ايئن مشرڪانه فڪر نيٺ هڪ فرضي اندازو ثابت ٿيو ۽ موحدانه فڪر جي باري ۾ علمي طور تي ثابت ٿيو، ته اهو سگهاري دليل جي بنياد تي قائم آهي.
    ساڳئي طرح خدا جي وجود تي شڪ ظاهر ڪندي ڪجهه ماڻهن چيو ته جيڪڏهن خدا ڪائنات کي پيدا ڪيو آهي، ته خدا کي ڪنهن خلقيو. پر جڏهن علم جو درياءُ اڳيان وڌيو، ته خبر پئي ته اهو سوال هڪ بي بنياد سوال آهي. جديد علم ٻڌائي ٿو ته هن دنيا ۾ اسان جي لاءِ جيڪا چونڊ (Choice) آهي، اها بي خدا ڪائنات (Universe without God) ۽ يا خدا واري ڪائنات (Universe with God) ۾ نه آهي. بلڪ اصل چونڊ خدا واري ڪائنات يا غير موجود ڪائنات (No Universe at all) جي وچ ۾ آهي. هاڻ جيئن ته پاڻ لاءِ غير موجود ڪائنات جي چونڊ ممڪن ڪونهي، تنهنڪري واحد ممڪن صورت اها آهي، ته اسين خدا جي وجود جو اقرار ڪريون.


    6:27

    6:27
    حرام ۽ حلال
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”(اي پيغمبر! کين) چئو ته اوهان جي پالڻهار اوهان تي جيڪي حرام ڪيو آهي، سو اچو ته پڙهي ٻُڌايان. (اهو هي آهي ته) اوهين ڪنهن شئي کي ساڻس شريڪ نه ڪريو ۽ ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪريو ۽ اوهين پنهنجي اولاد کي سُڃائيءَ سببان نه ڪُهو. اسين اوهان کي (به) ۽ (خاص) انهن کي (به) روزي ڏيندا آهيون ۽ بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو هجي ۽ جيڪي ڳجهو هجي، تنهن (سڀ) کي (اوهين) ويجها نه وڃو. ۽ نڪي (اهڙي) ماڻهوءَ کي ماريو، جنهن جو مارڻ حق (شرعي قانون) کانسواءِ الله حرام ڪيو آهي. اهو (حڪم) آهي جنهن سان اوهان کي (الله) وصيت فرمائي آهي. مَن اوهين سمجهو ۽ جيڪو طريقو بهتر هجي، تنهن کانسواءِ ٻئي طريقي سان يتيمن جي مال کي ويجها نه وڃو. جيستائين اهو پنهنجي جوانيءَ کي پهچي ۽ ماپ تور انصاف سان ڏيو، اسين ڪنهن ماڻهوءَ کي سندس وَس کانسواءِ (وڌيڪ) تڪليف نه ٿا ڏيون. ۽ جڏهن اوهين پاڻ ۾ ڳالهايو، تڏهن انصاف سان هلو، پوءِ ڀلي معاملو مائٽيءَ وارو هجي. ۽ الله جو انجام پاڙيو. هي اهي شيون آهن، جن جو الله توهان کي حڪم ڏنو آهي، ته مَن اوهين نصيحت وٺو ۽ هيءَ ته منهنجي اها سڌي واٽ آهي، تنهنڪري ان تي هلو ۽ ٻين واٽن تي نه هلو، جو اهي واٽون، اوهان کي سندس واٽ کان جدا ڪنديون. انهيءَ (حڪم جي) اوهان کي وصيت فرمائي اٿس، ته مَن اوهين پرهيزگاري ڪريو.“ (الانعام: 151-153)
    اهي ڳالهيون، جيڪي انهن آيتن ۾ بيان ڪيون ويون آهن، اهي قرآن موجب خدا جي صراط مستقيم (سڌي واٽ) جي حيثيت رکن ٿيون. دين وارن کي کپي، ته انهن ڳالهين تي گهڻي ۾ گهڻو زور ڏين. انهن کانسواءِ ٻيءَ ڳالهه تي زور ڏيڻ ڄڻ رستي تان هٽي ڀرپاسي جي پيچرن تي ڀٽڪڻ آهي ۽ جيڪي ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي وڃن ٿا، سي پنهنجي منزل تائين پهچي نٿا سگهن.


    6:28

    6:28
    امتحان لاءِ پرک
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو آهي: ”الله اوهان کي زمين جو حاڪم بنايو ۽ اوهان مان ڪن جا درجا هن لاءِ بلند ڪيائين، ته جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس، تنهن ۾ اوهان کي پَرکي، ڇوته تنهنجو پالڻهار جلد سزا ڏيندڙ (به) آهي ۽ بيشڪ اهو بخشڻهار مهربان به آهي.“ (الانعام: 165)
    دنيا ۾ هڪ انسان ۽ ٻئي انسان جي وچ ۾ برابري ڪونهي. سياسي لحاظ کان به ته غيرسياسي لحاظ کان به. اها اَڻ برابري خدا جي تخليقي نقشي موجب آهي. اها ڪا خرابي يا بُرائي نه آهي. اَڻ برابريءَ جو اهو نظام نه هجي، ته ماڻهن جي آزمائش نٿي ڪري سگهجي. ان اَڻ برابريءَ جي ڪري اهي هڙئي حالتون پيدا ٿين ٿيون، جيڪي ماڻهن جي لاءِ آزمائش جو امتحان بنجي وڃن ٿيون.
    دنيا جو نظام اهو آهي، ته هِتان هڪ شخص وڃي ٿو ته ٻيو ان جي جاءِ والاري ٿو. هڪ قوم پٺتي هٽائي ٿي وڃي، ته ان جي جاءِ تي ٻي قوم زمين جي وسيلن ۽ ذريعن تي قبضو ڪري ٿي وٺي. اهو واقعو بار بار اها ياد ٿو ڏياري ته هِتي ڪنهن جو به اقتدار هميشه رهڻ وارو نه آهي. پر انسان جو حال اهو آهي ته جڏهن به ڪنهن کي موقعو ملي ٿو ته هو گذريل ماڻهن جي انجام کي وساري ٿو ڇڏي. هو پنهنجي ظلم ۽ سرڪشيءَ کي جائز ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڀانت ڀانت جا دليل گهڙي ٿو وٺي. پر جڏهن خدا حقيقتن کي ظاهر ٿو ڪري ته ماڻهو ڏسندو ته سندس انهن سڀني ڳالهين جي ڪابه قيمت نه هئي، جن کي هو پنهنجي مؤقف جي جواز لاءِ سگهارو دليل سمجهيو ويٺو هو.
    دنيا ۾ ماڻهوءَ جي سرڪشيءَ جو اڪثرسبب هيءَ هوندو آهي، ته هو دنيا جي شين کي پنهنجي حق ۾ خدا جو انعام سمجهي وٺي ٿو. جيتوڻيڪ دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ملي ٿو، اهو رڳو آزمائش آهي، نه ڪي بطور انعام. دنيا جي شين کي جيڪڏهن ماڻهو انعام سمجهي، ته ان جي اندر فخر پيدا ٿيندو ۽ جيڪڏهن هو ان کي آزمائش سمجهي، ته منجهس نِوڙت پيدا ٿيندي. فخر جي نفسيات سرڪشي پيدا ٿي ڪري ۽ عجز جي نفسيات اطاعت.


    7:29

    7:29
    شيطان جي پوئلڳي
    قرآن ۾ انسان جي تخليق جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”۽ بيشڪ اوهان کي پيدا ڪيوسون، وري اوهان جي شڪل بڻائيسون، وري ملائڪن کي چيوسون، ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ ٻين سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو. الله چيو توکي سجدو ڪرڻ کان ڪهڙي ڳالهه جهليو؟ جڏهن ته توکي حُڪم به ڪيم. چيائين آءٌ کانئس ڀلو آهيان، مونکي باهه مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان. الله چيو ته ان (آسمان) مان هيٺ لهي وڃ! توکي منجهس وڏائي ڪرڻ نه جُڳائيندي آهي، تنهنڪري تون نڪر! ڇوته تون خوار ٿيلن مان آهين. چيائين، قيامت جي ڏينهن تائين مونکي مهلت ڏي. (الله) فرمايو يقينن تون مهلت ڏنلن مان آهين. چيائين ته انهيءَ سببان جو تو مونکي گمراهه ڪيو (آءٌ ته) ماڻهن جي لاءِ تنهنجي سڌيءَ واٽ تي ضرور وهندس. پوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کاٻي پاسي کان وٽن ويندس ۽ منجهانئن گهڻا شڪر ڪندڙ نه لهندين! الله فرمايو، ته تون آسمان مان خوار ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ! انهن مان جيڪو تنهنجي تابعداري ڪندو (تنهن کي ۽ توکي دوزخ ۾ وجهي) اوهان ڦِريلن سان دوزخ ضرور ڀريندس.“ (الاعراف: 11-18)
    خدا هن دنيا ۾ انسان کي جيڪي ڪجهه ڏنو آهي، اهو ان ڪري ڏنو آهي ته ان جو نفسياتي جواب هو ٿورن جي شڪل ۾ پيش ڪري. پر اِها ئي اُها شئي آهي، جنهن کي ماڻهو پنهنجي رب جي سامهون پيش نٿو ڪري. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته شيطان ان جي اندر ٻيا جذبا اُڀاري کيس شڪر جي نفسيات کان پري ٿو ڪري ڇڏي.
    آدم ۽ ابليس جي قصي مان خبر پوي ٿي، ته دنيا ۾ هدايت ۽ گمراهيءَ جي جنگاڻ ڪٿي برپا ٿئي ٿي. اهو معرڪو ان موقعي تي برپا ٿئي ٿو، جتي ماڻهو جي اندر حسد ۽ وڏائيءَ جي نفسيات جاڳي ٿي. امتحان جي هن دنيا ۾ بار بار ايئن ٿئي ٿو، ته هڪ ماڻهو ٻئي ماڻهو کان مٿي کڄي وڃي ٿو، ڪڏهن ڪو همراهه دولت ۽ عزت ۾ ٻئي کان وڌيڪ حصو حاصل ڪري ٿو وٺي. ڪڏهن ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ايئن معاملو ٿئي ٿو، ته هڪ شخص جي لاءِ ٻئي شخص کي جائز حصو ڏيڻ پنهنجو پاڻ کي هيٺ ڪيرائڻ جي هم معنيٰ نظر اچي ٿو. ڪڏهن ڪنهن شخص جي واتان خدا هڪ سچائي جو اعلان ڪرائي ٿو ۽ ماڻهن کي محسوس ٿئي ٿو، ته ان جو اعتراف ڪرڻ، ان جي مقابلي ۾ پنهنجو پاڻُ کي ننڍو ڪرڻ جي هم معنيٰ آهي. اهڙن موقعن تي شيطان ماڻهوءَ جي اندر حسد ۽ وڏائيءَ جي نفسيات کي جاڳائي ٿو ڇڏي. ’آئون سُٺو آهيان.‘ جي احساس جي ڪري هو ٻين جي چڱائي/ فضيلت کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه هوندو آهي. اهو ئي خدا جي نظر ۾ شيطان جي رستي تي هلڻ آهي. جنهن شخص اهڙي موقعي تي حسد، وڏائي ۽ نه مڃڻ جو طريقو اختيار ڪيو، ان پنهنجي پاڻ کي جهنم جو حقدار بنائي ورتو، جيڪو شيطان جو مقدر آهي ۽ جنهن اهڙي موقعي تي شيطان جي پيدا ڪيل جذبن کي پنهنجي اندر چِٿي ڇڏيو، تنهن ان ڳالهه جو ثبوت ڏنو ته هو ان جي لائق آهي، ته کيس جنت جي باغن ۾ ٽِڪايو وڃي.
    هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو خدا پاران ملي ٿو، تنهنڪري ڪنهن جي فضيلت کي مڃڻ دراصل خدا جي ورهاست جي برحق هئڻ جي مڃتا آهي. ساڳئي طرح جڏهن هڪ شخص ڪنهن حق جي آڌار تي ٻئي جي اڳيان جهڪي ٿو، ته اهو ڪنهن ماڻهوءَ جي سامهون نٿو جهڪي، پر هو خدا جي سامهون ٿو جهُڪي. ڇوته ايئن هو خدا جي حڪم تي ڪري رهيو آهي، نه ڪي اُن ماڻهوءَ جي ذاتي فضيلت جي آڌار تي. شڪر سڀني نيڪين جي جَڙ آهي ۽ وڏائي سڀني برائين جي جَڙ. اهو ئي سبب آهي، ته شُڪر سڀ کان وڏي عبادت آهي ۽ تڪبر (وڏائي) سڀ کان وڏو گناهه آهي.


    7:30

    7:30
    پيغمبر صالح جو مثال
    حضرت صالحعه هڪ پيغمبر هو، جيڪو ثمود جي قوم طرف اُماڻيو ويو هو. ثمود جي قوم حضرت صالح سان سرڪشي ڪئي. ان سلسلي ۾ قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”پوءِ ڏاچيءَ کي پيرن مان ڪپي مَنڊو ڪيائون ۽ پنهنجي پالڻهار جي حڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن پيغمبرن مان آهين، ته جنهن عذاب جو اسان سان انجام ڪيو اٿئي، سو اسان تي آڻ. پوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن. پوءِ پنهنجن گهرن ۾ ڪُرندڙ اٿي (مري) ويا ۽ پوءِ صالح اهو چئي بستيءَ مان نڪري ويو، ته اي منهنجي قوم! بيشڪ اوهان کي پنهنجي پالڻهار جو پيغام پهچايم ۽ اوهان کي نصيحت ڪيم، پر اوهان نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آهيو.“ (الاعراف: 76-79)
    حضرت صالح عليھ السلام جي اُٺڻي کي مارڻ وارو جيتوڻيڪ قوم جو رڳو هڪ سرڪش شخص هو، پر هِتي ان کي سڄي قوم ڏانهن منسوب ڪندي فرمايو ويو: ”انهن ماڻهن اُٺڻي کي ماري ڇڏيو.“ ان مان خبر پوي ٿي، ته ڪنهن گروهه جو هڪ شخص به جيڪڏهن خراب عمل ڪري ۽ ٻيا ماڻهو ان خراب عمل تي راضي رهن،ته ان عمل ۾ سڀني کي شريڪ قرار ڏنو ويندو آهي.
    جيڪا قوم خواهش پرستيءَ جو شڪار هجي، ان کي حقيقت پسنديءَ جون ڳالهيون متاثر نه ڪنديون آهن. اها اهڙي شخص جو ساٿ ڏيڻ جي لاءِ تيار نه هوندي آهي، جيڪو کين سنجيدي عمل طرف سڏيندو آهي. ان جي اُبتڙ جيڪو ماڻهو خوشنما لفظن، ٻولن ۽ ڪوڙين اميدن جو واپار ڪري، انهن جي چؤڌاري ماڻهن جا ميڙ ڪَٺا ٿي ويندا آهن. سَچن ۽ خيرخواهن جي لاءِ انهن وٽ ڪابه ڪشش نه هوندي آهي. البت انهن ماڻهن طرف تيزيءَ سان ڀڄندا آهن، جيڪو سندن پرماريت ڪرڻ لاءِ اُٿن. حضرت صالح جي قول جو اهو ئي مطلب آهي، ”مون اوهان سان چڱائي ڪئي، پر اوهين چڱائي ڪندڙ کي پسند نٿا ڪريو.“


    7:31

    7:31
    غفلت، گمراهيءَ جو سبب
    قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻهن مان گهڻا پيدا ڪيا اٿئون. انهن جون اهڙيون دليون آهن، جو انهن سان (الله جو حڪم) نه سمجهندا آهن ۽ انهن جون (اهڙيون) اکيون آهن، جو انهن سان (حقانيت) ڏسي نه سگهندا آهن ۽ انهن جا ڪَن اهڙا آهن، جو انهن سان حق کي ٻُڌي نه سگهندا آهن. اهي ڍورن وانگر آهن، بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه آهن. اهي ئي غافل آهن.“ (الاعراف: 179)
    هن آيت ۾ هدايت ۽ گمراهيءَ جو فطري قانون ٻڌايو ويو آهي. الله تعاليٰ هر انسان کي اَک ۽ ڪَن ڏنا آهن، جن جي ذريعي هو ڄاڻ/ خبرچار حاصل ڪري. ان سان گڏ الله هر انسان کي ذهن ڏنو، جنهن جي ذريعي هو ڳالهين کي سمجهي ۽ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪري. پر جيڪي ماڻهو غفلت ۾ پئجي وڃن ٿا، تن کي ڪوبه هدايت ڏيڻ وارو نه آهي.
    سچائي هڪ اهڙي شئي آهي، جنهن کي هر ماڻهوءَ کي پاڻ حاصل ڪرڻو آهي. خدا هر انسان کي دل، اک ۽ ڪَن ڏنا آهن. ماڻهو انهن ئي گُڻن کي استعمال نه ڪري، ته اهو پڪ سان سچائي حاصل ڪرڻ کان محروم رهندو، پوءِ ڀلي سچائي سندس ڪيترو به ويجهو بيٺل ڇو نه هجي.
    سچائي تائين پهچڻ ماڻهوءَ جو هڪ شعوري ۽ ارادي عمل آهي. سچائيءَ تائين اهو ئي پهچي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي دل جا دروازا ان جي لاءِ کليل رکيا هوندا آهن. ان کي اهو ئي ڏسي سگهي ٿو، جنهن پنهنجي اکين تي مصنوعي پردا نه وڌا هوندا آهن. اُن جو آواز ان کي ٻُڌڻ ۾ ايندو آهي، جنهن پنهنجي ڪَنن کي بند نه رکيو هوندو آهي، اهڙا ماڻهو سچائيءَ کي سُڃاڻي پنهنجي پاڻ کي ان جي اڳيان بيهاري ڇڏيندا آهن ۽ جنهن شخص جو معاملو اُن جي ابتڙ هجي، اهو ڍورن وانگر بي سمجهه بڻيل رهندو. جبل جيڏن دليلن جو وزن محسوس ڪرڻ، هن جي لاءِ ممڪن نه هوندو. هن جي سامهون خدا جون تجليون ظاهر ٿينديون، پر هو ان کي ڏسڻ کان لاچار هوندو. هن وٽ خدائي گيت آلاپجڻ شروع ٿي ويندو، پر هو ان کي ٻُڌڻ کان محروم رهندو. سچائي سدائين سجاڳ ماڻهن کي ملندي آهي. غافلن جي لاءِ ڪابه سچائي نه آهي.


    7:32

    7:32
    شيطان جو وسوسو
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”(اي پيغمبر!) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان منهن موڙ. ۽ جيڪڏهن توکي شيطان کان ڪو وسوسو پوي، ته الله کان پناهه گهر. ڇوته اهو ٻُڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.“ (الاعراف: 199-200)
    هن آيت ۾ داعيءَ جو ڪردار ٻُڌايو ويو آهي. داعيءَ تي اهو لازمي آهي، ته هو مدعوءَ جي مقابلي ۾ سدائين درگذر ڪرڻ ۽ معافيءَ جو طريقو اختيار ڪري. ان کانسواءِ دعوت جو ڪم اعتدال واري انداز ۾ ٿي نه سگهندو. جيڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيو، ته مدعوءَ پاران ڪنهن اَڻ وڻندڙ رَويي تي داعي جي اندر بدلي جو جذبو ڀڙڪي اُٿي، ته اهڙي جذبي کي سراسر شيطاني وسوسو سمجهڻ گهُرجي ۽ الله کان مدد گُهرڻ گهُرجي، ته سندس سيني کي ان قسم جي ناڪاري جذبن کان پاڪ ڪري ڇڏي.


    7:33

    7:33
    حساسيت ڍال آهي
    قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”جيڪي ماڻهو ڊڄندا آهن ۽ جڏهن به شيطان جي اثر سان کين ڪو بڇڙو خيال ايندو آهي، ته هو هڪدم ڇرڪي پوندا آهن ۽ هو ان مهل ئي ڇرڪي پوندا آهن ۽ کين ان مهل ئي سمجهه اچي ويندي آهي ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جا ڀائر آهن ۽ هو کين گمراهيءَ ۾ ڇڪيندا آهن ۽ وري ان ۾ گهٽتائي نه ڪندا آهن.“ (الاعراف: 201-202)
    پرهيزگاريءَ واري حساسيت هن دنيا ۾ سڀ کان وڏو چيڪ آهي. ماڻهوءَ جي اندر جيڪڏهن اها حساسيت هجي ته هو بُڇڙاين کان محفوظ رهندو ۽ جيڪڏهن اها حساسيت نه هجي، ته ڪابه ٻي شئي کيس بُڇڙاين کان بچائي نٿي سگهي.
    حقيقت هيءَ آهي ته اڄوڪي دنيا ۾ هر شخص نفس ۽ شيطان جي حملن جي منهن ۾ آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪا شئي ماڻهوءَ کي بچائڻ واري آهي، اهو فقط خدا جو ڊپ آهي. الله جو ڊپ ماڻهوءَ کي بيحد حساس بنائي ٿو ڇڏي. اها ئي حساسيت امتحان جي اڄوڪي دنيا ۾ ماڻهوءَ جو سڀ کان وڏو بچاءُ آهي. جڏهن به ماڻهوءَ جي اندر ڪو غلط خيال اچي ٿو يا ڪنهن قسم جي ناڪاري نفسيات اُڀري ٿي، ته ان جي حساسيت کيس هڪدم ٻڌائي ٿي ڇڏي، ته هو تِرڪي پيو آهي. غفلت جي هڪ گهڙيءَ کانپوءِ هن جي اک پَٽجي وڃي ٿي ۽ هو الله کان معافي گهرندي ٻيهر پاڻ کي درست ڪري ٿو وٺي. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو الله جي ڊپ کان خالي هوندا آهن، انهن جي اندر شيطان گهڙي پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي. کيس محسوس به نه ٿيندو آهي، ته هو شيطان جو ڀيچي بنجي ڪنهن تباهيءَ جي کڏ طرف پيو وڌي. حساسيت ماڻهوءَ جو سڀ کان وڏو بچاءُ آهي. جڏهن ته بي حسي ماڻهوءَ کي شيطان جي مقابلي ۾ آخري حد تائين غيرمحفوظ بنائي ٿي ڇڏي.


    8:34

    8:34
    مؤمن جا گُڻ
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”مؤمن اهي آهن جن جون دليون جڏهن الله کي ياد ڪيو ويندو آهي، تڏهن ڊڄنديون آهن ۽ جڏهن سندس آيتون انهن کي پڙهي ٻُڌائبيون آهن، تڏهن اهي سندن ايمان کي وڌائينديون آهن ۽ (اهي) پنهنجي پالڻهار تي ڀروسو ڪندا آهن. اهي نماز پڙهندا آهن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسين، تنهن مان خرچ ڪندا آهن. اهي ئي پاڪ مؤمن آهن. انهن لاءِ سندن پالڻهار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آهي.“ (الانفال: 2-4)
    ايمان عظيم ترين حقيقت جي ڳولا آهي. جڏهن اها حقيقت ڪنهن ماڻهوءَ جي سيني ۾ لهي ٿي، ته اها ان جي سڄي شخصيت ۾ زلزلو پيدا ڪري ٿي ڇڏي. اهڙي انسان جو حال هي هوندو آهي، ته جڏهن کيس ڪنهن حق جي ياد ڏياري وڃي، ته هو هڪدم اها قبولي ٿو وٺي. خدا کي قادر مطلق طور دريافت ڪرڻ، سندس اندر فطري طور تي ڀروسي جو گُڻ پيدا ڪري ٿو ڇڏي. اهڙي انسان جي اندر فطري طور تي اُتم گُڻ پيدا ٿيڻ لڳن ٿا. هو هڪ طرف سچو عبادت گذار بنجي ٿو وڃي، ته ٻئي طرف ٻانهن جو سچو دوست ۽ ڀلو چاهيندڙ به.
    خدا کي سندس عظمت ۽ ڪمال سان ڳولهڻ ڪا سادي ڳالهه نه آهي. اها هڪ اهڙي ڳولا آهي، جيڪا ماڻهوءَ جي اندر فخر ۽ وڏائيءَ جي سڀني احساسن کي ختم ڪري ٿي ڇڏي. اها کيس حقيقي معنيٰ ۾ هڪ مؤمن بڻائي ٿي ڇڏي ۽ حقيقي مؤمن جو ٻيو نالو حقيقي انسان آهي.


    8:35

    8:35
    حق ۽ باطل ۾ فرق
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن الله کان ڊڄندا رهندؤ، ته اوهان لاءِ (اوهان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي) نکيڙيندڙ (نُور) پيدا ڪندو. اوهان جا گناهه اوهان کان ٽاريندو ۽ اوهان کي بخشيندو ۽ الله وڏي فضل وارو آهي.“ (الانفال: 29)
    پرهيزگار انسان اهو آهي، جنهن جي سيني ۾ انديشو پيدا ڪندڙ دل هجي، جيڪا هڪ پاسي خدا جي رحمت جي اميدوار هجي ۽ ان سان گڏ الله جي پَڪڙ کان به ڊڄڻ لڳي. اهڙو انسان صحيح ۽ غلط جي معاملي ۾ گهڻو حساس هوندو آهي. هو اها ڳالهه سَهي نه سگهندو آهي، ته هڪ شئي کي صحيح سمجهي ۽ ان جي باوجود به اها اختيار نه ڪري. اهڙي طرح هو اها ڳالهه به برداشت نه ڪري سگهندو آهي، ته هو هڪ شئي کي ڪُوڙو سمجهي ۽ ان هوندي به هو اُن ۾ ڦاسي وڃي.
    ان قسم جا انديشا، نفسياتي طور تي ماڻهوءَ جي اندر اهي گُڻ پيدا ڪري ٿا ڇڏين، جن کي هتي فرقان چيو ويو آهي، يعني سچ ۽ ڪُوڙ جي وچ ۾ فرق ڪرڻ وارو. جنهن ماڻهوءَ جي اندر اهو گُڻ پيدا ٿي وڃي، اهو سندس لاءِ ان ڳالهه جي ضمانت بنجي ويندو، ته هو سدائين صحيح انداز ۾ سوچي ۽ پنهنجي عملي رَوش جي لاءِ سدائين صحيح رَويو اختيار ڪري.


    8:36

    8:36
    صلح جي ڏاهپ
    قرآن ۾ دشمن طاقتن جو ذڪر ڪندي پيغمبر اسلام کي چيو ويو آهي ته: ”۽ جيڪڏهن صلح ڏانهن لاڙو ڪن، ته تون به ان ڏانهن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، ڇوته اهو ٻُڌندڙ، ڄاڻندڙ آهي ۽ جيڪڏهن توکي دؤکي ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا، ته يقينن تولاءِ الله ڪافي آهي ۽ اهو ئي آهي، جنهن توکي پنهنجي مدد ۽ مؤمنن سان سگهه ڏني.“ (الانفال: 61-62)
    ان مان پتو پيو ته مخالف ڌر جيڪڏهن اها آڇ ڪري، ته اچو اسين وڙهڻ جي بدران پاڻ ۾ صلح ڪريون، ته ايمان وارن کي گهُرجي ته هو اهڙي آڇ قبولين. پر جيڪڏهن فرض ڪريو ته اهو شڪ هجي، ته مخالف ڌُر جي دل صاف نه آهي ۽ هو دؤکو ڏيڻ جي لاءِ ايئن پيا ڪن، تڏهن به ايمان وارن کي گهرجي ته الله جي ڀروسي تي اهڙي آڇ قبولي وٺن.
    ان قرآني اصول ۾ هڪ اهم ڏاهپ لڪيل آهي. اها هيءَ ته ٺاهه ايمان وارن کي عمل جي ميدان مان نٿو هٽائي. پر اها کين ٻي، ان کان به وڏي عمل طرف موڙي ٿي ڇڏي ۽ اهو تعمير ۽ استحڪام جو عمل آهي. جنگ ۽ مقابلي جي حالت ۾ تعميري سرگرميون رُڪيل رهن ٿيون، جڏهن ته ٺاهه، تعمير جي موقعن کي کولي ٿو. جيڪڏهن ٺاهه جي ذريعي ملندڙ موقعن کي تعمير ۽ استحڪام جي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ته ٿي سگهي ٿو ته ان جو ايترو ته هاڪاري فائدو حاصل ٿئي، جيڪو جنگ ۽ قتال جي ذريعي هرگز ممڪن نه آهي.


    9:37

    9:37
    هر حال ۾ دعوت ۽ تبليغ
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي ته: ”۽ جيڪڏهن مُشرڪن مان ڪو هڪڙو توکان امانَ گهري، ته کيس امانَ ڏي، جيستائين (هو) ڪلام الله ٻڌي، پوءِ کيس امن جي هنڌ پهچاءِ! اهو هن ڪري ته انهن ماڻهن کي خبر ڪونهي.“ (التوبه: 6)
    قرآن جي هيءَ آيت شروعاتي دؤر جي انهن اسلام جي مخالفن جي باري ۾ آهي، جيڪي اُن زماني ۾ مسلمانن سان مُنهان مُنهن هئا. ان جي باوجود به کين حالتن موجب اسلام سان تعارف ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو. جنهن مان پتو پوي ٿو ته نه رڳو عام حالتن ۾، پر هنگامي حالتن ۾ به دعوت ۽ تبليغ جي عمل کي جاري رهڻ گهرجي.
    جنگ جي زماني ۾ جيڪڏهن دشمن جو ڪو فرد چوي، ته آئون اسلام کي سمجهڻ ٿو چاهيان، ته مسلمانن کي حڪم آهي، ته کيس امانَ ڏيئي پنهنجي ماحول ۾ اچڻ جو موقعو ڏي ۽ کيس اسلام جي پيغام کان واقف ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. ان هوندي به جيڪڏهن هو اسلام ڏانهن راغب نه ٿئي، ته پنهنجي حفاظت ۾ کيس سندس ٺِڪاڻي تائين پهچائي ڇڏي. ظاهر ۾ جيتوڻيڪ هو دشمن جي گروهه جو هڪ فرد آهي، پر اهو درست نه هوندو ته کيس دشمن سمجهي، ساڻس خراب سلوڪ ڪيو وڃي.
    جنگ جي زماني ۾ دشمن کي ان قسم جي رعايت ڏيڻ جي حد نازڪ آهي، ڇوته ٿي سگهي ٿو ته دشمن جو ڪو جوڻيت اُن رعايت مان فائدو وٺي، مسلمانن جي اندر گهِڙي اچي ۽ سندن فوجي راز معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري. پر اسلام جي نظر ۾ دعوت ۽ تبليغ جو مسئلو ايترو ته گهڻو اهم آهي، جو اهڙي نازڪ خطري جي باوجود به ان جو دروازو بند نه ڪيو ويو آهي.


    9:38

    9:38
    جارحيت نه
    اجتماعي مفادن جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”الله وٽ ۽ سندس پيغمبرن وٽ مُشرڪن لاءِ انجام ڪيئن ٿيندو؟ سواءِ انهن جي جن سان مسجدالحرام وٽ معاهدو ٿيو هو، پوءِ اهي جيستائين اوهان جي معاهدي تي قائم رهن، تيستائين اوهين به انهن لاءِ (سندن معاهدي تي) قائم رهو. ڇوته الله پرهيزگارن کي دوست رکندو آهي.“ (التوبه: 7)
    قرآن جي ان آيت مان بين القوامي لاڳاپن جو بنيادي اصول معلوم ٿئي ٿو. اهو اصول هيءَ آهي ته جيستائين ٻي ڌر پاڻُ ۾ لاڳاپي ۾ سِڌي رهي، ته ايمان وارن کي به انهن سان سِڌو رهڻ گهرجي. پر جيڪڏهن ٻي ڌر ان شرط کي ٽوڙي ڇڏي، ته ان کان پوءِ ايمان وارا به جيترو ٿي سگهي، پنهنجي بچاءُ جي لاءِ ضروري بندوبست ڪري سگهن ٿا.
    سِڌي هئڻ جون ٻه شڪليون آهن. هڪ اها ته ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ باقاعده طور تي ڪو لکت ۾ ٺاهه ٿئي. اهڙي حالت ۾ سڌي هئڻ يا نه هئڻ جو معيار معاهدي جي اُها لکت هوندي. ٻي شڪل اها آهي ته ڪو عالمي قانون يا رواج موجود هجي، جنهن کي عام طور قومن جي وچ ۾ مڃيو ويندو هجي. اهڙي حالت ۾ ان بين الاقوامي رواج يا قانون کي به مڃيل معيار جي حيثيت حاصل هوندي، جنهن جي بنياد تي اهو طئي ڪيو ويندو، ته ٻي ڌر سِڌي هئڻ جي گهربل معيار تي قائم آهي يا نه.
    بين الاقوامي لاڳاپن يا صلح ۽ جنگ جي لاءِ اهو ئي بنيادي اصول آهي. ان اصول جي تعميل هر حال ۾ گهربل آهي، ڪنهن به حال ۾ ان جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ڪنهن مسلمان گروهه وٽ جائز نه آهي.


    9:39

    9:39
    زوال جي نشاني
    قديم اهل ڪتاب کي خطاب ڪندي قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”پنهنجن عالمن ۽ پنهنجن فقيرن ۽ عيسيٰ پُٽ مريم کي الله کانسواءِ پالڻهار ڪري ورتائون. ۽ هڪ الله جي عبادت ڪرڻ کانسواءِ کين ٻيو حڪم نه ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق نه آهي، جيڪي ساڻس شريڪ ڪندا آهن، تنهن کان هو پاڪ آهي.“ (التوبه: 31)
    هن آيت مان خبر پوي ٿي ته جڏهن ڪا اُمت زوال جو شڪار ٿئي ٿي، ته ان جي اندر ڪهڙي خاص ڪمزوري پيدا ٿي ويندي آهي. اُها اِها ته اهڙي اُمت رسمي طور تي خدا کي مڃي، پر عملي تي ان جو سچو دين عالمن (اڪابرن) ۽ راهبن (فقيرن/ پيرن/ بزرگن) جي بنياد تي قائم ٿي وڃي ٿو. خدا جو ڪتاب هاڻ انهن وٽ رڳو برڪت جي شئي بنجي وڃي ٿو. هو پنهنجو دين، عالمن ۽ پيرن/ فقيرن/ بزرگن جي قولن ۽ ملفوظات مان کڻڻ لڳندا آهن، نه ڪي حقيقي خدا ۽ ان جي رسول جي ڪلام مان.
    هو خدا جي عظمت کان بي خبر ٿي پنهنجي ڪجهه شخصيتن کي پير جو درجو ڏيئي ٿا ڇڏين. انهن اڪابرين جي چوڌاري پراسرار ڪهاڻين جو هڪ جادوئي گهيرو بنجي ٿو وڃي. انهن بي بنياد ڪهاڻين تي ماڻهو يقين ڪري ٿا وٺن، ڄڻ واقعي ايئن ٿيو هجي. اهڙا ماڻهو ظاهري طور تي پنهنجي زبان سان خدا جو انڪار نه ڪندا آهن، پر عملي طور تي هو پنهنجي پيرَ کي اهو ئي درجو ڏين ٿا، جيڪو فقط خدا جو هئڻ گهرجي. ان عملي حالت جي ڪري هن آيت ۾ کين الله کانسواءِ ٻين کي پنهنجو رب مڃڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ويو آهي.


    9:40

    9:40
    هڪ ضروري گروهه
    قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”۽ مؤمنن کي نه ٺهندو آهي جو مڙيئي (گڏ) نڪرن. ۽ پوءِ انهن مان ڪجهه هن لاءِ ڇو نه نڪرندا آهن ته دين ۾ عالم ٿين (سمجهه پيدا ڪن) ۽ واپس قوم ۾ موٽي اچي انهن کي ڊيڄارين ته مَن اهي پرهيزگار بنجن.“ (التوبه: 122)
    اسلام ۾ ضروري آهي ته هر دؤر ۾ مسلمانن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دعوتي گروهه موجود هجي. اُن مقصد جي لاءِ ملت جي اندر هڪ باقاعده تعليمي نظام جو هجڻ ضروري آهي، ته جيئن نسل در نسل هر زماني ۾ اهڙا دعوتي همراهه تيار ٿيندا رهن ۽ دعوت جي عمل جو تسلسل هر انساني نسل ۾ جاري رهي.
    ان مقصد جي لاءِ جيڪو تعليمي نظام جوڙيو وڃي، ان جو بنيادي نصاب مذڪوره آيت موجب ٻن قسمن جي خبرن تي مشتمل هجڻ گهرجي. هڪ اهو ته اهو حق جو مڪمل علم ۽ ان جي مڪمل سمجهه پيدا ڪندو هجي. ٻيو اهو ته اهي همراهه انهن ٻين علمن سان به هٿياربند هجن، جيڪي مدعو قوم جي نسبت سان ضروري آهن. جهڙوڪ: مدعوءَ جي زبان ڄاڻڻ ۽ زماني جي ذڪر کان واقف هئڻ وغيره.
    ملت جي مٿان فرض جي درجي ۾ ضروري آهي، ته اهو تعليم ۽ تربيت جو اهڙو بندوبست ڪري، جنهن جي ذريعي هر نسل ۽ هر دؤر ۾ اهڙا داعي فرد تيار ٿيندا رهن. ڪابه ٻي سرگرمي ان ذميداريءَ جو بدل بنجي نٿي سگهي. جهڙوڪ: مسلمان ڪنهن زماني ۾ اهڙا دعوتي جٿا تيار نه ڪن، ته اهي الله وٽ فقط ان ڪري آجا ٿي نٿا سگهن، ته انهن هر هنڌ وڏيون ۽ عاليشان مسجدون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن.


    10:41

    10:41
    فطرت جو اَلارم
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ جنهن مهل ماڻهوءَ کي ڪو ڏک پهچندو آهي، تنهن مهل پنهنجي پنهنجي پاسي ڀريا ويٺي يا بيٺي اسان کي سڏيندو آهي ۽ پوءِ جنهن مهل سندس ڏک لاهيندا آهيون (تنهن مهل اهڙي ويساري ۾ پئجي ويندو آهي)، جو ڄڻڪ جا کيس اؤکائي پهتي هئي، تنهن کي لاهڻ جي لاءِ اسان کي سڏيو ئي نه هئائين. اهڙي حد کان لنگهندڙن لاءِ سندن عمل سينگاريا ويا آهن.“ (يونس: 12)
    جهان جي جوڙ ايئن جُڙيل آهي ته ماڻهو بار بار ڪنهن نه ڪنهن اؤکائي يا ڏَچي جي منهن ۾ اچي ٿو وڃي. جڏهن ايئن ٿئي ٿو ته ماڻهو محسوس ڪرڻ ٿو لڳي، ته ٻاهرين قوتن جي مقابلي ۾ هو بنهه بيوس آهي. ان مهل ماڻهو بي اختيار ٿي خدا کي سڏڻ ٿو لڳي. هو خدا جي قدرت جي ڀيٽ ۾ پنهنجي عجز جو اعتراف ٿو ڪري. پر اها حالت ان وقت تائين رهي ٿي، جيستائين هو اؤکائين جي پڪڙ ۾ رهي ٿو. اؤکائيءَ کان ڇوٽڪارو ملڻ کانپوءِ هو ٻيهر اهڙو ئي غافل ۽ سرڪش بنجي وڃي ٿو، جهڙو هو اڳ ۾ هو. اهڙن ماڻهن جي بندگيءَ جي اظهار کي خدا تسليم نٿو ڪري. ڇوته بندگي جو اظهار ۾ اهو گهربل آهي، جيڪو آزادانه حالت ۾ ڪيو وڃي. مجبوريءَ جي حالت ۾ ظاهر ڪيل بندگيءَ جي خدا وٽ ڪابه قيمت نه آهي.
    حقيقت جي ڳولا جو پهريون مرحلو پنهنجي عجز جي دريافت آهي. ماڻهو جڏهن ان تجربي مان لنگهي ٿو، ته خدا کانسواءِ سندس وجود اجايو آهي. ان مهل هو بيتابيءَ سان خدا کي مڃڻ ٿو لڳي. پر اڪثر انسانن جو حال اهو آهي، ته سندن اهو مڃڻ حالتن جي دٻاءُ تحت ٿئي ٿو، نه ڪي حقيقي شعوري فيصلي تحت. تنهنڪري اهڙا ماڻهو حالتون بدلجڻ کانپوءِ خدا جو سهارو وساري ٿا ويهن ۽ ٻيهر پنهنجو پاڻ کي بي خدا زندگي تي راضي ڪري ٿا وٺن.
    هن دنيا ۾ حالتن جي لازمي طور تي هيٺ مٿاهين ايندي آهي. اهي حالتون هر انسان جي لاءِ قدرت جو الارم آهن. اهو الارم انسان جي سُمهيل فطرت کي جاڳائي ٿو ڇڏي. خوش قسمت انسان اهو آهي، جيڪو فطرت جي سجاڳيءَ مان سچو سبق پرائي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي مستقل طور تي خداپرستيءَ وارو بنائي ڇڏي.


    10:42

    10:42
    ڌرتيءَ جي خلافت
    قرآن ۾ اڳين قومن جو ذڪر ڪيو ويو آهي ۽ ان کانپوءِ سندن جاءِ والاريندڙ قومن کي خطاب ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”انهن کانپوءِ اسان اوهان کي ملڪ ۾ جانشين بنايو ته جيئن اسين ڏسون ته اوهين ڪهڙا ٿا عمل ڪريو.“ (يونس: 14)
    دنيا جي قومن جو معاملو سمنڊن ۽ جبلن جيان ڪونهي، ته هڪئي قوم هزارين سالن تائين زمين تي آباد رهي. پر ٿوري ٿوري عرصي کانپوءِ ماڻهو مرندا رهندا آهن ۽ هڪ قوم کان پوءِ ٻي قوم زمين تي آباد ٿيندي آهي ۽ پنهنجو اقتدار قائم ڪندي آهي. ان انساني نظام کي قرآن ۾ خلافت چيو ويو آهي. يعني هڪ جو وڃڻ ۽ پوءِ ٻيءَ جو ان جي جاءِ والارڻ.
    هن دنيا ۾ ڪنهن قوم کي خليفو (اقتدار نشين) بنائڻ اعزاز جي لاءِ نه پر امتحان جي لاءِ هوندو آهي. جانشين بنائڻ جو مطلب هڪ کانپوءِ ٻي کي ڪم جو موقعو ڏيڻ آهي. هڪ قوم کانپوءِ ٻي قوم کي امتحان جي ميدان ۾ بيهارڻو آهي.
    جهڙوڪ: هندستان ۾ پهرين مختلف ديسي راجا حڪومت ڪري رهيا هئا. ان کانپوءِ سندن جاءِ مغلن کي نصيب ٿي. پوءِ انهن کي هٽائي انگريزن کي سندن جانشين بنايو ويو. ان کانپوءِ کين ملڪ مان ڪڍي، هن ملڪ جي اڪثريتي فرقي جي لاءِ جاءِ خالي ڪئي ويئي. انهن مان هرڪو ٻي ايندڙ پهرين جو خليفو (سياسي جانشين) هو.
    خلافت يا سياسي جانشيني دراصل امتحان جو پيپر آهي. هن دنيا ۾ ايندڙ هر گروهه خدا پاران امتحان هيٺ آهي. هر گروهه کي بهرحال آزمائش مان لنگهڻو آهي. اهو ئي سبب آهي، ته هن دنيا ۾ خلافت يا سياسي اقتدار مستقل طور تي ڪنهن هڪ گروهه کي نٿو ملي، پر اهو بار بار بدلبو ٿو رهي، ته جيئن واري واري سان هرهڪ جو امتحان وٺي سگهجي.


    10:43

    10:43
    مَن جي اوجر
    قرآن ۾ هدايت جي ڪتاب جي لهڻ جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”اي انسانو! اوهان وٽ اوهان جي پالڻهار پاران نصيحت (خدا جو ڪتاب) اچي ويو آهي ۽ جيڪا بيماري سينن ۾ آهي، تنهن لاءِ شفا ۽ مؤمنن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آئي آهي.“ (يونس: 57)
    حديث ۾ آيو آهي ته هڪ شخص پاڻ سڳورن وٽ آيو. هن چيو ته مونکي پنهنجي دل کان شڪايت آهي. پاڻ ﷺفرمايو: تون قرآن پڙهندو ڪر. تنهن کانپوءِ پاڻ سڳورن قرآن جي مٿئين آيت تلاوت فرمائي. (التفسير المظهري المجلد الخامس، 35)
    قرآن دل جي بيماريءَ جي لاءِ شفا آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪو ماڻهو سچو طالب آهي، اهو جڏهن قرآن پڙهندو ته کيس قرآن جي صفحن ۾ پنهنجن ذهني سوالن جا جواب ۽ قلبي بيمارين جو علاج معلوم ٿيندو رهندو. جهڙوڪ: هڪ شخص کي خدا جي وجود جي باري ۾ شڪ آهي. هو پنهنجي ان ذهن کي کڻي قرآن کي پڙهڻ شروع ڪندو آهي، ايستائين جو هو هن آيت تائين پهچندو آهي. ”اَفي الله شک فاطر السموات والارض“ (ابراهيم: 10)1 هو جڏهن ان آيت تي ويچاريندو ته کيس ان آيت ۾ خدا جي وجود جو نج عقلي ثبوت ملي ويندو. ساڳئي طرح اها آيت سندس شڪ کي يقين ۾ بدلائڻ جو ذريعو بنجي ويندي.
    ساڳئي طرح هڪ شخص جيڪڏهن ڪنهن چِڙ ڏياريندڙ ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو ۽ سندس دل ۾ بدلي جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، هاڻ هو قرآن پڙهڻ شروع ٿو ڪري، ايستائين جو هو ان آيت تي پهچي ٿو، ”و اذا ما غضبوا هم يغفرون.“ (الشوريٰ: 37) (۽ جڏهن ڪاوڙبا آهن (تڏهن) اهي معافي ڏين ٿا). جڏهن هو ان آيت تي سنجيدگيءَ سان ويچاريندو، ته هو ان ۾ زندگي جو هڪ نهايت اهم نقطو حاصل ڪندو. اهو هي ته سخت چِڙ جو جواب غضبناڪ ٿيڻ ڪونهي، پر ان کي نظرانداز ڪري ڇڏڻ آهي. ان رَويي ۾ انسان جي ڀلائي جو ڳجهه لڪل آهي.
    هڪ شخص کي ڪنهن سان ظلم ۽ زيادتي جو تجربو ٿئي ٿو. هو ظاهري واقعن جي ڪري ان کي پنهنجي محروميءَ جو ذميدار سمجهي ٿو ۽ هو چاهيندو آهي ته ان جي خلاف احتجاج ۽ حقن جي طلبي جي مهم هلائي. هاڻ هو ان معاملي ۾ قرآن ڏانهن رجوع ٿو ڪري. قرآن کي پڙهندي هو هن آيت تي پُهچي ٿو: ”و ما اصابکم من مصيبته فبما کسبت ايديکم.“ (الشوريٰ: 30) (يعني ۽ جيڪا به تڪليف اوهان کي پهچندي آهي، سا اوهان جي هٿن جي ڪمائي سببان آهي.) اها آيت کيس لوڏي ٿي ڇڏي. هو هر معاملي تي نئين سري کان ويچارڻ شروع ٿو ڪري. ايستائين جو مٿس اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته ساڻس جيڪو ڪجهه پيش آيو آهي، اهو سندس داخلي کوٽ جي ڪري پيش آيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ڪنهن مفروضاتي دشمن جي خلاف هُل بکيڙي جو ڪوبه فائدو نه آهي. ان مان سبق وٺي هو پنهنجي اندروني کوٽ کي پورو ڪرڻ ۾ لڳي ٿو وڃي، ۽ نيٺ ان ۾ ڪاميابي ٿو ماڻي.
    ساڳئي طرح هڪ شخص سان ڪو اَڻ وڻندڙ تجربو پيش اچي ٿو. جهڙوڪ: سندس گهرواري بظاهر ته سندس پسند جي ڪونهي. هو ان قسم جي تلخ تجربي جي ياد پنهنجي سيني ۾ کڻيو ويٺو آهي. ان کانپوءِ هو قرآن پڙهي ٿو ۽ هن آيت تي پهچي ٿو: ”و عسي ان تکرهواشيئاََ و هو خيرلکم و عسيٰ ان تحبوا شيئاً وهو شرلڪم.“ (البقره: 216) (۽ شايد اوهين ڪنهن شئي کي ناپسند ڀانئيو ۽ (حقيقت ڪري) اها اوهان لاءِ ڀلي هجي ۽ شايد ڪنهن شئي کي پيارو رکو ۽ اها اوهان جي لاءِ بُڇڙي هجي.)
    هيءَ آيت کيس سوچڻ جو هڪ نئون رُخ ڏئي ٿي ڇڏي. ان تي ويچاريندي هو ان نتيجي تي پهچي ٿو ته ظاهري پسند ۽ ظاهري ناپسند جي حيثيت بلڪل واڌو آهي. رڳو ظاهر جي بنياد تي ڪنهن شئي جي باري ۾ صحيح راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته ظاهري طور تي ڪا شئي سُٺي نه لڳندي هجي، پر داخلي حقيقت جي لحاظ کان ان جي اندر ڪو تمام وڏو گُڻ موجود هجي. جڏهن ان جو ذهن ايئن سوچڻ لڳندو، ته ٿي سگهي ٿو ته هو جنهن شئي کي بظاهر اَڻ وڻندڙ سمجهي ويٺو هجي، ان جي اندر ان جو ڪو اهڙو پاسو ملي پوي، جيڪو ايترو ته مُلهائتو هجي، جو ان جي ظاهري ناپسنديدگي کيس غيراهم نظر اچڻ لڳي.
    ساڳئي طرح هڪ انسان جنهن کي دلي سڪون حاصل نه آهي، تنهن محنت ڪري پنهنجو هڪ گهر جوڙيو. هن ڊگهي جدوجهدکانپوءِ پنهنجي هڪ اقتصادي دنيا اَڏي. هن هڪ پسند جي عورت سان نڪاح ڪيو، جنهن مان کيس وَلر ٻارن جو پيدا ٿيو. سندس گهرڀرپور ڪٽنب وارو گهر بنجي ويو. انهن سڀني جي هوندي به هو محسوس ڪري رهيو آهي، ته کيس حقيقي معنيٰ ۾ خوشي ۽ سڪون حاصل نه آهي؛ هو هاڻ به ان ئي بي چينيءَ ۾ پيو جيئي. هاڻ هن قرآن پڙهڻ شروع ڪيو. قرآن کي پڙهندي هو هن آيت تي پهتو: ”الابذکرالله تطمئن القلوب.“ (الرعد: 28) (الله جي ذڪر سان دليون آرام وٺنديون آهن.) اها آيت کيس ڇرڪائي ٿي ۽ هو ان تي ويچارڻ شروع ٿو ڪري. ايستائين جو مٿس اهڙي حقيقت پڌري ٿئي ٿي، ته جنهن بابت کيس اڳ ۾ خبر نه هوندي آهي. اهو هي ته سڪون حاصل ڪرڻ جو ذريعو مادي شيون نه آهن. پر ان جو ذريعو فقط هڪ آهي ۽ اهو خدا جو ذڪر (ياد) آهي.
    اصل ڳالهه هيءَ آهي ته انسان پنهنجي فطرت جي لحاظ کان هڪ معيارپسند (Idealist) مخلوق آهي. جڏهن ته دنيا جون باقي هڙئي شيون پنهنجي نوعيت ۾ معيار کان گهٽ آهن. هر شئي عيب يا محدوديت جو شڪار آهي. دنيا جي هر شئي ماڻهوءَ کي سندس طلب کان گهٽ ٿي نظر اچي. ان جي اُبتڙ خدا آخري حد تائين هڪ ڪامل هستي آهي. هو هر قسم جي عيب کان پاڪ آهي. اهو ئي سبب آهي ته ماڻهوءَ کي سڪون رڳو ان وقت ملي ٿو، جڏهن هو خدا کي حاصل ڪري وٺي ۽ هو ان جي ياد ۾ زندگي گذارڻ لڳي.
    قرآن ۾ بيشڪ دلين جي لاءِ شفا آهي. پر اها شفا فقط ان لاءِ آهي جيڪو قرآن کان پنهنجي لاءِ رهنمائي جو طالب هجي. جيڪو کليل ذهن سان قرآن پڙهي ۽ ڪنهن شرط کان سواءِ قرآن جي پيغام کي مڃڻ لاءِ تيار هجي. هن دنيا ۾ ڪابه گهربل شئي فقط ان جي گهرجائوء کي ئي ملي ٿي، نه ڪي ان کي جيڪو سري کان ان جو طالب ئي نه هجي.


    10:44

    10:44
    الله جا نيڪ ٻانها
    قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”جن ايمان آندو ۽ پرهيزگاري ڪئي اٿن، تن لاءِ دنيا جي حياتيءَ ۽ آخرت ۾ خوشخبري آهي. الله جي حڪمن کي ڪابه ڦيرگهير نه آهي. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي.“ (يونس: 62-64)
    الله جا نيڪا ٻانها، قرآن موجب، ڪنهن پُراسرار گروهه جو نالو نه آهي. اهي ڄاتل سڃاتل انسان آهن ۽ انهن جا گُڻ مذڪوره آيت ۾ بيان ڪيا ويا آهن. اهي گُڻ اهي آهن ته: اهي ايمان وارا هجن يعني کين معرفت جي درجي ۾ الله جو تعلق حاصل ٿي وڃي. هو پنهنجي زندگيءَ جي مڙني معاملن ۾ اهو طريقو اختيار ڪن، جيڪو الله جي ڊَپ تي ٻَڌل هجي. اهي ڊَپُ ماڻهن جي اندر حقيقي طور تي پيدا ٿي وڃن، انهن کي دنيا ۾ ئي هڪ رباني زندگي حاصل ٿي وڃي ٿي. هو الله جي توفيق سان ان رستي تي هلي ٿا پون. جنهن جي آخري منزل جنت آهي. اهو الله جي اٽل قانون تحت ٿئي ٿو. ان ۾ ڪڏهن به ڦيرگهير ڪونهي.
    الله جا ٻانها جو لفظ (اولياء الله) ساڳئي طرح هڪ معلوم شرعي لفظ آهي. جيئن مؤمن ۽ متقي جو لفظ آهي. اولياء الله جو درجو ڪنهن کي معلوم شرعي قانونن تحت ملي ٿو، نه ڪي ڪنهن پراسرار نسبت سان.


    10:45

    10:45
    هدايت ۽ ضلالت
    قرآن ۾ هدايت ۽ ضلالت جو قانون ٻڌائيندي ارشاد ڪيو ويو آهي: ”۽ ڪنهن شخص جي لاءِ اهو ممڪن ڪونهي، ته هو الله جي رضا کانسواءِ ايمان آڻي ۽ الله انهن ماڻهن تي پليتي وجهي ڇڏيندو آهي، جيڪي عقل کان ڪم نه وٺندا آهن.“ (يونس: 100)
    ”ڪوبه شخص خدا جي اذن (رضا) کانسواءِ ايمان نٿو آڻي سگهي.“ جو مطلب اهو آهي ته هاڻوڪي دنيا ۾ ڪنهن کي ايمان جي نعمت ملندي ته ان طريقي جي پيروي ڪري ملندي، جيڪو خدا هن جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. موجوده دنيا ۾ ايمان پائڻ جو رستو اهو آهي ته ماڻهو ايمان جي دعوت کي پنهنجي عقل جي استعمال سان سمجهي. جنهن شخص جي عقل جي مٿان سندس دنياوي مصلحتون غالب پئجي وڃن، ته ڄڻ هن جو عقل گندگيءَ جي چِڪَ ۾ ليٿڙجي ويو. اهڙي شخص جي لاءِ هن دنيا ۾ ايمان جي نعمت پائڻ جو ڪوبه امڪان نه آهي.
    انسان کي عقل ان ڪري ڏنو ويو آهي، ته هو ان جي وسيلي سچ ۽ ڪُوڙ ۾ فرق ڪري. هو عقل کي استمال ڪري سچائيءَ کي ڳولي لهي. اهو ئي الله جي پاران مقرر ڪيل حق جو رستو آهي. جيڪي ماڻهو پنهنجي عقل کي استعمال ڪندا، اهي حق تائين رسائي حاصل ڪندا. ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي خداداد عقل کي استعمال ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا، اهي حق جي ڳولا ۾ ناڪام ٿي ويندا.


    10:46

    10:46
    جنت وارا
    قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”جن ماڻهن ايمان آندو ۽ جن چڱا عمل ڪيا ۽ پنهنجي پالڻهار جي سامهون عاجزي ڪيائون، اهي ئي جنت وارا آهن. هو سدائين اُن ۾ رهندا.“ (هود: 23)
    آيت ۾ ’اخبات‘ جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي عاجزي ڪرڻ. عربيءَ ۾ چئبو آهي: ”هو خبيت القلب.“ (هو دل شڪستو آهي) اهو ئي ايمان جو تَت آهي. ايمان هڪ ذهني دريافت آهي، ماڻهو جڏهن به چاهي پنهنجي سمع و بصر (ٻين لفظن ۾ شعور) کي استعمال ڪري خدا کي پائي ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ پنهنجي حيثيت کي سمجهي ٿو، ته ان مهل مٿس جيڪا ڪيفيت طاري ٿي ويندي آهي، تنهن جو نالو عجز (اخبات) آهي. عجز (نوڙت) خدا جي مقابلي ۾ پنهنجي حيثيت جي سڃاڻپ جو لازمي نتيجو آهي.
    ايمان، اخبات (نِوڙت/ عاجزي) ۽ سٺا عمل ٽيئي هڪئي حقيقت جا مختلف پاسا آهن. ايمان خدا جي وجود ۽ ان جي گُڻن جي شعوري دريافت آهي. اخبات ان دلي حالت جو نالو آهي، جيڪا خدا جي دريافت جي نتيجي ۾ ماڻهوءَ جي اندر لازمي طور تي پيدا ٿئي ٿي. نيڪ عمل ان شعور ۽ ان ڪيفيت مان پيدا ٿيندڙ خارجي صورت آهي. ماڻهو جڏهن خدا جي ذهن سان سوچي ٿو، جڏهن سندس دل خدائي ڪيفيت سان ڀرجي وڃي ٿي، ته ان جي عين فطري نتيجي طور ان جي ظاهري زندگي خدا جي وڻندڙ عملن ۾ پوئجي وڃي ٿي، ان جو نالو عملِ صالح آهي. جيڪو شخص ’ايمان اخبات‘ (عجز) ۽ عمل صالح جو پيڪر بنجي وڃي ٿو، اهو ئي خدا جو گهربل انسان آهي ۽ اِهو ئي اُهو انسان آهي، جنهن کي جنت جي باغن ۾ ٽِڪايو ويندو.


    10:47

    10:47
    گناهن جي تلافي
    قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”۽ ڏينهن جي اڳياڙي ۽ پوياڙيءَ جي وقفن ۾ ۽ ڪو وقت رات ۾ (به) نماز پڙهو. ڇوته چڱايون، مداين کي نينديون آهن. نصيحت وٺندڙن جي لاءِ اها نصيحت آهي.“ (هود: 114)
    انسان جي جوڙ ايئن جُڙي آهي، ته کانئس بار بار غلطيون ٿينديون ٿيون رهن. وقتي اثرن تحت هو گناهن ۾ ڦاسي ٿو وڃي. ان سان گڏ انسان جي اندر ضمير جو مادو به رکيل آهي، جڏهن به انسان کان ڪا ڪوتاهي ٿئي ٿي، ته انسان جو ضمير جاڳي پوي ٿو. هو کيس ملامت ڪرڻ ٿو لڳي ته تو ايئن ڇو ڪيو.
    هاڻ انسان ڇا ڪري. هڪ طرف بشري (انساني) تقاضا تحت کانئس هڪ گناهه ٿي چڪو آهي. ٻئي پاسي سندس ضمير کيس اندر ئي اندر ۾ ملامت ڪري بي چين رکي ٿو. مذڪوره آيت ۾ ان مسئلي جو نبيرو ٻڌايو ويو آهي. ماڻهو ان آيت تي عمل ڪري پنهنجي دل جو بوجهه هلڪو ڪري سگهي ٿو. اُن سان گڏ هو الله سان پنهنجي تعلق کي ٻيهر ڳنڍي سگهي ٿو.
    اها قرآني تدبير ڇا آهي. اها آهي برائيءَ کانپوءِ چڱائي ڪرڻ. اها ڀلائي، برائيءَ کي ايئن ڌوئي ٿي ڇڏي، جيئن ڪِنو پاڻي، گندگيءَ کي ڌوئي ٿو ڇڏي. ان ڀلائيءَ جون مختلف صورتون آهن. جهڙوڪ: دل ۾ توبهه ڪرڻ، نماز پڙهڻ، ذڪر ۽ دعا ۾ رُڌل رهڻ، مالي صدقو ڪرڻ، ضرورتمندن جي ڪم اچڻ، ان ماڻهوءَ جي حق ۾ نيڪ دعائون گهُرڻ، جنهن سان زيادتي ٿي ويئي هجي، وغيره.


    11:48

    11:48
    اختلاف جي ڏاهپَ
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي ته: ”۽ جيڪڏهن تنهنجو پالڻهار گهري ها ته سڀني ماڻهن کي هڪئي اُمت ڪري ها ۽ اهي سدائين اختلاف ڪندا رهندا. پر جن تي تنهنجي پالڻهار رحم ڪيو (سي هڪئي دين تي رهندا) ۽ کين انهيءَ لاءِ الله پيدا ڪيو آهي، ۽ تنهنجي پالڻهار جو هيءُ ٻول پورو ٿيو ته جنن ۽ ماڻهن سان گڏي دوزخ ضرور ڀريندس.“ (هود: 118-119)
    هن آيت ۾ جنهن اختلاف جو ذڪر آهي، ان مان مراد مذهبي اختلاف آهي، يعني دنيا ۾ مختلف مذهبن جو هئڻ ۽ ماڻهن جو ڌار ڌار مذهب اختيار ڪرڻ. مجاهده ۽ فتاوه ۾ اُن جو اهو ئي تفسير موجود آهي. تفسير القرطبي ۾ آهي: اي عليٰ اديان شتي قاله مجاهد و فتاوه. (القرطبي الجزء التاسع، صفحو 114)
    قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته صراطِ مستقيم يا دينِ حق فقط هڪ آهي. ان کانسواءِ ٻيو جيڪو ڪجهه آهي، اهو گمراهي آهي. (يونس: 32) اهڙي حالت ۾ سوال هيءَ آهي ته دنيا ۾ گهڻا دين ڇو. جڏهن الله جي نظر ۾ هڪئي دين آهي، جيڪو انسانن کي جنت طرف نيئڻ وارو آهي ته الله تعاليٰ ايئن ڇو نه ڪيو، ته دنيا ۾ فقط هڪ دين هجي ها. دينِ حق کانسواءِ ٻيا دين سري کان هتي موجود ئي نه هجن ها، ته جيئن انسان غلط چونڊ جي گمراهيءَ کان بچي وڃي ۽ سندس جنت جي رستي تي هلڻ سولو ٿي پوي.
    جواب اهو آهي ته اها الله جي اسڪيم ئي ڪونهي. الله تعاليٰ هن جهان ۾ امتحان جو اهو طريقو رکيو آهي، جنهن کي تعليمي اصطلاح ۾ Discovery method چيو ويندو آهي. يعني متفرق شين کي سامهون وکيري ڇڏڻ ۽ شاگردن کي موقعو ڏيڻ ته هو پنهنجي سمجهه کي استعمال ڪري، انهن جي هڪ وحدت جوڙين. ساڳئي طرح الله تعاليٰ هن دنيا ۾ ايئن ڪيو آهي ته هڪ دينِ حق سان گڏ ٻين ڪيترن ئي غير صحيح دينن کي جيئري رهڻ جو موقعو ڏنو. هاڻ هر انسان کي اهو ڪرڻو آهي، ته هو پنهنجي خداداد عقل کي استعمال ڪري صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪري. هو باطل دينن کي سُڃاڻي انهن کي رد ڪري ۽ دينِ حق جي معرفت حاصل ڪري اهو اختيار ڪري.
    ان مصلحت جي آڌار تي الله تعاليٰ انسان کي بي اختيار مخلوق نه ٺاهيو آهي، جيئن ٻين مخلوقن جو معاملو آهي. جهڙوڪ: حيوان پنهنجي جبلت جي تابع آهن ۽ جمادات فطرت جي قانون جي تابع. پر انسان کي مڪمل اختيار ڏيئي، زمين تي آباد ڪيو ويو. انسان کان اها شئي گهربل آهي، ته هو ڪنهن جبر کانسواءِ خود پنهنجي آزاديءَ سان حق جو رستو اختيار ڪري. هو پنهنجي فيصلي موجب هڪ شئي کي ڇڏي ۽ خود پنهنجي فيصلي تحت ٻي شئي اختيار ڪري.
    خدا جي رحمت ان شخص کي ملي ٿي، جيڪو پنهنجي شعور کي ايترو ته جاڳائي، جو هو امتحاني اختيار جي اندر پنهنجي حقيقي اختياريءَ کي ڄاڻي وٺي. هو انساني قدرت جي پردي ۾ خدا جي قدرت کي ڏسي وٺي. اهو شعور اهڙي ماڻهو کان سرڪشيءَ جي طاقت کسي ٿو وٺي. ايستائين جو ان جو حال هي ٿئي ٿو، ته جڏهن خدا پنهنجي رحمت کي ان جو حق چئي پيش ڪري ته ان جو شعور حقيقت ۾ پڪاري اُٿي. خدايا! هيءَ به تنهنجي رحمتن جو ئي هڪ ڪرشمو آهي، نه ته منهنجو عمل ته ڪنهن قيمت جي لائق ڪونهي.
    اُهو Discovery method غيرمعمولي حڪمت/ ڏاهپ تي ٻَڌل آهي. ان جي ڪري انسانن جي اندر سرگرميون وجود ۾ اچن ٿيون. ان جي ذريعي فڪري ۽ روحاني ترقي ٿئي ٿي. ان عمل جي ذريعي اهو ممڪن ٿئي ٿو، ته انساني شخصيت شروعاتي حالت کان ترقي ڪري اعليٰ انساني درجي تائين پهچي سگهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿئي ته انسان به ساڳئي طرح هڪجهڙي ذهني حالت تي بيهي رهندو. جيئن اسين حيوانن جي مثال ۾ ڏسون ٿا.


    12:49

    12:49
    حقيقت کي مڃڻ
    قرآن ۾ حضرت يوسف عليه السلام جو قصو تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. اُن موجب پراچين مصر جي هڪ معزز عورت، حضرت يوسف عليھ السلام کي ورغلائڻ چاهيو، جيڪو ان وقت هڪ نوجوان هو. حضرت يوسف سندس ورغلائڻ ۾ نه آيو ۽ پنهنجي پاڪبازي جي طريقي جي چونڊ ڪيائين. جنهن تي اها عورت بگڙجي پئي ۽ هن حضرت يوسف عليه السلام تي الزام هڻي کيس قيدخاني موڪلي ڏنو. پر پوءِ اها حقيقت ظاهر ٿي، ته حضرت يوسف بي ڏوهي هو.
    مذڪوره عورت جيتوڻيڪ مجبور نه هئي، پر سندس ضمير جاڳي پيو ۽ هن صاف لفظن ۾ چيو ته: ”هاڻ حق پڌرو ٿي پيو آهي. مون هن کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ هو بيشڪ سچو آهي.“ (يوسف: 51)
    ان واقعي مان اندازو ٿئي ٿو، ته مذڪوره مصري عورت جيتوڻيڪ وقتي طور تي پنهنجن جذبن سبب مغلوب ٿي ويئي هئي. پر هن جي اندر فطرت جيئري هئي ۽ سندس اندر انساني گُڻ موجود هئا. تنهنڪري جڏهن معاملو چِٽو ٿيو ته هوءَ پڪاري اُٿي، ته هوءَ غلطيءَ تي هئي. ان معاملي ۾ يوسف جي ڪا غلطي ڪونهي.
    اهو اعتراف سڀ کان وڏو انساني گُڻ آهي. جنهن عورت يا مرد ۾ مڃڻ (اعتراف ڪرڻ) جو مادو هجي، ان کي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي ۾ خدا جي مدد حاصل ٿي ويندي ۽ هو حق حاصل ڪندو. ان جي اُبتڙ جيڪي ماڻهو اعتراف (مڃڻ) جو انساني گُڻ وڃائي ويهن، اهي گمراهيءَ ۾ جيئندا رهندا ۽ نيٺ ان حال ۾ ئي جهان ڇڏي ويندا.


    12:50

    12:50
    غيرمسلم حڪومت ۾
    قرآن ۾ حضرت يوسف عليه السلام جو جيڪو قصو بيان ٿيل آهي، ان جو هڪ حصو اهو آهي ته مصر جو مشرڪ بادشاهه هڪ خاص مرحلي تي سندس شخصيت کان متاثرٿيو ۽ کيس پنهنجن ويجهن ساٿين ۾ شامل ڪرڻ گهُريائين. ان وقت حضرت يوسف ڳالهين جي دؤران بادشاهه کي چيو: ”مونکي ملڪ جي خزانن تي مقرر ڪر. آئون نگهبان ۽ ڄاڻندڙ آهيان.“ (يوسف: 55) بادشاهه اهو مڃي ورتو. تنهنڪري حضرت يوسف، مصر جي ان مشرڪ بادشاهه جي حڪومت ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي مقرر ٿيو.
    پيغمبر جي ان واقعي مان اهو شرعي اصول اخذ ٿئي ٿو، ته غيرمسلم حڪومت تحت هڪ مسلمان جي لاءِ ذميداريءَ وارو عهدو قبولڻ اصولي طور تي جائز آهي. ايتريقدر جو هو مسبب حال ايئن به ڪري سگهي ٿو، ته هو پنهنجي طرفان ان حڪومتي عهدي تي مقرريءَ جي لاءِ رِٿ پيش ڪري.


    12:51

    12:51
    فتح جو اصول
    حضرت يوسف عليه السلام کي سندس ويڳن ڀائرن ننڍي وهيءَ ۾ ئي هڪ اونداهي کوهه ۾ ڦِٽو ڪري ڇڏيو. سوداگرن جي هڪ قافلي کيس کوهه مان ڪڍيو ۽ مصر جي بازار ۾ وڃي ٻانهي جي حيثيت سان وڪڻي ڇڏيو. ان کانپوءِ ساڻس مختلف قسم جا واقعا پيش آيا، جن جو ذڪر قرآن (۽ بائيبل) ۾ آيو آهي. مختلف مرحلن مان گذرندي نيٺ اهو وقت آيو، جڏهن کيس مصر ۾ اها مٿانهين حيثيت حاصل ٿي ويئي، جنهن جو قرآن ۾ ذڪر ڪندي چيو ويو آهي؛ ”۽ اهڙيءَ طرح يوسف کي (انهي) ملڪ ۾ مرتبي وارو ڪيوسون. جتي وڻندو هوس، تِتي ٽِڪندو هو. جنهن لاءِ وڻندؤ اٿئون، تنهن تي پنهنجي ٻاجهه پهچائيندا آهيون.“ (يوسف: 56)
    آخري مرحلي تي سڄي قصي جو تَت حضرت يوسف جي زباني هنن لفطن ۾ بيان ڪيو ويو آهي: ”۽ جيڪو شخص پرهيزگاري اختيار ڪندو ۽ صبر ڪندو، الله تعاليٰ ڀلارن جو اَجرُ نه وڃائيندو.“ (يوسف: 90) پرهيزگاري اها آهي ته ماڻهو زندگي جي جدوجهد ۾ سدائين حق تي قائم رهي ۽ ڪنهن به حال ۾ حق کان نه لنوائي. ٻي شئي اها ته زندگيءَ جي مرحلن ۾ صبر ۽ تحمل کان ڪم وٺي. نتيجي ۾ دير ڏسي، هو بي صبرو نه ٿئي. جيڪي ماڻهو پرهيزگاري ۽ صبر جي انهن ٻنهي گُڻن جا ڌڻي آهن، اهي الله جي نظر ۾ ڀلارا، يعني ڀلي عمل وارا آهن. اهڙا ماڻهو بهرحال الله جي فتح جا حقدارهجن ٿا ۽ نيٺ ڪاميابيءَ جي منزل تي پهچي وڃن ٿا.


    13:52

    13:52
    عروج ۽ زوال جا سبب
    قومن جو عروج ۽ زوال فطرت جي هڪ اَٽل قانون موجب ٿئي ٿو، جيڪو الله تعاليٰ مقرر فرمايو آهي. اهو قانون هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو: ”پڪ سان الله ڪنهن قوم جي حالت کي ايستائين نه ڦيرائيندو آهي، جيستائين اهي جيڪي سندن دلين ۾ آهي، سو پاڻ نه ڦيرائين. ۽ جڏهن الله ڪنهن قوم جي خرابيءَ جو اِرادو ڪندو آهي، تڏهن ان کي ڪو ٽَرڻ ڪونهي، ۽ نه ڪي انهن جو الله کانسواءِ ڪو مددگار آهي.“ (الرعد: 11)
    هن آيت مان ”مابقوم“ جو مطلب قومي حالت آهي ۽ ”مابنفس“ جو مطلب ان جي انفرادي حالت آهي. جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪنهن قوم جي اجتماعي حالت ان قوم جي ماڻهن جي حالت سان ٻڌل آهي. ماڻهوءَ جي اندر جيتري صلاحيت هوندي، ايترو ئي صالح معاشرو ان جي وچ ۾ ظهور ۾ ايندو. ان ڳالهه کي هڪ حديث ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي. ”جهڙا اوهين هوندا، اوهان تي حڪمران به اهڙا ئي هوندا.“ (مشڪواة المصابيح 2/1097)
    گويا فرد ۽ سماج جي وچ ۾ اها ئي نسبت آهي، جيڪا ٻج ۽ فصل جي وچ ۾ هوندي آهي. جهڙي پوکبي، تهڙي لُڻبي. ساڳئي نموني جهڙو ماڻهو، تهڙو سماج.
    اهو قانون ايترو ته اَٽل آهي، جو اُن ۾ ڦيرگهير جي گنجائش ڪونهي. جنهن معاشري جي ماڻهن جي اندر بگاڙ اچي وڃي، اهو معاشرو لازمي طور تي تباهه ٿي ويندو آهي. ان قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ کانپوءِ ڪنهن به گروهه جي لاءِ بچڻ ممڪن ڪونهي.
    ان قانون مان اهو به پتو پيو، ته جيڪڏهن ڪنهن معاشري کي بهتر بنائڻو آهي، ته ان عمل جي شروعات ڪٿان ٿيندي. اها شروعات ڪامياب طور تي فقط فردن جي اصلاح مان ئي ٿي سگهي ٿي. اُن جي ابتڙ جيڪڏهن سماجي سطح تي اصلاحي عمل جي شروعات ڪئي وڃي، ته خدا جي جهان ۾ اهڙي ابتڙ عمل جو انجام ناڪاميءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.


    13:53

    13:53
    نفعو ملڻ
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”جنهن (الله) آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ نديون پنهنجي قد سارو وَهي هليون. پوءِ ڇَر، اُڀامندڙ گَج کي کنيو ۽ جيڪا شئي زيورن يا سامان جي طلب ڪرڻ لاءِ باهه ۾ ڳاريندا آهن، ان تي به ان جهڙي گج ٿيندي آهي. اهڙي طرح الله کري ۽ کوٽي جو مثال ڏيندو آهي، پر گِجي ته سُڪي ختم ٿي ويندي آهي ۽ جا شئي نفعو ڏيندي آهي، سا زمين ۾ رهندي آهي. اهڙي طرح الله مثال ڏيندو آهي. (الرعد: 17)
    هن آيت ۾ مادي تمثيل جي ذريعي فطرت جي قانون کي ٻڌايو ويو آهي. اهو قانون هيءَ آهي، ته هن جهان ۾ قيام ۽ استحڪام انهن انسانن کي ملي ٿو، جيڪي هتي نفع واري هئڻ جو ثبوت ڏين. جيڪي ماڻهو نفعو ڏيڻ جي صلاحيت وڃائي ٿا ڇڏين، تن لاءِ خدا جي هن جهان ۾ ڪابه جاءِ ڪونهي.
    هڪ فرد پنهنجي ڪٽنب ۾ فائدي وارو بنجڻو آهي. ساڳئي طرح ان کي پنهنجي سماج ۾ نفعي وارو بنجڻو آهي. ان نفعي کانسواءِ ڪنهن کي نه پنهنجي ڪٽنب ۾ ڪا عزت ملندي ۽ نه ئي وري پنهنجي سماج ۾. اهو ئي معاملو قومي زندگي ۽ بين الاقوامي زندگيءَ جو آهي. هتي به اهي ئي همراهه عزت ماڻين ٿا، جيڪي پنهنجو پاڻ کي نفعي وارو ثابت ڪري سگهن.
    هڪ نفع بخشي اها آهي جيڪا مادي معنيٰ ۾ هجي. ٻي نفع بخشي اها آهي، جيڪا اخلاقي معنيٰ ۾ هجي. پر ان کان به وڌيڪ نفعو ڏيڻ اهو آهي، ته ڪو فرد يا گروهه دنيا وارن جي لاءِ سچائيءَ جي سوکڙي پيش ڪري سگهي.


