ڪتاب جو نالو: تعليمُ الاسلام
مصنف: مفتي محمد ڪفايت الله دهلوي / عبدالسلام سومرو
ڇپائيندڙ: حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2015
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 06 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 947 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 347 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”تعليمُ الاسلام“ تاسلام جي بنيادي ڄاڻ بابت ڪتاب ”تعليم الاسلام“ حضرت مولانا مفتي محمد ڪفايت الله صاحب دهلوي جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار عبدالسلام سومرو صاحب آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  ترتيب

  • تعليمُ الاسلام
  •   -
  • حصو پهريون: بنيادي ڳالهيون

  • اسلام ڇا سيکاري ٿو؟
  • ڪلمه توحيد، ڪلمه شهادت
  • ايمان مُجمّل، ايمان مُفصّل
  • توهان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
  • ڪافر ۽ مُشرڪ ڪنهن کي چوندا آهن؟
  • حُضور اڪرم ﷺ جن جو بيان
  • قرآن جو بيان
  • نماز جو بيان
  • قبلو ڇاکي چوندا آهن
  • ڪيتريون نمازون فرض آهن؟
  • اذان (بانگ)
  • اذان (بانگ)
  • تڪبير (اقامت)
  • ثنا- تعوذ- تسميه-
  • سُورة فاتحه يا الحمد شريف
  • رُڪوع جي تسبيح
  • قومه جي تسبيح
  • سجده جي تسبيح
  • تشهد يا التحيات
  • درُود شريف
  • درود شريف کان پوءِ جي دُعا
  • نماز کانپوءِ جي دُعا
  • دُعاءِ قنوت
  • وضو ڪرڻ جو طريقو
  • نماز پڙهڻ جو طريقو
  • امام- مُنفرد ۽ مُقتديءَ جي نماز ۾ فرق
  • رُڪوع ڪرڻ جو صحيح طريقو
  • سجدي ڪرڻ جو صحيح طريقو
  • نماز کان پوءِ جو وظيفو
  • حصو ٻيو: تعليم الايمان يا اسلامي عقيدا

  • اسلام جو بنياد ڪيترين شين تي آهي؟
  • خدا تعاليٰ سان مُسلمانن جا عقيدا
  • ملائڪ
  • الله تعاليٰ جا ڪتاب
  • الله جا رسول (پيغمبر عليهم السلام)
  • قيامت جو بيان
  • تقدير جو بيان
  • مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ
  • اسلامي اعمال
  • نماز
  • نماز جي پهرئين شرط جو بيان
  • وَضوءَ جو بيان
  • غُسل جو بيان
  • موزن تي مَسح (مَک) ڪرڻ
  • جبيره تي مسح (مَک) ڪرڻ جو بيان
  • نجاستِ حقيقي جو بيان
  • استنجاء (طهارت) جو بيان
  • پاڻيءَ جو بيان
  • کوهه جو بيان
  • حصو ٽيون: تعليم الايمان اسلامي عقيدا

  • توحيد
  • ملائڪ (فرشتا)
  • الله تعاليٰ جا ڪِتاب
  • رسالت
  • اصحابن رضه سڳورن جو بيان
  • سوال: خليفو هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟
  • معجزه ۽ ڪرامت جو بيان
  • وضو جا باقي مسئلا
  • فرائضِ وضو جا باقي مسئلا
  • وضوءَ جي سُنتن جا باقي مسئلا
  • وضوءَ جي مُستحبن جا باقي مسئلا
  • نواقض وضو (وضو ڀڃندڙ) جا باقي مسئلا
  • غُسل جا باقي مسئلا
  • موزن تي مَسح ڪرڻ جا باقي مسئلا
  • نجاست (پليدي) حقيقي ۽ انهيءَ جي پاڪائي جا باقي مسئلا
  • استنجي جا باقي مسئلا
  • پاڻيءَ جا باقي مسئلا
  • کوهه جا باقي مسئلا
  • تيمّم جو بيان
  • نماز جي ٻئي شرط (ڪپڙا پاڪ ٿيڻ) جو بيان
  • نماز جو ٽيون شرط (جاءِ پاڪ هجڻ) جو بيان
  • نماز جو چوٿون شرط (اوگهڙ ڍڪڻ) جو بيان
  • نماز جو پنجون شرط (وقت) جو بيان
  • نماز جو ڇهون شرط (استقبالِ قبله) جو بيان
  • اذان (بانگ) جو بيان
  • نماز جي ارڪان جو بيان
  • تڪبير تحريمه جو بيان
  • نماز جي پهرئين رُڪن يعني قيام جو بيان
  • نماز جي ٻئي رُڪن قرأت جو بيان
  • نماز جي ٽئين رُڪن (رُڪوع) ۽ چوٿين رُڪن (سجدي) جو بيان
  • نماز جو پنجون رڪن (قعده اخيره) جو بيان
  • نماز جي واجبن جو بيان
  • نماز جي سُنتن جو بيان
  • نماز جي مُستحبن جو بيان
  • نماز پڙهڻ جو طريقو
  • حصو چوٿون: تعليم الارڪان يا اسلامي اعمال

  • توحيد
  • الله تعاليٰ جا ڪتاب
  • رسالت
  • ايمان ۽ اعمالِ صالحه (چڱن ڪمن) جو بيان
  • معصيت ۽ گناهه جو بيان
  • ڪُفر ۽ شرڪ جو بيان
  • بدعت جو بيان
  • باقي گناهن جو بيان
  • قرأت جي ڪن احڪامن جو بيان
  • جماعت ۽ امامت جو بيان
  • مُفسدات نماز (نماز کي ڀڃيندڙن) جو بيان
  • نماز جي مَڪروهن جو بيان
  • وِتر جي نماز جو بيان
  • سُنت ۽ نفل نمازن جو بيان
  • نمازِ تراويح جو بيان
  • قضا نمازون پڙهڻ جو بيان
  • مُدرڪ، مَسبوق ۽ لاحق جو بيان
  • سَجده سَهو جو بيان
  • سجده تلاوت جو بيان
  • بيمار جي نماز جو بيان
  • مسافر جي نماز جو بيان
  • جُمعي نماز جو بيان
  • عيدن جي نمازن جو بيان
  • نماز جنازه جو بيان
  • اسلامي فرضن مان روزي جو بيان
  • رمضان شريف جي روزن جو بيان
  • چنڊ ڏسڻ ۽ شاهدي ڏيڻ جو بيان
  • نيت جو بيان
  • روزي جي مستحبن جو بيان
  • روزي جي مڪروهن جو بيان
  • روزي جي مفسدات جو بيان
  • روزي جي قضا جو بيان
  • ڪفاري جو بيان
  • اعتڪاف جو بيان
  • اعتڪاف جي مستحبن جو بيان
  • اعتڪاف جي وقتن جو بيان
  • اعتڪاف ۾ (جيڪي ڳالهيون جائز آهن) انهن جو بيان
  • اعتڪاف جي مفسدن ۽ مڪروهن جو بيان
  • نذر يعني باس باسڻ جو بيان
  • اسلامي فرضن مان زڪوات جو بيان
  • زڪوات جي مال ۽ نصاب جو بيان
  • زڪوات ادا ڪرڻ جو بيان
  • زڪوات جي مصارف جو بيان
  • صدقئه فطر جو بيان
  • ضميمو

  • شرڪ
  • نماز
  • روزا
  • اتفاق في سبيل الله
  • گلا غيبت
  • اخلاقيات
  • عادات نبوي

  •   ترتيب

    تعليمُ الاسلام

    حضرت مولانا مفتي محمد ڪفايت الله صاحب دهلوي
    سنڌيڪار: عبدالسلام سومرو
    پهريون ڇاپو: 2015ع
    ڇپيندڙ: القادر پريس، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : حڪمت قرآن انسٽيٽيوٽ، ڪراچي

    مُلهه: 150/= رپيا

    ملڻ جا هنڌ
    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ: شاپ نمبر5، ميزنائين فلور، حيدرآباد ٽريڊ سينٽر، حيدر چوڪ ، -03133692150
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- ڀٽائي بوڪ هائوس حيدرآباد03223011560 - سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، وسيم ڪتاب گهر لکي در. سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور. سومرا بوڪ اسٽور ميهڙ، ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037

    خط و ڪتابت لاءِ
    حڪمتِ قرآن انسٽيٽيوٽ
    حاجي الله بخش وليج (جامعته الرشيد روڊ)، احسن آباد اسڪيم 33 ڪراچي 75340
    فون: 03002707097 ، ويب سائيٽ: www.hikmatequran.org
    اي ميل:hikmatequran@gmail.com


      -

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (262) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. اسلام جي بنيادي ڄاڻ بابت ڪتاب ”تعليم الاسلام“ حضرت مولانا مفتي محمد ڪفايت الله صاحب دهلوي جو لکيل آهي جنهن جو سنڌيڪار عبدالسلام سومرو صاحب آهي.
    هي ڪتاب حڪمتِ قرآن انسٽيٽيوٽ ڪراچي پاران 2015ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سنڌيڪا اڪيڊمي جي سرواڻ نور احمد ميمڻ ۽ فضل الرحمان ميمڻ جا جن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي. ٿورا سائين عبد الحئي پليجي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    حصو پهريون: بنيادي ڳالهيون

    اسلام ڇا سيکاري ٿو؟

    بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ

    سوال: توهان ڪير آهيو؟ يعني مذهب جي لحاظ سان توهان جو نالو ڇا آهي.
    جواب: مسلمان.
    سوال: مسلمانن جي مذهب جو نالو ڇا آهي؟
    جواب: اسلام.
    سوال: اسلام ڇا سيکاري ٿو؟
    جواب: اسلام هي سيکاري ٿو ته ”الله هڪ آهي“ عبادت جي لائق اهوئي آهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن خدا تعاليٰ جا ٻانها ۽ رسول آهن ۽ قرآن پاڪ الله تعاليٰ جو ڪتاب آهي، اسلام سچو مذهب آهي، دين ۽ دُنيا جون سڀ ڀلايون ۽ چڱيون ڳالهيون اسلام سيکاري ٿو.


    ڪلمه توحيد، ڪلمه شهادت

    ڪلمه توحيد، ڪلمه شهادت
    سوال: اسلام جو ڪلمو ڇا آهي؟
    جواب: اسلام جو ڪلمو هي آهي:
    لَاالِٰہَ الَّا اللہُ مُحْمَّدُرَّسُوْلُ اللہِ
    ترجمو: الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن الله جا رسول آهن.
    هن ڪلمي کي ڪلمه طيب ۽ ڪلمه توحيد چوندا آهن.
    سوال: ڪلمه شهادت ڇا آهي؟
    جواب: ڪلمه شهادت هي آهي:
    اَشھَدُ اَن لَاالِٰہَ اِلَّا اللہُ وَ اَشْھَدُ اَنّ مُحْمَّدًا عَبدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ۔
    ترجمو: آئون شاهدي ڏيان ٿو ته الله تعاليٰ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ناهي ۽ شاهدي ڏيان ٿو ته محمد الله جو ٻانهو ۽ رسول آهي.


    ايمان مُجمّل، ايمان مُفصّل

    ايمان مُجمّل، ايمان مُفصّل
    سوال: ايمان مُجمّل ڇا آهي؟
    جواب: ايمانِ مُجمّل هي آهي:
    اٰمَنْتُ باللہِ کَمَا ھُوَ بِاَسمَآئہٖ وَ صِفاتہٖ وَ قَبِلْتُ جَمیعَ اَحکامِہ۔
    ترجمو: مون ايمان آندو الله تي جيئن هو پنهنجن نالن ۽ صفتن سان آهي ۽ مون ان جا سڀ حُڪم قبول ڪيا.
    سوال: ايمان مُفصّل ڇا آهي؟
    جواب: ايمان مُفصّل هي آهي:
    اٰمَنْتُ باللہِ وَ مَلٰئکَتِہٖ وَ کُتُبہٖ وَ رُسُلہٖ والیومِ الٰاخِرِ وَالقَدرِ خَیرِہ ٖوَ شَرِّہٖ مِنَ اللہَ تعالیٰ وَالبَعثِ بَعدَالمَوتِ۔
    ترجمو: مون ايمان آندو الله تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن تي ان جي رسُولن تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ان ڳالهه تي ته سٺي ۽ خراب تقدير خدا جي طرف کان ٿئي ٿي ۽ موت کان پوءِ اُٿاريو وڃڻ تي.


    توهان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟

    توهان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
    سوال: توهان کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
    جواب: اسان کي ۽ اسان جي ماءُ، پيءُ کي ۽ آسمانن ۽ زمينن ۽ سڄي مخلوق کي الله تعاليٰ پيدا ڪيو آهي.
    سوال: الله تعاليٰ دنيا کي ڪهڙي شئي سان پيدا ڪيو؟
    جواب: پنهنجي قدرت ۽ حُڪم سان پيدا ڪيو آهي.


    ڪافر ۽ مُشرڪ ڪنهن کي چوندا آهن؟

    ڪافر ۽ مُشرڪ ڪنهن کي چوندا آهن؟
    سوال: جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ کي نٿا مڃين تن کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: انهن کي ڪافر چئبوآهي.
    سوال: جيڪي ماڻهو الله تعاليٰ کانسواءِ ٻين شين جي پوڄا ڪن ٿا جيئن هندو جيڪي بُتن جي پوڄا ڪندا آهن تن کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: انهن کي ڪافر ۽ مُشرڪ چئبو آهي.
    سوال: مُشرڪ بخشيا ويندا يا نه؟
    جواب: مُشرڪن جي بخشش نه ٿيندي، اهي سدائين تڪليف ۽ عذاب ۾ رهندا.


    حُضور اڪرم ﷺ جن جو بيان

    حُضور اڪرم ﷺ جن جو بيان
    سوال: حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن ڪير هُئا؟
    جواب: حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن الله تعاليٰ جا ٻانها ۽ ان جا رسول ۽ پيغمبر هئا. اسين سندن اُمت آهيون.
    سوال: اسان جا پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن ڪٿي پيدا ٿيا هئا؟
    جواب: عرب جي ملڪ ۾ مڪه معظمه هڪ شهر آهي، اتي پيدا ٿيا هئا.
    سوال: سندن والد صاحب ۽ ڏاڏي جو نالو ڇا هو؟
    جواب: سندس والد جو نالو حضرت عبدالله ۽ ڏاڏي جو نالو عبدالمطلب هو.
    سوال: اسان جا پيغمبرﷺ جن ٻين پيغمبرن کان مرتبي ۾ وڏا آهن يا ننڍا؟
    جواب: اسان جا پيغمبرﷺ مرتبي ۾ سڀني پيغمبرن کان وڏا ۽ الله تعاليٰ جي سموري مخلوق کان وڌيڪ بُزرگ آهن.
    سوال: حضرت محمدﷺ جن سڄي عمر ڪٿي رهيا؟
    جواب: ٽيونجاهه سالن جي عمر تائين پاڻ سڳورا مڪي معظم شهر ۾ رهيا. ان کانپوءِ الله تعاليٰ جي حُڪم سان مدينه منوره ڏانهن هجرت ڪري هليا ويا ۽ ڏهه سال اُتي رهيا، آخر 63 ٽيهٺ سالن جي عُمر ۾ وفات ڪيائون.
    سوال: جيڪو ماڻهو حضرت محمدﷺ جن کي رسول نه مڃي ان کي ڇا چئبو؟
    جواب: جيڪو شخص حضرت محمدﷺ کي الله تعاليٰ جو رسول نه مڃي اهو به ڪافر آهي.
    سوال: حضرت محمدﷺ جن کي مڃڻ جو ڇا مطلب آهي؟
    جواب: حضور ﷺ جن کي مڃڻ جو هي مطلب آهي ته کين الله تعاليٰ جو موڪليل پغيمبرﷺ يقين ڪري ۽ الله تعاليٰ کانپوءِ کين سڄي مخلوق کان افضل سمجهي ۽ حضورﷺ جن سان محبت رکي ۽ سندن حُڪمن جي تابعداري ڪري.
    سوال: هي ڪيئن معلوم ٿيو ته حضرت محمدﷺ جن الله تعاليٰ جا پيغمبرﷺ آهن؟
    جواب: انهن اهڙا چڱا ڪم ڪيا ۽ اهڙيون اهڙيون سُٺيون ڳالهيون ٻُڌايون جو پيغمبر کانسواءِ ٻيو ڪو به شخص نه ڏيکاري سگهي ٿو ۽ نه ٻُڌائي سگهي ٿو.


    قرآن جو بيان

    قرآن جو بيان
    سوال: هي ڪيئن معلوم ٿيو ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪتاب آهي؟
    جواب: حضرت محمدﷺ جن فرمايو ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪتاب آهي، اهو الله تعاليٰ مون تي نازل (لاٿو) ڪيو آهي.
    سوال: قرآن شريف حضورﷺ جن تي سڄو هڪ ڀيري لٿو يا ٿورو ٿورو؟
    جواب: ٿورو ٿورو ٿي نازل ٿيو. ڪڏهن هڪ آيت ڪڏهن ٻه چار آيتون ڪڏهن هڪ سورة، جيئن ضرورت پوندي وئي تيئن لهندو ويو.
    سوال: ڪيترن ڏينهن ۾ پورو قرآن شريف نازل ٿيو؟
    جواب: ٽيوهن سالن ۾.
    سوال: قرآن شريف ڪهڙي طرح نازل ٿيو؟
    جواب: حضرت جبرائيل عليه اسلام اچي حضورﷺ جن کي آيت يا سورت ٻڌائيندا هئا. پاڻ اها ٻڌي ياد ڪندا هئا ۽ ڪنهن لکڻ واري کي سڏي لکائي ڇڏيندا هئا.
    سوال: حضورﷺ جن پاڻ ڇو نه لکندا هئا؟
    جواب: هن ڪري جو پاڻ اُمّي هئا.
    سوال: اُمّي ڪنهن کي چوندا آهن؟
    جواب: جنهن ڪنهن کان به لکڻ پڙهڻ نه سکيو هجي، ان کي اُمّي چوندا آهن، جيتوڻيڪ حضورﷺ جن دنيا ۾ ڪنهن کان علم نه سکيو هو پر الله تعاليٰ کين سُموري مخلوق کان وڌيڪ علم ڏنو هو.
    سوال: حضرت جبرائيل عليه السلام ڪير آهي؟
    جواب: ملائڪ آهي، هو الله تعاليٰ جا حُڪم پيغمبرن وٽ آڻيندو رهندو هو.


    نماز جو بيان

    نماز جو بيان
    سوال: مُسلمان الله تعاليٰ جي عبادت ڪهڙي طرح ڪندا آهن؟
    جواب: نماز پڙهندا آهن، روزا رکندا آهن، مال دولت جي زڪوات ڏيندا آهن ۽ حج ڪندا آهن.
    سوال: نماز ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: نماز الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ جو هڪ خاص طريقو آهي جو الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ ۽ حضور اڪرمﷺ جن حڊيثن ۾ مسلمانن کي سيکاريو آهي.
    سوال: عبادت جو اهو طريقو جنهن کي نماز چئبو آهي ڇا آهي؟
    جواب: گهر ۾ يا مسجد ۾ الله تعاليٰ جي اڳيان هٿ ٻڌي بيهندا آهن ۽ قرآن شريف پڙهندا آهن، الله تعاليٰ جي تعريف بيان ڪندا آهن، ان جي بزرگي ۽ تعظيم ڪندا آهن ان جي آڏو جُهڪي ويهندا آهن ۽ زمين تي مَٿو رکي الله جي وڏائي ۽ پنهنجي عاجزي ۽ ذلت ظاهر ڪندا آهن.
    سوال: مسجد ۾ نماز پڙهڻ سان ماڻهو الله تعاليٰ جي سامهون ٿئي ٿو يا گهر ۾؟
    جواب: الله تعاليٰ هر هنڌ سامهون ٿئي ٿو، چاهي مسجد ۾ نماز پڙهو يا گهر ۾، پر مسجد ۾ نماز پڙهڻ جو ثواب وڌيڪ ملي ٿو.
    سوال: نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ هٿ، منهن ۽ پير ڌوئندا آهن ان کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: ان کي وضو چئبوآهي، وضوءَ کانسواءِ نماز نٿي ٿئي.


    قبلو ڇاکي چوندا آهن

    قبلو ڇاکي چوندا آهن
    سوال: نماز ۾ ڪهڙي پاسي منهن ڪري بيهڻ گهُرجي؟
    جواب: اُلهندي پاسي (جنهن پاسي شام جو سج لهندو آهي.)
    سوال: اُلهندي پاسي منهن ڪرڻ جو حُڪم ڇو ڏنو ويو آهي؟
    جواب: مڪي شريف ۾ الله تعاليٰ جو هڪ گهر آهي، جنهن کي ڪعبو چئبو آهي، ان ڏانهن نماز ۾ منهن ڪرڻ ضروري آهي ۽ اهو اسان جي شهرن جي اُلهندي طرف آهي ان ڪري اُلهندي پاسي مُنهن ڪري نماز پڙهون ٿا.
    سوال: جنهن طرف منهن ڪري نماز پڙهون ٿا، ان کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: ان کي قبلو چئبو آهي؟


    ڪيتريون نمازون فرض آهن؟

    ڪيتريون نمازون فرض آهن؟
    سوال: ڏينهن رات ۾ نماز گهڻا ڀيرا پڙهي وڃي ٿي؟
    جواب: رات ڏينهن ۾ پنج نمازون فرض آهن.
    سوال: انهن پنجن نمازن جا نالا ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) نمازِ فجر: جيڪا صبح جي وقت سج اُڀرڻ کان اڳ پڙهي وڃي ٿي. (2) نمازِ ظهر: يعني اڳين نماز جيڪا ٻن پهرن کانپوءِ سج لڙهڻ بعد پڙهي وڃي ٿي. (3) نمازِ عصر: يعني وچين نماز جيڪا سج لهڻ کان ڏيڍ ٻه ڪلاڪ اڳ ۾ پڙهي وڃي ٿي. (4) نمازِ مغرب: يعني سانجهي نماز جيڪا شام جو سج لهڻ کانپوءِ پڙهي وڃي ٿي. (5) نمازِ عشاء: يعني سومهڻي نماز جيڪا ڏيڍ ٻه ڪلاڪ رات اچڻ کانپوءِ پڙهي وڃي ٿي.


    اذان (بانگ)

    اذان (بانگ)
    سوال: بانگ ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: جڏهن نماز جو وقت ٿئي ٿو تڏهن نماز کان ڪجهه وقت اڳ ۾ هڪ شخص بيهي وڏي وڏي آواز سان هي لفظ چوي ٿو.


    اذان (بانگ)

    اذان (بانگ)
    اَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ
    الله سڀ کان وڏو آهي. الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي، الله سڀ کان وڏو آهي.
    اَشْھَدُ اَنْ لّااِلٰہَ اِلَّا اللہُ
    مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪو به معبود ناهي.
    اَشْھَدُ اَنْ لّااِلٰہَ اِلَّا اللہُ
    مان شاهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪو به معبود ناهي.
    اَشْھَدُ اَنْ مُحَمَّدًا رَّسُوْلُ اللہِ، اَشْھَدُ اَنْ مُحَمَّدًا
    مان شاهدي ڏيان ٿو ته محمد الله جو رسول آهي، مان شاهدي ڏيان ٿو ته محمد الله جو رسول آهي.
    حَیَّ عَلیَ الصَّلٰوۃِ حَیَّ عَلیَ الصَّلٰوۃِ
    اچو نماز جي لاءِ. اچو نماز جي لاءِ.
    حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ
    اچو ڪاميابي جي طرف. اچو ڪاميابي جي طرف.
    اَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ لّااِلٰہَ اِلَّا اللہُ
    الله سڀ کان وڏو آهي. الله سڀ کان وڏو آهي ۽ الله کانسواءِ ڪو عبادت جي لائق ناهي.
    انهن لفظن کي بانگ چئبوآهي صبح جو بانگ ۾ حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ کانپوءِ اَلصّلٰوۃُ خْیْرٌمِّنَ النَّوْمِ
    (نماز ننڊ کان بهتر آهي) ٻه دفعا چوڻ گُهرجي.


    تڪبير (اقامت)

    تڪبير (اقامت)
    سوال: تڪبير ڇاکي چئبوآهي؟
    جواب: جڏهن نماز جي لاءِ اُٿي بيهبو آهي تڏهن نماز شروع کان اڳ ۾ هڪ شخص اهي ڪلمان چوندو آهي، جيڪي بانگ ۾ چيا ويندا آهن. تڪبير ۾ عَلیَ اْلفَلاحِ کانپوءِ قَدقَامَتِ الصّلوٰةُ ٻه ڀيرا بانگ جي ڪلمن کان وڌيڪ چئبو آهي.
    سوال: جيڪو ماڻهو بانگ يا تڪبير چوي ان کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: جيڪو ماڻهو بانگ چوي ان کي بانگو يا”مؤذن“ ۽ جيڪو تڪبير چوي ان کي ”مَڪَبِرُ“ چئبو آهي.
    سوال: گهڻا ماڻهو گڏجي جيڪا نماز پڙهندا آهن، ان نماز کي، نماز پڙهائڻ واري کي ۽ نماز پڙهڻ وارن کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: گهڻا ماڻهو گڏجي جيڪا نماز پڙهندا آهن، ان کي جماعت جي نماز چوندا آهن ۽ نماز پڙهائڻ واري کي امام ۽ ان جي پٺيان نماز پڙهڻ وارن کي ”مُقتدي“ چوندا آهن.
    سوال: اڪيلي نماز پڙهڻ واري کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: اڪيلي نماز پڙهڻ واري کي ”مُنفرِدُ“ چئبو آهي.
    سوال: جيڪا جڳهه خاص نماز پڙهڻ لاءِ ٺاهي وڃي ٿي ۽ ان ۾ جماعت سان نماز ٿئي ٿي ان کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: ان کي مسجد چوندا آهن.
    سوال: مسجد ۾ وڃي ڇا ڪرڻ گهُرجي؟
    جواب: مسجد ۾ نماز پڙهي، قرآن شريف جي تلاوت ڪري يا ٻيو ڪو وظيفو پڙهي يا ادب سان ماٺ ڪري ويهي رهي، مسجد ۾ راند ڪرڻ، ٽپ ڏيڻ، گوڙ ڪرڻ خراب ڳالهه آهي.
    سوال: نماز پڙهڻ مان ڪهڙو فائدو ٿئي ٿو؟
    جواب: نماز پڙهڻ ۾ گهڻا فائدا آهن، ٿورا فائدا اسان توهان کي ٻُڌايون ٿا:
    1) نمازيءَ ماڻهوءَ جو بدن ۽ ڪپڙا پاڪ، صاف رهن ٿا.
    2) نمازي ماڻهوءَ کان خدا تعاليٰ راضي ۽ خوش ٿئي ٿو.
    3) حضور اڪرمﷺ جن نمازيءَ کان خوش ۽ راضي ٿين ٿا.
    4) نمازي ماڻهو الله تعاليٰ جي ويجهو نيڪ ٿئي ٿو.
    5) نمازي ماڻهوءَ جي نيڪ ٻانها به عزت ڪندا آهن.
    6) نمازي ماڻهو گهڻن گناهن کان بچي وڃي ٿو.
    7) نمازي ماڻهوءَ کي مرڻ کانپوءِ الله تعاليٰ آرام ۽ سُک سان رکي ٿو.


