ڪتاب جو نالو: کاٻي اک جو خواب
مصنف: منور سراج
ڇپائيندڙ: سپ پبليڪيشن، نوابشاهه
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 02 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1414 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 600 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”کاٻي اک جو خواب“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منور سراج جو لکيل ناول آهي. هي ناول مڊل ڪلاس جي اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪو زماني ۾ جيئڻ لاءِ جنگ لڙي رهيو آهي، هن جون خواهشون قدم قدم تي مشڪلاتن جو شڪار آهن، هن سان ڪيئي مسئلا آهن. ناول جي ڪهاڻي هڪ ناهي، ڪهاڻين مان ڪهاڻيون ۽ عنوانن مان عنوان نڪرن ٿا، سپنن مان سپنا ۽ مسئلن مان مسئلا نڪرن ٿا. ناول ۾ سياست جا رنگ به آهن ته ماڻهوءَ جا سونهري خواب به آهن. اهي خواب جن جي ساڀيان لاءِ جيئندي، وڙهندي، ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿو ويهي. ساڳي وقت ناول ۾ اميد به آهي، سونهري سپنن جي ساڀيان جي اميد .....
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • اداري پاران
  • ليکڪ ۽ ناول بابت ويچار
  • ليکڪ پاران : چاهڻ / نه چاهڻ جي وچ تي
  • کاٻي اک جو خواب

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11

  • ارپنا

    منظور جوکئي
    اسحاق انصاري
    رکيل مورائي
    ڊاڪٽر حيدر شاهه
    وسيم سومري
    غفار ساند
    احمد علي ڏيپر
    ثمر حسين مري
    ايم بي سومري
    غني رند
    سڄڻ سنڌي
    نديم ڪريم ڀٽي
    مشتاق ڀرڳڙي
    ۽
    ثناءُ الله خاصخيليءَ
    جي نالي
    جن جي محبتن جو مان سدائين مقروض رهيس.


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (264) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”کاٻي اک جو خواب“ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار منور سراج جو لکيل ناول آهي. هي ناول مڊل ڪلاس جي اهڙي ماڻهوءَ جي ڪهاڻي آهي جيڪو زماني ۾ جيئڻ لاءِ جنگ لڙي رهيو آهي، هن جون خواهشون قدم قدم تي مشڪلاتن جو شڪار آهن، هن سان ڪيئي مسئلا آهن. ناول جي ڪهاڻي هڪ ناهي، ڪهاڻين مان ڪهاڻيون ۽ عنوانن مان عنوان نڪرن ٿا، سپنن مان سپنا ۽ مسئلن مان مسئلا نڪرن ٿا. ناول ۾ سياست جا رنگ به آهن ته ماڻهوءَ جا سونهري خواب به آهن. اهي خواب جن جي ساڀيان لاءِ جيئندي، وڙهندي، ماڻهو زندگيءَ جي جنگ هارائي ٿو ويهي. ساڳي وقت ناول ۾ اميد به آهي، سونهري سپنن جي ساڀيان جي اميد .....

    منور سراج لاءِ وسيم سومرو لکي ٿو ”منور سراج جڏهن مرده لفظ ڇهندو آهي ته اهي زنده ٿي ويندا آهن، لفظن مان تصويرون جوڙيندو آهي ته اهي ڌڙڪڻ شروع ٿي وينديون آهن. منور سراج هن ناول ۾ خوابن جا سونهري پر ڦهلائي مسلسل اڏامي رهيو آهي.“

    هي ڪتاب سِپ پبليڪيشن نواب شاهه پاران 2012ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون فضل الرحمان ميمڻ جا جنهن ڪتاب موڪليو، مهربانيون منور سراج جون جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اداري پاران

    سپ پبليڪيشن نواب شاهه پنهنجي وت ۽ وس آهر سنڌي ادب جي ڪتابن کي ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندي پئي آئي آهي. ان تسلسل کي جاري رکندي سپ پبليڪيشن هاڻي جديد سنڌي ڪهاڻيءَ جي خوبصورت ڪهاڻيڪار منور سراج جو ناول ”کاٻي اک جوخواب“ ڇپائيندي سرهائي محسوس ڪري رهي آهي. منور سراج ان کان اڳ خوبصورت ڪهاڻين جا ٻه ڪتاب ”رنگن وکرڻ کان پوءِ “ ۽ ”خوابن جي سرحد“ سنڌي ادب جي جهول ۾ وجهي سنڌي ڪهاڻيءَ جي کيتر ۾ خوبصورت ڪهاڻين جو ڀرپور واڌارو ڪندي پنهنجو نالو هڪ پختي ڪهاڻيڪارجي حيثيت ۾ مڃائي چڪو آهي.
    ۽ هاڻ جڏهن منور سراج جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڪتين جيئن ڪر موڙيا آهن ته ان ڪهاڻيءَ جو ڦهلاءُ ناول جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جيڪو سپ پبليڪيشن ڇپائي سنڌي ادب جي چاهيندڙن آڏو آڻيندي سرهائي محسوس ڪري رهي آهي.


    ادارو


    ليکڪ ۽ ناول بابت ويچار

    ”فرد جي اڪيلائيءَ کي نروار ڪندڙ ناول ”کاٻي اک جو خواب“ لکي منور سراج انهن سڀني ساڀيائن جي منهن تي مڌيئڙو پائي ڇڏيو آهي، جيڪي شخص کي تماشو بڻائڻ لاءِ اهڙي ڀيڙ جو حصو بڻائن ٿيون، جنهن ۾ شخص ڳڻپ جي انگ کان سواءِ پنهنجون سڀ سڃاڻپون وڃائي ويهندو آهي ۽ ٻيو شخص اهو آهي جيڪو ڪائنات جو تماشو ڏسڻ لاءِ پنهنجون اکيون بچائي رکندو آهي. اهو تماشو جيڪو کِڻ جو خواب آهي ۽ ان کان پوءِ هڪ طويل خاليپڻو جيڪو اڄ منور سراج جي سموري ميراث آهي. سواءِ ”کاٻي اک جي خواب“ جي.“
    رکيل مورائي


    ”منور سراج جڏهن مرده لفظ ڇهندو آهي ته اهي زنده ٿي ويندا آهن. لفظن مان تصويرون جوڙيندو آهي ته اهي ڌڙڪڻ شروع ٿي وينديون آهن. منور سراج مون کي ڪنهن قديم تهذيب جو اڏامندڙ اداس روح لڳندو آهي، جنهن کي انهن اکين ۾ وسرام ڪرڻ جي پراچين خواهش آهي، جيڪي اکيون لڙڪن کان آزاد هجن. منور سراج هن ناول ۾ خوابن جا سونهري پر ڦهلائي مسلسل اڏامي رهيو آهي. سندس آسپاس جيڪي به ڪردار آهن سي سڀ اوجاڳيل آهن جن کان سُک جي ننڊ ائين گم ٿي وئي آهي جيئن هوا کان سواءِ پاڻيءَ ۾ لهرون گم ٿي وينديون آهن ۽ بادبانن لاءِ هڪڙو انتظار ڇڏي وينديون آهن.“

    وسيم سومرو


    ليکڪ پاران : چاهڻ / نه چاهڻ جي وچ تي

    شايد مان ننڊ ۽ جاڳ جي وچ ۾ / ڪنڌيءَ تي ڪٿي بيٺو آهيان. ڪجهه لکڻ نه ٿو چاهيان/چاهيان ٿو. پر لکي نه ٿو سگهان. ڄڻ لکڻ جي سگهه/اتساه/چاهه وڃائي ويٺو هان لکڻ جي ڪوشش ڪيان به ٿو ته لڳي ٿو ته لکندس ته منهنجا اکر ڪنهن وڻ جي ٿڙ وانگر ٿلها ٿي پوندا. اهڙا ٿلها بڻجي/ لفظن جو جهنگل بڻجي پوندا ته پوءِ ڪاغذ تي ڪيئن ماپندا/ ٺهندا ؟
    کاٻي اک جو خواب ڏسي مان پري پري تائين خالي/اڪيلو ٿي ويو آهيان. هن خواب منهنجي اڪيلائيءَ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي. مان پنهنجي اڪيلائي ڪنهن سان/ ڪيئن Share ڪيان؟ مان ڪنهن خال ۾ تبديل ٿي ويو آهيان. خال جنهن ۾ ڪجهه به ڪونهي. چوطرف ويراني ٿي وسي رِڻ ٿو رنڀي. ڪنهن پکي پکڻ ماڻهو مرگهه جو نشان ڪونهي. رڳو سڃ آهي. بي آب وگياه برپٽ آهي. اکين ۾ واري ٿي پئي. واري نڙيءَ ۾ ٿي ڦاسي. سمهان ان ڊپ کان نه ٿو ته ڪٿي پيئڻ بلا منهنجو رت نه پي وڃي ۽ جاڳان ان ڪري نه ٿو ته ڪٿي سرڻيون منهنجون اکيون نه ڪڍي وڃن. پر هيءَobjective ويراني منهنجي اندر جي ويرانيءَ جو رڳو ننڍڙو عڪس/ اولڙو آهي. اندر جي ويرانيءَ جو ته ڪو ڇيڙو ڪونهي. مان ورهين کان گُرگ آشتيءَ جي حالت ۾ جيئندو رهيو آهيان.
    ۽ هي کاٻي اک جو خواب ڇا آهي؟
    شايد منهنجي من جي پراڻي/ غير پراڻي وياڪلتا/اڪيلائي/ خاليپڻو ۽ بس ڪجهه به نه/ ڪجهه خاص نه. ايئن مڙيئي ڪجهه لڪيرون. بي وسيءَ جي حالت/ ڪيفيت ۾ زمين تي ڪڍيل آڏا ابتا ليڪا جيڪي ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن تصوير ۾ به تبديل ٿي ويندا آهن. مختصر لفظن ۾ کاٻي اک جو خواب هڪ ناڪام/ اداس ماڻهوءَ جي ناڪام زندگيءَ جو قصو/ حصو آهي. اهڙو ناڪام ماڻهو جيڪو نه سٺو دوست/دشمن ثابت ٿي سگهيو نه سٺو پيءُ، ڀاءُ، مڙس ۽ چڱو ليکڪ ٿي سگهيو. البت هن خواب مون کي هڪ بدران ٻه زندگيون جيئڻ/گذارڻ جو ساهس ڏنو آهي/ساهس کسيو آهي. مان زندگيءَ کي وڌيڪ ويجهو/وڌيڪ پري ٿي ويو آهيان. زندگي مون کان پري ٿي وئي آهي. مان ڀري رهيو آهيان. جڙي رهيو آهيان. ڊهي رهيو آهيان. ڀرڻ/جڙڻ جو سلسلو اول کان جاري آهي/جاري رهندو. خبر ناهي ته هن خواب جي پهرين ۽ آخري جملي جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو/عرصو آهي. شايد پنج سال/ ست سال يا وڌيڪ. ۽ نه ئي مون کي اهو ياد آهي ته ان عرصي ۾ مون ڇا وڃايو ڇا پاتو؟ پر سفر جي ڀوڳنا جا ڀاو۽ حادثن جا نشان.َ لفظن جي چهري تي موجود آهن. مان هن مسافت جي آخري قدم تي خوش/ ناخوش آهيان. ڇو ته هن ناول جي جنم جا اکين ڏٺا شاهد زندهه نه رهيا آهن. اُهي جيڪي منهنجي خوشي/ اداسيءَ ۾ برابر جا شريڪ هئا. انهن کانسواءِ منهنجي خوشي ڪُٻڙي خوشي آهي. مان انهن کي گهڻو گهڻو مِس ڪرڻ لاءِ زندهه آهيان. سڀاڻي زندهه نه هوندس. انهن وانگر ئي بي انت پولار ۾ داخل ٿي چڪو هوندس. بهرحال کاٻي اک جو خواب موت ۽ مايوسيءَ جي منهن زور موسم ۾ دل جي ڪنهن ڪنڊ منجهه ڦٽل/ٽڙيل محبت ۽ زندگيءَ جو ننڍڙو گونچ/گل آهي. گل جيڪو قطعي به پلاسٽڪ جو گل نه آهي. پر مان شيشي جي گلاس وانگر ٽڙڪي ٽٽي پيو آهيان. گلاس ۾ جو ڪجهه هو ڪاغذن تي هارجي پيو آهي. مان خالي خالي ٿي ويو آهيان. منهنجي زخمي مرڪ منهنجي چپن جا ڪنارا ٻوڙي ڇڏيا آهن. مان سوڳواريءَ جي سطح تائين اداس ٿي ويو آهيان. ڄڻ منهنجي اندر ۾ پري ڪٿي ڪجهه/ڪوئي مري ويو آهي. هر ڪنهن جي اندر ۾ پري ڪٿي هر وقت ڪجهه نه ڪجهه/ڪونه ڪو مرندو رهندو آهي. منهنجي خاموشي موت جي دهليز تي اچي بيٺي آهي. مان يادگيرين ۾ موجود خوابن جي ملڪيت کان محروم ٿي ويو آهيان.هڪ طرح سان اها محرومي ڄڻ منهنجي طرفان لاشعوري طور ڪيل ڪيٿارسس جي ڪوشش آهي .اڻ وڻندڙ/ايذائيندڙ يادگيرين/خوابن/زخمن کان نجات پائڻ جي ڪوشش. هاڻي مان جيئڻ/مرڻ لاءِ بلڪل تيار ٿي ويو آهيان. عظيم ڀٽائي! مرڻ کان اڳ مرڻ ۽ جيئڻ کان اڳ جيئڻ اهو آهي؟ لڳي ٿو مان توهان سان/ الائي ڪنهن سان/پنهنجي پاڻ سان يا شايد ڪنهن سان به نه آخري دفعو جدائيءَ جي چائنٺ تان مخاطب آهيان. آخري دفعو ڳالهائڻ ڪيڏو نه پُراسرار تجربو/احساس آهي. اداسيءَ جو گهيرو سوڙهو ٿيندو ٿو وڃي. مان پڇان ٿو آخر هو مون کان اهو ڪجهه ڇو ٿا ڳالهرائڻ گهرن جيڪو ڪجهه مان ٻڌڻ به پسند نه ٿو ڪيان. مان ٻين کي اهو ڪجهه ٻڌائڻ/ مڃرائڻ جي ڪوشش ڇو ڪيان جيڪو ڪجهه مان پاڻ ئي نه ٿو مڃان/ منهنجي دل نه ٿي مڃي. ڪنهن جي اسٽائل جي ڪاپي/تقليد رڳو پڙهندڙن سان ئي نه پاڻ سان به دوکو/ ٺڳي آهي. ٻين جو نقل/تقليد هڪ قسم جي غلامي آهي. اسين ماڻهو پنهنجي مزاج ۾ غلام آهيون. غلامي کان وڌ ڪا گار ڪانهي پر غلاميءَ جي به غلامي گار کان به وڏي گار آهي. ڪا به ڪيفيت مستقل ڪانهي نه خوشي نه ڏک. نه اميد نه ڪو مايوسي. سڀ ڪيفيتون/ڪيفيتون سڀ عارضي هونديون آهن. ته پوءِ ڪنهن هڪ ڪيفيت جي ٺوس وڪالت ڇو؟ ته ڀلا مستقل ڪيفيت ڪهڙي آهي؟ جواب:- ڪجهه به نه/ خاليپڻو/ پولار/ خلا. جي ها خاليپڻو ئي مستقل ڪيفيت آهي. ان اٿاهه خاليپڻي جي بي انت سمنڊ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڪيفيت جوجزيرو ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري گم ٿي ٿو وڃي. ٻيو سڀ اضافي آهي. کاٻي اک جو خواب زندگيءَ/ هوا / محبت وانگر بي ترتيب آهي. مون وٽ ڪنهن کي آڇڻ لاءِ نه ڪوئي گل آهي نه ڪتاب.
    آخر توهان هڪ ناڪام، اداس ۽ ڊيٽ ايڪسپائرڊ ماڻهوءَ مان ٻي ڪهڙي اميد ٿا رکو.
    مون وٽ رڳو هڪ خواب آهي. ۽ اهو خواب قيمتي ئي سهي پر ٽٽل رانديڪو آهي ۽ ٽٽل رانديڪو ته ٻار به نه وٺندا/کڻندا//رکندا آهن. توهان ڪيئن/ ڇو وٺندئو.
    پر مون کي پنهنجو ٽٽل رانديڪو ڏاڍو پيارو آهي. مون ٽٽل شين کي هميشه پاڻ وٽ/پنهنجي دل ۾ سانڍي رکيو آهي/رکندو آهيان. الاءِ ڇو!! مون کي اجڙيل/پراڻيون ۽ ٽٽل شيون پياريون لڳنديون آهن. ٽٽل سليٽ، ٽٽل پين، ڦاٽل ڪتاب، ٽٽل پينسل، ٽٽل ڦٽ پٽي، ٽٽل ڌاڳو، ٽٽل ٻِيڙي......!!!
    ها،
    هڪ سهي سلامت نظم لکڻ لاءِ به ته،
    هڪ ٽٽل دل ضروري آهي!!
    پر افسوس مان پنهنجو ٽٽل رانديڪو/ کاٻي اک جو خواب پاڻ وٽ سانڍي نه ٿو سگهان! توڻي جو سانڍڻ چاهيان ٿو.
    پر چاهڻ/ خواهش ڪرڻ سان ڇا ٿو ٿئي؟ مان ته چاهڻ ۽ نه چاهڻ جي وچ تي بيٺل آهيان. ڪا به شئي پاڻ وٽ سانڍي سنڀالي رکڻ جي خواهش ڪيڏي نه ٻاراڻي خواهش آهي! سڀ ڪجهه وکري وڃائجي وڃڻو آهي. فقط سونهن ۽ سچ جي combination باقي رهڻي آهي/بچڻي آهي. ۽ کاٻي اک جي خواب ۾ نه ڪا سونهن آهي نه ڪا ورونهن آهي. ها البت ان ۾ صليب تان ٽمندڙ عيسيٰ جي رت جهڙو سچ ضرور آهي. سچ به محبت وانگر انفرادي ۽ داخلي شئي آهي نه ڪي اجتماعي ۽ خارجي.
    پر سماج ۽ سياست ماڻهوءَ جي انفراديت/داخليت جا دشمن آهن.
    ۽ سچي ڳالهه هي آهي ته کاٻي اک جو خواب ڪچن اکرن ۾ رف ڪاپي تي لکيل ننڍڙي ٻار جي اُها آڏي ابتي ۽ بي ربط تحرير آهي جنهن کي هو فيئر ڪرڻ وساري ويٺو آهي...!!
    ڇا توهان ان ٻار کي اِها غلطي /ڀُل/چڪ/ويسر/معاف ڪندئو؟
    هن ڪتاب جو ليکڪ جنهن ڪافي سال/جنم اڳ کاٻي اک جو خواب ڏٺو هو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ ڪنهن شام پاڻ به پنهنجي خواب سميت بي انت خاليپڻي جو حصو ٿي ويو. ۽ پنهنجي ڳالهه پوري نه ڪري سگهيو.

    منور سراج
    بهار 2012
    E-MAIL: siraj.munawar8@gmail.com
    CELL: 03023976560


    کاٻي اک جو خواب

    1

    گهڻي وقت کان خالي نگاهن سان ڊسمبر جي چنڊ ڏي ڏسندڙ اهوشخص در اصل’ ٻيو شخص’ آهي. ’ٻيو شخص‘ جنهن جي سماعتن ۾ سمورا آواز پاڻ ۾ وچڙي پيا آهن. سندس يادگيرين ۾ موجود سڀ تصور ابتا سبتا ٿي ويا آهن. ۽ سموريون ڳالهيون هيٺ مٿي ٿي ويون آهن. هو پنهنجي پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ ياد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اڪثر ناڪام ٿيندو آهي ۽ ذهن تي زور ڏيئڻ جي باوجود به سمجهي نه سگهندو آهي ته رڌڻي ۾ سندس لاءِ ڪافيءَ ۾ کنڊ ملائيندڙ هٿ جي ڪارائيءَ ۾ وڄندڙ چوڙين جي ڇڻڪي جي پويان ڪنهن جو چهرو آهي؟ سندس زال جو، محبوبا جو، ماءُ جو يا اڃان ئي ڪنهن چوٿين عورت جو!
    هن ننڊ ۾ ڀرجي ڀرجي آيل اکين سان ڏٺو ته اوڀر ۾ پرهه ڦٽي رهي آهي. آڪاس جو سينو آهستي آهستي روشن ٿيندو پيو وڃي. ڪجهه پکي آسمان ۾ اتر کان ڏکڻ طرف اڏامندا پيا وڃن. ۽ ان کان اڳ جو هو يادگيرين کان محروم ٿيئڻ سان گڏ سوچڻ ، سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ کان بي نياز ٿي وڃي، هن سوچيو ماڻهو مري ويندا آهن زندگي قائم رهندي آهي. فطرت پنهنجي بي نياز رحم دلي ۽ رحم دل بي نيازي سان جآڳنڌي رهندي. دنيا ۾ هميشه جيان حادثا ٿيندا رهندا. واعدا ٽٽندا ۽ دلين جا ڌاڳا ڇڄندا رهندا، ڪنهن نه ڪنهن جي اندر ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن ستون Supper Volcano ڦاٽندو رهندو. سڙيل منهن وارو ماڻهو ۽ چيلاٽو پنهنجو روپ بدلائي ڪنهن نه ڪنهن ٻار کي ڏنگيندو رهندو، دنيا ۾ بيماريون ۽ وبائون ڪر کڻنديون رهنديون، هٿيار ٺهندا ۽ جنگيون ٿينديون رهنديون، رت ۽ باهه جون نديون وهنديون رهنديون ته ٻئي طرف ٽارين ۾ گل ۽ وڻن ۾ پن ڦٽندا رهندا، ننڍڙا ٻار ساحل تي سپون ميڙي جهوليون ڀريندا رهندا، محبوبائن جي چپن تي چمين جا پوپٽ جآڳنڌا رهندا، ڪڪر ڀرجندا مينهن وسندا رهندا، ۽ ڪٿي نه ڪٿي ڪو نه ڪو ماڻهو نومبر جي نيري آڪاس هيٺان ڪرسيءَ تي اداسيءَ جي ڪنبل ۾ ويڙهجي سيڙهجي چنڊ ڏي ڏسندو رهندو ۽ ڀرسان ئي رڌڻي ۾ ڪا نه ڪا عورت سڀ ڏک، حادثا، زخم ۽ شڪايتون وساري هن لاءِ ڪافي ٺاهيندي رهندي ۽ سندس ٻانهن ۾ پاتل چوڙيون ڇڻڪنديون رهنديون.
    اصل ۾ هو شروع کان وٺي ڪناري جو ماڻهو هو . هو وچ سير جو ماڻهو نه هو. هو آوازن بدران خاموشيءَ جو ماڻهو هو. هو صبح جو نه پر شام جو ماڻهو هو. هن جي اندر ۾ صبح واري گرمي، تيزي، ڀڄ ڊوڙ، جاڳ، اوٿارا ۽ سج جهڙي گرم جوشي نه هئي. هو سدائين شام وانگر خاموش ۽ بي سبب اداس رهندڙ شخص هو. جنهن جي اکين ۾ لهندڙ سج جو ڏک، واهيري ڏي واپسيءَ جو خواب، چپ چپات جي چاهنا ۽ ڪنارن تائين ننڊ سان ڀريل رات جي گهر ج هئي، پر نه چاهيندي به هر روز هڪڙو صبح سندس شام ۾ گهڙي ٿي آيو ۽ سندس خاموشيءَ کي ٽوڙي ٿي ڇڏيائين. هو پنهنجي طور تي وقت ۽ حالتن ۾ جيئڻ بدران ڪيفيتن۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهو هو.
    مان، هو، اسين ۽ راڻو سندس چار نالا/ڪيفيتون ۽ سڃاڻپون آهن. هرڪيفيت جي هڪ شخصيت، هڪ دنيا، محدود دنيا، لامحدود دنيا، خوشي، ڏک، حادثو ۽آس نراس آهي. ڪڏهن اهي چارئي پاڻ ۾ ملي هڪ ٿي ويندا آهن. ته ڪڏهن ڇڄي چار ٿي ويندا آهن. ڪڏهن ”مان“ ”هو“ بڻجي پوندو آهي. ته ڪڏهن ”هو“ ”مان“ بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ”هو“ ۽ ”مان“ گڏجي ”راڻي“ کي جنم ڏيندا آهن ته ڪڏهن ”هو“ ”راڻو“ ۽ ”مان“ منجهان ”اسين“ پيدا ٿيندو آهي. اسين معنيٰ اسين سڀ. يعني گهر، ڀتيون، در، دريون، گهڙيال، هنڌ کٽون، ڪرسيون، ٽي وي، ڪمپيوٽر، فون ۽ آواز. اندريان آواز، ٻاهريان آواز، گهٽيءَ ۽ پاڙي مان اندر ٽپي ايندڙ آواز ۽ هو اڪثر آوازن جي گهاٽي جهنگل ۾ ڦاسي پوندو آهي ۽ جهنگل مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ وڌيڪ ڦآسي ويندو آهي.
    هن کي مان منجهان هو، هو منجهان مان، مان منجهان راڻو ۽ راڻو منجهان اسين، اسين مان هو، راڻو ۽ مان ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي آهي. اها ئي سندس سهولت آهي. اها ئي سندس مشڪلات. اها خوشي اهو ڏک آهي. اهو ئي خواب آهي.
    کاٻي اک جو خواب.
    ان ڏينهن هوآفيس مان نڪتو ته ذري گهٽ شام ٿي چڪي هئي. شام وقت جو اهو پل جنهن پل اُس ۽ ڇانؤ پاڻ ۾ وڇڙيل سهيلين وانگر هڪ لمحي لاءِ ڀاڪر پائي ملنديون آهن ۽ وري هڪ ٻئي کان ڌار ٿي وينديون آهن.
    پاڻ کي جسماني ۽ ذهني طور ڪجهه ٿڪل محسوس ڪيائين. ڀاسيس پئي ته دل معمول کان وڌيڪ تيز پئي ڌڙڪي. سامهون رڪشا پئي آيو. رڪشا روڪڻ گهريائين پر جيسيتائين هٿ مٿي ڪيائين ايسيتائين رڪشا سندس ڀرسان گذري ويو”سدائين دير ٿي ويندي آهي“ هن گهڻا ڀيرا اڳ ورجايل جُملو وري ورجايو. ”آفيس پهچڻ ۾ دير، ڪم ۾ دير، آفيس مان نڪرڻ ۾ دير... ۽ گهر پهچڻ ۾ دير، پر مان جلدي گهر ڇو ٿو پهچڻ چاهيان؟ اهو ته محض معمول جي خلاف عمل هوندو ... ۽ بس …..يعني شام جو ساڍين چئين وڳي گهر پهچڻ بدران سوائين چئين وڳي گهر پهچڻ ... هر اهو عمل جيڪو معمول جي خلاف هوندو آهي اهو حيرت جو سبب بڻجي پوندو آهي. ان ڪري هڪ عام رواجي ماڻهوءَ کي هميشه معمول مطابق زندگي گذارڻ گهرجي ... نه ته خوامخواهه تشويش پيدا ٿيندي.“ ياد آيس ته کيس ڊاڪٽر وٽ وڃڻو هو. واچ ڏي ڏٺائين...”ڪلينڪ کلڻ ۾ اڃان ڪلاڪ کن آهي، چانهه پيئڻ گهرجي...“ چپن ۾ ڀڻڪندو ڀر واري ڇپرا هوٽل ڏي وڌي ويو. چپن ۾ ڀڻڪڻ سندس پسنديده ۽ پراڻي عادت آهي.
    ڇوڪرو ٽيبل کي ڪپڙو هڻي جست جو جڳ گلاس رکي ويو.”پنهل چانهه ته پيار“ هن ڪرسيءَ تي ويهڻ کان اڳ چيو.
    ”حاضر ڀائو...“ پنهل هميشه وانگر مرڪندڙ چپن ۽ اڻ مرڪندڙ اکين سان چيو. ڪرسيِءَ تي ويهڻ کان پوءِ جلد ئي کيس ڪنهن خراب بوءِ جو احساس ٿيو. پر سمجهه ۾ نه آيس ته اها بوءِ ڪٿان ٿي اچي.کيس پنهنجي ساهه مان ساڳي بوءِ آئي. ڇوڪرو وري سندس ڀرسان گذريو ته کيس وري ساڳي بوءِ آئي . ڦٽل کير ۽ سڙيل چانهه جي مليل جليل بُوءِ ”ته معنيٰ اها بوءِ ڇوڪري جي ڪپڙن ۾ آهي.“ڇوڪري جو منهن ۽ ڪپڙا هڪ جيترا ميرا هئا. ”ڇوڪري جا ڪپڙا گدلا آهن پر پاڻ ته گدلو نه آهي “ هن سوچيو ۽ سندس پراڻو زخم جاڳي پيو. کيس اها گدلاڻ ياد آئي جيڪا ٻاروتڻ ۾ ساڻس متعارف ٿي هئي. هو جڏهن به ڪنهن صاف سٿري جاءِ تي ويو هوندو، سٺي پوشاڪ واري ماڻهوءَ سان مليو هوندو ته اهو سرڀاٽ ضرور جاڳيو هوندو ته ”تون هڪڙو گدلو ٻار آهين“ ۽ سندس سينو هڪ زخم ۾ تبديل ٿي ويو هوندو. جڳ ۽ گلاس ڌوتل هو. سامهون روڊ سان گاڏين ۽ ماڻهن جي اچ وڃ جاري. سڀ ماڻهو ڇوڪري جي ڪپڙن جي بوءِ کان بي خبر هئا. بئنچ جي ڪنڊ خالي ڏسي پنهل کان ڪجهه پڇڻ چاهيائين پر کيس ڪنهن گراهڪ سان ڳالهائڻ ۾ جنبيل ڏسي نه پڇيائينس.
    هونءَ هن جو محمد صديق سان گهڻو تعلق به نه هو .هن جو ساڻس اهو تعلق هو ته هو کيس هميشه شام جو ان هوٽل جي انهيءَ بئنچ جي انهيءَ ڪُنڊ تي ويٺل نظر ايندو هو. پر شايد جيڪي ماڻهو اڪثروقت جي ساڳئي پل ۾ ساڳئي جاءِ تي هڪٻئي کي نظر ايندا آهن انهن جو به هڪٻئي سان ڪو تعلق جڙي ويندوآهي. خبر نه آهي ته ان تعلق جو نالو ڪهڙو هوندو آهي. يا ڪهڙو هجڻ گهرجي؟ پر ڪو تعلق هوندو ضرور آهي. اهڙو تعلق جنهن ۾ نه گهڻي پنهنجائپ هوندي آهي نه گهڻي اوپرائپ. شايد اهو تعلق پنهنجائپ ۽ اوپرائپ جي وچ ۾ ڪٿي بيٺل هوندو آهي.
    ”محمد صديق تون سدائين اڪيلو هوندو آهين. ڪو يار دوست، مٽ عزيز ڪو نه اٿئي ڇا؟“ جڏهن به ڪنهن کائنس اهو سوال ڪيائين ته هن سدائين ساڳيو جواب ڏنو هوندو ”ڪير ڪونهي ڪنهن جو سائين ...ڪير ڪنهن جو ڪونهي. هر ڪو اڪيلو آهي، سدائين ساڳيو ٺهيل ٺڪيل جواب.
    ”شادي ڇو نه ڪئي تو محمد صديق؟“ هڪ دفعي هن پڇيو هئس. ”بس يار جوانيءَ ۾ پرواه هئي ڪو نه ... وتندا هئاسين کائيندا کپائيندا ۽ گهمندا ڦرندا... مائٽ چوندا به هئا ته انڪار ڪري ڇڏيندو هئس ...ته ڪهڙي تڪڙ آهي .... پيا ڪنداسين شادي .... پر خبر ئي نه پئي جو وقت هٿن مان نڪري ويو...“ هن ٿڌو ساهه کڻي چيو هو.....
    ”ڀلا ڪو پڇتاءُ ..؟“
    ”ها يار ..شادي کانسواءِ ڪهڙِي زندگي ... ٿڪل ٽٽل ماڻهو گهر پڄندو آهي ته ٿڪ ئي لهي ويندا آهن. زندگي وڻڻ لڳندي آهي..هاڻي ته صفا اڪيلو ٿي پيو هان .. سوچان ٿو ڪنهن رات مري ويس ته منهن تي ڪپڙو ڪير وجهندم.... اکيون ڪير وٺندم ... هٿ پير ڪير سنوان ڪندم...؟“
    پنهل چانهه جو ڪوپ ٽيبل تي رکيو ته سندس يادگيريءَ جو ٽڪرو گم ٿي ويو.
    ”پنهل اڄ چاچو صديق ڪو نه ٿو ڏسجي“
    ”ڀائو..چاچو صديق گذاري ويو.“ پنهل ڏک جي احساس کان خالي لهجي ۾ چيو. صديق مسواڙ واري گهر ۾ اڪيلو رهيو ۽ اڪيلو گذاري ويو. اکين ۾ اڪيلائي جو ڏک کڻي ويو .. ۽ اهو ڏک به ته مرڻ کان پوءِ سندس منهن تي ڪير به ڪپڙي وجهڻ وارو نه هوندو . ”پر“ هن چانهن جي پهرين سرڪ ڀريندي سوچيو ”منهنجو پاڙيسري محمد خان ته زال ۽ ٻارن جي هوندي شهر جي فوٽ پاٿ تي اڪيلو مري ويو. ان جي منهن تي به ڪپڙو وجهڻ وارو ڪوبه نه هو. پر ڀلا ان سان فرق به ڪهڙو ٿو پئي...؟ مرڻ کان پوءِ منهن تي ڪپڙو پيو ته ڇا نه پيو ته ڇا...؟ محمد خان بئنڪ مينيجرهو. زال ۽ ٻارن کي پُر آسائش زندگي مهيا ڪري ڏنائين. ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي بهتر تعليم ڏياريائين ..رٽائر ٿيو ته اڌ پيسن مان وڏو گهر ورتائين. اڌ پيسا اولاد کي ورهائي ڏنائين ... پيسا کٽا ته گهر ۾ ڪروڌ شروع ٿيو... ٻار به مٿس ڪاوڙيل ته زال به مٿس ناراض... گهر ۾ نه عزت مليس، نه مهل تي ماني ... پنهنجا ڪپڙا به پاڻ ڌوئي ته هنڌ به پاڻ وڇائي. نوڪريءَ ۾ هو ته هر وقت پئنٽ شرٽ ۽ ٽاءِ پاتل.. بئگ هٿ ۾ ۽ مائُوڪيپ مٿي تي. تڪڙو تڪڙو بئنڪ ويندي نظر ايندو. چهري تي افسردگي ۽ اکين ۾ اڻ تڻ جاآثار ... نرڙ ۾ گهنج. ايئن ڀاسندو ڄڻ کانئس سواءِ بئنڪ جو ڪاروبار هلي نه سگهندو. پوءِ رٽائرٿي ويو ته چپ چپ رهڻ لڳو. ڄڻ کانئس زندگي کسجي وئي هجي. ڄڻ سندن لاءِ ملازمت ۽ زندگي لازم ملزوم هجي. ڪجهه سال ٻاهر نظر نه آيو. پوءِ وري اوچتو کيس ٻاهر ڏٺو ويو... پراڻي پينٽ ۽ شرٽ پاتل..... کٿل ٽاءِ ڳچي ۾ ٻڌل .... چيلهه ۾ رسو ٻڌل... پراڻي بيگ هٿ ۾، تڪڙو تڪڙو ڪنهن مهل بس اسٽاپ تي پيو ويندو ته ڪنهن مهل اسٽيشن تان واپس پيو موٽندو. نه ڪنهن سان دعا نه سلام ... البت چپن تي اها ئي بئنڪرس واري مصنوعي مُرڪ چنبڙيل. هر هر کاٻي ٻانهن مٿي ڪري واچ ۾ ٽائيم ڏسندو.
    واچ ۾ وقت جا ڪانٽا
    هڪ هنڌ فريز ٿيل
    اٺ لڳي ويهه منٽ
    ٻاهر نڪرڻ جو وقت
    نه منٽ اڳتي نه منٽ پوئتي.
    ۽ تڪڙو تڪڙو هلندو ڪنهن نه ڪنهن طرف روانو ٿي ويندو. ڄڻ ڪٿي پهچڻ جي، ڪنهن سان ملڻ جي، ڪنهن کي ڏسڻ جي تڪڙ هجيس، ڄڻ اجهو هينئر هڪ گهڙيءَ اندر اتي ۽ ان وٽ نه پهچندو ته سندس نوڪري چٽ ٿي ويندي، قيامت اچي ويندي زلزلو اچي ويندو. ملڪ جي اسٽاڪ ايڪسيچينج ۾ لاٿ اچي ويندي. بس ايئن صبح کان رات تائين ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏي ڏسندو ۽ هلندو رهيو ۽ هڪ رات هلي هلي ڪنهن فوٽ پاٿ تي ويهي رهيو. پوءِ ليٽي پيو ۽ ليٽيو ته ننڊ اچي ويس. ۽ اهڙي ننڊ آيس جو صبح جو اٿي نه سگهيو ... شهر جي خاڪروبن سندس وڏي پٽ جي گهر جي گهنٽي وڄائي کيس پڻس جو موت جو اطلاع ڏنو. ۽ پٽس اهو اطلاع گهڻي بي دليءَ سان قبول ڪيو ڄڻ کيس اڳواٽ ئي ان اطلاع جو اطلاع هو.
    هڪ مک سندس نڪ تي اچي ويٺي ۽ وري اڏامي وئي. آخري سرڪ ڀري ڪوپ بئنچ تي رکي اٿي بيٺو. ”ته معنيٰ چاچو صديق گذاري ويو“ چانهه جا پيسا پنهل جي هٿ تي رکندي ڀڻڪيو.
    ”ها.. ڀائو چاچو صديق گذاري ويو“
    ”چڱو ٿيو“ هو چپن ۾ ڀڻڪيو.
    ”جي ..ڇا ..چڱو ٿيو“ پنهل جون اکيون حيرت مان ٻاهر نڪري آيون.” ٻيو نه ته ڇا ... ڇٽي پيو زندگيءَ جي سورن کان“ ”ها.... ڀائو.... واقعي.... ايئن ته آهي“ پنهل پنهنجي کاٻي اک مان پچي ڪڍندي چيو . ۽ هو بازار ۾ داخل ٿي ويو..جنهن جي ڇيڙي تي سائيڪياٽرسٽ جو ڪلينڪ هو .
    ڪلينڪ تائين پهچڻ لاءِ کيس ڪافي پنڌ ڪرڻو پيو.کيس لڳو پئي ته هي رستو ڪڏهن به نه کٽندو. ٻه ماڻهو سندس ڀر مان گذريا .اهي پاڻ ۾ گرمجوشيءَ سان ڪنهن موضوع تي ڳالهائيندا پئي ويا پر هو انهن مان هڪ ماڻهوءَ جو فقط اڌ جملو ۽ ٻئي ماڻهوءَ جو سڄو جملو ٻڌي سگهيو.يعني هو فقط ڏيڍ جملو ٻڌي سگهيو، پر پوءِ هو ڪو وقت ان ڏيڍ جملي جي ڏک مان نڪري نه سگهيو. هڪ شخص جو اڌ جملو پوئتي رهجي چڪو هو. جڏهن هوسندس ويجهو پهتو ته کيس ان جي جملي جو فقط هي اڌ ٻڌڻ ۾ آيو ته ”ها سو مون اهو پئي سمجهيو “ ۽ ٻئي شخص جو سڄو جملو ” هان! ته معنيٰ اها ڳالهه هئي جنهن تي خود ڪشي ڪيائين“ هڪ پل لاءِ هن چاهيو ته هو اجنبي مسافرن کي روڪي کانئن پڇي ته ”ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن تي هن خودڪشي ڪري ڇڏي .. ۽ هو ڪير هو...؟“ پر هو کين نه ڪو روڪي سگهيو، نه ئي پڇي سگهيو.
    ۽ هو پري نڪري ويا .. ۽ ان پل کيس لڳو ته جنهن ماڻهوءَ بابت هنن ڳالهايو پئي اهو ڪو ٻيو نه هو پر هو خود هو ... يعني انهن سندس باري ۾ پئي ڳالهايو. ۽ اها ڪهڙي ڳالهه هئي جنهن تي هن خودڪشي ڪري ڇڏي هئي...؟ هن پاڻ کان پڇيو. ڳالهيون ته ڪيئي هيون... ڳالهيون تي ڪيئي هونديون آهن. جيارڻ جهڙيون ڳالهيون مارڻ جهڙيون ڳالهيون..... جيڪي هو ڊاڪٽر کي به ٻڌائڻ جي حالت ۾ نه هو. ڪلينڪ ڏي وڃڻ لاءِ روڊ تان گذرڻ چاهيائين پر ٽرئفڪ جي ڪري ڪافي دير تائين گذري نه سگهيو ۽ کيس لڳو ته کيس اتي بيٺي ڪيئي سال گذري ويا آهن.
    ڪلينڪ جي بند دروازي وٽ ڇوڪراٽ پٽيوالو هميشه جيان ساڳئي انداز ۾ پٺيرو ڀت سان ٽيڪ ڏيو هڪڙي ڄنگهه تي بيٺو هو. ڄڻ ان انداز ۾ بيٺل نه هوندو ته نفسيات جي ڊاڪٽر جو پٽيوالو نه لڳندو پر ڪنهن ٻيءَ بيماريءَ جي ڊاڪٽر جو پٽيوالو لڳندو.
    جنهن مهل هو دروازو کولي اندر داخل ٿيو ان مهل ڊاڪٽر وٽ ٻه ماڻهو ويٺا هئا جيڪي شايد سندس دوست هئا.. يا شايد دوست نه پر واقفڪار هئا يا دوستيءَ ۽ واقفيت جي وچ تي هئا. ڊاڪٽر پنهنجائپ واري مرڪ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪندي ۽ کيس ڀر واري ڪرسي آڇيندي چيو.
    ”ڇا حال احوال آهي... ڪيئن اچڻ ٿيو....؟“
    جواب ڏيئڻ بدران هن ڀرسان ويٺل ماڻهن ڏي ڏٺو جيڪي چانهه پي چڪا هئا.کانئس انهن جي سامهون ڪجهه ڳالهائڻ نه پئي پهتو.
    ”ڊاڪٽرصاحب هاڻي اسان هلنداسين“ ٻئي ماڻهو ڦڙتيءَ سان اٿي بيٺا ۽ ڊاڪٽر سان هٿ ملائي روبوٽ وانگر ٻاهر نڪري ويا. ڊاڪٽر مرڪيو. هن پاڻ کي ڪجهه رليڪس محسوس ڪيو. ڊاڪٽر ڳالهائڻ بدران خاموشيءَ سان سندس منهن ۾ نهاريو، جنهنجو مطلب هو ”جي، چئو ڇا ٿيوآهي..؟“
    ”ڊاڪٽر صاحب مان پاڻ کي ٺيڪ محسوس نه ٿو ڪيا ن.“ هن ڳيت ڏيئي ڳالهايو.
    ”ڇو، ڇا جي ڪري....؟“
    ”ڊاڪٽر صاحب الاءِ ڇومونکي لڳي ٿو مون کي اوچتودل جو دورو پئجي ويندو. مون کي کاٻي ٻانهن ۾ سور جي هُڙٻ محسوس ٿيندي آهي ..“ هن لاچارگيءَ وچان ڳالهايو. ۽ پاڻ کي اڳ کان به گهڻو ٿڪل ۽ ڪمزور ۽ ويچارو محسوس ڪيو. ڊاڪٽر سندس منهن ۾ ڏسندو رهيو ۽ سندس چهرو پڙهندو رهيو .
    ”ننڊ ڪيئن آهي...؟“ ڊاڪٽر سندس اکين ۾ ڏسندي چيو...
    ”ڊاڪٽر صاحب، ننڊ اڪثر سڄي سڄي رات نه ايندي آهي ...“
    ”اهڙو ڇا ٿيو آهي ؟ ڪو مسئلو ؟ “
    ”ڊاڪٽر صاحب، ڪو مسئلو نه ٿيو آهي . پر چيلاٽو اڪثر منهنجي پٺيان رهندو آهي .. مون کي ڏنگڻ لاءِ... شايد مارڻ لاءِ...“
    ”اڇا پوءِ ...ٻيو ڇا ٿو محسوس ٿئي؟ “ ڊاڪٽر سڌو سئون سندس ساڄي اک ۾ ڏسندي چيو. هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن ڊاڪٽر کان پڇڻ چاهيو ته توهان منهنجي ساڄي اک ۾ ڏسي ڇو ٿا ڳالهايو؟ پر پڇي نه سگهيو. ”ڊاڪٽر صاحب مون کي شهر جو شور.. ٽرئفڪ جو گوڙ پريشان ٿو ڪري .. چوان ٿو ته هوند سڄو ڏينهن نرڙ تي ٻانهن رکيو کٽ تي ليٽيو پيو هجان .. ڪنهن سان ڳالهايان نه..... نه ڪوئي مون سان ڳالهائي. ڪنهن شيءِ ۾ دلچسپي نه رهي آهي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ زندگي بي رنگ ٿي وئي آهي. وڻن جا رنگ ڦٽي ويا آهن پن سڙي ويا آهن. سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي. زنده رهڻ جو اتساه نه رهيو آهي .. موسمن جو فرق ختم ٿي ويو آهي ..هڪ ئي موسم ڄمي بيهي رهي آهي. اداسيءَ جي موسم، ڏک جي موسم، مرڻ جي موسم، ڊاڪٽر صاحب مان پاڻ کي زندگيءَ کان پري ٿيندو ٿو محسوس ڪيان. زنده رهڻ جي همت وڃائي ويٺو آهيان. زنده رهڻ مون لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ٿڪجي پيو آهيان ..... سمهڻ ٿو چاهيان. هڪ ڊگهي ، گهري ۽ مٺي ننڊ ڪرڻ ٿو چاهيان ... جاڳي جاڳي ٿڪجي پيو آهيان...“ هن ڪمزور ۽ ٿڪل لهجي ۾ ساهيون کڻي کڻي ايئن ڳالهايو ڄڻ دم جو مريض هجي. چپ وڌيڪ خشڪ ٿي ويس. هڪ پل لاءِ ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي اکيون پوري ڇڏيائين. پوءِ وري اکيون کولي سڌو ٿي ويٺو .
    ڊاڪٽر ايئن برف جهڙي نهار سان ڏانهن ڏسندو ۽ ٻڌندو رهيو ڄڻ هو اهڙي قسم جو سوين ڳالهيون هزارين ڀيرا ٻڌي چڪو هجي.
    ” هون“ ڊاڪٽر ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏيندي ڄڻ پاڻ سان ڳالهايو.
    ”ڊپريشن ۾ ماڻهوءَ کي زندگيءَ جي تصوير سبتي نظر نه ايندي آهي. ابتي ۽ آسيري پاسيري نظر ايندي آهي. حالانڪه تصويرون نه ڪو ابتيون آهن نه ڪو سبتيون. اصل ۾ ماڻهن جو ڏسڻ جو انداز ڊسٽرب ٿي ويندو آهي. ڪيميڪلز ۾ بگاڙ جي ڪري ايئن ٿيندو آهي. پاڻي گهڻو پيو . هي ٻه ٽيبليٽ رات جو وٺو .. پندرنهن ڏينهن کان پوءِ وري اچجو..... هونءَ ان وچ ۾ ضرورت محسوس ڪيو ته ڀلي هليا اچجو ... ڪچهري ڪنداسين. چانهن پيئندا سين ...“
    ڊاڪٽر پرچو سندس سامهون رکندي پنهنجو آخري جملو هڪ مرڪ جي احساس تي پورو ڪيو. اها بنهه ٿڌي مرڪ هئي.
    ”پر ڊاڪٽر صاحب مون کي ايئن ڇو ٿو لڳي ته مون کي دل جو دورو پوڻ وارو آهي ۽ اهو ته چيلاٽو منهنجي پٺيان لڳل آهي.“
    ”اٽ از جسٽ ڪيميڪلس ڊسٽربنس ..... آرام ڪيو، جوس وغيره وڌيڪ پيو ۽ هي ٽيبليٽس وقت تي کائو.... اهي گوريون ڪيميڪلس کي توازن ۾ آڻينديون ته توهان بهتر محسوس ڪندؤ. ڊپريشن ۾ ماڻهوءَ کي نوڙي به نانگ محسوس ٿيندي آهي. توهان رنگين ڪپڙا پايو. گهرن رنگن واريون شرٽس وغيره استعمال ڪيو ..هر وقت اڇا ڪپڙا پائڻ سهي نه آهي. ٻي ڳالهه ته هر ماڻهوءَ سان جتي ڪٿي پنهنجي تڪليف ۽ پريشاني جي اوک ڊوک نه ڪجو ...“ ڊاڪٽر مشيني انداز ۾ چيو.
    ”پر ڊاڪٽر صاحب...“
    ” ڏسو ... اڄ لاءِ ايترو ڪافي آهي ...“
    ڊاڪٽر رکائيءَ مان سندس جملو اڌ ۾ روڪي ڇڏيو .. جيڪو کيس سٺو نه لڳو.... پر پوءِ به کيس ڊاڪٽر سان ملڻ بهتر لڳو.
    ”پر مون ڊاڪٽر کي ٻيو ڇا ٿي ٻڌائڻ چاهيو“ هن پاڻ کان پڇيو. ”شايد اهو ته منهنجي اندر ۾ خاليپڻو ڀرجي ويو آهي يا ڪا ٻي ڳالهه؟.“ پر کيس ڪجهه ياد نه آيو. ڪجهه هو جيڪو کائنس وسري ويو.
    ”ڊاڪٽر صاحب، مون کي اجازت آهي“
    هن پنهنجي چپن مان اهي لفظ نڪرندي ٻڌا جن تي سندس وس نه هو.
    ”اوڪي ..اوڪي.. نيڪسٽ ٽائيم...“
    هو ڊاڪٽر سان هٿ ملائي ڪلينڪ کان ٻاهر نڪري آيو. هڪ ڄنگهه تي ڀت سان ٽيڪ ڏئي بيٺل پٽيوالو اڃا به اتي ئي بيٺو هو ۽ کيس لڳو ته ڀت کي ٽيڪ ڏئي هڪ ڄنگهه تي بيٺل پٽيوالو ڪوئي ٻيو نه پر هو پاڻ آهي. کيس پنهنجي هڪ ڄنگهه وڌيڪ ٿڪل ۽ ٻي جنگهه گهٽ ٿڪل محسوس ٿي. هڪ ڄنگهه ٿڪل ٻي اڻ ٿڪل. هُو مرڪيو. ان مرڪ جي چاٻيءَ سان سندس يادگيريءَ جو تالو کلي ويو ۽ کيس ياد آيو ته هن ڊاڪٽر کي ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته مان پنهنجي اندر ۾ پري تائين اڪيلو ۽ ڏکارو ٿي پيو آهيان. منهنجي رڳن ۾ اونداهي ڀرجي وئي آهي. ڇاتيءَ ۾ هر پل ڪنهن پراڻي ڀت جا چاپُڙ ڪرندا ٿا رهن. اندر ۾ آوازن جو جهنگ ڦٽي پيو آهي. اکين ۾ ڪنڊا ٿا چڀن . حواسن ۾ آوازن جو شور شامل ٿي ويو آهي . پنهنجو آواز به ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. سماعتن ۾ هر وقت شيشي جا گلاس ٽٽندا ٿا رهن. ٽٽل گلاسن جا ٽڪرا منهنجون اکيون چيري پري نڪري ويا آهن. مان اداسيءَ جي گمنام لمحي ۾ فريز ٿي ويو آهيان. منهنجي اندر ۾ هڪ سڄي ساري ندي ڇولين ۽ ٻيڙين سميت سڪي وئي آهي. هر وقت واريءَ جا واچوڙا ڦيريون پائيندا ٿا رهن. منهنجو چهرو قبر ٿي ويو آهي. منهنجا لفظ لاشا ٿي ويا آهن. لهجو سوڳوار ٿي ويو آهي.!
    پر هاڻي هو اهو سڀ ڪجهه ٻڌائڻ لاءِ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ کان پري ٿي چڪو هو.
    رستي ۾ هلندي ڊپ جي هڪ تيز لهر ڇهي ويس.
    پر ڇا جو ڊپ...؟ اهو سمجهه ۾ نه آيس. شايد ڪڏهن ڪڏهن نوان پراڻا ڊپ گڏجي هڪ نئين ڊپ کي جنم ڏيندا آهن. ۽ هڪڙو ڊپ ٻئي ڊپ تي، ٻيو ڊپ ٽئين ڊپ تي حاوي ٿي ويندو آهي. ان ڪري ڪجهه وقت تائين ان نئين ڊپ کي سمجهي نه سگهبو آهي. ڪنهن اندرين ڇڪ کيس زوريءَ ساڄي پاسي نهارڻ تي مجبور ڪيو. سامهون چيلاٽو هو. ورهين کان پوءِ کيس اوچتو پنهنجي ويجهو ڏسي کائنس ڇرڪ نڪري ويو. کيس لڳو ڄڻ چيلاٽو ڪجهه پل اڳ سندس پٺيءَ وٽ قميص تي ويٺو هو. هن سندس کهرن پرن ۽ چنبن تي سيسراٽ ڀريو ۽ پوئتي نهاريو ته چيلاٽو سندس قميص تان اٿي ڀرسان اڏامڻ لڳو.
    چيلاٽو گهڻا سال اڳ به سندس پٺيءَ تي اچي ويٺو هو. ان مهل هو ڳوٺ واري مسجد ۾ پيش امام جي پويان سمهڻيءَ واري نماز پڙهي رهيو هو. اوچتو کيس بت ۾ سيسراٽ پئجي ويو. کيس لڳو ته ڄڻ ڪوئي کهرن پرن ۽ چنبن وارو وڏو ڪارو ٽنڊڻ سندس پٺيءَ تان هلندو ڪنڌ ڏي اچي رهيو آهي، ٽنڊڻ جا سخت چنبا ڪياڙيءَ تي محسوس ٿيس ... تڏهن ڇرڪ ڀري کنوڻ جي تجلي جهڙي تيزيءَ سان پنهنجو ساڄو هٿ وڌائي ڪنڌ ۾ چنبا کپائي ويٺل چمڙيءَ جي مشابهت واري ڪاري ٽنڊڻ کي ڪنڌ جي چمڙي تان پٽي سامهون مسجد جي فرش تي اڇلايائين ته ٽنڊڻ اونڌو ٿي وڃي ڀت ۾ لڳو ۽ ٻئي پل ڦڙتيءَ سان سڌو ٿي اڏاڻو ۽ مسجد ۾ اندر هليو ويو. ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن صبح جو وري ساڳئي جيت سان ان مهل سندس ملاقات ٿي جنهن مهل سندن ننڍڙو ڀاءُ مولوي صاحب جي ڀر ۾ ويهي ديني سبق وٺي رهيو هو ۽ مولوي صاحب ننڍڙي شاگرد جو ننڍڙو هٿ وٺي اکرن تي رکائڻ بدران پنهنجي ڄنگهن ۾ ڦاٿل ڪنهن وڇونءَ جهڙي جيت تي رکايو هو ... ۽ ان صبح کان پوءِ ڀاڻس وري ڪڏهن به سبق وٺڻ نه وڃي سگهيو...! ۽ تڏهن کان هو پنهنجي ساڄي هٿ ۾ هڪ کهري جيت جو احساس پالڻ لڳو هو. اهو جيت جيڪو ڇهيو ته سندس ننڍڙي ڀاءُ هو پر ان جي شدت هن محسوس ڪئي هئي. کيس چيلاٽي کان رڳو ڊپ نه هو نفرت به هئي. شايد ڊپ ۽ نفرت پاڻ ۾ ويجها عزيز آهن. هن پنهنجو هٿ ڪنڌ تي رکي چيلاٽي جي کُهرن پرن ۽ چنبن جي ڇهاءُ سان چمڙيءَ ۾ پئجي ويل ڊٻڙن کي پئي ڇهيو جو سارنگ کي ايندي ڏٺائين . جلديءَ ۾ هٿ هيٺ ڪري ڇڏيائين پر چهري تي ڦهليل ڊپ جو تاثر لڪائي نه سگهيو. شايد ماڻهوءِ جو چهرو گهڻي دير تائين هر قسم جوتاثر سانڍي رکندو آهي.
    اکين تي پاتل نظر جي چشمي ۾ پنهنجي عمر کان وڏي نظر ايندڙ سارنگ جي چهري تي هر وقت سنجيدگي ڇانيل رهندي آهي ... هو کلندو به آهي ته لڳندو آهي ڄڻ سندس ٽهڪ به سنجيده آهن ۽ مرڪ به ڏکاري آهي. شايد اها اهڙي قسم جي اداسي هوندي آهي جيڪاسدائين ڪجهه ماڻهن جي اندر ۾ ڪٿي گهڻو پري گهرائيءَ ۾ رهندي آهي ۽ هر وقت سندن چهري مان ليئا پائيندي رهندي آهي . اها اهڙي گونگي اداسي هوندي آهي جيڪا ڳالهائيندي به ناهي ڳالهائيندي. رڳو پنهنجو پاڻ محسوس ڪرائيندي آهي، جنهن جو سبب خود ان ماڻهوءَ کي به معلوم نه هوندو آهي پر ان جو ڪوئي سبب هوندو ضرور آهي. گهڻو پراڻو، گهرو، اظهار کان مٿاهون، اندر ۾ پري ڪٿي ڇپ هڻي ويٺل ۽ خاموشيءَ سان زخمي ڪندڙ .
    ”ڇو راڻا، پريشان ٿو ڏسجين خير ته آهي.“ سارنگ پئنٽ جي کيسي مان هٿ ڪڍندي ۽ هٿ ڏي ڏسندي ايئن چيو ڄڻ ان سوال جو تعلق سندس هٿ سان هجي يا اهو سوال سندس هٿ تي لکيل هجي.
    ”اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي“ هن پنهنجو ڊپ لڪائيندي چيو.
    ”يار...! ڪوڙ ڇو ٿو ڳالهائين ...اسان هي مٿو اس ۾ اڇو ڪونه ڪيو آهي“.
    سارنگ جي ان جملي تي هن جي دل ڀرجي آئي.
    ’اچ ته هلي ڪٿي ويهون‘ سارنگ ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر ۽ آڱوٺي سان نڪ تائين گسڪي آيل نظر جي چشمي کي اکين تي زور سان ڦٻائيندي چيو. ٻئي هلندا اچي پارڪ ۾ ويٺا.
    آس پاس قسمين قسمين گل ٽڙيل هئا، گلن تي پوپٽن ڦيريون پئي پاتيون. هوا ۾ نئين موسم جي آمد جو هڳاءُ هو.
    ”هاڻي ٻڌاءِ ڇا ٿيوآهي ..“ سارنگ ڇٻر تي ويهندي چيو. ” يار اصل ۾ مان ڪافي وقت کان ڊپ ۾ مبتلا آهيان۽...“ هوڳالهائيندي چپ ٿي ويو.. ڊاڪٽر جا لفظ ياد اچي ويس، ته ”هر ماڻهوءَ سان جتي ڪٿي پنهنجي پريشاني جي اوک ڊوک نه ڪجو“
    ”راڻا....“ هن کي خاموش ڏسي سارنگ ڳنڀيرتا سان چيو....”مان تنهنجي ڪيفيت کي سمجهي سگهان ٿو منهنجا دوست. چڱي طرح سمجهان ٿو. اصل ۾ هي ڏاڍو ڳنڀير معاملو آهي . ڇا چيم...؟“
    ”هي ڏاڍو ڳنڀير معاملو آهي. “ هن سندس چوڻ تي جملو دهرايو.
    ”هانءِ شاباس. ادا اصل ۾ مسئلو هي آهي ته اسين اڳ ۾ ئي تاريخي توڻي جبلتي طور تي ڊپ ۾ مبتلا آهيون.“ سارنگ ڳلو صاف ڪري ليڪچر ڏيڻ واري انداز ۾ وري پنهنجي هٿن ڏي ڏسندي ڳالهائڻ شروع ڪيو.
    ”پوڙهو ٿيڻ جو ڊپ، بيمارين جو ڊپ، ايڪسيڊنٽ جو ڊپ، موت جو ڊپ ، اڪيلائيءَ جو ڊپ .. ۽ ڪيئي ٻيا ڊپ ... ماڻهوءَ جو ساهه هميشه مٺ ۾ رهيو آهي. منهنجا دوست راڻا. ماڻهو هميشه کان ڊپ ۾ مبتلا رهيو آهي....ڇا چيم؟“ ”ماڻهو هميشه ڊپ ۾ مبتلا رهيو آهي“ هن ڪنهن ڊنل ٻار وانگر سارنگ جي تائيد ڪندي چيو.
    ”هانءِ شاباس ..ادا پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون، ڳالهه هي آهي ته هو ڪنهن به وقت ڪٿي به ۽ ڪنهن سان به ڪجهه به ڪري سگهن ٿا، ڇا چيم؟“
    ”هو ڪنهن به وقت ڪنهن سان به ڪجهه به ڪري سگهن ٿا “
    ”هانءِ شاباس . ادا پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون هو اسان مان ڪنهن کي به ڪنهن به وقت ڪنهن به جاءِ تي بنان وارنٽ گرفتار ڪري سگهن ٿا. جيل اماڻي سگهن ٿا ۽ اسان کي هميشه لاءِ گم به ڪري سگهن ٿا. پاڻ کي محتاط رهڻو پوندو منهنجا دوست. ڇا چيم.....؟“
    ”پاڻ کي محتاط رهڻو پوندو....“
    ”هانءِ شاباس پر منهنجا دوست پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون . پنهنجو ڪو به احتياط ڪارگر ثابت نه ٿيو آهي، نه ئي ٿيندو. هنن جنهن وقت به ۽ جتي به چاهيو آهي اسان جي ماڻهن کي کنڀي کڻي ويا آهن. مهينن جا مهينا سالن جا سال خفيه ٽارچر سيل ۾ رکي خطرناڪ تشدد ڪيو اٿن. انهن کي ذهني / جسماني طور اپاهج ڪري واپس ڪيو اٿن. بلڪه اڪثر کي ته واپس ئي نه ڪيو اٿن. اسين ڪو به احتياط نه ٿاڪري سگهون منهنجا دوست ڇا چيم....“
    ”اسين ڪو به احتياط نه ٿا ڪري سگهون .“
    ”هانءِ شاباس. ادا تنهنجو هي ڊپ تنهنجو ذاتي ڊپ نه آهي منهنجا دوست!
    اهو اسان سڀني جو ڊپ آهي. اهو قديم ۽ جديد ڊپ آهي. اهو اسان جو اجتماعي ڊپ آهي. ڇا چيم؟“
    ”اجتماعي ڊپ.“
    ”هانءِ شاباس.. ڇو جو هنن کي اسان جي خوشي پسند نه آهي. توکي خبر آهي ته هنن اسان جي دوست نظير احمد کي اڌ رات مهل کنيو ۽ کيس ٽارچر سيل ۾ اذيتون ڏئي ماري ڇڏيائون.. ۽ پوءِ وسندي برسات ۾ هڪ تاريڪ رات جي خاموشيءَ ۾ کيس سخي حسن قبرستان جي ڪنڊ ۾ دفن ڪري ڇڏيائون ... پر منهنجا دوست سخي حسن قبرستان جي اها گمنام قبر نڌڻڪي ناهي .. ان قبر جا وارث جيئرا آهن .. ان قبر جي مٽيءَ مان هڪ ڏينهن ڳاڙها گل ڦٽندا ...۽ ضرور ڦٽندا منهنجا دوست. ڇاچيم؟“
    هو جذبات وچان ڳالهائيندي هڪ وڏي ڪوسي ساهه ۾ تبديل ٿي ويو .
    پر سندس ساهه ۾ ڳاڙهن گلابن جي خوشبوءَ بدران ان امپورٽڊ وسڪي، پيزا، برگر ۽ بريانيءَ جي خوشبو هئي جيڪا هو شاهوڪار اين جي او جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر جي حيثيت ۾ گذريل ڪافي وقت کان پيئندو ۽ کائيندو پئي آيو.
    ”بهرحال...“ هن ٿڌو ساھ کڻي چيو.... ”وري به تو کي محتاط رهڻ گهرجي. هو تو جهڙن سوچيندڙ ماڻهن کي هميشه پنهنجي Hit listتي رکندا آهن. انهن جي چرپر تي اک رکندا آهن. انهن جي پٺيان سڙيل منهن وارو ماڻهو يا چيلاٽو لڳائي ڇڏيندا آهن. ڪجهه مهينن جي جاچ پڙتال کان پوءِ کين جڏهن سڙيل ٻوٿ وارو ماڻهو اها معلومات فراهم ڪندو آهي ته هي ماڻهو سمجهي سگهي ٿو، سوچي ۽ محسوس ڪري سگهي ٿو. ته هو ان ماڻهوءَ کي زندگيءَ کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. هنن کي فقط انڌا، ٻوڙا، گونگا، خود غرض ۽ ڪنڌ هيٺ جهڪائي هلڻ وارا ماڻهو وڻندا آهن. ڇا چيم....؟“
    ”هنن کي انڌا ٻوڙا گونگا خود غرض ۽ ڪنڌ جهڪائي هلندڙ ماڻهو وڻنداآهن.“ هُن اهو جملو سارنگ جي منهن ڏي ڏسندي چيو. الاءِ ڇو هن دفعي سارنگ پنهنجو تڪيئه ڪلام ورجائيندي چئي نه سگهيو ته:”هانءِ شاباس....“
    هو سارنگ جي ڳالهين جي وچ ۾ پنهنجي ڪا به راءِ ان ڪري رکي نه سگهيو جو سندس اندازو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس ڊپ بابت سارنگ جو خدشو به پنهنجي جاءِ تي صحيح هجي پر اصل ۾ سندس ڊپ بنهه ذاتي ۽ داخلي قسم جو ۽ مختلف هو. جنهن بابت هن سارنگ کي ڪجهه به ٻڌائڻ مناسب نه پئي سمجهيو. اهو ڊپ ڪنهن فلمي منظر کان بلڪل الڳ ٿلڳ ۽ حقيقي هو. اهو ڊپ اصل ۾ ان ڪوراڙ بلا جهڙو هو جنهن لاءِ چوندا آهن ته اها سڄي ماڻهوءَ کي ڳهي ويندي آهي. اهو ڊپ ان ڌٻڻ جهڙو هو جنهن ۾ڪريل ماڻهو آهستي آهستي ايئن غرق ٿي ويندو آهي جو کيس به خبر نه پوندي آهي. اهو ڊپ رات جي وقت گهري اونداهي ۾ جهنگل مان گذرندڙ ان مسافر جي احساس جهڙو هو، جنهن جي ڄنگهه ۾سنهڙو زهريلو نانگ ويڙهجي ويندو آهي ۽ جنهن کي هو ڪنهن سر جو پن، ڌاڳو يا گپ چڪ سمجهي هلندو رهندو آهي ۽ پوءِ ڪنهن مهل ڄنگهه ۾ سُور ٿيڻ تي هيٺ جهڪي ڏسندو آهي ته ڄاڻندو آهي ته اهو ڪک پن يا گپ، چڪ نه پر اهو ته زهريلو نانگ آهي پر ايستائين گهڻي دير ٿي چڪي هوندي آهي.. سارنگ کيسي مان پاڪيٽ ڪڍي سگريٽ دکائي ڪش ڀريو...! سرمئي دونهين جي ڪڪر ۾ هڪ پل لاءِ کيس کاٻي اک جي خواب جو پهريون ۽ آخري مقتول نظير احمد مرڪندي نظر آيو. ان مرڪ ۾ اداس طنز جو زهر هو. ۽ ٻئي پل کاٻي اک جي خواب جو پهريون مقتول دونهين ۾ تحليل ٿي ويو. هن سندس هٿ ۾ جرڪندڙ پاڪيٽ ڏٺو. اهو مهانگي برانڊ جو سگريٽ هو.
    ”بس يار...“ سارنگ سندس نگاهه جو مطلب سمجهندي چيو.... ”سڄي زندگي پن جون ٻيڙيون ۽ فلٽرليس ٿرڊ ڪلاس سگريٽ پِي سينو ساڙيو اٿئون .... سٺو سگريٽ ڇڪڻ ته گهٽ ۾ گهٽ اسان جوبه حق آهي.“ ٻئي مرڪي پيا.
    ”منهنجو خيال آهي ته ان مرڪ تي پاڻ موڪلايون...“
    ”پنهنجو خيال رکجانءِ ۽گهڻو ڊپ نه ڪر. ڊپ ماڻهوءَ کي ماري وجهندو آهي.“ سارنگ اٿندي چيو ۽ ساڻس هٿ ملائي پارڪ مان ٻاهر نڪري ويو. هو ڪجهه لمحن لاءِ اتي ئي بيٺو ماڻهن جي پيهه جو حصو ٿيندڙ پنهنجي دوست جي پٺيءَ ڏي ڏسندو رهيو. اها بظاهر هڪ خوش باش پر حقيقت ۾ هڪ اداس ماڻهوءَ جي اداس پُٺي هئي.