    13:54

    13:54
    دل جو سُڪون
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”اُهي ماڻهو، جن ايمان آندو ۽ جن جون دليون الله جي ياد سان مطمئن هونديون آهن. ٻُڌو! الله جي ياد سان ئي دلين کي سڪون ملي ٿو.“ (الرعد: 28)
    هن آيت ۾ ايمان جو مطلب معرفت ۽ ذڪر جو مطلب خدا جي پکڙيل نشانين تي ويچارڻ آهي. الله جي ذڪر جي تشريح تحت تفسير قرطبيءَ ۾ هڪ قول نقل ڪيو ويو آهي، ته يعني ”هو الله کي ياد ڪن ٿا ۽ ان جي نشانين تي ويچارين ٿا. پوءِ هڪ الله جي ڪمالن کي پنهنجي سمجهه سان سُڃاڻي وٺن ٿا ۽ ان سان سندن دلين کي اطمينان حاصل ٿئي ٿو.“ (تفسير القرطبي: 9/319)
    دل جو اطمينان ڇا آهي؟ دل جو اطمينان اهو آهي، ته انسان ان شئي کي حاصل ڪري وٺي، جيڪا هو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان جي ابتڙ دل جي بي اطميناني اها آهي، ته ماڻهو هر ان شئي کي حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي وڃي، جنهن کي حاصل ڪرڻ جو شوق سندس دل ۾ آهي. الله کي ڇڏي ڪوبه ماڻهو دنيا جي جن شين مان اطمينان حاصل ڪرڻ ٿو چاهي، اهي هڙئي محدود ۽ ناقص آهن. اهي انسان جي اصل طلب کان گهڻيون گهٽ آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي ته دنياوي يا مادي شين جو حاصل ڪرڻ ماڻهوءَ کي مطمئن نٿو ڪري. حاصل ڪرڻ کان پهرين ماڻهو انهن شين جي باري ۾ ڀَرم ۾ رهي ٿو. پر حاصل ڪرڻ کانپوءِ سندس اهو ڀَرم ٽُٽي ٿو وڃي. سندس حال اهو ٿي ٿو وڃي ته ڄڻ حاصل ڪرڻ ۽ نه ڪرڻ سندس جي لاءِ ساڳئي ڳالهه آهي.
    پر الله جو معاملو ان جي ابتڙ آهي. جڏهن هڪ ماڻهو الله کي دريافت ڪري ٿو، ته ان کي محسوس ٿئي ٿو، ته هن پنهنجي طلب جا سڀيئي جواب حاصل ڪري ورتا آهن. جڏهن ماڻهو الله کي ياد ڪري ٿو ۽ سندس روحاني سطح تي ان سان لاڳاپو قائم ٿيو وڃن، ته اها هن جي پوري شخصيت جي لاءِ هڪ مڪمل يا فن جي هم معنيٰ بنجي وڃي ٿي. اِهو ئي اُهو اعليٰ تجربو آهي، جنهن کي هن آيت ۾ دلي سڪون سان ڀيٽيو ويو آهي.


    14:55

    14:55
    زيادتين تي صبر
    قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته پيغمبرن جي توحيد جي دعوت کانپوءِ جڏهن مدعو قومن پاران ناڪاري ردعمل سامهون آيو، ته پيغمبرن جو جواب هيءَ هو. ”۽ اسين ڇو نه الله تي يقين رکون، جڏهن ته هن اسان کي رستو ڏيکاريو، ۽ جيڪا تڪليف اوهين اسان کي ڏيندا، اسين تنهن تي صبر ڪنداسين ۽ ڀروسو ڪندڙن کي الله تي ئي ڀروسو ڪرڻ گهُرجي.“ (ابراهيم: 12)
    سڀني پيغمبرن کي پنهنجي مخاطب قومن کان تڪليفون پيش آيون. سڀني پيغمبرن کي سندن قوم جا ماڻهو طرح طرح سان ستائيندا رهيا. پر سڀني پيغمبرن جو گڏيل رَويو فقط هڪ هو. اهو آهي هر قسم جي زيادتين کي هڪ طرفي طور تي سَهندي، پر ان دعوت جو سلسلو جاري رکڻ.
    ان جو سبب ڪهڙو آهي. ان جو سبب اهو آهي، ته دعوت جو ڪم هڪ بيحد هاڪاري ڪم آهي. اهو رڳو اهڙي ماحول ۾ جاري رهي سگهي ٿو، جتي داعي ۽ مدعوءَ جي وچ ۾ اعتدال جي فضا لڳاتار موجود رهي. اهڙي اعتدال واري فضا يا پُر امن ماحول کي برقرار رکڻ جي لاءِ سڀيئي پيغمبر صبر ڪندا رهيا. حقيقت اها آهي ته صبر ئي دعوت جي قيمت آهي. جتي صبر ڪونهي، اُتي دعوت به ڪونهي.
    پوءِ جي زماني ۾ جيڪي ماڻهو دعوت جو ڪم ڪندا، تن کي به صبر جي رَوش مڪمل طور تي اختيار ڪرڻي آهي. صبر کانسواءِ دعوت جو ڪم نه گذريل زمانن ۾ ٿيو ۽ نه وري ايندڙ وقت ۾ ٿي سگهي ٿو. دعوت جو اهو هڪ اهڙو شرط آهي، جيڪو ڪڏهن به ساقط (ختم) ٿيڻ وارو نه آهي.


    14:56

    14:56
    وڻ جو مثال
    قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”ڇا تو نه ڏٺو ته ڪيئن الله مثال بيان ڪيو آهي. سٺي ڳالهه کي سُٺي وڻ جهڙو (ڪيو اٿس) جنهن جي پاڙ سگهاري هجي ۽ جنهن جون پاڙون زمين ۾ کُتل ۽ ٽاريون آسمان ۾ هجن. سڀ ڪنهن وقت پنهنجي پاليندڙ جي حڪم سان ميوو ڏي ٿو ۽ الله ماڻهن لاءِ مثال بيان ڪري ٿو. مَن اهي نصيحت وٺن ۽ گندي ڳالهه جو مثال گندي وڻ جهڙو آهي، جنهن کي زمين تان پَٽيو ويو آهي، ان کي ڪو ٽِڪاءُ نه آهي. ايمان وارن کي دنيا جي حياتيءَ ۾ ۽ آخرت ۾ مضبوط ڳالهه سان ثابت قدم رکي ٿو ۽ الله ظالمن کي گمراهه ڪري ٿو ۽ الله جيڪو گهُري ٿو، سو ڪري ٿو.“ (ابراهيم: 24-27)
    موجوده دنيا ۾ پالڻهار مختلف حقيقتن جا ظاهري مثال قائم ڪيا آهن. شجره طيبه (سُٺو وڻ) هڪ لحاظ کان مؤمن جو مثال آهي. وڻ اها عجيب ۽ غريب خاصيت آهي، ته اهو سڄي ڪائنات کي پنهنجو غذائي دسترخوان بڻائي ٿو ۽ ايئن ٻج مان ترقي ڪري هڪ شاهوڙ وڻ جي شڪل ۾ زمين جي مٿان بيهي ٿو رهي. وڻ زمين مان پاڻي، معدنيات ۽ نمڪيات وٺي وڌي ٿو. ان سان گڏ هو هوا ۽ سج کان به پنهنجي غذا حاصل ڪري ٿو. هو هيٺان به خوراڪ حاصل ڪري ٿو ته مٿان به.
    مؤمن جو به اهو ئي معاملو آهي. عام وڻ جيڪڏهن هڪ مادي وڻ آهي، ته مؤمن هڪ شعوري وڻ. مؤمن هڪ طرف دنيا ۾ خدا جي تخليقن ۽ ان جي نظام کي ڏسي تپرس ۽ نصيحت حاصل ٿو ڪري، ته ٻئي پاسي مٿان کان کيس لڳاتار خدا جو فيض پهچندو ٿو رهي. هو مخلوق کان به مٿي پنهنجي لاءِ ايمان جي واڌو خوراڪ حاصل ڪري ٿو ۽ پالڻهار سان به سندس قربت ۽ تعلق جو معاملو جاري رهي ٿو.
    وڻ هر هنڌ پنهنجو ميوو ڏيندا آهن. ساڳئي طرح مؤمن هر موقعي تي اهو صحيح رَويو يا جواب (Response) ظاهر ڪري ٿو، جيڪو کيس ظاهر ڪرڻ گهرجي. معاشي تنگي هجي يا معاشي ڪشادگي، خوشيءَ جي گهڙي هجي يا غم جي، شڪايت جي ڳالهه هجي يا واکاڻ جي ڳالهه. زورآوريءَ جي ڳالهه هجي يا بي زوريءَ جي حالت. هر موقعي تي سندس زبان ۽ ڪردار اهو ئي ردعمل ظاهر ڪندو آهي، جيڪو خدا جي سچي ٻانهي جي حيثيت سان کيس ظاهر ڪرڻ گهُرجي.
    ٻيو مثال شجره خبيثه (گندي وڻ) جو آهي. جنهن کي ڏسي ايئن ٿو لڳي، اهو ڪائنات جي مذڪوره اعليٰ غذا کان محروم آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مٿس ڪَنڊا نڪرن ٿا. ان جي شاخ ۾ ڪَڙو ۽ بدمزو ميوو به لڳل هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص اُن جي ڀرسان ويندو ته اهو ڌپ سان ان جي آجيان ڪندو. اهڙي وڻ کي ڪوبه پسند نه ڪندو آهي. اهو جتي به ڦٽندو آهي، ان کي پاڙؤن پَٽي ڦِٽو ڪيو ويندو آهي.
    اهو ئي معاملو غير مؤمن جو آهي. هو زمين ۾ هڪ بيڪار وجود جي حيثيت سان ڦُٽي ٿو. ڪائنات پنهنجي مڙني بهترين نشانين جي باوجود هن جي لاءِ ايئن بنجي ٿي وڃي، ڄڻ هن جي لاءِ هتي نه ڪو دليل آهي ۽ نه ئي ڪا نصيحت. جيتوڻيڪ خدا جو فيض هر مهل وسندو ٿو رهي، پر اُن مان کيس ڪو حصو پتي نٿو ملي. ان جي ڪردار ۽ معاملن ۾ ان جو اظهار نه هوندو آهي.
    جيڪو ماڻهو توحيد جو ڪلمو اختيار ڪري، تنهن جي لاءِ اهو ڪلمو اُن جي شخصيت جي تعمير جو ذريعو بنجي وڃي ٿو. هو هڪ اهڙو انسان بنجي وڃي ٿو، جيڪو خدا جو گهُربل انسان هجي. هو دنيا ۾ خدا جي رحمتن کي حاصل ڪري ۽ آخرت ۾ جنت جو حقدار بنجي ٿو.


    14:57

    14:57
    خدا جون نعمتون
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ جيڪي شيون اوهان ان کان گهُريون، تن سڀني مان اوهان کي ڏنو اٿس ۽ جيڪڏهن الله جي نعمتن کي ڳڻيندؤ ته انهن کي ڳڻي نه سگهندؤ. بيشڪ انسان وڏو ظالم (۽) وڏو ناشڪرو آهي.“ (ابراهيم: 34)
    انسان جڏهن هن جهان ۾ جنم وٺي ٿو، ته کيس ڪابه خبر نه هوندي آهي ته کيس ڪهڙين ڪهڙين شين جي گهرج هوندي آهي. پر پوءِ کيس حيرت وٺيو وڃي ته کيس جن شين جي گهرج هوندي آهي، سي اڳواٽ ئي هتي موجود آهن. زمين ۾ موافق قوت ڪشش، سج، هوا ۽ پاڻي ۽ پاڻيءَ ۾ آڪسيجن جو ذخيرو. زمين تي هر قسم جون غذائون. سفر جي لاءِ سواريون وغيره وغيره. ان سان گڏ زمين ۾ ڀانت ڀانت جي معدنيات، جيڪا ڪار کان وٺي هوائي جهاز ۽ ٽيليفون ۽ ڪمپيوٽر جي شڪل وٺي سگهي ٿي. حقيقت هيءَ آهي ته هر اها شئي جيڪا انسان کي پنهنجي راحت ۽ پنهنجي گهرج جي لاءِ گهربل هئي، خدا اها اڳواٽ ئي هن دنيا ۾ گڏ ڪري ڇڏي آهي.
    اها آيت قرآن جي سچائيءَ جو هڪ کليل دليل آهي. قرآن لهڻ وقت ڪائنات جي شين جي باري ۾ انسان جي ڄاڻ ايتري ته گهٽ هئي، جو انسان اهو يقين سان چوڻ جي لائق نه هو، ته هن دنيا ۾ خدا جون نعمتون ايتريون ته گهڻيون آهن جو انهن کي ڳڻي نٿو سگهجي. نعمتن جو بي شمار هئڻ ان وقت انسان جي لاءِ هڪ اَڻ ڄاتل ڳالهه هئي. اها حقيقت پهريون ڀيرو فقط ويهين صديءَ ۾ دريافت ٿي. اهڙي حالت ۾ ته سائنسي دؤر کان اڳ هڪ ڪتاب ۾ ان آيت جو هئڻ ثابت ڪري ٿو، ته اهو هڪ خدائي ڪتاب آهي، نه ڪي انساني ڪتاب. ڇوته انسان پنهنجي محدود واقفيت جي ڪري چوڏهن سؤ سال اڳ اهڙو بيان نه ٿي ڏيئي سگهيو. اهو فقط خالق ڪائنات آهي، جيڪو انهن ڳالهين جو علم رکي ٿو ۽ انهن جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چئي سگهي ٿو، جيڪي پوءِ جي زمانن جي انقلابن ۾ صحيح ثابت ٿين.


    15:58

    15:58
    قرآن جي حفاظت
    قرآن ۾ آهي ته: ”بيشڪ اسان ئي ان ذڪر (قرآن) کي لاٿو آهي ۽ اسين ئي ان جي حفاظت ڪرڻ وارا آهيون.“ (الحجر: 9)
    قرآن 610ع ۾ لهڻ شروع ٿيو ۽ ان جو آخري حصو 632ع ۾ لٿو. اهو پريس جي دؤر کان گهڻو اڳ جو زمانو آهي. ان وقت پيغمبر ۽ ايمان وارن کي مادي طاقتن مان ڪابه طاقت حاصل نه هئي. وڌيڪ اهو ته مخالفتن جي گهڻائيءَ بظاهر سڀني امڪانن کي سوڙهو ڪري رکيو هو. اهڙي حالت ۾ قرآن جو اهو بيان ته هو باقي ۽ محفوظ رهندو، هڪ بيحد غيرمعمولي بيان هو. ظاهري حالتن جي لحاظ کان اها هڪ وڏي اڳڪٿي هئي. اهي هڙئي سبب مستقل جي اونداهيءَ ۾ لڪل هئا، جيڪي قرآن جي حفاظت کي واقعو بنائڻ لاءِ گهربل هئا.
    ان لحاظ کان ڏٺو وڃي ته اها آيت ان ڳالهه جو قطعي ثبوت آهي، ته قرآن خداوند عالم جو ڪتاب آهي. تنهنڪري عين اڳڪٿي موجب، پوءِ جي زماني ۾ هڪ کانپوءِ ٻيو، اهي سڀئي واقعا ظاهر ٿيا، جيڪي قرآن جي حفاظت جي يقيني ضمانت بنجي ويا. اهو سلسلو جاري رهيو، ايستائين جو نيٺ جديد پريس جو دؤر آيو، جنهن کانپوءِ قرآن کي ختم ڪرڻ عملي طور تي اَڻ ٿيڻي ڳالهه بنجي ويئي. تنهن کانسواءِ اهم ڳالهه اها آهي ته عربي زبان جيڪا قرآن جي زبان آهي، پنهنجي نج ۽ شروعاتي حالت ۾ موجود رهي. جڏهن ته نزول قرآن جي زماني جي ڪابه زبان اڄ قديم حالت ۾ موجود ڪونهي. (تفصيل لاءِ پڙهو، ليکڪ جو ڪتاب عظمتِ قرآن)


    15:59

    15:59
    ڌُڻيل ٻانها
    قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته: ”الله جي حڪم جي باوجود ابليس، آدم جي اڳيان سجدو ڪرڻ کان نابري واري. ان کانپوءِ الله تعاليٰ کيس سدائين جي لاءِ پنهنجي رحمت کان ڌِڪي ڇڏيو. ان وقت شيطان اهو جواب ڏنو: ابليس چيو، اي منهنجا رب! جيئن تو مونکي گمراهه ڪيو آهي، تيئن آئون زمين تي انهن سڀني کي گمراهه ڪندس، سواءِ انهن جي جيڪي تنهنجا ڌُڻيل ٻانها آهن. الله فرمايو: هيءَ هڪ سنئين واٽ آهي، جيڪا مون تائين پهچي ٿي. بيشڪ جيڪي منهنجا ٻانها آهن، تن تي تنهنجو زور نه هلندو. سواءِ انهن ٿِڙيلن جي، جيڪي تنهنجي پيروي ڪندا ۽ انهن سڀني جي لاءِ جهنم تيار آهي.“ (الحجر: 39-43)
    هن آيت موجب، هر انسان شيطان جي پهچ ۾ آهي. شيطان انسان کي ورغلائي تباهيءَ جي طرف وٺي ٿو وڃي. ان معاملي ۾ شيطان جو طريقو ڪهڙو آهي. هو غلط ڪم کي سٺو ڪري پيش ڪري ٿو. بُرائين کي ڀلائين جي صورت ۾ ڏيکاري ٿو. برباديءَ جي رستي جي هڪ اهڙي تشريح ڪري ٿو، ته جيئن اهو ڪاميابيءَ جو رستو نظر اچڻ لڳي. اهو ئي ڏيکاءُ انسان جي مقابلي ۾ شيطان جو سڀ کان وڏو هٿيار آهي.
    اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جيڪي شيطان جي ان تباهه ڪندڙ ڏيکاءُ کان بچي ويندا. اهي ڌُڻيل انسان آهن، جيڪي پنهنجي شعور کي ايترو ته گهڻو سجاڳ ڪري وٺن، جو جڏهن شيطان کين هڪ غلط ڪم کي صحيح ڪري ڏيکاري ته هو ان کان متاثر نه ٿين. هو شيطان جي هِرکائڻ جو پردو ڦاڙي اصل حقيقت کي ڏسي وٺن. هو پنهنجي خداداد گُڻن جي ذريعي معاملن کي سمجهن، نه ڪي شيطان جي هرکائڻ جي ذريعي.


    16:60

    16:60
    دين ۾ اختلاف
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ اسان توتي ڪتاب رڳو هن لاءِ نازل ڪيو آهي، ته جنهن ڳالهه ۾ انهن (پاڻ) ۾ اختلاف ڪيو، سو تون مٿن ظاهر ڪرينءَ ۽ ايمان واريءَ قوم رستي ڏيکارڻ ۽ (مٿن) مهرباني ڪرڻ جي واسطي به (نازل ڪيو آهي) ۽ الله آسمان مان پاڻي وسايو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کانپوءِ جيئرو ڪيائين. بيشڪ ان ۾ ٻُڌڻ وارن جي لاءِ نشانيون آهن.“ (النحل: 64-65)
    ٻئي هنڌ ساڳئي ڳالهه هيئن چئي ويئي آهي: ”سڀ ماڻهو هڪ اُمت هئا. پوءِ الله نبين کي خوشخبري ٻڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو ۽ انهن مٿان سچو ڪتاب لاٿائين، ته جيئن (اهو ڪتاب) ماڻهن ۾، جنهن ڳالهه بابت انهن جهڳڙو ڪيو، فيصلو ڪري. ۽ ان ۾ هڪ ٻئي سان حسد جي ڪري رڳو انهن اختلاف ڪيو، جن کي اهو ڏنو ويو. هن کان پوءِ به جو وٽن ظاهر ڳالهيون آيون، پوءِ جنهن سچيءَ ڳالهه ۾ اختلاف ڪيائون، تنهن ڏي الله پنهنجي حڪم سان ايمان وارن کي واٽ ڏيکاري.“ (البقره: 213)
    خدا پنهنجن پيغمبرن جي وسيلي جيڪو دين موڪليو، اهو هڪ ئي دين آهي. پوءِ هيترا پيغمبر ڇو آيا. اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جڏهن به ڪو هڪ پيغمبر خدا جو دين آڻي ٿو، ته ان جا شروعاتي مڃيندڙ ان پيغمبر جي تشريح موجب مڃين ٿا. پوءِ جي نسلن ۾ تعبير۽ تشريح ۾ اختلاف پيدا ٿيندا آهن. ايستائين جو هڪ دين ڌار ڌار تشريحن جي صورت اختيار ڪري ڪيترائي دين بنجي ٿو وڃي. انهن مان هر گروهه پنهنجي جوڙيل دين کي صحيح ۽ ٻين کي غلط چوڻ ٿو لڳي. اختلافن جي ان جهنگ ۾ ماڻهن جي لاءِ اهو سمجهڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو، ته ڪهڙي شئي حق آهي ۽ ڪهڙي شئي ناحق تي.
    پيغمبر اسلام ﷺجي زماني ۾ اها ئي صورت پيدا ٿي ويئي هئي. ان وقت الله تعاليٰ پيغمبر اسلام کي موڪلي اهو بندوبست ڪيو هو، ته ماڻهو مذهبي اختلاف جي جهنگ جي وچ ۾ خدا جي سچي رستي کي ڳولهي سگهن. اها صورتحال اڄ به باقي آهي. هڪ شخص خدا جي رستي جي ڳولا ۾ هجي ۽ هو مختلف مذهبن جو مطالعو ڪندو، ته هو پڪ سان ذهني انتشار ۾ پئجي ويندو. ڇوته مذهبن جي جيڪا تعليم اڄ موجود آهي، ان ۾ پاڻ ۾ تمام گهڻا اختلاف آهن. تنهنڪري حق جي ڳولا ڪندڙ کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو ڪهڙي شئي کي غلط چوي ۽ ڪهڙي شئي کي صحيح.
    اهڙيءَ حالت ۾ پيغمبر آخرالزمان جو آندل دين خدا جي ٻانهن جي لاءِ رحمت آهي. ڇوته ٻين دينن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سڳورن جو دين هڪ محفوظ دين آهي. اهو تاريخي لحاظ کان مڪمل طور تي مُستند آهي. ان آڌار تي مٿس مڪمل ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ته پاڻ سڳورن جيڪو دين ڇڏيو، اهو ئي حقيقي دين آهي، جيڪو خدا کي پنهنجن بندن کان گهربل آهي.
    البت تفسير ۽ تشريح ۾ اختلاف جو امڪان بدستور باقي آهي. تنهنڪري پيغمبر آخرالزمان کانپوءِ به اها ئي صورت پيش ايندي ته اصل دين ۾ مختلف تعبيرون ڪري، ماڻهو ٻيهر مختلف مذهبي دائرن ۾ ورهائجي ويندا. پر آخري دين (اسلام) جو متن هينئر به مڪمل طور تي محفوظ آهي. تنهنڪري جيڪڏهن انساني تشريحن کان ڌار ٿي، سنئون سڌو متن جي ذريعي خدا جي دين کي سمجهڻ چاهي، ته هو حقيقي دين تائين پهچڻ کان محروم رهي نٿو سگهي، پر شرط اهو آهي ته هو اُن معاملي ۾ پوري طرح سنجيدو هجي.
    هتي ان معاملي کي برسات جي مثال جي ذريعي چِٽو ڪيو ويو آهي. برسات زمين جي هر حصي تي وسي ٿي. پر جيڪا زمين زرخيز آهي، ان کي برسات مان فائدو پهچي ٿو. بنجر زمين برسات جي باوجود به برسات جي فائدي کان محروم رهي ٿي. اهو ئي حال انسانن جو به آهي. جنهن ماڻهو پنهنجي قابليت کي جيئرو رکيو، اهو اختلاف جي باوجود اصل دين کي حاصل ڪري وٺندو ۽ جنهن ماڻهوءَ جي قابليت مري ٿي وڃي، اهو اختلافن ۾ مُنجهي ٿو وڃي. هو اصل دين تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهندو.


    16:61

    16:61
    وحيءَ جي شاهدي
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ تنهنجي پاليندڙ ماکيءَ جي مک کي هيءَ حڪم ڪيو، ته جبلن ۽ وڻن ۾ ۽ جن مَنهن تي (ماڻهو) ميون جا وڻ کڻن ٿا، تن ۾ گهر بڻاءِ. پوءِ سڀني ميون مان کاءُ. پوءِ پنهنجي پاليندڙ جي رستي ۾ هَل، جيڪي کليا پيا آهن. انهن مکين جي پيئڻ مان پيئڻ جي شئي نڪري ٿي، جنهن جا رنگ ڌار ڌار آهن. ان ۾ ماڻهن جي لاءِ شفا آهي. بيشڪ ان ۾ فڪر ڪرڻ وارن لاءِ نشاني آهي.“ (النحل: 67-68)
    قرآن جي هن آيت ۾ ماکيءَ جي مک جي معاملي کي ٻڌائڻ لاءِ وحي جو لفظ استعمال ڪيو ويو آهي، جيڪو ان ڳالهه جو اِشارو آهي، ته جيڪڏهن انسان ماکيءَ جي مک جي معاملي تي ويچاري، ته هو پيغمبر تي ايندڙ وحيءَ کي به سمجهي سگهي ٿو.
    ماکيءَ جي مک جي زندگيءَ ۾ اهڙيون غيرمعمولي نشانيون آهن، جيڪي اها حقيقت ٻڌائين ٿيون ته ماکيءَ جي مک کي يقيني طور تي خارج کان وحيءَ جهڙي رهنمائي ڏني پئي وڃي. ٻاهرين رهنمائيءَ کانسواءِ ماکي جي مک پاڻمرادو ايئن ڪري نٿي سگهي. ماکي جي مک جيئن ڪم ڪندي آهي، ان ۾ ان قسم جي نوعيت جا گهڻا مثال ملن ٿا. جهڙوڪ: ماکيءَ جي مک جو مانارو. ماکيءَ جي مک پنهنجو هڪ مانارو انتهائي صحت سان زميني قانونن جي پابندي ڪندي جوڙيندي آهي. ان کي اهو زميني علم ڪنهن ڏنو. ماکي جي هڪ ماناري ۾ هزارين مکيون ڪم ڪن ٿيون. انهن جو اهو ڪم ايتري ته منظم انداز ۾ ٿئي ٿو، جنهن جو مثال ڪنهن به انساني ڪارخاني ۾ موجود نه آهي. ماکي جي مکين کي اهو ڊسيپلين ڪنهن سيکاريو. اهي مکيون جڏهن گلن جو رس چوسي اهو اچي ماناري ۾ گڏ ڪنديون آهن، ته اهي ان ۾ انتهائي مناسب مقدار ۾ ان جي اندر هڪ اهڙو تحفظي مادو (Preservative) شامل ڪري ڇڏينديون آهن، جيڪو ڊگهي عرصي تائين ماکيءَ کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ وارو آهي. اهو فن ماکيءَ جي مک کي ڪنهن سيکاريو. ماکي جي مک گهڻو ڪري پنهنجي ماناري کان ڪيترائي ڪلوميٽر پري تائين ويندي آهي. صبح مهل جڏهن هوءَ ماکي آڻڻ جي لاءِ پنهنجي ماناري مان رواني ٿيندي آهي، ته منهن اونداهي الل وهاڻيءَ جو رواني ٿيندي آهي. پر شام جو جڏهن هوءَ ماکي کڻي پنهنجي آخري ٽرپ تان واپس موٽندي آهي ته هوءَ اونداهي ٿيڻ کان اڳ ورندي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته هن جو صبح جو سفر اونداهيءَ کان سُهائي طرف هوندو آهي، پر شام جو سُهائي کان اونداهيءَ طرف. تنهنڪري صبح جو جيڪڏهن هو اونداهيءَ ۾ رواني ٿيندي آهي ته اهو اطمينان هوندو آهي ته ٿوري دير ۾ سُهائي ٿي ويندي ۽ رستو چِٽو نظر ايندو. ان جي ابتڙ جيڪڏهن هوءَ شام جو دير سان وري ته انديشو اهو ئي هوندو آهي ته جلد ئي اونداهي ٿي ويندي ۽ هوءَ پنهنجي رستي تان ڀَٽڪي ويندي. صبح جي پهرينءَ چڪر ۽ شام جي آخري چڪر ۾ فرق ڪرڻ جو اهو شعور کيس ڪنهن ڏنو.
    ماکيءَ جي مک جي ڪارڪردگيءَ ۾ ان قسم جا ڪيترائي انوکا مثال ملن ٿا. اهي مثال ناقابل ترديد طور تي ثابت ڪن ٿا ته ماکيءَ جي مک کي ٻاهرين وحيءَ مان رهنمائي ملي رهي آهي. اهڙي طرح ماکيءَ جي مک جي وحي ثابت ٿيڻ کانپوءِ پيغمبر جي وحي به يقيني طور تي ثابت ٿي وڃي ٿي. هڪ سان وحيءَ جو امڪان ثابت ٿيڻ کانپوءِ ٻي سان وحيءَ جو امڪان پنهنجو پاڻ ئي ثابت ٿي وڃي ٿو. ٻنهي ۾ هڪ منطق لازمي آهي، جنهن کان انڪار ڪنهن به طرح ممڪن ڪونهي.


    16:62

    16:62
    فطرت جو دين
    قرآن ۾ ارشاد ڪيو ويو آهي: ”بيشڪ الله انصاف ڪرڻ ۽ ڀلائي ڪرڻ ۽ مائٽيءَ وارن کي ڏيڻ جو حڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائيءَ ۽ بُڇڙي ڪم ۽ سرڪشيءَ کان روڪي ٿو. اوهان کي نصيحت ڪري ٿو، مَن اوهين ياد رکو.“ (النحل: 90)
    دنيا ۾ ڪو الله جو ٻانهو ڪيئن رهي، ان جو چِٽو بيان هن آيت ۾ موجود آهي. ان موجب پهرين هڪ شخص کي جنهن شئي جو بندوبست ڪرڻو آهي، اهو انصاف آهي. جنهن جو مطلب هي آهي ته هڪ شخص جو جيڪو حق ٻئي تي اچي ٿو، اهو هو پورو ڪري. پوءِ ڀلي اهو سگهارو هُجي يا هِيڻو. ۽ پوءِ ڀلي اهو شخص پسنديده هجي يا ناپسنديده. حقن جي ادائيگيءَ ۾ فقط حق جو لحاظ ڪيو وڃي نه ڪي ڪنهن لڳ لاڳاپي يا سفارش جو.
    ٻي شئي احساس آهي، جنهن جو مطلب اهو آهي ته حقن جي ادائيگيءَ ۾ وڏ ماڻهپي جو مظاهرو ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو وڃي. انصاف سان گڏ مروت کي گڏيو وڃي. قانوني دائري کان اڳتي وڌي ماڻهن سان فياضي ۽ همدرديءَ وارو رَويو اختيار ڪيو وڃي. ماڻهوءَ جي اندر اهو حوصلو هجي، ته هو ممڪن طور پنهنجي لاءِ پنهنجي حق کان گهٽ تي راضي ٿي وڃي ۽ ٻئي کي سندس حق کان وڌيڪ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري.
    ٽين شئي ’ايتاء ذي القربيٰ‘ آهي، جنهن جو مطلب اهو ناهي ته جيئن ماڻهو پنهنجن ٻارن ٻچن جي گهُرج کي ڏسي تڙپي پوي ٿو ۽ ان کي پورو ڪري ٿو، تيئن هو ٻين ويجهن ماڻهن جي گهُرجن جي باري ۾ به حساس هجي. هر سَرنديءَ وارو شخص پنهنجي مال تي رڳو پنهنجو ۽ پنهنجي گهروارن جو حق نه سمجهي، پر پنهنجن مِٽن مائٽن جي حقن کي ادا ڪرڻ کي هو پنهنجي ذميداريءَ ۾ شامل ڪري.
    ان کانپوءِ هن آيت ۾ ٽن شين کان منع ڪئي ويئي آهي.
    پهرين شئي بي حيائي ۽ بُڇڙائي آهي جنهن جو مطلب کُليل اخلاقي بُرايون آهن. يعني اهي برايون جن جو خراب هئڻ ماڻهوءَ کي پنهنجي ضمير موجب معلوم هجي ۽ ماڻهو عام طور تي ان کي شرمناڪ سمجهن.
    ٻي شئي مُنڪر آهي. مُنڪر، معروف جي ابتڙ آهي. معروف انهن سُٺين ڳالهين کي چئجي ٿو، جن کي هر سماج ۾ سٺو سمجهيو ويندو آهي. ان جي ابتڙ مُنڪر جو مطلب اهي نامناسب ڪم آهن، جيڪي عام طور تي اخلاقي معيار جي خلاف آهن. ان ۾ اهي سڀيئي شيون شامل آهن، جن کي انسان عام طور تي خراب سمجهي ٿو ۽ جن کي قبول ڪرڻ کان انساني فطرت انڪار ٿي ڪري.
    ٽي شئي بغض آهي، جنهن جي معنيٰ حد کان ٽپڻ آهي. ان ۾ هر اها سرڪشي داخل آهي، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجي حدن مان لنگهي ٻئي شخص تي هٿ وجهي. ڪنهن جي جان يا مال يا عزت وٺڻ جي لاءِ مٿس ناحق ڪارروايون ڪري ۽ پنهنجي زور وارن اثرن کي ناجائز فائدو وٺڻ لاءِ استعمال ڪرڻ لڳي.
    الله اوهان کي نصيحت ٿو ڪري ته جيئن اوهين ياد ڪريو. ان جو مطلب اهو آهي ته ان آيت ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون آهن، اهي خود انساني فطرت جو آواز آهن. ماڻهو جيڪڏهن ويچاري ته کيس خبر پوندي، ته قرآن جي تعليم بلڪل اها ئي آهي، جنهن جي طلب اڳواٽ انسان جي اندر موجود هئي. قرآن جي ان ڳالهه جي حيثيت ماڻهوءَ کي سندس فطرت جي يادگيري ڏيارڻ آهي، نه ڪي ڪنهن خارجي حڪم کي رڳو مٿان کان لاڳو ڪرڻ. اهو احساس ماڻهوءَ کي مجبور ڪندو، ته هو قرآن جي پيغام کي خود پنهنجي فطرت جو آواز سمجهي قبول ڪري.


    16:63

    16:63
    هڪجهڙو معاملو
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”جنهن مرد يا زائفان چڱو ڪم ڪيو ۽ اهو ايمان وارو هوندو، تنهن کي اسين ضرور چڱي زندگي ڏيئي جيارينداسون ۽ اهي جيڪو سڀ کان چڱو ڪم ڪن پيا، تنهن جو کين ضرور بدلو ڏينداسون.“ (النحل: 97)
    اسلام موجب، عورت ۽ مرد جي وچ ۾ ڪم جي ميدان (Workplace) جي لحاظ کان ته فرق ضرور آهي، پر خدا جي نعمتن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بنجڻ جي لحاظ کان ٻنهي ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. ڪوبه فرد، ڀلي اهو مرد هجي يا زائفان، جيڪڏهن معرفتِ خداوندي حاصل ڪري ۽ ان موجب اهي صالح ڪردار جو ثبوت ڏين، ته ٻيئي خدا جي ان رحمت جا هڪجهڙا حقدار ٿيندا، جيڪا هن دنيا ۾ انسان جي لاءِ لکي ويئي آهي.
    ان خدائي رحمت جو پهريون ڀاڱو هيءَ آهي، ته کيس دنيا ۾ اها زندگي حاصل ٿيندي، جيڪا خدا جي نظر ۾ پاڪ زندگي (حيوة طيبه) آهي. يعني هر موقعي تي اها سگهه ملڻ ته سندس ذهن ۾ صحيح ۽ هاڪاري سوچ جڳهه حاصل ڪري. ساڳئي طرح کيس اها سگهه ملي ته هو هر موقعي تي اهو رَويو اختيار ڪري، جيڪو هن دنيا ۾ صحيح رَويو آهي. ان خدائي رحمت جو ٻيو ڀاڱو اهو آهي، جنهن جو ظهور آخرت ۾ ٿيندو يعني سندس ايمان ۽ سندس عمل کي قبولي کيس ابدي جنت ۾ داخل ڪيو ويندو.
    آيت موجب، خدا جي اها رحمت جيئن هر مرد لاءِ آهي، تيئن ساڳئي نموني اها هڪ عورت جي لاءِ به آهي. نتيجي جي لحاظ کان ٻنهي ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. البت مرد کي پنهنجي دائري ۾ رهي ايمان ۽ عمل جو ثبوت ڏيڻو آهي ۽ زائفان کي پنهنجي دائري ۾ رهي.


    16:64

    16:64
    دعوت جو طريقو
    قرآن حڪم ڏيندي چوي ٿو ته: ”تون پنهنجي پاليندڙ جي رستي ڏي حِڪمت ۽ چڱي نصيحت سان سڏ. ۽ انهن سان اهڙي نموني سان بحث مباحثو ڪر جو سڀ کان چڱو هجي. جيڪو سندس رستي کان گمراهه ٿيو، اُن کي تنهنجو پاليندڙ ئي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي ۽ اهو ئي رستي تي هلندڙن کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.“ (النحل: 125)
    هن آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حق جي دعوت ڏيڻ جو طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي. اهو ٻُڌائڻ جي لاءِ قرآن ۾ ٽئي لفظ استعمال ڪيا ويا آهن: حڪمت، موعظمت حسنه ۽ جدال احسن.
    حڪمت (ڏاهپ) جو مطلب دليل ۽ برهان آهي. ڪوبه دعوتي عمل، ان وقت حقيقي دعوتي عمل آهي، جڏهن اهو اهڙن دليلن سان هجي، جنهن ۾ مخاطب جي ذهن جي پوري رعايت شامل هجي. مخاطب جي نظر ۾، ڪنهن شئي جي ثابت ٿيل هئڻ جا جيڪي شرط آهن، انهن شرطن جي تڪميل جي لاءِ جيڪو ڪلام ڪيو وڃي، ان کي هتي حڪمت/ ڏاهپ جو ڪلام چيو ويو آهي. جنهن ڪلام ۾ مخاطب جي ذهني ۽ فڪري رعايت شامل نه هجي، اهو ڏاهپ وارو ڪلام ڪونهي. ۽ اهو ڪلام ڪنهن کي داعيءَ جو مرتبو ڏيئي نٿو سگهي.
    موعظمت حسنه ان خصوصيت جو نالو آهي، جيڪو دردمندي ۽ خيرخواهي جي نفسيات مان ڪنهن جي ڪلام ۾ پيدا ٿيندي آهي، جنهن داعي جو حال اهو هجي ته هو خدا جي عظمت ۽ جلال جي ڪري سندس شخصيت ۾ ڀونچال اچي ويو هجي. جڏهن هو خدا جي باري ۾ ڳالهائيندو ته ان جي ڪلام ۾ عظمت خداونديءَ جون تجليون چمڪي اُٿنديون. جيڪو داعي جنت ۽ جهنم کي ڏسي ٻين کي اُهي ڏيکارڻ جي لاءِ اُٿندو ته ان جي ڪلام ۾ يقيني طور تي جنت جون بهارون ۽ دوزخ جون هولناڪيون ٻُڌائجندي نظر اينديون. انهن شين جي گڏپ داعي جي ڪلام کي اهڙو ته بنائي ڇڏيندي جيڪو دلين کي پگهرائي ۽ اکين کي لڙڪن هاڻو ڪري ڇڏي.
    دعوتي ڪلام جا اصل گُڻ اهي ئي ٻه آهن: حڪمت ۽ موعظمت حسنه. پر دنيا ۾ ڪجهه سدائين اهڙا ماڻهو به موجود هوندا آهن، جيڪي اجايو بحث پيا ڪندا آهن، جن جو مقصد مُنجهائڻ آهي، نه ڪي سُلجهائڻ. اهڙن ماڻهن جي باري ۾ هڪ سچو داعي جيڪو انداز اختيار ڪري ٿو، ان جو نالو جدال اَحسن آهي. هو اُبتي ڳالهه جو سڌي ڳالهه سان جواب ڏيندو آهي. هو سخت لفظ ٻڌي به پنهنجي زبان مان نرم لفظ ڪڍندو آهي. هو الزام تراشيءَ جي مقابلي ۾ صبر جو طريقو اختيار ڪندو آهي.
    داعي حق جي نظر سامهون واري انسان طرف نه هوندي آهي، پر ان خدا طرف هوندي آهي، جيڪو سڀني کان مٿي آهي. تنهنڪري هو اها ئي ڳالهه چوندو آهي، جيڪا خدا جي ساهميءَ ۾ حقيقي ڳالهه بنجي ۽ جنهن جي لاءِ کيس خدا وٽ ڦِڪو ٿيڻو نه پوي.


    16:65

    16:65
    داعيءَ وارو ڪردار
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ جيڪڏهن اوهين بدلو وٺڻ گهُرو ته ايترو اوهان سان ڪيو ويو آهي ۽ جيڪڏهن اوهين صبر ڪريو ته صبر ڪرڻ وارن لاءِ گهڻي چڱائي آهي.“ (النحل: 126)
    هن آيت ۾ دعوت ڏيندڙ جي ڪردار کي ٻڌايو ويو آهي، جيڪو مخالفن جي مقابلي ۾ کيس اختيار ڪرڻو آهي. فرمايو ويو آهي ته جيڪڏهن مخالفن پاران اهڙي تڪليف پهچي، جيڪا اوهين سَهي نه سگهو، ته ايترو ئي ڪرڻ جي اجازت آهي، جيترو اوهان سان ڪيو ويو آهي. پر اها موڪل به رڳو انسان جي ڪمزوريءَ کي ڏسندي رعايت طور ڏني ويئي آهي. نه ته داعي جو اصل ڪردار اهو هئڻ گهرجي ته هو ماڻهوءَ پاران پيش آيل هر تڪليف تي صبر ڪري. هو مدعوءَ سان حساب ڪتاب چُڪتو ڪرڻ جي بدران اهڙن معاملن کي خدا جي خاني ۾ وجهي ڇڏي.
    مخاطب جيڪڏهن حق کي نه مڃي، ان کي ختم ڪرڻ جي پويان پئجي وڃي، ته ان مهل داعيءَ کي جيڪا وڏي تدبير ڪرڻي آهي، اهو صبر آهي. يعني ردعمل جي نفسيات يا جوابي ڪارروائين کان بچندي هاڪاري طور تي حق جو پيغام پهچائيندو رهڻ.


    17:66

    17:66
    خدائي نشانين جو تجربو
    قرآن پاڪ ۾ پيغمبرِ اسلام جي معراج جي سفر جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو آهي: ”اُهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي (محمد ﷺ) کي هڪ رات ۾ مسجد حرام کان مسجد اقصيٰ تائين سير ڪرايو، هن لاءِ ته کيس پنهنجون ڪجهه نشانيون ڏيکاريون. بيشڪ اهو ئي ٻُڌندڙ ڏسندڙ آهي.“ (بني اسرائيل: 1)
    قرآن جي هن آيت ۾ جنهن واقعي جو ذڪر آهي، اهو هجرت کان هڪ سال کن اڳ پيش آيو. ان وقت پيغمبرِ اسلام مڪي ۾ هئا. رات جو پُراسرار طور تي خدا جي ملائڪ کيس يروشلم پهچايو. ان سفر جي شروعاتي منزل مسجد اقصيٰ هئي. اهو اصل ۾ اهو هنڌ (Site) آهي، جتي پهرين هيڪل سليماني هو. ان هيڪل (عبادت گاهه) کي حضرت سليمان عليه السلام 1004 ق.م. ۾ جوڙايو هو، جنهن کي پوءِ بابل جي بادشاهه بخت نصر 586 ق.م. ۾ تباهه ڪري ڇڏيو. ان کانپوءِ اسرائيلي پيغمبر عذراهه ۽ نحمياه، اهو لڳ ڀڳ 515 ق.م. ۾ ٻيهر اَڏرايو. ان کانپوءِ تيتسس رومي پنهنجي فوج سان 70ع ۾ يروشلم آيو، ته هن سڄي هيڪل کي ڊاهي کنڊر ڪري ڇڏيو.
    جڏهن پيغمبرِ اسلام جو معراج جو سفر ٿيو، ته اهو ساڳئي کنڊر جي حالت ۾ ئي هو، ڇوته يهودين جو اهو عقيدو هو ته هيڪل (عبادت گاهه) جي اڏاوت رڳو خدا جو پيغمبر ئي ڪري سگهي ٿو. تنهنڪري اهو هنڌ ويران حالت ۾ پيو رهيو. روايتن موجب پاڻ سڳورن جي ان سفر جي موقعي تي گذريل سڀيئي پيغمبر گڏ ٿيا. انهن ان هنڌ تي باجماعت نماز ادا ڪئي ۽ پيغمبرِ اسلام ان جي اِمامت ڪئي.
    اهو سفر جنهن کي قرآن ۾ ’اسراء‘ چيو ويو آهي، ان جي باري ۾ هڪ مسئلو اهو به آهي ته ان ۾ ’لنريه من آياتنا،‘ (ته جيئن اسان کيس پنهنجون نشانيون ڏيکاريون) جو مطلب ڪهڙو آهي. عام طور تي چيو وڃي ٿو ته ان جو مطلب اهي نشانيون آهن، جيڪي مسجد اقصيٰ يا يروشلم جي ڀرپاسي موجود آهن. يعني اڳوڻن پيغمبرن جا آثار ۽ زميني شادابي وغيره. پر صحيح اهو آهي ته ان کي ان غيرمعمولي سفر طور مڃيو وڃي. جيئن خود آيت ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي. (سبحان الذي اسريٰ بعيده ليلاَ من المسجدالحرام الي المسجد الاقصيٰ،) يعني ”اهو پاڪ آهي جنهن پنهنجي ٻانهي کي هڪ رات ۾ مسجد الحرام کان مسجد اقصيٰ تائين سير ڪرايو.“
    ’اسراء‘ جي ان واقعي جو سڀني کان وڌيڪ اهم پهلو اهو آهي ته اهو هڪ بيحد تيز رفتار سفر جي صورت ۾ ٿيو. ان نشانيءَ جي ذريعي الله تعاليٰ ان جي جديد امڪان جو اڳواٽ تعارف ڪرايو، جيڪو پيغمبرِ اسلام جي نبوت جي دؤر ۾ ظاهر ٿيڻ وارو هو. يعني اها شئي جنهن کي اڄ جديد مواصلات (Modern Communication) چيو وڃي ٿو. هاڻوڪي زماني ۾ فطرت جون جيڪي نيون طاقتون انسان جي قبضي ۾ آيون آهن، تنهن ان ڳالهه کي ممڪن بنائي ڇڏيو آهي ته انسان انتهائي تيز رفتاريءَ سان سفر ڪري. هو پنهنجي پيغام کي هڪ گهڙيءَ جي اندر دنيا جي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين پهچائي ڇڏي.
    پيغمبرِ اسلام کي سڄي جهان جي لاءِ نذير ۽ بشير (خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ) بنائي موڪلي ويو هو. (الفرقان: 1) پاڻ سڳورن جي بعثت جي ان عالمي نوعيت جي تقاضا هئي ته پاڻ سڳورن جي مڃيندڙن کي اهي سبب ڏنا وڃن، جن جي ذريعي هو هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين پاڻ سڳورن جي دين جي عالمي اشاعت ڪري سگهن. مذڪوره ذميداريءَ جي ادائيگي ان کانسواءِ ممڪن نه هئي. تنهنڪري الله تعاليٰ پيغمبرِ اسلام کانپوءِ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جنهن جي نتيجي ۾ مواصلات جو نئون دؤر اچي ويو.
    پيغمبرِ اسلام جي زماني ۾ اُٺ تي سفر ٿيندو هو. تنهنڪري هڪ شخص کي مڪي کان يروشلم پهچڻ لاءِ هڪ مهيني کان به وڌيڪ عرصو لڳي ويندو هو. پر هاڻ جديد انقلاب ان معاملي کي بلڪل بدلائي ڇڏيو آهي. پيغمبرِ اسلام جو اهو تيز رفتار سفر گويا ڪميونيڪيشن جي نئين دؤر جو افتتاح هو، جيڪو خود پاڻ سڳورن جي دين لاءِ اڳواٽ بشارت طور ڪرايو ويو.


    17:67

    17:67
    خوشحال طبقو
    قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ جڏهن اسان ڪنهن ڳوٺ کي برباد ڪرڻ گهريو ته ان جي آسودن (ماڻهن) کي حڪم ڪيوسون، پوءِ انهن ان ۾ نافرماني ڪئي. پوءِ مٿن اها ڳالهه (عذاب جي) ثابت ٿي. پوءِ اسان ان کي چڱي طرح برباد ڪيو.“ (بني اسرائيل: 16)
    اهو قرآن جي مخصوص اسلوب ۾ فطرت جي هڪ قانون جو بيان آهي. اهو هيءَ ته ڪنهن قوم جي ٺهڻ ۽ بگڙڻ جو مدار ان جي خوشحال طبقي (خاص طبقي/ مٿئين طبقي) تي هوندو آهي، نه ڪي عوام جي طبقي تي. اهو ئي ڪارڻ آهي ته پيغمبر پنهنجي دعوتي ۽ اصلاحي عمل جو نشانو سدائين خاص (مٿئين) طبقي کي بنائيندا هئا. عوام کي پنهنجي دعوتي عمل جو اصل نشانو بنائڻ پيغمبراڻي سنت موجب ڪونهي.
    اها هڪ حقيقت آهي ته ڪنهن قوم جي سڌاري يا ڪنهن قوم جي بگاڙ جو معيار ان قوم جي خوشحال ۽ مٿئين طبقي تي هجي ٿو. اهو طبقو سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحت جو ڌڻي هوندو آهي. اهو ئي طبقو پنهنجي وسيلن جي ذريعي ٻين ماڻهن تي اثرانداز ٿيڻ جي سگهه رکي ٿو. اهو ئي طبقو ان جي لائق هوندو آهي ته ڪنهن گروهه جي مٿان قائد بنجڻ جي قيمت ادا ڪري سگهي.
    اهو ئي ڪارڻ آهي ته ڪنهن قوم جي سکر طبقي جي اصلاح سڄي قوم جي اصلاح آهي ۽ ڪنهن قوم جي مٿئين طبقي جو بگاڙ سڄي قوم جو بگاڙ آهي.


    17:68

    17:68
    دنيا اصل منزل ڪونهي
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”جيڪو دنيا ٿو گهري، تنهن لاءِ دنيا ۾ جيڪي گهُرون (۽) جنهن لاءِ گهُرون جلد ڏيون ٿا، وري انهن لاءِ دوزخ مقرر ڪيون ٿا، جنهن ۾ خوار تڙيل ٿي داخل ٿيندو ۽ جيڪو آخرت گهُري ٿو، ان جي مناسب ڪوشش ڪري ٿو ۽ اهو ايمان وارو به آهي ته انهن جي (اها) ڪوشش قبول آهي. اسين هنن ۽ هنن سڀني جي تنهنجي پاليندڙ جي ڏات سان مدد ڪريون ٿا ۽ تنهنجي پاليندڙ جي ڏات روڪيل نه آهي.“ (بني اسرائيل: 18-20)
    دنيا جي زندگي گذارڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ آهي دنيا جي ذريعي دنيا کي حاصل ڪرڻ ۽ ٻيو آهي دنيا جي ذريعي آخرت کي حاصل ڪرڻ. اهي ٻئي موقعا هر ماڻهوءَ جي لاءِ هڪجهڙي نموني کليل آهن. اهو ماڻهوءَ جو پنهنجو ڪم آهي ته انهن ٻنهي مان ڪهڙو ٿو اختيار ڪري ۽ ڪهڙو ٿو ڇڏي ڏي. ماڻهوءَ کي هڪ اهڙو وجود ڏنو ويو آهي، جيڪو بيحد اعليٰ ذهني ۽ جسماني گُڻن جو مالڪ آهي. ٻئي پاسي ٻاهرين دنيا ۾ هر قسم جا سبب گهڻي مقدار ۾ موجود آهن. ڪوبه ماڻهو ٻنهي مان جنهن به مقصد کي اختيار ڪري، سڀيئي سبب سندس هر قسم جو ساٿ ڏيڻ لڳندا آهن. سبب پاڻ ڪڏهن به ايئن نه چوندا آهن ته اسان کي فلاڻي مقصد جي لاءِ استعمال ڪريو ۽ فلاڻي مقصد جي لاءِ ڇڏي ڏيو.
    اها صورتحال ماڻهوءَ کي اڪثر غلط فهميءَ ۾ وجهي ٿي ڇڏي. حالتن کي ڏسي اهو سمجهي وٺندو آهي، ته آئون جيڪو ڪجهه ڪريان پيو، اهو ٺيڪ پيو ڪريان. اِهو ئي اُهو ئي هنڌ آهي، جتي ماڻهوءَ جو امتحان پيو ٿيندو آهي. ماڻهوءَ کي ايئن نه ڪرڻ گهُرجي ته هو رڳو ان ڪري پاڻ کي صحيح سمجهي وٺي ته هو بظاهر ترقي ۽ ڪاميابيءَ طرف پيو وڌي. ان جي بدران هر ماڻهوءَ کي اهو ڪرڻ گهُرجي، ته هو حق جي اصل کي معيار بنائي ۽ ان جي روشنيءَ ۾ پنهنجي صحيح ۽ غلط هئڻ جو فيصلو ڪري.


    17:69

    17:69
    ڏسڻ، ٻُڌڻ ۽ سوچڻ
    قرآن ۾ مختلف احڪام ڏيندي ارشاد ٿيو آهي ته: ”۽ اهڙين شين جي پويان نه لڳو، جن جي لاءِ اوهان کي خبر نه آهي. بيشڪ ڪَن ۽ اک ۽ دل، سڀني جي باري ۾ پُڇا ڪئي ويندي.“ (بني اسرائيل: 36)
    انسان کي ٽي خاص گُڻ ڏنا ويا آهن: سمع، بصير ۽ فواد. يعني ٻُڌڻ ۽ ڏسڻ ۽ سوچڻ. اهي ٽيئي صلاحيتون هڪ لحاظ کان نعمت آهن ۽ ٻئي لحاظ کان امتحاني پيپر پڻ. موجوده دنيا ۾ شيون ايئن گڏوچڙ حالت ۾ آهن، جو ڪا صحيح راءِ قائم ڪرڻ، بيحد نازڪ معاملو هجي ٿو. ماڻهو ڪنهن جي باري ۾ ڪا هڪ ڳالهه ٻُڌي ٿو، جيتوڻيڪ ان ڳالهه کانسواءِ به ان جون ڪيتريون ئي ڳالهيون هونديون آهن. ماڻهو ڪنهن معاملي جي هڪ پاسي کي ڏسي ٿو، جڏهن ته اُن جا ٻيا ڪيترائي پاسا سندس سامهون نه هوندا آهن. ساڳئي طرح ماڻهوءَ جي دماغ ۾ هڪ ڳالهه ايندي آهي، پر اها ڳالهه اڌوري هوندي آهي نه ڪي پُوري.
    اهڙيءَ حالت ۾ ماڻهوءَ جي لاءِ لازمي آهي ته هو جڏهن به ڪنهن جي باري ۾ ڪا راءِ قائم ڪري ته پوري خبرچار وٺي پوءِ قائم ڪري. کيس گهُرجي ته هو پُوري ڳالهه ٻُڌي. هو معاملي کي هر پاسي کان ڏسي. هو ڪا راءِ قائم ڪرڻ کان پهرين ان جي باري ۾ ڇنڊڇاڻ جو حق ادا ڪري. انهن شرطن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ ماڻهو جيڪا سرسري علم جي آڌار تي راءِ قائم ڪندو، ان جي لاءِ انديشو آهي ته خدا جي پڪڙ جي وَٺ ۾ اچي ۽ کيس پنهنجي ڪَن، اک ۽ ذهن جي غلط استعمال جي باري ۾ ڪِيتو لوڙهڻو نه پوي.


    17:70

    17:70
    دنيا ۽ آخرت
    انسان کي ڏنل خصوصي نعمتن جو ذڪر ڪندي قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ جيڪو شخص هن دنيا ۾ انڌو رهيو. اهو آخرت ۾ به انڌو رهندو ۽ دَڳُ کان گهڻو پري بيٺل هوندو.“ (بني اسرائيل: 72)
    موجوده دنيا ۾ خدائي حقيقتن کي غيب جي حالت ۾ رکيو ويو آهي. آخرت ۾ اهي سڀيئي خدائي حقيقتون کُليل طور اڳيان اچي وينديون. انسان کي الله تعاليٰ هر قسم جون اعليٰ صلاحيتون ڏيئي دنيا ۾ رهايو آهي. هاڻ انسان جو اهو امتحان آهي ته هو پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور استعمال ڪري ۽ غيبي حقيقتن کي ڳولهي لهي، انهن کي پنهنجي زندگي جي موڙي بنائي. اها ئي ماڻهوءَ جي ڪاميابي آهي. جيڪي ماڻهو اکيون پَٽيل رکندي دنيا ۾ خدا جي طبع کي نه ڏسي سگهيا، اهي ڄڻ انڌا آهن. اهڙا ماڻهو جيئن دنيا ۾ انڌا رهيا، تيئن آخرت ۾ به انڌا رهندا. هو آخرت جي نعمتن مان پنهنجو حصو حاصل ڪرڻ کان ابدي طور تي محروم ٿي ويندا.


    17:71

    17:71
    ذهني سانچو
    انسان جي حالت ٻُڌائيندي قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”چئو ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي نموني تي ڪم ڪري ٿو. پوءِ جنهن جو رستو وڌيڪ سِڌو آهي، تنهن کي تنهنجو پاليندڙ گهڻو ڄاڻندڙ آهي.“ (بني اسرائيل: 84)

    نموني جو مطلب ذهني سانچو آهي. هر ماڻهوءَ جو حالتن ۽ رجحانن موجب هوريان هوريان هڪ خاص ذهني سانچو بنجي ويندو آهي. هيءَ اِها ئي شئي آهي، جنهن کي نفسيات ۾ ڪنڊيشنگ چيو ويندو آهي. هر ماڻهو پيدائشي طور تي صحيح فطري ذهن کڻي پيدا ٿيندو آهي، ان کانپوءِ هر ماڻهو هوريان هوريان ڪنڊيشنگ ٿِڪنگ جو ڪيس بنجي وڃي ٿو. هو ان جي اثر هيٺ سوچي ٿو ۽ ان موجب سندس نقطه نظر بنجي ٿو. پر صحيح نقطي نظر اهو آهي، جيڪو اِلاهي علم موجب صحيح هجي ۽ غلط اهو آهي، جيڪو اِلاهي علم موجب غلط هجي.
    هيءَ ئي اهو هنڌ آهي، جتي ماڻهوءَ جو امتحان آهي. ماڻهوءَ کي هيئن ڪرڻو آهي ته ان جي نموني سندس جيڪو ذهني سانچو جڙيو آهي، هو ان سانچي کي ڀڃي ڇڏي، ته جيئن هو شين کي جيئن جو تيئن ڏسي سگهي. ٻين لفظن ۾ هو شين کي رباني نظرن سان ڏسڻ لڳي. جيڪي ماڻهو پنهنجي ذهني خول ۾ گُم هجن، اُهي ڀٽڪندڙ ماڻهو آهن ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي ذهني خول مان نڪري خدائي نقطه نظر کي اختيار ڪن ٿا، اهي ئي ماڻهو آهن، جن کي هدايت ملي.


    17:72

    17:72
    گهٽ علم
    قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ توکان روح بابت پُڇن ٿا. چئو ته روح منهنجي پاليندڙ جي حڪم مان آهي ۽ اوهان کي بلڪل ٿورو علم ڏنو ويو آهي.“ (بني اسرائيل: 85)
    هن آيت مان روح جو مطلب وحي اِلاهي آهي، جيڪي ماڻهو وحيءَ جي حقيقت ڄاڻڻ جي لاءِ سوال ڪري رهيا آهن، انهن کي سِڌو سنئون جواب ڏيڻ جي بدران اهو چيو ويو آهي، ته انسان کي بنهه گهٽ علم (محدود علم) ڏنو ويو آهي. ان کي ڪثير علم (لامحدود علم) نه ڏنو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ حقيقت پسندي اها آهي ته پنهنجي هدايت جو اعتراف ڪندي اجمالي (مختصر/ ٿوري) علم تي قناعت ڪئي وڃي.
    اهو تصور علم جي ڪليد آهي. موجوده دنيا ۾ معرفت يا گَهري حقيقت تائين اهو ئي انسان پهچي سگهي ٿو، جيڪو ان حقيقت جو اعتراف ڪري ۽ سوچ ۽ ويچار جي عمل کي ممڪن دائري جي اندر جاري ڪري ۽ ان دائري کي ٽوڙي ناممڪن دائري ۾ نه گهِڙي.


    17:73

    17:73
    دنيا جي سُونهن
    قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”جيڪي زمين تي آهي، تنهن کي اسان ان جو سينگار ڪيو آهي، ته جيئن اسين کين آزمايون ته ڪنهن جو عمل چڱو آهي ۽ جيڪي ان تي آهي، تنهن کي اسين صاف ميدان ڪرڻ وارا آهيون.“ (الڪهف: 87)
    زمين جي مٿاڇري تي هر سال اهو منظر ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ته هتي برسات وَسندي آهي. ان کانپوءِ هتي مختلف قسم جي ساوڪ ۽ گُل ٽِڙندا آهن. زمين ڏاڍي وڻندڙ نظر ايندي آهي. اُن کانپوءِ موسم بدلجي ٿي ۽ گرم هوائون هلڻ لڳن ٿيون. ان کانپوءِ سڄو منظر بدلجي ويندو آهي، جتي وڻندڙ ساوڪ هوندي آهي، اُتي خشڪ مٽي نظر اچڻ لڳندي آهي.
    تمثيل جي روپ ۾ اها دنيا جي حقيقت آهي. دنيا جون شيون انسان کي بظاهر خوشنما نظر اينديون آهن. هو ان جي رنگينين ۾ گُم ٿي وڃي ٿو. پر اهي رنگينيون هميشه رهڻ واريون نه آهن. اُهي رنگينيون حقيقي نه آهن، پر رڳو آزمائش جي لاءِ آهن. ڪامياب انسان اهو آهي، جيڪو بهار ۽ خزان جي تمثيل ۾ دنيا ۽ آخرت جو نقشو ڏسي وٺي. هو دنيا جي وقتي رنگينيءَ ۾ گُم ٿي وڃڻ جي بدران آخرت جي حقيقي دنيا کي پنهنجي ڌيان جو مرڪز بنائي.


    18:74

    18:74
    مال ۽ اولاد
    قرآن ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ انهن لاءِ دنيا جي حياتيءَ جو مثال بيان ڪر. اها ان پاڻيءَ وانگر آهي، جنهن کي اسان آسمان مان لاٿو. پوءِ ان جي ڪري زمين جا اوڀڙ گهاٽا ڄميا. پوءِ ڦري ڀُريل ڪک ٿيا، جنهن کي هوائون اُڏائين ٿيون ۽ الله سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي. مال ۽ اولاد دنيا جي حياتيءَ جي زينت (سُونهن) آهن ۽ هميشه رهڻ وارين نيڪين جو بدلو تنهنجي پاليندڙ وٽ گهڻو چڱو آهي ۽ انهن جي اُميد ڪرڻ گهڻي چِٽي آهي. (الڪهف: 45-46)
    موجوده دنيا پوءِ ايندڙ دنيا جي تمثيل آهي. پاڻي حاصل ڪري جڏهن زمين سائي ستابي ٿي وڃي ٿي، ته ظاهري طور تي ايئن لڳندو آهي ته اها هميشه ايئن ئي رهندي. پر ان کانپوءِ موسم بدلجندي آهي ۽ سڄي ساوڪ سُڪي ختم ٿي ويندي آهي.
    اهو ئي حال دنيا جي رونقن جو آهي. مال ۽ دولت ۾ انسان جي لاءِ وڏي ڇڪَ آهي. ساڳئيءَ طرح پنهنجي اولاد سان به غير معمولي دلچسپي هوندي آهي. پر اهي هڙئي رونقون عارضي آهن. قيامت تمام جلد انهن کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ ايئن لڳندو ته انهن جو ڪو وجود ئي نه هو.
    دنيا جون رونقون سدائين باقي نٿيون رهن، پر هتي هڪ شئي ٻي آهي، جيڪا سدائين باقي رهندي ۽ اهي انسان جا چڱا عمل آهن. جيئن زمين ۾ ٻجَ پوکڻ سان باغ ٿئي ٿو، تيئن الله جي ياد ۽ الله جي فرمانبرداريءَ سان به هڪ باغ ٿئي ٿو. ان باغ تي ڪا به خزان نٿي اچي. پردنياوي باغ جي ابتڙ اهو ٻيو باغ آخرت ۾ ٿئي ٿو ۽ اهو اتي پنهنجي پوکڻ واري کي ملندو.


    19:75

    19:75
    پيغمبرن جي اُمت
    قرآن مجيد ۾ مختلف پيغمبرن ۽ مٿن ايمان آڻيندڙن جو ذڪر آهي. ان سلسلي ۾ ارشاد ٿيل آهي: ”اِهي اُهي نبي آهن، جن تي الله نعمت ڪئي، جيڪي آدم جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن، جن کي نوح سان گڏ ٻيڙيءَ ۾ کنيوسون. ۽ (انهيءَ) ابراهيم ۽ يعقوب جي اولاد مان آهن ۽ انهن مان آهن، جن کي هدايت ڪئيسون ۽ پسند ڪيوسون. انهن کي جڏهن الله جون آيتون پڙهي ٻڌايون وينديون، ته اهي سجدي ۾ ڪِري پون ٿا ۽ روئن ٿا. پوءِ سندن پويان اهڙا بُڇڙا سندن جاءِ تي آيا، جن نماز کي ڇڏيو ۽ خواهشن جي پٺيان لڳا. سو اهي گمراهي ڏسندا. پر جن توبهه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو، سي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ سندن ڪابه حق تلفي نه ڪئي ويندي.“ (مريم: 58-60)
    پيغمبر تي ايمان آڻيندڙن جو پهريون نسل زنده ايمان جو حامل هوندو آهي. ان پهرينءَ نسل جي ماڻهن جو حال اهو هوندو آهي، ته اهي الله جو نالو ٻُڌي تڙپي پوندا آهن. خدا جو ڪلام سندن شعور کي آخري حد تائين جاڳائي ڇڏيندو آهي. خدا سان سندن لاڳاپو ايترو ته وڌيل هوندو آهي، جو هو ان جي ياد ۾ روئندا آهن. سندن سجدو هنن جي لاءِ خدا سان ويجهڙائپ جو هم معنيٰ بنجي ويندو آهي. اهي ئي ماڻهو حقيقت ۾ خدا جو انعام ماڻيندڙ ماڻهو آهن.
    ان کانپوءِ، سندن نسل جو حال بلڪل مختلف ٿي وڃي ٿو. هاڻ انهن جو ايمان زنده ايمان نه هوندو آهي. پررڳو رسمي ايمان هوندو آهي. انهن جي عبادتن ۾ روح (اسپرٽ) باقي نٿو رهي. هاڻ سندن رهنما رڳو سندن خواهشون هونديون آهن، جنهن جي پويان هو سڄي زندگي ڀڄندي گذاريو ڇڏين. خدا جي ويجهو انهن جو انجام گمراهن جهڙو آهي، پوءِ ڀلي هو پاڻ کي هدايت وارا سمجهن. ان کان آجا رڳو اهي ماڻهو آهن، جيڪي خدا طرف واپس ورندا ۽ زنده ايمان جو ثبوت ڏيئي ٻيهر پهرينءَ نسل جيان ٿي ويندا.


    20:76

    20:76
    دعوتي نصرت/ ڪاميابي
    قرآن مجيد ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته جڏهن حضرت موسيٰ کي پيغمبري ڏني ويئي ته ان کانپوءِ هن چيو: ”اي منهنجا پالڻهار! مون لاءِ منهنجو سينو ڪشادو ڪر ۽ مون لاءِ منهنجو ڪم سولو ڪر ۽ منهنجي زبان تان (هَٻڪ جي) ڳنڍ کول ته اهي منهنجي ڳالهه سمجهن ۽ منهنجي گهروارن مان منهنجي ڀاءُ هارون کي منهنجو وزير/ مددگار مقرر ڪر. ان (جي هئڻ) سان منهنجي طاقت مضبوط ڪر. ۽ ان کي منهنجي ڪم ۾ شريڪ ڪر ته اسين تنهنجي پاڪائي وڌيڪ بيان ڪريون ۽ توکي ياد ڪريون. بيشڪ تون اسان کي ڏسندڙ آهين. الله فرمايو ته اي موسيٰ! تنهنجو سوال قبول ڪيو ويو.“ (طـهٰ: 25-36)
    داعي جي لاءِ سيني جو کلڻ اهو آهي ته موقعي جي مناسبت سان سندس اندر ۾ اثرائتين ڳالهين جو ورجاءُ ٿئي. معاملي جو سولو ٿيڻ هيءَ آهي ته مخالف ڪنهن به دعوت جي راهه بند ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي نه سگهن. زبان جي ڳنڍ کلڻ جو مطلب اِهو آهي ته وڏي ميڙ ۾ مونکي بنا ڪنهن هَٻڪ جي دعوت پيش ڪرڻ تي مَلڪو پيدا ٿئي. حضرت موسيٰ عليه السلام جڏهن اها درخواست الله کي پيش ڪئي ته الله طرفان اهو جواب آيو: قال قداوتيت سوالک يموسيٰ. (اي موسيٰ تنهنجو سوال قبول ڪيو ويو.)
    قرآن مجيد ۾ اهو واقعو ماضيءَ جي تاريخ طور نه آيو آهي ۽ نه ئي ان جو لاڳاپو ڪنهن خاص شخصيت سان آهي. اها هڪ نصيحت آهي ۽ ان ۾ هر سچي داعيءَ جي لاءِ اميد جو هڪ پيغام آهي. ان جو مطلب هيءَ آهي ته اڄ جو هڪ داعي جيڪڏهن خدا کان انهن شين کي گهري ته خدا طرفان اهو جواب ايندو ته اي منهنجا ٻانها! توکي اها شئي ڏني وئي، جنهن جو تو سوال ڪيو هو.


    20:77

    20:77
    دعوتي طريقو/ انداز
    قرآن مجيد ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته الله تعاليٰ جڏهن حضرت موسيٰ عليھ السلام ۽ حضرت هارون عليھ السلام کي مصر جي بادشاهه فرعون ڏانهن موڪليو ته کين فرمايو: ”اوهين ٻئي فرعون ڏي وڃو، ڇوته هو حد کان لنگهي ويو آهي. پوءِ ساڻس نرميءَ سان ڳالهايو، ته مَن هو نصيحت قبولي يا ڊڄي.“ (طـهٰ: 43-44)
    فرعون پنهنجي وقت جو سرڪش بادشاهه هو. ان هوندي به جڏهن الله تعاليٰ وقت جي نبيءَ کي پنهنجي پيغام سان ڏانهنس موڪليو ته کيس اها هدايت ڪئي، ته تون فرعون سان نرمي سان ڳالهائج. ان مان خبر پئي ته دعوت ۾ نرم انداز اختيار ڪرڻ گهُرجي. مدعوءَ پاران ڪابه سختي يا سرڪشي داعيءَ کي اهو حق نٿي ڏي ته هو پنهنجي دعوت ۾ نرمي ۽ ٻاجهائپ جو انداز وڃائي ڇڏي.
    ٻي ڳالهه اها ته مدعوءَ جو اثر وٺڻ يا دعوت کي قبول ڪرڻ ان ڳالهه تي مدار رکي ٿو ته ساڻس نرمي ۽ ڏاهپ سان ڳالهايو وڃي. دعوتي ڪلام جو اهو شرط داعي جي ذميداريءَ کي ٻڌائي ٿو. ڄڻ ته داعي جيڪڏهن نرم انداز اختيار نه ڪري ته سندس دعوتي ذميداري ختم نه ٿيندي. اهڙو داعي ايئن چئي نٿو سگهي ته هن ته مدعوءَ تائين پنهنجو پيغام پهچائي ڇڏيو، هاڻ اها سندس مرضي آهي ته هو مڃي يا نه مڃي.


    20:78

    20:78
    قرآن ۾ بصيرت
    قرآن مجيد ۾ پاڻ سڳورن ﷺکي خطاب ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”پوءِ الله بلند آهي، جو برحق بادشاهه آهي ۽ (اي پيغمبر) قرآن (جي ياد ڪرڻ) لاءِ تڪڙ نه ڪر. هن کان اڳي جو تو ڏي ان جي وحي پوري پهچائي وڃي ۽ چئو ته اي منهنجا پالڻهار! منهنجي علم ۾ واڌارو ڪر. (طـهٰ: 114)
    هن آيت ۾ ’رب زدني علماً‘ جي تشريح رب زدني مُهماً سان ڪئي ويئي آهي. (تفسير القرطبي) يعني: ’اي منهنجا رب، منهنجي سمجهه ۾ واڌارو ڪر.‘ ان آيت جو پس منظر اهو آهي، ته جڏهن حضرت جبرئيل قرآن جو ڪو حصو کڻي رسول الله صه وٽ ايندو هو ۽ هو ان کي پڙهندو هو ته رسول الله اهو وٺڻ/ ياد ڪرڻ ۾ ان انديشي جي ڪري تڪڙ ڪندا هئا، ته ڪٿي وسري نه وڃي. ان وقت پاڻ سڳورن کي اها تلقين ڪئي ويئي، ته قرآن جي لفظن جي حفاظت جو ذمو خود خدا کنيو آهي. اهو ڪنهن به حالت ۾ زيان ٿيڻ وارو نه آهي، توکي لفظن جي معنيٰ تي وڌيڪ ڌيان ڌَرڻ گهُرجي ۽ قرآن جي مَتن جي سمجهه ۾ واڌاري لاءِ دعا ڪندو رهڻ گهرجي.
    ان هدايت جو واسطو نه رڳو پيغمبر سان آهي. پر اُمت سان به آهي. سڄي اُمت کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته قرآن جي لفظن يا قرآن جي مَتن جي حفاظت جي ذميداريءَ خود خدا کنئي آهي. ايمان وارن کي جنهن شئي ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڌَرڻ گهرجي، اهو قرآن جي معنيٰ ۾ سمجهه ۽ بصيرت حاصل ڪرڻ آهي ۽ ان ۾ لڳاتار واڌارو ڪندو رهڻ آهي. ڇوته قرآن کي سمجهڻ يا ان ۾ گَهري بصيرت ڪنهن به ماڻهوءَ کي رڳو پنهنجي ڪوشش سان ملندي. اها ڪنهن کي پاڻ مراد حاصل ٿيڻ واري نه آهي.
    هن آيت مان اهو به پتو پوي ٿو ته اُمت ۾ ’تحفيظ القرآن‘ جي مدرسن کان به وڌيڪ ضروري آهي ته انهن جي اندر ’تفهيم القرآن‘ (قرآن کي سمجهڻ) جا ادارا قائم ڪيا وڃن. قرآن جو حفظ به جيتوڻيڪ ضروري آهي، پر ان کان وڌيڪ ضروري اهو آهي ته ماڻهن کي قرآن جي سمجهه حاصل ٿئي ۽ قرآن جي معنيٰ ۾ وڌ ۾ وڌ بصيرت ۽ سمجهه جا ڌڻي بنجن.
    قرآن ۾ ٻئي هنڌ ان قسم جي ئي پسمنظر ۾ چيو ويو آهي ته: ”ان علينا جمعه.“ (القيامه: 17) ۽ هتي فرمايو ويو آهي: ”قل رب زدني علماً.“ (طـهٰ: 114) ٻنهي آيتن کي گَڏيو وڃي ته ان جو مطلب اهو ٿو ٿئي ته قرآن کي گڏ ڪرڻ ۽ محفوظ ڪرڻ خدا جي ذميداري آهي۽ قرآن مان سمجهه ۽ بصيرت حاصل ڪرڻ ۽ ان ۾ لڳاتار واڌارو ڪندو رهڻ انسان جي ذميداري آهي.