    ثنا- تعوذ- تسميه-

    ثنا- تعوذ- تسميه-
    سوال: نماز ۾ جيڪي ڪُجهه پڙهيو وڃي ٿو انهن سڀني جا نالا ۽ عبارتون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: نماز شروع ڪرڻ کانپوءِ پڇاڙي تائين جيڪي ڪُجهه پڙهيو وڃي ٿو انهن جا نالا ۽ الفاظ هي آهن:
    تڪبير
    اَللهُ اَکْبَرْ الله سڀ کان وڏو آهي
    ثَنا
    سُبحٰنَکَ اللّٰھُمَّ وَ بِحَمْدِکَ وَتَبارکَ اسْمُکَ وَ تَعَالٰی جَدُّکَ وَ لاَاٰلٰہَ غْیرُکَ
    ترجمو: اي الله اسان تنهنجي پاڪائي جو اقرار ڪريون ٿا ۽ تنهنجي واکاڻ بيان ڪريون ٿا ۽ تنهنجو نالو وڏي برڪت وارو آهي ۽ تنهنجي بزرگي سڀ کان بلند آهي ۽ توکانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي.
    تَعَوُّذْ:
    اْعُوْذُ باللہِ مِنَ الشَّیطٰنِ الرَّجَیمِ
    ترجمو: آئون الله جي پناهه وٺان ٿو شيطان کان جيڪو تڙيل آهي (الله جي رحمت کان)
    تسميہ
    بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ
    ترجمو: الله جي نالي سان شروع ڪريان ٿو جو وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي


    سُورة فاتحه يا الحمد شريف

    سُورة فاتحه يا الحمد شريف
    اَلۡحَمْدُ لِلہِ رَبِّ الْعٰلَمِیۡنَ ۙ﴿۱﴾ اَلرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ ۙ﴿۲﴾ مٰلِکِ یَوْمِ الدِّیۡنِ ؕ﴿۳﴾ اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیۡنُ ؕ﴿۴﴾ اِہۡدِ نَا الصِّرَاطَ الۡمُسۡتَقِیۡمَ ۙ﴿۵﴾ صِرَاطَ الَّذِیۡنَ اَنعَمۡتَ عَلَیۡہِمۡ ۬ۙ۬ غَیۡرِ الۡمَغۡضُوۡبِ عَلَیۡہِمْ وَلَا الضَّآ لِّیۡنَ٪﴿۷﴾
    ترجمو: سڀ تعريفون الله جي لاءِ آهن. جيڪو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي. وڏو مهربان ۽ رحم وارو آهي. قيامت جي ڏينهن جو مالڪ آهي. (اي الله) اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ توکان ئي مدد گهرون ٿا. اسان کي سڌي رستي تي هلاءِ. اهڙن ماڻهن جي رستي تي جن تي تو انعام ڪيو آهي نه انهن جي رستي تي جنهن تي تنهنجو ناراضپو ٿيل آهي نه گمراهن جي رستي تي.
    سورۃ کوثر
    اِنَّاۤ اَعْطَیۡنٰکَ الْکَوْثَرَ ؕ﴿۱﴾ فَصَلِّ لِرَبِّکَ وَ انْحَرْ ؕ﴿۲﴾ اِنَّ شَانِئَکَ ہُوَ الْاَبْتَرُ٪﴿۳﴾
    ترجمو: (اي نبي) اسان توکي ڪوثر عطا ڪيو آهي. پوءِ تون پنهنجي رب جي لاءِ نماز پڙهه ۽ قرباني ڪر. بيشڪ تنهنجو ئي دشمن بي نسل ٿيڻ وارو آهي.
    سورۃ اخلاص
    قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ ۚ﴿۱﴾اَللہُ الصَّمَدُ ۚ﴿۲﴾ لَمْ یَلِدْ ۬ۙ وَ لَمْ یُوۡلَدْ ۙ﴿۳﴾ وَ لَمْ یَكُنۡ لَّہٗ كُفُوًا اَحَدٌ٪﴿۴﴾
    ترجمو: (اي نبي) چئو ته هي (يعني) الله هڪ آهي. الله بي نياز آهي. ان مان ڪو پيدا نه ٿيو ۽ نه هو ڪنهن مان پيدا ٿيو. ۽ ڪو به ان جو برابر نه آهي.
    سورۃ فلق
    قُلْ اَعُوۡذُ بِرَبِّ الْفَلَقِ ۙ﴿۱﴾ مِنۡ شَرِّ مَا خَلَقَ ۙ﴿۲﴾ وَ مِنۡ شَرِّ غَاسِقٍ اِذَا وَقَبَ ﴿۳﴾ وَ مِنۡ شَرِّ النَّفّٰثٰتِ فِی الْعُقَدِ ۙ﴿۴﴾ وَ مِنۡ شَرِّ حَاسِدٍ اِذَا حَسَدَ٪﴿۵﴾
    ترجمو: (اي نبي دعا ۾ هيئن) چئو ته آئون صُبح جي رب جي پناهه وٺان ٿو. آئون سموري مخلوقات جي بُڇڙائيءَ کان. ۽ اونداهيءَ جي بُڇڙائيءَ کان جڏهن اونداهي پکڙجي. ۽ ڳنڍين تي ڦيڻن وجهڻ جي بُڇڙائي کان. ۽ حسد ڪرڻ وارن جي بُڇڙائيءَ کان جڏهن هو حَسد ڪرڻ تي اچي وڃن.
    سورۃ الناس
    قُلْ اَعُوۡذُ بِرَبِّ النَّاسِ ۙ﴿۱﴾ مَلِکِ النَّاسِ ۙ﴿۲﴾ اِلٰہِ النَّاسِ ۙ﴿۳﴾ مِنۡ شَرِّ الْوَسْوَاسِ ۬ۙ الْخَنَّاسِ ۪ۙ﴿۴﴾ الَّذِیۡ یُوَسْوِسُ فِیۡ صُدُوۡرِ النَّاسِ ۙ﴿۵﴾ مِنَ الْجِنَّۃِ وَ النَّاسِ ٪﴿۶﴾
    ترجمو: (اي نبي دعا ۾ هيئن) چئو ته آئون ماڻهن جي رب جي پناهه وٺان ٿو. ماڻهن جي بادشاهه. ماڻهن جي معبود جي پناهه وٺان ٿو. ان وسوسي وجهڻ واري پوئتي هٽي وڃڻ واري جي بُڇڙائي کان. جيڪو ماڻهن جي دلين ۾ وسوسا وجهي ٿو. جنن مان هجي يا ماڻهن مان.


    رُڪوع جي تسبيح

    رُڪوع جي تسبيح
    سُبحانَ رَبيَ الۡعَظيمِ!
    ترجمو: آئون پاڪائي بيان ڪريان ٿو پنهنجي پروردگار بُزرگ جي.


    قومه جي تسبيح

    قومه جي تسبيح
    سَمِعَ اللهُ لِمَنۡ حَمِدَهٗ
    ترجمو: الله (ان جي) ٻُڌي جنهن ان جي واکاڻ ڪئي.
    انهيءَ قومه جي تحميد.
    رَبنَا لکَ الْحَمْدُ
    ترجمو: اي اسان جا پروردگار تنهنجي لاءِ سڀ ساراهه آهي.


    سجده جي تسبيح

    سجده جي تسبيح
    سجدو يعني زمين تي مٿو رکڻ جي حالت جي تسبيح
    سُبحانَ رَبيَ الاَعلیٰ
    ترجمو: آئون پاڪائي بيان ڪريان ٿو پنهنجي پروردگار مٿاهين جي.


    تشهد يا التحيات

    تشهد يا التحيات
    التّحیّاتُ للہِ وَالصَّلٰوۃُ والطیباتُ السَّلامُ عَلَیْکَ اَیَّھا النَبِیُّ وَرَحَمَۃُ اللہِ وَبَرْکَاتُہٗ السَّلَامُ عَلَیْنَا وَ عَلےٰ عِبَادُاللہِ الصّٰلِحِیْنَ اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰہِ الَّا اللہُ وَ اَشْھَدُ اَنَّ مُحَمّدًا عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ۔
    ترجمو: سڀئي قولي عبادتون ۽ سڀ فعلي عبادتون ۽ سڀ مالي عبادتون الله جي لاءِ ئي آهن سلام توتي اي نبي ۽ الله جي رحمت ان جون برڪتون، سلام هجي اسان تي ۽ الله جي نيڪ ٻانهن تي آئون شاهدي ڏيان ٿو ته الله کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق ڪونهي ۽ شاهدي ڏيان ٿو ته محمد الله جو ٻانهو ۽ رسُول آهي.


    درُود شريف

    درُود شريف
    اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ و عَلٰی اٰلِ مُحَمَّدٍ کَمَا صَلّیْتَ عَلٰی اِبْرَاھِیْمَ وَ عَلٰی اٰلِ اِبْرَاھِیْمَ اِنَّکَ حَمْیدٌ مَجِیْدٌ اَللّٰھُمَّ بَارِکَ عَلٰی مُحَمَّدٍ و عَلٰی اٰلِ مُحَمَّدٍ کَمَا بَارَکْتَ عَلٰی اِبْرَاھِیْمَ وَ عَلٰی اٰلِ اِبْرَاھِیْمَ اِنَّکَ حَمْیدٌ مَجِیْدٌ
    ترجمو: اي الله! رحمت نازل فرماءِ محمد (ﷺ) تي ۽ ان جي آل تي جيئن رحمت نازل فرمائي تو ابراهيم (عليه السلام) تي ۽ ان جي آل تي، بيشڪ تون تعريف جو حقدار، وڏي بُزرگيءَ وارو آهين. اي الله! برڪت نازل فرماءِ محمد(ﷺ) تي ۽ ان جي آل تي جيئن برڪت نازل فرمائي تو ابراهيم (عليه السلام) تي ۽ ان جي اولاد تي، بيشڪ تون تعريف جو مستحق ۽ وڏي بُزرگيءَ وارو آهين.


    درود شريف کان پوءِ جي دُعا

    درود شريف کان پوءِ جي دُعا
    اَللّٰھُمَّ اِنّیْ ظَلَمْتُ نَفْسِیْ ظُلْمًا کَثِیْراً وَّاِنّہٗ لَا یَغْفِرالذُّنُوْبَ اِلا اَنْتَ فَاغْفِرْلِی مَغْفِرۃً مِنْ عِندِکَ وَارْحَمْنِیْ انَّک اَنْتَ الغَفُوْرُ الرَحْیمُ۔
    ترجمو: اي الله مون پنهنجي نفس تي گهڻو ظلم ڪيو آهي ۽ ان ۾ شڪ نه آهي ته توکانسواءِ ٻيو ڪو گناهه معاف نٿو ڪري سگهي پوءِ تون پنهنجي طرف کان خاص بخشش سان مونکي بخش ۽ مون تي رحم فرماءِ، بيشڪ تون ئي بخش ڪندڙ ۽ رحم وارو آهين.

    سَلام
    اَلسَّلَامُ عَلیْکُمَْ وَرَحْمَۃُ اللھِ
    ترجمو: سلام هجي توهان تي ۽ الله جي رحمت.


    نماز کانپوءِ جي دُعا

    نماز کانپوءِ جي دُعا
    اَللَّہُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلَامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَاْلجَلَالِ وَاَلْاکْرَامِ
    ترجمو: اي الله! تون ئي سلامتي ڏيڻ وارو آهين ۽ تنهنجي طرفان سلامتي (ملي سگهي) ٿي تمام گهڻي برڪت وارو آهين تون. اي عظمت ۽ بزرگي وارا.


    دُعاءِ قنوت

    دُعاءِ قنوت
    اَللَّہُمَّ اِنَّا نَسْتَعِیْنُکَ و َنَسْتَغْفِرُکَ وَنُوْ مِنُ بِکَ وَنَتَوَکَّلُ عَلَیْکَ وَ نُثْنِیْ عَلَیْکَ الْخَیْرَ وَ نَشْکُرُکَ وَلَا نَکْفُرُکَ وَ نَخْلَعُ وَ نَتْرُکَ مَنْ یَّفْجُرُکَ اَللَّہُمَّ اَیَّاکَ نَعْبُدُ وَ لَکَ نُصِلَّیْ و نَسْجُدُ و اِلیْکَ نَسْعَیَٰ وَنَحْفِدُ وَ نَرْجُوْا وَرَحْمَتَکَ وَ نَخْشَیٰ عَذَابَکَ اِنَّ عَذَابَکَ بِالکُفَّارِ مُلْحِقْ۔
    اي الله! اسان توکان مدد گهرون ٿا ۽ بخشش جي طلب ڪريون ٿا ۽ توتي ايمان آڻيون ٿا ۽ توتي ڀروسو رکون ٿا ۽ تنهنجي سُٺي ساراهه ڪريون ٿا ۽ تنهنجو شُڪر ادا ڪريون ٿا ۽ تنهنجي ناشڪري نٿا ڪريون ۽ جدا ڪريون ٿا ۽ ڇڏي ڏيون ٿا انهيءَ شخص کي جو تنهنجي نافرماني ڪري، اي الله اسان تنهنجي عبادت ڪريون ٿا ۽ تنهنجي لاءِ ئي نماز پڙهون ٿا ۽ سجدو ڪريون ٿا ۽ تنهنجي ئي طرف ڊوڙون ٿا ۽ چنبڙون ٿا ۽ تنهنجي ئي رحمت جي اُميد رکون ٿا ۽ تنهنجي ئي عذاب کان ڊڄون ٿا بيشڪ تنهنجو عذاب ڪافرن کي پهچڻ وارو آهي.


    وضو ڪرڻ جو طريقو

    وضو ڪرڻ جو طريقو
    سوال: وضو ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: صاف ٿانوَ ۾ پاڪ پاڻي کڻي پاڪ ۽ صاف مٿانهين جڳهه تي ويهو، قبلي ڏانهن منهن ڪريو ته سُٺو آهي ۽ جيڪڏهن اهڙو موقعو نه هجي ته ڪو نقصان نه آهي قميص جون ٻانهون ٺونٺين کان مٿي چاڙهي ڇڏيو، پوءِ بسم الله پڙهو ۽ ٽي دفعا ڪراين تائين ٻئي هٿ ڌوئو، پوءِ ٽي ڀيرا گرڙيون ڪريو، ڏندڻ نه هجي ته آڱرين سان ڏند مليو، پوءِ ٽي ڀيرا نڪ ۾ پاڻي وجهي کٻي هٿ جي چيچ سان نڪ صاف ڪريون پوءِ ٽي دفعا منهن ڌوئو، منهن تي پاڻي زور سان نه هڻو، بلڪه آهستي آهستي پيشانيءَ تي پاڻي وجهي ڌوئو پيشانيءَ جي وارن کان کاڏيءَ تائين ۽ هڪ ڪن کان وٺي ٻئي ڪن تائين منهن ڌوئڻ گهرجي پوءِ ٺونٺين سميت ٻئي هٿ ڌوئو پهريائين ساڄي پوءِ کاٻي ٻانهن ٽي دفعا ڌوئڻ گهرجي، پوءِ ٻئي هٿ پاڻيءَ سان آلا ڪري مٿي جي مَک ڪريو پوءِ ڪنن جو مَک ڪريو ۽ پوءِ ڪنڌ جو مَک ڪريو. مَکَ صرف هڪ هڪ دفعو ڪرڻ کپي، پوءِ ٽي ٽي دفعا ٻئي پير مُرن تائين ڌوئو، پهريائين ساڄو پوءِ کاٻو پير ڌوئڻ گهرجي.


    نماز پڙهڻ جو طريقو

    نماز پڙهڻ جو طريقو
    سوال: نماز پڙهڻ جو طريقو بيان ڪريو؟
    جواب: نماز پڙهڻ جو طريقو هي آهي ته:
    وضو ڪري پاڪ ڪپڙا پائي پاڪ جاءِ تي قبلي جي طرف منهن ڪري بيهو! نماز جي نيت ڪري، ٻئي هٿ ڪنن تائين مٿي کڻو ۽ الله اڪبر چئي ٻئي هٿ دُن جي هيٺان ٻڌو، ساڄو هٿ مٿان ۽ کاٻو هٿ ان جي هيٺان هجي، نماز ۾ هيڏانهن هوڏانهن نه ڏسو ادب سان بيهي رهو، الله تعاليٰ جي طرف ڌيان رکو هٿ ٻڌي ڪري (ثنا) يعني سُبحٰنَکَ اللّٰھُمَّ وَ بِحَمْدِکَ وَتَبارکَ اسْمُکَ وَ تَعَالٰی جَدُّکَ وَ لاَاٰلٰہَ غْیرُکَ ان کانپوءِ (تعوذ) اَعُوْذُ باللہِ مِنَ الشَّیطٰنِ الرَّجَیمِ ۽ (تسميه) يعني بسم الله پڙهي الحمد شريف پڙهو. الحمد شريف پورو ڪري آهستي آمين چئو پوءِ سورة اخلاق يا ٻي ڪا سورت جيڪا ياد هجي پڙهو پوءِ الله اڪبر چئي رُڪوع جي لاءِ جهڪو رُڪوع ۾ ٻنهي هٿن سان گوڏن کي جهليو، رڪوع جي تسبيح يعني سُبحانَ رَبيَ الۡعَظيمِ ٽي يا پنج ڀيرا پڙهو پوءِ (تسميع) يعني سَمِعَ اللهُ لِمَنۡ حَمِدَهٗ چوندي ئي سڌا ٿي بيهو. (تحميد) يعني رَبّنَا لَڪَ اَلَحَمّدُ پڙهو پوءِ تڪبير چئي سجدي ۾ اهڙي طرح وڃو جو پهريائين ٻئي گوڏا زمين تي رکو پوءِ ٻئي هٿ رکو پوءِ ٻنهي هٿن جي وچ ۾ پهريائين نڪ ۽ پوءِ پيشاني زمين تي رکو. سجدي جي تسبيح يعني سُبحانَ رَبيَ الاَعلیٰ ٽي يا پنج دفعا پڙهو پوءِ تڪبير چئي اٿو ۽ سڌا ويهي رهو پوءِ وري تڪبير چئي ٻيو سجدو به اهڙي طرح ڪريو، پوءِ تڪبير چئي اُٿي سڌا ٿي بيهي رهو. ان وقت زمين تي هٿ نه رکو، ٻن سجدن تائين هڪ رڪعت پوري ٿي. هاڻ ٻي رڪعت شروع ٿي. (تسميه) پڙهي الحمد شريف پڙهو ۽ ان سان ڪا سورة ملايو، پوءِ رڪوع، قومه ۽ ٻئي سجدا ڪري اُٿي ويهي رهو، پهريائين التحيات پڙهو، پوءِ درود شريف ۽ پوءِ دُعا پڙهو پوءِ سلام ورايو، پهريائين ساڄي پاسي پوءِ کاٻي پاسي. سلام ورائڻ وقت ساڄي ۽ کاٻي طرف منهن موڙيو هي ٻه رڪعتون نماز پوري ٿي سلام ورائڻ کانپوءِ اَللَّہُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلَامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَاْلجَلَالِ وَاَلْاکْرَامِ پڙهو ۽ هٿ کڻي دُعا گهرو هٿ تمام مٿي نه کڻو يعني ڪُلهن کان مٿي نه کڻو. دعا کان فارغ ٿي ٻئي هٿ منهن تي ڦريو.
    سوال: ٻنهي سجدن جي وچ ۾ ۽ التحيات پڙهڻ جي حالت ۾ ڪهڙي طرح ويهڻ گهرجي؟
    جواب: ساڄو پير اُڀو رکو ۽ ان جون آڱريون قبلي جي طرف هجن ۽ کاٻو پير وڇائي ان تي ويهي رهو ويهڻ جي حالت ۾ ٻئي هٿ گوڏن تي رکڻ گهرجن.


    امام- مُنفرد ۽ مُقتديءَ جي نماز ۾ فرق

    امام- مُنفرد ۽ مُقتديءَ جي نماز ۾ فرق
    سوال: امام، منفرد ۽ مقتديءَ جي نمازن ۾ ڪجهه فرق ٿئي ٿو يا نه؟
    جواب: هائو! امام، مُنفرد ۽ مقتديءَ جي نمازن ۾ ٿورو فرق هي آهي ته امام ۽ منفرد پهرين رڪعت ۾ ثنا کانپوءِ اعوذبالله من الشيطٰن الرجيم ۽ بسم الله پڙهي الحمد شريف ۽ سُورت پڙهندا آهن ۽ ٻي رڪعت ۾ به بسم الله. الحمد شريف ۽ سُورت پڙهندا آهن، مگر مقتديءَ کي صرف پهرين رڪعت ۾ ثنا پڙهي پوءِ ٻنهي رڪعتن ۾ ماٺ ڪري بيهي رهڻ گهرجي، ٻيو فرق هي آهي ته رڪوع مان اُٿڻ مَهل امام ۽ منفرد ٻئي سَمِعَ اللهُ لِمَنۡ حَمِدَهٗ چوندا آهن ۽ منفرد تسميع سان گڏ تحميد به چئي سگهي ٿو مگر مقتدي کي صرف رَبّنَا لَڪَ اَلَحَمّدُ چوڻ گهرجي.
    سوال: نماز جون ٽي يا چار رڪعتون پڙهڻيون هجن ته ڪيئن پڙهجن؟
    جواب: ٻه رڪعتون ته انهيءَ قاعدي سان پڙهيون وڃن جيئن مٿي بيان ٿيو مگر قعدي ۾ التحيات کانپوءِ درود شريف نه پڙهجي پر الله اڪبر چئي اُٿي سڌو ٿي بيهي رهجي، جيڪڏهن نماز واجب يا سُنت يا نفل آهي ته باقي ٻه رڪعتون به پهرين رڪعتن وانگر پڙهي ۽ جيڪڏهن فرض نماز آهي ته ٽين ۽ چوٿين رڪعت ۾ الحمد شريف کان پوءِ سُورت نه ملائي (يعني سورت نه پڙهي)، باقي ٻيو سڀ اهڙي طرح پڙهي جيئن پهريون ٻه رڪعتون پڙهيون اٿس.
    سوال: نماز سُنت يا نفل جون ٽي رڪعتون به پڙهبيون آهن يا نه؟
    جواب: نماز سُنت يا نفل جون ٽي رڪعتون نه ٿينديون آهن ٻه يا چار رڪعتون ئي پڙهيون وينديون آهن.


    رُڪوع ڪرڻ جو صحيح طريقو

    رُڪوع ڪرڻ جو صحيح طريقو
    سوال: رڪوع ڪرڻ جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: رڪوع اهڙي طرح ڪرڻ گهرجي جو چيلهه ۽ مٿو برابر رهن، يعني مٿو نه چيلهه کان مٿي رهي ۽ نه هيٺ ٿي وڃي ۽ ٻئي هٿ بغلن کان پري رهن ۽ گوڏن کي هٿن سان مضبوط جهليو وڃي.


    سجدي ڪرڻ جو صحيح طريقو

    سجدي ڪرڻ جو صحيح طريقو
    سوال: سجدي ڪرڻ جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: سجدو اهڙي طرح ڪرڻ گهرجي جو هٿن جاچنبا زمين تي رهن ۽ ڪرايون ۽ ٺونٺيون زمين کان مٿي رهن ۽ پيٽ رانن کان مٿي رهي. ٻئي هٿ پاسرين کان جُدا رهن.


    نماز کان پوءِ جو وظيفو

    نماز کان پوءِ جو وظيفو
    سوال: نماز کانپوءِ آڱرين تي ڳڻي ڇا پڙهندا آهن؟
    جواب: سُبَحانَ الله 33 ڀيرا اَلحَمّدُلله 33 ڀيرا ۽ اَللهُ اَڪبَرۡ 34 ڀيرا پڙهڻ گهرجي. ان جو تمام وڏو ثواب آهي.


    حصو ٻيو: تعليم الايمان يا اسلامي عقيدا

    اسلام جو بنياد ڪيترين شين تي آهي؟

    سوال: اسلام جو بنياد ڪيترين شين تي آهي؟
    جواب: اسلام جو بنياد پنجن شين تي آهي.
    سوال: اهي پنج شيون جن تي اسلام جو بنياد آهي ڪهڙيون آهن؟
    جواب: اهي پنج شيون هي آهن:
    (1) ڪلمي طيب يا ڪلمي شهادت جي مطلب کي دل سان مڃڻ ۽ زُبان سان اقرار ڪرڻ. (2) نماز پڙهڻ. (3) زڪوات ڏيڻ. (4) رمضان شريف جا روزا رکڻ. (5) حج ڪرڻ.
    سوال: ڪلمه طيب ڇا آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: ڪلمه طيب هي آهي: لَاالِٰہَ الَّا اللہُ مُحْمَّدُرَّسُوْلُ اللہِ
    ترجمو: الله تعاليٰ کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي ۽ حضرت محمد (ﷺ) الله جو موڪليل رسول آهي.
    سوال: ڪلمه شهادت ڇا آهي ۽ ان جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: ڪلمه شهادت هيءُ آهي:
    اَشھَدُ اَنْ لَاالِٰہَ الَّا اللہُ وَ اَشْھَدُ اَنّ مُحْمَّدًا عَبدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ۔
    ترجمو: آئون شاهدي ڏيان ٿو هن ڳالهه جي ته خدا تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جي لائق نه آهي ۽ آئون شاهدي ڏيان ٿو ته حضرت محمدﷺ خدا جو ٻانهو ۽ رسُول آهي.
    سوال: ڇا معنيٰ ۽ مطلب سمجهڻ کانسواءِ صرف زُبان سان ڪلمي پڙهڻ سان ماڻهو مسلمان ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: نه! معنيٰ سمجهي دل سان يقين ڪرڻ ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ ضروري آهي.
    سوال: دل سان يقين ڪرڻ ۽ زبان سان اقرار ڪرڻ کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: ان کي ايمان آڻڻ چوندا آهن.
    سوال: گونگو ماڻهو زبان سان اقرار نٿو ڪري سگهي ته ان جو ايمان آڻڻ ڪيئن معلوم ٿيندو؟
    جواب: ان لاءِ قدرتي مجبوريءَ جي ڪري اشارو ڪرڻ ڪافي سمجهيو ويندو، يعني اهو اشاري سان هي ظاهر ڪري ته الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ حضرت محمد ﷺ الله تعاليٰ جو پيغمبر آهي.
    سوال: مسلمانن کي ڪهڙين شين تي ايمان آڻڻ ضروري آهي.
    جواب: ستن شين تي جن جو ذڪر هن ايمان مفصل ۾ آهي.
    اٰمَنْتُ باللہِ وَ مَلٰئِکَتِہٖ وَ کُتُبِہٖ وَ رُسُلہٖ والْیَوْمِ الٰاخِرِ وَالقَدُرِ خَیرِہٖ وَ شَرّہٖ منَ اللہَ تَعَالیٰ وَالْبَعْثِ بَعدَالمَوتِ۔
    ترجمو: مون ايمان آندو الله تعاليٰ تي ۽ ان جي ملائڪن تي ۽ ان جي ڪتابن ۽ ان جي رسولن تي ۽ قيامت جي ڏينهن تي ۽ ان ڳالهه تي ته چڱائي ۽ بُرائي سڀ الله تعاليٰ جي قانون جي مطابق ٿئي ٿي ۽ هن ڳالهه تي مرڻ کانپوءِ وري جيئرو ٿيڻو آهي.


    خدا تعاليٰ سان مُسلمانن جا عقيدا

    خدا تعاليٰ سان مُسلمانن جا عقيدا
    سوال: خدا تعاليٰ سان مسلمانن کي ڪهڙا عقيدا رکڻ گهرجن؟
    جواب: (1) الله تعاليٰ هڪ آهي (2) الله تعاليٰ ئي عبادت ۽ بندگي جو لائق آهي ۽ ان کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آهي (3) ان جو ڪو به شريڪ نه آهي (4) اهو هر ڳالهه کي ڄاڻي ٿو ڪا به شيءِ ان کان ڳجهي نه آهي (5) هو وڏي طاقت ۽ قدرت وارو آهن (6) ان زمين، آسمان، سج، چنڊ، تارا، ملائڪ، ماڻهو ۽ جن وغيره سڄي جهان کي پيدا ڪيو آهي ۽ اهوئي سڄي دنيا جو مالڪ آهي (7) اهوئي ماري ٿو ۽ اهوئي جياري ٿو يعني سڄي مخلوق جي زندگي ۽ موت ان جي حُڪم سان ٿئي ٿو (8) اهو ساري مخلوقات کي روزي ڏئي ٿو (9) اهو نه کائي نه پيئي نه سُمهي ٿو. (10) اهو خودبخود هميشه کان آهي ۽ هميشه رهندو (11) ان کي ڪنهن پيدا نه ڪيو آهي (12) نه ان جو ڪو پيءُ آهي نه پُٽ نه ڌيءُ نه زال نه وري ڪنهن سان ان جي مائٽي آهي هو سڀني لاڳاپن کان پاڪ آهي (13) هو بي مثل آهي ڪا به شيءِ ان جي مشابه يعني ان جهڙي نه آهي (14) سڀ ان جا محتاج آهن ۽ ان کي ڪنهن به شيءِ جي حاجت نه آهي (15) هو سڀني عيبن کان پاڪ آهي (16) هو مخلوق جهڙن هٿن، پيرن، نڪ ڪن ۽ شڪل و صورت کان پاڪ آهي. هن ملائڪن کي پيدا ڪري دنيا جي انتظامن ۽ خاص خاص ڪمن تي مُقرر فرمايو آهي (17) ان پنهنجي مخلوق جي هدايت لاءِ پيغمبر موڪليا ته ماڻهن کي سچو مذهب سيکارين، سُٺيون ڳالهيون ٻڌائين ۽ خراب ڳالهين ۽ بُرن ڪمن کان بچائين.