    2

    راڻو ڪجهه دير اُتي بيٺو سارنگ کي شهر جي پيهه ۾ گم ٿيندي ڏسندو رهيو. جڏهن سارنگ پنهنجي اداس پٺيءَ ۽ نظر جي چشمي سميت سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويو ته کيس لڳو ڄڻ هو هميشه لاءِ سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويو. ۽ هن کي احساس ٿيو ته رات ٿي وئي آهي.. پر نه اڃا رات نه ٿي هئي. ها البته شام ڪافي گهري ٿي چڪي هئي. شامون بهار جون هجن يا خزان جون، شامون سڀ هڪ جهڙيون هونديون آهن ۽ اڪثر ماڻهوءَ کي نه سمجهه ۾ ايندڙ اداسيءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن.
    شامون رڳو ماڻهوءَ تي ئي اثراندز نه ٿينديون آهن پر وڻن ٽڻن، پکين، آکيرن پيچرن، جاين، آڳنڌن، پليٽفارمن، انتظارگاهن، پارڪن ۽ سيمنٽ جي بئنچن تي به اثر انداز ٿينديون آهن. شام مهل هر شئي اداسيءَ جي ڪوهيڙي ۾ ويڙهجي ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن اهو ڪوهيڙو ايڏو گهاٽو هوندو آهي جو سوين وولٽيج وارا بلب به سندس دائري کي ٽوڙي نه سگهندا آهن.
    ۽ اڪثر هو پنهنجو پاڻ کان پڇندو آهي
    ”آخر ايڏي اداسي ڇو آهي...؟“ پر کيس پنهجي سوال جو ڪوبه جواب نه ملندو آهي. هونءَ به ڪيئي اهڙا سوال ڦٽندا آهن جن جو وٽس ڪوبه جواب نه هوندو آهي. هن ڪيترين ئي موسمن ۾ ڪيترائي ڀيرا پنهنجي آس پاس نهاريو هو.
    اوڀر....
    اولهه....
    اتر....
    ڏکڻ....
    چارئي ڏسائون نهار جي پهچ ۾. سڄي دنيا، دنيا جا ماڻهو. ڀورا، ڪارا، ڳاڙها ماڻهو.
    آس پاس نهاريندي سندس ذهن ۾ موجود سڀ ڳالهيون سُسي ويون ۽ سندس ذهن يڪسر خالي ٿي ويو هاڻي سندس ذهن ۾ نه دل جي دوري پوڻ جو ڊپ موجود هو نه ئي سارنگ جون ڳالهيون ... نه سندس آفيس جي پٽيوالي غلام رسول عرف گليءَ جو پراڻو ڪوٽ موجود هو جنهن جا سڀ بٽڻ ڇنل ۽ رنگ ڦٽل هو ۽ نه ئي هوٽل واري پنهل جي کاٻي اک جي پچي موجود هئي. نه مٿي تي مائو ڪيپ پائي تڪڙو تڪڙوهلندڙرٽائرڊ بئنڪ مئنيجر جي پراڻي ٽاءِ هئي، نه ئي سندس ٽاءِ مان ٻاهر نڪتل ڌاڳو. هاڻي سندس ذهن مڪمل طور تي خالي هو. پر اهو خاليپڻو به شايدعارضي هو.
    ٻئي پل سندس ذهن تي ڏک جا ڪڪر ڇائنجي ويا.
    اهو شام جو شام جهڙو ڏک هو جنهن ۾ ”گهر وڃڻ“ جي پراڻي اداسي لکيل هئي.
    ماڻهوءَ کي نه چاهيندي به شام جو گهر وڃڻو پوندو آهي. اهو... ”وڃڻو پوڻ“ يڪسانيت جو نالو آهي. ماڻهو ڪنهن طرف ڀلي نه وڃڻ چاهيندو هجي پر کيس ضرور وڃڻو پوندو آهي. اهو وڃڻ اصل ۾ ”وڃڻ لاءِ وڃڻ“ هوندو آهي. ايئن جيئن مڙئي ڳالهائڻ لاءِ ڳالهائڻ، ڏسڻ لاءِ ڏسڻ. زندگيءَ جا گهڻا عمل شايد اهڙائي هوندا آهن جيڪي نه چاهيندي به هرحال ۾ ڪرڻا پوندا آهن. اها خود ساخته اذيت آهي . مٺو زهر آهي. خاموش قاتل آهي. ماڻهو ٻين سان ڪوڙ ڳالهائڻ کان وڌيڪ پنهجي پاڻ سان ڪوڙ ڳالهائيندا آهن. اهي خوش ۽ مطمئن نظر اچڻ جو سانگ رچائيندا آهن. اهي گهڻي دير تائين دوستن سان گڏ رهڻ گهرندا آهن ۽ گهر وڃڻ نه چاهيندا آهن پرپوءِ به چوندا آهن. ”چڱو مان هلان ٿو. ڏاڍي دير ٿي وئي آهي“ اهي لفظ سندن اندر جا نه هوندا آهن. فقط سندن چپن جا هوندا آهن. گهر وڃڻ ته سندن مجبوري هوندي آهي. سمجهوتو هوندو آهي. هو ته اڌ اڌ رات تائين ٻاهر رهڻ چاهيندا آهن...!! دوستن ۽ رستن سان رلڻ ۽ ڳالهائڻ چاهيندا آهن... هوائن سان ملڻ ۽ آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ گهرندا آهن پر هميشه سندن خواهش خواهش ئي رهجي ويندي آهي...!!
    هن جا قدم ميڪانڪي انداز ۾ ڪالونيءَ ڏي وڌڻ لڳا. ڪالوني جنهن ۾ سندس گهر هو. زال هئي، ٻار هئا. شايد سڀ ڪجهه هو . اهو سڀ ڪجهه جيڪو گهر ۾ هجڻ گهرجي. پر پوءِ به ڪجهه کٽل هو. ڪجهه خاص ... ڪجهه ضروري ... اهو ڇا هو...؟ شايد ڪجهه به نه.. شايد گهڻو ڪجهه ”شايد ڪجهه به نه“ ۽ ”گهڻو ڪجهه“ جي وچ ۾ ”ڪجهه“. کيس گهر ڏي وڃڻ فقط تڏهن سٺو لڳندو هو جڏهن هو ننڍڙو ٻار هو ۽ اڃان سندس ماءُ زنده هئي. گهربه فقط تڏهن سٺو لڳندو هئس جڏهن هوءَ سندس انتظار ڪندي هئي. تڏهن کيس گهر موٽڻ ڏاڍوسٺو لڳندو هو. ٻاهر رهڻ ڏکيو لڳندو هئس. هاڻي ته گهر ڏي موٽڻ هن جي ضرورت هئي... مجبوري هئي.. بلڪه فرض هو. گهر کان آفيس ۽ آفيس کان گهر تائين هرڪنهن کي فرض جو پٽو ڳچيءَ ۾ ٻڌل آهي. خوبصورت ۽ چمڪدار پٽو... جنهن کان سواءِ ماڻهو جهڙو وائڙو. سج لهي ويو. شهر جون بتيون روشن ٿي ويون. ۽ هن اوچتو محسوس ڪيو ته هو هن ڀريل شهر ۾ بلڪل اڪيلو آهي. جڳ جڳ کان اڪيلو. سڀ ڪو اڪيلو آهي، سارنگ به اڪيلو آهي، رٽائرڊ بينڪ مينيجر به اڪيلو هو. ڊاڪٽر حيدر علي به اڪيلو آهي ۽ سندس ڪلينڪ جي دروازي تي هڪ ٽنگ تي بيٺل پٽيوالو به اڪيلو آهي. شايد سڀ رشتا ناتا دوست عزيز مٽ مائٽ نظر جو دوکو آهن. هوفٽ پاٿ تي پير رکندو اڳتي وڃي رهيو هو. ڄڻ اڳتي نه پر پوئتي پئي ويو، گهڻو پوئتي. جتي رڃ هئي، جتي ڪارو پاڻي هو. ڪارو پاڻي ماڻهوءَ جي اندر ۾ هوندو آهي ... جتي ڪجهه ماڻهو هميشه لاءِ قيد هوندا آهن ۽ جتان ڪڏهن به آزاد ٿي نه سگهندا آهن. جتي سندن عُمر ڳري ويندي آهي. آسمان ۾ ڪڪر ڀريل هئا ۽ هوا ۾ گهم هئي. هن جي اکين ۾ خاليپڻو ڀريل هو. دل ۾ ڏک جو گهرو احساس..... جهڙو وڃايل ٻار...” امان ...!! امان تون ڪٿي آهين...؟“ آس پاس سڀ ڪجهه اجنبي.... اوپرو اوپرو.... رستو خالي اکيون خالي، خالي اکين ۾ ڳولا.... گهرج..... پڇا پر ڪنهن جي...؟ شايد ڪنهن ڇانوري جي وڻ جي. ڪنهن اهڙي بئنچ جي جنهن تي ويهي، اکيون پوري، پير پساري هڪ پل لاءِ رستي جو ٿڪ ڀڃي سگهي. رستو جيڪو گهڻو طويل هو، پر ڪٿي ڪائي پناهگاهه نه هئي. وڻ نه هو.... ڇانورو نه هو. کيس هر حال ۾ ٿڪل پيرن سان هلڻو هو. پرهو ڪافي دير تائين اتان چري نه سگهيو. کيس لڳو ڄڻ هو ورهين کان اتي بيٺو ماڻهن کي ڏسندو رهيوآهي. دوستن ۽ سڃاڻو چهرن کي هڪ پل لاءِ ظاهر ٿيندي ۽ وري الوپ ٿيندي ڏسندو رهيوآهي. اول هن جي اداسيءَ جو هڪڙو رنگ هو پر هاڻي ان ۾ ڪيئي رنگ شامل ٿي چڪا هئا.
    اداسيءَ جو نيرو رنگ.
    جدائيءَ جو هيڊو رنگ.
    انتظار جو اڇو رنگ.
    ڏک جو ڪارو رنگ.
    سڀ رنگ هڪ ٻئي کان ڌار. سڀ رنگ هڪٻئي ۾ ملڻ لاءِ آتا.
    سڀ رنگ هڪٻئي ۾ ملندڙ جُلندڙ. آميزش جو لمحو.
    تخليق ۽ تخريب جو لمحو. ملڻ ۽ وڇڙڻ جو لمحو. ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو لمحو. سڃاڻپ جو لمحو، گمناميءَ جو لمحو، شايد اهو هڪ لمحو ئي وقت جو پئمانو آهي. الاءِ ڇو هڪ لمحي لاءِ سندس اندر ۾ زوردار خواهش اڀري ته هو زور زور سان رڙيون ڪري ماڻهن کي ٻڌائي ته هڪڙو پل ئي سڀ ڪجهه آهي. پر هو پنهنجي خواهش کي عملي روپ نه ڏيئي سگهيو. وقت گهڻو گذري چڪوهو. هو ٿڪل ٿڪل قدم کڻندو ۽ ڀتين ڏي نهاريندو گهر جي رستي سان هلڻ لڳو. ڀتين تي چنبڙيل اشتهار ۽ نعرا ... ڀتيون جيڪي ماضي به آهن ته حال به آهن ۽ مستقبل به، اهي قديم به آهن ته جديد به. اهي ڀتيون هو ورهين کان ڏسندو پئي آيو. ڀتين تي لکيل نعرا اشتهار سندس يادگيرين ۾ محفوظ هئا. اس ۽ برسات ۾ ڊهي ويل نعرا ۽ اشتهار به سندس يادگيريءَ ۾ تازا هئا. شايد ڀتين تي لکيل نعرا، جملا ۽ اشتهار هڪ دور جو عڪس ۽ سماج جي نفسيات جو آئينو هوندا آهن، اهي پنهنجي دور جي دانهن هوندا آهن، ڪهاڻي هوندا آهن، ڏک جي ڪهاڻي، خوشيءَ جي ڪهاڻي، خواهشن ۽ خوابن جي ڪهاڻي، اذيت جي ڪهاڻي، اندر جي اوٻر جي ڪهاڻي، ذاتي ڪهاڻي، ڪوڙي ڪهاڻي ۽ سچي ڪهاڻي ۽ ڪهاڻي رڳو ماضي نه هوندي آهي ۽ رڳو حال نه هوندي آهي، پر مستقبل به هوندي آهي .. هن جون اکيون ڀتين سان الجهيل هيون ۽ سندس مٿان هڪ وشال سانورو آسمان تنبوءَ وانگر تاڻيل هيو... ۽ الجهن جي هڪ پل ۾ مٿس اهو انڪشاف به ٿيو ته ڊرامي بازي ۽ نعري بازي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ... ۽ اهو سڪو کوٽو آهي ۽ کوٽو سڪو ٻار به نه وٺندا آهن ... ها البت کوٽو سڪو انڌي فقير جي ڪشتي ۾ آسانيءَ سان اڇلائي سگهبو آهي. سڪي جو ڇڻڪو ٻڌي انڌو فقير جوش وچان نعرو هڻندو آهي. ’حق الله، حق الله، حق الله‘ ۽ انڌي فقير جي وات مان نڪتل اهو نعرو ڪوڙو نه هوندو آهي. ڇو ته اهو محض نعرو نه هوندو آهي پر اهو اندر جي صدا هوندو آهي .. هو نعرا پڙهندو ۽ اشتهار ڏسندو رهيو.
    تان جو رستو کٽي ويو ۽ ڀتيون به کٽي ويون پر نعرا ۽ اشتهار نه کٽا. پولار ۾ لڙڪندڙ نعرا، جملا ۽ اشتهار ڏانهس ڏسڻ لڳا. سڄو شهر ٿڌ جي تهه ۾ ڍڪجي ويو. هو پئنٽ جي کيسن مان هٿ ڪڍي منهن تي چنبڙيل نعرن، جملن ۽ اشتهارن جي دز ۽ ڄارو پري ڪندي چپن ۾ ڀڻڪيو، ”هن ديس جون ديوارون رات پيٽ ۾ ايترا نعرا ڄڻين ٿيون جيترا مائرون ٻار به نه ٿيون ڄڻين. پر اهو به شڪر جو ڀتيون پنهجا ڄڻيل نعرا پاڻ ئي نانگن جيان کائي ٿيون ڇڏين نه ته شايد سڄو شهر نانگن سان ڀرجي وڃي“ ۽ پوءِ پنهجي گهر جو دروازو کڙڪائڻ مهل سوچيائين ”پرهن ديس جون ديوارون نعرا نه ڄڻينديون ته ڪهڙا گل ڄڻينديون، نعرن جي لڳ سان نعرا ئي ته ڄمندا آهن، شايد هن ديس جي سموري سياست ڀتين تي لکيل نعرن سان شروع ٿي ڀتين تان اس ۽ مينهن ۾ ڊهي ويل نعرن تي دنگ ڪري ٿي.“ دروازو کڙڪائڻ کان اڳ کيس اوچتو الٽي اچي وئي.... الٽي ڪندي هن اهو به محسوس ڪيو ته دراصل هو گهڻي وقت کان دوزخ جي ڪنهن وشال ڪنڊ ۾ زندگي گذاري رهيو آهي.
    ساڳيائپ جو دوزخ....
    اڪيلاين جو دوزخ....
    چيلاٽن سان ڀريل دوزخ....
    کاٻي اک جي خواب جو دوزخ....
    نعرن سان جهنجهيل دوزخ....
    خدشن ۽ انديشن سان ڀريل دوزخ....
    هن محسوس ڪيو ته جيڪو ماڻهو گهر جي ڀرسان ۽ ڀت جي پاڙ ۾ الٽي پيو ڪري سو ڪو ٻيو آهي. يا شايد هو پاڻ آهي. يا ٻنهي مان ڪو به هڪ آهي. هونءَ به زندگيءَ جي انڌي ڳليءَ ۾ ڦاٿل ماڻهوايئن نه سوچيندو آهي جيئن سوچڻ گهرجيس. پر ايئن سوچيندو آهي جئين سوچڻ نه گهرجيس ۽ ائين سوچيندو آهي، جئين انڌي ڳليءَ ۾ بيٺل ماڻهو سوچيندو آهي.
    هو زندگيءَ جي ڄاڱري ٻير ۾ ڦاسي پيو هو ۽ محسوس ڪرڻ لڳو هوته زندگي هڪڙو ناڪام تجربو آهي ۽ اميد هڪ خوبصورت دوکو آهي. رڃ آهي. زندگي هڪڙو ريشمي ڄار آهي. ڪوريئڙي جو اڻيل اهڙو ڄار ، جيڪو بنهه سنهڙو آهي پر ڏاڍو مظبوط آهي . جنهن ۾ ماڻهو ڦاٿل آهي . جنهن ۾ ماڻهو ڀٽڪندو ٿو رهي . جيئندو ٿو رهي، مرندو ٿو رهي، جآڳنڌو ٿو رهي. تان جو جسم جون رڳون سڪي وينديون اٿس.کل ڳري ويندي اٿس. هڏ ڀري ويندا اٿس. رت سڙي ويندو اٿس، پر پوءِ به جيئندو، جآڳنڌو ۽ ڀٽڪندو رهندو آهي. زندگي هڪ پيچيده مسئلو آهي جنهن جو حل ڪنهن وٽ ڪونهي . زندگي آهي ته مونجهارو آهي. زندگي ختم ته مونجهارو ختم . موت کڻي ڪنهن به مسئلي جو حل نه هجي پر گهٽ ۾گهٽ پاڻ ته ڪو مسئلو ڪونهي. مونجهارو ته ناهي. موت اهڙي صاف ۽ سفيد چادر آهي جنهن تي ڪنهن به مونجهاري جو داغ ناهي. شايد موت ماڻهوءَ جو مهربان دوست /دشمن آهي. شايد اهو موت ئي آهي جيڪو زندگيءَ جي اڌ سچ کي ”سڄو“ سچ بڻائي ٿو. پر ماڻهوءَ جي اختيار ۾ ڇا آهي......؟
    ”زندگي....؟“
    ”موت....؟“
    ماڻهوءَ جو ته زندگي تي ڪو اختيار آهي نه موت تي. جي ماڻهوءَ ۾ خودڪشيءَ جي جرئت نه آهي ته پوءِ کيس نه چاهيندي به جانور وانگر زندگي گذارڻي پوندي. هو هڪ هارايل سپاهيءَ وانگر سوچڻ لڳو هو. گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي موت تي ته ماڻهوءَ کي اختيار هجڻ گهرجي جڏهن زندگيءَ جا سڀ رستا سوڙها ٿي وڃن ته آزادي سان بنا ڪنهن ڊپ ۽ روڪ ٽوڪ جي موت جي شاهراه تي روانو ٿي وڃجي . هونءَ به شايد بي يقينيءَ جي زندگيءَ کان يقين وارو موت وڌيڪ بهتر آهي. پر ماڻهو اهڙي آزاديءَ کان محروم آهي . پر جڏهن ماڻهو پنهنجي مرضي سان ڄمي ئي نه ٿو ته پنهنجي مرضي سان زندگي ڪيئن ٿو گذاري سگهي. پنهنجي لاءِ مري ڪيئن ٿو سگهي....؟؟
    پنهنجي لاءِ جيئڻ...!!
    پنهنجي لاءِ مرڻ....!!
    هڪ شاندار خواهش ..!!
    هڪ حسين خواب .... پر تعبير کان محروم ...!
    بس ماڻهو زنده رهي ٿو مرڻ لاءِ .... نوڪريءَ لاءِ ... شاديءَ لاءِ، ٻار ڄڻڻ لاءِ .. ٻارن کي پالڻ لاءِ ... نوڪريءَ مان رٽائر ٿيڻ لاءِ. پينشن وٺڻ لاءِ ... قطار ۾ بيهڻ لاءِ، بلڊ پريشر، شگر ۽ سنڌن جي سُور جون دوائون کائڻ لاءِ، کنگهڻ لاءِ.... ۽ کنگهي کنگهي مرڻ لاءِ. هو بظاهر با اختيار ۽ آزاد هوندي به بي اختيار غلام آهي. سارتر شايد سچ نه چيو آهي ته ٻار آزاد ڄمي ٿو پر دنيا کيس غلام ٿي بڻائي. ڪٿي آهي ٻار ڄمڻ کان اڳ آزاد؟ ٻار ڄمڻ کان اڳ ئي پابند آهي، غلام آهي، بي اختيار آهي.
    هو زندگيءَ جي اهڙي انڌي ڳليءَ ۾ ڦاسي پيو هو جنهن مان نه اڳتي وڃي پئي سگهيو نه پوئتي موٽي پئي سگهيو . هن لاءِ ٻار ،زال ۽ زندگي معنيٰ وڃائي ويٺي هئي . هن لاءِ زندگي چاڪيءَ جي ڏاند جئان هڪ ئي دائري ۾ڦاٿل شئي هئي.
    ساڳيو ڪمرو، ساڳيون ڀتيون، ساڳيو گهڙيال، ساڳيو وقت جو سرندڙ وجود، ساڳي آفيس، ساڳي ٽيبل، ڪرسي ۽ باس. ساڳيو ڪم ساڳيا فائل هر عمل بي چس. زندگيءَ کان خالي خالي. مئل مئل. مسلسل ورجاءُ. گهر جي ساڳي حالت... ساڳي ٽي وي، ساڳيو ڪارٽون فلم جو بي انتها شور، ٻارن جو گوڙ. نه پنهنجي پسند تي ڪوئي گيت ٻڌي سگهجي. نه ڪائي فلم ڏسي سگهجي. نه آرام سان ڪو ڪتاب پڙهي سگهجي. نه پنهنجي مرضيءَ سان خاموشيءَ جو لطف ماڻي سگهجي. هر ڳالهه ۾ بي وسي، لاچاري، محرومي. ۽ انهن محرومين جي ڪک مان ڦٽل ڪاوڙ ڏک، اداسي ۽ پاڻ تي مڙهيل خاموشي....!!
    ان رات زالهنس اڌ رات مهل گهر جي ڪم مان ۽ ٻارن جي سار سنڀال کان پوءِ اچي سندس ڀر ۾ ليٽي ته هو اڃا جاڳيو پئي. خاموش هو. جهڙو لاش...! زالهنس ٻانهن ڇاتيءَ تي رکي اوٻاسي ڏيندي پڇيس... ”ڇا ٿيو اٿئي. ننڊ نه ٿي اچئي“ هو بدستور چپ ۽ اندر ۾ اڀرندڙ ڏک، اداسي، شڪايت ۽ ڪاوڙ ”ڪيڏو عجيب فضول ۽ وائڙو سوال...!“
    زالنهس جو ساڳيو سوال. ۽ هن جو ساڳيو پراڻو ڏک ۾ ڀريل جواب”ڪجهه نه. ڪجهه به نه“ موٽ ۾ زالهنس جي ساڳي اوٻاسي ۽ ننڊ ۾ ڳريون ٿي ويل ٿڪل اکيون. ٿڪاوٽ ۽ اوجاڳي جي ڪري ساهه مان ايندڙ بوءِ ۽ پوءِ کونگهرن جو جو هلڪو پرگهرائي سان ايذائيندڙ آواز.... هو دير تائين جآڳنڌو، پاسا ورائيندو ۽ پنهنجي پاڻ سان ڳالهائيندو رهيو. ”سڀ ڳالهيون ٻڌائڻ جهڙيون ته نه هونديون آهن. ڀلي کڻي نه به هجن پر پڇڻ جو اهو طريقو آهي. هونهه... ڇا ٿيو اٿئي. ڇاٿيندو.....!! توکي ڀلا ڇا ٻڌايان ۽ ڪيئن ٻڌايان ته جيئرو رهڻ زندگي نه آهي. پر تون ٻڌي به ڀلا ڇاڪندينء“
    سول اسپتال جي فزيشن ڊاڪٽر ظهور بلڊپريشر چيڪ ڪري چيو هئس... ”توهان جو بلڊ پريشر وڌيڪ آهي. هي گوريون کائو، پندرنهن ڏينهن کان پوءِ وري اچجو.“
    ”ڊاڪٽر صاحب منهنجو بي پي نارمل ٿي ويندو...؟“
    ”دراصل هي بيماري ڏاڍي خراب آهي، هڪ ڀيرو ڪنهن کي لڳندي آهي ته وري جند نه ڇڏيندي آهي“ ڊاڪٽر ٻئي مريض کي سڏيندي ڪجهه اهڙي انداز سان چيو هو جو هُو نروس ٿي ويو هو. نروس ٿيڻ هونءَ به سندس پراڻو الميو هو. ملٽي نيشنل ، نيشنل ۽ لوڪل ميڊيڪل ڪمپنين جي نمائندن جي وچ ۾ ويهي ساڻن گپ شپ ۾ گم ڊاڪٽر صاحب پنج منٽ ڪڍي هن کان رڳو ايترو پڇي ها ته” تون اڳ کان بلڊ پريشر جي دوا کائيندڙ آهين يا نه ... ننڊ اچي ٿي يا نه ، جي نه ته ڇو نه ٿي اچي .. ڪنهن پريشاني ۾ مبتلا ته ناهين...؟“
    ته هُو کيس ضرور ٻڌائي ها ته ”ڊاڪٽر صاحب مان گذريل وڏي عرصي کان پريشان ٿو رهان. مون کي راتين جون راتيون ننڊ نه ٿي اچي، ڀيانڪ خواب ٿو ڏسان...“ ته پوءِ شايد ڊاڪٽر صاحب فوري طور تي بلڊ پريشر جون گوريون لکي ڏيڻ بدران کيس آرام جو مشورو ڏئي ها، شايد ننڊ يا سڪون جون گوريون لکي ها .. ۽ کيس ٻڌائي ها ته هتي هن ملڪ ۾ آخر ماڻهوءَ جو بلڊ پريشر نارمل ڪيئن ٿو رهي سگهي! هتي ته هڪ ٺيڪ ٺاڪ ۽ خوشحال ماڻهو به بلڊ پريشر کان بچي نه ٿو سگهي. ... تون ته حساس ماڻهو آهين¸ پر ڊاڪٽر صاحب وٽ هن سان ڳالهائڻ لاءِ ايترو وقت ڪٿي هو...؟؟
    هُو سندس لاءِ ايترو اهم ڪٿي هو جيترا اهم اُهي ميڊيڪل جا نمائندا هئا....!!
    هُو انهن ڏينهن کان وٺي اينگزائٽيءَ ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو. ذهني ۽ جسماني طور ٿڪل. بيزار، ڏکارو، ڊنل ۽ اداس اداس. گهرکان ٻاهر نڪرڻ نه چاهيندو هو. هر وقت نرڙ تي ٻانهن ڏيو ليٽيو پيو هوندو هو، ڪنهن سان به ڳالهائڻ، ملڻ، کلڻ نه پڄندو هئس. ذهن جاڳيل، اکيون ٻوٽيل. اکيون کولي ته ايئن ڀاسيس ته ڇت ٿي مٿان ڪري، پنکو ٿو مٿي ۾ لڳيس. ”پنکي جي رفتار گهٽ ڪيو“وٺيو دانهون ڪري. ايئن ڀاسيس ته اوچتو پنکي جا پر کلي ويندا ۽ پنکي جو هڪڙو پر هوا ۾ اڏامندو زور سان سندس مٿي ۾ اچي لڳندو ۽ ميڄالو نڪري ويندس. گهر مان نڪرندو ته ڀاسندس گهٽيون، بازارون، دڪان، ماڻهو، گاڏيون، آواز ۽ ٽريفڪ جو شور کائڻ ٿو اچيس. گهر ۾ چپ ... نه زال سان ڳالهائڻ ، نه ٻارن سان راند رونشو. جهڙو اوپرو اڻڄاڻ ،دل ۾ ڊپ ۽ انيڪ خدشن جي وڌندڙ ول. هيئن نه ٿي پئي ... هونءَ نه ٿي پئي ... ڪو حادثو نه ٿي پئي ... گهر ۾ پيسا به ڪونه آهن .... ڪجهه ٿي پيو ته پو ءِ ڇا ٿيندو ... ڳوٺ ۾ بابا بيمار ٿو رهي، اهو مري پئي ته پوءِ...؟ ڪفن دفن جو خرچ ڪٿان ايندو؟ ننڍڙا ٻار گهٽيءَ ۾ وڃن ته پريشان ٿيو وڃي. ”ٻارن کي سڏ ڪيو، جلدي ڪيو...! ڪنهن گاڏيءَ جو ڌڪ نه لڳي وڃين، موٽر سائيڪل سان ٽڪرائجي نه وڃن. ڪوئي هيروني اغوا نه ڪري وڃين، گٽر ۾ ڪري نه پون. نه ڇڏيو ٻارن کي ٻاهر..“ چرين وانگر وٺيو دانهون ڪري. ٻارن کي گهر ۾ بند ڪرايو دروازو بند ڪرائي ڇڏي، تڏهن وڃي مطمئن ٿئي پر گهڙيءَ کان پوءِ وري ساڳي حالت.. خدشا... ڊپ ... پريشاني .... ڏک ... چڙ ... ۽ وري خدشو ته ”ڪجهه ٿي نه پئي“.
    ڪنهن سان به،
    ڪنهن به وقت،
    ڪٿي به،
    ڪير به،
    ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    ٻاهران گهر ايندو ته گهر ۾ کلندڙ ڪڏندڙ ٻار چپ ٿي ويندا. زالنهنس جي اکين ۾ الڪا لهي ايندا. سڄو گهر ايئن سراپجي ويندو ڄڻ اوچتو گهر ۾ ڪو اهڙ اجنبي ماڻهو آيو هجي جنهنجي مٿي تي سڱ هجن ۽ سندس اکيون نرڙ ۾ هجن. ٻار محسوس ڪرڻ لڳا هئا ته هاڻي سندن پيءُ ايئن نه آهي جيئن پهرين هو. لطيفا ٻڌائي کلندڙ ۽ کلائيندڙ. ساڻن رانديون کيڏندڙ ۽ کين شهرگهمائي خوشي محسوس ڪندڙ. سندن هر انگل آرو پورو ڪندڙ . هاڻي هو ڪنهن نظر نه ايندڙ ڀيانڪ بيماريءَ ۾ ورتل چيڙاڪ ۽ بت کان بيزار مريض پيءُ آهي. جيڪو ڪنهن به ڳالهه تي چڙي گهر کي دوزخ ۾ تبديل ڪري سگهي ٿو. اسان جي ماءُ کي دڙڪا ڏيئي سگهي ٿو. ۽ اسان کي چماٽون به هڻي سگهي ٿو ان ڪري ان جي ويجهو نه وڃڻ گهرجي ۽ ان سان ڳالهائڻ نه گهرجي، ان جي سامهون راند روند ۽ گوڙ نه ڪرڻ گهرجي، ان جي آڏو هڪ ٻئي سان وڙهڻ، کيڏڻ ، کلڻ ۽ روئڻ به نه گهرجي. بس بلڪل خاموش رهڻ گهرجي. امان کي ڪجهه چوڻو يا امان کان گهرڻو هجي ته کيس اشارن ۾ چئجي، اشارن ۾ گهرجي...
    ۽ هو گهر ۾ ڇانيل ان سوڳوار قسم جي خاموشيءَ کان ڊڄڻ لڳوهو. برابر کيس ٻارن جو گوڙ شور سٺو نه ٿي لڳو پر اهڙي چپ چپاٽ کيس گهري ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي هئي . گهٽ ۾ گهٽ هو اهڙي ماٺ برداشت ڪرڻ لاءِ ته تيار نه هو . اها ته موت جهڙي ماٺ هئي.
    دراصل سندس اهو ”ڪجهه ٿي نه پئي“ وارو خدشو وڌي وڻ ته شهر۾ اچڻ کان پوءِٿيو هئو. پر ان جو ٻج گهڻو اڳ تڏهن پوکجي چڪو هو جڏهن زالهنس جو پهريون ٻار ڇهين مهيني ضايع ٿي ويو هو ۽ پوءِ وري جڏهن هوءَ اميد سان ٿي هئي ته هو هر پل ايئن سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ لڳو هو ته ” ڪجهه ٿي نه پئي “ هڪ رات زالهنس چيو هئس ”مون کي لڳي ٿو ته منهنجو هي ٻار به ڪو نه بچندو“ هو ڇرڪي ويو هو.
    هو ته ان ڏينهن کان ئي جنهن ڏينهن زالهنس جي يورين ڊي آر مان پرگننسي ثابت ٿي هئي ان خدشي ۾ مبتلا ٿي ويو هو ته ”ڪٿي ڪجهه ٿي نه پئي“ پر زال سان ان جو ذڪر نه ڪيو هئائين.
    ۽ اهو ئي ٿيو هو، جنهن جو خدشو هو.
    ”لڳي ٿو ته ٻار جي چر پر بيهي وئي آهي” هڪ رات زالهنس سندس هٿ پنهنجي پيٽ تي رکندي ڏک مان چيو هو. ٻئي صبح شهر اچي ڊاڪٽر روبينه وٽان چيڪ اپ ڪرايو هئائون . جنهن کين ٻڌايو هو ته ”ٻار پيٽ ۾ سڪي ويو آهي“. ۽ هو ان شام کان وٺي هميشه لاءِ يقين جي سرحد تائين زندگي جي هر معاملي ۽ هر رخ بابت ان خدشي ۾ مبتلا ٿي ويو ته ”ڪٿي ڪجهه ٿي نه پئي“ ان کان پوءِ وري جڏهن زالهنس ڪجهه وقت بعد اميد سان ٿي هئي ته هو نائين مهيني تائين ان ساڳي خدشي سان گڏ ته ”ڪٿي ڪجهه ٿي نه پئي“ هڪ ٻئي قسم جي ڊپ ۾ به مبتلا رهيو هو. ۽ ان ڊپ جو به ذڪر زال سان نه ڪيو هئائين. اهو هڪ، ٿڪائيندڙ ۽ ڏکوئيندڙ ڊپ هو. اهو ڊپ هيءُ هو ته جيڪڏهن فرض ڪجي اسان جو هي ٻار صحيح سلامت ڄائوته سندس اکيون صحيح سلامت هونديون الائي نه. ممڪن آهي ته ٻار جي هڪ اک هجي هڪ نه هجي. ممڪن آهي ته ٻار جي کاٻي اک نه هجي. کاٻي اک جو ڊپ سندس پراڻو ڊپ هو.
    پوءِ جڏهن نائين مهيني جي هڪ شام زالهنس اسپتال جي ليبر روم ۾ ٻار کي جنم ڏنو هو ۽ ڪم واري ماسي کيس ٻار جو منهن ڏيکاريندي خرچيءَ جي گهُر ڪئي هئي ته هن سڀ کان اول ٻار کي هنج ۾ کڻي تڪڙ ۾ ٻارجي اکين ۾ ڏٺو. ٻار جون اکيون بي عيب، صاف ۽ ڏيئن جيان جرڪندڙهيون. ۽ هن هڪ وڏو ٿڌو ساهه کڻي نون مهينن جي پيڙا مان نجات حاصل ڪئي هئي ۽ سندس اکيون لڙڪن ۾ ڀرجي ويون هيون، اهي خوشيءَ جا لڙڪ هئا. پر اهي ٻار جي ڄمڻ کان وڌيڪ ٻار جي اکين جي سلامت هجڻ جي خوشيءَ جا لڙڪ هئا....!
    ممڪن آهي ته ڊاڪٽرن جي خيال مطابق اهو وهم هجي پر هن لاءِ اهو وهم نه هو، حقيقت هئي. هن کي پڪ هئي ته ساڻس ڪنهن به وقت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.
    ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته کيس اوچتو دل جو دورو پئجي ويندو. هو موت کان نه پر زندگي کان ڊڄڻ لڳو هو. دل جو دورو پوڻ وارو خدشو سندس ڊپ جو فقط هڪ اولڙو هو، اولڙا منتقل ڪندڙ درسني ته لڪل هوندي آهي . پري ڪٿي بنهه اندرين تهه ۾ لڪل... ۽ ان جا ٻيا کوڙ اولڙا به هوندا آهن جيڪي به لڪل هوندا آهن. ڪنهن مهل درسنيءَ تي سج جي روشني پوندي آهي ته ڪنڊ مان هڪ روشن تجلو نڪرندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي چهري تي پوندو آهي ۽ ماڻهوءَ جي چهري جو ڪو نه ڪو لڪل داغ ظاهر ٿي پوندو آهي. نه ته گهڻو ڪري سڀ داغ لڪل هوندا آهن. پر بهرحال موجود هوندا آهن . معدوم نه ٿيندا آهن.. ۽ ماڻهو لڪل داغن جو درد ڀوڳيندو آهي. لڪل داغن ۽ لڪل ڏکن جو درد ڏاڍو گهرو ۽ چاقوءَ جي ڌار وانگر تيز هوندو آهي. ڪنهن ڪنهن مهل اوچتو دل جو ڌڙڪو وڌيل ڀاسندس. وات خشڪ ٿي ويندس... لوندڙين جون رڳون سيٽجي ويندس .. گهٻراهٽ وڌي ويندس. تڪڙو تڪڙو اسپتال. ڪارڊيو جو رخ ڪندو. ڊاڪٽر سندس بي پي چيڪ ڪندو. اي سي جي ڪڍندو ۽ مرڪي چوندو ”توهان بلڪل ٺيڪ آهيو. پريشان نه ٿيو.... دل به ٺيڪ آهي. بي پي به نارمل آهي.“
    هو هميشه وانگر اسپتال مان ٻاهر نڪرندو ۽ ٿڌو ساهه کڻي چپن ۾ ڀڻڪندو... ” آخر ڇا ٿيو آهي مون کي؟ ڇو ٿو منهنجي آڱرين مان رت ٽمي ؟ ڇو ٿو زبان ڏندن هيٺان اچي چچرجي پوي؟ ڇوٿا دماغ ۾ هر وقت جهاز ڪريش ٿيندا رهن؟ ڇو؟ ڇو؟“
    ذهن ۾ اڪثر گونجندڙ ساڳيو سوال. هر دفعي جواب کان محروم، تان جو رستو کٽي ويندوآهي. ۽ هو رستي جي ڇيڙي کان گهر جي دروازي تائين ساڳي ڳالهه سوچيندو رهندو. ”روز روز ۽ ٽڪرن ۾ مرڻ کان بهتر آهي
    ته ما ڻهو هڪ هنڌ۽ مڪمل طور مري وڃي“
    پر ايئن ممڪن ڪٿي آهي..؟
    ماڻهوءَ کي ٽڪرن ۾ مرڻو ٽڪرن ۾ جيئڻو پوندو آهي.
    ماڻهو آهي به ته انيڪ ٽڪرن ۾ ورهايل. ٽڪرن ۾ ورهايل ماڻهو ٽڪرن ۾ جيئندو ۽ ٽڪرن ۾ مرندو آهي.
    اهو نه سالم جي سگهندوآهي نه سالم مري سگهندو آهي. هڪ ئي وقت ماڻهوءَ جو هڪ حصو ڇانوءَ ۾ هوندو آهي ته هڪ حصو اس ۾. هڪ ئي وقت ساڳيو ماڻهو زمين تي به هوندو آهي ته زمين کان مٿي به هوندو آهي ۽ها زمين ۾ اندر به هوندو آهي. ماڻهوءَ جو هڪ حصو باغ ۾ گهمي گلن جو واس وٺي رهيو هوندو آهي ته سندس ٻيو حصو ٽي بي سينوٽوريئم ۾ جراثيمن وارو رت ٿوڪي زنده رهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هوندوآهي. ماڻهوءَ جو هڪ حصو ڪنهن حسين عورت جي آغوش ۾ هوندوآهي ته ٻيو حصو ڪينسر وارڊ ۾ ڳري رهيو هوندو آهي. ان صورت ۾ آخر ماڻهو مڪمل طور خوش ڪيئن ٿو گذاري سگهي...؟
    ڪو ماڻهو مڪمل ڪيئن ٿو جي سگهي...؟
    ڪو ماڻهو مڪمل ڪيئن ٿو مري سگهي...؟
    ڪيئن...؟
    هو ان رات خوش هو ۽ شاديءَ جي ڪاڄ ۾ ويٺو ناچڻيءَ جو رقص ڏسي رهيو هو . ناچڻيءَ جي پيرن ۾ پاتل گهنگهرن جي ڇمڇم ۾ ڪجهه لمحن لاءِ سهي بهرحال دل جي دوري پوڻ جو ڊپ الوپ ٿي چڪو هئس.
    گهڻو مٿي آسمان ۾ چنڊ پئي مرڪيو ۽ هيٺ ڌرتي محوِ رقص هئي جو کيسي ۾ پيل موبائل وائبريٽ ٿيس ته محفل مان ٻاهر نڪري آيو. سندس ماسات جو نمبر هو ”هيلو ماسات ڇا حال آهي“. زندگيءَ سان ڀرپورلهجي ۾ پڇيائينس. ”ماسات حال ڪونهي يار“ پريان ماساتس جهيڻي لهجي۽ مئل آواز ۾ چيو.
    ”ڇو ماسات خير ته آهي...؟“
    ”يار ماسات مونکي رت جو ڪينسر ٿي ويو آهي.. اڄ هينئرهينئر رپورٽ آئي آهي..“ هو پيشانيءَ کان پيرن تائين سراپجي ويو. ڄڻ اوچتو بجليءَ جي کليل تار تي پير اچي ويو هجيس پر پاڻ سنڀالي چيائين ”اڙي يار ماسات تون دل نه لاه.. ڪينسر ڪو لا علاج مرض ٿورئي آهي. اڄ جي سائنسي دور ۾ڪينسرجو علاج موجود آهي ..“ هن کيس آٿت ڏنو.
    ”ڇڏ ماسات .. يار تون ته ڪوڙي دلداري نه ڏي..“
    ”نه ماسات ايئن نه آهي“
    ”ماسات ايئن آهي يار....!! پنهنجو ڪم پورو ٿي ويو.. يار زندگي ڏاڍي بي وفا نڪتي“ ٻئي وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيا. ڳالهائڻ لاءِ ڀلا بچيو ئي ڇا هو. کيس لڳو ڄڻ ناچڻيءَ جي پيرن ۾ پاتل پايل جا گهنگهرو ڪينسر جا ننڍڙا ننڍڙا گول ڳوڙها آهن. آسمان جا جا تارا هيٺ ڇڻي پيا آهن. چنڊ ڪارو ٿي ويوآهي. ناچڻي محفل ۾ نچندي رهي.
    ڇن ڇنن ڇن... ڇن ڇنن ڇن ڇن...
    هو لعل ميري پت رکيو ڀلا جهولي لالڻ سنڌڙي دا....
    هو سيوهڻ دا!
    هو چار چراغ تيري ٻلن هميشه پنجوان ٻالڻ آئي هان ڀلا...
    جهولي لالڻ سنڌڙي دا سيوهڻ دا...
    هو محفل مان ٻاهر نڪتو ته وري اندر نه وڃي سگهيو .
    ”سڀ ڪجهه فضول آهي. اسين سڀ ماڻهو شايد پنهنجي بي معنيٰ زندگيءَ کي معنيٰ ڏيڻ جي بي معنيٰ ڪوشش ۾ رڌل آهيون. رڳو اها بي معنويت ئي ماڻهوءَ سان مقدر وانگر ڳنڍيل ڪونهي پر ماڻهو به ان سان ڳنڍيل آهي. ماڻهن جي هجوم ۽ ڪيڙن ماڪوڙن ۾ ڪو فرق ڪونهي. ٻئي لاتعداد تعداد ۾ ڄمندا مرندا رهن ٿا ۽ ڄمندا مرندا رهندا. ها سڀ ڪجهه اجايو آهي ۽ جو ڪجهه اجايو آهي فقط اهو ئي سجايو آهي.“ پٺيان ڪنهن سڏيس. بيهي رهيو، مڙي پوئتي ڏٺائين ته ڪير به نه هو. پر پو ءِ به لڳس ڄڻ هُو ڏانهس ڏسي رهيو آهي. ساڄي کاٻي، هيٺ مٿي، اڳتي پوئتي ڏٺائين ڪوئي به نه هو. رڳو اڪيلو چنڊ هو جيڪو ڏانهس گهوري رهيو هو. چانڊوڪي جو رنگ هيڊو هو ۽ چنڊ جو رنگ اهڙو بي رونق مئل ۽ ڦٽل هو جهڙو ڪيموٿراپي جي مرحلن مان گذريل ڪينسر جي مريض جو منهن.
    ”ته معنيٰ“ هن سوچيو ”ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪنهن به وقت ڪابه بيماري لڳي سگهي ٿي. ڪابه....!! يعني ٽي بي، ڪينسر، هيپاٽائيٽس، برين هئمرج، اڌ رنگو، ۽ دل جو دورو...“
    سندس هٿ ۽ پير سن ٿي ويا. اکين جي آڏو اوندهه ڇائنجي ويس. ۽ اُها سڄي رات سمهي به نه سگهيو هو.
    رات جو دير تائين سوچيندو رهندو ۽ لڇندو رهندو.
    مٿان اگهاڙي تلوار ٽنگيل. سنهڙي ڌاڳي سان ٻڌل... ڀاسندس ته ڪنهن به وقت هوا جي هلڪي جهوٽي سان ڌاڳو ڇڄي پوندو ۽ تلوار سندس مٿي ۾ کُپي ويندي. مٿي مان ٿيندي دل ۾ سوراخ ڪندي ڇاتيءَ مان گذرندي دن تائين پهچي ويندي ۽ هو رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو، ڪمري جو فرش رت ۾ ڀرجي ويندو. رت هڪ ليڪ جي صُورت ۾ ڪمري مان نڪري دالان جو رخ ڪندو، دالان مان گذري آڳر ۾ پهچندو ۽ آڳنڌ مان هلندو ٻاهرين دروازي ڏي ويندو، دروازي جي هيٺان گذري ٻاهر گٽر جي ڪسيءَ ۾ داخل ٿيندو۽ اتان گٽرجي مين هول ۾ پهچندو ۽ پوءِ گٽر جي وڏي لائن ۾ شامل ٿيندو، گٽر جي مين لائن سندس رت جو آڌر ڀاءُ ڪندي ۽ کيس ڇڪي پنهنجي سيني سان لائيندي. گٽرجو گندو پاڻي رت جي ڪيترن قسمن کان واقف آهي. مردن جو رت، عورتن جو رت، ٻارن جو رت، جانورن جو رت ... زخمن جو رت، ناسورن جو رت...! سڀ رت هڪ ٻئي کي سڃاڻندا آهن. اهي هڪ ٻئي جا پراڻا واقف آهن. هو پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳندو ”ته معنيٰ مان ڪمري ۾ رت ڳاڙي مري ويندس. ۽ ڪنهن کي به خبر نه پوندي. نه منهنجي ٻارن کي نه زال کي. پر مرڻ کان اڳ ٻارن کي معمول مطابق پريءَ ۽ شهزادي جي ڪهاڻي ٻڌائيندس. ٻارن جون اکيون ننڊ ۾ ڀرجڻ لڳنديون ته ڪهاڻي اڌ ۾ ڇڏي اٿندس ۽ ٻارن جي ڳلن تي هڪ هڪ گڊ نائٽ ڪس ڏيندس. اها منهنجي زندگيءَ جي آخري گڊ نائٽ ڪس هوندي. ان کان پوءِ ڪڏهن به نه ڪوکين پريءَ ۽ شهزادي جي ڪهاڻي ٻڌائي سگهندس ۽ نه کين ڳلن تي گڊ نائٽ ڪس ڏئي سگهندس ۽ ان صبح ٻار ننڊ مان اٿندا ته يتيم هوندا. زال کي ڏهاڳ جو وڳو، آسماني شلوار ۽ اڇو چولو پاتل هوندو. سندس ٻانهون چوڙين کان خالي ۽ نڪ ٻٽو هوندو.“
    مٿان لڙڪندڙ تلوار جي ڊپ ۾ زندگي بي رنگ بڻيل . خوشيءَ کان خالي ٻارن سان پيار اڌورو.... زال سان تعلق اڌورو ۽ سنجوڳ اڻپُورو. موسمن سان تعلق ڇنل. اکين ۾ خوف ... خوف جيڪو نه ڪنهن کي ٻڌائڻ جهڙو ۽ نه لڪائڻ جهڙو، طبيعت ۾ ڏک، ڪاوڙ، ۽ چڙ.


    3

    ان رات زالهنس سان ننڍڙي ڳالهه تان چبجي پيو.
    شايد ڪا به ننڍڙي ڳالهه ننڍڙي نه هوندي آهي. سڀ ننڍيون ڳالهيون وڏيون هونديون آهن . گهر ۾ مهمان آيل هئا. کٽون گهٽ هيون، زالهنس سندس ستن سالن جي پُٽ عليءَ کي هڪ مهمان سان سمهاريو جيڪو اڌڙوٽ وهيءَ وارو هڪ آدم بيزار شخص هو.
    ”عليءَ کي سليمان سان نه سمهار “ هن زال کي پنهنجي منهن سڏي چيو!
    ”ڇو.... !!“ زالنهس حيرت مان چيو.
    ”بس چيم نه. نه سمهارينس.“
    ”ڪهڙو ٿو فرق پوي . پنهنجا عزيز آهن، پاسي ۾ ستو پيو هوندو، مهمان کي سوڙهه ڪانه ٿيندي.“
    ”اها ڳالهه نه آهي“
    ”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي“
    ” ڳالهه هي آهي ته عليءَ کي مهمان سان نه سمهار“
    ” ڇا ٿيو آهي راڻا. ننڍڙي ڳالهه کي کڻي ڳالهوڙو ڪيو اٿئي.“
    هو چپ ٿي ويو. زالهنس کي ڀلا ڪهڙي خبر ته ڳالهين مان ڳالهوڙا ڪئين ٺهندا آهن.
    ماڻس به ته کيس ايئن هڪ مهمان سان گڏ سمهاريو هو . هو زال کي ڇا ٻڌائي ۽ ڪيئن سمجهائي ته هڪ ئي کٽ تي مردن سان گڏ ستل ننڍڙن ٻارن سان ڇا ڇا نه ٿي گذرندو آهي . رات جي الائي ڪهڙي پهر ۾ ڪنهن هٿ جي ڇهاءَ تي جاڳ ٿي هئس . اهو هڪ اجنبيءَ کهرو هٿ هو جيڪو سندس نرم پيٽ تي آهستي آهستي ايئن گسڪي رهيو هو ڄڻ ڪجهه ڳوليندو هجي يا ڄڻ خاص مهم تي نڪتل هجي. هن ڊپ محسوس ڪيو ۽ ان ڊپ ۾ هڪ اجنبي لذت جي آميزش هئي ۽ هن دانهن ڪري ماءُ کي سڏڻ چاهيو پر سڏي نه سگهيو . اهو هٿ سندس پيٽ تان لهندو نهائينءَ کي ڇهڻ لڳو ۽ پوءِ سندس جسم جي نازڪ انتها تي پهچي اوچتو بيهي رهيو. اهو ”بيهي رهڻ“ در اصل هڪ بالغ ۽ تجربيڪار هٿ جي هڪ نا بالغ ۽ اڻ تجربيڪار جسم جي پر لطف گهرج سان بليڪ ميلنگ هئي. ان هٿ هڪ ننڍڙي ٻار کي وقت کان اڳ بلوغت جي دنيا ۾ پهچائڻ ٿي چاهيو. پر ان کان اڳ کيس هڪ بالغ خواهش جو پورائو ڪرڻو هو ۽ اهوننڍڙو ٻار جيڪو هڪ لمحو اڳ هڪ پر لطف احساس سان متعارف ٿيڻ پئي ويو اُهو ڄار ۾ ڦاسي پيو. هن روئڻ چاهيو پرهڪ ٿلهو ۽ وڏو هٿ سندس چپن جي مٿان ڇپ ٿي اچي ڪريو. سڏڪو بند ٿي ويو ۽ ٻئي پل ننڍڙوهٿ کهري هٿ جي سخت گرفت ۾ اچي ويو ۽ ننڍڙي هٿ کي هڪ اهڙي سخت، ڊگهي، گرم ٿلهي ۽ لسي انتها تي رکايو ويو جنهن جو کيس اڳ ڪڏهن به تجربو نه ٿيو هو. اها بي حد شرمندگي ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪندڙ شئ هئي. ڪجهه وقت لاءِ سندس ننڍڙي ۽ ڪمزور هٿ تي هڪ وڏي ۽ سخت هٿ جي حڪمراني هئي. ننڍڙي هٿ تي زوروڌندو پئي ويو ۽ چرپر جوعمل تيز ٿيندو پئي ويو. هڪ وحشي جانور جو کليل وات ۽ سندس ٽڙيل ناسن مان نڪرندڙ گرم هوا، سوسٽ ۽ دٻيل دٻيل نه سمجهه ۾ ايندڙ آواز. گرم ساهه جو هانڀارو، وات جي ڌپ، الٽيءَ جهڙو احساس، هن جو ننڍڙو هٿ گهڻو ٿڪجي ۽ خفا ٿي چڪو . پوءِ اوچتو جانور جي کليل وات مان سيٽيءَ جهڙو تيزآواز نڪتو ۽ هو زور زور سان سهڪڻ لڳو. هٿ جي حرڪت بيهي رهي. ننڍڙو هٿ گرم گرم سڻڀي لئيءَ ۾ لپجي ويو. هنڌ ۾ عجيب خراب قسم جي الٽي جهڙي اگري ڌپ ڀرجي وئي. جانور جو کليل وحشي وات بند ٿي ويو. ۽ هو پرتي منهن ڪري کانئس بي خبر ٿي ويو. گهڙيءَ کان پوءِ هڪ اجنبي بالغ ۽ وحشي ماڻهوءَ جا کونگهرا ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳا. پر هو صبح تائين سمهي نه سگهيو. اها رات سندس شروعاتي زندگيءَ جي معصوم، پرسڪون ۽ وڻندڙ راتين ۾ هڪ خطرناڪ ، ظالم ۽ وحشي رات ثابت ٿي. ان رات ئي کيس پهريون ڀيرو احساس ڏياريو ته ننڍن ٻارن جي ڀيٽ ۾ وڏن ماڻهن جي رات وڌيڪ گدلي هوندي آهي ۽ اهو ته اهڙيون راتيون ٻارن کي به گدلو ڪري ڇڏينديون آهن. ان رات کان پوءِ هميشه لاءِ سندس خواب غير محفوظ ٿي ويا ۽ هو هميشه لاءِ هڪ زوري ٿاڦيل گدلاڻ ۽ شرمندگيءَ ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ ان رات ئي کيس معلوم ٿيو ته:
    واقعي ڪوبه ماڻهو،
    ڪنهن به ماڻهوءَ سان،
    ڪٿي به،
    ڪڏهن به،
    ۽ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    پر هو اهو سڀ زال کي ٻڌائي نه سگهيو ۽ خاموشيءَ سان پنهنجي پٽ کي مهمان جي کٽ تان کڻي آيو ۽ کيس ائين اطمينان محسوس ٿيو ڄڻ هو هڪڙيءَ ٻيءَ قيامت کان بچي ويو هجي. ٻئي حادثي کان بچي ويو هجي. شايد حادثو رڳو اهو نه آهي جنهن مان ماڻهو گذري ٿو پر حادثو اهو به آهي جيڪو ماڻهو ءَ جي ڀرسان گذري ٿو.
    ”بيماري ڇا آهي...؟ آخر ڇا آهي بيماري؟“
    ٿڪل ذهن سان پنهنجي پاڻ کان اڪثر پڇندو ۽ ڪو جواب پائي نه سگهندو . ڪوشش جي باوجود به سمجهي نه سگهندو ته بيماري وڻ ويڙهيءَ وانگر ڪٿان ايندي آهي ۽ ڪيئن جسم جي وڻ کي وڪوڙي ويندي آهي. شايد بيماري ماڻهوءَ جي اندر ۾ مانارو ٺاهيندي آهي. ان ۾ آنا لاهيندي آهي. ٻچا ڪندي آهي ۽ پوءِ ويندي آهي وڌندي ۽ هر بيماري جي پٺيان به هڪ ٻي بيماري هوندي آهي . بيماري اهو وڻ آهي جنهنجون پاڙون ماضيءَ جي پاتال ۾ ، ٿڙ حال جي هوائن ۾ ۽ ٽاريون مستقبل جي پولار ۾ لڙڪنديون رهنديون آهن. ڏسڻ ۾ رڳو وڻ جو ٿڙ ايندو آهي. باقي پاڙون ۽ ٽاريون نظرن کان اوجهل هونديون آهن ۽ وڌيڪ خطرناڪ به پاڙون ۽ ٽاريون هونديون آهن. ننڊ اچڻ لڳنديس ته به سمهڻ نه چاهيندو. ڀاسندس ”سمهندس ته دل جو دورو پئجي ويندم.. گهر جي ڇت مٿان ڪري پوندي... يا زلزلو اچي ويندو ۽ هزارين مڻن جي لوهه ۽ سيمنٽ ۽ سرن جي بلڊنگ هيٺان دٻجي ٻوساٽجي ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندس. ٻيو ڪجهه کڻي نه ئي ٿئي پر دل جو دورو ضرور پوندم. سيني ۾ سور جو هڪ سخت سُوٽ اڀرندي. هٿ سان سيني کي مهٽيندي رڙ ڪري زال کي ننڊ مان اٿارڻ گهرندس پر آواز نه نڪرندو.. زبان ڏندن جي هيٺان اچي چچرجي رتورت ٿي پوندي. وات ۽ واڇون رت ۾ ڳاڙهيون ٿي وينديون...؟ ٻارن ۽ زال کي به خبر نه پوندي ته ڪمري ۾ ڇا ٿي گذريو آهي. بلڪل ايئن جيئن منهنجي پڦاٽ غلام عليءَ کي رات جي الائي ڪهڙي پهر ۾ اوچتو دل جو دورو پيو هو. اهو ايترو شديد هو جو ڀرسان ننڊ پيل ماءُ کي به نه اٿاري سگهيو هو. ماڻس صبح جو سوير نماز لاءِ اٿي هئي ته کٽ تي نظر پوندي ئي رڙ نڪري وئي هئس. ”اڙي ياحسين! مون سان ظلم ٿي ويو.“ غلام علي ايڏو ڦٿڪيو هو جو کٽ جي واڏڻ ڇڄي پئي هئي. ڇنل واڏڻ ۽ پير رت ۾ ڳاڙها هئس ۽ پيرن جون کلون لهي ويون هئس . بس ماڻس اها جيڪا پهرين هڪڙي رڙ ڪئي، پوءِ اهڙي چپ ٿي جو وري ڪڏهن به ڳالهائي نه سگهي، اکين ۾ ڏک جا واچوڙا، زبان بند. ڪڏهن ڪڏهن ويڙهي ۾ ڪنهنجي شادي مرادي ٿيندي ته ماٺ ڪري اچي ماين جا لاڏا ٻڌندي. ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن مائي کي چوندي ”ائي ادي منهنجي غلام عليءَ جا لاڏا چئو.“ مايون سندس دل رکڻ لاءِ لاڏن ۾ پٽس جو نالو کڻنديون.
    موڙ غلام علي جا لاڙئون گهرايان
    لاڙئون گهرايان. پارئون آڻايان....
    ۽ هوءَ ڪنهن مهل ويٺي کلندي ته ڪنهن مهل روئندي پئي.
    دير تائين جآڳنڌو رهندو ۽ ٿڪل ذهن سان سوچيندو رهندو. ننڊ اچي ويندس ته سڄي رات کاٻي اک ۾ ڀيانڪ خواب ڀٽڪندا رهندس ۽ صبح جو اٿندو ته ڀاسندس ننڊ نه ڪئي اٿم، سڄي رات رڻ جو سفر ڪيو اٿم. ڪنڌ جون رڳون تاڻيل . اکين جي هيٺان ڪارا داغ.. چمڙي سڪل . چپ خشڪ... تنهن ڏينهن زالهنس چيس... ”عليءَ جا پيءُ اهڙو آخر ڇا ٿيوآهي جو ڏينهون ڏينهن ڳرندو ٿو وڃين . چپ چپ رهڻ لڳو آهين . منهن ۾ ڇائون پئجي ويون اٿئي. ڪجهه ته ٻڌاءِ مون کي...“
    ”ڪجهه به ڪونهي مان ٺيڪ آهيان. تون پريشان نه ٿي. شايد لکڻ پڙهڻ ۽ اوجاڳي جي ڪري ڪمزوري ٿي وئي آهي.“
    سوچڻ بنان ساڳيو گهڙيل جواب ڏيندُس. ”آخر زال کي ڇا ٻڌايان...؟ ته مون کي ڊپ ٿو ٿئي ته ڪٿي مون کي دل جو دورو نه پئجي وڃي. ته ڪٿي مونکي چيلاٽو چڪ نه هڻي، ته ڪٿي سڙيل منهن وارو ماڻهون مون تي حملو نه ڪري!! ان سان ڇا ٿيندو...؟ ڇا هوءَ مون کي ڊپ جي ڌٻڻ مان ڪڍي سگهندي...؟ يا رهندو پاڻ به ڊپ ۾ وٺجي ويندي ؟ پاڻ ته ڊنل آهيان ئي پر زال کي به ڊپ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيان ته گهر جو ڇا حال ٿيندو...؟ جيڪو ٿيڻو هوندو سو ته هونءَ ئي ٿي گذرندو... ۽ ضرور ٿي گذرندو. پر مان کيس وقت کان اڳ ڇو تڪليف ۾ مبتلا ڪريان...؟ مان کيس خوشيون نه ٿو ڏئي سگهان ته آخر مون کي ڪهڙو حق آهي کيس ڏک ڏيڻ جو...؟“ ۽ ايئن هو خاموشيءَ سان ڳرندو ۽ ذرو ذرو ٿي مرندو رهيو. انهن ڏهاڙن ۾ سرڪاري فزيشن جي صلاح سان رت جي Lipid Profileڪرايائين ته معلوم ٿيس ته رت ۾ ڪوليسٽرول جو مقدار مناسب حد کان گهڻو مٿي پهچي چڪو اٿس... شگر بارڊر لائين کي ڇهڻ لڳي اٿس، بلڊ پريشر وڌيل رهڻ لڳو اٿس. وزن وڌڻ لڳو اٿس. ڊاڪٽر واڪ جو مشورو ڏنس.. ته صبح شام ڪلاڪن جا ڪلاڪ، ميلن جا ميل واڪ ڪرڻ لڳو. هن ننڍپڻ ۾ ڏهه سال ٻڪريون چاريون هيون. هو ڌنار هو. هن لاءِ پنڌ نئين ڳالهه نه هئي. شهر جي رستن تي، سوسائٽي جي ويڪرن روڊن تي، ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ميدان ۾ مسلسل هلندو، ڀڄندو، سهڪندو ساهيون کڻندو ۽ پگهر ڳاڙيندو رهيو پر ڪو فرق محسوس نه ٿيس. ٻن مهينن کان پوءِ وري ساڳيون رپورٽس ڪرايائين ته ڪوليسٽرول، شگر توڻي بلڊ پريشر ساڳي جاءِ تي موجود هئس. رهندو جسماني طور وڌيڪ ڪمزور ٿي ويو هو ۽ ذهن ته هونءَ ئي ڪمزور هئس. تڏهن هڪ شام واڪ ڪرڻ بدران خاموشيءَ سان اسٽيڊيم جي گهاٽي سائي لان تي ويهي رهيو ۽ ويٺي ويٺي دير تائين مختلف ڄمار جي ماڻهن کي جن جا پيٽ وڌيل، پولهه نڪتل ۽ کاڏيءَ جو گوشت لڙڪيل. هو ڏسندو رهيو. اهي ڪنهن ڊنل جانور وانگر ڊوڙندي ، اٿ ويهه ڪندي ، قلابازيون کائيندي ۽ سهڪندي عجيب و غريب پئي لڳس ۽ کيس محسوس ٿيو ته دراصل اهي عمل جيڪي نه چاهيندي به زندهه رهڻ لاءِ زوريءَ ڪرڻا پون سي ماڻهوءَ کي صحتمند ڪرڻ بدران وڌيڪ بيمار ٿا ڪن. ايئن ڪرڻ سان ته رهندو ماڻهو وکرڻ ٿو لڳي.... ڊهڻ ٿو لڳي.... اکڙجڻ ٿو لڳي.... الجهڻ ٿو لڳي... جيسيتائين ماڻهوءَ جو ذهن نه سلجهندو، ايسيتائين ماڻهو صحتمند ٿي نه سگهندو.
    ذهن ئي بيماري ۽ صحت جو بنياد آهي.
    ڪجهه ئي هفتن کان پوءِ هڪ شام دوستن سان گڏ ريلوي اسٽيشن واري هوٽل جي کليل آڳنڌ ۾ چانهه پيئندي وات جو ذائقو بدليل محسوس ٿيس.
    ”چانهه ڪيئن آهي...؟“ ڀرسان ويٺل آفيس جي ڪُليگ شفيق کان پڇيائين.
    ” ٺيڪ آهي.. سٺي آهي.. ڇو توکي نه ٿي وڻي ڇا...؟“
    ”نه نه اهڙي ڳالهه ناهي. شايد منهنجو وات ... يار اصل ۾ الاءِ ڇو منهنجي دل پئي ٻُڏي ...“ ”ڇو راڻا... خير ته آهي. ڊاڪٽر ڏي هلون ڇا...؟ “
    ” نه بس اهڙ ي ڳالهه ڪونهي ... چڱو توهان ويهو مان گهر ٿو هلان ...“
    هو اٿي چانهين جا پيسا ڏئي ۽ هوٽل کان ٻاهر نڪري آيو .
    هو ڪجهه دير لاڳيتو ذهني ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيو ... ڄڻ سندس آس پاس ڪو وڏو حادثو ٿي گذريو هجي يا ٿيڻ وارو هجي...؟ پرڪنهن سان حادثو؟ اهو نا معلوم.. اڻ چٽو. گهر فون ڪري زال کان ٻارن بابت پڇيائين... سڀ ڪجهه ٺيڪ ٺاڪ هو . پوءِ هي اُڻ تُڻ، تڪليف، بي نام اداسي ڇو؟...
    ۽ عين ان مهل سندس فون جي گهنٽي وڳي . اهو سندس سوٽ جو نمبر هو.
    ”هيلو.. ملوڪ ڇا حال آهي؟“ هن ايترو جلديءَ ۾ سوال ڪيو ڄڻ کيس جواب جي اڳواٽ خبر هجي. ”راڻا.... يار تنهنجو ماسات گذاري ويو“ هان.. اڇا....ڪيڏي مهل مطلب گهڻي دير ٿي آهي...؟ هن ڌڙڪندڙ دل سان پڇيو.
    ”پنج کن منٽ ٿيا هوندا. ڏاڍي تڪليف هئس. ڪلاڪ کن اڌ ڪٺل پکي وانگر ڦٿڪندو رهيو.... ۽.... يار ڪينسر جو موت به ڏاڍو خراب آهي“.
    هن غير ارادي طور اهي لفظ اچاريا جيڪي اهڙي موقعي تي پاڻ همورو چپن تي اچي ويندا اٿس. ذائقو...؟ موت جو ذائقو...؟“ هو ماساتس کي سارڻ بدران موت بابت سوچڻ لڳو. شايد ان طرح ئي هو ذهن ۾ ڀرجي ويل اذيت جي گهري احساس مان نجات ماڻي پئي سگهيو. ته معنيٰ موت جو ذائقو هوندو آهي. موت خود ذائقو آهي، ته معنيٰ اهو ذائقو ڪڙو زهر به ٿي سگهي ٿو، ماکيءَ جهڙو مٺو به ٿي سگهي ٿو؟ ڦڪو به ٿي سگهي ٿو؟ جي نه ته ڪنهن هڪ ذائقي جو نالو ڇونه ورتو ويو. ڪڙو، ڦڪو، مِٺو، کارو، ڪوبه ... فقط ذائقو ڇو چيو ويو...؟“
    ان رات هو دير تائين موت بابت سوچيندو رهيو ”ته معنيٰ مذهبن جي نقطه نگاهه کان هر ماڻهوءَ جو پنهنجو عمل ذائقي جو چونڊ ڪندو. جهڙو عمل تهڙو ذائقو...“ تان جو کيس سوچيندي اڌ رات ٿي وئي. پر هو ڪنهن هڪ نتيجي تي پهچي نه سگهيو. ياشايد نتيجي تائين پهچڻ کان اڳ ننڊ پئجي ويو ۽ شايد اها ننڊ ئي سندس سوالن جو جواب هئي. موت .. هڪ گهري ننڊ. يار ماسات ... زندگي بي وفا نڪتي ... ڪم پورو ٿي ويو. يار منهنجا ٻچا. منهنجو گهر. هن جي اکين مان ڳوڙها وهي آيا. سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو.
    زنده رهڻ لاءِ ضروري آهي ته ماڻهوءَ ۾ صاف رت هجي. ۽ صاف رت لاءِ ضروري آهي ته ماڻهو واقعي به جيئرو هجي. جيئرو ماڻهو کاڌو کائيندوآهي. ۽ ٿيليسيميا جو مريض ٻارڙو فروٽ بدران رت گهرندو آهي. هن جو اڌ جسم ظاهر هو اڌ لڪل هو. رات ته چانڊوڪي هئي پر هو ڀت جي اوٽ ۾ بيٺو هو. ڪنهن ڪنهن مهل اوٽ مان ٿورو نڪتو ٿي ته سندس اڌ جسم ظاهرٿي ٿيو. ۽ ٻئي پل وري لڪي ٿي ويو. هن سندس اڌ جسم ڏسڻ جي باوجود به کيس مڪمل طور سڃاڻي ورتو. هو چيلاٽو هو... سڙيل ٻوٿ وارو چيلاٽو. جنهن کي سڙڻ کان به گهڻو اڳ منهن تي ماتا وسي هئي. نڪ جي جاءِ تي رڳو ٻه ننڍڙا ڪارا سوراخ هئس. وات ۾ڏند ۽ زبان ته هئس پر چپ ڪونه هئس. وات اهڙو هئس جهڙو ڪوئي جو ٻِرُ.... اکين جا ڇپر ۽ ڀرون سڙيل هئس. سڄي ٻوٿ تي ماتا جي سينئارن سان گڏ باه ۾ سڙڻ جا اڇا نشان به هئس. راڻو جنهن مهل راجا واري ريل مان لهي اسڪول وڃڻ لاءِ پليٽ فارم تان گذرندو هو ته کيس اسڪول واري گرائونڊ واري نم جي ٿڙ وٽ بيٺو پاڻ ڏي گهوريندو محسوس ڪندو هو ۽ جيئن منهن ورائي نم ڏي ڏسندو هو ته سندس اکيون هن جي سڙيل منهن سان وڃي لڳنديون هيون.. هو نم جي هيٺان بت وانگربيٺو بنان چپن واري وات سان مرڪي رهيو هوندوهو. بنان چپن واري وات سان مرڪندڙ ماڻهوءَ کي ڏسڻ جو تجربو بذات خود هڪ ڏکوئيندڙ تجربو.
    هو سڄو ڏڪي ويندو هو ۽ پنهنجي اندر ۾ پري پري تائين ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويندو هو ۽ تڪڙا قدم کڻي پليٽ فارم تان لهي اسڪول ڏي هليو ويندو هو ۽ ڪلاس ۾ پهچي ڪجهه اطمينان محسوس ڪندو هو. هن سڙيل ٻوٿ واري ماڻهوءَ بابت پنهنجي دوست پامسٽ منور عليءَ کي به ٻڌايو هو پر موٽ ۾ هن مرڪي کيس هڪڙو شعر ٻڌايو هو جنهنجو مطلب ڪجهه هن طرح هو ته توکي مخالف هوا کان ڊڄڻ نه گهرجي. اها ته تيز لڳي ئي توکي اوچو اڏائڻ لاءِ ٿي. جيڪا ڳالهه هو بالڪل سمجهي نه سگهيو هو ۽ کيس پامسٽ منور عليءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي هئي. پر پوءِ جنهن مهل هن پنهنجي مرڪ سهيڙي سنجيدگيءَ سان سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي ۽ هٿ جي لڪيرن ۾ ڏسندي چيو هئس... ”جيڪي شيون توکي سٺيون نه لڳن ضروري ناهي ته اهي خراب هجن... پر توکي نه وڻن ته تون انهن ڏي توجهه نه ڏي ... پنهنجي رستي سان هلندو رهه...“ ته سندس ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي هئي ۽ چيلاٽي ڏي ڏسڻ ڇڏي ڏنو هئائين. پر چيلاٽي ڏانهس ڏسڻ نه ڇڏيو هو. دراصل چيلاٽو گهڻي وقت کان سندس پويان لڳل هو. تڏهن کان سندس پٺيان لڳل هو جڏهن اڃا هوُ مڊل اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ راجا واري ريل ۾ چڙهي شهر به وڃڻ نه لڳو هو. تڏهن کان جڏهن اڃان ڇهه فوٽ ڊگهي ۽ چارمڻ وزني ڇهين درجي واري استاد انور پنهنجي وڏي هٿ سان سندس ننڍڙي ڳل تي صورتختي ۾ رهيل هڪ چُڪ تي اها چماٽ به نه هئي جنهن سان سندس ساڄي ڪن تي اهڙي تاڙي چڙهي وئي هئي جيڪا وري ڪڏهن به لهڻي نه هئي ۽ جنهن سان کانئس پيشاب وهي ويو هو ۽ هو هميشه لاءِ شرمندگي ۽ ڊپ ۾ مبتلا ٿي ويو هو ۽ گهر ايندي ايندي بخار ٿي ويو هئس ۽ ماءُ کي چيو هئائين ته هو هاڻي ڪڏهن به اسڪول نه ويندو پر اتفاق سان ٻئي ڏينهن ئي گرمين جي موڪل ٿي وئي هئي ۽ جيستائين موڪل ختم ٿي هئي ايستائين چماٽ جو مالڪ ڪنهن ٻئي اسڪول بدلي ٿي چڪو هو. شايد ڪنهن ٻئي ننڍڙي ڳل جي ڳولا ۾!! شايد کيس چماٽ جو چسڪو لڳي چڪو هو. پوءِ هو وري اسڪول وڃڻ لڳو هو. البته هو هڪڙي چُڪ جي سزا مان ڪڏهن به نڪري نه سگهيو ۽ پوءِ ان هڪ چُڪ جي ڊپ ۾ آئنده واري سڄي زندگيءَ ۾ کانئس هميشه هڪ کان وڌيڪ چُڪون ٿينديو رهيون. تڏهن کان جڏهن اڃا هو صبح جو پنهنجي ڳوٺ اسڪول ۾ ٽيون درجو پئي پڙهيو ۽ اسڪول مان موٽڻ کان پوءِ پنهنجون پنج ڇهه ٻڪريون ۽ ڪجهه ڇيلڙا ڪاهي ڳوٺ جي پريان مختصر چراگاهه ۾ چارڻ ويندو هو.
    هي ان وقت جو قصو آهي جڏهن سندن گهرن جي کاٻي پاسي اوڏن هڪ وڏي چوڪورکڏ کوٽي مٽي ڍوئي سندن ڪکاون گهرن جي جاءِ تي ڪوٺا ٺاهيا هئا ۽ کڏ ۾ سم جو پاڻي ڀرجي ويو هو.. پاڻيءَ تي سائي رنگ جي ڪائي ۽ ناسي سينور ڄمي ويو هو ۽ انهي سينور ۾ ئي قدرتي طور چيلاٽو پيدا ٿيو هو ۽ ڄمڻ شرط کڏ جو ڪنو پاڻي پيتو هئائين... اهاکڏ ئي سندس ماءُ هئي. پوءِ سائي سينور تي ويٺل ڪيڙا، ماڪوڙا، مڇر، گڏهن جي لڏ، ڪاري گپ ۽ ڪاري گپ ۾ مئل جيت جڻيا کائي تيزيءَ سان وڏو ۽ پوءِ بالغ ٿي ويو هو. ۽ هوڳوٺ جو اهو پهريون ٻارهو جيڪو تازو ساماڻيل چيلاٽي جو پهريون شڪار بڻيو هو ۽ جنهن تي پوري سچائي سان ۽ ڪڙي حقيقت جيئان اهو انڪشاف ٿيو هو ته چيلاٽي ۾ ضرورت مطابق پنهنجو روپ ۽ رنگ تبديل ڪرڻ جي شيطاني صلاحيت موجود آهي. اهو جنهن وقت به ۽ جتي به چاهي ۽ جيڪو به چاهي روپ وٺي ٿو سگهي. مطلب ته اهو هڪ ٻهروپيو چيلاٽو هو.
    ان مهل هن جهنگ ۾ ٻڪريون پئي چاريون ۽ ڪانڊيرن جي ننڍڙن ڳاڙهن گلن تي ڦيرا ڏيندڙ اڇا ۽ ڦڪا پوپٽ پئي ڏٺا ۽گڏوگڏ رات ريڊيو تي ٻڌل ڪنهن لوڪ گيت جي ڌن پئي جهونگاري جو اوچتو ڪنن تي سرن جي سُر سُر ۽ چيلاٽي جي ”ڀون ڀون“ جو ڀوائتو کهرو ۽ اڻ وڻندڙ آواز پيس. اهو سڙيل ٻوٿ وارو ڪارو چيلاٽو هو. جنهن کيس اڪيلو ڏسي مٿس حملوڪرڻ چاهيو هو. کهرا چنبا .. کهرا پر ... ڦڪو ڌڙ ... ڪاري منڍي .... هن پاڻ کي چيلاٽي جي سخت چنبن ۾ ڦاٿل محسوس ڪيو ۽ کائنس ٻڪريون، ڪانڊيرن جا ڳاڙها گل ۽ گلن تي ڦرندڙ پوپٽ ۽ لوڪ گيت جي ڌن وسري وئي. دانهن ڪرڻ چاهيائين ته چيلاٽي جو هڪ کهرو ۽ سخت هٿ سندس وات تي ڦٻي ويو .. ۽ سندس ڦڪو ڌڙ سندس مٿان هو. هو نه دانهن ڪرڻ جهڙو هو نه ڀڄڻ جهڙو. چيلاٽو ڪنهن وحشي جانور جيان طاقتور ۽ بگڙِيل حالت ۾ هو. وات مان گڦ ۽ ناسن مان سوسٽ پئي نڪتس . هن جي منڍي چيلاٽي جي هئي ۽ ڌڙ مرد جو هو ۽ سندس ڌڙ ۾ اهو سڀ ڪجهه هو ۽ ان حالت ۾ هو جيئن ۽ جيڪو هڪ بالغ مرد جي ڌڙ ۾ هجڻ گهرجي. ڀون ڀون جو وڌندڙ آواز ... نڪ مان نڪرندڙ سوسٽ ... ساهه جو تييز هانڀارو... چنبن ۽ پرن جي کهراڻ ... رڙين ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ... ڪمزور جسم جو ڦٿڪو ... سور ... ڊپ ... ڪاوڙ... ڏک ... سوسٽ ... ڇڏ ... ڇڏ .. مون کي ... ڇڏ... امان... الاڙي ... امان ڙي ... چُپ ... چُپ ڪر... ڪتي جا پٽ ... چپ ... شديد سور ... هڪ وڏي دانهن .... ڪيڪاٽ ... ٻڪرين جو ٽاه کائي ڊوڙڻ ... هن جو روئڻ ... ۽ چيلاٽي جو گوڏ ٻڌڻ ... ڪتي جا پٽ چپ ڪر ... نه ته ٺپ ماريندو سانءِ هن جو خاموش ٿي وڃڻ. ان شام ٻڪريون ته گهر پهتيون پر هو اڃا گهر نه پهتو ته ماڻس جون اکيون گهٽيءَ ۾ اٽڪي پيون. اصل ۾ هن اونداهيءَ ۾ گهر وڃڻ پئي چاهيو. جو کيس ڊپ هو ته سج جي روشنيءَ ۾ سندس منهن تي موجود چيلاٽي جا رانڀوٽآ ظاهر ٿي پوندا. سج لٿو ته هو چپ چپ ڪري اچي کٽ تي سمهي پيو. پر سندس چپ کيس ماءُ جي اکين کان لڪائي نه سگهي. ”راڻا سوير ئي سمهي پيو آهين. ڇا ٿيو آهي ماني ته کاءُ.“ ماڻس منهن تان رلهي لاهيندي چيس.
    ”نه امان بک ناهي ننڊ ٿي اچي“ هن رلهي مٿان ورائيندي چيو. گهڙي کان پوءِ هوءَ سندس ڀر ۾ اچي ليٽي.
    ”ڇو راڻا ڇا ٿيو آهي؟“
    ”ڪجهه نه امان. ڪجهه به نه“
    ”پوءِ ماني ڇو نه ٿو کائين“
    ”ائين ئي امان. بس بک نه آهي“
    ”ڀلا کير ڏيانءِ“
    ”نه امان“
    ”..............“
    ”امان؟“
    ”جي ابا“
    ”امان گناهه ڇا آهي؟“
    ”ڪوڙ ڳالهائڻ، وڙهڻ، چوري ڪرڻ ۽ ڪنهن کي مارڻ گناهه آهي“
    ”جيڪو گناهه ڪندو آهي اهو دوزخ ۾ ويندو آهي؟“
    ”ها“
    ”پوءِ ڀلي اهو ٻار هجي.“
    ”نه ٻار نه. ٻار ته گل آهن.“
    ”ٻار به ته گناهه ڪن ٿا نه امان“
    ”ٻار ڪهڙا ٿا گناهه ڪن؟“ ماڻس ڪن وٽ وات رکندي پيار سان چيو.
    ”ٻارن سان وڏا ڪو گناهه ڪن ته پوءِ؟ ٻار به ته خراب ٿيا نه. معنيٰ انهن به ڏوهه ڪيو نه.“
    ”نه راڻا ٻار ته گل آهن گلن جا ڪهڙا گناهه.“
    ”..........“
    ”پر تو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي. تون ڪهڙو وڏو مڙس آهين.“
    هن اڳتي وڌي سندس ننڍڙي ڳل تي چمي ڏيندي چيو ته سندس چپ ڳل تي رهجي ويل ڳوڙهن ۾ آلا ٿي ويا. هو ننڊ پئجي چڪو هو.
    هوءَ اٿي لالٽين کڻي آئي ۽ اچي پٽس جي منهن وٽ جهليائين. پٽس جي ننڍڙن ڳلن تي رانڀوٽن جا نشان هئا. ان شام کان وٺي هو هميشه لاءِ شام بابت عدم تحفظ جو شڪار ٿي ويو. ان شام ان ٻار جو ٻاروتڻ مري ويو ۽ ان شام کان وٺي هو ان احساس ۾ مبتلا ٿي ويو ته در اصل هو گدلو ٻار آهي . توڻي جو ان گدلاڻ ۾ سندس ڪو ڏوهه نه هو. ۽ رات هوءَ پاڻ به نه ڪو ماني کائي سگهي نه ئي دير تائين سمهي سگهي.
    ان شام کان پوءِ هن جو هميشه لاءِ چيلاٽي جي ڊپ ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ۽ چيلاٽي جو هميشه سندس پٺيان رهڻ ۽ هن جو هميشه لاءِ ان خدشي ۾ مبتلا ٿي وڃڻ ته....
    ڪوبه ماڻهو،
    ڪنهن به ماڻهوءَ سان،
    ڪٿي به،
    ڪڏهن به
    ۽ ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    پوءِ ڀلي اهو ماسات هجي، ماروٽ هجي، پڦاٽ هجي، سوٽ هجي يا چاچو مامو هجي.
    هو ڪلاس ۾ ويهي سبق پيو پڪو ڪندو هو ۽ هو دريءَ وٽان کيس ڏسندو رهندو هو ۽ هو نه اها ڳالهه استاد کي ٻڌائي سگهندو هو نه ماءُ کي. چيلاٽو جتي ڪٿي ٻارن جو پيڇو ڪندو آهي. پوءِ جتي به ۽ جنهن مهل به موقعو ملندواٿس کين ڏنگ هڻي ڪڍندو آهي. ڏنگ سان ٻار ۾ زهر ڦهلجي ويندو آهي ۽ ٻارهميشه لاء پنهنجي رڳن ۾ رت سان گڏ چيلاٽي جو زهر کڻي زندگي گذاريندو آهي. پوءِ ڪڏهن به پوپٽن جا خواب ڏسي نه سگهندو آهي.
    ۽ کيس تڏهن ئي محسوس ٿيو هو ته هڪڙو چيلاٽو شايد سندس اندر ۾ پلجڻ لڳو آهي. هڪ خاموش، ننڍڙو پر ڀيانڪ چيلاٽو سندس ننڍڙي سيني ۾، سيني جي ڪنهن اونداهين ڪُنڊ ۾ سرجڻ ۽ سُرڻ لڳو آهي.
    پوءِ جڏهن هو پرائمري پاس ڪري شهر پڙهڻ لڳو هو ته اتي به چيلاٽِي سندس پيڇو نه ڇڏيو.
    هو رسيس ۾ ڪلاس مان نڪري ريڙهي وٽ پيٽيز پيو کائيندو هو ته چيلاٽو گرائونڊ ۾ ٽالهيِءَ جي ٿڙ وٽ بيٺو ڏانهس گهوريندو رهندو هو. موڪل مهل اسڪول مان نڪري اسٽيشن تي ويندو هو ته هن کي پنهنجي پٺيان هلندي محسوس ڪندو هو. ۽ اسٽيشن تي نم جي وڻ وٽ رکيل سيمنٽ جي بئنچ تي ويهي ريل گاڏيءَ جو انتظار ڪندو هو ته هو پاڻيءَ جي چبوتري واري ڀت جي ننڍڙن سوراخن مان ڏانهس ڏسندو رهندو هو. وٽس چيلاٽي کان بچڻ جو ڪو به رستو نه هو. چيلاٽو ڪنهن به وقت ۽ ڪٿي به پهچي پئي سگهيو. مٿس ڪنهن جي به ڪا به جهل پل ۽ روڪ ٽوڪ نه هئي. چيلاٽي جو ڊپ سندس حواسن جو حصو ٿي ويو . هو رڳو جاڳ ۾ ئي نه ننڊ ۾ به چيلاٽي کان ڊڄڻ لڳو هو. اڪيلائيءَ ۾ ئي نه ماڻهن جي وچ ۾ به. گهر کان ٻاهر ئي نه گهر ۾ به چيلاٽي جي ڊپ ۾ مبتلا رهڻ لڳو. هو ڀت جي پاڇولي مان نڪتو ته وري سندس اڌ جسم ظاهر ٿيو. سندس اڌ جسم ڪارو اڌ جسم ڳاڙهو پئي نظر آيو. هڪ اک ڪاري ٻي اک ڳاڙهي. هڪ ڳل ۽ نڪ جي هڪ ناس ۽ وات جو اڌ ڳاڙهو.... ڳچيءَ جو هڪ پاسو ڳاڙهو.... هڪ ٻانهن ۽ هڪ هٿ ڳاڙهو... هڪ ڄنگهه ڳاڙهي.... هڪ پير ڳاڙهو. پير ۾ پيل بوٽ جو هڪ جوتو ڳاڙهو... ڳاڙهي پالش. ڳاڙي پالش جي ڳاڙهي خوشبوءَ ۽ اهو به کيس پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته در اصل هر خوشبوءَ جي پنهنجي الڳ بوءِ ئي نه هوندي آهي پر ان جو الڳ رنگ به هوندو آهي. جيئن ڳاڙهي پالش جي ڳاڙهي خوشبو، ڪاري پالش جي ڪري خوشبو، اڇي گل جي اڇي خوشبو، ڳاڙهي گل جي ڳاڙهي خوشبو، آسماني گل جي آسماني خوشبو، سائي پن جي سائي خوشبو ۽ نيري گل جي نيري خوشبو. ڳاڙهي جوتي ۾ پيل جوراب کان خالي بوٽ مان پير ٻآهر ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين.. زور ڏيئي پير ٻاهر ڪڍيائين، ”جوراب ڪٿي آهن. مان چوان ٿو ته جوراب ڪٿي آهن. ٻڌين نه ٿي... ٻوڙي آهين ڇا...“ ايئن اڪثرپنهنجي ئي دانهن تي ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳي پوندو هو.
    اها هڪ اڌوري ۽ بي سوادي ننڊ هئي، اهڙي ننڊ جنهن جو ڪوبه رنگ نه هو.
    ۽ اهو موڪل جو ڏينهن هو.
    زالنهس رنڌڻي ۾ هئي، ٻار اڃان ننڊ ۾ هئا. هو چپل پائي شينڪ تي ويو ۽ گرڙي ڪري ٻه چار لپون پاڻيءَ جون منهن کي هڻي موٽي اچي ورانڊي ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو ۽ ان خواب بابت سوچڻ لڳو جيڪو رات ئي سندس ننڊ ۾ زوريءَ گهڙي آيو هو پر کيس لڳو پئي ته ان اهو خواب ڪئي سال اڳ ڏٺو هو. اوچتو سندس ذهن اندرين ڪمري ۾ ٽي وي تي هلندڙ گيت ڏي ڊوڙي ويو.
    I have a dream a song to sing
    To help me cope with any thing
    If you see the wonders of a fairytale,
    You can take the future if you fail,
    Believe in angels some thing good in every thing.
    I see. I believe in angels when
    I know the time is right for me.
    I will cross the stream.
    I have a dream.
    ”منهنجو هڪڙوخواب آهي.“
    ۽ ”کاٻي اک جو خواب“ هن پنهنجي طرفان اظافو ڪيو ۽ انهيءَ گيت جي خواب سان گڏ جيئن ڪوهيڙي ۾ لڪل وڻ سج جي تپش تي آهستي آهستي ظاهر ٿيندا آهن کيس راتوڪو اهو خواب ياد اچي ويوجيڪو صبح ٿيندي ٿيندي کانئس وسري چڪو هو. شايد خوابن جون ڳالهيون خوابن کي موٽائينديون آهن. پر هن راتوڪو خواب ياد ڪرڻ نه ٿي چاهيو. اهو ياد ڪرڻ جهڙو خواب نه هو. اهو وسارڻ جهڙو خواب هو. ڇوته اهو زوري کاٻي اک ۾گهڙي آيل ساڄي اک جوخواب هو. جنهنجو کاٻي اک جي خواب سان ڪوبه تعلق نه هو. هن جو ته رڳو ساڄي اک سان تعلق هو. هو گهڻي وقت کان ايئن سمجهڻ لڳو هو ته سڀ سٺاخواب سندس کاٻي اک ۾ لهندا آهن ۽ سڀ خراب خواب سندس ساڄي اک ڏسندي آهي، ايئن جيئن پوپٽ هميشه گل تي ۽ مک سدائين گند تي ويهندي آهي. کيس پڪ ٿي وئي هئي ته سڙيل منهن واري ماڻهوءَ جو خواب هميشه سندس ساڄي اک ڏسندي آهي ۽ راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ دريءَ وٽ ويٺل سفيد وڳي واري ڇوڪريءَ ۽ مورن جي کنڀن جي برسات جو خواب سدائين سندس کاٻي اک ڏسندي آهي. اها خوابن جي پاڻ هموري چونڊ هئي. شايد اکيون خوابن جي چونڊ نه ڪنديون آهن، پر خواب اکين جي چونڊ ڪندا آهن. زالهنس چانهه ۽ اخبار ٽيبل تي رکي ۽ خاموشيءَ سان تيز وکون کڻدي رڌڻي ڏي ايئن موٽي وئي ڄڻ تئي تي پيل ماني يا چلهه تي رکيل چانهه سڙڻ جو ڊپ هجيس.
    هن چانهه جو ڪوپ کڻڻ کان اڳ اخبار ڏي نهاريو. اها هڪ بي دلي ۽ ٿڌي نهار هئي جنهن ۾ دلچسپيءَ جي ڪابه ڪوساڻ نه هئي.
    کيس خبر هئي ته اخبار ۾ ڇا هوندو.
    ۽ کيس اها به خبر هئي اخبار ۾ ڇا نه هوندو...؟
    خبر هئس ته اخبار ۾ اهو سڀ ڪجهه هوندو جنهنجو هجڻ نه هجڻ ساڳي ڳالهه آهي ۽ اها به خبر هئس ته اخبار ۾ اهو ڪجهه قطعي به نه هوندو جنهنجو هجڻ ضروري هوندو آهي.
    هر اخبار ۾ خبرن جو هڪ اڻ کٽ واچوڙو.
    اهڙو انڌو ڪندڙ واچوڙو جنهن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪجهه به ڏسڻ ۾ ۽ ڪجهه به سمجهڻ ۾ نه ايندو آهي!
    هواخبار کڻي صفحا اٿلائڻ لڳو.
    پهريون صفحو.
    ٻيون صفحو.
    اٺون صفحو.
    ڪجهه رنگين قسم جا فوٽا ڏٺائين ۽ پوءِ مختلف اشتهارن ڏي نهاريائين. پنهنجي پسند جي ڪار وٺو... آسان قسطون آسان ادائگي... بنگلوز وڪري لاءِ مناسب قيمت... آسان قسطون... پهرين اچو پهرين وٺو... سندس چپن تي ڦڪي مرڪ ڦهلجي وئي. زالنهس حيرت کان خالي اکين سان سندس مرڪ ڏي ڏٺو. هوءَ سندس مرڪ جي اذيت کان بي خبر نه هئي. هو گهڻو وقت اڳ ”سهولتن“ ۽ لذتن“ جي ريشمي ڄار ۾ ڦاسي چڪوهو. جديد گهرجن ۽ سهولتن جي ڌاڳن سان اُڻيل ريشي ڄار ۾ ڦاسڻ مڊل ڪلاس جي ماڻهوءَ جي پنهجي چونڊ آهي.. ان ۾ ٻئي ڪنهن جو ڀلا ڪهڙو ڏوهه ؟ سهولتن جي ريشمي ڄار ۽ مڊل ڪلاس جي ماڻهوءَ جي خواهشن ۽ خوابن جو تعلق جبر ۽ اختيار جو خوبصورت مثال آهي. اهڙو مثال جنهن ۾ فتح هميشه جبر جي ٿيندي آهي.. ۽ ماڻهو بااختيار هوندي به بي اختيار ٿي پوندوآهي. ۽ پيسن کان سواءِ ماڻهو شهر ۾ ته ساهه به نه ٿو کڻي سگهي. انهن ڏينهن ۾ هن لاءِ گهر جو سڪون، خوشي، کل مرڪ ۽ زندگي اوپرا احساس بڻجي ويا هئا. گهر ۾ هر وقت ڏک جو پاڇولو لامارا ڏيڻ لڳو هو. گهر جي ڀتين تي ۽ ڇت ۾ اداسيءَ جو ڄارو ڄمي ويو هو، گهر ۾ هر وقت ڪروڌ ۽ ڪاوڙ وسڻ لڳي هئي. ٻار هر وقت ڊنل رهڻ لڳا هئا. هو اڪثر ڀڻڪڻ لڳندو هو. ”خبر ناهي ايئن ڇو سمجهيو ويندو آهي ته وچولو طبقو تبديلي ۽ انقلاب جي مهندار جو ڪم ڏيندو آهي.! وچولو طبقو ته پنهنجي اڻ کٽ خواهشن ۽ نا تمام خوابن جو اهڙو قيدي آهي جنهنجي آزاديءَ جو ڪوبه امڪان نه آهي. هو ته جيئن پوءِ تيئن خواهشن ۽ خوابن جي کاهيءَ ۾ اونهو لهندو ويندو آهي ۽ کيس پنهنجي آسپاس ڏسڻ جي نه ڪا خواهش هوندي آهي نه گهرج. ۽ نه ئي وٽس ايترو وقت هوندو آهي. هو ته پاڻ ئي وقت جي هٿ ۾ اهڙي پتلي جيان هوندو آهي جنهن کي پنهنجي پاڻ تي ڪوبه اختيار نه هوندو آهي.“
    ”آخر تنهنجي پگهار ڪڏهن سڄي ٿيندي؟“ زالنهس اڪثر ان وقت پڇندي هئس جنهن وقت ڪنهن گهرج جي پورائي لاءِ پيسن جي ضرورت محسوس ٿيندي هئس ۽ پرس پنهنجي اکين جيان خالي ۽ ٻسو نظر ايندو هئس.
    ”باقي ڪجهه مهينا لڳندا شايد“ هو وضاحت ڪندو. ”باقي ڪجهه مهينا لڳندا شايد..هون... ۽ اهي ڪجهه مهينا ڪيئن گذرندا؟ هتي ته مهيني جا آخري ڏهه ڏينهن جبل جيڏا ٿي ٿا پون... “
    ”پوءِ مان ڇا ڪيان..... مٿو ڦاڙيان ڇا پنهنجو پيسن لاءِ“
    ”ڇو ورتئي قرض..؟ نه وٺي هاته ڇو ذليل ٿيون هان.... ؟ پگهار پندرهن ڏينهن به نه ٿي هلي. ٻارن کي خرچي ڏيڻ جيترا پيسا به ناهن گهر ۾.... توته منهنجي لاءِ مصيبت ڪري ڇڏي آهي.... پاڻ صبح هليو وڃي آفيس ۽شام جو پنهنجي ڪتابن ۽ ڪاڳرن ۽ دوستن جي حوالي ۽ مان آهيان جو ذليل ٿي وئي آهيان. ان ڏينهن به بجلي وارا دروازي تي اچي بيٺا. بل ڏيکاريو.. نه ته بجلي ٿا ڪٽيون... زندگي آهي يا مصيبت .. وري به شابس آهي قاسم گل فروش جي ماءُ کي جو اوکي سوکي ۾ ڪم ايندي آهي نه ته هينئر اونداهيءَ ۾ ويٺو هجين ها...“ ان ڏينهن هو سوير ئي بينڪ تي ويو هو. بينڪ مينيجر ڪاروباري مرڪ سان سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ ٻئي لمحي لون اسٽيٽ مينٽ جي سلپ سندس هٿ ۾ هئي. کيس لڳو ڄڻ لون اسٽيٽ مينٽ جو ڪاغذ به ڏانهنس ڪنهن وڇونءَ وانگر ڏسي رهيو آهي. شايد سڄي دنيا ۾ چيڪ بوڪ جي ان ڪاغذ جهڙو قيمتي ۽ اهم ڪاغذ ڪوبه نه هوندو جنهن تي رقم لکي بئنڪ مان پيسا کڻي سيڌي سامان، وٺڻ ٻارن کي خرچي ڏيڻ ۽ دوائن وغيره وٺڻ جهڙو ٿي سگهبو آهي. ۽ شايد لون اسٽيٽمنٽ جي ڪاغذ جهڙواڻ وڻندڙ ۽ ڀيانڪ ڪو به ڪاغذ ڪٿي به ڪونه هوندو جيڪو ماڻهوءَ کي مجبورين جي صليب تي ٽنگي ڇڏيندو آهي.
    ”ته معنيٰ“ هو بئنڪ جي دروازي مان ٻاهر نڪرندي ڀڻڪيو ” اڃا ٻه سال ساڳي حالت رهندي...!“ ٻه سال معنيٰ...؟ چوويهه مهينا! ۽ انهن ڏينهن ۾ هو اڪثر سنجيدگيءَ ڀريل رحمدل احساس سان انهن ماڻهن بابت سوچڻ لڳو هو جيڪي پنهنجي هٿ سان زندگيءَ جو ڏيئو وسائي ڇڏيندا آهن. کيس انهن تي پيار آيو.