    20:79

    20:79
    رزقِ رب
    قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”۽ تون پنهنجون ٻئي اکيون کڻي ان شئي ڏي نه نهار، جيڪي اسان ڪجهه گروهن کي آزمائش خاطر ڏنيون آهن. هونءَ ئي تنهنجي پاليندڙ جو (ڏنل) رزق گهڻو چڱو ۽ باقي رهڻ وارو آهي.“ (طـهٰ: 131)
    ظاهري طرح ته ان آيت جو خطاب رسول الله ﷺسان آهي. پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان اها هڪ عمومي هدايت آهي ۽ ان جو لاڳاپو سڀني ايمان وارن سان آهي. هن آيت ۾ جيڪا ڳالهه چئي ويئي آهي، ان ۾ سڀني ايمان وارن جي لاءِ هڪ رهنمائي آهي، پوءِ ڀلي هو ڪهڙي به دؤر يا ڪنهن به نسل سان واسطو رکندا هجن.
    هڪ ماڻهو جڏهن پوري سنجيدگيءَ سان ايمان ۽ دعوت جي زندگي اختيار ڪري ٿو ته اڪثر هينئن ٿو ٿئي ته ان جي زندگي تڪليفن ۽تنگيءَ جي زندگي بنجي وڃي ٿي. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو ايمان ۽ دعوت کان بي پرواهه ٿي پنهنجي زندگي جوڙين ٿا، اهي عام طور تي خوشحال ۽ مطمئن نظر ايندا آهن. ٻنهي گروهن جي وچ ۾ اهو فرق اصل ۾ ان زندگي جي طور طريقي جي قيمت آهي. مؤمن ۽ داعي هڪ اصول وارو انسان هوندو آهي. هو هڪ اصول واري زندگي گهاريندو آهي. ان جي مقابلي ۾ غيرمؤمن ۽ غيرداعيءَ جي زندگي هڪ بي اصول زندگي هوندي آهي. اهو ئي فرق ٻنهي جي زندگيءَ ۾ فرق پيدا ڪري ٿو. هڪ کي اصول پسنديءَ جي قيمت ملي ٿي ۽ ٻئي کي بي اصوليءَ جو طريقو اختيار ڪرڻ جي قيمت.
    مؤمن ۽ داعيءَ کي جيڪڏهن دنيا جون ظاهري رونقون نه ملن، ته کيس ان تي غم نه ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته کيس عين ان مهل ان کان به وڌيڪ هڪ وڏي شئي مليل هوندي آهي ۽ قرآن موجب اها رزق رب (طـهٰ: 131) آهي. رزق رب جو مطلب ڪهڙو آهي، ان جو مطلب اهي رباني احساس آهن، جيڪي الله جي توفيق سان اهڙي ماڻهوءَ کي ملن ٿا. مسئلا ۽ تڪليفون منجهس نوڙت پيدا ڪري کيس الله سان جوڙين ٿا. مادي راحتن جي کوٽ هن جي لاءِ جنت جي ياد جو سبب بنجي وڃي ٿي. ماڻهن جون مخالفتون منجهس الله ڏانهن رجوع ڪرڻ جو جذبو اُڀارين ٿيون.
    زندگي جا تلخ تجربا لڳاتار سندس روحانيت کي بيدار ڪندا ٿا رهن. دنياوي ساز ۽ سامان جي کوٽ کيس وڌ کان وڌ خدا جي ويجهو ڪرڻ جو ڪارڻ بنجي وڃي ٿي.


    21:80

    21:80
    ڪائنات جي تخليق
    قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: ”ڇا ڪافرن نه ڏٺو ته بيشڪ (سڀيئي) آسمان ۽ زمين مليل هئا. پوءِ اسان انهن کي چيريو ۽ سڀڪنهن جيئري شئي کي پاڻيءَ مان پيدا ڪيوسون. ڇا پوءِ به اُهي ايمان نٿا آڻين.“ (الانبياء: 30)
    رتق جي معنيٰ آهي ڪنهن شئي جو بَند مُنهن (منخم الاجزاء) هئڻ آهي ۽ فتق جو مطلب اُن جو کُلي وڃڻ آهي. غالباً ان جو مطلب زمين ۽ آسمان جي اها ابتدائي شڪل آهي، جنهن کي موجوده زماني ۾ ’بگ بينگ نظريو‘ چيو ويندو آهي. جديد سائنسي تحقيق موجب شروع ۾ زمين ۽ آسمان جو سڄو مادو هڪ وڏي گولي (سپر ائٽم) جي شڪل ۾ هو. معلوم طبعي قانون موجب اُن وقت سڀئي جزا پنهنجي اندرينءَ مرڪز طرف ڇڪجي رهيا هئا ۽ انتهائي سختيءَ سان هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا. ان کانپوءِ ان گولي جي اندر هڪ ڌماڪو ٿيو ۽ ان جا جزا اوچتو ٻاهرينءَ طرف پکڙجڻ شروع ٿي ويا. ايئن نيٺ وشال ڪائنات جُڙي، جيڪا اڄ اسان جي سامهون موجود آهي.
    شروعاتي مادي، گولي (سپر ائٽم) ۾ اهو غيرمعمولي واقعو ٻاهرين مداخلت کانسواءِ ٿي نه پئي سگهيو. ائين ڪائنات جي شروعات جي اها تاريخ چِٽي نموني هڪ اهڙي هستيءَ کي ثابت ٿي ڪري، جيڪا ڪائنات جي ٻاهر پنهنجو مستقل وجود رکي ٿي ۽ جيڪا پنهنجي ذاتي سگهه سان ڪائنات جي مٿان اثرانداز ٿئي ٿي. رتق ۽ فتق جي ان عمل دؤران هڪ ٻيو انتهائي غيرمعمولي واقعو ٿيو. اهو هيءَ ته ڪائنات ۾ زمين جهڙو هڪ ٻيو گولو وجود ۾ آيو ۽ پوءِ ان جي مٿان پاڻيءَ جهڙو ڪارو مادو وڏي مقدار ۾ پکڙجي ويو، جيڪو حياتيءَ جي لاءِ بيحد ضروري آهي. اسان جي دنيا ۾ هر جاندار شئي سڀني کان وڌيڪ جنهن شئي سان مرڪب ٿئي ٿي، اهو پاڻي آهي. پاڻي نه هجي ته زندگي جي پُڄاڻي ٿي وڃي. اهو پاڻي اسان جي ڌرتي کانسواءِ ٻيو ڪٿي به موجود ڪونهي. وسيع ڪائنات ۾ رُڳو هڪ هنڌ تي پاڻيءَ جي موجودگي، چِٽي نموني خصوصي تخليق جو ڏس ڏي ٿي. ٻين لفظن ۾ هن ڪائنات جو هڪ خالق آهي، جنهن پنهنجي شعوري رٿا تحت ان کي هڪ خاص وقت ۾ پيدا ڪيو.


    22:81

    22:81
    هدايت ماڻيندڙ
    قرآن پاڪ ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي الله اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. انهن باغن ۾ سون جا ڪنگڻ ۽ موتي ڍڪايا ويندن. ۽ اُنهن ۾ سندن پوشاڪ ريشم جي هوندي. ۽ (دنيا ۾) کين چِٽي ڳالهه ڏي رستو ڏيکاريو ويو آهي ۽ ساراهيل (الله) جو رستو ڏيکاريو ويو آهي.“ (الحج: 23-24)
    ڪنهن ماڻهوءَ کي حق جو تعارف لفظن جي ذريعي ڪرايو ويندو آهي. لفظن ۾ مختلف تشريح ۽ تعبير جي ايتري ته گهڻي گنجائش آهي، جو رڳو اهو ئي ماڻهو اُن مان رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو، جيڪو ان معاملي ۾ آخري حد تائين سنجيدو هجي. تنهنڪري قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته خدا جو ڪتاب جيتوڻيڪ حق آهي، پر اهو انهن ماڻهن جي لاءِ هدايت بنجي ٿو، جيڪي کليل ذهن سان ان مان هدايت وٺڻ چاهين.
    وڌيڪ اهو ته هن دنيا ۾ چؤڌاري پُرفريب لفظن جو ڄار وڇايل آهي. هتي اڪثر هينئن ٿئي ٿو ته حق کان ڦِريل ماڻهو غلبو حاصل ڪري ٿا وٺن. اهڙي ماحول ۾ ايمان جي صداقت کي سُڃاڻڻ بيشڪ هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ ان کان به وڌيڪ ڏکيو ڪم اهو آهي ته عملي طور تي پاڻ کي ايمان جي ان رستي تي وڌو وڃي.
    اهي ماڻهو ڀاڳ وارا آهن، جن کي قولن جي پرشور هنگامن ۾ پاڪ قول حاصل ڪرڻ جي توفيق ملي. جن رستي جي ميڙ ۾ واکاڻيل واٽ کي ڏٺو ۽ اها سُڃاتي. جيڪي ماڻهو دنيا ۾ ان عظيم لياقت جو ثبوت ڏيندا، اهي انسانيت جا سڀ کان وڌيڪ ملهائتا ماڻهو آهن، اهي ئي ماڻهو ان جي لائق آهن ته کين جنت جي اَبدي باغن ۾ ٽِڪايو وڃي.


    22:82

    22:82
    قربانيءَ جي حقيقت
    قرآن مجيد ۾ احڪام ٻڌائيندي چيو ويو آهي ته: ”الله کي انهن (قربانين) جو گوشت ۽ نه انهن جو رت پهچي ٿو، پر ان کي اوهان جي پرهيزگاري پهچي ٿي. اهڙي طرح انهن (جانورن) کي اوهان جي وَس ۾ ڪيو اٿس، جو اوهان کي هدايت ڪئي اٿس، تنهن جي شڪراني ۾ اوهين الله جي وڏائي بيان ڪريو ۽ (اي پيغمبر) نيڪي ڪرڻ وارن کي خوشخبري ٻڌاءِ.“ (الحج: 37)
    قرباني جانور جي ڪئي وڃي ٿي، پر هن آيت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته الله کي جيڪا شئي گهربل آهي، اها حقيقت ۾ جانور جي قرباني نه آهي، پر خود انسان جي قرباني آهي. جانور کي ڪُهندڙ ماڻهو اصل ۾ عمل جي زبان ۾ اهو چئي رهيو آهي ته مون پنهنجو پاڻ کي تنهنجي مشن جي لاءِ قرباني جي حد تائين اَرپي ڇڏيو آهي. تون منهنجي ارادي کي قبول فرمائي.
    قرباني جو طريقو ان ڪري مقرر نه ڪيو ويو آهي ته ڪو خدا کي رت ۽ گوشت جي گهُرج آهي. قرباني ته رڳو هڪ علامتي عمل آهي. جانور جي قرباني ان انسان جي ظاهري شڪل آهي، جيڪو پنهنجو پاڻ کي الله جي لاءِ ڪُهي چڪو آهي. اهو دراصل خود پنهنجو ذبيحه آهي، جيڪو جانور جي شڪل ۾ عمل ۾ اچي ٿو. ڀاڳوند آهن اهي ماڻهو جن جي لاءِ جانور جي قرباني خود پنهنجي قرباني جي هم معنيٰ بنجي وڃي ٿي.


    22:83

    22:83
    دفاعي جنگ
    قرآن مجيد ۾ ايمان وارن کي جنگ جي موڪل ڏيندي چيو ويو آهي: ”جن سان ڪافر جنگ ڪن ٿا تن کي (جنگ ڪرڻ جي) اجازت ڏني ويئي آهي. هن ڪري ته مٿن ظلم ڪيو ويو آهي ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي قدرت رکي ٿو. جن کي سندن گهرن مان رڳو هن ڪري ناحق ڪڍيو ويو هو، جو هو چون ٿا ته اسان جو پاليندڙ الله آهي ۽ جيڪڏهن الله جو ماڻهن کي هڪڙن سان ٻين سان دفع ڪرڻ نه هجي ها ته (عيسائين جون) خانقاهون ۽ گرجا ۽ (يهودين جون) عبادتگاهون ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گهڻو ياد ڪيو وڃي ٿو، ڊاٺيون وڃن ها ۽ جيڪي الله جي (دين جي) مدد ڪندا، تن جي الله ضرور مدد ڪندو. بيشڪ الله طاقت وارو زبردست آهي.“ (الحج: 39-40)
    قرآن جي اها آيت ۽ ان قسم جون ٻيون آيتون (جهڙوڪ البقره: 190) ان ڳالهه جو چِٽو ثبوت آهن ته اسلام ۾ رڳو دفاعي جنگ جي موڪل آهي. اسلام ۾ جارحاڻي جنگ جي بنهه موڪل ڪونهي. البت جيڪڏهن ڪا قوم جارحيت ڪري، تڏهن به هڪدم ساڻس جنگ نه ڪئي وڃي. پر هر ممڪن ڪوشش ڪجي ته اها جنگ ٽري وڃي ۽ جنگ جي نوبت نه اچي. پر جيڪڏهن ٻي ڌر جنگ تي سَندرو ٻڌي بيٺل هجي ته پوءِ آخري چاري طور ساڻس جنگ ڪئي وڃي.
    دفاعي جنگ به رڳو ٻي ڌر جي فوج سان ڪئي وڃي. عام شهرين سان ڪابه هٿ چُراند نه ڪئي وڃي. اهڙي طرح اها جنگ رڳو تيستائين ڪئي وڃي، جيستائين اها ضروري هجي. جنگ کي انتقام تائين وٺي وڃڻ اسلام ۾ جائز نه آهي. (تفصيل جي لاءِ پڙهو راقم الحروف جا ڪتاب فڪرِ اسلامي ۽ مطالعه حديث).


    23:84

    23:84
    ڀلائي حاصل ڪندڙ
    قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: ”بيشڪ اهي ايمان وارا ڪامياب ٿيا، جيڪي پنهنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آهن، ۽ جيڪي اجائي ڳالهه کان منهن موڙيندڙ آهن ۽ جيڪي زڪوات ڏيندڙ آهن ۽ جيڪي پنهنجي اوگهڙن کي پنهنجي زالن ۽ پنهنجين ٻانهين کانسواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن. ڇوته (انهن کان اُگهاڙپ نه بچائڻ ۾) اهي ملامت ڪيل نه آهن، پوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻيو ڪجهه ڪرڻ) گهُرندا، سي ئي حد لنگهندڙ آهن. جيڪي پنهنجين امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن. ۽ جيڪي پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا. اهي ئي وارث آهن، جيڪي ٿڌي ڇانوَ واري باغ جا وارث ٿيندا، جنهن ۾ اهي پيا رهندا. (المؤمن: 1-11)
    خدا جي هن دنيا ۾ ڪاميابي رڳو ان ماڻهوءَ جي لاءِ آهي، جيڪو ايمان وارو آهي. جيڪو ڪنهن ٻئي جو ٿيڻ بدران هڪ الله وارو بنجي وڃي. جنهن جي زندگي اندر کان ٻاهر تائين ايمان ۾ سموئجي وڃي.
    جڏهن ڪنهن شخص کي ايمان پلئه پوي ٿو، ته اها ڪا سادي يا معمولي ڳالهه ڪونهي. اها سندس زندگيءَ ۾ انقلاب آڻيندڙ بنجي وڃي ٿي. هاڻ هو الله جي عبادت ڪندڙ ۽ ان جي اڳيان جهُڪندڙ بنجي وڃي ٿو. ان جي سنجيدگي ايتري ته وڌي وڃي ٿي، جو کيس اجاين سجاين مشغلن ۾ وقت وڃائڻ هلاڪت لڳي ٿو. هو پنهنجي ڪمائيءَ جو هڪ حصو خدا جي نالي ڪڍي ٿو ۽ ان مان ضرورت مندن جي مدد ڪري ٿو. هو پنهنجي شهواني خواهشن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ وارو بنجي وڃي ٿو ۽ اها هو انهن حدن جي اندر استعمال ڪري ٿو، جيڪي خدا هن جي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيون آهن. هو دنيا ۾ هڪ ذميدار شخص جيان زندگي گذاري ٿو. ٻئي جي امانت ۾ ڪڏهن به خيانت نٿو ڪري. ڪنهن کان هو جڏهن ڪو واعدو وٺي ٿو، ته ان جي ڀڃڪڙي نٿو ڪري. جن ماڻهن جي اندر اهي گُڻ هجن، اهي ئي الله جا پيارا ٻانها آهن. اهي ئي ماڻهو آهن. جن جي لاءِ خدا جنت الفردوس جي معياري دنيا تيار ڪري رکي آهي. مرڻ کانپوءِ هو ان جي فضائن ۾ داخل ڪيا ويندا، ته جيئن هو اَبدي طور تي ان ۾ عيش ڪري سگهن.


    23:85

    23:85
    خدا جي رحمت مان حصو ماڻيندڙ
    قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: ”ڇا اُهي سمجهن ٿا ته جيڪو مال ۽ اولاد اسين کين ڏيون ٿا، تنهن سان انهن کي فائدو پهچائڻ ۾ جلدي ڪريون ٿا. پر اهي نٿا سمجهن ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي دهشت کان ڊڄن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي ڳالهين کي مڃين ٿا ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ سان ڪنهن کي شريڪ نٿا ڪن ۽ جيڪي سرنديءَ آهر (الله جي واٽ ۾) ڏين ٿا ۽ پوءِ به سندن دليون ڊڄندڙ آهن. هن ڪري جو انهن کي پنهنجي پاليندڙ ڏي ورڻو آهي. اهي ڀلايون ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اهي انهن ڀلاين ڏي ٻين کان اڳيان وڌي رهيا آهن.“ (المؤمنون: 55-61)
    هڪ ماڻهوءَ کي دنيا جي ترقي ۽ مادي ساز ۽ سامان ملي رهيو آهي، ته هو سمجهي ٿو ته هو هڪ ڪامياب انسان آهي ۽ اهي خدا جون رحمتون آهن، جيڪي مٿس نازل ٿي رهيون آهن. پر مادي ترقيون ڪنهن جي لاءِ ان ڳالهه جي سڃاڻپ نه آهن، ته هو خدا جو پيارو ٻانهو آهي. ۽ خدا مٿس پنهنجي نعمتن جو وسڪارو ڪري رهيو آهي. مادي ساز ۽ سامان هن دنيا ۾ امتحان جي لاءِ هوندو آهي، نه ڪي انعام جي لاءِ.
    ڪنهن ماڻهوءَ کي هن دنيا ۾ خدا جون نعمتون ملڻ جي سڃاڻپ اها آهي ته دنيا جا واقعا هن لاءِ خدا جي ياد ڏيارڻ وارابنجي وڃن. دنيا ۾ زندگي گذاريندي مٿس ڊپ ۽ محبت جا تجربا گذرن ٿا. دنيا هن جي لاءِ اهڙين نشانين جو مجموعو بنجي وڃي، جنهن ۾ کيس خدا جا جلوا نظر اچڻ لڳن. هو خدا کي هڪ اهڙي هستيءَ جي روپ ۾ ڳولهي لهي، جيڪو هرقسم جي شِرڪ کان مٿانهون هجي. کيس دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ملي، اهو هو پنهنجي ذاتي لياقتن جو نتيجو سمجهڻ جي بدران سِڌو سنئون خدا جو عطيو سمجهي. سندس اهو احساس ايترو ته گهڻو هجي، جو هو جڏهن پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪنهن ضرورتمند کي ڪجهه ڏي ته هو ان احساس سبب ڏڪي رهيو هجي، ته هو اهو پنهنجو مال نه پر خدا جي امانت کي خدا جي ٻانهي تائين پهچائي رهيو آهي. اها حقيقت هر گهڙي سندس ذهن ۾ تازي رهندي هجي، ته هو نيٺ مرندو ۽ خدا وٽ حساب ڪتاب جي لاءِ حاضر ٿيڻ وارو آهي.
    جيڪي ماڻهو انهن احساسن سان دنيا ۾ جيئندا، اهي خدا جا پسنديده ٻانها آهن. سندن اها حالت اُن ڳالهه جي سڃاڻپ آهي، ته مٿن صبح ۽ شام خدا جون رحمتون پهچي رهيون آهن. هو هن دنيا ۾ به ڪامياب آهن، ته آخرت ۾ به ڪامياب آهن.


    23:86

    23:86
    هڪ سماجي حڪم
    مديني ۾ حضرت عائشه ﷦ تي ڪجهه ماڻهن هڪ ڪُوڙو الزام هنيو ۽ ان کي گهڻو اُڇاليو. الزام تراشيءَ کان لڳ ڀڳ هڪ مهينو پوءِ حضرت عائشه جي حق ۾ ”سُوره النور“ نازل ٿي، ان ۾ الله تعاليٰ فرمايو: ”بيشڪ جن ڪُوڙو الزام هنيو، سي اوهان مان هڪ جماعت آهن. ان (بهتان) کي پنهنجي حق ۾ بُڇڙو نه سمجهو. بلڪ اهو اوهان لاءِ چڱو آهي. انهن مان هرڪنهن ماڻهوءَ تي اوترو گناهه آهي، جيترو اُن ڪيو ۽ انهن مان جنهن ان (بهتان) ۾ وڏو حصو ورتو، تنهن لاءِ وڏو عذاب آهي. جنهن وقت اوهان اهو الزام ٻُڌو، تڏهن ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن پنهنجن ماڻهن ۾ ڇو چڱو گُمان نه ڪيو ۽ ڇو نه چيائون ته هي پڌرو ڪُوڙ آهي.“ (النور: 11-12)
    حضرت عائشه تي جڏهن الزام هنيو ويو ته پکيڙيندڙن اهو ايترو ته پکيڙيو، جو سڄي شهر ۾ چُڻ ڀُڻ ٿيڻ لڳي. حضرت عائشه پڻ ان معاملي ۾ بلڪل ماٺ ۾ هيون. هن ان باري ۾ ڪجهه به نه چيو. ايتريقدر جو جڏهن کانئس پڇيو ويو، ته به هن پنهنجي زبان مان هڪ اکر به چوڻ کان انڪار ڪيو. والله ما قارفت.
    هاڻ اڪيلي صورت اها هئي، ته قرآن ۾ ان بابت حڪم لهي. پر جڏهن قرآن ۾ ’سوره النور‘ نازل ٿي ته ان ۾ به ان قسم جا ترديدي لفظ نه هئا ته: ماقارفت عائشه. پر ان جي بدران اُن ڪُوڙ جي ترديد ۾ صرف اهو چيو ويو ته: ”۽ جڏهن اوهان اها ڳالهه ٻڌي تڏهن اوهان ڇو نه چيو ته اسان کي اها ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي. (اي الله) تون پاڪ آهين، هي وڏو بهتان آهي.“ (سوره النور: 16)
    ان مان اهو مسئلو معلوم ٿئي ٿو ته ان قسم جي بهتان بازيءَ جي معاملي ۾ مسلم معاشري جو طريقو ڪهڙو هئڻ گهرجي. هڪ پاسي ان کي ايئن هئڻ گهرجي ته جڏهن ڪو غيرسنجيده ماڻهو رڳو اندازي جي بنياد تي ڪنهن جي خلاف سنگين الزام هڻي ته ٻُڌڻ وارن کي گهرجي، ته هو هڪدم چون ته اهو هڪ بهتان آهي ۽ ڪنهن کي به حق ڪونهي ته هو حقيقي شرعي ثبوت کانسواءِ ڪنهن جي خلاف ان قسم جي سنگين الزام تراشي ڪن. ٻئي طرف جنهن شخص جي مٿان ان قسم جو واهيات الزام هنيو ويو آهي، ان کان اها گهُر نه ڪرڻ گهُرجي، ته هو سندن لفظن ۾ ان جي ترديد ڪري. هن جو اهو چوڻ ته اها واهيات ڳالهه آهي. کوڙ آهي ته ان کي ان معاملي مان مڪمل آجو سمجهيو وڃي.
    جيڪي ماڻهو ان قسم جون واهيات ڳالهيون پنهنجي زبان مان ڪڍن ۽ جيڪي ماڻهو اهي ٻُڌي پکيڙڻ شروع ڪن، سي قرآن جي لفظن ۾ فحاشي جي اشاعت جا ڏوهاري آهن. انهن جي لاءِ رب تعاليٰ دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب جو اعلان ڪيو آهي. (سوره النور: 19)


    24:87

    24:87
    زمين ۾ خلافت
    قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”اوهان مان جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان الله جو واعدو آهي، ته کين زمين ۾ ضرور حاڪم ڪندو، جيئن انهن کان اڳين کي حاڪم ڪيائين ۽ سندن اهو دين، جنهن کي انهن لاءِ پسند ڪيو اٿس، تنهن کي انهن لاءِ سگهارو ڪندو ۽ سندن ڊپ کانپوءِ کين بدلائي امن ڏيندو. اهي منهنجي عبادت ڪندا، مون سان ڪنهن شئي کي شريڪ نه ڪندا ۽ جيڪي ان کانپوءِ ناشُڪري ڪندا، سي ئي نافرمان آهن. (سوره النور: 55)
    هن آيت ۾ استخلاف (خليفو بنائڻ) جو لفظ آهي. عربيءَ ۾ خليفي جي معنيٰ جانشين يا پوءِ ايندڙ جي آهي. استخلاف يا خليفو ڪرڻ هيءَ آهي ته هڪ قوم کانپوءِ ٻيءَ قوم کي ان جي جاءِ ۽ استحڪام ڏنو وڃي. غلبو اصل ۾ خدائي امتحان جو هڪ پيپر آهي. خدا هڪ کانپوءِ ٻي هر قوم کي زمين تي غلبو ڏي ٿو. ۽ ايئن هرهڪ کي جانچي پَرکي ٿو. سچن ايمان وارن جي لاءِ اهو غلبو امتحان سان گڏ هڪ انعام پڻ آهي.
    هن آيت مان وڌيڪ خبر پوي ٿي ته غلبو ۽ اقتدار ايمان وارن لاءِ عمل جو نمونو ڪونهي. اهو هڪ خدائي انعام آهي، جيڪو ايمان ۽ عملِ صالح واري زندگي اختيارڪرڻ کانپوءِ، مؤمنن جي جماعت کي ڏنو وڃي ٿو.
    ان غلبي جو مقصد اهو آهي، ته ايمان وارن کي زمين تي استحڪام ڏنو وڃي. کين اهو موقعو ڏنو وڃي ته هو حق جي دشمنن جي انديشن کان امن ۾ رهي سگهن. هو آزاداڻي نموني خدا جي عبادت ڪن ۽ رڳو هڪ خدا جا ٻانها بنجي زندگي گذارين. ايمان وارن جي غلبي جي اها حالت ان وقت تائين باقي رهندي، جيستائين هو خدا جا شُڪرگذار ٻانها بنيل رهندا ۽ تقويٰ (پرهيزگاري) جي ڪيفيت کي نه وڃائين.


    25:88

    25:88
    عالمي ڪتاب
    قرآن ۾ فرمايو ويو آهي: ”اهو وڏي برڪت وارو آهي، جنهن پنهنجي ٻانهي (محمد ﷺ) تي (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪندڙ ڪتاب نازل ڪيو. هن لاءِ ته جهان وارن کي ڊيڄاريندڙ ٿئي. جنهن جي آسمانن ۽ زمين جي بادشاهي آهي. ۽ (پاڻ لاءِ) نه ڪو اولاد ٺَهرايو اٿس، نه ڪي بادشاهيءَ ۾ ان جو ڪو شريڪ آهي ۽ سڀ ڪنهن شئي کي پيدا ڪيو اٿس ۽ پوءِ ان جو پورو اندازو ڪيو اٿس.“ (الفرقان: 1-2)
    قرآن مجيد جي مختلف بيانن مان خبر پوي ٿي، ته اهو ڪتاب سڀني قومن جي لاءِ موڪليو ويو آهي. اها ئي ڳالهه ٻئي هنڌ تي پيغمبر اسلام جي نسبت سان هيئن چئي ويئي آهي: ”۽ اسان توکي سڀني انسانن جي لاءِ خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي. پر اڪثر ماڻهو اهو نٿا ڄاڻن.“ (سبا: 28)
    قرآن مجيد اصل ۾ عربي زبان ۾ آهي ۽ اهو عربستان ۾ لٿو، پر جيستائين ان جي نياپي جو واسطو آهي، ته اهو پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان مڪمل طور تي عالمي ۽ آفاقي آهي. اهو سڀني قومن کي مخاطب ٿئي ٿو، نه ڪي ڪنهن مخصوص قوم سان.
    قرآن مجيد جو بنيادي پيغام اهو آهي، ته خدا هڪ آهي. ظاهر آهي ته اها ڪا وقتي ۽ مقامي شئي ڪونهي. اها هڪ حقيقت آهي، جنهن جو واسطو سڀني انسانن سان آهي. قرآن ۾ اها خبر ڏني ويئي آهي، ته انسان مري ختم نٿو ٿئي، پر هو حساب ڪتاب جي لاءِ آخرت جي عدالت ۾ حاضر ڪيو وڃي ٿو. اها هڪ اهڙي حقيقت آهي، جيڪا سڀني انسانن سان واسطو رکي ٿي. ساڳئي نموني قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته ڏيتي ليتي ۾ مڪمل انصاف جو طريقو اختيار ڪريو. اها به هڪ اهڙي تعليم آهي، جنهن جو واسطو سڀني انسانن سان آهي. اهڙي طرح قرآن مجيد ۾ اعلان ڪيو ويو آهي، ته سڀئي انسان هڪ ئي انسان جو اولادآهن. تنهنڪري سڀ انسان پاڻُ ۾ ڀائر آهن. انهن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. پر جيڪڏهن ڪو فرق آهي، ته اهو نسل جي بنياد تي نه، پر تقويٰ (پرهيزگاري) جي بنياد تي آهي. اها هڪ اهڙي تعليم آهي، جيڪا سڀني انسانن سان واسطو ٿي رکي وغيره.
    ايئن قرآن جي سڄي تعليم عالمي ۽ آفاقي حيثيت رکي ٿي. اها ماضيءَ کان وٺي مُستقبل تائين سڀني انسانن جي لاءِ رهنمائي آهي.


    25:89

    25:89
    خواهش پرستي
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”(اي پيغمبر ﷺ) ڇا تو اُن کي ڏٺو، جنهن پنهنجي خواهش کي پنهنجو خدا ٺهرايو؟ ڇا پوءِ تون ان جو ذميدار ٿيندين؟ يا ته تون خيال ڪرينءَ ٿو، ته انهن مان گهڻا ٻُڌن ٿا يا سمجهن ٿا، اهي رڳو ڍورن وانگر آهن، بلڪه رستو انهن کان گهڻو پري آهي.“ (الفرقان: 43-44)
    ڪنهن کي معبود بنائڻ ايئن آهي، ته اُن کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان مٿانهون درجو ڏنو وڃي. باقي ٻيون سڀ ڳالهيون غير اهم هجن ۽ اها شئي سڀني کان اهميت واري هجي. ماڻهو هر ٻي ڳالهه کي نظرانداز ڪري سگهي ٿو، پر ان شئي کي هو نظرانداز نه ڪري سگهي. ان شئي جي وڏائي ايتري ته گهڻي هجي جو باقي سڀ ڪجهه ان جي اڳيان هِيچ بنجي وڃي. جڏهن ڪو شخص پنهنجي سَڌ کي ايترو مٿانهون درجو ڏيئي ڇڏي، ته ٻين لفظن ۾ ان شئي کي پنهنجو معبود بنائي ورتائين.
    الله تعاليٰ انسان کي خلقيو آهي. اهو ئي انسان جون هڙئي گهُرجون پوريون ڪري ٿو. انسان کي هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ملي ٿو، اهو الله پاران ملي ٿو. الله کانسواءِ کيس ٻي هنڌان ڪجهه به ملڻو نه آهي. الله تعاليٰ جي ان حيثيت جي تقاضا اها آهي ته هو رڳو الله تعاليٰ کي ئي سڀ ڪجهه سمجهي. هو الله کان سڀ کان وڌيڪ ڊڄي ۽ ان سان ئي سڀني کان وڌيڪ محبت ڪري. هن جي نظر ۾ سڀني کان وڏو درجو رڳو الله جو ئي هجي. ان کانسواءِ هن لاءِ باقي سڀ شيون سندس نظر ۾ ننڍڙيون ٿي وڃن. ان جو نالو توحيد آهي ۽ توحيد کانسواءِ ڪنهن انسان جو ڇوٽڪارو ممڪن نه آهي.
    جيڪي ماڻهو خواهشن کي پنهنجو رهنما بنائي وٺن ٿا، اهي ڄڻ حيوانن جيان آهن. حيوان کي حق ۽ ناحق جي فرق جي خبر ڪونهي. هو رڳو پنهنجي خواهش کي ڄاڻي ٿو ۽ ان جي پويان هلي ٿو. اهو ئي حال جيڪڏهن انسان جو ٿي وڃي، ته انسان ۽ حيوان ۾ فرق ڪهڙو آهي. پر ايئن چئجي ته اهڙو انسان جانورن کان به وڌيڪ بدتر آهي، ڇوته جانور وري به پنهنجي تخليق تي قائم آهي. جڏهن ته انسان گويا پنهنجي تخليقي نقشي کان هٽي ويو آهي.


    25:90

    25:90
    رحمان جا ٻانها
    قرآن مجيد ۾ جنتين جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو آهي: ”۽ رحمان جا ٻانها اهي آهن، جيڪي زمين تي نرميءَ سان هلن ٿا ۽ جڏهن جاهل انهن سان ڳالهائين ٿا، ته شَر کي ٽارڻ واريءَ ڳالهه چون ٿا. ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي اڳيان سجدي ۾ بيهندي رات گذارين ٿا ۽ جيڪي چون ٿا ته اي اسان جا پاليندڙ اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار. بيشڪ ان جو عذاب (پوري) تباهي آهي. بيشڪ اها ٽِڪڻ جي جاءِ ۽ رهڻ جي جاءِ بُڇڙي آهي. ۽ جيڪي خرچ ڪن ٿا، ته نه اَجايو خرچ ڪن ٿا ۽ نه ڪنجوسي ڪن ٿا ۽ (سندن خرچ ڪرڻ) انهن ٻنهي جي وچ ۾ درميانو آهي. ۽ جيڪي الله سان گڏ ٻئي ڪنهن معبود کي نٿا سڏين ۽ اهڙي شخص جو خون ڪن ٿا، جنهن جو مارڻ الله حرام ڪيو آهي. پر حق سان ۽ نه زنا ڪن ٿا. ۽ جيڪو اُهي (ڪم) ڪندو سو سزا ڏسندو. ان لاءِ قيامت جي ڏينهن عذاب ٻيڻو ڪيو ويندو ۽ خوار ٿي ان ۾ پيو رهندو. پر جن توبهه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱو ڪم ڪيو، تن جي بُڇڙاين کي الله ڦيرائي چڱايون ڪندو ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي. ۽ جيڪو توبهه ڪري ٿو ۽ چڱا ڪم ڪري ٿو، سو بيشڪ الله ڏي موٽي ٿو. ۽ جيڪي ڪُوڙي شاهدي نه ٿا ڏين ۽ جڏهن اجاين ڪمن وٽان لنگهن ٿا، ته چڱن ماڻهن وانگر لنگهن ٿا. ۽ اهي جن کي جڏهن سندن پاليندڙ جي آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي، ته انهن تي ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ٿا ڪِرن. ۽ جيڪي پنهنجي دعائن ۾ چون ٿا، ته اي اسان جا رب! اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار عطا ڪر ۽ اسان کي پرهيزگارن جو اڳواڻ ڪر. انهن کي ثابت قدم رهڻ جي ڪري بدلي ۾ مٿاهين جاءِ ڏني ويندي. ۽ انهن جي چڱي دُعا ۽ سلام سان آجيان ڪئي ويندي. اُتي پيا رهندا. اها جيڪا آرام ڪرڻ جو هنڌ ۽ سدائين رهڻ جو هنڌ ۽ ٻئي جاءِ آهي.“ (الفرقان: 63-76)
    قرآن مجيد جي انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته اهي ڪهڙا ماڻهو آهن، جن کي آخرت جي اَبدي جنتن ۾ جاءِ ملندي. هتي ڪجهه آيتن ۾ اهڙن ماڻهن جي بنيادي گُڻن کي ٻڌايو ويو آهي. انهن آيتن تي ويچارڻ سان خبر پوي ٿي، ته انهن ماڻهن جو پنهنجي رب سان معاملو ڪيئن هوندو ۽ انهن انسانن سان انهن جو سلوڪ ڪهڙو هوندو آهي، جن جي وچ ۾ هو زندگي گذارين پيا.
    انهن آيتن مان خبر پوي ٿي، ته اهي جنتي گُڻ انهن ماڻهن ۾ پيدا ٿيندا آهن، جيڪي دنيا ۾ ان احساس سان رهن، ته هو خدا رحمان ۽ رحيم جا ٻانها آهن. انهن جي حيثيت خدا جي مقابلي ۾ ٻانهي واري آهي ۽ هو آزاد ڪونهن. پر هر گهڙيءَ هو خدا جا ماتحت آهن.
    دنيا ۾ خدا جو ٻانهو بنجي رهڻ جي قيمت فقط هڪڙي آهي ۽ اهو صبر آهي. نفس جي مقابلي ۾ صبر، شيطان جي مقابلي ۾ صبر ۽ ناڪاري جذبن جي مقابي ۾ صبر. جيڪو ماڻهو صبر جي اها قيمت ڏيڻ جي لاءِ تيار هجي، اهو ئي دنيا ۾ خداپرستيءَ واري زندگي تي قائم رهندو. جنت جي قيمت صبر آهي. صبر کانسواءِ ڪوبه شخص جنت وارا عمل ڪري نٿو سگهي، تنهنڪري صبر کانسواءِ ڪوبه شخص جنت ۾ داخل ٿي نٿو سگهي.
    حقيقي توبهه خود هڪ عمل آهي، جيڪو گناهه ماڻهوءَ جي اندر حقيقي توبه جي ڪيفيت پيدا ڪندو، اهو گناهه پنهنجي نتيجي جي لحاظ کان ايئن آهي، ته ان کي نيڪي جي خاني ۾ لکيو وڃي.


    25:91

    25:91
    برائيءَ جي بدلي ۾ نيڪي
    قرآن مجيد ۾ ڪن گناهن جو ۽ انهن جي آخري انجام جو ذڪر ڪندي فرمايو ويو آهي: ”پر جيڪو شخص توبهه ڪندو ۽ ايمان آڻيندو ۽ نيڪ ڪم ڪندو، ته الله اهڙن ماڻهن جي براين کي نيڪين ۾ بدلائي ڇڏيندو ۽ الله بخشڻ وارو ۽ مهربان آهي، جيڪو شخص توبهه ڪندو ۽ نيڪ ڪم ڪندو، ته اهو درحقيقت الله ڏانهن رجوع ڪري رهيو آهي.“ (الفرقان: 70-71)
    هن آيت ۾ هڪ غيرمعمولي انعام جو ذڪر آهي. ان ۾ رڳو اهو نه چيو ويو آهي، ته الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن جا گناهه بخشي ڇڏيندو، پر ان جي بدران اهو چيو ويو آهي، ته الله انهن جي بَدين کي نيڪين ۾ بدلائي ڇڏيندو، يعني کانئن جيڪي بَديون ٿيون آهن، اهي سادي نموني معاف نه ٿينديون. پر اُهي بَدين جي بدران نيڪيون بنجي وينديون. اها ئي ڳالهه حديث ۾ هنن لفظن ۾ آئي آهي: ”ان السيئات تبدل بحسنات.“ (تفسير القرطبي: 13/78)
    هتي دراصل مخصوص قرآني اسلوب موجب ٻانهي جي ڳالهه کي خدا طرف منسوب ڪري چيو ويو آهي. ذڪر ڪيل ايمان وارا اصل ۾ پنهنجي توبهه جي ذريعي پنهنجي سيئات (بَدين/ بُڇڙائين) کي حسنات (نيڪين/ چڱائين) ۾ بدلائي چڪا هوندا. ان کانپوءِ الله سندن ان ”تبديلي“ کي قبول ڪري خود به انهن جي سيئات (بَدين/ بُراين) کي انهن جي حسنات جي کاتي ۾ لکندو. اهو معاملو الله جي خصوصي توفيق سان ٿيندو. تنهنڪري ان کي الله ڏانهن منسوب فرمايو ويو.
    خدا جو اُهو ٻانهو جنهن کان انساني تقاضا تحت ڪو گناهه ٿي پيو. ان کانپوءِ هو گناهه جي احساس سبب تَڙپي اُٿيو ۽ سندس اندر ۾ نهايت گَهرائيءَ سان توبهه ۽ الله ڏانهن رجوع ٿيڻ جي ڪيفيت پيدا ٿي ويئي. هو ايئن خدا کان معافي مَڱڻ لڳو، هڪ پاسي سندس ڏڪندڙ زبان تي اعتراف جا ٻول هئا ۽ ٻئي طرف سندس نيڻن ۾ نيرن جو سيلاب جاري هو. سندس اهو داخلي تجربو ايترو ته شديد هو، جو ايئن محسوس ٿيڻ لڳو، ڄڻ هو خدا کي سامهون ڏسي رهيو آهي. ۽ ڪنهن وچينءَ واسطي کانسواءِ ئي سِڌو سنئون ساڻس مخاطب آهي.
    خدا جي ان ٻانهي کان جيتوڻيڪ هڪ گناهه ٿيو آهي، پر ان جي جيڪا ڪيفيت ٿي آهي، اها اعليٰ ترين ايماني ڪيفيت هئي. سندس گناهگار جسم کي سندس سڳورن لُڙڪن ڌوئي اڳ کان به وڌيڪ پاڪ ڪري ڇڏيو. سندس شخصيت اندر کان وٺي ٻاهر تائين هڪ رباني شخصيت بنجي ويئي. هو خدا کي ايترو ته ويجهو ٿي ويو، جيترو هو اڳ ۾ ڪڏهن به نه ٿيو هو. منجهس تقويٰ، خشوع، نوڙت ۽ عاجزيءَ جهڙا اعليٰ ايماني گُڻ ڪمال جي درجي تائين پيدا ٿي پيا. هو هڪ اهڙي زبردست روحاني تجربي مان گذريو، جنهن کي حديث جي لفظن ۾ هيئن بيان ڪيو ويو آهي، يعني: الله جي عبادت ايئن ڪريو، ڄڻ هو اوهان کي ڏسي رهيو هجي. (صحيح البخاري)
    مذڪوره ٻانهي کان جڏهن انساني تقاضا تحت گناهه ٿيو، ته اهو پنهنجي ظاهر ۾ هڪ گناهه ئي هو. پر ان گناهه کانپوءِ ان جو نتيجو جيڪو سندس شخصيت ۾ ظاهر ٿيو اهو بجاءِ خود سڀ کان وڏي نيڪي هئي. ايئن ظاهر ۾ جيتوڻيڪ ٻانهي کان هڪ گناهه ٿيو، پر ان کانپوءِ توبهه تائب ٿيڻ سان اُن گناهه کي بدلائي ان احوال تائين پهچايو ويو، جيڪو نيڪيءَ جي سڀ کان وڏي درجي سان واسطو رکي ٿو. جڏهن ايئن ٿيو ته الله تعاليٰ ان ٻانهي جي ”تبديلي“ کي قبوليت عطا ڪري اها عنايت ڪئي ته سندس برائيءَ کي نيڪيءَ جي خاني ۾ لکي ڇڏيو.


    26:92

    26:92
    ايمان جي سگهه
    قرآن مجيد جي سوره الشعراء ۾ حضرت موسيٰ عه ۽ فرعون جو قصو بيان ڪيو ويو آهي. فرعون، حضرت موسيٰعه جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ مصر جي جادوگرن کي گهُرايو. جڏهن اهي سڀ ميدان ۾ گڏ ٿيا، ته قرآن موجب، جادوگرن ۽ فرعون جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي: ”پوءِ جڏهن جادوگر آيا، تڏهن فرعون کي چيائون ته جيڪڏهن اسين غالب ٿياسون، ته اسان لاءِ ڪهڙو اُجورو آهي؟ (فرعون) چيو، هائو ۽ ان صورت ۾ اوهين منهنجن ويجهن ماڻهن مان هوندؤ.“ (الشعراء: 41-42)
    اُهي جادوگر جيڪي شروع ۾ مصر جي بادشاهه فرعون سان ان قسم جون خوشامند ڀريون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. اهي پوءِ صفا بدلجي ويا. مقابلي ۾ جڏهن فرعون کي شڪست ملي ۽ جادوگرن جي جادوءَ کي حضرت موسيٰ جي لَٺ ڳڙڪائي ورتو، ته جادوگرن جو اهو حال ٿيو، جيڪو قرآن مجيد ۾ هينئن بيان ڪيو ويو آهي: ”پوءِ جادوگر سجدي ۾ ڪِري پيا. هنن چيو، اسان ايمان آندو رب العالمين تي، جيڪو موسيٰ ۽ هارون جو رب آهي.“ (الشعراء: 46-48)
    جادوگرن جو اهو حال ڏسي فرعون سخت ڪاوڙيو. ان کانپوءِ جيڪو ٿيو، اهو قرآن جي لفظن ۾ هيئن هو: ”فرعون چيو ته هن کان اڳ جو آءٌ اوهان کي موڪل ڏيان ته اوهان اُن کي مڃيو. بيشڪ اهو اوهان جو وڏو آهي، جنهن اوهان کي جادو سيکاريو. پوءِ اوهان کي خبر پئجي ويندي. ضرور آءٌ اوهان جا هڪ پاسي جا هٿ ۽ اوهان جا ٻئي پاسي جا پير وڍيندس ۽ ضرور اوهان سڀني کي سوريءَ تي لٽڪائيندس.“ (الشعرا: 49)
    ان کانپوءِ جادوگرن جو ردعمل ان کان بلڪل مختلف هو، جنهن جو اظهار هنن شروع ۾ فرعون سان ڪيو هو. قرآن مجيد جو بيان آهي: ”چيائون ته ڪو حرج نه آهي، بيشڪ اسين پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽڻ وارا آهيون. بيشڪ اسين اميد ٿا رکون ته اسان کي اسان جو پاليندڙ اسان جا گناهه معاف ڪري، جو اسين پهريان ايمان آڻيندڙ آهيون.“ (الشعراء: 50-51)
    جادوگرن جي اندر اها تبديلي ڪيئن آئي. اهي جادوگر جيڪي مقابلي کان اڳ فرعون سان خوشامند ڀريون ڳالهين ڪري رهيا هئا، انهن مقابلي کانپوءِ همت ۽ قربانيءَ جي زبان ڳالهائڻ شروع ڪئي. اهو فرق ايمان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيو. مقابلي کان اڳ جادوگر عام انسان هئا، جن کي حق جي معرفت نه ملي هئي، پر مقابلي کانپوءِ کين حق جي معرفت حاصل ٿي ويئي. ان ئي شئي سندن ڪردار ۾ فرق پيدا ڪري ڇڏيو. حق جي معرفت ڪنهن انسان جي لاءِ سڀ کان وڏو تجربو آهي. حق جي معرفت هڪ عام ماڻهوءَ کي غيرمعمولي انسان بنائي ٿي ڇڏي. ان کانپوءِ ماڻهو ان جي قابل ٿي ٿو وڃي، ته هو هيرو وارو ڪردار ادا ڪري. هو وڏي کان وڏي قربانيءَ جو به يقين ۽ حوصلي سان استقبال ڪري سگهندو.


    26:93

    26:93
    شاعر جو مقام
    عربستان جا ماڻهو پاڻ سڳورن کي شاعر چوندا هئا. قرآن مجيد ان جي ترديد ڪندي چوي ٿو: ”۽ شاعرن جي تابعداري گمراهه ئي ڪن ٿا. ڇا تو نه ڏٺو ته اهي سڀ ڪنهن ميدان ۾ حيران ڦِرن ٿا ۽ اهي زبان سان اهي ڳالهيون چون ٿا، جيڪي نه ٿا ڪن. پر جن (شاعرن) ايمان آندو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪيائون ۽ مٿن ظلم ٿيڻ بعد بدلو ورتائون (سي بُڇڙا نه آهن) ۽ ظالم ڄاڻندا ته ڪهڙي موٽڻ جي هنڌ موٽن ٿا.“ (الشعراء: 224-227)
    قرآن جي اها آيت اصل ۾ رسول الله جي مخالفن جي پروپيگنڊه جي جواب ۾ آئي. البت ان مان ان ڳالهه جي خبر پوي ٿي ته اسلامي دعوت ۽ انساني سڌاري جو ڪم شعر ۽ شاعري جي ذريعي ٿي نٿو سگهي. شعر و شاعريءَ جو طريقو ڪنهن مشن جي لاءِ بنهه مفيد ڪونهي. ڪو شاعر جيڪڏهن پنهنجي شاعراڻي ڪلام جي ذريعي ڪجهه ماڻهن کي گڏ ڪري وٺي، ته يقيني طور تي اهي غير سنجيده ماڻهو هوندا. اهڙن ماڻهن جي ذريعي تعمير ۽ سڌاري جو ڪو گَهرو ڪم نٿو ڪري سگهجي.


    27:94

    27:94
    سياسي ٽڪراءُ کان پاسو
    قرآن ۾ حضرت سليمان ۽ راڻي سبا جو قصو بيان ڪيو ويو آهي: ”حضرت سليمان، راڻي سبا کي هڪ خط موڪلي اطاعت جي گهُرڪئي. راڻي سبا، درٻارين سان مشورو ڪيو. درٻارين اطاعت نه ڪرڻ جي صلاح ڏني. راڻي سبا ان خطري واري راءِ سان اختلاف ڪيو. هن چيو ته: بادشاهه جڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ گهِڙن ٿا، ته ان کي خراب ڪن ٿا ۽ ان جي سردارن کي خوار ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح (اهي به) ڪندا.“ (النمل: 34)
    راڻي سبا جي سامهون جڏهن اهو مسئلو آيو، ته هن ان معاملي کي حقيقت پسنديءَ واري نظر سان ڏٺو. هن اِها راءِ قائم ڪئي ته جيڪڏهن اسين حضرت سليمان عليه السلام سان ٽَڪرياسين، ته گهڻو امڪان اهو آهي، ته اسين هارائينداسين ۽ پوءِ اسان سان اهو ئي سلوڪ ڪيو ويندو، جيڪو هر فاتح قوم، مفتوح قوم سان ڪندي آهي. ان جي ابتڙ اسان جيڪڏهن اطاعت ڪئي، ته اسين تباهيءَ کان بچي وينداسين.
    راڻي سبا پنهنجي ان ڳالهه ٻولهه ۾ حضرت سليمان جي باري ۾ چيو: ”و کذالک يفعلون.“ (النمل: 34) يعني ”سليمان به ايئن ئي ڪندو.“ هتي رب تعاليٰ اها ترديد نه فرمائي آهي، ته سليمان ته پيغمبر آهي ۽ هو ايئن ڪرڻ وارو ڪونهي. ان مان پتو پيو ته سياسي ٽڪراءُ جو پنهنجو هڪ مزاج آهي. اهڙي حالت ۾ ايئن ڪرڻ درست ڪونهي، ته ڪا سگهاري جماعت حڪمران سان ٽڪرائجي وڃي. جيڪڏهن هن ايئن ڪيو، ته پوءِ اهو ئي ٿيندو، جنهن جو راڻي سبا پنهنجي مذڪوره جواب ۾ اشارو ڪيو آهي. اهڙي گروهه کي ڄاڻڻ گهرجي، ته سياسي ٽڪراءُ کانپوءِ جڏهن هو حڪمران جي ظلم جي شڪايت ڪندو، ته سندس اهڙي شڪايت جي نه ٻانهن جي نظر ۾ ڪا قيمت هوندي، نه وري خدا جي نظر ۾.


    28:95

    28:95
    غلطيءَ جي معافي
    قرآن شريف ۾ حضرت موسيٰ عليه السلام جو واقعو هيئن بيان ڪيو ويو آهي: ”۽ هڪ ڏينهن هو (حضرت موسيٰ عليھ السلام) ان وقت شهر ۾ داخل ٿيو، جڏهن شهر وارا غفلت ۾ هئا، ته هن اتي ٻن ماڻهن کي پاڻ ۾ وڙهندي ڏٺو. انهن مان هڪڙو سندس جماعت بني اسرائيل مان هو ۽ ٻيو سندس دشمنن مان. پوءِ جيڪو سندس جماعت مان هو، تنهن موسيٰ عليه السلام کان ان سان وڙهڻ جي لاءِ مدد گهُري، جيڪو سندس دشمنن مان هو. پوءِ موسيٰ (عليه السلام) ان کي هڪ مُڪ هنئي، ته هو پُورو ٿي ويو. چيائين ته هيءُ شيطان جي ڪم مان آهي. بيشڪ اهو گمراهه ڪندڙ پڌرو دشمن آهي. چيائين ته ”اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ مون پاڻ تي ظلم ڪيو، پوءِ تون مونکي معاف ڪر! پوءِ الله ان کي معاف ڪيو. بيشڪ اهو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.“ (القصص: 15-16)
    قرآن جي ان بيان مان خبر پوي ٿي، ته خدا وٽ هر غلطي معاف ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان ڪا غلطي ٿي وڃي، ۽ هو تُرت ان تي ڇِرڪي پئي، ته پنهنجي غلطي مڃيندي دل جي گَهراين سان ان لاءِ معافي مَڱي. هو غلطي ڪرڻ کانپوءِ ان کي لڪائڻ يا ان جو ڪو جواز ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪري، ته خدا سندس اها غلطي معاف ڪري ڇڏيندو. پوءِ ڀلي اها ڪيڏي نه وڏي غلطي ڇو نه هجي. غلطي ڪرڻ کانپوءِ غلطيءَ جو شديد اعتراف به خود هڪ نيڪي آهي. اهڙي نيڪي برائي کي ڍڪي ٿي ڇڏي. غلطي ڪرڻ کانپوءِ هوڏ ڪرڻ ڏوهه ۾ واڌارو ڪري ٿو ۽ غلطي کانپوءِ ڦِڪائي،غلطي کي ڊاهي ٿي ڇڏي.


    28:96

    28:96
    بنيادي انساني گُڻ
    حضرت موسيٰ عليه السلام جڏهن مصر مان نڪري مَدين پهتو ۽ هڪ بزرگ جي ٻڪرين کي پاڻي پياريائين ته اهو واقعو سندس ان بزرگ جي گهر وڃڻ جو ذريعو بنجي ويو. پنهنجي هڪ گهر ڀاتيءَ جي چوڻ تي هن حضرت موسيٰ کي پنهنجي گهر جي ڪم ڪار لاءِ رکي ڇڏيو. ان وقت چوندڙ حضرت موسيٰ عليه السلام جي تعارف ۾ جيڪو ڪجهه چيو، اهو قرآن ۾ هيئن فرمايو ويو آهي: ”انهن ٻنهي مان هڪ چيو ته اي منهنجا پيءُ! هن کي ڪم ڪار لاءِ رک! ڇوته چڱو ماڻهو جنهن کي ڪم ڪار لاءِ رکڻ گهُرين ٿو، سو سگهارو (۽) امانتدار هجي.“ (القصص: 26)
    مذڪوره بزرگ جي ڪٽنب جي مختصر تجربي مان اهو پتو پيو هو ته حضرت موسيٰ محنتي به هو، ته ايماندار به. مذڪوره جملي ۾ حضرت موسيٰ جي ٻن گُڻن جو ذڪر نهايت بامعنيٰ آهي. ان مان ان اصول جي خبر پوي ٿي، ته بهترين ڪارڪن ڪير آهي ۽ ڪارڪن جي چونڊ ۾ ڪهڙي معيار کي سامهون رکڻ گهُرجي.
    حقيقت اِها آهي ته اهي ٻئي انساني گُڻ ايمان ۽ سَگهه (Honesty and hard working) تمام ضروري گُڻن جي جامع آهن. ماڻهو جي چونڊ جي لاءِ معيار مقرر ڪرڻ هجي، ته انهن ٻن لفظن کان وڏو ٻيو ڪو معيار نٿو ٿي سگهي. ڪنهن ماڻهوءَ جو محنتي هئڻ ان ڳالهه جو ضامن آهي، ته کيس جيڪو ڪم سونپيو ويندو، هو اهو پنهنجي پوري سگهه سان انجام ڏيندو. هو پنهنجي ڪوشش ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪندو. ساڳئيءَ طرح ماڻهوءَ جو ديانتدار هئڻ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو، ته هو ڪڏهن به دوکو نه ڏيندو. هو هر ڀروسي تي پورو لهندو.


    28:97

    28:97
    ٻِٽي اَجر وارا
    قرآن مجيد ۾ اهلِ ڪتاب جي اسلام جو ذڪر ڪندي ارشاد ٿيو آهي: ”هيءَ اهي ماڻهو آهن، جن کي سندن ثابت قدميءَ جي ڪري ٻِيڻو اَجر ڏنو ويندو ۽ اهي ڀلائي مان بُڇڙائي کي ٽارين ٿا ۽ جيڪو اسان انهن کي رزق ڏنو آهي، تنهن مان خرچ ڪن ٿا ۽ جڏهن بُڇڙي ڳالهه ٻُڌن ٿا ته ان کان مُنهن موڙين ٿا ۽ چون ٿا ته اسان لاءِ اسان جا ڪم آهن ۽ اوهان لاءِ اوهان جا ڪم آهن. اوهان تي سلام هجي، اسان کي جاهل ماڻهن سان اُلجهڻ نه گهُرجي.“ (القصص: 54-55)
    هن آيت ۾ جنهن ٻيڻي اَجر جو ذڪر ڪيو ويو آهي، ان جو واسطو رڳو اهلِ ڪتاب سان ڪونهي، پراها هڪ عام حقيقت آهي. اڪثر ايئن ٿيندو آهي، ته جيڪي ماڻهو ڊگهي عرصي تائين ڪنهن خاص گروهه سان واڳيل رهن ٿا، سي ان تعصب ۾ مبتلا ٿي ٿا وڃن. انهن جو هڪ محدود ذهني سانچو بنجي ٿو وڃي. هو پنهنجي ڄاتل سچائيءَ کي آخري ۽ اصلي سچائي سمجهي ٿا وٺن ۽ هو پنهنجي ذهني سانچي کي ٽوڙي ڪنهن نئين حقيقت کي سمجهڻ کان لاچار هوندا آهن. اهڙي حالت ۾ جيڪو شخص ان گُڻ جو ثبوت ڏي ته هو پنهنجي ذهني تعصبن کي ٽوڙي مجرد سچائي کي سُڃاڻي سگهي ٿو ۽ هو پنهنجي عمل سان ان ڳالهه جو ثبوت ڏي ٿو، ته کيس ٻيڻو اَجر ڏنو وڃي. پر اهو ڪو آسان ڪم ڪونهي. پنهنجو پاڻ کي ان قابل رکڻ جي لاءِ ماڻهوءَ کي صبر واري ڏُکئي مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.
    اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هنن پنهنجي ذهن کي انهن اثرن کان پاڪ رکيو هو، جنهن کانپوءِ ماڻهو حق جي معرفت جي لاءِ نااهل بنجيو وڃي. اِهي اُهي تاريخي ۽ سماجي عمل آهن، جيڪي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ خدائي دين کي گروهي دين بنائين ٿا ڇڏين. ماڻهوءَ جو حال اهو وڃي ٿو ٿئي، ته هو فقط ان دين کي سُڃاڻي سگهي، جيڪو کيس پنهنجي گروهه کان مليو. هو ان دين کي سُڃاڻڻ ۾ ناڪام رهيو، جيڪو سندس گروهه کان ٻاهران وٽس آيو. انهن اثرن کان محفوظ رهڻ جي لاءِ ماڻهوءَ کي زبردست نفسياتي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. تنهنڪري ان کي صبر سان تعبير فرمايو ويو. اهڙن ماڻهن کي ٻِيڻو اَجرُ ڏنو ويندو. هڪ سندن قربانيءَ جو ته هن پنهنجي اڳوڻي ايمان کي گروهي ايمان بنجڻ نه ڏنو ۽ ٻيو سندس جوهرشناسيءَ جو ته هن جي سامهون نئون پيغمبر آيو، ته هن سُڃاڻي ورتو۽ ان سان گڏجي ويو.
    جن ماڻهن جي اندر حق شناسيءَ جو مادو هوندو آهي، تن جي اندر اعليٰ پَد جا اخلاقي گُڻ پرورش وٺندا آهن. ماڻهو ساڻن برائي ڪن ته به هو انهن سان ڀلائي ڪندا آهن. هو ٻين جي مدد ڪندا آهن، ته جيئن خدا سندن مدد ڪري. سندن طريقو درگذر ڪرڻ جو هوندو آهي، نه ڪي ماڻهن سان اَٽڪڻ جو.


    28:98

    28:98
    هدايت لاءِ اِلاهي قانون
    پيغمبرِ اسلام کي خطاب ڪندي قرآن ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”تون جنهن کي چاهين، تنهن کي هدايت نٿو ڏيئي سگهين، پر جنهن کي الله چاهي ان کي هدايت ڏئي ٿو ۽ الله هدايت قبولڻ وارن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.“ (القصص: 46)
    دعوت ڏيندڙ تي فرض آهي ته هو ماڻهن تائين حق جي ڳالهه پهچائڻ جي لاءِ پنهنجون سڀئي ڪوششون ڪري ۽ هو پنهنجي ڪوششن ۾ ڪمي نه ڪري. ان کانسواءِ هو دعوتي ذميداريءَ کان آجو ٿي نٿو سگهي. پر جيستائين حق جي قبوليت جو لاڳاپو آهي، ته اهو دعوت ڏيندڙ جي چاهڻ سان يا سندس دعائن سان به نٿو ٿي سگهي. حق جي قبوليت جو واسطو هڪ طرفي طور تي مدعوءَ جي پنهنجي ذات سان آهي، نه ڪي داعيءَ جي ذات سان.
    هدايت ڏيندڙ الله آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته هدايت ملڻ جو واسطو الله جي ان قانون سان آهي، جيڪو هن هدايت ملڻ جي لاءِ مقرر ڪيو آهي. اهو هيءَ ته ماڻهوءَ جي اندر پاڻ به هدايت جي طلب موجود هجي. جهن ماڻهوءَ جي اندر هدايت جي سچي طلب پاتي وڃي، اُهو حق جي ڳولا ۾ رهندو. جڏهن اُن جي سامهون حق ايندو ته هو کليل ذهن سان ان بابت ويچاريندو ۽ هو ان لاءِ تيار رهندو، ته جڏهن هڪ شئي جو حق معلوم ٿي وڃي، ته ڪنهن ذهني تحفظ کانسوا هو ان کي قبولي وٺي. حق ان کي ملندو آهي، جيڪو ان جو گهُرجائو هجي. جنهن ماڻهوءَ جي اندر طلب جو گُڻ موجود نه هجي، ته ان کي ٻي ڪابه شئي هدايت ڏيڻ واري نه آهي.


    28:99

    28:99
    سزا کان اڳ تبليغ
    قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي: ”۽ تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي تيسين برباد ڪرڻ وارو نه آهي، جيسين انهن مان وڏي ڳوٺ ۾ ڪو رسول نه موڪلي، جو انهن کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ۽ اسين ڳوٺن کي برباد ڪرڻ وارا نه آهيون، سواءِ ان حالت جي جو سندن رهڻ وارا ظالم هجن.“ (القصص: 59) ٻئي هنڌ اها ئي ڳالهه قرآن ۾ هن ريت آئي آهي: ”تنهنجو پاليندڙ ڳوٺن کي سندن ظلم جي ڪري هن حالت ۾ برباد ڪرڻ وارو نه آهي، جو اتي جا رهاڪو بي خبر هجن.“ (الانعام: 131)
    انهن آيتن ۾ خدا جو قانون ٻڌايو ويو آهي، جنهن تحت دنيا ۾ قومن تي تباهي آڻيندڙ عذاب اچي ٿو. ان قانون موجب، ڪنهن قوم کي تباهه ڪندڙ عذاب رڳو ان ڪري نٿو اچي سگهي، ته اهي گمراهيءَ ۾ مبتلا آهن يا هو ڪنهن گروهه سان مادي جهڳڙن جي ڪري مٿن ظلم ۽ زيادتي ڪري رهيا هجن. ان قسم جو دنياوي عذاب ڪنهن قوم تي رڳو ان وقت اچي ٿو، جڏهن انهن مان حق جي دعوت اُٿي. ان دعوت کي سڀني ضروري شرطن سان جاري رکندي پنهنجي آخري حد تائين پهچائي. ايستائين جو ان جي غفلت ۽ بي خبري ٽُٽي وڃي. ان هوندي به هو هوڏ ۽ انڪار تي قائم رهن. تنهن کانپوءِ داعي ۽ ان جو ساٿ ڏيندڙ حق پرست ان قوم جي ڳوٺن کي ڇڏي ٻاهر نڪري وڃن. جڏهن اهي سڀ شرط پورا ٿي وڃن، ته ان کانپوءِ اهو وقت اچي ٿو، جڏهن انهن جي مٿان تباهه ڪندڙ عذاب اچي.
    هڪ گروهه کي جيڪڏهن اها شڪايت هجي، ته ڪا قوم سندس مٿان ظلم پئي ڪري ۽ کيس پنهنجي زيادتين جو نشانو پئي بنائي، ته رڳو اها ڳالهه ڪنهن قوم جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻجي نٿي سگهي. اهڙي حالت ۾ جيڪو گروهه پنهنجو پاڻ کي مظلوم سمجهي رهيو آهي، اهو ڀلي ڪيتريون به پِٽون ۽ پاراتا ڏي. هو پنهنجي هر ميڙ ۾ هي لفظ ورجائين: الهم اهلک الکفرة ولمشرڪين، الهم خذهم اخذ عزيز مقتدر. الهم اهلکهم کما اهلکت و ثموداًً. ته انهن قسم جي پِٽن ۽ بددعائن جي ڪري اهو ناممڪن آهي، ته مذڪوره قوم تي تباهه ڪندڙ ڏمر اچي. ان قسم جي ڏمر جو واسطو دعوت سان آهي، نه ڪي رڳو ظلم سان.
    مذڪوره آيت ۾ ظلم مان مراد تڪرارن جي آڌار تي پيش ايندڙ ظلم نه آهي، بلڪ ان جو مطلب اهو ظلم ۽ هوڏ آهي، جيڪا حق جي دعوت جي خلاف ڪنهن قوم طرفان ڪئي وڃي.


    28:100

    28:100
    آخرت جو گهر
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”هيءَ آخرت جو گهر اسين انهن ماڻهن کي ڏينداسين، جيڪي نه زمين ۾ وڏائي ڪرڻ گهُرن ٿا ۽ نه فساد وجهڻ گهُرن ٿا. ۽ (چِٽي) پڇاڙي پرهيزگار جي آهي.“ (القصص: 83)
    آخرت جي گهر جو مطلب آخرت جي جنت آهي. جنت جي آباديءَ ۾ ٽِڪندڙ اُهي ماڻهو آهن، جن جا سينا وڏائيءَ جي احساس کان خالي هجن. جيڪي خدا جي وڏائيءَ کي ايئن ڏسن، جو پاڻ طرف کين ننڍائي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نه اچي.
    فساد اهو آهي ته ماڻهو خدا جي اسڪيم جي ابتڙ هلي. هو خدا جي دنيا ۾ خدا جي مرضيءَ جي خلاف هلڻ لڳي. جيڪي ماڻهو وڏائيءَ کان خالي ٿي ويندا، اُهي لازمي طور تي فساد کان به خالي ٿي ويندا آهن ۽ جن ماڻهن جي اندر اهي اعليٰ گُڻ پيدا ٿي وڃن، اهي خدا جي اَبدي (هميشه) باغن ۾ ٽِڪايا ويندا.
    علم جو مطلب خدا جي مقابلي ۾ هوڏ تي قائم رهڻ آهي، قول يا عمل سان پنهنجو پاڻ کي خدا سان برابر ڪرڻ آهي. فساد اهو آهي ته ڪو ماڻهو انسانن جي مقابلي ۾ سرڪش بنجي وڃي. هو انساني معاملن ۾ ظلم ۽ ناانصافيءَ جو طريقو اختيار ڪري.


    29:101

    29:101
    آزمائش ضروري آهي
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”ڇا ماڻهن هيءَ خيال ڪيو آهي، ته سندن رڳو ايتري چوڻ تي کين ڇڏيو ويندو ۽ آزمايو نه ويندو، ته اسان ايمان آندو. کانئن جيڪي اڳ هئا، تن کي اسان بيشڪ آزمايو، سو جن (ايمان ظاهر ڪرڻ ۾) سچ ڳالهايو آهي، تن کي الله ضرور ڄاڻندو (يعني ٻين کان ڌار ڪندو) ۽ ڪوڙن کان به ضرور معلوم ڪندو.“ (العنڪبوت: 2-3)
    ماڻهوءَ جي اندر مؤمن ۽ مسلم هئڻ جو فيصلو معمول جي حالت ۾ ڪيل عمل تي نٿو ٿئي، پر ان عمل تي ٿئي ٿو، جيڪو ماڻهو غيرمعمولي حالتن ۾ ڪري ٿو. اهي غيرمعمولي حالتون ڪهڙيون آهن. اهي غيرمعمولي موقعا آهن، جڏهن اهو پڌرو ٿي وڃي ٿو، ته ماڻهو حقيقت ۾ اهو آهي يا نه، جنهن جي دعويٰ هو پنهنجي زبان سان يا ظاهري عمل سان ڪري رهيو آهي. جيڪي ماڻهو غيرمعمولي حالتن ۾ ايمان ۽ اسلام تي قائم رهڻ جو ثبوت ڏين، اهي ئي خدا جي نظر ۾ حقيقي معنيٰ ۾ مؤمن ۽ مسلمان قرار ڏنا وڃن ٿا.
    جانچ تي پورو لهڻ، ٻين لفطن ۾ قرباني جي سطح تي ايمان ۽ اسلام وارو بنجڻو آهي، يعني جڏهن عام ماڻهو نابري وارين ته هو تصديق ڪري ٿو. جڏهن ماڻهو شڪ ڪن ٿا، ان وقت يقين ڪرڻ. جڏهن پنهنجي اَنا کي چِٿڻ جي طور تي مؤمڻ بنجڻو هجي. جڏهن مڃڻ ۾ سڀ ڪجهه بگڙجندو نظر اچي، ان مهل مڃي وٺڻ. جڏهن هٿ روڪڻ جي تقاضا هجي، ان مهل خرچ ڪرڻ. جڏهن فرار جون حالتون هجن، ان مهل ڄمي بيهڻ جو ثبوت ڏيڻ. جڏهن پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جو وقت هجي، ان وقت پنهنجو پاڻ کي حوالي ڪري ڇڏڻ. جڏهن هوڏ جو موقعو ملي، ته ان مهل ڪنڌ جهُڪائي ڇڏڻ. جڏهن سڀ ڪجهه لُٽائي ساٿ ڏيڻو هجي، ان مهل خطري ۾ ڪُڏي ساٿ ڏيڻ. اهڙن غيرمعمولي موقعن تي اندر وارو انسان ٻاهر اچي ٿو وڃي. ان کانپوءِ ڪنهن جي لاءِ به اهو موقعو نٿو رهي، ته هو فرضي لفظ ڳالهائي پاڻ کي اهو ظاهر ڪري، جيڪو حقيقت ۾ هو نه آهي.


    29:102

    29:102
    مؤمن جا گُڻ
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”تون ان ڪتاب جي تلاوت ڪر، جيڪو توتي وحي ڪيو ويو آهي. ۽ نماز قائم ڪر. بيشڪ نماز بي حيائيءَ ۽ بُڇڙائيءَ کان روڪي ٿي. ۽ الله جي ياد تمام وڏي شئي آهي. ۽ اوهين جيڪو ڪجهه ڪريو ٿا، الله ان کان واقف آهي.“ (العنڪبوت: 45)
    ان آيت ۾ ’نماز بُڇڙائين کان روڪي ٿي‘ جو جملو نماز جي سُڃاڻپ آهي، نه ڪي سادي نموني نماز جو نتيجو. حقيقي نماز جي ٻي سُڃاڻپ اها آهي، ته ماڻهوءَ جي اندر خدا جي ياد جو گُڻ پيدا ٿي پوي ۽ خدا جي ياد بيشڪ سڀني نيڪين مان وڏي نيڪي آهي.
    نماز جي هڪ ظاهري صورت آهي ۽ ٻي شئي ان جو اِسپرٽ (روح) آهي. جنهن ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ نماز ان جي اسپرٽ سان شامل ٿي وڃي، ان جي اندر اهي گُڻ پيدا ٿي وڃن ٿا. نماز ۾ الله اڪبر (الله وڏو آهي) جو بار بار چوڻ پنهنجي ننڍي هئڻ جو احساس ٿو ڏياري. نماز جي اندر قرآن جي تلاوت سندس اندر خدا جي شعور کي جاڳائي ٿي. نماز ۾ رڪوع ۽ سجدو سندس اندر تواضع جي ڪيفيت پيدا ڪري ٿي. هڪ اِمام جي پويان نماز پڙهڻ ان جي اجتماعيت جو سبق بنجي وڃي ٿو. نماز جي پُڄاڻيءَ تي السلام عليکم و رحمته الله چوڻ منجهس اهو جذبو ٿو اُڀاري ته سندس دل ۾ دنيا جي مڙني ماڻهن جي لاءِ سلامتي ۽ رحمت جو جذبو پيدا ٿي پوي.
    رحم مان مراد خدا جي ياد آهي. جڏهن ماڻهوءَ کي خدا جي ڪامل معرفت حاصل ٿئي ٿي، جڏهن هو مڪمل طور تي خدا ڏانهن ڌيان ڌري ٿو، ته ان جو نتيجو اهو ٿو نڪري، ته ان جي مٿان خدا جو شعور ڇانئجي وڃي ٿو. ان جي اندر خدا جي ياد جو چشمو وهڻ ٿو لڳي. ان روحاني سطح تي پهچي ماڻهوءَ جي زبان مان خدا جي لاءِ جيڪي اعليٰ لفظ نڪرن ٿا، انهن جو نالو ذڪر آهي. اهو ذڪر بيشڪ اعليٰ ترين عبادت آهي.


    29:103

    29:103
    صبر ۽ توڪل
    قرآن پاڪ م ارشاد ٿيل آهي: ”جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا، انهن کي جنت جي بُلند جاين تي جڳهيون آهن. جن جي هيٺان نديون پيون وَهن ۽ هو سدائين انهن ۾ رهندا. نيڪ عمل ڪرڻ وارن لاءِ ڪيترو نه سُٺو اَجرُ آهي. جن صبر ڪيو ۽ پنهنجي رب تي ڀروسو رکن ٿا.“ (العنڪبوت: 58-59)
    هن آيت موجب جنت انهن انسانن جي لاءِ آهي، جيڪي پنهنجي اندر ۾ ٻه گُڻ رکندا هجن. صبر ۽ توّڪل. اهي ٻئي گُڻ گويا جنت جي قيمت آهن. انهن گُڻن کانسواءِ جنت جي داخلا ممڪن ڪونهي.
    اصل ۾ جنت ان اعليٰ انسان جي لاءِ آهي، جيڪو دنيا جي زندگيءَ ۾ ان ڳالهه جو ثبوت ڏي، ته هو هاڪاري رباني شخصيت جو مالڪ آهي. هيءَ دنيا هڪ اهڙي دنيا آهي، جتي ماڻهوءَ کي اَڻ وڻندڙ تجربن جي وچ ۾ جيئڻون پوي ٿو. اهي حالتون بار بار ماڻهوءَ جي داخلي روحاني سڪون کي هيٺ مٿي ڪن ٿيون. هو بار بار ناڪاري جذبن جو شڪار ٿيندو ٿو رهي. اهڙين حالتن ۾ رڳو اهو انسان پنهنجي داخلي روحانيت کي برقرار رکي سگهي ٿو، جيڪو صبر جي غيرمعمولي صفت پنهنجي اندر ۾ رکندو هجي. جيڪو ناڪاري حالتن کان غير متاثر ٿي جيئي. جيڪو هڪ طرفي اخلاقيات جي اصول تي زندگي گذارڻ جو ثبوت ڏيئي سگهي. اهڙي ئي انسان جو نالو صابر انسان آهي.
    توڪل ماڻهوءَ کي لُڏڻ لَمڻ کان بچائي ٿي. اها ان کي اعتماد واري زندگي عطا ڪري ٿي. هن دنيا ۾ بار بار اهڙا حوصلا شڪن تجربا پيش اچن ٿا، جيڪي ماڻهوءَ جي اندرين شخصيت کي لوڏي ٿا ڇڏين. ڪنهن ماڻهوءَ کي اهو محسوس ٿو ٿئي، ته ٻين کي کانئس ججهو مليو آهي. ڪڏهن هو ان احساس ۾ وٺجي ٿو وڃي، ته وٽس جيڪو ڪجهه آهي اهو سندس ارادن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي. ڪڏهن سندس حالتون کيس حوصلي شڪنيءَ طرف وٺي ويندي نظر اينديون آهن. اهڙيءَ حالت ۾ الله تي توڪل ئي ان جو اڪيلو سهارو بنجي ٿو. هو ظاهري حالتن کان بي پرواهه ٿي، الله تي توڪل تي ڀاڙي اڳتي وڌي ٿو. اهو صبر هڪ غيرمعمولي رباني گُڻ آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي، ته توڪل ماڻهوءَ کي جنت جو حقدار بنائي ٿي ڇڏي.


    29:104

    29:104
    دنيا ۽ آخرت
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايل آهي: ”۽ هيءَ حياتي کيل تماشي ۽ راند روند کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي ۽ آخرت جو گهر ئي سچي حياتي آهي. ڪاش هو ڄاڻن ها.“ (العنڪبوت: 64)
    انسان جي گمراهيءَ جو اصل سبب هيءَ آهي، ته هو دنيا جي رنگينن ۽ هُل بکيڙن ۾ ايترو ته گُم ٿي ٿو وڃي، جو هو ان کان مٿي ٿي نٿو سوچي. حقيقت تائين پهچڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي ظاهر کان مٿي کڻڻو پوي ٿو. گهڻا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ظاهر کان مٿي کڻي نه سگهندا آهن، تنهنڪري گهڻا ماڻهو حقيقت کي ڄاڻڻ وارا بنجي نه سگهندا آهن.