    ملائڪ

    ملائڪ
    سوال: ملائڪ ڪير آهن؟
    جواب: ملائڪ خدا تعاليٰ جي هڪ مخلوق آهن، اهي نور مان پيدا ٿيا آهن، اُهي اسان جي نظرن کان غائب آهن. نه مرد آهن نه عورتون، هو خدا جي نافرماني ۽ گناهه نٿا ڪن، جن ڪمن تي الله تعاليٰ کين مقرر فرمايو آهي انهن ۾ هر وقت لڳا رهن ٿا.
    سوال: ملائڪ ڪيترا آهن؟
    جواب: ملائڪن جو ڳاڻيٽو الله تعاليٰ کانسواءِ ڪو به نه ٿو ڄاڻي، هائو اها خبر آهي ته ملائڪ تمام گهڻا آهن ۽ انهن مان چار ملائڪ وڏا ۽ مشهور آهن.
    سوال: مقرب ۽ مشهور چار ملائڪ ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) حضرت جبرائيل عليه السلام جيڪو خدا جا ڪتاب ۽ حُڪم پيغمبرن وٽ آڻيندو هو. (2) حضرت اسرافيل عليه السلام جيڪو قيامت جي ڏينهن صُور ڦوڪيندو. (3) حضرت ميڪائيل عليه السلام جيڪو مينهن وسائڻ جو انتظام ڪرڻ ۽ مخلوق کي روزي پهچائڻ جي ڪم تي مُقرر آهي. (4) حضرت عزرائيل عليه السلام جيڪو مخلوق جي ساهه ڪڍڻ تي مقرر آهي.


    الله تعاليٰ جا ڪتاب

    الله تعاليٰ جا ڪتاب
    سوال: الله تعاليٰ جا ڪتاب ڪيترا آهن؟
    جواب: الله تعاليٰ جا ننڍا وڏا ڪيترائي ڪتاب پيغمبر تي نازل ٿيا. مگر وڏن ڪتابن کي ڪتاب ۽ ننڍن ڪتابن کي صحيفو چيو وڃي ٿو. چار ڪتاب مشهور آهن.
    سوال: چار مشهور آسماني ڪتاب ڪهڙا آهن ۽ اهي ڪهڙن پيغمبرن تي نازل ٿيا؟
    جواب: (1) توريت جيڪو حضرت موسيٰ عليه السلام تي نازل ٿيو. (2) زبور جيڪو حضرت دائود عليه السلام تي نازل ٿيو. (3) انجيل جيڪو حضرت عيسيٰ عليه السلام تي نازل ٿيو. (4) قرآن مجيد جيڪو حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن تي نازل ٿيو.
    سوال: صحيفا ڪيترا آهن ۽ اهي ڪهڙن پيغمبرن تي نازل ٿيا؟
    جواب: صيحفن جو تعداد معلوم نه آهي، هائو ڪجهه صحيفا آدم عليه السلام تي ۽ ڪجهه حضرت شيث عليه السلام تي ۽ ڪُجهه حضرت ابراهيم عليه السلام تي نازل ٿيا. ان کانسواءِ ٻيا به صحيفا آهن جيڪي ڪن پيغمبرن تي نازل ٿيا.


    الله جا رسول (پيغمبر عليهم السلام)

    الله جا رسول (پيغمبر عليهم السلام)
    سوال: رسول ڪير ٿيندا آهن؟
    جواب: رسول، الله تعاليٰ جا ٻانها ۽ انسان هوندا آهن. الله تعاليٰ انهن کي پنهنجن ٻانهن تائين حڪم پهچائڻ لاءِ مقرر فرمائيندو آهي. اهي سچا هوندا آهن، ڪڏهن به ڪُوڙ نه ڳالهائيندا آهن. گناهه نه ڪندا آهن، الله تعاليٰ جا پيغام پورا پورا پهچائيندا آهن. انهن ۾ گهٽ وڌائي نه ڪندا آهن نه وري ڪو پيغام لڪائيندا آهن.
    سوال: نبيءَ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: نبيءَ جي به اهائي معنيٰ آهي ته اهي الله تعاليٰ جا حڪم ٻانهن تائين پهچائيندا آهن، اهي سچا هوندا آهن، ڪوڙ نه ڳالهائيندا آهن، اهي گناهه نٿا ڪن، ڪو به حڪم نٿا لڪائين هو الله تعاليٰ جي حڪمن ۾ گهٽ وڌ نٿا ڪن.
    سوال: نبي ۽ رسول ۾ ڪجهه فرق آهي يا ٻنهي جي ساڳي معنيٰ آهي؟
    جواب: نبي ۽ رسول ۾ ٿورو فرق آهي. اهو هي آهي ته رسول ان پيغمبر کي چوندا آهن جنهن کي نئين شريعت ۽ ڪتاب ڏنو ويو هجي ۽ نبي هر پيغمبر کي چوندا آهن، چاهي اُن کي نئين شريعت ۽ ڪتاب ڏنو ويو هجي يا نه ڏنو ويو هجي بلڪه اهو پهرين شريعت ۽ ڪتاب جي تابع هُجي.
    سوال: ڇا ڪو ماڻهو پنهنجي محنت ۽ عبادت سان نبي بڻجي سگهي ٿو؟
    جواب: نه! بلڪه الله تعاليٰ جنهن کي نبي بنائي اهو ئي بڻجي ٿو. مطلب ته نبي ۽ رسول بڻجڻ ۾ انسان جي محنت ۽ ارادي کي دخل نه آهي. الله تعاليٰ جي طرف کان هي مرتبو عطا ڪيو وڃي ٿو.
    سوال: رسول ۽ نبي ڪيترا آهن؟
    جواب: دنيا ۾ گهڻائي نبي ۽ رسول آيا، پر انهن جي پوري ڳاڻيٽي جي الله تعاليٰ کي ئي خبر آهي، اسان ۽ توهان کي اهڙيءَ طرح ايمان آڻڻ گهرجي ته الله تعاليٰ جيترا رسول موڪليا آهن. اسان انهن سڀني کي برحق ۽ رسول مڃون ٿا.
    سوال: سڀني ۾ پهريون پيغمبر ڪير هو؟
    جواب: سڀني ۾ پهريون پيغمبر حضرت آدم عليه السلام آهي.
    سوال: سڀني کان آخري پيغمبر ڪير آهي؟
    جواب: سڀني کان آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰﷺ آهي.
    سوال: حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن کانپوءِ ٻيو ڪو پيغمبر ايندو يا نه؟
    جواب: نه! ڇو ته پيغمبري ۽ نبوت حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن تي ختم ٿي. حضور اڪرمﷺ جن کانپوءِ جيڪو به شخص پيغمبري جي دعويٰ ڪري اهو ڪُوڙو آهي.
    سوال: رسولن مان سڀني کان افضل رسول ڪير آهي؟
    جواب: اسان جو پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰﷺ سڀني نبين ۽ رسولن کان افضل ۽ ڀلارو آهي، الله تعاليٰ جا ته پاڻ به ٻانها ۽ تابعدار آهن، هائو! الله تعاليٰ کانپوءِ سندن مرتبو سڀني کان مٿانهون آهي.


    قيامت جو بيان

    قيامت جو بيان
    سوال: قيامت جو ڏينهن ڪهڙي ڏينهن کي چون ٿا؟
    جواب: قيامت جو ڏينهن اُن ڏينهن کي چون ٿا جنهن ڏينهن سڀ ماڻهو ۽ ساهوارا مري ويندا ۽ سڄي دُنيا ختم ٿي ويندي، جبل ڪپهه جي پوڻين وانگر اُڏامندا رهندا، تارا ٽُڪر ٽُڪر ٿي ڪري پوندا مطلب ته هر چيز ڀڄي ڀُري فنا ٿي ويندي.
    سوال: سڀئي ماڻهو ۽ ساهوارا ڪيئن مري ويندا؟
    جواب: حضرت اسرافيل عليه السلام صُور ڦوڪيندو ان جو آواز ايتري قدر ته خوفناڪ ۽ سخت هوندو جو ان جي صدمي کان سڀ مري ويندا ۽ هرڪا شيءِ ڀڄي ڀُري فنا ٿي ويندي.
    سوال: قيامت ڪڏهن ايندي؟
    جواب: قيامت اچڻ واري آهي، ليڪن ان جو پورو وقت الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪو به نٿو ڄاڻي، ايترو معلوم آهي ته جُمعي جو ڏينهن ۽ محرم جي ڏهين تاريخ هوندي ۽ اسان جي پيغمبرﷺ جن قيامت جون ڪجهه نشانيون ٻڌايون آهن. انهن نشانين کي ڏسي قيامت جو ويجهو هُجڻ معلوم ٿي سگهي ٿو.
    سوال: قيامت جون نشانيون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: حضورت اڪرمﷺ جن فرمايو ته جڏهن دنيا ۾ گناهه گهڻا ٿيڻ لڳندا ۽ ماڻهو پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي نافرماني ڪندا ۽ انهن تي سختيون ڪرڻ لڳندا ۽ امانت ۾ خيانت ڪندا ڳائڻ وڄائڻ، ناچ جي زيادتي ٿي ويندي ۽ پويان ماڻهو اڳين بزرگن کي خراب چوڻ لڳندا. بي علم ۽ ٿوري علم وارا ماڻهو اڳواڻ بڻجي ويندا، ٻڪرار ۽ ٻيا گهٽ درجي جا ماڻهو وڏيون وڏيون ماڙيون ۽ محل بنائيندا نااهل ۽ بيوقوف ماڻهن کي وڏا وڏا عهدا ملڻ لڳن. تڏهن سمجهو ته قيامت ويجهو اچي ويئي آهي.


    تقدير جو بيان

    تقدير جو بيان
    سوال: تقدير ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: هر ڳالهه چڱي ۽ خراب شيءِ جي لاءِ الله تعاليٰ جي علم ۾ هڪ اندازو مقرر آهي ۽ هر شيءِ جي پيدا ڪرڻ کان اڳ ۾ الله تعاليٰ ان کي ڄاڻي ٿو. الله تعاليٰ جي ئي علم ۽ اندازي کي تقدير چون ٿا، ڪا به سُٺي يا خراب ڳالهه الله تعاليٰ جي علم ۽ اندازي کان ٻاهر ناهي.


    مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ

    مرڻ کان پوءِ وري جيئرو ٿيڻ
    سوال: مرڻ کانپوءِ جيئري ٿيڻ کان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: قيامت ۾ سڀ شيون فنا ٿي وينديون پوءِ حضرت اسرافيل عليه السلام ٻئي ڀيري صُور ڦوڪيندو ته سڀ شيون موجود ٿي وينديون ماڻهو به وري جيئرا ٿي پوندا. حشر جي ميدان ۾ الله تعاليٰ جي آڏو حاضري ٿيندي، حساب ورتو ويندو ۽ چڱن ۽ بُڇڙن ڪمن جو بدلو ڏنو ويندو جنهن ڏينهن هي ڪم ٿيندو، ان ڏينهن کي يوم الحشر (يعني گڏ ڪرڻ وارو ڏينهن) يوم الجَزآءِ (يعني بدلي جو ڏينهن) ۽ يوم الحساب (يعني حساب جو ڏينهن) چون ٿا.
    سوال: ايمان مُفصل ۾ جن ستن شين جو ذڪر آهي ان مان جيڪڏهن ڪو هڪ ٻه ڳالهيون نه مڃي ته ڇا اهو مسلمان ٿي سگهي ٿو؟
    جواب: هرگز نه! جيستائين الله تعاليٰ جي توحيد يا هيڪڙائي، پيغمبرن جي پيغمبري ۽ الله تعاليٰ جي ڪتابن ۽ الله تعاليٰ جي ملائڪن ۽ قيامت جي ڏينهن ۽ تقدير ۽ مرڻ کانپوءِ جيئرو ٿيڻ کي نه مڃي، هرگز مسلمان نٿو ٿي سگهي.
    سوال: حضرت پيغمبرﷺ جن پنجن شين تي اسلام جي بنياد جو بيان فرمايو آهي ۽ ان ۾ ملائڪن، الله تعاليٰ جي ڪتابن، قيامت ۽ تقدير وغيره جو ڪو به ذڪر نه آهي؟
    جواب: انهن پنجن شين ۾ حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن تي ايمان آڻڻ جو ذڪر آهي ۽ جڏهن ڪو شخص حضرت محمد مصطفيٰﷺ جن تي ايمان آڻي ٿو ته پوءِ ان کي سندنﷺ سڀني ٻُڌايل ڳالهين کي ضرور مڃڻو آهي. الله تعاليٰ جو ڪتاب (قرآن) جيڪو حضور اڪرمﷺ جن آندو آهي، ان تي ايمان آڻڻ به ضروري ٿيندو. هي سڀ ڳالهيون جن جو ايمان مُفصل ۾ ذڪر آهي. الله تعاليٰ جي ڪتاب قرآن پاڪ ۽ پيغمبرَﷺ جن جي بيان مان ثابت آهي.
    سوال: انهن سڀني ڳالهين جو دل سان يقين ۽ زُبان سان اقرار ڪري، ليڪن نماز نه پڙهي يا زڪوات نه ڏئي يا روزا نه رکي يا حج نه ڪري ته اهو مسلمان آهي يا نه؟
    جواب: هائو! مسلمان ته آهي ليڪن سخت گنهگار ۽ الله تعاليٰ جو نافرمان آهي، اهڙي شخص کي فاسق چون ٿا، هي ماڻهو پنهنجي گناهن جي سزا ڀوڳي آخر ۾ ڇوٽڪارو حاصل ڪندا.


    اسلامي اعمال

    اسلامي اعمال
    سوال: اسلامي عملن مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جن پنجن شين تي اسلام جو بُنياد آهي انهن مان پهرين ڳالهه کي ايمان چوندا آهن ۽ ان جو بيان ڀاڱي پهرين ۾ اسلامي عقائد جي نالي سان توهان پڙهي آيا آهيو. باقي چار شيون: نماز، زڪوات، رمضان جا روزا، بيت الله جو حج، انهن کي اسلامي اعمال چوندا آهن. هن ٻئي ڀاڱي ۾ نماز جو بيان آهي.


    نماز

    نماز
    سوال: نماز ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: نماز الله تعاليٰ جي عبادت ۽ بندگي ڪرڻ جو هڪ خاص طريقو آهي جو الله تعاليٰ ۽ ان جي پيغمبرﷺ جن ٻانهن کي سيکاريو آهي.
    سوال: نماز پڙهڻ لاءِ اڳ ۾ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي؟
    جواب: نماز پڙهڻ کان اڳ ۾ ستن شين جي ضرورت آهي جن کانسواءِ نماز نٿي ٿئي. انهن شين کي نماز جا شرط ۽ فرض چوندا آهن.
    سوال: اهي ست شيون جيڪي نماز کان اول ضروري آهن ڪهڙيون آهن؟
    جواب: (1) بدن جو پاڪ هجڻ، (2) ڪپڙن جو پاڪ هجڻ، (3) جڳهه جو پاڪ هجڻ، (4) اگهڙ کي ڍڪڻ، (5) نماز جي وقت جو هجڻ، (6) قبلي جي طرف مُنهن ڪرڻ، (7) نيت ڪرڻ.


    نماز جي پهرئين شرط جو بيان

    نماز جي پهرئين شرط جو بيان
    سوال: بدن پاڪ هجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: بدن پاڪ هجڻ مان هيءَ مراد آهي ته بدن تي ڪنهن به قسم جي نجاست يا پليتي لڳل نه هجي.
    سوال: نجاست جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: نجاست يعني پليتيءَ جا ٻه قسم آهي:
    (1) حقيقي ۽ (2) حُڪمي.
    سوال: نجاست حقيقي ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: اها ظاهري پليتي جيڪا ڏسڻ ۾ اچي سگهي ان کي نجاست حقيقي سڏجي ٿي، جيئن پيشاب، ڪاڪوس، رت، شراب.
    سوال: نجاست حڪمي ڇاکي چئجي؟
    جواب: اُها پليتي جيڪا شريعت جي حڪم سان ثابت ٿئي مگر ڏسڻ ۾ نه اچي سگهي، اها نجاست حڪمي سڏجي ٿي جيئن بي وضو هجڻ يا غُسل (تڙ وارو) هجڻ.
    سوال: نماز جي لاءِ ڪهڙي نجاست کان بدن پاڪ هجڻ جو شرط آهي؟
    جواب: ٻنهي قسمن جي نجاستن (پليتين) کان بدن پاڪ هجڻ جو شرط لازمي آهي.
    سوال: نجاست حڪمي جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: ٻه قسم آهن: هڪ ننڍي نجاست حڪمي ان کي حدث اصغر چئبو آهي ۽ ٻي وڏي نجاست حڪمي آهي جنهن کي حدث اڪبر ۽ جنابت يعني (تڙ جي حالت ۾ هجڻ) چئبو آهي.
    سوال: ننڍي نجاست حڪميه کان بدن پاڪ ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: ننڍي نجاست حڪمي کان بدن وضو ڪرڻ سان پاڪ ٿئي ٿو.


    وَضوءَ جو بيان

    وَضوءَ جو بيان
    سوال: وضو ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: وضو ان کي چئبو آهي جو ماڻهو جڏهن نماز پڙهڻ جو ارادو ڪري تڏهن صاف ٿانوَ ۾ پاڪ پاڻي کڻي پهريائين ڪراين تائين هٿ ڌوئي پوءِ ٽي ڀيرا گُرڙيون ڪري، ڏندڻ ڪري پوءِ ٽي ڀيرا نَڪ ۾ پاڻي وجهي ۽ نَڪ صفا ڪري پوءِ ٽي ڀيرا مُنهن ڌوئي پوءِ ٺونٺين تائين ٻئي ٻانهون ڌوئي. ان کانپوءِ مٿي ۽ ڪنن جي مَکَ ڪري پوءِ ٻئي پير مُرن تائين ڌوئي. وضو ڪرڻ جو طريقو تعليم الاسلام جي پهرين حصي ۾ توهان پڙهي چُڪا آهيو.
    سوال: ڇا وضوءَ ۾ اهي سڀ ڳالهيون ضروري آهن؟
    جواب: وضوءَ ۾ ڪي ڳالهيون تمام ضروري آهن جن جي نه ڪرڻ سان وضو نه ٿيندو انهن کي فرض چوندا آهن ۽ ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جن جي رهجي وڃڻ سان وضو ته ٿي وڃي ٿو پر اڌورو ٿئي ٿو، انهن کي سُنت چئبو آهي ۽ ڪي ڳالهيون وري اهڙيون آهن جو انهن جي ڪرڻ سان ثواب زياده ملي ٿو ۽ ڇڏي ڏيڻ سان ڪو به نقصان نٿو ٿئي انهن کي مُستحب چئبو آهي.
    سوال: وضوءَ ۾ فرض ڪيترا آهن؟
    جواب: وضوءَ ۾ چار فرض آهن.
    (1) پيشانيءَ جي وارن کان کاڏي جي هيٺان تائين ۽ هڪ ڪن کان ٻئي ڪن تائين منهن ڌوئڻ. (2) ٻنهي هٿن کي ڪراين تائين ۽ ٻانهون ٺونٺين تائين ڌوئڻ. (3) مَٿي جي چوٿين حصي جي مکَ ڪرڻ. (4) ٻئي پير مُرن تائين ڌوئڻ.
    سوال: وضوءَ ۾ ڪيتريون سُنتون آهن؟
    جواب: وضوءَ ۾ تيرهن سُنتون آهن:
    (1) نيت ڪرڻ، (2) بسم الله پڙهڻ، (3) پهرين ٽي دفعا ٻئي هٿ ڪراين تائين ڌوئڻ، (4) ڏندڻ ڪرڻ، (5) ٽي دفعا گرڙيون ڪرڻ، (6) ٽي دفعا نَڪ کي پاڻي ڏيڻ، (7) ڏاڙهي جي مک ڪرڻ، (8) هٿن ۽ پيرن جي آڱرين کي پوري طرح آلو ڪرڻ، (9) هر ڪنهن عضوي کي ٽي دفعا ڌوئڻ، (10) هڪ دفعو سڄي مٿي جي مک ڪرڻ، (11) ٻنهي ڪنن جي مک ڪرڻ، (12) ترتيب سان وضو ڪرڻ، (13) لاڳيتو وضو ڪرڻ اهڙي طرح جو هڪ عُضوو نه سُڪي ته ٻيو ڌوئي.
    سوال: وضوءَ ۾ مُستحب ڪيترا آهن؟
    جواب: وضوءَ ۾ پنج ڳالهيون مُستجب آهن:
    (1) ساڄي طرف کان شروع ڪرڻ، ڪن عالمن سڳورن هن کي سُنت ۾ شمار ڪيو آهي ۽ اهو زياده صحيح آهي. (2) ڪنڌ جو مَک ڪرڻ، (3) وضوءَ جو ڪم خود پاڻ ڪرڻ. ٻئي کان مدد نه وٺڻ، (4) قبلي جي طرف مُنهن ڪري ويهڻ، (5) پاڪ ۽ مٿاهين جاءِ تي ويهي وضو ڪرڻ.
    سوال: وضوءَ ۾ ڪيتريون شيون مڪروهه آهن؟
    جواب: وضوءَ ۾ چار شيون مڪروهه آهن:
    (1) ناپاڪ جاءِ تي وضو ڪرڻ، (2) ساڄي هٿ سان نَڪ صاف ڪرڻ، (3) وضو ڪرڻ وقت دُنيا جون ڳالهيون ڪرڻ، (4) سُنت جي اُبتڙ وضو ڪرڻ.
    سوال: ڪهڙين ڳالهين سان وضو ڀڄي پوي ٿو؟
    جواب: اٺن شين سان وضو ڀڄي پوي ٿو انهن کي نواقض وضو (وضو ڀڃيندڙ) چوندا آهن.
    (1) ڪاڪوس يا پيشاب ڪرڻ يا انهن ٻنهي رستن مان ٻي ڪنهن شيءِ جو نڪرڻ، (2) ريح يعني هوا جو پُٺيان نڪرڻ، (3) بدن جي ڪنهن به هنڌان رت يا پونءِ جو وهي هلڻ، (4) وات ڀريل اُلٽي ڪرڻ، (5) ليٽي يا ٽيڪ ڏيئي ننڊ ڪرڻ، (6) بيماري يا ٻئي ڪنهن سبب کان بيهوش ٿي وڃڻ، (7) مجنون يعني چريو ٿيڻ، (8) نماز ۾ ٽهڪ ڏيئي کلڻ.


    غُسل جو بيان

    غُسل جو بيان
    سوال: وڏي نجاست حڪمي يعني حدث اڪبر ۽ جنابت کان بدن پاڪ ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: حدث اڪبر يا تڙ جي حالت ۾ بدن غسل ڪرڻ سان پاڪ ٿي وڃي ٿو.
    سوال: غُسل ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: غُسل جي معنيٰ وهنجڻ آهي، پر وهنجڻ جو شريعت ۾ هڪ خاص طريقو آهي.
    سوال: غُسل جو طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: غُسل جو طريقو هي آهي ته اڳ ۾ ٻئي هٿ ڪراين تائين ڌوئجن. پوءِ استنجا ڪري بدن تان حقيقي پليتي ڌوئجي. پوءِ وضو ڪجي ان کان پوءِ سڄي بدن تي ٿورو ٿورو پاڻي وجهي بدن کي هٿن سان مهٽي پوءِ سڄي بدن مٿان ٽي دفعا پاڻي وهائجي گرڙا ڪري گرڙي ڪجي ۽ نَڪ ۾ پاڻي وجهي.
    سوال: غُسل ۾ فرض ڪيترا آهن؟
    جواب: غُسل ۾ ٽي فرض آهن:
    (1) گُرڙا ڪرڻ، (2) نڪ ۾ پاڻي وجهڻ،(3) سڄي بدن تي پاڻي وجهڻ.
    سوال: غُسل ۾ سُنتون ڪيتريون آهن؟
    جواب: غُسل ۾ پنج سُنتون آهن:
    (1) ٻئي هٿ ڪراين تائين ڌوئڻ، (2) استنجا ڪرڻ ۽ بدن جي جنهن به حصي تي پليتي لڳل هجي اها ڌوئڻ، (3) پليتي هٽائڻ جي نيت ڪرڻ، (4) پهريائين وضو ڪرڻ، (5) سڄي بدن تي ٽي دفعا پاڻي وهائڻ.


    موزن تي مَسح (مَک) ڪرڻ

    موزن تي مَسح (مَک) ڪرڻ
    سوال: ڪهڙن قسمن جي موزن تي مَک ڪرڻ جائز آهي؟
    جواب: ٽن قسمن جي موزن تي مَک ڪرڻ جائز آهي: (1) چمڙي جو موزو جنهن ۾ پير مُرن تائين لڪيل هجي. (2) اهي اُوني سوٽي موزا جن ۾ چمڙي جو ترو لڳل هجي، (3) اهي اوني موزا جيڪي ايتري قدر ٿلها ۽ گهاٽا هجن جو خالي موزا پائي ٽي چار ميل پنڌ ڪرڻ سان به نه ڦاٽن.
    سوال: موزن تي ڪڏهن مکَ جائز آهي؟
    جواب: جڏهن وضو ڪري يا پير ڌوئي موزا پائي پوءِ وضو ٽٽڻ جي حالت ۾ موزا پاتل هجن.
    سوال: هڪ دفعي پاتل موزي تي ڪيترن ڏينهن تائين مَسح جائز آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي گهر يا رهڻ جي جاءِ تي هجي ته هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات موزن تي مَک ڪري ۽ سفر ۾ هجي ته ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين مَک جائز آهي.
    سوال: موزي تي ڪهڙي طرح مسح (مَک) ڪري؟
    جواب: موزي جي مٿان مَک ڪرڻ گهرجي تريءَ جي پاسي يا کُڙيءَ کان مَک ڪرڻ سان مسح نٿو ٿئي.
    سوال: وضو ۽ غسل ٻنهي ۾ موزن تي مسح جائز آهي يا نه؟
    جواب: وضوءَ ۾ موزن تي مسح جائز آهي، باقي غسل ۾ جائز نه آهي.
    سوال: مسح (مَک) ڪهڙي طرح ڪجي؟
    جواب: هٿ جون آڱريون پاڻيءَ سان پُسائي پوءِ ٽي آڱريون پيرن جي پٻ جي مٿان رکي مٿي ڇڪي، آڱريون پوريون پوريون رکڻ گهرجن صرف انهن جون چوٽيون رکڻ ڪافي نه آهن.
    سوال: ڦاٽل موزي تي مَک جائز آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن موزو ايترو ڦاٽي ويو آهي جو پير جي ٽن ننڍين آڱرين جي برابر پير کُلي يا هلڻ ۾ کُلي پوي ته پوءِ ان تي مَک جائز نه آهي پر جي ان کان گهٽ ڦاٽل آهي ته پوءِ مَک جائز آهي.


    جبيره تي مسح (مَک) ڪرڻ جو بيان

    جبيره تي مسح (مَک) ڪرڻ جو بيان
    سوال: جبيره ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: جبيره اها ڪاٺي آهي جا ڀڳل هڏيءَ کي صحيح ڪرڻ لاءِ پٽي سان ٻڌي ويندي آهي مگر هتي جبيره مان اها ڪاٺي يا زخم جي پٽي يا ملم جو پهو جيڪو ڪجهه به هجي اهو مُراد آهي.
    سوال: ان ڪاٺي يا پٽي يا پهي تي مَک ڪرڻ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ان ڪاٺيءَ يا پٽيءَ جو کولڻ ۽ پهي جو لاهڻ نقصان پهچائي يا سخت تڪليف ٿيندي هجي ته ان ڪاٺيءَ، پٽيءَ يا پهي تي مسح (مَک) ڪري ته جائز آهي.
    سوال: ڪيتري پٽيءَ تي مَک ڪري؟
    جواب: سڄي پٽيءَ تي مَک ڪرڻ گهرجي، توڙي ان جي هيٺان ڦٽ هجي يا نه هجي.
    سوال: جيڪڏهن پٽي کولڻ سان نقصان ۽ تڪليف نه ٿئي پوءِ ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن زخم کي پاڻيءَ سان ڌوئڻ جي ڪري نقصان نه پهچي ته پوءِ ان کي ڌوئڻ ضروري آهي پر جي پاڻيءَ سان ڌوئڻ نقصان ڪري ليڪن مَک نقصان نه ڪري ته زخم تي مَک ڪرڻ واجب آهي ۽ زخم تي مَک ڪرڻ به نقصان ڪري ته ان وقت پٽي يا پهي تي مَک ڪرڻ جائز آهي.