    4

    هو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته ڄئورون سندس رت چوسي رهيون آهن.
    کيس ياد هو ته هن پهريون دفعو ڄئورون ڪڏهن ۽ ڪٿي ڏٺيون هيون. هڏواڙ قبيلي جون خانه بدوش عورتون گهرن مان خيرات وٺڻ اينديون هيون . سر جي سنهڙين تيلين مان ٺهيل، سُٽ جي ست رنگن ڌاڳن ۽ چمڙي جي ڏورئين سان مڙهيل کارا مٿي تي هوندن. هٿن ۾ اَن وائُرڻ جا ڇڄ هوندن. ڳوٺ ۾ پهچنديون ته ڪتن ۾ باهوڙ پئجي ويندي. هو ڊگهين لٺين سان ڪتن کي پاڻ کان پري رهڻ تي مجبور ڪنديون. گهرن جي آڳنڌ ۾ اچي کارا لاهينديون ۽ پيرن مان جتيون لاهي پٽ تي ويهنديون ته ڀونڪندڙ ڪتن جا وات بند ٿي ويندا۽ ٻارن جا وات حيرت ۽خوشيءَ مان پٽجي ويندا هئا.
    ”آئي امان ... الله جي نالي فقيرن کي خيرات ڏيو... ڪا اٽي جي لپ ڏيو... گندي ڪپڙو هجي ته ڏيو..“ پوتيءَ جي پلوءَ سان منهن مان ٽمندڙ پگهر اگهي پنهنجي مخصوص هڏ واڙڪي لهجي ۾ چونديون ۽ پوءِ کاري جي مٿان پيل ميرو ڪپڙو هٽائي رنگين ڪاغذن جون رنگارنگي ڦرڻيون، مٽيءَ جا ڏيڏر، طوطا، هرڻيون ۽ جهرڪيون ڪڍنديون پٽ تي رکنديون وينديون.. ۽ پوءِ واري واري سان سامهون بيٺل انهن ٻارن کي، جن بابت کين اندازو هوندو ته انهن جون مائرون خيرات ۾ ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏينديون، ڪاغذي ڦرڻيون، ڏيڏر ۽ پکي ڏينديون وينديون ۽ ٻار رانديڪا وٺي ميدان ڏي ڊوڙندا۽ هڪ پل ۾ سڄو ميدان ٻارن جي ٽهڪن، هوڪرن ۽ ڀڄ ڊوڙ سان ڀرجي ويندو. ٻار هٿ ۾ ڦرڻيون کڻي هوا جي رخ تي ڀڄندا ۽ جيئن تيز ڀڄندا تيئن تيز هوا لڳندي تيئن ڦرڻي تيز ڦرندي ۽ جيئن ڦرڻي تيز ڦرندي تيئن ٻار خوشيءَ ۾ تيز ڊوڙندا ۽ پاڻ ڦرڻيون بڻجي زمين کان مٿي کڄي ويندا ۽ هوا ۾ اڏامڻ لڳندا. ڪتن جون ڀونڪون ۽ ٻارن جو گوڙ ٻڌي اندر ستل پوڙهو خير الدين دانهن ڪري چوندو”اڙي اهو گوڙ ڇاجو آهي...ٻارن کي موچڙو نه ٿا هڻو.... ننڊ حرام ڪري ڇڏي اٿن... لعنت پئي انهن ڇورن کي...“ تڏهن گهر جي ڪا عورت کيس ٻڌائيندي ته ”ڏاڏا هڏواڙيون آيون آهن، تڏهن ٿا ڪتا ڀونڪن“
    ته هو سڌو ٿي کٽ تي ويهندو ۽ ساڄو هٿ اکين جي مٿان ڏيئي سج جي سامهون دالان ۾ ويٺل ماين ڏي ڏسندي چوندو. ”او مائي ڏي خبر ڄئورون آنديون اٿئي. ڀيڻهان اڳين ڀيري به ڪونه آنديون هيئي... مان مران ٿو .“
    ”آنديون آهن ڏاڏا آنديون آهن“ هڏواڙڻ ميرا ڏند ٻاهر ڪڍي کلندي چوندي.
    ”پوءِ وارو ڪر.. مران ٿو. اڙي گهوڙا هي سنڌن جو سور“ سانوري هڏ واڙڻ کاريءَ مان هڪ ننڍوڙو ٺڪر جو ٽڀو ڪڍندي ۽گوڏي تي هٿ ڏيئي پٽ تان اٿي اندر ويندي ۽ هو سوچيندو” اهي ڄؤرون ڇا آهن ۽ ڏاڏا خيرالدين انهن ڄؤرن کي ڇا ڪندو...؟“ هو ماين جي اک وٺي وڃي دريءَکان بيهندو۽ سيرمان اندر ڏسندو. هوءَ ٽڀي جي منهن تان ڪپڙو لاهي هٿ اندر وجهندي۽ هٿ ٻاهر ڪڍندي ته آڱرين ۾ ٻه ٽي ڳاڙهسرا ڪينئان چنبڙيل هوندس. ”ته معنيٰ ڄئورون اهي آهن“ هو دل ۾ چوندو. پوڙهو خيرالدين کاٻي ڄنگهه تان شلوار مٿي ڪري گوڏو ظاهر ڪندو۽ هڏواڙڻ هڪ هڪ ڪري ٽئي ڄؤرون گوڏي جي آس پاس چنبڙائي ڇڏيندي. ۽ ڪجهه گهڙين کان پوءِ هڪ ڄؤر گوڏي مان وات ڪڍي هيٺ ڪري پوندي ته هوءَ انهيءَ ڄؤر کي کڻي ٽڀي ۾ وجهي ٻي تازي تواني ڄؤر ڪڍي گوڏي ۾ چنبڙائينديس. اهو سلسلو اڌ ڪلاڪ کن هلندو رهندو۽ انهيءَ دوران پوڙهو خيرالدين ٿڌا شوڪارا ڀريندو رهندو ۽ ڪنهن ڪنهن مهل زور زور سان الله. الله الا الا ڪندو رهندو... پوڙهو خيرالدين ننڊ پئجي ويندو۽ هڏ واڙڻ ٽڀو کڻي ٻاهر نڪري ايندي ۽ خيرالدين جي زال پوڙهيءَ مريم کي چوندي ”امان ويهه رپيا ڏي... منهنجون چارڄئورون مري ويون آهن“ ڇو مائي ڪجهه خدا جو خوف ڪر پنج رپيا هڪڙي ڄؤر ايڏو ظلم “ پوڙهي مريم چوندي ”ٺهيو امان تون پندرنهن رپيا ڏئي... ڄئورون ڪو سولو هٿ نه ٿيون اچن ڏاڏي....“
    ۽ هو سوچيندو ”ته معنيٰ خيرالدين جي حياتي ڄؤرن جي موت سان ٻڌل آهي. ڄؤرون رت پي مرنديون ته خيرالدين جيئندو، نه ته خيرالدين مري ويندو... ۽ هاڻي ڄؤرن جي ڪيمسٽري تبديل ٿي وئي آهي. هاڻي ڄؤرون خراب رت نه ٿيون چوسين، هاڻي ڄئورون سٺو ۽ تازو رت گهرن ٿيون. تازو ۽ سٺو رت چوسي پاڻ زندهه رهڻ گهرن ٿيون ۽ جنهن جو رت چوسين ٿيون اهو مري ٿو وڃي.“ ۽ هو سمجهڻ لڳوهو ته سندس رت به هڪ ئي وقت ڪئي ڄؤرون چوسي رهيون آهن. زال، ٻار، گهر، آفيس، ڪلينڪ، شهر، مارڪيٽ، بئنڪ، ليزنگ ڪمپني، اخبارون، ٽيليويزن، ڪيبل سڀ ڄؤرون آهن. جيڪي ڪيتري وقت کان قطرو قطرو ڪري سندس رت چوسي رهيون آهن ۽ هو آهستي آهستي ڳرندو پيو وڃي. لمحو لمحو مرندو پيو وڃي ۽ هو اڪثر ڀڻڪڻ لڳو هو ”ڪير پاڳل ٿو چئي ته زندگي خوبصورت آهي...! زندگي ته ذلالت آهي، مصيبت آهي، زندگي ڪلارڪ جي ڪٽجي ويل پگهار آهي. زندگي زال جو ڪروڌ آهي، زندگي ٻارن جو روڄ راڙو آهي. ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ ڪنهن ٻاهرين ماڻهوءَ جي ضرورت ناهي. ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ سندس گهر ئي ڪافي آهي.“ هو سنجيدگيءَ سان سمجهڻ لڳو هو ته دراصل هي ٻار محبت جو نشاني نه آهن پر اصل ۾ ماءُ پيءَ جي فرسٽريشن، ڳڻتي، ڪاوڙ، نفرت ۽ خاموش سمجهوتن جي غير ضروري نشاني آهن. جيتري گهڻي فرسٽريشن اوترا گهڻا ٻار...! ۽ جيترا ٻار ايترا مسئلا... ايترو گوڙ، ايتري بي سڪوني... ايتري ڪاوڙ... ايتري چڙ... ايتري بيزاري. ۽ جيتري بيزاري ايتري بيماري. انهن ڏينهن ۾ کيس زال ۽ ٻارن کان نفرت ٿي وئي هئي. ٻارن ۽ زال سان ڳالهائڻ مهل سندن منهن ڏي نه ڏسندو هو. انهن ڏينهن ۾ هو زخمي احساس سان سمجهڻ لڳو هو ته جنس جي بنياد تي عورت ۽ مرد جي هڪٻئي سان ”تهذيب“ جي عروج کان وٺي پڪي دشمني رهي آهي. هڪٻئي کي پيار جي ڄار ۾ ڦاسائي شادي ڪرڻ اها دشمني پارڻ جو بهانو آهي ۽ سندن اولاد ان دشمني جو نتيجو آهي.
    ”چانهه ڪيئن آهي؟“ هن کي خيالن ۾ گم ڏسي زالهنس پڇيس، ”سٺي آهي .. مطلب ڏاڍي سٺي آهي.“ هن اخبار جا صفحا ويڙهي سيڙهي ٽيبُل تي رکندي چيو. موٽ ۾ زالنهس جي هلڪي مرڪ هڪ گهري مرڪ ۾ تبديل ٿي وئي. پر ٻنهين ڄاتو پئي ته اها هڪ ڏکاري مرڪ هئي، اهڙي مرڪ جنهنجي تهه ۾ انيڪ زخم هئا. توڻي جو هاڻي هن جي پگهار مان لون ڪٽجڻ بند ٿي چڪي هئي ۽ پيسن جي پريشاني به گهڻي حد تائين ختم ٿي چڪي هئي. پر اڃان به اڌ پگهار واري اذيت گهر جي هر ڪُنڊ پاسي ۾ موجود هئي. اڌپگهار ماڻهوءَ کي اڌ ماڻهو ڪري ڇڏيندي آهي. ۽ ماڻهوءَ جي خوشيءَ کي ”اڌ خوشي“ بڻائي ڇڏيندي آهي ۽ سندس مرڪ کي ”اڌ مرڪ“ سندس ٽهڪ کي”اڌ ٽهڪ“ سندس ڀاڪر کي ”اڌ ڀاڪر“ سندس چميءَ کي ”اڌ چمي“ بڻائي ڇڏيندي آهي. پوءِ ڀلي کڻي پگهار سڄي به ٿي وڃي پر اڌ بڻجي ويل شيون گهڻو وقت ”اڌ “ جي اذيت مان آزاد ٿي نه سگهنديون آهن. پنجن سالن تائين سندس آس پاس رهيل اهو”اڌ “ زالنهس جي خوبصورت اکين ۾ اداسيءَ جون وليون پوکي ويو هو ۽ پاڻ سمجهه ۾ نه ايندڙ بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو هو. بيماريءَ جو سمجهه ۾ اچي وڃڻ اڌ علاج برابر آهي ۽ بيماريءَ جو سمجهه ۾ نه اچڻ هڪ بيماري کي ”ڏيڍ بيماري“ بڻائي ڇڏيندو آهي ۽ ”ڏيڍ بيماري“ بيماريءَ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي آهي. اڌ پگهار ملڻ واري انهن گذريل اڍائن سالن ۾ اڪثر ايئن ٿيندو هو ته هو ڪنهن نه ڪنهن دوست کان ڪجهه هفتن جي اوڌر تي پيسا وٺڻ لاء گهران نڪرندو هوته رستو ڪنڊا ڪنڊا بڻجي ويندو هوس. دوست جي دروازي تائين پهچندي رتورت ٿي ويندو هو. دوست جي سامهون ويهندو ته لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي بيهي رهندس. کلڻ ڳالهائڻ نه پهچندس. ڄڻ سوليءَ تي لٽڪيل هجي. سوچيندو رهندو ته ڪاش هوند هو پاڻ مونکان منهنجي اچڻ جو سبب پڇي. منهنجو چهرو پڙهي سگهي ۽ ڄاڻي سگهي ته مان وٽس ڇو آيو آهيان. ته جيئن آءُ لفظن جي اذيت کان بچي سگهان. پر ايئن ڪونه ٿيندو. ڪير ٿو ڪنهنجو چهرو پڙهي سگهي؟ هر ڪنهن کي بهرحال لفظن جي اذيت مان گذرڻو ئي پوندو آهي. نيٺ ڳيتون ڏيئي چوندس ”يار اصل ۾ مونکي ٿورن ڏينهن لاءِ ڪجهه پيسن جي ضرورت آهي“ تڏهن ڪجهه دير لاءِ چؤ طرف هڪ اڻ وڻندڙ ۽ زخمي ڪندڙ خاموشي ڇانئجي ويندي. ان خاموشيءَ ۾ آوازن جو طوفان ڀريل هوندو. پوءِ اول ته دوست وٽان هڪڙو وڏو ڀاشڻ ٻڌڻ لاءِ ملندس ”يار شابش اٿئي ايترا پيسا ڪيڏانهن ٿو ڪرين. ايڏي پگهار، بونس.“ پوءِ معذرت خواهاڻي انداز ۾ چوندس ”معاف ڪجان. مان پاڻ پٽ سٽ تي پيو گذارو ڪيان “ ۽ هو وڌيڪ ڪڇي نه سگهندو. اٿي کڙو ٿيندو. ڪنهن دوست کان پيسا گهرڻ دنيا جووڌ ۾ وڌ ڏکيو ڪم آهي. توهان دوستن سان فقط ڪنهن سٺي هوٽل تي سٺي ماحول ۾سٺي چانهه جي ساٿ سان علم، ادب، عشق، آرٽ، سماجيات، سياست، فلسفي ۽ فڪر تي بحث مباحثا ۽ طويل ڪچهريون ڪري سگهو ٿا، ڪنهن دلفريب ۽ سٺي ڪمري ۾ مڌ جي سرڪن تي لطيفا، شعر ۽ ڳالهيون شيئر ڪري سگهوٿا، پر جڏهن به توهان ڪنهن مجبوريءَ سبب انهيءَ گهربل سطح کان هيٺ لهي آيا ته دوستيءَ جو سڄو دلڪش محل ڊهي پوندو. سنگت جو سڄو ڪاڪ محل ڪري پوندو. ۽ انهن ڏهاڙن ۾ هو زندگيءَ جي انهن ڪڙن ڪسارن ۽ حقيقي تجربن مان گذريو جن مان شايد هونءَ ڪڏهن به نه گذري سگهي ها.
    شايد زندگيءَ کي سمجهڻ لاءِ کيسن جو ڀريل هجڻ ايترو ضروري نه آهي جيترو کيسن جو خالي هجڻ. ۽ هو گهڻو وقت اڳ سمجهي چڪو هو ته مسواڙ واري گهر ۾ رڳو گهر جي مسواڙ نه ڀرڻي پوندي آهي پر خوابن جي به مسواڙ ڀرڻي پوندي آهي ۽ مسواڙ واري گهر ۾ ڏٺل خوابن جو پلستر لٿل هوندو آهي ۽ انهن جو رنگ ڦٽل هوندو آهي. اڪثررات جو گهر ۾ ننڊ ۾الوٽ ٻارن کي ڏسي چپن تي مرڪ پکڙجي ويندس. ”اهڙي مٺي ننڊ صرف ٻار ئي ماڻي سگهن ٿا“کيس ته اهڙي ننڊ ڪئي ورهه ٿيا آهن. هاڻ ته اهڙي گهري ننڊ رڳو سندس خواهش بڻجي رهجي وئي آهي. اهڙو خواب جيڪو شايد وري ڪڏهن به نه موٽندو ۽ اهڙي خواهش جيڪا ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهندي. ٽرنڪولائيزرس جي ڪشتي ۾ خيرات طور مليل ننڊ به ڀلا ڪهڙي ننڊ!
    ان شام ڪالونيءَ جي اسٽور واري دوست ٻڌايو پئي ” منهنجي اسٽور تان جيڪا دوا سڀني کان وڌيڪ وڪامي ٿي اها آهي ٽرنڪولائيزز. ننڊ جي بيک“..! معنيٰ ته سڄو ملڪ بلڪه سڄي دنيا خيرات ۾ مليل ننڊ تي گذارو ڪري ٿي...! سندس ننڊ ڦٽڻ جي شروعات ٻه اڍائي سال اڳ تڏهن کان ئي ٿي هئي جڏهن نديم جي جاءِ ۾ شفٽ ٿيو هو ۽ نديم جي گهر ۾ ان ڪري شفٽ ٿيو هو جو جنهن جاءِ ۾ اڳ رهيو پيو هيو ان جاءِ جي مسواڙ وقت تي نه پئي ڏئي سگهيو، جاءِ جو مالڪ ڪاوڙجي پيو ۽ هر اٺين ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن دلال سندس دروازو کڙڪائي چيو پئي ....” ادا ٿورو پردو ڪرايو. پارٽي گهر ڏسڻ آئي آهي، مالڪ جاءِ وڪڻي ٿو“. تڏهن هن پنهنجي دوست نديم کي پنهنجي پريشانيءَ کان آگاهه ڪيو ته هن پنهنجي خالي جاءِ ۾ شفٽ ٿيڻ جي صلاح ڏيندي چيس” منهنجي جاءِ جي هڪ وڏي خامي هيءَ آهي ته منهنجي جاءِ دڪانن جي ڀرسان آهي. توهان کي ٽيپ رڪارڊ جو آواز پريشان ڪري سگهي ٿو“.
    ”پر اها پريشاني روز روز دلالن جي گهر جي در تي اچڻ کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ ته نه آهي.“ هن پنهنجو سامان نديم جي جاءِ ۾ شفٽ ڪري سک جو ساهه کنيو هو. هونءَ به هڪ جاءِ مان ٻي جاءِ ۾ سامان شفٽ ڪرڻ ۾ سندس ڪافي تجربو هو البت هڪ گهر کان ٻي گهر تائين پهچڻ واري رستي ۾ هميشه ننڍڙن ٻارن جا خواب ۽ رانديڪا ٽٽندا رهيا ۽ سندس ڪتاب مرندا جئيندا رهيا. پر پوءِ کيس جلد ئي خبر پئجي وئي ته پريشاني بهرحال پريشاني هوندي آهي. ان جو نمونو بدلجڻ سان فرق نه پوندو آهي. ان گهر ۾ صبح کان رات تائين زور زور سان وڄندڙ ٽيپ رڪارڊ ۽ ڊيڪ جو آواز سندن خاموش لمحن جي قتل جو سبب هو .
    اندرين ڪمري جي پٺئين پاسي گهٽي ۾ بلڪل آمهون سامهون تپيدار جوگهر هو. تپيدار روز رات جوهڪ کان ڏيڍ بجي جي وچ ۾گهر ايندو هو. موٽرسائيڪل تان لهي گهر جي گهنٽي وڄائڻ يا دروازو ٺڙڪائڻ جي تڪليف ڪرڻ بدران موٽر سائيڪل تي ويٺو مسلسل پريشر هارُن پيو وڄائيندو. ”ٽين، ٽين، ٽين، ٽين“ ۽ ايستائين بٽڻ تان هٿ نه کڻندو، جيستائين زالنهس ننڊ مان اٿي اچي دروازو نه کولي. پهريون سيارو آيو ۽ پارا پوڻ لڳا ته هو ورانڊي بدران ٻارن ۽ زالهنس سميت اندرئين ڪمري ۾ ستو ته پهرين رات ئي اڌ رات مهل انهيءَ ٽين ٽين جي آواز تي ايئن ڇرڪ ڀري جاڳيو ڄڻ اوچتو ڪنهن سندس ڪن وٽ بندوق جو فائر ڪيو هجي. ان رات کان پوءِ هو وري سڄو سيارو سک جي ننڊ نه سمهي سگهيو. وري صبح جو سويري ڀر واري مسجد جو پيش امام ٻانگ ڏئي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ کان پوءِ نعت پڙهڻ شروع ڪندو تان جو نماز جو وقت ٿي ويندو. نماز کان پوءِ وري چندو گهرڻ جو وارو ايندو. جيڪو صبح جي ڏهين يارهين وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندو. ”او منهنجا مسلمان ڀائرو“ مولوي صاحب سُر ۾ لائوڊ اسپيڪر تي اعلان جي اڻ کٽ شروعات ڪندو. ”مسجد زير تعمير آهي، چندو ڏئي ثواب دارين حاصل ڪندا.... او مسلمان ڀائرو... ڏنو ٻنون آهي... اڳيان ڪاري قبر آهي. نيلا نانگ آهن. مٿان موت بيٺو آهي. او منهنجا مسلمان ڀائرو....!! توهان جي مدد جي ضرورت آهي.... الله الله الله ... او منهنجا مسلمان ڀائرو...“ هو نه تپيدار کي هارُن وڄائڻ کان روڪڻ جهڙو نه مولوي صاحب بابت ڳالهائڻ جهڙو... تپيدار کي ٿو ڪجهه چئي ته جهيڙو ٿو ڳچيءَ ۾ پئي ”ادا تنهنجو ڇا وڃي. موٽر سائيڪل منهنجي، گهر منهنجو ۽ در منهنجو. تون مسواڙي .. جمع ، جمع اٺ ڏينهن ٿيا آهن ته ٽپڙ کڻي آيو آهين. هليو آهين مونکي هدايت ڪرڻ“ ۽ جي ٿو مولوي صاحب کي ڪجهه چئي ته مليس ٿو تعذير... ڏسو ابا مسلمانن جا حال ... ٻانگ تي به اعتراض. الله جي نالي وٺڻ تي به ڪاوڙ. وٺوس ڀڻسان کي ڪافر آهي... ملحد آهي... ڪميونسٽ آهي“ شينهن کي ڪير چئي تنهنجي وات ۾ ڌپ. شايد دنيا ۾ جيتري مذهب جي نالي ۾ لامذهبيت، محبت جي نالي ۾ نفرت، دوستيءَ جي نالي ۾ دشمني ۽ اعتبار جي نالي ۾ ويساهه گهاتي ٿي آهي، ايتري ٻئي ڪنهن به نالي ۾ نه ٿي آهي. هو ڪنهن کي به ڪجهه چئي نه سگهيو. ڪنهن کي ڪجهه چئي نه سگهڻ خود هڪ اذيت آهي.... هڪڙو ڏک آهي... جيڪو ماڻهوءَ کي هڪ ڏينهن ماري وجهندو آهي. ۽ اهو به موٽر سائيڪل جو آواز ئي هو جنهن تي سندس پنجن سالن جو پٽ ڇرڪ ڀري ننڊ مان جاڳيو هو ۽ ڀانڀولجي روئڻ لڳو هو... پوءِ اٺ ڏهه مهينا هر رات ڇرڪ ڀري ڄاڳي پوڻ، ۽ دير تائين ڊڄندو ۽ روئيندو رهڻ، ۽ پوءِ روئندي روئندي سمهي پوڻ سندس معمول بڻجي ويو. ايئن هو پنهنجي ننڊ تان هٿ ڌوئي ويهي رهيو! سڄو ڏينهن شهر ۾ ڄڻ آوازن جي جنهگل ۾ ڦاٿل ماڻهو رات جو به ننڊ نه ڪري سگهي ته ان جو ڇاحال ٿيندو...! اهي ننڊ جا چار پل ئي ته هوندا آهن جيڪي ماڻهوءَ جي جاڳ کي معنيٰ بخشيندا آهن کيس زندگيءَ جي راهه سان ڳنڍيندا آهن. شايد Voice pollution انهن جديد بيمارين جو بنياد آهي جيڪي ماڻهوءَ کي اڏوهيءَ وانگر کائي وينديون آهن. هو بظاهر ڪنهن ٿوڻيءَ وانگرمظبوط ڏسڻ ۾ پيو ايندو پر اندران کاڌو پيو هوندوآهي. ماڻهوءَ جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي ته نه رڳو دنيا سان پر پنهنجي پاڻ سان به سندس ناطو ڇڄي پوندو آهي ۽ هو زندگي سان پنهنجي تعلق جو تند وڃائي ويهندو آهي. نديم جي ان جاءِ جو آڳنڌ ايڏو سوڙهو ۽ پاسن واريون ڀتيون ايڏيون وڏيون هيون جو گرمين جي موسم ۾ اها جاءِ دوزخ بڻجي پوندي هئي. ان ۾ هوا جو جهوٽو اندر نه اچي سگهندو هو ۽ ڏسڻ لاءِ آسمان جو بنهه مختصر چوڪور ٽڪرو ميسر هو. جنهن ۾ ڳڻڻ جيترا ستارا ڏسي سگهبا هئا. جنهن ۾ چنڊ فقط چند لمحن لاءِ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڪنهن مهل سڄو گهر ڪنهن تمام مهانگي ۽ سٺي پرفيوم جي وڻندڙ خوشبوءَ سان ڀرجي ويندو ته ڪنهن مهل گهر ۾ عجيب ۽ بنهه خراب قسم جي بدبوءِ ڦهلجي ويندي. ايئن لڳندو ڄڻ گهر جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪوئو مئو پيو آهي. ڊپ، تڪليف، پريشاني ۽ طويل اوجاڳن جي اذيت مان تڏهن وڃي جان ڇٽيس جڏهن اها جاءِ ڇڏي ٻيءَ جاءِ ۾ منتقل ٿيو. اوجاڳي جي انهن راتين ۾ هو اڪثر پنهنجي ڳوٺ کي ساريندو هو”الا، ڳوٺ ۾ ڪيڏي خاموشي هئي، ڪيڏي نه گهري ننڊ ايندي هئي“ سيني مان اڀري وات مان نڪتل هڪ ٿڌو ساهه ۽ هڪ جملو. سوچڻ ۽ سارڻ. اهي راتيون ۽ ڏينهن جيڪي ڪنهن ٻار جي خواب جيان حسين ۽ وڻندڙ هئا. ڳوٺ جي ساڄي پاسي کان وهندڙ واهه سان سندس پراڻي دوستي هئي. ان واهه ۾ ئي هو ترڻ سکيو هو . ٻڏندي ٻڏندي بچيو هو. ان واهه جي ڪنڌيءَ تي ئي پهرن جا پهر لهرن ۾ اڇلايل ڪُنڍيءَ ۾ مڇيءَ جي ڦاسڻ جو انتظار ڪندي مٿس انڪشاف ٿيو هو ته درياهه به خدا وانگر ڪنهن جي محنت ضايع نه ڪندا آهن. پوءِ اهو وچ سير جو واڳون هجي يا ڪنڌيءَ جو ڪنگ، لهر جو لڌڙو هجي يا مڇيءَ جو عاشق مهاڻو. ان واهه ئي کيس مڇيءَ جو انتظار ڪندي خاموشي، صبر، اعتبار ۽ انتظار جي لذّت سان روشناس ڪرايو هو. ۽ اهو به ته مڇيءَ جو شڪار محبوبه جي انتظار وانگر لاحاصل هوندي به حاصلات جي احساس جهڙو وڻندڙ هوندو آهي. ان واهه ۾ ئي هن مينهن ڪڻين جي سڏ تي ننڍڙين مڇين کي نچندي ڏٺو هو ۽ ها ان واهه ۾ هن ڪهاڙيون لڳل مردن ۽ مٿا ڪوڙيل عورتن جا سڄيل اگهاڙا لاش لڙهندي ڏٺا هئا. جن کي ڪارو ڪاري سڏيو ٿي ويو ۽ هن کي حيرت لڳندي هئي ته انهن کي ڪارو ڇو ٿو سڏيو وڃي جڏهن ته اهي لاش سدائين ڪپهه جهڙا اڇا آهن. ۽ ان واهه ۾ ئي هن پهريون دفعو موريءَ ۾ ڦاٿل هڪ عورت جي اونڌي لاش جي مٿان هڪ ڪُميءَ کي ويٺل ڏٺو هو ۽ اهو به ڏٺو هو ته لهرن جي زور تي هيٺ مٿي ٿيندڙ ان عورت جو نظر ايندڙ هڪڙو اُرهه ايترو وڏو، ٿلهو ۽ ڦنڊيل هو جهڙو سهپ جي آخري حد تائين ڦوڪيل ڦوڪڻو يا جهڙو مانيءَ وارو اونڌو رکيل دٻڪ. ۽ ها ان سڄيل ارهه سان راند کيڏندڙ ننڍڙي مڇيءَ جي شرارت ۽ شوخيءَ کي هو ڪڏهن به وسارڻ وارو نه هو. هن کي شروع کان معلوم هو ته دراصل هو پنهنجي ذات ۾ اڌ مهاڻو ۽ اڌ غير مهاڻو آهي تنهن ڪري سندس سيني ۾ نديءَ جي راز سان گڏ هڪڙو ڇنل ڄار به ڦاٿل آهي. ۽ اهو به ته سندس اکين ۾ هڪ شرارتي مڇيءَ جو ڏک ۽ نڙيءَ ۾ هڪ لک گاريون اٽڪيل آهن.
    واهه جي ڪڙ سان قطار در قطار ٽالهين جا گهاٽا ڳڻڻ کان وڌيڪ وڻ، وڻن جي ڇانو ۾ واهه منجهه سڄو سڄو ڏينهن تُڙڳڻ ۽ واهه جي موريءَ وٽ ايريگيشن وارو باغ، باغ ۾ پپر، ڄمون، ليمان ۽ انب. ۽ املتاس جي ٽارين ۾ ڪوڪندڙ ڪوئل... هيٺ وهندڙ پاڻيءَ جي ننڍڙي شاخ، شاخ ۾ ڪرندڙ ڄمون ۽ توت. ڀانت ڀانت جا پکي، پکين جون ٻوليون ساوا وڻ، ڪڪرن سان ڀريل آڪاش، برسات. انڊلٺ جي رنگن ۾ اٽڪي پوندڙ اکيون. مينهن جي پاڻيءَ ۾ ڪاغذ جون ٻيڙيون تاري ڪنهن اڻ ڏٺل دنيا ڏي اماڻڻ. ترندڙ ٻيڙين سان گڏ پاڻ ترڻ، ٻڏندڙ ٻيڙين سان گڏ پاڻ ٻڏڻ، هڪ گهرکان ٻئي گهر ڏي ڊوڙپائڻ ۽ ڪورس جي انداز ۾ گڏجي ڳائڻ. ڪارڙو ڪونڀارڙو، ان پاڻي ڏي ته مولا مينهن وسائي، ڪنهن پوڙهيءَ جا دڙڪا ڏيڻ ”کلا ڇورا ايڏو مينهن وٺو آجو ڇنا ڇپر ڇُڙي پيا آهن پٽ تي پير رکڻ جي جاءِ ڪانه بچي آهي ڀتيون ڀُري پيون آهن، ۽ توهان جو اڃان پيٽ ڪونه ڀريو آ.... هلو هتان کائو نه کلا... “ رات جو کٽ تي ليٽي مٿي نهاربو ته نيڻ ٺري پوندا، لکين، ڪروڙين ستارن سان جهنجهيل آسمان ايترو ته ويجهو لڳندو جو ڀاسندو ته ٿورو هٿ مٿي ڪبو ته تارن کي ڇهي وٺبو. بجلي ڪانه هئي. اونداهين راتين م ڪکائين ڇپر ۾ ٻرندڙ لالٽين جي جهيڻي روشني سڄي گهر کي پراسرار خواب بڻائي ڇڏيندي. ٻاهر آڳنڌ جي آس پاس ڦيراپائيدڙ ٽانڊاڻا ايئن ڀاسندا ڄڻ آسمان مان اڏامي ڌرتيءَ تي آيل تارا هجن. کٽ جي ڀرسان گذرندڙ ڪنهن ٽانڊاڻي کي ڏسي زور زورسان ڳائبو کربُوجڙو کٽ تي ماڻس پڻس پٽ تي ته طبيعت جو تيزکُربو جڙوٻه چار گوهيون کائي پٽ تي اچي ڪرندو، کربو جڙو کڻي هٿ جي تري تي رکبو۽ مٿان ٻئي هٿ جي اوٽ ڏبي ته چانديءَ جهڙي روشني آڱرين مان ڇڻڻ لڳندي ۽روشنيءَ ۾ ٻئي هٿ گلابي ٿي ويندا. پوءِ کير ڀت کائي وهاڻي تي مٿو رکبو ته اکيون ننڊ ۾ ڀرجي وينديون. ۽ ان عمرکان به گهڻو پوءِ رات جو بي بي سي تان اٺين واريون خبرون ٻڌندي ٻڌندي ننڊ جا گهيرٽ اچي ويندا. ۽ کٽ تي ليٽبو ته ننڊ پنهنجي ڀاڪرن ۾ ڀري وٺندي. ۽ هاڻي ؟ سمهڻ لاءِ سڀ سهولتون ته موجود آهن. ننڊ ڪانهي ! هو ڳوٺ ڇڏي شهر اچڻ کان پوءِ تمام جلد ننڊ کان محروم ٿي ويو هو. جڏهن کان کليل آسمان، تارن، چنڊ ۽ وڻن کان محروم ٿي ويو هو ته ڄڻ زندگيءَ کان محروم ٿي ويو هو. ان محروميءَ کانئس مرڪون ۽ ٽهڪ کسي ورتا. هو هڪ کوکلو ماڻهو بڻجي ويو. تيزيءَ سان هر احساس کان خالي ٿيندو پئي ويو. پر ڀلا هاڻي ڳوٺ ۾ رهيو به ڇاهي“ هو اڪثر ڀڻڪڻ لڳندو. ”واهه جو پاڻي سڪي ويو آهي. وڻ وڍجي ويا آهن، باغ اجڙي ويو آهي ۽ ڳوٺ جي ڳلين ۾ بي روزگاري، غربت ۽ بيماريءَ جي ڏائڻ ڀٽڪي رهي آهي.“ ان ڏينهن ڳوٺان خبر آئي ” ڳوٺ وارو مور مري ويو آهي“ ۽ اها خبر سندس ڳوٺ جي اجڙڻ جي تصديق بڻجي وئي. ” مور به مري ويندا آهن ڇا...؟“ هن ساڳيو سوال ورائي ورائي پنهنجي پاڻ کان پڇيو هو پر ڪو به جواب ماڻي نه سگهيو هو. رات جو سڪل وڻ تي ويٺل مور کي نانگ ڏنگي ويو، مور ۽ نانگ جي پراڻي دشمني. ڪڏهن هڪ ڪامياب ڪڏهن ٻيو. ڪاميابيءَ ۾ ناڪامي ناڪامي ۾ ڪاميابي. ڳوٺ سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي ويو آهي. وڻ سڪي ويا آهن..پاڻي کارو ٿي ويو آهي. کڏن کوٻن ۾ سم جو ڪڙو پاڻي ڀرجي ويو آهي. پاڻيءَ ۾ ڪَلُ ڦٽي پئي آهي. ڪَلُ ۾ ڏيڏر، مڇر، جيت جڻيا ۽ نانگ بلائون رهڻ لڳيون آهن. ڪَلُ مان نانگ نڪتو هوندو ۽ مور کي ننڊ ۾ ڏنگي وڌو هوندائين ۽ صبح جو ماڻهن سڪل وڻ ۾ رنگ برنگي مور مئل ڏٺو هوندو...! هو پنهنجي ٻارن جو ”مستقبل“ سڌارڻ لاءِ ڳوٺ ڇڏي شهرآيو هو .۽ ٻارن جو ”مستقبل“ سنوارڻ جي خواهش ۾ پنهنجو”حال“ وڃائي ويٺو هو. ترقي ۽ مستقبل خود هڪ سواليه نشان...؟ ”ته ماڻهوءَ ڪهڙي ترقي ڪئي آهي ۽ اڃا ٻي ڪهڙي ترقي ڪندو...؟ ۽ ڪيسيتائين آهي حد ترقيءَ جي.“
    ماڻهوءَ ايٽم بم کان ڪلوننگ تائين جيڪا ترقي ڪئي آهي ان خود ماڻهوءَ جي مستقبل کي سواليه نشان نه بڻائي ڇڏيو آهي...؟ ۽ خود ترقي ڇا آهي...؟ وڏا وڏا بنگلا؟ گاڏيون؟ اسڪائي اسڪريپر عمارتون؟ گهڻي دولت؟ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ريشمي ٽاءِ ؟ اها آهي ترقي؟ اهو آهي ماڻهوءَ جو نصب العين؟ اها ته ماڻهوءَ جي قديم بک آهي. بک جنهن جو ڪو انت نه آهي. ۽ هيءَ ايڪيهين صدي؟ شايد هي صدي بي بنياد بنياد پرستي، لاغرض خودغرضي، بي سبب جلد بازي، سنڍ جنس زدگي، بي انت بي خبري ۽ ڍاول بک جي صدي آهي. سوالن جو هڪ طويل سلسلو. جيترا سوال ايترا جواب. جيترا جواب ايترا سوال. ۽ هو سوالن جوابن جي گهاٽي جهنگ ۾ ڦاٿل هڪڙو معمولي نقطي جيترو ماڻهو. ذري گهٽ ٻن اڍائي سالن جي عرصي تي مشتمل ننڊ کان عاري انيڪ راتين مان هڪ اهڙي ئي ننڊ کان خالي رات جي پوئين پهر ۾ ننڊ ستل زال ۽ ٻارن ڏي ڏسندي هڪ اداس احساس وچان پر حقيقي سچائيءَ سان اعتراف ڪيائين ته هو آهستي آهستي پنهنجي ٻارن کان، زال کان ۽ زندگي کان پري ٿيندو پيو وڃي. ۽ کيس پنهنجي پاڻ تي ڪوئي وس نه رهيو آهي. سندس ٻارن ۽ زال جو سڀ کان وڏو خواب ”پنهنجو گهر“ آهي. پر هُن وٽ ان خواب جي ساڀيان جو ڪو سامان نه آهي. اهو خواب گهر ڀاتين جي اکين ۾ وچڙي پيو آهي. جيڪو نه ڄمي ٿو نه مري ٿو. نه سمهي ٿو نه جاڳي ٿو. هر ڇهين ٻارهين مهيني هڪ گهر کان ٻئي ۽ ٻئي کان ٽئين گهر ڏي منتقليءَ هنن کي هڪ مسلسل هجرت جي ڏک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.هجرت رڳو هڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ يا هڪ شهر کان ٻئي شهر لڏڻ جو نالو ته نه آهي. هڪ گهر کان ٻئي گهر ۾ منتقل ٿيڻ به هڪ هجرت آهي. ان هجرت جو ڏک سڀ کان وڌيڪ ٻارن کي زخمي ڪندو آهي. ٻار جيڪي پنهجي ڄاتل سڃاتل گهٽيءَ کان، گهر کان، ڪمرن، ڀتين، آڳنڌ، ڇت، دروازي، گهٽي ۽ گهٽيءَ ۾ کيڏندڙ پنهنجي دوستن کان ڌار ٿي ويندا آهن. هو اڪثر رات جو دير تائين جآڳنڌو ڪمري جي ڇت ۽ ڀتين ڏي ڏسندو رهندو. ۽ اڪثر سندس چپن تي هڪ اداس ، مسافر ۽ زخمي پر بيحد دلفريب مرڪ پکڙجي ويندي. ان رات به ايئن ئي ٿيو. ”ايڏي دلفريب مُرڪ ....“ الهنديءَ ڀت کائنس پڇيو. ”پياري ڀت ماڻهو ڳوڙهن جو هڪ طويل درياهه جهاڳي هن مرڪ جي ڪناري تي پهچندو آهي“.اکين مان ڳوڙها وهي پيا هئس. ۽ اهي ڳوڙها اولهندي ڀت کان سواءِ ٻيو ڪير به ڏسي نه سگهيو هو. اهي بيوسيءَ جا ڳوڙها ها. ۽ کيس زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اهو تجربو ٿيو هو ته رڳو خوشي ۽ ڏک ۾ ڳوڙها نه ڳڙندا آهن. پر بيوسيءَ ۾ به اکيون ٽمي پونديون آهن. هاڻي ته خير توڻي جو هو مسواڙ واري گهر ۾ ئي رهي ٿو پر اهو گهر ڪافي ڪشادو، صاف ۽ سٺي علائقي ۾ آهي. جنهن جو هڪ ڪمرو سندس لکڻ پڙهڻ لاءِ مخصوص آهي. جنهن جي پٺين دري ڪميونٽي سينٽر جي ان آڳنڌ ڏي کُلي ٿي. جنهن ۾ پپر ۽ لم جو هڪ وڏو گهاٽو جاڙو وڻ بيٺل آهي. ٻنهين وڻن جا ٿڙ ڀاڪر پائي بيٺل آهن ۽ ٻنهي جون ٽاريون هڪ ٻئي جي ايترو ويجهو آهن. جو ٽاريون هر گهڙي هوا جي هر جهوٽي سان هڪٻئي جو مک چمنديون رهنديون آهن. پر اندر جي بي انت خاليپڻي سندس دماغ ۾ جيڪو سوراخ ڪري ڇڏيو هو اهو اڃا ڀرجي نه سگهيو آهي....! ۽ شايد ڪڏهن ڀرجي به نه سگهندو. هو پن ڇڻ جي پيلي موسم جو حصو بڻجي چڪو هو.
    ڪنهن به ماڻهوءَ جي يادگيرين ۽ خوابن ۾ ڪڏهن به ۽ ڪنهن به وقت ريل گاڏي موٽ کائي سگهي ٿي. خوابن ۽ يادگيرين ۾ موٽ کائيندڙ ريل گاڏي پٽڙيءَ جي محتاج نه هوندي آهي، ۽ سندس رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هوندي آهي. ان ڪري اها ڪنهن به وقت ڪٿان به اچي سگهي ٿي ۽ دروازو کڙڪائڻ کان سواءِ ڪنهن جي به خوابن ۾ داخل ٿي سگهي ٿي.
    هن واش روم مان نڪرندي چنڊ ڏي نهاريو ۽ پوءِ ڀريل دل ۽ خالي مثاني سان هنڌ ۾ اچي ليٽيو ۽ ايئن بي خياليءَ ۾ ڇت جي پنکي ڏي ڏسڻ لڳو. هميشه وانگر پنکي جا پراُهي ئي ٽي ۽ رنگ ساڳيو خاڪي، گهڙيال جا ڪانٽا هڪ هنڌ بيٺل، اڳتي وڌڻ کان انڪاري، پنکي جي هڪ پر ۾ چرپر پيدا ٿي ته هن حيرت ۽ دلچسپيءَ سان ڏٺو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي سڄو پر پوليس واري جي ٽوپيءَ ۾ تبديل ٿي ويو. ۽ ٽوپي جو پويون حصو گهڙيال جي اڇي پلاسٽڪ ۾ تبديل ٿي ويو. هن گهڙيال ڏي نهاريو ته گهڙيال جي اڇي پلاسٽڪ ريل گاڏيءَ جي گارڊ جي هاف وائيٽ ٽوپيءَ ۾ بدلجي وئي ۽ اتان هڪ ريل گاڏيءَ جو جنم ٿيو جنهن جون سڀ بوگيون سندس خوابن سان ڀريل هيون. هو ڪتابن جي ڳوٿري هٿ ۾ جهليو ريل گاڏيءَ جي انتظار ۾ بيٺو هو. اها راجا واري ريل گاڏي هئي جنهن جي انجڻ ڪاري، ٽانڪي ٽامي جهڙي ۽ بوگيون سائي رنگ جون هيون. اها ريل گاڏي ئي هئي جنهن کيس ٻاروتڻ ۾ ئي سيکاريو هو ته انتظار ايئن زندگي جو حصو آهي جيئن هٿ، پير۽ چهرو جسم جو حصو آهي. ۽ کيس اهو به سيکاريو هئائين ته در اصل ماڻهو هڪ ٻئي سان ملندا ئي وڇڙڻ لاءِ آهن. ۽ اهو ته رڳو وڇڙڻ مهل ئي نه پر ملڻ مهل به اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ايندا آهن. ۽ اهو ته هر ماڻهوءَ جي ڪل زندگيءَ جو ٽيون حصو انتظار ۾ گذري ويندو آهي. روز صبح جو پنهنجي گهر کان ڏيڍ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ننڍڙي اسٽيشن تي اچڻ ۽ ان ريل گاڏيءَ جي آخري بوگيءَ ۾ ويهي، (آخري بوگيءَ ۾ چڙهڻ، آخري سيٽ تي ويهڻ ۽ قطار جي آخر ۾ بيهڻ جو الڳ قصو آهي.) اسڪول وڃڻ ۽ وري موڪل مهل ساڳي ريل ۾ واپس موٽڻ روز جو معمول، پليٽ فارم تي سڙيل ٻوٿ واري ماڻهوءَ کي ڏسڻ ۽ کيس سڃاڻڻ ته در اصل اهو چيلاٽو آهي ۽ ان کان ڊڄڻ ۽ پوءِ به کيس گهوري ڏسڻ. ريل جي دريءَ وٽ ويهي وڻن ۽ ٻنين، گهرن کي پوئتي ڊوڙندي ڏسڻ ۽ گاڏيءَ جي لوڏي تي پاڻ کي پينگهه ۾ محسوس ڪرڻ. بوگيءَ ۾ گهوريئڙن جا هوڪا، انڌن ۽ منڊن، ٽنڊن فقيرن جون صدائون، پوليس وارا، نيري ورديءَ وارو ٽڪيٽ ڪليڪٽر ... جهڙو هڪ گهر .... جهڙو شهر.. هڪ سڄي ساري دنيا. بوگيءَ م سفر ڪندڙ ماستر، هيڊ ماستر، ڪلارڪ، دڪاندار، مايون ۽ ٻار... ۽ ٻارن کان سواءِ ٻين سڀني جي اکين ۾ انتظار.. الاءِ ڪنهن جو انتظار؟ چارئي ڏسائون ماڻهن جا چهرا. ماڻهن جون اکيون.
    سڀني چهرن تي ساڳي ڪيفيت. سڀني اکين ۾ ساڳيو احساس، چهرن تي ڏک جا پاڇا ۽ اکين ۾ انتظار. الاءِ ڪنهن جو انتظار...؟؟ جڳ جڳ کان ساڳيو اوسيئڙو. هن ڪافي وقت اڳ محسوس ڪيو هو ته دراصل هيءَ ڌرتي هڪڙو وڏوغوراب آهي جيڪو وقت جي هٿرادو تعين کان به گهڻو اڳ بي انت خلا جي وشال سمنڊ ۾ مسلسل ڀٽڪي رهيو آهي. کيس وقت جون ڇوليون انت کان بي انت ڏي گهلي رهيون آهن. اهڙو غوراب جنهن ۾ ڪوئي بادبان ڪوئي سڙهه ڪونهي... جنهن ۾ ڪوئي مانجهي ڪونهي.... جنهن ۾ ڪوئي چپو ڪونهي... جنهن ۾ ڪوئي قطب نما ڪونهي... جنهنجي ڪائي ڏسا ڪونهي. جنهن لاءِ سڀ ڏسائون انڌيون آهن. جنهن ۾ صدين کان محوسفر مسافرن پنهنجي طور تي طرفن جوتعين ڪيوآهي.
    هي اوڀرآهي.
    هي اولهه آهي.
    هي اتر آهي.
    هي ڏکڻ آهي.
    ۽ انهن پنهنجي طور تي موسمن جو تعين به ڪيو آهي ۽ وقت جو به تعين ڪيو آهي.
    سرءُ، سيارو، بهار، اونهارو.
    صبح، منجهند، شام، رات ۽ اڌ رات.
    پر غوراب جو نه ڪوئي طرف آهي نه وقت آهي نه موسم آهي. نه سندس ماضي آهي نه مستقبل آهي. غوراب فقط حال جي خلا ۾ ڀٽڪي رهيوآهي. مسافرن جي اکين ۾ ڪئي خواب ۽ سيني ۾ سوين خواهشون آهن.. غوراب خوابن ۽ خواهشن کان خالي آهي.هو ڀٽڪي وڃڻ جي ڏک ۽ خدشي کان آزاد آهي. پر مسافر آزاد نه آهن. اهي مسافر ڪنهن پراهين پار جا پوڙها پاڇولا ٿا ڀاسن. مسافرن جي چهري تي ڪيئي عڪس پون ٿا ٺهن ۽ ڊهن ٿا. ڪنهن مهل ڏک جي ڪيفيت ۾ ته ڪنهن مهل خوشيءَ جي صورت ۾. هو ڪنهن مهل بي سبب ادسيءَ ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا ته ڪنهن مهل خوشيءَ ۾ ڀرجي ٿا وڃن. ڄڻ اهي ڪنهن اڻ ڪيل / ڪيل ڏوهه جو بار ڍوئي رهيا آهن. سڀني جا ضمير زخمي آهن. زخمن مان رت ۽ پونءِ وهندي ٿي رهي. هو پنهنجا زخم ڏسن ٿا ۽ زخمي جانورن وانگر رنڀون ڪن ٿا. سڀ ماڻهو صدين کان بي انت خلا ۾ بي طرف ڀٽڪندڙ غوراب جو ڏک ۽ الڪو ڀوڳي رهيا آهن. اهو ڏک اهو اُلڪو سندن لاشعور ۾ شامل ٿي ويو آهي. بي انت خلا ۾ ڀٽڪي وڃڻ جو ڏک ۽ ڊپ ته غوراب ڪنهن به وقت ڪنهن گليشيئر سان ٽڪرائجي ٽڪرا ٽڪرا ٿي سگهي ٿو. ڪنهن به وقت برمودا ٽرائينگل ڏي ڇڪجي غرق ٿي سگهي ٿو. هيئن نه ٿي پئي. هونءَ نه ٿي پئي. هيئن ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ هونءَ ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟؟ ڪنهن شئي جي وڃائجي وڃڻ جو ڊپ.... ڪنهن شئي جي کسجي وڃڻ جو انديشو. ڪنهن شئي جي هٿ مان ڪري پوڻ ۽ ڪري ڀڄي ڀور ٿيڻ جو احساس. چهرن جي ڪيفيت پل پل تبديل ٿيندڙ. ڪنهن مهل اداسي ڇانيل ته ڪنهن مهل چهري تي سرهائي. ڪنهن مهل ڏک جا پاڇولا لڏندڙ ته ڪنهن مهل خوشيءَ جو رنگ ٽڙيل. ته ڪنهن مهل وري هر ڪيفيت کان خالي. سکڻا، ويران ڀڙڀانگ چهرا. لوه وانگر سخت، ساڪت، اڻڀا ۽ اکڙيل چهرا. ته ڪي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪيفيت سان ٽمٽار چهرا، زنده چهرا ۽ مئل چهرا.
    پر انتظار سڀني اکين ۾ ساڳيو.
    اکين ۾ مسلسل رهندڙ انتظار. هڪ هنڌ ڄمي ويل انتظار. اکين ۾ گهر ڪري ويهي رهيل انتظار. هڪ تشبيهه بڻجي ويل انتظار.
    باقائدي هڪ روپ وٺي بيٺل انتظار.
    هو ڳالهائي ڪنهن هڪ سان رهيا هوندا ۽ نهاري ڪنهن ٻئي طرف رهيا هوندا آهن. ڄڻ ڳالهائي ڪنهن هڪ سان رهيا هجن پر سندن مخاطب ڪو ٻيو هجي.ڪير ٻيو...؟ اها کين به خبر نه هوندي. ملندا ڪنهن هڪ سان ۽ ڳولا ڪنهن ٻئي جي. انتظار ڪنهن ٻئي جو هوندن. ويٺا هوندا ته به انتظار ۾ هوندا. اٿي بيهندا ته به انتظار ۾ هوندا. ڄڻ ڪنهن ٻئي طرف وڃڻو هجين. ڄڻ ڪنهن دوست ڏانهن وڃڻا هجن. هڪ هنڌ بيهي نه سگهندا. ۽ جڏهن هلڻ لڳندا تڏهن به اکين مان انتظار ختم نه ٿيندن. ڄڻ ڪٿي پهچڻ گهرندا هجن.... پر اتي ۽ ان وٽ پهچي به انتظار ختم نه ٿيندن. ڄڻ وري اڃان ڪنهن ٻئي پاسي ڪنهن ٻئي وٽ وڃڻو هجين. ۽ اتي پهچي ان سان ملي به ساڳي ڪيفيت ۾ مبتلا هوندا. انتظار جي ڪيفيت ۾. گهر ۾ هجن ته آڳنڌ ۾ پهچڻ گهرندا... آڳنڌ ۾ هوندا ته ڪمري ۾ پهچڻ جي اوسيئڙي ۾ هوندا. آفيس ۾ هوندا ته گهر جو انتظار هوندن. گهر پهچندا ته ٻاهر وڃڻ جو انتظار هوندن.... ۽ ٻاهر پهچي وري واپس گهر وڃڻ جي انتظار ۾ هوندا. جتي به هوندا انتظار ۾ هوندا... ڪار ۾ هجن، موٽر سائيڪل تي، سائيڪل تي هجن، بس ۾، ريل گاڏيءَ ۾ يا جهاز ۾ هجن هوندا انتظار ۾ مبتلا. پليٽ فارم تي بيٺا هجن، دڪان ۾ هجن، هوٽل ۾ هجن، دوستن ۾ هجن، ٻارن سان هجن زال سان يا محبوبا سان گڏ هجن هوندا وري به انتظار ۾ مبتلا. ڪنهن ٻئي پاسي وڃڻ جو انتظار... ڪنهن ٻئي جي اچڻ جو انتظار. ڪنهن سان ملڻ جو انتظار ... ڄڻ هوش سنڀالڻ کان وٺي هر ماڻهو مسلسل هڪ وڏي انتظارگاه ۾ بيٺو آهي.