    29:105

    29:105
    الله ۾ جهاد
    قرآن مجيد ۾ ايمان وارن جي باري ۾ فرمايو ويو آهي: ”۽ جن ماڻهن اسان جي واٽ ۾ ڪوشش ڪئي، تن کي اسين ضرور پنهنجي واٽُ ڏيکارينداسون ۽ بيشڪ الله نيڪي ڪندڙن سان گڏ آهي.“ (العنڪبوت: 69)
    هن آيت ۾ جهاد في سبيل الله جو لفظ نه آهي. پر جهاد في الله جو لفظ آهي يعني الله ۾ جهاد ڪرڻ. الله جي معاملي ۾ پنهنجي محنت صرف ڪرڻ. ان جو مطلب ڪهڙو آهي، ان مان مراد اها ڪوشش آهي، جيڪا الله کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪئي وڃي. جيڪا الله سان لاڳاپو وڌائڻ جي لاءِ هجي. جنهن جو مقصد اهو هجي، ته ماڻهوءَ جي اندر خدا جو شعور زنده هجي ۽ کيس قربِ اِلاهيءَ جا تجربا ٿيڻ لڳن.
    الله تي ايمان جو مقصد رڳو ڪلمو پڙهي اقرار ڪرڻ نه آهي. ان قسم جو ايمان رڳو قانوني يا ظاهري ايمان آهي. اصل ايمان اهو آهي ته ماڻهو الله کي هڪ جيئري حقيقت طور ڳولهي. ان جو شعور ايترو ته گهڻو جاڳي پوي، جو هو ڪائنات جي لقائن ۾ الله جي نشانين کي ڏسڻ لڳي. سندس ايمان جامد ايمان نه پر ان ۾ روز صبح ۽ شام جو واڌارو ٿيندو رهي. ان قسم جي زنده ايمان کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ اهو عمل آهي، جنهن کي جهاد في الله چيو ويو آهي.
    ناحق پرستيءَ جي ماحول ۾ حق پرست بنجڻ هڪ شديد ”مجاهدي“ جو عمل آهي. ان ۾ مليل شئي کَسجي ٿي، حاصل ٿيل سڪون درهم برهم ٿي وڃي ٿو. پر ان محروميءَ ۾ هڪ عظيم فائدي جو راز لڪل آهي. اهو راز معرفت ۽ بصيرت جو آهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ انسان جا دروازا ٻُوٽجي وڃن ٿا، پر انهن جي لاءِ خدا جا دروازا پَٽجي وڃن ٿا. هو دنيا وڃائي خدا کي حاصل ڪرڻ ٿا لڳن ۽ هو مادي راحتن کان پري ٿي رباني ڪيفيتن جي قريب ٿي وڃن ٿا. ظاهري شيون انهن کان اؤجهل ٿي وڃن ٿيون، پر مصنوعي شيون مٿس پڌريون ٿي وڃن ٿيون. مٿن معرفت جا اهڙا ته راز کلڻ لڳن ٿا، جن جي عام ماڻهن کي خبر به نه هوندي آهي.


    30:106

    30:106
    خواهش پرستي
    قرآن مجيد ۾ ڪائنات جي ڪيترين ئي نشانين (آيتن) جو ذڪر ڪيو ويو آهي. اُهي نشانيون اهڙيون آهن، جن تي جيڪڏهن ويچاريو وڃي، ته انهن مان ماڻهو خدا جي وجود کي ڳولهي ٿو وٺي. سندس آخرت تي يقين وڌي ٿو وڃي. مٿس قرآني تعليم جي سچائي ظاهر ٿي پوي ٿي. ان قسم جي نشانين جي ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ارشاد فرمايو ويو آهي. ”پر ظالم علم کانسواءِ پنهنجي خواهشن جي پويان لڳن ٿا. پوءِ جنهن کي الله ڀَٽڪايو، تنهن کي ڪير رستو ڏيکاريندو ۽ انهن جا ڪي به مددگار نه آهن.“ (الروم: 29)
    هيءَ آيت ٻُڌائي ٿي ته حق جو بنياد علم آهي ۽ ناحق جو بنياد خواهش آهي. اڄوڪي دنيا ۾ هدايت جا سبب ايترا ته گهڻا آهن، جو ماڻهو جيڪڏهن سنجيدو ۽ حق جو گهورو آهي، ته هو ڪڏهن به حق لهڻ ۾ غلطي نٿو ڪري سگهي. هن جي پنهنجي فطرت، هن جي خدا يا عقل، ڪائنات ۾ وکريل نشانين ۽ خدا جو ڪتاب، اهي سڀ شيون انسان جي صحيح رهنمائي ڪرڻ جي لاءِ کوڙ آهن. اُهي ان ڳالهه جي حفاظت آهن،ته ماڻهو ڀٽڪڻ کانسواءِ حق جي منزل تائين پهچي سگهي ٿو.
    اهڙيءَ حالت ۾ سچائيءَ کي ڳولهي لهڻ ۾ اهو ئي شخص ناڪام ٿيندو، جيڪو حقيقتن کي نظرانداز ڪري پنهنجي خواهشن جي پويان هلڻ لڳي. هو آخرت جي بدران دنيا کي ترجيح ڏي. هو اصول جي بدران مفاد پرستيءَ کي اهم سمجهي. هو حق جي مٿان مصلحتن کي ترجيح ڏيڻ لڳي. رڳو اهڙا ماڻهو ئي هن دنيا ۾ حق کان محروم رهندا.


    30:107

    30:107
    قرآن شريف ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”پوءِ تون ان دين جي طريقي طرف پنهنجو ڌيان رک. الله جي فطرت جنهن تي ماڻهن کي پيدا ڪيو اٿس. الله جي پئدائش کي ڪابه مَٽ سَٽ نه آهي. سِڌو دين اهو آهي، پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. اوهين سڀ ان ڏي رجوع ڪريو ۽ ان کان ڊڄو ۽ نماز قائم ڪيو ۽ مُشرڪين مان نه ٿيو. انهن مان نه ٿيو، جن پنهنجي دين کي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ڇڏيو ۽ ٽولا ٽولا ٿي ويا. ۽ هر ٽولو (گروهه) پنهنجي طريقي تي خوش آهي، جا وٽس آهي. (الروم: 30-32)
    خدا جو دين بلڪل اهو ئي آهي، جيڪو انسان جي فطرت آهي ۽ انسان جي فطرت بلڪل اها ئي آهي، جيڪو خدا جو دين آهي. ان آڌار تي انسان جي لاءِ نه خدا کي سُڃاڻڻ ڏکيو آهي، ۽ نه ئي ان تي قائم رهڻ. ان هوندي به جيڪڏهن انسان گمراهه ٿي وڃي، ته ان لاءِ هو پاڻ ئي ذميدار آهي.
    حقيقت هيءَ آهي، ته اصل دين هڪ ئي آهي ۽ اهو هر پيغمبر تي پنهنجي مڪمل شڪل ۾ لٿو آهي. اهو آهي هڪ الله ڏانهن رجوع ڪرڻ، هڪ الله کان ڊِڄڻ، هڪ الله جي پرستاري، هر وقت الله ڏانهن ڌيان هئڻ، اهو ئي دينِ فطرت آهي. اهو دينِ اَبدي طور تي هر انسان جي نفسيات ۾ سَمايل آهي. سڀني پيغمبرن ان هڪ دين جي تعليم ڏني. پر سندن مڃيندڙن جي ايندڙ نسلن هڪ دين جا ڪيترائي دين بنائي ڇڏيا.
    ڪيترائي دين، سدائين اُنهن واڌو بحثن سان بنجن ٿا، جيڪي پوءِ ايندڙ ماڻهو پيغمبرن جي شروعاتي تعليم ۾ پيدا ڪن ٿا. عقيدن ۾ نين ايجادن جون موشگافيون، عبادتن ۾ پاڻمرادو مثالن جا واڌارا، زماني جي تاثر تحت دين جون نيون نيون تعبيرون. اِهي ئي اُهي شيون آهن، جيڪي ايندڙ وقت ۾ هڪ دين کي ڪيترن ئي دينن ۾ ورهائي ٿيون ڇڏين. جڏهن اُهي واڌارا وجود ۾ اچن ٿا، ته ماڻهو اصل دين جي بدران پنهنجن انهن واڌارن تي زور ڏيڻ لڳندا آهن، جن جي ڪري هڪ گروهه ٻئي گروهه کان ڌار ٿئي ٿو ۽ نئون گروهه بنجي ٿو. هڪ گروهه هڪ قسم جي واڌاري تي زور ڏئي ٿو ۽ ٻيو گروهه ٻئي قسم جي واڌاري تي. ايئن نيٺ نؤبت اُتي وڃي ٿي پهچي، ته هڪ دين کي مڃيندڙ عملي طور تي ڪيترن ئي ديني گروهن ۾ ورهائجي وڃن ٿا.


    30:108

    30:108
    دعوت ۽ صبر
    قرآن مجيد ۾ دعوتِ اسلاميءَ جي مخالفن جو ذڪر ڪندي پيغمبر کي هيءَ هدايت ڪئي ويئي: ”پوءِ (اي پيغمبر ﷺ) تون صبر ڪر، بيشڪ الله جو واعدو سچو آهي ۽ جيڪي تنهنجي چوڻ تي يقين نه ٿا رکن، سي توکي هلڪو نه ڪن.“ (الروم: 60)
    حق جي دعوت جو ڪم هڪ بيحد نازڪ ڪم آهي. داعيءَ پاران حق جي پيغام رسائيندڙ جي حيثيت سادي نموني تي هڪ اعلان جي ڪونهي، پر اهو هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جي بنياد تي مدعوءَ جي ابدي مستقبل جو فيصلو ٿيڻ وارو آهي. دعوتي عمل جو اهو پهلو ان کي آخري حد تائين سنجيدو عمل بنائي ٿو ڇڏي. ان مصلحت جي ڪري ضروري ٿئي ٿو، ته دعوت جي عمل ۾ مدعوءَ کي مڪمل رعايت ڏني وڃي، ته جيئن جن ماڻهن جي اندر قبوليت جو مادو آهي، اهي حق کي سمجهي ان کي قبولين ۽ جن جي اندر قبوليت جو مادو نه آهي، تن جي باري ۾ اهو پوري طرح ثابت ٿي وڃي، ته مٿس سڀ ڪجهه پڌرو ڪيو ويو آهي. ان هوندي به انهن ان کي مڃڻ کان نابري واري.
    مدعو جي اها رعايت داعيءَ جي لاءِ دعوت جي عمل کي انتهائي ذميداريءَ وارو عمل بنائي ٿي ڇڏي. کيس صبر جي ڪيترن ئي مرحلن مان لنگهڻون ٿو پوي، ايستائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن محسوس ٿيندو آهي، ته سندس طاقت جواب ڏيئي رهي آهي ۽ هو پنهنجو حوصلو وڃائي ويٺو آهي. پر حق جي داعيءَ جي لاءِ خدا وٽ جيڪو عظيم انعام آهي، ان جو هو ان وقت حقدار بنبو، جڏهن هو صبر ۽ اٽلتا جي انهن مرحلن تي ثابت قدم رهندو.
    دعوت نه رڳو مدعوءَ جي لاءِ، پر خود داعيءَ جي لاءِ هڪ سخت آزمائش آهي. اهڙي وقت ۾ داعيءَ جي لاءِ ضروري هوندو آهي،ته هو پنهنجي يقين کي نه وڃائي. جيڪڏهن حالتن جي شدت تحت هن پنهنجي ان يقين کي وڃائي ڇڏيو، ته هو اهڙي ڳالهه ڪرڻ لڳندو، جيڪا عام ماڻهن کي شايد اهم لڳي، پر الله جي نظر ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪابه غيراهم ڳالهه نه هوندي.


    31:109

    31:109
    لقمان جي نصيحت
    قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي، ته حضرت لقمان پنهنجي پُٽ کي ڪجهه نصيحتون ڪيون. ان سلسلي ۾ هن چيو: ”اي منهنجا پُٽڙا! نماز قائم ڪر ۽ چڱي ڪم جو حڪم ڪر ۽ بُڇڙي ڪم کان روڪ. ۽ جيڪا تڪليف توکي پهچي، تنهن تي صبر ڪر. بيشڪ اهو ڪم همت جي ڪمن مان آهي. ۽ ماڻهن کان مُنهن نه موڙ (وڏائي نه ڪر) ۽ زمين تي آڪڙ سان نه هَل. بيشڪ الله کي هَٺيلو ۽ پاڻ پَڏائيندڙ نه ٿو وڻي ۽ پنهنجي هلڻ ۾ وچٿري چال هَل ۽ پنهنجي آوازکي هيٺاهون رک! ڇوته آوازن مان بُڇڙو آواز گڏهه جو آهي.“ (لقمان: 17-19)
    نماز قائم ڪرڻ ڪا سادي ڳالهه نه آهي. اها اصول ۽ ڪردار جي هڪ علامت ۽ ذميواراڻي زندگي گذارڻ جو هڪ سڳورو وچن آهي ۽ ان قسم جي زندگيءَ تي اهي ئي ماڻهو قائم رهي سگهن ٿا، جيڪي هن دنيا ۾ عزم ۽ حوصلي سان زندگي گذارڻ جي لاءِ تيار هجن.
    دين تي پاڻ عمل ڪرڻ يا ٻين کي دين ڏانهن سڏڻ، ٻئي صبر گهُرن ٿا. تنهنڪري ڪرڻ کان اڳ سوچڻو پوي ٿو. نفس جي خواهش تي هلڻ جي بدران نفس جي اُبتڙ هلڻو پوي ٿو. پنهنجي وڏائي کي بيان ڪرڻ جي بدران اُن تان هيٺ لهڻو پوي ٿو. ٻين پاران ملندڙ تڪليفن کي هڪ طرفي طور تي سَهڻو پوي ٿو.
    اُهي سڀ حوصلي منديءَ وارا ڪم آهن ۽ حوصلي منديءَ واري ڪردار جو ٻيو نالو اسلامي ڪردار آهي. هڪ مؤمن کي هڪئي وقت ٻن ذميدارين جي وچ ۾ هلڻو پوي ٿو. هڪ پاسي خدا سان لاڳاپي ۽ واسطي واري زندگي گذارڻ ۽ ٻئي پاسي انسانن جي وچ ۾ اخلاقي تقاضائن کي پورو ڪندي، انهن جي وچ ۾ رهڻ.


    31:110

    31:110
    خدا رُخي زندگي
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”۽ جنهن پنهنجو مُنهن الله ڏي ڪيو، ۽ اهو نيڪي ڪندڙ به آهي اُن مضبوط رسي جهلي ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله ڏي ئي آهي ۽ (اي پيغمبر) جيڪو انڪار ڪري ٿو، تنهن جو انڪار (ڪُفر) توکي غمگين نه ڪري. انهن کي اسان ڏي ئي ورڻو آهي. پوءِ جيڪو ڪيو هوندائون، سو کين ٻُڌائينداسون. بيشڪ الله سينن جو ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. اسين کين ٿورو فائدو رسائينداسون، پوءِ وري کين سخت عذاب ڏي مجبور ڪنداسون.“ (لقمان: 23-24)
    هر ماڻهوءَ جو هڪ رُخ هوندو آهي، جيڏانهن هو پنهنجي مڪمل فڪري ۽ عملي وجود سان متوجه هوندو آهي. مؤمن اهو آهي، جنهن جو رُخ پوري طرح خدا طرف ٿي وڃي. مؤمناڻي زندگي ٻين لفظن ۾ خدا رُخي (God-oriented) زندگيءَ جو نالو آهي ۽ غير مؤمناڻي زندگي غير خدا رُخي زندگيءَ جو نالو آهي. جنهن شخص خدا طرف رُخ ڪيو، ان صحيح منزل ڏانهن رُخ ڪيو. هو پڪ سان سُٺي انجام تائين پهچندو. ان جي ابتڙ جيڪو شخص خدا کان غافل ٿيو ۽ ٻئي طرف ڌيان ڌَريائين، ته هو بي رُخ ۽ بي منزل ٿي ويو. کيس اڄ جي وقتي زندگيءَ مان ڪجهه فائدا ته ٿي سگهن ٿا، پر آخرت جي هميشه رهڻ واري زندگيءَ ۾ هن جي لاءِ عذاب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.


    32:111

    32:111
    جنتين جا گُڻ
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”اسان جي آيتن تي رُڳو اهي ايمان آڻين ٿا، جن کي جڏهن انهن آيتن سان نصيحت ڪئي وڃي ٿي ته سجدي ۾ ڪِري پون ٿا ۽ پنهنجي پاليندڙ جي واکاڻ سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي وڏائي نه ٿا ڪن. سندن پاسا سمهڻ جي هنڌ کان پري ٿين ٿا. پنهنجي پاليندڙ کي ڊپ ۽ اُميد سان سڏين ٿا ۽ جيڪي اسان کين ڏنو آهي، اُن مان خرچ ڪن ٿا. ڪير به اهو نٿو ڄاڻي ته سندن عملن جي بدلي ۾ سندن لاءِ ڪهڙي نه اکين جي ٿڌاڻ لڪائي رکي ويئي آهي.“ (السجده: 15-16)
    هدايت جي ان سلسلي ۾ سڀني کان اهم شئي مڃڻ جو مادو آهي، هدايت رُڳو انهن ماڻهن کي ملي ٿي، جن جي اندر اهو مزاج هجي، ته جڏهن سچائي ڪنهن جي سامهون اچي، ته هو هڪدم اها مڃي وٺن، پوءِ ڀلي اها سچائي هڪ ننڍي ماڻهوءَ جي ذريعي سامهون آئي هجي. پوءِ ڀلي ان کي مڃڻ، پنهنجو پاڻ کي غلط قرار ڏيڻ جي هم معنيٰ هجي. ڀلي ان کي مڃي پنهنجي زندگيءَ جو نقشو درهم برهم ٿيندو نظر اچي. جن ماڻهن جي اندر اهو حوصلو هوندو آهي، اُهي ئي سچائي کي حاصل ڪن ٿا. جيڪي ماڻهو اهو چاهين ته هو سچائيءَ کي ايئن مڃين، جو انهن جي وڏائي بدستور قائم رهي، ته اهڙن ماڻهن کي ڪڏهن به سچائي پلئه نٿي پوي.
    جيڪو ماڻهو حق جي خاطر پنهنجي وڏائي وڃائي ڇڏي، اهو سڀ کان وڏي شئي کي حاصل ڪري ٿو وٺي ۽ اها خدا جي وڏائي آهي. هن جي زندگيءَ ۾ خدا ايئن ٿو شامل ٿي وڃي، جو هو ان جي يادن سان گڏ سمهي ۽ ان جي يادن سان گڏ جاڳي. هن جا ڊپ ۽ اميد جا سڀئي جذبا سڀئي خدا سان لاڳاپجي وڃن. هو پنهنجو اثاثو ايئن خدا جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو، جو باقي اُن ۾ ڪجهه به بچائي نه ٿو رکي. هي اهي ماڻهو آهن، جن جون اکيون جنت جي اَبدي باغن ۾ ٿڌيون ٿينديون.


    33:112

    33:112
    رسول جو نمونو
    رسول ۽ اصحابَ رسول تي مختلف حالتون گُذريون آهن. هو هر حالت ۾ مڪمل طور تي حق تي قائم رهيا. انهن جو ذڪر ڪندي قرآن مجيد ۾ ارشاد ٿيو آهي: ”اوهان جي لاءِ الله جي رسول ۾ بهترين نمونو آهي. ان شخص جي لاءِ جيڪو الله جو ۽ آخرت جي ڏينهن جو اُميدوار هجي ۽ ڪثرت سان الله کي ياد ڪري.“ (الاحزاب: 21)
    رسول ۽ اصحابهِ رسول جون زندگيون قيامت تائين ايمان وارن جي لاءِ خداپرستيءَ واري زندگيءَ جو نمونو آهن. ان ڳالهه جو نمونو ته الله ۽ آخرت جي اميدواريءَ جي ڪهڙي معنيٰ آهي. الله کي ياد ڪرڻ جي ڪهڙي معنيٰ آهي. الله کي ياد ڪرڻ جو مطلب ڇا هوندو آهي. ڏکين حالتن ۾ ثابت قدمي ڇا کي ٿو چئجي. خدا جي وعدن تي ڪيئن ڀروسو ڪيو وڃي ٿو. وڌندڙ ايمان ڇا آهي ۽ اهو ڪيئن حاصل ٿئي ٿو. خدا سان ڪيل وچن کي پورو ڪرڻ جو طريقو ڪهڙو آهي.
    رسول ۽ اصحابيِ رسول انهن شين جو آخري نمونو قائم ڪري ڇڏيو. سخت کان سخت حالتن ۾ به انهن ڪا ڪمزوري نه ڏيکاري. هنن هر معاملي ۾ اسلامي فڪر ۽ اسلامي ڪردار جو مڪمل ثبوت ڏنو. امتحان جي گهڙي اچڻ کان اڳ به هو حق تي قائم هئا ۽ امتحان جي گهڙيءَ اچڻ کان پوءِ به هو حق تي قائم رهيا.
    پوءِ رسول ۽ اصحابي سڳورن جون زندگيون ئي ان ڳالهه جو نمونو به آهن، ته خدا وٽ ڪنهن جو به فيصلو امتحان کانسواءِ نٿو ڪيو وڃي. خدا جو طريقو اهو آهي، ته هو سخت حالتون پيدا ٿو ڪري، ته جيئن سچا ايمان وارا ۽ ڪُوڙا دعويدار هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وڃن. ان خدائي قانون ۾ نه اڳ ڪا ردوبدل هئي ۽ نه آئنده ڪا ردوبدل ٿيندي.


    33:113

    33:113
    مؤمن ۽ مؤمنياڻيون
    قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو ويو آهي: ”بيشڪ مسلمان مرد ۽ مسلمان عورتون ۽ ايمان وارا مرد ۽ ايمان واريون عورتون ۽ فرمانبردار مرد ۽ فرمانبردار عورتون ۽ سچا مرد ۽ سچيون عورتون ۽ صبر ڪندڙ مرد ۽ صبر ڪندڙ عورتون ۽ عاجزي ڪندڙ مرد ۽ عاجزي ڪندڙ عورتون ۽ خيرات ڪندڙ مرد ۽ خيرات ڪندڙ عورتون ۽ روزا رکندڙ مرد ۽ روزا رکندڙ عورتون ۽ پنهنجي اؤگهڙن جي نگهباني ڪندڙ مرد ۽ نگهباني ڪندڙ عورتون ۽ الله کي گهڻو ياد ڪندڙ مرد ۽ ياد ڪندڙ عورتون، انهن سڀني لاءِ الله معافي ۽ وڏو اَجرُ تيار ڪيو آهي.“ (الحزاب: 35)
    قرآن مجيد جي هن آيت ۾ ٻُڌايو ويو آهي، ته الله تعاليٰ هڪ مرد ۽ هڪ عورت کي جيئن ڏسڻ چاهي ٿو، اهو ڇا آهي. اُهي هيٺيان ڏهه گُڻ آهن: اسلام، ايمان، قنوت، صدق، صبر، خشوع، صدقو، روزو، پاڪائي ۽ الله جو ذڪر.
    انهن ڏهن لفظن ۾ اسلامي عقيدي ۽ اسلامي ڪردار جا سڀئي پهلو مِڙي آيا آهن. انهن جو تَت اهو آهي، ته هر اهو شخص جيڪو الله وٽ مغفرت ۽ ايمان جو حقدار هجي، ان کي ايئن بنجڻ گهُرجي، ته هو الله جي حُڪم جي اڳيان ڪنڌُ جهُڪائڻ وارو هجي. هو الله تي ڀروسو ڪندڙ هجي. هن جي پنهنجي پوري وجود سان الله جي دين ۾ سمائجي ٿو وڃي. هن جي زندگي قول ۽ فعل جي تضاد کان خالي هجي. هو هر حال ۾ ڄميو رهڻ وارو هجي. الله جي وڏائيءَ جي احساس کيس متواضع بنائي ڇڏيو هجي. هو ٻين جون گهُرجون پوريون ڪرڻ کي به پنهنجي ذميداري ڳڻيندو هجي. هو روزيدار هجي، جيڪا نفس کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سکيا آهي. هو شهواني خواهشن جي مقابلي ۾ پاڪ ۽ پاڪدامن هجي. هن جي هر گهڙي، صبح ۽ شام الله جي ياد ۾ گُذرڻ لڳي.
    اُهي گُڻ جيئن مردن کان گهربل آهن، تيئن اُهي عورتن کان به گهُربل آهن. انهن گُڻن جو دائرو ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ مختلف آهي. پر جيستائين خود گُڻن جو واسطو آهي ته اهي ٻنهي جي لاءِ هڪجهڙا آهن. ڪا عورت هجي يا مرد هو ان وقت خدا وٽ قبوليت جوڳو هجي ٿو، جڏهن هو انهن ڏهن گُڻن سان خدا وٽ پهچي ٿو.


    33:114

    33:114
    آخري رسول
    قرآن مجيد ۾ اهو اعلان ڪيو ويو آهي ته، حضرت محمد ﷺخدا جو آخري رسول آهي. ان سلسلي ۾ چيو ويو آهي: ”محمد ﷺاوهان مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي. پر هو الله جو رسول ۽ نبين کان پڇاڙيءَ ۾ اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪنهن شئي کي ڄاڻندڙ آهي.“ (الاحزاب: 40)
    خاتم النبين جو لفظي ترجمو آهي، ته پاڻ نبين جي مُهر آهن. خاتم جو لفظ Stamp نه پر سيل (Seal) جي لاءِ اچي ٿو. يعني آخري عمل. لفافي کي سيل ڪرڻ جو مطلب ان کي آخري طور تي بند ڪرڻ آهي، ان کانپوءِ نه ڪا شيءِ ان جي اندران ٻاهر نڪرندي، نه وري اندر ويندي. تنهنڪري عربيءَ ۾ قوم جو خاتم قوم جي آخري شخص کي چيو ويندو آهي. (خاتم القوم آخرهم).
    قرآن مجيد ۾ اهو اعلان زيد ۽ زينب جي قصي جي سلسلي ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ تفسير جو هر ڪتاب ڏسي سگهجي ٿو. ان مخصوص واقعي جي سلسلي ۾ پاڻ سڳورن جي خاتم النبين هئڻ جي اعلان جو مطلب هيءَ آهي، ته جيئن ته پاڻ سڳورن کانپوءِ ڪو نبي اچڻ وارو ڪونهي، تنهنڪري ضروري آهي ته سڀني خدائي ڳالهين جو اظهار پاڻ سڳورن جي ذريعي ڪيو وڃي.
    پيغمبرِ اسلام محمد ﷺخدا جا آخري رسول هئا. سندس باري ۾ قرآن پاڪ جي اها آيت هڪ سَنئين سِڌي بيان جي حيثيت رکي ٿي. ان کانسواءِ اهو بيان ڪيترن ئي هنڌن تي قرآن پاڪ ۾ اَڻ سڌي انداز ۾ پڻ موجود آهي. مثال طور: قرآن مجيد ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هي ڪتاب هڪ محفوظ ڪتاب آهي، ان جي محفوظيت ڪڏهن به ختم ٿيڻي نه آهي. قرآن جو اهو بيان به ان ڳالهه جو اَڻ سڌي طرح ثبوت آهي، ته پيغمبرِ اسلام کانپوءِ ٻيو ڪو رسول اچڻ وارو ڪونهي؛ ڇوته جڏهن خداجو هدايت نامون پنهنجي مڪمل ۽ محفوظ صورت ۾ دنيا ۾ موجود هجي، ته اهڙيءَ حالت ۾ سنت الله موجب ڪوبه نبي موڪليو نه ويندو آهي.


    33:115

    33:115
    پيغمبر جو مَنصب
    قرآن مجيد ۾ پيغمبرِ اسلام کي مخاطب ڪندي چيو ويو آهي: ”اي نبي! اسان توکي حالتن کان واقف ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ٻُڌائڻ وارو ۽ (بڇڙن نتيجن کان) ڊيڄارڻ وارو ۽ الله ڏي سندس حڪم سان سڏيندڙ ۽ روشن ڏيئو ڪري موڪليو.“ (الاحزاب: 45-46)
    شاهد، مبشر، نذير، داعي، اهي سڀ هڪئي حقيقت جا مختلف پهلو آهن. پيغمبر جو مشن اهو هوندو آهي، ته هو ماڻهن کي زندگيءَ جي حقيقت کان واقف ڪري. هو ماڻهن کي جنت ۽ دوزخ جي خبر ڏي. اهو هڪ دعوتي عمل آهي ۽ ان دعوتي عمل جي بنياد تي پيغمبر آخرت جي عدالت ۾ انهن ماڻهن جي باري ۾ شاهدي ڏيندو، جن تائين هن حق جي ڳالهه پهچائي، ۽ پوءِ ڪن مڃي ته ڪن نه مڃي.
    ڏيئي جو ڪم اهو آهي ته هو اونداهيءَ ۾ لڪل شين کي ظاهر ڪري، ته جيڪي شيون نظر نٿيون اچن سي نظر اچڻ لڳن. اهو ڪم پيغمبر جي آندل خدائي هدايت جو آهي. ماڻهو افڪار، روايتن ۽ وهمن جي فڪري جهنگل ۾ گُم آهن. خدا جي رسول جي حيثيت ان فڪري اونداهيءَ ۾ هڪ روشن ڏيئي جهڙي آهي. پر ڏيئو روشن هئڻ جي باوجود، اهو ئي شخص شين جي صحيح صورت ڏسي سگهندو، جيڪو پنهنجي اک پَٽيل رکندو. ساڳئي طرح پيغمبراڻي هدايت جي باوجود کانئس صحيح رهنمائي فقط ان شخص کي ملندي، جيڪو کليل ذهن سان ان تي ويچارڻ جي لاءِ تيار هجي. هن دنيا ۾ ٻُوٽيل اک جي لاءِ ڪابه شيءِ ڏسڻ مقدر ڪونهي. ساڳئي طرح بند ذهن جي لاءِ به ڪنهن حقيقت کي دريافت ڪرڻ ممڪن ڪونهي.


    33:116

    33:116
    قول سديد
    ”اي ايمان وارؤ! الله کان ڊڄو! ۽ سِڌي ڳالهه چئو، ته (الله) اوهان لاءِ اوهان جا ڪم سڌاري ۽ اوهان جا گناهه اوهان کي معاف ڪري ۽ جيڪو الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو، سو بيشڪ وڏو ڪامياب ٿيو.“ (الاحزاب: 70-71)
    ڪلام جا ٻه قسم آهن، هڪ سديد ڪلام آهي ۽ ٻيو غير سديد ڪلام آهي. سديد ڪلام اهو آهي، بلڪل واقعي موجب واقعاتي تجزيي تي ٻَڌل هجي. جيڪو ٺوس دليلن سان پيش ڪيو وڃي. ان جي ابتڙ غير سديد ڪلام اهو آهي، جنهن ۾ حقيقت جي رعايت شامل نه هجي، جنهن جو بنياد اندازي ۽ ٻُڌل سُڌل ڳالهه تي قائم هجي، جنهن جي حقيقت رڳو راءِ زني جي هجي، نه ڪي واقعي جي حقيقت جي اظهار جي. پهريون ڪلام مخلصاڻو ڪلام آهي ۽ ٻيو ڪلام غير مخلصاڻو ڪلام آهي.
    درست ڪلام (قول سديد) جو نتيجو سدائين دُرست عمل هوندو آهي. درست ڪلام جو مطلب اهو هوندو آهي، ته ماڻهوءَ جي سوچ عين واقعي موجب آهي ۽ جڏهن سوچ واقعي موجب هجي ته عملي رٿا بندي به واقعي موجب ئي ٿيندي. واقعي موجب رٿابندي لازمي طور تي معاملن کي دُرست ڪندي آهي ۽ ڪاميابيءَ جو ذريعو بنجندي آهي.


    33:117

    33:117
    اختياري عمل
    ”بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمينن ۽ جبلن جي اڳيان امانت کي آندو، پوءِ انهن اُن جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ ان کان ڊڄي ويا ۽ ان کي انسان کنيو، بيشڪ اهو وڏو ظالم نادان آهي. هن لاءِ ته الله دغاباز مردن ۽ دغاباز زالن ۽ (الله) سان شريڪ ڪندڙ مڙسن ۽ شريڪ ڪندڙ زالن کي سزا ڏيئي ۽ الله ايمان وارن مردن ۽ ايمان وارين زالن تي مهرباني ڪري ۽ الله معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي.“ (الاحزاب: 72-73)
    امانت مان مراد اختيار آهي. اختيار کي امانت ان ڪري فرمايو، ته اها الله جي هڪ شئي آهي. جيڪا هن ٿوري عرصي لاءِ انسان کي آزمائش طور ڏني آهي، ته جيئن انسان خود پنهنجي ارادي سان خدا جو تابعدار بنجي. امانت، ٻين لفظن ۾ پنهنجي مٿان خدا جو قائم مقام بنجڻ آهي. پنهنجو پاڻ تي اهو ڪرڻو آهي، جيڪو خدا تارن ۽ گرهن تي سڌو سنئون ڪري رهيو آهي. يعني پنهنجي اختيار سان پنهنجو پاڻ کي خدا جي ڪنٽرول ۾ ڏيئي ڇڏڻ.
    هن ڪائنات ۾ رڳو الله حاڪم آهي ۽ باقي هڙئي شيون سندس محڪوم آهن. پر الله تعاليٰ جي مرضي ٿي ته هو هڪ اهڙي آزاد مخلوق پيدا ڪري، جيڪا ڪنهن جبر کانسواءِ خود پنهنجي اختيار سان اهو ئي ڪري، جيڪو الله کانئس ڪرائڻ ٿو چاهي. اها اختياري اطاعت وڏي نازڪ آزمائش هئي. آسمان ۽ زمين ۽ جبل ان جو وزن سَهي نه ٿي سگهيا. پر انسان سخت انديشي جي باوجود به اهو قبولي ورتو. هاڻ انسان هن دنيا ۾ خدا جي اُمتن جو امين آهي. کيس پنهنجي مٿان اهو ئي ڪرڻو آهي، جيڪو خدا ٻين شين تي ڪري رهيو آهي. انسان کي پنهنجو پاڻ تي خداجو حڪم هلائڻو آهي. انسان امتحان جي حالت ۾ آهي ۽ هيءَ دنيا ان جي لاءِ هڪ وڏو امتحان گاهه آهي.
    اها امانت هڪ بيحد نازڪ ذميداري آهي، ڇوته ان جي ڪري ئي سزا ۽ جزا جو مسئلو پيدا ٿئي ٿو. ٻي سڀ مخلوق مجبور ۽ مقصور آهي. انهن جي لاءِ سزا ۽ جزا جو مسئلو ڪونهي. انسان آزاد آهي، تنهنڪري هو سزا ۽ جزا جو حقدار بنجي ٿو. جيڪو مرد ۽ عورت هن دنيا ۾ پنهنجي آزاديءَ جو درست استعمال ڪندو، آزاديءَ جي باوجود به هو خدا جي دين جو پابند بنجي رهندو. ان جي لاءِ آخرت جون اَبدي جنتون آهن ۽ جيڪي ماڻهو آزادي ماڻي هوڏي ٿي پوندا، انهن جي لاءِ آخرت جو ابدي عذاب آهي.


    34:118

    34:118
    ڪائنات جي شاهدي
    ”ساراهون سڀ پالڻهار جي لاءِ آهن، جنهن جو اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪو زمينن ۾ آهي ۽ ان جي ساراهه آهي آخرت ۾ ۽ هو ڏاهپ وارو ڄاڻندڙ آهي. هو اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، جيڪو زمين جي اندر داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه ان مان نڪري ٿو ۽ جيڪو ڪجهه آسمانن تان لهي ٿو ۽ جيڪو ڪجهه اوڏانهن وڃي ٿو ۽ هو رحمت وارو بخشيندڙ آهي.“ (سبا: 1-2)
    ڪائنات پنهنجي خالق جو تعارف آهي. ان جي هيبتناڪ وشالتا خالق جي عظمت ٻڌائي ٿي. ان جي حد ڪمال تائين موزون هئڻ ٻڌائي ٿي، ته ان جو خلقيندڙ هڪ مڪمل ۽ ڪامل هستي آهي. ان جي سڀني حصن جو پنهنجي پنهنجي دائري ۾ عمل ڪرڻ ثابت ڪري ٿو، ته ان جو هلائيندڙ بيحد حڪيم ۽ عليم آهي. ڪائنات جو انسان جي لاءِ مڪمل طور تي سازگار هئڻ ظاهر ٿو ڪري، ته ان جو خالق پنهنجي مخلوق جي لاءِ نهايت مهربان ۽ ٻاجهارو آهي.
    جيڪو شخص ڪائنات تي ويچاريندو، اهو خدا جي جلال ۽ ڪمال جي احساس سان سرشار ٿي ويندو. هو يقين ڪري وٺندو ته ازل کان وٺي ابد تائين سڀ عظمتون رڳو هڪ خدا جي لاءِ آهن. ان کانسواءِ ٻي ڪنهن جي لاءِ به نه. ڪائنات جي مختلف ڀاڱن ۾ هم آهنگي ۽ ڪنهن داخلي ٽڪراءُ کانسواءِ انهن جو لڳاتار هلندو رهڻ ۽ انهن جي سرگرميءَ جو سدائين مفيد نتيجو پيدا ڪرڻ، ان قسم جا واقعا خود پنهنجي ذات ۾ ان ڳالهه جو ثبوت آهن، ته هن ڪائنات جو ڪو خالق آهي ۽ ا سان گڏ اهو عليم ۽ حڪيم ۽ خبير ۽ رحيم ۽ غفور آهي. ڪائنات پنهنجي خالق جي وجود جو ثبوت آهي ۽ ان سان گڏ ان ڪائنات جي صفتن جي ڪمال جوتعارف پڻ آهي.


    34:119

    34:119
    ڪائناتي نشانيون
    ”۽ انڪاري (ڪافر) هڪٻئي کي چون ٿا، ته ڇا اسين اوهان کي اهڙو مرد ڏسيون، جو اوهان کي ٻُڌائيندو، ته جڏهن اوهين بلڪل ذرا ٿي ويندو، تڏهن اوهان کي نئين سر بنايو ويندو. ڇا الله تي ڪُوڙ ٺاهيو اٿس؟ يا ان کي ڪو سوداءَ آهي؟ (ايئن نه آهي)، پر جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا آڻين، سي عذاب ۽ وڏي گمراهيءَ ۾ آهن، پوءِ جيڪو آسمان ۽ زمين سندن اڳيان ۽ پويان آهي، تنهن ڏي نه ڏٺو اٿن ڇا؟ ته جيڪڏهن گهُرون ته انهن کي زمين ۾ ڳهائي ڇڏيون يا آسمان جا ڪي ٽُڪرا مٿس ڪيرايون، بيشڪ ان ۾ سڀ ڪنهن رجوع ڪندڙ ٻانهي لاءِ وڏي نشاني آهي.“ (سبا: 7-9)
    هن دنيا ۾ سڀ کان وڏي محرومي اها آهي ته ماڻهو صحت جي فڪر کان محروم ٿي وڃي. اهڙو ماڻهو ڪنهن شئي کي سندس اصلي روپ ۾ ڏسي نٿو سگهي. کليل حقيقتن مان به کيس نصيحت نٿي ملي. جهروڪ: مٿئين فضا مان بي شمار پٿر نهايت تيزيءَ سان زمين طرف ايندا رهندا آهن. جيڪڏهن اهي پٿر انساني وسندين تي وسڻ لڳن، ته انساني نسل جو خاتمو ٿي وڃي. ساڳئي طرح زمين جي هيٺين حصي جو گهڻو حصو وِگهريل لاوو آهي، جيڪڏهن اهو غيرمحدود طور تي ڦاٽي پوي، ته زمين جي مٿاڇري جي هر شئي سڙي ختم ٿي وڃي. پر خدا پنهنجي خصوصي انتظام تحت ايئن ٿيڻ نٿو ڏي. آسمان ۽ زمين ۾ ان قسم جون چِٽيون نشانيون آهن، جيڪي انسان جي عجز کي ٻُڌائي رهيون آهن. پر جڏهن ماڻهوءَ جي اندر صحيح سوچ نه هوندي، ته ڪابه نشاني کيس هدايت ڏيندڙ بنجڻ واري نه آهي. هو کليل حقيقتن جي وچ ۾ ايئن ٿو رهي، ڄڻ کيس ڪنهن حقيقت جي خبر ئي ڪونهي.
    هر انسان جيڪو اڄ جيئرو آهي، اهو اڳ موجود نه هو. ايئن انسان خود ان ڳالهه جو ثبوت آهي، ته هن جو عدم مان وجود ۾ اچڻ ممڪن آهي. اهو ئي واقعو ان ڳالهه جو به ثبوت آهي، ته موت کانپوءِ کيس ٻيهر جنمي سگهجي ٿو. جيڪڏهن پهريون گهُمرو عدم مان وجود ۾ اچڻ ممڪن هو، ته موت کانپوءِ ٻيهرپيدا ٿيڻ ڇو ناممڪن ٿي پوندو.


    34:120

    34:120
    ڪابه سفارش نه
    ”(اي پيغمبر ﷺ) کين چئو ته الله کانسواءِ، جن جو اوهان گُمان ڪيو آهي، تن کي سڏيو. اهي نه ڪي آسمانن ۾ نه ڪي زمين ۾ ذري جيتري شئي جا مالڪ آهن، ۽ نه ئي انهن ٻنهي ۾ انهن جي ڪا ڀائيواري آهي. ۽ نه انهن مان ڪو الله جو مددگار آهي. ۽ نه وٽس (ڪنهن جي) سفارش (ڪنهن کي) فائدو ڏيندي، پر ان جي جنهن کي موڪل ڏني هوندائين (اُهي اجازت کانپوءِ به گهٻرائجي ويندا) ايتري تائين جو جڏهن سندن دلين تان گهٻراهٽ لاٿي ويندي، تڏهن چوندا ته اوهان جي پاليندڙ ڇا چيو. هو (ملائڪ) چوندا ته حق ڳالهه چئي اٿس ۽ هو سڀ کان مٿاهون وڏو آهي.“ (سبا: 22-23)
    ماڻهو اڪثر پاڻمرادو اهڙا هٿرادو عقيدا جوڙي ٿا وٺن، جيڪي کين آخرت جي پَڪڙ کان بي ڊپو ڪريو ڇڏين. انهن مان هڪ فرضي عقيدو هيءَ به آهي، ته ڪن هستين کي خدا وٽ ايترو ته وڏو مقام (درجو) حاصل آهي، جو هو پنهنجي سفارش جي وسيلي جنهن کي به چاهين بخشرائي ڇڏين.
    پر ان قسم جو عقيدو نه رڳو بي بنياد آهي، پر اهو خدا جي خدائيءَ جو گهٽ اندازو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي خدا جي سچي معرفت حاصل ٿي وڃي، اهو خدا جي عظمت جي احساس هيٺان آخري حد تائين دٻجي ويندو. اهڙي شخص جي باري ۾ اهو سمجهڻ ڪيترو نه عجيب آهي، ته هو خدا وٽ ڪنهن جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪافي ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن آخرت ۾ خدا ڪنهن کي عزت ڏيئي کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏي، تڏهن به هو اها ئي ڳالهه چوندو، جيڪو خدا جو فيصلو آهي، نه ڪي هو پنهنجي طرفان ڪا ڳالهه مڃرائڻ جي ڪوشش ڪري.


    34:121

    34:121
    نبوتِ مُحمدي ﷺ
    ”۽ اسان توکي ته سڀني ماڻهن جي لاءِ خوشخبري ٻُڌائيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آهي، پر گهڻا ماڻهو نه ٿا ڄاڻن.“ (سبا: 28)
    هر نبيءَ سِڌي نموني رڳو پنهنجي قوم ۾ دعوتي ڪم ڪيو ۽ عملي طور تي اهو ئي ممڪن هو. ساڳئي طرح پيغمبرِ اسلام حضرت محمد ﷺبه سڌي طرح پنهنجي قوم لاءِ ئي منذر و مبشر (خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ) بنيو. (الانعام: 92) پر جيئن ته نبوت جو سلسلو پاڻ سڳورن ﷺتي پُڄاڻيءَ تي پهتو، تنهنڪري هاڻ سڀني قومن جي لاءِ الله جي حڪم موجب پاڻ سڳورا ئي خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهن. پنهنجي وقت ۾ جيئن پاڻ سڳورن خوشخبري ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو ڪم ڪيو، تيئن پوءِ جي زمانن ۾ ٻين سڀني مخاطبين تي پاڻ سڳورن جي اُمت کي پاڻ سڳورن جي نابئيءَ (نيابت) ۾ اهو ئي خوشخبري ڏيڻ ۽ ڊيڄارڻ وارو ڪم ڪرڻو آهي. اهو ڪم پاڻ سڳورن جي نبوت جي تسلسل ۾ ڳڻيو ويندو. پاڻ سڳورن جي زندگيءَ ۾ ٿيندڙ دعوتي ڪم سِڌو سنئون پاڻ سڳورن جي نبوت جي دائري ۾ داخل آهي ۽ پاڻ سڳورن جي دنياوي زندگي کانپوءِ ٿيندڙ ڪم اَڻ سِڌي نموني.


    34:122

    34:122
    خوشحاليءَ جو فِتنو
    ”۽ اسان جنهن به وسنديءَ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ موڪليو، ته اُتان جي آسودن ماڻهن اهو ئي چيو ته جنهن سان اوهين موڪليا ويا آهيو، تنهن جو اسين انڪار ڪندڙ آهيون. ۽ هنن چيو ته اسين گهڻي مال ۽ اولاد وارا آهيون ۽ اسان کي عذاب نه ڏنو ويندو. کين چئو ته بيشڪ منهنجو پاليندڙ جنهن لاءِ گهُري، تنهن لاءِ روزي ڪُشادي ڪري ٿو ۽ جنهن لاءِ گهُري ٿو، تنهن جي روزي تنگ ڪري ٿو. پر گهڻا ماڻهو نٿا ڄاڻن. ۽ نه اوهان جو مال ۽ نه اوهان جو اولاد اهڙي شئي آهي، جو اسان وٽ اوهان جو درجو ويجهو ڪن. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن جيڪي ڪمايو، تنهن جي ڪري انهن لاءِ ٻِيڻو بدلو آهي ۽ اُهي ماڙين ۾ امن سان ويٺا هوندا. ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن جي مقابلي ۾ اسان کي عاجز ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، اُهي عذاب ۾ داخل ڪيا ويندا.“ (سبا: 34-38)
    جن ماڻهن وٽ طاقت ۽ مال اچي وڃي، تن کي موجوده دنيا ۾ وڏائيءَ جو مقام حاصل ٿي وڃي ٿو. اهي شيون منجهس فرضي اعتماد پيدا ڪري ٿيون ڇڏين. اهڙن ماڻهن کي جڏهن آخرت کان ڊيڄاريو وڃي ٿو، ته هو ان کي اهميت نه ڏيندا آهن. کين يقين نٿو اچي، ته دنيا ۾ جڏهن خدا کين عزت ڏني آهي، ته آخرت ۾ ڇا هو کين بيعزتو ڪندو.
    اهو ئي فرضي ڀروسو هر دؤر جي وڏن جي لاءِ حق جي دعوت کي نه مڃڻ جو وڏو ڪارڻ بڻيو رهيو ۽ وقت جا وڏا وڏا ماڻهو جڏهن هڪ هڪ شئي کي حقير ڪري ڇڏين، ته ننڍا ماڻهو به ان کي حقير سمجهي وٺندا آهن. ايئن خواص ۽ عوام ٻئي حق کي قبولڻ کان محروم ٿي وڃن ٿا.
    دنيا جو مال ۽ اسباب امتحان آهي، نه ڪي انعام. دنيا جي مال ۽ اسباب جي زيادتي نه ڪنهن ماڻهوءَ جي قريبي هئڻ جي نشاني آهي، نه وري ان جي ڪمي ان جي دور هئڻ جي علامت. الله وٽ قربت جو مقام ان شخص جي لاءِ آهي، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت ڏي، ته کيس جيڪو ڪجهه ڏنو ويو هو، ان ۾ هو خدا جي ياد سان جيئرو رهيو ۽ خدا جي مقرر ڪيل حدن جو پاڻ کي پابند رکيو. اهي ئي ماڻهو آخرت ۾ خدا جي اَبدي انعام جا حقدار قرار ڏنا ويندا.


    35:123

    35:123
    توحيد ۽ شِرڪ
    ”اي انسانو! پنهنجي مٿان الله جي ٿورن کي ياد ڪريو. ڇا الله کان سواءِ ڪو ٻيو معبود آهي، جيڪو اوهان کي آسمانن ۽ زمين مان رزق ڏي ٿو. ان کانسواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. پوءِ اوهين ڪٿي ڀَٽڪندا وتو.“ (فاطر: 3)
    انسان پنهنجي زندگيءَ جي لاءِ اَڻ ڳڻين شين جو مُحتاج آهي، جهڙوڪ: روشني، پاڻي، هوا، کاڌخوراڪ، معدنيات وغيره. انهن مان هر شئي اهڙي آهي، جيڪا کيس وجود ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪائناتي طاقتن جي گڏيل ردعمل جي ضرورت آهي. هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪير آهي، جيڪو هيڏي وڏي لقاءُ کي ظهور ۾ آڻڻ جي سگهه رکندو هجي. مُشرڪ ۽ مُلحد به اها دعويٰ نٿا ڪري سگهن، ته حياتي جي انهن سببن جي فراهمي هڪ خدا کانسواءِ ٻيو ڪو ڪري سگهي ٿو. پوءِ جڏهن انهن سڀني شين جو خالق ۽ منتظم هڪ خدا آهي، ته پوءِ ان کانسواءِ ٻين کي معبود بنائڻ ڇا دُرست ٿي سگهي ٿو.
    حقيقت هيءَ آهي، ته ڪائنات پنهنجي پوري وجود سان توحيد جي سچائيءَ جو اعلان ڪري رهي آهي. ان جي مقابلي ۾ شِرڪ جو عقيدو هن ڪائنات جي لاءِ بلڪل اوپرو آهي. توحيد جو بنياد دليلن تي آهي ۽ شِرڪ جو بنياد وهمن تي ٻَڌل آهي.


    35:124

    35:124
    اونداهي ۽ سوجهرو
    ”۽ انڌو ۽ سَڄو برابر نه ٿا ٿين، ۽ نه اونداهيون ۽ سوجهرو، ۽نه ئي ڇانوَ ۽ نه اُس ۽ نه جيئرا ۽ نه مُئل برابر ٿين ٿا. بيشڪ الله جنهن کي گهُري ٿو، تنهن کي ٻُڌائي ٿو ۽ جيڪي قبرن ۾ آهن، تن کي تون ٻُڌائيندڙ نه آهين. تون رڳو ڊيڄاريندڙ آهين.“ (فاطر: 23)
    اِها هڪ حقيقت آهي، ته جيڪا اُميد روشنيءَ مان ڪري ٿي سگهجي، اُها اونداهيءَ مان ڪري نٿي سگهجي. ساڳئي نموني جيڪا شئي ڇانوَ مان ملندي، اها اُس مان ملڻ واري ڪونهي. اهو ئي معاملو انسان جو آهي. انسانن ۾ ڪجهه اکين وارا هوندا آهن ۽ ڪجهه انڌا هوندا آهن. اک وارو هڪدم پنهنجو رستو ڏسي اهو سُڃاڻي ٿو وٺي، پر جيڪو انڌو هوندو آهي، اهو فقط ڀَٽڪندو وتندو. کيس ڪنهن به رستي جي سُڃاڻپ نه ٿيندي.
    ايمان مان مُراد معرفت آهي. خدا جو گهربل ايمان اهو آهي، جيڪو ڪنهن کي معرفت (Discovery) طور ملي. اُمڪاني طور تي ان معرفت جي سگهه هر شخص جي اندر ۾ موجود آهي. پر ان سگهه جو فائدو رڳو ان شخص کي ملي ٿو، جيڪو معرفت جي رَنڊڪن کي اُڪري منزل تائين پهچڻ جو حوصلو رکندو هجي.


    35:125

    35:125
    علم مان خشيت
    ”ڇا تون نه ڏٺو، ته بيشڪ الله ﷻ آسمان مان پاڻي وسايو. پوءِ ان پاڻيءَ سان ميوا ڪڍياسون، جن جا رنگ ڌار ڌار آهن ۽ جبلن جا (ڪي) اڇا ۽ (ڪي) ڳاڙها جدا جدا رنگن وارا ۽ ڪجهه بنهه ڪارا آهن ۽ ماڻهن ۽ وَهٽن ۽ ڍورن مان به اهڙيءَ طرح جدا جدا رنگن وارا آهن. الله کان سندس ٻانهن مان رڳو علم وارا ڊڄن ٿا. بيشڪ الله زبردست ۽ معاف ڪندڙ آهي.“ (فاطر: 27-28)
    ڪڪر مان هڪئي پاڻي وسندو آهي، پر ان مان ڀانت ڀانت جون شيون ڦُٽنديون آهن. سُٺا وڻ ٽِڻ به ته جهَر جهنگ ۽ گندگاهه به ساڳئي نموني هڪئي مادو آهي، جيڪو پهاڙن جي صورت ۾ ڳڱيل آهي، پر ان ۾ به ڀانت ڀانت جا مختلف رنگ نظر ايندا آهن. ساڳئي نموني جاندار به سڀ هڪ غذا کائين ٿا، پر انهن مان ڪو انسان جي لاءِ ڪارآمد آهي ته ڪو بيڪار.
    هتي مختلف ڪائناتي نشانين جو ذڪر ڪرڻ کانپوءِ ارشاد فرمايو ويو آهي ته: الله کان سندس ٻانهن مان فقط اهي ڊڄن ٿا، جيڪي علم وارا آهن. ان جو مطلب اهو آهي، ته ڪائنات ۾ خدا جي نشانين جو مطالعو ماڻهوءَ جي اندر الله جو ڊپ پيدا ٿو ڪري. ان جي مطالعي جي ذريعي ماڻهو اهو ڳولهي لهي ٿو، ته خداڪيترو نه عظيم ۽ قادر آهي. هو مخلوقات ۾ خالق جو جلوه ڏسڻ لڳندو آهي. اها هڪ حقيقت آهي، ته جيڪو ماڻهو ڪائنات جو مطالعو صحيح ذهن سان ڪندو، تنهن جي لاءِ ڪائنات اِلاهي معرفت جو عڪس بنجي ويندي.


    36:126

    36:126
    خدا جي شاهدي
    ”۽ انهن جي سمجهڻ جي لاءِ رات هڪ نشاني آهي، جنهن مان ڏينهن ڇڪي ڪڍون ٿا، پوءِ ان وقت ئي اهي اونداهيءَ ۾ رهجي وڃن ٿا ۽ سج پنهنجي مقرر ڪيل رستي تي هلي ٿو. هو زبردست (سڀڪجهه) ڄاڻندڙ جو اندازو آهي. ۽ اسان چنڊ جي لاءِ منزلون مقرر ڪيون آهن، ايتري تائين جو (مهيني جي پڇاڙيءَ ۾) کجيءَ جي پراڻي ڦڙيءَ وانگر ٿي پوي ٿو. سج لاءِ چنڊ کي پهچڻ سولو نه آهي ۽ نه رات، ڏينهن لاءِ (پوري ٿيڻ) کان اڳي اچڻ واري آهي ۽ هو سڀ آسمان ۾ پنهنجي دائري ۾ تَرن ٿا.“ (يَس: 37-40)
    زمين ۽ چنڊ ۽ سج سڀني جو مدار مقرر آهي. سڀ پنهنجي پنهنجي مقدار ۾ ڦِرندا ٿا رهن. ان گردش مان مختلف لقاءُ جنم وٺن ٿا. جهڙوڪ: زمين تي رات ۽ ڏينهن جو پيدا ٿيڻ. چنڊ جو فلڪياتي ڪئلينڊر موجب ڪم ڪرڻ وغيره. اهو نظام ڪروڙين سالن کان قائم آهي ۽ پوءِ به ان ۾ ڪو خلل پيدا نٿو ٿئي.
    اهو مشاهدو خدا وٽان قدرت جو هڪ تعارف آهي. جيڪڏهن ماڻهو ان مان سبق وٺي ته هڪ خدا جي عظمت سندس ذهن تي ايئن ڇانئجي وڃي، جو باقي سڀ عظمتون سندس ذهن مان اَلوپ ٿي وڃن.
    ڪائنات هڪ وشال خال آهي. اُن جي اندر اَڻ ڳڻيا تارا ۽ گرهه آهن. ڪهڪشائون ۽ شمسي نظام آهن. اهي سڀيئي جسم لڳاتار تيز رفتاريءَ سان چرپر ڪري رهيا آهن. پر کربين سال گذري وڃڻ کانپوءِ به انهن ۾ ٽڪراءُ نٿو ٿئي ۽ انهن مان هرهڪ ساڳئي نموني پنهنجي مدار ۾ گردش ڪري رهيو آهي، جو اڳواٽ ئي انهن جو ٺيڪ ٺاڪ تعين ڪري سگهجي ٿو. ان قسم جون نشانيون چِٽي نموني ان ڳالهه جو ثبوت آهن، ته هيءَ ڪائنات هڪ مهان هستيءَ جي ڪنٽرول ۾ آهي. ان کانسواءِ موجوده ڪائنات جو تصور به نٿو ڪري سگهجي.


    36:127

    36:127
    سفر جون سُواريون
    ”۽ انهن جي سمجهڻ لاءِ هڪ نشاني هيءَ آهي، جو اسين سندن اولاد کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ کڻون ٿا ۽ اسان انهن جي لاءِ ان جهڙيون ٻيون سُواريون پيدا ڪيون، جن تي سُوار ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن اسين گهُرون ته کين ٻوڙيون، پوءِ نه انهن لا ڪو مددگار ٿيندو ۽ نه اهي ڇڏايا ويندا. اسين رڳو پنهنجي مهرباني سان ۽ (کين) ڪجهه وقت تائين فائدي پهچائڻ لاءِ بچايون ٿا.“ (يَس: 41-44)
    اسان جي دنيا ۾ خشڪي به آهي ته سمنڊ به. ۽ اسان جي مٿان وسيع فضا به آهي. خدا هن دنيا ۾ اهڙا امڪان رکي ڇڏيا آهن، ته ماڻهو ٽنهي مان ڪنهن به حصي ۾ سفر ڪرڻ کان لاچار نه هجي. هو خشڪي، پاڻي ۽ فضا ۾ هڪجهڙي نموني سفر ڪري سگهي.
    اهي سڀئي سفر خدا جي قائم ڪيل فطري نظام موجب ممڪن ٿيا آهن. جيڪڏهن خدا پنهنجي ان نظام کي واپس وٺي لائي، ته ڪوبه سفر انسان جي لاءِ ممڪن نه رهي. اها انسان جي لاءِ ايتري ته وڏي نعمت آهي، جو انسان جيڪڏهن ان تي ويچاري ته هو خدا جي احسان سان ايترو ته ٽٻٽار ٿي وڃي، جو هو پنهنجو پاڻ کي خدا جي اڳيان جهُڪائي ڇڏي ۽ ڪڏهن به هوڏي طريقو اختيار نه ڪري.


    36:128

    36:128
    جنت جي دنيا
    ”بيشڪ جنت وارا پنهنجي مشغوليءَ ۾ خوش هوندا. هو ۽ سندن زالون ڇانوَن ۽ پلنگن تي ٽيڪ ڏيو ويٺل هوندا. انهن لاءِ اُن ۾ ميوا آهن ۽ هو جيڪو ڪجهه گهُرندا، اهو انهن جي لاءِ هوندو. انهن کي مهربان پاليندڙ جي طرفان سلام چيو ويندو.“ (يَس: 53-58)
    هن دنيا ۾ ماڻهوءَ جي عمل جا معنوي نتيجا سامهون ٿا اچن. آخرت اهو هنڌ آهي، جتي هر ماڻهوءَ کي پنهنجي عمل جو معنوي نتيجو ملندو. جيڪو شخص هِتي وقتي مفادن جي لاءِ سرگرم رهيو، اهو آخرت جي هميشه رهڻ واري دنيا ۾ ايئن اُٿندو، جو اُتي هو هٿين خالي هوندو. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو اعليٰ مقصد جي لاءِ جيئرا رهيا، اهي اُتي شاندار انجام ۾ خوش ٿيندا. الله تعاليٰ جون خاص عنايتون تنهن کانسواءِ هونديون.
    جنت نازڪ ترين سرگرمين جي هڪ دنيا آهي، اُتي دلچسپ ملاقاتون ٿينديون، اُتي خوبصورت مشاهدا هوندا. اُتي هڪٻئي سان آفاقي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. هر قسم جي محدوديت ۽ هر قسم جي اَڻ وڻندڙ حالت جو اُتي خاتمو ٿي چُڪو هوندو. انسان جي لاءِ اهو ممڪن هوندو، ته هو پنهنجي پوري capacity سان اُتي جيءَ سگهي.


    36:129

    36:129
    ڪائنات جي تسخير
    ”ڇا انهن نه ڏٺو، ته جن شين کي اسان جي هٿن جوڙيو، تن مان اسان انهن لاءِ ڍور به پيدا ڪيا آهن، پوءِ هي انهن جا مالڪ آهن. ۽ انهن کي اسان سندن تابعدار ڪيو، پوءِ انهن مان ڪي سندن سُواري آهن ۽ انهن مان ڪِن کي کائين ٿا. ۽ انهن لاءِ ڍورن ۾ گهڻا فائدا ۽ پيئڻ جون شيون آهن. ڇا پوءِ شُڪر نه ٿا ڪن.“ (يَس: 71-73)
    ڍور/ جانور هڪ قسم جي جيئري علامت آهن، جيڪي ٻُڌائين ٿا، ته مادي دنيا کي سندس جوڙيندڙ ايئن جوڙيو آهي، جو انسان ان کي پنهنجي هٿ وَس ڪري استعمال ڪري سگهي. مادي دنيا جي ان ئي صلاحيت جي مٿان انساني سڀيتا جي سڄي عمارت بيٺل آهي. جيڪڏهن گهوڙا ۽ ڍڳا به اهڙي وحشياڻي مزاج جا هجن، جيئن رڇ ۽ بگهڙ هوندو آهي. يا لوهه ۽ پئٽرول به ايئن انسان جي وسن کان ٻاهر هجن، جيئن زمين جي اندر ٻرندڙ مادو انسان جي وس کان ٻاهر آهي، ته انساني تهذيب جي ارتقا ناممڪن بنجي وڃي.
    فطرت جي ان قانون کي قرآن ۾ وَس ۾ اچڻ چيو ويو آهي. زمين ۽ زمين کان ٻاهر هڙئي شيون ان عمومي تسخير (وس ۾ اچڻ) تحت آهن. ڪائنات ۾ جيڪڏهن ڪنٽرول ۾ اچڻ جو معاملو نه هجي، ته انسان جي لاءِ هن دنيا ۾ نه زندگي ممڪن هجي ۽ نه ئي ترقي.


    37:130

    37:130
    موت کانپوءِ زندگي
    قرآن مجيد ۾ مخالفن کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي: ”پوءِ تون انهن کان پُڇ ته سندن پيدا ڪرڻ زياده مشڪل آهي يا (ٻي جو) جن کي اسان پيدا ڪيو. بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان پيدا ڪيو آهي. پر (اي پيغمبر) تون سندن انڪار تي عجب ڪرين ٿو ۽ اُهي مسخريون ڪن ٿا ۽ جڏهن کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي، ته ڌيان نه ڪن. ۽ جڏهن ڪا نشاني ڏسن ٿا ته مسخريون ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته هيءَ رڳو ظاهري جادو آهي. ڇا اسين جڏهن مرنداسين ۽ مٽي ۽ هڏا ٿينداسون، ته ڇا اسان کي وري جيئرو ڪيو ويندو، ڇا؟ اسان جا پهريان ابا ڏاڏا به. (اي پيغمبر!) چئو ته هائو. ۽ اوهين خوار هوندا.“ (الصافات: 11-18)
    زمين ۽ آسمان جي شڪل ۾ جيڪا ڪائنات اسان جي مشاهدي ۾ اچي ٿي، اها ايتري ته پيچيده ۽ ايتري ته عظيم آهي، جو ان کان پوءِ انسان کي ٻيءَ دنيا ۾ پيدا ڪرڻ هڪ ننڍو ڪم نظر اچڻ لڳو آهي. جنهن خالق جي عظيم تخليق جو نمونو اسان جي سامهون هجي، ان خالق جي لاءِ ان کان ننڍي تخليق ڪا اَڻ ٿيڻي ته ڪونهي.
    انساني جسم جو تجزيو ڪرڻ سان خبر پوي ٿي، ته اها سڀني زميني جُزن جو مجموعو آهي. زمين ۾ موجود مادن (پاڻي، ڪئلشيم، لوهه، سوڊيم، گنگسٽسين وغيره) جي ترڪيب سان انسان جُڙيو آهي. اهي سڀئي جزا اسان جي دنيا ۾ ججهي انداز ۾ موجود آهن، پوءِ جن ڪائناتي جزن جي ميلاپ سان خالق هڪ ڀيرو انسان کي جوڙي بيهاريو، ته هو انهن ئي ڪائناتي جزن جي ميلاپ سان ٻيهر ايئن ڇو نٿوڪري سگهي.


    38:131

    38:131
    حاڪم جا فرض
    حضرت دائود عليه السلام پيغمبر به هو ۽ بادشاهه به. قرآن ۾ ٻُڌايو ويو ته کيس خطاب ڪندي رب تعاليٰ فرمايو: ”اي دائود! بيشڪ اسان توکي زمين ۾ نائب مقرر ڪيو. پوءِ تون ماڻهن ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ خواهش جي پُٺيان نه هَل. نه ته خواهش توکي الله ﷻ جي رستي تان هٽائي ڇڏيندي. بيشڪ جيڪي الله جي رستي کان گمراهه ٿين ٿا، تن لاءِ سخت عذاب آهي. ڇاڪاڻ ته انهن حساب جي ڏينهن کي وساريو آهي.“ (ص: 26)
    هڪ حاڪم سدائين ٻن شين جي وچ ۾ هوندو آهي. يا ته هو معاملن جو فيصلو پنهنجي خواهش موجب ڪري يا حق جي اصول موجب. جيڪو حاڪم معاملن جو فيصلو پنهنجي خواهش موجب ڪندو، اهو رستي تان گمراهه ٿي ويو. خدا وٽ سندس سخت پَڪڙ ٿيندي. ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو حاڪم معاملن جو فيصلو حق ۽ انصاف جي اصول تي پابند رهي ڪندو، اهو ئي سنئين دَڳُ تي آهي. خدا وٽ کيس اَڻ ڳڻيا انعام ڏنا ويندا.
    اُهي هدايتون جهڙي نموني هڪ حاڪم جي لاءِ آهن، ساڳئي طرح اُهي عام انسانن جي لاءِ به آهن. هر انسان سان ان جي خواهش لڳل هوندي آهي. هر انسان لاءِ هر معاملي ۾ اهو سوال رهي ٿو، ته هو پنهنجي خواهش موجب هلي يا حق ۽ انصاف موجب پنهنجي راهه مقرر ڪري. هڪ عام ماڻهوءَ جو ڇوٽڪارو به اها ئي واٽُ وٺڻ ۾ آهي. جنهن ۾ هڪ حڪمران جو ڇوٽڪارو آهي. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي دائري ۾ رهي اهو ئي ڪرڻو آهي، جيڪو هن آيت ۾ اقتدار ۾ ويٺل حاڪم جي لاءِ ٻڌايو ويو آهي.


    38:132

    38:132
    ڪائنات جو سبق
    ”۽ اسان آسمان ۽ زمين کي جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي بي فائدي پيدا نه ڪيو آهي. اهو ڪافرن جو خيال آهي. پوءِ ڪافرن جي لاءِ باهه جي (عذاب) ڪري خرابي آهي. ڀلا جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن کي زمين ۾ فساد ڪندڙن جهڙو ڪنداسون ڇا يا پرهيزگارن کي بدڪارن جهڙو ڪنداسون ڇا؟ هي (قرآن) هڪ برڪت وارو ڪتاب آهي، جنهن کي اسان توڏي نازل ڪيو، ته ان جي آيتن تي ويچارين ۽ عقل وارا ان مان نصيحت حاصل ڪن.“ (ص: 27-29)
    دُنيا جي شين تي ويچارجي ته پتو پوي ٿو ته ان جو سڄو نظام بهترين بنياد تي قائم آهي، جيتوڻيڪ اهو ممڪن هو ته اهو هڪ جُڳاڙي نظام هجي ۽ اُن ۾ ڪابه ڳالهه يقيني نه هجي. ٻين اُمڪان مان هڪ مناسب امڪان جو موجو هئڻ ان ڳالهه جي شاهدي آهي، ته هيءَ جهان جوڙيندڙ ان کي هڪ بامقصد رٿا تحت جوڙيو آهي. پوءِ جيڪا دنيا پنهنجي شروع ۾ بامقصد هجي، اها پنهنجي انتها ۾ بي مقصد ڪيئن ٿي ٿي سگهي.
    ساڳئي طرح هن دنيا ۾ هر ماڻهو آزاد ۽ خودمختيار آهي. مشاهدو ٻُڌائي ٿو، ته ماڻهن ۾ ڪو شخص اهو هوندو آهي، جيڪو حقيقت جو اعتراف ڪري ٿو ۽ پنهنجي اختيار سان پنهنجو پاڻ کي سچائي ۽ انصاف جو پابند بنائي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ ٻيو شخص اهو آهي، جيڪو حقيقت جو اعتراف ته نٿو ڪري. هو جيڪو وڻيس، سو ڳالهائي ٿو. عقل ان کي نٿو مڃي، ته جڏهن هتي ٻن قسمن جا انسان آهن، ته پوءِ انهن جو انجام هڪجهڙو ٿئي.
    دنيا جي ان صورتحال کي سامهون رکيو وڃي، ته زندگيءَ بابت قرآن جو بيان ئي وڌيڪ حقيقت وارو نظر ايندو، نه ڪي انهن ماڻهن جو بيان، جيڪي زندگيءَ جي تشريح ان جي اُبتڙ انداز ۾ ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. قرآن ڪائناتي حقيقتن جي باري ۾ هڪ خدائي بيان آهي ۽ ان بيان جي عين موجب واقعو ٿيڻ ان جي حق هئڻ جو هڪ لازمي ثبوت آهي.


    133-38

    133-38
    جنت جون نعمتون
    ”هي (قرآن) نصيحت آهي ۽ بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ چٽي موٽڻ جي جاءِ آهي. جتي رهڻ جا باغ آهن، جن جا دروازا انهن جي لاءِ کليل آهن. اتي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هوندا، انهن مان گهڻا ميوا ۽ پيئڻ جون شيون پيا گهرندا ۽ (مٿن) نظر کي بند رکندڙ (حيا واريون) هڪ جيڏيون زالون وٽن هونديون. هيءَ اهي نعمتون آهن، جن جو اوهان کي حساب جي ڏينهن لاءِ انجام ڏنو وڃي ٿو. بيشڪ هيءَ اسان جو رزق آهي، جنهن کي ڪا کوٽ نه آهي. (ص: 49-54)
    آخرت ۾ جنت جا دروازا انهن ماڻهن جي لاءِ کوليا ويندا، جيڪي دنيا ۾ پنهنجي دل جا دروازا نصيحت جي لاءِ کولي رکندا. جيڪي خدا جي ظهور کان اڳ، خدا کان ڊڄڻ وارا بنجي ويندا. اِهي ئي اُهي ڀاڳ وارا شخص آهن جيڪي ٻي جهان جي حياتيءَ جي ابدي نعمتن ۾ ڀائيوار بنبا.
    قرآن ۾ آخرت جي جن نعمتن جو ذڪر آهي، اهي سڀ بظاهر ته اهي ئي آهن، جيڪي دنيا ۾ به انسان کي حاصل ٿين ٿيون. پر ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. اهو هيءَ ته دنيا ۾ اهي نعمتون پنهنجي وقتي ۽ ابتدائي شڪل ۾ ڏنيون ويون آهن ۽ آخرت ۾ اهي نعمتون پنهنجي اَبدي ۽ انتهائي شڪل ۾ ڏنيون وينديون. وڌيڪ اهو ته انهن اعليٰ نعمتن سان هر قسم جي ڊپ ۽ انديشن کي ختم ڪيو ويندو، جن جو ختم ٿيڻ هن دنيا ۾ ڪنهن به طريقي سان ممڪن ڪونهي.


    134-38

    134-38
    انسان ۽ شيطان
    ”جڏهن تنهنجي پالڻهار ملائڪن کي چيو ته بيشڪ آئون مٽيءَ مان هڪ ماڻهو پيدا ڪرڻ وارو آهيان. پوءِ جڏهن ان کي ٺاهي وٺان ۽ ان ۾ پنهنجو روح ڦوڪيان ته ان جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پئجو. پوءِ سڀني ملائڪن گڏجي سَجدو ڪيو. ابليس کان سواءِ. ان وڏائي ڪئي ۽ انڪارين مان ٿيو. الله فرمايو ته اي ابليس! جنهن کي مون پنهنجن هٿن سان جوڙيو، تنهن کي سجدي ڪرڻ کان توکي ڪهڙي شئي روڪيو. ڇا تو وڏائي ڪئي يا تون بلند درجي وارن مان آهين؟ ان چيو ته آءٌ ان کان چڱو آهيان، تو مون کي باهه مان پيدا ڪيو آهي ۽ ان کي مٽيءَ مان جوڙيو آهي. الله فرمايو ته پوءِ تون جنت مان نڪري وڃ، ڇو ته تون تڙيل آهين ۽ بيشڪ تو تي حساب جي ڏينهن تائين منهنجي لعنت آهي. (ص 71-78)
    الله تعاليٰ انسان کي هڪ انتهائي خصوصي مخلوق جي حيثيت سان پيدا ڪيو ۽ ان جي علامت طور ملائڪن ۽ جنن کي حڪم ڏنائين ته هو ان کي سجدو ڪن. ان کان پوءِ هيئن ٿيو ته ابليس، آدم کي سجدو نه ڪيو ته هو سدائين جي لاءِ ملعون (لعنتي) قرار ڏنو ويو. پر ان سنگين واقعي جي اهميت صرف ابليس جي لحاظ کان نه هئي، پر خود آدم جي لاءِ به ان جي وڏي اهميت هئي.
    آدم جي اڳيان جهڪڻ کان انڪار ڪري ابليس ابدي طور تي آدم جي نسل جو حريف بنجي ويو. ائين انساني تاريخ پهرين ئي ڏينهن کان هڪ نئين رُخ تي هلڻ لڳي. اُن واقعي طئي ڪري ڇڏيو ته انسان جي لاءِ زندگيءَ جو سفر ڪا سادي ڳالهه نه هوندي، پر سخت مزاحمت جو سفر هوندو. کيس ابليس جي چورَ ۽ ان جي فريب جو مقابلو ڪندي پنهنجو پاڻ کي سنئين واٽ تي قائم رکڻو پوندو ته جيئن هو سلامتيءَ سان پنهنجي منزل تائين پهچي سگهي.
    انسان ۽ جنت جي وچ ۾ شيطان جون فريب ڪاريون رنڊڪ آهن، جيڪو شخص شيطان جي فريب ڪارين کان پاڻ کي بچائي جنت جي ابدي باغن ۾ گهڙندو ۽ جيڪي ماڻهو شيطان جي فريب ڪارين جو پردو ڦاڙڻ ۾ ناڪام رهندا، اهي ماڻهو جنت کان محروم رهجي ويندا.


    135-39

    135-39
    انسان جي گمراهي
    ”جيڪڏهن الله ڪنهن کي پنهنجو اولاد ٺهرائڻ گهري ها ته جيڪي پاڻ پيدا ڪري پيو، تنهن مان جنهن کي وڻيس ها، پسند ڪري ها. اهو پاڪ آهي، اهوئي الله آهي اڪيلو ۽ زبردست. آسمانن ۽ زمينن کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو اٿس. رات کي ڏينهن ۾ ويڙهي ٿو ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳايو اٿس. هرهڪ مقرر مدت تائين هلي ٿو. خبردار اهو ئي زبردست ۽ معاف ڪندڙ آهي.“ (الزمر 4-5)
    ماڻهوءَ جي اندر فطري طور تي اهو جذبو آهي ته هو خدا طرف وڌي. هو خدا جي عبادت ڪري. شيطان جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته هو ان جي جذبي کي خدا کان هٽائي ڪنهن ٻي طرف موڙي. تنهنڪري هو ماڻهن جي ذهنن ۾ مختلف شڪ ۽ شبها وجهي ٿو. جهڙوڪ: هيءَ ته خدا جي بارگاهه اوچي آهي. تون سڌو سنئون خدا تائين پهچي نٿو سگهين. تنهنڪري توکي بزرگن جي وسيلي خدا تائين پهچڻ کپي. ايئن هو ماڻهن جي ذهنن ۾ اهو عقيدو به وهاري ٿو ته جيئن انسانن جو اولاد هوندو آهي، تيئن خدا جو به اولاد آهي ۽ خدا کي خوش رکڻ جو سولو طريقو هيءَ آهي ته خدا جي اولاد کي خوش رکو. جديد مادي پرستي به ان جي بگڙيل شڪل آهي، جنهن ماڻهوءَ جو ڌيان خدا جي عبادت جي جذبي کي هٽائي انسان طرف ڪري ڇڏيو آهي.
    ان قسم جون ڳالهيون خدا جي تصغير آهن. جيڪو خدا شمسي نظام کي هلائي پيو ۽ جنهن عظيم ڪائنات کي سنڀالي رکيو آهي، اهو يقينن ان کان مٿانهون آهي ته وٽس ڪنهن جي سفارش هلي يا سندس ڌيئرون ۽ پُٽ هجن.