    نجاستِ حقيقي جو بيان

    نجاستِ حقيقي جو بيان
    سوال: نجاست حقيقي جا گهڻا قسم آهن؟
    جواب: نجاست حقيقي جا ٻه قسم آهن. هڪ نجاست غليظه ۽ ٻي نجاست خفيفه!
    سوال: نجاست غليظه ۽ نجاست خفيفه ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: جيڪا پليتي سخت هجي ان کي نجاست غليظه چئبو آهي ۽ جيڪا پليتي هلڪي هجي ان کي نجاست خفيفه چوندا آهن.
    سوال: نجاست غليظه جون ڪهڙيون شيون آهن؟
    جواب: ماڻهوءَ جو پيشاب، ڪاڪوس، جانورن جو ڇيڻو، حرام جانورن جو پيشاب ۽ ماڻهو يا جانور جو وهندڙ رَت، شراب ۽ ڪُڪڙ يا بدڪ جي وِٺ اهي نجاست غليظه آهن.
    سوال: نجاست خفيفه جون ڪهڙيون شيون آهن؟
    جواب: حلال جانورن جو پيشاب ۽ حرام پکين جي وِٺ نجاست خفيفه آهن.
    سوال: نجاست غليظه ڪيتري قدر معاف آهي؟
    جواب: نجاست غليظه جيڪڏهن گهاٽي آهي جيئن ڪاڪوس ته اها ساڍن ٽن ماسن تائين معاف آهي ۽ جيڪڏهن پٽڙي آهي جيئن شراب يا پيشاب ته پوءِ اها هڪ چانديءَ جي رُپئي جي پکيڙ جيتري معاف آهي، معاف هجڻ جو مطلب هيءُ آهي ته جيڪڏهن ايتري پليتي بدن يا ڪپڙي تي لڳل هوندي ۽ نماز پڙهي ڇڏيائين ته نماز ٿي ويندي مگر مڪروهه ٿيندي ۽ ارادي سان ايتري نجاست جائز نه آهي.
    سوال: نجاست خفيفه ڪيتري معاف آهي؟
    جواب: ڪپڙي جي چوٿين حصي يا عضوي جي چوٿين حصي کان گهٽ هجي ته معاف آهي.
    سوال: نجاست حقيقي کان ڪپڙو يا بدن ڪهڙيءَ طرح پاڪ ڪيو وڃي؟
    جواب: نجاست حقيقي کڻي غليظ هجي يا خفيف ڪپڙي تي هجي يا بدن تي اها پاڻيءَ سان ٽي دفعا ڌوئڻ سان پاڪ ٿي وڃي ٿي، پر ڪپڙن کي ٽي دفعا نپوڙڻ به ضروري آهي.
    سوال: پاڻيءَ کانسواءِ ٻي ڪنهن شيءِ سان به پليتي پاڪ ٿي سگهندي يا نه؟
    جواب: هائو! جيڪي شيون پٽڙيون ۽ وهڻ واريون آهن، جيئن سُرڪو يا ڇانهين وغيره جو پاڻي انهن سان ڌوئڻ ڪري به نجاست حقيقي پاڪ ٿي وڃي ٿي.


    استنجاء (طهارت) جو بيان

    استنجاء (طهارت) جو بيان
    سوال: (استنجاء طهارت) ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: ڪاڪوس يا پيشاب ڪرڻ کانپوءِ جيڪا پليتي بدن تي لڳل رهي ان کان پاڪ ٿيڻ کي استنجاء يا طهارت چئبو آهي.
    سوال: پيشاب ڪرڻ کانپوءِ استنجاء ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: پيشاب ڪرڻ کانپوءِ مِٽيءَ جي پاڪ پٿر سان پيشاب کي سُڪائڻ گهرجي. ان کانپوءِ پاڻيءَ سان ڌوئڻ گهرجي.
    سوال: ڪاڪوس ڪرڻ کانپوءِ استنجاء ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: ڪاڪوس ڪرڻ کانپوءِ مٽيءَ جا ٽي يا پنج پٿر کڻي انهن سان ڪاڪوس جي جاءِ کي صاف ڪري پوءِ پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏجي.
    سوال: استنجاء ڪرڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪاڪوس يا پيشاب پنهنجي جاءِ کان وڌي هيڏانهن هوڏانهن نه لڳو هجي ته پوءِ استنجاء ڪرڻ مُستحب آهي ۽ جيڪڏهن اها پليتي هيڏانهن هوڏانهن لڳي هجي مگر هڪ درهم جي برابر يا ان کان گهٽ لڳل هجي ته استنجاء ڪرڻ سُنت آهي ۽ جيڪڏهن هڪ درهم کان وڌيڪ لڳل هجي ته استنجاء ڪرڻ فرض آهي.
    سوال: استنجاء ڪهڙين شين سان ڪرڻ جائز آهي؟
    جواب: پاڪ مٽيءَ جي پاڪ کڙن سان يا پٿر سان.
    سوال: استنجاء ڪهڙي هٿ سان ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: کاٻي هٿ سان ڪرڻ گهرجي ساڄي هٿ سان استنجاء ڪرڻ مڪروهه آهي.
    سوال: استنجاء ڪهڙين شين سان ڪرڻ مڪروهه آهي؟
    جواب: هڏي، لِڏ، ڇيڻي ۽ کاڌي جي شين، ڪوئلي، ڪپڙي ۽ ڪاغذ سان استنجاء مڪروهه آهي.


    پاڻيءَ جو بيان

    پاڻيءَ جو بيان
    سوال: ڪهڙن قسمن جي پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ جائز آهي؟
    جواب: مينهن جو پاڻي، چشمي يا کوهه جو پاڻي ندي يا سمنڊ جو پاڻي، پگهريل برف يا ڳڙن جو پاڻي، وڏي تلاءُ يا وڏي حوض جو پاڻي، انهن قسمن جي پاڻين سان وضو ۽ غُسل ڪرڻ جائز آهي.
    سوال: ڪهڙي پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ ناجائز آهي؟
    جواب: ميوي يا ڪنهن وڻ جو نپوڙيل پاڻي، اهو پاڻي جنهن جو رنگ، بوءِ ۽ مزو ڪنهن پاڪ شيءِ جي گڏجي وڃڻ سبب بدلجي ويو هجي ۽ پاڻي گهاٽو ٿي ويو هجي. اهڙو پاڻي جو ٿورو هجي ۽ ان ۾ ناپاڪ شيءِ ڪري پئي هجي يا ڪو جانور ڪري مري ويو هجي، اهو پاڻي جنهن سان وضو يا غُسل ڪيو ويو هجي، اهو پاڻي جنهن تي نجاست جو اثر غالب هجي، حرام جانورن جو اوڀارو پاڻي، وڏف، گلاب يا ٻيءَ ڪنهن دوا جو ڪڍيل عرق.
    سوال: جنهن پاڻيءَ سان غُسل ڪيو ويو هجي، اُن کي ڇا چئبو آهي؟
    جواب: اهڙي پاڻي کي مُستمعل پاڻي چوندا آهن اهو پاڻي پاڪ آهي پر ان سان غُسل يا وضو ڪرڻ جائز نه آهي.
    سوال: ڪهڙن جانورن جو اوڀارو پاڻي ناپاڪ آهي؟
    جواب: ڪُتي، سُوئر، شڪاري چوپائي جو اوڀارو پاڻي ناپاڪ آهي، اهڙي طرح ٻلي ڪُئو يا ٻيو جانور کائي هڪدم پاڻي پيئي ته ان جو اوڀارو به پليت آهي، جيڪو ماڻهو شراب پي يڪدم پاڻي پيئي ته ان جو اوڀارو به ناپاڪ آهي.
    سوال: ڪهڙي جانور جو اوڀارو پاڻي مڪروهه آهي؟
    جواب: ٻلي (شرط هي آهي ته ان هڪدم ڪُئو نه کاڌو هجي) ڪُئو، ڪرڙي، گهمندڙ ڪُڪڙ، پليتي کائيندڙ ڳئون، مينهن، ڪانءُ، سرڻ، باز ۽ ٻين سڀني حرام جانورن جو اوڀارو پاڻي مڪروهه آهي.
    سوال: ڪهڙن جانورن جو اوڀارو پاڻي پاڪ آهي؟
    جواب: انسان ۽ حلال جانورن جو اوڀارو پاڻي پاڪ آهي، جيئن ڳئون، ٻڪري، ڪبوتر، ڳيرو، گهوڙو وغيره.
    سوال: ڪهڙو پاڻي نجاست پوڻ سان ناپاڪ ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: سواءِ ٻن پاڻين جي ٻيا سڀ پاڻي پليتي پوڻ سان ناپاڪ ٿي وڃن ٿا. (1) نديءَ يا درياءَ جو وهندڙ پاڻي، (2) بيٺل تمام گهڻو پاڻي جيئن وڏي تلاءَ يا وڏي حوض جو پاڻي.
    سوال: بيٺل گهڻي پاڻيءَ جو مقدار ڪيترو هئڻ گهرجي؟
    جواب: جيڪو بيٺل پاڻي نمبرن واري گز سان ساڍا پنج گز اُونهو ۽ ساڍا پنج گز ويڪرو هجي يا اهو زياده پاڻي آهي. جيڪو حوض يا تلاءَ ايڏو وڏو هجي اهو وڏو حوض ۽ وڏو تلاءُ سمجهيو ويندو.
    سوال: نجاست ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪهڙي شيءِ سان ٿورو پاڻي به پليٽ ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ڪو اهڙو جانور ڪري مري وڃي جنهن ۾ وهندڙ رت هجي ته ناپاڪ ٿي وڃي ٿو، جيئن جهرڪي، ڪُڪڙ، ڪبُوتر، ٻلي ۽ ڪُئو وغيره.
    سوال: وڏي تلاءَ ۽ حوض جو پاڻي ڪڏهن ناپاڪ ٿئي ٿو؟
    جواب: جڏهن ان ۾ پليتيءَ جو رنگ، ذائقو يا بانس ظاهر ٿي وڃي.
    سوال: ڪهڙن جانورن جي پاڻيءَ ۾ مري وڃڻ سان پاڻي پليت نٿو ٿئي؟
    جواب: جيڪي جانور پاڻيءَ ۾ پيدا ٿين ۽ رهن ٿا، جيئن مڇي، ڏيڏر ۽ اُهي جانور جن ۾ وهندڙ رت نه آهي، جيئن مک، مڇر، ڀونئر، ڪرڙي ۽ ماڪوڙي انهن جي مرڻ سان پاڻي پليت نٿو ٿئي.


    کوهه جو بيان

    کوهه جو بيان
    سوال: کوهه ڪهڙين شين سان ناپاڪ ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: جيڪڏهن پليتي غليظه يا خفيفه کوهه ۾ ڪري پوي يا ڪو وهندڙ رت وارو جانور کوهه ۾ ڪري مري وڃي ته کوهه ناپاڪ ٿي ويندو.
    سوال: جيڪڏهن کوهه ۾ ڪو جانور ڪري ۽ پوءِ جيئرو ڪڍيو وڃي ته کوهه پاڪ رهندو يا پليت ٿي پوندو؟
    جواب: جيڪڏهن اهڙو جانور ڪري جو ان جو اوڀارو ناپاڪ آهي، يا اهو جانور ڪري جنهن جي بدن تي پليتي لڳل هجي ته کوهه ناپاڪ ٿي ويندو، اهو حلال يا حرام جانور جنهن جو اوڀارو ناپاڪ ناهي ۽ ان جي بدن تي پليتي به لڳل ناهي، پوءِ اهو ڪري ۽ جيئرو نڪري ته جيستائين ان جي پيشاب يا ڪاڪوس ڪرڻ جو يقين نه ٿئي، کوهه ناپاڪ نه ٿيندو.
    سوال: کوهه جڏهن ناپاڪ ٿي پوي ته ان جي پاڪ ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: کوهه جي پاڪ ڪرڻ جا پنج طريقا آهن:
    (1) جڏهن کوهه ۾ پليتي ڪري ته ان جو سڀ پاڻي ڪڍڻ سان پاڪ ٿي ويندو. (2) جڏهن ماڻهو يا سُوئر يا ڪتو يا ٻلي يا انهن جيڏو جانور يا انهن کان ڪو ٻيو وڏو جانور ڪري مري وڃي ته سڀ پاڻي ڪڍڻو پوندو. (3) ۽ جڏهن ڪو وهندڙ رَت وارو جانور کوهه ۾ ڪري ۽ سُڄي يا ڦاٽي پوي ته سڀ پاڻي ڪڍڻو پوندو، پوءِ جانور ننڍو هجي يا وڏو. (4) ۽ جڏهن ڪبوتر يا ڪُڪڙ يا ٻلي يا ايترو ئي ڪو وڏو جانور ڪري مري ويو ليڪن سُڄيو نه آهي ته پوءِ چاليهه ڏول ڪڍڻا پوندا. (5) جيڪڏهن ڪُئو، جهرڪي يا ايترو ئي وڏو ڪو ٻيو جانور ڪري مري ويو ته ويهه ڏول ڪڍڻا پوندا. ويهن جي جاءِ تي ٽيهه ۽ چاليهن جي جاءِ تي سَٺ ڏول ڪڍڻ مُستحب آهي.
    سوال: جيڪڏهن مُئل جانور کوهه ۾ ڪِري پوي ته ان جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: مري ويل جانور جي ڪري پوڻ جو اهو ئي حُڪم آهي جو کوهه ۾ ڪِري مري ويل جي باري ۾ بيان ٿيو. مثلاً ٻڪري مُئل ڪِري ته سمورو پاڻي ڪڍيو ويندو ۽ ٻلي مُئل ڪري ته چاليهه يا سٺ ڏول ۽ ڪُئو مُئل ڪريو ته ويهه يا ٽيهه ڏول ڪڍيا ويندا.
    سوال: جيڪڏهن سُڄيل يا ڦاٽل جانور ڪري ته ان لاءِ ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: سڀ پاڻي ڪڍيو ويندو اهڙي طرح جو کوهه ۾ جانور ڪري مري، سُڄي يا ڦاٽي پوي.
    سوال: جيڪڏهن کوهه مان مُئل جانور نڪري ۽ معلوم نه هجي ته ڪڏهن ڪريو آهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جنهن وقت اهو ڏٺو وڃي ان وقت کان کوهه ناپاڪ سمجهيو ويندو.
    سوال: ڏول مان ڪيتري انداز جو ڏول آهي؟
    جواب: جنهن به کوهه تي جيڪو ڏول رکيل آهي اهو معتبر سمجهيو ويندو.
    سوال: جيترا ڏول ڪڍڻا آهن، اهي هڪ ئي دفعي ڪڍڻ گهرجن يا ڪيترا به دفعا ڪري ڪڍڻ جائز آهي؟
    جواب: ڪيترا ڀيرا ڪري ڪڍڻ به جائز آهي، مثلاً سٺ ڏول ڪڍڻا آهن، ويهه صُبح جو ڪڍيا ويا، ويهه ٻن پهرن جو ۽ ويهه شام جو ته اهو به جائز آهي.
    سوال: جنهن ڏول ۽ رسيءَ سان ناپاڪ کوهه جو پاڻي ڪڍيو وڃي، اهي پاڪ آهن يا ناپاڪ؟
    جواب: جڏهن ايترو پاڻي ڪڍيو وڃي جيترو ڪڍڻ گهرجي، تڏهن کوهه ۽ رسي سڀ پاڪ ٿي ويندا.


    حصو ٽيون: تعليم الايمان اسلامي عقيدا

    توحيد

    سوال: توحيد جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: دل سان الله تعاليٰ کي هڪ سمجهڻ ۽ زبان سان انهيءَ جي اقرار ڪرڻ کي توحيد چون ٿا.
    سوال: الله تعاليٰ جي هڪ هجڻ جي مخلوق کي ڪهڙي طرح خبر پئي؟
    جواب: پهريائين ته انساني عقل (هن شرط سان ته عقل صحيح هجي) الله تعاليٰ جي موجود هُجڻ ۽ انهيءَ جي هڪ هجڻ جو يقين رکي ٿو ۽ انهيءَ ڪري دُنيا ۾ وڏا وڏا عقلمند، حڪيم ۽ فلسفي ٿيا آهن اهي سڀ الله تعاليٰ جي توحيد جا قائل آهن. ٻيو هيءُ ته الله تعاليٰ جي نبين اتفاق سان مخلوق کي توحيد جي تعليم ڏني ۽ ٻُڌايو ته الله تعاليٰ هڪ آهي، انهيءَ جهڙو ٻيو ڪو به نه آهي.
    سوال: ڇا قرآن مجيد ۾ توحيد جي تعليم ڏني ويئي آهي؟
    جواب: هائو! قرآن مجيد ۾ توحيد جي تعليم ڪامل طريقي ۽ اعليٰ درجي تي ڏني وئي آهي، بلڪه اڄ دنيا ۾ فقط قرآن مجيد ئي اهڙو ڪتاب آهي جو خالص توحيد جي تعليم ڏيئي ٿو جيتوڻيڪ اڳين آسماني ڪتابن ۾ به توحيد جي تعليم ڏني ويئي هئي، پر انهن سڀني ڪتابن ۾ ماڻهن تبديل ڪري ۽ توحيد جي خلاف ڳالهيون داخل ڪيون ۽ الله تعاليٰ جي موڪليل آسماني تعليم کي مٽائي ڇڏيو، انهيءَ اصلاح لاءِ ۽ سچي توحيد کي دُنيا ۾ پکيڙڻ لاءِ الله تعاليٰ حضرت محمدﷺ جن کي موڪليو ۽ پنهنجو خاص ڪتاب قرآن مجيد نازل فرمايو ۽ انهيءَ ۾ صاف صاف، سچي ۽ خالص توحيد جي تعليم ڏنائين.
    سوال: قرآن مجيد جي ڪهڙين آيتن مان توحيد ثابت ٿئي ٿي؟
    جواب: پوري قرآن مجيد ۾ منڍ کان آخر تائين توحيد جي تعليم ڀريل آهي ڪجهه آيتون هي آهن: وَ اِلٰـہُكُمْ اِلٰہٌ وَّاحِدٌ ۚ لَاۤ اِلٰہَ اِلَّا ہُوَ الرَّحْمٰنُ الرَّحِیۡمُ (سُورة بقره ع 10) يعني الله تعاليٰ شاهد آهي ته الله کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي ۽ ملائڪ ۽ علم وارا به انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿا ته اهو انصاف قائم رکندڙ آهي. انهيءَ کانسواءِ ڪو به معبود نه آهي اهو وڏي حڪمت وارو آهي.
    اهڙي طرح ٻيون ڪيتريون ئي آيتون الله جي توحيد جي تعليم ڏين ٿيون. جيئن (قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ) يعني تون چئو ته الله تعاليٰ هڪ آهي.
    سوال: الله تعاليٰ جو ذاتي نالو ڇا آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ جو ذاتي نالو ”الله“ آهي، انهيءَ کي اسمِ ذات ۽ اسمِ ذاتي به چون ٿا.
    سوال: لفظ ”الله“ کانسواءِ الله تعاليٰ جي ٻين نالن کي (جيئن خالق، رزاق وغيره آهن) انهن کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: لفظ الله کانسواءِ الله تعاليٰ جي ٻين نالن کي صفاتي نالا چون ٿا.
    سوال: صفاتي نالي جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ جون گهڻيون ئي صفتون آهن، جيئن قديم هُجڻ يعني هميشه کان هجڻ ۽ هميشه رهڻ، عالم يعني هر شيءِ کي ڄاڻندڙ هجن، قادر يعني هر شيءِ تي انهيءَ جي طاقت قدرت هجڻ، حّي يعني زندهه هجڻ وغيره ته جيڪو نالو هنن صفتن مان ڪنهن به صفت کي ظاهر ڪري انهيءَ کي صفاتي نالو چون ٿا.
    هن جو مثال هن طرح سمجهو جيئن هڪ شخص جو نالو جميل آهي جيڪو فقط انهيءَ جي ذات جي لحاظ کان سُڃاڻڻ جي لاءِ رکيو ويو آهي انهيءَ ۾ ڪنهن به صفت جو لحاظ نه آهي، پر انهيءَ علم به سکيو آهي، لکڻ به ڄاڻي ٿو، قرآن مجيد به ياد ڪيو اٿس. انهن صفتن جي لحاظ کان انهيءَ کي عالم، منشي، حافظ ۽ چون ٿا ته جميل انهيءَ جو ذاتي نالو آهي ۽ عالم، منشي، حافظ صفاتي نالا چيا ويندا، ڇو ته انهيءَ جي علم جي صفت يا لکڻ جي ڄاڻن جي صفت يا قرآن مجيد ياد هجڻ جي صفت جي لحاظ کان هيءُ نالا رکيا ويا آهن.
    اهڙيءَ طرح لفظ ”الله“ ته الله تعاليٰ جو ذاتي نالو آهي يا اسم ذات آهي. خالق، قادر، عالم ۽ مالڪ وغيره انهيءَ جا صفاتي نالا آهن.
    سوال: الله تعاليٰ جو ذاتي نالو ته هڪ لفظ ”الله“ آهي، انهيءَ جا صفاتي نالا ڪيترا آهن؟
    جواب: قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي:
    وَ لِلہِ الۡاَسْمَآءُ الْحُسْنٰی فَادْعُوۡہُ بِہَا۔(سُورة اعراف رڪوع 24) يعني الله تعاليٰ جا گهڻائي چڱا نالا آهن ته انهيءَ کي انهن نالن سان پُڪاريو.
    ٻيو حديث شريف ۾ آهي اِنَّ للہِ تِسْعَۃَ وَ تِسعِیْنَ اِسمًا مِّائَۃَ اَلَّا وَاحِدًا۔ (صحيح بخاري) بيشڪ الله تعاليٰ جا نوانوي يعني هڪ گهٽ سؤ نالا آهن.


    ملائڪ (فرشتا)

    ملائڪ (فرشتا)
    سوال: مقرب ملائڪن کانسواءِ ٻين سڀني ملائڪن جو مرتبو پاڻ ۾ برابر آهي يا گهٽ وڌ مرتبو رکن ٿا.
    جواب: چار مقرب ملائڪ جن جا نالا توهان تعليم الاسلام حصي ٻئي ۾ پڙهي چُڪا آهيو اهي سڀني ملائڪن کان افضل آهن. انهن کانسواءِ ٻيا ملائڪ به پاڻ ۾ گهٽ وڌ مرتبو رکن ٿا، ڪي وڌيڪ مقرب آهن ته ڪي گهٽ.
    سوال: ملائڪ ڪهڙو ڪم ڪندا آهن؟
    جواب: سڀني آسمانن ۽ زمينن ۾ بي حساب ملائڪ مختلف ڪمن تي مُقرر آهن، هن طرح سمجهو ته آسمانن ۽ زمين جا سڀ انتظام الله تعاليٰ ملائڪن جي حوالي ڪيا آهن ۽ ملائڪ سڀ انتظام الله تعاليٰ جي حُڪم مطابق پورا ڪندا رهندا آهن.
    سوال: ملائڪن جا ڪُجهه ڪم ٻڌايو؟
    جواب: حضرت جبرائيل عليه السلام الله تعاليٰ جا احڪام ۽ ڪتاب نبين وٽ آڻيندو هو، ڪجهه دفعا انبياء عليهم السلام جي مدد ڪرڻ ۽ الله ۽ رسُول جي دشمنن سان لڙائي جي لاءِ به موڪليا ويا، ڪجهه دفعا الله تعاليٰ جي نافرمان ٻانهن تي عذاب به انهيءَ جي ذريعي موڪليو ويو. حضرت ميڪائيل عليه السلام مخلوق کي روزي پهچائڻ ۽ مينهن وغيره جي انتظام تي مُقرر آهي ۽ گهڻائي ملائڪ انهيءَ جي هٿ هيٺان ڪم ڪندا آهن. ڪجهه ڪڪرن جي انتظام تي مقرر آهن، ڪجهه هوائن جي انتظام تي مقرر آهن ۽ ڪجهه دريائن، تلائن ۽ نهرن تي مقرر آهن، ۽ انهن سڀني شين جو انتظام الله تعاليٰ جي حڪم مطابق ڪندا آهن.
    حضرت اسرافيل عليه السلام قيامت جي ڏينهن صُور ڦوڪيندو.
    حضرت عزرائيل عليه السلام مخلوق جي ساهه ڪڍڻ تي مقرر آهي ۽ انهيءَ جي هٿ هيٺان به بي حساب ملائڪ ڪم ڪندا آهن.
    نيڪ ٻانهن جي ساهه ڪڍڻ وارا ملائڪ جدا آهن، انهن کانسواءِ ملائڪن جا ڪجهه ڪم هي آهن:
    (1) هر انسان سان ٻه ملائڪ رهندا آهن، هڪ ملائڪ انهيءَ جا چڱا ڪم لکندو آهي ۽ ٻيو خراب ڪم لکندو آهي. انهن ملائڪن کي ڪِرامًا•ڪاتبين چون ٿا.
    (2) ڪجهه ملائڪ انسان جي آفتن ۽ مصيبتن کان حفاظت ڪرڻ تي مُقرر آهن. ٻارن، پوڙهن، ڪمزورن جي ۽ جن ماڻهن جي باري ۾ الله تعاليٰ جو حُڪم ٿيندو آهي، انهي جي حفاظت ڪندا آهن.
    (3) ڪجهه ملائڪ انسان جي مري وڃڻ کانپوءِ قبر ۾ انهيءَ کان سوال ڪرڻ تي مقرر آهن. هر انسان جي قبر ۾ ٻه ملائڪ اچن ٿا، انهن کي مُنڪر ۽ نڪير چوندا آهن.
    (4) ڪُجهه ملائڪ هن ڪم تي مُقرر آهن ته دنيا ۾ ڦرندا رهن ٿا ۽ جتي الله تعاليٰ جو ذڪر ٿيندو هجي، وعظ ٿيندو هجي، قرآن مجيد پڙهيو ويندو هجي، درود شريف پڙهيو ويندو هجي، دين جي علم جي تعليم ٿيندي هجي، اهڙين مجلسن ۾ حاضر ٿين ۽ جيترا ماڻهو انهيءَ مجلس ۾ انهيءَ نيڪ ڪم ۾ شريڪ هُجن، انهن جي شرڪت جي الله تعاليٰ جي سامهون شاهدي ڏين.
    دنيا ۾ جيڪي ملائڪ ڪم ڪندا آهن، انهن جي صُبح ۽ شام تبديلي به ٿيندي آهي. صبح جي وقت رات وارا ملائڪ آسمانن تي هليا وڃن ٿا ۽ ڏينهن ۾ ڪم ڪندڙ اچن ٿا ۽ وچين جي نماز کانپوءِ ڏينهن وارا ملائڪ هليا وڃن ٿا ۽ رات ۾ ڪم ڪندڙ اچي وڃن ٿا.
    (5) ڪُجهه ملائڪ جنت جو انتظام ۽ انهيءَ جي ڪاروبار تي مقرر آهن.
    (6) ڪجهه ملائڪ دوزخ جي انتظام تي مقرر آهن.
    (7) ڪجهه ملائڪ الله تعاليٰ جي عرش کي کڻندڙ آهن.
    (8) ڪجهه ملائڪ الله تعاليٰ جي عبادت، تسبيح ۽ تقديس ۾ مشغول رهن ٿا.
    سوال: هيءُ ڪيئن معلوم ٿيو ته ملائڪ هيءُ ڪم ڪن ٿا؟
    جواب: اهي سڀ ڳالهيون قرآن شريف ۽ حديثن ۾ بيان ٿيل آهن.