    5

    اهو ڇا جو انتظار آهي؟ جيڪو ختم ئي نه ٿو ٿئي.
    اهو ڪير آهي جنهن سان هو ملڻ ٿو چاهي؟ ۽ ملي نه ٿو سگهي. اهو ڪير آهي جنهن کي هو ڏسڻ ٿو چاهي ۽ ڏسي نه ٿو سگهي.
    اهو ڪير آهي جنهن سان هو ڳالهائڻ ٿو چاهي؟ ۽ ڳالهائي نه ٿو سگهي. اهو ڪير آهي جنهن کان هو ٻڌڻ ٿو چاهي؟ ۽ ٻڌي نه ٿو سگهي.سوالن جو گهاٽو ٻيلو... قدم قدم تي سوال .. گام گام تي جواب.. ۽ جواب جي پيٽ ۾ وري سوال جو حمل... ڪڏهن کيس لڳندو آهي ته شايد اهو هو پاڻ ئي آهي جنهن جو کيس انتظار آهي. جنهن کي هو ڳولي ٿو. جنهن سان هو ملڻ ، ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ ٿو چاهي ۽ جڏهن اهو ڪو ” ٻيو “ آهي ڪو نه؟ ته ايندو ڪيئن ۽ ڪٿان؟ اهو ته سڄو انتظار ئي اجايو آهي... هو جڏهن به اها ڳالهه سمجهي ويو ته جنهنجو کيس ايڏو انتظار آهي ڳولا آهي سو ته هو پاڻ آهي ته شايد ان ڏينهن هو اذيت کان آجو ٿي ويندو ۽ سندس چپن تي لافاني مرڪ still ٿي بيهي رهندي ۽ سندس اکين جي اڻ تڻ شانت ٿي ويندي. شايد ايئن هجي . شايد ايئن نه هجي. شايد...! شايد پنهنجي پنهنجي منزل تي پهچڻ جو انتظار. انتظار سان گڏ ٿڪاوٽ ۽ خوشي ۽ غم جا ڀاوَ ۽ خوابن جا اولڙا. سپاهين جي اکين ۾ جمعدار ٿيڻ جا خواب ۽ جمعدار جي اکين ۾ صوبيدار ٿيڻ جا خواب. ڪلارڪن جي اکين ۾ هيڊ ڪلارڪ ٿي انڪريمينٽ حاصل ڪرڻ جو خواب. ماسترن جي اکين ۾ ته خوابن جا ڪيئي قافلا. دڪاندارن جي اکين ۾ شهر جو وڏو سيٺ ٿيڻ جو خواب. عورتن جي اکين ۾ جيترا خواب ايترو ڪجل. سندن اکيون جهڙا خوابن سان ڀريل خوبصورت، قيمتي ۽ نفيس پرس.
    ”تون ملڪ جو مشهور ماڻهو ٿيندين. تنهنجو نالو روشن ٿيندو. تنهنجي زندگيءَ ۾ کوڙ ڏک سک ايندا. پر آخري فتح تنهنجي ٿيندي. تون ڀاڳ وارو ماڻهو آهين. ڀاڳ وارو ننڍڙو ماڻهو..جنهن جي کاٻي هٿ جي پٺيءَ تي لسڻ جو نشان آهي ۽ جنهن وٽ کاٻي اک جو خواب آهي...!“ پامسٽ منور عليءَ سندس ننڍڙو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي توجهه سان لڪيرن ۾ ڏسندي ڳنڀيرتا سان چيو هو. منور علي پامسٽ ريل گاڏيءَ ۾ پيٽيز وڪڻندو هو. ۽ فارغ وقت ۾ بوگيءَ جي ڪنڊ واري بئنچ تي ويهي خاموشيءَ سان ڊائجسٽ پيو پڙهندو هو. پامسٽ منور عليءَ کي پامسٽريءَ جو علم ڪتابن بدران پنهنجي پيءَ وٽان ورثي ۾ مليو هو. ايئن جيئن ڪنڀرن کي ڀڳل هڏ ڳنڍڻ جو علم ۽ هنر ڪتابن بدران پهنجي ابن ڏاڏن وٽان ورثي ۾ ملندو آهي، شايد اهو هنر سندن جينز ۾ شامل هوندو آهي. ۽ نسل در نسل منتقل ٿيندو آهي. ۽ شايد جينز جي ذريعي رڳوهنر، مزاج، عادتون، رنگ روپ، قد بت ۽ ذهانت ئي منتقل نه ٿيندي آهي. پر ڏک، خوشيون، ارادا ۽ اداسيون به منتقل ٿينديون آهن. منور علي پامسٽ جو پيءُ محمد علي پامسٽ هندستاني رياست اتر پرديش جو پڪومسلمان، ڪچو هندستاني ۽ ڪٽر مسلم ليگي هو. جنهن جي اکين ۾ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ ڪڏهن نه ڪڏهن هڪ آزاد اسلامي ملڪ حاصل ڪرڻ جو خواب ورهين کان تعبير جو منتظر هو. جنهن کان هڪ راجا هٿ ڏيکاري جڏهن پنهنجي رعبدار آواز ۾ پڇيو هو ”ٻڌاءَ محمد علي منهنجي هٿ جون لڪيرون ڇا ٿيون چون“ ته هن کيس مرڪي ٻڌايو هو ”راجه صاحب توهان جون لڪيرون ٻڌائن ٿيون ته توهان جو حشر خراب ٿيڻ وارو آهي. چند سالن جي اندر اندر انگريز بهادر هي ملڪ خالي ڪري ويندو. مسلمانن کي هڪ الڳ وطن ملندو ۽ توهان جي راجا گيريءَ جو سج هميشه لاءِ لهي ويندو“ ته راجه کيس چماٽ وهائي ڪڍي هئي. ”ڌت تيري تو، سالا مسلم ليگي پٺُو، ڌرتي ماتا کا دشمن “ ۽ پوءِ جڏهن گڏيل هندستان جو ورهاڱو ٿيو هو ته پامسٽ محمد علي پنهنجي خواب ۽ علم سميت قبر جي حوالي ٿي چڪو هو ۽ ايندڙ وقت جي تجربي مان گذري اهو سمجهڻ کان محروم رهجي ويو ته جيڪي ڌرتيءَ سان محبت نه ڪندا آهن انهن جي دين سان محبت به ڍونگ ثابت ٿيندي آهي. هو آزاديءَ جو سج ڏسڻ کان محروم رهجي ويو هو. ٻي صورت ۾مسلمانن سان ڀرجي جيڪا پهرين راجه واري ريل گاڏي کوکرا پار وٽان نئين اسلامي ملڪ جي سرحد ۾ داخل ٿي هئي، پامست محمد علي ان گاڏيءَ جي پهرين بوگيءَ ۾ ويٺل سڀني مسافرن کان وڏي ڄمار وارو مسافر هجي ها. پامسٽ منور علي پيءَ جي ڳل تي لڳل چماٽ جي ڏک ۾ مبتلا رهندڙ هڪ اداس شخص هو. جنهن کي پاڻ کان وڌيڪ پنهنجي ملڪ جو اونو هو. هو اڪثر خاموشيءَ سان ڊائجسٽ پڙهندي بوگيءَ ۾ موجود مسافرن جون ڳالهيون ۽ بحث مباحثا توجهه سان ٻڌندو رهندوهو. ۽ ڪنهن ڪنهن مهل ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ”ساري خرابي سسٽم مين هي. مولا سب ڪي خير“ ۽ هو اهو جملو گهڻو ڪري ان وقت چوندو هو جنهن وقت بوگيءَ ۾ بحث ڪندڙ مسافر جذبات ۾ اچي ويندا هئا ۽ سمورن مسئلن، پريشانين، مهانگائي، بيروزگاري، وغيره جو ڪارڻ پاڪستان کي ڄاڻائيندا هئا. جيڪا ڳالهه هو ٻڌي نه سگهندو هو. آخر هُو هڪ محب وطن پاڪستاني هو ۽ هن جي پيءُ هن ملڪ لاءِ چماٽ کاڌي هئي ۽ اها ته پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن حڪومت راجا واري ريل کي خساري ۾ ڄاڻائي بند ڪري ڇڏيو ۽ پامسٽ منور علي ريل ۾ پيٽيز کپائڻ ۽ خاموشيءَ سان ڊائجسٽ پڙهڻ کان محروم ٿي ويو. پر پوءِ به ڪڏهن ڪڏهن شهر جي وڏي اسٽيشن تي پيٽيز کپائيندي سيمينٽ جي بئينچ تي ساڳيءَ خاموشيءَ سان ڊائيجسٽ پڙهندي نظر ايندو هو. پر پوءِ جڏهن ٽيليويزن تي سبز پرچم جي ڇانؤ ۾ ”نحمده ونصلي عليٰ‏“ چئي ”ميري عزيز هم وطنو“ جهڙن وڻندڙ لفظن سان ايمان افروز ۽ محب وطنيءَ جي جذبي سان سرشار خطاب جي شروعات ڪندڙ جنرل ضياءَ جي دور ۾ متعارف ٿيل ڪلاشنڪوف سان گڏ هيروئن ميدان ۾ لٿي ته پامسٽ منور علي شايد ان جو پهريون شڪار بڻيو ۽ هڪ ڏينهن وڏي شهر ۾ راجه واري ريل جي ويران اسٽيشن جي ويران ٽڪيٽ گهر ۾ سندس لاش ڏٺو ويو. هٿ خالي هئس. سندس هٿن جون لڪيرون مٽيءَ ۽ مر ۾ گم هيون. ڀرسان پلاسٽڪ جون ٿيلهيون ۽ ردي ڪاغذن جو ڍڳ پيو هئس. اکيون بند ۽ وات اهڙي انداز ۾ اڌ کليل ۽ اڌ بند هئس ڄڻ آخر ۾ پنهنجو مخصوص جملو دهرائڻ لاءِ ٿڌو ساهه کڻي اڃان اڌ جملو ”مولاسب...“ چيو هجائين ته ساهه نڪري ويو هجيس ۽ آخري لفظ ”ڪي خير“ سيني ۾ ئي يا شايد ڳلي ۾ ئي ڄمي ويو هجيس. جڏهن ته ”ساري خرابي سسٽم مين هي“ وارو جملو ته هو ڪڏهوڪو وساري چڪو هو. جنهن ويران اسٽيشن جي ويران ٽڪييٽ گهر ۾ پامسٽ منور عليءَ جو لاش ڏٺو ويو هو اُها اها ساڳي اسٽيشن هئي جتان ورهاڱي مهل هزارين لکين مسافر راجه واري ريل ۾ چڙهي هُن پار ويا هئا ۽ هُن پار کان اچي لٿا هئا. اها اسٽيشن ڪيترن ئي سڏڪن ، اوڇنگارن ۽ خاموش لڙڪن جي اکين ڏٺي شاهد هئي . تاريخ جي انهيءَ وڏي حادثي جي پيٽ ۾ ٻين ڪيترن ئي ننڍڙن حادثن، واقعن ۽ المين جو ٻج به هو جيڪو اڳتي هلي وڌي وڻ ٿيڻو هو پر انهيءَ ٻج کان شايد ڪير به واقف نه هو. ڇو ته اهو اندازو ڪنهن کي به نه هو ته پامسٽ محمد علي مسلم ليگيءَ جي ڳل تي لڳل چماٽ کي ڀوت بڻجي ايشيا جي آسمان ۽ ڌرتيءَ تي ڀٽڪڻو هو ۽ هڪ وڏي رتوڇاڻ کي جنم ڏيئي ان کي تسلسل ڏيڻو هو. ۽ پنهنجي غلط يا صحيح هجڻ جو فيصلو وٺڻ تائين زنده رهڻو هو ۽ انهيءَ وڏي حادثي دوران ٻيا به ڪيئي حادثا ٿي گذريا جن جو شايد ڪو به اندراج تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪونهي... ڇوته اهي حادثا بي آواز هئا.. گونگا هئا... تاريخ جا گونگا حادثا. اهي حادثا پنهنجي جسامت ۾ ننڍڙا هئا پر احساس ۾ ننڍڙا نه هئا. سرحد جي ٻنهي طرفن کان ريل گاڏيون روان دوان هيون. زيادتيون، ڦرون، قتل، ريپ ۽ اغوا روز جو معمول هو. هڪ افواهه اٿيو ته مسلمانن سان ڀريل هڪ ريل گاڏيءَ تي جالنڌر وٽ سکن حملو ڪيو آهي. ڪرپانن ۽ تلوار ۽ خنجرن سان مردن جون ڳچيون ڪپيون ويون آهن، ٻارن جا پيٽ چيريا ويا آهن ۽ عورتن جون ڇاتيون وڍيون ويون آهن.
    ”مسلمانن سان ظلم ڪيو ويو آهي“
    ”ها ان کان وڏو ٻيو ڪهڙوظلم“
    ”ظلم جوبدلو وٺڻ گهرجي“
    ”ها بدلو وٺڻ گهرجي“ ۽ ان رات راجا واري ريل گاڏي هندن ۽ سکن سان ڀرجي هندستان وڃڻ لاءِ وڏي اسٽيشن ڇڏي هڪ ننڍي اسٽيشن تي پهتي ته رات جي وڳڙي ۾ڪُجهه ماڻهن ڪهاڙين، بندوقن ۽ لٺين سان ريل تي حملو ڪري ڏنو. ٻُٽون ٻڌل، اکين ۾ باهه جا اُلا .. هڪلون..ماريو ڪافرن کي ماريو... رڙيون... روڄ راڙو... ڦر... قتل... ريپ ... دانهون ... خدا جا واسطا... قسم.. گهڙيءَ ۾ بوگيءَ جون بينچون ۽ فرش رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. ريل گاڏي ڦيٿن مان رت ڳاڙيندي رواني ٿي وئي. ڳوٺ جو پريو مڙس صيفل خان فجر جي نماز لاءِ اسٽيشن واري مسجد ڏي ايندي پٽڙين تي چڙهيو ته چؤطرف عورتن جون چادرون، روا، ٻارن جو جتيون، بوٽ، کيرجون بوتلون، ۽ ٽٽل چوڙيون ڏسي دهلجي ويو. اڃان ته کيس ماڻهن جون ٽنگون، ٻانهون، ڌڙ ۽ منڍيون نظر نه آيون ۽ نه ئي رت ڏسڻ ۾ آيس. رات جي ئي پيٽ ۾ لاش گم ڪيا ويا هئا باقي رهيو رت اهو بُکارن ڪتن چٽي ڇڏيو هو. هو نماز پڙهي گهر موٽيو ته معمول مطابق سندس هٿ ۾ تسبيح بدران هڪ پندرهن سورهن ورهين جي سورج ونسي رنگت واري ڊنل هرڻيءَ جهڙي ڇوڪريءَ جي ٻانهن هئي. جيڪا پنهنجا حواس وڃائي ويٺي هئي. ۽ اهو ته پوءِ جو قصو آهي جڏهن سندس علاج ٿيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ کيس فاطمه جو نالو ڏيئي پرئي مڙس جي پٽ احمد سان پرڻايو ويو ۽ وڏو وقت گذري ويو ۽ هوءَ پنهنجي ٻولي پنهنجو نالو ۽ پنهنجو مذهب به وساري ويٺي ۽ پاڙي جي ٻارن لاءِ ”امان فاطمه“ بڻجي وئي. شايد عورت ول وانگر آهي کيس جتي به پوکبو آهي اتي ڦٽي پوندي آهي ۽ اولاد جا پن پيدا ڪري ۽ رشتن ناتن جا گل پکيڙي سڄي ويڙهي ۾ پکڙجي ويندي آهي. پر پنهنجو ڏک ڪڏهن به وساري نه سگهندي آهي. جن وٽان وڇڙندي آهي انهن کي هميشه ياد رکندي آهي. سندس زندگيءَ ۾ سدائين لاءِ هڪڙو خال رهجي ويندو آهي. اهڙو خال جنهن کي دنيا جي ڪا به خوشي ڪا به حاصلات ڀري نه سگهندي آهي.
    بلو نت ڪور عرف امان فاطمه جي اکين ۾ ڏک ٽڪي پيو هو. سندس وڏن نيڻن مان هميشه اداسي ليئا پائيندي رهندي هئي. گهر جي ڀاتين، پاڙي اوڙي جي عورتن ۽ ٻارن جو منجهس ساهه هو پر پوءِ به هوءَ اداسيءَ کان آجي نه هئي. کلندي کلندي روئي پوندي هئي. ماين جي ڪنهن ڪچهريءَ ۾ ابي امان ۽ مٽن مائٽن جو ذڪر ٿيندو هو ته ملول ٿي پوندي هئي.ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو تان ”منهنجا جوڳي ڙي اباڻا پڪي دل ڪري ويا پڪي دل ڪري ويا وٺيو ريل هليا ويا.... منهنجا جوڳي ڙي اباڻا پڪي ڪري دل ڪري ويا“ وارو لوڪ گيت هلندو هو ته اکين مان ڳوڙها وهي پوندا هئس. جنهن مهل به ريل گاڏيءَ جو آواز ٻڌندي هئي ته اڱڻ ۾ اچي بيهندي هئي. ڄڻ پڪ هجيس ته هن گاڏيءَ مان سندس مائٽ لهندا ۽ اچي سندس اڱڻ تي بيهندا. پر ريل گاڏي سندس انتظار کان بي نياز ٻه ٻه پيسا ڇهه ڇهه پايون....... ٻه ٻه پيسا ڇهه ڇهه پايون ڪندي دونهون اوڳاڇيندي گذري ويندي.
    هُن ڏٺو ته اڇو، ڪارو، ڀورو ۽ ناسي دونهون آسمان ڏي وڌندوڦهلجندو ويو. دونهي جي ڀت ٺهي وئي. ڀت مان وڌي جبل ٺهي ويو... جبل جي ٽڪرن مان هاٿين جو وڏو ولر پيدا ٿيو ۽ هاٿي سونڊ سان مٽي ۽ ڪک پن کڻي پنهنجي پُٺيءَ تي وسائڻ لڳا. ٻئي پاسي مشڪي گهوڙا ۽ اڇا گهوڙا. گهوڙن جون طويل ڳچيون ۽ انهن کان به ڊگهيون ڄنگهون ۽ وچ تي سفيد ٻگهن جو ننڍڙو ٽولو. پاڻ ۾ چهنبون ملائي بيٺل ٻه قاز...... ۽ انهن کي حيرت مان ڏسندڙ زيبرن جو جوڙو ۽ جوڙي جي ڀرسان اٺن جو گذرندڙ وڳ.. ڪنڌ مٿي... ٿوها اڀا... ڊگهيون ڳچيون ۽ ننڍڙا پڇ... ۽ اُٺّن جي وڳ جي وچ مان گذرندڙ راجا جي ريل گاڏي... ڇُڪ... ڇُڪ... ڇُڪ .... ۽ بوگيءَ جي دريءَ کان ويٺل سفيد ڪڪريءَ جهڙي سفيد وڳي ۾ ملبوس ڇوڪري ۽ هو اسٽيشن تي بيٺل. ڪڇ ۾ ڪتابن جي ڳوٿري. کيسي ۾ ٻه قلم ۽ ڪجهه سڪا ۽ اکين ۾ حيرت، حيرت سان ڇوڪريءَ جي وڏن وارن ۾ ڏسندڙ .. ۽ کيس لڳو ته هيءَ سڄي دنيا ان ڇوڪريءَ جي ڪري قائم آهي. پليٽ فارم، اسٽيشن جو اندريون حصو. ٽڪيٽ گهر. نوٽس بورڊ. لم جا وڻ. سيمنٽ جون بئنچون. ريل جون پٽڙيون ، ريل گاڏي، گهر ، اسڪول ، بليڪ بورڊ ، استاد جو آواز ، ڪتاب ، ڪتابن ۾ لکيل جملا، لفظ ۽ اکر سڀ هن جي دم سان زنده آهن. اها نه هجي ها ته ڪجهه به نه هجي ها. کيس پاڻ ڏي نهاريندي ڏسي هوءَ مرڪڻ لڳي. رڳو مرڪڻ جي دير هئي. موسم تبديل ٿي وئي. آسمان ڪڪرن سان ۽ ڪڪر برسات سان ڀرجي ويا... پر ڪڪرن مان برسات جون ڪڻيون وسڻ بدران مور جا کنڀ وسڻ لڳا. شايد اهو دنيا جي تاريخ ۾ پهريون مينهن هو جنهن ۾ سوين هزارين لکين ڪروڙين مور جا کنڀ وسيا هئا. آس پاس موجود سڀ شيون ريلوي اسٽيشن جو ميدان، پليٽ فارم جي چبوتري جي ڇت، فرش، سيمنٽ جون بئنچون، پاڻيءَ جي مٽن وارو چبوترو، فروٽ جا ريڙها، پريان بيٺل بارگاڏيءَ جون بوگيون، راجا واري ريل گاڏيءَ جي انجڻ، ٽانڪي ۽ سڀ بوگيون مور جي رنگبرنگي کنڀن ۾ ڍڪجي ويون. جيسين هوءَ مرڪندي رهي تيسين مسلسل مور جي کنڀن جو مينهن وسندو رهيو پوءِ جنهن مهل گارڊ سيٽي وڄائي سائي جهنڊي ظاهر ڪئي ۽ ريل گاڏي سرڻ لڳي ته آهستي آهستي مور جي کنڀن جي برسات بيهي رهي ۽ ريل گاڏي اڃان به وڌيڪ تيز ٿي وئي ته هو ڪتابن جي ڳوٿري پليٽ فارم جي فرش تي رکي مور جي کنڀن تي پير رکندو بوگيءَ ۾ سوار ٿي ويو ۽ ريل گاڏي اسٽيشن ڇڏي اتر طرف رواني ٿي وئي. ۽ کيس لڳو ته پليٽ فارم تي رڳو سندس بوتو رهجي ويو آهي. باقي سندس بوتي ۾ ٻيو جو ڪجهه به هو اهو ريل گاڏيءَ سان گڏ اتر طرف هليو ويو آهي ۽ شايد وري ڪڏهن به نه موٽندو ۽ ايئن ئي ٿيندو آهي. شايد هر ماڻهو ڪڏهن نه ڪڏهن ڪٿي نه ڪٿي ڪنهن نه ڪنهن سان ڪنهن نه ڪنهن طرف هليو ويندو آهي ۽ هميشه اتي ۽ ان سان گڏ رهندو آهي جتي ۽ جنهن سان گڏ رهڻ چاهيندو آهي ۽ ان منجهند گهر ايندي بخار ٿي ويس.
    ”ابا هٿ ڌوئي ماني ٽڪر کاءُ بک لڳي هوندئي؟“
    ”نه امان بک ڪانهي“
    ”ڇو.. ابا.. ڇو ڪانهي بک“ ماڻس ڳل تي هٿ رکيس ته دانهن نڪري ويس. ” ائي مٺيس... تنهجي دشمنن کي ته تپ جا اڻاهه آهن ... ماستر ته ڪونه ماريو اٿئي؟
    ”نه امان“
    ”ته پوءِ ڇا ٿيو آهي صبح جو چڱو ڀلو ويو آهين.“ کيس کٽ تي ليٽائي سندس منهن ۾ ڏسندي چيائين.
    ”امان هتي مور جي کنڀن جو مينهن وسيو هو؟“
    ”هان...؟ مور جي کنڀن جو مينهن؟
    ”نه ابا مور جي کنڀن جو مينهن ڀلا ڪڏهن وسيو آهي ڇا؟“
    ”ها امان اڄ مور جي کنڀن جو مينهن وسيو هو..“
    ”چڱو... چڱو تون سمهه مان ڪا گوري گهرايان... بخار ۾ نه ڳالهائبو آهي.“
    ”امان گيت ڌڻيءَ جا گڏجي ڳايون.... ايڪ اٺان اٺ.. ٻه اٺان سورنهن. امان مان اسڪول ڪونه ويندس.... امان هوءَ هلي وئي... مور جي کنڀن جي برسات مهل..“
    ”هوءَ ڪير ابا..؟ توکي ماستر ڇو ماريو آهي؟ منهنجا رب تون خير ڪر... ڪيڏو بخار اٿس“
    ماڻس مٿي تي ٿڌيون پٽيون رکندي ڀڻڪڻ لڳي.
    ”امان... هوءَ ڪير هئي...؟ ڪيڏانهن وئي...؟ ايڪ ڏون ڏون ٻه ڏون ويهه امان استاد ماري ٿو. منهنجو پيشاب وهي ويو آهي. امان هوءَ وري ڪڏهن ايندي... وري ڪڏهن مور جي کنڀن جو مينهن وسندو؟..“
    ”تون چڱو ڀلو ٿي ته پوءِ مور جي کنڀن جو مينهن وسندو.مار خدا جي پوي ماستر کي “
    ”هاڻي سمهه... ڳالهاءِ نه شاباس...“
    هو بخار جي گوري ڳهي ڪجهه لمحن ۾ ننڊ جي آغوش ۾ هليو ويو ۽ هوءَ سندس آلي پيشانيءَ تان آلا وار هٽائيندي پنهنجي منهن ڀڻڪڻ لڳي ”الله سائين منهنجي راڻي جي پارت اٿئي. ڪندو منهنجو ربّ ته ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳندئي راڻا “ هن جي نڙي خشڪ، وات جهڙو ڪاڳر، زبان جهڙو پٿر، چئو طرف تيز اُس.. اُلا.. گرمي... ڪاري انجڻ جي وات ۽ نڪ مان نڪرندڙ دونهين جا ڪڪر به اُس کي روڪڻ ۾ ناڪام... جبل تي اُس جا تجلا... هاٿين جو ولر اڃارو.... گهوڙا، اٺ ۽ ٻگهه اڃارا... قازن جو جوڙو اڃارو... سڀني بوگين جا مسافر اڃ ۾ پاهه. پامسٽ منور علي معمول مطابق خاموشيءَ سان ڊائجسٽ جي رڃ ۾ گم... ريل گاڏي پٽڙين تي هلندڙ... ٻه ٻه پيسا ڇهه ڇهه پايون .ٻه، ٻه پيسا ڇهه ڇهه پايون. اُس جو دوزخ اڪري ريل گاڏي جيئن ئي ننڍڙي اسٽيشن تي اچي بيٺي ته مسافر تڪڙ ۾ لٿا ۽ پاڻيءَ جي چبوتري ڏي ڊوڙيا... چبوتري ۾ رکيل ست مٽ. هڪ گلاس. هُو بيٺو رهيو. مسافر چبوتري مان نڪري ويا ته هو اندر ويو. زنجير ۾ ٻڌل گلاس کڻي هڪ مٽ ۾ وڌائين ته ٺڙڪو ٻڌڻ ۾ آيس، مٽ خالي هو... ٻيومٽ.. ٽيون مٽ... چوٿون مٽ... ۽ نيٺ ستون مٽ.. گلاس ٻاهر ڪڍي چپن تي آندائين ته ڇرڪ نڪري ويس. گلاس ۾ پاڻيءَ بدران رت هو. ۽ رت ۾ آڱرين جيڏا ڪيڙا پئي تريا. هيءَ اها ئي اسٽيشن هئي جتي رات جي وڳڙي ۾ ريل گاڏيءَ تي حملو ٿيو هو ۽ گاڏيءَ جو فرش رت ۾ ڀرجي ويوهو.هن دانهن ڪري رت جو گلاس هاريو ته ننڊ مان جاڳي پيو.
    ”ڇو عليءَ جا پيءُ ڇاٿيوآ؟“ زالنهس سندس دانهن تي ڀانڀولجي ننڊ مان اٿي پئي هئي ۽ وکريل وارن کي پوئتي ڪندي کٽ تي ويٺي ڏانهس حيرت مان ڏسي رهي هئي ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پر کيس ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي. ڇوته اڳ ۾ ڪڏهن به ايئن نه ٿيو هو.
    ”ڪجهه نه.. اڃ لڳي هئي ... شايد ان ڪري. تون سمهه.“
    ”پاڻي ڏيانءِ... ؟“
    ”ها... ڏي“
    زالهنس گلاس ڀري آئي . پاڻي پي ليٽي پيو.
    هو حيران هو ته ايترن سالن کان پوءِ ريل گاڏي سندس يادگيرين ۽ خوابن ۾ موٽ ڪيئن کاڌي...!
    ”تون آرام ڪر.. مان به سمهان ٿو“ کٽ تي جآڳنڌڙ زال ڏي ڏسي چيائين. هن پٽ کي ڀاڪر پائي اکيون ٻوٽيون ۽ ٻئي پل ننڊ پئجي وئي. عورتون به ٻارن وانگر هونديون آهن. جاڳيل هونديون آهن. ته سمورن حواسن سان مڪمل طور جاڳيل هونديون آهن، سمهنديون آهن ته پنهنجي سمورن حواسن سان مڪمل طور ستل هونديون آهن ۽ ٻارن وانگي جلدي ننڊ اچي ويندي اٿن. سندن جاڳ مڪمل جاڳ هوندي آهي. ننڊ کان بلڪل ڌار ۽ سندن ننڊ مڪمل ننڊ هوندي آهي. جاڳ کان بلڪل الڳ... سندس چپن تي رات کان اوڌر تي ورتل مرڪ پکڙجي وئي.
    هو سمهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو. پر ننڊ کانئس ڇرڪيو پري بيٺي هئي. صبح ٿي ويو پر ننڊ ويجهو نه آيس. سڄي رات ننڊ نه اچڻ جي ڪري هُو سڄو ڏينهن گهڻي ٿڪاوٽ ۾ مبتلارهڻو هو...
    ۽ ان مهل کيس اهڙو اندازو نه هو ته ڪجهه سالن جي وٿيءَ کان پوءِ وقت جو گذريل اهو ساڳيو ٽڪرو، اهو ساڳيو لمحو وري موٽ کائيندو ۽ هن سوچيو ”ان دفعي مان ساڳي غلطي نه دهرائيندس جنهن مون کي پڇتاءُ ۽ ڏک جي صليب تي ٽنگي رکيو آهي. ٻئي دفعي مان سفيد وڳي واري ڇوڪريءَ سان گڏ هليو ويندس“ پاڻيءَ جو گلاس پيئڻ کان پوءِ کيس پيشاب جي شديد ضرورت محسوس ٿي ۽ ان ضرورت جي اثر ۾ هن سوچيو ته ”چنڊ ڏسڻ لاءِ ٽڪيٽ نه وٺڻي پوندي آهي. چنڊ ڏسڻ لاءِ فقط هي شرط آهي ته ماڻهوءَ جو مثانو خالي هجي ۽ سندس اکيون خوابن سان ڀريل هجن.“ هو گهڻي دير کان ڪمري جي ڀت ڏي ڏسي رهيو هو.
    کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک کوليائين ۽ وري ساڄي اک ٻوٽي کاٻي اک کولي ڀت ڏي، ڪنهن مهل پنکي ڏي، ڪنهن مهل گهڙيال ڏي، ڪنهن مهل ڪئلينڊر ڏي، پاڻي ڏي ۽ پکيءَ ڏي ڏسندو رهيو. پوءِ الاءِ ڪيڏي مهل اهو شخص موٽي آيو جنهن جي پيرن ۾ هميشه ڳاڙهي رنگ جو بوٽ پاتل هوندو آهي ۽ هو هميشه کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. کيس لڳندو آهي ته اهو شخص اڳ به سندس ڏٺل آهي. ساڻس مليل آهي. اڳ به هڪ ٻئي سان ڳالهائي چڪا آهن. پر ان کان اڳ جو هو ياد ڪري سگهي ته اهو شخص ڪيرآهي ڪٿان جو آهي ۽ سندن ملاقات ڪٿي ۽ ڪڏهن ٿي آهي، هو پنهنجي ڳاڙهي بوٽ سميت سندس اکين کان اوجهل ٿي ويندو آهي ۽ پوئتي زمين تي بوٽ جا ڳاڙها نشان ڇڏي ويندو آهي. ۽ هو ڳاڙهن نشانن منجهان هڪ نشان کي ڏسندو آهي ته آهستي آهستي نشان جي ڳاڙهاڻ ڦهلجي لهندڙ سج جي لاليءَ ۾تبديل ٿي ويندي آهي ۽ هو هميشه جيان پاڻ کي شام جي ڏک ۾ مبتلا محسوس ڪندو آهي ۽ شام جي ڏک مان آزاد ٿيڻ لاءِ هميشه ڪنهن عبادت گاهه جو رخ ڪندو آهي. هن جو خيال آهي ته ڏک مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ سجدي جهڙي ٻي ڪابه خوبصورت شئي نه آهي. ان شام به پاڻ کي هڪ مسجد جي ڪشادي دالان ۾ ويٺل ڏٺائين. ۽ اهو به ڏٺائين ته آس پاس ويٺل سڀني ماڻهن جا مهانڊا هوبهو سندس جهڙا هئا. رڳو سندن لباس ۽ لباسن جو رنگ تبديل هو. ممبر تي ويٺل عالم آلين اکين سان خطاب پئي ڪيو پر کيس عالم جو آواز ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو. هو رڳو سندس چرندڙ چپ، لڏندڙ هٿ ۽ چؤ طرف ڏسندڙ اکيون ڏسي پئي سگهيو. مسجد جي ٻاهران ننڍڙن ٻارن جو هڪ ٽولو جن کي اڇا ڪپڙا پاتل هئا مسجد جي چؤ طرف ڊوڙندا ڪورس جي انداز ۾ ڳائي رهيا هئا
    لوهه جي مسجد ..هو هو ..هو
    ڪاٺ جا نمازي ..هو هو ..هو
    پتل جو پيش امام ..هو هو ..هو
    ۽ ان مهل الاءِ ڇو هن پنهنجي جسم کي هٿ لائڻ جي شديد ضرورت محسوس ڪئي. ۽ کيس ان تي حيرت لڳي ته توڻي جو سندس جسم گوشت بدران ڪاٺ جو آهي ۽ ان هوندي به هو حيران يا پريشان ڇو نه ٿيو آهي؟؟ اهو شايد زمان حال مان ٽٻي هڻي مستقبل ۾ پهچي ويل تصور جو هڪ زندهه ٽڪرو هو ۽ ٻئي پل هو وري زمان حال ۾ موٽي آيو. جتي عالم جو خطاب جاري هو. اوچتو وچينءَ صف ۾ ويٺل هڪ شخص اٿي بيٺو ۽ رڙ ڪري چيائين ”جلدي ڪيو ڪلمو پڙهو. دير نه ڪيو“ ۽ ٻئي پل ڌماڪو ٿيو ۽ سڄي مسجد رت ۾ ڳاڙهي ٿي وئي.
    ڀت ۾ هڪ جاءِ تي پلستر جو ٽڪرو اکڙيل آهي. مسلسل ان جاءِ تي ڏسندو رهي ٿو. چر پر پيدا ٿئي ٿي. هو چتائي ڏسي ٿو. اها ماڻهوءَ جي اک هئي. هو اک ڏي چتائي ڏسي ٿو ته اک به ڏانهس چتائي ڏسي ٿي ۽ پوءِ ان اک جي پاسي ۾ هڪ ٻي اک کلي ٿي هاڻي ٻه اکيون ڏانهس ڏسنديون ٿيون رهن. هو کاٻي اک سان ڏسندو ٿو رهي. انهن اکين تي نظر جو چشمو رکيل آهي. هڪ عدد نڪ به آهي. نڪ جي هيٺان ننڍيون مڇون به آهن. شيرواني پاتل ڳچي آهي. شيروانيءَ جا بٽڻ بند آهن. پيشاني سوڙهي آهي. وارن جي وچين سينڌ نڪتل آهي. اها جنرل ضياءَ جي منڍي آهي. جيڪا مرڪي رهي آهي. پر اها مرڪ اهڙي ڀيانڪ ۽ بدصورت آهي جهڙي ڪنهن زخمي ڪرائي جي قاتل جي وات تي مرڻ مهل پاڻ همورو ڦهلجي ويل هٿرادو ڏندن ۽ چپن جي هٿرادو مرڪ. هو اکيون ڇنڀي ٿو. اکيون ٻوٽي ٿو ۽ وري کولي ٿو. پر منڍي موجود رهي ٿي ۽ ٻئي پل هو ڏسي ٿو ته سڌي سينڌ جي جڳهه تي هاڻي هڪ عدد پاسيري سينڌ آهي. اکين جو چشمو گم آهي. نڪ جي هيٺان ڊگهين مڇن جي جڳهه تي هڪ ننڍڙو ڪارو ٻڙو رکيل آهي. ۽ چهري تي ذهني دٻاءُ جا آثار. اها هِٽلر جي منڍي آهي. ۽ پوءِ هِٽلر جي منڍي يحيٰ خان جي شرميلي منڍيءَ ۾ بدلجي وئي. ڄڻ ٻئي جاڙا ڀائر هجن.... جاڙن ڀائرن کان پوءِ جنرل ايوب پنهنجي فوجي ٽوپي ۽ ڪلهن تي لڳل ”ٻلن“ سميت ظاهر ٿيو. ۽ ٻلن جون اکيون جرڪڻ لڳيون.... ايئن جيئن رات جو روڊ سان گذرندي گاڏين جي بتين تي جهنگل ۾ بيٺل جانورن جون اکيون ٻرنديون آهن. ٻلن جي ٻرندڙ اکين مان جنرل مشرف جو جنم ٿيڻو هو ... جنهن جي اکين ۾ تاريخ جي شيطاني مرڪ لڪل هئي.... ۽ انهيءَ تاريخي فريم ۾ هڪ رنگيلو ويٺل هو، جنهنکي رنگ برنگي ڪپڙا پاتل هئا ۽ سندس ڪپڙن ۾ ڪيئي کيسا هئا ۽ هر کيسي ۾ هڪڙوننڍڙو رنگيلو هو ۽ هر رنگيلي جي هٿ ۾ ڇري هئي ۽ هر ڇريءَ جو منهن ماڻهن جي پٺيءَ ڏي هو. پوءِ اوچتو سڄوناٽڪ منچ ڊهي پيو. ۽ آخر ۾ وري به جنرل ضياءُ الحق جي منڍي رهجي وئي. ۽ ضياءَ جي منڍيءَ سان گڏ کيس هڪ لاري ۽ لاريءَ جوننڍڙو ڪلينر ياد آيو جنهنجا ڪپڙا ميرا هيا پر سندس اکين مان وهندڙ ڳوڙها ۽ اکيون ميريون نه هيون. چيڪ پوسٽ وٽ بيٺل فوجين لاريءَ کي پاسي ۾ بيهاري ڇڏيو.
    ”تم ڪو معلوم نهين هئ مارشلا هي“ هڪ فوجيءَ بس جي ڊرائيور کي ڳلي مان وٺي هيٺ لاهيندي چيو.
    ”جي صاحب معلوم آهي“
    ”معلوم هئ توگاڙي مين اتني بندي کيون اُڻهائي“
    ”صاحب غلطي ٿي وئي .... ماڻهو زوري چڙهن ٿا... مان..“
    ”زوري ڪا بچه چلو دس دفعه اٺڪ بيٺڪ ڪرو“
    ۽ ننڍڙي ڪلينڊر کي سڏي چيائين. ””تم اوپر ديکهو سورج ڪي طرف..... خبردار جب تڪ مين نه ڪهون آنکهين نيچي نهين ڪرنا“
    ”تم مُرغا بن جاؤ“ ٻئي فوجيءَ ساڳي انداز ۾ ٽڪٽ ڪليڪٽر کي حڪم ڏنو.
    بس جو ڊرائيور ٽيپ رڪارڊر بند ڪرڻ وساري ويٺو هو. هوا مين اڙتا جائي ميرا لال دو پٽا ململ ڪا هو جي هو.....
    هڪ فوجيءَ ڊرائيور جي پٺن ۾ ٿڏو هڻي چيو ”اوءِ اٺهو اپني اس مان ڪو بند ڪرو... چلو...“
    سج ڏي ڏسندڙ ننڍڙي ڪلينر جي صاف اکين مان ننڍڙا ننڍڙا صاف لڙڪ ڇڻندا ۽ ڳلن تان وهندا سندس ميري قميص ۾ جذب ٿيندا رهيا... ۽ ان مهل هُن به پنهنجي ننڍڙن ڳلن تي ڪوساڻ محسوس ڪئي هئي. ۽ کيس اهو سوچي ڏاڍي حيرت لڳي ته آخر هڪ ٻار جي اکين مان وهندڙ ڳوڙها ٻئي ٻار جي ڳلن تي ڪيئن ٿا ظاهر ٿي سگهن ؟ اهو دهشت، اونداهي، تعصب، نفرت ۽ تباهيءَ جو دور هو. چئو طرف ڪارو گهاٽو دونهون پکڙيل هو. آس پاس ڪجهه نظر نه ٿي آيو.هر ماڻهو بيخبريءَ جي ڌنڌ ۾ ڍڪيو پيو هو. ڪنهن هوٽل ۾ داخل ٿبو هو ته سامهون ڀت تي ڳاڙهن يا ڪارن اکرن ۾ هي جملو ضرور لکيل نظر ايندو هوته؛
    ”هتي سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي“
    ۽ کيس ٻين سوين هزارين ٻارن جئان اهو سمجهه ۾ نه ايندو هو ته سياسي گفتگو ڪرڻ جي منع ڇو آهي؟ ۽ سياسي گفتگو ڇا آهي؟ اها گفتگو ڪير ڪندا آهن؟ ۽ هن پنهنجي طور تي اندازو لڳايو ته اها ڪائي خطرناڪ ڳالهه ٻولهه هوندي ۽ اها ڳالهه ٻولهه ڪندڙ به خطرناڪ ماڻهو هوندا ۽ سندن ڳالهين ۾ بارود ڀريل هوندو.
    چڱي طرح کيس رڳو اها خبر هئي ته هن ملڪ جون واڳون جنرل ضياءُ الحق جي هٿ ۾ آهن جنهن کي ريڊيو ۽ ٽي وي تي جنرل محمد ضياءُ الحق صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان سڏيو ٿو وڃي ۽ عام ماڻهو کيس ”ضيائو“ سڏين ٿا. ۽ ماڻهو چون ٿا ته ضيائو سندن محبوب اڳواڻ کي ڦاسي ڏني آهي. هن ”مارشل لا “ جو نالو اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو هو. هن لاءِ ڪوڙو ، ڦٽڪو ، ٽڪٽڪي ، ڦاسي ۽ قلم هڪ سو چوئيتاليهه ۽ ڪرفيو به نوان ۽ اچرج جهڙا لفظ هئا. اهو هڪ ساه ٻوساٽيندڙ، ڊيڄاريندڙ ۽ ڏکوئيندڙ دور هو. اهو ماڻهن جي عملن ئي نه پر ارادن ۽ خوابن تي اثر انداز ٿيندڙ دور هو. ماڻهو بظاهر خاموش هئا پر اندر ۾ آوازن سان ڀريل هئا. سياسي گفتگو کان منع هوندي به هر وقت سرٻاٽن ۾ سياسي گفتگو ڪندا رهندا هئا. ملڪ جو سرڪاري ريڊيو ۽ ٽي وي هر وقت ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا هئا. ڪولڊ وار عروج تي هئي. افغانستان ۾ لٿل فوج سان مجاهدين امريڪا جي مدد سان جهاد ڪرڻ ۾ مصروف هئا. ٽي وي ۽ ريڊيو تي مجاهدين جي ڪاميابين جون دعوائون جاري هيون ۽ ڏينهن رات نفرت جو زهر اوڳاڇجي رهيو هو. ۽ سڄو ملڪ اندروني طور کوکلو ٿيندو پئي ويو. سرڪاري آفيسن ۾ سرڪاري حڪم تي ”باجماعت“ سرڪاري نمازون پڙهايون پئي ويون. امريڪا بهادر اسلام جو همدرد بڻيل هو ۽ ”ڪافر“ سوويت يونين جو جاني دشمن هو.
    ماڻهو رات جو اٺين وڳي ننڍڙين ننڍڙين ٽولين جي صورت ۾ ريڊيو تي بي بي سي لنڊن ٻڌندا هئا ۽ مارڪ ٽيلي جي آواز سان محبت ڪندا هئا. ڇو جو مارڪ ٽيلي کين بي خبريءَ جي انڌي ۽ رات ۾ باخبريءَ جا روشن تحفا ڏيندو هو ۽ کين ٻڌائيندو هو ته اڄ ملڪ جي فلاڻي شهر، ڳوٺ، واهڻ ۾ هيترن ماڻهن کي ڦٽڪا هنيا ويا آهن. اڄ هيترن ماڻهن کي گوليون هڻي ماريو ويو آهي. اڄ هيتريون گاڏيون ساڙِيون ويون آهن. اڄ هيترن ماڻهن کي قرآن پڙهندي روڊ تي قتل ڪيو ويو آهي. هيتريون بينڪون ساڙيون ويون آهن. فلاڻي اڳواڻ هئين چيو آهي . فلاڻي هونءَ چيو آهي. اِهو اُهو دور هو جنهن ۾ هوائن مان رت جي بُو ايندي هئي. چئو طرف بارود جي بوءَ ڦهليل هئي. ماڻهن جون دليون ويران هيون. ماڻهن جا خواب ٽٽل هئا. ماڻهن جي پٺن تي ڦٽڪن جا نشان هئا . سندن جسم جون کلون لٿل هيون. سڄو ملڪ شمشان گهاٽ بڻيل هو.
    هو ننڍڙي ڪلينر جي اکين مان جنرل ضياءَ جي منڍي ڏي موٽي آيو. کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک سان منڍيءَ ڏي ڏسي ٿو ته منڍي ڌنڌلي نظر ٿي اچيس. جهڙو ننڍڙو ڪارو داغ. چئوطرف ڦهليل گهاٽو دونهون ... ساهه ۾ ٻوسٽ. اکين ۾ ڪڙاڻ. وات جو ذائقو خراب. اها خبر به اٿس ته ساڄي اک سان ڪا به شئي چٽي نظر نه ايندي آهي تڏهن به اڪثر ايئن ڪندو آهي . کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک سان شين کي ڏسڻ جي ڪوشش. جيڪا هميشه ناڪام ويندي آهي. ڄڻ کيس ڪنهن معجزي جو انتظار آهي. ته ” ڪنهن مهل کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک سان ڪنهن شئي ڏي ڏسندس ته اها شئي چٽي ڏسڻ ۾ اچي ويندي. ايئن جيئن کاٻي اک سان ڏسڻ ۾ ايندي آهي. بس اوچتو ايئن بي خياليءَ ۾ کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک سان ڀت ڏي نهاريندُس ته سامهون لڳل گهڙيال جو وقت ڏسي وٺندسُ.... ڏهه لڳي ڏهه منٽ... ۽ گهڙيال جي ڀرسان ٽنگيل سال جو ڪلينڊر ڏسڻ ۾ اچي ويندو، جنهن تي لکيل هوندو... سال 2008، مهينو جنوري، تاريخ اٺين ۽ پاڻيءَ سان ڀريل ڍنڊ جي لهرن تي ترندڙ هڪڙو پاڻيءَ ۾ پسيل پکي ۽ پکيءَ جي سامهون لکيل جملو:-
    If you can not catch a paradise bird then touch a wet hen.........
    نه کيس ڪنهن معجزي جو انتظار نه هو. معجزو ٿيڻو هجي ها ته تڏهن ٿئي ها جڏهن سندس ماءُ پيرن فقيرن جي قبرن تي پڙ چاڙهيندي هئي. مرشدن مڱتن جا هٿ ڌوئاريندي هئي. راتيون جاڳي دعائون گهرندي هئي. ”اي پالڻهار منهنجي راڻي جو عيب لاهه.... منهنجي پٽ جي اک اکين جهڙي ڪر“
    کيس معجزي جو اوسيئڙو ڪونهي. اها ته سندس عادت آهي. کاٻي اک ٻوٽي ساڄي اک سان شين کي ڏسڻ جي پراڻي عادت. عادت جنهن مان لذت به ملندي اٿس ۽ اذيت به. مثاني تي زور محسوس ٿيس. پر پيشاب ڪرڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ نظر نه آيس. سڄي بازار ڀريل هئي. ماڻهو، گاڏيون ۽ ٽريفڪ...!! هلندو رهيو ڪنهن موزون جاءِ جي ڳولا ۾. سوناري جو دڪان، دڪان ۾ شوڪيس، شوڪيس ۾ زيور ۽ بازار ۾ فروٽ جا گاڏا... ۽ خريدار ۽ مکيون. هو مکين جي انبوهه مان رستو ٺاهي ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر وڏي کڏ هئي، جنهن جو ٻيو ڇيڙو ظاهر نه هو ۽ جنهن جو ترو اونهو هو. هو کڏ جي ڪناري وٽ پهتو ته پير ٿڙي ويس.. بي وزن ٿي ويو. ڄڻ خلا ۾ هجي. پاتال ۾ لهندو ويو... چئو طرف اونداهي ۽ خاموشي. کيس خاموشيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. اهو خاموش آواز هو. ان جون لهرون هيون. ڌاريدار لهرون. عمودي لهرون. مستطيل لهرون. جهڙيون ڪنهن قديم اونداهين کوه جي پاسن مان مٿان کان گهڻو هيٺ تري تائين لڙڪندڙ بلائون.. جهڙو ايريگيشن باغ وارو قديم ڦٽل کوهه...!! ڊپ محسوس ٿيس ... هيٺ تري ۾ بلائن جو تهه وڇايل هوندو. ”بلائن تي وڃي ڪرندس ته پيشاب خطا ٿي ويندو. ۽ ڪپڙاخراب ٿي ويندا“ هو ڀڻڪيو. ۽ ٻئي پل پاتال ۾ ڦهڪي جو خاموش آواز اڀريو . هو بلائن جي تهه تي وڃي ڪريو ۽ ڇرڪ سان ڪچي پڪي ننڊ مان جاڳي پيرن ۾ چپل پائي ٻاهر نڪتو ۽ آڳنڌ ۾ اچي بيٺو. آڳنڌ ۾ چانڊوڪي هئي. چنڊ ڏي ڏسڻ گهريائين پر نه ڏٺائين،، شايد ڀريل مثاني سان چنڊ ڏي نه ڏسي سگهبو آهي، ”ڀريل مثاني سان چنڊ ڏي ڏسبو ته چنڊ يورين باؤل محسوس ٿيندو“ هو ڀڻڪيو ۽ واش روم ۾ داخل ٿي ويو ۽ واش روم مان نڪتو ته پاڻ کي خوش ۽ هشاش بشاش محسوس ڪيائين. ڪنڌ مٿي ڪري چنڊ ڏي ڏٺائين. چنڊ هميشه وانگر ان رات به اکين ۾ چڀي ويس.چنڊ نه هجي ڄڻ ٽٽل شيشي جو چهنبارو ٽڪرو هجي. کيس چنڊ هميشه تڪليف ۽ ڏک ۾ مبتلا ڪيو آهي. پر ان ۾ چنڊ جو ڏوهه نه هوندو آهي. سندس اکين جو ڏوهه هوندو آهي. جڏهن به چنڊ ڏي ڏسندو آهي ته آسمان ۾ هڪ بدران ٻه چنڊ نظرا يندا اٿس. ۽ کاٻي اک تي هٿ ڏيئي ساڄي اک سان چنڊ ڏي ڏسندو آهي ته چنڊ ايئن لڳندو اٿس ڄڻ ڪنهن چنڊ کي ٿڏو هڻي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هجي. اهو هميشه هُن لاءِ آسمان جي نيري چادر ۾ ڦهليل هڪ زخمي چنڊ هوندو آهي يا جهڙو سمنڊ جي سطح تي تختا تختا ٿي ويل غوراب. هر تختي تي بيٺل هڪ مسافر ۽ هر مسافر جي هٿ ۾ هڪ جهيڻي روشني واي قنديل، لهرن تي لڏندڙ تختا. تختن تي لڏندڙ مسافر ۽ لڏندڙ مسافرن جي هٿ ۾ ڦٿڪندڙ قنديلون. ڪڏهن ڀاسندو اٿس ته چنڊ ايئن آهي ڄڻ هڪ ٻئي جي مٿان ترتيب سان رکيل چانديءَ جي سڪن جو ننڍڙو ڍڳ ڊهي پيو آهي ۽ سڀ سڪا هڪٻئي کان سرڪي پري ٿي ويا آهن. کاٻي اک تي هٿ رکي ساڄي اک سان زخمي چنڊ ڏسڻ سندس پراڻو مشغلو آهي. عادت آهي. عادت جنهن مان اذيت ماڻيندو آهي. اذيت جنهن مان لذت ماڻيندو آهي. لذت ۽ اذيت گڏ گڏ رهنديون آهن. چانڊوڪين راتين ۾ اڪثر چنڊ سندس ساڄي اک جي نشاني تي رهندو آهي. ۽ جيئن ئي نشاني تي ايندو آهي ته ڀڄي ڀور ٿي پوندو آهي. شين کي صحيح سلامت شڪل ۾ ڏسڻ سندس ساڄي اک جو زخمي سپنو آهي. کاٻي اک ڪابه ذميواري نه کڻندي آهي.
    ننڊ به سندس کاٻي اک ڪندي آهي جآڳنڌي به سندس کاٻي اک آهي.
    ٿڪجندي به کاٻي اک اٿس.
    کلندي ۽ روئيندي به کاٻي اک اٿس.
    ۽ خواب به سندس کاٻي اک ڏسندي آهي.
    سندس کاٻي اک ۾ هميشه کان هڪڙو خواب ڀٽڪندو رهيو آهي.
    اهو خواب ٻين سمورن خوابن کان مختلف آهي.
    اهو خواب ٻين سمورن خوابن کان ڌار آهي.
    ان خواب جو رنگ ٻين سمورن خوابن جي رنگ کان الڳ آهي.