    136-39

    136-39
    تخليقي نشانيون
    قرآن ۾ انسان کي خطاب ڪندي چيو ويو آهي: الله اوهان کي هڪ ماڻهوءَ مان پيدا ڪيو، پوءِ ان مان جوڙو بنايائين ۽ اوهان ڏي جانورن مان اٺ جوڙا (نر ۽ مادي) لاٿائين. اوهان کي اوهان جي مائرن جي پيٽن ۾ درجي بدرجي هڪ طرح بنائڻ کان پوءِ ٻيءَ طرح ٽن اونداهين ۾ پيدا ڪري ٿو. اهو الله اوهان جو پاليندڙ آهي، سندس ئي بادشاهي آهي، ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي، پوءِ اوهين ڪٿان ڦيريا وڃو ٿا. (الزمر 6)
    هن دنيا ۾ سڀ کان پهرين هڪ انسان وجود ۾ آيو آهي. پوءِ عين ان موجب ان جو هڪ جوڙو ڪڍيو ويو. ايئن شروعاتي مرد ۽ عورت جي وسيلي انساني نسل هليو. پوءِ انسان جي ضرورت جي لاءِ الله تعاليٰ ان کان ٻاهر اڻ ڳڻيون شيون جوڙيون. رڍ، ٻڪري، اٺ، ڳئون (نر ۽ مادي گڏي اٺ قسم). اهي ئي حيوان تهذيب جي شروعاتي دور ۾ هزارين سالن تائين انسان جي معيشيت جو ذريعو بنيل رهيا. ان کان پوءِ تهذيب جڏهن ٻي مرحلي ۾ پهتي ته انسان ٻين بي شمار شين کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو، جن کي خدا پهرينءَ ڏينهن کان دنيا ۾ ان ڪري پيدا ڪيو هو ته انسان انهن کي ڳولهي/ هٿ ڪري ۽ کين پنهنجي ڪتب ۾ آڻي. جيئن پالتو جانور طبعي طور تي انسان جي وس ۾ آهن، ايئن گئس ۽ ٻي معدنيات به انسان جو ڪنٽرول ۾ آهي، نه ته انسان انهن کي استعمال نه ڪري سگهي. ذڪر ڪيل اٺن قسمن جو مثال علامت طور آهي.
    انسان جي پيدائش جي سلسلي ۾ هت جن ٽن اونداهين جو ذڪر آهي، ان جو مطلب ٽي پردا آهن. پهرين پيٽ جي ڀت، پوءِ ماءُ جي رحم جو پردو ۽ پوءِ جنين جي مٿين ڄاري.
    The Mother’s abdominal wall, the wall of the uterus, and the amniochoricnic memberance.
    اهو سڄو نظام حيرت ۾ وجهندڙ حد تائين پيچيدو ۽ عظيم آهي، جو خالق کان سواءِ ٻيو ڪوبه ان کي ظهور ۾ آڻي نٿو سگهي. پوءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جنهن جي سامهون انسان جهڪي ۽ ان جي عبادت ڪري.


    137-39

    137-39
    نفسيات جي شاهدي
    ”۽ جڏهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته پنهنجي پاليندڙ کي ڏانهنس رجوع ٿي سڏي ٿو، وري جڏهن هو کيس ڪا نعمت عطا ڪري ٿو ته هو ان شئي کي وساري ٿو ڇڏي، جنهن لاءِ هو الله کي سڏيندو هو ۽ هو ٻين کي اللهﷻ برابر ڪري ٿو ته ماڻهن کي الله جي رستي کان گمراهه ڪري. (اي پيغمبر) اهڙي ماڻهوءَ کي چئو ته پنهنجي ڪفر سان ٿورو وقت مزا ڪري وٺ. بيشڪ تون دوزخين مان آهين. جيڪو شخص رات جي وقت سجدي ۾ ۽ بيهي عبادت ڪندڙ آهي، آخرت کان ڊڄي ٿو ۽ پنهنجي پاليندڙ جي رحمت جي اميد رکي ٿو. (اي پيغمبر) چئو ته جيڪي ڄاڻن ٿا ۽ جيڪي نه ٿا ڄاڻن، سي برابر ٿيندا ڇا؟ اهڙين ڳالهين تي اهي ماڻهو ڌيان ڌرين ٿا، عقل وارا آهن.“ (الزمر 8-9)
    هر ماڻهوءَ تي اهڙيون گهڙيون اينديون آهن، جڏهن هو پاڻ کي بي وَس محسوس ڪرڻ لڳندو آهي. هو جن شين کي اهڙي ڏکئي وقت ۾ پنهنجي لاءِ سهارو پيو سمجهندو آهي، اهي سندس مددگار نه بنجنديون آهن. اهڙي وقت هو سڀ ڪجهه وساري خدا کي سڏڻ ٿو لڳي. ائين مصيبت جي گهڙين ۾ هر ماڻهو اهو ڄاڻي وٺي ٿو ته خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي. پر مصيبت جي ختم ٿيندي ئي، هو ٻيهر اڳ وانگيان بنجي ويندو آهي.
    انسان جي وڌيڪ سرڪشي اها آهي ته هو پنهنجي ڇوٽڪاري کي خدا کان سواءِ ٻين شين ڏانهن منسوب ڪرڻ ٿو لڳي. ڪجهه ماڻهو ان کي اسباب جو ڪرشمو ٿا ٻُڌائين ۽ ڪي وري هٿ ٺوڪين معبودن جو ڪرشمون. ماڻهو جيڪڏهن غلطي ڪري ماٺ ۾ رهي ته اها رڳو هڪ شخص جي گمراهي آهي، پر جڏهن هو غلطي کي صحيح ثابت ڪرڻ جي لاءِ ان جي ڪوڙي وضاحت ڪرڻ لڳي ته هو پاڻ کي گمراهه ڪرڻ سان گڏ ٻين کي به گمراهه ڪندڙ بنجي ٿو.
    هڪ انسان اهو آهي، جنهن کي رڳو مادي غم بي قرار ڪري ٿو ۽ ٻيو انسان اهو آهي، جنهن کي خدا جي ياد بي قرار ڪري ٿي ڇڏي. اهو ئي ٻيو انسان دراصل خدا وارو انسان آهي. ان جو خدا جو اقرار حالتن جي پيداوار نه هوندي آهي. اها سندس شعوري دريافت هوندي آهي. هو خدا کي هڪ اهڙي مٿاهين هستيءَ جي حيثيت سان ڏسي ٿو، جو سندس هڙئي اميدون ۽ ان جا انديشا سڀ هڪ خدا جي ذات سان لاڳاپجي وڃن ٿا. هن جون بي قراريون رات جي گهڙين ۾ کيس بستري تان اُٿاريو ڇڏين. هن جي اڪيلائي غفلت جي تنهائي نه پر خدا جي ياد جي اڪيلائي بنجي وڃي ٿي.
    علم وارو اهو آهي، جنهن جي نفسيات ۾ خدا جي ياد مان هلچل پيدا ٿئي ٿي ۽ بي علم اهو آهي، جنهن جي نفسيات کي مادي حالتون سجاڳ ڪن. اهو مادي جهٽڪن سان جاڳن ۽ ان کان پوءِ ٻيهر غفلت جي ننڊ ۾ سُمهي پوي.


    138-39

    138-39
    آزمائش جو امتحان
    ”جيڪي ماڻهو شيطان جي عبادت کان بچيا ۽ الله ڏي منهن ڪيائون، تن لاءِ خوشخبري آهي. (پوءِ اي پيغمبر!) منهنجن انهن ٻانهن کي خوشخبري ٻڌائي. جيڪي ڳالهه ٻڌن ٿا، پوءِ ان مان چڱيءَ تي هلن ٿا. اِهي اُهي آهن، جن کي الله هدايت ڏني ۽ اهي ئي عقل وارا آهن.“ (الزمر 17-18)
    هيءَ دنيا فتني جي دنيا آهي. هتي حقيقتون پنهنجي آخري بي نقاب شڪل ۾ پڌريون نه ٿيون آهن. اهوئي سبب آهي جو هتي هر ڳالهه کي غلط معنيٰ پهرائي سگهجي ٿي. شيطان ان ئي امڪان کي استعمال ڪري ماڻهن کي سَنئين دڳ تان ڀُلائي ٿو.
    جڏهن ڪو حق سامهون اچي ٿو ته شيطان ان کي غلط معنيٰ پهرائي ماڻهن جي ذهنن کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هو قول جي احسن پهلوءَ کان هٽائي غير احسن پهلوءَ کي ماڻهن جي سامهون آڻي ٿو. اِهو ئي اُهو هنڌ آهي جتي ماڻهوءَ جو اصل امتحان آهي. ماڻهوءَ کي ان عقل جو ثبوت ڏيڻو آهي ته اهو صحيح ۽ غلط جي وچ ۾ فرق ڪري. اهو شيطاني فريب جو پردو ڦاڙي حقيقت کي ڏسي سگهي. جيڪي ماڻهو ان سمجهه جو ثبوت ڏين، اهي ئي ماڻهو خوشقسمت آهن، جيڪي خدائي سچائيءَ کي حاصل ڪري وٺندا ۽ جيڪي ماڻهو ان سمجهه جو ثبوت ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا، تن جي لاءِ هن دنيا ۾ ان کان سواءِ ڪو ٻيو انجام مقدر ۾ ڪونهي ته هو قول جي غير احسن پهلوءَ ۾ اُلجهيل رهن ۽ خدا وٽ شيطان جي پرستار جي حيثيت سان اٿاريا وڃن.


    139-39

    139-39
    خوشخبري
    قرآن ۾ پيغمبر اسلام کي مخاطب ڪندي فرمايو ويو آهي. ”(اي پيغمبر! منهنجي طرفان کين چئو) ته اي منهنجا پاڻ تي زيادتي ڪندڙ ٻانهو! الله جي مهرباني کان نااميد نه ٿيو. بيشڪ الله سڀ گناهه معاف ڪري ٿو. بيشڪ اهوئي معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو آهي ۽ اوهان پنهنجي پاليندڙ ڏي رجوع ٿيو ۽ سندس فرمانبردار ٿيو، ان کان اڳ جو اوهان تي عذاب اچي. وري اوهان جي مدد نه ڪئي ويندي.“ (الزمر 53-54)
    جن ماڻهن جي سيني ۾ حساس دل آهي، تن کي جڏهن خدا جي معرفت حاصل ٿئي ٿي ته کين اهو خيال ستائڻ ٿو لڳي ته هيستائين هنن کان جيڪي گناهه ٿيا آهن، انهن جو ڪهڙو معاملو ٿيندو. ساڳئي طرح خدا پرستيءَ واري زندگي اختيار ڪرڻ کان پوءِ به ماڻهوءَ کان بار بار ڪوتاهيون ٿينديون رهنديون آهن ۽ ان جي حساسيت کيس هر هر ستائڻ ٿي لڳي. ايستائين جو اهو احساس ڪن ماڻهن کي مايوسيءَ جي حد تائين پهچائي ٿو ڇڏي.
    اهڙن ماڻهن جي لاءِ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ اعلان فرمايو ته کين يقين ڪرڻ گهرجي ته سندن معاملو هڪ اهڙي خدا سان آهي، جيڪو نهايت مهربان، ٻاجهارو ۽ رحم ڪندڙ آهي. هو ماڻهوءَ جي ماضيءَ کي نه پر حال کي ٿو ڏسي. هو ماڻهوءَ جي ظاهر کي نه پر باطن کي ٿو ڏسي، ماڻهوءَ لاءِ ڪشادگي جو معاملو ٿو ڪري نه ڪي سوڙهائپ جو. اهوئي ڪارڻ آهي ته ماڻهو جڏهن الله ڏانهن رجوع ڪري ٿو ته هو نئين سر ان کي پنهنجي رحمت جي پاڇي ۾ وٺي ٿو لائي. پوءِ ڀلي کانئس ڪيڏو به وڏو گناهه ڇو نه ٿيو هجي.
    اها هڪ عظيم خوشخبري آهي. اها انسان کي نااميديءَ جي غار مان ڪڍي اميد طرف وٺي ٿي وڃي. اها ماڻهوءَ کي ان جي قابل ٿي بنائي ته هو خدا کي هڪ ڀوائتي مالڪ جي نظر سان نه ڏسي، پر هڪ اهڙي مهربان خدا جي نظر سان ڏسي، جنهن اهو لکي ڇڏيو آهي ته سندس غضب (ڪاوڙ) تي سندس رحمت غالب رهندي. اهو اعلان ماڻهوءَ جي لاءِ خدا کي سندس شوق ۽ محبت جي جذبن جو مرڪز بنائي ٿي ڇڏي.


    140-39

    140-39
    الاهي عبادت
    الله هر شئي جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ اهوئي سڀ ڪنهن شئي تي نگهبان آهي. آسمانن ۽ زمينن جون ڪُنجيون ان وٽ آهن ۽ جن الله جي نشانين جو انڪار ڪيو، سي ئي نقصان وارا آهن. (اي پيغمبر) کين چئو ته اي جاهلو! ڇا مون کي هيءَ حڪم ڪريو ٿا ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ڪريان؟ ۽ بيشڪ تو ڏي ۽ توکان اڳين ڏي وحي ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن تون الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪندين ته تنهنجا عمل برباد ٿيندا ۽ تون گهاٽي وارن مان ٿيندين. بلڪه رڳو الله جي عبادت ڪر ۽ شڪر ڪندڙن مان ٿيءُ. (الزمر 62-66)
    ڪائنات جي موجودگي ان جي خالق جي موجودگيءَ جو ثبوت آهي، ايئن ڪائنات جيتري بامعنيٰ ۽ جنهن منظم نموني سان هلي رهي آهي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هر گهڙي هڪ نگراني ڪندڙ ان جي نگراني پيو ڪري. ماڻهو جيڪڏهن سنجيدگيءَ سان ويچاري ته هو ڪائنات ۾ ان خالق جي نشاني ڏسي وٺندو ۽ ايئن ان جي ناظم ۽ مدبر جي نشاني به.
    اهڙي حالت ۾ جيڪي ماڻهو خدا کان سواءِ ٻين هستين جا عبادت گذار بنجن ٿا، اهي هڪ اهڙو عمل ڪري رهيا آهن، جنهن جي موجوده ڪائنات ۾ ڪابه قيمت ڪونهي. ڇو ته خالق ۽ وڪيل جڏهن فقط هڪ آهي ته ان جي عبادت ئي ماڻهوءَ کي نفعو ڏيئي سگهي ٿي. ان کان سواءِ ٻي ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گويا هڪ معبود کي سڏڻ آهي، جنهن جو سري کان ڪو وجود ئي ڪونهي.


    141-39

    141-39
    الاهي عظمت
    ”۽ (ماڻهن) الله جو قدر نه ڪيو، جيئن ان جو قدر ڪرڻ جو حق آهي ۽ قيامت جي ڏينهن زمين ساري سندس مُٺ ۾ هوندي ۽ آسمان سندس ساڄي هٿ ۾ ويڙهيل هوندا. اهو پاڪ آهي ۽ جن کي ساڻس شريڪ ڪن ٿا، تن کان مٿاهون آهي ۽ صور (پهرينءَ ڀيري) ڦوڪي ويندي، پوءِ جيڪي آسمانن ۽ جيڪي زمين ۾ آهن، اهي سڀ مرندا، ان کان سواءِ جنهن کي الله گهري. پوءِ (ٻيهر) صور ڦوڪي ويندي ته اهي امالڪ (قبرن مان نڪري) کڙا ٿي پيا نهاريندا ۽ زمين پنهنجي پاليندڙ جي نور سان روشن ٿيندي ۽ (عملن جو) ڪتاب رکيو ويندو ۽ نبين ۽ شاهدن کي آندو ويندو ۽ ماڻهن جي وچ ۾ حق سان فيصلو ڪيو ويندو ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو ۽ سڀ ڪنهن شخص جيڪي ڪيو هوندو، تنهن جو ان کي پورو بدلو ڏنو ويندو ۽ ماڻهو جيڪي به ڪن ٿا، تنهن کي الله چڱو ڄاڻندڙ آهي.“ (الزمر 67-70)
    اڪثر گمراهين جي جڙ خدا جو گهٽ اندازو آهي. ماڻهو ٻين جي عظمتن ۾ ان لاءِ گم هجي ٿو ته کيس خدا جي اٿاهه عظمت جي خبر نه آهي. هو پنهنجي اڪابر (پير مرشد) سان وابستگيءَ کي ڇوٽڪاري جو ذريعو سمجهي ٿو، اهو ان ڪري ته کيس پتو ڪونهي ته خدا ان کان به وڏو آهي ته اتي ڪير پنهنجي زبان کولڻ جي همت ڪري سگهندو؟ قيامت ۾ جڏهن ماڻهن جي اکين جو پردو هٽايو ويندو ته کيس خبر پوندي ته خدا ته ايترو عظيم هو، جو زمين ڄڻ سندس مُٺ ۾ هڪ ننڍي سِڪي جيان هجي ۽ آسمان هڪ معمولي ڪاڳر جيان ان جي هٿ تي ويڙهيل هجي.
    جيئن امتحان هال ۾، امتحان ختم ٿيڻ تي الارم وڄندو آهي، تيئن هن دنيا جي مدت ختم ٿيڻ تي صور ڦوڪي ويندي. ان کان پوءِ سڄو نظام بدلجي ويندو. ان کان پوءِ هڪ نئين دنيا جڙندي. اسان جي هيءَ دنيا سج جي روشنيءَ سان سُهائي ٿئي ٿي، جيڪا رڳو مخصوص مادي شين کي اسان کي ڏيکاري ٿي. آخرت جي دنيا سڌو سنئون خدا جي نور سان سهائي ٿيندي، تنهنڪري اتي اهو ممڪن هوندو ته معنوي حقيقتن کي به کليل اک سان ڏسي سگهجي. ان مهل سڀئي ماڻهو خدا جي عدالت ۾ حاضر ڪيا ويندا. دنيا ۾ ماڻهن پيغمبرن ۽ انهن جي داعين کي نظرانداز ڪيو هو. پر آخرت ۾ ماڻهو اهو ڏسي حيران ٿي ويندا ته ماڻهن جي آئيندي جو فيصلو اتي ان ئي بنياد تي ڪيو پيو وڃي ته ڪنهن ڪنهن جو ساٿ ڏنو ۽ ڪنهن ان جو انڪار ڪيو.


    142-40

    142-40
    خدا ۽ انسان
    ”(اي پيغمبر ﷺ) کين ويجهي اچڻ واريءَ مصيبت جي ڏينهن کان بچاءَ، جنهن ڏينهن دليون نڙگهٽن جي ويجهو هونديون ۽ اهي غم سان ڀريل هوندا. ظالمن جو نه ڪو دوست هوندو ۽ نه ڪو سفارشي، جنهن جي ڳالهه مڃجي. اکين جي خيانت کي ۽ جيڪي سينا لڪائين ٿا، تنهن کي الله ڄاڻي ٿو ۽ الله انصاف سان فيصلو ڪري ٿو. جن کي هو الله کان سواءِ سَڏين ٿا، اهي ڪنهن به شئي جو فيصلو نه ٿا ڪن، بيشڪ الله ئي ٻڌندڙ، ڏسندڙ آهي.“ (المومن 18-20)
    هن دنيا ۾ انسان کي هر قسم جا موقعا ميسر آهن. هو پنهنجي ڇيڙي نبيريءَ ۾ آزاد آهي ته جيڪو وڻيس سو ڪري. ان سان ماڻهو غلط فهميءَ ۾ پئجي ٿو وڃي. هو پنهنجي عارضي حالت کي مستقل حالت سمجهي ٿو وٺي. حالانڪه انسان کي اهي جيڪي موقعا مليا آهن، سي امتحان طور مليا آهن، نه ڪي حق طور. امتحان جو وقت ختم ٿيڻ کان پوءِ کيس مليل سڀ موقعا کسجي ويندا. ان مهل انسان کي خبر پوندي ته وٽس عجز کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي، جنهن جي سهاري هو بيهي سگهي.
    ماڻهو چاهي ٿو ته بي قيد زندگي گذاري. ان مزاج جي ڪري ماڻهو غير خدا کي، خدا طور خدائي ۾ شريڪ ڪري ٿو. ته جيئن ان جي نالي تي هو پنهنجي بي راهه روي کي جائز ثابت ڪري سگهي. پر قيامت ۾ جڏهن حقيقت چٽي ٿي اچي سامهون بيهندي ته ماڻهو ڄاڻي وٺندو ته هتي خدا کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هو، جنهن کي ڪنهن قسم جو اختيار حاصل هجي.


    143-40

    143-40
    تاريخ جي شاهدي
    ”ڇا زمين ۾ گهميا نه آهن ته ڏسن ته ڪيئن انهن جي پڇاڙيءَ ٿي، جي کانئن اڳي هئا. اهي انهن کان سگهه ۾ ۽ زمين تي نشانين (يعني محلاتن ۽ قلعن جوڙڻ) ۾ تمام ڏاڍا هئا، پوءِ انهن کي سندن گناهن جي ڪري پڪڙيو ۽ کين الله جي عذاب کان ڪير به بچائيندڙ نه هو. اها (سزا) ان ڪري هئي جو وٽن سندن رسول چٽيون نشانيون آڻيندا هئا، پوءِ انڪار ڪيائون، ان ڪري الله کين پڪڙيو. بيشڪ اهو طاقت وارو، سخت سزا ڏيندڙ آهي. (المومن 21-22)
    دنيا جي تاريخ ۾ ڪثرت سان اهڙا واقعا آهن ته هڪ قوم اُڀري ۽ پوءِ مٽجي ويئي. هڪ قوم جنهن زمين تي شاندار تمدن کڙي ڪئي، اڄ ان جو تمدن کنڊرن جي صورت ۾ زمين جي اندر دٻيو پيو آهي. هڪ قوم، جنهن کي ڪنهن وقت هڪ جيئري واقعي جي حيثيت حاصل هئي، اڄ اها رڳو هڪ تاريخي واقعي طور ذڪر جوڳي سمجهي وڃي ٿي. ان قسم جا واقعا ماڻهن جي لاءِ معلوم واقعا آهن. پر ماڻهن اهڙن واقعن کي زميني حادثن يا سياسي انقلابن جي خاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پر اصل حقيقت هيءَ آهي ته اهي سڀ خدائي فيصلا هئا، جيڪي سچائيءَ جي انڪار جي نتيجي ۾ انهن قومن تي ڪڙڪيا. جيڪڏهن اسان کي اهي نگاهون حاصل هجن جن سان اسان معنوي حقيقت کي ڏسي سگهون ته اسان کي نظر ايندو ته هر واقعو خدا جي فرشتن جي ذريعي پنهنجي انجام تائين پهتو، جيتوڻيڪ اهو ڏسندڙن کي دنياوي ڪارڻن جي ڪري ٿيندو نظر آيو.


    144-41

    144-41
    ڪائنات جو جواب
    ”کين چئو (اي پيغمبر) ته اوهين ان کان انڪار ٿا ڪريو ڇا، جنهن زمين کي ٻن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو ۽ اوهين ٻين جي برابر ڪريو ٿا؟ اهو جهانن جو پاليندڙ آهي ۽ مٿانئس جبل پيدا ڪيائين ۽ ان ۾ برڪت رکيائين ۽ ان ۾ ان جي رهاڪن جي غذائن جو اندازو مقرر ڪيائين، برابر چئن ڏينهن ۾ (اهي سڀ ڪم ڪيائين). پڇندڙن جي لاءِ اها ڳالهه چڱيءَ طرح بيان ڪئي ويئي آهي. وري آسمان ڏي مُهڙ ڪيائين. اهو ان وقت دونهون هو، پوءِ ان کي ۽ زمين کي چيائين ته خوشيءَ سان خواهه مجبوريءَ سان اچو. انهن ٻنهي چيو ته اسين خوشيءَ سان آيا آهيون. وري ٻن ڏينهن ۾ ست آسمان جوڙيائين ۽ سڀ ڪنهن آسمان ۾ ان جي ڪم جو حڪم موڪليائين ۽ اسان سڀني کان ويجهي آسمان کي ڏيئن (تارن) سان سينگاريو آهي ۽ ان جي حفاظت ڪئي سون. اها زبردست (۽) ڄاڻندڙ جي تدبير آهي. (حم السجده 9-12)
    ڪائنات جو علمي مطالعو ٻڌائي ٿو ته ان جي تخليق ڪيترن ئي دورن ۾ تدريجي بنيادن تي ٿي. تدريجي تخليق ٻين لفظن ۾ رٿابند تخليق آهي ۽ جڏهن ڪائنات جي تخليق رٿابنديءَ سان ٿي آهي ته يقيني آهي ته اُن جو هڪ رٿابندي ڪندڙ به هجي، جنهن پنهنجي مقرر رٿا موجب ان جي جوڙ جوڙي. ساڳئي طرح هتي زمين جي مٿان هنڌ هنڌ تي جبل آهن، جيڪي زمين جي توازن کي برقرار رکيو بيٺا آهن. هن دنيا ۾ ڪروڙين قسم جا ساهوارا موجود آهن. انهن مان هرڪنهن کي ڌار ڌار رزق گهربل آهي. پر هرڪنهن جو رزق اهڙي ته مڪمل ترتيبَ سان موجود آهي جو، جنهن کي جيڪا روزي گهربل آهي، اها هو پنهنجي ويجهو ئي حاصل ڪري وٺي ٿو. ساڳئي طرح ڪائنات جو مطالعو ٻڌائي ٿو ته هڙئي شيون شروع ۾ منتشر ائٽم جي شڪل ۾ هيون. پوءِ هو گڏ ٿي ڌار ڌار شين جي شڪل ۾ جڙيون. ايئن ڪائنات جي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته وشال ڪائنات جون سڀئي شيون هڪ ئي فطرت جي قانون ۾ نهايت محڪم نموني جڙيل آهن.
    اهي مشاهدا چٽي نموني ثابت ڪن ٿا ته ڪائنات جو خالق زبردست ۽ تدبر وارو آهي. هو طاقت ۽ غلبي وارو آهي، پوءِ ٻيو ڪير آهي، جنهن کي انسان پنهنجو معبود قرار ڏي.


    145-41

    145-41
    کلَ جي شاهدي
    ”۽ جنهن ڏينهن الله جا دشمن باهه ڏي گڏ ڪيا ويندا، پوءِ اهي روڪيا ويندا (ته سڀ گڏ ٿين) نيٺ جڏهن ان (دوزخ) وٽ ايندا ته سندن ڪن ۽ سندن اکيون ۽ سندن کلون، مٿن انهن ڪمن جي شاهدي ڏينديون، جيڪي اهي ڪندا هئا ۽ اهي پنهنجي کلن کي چوندا ته ڇو اوهان اسان تي شاهدي ڏني. اهي چوندا ته اسان کان الله ڳالهرايو، جنهن سڀ ڪنهن شئي کان ڳالهرايو ۽ ان اوهان کي پهرئين ڀيري پيدا ڪيو ۽ ان ڏي ئي اوهان کي موٽايو ويندو ۽ اوهين پنهنجن ڪنن ۽ پنهنجين اکين ۽ پنهنجين کلن جي پاڻ شاهدي ڏيڻ کان پردو نه ڪندا هئا، پر اوهان هيءَ گمان ڪيو هو ته جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن مان گهڻيون ڳالهيون الله نه ٿو ڄاڻي.“ (حم السجده 19-22)
    قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته قيامت جي ڏينهن انسان جي کل ۽ ٻيا عضوا سندس عملن جي شاهدي ڏيندا. اڄوڪي دور ۾ Skin speech جي سائنسي نظريي ان کي واقعاتي طور تي ثابت ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ خود انساني علم تحت خبر پئجي ويئي آهي ته ماڻهو جو هر ٻول سندس کل تي نقش ٿيندو رهي ٿو ۽ ان کي ٻيهر ايئن ٻڌي سگهجي ٿو، جيئن مشيني طور تي رڪارڊ ٿيل آواز ٻيهر ٻڌو ويندو آهي.
    خدا جيئن ته بظاهر نظر نٿو اچي، تنهنڪري انسان سمجهي ٿو ته خدا کيس نٿو ڏسي. اهائي غلط فهمي ماڻهوءَ جي اندر سرڪشي پيدا ڪري ٿي. جيڪڏهن انسان اهو ڄاڻي وٺي ته خدا هر گهڙي کيس ڏسي پيو ته سندس سڄو رويو بدلجي ويندو.


    146-41

    146-41
    خدا جو حق
    ”۽ سندس نشانين مان رات ۽ ڏينهن ۽ سج ۽ چنڊ آهي، پوءِ نه سج کي ۽ نه چنڊ کي سجدو ڪريو ۽ جيڪڏهن اوهان کي الله جي عبادت ڪرڻي آهي ته ان کي سجدو ڪريو، جنهن انهن کي پيدا ڪيو آهي. پوءِ به اي پيغمبر، جيڪڏهن اهي ماڻهو وڏائي ڪن ته جيڪي ملائڪ تنهنجي پاليندڙ وٽ آهن، سي رات ۽ ڏينهن سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ اهي نه ٿا ٿڪجن.“ (حم السجده 37-38)
    انسان جي سڀ کان وڏي گمراهي سندس ظاهر پرستي آهي. قديم زماني جي انسان کي سج، چنڊ ۽ تارا سڀني کان وڌيڪ چٽا نظر ايندا هئا. تنهنڪري انهن کي خدا جو مظهر (لقاءُ) سمجهيائون ۽ انهن کي پُوڄڻ شروع ڪيائون. اڄوڪي دنيا ۾ مادي تهذيب جي جڳمڳاهٽ ماڻهن کي نمايان نظر اچي ٿي. تنهنڪري هاڻ مادي تهذيب کي اهو مقام ڏنو ويو آهي، جيڪو قديم زماني ۾ سج ۽ چنڊ کي حاصل هو. حالانڪه سج، چنڊ يا ٻيا لقاءُ سڀ خدا جي مخلوق آهن. انسان کي کپي ته هو خالق جو پرستار بنجي، نه ڪي مخلوق جو.
    وڏائي ڪندڙن کي وڏائي دعوت جي مقابلي ۾ نه هوندي آهي، پر اها سدائين داعيءَ جي مقابلي ۾ هوندي آهي. وقت جي وڏن کي بظاهر داعي پاڻ کان ننڍو نظر ايندو آهي، تنهن ڪري هو ان کي ننڍو سمجهي وٺندا آهن ۽ ان سان گڏ ان طرفان پيش ڪيل پيغام کي به.


    147-41

    147-41
    برسات جو مثال
    ”۽ انهن جي نشانين مان هيءَ به آهي ته تون زمين کي سُڪل ڏسين ٿو، پوءِ جڏهن ان تي پاڻي وسايون ٿا ته سرسبز ٿئي ٿي ۽ ڦنڊي ٿي. بيشڪ جنهن زمين کي جياريو، سو ضرور مُئلن کي جيارڻ وارو آهي. بيشڪ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي ۽ بيشڪ جيڪي اسان جي آيتن ۾ ڏنگائي پيدا ڪن ٿا، سي اسان کان ڳجها نه آهن. ڇا جنهن کي باهه ۾ وجهبو سو چڱو آهي يا جيڪو قيامت جي ڏينهن امن وارو ٿي ايندو. اي انسانو! بيشڪ وڻيوَ سو ڪريو! بيشڪ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي اهو ڏسندڙ آهي.“ (حم السجده 39-40)
    ٺوٺ زمين تي برسات جو وسڻ ۽ اها سرسبز ٿيڻ هڪ اهڙو لقاءَ آهي جيڪو هر ماڻهوءَ جي سامهون بار بار اچي ٿو. اها هڪ معنوي حقيقت جي مادي تمثيل آهي. ايئن انسان کي ٻڌايو ويندو آهي ته خدا ان جي سُڪل وجود کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ جو وڏو بندوبست ڪري رکيو آهي. زمين جي مٽي پاڻيءَ کي پنهنجي اندر ۾ جذب ڪري ٿي وٺي، ان کان پوءِ ئي اهو ممڪن ٿئي ٿو ته برسات ان کي سائو ستابو ڪرڻ جو ذريعو بنجي. ايئن انسان جيڪڏهن خدا جي هدايت کي پنهنجي اندر ۾ لهڻ ڏي ته ان جو وجود به هدايت حاصل ڪري جهومڻ لڳندو.
    خدا جي هدايت مان فيضياب نه ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب اهو هوندو آهي ته انسان خدا جي ڳالهين ۾ الحاد (انڪار) ڪري ٿو. خدا جي رهنمائي سندس سامهون اچي ٿي ته هو ان کي سڌي مفهوم ۾ نٿو وٺي، پر ان مان ڪاوڙ ڪڍي ان کي رد ٿو ڪري ڇڏي. ايئن خدا جي رهنمائي سندس ذهن جو حصو نٿي بڻجي. هوءَ ان جي روح کي غذا ڏيندڙ ثابت نٿي ٿئي.
    خدا جي رهنمائيءَ کي سڌي طرح قبولڻ وارن جو انعام جنت آهي ۽ خدا جي رهنمائيءَ مان وڏون ڪڍڻ وارن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي.


    148-41

    148-41
    آسمان ۽ روحن جي شاهدي
    ”اسين پنهنجي قدرت جون نشانيون دنيا جي پاسن ۾ ۽ سندن وجودن ۾ ڏيکارينداسون، تان جو مٿن ظاهر ٿئي ته بيشڪ اهو قرآن حق آهي. (اي پيغمبر!) ڇا تنهنجي پاليندڙ جي هيءُ ڳالهه ڪافي نه آهي ته هو هرڪنهن شئي جي خبر رکندڙ آهي“. (حم السجده 53)
    دنيا ۾ جيترا انسان وڏيون وڏيون دعوائون ڪري اُٿيا آهن، انهن سڀني جي ڪهاڻي حال جي ڪهاڻي آهي، ڪنهن جي به ڪهاڻي مستقل جي ڪهاڻي ڪونهي. ڪنهن جو مستقل به ان جي حال جي تصديق ڪرڻ وارو بنجي نه سگهيو. اهڙي دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سال اڳ اها اڳڪٿي ڪئي ويئي ته قرآن کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ واقعا ۽ حقيقتون قرآن جي تصديق ڪندا ويندا. قرآن ايندڙ سڀني زمانن ۾ پنهنجي سچائيءَ کي نه رڳو باقي رکندو، پر چٽو ۽ مدلل ڪندو ويندو. قرآن سدائين وقت جو ڪتاب رهندو.
    اها ڳالهه حيرت انگيز طور سئو سيڪڙو صحيح ثابت ٿي آهي. علمي تحقيق، تاريخي واقعا، زماني انقلاب، سڀ قرآن جي حق ۾ گڏ ٿيندا ويا. ايتري قدر جو اڄ غير مسلم محققين به شاهدي پيا ڏين ته قرآن پنهنجي نادر خصوصيتن جي ڪري پاڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هو خدا جو ڪتاب آهي. ڪنهن انساني لکڻيءَ ۾ اهڙي ابدي خصوصيت نٿي ملي سگهي.
    ان کليل حقيقت جي هوندي به جيڪي ماڻهو قرآن جي سچائيءَ جي اڳيان نه جهڪن، اهي رڳو اهو ثابت ڪن ٿا ته سندن بي خوفيءَ جي نفسيات کين غير سنجيدو بنائي ڇڏيو آهي. ڇو ته غير سنجيده انسان ئي ان قسم جي نامناسب روش ظاهر ڪري سگهي ٿو. کليل شاهدين کي ڏسڻ جي باوجود به انهن جو اقرار نه ڪري.


    149-42

    149-42
    بعثت محمدي ﷺ
    ”۽ اهڙي طرح اسان توڏي عربي زبان ۾ قرآن وحي ڪيو ته تون مڪي وارن ۽ ان جي ڀر پاسي وارن کي به ڊيڄارين ۽ گڏ ٿيڻ (قيامت) جي ڏينهن کان ڊيڄارين. جنهن جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي. هڪ گروهه جنت ۾ ۽ ٻيو دوزخ جي باهه ۾ هوندو. (الشوريٰ 7)
    پيغمبر جي دعوت جو اصل نشانو اهو هوندو آهي ته ماڻهن کي ان حقيقت کان واقف ڪيو وڃي ته نيٺ هو خدا جي سامهون حاضر ڪيا ويندا. ان کان پوءِ ماڻهن کي سندن عملن موجب ڪنهن لاءِ ابدي جنت جو فيصلو ته ڪنهن لاءِ ابدي دوزخ جو فيصلو ٿيندو.
    رسول الله ﷺ ان حقيقت کان واقف ڪرڻ جي لاءِ آيا، پاڻ سڳورن جي بعثت جا ٻه دور رهيا، هڪ سڌو سنئون، ٻيو اڻ سڌو. پاڻ سڳورن جي سڌي سنئين بعثت مڪي ۽ ان جي آسپاس جي لاءِ هئي. ان جي تڪميل جي لاءِ پاڻ سڳورن پنهنجي زندگي گذاري ڇڏي. پاڻ سڳورن جي اڻ سڌي بعثت سڄي جهان جي لاءِ هئي. پاڻ سڳورن جي اها ٻي بعثت جاري آهي ۽ قيامت تائين جاري رهندي.
    رسول الله ﷺ، اهل عرب جي سامهون پنهنجو پيغام عربي زبان ۾ پهچايو. پاڻ سڳورن کان پوءِ، پاڻ سڳورن جي اُمت کي به پاڻ سڳورن جي (نيابت) ۾ ان ئي اصول تي پنهنجو دعوتي فرض انجام ڏيڻو آهي. ان کي هر قوم جي سامهون ان جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻو آهي. جيستائين ڪنهن قوم کي سندس پنهنجي زبان ۾ حق جو پيغام نه پهچايو وڃي، مٿس پيغام رساني جو حق ادا نه ٿيندو.


    150-42

    150-42
    خدا جي عدالت
    ”۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته انهن کي هڪ جماعت ڪري ها، پر جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪري ٿو ۽ ظالمن جو نه ڪو دوست آهي ۽ نه ئي ڪو مددگار. ڀلا انهن کان سواءِ ٻيا مددگار ٺهرايا آهن ڇا؟ پوءِ الله ئي مددگار آهي ۽ اهوئي مئلن کي جياري ٿو ۽ اهو سڀ ڪنهن شئي تي قدرت رکندڙ آهي ۽ جنهن به ڳالهه ۾ اوهان اختلاف ڪيو آهي، ان جو فيصلو الله جي حوالي آهي. اهو الله منهنجو پاليندڙ آهي، مٿس مون ڀروسو ڪيو ۽ ان ڏي ئي رجوع ٿيان ٿو. (الشوريٰ 8-10)
    انسان جي لاءِ الله تعاليٰ هڪ غير معمولي رحمت جو دروازو کوليو آهي، جيڪو ڪنهن ٻي جي لاءِ نه کوليو اٿس، اهو آهي پنهنجي ارادي سان الله جي هدايت اختيار ڪرڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ الله جي غير معمولي انعام جو حقدار بنجڻ. ماڻهن پاران مختلف رستا اختيار ڪرڻ ان آزادي جي قيمت آهي، اهو اختلاف يقينن هڪ اڻ وڻندڙ شئي آهي، پر ان قيمتي انسان جو ان کي ڌُڻڻ کان سواءِ ٻي ڪا شڪل به ڪونهي.
    خدا جيتوڻيڪ انسان کي آزاد پيدا ڪيو آهي، پر ان جي هدايت جي لاءِ انسان جي اندر ۽ ٻاهر ايترو گهڻو سامان رکيو ويو آهي، جو ماڻهو جيڪڏهن واقعي سنجيدو هجي ته هو ڪڏهن به غلط رستو اختيار نه ڪري. اهڙي حالت ۾ جيڪي ماڻهو غلط رستو اختيار ڪن، اهي وڏا ظالم آهن. هو خدا وٽ هرگز معافيءَ جي لائق نه هوندا.
    حق ۽ باطل وارن جي وچ ۾ دنيا ۾ جيڪو اختلاف پيدا ٿئي ٿو، ان جو آخري فيصلو دنيا ۾ ٿي نٿو سگهي. دنيا جو حال اهو آهي ته هتي هر ماڻهو پنهنجي موافق لفظ پائي ٿو. هتي اهو ممڪن آهي ته ڪوڙ کي سچ جي روپ ۾ ظاهر ڪري سگهجي. پر اهو فقط هن زندگيءَ جي مرحلي تائين آهي. جتي انسان جو مقابلو انسان سان آهي. ايندڙ زندگيءَ ۾ انسان جو مقابلو خدا سان ٿيندو، اتي ڪنهن جي لاءِ اهو ناممڪن ٿي پوندو ته پنهنجو پاڻ کي پرفريب لفظن جي پردي ۾ لڪائي سگهي.


    151-42

    151-42
    دنيا ۽ آخرت
    ”الله پنهنجن ٻانهن تي مهربان آهي، جنهن کي گهري ٿو، تنهن کي روزي ڏي ٿو ۽ اهوئي طاقت وارو (۽) زبردست آهي. جيڪو آخرت جي کيتي گهري ٿو، تنهن لاءِ سندس کيتيءَ ۾ واڌارو ڪريون ٿا ۽ جيڪو دنيا جي کيتي گهري ٿو، تنهن کي ان مان ڪجهه ڏيون ٿا، ۽ ان لاءِ آخرت ۾ ڪو حصو نه آهي. (الشوريٰ 19-20)
    دنيا جي زندگي امتحان جي لاءِ آهي. هتي هر ماڻهو کي امتحان جي لاءِ ضروري اسباب ڏنا وڃن ٿا. هاڻ جيڪو شخص آخرت پسند هجي ٿو، اهو هن دنيا جي اسبابن کي آخرت جي تعمير واسطي استعمال ڪندو ۽ ان جي نتيجي ۾ آخرت ۾ وڌيڪ واڌاري سان پنهنجو انعام ماڻيندو.
    اُن جي ابتڙ جيڪو شخص دنيا پسند هجي ٿو، اهو رڳو هن دنيا کي نظر ۾ رکي عمل ڪندو. اهڙو شخص هن دنيا ۾ پنهنجي محنتن جو ڦل ته ماڻي سگهي ٿو، پر آخرت ۾ هو ان کان سراسر محروم رهندو. جڏهن هن آخرت جي لاءِ ڪجهه ڪيو ئي نه هوندو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته آخرت ۾ کيس ڪجهه ڏنو وڃي.


    152-42

    152-42
    ايمان جا گُڻ
    ”۽ (انهن لاءِ) جيڪي وڏن گناهن ۽ بي حيائي جي ڪمن کان بچن ٿا ۽ جڏهن ڪاوڙجن ٿا ته معاف ڪن ٿا ۽ (انهن لاءِ) جن پنهنجي پاليندڙ جو حڪم قبول ڪيو ۽ نماز قائم ڪئي ۽ سندن ڪم پاڻ ۾ صلاح مشوري سان آهي، ۽ جيڪي اسان انهن کي (رزق) ڏنو آهي، تنهن مان خرچ ڪن ٿا ۽ (انهن لاءِ) جن جي مٿان جڏهن سرڪشي ٿئي ٿي ته بدلو وٺن ٿا ۽ برائيءَ جو بدلو ان جهڙي برائي آهي. پوءِ جنهن معاف ڪيو ۽ (معاملو) سڌاريو، تنهن جو اجر الله تي آهي. بيشڪ الله ظالمن کي پسند نه ٿو ڪري ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کان پوءِ بدلو ورتو، تن تي ڪو الزام نه آهي. الزام رڳو انهن تي آهي، جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪن ٿا ۽ زمين ۾ ناحق فساد وجهن ٿا. انهن لاءِ دردناڪ عذاب آهي ۽ جيڪو صبر ڪري ٿو ۽ معاف ڪري ته بيشڪ اهو (ڪم) همت جي ڪمن مان آهي. (الشوريٰ 37-43)
    جڏهن حقيقي معنيٰ ۾ ڪنهن کي ايمان حاصل ٿئي ٿو ته هو ان جي اندر انقلاب پيدا ٿو ڪري ڇڏي. ان جي اندر هڪ نئين شخصيت ٿي اُڀري. هي خدا جي ٻانهن جي جن گُڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اهي سڀ اُهي آهن، جيڪي ان ايماني شخصيت جي نتيجي ۾ ڪنهن جي اندر ظاهر ٿين ٿا. اهڙي شخص جي اندر حقيقت جي اعتراف جو مزاج پيدا ٿئي ٿو. هو خدا جي خدا هئڻ ۽ پنهنجي ٻانهي هئڻ جي حيثيت جو اعتراف ڪندي ان جي اڳيان نمي ٿو. خدا جي هڪ پڪار بُلند ٿئي ته هن جي لاءِ اهو ناممڪن بنجي وڃي ٿو ته اهو ان تي لبيڪ نه چوي. ايماني شعور کيس صحيح ۽ غلط رستي جي باري ۾ حساس بنائي ٿو ڇڏي. هو اهوئي ڪري ٿو، جيڪو کيس ڪرڻ گهرجي ۽ اهو نٿو ڪري، جيڪو نه ڪرڻ گهرجيس.
    پنهنجي اصليت/ حيثيت کي مڃڻ سندس اندر کي ٿڌو ڪري ٿو ڇڏي، جيڪو کانئس ڪاوڙ، ڪروڌ، ظلم ۽ سرڪشيءَ جو مزاج کسي ٿو وٺي. اها ڳالهه کيس ان ڳالهه تي مجبور ٿي ڪري ته هو گڏيل معاملن ۾ ٻين جي صلاح مصلحت مان فائدو وٺي ۽ رڳو پنهنجي ذاتي راءِ جي آڌار تي قدم کڻڻ کان پاسو ڪري. سندس ٻين سان لڳ لاڳاپو خير خواهيءَ جو هوندو آهي، نه ڪي ضد ۽ پرماريت وارو.
    اهڙو ماڻهو ٻين جي خلاف ڪڏهن به جارحيت نٿو ڪري، هو جڏهن به ٻين جي خلاف ڪو قدم کڻي ٿو ته بچاءُ طور کڻي ٿو ۽ ايترو ئي ڪري ٿو جيترو ظلم روڪڻ جي لاءِ ضروري هوندو آهي. هو عين اشتعال/ چڙ جي حالت ۾ به ان لاءِ تيار هوندو آهي ته ماڻهن کي معاف ڪري ڇڏي ۽ هنن ساڻس جيڪا برائي ڪئي آهي، اها وساري ڇڏي. مومن پنهنجو اهو سمورو ڪم ايمان جي جذبي تحت ڪري ٿو، پر الله تعاليٰ سندس قدرداني ايئن ٿو ڪري ته کيس همت وارو ۽ عزم وارو جي خطاب سان نوازي ٿو ۽ کيس ابدي نعمتن جي باغ ۾ گهيڙي ٿو ڇڏي.


    153-43

    153-43
    پيغمبرن جي تاريخ
    ”ڀلا نصحيت ڪندڙ ڪتاب کي اوهان کان ان ڪري روڪينداسون ڇا جو اوهين حد کان لنگهندڙ قوم آهيو؟ ۽ گهڻائي پيغمبر اڳين قومن ۾ موڪلياسين ۽ انهن وٽ ڪوبه پيغمبر نه ٿي آيو، جنهن تان هنن ٺٺوليون نه ڪيون. پوءِ اسان انهن کان به تمام وڏن سگهارن کي برباد ڪيو ۽ اڳين جو بيان ٿي چڪو آهي. (الزخرف 5-8)
    هن دنيا ۾ اهڙا اڻ ڳڻيا ماڻهو آهن، جيڪي گذريل پيغمبرن جو نالو عزت ۽ احترام سان وٺن ٿا. اهڙي حالت ۾ اها ڳالهه عجيب ٿي لڳي ته پنهنجي زماني جي ماڻهن انهن پيغمبرن تان (پيغمبر اسلام سميت) ٺٺوليون ڇو ڪيون. ان جو ڪارڻ اهو ته ڪونهي ته گذريل ماڻهو وحشي هئا ۽ اڄ جا انسان سُڌريل آهن. اهو رڳو زماني جو فرق آهي. اڄ ڊگهو عرصو گذرڻ کان پوءِ هر پيغمبر سان تاريخي عظمت جو زور شامل ٿي چڪو آهي. ان ڪري هر نظر رکندڙ پيغمبر کي سڃاڻي ٿو وٺي. پر پيغمبر پنهنجي زندگيءَ ۾ ان عظمت واري تاريخ کان سواءِ هو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي زماني جي ماڻهن کي رڳو هڪ عام انسان ٿي نظر آيو. ان وقت پيغمبر جي پيغمبراڻي حيثيت کي سڃاڻڻ جي لاءِ حقيقت پسند نظرن جي گهرج هئي ۽ بيشڪ حقيقت جي نگاهه دنيا ۾ سدائين گهٽ ڏٺي ويئي آهي.
    حق جي دعوت جا مخاطبين، ڀلي ڪيترو به غلط رويو اختيار ڪن، داعي هڪ طرفي طور تي صبر ڪندي، پنهنجي دعوتي عمل کي جاري رکندو آهي، ته جيئن نيٺ اهو وقت اچي وڃي جو خدا پنهنجي طرفان ٻنهي جي وچ ۾ ڪو فيصلو ڪري.


    154-43

    154-43
    پيغمبر جو مقصد
    ”۽ جڏهن عيسيٰ پڌريون نشانيون کڻي آيو، تڏهن (ماڻهن کي) چيائين ته آءٌ اوهان وٽ حڪمت کڻي آيو آهيان ۽ هن لاءِ آيو آهيان ته ڪجهه ڳالهيون، جن ۾ اوهين اختلاف ڪريو ٿا، سي اوهان کي سمجهايان. پوءِ الله کان ڊڄو ۽ منهنجو چيو مڃو. بيشڪ الله ئي منهنجو پاليندڙ ۽ اوهان جو پاليندڙ آهي. پوءِ اُن جي عبادت ڪريو. هيءَ سنئين واٽ آهي. پوءِ انهن مان جماعتن پاڻ ۾ اختلاف ڪيو. پوءِ دردناڪ ڏينهن جي عذاب کان ظالمن لاءِ وڏي خرابي آهي. (الزخرف 63-65)
    هتي حڪمت جو مطلب دين جو روح آهي ۽ صراط مستقيم جو مطلب اهائي شئي آهي، جنهن کي آيت ۾ خدا جو خوف، ان جي عبادت ۽ رسول جي پيروي چيو ويو آهي. اهوئي اول دين آهي. يهودين پوءِ هيءُ ڪيو ته انهن دين جو روح وڃائي ڇڏيو ۽ دين جي بنيادي حڪمن ۾ تشريحن جي ذريعي اڻ ڳڻيا نوان نوان مسئلا پيدا ڪيا. اهي مسئلا اڄ به يهودين جي ڪتابن ۾ موجود آهن. انهن پاڻ مرادو واڌارن جي ڪري سندن اندر اختلافي فرقا بڻيا. ڪنهن هڪ اختلافي مسئلي تي زور ڏنو، ته ڪنهن ٻي اختلافي مسئلي تي. ائين انهن ۾ هڪ دين ڪيترائي دينَ بنجي ويو. حضرت عيسيٰ عليه السلام ان لاءِ آيا ته پاڻ يهودين کي ٻڌائين ته دين ۾ اصل اهميت روح جي آهي نه ڪي ڏيکاءُ جي. ۽ اهو ته ماڻهوءَ جو ڇوٽڪارو جنهن شئي ۾ ٿيندو، اهو ان دين جي پيرويءَ تي ٿيندو، جيڪو خدا موڪليو آهي، نه ڪي ان دين تي جيڪو اوهان ماڻهن هٿرادو جوڙيو آهي.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام ٻڌايو ته اصل دين هيءُ آهي ته اوهين الله کان ڊڄو، فقط هڪ الله جي ئي عبادت ڪريو. زندگيءَ جي معاملن ۾ پيغمبر جي نموني جي پيروي ڪريو. ان کان سواءِ اوهان بحثن ۽ تشريحن سان جيڪي بي شمار مسئلا کڙا ڪري رکيا آهن، انهن واڌارن کي ڇڏي اصل دين تي قائم ٿيو. حضرت عيسيٰ عليه السلام جون اهي ڳالهيون ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ انجيلن ۾ موجود آهن.


    155-43

    155-43
    شفاعت جو تصور
    ”۽ الله کان سواءِ جن کي سڏين ٿا، سي سفارش ڪرڻ جو اختيار نه ٿا رکن، پر انهن لاءِ جن سچي شاهدي ڏني هوندي ۽ اهي (جي ان حقيقت کي) ڄاڻندا هوندا ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن کان پُڇندين ته ڪنهن کين پيدا ڪيو آهي ته چوندا الله. پوءِ اهي ڪيئن اُبتا وڃن ٿا ۽ ان کي رسول جي هن چوڻ جي به خبر آهي ته اي منهنجا پاليندڙ! هيءَ اهڙي قوم آهي، جي ايمان نه ٿا آڻين. پوءِ تون کانئن منهن موڙ ۽ سلام چئو، جلد ئي کين خبر پئجي ويندي. (الزخرف 86-89)
    قيامت جي ڏينهن پيغمبر ۽ حق جا داعي جيڪا شفاعت ڪندا، اها حقيقت ۾ شفاعت نه پر شاهدي آهي. يعني اهڙي ڳالهه جي شاهدي ڏيڻ، جنهن کي ماڻهو ذاتي طور تي سڃاڻندو هجي. آخرت ۾ جڏهن ماڻهوءَ جو ڪيس پيش ٿيندو ته سڄي خبر هئڻ جي باوجود الله تعاليٰ وڌيڪ تائيد (شاهديءَ) جي لاءِ انهن ماڻهن کي کڙو ڪندو، جيڪي قومن جا همعصر هئا. انهن هنن جي سامهون حق جو پيغام پيش ڪيو، پوءِ به ڪنهن مڃيو ته ڪنهن نه مڃيو. ڪنهن ان جو ساٿ ڏنو ته ڪو وري ان جو مخالف بنجي بيٺو. اهوئي تجربو جيڪو انهن جي مٿان گذريو، ان کي خدا جي سامهون پيش ڪندا. اهو ايئن هوندو جيئن شاهد ڪنهن عدالت ۾ پنهنجي شاهديءَ جي آڌار تي سچو بيان ڏي. ان کان سواءِ قيامت ۾ ٻيو ڪنهن کي به اهو اختيار حاصل نه هوندو ته اهو ڪنهن ڏوهاريءَ جو شافع بنجي بيهي ۽ ان جي باري ۾ خدائي فيصلي کي بدلائي، جيڪو واقعي جي طور تي ان جي باري ۾ ٿيڻ وارو هو. خدا ان ڳالهه کان تمام مٿانهون آهي ته سندس حضور ۾ ڪو شخص ائين ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
    حق جي دعوت جو ڪم سراسر نصيحت جو ڪم آهي. آخري مرحلي ۾ جڏهن داعيءَ تي اهو چٽو ٿي ويندو ته ماڻهو ڪنهن به طرح مڃڻ وارا نه آهن، ان مهل به داعي ماڻهن جي لاءِ خدا کان دعا گهري ٿو. ماڻهن پاران ڏنل تڪليف تي صبر ڪري ٿو. هو ماڻهن جو خيرخواهه بنيل رهي ٿو.


    156-44

    156-44
    ڪائنات جي معنويت
    ”۽ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي راند ڪندڙ ٿي نه جوڙيو آهي. اسان انهن ٻنهي کي پوري تدبير سان جوڙيو آهي، پر انهن مان گهڻا نه ٿا ڄاڻن. بيشڪ انهن سڀني جي لاءِ فيصلي جو ڏينهن انهن لاءِ هڪ مقرر وقت آهي. جنهن ڏينهن ڪوبه مٽ مائٽ ڪنهن مٽ مائٽ جي ڪم نه ايندو ۽ انهن جي مدد ڪئي ويندي. پر جنهن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ اهوئي زبردست (۽) رحم وارو آهي. (الدخان 38-42)
    زمين ۽ آسمان جي نظام تي ويچاريو وڃي ته خبر پوندي ته ان جي تخليق نهايت بامعنيٰ انداز ۾ ٿي آهي. سڄي ڪائنات هڪ مقصد تحت عمل ڪري ٿي. ڪائنات جي نظام ۾ جيڪڏهن معنويت نه هجي ته هن دنيا ۾ انسان جي لاءِ شاندار تمدن جي اڏاوت ناممڪن ٿي پوي.
    آخرت جو عقيدو ڪائناتي معنويت جي توسيع آهي. جيڪا ڪائنات ايتري بامعنيٰ انداز ۾ جوڙي ويئي آهي، ان لاءِ اهو ناممڪن آهي ته اها سراسر بي معنيٰ طور تي ختم ٿي وڃي. ڪائنات جي موجوده معنويت ان ڳالهه جو قرينو آهي ته اها هڪ بامعنيٰ ۽ بامقصد انجام تي ختم ٿيڻ واري آهي. آخرت ان بامعنيٰ ۽ بامقصد انجام جو ٻيو نالو آهي.
    دنيا جو موجوده مرحلو آزمائش جو مرحلو آهي. تنهنڪري اڄ دنيا جي معنويت ۾ هر ماڻهو پنهنجو حصو حاصل ڪري رهيو آهي. پر جڏهن آخرت ايندي ته ان وقت جي معنويت ۾ رڳو انهن ماڻهن کي حصو ملندو جيڪي خدا جي نظر ۾ ان جا حقدار هوندا.


    157-44

    157-44
    جنت جي دنيا
    ”بيشڪ خدا کان ڊڄڻ وارا امن واري گهر ۾ هوندا، باغن ۽ چشمن ۾. سنهي ريشم ۽ ٿلهي ريشم جي پوشاڪ هڪ ٻئي جي سامهون ئي ڍڪيندا. اهڙي طرح ئي ٿيندو ۽ کين وڏين ڪارين اکين وارين سهڻين زالن سان پرڻائينداسون. اتي بي ڊپا ٿي هر قسم جا ميوا گهرائيندا. اتي (پهرينءَ) موت کان سواءِ ٻئي موت جو مزو نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو. (اي پيغمبر!) اهو تنهنجي پاليندڙ جي فضل سان ٿيندو. اهائي وڏي ڪاميابي آهي“. (الدخان 51-58)
    انهن لفظن ۾ انسان جي پسند جي ان دنيا جي تصوير آهي، جيڪا سندس سپنن ۾ وسيل آهي. هر ماڻهو پنهنجي پسند جي ان دنيا کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. پر هن دنيا ۾ اها حاصل ڪري نه سگهندو آهي. اها خوابن جي دنيا وڌيڪ واڌاري مان کيس جنت ۾ حاصل ٿيندي.
    هر قسم جي ڊپ کان خالي اها دنيا، انهن ماڻهن کي ملندي، جيڪي الله کان ڊڄندا رهندا. ابدي نعمتن سان ڀريل هيءَ زندگي انهن جو حصو هوندي، جت اُن جي خاطر دنيا جي وقتي نعمتن کي قربان ڪيو هو. آخرت جي ان عظيم ڪاميابيءَ ۾ اهي ماڻهو گهڙندا، جن اها حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هن دنيا کي خطري ۾ وجهڻ جو حوصلو ڪيو هو.


    158-45

    158-45
    قرآن جي دعويٰ
    ”هي نازل ڪيل ڪتاب، الله زبردست (۽) حڪمت واري جي طرفان آهي. بيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن جي لاءِ نشانيون آهن ۽ اوهان جي ۽ جيڪي جانور پکيڙي ٿو، تن جي پيدا ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي يقين ڪن ٿا ۽ رات ۽ ڏينهن جي بدلجڻ ۾ ۽ جو رزق الله آسمان مان لاٿو، پوءِ ان سان زمين کي ان جي مرڻ کان پوءِ جياريائين، تنهن ۾ ۽ هوائن جي ڦيرڦار ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ نشانيون آهن، جيڪي عقل کان ڪم وٺن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي الله جون آيتون آهن، جيڪي توکي صحيح نموني پڙهي ٻڌايون ٿا. پوءِ الله ۽ سندس آيتن کي ڇڏي ڪهڙي ڳالهه تي ايمان آڻيندا؟ (الجاثيه 1-6)
    قرآن جو چوڻ آهي ته هيءُ ڪتاب حڪمت وارو آهي ۽ خدا طرفان لاٿو ويو آهي. گويا خود پنهنجي طرفان هڪ اهڙو قطعي معيار ڏيڻ جنهن تي قرآن جي سچائيءَ کي جانچي سگهجي. خدا تعاليٰ طرفان ان جي لهڻ جو مطلب هيءُ آهي ته ڪوبه ڪتاب هن کي زير ڪري نه سگهي. قرآن هر حال ۾ پنهنجن مخالفن تي ضرور غالب ايندو.
    اها ڳالهه مڪي دور ۾ چئي ويئي هئي. ان وقت حالتون سراسر قرآن جي خلاف هيون. پر پوءِ جي تاريخ حيرت انگيز طور ان جي تصديق ڪئي. قرآن جي دعوت کي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪاميابي حاصل ٿي.
    ساڳئي طرح خدا تعاليٰ طرفان لهڻ جي تقاضا اها آهي ته ان جا مضمون سڀ جا سڀ عقل ۽ ڏاهپ تي ٻڌل هجن. اها ڳالهه لڳ ڀڳ ڏيڍ هزار سالن کان لڳاتار صحيح ثابت ٿي رهي آهي. قرآن پاڪ، سائنسي دور کان اڳ لٿو. پر سائنسي دور ۾ به قرآن جي ڪا ڳالهه عقل جي خلاف ثابت ٿي نه سگهي آهي.
    ان کان سواءِ جيڪا ڪائنات انسان جي چئني ڏسائن پکڙي پئي آهي، اُن جون سڀئي شيون قرآن جي پيغام جي تصديق بنجي ويون آهن. پر اها تصديق رڳو انهن ماڻهن جي لاءِ تصديق بنبي، جن جي اندر يقين ڪرڻ جو ذهن هجي، جيڪي نشانين جي زبان ۾ ظاهر ڪيل ڳالهه کي حاصل ڪرڻ جي سگهه رکندا هجن.


    159-45

    159-45
    حق کي نظر انداز ڪرڻ
    جيڪو الله جي آيتن کي جنهن وقت کيس اهي پڙهي ٻڌايون وڃن ٿيون ته ٻُڌي ٿو، وري وڏائي ڪري (ڪفر تي) ضد ڪري بيهي ٿو، ڄڻ ته انهن آيتن کي نه ٻُڌائين. پوءِ (اي پيغمبر!) ان کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌاءِ. ۽ جڏهن اسان جي آيتن مان ڪجهه ڄاڻي ٿو ته انهن تي مسخري ڪري ٿو. انهن لاءِ ئي خوار ڪندڙ عذاب آهي. سندن پٺيان دوزخ آهي ۽ جيڪي ڪمايائون، سو ڪجهه به ڪم نه ايندن، ۽ نه ڪي اهي (ڪم ايندا) جن کي الله کان سواءِ دوست بنايو اٿن. ۽ انهن لاءِ ئي وڏو عذاب آهي. هيءَ (قرآن) هدايت آهي ۽ جن پنهنجي پاليندڙ جي آيتن جو انڪار ڪيو، تن لاءِ سخت دردناڪ عذاب جي سزا آهي. (الجاثيه 7-11)
    حق جو اعتراف اڪثر حالتن ۾ پنهنجي وڏائيءَ کي وڃائڻ برابر هوندو آهي. ماڻهو پنهنجي وڏائي وڃائڻ نه چاهيندو آهي، ان ڪري هو حق جو اعتراف به نه ڪندو آهي. پر حق جي آڏو نه جهڪڻ خدا جي اڳيان نه جهڪڻ آهي. اهڙن ماڻهن جي لاءِ هتي تمام سخت عذاب آهي.
    ماڻهو جيتوڻيڪ هٺ ۽ وڏائيءَ جي ڪري حق کي نه مڃيندو آهي، پر پنهنجي رويي جي جواز جي لاءِ هو نظرياتي دليل پيش ڪندو آهي. پر ان دليل جي حقيقت ڪوڙن لفظن جي تشريح کان سواءِ وڌيڪ ڪونهي. اهڙو ماڻهو ڪنهن شئي کي غلط مفهوم ڏيئي، ان کي شو شو بنائي ڇڏيندو آهي. هو اُن شوشي جي بنياد تي حق جو ۽ ان جي داعي جو مذاق اڏائڻ لڳندو آهي. اهڙا ماڻهو سخت عذاب جا مستحق آهن. ڇو ته هو پنهنجي بدعمليءَ تي سرڪشيءَ جو واڌارو ڪري رهيا آهن. ان سرڪشيءَ تي کيس جيڪا شئي آماده ڪندي آهي، اها سندس دنياوي حيثيت آهي. پر ڪنهن جي دنياوي حيثيت، آخرت ۾ هن جي ڪم اچڻ واري نه آهي.


    160-45

    160-45
    ڪائنات جي تسخير
    ”الله اهو آهي، جنهن سمنڊ کي اوهان جي تابع ڪيو، هن لاءِ ته ان ۾ سندس حڪم سان ٻيڙيون هلن ۽ هن لاءِ ته سندس فضل مان روزي ڳوليو ۽ مَن اوهين شڪر ڪريو ۽ جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، تن سڀني کي پنهنجي طرفان اوهان جي ڪم ۾ لاٿو اٿس. بيشڪ ان ۾ انهن ماڻهن لاءِ نشانيون آهن، جيڪي فڪر ڪن ٿا“. (الجاثيه 12-13)
    پاڻي ظاهري طور تي ته ٻوڙڻ واري شئي آهي. پر الله تعاليٰ کيس پنهنجن قانونن جو پابند بنايو آهي ته جيئن اٿاهه سمنڊن جي مٿان وڏا وڏا جهاز هڪ طرف کان ٻي طرف هلندا رهن ۽ حفاظت سان پنهنجي منزل تائين پهچي ويندا آهن. اهوئي معاملو پوري ڪائنات جو آهي. ڪائنات ائين جوڙي ويئي آهي، جو اها مڪمل طور تي انسان جي تابع آهي.
    انسان جيئن چاهي، تيئن ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگهي ٿو. هن دنيا جي اهائي خصوصيت آهي، جنهن جي آڌار تي اهو ممڪن ٿيو آهي ته هتي انسان پنهنجي لاءِ شاندار تمدن اڏي سگهي.
    ڪائنات جو موجوده ڍانچو ئي ان جو آخري ۽ واحد ڍانچو آهي. اها ٻين بي شمار طريقن سان به بنجي سگهي ٿي. پر مختلف امڪانن مان اهوئي هڪ امڪاني واقعو بنيو، جيڪو اسان جي لاءِ فائديمند هو. اها هڪ نشاني آهي، جنهن تي ويچارڻ وارا ويچاريندا ته هو اُن ۾ پنهنجي لاءِ عظيم الشان سبق پائي سگهن ٿا.


    161-45

    161-45
    بامعنيٰ انجام
    ”ڀلا جن بڇڙايون ڪيون، تن هيءَ خيال ڪيو آهي ڇا ته اسين کين انهن جهڙو ڪنداسون، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، انهن جو جيئڻ ۽ انهن جو مرڻ هڪ جهڙو هجي، جيڪو حڪم ڪن ٿا، سو ڪهڙو نه بُڇڙو آهي ۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري تدبير سان پيدا ڪيو آهي ۽ هن لاءِ ته سڀ ڪنهن نفس جيڪي ڪمايو، تنهن جو بدلو اُن کي ڏنو وڃي ۽ انهن تي ظلم نه ڪيو ويندو“. (الجاثيه 21-22)
    جيڪو شخص اهو خيال ڪري ته ماڻهو سٺو ٿي رهي يا خراب ڳالهه مڙئي ساڳئي آهي، نيٺ ٻنهي کي مري ختم ٿي وڃڻو آهي، اهڙو ماڻهو نهايت اجايا ۽ بي بنياد خيال پنهنجي دماغ ۾ آڻي ٿو. ائين سمجهڻ ان شعور عدل جي خلاف آهي، جيڪا ان جي نظام جي اندر ڪمال درجي جي حالت ۾ پاتي وڃي ٿي. حقيقت اها آهي ته انسان جي اندروني فطرت ۽ ان جي ٻاهرين وشال ڪائنات، ٻئي ان کي سراسر باطل ثابت ڪن ٿا ته زندگي کي هڪ اهڙي بي مقصد شئي سمجهيو وڃي، جنهن جو ڪو انجام سامهون اچڻ وارو ڪونهي.


    162-45

    162-45
    ڏوهاري ذهن
    ”پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پاليندڙ پنهنجي رحمت ۾ داخل ڪندو. اهائي ظاهر ڪاميابي آهي ۽ جن ڪفر ڪيو (تن کي چونداسون ته) ڇا اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي نه ٻڌايون وينديون هيون، ۽ پوءِ اوهان وڏائي ڪئي ۽ اوهين ڏوهاري هئا. ۽ جڏهن (اوهانکي) چيو ويندو هو ته بيشڪ الله جو وجود سچو آهي ۽ ان گهڙيءَ جي اچڻ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته اوهين چوندا هئا ته اسين نه ٿا ڄاڻون ته اها گهڙي ڇا آهي، اسان کي رڳو ٿورو گمان ۾ اچي ٿو ۽ اسان کي ان تي يقين (بلڪل) نه ٿو ٿئي“. (الجاثيه 30-32)
    تڪبر جو مطلب خدا جي مقابلي ۾ تڪبر ڪونهي، پر خدا جي داعيءَ جي مقابلي ۾ تڪبر آهي. خدا جي ڳالهه کي مڃڻ هن دنيا ۾ بظاهر خدا جي داعيءَ جي ڳالهه کي مڃڻ جي برابر هوندو آهي. هاڻ جيڪي ماڻهو تڪبر ۾ مبتلا آهن ۽ هو ان ڳالهه کي پنهنجي رتبي کان گهٽ سمجهن ته هو پاڻ جهڙي هڪ انسان جي ڳالهه مڃين، تنهنڪري هو ان کي نظر انداز ڪري ٿا ڇڏين. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو تڪبر جي نفسيات کان خالي آهن ۽ هڪدم ان جي اڳيان جهڪي ٿا وڃن، پهرين گروهه جي لاءِ خدا جو ڏمر ۽ ٻي گروهه جي لاءِ خدا جي رحمت آهي.
    هڪ انسان جڏهن حق جو انڪار ٿو ڪري ته پنهنجي انڪار کي صحيح ثابت ڪرڻ جي لاءِ هو طرح طرح جون ڳالهيون ڪندو آهي. هو ڪڏهن داعي کي بي ڀروسو ثابت ڪندو آهي، ته ڪڏهن وري داعي جي پيغام مان شڪ ۽ شبهي جو پهلو ڪڍندو آهي. پر قيامت جي ڏينهن اها ڳالهه کلي ويندي ته اهي سڀ ڏوهاري ذهن مان نڪتل ڳالهيون هيون نه ڪي حق پرست ذهن مان نڪتل ڳالهيون.


    163-46

    163-46
    علم جا ٻه قسم
    ”کين چئو ته مون کي ٻڌايو ته سَهي ته الله کان سواءِ جن کي سڏيو ٿا، مون کي ڏيکاريو ته ڪهڙي شئي انهن زمين مان پئدا ڪئي آهي؟ يا آسمانن (جي بنائڻ) ۾ ڪا انهن جي ڀائيواري آهي ڇا؟ هن کان اڳ جو ڪو ڪتاب يا علمي روايت مون وٽ آڻيو. جيڪڏهن اوهين سچا آهيو ۽ ان کان وڏو گمراهه ڪير آهي، جو الله کان سواءِ اهڙن کي سڏي ٿو، جي قيامت جي ڏينهن تائين اُن کي جواب نٿا ڏين ۽ اهي سندن سڏڻ کان بي خبر آهن، ۽ جڏهن (قيامت ۾) ماڻهن کي گڏ ڪيو ويندو، تڏهن هو انهن جا دشمن هوندا ۽ سندن عبادت جو انڪار ڪندڙ هوندا“. (الاحقاف 4-6)
    حقيقت ۾ علم رڳو ٻه آهن. هڪ الهامي علم (Revealed Knowledge) يعني اهو علم جيڪو پيغمبر جي وسيلي انسانن تائين پهتو. ٻيو ثابت ٿيل علم (Established Knowledge) يعني اهو علم جنهن جو علم هئڻ انساني تحقيقات ۽ تجربن مان ثابت ٿي ويو هجي. ان کي ٻين لفظن ۾ نقلي علم ۽ عقلي علم چئي سگهجي ٿو.
    انهن ٻنهي مان ڪوبه علم اهو نٿو ٻڌائي ته هن ڪائنات ۾ هڪ خدا کان سواءِ ڪا ٻي هستي آهي، جيڪا خدائيءَ جي لائق آهي. ۽ جڏهن علم جي ٻن ذريعن مان ڪو ذريعو مُشرڪ جي شاهدي نه ڏي ته مشرڪاڻون عقيدو انسان جي لاءِ ڇو درست ٿي سگهي ٿو. جيڪو شخص خدا کي ڇڏي ڪنهن ٻي شئي کي پنهنجو سهارو بڻائي، اهو سهارو آخرت جي ڏينهن هن جي ڪنهن به ڪم نه ايندو نه سندس ڪا مدد ڪندو.


    164-46

    164-46
    آسماني ڪتابَ
    ”۽ ان کان اڳ موسيٰ جو ڪتاب هو، جيڪو رهنما ۽ وڏي رحمت هو ۽ هيءُ ڪتاب اُن کي سچو چوندڙ آهي ۽ عربي زبان ۾، ته جيئن ظالمن کي بڇڙي نتيجي کان ڊيڄاري ۽ چڱن ڪمن ڪندڙن جي لاءِ خوشخبري آهي. بيشڪ جن چيو ته اسان جو پاليندڙ الله آهي، وري ان تي ڄميا رهيا، تن تي نه ڊپ آهي ۽ نه اهي غمگين ٿيندا. اهي جنت وارا آهن ۽ ان ۾ سدائين رهڻ وارا آهن. کين سندن هن دنيا ۾ ڪيل عملن جو بدلو ڏنو ويندو“. (الاحقاف 2-14)
    قرآن ۾ ۽ ٻين آسماني ڪتابن ۾ هڪ فرق اهو آهي ته گذريل آسماني ڪتاب پاڻ کان پوءِ هڪ ٻي ڪتاب ۽ ساڳئي طرح هڪ ٻي ايندڙ نبيءَ جي خبر ڏيندا هئا. جڏهن ته قرآن چٽن لفظن ۾ ان ڳالهه جو اعلان ڪري ٿو ته اهو آخري ڪتاب آهي. پيغمبر اسلام کان پوءِ ٻيو ڪوبه پيغمبر اچڻ وارو ڪونهي. تنهنڪري اهو ممڪن ڪونهي ته قرآن کان پوءِ ڪو ٻيو آسماني ڪتاب نازل ٿئي.
    اهو فرق پنهنجو پاڻ ثابت ٿو ڪري ته گذريل آسماني ڪتابن جي حيثيت انسان جي لاءِ آخري هدايت نامي جي نه هئي، اهي ڪتابَ رڳو گذريل انساني قافلن جي لاءِ هئا. قرآن جي نزول کان پوءِ انهن جو دور ختم ٿي ويو. هاڻ انسان جنهن دور هدايت ۾ آهي، ان ۾ انسان جي لاءِ رڳو هڪ ئي ڪتاب ”هدايت الاهيءَ“ جو ماخذ آهي. اهو قرآن آهي. ٻين لفظن ۾ اهو قرآن گذريل آسماني ڪتابن جي لاءِ ناسخ جي حيثيت رکي ٿو. يعني سندن دور کي رد ڪرڻ وارو.


    165-46

    165-46
    فطرت جو نظام
    ”۽ اسان انسان کي پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي، ڇو ته سندس ماءُ ان کي تڪليف سان پيٽ ۾ رکيو آهي ۽ کيس تڪليف سان ڄڻيو اٿس ۽ ان جي پيٽ ۾ رهڻ ۽ اُن جي کير ڇڏائڻ جي مدت ٽيهه مهينا آهي، تان جو جڏهن هو پنهنجي طاقت کي پهچي ٿو ۽ چاليهن ورهن کي پهچي ٿو ته چوي ٿو ته اي منهنجا پاليندڙ! مون کي هن ڳالهه جو شوق ڏي ته آءٌ تنهنجي نعمت جو شڪر ڪريان جا تو مون تي ۽ منهنجي ماءُ پيءُ تي ڪئي آهي ۽ چڱو ڪم ڪريان، جنهن سان تون راضي رهين ۽ مون لاءِ، منهنجي اولاد ۾ چڱائي (پيدا) ڪر. آءٌ تو ڏي رجوع ٿيس ۽ آءٌ بيشڪ تابعدارن مان آهيان. هي اهي آهن، جن جا چڱن کان چڱا ڪم جي ڪيا اٿن، سي قبول ڪريون ٿا جنت وارن سان گڏ، اهو سچو وعدو آهي، جو ساڻن ڪيو پيو وڃي“. (الاحقاف 15-16)
    انساني نسل جو طريقو هيءَ آهي ته ماڻهو هڪ ماءُ ۽ هڪ پيءُ جي ذريعي وجود ۾ اچي ٿو، جيڪو سندس پالنا ڪري کيس وڏو ڪري ٿو. اهو ڄڻ انسان جي سکيا جو فطري نظام آهي. اهو ان لاءِ آهي ته ان جي وسيلي انسان جي اندر حقن ۽ فرضن جو شعور پيدا ٿيو. ان جي اندر اهو جذبو پيدا ٿيو ته کيس پنهنجي مُحسن جا ٿورا مڃڻا آهن ۽ ان جو حق ادا ڪرڻون آهي. اهو جذبو هڪ ئي وقت انسان کي ٻين انسانن جي حقن ادا ڪرڻ جي تعليم ٿو ڏي ۽ ان سان گڏ خالق ۽ مالڪ خدا جي عظيم تر حقن کي ادا ڪرڻ جي تعليم به.
    جيڪي ماڻهو فطرت جي اُستاد کان سبق وٺن، جيڪي ماڻهو پنهنجي شعور کي ايئن ڌونڌاڙين ته هو پنهنجي والدين کان وٺي خدا تائين هرهڪ جي حقن کي سڃاڻن ۽ انهن کي صحيح نموني ادا ڪن. اهي ئي ماڻهو آخرت ۾ خدا جي ابدي رحمتن جا حقدار قرار ڏنا ويندا.