    الله تعاليٰ جا ڪِتاب

    الله تعاليٰ جا ڪِتاب
    سوال: تورات، زبور ۽ انجيل جو آسماني ڪتاب هجڻ ڪيئن معلوم ٿيو؟
    جواب: انهن ٽنهي ڪتابن جو آسماني ڪتاب هجڻ قرآن شريف مان ثابت آهي. توريت جي باري ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي: اِنَّاۤ اَنۡزَلْنَا التَّوْرٰىۃَ فِیۡہَا ہُدًی وَّنُوۡرٌ(سورة مائده ع 7) ”بيشڪ اسان تورات لاٿو، انهيءَ ۾ هدايت ۽ نور آهي.“
    زبور جي باري ۾ فرمايو: وَّ اٰتَیۡنَا دَاوٗدَ زَبُوۡرًا (سورة نساء ع 23) ”اسان دائود کي زبو ڏنو.“
    انجيل جي باري ۾ فرمايو: وَ قَفَّیۡنَا بِعِیۡسَی ابْنِ مَرْیَمَ وَ اٰتَیۡنٰہُ الْاِنۡجِیۡلَ (سورة حديد ع 4) ”اسان عيسيٰ پٽ مريم کي موڪليو ۽ انهن کي انجيل ڏنو.“
    پوءِ مسلمانن کي قرآن مجيد جي ذريعي سان انهن ٽنهي ڪتابن جو آسماني هجڻ معلوم ٿيو.
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو تورات، زبور ۽ انجيل کي الله تعاليٰ جا ڪتاب نه مڃي ته اهو ڪيئن آهي؟
    جواب: اهڙو ماڻهو ڪافر آهي، ڇو ته انهن ڪتابن جو الله تعاليٰ جا ڪتاب هجڻ قرآن شريف مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪو ماڻهو انهن کي الله تعاليٰ جا ڪتاب نه ٿو مڃي، اهو قرآن مجيد جي ٻُڌايل ڳالهه کي نٿو مڃي ۽ جيڪو قرآن مجيد جي ٻُڌايل ڳالهه کي نٿو مڃي ته اهو ڪافر آهي.
    سوال: ته ڇا هيءُ تورات، زبور ۽ انجيل جيڪي عيسائن وٽ موجود آهن، اهي اصلي آسماني تورات، زبور ۽ انجيل نه آهن؟
    جواب: نه! ڇو ته قرآن مجيد مان هيءَ ڳالهه به ثابت ٿئي ٿي ته انهن ڪتابن کي ماڻهن مٽائي ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪري موجوده تورات، زبور ۽ انجيل اهي آسماني ڪتاب نه آهن، بلڪه انهن ۾ تبديلي ٿيل آهي، انهيءَ ڪري انهن موجوده ٽنهي ڪتابن جي متعلق هيءُ يقين نه رکڻ گهرجي ته هي آسماني ڪتاب آهن.
    سوال: هيءُ ڪيئن معلوم ٿيو ته ڪُجهه نبين تي صحيفا به لٿا هُئا؟
    جواب: قرآن مجيد مان ثابت آهي ته ڪجهه نبين تي صحيفا به لٿا هُئا، حضرت ابراهيم عليه السلام جي صحيفن جو بيان سورة سَبِّحِ اسْمَ رَبِّکَ الْاَعْلَی ۾ موجود آهي.
    سوال: قرآن مجيد الله تعاليٰ جو ڪتاب آهي يا الله تعاليٰ جو ڪلام آهي؟
    جواب: قرآن مجيد الله تعاليٰ جو ڪتاب به آهي ۽ الله تعاليٰ جو ڪلام به آهي. قرآن مجيد ۾ انهيءَ کي ڪتاب الله به فرمايو ويو آهي ۽ ڪلام الله به.
    سوال: تورات، زبور، انجيل ۽ قرآن مجيد مان افضل ڪهڙو ڪتاب آهي؟
    جواب: قرآن مجيد سڀني کان افضل آهي.
    سوال: قرآن مجيد کي اڳين ڪتابن تي ڪهڙي فضيلت حاصل آهي؟
    جواب: گهڻيون ئي فضيلتون آهن، جن مان ڪُجهه فضيلتون هي آهن:
    (1) قرآن مجيد جو هڪ هڪ حرف ۽ هڪ هڪ لفظ محفوظ آهي. هن ۾ هڪ نقطو به گهٽ وڌ نه ٿيو آهي ۽ نه قيامت تائين ٿي سگهندو ۽ اڳين ڪتابن ۾ ماڻهن تبديليون ڪري ڇڏيون.
    (2) قرآن مجيد جي عبارت اهڙي درجي جي عبارت آهي جو انهيءَ جي ننڍي مان ننڍي سورة جهڙي ڪو به ماڻهو نٿو ٺاهي سگهي.
    (3) قرآن مجيد آخري شريعت جا حڪم آندا آهن، انهيءَ ڪري هن جي حڪمن اڳين ڪتابن جي حُڪمن کي منسوخ ڪيو آهي.
    (4) اڳيان ڪتاب هڪ ئي دفعو گڏ نازل ٿيا ۽ قرآن مجيد ٽيويهن سالن تائين ضرورتن جي لحاظ کان ٿورو ٿورو نازل ٿيندو رهيو آهي. آهستي آهستي ۽ ضرورتن جي وقت لهڻ جي ڪري ماڻهن جي دلين ۾ ويهندو ويو ۽ سوين هزارين ماڻهن انهيءَ جا حُڪم قبول ڪندا ۽ مسلمان ٿيندا ويا.
    (5) قرآن مجيد لکين مسلمانن جي سينن ۾ محفوظ آهي ۽ هيءُ سيني کان سيني تائين حفاظت رسول اڪرمﷺ جي مُبارڪ زماني کان اڄ تائين برابر هلندي اچي ٿي ۽ انشاءَالله قيامت تائين جاري رهندي.
    انهيءَ سيني کان سيني تائين حفاظت جي سبب کان اسلام جي دشمنن کي ڪنهن به وقت هيءُ موقعو نه مليو جو قرآن ۾ گهٽ وڌ ڪري سگهن يا انهيءَ کي دنيا مان گم ڪري ڇڏين ۽ نه (الله گُهري) قيامت تائين اهڙو موقعو ملندُن.
    (6) قرآن مجيد جا حڪم اهڙا معتدل آهن جو هر زماني ۾ هر قوم جي مناسب آهن، دنيا ۾ ڪا به اهڙي قوم نه آهي جو اها قرآن مجيد جي حُڪمن تي عمل ڪرڻ کان عاجز هجي، جيئن ته قرآن مجيد جا حڪم هر زماني ۽ هر قوم جي مناسب آهن، انهيءَ ڪري قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن ٻي شريعت ۽ آسماني ڪتاب جي ضرورت نه رهي ۽ رسول اللهﷺ جي رسالت پوري دنيا تي عام ڪئي وئي.


    رسالت

    رسالت
    سوال: سڀني نبين جو ڳاڻيٽو ۽ نالا ته معلوم نه آهن مگر مشهور نبين جا ڪجهه نالا ٻُڌايو؟
    جواب: مشهور نبين جا ڪُجهه نالا هي آهن: حضرت آدم عليه السلام، حضرت شيث عليه السلام، حضرت ادريس عليه السلام، حضرت نوح عليه السلام، حضرت ابراهيم عليه السلام، حضرت اسماعيل عليه السلام، حضرت اسحاق عليه السلام، حضرت يعقوب عليه السلام، حضرت يوسف عليه السلام، حضرت دائود عليه السلام، حضرت سليمان عليه السلام، حضرت موسيٰ عليه السلام، حضرت هارون عليه السلام، حضرت يحيٰ عليه السلام، حضرت ذڪريا عليه السلام، حضرت الياس عليه السلام، حضرت يونس عليه السلام، حضرت لوط عليه السلام، حضرت صالح عليه السلام، حضرت هُود عليه السلام، حضرت شُعيب عليه السلام، حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ.
    سوال: پاڻ سڳوراﷺ عرب جي ڪهڙي خاندان مان آهن؟
    جواب: حضور اڪرمﷺ جن قبيلي قريش مان آهن، عرب جي سڀني قبيلن مان قبيلي قريش جي عزت ۽ مرتبو زياده هو. قبيلي قريش جا ماڻهو عرب جي ٻين قبيلن جا سردار مڃيا ويندا هئا، پوءِ قبيلي قريش جي هڪ شاخ بني هاشم هئي، جا قريش جي ٻين شاخن کان زياده عزت واري هئي، حضورﷺ انهيءَ شاخ يعني بني هاشم مان هُئا. انهيءَ ڪري حضورﷺ کي هاشمي به چون ٿا.
    سوال: هاشم ڪير هو جنهن جو اولاد بني هاشم چوائي ٿو؟
    جواب: حضور اڪرمﷺ جي پڙڏاڏي جو نالو هاشم آهي. سندس نسب جو سلسلو هن طرح آهي: محمد پُٽ عبدالله پُٽ عبدالمطلب پٽ هاشم پٽ عبد مناف.
    سوال: پاڻ ڪريمﷺ جي پيڙهي ۾ حضرت آدم عليه السلام کانپوءِ ٻيو به ڪو نبي آهي يا نه؟
    جواب: هائو! پاڻ حضرت اسماعيل عليه السلام جي اولاد مان آهن ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام حضرت ابراهيم خليل الله عليه السلام جا صاحبزاده آهن، انهن ٻنهي کانسواءِ حضرت نوح عليه السلام، حضرت ادريس عليه السلام ۽ حضرت شيث عليه السلام حضور اڪرمﷺ جي نسب جي سلسلي ۾ داخل آهن.
    سوال: حضرت محمد مصطفيٰﷺ کي ڪيتري عُمر ۾ نبوت ملي؟
    جواب: حضورﷺ جي عمر مبارڪ چاليهه سال هئي ته پاڻ سڳورنﷺ تي وحي نازل ٿيو.
    سوال: وحي مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: وحي مان مُراد هيءَ آهي ته الله تعاليٰ پنهنجا حڪم ۽ پنهنجو ڪلام حضورﷺ تي لاهڻ شروع ڪيو.
    سوال: وحي نازل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ڏينهن تائين حضورﷺ زنده رهيا؟
    جواب: ٽيويهه سال، تيرهن سال مڪه معظمه ۾ ۽ ڏهه سال مدينه منوره ۾.
    سوال: مدينه منوره مان پاڻ ڇو هليا ويا؟
    جواب: جڏهن حضورﷺ مڪه معظمه جي ماڻهن کي الله تعاليٰ جي توحيد جي تعليم ڏني ۽ انهن کي فرمايائون ته بُت پُرستي ڇڏيو ۽ هڪ الله تي ايمان آڻيو ته اهي ماڻهو سندن دُشمن ٿي ويا، ڇو ته اهي بُتن جي پوڄا ڪندا هئا ۽ انهن کي معبود سمجهندا هئا ۽ انهن حضورﷺ کي تڪليفون پهچائڻ شروع ڪيون. حضورِ انورﷺ انهن جي عداوت ۽ دشمني جون سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪندا ۽ توحيد جي تعليم ڏيندا ۽ الله تعاليٰ جا حُڪم پهچائيندا رهيا، مگر جڏهن انهن جي دشمني جي ڪا حد باقي نه رهي ۽ سڀني گڏجي حضورﷺ کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته حضور انورﷺ الله تعاليٰ جي حڪم سان پنهنجي پياري وطن مڪه معظمه کي ڇڏي مدينه منوره هجرت ڪري ويا. مدينه منوره جا ماڻهو اڳي ئي مسلمان ٿيا هئا ۽ اهي حضورﷺ جي مديني تشريف آڻڻ جا گهڻو شائق هئا. جڏهن حضور انورﷺ مدينه منوره ۾ پهتا ته انهن مسلمانن حضورﷺ جي ۽ حضورﷺ جي ساٿين جي پنهنجي جان و مال سان مدد ۽ اعانت ڪئي. حضورﷺ جي مدينه منوره ۾ تشريف کڻي وڃڻ جي خبر ٻُڌي ۽ مسلمان به جن کي ڪافر ستائيندا رهندا هئا، آهستي آهستي مدينه منور هليا ويا.
    پاڻ سڳورنﷺ جي مڪه کان مدينه منوره هلي وڃڻ کي هجرت چون ٿا ۽ انهن مسلمانن کي جيڪي پنهنجا گهر ٻار ڇڏي مدينه ۾ هليا ويا انهن کي مهاجر چون ٿا ۽ مدينه جا مسلمان جن پاڻ ڪريمنﷺ ۽ مهاجرن جي مدد ڪئي انهن کي انصار چون ٿا.
    سوال: پاڻ ڪريمﷺ جي دعويٰ نبوت کان اڳ عرب جا ماڻهو کين ڇا چوندا هئا؟
    جواب: نبوت جي دعويٰ ڪرڻ کان اڳ پاڻ سڳورن کي نهايت سچو، پاڪباز، امانتدار ماڻهو سمجهندا هئا. محمد امين چئي سڏيندا هئا، جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته پاڻ انهن وٽ نهايت درجي جا معتبر ۽ سچا ماڻهو هُئا.
    سوال: هن ڳالهه جو ڪهڙو دليل آهي ته حضرت محمدﷺ سڀ کان آخري نبي آهن ۽ پاڻ سڳورن کانپوءِ ٻيو ڪو نبي نه ايندو؟
    جواب: پهريون هيءُ ته قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي خاتم النبيين فرمايو آهي، جنهن جو مطلب هيءُ آهي ته پاڻ سڀني نبين ۾ آخري نبي آهن ٻيو هيءُ ته حضور اڪرمﷺ فرمايو آهي ته: اَنَا خَاتَمَ النَّبِییْنَ لَانَبِیَّ بَعْدِی ”آئون آخري نبي آهيان، مون کان پوءِ ڪو به نبي اچڻ وارو نه آهي.“ ٽيون هي ته الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته: اَلْیَوْمَ اَكْمَلْتُ لَكُمْ دِیۡنَكُمْ وَاَتْمَمْتُ عَلَیۡكُمْ نِعْمَتِیۡ وَرَضِیۡتُ لَكُمُ الۡاِسْلَامَ دِیۡنًا ”اڄ مون اوهان جي لاءِ اوهان جو دين مڪمل ڪيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪئي ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيو.“
    انهيءَ مان ثابت ٿيو ته حضورﷺ جي ذريعي سان الله تعاليٰ دين جي تڪميل ڪئي ۽ هر طرح سان ڪامل ۽ مڪمل دين ٿي ويو، انهيءَ ڪري حضورﷺ کانپوءِ ڪنهن به نبيءَ جي اچڻ جي ضرورت ئي نه آهي.
    سوال: هن ڳالهه جو ڪهڙو دليل آهي ته حضرت محمدﷺ سڀني نبيين کان درجي ۾ وڏا آهن؟
    جواب: حضورﷺ جو سڀني نبين کان افضل هجڻ قرآن مجيد جي ڪيترين ئي آيتن مان ثابت ٿئي ٿو ۽ خود حضورﷺ به فرمايو آهي ته: اَنَا سَیِّدُ وُلْدَ آدَمَ یَوْمَ القِیَامَۃِ ”آئون قيامت جي ڏينهن سموري آدم جي اولاد جو سردار هوندس“ ۽ ظاهر آهي ته اولادِ آدم ۾ سڀ نبي عليهم السلام به داخل آهن ته پاڻ ڪريمﷺ سڀني نبين کان افضل ۽ انهن جا سردار ٿيا.


    اصحابن رضه سڳورن جو بيان

    اصحابن رضه سڳورن جو بيان
    سوال: صحابي ڪنهن کي چون ٿا؟
    جواب: صحابي انهيءَ ماڻهوءَ کي چون ٿا، جنهن ايمان جي حالت ۾ حضورﷺ کي ڏٺو هجي يا سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو هجي ۽ ايمان تي انهيءَ جي وفات ٿي هجي.
    سوال: صحابي ڪيترا آهن؟
    جواب: هزارين آهن جو سندن خدمت ۾ حاضر ٿي مسلمان ٿيا ۽ اسلام تي انهن جو انتقال ٿيو.
    سوال: سڀ صحابي درجي ۾ برابر آهن يا گهٽ وڌ؟
    جواب: صحابي درجي ۾ هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ آهن پر سڀ صحابي باقي اُمت کان افضل آهن.
    سوال: صحابين مان سڀ کان افضل صحابي ڪير آهن؟
    جواب: سڀني صحابين ۾ چار صحابي سڀ کان افضل آهن، پهريون حضرت ابوبڪر صديق رضي الله پوري اُمت کان افضل آهي، ٻيو حضرت عمر فاروق رضي الله جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله کانسواءِ باقي پوري اُمت کان افضل آهي، ٽيون حضرت عثمان غني رضي الله جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله ۽ حضرت عمر رضي الله کان پوءِ سڀ کان افضل آهي. چوٿون حضرت علي رضي الله جيڪو حضرت ابوبڪر رضي الله، حضرت عمر رضي الله ۽ حضرت عثمان رضي الله کانپوءِ سڄي اُمت کان افضل آهي. اهي ئي چار بزرگ حضور اڪرمﷺ کانپوءِ سندن خليفا ٿيا.


    سوال: خليفو هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟

    سوال: خليفو هجڻ جو مطلب ڇا آهي؟
    جواب: حضور اڪرمﷺ جي دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ کانپوءِ دين جي ڪم سنڀالڻ ۽ جيڪي انتظامات حضور‏ﷺ فرمائيندا هئا، انهن کي قائم رکڻ ۾ جيڪو ماڻهو سندن قائم مقام ٿئي انهيءَ کي خليفو چون ٿا.خليفه جي معنيٰ قائم مقام ۽ نائب جي آهي. حضورﷺ جي وفات کانپوءِ سڀني مسلمانن جي اتفاق سان حضرت ابوبڪر صديق رضي الله حضورﷺ جا قائم مقام ٿيا، انهيءَ ڪري هيءُ خليفه پهريان ٿيا. انهيءَ کان پوءِ حضرت عمر فاروق رضي الله ٻيا خليفه ٿيا. انهيءَ کانپوءِ حضرت عثمان غني رضي الله ٽيان خليفه ٿيا، انهيءَ کانپوءِ حضرت علي رضي الله چوٿان خليفه ٿيا. انهن چئني کي خلفاءِ اربعه، خلفاءِ راشدين ۽ چار يار به چون ٿا.
    ولايت ۽ اولياءَ الله جو بيان
    سوال: ولي ڪنهن کي چون ٿا؟
    جواب: جن مسلمانن ۽ رسول اڪرمﷺ جي حڪمن جي تابعداري ڪئي ۽ گهڻي عبادت ڪئي ۽ گناهن کان بچندو رهيو هجي، الله ۽ رسولﷺ جي محبت دنيا جي سڀني شين جي محبت کان وڌيڪ رکندو هجي ته اهو الله جو مقرب ۽ پيارو ٿي وڃي ٿو، انهيءَ کي ولي چون ٿا.
    سوال: ولي جي سڃاڻپ ڇا آهي؟
    جواب: وليءَ جي سڃاڻپ هيءَ آهي ته اهو مسلمان متقي ۽ پرهيزگار هجي، گهڻي عبادت ڪندو هجي. الله ۽ رسولﷺ جي محبت انهيءَ تي غالب هجي، دنيا جو حريص نه هجي. آخرت جو خيال هر وقت اڳيان رکندو هجي.
    سوال: ڇا صحابي کي ولي چئي سگهون ٿا؟
    جواب: هائو! سڀئي صحابي الله جا ولي هئا. ڇو ته رسول اڪرمﷺ جي صحبت جي برڪت سان انهن جي دلين ۾ الله ۽ رسولﷺ جي محبت غالب هئي، دنيا سان محبت نه رکندا هئا، عبادت گهڻي ڪندا هئا، گناهن کان بچندا هئا، الله ۽ رسولﷺ جي حڪمن جي تابعداري ڪندا هئا.
    سوال: ڇا ڪو به صحابي يا ولي ڪنهن نبيءَ جي برابر ٿي سگهي ٿو؟
    جواب: هرگز نه! صحابي يا ولي ڪيترو ئي وڏو درجو رکندو هجي پر ڪنهن به نبيءَ جي برابر نٿو ٿي سگهي.
    سوال: اهڙو ولي جو صحابي نه هجي ته ڪنهن صحابي جي درجي جي برابر يا انهيءَ کان وڌيڪ درجي وارو ٿي سگهي ٿو؟
    جواب: نه! صحابي هجڻ جي فضيلت تمام گهڻي آهي، انهيءَ ڪري ڪو به ولي جيڪو صحابي نه هجي درجي ۾ صحابي جي برابر يا وڌيڪ نٿو ٿي سگهي.
    سوال: ڪجهه ماڻهو شريعت جي خلاف ڪم ڪندا آهن، جيئن نماز نٿا پڙهن، يا ڏاڙهي ڪوڙائيندا آهن ۽ ماڻهو انهن کي ولي سمجهندا آهن ته اهڙن ماڻهن کي ولي سمجهڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: بلڪل غلط آهي، ياد رکو ته اهڙو ماڻهو جيڪو شريعت جي خلاف ڪم ڪندو هجي، هرگز ولي نٿو ٿي سگهي.
    سوال: ڇا ڪي اهڙا ولي به ٿين ٿا جو شريعت جا حڪم جيئن نماز، روزو انهن کان معاف ٿي وڃي؟
    جواب: جيتري تائين ماڻهو هوش و حواس ۾ هجي ۽ انهيءَ جي طاقت ٺيڪ هجي ڪا به عبادت معاف نٿي ٿئي ۽ نه ڪا گناهه جي ڳالهه انهيءَ جي لاءِ جائز ٿئي ٿي، جيڪي ماڻهو هوش و حواس ۽ طاقت صحيح هجڻ جي باوجود عبادت نه ڪن، خلاف شريعت ڪم ڪن ۽ چون ته اسان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز آهي ته اهو بي دين آهي، هرگز ولي نٿو ٿي سگهي.


    معجزه ۽ ڪرامت جو بيان

    معجزه ۽ ڪرامت جو بيان
    سوال: معجزه ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: الله تعاليٰ پنهنجي نبين جي هٿان ڪڏهن اهڙيون خلاف عادت ڳالهيون ظاهر ڪرائيندو آهي جن جي ڪرڻ سان دنيا جا ٻيا ماڻهو عاجز ٿين ٿا، تانته ماڻهو اهڙيون شيون ڏسي سمجهي وٺن ته هيءُ الله جا موڪليل آهن. اهڙين شين کي معجزه چون ٿا.
    سوال: نبين ڪهڙا معجزه ڏيکاريا؟
    جواب: نبين الله جي حُڪم سان بي شُمار معجزا ڏيکاريا، ڪجهه مشهور معجزا هي آهن:
    حضرت موسيٰ عليه السلام جي عصا (هٿ ۾ کڻن جي لَٺ) نانگ جي شڪل ۾ ٿي وئي ۽ جادوگرن جي جادوءَ جي نانگن کي ڳهي ڇڏيندو هو ۽ سندس هٿ ۾ الله تعاليٰ اهڙي چمڪ پيدا ڪئي هئي، جنهن جي روشني سج جي روشني تي غالب ٿي ويندي هئي. حضرت موسيٰ عليه السلام جي لاءِ درياءَ نيل جي وچ ۾ سُڪا رستا ٺاهيا ۽ پاڻ پنهنجن ساٿين سان گڏ انهن رستن تان درياءَ مان لنگهي ويا. جڏهن فرعون جو لشڪر انهن رستن مان ٽپي وڃڻ جي ارادي سان درياءَ جي وچ ۾ پهتو ته پاڻي ملي ويو ۽ فرعون لشڪر سان گڏ ٻڏي ويو.
    حضرت عيسيٰ عليه السلام الله تعاليٰ جي حُڪم سان مئلن کي جيئرو ڪندو هو، ماءُ جي پيٽان ڄاول انڌي کي سڄو ڪندو هو، مٽيءَ جي جهرڪي ٺاهي ان کي جيئرو ڪري اُڏائيندو هو.
    اسان جي پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰﷺ جو وڏو معجزو قرآن مجيد آهي جو جنهن کي اٽڪل ساڍن تيرهن سئو سالن جو عرصو گذري ويو پر اڄ تائين عربي زبان جا وڏا وڏا عالم ۽ فاضل پنهنجي ڪوشش جي باوجود قرآن مجيد جي ننڍي مان ننڍي سورة جهڙي ٺاهي نه سگهيا ۽ نه قيامت تائين ٺاهي سگهندا. ٻيو معجزو پاڻ ڪريمﷺ جو معراج آهي. ٽيون معجزو شق القمر (چنڊ چيرجڻ جو) آهي. چوٿون معجزو حضور اڪرمﷺ جو هيءُ آهي ته پاڻ الله تعاليٰ جي ٻڌائڻ سان گهڻين ڳالهين جي اڳي ئي خبر ڏني ۽ اهي اهڙيءَ طرح ٿيون. پنجون معجزو نبي اڪرمﷺ جو هيءُ آهي ته پاڻ سڳورن جي دعائن جي برڪت سان هڪ ٻن ماڻهن جي کاڌي سان سوين ماڻهو پيٽ ڀري کاڌو.
    انهيءَ کانسواءِ حضور سرور عالمﷺ جا سوين معجزا آهن جن جو بيان تعليم الاسلام جي اڳيئين حصي ۾ ايندو. انشاءَ الله تعاليٰ.
    سوال: معراج ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: الله تعاليٰ جي حُڪم سان حضورِ انورﷺ رات جو جاڳندي بُراق تي سوار ٿي مڪه معظمه کان بيت المقدس تائين ۽ اُتان ستين آسمان تائين ۽ پوءِ جيتري تائين الله تعاليٰ کي منظور هو ۽ اوتري تائين تشريف کڻي ويا، انهيءَ رات ۾ جنت ۽ دوزخ جو سير ڪيائون ۽ پوءِ پنهنجي جاءِ تي موٽي آيا، انهيءَ کي معراج چون ٿا.
    سوال: شق القمر مان مُراد ڇا آهي؟
    جواب: شق القمر مان مُراد هيءُ آهي ته هڪ دفعو مڪه جي ڪافرن حضورﷺ کي چيو ته اسان کي ڪو معجزو ڏيکار ته پاڻ ڪريمﷺ چنڊ کي آڱر جي اشاري سان ٻه ٽُڪر ڪيو، پوءِ اهي ٻئي ٽُڪرا پاڻ ۾ ملي ويا ۽ چنڊ جهڙو هو، اهڙو ئي ٿي ويو.
    سوال: ڪرامت ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: الله تعاليٰ پنهنجي نيڪ ٻانهن جي عزت وڌائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي ذريعي سان اهڙيون شيون ظاهر ڪندو آهي جو عادت جي خلاف ۽ مُشڪل هونديون آهن جو ٻيا ماڻهو ڪري نه سگهندا، انهن شين کي ڪرامت چون ٿا. نيڪ ٻانهن ۽ اولياءَ الله کان ڪرامتن جو ظاهر ٿيڻ حق آهي.
    سوال: معجزي ۽ ڪرامت ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: جيڪو ماڻهو نبوت ۽ پيغمبريءَ جي دعويٰ ڪري ٿو ۽ انهيءَ جي هٿن تي ڪا خلاف عادت ۽ مُشڪل ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي معجزو چون ٿا ۽ جيڪو ماڻهو نبي هجڻ جي دعويٰ نٿو ڪري پر مُتقي ۽ پرهيزگار هجي ۽ انهيءَ جا سڀ ڪم شريعت جي مطابق هجن ۽ انهيءَ جي هٿ تي ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي ڪرامت چون ٿا ۽ جيڪڏهن خلاف شريعت ۽ بي دين ماڻهن کان ڪا خلاف عادت ڳالهه ظاهر ٿئي ته انهيءَ کي استدراج چون ٿا.
    سوال: ڇا اولياءَ الله کان ڪرامتون ظاهر ٿيڻ ضروري آهن؟
    جواب: نه! هيءَ ڪا ضروري ڳالهه نه آهي جو وليءَ کان ڪرامت ضرور ظاهر ٿئي، ممڪن آهي ته ڪو ماڻهو الله جو دوست ۽ ولي هجي ۽ سڄي عُمر انهيءَ کان ڪا ڪرامت ظاهر نه ٿئي.
    سوال: ڪجهه خلاف شريعت فقيرن کان اهڙيون ڳالهيون ظاهر ٿين ٿيون جيڪي ٻيا ماڻهو نه ٿا ڪري سگهن. انهن کي ڇا سمجهڻ گهرجي؟
    جواب: اهڙن ماڻهن کان جيڪي شريعت جي خلاف ڪم ڪن ۽ انهن کان جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر ٿئي ته سمجهو ته جادو يا استدراج آهي. ڪرامت هرگز نٿي ٿي سگهي، اهڙن ماڻهن کي ولي سمجهڻ ۽ انهيءَ جي خلاف عادت ڳالهين کي ڪرامت سمجهڻ شيطاني دوکو آهي.