    6

    ڪڏهن ڪڏهن اهو سوچي دل ۾ مرڪي پوندو آهي ته جي هو پنهنجي دوست سارنگ کي ٻڌائي ها ته ”منهنجي کاٻي اک ۾ هڪڙو خواب آهي.“ ته هو ڇا چئي ها...؟
    هو معمول مطابق غيرمعمولي سنجيدگي ۽ حيرت سان چئي ها ”پنهنجا پاڻ ۾ ويٺا آهيون راڻا، تنهنجو هيءُ کاٻي اک جو خواب ڪو معمولي ۽ عام قسم جو خواب نه آهي، تنهنجو هيءُ خواب دراصل هن دور جو تمام وڏو ۽ غير معمولي خواب آهي. اهڙو خواب جنهن جي ساڀيان ڏسڻ لاءِ دنيا ورهين کان منتظر آهي. اهڙو خواب جيڪو ڪيتري عرصي کان پيڙهيون پنهنجي اکين ۾ سانڍينديون آيون آهن. توکي اندازو ئي نه هوندو ته راڻا تنهنجو هي خواب ڪيڏو نه قيمتي خواب آهي. کاٻي اک جو خواب...!! هڪ افسانوي علامت...!! مونکي اڄ به سج جهڙو روشن يقين آهي ته تنهنجو خواب ضرور ساڀيان ماڻيندو. سرمائيداراڻو سماج ضرور ڊهندو. بدمعاش بورزوائي خوار خراب ٿيندو. پرو لتاري سرخرو ٿيندو. سرمائيدار هڪ راڪاس آهي جيڪوسڄي دنيا کي پنهنجي مٺ ۾ قابو ڪرڻ ٿو چاهي. پر اهو راڪاس ضرور پنهنجي منطقي انجام تي پهچندو. اهو مادي جدليات جو اصول آهي. اها ارتقا جي سائنس آهي. تنهنجو کاٻي اک جو خواب زنده خواب آهي تنهنجو خواب ضرور ساڀيان ٿيندو منهنجا دوست.“ سارنگ ائين چئي ها ته شايد اهو به پنهنجي جاءِ تي سهي هجي ها ڇو جو هن پنهنجي زندگي جو خوبصورت دور کاٻي اک جي خواب ۾ گذاريو هو. شايد اهي سڀ ماڻهو جيڪي پنهنجي زندگي جا سڀ کان خوبصورت ۽ قيمتي پل ڪنهن پاڇولي جي پويان ڀٽڪندي گذاري ڇڏيندا آهن ۽ سندن خواب اکين سميت ٽٽي ٽڪرا ٿي ويندا آهن اهي ڪڏهن به ۽ ڪٿي به ٿانيڪا ٿي نه سگهندا آهن. پر اصل ۾ سندس کاٻي اک جو خواب ان پراڻي خواب جو پرتوو هو ته ”ڪاش ٽٽل چنڊ جا ٽڪرا گڏجي هڪ مڪمل چنڊ کي جنم ڏين...! ڪاش...! هڪ ٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ويل سامونڊي غوراب جا تختا گڏ ٿي هڪ مڪمل غوراب ٺاهين ۽ لهرن ۾ ڏڪندڙ قنديلون گڏجي هڪ مڪمل قنديل کي جنم ڏين. جيئن وري ڪڏهن به سندس ساڄي اک جي نشاني تي آيل چنڊ کيس ڏک ۾ مبتلا نه ڪري!“
    کاٻي اک جو خواب در اصل ساڄي اک جو ڏک آهي.
    کيس ياد نه آهي ته آسمان ۾ چمڪندڙ چنڊ کي ٿڏو ڪڏهن لڳو هو؟ ۽ ڪڏهن سمورا سِڪا ڇڻ ڇڻ ڪندا هڪ ٻئي کان پري هليا ويا هئا. پر جڏهن کان هوش سنڀاليو هئائين. جڏهن کان درسنيءَ ۾ منهن ڏسڻ جهڙو ٿيو هو ۽ جڏهن کان درسنيءَ اڳيان بيهي ڪنگو ڏيڻ ۽ ڪنگو ڏيئي وارن جي سينڌ ڪڍي وارن جو گل ٺاهڻ جهڙو ٿيو هو تڏهن کان ٻنهين اکين ۾ واضح فرق محسوس ڪرڻ لڳو هو. اهو فرق ايترو وڏو ته نه هو پرشايد ڪو به فرق ننڍڙو فرق نه هوندو آهي. اکين جو فرق ته هر حال ۾ وڏو فرق هوندو آهي. سندس ساڄي اک جي تاري ۾ ماڻڪيءَ جي مٿان هڪ ننڍڙو سُئيءَ جي پاکي جيترو نشان هو. جهڙو ماءُ جي ٿڃ ڌائيندڙ سانوري ٻار جي ڳل تي پيل ٿڃ جو ننڍڙو ڦڙُو. اهو در اصل سندس پٺيءِ تي سُرندڙ کهرن پرن ۽ کهرن چنبن وارو اجنبي جيت هو.. هڪ چيلاٽو هو ۽ وڇونءَ جهڙو هڪ لفظ هو جنهن سان سندس واسطو پوڻ لڳوهو. هڪ جيڏن سان راند ڪندي اڪثر ڪنهن حيرت ۾ ڀريل نهار سان واسطو پوڻ لڳو هئس..” اڙي ڏس.. راڻي جي اک ڪيئن آهي...؟ ڪيئن آهي؟ ٿوري اڇي آهي.. اڙي ها... اڙي راڻي جي اک اڇي ... راڻي جي اک اڇي“ ٻار ڪورس جي انداز ۾سندس چوطرف ڦيريون پائي ڳائيندا ۽ هو پنهنجي سڀني حواسن سميت زخمي ٿي ويندو. ماءُ سان گڏ مائٽن ڏانهن شادي غمي ۾ ويندو ته ڪانه ڪا مائي سندس منهن ۾ ڏسي چوندي ”آئي ادي ... رب جو شان ... چوندا آهن ته چڱي شئي کي چَک هوندو آهي. ڇوڪرو ڪهڙو سهڻو ملوڪ آهي پر ويچاري کي عيب ٿي پيو آهي.“
    تڏهن ماڻس جي اکين ۾ ڏک جو پاڇولو لهي ايندو هو. ڪجهه ڪڇندي پڇندي نه هئي.
    خاموش ٿي ويندي هئي.
    ۽ پنهنجي ٻين ٻارن جي ڀيٽ ۾ راڻي کي وڌيڪ پيار ڪرڻ لڳندي هئي.
    هڪ شام راند اڌ ۾ ڇڏي روئندي گهر موٽيو هو.
    ”ڇو راڻا ڇا ٿيو آهي...؟“
    ”امان هاڻي مان ڪڏهن به احمد سان راند نه کيڏندس...“
    ”ڪهڙو احمد ابا...؟“
    ”امان تون به سمجهين نه ٿي، اهو ماسي مريم وارو احمد ٻيو ڪهڙو وري ڪهڙو احمد“
    ”ائي .. ها... ها... پر ڇو؟“
    ”امان احمد مون سان کوٽ ٿو ڪري“
    ”اڙي ابا تون به..... کوٽ ته راند روند ۾ ٿيندو آهي“
    ”امان... تون سمجهين به نه ٿي.... احمد چئي ٿو تنهنجي اک سٺي نه آهي. تون گدلو ٻار آهين. ان ڪري توسان راند ناهي..... تون چور آهين.... چور ته پاڻ آهي. کوٽ ته پاڻ ٿو ڪري... ڪتي جو پٽ....“ماڻس ڪجهه چوڻ آکڻ بدران ڇڪي سيني سان لاتو هئس ۽ ٻنهين اکين تي هڪ هڪ چمي ڏني هئائينس.
    هڪ چمي ساڄي اک تي. هڪ چمي کاٻي اک تي.
    پهرين چُمي ان اک تي جنهن ۾ ڪوئي خواب نه هو..
    ٻي چُمي ان اک تي جنهن ۾ هڪڙو خواب هو. .
    مائرون انصاف ڪنديون آهن.
    انهن لاءِ ٻئي اکيون هڪ جهڙيون هونديون آهن.
    ۽ گهٽ ۾ گهٽ هو پنهنجي ماءُ لاءِ ته گدلو ٻار نه هو. ڳوٺ جي ڀر واري شهر ۾ اکين جي خيراتي ڪئمپ لڳي هئي. ڏاڍي خوش هئي. ماڻهن چيو پئي ته پري پري کان ملڪ جا وڏا وڏا ڊاڪٽر آيا آهن. اکين ۾ شيشا ٿا لڳائن... اکين جو آپريشن ٿا ڪن.. پٽ کي وٺي صبح جو سويري خيراتي اسپتال رواني ٿي.
    ”امان آءُ آپريشن ڪونه ڪرائيندس... مونکي ايذاءُ ايندو“
    پٽس سڄي رستي ۾ روئندو رڙندو هليو هو.
    ”اڙي ابا تون به ڪو چريو آهين... آپريشن ۾ ڪا دير ئي ڪانه لڳندي... ابي گهڙي ٿي ويندي................پوءِ تنهنجون ٻئي اکيون هڪ جهڙيون ٿي وينديون...“
    ماڻس سمجهائيندي سرچائيندي چئي رهي هئس.
    ”ڇوڪرو تنهنجو ڇا ٿئي امان..“ ڊاڪٽر پُٽهنس جي اکين ۾ ٽارچ هڻي چيو
    ”پٽ اٿم ابا“
    ” امان هتي ڇوڪري جي آپريشن ڪونه ٿيندي“
    ”هان... پر ڇو ابا؟...“
    ”امان تنهنجي ڇوڪري جي ماڻڪي ۾ زخم آهي، ماڻڪي ٻي لڳندي“
    ”ٻي ماڻڪي وري ڪٿان ايندي ابا..؟“
    ”امان ٻاهرين ملڪ مان عطيي طور ماڻڪيون اينديون آهن.... پران جو به هتي آپريشن نه ٿيندو... ڪراچي ۾ ٿيندو..“
    هو اسٽول تان اٿي بيٺو.
    ۽ دل ۾ ڏاڍو خوش ٿيو.
    ” آپريشن کان بچي ويس“
    پر ماڻس جي اکين ۾ ڳوڙها ڀرجي آيا.
    جيڪي هن جلدي اگهي ورتا.
    ماڻڪيءَ جو زخم..؟؟ ٻاهرين ملڪ جي ڳالهه...؟؟ خيراتي ماڻڪي..؟؟ ڪراچيءَ ۾ آپريشن...؟؟ شايد هوءَ ڀڻڪي پيئي. اهو سڀ ته هن لاءِ ناممڪن هو.
    هن ته سڄي زندگيءَ ۾ ڪراچي ڏٺي به ڪانه هئي..
    کيس رڳو اها خبر هئي ته ڪراچي ۾ سمنڊ آهي.. ڪراچي تمام وڏو شهر آهي، ڪراچيءَ ۾ جناح صاحب جو مقبرو آهي ۽ عبدالله شاهه غازي جي درگاهه آهي. ۽ اهو ته ڪراچي ۾ بندرگاهه آهي، جتي وڏا سامونڊي جهاز آهن. جن مان هڪ جو نالو سفينه عرب آهي ۽ ٻئي جو شايد الشمس آهي.
    انهن مان هڪ جهاز تي سندس پيءُ چڙهي گهڻا سال اڳ حج تي ويوهو.
    ۽ کيس ٻي رڳو ايتري خبر هئي ته ڪراچيءَ ۾ ٻائي جو پٽ به آهي، جتي سندس ڪجهه عزيز رهندا آهن. جن ڏي هوءَ ڪڏهن به نه وئي آهي. جتي نيٽي جيٽيءَ واري پل آهي. جتان اڪثر چانڊوڪين راتين ۾ ماڻهو آپگهات ڪري ڇڏيندا آهن.
    ۽ هوءَ ڊاڪٽرن ۽ اسپتال کان مايوس ٿي وئي.
    واپسي مهل هو خوش هو. سڄي واٽ ٽپندو ڪُڏندو آيو ۽ ماڻس رکي رکي اکيون اگهندي رهي.
    راتيون جاڳي دعائون گهرندي هئي. پيرن فقيرن تي سکائون باسيندي هئي. مرشدن منڱتن جا هٿ ڌوئاريندي رهي. ۽ ڏس پنڌ ڪندي رهي. پر ڪوبه نتيجو ڪونه نڪتو.
    ۽ هو ٻاروتڻ جون حدون اورانگهي اتي اچي پهتو جتي ڪوبه ڪنهن سان رعايت نه ڪندو آهي.
    تڏهن کيس پهريون ڀيرو ماءُ جي انهن ڳوڙهن جو ڏک سمجهه ۾ آيو جيڪي خيراتي اسپتال مان ٻاهر ايندي سندس اکين مان وهي آيا هئا.
    جن کي هن تڪڙ ۾ پوتيءَ جي پلئه سان اگهي ورتو هو.
    ۽ تڏهن کيس خوشيءَ جي ڪک ۾ لڪل ڏک جو اندازو ٿيو جيڪا خوشي ان مهل محسوس ڪئي هئائين جنهن مهل ڊاڪٽر چيو هو ”ڇوڪري جي آپريشن نه ٿيندي“ ۽ هو جلدي اٿي کڙو ٿيو هو. ۽ پوءِ هو پاڻ اسپتالن جي دروازن جي اڳيان لڳل قطارن جو حصو ٿي ويو . ۽ هاڻي ماءُ ساڻس گڏ نه هئي. هوءَ ڪڏهو ڪو پنهنجي اميدن ۽ دعائن سميت قبر جو حصو ٿي چڪي هئي. هاڻي هو وڏن شهرن جي وڏين اسپتالن ۾ ڦهليل ڪاريڊورس ۽ انتظار گاهن جي اداس ڪرسين تي اڪيلو رهجي ويو. ۽ هر اسپتال مان جواب اهو ساڳيو جيڪو ڪيئي سال اڳي سندس ماءُ کي مليو هو. ”دراصل هي ڪورنيئل ٽرانسپلانٽيشن جو ڪيس آهي. خرچ به لڳندو... انتظار به ڪرڻو پوندو . ڏسو ماڻهوءَ جي ماڻڪي ته اسان جي اسپتال ۾ ڪانهي... باقي توهان کي ٻڪريءَ جي اک ته ڪونه لڳندي. ٻيو ته توهان وٽ پيسا به نه آهن جو اسان سريلنڪا مان ماڻڪي گهرايون ... البت ڪجهه پيسا ڏئي ڪانٽيڪٽ لينس لڳرايو ته توهان جي مرضي....“
    ۽ هُن جي اميد جي ڇت ڊهي پئي. هو ٽيهن سالن تائين جنهن آس جي ڇت هيٺيان رهيو هو يڪسر ان کان محروم ٿي ويو. ڪوڙي ئي سهي اڌوري ئي سهي بهرحال اميد جي ڇت ماڻهوءَ کي محروميءَ جي اس کان بچائيندي آهي.
    ۽ کيس پڪ ٿي وئي ته بس هاڻي ايئن زندگي گذارڻي پوندي جيئن گذري پئي.
    ايئن نه جيئن هو چاهي ٿو.
    ايئن نه جيئن سندس ماءُ ٿي چاهيو.
    شايد هاڻي کيس هميشه کاٻي اک جي خواب سان گڏ جيئڻو پوندو ۽ شايد گڏ مرڻو پوندو....
    تڏهن کان هو اسپتالن جي ڪاريڊورس ۾ ڀٽڪڻ سان گڏوگڏ کاٻي اک جي خواب سان گڏ جيئڻ لڳو.
    اکيون اکين کي پهريان قبول ڪنديون آهن ۽ تعارف جا ٻيا دروازا بعد ۾ کلندا آهن. اکيون هڪ ٻئي کي رد ڪنديون آهن ته تعارف جا ٻيا دروازا بند ٿي ويندا آهن. جتان گذري ماڻهو ماڻهوءَ جي اندر ۾ داخل ٿيندو آهي. ۽ ڏسندو آهي ته ان جي اندر ۾ ڪيتري اُس آهي؟ ڪيتري ڇانو آهي، ڪيتري اڃ آهي... ڪيتري زمين آهي؟ ۽ ڪيترو آسمان آهي؟
    ۽ هن سان ايئن ٿيندو رهيوآهي جو ڪيئي مسافر اکين ۾ ورهين جا ٿڪ کڻي وٽس آيا پر سندس اکين جي دهليز تان موٽندا رهيا.
    ۽ هو قدم قدم تي ڀڄندو ڀرندو رهيو.
    پلصراط تي هلندو رهيو. پير رتوت رت. احساس ڪمتريءَ جي تيز تکي تلوار.
    درسنيءَ ۾ منهن ڏسي نه سگهي.....
    ڏسي ته زخمي ٿيو پئي..... نه ڏسي ته به زخمي ٿيو پئي......اڪثر درسني جي آڏو ڪيترو وقت بيٺو رهندو.. ۽ بيٺو ساڄي اک ۾ ڏسندو... مسلسل... هڪ سفيد مکڙي.... هڪ اڻوڻندڙ خواب. کاٻي اک جو خواب. چاهيندو ته جيڪر مکڙيءَ کي چپٽيءَ سان اک جي تاري تان پٽي ۽ چپٽيءَ سان ايئن چيڀاڙي ڇڏيان جيئن پير جي آڱر ۾ چڪ هڻي چنبڙي پيل ماڪوڙيءَ جي منڍيءَ کي آڱر سان پٽي ڪاوڙ مان چيڀاٽي ڇڏبو آهي. پر ايئن ممڪن ڪٿي هو؟ اڪثر رستي ۾ هلندي سوچيندو” فرض ٿا ڪيون ته جيڪڏهن هينئر رستي ۾ هلندي منهنجي کاٻي اک ۾ ڪو ڌڪ لڳي وڃي. ۽ منهنجي کاٻي اک بند ٿي وڃي..... ته مان گهر ڪيئن پهچندس...؟
    شايد مون کي اتي ئي ڪجهه ديرلاءِ بيهڻو پوندو...
    ۽ ڀرسان گذرندڙ ڪنهن ماڻهوءَ جو آواز ٻڌندس... ته کيس سڏڪري چوندس.. ”سائين معاف ڪجو... ٿوري تڪليف ڪري مونکي ڪوئي رڪشا بيهاري ڏيو.... ته مان گهر پهچان.“ ۽ ڪڏهن سوچيندو ته ” فرض ڪيو ته منهنجي کاٻي اک ۾ ڪارو پاڻي لهي اچي... ۽ منهنجي لاءِ سڄي روشن دنيا اونداهو ٻيٽ بڻجي وڃي ته پوءِ؟؟.... ته....پوءِ..؟
    ۽ ايئن خدشن ۽ امڪانن جي رڻ ۾ جيئن پوءِ تيئن منتشر ٿيندو رهيو. محدود ٿيڻ لڳو. محتاط رهڻ لڳو. چانڊوڪي سندس چڙ بڻجي وئي. بلب بتيءَ کان ڊڄڻ لڳو. ڪئميرا جي فليش کان ۽ ماڻهن جي سڌي نهار کان ڇرڪڻ لڳو.. نه ڪنهن سان ڀوڳ چرچو نه ڪنهن سان گهڻي حُجت... ڊپ ته متان موٽ ۾ ڪوئي تير جهڙو طنز نه ٻڌڻو پوي...ڪوئي زهر جهڙو جملو نه ٻڌڻو پوي.. پر باوجود احتياطن جي گهڻو ڪجهه ٻڌندو رهيو...سمجهندو رهيو.... سهندو رهيو. ان ڏينهن محفل ۾ هڪ دوست چيو...“دوستو توڻي جو اسان جي هن دوست جي اک ۾ مکڙي آهي پر وٽس اها نينهن نهار آهي جيڪا گهڻن سڄن وٽ به ڪونهي..“ تاڙيون وڄي ويون. ”واهه سائين واهه.... ڇا جملو آهي“.... ۽ هن جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا... هو ته گهڻو وقت اڳ ئي پنهنجي اندر ۾ شديد ۽ گهري انتشار جو شڪار ٿي ويو هو. سندس شخصيت ٺهڻ کان اڳ ڊهي وئي هئي.... ۽ سندس اعتماد جو پکي کليل آڪاش ۾ اُڏڻ بدران هميشه لاءِ احساس ڪمتريءَ جي پڃري جو قيدي بڻجي ويوهو. ڪجهه موسمون اڳ ئي بلڪه شايد چار پنج برساتون اڳ الماس سندس اکين جي چانئٺ تان واپس موٽي وئي هئي .
    ان شام هوءَ سندس ڀر مان اٿي وئي هئي ۽ پوئتي ڏک جي هڪ طويل شام ڇڏي وئي هئي. شام جنهن جو ڪو ڇيڙو نه هو. شام ته هونءَ ئي اداسيءَ جي مهل آهي. پر جنهن شام هڪ ئي لمحي ٻه جدايون گڏجي پونديون آهن اها شام ڪجهه وڌيڪ ئي اداس ٿي پوندي آهي. ۽ اها اهڙي جدائي هئي جنهن جو ڪو منهن سر نه هو. ابتدا انتها نه هئي. سندس خيال هو ته شايد اُها چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري آهي. چوٿين ڳليءَ واري ڇوڪري سندس ساڄي اک جو سپنو هئي. سپنو جيڪو کاٻي اک جي خواب مان ڦٽي نڪتو هو. پر اها سندس ڀُل ثابت ٿيڻي هئي.
    هوءَ گذريل خزان جي هڪ منجهند جو ان مهل سندس زندگيءَ ۾ داخل ٿي هئي جنهن وقت هن اڪيلي ڪمري جي خاموش ڪنڊ ۾ پاڻ کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ڪجهه به هجي پر ماڻهوءَ کي زندگيءَ کان منهن موڙڻ نه گهرجي. پر زندگيءَ جي حق ۾ سندس سمورا دليل هڪٻئي جي پٺيان ناڪام ٿيندا پئي ويا ۽ هن جي مايوسيءَ جو پارو مٿي چڙهندو پئي ويو. ايئن نه هو ته ڪو هو خودڪشي ڪرڻ وارو هو. يا پوءِ ڪڏهن خودڪشي ڪري ڇڏي ها... پر ڳالهه اها هئي ته هو زندگيءَ تي موت کي ترجيح ڏيڻ واري ٻه واٽي تي بيٺل اهڙي لمحي جو قيدي هو جيڪو کيس هميشه لاءِ ڪنهن به هڪ رخ جو مسافر بڻائي پئي سگهيو. ”يا ماڻهوءَ کي ڀرپور زندگي جيئڻ گهرجي يا مري وڃڻ گهرجي“ هو اڳ وانگر وري چپن ۾ ڀڻڪيو هو ۽ ڪجهه لمحن کان پوءِ وري چوڻ ٿي چاهيائين ته ”جڏهن آئون زندگيءَ مان سڄي دلچسپي وڃائي ويٺو آهيان ته پوءِ مون کي جيئڻ بدران مري وڃڻ گهرجي“ پر ٽيبل تي رکيل فون جي رنگ کيس ايئن چوڻ جو موقعو نه ڏنو. ”شايد توکي خبر نه هجي ان ڪري تنهنجي اطلاع لاءِ عرض آهي ته سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي. مينهن ڪنهن به وقت وسي سگهي ٿو. مان توکي ساوڻ جي پهرين برسات جي مبارڪ ڏيان ٿي.. منهنجي طرفان پنهنجي ساڄي هٿ تي چار ڪڻيون مينهن جون ۽ هڪڙو ننڍڙو ٽڪرو ڪڪر جو قبول ڪجان..“ هن گهڻن ڏينهن جي خاموشيءَ کان پوءِ نيٺ ان برساتي شام جو ڳالهايو. کيس لڳو ڄڻ هو ساوڻ جي تيز بوندن ۾ پسي ويو هجي.
    ”اهو صحيح آهي ته مون کي خبر ناهي ته ڪو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو آهي پر اهو سچ آهي ته مان تنهنجي لهجي مان برسات جي خوشبو محسوس ڪيان پيو.“
    ۽ کيس خبرهئي ته هُو گهڙيءَ کان پوءِ ٻارن وانگر ڊوڙي ڪمري مان ٻاهر نڪري ايندو ۽ هٿ وڌائي تريءَ تي ڪجهه بوندون کڻي وٺندو... ۽ آڪاش ڏي Flying Kiss موڪلي ڪڪرن کي ڇهي وٺندو..
    هن جون ڳالهيون ، ۽ ٽهڪ کيس چيچ مان وٺي مايوسيءَ جي اونداهيءَ مان ٻاهر ڪڍي آيا هئا.
    کيس لڳو هو ڄڻ ڪوئي معجزو ٿي ويو آهي.
    ۽ کيس لڳو هو ته هو جيڪو ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ وکريو پيو هو آهستي آهستي سميٽجي هڪ جاءِ گڏ ٿي رهيو آهي. يڪسانيت جي ولوڙ ختم ٿي رهي آهي. ۽ هو هڪ نئين دنيا ۾ داخل ٿيندو پيو وڃي. ۽ هن کي پڪ ٿيڻ لڳي هئي ته دراصل هوءَ اُها ئي اڇي وڳي واري ڇوڪري آهي جنهن کي هن گهڻا سال اڳ راجا واري ريل گاڏي جي بوگيءَ ۾ دريءَ کان ويٺل ڏٺو هو. جنهن کي ڏسڻ مهل مور جي کنڀن جو مينهن وسيو هو. اڪثر ائين ٿيندو ته هو ساڻس ڳالهائيندي ڳالهائيندي چپ ٿي ويندو.. ”ڇا ٿيو“ اهڙن موقعن تي هوءَ حيرت مان پڇنديس ته هو چوندو ”بس ايئن ئي... الاءِ ڇو“
    ”ڇا مطلب...؟ الاءِ ڇو“ هوءَ ضد ڪندي.
    ”بس .... الاءِ ڇو دل اُداس اُداس آهي.“
    ”وري توتي شاعريءَ جو دورو پيو آهي ڇا“ هوءَ کلندي چوندي.
    ”نه اهڙي ڳالهه نه آهي“
    ”ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي“ هوءَ وڌيڪ ضد ڪندي ته هُو ڪونه ڪو بهانو ڪري کيس مطمئن ڪندو پر پاڻ کي مطمئن ڪري نه سگهندو. شايد پاڻ کي مطمئن ڪرڻ ئي سڀ کان وڌيڪ ڏکيو آهي. هو محسوس ڪرڻ لڳو هو ته اصل ۾ هُو خوش نه آهي. ۽ اهو اهڙو معاملو هو جيڪو هو ڪنهن کي به ٻڌائي نه پئي سگهيو. هُن کي ته قطعي نه. اصل ۾ هُن جي ذهن ۾ جنهن مهل به اهو خيال ڪر کڻندو هو ته ”جڏهن اسين ملنداسين ته ڇا ٿيندو...؟؟“ ته سندس اندر پري پري تائين صحرا بڻجي ويندو هو. هو سوچڻ لڳندو هو ته ”هوءَ مون سان ملندي ته منهنجي کاٻي اک جو خواب ڏسي وٺندي ۽ پوءِ وري ڪڏهن به مون سان ملڻ نه چاهيندي“ هن ڪڏهن به کاٻي اک جي خواب سان هن جي سامهون اچڻ نه ٿي چاهيو ۽ ساڻس ملڻ به چاهيو ٿي. پر هُن کيس ڪنهن به صورت ۾ وڃائڻ نه ٿي چاهيو. اصل ۾ هو ٻئي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ڊنل هئا. پر ٻئي هڪٻئي جي ڊپ کان بي خبر هئا. هنن ملڻ به چاهيو ٿي ۽ ملڻ نه به ٿي چاهيو. هو کاٻي اک جي خواب جي ڪري ڊنل هو ۽ هوءَ وڌندڙ عمر جي ساڀيان جي ڪري ڊنل هئي. هڪ وٽ خواب جو ڊپُ ٻئي وٽ ساڀيان جو ڊپ. هوُ جنهن کي چوٿين ڳلي واري ڇوڪري سمجهي رهيو هو سا دراصل خود سريءَ جي سزا ڀوڳيندڙ اهڙي عورت هئي جنهن پنهنجي اکين مان هڪ شاعر کي جلاوطن ڪري ڇڏيو هو. شاعر جيڪو پنهنجا خوبصورت شعر پنهنجي نالي سان ڇپرائڻ بدران هن جي نالي سان رسالن ۾ ڇپرائيندو هو ۽ هوءَ سهيلين ۾ شاعره بڻجي اوچي ڳاٽ سان ڪاليج جي ڪاريڊور ۾ ايئن هلندي هئي ڄڻ ڪا شهزادي هجي. ۽ شهزاديءَ جو شاعر سان تعلق به فقط شاعري تائين محدود هو. هو نه ئي سندس پيار پائي سگهيو نه ڪو شاعر چوائي سگهيو. هُو هميشه لاءِ گمنام شاعر بڻجي رهجي ويو ۽ انهيءَ گمناميءَ ۾ ئي هڪ برساتي موسم ۾ هميشه لاءِ ڪڪرن جو حصو ٿي ويو هو.. هڪ منجهند جنهن مهل آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويو هو ۽ پکي منجهند کي شام سمجهي واهيرن ڏي موٽڻ لڳا ها ته هو بنان ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان گهر مان ٻاهر نڪري ويو هو ۽ وري ڪڏهن به واپس نه موٽيو هو. ۽ هن بابت ماڻهو ڳالهيون ڪرڻ لڳا هئا ته دراصل هو ڪڪرن ۾ گم ٿي ويو آهي. کيس برسات پاڻ سان گڏ وٺي وئي آهي. پر پڪي خبر کان فقط هوءَ پاڻ واقف هئي ته هو ڪيڏانهن ۽ ڇو هليو ويو آهي؟ ۽ هوءَ پڇتاءَ جو پاڇولو بڻجي وئي هئي. پنن ۽ گلن کان خالي وڻن جي انهيءَ جهڳٽي جي اُها سيمينٽ جي بئنچ جنهن تي هو اٺن مهينن جي ڳالهين کان پوءِ پهريون ۽ آخري دفعو مليا، ٻنهي لاءِ پلصراط بڻجي وئي. ٻنهي ۾ هڪٻئي سان اکيون ملائڻ جي سگهه نه هئي”چيو هئم نه توکي ته مان اُها نه آهيان جيڪا تون سمجهين ٿو“
    ”انهيءَ سان ڪهڙو ٿو فرق پئي ته تون اُها نه آهين ڪا ٻي آهين“ هن ڏانهنس نهارڻ کان سواءِ چيو. هو کاٻي اک جي خواب ظاهر ٿي پوڻ جي ڊپ ۾ مبتلا هو. ” فرق ڪيئن نه ٿو پئي. فرق ته پئي ٿو فرق ته آهي“.
    ”ڪوئي فرق نه ٿو پئي. تون ته منهنجي لاءِ اُها ئي آهين جيڪا اٺ مهينا اڳ تائين هئينءَ... جنهن جي ڳالهين ۾ شاعريءَ جي خوشبو هئي ۽ جنهن جو لهجو چميءَ جهڙو مٺو هو“.
    ”فقط آوازن ۽ لهجن تي زندگي نه ٿي هلي... ۽ مان زندگيءَ جواهو دور گذاري آئي آهيان جنهن ۾ رڳو آواز ۽ لهجي جي اهميت هوندي آهي...“
    ” ته باقي...؟“ هُن اعتماد کان خالي آواز ۾ چيو.
    ”ماڻهوءَ کي ماڻهوءَ جي به ضرورت پوندي آهي. مرد کي عورت جي ۽ عورت کي مرد جي...“
    ”تون عورت ئي ته آهين ... چوٿين ڳلي واري ڇوڪري نه ئي سهي چوٿين ڳلي واري عورت ئي سهي. ٻيو ڇا؟“ ”نه....!! مان ته پنهنجو عورتپڻو وڃائي چڪي آهيان. منهنجو عورتپڻو هُن شاعر جي اکين ۾ رهجي ويو. هاڻي ته وقت ضايع ٿي ويو.. وقت ڪٿي ٿو ڪنهن جو انتظار ڪري“ هن ڪنهن هارايل سپاهيءَ جيان ٿڪل آواز ۾ چيو. هن جي خوبصورت اکين ۾ اداسي ڦهلجي وئي.
    ”پر مون لاءِ ته محبت ئي سڀ ڪجهه آهي...“
    ”هونم..“ هن جي چپن تي طنزيه مرڪ پکڙجي وئي.
    ”ڪهڙي محبت؟ ڇا جي محبت؟ ڪنهن سان محبت؟ اها محبت ئي ته آهي جنهن مون کي تباه ڪيوآهي.“
    هن آخري جملو سخت ۽ ڪڙي لهجي ۾ ادا ڪيو. ان مهل هوءَ کيس هڪ ٻي ۽ اجنبي عورت محسوس ٿي. اهڙي عورت جنهن جي اندر ۾ ڪنڊن جو فصل پوکيل هو. ” فون تي تنهنجا ٽهڪ .. ڳالهيون ... پيار .. اهو سڀ ڇا هو؟ “ هن پنهنجي خالي هٿن ۾ خالي نگاهن سان ڏسندي چيو.
    ”هڪ وڏي، اداس ۽ ڀڙڀانگ گهر ۾ رهندڙ هڪ ناڪام ۽ عمر رسيده عورت جي پاڻ کي مصروف ۽ خوش رکڻ جي هڪ ناڪام ڪوشش ... پراڻي پرئڪٽس ... ۽ بس ان کان وڌيڪ ڪجهه به نه... جيڪو به ان کان وڌندو آهي مان ان سان تعلق ختم ڪري ڇڏيندي آهيان.... سچ اهو اٿئي ته منهنجو هاڻوڪو پيار سيليولر فون پيار آهي... ايس ايم ايس محبت .. بنڊل پئڪيج پيار. هاڻي مان ڪوئي وڏو رسڪ کڻڻ نه ٿي گهران“ هن جي وشال اکين ۾ گمنام شاعر جي گمشدگيءَ جو ڏک لهي آيو.
    ”ته معنيٰ هي پنهنجي آخري ملاقات آهي“
    هن اداس لهجي ۾ پڇيو.
    ۽ هُن سندس اکين ۾ ڦٽل سوال جو جواب ڏيڻ بدران پرس هٿ ۾ کڻندي چيو هو”چڱو هاڻ مان هلان ٿي“ ۽ ان کان اڳ جو هُو وڌيڪ ڪجهه چئي هوءَ اٿي بيٺي ۽ آس پاس ڦهليل هيڊي شام جو حصو ٿي وئي. ۽ ويندي ويندي چاهيندي به کيس ٻڌائي نه سگهي ته ساڻس ملي کيس ڇا محسوس ٿيو. اهو ئي ته سندس ڀر ۾ ويٺل شخص جي اندر ۾ هڪ محبوبا لاءِ اهڙي آڳ ٿي ٻري جنهن کي ڪا به برسات ٺاري نه ٿي سگهي. ۽ اهو ان ڪري آهي جو هو کاٻي اک جي خواب جو قيدي آهي. پر وٽس کيس اهو ٻڌائڻ جو وقت نه هو. هن سچ چيو هو ته ”هاڻي دير ٿي وئي آهي.“ البت اهو به سچ هو ته ان شام کان وٺي کيس هميشه لاءِ هڪ بدران ٻه ڏک پالڻا هئا. هڪڙو گمنام شاعر جي موت جو ڏک ۽ ٻيو کاٻي اک جي خواب ۾ ڀٽڪندڙ زندگيءَ جو ڏک.
    جاڙو ڏک.
    ۽ ان شام وڻن جي جهڳٽي ۾ ويڙهيل بئنچ کان سندس گهر جو مختصر رستو مختصر ثابت نه ٿيو. ۽ رڪشا ۾ سفر ڪندي بيد مشڪ جي ٽارين ڏي ڏسڻ مهل اوچتو سندس اکيون ڀرجي آيون پر ان کان اڳ جو هوءَ پرس مان ٽشو پيپر ڪڍي سندس ڳوڙها وهي پيا. ۽ سندس ڳوڙها ڏسڻ لاءِ ڪير به موجود نه هو. جيڪو سندس ڳوڙها ڏسي ڄاڻي سگهي ها ته اکيون ڀلي ميريون ئي ڇو نه هجن لڙڪ ميرا نه هوندا آهن.
    ۽ انهيءَ لمحي جي ڪنڌيءَ تي کنوڻ جي تيز تجليءَ وانگر هن محسوس ڪيو ته اها هيڊي شام اصل ۾ سندس کاٻي اک جي خواب مان ڦُٽي نڪتي آهي. ۽ ان پل کان وٺي هو ان احساس ۾ مبتلا ٿي ويو هو ته دراصل اهو حادثو سندس ساڄي اک ۾ رونما ٿيو آهي. ۽ تڏهن کان وٺي سندس کاٻي اک ۾ هڪ بدران ٻه خواب پلجڻ لڳا. هڪ خواب اهو ئي پراڻو جيڪو ورهين کان سندس کاٻي اک ۾ ڀٽڪي رهيو هو ۽ ٻيو نئون خواب. وڃائجي ويل شئي جو ڳولا جو خواب. ۽ هاڻي ته ڪڪرن ۾ گم ٿي ويل شاعر به ان ڳولا جو حصو ٿي ويو هو. هاڻي سندس کاٻي اک ۾ جاڙو خواب رهڻ لڳو هو. اها سندس ساڄي اک جي سزا هئي. ساڄي اک جنهن کيس سهيڙجڻ کان محروم ڪري ڇڏيو هو. هاڻي هو جڏهن به اداس ٿيندو آهي ته کيس ساريندو آهي ۽ جڏهن به کيس ساريندو آهي اداس ٿي ويندو آهي ۽ سڄو آسمان ڪڪرن سان ڀرجي ويندو آهي. ۽ سندس اداسي ڪنهن به موسم ۽ ڪنهن به مهل جي محتاجي قبول نه ڪندي آهي. ۽ جيئن ڪجهه سالن کانپوءِ مٿس آپريشن ٿيٽر ۾ اينيٿيسئا واري سئي لڳڻ کان اڳ ساڳي اداسي ڇائنجي وئي هئي...!! توڻي جو بنيادي طرح اهو سندس خوشيءَ جو لمحوهو. آخرڪار اهو ورهين جي رولاڪي ۽ انتظار کان پوءِپيدا ٿيل کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان جو لمحو هو.
    خوشي ان پل جو نالو آهي جنهن پل ڪوئي پراڻو خواب مثال طور کاٻي اک جو خواب تعبير ماڻيندو آهي. يا ساڄي اک جو سپنو ساڀيان ٿيندو آهي. پر ڪجهه خوابن کي ساڀيان ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي ويندي آهي. ۽ وقت کان پوءِ ساڀيان ٿيل خوابن جي خوشي اهڙي خوشي هوندي آهي جنهن جي پٺيءَ ۾ ڪُٻ هوندو آهي. اها پٺيءَ ۾ ڪُٻ نڪتل هڪ ڪُٻڙي خوشي هوندي آهي. ۽ الاءِ ڇو هن کي جڏهن به ۽ جيڪا به خوشي ملي ڪُٻڙِي خوشي ملي. خوشي ته ان ونڊ ورڇ جونالو آهي جيڪا ونڊ ورڇ انهن سان ٿيندي آهي جيڪي اوهان جي خوابن ۾ ڀاڱيوار هوندا آهن. خواهشن ۽ اميدن ۾ شريڪ هوندا آهن.. اذيت ۽ ڏک جا نه رڳو اکين ڏٺا شاهد هوندا آهن. پر انهن جا ڀوڳيندڙ به هوندا آهن. جن لاءِ اوهان جو ڏک ۽ عيب رڳو اوهان جو عيب ۽ ڏک نه هوندو آهي. پر انهن جو به اڌ ڏک ۽ اڌ عيب هوندو آهي. ۽ جڏهن خواب ساڀيان ٿيندو آهي ۽ توهان اها ساڀيان انهن سان ونڊيندا آهيو ته اها خوشي سڌيءَ چيلهه واري خوشي محسوس ٿيندي آهي. پر جڏهن خواب کي تعبير ماڻڻ ۾ ايتري دير ٿي وڃي جو ايسيتائين خوابن جا شاهد مٽِيءَ جو حصو بڻجي چڪا هجن ته خوشيءَ جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نڪري ايندو آهي. ايئن جيئن ڳوٺ جي دڪاندار گل محمد جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نڪتل هو. کيس ڳوٺ جا ننڍا وڏا گلو گڪو سڏيندا هئا. گلوگڪو قد جو صفا بندرو ۽ سانورو هو. وات ۾ هر وقت پن جي ٻيڙي دکندي رهندي هئس ۽ وڏين مُڇن ۾ لڪل نڪ ۽ وات مان هر وقت دونهون نڪرندو رهندو هئس. هُو گڪو يا ڪُٻڙو سڏجڻ تي بلڪل نه چڙندو هو. ڄڻ پنهنجي پُٺيءَ جي ڪُٻ کي پنهنجي نالي جي طور تي قبول ڪري ورتو هئائين. سندس خيال مطابق اهو سندس عيب نه پر نالو هو. يعني هو گل محمد يا گلو دڪاندار نه هو پر اصل ۾ هو ڪُٻڙو دڪاندار هو. هو پنهنجي اصلي نالي تان گهڻو وقت اڳ هٿ کڻي چڪو هو. هاڻي ڪو ماڻهو کيس گل محمد چئي سڏيندو هو ته هو گهڻو ڪري سڏ نه ورنائيندو هو...پر ڪو به ماڻهو کيس”ڪٻِڙو“ چئي سڏيندو هو ته هڪ دم ڪن کڙا ٿي ويندا هئس. ماڻس گل محمد ڪٻڙي جي هڪڙيءَ قداور ۽ خوبصورت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرائي هئي. اهو ماڻس جو پراڻو خواب هو ته سندس نُنهن کيس اهڙو پٽ ڄڻي ڏيندي جنهن جي پٺيءَ ۾ ڪٻ نه هوندو. (شايد دنيا جا سڀ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن خواب جا قيدي آهن.) پر شاديءَ کان پوءِ ڪُٻڙو گل محمد اڳ کان وڌيڪ ڏکارو ۽ خاموش رهڻ لڳو ۽ هو پنهنجو ڏک ڪنهن کي به ٻڌائي نه سگهيو. هونءَ به سڄي ڳوٺ ۾ گل محمد جو ڪوبه دوست نه هو. پوءِ هڪ رات هو پٺيءَ جي ڪٻ کان آجو پٽ پيدا ڪرڻ کان اڳ ۽ ڪنگيءَ جي مرض ۾ ورتل ڌيءَ جو پيءُ بڻجڻ کان پوءِ جلد ئي پنهنجي دڪان ۾ مري ويو ۽ صبح جو ٻارن کي اهو ڏسي حيرت لڳي ته کٽ تي ستل گل محمد جو ڪُٻ گم ڇو آهي؟... ۽ هنن کيس زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سڌو ستل ۽ ڪُٻ کان سواءِ ڏٺو ۽ ان ڏينهن ٻارن کي گل محمد جي مرڻ کان وڌيڪ دڪان جي بند هئڻ جو ڏک ٿيو هو ۽ گُل محمد جي ماءُ جيستائين جيئري هئي ايستائين ڪڏهن به ڪنهن سان به ڳالهائي نه سگهي. سندس اکين ۾ هميشه لاءِ هڪڙو خال رهجي ويو ۽ هو ان نتيجي تي اوچتو نه پهتو هو پر ڪيترن ئي ننڍن وڏن مرحلن مان گذرڻ ۽ دائرن مان نڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتو هو ته ماڻهو جيترو کلندو آهي کيس اوترو ئي روئڻو پوندو آهي. جيترو ڳالهائيندو آهي اوترو ئي کيس چپ رهڻو پوندو آهي. ماڻهو نه ڪو ڳڻي ٽهڪ ڏيندو آهي نه ئي ڳڻي ڳوڙها روئندوآهي.
    هو آپريشن ٿيٽر جي ڀر واري ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ سرجن جو اسسٽنٽ سندس بلڊ پريشر چيڪ ڪري کيس آپريشن لاءِ ”اوڪي“ ڪري چڪو هو. سامهون روشندان جي چوڪور دري کليل هئي جنهن مان آسمان جو هڪ ننڍڙو نيرو ٽڪرو ۽ ان جي هيٺان هڪ بلند عمارت جي ڇت صاف نظر پئي آئي.
    آسمان ۾ اڇا ڪڪر پئي ڀٽڪيا ۽ عمارت جي ڇت تي سُرمئي پاريهل ويٺو هو. هو روشندان جي چوڪور دري مان پاريهل جي گول اکين ۾ ڏسندو ڪمري مان ٻاهر نڪتو ۽ پاريهل جي اکين جو حصو بڻجي ويو. اسسٽنٽ ڊاڪٽر کيس آپريشن ٿيٽر جي بيڊ تي ليٽائي ٻانهن ۾ بلڊ پريشر جو پٽو ٻڌي اينيسٿيزيا واري ڊاڪٽر ڏي نهاريو ۽ ٻئي پل هوُ ڪبوتر سان گڏ ڇت تان اڏاڻو ۽ اڇن ڪڪرن ۾ داخل ٿي ويو... ڪڪرن جو ڌنڌ گهاٽو هو. جن مان نه پوئتي ڪجهه ڏسڻ ۾ ٿي آيو نه اڳتي.. ماضي ۽ مستقبل معدوم ٿي چڪا ۽ رڳو حال موجود هو. ڪنهن سندس وات ۽ نڪ تي آڪسيجن جو ماسڪ چاڙهيو ته ڪڪرن جو ٿڌو تهه سندس اکين جا ڇپر ڇهڻ لڳو. اها هڪ ٿڌي ۽ نيري دنيا هئي. جنهن ۾ ڪجهه پراڻا ۽ ڪجهه گهٽ پراڻا آواز هئا... جيڪي آهستي چٽا ٿيندا پئي ويا. ڪجهه چهرا هئا. ڏٺل وائٺل چهرا... اجنبي چهرا.. ڌنڌلا چهرا... اکيون... چپ... لهجا.... بي خبريءَ جو ڌنڌ.... ياد گيرين جو ڄارو....آوازن جو لمس.
    ساڳيو شهر...
    ساڳيو آسمان...
    ساڳي گهم..
    ساڳيون اسپتالون...
    ساڳيا ڊاڪٽر...
    ساڳيو سمنڊ...
    ۽ اک ۾ ساڳيو خواب...
    کاٻي اک جو خواب..
    جيڪو هو اکين ۾ کڻي ڪيئي ڏينهن ڪيئي راتيون هن ئي شهر جي رستن تي رلندو رهيو.... ڀٽڪندو ۽ ڀلجندو رهيو...
    ها امان هتي جناح جو مقبرو آهي. عبدالله شاه غازي جي درگاه آهي. سمنڊ آهي. سمنڊ جو پاڻي نيرو آهي. نيري پاڻي ۾ لهرون آهن. لهرن ۾ وڏا غوراب آهن ... غورابن ۾ قنديلون آهن. قنديلن کي ٿڏو لڳي ٿو. قنديلون ٻرن ٿيون. وسامن ٿيون. ٺهن ٿيون ۽ ڊهن ٿيون. نيٽي جيٽيءَ جي پل تي فانوس ٻرن ٿا. سمنڊ ڦٿڪي ٿو. فانوس وسامن ٿا . چنڊ ٻري ٿو. چانڊوڪيءَ ۾ سمنڊ چانديءَ جي چادر جيان چمڪي ٿو. پُل تي بيٺل ماڻهوءَ کي سمنڊ سڏي ٿو..... مان اچان ٿو مان اچان ٿو. لهرون لڇن ٿيون. سمنڊ ڦٿڪي ٿو. چنڊ ٻري ٿو.
    اي ماءُ ٻڌاءِ مون کي ..
    هي درد ڪٿان آيا؟
    اي ماءُ ٻڌاءِ مونکي؟
    اي ماءُ ٻڌاءِ مونکي.....
    اي ماءُ.....
    اي..
    اکين ۾ ڀرجي ڀرجي ايندڙ ڳوڙها...
    گلي ۾ ڳنڍ بڻجي ويندڙ آواز...
    پيارا شاعر تو هي سٽون ڪنهن جي لاءِ لکيون آهن.؟
    پنهنجي لاءِ؟
    منهنجي لاءِ؟
    ڪنهن ٻئي لاءِ؟
    اهُو ٻيو ڪير آهي؟
    اهُو ٻيو تون آهين؟
    اُهو ٻيومان آهيان؟
    اي ماءَ ٻڌاءِ مونکي.....
    امان مون کي اک ۾ سور آهي.
    ڊاڪٽر صاحب منهنجي آپريشن ٿي سگهي ٿي؟
    مان تنهنجي ڀرسان آهيان.... منهنجا راڻا...
    امان مون کي بخار ٿي پيو آهي....
    الماس تون ڪٿي آهين؟ ڏس مان تختا تختا ٿي ويوآهيان... مان رستا رستا ٿي ويو هان.
    ڪاش امان اڄ تون هجين ها! ڏسين هان.... منهنجي کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان ڏسين هان!..
    مٿي ۾ ۾ ڏاڍو سور آهي... الا ڄڻ مٿو ڦاٽي ٿو... الا... آ....
    راڻا تنهنجو مٿو منهنجي هنج ۾ آهي...
    نه امان ڇوڪري جو آپريشن نه ٿيندو..
    ڇو ابا ڇو؟ هان ڇو نه....
    امان اک ۾ ماڻڪيءَ جي پيوند ڪاري ٿيندي... ڪراچي ۾....
    امان مونکي ماسي مريم جو پٽ گاريون ٿو ڏيئي.....
    امان منهنجي ساڄي اک ۾ ڇاهي؟..
    ٻيا ٻار ڇو ٿا نهارين منهنجي ساڄي اک ۾...
    ڌوڙ آهي دينوءَ جي منهن ۾.... تون منهنجو راڻو آهين راڻو...مان رستا رستا ٿي ويو آهيان...
    مور جي کنڀن جو مينهن ٿو وسي. ريل گاڏي بيٺي آهي...
    نه بيٺي نه آهي
    ٻه ٻه پئسا ڇهه ڇهه پايون.
    نه جانان ملين هان، نه ڀٽڪان ڳليون هان
    نه ئي درد جون ٿي وڌان مان وليون هان
    الماس تون مونکي پوتيءَ ۾ ويڙهي نه سگهينءَ.....
    مٿي ۾ سور آهي اٽ از اوڪي... يس... نارمل.... امان ڏس تنهنجي دعا اگهامي وئي آهي... ڪاش..... امان... مون کي روئڻ ٿو اچي... منهنجي دل ڪچي ٿئي ٿي الاءِ ڇا لاءِ.... ڇو دل اداس اداس آهي... درد ڪوئي آس پاس آهي...
    نه راڻا... نه روء.... مان توسان گڏ آهيان.... منهنجا راڻا... هي ڏس تهنجي وارن ۾ آڱريون ٿي ڦيريان... امان... الا... مٿي ۾ سور آهي.... الٽي ٿي اچي... اوي ڊسٽبن پليز.... ٽشو... ناشتو دير سان ڪيوآهي... اوڪي.... اسٽريچر تي شفٽ ڪري روم ۾ کڻي هلو... اوڪي... اکيون کوليو.... شاباش... دئٽ از گوڊ.... مبارڪ اٿؤ.... خرچي... هن اکيون کولڻ چاهيون... کولي نه سگهيو... وري به ڪوشش ڪيائين... ۽ پوءِ نيري آسمان مان هيٺ لهي ڇت تي اچي ويٺو ۽ پاريهل جي اکين مان واپس موٽي آيو.... ۽ پاڻ کي بيڊ تي ليٽيل ڏٺائين. سائي ڊريس پاتل... ساڄي اک تي پٽي ٻڌل... کاٻي اک کليل.... ٻانهن ۾ ڊرپ... دل ڪچي.... نڪ ۾ ڪنهن دوا جي بوءِ... ڌنڌلا چهرا آهستي آهستي چٽا ٿيندا ويا.... چهرن تي مرڪون... ٽهڪ.... خوشي.... ڀائر... دوست.... سرهائيءَ جو پل.... اهوئي سندس کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان جو پل هو.... پر هو پاڻ خوش نه هو. هو ناخوش هو، اداس هو، اها اڌوري خوشي هئي.... انهيءَ خوشيءَ جي پٺيءَ ۾ ڪُٻ هو. اها ڪُٻڙي خوشي هئي. کاٻي اک جي خواب جي ساڀيان ٿيڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي. ايستائين هو پنهنجي حصي کان ٻيڻي اذيت ڀوڳي چڪو هو.
    اها ڪٿي هئي جيڪا راتيون جاڳي دعائون گهرندي هئي.. اي منهجا رب منهنجي راڻي جو عيب مٽاءِ!
    سدائين پئي ڊاڪٽرن حڪيمن جا پنڌ پُڇائيندي هئي. مرشدن منگتن جا هٿ ڌوئاريندي هئي. جتان ڪو ڏس پتو ملندو هئس ان تي عمل ڪندي هئي. ڪڏهن ڏاڙهونءَ جا ساوا پن گهرائي اُکريءَ ۾ ڪٽي لپري ٺاهي پئي اک تي ٻڌندي هئس. ڪڏهن سرينهن جي ساون پنن جو پاڻي ڪڍي اک ۾ پئي وجهنديس.... ڪڏهن ٽيليفون جي ٿنڀن تي لڳل چينيءَ جو ڪوپ ڪُٽي سنهو ڪري سُرمي وانگر اک ۾ پارائينديس....
    اها ته پنهنجي سمورين خواهشن، خوابن، ۽ دعائن سميت مٽيءَ جو حصو بڻجي چڪي هئي.
    رڳو سندس اکين ۾ اها خواهش ئي نه رهجي وئي ته سندس پٽ جي اک اکين جهڙي نه ٿي سگهي پر سندس اکين ۾ وسند جوڳيءَ جو انتظار به رهجي ويو جنهن کيس چيو هو ته ”امان الله تنهجي لڄ رکي. منهنجو الله ڪندو ته تون مرشد گوگي چوهاڻ جي دعا سان پٽ ڄڻيندينءَ..... سندس کاٻي هٿ جي پُٺيءَ تي منهنجي آڱوٺي جو نشان هجي ته ٽُڪ جي ڀلي رلهي منهنجو حق اٿئي. آئون وري ٻارهين مهيني او جڏهن واهوندا ورندا ته ايندُس.“ موسمون آيون ۽ گذري ويون هوءَ ٽُڪ جي ڀلي رلهي سانڍي اوسيئڙو ڪندي رهي پر وسند جوڳي نه موٽيو ۽ اها خبر ته دراصل هوءَ جوڳيءَ جي ماءُ آهي کيس گهڻي ديرسان تڏهن پئي جڏهن کٽ ڀيڙي ٿي چُڪي هئي ۽ اڪثر ڊگهي خاموشيءَ جي گهيري ۾ رهڻ لڳي هئي.... ۽ هڪ شام کيس پنهنجي کٽ جي پيرانديءَ کان ويٺل ڏسي اٿي ويٺي هئي ۽ سندس کاٻو هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺي ان جي پٺيءَ تي چمي ڏيندي کيس سندس هٿ مان وسند جوڳيءَ جي خوشبو آئي هئي... نه رڳو کيس وسند جوڳيءَ جي خوشبو آئي هئي پر ان شام مٿس اهو انڪشاف به ٿيو هو ته سندس ننڍڙي پُٽ جي اندر ۾ نانگ جو زهر به آهي.... ۽ تخليق جو ترياق به آهي... سندس ڪلهي تي بيک جي بگري به آهي ته هٿ ۾ رولاڪيءَ جي قندري به آهي. ۽ سندس پيرن ۾ صحرا جو ٿڪ به لکيل آهي ۽ ها سندس هٿ جي لڪيرن ۾ کاٻي اک جي خواب جو ڏک به تحرير ٿيل آهي... ۽ ان مهل هوءَ چاهيندي به پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي هئي. پر ايستائين گهڻي دير ٿي چڪي هئي. اهي سندس آخري لڙڪ هئا. اها سندس آخري نهار هئي ۽ اها سندس آخري چمي هئي. پوءِ هن اکيون ٻوٽي ڇڏيون هيون. هوءَ کاٻي اک جي خواب ۽ کاٻي هٿ جي ڏک کان بي خبر نه هئي.تڏهن هو نائين درجي جو شاگرد هو.
    ۽ تڏهن کيس اهو ته معلوم هو ته ماڻهو ڄمندا آهن. ۽ مرندا به آهن ايئن جيئن ٻار ۽ ٻڪرين جا ڦرڙا ڄمندا آهن، پکي آني مان ڦٽندا آهن. ۽ کيس اهو به معلوم هو ته ٻارن جا پيئر مري ويندا آهن ۽ مائرون به مري وينديون آهن.
    پر کيس اهو معلوم نه هو ته مائرون مري وينديون آهن ته ڇا ٿيندو آهي. اهو کيس پهريون ڀيرو معلوم ٿيو ته جڏهن مائرون مري وينديون آهن ته ٻار ايترو روئندو آهي جو روئي روئي صفا ٿڪجي پوندو آهي. پر پوءِ به روئڻ چاهيندو آهي پر روئي نه سگهندو آهي ۽ روئي نه سگهڻ ڪري اڃان وڌيڪ روئڻ ايندو اٿس. ۽ کيس اهو اڃان گهڻو پوءِ معلوم ٿيڻو هو ته جن ٻارن جون مائرون مري وينديون آهن. اهي ڪڏهن به وڏا ٿي نه سگهندا آهن. انهن جي اندر ۾ هميشه لاءِ هڪڙو وڏو خال رهجي ويندو آهي. هو جڏهن کان سمجهه جهڙو ٿيو هو تڏهن کان پنهنجي آس پاس ماءُ کي ڏٺُو هئائين. ۽ کيس گهڻو ڪري پاڻ ڏي موهه مان نهاريندي مرڪندي ڏٺو هئائين. ۽ هن جي لاءِ ماءُ جو ٻيو مطلب ۽ ٻي معنيٰ هئي. ”هر وقت سڄاڳ، زنده ۽ مرڪندڙ“ هن ۾ هڪ ”سجاڳ، زنده ۽ مرڪندڙماءُ“ جي عادت پئجي چڪي هئي. شايد هر ٻار هڪ ”سجاڳ زنده مُرڪندڙ ۽ هر وقت ڪنهن نه ڪنهن ڪم ۾ مصروف ماءُ“ جو عادي هوندو آهي. جنهن کا سواءِ نه کيس ننڊ ايندي آهي نه خوشي ٿيندي آهي، نه ماني وڻندي آهي، نه راند روند سان دل لڳندي آهي. سندس سڀ خوشيون هڪ سجاڳ، زندهه ۽ مرڪندڙماءُ سان مشروط ٿي وينديون آهن. هن هميشه ماءَ کي جاڳيل ڏٺو۔ صبح کان رات تائين جنهن مهل به کيس ڏٺو هوندائين سجاڳ ڏٺو هوندائين. ڪنهن مهل ٻهارو پئي ڏيندي ڪنهن مهل ڪپڙا پئي ڌوئندي يا رلهي پئي سبندي. ڀرت پئي ڀريندي يا قرآن شريف جو دور پئي ڪندي يا رڌڻي ۾ ڪجهه رڌيندي پئي.
    هن ورلي ڪو ماءُ کي هڪ هنڌ چپ ڪري ويٺل يا ننڊ پيل ڏٺو هوندو.
    اها ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي جڏهن هوءَ بيمار رهڻ لڳي هئي ۽ ڪڏهن ڪنهن ڊاڪٽر ته ڪڏهن ڪنهن حڪيم جون دوائون کائڻ لڳي هئي ته پوءِ اڪثر ڇپر واري گهر ۾ کٽ تي ستل نظر اچڻ لڳي هئي ۽ انهن ڏهاڙن ۾ اڪثر چُپ چُپ به رهڻ لڳي هئي ۽ اکين ۾ اداسيءَ جا پاڇولا رهڻ لڳا هئس نه ته هونءَ هر وقت سجاڳ ۽ گهر جي هر ڪنڊ پاسي ۾ موجود يا دالان ۾ آڳر ۾ هلندي ڦرندي نظر ايندي هئي.
    البت ڪڏهن ڪڏهن جون جولاءِ جي منجهند ۾ کيس آڳنڌ واري گهاٽي نم جي هيٺان پوتيءَ جو پلئه منهن تي ڏئي ستل نظر ايندي هئي. ۽ ٻارن کي ته گهڻو ڪري منجهند جو ننڊ ڪونه ايندي آهي. الاءِ ڇو؟ هن کي به منجهند جو ننڊ ڪونه ايندي هئي. ۽ هو ماءُ کي ننڊ ۾ ستل ڏسڻ نه گهرندو هو. (هو هڪ سجاڳ ماءُ جوعادي هو!) سندس ڀر ۾ ليٽي پوتي مٿان ورائي سندس چولي مان هٿ اماڻي سندس پيٽ تي ڪتڪايون ڪندو... اُرهن ۾ وات وجهندس.... پيٽ جي لسي چمڙيءَ تي پنهنجو منهن ۽ ڳل رکندس... هوءَ کيس پري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته هو وڌيڪ زور سان ڀاڪر ۾ قابو ڪندس.... ڳچيءَ تي چميون ڏيندس... پيٽ تي نڪ گسائيندُس. ننڍڙي ٻلونگڙي وانگرگوڏا ڏيئي مٿان چڙهي ويندس.” اٿين ڇونه ٿي پوءِ... هان اٿي“ ارهن ۾ منهن هڻندي ۽ چمڙي جي سرهاڻ سنگهندي چوندس... ”اڙي ابا.. ڇڏ مون کي... پاڻ ته نه ٿو سمهين.. مون کي به ننڊ ڪرڻ نه ٿو ڏين... ڇڏ مونکي“ هوءَ کيس پاڻ کان پري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ کيس ڇاتيءَ تي زور ڏيئي پنهنجو چولو هيٺ ڪندي چوندي ” ”نه امان اٿي... بس اٿي...“ هو سندس ڳچيءَ ۾ چنبڙي پوندو.
    ”پر تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي مون ۾ .. ڀلا اٿي ڇا ڪيان“ هو پيار ڀري ڪاوڙ مان چوندي”بس امان اٿي... ڪم ته ناهي.. پر تون اٿي ويهه سمهه نه. تون سمهين ٿي رهين ته مون کي الاءِ ڇا ٿو ٿئي“ نيٺ هوءَ مٿان پيل پوتي لاهي چولو سولو ڪري اٿي ويهندي...
    ۽ هوءَ اٿندي ته هو کٽ تان لهي وري راند روند ۾ مشغول ٿي ويندو..... ۽ هوءَ ڏانهس ڏسي مُرڪون مُرڪون ٿي ويندي.
    پر ان شام هوءَ ننڊ مان نه اٿي، توڻي جو هن سيني تي مٿو رکي کيس ڪافي سڏ ڪيا..... سندس زندگيءَ ۾ ايئن پهرين ڀيرو ٿيو هو جو هن سندس سڏ نه ورنايو. سندس چوڻ تي سجاڳ نه ٿي. منهن تي پوتي وجهيو نم جي ڀرسان ساڳيءَ کٽ تي گهري ننڊ ستي پئي هئي. سڀني چيو پئي ” کٽ تي لاش پيو آهي“ ڪنهن به ايئن نه پئي چيو ته ” کٽ تي راڻي جي ماءُ ستي پئي آهي“ هن ان کان اڳ ڪڏهن به ڪنهنجو لاش نه ڏٺو هو. اوڙي پاڙي ۾ ڪوئي موت فوت ٿيندو هو ته رڳو وڏيءَ عمر واريون عورتون ۽ مرد ويندا هئا... ”ٻارن کي لاش ڏسڻ نه گهرجي“ اهو جملو هن ڪافي دفعا ٻڌو هو. ۽ اهو سوال سندس ذهن ۾ تيليءَ وانگر ٻري پوندو هو ته آخر ٻارن کي لاش ڇونه ڏسڻ گهرجي؟؟ هو اڪثر سوچيندو ”ڇا ٻار لاش جي ڪائي شئي کڻِي ويندا آهن؟“
    ”نه ته ڀلا ٻارن مان آخر لاش کي ڪهڙو خطرو آهي؟“ ۽ هو اڪثر چاهيندو هو ته ڏسان ته لاش ڪيئن هوندو آهي. سالن کا پوءِ سندس پُراڻي خواهش پوري ٿي هئي. هاڻي سندس گهر ۾ ئي لاش موجود هو.. ۽ کيس سندس گهر ۾ پيل لاش ڏسڻ کان ڪير به روڪي نه پئي سگهيو؟؟ آخرڪار اهو سندس پنهنجي ماءُ جو لاش هو. هو گهر جي ڪنڊ ۾ اوڪڙون ويٺو سوچي رهيو هو ”معنيٰ هاڻي مان ڪڏهن به ’امان‘ چئي نه سگهندس“ ۽ هو مسلسل دل ئي دل ۾ اچارڻ لڳو. ”امان.... امان.... امان..“ ڄڻ هو پنهنجي هٿن مان نڪري ويل هڪ قيمتي لفظ کي اچاري پنهنجي سيني ۾ قابو ڪرڻ ۽ يادگيريءَ ۾ سانڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ان پل ئي پهريون دفعو کيس سمجهه ۾ آيو ته اهو لفظ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قيمتي، خوبصورت ، مِٺو ۽ سوادي لفظ آهي ۽ اهو محض لفظ نه آهي پر احساس آهي. ڄڻ هڪ وڻندڙ خوشبو آهي .... هن گهر جي ڪُنڊ مان نڪرڻ نه پئي چاهيو. گهر جي ڪُنڊ سان سندس پراڻو ۽ گهرو تعلق هو (کيس اڄ به ايئن لڳندو آهي ته گهر جي ڪُنڊ در اصل گهر جي دل هوندي آهي. ماڻهوءَ کي دل جي ڪُنڊ ۾ ڪو ڏک جو ڪنڊو چڀندو آهي ته هو گهر جي ڪنڊ جو رخ ڪندو آهي. ڇو ته اکين جي ڪُنڊن مان ڳڙندڙ ڳوڙهن کي فقط گهر جي ڪنڊ ئي سمجهي سگهندي آهي. ٻيو ڪير به نه)
    هو شروع کان وٺي جڏهن به ڪنهن ڳالهه تان ڏکارو ٿيندو هو ته ڊوڙي اچي گهر جي ڪنڊ ۾ ڀت ڏي منهن ڪري بيهندو هو. ۽ ايسيتائين ٻاهر نه نڪرندو هو جيستائين روئي ڍءُ نه ڪندو هو. يا جيستائين ڏک گهٽ نه ٿيندو هئس .. يا جيستائين ماڻس اچي پٺيان ڀاڪر پائي پڇندي نه هئس ” ڇو راڻا ڇا ٿيو آهي ؟ ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا. هان ٻڌاءِ.“ تڏهن هو سڏڪا ڀري روئي پوندو ۽ هوءَ ٻنهين اکين تي هڪ هڪ چُمي ڏئي گهر جي ڪنڊ مان ٻاهر وٺي ايندس. هڪ چُمي ساڄي اک تي . هڪ چُمي کاٻي اک تي.
    ۽ ان ڏينهن به هو گهر جي ساڳيءَ ڪنڊ ۾ بيٺو هو. پر منهن ڀت ڏي نه هئس. ڇو جو خبر هئس ته اڄ هوءَ کيس پرچائڻ نه ايندي. ۽ ڀاڪر پائي اهو نه پڇنديس ته ’ راڻا ڇا ٿيو آهي ... ڪنهن ڪجهه چيو اٿئي ڇا‘ ۽ نه ئي هڪ چمي سندس ساڄي اک تي ۽ ٻي چمي کاٻي اک تي ڏينديس . ”مان هڪ گدلو ٻار آهيان“ هن مٽي هاڻا هٿ ڪپڙن سان اگهندي چيو ”گدلن ٻارن جي ماءُ مري ويندي آهي“ مُلياڻيءَ چئوطرف کٽون اُڀيون ڪرائي انهن جي مٿان رلهيون وجهرائي لاش کي تڙ پئي ڏياريو. رکي رکي پاڻيءَ جي ڇُلڪي ۽ ملياڻي جي ڪلمن پڙهڻ جو آواز گڏوگڏ اڀرڻ ۽ ٻڏڻ ٿي لڳو. ڪنهن ڪنهن مهل ڪنهن عورت جي روئڻ جو ۽ ٻارن جي رڙين جو آواز به اڀرڻ ٿي لڳو.. ۽ پاڻيءَ جي ڇُلڪي ، ملياڻيءَ جي ڪلمن ، عورتن جي روئڻ ۽ ٻارن جي گوڙ جو آواز پاڻ ۾ ملي ڪنهن اداس ۽ ڏکاري ڌن جو احساس پئي پيدا ڪيو. آسمان خالي هو ۽ هميشه وانگر هوا جي جهوٽن تي نم جون ٽاريون لڏي رهيون هيون. ۽ پکي هميشه وانگر پنهنجي ڌن ۾ اڏامي رهيا هئا ۽ ٻوليون ٻولي رهيا هئا ... ۽ انهن سڀني آوازن جي وچ مان رستو ٺاهي جيڪو آواز سندس ڪنن تائين پهتو اُهو سندس پيءُ جو آواز هو... ان مهل تائين کيس اندازو نه هو ته اُهو آواز کيس هميشه ياد رهجي وڃڻو هو. هُن اڀين کٽن جي ڀرسان بيهي وڏي آواز ۾ مُلياڻيءَ کي پاڻيءَ جا ڪؤنرا ڀري ڏيندڙ ويجهي مائٽياڻيءَ کي چيو پئي ” ادي هدايت ڀاڄاهئين جي ڪنن جون واليون ۽ منڊيون هٿيڪيون ڪجان... متان هيڏي هوڏي نه ٿي وڃن“ موٽ ۾ هُن چيس ” ها . ادا .. ها... هٿيڪيون .... آهن... تون ڳڻتي نه ڪر.... لکن جهڙي ڀاڄائي هلي وئي.. باقي سون کي باه ڏينداسين ڇا ... پيرن فقيرن کان پني رب کان پٽ ورتائين انهن جون اميدون به نه ڏٺائين.. سوير ئي وڃي سکي ٿي“ گهڙي کان پوءِ کير جهڙي اڇي ڪفن ۾ ويڙهيل سندس ماءُ جو لاش گهر جي آڳنڌ ۾ کٽ تي رکيل هو. ” ٻارن کي سڏيو ته اچي ماءُ جو منهن ڏسن. الا ڪئين نه جرڪيس ٿو پيو منهن ڄڻ ننڊ ستي پئي آهي“ ڪنهن عورت جو مصنوعي حد تائين ڏکارو ۽ تيز آواز اڀريو جنهن ۾ تڪڙ ۽ ٿڪاوٽ جو احساس نمايان هو. هو گهر جي ڪنڊ مان آهستي آهستي اُٿيو ۽ وڌي اچي ماءُ جي لاش جي ساڄي پاسي کان بيٺو. ماءُ جي ساڄي پاسي کان اچي بيهڻ سندس شعوري چونڊ ته نه هئي پر ڪنهن حد تائين چونڊ ضرور هئي. لاشعوري ئي سهي. شايد هو پنهنجي اندر ۾ گهڻي گهرائيءَ تائين کاٻي اک جي خواب کان ڊنل هو. آسمان ڪڪرن سان ڀريل هو ڄڻ اهو به روئڻ لاءِ بيتاب هجي. ۽ هوءَ اهڙي گهري ، مٺي ۽ پُرسڪون ننڊ ۾ ستل هئي جو اهڙي ننڊ ۾ هُن کيس اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. اهڙي پڪي ۽ گهري ننڊ جنهن مان کيس ڪو به گوڙ شور جاڳائي نه ٿي سگهيو. ۽ ماءُ جي ٻوٽيل اکين ڏي ڏسندي پاڻ کان پڇڻ لڳو ته ماڻهو مري ويندو آهي ته سندس خواب ڪيڏانهن ويندا آهن؟ ڇا خواب به اکين سان گڏ مري ويندا آهن؟ يا اهي خواب خانه بدوشن وانگر ڀٽڪندا رهندا آهن؟؟ کيس پنهنجي سوال جو جواب نه مليو.


    7

    ” ته معنيٰ اڄ کان پوءِ مان امان کي ڪڏهن به ڏسي نه سگهندس. ۽ نه ئي وري ڪڏهن ’ امان ‘ چئي سگهندس“ هن جي دل جي ڪنڊ ۾ ڏک جا دائرا ٺهڻ ۽ ڊهڻ لڳا، ۽ ڊهي وري ٺهڻ لڳا. هاڻي مان ڪڏهن به امان جو آواز ٻڌي نه سگهندس. ڪڏهن به امان جا خوبصورت موتيءَ جهڙاسفيد ڏند، ڊگها گهاٽا وار، مهربان چهرو، نرم ڳل، ڳلن جو چگهه، کاڏيءَ جو تر، ٻاجهاري مرڪ، مرڪڻ مهل منهن ۾ پوندڙ مختصر گهنج ۽ سدائين جآڳنڌڙ اکيون ڏسي نه سگهندس... ۽ اها نرم ۽ گرم ڳچي به جنهن ۾ ٻانهون وجهي لڙڪي پوندو هئس ۽ ايستائين ٻانهون نه ڪڍندو هئس جيستائين امان مون کي چُمي ڏئي منهنجو مطالبو پورو نه ڪندي هئي... چڱو هاڻي هيٺ لهه... گهڻو هيج نه ڪر .. ڏيانءِ ٿي خرچي ... ۽ سندس ڳچيءَ جي خوشبو ..۽ سندس ڇاتيءَ تي ڪن رکي سندس دل جو ڌڙڪو ٻڌڻ ... ۽ کيس چوڻ .. امان تون ڪجهه ڳالهاءِ .. ڇو ته .. ڇا ڳالهايان ته؟ ... ۽ انهيءَ آواز جو سندس سيني مان ڪنهن پڙاڏي وانگر اڀرڻ ... ۽ اڀري وري ٻڏي وڃڻ. سندس نرم ۽ لسو پيٽ... ۽ سندس پيٽ تي لسڻن جا نشان ... جيڪي عورتن کي پيٽ سان ٿيڻ مهل پيدا ٿيندا آهن ۽ ٻار ڄمڻ کان پوءِ به اتي ئي رهجي ويندا آهن. جيئن ڪجهه وقت لاءِ سمنڊ جي ڪنارن تي واريءَ ۾ ڇولين جا نشان رهجي ويندا آهن... ۽ چولي مان هٿ اماڻي سندس نرم اُرهن کي قابو ڪرڻ ۽ منڍي چولي مان اندر ڪري انهن کي ڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ... جنهن تي امان جو کلندي مون کي پري ڪندي دهمان جي انداز ۾ چوڻ ... ”ڇورا چريو ٿيو آهين ڇا... هيڏو سارو ٿيو آهين.... عقل ڪر. ماڻهو ٿو کلائين پاڻ تان.. ننڍڙي هوندي نصيب ڪونه ٿيئي هاڻي ٿو سڪ لاهين.“ سڀ ڪجهه گهڙيءَ کانپوءِ مٽيءَ جي حوالي ٿي ويندو ۽ مان اسڪول مان موٽندس ته کيس زور زور سان سڏ نه ڪري سگهندس .. ”امان .. امان .. ڪٿي آهين ... ماني ڏي جلدي ڪر ... امان ڏاڍي بک لڳي آهي ...“ ۽ هُن جو پاٻوه مان چوڻ ....’ گهوري بک ... ابا کوڙ ماني ... تون ويهه ته سهي‘ سڀ ڪجهه ... سڀ ڪجهه مٽيءَ جي حوالي ٿي ويندو.. اکيون ڀرجي آيس. هن ماءُ جو آواز ، لهجو ۽ لفظ پنهجي يادگيريءَ ۾ محفوظ ڪرڻ چاهيا... ۽ کيس حيرت لڳي ته سواءِ سندس لهجي جي کيس ٻيو ڪجهه به ياد نه هو.. نه لفظ.. نه جملو ... نه ڳالهيون... کيس لڳو ته سندس ماءُ زندگيءَ ۾ ڏاڍو گهٽ ڳالهايو.. سندس ڏک ڏهوڻو ٿي ويو. اهو ويسر جو ڏک هو. ۽ ويسر جي ان ڏک واري لمحي ۾ هن پاڻ سان واعدو ڪيو ته ’مان وڏو ٿيندس ته امان جي قبر تي هڪ خوبصورت ڪتبو لڳرائيندس .. ۽ ان تي لکرائيندس ” هيءَ ان عورت جي قبر آهي جنهن زندگيءَ ۾ تمام ٿورڙو ڳالهايو “ پر کيس معلوم نه هو ته سندس اهو واعدو به هڪ ڏينهن ويساري جي ور چڙهي وڃڻو هو. ماءُ جي منهن ڏي ڏسڻ لڳو. ڳوڙهن سان ڀريل اکين ۾ ماءُ جو چهرو محفوظ ڪرڻ ٿي گهريائين. وٽس ماءُ جو ڪو فوٽو به ته ڪو نه هو. ”جلدي ڪيو.. کٽ کڻو .. سج ٿو لهي“ ڪنهن مرد جو آواز اڀريو .. ته هن جا لڙڪ وهي آيا، ان مهل ملياڻي ڦڙتيءَ سان لاش جي ڀر ۾ اچي سوڳوار انداز ۾ پر اعلانيه طريقي سان چيو ”ٻارو ماءُ کان ٿڃ ته بخشرايو ... موڪلاڻيءَ جي مهل آهي“ پر ڪيئن؟ چئو ته ” امان اسان کي پنهنجي ٿڃ بخش ڪجان.“ ملياڻيءَ چيو. سندس هڪ ڀيڻ ۽ ٻنهين ڀائرن ملياڻيءَ جا لفظ ورجايا ”امان اسان کي ٿڃ بخش ڪجان“ پر هُو خاموش بيٺو رهيو. جهڙو پٿر ... بي جان ... ساڪت هو. ماءُ کان ٿڃ بخشرائي نه سگهيو. پر آخر ٿڃ بخشرائي به ڪيئن ها؟ ماڻس اڪثر ٻڌائيندي هئس ”راڻا جڏهن تون ڄائو هئين تڏهن مان بيمار هئس منهنجي ٿڃ سڪي وئي هئي. تون ٻاهريون کير پي وڏو ٿيو هئين.“ هن ماءُ جي ٿڃ پيتي ئي نه هئي ته بخشرائي ڪيئن ها؟ ۽ ملياڻيءَ سميت ڪنهن به سوڳوار مرد توڙي عورت کي اهو معلوم ئي نه هو ته ماءُ جي ارهن مان چڳڙون ڏيئي ٿڃ نه پي سگهڻ جي محرومي اڳتي هلي کيس ڪهڙي ۽ ڪيڏي اڃ ۽ رڃ ۾ رلائڻ واري هئي. هو چپ بيٺو رهيو. ٿڃ بخشرائڻ لاءِ نه وٽس ارادو هو نه لفظ هئا. شايد ارادو ئي لفظ ڳوليندو آهي.... ۽ سندس ڌيان جنهن شخص جي سڏڪي پاڻ ڏي ڇڪايو اُهو شخص سندس لاءِ اجنبي ته نه هو پر کيس ان کي سڃاڻڻ ۾ ڪافي ڏکيائي محسوس ٿي. ڇو ته هن کيس گهڻي وقت کان پوءِ ڏٺو هو. اصل ۾ اُهو ٻٽون ڪٽ اڇن وارن ۽ اڇي ڏاڙهيءَ وارو پوڙهو ماڻهو سندس نانو هو. جيڪو هميشه سفر ۾ رهندڙ هڪ سيلاني هو. جنهن کي پنهنجي سموري اولاد مان وڌ ۾ وڌ پيار پنهنجي ان ڌيءُ سان هو جنهن جي لاش تي بيٺو هو. سندس اولاد مان سندس اها ڌيءُ وڌيڪ سياڻي ، سگهڙ ۽ پڙهيل لکيل هئي. هوءَ ئي ساڻس سڄي اولاد منجهان وڌيڪ پيار ڪندي هئي ، سندس خيال رکندي هئي ، سندس ڳالهيون سمجهندي هئي ۽ سندس اونو رکندي هئي. هوُ جڏهن به ڪيترن ئي مهينن بلڪه سالن جي سفر کان پوءِ ڪٿان واپس موٽندو هو ته سڀ کان اول پنهنجي انهيءَ ڌيءَ وٽ ايندو هو ۽ کيس پنهنجي سفر جا قصا ٻڌائيندو هو. هو کيس پنهنجي ڀر ۾ ڏسي اهو سوچي حيران ٿيو ته ” ناني کي امان جي موت جي خبر ڪيئن پئي؟؟“۽ هن اهو سوال ٻئي ڏينهن ئي نانهس کان ڪيو هو ته هن وراڻيو هو ” ڪالهه ٻپهريءَ مهل جنهن وقت تنهنجي ماءِ کي دل جو دورو پيو هو ان مهل مون جابلو پٽ ۾ مينهن کان پوءِ ظاهر ٿيل قيمتي پٿر ۽ جَڙيون ٻوٽيون پئي ڳوليون جو اوچتو مونکي هوا منجهان حادثي جي بوءِ آئي هئي... ۽ مان مُٺيون ڀيڙي وٺي هيڏي ڀڳو هئس. تڏهن اچي ڪالهه تنهنجي ماءُ جو منهن ڏٺم“ ته هن وري پڇيو هئس ”پر نانا توکي حادثي جي بوءِ ڪيئن آئي؟“ تڏهن هن سندس منهن ۾ نهاريندي چيو هو ” جيڪي ماڻهو هڪ ٻئي سان پيارڪندا آهن انهن کي هڪ ٻئي جي ڏک جا پَسڻ پوندا آهن راڻا!.. هيءَ ته موڪلاڻيءَ جي مهل هئي“.. نانهس وڌيڪ ڳالهائي نه سگهيو هو ۽ ننڍڙن ٻارن وانگر اکين تي ٻانهن ڏئي روئڻ لڳو هو. ڄڻ هوءَ سندس ڌيءُ نه پر ماءُ هجي.
    جواڻ جماڻ ماءُ لاءِ روئندڙ پوڙهو پُٽ!
    هن جو گهڻو وقت سندس انهي سيلاني ناني جي صحبت ۾ گذريو هو. اهو سندس نانو ئي جنهن کيس زندگيءَ جي شروعات ۾ ئي زندگيءَ جا راز سمجهايا هئا ۽ کيس ٻڌايو هئائين ته
    ڪوبه ماڻهو،
    ڪنهن به ماڻهوءَ سان،
    ڪڏهن به ڪٿي به،
    ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    پر کيس گهڻو ڪري نانهس جون ڳالهيون سمجهه ۾ نه اينديون هيون. هو جيستائين سندس ڳالهين تي غور ڪرڻ ۽ سمجهڻ جهڙو ٿيو ايستائين سندس نانو هن دنيا ۾ نه رهيو هو. هن جي باري ۾ شروع کان وٺي ماڻهو عجيب ڳالهيون ڪندا هئا ۽ هو حيرت وچان اهي ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ انهن کي ياد رکڻ جي ڪوشش کانسواءِ ياد رکندو آيو هو.
    هن جي پٺيءَ سان سدائين ڪپڙِي جي هڙ رهندي هئي. ان هڙ ۾ هر اها شئي هوندي هئي جيڪا ماڻهوءَ کي مسافري ۾ ڪم ايندي آهي. رستي ۾ هلندي پٽ تي ڪو ڪاغذ يا سگريٽ جو پاٺو پيل ڏسندو هو ته هيٺ جهڪي کڻي وٺندو هو.. ڪاغذ ان لاءِ ته متان ان تي ڪوئي مقدس نالو لکيل هجي . ۽ پاٺو ان لاءِ جو انهيءَ مان هو پنهنجي روزمره جي ڊائري لکڻ واري صفحي جو ڪم وٺندو هو. سگريٽ جا پاٺا ڦاڙي انهن کي سوراخ ڪري ٿلهي ڌاڳي سان پوئي دستو ٺاهيندو . ۽ سندس هڙ ۾ هر وقت اهڙا ٽي چار دستا موجود هوندا... جن تي هو روز رات جو سڄي ڏينهن جي ڪارگذاري درج ڪندو ويندو هو... صبح کان سمهڻيءَ تائين ڇا کاڌائين ، ڇا پيتائين ڇا ڏٺائين .. ڇا ٻڌائين.. ڪنهن سان مليو ڪنهن وٽ ويو... ڪير وٽس آيو.. ڪير مئو.. ڪير ڄائو.. نالو ڇا رکيائونس .. ڪنهن جو مڱڻو ٿيو.. ڪنهن جي شادي ٿي.. سڀ ڪجهه انهيءَ ڊائريءَ جو حصو ٿيندو ويندو... ٻه چار دستا ڀرجي ويندا ته اُهي پنهنجي گهر جي ڀرسان ڌار ٺهيل هڪ ڪکائين جهوپڙيءَ ۾ گڏ ڪندو ويندو.. ان جهوپڙيءَ ۾ رڳو ڊائريون ئي نه هونديون پر مقدس ڪاغذن جا ڍڳ، لوهه جون پراڻيون پيتيون ، پراڻا ڪتاب، ڏاڙهونءَ جون سڪل کلهون ، گدري ، ڇانهينءَ، ول توريءَ ،ٽوهه ، گدامڙيءَ، پپيتي ۽ ٻين ڀانت ڀانت جي ميون ۽ ڀاڄين جون کلهون ۽ ٻج به رکيل هوندا. سڄي جهوپڙي دروازي تائين الاءِ ڇا جو ڇا سان ڀريل هوندي ۽ جهوپڙِي ۾ رات ته ٺهيو پر ڏينهن جو به اونداهي ڦهليل هوندي هئي ۽ منجهس اهڙي گهري اونداهي ۽ پُر اسرار قسم جي خاموشي ۽ عجيب قسم جي بوءِ ڇانيل هوندي هئي جو نانهس کانسواءِ ٻيو ڪير به ان ۾ گهڙڻ جي همت ساري نه سگهندو هو ۽ اها ته گهڻو پوءِ جي ڳالهه آهي جو هڪ اونداهي رات ۾اوچتو ان جهوپڙيءَ ۾ باهه ڀڙڪي پئي ۽ جهوپڙي سڄي سامان سميت سڙي رک ٿي وئي .. ۽ نانهس مرڻ گهڙي تائين جهوپڙي کي لڳل باهه جي ڏک ۾ مبتلا رهيو...۽ نانهس واري ڏک کان مختلف پر ايترو ئي ڏک هن کي به ٿيو جو هن جي، ڪنهن ڏينهن جهوپڙيءَ ۾ داخل ٿي اندر پيل سامان ڏسڻ جي خواهش پوري ٿي نه سگهي. هن لاء اها سڙي ويل جهوپڙي دنيا جي وڌ ۾ وڌ پُراسرار جهوپڙي هئي. ڪنهن کي به ۽ ڪڏهن به اها خبر نه پئي ته جهوپڙي کي باهه ڪيئن لڳي..؟ ماڻهن جو چوڻ هو ته حاجي احمد علي اونداهين راتين ۾ ان جهوپڙيءَ ۾ ڏيئي جي جهيڻي روشنيءَ ۾ هڪ ڄنگهه تي بيهي چلا ڪڍندو ۽ وظيفا پڙهندو هو...ٿي سگهي ته ان ڏيئي مان باهه لڳي هجي..ڪجهه ماڻهو وري ايئن چوندا هئا ته هو ان جهوپڙيءَ ۾ لوڪ کان لڪي سون ٺاهيندو هو..ٿي سگهي ٿوته ٽامي جي ديڳڙيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهه مان ڪا چڻنگ اڏاڻي هجي ۽ جهوپڙيءَ کي باهه لڳي وئي هجي ... ته ڪجهه ماڻهن جو وري اهو خيال هو ته ٿي سگهي ٿو ته ورهين جا ورهيه سون ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن رات ڪاوڙ ۾ هن پاڻ ئي جهوپڙيءَ کي باهه ڏني هجي! پر ان معاملي ۾ ڪنهن کي به ڪا به پڪي خبر نه هئي.
    پر ان ڏينهن پنهنجي ڌيءُ جي لاش جي مٿان بيٺي هو کيس بنهه لاچار، ڪمزور ۽ خالي خالي پوڙهو ماڻهو پئي محسوس ٿيو.
    ”هاڻي کٽ کڻو مينهن ڀريو بيٺو آهي. سج ته هتي ئي لهي ويو... اونداهيءَ ۽ مينهوڳيءَ ۾دفنائڻ ڏکيو ٿي پوندو.“ ڪنهن مرد جو کهرو آواز اڀريو ته ملياڻي لاش جي منهن تي ڪفن ورائڻ لاءِ اڳتي وڌي آئي... پر هن ماءُ جو منهن ڪفن ۾ ڍڪجي هميشه لاءِ سندس نگاهن کان اوجهل ٿيڻ کان هڪ لمحو اڳ هيٺ جهڪي سندس هڪ ڳل تي هڪ چمي ڏيئي ورتي. ٻئي ڳل تي ٻي چُمي ڏيڻ کان اڳ الاءِ ڪنهن کيس ڇڪي پري ڪري ورتو. ”لاش کي چُميون نه ڏبيون آهن.“ الاءِ ڪنهن همدرديءَ وچان چيو ۽ سندس ماءُ جو منهن ڪفن ۾ ڍڪجي ويو. روشني اونداهيءَ ۾ ڍڪجي وئي ۽ ٻئي لمحي هو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته ’مون امان جي ساڄي ڳل تي چُمي ڏني الاءِ کاٻي ڳل تي؟‘ پر کيس ياد نه آيو ۽ اها ويسر کيس هميشه لاءِ ويساري جي ڏک ۾ مبتلا رکڻ لاءِ ڪافي هئي ۽ اهو ته کيس معلوم ئي نه هو ته ويسر جو اهو ڏک گهڻن سالن کان پوءِ تڏهن وڌي وڻ ٿي ويندو جڏهن وقت جي ڌنڌ ۾ کانئس ماءُ جو چهرو به وسري ويندو.... ۽ جڏهن هو پنهنجي پٽ جي ڪمپيوٽر ۾ پنهنجي زال جون تصويرون ڏسندو ته کيس خوشيءَ سان گڏ گهڻو ڏک به ٿيندو ۽ هو پنهنجو ڏک لڪائي مرڪي پوندو پر سندس اکيون مرڪي نه سگهنديون. ڇوته انهن ۾ لڙڪ ڀريل هوندا ۽ مرڪ لاءِ جاءِ نه هوندي. اها سندس ماءُ جي ڳل تي ڏنل سندس زندگيءَ جي آخري چمي هئي. هڪ برف جهڙي ڳل تي گرم چپن جي چُمي.... هڪ سخت ڳل تي (جيڪو اڳ ڪڏهن به سخت نه هو) نرم چَپن جي چُمي. ۽ کيس اهو ڄاڻي ڪري حيرت لڳي ته مئل ماڻهوءَ جا ڳل ڪاٺ وانگر سخت ٿي ويندا آهن..... پوءِ ڀلي اهي ماءُ جا ڳل ئي ڇو نه هجن! البته کيس ان سوال تي گهڻي حيرت نه ٿي ته هو ماءُ جي مرڻ کان اڳ بلڪه گهڻو اڳ ئي اڪثر اهو تصور ڪري ڇو روئي پوندو هو ته ڄڻ سندس ماءُ مري وئي آهي. يا ڪجهه ڏينهن ۾ مرڻ واري آهي... هو پاڻ کي ماءُ جي مرڻ کان اڳ ئي ڇورو ڇنو ڇو سمجهڻ لڳو هو.؟ سندس ماءُ جو لاش قبرستان ڏي کڻي هلندڙ ڪانڌين ۾ هو سڀني کان پُٺيان هلندڙ ننڍڙو ۽ نئون ڪانڌي هو... ان کان اڳ هو ڪڏهن به ڪنهن جو به ڪانڌي نه ٿيو هو. هن لاءِ اهو اهم تجربو هو. ۽ فخر جو احساس پڻ. پر پٺين قطار ۾ هلندي کيس پنهنجي غير اهم هجڻ جو احساس ورائي ويو. پنهنجي ماءُ جي لاش سان گڏ هوندي به بنهه پٺينءَ قطار ۾ هلندڙ هڪ معمولي ڇوڪرو. ڪانڌين کي گهڻي تڪڙ هئي ان ڪري انهن مان ڪنهن جو به ڌيان هُن ڏي نه ويو. سج لهي چڪو هو ۽ ٿڌي هوا سان هلڪي ڪڻ ڪڻ شروع ٿي چڪي هئي. چند ڪانڌين جي هٿن ۾ لالٽينون پئي ٻريون. ۽ لالٽين جي لڏندڙ لمندڙ جهيڻي روشني اونداهيءَ کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌيڪ ڀوائتو پئي بڻايو.
    هُن پراڻي عادت مطابق کاٻي اک تي هٿ ڏئي ساڄي اک سان سامهون هلندڙ شخص جي هٿ ۾ لُڏندڙ لمندڙ لالٽين ڏي نهاريو ته ان شخص سميت سمورا ٻيا ڪانڌي ۽ سندس ماءُ جي کٽ اونداهيءَ جي غلاف ۾ لڪي وئي. رڳو لالٽين جي زخمي روشني پوئتي رهجي وئي. جهڙي گول دائري ۾ ڦيريون پائيندڙ ڏياٽي. جهڙي تيز هوا ۾ ڪنهن داسيءَ جي هٿن منجهه ڏڪندڙ آرتيءَ جي ٿالهي. ۽ هن نيم اداس نيم ٿڪل ذهن سان ڀڻڪيو ” امان مون ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو ته آئون تنهنجي لاش سان گڏ هلندي ڪنهن وقت کاٻي اک تي هٿ ڏئي ساڄي اک سان هڪ ڪانڌيءَ جي هٿ ۾ جهليل لالٽين ڏي ڏسڻ واري حادثي مان گذرندس.“ کيس پنهنجي ڀڻڪيل لفظن ڏکارو ڪري ڇڏيو. پر ٻئي پل ئي کيس محسوس ٿيو ته سندس ڇاتيءَ ۾ ڪو ماڻهو مرڪي رهيو آهي ۽ پوءِ کيس معلوم ٿيو ته اها مرڪ سندس ماءُ جي آهي. ماءُ جي ان مرڪ سندس سيني جي ڪيمسٽري تبديل ڪري ڇڏي. هن پاڻ کي اڳ کان به گهڻو مظبوط ۽ خوش محسوس ڪيو پر کيس پنهجي اندر ۾ پيدا ٿيل اها بي مهل خوشي ۽ مضبوطي ڪجهه عجيب محسوس ٿي. هن سوچيو ته شايد اهو شيطاني عمل آهي. ماءُ جي لاش سان گڏ هلندڙ ڇوڪري جي سيني ۾ پيدا ٿيل خوشي ۽ مضبوطي!! هڪ شيطاني خواب جو تعبير. پر ايئن نه هو . ماڻهو پاڻ مري ويندا آهن. ۽ پوئتي رهيل سوڳوارن کي وڌيڪ زنده ۽ مضبوط ڪري ويندا آهن شايد هُو مرندا ئي ان ڪري آهن ته جيئن سوڳوارن کي زندگيءَ جو وڌيڪ احساس ٿئي ۽ هو مرڻ کان پوءِ پنهنجي سوڳوارن ۾ زنده رهندا آهن. سوڳوار هڪ ئي وقت هڪ کان وڌيڪ زندگيون جيئندا آهن.. پيءُ جي زندگي .. ماءُ جي زندگي.. دوست جي زندگي ... اولاد جي زندگي ... هڪ ئي وقت هڪ ئي ماڻهوءَ ۾ ڪئي زندگيون ساه کڻنديون آهن. هو جنهن مهل قبرستان پهتا ان مهل قبرستان جا سڀ وڻ خاموش هئا. قبر اڳواٽ تيار ٿي چڪي هئي. قبر جو وات کليل هو. جهڙي ڪنهن ازدها جي کليل اک، جيڪا لاش جو بليدان ملڻ کان پوءِ ٻوٽجي وڃڻي هئي. لالٽين وارا ٻه ماڻهو قبر ۾ لٿا. هو مٿان بيهي ڏسڻ لڳو. بوندا باندي جاري هئي. هن مينهن جون ڦڙيون ڏسڻ چاهيون. هونءَ ته هو گهڻا ڀيرا مينهن ڏسي چڪو هو ، آڳنڌ ۾ وسندڙ مينهن ڇپرن تي ، وڻن تي ، وليئن تي ، ريل گاڏي ۽ پليٽ فارم تي به پر ڪڏهن به قبرستان ۾ وسندڙ مينهن نه ڏٺو هئائين. هن ڏسڻ ٿي چاهيو ته قبرستان ۾ وسڻ مهل مينهن ڪيئن لڳندو آهي؟ هن ڏٺو مينهن جون ڦڙيون فقط لالٽينن جي ڀرسان هيون. لالٽينن جي ننڍڙي دائري کان ٻاهر مينهن ڦڙيون نظر نه پئي آيون. ٻاهر هر طرف اونداهيءَ جو راڄ هو. مينهن فقط لالٽينن جي نيم روشن دائري تائين محدودو هو. دائري ۾ ڪجهه ماڻهو هئا، هٿ هئا، ڪوڏرون هيون، خاموش چهرا هئا، پاڇولا هئا، ڪجهه ڀڻڪا هئا، ٿورو ڏک هو، هڪڙو لاش هو، مينهن ڦُڙيون هيون ۽ پاروٿن گلابن جي اداس خوشبوءِ هئي. ان خوشبوءَ ۾ ڪجهه يادگيريون هيون، ڪجهه ويسارا هئا ۽ چؤ طرف خاموش پولار هو. هر ماڻهو هڪ خاموش ۽ اونداهين پولار مان هڪ نيم روشن دائري ۾ اچي ٿو. ڪجهه پل ان دائري ۾ گذاري ٿو ۽ وري واپس ساڳي اونداهيءَ ۾ موٽي وڃي ٿو. چؤ طرف ڦهليل گهري ۽ ايذائيندڙ حد تائين طويل اونداهين سُرنگهه ۽ خاموشي. شايد خاموشي موت جي علامت آهي. شايد موت خاموشيءَ جي علامت آهي. پارسي جنهن مٿاهين چوٽيءَ تي لاش رکندا آهن. انهيءَ کي به Tower of silence چيو ويندو آهي. خاموشيءَ جو مينار. عيسائي ۽ مسلمان قبرن ۾ لاش پوريندا آهن. قبر به ته خاموشي آهي. هندو ۽ ٻين ڪجهه مذهبن جا ماڻهو لاش ساڙيندا آهن. سڙيل لاش جي رک به خاموشي آهي.
    Tower of silence
    Grave of silence
    Dust of silence
    Silence Silence Silence
    ازلي خاموشي. بي انت بي ڪنار خاموشي. جڏهن ڪجهه به نه هو تڏهن به خاموشي هئي. جڏهن ڪجهه به نه هوندو تڏهن به خاموشي هوندي. ٻن بي پناهه خاموشين جي وچ ۾ آواز جو هڪ ننڍڙو وقفو! هڪ وڏو ڌماڪو.big bang . پولار ۾ ڀرجي ويل آواز ۽ پڙاڏا .ڌرتي آوازن ۽ پڙاڏن جو آماجگاه. وري ساڳي چپ چپات. قبر جهڙي خاموشي. ٻه ’لالٽينون قبر مان ٻاهر نڪتيون ته ذري گهٽ اڌرات ٿي چڪي هئي. هنن گڏجي قبر تي مٽي ورائي ۽ آهستي آهستي ازدها جي ڀيانڪ اک ٻُوٽجي وئي. اک جنهن ۾ نه ڪوئي خواب هو نه سپنو هو. قبر کي لاش مليو ته قبر جي اک ٻوٽجي وئي. قبر مطمئن ٿي وئي. ڪانڌين جي اکين ۾ ڊپ ڦهلجي وسيع ٿي ويو. هنن پنهنجي اندر ۾ جلد کان جلد واپس گهر وڃڻ جي خواهش کي جآڳنڌي محسوس ڪيو. گهر جتي سندن ٻار هئا، هنڌ کٽولا هئا ۽ زالون هيون. هنن ڊپ ۽ ٿڌ کان نجات پائڻ لاءِ زالن جي گرم جسمن ۾ لڪڻ ٿي چاهيو. پاڇولن جيان پُر اسرار نظر ايندڙ خاموش ڪانڌي آهستي آهستي هلندا جهيڻي روشنيءَ وارين قنديلن سميت قبرستان جي وڻن مان ٻاهر نڪري آيا. هو هڪ دفعو وري سڀني ڪانڌين جي پٺيان هو. قبرستان کان ٻاهر ايندي هن هڪ ڀيرو پوئتي مڙي نئين قبر ڏي نهارڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. قبر جيڪا اونداهيءَ جي ڪاري چادر ۾ ڍڪيل هئي. اتي کيس ڌنڌلي پاڇولي جو احساس ٿيو. هو اُتي ئي بيهي رهيو. ڪانڌي قنديلن سميت الاءِ ڇا ڇا ڀڻڪندا سندس ڀرسان گذري اڳتي نڪري ويا. مينهن جي ڪڻ ڪڻ مسلسل جاري. هو مينهن ۾ پسندو سڄر قبر ڏي ڏسندو ۽ جاڳڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. هوءَ قبر جي مٿان لڙڪيل هڪ قديم وڻ جي لام وٽ بيٺي هئي ۽ ڏانهس ڏسي مرڪي رهي هئي. ۽ گڏو گڏ پنهنجو ساڄو هٿ لوڏي کيس الوداع چئي رهي هئي. هوءَ ڪير هئي؟ اها جيڪا مور جي کنڀن جي برسات مهل راجا واري ريل گاڏيءَ ۾ دريءَ کان ويٺي هئي...؟ يا سندس ماءُ؟ اها ڪير به هئي هن ڊوڙي ڏانهس وڃڻ چاهيو. آخري ڀيرو کيس ڀاڪر پائي چمڻ چاهيو. پر ٻئي پل پاڇولو سڄر قبر ۾ تحليل ٿي ويو. هُو اڪيلو رهجي ويو. سڪون ۽ آزاديءَ سان دل کولي روئڻ ۽ کلڻ لاءِ اڪيلائي وڏي غنيمت آهي. مٿان برسات تيز ٿيندي وئي. گوڙ جي آواز ۾ سندس روئڻ جو آواز ڍڪجي ويو... برسات جون بوندون سندس اکين مان وهندڙ ڳوڙهن سان ملي ويون ۽ هن محسوس ڪيو ته هو ان رات وارو مينهن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهندو...! ان پل ئي هن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڄاتو ته ماڻهوءَ جي لڙڪن جو برسات سان ۽ برسات جو لڙڪن سان بنهه گهرو ۽ ڪو آدجڳاد جو رشتو آهي. ۽ اڃان ته اڳتي کيس اهو به معلوم ٿيڻو هو ۽ ٿيو به ته رڳو لڙڪن ۽ برسات جو ئي هڪٻئي سان تعلق نه آهي پر محبت، موت ۽ جدائيءَ جو به برسات سان گهرو تعلق آهي. هن اکين ۾ ڀرجي ويل بوندن ۽ لڙڪن کي اگهڻ چاهيو ته ڪنهن سندس هٿ روڪي ورتو. هن کاٻي اک سان ڏٺو ته اسپتال جي عيسائي نرس جنهن جي هٿن ۾ ڪرسمس جي تقريب ۾ پهچڻ جي تڪڙ هئي سندس ٻانهن ۾ سئي هڻي ساڄي اک تي ٻڌل سائي پٽي جي پاسي کان اڇو پلاسٽر هڻي ڪمري مان ٻاهر نڪري چڪي هئي ۽ پوئتي پنهنجي برائون وارن جي خوشبوءَ سان گڏ ڪرسمس جي گيت جهڙو احساس به ڇڏي وئي. ۽ ان سان گڏ پنهنجي ناسي اکين جو هي اڻ ٻڌايل ڏک به رکي وئي ته وارڊ بواءِ جوزف مسيح ساڻس ڪيل هڪ به واعدو وفا نه ڪري سگهيو، هو انٽرنيٽ جي معرفت فيس بوڪ تي اڌڙوٽ پر دولتمند عورت ڪيٿرائين سان رابطو ڪري ڪئنيڊا هليو ويو ۽ هڪ عدد گرين ڪارڊ جي بدلي ۾ وٽس پنهنجي زندگي گروي رکي ڇڏيائين. هن سوچيو اڄ هيءَ مريم جي مرڪ جهڙي معصوم ڇوڪري ڪليسا جي آڳنڌ ۾ صليب جي سامهون ڪرسمس جي تقريب ۾ جوزف مسيح کي وڌيڪ ساريندي الاءِ ڪيٿرائين کي...! پر اها پڪ آهي ته اڄوڪي عبادت مهل سندس ناسي لڙڪن ۾ هڪڙو صليب ضرور لڙهي ويندو.