    166-46

    166-46
    دنياوي نعمتون، آخرت جون نعمتون
    ”۽ سڀني جي لاءِ سندن عملن موجب درجا آهن ۽ هن لاءِ به ته الله سندن عمل انهن کي پورا ڪري ڏي ۽ مٿن ظلم نه ڪيو ويندو ۽ جنهن ڏينهن ڪافرن کي باهه جي اڳيان پيش ڪيو ويندو (تڏهن چئبن ته) اوهان پنهنجون مزيدار شيون پنهنجيءَ دنيا جي حياتيءَ ۾ وڃائي چڪا آهيو ۽ انهن سان مزا ڪري چڪا آهيو! سو اڄ اوهان کي خواريءَ جي سزا جو بدلو هن ڪري ڏنو ويندو جو اوهين زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا هئا ۽ هن ڪري به ته اوهين نافرماني ڪندا هئا“. (الاحقاف 19-20)
    هڪ شخص جي سامهون حق اچي ٿو ۽ هو دنياوي مصلحت ۽ مادي مفاد جي خاطر ان کي اختيار نٿو ڪري. ان جو مطلب هيءُ آهي ته هن آخرت جي مقابلي ۾ دنيا کي اهميت ڏني. هن آخرت جي نعمتن جي بدران، دنيا جي نعمتن کي پسند ڪرڻ فرمايو.
    ساڳئي طرح پنهنجي وڏائيءَ جو احساس ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاڍي لذيذ شئي آهي. جڏهن ايئن هجي ته پنهنجي وڏائيءَ جو گهرندڙو ٽوڙي حق کي قبولڻو هجي ۽ ماڻهو پنهنجي وڏائي بچائڻ جي لاءِ حق کي قبول نه ڪري، ان مهل به ڄڻ هن دنيا جي نعمتن کي ترجيح ڏني ۽ آخرت جي نعمتن کي اهميت نه ڏيئي ڇڏي ڏنو.
    اهڙا سڀئي ماڻهو جن دنيا جي نعمتن خاطر آخرت جي نعمتن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو، اهي آخرت ۾ ذلت جي عذاب کي منهن ڏيندا. جنهن جو عمل جهڙو هوندو، سندس ان ئي موجب آخرت ۾ انجام ٿيندو.
    قرآن جي هن آيت ۾ ”نعمتن“ جو مطلب دولت ۽ اقتدار کان وٺي شهرت ۽ مقبوليت تائين اهي سڀ شيون آهن، جن کي انسان پسند ڪري ٿو. ايئن سندس واسطو انسان جي هر قول ۽ عمل سان ٿئي ٿو. جڏهن به انسان جي سامهون هڪ صورتحال هجي، پر ان ۾ هو خدا جو پسند جو طريقو اختيار نه ڪري ته ايئن ڪرڻ سان سندس دنيا جو مفاد يا سندس دنياوي مصلحتون زخمجي پونديون ته گويا هن آخرت جي نعمتن کي نظرانداز ڪيو ۽ دنيا جي نعمتن کي ورتو. ان قسم جو طريقو، جيئن ته دنيا ۾ ماڻهوءَ کي ڪامياب بنائي ٿو، تنهن ڪري هو سمجهي ٿو ته آئون جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهيان، اهو ٺيڪ پيو ڪريان. پر جڏهن موت سندس نظرن کان غفلت جو پردو هٽائيندو ته اوچتو هو محسوس ڪندو ته هن ننڍڙي شئي جي خاطر ڪيترو نه وڏو فائدو وڃائي ڇڏيو.


    167-47

    167-47
    دليل يا ڪوڙي وضاحت
    ”پوءِ جيڪو پنهنجي پاليندڙ جي طرفان پڌري ثابتي ٿي آهي، سو ان جهڙو آهي ڇا، جنهن کي سندس بڇڙو ڪم چڱو ڪري ڏيکاريو ويو آهي ۽ اهي پنهنجي خواهشن تي هلن ٿا. جنهن جنت جو وعدو پرهيزگارن سان ڪيو ويو آهي، ان جو حال هيءَ آهي ته ان ۾ اهڙي پاڻي جا واهه آهن، جو بگڙڻ وارو نه آهي، ۽ اهڙي کير جا واهه آهن، جنهن جو مزو نه ڦريو آهي، ۽ اهڙي شراب جون نديون آهن، جنهن ۾ پيئندڙن جي لاءِ لذت آهي ۽ صاف ڪيل ماکيءَ جا واهه آهن ۽ انهن لاءِ ان ۾ هر قسم جا ميوا آهن ۽ سندن پاليندڙ جي طرفان معافي آهي. اهي انهن جهڙا آهن ڇا، جي سدائين باهه ۾ رهن ۽ کين گرم پاڻي پياريو ويندو. پوءِ اهو سندن آنڊا وڍي ڇڏي“. (محمد صه 14-15)
    دليل (بينة) تي بيهڻ، پنهنجي زندگي جي تعمير حقيقت جي بنياد تي ڪرڻ. ان جي ابتڙ جيڪو شخص اهواء (پنهنجي خواهشن) تي بيٺل هوندو آهي، اهو حقيقت کان ٽارو ڪري ٿو. هو خدا جي دنيا ۾ خدا جي مرضيءَ جي خلاف پنهنجي دنيا ٺاهڻ چاهي ٿو.
    هن امتحان جي دنيا ۾ ٻئي گروهه بظاهر هڪجهڙا موقعا پائي رهيا آهن. پر آخرت جي حقيقي دنيا ۾ رڳو پهريون گروهه خدا جي ابدي نعمتن مان حصو ماڻي سگهندو ۽ ٻيو گروهه سدائين جي لاءِ خوار ۽ ناڪام بنجي رهجي ويندو.
    حق بلڪل چٽو آهي. سڀئي دليل ان جي تائيد ٿا ڪن. تنهن هوندي به ائين ڇو ٿو ٿئي ته ڪيترائي ماڻهو حق کي ڇڏي ناحق اختيار ڪري ٿا وٺن. ان جو ڪارڻ اتباع (پيروي) نه آهي، بلڪه خواهشن جو پيروي آهي. ماڻهن جي لاءِ سندن خواهشون محبوب هونديون آهن. پنهنجون خواهشون ڇڏڻ کين گوارا نه هونديون آهن. تنهنڪري چٽي دليل جي باوجود ماڻهو حق کي نظرانداز ڪري ٿا ڇڏين ۽ پنهنجي خواهشن جي پويان ڀڄندا رهندا آهن. هتي شيطان ماڻهوءَ جي مدد ٿو ڪري، هو خوشنما وضاحتن جي ذريعي ماڻهوءَ کي ان ڪوڙي يقين ۾ مبتلا ڪري ٿو ڇڏي ته آئون جيڪو ڪجهه ڪريان پيو، اهوئي صحيح آهي.


    168-48

    168-48
    رسول ۽ رسول جا اصحابي
    قرآن مجيد ۾ پيغمبر ﷺ ۽ سندس ساٿين جي باري ۾ ارشاد ٿيو آهي ته: محمد ﷺ الله جو رسول آهي ۽ جيڪي ساڻس آهن، سي ڪافرن تي تمام سخت آهن. پاڻ ۾ نرم دل آهن. کين رڪوع ڪندو، سجدو ڪندو ڏسندين. هو الله جي مهرباني ۽ رضامندي طلب ڪن ٿا. انهن جي نشاني سجدي جي اثر جي ڪري سندن منهن ۾ هوندي. انهن جي اها صفت تورات ۾ آهي ۽ سندن صفت انجيل ۾ (به) آهي. (اهي) هڪ پوک وانگر آهن، جنهن پنهنجا سَلا ڪڍيا، پوءِ ان کي سگهارو ڪيائين، پوءِ ٿلهي ٿي، پوءِ پنهنجن ڪانن تي سڌي ٿي بيٺي. پوکيندڙن کي وڻڻ لڳي، تان ته انهن سان ڪافرن جي جيءُ کي ساڙي، جن انهن مان ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن سان الله معافيءَ جو ۽ وڏي اجر جو وعدو ڪيو آهي. (الفتح 29)
    محمد ﷺ الله جو رسول آهي. اهو فقط هڪ واقعي جو بيان ڪونهي پر اهو ان جو دليل به آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ڪنهن اعلان ڪيو ته ”آءٌ الله جو رسول آهيان“ ته واقعي هو الله جو رسول هو. پيغمبر اسلام کان اڳ ۽ پيغمبر اسلام کان پوءِ ڪڏهن به ائين نه ٿيو آهي ته ڪو شخص جيڪو الله جو رسول نه هجي، اهو پنهنجي زبان مان اهو جملو ڪڍي. حقيقت هيءَ آهي ته اهو چوڻ ته ”آئون الله جو رسول آهيان.“ ايترو ته ڏکيو آهي، جو اهو جملو رڳو اهوئي شخص ڳالهائيندو، جيڪو واقعي به الله جو رسول هوندو. ڪو غير رسول اهو جملو ڳالهائڻ جي سگهه ساري نٿو سگهي ۽ نه ئي وري تاريخ ۾ ڪنهن اهڙي قسم جي جرئت ڪئي آهي.
    اِها ئي ڳالهه اُن ڳالهه جو ثبوت آهي ته پيغمبر اسلام ﷺ خدا جو آخري پيغمبر هو. پاڻ سڳورن کان پوءِ جڏهن ڪو شخص اهو چئي نه سگهيو ته ”آئون الله جو پيغمبر آهيان“ ته پاڻ سڳورن جي دعويٰ غير تڪراري طور تي پنهنجو پاڻ تاريخ ۾ قائم آهي. پاڻ سڳورن کي آخري رسول ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن ٻي دليل جي گهرج ئي ڪونهي.
    ’۽ جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ آهن‘، اهو بظاهر هڪ سادو جملو رسول جي صحابين بابت آهي. پر ان تي ويچاريو وڃي ته اهي شروعاتي ماڻهو ڪيئن پيغمبر اسلام جا ساٿي بنيا، ته خبر پوي ٿي ته اهو رڳو هڪ سادو جملو ڪونهي، پر ان جي اندر ۾ هڪ انتهائي اهم حقيقت لڪيل آهي.
    اسلام جي شروعاتي دور ۾ پيغمبر جي تصوير قرآن مجيد جي لفظن ۾ صرف هڪ بشر جهڙي هئي. پاڻ ماڻهن کي بس محمد بن عبدالله جي روپ ۾ نظر ايندا هئا. پر اڄ پاڻ سڳورن جي نالي سان ايتريون ته عظمتون گڏ ٿي چڪيون آهن، جو هڪ غير مسلم محقق به پاڻ سڳورن کي سڀني پيدا ٿيندڙ انسانن مان سڀ کان وڏو انسان قرار ٿو ڏي. گويا پاڻ سڳورن جي شروعاتي ساٿين ”محمد صه تاريخ کان سواءِ“ ۾ پاڻ سڳورن جي رسول خدا هئڻ جي حقيقت دريافت ڪئي. جڏهن ته اڄ جو هڪ شخص ”محمد¬صه تاريخ سميت“ ۾ پاڻ سڳورن جي رسول خدا هئڻ جو اعتراف ڪري ٿو.
    حقيقت اها آهي ته ”پيغمبر اسلام“ جي شروعاتي ساٿين، پاڻ سڳورن کي ان وقت مڃيو جڏهن پاڻ سڳورا پنهنجي واڌو حيثيت کان سواءِ مجرد روپ ۾ سندن سامهون پڌرا ٿيا هئا. جڏهن ڪو شخص ائين پيغمبر کي واڌو نسبتن کان سواءِ مجرد روپ ۾ ڄاڻي وٺي ته اهڙي ماڻهوءَ جو ايمان هڪ گهري معرفت تي ٻڌل هوندو آهي. هو ان عظيم ڳولا (Discovery) جي هم معنيٰ هجي ٿو. اهڙي دريافت ماڻهوءَ جي سڄي وجود ۾ هڪ مڪمل فڪري ۽ روحاني انقلاب برپا ڪري ٿي ڇڏي. ان انقلاب کان پوءِ ان جي جيڪا شخصيت جُڙي ٿي، ان جو ذڪر آيت جي ايندڙ لفظن ۾ ڪيو ويو آهي.
    رسول الله ﷺ جي ساٿين جو هڪ گُڻ هيءَ به ٻڌايو ويو آهي ته هو منڪرن تي (اشداء علي الڪفار) آهن. هتي سخت يا شديد جو مطلب سختي يا درشتي ڪونهي، پر اُن جو مطلب هيءُ آهي ته هو غير اهل اسلام جي غير اسلامي ڳالهين جو اثر نٿا قبولين. عربيءَ ۾ چيو ويندو آهي ”هو شديدً عليً“ جنهن جو مطلب اهو نه آهي ته هو مون سان سختيءَ سان پيش ٿو اچي، پر اُن جو مطلب اهو آهي ته هو منهنجو اثر نٿو قبولي. مومن هڪ اصول وارو انسان هوندو آهي، هو بي اصول ماڻهن يا مفادپرستيءَ جي علمبردارن کان متاثر نه ٿيندو آهي. هو پاڻ پنهنجي طئي ڪيل اصولن جي روشنيءَ ۾ پنهنجي زندگيءَ جي تعمير ڪري ٿو. هو ڪڏهن به ڪنهن حق جي خلاف رواج جو اثر نٿو قبولي.
    هو پاڻ ۾ مهربان آهن (رحماء بنهم). ماڻهن سان مهربانيءَ سان پيش اچڻ انسانيت جي اعليٰ ترين تقاضا آهي. پر ان جو مطلب اهو ڪونهي ته ايمان وارا پنهنجن ماڻهن سان معاملو ڪندي مهربان ۽ ٻاجهارا هجن ۽ ٻين سان معاملو ڪندي ان جي اُبتڙ عمل ڪن. حقيقت هيءَ آهي ته رحمت ۽ ٻاجهائپ ايمان وارن جو هڪ مستقل ۽ عام گُڻ آهي، جيڪو هڪ جي مقابلي ۾ پڌرو ٿئي ٿو، پوءِ ڀلي اهو پنهنجو هجي يا ڌاريو.
    پاڻ ۾ مهربان هئڻ جو ذڪر خصوصيت سان ان ڪري فرمايو ويو آهي ته پاڻ ۾ مهربان ٿيڻ ٿورو وڌيڪ ڏکيو آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجن سان رحمت ۽ ٻاجهائپ سان پيش ايندو، اهو ڌارين سان به ضرور اهڙي ئي رحمت ۽ ٻاجهائپ سان پيش ايندو. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته پنهنجن ماڻهن جي وچ ۾ ملڻ جلڻ گهڻو ٿيندو آهي، انهن سان گهڻن ئي معاملن ۾ اُٿي ويٺي ۽ ڏيتي ليتي ٿيندي رهندي آهي. تنهنڪري پنهنجن ماڻهن سان اڪثر شڪايت ۽ تڪرار پيدا ٿي پوندو آهي. ڄڻ ته ڌارين جي مقابلي ۾ ٻاجهائي سان پيش اچڻ جيڪڏهن سادي نموني رڳو ٻاجهائي ڪرڻ جو معاملو آهي ته پنهنجن جي مقابلي ۾ ٻاجهائيءَ جو معاملو شڪايت ۽ تڪرار جي هوندي به ٻاجهائي جو معاملو آهي. پنهنجن جي ڀيٽ ۾ رحيم ثابت ٿيڻ وڏي جانچ ۾ پورو لهڻ آهي ۽ اها هڪ فطري ڳالهه آهي ته جيڪو ماڻهو وڏي جانچ ۾ پورو لهي، اهو ننڍي جانچ ۾ ته اڃا به بهتر نموني پورو لهندو.
    ’اوهين کين رڪوع ۽ سجدي ۾ ڏسندا‘. اها ايمان وارن جي ان ڪيفيت جي تصوير آهي، جيڪا سندن اندر ۾ خدا جي نسبت سان پيدا ٿئي ٿي. خدا تي ايمان انهن جي لاءِ عظمت جي ڳولا جي هم معنيٰ هوندو آهي. اها دريافت سندن سيني کي ڪشادو ۽ خشوع (نوڙت/عاجزي) سان ڀري ٿي ڇڏي. جنهن جو مظاهرو بار بار رڪوع ۽ سجدن جي صورت ۾ ٿيندو رهندو آهي.
    هو الله جي فعل ۽ ان جي رضامنديءَ جي طلب ۾ رڌل رهن ٿا. ايمان ماڻهوءَ جي اندر اهو شعور ٿو پيدا ڪري ته سڀئي طاقتون فقط هڪ خدا وٽ آهن. هو ڏيڻ وارو آهي ۽ انسان کانئس وٺڻ وارو. اهو شعور هن جي زندگيءَ ۾ ائين سمائجي ٿو وڃي، جو هو هر شئي کي خدا جو عمل سمجهڻ ٿو لڳي. سندس هر سرگرمي خدا جي خوشنوديءَ جي ڳولا ۾ بدلجي وڃي ٿي.
    انهن جي نشاني سندن چهرن تي هوندي، مسجدن جي اثر سان. اها هڪ فطري حقيقت آهي ته ماڻهوءَ جي اندرين ڪيفيت ان جي منهن مان پڌري ٿي پوندي آهي، ماڻهو اندر ۾ خوش هجي يا ڏکارو، ٻنهي حالتن ۾ سندس منهن سندس داخلي حالت جي عڪاسي ڪري ٿو. ائين جڏهن هڪ شخص حقيقي معنيٰ ۾ سجدي گذار هجي، ان جو وجود ايمان جي ڪيفيت سان ڀرجي ويو هجي ته ان جي منهن تي ان جا اثر ايئن ظاهر ٿي بيهندا، جو ڏسڻ وارو ان جي اندر کي پڙهي سگهي. ايمان وارن جي اُن گُڻ جو اڳواٽ ذڪر تورات ۾ ڪيو ويو هو. رسول جي صحابين جي اها صفت هاڻوڪي ڦيرگهير ڪيل تورات ۾ قدسين (Saints) جي لفظ جي صورت ۾ نظر اچي ٿي. (ڪتاب استثناء، باب 33)
    انجيل (مرقس، باب 4) ۾ ان گروهه جي اجتماعي گُڻن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. ان اجتماعي گُڻ جو ذڪر ڪيل آيت جي آخر ۾ ٻني يا پوکي راهيءَ جي تمثيل ۾ ائين ٻڌايو ويو آهي ته سچا ايمان وارا، خدا جي زمين ۾ وڻن ۽ سَلن جيان مُرن ۽ وڌن ٿا. هو سَلي مان ڦٽي سائي ستابي باغ جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا. اهل اسلام جو گروهه ٻوٽي جي شڪل ۾ پنهنجي شروعاتي هنڌ تان اُڀري ٿو، پوءِ وڌندي وڏي وڻ جي شڪل اختيار ڪري ٿو وٺي. ايستائين جو هو ايترو ته سگهارو بنجي ٿو وڃي، جو حق وارا اهو ڏسي خوش ٿا ٿين ۽ باطل قوتون ڪاوڙ ۾ اچي حسد ۾ مبتلا ٿي وڃن، جو چاهڻ جي باوجود به ڪجهه ڪري نه سگهن.
    آيت جي آخري حصي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو ذڪر ڪيل انفرادي ۽ اجتماعي گڻن تي پورو ٿا لهن، تن جي لاءِ الله جو وعدو آهي ته هو انهن جي مغفرت ڪندو ۽ کين اجر عظيم عطا ڪندو. هتي مغفرت جو مطلب آخرت جي ڪاميابي ۽ اجر عظيم جو مطلب دنيا جي ڪاميابي آهي. آخرت جي ڪاميابي کين جنت جي صورت ڏني ويندي ۽ دنيا جي ڪاميابي قومي وقار ۽ فڪري غلبي جي صورت ۾ ڏني ويندي.


    169-49

    169-49
    محتاط مزاج
    ”اي ايمان وارو! جيڪڏهن ڪو نافرمان اوهان وٽ ڪا خبر آڻي ته ان جي جانچ ڪريو، جو متان نادانيءَ ۾ اوهين ڪنهن گروهه کي نقصان نه پهچايو، پوءِ اوهان کي پنهنجي ڪئي تي پڇتائڻو پوي ۽ ڄاڻو ته اوهان ۾ الله جو رسول آهي. جيڪڏهن هو گهڻن ڪمن ۾ اوهان جي ڳالهه مڃي ته اوهين ڏکيا ٿيو، پر الله اوهان وٽ ايمان کي پيارو ڪيو آهي ۽ ان کي اوهان جي دلين ۾ سينگاريو اٿس ۽ ان کي اوهان وٽ ڪفر ۽ گناهه ۽ نافرماني بڇڙي ڪئي اٿس. اهي ئي سِڌي واٽ وارا آهن. الله جي فضل ۽ احسان سان ۽ الله (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي. (الحجرات 6-8)
    هڪ ماڻهوءَ کي جيڪڏهن ڪا اهڙي خبر ملي، جنهن سان ان ماڻهوءَ تي ڪو الزام ايندو هجي ته اهڙي خبر کي ٻُڌي مڃي وٺڻ ايماني احتياط جي سراسر خلاف آهي. ٻُڌڻ واري تي اهو لازمي ٿيو پوي ته هو ان خبر جي ضروري جانچ جونچ ڪري ۽ پوءِ جيڪا راءِ قائم ڪري، اها اڻ ڌري جانچ کان پوءِ ڪري، نه ڪي اڳواٽ.
    اڪثر هينئن ٿيندو آهي ته جڏهن ڪا خراب خبر هڪ شخص کي ملندي آهي ته هو هڪدم ان کي مڃي، ان جي خلاف جوابي قدم کڻڻ جي رٿابندي شروع ڪري ڇڏي. اها سخت غير ذميداريءَ جي ڳالهه آهي. نه ڪنهن ماڻهوءَ کي اهڙي خبر تي جانچ کان اڳ ڪا راءِ قائم ڪرڻ کپي ۽ نه وري ٻين کي جانچ جونچ کان اڳ ڪنهن قدم کڻڻ جي صلاح ڏيڻ گهرجي.
    جيڪي ماڻهو واقعي هدايت جي واٽ تي اچن ٿا، تن جي پنهنجي اندر بيحد محتاط مزاج پيدا ٿي وڃي ٿو. ٻين تي الزام تراشين کان کين سخت بُڇان ٿي پوندي آهي. سندن مزاج ان ڳالهه جي علامت هوندي آهي ته کين خدا جي رحمتن مان ڀاڱو مليو آهي. اهو ايمان واقعي سندن زندگين ۾ لٿو آهي، جنهن جو هو زبان سان اقرار ڪري رهيا آهن.


    170-49

    170-49
    تڪرار مهل
    ”جيڪڏهن ايمان وارن (مسلمانن) مان ٻه جماعتون پاڻ ۾ وڙهن ته انهن ۾ صلح ڪرايو. پوءِ جيڪڏهن انهن ٻنهي مان هڪڙي ٻيءَ (ڌر) تي ڪا زيادتي ڪري ته جيڪا زيادتي ڪري، تنهن سان وڙهو، جيستائين اها الله جي حڪم ڏي موٽي اچي، پوءِ جيڪڏهن موٽي اچي ته انهن ۾ برابري سان صلح ڪرايو ۽ انصاف ڪريو، بيشڪ انصاف ڪرڻ وارا الله کي وڻن ٿا. بيشڪ ايمان وارا ته ڀائر ئي آهن، پوءِ پنهنجن ٻن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو ۽ الله کان ڊڄو ته مَن اوهان تي رحم ڪيو وڃي“. (الحجرات 9-10)
    مسلمان پاڻ ۾ ڪيئن رهن، ان جو جواب هڪ ئي لفظ ۾ هيءَ آهي ته جيئن ڀائر پاڻ ۾ رهن ٿا. ديني رشتو خوني رشتي کان ڪنهن به لحاظ کان گهٽ ڪونهي. جيڪڏهن ٻه مسلمان پاڻ ۾ وڙهي پون ته باقي مسلمانن کي ايئن هرگز نه ڪرڻ گهرجي ته انهن جي وچ ۾ وڌيڪ باهه ڀڙڪائي، پر کين ڀائرن واري جذبي تحت ٻنهي جي وچ ۾ ٺاهه جي لاءِ اٿي کڙو ٿيڻ گهرجي.
    جڏهن ٻه مسلمان پاڻ ۾ وڙهي پون ته هڪ صورت هيءَ آهي ته باقي مسلمان اڻ ڌريا بنجي وڃن يا جيڪڏهن دخل ڏين ته هيئن ته ڪٽنبي ۽ گروهي عصبيت تحت پنهنجن سان گڏجي ڌارين سان وڙهڻ لڳن. اهي هڙئي طريقا اسلام جي خلاف آهن. صحيح اسلامي طريقو اهو آهي ته اصل معاملي جي جانچ ڪئي وڃي ۽ جيڪو شخص حق تي هجي، ان جو ساٿ ڏنو وڃي، ۽ جيڪو ناحق تي هجي، تنهن کي مجبور ڪيو وڃي ته هو معاملي جي انصاف واري فيصلي تي راضي ٿئي.
    الله کان ڊڄڻ وارو ماڻهو ڪڏهن به ايئن نٿو ٿي سگهي ته هو ٻين کي وڙهندو ڏسي ان مان مزو وٺي. هو اهڙي منظر کي ڏسي تڙپندو. سندس مزاج کيس مجبور ڪندو ته هو ٻنهي جي لاڳاپن کي سُٺو بنائڻ جي ڪوشش ڪري. اِهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن جي لاءِ الله تي ايمان، الله جي رحمتن جو دروازو کولڻ جو سبب بنجي وڃي ٿو.


    171-49

    171-49
    سماجي اخلاق
    ”اي ايمان وارو! مرد، ٻين مردن تي ٺٺولي نه ڪن، جو متان اهي هنن کان چڱا هُجن ۽ نه عورتون، عورتن تان، جو متان اهي هنن کان چڱيون هجن ۽ نه پاڻ ۾ ۽ هڪٻئي مان عيب ڪڍو، ۽ نه هڪٻئي تي بڇڙا چيڙائڻ وارا نالا رکو، جو ايمان کان پوءِ بدتهذيبي جو نالو بڇڙو آهي، ۽ جيڪي توبهه نه ڪندا، سي ظالم آهن“. (الحجرات 11)
    هر ماڻهوءَ ۾ پيدائشي طور تي وڏو بنجڻ جو جذبو لڪل آهي. اهوئي ڪارڻ آهي ته هڪ شخص کي، ٻي شخص جي ڪا ڳالهه هٿ چڙهي وڃي ته اهو اُن کي خوب اُڇالي ٿو ته جيئن ايئن ڪري هو پاڻ کي وڏو ۽ ٻي کي ننڍو ثابت ڪري. هو ٻين تان ٺٺول ڪري ٿو ۽ ٻين جي عيب جوئي ڪري ٿو. هو ٻين کي خراب نالي سان ياد ڪري ٿو ته جيئن ان جي ذريعي هو پنهنجي وڏائيءَ جي جذبي جي تسڪين ڪري.
    پر سٺو يا خراب هئڻ جو معيار اهو ڪونهي، جيڪو ماڻهو پاڻ مقرر ڪري. سٺو اصل ۾ اهو آهي، جيڪو خدا جي نظر ۾ سُٺو هجي ۽ خراب اهو آهي، جيڪو خدا جي نظر ۾ خراب هجي. جيڪڏهن ماڻهوءَ جي اندر واقعي اهو احساس پيدا ٿي وڃي ته ان مان وڏائيءَ جو جذبو کسجي ويندو. ٻين تان ٺٺول ڪرڻ، ٻين کي طعنو هڻڻ، ٻين جي عيب جوئي ڪرڻ، ٻين کي خراب لقب سان ياد ڪرڻ، سڀ اجايا محسوس ٿيندا. ڇو ته هو ڄاڻي وٺندو ته ماڻهن جي درجي ۽ مرتبي جو اصل فيصلو خدا وٽ ٿيڻ وارو آهي. پوءِ جيڪڏهن اڄ آئون ڪنهن کي گهٽ سمجهندس ته آخرت جي حقيقي دنيا ۾ اهو عزت وارو قرار ڏنو ويندو ۽ منهنجو کيس گهٽ سمجهڻ ڪيڏو نه بي معنيٰ/ اجايو ثابت ٿيندو.


    172-49

    172-49
    خراب راءِ قائم ڪرڻ
    ”اي ايمان وارو! گهڻي شڪ ڪرڻ کان بَچو، ڇو ته ڪي شڪ گناهه آهن ۽ نه ڪنهن جي جاسوسي ڪريو ۽ نه ڪو اوهان مان هڪٻئي جي گلا ڪري. ڇا اوهان مان ڪنهن کي هيءَ ڳالهه وڻي ٿي ته پنهنجي مئل ڀاءُ جو گوشت کائي. پوءِ اوهان ان کي ته بُڇڙو سمجهو ۽ الله کان ڊڄو. بيشڪ الله معاف ڪندڙ ۽ ٻاجهارو آهي“. (الحجرات 12)
    هڪ ماڻهو ڪنهن شخص جي باري ۾ بدگمان ٿي وڃي ته پوءِ کيس ان جي هر ڳالهه غلط معلوم ٿيڻ لڳندي. ان جي باري ۾ سندس ذهن ناڪاري رخ ۾ هلڻ لڳي ٿو. ان جي خوبين کان وڌيڪ اُن جي عيبن کي ڳولهڻ لڳندو آهي. اُن جي بُراين کي بيان ڪري، کيس بي عزت ڪرڻ سندس من پسند وندر بنجي ويندي آهي.
    اڪثر سماجي خرابين جو بنياد بدگماني آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو ان معاملي ۾ هوشيار رهي. هو بدگمانيءَ کي پنهنجي ذهن ۾ گهڙڻ نه ڏي.
    اوهان کي جيڪڏهن ڪنهن تي بدگماني/ شڪ ٿئي ته ساڻس گڏجي ڳالهه مُهاڙ ڪري سگهو ٿا. پر اهو سخت غير اخلاقي عمل آهي ته ڪنهن جي پُرپُٺ ان کي گهٽ وڌ ڳالهايو وڃي، جڏهن هو پنهنجي صفائيءَ جي لاءِ اُت موجود نه هجي. وقتي طور تي ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کان ان قسم جون غلطيون ٿي سگهن ٿيون، پر جي هو الله کان ڊڄندڙ آهي ته هو پنهنجي غلطين تي ڳنڍ ٻڌي نه بيهندو. سندس خوف خدا کيس پنهنجي غلطيءَ تي تنبيهه ڪندو. هو پنهنجي روش ڇڏي الله کان معافي جو طالب بنجي ويندو.
    ڪنهن جي پُرپُٺ کيس گهٽ وڌ چوڻ سخت غير اخلاقي عمل آهي. پر ان جو واسطو شخصي برائيءَ سان آهي، نه ڪي نظرياتي غلطي سان. جيڪڏهن هڪ شخص ڪا نظرياتي غلطي ڪري ۽ ان کي ڇاپي پکيڙي ته يقينن ان جو رد ڪيو ويندو. پوءِ ڀلي اهو ترديدي هنڌ تي موجود هجي يا نه.


    173-49

    173-49
    فرق ۽ اختلاف
    ”اي ماڻهو! اسان اوهان کي هڪ مڙس ۽ هڪ زال مان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان اوهان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيو آهي ته هڪ ٻئي کي سڃاڻو. باقي اوهان مان الله وٽ وڌيڪ چڱو اهو آهي جيڪو اوهان مان وڌيڪ پرهيزگار آهي. بيشڪ الله سڀ ڪجهه ڄاڻڻ وارو، پوري خبر رکندڙ آهي“. (الحجرات 13)
    انسانن جي وچ ۾ مختلف قسم جا فرق آهن. ڪو اڇو آهي ته ڪو ڪارو. ڪو هڪ نسل مان آهي ته ڪو ٻي نسل مان. ڪو هڪ جاگرافيائي علائقي سان واسطو ٿو رکي ته ڪو ٻي هنڌ سان. اهي سڀئي فرق رڳو تعارف جي لاءِ آهن نه ڪي فرق لاءِ-اڪثر خرابين جو سبب هيءَ هجي ٿو ته ماڻهو ان قسم جي ظاهري اختلاف جي ڪري هڪٻئي جي وچ ۾ درجي جي لحاظ کان فرق ڪرڻ ٿو لڳي. ان سان اهو فرق ۽ تعصب وجود ۾ اچي ٿو، جيڪو ڪڏهن به ختم ٿيڻو نه آهي.
    سڀئي انسان پنهنجي شروعات جي لحاظ کان هڪ آهن. انهن ۾ فرق جو جيڪڏهن ڪو بنياد آهي ته رڳو اهو آهي ته ڪير الله کان ڊڄي ٿو ۽ ڪير نٿو ڊڄي ۽ ان جي به صحيح خبر رڳو خدا کي آهي، نه ڪي ڪنهن انسان کي.
    انسان جي وچ ۾ جيڪو فرق نظر اچي ٿو، اهو معاشرتي ۽ تمدني مصلحتن جي ڪري آهي. نه ڪي امتياز يا ٻي ڪنهن سبب جي ڪري. اهو فرق سماجي زندگيءَ جي تعمير ۽ تهذيب جي ارتقا ۾ مددگار ٿئي ٿو. جيستائين انساني شرف جو سوال آهي ته ان جو تعلق هر ماڻهوءَ جي پنهنجي اخلاقي گُڻ سان آهي، اهي دراصل اخلاقي گُڻ ئي آهن، جيڪي ڪنهن انسان کي گهٽ ته ڪنهن انسان کي مٿانهون ڪن ٿا. نه ڪي ظاهري علامتون.


    174-50

    174-50
    قول ۽ عمل جو رڪارڊ
    ”۽ بيشڪ اسان ماڻهوءَ کي پيدا ڪيو آهي ۽ جيڪي سندس نفس وسوسا وجهي ٿو، سي ڄاڻون ٿا ۽ اسين کيس ساهه رڳ کان به ويجها آهيون. جنهن وقت ٻئي جهٽڻ وارا جهٽين ٿا، سڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ساڻس ويٺا آهن. ڪا ڳالهه نه ٿو ڪڍي جو وٽس نگهبان تيار نه هجي“. (قۗ 16-18)
    دنيا جو علمي مطالعو ٻڌائي ٿو ته هتي فطري طور تي ”رڪارڊنگ“ جو هڪ سٺو نظام موجود آهي. انسان جي سوچ سندس ذهني پردي تي سدائين جي لاءِ چٽبي رهبي آهي. انسان جو هر لفظ لهرن جي صورت ۾ مستقل طور تي باقي رهي ٿو. انسان جو عمل حرارتي لهرن جي ذريعي ٻاهرينءَ دنيا ۾ ائين محفوظ ٿي وڃي ٿو، جو اهو ڪنهن به مهل ورجائي سگهجي ٿو.
    اهي سڀ اڄ جون معلوم حقيقتون آهن ۽ اهي معلوم حقيقتون قرآن جي اُن خبر کي سمجهه واريون بنائي رهيون آهن ته انسان جي نيت، سندس قول ۽ سندس عمل سڀ ڪجهه خالق ڄاڻي ٿو. انسان جي هر شئي فرشتن جي رجسٽر ۾ لکي پئي وڃي. ان معاملي ۾ علمي اڀياس ۽ الهامي خبر جي وچ ۾ اهو فرق آهي ته اسين اهو فطرت جي قانون تحت ٿيندي ڏسون ٿا ۽ قرآن ان کي خدائي فرشتن ڏانهن منسوب ڪري رهيو آهي. گويا، ٻنهي ۾ جيڪو فرق آهي، اهو فقط انتساب ۾ آهي، نه ڪي نفس جي موجودگيءَ ۾.


    175-50

    175-50
    صبر وارو عمل
    ”۽ بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن کي ڇهن ڏينهن ۾ جوڙيو آهي ۽ ذرو به نه ٿڪاسون. پوءِ (اي پيغمبرﷺ) جيڪي هو چون ٿا، تنهن تي تون صبر ڪر ۽ سج اُڀرڻ کان اڳ ۽ لهڻ کان اڳ پنهنجي پاليندڙ جي پاڪائي ساراهه سان گڏ بيان ڪر ۽ ڪجهه رات ۾ سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ نماز جي پٺيان به، (قۗ38-40)
    زمين ۽ آسمان کي ڇهن ڏينهن، ٻين لفظن ڇهن دورن ۾ پيدا ڪرڻ ٻُڌائي ٿو ته خدا جو طريقو، تدريجي (درجي جي بدر /ڏاڪي به ڏاڪي) عمل جو طريقو آهي ۽ خدا جڏهن سڀني طاقتن جو مالڪ هئڻ جي باوجود به واقعن کي تدريجي طور تي ڊگهي عرصي ۾ ظهور ۾ آڻي ٿو ته انسان کي به گهرجي ته هو جلدبازيءَ کان بچي، هو صبر واري عمل وسيلي نتيجي تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري.
    دعوت جو عمل شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين صبر جو عمل آهي. ان ۾ انسان جي طرفان پيش ايندڙ تلخين کي سَهڻو ٿو پوي. ان ۾ نتيجو سامهون نظر نه اچڻ جي باوجود، پنهنجي عمل کي جاري رکڻو ٿو پوي. ان صبر واري عمل تي اهوئي شخص قائم رهي سگهي ٿو، جنهن جا صبح ۽ شامون، ذڪر ۽ عبادت ۾ گذرنديون هجن. جيڪو انسانن کان حاصل نه ڪري خدا کان حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪو سڀ ڪجهه وڃائي به احساس محروميءَ جو شڪار نه ٿئي.


    176-51

    176-51
    ڳالهائڻ جو گُڻ
    ”۽ زمين ۾ يقين ڪرڻ وارن لاءِ نشانيون آهن ۽ خود اوهان جي اندر ۾ به. ڇا پوءِ اوهين نه ٿا ڏسو؟ ۽ آسمان ۾ اوهان جي روزي آهي، ۽ جو اوهان سان وعدو ڪيو وڃي ٿو، سو به. پوءِ آسمان ۽ زمين جي پاليندڙ جو قسم آهي ته بيشڪ اها ڳالهه سچ آهي، جيئن اوهين ڳالهايو ٿا. (الذاريات 20-23)
    الله تعاليٰ هن جهان جون جوڙون ائين جوڙيون آهن ته هيءَ معلوم دنيا، پوءِ ايندڙ نامعلوم دنيا جي نشاني بنجي ويئي آهي. زمين ۾ پکڙيل مادي واقعا ۽ انسان جي اندر لڪل احساس ٻئي سڌي نموني واقعي جي اڳواٽ خبر ڏيئي رهيا آهن، جيڪي موت کان پوءِ سڌي سنئين نموني انسان جي سامهون اچڻ وارو آهي. انهن نشانين مان هڪ نشاني ڳالهائڻ آهي.
    حديث ۾ فرمايو ويو آهي ته آخرت ۾ جيڪي ڪجهه ملندو، سي سندس عمل ئي هوندا، جيڪي کيس موٽايا ويندا. گويا آخرت جي دنيا هن دنيا جو ئي Double آهي. ماڻهوءَ جو ڳالهائڻ اُن امڪان جو هڪ جزوي لقاءَ آهي. ماڻهوءَ جو آواز ٽيپ تي رڪارڊ ڪيو وڃي ۽ پوءِ ٽيپ کي وڄايو وڃي ته ماڻهوءَ جي مرڻ کان پوءِ به عين اهوئي آواز نڪري ٿو، جيڪو انسان جو آواز هو. ٽيپ جو آواز انسان جي اصل آواز جو Double آهي. ساڳئي نموني انسان جو آواز جزوي طور تي ان واقعي جو تجربو پئي ڪرائي جيڪو ڪلي سطح تي آخرت ۾ ظاهر ٿيڻ وارو آهي. جڏهن هڪ مري ويل انسان جي هستي، آواز جي صورت ۾ جزوي طور تي ورجائڻ جي قابل آهي ته پوءِ انسان جي سڄي هستي ڇو ناقابل ورجاءُ بنجي ويندي. ڳالهائڻ جو اهو لقاءُ موت کان پوءِ حياتيءَ جو هڪ واقعاتي ثبوت آهي.


    177-51

    177-51
    ڪائنات جو مطالعو
    ”۽ آسمان کي اسان قدرت سان جوڙيو آهي ۽ بيشڪ اسين پکيڙيندڙ آهيون. ۽ زمين کي اسان پکيڙيو آهي، پوءِ ڪهڙا نه چڱا پکيڙيندڙ آهيون ۽ سڀ ڪنهن شئي مان اسان جوڙو جوڙو پيدا ڪيو آهي ته مَن اوهين ڌيان ڪريو. پوءِ (اي پيغمبر! انهن کي چئو ته) الله ڏي ڀڄو! بيشڪ آءٌ اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان ۽ الله سان گڏ ٻيو عبادت جو حقدار نه ٺهرايو. بيشڪ آءٌ اوهان جي واسطي الله جي طرفان پڌرو ڊيڄاريندڙ آهيان. (الذاريات 47-51)
    ”اسين آسمان کي پکيڙيندڙ آهيون.“ ان جملي ۾ غالباً ڪائنات جي اُن نوعيت طرف اشارو آهي، جيڪا ويجهڙ ۾ دريافت ٿي آهي. يعني ڪائنات لڳاتار چوڌاري پکڙجي رهي آهي. ڪائنات جو ائين پکڙجڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ان کي ڪنهن خلقيندڙ خلقيو آهي، ڇو ته ان جي پکڙجڻ جو مطلب اهو آهي ته پنهنجي ابتدا ۾ اها سُڪڙيل هئي. معلوم مادي قانون موجب ڪائنات جي اُن شروعاتي گولي جا سڀئي جزا اندر طرف ڇڪيل آهن. اهڙيءَ حالت ۾ ان جو ٻاهرينءَ طرف سفر ڪرڻ ڪنهن خارجي مداخلت کان سواءِ ٿي نٿو سگهي ۽ ٻاهرين مداخلت کي مڃڻ کان پوءِ خدا جي وجود کي مڃڻ لازمي ٿيو پوي.
    اسان جي دنيا جو نظام هڪ بامعنيٰ نظام آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هن دنيا جي جوڙ ڪنهن اعليٰ مقصد تحت جوڙي ويئي آهي. پر اسين ڏسون ٿا ته انسان زمين تي فساد پکيڙي ڇڏيو. بامعنيٰ ڪائنات ۾ اهو بي معنيٰ واقعو بلڪل بي جوڙ آهي. اها صورتحال تقاضا ڪري ٿي ته هڪ اهڙي دنيا جُڙي، جيڪا هر قسم جي برائين کان پاڪ هجي.
    هتي ٻيهر هن دنيا جي اندر هڪ اهڙو واقعو موجود آهي، جيڪو ان سوال جو جواب ڏي ٿو ۽ اهو هيءَ ته هتي سڀني شين جو جوڙي جوڙي هئڻ. مادي ۾ هاڪاري ۽ ناڪاري، نباتات ۾ نر ۽ مادي، انسان ۾ عورت ۽ مرد. هن ڪائنات جو اهو مزاج معلوم ٿئي ٿو ته هتي شين جي ڪميءَ کي اُن جي جوڙيءَ جي ذريعي مڪمل ڪرڻ جو قانون لاڳو آهي. اهو هڪ طريقو آهي، جيڪو آخرت جي اُمڪان کي ثابت ڪري ٿو. آخرت جي دنيا ڄڻ هن دنيا جو ٻيو جوڙ آهي، جنهن سان گڏجي اسان جي دنيا پنهنجو پاڻ کي مڪمل ڪري ٿي.


    178-52

    178-52
    سڀني کان وڏو عمل
    ”بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ هوندا، جيڪي سندن پاليندڙ کين ڏنو آهي ۽ سندن پاليندڙ انهن کي دوزخ جي عذاب کان بچايو آهي. تنهن جي ڪري خوشيون ڪندا ۽ چئبن ته جي ڪم اوهين ڪندا هئا، انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. قطار ڪري رکيل پلنگن تي ٽيڪ لڳائي ۽ کين اسين وڏين ڪارين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون“. (الطور 17-20)
    انسان جو سڀ کان وڏو ڏوهه حق کان انڪار ڪرڻ آهي. ان سان باقي سڀ ڏوهه جنم وٺن ٿا. ايئن انسان جي سڀ کان وڏي نيڪي حق کي مڃڻ آهي. ٻيون سڀ نيڪيون ان مان نتيجي طور پڌريون ٿين ٿيون. حق کي مڃڻ سان ماڻهوءَ جي وڏائي ٽٽي ٿي. اهو ڪنهن انسان جي لاءِ سڀني کان ڏکيو ڪم آهي. اُن تي اهي ئي ماڻهو پورو لهن ٿا، جن کي الله جي ڊپ آخري حد تائين سنجيدو بنائي ڇڏيو هجي. جيڪي ماڻهو ان سڀ کان وڏي نيڪيءَ جو ثبوت ڏين، اهي ئي ان جا حقدار آهن ته انهن جي لاءِ جنت جي ابدي نعمتن جا در اُپٽيا وڃن.


    179-52

    179-52
    بي غرضي
    قرآن مجيد ۾ پيغمبرصه کي خطاب ڪندي ارشاد ڪيو ويو آهي. ”ڇا تون انهن کان اُجرت گهرين ٿو، جو هو چڱي طرح کان ڳري بار هيٺ اچي ويا آهن. ڇا انهن وٽ غيب جو علم آهي، جو هو ان کي پيا لکن. ڇا هو ڪا بُڇڙي رٿ رٿڻ گهرن ٿا، پوءِ ڪافر پاڻ ئي ان بڇڙي رٿ ۾ ڦاسندا. ڇا الله کان سواءِ سندن ڪو ٻيو معبود آهي، الله پاڪ آهي انهن کان، جن کي هو شريڪ بنائين ٿا“. (الطور 40-43)
    مدعو گروهه سدائين مادي پرستيءَ جي سطح تي هوندو آهي. اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن مدعوءَ کي اهو احساس ٿي وڃي ته داعي کانئس ڪا مادي شئي وٺڻ ٿو چاهي ته هو هڪدم ان کان ڇرڪي پوندو. هو داعيءَ جي پيغام تي سنجيدگيءَ سان نه ويچاريندو. اهوئي ڪارڻ آهي ته پيغمبر جي ڪوشش سدائين اها هوندي آهي ته سندس ۽ مخاطبين جي وچ ۾ ڪنهن به قسم جي مادي گهُر جي ڪڏهن به ڳالهه نه اچي. سندس ۽ مخاطبين جي وچ ۾ پڇاڙيءَ تائين بي غرضيءَ جي فضا قائم رهي. پوءِ ڀلي ان لاءِ هڪ طرفي طور تي مادي نقصان ڇو نه سَهڻو پوي.
    داعي جڏهن پنهنجي حق جي دعوت ۾ ان حد تائين ڳنڀيرتا جو ثبوت ڏي ته ان کان پوءِ هو خدا جي نصرت جو حقدار بنجي وڃي ٿو، جو مُنڪرن جي هر رٿ، اُلٽو مٿن وڃي ڪري. هو ڪنهن به نموني دعوت ڏيندڙ کي مغلوب ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿين.


    180-53

    180-53
    حق کي پُٺي ڏيڻ
    ”(اي پيغمبر ﷺ!) ڇا تو اُن کي ڏٺو آهي، جنهن منهن ڦيريو ۽ ٿورو ڏنو ۽ ڪنجوسي ڪئي. ڇا وٽس ڳجهه جو علم آهي، پوءِ هو ڏسي رهيو آهي“. (النجم 33-35)
    ڪيترائي ماڻهو جيڪي ٿورو حق ڏانهن راغب ٿيندا آهن، پوءِ سندن مفاد مٿن غالب ايندا آهن ۽ ٻيهر پنهنجي پوئينءَ حالت طرف وري ٿا وڃن. اهڙا ماڻهو پنهنجي غلط طريقي جي تاويل لاءِ ڀانت ڀانت جا خوبصورت عقيدا گهڙي وٺندا آهن. پر اُن قسم جون ڳالهيون فقط سندن ڏوهه کي وڌائين ٿيون. اها غلطي تي سرڪشي جي واڌ جي هم معنيٰ آهي. حق جي دعوت جي مقابلي ۾ منهن موڙڻ جو اهو طريقو اختيار ڪرڻ ڪا سادي ڳالهه نه آهي. حق جي دعوت پنهنجي حقيقت جي لحاظ کان هن دنيا ۾ خدا جي نمائندگي هوندي آهي، تنهنڪري اهڙي دعوت کي نظرانداز ڪرڻ ڄڻ خود خدا کي نظرانداز ڪرڻ آهي. ان قسم جو طريقو بنا شڪ جي خدا وٽ معافيءَ لائق نه آهي.


    181-53

    181-53
    اعليٰ سبب
    ”۽ بيشڪ هو ئي کلائي ۽ روئاڙي ٿو، ۽ هو ئي ماري ۽ جيئاري ٿو ۽ ان ئي جوڙو نر ۽ مادي پيدا ڪيو آهي. منيءَ جي ڦڙي مان جڏهن (ماءُ جي پيٽ ۾) هاريو وڃي ٿو ۽ ان تي ئي ٻئي ڀيري پيدا ڪرڻ آهي ۽ ان ئي مالدار ڪيو آهي ۽ دولت ڏني آهي ۽ اهوئي شعريٰ تاري جو رت آهي“. (النجم 43-49)
    دنيا جي هر واقعي جو تعلق اهڙي مٿاهين سبب سان هوندو آهي ته خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه اُن جي ظهور تي قادر ٿي نٿو سگهي. خوشي ۽ غم، موت ۽ حياتي، تخليقي نظام، اميري ۽ غريبي، سڀ هڪ مٿاهين ۽ برتر طاقت جو ڪرشمو آهي. قديم انسان تارن کي زندگيءَ جو سبب سمجهندو هو. اڄ جي زماني ۾ فطرت جي قانون کي حيات جو سبب سمجهيو ويو آهي، پر حقيقت هيءَ آهي ته انهن سببن جي مٿان به هڪ سبب آهي ۽ اهو خدا رب العالمين آهي ته پوءِ اُن کان سواءِ ڪنهن ٻي کي ڌيان جو مرڪز بنائڻ ڪيئن ٿو جائز ٿي سگهي.


    182-54

    182-54
    سياسي اقتدار
    ”۽ بيشڪ فرعون جي تابعدارن وٽ ڊيڄارڻ وارا آيا. انهن اسان جي سڀني نشانين کان انڪار ڪيو. پوءِ کين زبردست ۽ طاقتور جي پڪڙڻ وانگر پڪڙيوسين“. (القمر 41-42)
    فرعون قديم مصر جو حڪمران هو. هن جي سلطنت پکيڙ جي لحاظ کان اڄ جي مصر کان گهڻي وڏي هئي. هو پنهنجي وقت جو هڪ سگهارو بادشاهه هو، پر حق جي انڪار ڪرڻ کان پوءِ هو الله تعاليٰ جي نظرن ۾ بي مُلهه ٿي پيو. ان کان پوءِ هو هڪ عام انسان جيان ماريو ويو. هن دنيا ۾ حق سان گڏ بيٺل ماڻهو زورآور آهي ۽ حق جي خلاف بيهڻ وارو هيڻو آهي.
    سياسي اقتدار ڪنهن جو حق ڪونهي. سياسي اقتدار جنهن کي به ملي ٿو، امتحان جي لاءِ ملي ٿو، پوءِ ڀلي اهو مسلمان هجي يا غير مسلم. جنهن فرد يا قوم کي خدا اقتدار ڏي، ان کي اهو امتحان جي نظر سان ڏسڻ گهرجي. ان جو سڄو ڌيان ان طرف هجي ته هو ان خدائي امتحان ۾ پورو لهي. سياسي اقتدار کي عزت سمجهڻ يا ان کي پنهنجي ذاتي عظمت قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ، ان ڳالهه جو ثبوت هجي ٿو ته ماڻهو پنهنجي امتحان ۾ ناڪام ٿيو آهي.


    183-54

    183-54
    خدا جو فيصلو
    ”بيشڪ اسان سڀ ڪنهن شئي کي ٺهرايل اندازن سان پيدا ڪيو آهي ۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ (۾ ٿيڻ) جهڙو هڪ سخن آهي. بيشڪ اسان اوهان جي هم طريقي وارن کي برباد ڪيو، ڇا پوءِ ڪو سوچڻ وارو آهي ۽ سڀ ڪا شئي جا انهن ڪئي آهي، سا سندن اعمالن ۾ لکيل آهي ۽ سڀ ڪو ننڍو وڏو ڪم لکيل آهي. بيشڪ پرهيزگار باغن ۽ واهن جي وچ ۾ هوندا ۽ (اهي) سچائي جي جاءِ ۾ طاقت واري بادشاهه وٽ (رهندا). (القمر 49-55)
    دنيا جي هر شئي جو هڪ مقرر قانون آهي. اهوئي اصول انسان جي معاملي ۾ به آهي. انسان کي هڪ مقرر ضابطي موجب دنيا ۾ عمل جو موقعو ڏنو ويو آهي ۽ مقرر ضابطي تحت ئي کيس ان هنڌ تان هٽائي انجام جي جاءِ تي پهچايو ويندو آهي. خالق جي قدرت جيڪا هن ڪائنات ۾ ظاهر ٿي آهي، اها يقين ڏيارڻ جي لاءِ ڪافي آهي ته اهو معاملو عين پنهنجي وقت تي ضرور پيش ايندو. ساڳئي طرح هن دنيا ۾ رڪارڊنگ جو نظام ان حقيقت جو اڳواٽ اعلان آهي ته هرڪنهن سان عين اهوئي معاملو ڪيو ويندو، جيڪو سندس عمل موجب هجي. پر اهي ڳالهيون ان شخص جي سمجهه ۾ اينديون، جيڪو پنهنجي اندر ۾ اهو مزاج رکندڙ هجي ۽ هو واقعن تي ويچاري ۽ ظاهر مان گذري باطن ۾ لڪل حقيقتن کي ڏسي سگهي.
    هيءَ دنيا امتحان جي دنيا آهي، هتي هرڪنهن کي پوري آزادي آهي، تنهن ڪري هن دنيا ۾ اهو ممڪن آهي ته ماڻهو مقعد ڪذب (ڪوڙي ڪرسي) تي ويهي نمايان ٿي سگهي. هو ڪوڙ جي زمين تي عزت ۽ مرتبي جو مقام حاصل ڪري وٺي، پر آخرت ۾ ڪنهن جي لاءِ به ايئن ممڪن نه هوندو. آخرت ۾ عزت ۽ ڪاميابي رڳو انهن ماڻهن کي ملندي، جيڪي مقعد صدق (سچي ڪرسي) تي ويهندڙ هوندا. جن واقعي به پنهنجو پاڻ کي سچ جي سرزمين تي بيهاريو هجي. آخرت ۾ خدا جي قدرت جو ڪامل ظهور ان ڳالهه جي ضمانت بنجي ويندو ته اتي مقعد صدق (سچي ڪرسيءَ) کان سواءِ ڪنهن ٻي مقعد (ڪرسي) تي ويهڻ ڪنهن کي تر جيترو به ڪم نه ايندو.


    184-55

    184-55
    قرآن ۽ ڪائنات
    ”رحمان، قرآن سيکاريو، انسان کي پيدا ڪيائين، ان کي ڳالهائڻ سيکاريائين. سج ۽ چنڊ مقرر حساب سان هلن ٿا. وليون ۽ وڻ ٻئي سجدو ڪندا رهن ٿا ۽ آسمان کي بلند ڪيو اٿس. ۽ اتي ساهمي رکي اٿس، ته جيئن اوهين تور ۾ زيادتي نه ڪريو ۽ انصاف سان تور ڪريو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو“. (الرحمان 1-9)
    الله تعاليٰ انسان کي جوڙيو. کيس ڳالهائڻ جي انوکي صلاحيت ڏني، جيڪا سڄي معلوم ڪائنات ۾ ڪنهن کي به حاصل ڪونهي. پوءِ انسان کان جيڪو انصاف ڀريو طريقو گهربل هو، ان جو عملي نموني هن ڪائنات ۾ قائم ڪيو. انسان جي ڀرپاسي جي سڄي دنيا عين انصاف جي اُن اصول تي قائم آهي، جيڪو انسان کي الله تعاليٰ کان گهربل آهي ۽ قرآن ۾ ان عدل کي لفظي طور بيان ڪيو ويو آهي. قرآن خدائي انصاف جو لفظي اظهار آهي ۽ ڪائنات خدائي انصاف جو عملي اظهار. ٻانهن جي لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي قول ۽ عمل کي ان ساهميءَ ۾ توريندا رهن. هو نه وٺڻ ۾ ناانصافي ڪن ۽ نه ڏيڻ ۾.
    انسان جي فطرت جيڪڏهن جيئري هجي ۽ هو پنهنجي ڀرپاسي کي پٽيل اک سان ڏسي ۽ کليل ذهن سان سمجهي ته هو ان پکڙيل دنيا ۾ اهو سڀ ڪجهه حاصل ڪري وٺندو، جيڪو کيس ڪامياب زندگي جي تعمير جي لاءِ گهربل آهي. هو ڪائنات ۾ جيڪو ڪجهه ڏسندو، اهوئي قرآن ۾ پڙهندو ۽ قرآن ۾ جيڪو ڪجهه پڙهندو، اهوئي کيس ڪائنات جي ڪارخاني ۾ نظر ايندو. قرآن جيڪڏهن هدايت جو ڪتاب آهي ته ڪائنات هدايت پاتل عملي زندگيءَ جو نمونو آهي.


    185-55

    185-55
    خدا جون نعمتون
    ”۽ ماڻهن لاءِ زمين کي پکيڙيو اٿس. ان ۾ ميوا ۽ چپڙين واريون کجيون ۽ تُهن وارو اَنءُ ۽ خوشبودار ٻوٽا آهن. پوءِ (اي جنو ۽ انسانو) اوهين پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ. انسان کي ٺڪريءَ جهڙيءَ چيڪي مٽيءَ مان جوڙيائين ۽ جن باهه جي ڄڀيءَ مان بنايائين. پوءِ اوهين ٻئي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ. (هو) ٻنهي اوڀرن جو مالڪ ۽ ٻنهي اولهن جو مالڪ آهي. پوءِ اوهين پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن کان انڪار ٿا ڪريو. ٻن سمنڊن کي ڇڏيو اٿس ته پاڻ ۾ گڏجن. انهن ٻنهي جي وچ ۾ هڪ پردو آهي، جنهن کي هو نٿا ٽپن. پوءِ اوهين پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ. انهن ٻنهي مان موتي ۽ مرجان نڪرن ٿا. پوءِ اوهين پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ، ۽ ان جا ئي سمنڊ ۾ سڙهه کنيل جبلن جهڙا جهاز آهن. پوءِ اوهين پنهنجي پالڻهار جي ڪهڙين نعمتن کان انڪار ڪندؤ“. (الرحمان 10-25)
    هن جهان جو ڳپل حصو تارن تي مشتمل آهي، جيڪو سراپا باهه آهي، جنات ان باهه جي مادي مان خلقي ويئي آهي. پر انسان سان الله تعاليٰ جو اهو خصوصي معاملو آهي ته کيس ”مٽيءَ“ مان جوڙيو ويو آهي، جيڪا هن جهان/ ڪائنات جي اهم شئي آهي.
    زمين جي سڄي ڪائنات ۾ هڪ انوکي حيثيت آهي، هتي اهي هڙئي اسباب حد درجي توازن ۽ تناسب سان مهيا ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي انسان جهڙي مخلوق جي لاءِ رهڻ ۽ تمدن جي اڏاوت ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. انهن ئي بندوبستن مان زمين ۾ اوڀرن ۽ اولهن جو هئڻ آهي، سياري جي مُند ۾ سج جي اُڀرڻ ۽ لهڻ جا هنڌ ٻيا هوندا آهن ۽ گرميءَ جي مند ۾ ٻيا. ان لحاظ کان ان جا اوڀر ۽ اولهه گهڻا ٿيو پون. اهو موسمي فرق فضا ۾ زمين جي محوري جهڪاءُ (Axial Title) جي ڪري پيدا ٿئي ٿو. اهو جهڪاءُ ڪائنات جو هڪ انتهائي انوکو واقعو آهي ۽ ان سان انسان کي اڻ ڳڻيا تمدني فائدا حاصل ٿين ٿا.
    سوچن جي حد کان به وشال ڪائنات ۾ انسان ۽ زمين جو اهو ڌار معاملو خدا جي نعمت ۽ قدرت جو هڪ عظيم معاملو آهي ته انسان ڪنهن به لحاظ کان ان جو ٿورو لاهي نٿو سگهي.


    186-56

    186-56
    نظام خداوندي
    ”اسان اوهان کي پيدا ڪيو آهي، پوءِ ڇو ويساهه نٿا ڪريو. ڀلا ٻُڌايو ته جيڪا مَني اوهين ڪيرايو ٿا، ان کي اوهان پيدا ڪيو آهي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آهيون. اسان اوهان ۾ موت مقرر ڪيو آهي ۽ اسين هر ڳالهه کان عاجز نه ٿيا آهيون، ته اوهان جهڙا (ٻيا اوهان جي) بدلي ۾ آڻيون ۽ اوهان کي اهڙي جهان ۾ وڃي ڪڍون، جنهن کي اوهين نه ٿا ڄاڻو. ۽ بيشڪ اوهان پهرين پيدائش کي ڄاتو، پوءِ ڇو ڌيان نه ٿا ڪريو. ڀلا ٻُڌايو ته جيڪي اوهين پوکيو ٿا، ان کي اوهين اُڀاريو ٿا ڇا؟ يا اسين اُڀاريندڙ آهيون؟ جيڪڏهن اسين گهرون ته اُن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيون، پوءِ اوهين عجب ۾ رهجي وڃو (۽ چوندو ته) اسان تي چَٽي پئجي ويئي آهي. پر (اصلي) اسين بي نصيب آهيون. ڀلا ٻڌايو ته جو پاڻي پيئو ٿا ان کي ڪڪرن مان اوهان لاٿو آهي ڇا؟ يا اسين لاهيندڙ آهيون؟ جيڪڏهن گهرون ته ان کي کارو ڪري ڇڏيون، پوءِ احسان ڇو نه ٿا مڃيو، ڀلا ٻڌايو ته باهه جا اوهين ٻاريو ٿا اوهان ان جي وڻ کي پيدا ڪيو آهي يا اسين پيدا ڪرڻ وارا آهيون؟ اسان ان باهه کي (دوزخ جي باهه کي) ياد ڏيارڻ لاءِ جهنگلن وارن جي فائدي لاءِ ٺاهيو آهي. پوءِ تون پنهنجي پاليندڙ جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر. (الواقعه 57-74)
    ماءُ جي پيٽ مان انسان جو جنم وٺڻ. زمين مان فصل جو ڦُٽڻ، برسات جو پاڻي وسڻ، ٻارڻ مان باهه جو حاصل ٿيڻ، اهي سڀ شيون سڌو سنئون خدا جي قدرت تحت ٿيون آهن. ماڻهوءَ کي انهن جي ملڻ تي خدا جو ٿورائتو هئڻ گهرجي. انهن کي خدا جو عطيو سمجهڻ گهرجي، نه ڪي پنهنجي عمل جو نتيجو.
    انهن واقعن تي ويچارڻ واري جي لاءِ تمام گهڻيون نصيحتون آهن. انهن ۾ هن زندگيءَ کان پوءِ ٻي زندگيءَ جو ثبوت آهي. ايئن انهن ۾ اها نشاني به آهي ته جنهن اهي ڏنيون آهن، اهو اِهي کسي به سگهي ٿو. پوءِ انهن جو هڪ نمونو پاڻيءَ جو معاملو آهي. پاڻي جو ذخيرو سمنڊن جي صورت ۾ آهي، جيڪو گهڻو تڻو کارو آهي. پاڻي جو لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو سمنڊ ۾ آهي ۽ سمنڊ جي پاڻيءَ جو 10/1 حصو لوڻ هوندو آهي. اهو خدا جي قانون جو ڪرشمو آهي ته جڏهن سمنڊ مان پاڻيءَ مان جا ٻاڦ اٿي ٿي ته خالص پاڻي مٿي اُڏي ٿو وڃي ۽ لوڻ هيٺ رهجي ٿو وڃي. حقيقت اها آهي ته برسات جو عمل لوڻ جي ازالي (Desalination) جو هڪ عظيم آفاقي عمل آهي. جيڪڏهن قدرت جو اهو بندوبست نه هجي ته سڄو پاڻي ايئن ئي کارو ٿي وڃي، جيئن سمنڊ جو پاڻي هوندو آهي. جبلن تي ڄميل برف ۽ دريائن ۾ وهندڙ پاڻي سڀ سخت کارا هجن. زمين تي پاڻيءَ جي اٿاهه ذخيرن جي باوجود مٺي پاڻيءَ جو حصول انسانيت جي لاءِ سخت حل نه ٿيندڙ مسئلو بنجي وڃي. ماڻهو جيڪڏهن اهو سوچي ته سندس سينو خدا جي واکاڻ جي جذبي سان ڀرجي وڃي.


    187-57

    187-57
    دنيا جي حقيقت
    ”ڄاڻي وٺو ته دنيا جي حياتي رڳو راند ۽ تماشو ۽ سينگار ۽ پاڻ ۾ هڪٻئي تي فخر ڪرڻ ۽ مالن ۽ اولادن ۾ هڪٻئي کان وڌڻ آهي مينهن وانگر، جنهن جي ساوڪ ڪُڙمين کي وڻي ٿي. وري سُڪڻ لڳي ٿي. پوءِ تون ان کي زرد ٿيل ڏسندين. وري (اها) ڀُرندڙ ٿي پوندي ۽ آخرت ۾ سخت عذاب آهي ۽ الله جي طرفان معافي ۽ رضامندي (به) آهي ۽ دنيا جي حياتي رڳو ڌوڪي جو سامان آهي. اوهين پنهنجي پاليندڙ جي معافي ۽ جنت ڏي ڊوڙو، جنهن جي ويڪرائي آسمان ۽ زمين جي ويڪرائي جهڙي آهي. جن الله ۽ رسول تي ايمان آندو، تن لاءِ اها تيار ڪئي ويئي آهي. اها الله جي مهرباني آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي ڏي ٿو ۽ الله وڏي مهربانيءَ وارو آهي“. (الحديد 20-21)
    دنيا ۾ الله تعاليٰ آخرت جا مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. انهن مان هڪ مثال ٻنيءَ جو به آهي. جڏهن ٻني پاڻي پائي/چُوسي/ چُهي تيار ٿئي ٿي ته ٿورن ئي ڏينهن جي لاءِ ان جي سرسبزي نهايت اکين ٺار لڳڻ لڳندي آهي. پر تمام جلد گرم هوائون هُلنديون آهن ۽ اها سرسبزي اوچتو ختم ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ اها لُڻي ان کي ڀيليو ويندو آهي.
    ايئن هن دنيا جي رونق به ڪجهه ڏينهن جي آهي. ماڻهو اها حاصل ڪري دوکي ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. هو ان کي سڀ ڪجهه سمجهي ٿو وٺي. پر ان کان پوءِ هو جڏهن خدا طرف موٽايو ويندو ته مٿس اها ڳالهه پڌري ٿيندي ته دنيا جي رونقن جي ڪابه حقيقت نه آهي، دنيا رڳو وقتي آهي ۽ آخرت ڪامل ۽ دائمي آهي.


    188-57

    188-57
    صحيح ردِعمل
    ”ڪا مصيبت به زمين ۾ ۽ اوهانجن جندن ۾ نٿي پهچي. پر اُن جي پيدا ڪرڻ کان اڳي ڪتاب ۾ لکيل آهي. بيشڪ اها ڳالهه الله وٽ آسان آهي. (اها خبر اوهان کي هن ڪري ڏني اٿئون) ته جيڪي اوهان کان وڃائجي ويو آهي، تنهن تي افسوس نه ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ڏنو اٿس، تنهن تي خوش نه ٿيو ۽ الله کي سڀڪو هٺيلو ۽ پاڻ پڏائيندڙ نه ٿو وڻي. (اهي الله کي نٿا وڻن) جي پاڻ (به) نٿا ڏين ۽ ماڻهن کي (به) نه ڏيڻ لاءِ چون ٿا ۽ جيڪو منهن موڙيندو ته الله بي پرواهه ساراهيل آهي“. (الحديد 22-24)
    دنيا ۾ ڪنهن شئي جو ملڻ يا ڪنهن شئي جو کسجي وڃڻ، ٻئي امتحان جي لاءِ آهن. الله تعاليٰ اڳواٽ مقرر ڪري ڇڏيو آهي ته ڪهڙي شخص کي امتحان جو پرچو ڪهڙين حالتن ۾ ڏنو وڃي. ماڻهوءَ کي اصل ۾ جنهن شئي ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهو هيءَ ڪونهي ته کيس ڇا مليو ۽ کانئس ڇا کسيو ويو. پر اهو ته ان ڪهڙي موقعي تي ڪهڙي ردِعمل جو اظهار ڪيو. صحيح ۽ گهربل ردِعمل هيءَ آهي ته ماڻهوءَ کان جيڪڏهن ڪجهه وڃائجي وڃي ته هو دل نه هاري ۽ جڏهن کيس ملي ته هو ان تي فخر ۽ وڏائي نه ڪري.


    189-57

    189-57
    مضبوط ڪردار
    ”بيشڪ الله پنهنجن رسولن کي پڌريون نشانيون ڏئي موڪليو ۽ اسان انهن سان ڪتاب ۽ ساهمي (حڪمت) نازل ڪئي ته ماڻهو انصاف سان سڌا رهن ۽ اسان لوهه لاٿو، اُن ۾ سخت طاقت آهي ۽ ماڻهن لاءِ اڻ ڳڻيا فائدا آهن ۽ هن لاءِ ته الله ڄاڻي ته ڪير سندس ۽ سندس رسولن جي پرپُٺ مدد ڪري ٿو. بيشڪ الله زورآور ۽ زبردست آهي“. (الحديد 25)
    هن دنيا ۾ ايمان واري کان ٻه شيون گهربل آهن. هڪ دين جي پيروي ۽ ٻي دين جي حمايت. ساهمي گويا دين جي پيرويءَ جي علامت/ نشاني آهي. جيئن ساهميءَ ۾ ڪنهن شئي جي گهٽ وڌ ٿيڻ جي خبر پئجي ٿي وڃي تيئن خدا جو ڪتاب به حق جي ساهمي آهي. هر ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو پنهنجن عملن کي خدا جي ڪتاب تي جانچي ڏسي ۽ اهو معلوم ڪري ته سندس عمل ڪيتري حد تائين صحيح آهن ۽ ڪيتري حد تائين صحيح نه آهن. ايئن لوهه ڄڻ دين جي حمايت جو علامتي مثال آهي. جڏهن دين جو ڪو معاملو ٿئي ته اُتي ماڻهوءَ کي لوهه جيان مضبوط ثابت ٿيڻ گهرجي. ان کي فولادي قوت سان دين جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي. دين جي معاملي ۾ ڪمزوري ڏيکارڻ، پنهنجو پاڻ کي خدا جي نظرن ۾ شڪي ڪرڻ آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته ماڻهو جانچ تي پورو نٿو لهي.
    هن دنيا ۾ دين جون تقاضائون پوريون ڪرڻ ان شخص جي لاءِ ممڪن آهي، جيڪو پنهنجي اندر پختي ڪردار جو گُڻ رکندو هجي. اڪثر حالتون اهڙيون ٿي وينديون آهن جو حق جو کليل اعتراف ڪرڻ پنهنجو پاڻ کي ماڻهن جي نظرن ۾ هيچ/ ننڍڙي بنائڻ وانگيان هوندو آهي. حق جي حمايت ۾ ڳالهائڻ ۾ لڳاتار اهو انديشو لڳو رهندو آهي ته ماڻهو پنهنجي گروهه کان ڪٽجي ويندو. حق جو ساٿ ڏيڻ فقط ان قيمت تي ٿئي ٿو ته ماڻهو پنهنجن مفادن جي حفاظت نه ڪري. حق جي پاسي ٿي بيهڻ ۾ ماڻهو اڪيلو ٿي وڃي ٿو ۽ حق جو پاسو نه وٺڻ جي صورت ۾ کيس اها اميد هوندي آهي ته ماڻهن جو ميڙ سندس ساٿ ڏيندو. حق جو پاسو وٺڻ ۾ زندگيءَ جو نقشو بگڙجندو محسوس ٿئي ٿو ۽ حق جي حمايت نه ڪرڻ جي صورت ۾ اها اميد هوندي آهي ته زندگيءَ جا معاملا درست رهندا.
    حديد (لوهه/ رُڪ) هن دنيا ۾ استحڪام جي نشاني آهي. لوهه ان ڳالهه جو عملي ثبوت آهي ته ماڻهوءَ کي گهرجي ته هو زندگيءَ جي امتحان ۾ رُڪ جيان مضبوط رهي ۽ مضبوط ڪردار سان خدا جي دين جو حامي بنيل رهي.


    190-58

    190-58
    خدا جي نگراني
    ”(اي رسول ﷺ) ڇا تو نه ڏٺو ته جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي، اُن کي الله ڄاڻي ٿو. ٽن ڄڻن جي ڳجهي ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي پر اهو انهن ۾ چوٿون هوندو ۽ نه پنجن ڄڻن جي. پر اهو انهن ۾ ڇهون هوندو ۽ نه ان کان گهٽ ۽ نه ان کان وڌ. پر اهو انهن سان گڏ هوندو جتي به هجن. پوءِ الله کين قيامت جي ڏينهن سندن ڪمن جي خبر ڏيندو. بيشڪ الله سڀني ڪمن کي ڄاڻندڙ آهي. (المجادله 8)
    ڪائنات پنهنجي بيحد پيچيده نظام سان اها شاهدي ڏيئي رهي آهي ته اها سڀني کان مٿاهين ڪنهن سگهه جي نگرانيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن اها نگراني لڳاتار نه هجي ته دنيا پنهنجي هاڻوڪي بامعنيٰ حيثيت ۾ باقي نه رهي. ڪائنات ۾ نگرانيءَ جي شاهدي اهو ثابت ٿي ڪري ته انسان به لڳاتار پنهنجي پالڻهار جي نگرانيءَ ۾ آهي. جڏهن باقي ڪائنات خالق جي نگرانيءَ ۾ آهي ته انسان پنهنجي خالق جي نگرانيءَ ۾ ڇو نه هوندو. اهڙي حالت ۾ حق جي خلاف سرگرميون ڏيکارڻ رڳو اهڙن انڌن ماڻهن جو ڪم ٿي سگهي ٿو، جيڪي خدا کان بي خوف هجن. هو خدا جي صفتن کي نه سنئون سڌو ملفوظ قرآن ۾ پڙهي سگهن ۽ نه اڻ سڌي طرح غير ملفوظ ڪائنات ۾.
    ”آئون خدا جي نگرانيءَ ۾ آهيان.“ اها ڳالهه ماڻهوءَ کي آخري حد تائين ڇرڪائي ٿي ڇڏي. هو هر وقت پنهنجو جائزو وٺندو ٿو رهي، ڇو ته کيس اهو انديشو هوندو آهي ته جيڪڏهن هو پنهنجو احتساب نه ڪندو ته خداوند، سندس احتساب ڪندو ۽ پوءِ خدا جي پڪڙ کان بچڻ منهنجي لاءِ ڪيئن ممڪن ٿي سگهندو.