    وضو جا باقي مسئلا

    وضو جا باقي مسئلا
    سوال: بي وضو نماز پڙهڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: سخت گناه آهي، بلڪه ڪجهه عالمن به اهڙي ماڻهوءَ کي جو وضوءَ کانسواءِ نماز ۾ بيهي ڪافر چيو آهي.
    سوال: نماز جي لاءِ وضو شرط هجڻ جو ڪهڙو دليل آهي؟
    جواب: قرآن مجيد جي هيءَ آيت: یٰۤاَیُّہَا الَّذِیۡنَ اٰمَنُوۡۤا اِذَا قُمْتُمْ اِلَی الصَّلٰوۃِ فَاغْسِلُوۡا وُجُوۡہَكُمْ وَاَیۡدِیَكُمْ اِلَی الْمَرَافِقِ وَامْسَحُوۡا بِرُءُ وۡسِكُمْ وَ اَرْجُلَكُمْ اِلَی الْکَعْبَیۡنِ (سورة مائده ع 2) يعني اي ايمان وارو! جڏهن اوهان نماز جي لاءِ اٿو ته (پهريائين) پنهنجا منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئو ۽ پنهنجي مٿي جي مک (مسح) ڪريو ۽ پير مرن تائين ڌوئو ۽ حضور اڪرمﷺ فرمايو آهي ته: مِفْتَاحُ الْصَّلٰوۃِ الَّطھُوْرُ (ترمزي) يعني نماز جي ڪنجي (يعني شرط) طهارت (پاڪائي) آهي.


    فرائضِ وضو جا باقي مسئلا

    فرائضِ وضو جا باقي مسئلا
    سوال: ڌوئڻ جي حد ڇا آهي جنهن کي ڌوئڻ چئي سگهون؟
    جواب: ايترو پاڻي وجهڻ جو عضوي تان وهي هڪ ٻه ڦڙا وهي ڪرن، ڌوئڻ جو گهٽ مقدار آهي، انهيءَ کان گهٽ کي ڌوئڻ نٿا چون. جيئن ڪنهن هٿ پُسائي منهن تي گُهمايو ايا ايترو ٿورو پاڻي منهن تي وڌائين جو وهي منهن تي ئي رهجي ويو هيٺ نه وهيو ته هيءُ نه چيو ويندو ته انهيءَ منهن ڌوتو ۽ وضو صحيح نه ٿيندو.
    سوال: جن عضون جو وضوءَ ۾ ڌوئڻ فرض آهي، انهن کي ڪيترا دفعا ڌوئڻ سان فرض ادا ٿيندو؟
    جواب: هڪ دفعو ڌوئڻ فرض آهي ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ٽي دفعا ڌوئڻ سُنت آهي ۽ ٽن دفعن کان وڌيڪ ناجائز ۽ مڪروهه آهي.
    سوال: ڪٿي کان ڪيتري تائين منهن ڌوئڻ فرض آهي؟
    جواب: پيشانيءَ جي وارن جي جاءِ کان کاڏيءَ جي هيٺان تائين ۽ هڪ ڪن جي پاپڙيءَ کان ٻئي ڪن جي پاپڙي تائين ڌوئڻ فرض آهي.
    سوال: جن عضون جو ڌوئڻ فرض آهي، انهن مان جيڪڏهن ٿوري جاءِ خشڪ رهجي وڃي ته وضو صحيح ٿيندو يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن هڪ وار جي برابر به ڪا جاءِ خُشڪ (سُڪي) رهجي ويئي ته وضو نه ٿيندو.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جي هٿ ۾ ڇهه آڱريون هجن ته ڇهين آڱر جو ڌوئڻ فرض آهي يا نه؟
    جواب: هائو! فرض آهي ۽ اهڙيءَ طرح جا شئي وڌيڪ پيدا ٿئي ۽ انهيءَ جاءِ ۾ هجي جنهن جو ڌوئڻ فرض آهي ته انهيءَ وڌيڪ جو ڌوئڻ فرض ٿي وڃي ٿو.
    سوال: مَسح (مَکَ) ڪرڻ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: هٿ کي پاڻيءَ سان آلو ڪري ڪنهن عضوي تي گُهمائڻ کي مسح (مَکَ) چون ٿا.
    سوال: مٿي تي مَسح (مَکَ) ڪرڻ جي لاءِ نئون پاڻي کڻڻ ضروري آهي يا هٿن تي باقي بچيل آلائڻ ئي ڪافي آهي؟
    جواب: نئون پاڻي وٺڻ بهتر آهي پر جيڪڏهن هٿ ڌوئڻ کانپوءِ باقي بچيل آلائڻ سان مَکَ ڪيائين ته اهو به ڪافي آهي، مگر جڏهن هٿ سان هڪ دفعو مَکَ ڪيائين ته ٻئي جاءِ تي انهيءَ سان مک ڪرڻ جائز نه آهي، اهڙيءَ طرح جيڪڏهن هڪ هٿ تي آلائڻ هئي ۽ ڪنهن ٻئي ڌوتل يا مسح ڪيل عضوي تان انهيءَ کي آلو ڪيو ته انهيءَ سان به مسح جائز نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن اُگهاڙي مٿي تي مينهن پيو ۽ سُڪل هٿ مٿي تي گُهمايائين ۽ هٿ سان مينهن جو پاڻي مٿي تي پکڙجي ويو ته مسح ادا ٿي ويو يا نه؟
    جواب: ادا ٿي ويو.
    سوال: وضوءَ ۾ اکين جو اندريون حصو ڌوئڻ فرض آهي يا نه؟
    جواب: اکين جو اندريون حصو، نڪ جو اندريون حصو ۽ منهن جو اندريون حصو ڌوئڻ فرض نه آهي.
    سوال: وضو ڪرڻ کان پوءِ مٿو ڪوڙائين يا ننهن ڪترائين ته مٿي تي ٻيهر مَک ڪرڻ يا نهن کي ڌوئڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: نه!
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ ٺونٺ کان هيٺ ڪٽيل هُجي ته انهيءَ هٿ جو ڌوئڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: هائو! جيتري تائين ٺونٺ يا انهيءَ کان هيٺيون ڪُجهه حصو باقي رهيل هجي ته باقي حصي جو ڌوئڻ فرض آهي.


    وضوءَ جي سُنتن جا باقي مسئلا

    وضوءَ جي سُنتن جا باقي مسئلا
    سوال: جيڪڏهن وضوءَ ۾ نيت نه ڪري ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن وضو جي نيت نه ڪيائين، جيئن درياءُ ۾ ڪري پيو يا مينهن ۾ بيهي رهيو ۽ سڀني وضوءَ جي عضون تائين پاڻي وهي ويو ته وضو ٿي ويندو يعني انهيءَ وضوءَ سان نماز پڙهڻ جائز آهي، پر وضوءَ جو ثواب نه ملندو.
    سوال: وضوءَ جي نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: نيت جي معنيٰ ارادو ڪرڻ آهي. جڏهن وضو ڪرڻ شروع ڪري ته هيءُ ارادو ڪري ته پليتي پري ڪرڻ ۽ پاڪائي حاصل ڪرڻ ۽ نماز جائز ٿي وڃڻ جي لاءِ وضو ڪريان ٿو. بس هيءُ ارادو ۽ خيال ڪرڻ ئي وضو جي نيت آهي.
    سوال: نيت جو زبان سان چوڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: زبان سان چوڻ ضروري نه آهي. هائو چيائين ته ڪو حرج به ناهي.
    سوال: وضو هجڻ جي حالت ۾ نئون وضو ڪري ته ڪهڙي نيت ڪري؟
    جواب: فقط هيءَ نيت ڪري ته وضو ڪرڻ جي فضيلت ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ وضو ڪريان ٿو.
    سوال: وضوءَ ۾ بسم الله پوري پڙهڻ گهرجي يا نه؟
    جواب: بِسْمِ اللہِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیۡمِ پوري پڙهڻ يا بِسْمِ اللہِ اْلعَلِیّ الْعَظِیْمِ وَاَلۡحَمْدُ لِلہِ عَلٰی دِیْنِ اْلَاِ سْلَامِ یا بِسْمِ اللہِ وَاَلۡحَمْدُ لِلہِ ٽنهي طرح پڙهڻ جائز آهي.
    سوال: ڏندڻ ڏيڻ ڪيئن آهي ۽ انهيءَ جو طريقو ڇا آهي؟
    جواب: ڏندڻ ڏيڻ سُنتِ مُوڪّده آهي. انهيءَ جو تمام گهڻو ثواب آهي ۽ انهيءَ ۾ تمام گهڻا فائدا آهن. ڏندڻ ڪنهن ڪڙي وڻ جي پاڙ يا ڪاٺي جي هجڻ گهرجي. جيئن کاري کٻڙ جي پاڙ يا نِمَ جي ڪاٺي. ڏندڻ هڪ گراٺ کان وڌيڪ نه هئڻ گهرجي. ڏندڻ ڌوئي ڏجي ۽ ڌوئي رکجي ۽ پهريائين ساڄي پاسي جي ڏندن کي پوءِ کاٻي پاسي جي ڏندن کي ڪرڻ گهرجي. ٽي دفعا (3) ڏندڻ ڪرڻ ۽ هر دفعي نئون پاڻي کڻڻ گهرجي.
    سوال: غرغره ڪرڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: وضو ۽ غُسل ۾ غرغره ڪرڻ سُنت آهي، پر روزي جي حالت ۾ نه ڪرڻ گهرجي ۽ ساڄي هٿ سان گرڙي ڪرڻ گهرجي.
    سوال: نَڪ ۾ پاڻي وجهڻ جو طريقو ڇا آهي؟
    جواب: ساڄي هٿ ۾ پاڻي کڻي نَڪ سان لڳائجي ۽ ساهه سان پاڻي نَڪ ۾ چڙهائجي، پر ايترو نه ڇڪجي جو دماغ تائين چڙهي وڃي، روزي دار کي کپي ته اهو فقط هٿ سان پاڻيءَ نَڪ ۾ ڏيئي، ساهه سان نه ڇڪي، گرڙي ڪرڻ ۽ نڪ ۾ پاڻي ڏيڻ ٻئي سنت موڪده آهن.
    سوال: ڏاڙهيءَ جي ڪهڙي حصي جو خلال ڪرڻ سُنت آهي؟
    جواب: ڏاڙهيءَ جي هيٺان ۽ اندرين وارن جو خلال ڪرڻ سُنت آهي ۽ جيڪي وار منهن جي کَلَ تي آهن، انهن سڀني جو ڌوئڻ فرض آهي.
    سوال: آڱرين جو خلال ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: هٿ جي آڱرين جو خلال هن طرح ڪجي ته هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجهي هلائجي ۽ پير جي آڱرين جو خلال هٿ جي چيچ سان ڪجي. ساڄي پير جي ننڍين آڱرين کان شروع ڪري کاٻي پير جي ننڍين آڱرين تي ختم ڪجي.
    سوال: پوري مٿي جي مسح ڪهڙيءَ طرح ڪرڻ گهرجي.
    جواب: ٻئي هٿ پاڻيءَ سان آلا ڪري مٿي جي ٻنهي طرفن پيشانيءَ جي وارن جي جاءِ تي رکو ۽ هٿن کي آڱرين سان گڏ ڪنڌ تائين کڻي وڃو ۽ پوءِ واپس موٽايو، هيءُ خيال رکو ته پوري مٿي تي ڦري وڃي.
    سوال: ڪنن جي مسح جي لاءِ نئون پاڻي کڻڻ گهرجي يا نه؟
    جواب: نه! مٿي جي مَکَ جي لاءِ جيڪو پاڻي کنيو ويو هو، اهوئي ڪافي آهي. ڪنن جي اندران ڏسڻي آڱر سان مَکَ ڪرڻ گهرجي.


    وضوءَ جي مُستحبن جا باقي مسئلا

    وضوءَ جي مُستحبن جا باقي مسئلا
    سوال: ساڄي پاسي کان شروع ڪرڻ سُنت آهي يا مُستحب؟
    جواب: ڪجهه عالمن انهي کي سُنت چيو آهي ته ۽ ڪجهه عالمن مُستحب ٻُڌايو آهي.
    سوال: ڪنڌ تي مک ڪرڻ جي ڪهڙي صورت آهي؟
    جواب: ڪنڌ تي ٻنهي هٿن جي آڱرين جي پُٺيءَ سان مَکَ ڪرڻ گهرجي. ڳچيءَ تي مک ڪرڻ بدعت آهي.
    سوال: وضوءَ ۾ ٻيا ڪهڙا ادب آهن؟
    جواب: وضوءَ جا ادب گهڻا آهن جيئن (1) چيچن جون چوٽيون پُسائي ڪنن جي سُوراخن ۾ وجهڻ (2) نماز جي وقت کان اڳ وضو ڪرڻ، (3) عضون کي ڌوئڻ وقت هٿ سان مهٽڻ (4) مُنڍي يا ڇَلي کي گهمائڻ، (5) دنيا جون ڳالهيون نه ڪرڻ، (6) زور سان پاڻي منهن تي نه هڻڻ، (7) گهڻو پاڻي نه وهائڻ، (8) هر عضوي کي ڌوئڻ وقت بسم الله پڙهڻ، (9) وضوءَ کانپوءِ درود شريف پڙهڻ، (10) وضوءَ کانپوءِ ڪلمه شهادت ۽ هيءَ دُعا پڙهڻ: اَللّھُمَّ اجْعَلْنِیْ مِنَ الَتِّوابِیْنَ وَ اجْعَلْنِیْ مَنِ اْلمُتَطَھِّرِیْنَ (11) وضوءَ کان بچيل پاڻي بيهي پيئڻ، (12) وضوءَ کان پوءِ ٻه رڪعت نماز تحية الوضو پڙهڻ وغيره.


    نواقض وضو (وضو ڀڃندڙ) جا باقي مسئلا

    نواقض وضو (وضو ڀڃندڙ) جا باقي مسئلا
    سوال: ناپاڪ شيءِ بدن مان نڪري ڪيتري وهي وڃي ته وضو ڀڄي ٿو؟
    جواب: ڪا ناپاڪ شيءِ بدن مان نڪري انهيءَ جڳهه جي طرف وهي اچي جنهن جو وضو يا غسل ۾ ڌوئڻ فرض آهي، ٿورڙي به وهي وڃي ته وضو ڀڄي پوي ٿو.
    سوال: اَکَ ۾ رت نڪري اک جي اندر وهيو ٻاهر نه نڪتو ته وضو ڀڳو يا نه؟
    جواب: نه ڀڳو ڇو ته اک جو اندريون حصو نه وضوءَ ۾ ڌوئڻ فرض آهي نه غسل ۾.
    سوال: جيڪڏهن زخم تي رت ظاهر ٿيو، انهيءَ کي آڱر يا ڪپڙي سان اُگهيائين، وري ظاهر ٿيو، وري اُگهيائين ڪيترائي دفعا ايئن ڪيائين ته وضو ڀڳو يا نه؟
    جواب: هي ڏسو ته جيڪڏهن اگهيو نه وڃي ها ته وهڻ جي لائق هو يا نه، جيڪڏهن ايترو هو جو وهي وڃي ها، ته وضو ڀڄي پيو ۽ جيڪڏهن ايترو نه هو ته وضو نه ڀڄندو.
    سوال: اُلٽيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ نڪري ته وضو ڀڄي پوندو؟
    جواب: اُلٽيءَ ۾ پت يا رت يا کاڌو يا پاڻي نڪري ۽ وات ڀريل هُجي ته وضو ڀڄي پوندو ۽ جيڪڏهن خالص بلغم نڪري ته وضو نه ڀڄندو.
    سوال: جيڪڏهن ٿوري ٿوري اُلٽي گهڻا دفعا ٿي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن هڪ ئي ڪچاڻ سان گهڻا دفعا اُلٽي ٿي ۽ انهيءَ جو مجموعو ايترو آهي جو وات ڀرجي وڃي ته وضو ڀڄي پوندو. ها جيڪڏهن هڪ دفعو دل جي ڪچي ٿيڻ سان ٿوري اُلٽي ٿي، پوءِ اها ڪچاڻ ختم ٿي ويئي ۽ ٻيهر دل ڪچي ٿي ۽ ٿوري اُلٽي ٿي ته انهن ٻنهي دفعن جي اُلٽي کي گڏ نه ڪيو ويندو، ۽ وضو نه ڀڄندو.
    سوال: بدن ۾ ڪنهن جاءِ تي ڦرڙي آهي، انهيءَ کان رت يا پونءِ ڪپڙي کي لڳي ٿي ته ڪپڙو پاڪ آهي يا پليد؟
    جواب: جيڪڏهن رت يا پونءِ نڪري وهڻ جي لائق نه آهي ۽ ڪپڙي کي لڳڻ سان نشان اچي ٿو ته اهو ڪپڙو پاڪ آهي، پر پونءِ به ڌوئڻ بهتر آهي.
    سوال: جيڪڏهن اُلٽي وات ڀريل نه هجي ته اها پليد آهي يا نه؟
    جواب: نه!
    سوال: ڄؤر بدن ۾ چنبڙي رت پيتو ۽ ڀرجي ويئي يا مَڇر چَڪ هنيو ته انهيءَ سان وضو ڀڄندو يا نه؟
    جواب: ڄؤر جي رَت پيئڻ سان وضُو ڀڄي پوندو، جيتوڻيڪ ڇڏائڻ کانپوءِ انهيءَ جي چڪ هنيل زخم مان رت نه وهيو، ڇو ته ڄؤر ايترو رت پيئي ٿي جو جيڪڏهن اهو رت بدن مان نڪري انهيءَ جي پيٽ ۾ وڃي ها ته يقيني وهي ها ۽ مڇر جي چڪ سان وضو نٿو ڀڄي، ڇو ته هيءُ تمام ٿوري انداز ۾ رت پيئي ٿو جو وهڻ جي لائق نٿو هجي.
    سوال: ڪهڙي ننڊ سان وضو نٿو ڀڄي؟
    جواب: بيٺي بيٺي ننڊ ڪرڻ يا ٽيڪ کانسواءِ ويهي ننڊ ڪرڻ يا نماز جي ڪنهن به حالت ۾ ننڊ ڪرڻ سان وضو نٿو ڀڄي، جيئن سجدي ۾ ننڊ اچي وئي يا قعدي (التحيات ۾ ويهڻ وقت) ننڊ اچي وئي ته وضو نه ڀڄندو.
    سوال: ڇا ڪو اهڙو به ماڻهو آهي جنهن جي ننڊ سان انهيءَ جو وضو نٿو ڀڄي؟
    جواب: هائو! انبياءَ عليهم السلام جو وضو ننڊ سان نٿو ڀڄي، هيءَ انهن جي خصوصيت ۽ خاص فضيلت هئي.
    سوال: ڇا نماز ۾ ٽهڪ ڏيئي کلڻ سان سڀني جو وضو ڀڄي ٿو ۽ ٽهڪ ڏيڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: ٽهڪ مان مُراد هيءَ آهي ته ايترو زور سان کلڻ جو انهيءَ جو آواز ٻيا ويجها ماڻهو ٻُڌي سگهن. نماز ۾ ٽهڪ ڏيئي کلڻ سان وضو ڀڄڻ جا هي شرط آهن: (1) کلندڙ بالغ مرد يا عورت هجي، ڇو ته نابالغ جي ٽهڪ سان وضو نٿو ڀڄي. (2) سُجاڳيءَ ۾ کلي. ۽ جيڪڏهن نماز ۾ ننڊ آئي ۽ ننڊ ۾ کليو ته وضو نٿو ڀڄي. (3) جنهن نماز ۾ کليو آهي اُها رڪوع ۽ سجدي واري نماز هجي، پر نماز جنازه ۾ ٽهڪ سان وضو نٿو ڀڄي.
    سوال: ڇا ٻئي ماڻهوءَ جي اوگهڙ ڏسڻ سان وضو ڀڄي ٿو؟
    جواب: پنهنجي يا ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ جي اوگهڙ ارادي يا بنا ارادي جي ڏسڻ سان وضو نٿو ڀڄي.


    غُسل جا باقي مسئلا

    غُسل جا باقي مسئلا
    سوال: غسل جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: ٽي قسم آهن: (1) فرض، (2) سنت، (3) مُستحب.
    سوال: غسل فرض ڪيترا آهن؟
    جواب: ڇهه آهن ۽ انهن جو بيان تعليم الاسلام جي اڳئين حصي ۾ ايندو.
    سوال: غسل سنت ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا آهن؟
    جواب: چار آهن ۽ اُهي هي آهن: (1) جُمعي جي نماز لاءِ غُسل ڪرڻ. (2) ٻنهي عيدن جي نماز لاءِ غُسل ڪرڻ. (3) حج جي احرام ٻَڌڻ کان پهريائين غُسل ڪرڻ. (4) عرفات ۾ وقوف (ترسڻ) جي لاءِ غُسل ڪرڻ.
    سوال: غُسل ۾ مُستحب ڪيترا آهن ۽ ڪهڙا آهن؟
    جواب: غُسل ۾ مُستحب گهڻا آهن، جن مان ڪجهه هي آهن: (1) شعبان مهيني جي پندرهين رات ۾ جنهن کي شب برات چون ٿا، غُسل ڪرڻ، (2) عرفان جي رات ۾ غُسل ڪرڻ يعني ذوالحج جي اٺين تاريخ کانپوءِ ايندڙ (9 ذوالحج) جي رات ۾ (3) نماز استسقاء (مينهن جي نماز لاءِ) غُسل ڪرڻ، (4) مڪه معظمه يا مدينه منوره ۾ داخل ٿيڻ وقت غُسل ڪرڻ، (5) ميت کي غُسل ڏيڻ کان پوءِ غُسل ڏيندڙ جو غُسل ڪرڻ، (6) ڪافر جو اسلام آڻڻ کانپوءِ غُسل ڪرڻ.
    سوال: جيڪڏهن غُسل جي ضرورت هجي ۽ درياءَ ۾ ٽُٻي هڻي يا مينهن ۾ بيهي ۽ سڄي بدن تان پاڻي وهي وڃي ته غسل ادا ٿيندو يا نه؟
    جواب: هائو! ادا ٿي ويندو، هن شرط سان ته گُرڙا ڪري ۽ نَڪ ۾ پاڻي وجهي.
    سوال: غُسل ڪرڻ جي حالت ۾ قبلي جي طرف منهن ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن غسل ڪرڻ جي وقت بدن اُگهاڙو آهي ته قبلي ڏي منهن ڪرڻ ناجائز آهي ۽ اوگهڙ ڍڪيل هجي ته ڪو حرج ناهي.
    سوال: اوگهڙ کولي غُسل ڪرڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: غُسل خاني ۾ يا ڪنهن اهڙي جاءِ تي جتي ٻئي ماڻهوءَ جي نظر انهيءَ جي اوگهڙ تي نه پوي ته اُگهاڙو وهنجڻ جائز آهي.
    سوال: غُسل ۾ مڪروهه ڪيترا آهن؟
    جواب: (1) پاڻي گهڻو وهائڻ (2) اوگهڙ کُليل هجڻ جي حالت ۾ ڳالهائڻ يا قبلي ڏي منهن ڪرڻ (3) سُنت جي خلاف غُسل ڪرڻ.
    سوال: جيڪڏهن غُسل کان پهريائين وضو نه ڪيائين ته غُسل کانپوءِ نماز جي لاءِ وضو ڪرڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: غُسل ڪرڻ سان وضو به ٿي ويو، پوءِ وضو ڪرڻ جي ضرورت ناهي.


    موزن تي مَسح ڪرڻ جا باقي مسئلا

    موزن تي مَسح ڪرڻ جا باقي مسئلا
    سوال: مسح جي مدت جو ڪهڙي وقت کان حساب ڪيو وڃي؟
    جواب: جنهن وقت کان وضو ڀڄي پيو آهي، انهيءَ وقت کان هڪ ڏينهن يا هڪ رات، يا ٽي ڏينهن ٽي راتيون مسح جائز آهي. جيئن جمعي جي صبح جو وضو ڪري موزا پاتائين ۽ انهيءَ جو هيءُ وضو ظهر جي وقت ختم ٿيڻ تي ڀڄي پيو، ته هيءُ ماڻهو جيڪڏهن مُقيم آهي ته ڇنڇر جي ظهر جي وقت تائين مسح ڪري سگهي ٿو.
    سوال: مَسح ڪهڙين شين سان ڀڄي ٿي؟
    جواب: جن شين سان وضو ڀڄي ٿو، انهن سان مسح به ڀڄي پوي ٿو ۽ انهن کانسواءِ (1) مَسح جي مُدت گذري وڃڻ ۽ (2) موزا لاهڻ ۽ (3) ٽن آڱرين جي برابر موزي جي ڦاٽي وڃڻ سان به مسح ڀڄي پوي ٿو.
    سوال: جيڪڏهن وضو هجڻ جي حالت ۾ موزو لهي پيو يا وضو هجڻ جي حالت ۾ مُدت مَسح پوري ٿي ويئي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: انهن ٻنهي صورتن ۾ صرف پير ڌوئي موزا پائڻ ڪافي آهي ۽ پورو وضو ڪرڻ مستحب آهي.
    سوال: جيڪڏهن مُسافر موزن تي مَسح ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هڪ ڏينهن ۽ هڪ رات کانپوءِ گهر اچي ويو ته ڇا ڪري؟
    جواب: موزا لاهي نئين مَسح ڪرڻ شروع ڪري.
    سوال: جيڪڏهن مُقيم مَسح ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ سفر ۾ هليو ويو ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن هڪ ڏينهن، هڪ رات جي پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ سفر ڪيائين ته ٽي ڏينهن ۽ ٽن راتين تائين موزا نه لاهي ۽ مَسح ڪندو رهي ۽ هڪ ڏينهن، هڪ رات پوري ٿيڻ کانپوءِ سفر ڪيائين ته موزا لاهي نئين مَسح شروع ڪري.
    جيڪڏهن موزو گهڻين جاين کان ٿورو ٿورو ڦاٽل آهي ته انهيءَ کي گڏ ڪري ڏسو جيڪڏهن مجموعو ٽن آڱرين جي برابر ٿي وڃي ته مَسح ناجائز آهي ۽ گهٽ ٿئي ته جائز آهي ۽ ٻئي موزا ڦاٽل هجن ۽ ٻنهي جو ڦاٽڻ ٽن آڱرين جي برابر هجي، پر هر هڪ ۾ ٽن آڱرين جي مقدار کان گهٽ هجي ته مَسح جائز آهي.