    8

    هُن قديم عمارت جي ويران دالان ۾ بيهي زور سان سڏيو راڻا... راڻا سڄي عمارت ۾ پڙاڏو گونجي ويو راڻا.. راڻا.. ۽ عمارت جي دروازن، درين ۽ روشندانن مان ايندڙ صندل جي گهري پُر اسرار ۽ اداس ڪري ڇڏيندڙ خوشبوءَ ۾ ڪنهن خواب جئان خاموشيءَ سان مٿس انڪشاف ٿيو ته پڙاڏو سڏ کان وڌيڪ وڻندڙ هوندو آهي.
    ٻئي پل گهاٽن وڻن ۾ ويڙهيل ۽ تيزيءَ سان ڀرندڙ عمارت جي وچ ۾ ان احساس کيس حيران ڪري ڇڏيو ته هن پاڻ کي راڻو ڇو سڏيو، جڏهن ته سندس نالو احمد علي آهي .
    ۽ هو اندر ۾ ڦٽل ان سوال جو جواب ڏئي نه سگهيو ته ڪجهه ماڻهن جي لاشعور ۾ ڪجهه احساس ڪجهه نالن سان گڏ ڇو پلجندا آهن.
    نالا ۽ احساس.
    احساس ۽ نالا.
    بلڪل ايئن جيئن ڪنهن خوشبوءَ سان گڏ ڪا يادگيري يا ڪنهن يادگيريءَ سا گڏ خوشبو ايئن ويڙهيل هوندي آهي جئين ڪڪرن ۾ پاڻي يا جيئن پنن ۾ گُلَ ۽ گلن ۾ پن.
    قديم عمارت جي ڇت تي قديم شام لهي آئي. عمارت جو پاڇولو عمارت کان ٻيڻ تي ڊگهو ٿي ويو. آس پاس بيٺل پپر، املتاس، انب، ڄمونءَ ۽ سرينهن جي وڻن ۾ خاموشي ڇائنجڻ لڳي. سڀ وڻ پهرين کان وڌيڪ وڏا، گهاٽا ۽ هڪ هنڌ ڄميل محسوس ٿيڻ لڳا. ٽارين تي ويٺل پکي آهستي آهستي ماٺ ٿيندا ويا. گلن ٻوٽن، ولين ۽ وڻن ۾ ڍڪيل ان قديم عمارت ۾ جنهن ۾ اڳ ايريگيشن کاتي جا بالا عملدار منزلون ڪندا هئا ۽ شام ٿيندي ئي گئس جا گولا ۽ لالٽينون روشن ٿينديون هيون ته راتيون ڏينهن ۾ تبديل ٿي وينديون هيون، ميلي وارن ڏهاڙن ۾ ڏور پرڳڻي جون ناچڻيون ڪامورن جي اڳيان گولن جي روشنيءَ ۾ گهنگهرو ٻڌي نچنديون هيون ته سڄي عمارت پرستان بڻجي ويندي هئي، تنهن ۾ هاڻي اونداهي ۽ اڪيلائي ڇانيل هئي. ۽ اداس ڇت ۾ ڄارو ڄميل ۽ چمڙا لڙڪيل هئا. صندل جا در دريون دز ۾ ڍڪجي چڪا هئا. اتي اچي کيس محسوس ٿيندو هو ته هو ڪنهن محفوظ پناهه گاهه ۾ اچي ويو آهي. جتي هو سولائيءَ سان پنهنجي پاڻ سان ڳالهائي سگهندو هو. ۽ پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ هن لاءِ وڏي خوشيءَ جو سبب هو. ۽ اهو پناهه گاهه ئي هو جنهن ۾ پاڻ سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي آوازن جو پڙاڏو ٻڌندي سندس همزاد جاڳي پيو هو. ۽ پوءِ هميشه لاءِ کيس ڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ کان وڌيڪ پنهنجي همزاد سان ڳالهائڻ ۽ سندس ڳالهيون ٻڌڻ سٺو لڳو. هو ٻاروتڻ کان وٺي جوانيءَ تائين همزاد جي ساٿ ۾ رهيو ۽ پيريءَ تائين کيس ان جي ساٿ ۾ رهڻو هو. ۽ شايد اهو سندس همزاد ئي هو جنهن سندس نالو راڻو تجويز ڪيو هو ۽ کيس ٻڌايو هو ته ڪنهن به ماڻهوءَ لاءِ سندس همزاد کان وڌيڪ سٺو ٻيو ڪو به دوست نه هوندو آهي. ۽ ان شام وڏن وڻن جي وڏن پاڇولن ۾ ڍڪيل پراڻي عمارت جي پراڻي خوشبوءَ ۾ ساه کڻندي کيس پايل جي ڇم ڇم ٻڌڻ ۾ آئي ته اول کيس لڳو ته خزان جي تيز هوا ۾ پپرن جا اڌ سڪل اڌ ساوا پن کڙڪي رهيا آهن. پر ٻئي پل سندس گمان هڪ ٻئي خوبصورت گمان ۾ تبديل ٿي ويو. اهو واقعي پايل جو آواز هو. اهو آواز هڪ هنڌ بيٺل يا هڪ دائري ۾ ڦرندڙ نه هو پر تڪڙو تڪڙو پيرن سان گڏ هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ڏانهن ۽ ٻئي ڪمري کان ٽئين ڪمري ڏانهن ويندڙ آواز هو. ٻئي پل کيس محسوس ٿيو ته آواز ڇت تي ويندڙ سيڙهيءَ تي ڦهلجندو پيو وڃي ۽ وري ڇت تان واپس دالان ڏي لهندو گهڻو ويجهو ٿيندو پيو وڃي. تان جو ڇم ڇم جو آواز سندس بلڪل ڀر واري ڪمري ۾ اڌ کليل صندل جي دريءَ وٽ اچي بيهي رهيو.
    دريءَ جي سامهون ڳوٺ جي پٺئين پاسي وارو ميدان هو. ان خالي ميدان ۾ اڪثر سياري جي آمد آمد مهل جڏهن اتر جون هوائون گهلڻ لڳنديون آهن، سر نسري پاند ٿيندا آهن ، دلين ۾ ستل حسرتون ڪر موڙي جآڳنڌيون آهن، ۽ ڪنهن اڻ ڄاتل احساس سان مکاميلو ٿيڻ لڳندو آهي ۽ روح تي بي سبب اداسيءَ جو آسماني ڪوهيڙو ڇائنجڻ لڳندو آهي ته الاءِ ڪٿان خانه بدوشن جا قافلا ظاهر ٿيندا آهن ۽ ڄڻ ڏور ماضي بعيد جي ڌنڌ مان اچي ان خالي ميدان ۾ خيما کوڙيندا آهن. هڪ شام اڳ ڀڙڀانگ نظر ايندڙ ميدان صبح جو ڪيترن ئي خيمن جي هڪ وشال بستيءَ ۾ تبديل ٿيل نظر ايندو آهي ڪنهن شام، شام جهڙا سانورا جوڳي اچي ميدان ۾ لڏو لاهيندا ته اُها شام ڪجهه وڌيڪ ئي سرمئي، گهري ۽ پُر اسرار بڻجي ويندي. اصيل نانگ، ٽٻڻيون، بگريون، ڪُندريون، مُنڊيون، مڻ، عقيق، ۽ پکراج، دعائون، سينون، مُرليون ڍارا پئون ٻارنهن. مون کي جوڳي هڻي ڏي تون ڍارو منهنجو ڪانگل آهي قرب وارو ۽ هو دراز قد ڪارونجهر جهڙيون سانوريون سنهيءَ چيلهه ۽ اڀريل ڇاتيءَ واريون جوڳياڻيون. ويڙهيل وار. ٻه ٻه چوٽيون. اکين ۾ ڪجل. چپن تي مساڳ پوءِ به اداس اداس.
    او جوڳڻ تنهنجي جيءَ ۾ ڇا آهي...؟
    توکي ڇا ٻڌايان. چئه ڇا ٻڌايان توکي...؟ اسين جڳ جڳ جا مسافر....در در جا فقير... اڄ تو وٽ آهيون. سڀاڻي الاءِ ڪٿي هجون. اسان جي جيءُ ۾ دک جا اوهيرا... زخمي پيرا... اکيون ٻيرا ٻيرا.
    شايد اها ڦيريدار قبيلي جي ڇوڪري هجي ۽ قديم عمارت جي ڪمرن ۾ پيل ڪاٺيون وغيره کڻڻ آئي هجي. ۽ کيس وقت جو احساس ئي نه رهيو هجي... هن صندل جي اڌ کليل دريءَ جي بند پيل تاڪ کي کولي اندر نهاريو... ڇم ڇم جو آواز هڪ تيز ڊوڙ ۾ تبديل ٿي سندس پهچ کان پري ٿي ويو. هن ڪمري ۾ اندر داخل ٿيڻ چاهيو پر ٻئي پل ڊپ جي لهر سندس حواسن تي حاوي ٿي وئي. ان پل ئي مٿس انڪشاف ٿيو ته دراصل هن نه رڳو پنهنجي ٻاروتڻ ۽ جوانيءَ جو پر پيريءَ جو به هڪ وڏو حصو ان خاموش ۽ قديم عمارت ۾ يا ان جي آس پاس گذاريو آهي. گيس وارن گولن جي اداس روشنيءَ ۾ ڏورانهين پرڳڻي جي سرسبز اکين وارين ناچڻين کي نچندي ڏسندو رهيو آهي. سندن گهنگهرن جي ڇم ڇم ٻڌندو رهيو آهي. ۽ کيس اهو به احساس هو ته دراصل هو انهيءَ عمارت جو پاڇولو آهي. ڪڏهن وڏو ڪڏهن ننڍو ته ڪڏهن بلڪل معدوم .. ۽ رڳو ايترو ئي نه ته هو ڪنهن پاڇولي جئان عمارت جو حصو ٿي عمارت ۾ رهڻ لڳو هو پر عمارت جو پاڇولو به هُن ۾ رهڻ لڳو هو. اهو ئي سبب هو جو هُو ڪنهن ماڻهوءَ سان ڪجهه به ڳالهائيندو هو ته نه چاهيندي به زوريءَ سندس ڳالهين ۾ پاڇولي جو ذڪر نڪري ايندو هو. پاڇولو سندس خيالن خوابن ۽ ڳالهين جو هڪ لازمي حصو بڻجي ويو هو. ۽ قديم عمارت جي ساڄي پاسي باغ ۾ انب جي هڪ سُڪل وڻ ۽ چمپا جي سائي ٻوٽي جي ڀر ۾ سئو سال پراڻو ۽ سوين فوٽ اونهون کوهه هميشه هن لاءِ اداس حيرت جو سبب بڻيو رهيو آهي. جنهن بابت هن وڏن کان ٻڌو هو ته گهڻا سال اڳ انهيءَ کوه مان نار ذريعي پاڻي ڪڍي باغ کي سيراب ڪيو ويندو هو پوءِ جڏهن بئراج کوٽيو ويو ۽ واهه وهي آيو. ته کوهه مان پاڻي ڪڍڻ بند ڪيو ويو ۽ کوهه ويران ٿي ويو. ۽ ننڍن وڏن ۾ اهي افواهه عام ٿي ويا ته هاڻي ان کوهه تي هڪ ديو جو قبضو آهي جيڪو ڪاري نانگ جي روپ ۾ ان تي پهرو ڏيندي ڏٺو ويو آهي. ته ماڻهن ان کوهه طرف وڃڻ ڇڏي ڏنو. اصل ۾ هن جي حيرت جو سبب اڃان ڪو ٻيو هو. اڳ ڳوٺ جي پٺئين پاسي جتي هاڻي به اڪثر ڦيريدار قبيلا اچي ديرو ڄمائيندا آهن هڪڙو ڦيريدار قبيلو رهيل هو. ان قبيلي ۾ هڪ اهڙي ڇوڪري به هئي جنهن جون اکيون ڏسي مسافرن کان رستو وسري ويندو هو. جنهن جي چيلهه ڄمونءَ جي ٽاريءَ وانگر پئي لچڪندي هئي. سندس پيرن ۾ هر وقت پازيب پيل هوندا هئا. هوءَ هرڻيءَ وانگر هر وقت پئي ڊوڙندي هئي. چون ٿا ته پوءِ هوءَ ڳوٺ جي هڪ نامي گرامي ڪاٽڪوءَ جي اک ۾ اچي وئي. ۽ پنهنجون هلڻيون وساري ويٺي. جنهن صبح اُهي لڏو کڻڻ جو ارادو ڪري چڪا ان اڌ رات ڪاٽڪو پنهنجي يارن سميت ڇوڪريءَ کي کڻڻ جي ارادي سان پکن ۾ ڪاهي پيو. ڇوڪري ڊنل هرڻيءَ جئان ٽاهه کائي باغ ڏي ڀڳي. رستي ۾ ڪٿي هڪ پير جي پايل ته ڪٿي ٻئي پير جي پايل ڇڄي پيس. ۽ ان کان اڳ جو ڪاٽڪوءَ جو هٿ سندس چوٽيءَ ۾ پئي هُن کوهه ۾ ٽپ ڏئي ڇڏيو. وڻن ۾ ويٺل پکي ٽاه کائي اُڏاڻا ۽ دير تائين اونداهيءَ ۾ ڀٽڪندا رهيا. ۽ شايد صبح تائين آکيرن ۾ پهچي نه سگهيا. ۽ ان رات کان وٺي اهو کوهه خوني کوهه سڏجڻ لڳو. هو عمارت مان نڪري سڌو اچي کوهه جي ٽٽل پڳ تي بيٺو. کوهه هميشه جئان خاموش ، سانت ۽ ڏکارو هو. خزان جي هوا جو هڪ تيز جهوٽو لڳو ته چمپا جا ڪجهه گل ڇڻي کوهه ۾ ڪريا ۽ پاتال ۾ الوپ ٿي ويا.
    هو ڊنل احساس سان وڏا وڏا قدم ڀريندو شام جي پاڇولن ۾ ڍڪيل باغ مان ٻاهر نڪتو ۽ خانه بدوشن جي وستيءَ وٽان گذريو. خيمي خيمي جي آڏو باهڙي پئي ٻري. ڪٿي ڪنهن خانه بدوشڻ سانجهڻ پئي پچائي.ڪٿي ٻه چار ڇوڪرا باهه کي ڦريو ويٺا هئا. رکي رکي باه جي الاءَ تي سندن سانورا منهن رڪ وانگر جرڪڻ ٿي لڳا. پريان ڪنهن خيمي جي ڀر ۾ بانسري پئي وڄائي. ننڍڙن ٻارن جي روئڻ ، کلڻ ، ڳالهائڻ ۽ مائرن کي سڏڻ جا مختلف آواز بستيءَ جي عارضي ماحول کي دائمي رنگ ۾ رنگي رهيا هئا. ٻرندڙ اجهامندڙ باهڙيون، خيمن ۾ ٽنگيل ڌيمي وٽ واريون لالٽينون، خاموشيءَ سان هڪ خيمي مان نڪري ٻئي خيمي ڏي ايندڙ ويندڙ اداس نيڻن واريون خانه بدوشڻيون. زندگيءَ جي هلچل. هڪ خاموش خزان جي رات ۽ آسمان ۾ جرڪندڙ جهيڻي روشنيءَ وارو چنڊ، هيٺ ڌرتي جي هڪ ننڍڙي نقطي تي هڪ روشن نقطو. هڪ ننڍڙي بستي ... جهڙو رات جي پيٽ ۾ ٻرندڙ ڏيئو.
    ڪالهه رات اها بستي ڪونه هئي. ميدان خالي هو. اڄ رات اتي اها بستي آهي. سڀاڻي ڪونه هوندي. خيما ڪونه هوندا. باهڙي نه هوندي. لالٽينون نه هونديون. آواز نه هوندا. هي ڪير مسافر آهن...؟
    هي ازل جا مسافر آهن.
    هي مسافر ڪٿان آيا آهن.
    هي مسافر ازل کان آيا آهن.
    هي مسافر ڪيڏانهن ويندا؟
    هي مسافر ازل جي ڪک ۾ الوپ ٿي ويندا. ڪنهن کي به هنن جا آواز ۽ ڳالهيون ياد نه رهنديون. هنن جا قد بت ، مهانڊا رنگ روپ کلڻ روئڻ ياد نه رهندا.
    هيءَ بستي وقت جي سيني تي هڪ علامت آهي.
    سفر جي علامت.
    زندگي جي علامت.
    ازل جي علامت.
    ابد جي علامت.
    خوشيءَ جي علامت.
    ڏک جي علامت.
    جدائيءَ جي علامت.
    اهي سوال ڪنهن پئي پڇيا...؟ هڪ مسافر.
    ۽ جواب ؟ سندس همزاد .
    پنهنجي پاڻ سان فقط ٻار، عاشق ۽ آرٽسٽ ڳالهائيندا آهن. ڇو ته ٻار، عاشق ۽ آرٽسٽ پنهنجي پاڻ کي ڏاڍو ويجهڙو هوندا آهن. ايترو ويجهڙو جو وچ ۾ ڪوئي فاصلو، ڪوئي خلا ڪوئي فرق نه رهندو آهي. اهي جنهن کي چاهيندا آهن ان کي پنهنجي پاڻ ۾ ڏسندا آهن. اوچتو هوءَ هڪ خيمي مان ٻاهر نڪتي ۽ ڇم ڇم ڪندي ٻئي خيمي ۾ گم ٿي وئي. هڪ پل ۾ سڄي بستي ڇم ڇم جي آواز ۾ ڀرجي وئي. هو چنڊ جي ڌيمي روشنيءَ ۾ سندس سراپا چڱيءَ طرح ڏسي نه سگهيو. پر کيس لڳو ته هوءَ اُها ئي آهي جيڪا ڪجهه دير اڳ قديم عمارت ۾ ڇم ڇم ڪندي اوچتو الوپ ٿي وئي هئي. ۽ شايد هوءَ اُها ئي هئي جيڪا گهڻا سال اڳ پنهنجي دل جهڙي اونهين کوهه ۾ ٻڏي وئي هئي. شايد پايل جي ڇڄي پوڻ سان ڇم ڇم جو آواز نه ڇڄندو آهي. آواز هميشه موجود رهندو آهي. آوازن کي ڪو به اونهون کوهه ٻوڙي نه سگهندو آهي. هن حيرت جي ڪُن مان نڪرڻ لاءِ هڪ پل لاءِ اکيون ٻوٽي هڪ وڏو ساهه کنيو. سئو فوٽ اونهين کوهه جيڏو ساهه. کوهه جنهن ۾ هوا جي جهوٽن تي چمپا جا گل ڇڻندا رهندا آهن. اکيون کوليائين ته بستيءَ جو ڪوئي نشان نه هو. نه باهڙي هئي. نه لالٽينون. نه خيما. نه آواز... نه روئڻ . نه کلڻ ... نه پايل... نه ڇم ڇم ڪجهه به نه .
    ته اهو سڀ ڪجهه ڇا هو...؟
    ڇا اهو سڀ ڪجهه نظر جو دوکو هو.Illusion هو. خواب هو. کاٻي اک جو خواب...؟ ساڄي اک جو سپنو...؟ تصور هو. سراب هو...؟ ڪوڙ هو ؟ افسانو هو...؟ ڪاڪ محل هو؟ هڪ پل اڳ جتي ”سڀ ڪجهه“ هو اتي هڪ پل پوءِ ”ڪجهه به نه“ هو. اهو ”سڀ ڪجهه“ دوکو هو.؟
    يا هي ”ڪجهه به نه“ دوکو آهي...؟
    يا ”سڀ ڪجهه“ به صحيح آهي ۽ ”ڪجه به نه “ به حقيقت آهي...؟
    ”۽ مان ڇا آهيان“
    ”۽ هوءَ ڪير آهي...؟ هوءَ جيڪا اونهين کوهه ۾ ٻڏي وئي هئي. هوءَ جيڪا قديم عمارت ۾ هئي؟ هوءَ جيڪا خيمي کان ٻئي خيمي تائين ازل ۽ ابد جا رستا اورانگهي وئي؟“ هُو زمين کان آسمان تائين ڦهليل خاموش رات جي هنج ۾ ويٺل ٻار جيان هڪ دفعو وري سوالن جي ڄار ۾ ڦاسي ويو.
    چئن ڀتين ۽ هڪ ڇت جي گهيري ۾ قيد ٽيبل جي سامهون رکيل ڪرسيءَ تي ويٺل راڻي بي دليءَ سان ٽيبل تي رکيل ڪمپيوٽر ڏي ڏٺو پوءِ سامهون گهڙيال ڏي نهاريو. ڄڻ گهڙيال اڳ ئي ڏانهنس نهاريو پئي.
    ڏهه لڳي ويهه منٽ.
    وات ۾ اڃان صبح واري چانهه جو ذائقو موجود...
    آفيس جي پارڪ ۾ گلاب، موتئي، چمپا، رابيل سميت ٻيا به ڪافي ڄاتل اڻڄاتل گلن جا ٻوٽا روز جئان موجود. هن جون نگاهون شيشي جي ناسي دريءَ جي ٻئي پاسي ڪمري ۾ ڪجهه ڳولين ٿيون. مومل جي ڪرسي خالي آهي. آفيس جو پٽيوالوغلام رسول عرف گُلي سندس ٽيبل ڪرسي ۽ ڪمپيوٽر تي ڪپڙو هڻي ٽيبل تي ٻه ڪارا گلاب ۽ ٽي سفيد موتئي جا گل رکي چڪو آهي. اهو پهريون موقعو هو جو ورهين کان پوءِ سندس خوشيءَ جي پٺيءَ مان ’ڪُٻ‘ ختم ٿيو هو.
    اهو به پهريون موقعو هو جو هاڻي هو رستي ۾ هلندي اوچتو چيلاٽي جي ظاهر ٿيڻ واري پراڻي ڊپ مان به ٻاهر نڪري آيو هو. محبت ماڻهوءَ کي هوا ۾ ترڻ جو هنر سيکاريندي آهي. ان کان اڳ ته هو پاڻ کي هڪ پراڻي ۽ اهڙي اونداهي غار ۾ ويٺل سمجهندو هو جنهن جي ڇت ۽ پاسن ۾ چمڙا چنبڙيل هجن.... انهن جي بوءِ ڦهليل هجي... انهن جي آوازن جو ايذائيندڙ شور شامل هجي. اهڙو شور، اهڙي بوءِ جيڪي ماڻهوءَ کي، خوشبو ۽ زندگي کان محروم ڪري ڇڏيندا آهن. اوچتو ۾ هڪ ڳڙکي کلي وئي هئي. غار ۾ روشني ٿي وئي هئي.
    چمڙا پنهنجي ازلي ڪاراڻ، بوءِ ۽ آوازن سميت گم ٿي ويا. اها گمشدگي عارضي هجڻ جو امڪان به موجود هو پر بهرحال شايد هر لمحي جو حسن ۽ قباحت انهيءَ هڪ لمحي جي هنج ۾ ئي هوندي آهي يا هجڻ گهرجي. هر لمحو ڀلي ٻئي لمحي جو ڀاءُ هجي پر هڪ لمحي کي ٻئي لمحي جو جاڙو ڀاءُ نه بڻائڻ گهرجي. هر لمحو دادلو ۽ اڪيلو هجڻ گهرجي. هڪ روشن لمحو پنهنجي ڊيگهه ۽ ويڪر ۾ ڦهلجي هڪ وشال دائرو ٺاهي بيهي رهيو. ۽ ان روشن دائري ۾ هن ڪنهن جو ڀڻڪو ٻڌو. شايد اهو سندس پنهنجو آواز هو. هرڪاريءَ رات جي هنج ۾ هڪڙو سج ستل هوندو آهي ۽ هر سانجهيءَ جي رومال ۾ هڪڙو صبح ٻڌل هوندو آهي. ۽ ان روشن دائري جو ڦهلاءُ بي انت هو. چارئي ڏسائون ان روشن دائري جي پهچ کان پري نه هيون. روشن دائري ۾ پهريون دفعو مٿس انڪشاف ٿيو ته هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪڙو رقص به هوندو آهي ۽ هڪڙو بادل به هوندو آهي. ۽ هر ماڻهوءَ جي اندر ۾ هڪڙو سمنڊبه هوندو آهي.
    ”مومل خبر اٿئي ڇا؟“ روشن دائري جي انيڪ شامن مان هڪ شام پارڪ جي بئنچ تي ڀر ۾ ويٺل مومل جي اکين ۾ ڏسندي چيائين.
    ”هون... چئه“ مومل پنهنجي ساڄي ڳل تي لهي آيل وارن کي ڪن جي پٺيان ڪندي پنهنجو ڳل ۽ ڪن سندس ويجهو ڪندي چيو. هو سندس ساهن، وارن ۽ ڳل جي خوشبوءَ ۾ ڍڪجي ويو.
    ”مومل توکانسواءِ منهنجي زندگي بي معنيٰ هجي ها.“
    ”هل ڪوڙا“ هن پنهنجي ساڄي ڳل سان راڻي جي نڪ کي تيزيءَ سان ڇهي پوئتي ٿيندي چيو. ان مهل سندس سيني جو اڀريل ساڄو پاسو به راڻي جي ڪلهي کي ڇُهي ويو.
    اها ريشم جهڙي نرم ۽ پکيءَ جهڙي گرم نفاست هئي.
    ۽ ان نفاست جي اُڏام ڪنهن رستي جي محتاج نه هئي. ۽ انهيءَ اڏام ڀرڻ کان اڳ هُن سندس هٿ پنهنجي هٿ ۾ وٺندي کيس چيو بلڪه شايد پنهنجي اندر ۾ ڀڻڪيو، اڃان ته مون تنهنجي تعلق جي فقط هڪ موسم ڏٺي آهي... بهار جي موسم .. اڃان ته مون تنهجي تعلق جون ٽي موسمون ڏٺيون ئي نه آهن....، اهو سندس اندر جو ڊپ هو. خدشو هو.
    ۽ اهڙن ئي خدشن سان ڀريل انيڪ لمحن مان هڪ لمحي هن ڏکاري دل سان دل ئي دل ۾ ساڻس مخاطب ٿيندي چيو” مومل خبر اٿئي تون مون کان ڌار ٿي ويندينءَ ته ڇا ٿيندو؟“
    ”ڇا ٿيندو.... “ مومل جي پاران ڄڻ هن پاڻ ئي پاڻ کان پڇيو.
    ”ڪجهه خاص ڪو نه ٿيندو ... ڪا به قيامت ڪا نه ٽٽندي... ڪوئي زلزلو ڪونه ايندو... بس رڳو ايترو ٿيندو ته“ ”ته “ ”ته منهنجي اندر ۾ هميشه لاءِ هڪڙي ڪمي رهجي ويندي اکين ۾ نمي رهجي ويندي“ ۽ اداسي جي ان لمحي دوران ٻيا ڪجهه لفظ به سندس چپن مان نڪري ويا. جن جو توڻي جو ان مهل حقيقت سان ڪو خاص تعلق نه هو. پر ان مهل کيس اندازو نه هو ته تمام جلد انهن لفظن جو حقيقت سان تعلق جُڙڻو هو ۽ هو بي آواز لفظن جي ڏک مان نڪرڻ لاءِ هن سان گڏ روشن دائري جي رستي سان هلندو ساحل تائين پهچي ويو. هميشه وانگر سمنڊ ۽ ساحل جي مٿان نيري ڌنڌ جو سنهون تهه چڙهيل هو. ان شام سمنڊ ڪجهه وڌيڪ ئي جوش ۾ هو . سرچ لائيٽس جي سفيد روشنيءَ ۾ کير وانگر جرڪندڙ لهرون ... سيءَ جو احساس ... گهري ٿيندڙ شام ... مومل کي گلابي سئيٽر تي برائون شال پاتل ۽ هُو برائون سئيٽر ۾ سندس ڀرسان خاموشيءَ سان قدم کڻندڙ جهڙو ڪوئي اجنبي ماڻهو... ٻيو ماڻهو.. ٻئي قدم جو منتظر... ٻئي قدم جو ڳولائو...
    ”محبوبا سان گڏ شام مهل سمنڊ جي ڪناري پري پري تائين هلندو رهڻ دنيا جو وڌ ۾ وڌ حسين واقعو آهي. پر اهو واقعو دنيا جي ذهين صحافين کان ڪڏهن به رپورٽ ٿي نه سگهندو آهي.“ راڻي پنهنجي خاموشي جي برف کي ڳارڻ لاءِ هڪ ڇوليءَ کي اورانگهيندي چيو. ”دنيا جا صحافي، قتل، جنگ، بمباري ۽ ڏڪار جون خبرون رپورٽ ڪندا رهندا ۽ سمنڊ ڪناري پيرين اگهاڙي هلندڙ ماڻهو افق اورانگهي ويندا“ مومل پنهنجو هٿ راڻي جي هٿ ۾ ڏيندي چيو ۽ ٻئي ڄڻا ڇولين جي شور مان رستو ٺاهيندا ماڻهن جي انبوهه کان گهڻو پري اولهه طرف نڪري آيا. جتي سمنڊ جي آواز کان سواءِ ڪجهه به نه هو. کاٻي طرف اڪيلو، ويران ساحل... ساڄي پاسي گهرو نيرو وشال سمنڊ. پويان هڪ وڏو پٿرائون ڀڙو....جنهن هنن کي سي ويو تي گهمندڙ ماڻهن کان لڪائي سمنڊ جو حصو بڻائي ڇڏيو. اجهاڳ سمنڊ جي وشال ڇاتيءَ تي شام جي ناسي چادر تاڻيل. دور پريان اولهه ۾ سورج ديوتا جي رت جهڙي لال گلال اک افق جي پنبڻين ۾ پيهجي چڪي.... ساحل ڏي ڊوڙون پائيندڙ سوين ڇولين جو آواز... جهڙو سوين ناچڻين جي پيرن ۾ ٻڌل گهنگهرن جي ڇم ڇم...! سڀ ڪجهه گهڻو پوئتي رهجي ويل... سي ويو جون سرچ لائيٽس.. ڇولين ۾ هلندڙ عورتن جون کير جهڙيون ڄنگهون، مڪئي جا سنگ کائي رانديون ڪندڙ ٻار، ڪاٺ جي بئنچن تي ويهي حيرت مان سمنڊ ڏي ڏسندڙ ماڻهن جون اکيون... هو ٻئي اڪيلا... هڪڙو سمنڊ... هڪڙو ساحل ۽ سوين هزارين لهرون... روشنيءَ جو وشال دائرو... دائري ۾ موجود ٻه پاڇولا... چيلاٽي جو ڊپ دائري کان ٻاهر رهجي ويل... يڪسانيت جو احساس ۽ روزمره جي ڪمن جي اُڻ تڻ دائري کان ٻاهر.. سمورا خدشا. امڪان، اندازا دائري کان ٻاهر... ٻه پاڇولا سمنڊ جي سيني تي ويٺل... لهرن جو رقص... نغمگي ... ازلي گيت... ابدي سمفني ... هوءَ سيءَ جي هڪ لهر سان ڇڪجي سندس وڌيڪ ويجهو ٿي ويل...
    ”مومل“
    ” هون“
    ”مومل“
    ”هون“
    ”مومل“
    ”ڇا چئه ... ٻڌان پئي.. ٻڌاءِ...“
    ” ڪجهه به نه مومل.. بس ايئن توکي سڏڻ پيو چاهيان“
    ”پر ڇو...؟“
    ”الاءِ ڇو... بس ايئن سٺو پيو لڳي توکي سڏڻ...“
    ”پر مان ته توسان گڏ بيٺي آهيان.. پوءِ سڏڻ جي ڪهڙي ضرورت“
    ”بس ايئن سٺو ٿو لڳي.“
    ”هون.. اڇا ... ٻيو...؟“
    هن ٻه وڏيون اکيون کڻي ڏانهنس ڏٺو. اها اهڙي نهار هئي جيڪا بنا چانڊوڪيءَ جي سمنڊ ۾ جوار ڀاٽا برپا ڪري سگهندي آهي. هڪ لهر ڪنهن پري جي ڏسا کان ڊوڙندي آئي ۽ ٻنهين جي چهرن کي آلو ڪري وئي.. هن پنهنجو کاٻو هٿ وڌائي سندس منهن تي رهجي ويل ڇنڊن کي ڇهي ورتو...
    ”ٻيو ڪجهه به نه... فقط هڪڙي تون....“
    ”ها. ٻيو ڪير به نه فقط هڪڙي مان“
    ”پر راڻا“
    ” پر...؟ پر ڇا مومل ؟“
    ”پر مان هڪڙي ته نه آهيان ٻي به آهي.“
    ”ٻي...؟ ٻي ڪير...؟“
    ”ٻي تنهنجي زال ...“
    ”ها... هوءَ زال ۽ تون محبوبا “
    ”هن جي هوندي منهنجي ضرورت؟“
    ”ها. سومل جي هوندي به تنهنجي ضرورت“
    ”پر ڇو...؟“
    ”شايد هڪ محبوبا جي ضرورت. زندگيءَ ۾ رهجي ويل هڪ خال. کاٻي اک جو خواب. هڪ سجدي جي خواهش“
    ”خواب“
    ”ها خواب... محبوبا جو خواب. هر اهو ماڻهو پوءِ ڀلي شادي شده ڇو نه هجي جيسين محبوبا جي تعبير کان محروم هوندو محبوبا جي خواب جو اسير هوندو“
    ”هائو سويٽ... محبوبا هجڻ ڪيڏو نه اعزاز آهي“
    ”۽ تون محبوبا جي معيار تي بلڪل پوري آهين “
    ”سچ“
    ”ها سچ....
    ”ڪيئن...؟“
    ”هيئن“
    هن سندس چهرو هٿن ۾ جهلي سندس چپن تي هڪ بي حد طويل چمي پوکيندي چيو. کيس ان چميءَ جو سواد ڄاتل سڃاتل محسوس ٿيو ۽ هن مومل کي احساس ڏيارڻ کان سواءِ اعتراف ڪيو ته ان چميءَ ۾ سومل جي چپن جي خوشبوءَ هئي. ۽ کيس لڳو ته ڀرسان ئي ڪٿي سومل موجود آهي. کيس ڏک ۽ اذيت جو گڏيل احساس ورائي ويو. ”منهنجي زندگي ۾ اچڻ لاءِ تنهنجي مهرباني راڻا“
    ”هائو سويٽ...“
    ”ها.. ۽ هڪڙو مان“
    ”ها فقط هڪ تون ۽ مان .... مان ۽ تون ... هي سمنڊ ... ۽ هي ساحل… ۽ هي اڪيلائي .. هي طويل سفر...“
    ٻه پاڇولا. هڪ ٻئي جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويل ۽ پريان بيٺل هڪ پاڇولوجهڙو سومل جو سراپا.
    هُن پنهنجا ٻئي هٿ وڌائي سندس اکين تي رکيل چوڪور چشمو لاهي پنهنجي پاسيري کيسي ۾ رکيو ۽ کيس پنهنجي ڇاتيءَ سان ملائي ساڻس هڪ وڏو گهرو ڀاڪر متعارف ڪرايو...ايترو وڏو ڀاڪر جنهن جو ڪوئي ڇيڙو نه هو.. جنهن ۾ زمين ۽ آڪاس کي پنهنجي گرفت ۾ آڻڻ جي صلاحيت هئي.. ”مومل مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ڇڏ. مان صدين کان مضطرب آهيان. مون کي قابو ڪر نه ته منهنجي بدن جون سڀ رڳون ڦاٽي پونديون. منهنجي وار وار مان ڦوهارا ڪري رت اڏامندو ۽ سڄو سمنڊ رت ۾ ڳاڙهو ٿي ويندو.“ راڻي اڊڙيل ساهن جي وچ ۾ ڳالهائيندي چيو. موٽ ۾ مومل کيس پنهنجي وجود ۾ تحليل ٿيڻ جو موقعو ڏنو ۽ هو سندس جسم ۾ ايئن ڳري ويو جئين مڌ جي گرم جام ۾ برف جو ننڍڙو ٽڪرو ڳري ويندو آهي. هن جي باخبر چمي مومل جي چپن تي پهچي مدهوش ٿي وئي. چميءَ جا پير ٿڙيا ۽ مومل جي ڪلهي سان ٽڪرائجي ڇاتيءَ تي اچي ڪري ۽ صفا نڍال ٿي وئي. ۽ سندس هٿ مومل جي بدن تي ايئن ٻڏندا ترندا رهيا جيئن ٻه آڙيون ڍنڍ ۾ ترنديون ۽ ٻڏنديون هجن. روشنيءَ جي وشال دائري ۾ هڪٻئي جي وجودن ۾ پيوست ٻن وجودن کي فقط سمنڊ پئي ڏٺو... سمنڊ جهڙو ڪناري تي بيٺل پوڙهو ماڻهو ۽ هو ٻه پاڇولا جهڙا ٻه ننڍڙا ٻار... روشنيءَ جي دائري کان ٻاهر بيٺل چيلاٽو بي وس....
    ”راڻا“ هن سڏيو. سندس جسم جي عمارت ۾ پڙاڏو گونجي ويو راڻا... راڻا ... راڻا ..
    ”تو ڪيئن ڄاتو ته مان راڻو آهيان .. منهنجو نالو ته راڻو نه آهي“ عمارت جا سڀ ڪمرا حيرت جي خوشبوءَ سان ڀرجي ويا...
    دالان ۾ حيرت ..
    راهدارين ۾ حيرت...
    سيڙهين تي حيرت...
    هن جي سرمئي چپن تي سرمئي مرڪ ڦهليل.
    ”۽ تو ڪيئن ڄاتو ته آئون مومل آهيان. منهنجو نالو ته تلسي آهي“
    هر طرف حيرت جو راڄ.
    ” مون ته توکي ڪو نه سڏيو. مون ته مومل ڪو نه پڪاريو“
    دالان ۾ حيرت...
    دروازن ۾ حيرت...
    درين ۾ حيرت.... اکيون اکين جي سفر تي روان دوان. جسم جسمن ۾ پيوست.
    وچ جو فاصلو معدوم ”پوءِ تو ڪنهن کي سڏيو.“
    ” شايد توکي. شايد مومل کي. شايد سومل کي.“
    هوءَ وٺڻ بدران ڏيڻ آئي هئي. هوءَ جيڪا جنم جنم کان جوڳڻ هئي. هن جو بدن سختي ۽ نرمي جو گڏيل احساس رکندڙ بدن. جنهن ۾ ڪنهن اڄاتي ديس جي اداس خوشبو.
    هو انهيءَ خوشبوءَ جي ڪڪرن تي سوار ٿي آڪاش جي سفر تي روانا ٿي چڪا. پري پري. تمام گهڻو پري. اڳتي گهڻو اڳتي. ايترو اڳتي جيترو اڳتي اکيون ڏسي نه سگهنديون آهن. ڪن ٻڌي نه سگهندا آهن. هٿ ڇهي نه سگهندا آهن. هڪ ٻئي مٿان ايئن ڇانيل هيا جيئن ڪنهن ڳوٺ جي مٿان آسمان تارن سميت ڇانيل هجي. هو هڪ ٻئي جي وجودن ۾ ايئن پيوست هيا جيئن وڻ جي ٽاريءَ تي ول ويڙهيل هجي.
    او جوڳڻ تنهنجي جيءَ ۾ ڇا آهي...؟
    ڇاٻڌايان توکي...؟
    اسان در در جا مسافر...اکيون ڳوڙها ڳوڙها... زخمي پيرا ۽ اکيون ٻيرا ٻيرا...!! وار کليل... ڪارا ڪڪر.. وڄ.... شام.... برکا... گوڙ...
    گهنگهور گهٽا ۾،
    تنهنجو بي لباس بدن،
    وڄ جي هر وراڪي سان،
    چاندي بڻجي چمڪي ٿو.
    جوتي بڻجي جرڪي ٿو.
    ۽ تنهنجي ڪلهي جي لاهيءَ ۾،
    کنوڻ ڪري ٿي کاهيءَ ۾،
    ۽ هڪڙو چنڊ اڀري ٿو دن جي اونداهيءَ ۾...!!
    سفر جاري... سفر اڻ کٽ.. منزل ويجهو.. منزل ڏور... کاڏيءَ جي تر کان شروع ٿيل سفر جو ڪوئي انت نه پار.. کاڏيءَ کان ڳچي... ڳچيءَ کان ڇاتيون... وچ ۾ پيٽ جي نرم نفيس وادي...
    ۽ پوءِ نفاستن نزاڪتن جي هڪ انتها. انهيءَ دوران هن ڪنهن مهل هن جي نيڻن ۾ٿي نهاريو ته ڇرڪي ٿي ويو. انهن نيڻن ۾ سومل جي نهار جو پاڇولو هو.
    اهي نيڻ نه هجن ڄڻ ڪنهنجي ڏيڍيءَ تي ٻرندڙ ٻه ڏيئا هجن.
    ايامن کان ٻرندڙ ڏيئا.
    ايامن کان منتظر ڏيئا.
    ايامن کان منتشر ڏيئا.
    او جوڳڻ تنهنجي جيءَ ۾ ڇاآهي؟
    ”انتظار آهي فقط انتظار“
    ”ڪنهن جو انتظار جوڳڻ...؟“
    ”الاءِ ڪنهن جو آهي.. پر آهي.... جنم جنم کان آهي شايد راڻي جو...“
    ۽ هو سندس اکين جي انتظار کان اکيون چورائي سفر تي روانو ٿي پئي ويو..سفر طويل سفر....
    مختصر سفر... اکين جو سفر. کاڏيءَ جي تر جو سفر. نيٺ اهو سفر موٽي اچي کاڏيءَ تي پورو ٿيو.جتي هڪ ڪاري تر جو مختصر جهنڊو پئي ڦڙڪيو.
    هو ٻئي سفر تان موٽي آيا.
    هڪڙو راڻو. هڪڙي مومل.
    هڪڙو احمد، هڪڙي تلسي.. هڪڙو مرد هڪڙي عورت.
    خانه بدوشڻ هڪڙي گهري، وشال، معتبر ۽ شاندار مرڪ سان ڏانهس ڏسي پنهجي پوتيءَ سان هن جي پيشانيءَ تي اڀري آيل پگهر جي آلاڻ کي ايئن اگهيو ڄڻ هو سندس ننڍڙو پٽ هجي.
    ۽ هوءَ سندس پوڙهي ماءُ هجي...!!
    شايد هر عورت جي اندر ۾ هڪ ماءُ هميشه موجود هوندي آهي. پر پڪ سان هر پيءَ جي اندر ۾ هر وقت هڪ پيءُ موجود نه هوندو آهي. البته هر مرد جي اندر ۾ هڪڙو اٻاڻڪو ٻار ضرورموجود هوندو آهي. جيڪو ڪڏهن به وڏو ٿي نه سگهندو آهي. خاص ڪري انهن مردن جي اندر جو ٻار جيڪي آزاد ٻاروتڻ گذاري نه سگهندا آهن.
    تلسيءَ جي مرڪ جو ٻيو ڇيڙو ڳوليئي نه ٿي لڌو.
    هوءَ ڪنهن وشال ڍنڍ وانگر شانت ۽ پنهنجي پاڻ ۾ مطمئن هئي. ۽ هو ڪنهن سامونڊي لهر جيان اتالو، اٻهرو ۽ اڻ مطمئن هو.