    191-59

    191-59
    ايمان جي بلندي
    ”۽ (انهن لاءِ آهي) جيڪي اسلام جي بادشاهيءَ (۾) ۽ ايمان ۾ انهن (مهاجرن) کان اڳ رهيا پيا آهن، جو هنن ڏي لڏي آيو آهي، ان سان هو محبت رکن ٿا ۽ جو ڪجهه انهن (پرديسين) کي ڏنو ويو آهي، ان جي ڪري پنهنجي دلين ۾ تنگي نٿا ڏسن ۽ کين پنهنجي جان کان به اڳي رکن ٿا. توڙي کين تنگدستي هجي ۽ جيڪي پنهنجي نفس جي بخل کان بچايا ويندا، سي ئي ڪامياب ويندا ۽ جي انهن کان پوءِ ايندا، چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي ۽ اسان جي انهن ڀائرن کي بخش، جيڪي ايمان آڻڻ ۾ اسان کان اڳي ٿيا آهن ۽ اسان جي دلين ۾ ايمان وارن جي باري ۾ ڪا کوٽ نه وجهه. اي اسان جا پاليندڙ! بيشڪ تون ته بي حد مهربان ۽ ٻاجهارو آهين“. (الحشر 9-10)
    هجرت جي نتيجي ۾ مسلمان بي وطن ٿيا ۽ مڪو ڇڏي مديني پهتا. انهن جو مديني اچڻ مقامي مسلمانن (انصارن) تي بار هو. پر انهن وڏي دل ۽ خوشيءَ سان کين ڀليڪاريو. رسول الله ﷺ جن وٽ جڏهن حال آيو ته پاڻ سڳورن اهو سمورو مال مهاجرن ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ انصارن کي ڪجهه به نه ڏنو. ان تي مديني جي انصارن جي اندر انهن جي باري ۾ ڪا کوٽ يا رنجش پيدا نه ٿي. ان کان پوءِ به هو مهاجر مسلمانن جا اهڙا ئي قدردان رهيا، جو سندن حق ۾ انهن جي دلين مان دعائون نڪرنديون رهيون. اِهائي اُها حوصلي جي پختگي آهي، جيڪا ڪنهن گروهه کي تاريخ ساز گروهه بڻائي ٿي.
    هجرت کان پوءِ مديني ۾ جيڪي حالتون پيدا ٿيون، اهي ٻنهي جي لاءِ امتحان هيون. اهي هي ته اختلاف جي باوجود به ٻئي مسلمان گروهه پاڻ ۾ متحد رهيا، معاشي مسئلن جي باوجود به هنن جي فراخدلي متاثر نه ٿي. ڏکيائين جي باوجود به انهن جي خلوص ۾ ڪوبه فرق نه آيو. مفادن جي ٽڪراءُ جي باوجود به هو هڪٻئي جا خير خواهه رهيا. پنهنجي قربانين جي مادي قيمت نه ملڻ جي باوجود به هنن جي اندر ناڪاري جذبا نه هئا، دولت ۽ عهدن جي ورهاست ۾ فرق جي باوجود سندن ديني يڪسوئيءَ ۾ فرق نه آيو. دنياوي نوعيت جي تلخ تجربن جي باوجود به هنن جون دليون نفرت کان خالي رهيون.


    192-59

    192-59
    عقل جو نتيجو
    ”بيشڪ اوهين سندن دلين ۾ الله کان به وڌيڪ دهشت وارا آهيو. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن، جي سمجهه نٿا رکن. اهي سڀ گڏجي به ڪڏهن اوهان سان جنگ ڪري نه سگهندا، مگر ڪوٽ وارن ڳوٺن ۾ يا ڀتين جي پٺيان. پاڻ ۾ انهن جي ويڙهه سخت آهي. تون کين پائيندين ته گڏ آهن، پر حال هيءَ آهي ته سندن دليون ڌار ڌار آهن. اهو هن ڪري ته اهي اهڙا ماڻهو آهن، جي بي عقل آهن“. (الحشر 13-14)
    خدا جي طاقت پڌري پَٽ نظر نٿي اچي. پر انسانن جي سگهه پَٽيل اک سان نظر اچي ٿي. ان ڪري ظاهر پرست ماڻهن جو حال اهو هوندو آهي ته هو بي ڊپا نه رهن. پر انسانن ۾ ڪو زورآور نظر ٿو اچي ته هو هڪدم ان کان ڊڄڻ جي ضرورت محسوس ڪرڻ ٿا لڳن. خدا جي باري ۾ انهن جي بي شعوري کين دنيا جي باري ۾ به بي شعور بنائي ٿي ڇڏي.
    اهڙن ماڻهن کي رڳو ناڪاري مقصد متحد ڪندو آهي، هنن جو اتحاد گهڻو عرصو جٽاءُ نه ڪري سگهندو آهي. ڇو ته ديرپا اتحاد جي لاءِ هاڪاري بنياد گهربل هوندا آهن ۽ جيڪي وٽن موجود نه هوندا آهن.
    هنن آيتن ۾ خدا جي ڊپ کي به عقل جو نتيجو ٻڌايو ويو آهي ۽ باهمي اتحاد کي به عقل جو نتيجو قرار ڏنو ويو آهي. ان مان خبر پوي ٿي ته الهيات ۽ انسانيت ٻنهي جي درستگي عقل ۽ سمجهه جي مٿي مدار رکي ٿي. ڪوبه فرد يا گروهه عقلي لحاظ کان جيترو گهڻو باشعور هوندو، ايترو ئي گهڻو سندس زندگيءَ جا معاملا درست هوندا. خدا جي نسبت سان به ته انسان جي نسبت سان به.


    193-59

    193-59
    انسان جو آئيندو
    ”اي ايمان وارو! الله کان ڊڄو ۽ سڀ ڪو شخص ڏسي ته سُڀاڻيءَ جي لاءِ اڳي ڇا ڪيو اٿس ۽ الله کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله اوهان جن عملن جي پوري خبر رکندڙ آهي ۽ انهن جهڙا نه ٿيو، جن الله کي وساريو، پوءِ الله انهن کان سندن جانيون به ڀُلائي ڇڏيون. اهي ئي نافرمان آهن، دوزخ وارا ۽ جنت وارا برابر ٿي نه ٿا سگهن. جنت وارا ئي ڪامياب آهن“. (الحشر 18-20)
    انساني زندگيءَ کي ”اڄ“ ۽ ”سڀاڻي“ جي وچ ۾ ورهايو ويو آهي. هيءَ دنيا انسان جو اڄ آهي ۽ آخرت جي دنيا سندس سڀاڻي آهي. انسان هن دنيا ۾ جيڪي ڪجهه ڪندو، ان جو ڪيتو لازمي طور تي ايندڙ ڊگهي حياتيءَ ۾ لوڙيندو.
    اهائي اصل حقيقت آهي ۽ ان حقيقت جو ٻيو نالو اسلام آهي. انسان جي ڪاميابي ان ۾ آهي ته هو اها حقيقت ذهن ۾ رکي، جيڪو شخص ان حقيقت کان غافل ٿيندو، ان جي سڄي زندگي غلط بنجي ويندي. ان معاملي ۾ مسلمانن ۽ غير مسلمانن ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. مسلمانن کي ان جو ان مهل فائدو ملندو، جڏهن واقعي هو ان تي قائم هجن. مسلمان جيڪڏهن غافل بنجي وڃن ته انهن جو انجام به اهوئي ٿيندو، جيڪو اڳي غفلت ڪندڙ يهودين جو ٿيو. آخرت ۾ ڪامياب انسانن ۽ ناڪام انسانن ۾ فرق ڪيو ويندو. هڪ گروهه جي لاءِ جنت هوندي ۽ ٻي جي لاءِ دوزخ. اها ورهاست نسلي يا گروهي بنيادن تي نه ٿيندي. پر اها سڄي حقيقت جي بنياد تي ٿيندي. هر ماڻهوءَ جو مستقل ان جي ذاتي وصف (Merit) جي بنياد تي طئي ٿيندو، نه ڪي ڪنهن مفروضي جي بنياد تي.


    194-59

    194-59
    خدا ۽ ڪائنات
    ”جيڪڏهن اسين هن قرآن کي ڪنهن جبل تي لاهيون ها ته تون اُن کي الله جي ڊپ کان عاجزي ڪندڙ ۽ ڦاٽي پوندڙ ڏسين ها. هيءُ مثال اسين ماڻهن لاءِ بيان ڪريون ٿا ته مَن اهي ڌيان ڪن. الله اهو آهي، جنهن کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق نه آهي. ڳجهه ۽ ظاهر کي ڄاڻڻ وارو آهي. اهوئي وڏو مهربان، ان کانسواءِ ٻيو ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي، جو بادشاهه پاڪ ذات سڀني عيبن کان آجو، سلامتي، امن ڏيڻ وارو، نگهباني ڪرڻ وارو، زبردست خودمختيار وڏائيءَ جو ڌڻي آهي. الله انهن جي شريڪ ڪرڻ کان پاڪ آهي. اهوئي الله پيدا ڪرڻ وارو، نئون بنائڻ وارو، صورت ٺاهڻ وارو آهي، اُن جا سڀ چڱا نالا آهن، جو ڪجهه آسمانن ۽ زمينن ۾ آهي، سو سندس پاڪائي بيان ڪري ٿو. اهوئي زبردست، حڪمت وارو آهي“. (الحشر 21-24)
    قرآن مجيد، ان عظيم حقيقت جو اعلان آهي ته انسان آزاد نه آهي، پر کيس پنهنجن سڀني عملن جو الله تعاليٰ جي سامهون جواب ڏيڻو پوندو، جيڪو بي حد طاقتور آهي. هو هرڪنهن جي عملن کي بذات خود ڏسي رهيو آهي. اها خبر ايتري ته سنگين آهي، جيڪا جبلن کي به لوڏي ڇڏڻ جي لاءِ ڪافي آهي، پر انسان ايترو ته غافل ۽ بي حس آهي، جو هو ان ڊيڄاريندڙ خبر کي ٻڌي به نٿو تڙپي.
    الله تعاليٰ جا جيڪي هتي نالا بيان ڪيا ويا آهن، اهي هڪ لحاظ کان الله تعاليٰ جي ذات جو تعارف آهن. ٻي طرف اهي ٻُڌائين ٿا ته اها مهان هستي ڪيڏي نه عظيم هستي آهي، جيڪا انسانن جي خالق آهي ۽ انهن جي مٿان نگراني پئي ڪري. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي واقعي به ان جو احساس ٿي وڃي ته هو هر وقت الله جي واکاڻ ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ ٻُڏي وڃي.
    ڪائنات پنهنجي تخليقي معنويت جي صورت ۾ خدا جي صفتن جو آئينو آهي. اها خود ساراهه ۽ پاڪائي بيان ڪرڻ ۾ رڌل آهي، انسان کي به اهو سبق ڏيئي رهي آهي.


    195-60

    195-60
    اخلاقي حدون
    ”الله تعاليٰ اوهان کي انهن کان نه ٿو جهلي، جن نه اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ نه اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ته اوهين انهن سان ڀلائي ڪريو ۽ انهن سان انصاف جو معاملو ڪريو. بيشڪ الله ته انصاف وارن کي دوست رکي ٿو. الله رڳو اوهان کي انهن کان جهلي ٿو، جن اوهان سان دين جي باري ۾ جنگ ڪئي ۽ اوهان کي پنهنجن گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ۽ اوهان جي ڪڍڻ ۾ مدد ڪئي ته اوهين انهن سان دوستي رکو ۽ جيڪي ساڻن دوستي رکندا، سي ظلم ڪندڙ آهن“. (الممتحنه 8-9)
    جيتري قدر انصاف جو لاڳاپو آهي ته اهو هرڪنهن سان ڪيو وڃي. پوءِ ڀلي اهو دشمن هجي يا نه. انصاف کان مُنهن موڙڻ ڪنهن به لحاظ کان جائز نه آهي، پر دوستيءَ جو تعلق هرڪنهن سان مناسب ڪونهي. دوستي رڳو اُن سان جائز آهي، جيڪو الله جو دوست هجي يا گهٽ ۾ گهٽ اهو الله جو دشمن نه هجي.


    196-61

    196-61
    ڪامياب واپار
    ”اي ايمان وارؤ! ڇا اوهان کي اهڙي سوداگريءَ جي خبر ڏيان، جا اوهان کي دردناڪ عذاب کان بچائي؟ اوهين الله ۽ رسول تي ايمان آڻيو ۽ الله جي رستي ۾ پنهنجن مالن ۽ جانين سان جنگ ڪريو. اهو اوهان لاءِ تمام چڱو آهي. جيڪڏهن اوهين ڄاڻو ته الله اوهان جا گناهه معاف ڪري ڇڏيندو ۽ اوهان کي باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا ۽ سُٺين جاين ۾، جي رهڻ وارن باغن ۾ هونديون. اها وڏي ڪاميابي آهي ۽ هڪ ٻي شئي، جنهن کي اوهين پسند ڪريو ٿا. الله جي طرفان مدد ۽ ويجهي فتح آهي ۽ ايمان وارن کي ان جي خوشخبري ٻڌائي“. (الصف 10-13)
    واپار ۾ ماڻهو پهرين ڏي ٿو يا سيڙپ ڪري ٿو ۽ ان کان پوءِ اهو کيس واپس ملي ٿو. دين جي جدوجهد ۾ به ماڻهوءَ کي پنهنجي سگهه ۽ مال ڏيڻو پوي ٿو. ان لحاظ کان اهو به هڪ قسم جو واپار آهي. البت دنياوي واپار جو نفعو رڳو هن دنيا ۾ ٿو ملي ۽ دين جي واپار جو نفعو وڌيڪ واڌاري سان هِن دنيا ۾ به ملي ٿو ته آخرت ۾ به. پوءِ ان ”واپار“ سان ”اهل اسلام“ جي غلبي جي واٽ کلي ٿي، جيڪا هن دنيا ۾ ڪنهن گروهه کي عزت ڀري زندگي حاصل ڪرڻ جو سڀ کان وڏو وسيلو آهي.


    197-62

    197-62
    جمع جو ڏينهن
    ”اي ايمان وارو! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز جي لاءِ سڏيو وڃي ته الله جي ياد ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار کي ڇڏي ڏيو. اهو اوهان لاءِ گهڻو چڱو آهي. جيڪڏهن اوهين ڄاڻو. پوءِ جڏهن نماز ٿي وڃي ته ڀلي زمين ۾ پکڙجي وڃو ۽ پالڻهار جي ٻاجهه گهرو ۽ الله کي گهڻو ياد ڪريو، مَن اوهين ڪامياب ٿيو. اهي جڏهن ڪو واپار يا تماشو ڏسن ٿا ته ان ڏي ٽڙي پکڙي وڃن ٿا ۽ توکي بيٺل ڇڏي ٿا ڏين. تون چئو ته جو الله وٽ آهي، سو تماشي ۽ واپار کان چڱو آهي ۽ الله سڀني کان چڱو روزي ڏيندڙ آهي“. (الجمعه 9-11)
    دنيا ۾ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن تقاضائن جي وچ ۾ هجي ٿو. هڪ گذر سفر جي تقاضا ۽ ٻي دين جي تقاضا. انهن مان هر تقاضا ضروري آهي. البت انهن ٻنهي جي وچ ۾ ان قسم جي ورهاست هئڻ گهرجي ته معاشي سرگرميون ديني تقاضا جي ماتحت هجن. ماڻهوءَ کي اها موڪل آهي ته هو جائز حدن ۾ ڊُڪ ڊوڙ ڪري. پر اهو ضروري آهي ته کيس جيڪا معاشي ڪاميابي ملي، اُن کي هو الله جو فضل سمجهي. تنهن کان سواءِ معاشي سرگرمين جي دوران هو الله کي برابر ياد ڪندو رهي. ان سان گڏ کيس سدائين تيار رهڻ گهرجي ته جڏهن به دين جي ڪنهن تقاضا جي لاءِ سڏيو وڃي ته ان مهل هو سڀ ڪم ڇڏي اُن ڪم طرف ڊوڙي.
    قرآن جي انهن آيتن مان اهو به پتو پوي ٿو ته جمعي جي ڏينهن اسلامي زندگيءَ جي ڪاروهنوار ۾ ڪاروبار ۽ موڪل جو ڏينهن نه آهي. ڇو ته ان آيت موجب مسلمان جمع جي ڏينهن پنهنجي ڌنڌي ڌاڙيءَ ۾ رڌل رهندا ۽ رڳو ٿوري دير جي لاءِ پنهنجو ڪاروبار بند ڪندا، جڏهن مسجدن مان ٻانگ جو آواز بُلند ٿئي. ٻانگ مهل هو وقتي طور تي مسجد ايندا ۽ نماز پڙهڻ کان پوءِ هو ٻيهر پنهنجي ڪاروبار ۾ لڳي ويندا. اصل ۾ هفتيوار موڪل جو مسئلو ڪو ديني مسئلو ڪونهي، پر اهو هڪ دنياوي مسئلو آهي ۽ حديث انتم اعلم بامور دنياکم (صحيح بخاري) موجب ان جو فيصلو دنياوي مصلحت تحت ڪيو وڃي نه ڪي شرعي مسئلي جي بنياد تي.
    اها ڪنهن ماڻهوءَ جي نفاق جي علامت آهي ته هو وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري ۽ قسم کڻي پنهنجي ڳالهه جو يقين ڏياري. مخلص ماڻهو الله جي ڊپ سبب دٻيل/ هَڄيل هوندو آهي ۽ زبان کان وڌيڪ دل سان ڳالهائيندو آهي. منافق ماڻهو رڳو انساني آواز ٻُڌائڻ جو مشتاق هوندو آهي ۽ مخلص ماڻهو خدا کي ٻڌائڻ جو.
    جڏهن هڪ ماڻهو ايمان آڻيندو آهي ته هو هڪ سنجيده وچن ڪندو آهي. ان کان پوءِ زندگيءَ جا عملي موقعا ايندا آهن، جتي گهرج پوندي آهي اُتي وچن موجب عمل ڪري، هاڻ جيڪو شخص اهڙي موقعي تي پنهنجي دل جو آواز ٻڌي ان وچن جي تقاضا کي پورو ڪري، ان پنهنجي ايمان کي پختو ڪيو ۽ ان جي ابتڙ جنهن جو حال اهو هجي ته هن جي دل سڏ ڪيو، پر هن دل جي آواز کي نظرانداز ڪري وچن جي خلاف عمل ڪيو ته ان جو نتيجو اهو نڪرندو ته هو هوريان هوريان پنهنجي ايمان جي وچن جي معاملي ۾ بي حس ٿي ويندو. اهو ئي مطلب دل تي مَهر لڳڻ جو آهي.


    199-63

    199-63
    منافقي وارو طريقو
    ”(اي پيغمبر ﷺ!) جڏهن تون کين ڏسندين ته توکي سندن جسم وڻندا ۽ جيڪڏهن تون سندن ڳالهه ٻُڌندين ڄڻ ته اهي ٽيڪ ڏياري بيهاريل بندا آهن. هرهڪ انهن کي پنهنجي لاءِ (مصيبت) سمجهن ٿا. (اي پيغمبر!) اهي ئي تنهنجا دشمن آهن، سو انهن کان بچندو رهه. الله جي مٿن مار پوي. ڪيئن اُبتا وڃن ٿا ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته اچو ته الله جو رسول اوهان لاءِ معافي گهري ته پنهنجا منهن ڦيرين ٿا ۽ تون کين ڏسندين ته وڏائي ڪري منهن موڙين ٿا، نه ان جي لاءِ برابر آهي ته تون انهن لاءِ معافي گهرين يا انهن لاءِ معافي نه گهرين. الله کين ڪڏهن به نه بخشيندو. بيشڪ الله بدڪار قوم کي رستو نه ٿو ڏيکاري. (المنافقون 4-6)
    منافق انسان مصلحت پسنديءَ جي ذريعي پنهنجن مفادن کي محفوظ رکي ٿو، هو حق ۽ ناحق جي بحث ۾ نٿو پوي. تنهنڪري هو هرڪنهن سان ٺهي هلي ٿو. هن جي زندگي درد ۽ غم کان خالي هوندي آهي. اهي شيون سندس بُت کي ٿلهو ڪري ڇڏينديون آهن. هو، ماڻهوءَ جي مزاج وٽان ڳالهائيندو آهي، تنهن ڪري هن جي ڳالهين ۾ سڀني جي لاءِ دلچسپي هوندي آهي. حقيقت ۾ اهي ساوا ستابا وڻ، سڪل ڪاٺ جيان هوندا آهن، جن ۾ ڪابه زندگي نه هوندي آهي. هو اندران ڊڄڻا هوندا آهن. سندن نظر ۾ سندن دنياوي مفاد هر ديني مفاد کان اهم هوندو آهي هو حق ۽ ناحق جي معاملي ۾ ڪڏهن به جرئت ڀريو موقف اختيار نه ڪندا آهن. پر سدائين مصلحت وارو رويو اختيار ڪندا آهن، ته جيئن هو هر ڪنهن جي نظر ۾ سُٺا بنيل رهن. اهڙا ماڻهو ايمان جي وڏين دعوائن جي باوجود خدا جي هدايت کان محروم هوندا آهن.
    منافقي وارو رويو حقيقت ۾ مصالحاڻي رويي (Compromising behavior) جو ٻيو نالو آهي. منافق انسان هڪ طرف اسلام جي ظاهري عملن کي اختيار ڪندو آهي ته جيئن هو اهل اسلام کي مومن مسلمان نظر اچي. ٻي طرف هو دنيا وارن سان ائين هلندو آهي، جيئن هو انهن جي نظر ۾ به سُٺو بنيل رهي ۽ سندس ڪنهن سان به ٽڪراءُ نه ٿئي. منافق انسان خدا ۽ رسول جو نالو ته وٺندو آهي، پر سندس مذهب خدا پرستيءَ وارو نه هوندو آهي. سندس حقيقي مذهب مفادپرستي هوندو آهي. سندس سمورين سرگرمين جو مرڪز رڳو اهو هوندو آهي ته سندس شخصي مفاد محفوظ رهي. دنيا وارن وٽ کيس سدائين عزت ڀريو مقام حاصل رهي.


    200-63

    200-63
    مال ۽ اولاد
    ”اي ايمان وارؤ! نه ڪي اوهان کي پنهنجا مال ۽ نه پنهنجا اولاد الله جي ياد ڪرڻ کان غافل ڪن ۽ جيڪي ائين ڪندا، سي ئي نقصان پائڻ وارا آهن. ۽ جيڪو اوهان کي اسان رزق ڏنو آهي، اُن مان هن کان اڳي خرچ ڪريو، جو اوهان مان ڪنهن وٽ موت اچي وڃي، پوءِ چوي ته اي منهنجا پاليندڙ، جيڪر مون کي ٿورو وقت ڏينءَ ها ته خيرات ڪريان ها ۽ چڱن ماڻهن مان ٿيان ها. هوڏانهن اللهﷻ ڪڏهن به ڪنهن جيءَ کي مهلت ڏيڻ وارو نه آهي. جڏهن سندس مقرر وقت اچي ويندو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن جي اللهﷻ خبر رکندڙ آهي“. (المنافقون 9-11)
    هر ماڻهوءَ جي لاءِ سڀني کان وڏو مسئلو آخرت جو مسئلو آهي. پر مال ۽ اولاد انسان کي ان سڀ کان وڏي مسئلي کان غافل ڪريو ڇڏين. انسان کي ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته مال ۽ اولاد مقصد نه پر ذريعو آهي. اهي ان ڪري ڏنا ويندا آهن ته هو انهن کي الله جي ڪم ۾ لڳائي. هو کين پنهنجي آخرت جي لاءِ استعمال ڪري. پر نادان انسان ان کي پنهنجو مقصد سمجهي وٺي ٿو. اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجي آخري انجام کي پهچندا ته اتي سندن لاءِ حيرت ۽ افسوس کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو ۽ هو هئه جا هٿ هڻندا رهجي ويندا.
    دنيا ۾ مال ۽ اولاد ۽ ان قسم جون ٻيون مادي شيون انسان کي ڏنيون ويون آهن. اهي کيس انعام طور نه پر آزمائش طور ڏنيون ويون آهن. يعني ان جو مطلب اهو ڪونهي ته انسان انهن شين کي ماڻي هڪ راحت ڀري زندگي گذاري ۽ ان ۾ خوش رهي. پر اهي شيون انسان جي لاءِ امتحاني ڪاپي آهن. جن جي ذريعي انسان کي پرکيو ۽ جانچيو پيو وڃي. انسان کي گهرجي ته انهن شين کي نعمت نه پر آزمائش سمجهي. نعمت ته آخرت ۾ ملندي. هيءَ دنيا جانچڻ ۽ پرکڻ جي دنيا آهي ۽ آخرت ۾ ان جانچ ۽ پرک موجب انعام يا سزا جي جاءِ آهي.


    201-64

    201-64
    ڪائنات جي تسبيح
    ”جيڪو ڪجهه آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي ڪجهه زمين ۾ آهي، سو الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿو. ان جي ئي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي ساراهه آهي، ۽ اهو هر شئي جي مٿان قدرت رکندڙ آهي. هو اهو آهي، جنهن اوهان کي پيدا ڪيو. پوءِ ڪو اوهان مان ڪافر آهي ۽ ڪو اوهان مان ايمان وارو آهي. ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي الله ڏسندڙ آهي. آسمانن ۽ زمين کي تدبير سان بنايو اٿس ۽ اوهان جون صورتون بنايون اٿس، پوءِ اوهان جي صورتن کي چٽو ڪيو اٿس ۽ ان ڏي ئي موٽڻ آهي، جيڪو ڪجهه آسمانن ۽ زمين ۾ آهي، ان کي ڄاڻي ٿو، ۽ جو ڪجهه لڪايو ٿا ۽ جو ظاهر ڪريو ٿا، ان کي ڄاڻي ٿو ۽ الله دلين جي ڳالهه ڄاڻندڙ آهي. (التغابن 1-4)
    ”ڪائنات الله جي پاڪائي بيان ڪري رهي آهي، جو مطلب هي آهي ته اللهﷻ جنهن حقيقت کي قرآن ۾ کوليو آهي، ڪائنات ان جي سراپا تصديق بنيل آهي. اها زبان حال سان ساراهه ۽ پاڪائيءَ سان ان جي تائيد پئي ڪري. ان ٻه طرفي اعلان جي باوجود جيڪي ماڻهو مومن نٿا بنجن، تن کي ان کان پوءِ ئي اعلان جو اوسيئڙو ڪرڻ گهرجي، جڏهن سڀ ماڻهو خدا وٽ گڏ ڪيا ويندا ته جيئن خود ڪائنات جي مالڪ جي زبان سان پنهنجي باري ۾ آخري فيصلو سُڻي سگهن.
    انسان کان سواءِ هن دنيا ۾ باقي جيڪي به شيون آهن، تن ۾ مومن ۽ منڪر جي ورهاست ڪونهي. هتي هڙئي شيون اقرار ۽ ايمان جي سطح تي جي رهيون آهن. هيءَ انسانن جي دنيا آهي، جتي اها ورهاست نظر ٿي اچي، هيءَ ورهاست اُن ڪري آهي ته انسان کي قول ۽ عمل جي آزاديءَ جي باوجود انسان کي اهوئي ڪرڻ گهرجي، جيڪو باقي ڪائنات پئي ڪري. جيڪي ماڻهو ائين نٿا ڪن، اهي زندگيءَ جي ايندڙ دور ۾ سخت عذاب جا حقدار قرار ڏنا ويندا.


    202-64

    202-64
    هارائڻ ۽ کٽڻ
    ”ڪافر دعويٰ ڪن ٿا ته کين ڪڏهن به جيئرو ڪري نه اُٿاريو ويندو. (اي پيغمبر!) کين چئو ته ڇو نه؟ آءٌ پنهنجي پاليندڙ جو قسم کڻي چوان ٿو ته اوهان کي ضرور جيئرو ڪري اُٿاريو ويندو. پوءِ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن جي اوهان کي خبر ڏني ويندي ۽ اهو (ڪم) الله جي لاءِ سولو آهي. تنهن ڪري الله ۽ سندس رسول تي ۽ ان نور تي، جو اسان نازل ڪيو آهي، ايمان آڻيو ۽ جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن جي الله خبر رکندڙ آهي. جنهن ڏينهن الله اوهان کي گڏ ٿيڻ جي ڏينهن لاءِ گڏ ڪندو، اهو ئي کٽڻ ۽ هارائڻ جو ڏينهن آهي ۽ جيڪي الله تي ايمان آڻيندا ۽ سُٺا عمل ڪندا ته انهن جون سڀ بُرايون ميٽي ڇڏيندو، ۽ انهن کي اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. هو انهن ۾ سدائين رهندا. اهائي وڏي ڪاميابي آهي. (التغابن 7-10)
    ماڻهو دنيا کي هارائڻ ۽ کٽڻ (التغابن) جي جاءِ سمجهن ٿا. ڪنهن شخص کي ڪاميابي ملي ٿي ته اهو خوش ٿئي ٿو ۽ جيڪو هتي ناڪام ٿئي ٿو، اهو ماڻهن جي نظر ۾ ننڍڙو بنجي وڃي ٿو. پر حقيقت هيءَ آهي ته هن دنيا جي هارَ جي به ڪا قيمت ڪونهي ته هت کٽڻ به بي ملهه آهي.
    کٽڻ ۽ هارائڻ جو اصل هنڌ آخرت آهي. هارائڻ وارو اهو آهي، جيڪو آخرت ۾ هارائي ۽ کٽڻ وارو اهو آهي، جيڪو آخرت ۾ کٽي ۽ اتي کٽڻ ۽ هارائڻ جو معيار بلڪل مختلف آهي. دنيا ۾ کٽڻ ۽ هارائڻ ظاهري ڇيڙي نبيريءَ جي بنياد تي ٿئي ٿو ۽ آخرت جي هار ۽ جيت خدائي اخلاقيات جي بنياد تي ٿيندي. ان وقت ڏسڻ وارا اهو ڏسي حيران ٿي ويندا ته هتي سڄو ڦرڪو ئي ڦريو پيو آهي. جنهن شئي کي ماڻهو ’حاصل ڪرڻ‘ سمجهي رهيا آهن، اهو اڃا به وڃائڻ آهي ۽ جنهن کي وڃائڻ سمجهيو ٿو وڃي، اصل ۾ اهوئي آهي، جيڪو ماڻڻ آهي. ان ڏينهن جي هار، هار آهي ۽ جيت، جيت آهي.
    دنيا به کٽڻ ۽ هارائڻ جو هنڌ آهي(1) ۽ آخرت به هارائڻ ۽ کٽڻ جو ميدان آهي. پر ٻنهي ۾ فرق هيءَ آهي ته دنيا جو کٽڻ ۽ هارائڻ ٻئي وقتي شيون آهن. جڏهن ته آخرت جي هار ۽ جيت ابدي آهي ۽ ان سان گڏ مڪمل به.


    203-64

    203-64
    مصيبت ڇو؟
    ”ڪابه مصيبت الله جي حڪم کان سواءِ نٿي اچي ۽ جيڪو الله تي ايمان آڻيندو ته اهو سندس دل کي رستو ڏيکاريندو. الله هر شئي کي ڄاڻندڙ آهي ۽ الله جو حڪم مڃيو ۽ رسول جو حڪم مڃو، پوءِ جيڪڏهن منهن موڙيندؤ ته اسان جي رسول تي رڳو پڌرو پيغام پهچائڻ آهي. الله کان سواءِ ڪوبه عبادت جي لائق ڪونهي ۽ الله تي ئي ايمان وارن کي ڀروسو ڪرڻ گهرجي“. (التغابن 11-13)
    ڪابه مصيبت پاڻ مرادو نٿي اچي، هر مصيبت خدا جي طرفان ٿي اچي ۽ اُن ڪري ٿي اچي ته ان جي ذريعي انسان کي هدايت پلئه پوي. مصيبت ماڻهوءَ جي دل کي ڪنئرو ٿي ڪري ۽ ان کان سواءِ نفسيات ۾ هلچل ٿي پيدا ڪري. مصيبت جا لوڏا انسان جي ذهن کي جاڳائڻ جو ڪم ڪن ٿا. جيڪڏهن ماڻهو پاڻ کي ناڪاري ردعمل کان بچائي ته مصيبت هن جي لاءِ ”رباني استاد“ بنجي ويندي.


    204-65

    204-65
    نڪاح ۽ طلاق
    ”اي پيغمبر! (مسلمانن کي چئو ته) جڏهن اوهين زالن کي طلاق ڏيو ته انهن کي سندن عدت تي طلاق ڏيو ۽ عدت کي ڳڻيندا رهو ۽ پنهنجي پاليندڙ الله کان ڊڄو. انهن کي سندن گهرن مان (عدت جي مدت ۾) پڌري بي حيائيءَ جي ڪم ڪرڻ کان سواءِ ٻاهر نه ڪڍو. نه اهي پاڻ ٻاهر نڪرن. ۽ اهي الله جون حدون آهن ۽ جيڪو الله جي حدن کان لنگهندو ته ان پنهنجي نفس تي ظلم ڪيو. (ڇو ته) اهو نه ٿو ڄاڻي ته متان الله ان (طلاق ڏيڻ) کان پوءِ ڪا (ميلاپ جي) نئين ڳالهه پيدا ڪري. پوءِ جڏهن اهي پنهنجي مُدي کي پهچن ته رواج موجب انهن کي جهليو يا انهن کان جدا ٿيو ۽ پاڻ مان اعتبار وارن ٻن ڄڻن کي شاهد ڪريو ۽ الله جي واسطي پوري شاهدي ڏيو. هن (حڪم) سان ان کي نصيحت ڪئي وڃي ٿي جيڪو الله ۽ قيامت جي ڏينهن کي مڃي ٿو ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو ته الله ان کي مشڪل مان نڪرڻ جو رستو پيدا ڪري ڏيندو ۽ کيس اُتان روزي ڏيندو، جتان گمان به نه هوس ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو ته الله ان لاءِ ڪافي آهي. بيشڪ الله پنهنجي ڪم کي پورو ڪرڻ وارو آهي. الله سڀ ڪنهن شئي جو اندازو ڪري ڇڏيو آهي“. (الطلاق 1-3)
    اسلام ۾ نڪاح جو اصل نباهڻ آهي. البت ڪن مخصوص حالتن ۾ اسلام ۾ طلاق جي به موڪل ڏني ويئي آهي. اسلامي طلاق جو هڪ مقرر طريقو آهي جيڪو خاص وقفي جي وچ ۾ پورو ٿئي ٿو. ايئن طلاق جي عمل کي ڪن حدن اندر پابند بڻايو ويو آهي. ان حد جو مقصد اهو آهي ته آخري وقت تائين ڌرين جي وچ ۾ واپسيءَ جي گنجائش رهي ۽ طلاق جو واقعو ڪنهن قسم جي ڪٽنبي يا سماجي فساد جو سبب بنجي نه وڃي. اهوئي طلاق اسلامي طلاق آهي، جنهن جي سڄي عمل جي دوران خدا جي خوف جو روح جاري ۽ ساري آهي.
    سرڪشي ۽ هٺ تحت ڏنل طلاق، جائز اسلامي طلاق ڪونهي. اهڙو طلاق پوءِ ڀلي قانوني طور تي ٿي به وڃي، پر اهو اهڙي شخص کي خدا جي نظر ۾ ڏوهاري ٿو ثابت ڪري. جنهن جي سزا کان هو بچي نٿو سگهي. ايستائين جو هو توبه ڪري ۽ پنهنجي ڏوهه جي تلافي ڪري.


    205-65

    205-65
    ڪُٽنبي زندگي
    ”اوهين انهن زالن کي اُتي رهايو، جتي پنهنجي طاقت آهر پاڻ رهيا پيا آهيو ۽ انهن کي تنگ ڪرڻ جي لاءِ نه ايذايو ۽ جيڪڏهن پيٽ سان هجن ته انهن کي خرچ ڏيو، جيستائين پنهنجو ٻار ڄڻين. پوءِ جيڪڏهن اوهان جي ٻار کي کير پيارين ته کين سندن اُجرت ڏيو ۽ رواج موجب پاڻ ۾ صلاح ڪريو ۽ جيڪڏهن پاڻ ۾ اتفاق نه ٿئي ته پيءُ لاءِ (ٻار کي) ڪا ٻي ٿڃ پياريندي. ڪشادگي وارو پنهنجي حيثيت آهر خرچ ڪري ۽ جنهن جي آمدني ٿوري هجي ته اهو ان مان خرچ ڪري، جو الله ان کي ڏنو آهي. الله ڪنهن شئي کي تڪليف نه ٿو ڏي، پر ان موجب جيڪي ان کي ڏنو اٿس، الله تنگيءَ کان پوءِ جلد آساني ڪري ڏيندو. (الطلاق 6-7)
    اسلام ۾ حڪم اهو آهي ته ماڻهو معاملن ۾ ٻي ڌر سان فراخدليءَ سان هلي. هو صبر سان گڏ مزاج جي ابتڙ به ڳالهين کي سَهي. اڻ وڻندڙ ڳالهين جي باوجود به ٻين جا حق ادا ڪري. جڏهن ماڻهو ايئن ڪندو آهي ته هو نه رڳو ٻي ڌر جي لاءِ سٺو ٿو ڪري، پر خود پنهنجي لاءِ به سٺو ٿو ڪري. ايئن هو پنهنجي اندر حقيقت پسنديءَ جو مزاج ٿو پيدا ڪري ۽ حقيقت پسندي بيشڪ هن دنيا ۾ ڪاميابيءَ جي سڀ کان وڏي ڏاڪڻ آهي.
    گهر جي زندگي، ٻاهرين سماجي زندگيءَ جو هڪ ننڍو نمونو آهي، گهر جي اندر اهو سڀ ڪجهه ننڍي پئماني تي پيش اچي ٿو، جيڪو ٻاهر جي سماجي زندگيءَ ۾ وڏي پئماني تي پيش اچي ٿو. ان لحاظ کان گهر ڄڻ هڪ سکيا گاهه آهي. جيڪو ماڻهو پنهنجي گهرو زندگيءَ ۾ صحيح انسان ثابت ٿئي، اهو يقيني طور تي وسيع تر سماجي زندگي ۾ به صحيح انسان ثابت ٿيندو.


    206-66

    206-66
    عذاب کان ڇوٽڪارو
    ”اي ايمان وارؤ! پاڻ کي ۽ پنهنجن گهر جي ڀاتين کي اهڙيءَ باهه کان بچايو جنهن جو ٻارڻ ماڻهو ۽ پٿر هوندا. ان تي سخت طبيعت (۽) طاقت وارا ملائڪ (مقرر) آهن، جنهن جو کين الله تعاليٰ حڪم ڪيو آهي. تنهن ۾ سندن نافرماني نه ٿا ڪن ۽ هو اهوئي ڪن ٿا، جنهن جو کين حڪم ملي ٿو. اي ماڻهؤ! اڄ بهانا پيش نه ڪريو! جيڪي اوهين ڪندا هئا، رڳو ان جو بدلو ڏنو ويندو“ (التحريم 6-7)
    هن دنيا ۾ اڪثر هيئن ٿئي ٿو ته ماڻهو هڪ شئي کي حق سمجهي ٿو، پر زال ۽ ٻارن سان وڌيل تعلق کيس مجبور ٿو ڪري ته هو حق جي طريقي کي ڇڏي ۽ اهوئي ڪري، جيڪو سندس زال ۽ ٻارڙا چاهين ٿا. پر اها زبردست ڀُل آهي. انسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اڄ جن ٻارن جي رعايت ڪرڻ ۾ هو ان حد تائين وڃي ٿو ته حق جي رعايت به وساري ٿو ڇڏي. اهي ٻارڙا پنهنجي روش جي ڪري سڀاڻي اهڙن جهنمي ڪارندن جي حوالي ڪيا ويندا، جيڪي مشيني انسانن (Robot) جيان بي رحم هوندا ۽ ساڻن ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪندا.
    حق مڪمل طور تي چٽو آهي. انسان جي فطرت ۽ خدا جي وحي، ٻئي اُن جي سچائي جو وڏي واڪي اعلان ڪري رهيون آهن. اهڙي حالت ۾ انسان جو ڪوبه عذر قبولڻ جوڳو نه آهي. دنيا ۾ ڪوڙي (Excuse)جي ذريعي انسان حق کان پاسو ڪري ٿو. پر آخرت ۾ مٿس اهو پڌرو ٿي پوندو ته سندس ڪيس سرڪشيءَ جو ڪيس هو، نه ڪي عُذر جو ڪيس.


    207-66

    207-66
    آخرت جي روشني
    ”اي ايمان وارؤ! اوهين الله وٽ سچي توبه ڪريو. اميد آهي ته اوهان جو پاليندڙ اوهان کان، اوهان جون مدايون ميٽي ڇڏيندو ۽ اوهان کي ان (ڏينهن) اهڙن باغن ۾ داخل ڪندو، جن جي هيٺان واهه پيا وهن. (ان ڏينهن) جنهن ڏينهن الله، نبي ﷺ کي ۽ جن ساڻس ايمان آندو، تن کي خوار نه ڪندو. سندن (ايمان جو) نور سندن اڳيان ۽ سندن ساڄن پاسن کان پيو ڊوڙندو. هو پيا چوندا ته اي اسان جا پاليندڙ! اسان کي اسان جو نور پورو ڪري ڏي ۽ اسان کي بخش ڪر. بيشڪ تون هر شئي تي وَس وارو آهين“. (التحريم 8)
    هن دنيا ۾ انسان کي آزمائشي طور رکيو ويو آهي. تنهن ڪري انسان کان غلطيون به ٿينديون آهن. جنهن جي تلافي معافي آهي يعني الله ڏانهن رجوع ڪرڻ. توبه جي اصل حقيقت ڦِڪائي آهي. جيڪڏهن ماڻهوءَ کي واقعي پنهنجي غلطيءَ جو احساس هجي ته هو سخت ڦڪو ٿيندو ۽ سندس ڦڪائي کيس ان تي مجبور ڪندي ته هو آئنده اهڙو عمل نه ڪري. تنهن ڪري حديث ۾ آيو آهي ته ’ڦِڪائي ئي توبه آهي‘. هڪ صحابي چيو ته ’سچي توبه اها آهي ته ماڻهو رجوع ڪري ۽ وري اهو عمل نه ڪري‘.
    توبه اها آهي، جيڪا سچي توبه هجي، فقط لفظن کي ورجائڻ جو نالو توبه نه آهي. حضرت عليءَ هڪ شخص کي ڏٺو ته هو پنهنجي ڪنهن غلطيءَ کان پوءِ زبان سان توبه توبه چئي رهيو هو. جنهن تي پاڻ فرمايس اها ڪوڙن ماڻهن جي توبه آهي. سچي توبه آخرت جي روشني ۽ ڪوڙي توبه آخرت جي اونداهي آهي.


    208-67

    208-67
    انسان ۽ بقايا ڪائنات
    ”اهو (الله) وڏي برڪت وارو آهي، جنهن جي هٿ ۾ بادشاهي آهي ۽ هو هر شئي تي وس وارو آهي. جنهن موت ۽ حياتيءَ کي پيدا ڪيو، هن لاءِ ته اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪنهن جا عمل چڱا آهن ۽ اهو زبردست (۽) بخشش وارو آهي. جنهن ستن آسمانن کي طبقا بنايو. تون وڏي مهربان (الله) جي بنائڻ ۾ ذرو به فرق نه ڏسندين. پوءِ تون ورائي (آسمان ڏي) ڏس، ته ڇا تون (ڪٿي) ڪو چير ڏسين ٿو. وري تون بار بار نظر کي موٽائي ته تو ڏي نظر جهڪي ٿي موٽندي ۽ اها ٿڪل هوندي“. (الملڪ 1-4)
    جڏهن هڪ شخص هن دنيا جو مطالعو ڪري ٿو ته کيس هت هڪ تضاد ٿو نظر اچي. انسان کانسواءِ باقي جيڪا ڪائنات آهي، اها بي حد منظم ۽ مڪمل آهي. ان ۾ ڪٿي به ڪو نقص نظر نٿو اچي. ان جي ابتڙ انساني زندگيءَ ۾ ظلم ۽ فساد نظر ٿو اچي، ان جو ڪارڻ انسان جي ڌار نوعيت آهي. انسان هن دنيا ۾ امتحان جي حالت ۾ آهي، امتحان لازمي طور تي عمل جي آزادي گهري ٿو. ان عمل جي آزاديءَ انسان کي اهو موقعو ڏنو ته هو دنيا ۾ ظلم ۽ فساد ڪري سگهي.
    انساني دنيا جو ظلم انساني آزاديءَ جي قيمت آهي. جيڪڏهن اهي حالتون نه هجن ته انهن قيمتي انسانن جي چونڊ ڪيئن ڪري سگهبي. جن ظلم ڪرڻ جا موقعا هئڻ جي باوجود به ظلم نه ڪيو، جن سرڪشيءَ جي سگهه رکڻ جي باوجود به پاڻ کي سرڪشيءَ کان بچائي رکيو.


    209-67

    209-67
    صحيح لاءِ قائم ڪرڻ
    ”ڇا پوءِ جيڪو پنهنجي ”منهن ڀر ڪِري هلي ٿو، سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آهي، يا اهو جيڪو سڌي رستي تي سنئون سڌو ٿي هلي ٿو. (اي پيغمبرﷺ!) چئو ته هو اهو آهي، جنهن اوهانکي پيدا ڪيو ۽ اوهان لاءِ ڪَن ۽ اکيون ۽ دليون بنايون، اوهين تمام ٿورو احسان مڃيو ٿا. (اي پيغمبرﷺ!) چئو ته هو اهو آهي، جنهن اوهانکي زمين ۾ پکيڙيو ۽ اوهان ان ڏي ئي گڏ ڪيا ويندؤ“. (الملڪ- 22 - 24).
    انسان کي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ سوچڻ جون صلاحيتون ڏنيون ويون آهن. هاڻ ڪو انسان اهو آهي، جنهن جيڪي ڪجهه ٻُڌو ان تي هلڻ لڳو ۽ جيڪي ڪجهه ڏٺو، ان کي سندس ظاهري روپ ۾ مڃي ورتو. جيڪا ڳالهه هڪ ڀيرو ذهن ۾ اچي ويئي، هو ان تي ڄمي بيهي رهيو. هي اهو انسان آهي، جيڪو جانورن جيان ڪنڌ جهڪائي بس هڪئي ڊگر تي هلي رهيو آهي.
    ٻيو انسان اهو آهي، جيڪو ٻُڌل ڳالهه جي تحقيق ڪري ۽ جيڪو ڪجهه ڏٺو اٿس ان ڳالهه جي تصديق لاءِ تحقيق ڪري جيڪو پنهنجي ذاتي خول مان ٻاهر نڪري سچائي ڳولهي لهي، اهو ٻيو انسان اهو آهي، جيڪو سنئين واٽ تي هلي پيو. ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ جو گُڻ ماڻهوءَ کي ان ڪري ڏنو ويو آهي ته هو حق کي سُڃاڻي، نه اهو ڪي هو انڌي ۽ ٻوڙي جيان ان کان بي خبر رهي.


    210-68

    210-68
    اعليٰ اخلاق
    ”ن، قلم جو ۽ جيڪي لکن ٿا، تنهن جو قسم آهي ته (اي پيغمبرﷺ!) تون پنهنجي پاليندڙ جي فضل سان ڪو چريو نه آهين، ۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ اَجر آهي ۽ بيشڪ تون وڏي اعليٰ اخلاق وارو آهين، ۽ پوءِ تون ڏسندين ۽ اهي (ڪافر) به ڏسندا ته اوهان مان ڪير چريو آهي، بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي، جيڪو سندس رستي تان ڀُليو ۽ اهو سڌي واٽ تي هلندڙ کي به چٽي طرح ڄاڻندڙ آهي“. (العلم-1-7).
    اعليٰ اخلاق جو مطلب اهو اخلاق آهي، جڏهن ماڻهو ٻي جي رويي کان مٿانهون ٿي عمل ڪري ان جو طريقو اهو نه هجي ته برائي ڪندڙن سان برائي ۽ ڀلائي ڪندڙن سان ڀلائي. پر هر ڪنهن سان ڀلائي ڪري، پوءِ ڀلي ٻيا ساڻس برائي ڇو نه ڪري رهيا هجن. پاڻ سڳورنﷺ جو اخلاق اهو ٻيو اخلاق هو. ان قسم جو اخلاق ثابت ٿو ڪري ته پاڻ سڳورا هڪ با اصول انسان هئا. پاڻ سڳورنﷺ جي شخصيت حالتن جي پيداوار نه هئي. پر پاڻ پنهنجي اصولن جي پيداوار هئي. پاڻ سڳورنﷺ جو اهو اعليٰ اخلاق پاڻ سڳورنﷺ جي ان دعويٰ جي عين موجب آهي ته ”آئون خُدا جو رسول آهيان“.
    والقلم وما يسطرون مان مطلب تاريخي رڪارڊ آهي، تاريخ جي شڪل ۾ انساني ياداشت جو جيڪو رڪارڊ گڏ ٿيو آهي ان ۾ قرآن جي حيثيت ڌار آهي ۽ صاحب قرآن هڪ الڳ شخصيت آهي. ان فرق کانسواءِ ٻي ڪابه وضاحت نٿي ڪري سگهجي ته قرآن کي خدا جو ڪتاب ۽ حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي خدا جو پيغمبر- ڇو ته قرآن جو مڪمل طور تي محفوظ رهڻ ۽ پيغمبر جي تعليم هر تاريخي جانچ تي پوري لهڻ ان کانسواءِ ممڪن ٿي نٿي سگهي ته کين خدا جي خصوصي تائيد حاصل هجي.


    211-69

    211-69
    پيغمبر جي سچائي
    ”پوءِ جن شين کي اوهين ڏسو ٿا ۽ جن کي نه ٿا ڏسو، انهن جو قسم کڻان ٿو. ته بيشڪ اهو (قرآن) خوبين واري پيغام رسائيندڙ رسول جو ڪلام آهي ۽ نه اهو ڪنهن شاعر جو ڪلام آهي، اوهين بلڪل ٿورو يقين ڪريو ٿا ۽ هي نه ڪنهن اڳڪٿي ڪرڻ واري (ماڻهوءَ) جو ڪلام آهي. اوهين تمام ٿورو ڌيان ڏيو ٿا. اهو جهانن جي پاليندڙ جي طرفان نازل ڪيل آهي، ۽ جيڪڏهن پيغمبر ڪي ڳالهيون پاڻ ٺاهي اسان تي هڻي ته اسين ان جو ساڄو هٿ جهليون، پوءِ اسين سندس دل جي نس ڪٽي ڇڏيون. پوءِ اوهان مان ڪو به اسانکي ان کان روڪڻ وارو نه آهي ۽ بيشڪ اهو (قرآن) پرهيزگارن جي لاءِ نصيحت آهي ۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته اوهان مان ڪي ان کي ڪوڙو ڪندڙ آهن ۽ بيشڪ اهو ڪافرن لاءِ پشيماني جو سبب آهي ۽ بيشڪ اهو (قرآن) نج يقين آهي. پوءِ (اي پيغمبرﷺ!) پنهنجي وڏائي واري پاليندڙ جي پاڪائي بيان ڪر (الحاقة- 38- 52).
    اوهين جيڪي ڪجهه ڏسو ٿا ۽ جيڪي ڪجهه نٿا ڏسو، سڀ ڪلام (قرآن) جي سچائي جا شاهد آهن. ان جو مطلب هيءَ آهي ته قرآن جي نازل ٿيڻ وقت، جيڪا ڄاڻ انسان کي حاصل ٿي چڪي هئي ۽ جيڪا پوءِ جي زمانن ۾ کيس ملڻ واري هئي، ٻئي ان ڪلام جي سچائي/حقانيت ثابت ڪرڻ وارا هئا. ان ڪلام جي برحق (سچي) هئڻ جي ترديد نه حال جو علم ڪري رهيو آهي ۽ نه مستقبل جو علم ان جي ترديد ڪري سگهندو. ان هوندي به ماڻهو اُن کي نه مڃين ته هو پنهنجي باري ۾ رڳو اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته هو حق ۽ نا حق جي معاملي ۾ سنجيده ڪونهن.
    ”۽ جيڪڏهن هو ڪا ڳالهه پنهنجي طرفان گهڙي ته اسين ان کي جهليون ۽ ان کي ڪٽي ڇڏيون“. ان ارشادِ الاهيءَ مان هڪ اهم حقيقت اڳيان اچي ٿي ته خدا جي رسول هئڻ جي دعويٰ ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي. اها هڪ بي حد سنگين ڳالهه آهي.، هن دنيا ۾ ڪنهن غير پيغمبر کي خدا اهو موقعو ڏيڻ وارو نه آهي ته هو پنهنجي زبان سان ان قسم جو غير معمولي اعلان ڪري، ايتريقدر جو تاريخ مان خبر پوي ٿي ته ان معاملي ۾ خدا انسان کي فطري طور تي ايترو ته ڊيڄاري ڇڏيو آهي، جو سڄي تاريخ ۾ ڪو به غير پيغمبر اهو چوڻ جي همت نه ڪري سگهيو آهي ته ”آئون خدا جو پيغمبر آهيان.“


    212-70

    212-70
    جنت جا رهواسي
    قرآن مجيد ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته سرڪش ماڻهو آخرت ۾ باهه جي عذاب جي حوالي ٿيندا. ان کانپوءِ ارشاد فرمايو ويو آهي: جيڪي پنهنجي نمازن جي پابندي ڪن ٿا ۽ جن جي مالن ۾ سوالي ۽ بي سوالي (محتاج) لاءِ مقرر حق آهي ۽ جيڪي حساب جي ڏينهن کي سچو چون ٿا ۽ جيڪي پنهنجي پاليندڙ جي عذاب کان ڊڄندڙ آهن، ڇو ته سندن پاليندڙ جو عذاب ئي بي ڊپي ٿيڻ جي شئي نه آهي ۽ جيڪي پنهنجي شرم گاهن کي پنهنجي زالن ۽ ٻانهين کانسواءِ (ٻين کان) بچائيندڙ آهن، ڇو ته اهي ملامت ڪيل نه آهن، پوءِ جيڪي ان کانسواءِ گهرندا، سي حد کان لنگهندڙ آهن. ۽ جيڪي پنهنجي امانتن ۽ پنهنجي انجام جو خيال رکندڙ آهن ۽ جيڪي پنهنجين شاهدين تي پورا بيٺا آهن ۽ جيڪي پنهنجي نماز جي سدائين پابندي ڪن ٿا، اهي جنت جي باغن ۾ عزت وارا هوندا. (المعارج-23-35)
    انهن آيتن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي ڪهڙا ڀاڳوان ماڻهو آهن، جيڪي آخرت جي ابدي نعمتن ۾ وسايا ويندا. هي اهي ماڻهو آهن، جيڪي دنيا ۾ نماز جا پابند رهيا. يعني هنن پنهنجا ڏينهن ايئن گذاريا ته هو خدا جي اڳيان جهُڪيل رهيا. هنن جو حال اهو هو ته هت جيڪي ڪجهه ڪمايو، ان کي پنهنجي ذاتي شئي نه سمجهيو، پر خدا جو عطيو سمجهيو. سندن اهو احساس ايئن پڌرو ٿيو ته هو پنهنجي مال ۾ خدا جي ٻين بندن کي به شامل ڪندا رهيا.
    هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي سڄي زندگي ائين گذاري ته هو هر گهڙي ان اُلڪي ۾ مبتلا رهيا ته هو مرڻ وارا آهن ۽ مرڻ کانپوءِ کين خدا جي عدالت ۾ پنهنجي عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. ايئن هنن پنهنجي شهواني جذبن کي پنهنجي قابوءَ ۾ رکيو، ان سلسلي ۾ هو خدا جي حدن کان ٻاهر نه ويا. انهن ماڻهن جو حال اهو هو ته هو امانت ۽ وعدي جي معاملي ۾ مڪمل طور تي ذميدار ثابت ٿيا. هنن نه ڪنهن خيانت جو معاملو ڪيو ۽ نه ڪنهن سان بدعهدي ڪئي. ائين هنن سدائين پنهنجي شاهديءَ جون تقاضائون پوريون ڪيون. جيڪي ماڻهو دنيا ۾ ايئن اصول ۽ ذميداريءَ سان زندگي گذارين ٿا، اهي ئي اُهي ماڻهو آهن، جن جي لاءِ آخرت ۾ جنت جا دروازا کوليا ويندا.


    213-71

    213-71
    وڏڙا پرستي
    ”نوح چيو ته اي منهنجا پاليندڙ! بيشڪ انهن منهنجو چيو نه مڃيو ۽ انهن جي پويان لڳا، جن جي مال ۽ اولاد انهن لاءِ نقصان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه وڌايو ۽ هنن وڏيون اٽڪلون ڪيون ۽ چيائون ته پنهنجي خدائن کي ڪڏهن به نه ڇڏيو ۽ نه ڪي وڌ ۽ نڪي سواع ۽ نڪي يعوث ۽ يعوق ۽ نسر کي ڪڏهن به ڇڏيو ۽ بيشڪ انهن (مڪر ۽ فريب سان) گهڻن کي گمراهه ڪيو ۽ ظالمن لاءِ گمراهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه وڌاءِ - انهن کي سندن گناهن جي ڪري ٻوڙيو ويو، پوءِ کين باهه ۾ وڌو ويو. پوءِ الله کانسواءِ پاڻ لاءِ (ٻيا) ڪي به مددگار نه لڌائون. (نوح-21-25)
    ماڻهن حضرت نوح جي دعوت کان انڪار ڪيو، ان جو سبب اهو هو ته ماڻهن کي حضرت نوح جي مقابلي ۾ انهن ماڻهن جون ڳالهيون وڌيڪ قبوليت جوڳيون نظر آيون، جيڪي تاريخي لحاظ کان وڏائي جو درجو حاصل ڪري چڪا هئا. وقت جي وڏن پنهنجي وڏائيءَ جي هٺ ۾ حق جي دعوت کان انڪار ڪيو ۽ جيڪي ننڍا هئا، تن ان ڪري انڪار ڪيو، جو سندن وڏڙا ان جا منڪر بڻيا هئا. حضرت نوح جي مخالفن حضرت نوح جي خلاف وڏيون اٽڪلون ۽ مڪر ڪيا. انهن مان هڪ خاص تدبير اها هئي ته هنن چيو ته نوح اسانجي وڏڙن (ود ۽ سواع ۽ يعوث ۽ يعوق ۽ نسر) جي خلاف آهي. اهي پنج ئي قديم زماني جا صالح شخص هئا. پوءِ هوريان هوريان اهي ماڻهن جي نظر ۾ سڳورا بڻجي ويا. ايستائين جو ماڻهن کين پُوڄڻ شروع ڪري ڏنو. انهن جي نالي تي ماڻهن کي حضرت نوح عليھ السلام خلاف ڀڙڪائڻ سولو هو. تنهنڪري انهن اهو چئي حضرت نوح کي ماڻهن جي نظرن ۾ شڪي ڪري ڇڏيو ته پاڻ وڏڙن/بزرگن جو رستو ڇڏي نئين رستي تي هلي رهيا آهن.
    اهو ئي تاريخ جي هر دور ۾ دعوت کان انڪار جو سبب رهيو آهي. قديم شخصيتون تاريخي سببن جي ڪري ماڻهن کي وڏيون نظر اچن ٿيون. انهن جي ڀيٽ ۾ همعصر داعي ماڻهن کي ننڍو نظر اچي ٿو. ان ظاهري فرق جي آڌار تي ماڻهو قديم شخصيتن سان عقيدت رکندي همعصر داعين کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا هئا. اهو هڪ سنگين امتحان آهي، جيڪو قديم ماڻهن کي پيش آيو ۽ پوءِ جي زماني ۾ به اهو پيش ايندو رهندو. اِهائي اُها پرک آهي، جنهن کي هر ڪنهن کي پنهنجي حق جي اعتراف جو ثبوت ڏيڻو آهي.


    214-72

    214-72
    حق جي معرفت
    ”نيٺ جڏهن ان کي ڏسندا، جنهن جو انهن کي وعدو ڏنو وڃي ٿو، تڏهن ڄاڻندا سگهو ئي ته ڪنهن جا مددگار وڌيڪ ڪمزور آهن، ڪنهن جو ڳاڻيٽو بلڪل ٿورو آهي. چئو (اي رسولﷺ) ته آءٌ نه ٿو ڄاڻان، جنهن جو اوهانکي وعدو ڏنو وڃي ٿو، سو (الائي) ويجهو آهي يا منهنجو پاليندڙ ان لاءِ ڪا (ٻي) مدت مقرر ڪندو (اهو) ڳجهه جو ڄاڻندڙ آهي، جو پنهنجي ڳجهه تي ڪنهن هڪڙي کي واقف نه ٿو ڪري، پر جنهن رسول کي پسند ڪيائين ته ان جي اڳيان ۽ پويان (به) چوڪيدار (ملائڪ) هلائي ٿو. (هن لاءِ) ته ڄاڻي ته بيشڪ انهن (رسولن) پنهنجي پاليندڙ جا پيغام پهچايا آهن، هوڏانهن وٽن جيڪي آهي، تنهن جي ان کي پوري خبر آهي ۽ سڀڪنهن شئي جو ڳاڻيٽو ڳڻي ڇڏيو اٿس“. (الجن-24-28)
    حق جي دعوت ڏيندڙ ظاهر ۾ ته هڪ عام انسان هوندو آهي، تنهن ڪري اهي ماڻهو مٿس گهڻي وَٺ وَٺ ڪن ٿا، جن جي مٿان ان جي دعوت جو اثر پوي ٿو. هو وساري ٿا ويهن ته حق جي دعوت ڏيندڙ جي خلاف ڪاروائي خود خدا جي خلاف ڪاروائي آهي ۽ ڪير آهي، جيڪو خدا سان وڙهي ڪامياب ٿئي.
    هن دنيا ۾ انسان جو سڀ کان وڏو امتحان اهو آهي ته هو پاڻ جهڙي هڪ انسان کي حق جي دعوت ڏيندڙ جي روپ ۾ سُڃاڻي، هو هڪ انسان کي خدا جي نمائندي جي حيثيت سان ڳولهي لهي، هو ڪنهن مادي زور يا تاريخي عظمتن کانسواءِ حق جي علم بردار جو اعتراف ڪري. انسان جو اهو ئي امتحان پيغمبرن جي دور ۾ به هو ۽ ان جو اهو امتحان پيغمبرن جي دور کانپوءِ به باقي آهي. ان فرق مان ته اڳ اهو امتحان پيغمبر جي سطح تي هوندو هو ۽ پوءِ اهو امتحان حق جي دعوت جي سطح تي هوندو. حق جي معرفت جي اُن امتحان ۾ پورو لهڻ کانسواءِ ڪنهن به شخص جي حق پرستي، حق تي نه هوندي.


    215-73

    215-73
    قرض حسن
    ”بيشڪ تنهنجو پاليندڙ ڄاڻي ٿو ته تون (اي پيغمبرﷺ!) رات جي ٻن ٽهاين جي ويجهو (تهجد نماز ۾) بيهين ٿو ۽ ڪڏهن رات جو اڌ ۽ ڪڏهن رات جي ٽين پتي ۽ جيڪي توسان گڏ آهن، تن مان هڪ جماعت به توسان گڏ بيهي ٿي، ۽ الله رات ۽ ڏينهن جو اندازو ڪري ٿو. ان ڄاتو ته اوهين ان کي پورو ڪري نه سگهندؤ. ان ڪري اوهان تي مهرباني ڪيائين ۽ پوءِ جيترو سولو ٿئي، اوترو قرآن پڙهو. ان ڄاتو ته اوهان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا الله جو فضل ڳولهڻ لاءِ زمين ۾ مسافري ڪندا ۽ ٻيا الله جي رستي ۾ جنگ ڪندا. ان ڪري جيترو سولو ٿئي، اوترو قرآن پڙهو ۽ نماز قائم ڪريو ۽ زڪوات ڏيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيو ۽ جا ڀلائي پنهنجي لاءِ اڳي موڪليندؤ، تنهن کي الله وٽ چڱو ۽ اجر ۾ تمام وڏو لهندؤ ۽ الله کان معافي گهرو، بيشڪ الله گهڻو معاف ڪندڙ نهايت رحم وارو ۽ ٻاجهارو آهي“. (المزمل-20)
    دين ۾ جيڪي فرض عمل آهن، اهي عام انسان جي سگهه کي نظر ۾ رکندي مقرر ڪيا ويا آهن، پر اهي فرض لازمي حدن کي ٻڌائين ٿا، ان لازمي حد جي اڳيان گهربل عمل آهن. پر اهي نفل آهن، جهڙوڪ، پنج وقتن جي نماز کانپوءِ تهجد، زڪوات کانپوءِ وڌيڪ خيرات، حج کانپوءِ عمرو وغيره، اهي ماڻهوءَ جي پنهنجي حوصلي جو امتحان آهن، ته هو ڪيترو وڌيڪ عمل ٿو ڪري ۽ آخرت ۾ ڪيتري وڌيڪ انعام جو حقدار ٿو بنجي.
    ”قرض حسن“ جو لفظ ٻڌائي ٿو ته ان معاملي جو واسطو رڳو عبادتن سان ڪونهي. پر دين جي ٻين عملن سان به آهي، جهڙوڪ: اخلاقي سلوڪ، ماڻهن سان سُٺو پيش اچڻ، دعوتي عمل ۾ ڪنهن اجوري جي اميد ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو وقت ۽ مال خرچڻ وغيره. سچو مومن اهو آهي، جنهن جي سڀني عملن ۾ قرض حسن يا عمل جو وڌيڪ اهو روپ گهڙيل هجي.


    216-74

    216-74
    مومن جا گُڻ
    ”اي (ڪپڙي ۾) ويڙهجڻ وارا، اُٿي کڙو ٿي، پوءِ ماڻهن کي ڊيڄار ۽ پنهنجي پاليندڙ جي وڏائي بيان ڪر ۽ پنهنجن ڪپڙن کي پاڪ رک ۽ گندگيءَ کان پري رهه ۽ هن لاءِ احسان نه ڪر ته توکي گهڻو ملي ۽ پنهنجي پاليندڙ جي لاءِ صبر ڪر. (المدثر-1-7)
    هن دنيا ۾ اصل ڪم پيغمبراڻي ڪم جو طريقو آهي، يعني آخرت ۾ پيش ايندڙ سنگين مسئلي کان ماڻهن کي واقف ڪرڻ، اهو ڪم اهو ئي شخص ڪري سگهي ٿو، جنهن جي دل الله جي وڏائيءَ سان ڀريل هجي، جيڪو سٺي اخلاق جي ڌڻي هجي، جيڪو هر قسم جي برائيءَ کان پري هجي، جيڪي بدلي جي اميد ڪرڻ کانسواءِ ئي نيڪي ڪري، جيڪو ٻين پاران ملندڙ نيڪين تي يڪ طرفو صبر ڪري.
    ”وربڪ فکبر“ جو مطلب داخلي تڪبير آهي، ان جو مطلب هيءَ آهي ته تنهنجي دل ۽ دماغ ۾ خدا جي وڏائيءَ جو تصور ايترو ته ڇانئجي وڃي، جو انهن جو اظهار لفظن جي صورت ۾ ٿيڻ لڳي. گويا هن آيت جو مطلب اها شئي آهي، جنهن کي ’ربّ جو ذڪر‘ چيو ويو آهي. جڏهن هڪ شخص کي خدا جي گهري معرفت ٿئي ٿي ته ان جو سينو خدا جي عظمت ۽ وڏائيءَ سان ڀرجي ٿو وڃي. هن جو روح خدا جي احساس ۾ ٻُڏي ٿو وڃي. هن جي زبان سدائين خدا جي ڪمال ۽ جلال جي ذڪر سان ڀريل هوندي آهي. هو پنهنجي اندر کان وٺي ٻاهر تائين خدا جي وڏائيءَ جي احساس سان سرشار ٿي ٿو وڃي. اهڙو ئي انسان حقيقي مومن آهي ۽ اهڙو ئي انسان حق جي دعوت جون ذميداريون پوريون ڪري سگهي ٿو.


    217-75

    217-75
    ملامتي نفس
    ”قيامت جي ڏينهن جو قسم کڻان ٿو ۽ بڇڙي ڪم تي ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم کڻان ٿو. ڇا انسان هيءَ خيال ڪري ٿو ته اسين سندس هڏيون ڪڏهن به ڪين گڏ ڪنداسون؟ ڇو نه، اسين ته سندس آڱرين جي پورن کي برابر ڪرڻ جي قدرت رکندڙ آهيون، پر انسان گهري ٿو ته پنهنجي باقي حياتيءَ ۾ بدڪاري پيو ڪري، پڇي ٿو ته قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو؟ سو جڏهن اکيون ڦاٽي پونديون ۽ چنڊ گرهبو ۽ سج ۽ چنڊ کي گڏ ڪيو ويندو. تڏهن انسان اُن ڏينهن چوندو ته ڀڄڻ جي جاءِ ڪٿي آهي؟ نه نه، ڪا پناهه جي جاءِ نه آهي، تنهنجي پاليندڙ وٽ ئي ان ڏينهن ٺڪاڻو آهي. ان ڏينهن انسانن کي انهن ڪمن جي خبر ڏني ويندي، جيڪي اڳي موڪليا هوندائين ۽ پٺتي ڇڏيا هوندائين، پر انسان پاڻ تي پاڻ ثابتي آهي ۽ جيتوڻيڪ پنهنجا بهانا پيش پيو ڪري. (القيامة-1-15)
    انسان جي اندر ڄمندي ئي اهو شعور موجود هوندو آهي ته هو چڱائي ۽ مدائيءَ ۾ فرق ڪري. هو عين فطرت تحت اهو چاهي ٿو ته برائي ڪندڙ کي سزا ملي ۽ چڱائي ڪرڻ واري کي انهيءَ جو ڦل ملي. اِهوئي اهو شعور آهي جنهن کي قرآن مجيد ۾ نفس لوامه (ملامتي نفس) چيو ويو آهي، اهو نفس لوامه، آخرت جي عالم جي حقيقي هئڻ جي هڪ نفسياتي شاهدي آهي، ان داخلي شاهديءَ کانپوءِ جيڪو شخص ان جون تقاضائون پوريون نه ڪندو، اهو ڄڻ پنهنجي ئي مڃيل ڳالهه جي نابري واري رهيو آهي.
    هن آيت ۽ ”نفس لوامه“ جو مطلب اها شئي آهي، جنهن کي عام طور تي ضمير (Conscience) چيو وڃي ٿو. اهو ضمير رڳو انسان جي اندر موجود آهي. حيوان به بظاهر انسان جهڙي مخلوق آهن، پر ڪنهن به حيوان جي اندر ضمير جهڙي صفت موجود نه آهي، انسان جي اندر ضمير جهڙِي هڪ صفت جو موجود هئڻ ثابت ٿو ڪري ته انسان جو معاملو ٻين حيوانن کان ڌار آهي، خود پنهنجي ئي فطري معيار موجب انسان اهو چاهي ٿو ته سٺي ۽ خراب جي وچ ۾ فرق ڪيو وڃي، تنهنڪري انسان سان جيڪڏهن احتساب جو معاملو ڪيو وڃي ته اهو عين اهو ئي معاملو هوندو، جيڪو سندس پنهنجي فطرت جي تقاضا آهي.


    218-76

    218-76
    حياتيءَ جو مقصد
    ”بيشڪ انسان تي زماني ۾ اهڙو وقت به گذريو آهي، جنهن ۾ هو ڪابه اهڙي شئي نه هو، جنهن جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، بيشڪ اسان انسان کي (ڪيترين ئي شين مان) گڏيل منيءَ مان پيدا ڪيو ته ان کي آزمايون، پوءِ ان کي ٻُڌندڙ ڏسندڙ ڪيوسون، بيشڪ اسان انسان کي شڪر ڪندڙ هجي يا ناشڪر، رستو ڏيکاريو آهي. (الدهر-1-3)
    قرآن مجيد ستين عيسوي صديءَ جي پهرين چوٿائيءَ ۾ لٿو، ان وقت سڄي دنيا ۾ ڪنهن کي به اها خبر نه هئي ته ماءُ جي پيٽ ۾ انسان جي شروعات هڪ گڏيل ڦڙي سان ٿئي ٿي، اها فقط ويهين صدي جي ڳالهه آهي ته اسان اهو ڄاتو ته انسان (۽ حيوان) جي شروعات ڦڙي جي ٻن جزن سان گڏجي ٿئي ٿي. هڪ عورت جو بيدو (Ovum) ۽ مرد جي مني (Sperm). اهي ٻئي ننڍا جُزا جڏهن پاڻ ۾ گڏجي وڃن ٿا، ان مهل ماءُ جي پيٽ ۾ اها شئي جڙڻ شروع ٿئي ٿي، جيڪا نيٺ انسان جي صورت اختيار ڪري ٿي وٺي. ڏيڍ هزار سال اڳ قرآن مجيد ۾ نطفه امشاج (گڏيل ڦڙي) جو لفظ اچڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته قرآن خدا جو ڪتاب آهي. قرآن ۾ ان قسم جا ڪيترا ئي مثال موجود آهن، جيڪي پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان چٽي نموني قرآن مجيد کي خدا جو ڪتاب ثابت ڪن ٿا ۽ جڏهن اهو ثابت ٿي وڃي ته قرآن خدا جو ڪتاب آهي ته قرآن جو هر بيان مجرد قرآن جو بيان هئڻ جي بنياد تي درست مڃڻون پوندو.


    219-77

    219-77
    مادي نعمتون
    ”بيشڪ پرهيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۽ جن ميون جي خواهش ڪندا، تن ۾ هوندا ۽ (چئبن ته) جيڪي ڪم اوهين ڪندا هئا. انهن جي ڪري مزي سان کائو ۽ پيئو. بيشڪ اسين اهڙي طرح ئي نيڪي ڪندڙن کي بدلو ڏيون ٿا. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي. ٿورو وقت کائي وٺو ۽ مزا ڪري وٺو، بيشڪ اوهين ڏوهاري آهيو، ان ڏينهن ڪوڙِ ڪندڙن لاءِ وڏي خرابي آهي ۽ جڏهن انهن کي چئجي ٿو ته الله جي اڳيان جهڪو ته، نه ٿا جهڪن. ان ڏينهن ڪوڙي ڪندڙن جي لاءِ وڏي خرابي آهي، پوءِ ڪهڙي ڳالهه ٿي قرآن کانپوءِ ايمان آڻيندا؟ (المرسلت-41-50)
    هن دنيا ۾ خدا جون نعمتون وقتي طور تي امتحان جي غرض سان رکيون ويون آهن. آخرت ۾ خدا جون نعمتون ابدي طور تي وڌيڪ مڪمل صورت ۾ ظاهر ٿينديون. اڄ انهن نعمتن مان هرڪو حصو حاصل ڪري رهيو آهي. پر آخرت جون اعليٰ نعمتون رڳو انهن ماڻهن جي حصي ۾ اينديون، جن آزاديءَ جي حالت ۾ پيروي ڪئي هوندي. هو ان وقت جهڪيا، جڏهن هو جهڪڻ جي لاءِ مجبور نه هئا. جيڪي ماڻهو قول تي جهڪيا، تن جي لاءِ جنت آهي ۽ جيڪي ماڻهو ويل (خرابي) ڏسي جهڪيا، تن جي لاءِ دوزخ آهي.


    220-78

    220-78
    جنت جي دنيا
    ”بيشڪ پرهيزگارن جي لاءِ ئي ڪاميابي، باغ ۽ ڊاکون ۽ هڪ جيڏيون ڪنواريون ۽ شراب جا ڀريل پيالا آهن. ان ۾ نه اجائي بڪ ٻڌندا، نه انڪار، اهي بدلو ڏنا ويندا جو ڪافي انعام آهي، تنهن ان پاليندڙ جي طرفان جو آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجهه انهن ٻنهي جي وچ ۾ آهي، تنهن جو پاليندڙ آهي، جو وڏو مهربان آهي، اهي ان سان ڳالهائي نه سگهندا، جنهن ڏينهن روح ۽ ملائڪ صفون ٻڌي بيهندا، تنهن ڏينهن اهي نه ڳالهائيندا، سواءِ ان شخص جي، جنهن کي وڏو مهربان اجازت ڏي ۽ اهو چوي به پوري ڳالهه، اهو ڏينهن ضرور ٿيڻ وارو آهي، پوءِ جنهن کي وڻي، سو پنهنجي پاليندڙ وٽ رهڻ جي جاءِ جوڙي. بيشڪ اسان ته اوهانکي ويجهي عذاب کان ڊيڄاريو آهي، جنهن ڏينهن سڀڪو ماڻهو اهو ڏسندو ته جنهن کي سندس هٿن اڳي موڪليو آهي ۽ ڪافر چوندو ته ڪاش آءٌ مٽي هجان ها. (النبا-31-40)
    جنت جو ماحول اجاين سَجاين ڳالهين کان پاڪ هوندو. تنهنڪري جنت جي سُٺي ۽ صاف سٿري دنيا ۾ رهائڻ جي لاءِ رڳو اهي ماڻهو ڌُڻيا ويندا جن هن دنيا ۾ اهليت جو ثبوت ڏنو هجي، جي ڪوڙين ۽ اجاين سَجاين ڳالهين کان پري رهي، زندگي گذارڻ جو ذوق رکندا هجن.
    جنت ۾ ڪنهن شخص جي داخلا، ڪنهن جي سفارشي نه ٿيندي ۽ نه ئي ڪنهن خوشفهميءَ جي بنياد تي. جنت رهڻ جي لاءِ انتهائي سهڻو، صاف ۽ بهترين هنڌ آهي. اتي جي دنيا ۾ داخلا رڳو انهن انسانن جو ڀاڳ آهي، جيڪي ان موجب پاڪ ۽ نفيس روحن سان اُت پهچندا. هيءَ دنيا ان قسم جي اعليٰ انسانن جي چونڊ لاءِ جوڙي ويئي آهي، جيڪي ماڻهو هن دنيا ۾ پنهنجو پاڻ کي ان جي لائق ثابت ڪندا، اهي ئي جنت ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار قرار ڏنا ويندا.