    نجاست (پليدي) حقيقي ۽ انهيءَ جي پاڪائي جا باقي مسئلا

    نجاست (پليدي) حقيقي ۽ انهيءَ جي پاڪائي جا باقي مسئلا
    سوال: چمڙي جون شيون، جيئن موزا، جُتي ۽ بستري ٻڌڻ جو ڪوَر وغيره جيڪڏهن انهن ۾ جسم واري پليدي لڳي پوي ته ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿين ٿا؟
    جواب: زمين يا ٻي ڪنهن شيءِ تي کُرڙڻ سان پاڪ ٿي وڃن ٿا، هن شرط سان ته کُرڙڻ سان پليديءَ جو جسم ۽ اثر ختم ٿي وڃي.
    سوال: جيڪڏهن انهن شين ۾ پيشاب، شراب يا اهڙي نموني جي ڪا ٻي پليدي لڳي پوي ته ڪهڙي طرح پاڪ ڪيا وڃن؟
    جواب: پاڻي يا ڪنهن وهندڙ پاڪ شيءِ سان جيڪا پليديءَ جي اثر کي ختم ڪري ان جي ڌوئڻ سان پاڪ ٿيندي يعني جسم واري پليديءَ کانسواءِ ٻيون پليديون لڳي وڃن ته کرڙڻ سان چمڙي جون شيون پاڪ نه ٿينديون بلڪه ڌوئڻ ضروري آهي.
    سوال: چاقو، ڇُري، تلوار، لوهه، چاندي، ٽامون ۽ المونيم وغيره جون شيون پليد ٿي پون ته ڌوئڻ کانسواءِ پاڪ ٿينديون يا نه؟
    جواب: لوهه جون شيون جڏهن اهي صاف هجن ڪٽ نه هجي ۽ چاندي، سون، ٽامون، المونيم ۽ پتل وغيره ڌات جون شيون ۽ شيشي (ڪانچ) جون شيون ۽ هاٿيءَ جا ڏند يا هڏي جون شيون ۽ چيني جا ٿانوَ، هي سڀ شيون جڏهن صاف ۽ چٽيل نه هجن، اهڙيءَ طرح کرڙڻ سان پليديءَ جو اثر ختم ٿي وڃي ته پاڪ ٿي وڃن ٿيون.
    سوال: چِٽ نه هُجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: يعني ان جي جسم ۾ اهڙا چِٽ نه هجن جن سان جسم هيٺ مٿي ٿي وڃي ٿو، ڇو ته اهڙن چٽن ۾ کرڙڻ کانپوءِ پليدي جي رهجي وڃن جو احتمال آهي، ها فقط رنگ جا چٽ هُجڻ ته هي شيون کرڙن سان پاڪ ٿي وينديون.
    سوال: زمين تي پيلدي جيئن پيشاب يا شراب وغيره ڪري پوي ته ڪهڙي طرح پاڪ ٿيندي؟
    جواب: زمين جڏهن سُڪي وڃي ۽ پليديءَ جو اثر رنگ، بوءِ ۽ ذائقو ختم ٿي وڃي ته پاڪ ٿي ويندي.
    سوال: جاءِ يا مسجد وغيره ۾ پڪين سرن يا پٿر جي فرش يا ڀت تي پليدي لڳي وڃي ته ڪهڙيءَ طرح پاڪ ڪئي وڃي؟
    جواب: سِر ۽ پٿر جيڪي عمارت ۾ لڳل هجن سُڪي وڃڻ ۽ پيلديءَ جي اثر ختم ٿيڻ سان پاڪ ٿي وڃن ٿا.
    سوال: جيڪي شيون ڌوئڻ ۾ نپوڙي نٿيون سگهجن، جيئن ٽامي جا ٿانوَ يا وڇائڻ جا ٿُلها گاديلا ته انهن کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪهڙيءَ طرح ڌوتو وڃي؟
    جواب: اهڙيون شيون جن کي نپوڙڻ مشڪل يا ناممڪن آهي ته انهن کي ڌوئڻ جو طريقو هيءُ آهي ته هڪ دفعو ڌوئي ڇڏي ڏجي پوءِ جڏهن پاڻي ٽپڪڻ بند ٿي وڃي ته ٻيو دفعو ڌوئي ڇڏي ڏجي، پوءِ جڏهن پاڻي ٽپڪڻ بند ٿي وڃي ته ٽيون دفعو ڌوئجي ته پاڪ ٿي ويندا، مگر ڌوئڻ ۾ جيترو مَلڻ ممڪن هُجي اوترو ملڻ ضروري آهي تان جو پليدي ڪڍڻ ۾ پنهنجي پوري طاقت سان ڪوشش ٿئي.
    سوال: مٽيءَ جا ٿانوَ پليد ٿي پون ته پاڪ ٿي سگهن ٿا يا نه؟
    جواب: مٽيءَ جا ٿانوَ به ڌوئڻ سان پاڪ ٿي وڃن ٿا ۽ انهن جي پاڪ ڪرڻ جو اهوئي طريقو آهي جو هن کان اڳ ۾ سوال و جواب ۾ لکيو ويو.
    سوال: پليد شيءِ جيئن ڇيڻو سڙي خاڪ ٿي وڃي ته اها خاڪ پاڪ آهي يا پليد؟
    جواب: پليد شيءِ جڏهن سڙي خاڪ ٿي وڃي ته پاڪ آهي.
    سوال: گيهه ۾ ڪُئو ڪري مري ويو ته انهيءَ جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن گيهه ڄميل هجي ته ڪُئو ۽ انهيءَ جي چوڌاري وارو گيهه ڪڍي ڇڏيو، باقي گيهه پاڪ آهي ۽ جيڪڏهن پگهريل هجي ته سڀ گيهه پليد آهي.
    سوال: پليد گيهه يا تيل ڪهڙيءَ طرح پاڪ ڪيو وڃي؟
    جواب: پليد گيهه يا تيل ۾ انهيءَ جي برابر پاڻي وجهي جوش ڏيو، پوءِ گيهه يا تيل جيڪو پاڻيءَ جي مٿان اچي وڃي انهيءَ کي ڪڍي وٺو ۽ ٽي دفعا اهڙيءَ طرح ڪريو ته اهو گيهه يا تيل پاڪ ٿي ويندو.


    استنجي جا باقي مسئلا

    استنجي جا باقي مسئلا
    سوال: استنجي جون ڪهڙيون صورتون مڪروهه آهن؟
    جواب: (1) قبلي ڏي منهن يا پُٺي ڪري استنجا ڪرڻ، (2) اهڙي جاءِ تي استنجا ڪرڻ جو ڪنهن ماڻهوءَ جي نظر استنجا ڪندڙ جي اوگهڙ تي پوندي هجي.
    سوال: ڪاڪوس يا پيشاب ڪرڻ جي حالت ۾ ڪهڙيون ڳالهيون مڪروهه آهن؟
    جواب: (1) قبلي ڏي منهن يا پُٺي ڪري ڪاڪوس يا پيشاب ڪرڻ، (2) بيهي پيشاب ڪرڻ، (3) واهه يا کوهه ۾، يا (4) انهيءَ جي ڪناري تي ڪاڪوس پيشاب ڪرڻ، (5) مسجد جي ڀت وٽ يا (6) قبرستان ۾ ڪاڪوس پيشاب ڪرڻ، (7) ڪُئي جي ٻر يا ڪنهن سُوراخ ۾ پيشاب ڪرڻ، (8) ڪاڪوس پيشاب ڪرڻ وقت ڳالهيون ڪرڻ، (9) هيٺاهين جاءِ تي ويهي مٿي پيشاب ڪرڻ، (10) ماڻهن جي ويهڻ يا رستي هلڻ جي جاءِ تي پيشاب ڪرڻ، (11) وضو يا غسل ڪرڻ جي جاءِ تي پيشاب ڪاڪوس ڪرڻ، هي سڀ ڳالهيون مڪروهه آهن.


    پاڻيءَ جا باقي مسئلا

    پاڻيءَ جا باقي مسئلا
    سوال: اُس سان گرم ٿيل پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي پر چڱو نه آهي.
    سوال: وضو ڪرڻ وقت بدن مان ڦُڙا پاڻيءَ جي ٿانوَ ۾ ڪريا ته انهيءَ پاڻيءَ سان وضو ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: وضو ڪرڻ وقت جيڪو پاڻي بدن مان ڪري ٿو، جيڪڏهن بدن تي پليدي حقيقي نه هجي ته انهيءَ کي مُستعمل پاڻي چيو وڃي ٿو، مُستعمل پاڻي غير مُستعمل پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ته انهيءَ جو حُڪم هي آهي ته جيتري تائين مُستعمل پاڻي غير مُستعمل کان ٿورو آهي ته انهيءَ وقت انهيءَ سان وضو ۽ غسل جائز آهي ۽ جڏهن مُستعمل پاڻي غير مُستعمل پاڻيءَ جي برابر يا انهيءَ کان وڌيڪ آهي ته انهيءَ سان وضو ۽ غسل ناجائز آهي.
    سوال: جيڪڏهن پاڻيءَ ۾ ڪا پاڪ شيءِ ملي وڃي، جيئن صابڻ يا زعفران ته انهيءَ سان وضو ڪرڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: پاڻيءَ ۾ پاڪ شيءِ ملڻ سان هڪ ٻه وصف بدلجي وڃڻ سان به وضو جائز رهي ٿو. ها جڏهن ٽيئي وصفون بدلجي وڃن ۽ پاڻي گهاٽو ٿي وڃي ته وضو ناجائز ٿئي ٿو.
    سوال: جيڪڏهن تلاءَ يا حوض شرعي• گز سان ٻه گز ويڪرو ۽ پنجاهه گز ڊگهو هجي يا چار گز ويڪرو ۽ پنجويهه گز ڊگهو يا پنج گز ويڪرو ۽ ويهه گز ڊگهو هجي ته اهو وهندڙ پاڻيءَ جي حُڪم ۾ ٿيندو يا نه؟
    جواب: هائو! اهو وهندڙ پاڻيءَ جي حُڪم ۾ آهي.
    سوال: جيڪڏهن حوض جو کليل منهن شرعي مقدار کان گهٽ آهي، پر هيٺ تمام گهڻو آهي ته اهو وڏي حوض ۽ وهندڙ پاڻيءَ جي حڪم ۾ آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن حوض ڏهه گز ڊگهو ۽ ڏهه گز ويڪرو آهي، پر انهيءَ جا چارئي پاسا يا هڪ ٻن پاسن کان منهن ڍڪيل آهي، جيڪڏهن اهو پاڻيءَ کان مٿي ۽ جُدا آهي ته اهو حوض ٺيڪ آهي ۽ وهندڙ پاڻيءَ جي حڪم ۾ آهي ۽ جيڪڏهن اها شيءِ جنهن سان پاڻي ڍڪيل آهي ۽ پاڻيءَ سان لڳل آهي ته اهو حوض ٺيڪ نه آهي ۽ ٿوري پاڻيءَ جي حُڪم ۾ داخل آهي.
    خلاصو هيءُ آهي ته پاڻيءَ جو ايترو حصو معتبر آهي جيترو مٿان کُليل آهي، يعني ڪنهن شئي سان لڳل نه هجي، انهيءَ جو مقدار شرعي مقدار جي برابر هئڻ گهرجي، جيڪڏهن کُليل حصو ٿورو آهي ته هيٺ ڪيترو گهڻو هُجي انهيءَ جو اعتبار نه آهي.


    کوهه جا باقي مسئلا

    کوهه جا باقي مسئلا
    سوال: جيڪڏهن کوهه ۾ ڪبوتر ۽ جهرڪيءَ جي وِٺ ڪري پوي ته انهيءَ جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ڪبوتر يا جهرڪي جي وٺ يا اُٺ، ٻڪري ۽ رڍ جي ٻن چئن ڦولڙين سان پاڻي پليد نه ٿيندو.
    سوال: جيڪڏهن کوهه ۾ ڪو غير مسلم دٻي ڪڍڻ جي لاءِ لٿو ۽ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي هنيائين ته کوهه جي لاءِ ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن انهيءَ ڪافر کي کوهه ۾ لهڻ کان اڳ ۾ وهنجاريو ويو ۽ پاڪ ڪپڙا اوگهڙ تي ٻڌي کوهه ۾ لٿو ته کوهه پاڪ آهي ۽ جيڪڏهن لهڻ کان اڳ نه وهنتو ۽ پنهنجي مُستعمل ڪپڙن سان لٿو ته کوهه جو سڀ پاڻي ڪڍيو ويندو، ڇو ته ڪافر جو بدن ۽ ڪپڙا گهڻو ڪري پليد رهندا آهن.
    سوال: جيڪڏهن کوهه تي ڪو خاص دٻو رکيل نه هجي، بلڪه ماڻهو مختلف ننڍن وڏن دٻن سان پاڻي ڀرين ٿا ته انهيءَ کوهه کي پاڪ ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي دٻي سان پاڻي ڪڍيو وڃي؟
    جواب: جڏهن کوهه تي ڪو خاص دٻو نه هجي يا کوهه جو ڪو خاص دٻو تمام وڏو يا گهڻو ننڍو هجي ته انهن صورتن ۾ درمياني دٻي جو اعتبار آهي. درمياني دٻو اهو آهي جنهن ۾ اسي رُپين (اسي 80 تولن) جيتري سير سان ساڍا ٽي سير پاڻي ماپندو هجي.
    هيتري تائين تعليم الاسلام حصي ٻئي ۾ آندل مسئلن جو واڌارو هو. هاڻي هن کان اڳتي جا مسئلا شروع ٿين ٿا.


    تيمّم جو بيان

    تيمّم جو بيان
    سوال: تيمّم ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: پاڪ مٽي يا ڪنهن اهڙيءَ شيءِ سان جا مٽيءَ جي حُڪم ۾ هُجي، بدن کي پليدي حڪميءَ کان پاڪ ڪرڻ کي تيمّم چون ٿا.
    سوال: تيمّم ڪڏهن جائز ٿئي ٿو؟
    جواب: جڏهن پاڻي نه ملي. يا پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ سان بيمار ٿي پوڻ يا بيماريءَ جي وڌي وڃڻ جو ڊپ هجي ته تيمّم جائز ٿئي ٿو.
    سوال: پاڻي نه ملڻ جون ڪهڙيون صورتون آهن؟
    جواب: جڏهن پاڻي هڪ ميل پري هجي يا ڪنهن دُشمن جي خوف کان پاڻي کڻي نه سگهندو هجي. جيئن گهر کان ٻاهر کوهه موجود آهي مگر ڊپ آهي ته گهر کان ٻاهر نڪرندو ته دشمن يا چور ماري وجهندس يا کوهه وٽ وڏو نانگ ڦري رهيو آهي يا شينهن بيٺو آهي، ٿورو پاڻي وٽس موجود آهي پر ڊپ آهي ته جيڪڏهن انهيءَ سان وضو ڪندو ته اُڃ کان تڪليف ٿيندي يا کوهه موجود آهي پر دٻو ۽ رسي نه آهي يا پاڻي موجود آهي پر هيءُ اُٿي انهيءَ کي کڻي نه ٿو سگهي ۽ ٻيو ماڻهو موجود نه آهي، هي سڀ صورتون پاڻي نه هجڻ جي حڪم ۾ داخل آهن.
    سوال: بيمار ٿي پوڻ جو ڊپ ڪڏهن معتبر آهي؟
    جواب: جڏهن پنهنجي تجربي سان گُمان غالب هجي يا ڪنهن وڏي حڪيم يا ڊاڪٽر جي چوڻ سان معلوم ٿئي ته پاڻيءَ جي استعمال ڪرڻ سان بيمار ٿي پوندو ته تيمّم ڪرڻ صحيح آهي.
    سوال: پاڻيءَ جي هڪ ميل پري هجڻ مان ڇا مراد آهي، کولي بيان ڪريو؟
    جواب: جڏهن انسان ڪنهن اهڙي جاءِ تي هجي جتي پاڻي موجود نه هُجي، پر انهيءَ کي ڪنهن جي ٻڌائڻ سان يا پنهنجي اٽڪل سان هن ڳالهه جو گمان غالب هجي ته پاڻي هڪ ميل جي اندر آهي ته پاڻي آڻڻ ۽ وضو ڪرڻ ضروري آهي پر جڏهن ڪو ٻڌائڻ وارو به نه هجي ۽ ڪنهن به طريقي سان پاڻيءَ جي خبر نه پوي يا پاڻيءَ جي خبر پوي پر اهو ميل يا انهيءَ کان گهڻو پري هجي پوءِ پاڻي آڻڻ ضروري نه آهي، تيمّم ڪرڻ جائز آهي.
    سوال: تيمّم ۾ فرض ڪيترا آهن؟
    جواب: ٽي فرض آهن (1) نيت ڪرڻ، (2) ٻئي هٿ مٽيءَ تي هڻي منهن تي گهمائڻ (3) ٻئي هٿ مٽيءَ تي هڻي ٻنهي هٿن کي ٺونٺين تائين مهٽڻ.
    سوال: تيمّم ڪرڻ جو پورو طريقو ٻڌايو؟
    جواب: پهريائين نيت ڪري ته آئون پليديءَ کي پري ڪرڻ ۽ نماز پڙهڻ جي لاءِ تيمّم ڪريان ٿو، پوءِ ٻئي هٿ مٽيءَ جي وڏي ڀتر تي هڻي انهن کي ڇنڊجي، گهڻي مٽي لڳي پوي ته وات سان ڦوڪ ڏئي ۽ ٻنهي هٿن کي منهن تي اهڙيءَ طرح گهمائي جو ڪا به جاءِ باقي نه رهجي وڃي. هڪ وار برابر به جاءِ باقي رهجي ويئي ته تيمّم صحيح نه ٿيندو. پوءِ ٻيو دفعو ٻئي هٿ مٽيءَ تي هڻي ۽ انهن کي ڇنڊي پهريائين کاٻي هٿ جون چار آڱريون ساڄي هٿ جي آڱرين جي چوٽين جي هيٺان رکي ڇڪيندي ٺونٺ تائين کڻي وڃي. اهڙيءَ طرح کڻي وڃڻ ۾ ساڄي هٿ جي هيٺئين طرف کان ڦري ويندو، پوءِ کاٻي هٿ جي تري ساڄي هٿ جي مٿئين طرف کان ٺونٺ کان آڱرين تائين ڇڪيندو آڻي ۽ کاٻي هٿ جي آڱوٺي جي اندرئين پاسي کي ساڄي هٿ جي آڱوٺي جي پُٺيءَ تي گهمائي، پوءِ آڱرين جو خلال ڪري، جيڪڏهن منڍي پاتل هجي ته انهيءَ کي لاهڻ يا گهمائڻ ضروري آهي، ڏاڙهي جو خلال ڪرڻ به سُنت آهي.
    سوال: وضو ۽ غُسل ٻنهي جو تيمّم جائز آهي يا فقط وضوءَ جو؟
    جواب: ٻنهي جو تيمّم جائز آهي.
    سوال: ڪهڙين شين تي تيمّم ڪرڻ جائز آهي؟
    جواب: پاڪ مٽيءَ واري پٿر ۽ مٽيءَ جا ڪچا ٿانوَ يا پڪا ٿانوَ جن تي رنگ نه هجي ۽ مٽيءَ جي ڪچين يا پڪين سرن ۽ مٽي يا سرن يا پٿر يا چُن جي ڀت ۽ مُلتاني (ميٽ) تي تيمّم ڪرڻ جائز آهي.
    سوال: ڪهڙين شين تي تيمّم ڪرڻ ناجائز آهي؟
    جواب: ڪاٺي، لوهه، سون، چاندي، ٽامون، پتل، المونيم، شيشو، رنگ، جست، ڪڻڪ، جو ۽ سڀ اناج، ڪپڙو ۽ ڇار انهن سڀني شين تي ناجائز آهي. هيئن سمجهو ته جيڪي شيون باهه ۾ پگهرجي وڃن يا سڙي ڇار ٿي وڃن ٿيون ته انهن تي تيمّم ناجائز آهي.
    سوال: پٿر، چوني ۽ سرن جي ڀت تي مٽي نه هجي ته تيمّم جائز ٿيندو يا نه؟
    جواب: جن شين تي اسان تيمّم جائز ٻڌايو آهي انهن تي مٽي هجڻ جو شرط نه آهي، پٿر يا سر يا مٽيءَ جا ٿانوَ ڌوتل هجن، تڏهن به انهن تي تيمّم جائز آهي.
    سوال: جن شين تي تيمّم ناجائز آهي، جيڪڏهن انهن تي مٽي هُجي ته تيمّم جائز ٿيندو يا نه؟
    جواب: هائو! ايتري مٽي هجي جو هٿ هڻڻ سان اُڏامڻ لڳي يا انهيءَ شيءِ تي هٿ رکي ڇڪڻ سان نشان پئجي وڃي ته تيمّم جائز آهي.
    سوال: جيڪڏهن قرآن مجيد پڙهڻ يا هٿ لاهڻ يا مسجد ۾ وڃڻ يا آذان ڏيڻ يا سلام جي جواب ڏيڻ جي نيت سان تيمّم ڪيو ته انهيءَ سان نماز جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي.
    سوال: نمازِ جنازه يا سجدي تلاوت جي نيت سان تيمّم ڪيو ته انهيءَ سان نماز جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي.
    سوال: جيڪڏهن پاڻي نه ملڻ جي سبب کان تيمّم ڪيائين ۽ نماز پڙهيائين ته پوءِ پاڻي ملي ويو ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: نماز ٿي ويئي، هاڻي انهيءَ کي موٽائڻ جي ضرورت نه آهي. پوءِ اهو پاڻي وقت جي اندر مليو هجي يا وقت کانپوءِ.
    سوال: تيمّم ڪهڙين شين سان ڀڄي ٿو؟
    جواب: جن شين سان وضو ڀڄِ ٿو، انهن سان تيمّم به ڀڄي ٿو. ها غسل جو تيمّم رڳو حدث اڪبر سان ڀڃي ٿو ۽ جيڪڏهن پاڻي نه ملڻ جي ڪري تيمّم ڪيائين ته اهو تيمّم پاڻيءَ جي حاصل ٿيڻ سان به ڀڄي ٿو ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي عُذر کان جيئن بيماري وغيره ڪري تيمّم ڪيائين ته انهيءَ عُذر جي ختم ٿيڻ سان تيمّم به ڀڄي پوي ٿو.
    سوال: هڪ وقت جي نماز جي لاءِ تيمّم ڪيائين ته ٻئي وقت جي نماز انهيءَ سان جائز آهي يا نه؟
    جواب: هڪ تيمّم سان جيتري تائين اهو نه ڀڄي جيتري وقتن جي گُهري نماز پڙهي سگهي ٿو اهڙيءَ طرح فرض نمازن لاءِ جيڪو تيمّم ڪيائين انهيءَ سان فرض نماز ۽ نفل نماز ۽ قرآن مجيد جي تلاوت ۽ نمازِ جنازه، سجدو تلاوت ۽ سڀ عبادتون جائز آهن.
    سوال: تيمّم جي مُدت ڇا آهي؟
    جواب: جيتري تائين پاڻي نه ملي يا عُذر باقي رهيو ته تيمّم جائز آهي، جيڪڏهن انهيءَ حال ۾ ڪيترا سال گُذري وڃن ته ڪو حرج ناهي.


    نماز جي ٻئي شرط (ڪپڙا پاڪ ٿيڻ) جو بيان

    نماز جي ٻئي شرط (ڪپڙا پاڪ ٿيڻ) جو بيان
    سوال: ڪپڙن جي پاڪ هجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جيڪي ڪپڙا نماز پڙهندڙن جي بدن تي هجن، جيئن پهراڻ، سٿڻ، ٽوپي، پٽڪو وغيره انهن سڀني جو پاڪ هجڻ ضروري آهي، يعني انهن مان ڪنهن تي غليظ پليدي جو هڪ درهم کان وڌيڪ نه هجڻ، خفيف پليدي جو چوٿائي ڪپڙي تائين نه پهچڻ، نماز جائز ٿيڻ لاءِ شرط آهي، پوءِ جيڪڏهن غليظ پليدي هڪ درهم (رُپئي) يا انهيءَ کان گهٽ ۽ خفيف پليدي چوٿائي ڪپڙي کان گهٽ لڳل هجي ته نماز جائز ٿي ويندي پر مڪروهه ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن پٽڪي جو هڪ پاسو پليد آهي، پر نماز پڙهندڙ انهيءَ پاسي کي جُدا ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي مان اڌ پٽڪو ٻڌائين ته نماز جائز ٿيندي يا نه؟
    جواب: جيڪو ڪپڙو نمازيءَ جي بدن سان اهڙو تعلق رکندو هجي جو انهيءَ جي چُرڻ سان اهو به چُري، اهڙي ڪپڙي جو پاڪ هجڻ شرط آهي، پوءِ انهيءَ صورت ۾ نماز نه ٿيندي، ڇو ته نمازيءَ جي چُرڻ سان پٽڪو ضرور چُرندو.


    نماز جو ٽيون شرط (جاءِ پاڪ هجڻ) جو بيان

    نماز جو ٽيون شرط (جاءِ پاڪ هجڻ) جو بيان
    سوال: جاءِ پاڪ هُجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: نماز پڙهندڙ جي ٻنهي پيرن، گوڏن هٿن ۽ سجدي جي جاءِ جو پاڪ هجڻ ضروري آهي.
    سوال: جنهن جاءِ تي نماز پڙهي وڃي جيڪڏهن انهيءَ جو ٻيو پاسو پليد آهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪاٺيءَ جي تختن يا پٿر يا وڇايل سرن تي يا ڪنهن ٻي اهڙي سخت يا ٿُلهي شيءِ تي نماز پڙهو ۽ انهيءَ جو اهو پاسو جنهن تي نماز پڙهيائين سو پاڪ آهي ته نماز ٿي ويندي. ٻيو پاسو پليد هجي ته ڪو حرج نه آهي.
    ۽ جيڪڏهن سنهي ڪپڙي تي نماز پڙهيائين ۽ انهيءَ جي ٻئي پاسي تي پليدي هئي ته نماز صحيح نه ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن ڪپڙو ٻيڻو هجي ۽ مٿيون ڪپڙو پاڪ ۽ هيٺيون ڪپڙو پليد هجي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن هيءُ ٻئي پاڻ ۾ سبيل نه هجڻ ۽ مٿيون ايترو ٿلهو هجي جو هيٺئين تي پليدي جي بوءِ يا رنگ معلوم نه ٿئي ته نماز جائز آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي تهه ڪپڙي جا سبيل آهن ته احتياط هيءُ آهي ته انهيءَ تي نماز نه پڙهي.
    سوال: پليد زمين يا ڪپڙي يا فرش تي پاڪ ڪپڙو وڇائي نماز پڙهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جڏهن مٿئين ڪپڙي ۾ هيٺئين جي پليدي جي بوءِ يا رنگ ظاهر نه ٿو ٿئي ته نماز جائز آهي.
    سوال: جيڪڏهن نماز جي جاءِ پاڪ آهي پر ڪٿي ويجهو پليدي آهي، انهيءَ جي بوءِ نماز ۾ اچي ٿي ته نماز ٿيندي يا نه؟
    جواب: نماز ٿي ويندي، پر ڄاڻي واڻي اهڙيءَ جاءِ تي نماز پڙهڻ صحيح نه آهي.


    نماز جو چوٿون شرط (اوگهڙ ڍڪڻ) جو بيان

    نماز جو چوٿون شرط (اوگهڙ ڍڪڻ) جو بيان
    سوال: ستر (اوگهڙ) ڍڪڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: مرد کي دُن کان گوڏن تائين پنهنجو بدن ڍڪڻ فرض آهي. هيءُ اهڙو فرض آهي جو نماز ۾ به فرض آهي ۽ ٻاهر به فرض آهي ۽ عورت کي سواءِ ٻنهي هٿن، پيرن ۽ منهن جي سڄو بدن ڍڪڻ فرض آهي، جيتوڻيڪ عورت کي نماز ۾ مُنهن ڍڪڻ فرض نه آهي، پر ڌارين مردن جي سامهون بي پرده کُلي منهن اچڻ به جائز نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن اوگهڙ جو ڪو حصو بنا ارادي جي کُلي پوي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن غضوي جو چوٿون حصو کُلي پوي ۽ ايتري دير کُليل رهي، جيتري دير ۾ ٽي دفعا سُبحانَ رَبيَ الۡعَظيمِ! چئي سگهي ته نماز ڀڄي پوندي، جيڪڏهن کُلندي ئي يڪدم ڍڪيائين ته نماز صحيح ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو اونداهيءَ ۾ اُگهاڙو نماز پڙهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪپڙن هوندي اُگهاڙي جسم سان نماز پڙهيائين ته اونداهيءَ ۾ هجي يا روشنيءَ ۾ نماز نه ٿيندي.
    سوال: جيڪڏهن ڄاڻي واڻي عُضوي جو چوٿون حصو کوليائين ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ڄاڻي واڻي چوٿون حصو عضوو کولڻ سان نماز ڀڄي پوندي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن وٽ بالڪل ڪپڙو نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن به نموني جو ڪپڙو نه هجي ته ڪنهن ٻئي شيءِ سان جسم ڍڪي، جيئن وڻن جا پَنَ ۽ گاهه وغيره ۽ جيڪڏهن ڪُجهه به اوگهڙ ڍڪڻ جي لاءِ نه ملي ته اُگهاڙو نماز پڙهي، پر انهيءَ حالت ۾ ويهي نماز پڙهي ۽ رڪوع ۽ سجدي کي اشاري سان ادا ڪرڻ بهتر آهي.