    9

    شايد عورت هڪڙو ڀرپور، مڪمل ۽ محبت سان جهنجهيل سنجوڳ ماڻڻ کان پوءِ ايئن شانت، مطمئن، مڪمل، پُرسڪون ۽ ننڊاکي ٿي پوندي آهي جيئن ڪو سامونڊي غوراب سوين مسافر کڻي ڪيئي راتيون ڪيئي ڏينهن سمنڊ جي سيني تي ٽلڪندو انيڪ اجنبي جزيرن مان گذرندو، مينهن ۽ طوفان سهندو اجنبي هوائن سان ڇڪجندو نيٺ ڪنهن ڏينهن صبح جي روشن ڪرڻن سان گڏ اچي پنهنجي ساحل تي لنگر انداز ٿيندو آهي ته سندس سمورا ٿڪ لهي ويندا آهن ۽ هوائن وانگر هلڪو ٿي پوندو آهي. سندس سڙهه سفيد ڪڪرن وانگر لهرون لهرون ٿي رقص ڪرڻ لڳندا آهن. جڏهن ته مرد ڄڻ ان غوراب جو ڪپتان هوندو آهي جيڪو ساحل تي پهچي به مطمئن ۽ ٿانيڪو نه ٿيندو آهي. پر رهندو سندس اکين جي اُڻ تُڻ ۽ اندر جي آتر ويلا وڌي ويندي آهي.
    انهيءَ آنڌ مانڌ ۾ هن تلسيءَ جي پُرسڪون اکين ۾ ڏسندي چيو ” تلسي ڇا پاڻ وري ڪڏهن ملنداسين ؟“ ۽ موٽ ۾ هُوءَ ننهن کان چوٽيءَ تان مرڪ ۾ ويڙهجي وئي.
    اهو ڪيترو نه ٻاراڻو سوال هو...!
    ”اسين در در جا مسافر. ڪڏهن ڪٿي. ڪڏهن ڪٿي. اڄ هتي آهيون. سڀاڻي خبر ناهي ته ڪٿي هجون“ تلسيءَ هڪ وشال مُرڪ جي سرمئي ڪوهيڙي مان ٻاهر ايندي حقيقي اداسيءَ وچان چيو. سندس بليڪ هول جهڙا ٻه گهرا ڪارا نيڻ جيڪي اک ڇنڀ ۾ سڄي ساري ڌرتيءَ کي ڳهڻ جي سگهه رکندڙ هئا، اداس ٿي ويا.
    سَرءُ جي هيڊي شام هن جي وڇوڙي جي پڪي امڪان سان وڌيڪ هيڊي ٿي وئي.
    آڪاش کان ڌرتيءَ تائين ڦڪا پن پکڙجي ويا.
    سارو وايو منڊل هيڊو ٿي ويو.
    اسين مسافر ماڻهو....
    اسين در در جا فقير...
    زخمي پيرا. اکيون ٻيرا ٻيرا.
    ۽ هوءَ مٿس هڪ خاموش نهار وجهي پنهنجي ڦيريدار قبيلي سان گڏ الاءِ ڪيڏانهن هلي وئي.
    وقت سان گڏ هو سندس بدن جي خانه بدوش خوشبو، سانورو سراپا، پيرن جي نرمي، چيلهه جو وراڪو ۽ اکين جو رنگ وساري ويٺو پر سندس کاڏيءَ جو تر وساري نه سگهيو.
    پوءِ به خانه بدوش جا قافلا ايندا ويندا رهيا. پر اُهو قافلو ڪڏهن به نه موٽيو جنهن سان تلسيءَ جو تعلق هو. شايد خانه بدوشن جون اکيون واپسيءَ جا رستا ياد نه رکنديون آهن پر ڪيئن چئجي ته تلسيءَ جو تعلق ڪنهن سان هو...؟ ڪهڙي قبيلي سان هو...؟ هوءَ ته جنم جنم کان جوڳڻ هئي. وڃائجي ويل اداس وجود هئي. نه ڄاڻ کيس ڇا جي ڳولا هئي...؟
    چيلاٽو اڃان به روشنيءَ جي دائري کان ٻاهر بيوس ٿيو بيٺو هو. پرشايد ڪو به چيلاٽو بي وس نه هوندو آهي. هر چيلاٽو مرندي مرندي هڪ ٻئي چيلاٽي کي جنم ڏئي ويندو آهي.طويل ڀاڪر ۽ ان کان به طويل چمي جي پيٽ ۾ چيلاٽي جو وجود جاڳڻ لڳو. هو جيڪو ڪجهه لمحن تائين هڪ معصوم احساس ۾ ڀريل هو. ان جي اندر ۾ چيلاٽو پر سوئڻ لڳو. تڏهن کيس محسوس ٿيو ته جنهن چيلاٽي ڪيئي سال اڳ ٻڪريون چاريندي کيس ڏنگيو هو ۽ پوءِ هميشه سندس پٺيان رهڻ لڳو هو سو ته شايد روشنيءَ جي وشال دائري کان ٻاهر مري ويو آهي. پر پنهنجو وجود منجهس ڇڏي ويو آهي... پوءِ جنهن مهل هن محسوس ڪيو ته سندس هٿ جون پنج ئي آڱريون مومل جي وارن ۾ ايئن ڦاسي ويون آهن جيئن سينگاريون مڇيون سنهيءَ ڄار ۾ ڦاسي ڦٿڪنديون آهن. ۽ سندس مدهوش چمي جاڳي پئي آهي ۽ بي اختيار مومل جي سامونڊي ٻيٽ جهڙي لسي پيٽ تي ڪٺل پکيءَ وانگر ڦٿڪي رهي آهي ۽ بي لباسيءَ جي موسم تيزيءَ سان پچي رهي آهي ته هو ڇرڪ ڀري حواسن ۾ موٽي آيو. ٻئي پل هُن جلدي ۾ پاڻ کي مومل کان پري ڪري ورتو... ٻه پاڇولا جيڪي روشنيءَ جي دائري ۾ ڪجهه لمحن لاءِ هڪ ٻئي ۾ پيوست هئا، هڪ ٻئي کان پري ٿي ويا... هُو سيءَ بخار ۾ ڏڪندڙ ٻار وانگر سڄو لرزيو پئي. ”ڇا ٿيو آهي راڻا“
    ”ڪجهه نه مومل.. ڪجهه به نه“ هن ڏڪندڙ جسم ۾ ڏڪندڙ آواز سان وراڻيو۽کيسي ۾ پيل چشمو ڪڍي مومل کي ڏنائين. آهستي آهستي روشنيءَ جو وشال دائرو ڌاڳا ڌاڳا ٿي ڇڄي پيو.
    ”مون ۾ چيلاٽو جاڳي پيو آهي مومل.“ هن منهن تي لهي آيل وارن کي آڱرين سان مٿي ڪندي ۽ منهن تي ڄمي ويل گهم جي تهه کي اگهندي چيو.
    ”چيلاٽو جاڳي پيو آهي...؟ ڇا مطلب ..“ مومل چشمو اکين تي رکندي حيرت مان چيو.
    ”ڪجهه به نه مومل ... پوءِ توکي ٻڌائيندس.. توکي چيلاٽي جي خبر نه آهي“.
    ”اچ ته هلون مومل....“ هن مومل جو هٿ وٺي کيس اونداهي ٻيٽ مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ سي ويو جي روشن ساحل ڏي هلڻ لڳو...
    ”راڻا...!!“
    ”هون..!!“
    ”توکي اونداهي ۽ اڪيلائي ۾ ڊپ لڳي ٿو؟“
    ”ها مونکي ڊپ لڳندو آهي.“
    ”پر ڇو... ڇا جو ڊپ... ڪهڙو ڊپ..؟“
    ”ڊپ سان منهنجو ۽ مونسان ڊپ جو پراڻو تعلق آهي مومل“
    هن روشنيءَ ڏي هلندي چيو ۽ هڪ پل لاءِ مڙي پٺتي ان طرف نهاريو جتي ڪجهه پل هو ڪافي دير تائين اڪيلا بيٺا هيا.
    اهو پاسو گهري اونداهيءَ ۾ ٻڏل هيو. جبل جو ڀڙو به ڌنڌ ۽ اونده ۾ نظر ئي نه پئي آيو.... ڪارو سمنڊ ... ڪارو ساحل ۽ ويراني .... ۽ کيس حيرت لڳي ته هو مومل سان گڏ اهڙي ويران هنڌ تي ڪيئن بيٺو هو. اوڏانهن ڪيئن ويو...؟ حيراني جو وشال دائرو.... روشني جو وشال دائرو... ڪو به دائرو ٺهڻ ۾ دير نه ٿي لڳي. ڪو به دائرو ڊهڻ ۾ دير نه ٿي لڳي.
    آفيس ۾ مومل جي غير موجودگيءَ ۾ کيس مومل جي کاڏيءَ جو تِرُ ياد آيو. مومل جي کاڏي جو تر ايئن سندس يادگيريءَ ۾ محفوظ هو جيئن پهرئين پيار جو پهريون جملو يا پهرين چمي هميشه لاءِ يادگيريءَ ۾ محفوط رهجي ويندي آهي. هن لاءِ مومل ۽ سندس کاڏيءَ جو تر هڪ شئي هئا.يعني کاڏيءَ جو تر مومل هئو ۽ مومل کاڏيءَ جو تر هئي. کيس جنهن مهل به ۽ جتي به سندس چهرو چمڻ جو موقعو مليو هوندو ته هن هميشه پهرين چُمي سندس کاڏيءَ جي تر تي ڏني هوندي. کيس هميشه لڳندو هو ته اهو ته دراصل خوشبوءَ جو دروازو آهي. هو اڪثر سوچيندو هو ته جيڪڏهن ڪنهن به سبب جي ڪري ڪڏهن مومل جي کاڏيءَ جو تر گم ٿي ويو ته الاءِ هو مومل سان محبت قائم رکي به سگهندو الاءِ نه ! مومل جي تر جو راڻي جي اوجاڳن، سجاڳين، ننڊن خوابن ۽ سندس ڳوٺ جي پٺئين پاسي واري خالي ميدان سان گهرو تعلق هو، ميدان جيڪو هاڻي ميدان نه رهيو هو. بلڪه سم جي کاري پاڻيءَ جي تلاءَ ۾ تبديل ٿي چڪو هو.
    ۽ هو تلسيءَ جي تر وٽان ٿيندو مومل جي کاڏيءَ وٽ پهتو.
    هوءَ ڪمپيوٽر تي آفيس جي ڪم ۾ مصروف ۽ آس پاس جي دنيا کان بلڪل بي خبر ۽ ڀرسان پيل ڪوپ ۾ ٺرندڙ چانهه کان ۽ اکين ۾ پوندڙ وارن جي ڇڙواڳ چڳ کان بنهه بي نياز هئي.
    اها بي نيازي سندس ادا هئي.
    ۽ لاپرواهي سندس ڪيموفلاج هئي يا شايد اها به هڪ مخصوص ادا هئي. اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ لاءِ ته هڪ جملو ، هڪ لفظ هڪ لمحو ئي ڪافي هوندو آهي. هوءَ کيس هڪ جملي، هڪ لفظ سان زخمي ڪري ڪو وقت ڦٿڪڻ لاءِ ڇڏي ڏيندي هئي ۽ وري ڪنهن پل هڪ لفظ هڪ جملي هڪ لمحي جي لمس سان سندس سڀ درد لاهي ڇڏيندي. ڪڏهن آفيس ۾ ڀرسان هوندي به ايئن احساس ڏياريندس ڄڻ هن سان سندس پري پري جو ڪو تعلق ڪونهي. ته ڪڏهن ايئن محسوس ڪرائيندس ڄڻ هوءَ سندس زندگيءَ جو ضروري حصو هجي جنهن کانسواءِ زندگيءَ جو تصور ممڪن نه هوندو آهي. هو اڪثر هڪ ٽٽل ۽ جهڪيل ۽ محروم ماڻهوءَ جيان کيس چوندو ”مومل مون سان ليکا نه ڪندي ڪر. مان ليکن جي دنيا جو ماڻهو نه آهيان.“ ته هوءَ مرڪي چونديس ”راڻا منهنجا سڀ ماڻا توسان ئي آهن ٻيو ڀلا ڪير آهي منهنجو“ ته هُو سڀ تڪليفون وساري ويهندو ۽ هڪ جملو هميشه جيان سندس سيني جي غفائن مان نڪرندو ”مومل. ٿينڪس ٽُو ڪم ان ماءِ لائف“ ۽ هوءَ ڪنهن هٿرادو الاءِ حقيقي اداسيءَ وچان وري کيس اداس ڪرڻ لاءِ الاءِ سرهو ڪرڻ لاءِ چوندي ”راڻا. مان توکي وڃائڻ نه ٿي چاهيان.. پر الاءِ ڇو لڳي ٿو ته مان توکي وڃائي ويهنديس“ ۽ هو وري ڏک جي ڪڪرن ۾ ڍڪجي ويو.
    ماڻهو پنهنجي عمل کان وڌيڪ رد عمل مان سڃاپجندو آهي. شايد عمل ۽ ردعمل جي وچ تي به ڪجهه هجي... ۽ مومل پنهنجو ردعمل ظاهر ڪرڻ جي معاملي ۾ محتاط هئي.
    ۽ هو ناخوش هوندي به خوش هو.
    يا شايد خوش هوندي به ناخوش هو.
    هو چاهيندي به کيس وساري نه پئي سگهيو. شايد ڪنهن کي وسارڻ به ايئن ماڻهوءَ جي وس ۾ نه هوندو آهي جيئن ياد ڪرڻ. مومل ڏي گهڻي ڇڪ جو سبب هُو پاڻ هو. هُن جي اندر جي اٿاهه اُڃ هئي. ۽ اها اڃ ئي سندس اذيت جو سبب هئي. شايد گهڻي اڃ ئي ماڻهوءَ کي گهڻو ڀٽڪائيندي آهي.
    هو ته شروع کان هڪ اڌورو ۽ محروم شخص هو.
    محبتن کان محروم .
    دوستيءَ کان محروم .
    زندگيءَ کان محروم .
    خوشيءَ کان محروم.
    اعتماد کان محروم.
    اسڪول جي اسيمبلي مهل سدائين آخر ۾ بيٺل شاگرد.
    ڪلاس ۾ سدائين آخري بئنچ تي ويهندڙ ٻار.
    لاريءَ ۾ هميشه پٺئين دروازي کان سوار ٿي پٺئين سيٽ تي ويهندڙ مسافر. (آخر هو هڪ گدلو ٻارئي ته هو )
    هو ٻاروتڻ کان هڪ ڊنل ، اڪيلو ۽ جاڳ توڻي ننڊ دوران ڊپ ۽ شرمندگيءَ ۾ مبتلا رهندڙ شخص هو. ننڍڙي ۽ نابالغ هٿ ۾ گسڪندڙ وڏي ۽ بالغ عضوي جي شرمندگي.
    جهنگل ۾ اوچتو مٿان چڙهي ويل چيلاٽي کان شرمندگي.
    گرم چانهه ۾ سڙڻ جو ڊپ.
    ڪلهي تي ويٺل کهرن چنبن واي چيلاٽي جو ڊپ.
    ڳل تي لڳل استاد جي چماٽ جو ڊپ.
    دل جي دوري جو ڊپ.
    ڪينسر جو ڊپ.
    موت جو ڊپ.
    هو اهڙو شخص هو جنهن تي ٿوري وقت لاءِ به جواني نه لٿي هئي. هو جوانيءَ جوانتظار ڪندڙ اهڙو شخص هو جنهن وٽ ٻاروتڻ کان پوءِ جوانيءَ بدران سڌو سنئون ٿڪل ۽ ڪمزور اڌڙوٽ پڻو لهي آيو هو ۽ جواني وچ ۾ ڪٿي گم ٿي وئي هئي ۽ پوءِ هو هميشه لاءِ جوانيءَ جي انتظار ۾ مبتلا ٿي ويو هو. ۽ ڪڏهن به اڌڙوٽ پڻو قبولي نه سگهيو.
    هن پنهنجي اڌڙوٽ پڻي کي رد ڪرڻ لاءِ ڪيئي رستا ڳوليا هئا. پر ڪو به رستو سندس اڌڙوٽ پڻي کي رستو ڏئي نه سگهيو هو. هو کاٻي اک واري خواب جي اذيت ۾ ورتل اڌڙوٽ شخص....!!
    هو ڪڏهن به ڄاڻي ۽ سمجهي ۽ محسوس نه ڪري سگهيو ته جواني ڇا هوندي آهي...؟ ڪيئن هوندي آهي...؟ سندس شادي به ٻاروتڻ ۾ ٿي گذري هئي. جڏهن هو بي رونق چمڙيءَ هڙٻاٺون نڪتل منهن ۽ بنهه ڪمزوري جسم وارو ڇوڪرو هو ۽ سومل کي ته اڃان بالغ ٿيئي ٻه مهينا به نه گذريا هئا. جنهن جي اکين ۾ هر وقت مايوسي، بي يقيني ۽ ڊپ جا پاڇا پيا لرزندا هئا. جنهن شاديءَ کان پوءِ هڪ مئل ٻار کي جنم ڏنو هو. ۽ هميشه لاءِ ان ڊپ ۾ مبتلا ٿي وئي هئي ته هاڻي هوءَ مئل ٻار ڄڻيندي. هوءَ پاڻ کي هر وقت ”مئل ٻار جي ماءُ“ سمجهڻ لڳي هئي....!!
    انهن ناتمام خواهشن/محرومين ۽ ٽٽل خوابن جي ڇيڙي تي جڏهن هو سڀني محرومين کي قبول ڪري پاڻ تي خوابن جا دروازا بند ڪرڻ جي سرحد تي پهچي چڪو هو ته اوچتو مومل پنهنجي سجاڳ چاهت سان سندس زندگي ۾ شامل ٿي ته کيس اهڙي خوشي ٿي جهڙي ان قيدي کي ٿيندي آهي جنهن جي ڳچيءَ ۾ ڦاهيءَ جو ڦندو پيل هجي ۽ هو ليور ڇڪجڻ جي مئل انتظار ۾ هجي جو عين ان وقت ڦاهي ملتوي ٿيڻ جو حڪم نامو پهچي وڃي. اها هڪ محروم ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ آيل خوشيءَ جي اهڙي ٻوڏ هئي جيڪا کيس ٻوڙڻ لاءِ ڪافي هئي. سو هو ٻڏي ويو. هو ٻڏڻ لاءِ اڳ ئي تيار هو. هو جهڪي پيو. هو جهڪڻ لاءِ تيار هو. شايد ازل کان هر ماڻهوءَ جي هردي ۾ هڪڙو سجدو ڀٽڪندو رهيو آهي. ان ڪري ئي هو ڪڏهن خدا جي آڏو جهڪندو رهيو آهي ته ڪڏهن بت جي آڏو. ڪڏهن ديوي جي چرنن ۾ جهڪندو رهيو آهي ته ڪڏهن محبوبا جي قدمن ۾. ان سجدي کان سواءِ هن پاڻ کي هميشه اڌورو ۽ بي چين محسوس ڪيو آهي. ۽ جڏهن هن کي جهڪڻ جو موقعو مليو ته هو جهڪي پيو. ۽ کيس پنهنجي آڏو سجده ريز ڏسي شايد مومل ۾ عورت بدران ديويءَ جهڙي انا جاڳي پئي ۽ هوءَ کائنس اهڙا اڻ چيا مطالبا مڃرائڻ جي تقاضائن تي لهي آئي جيڪي هن جي وس ۾ نه هئا. آخر هو ديوتا ته نه هو. هو ته عام ماڻهو هو سو پنهنجي سموري حواسن سميت ڊهي پيو. اهو سندس اميد جو آخري ساهه ثابت ٿيو ۽ سندس خواب مري ويو.
    هو مومل جي تر مان ٻاهر نڪتو ته آفيس ذري گهٽ خالي ٿي چڪي هئي. خالي آفيس اڪثر کيس سٺي لڳندي هئي. ملازمن جي وزن کان نجات پاتل ڪرسيون.
    فائلس ۽ ويٽ اسٽون جي وزن کان آزاد ٽيبلز.
    آوازن جي منڌل شور کان آجا ڪمرا.
    ايندڙ ويندڙ ماڻهن جي قدمن جي بي ترتيب آوازن کان آزاد فرش...
    سڀ ڪجهه خالي خالي.
    ڪمرا خالي، هال خالي، راهداريون خالي، سيڙهيون خالي.
    ڪڏهن ڪڏهن کيس خالي آفيس کان ڊپ ٿيندو آهي. کيس اڪثر خالي ڪمرن مان ڪجهه ٽٽل ٽٽل ۽ چچريل آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن.
    پر ان منجهند هن ٽٽل ڦٽل آوازن ڏي گهڻي توجهه ڏيڻ بدران ان سوال بابت پئي سوچيو ته ”مومل ۾ منهنجي دلچسپي ته سمجهه ۾ اچڻ جهڙي آهي پر مون ۾ مومل جي دلچسپي ڇو آهي...؟؟“ مومل ڇا ٿي چاهي...؟ آخر هن مونکي سومل سميت ڪيئن قبول ڪيو آهي..؟ ڪيئن...؟؟
    هڪڙو سوال جنهن جا ڪيئي جواب ٿي پئي سگهيا.
    هڪڙو سوال جنهن جو ڪوبه جواب نه هو.
    هڪڙو سوال جنهن جو جواب موجود هو پر اهو جواب کيس اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ لڳو هو. ۽ اها ان سوال جي اذيت ئي هئي جيڪا کيس هڪ دفعو وري چيچ مان وٺي اچي ڏک/ڊپريشن جي دروازي بيٺي.
    شيشي واري دريءَ جي پرئين پاسي ٽيبل ڏي ڏسندي جتي موتئي ۽ گلاب جا ڪجهه گُل ذري گهٽ پاروٿا ٿي چڪا هئا هن اهو ڪجهه سوچيو جيڪو هو عام رواجي حالتن ۾ قطعي نه سوچي ها. هن لاءِ اهي وبا جي ڏهاڙن جهڙيون حالتون هيون ان ڪري هن سوچيو ته ڊينگي مڇر جي نه دوستي چڱي نه ڪا دشمني ڀلي. ڊينگي مڇر کان هر حالت ۾ پري رهڻ گهرجي. پر ڪير به پنهنجي گهر جي دروازي تي ڊينگي مڇر کي تنبيهه ڪرڻ لاءِ No Entry جي تختي نه ٿو لڳائي سگهي. تختي لڳائڻ سان ڪو فرق به نه ٿو پئي. جيڪي زوري گهر ۾ داخل ٿيڻ ويندا آهن اهي نه ڪو تختي پڙهندا آهن نه ڪو دروازو کڙڪائيندا آهن. ۽ ٻئي پل هن بي دليءَ وچان ٻانهن ۾ ٻڌل واچ ڏي ڏٺو.
    ڏهه لڳي ڏهه منٽ.
    ۽ ڪجهه سيڪنڊ.
    پر هن سيڪنڊ واري ڪانٽي ڏي گهڻو ڌيان نه ڏنو. بلڪه ڌيان ڏنو ئي ڪونه. سيڪنڊ واري ڪانٽي ڏي ڪير به ڌيان ڪونه ڏيندو آهي. جيتوڻيڪ سيڪنڊ وارو ڪانٽو ئي وقت جو بنيادي جزو آهي جيڪو منٽن، ڪلاڪن، ڏينهن، راتين، هفتن، مهينن، سالن ۽ صدين کي ڄڻيندو آهي ۽ عمارتون زبون ٿي وينديون آهن، وڻ ۽ درياهه جهونا ٿي ويندا آهن، جبل لسا ٿي ويندا آهن ۽ ماڻهو پوڙهو ٿي ويندو آهي. جيئن آفيس جو پٽيوالو غلام رسول عرف گلي پوڙهو ٿي ويو آهي ڏند ڀڄي پيا اٿس. ڀڳل ڏندن مان ڳالهائڻ مهل سندس آواز ۽ لفظ واريءَ وانگر وهي ويندا آهن ۽ هُن کي سندس جملا سمجهڻ ۾ ايئن ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي جيئن ڪنهن مڏي ريزر سان شيو ڪندي ٿيندي آهي. وار اڇا ٿي ويا اٿس. هر هفتي وارن کي خضاب هڻندو آهي، پاڻ کي جوان سمجهڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا رهندو آهي ۽ باقائدگيءَ سان سگريٽ ڇڪيندو رهندو آهي. آفيس جي ذري گهٽ چئن پنجن ڀتين تي No Smoking جون تختيون لڳل آهن. پر گلي انهن ڏي توجهه نه ڏيندو آهي. هو اڻپڙهيل آهي. تختيءَ جي معاملي ۾ هر طرح جي اخلاقي دٻاءَ کان آجو آهي. هونءَ به ڪنهن قسم جي اخلاقي دٻاءَ کان آجو رهڻ لاءِ اڻ پڙهيل هجڻ بنيادي شرط ڪونهي. هُن هڪ دفعو وري ڪنڌ ورائي کاٻي پاسي شيشي جي دريءَ مان پرئين ڪمري ۾ ناسي ٽيبل تي پيل موتئي ۽ گلاب جي پاروٿن گلن ڏي نهاريو. ۽ ٽيبل ڏي ڏسڻ لاءِ غير ضروري طور تي پنهنجو ڪنڌ ذري گهٽ سٺ ڊگري تائين ڦيرايو. جڏهن ته ٽيبل تائين نهار جي پهچڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ ٽيهه ڊگري تائين ڦيرو ڪافي هو. اصل ۾ اهو عادت جو الميو هو. هو اڃان کاٻي اک جي خواب مان آزاد ٿي نه سگهيو هو. توڻي جو هاڻي سندس ساڄي اک پنهنجي حصي جي ذميواري پاڻ کڻڻ جهڙي ٿي چڪي هئي پر شايد اڃان ساڄي اک روشنيءَ جي هيراڪ ٿي نه سگهي هئي. يا شايد هن جو ڪنڌ سندس ساڄي اک جي عادت جو عادي ٿي چڪو هو. ۽ جنهن مهل به هن ساڄي پاسي ڏسڻ ٿي چاهيو ته سندس ڪنڌ پاڻ همورو ايترو ڦري ٿي آيو جيترو کاٻي اک جي خواب مهل ڦرندو هو. بهرحال کيس پنهنجي ان عادت ۽ حالت تي ڪاوڙ لڳي.
    هن پاروٿن گلن ڏي ڏسڻ جو ارادو بدلائي پنهنجي نهار ۽ ڪنڌ کي واپس موٽائي ٽيبل تي رکيل ڪمپيوٽر تي مرڪوز ڪيو.
    اکين ۽ ڪنڌ جي تڪڙي واپسي. هڪ خاموش سزا.
    پنهنجي پاڻ کي سزا.
    ڪنڌ کي سزا.
    ساڄي اک کي سزا.
    کاٻي اک جي خواب کي سزا.
    هن کي ڪمپيوٽر ”آن“ ڪري آفيس جو ڪم ڪرڻو هو، پر کائنس ڪم ڪرڻ نه پئي پڳو.
    ”ڪم ڪرڻ گهرجي“ هو چپن ۾ ڀڻڪيو.
    هن پاڻ کي ڪم لاءِ زوريءَ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
    هو ڪالهه شام کان ڊينگي مڇر جي ڊپ ۾ مبتلا هو. سندس هٿ هر هر نرڙ ڏي کڄي ٿي ويو ۽ هو آڱرين سان نرڙ جي وچ تي موجود ننڍڙي ڳوڙهيءَ کي ڇهڻ ٿي لڳو. سندس خيال هو ته کيس ڪالهه شام ان جاءِ تي جنهن مڇرچڪ پاتو آهي اهو ڪو عام مڇر نه آهي پر ڊينگي مڇر آهي. هن پنهنجي ڀرسان ڪنهن کي بيٺل محسوس ڪيو. اهو پٽيوالو غلام رسول عُرف گلي هو. هن ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو ۽ راڻي کي خبر هئي ته هو ڇا چوندو تنهنڪري هن کيس پنهنجا لفظ استعمال ڪرڻ جي تڪليف کان بچائڻ لاءِ چيو ”ڪينٽين تي چاٰءِ وڃي پيءُ مان پيسا ڏيان ٿو.“ گلي هٿرادو ڏند ڪڍي کلڻ لڳو. اها هٿرادو ڏندن جي غير هٿرادو کِل هئي.
    هونءُ گلي جو خاص مشغلو آفيس جي سڀني ملازمن کي پنهنجي اُها ڪهاڻي ٻڌائڻ آهي جنهن ۾ ڪنهن جي به ڪابه دلچسپي ناهي پر اها ڪهاڻي سندس لاءِ زندگيءَ جي اهم ڪهاڻي آهي.
    ٿورڙن لفظن ۾ سندس ڪهاڻيءَ جو مرڪزي خيال هي آهي ته هو جوانيءَ ۾ جنهن عورت سان پيار ڪندو هو ان جهڙي سهڻي عورت سڄي دنيا ۾ ڪا نه هئي پر هو ساڻس وفا نه ڪري سگهيو، پيءَ جي چوڻ تي پنهنجي ماروٽ سان شادي ڪيائين ۽ سدائين لاءِ پڇتاءُ ۾ مبتلا ٿي ويو.
    شايد دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا جن وٽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي ڪابه ڪهاڻي نه هجي ۽ ان ڪري ئي هو سدائين ٻين جون ڪهاڻيون ٻڌائيندا رهندا آهن. نه ته گهڻو ڪري هر ماڻهوءَ وٽ ٻڌائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪهاڻي ضرور هوندي آهي. اُها هڪ ڪهاڻي سندس ڪل ملڪيت هوندي آهي. هُو ان ڪهاڻيءَ ۾ ئي زندگي گذاريندو آهي. ان ڪهاڻي مان سندس دلچسپي ڪڏهن به گهٽ نه ٿيندي آهي. هر ڀيري کيس اُها ڪهاڻي اڳ کان وڌيڪ دلچسپ ۽ نئين نئين ڀاسندي آهي. کيس ان ڳالهه جي پرواهه نه هوندي آهي ته ٻڌندڙ کي ان ڪهاڻيءَ ۾ ڪا دلچسپي آهي يا ناهي. بس هو پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائڻ ۾ مگن هوندو آهي.
    گلي پنهنجي ڪهاڻي ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪئي ڪئي دفعا ٻڌائي چڪو آهي. ان ڪري هاڻي گهٽ ۾ گهٽ آفيس ۾ سندس سوين دفعا ورجايل ڪهاڻي ٻُڌڻ لاءِ ڪير به تيار نه هوندو آهي.
    پر راڻو بهرحال ڏينهن ۾ هڪڙو دفعو سندس ڪهاڻي ضرور ٻڌندو آهي. کيس اندازو آهي ته جي هن سندس ڪهاڻي ٻڌڻ کان انڪار ڪيو ته هو زندگيءَ مان دلچسپي وڃائي ويهندو. شايد ڪجهه ماڻهو جيئرا ئي رڳو ان ڪري رهي سگهندا آهن جو اُهي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندا رهندا آهن. سندن ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو عمل بند ٿيندو ته شايد اهي مري ويندا. شايد ڪُجهه ماڻهن جو جيئڻ سندن ڳالهائڻ سان ڳنڍيل هوندو آهي. هونءَ به هتان جي ماڻهن وٽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ سندن سڄو ماضي ڳالهين/قصن/زخمن سان ڀريو پيو آهي. انهن وٽ ياد رکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ۽ وسارڻ لاءِ ڪجهه به ڪونهي. بلڪل ايئن جيئن سندس پيءَ جي زندگي ڳالهائڻ سان مشروط آهي. سندس پيءَ جنهن روينيو کاتي ۾ ڪوٽوار طور جهرجهنگ ۽ رڻ ريگستان جهاڳيندي زندگيءَ جا ڪئي سال گذاري ڇڏيا هئا. هر وقت پيو ڳالهائيندو آهي. چُپ رڳو سمهڻ مهل، يا نماز وغيره پڙهڻ مهل ٿيندو آهي. پر هُن وٽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ پنهنجي ڪابه ڳالهه نه آهي. هن وٽ ٻين کي ٻڌائڻ لاءِ رڳو ٻين جون ڳالهيون آهن. جيڪي اڻ کُٽ ۽ طويل آهن. جن ۾ به ٻڌڻ وارن لاءِ ڪا خاص دلچسپي نه آهي پر اهي ڪهاڻيون هن کي مسلسل ڳالهائڻ لاءِ مواد فراهم ڪنديون آهن. ۽ هو ڳالهائيندو رهندو آهي. ان ڏينهن ڳوٺان ڀاڻس فون ڪري ٻڌايس ”بابا ٺيڪ نه آهي. پيشاب بند ٿي ويو اٿس“
    تڏهن هو پهرين فرصت ۾ پيءُ جي بيماريءَ بابت سوچڻ بدران اهو اندازو ڪرڻ لڳو هو ته ڳوٺ مان مور جي مرڻ واري خبر اچڻ ۽ بابس جي پيشاب بند ٿيڻ واري فون اچڻ جي وچ ۾ ڪيتري عرصي جو فرق آهي..؟
    ڇهه مهينا...؟
    ٻارهن مهينا..؟
    ڏيڍ يا ٻه سال..؟
    يا ان کان وڌيڪ يا ان کان گهٽ...؟
    پر پڪيءَ طرح اندازو ٿي نه سگهيس ته انهن ٻنهين اطلاعن جي وچ ۾ ڪيترو فاصلو آهي. ۽ کيس پنهنجي ڪمزور ياداشت تي ٿورو افسوس ٿيو.
    ان منجهند به هو استپال ۾ داخل پيءَ وٽ پهتو ته پڻس اسپتال جي وارڊ بواءِ ۽ خاڪروب کي ڳالهايون ٻڌائي رهيو هو. ”جمال خان ۽ ڪمال خان جي توهان کي ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان، جمال خان ۽ ڪمال خان جو وڏو ٺٺ هو. وڏي ڳالهه هئي. وڏو دٻدٻو هو. جمال خان ۽ ڪمال خان رئيس جي اوطاق تي ايندا هئا ته رئيس اُٿي بيهندو هو. جمال خان ۽ ڪمال خان کي پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو. جمال خان ۽ ڪمال خان وڏا دلير هئا. مون کي هر ڏکي گهڙيءَ ۾ ڪم آيا. جمال خان ۽ ڪمال خان...“ ڀاڻس مٿس ڪاوڙيو دروازي وٽ بيٺو هو ”مرين ٿو ته به ڳالهائڻ کان نه ٿو مُڙين. ڪمال خان ۽ جمال خان ۽ آڱوٺي جو مٿو. خبر آ مونکي ٽڪي جيتري عزت هئي ٻنهي ڀائرن جي وڏيري وٽ .... رڳو توکي پيا ڊاڙون ٻڌائيندا هئا.“ جڏهن ته ڊاڪٽر جو اسسٽنٽ پڻس کي ڪيٿيٽر پاس ڪري پنهنجي ’روم‘ ۾ پهچي چُڪو هو. پيشاب جو زور ٽٽڻ کان پوءِ پڻس وڌيڪ آرام ۽ خوشيءَ سان ڳالهائڻ لاءِ تيار هو. هن لاءِ ڳالهائڻ ۽ مسلسل ڳالهائڻ سندس زندگيءَ جي وڌ کان وڌ آعليٰ عياشي هئي. ”بابا... ٿورو گهٽ ڳالهاءِ.. توکي آرام جي ضرورت آهي“ هن سندس ڀرسان بيهندي چيو.
    ”ڪٿي ٿو ڳالهايان ابا... ڪو نه ٿو ڳالهايان .. ليٽيو ته پيو آهيان باقي ٻيو ڪهڙو آرام ڪيان“
    هن هميشه وانگر ان ڏينهن به گهڻو ڳالهائڻ واري الزام کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو.
    ٻئي ڏينهن صبح جو ڏهين وڳي سندس غدود جي آپريشن ٿيڻي هئي. هو ڀاڻس سميت کيس آپريشن ٿيٽر جي دروازي وٽ او ٽي ٽيڪنيشن جي حوالي ڪري آيو. ڪجهه ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ هو نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ اسٽريچر تي کڄي ڪمري ۾ شفٽ ٿي چڪو. اکيون بند. ٻانهن ۾ ڊرپ ۽ پيشاب واري ٿيلهي لڳل. ذري گهٽ سڄو جسم مختلف قسم جي نلين ۾ ويڙهيل ۽ هو گهڻو گهڻو ڳالهائيندڙ پوڙهو ماڻهو بلڪل ماٺ. جهڙو لاش. هو سندس ڀر ۾ ئي بيٺل. ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ٻاهر نڪري ويو. هن جي دل ڀرجي آئي. کيس لڳو ڄڻ سندس پوڙهو پيءُ ڳالهائڻ کان سواءِ زندگيءَ کان محروم ٿي چڪو آهي. هن جي زندگي ته ساهه سان نه پر ڳالهائڻ سان مشروط هئي.
    هُن هيٺ جهڪي کيس سڏيو. ’بابا.... او بابا....‘ پڻس اکيون کولڻ جي ڪوشس ڪئي.
    ’جي بابا... جي‘ سندس آواز ڏاڍو ڪمزور ۽ ٿڪل هو.
    ”طبيعت ڪيئن آهي بابا“
    ”ٺيڪ... ٺيڪ... آهه...يان....ابا“
    کيس لڳو ڄڻ هُو پنهنجي پوڙهي پيءُ سان نه پر پنهنجي ننڍڙي پٽ سان ڳالهائي رهيو هجي. هن زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو کيس ايئن چپ ڏٺو هو. لفظن کان، آواز کان ۽ ڳالهائڻ کان خالي. ۽ ان ڳالهه کيس روئڻهارڪو ڪري وڌو
    ”بابا... او بابا...“ هن هڪ دفعو وري غنودگيءَ ۾ اچي ويل پيءُ کي سڏيو. کيس ان مهل پيءُ تي ڏاڍو پيار آيو. اڳ ۾ ڪڏهن به کيس پيءُ تي ايترو پيار نه آيو هو. بلڪه شايد آيو ئي نه هو. الاءِ ڇو؟ پيءُ پٽ جي وچ ۾ اهڙو خال هو جيڪو ڪڏهن به ختم نه ٿيندو آهي. ۽ هينئر پڻس جي ڪنارن تائين ڀريل خاموشيءَ اُن خال کي ختم ڪري/ ڀري ڇڏيو هو.
    ”جي ابا.. ابا مان ٺيڪ آهيان. تون پريشان نه ٿي...“ هن پٽ کي آٿت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر سندس لفظ ڏک ۾ آلا ٿي ٽٽي پيا. سندس پوڙهين اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا... هن سڄيءَ زندگيءَ ۾ پيءُ جي اکين ۾ ڪو ڳوڙهو نه ڏٺو هو. ڪڏهن به نه. تڏهن به نه جڏهن سندس ماءُ جو لاش نم جي هيٺان هڪ تنها کٽ تي تنها ڇانءَ ۾ رکيو هو ۽ ملياڻيءَ پاڻي گرم پئي ڪرايو. هن هيٺ جهڪي کيس ڀاڪر پاتو ۽ سندس گهنجيل ڳلن تي چميون ڏنيون ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ٻارن وانگر سڏڪا ڀري رُوئڻ لڳو.
    گُلي چانهه پيئڻ بدران اڃان سندس مٿن کان بيٺو مصنوعي ڏندن سان غير مصنوعي مُرڪ مرڪي رهيو هو. جنهن جو مطلب هو ته ”رڳو چانهه نه پر منجهند جي ماني به“
    هُو دراز مان ننڍڙو ڪاغذ ڪڍي گليءَ لاءِ ماني لکي ڪاغذ سندس هٿ ۾ ڏئي ڪمپيوٽر جي ڪي بورڊ جي ويجهو ٿيو ۽ مائوس سان ڪرسر کي اسڪرين تي گهمائي User name تي اچي بيٺو. نالو لکي پاس ورڊ لاءِ ڪي بورڊ جي اکرن تي آڱريون رکندي سندس نظر ”P “ تي پئي. ذري گهٽ ڇرڪ نڪري ويس. آڱر جي ڀرسان ئي مڇر ويٺو هو. غور سان ڏٺائين مڇر مئل هو. هڪ دفعو وري سندس ڌيان ڊينگي مڇر ڏي ۽ آڱر پيشاني ڏي ڊوڙي وئي. ”گهڻو ڪري اهو ڊينگي مڇر آهي“ هن پيشاني تي موجود ننڍڙي ڳوڙهيءَ کي مهٽيندي سوچيو.
    ڪافي ڏينهن کان جتي ڪٿي ڊينگي مڇر جو ڊپ ڦهليل آهي. اخبارن ۽ ايف ايم ريڊيو جي لهرن ان ڊپ کي گهڻو وڌائي ڇڏيو آهي. ڊپ جو دائرو شهر کان وڌي ڳوٺن تائين پهچي ويو آهي. گذريل ڏينهن آفيس جي آديٽوريٽم هال ۾ شهر جي فزيشن ڊينگي بابت ليڪچر پئي ڏنو.
    سامهون ويٺل حاضرين مان ڪنهن ڊاڪٽر کان مرڪندي پڇيو”ڊاڪٽر صاحب، ڊينگي مڇر مادي آهي يا نر؟“موٽ ۾ ڊاڪٽر جي به سنجيده چپن تي مرڪ پکڙجي وئي.
    ”ڊينگي مڇر مادي آهي“
    هال ۾ ويٺل مردن ۽ عورتن ۾ مرڪن ۽ ٽهڪن جا جلترنگ ڇڙي ويا.
    پر هو کلي نه سگهيو. مُرڪيو به ڪونه.
    ”گهر جي اڳيان خراب پاڻيءَ جا دُٻا آهن. دُٻن ۾ بدبو آهي.... جيت آهن. مڇرن ۾ ڊينگي مڇر آهي“ هو پاڻ کي ڏسڻي آڱر سان نرڙ تي موجود ننڍڙي ڳوڙهي کي ڇهڻ کان روڪي نه سگهيو. ۽ ان مهل کان کيس پڪ ٿي وئي ته ساڻس ڊينگي مڇر جو حادثو پيش اچي چڪو آهي.
    هن ساڄي هٿ جي ڏسڻي آڱر سان ’P ‘ تي ويٺل مڇر کي پري ڪيو ته مڇر P تان کڄي ’D ‘ تي وڃي ڪريو. هن سوچيو ’D‘ معنيٰ Death، معنيٰ موت. مڇر جي چڪ سان موت، موت جا هٿيار، بندوق سان موت، ڪهاڙيءَ سان موت، بم گولي سان موت، وبا سان موت، مڇر سان موت. ڊپ جو وڌندڙ دائرو. هر احساس کي گهيري ۾ آڻيندڙ وسيع دائرو. جهڙو طوفاني ٻوڏ ۾ دريا جو ڪن. هر شئي کي پاڻ ڏي ڇڪي ڦيرائي پنهنجي اندر ۾ غرق ڪندڙ ڪُن. ڪاٺ، تختا، وڻن جا ڏار،ٽاريون، وڻ، جانور، ماڻهو سڀ ڪجهه ڪن جي وات ۾.... ۽ ڪن جون ڀيانڪ دانهون.... غون... غون... غر غر... گهر.... جهڙو وحشي جانور....
    مطلب ته مان هڪ معمولي مڇر جي چڪ سان زندگي وڃائي ويهندس. بس اها آهي ماڻهوءَ جي زندگي ۽ زندگيءَ جي حيثيت... مان جو هيترن سالن کان زنده رهڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهيان. زنده رهڻ لاءِ کائندو پيئندو رهيس، ايڪسيڊنٽ کا بچڻ لاءِ فوٽ پاٿ سان هلندو رهيس.. روڊ ٽپڻ مهل ٻنهين پاسي ڏسندو رهيس، بخار ۾ دوائون وٺندو رهيس.. اهوسڀ ڪجهه فضول هو؟ ته معنيٰ منهنجي اها ڪيترن ورهين کان زنده رهڻ جي ڪوشش اجائي هئي؟ سڀ ڪجهه هڪ مڇر جي چڪ سان ضايع ٿي ويندو؟ جي ايئن ئي ٿيڻو هو ته پوءِ زنده رهڻ جو مطلب ڇا هو؟ هڪ اجائي ڪوشش... فضول ارادو..؟ بس....، بدن ۾ گهڻو سور ٿيڻ لڳس. هلڪو بخار به. مٿي جو چڪر. الٽيءَ جو احساس. دل ڪچي. آفيس جا ڪليگ پنهنجي ڪم ڪار ۾ ، ڳالهائڻ ۽ کلڻ ۾ مصروف. سڀئي سندس اذيت کان بي خبر.
    ”سارنگ کي ٻڌايان هان.... ته ڇا چئي هان؟“ هو ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي زور سان ڦيريون پائيندڙ ڪُن جي آواز کان بچڻ لاءِ سوچڻ لڳو.
    ”تنهنجو هي ڊپ اجايو نه آهي منهنجا دوست. اسين سڀ ورهين کان وبائي صورتحال ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. تنهنجو ڊپ بجا آهي منهنجا دوست ڇا چيم“ سارنگ سنجيدگيءَ سان چوي ها.
    ”اسين ورهين کان وبائي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون“ مان چوان هان.
    ”هانءِ شاباس... منهنجا دوست...! باقي هنن مکين ۽ مڇرن کي ڪير ٿو پڇي. مکيون، مڇر ۽ دونهون دز تي پنهنجي خوارڪ جو حصو ٿي چُڪا آهن. هي ڏس منهنجي ٻانهن تي ڪيترا چڪ لڳل آهن“
    هو پنهنجي ساڄي يا کاٻي ٻانهن تان قميص پري ڪندي کيس مڇرن جا چڪ ڏيکاريندي چوي ها....
    ”تون ڊپ نه ڪر منهنجا دوست. وبائي صورتحال ۾ ماڻهوءَ کي پنهنجي ساهه مان به موت جي بوءِ ايندي آهي.. ٻي ڪا ڳالهه ناهي.. ڊينگي مڇر کي وساري ڇڏ. کاءُ پيءُ موج ڪر منهنجا راڻا ڇا چيم.. “
    ”کاوان پيئان موج ڪيان“ مان چوان ها ۽ موٽ ۾ هو ”هانءِ شاباش...“ چئي مُرڪي پوي ها ۽ مان عارضي طورئي سهي ڊينگي مڇر جي ڊپ مان نجات حاصل ڪري خوش ٿيان ها پر...“
    ”پر ڇا...؟“ هن اداسيءَ جي حالت ۾ پاڻ کان پڇيو.. ”پر هاڻي سارنگ مڇرن مکين، دز ۽ دونهن سان ڀريل هن شهر ۾ رهي ئي نه ٿو.. هاڻي ته هو سفارتڪارن جي صاف سٿري شهر ۾ رهي ٿو. هن لاءِ کاٻي اک جو خواب ڪڏهوڪي بي معنيٰ ٿي چڪو آهي. هو کاٻي اک جي خواب جو مفرور آهي.“ هو ته ڪڏهوڪو کاٻي اک جي خواب مان ٻاهر اچي چڪو هو. هاڻي ته رڳو ان خواب جاڪجهه چٽا ۽ اڻ چٽا رنگ سندس يادگيري جي ڊسڪ ۾ وڃي بچيا هئا. جيڪي ڪڏهن ڪڏهن سندس ۽ ڳالهين مان اڀرڻ ٿي لڳا. هاڻي وٽس رڳو ڳالهيون وڃي بچيون. سارنگ جي قبيلي جا اهي سڀ فرد جيڪي کاٻي اک جي خواب مان جلا وطن ٿي ڪو وقت بي سمت راهن ۾ ڀٽڪي رهيا هئا تن هاڻي پنهنجو پناهه گاهه ڳولي ورتو آهي. هاڻي اهي انقلاب جي آرزوءَ ۾ پير پٿون ڪرڻ ۽ ڦاسيءَ جي ڦندي تي رقص ڪرڻ جو ن خواهشون ۽ ڳالهيون وساري سستا ۽ سولا انقلابي ٿي پيا آهن. اهي پنهنجي هر شام کي رنگين شام بڻائي جام جي ناسي گلاس ۾ رهڻ، سگريٽ مان سگريٽ دکائڻ ۽ ٿڌا ساهه کڻي مڌ جي نشي ۾ ڊگهيون ڳالهيون ڪرڻ کي آخري حاصلات سمجهڻ لڳا آهن. ۽ پنهنجي حقيقي شڪست کي مصنوعي فتح ۾ بدلائڻ لاءِ اخباري ڪالم نگار ۽ ٽي ويءَ جا تبصراتي مهانڊا بڻجي پنهجي زخمي ضمير کي مطمئن ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا آهن. هاڻي اهي سڀ Verbal Diarrhoea ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
    کيس سارنگ جي غير موجودگي شدت سان محسوس ٿي.
    ”چانهه پيڻ گهرجي“ هن پنهنجي پاڻ کي همت ڏيارڻ جي شعوري ڪوشش سان سوچيو.
    ”گُلي... او گلي“ هن پٽيوالي کي سڏيو. گلي پهرئين سڏسان ڪنهن کي به سڏ نه ڏيندو آهي. هو ٻوڙو ته ڪونهي پر ڪم پوڻ مهل ٻوڙو ٿي ويندو آهي.
    ”جي ....“ نيٺ گليءَ سڏ ورنايو ۽ پيرن ۾ لڙڪندڙ اڳٺ مٿي ڪندو سندس ڀرسان اچي بيٺو.
    ”گُلي، يار چانهه ته وٺي آءُ“
    ”حاضر.. مان به پيئان.“
    ”هائو... تون به پيءُ..“


    10

    گلي خوشيءَ مان وڏيون ٻرانگهون کڻندو ڪينٽين ڏي هليو ويو. هونءَ راڻي کي چانهه کان ڪافي وڌيڪ پسند آهي پر ڪينٽين ۾ ڪافي نه ملندي آهي. هو جنهن مهل به چانهه بابت سوچيندو آهي کيس ڪافيءَ جو ذائقو ياد اچي ويندو آهي. هينئر کيس ڪالهه شام گهر ۾ پيتل ڪافي جو ذائقو ياد آيو. بلڪ اڃان تائين سندس وات ۾ ڪافي جو ذائقو موجود هو. اها ڪافي ايتري ڪڙڪ هئي جو رات دير سان پيشاب ڪرڻ مهل کيس پيشاب مان به ڪافيءَ جي بوءِ آئي هئي ۽ هو پاڻ کي حيرت ۾ پوڻ کان روڪي نه سگهيو هو. گلي چانهه کڻي آيو.
    هن چانهه ۾ اڌ چمچ کنڊ جو ملائي پهرين سُرڪ ڀريندي ئي پنهنجي طبيعت کي ڪنهن حد تائين بهتر محسوس ڪيو.
    ۽ هن ڏٺو ته سندس ويٺي ويٺي آفيس خالي ٿي وئي. ڪنهن پل ويٺي ويٺي سڀ ڪجهه خالي خالي ٿي ويندو آهي. آفيس جا سڀ ڪمرا خالي. دالان خالي، ورانڊا خالي. خالي ڪمرن ۽ ورانڊن ۾ ڀٽڪندڙ پاڇولا... آواز... گذارشون انتظار.. سفارشون. ... رشوتون. سر منهنجو ڪم اڃان نه ٿيو آهي..؟ مهرباني ڪيو ها... ٿوو وقت لڳندو انتظار ڪيو. سر پليز... نه .. نه .. اڃان نه .. ڪجهه وقت کان پوءِ مٿي به ته حساب ڪتاب ڏيڻو آهي. سگريٽ پيار ... سر اسان جون ته هلي هلي جُتيون گسي ويون آهن... سر منهنجو فائل ڪڍرايو... خرچ لڳندو.. مفت ۾ ڪم ٿيندا آهن ڇا...؟ سر مان حقدار آهيان.
    ها ها ها ها... حقدار .. حقدار ها ها ها .. خالي ڪمرن ۾ گونجندڙ ٽهڪن جا آواز...
    هو ڊوڙي آفيس مان ٻاهر نڪتو...
    کيس هڪ دفعو وري پٽيوالو گلي ياد اچي ويو. اڄ صبح کان گليءَ کي زڪام هو. هونءَ کيس گلي فقط آفيس جي چوديواريءَ تائين ياد رهندو آهي. پر ان ڏينهن آفيس کان ٻاهر نڪرڻ بعد به کيس گلي ياد رهيو. پيرن ۾ لڙڪندڙ اڳٺ ۽ نڪ مان وهندڙ زڪام وارو گلي. ان ڪري ئي شايد ان ڏينهن گلي کيس آفيس کان ٻاهر به ياد رهيو جو ان ڏينهن گلي اهو گلي نه هو جيڪو هميشه هوندو آهي. ان ڏينهن اهو گلي ٻيو گلي هو. يعني زڪام وارو گلي. ۽ زڪام وارو گلي ”ٻيو گلي“ هو. ۽ اهو ”ٻيو“ جو احساس هُن لاءِ هميشه هڪ وڻندڙ، نئون ۽ پاڻ ڏي ڇڪيندڙ احساس رهيو آهي. جيئن ٻيو شهر، ٻيو ڳوٺ، ٻيو سبق، ٻيو ڪتاب، ٻيو اسڪول (اهو نه جنهن ۾ پڙهي رهيو هجي پر ٻيو اسڪول...) ٻيو خواب، ٻيو ڏک، ٻيو آسمان، ٻيو سفر، ٻيو ڪتاب، ٻيو صفحو، ٻيو سج، ٻيو چنڊ، ٻيو ماڻهو، ٻيو منظر، ٻيو تصور، ٻيو دوست ٻيو دشمن، ٻيو پيار، ٻي عورت، ٻي محبوبا، ٻي زال، ٻي شادي، ٻي رات، ٻيو صبح، ٻي چمي. سڀ ڪجهه. ٻيو ٻيو. ٻيو قدم. ٽيون قدم. چوٿون قدم. سڄو رستو ٻيو قدم. سڄو شهر ٻيو قدم. سڄو ملڪ ٻيو قدم. سڄي دنيا ٻيو قدم. هو ننڊ ۽ جاڳ جي وچ ۾ هلندو ٻيو قدم کڻي ان پراڻي ريلوي اسٽيشن تي اچي بيٺو جيڪا ڪڏهوڪو ويران ٿي چُڪي هئي. ۽ رڳو ڪجهه مسافرن جي يادگيرين ۾ محفوظ رهجي وئي هئي.
    اها ته اڳواٽ ئي کيس خبر هئي ته ڪجهه ئي ورهين کان پوءِ اها اسٽيشن ويران ٿيڻي آهي. اسٽيشن جي عمارت به ڊهي پٽ پوڻي آهي. ٽڪيٽ گهر تي تالو لڳڻو آهي. ڇت ۾ ڄارو ڄمڻو آهي. اهو ڪارو بورڊ جنهن تي اڇي چاڪ سان ايندڙ ۽ ويندڙ ريل گاڏيءَ جا وقت درج ٿيل آهن سو ميسارجڻو آهي، ڪاري بورڊ ۾ ريل گاڏيون بوگين ۽ روانگين توڙي آمد جي وقت سميت فريز ٿيڻيون آهن. پاڻيءَ واري چبوتري ۾ رکيل سڀ مَٽ سُڪي ٺوٺ ٿيڻا آهن. البت هڪ مٽ جي تري ۾ رهيل ٿورڙي پاڻيءَ ۾ ڪيڙا پئجي وڃڻا آهن ۽ اسٽيشن جو چوڪيدار رات جو هٿ ۾ بتي کڻي ڪنهن ڀوت وانگر پٽڙيءَ جي پاسن سان ڀٽڪڻو آهي. ۽ هو آخري ريل گاڏيءَ جي آخري مسافر طور ڪافي دير کان ڳچيءَ ۾ مفلر ويڙهيو ڪوٽ جي کيسن ۾ هٿ لڪائي سيمنٽ جي بئنيچ تي ويٺو هو. ريل گاڏي جيڪا اتر کان اچڻي هئي. جڏهن ته چوڪيدار هٿ ۾ بتي کڻي هر رات ريل جو انتظار ڪرڻ بعد ريل جي اچڻ جي اميد لاهي ويٺو هو. جيتوڻيڪ هن کي اڃان رٽائرمنٽ جو آرڊر ڪونه پهتو هو. پر پوءِ به هو پاڻ کي رٽائرڊ بتيءَ وارو سمجهڻ لڳو هو. ۽ هر وقت ان ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ مبتلا رهڻ لڳو هو ته آخر حڪومت سندس مئٽرڪ پاس پٽ کي ڪنهن ٻئي هنڌ بتيءَ وارو ڇوڪرو ڪري ڇو نه ٿي رکي...!!۽ کيس رٽائرمنٽ جي ڪاغذن ٺهرائڻ جي پريشاني ڌار هئي. ۽ هو اها پريشاني ٻڌائڻ ۽ ان جو ڪو حل هٿ ڪرڻ لاءِ سيمنٽ جي بئنچ تي ويٺل تنها مسافر جي ڀرسان اچي ويٺو هو پر کيس پٿر وانگر ساڪت ۽ خاموش ڏسي ساڻس ڳالهائڻ جي همٿ نه پئي ساري سگهيو.
    ”گاڏي ڪانه ايندي...“ نيٺ بتيءَ واري پوڙهي ڳالهائڻ لاءِ رستو ڪڍي ورتو.
    ”ها...! اڄ به ليٽ آهي“ هن ڪوٽ جي کيسي مان کاٻو هٿ ٻاهر ڪڍي چانڊوڪيءَ ۾ وقت ڏسندي چيو. ۽ وري ٻنهين جي وچ ۾ خاموشي جي ديوار کڙي ٿي وئي.
    ”اڃان منهنجي پينشن جا ڪاغذ پٽ به ڪونه پهتا آهن“ پوڙهو ان اميد سان پنهنجي منهن ڀڻڪيو ته متان مفلر واري مسافر کي مٿس رحم اچي وڃي ۽ هو پاڻ ئي کانئس سندس ڪهاڻي پڇي.
    ”تو منور علي ڏٺو هو؟“ هن اٽلندو پوڙهي کان سوال ڪيو. شايد هو ٻئي هڪ ئي خواب جا قيدي هئا.
    ”ڪهڙو منور علي...؟“ بتيءَ واري پوڙهي ڏڪندڙ آواز ۾ چيو. ”جيڪو آخري بوگيءَ ۾ سفر ڪندو هو. پيٽيز وڪڻندو هو ۽ مسافرن جا هٿ ڏسندو هو.“
    ”اڙي ها... اهو ته منهنجو دوست هو.. انهيءَ ئي ته منهنجو هٿ ڏسي ٻڌايو هو ته ريلوي جي نوڪريءَ ۾ تنهنجو مستقبل اونداهون آهي. تنهنجي رٽائرمنٽ جا ڪاغذ ڪڏهن به تو وٽ ڪونه پهچندا ۽ تنهنجي پٽ کي تنهنجي جاءِ تي ڪونه کڻندا... تون ڇا ٿو سمجهين هو منهنجي مئٽرڪ پاس پٽ کي منهنجي جاءِ تي کڻندا...؟“
    ”شايد.. ها... شايد...“ هن بي خياليءَ سان ڳالهايو.
    ”تون ڇا ٿو سمجهين منهنجي پينشن جا ڪاغذ مون تائين پهچندا.“ پوڙهي پُر اميد جوش سان چيو.
    ”شايد ها.. شايد ريل اچي وئي. اچي وئي...“
    هو بتيءَ واري کي انتظار جي نديءَ ۾ لڙهندو ڇڏي بئنچ تان اٿي املتاس جي سڪل وڻ وٽ اچي بيٺو. بتي وارو پوڙهو حيرت کان خالي اکين سان ڏانهس ڏسڻ لڳو ۽ هو ڪوٽ جي کيسن مان هٿ ڪڍي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ تيار ٿي بيٺو. ريل گاڏي ٻه ٻه پئسا ڇهه ڇهه پايون ڪندي دونهون اوڳاڇيندي اچي اسٽيشن تي بيٺي.
    سامهون واري بوگيءَ جي کليل دريءَ وٽ ويٺل سفيد وڳي واري ڇوڪري ڏانهس ڏسي مرڪڻ لڳي. سندس مرڪ سان مور جي کنڀن جي برسات شروع ٿي وئي. هو چند پل املتاس جي سڪل وڻ وٽ بيٺو ڏانهس ڏسندو رهيو ۽ مور جي کنڀن جي خشڪ برسات ۾ پُسندو رهيو. تان جو بابوءَ سيٽي وڄائي ڊرائيور کي سائي جهنڊي ڏيکاري. ريل گاڏي سُرڻ لڳي ته هو هڪڙو قدم ۽ پوءِ ٻيو قدم کڻي بوگيءَ ۾ چڙهيو ۽ سفيد وڳي واري ڇوڪريءَ جي گمنام مُرڪ ۾ هميشه لاءِ تحليل ٿي ويو. ريل گاڏي اسٽيشن ڇڏي اڳتي رواني ٿي وئي ۽ هو زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پاڻ کي پاڻ کان پري ويندي ڏسڻ جي تجربي مان گذرڻ لڳو.. ۽ تجربو کيس ڏاڍو سٺو لڳو. ان پل کيس محسوس ٿيو ته هو جيڪو ريل گاڏيءَ ۾ هليو ويو اهو زندهه ٿي ويو ۽ جيڪو سيمنٽ جي بينچ تي رهجي ويو اهو مري ويو آهي.کيس پنهنجي کاٻي هٿ ۾ جهليل بتيءَ ۽ کاٻي اک جي خواب ۾ عجيب هڪجهڙائي محسوس ٿي. کيس اوچتو اوڪارو اچي ويو. روڊ جي پاسي کان ويهي رهيو. الٽيءَ کان اڳ الٽيءَ جهڙو احساس. هلڪو بخار .. اکيون گرم.. آ .. آ ... ئوو آ... آ.. اووئو.. پٽ تي الٽي. سائو پاڻي.. چانهه جو ذائقو ... ڪافيءَ جي ڪڙاڻ. ... چتائي الٽيءَ ۾ نهاري ٿو. الٽيءَ ۾ ٻيو ڇا ڇا آهي؟ ڇا نه آهي؟ شايد هر ماڻهو پنهنجي پيٽ مان ٻاهر نڪتل هر شئي ڏسڻ چاهيندو آهي. شايد هر ماڻهو نه .. پر ڪجهه ماڻهو... ۽ هو انهن ڪجهه ماڻهن مان هڪ ماڻهو... روڊ جي ڪناري سان الٽي ڪري الٽيءَ ۾ ڏسندڙ ماڻهو...! وڏو ماڻهو. ننڍڙو ماڻهو .. ننڍڙي هوندي به کيس اڪثر بخار ۾ الٽي ايندي هئي.. امان .. امان الٽي ٿي اچي... هو ڊپ ۾ روئڻهارڪو ٿيندي ماءُ جي منهن ۾ ڏسندي چوندو. ان موقعي تي ماءُ جي منهن ۾ ڏسڻ جو مطلب اهو ڏسڻ هوندو ته ڏسان ته ڪٿي هوءُ سندس الٽيءَ ڪرڻ تي ناراض ته ڪانهي .. پر الاءِ ڇو مائرون ٻارن جي الٽيءَ تي ناراض نه ٿينديون آهن... هوءَ ڊوڙي پاڻيءَ جو گلاس ڀري ايندي .. ها.. ڀلي ڪر الٽي .. ڪر.. اتي ئي شابش .. پوءِ مان پاڻهي صاف ڪري ڇڏينديس... هوءَ کٽ جي ايس وٽان رلي هٽائيندي چوندي... هو بنان ڪنهن ڊپ ۽ پريشانيءَ جي الٽي ڪرڻ لڳندو. ۽ ان دوران هوءَ هڪ هٿ ۾ پاڻيءَ جو گلاس جهلي ٻئي هٿ سان سندس قميص مان هٿ اماڻي سندس پُٺي مهٽڻ لڳندي شاباش... شاباش.. ڪر الٽي.. سڄو بار لهي پوندئي ... ۽ هو هميشه اهو سوچي حيران ٿيندو ته امان کي آخر منهنجي الٽي خراب ڇو نه ٿي لڳي....؟؟ کيس منهنجي الٽيءَ مان ڌپ ڇو نه ٿي اچي....؟؟ کيس ڪاوڙ ڇو نه ٿي لڳي. هن روڊ جي ڪناري سان الٽي ڪندي پٺيءَ تي ڪنهن هٿ جي ڇهاءُ جي شديد ضرورت محسوس ڪئي.. شايد هر ماڻهو الٽيءَ ڪرڻ مهل پٺيءَ تي ڪنهن نه ڪنهن هٿ جي ڇهاءَ جي ضرورت محسوس ڪندو آهي...!! هن پٺيءَ تي ڪنهن هٿ جي ڇهاءَ کان خالي احساس سان الٽيءَ ڏي نهاريو.
    الٽيءَ ۾ مڇرن جا پر ۽ ٽنگون پئي تريون. هن کان ڇرڪ نڪري ويو...
    هي ڇا...؟ اوهه.. مڇر.. ڊينگي مڇر... هو اڃان وڌيڪ چتائي ڏسڻ لڳو.. مڇرن جي پرن ۽ ڄنگهن سان گڏ چيلاٽي جا پر، منڍي ۽ ڄنگهون.. ۽ سڙيل منهن. چنجهيون اکيون.. ننڍڙيون ناسون.. وري الٽي اچي ويس آ... آ ... ئوخ... خا.. خو.. آخ... هاڻي منجهس ٻي الٽيءَ ڏي ڏسڻ جي سگهه نه رهي.. ڏڪندڙ جسم سان گوڏن تي زور ڏئي اٿي بيٺو ۽ ٽشوءَ سان وات اگهي ڊاڪٽر حيدر علي جي ڪلينڪ ڏي وڃڻ لڳو. وات ۽ نڙي ڪڙي زهر... اکين مان هر هر وهي ايندڙ ڪوسا ڪوسا لڙڪ ... مڇر... ڊينگي.. پر.. منڍيون ... ڄنگهون چيلاٽو. چيلاٽي جي مُنڍي.. هو بي ترتيب سوچ ۽ اڍنگي هلڻيءَ سان هلندي ڀڻڪڻ لڳو.. ۽ هلندو اچي ڊاڪٽر جي ڪلينڪ جي دروازي وٽ بيٺو جتي ڊاڪٽر جو ساڳيو پٽيوالو ساڳيءَ جاءِ تي ساڳئي انداز ۾ هڪ ڄنگهه تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو بيٺو هو.. دروازو بند هو. پٽيوالو سمجهي ويو ته هو ڊاڪٽر سان ملڻ ٿو چاهي. مطلب ته ڊاڪٽر مصروف آهي، هن سوچيو ۽ خاموشيءَ سان انتظار جي اذيت مان گذرڻ لاءِ ذهن تيار ڪرڻ لڳو. ڪجهه لمحن بعد هن پاڻ کي ڊاڪٽر جي سامهون ويٺل ڏٺو. کيس لڳو ڄڻ هو ورهين کان ساڳئي ڪلينڪ ۾ ساڳيءَ ڪرسيءَ تي، ساڳئي ڊاڪٽر وٽ ساڳئي انداز ۾ ٻئي هٿ هنج ۾ رکيو ويٺو آهي. ”جي.. ڇا حال آهي“ ڊاڪٽر جي سوال کيس ڳالهائڻ تي مجبور ڪيو. هونءَ هن ڪو وقت ڪنهن سان به نه ڳالهائڻ جو پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. کيس ڊاڪٽر جي ڪلينڪ کان، دروازي کان، پٽيوالي کان ۽ ڊاڪٽر کان ڊپ پئي محسوس ٿيو. کيس لڳو ڄڻ ڪمري ۾ اندر ڀرسان ئي ڪٿي چيلاٽو به موجود آهي. ۽ ڊاڪٽر جي اکين مان ڏانهنس ڏسي رهيو آهي. چهرو ڊاڪٽر جو اکيون چيلاٽي جون. يا شايد اکيون ڊاڪٽر جون پر نهار چيلاٽي جي.. چيلاٽي جهڙي نهار...!!
    ”جي.. ٻڌايو ڇا حال آهي“ ڊاڪٽر وري جملو ورجايو. انهيءَ ورجاءَ ۾ ڪاوڙ نه پر بيزاريءَ جو احساس هو. اها بيزاري ڪنهن گرم هوا جي واچوڙي وانگر ڪمري ۾ ڦيرا پائڻ لڳي...! هن اٿڻ چاهيو پر واچوڙي کيس ڪرسيءَ تي ڪيرائي وڌو. هن ڪجهه به ڳالهائڻ نه ٿي چاهيو.. ڪجهه به ٻڌائڻ نه ٿي چاهيو. پر ڊاڪٽر جي سواليه نهار کيس پنهنجو ارادو تبديل ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
    ”ڊاڪٽر صاحب مون کي ڊينگي مڇر جو چڪ لڳي ويو آهي... هتي ... او .. هتي هي ڏسو...“ هن آڱر سان نرڙ تي موجود ڳوڙهي کي ڇهندي ڊاڪٽر کي ويجهو ٿيندي ايئن چيو ڄڻ اهي لفظ هن نه پري ڪنهن ٻئي پئي ڳالهايا. ڊاڪٽر جي چپن تي ڦڪي مرڪ پکڙجي وئي ”ڪنهن چيو آهي توهان کي ڊينگي جو وائرس لڳي ويو آهي“؟
    ”مونکي ائين ٿو لڳي... بخار ٿي پيو آهي ... الٽي به.... ۽ الٽيءَ ۾ مڇر جا پر... ڄنگهون... ۽ سچي ٻيو چيلا... چيل... لا... ٽو...“
    ”توهان ڊپريشن جون گوريون کائو پيا يا نه؟“
    ”نه ڊاڪٽر صاحب..... نه پيو کاوان“
    ”ڇو نه؟“
    ”ڊاڪٽرصاحب ٻه اڍائي سال ٿي ويا آهن.“
    هن ڪنهن ٻار وانگر ڳالهايو. ”گوريون کائي کائي تنگ ٿي پيو آهيان. آخر ڪيستائين گوريون کائيندو رهندس.“
    ”ڪجهه حالتن ۾ ته ڊپريشن جي دوا سڄي زندگي کائڻي پوندي آهي. ٻيو ته ڊپريشن جي دوا اوچتو بند نه ڪبي آهي. دوا شروع ڪيو“
    ڊاڪٽر گهنٽيءَ تي هٿ رکندي ٺيٺ پروفيشنل انداز ۾ چيو. مطلب ته دروازي وٽ ٻيو مريض منتظر آهي. هو خاموشيءَ سان ڄنگهون گهليندو ڪلينڪ جي دروازي مان ٻاهر نڪري آيو. ٻاهر لاتعداد ٽريفڪ.. هارن.. دونهون... ماڻهو... شور.. ڀڄ ڊوڙ... رڪشا... مريض.. اسپتالون... اسٽور وارا.... دوائن جا پرچا... ريڙها.. گاڏا... هوڪا... رڙيون... کيس لڳو ڄڻ هو هڪ ننڍڙي پاڳلخاني جي دروازي مان نڪري هڪ وڏي پاڳلخاني جي دروازي ۾ داخل ٿيو آهي، جنهن جون ڀتيون آسمان تائين آهن پر نظر نه ٿيون اچن. . ان مهل سامهون ساگر کي ايندي ڏسي سندس اندر ۾ خوشيءَ جي احساس ڪر کنيو. اهڙي خوشي جيڪا ڪنهن اجنبي شهر جي اجنبي گهٽيءَ ۾ ڪنهن دوست سان اوچتو ان ڪيفيت ۾ ملاقات ٿيڻ تي ٿيندي آهي جنهن مهل ماڻهو اڪيلائيءَ، ٿڪاوٽ، اوجاڳي ۽ ڏک جي احساس ۾ مبتلا هوندو آهي. ساگر روايتي گرمجوشيءَ سان ساڻس ڀاڪر پائي ايئن مليو ڄڻ ورهين کان پوءِ مليو هجيس.
    ”ساگر ڪيئن آهين....؟ “
    ”ٺيڪ آهيان. تون ٻڌاءِ“
    ساگر جي سوال تي هن جي دل وڌيڪ آلي ٿي وئي.
    ”هل ته ڪٿي ويهي چانهه پيون“
    هن ساگر کي ان خواهش سان صلاحيو ته جيئن ڪجهه گهڙيون ساڻس گذاري سگهي. ۽ کيس با آواز خاموشيءَ سان ٻڌائي سگهي ته منهنجي اندر ۾ شام جا پاڇولا طويل ٿيڻ لڳا آهن. مان آهستي آهستي ايئن ڀرندو پيو وڃان جيئن درياهه جي تيز وهڪري ۾ ڪنارا ڀُرندا آهن مونکي ڪجهه پل اڌارا ڏي ته جيئن مان توکي پنهنجي اکين جي غمناڪي ٻڌايان متان مان تنهنجي معرفت اونداهين غفا مان روشنيءَ جي ڪناري ڏي موٽي اچان. پر ساگر سندس صلاح ڏي ڌيان نه ڏنو ۽ پنهنجي واچ ڏي ڏسندي اتاولائي مان چيائين ”يار مان تڪڙ ۾ آهيان. دوست انتظار پيا ڪن.. ڪارنر ميٽنگ آهي اڳ ئي مون کي دير ٿي وئي آهي.“
    اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي. نه ئي حيرت جهڙي ڳالهه آهي. هو هميشه تڪڙ ۾ هوندو آهي. کيس يا ڪنهن گڏجاڻي ۾ پهچڻ جي تڪڙ هوندي آهي يا ڪنهن تنظيمي ساٿيءَ سان ملڻ جي. هو يا ڪنهن ڪارنر گڏجاڻيءَ لاءِ وڃي رهيو هوندوآهي يا گڏجاڻيءَ تان موٽي رهيو هوندو آهي. هو رستي ۾ ملندڙ هر ذاتي دوست کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ ان ڪوشش ۾ گهڻو ڪري ڪامياب به ٿي ويندو آهي ته ’وٽس وقت تمام گهٽ آهي ۽ مقابلو سخت آهي ۽ سندس مصروفيت جي ڪا انتها ڪانهي ان ڪري هو پنهنجو قيمتي وقت ضايع نه ٿو ڪري سگهي. وٽس ذاتي ڪچهري لاءِ نه ڪو وقت هوندو آهي نه وٽس ذاتي ڪچهري جي ڪا اهميت هوندي آهي. هو هر حال ۾ ۽ هر وقت ۽ هر هنڌ پنهنجو وقت سجايو ڪرڻ گهرندو آهي. هن کي فرد جو نه پر قوم جو اونو آهي. ان ڪري هو پنهنجي هر ملاقات، ڳالهه ٻولهه ۽ ڪچهري کي ’با مقصد‘ بڻائڻ چاهيندو آهي. هر ڳالهه ۾ پنهنجي ’قومي ڳالهه‘ شامل ڪرڻ پنهنجو قومي فرض سمجهندو آهي. ۽ پنهنجي فرض کان ڪڏهن به غافل نه ٿيندو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته هڪ طرف پاڻ کي قومي ڪارڪن ۽ قومي دانشور ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مبتلا رهندو آهي ته ٻئي طرف ”وڏو ماڻهو“ هجڻ/ ٿيڻ جي خواهش ۾ مبتلا رهندو آهي. شخصي لحاظ کان چڱو ماڻهو هجڻ سندس خوبي آهي. پر ان خوبيءَ تي سندس ’وڏو ماڻهو‘ هجڻ يا ٿيڻ جي خواهش پاڻي ڦيري ڇڏيندي آهي.بنيادي طور پرائمري استاد آهي پر زندگيءَ ۾ ڪڏهن به اسڪول ۽ شاگردن جو منهن نه ڏٺو اٿائين. استاد سڏائڻ پنهنجي گهٽتائي سمجهندو آهي. سدائين ڪنهن نه ڪنهن خانگي اداري ۾ ’ايڊمنسٽريشن آفيسر‘ هجڻ جو تعارف ڪرائي پنهنجي ڪامپليڪس کي لڪائڻ جي ڪوشش ۾ پڌرو ڪري وجهندو آهي. هاڻي ته خير سان سندس پراڻي خواهش پوري ٿي آهي ۽ سندس اکين ۾ ڀٽڪندڙ ’وڏو آفيسر‘ ٿيڻ وارو ساڄي اک جو سپنو ساڀيان ٿي چڪو آهي. هو ڪنهن ڳُجهي ايجنسيءَ ۾ آفيسر ڀرتي ٿي ويوآهي..... البته اها ٻي ڳالهه آهي (۽ اها سندس لاءِ ضرور تڪليف ڏيندڙ ڳالهه آهي) ته ڪنهن به دوست سان پنهنجي نوڪريءَ/آفيسريءَ جو ذڪر نه ڪندو آهي.”چڱو مان هلان ٿو دوست انتظار پيا ڪن“
    ساگر ساڻس گرمجوشيءَ سان هٿ ملائي پنهنجو مخصوص جملو ڳالهائي اڳتي وڌي ويو ۽ سارنگ وانگر ماڻهن جي پيهه جو حصو ٿي سندس نگاهن کان اوجهل ٿي ويو.
    ۽ هو اتي ئي ڪجهه دير بيٺو رهيو. ڇو بيٺو رهيو....؟
    الاءِ ڇو....؟
    پوءِ هو تڪڙي وارد ٿيل رات جي طويل سرنگ ۾ هلندو گهر پهچڻ جي ڪچي ارادي سان ڀتين تي لکيل نعرا ۽ اشتهار پڙهندو رهيو تان جو رستو کٽي ويو. رستي جي ڇيڙي تي هن پاڻ کان وسري ويل سوال پڇڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ته مون ڊاڪٽر کي اهو ڇو نه ٻڌايو ته مان ڪافي وقت کان ٻِن دنيائن ۾ رهڻ لڳو آهيان. ۽ ٻن دنيائن ۾ رهندڙ ماڻهو ان نانگ وانگر هوندو آهي جنهن جي منڍي نانگ جي ۽ ڌڙ ماڻهوءَ جو هوندو آهي. يا منڍي ماڻهوءَ جي ڌڙ نانگ جو هوندو آهي. پر ان کان اڳ جو هو ڳالهائي سندس آواز ۽ ڀتين جي وچ ۾ گهر جو دروازو اچي ويو.
    هن منهن ۾ پوندڙ نعرن جي دز ۽ ڀتين تي چنبڙيل اشتهارن جو ڄارو ڇنڊي گهر جو دروازو کوليو ته کيس ٿڪاوٽ جو احساس وڪوڙي چڪو هو ۽ هو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو ته کيس ڀتين تي لکيل نعره پڙهڻ کان پوءِ الٽي آئي يا الٽي اچڻ کان پوءِ ڀتين تي لکيل نعره پڙهيائين پر کيس ياد نه آيو. شايد ڪڏهن ڪڏهن سڀ ڏک ۽ سڀ ٿڪ گڏجي پوندا آهن. اهو رستي جو ٿڪ هو. اهو رستي جو ڏک هو. رستو جيڪو اونداهيءَ ۾ ڍڪيل هو.
    رستو جيڪو هڪ لانگ بوٽ کان ٻئي لانگ بوٽ جي وچ واري فاصلي جيترو سوڙهو ۽ اڻ وڻندڙ هو ۽ ان رستي جي ٻنهين ڇيڙن تي رات جي رهزنن جو راڄ هو.
    وچ واري وٿي ۾ رهندڙ ماڻهن جا منهن مرجهايل ۽ اکيون خوابن کان خالي هيون.
    اهو ”خوابن کان محروم“ ماڻهن جو ملڪ آهي. هن ديس جي ماڻهن جڏهن به ڪنهن ڪاري رات جي وچ ۾ ڪنهن روشن صبح جو سپنو ڏٺو هوندو ته رات جا رهزن حرڪت ۾ اچي ويا هوندا. انهن خواب ڏسندڙ اکين تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ڇڏيون هونديون. ۽ خوابن کي يا سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيو هوندو يا ڏينهن ڏٺي سندن ڇاتيءَ ۾ گوليون هڻي ڇڏيون هونديون. اف...! هي خوابن جو قتل گاهه....!!
    هن ديس ۾ رات جي رهزنن هٿان کوڙ دفعا خزائون برپا ٿينديون رهيون آهن. زندگيءَ جي سر سبز وڻ مان پنن جيان لاشا ڇڻندا رهيا آهن. شهيدن جي قطار ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي. رت جي ڊگهي ليڪ جنهن ڪافي سال اڳ سفر شروع ڪيو هو اهو سفر اڃا ختم نه ٿيو آهي. هاڻي ته رات جي رهزنن کي رت جو ذائقو ڏاٺ لڳي چڪو آهي. جيئن ٿيلسيمئا جي مرض ۾ مبتلا ٻارڙا رانديڪا گهرڻ بدران هر اٺين پندرهين ڏينهن رت گهرندا آهن ايئن رات جا رهزن ٻي ٽين رات رت گهرندا آهن. رات جا رهزن خوابن جا پراڻا خوني آهن. ڪالهه ئي انهن هن ديس جي اداس اکين ۾ رهندڙ خوابن جهڙي دراز قد شهزاديءَ کي مقتولن جي لسٽ ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ماڻهو درد جي طويل ڪوما ۾ هليا ويا آهن.سندن اکين ۾ هڪ دفعو وري شامِ غريبان لهي آئي آهي. سج رت جي فرات ۾ ٻڏي ويو آهي. پر افسوس هي دراز قد شهزاديءَ جا وارث ڪوفي ۽ ڪربلا جهڙين ڳلين ۾ هاريل سندس رت کي ڌوئي رات جي رهزنن سان سرگوشيون ڪري اقتدار جي مسند تي ويهي رهيا آهن ۽ واڇون ٽيڙي کلي رهيا آهن. ڄڻ تاريخ جو عظيم پاراتو ڀوڳي رهيا آهن.
    هن ديس جا ماڻهو مقتول محبتن جا مقروض بڻايا ويا آهن.
    هن ديس جا ماڻهو مقتول محبتن جا سوڳوار بڻايا ويا آهن ۽ هي رات جا رهزن هر ڪويل جي ڪُوڪ جا دشمن ۽ ڪتي جي اوناڙ جا دوست آهن.
    هي هڪ اهڙو ديس آهي جنهن ۾ ٻه شيون سڀ کان وڌيڪ مهانگيون آهن. هڪ خواب ۽ ٻيو خوشي.
    باقي ٻيو اهو سڀ ڪجهه سستو آهي جيڪو ماڻهن کي خوشيءَ ۽ خوابن کان محروم ڪري سگهي.
    ورهاڱي کان اڳ پامسٽ منور عليءَ پيٽيز فروش جي پيءُ کي لڳل چماٽ جو پڙاڏو اڃان تائين ايشيا ۾ ڀٽڪي رهيو آهي ۽ پنهنجي صحيح يا غلط هجڻ جو فيصلو پڇي رهيو آهي...
    پامسٽ منور عليءَ جي پيءُ کي لڳل چماٽ صحيح هئي يا غلط ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ڪندو...؟ ۽ ڪڏهن ڪندو...؟ ڪندو به يا نه...؟ شايد جيستائين ان چماٽ بابت صحيح فيصلو نه ٿيندو ايستائين هي ديس رات جي رهزنن وٽ يرغمال رهندو ۽ هيءُ ملڪ ايشيا جي ڀڳل پاسيريءَ وانگر هر وقت ڏکندو ۽ ٻين کي ڏکوئيندو رهندو. ۽ هتي هميشه رت وهندو رهندو...!! ۽ رت مان چيلاٽا پيدا ٿيندا رهندا. اهو ئي سبب آهي جو هتي چيلاٽي جا ڪئي قسم ۽ روپ آهن.
    ڪارو چيلاٽو.
    اڇو چيلاٽو.
    ڳاڙهو چيلاٽو.
    سائو چيلاٽو.
    ناسي چيلاٽو.
    اڻ پڙهيل چيلاٽو.
    گريجوئيٽ چيلاٽو.
    پوسٽ گريجوئيٽ چيلاٽو.
    مهذب چيلاٽو.
    غير مهذب چيلاٽو.
    ٻاهريون چيلاٽو.
    اندريون چيلاٽو.
    رستي ۾ هلندي اوچتو ڪنهن گاڏيءَ جي بريڪ هڻڻ سان پيدا ٿيل چيڪاٽ تي سندس ڇرڪ نڪري ويو. ٻئي پل هن خوشي محسوس ڪئي. کيس لڳو ته سندس پٺيان پٺيان ايندڙ چيلاٽو ڪار جي ٽائرن هيٺيان اچي چيڀاٽجي ويو آهي. اها سندس سوچ هئي، اهو سندس خيال هو ۽ اها سندس خواهش هئي. خواهش ته ڪڏهن چيلاٽو ڪنهن تيز رفتار گاڏيءَ جي هيٺان اچي چچرجي وڃي ۽ روڊ تي سندس رت جو ڳاڙهو ليسو رهجي وڃي. پر شايد کيس اندازو نه هو ته چيلاٽو ايترو جلدي ۽ ايتري آساني سان نه ٿو مري سگهي..! خواهش ڪرڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي! خواهش ڪرڻ سان گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر خواهش ڪرڻ سان چيلاٽو نه مرندو آهي. هو گهر جو دروازو ٽپي اندر داخل ٿيو ته دروازي ڪو به آواز پيدا نه ڪيو ۽ نه ئي سندس پيرن جو کڙڪو ٿيو. البت ڪو نئون ۽ مختلف آواز سندس ڪنن تي پيو. اهو ڪنهن جهونگار جو ڏکارو آواز هو. زالهنس رڌڻي ۾ هئي ۽ اهو آواز رڌڻي مان پئي آيو. کيس ٻول سمجهه ۾ نه پئي آيا. شايد اها فقط ڪنهن اداس گيت جي ڌن هئي. لفظن جي محتاجيءَ کان آزاد هڪ اداس ۽ ڏکاري ڌُن. ان شام هن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو زال کي اڪيلائيءَ ۾ ڪائي ڏکاري ڌن گنگنائيندي ٻڌو هو. اها ڪنهن خطري جي علامت هئي.
    کيس خبر هئي ته اڳ ۾ ڪڏهن به هن ايئن اڪيلائيءَ ۾ زخمي آواز سان ڪائي زخمي ڌُن ڪونه جهونگاري هئي.توڻي جو اڳ به سندن زندگيءَ ۾ ڪئي طوفان آيا هئا. ڪئي لهرون اٿيون هيون. ڪئي واچون لڳيون هيون... هيءَ عجيب قسم جي خاموش ۽ خطرناڪ جهونگار هئي.. جنهن ۾ بي پناه اداسي هئي، ڏک هو، شڪايت هئي ۽ ٽوڙ ڦوڙ هئي.
    هونءَ هو جڏهن کان مومل جي ويجهو ٿيو هو تڏهن کان سومل کان پري ٿي ويو هو. يا شايد جڏهن کان مومل سندس ويجهو ٿي هئي سومل کانئس پري ٿيڻ لڳي هئي. هن پاڻ به سومل سان ڳالهائڻ ۽ ڏانهس نهارڻ گهٽائي ڇڏيو هو. يا شايد سندس ڳالهائڻ ۽ نهار گڏ گڏ گهٽجي ويون هيون. جنهن مهل بنهه ضروري ڪم ڪار جي لاءِ سومل سان ڳالهائڻو يا سومل جي ڳالهه ٻڌڻي ٿي پيس ته نگاهه سومل ڏي هجڻ بدران ڪنهن ٻئي طرف ٿيو ٿي ويس. ڀت ڏي، ڇت ڏي، پکي ڏي، زمين ڏي يا پنهنجي هٿن ڏي. ڄڻ هڪٻئي کان ناراض نه هوندي به ناراض هجن. ويجهو هوندي به تمام پري هجن. هڪٻئي لاءِ اوپرا نه هوندي به اوپرا هجن. هڪٻئي لاءِ هڪٻئي جون در دريون بند... پر ان شام واري اداس جهونگار کيس ڄڻ هڪ نئين الڳ ۽ ايذائيندڙ ۽ اندر ۾ زوري دخل اندازي ڪندڙ تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. هونئن ڪافي ڏهاڙن کان سندن وچ ۾ ٿوري ٿوري ڳالهه تي اختلافن جا طوفان کڙا ٿيڻ لڳا هئا. اڳئين رات ٿوري ڳالهه تان ٻنهين ۾ ڪيترو نه مسئلو ٿيو هو.ڳالهه ڇا هئي. ڳالهه رڳو ايتري هئي ته زالهنس چپ چپ هئي.
    ”سومل “ هن هڪڙو ڀيرو ۽ وري ٻيو ڀيرو سڏيس.
    ” جي....؟ ڇا“
    ”آخر تون ڇا ٿي چاهين ... اهو ته مان مري وڃان. خودڪشي ڪيان؟ “
    ”مان ڇو چاهيندس...“
    ”ٻيو نه ته ڇا... ڪم ته اهڙا ٿي ڪرين ڄڻ توتي وڏو ظلم ٿيو آهي“
    ” اهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن مون...؟“
    ”چپ چپ ڇو رهڻ لڳي آهين.. آخر اهڙي ڪهڙي قيامت آئي آهي“
    ”توکي ڪجهه چوان ته نه ٿي نه... چپ آهيان... بس نه... پوءِ توکي ڪاوڙ ڇو ٿي لڳي؟“
    ”تنهنجي اها چٻري جهڙي ماٺ مون کي کائڻ ٿي اچي... آخر اهڙو ڇا ٿيو آهي جو مرڻ جهڙي ٿي وئي آهين. ڪنهن کي مارڻ لاءِ ماٺ کان وڏو ڪو به هٿيار ڪونهي“
    ” آخر مان به ته انسان آهيان. مشين ته ناهيان جو تنهنجي چوڻ تي کلان، تنهنجي چوڻ تي ڳالهايان ، ماٺ ڪيان.. پنهنجي مرضي سان مون کي روئڻ جو به حق ڪونهي ڇا؟“ سومل ڏڪندڙ لهجي ۾ ڳالهايو پئي.
    ”گهڻو وقت ٿيو آهي جو مون سان ڳالهايو نه ٿئي. ايترو به نه پڇيو اٿئي ته طبيعت ڪيئن اٿم...چپ ڇو رهڻ لڳي آهين... توکي ته منهنجي اکين جو ڏک به نظر نه ٿو اچي...“ سومل جي اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا.
    ”آخر اهڙو ڇا ٿيو آهي جو ڇتي ٿي پئي آهين...؟“
    ”اها ته توکي خبرهوندي ته ڇا ٿيو آهي. پر مون ته توسان ڪا شڪايت ڪو نه ڪئي آهي. جيئن وڻئي تيئن ڪر ... پر مان به ته تنهنجي زال آهيان... منهنجو به ته حق آهي توتي“
    ”مٿي تي کڻان ڇا توکي؟ پاڻ کي تڪليف ڏئي به توکي ۽ ٻارن کي خوش رکڻ جي ڪوشش ٿو ڪيان.توهان جون ضرورتون پوريون ٿو ڪيان. ٻيو ڇا ڪيان... پوءِ به منهن ڦريو پيو اٿئي... گهر کي دوزخ کڻي بڻايو اٿئي.“
    ”هون ...“ سومل جي چپن تي طنزيه مرڪ پکڙجي وئي...” مون کي گهر جي ضرورتن جي نه تنهنجي ضرورت آهي... تنهنجي پيار جي ... توجهه جي. تون منهنجي لاءِ اجنبي بڻجي ويو آهين...“ زالهنس اکيون اگهندي چيو.
    زالهنس جو ڪجهه چيو سچ هو. ان سچ کيس زخمي ڪري ڇڏيو.
    ”بڪواس نه ڪر... تون مون کي ماري پوءِ خوش ٿيندينءَ... ڏائڻ آهين تون... عورت ناهين...“ هن ٽيبل تي رکيل مانيءَ جي ٿانون کي هٿ سان پري ڪيو ۽ ٻاهر وڃڻ لاءِ اٿي کڙو ٿيو... پاڻيءَ جو گلاس فرش تي ڪري پيو.
    ”ڪيڏانهن ٿو وڃي ... ماني ته کاءُ ...“ زالهنس ڏک ۽ پڇتاءُ جي گڏيل احساس وچان چيس.
    ”نه کپي مون کي ماني...“ هن دروازي مان نڪرندي چيو هو ۽ ٻاهر نڪري ويو هو.. ۽ اڌ رات تائين رستن تي ڀٽڪندو رهيو هو... ۽ پوءِ جڏهن چوڪ تي ڪتا ڀونڪڻ ۽ چوڪيدار جون سيٽيون جاڳڻ لڳيون هيون ۽ سندس اکيون ننڊ ۾ پُورجڻ لڳيون هيون ته موٽي آيو هو.
    هن هڪ دفعو وري ڌيان سان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُن ڌن جو وچ ۾ ڪهڙا ٻول آهن جيڪي ٽانڊن وانگر ٻري رهيا آهن. پر هُو گيت جا ٻول سمجهي نه سگهيو. فقط اداسي ۽ ڏک جي هڪ لهر هئي جيڪا مسلسل جاري هئي ۽ کيس ڇاتيءَ تي رکيل ڇُريءَ جي چهنب جيان زخمي ڪندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن اداسي محبوبا جي نيڻن جيان ماڻهوءَ جو پيڇو ڪندي آهي. هر ڪنڊ تائين. هر پاسي هر ڏسا تائين، اکين کان اکين ۽ آڱرين کان آڱرين تائين. هو جتي به هوندو آهي اداسي اڳواٽ اتي موجود هوندي آهي.
    پري ڪٿي سمنڊ جي سيني تي ڪنهن مهاڻي هوا جي موسيقيءَ تي جدائي ڏک ۽ پڇتاءُ جو هڪ گيت پئي ڳايو. مهاڻو جيڪو ساحل تي سڀ ڪجهه وڃائي ويٺو هو. چانڊوڪيءَ رات ۾ اٿيل سامونڊي وير سندس زال کي لوڙهي وئي هئي. سندس زال جيڪا سڄي ويڙهي ۾ سڀني کان وڌيڪ سهڻي ۽ سيبتي هئي. جنهن جي اکين ۾ هڪڙو سڄو سارو سمنڊ هو. جنهن جي دل ۾ هزارين لهرون هيون ۽ هزارين مڇين جو خواب هو. جنهن جي پيٽ جو دُن اهڙو گهرو هو جهڙو سامونڊي ڪُن.... جڏهن کان اها مهاڻي لهرن سان ملي لهر ٿي وئي هئي هن سمنڊ ۽ ساحل سان تعلق ٽوڙي ڇڏيو هو. ساحل ۽ سمنڊ تي ڀلا سندس بچيو به ڇا هو.
    ڪُن ڪُن ۾ قذاقَ رهن ٿا
    تڙ تڙ تان طوفان اٿن ٿا
    ۽ سارا سِڙههَ ڇنن ٿا
    مان تختا تختا ٿي ويو هان
    ٿو لوڪ لتاڙي مون کي
    مان رستا رستا ٿي ويو هان
    پنهنجي وارن منجهه ويڙهي مُون کي
    ۽ سڳيءَ منجهه سهيڙي مون کي
    کَڻُ پوتيءَ ۾ تون ميڙي مون کي
    کَڻُ پوتيءَ ۾ تون ميڙي مون کي.
    پر مهاڻي کيس پوتيءَ ۾ ڪيئن ميڙي...؟ سڳيءَ ۾ ڪيئن سهيڙِي...؟ هن جي پوتي ته پاڻيءَ ۾ لڙهي وئي... لهرن ۾ جهيرون جهيرون ٿي وئي... سندس سڳيءَ جا ستارا واريءَ منجهه وکري ويا. اداس جهونگار جو ڏکارو آواز وڌندو رهيو.
    ”ته ڇا مومل کي سڀ ڪجهه معلوم ٿي چڪو آهي...؟“ هن پنهنجي پاڻ کان شڪ ۽ يقين جي حالت ۾ پڇيو. ”اهو ڪيئن ممڪن آهي...؟ ڪيئن...؟ اهو منهنجو وهم آهي. ڪو به ماڻهو ڪنهن به وقت ڪٿي به ڪنهن به سبب جي ڪري ڏکارو ٿي سگهي ٿو.. سومل کي منهنجي اندر جي ڪهڙي خبر...؟ ڪهڙي خبر...؟ ڪهڙي؟“ هن پاڻ کي يقين ڏيارڻ جي هڪ ڪمزور ڪوشش ڪئي.
    ”سومل“ هن کيس سڏيو. ڪجهه چوڻ لاءِ نه پر شايد رڳو اداس جهونگار جي اڻ کٽ لهر ۾ رنڊڪ وجهڻ لاءِ. جهونگار جيڪا ڪنهن تيز ڌار واري ڇُريءَ وانگر سندس ڳچيءَ تي رکيل هئي ۽ آهستي آهستي ڳچيءَ ۾ کپندي پئي وئي.”سومل “ هن ٻيو دفعو دانهن ڪئي ته جيئن جهونگار جو آواز بند ٿي سگهي. نه ته کيس اندازو هو ته تيز ڌار واري ڇري سندس ڳلو ڪپي ڇڏيندي.
    ”جيءُ ... ڇا...“ سومل جهڪيل اکين سان چانهه جو ڪوپ ٽيبل تي رکندي ايئن پڇيو ڄڻ کيس اڳواٽ ئي خبر هئي ته هُن کيس ڇو پئي سڏيو.
    ”اصل ۾ ڇا آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه به نه هوندو آهي جيڪو ڳالهائجي يا ٻڌائجي“
    زالهنس کي سندس ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي يا شايد سمجهڻ نه ئي چاهيائين پر هن جي ڳالهه سمجهڻ جهڙي هئي به نه. نه ئي هن کيس سمجهائڻ يا ٻڌائڻ لاءِ ڳالهايو هو. هو گهڻي وقت کان جڏهن کان ٻن دنيائن ۾ رهڻ لڳو هو سمجهي سگهڻ جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان پري ٿي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ هو ماحول، موضوع ۽ مطابقت کان هٽي ڳالهائڻ لڳو هو. اهي ڪنهن تمام ڏورانهين، گهٽ روشنيءَ واري، نيم تاريڪ ڪمري جهڙيون ڳالهيون هيون. جنهن ۾ رکيل شيون صاف نظر نه اينديون آهن... اهڙو ڪمرو جنهن ۾ ورهين کان ڪير داخل نه ٿيو هجي. جنهن ۾ ڄارو ڄمي ويو هجي. اهي مبهم ڳالهيون شايد سومل جي اکين ۾ ترندڙ سوال کان فرار جي ڪوشش هيون.
    ”پاڻي کڻي اچان....؟“ زالهنس سندس گم سم اکين ڏي ڏسڻ کان سواءِ چوندي هئي ته هو ڪنهن حواس باخته ماڻهوءَ جيان چوندو” اصل ۾ آسمان ايترو پري آهي ڪونه جيترو اسين سمجهون ٿا... ۽ زمين ايتري ويجهو آهي ڪونه جيتري اسان کي لڳي ٿي“ انهن ڏينهن ۾ هو اڻ لاڳاپيل ڳالهيون ڪرڻ لڳو هو. اهڙيون ڳالهيون جن جن ٻنهين سان سڌو سئون تعلق نه هو. اهڙيون ڳالهيون جن ۾ اڻ ڏٺل خوابن ۽ اڻ ڄاتل جاين جي بي نام خوشبوءِ هئي ۽ هڪ بي نام ماڻهوءَ جو ذڪر هو. اهڙو ماڻهو جنهن جي سيني ۾ هڪ ندي هئي، نديءَ ۾ لهرون هيون، لهرن ۾ هڪ ٻيڙي هئي جنهن ۾ مسافر کڻي هڪ ڪنڌيءَ کان ٻئي ڪنڌيءَ تي سندس تڏهن جو ڌنڌو هو جڏهن اڃا هو نديءَ جي اونهائي ۽ ڪناري جي سوڙهه کي سمجهڻ جيڏو به نه ٿيوهو. هو جڏهن کان نديءَ جي سير ۾ ٻيڙي هلائڻ جهڙو ٿيو هو تڏهن کان سندس اکين ۾ نديءَ جو خواب رهڻ لڳو هو. ته ڪنهن ڏينهن هوءَ لهرن جهڙي عورت سندس ٻيڙيءَ ۾ چڙهندي ۽ هوکيس ٻئي ڪناري تي پهچائي ٻيڙي ڪنڌيءَ تي ٻڌي سندس اکين سان گڏ هليو ويندو. ۽ پڻس ڪنڌيءَ تي ويٺو کيس گاريون ڏيندو رهجي ويندو. پوءِ هڪ شام لهرن جهڙي اها عورت سندس ٻيڙيءَ ۾ اچي ويٺي. ٻيڙيءَ ۾ ٻنهين کان سواءِ ٽيون صرف نديءَ جوآواز شامل هو. ۽ چوٿون اهو سج هو جيڪو پرئين ڪناري تي ٻيلي جي گهاٽن وڻن ۾ الوپ ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي هو. ۽ هو ٻئي نديءَ جي ڪنارن جيان خاموش هوندي به خاموش نه هئا. هوءَ پرينءَ ڪنڌيءَ تي انهن قدمن سان ٻيڙيءَ مان لٿي جن قدمن ٻيڙيءَ مان لهڻ نه ٿي چاهيو. انهن قدمن ٻيڙيءَ کي پنهنجو گهر بڻائڻ ٿي چاهيو. هوءَ ڪناري تي لٿي ته نديءَ جون اکيون ڀرجي آيون. ٻي ڪنڌيءَ تي ويٺل پوڙهو مهاڻو اکين جي آڏو هٿ ڏيئي نوجوان پٽ ڏي پيار مان ڏسي رهيو هو. هو پيءُ کي ٻي ڪنڌيءَ تي اڪيلو ڇڏڻ جو ارادو ڪندي ڪندي روئڻهارڪو ٿي ويو ۽ هوءَ اداس قدم کڻندي نا اميد دل سان بنا پوئتي مڙڻ جي پوئتي ڏسندي اڌ لڪل اڌ ظاهر رستي سان هلندي جهنگل جي گهاٽاڻ ۾ گم ٿي وئي ۽ سومل توکي خبر آهي مهاڻي جي اکين ۾ واپس ايندي ايندي ڏک ۽ اڪيلائي جو جهنگل ڦٽي پيو.“ ۽ سومل ڏسڻ بنا ڏٺو ته ڳالهه پوري ڪندي ڪندي راڻي جون اکيون ندي ۽ چهرو لهرون لهرون ٿي ويو ۽ سومل ڏک جي هڪ سؤ هڪ راتين مان هڪ رات پنهنجي ڊائريءَ جي ستين صفحي تي لکيو ”راڻا مان نه ٿي ڄاڻان ۽ ڄاڻان به ٿي ته اها ندي ڪٿي آهي. اها ڪنڌي ڪٿي آهي. اهي اکيون ڪٿي آهن ۽ ڪنهن جو ن آهن. ۽ اهو مهاڻو ڪير آهي جنهن جي اکين ۾ اڪيلائي جو جهنگل ڦٽي پيوآهي پر مونکي اڪثر تنهنجي ساهه مان نديءَ جي خوشبوء ايندي آهي.
    زالهنس جي اکين مان ٻه لڙڪ ڇڻي ڳلن تي اچي ڪريا ۽ ڇنڊا ڇنڊا ٿي واءُ ۾ وکري ويا. ۽ هو هڪ خاموش ڇرڪ سان پنهنجي حواسن ڏي موٽي آيو. حواس ڏانهس موٽي آيا.
    ”سومل ڇا ٿيو آهي“
    ”ڪجهه به نه “
    ”سومل خبر اٿئي ڇا. ڪجهه به نه چوڻ جو مطلب هوندو آهي گهڻو ڪجهه“
    ”نه اهڙي ڳالهه ڪونهي“ سومل سندس ڀر ۾ ويهندي چيو.
    ”ڪجهه ته آهي “ هن اهڙي شخص جيان چيو جنهن کي يقين هجي ته هو پنهنجو اعتبار وڃائي ويٺو آهي.
    ”خبر نه آهي ڇا آهي راڻا... پر لڳي ٿو ڄڻ منهنجي دل ۾ ڪنڊو چڀي پيو آهي. الاءِ ڇو لڳي ٿو ڄڻ تهنجي منهنجي وچ ۾ هڪ ديوار اڀي ٿي وئي آهي. ڄڻ ڪو حادثو ٿي گذريو آهي. يا ٿيڻ وارو آهي. مان زخمي ٿي پئي آهيان. مون کي تنهنجي جسم مان ڪنهن عورت جي خوشبو اچڻ لڳي آهي. تنهنجي زندگيءَ ۾ ته عورتون اينديون وينديون رهنديون آهن. پر هيءَ الاءِ ڪهڙي عورت آهي. جنهن منهنجي روح کي گهايل ڪري ڇڏيو آهي... الاءِ ڇا ٿي چاهي اها عورت...“ هوءَ ڳالهائيندي رهي ۽ هو خاموشيِءَ سان ٻڌندو رهيو. نه ڪوئي سوال ڪيائين نه ڪوئي جواب ڏنائين.
    ”الاءِ ڇو راڻا...!! ڄڻ منهنجو روح بيمار ٿي پيو آهي. لڳي ٿو ڄڻ مان تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺي آهيان. آخر اهڙو ڇا ٿيو آهي راڻا جيڪو مون کي آهستي آهستي ڪپي ڪوري رهيو آهي...؟“
    ”خبر نه آهي سومل.. اهڙو ته ڪجهه به ڪونهي “
    هن ڇت ڏي ڏسندي چيو. زالهنس سندس منهن ۾ پئي ڏٺو. هن ڇت تان اکيون هٽائي ڏانهس ڏٺو ته ڇرڪي ويو. هوءَ اداس مرڪ سان ڏاهنس گهوري رهي هئي. اها اهڙي گهور هئي جيڪا ڪنهن جي به پيرن هيٺان زمين ڪڍڻ لاءِ ڪافي هوندي آهي. ”خدا ڪري تون صحيح هجين راڻا. مان غلط هجان. پر اڳ ايئن ڪڏهن به نه ٿيو آهي راڻا جو تو مون ڏي نهارڻ به ڇڏي ڏنو هجي... الاءِ ڇا ٿي ويو آهي.“ سومل ڌيرج سان چيو ۽ پوتيءَ سان اکيون اگهي ڪوپ کڻي رڌڻي ڏي هلي وئي ۽ سانجهڻ ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي.
    اداس ڌن جي جهونگار عارضي طور بند ٿي وئي. اها جهونگار ۽ اها ڪم ۾ مصروفيت ڄڻ سومل جو پناهگاهه هو.
    ڏک کان پناه گاهه
    سوالن کان پناهه گاه.
    جوابن کان پناهه گاهه.
    پر هو يڪسر پناه گاهه کان محروم ٿي ويو.
    زالهنس جي اکين ۾ هڪڙو سوال هو جيڪو کيس ڏک ۽ اذيت ۾ مبتلا ڪرڻ ٿي لڳو ۽ ان اذيت سان ڀريل ڏک کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هو ان سوال کان ڊڄڻ ۽ ڇرڪڻ لڳو هو.
    هو سوال کان ڊنل شخص هو. شايد هر ماڻهو زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن سوال کان ضرور ڊنل هوندو آهي. سوال جيڪو سندس زال جي اکين ۾جاڳڻ لڳو هو. زالهنس جون اکيون رکي رکي سندس سيني ۾ سوراخ ڪرڻ لڳيون هيون. هو ان سوال کان ۽ انهن نگاهن کان بچڻ لاءِ اٽڪلون سوچڻ لڳو هو. پر آخر ڪوئي ڪيئن ٿو بچي سگهي سوالن کان..؟