    221-29

    221-29
    دنيا جي آزمائش
    ”پوءِ جڏهن تمام وڏي آفت (قيامت) ايندي، جنهن ڏينهن سڀڪو انسان انهن ڪمن کي ياد ڪندو، جيڪي ڪيا هوندائين ۽ ڏسڻ واري لاءِ دوزخ ظاهر ڪيو ويندو، ته پوءِ جو حد کان لنگهيو هوندو ۽ دنيا جي حياتيءَ کي پسند ڪيو هوندائين، ته بيشڪ دوزخ ئي ان جي رهڻ جو هنڌ آهي ۽ جيڪو شخص پنهنجي پاليندڙ جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ پنهنجي نفس کي خواهش کان روڪيو هوندائين ته بيشڪ جنت ئي (ان جي) رهڻ جي جاءِ آهي. (الَذازعات-34-41)
    ماڻهو ٻن شين جي وچ ۾ آهي، هڪ هن دنيا جي سامهون ۽ ٻيو آخرت جي دنيا، جيڪو ڳجهه آهي. ماڻهو جو اصل امتحان هيءُ آهي ته هن دنيا جي مقابلي ۾ آخرت کي ترجيح ڏي، پر اهو ڪم رڳو اهي ماڻهو ڪري سگهن ٿا، جيڪي پنهنجي نفس جي خواهش تي ڪنٽرول رکڻ جي همت رکن ٿا.
    هيءَ دنيا مختلف قسم جي آزمائشن سان ڀري پئي آهي، اهي آزمائشون انسان کي بار بار نفساني خواهشن طرف ڇڪين ٿيون. جيڪو ماڻهو دنيا جي خواهشن ۾ گم ٿي وڃي، اهو پنهنجي امتحان ۾ ناڪام رهيو. ان خراب انجام کان رڳو اهو ماڻهو بچي سگهي ٿو، جيڪو آخرت جي ڏينهن خدا جي عدالت ۾ حاضريءَ تي يقين رکندو هجي، اهو يقين کيس نفساني خواهشن ۾ ڦاسڻ کان بچائي وٺندو.


    222-80

    222-80
    قيامت جو زلزلو
    ”پوءِ جڏهن ڪنن کي ٻوڙي ڪرڻ واري دانهن ٿيندي، جنهن ڏينهن سڀڪو پنهنجي ڀاءَ پنهنجي ماءَ ۽ پيءُ ۽ پنهنجي زال ۽ پنهنجي اولاد کان ڀڄندو. انهن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جو انهيءَ ڏينهن اهڙو حال هوندو، جو ان لاءِ بس آهي، ڪي مُنهن اُن ڏينهن روشن کندڙ خوش هوندا ۽ ڪي مُنهن اهڙا هوندا، جن تي ان کي ڏينهن ڌوڙ هوندي، جن کي ڪارهن ويڙهي ويندي. اهي ئي ڪافر بدڪار آهن. (عبس-33-43)
    هن دنيا جي ماحول ۾ ماڻهوءَ جي سڀني کان وڌيڪ دلچسپي پنهنجي اهل ۽ عيال ۾ هوندي آهي، هو پنهنجي مادي مفادن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ محبت پنهنجي دل ۾ پائي ٿو. پر اها دلچسپي ۽ محبت رڳو غفلت جي ڪري آهي نه ڪي شعور جي ڪري. جيئن ته انسان ظاهري حالتن جي ڪري اُن حقيقت کان بي خبر آهي ته هو هڪ هڪ عظيم آفت جي سامهون بيٺو آهي. هو جلدئي آخرت جي ڌوڏيندڙ حالتن کي منهن ڏيڻ وارو آهي، مستقبل ۾ پيش ايندڙ ان صورتحال کان بي خبري کيس مادي شين ۾ مشغول رکيو ويٺي آهي. جيڪڏهن کيس ايندڙ زلزلي جو احساس ٿي وڃي ته سندس هاڻوڪيون دلچسپيون اوچتو ختم ٿي وڃن. اڄ ئي ان جو اهو حال ٿي وڃي، جيڪو سڀاڻي سندس ٿيڻ وارو آهي، جيتوڻيڪ سڀاڻي هوش ۾ اچڻ ڪوبه فائدو ڏيڻ وارو نه آهي.


    223-81

    223-81
    ڪائنات جي نشاني
    ”پوءِ قسم کڻان ٿو پٺتي هٽندڙ، سڌو هلندڙن، لڪندڙ تارن جو ۽ رات جو قسم، جڏهن اچي ٿي ۽ صبح جو جڏهن پڌرو ٿئي ٿو. ته اهو قرآن خوبين واري رسول جو آندل ڪلام آهي. جو سگهه وارو عرش جي مالڪ (الله) وٽ مرتبي وارو، اتي سندس ڳالهه مڃي ويندي آهي ۽ امانتدار آهي ۽ اوهان سان گڏ رهندڙ ڪو چريو ڪونهي ۽ ان کيس (جبرئيل کي) کليل آسمان ۾ ڏٺو آهي ۽ هو غيب جي خبر (خبرن) ٻڌائڻ ۾ بخل ڪرڻ وارو نه آهي ۽ نه اهو (قرآن) تڙيل شيطان جو ڪلام آهي. سو ڪيڏانهن وڃو ٿا. اهو (قرآن) جهان وارن جي لاءِ نصيحت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ان لاءِ نصيحت آهي جيڪو سڌو هلڻ گهري ٿو ۽ اوهين جهان وارن جي پاليندڙ الله جي گهر کانسواءِ سڌو هلڻ جو ارادو ڪري نٿا سگهو. (التڪوير – 15-29)
    زمين تي رات ۽ ڏينهن جو اچڻ ۽ انسان جي مشاهدي ۾ تارن جي جاين جو بدلجڻ زمين جي محوري ڦيري جي ڪري ٿئي ٿو. ان لحاظ کان انهن لفظن جو مطلب اهو هوندو ته زمين جي محوري ڦيري جو نظام ان ڳالهه جو شاهد آهي ته محمّد صلي الله عليھ وآلھ وسلم الله جو رسول آهي ۽ قرآن خدا جو ڪلام آهي، جيڪو ملائڪ جي ذريعي لٿو آهي.
    زمين جو محور/ڦيرو هن ڪائنات جو انتهائي نادر ۽ بي حد عظيم واقعو آهي، اهو واقعو گويا هڪ ماڊل آهي، جيڪو وحيءَ جي معاملي کي اسانجي لاءِ سمجهه جوڳو بنائي ٿو. جيڪڏهن اهو تصور ڪجي ته زمين پنهنجي مدار ۾ گردش ڪندي وشال خلا ۾ سج جي چوڌاري گهمي رهي آهي ته ائين لڳندو ڄڻ ريموٽ ڪنٽرول جو ڪو سگهارو نظام آهي، جيڪو انتهائي مهارت سان ڪنٽرول پيو ڪري، ملائڪ جي ذريعي هڪ انسان ۽ خدا جي وچ ۾ رابطو هئڻ به ان قسم جو هڪ ڪائناتي واقعو آهي، پهريون واقعو تمشيل جي روپ ۾ ٻي واقعي کي سمجهڻ ۾ مدد ٿو ڪري.


    224-82

    224-82
    انسان جي شروعات ۽ پڇاڙي
    ”اي انسان! توکي ڪهڙي شئي پنهنجي سڳوري پاليندڙ کان ٺڳيو آهي، جنهن توکي پيدا ڪيو، پوءِ توکي صحيح سالم ڪيو، پوءِ توکي برابر ڪيائين، جنهن صورت ۾ به گهريائين تنهن۾ توکي جوڙيو اٿس. خبردار (متان ڪو پاليندڙ بابت ڌوڪو کائي) پر اوهين (عملن جي) بدلي ملڻ کي ڪوڙ سمجهو ٿا. هوڏانهن اوهان تي اهڙا نگهبان مقرر آهن، جي خوبين وارا آهن، اوهانجي عملن کي لکڻ وارا آهن، جيڪي اوهين ڪريو ٿا، تنهن کي ڄاڻن ٿا. بيشڪ تابعدارته نعمت ۾ هوندا ۽ بدڪار دوزخ جي باهه ۾ هوندا. اهي حساب جي ڏينهن اُن ۾ گهڙندا ۽ اهي ان کان جدا ٿيڻ وارا به نه آهن ۽ توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ وري (ٿا چئون ته) توکي ڪهڙي خبر ته حساب جو ڏينهن ڇا آهي؟ جنهن ڏينهن ڪو به شخص ڪنهن شخص لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهندو ۽ حڪم ان ڏينهن الله جو هوندو. (الانفطار- 6-19)
    انسان جي تخليق بيحد مختلف ۽ هڪ مناسب تخليق آهي، جسماني بناوت توڙِي ذهني صلاحيت ٻنهي حوالن سان انسان هڪ انوکو وجود آهي. ان قسم جي نادر تخليق هڪئي وقت ٻن ڳالهين جو ثبوت ڏيئي رهي آهي. هڪ طرف اهو ته انسان جو خالق هڪ ٻي حد مهان هستي آهي، خالق جيڪڏهن عظيم نه هجي ته هو انسان جهڙي مخلوق کي وجود ۾ آڻي نه سگهي. ان سان گڏ ٻي اهم حقيقت هيءَ آهي ته انسان جهڙي مخلوق جي پئدائش بي مقصد ٿي نٿي سگهي. يقيني طور تي ان تخليق جو هڪ با معنيٰ مقصد آهي ۽ اهو با معنيٰ مقصد هيءَ آهي ته جيڪي ماڻهو خالق جي مرضيءَ موجب زندگي گذارين، اهي خالق پاران اعليٰ انعام ماڻيندا ۽ جيڪي ماڻهو خالق سان سرڪشي ڪندا، اهي پنهنجي عمل موجب ڪيتو لوڙيندا.


    225-83

    225-83
    انصاف جو طريقو
    ”ماپ ۽ تور ۾ گهٽ ڪندڙن لاءِ خرابي آهي، جي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته پورو ڪري وٺن ٿا ۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽ ڪري ڏين ٿا. ڇا اهي خيال نه ٿا ڪن ته انهن کي ضرور هڪڙي وڏي ڏينهن لاءِ جيئرو ڪري اُٿاريو ويندو؟ جنهن ڏينهن سڀئي ماڻهو جهانن جي پاليندڙ جي اڳيان بيهندا“. (المطففين - 1-6)
    دنيا ۾ ماڻهو هر گهڙي ائين زندگي گذاري ٿو، جو هو ڪڏهن ڪنهن کان وٺي ٿو ته ڪڏهن وري ڏي ٿو. اهو ڏيڻ ۽ وٺڻ رڳو مالي معاملن ۾ نه آهي، پر هر معاملي ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن کي ڪجهه چوڻ ۽ ان کان ڪجهه ٻُڌڻ، اهو به ڏيڻ ۽ وٺڻ آهي ۽ ڪنهن کان ڪجهه حاصل ڪرڻ اها به ڏيتي ليتي آهي. ڪنهن مان اُميد رکڻ ۽ ڪنهن سان سندس اميد تي پورو لهڻ يا نه لهڻ اها به هڪ ڏيتي ليتي آهي، مطلب ته هرگهڙي ۽ هر معاملي ۾ ماڻهوءَ کي ڪنهن کي ڪجهه ڏيڻون ۽ ڪنهن کان ڪجهه وٺڻون هوندو آهي، اهو اجتماعي زندگي جو لازمي پهلو آهي، ڪا به اجتماعي زندگي ان ڏيتي ليتي کان خالي ڪونهي.
    ان قسم جي معاملي ۾ ماڻهوءَ کي هي ڪرڻ گهرجي ته هو ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ فرق نه ڪري، هو ائين نه ڪري ته ڏيڻ مهل خراب، کوٽو ۽ گهٽ ڏي ۽ وٺڻ مهل ٺاهي ٺوڪي، توري تڪي وٺي، ان قسم جي اڻ برابري يا بي انصافي خدا جي شريعت ۾ حرام آهي. اجتماعي زندگي ۾ ان قسم جي تور ۽ ماپ ۾ فرق ڪندڙ خدا جي سخت پڪڙ ۾ اچي ويندا. خدا جي رحمت رڳو انهن ماڻهن جي لاءِ آهي، جيڪي بلڪل ائين ٻين جي لاءِ انصاف وارا ٿين، جيئن هو پاڻ چاهين ٿا ته ماڻهو ساڻس انصاف ڪن.


    226-48

    226-48
    انسان جو معاملو
    ”اي انسان! تون پنهنجي پاليندڙ کي ملڻ تائين گهڻي ڪوشش ڪرڻ وارو آهين، پوءِ تون ان کي ملندين، پوءِ جنهن کي سندن عملن جو ڪتاب سندس ساڄي هٿ ۾ ڏنو ويندو، تنهن کان آسان حساب ورتو ويندو ۽ هو پنهنجي گهروارن ڏي خوش ٿي موٽندو ۽ جنهن کي سندس عملن جو ڪتاب سندس پٺيءَ پٺيان ڏنو ويندو. هو ”مري ويس، مري ويس“ ڪري دانهون ڪندو ۽ باهه ۾ گهڙندو، ڇو ته هو دنيا ۾ پنهنجي گهر وارن ۾ خوش هو، بيشڪ هن خيال ڪيو هو ته هو ڪڏهن به الله ڏي ڪين موٽندو. اهڙِي طرح نه آهي، ان کي سندس پاليندڙ ڏسندڙ هو. (الانشقاق -6-15)
    دنيا ۾ زندگي گهارڻ جون ٻه شڪليون آهن، هڪ اها ته ماڻهو حقيقت جي باري ۾ سنجيدو هجي، جنهن ماڻهوءَ جي اندر اها سنجيدگي هوندي، ان جي زندگي لازمي طور تي ذميداريءَ واري زندگي بنجي ويندو. هو انديشي جي نفسيات ۾ جيئندو، ڇو ته کيس اهو ڊپ هوندو ته جيڪڏهن هو خلاصي نعمت کان محروم ٿي ويو ته هن جي لاءِ ابدي عذاب کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي، ان جي ڀيٽ ۾ جيڪو ماڻهو حقيقت جي باري ۾ سنجيدو نه هجي، هو اُلڪي کان آجي زندگي گذاري، اهو سڀاڻي جي انجام کان غافل ٿي اڄ جي دلچسپي ۾ گم رهندو.
    جيڪي ماڻهو اڄ جي لذتن ۽ راحتن ۾ رهندا، اهي سڀاڻي جي معاملي کان غافل ٿي ويندا ۽ پوءِ ان غفلتن جو ڪيتو هو آخرت ۾ لوڙيندا، ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو سڀاڻيءَ جي انديشي ۾ مبتلا آهن، تن جي لاءِ هيءَ دنيا فرض ادا ڪرڻ جي جاءِ بنجي ويندي، نه ڪي عيش عشرت حاصل ڪرڻ جو هنڌ. ۽ انهن ٻنهي قسمن جو انجام هڪجهڙو ٿي نٿو سگهي.


    227-85

    227-85
    وڏي ڪاميابي
    ”بيشڪ، جن ايمان وارن ۽ ايمان وارين کي ايذايو، وري توبه به نه ڪيائون، تن لاءِ دوزخ جو عذاب آهي ۽ انهن جي لاءِ ساڙِيندڙ باهه جي سزا آهي، بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ باغ آهن، جن جي هيٺان واهه وهن ٿا. اها ئي وڏي ڪاميابي آهي، بيشڪ تنهنجي پاليندڙ جي پڪڙ ڏاڍي سخت آهي، بيشڪ اهو ئي نئين سر پيدا ڪري ٿو ۽ وري ٻيهر پيدا ڪندو ۽ اهو ئي گهڻو معاف ڪندڙ، گهڻي محبت ڪندڙ، عرش جو ڌڻي، وڏي شان وارو ارادو ڪري تنهن کي جنهن کي پورو ڪري ڇڏڻ وارو آهي. (البروج - 10 -16)
    هڪ ماڻهوءَ جي سامهون حق اچي ۽ هو اهو نه قبولي ته بيشڪ اهو هڪ ڏوهه آهي، پر ان ڏوهه کان به وڏو ڏوهه هيءَ آهي ته ماڻهو حق جي دعوت ڏيندڙ جو ذمون بنجي وڃي. ان جي خلاف سازشون ڪري، هو پنهنجي قول ۽ عمل جي صلاحيت کي ان جي خلاف استعمال ڪرڻ جي لاءِ سرگرم ٿي وڃي. اهڙا ماڻهو سدائين جي لاءِ خدا جي رحمت کان پري ٿي ويندا.
    ان جي اُبتڙ جيڪي ماڻهو حق جي پڪار ٻڌي ان جو اعتراف ڪندا، پنهنجي زندگي ان موجب گذاريندا ۽ حق جي دعوت ڏيندڙن جو ساٿ ڏيئي ان جي مشن کي سگهارو ڪندا. اهي الله جي پناهه ۽ رحمتن جي صورت ۾ ان جو اجر حاصل ڪندا. هو سدائين آخرت جي بدي جنتن ۾ رهندو.


    228-86

    228-86
    ماڻهوءَ جي نگراني
    ”آسمان جو قسم آهي ۽ رات جي ايندڙ وقت جو ۽ توکي ڪهڙي خبر ته رات جي وقت ايندڙ ڇا آهي، اهو هڪ چمڪندڙ تارو آهي، ته ڪو به اهڙو شخص اهڙو نه هجي، جنهن تي ڪو نگهبان مقرر نه هجي“. (الطارق-1-4)
    انسان جي مٿان تاري جو چمڪڻ تمشيل ربانيءَ ۾ ان واقعي جي يادگيري آهي ته ڪو ڏسڻ وارو ڏسي پيو. اهو ڏسڻ وارو انسان جا اعمال رڪارڊ ڪري رهيو آهي، هو مرڻ کانپوءِ ٻيهر انسان کي پيدا ڪندو ۽ کانئس سندس سڀني عملن جو حساب ڪتاب وٺندو. هيءَ رڳو امتحان جي مهلت آهي، جيڪا انسان جي وچ ۾، ان وقت جي وچ ۾ حد فاصل بنيل آهي، امتحان جو عرصو ختم ٿيڻ کانپوءِ ان جو انجام/نتيجو سامهون ايندو، جنهن کان بظاهر هن وقت انسان گهڻو پري نظر اچي ٿو.


    229-87

    229-87
    انسانيت جي ڀلائي
    ”بيشڪ اهو ڪامياب ٿيو، جيڪو پاڪ ٿيو ۽ پنهنجي پاليندڙ جو نالو ياد ڪيائين، پوءِ نماز پڙهيائين، پر اوهين دنياوي زندگيءَ کي پسند ڪريو ٿا. هوڏانهن آخرت گهڻو چڱي ۽ گهڻو بقا واري آهي، بيشڪ هيءَ بيان ته پهرين ڪتابن ۾، ابراهيم ۽ موسيٰ جي ڪتابن ۾ به آهي. (الاعليٰ- 13-19)
    خدا جو دين سدائين کان هڪ رهيو آهي، خدا پنهنجو دين جيڪو قرآن ۾ ظاهر ڪيو آهي اهو ئي اڳين پيغمبرن جي دور ۾ به هو. پيغمبر اسلام ۽ گذريل پيغمبرن جي وچ ۾ شريعت ۽ منهاج (سڌي رستي) (المائده 48) جي لحاظ کان جيڪو فرق رهيو آهي، اهو واڌو آهي نه ڪي حقيقي، ان قسم جو واڌو فرق خود هڪئي پيغمبر جي مختلف احوالن ۾ ملي ٿو. مثال طور: پيغمبر اسلام جي مڪي ۽ مدني دور ۾ صلاة (نماز) ۽ صوم (روزي) جي حڪمن ۾ فرق جو هئڻ وغيره.
    خدا جو اصل دين سڀني پيغمبرن تي نازل ڪيو ويو، جنهن موجب انساني ڀلائيءَ جو سڄو دارو مدار اُن تي آهي ته ماڻهو پنهنجي نفس کي ڪنٽرول ڪري، پنهنجو پاڻ کي خدا جو گهربل انسان بڻائي، اها خود تعمير جي هڪ مهم آهي، جنهن ۾ اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿي سگهن ٿا، جيڪي هن دنيا ۾ وقتي مفادن ۾ نه ڦاسن ۽ ايندڙ آخرت واري دنيا کي ترجيح بڻائين.
    جيڪي ماڻهو ايئن ڪندا، تن جي اندر هڪ عظيم روحاني انقلاب برپا ٿي وڃي ٿو، انهن جو سينو خدا جي عظمت ۽ جلال جي احساس سان ڀَرجي وڃي ٿو. هو پنهنجي انانيت کي ماري خدا جي اڳيان جهڪي وڃن ٿا، جنهن جو هڪ ظاهري لقاء نماز آهي.


    230-88

    230-88
    ڀرپاسي جون نشانيون
    ”ڇا پوءِ اُٺ ڏي نه ٿا ڏسن ته ان کي ڪيئن پيدا ڪيو ويو آهي؟ ۽ آسمان ڏي ان کي ڪيئن مٿي کنيو ويو آهي ۽ جبلن ڏي ته انهن کي ڪيئن کڙو ڪيو ويو آهي، ۽ زمين ڏي ته ڪيئن وڇائي ويئي آهي، پوءِ (اي پيغمبر) تون نصيحت ڪر! تون نه نصيحت ڪندڙ ئي آهن، تون مٿن ڪو نگهبان نه آهين، پر جنهن مُنهن موڙيو ۽ ڪفر ڪيو، تنهن کي الله وڏي سزا ڏيندو.، بيشڪ اسان جي ئي طرف انهن جو ورڻ آهي، وري انهن کان حساب وٺڻ اسان تي ئي آهي. (الغاشيه- 17-27)
    ماڻهو ڏسي ٿو ته اُٺ جهڙو عجيب جانور به سندس فرمانبردار آهي، آسمان پنهنجي سڀني عظمتن جي هوندي به انسان جي کٽڻ جي لاءِ کليل آهي، زمين اسانجي ڪوشش کانسواءِ ئي اسانجي لاءِ حد کان وڌيڪ موافق بڻيل آهي. اهي واقعا سوچڻ واري کي خدا ۽ آخرت جي ياد ڏيارين ٿا. جيڪي ماڻهو دنيا جي اُن نظام مان يادگيري جي غذا حاصل ڪن، تن پنهنجي لاءِ خدا جي ابدي نعمتن جو حق ثابت ڪيو ۽ جيڪي ماڻهو غفلت ۾ پيا رهيا، تن اهو ثابت ڪيو ته هو رڳو اُن جي لائق آهن ته کين هر قسم جي نعمتن کان محروم ڪيو وڃي.


    231-89

    231-89
    تڪليف ۽ خوشي
    ”انسان جو اهو حال آهي ته جڏهن سندس پاليندڙ آزمائي ٿو، پوءِ ان کي عزت ڏئي ٿو ته هو چويٿو منهنجي پاليندڙ مونکي عزت ڏني ۽ جڏهن کيس هن طرح آزمائي ٿو جو مٿس سندس روزي تنگ ڪري ٿو ته چوي ٿو ته منهنجي پاليندڙ مونکي خوار ڪيو. ائين نه آهي، پر اوهين يتيم جي عزت نه ٿا ڪريو ۽ نه ڪي هڪٻئي کي مسڪين کي کاڌي ڏيڻ جي رغبت ڏيو ٿا ۽ مئلن جو مال ته ميڙي سيڙي کائو ٿا ۽ مال سان گهڻي محبت رکو ٿا. ائين نه ڪجي جڏهن زمين کي ڪٽي ڪٽي سنئون ڪيو ويندو، ۽ تنهنجو ربّ ايندو ۽ ملائڪ به قطارن ۾ ايندا ۽ دوزخ کي ان ڏينهن آڻبو، تڏهن ان ڏينهن انسان ڌيان ڪندو ۽ ڪٿان نصيحت جو فائدو ٿيندس. چوندو ته جيڪر ڪجهه چڱا ڪم ڪري پنهنجي حياتيءَ لاءِ اڳي موڪليان ها، پوءِ ان ڏينهن الله جي سزا جهڙِي سزا ٻيو ڪو به نه ڏيندو، ۽ ان جي ٻُڌڻ جهڙو ٻيو ڪو به نه ٻڌندو، اي اطمينان وارا نفس! پنهنجي پاليندڙ ڏي موٽي هَل جو تون ان کان راضي هُجين ۽ هو توکان راضي هجي، پوءِ منهنجي ٻانهن ۾ داخل ٿي وڃ ۽ منهنجي جنت ۾ داخل ٿي وڃ. (الفجر-15-30)
    دنيا ۾ ماڻهو کي ٻن قسمن جا احوال پيش اچن ٿا. ڪڏهن حاصل ڪرڻ ته ڪڏهن محروم ٿي وڃڻ. اهي ٻئي حالتون امتحان جي لاءِ آهن. هو اُن جانچ جي لاءِ آهن ته ماڻهو ڪهڙي حالت ۾ ڪهڙو ٿو ردعمل ڏيکاري. جنهن شخص جو معاملو اهو هجي ته جڏهن کيس ڪجهه ملي ته هو ان تي فخر ڪري ۽ جڏهن کانئس ڪجهه کسيو وڃي ته هو ناڪاري نفسيات ۾ ڦاسي وڃي، اهڙو شخص امتحان ۾ ناڪام ٿي پيو.
    ٻيو انسان اهو آهي، جنهن کي جڏهن مليو ته هن خدا جي سامهون شڪر ادا ڪيو ۽ جڏهن کانئس کسيو ويو ته ٻيهر هن خدا جي سامهون جهڪي پنهنجي نوَڙت جو اظهار ڪيو. اهو ئي ٻيو انسان آهي، جنهن کي هتي ”نفس مطمته“ يعني ”مطمئن روح“ چيو ويو آهي.
    نفس مطمئن جو مقام ان شخص کي ملي ٿو، جيڪو ڪائنات ۾ خدا جي نشانين تي ويچاري، جيڪو تاريخ جي واقعن مان عبرت ۽ نصيحت جي غذا حاصل ڪري، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت ڏي ته جڏهن سندس ذات ۽ حق جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿئي ته هو پنهنجي ذات کي نظر انداز ڪري ۽ حق کي قبولي، جيڪو هڪ ڀيرو حق کي مڃي وٺڻ کانپوءِ ان کي ڪڏهن به نه ڇڏي، پوءِ ڀلي کيس پنهنجو پاڻ کي ڇڏڻو پوي ۽ پوءِ ڀلي سندس زندگي ويران ۽ بُٺ ڇو نه ٿي وڃي.


    232-90

    232-90
    ڪردار جي بُلندي
    ”نه، هن شهر جو قسم آهي ۽ تون هن شهر ۾ رهندڙ آهين ۽ قسم آهي ڄڻيندڙ ۽ ڄڻيل جو ته بيشڪ اسان انسان کي مشقت ۾ پوڻ لاءِ پيدا ڪيو آهي، ڇا هو خيال ڪري ٿو ته مٿس هرگز ڪنهن جو زور هلي نه سگهندو، چوي ٿو ته مون مال جا ڍڳ لُٽايا آهن، ڇا هو خيال ڪري ٿو ته ان کي ڪنهن به نه ڏٺو آهي، ڇا اسان سندس ٻه اکيون ۽ زبان ۽ چپ نه جوڙيا آهن ۽ جا اسان کيس ٻيئي (خير ۽ شر جا) رستا نه ڏيکاري ڇڏيا آهن، پوءِ به هو همت ڪري سخت لَڪ ۾ نه گهڙيو ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته سخت لَڪ ڇا آهي. اهو ٻانهي کي آزاد ڪرائڻو آهي يا بُک جي ڏينهن کاڌو کارائڻو آهي، مٽيءَ مائٽي واري يتيم کي، يا مٽيءَ ۾ رليل مسڪين کي، وري انهن مان ٿئي، جن ايمان آندو ۽ هڪٻئي کي صبر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ هڪٻئي کي رحم ڪرڻ جي وصيت ڪئي، اهي ئي سڀاڳا آهن ۽ جن اسان جي آيتن جو انڪار ڪيو، سي ئي نڀاڳا آهن، مٿن باهه رکيل هوندي. (البلد-1-20)
    انسان ڪنهن به حال ۾ پنهنجو پاڻ کي تڪليفن کان آجو نٿو ڪري سگهي، ان مان پتو پويٿو ته انسان ڪنهن مٿاهين سگهه جي هٿ وَس آهي، ائين انسان جون اکيون ٻُڌائين ٿيون ته ڪا مٿاهين اک به آهي، جيڪا کيس ڏسي رهي آهي. انسان جي ڳالهائڻ واري سگهه اشارو ڪري ٿي ته سندس مٿان به هڪ نگران آهي، جنهن سندس مٿان پنهنجي حيثيت ڏيکاري ۽ کيس هدايت جو رستو ڏيکاريو. جيڪڏهن ماڻهوءَ صحيح معنيٰ ۾ پنهنجو پاڻ کي سُڃاڻي ته هو پڪ سان خدا کي به سڃاڻي وٺندو.
    خدا انسان کي ٻن قسمن جي بلند ڪرداريءَ کي اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هڪ انسان سان انصاف ڀريو سلوڪ ۽ انسان کي سندس ضرورت مهل ڪم اچڻ، ٻي شئي الله تي ايمان ۽ يقين آهي. اهو ايمان ۽ يقين جڏهن ماڻهوءَ جي اندر گهرائيءَ مان لهي ٿو ته اهو پنهنجي ذات تائين محدود نٿو رهي، پر هو گهڻو اڳتي وڌي وڃي ٿو. اهڙو انسان ٻين کي به ان حق تي آڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي ٿو، جيڪو حق هن پاڻ اختيار ڪيو آهي.


    233-91

    233-91
    ٽه طرفي رهنمائي
    ”سج جو قسم آهي ۽ سندس مٿي چڙهڻ جو، ۽ چنڊ جو جڏهن سج جي پٺيان اچي ٿو ۽ ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو ۽ رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي ۽ آسمان جو جنهن نموني ان کي جوڙيو اٿس، تنهن جو ۽ زمين جو ۽ جنهن نموني ان کي وڇايو اٿس تنهن جو ۽ نفس جو ۽ جنهن نموني ان کي برابر جوڙيو اٿس ۽ ان کي بدڪاري ۽ نيڪوڪاريءَ جي سمجهه ڏني اٿس تنهن جو، ته بيشڪ اهو مراد کي پهچي ويو ۽ بيشڪ اهو بي مُراد ٿيو، جنهن ان کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. (الشمس-1-10)
    انسان جي هدايت جي لاءِ ربّ تعاليٰ ٽه طرفو بندوبست ڪيو آهي، هڪ طرف ڪائنات کي اهڙي نموني جوڙيو ويو آهي جو خدا جي مرضيءَ جو عملي اظهار بنجي ويئي آهي، ٻي پاسي انسان جي اندر نيڪي ۽ بديءَ جو وجداني شعور به رکي ڇڏيو آهي، ان کانپوءِ وڌيڪ بندوبست اهو ڪيو آهي ته پيغمبرن جي وسيلي انسان جي سمجهه جوڳي زبان ۾ کيس سمجهايو ويو آهي ته حق ۽ باطل ڇا آهي ۽ ظلم ۽ انصاف ڇا آهي، ان کانپوءِ به جيڪڏهن ماڻهو سڌي واٽ نه وٺن ته بيشڪ اهي ظالم آهن.


    234-92

    234-92
    الله جي رهنمائي
    ”رات جو قسم آهي، جيڪا سڀني شين کي ڍڪي ٿي ۽ ڏينهن جو، جڏهن ظاهر ٿئي ٿو، ۽ نَر ماديءَ کي پيدا ڪيو اٿس، تنهن جو، ته اوهان جون ڪوششون مختلف آهن، پوءِ جنهن شخص ڏٺو ۽ (الله کان) ڊنو، تمام چٽي ڳالهه کي سچو سمجهيو ته ان کي تمام سولي رستي تي هلڻ جي توفيق ڏينداسون. جنهن بخل ڪيو ۽ بي پرواهي ڪئي ۽ تمام چٽي ڳالهه کي ڪوڙو ڪيو، ته ان کي تمام ڏکئي رستي تي هلڻ لاءِ لڳائي ڇڏينداسون ۽ سندس مال ان کان ڪجهه به نه ٽاريندو، جڏهن هو کڏ ۾ ڪرندو. بيشڪ اسان تي ئي رستو ڏيکارڻ آهي ۽ بيشڪ آخرت ۽ دنيا اسانجون ئي آهن. تنهنڪري مون اوهانکي اهڙي باهه کان ڊيڄاريو آهي، جا ڄڀي (ڀڙڪا) ڪري ٿي، جنهن ۾ اهڙي نڀاڳي کانسواءِ ٻيو ڪو داخل نه ٿيندو، جنهن ڪوڙو ڪيو ۽ مُنهن موڙيو ۽ ان کان اُن پرهيزگار کي ڌار ڪيو ويندو، جو پنهنجو مال ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي ۽ مٿس ڪنهن جو اهڙو احسان به نه هجي، جنهن جو بدلو ڏئي، پر پنهنجي پاليندڙ جي رضامندي گهرڻ لاءِ ڏئي ٿو ۽ اهو شخص ضرور راضي ٿيندو“. (اليل-1-21)
    دنيا ۾ سڀني شين جا جوڙا جوڙا آهن. نر ۽ مادي، رات ۽ ڏينهن هاڪاري ذرو ۽ ناڪاري ذرو، ميٽر ۽ اينٽي ميٽر، هن دنيا جي هر شئي پنهنجي جوڙِي سان گڏجي پنهنجو مقصد پورو ٿي ڪري. اهو چٽي نموني ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هن ڪائنات ۾ مقصديت آهي، اهڙي با مقصد ڪائنات ۾ اهو ناممڪن آهي ته هتي سٺو ۽ بُرو عمل، ٻئي ساڳئي انجام تي ختم ٿين. ڪائنات پنهنجي خالق جو جيڪو تعارف ڪرائي رهي آهي، ان سان اها ڳالهه برميچي نٿي.
    الله جو پنهنجي ٻانَهنَ سان تعلق رڳو حاڪم وارو ڪونهي، پر مددگار وارو به آهي، هو پنهنجي انهن ٻانهن جو رستو هموار ڪري ٿو، جيڪي ان طرف هلڻ چاهين. اُن جي اُبتڙ جيڪي ماڻهو سرڪشيءَ جو رستو اختيار ڪندا، اهو کين ان سرڪشيءَ جي رستي تي ڊوڙڻ جي لاءِ ڇڏي ٿو ڏي.


    235-93

    235-93
    خدا جي مدد
    ”سج چڙهڻ جي وقت جو قسم آهي ۽ رات جو جنهن وقت (سڀني شين کي) ڍڪي ٿي. ته تُنهنجي پاليندڙ توکي نه ڇڏيو آهي ۽ نه بيزار ٿيو آهي، ۽ بيشڪ پوئين حالت تولاءِ پهرين حالت کان چڱي آهي ۽ توکي ضرور تنهنجو پاليندڙ فتحيابي ڏيندو. پوءِ تون خوش ٿيندين. ڇا توکي يتيم نه ڄاڻي پوءِ جاءِ ڏنائين، ۽ تو کي مسڪين ڏسي پوءِ توکي بي پرواهه ڪيائين، پوءِ يتيم تي متان سختي ڪرينءَ ۽ سواليءَ کي متان جهڻڪينءَ ۽ پنهنجي پاليندڙ جي نعمت پيو بيان ڪر“. (الحضيٰ-1-11)
    هن جهان جي جوڙ ائين جوڙي ويئي آهي، جو هتي ڏينهن به اچي ٿو ته رات به، ٻنهي جي گڏجڻ جو نظام مڪمل هوندو آهي. ايئن انسان جي ارتقا جي لاءِ سختي ۽ نرمي ٻنهي جو پيش اچڻ ضروري آهي، هن دنيا ۾ هڪ خدا جي ٻانهي سان سخت حالتون ان ڪري پيش اچن ٿيون ته منجهس لڪل گُڻ سجاڳ ٿين. سندس راهه ۾ رڪاوٽون ان ڪري وڌيون وينديون آهن ته سندس آئيندو، سندس حال کان سُٺو ٿئي.
    رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم يتيم پيدا ٿيا، پوءِ الله کيس بهترين سرپرست عطا ڪيو. پاڻ حق جي ڳولا ۾ هئا، پوءِ الله مٿس حق جو رستو کولي ڇڏيو. پاڻ سڳورا صلي الله عليھ وآلھ وسلم بظاهر ته بي مال هئا، پوءِ الله کين گهرواري (خديجھ) جي ذريعي مال جو ڌڻي بڻائي ڇڏيو. اهو هڪ انفرادي مثال ڪونهي، پر هڪ عمومي پهلو به آهي. اهو مثال ٻڌائي ٿو ته الله ڪيئن نه پنهنجن ٻانهن جي مٿان مهربان آهي، هو هر معاملي ۾ انسان جي مدد ڪري ٿو، جيڪو سندس مدد گهري ٿو.


    236-94

    236-94
    عسر (ڏُک) ۾ يسر (سُک)
    ”اي پيغمبر! ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو ڪشادو نه ڪيو ۽ اسان تو تان اهو بار لاٿو جنهن تنهنجي پُٺ کي ڳرو ڪيو ۽ تو لاءِ تنهنجي تعريف بُلند ڪئي. پوءِ بيشڪ ڏک سان گڏ سُک آهي، بيشڪ ڏک سان گڏ سُک ئي آهي. ۽ پوءِ جڏهن تون وانڌو ٿيئن ته محنت ڪر ۽ پنهنجي پالڻهار سان دل لڳائي. (الانشرح-1-8)
    رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم حقيقت ڄاڻڻ جي لاءِ بي چين هئا. الله تعاليٰ طرفان پاڻ سڳورن کي حقيقتن جو علم ڏيئي، سندن ڳولا کي معرفت ۾ بدلائي ڇڏيو. حقيقتن جي معرفت پاڻ سڳورن جو سينو کوليو ويو. پوءِ پاڻ سڳورن مڪي ۾ توحيد جي دعوت شروع ڪئي ته بظاهر سخت مخالفت ڏسڻي پَين، پر انهن مخالفتن جي ذريعي اهو ٿيو ته پاڻ سڳورن جو ذڪر چؤڏس ٿيڻ لڳو.
    اهوئي هن دنيا جي لاءِ الله جو قانون آهي. هتي شروع ۾ انسان سان عسر(ڏُک) جون حالتون پيش اينديون آهن. پوءِ جڏهن صبر سان انهن تي ڄميل رهي ٿو ته اهو عسر (ڏُک) هن جي لاءِ نئين يسر(سُک) تائين پهچڻ جي ڏاڪڻ بنجي وڃي ٿو. انسان کي گهرجي ته هو سدائين الله ڏانهن ڏسي، هو پنهنجي سگهه آهر پنهنجي جاکوڙ کي برابر جاري رکي. هو ڪنهن به حالت ۾ مايوسيءَ جو شڪار نه ٿئي.


    237-95

    237-95
    پيغمبرن جي تاريخ
    ”قسم آهي تين، انجير ۽ طور سينا ۽ امن واري شهر جو، ته بيشڪ اسان انسان کي نهايت سهڻي نموني ۾ پيدا ڪيو آهي. وري اسان ان کي هيٺين کان به هيٺينءَ حالت ڏي موٽايو آهي. پر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا، تن لاءِ اڻ کٽ اجر آهي. پوءِ اي انسان! هن کانپوءِ ڪهڙي شئي توکان جزا سزا جو انڪار ڪرائي ٿي؟ ڇا الله سڀني حاڪمن کان زبرست حاڪم نه آهي. (التين-1-8)
    تين ۽ زيتون ٻن جبلن جا نالا آهن، جن جي ويجهو بيت المقدس آهي، يعني حضرت عيسيٰ عليھ السلام جو مقامِ عمل، طور ’سينين‘ جو مطلب اهو جبل آهي، جتي حضرت موسيٰ تي ربّ تعاليٰ سڌو سنئون وحي نازل فرمائي ”بلد امين“ مان مراد مڪو آهي، جتي پيغمبر اسلام جو جنم ٿيو. اهي ٽيئي هنڌ پيغمبرن جي تاريخ کي ياد ڏيارين ٿا.
    الله تعاليٰ انسان کي بهترين گُڻن سان پيدا ڪيو آهي، اهي گُڻ ان لاءِ آهن ته انسان پيغمبرن جي ذريعي ظاهر ڪيل حق کي سُڃاڻي ۽ پنهنجي زندگيءَ کي اُن موجب ٺاهي. جيڪي ماڻهو ايئن ڪندا، اهي بلنديءَ جو مٿانهون مقام ماڻيندا، ان جي اُبتڙ جيڪي ماڻهو پنهنجي خراب صلاحيت کي خدا جي مرضي جي تابع نه ڪندا، تن کان موجوده نعمتون به کسيون وينديون ۽ ڪامل محروميءَ کانسواءِ ٻيو ڪوبه هنڌ نه هوندو، جت کيس جاءِ ملي سگهي. پيغمبرن جي ظهور ۽ پيغمبرن جي ذريعي ظاهر ٿيندڙ نتيجا ان جي سچائي جي شاهدي ڏين ٿا.


    238-95

    238-95
    پڙهڻ ۽ قلم
    ”پڙهه پنهنجي ربّ جي نالي سان، جنهن پيدا ڪيو آهي، انسان کي رت جي دڳ مان بنايو اٿس، پڙهه تنهنجو پاليندڙ وڏو سخي آهي، جنهن قلم سيکاريو آهي، انسان کي اهو ڪجهه سيکاريائين، جنهن کي هو نه ڄاڻندو هو“. (العلق-1-5)
    انسان کي ربّ تعاليٰ معمولي مادي جُزن مان جوڙيو. پوءِ کيس اها نادر صلاحيت ڏني ته هو پڙهي ۽ لفظن جي ذريعي معنيٰ سمجهي سگهي. پوءِ انسان کي اها وڌيڪ صلاحيت ڏني ويئي ته هو قلم کي استعمال ڪري ۽ ائين هو علم کي سهيڙي ۽ محفوظ ڪري سگهي. قرآن جي صلاحيت جيڪڏهن ماڻهوءَ کي خود پڙهڻ جي قابل بنائي ٿي ته قلم ان کي ان قابل بڻائي ٿو ته هو پنهنجو علم وڏي پئماني تي ٻين تائين پهچائي سگهي.
    پڙهڻ ۽ قلم جي اها صلاحيت انسان کي خصوصي طور تي ان ڪري ڏني ويئي آهي ته جيئن ان جي وچ ۾ علم ۽ تحقيق جون سرگرميون جاري رهن. هو حقيقت کي ڳولهي لهي پوءِ ان کي سڄي انسانيت تائين پهچائي.


    239-97

    239-97
    قدر جي رات
    ”بيشڪ اسان هن (قرآن) کي قدر جي رات ۾ لاٿو آهي ۽ (اي پيغمبر) توکي ڪهڙي خبر ته قدر جي رات ڇا آهي، قدر جي رات هزار مهينن کان گهڻو چڱي آهي. سڀئي ملائڪ ۽ روح سندن پاليندڙ جي حڪم سان اُن رات ۾ سڀ حڪم کڻي لهن ٿا. اها رات پرهه ڦُٽيءَ تائين سراسر سلامتيءَ واري آهي. (القدر-1-5)
    سال جي هڪ خاص رات (ٿي سگهي ٿو ته رمضان جي آخري ڏهي جي ڪا رات) ربّ تعاليٰ وٽ سالياني فيصلي جي رات آهي. دنيا جي انتظام بابت جيڪي ڪم اُن سال جي لاءِ مقدر آهن، تن جي لاڳو ڪرڻ جي تعين جي لاءِ ان رات ملائڪ لهن ٿا. ان قسم جي هڪ خاص رات ۾ قرآن شريف لهڻ شروع ٿيو.
    بظاهر ته ايئن ٿو لڳي ته ان رات زمين تي ملائڪن جي گهڻائي هوندي آهي، جنهن سان زمين تي خاص قسم جو روحاني ماحول جُڙي ٿو. هاڻ جن ماڻهن جي اندر روحانيت سُجاڳ ٿيل آهي، اهي ان کان متاثر ٿين ٿا ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن اندر هڪ غير معمولي روحاني تاثير پيدا ٿئي ٿو. جيڪو سندن ديني عمل جي قدر ۽ قيمت عام حالتن کان وڌائي ٿي ڇڏي.
    قدر جي رات فيض پائڻ جو معاملو ڏينهن ۽ تاريخ جي نسبت سان ڪونهي، پر ان جو مدار ذاتي ڪوشش تي آهي، ڪوشش کانسواءِ ڪوبه شخص قدر جي رات جي رحمتن کي حاصل ڪري نٿو سگهي. بلڪل ائين، جيئن سج جي اُڀرڻ کانپوءِ ان جي سُهائيءَ مان رڳو اکين وارائي فائدو حاصل ڪن ٿا. اکين کان وانجها ماڻهو سج جي اُڀرڻ کانپوءِ به ان جي فائدي کان محروم رهن ٿا.


    240-98

    240-98
    خالص دين
    ”۽ جن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي، سي وٽن ظاهر دليل جي پهچڻ کانپوءِ ئي جدا جدا ٿي ويا. جيتوڻيڪ کين اهو حڪم ڏنو ويو هو ته هو الله جي عبادت ڪن، اُن لاءِ دين کي خالص ڪري ۽ نماز پڙهن ۽ زڪواة ڏين. اها ئي سنئين وات آهي“. (البينه-4-5)
    خدا جو خالص دين اهو آهي ته ماڻهو هڪ الله جي بندگي ڪري. هو دل سان ان جو چاهيندڙ بنجي وڃي، هو نماز پڙهي ۽ زڪواة ڏي. اهو ئي خدا طرف ايندڙ اصل دين آهي، سڀني کان سُٺا ماڻهو اهي آهن، جيڪي ان خالص دين کي اختيار ڪن ۽ سڀني کان خراب ماڻهو اهي آهن، جيڪي ان خالص دين کي اختيار نه ڪن يا ان کانسواءِ ڪو ٻيو دين جوڙين ۽ ان هٿرادو دين کي خالص دين جو نالو ڏين.


    241-99

    241-99
    قيامت جو زلزلو
    ”جڏهن زمين کي چڱي طرح سان دوڏيو ويندو ۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ڪڍندي ۽ انسان چوندو ته ان کي ڇا ٿيو آهي، ان ڏينهن اها پنهنجون سڀ خبرون ٻڌائيندي، ڇو ته تنهنجي ربّ جو کيس اهو ئي حڪم هوندو. ان ڏينهن ماڻهو (حساب جي جاءِ تان) جدا حالتن ۾ ٿي موٽندا ته انهن کي سندن عمل ڏيکارجن. پوءِ جيڪو شخص تِر جيتري به ڀلائي ڪندو ته ان کي ڏسندو، جو شخص ذري جيتري به بُڇڙائي ڪندو ته ان کي ڏسندو“. (الزلزال-1-8)
    قيامت جو زلزلو امتحان جو عرصو پورو ٿيڻ جو اعلان هوندو. جنهن جو مطلب اهو هوندو ته هاڻ ماڻهن کان اها آزادي کسجي ويئي آهي، جيڪا امتحان جي مصلحت جي ڪري کيس حاصل هئي. هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي ته ماڻهن کي سندن عملن جو بدلو ڏنو وڃي. اڄ خدا جي دنيا بظاهر خاموش آهي، پر جڏهن حالتون بدلبيون ته هتي هر شئي ڳالهائڻ لڳندي. اڄ جي دور جي ايجادن اهو ثابت ڪيو آهي ته بي جان شيون به ڳالهائڻ جي صلاحيت رکن ٿيون. اسٽوڊيو ۾ ڪيل عمل کي فلم ۽ رڪارڊ مڪمل طور تي ورجائي ٿا ڇڏين. ساڳئي طرح هيءَ دنيا ڄڻ هڪ وڏو خدائي اسٽوڊيو آهي. جنهن جي اندر انسان جيڪو ڪجهه ڪري ٿو يا ڳالهائي ٿو، اهو هر گهڙي محفوظ ٿي رهيو آهي، ۽ جڏهن وقت ايندو ته هر ڪنهن جي ڪهاڻي کي اهو ائين ورجائي ڇڏيندو، جو سندس ڪا به ڳالهه بچيل نه هوندي، پوءِ اها ننڍي هجي يا وڏي.


    242-100

    242-100
    ناشڪري نه
    ”قسم آهي هانڀارو هڻي ڊوڙندڙ گهوڙن جو، پوءِ چڻنگ ڪڍندڙن جو، پوءِ صبح جي وقت حملو ڪندڙن جو، پوءِ ان ئي مهل اٿاريندڙن جو، پوءِ ان گهڙيءَ دشمن جي ٽولي جي وچ ۾ اچي پوندڙن جو، ته بيشڪ انسان پنهنجي پاليندڙ جو وڏو بي شڪر آهي، ۽ بيشڪ هو پاڻ انهيءَ حالت تي شاهد (به) آهي، ۽ بيشڪ هو مال جي محبت ۾ سخت آهي، ڇا پوءِ ان وقت کي نٿو ڄاڻي جڏهن انهن کي ’اٿاربو‘، جيڪي قبرن ۾ آهن ۽ جيڪي سينن ۾ آهي، سو ظاهر ڪبو، بيشڪ اُن ڏينهن سندن ربّ سندن حال کان چڱي طرح واقف هوندو“. (العديت-1-11)
    گهوڙو هڪ نهايت وفادار جانور آهي، هو پنهنجي مالڪ جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي آخري حد تائين قربان ڪري ٿو ڇڏي، ايستائين جو جنگ جي ميدان ۾ به هو پنهنجي مالڪ جو ساٿ نٿو ڇڏي، اهو ڄڻ هڪ علامتي مثال آهي، جيڪو انسان کي ٻڌائي ٿو ته کيس ڪهڙو بنجڻ گهرجي. انسان کي به پنهنجي ربّ جو ايئن ئي وفادار بنجڻ گهرجي، جيئن گهوڙو انسان جو وفادار آهي، پر عملي طور تي ائين ڪونهي.
    هن دنيا ۾ جانور پنهنجي مالڪ جو ٿورائتو آهي، پر انسان پنهنجي ربّ جو شڪر گذار ڪونهي. هتي جانور ته پنهنجي مالڪ کي سُڃاڻي ٿو، پر انسان پنهنجي ربّ کي نٿو سُڃاڻي، هتي جانور ته پنهنجي مالڪ جي اطاعت لاءِ سرگرم آهي، پر انسان پنهنجي ربّ جي اطاعت ۾ سرگرم ڪونهي.
    انسان ان ئي جانور جو قدر ڪندو آهي، جيڪو سندس وفادار هجي، پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هو ان راز کي نه ڄاڻي ته خدا وٽ اهو ئي انسان اهميت ماڻيندو، جيڪو خدا جي نظر ۾ سندس وفادار هوندو. پر مال جو جُوف ۽ محبت کيس انڌو ڪري ٿي ڇڏي. هو هڪ اهڙي حقيقت کي ڄاڻڻ کان محروم ٿو رهي، جنهن جو هو پاڻ پنهنجي قريبي حالتن ۾ تجربو ڪري چڪو آهي.


    243-105

    243-105
    عمل جو وزن
    ”کڙڪائيندڙ، اها کڙڪائيندڙ ڇا آهي؟ ۽ توکي ڪهڙِي خبر ته اها کڙڪائيندڙ ڇا آهي، جنهن ڏينهن ماڻهو پکڙيل پتنگن وانگر ٿيندا ۽ جبل رنگا رنگي پڃيل اُن جهڙا ٿيندا، پوءِ جنهن جا عمل چڱا ٿيندا سو پسند ڪيل آرام ۾ هوندو، ۽ جنهن جا عمل هلڪا ٿيندا، تنهن جي رهڻ جي جاءِ ’هاويه‘ هوندي ۽ (اي پيغمبرصه) توکي ڪهڙِي خبر ته ’هاويه‘ ڇا آهي اها وڏي ڀڙڪندڙ باهه آهي“. (القارعھ-1-11)
    قيامت جو زلزلو هر شئي کي ڀڃي ڀور ڪري ڇڏيندو، ماڻهن جو سڀ ڪجهه هيٺ مٿي ٿي ويندو. ان کانپوءِ هڪ نئون جهان جنم وٺندو، جتي سمورو وزن فقط حق هوندو، باقي سڀ شيون پنهنجو وزن وڃائي ويهنديون. هن جهان ۾ انسان جي پسند جو رواج آهي، هتي انسانن جي نسبت سان شين جو وزن قائم ٿئي ٿو. آخرت جي دنيا خدا جي دنيا آهي، اتي هر شئي خدا جي پسند موجب پنهنجو وزن ڪندي ۽ ٻي شئي بي وزن بنجي ويندي.
    دنيا ۾ عملن جو وزن ظاهري لحاظ کان ٿئي ٿو، آخرت ۾ عملن جو وزن اُن جي اندروني حقيقت جي لحاظ کان ٿئي ٿو. جنهن ماڻهوءَ جي عمل ۾ جيترو اخلاص هوندو، اهو اوترو ئي وزن ڪندو. جيڪو عمل اخلاص کان خالي هوندو، اهو آخرت ۾ بي وزن ٿي ويندو، پوءِ هن دنيا ۾ ڏسندڙن کي اهو ڀلي ڪيترو به وزني ڇو نه نظر اچي.


    244-102

    244-102
    دنيا جي ڊوڙ
    ”اوهانکي گهڻائيءَ جي جوف غافل ڪيو، ايتري تائين جو وڃي قبرن کي ڏٺوَ (يعني مري ويا). ائين نه آهي (جيئن خيال ڪريو ٿا) اوهين جلدي ڄاڻي وٺندؤ، وري (چئون ٿا ته) ايئن نه آهي، اوهين ڄاڻي وٺندؤ، ائين نه آهي جيڪڏهن يقيني طور تي ڄاڻو ها. قسم آهي ته دوزخ کي ضرور ڏسندؤ، وري اُن کي يقيني طرح ڏسندؤ. وري ان ڏينهن اوهان کان نعمتن بابت پُڇا ئي ويندي“. (التڪاثر-1-8)
    ماڻهو چاهي ٿو ته هو وڌ ۾ وڌ مال ڪمائي، هو وڌ ۾ وڌ سامان ۽ ملڪيت پاڻ وٽ گڏ ڪري. هو ان ڌن ۾ لڳل هوندو آهي، ايستائين جو موت اچيو سَهڙي، ان مهل کيس پتو پوي ٿو ته گڏ ڪرڻ جي شئي ته ڪا ٻي هئي ۽ هو وري ڪهڙِي شئي کي گڏ ڪرڻ ۾ پورو هو. دنياوي شين جو واڌارو رڳو ماڻهوءَ جي مسئلن کي وڌائي ٿو ۽ ماڻهو پنهنجي اڻ ڄاڻائي ۽ نادانيءَ سبب اهو سمجهي ٿو ته هو پنهنجي ڪاميابي ۾ واڌارو پيو ڪري، بيشڪ ان کان وڏي سندس ٻي ڪا ڀُل نه آهي.


    245-103

    245-103
    زمانو شاهد آهي
    ”بيشڪ انسان وڏي ٽوٽي ۾ آهي، سواءِ انهن جي، جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ۽ هڪٻئي کي حق جي نصيحت ڪئي ۽ صبر جي نصيحت ڪئي“. (العصر-1-2)
    ماڻهو هر گهڙيءَ موت جي ويجهو ٿيندو پيو وڃي. ان جو مطلب هي آهي ته ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي عمر جي مهلت کي استعمال نه ڪري ته نيٺ سندس حصي ۾ اها شئي ايندي، جيڪا فقط تباهي هوندي. ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ ماڻهوءَ کي پاڻ عمل ڪرڻو آهي. جڏهن ته ناڪاميءَ جي لاءِ ڪنهن عمل جي گُهرج ڪونهي، اها ته پاڻمرادو اوهان ڏانهن ڀڄندي پئي اچي.
    هڪ بزرگ چيو ته ’سورة العصر‘ جي تشريح مون هڪ برف وڪرو ڪندڙ کان سمجهي، جيڪو بازار ۾ هوڪو ڏيئي رهيو هو ته ماڻهؤ! ان شخص تي رحم ڪريو، جنهن جي موڙي وگهري رهي آهي. ’ماڻهو ان شخص تي رحم ڪريو، جنهن جو اثاثو ڳري رهيو آهي‘. ان هوڪي کي ٻڌي منهنجي دل چيو ته جيئن برف ڳري رهي آهي، تيئن انسان کي مليل حياتي به تيزيءَ سان گذري رهي آهي. عمر جو موقعو جيڪڏهن بي عمل يا اجاين ڪمن ۾ وڃائي ڇڏجي ته اهو انسان جو وڏو نقصان آهي. (تفسيرڪبير امام رازي)
    پنهنجي وقت کي صحيح استعمال ڪرڻ وارو اهو آهي، جيڪو هن جهان ۾ ٽن ڳالهين جو ثبوت ڏي، هڪ ايمان، يعني حقيقت جو شعور ۽ ان جو اعتراف، ٻيو عمل صالح يعني: اهو ڪرڻ جيڪو ڪرڻ گهرجي ۽ اهو نه ڪرڻ، جيڪو نه ڪرڻ گهرجي. ٽيو: حق ۽ صبر جي تلقين، يعني حقيقت جي ايتري گهري سمجهه، جو ماڻهو ان جو داعي ۽ پرچارڪ بڻجي وڃي.


    246-104

    246-104
    تباهيءَ جو رستو
    ”وڏي تباهي هُجي، سڀڪنهن گلاخور ٽوڪ هڻندڙ لاءِ، جنهن مال کي ميڙي ۽ ان کي ڳڻي رکيو آهي. خيال ڪري ٿو ته سندس مال سدائين وٽس رهندو. ائين نه ٿيندو، ضرور ان کي پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري باهه ۾ اڇلايو ويندو ۽ توکي ڪهڙي خبر ته پرزا پرزا ڪري ڇڏڻ واري ڇا آهي، اها الله جي ٻاريل باهه آهي، جا دلين کي وٺي وڃي ٿي ۽ بيشڪ اها مٿن دَميل هوندي، ڊگهن ٿنڀن ۾“. (الھمزه-1-8)
    ڪنهن سان اختلاف آهي ته ماڻهو ان کي دليل سان رد ڪري سگهي ٿو، پر اهو صحيح ڪونهي ته ماڻهو مٿس تهمت هڻي، کيس الزام تراشيءَ جو نشانو بڻائي، پهرين ڳالهه جائز آهي ۽ ٻي ڳالهه سراسر ناجائز آهي، جيڪي ماڻهو ائين ڪن ٿا، سي اُن ڪري ڪن ٿا ته هو ڏسن ٿا ته سندن دنياوي حيثيت سگهاري آهي. هو سمجهن ٿا ته ٻي شخص تي بي بنياد الزام هڻڻ سان هنن جو ڪجهه به نه بگڙجندو. پر اها رڳو ناداني آهي، حقيقت هيءَ آهي ته ائين ڪرڻ باهه جي کڏ ۾ ٽپ ڏيڻ جي برابر آهي، باهه جي هڪ اهڙي کڏ جنهن مان نڪرڻ جي ڪابه واهه نه هوندي.


    247-105

    247-105
    هاٿي وارو
    ”ڇا تو نه ڏٺو ته تنهنجي پاليندڙ هاٿين وارن سان ڇا ڪيو؟ ڇا سندن شرارتن کي بيڪار نه ڪيائين ۽ مٿن ولرن جا ولر پکين جا موڪليائين. جن انهن کي ڪڪريءَ جون پٿريون هنيون ٿي، پوءِ انهن کي اولڙ گاهه جهڙو ڪري ڇڏيائين“. (الفيل-1-5)
    ابرهه ڇهين صدي عيسوي ۾ ڏکڻ عرب جو هڪ مسيحي حبشي حڪمران هو، هنن مذهبي جنون ۾ اچي 570ع ۾ مڪي تي حملو ڪيو ته جيئن ڪعبي کي ڊاهي ڇڏي. هن سان گڏ سٺ هزار ماڻُهن جو لشڪر هو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه ڊزن هاٿي به شامل هئا. ان ڪري اهي ”اصحاب فيل“ (هاٿين وارا) سڏجڻ لڳا. جڏهن اهو لشڪر مڪي جي ويجهو پهتو ته هاٿين اڳيان وڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان سان گڏ ابابيل پکين جا ولر آيا، جن جي چُهنبن ۽ پنجن ۾ پٿريون هيون. هنن اهي پٿريون ابرهه جي لشڪر تي ڦٽيون ڪيون ته سڄو لشڪر عجيب ۽ غريب بيمارين جو شڪار ٿي ويو ۽ گهٻرائجي وٺي واپس ڀڳو، ابرهه سميت ڪيترائي همراهه رستي ۾ ئي چَٽ ٿي ويا. اهو واقعو عين ان سال پيش آيو، جنهن سال رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم جي پئدائش ٿي. اهو الله تعاليٰ طرفان هڪ مظاهرو هو ته پيغمبر اسلام کي خصوصي غلبي جي نسبت ڏني ويئي آهي. اوهان سان يا اوهان جي دين سان جيڪو به ٽڪرائبو اهو لازمي طور تي مغلوب ٿيندو.


    248-106

    248-106
    قريش جو مثال
    ”قريشين کي وڏي چاهه ڏيڻ جي ڪري سياري ۽ اونهاري جي مسافري سان انهن کي چاهه ڏيڻ جي ڪري ئي اهي هن گهر جي مالڪ جي عبادت ڪن ٿا، جنهن کين بُک کان کاڌو ڏنو ۽ ڊپ کان بچايو“. (قريش-1-4)
    قريش هڪ واپاري قوم هئا. گرمين جي مُند ۾سندن واپاري قافلا شام ۽ فلسطين ڏانهن ويندا هئا ۽ سياري جي مند ۾ اهي ڊگها واپاري سفر ڪندا هئا. انهن ئي واپارن تي سندن معاشيات جو سڄو مدار هو. پراچين دور ۾ جڏهن واپاري قافلن کي ڦُرڻ ۽ لُٽڻ عام هو، قريشين جا قافلا رستي ۾ نه ڦُريا ويندا هئا، ان جو سبب اهو هو ته انهن جو واسطو ڪعبي سان هو. قريش ڪعبي جا خادم ۽ متولي هئا ۽ جيئن ته ماڻهن جي ذهنن ۾ ڪعبي جو گهڻُو احترام هو، تنهنڪري هو ڪعبي جي خادمن ۽ متولين جو به احترام ڪندا هئا ۽ ان آڌار تي هو انهن جي ڦُر لُٽ نه ڪندا هئا.
    هتي دعوت جي حڪمت تحت قريشن کي اها ڳالهه ياد ڏياري کين اسلام طرف گهرايو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته اها وڏي ناشڪري هوندي ته اوهين ’بيت الله‘ جا دنياوي فائدا ته حاصل ڪريو ٿا، پر ان سان لاڳاپيل هئڻ جون جيڪي ديني ذميواريون آهن، انهن کي پورو نه ڪريو، جيڪو خدا انسان کي مادي فائدو پهچائي ٿو، انهن کي ان ئي خدا جي بندگي ڪرڻ گهرجي.


    249-107

    249-107
    آخرت کان بي ڊپائي
    ”ڇا تو ان کي ڏٺو جو عملن جي بدلي ملڻ کي ڪوڙو ڪري ٿو؟ پوءِ هيءَ اهو ئي آهي، جيڪو يتيم کي لوڌي ٿو ۽ مسڪين کي کاڌو کارائڻ جي رغبت (به) نه ٿو ڏي. پوءِ ويل آهي انهن نمازين لاءِ جيڪي پنهنجي نمازن کان غافل آهن، جيڪي ڏيکاءُ ڪن ٿا ۽ اڻ روڪڻ جهڙي شئي ٻين کي ڏيڻ کان روڪين ٿا“. (الماعون-1-7)
    آخرت جي پڪڙ جو يقين انسان کي نيڪ عمل بڻائي ٿو. جنهن انسان جي اندر آخرت جي پڪڙ جو يقين نه رهي، اهو نيڪيءَ جي هر ڳالهه کان خالي رهندو. هو الله جي عبادت گذاريءَ کان عافل ٿي ويندو. هو ڪمزور ماڻهوءَ کي ڌِڪو ڏيندي به نه مُڙندو. هو غريب ماڻهن جي حقن ادا ڪرڻ جي گهرج به نه سمجهندو. ايتريقدر جو هو ماڻهن کي ڪا اهڙِي شئي به نه ڏيندو، جيڪا ڏيڻ ۾ سندس ڪو به گهاٽو ڪونهي. پوءِ ڀلي اها ماچيس جو هڪ کوکو هجي يا ڪنهن جي خير خواهي ۾ ٻوليل ٻه ٻول.


    250-108

    250-108
    وڏي ڪاميابي
    ”بيشڪ اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو. پوءِ تون پنهنجي پالڻهار جي لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر، بيشڪ تنهنجو دشمن بي اولاد رهندو“. (الڪوثر-1-3)
    رسول الله صلي الله عليھ وآلھ وسلم حق جي دعوت کڻي آيو هو، ان قسم جو ڪم دنيا ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. تنهنڪري ان راهه ۾ پاڻ سڳورن کي هر شئي وڃائڻي پئي، پاڻ سڳورا پنهنجي قوم کان به ڪٽجي ويا. معاشي زندگي برباد ٿي وَين، پاڻ سڳورن جي اولاد جو آئيندو اونداهو ٿي ويو. ڪن ٿورن ماڻهن کانسواءِ باقي ٻين پاڻ سڳورن جو ساٿ نه ڏنو. پر انهن ڏکين حالتن ۾ الله تعاليٰ طرفان اها خبر لٿي ته اسان توکي ڪوثر (گهڻي ڀلائي) ڏنو آهي، يعني هر قسم جي اُتم ڪاميابي. قرآن جي اها اڳ ڪٿي ايندڙ سالن ۾ مڪمل طور تي پوري ٿي.
    اهو ئي وعدو ڏاڪي به ڏاڪي پيغمبر اسلام جي اُمتين سان به آهي، انهن جي لاءِ ’خير ڪثير‘ آهي. پر شرط اهو آهي ته هو ان خالص دين کي کڻي اُٿن جيڪو پيغمبر اسلام ۽ سندس اصحابي کڻي اُٿيا هئا. ان خير ڪثير جو واسطو دنيا کان وٺي آخرت تائين آهي، اهو ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارو نه آهي، هڪ صالح مشن جيڪڏهن شروعاتي مرحلي ۾ خراب حالت ۾ هجي ته اهو گمان ڪرڻ نه گهرجي ته اهو سدائين ان ئي حالت ۾ رهندو. صالح مشن کي سدائين الله جي تائيد ملي ٿي ۽ نيٺ اهو ڪاميابي ماڻي ٿو، پوءِ ڀلي شروعاتي دور ۾ اهو ظاهري طور تي ناڪام نظر ايندو هجي.


    251-109

    251-109
    دعوت جي تڪميل
    ”چئو ته اي منڪرو! آءٌ ان جي عبادت نٿو ڪريان، جنهن جي اوهين عبادت ڪريو ٿا ۽ نڪي اوهين ان جي عبادت ڪريو ٿا، جنهن جي آءٌ عبادت ڪريان ٿو، ۽ نه آءٌ ان جي عبادت ڪندس، جنهن جي اوهان عبادت ڪئي ۽ نه اوهين اُن جي عبادت ڪندؤ جنهن جي آءٌ عبادت ڪريان ٿو، اوهان لاءِ اوهانجو دين ۽ مون لاءِ منهنجو دين آهي“. (الڪافرون-1-6)
    هيءَ سورت مڪي جي آخري ڏينهن ۾ لٿي، پاڻ سڳورا شروع وارن ڏينهن ۾ هڪ عرصي تائين، ”اي منهنجي قوم!“ جي لفظ سان سڏيندا رهيا. نيٺ سڀني حجتن کانپوءِ کين ”ايا الڪافرون (اي انڪار ڪرڻ وارؤ!)“ جي لفظ سان خطاب ڪيو ويو. ان مرحلي تي اهو جملو دراصل ڪلمه برائت آهي، نه ڪي دعوت جو ڪلمون. اها دعوت جي اسلوب کي نٿي ٻڌائي. ان آخري اعلان کي ٿي ٻڌائي، پر رڳو جيڪو داعي دعوت کي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ ڪندو آهي.
    ”منهنجي لاءِ منهنجو دين ۽ تنهنجي لاءِ تنهنجو دين“. اها ٻين جي دين جي تصديق نه آهي. پر اهو صرف پنهنجي حق تي اڏول رهڻ جو آخري اظهار آهي ۽ ٻي طرف اهو مخاطب جي ان حالت جو اعلان آهي ته اوهين هاڻ ضد جون آخري حدون اُڪري ويا آهيو، جتان ڪوبه شخص واپس ناهي وريو.


    252-110

    252-110
    خدا جي فتح
    ”جڏهن الله جي مدد اچي ۽ فتح ٿئي ۽ ماڻهن کي ٽوليون ٿي الله جي دين ۾ گهڙندو ڏسين، تڏهن تون پنهنجي پاليندڙ جي ساراهه سان گڏ پاڪائي بيان ڪندو رهج ۽ ان کان معافي گهرندو رهج، بيشڪ اهوئي توبه قبوليندڙ آهي“. (النصر 1-3)
    الله جي مدد اها آهي، جنهن جو نالو فتح آهي. اها سدائين دعوت جي راهه سان ايندي آهي. ماڻهو ٽولين جون ٽوليون ٿي خدا جي دين ۾ داخل ٿين، اهائي الله جي وڏي مدد آهي. ان ئي راهه تي هلي اهل دين فتح ۽ غلبي تائين پهچن ٿا. رسول الله ﷺ جي آخري زماني (9-10هه) ۾ اهي حالتون پيدا ٿيون، جڏهن ماڻهو وڏي تعداد ۾ دين ۾ داخل ٿيا ۽ ان جي ذريعي فتحن جو دروازو کلي ويو.
    مومن جي فتح اُن جي نوڙت جي احساس ۾ واڌارو ٿي ڪري. هو بظاهر صحيح ڪم تي به خدا کان معافي ٿو گهري. هو بظاهر پنهنجي ڪوششن سان ملندڙ ڪاميابيءَ کي به خدا جي خاني ۾ وجهي ٿو ڇڏي.


    253-111

    253-111
    هڪ ڪردار
    ”ابو لهب جا ٻئي هٿ چَٽ ٿيا ۽ برباد ٿيو. ان کان سندس مال ۽ جيڪي ڪمايو اٿس ڪجهه به نه ٽاريو. سگهوئي هو ڄُڀيءَ واري باهه ۾ گهڙندو ۽ سندس زال به ڪاٺين کڻڻ واري آهي ۽ ان جي ڳچيءَ ۾ ڪاٻاڙ جو رسو هوندو. (لهب 1-5)
    هڪ لحاظ کان ’ابو لهب‘ هڪ شخص جو نالو آهي ۽ ٻي لحاظ کان اهو هڪ مخصوص ڪردار آهي. ابو لهب حق جي دعوت جي مخالفت ڪندڙ ان انسان جي هڪ تاريخي علامت آهي، جيڪي ڪِريل حد تائين ان جي دشمنيءَ تي لهي اچي، جهڙي نموني ان خاص ڪردار جنهن سان پاڻ سڳورن کي منهن ڏيڻو پيو. تيئن پاڻ سڳورن جي اُمت جي ٻين پرچارڪن کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پر داعي جيڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ الله جي لاءِ اُٿيو آهي ته الله ان جو ساٿ ڏيندو. ابو لهب جهڙن ماڻهن جي دشمني بي اثر بنجي ويندي. پنهنجن سڀني ذريعن ۽ وسيلن جي باوجود به هو تباهه ۽ برباد ٿي ويندو. پنهنجي ساڙ ۾ هو پاڻ پيو سڙندو ٻَرندو. هو خدا جي داعي کي جنهن خراب انجام تائين پهچائڻ چاهي ٿو، پاڻ ئي سدائين جي لاءِ ان ۾ پهچايو ويندو.


    254-112

    254-112
    اخلاص
    ”چئو ته الله هڪ آهي، الله بي پرواهه آهي، نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس، نه هن کي ڪنهن ڄڻيو آهي ۽ نه ان جو ڪو مَٽ آهي“. (الاخلاص 1-4)
    هيءَ سورت توحيد جي سورت آهي. ان ۾ خدا جي تصور کي ان سڀني گڏپن کان ڌار ڪري پيش ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هر زماني جو انسان مبتلا رهيو آهي. خدا گهڻا نه، پر خدا فقط هڪ آهي. سڀ ان جا محتاج آهن. هو ڪنهن جو به محتاج نه آهي. هو هر شئي تي وَس وارو آهي. هو ان کان مٿاهون آهي ته هو ڪنهن جو اولاد هجي يا سندس ڪو اولاد هجي. هو پنهنجي ذات ۾ يڪتا آهي، جنهن جو ڪنهن به لحاظ کان مَٽ يا ثاني نه آهي.


    255-113

    255-113
    الله جي پناهه گهرڻ
    ”چئو ته صبح جي مالڪ جي پناهه گهران ٿو. انهن جي بُڇڙائيءَ کان جن کي پيدا ڪيو اٿس ۽ اونداهي رات جي بڇڙائيءَ کان، جڏهن ڇانئجي وڃي ٿي ۽ ڳنڍين ۾ پڙهي ڦوڪيندڙن جي بُڇڙائيءَ کان ۽ حسد ڪندڙ جي بڇڙائيءَ کان، جڏهن حسد ڪري ٿو. (الفلق 1-5)
    الله اها ذات آهي، جيڪا رات جي اونداهيءَ کي چيري ان جي اندر مان صبح جي روشني ڪڍي ٿو. اهوئي خدا ايئن ڪري سگهي ٿو ته هو آفتن جي ڪارن ڪڪرن کي انسان تان هٽائي ۽ ان کي عافيت جي اُجالي ۾ وٺي اچي.
    هيءَ جهان امتحان جي مصلحت جي آڌار تي جوڙيو ويو آهي. تنهنڪري هتي خير سان گڏ شر به آهي. ان شر کان بچڻ جي لاءِ تدبير رڳو اها آهي ته ماڻهو ان جي مقابلي ۾ الله جي پناهه حاصل ڪري. ان شَر جا ڪيترائي قسم آهن. جهڙوڪ: اهو شر جيڪو باطن ماڻهو رات جي وڳڙي ۾ ڪن ٿا. جادو ڪندڙ اڪثر ڳنڍين تي ڦوڪون هڻي جادوءَ جو عمل ڪن ٿا. ايئن اهي ماڻهو جيڪي ڪنهن کي سُٺي حال ۾ ڏسي ساڙ ۾ سڙڻ لڳن ٿا ۽ انهن کي پنهنجي حسد وارين ڪارواين جو نشانو بڻائين ٿا. مومن کي اهڙن سڀني ماڻهن کان الله جي پناهه گهرڻ گهرجي ۽ بيشڪ الله ئي اها سگهه رکي ٿو ته اهو شر جي سڀني قسمن کان انسان کي پناهه ڏيئي سگهي.


    256-114

    256-114
    شيطان جو فتنو
    ”چئو ته آءٌ پناهه ٿو گهران ماڻهن جي پاليندڙ، ماڻهن جي بادشاهه، ماڻهن جي معبود جي، وسوسي وجهندڙ جي بڇڙائيءَ کان جو گهڻو پٺتي هٽندڙ آهي. جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو. جنن مان هجي يا ماڻهن هجي“. (الناس 1-6)
    انسان هڪ عاجز مخلوق آهي. جنهن کي لازمي طور تي پناهه جي گهرج آهي. اها پناهه کيس خدا کان سواءِ ٻيو ڪير به ڏيئي نٿو سگهي. خدا ئي سڀني انسانن جو رب آهي. اهوئي ماڻهن جو حاڪم آهي. اهوئي ماڻهن جو معبود آهي. پوءِ ان کان سواءِ ٻيو ڪير آهي، جيڪو شر ۽ فتني جي مقابلي ۾ ماڻهن جو سهارو بڻجي.
    سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ فتنو، جنهن کان انسان کي خدا جي پناهه گهرڻ کپي، اهو شيطان آهي. اهو سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ان ڪري آهي ته هو سدائين پنهنجي حقيقت کي لڪائي ٿو ۽ فريبي اٽڪلن سان انسان کي برغلائي ٿو. ان شيطان جي فتنن کان اهوئي شخص بچي سگهي ٿو، جيڪو وڌيڪ هوش مند هجي. جنهن کي الله سمجهه ڏني هجي، جنهن جي ذريعي هو حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪري سگهي. هو سمجهي سگهي ته ڪهڙي ڳالهه حقيقي آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه حقيقي ڪونهي. اهي وسوسا پيدا ڪندڙ رڳو مشهور شيطان ئي نه آهن، پر انسانن ۾ به اهڙا شيطان جهڙا ماڻهو آهن، جيڪي مصنوعي روپ ۾ سامهون اچن ٿا ۽ پُرفريب لفظن جي ذريعي ماڻهوءَ جي ذهن کي ڦيري ان کي گمراهيءَ جي واٽ تي وجهن ٿا.
    فتنن کان خدا جي پناهه گهرڻ ٻه طرفو عمل آهي. اهو هڪ طرف خدا جي عنايت کي پاڻ سان شامل ڪرڻ آهي ۽ ٻي طرف ان جو مقصد اهو ئي آهي ته فتنن جي مقابلي ۾ پنهنجي شعور کي سجاڳ ڪيو وڃي ته جيئن وڌيڪ هوشمنديءَ سان ان جو مقابلو ڪرڻ جي قابل ٿي سگهجي.

    [ترجمو پورو ٿيو: 3 سيپٽمبر 2015ع، حيدرآباد. سنڌ]


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343835
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141633
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