    11

    هر ماڻهوءَ کي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن سوال سان منهن مقابل ٿيڻو ئي پوندو آهي.
    ان ڏينهن مومل آفيس نه آئي هئي. سندس ٽيبل تي رکيل موتئي ۽ گلاب جا گل مرجهائجي چڪا هئا. هُن مومل جي غير موجودگيءَ ۾ مرجهايل گلن ڏي نهارڻ جو ارادو ڪيو. پر ٻئي پل ان ارادي تي عمل ڪرڻ وساري ويٺو. ۽ آفيس مان ٻاهر نڪري آيو ۽ ٺيڪ ان مهل افسوس جي هڪ خاموش لهر سان کيس پنهنجو بي عمل ارادو ياد آيو پر هاڻي هن لاءِ واپس موٽي وڃڻ ۽ ۽ وڃي گلن ڏي نهارڻ مشڪل هو.
    هو گلن کان پري نڪري آيو هو.
    انهن ڏهاڙن ۽ شامن ۾ هو پنهنجي پاڻ کان ناراض رهڻ لڳو هو. سندس خوشيءَ ۾اداسي ايئن شامل ٿي وئي هئي جيئن سونارا ڪمال ڪاريگريءَ سان سون ۾ چاندي شامل ڪري ڇڏيندا آهن.
    اُن رات هو ڪوشش جي باوجود به ماني جي چئن گرهن کان وڌيڪ کائي نه سگهيو. نه ڄاڻ ڪيڏي مهل زالهنس گهر جي ڪم ڪار مان واندي ٿي اچي ڀر ۾ ليٽي ۽ ڪيڏي مهل سمهي به رهي.. هو مسلسل بند اکين سان جآڳنڌو رهيو.. ۽ پوءِ الاءِ ڪيڏي مهل هنڌ مان اٿيو ۽ دروازو کولي ٻاهر نڪري ويو. اها هڪ زوردار ڇڪ هئي. ڪنهن ٻئي طرف وڃڻ جي اها ڇڪ ڄڻ ماڻهوءَ جي رت ۾ شامل هوندي آهي.
    هنڌ تان اٿڻ جي ڇڪ. کٽ تان لهڻ جي ڇڪ. گهر مان نڪرڻ جي ڇڪ. ڪنهن ٻئي طرف وڃڻ جي ڇڪ. گهر مان نڪرڻ ۽ ڪجهه پل اتر واري ماڙيءَ ۾ گذارڻ جي ڇڪ. هو ڄڻ ڪنهن اڻ ڏٺي ڏور سان ڇڪجندو گهر کان گهڻو پري مڇر ڪالونيءَ وٽان گذرندو ماڙيءَ وٽ اچي بيٺو. هڪ خوبصورت محل. ڀرسان وهندڙ ندي. چانڊوڪي رات. محل جا در دريون بند. بند هوندي کليل هئڻ جو ڏيک ڏيندڙ. ايامن کان اڪيلو. خالي ۽ بنهه ويران محل.
    سندس اکيون ڳڙکين جي بند تاڪين مان اندر ليئا پائڻ لڳيون. ڄڻ محل ۾ ڪوئي موجود هجي. جيڪو هٿ ۾ ميڻ بتي کڻي ڪنهن مهل ڏاڪڻين تان لهي دالان ۾ ٿو اچي ته ڪنهن مهل دالان مان ٿيندو ڪنهن ڪمري ۾ گم ٿي ٿو وڃي. ۽ پنهنجي پويان اگر بتين ۽ لوبان جي پُراسرار خوشبو ڇڏي ٿو وڃي.
    هُن جون اکيون ڳڙکين ۾ ڦاسي پيون.
    ڳڙکيون هڪ هڪ ٿي کلنديون ويون.
    هو ڪنهن ڪڪر وانگر بي وزن هو. هڪ ڳڙکيءَ مان اندر داخل ٿيو. سندس پيرن هيٺان هڪ نفيس نرم قالين هو.
    هر ڪمري ۾ هڪ هڪ قنديل روشن هئي. هر قنديل جي وٽ هڪ جيتري ٻريل هئي. هر قنديل جي روشني هڪ جيتري هئي. نه گهڻي تيز. نه گهڻي جهيڻي. ڄڻ هينئر هينئر ڪوئي قنديلون ٻاري ٻاهر نڪري ويو آهي. هن جا پير قالين تي هلندا مختلف ڪمرن، دالانن ۽ ورانڊن مان ٿيندي هڪ اهڙِي دالان ۾ پهتا جيڪو دالان کيس محل جو مرڪز محسوس ٿيو. سڀ کان اول هڪ کٽ جو هڪ پاڳو ظاهر ٿيو ۽ پوءِ سڄي کٽ سامهون اچي وئي. کٽ جا چارئي پاڳا ڳاڙها هئا. کٽ تي گلابي سيج وڇايل هئي. سيج تي عورت گهري ننڊ ستل هئي. وار کليل. سينڌ ۾ ڳاڙهو سنڌور. نرڙ تي تلڪ. تلڪ چانڊوڪيءَ ۾ جرڪيو پئي. عورت کي گهرو ڳاڙهو وڳو اوڍيل هو.
    ”مومل سُتي پئي آهي. آخر ڪيترو وقت جاڳي ها“ سندس ڀرسان هڪ آواز گذري ويو. اهو آواز نه مرد جو هو نه عورت جو. اهو آواز فقط آواز هو. پنهنجي جنس پاڻ هو. ” هوءَ ڪير آهي؟“ هن آواز جي لهر کان پڇيو.
    ”هوءَ مومل آهي. هوءَ تنهنجو سينو چاڪ ڪري تنهنجي دل ڪڍي ويندي ۽ تون هميشه تڙپندو رهندين“ آواز جي لهر کيس سرگوشيءَ ۾ اطلاع ڏنو.
    ”۽ مان ڪير آهيان“ هن روئڻهارڪي آواز ۾ رڙ ڪري گذري ويل آواز کان پڇيو.
    ”تون راڻو آهين.... سامهون لڳل درسنيءَ ۾ نهار“
    هن درسني ۾ نهاريو. هو واقعي راڻو هو.
    هن وري سامهون نهاريو. سامهون آس پاس ڪو به ڪمرو ، ڀت، ڇت، دالان، گهر، ماڙي، محل ڪجهه به نه هو. نه وڻن جو جهڳٽو هو نه وليون هيون. چئو طرف هڪ وشال خاليپڻو هو. هڪ اٿاهه خال... پاڻ ڏانهن زوريءَ ڇڪيندڙ پراسرار ٻيٽ. هر شئي کي پنهنجي بي انت خالي پڻي ۾ پيوست ڪندڙ خال... هن خال جي ڪُن مان نڪرڻ جو ارادو ڪيو. هڪ مظبوط ارادو. ٻئي پل هن پاڻ کي ٿڪل حالت ۾ پنهنجي کٽ تي هنڌ ۾ ستل ڏٺو... ۽ کيس ان سوال حيرت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو ته هو اهو ساڳيو مومل جي هٿان پنهنجو سينو چاڪ ٿيڻ وارو خواب اڳ به تڏهن ڇو ڏسي چڪو هو جڏهن اڃان مومل سان سندس تعلق جي تند پڪي به نه ٿي هئي.
    ”ڪيڏي ويو هئين راڻا ؟“ زالهنس ننڊاکي آواز ۾ چيو
    ”هون... ؟ مان ڪيڏي به نه ... هتي ئي...“
    ”فون آئي هئي“
    ”ڪنهن جي؟ مطلب ڪنهن لاءِ“
    ”ڪنهن عورت جو آواز هو... تون هنڌ تي نه هئين...“
    ”ڇا پئي چيائين... ڇا!“
    ” چيائين پئي تنهنجو مڙس تو وٽان اٿي اُتر واري ماڙيءَ ڏي ويو آهي.... ڪنهن ڇوڪريءَ سان ملڻ... کيس اوڏانهن وڃڻ نه ڏيندي ڪر. اُها مومل جي ماڙي آهي... اوڏانهن جيڪو به ويندو آهي واپس نه موٽندو آهي.. ان ماڙيءَ ۾ پاڇولا آهن ... موت جي بوءَ آهي... رت آهي“. سومل جي انڪشاف تي سندس ڇاتيءَ ۾ گهڻو پري ڪنهن پراڻي ڀت جا چاپڙ ڪِرڻ لڳا. هو اُها رات صبح تائين سمهي نه سگهيو، سڄي رات زخمي نانگ وانگي هنڌ ۾ لڇندو رهيو. صبح جو آفيس ۾ گهڻي ڏک مان مومل جي اکين ۾ ڏسندي چيائين ”مومل.... رات سومل کي ڪنهن عورت فون تي ٻڌايو ته مان ڪنهن ڇوڪريءَ سان ملڻ پيو وڃان... اها عورت ڪير ٿي سگهي ٿي؟“ جنهن تي مومل حيرت مان وات پٽي ڪي پل مسلسل سندس منهن ۾ ڏسندي رهي. پوءِ اکيون ڇنڀيندي غير ضروري حد تائين حيرت مان چيائين ”راڻا آخر اهو ڪير آهي جيڪو تنهنجو گهر برباد ڪرڻ ٿو چاهي...؟ ڪير ٿو ٿي سگهي اهڙو ماڻهو، مون ته اڳئي توکي چيو هو. ته راڻا ڪو ماڻهو آهي جيڪو اسان جي محبت جو دشمن آهي. اسان کي ڌار ڪرڻ ٿو چاهي...“ موٽ ۾ راڻو خاموشيءَ سان سندس اکين ۾ ڏسڻ لڳو هو اها اهڙي خاموشي هئي جنهن جي پيٽ ۾ ڏک جوسڄو سارو درياهه هوندو آهي. هن مومل سان وڌيڪ هڪ به جملو نه ڳالهايو. ڳالهائڻ جي ڪا گنجائش ئي نه رهي هئي. شايد پن ڇڻ جي اداسيءَ ۾ بهار جي خوشبوءِ ۽ بهار جي خوشبوءَ ۾ پن ـــ ڇڻ جي اداسي پلجندي آهي. شايد ڏک ۽ خوشي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا نه آهن پر هڪ ئي پاسي جهڙا ٻه سڪا آهن. هن جي اکين ۾ پن ـ ڇڻ جي پيلي موسم لهي آئي هئي. خوشيءَ جي پٺيءَ ۾ وري ڪُٻ نڪرڻ لڳو هو. کيس ننڊ توڙي جاڳ ۾ چئوطرف هزارين املتاس جا ڦڪا وڻ نظر اچڻ لڳا هئا.
    آفيس جي مين گيٽ کان ريلوي اسٽيشن جي چبوتري تائين سڄو رستو املتاس جي ڦڪن گلن سان جهنجيل. ڦڪا وڻ... جهڙا جوڳين جا روح.
    خزان رسيده بيد مشڪ، ٽالهين، نمن ۽ پپل جا وڏا وڏا وڻ!
    وڻن مان ڇڻندڙ هيڊا پن. روڊ ۽ فوٽ پاٿ تي پکڙيل ڦڪا پن. هوا ۾ پن ڇڻ جي اداس خوشبو.
    انهن ڏکن ۽ حادثن جي اداسي جيڪي گذري چڪا،انهن ڏکن ۽ حادثن جي اداسي به جيڪي گذريا پئي. ۽ ان واعدي جو ڏک جيڪو وفا ٿي نه سگهيو. شايد ڪي واعدا وفا جي آخري موڙ تي پهچي واپس موٽي ايندا آهن ۽ فراموشيءَ جي چادر تاڻي اهڙي ننڊ سمهي پوندا آهن جو ڪنهن به اک مان ڇڻيل لڙڪن جي ڇنڊي تي نه جآڳنڌا آهن.
    قدم قدم ۽ ساهه ساهه سان گڏ پاڇولي جيان هلندڙ اداسي.
    ۽ سوالن جو طويل گهيرو.
    اهڙو ڇا آهي جيڪو غلط ٿي رهيو آهي؟
    ڪو دوکو ٿي رهيو آهي؟ ڪو وشواس گهات؟
    ڪير پيو ڪري دوکو؟
    ڪنهن سان پيو ٿئي دوکو؟
    مومل سان...؟
    سومل سان...؟
    مون سان...؟
    مومل سومل سان...؟
    يا سومل مومل سان...؟
    يا ٻئي مون سان ...؟
    يا مان ٻنهين سان...؟
    يا مان مومل سان...؟
    يا مان سومل سان...؟
    يا ڪير به ڪنهن سان به نه؟
    شايد ڪير به غلط ڪونهي!
    شايد سڀ ڪو‏ پنهنجي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي.
    سوالن ۽ خدشن جو وشال گهيرو.
    هونءَ ڪو به ماڻهوءَ،
    ڪنهن به ماڻهوءَ سان،
    ڪٿي به ڪڏهن به،
    ڪجهه به ڪري سگهي ٿو.
    ”نيٺ اهو ئي ٿيو جنهن جو ڊپ هو. مون اڳ ئي توکي چيو هو مومل مون کي سجدي جي سز ا نه ڏي. پر تون نه مڙينءَ....۽ مون کي موت جهڙي ماٺ ڏئي ڇڏيئي...“
    پن ڇڻ رت جي سڪل پنن تي هلندو پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو. هڪ دفعو وري همزاد ئي سندس سهارو بڻيو.
    ”چيو هئم نه توکي مومل ته مون اڃان ته تنهنجي مزاج جي هڪڙي موسم ڏٺي آهي... اڃان ته ٽي موسمون پري آهن.. ۽ ڏس ڪيئن نه تنهنجون ٽئي موسمون هيڊيون نڪتيون“
    ۽ ان رات ئي جنهن رات هو هنڌ مان اُٿي ٻاهر نڪري ويو هو ۽ پوءِ اڌ رات جو موٽيو هو زالهنس کيس چيو هو ”راڻا مان ڄاڻان ٿي ته ڪا عورت تنهنجي زندگيءَ ۾ رهڻ لڳي آهي... جنهن سان توکي محبت ٿي وئي آهي.. اها ڏاڍي خوش قسمت عورت آهي .... پر آخر اهڙو ڇا آهي جو جڏهن کان اُها تنهنجي زندگيءَ ۾ آئي آهي تون اڳ کان وڌيڪ اداس رهڻ لڳو آهين.. آخر ايئن ڇو آهي... مون کي چئه مان تنهنجي لاءِ ساڻس ملان... کيس منٿ ڪيان... کيس ٻڌايان ته راڻو ناخوش رهڻ لڳو آهي.. کيس خوشيون ڏي... مان وچ جي ديوار ڪانه ٿينديس... ان شام به ٻڌايئي پئي ته اڄ روڊ تي هلندي ذري گهٽ ٽرڪ جي هيٺيان آيو هئس... ايترو بي خيالو ڇو رهڻ لڳو آهين“
    ان رات ئي سومل جي اڳيان سڀ هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا هئائين. ٻيو ڪو چارو به نه هو.
    ”سومل خبر اٿئي ڇا....؟“
    ”ڇا..“ سومل سندس اداس لهجي ۾ لڙهندي وراڻيو هو.
    ”گهڻا سال اڳ جي ڳالهه آهي.“ هو سومل جي گوڏي تي ٻار وانگر مٿو رکيو ڪنهن قصاگو جيان ڳالهه کڻڻ لڳو.. ”مان تو وٽ تنهنجي شهر آيو هئس. تڏهن پنهنجي شادي ٿيل نه هئي. اهي سياري جي آمد آمد جا شروعاتي ڏينهن هئا. تنهنجي شهر جي موسم ۽ تنهنجي شهر جون هوائون هميشه جئان حسين هيون. تنهنجي گهر جي آڳنڌ ۾ پوکيل گلن جا ٻوٽا ۽ ڀت تي ٻانهن رکي بيٺل بوگن ويليا، ڪمري ۾ ٽيپ تي وڄندڙ موسيقي، تنهنجي چنچل نهار سان گلن جا تبديل ٿيندڙ رنگ، تنهنجي ماءُ جون مهربان اکيون، وقت جي باوقار خاموشي ۽ هيڏانهن آئون .. ورهين کان آسمان جيڏي اڪيلائي ڀوڳندڙ هڪڙو ناڪام، بيروزگار، ڪمزور ۽ بي اعتمادي جو شڪار ڇوڪرو... جنهنجي پنهنجي گهر ۾ ڪنهن به عورت جو وجود نه هو.. نه ڪو ماءُ، نه ڪو ڀيڻ.. نه ڪو چاچي، نه ڪا ماسي... گهر ۾ ٽي ڀائر .. اٽو به پاڻ ڳوهيون، ماني به پاڻ پچايون ته ٿانوَ به پاڻ ڌوئون... ان کهري ٺيٺ مرداڻي، بي لطف ۽ ٿوهر جهڙي زندگي گهاريندڙ ماڻهوءَ کي تنهنجي شهر، تنهنجي گهر ۾ تنهنجي ڪمري ۽ تنهنجي سونهري وارن جو ساٿ مليو ته -+جو جنم ٿيو.. خبر ناهي ان موسم جو نالو ڇا هئڻ گهربو هو. پر اها عجيب دلفريب موسم هئي.. موسم جو هڪ ڏينهن هو. ڏينهن جي هڪ شام هئي... شام جو به هڪڙو مختصر پل هو جنهن مون کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. مان ان پل ۾ فريز ٿي ويس. اُهو پل هميشه لاءِ منهنجي اندر ۾ ڄمي بيهي رهيو. منهنجي احساسن ۾ ائين شامل ٿي ويو جيئن پاڻي ۾ شربت، جيئن اک ۾ ڪجل، جيئن چيچ ۾ مُنڊي، جيئن ننڊ ۾ خواب... پوءِ خواب جيئان وقت گذرڻ لڳو. اهو لمحو منهنجي هٿن مان کسڪي ويو. مان ان لمحي جي آڱرين مان هارجي ويس. پنهنجي شادي ٿي وئي، مون کي نوڪري ملي وئي، تون چند مئل ٻارن جي ۽ ڪجهه زنده ٻارن جي ماءُ ٿي وئينءَ. مان ڳوٺ جي ڳلين کان شهر جي چونڪن تائين ڀٽڪندو چاڪيءَ جي ڏاند جيئان ذميوارين ۽ گهردارين جي دائري ۾ ڦرندو رهيس. پر سومل مان ڪڏهن به ذهني طور ان لمحي مان نڪري نه سگهيس جيڪو لمحو ڪئين سال اڳ مون ۾ فريز ٿي ويو هو. مان هيمشه ان ساڳئي دلفريب لمحي لاءِ واجهائيندو رهيس... ڳوليندو رهيس اهو لمحو جيڪو منهنجي اندر ۾ ٽڪي پيو هو... ۽ سومل مان ان لمحي جي ڳولا ۾ ڀٽڪندو الاءِ ڪٿي ڪٿي ۽ ڪهڙا ڪهڙا دروازا کڙڪائيندو رهيس.. تان جو ڪاڪ محل ۾ وڃي ڦاٿس... مون کي خبر ئي نه پئي ته مان ڪاڪ محل جا در دريون ٽپي، دالانن مان ٿيندو جنهن عورت وٽ وڃي پهتو آهيان اُها مومل آهي... مون کي اهو لمحو ملي نه سگهيو سومل جنهن لمحي لاءِ مان ڀٽڪندو رهيس.. مان ان لمحي مان جلا وطن مسافر آهيان. ها سومل ايئن آهي. مان مومل جي وجود ۾ وڃائجي چڪو آهيان.. مان ڇا ڪيان.. منهنجي وس ۾ ڪجهه نه آهي. مون مرڻ کان سواءِ سندس اکين ۾ ٻُڏي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ۽ ان مهل منهنجي اکين مان لڙڪ وهي آيا هئا ته سومل منهنجون اکيون اگهي ٻيءَ شام ئي تنهنجي در تي آئي هئي ۽ توکي چيو هئائين ” مومل ، مان توکان راڻي جي خوشي پنڻ آئي آهيان... راڻو بيمار ٿي پيو آهي... مان کيس بيمار ۽ اداس نه ٿي ڏسي سگهان... مان کيس صحتمند ۽ خوش ڏسڻ ٿي گهران. ڀلي هو منهنجو نه ئي هجي. تنهنجو ئي هجي پر رڳو خوش هجي. پر مومل تو سندس منٿ کي مان نه ڏنو. الاءِ ڇو.. مان سمجهي نه سگهيس. تو مومل لاءِ پنهنجي ڪاڪ محل جا دروازا اهو چئي بند ڪري ڇڏيا.. ته مان راڻي کي سڃاڻان ئي نه ٿي. ڇا واقعي مومل...؟ تون مون کي نه ٿي سڃاڻين؟ تو ته چيو هو راڻا تون ئي منهنجو تعارف آهين.. تون ئي منهنجي گُمنامي آهين. ۽ اهو به توئي ته چيو هو مومل ته راڻا محبتون ميلاپن جون محتاج نه هونديون آهن، محتاج ٿينديون آهن ته معذور ٿي وينديون آهن. آئون توسان هميشه ائين رهنديس جيئن گل سان خوشبو. جيئن پرهه سان هير.. پوءِ تون ڪاڪ محل ۾ راتيون جاڳي شادي لاءِ ٽڪساٽ ڇوڪرڻ لڳينءَ؟ سومل کي پنهنجي ڀيڻ بڻائي سندس پير ڇو ڪڍڻ لڳينءَ..“
    ان شام هن رڌڻي ۾ ٻارن لاءِ پٽاٽا چپس ٺاهيندڙ زال ڏي کٽ تي ليٽي کاٻي پاسي ڪنڌ ورائي ڏٺو هو. ۽ ان پل پاڻ کي اعتراف جي ڪوٺڙي ۾ بيٺل محسوس ڪيائين ۽ بي آواز جملن ۾ اعتراف ڪيائين ته هو سومل کي سندس حصي کان وڌيڪ زخمي ڪري چُڪو آهي. ۽ ان سوال کان لنوائيندي ته سومل جا زخم ڪڏهن ڀرجي به سگهندا يا نه...؟ عمر ٻوڙي ۽ مائيءَ ڦتڻ بابت سوچڻ لڳو. عمر ٻوڙو پنهنجي جوانيءَ ۾ به هڪڙو ڪوجهو، چيڙاڪ ۽ شڪي مزاج شخص هو ۽ اڪثر پنهنجي جواڻ جماڻ ۽ موتئي جهڙي سهڻي زال کي رات جو گهر ۾ دروازو ڏئي اگهاڙو ڪري سنهڙي چهبڪ سان ايڏو ماريندو هو جو سندس کير جهڙي بدن تي نيرا نشان ٺهي ويندا هئا. چون ٿا پوءِ ورهين تائين چانڊوڪين راتين ۾ ڦتڻ جي چانديءَ ونسي بدن جا نيرا نشان جاڳي پوندا هئا ۽ نانگ سندس جسم تي سُرڻ لڳندا هئا ۽ هوءَ رڙيون ڪري روئڻ ۽ گهر کان ٻاهر ڊوڙِڻ لڳندي هئي. ”مون کي نانگ ٿو کائي، مونکي بچايو“ سڄي ويڙهي جا مرد مايون سندس پٺيان ڊوڙِي کيس ڳوٺ جي پٺين پاسي واري قبرستان مان وٺي ايندا هئا. ان ڪري عمر ٻوڙو چانڊوڪين راتين ۾ ننڊ نه ڪندو هو. سڄيون راتيون پن جون ٻيڙيون پيئندي جاڳي گذاريندو هو. پوءِ جڏهن ٻئي ڄڻا پوڙها ٿي ويا ته عُمر ٻوڙو چپ چپ رهڻ لڳو ۽ ڦتڻ خوش رهڻ لڳي. سندس بدن تي نانگ جو سُرڻ بند ٿي چڪو هو. اڪثر جڏهن اونهاري جو سج اولهه ۾ لهڻ ۽ پاڇولا مٿي چڙهڻ لڳندا ته هو ڀت جي طويل پاڇولي ۾ پيل کٽ تي اهلجي کاٻي پاسي چلهه تي شام واري چانهه ڪاڙهيندڙ زال ڏي پيو ڏسندو. مسلسل.. هر روز... هر شام... هوءَ چانهه پئي ڪاڙهيندي ۽ هو پنهنجي اڌ رنگي ۾ مفلوج کاٻي طرف وريل ڪنڌ سان ڏانهس ڏسندو رهندو... تان جو سندس کاٻي اک جي ڪنڊ ۾ پاڻي گڏ ٿي گهنجيل ڳل تان اٿلي پوندو. ۽ پوءِ ائين عمر ٻوڙو هڪ شام کاٻي اک سان ڦتڻ ڏي ڏسندي ڏسندي بنان ڪجهه ڳالهائڻ جي چانهه تيار ٿيڻ کان اڳ خاموشيءَ سان مري ويو. ڳوٺ جي مولويءَ کي عمر ٻوڙي جون اکيون وٺي هٿ پير سنوان ڪرڻ دوران سڀ کان گهڻي ڏکيائي سندس ڪنڌ سئون ڪرڻ ۾ پيش آئي. ڪنڌ جيڪو کاٻي پاسي وريل هو.
    عمر ٻوڙو کاٻي اک جي خواب جو مقروض هو.
    ۽ ان شام رڌڻي ۾ ٻارن لاءِ پٽاٽا چپس ٺاهيندڙ زال ڏي ڏسندڙ راڻي محسوس ڪيو ته هو به عمر ٻوڙي وانگر کاٻي اک جي خواب جو مقروض آهي.
    ”الاءِ ڇو دل اداس اداس آهي“ هو پيرن ۾ ڀرندڙ سڪل پنن جي آواز سان جهونگارڻ لڳو. اصل ۾ اها جهونگار پاڻ کي روئڻ کان روڪڻ جي هڪ ناڪام شاعراڻي ڪوشش هئي. ”منهنجي زندگي ۾ اچڻ لاءِ تنهنجي مهرباني“ هن اداسيءَ مان ڪجهه مهينا پراڻو پر گهڻا دفعا ورجايل جملو ورجايو... چپن تي ڦڪي مرڪ ڦهلجي ويس. ۽ ان مهل پپل جو هڪڙو اڌ سائو اڌ سڪل پن ٽاريءَ مان ڇڻي اچي سندس ڪلهي تي ڪريو ۽ ڪلهي تان ترڪي کيسي وٽان ٿڙندو زمين تي وڃي ڪريو ۽ هڪڙو نم جو پن مٿان ڇڻيو ۽ هوا جي دوش تي رقص ڪندو هيٺ اچي ڪريو ۽ زمين جي هنج ۾ سمهي رهيو.
    ”سومل.. ڪاش تون منهنجي زندگيءَ جو دان گهرڻ لاءِ مومل جي ڪاڪ محل ۾ نه وڃين ها...ڪاش“ هو ڀڻڪڻ لڳو.. ۽ کيس اهو اندازو ئي نه هو ته ڏک جي ان بي مهر موسم ۾ سومل هڪ رات پنهنجي بي نام ڊائريءَ جي اٺين صفحي تي ڇا لکيو هو...؟ لکيو هئائين.
    ”راڻا مون کي لڳي ٿو هاڻي مان رڳو تنهنجي سکڻن لفظن جي ڪناري تي رهجي وئي آهيان. ڪو وقت ٿيو آهي جو تو مون کي پنهنجي دل جي نديءَ ۾ لهڻ نه ڏنو آهي. پيرن کان نيڻن تائين پسڻ نه ڏنو آهي... ترڻ ٻڏڻ نه ڏنو آهي. مان تنهنجي لاءِ فالتو عورت بڻجي وئي آهيان. تو اهو ڪڏهن ڄاتو آهي ته مون ڪيتريون راتيون جاڳي آڱرين تي تنهنجي انتظار جا پل ڳڻيا آهن. ڪڏهن سوچيو اٿئي ته اوباريل محبت عورت لاءِ ڪيڏو الميو هوندي آهي....؟ مان ته هاڻ تنهنجي پاروٿي نهار جي قابل به نه رهي آهيان ڄڻ. تنهنجي انهيءَ سيڪنڊ هئنڊ توَجَهه مون کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. مان تنهنجي پاروٿي نهار جي مقتوله آهيان راڻا. هاڻي ڪا قبر کوٽ ۽ مون کي دفن ڪري ڇڏ....“
    ”مومل، تون قلوپطره ته نه آهين پر تون نيل نديءَ جي نانگڻ ضرور آهين. تو مون کي ڏنگي وڌو. ڏس منهنجي رڳن ۾ ڪيڏو زهر ڦهلجي ويو آهي... چريائپ جي چائنٺ تي بيٺل حد کان وڌيڪ سياڻي ڇوڪري تون انهن ڇوڪرين مان آهين جن جي هڪ ڳالهه مان ٻه معنائون ۽ ٻن ڳالهين مان سدائين هڪ معنيٰ نڪرندي آهي. تو مون کي پنهنجي مبهم ارادن جي سنگباريءَ سان زخمي ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي وقت جو ڪوبه مسيحا منهنجا گهاءَ ڀري نه سگهندو. منهنجي اداسي تنهنجي نيڻن جي ڪجل کان وڌيڪ گهري ٿي وئي آهي ۽ منهنجو ڏک تنهجي وارن کان به گهاٽو ٿي ويو آهي. مون ته سوچيو هو..“ هو ٿڪل پيرن کي وڌيڪ ٿڪائڻ لاءِ اڳتي هلندو مومل سان ڳالهائڻ لڳو. ”تون منهنجي محبت ۾ ميڻ بتيءَ جيان ٻرندينءَ ۽ سڀ چارا روشن ڪري ڇڏيندينءَ... منهنجي هڪ لمحي جي جدائيءَ ۾ ميڻ بتيءَ وانگر قطرو قطرو ٿي ڳرندينءَ. منهنجي محبت ۾ ائين جهڪي پوندينءَ جيئن پکيءَ جي ويهڻ سان بيد مشڪ جي ٽاري جهڪي پوندي آهي. پر توتي ڪوئي به فرق نه پيو.. ڪو به نه مومل.. ٻريس به مان، ڳريس به مان ته جهڪيس به مان.. پر شايد تنهنجو اهڙو ڀاڳ نه هو. ٻرڻ، ڳرڻ ۽ جهڪڻ هر ڪنهن جي نصيب ۾ نه هوندو آهي. پر شايد ان ۾ ڏوهه تنهنجو نه منهنجو هو جو تو مون کي بي آواز لفظن جي تلوار سان ڪپي ڇڏيو. ڏوهه منهنجو هو. جو مون توکي Extreme level تي پيار ڪيو. منهنجي عاشقيءَ جي Extreme level تنهنجي معشوقيءَ کي Extreme level تي پهچائي ڇڏيو ۽ تون زمين بدران هوائن تي هلڻ لڳينءَ ۽ مون کي اڻ کٽ رات جو حصو بڻائي ڇڏيئي. ۽ ياد اٿئي مومل هڪ دفعي خواب ۽ ساڀيان جي وچ تي توکي چيو هيم اچ ته اوڏانهن هلون جتي خاموشي ڳالهائيندي آهي، جتي لڙڪ مرڪندا آهن ۽ جتي چپ چمين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن ته تو چيو هو راڻا تنهنجون ڳالهيون حقيقت کان پري آهن پر پوءِ به وڻندڙ آهن ان ڪري مان توسان اوڏانهن هلڻ لاءِ تيار آهيان جتي چپ چمين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن. پر مومل تنهنجو وچن وفا ٿي نه سگهيو. تو ته پهريون ئي قدم مشروط کنيو ۽ مشروط قدم سدائين اڌ رستي مان موٽي ايندا آهن.“ سندس اکين ۾ آلاڻ ڦهلجي وئي ۽ ان مهل کيس پنهنجو اهو جملو ورجائڻ جي ضرورت محسوس ٿي جيڪو جملو هن شروع ۾ ئي کيس چوڻ چاهيو هو پر نه چيو هئائين. شايد هر ڳالهه جو پنهنجو وقت هوندو.... هن اکين مان وهي آيل لڙڪن کي اگهندي چيو” مومل ڊڄ ان ڏينهن کان جنهن ڏينهن مون توکي پنهنجي لڙڪن ۾ روئي ڇڏيو. اهو پل پنهنجي تعلق جو آخري پل هوندو“
    ۽ ايئن ٿيو.
    اهو پل سندن تعلق جو آخري پل ثابت ٿيو.
    پر مومل مان توکي ڪڏهن به وساري نه سگهندس الاءِ ڇو.. پر توکي وسارڻ منهنجي وس ۾ نه آهي. کوڙ شيون ماڻهوءَ جي وس کان ٻاهر هونديون آهن. اها بي وسي مونکي هميشه ماريندي رهندي مان ماڻهن لاءِ باهه چورائڻ جي الزام ۾ نه پر محبت جي حاصلات جي ڪوشش جي الزام ۾ هميشه سزا ڀوڳيندو رهندس. سزا جنهنجو ڪڏهن انت نه ٿيندو . ۽ مان سزا جي ڪنهن به پل ۾ توکان غافل نه ٿيندس. تون مون لاءِ زندگيءَ جهڙي محبوبا هئينءَ. زندگي جيڪا هزار شڪايتن هوندي به ڏاڍي پياري هوندي آهي. هي خزان جي اداسي شاهد آهي ته مونکي توکان هاڻي ڪابه شڪايت نه آهي. توسان ڪهڙي شڪايت ؟ تون به ته مون جيان اڌوري هئينءَ ۽ اڌورن ماڻهن سان ڪهڙي شڪايت. هڪ خالي ماڻهو ٻئي خالي ماڻهوءَ کي ڏيئي به ڀلا ڇا ٿو سگهي؟ مونکي ياد آهي مومل هڪ شام تو آسمان ڏي ڏسندي چيو هو راڻا مان هڪ ڊنل ۽ عدم تحفظ جو شڪار ڇوڪري آهيان. منهنجو جنم Black out جي هڪ گهور اونداهي رات ۾ ٿيو هو. شايد اهو جنگ جو زمانو هو. چمني ٻارڻ جي به اجازت نه هئي. پر ان اونداهيءَ کان به گهري اونداهي منهنجي وجود ۾ هئي. اونداهي جيڪا مونکي ماءُ جي طرفان ورثي ۾ ملي هئي. چئن ڌيئرن کان پوءِ امان پنجون ڀيرو پيٽ سان ٿي هئي ته بابا ساڻس ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. جنهنجو مطلب اهو هو ته تون هن دفعي به ڌيءُ ڄڻيندينءَ. امان جي ڊپ جي انتها نه هئي. بابا جي بي آواز ڪاوڙ ۽ پنجين ڌيءُ جو ڊپ سندس رڳن مان ڊوڙندو منهنجي وجود ۾ تحليل ٿي چڪو هو. مان ڄمڻ کان اڳ ئي ڊنل هئس. دائيءَ امان کي پنجين ڌيءَ جي خبر ٻڌائي هئي ته امان اونداهي جي سيني ۾ سوراخ ڪندڙ سرنگهه جهڙي طويل دانهن ڪري بيهوش ٿي وئي هئي. گهڻو پوءِ بابا امان سان ڳالهائڻ لڳو هو پر مونکي ورهين تائين هنج ۾ نه کنيائين. مان اڪيلي رهجي ويس ۽ اڄ تائين اڪيلائيءَ مان نڪري نه سگهي آهيان ۽ راڻا مان ڄاڻان ٿي ته تون مون لاءِ سومل کي نه ڇڏي سگهندين. سو پنهنجي جدائي رڳو هٿن جي لڪيرن ۾ ئي نه پر موسمن جي پيشانيءَ تي لکي پئي آهي. ۽ مومل مون تنهنجي ڳالهين کي رات جي ڊپ ۾ ڳالهايل مبهم جملن وانگر وساري ڇڏيو هو. پر وسارڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي. اهوئي ٿيندو آهي جيڪو ٿيڻو هوندو آهي.
    هو ڀڻڪندو ۽ هلندو رهيو. اهو ڏک سڀني ڏکن کان منفرد هو. هو ڏک جي گهيري ۾ مسلسل هلي رهيو هو ۽ هلندي هلندي گهڻو پري نڪري آيو هو.... ساڳي موسم.. ساڳيو رستو... رستا ساڳيا هوندا آهن ڏک بدلجي ويندا آهن. ساڳيا وڻ...ساڳي برسات... ساڳيو شهر... ساڳي خانگي اسپتال... انهي اسپتال ۾ سومل کي ٻار ڄائو هو. صبح ئي چيڪ اپ لاءِ ڳوٺان لاريءَ ۾ چڙهي شهر آيا هئا... پر ڊاڪٽرياڻي ٻار ڄمڻ جو انديشو ڏيکاريو. توڻي جو اڃان سومل کي اٺون مهينو هو. هوءَ ڏيڍ سال اڳ به ساڳي اسپتال ۾ هڪ مئل ٻار کي جنم ڏئي چڪي هئي ۽ ”مئل ٻار جي ماءُ“ جو الزام کڻي چڪي هئي. هاڻي وري ساڳي ڊاڪٽرياڻي ساڳي اسپتال. ساڳيو ميٽرنٽي هوم جنهن بابت هو اڳ ئي ان خدشي ۾ مبتلا ٿي چڪي هئي ته هڪ ڪاري ٻلي هر وقت ميٽرنٽي هوم جي دريءَ جي پردي ۾ ويٺي مسلسل ڏانهنس گهوريندي رهندي آهي.. ٻليءَ جي وات کي سندس رت جو ذائقو لڳي چڪو آهي ۽ ان شام به ٻيو دفعو زنده ٻار کي جنم ڏيندي هوءَ اوچتو رڙيون ڪري ڪم واري ماسي کي چوڻ لڳي هئي’ماسي دري بند ڪر.. جلدي ڪر .. سامهون ٻلي ويٺِي آهي.. ٻلي منهنجو ٻار کڻي ويندي“ جنهن تي ڊاڪٽرياڻيءَ ماسيءَ کي بند پيل دريءَ کي وري بند ڪرڻ جو چيو هو. .. ۽ هن ٻاهر اسپتال جي خاڪروب کي هڪ دوست سان رازداڻي انداز ۾ ڳالهائيندي ٻڌو هو ته ”ميٽرنٽي هوم جون ٻليون ۽ ڪتا بک نه مرندا آهن“... ۽ ڊاڪٽرياڻي هٿن تان رت هاڻا گلوز لاهيندي ماسي کي چيو هو ”فيس وٺي ڇڏيو. ٻار کي سول اسپتال کڻي وڃڻو پوندن. آڪسيجن لڳندي.. يا ايڪيو بيٽر ۾ رکڻو پوندو ٻار ڪچو آهي“ اهو سانوڻ جو مهينو هو. مٿان مينهن پئي وسيو. هو ننڍڙي ٻارکي اڇي پلاسٽڪ ۾ ڍڪي مينهن کان بچندو سول اسپتال ڏي ڊوڙيو هو...زالهنس نيم بيهوشيءَ جي حالت ۾ بيڊ تي پيل. هو سول اسپتال کان خانگي اسپتال ۽ خانگي اسپتال کان سول اسپتال جي رستي تي ڊوڙندو رهيو.. ڊيوٽي ڊاڪٽر اڌ رات مهل ننڊاکي حالت ۾ تازي ڄاول ٻار کي پاروٿي توجهه سان ڏسي نرس کي ٻار کي ايڪيوبيٽر ۾ رکڻ ۽ گڏو گڏ آڪسيجن لڳائڻ جو چيو. آڪسيجن جي سلينڊر ۾ آڪسيجن ته هئي ئي ڪا نه. هوڏانهن سج اڀريو هيڏانهن ٻار مري ويو.. ۽ هو ساڳئي رستي سان هلي هلي ٿڪجي چور ٿي ويو.. منجهس وڌيڪ پنڌ ڪرڻ جي سگهه نه رهي... پوءِ الاءِ ڪيڏي مهل ڳوٺان ڀاڻس آيو.. ڪو هڪ ٻه دوست به آيا... هو انهن سان گڏجي وسندي مينهن ۾ گوڏي جيتري پاڻيءَ ۾ ننڊاکي ۽ ٿڪل وجود سان ڇڙاٻ ڇڙاٻ ڪندو دڪان تي ويو.. ڪفن جو ٿورو ڪپڙو ۽ برسات کان بچڻ لاءِ ٻه وال اڇي پلاسٽڪ جا ورتائين ۽ زال وٽ موٽي آيو... ” ڊاڪٽرياڻي جي فيس جا پيسا ڏيو“ ڪم واري ماسي زالهنس جي مٿان بيٺي هئي. ” فيس ڪجهه گهٽ وٺو. ٻار بچو به ڪو نه“ سندس سس ماسِيءَ کي چيو پئي. ماسي موٽي وئي ته هو ڊاڪٽرياڻي ڏي ويو. ماسي کيس فيس ۾ رعايت لاءِ چئي چڪي هئي.
    ”اسان وٽ پيسا ٿورا آهن.. ڪجهه رعايت ڪيو“ هن ڳيت ڏئي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ان مهل ڊاڪٽرياڻي شينڪ تي صابڻ سان هٿ پئي ڌوتا.
    هن جا لفظ پاڻي جي آواز ۾ لڙهي ويا.
    ”نه رعايت جي گنجائش نه آهي. فيس پوري ڏيڻي پوندي“
    پاڻي جو آواز وڌندو ويو. کنوڻ ۽ گوڙ... زوردار مينهن.. روڊ رستا پاڻيءَ ۾ گم... هو هلندو رهيو... ڪنهن جي هٿن ۾ ٻار جو لاش ... ڪنهن جي هٿن ۾ ڪوڏر ۽ بيلچو.. پاڻي جي ڇڙاٻ ڇڙاٻ. مٿان مينهن ... ان ڏينهن مينهن به بند ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتو. مينهن نه هو ڄڻ مصيبت هئي. هنن وسندي مينهن ۾ قبرستان جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ ننڍڙي قبر کوٽي. الاءِ ڇو ڪُنڊ سان سدائين سندس تعلق قائم رهيو. روئڻ لاءِ گهرجي ڪنڊ. ننڍڙي قبر لاءِ قبرستان جي ڪنڊ. ننڍڙا ٻار ڪٿي به گهڻي جاءِ نه ولاريندا آهن. پوءِ اهو گهر هجي يا ٻاهر. کٽ هجي يا قبر.
    اهي هر هنڌ بنهه ٿورڙي جاءِ والاريندا آهن.
    ٻار کي قبر ۾ دفنايو ويو.
    پريان ڪنڊيءَ جي وڻ وٽ بيٺل ڪتو قبر ڏي ڏسندو رهيو. هن ڪتي جي وات ۽ زبان مان تازو رت ڳڙندي ڏٺو.
    قبر ۾ اهو ٻار دفنايو ويو جنهن جو اڃان ڪو به نالو نه رکيو ويو هو.قبر جي مٿان بيهي دعا لاءِ هٿ کنيا ويا. مينهن وسندو رهيو. هن جو دعا لاءِ جهليل ٻڪ برسات جي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڀرجي ويو. هو قبرستان مان ٻاهر نڪري آيا.. ساڳيو رستو.. ساڳيا وڻ.. ساڳي موسم ... برسات اڳ کان به تيز.... اسپتال جي اڳيان ساڳيو ڪتو. مينهن ۾ آلو، وارن ۾ رت.... زبان رت ۾ ڳاڙهي... پير رتو رت.. مينهن جو پاڻي رت جهڙو ڳاڙهو.. هو ڏڪي ويو ۽ اوچتو روئڻ لڳو.
    ”اهو منهنجو رت آهي. منهنجو رت آهي“ هو رڙيون ڪرڻ لڳو.
    ”ننڍڙي قبر منهنجي آهي. مان ۽ منهنجي زال ننڍڙي قبر جا جاڙا وارث آهيون. ننڍڙي قبر ۾ منهنجو ۽ منهنجي زال جو رت آهي. گوشت آهي. نڪ وات آهي. دل آهي.. منهنجون اکيون آهن..“ اکيون جيڪي ڪجهه لمحا اڳ ئي قبر ۾ دفن ٿي چڪيون هيون. ٻه صاف شفاف ننڍڙيون اکيون.. سهي سلامت نيڻ... جن جي نه کاٻي اک ۾ ڪو خواب هو نه ساڄي اک ۾ ڪو سپنو هو. اهي اکيون خوابن ۽ سپنن جي اذيت کان آجيون هيون.. هو ڪنهن مهل روئڻ ڪنهن مهل کلڻ ٿي لڳو. زالهنس پنهنجي تڪليف وساري ويٺي. کيس ٻانهن مان ڇڪي پنهنجي ڀر ۾ ويهاري سندس هٿ پنهنجي چپن تي رکي جهيڻي پر مظبوط آواز ۾ چيو هئائين... راڻا.. پريشان نه ٿي ... روءُ نه...چپ ڪر.. پاڻ کي سنڀال ... منهنجي ڀرسان ليٽي پئه.. ڳالهاءِ نه.. پاڻ کي الله ٻيو ٻار ڏيندو تون ڳڻتي نه ڪر. صفا پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو اٿئي چريا ماڻهو... مون کي ٻارن کان وڌيڪ تون مٺو آهين.. ٻار ٻيا به ٿي پوندا... پر توکي ڪجهه ٿي پيو ته منهنجو ڪهڙو حال ٿيندو.. هان...“ ۽ هو ٻارن وانگر سڏڪڻ لڳو هو.
    ساڳيو رستو...
    ساڳي موسم...
    ساڳيو ڪڪرن سان ڀريل آسمان. ساڳي برسات مينهن ۾ ڪپڙا آلا... وارن ۽ منهن مان وهندڙ پاڻي.
    هن جي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا..
    ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ڪنهن موسم ۾ ڪُجهه ڏک پاڻ ۾ ڪيئن نه گڏجي پوندا آهن. شايد مينهن جو موت، محبت ۽ وڇوڙي سان ڏاڍو گهرو تعلق آهي. کيس اهو سڀ ڪجهه به ياد اچڻ لڳو جيڪو ڪجهه هو وساري چُڪو هو.
    ٻاروتڻ.
    چيلاٽي جو ڏنگ.
    ماءُ جون اکيون
    سڙيل منهن وارو ماڻهو. سمورا مري ويل دوست زاهد، گُل حسن، مشتاق، محمد بخش، ثناءُ الله، حسن، طارق... انهن جي موت کان پوءِ هو هڪ زخمي ماڻهوءَ جي طور تي زندهه رهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ ها سچي سندس مئل ٻار. پن- ڇڻ وارو رستو کٽو ئي نه پئي.. رستو ويو پئي اينگهندو...
    ”مان ۽ منهنجي زال هڪ کان وڌيڪ ننڍڙين قبرن جا وارث آهيون“
    هن هڪ دفعو وري ساڳي پُراڻي ڏک کي پنهنجي سيني ۾ سڏيو. شايد ڏک مرندو ناهي. رڳو ڪجهه وقت لاءِ وقت جي ڌنڌ ۾ ڍڪجي فريز ٿي ويندو آهي. ۽ وري وقت جي ڪوساڻ ۾ ڪنهن نئين ڏک جي ڇهاءَ سان ڪَر موڙي جاڳي پوندو آهي. هڪڙو ڏک ٻئي ڏک ۾ تحليل ٿيندو آهي. شڪل بدلائيندو آهي. هڪ شڪل ٻيءَ شڪل کي جاڳائيندي آهي. هڪڙو ڏک ٻئي ڏک کي جاڳائيندو آهي ۽ ڏک ٻيڻون ٿي ويندو آهي.
    هن هميشه وانگر ان پل به پن ڇڻ جي موسم ۾ پاڻ کي طويل اونداهين سرنگهه ۾ ڦاٿل ڏٺو. هن سُرنگهه مان نڪرڻ چاهيو. سندس ساه منجهڻ لڳو. هن ڊوڙڻ چاهيو پر ڊوڙي نه سگهيو. هو سرنگهه ۾ سالن کان اڪيلو پئي هليو. سرنگ جو ٻيو ڇيڙو نه هو. مان ڀٽڪي رهيو آهيان . گهڻا سال ٿيا جو ”هو“ مري ويو ان کان پوءِ “راڻو“ مري ويو. راڻي کان پوءِ ”اسين “ وڃي بچيو. پر ان جي ڪائي اهميت نه هئي.. هو ۽ راڻو ڏاڍا اهم هئا. انهن وٽ خواب هئا. جهڙي تهڙي زندگي هئي. نا اميدي ۽ اميد هئي. پر انهن کي سندن خوابن، زندگيءَ ، اميد ۽ ماڻهن ماري ڇڏيو. ٻه خواب مري ويا. باقي مان وڃي بچيو آهيان. ٻن خوابن جو سوڳوار. مون سان ڪوبه تعزيت ڪرڻ وارو ڪونهي. مان پنهنجي پاڻ کان محروم ٿيندو پيو وڃان پر مان مرڻ کان اڳ رستو ڳولڻ چاهيان ٿو. ماڻهوءَ لاءِ جڏهن پهريون ۽ ٻيو رستو بي معنيٰ ٿي پوي ته کيس ٽيون رستو ڳولڻ گهرجي. سرنگ جي اونداهي وڌيڪ ڪاري ٿيندي پئي وڃي . سج ڪاري رک ۾ ڍڪجي رهيو آهي. ٿڌ جو پد وڌندو ٿو وڃي. مان ٿڌو ٿيندو پيو وڃان منهنجون آڱريون پٿر ٿي رهيون آهن. منهنجو رت ڄمي رهيو آهي. مان پنهنجي اندر ۾ ٽٽي رهيو آهيان. جڙي رهيو آهيان . وکري رهيو آهيان. مان ننڍڙي نقطي ۾ تبديل ٿي رهيو آهيان .
    سڙيل منهن وارو ماڻهو آس پاس موجود آهي. ۽ اونداهيءَ ۾ به کيس چٽيءَ طرح ڏسي ٿو سگهان... ۽ چيلاٽي جا کهرا چنبا ڪنڌ ۾ کتل آهن... چمڙن جي پرن جي ڦر ڦر جو آواز وڌندو ٿو وڃي...۽ چمڙن جي ڌپ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿيندو هر احساس کي پنهنجي گرفت ۾ وٺندو ٿو وڃي. سرنگهه جي آخري ڇيڙي وٽ پهچي سندس ڊپ انتها کي پهچي چڪو هو.. هن هڪ دفعو وري ڊوڙي ٻاهر نڪرڻ چاهيو. کيس محسوس ٿيو ته جيڪڏهن ڊوڙي ٻاهر نه نڪتس ته اونداهيءَ ۾ لڪل سڙيل منهن وارو ماڻهو مون کي چٻاڙي ڇڏيندو. هو زور سان ڊوڙيو ۽ هن دفعي پنهنجي ڪوشش ۾ ڪامياب ٿي ويو. ۽ اونداهين سرنگهه مان ٻاهر نڪري آيو. ۽ سرنگهه مان ٻاهر نڪرندي ئي هن پاڻ کي رات جي ڀاڪر ۾ ڏٺو. ۽ هڪ اونداهيءَ مان نڪري ٻئي اونداهيءَ ۾ داخل ٿيل اهو شخص ”ٻيو شخص“ هو. لڳو ته کيس ان رات جي ڀاڪر ۾ ايندي ايندي ڪئي ورهيه گذري ويا آهن. ڪئي موسمون آيون ۽ گذري ويون آهن.. ڪئي سج اڀريا ۽ اڀري لهي ويا آهن. ۽ سڀئي سورج پنهنجا ڪئي نشان ڇڏي ويا آهن.
    اها چانڊوڪي رات هئي. هو آرام ڪرسيءَ تي آهلجي گهڻي دير کان خاموشيءَ سان آڪاس ۾ جرڪندڙ نومبر جي ٿڌي چنڊ ڏي ڏسي رهيو هو. کيس چنڊ ايئن پئي لڳو جهڙو رات جي سانوري چيچ ۾ پاتل پکراج جو ٻڙو. اُن رات چنڊ ايترو مدمست ۽ جوان هو جو هن محسوس ڪيو ته جي اڄ هي چنڊ پنهنجا چپ رات جي چپن تي رکندو ته رات پيٽ سان ٿي ويندي ۽ پرهه ڦٽيءَ کان پوءِ هڪ نئين سج کي جنم ڏيندي. آڳنڌ جي چوديواريءَ کان ٻاهر رات واري چوڪيدار جون سيٽيون کيس پنهنجي ۽ چنڊ جي وچ ۾ غير ضروري ۽ خراب قسم جي دخل اندازي پئي محسوس ٿيون. زالهنس پاڻي پيئڻ لاءِ اٿي ورانڊي ۾ آئي ته کيس اڪيلو پڌر ۾ ڪرسيءَ تي ڪنبل ۾ ويڙهيل سيڙهيل ڏسي ننڊ ۾ ٽمٽار حيران اکين سان اچي سندس ڀر ۾ بيٺي. سندس سينڌ ۾ چمڪندڙ ڪجهه سونهري وار چانڊوڪيءَ ۾ جرڪيا پئي. کيس زالهنس جي پيشانيءَ تي گهڻو پيار آيو. کيس شدت سان محسوس ٿيو ته هر مرد جي اندر ۾ هڪڙو دوزخ ٻرندو رهندو آهي، جنهن کي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪانه ڪا عورت اچي وسائيندي آهي نه ته هوند اهو دوزخ مرد کي ساڙي رک ڪري ڇڏي.
    هن پنهنجي ڀر ۾ زال کي بيٺل ڏسي اٿڻ چاهيو ته هن پنهنجا ٻئي هٿ جيڪي چانڊوڪيءَ وانگر شفاف هئا، سندس ڪلهن تي رکي کيس ٿورو زور ڏئي اٿڻ کان روڪيو ۽ ڪرسيءَ جي ٻانهن تي ويهندي چيو....
    ” ويهه ويهه راڻا.. اُٿ نه“
    ۽ هيٺ جهڪي پنهنجو کاٻو ڳل سندس ساڄي ڳل تي رکي ڇڏيو. اهو زندگيءَ جي خواهش سان ڀريل گرم ڳل هو. هِن جا وڏا لسا ريشمي وار سندس ڳچيءَ کي ڇهڻ ۽ کيس هڪ وڻندڙ احساس ۾ مبتلا ڪرڻ لڳا.
    ”ذري گهٽ اچي پرهه ڦٽي آهي راڻا. تون اڃان هتي ويٺو آهين.
    پڌر جو بلب به نه ٻاريو اٿئي“
    زالهنس اهڙي ننڊاکي لهجي ۾ چيو جنهن ۾ هزار راتين جو اوجاڳو انتظار ۽ ڏک شامل هو.
    ”چانڊوڪي رات آهي ڏس آسمان ڪيڏو روشن آهي“ هن پنهنجو هٿ سندس وارن ۾ لڪائيندي چيو. سندس اندر گهڻو گهرائيءَ ۾ ڪٿي درد جي ڏُکاري وشال ڍنڍ ۾ هڪ هڪ ٿي سوين هزارين ڪنول ٽڙي رهيا هئا...!! ۽ هن محسوس ڪيو ته هي لمحو زندگيءَ جو سڀ کان وڌيڪ شاندار لمحو آهي. ۽ هي لمحو ئي زندگيءَ جو لمحو آهي.
    ”ڪافي ٺاهيان...؟“
    ”ڪافي...؟“
    ”ها، ڪافي...“
    ”ها ڀلي“
    هوءَ جلديءَ ۾ سندس سيني تان پنهنجا سڀ وار کڻي اٿي بيٺي ۽ ڪنهن الهڙ محبوبا وانگر وڏا وڏا قدم ڀريندي رڌڻي ڏي هلي وئي ۽ آڳنڌ ۾ پنهنجي جسم جي اُها خوشبو ڇڏي وئي جيڪا ننڊ مان اُٿيل عورتن جي جسم ۾ قدرتي طور هوندي آهي. هڪ عجيب، وڻندڙ، مدهوش ڪندڙ عورتاڻي خوشبو....
    هو ننڊ ۾ ڳهريل اکين سان چنڊ ڏي ڏسندي، ڪرسيءَ تي ٽيڪ ڏئي کاٻي اک جي خواب سميت رات، چانڊوڪي، خاموشي ۽ خوشبوءَ ۾ تحليل ٿي ويو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566053
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215609
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