    نماز جو پنجون شرط (وقت) جو بيان

    نماز جو پنجون شرط (وقت) جو بيان
    سوال: نماز جي لاءِ وقت شرط هُجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: نماز کي ادا ڪرڻ جي لاءِ هيءُ شرط آهي ته جيڪو وقت انهيءَ جي لاءِ مُقرر ڪيو ويو آهي انهيءَ وقت ۾ پڙهي وڃي. انهيءَ وقت کان اڳي پڙهڻ سان ته بلڪل صحيح نه ٿيندي ۽ انهيءَ کانپوءِ پڙهڻ سان ادا نه بلڪه قضا ٿيندي.
    سوال: نماز ڪيترن وقتن جي فرض آهي؟
    جواب: ڏينهن رات ۾ پنجن وقتن جون پنج نمازون فرض آهن، انهن کانسواءِ نمازِ وتر واجب آهي.
    سوال: فرض، واجب، سُنت ۽ نفل ڪنهن کي چون ٿا ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: فرض انهيءَ کي چون ٿا جو قطعي دليل سان ثابت ٿئي، يعني انهيءَ جي ثبوت ۾ ڪو به شڪ شبهو نه هجي، انهيءَ جي فرضيت جو انڪار ڪندڙ ڪافر ٿي پوي ٿو ۽ بنا عُذر جي ڇڏيندڙ گنهگار ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ٿو. واجب اهو آهي جو ظني (گُمان) دليل سان ثابت ٿئي، انهيءَ جو انڪار ڪندڙ ڪافر نٿو ٿئي، ها، عُذر کانسواءِ ڇڏيندڙ گنهگار ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ٿو، سنت انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن کي رسول اللهﷺ يا صحابه ڪرام رضوان الله عليهم اجمعين ڪيو هجي يا ڪرڻ جو حُڪم فرمايو هجي ۽ نفل انهن ڪمن کي چون ٿا جن جي فضيلت شريعت ۾ ثابت هجي، انهن جي ڪرڻ ۾ ثواب هجي ۽ ڇڏڻ ۾ عذاب نه هجي انهيءَ کي مستحب، مندوب ۽ تطوع به چون ٿا.
    سوال: فرض جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: ٻه قسم آهن: (1) فرض عين، (2) فرض ڪفايه. فرض عين انهيءَ فرض کي چون ٿا جنهن جو ادا ڪرڻ هر ماڻهوءَ تي ضروري هجي ۽ عُذر کانسواءِ ڇڏيندڙ فاسق ۽ گنهگار ٿئي ۽ فرض ڪفايه اهو فرض آهي جو هڪ ٻن ماڻهن جي ادا ڪرڻ سان سڀني تان بار لهي پوي ۽ ڪو به ادا نه ڪري ته سڀئي گنهگار ٿين.
    سوال: سُنت جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: ٻه قسم آهن: (1) سُنت مؤڪده (2) سُنت غير مؤڪده. سُنت مؤڪده انهيءَ کي چون ٿا جنهن کي حضور اڪرمﷺ هميشه ڪيو هجي يا ڪرڻ جو حڪم فرمايو هجي ۽ هميشه ڪيو ويو هجي، يعني عذر کانسواءِ ڪڏهن به نه ڇڏي ڏنو هجي، اهڙن سُنتن کي عذر کانسواءِ ڇڏڻ گناهه آهي ۽ سُنت غير مؤڪده انهيءَ کي چون ٿا، جنهن کي پاڻ سڳورنﷺ گهڻو ڪري ڪيو هجي پر ڪڏهن عذر کانسواءِ به ڇڏي ڏنو هجي. انهن سنتن جي ادا ڪرڻ ۾ مُستحب کان وڌيڪ ثواب آهي ۽ ڇڏڻ ۾ گناهه نه آهي، انهن سُنتن کي سُنن زوائد به چون ٿا.
    سوال: حرام، مڪروهه تحريمي ۽ مڪروههِ تنزيهي مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: حرام انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن جي ممانعت (روڪڻ) دليل قطعي سان ثابت هجي ۽ انهيءَ کي ڪندڙ فاسق ۽ عذاب جو مستحق ٿئي ۽ انهيءَ جو مُنڪر ڪافر ٿئي ۽ مڪروهه تحريمي انهيءَ ڪم کي چون ٿا، جنهن جي ممانعت دليل ظنيءَ سان ثابت ٿئي، انهيءَ جو منڪر ڪافر نه آهي پر ڪندڙ انهيءَ جو به گنهگار ٿئي ٿو. مڪروهه تنزيهي انهيءَ ڪم کي چون ٿا جنهن جي ڇڏڻ ۾ ثواب آهي ۽ ڪرڻ ۾ عذاب ته نه آهي پر هڪ قسم جي بُرائي آهي.
    سوال: مُباح ڇاکي چون ٿا؟
    جواب: مُباح انهيءَ ڪم کي چون ٿا، جنهن جي ڪرڻ ۾ ثواب نه هجي ۽ نه ڪرڻ ۾ گناهه ۽ عذاب نه هجي.
    سوال: نمازِ فجر جو وقت بيان ڪريو؟
    جواب: سج نڪرڻ کان اٽڪل ڏيڍ ڪلاڪ اڳ ۾ اوڀر جي طرف آسمان جي ڪناري تي هڪ سفيدي (اڇاڻ) ظاهر ٿئي ٿي، اها اڇاڻ زمين کان اُٿي مٿئين طرف هڪ ٿنبي جي شڪل ۾ بلند ٿئي ٿي، انهيءَ کي صبح ڪاذب (ڪوڙو صبح) چون ٿا. ٿوري دير کانپوءِ هيءَ اڇاڻ غائب ٿي وڃي ٿي، انهيءَ کانپوءِ ٻي اڇاڻ ظاهر ٿئي ٿي جو اُڀرندي پاسي ساڄي کاٻي پکڙيل اُٿندي آهي يعني آسمان جي سڄي اُڀرندي ڪناري تي پکڙيل ٿئي ٿي مٿئين طرف ڊگهي نه ٿي ٿئي، انهيءَ کي صبح صادق (سچو صبح) چون ٿا، انهيءَ صبح صادق جي نڪرڻ سان نماز فجر جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج نڪرڻ کان اڳ تائين هوندو آهي، جڏهن سج جو ٿورڙو ڪنارو به نڪري آيو ته فجر جو وقت پورو ٿيو.

    سوال: فجر جو مستحب وقت ڇا آهي؟
    جواب: جڏهن روشني ٿي وڃي ۽ ايترو وقت هجي جو سُنت جي مواقف چڱيءَ طرح نماز ادا ڪئي وڃي ۽ نماز کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ايترو وقت باقي هجي جو جيڪڏهن شايد هيءَ نماز ڪنهن سبب جي ڪري صحيح نه ٿي هجي ته سج اُڀرڻ کان اڳ ٻيهر سُنت جي موافق نماز پڙهي سگهجي، اهڙي وقت نماز پڙهڻ افضل آهي.
    سوال: نماز ظهر (اڳئين) جو وقت بيان ڪريو؟
    جواب: نماز ظهر جو وقت سج لڙڻ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ ٺيڪ ٻن پهرن (منجهند) جي وقت هر شيءِ جو جيترو پاڇو هجي انهيءَ کانسواءِ هر شيءِ جو پاڇو انهيءَ شيءِ کان ٻيڻو ٿي وڃي ته ظهر جو وقت ختم ٿي وڃي ٿو.
    سوال: ظهر جو مستحب وقت ڇا آهي؟
    جواب: گرميءَ جي موسم ۾ ايتري دير ڪري پڙهڻ جو گرميءَ جي تيزي گهٽجي وڃي ۽ سياري جي موسم ۾ پهرئين وقت ۾ پڙهڻ مستحب آهي، پر هن جو خيال رکڻ گهرجي ته ظهر جي نماز بهرحال هڪ مثل جي اندر پڙهي وڃي.
    سوال: نمازِ عصر (ٽپهري) جو وقت ٻُڌايو؟
    جواب: جڏهن هر شيءِ جو پاڇو اصلي پاڇي کان سواءِ ٻه مثل ٿئي ته ٻيپهري جو وقت پورو ٿي ۽ ٽيپهڙي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ سج لهڻ تائين رهي ٿو، پر جڏهن سج گهڻو هيٺ ٿي وڃي ۽ اُس ڪمزور ۽ ڦڪي ٿي وڃي ته انهيءَ وقت نماز مڪروهه ٿيندي آهي. انهيءَ کان اڳ ۾ ٽيپهري جي نماز پڙهي وٺڻ گهرجي.
    سوال: سانجهيءَ جي نماز جو وقت بيان ڪريو؟
    جواب: جڏهن سج لهي وڃي ته سانجهيءَ جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ شفق لهڻ تائين رهي ٿو.
    سوال: شفق ڪنهن کي چوندا آهن؟
    جواب: سج لهڻ کانپوءِ اولهه طرف آسمان تي جيڪا ڳاڙهاڻ رهي ٿي، انهيءَ کي شفق احمر (يعني ڳاڙهي شفق) چون ٿا ۽ ڳاڙهاڻ غائب ٿي وڃڻ کانپوءِ هڪ اڇاڻ باقي رهي ٿي، انهيءَ کي شفق ابيض چون ٿا، پوءِ اها اڇاڻ به غائب ٿي وڃي ۽ سڄو آسمان هڪ جهڙو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. انهيءَ شفق ابيض جي غائب ٿيڻ کان اڳ تائين سانجهيءَ جو وقت رهي ٿو.
    سوال: سانجهيءَ جو مُستحب وقت ڇا آهي؟
    جواب: پهريون وقت مُستحب آهي ۽ عُذر کان سواءِ دير ڪري نماز پڙهڻ مڪروهه آهي.
    سوال: نماز سُمهڻي جو وقت ڇا آهي؟
    جواب: اڇي شفق جي لهڻ کانپوءِ سمهڻي جو وقت شروع ٿئي ٿو ۽ صبح صادق (پرهه ڦٽي) کان اڳ تائين رهي ٿو.
    سوال: سُمهڻي جو مُستحب وقت ڇا آهي؟
    جواب: ٽئين حصي رات تائين مُستحب وقت آهي، انهيءَ کانپوءِ اڌ رات تائين مُباح (جائز) آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ مڪروهه ٿئي ٿو.
    سوال: نماز وِتر جو وقت ٻُڌايو؟
    جواب: نماز وِتر جو وقت اهوئي آهي جو نماز سُمهڻي جو آهي، پر نماز وِتر سُمهڻي کان اڳ ۾ جائز نٿي ٿئي، ڇو ته سُمهڻي نماز کان پوءِ انهيءَ جو وقت ٿئي ٿو.
    سوال: وِتر جو مُستحب وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن کي پاڻ تي ڀروسو هجي ته رات جي پوئين حصي ۾ ضرور جاڳندس ته انهيءَ جي لاءِ آخري حصي رات جو وِتر پڙهڻ مُستحب آهي، پر جيڪڏهن جاڳڻ تي ڀروسو نه هجي ته سُمهڻ کان اڳ ۾ ئي وِتر پڙهڻ گهرجي.


    نماز جو ڇهون شرط (استقبالِ قبله) جو بيان

    نماز جو ڇهون شرط (استقبالِ قبله) جو بيان
    سوال: استقبال قبله جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: قبلي ڏي منهن ڪرڻ کي استقبال قبله چوندا آهن.
    سوال: استقبال قبله نماز ۾ شرط هجڻ جو ڇا مطلب آهي؟
    جواب: نماز پڙهڻ وقت ضروري آهي ته نماز پڙهندڙن جو منهن قبلي طرف هجي.
    سوال: مُلسمانن جو قبلو ڪهڙو آهي؟
    جواب: مُسلمانن جو قبلو خانه ڪعبه آهي، خانه ڪعبه ڪمري جي شڪل ۾ هڪ گهر آهي، جو مُلڪ عرب جي شهر مڪه معظمه ۾ آهي، خانه ڪعبه کي ڪعبة الله، بيت الله ۽ بيت الحرام به چوندا آهن.
    سوال: قبلو ڪهڙي طرف آهي؟
    جواب: هندستان، برما، بنگال ۽ پاڪستان سميت گهڻن مُلڪن جو قبلو اولهه طرف آهي ڇو ته هيءُ سڀ ملڪ مڪه معظمه کان اوڀر جي طرف آهن.
    سوال: جيڪڏهن بيمار جو منهن قبلي طرف نه هجي ۽ انهيءَ ۾ چُرڻ جي طاقت به نه هُجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو موجود هجي جو بيمار جو منهن قبلي طرف ڪري سگهي ۽ بيمار کي گهڻي تڪليف ٿيڻ جو انديشو به نه هجي ته انهيءَ جو منهن قبلي طرف ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ٻيو ماڻهو نه هجي يا بيمار کي گهڻي تڪليف ٿيندي هجي ته جنهن طرف منهن هجي، انهيءَ طرف نماز پڙهي.
    نماز جو ستون شرط (نيت) جو بيان
    سوال: نيت مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: نيت دل سان ارادي ڪرڻ کي چون ٿا.
    سوال: نيت ۾ ڪهڙي شيءِ جو ارادو ڪري؟
    جواب: نيت ۾ خاص انهيءَ فرض نماز جو ارادو ڪرڻ ضروري آهي، جيڪا پڙهڻ گهري ٿو، جيئن فجر جي نماز پڙهڻي آهي ته هيءُ ارادو ڪري ته اڄ فجر جي نماز پڙهان ٿو يا قضا نماز هجي ته هيئن نيت ڪري ته فلاڻي ڏينهن جي نماز فجر پڙهان ٿو ۽ جيڪڏهن امام جي پُٺيان نماز پڙهي ٿو ته انهيءَ جي نيت به ڪرڻ ضروري آهي.
    سوال: نيت جو زبان سان چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: مُستحب آهي، جيڪڏهن زبان سان نه چوي ته ڪو حرج ناهي ۽ چوي ته بهتر آهي.
    سوال: نفل نماز جي نيت ڪهڙيءَ طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: نماز نفل جي نيت ايتري ڪافي آهي ته نماز نفل پڙهان ٿو، نماز سُنت ۽ تراويح جي لاءِ به ايتري ئي نيت ڪافي آهي.


    اذان (بانگ) جو بيان

    اذان (بانگ) جو بيان
    سوال: اذان جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: اذان جي معنيٰ خبر ڪرڻ جي آهي، پر شريعت ۾ خاص نمازن جي لاءِ خاص لفظن سان خبر ڪرڻ کي اذان چون ٿا. اذان (بانگ) جا ڪلمان تعليم الاسلام حصي پهرئين ۾ لکيا ويا آهن.
    سوال: بانگ فرض آهي يا سُنت؟
    جواب: بانگ سُنت آهي، پر جيئن ته اذان (بانگ) سان اسلام جو هڪ خاص نشان ظاهر ٿئي ٿو، انهيءَ ڪري انهيءَ جو تاڪيد گهڻو آهي.
    سوال: بانگ ڪهڙين نمازن جي لاءِ مسنون آهي؟
    جواب: پنج فرض نمازن ۽ جُمعي جي نماز جي لاءِ اذان مسنون آهي، انهن کانسواءِ ٻئي ڪنهن نماز جي لاءِ اذان مسنون نه آهي.
    سوال: بانگ ڪهڙي وقت چوڻ گهرجي.
    جواب: هر نماز فرض جي اذان انهيءَ جي وقت ۾ چوڻ گهرجي، جيڪڏهن وقت جي اچڻ کان اڳ ۾ چيائين ته وقت اچڻ تي ٻيهر چئي وڃي.
    سوال: بانگ جو مُستحب طريقو ڇا آهي؟
    جواب: بانگ ۾ ست ڳالهيون مستحب آهن:
    (1) قبلي جي طرف منهن ڪري بيهڻ. (2) بانگ جا اکر ترسي ترسي چوڻ، يعني جلدي نه ڪرڻ. (3) بانگ چوڻ وقت شهادت جون ٻئي آڱريون (ڏسڻيون) ڪنن ۾ رکڻ. (4) مٿانهين جاءِ تي اذان چوڻ. (5) ڏاڍيان بانگ چوڻ. (6) حَیَّ عَلیَ الصَّلٰوۃِ چوڻ وقت ساڄي طرف ۽ حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ چوڻ وقت کاٻي طرف منهن ڦيرڻ. (7) صبح جي بانگ ۾ حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ کانپوءِ اَلصّلٰوۃُ خْیْرٌمِّنَ النَّوْمِ ٻه دفعا چوڻ.
    سوال: اقامت (تڪبير) ڪنهن کي چون ٿا؟
    جواب: فرض نماز شروع ڪرڻ وقت اهي ئي ڪلما جيڪي بانگ ۾ چيا وڃن ٿا، مگر حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ کانپوءِ تڪبير ۾ قَدْقَامَتِ الصَّلٰوۃِ ٻه دفعا بانگ جي ڪلمن کان زياده آهن.
    سوال: تڪبير چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: تڪبير به فرض نمازن جي لاءِ سُنت آهي، فرض نمازن کانسواءِ ڪنهن به نماز جي لاءِ مسنُون نه آهي.
    سوال: ڇا بانگ ۽ تڪبير مردن ۽ عورتن ٻنهي جي لاءِ سُنت آهي؟
    جواب: نه! بلڪ صرف مردن جي لاءِ سُنت آهي.
    سوال: بنا وضو بانگ ۽ تڪبير چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: بانگ بنا وضو جي چوڻ جائز آهي، مگر انهيءَ جي عادت ڪرڻ خراب آهي ۽ تڪبير بنا وضو جي مڪروهه آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن وقت ڪو ماڻهو پنهنجي گهر ۾ فرض نماز پڙهي ته بانگ ۽ تڪبير چوي يا نه؟
    جواب: پاڙي جي مسجد جي بانگ ۽ تڪبير ڪافي آهي، پر چوي ته سُٺو آهي.
    سوال: مُسافر حالت سفر ۾ بانگ ۽ تڪبير چوي يا نه؟
    جواب: هائو! حالت سفر ۾ جڏهن آباديءَ کان ٻاهر هجي ته بانگ ۽ تڪبير ٻئي چوڻ گهرجن پر بانگ نه چوي صرف تڪبير چوي تڏهن به ڪو حرج نه آهي ۽ ٻنهي کي ڇڏي ڏيڻ مڪروهه آهي.
    سوال: بانگ هڪ ماڻهو چوي ۽ تڪبير ٻيو چوي ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن بانگ چوندڙ موجود نه هُجي يا موجود هجي مگر ٻئي ماڻهوءَ جي تڪبير چوڻ سان ناراض نه ٿئي ته جائز آهي پر جيڪڏهن انهيءَ کي ناخوشي ٿئي ته مڪروهه آهي.
    سوال: بانگ کانپوءِ ڪيتري دير ترسي تڪبير چوڻ گهرجي؟
    جواب: سانجهيءَ جي بانگ کانسواءِ ٻين سڀني وقتن ۾ ايتري دير ترسڻ گهرجي ته جيڪي ماڻهو کائڻ پيئڻ ۾ مشغول هجن يا ڪاڪوس پيشاب ڪري رهيا هجن اُهي فارغ ٿي نماز ۾ شريڪ ٿي سگهن ۽ سانجهي جي بانگ کانپوءِ ٽن آيتن پڙهڻ جيترو ترسي تڪبير چوي.
    سوال: بانگ ۽ تڪبير جي اجابت ڪنهن کي چون ٿا ۽ انهيءَ جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: بانگ ۽ تڪبير ٻنهي جي اجابت (جواب ڏيڻ) مُستحب آهي ۽ اجابت مان مُراد هيءَ آهي ته ٻڌندڙ به اهي ئي ڪلما چوندو وڃي جيڪي موذن يا مُڪبر چوي ٿو، مگر حَیَّ عَلیَ الصَّلٰوۃِ ۽ حَیَّ عَلیَ اْلفَلاحِ ٻڌي لَاحَولَ وَلَا قُوۃَ اِلّابَاللہِ چوڻ گهرجي ۽ فجر جي بانگ ۾ اَلصّلٰوۃُ خْیْرٌمِّنَ النَّوْمِ ٻُڌي صَدَّقْتَ وَ بَرَرْتَ چوڻ گهرجي ۽ تڪبير ۾ قَدْقَامَتِ الصَّلٰوۃِ ٻڌي اَقَامَهَا اللهُ وَاَدَامَهَا چوڻ گهرجي.
    سوال: بانگ کانپوءِ ڪهڙي دُعا پڙهڻ گهرجي؟
    جواب: بانگ کانپوءِ هي دُعا پڙهي:
    اَللّھُمَّ رَبَّ ھٰذِہِ الدَّعْوَۃِ التَّآمّْۃِ وَ الصَّلٰوۃِ الْقآئِمَۃِ اٰتِ مُحَمَّدَ انِ الْوَسِیْلَۃَ وَالْفِضِیلَۃَ وَابْعَثْہُ مَقَامًا مَّحْمُوْدَانِ الَّذِیْ وَعدتَّہٗ اِنَّکَ لَاتُخْلِفُ المیِعَادِ۔


    نماز جي ارڪان جو بيان

    نماز جي ارڪان جو بيان
    سوال: ارڪان نماز ڪنهن کي چون ٿا؟
    جواب: ارڪان نماز انهن شين کي چون ٿا جيڪي نماز جي اندر فرض آهن. ارڪان رُڪن جي جمع آهي. رُڪن جي معنيٰ فرضُ ۽ ارڪان جي معنيٰ فرضَ (يعني گهڻا فرض) آهن.
    سوال: نماز ۾ ڪيترا فرض آهن؟
    جواب: ڇهه شيون فرض آهن: (1) تڪبير تحريمه چوڻ، (2) قيام (اُٿي بيهڻ)، (3) قرأت يعني قرآن شريف پڙهڻ، (4) رڪوع ڪرڻ، (5) ٻئي سجدا ڪرڻ، (6) قعدهٗ اخيره يعني نماز جي پڇاڙيءَ ۾ التحيات پڙهڻ جيترو ويهڻ، مگر تڪبير تحريمه شرط آهي رڪن نه آهي.
    سوال: تڪبير تحريمه شرط آهي ته انهيءَ کي پهرين ستن شرطن سان گڏ ڇو بيان نه ڪيو؟
    جواب: جيئن ته تڪبير تحريمه ۽ نماز جي رڪنن ۾ ڪو فاصلو نه آهي ۽ انهيءَ سان نماز شروع ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري تڪبير تحريمه کي نماز جي رڪنن سان بيان ڪرڻ مناسب معلوم ٿيو.


    تڪبير تحريمه جو بيان

    تڪبير تحريمه جو بيان
    سوال: تڪبير تحريمه مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: نيت ٻڌڻ وقت الله اڪبر چوندا آهن. انهيءَ تڪبير جي چوڻ سان نماز شروع ٿي وڃي ٿي ۽ جيڪي ڳالهيون نماز جي خلاف آهن، اهي حرام ٿي وڃن ٿيون، انهيءَ ڪري انهيءَ کي تڪبير تحريمه چون ٿا.
    سوال: فرض نماز جي تڪبير تحريمه جُهڪيل چيائين ته جائز ٿي يا نه؟
    جواب: نه! ڇو ته تحريمه جي وقت فرض ۽ واجب نمازن ۾ جڏهن ڪو عُذر نه هجي ته سڌو بيهڻ شرط آهي.


    نماز جي پهرئين رُڪن يعني قيام جو بيان

    نماز جي پهرئين رُڪن يعني قيام جو بيان
    سوال: قيام مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: قيام اُٿي بيهڻ کي چون ٿا ۽ اُٿي بيهڻ مان اهڙو سڌو بيهڻ مُراد آهي جو گوڏن تائين هٿ نه پهچي سگهن.
    سوال: قيام ڪيترو ۽ ڪهڙيءَ نماز ۾ فرض آهي؟
    جواب: فرض ۽ واجب نمازن ۾ ايترو بيهڻ فرض آهي، جنهن ۾ فرض قرأت پڙهي سگهجي.
    سوال: جيڪڏهن اُٿي بيهڻ جي طاقت نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: بيماري يا زخم يا دشمن جي خوف يا اهڙو ئي قوي عذر جنهن سبب بيهي نه سگهي ته ويهي فرض ۽ واجب نمازون پڙهڻ جائز آهن.
    سوال: نفل نماز ۾ قيام جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: نفل نماز ۾ قيام فرض نه آهي. بنا عُذر جي به ويهي نفل پڙهڻ جائز آهي، پر عُذر کانسواءِ ويهي نفل نماز پڙهڻ ۾ اڌ ثواب ملندو آهي.


    نماز جي ٻئي رُڪن قرأت جو بيان

    نماز جي ٻئي رُڪن قرأت جو بيان
    سوال: قرأت مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: قرأت قرآن مجيد پڙهڻ کي چون ٿا.
    سوال: نماز ۾ ڪيترو قرآن پڙهڻ ضروري آهي؟
    جواب: گهٽ ۾ گهٽ هڪ آيت پڙهڻ فرض آهي ۽ سورة فاتحه پڙهڻ واجب آهي ۽ فرض جي پهرئين ٻن رڪعتن ۾. نماز وتر، سُنت ۽ نفل جي سڀني رڪعتن ۾ سورة فاتحه کانپوءِ ڪا ٻي سورت يا وڏي هڪ آيت يا ننڍيون ٽي آيتون پڙهڻ به واجب آهن.
    سوال: ڇا سورة فاتحه سڀني نمازن جي هر رڪعت ۾ پڙهڻ واجب آهي؟
    جواب: فرض نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ هر نماز جي چاهي اها فرض نماز هجي يا واجب يا سُنت يا نفل هر رڪعت ۾ سورة فاتحه پڙهڻ واجب آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کي هڪ آيت به ياد نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: سبحان الله يا الحمدلله قرأت جي عوض پڙهي ۽ انهيءَ تي تمام جلدي قرآن مجيد سکڻ ۽ ياد ڪرڻ فرض آهي، قرأت فرض جو مقدار ياد ڪرڻ فرض ۽ واجب جو مقدار واجب آهي ۽ نه سکڻ سان سخت گناهگار ٿيندو.
    سوال: قرآن مجيد ڪهڙين نمازن ۾ زور سان پڙهڻ گهرجي.
    جواب: امام تي واجب آهي ته نماز سانجهي ۽ نماز سُمهڻي جي پهرئين ٻن رڪعتن ۾، فجر، جمعه، عيدين جي نمازن ۾ ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ تراويح ۽ وِتر جي نمازن ۾ آواز سان پڙهي.
    سوال: ڪهڙين نمازن ۾ قرأت آهستي ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: نماز ٻيپهري ۽ نماز ٽيپهري ۾ امام ۽ مُنفرد (اڪيلو) سڀني کي ۽ نماز وتر ۾ مُنفرد (اڪيلي) کي قرأت آهستي ڪرڻ گهرجي.
    سوال: زور سان ڪيترو پڙهڻ گهرجي؟
    جواب: زور سان پڙهڻ جو گهٽ درجو هيءُ آهي ته پنهنجو آواز پاسي واري ماڻهوءَ جي ڪن ۾ پهچي سگهي ۽ آهستي پڙهڻ جو گهٽ درجو هيءُ آهي ته پنهنجو آواز پنهنجي ڪن ۾ پهچي سگهي.
    سوال: جن نمازن ۾ آواز سان قرأت ڪئي وڃي ٿي انهن کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: انهن کي جهري نماز چون ٿا، ڇو ته جَهر جي معنيٰ زور سان پڙهڻ جي آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو زبان سان لفظ نه چوي رڳو خيال۾ پڙهي ته جائز آهي يانه؟
    جواب: رڳو خيال ڊوڙائڻ سان نماز نه ٿيندي بلڪه زبان سان پڙهڻ ضروري آهي.


    نماز جي ٽئين رُڪن (رُڪوع) ۽ چوٿين رُڪن (سجدي) جو بيان

    نماز جي ٽئين رُڪن (رُڪوع) ۽ چوٿين رُڪن (سجدي) جو بيان
    سوال: رڪوع جو گهٽ مقدار ڇا آهي؟
    جواب: رڪوع جو گهٽ مقدار ايترو جهُڪڻ آهي جو هٿ گوڏن تائين پهچي وڃن.
    سوال: رڪوع جو مسنون طريقو ڇا آهي؟
    جواب: اهڙي نموني سان جُهڪڻ جو مٿو ۽ پٺي برابر ٿين ۽ هٿ پاسڙين کان پري هجن ۽ گوڏن کي ٻنهي هٿن سان جهلجي.
    سوال: جيڪڏهن پيريءَ ڪري ايترو پُٺي جُهڪي وڃي يا ڪو ايترو ڪُٻو هجي جو رڪوع جي شڪل ٿي وڃي ته رڪوع ڪهڙي طرح ڪري؟
    جواب: مَٿي سان اشارو ڪري يعني رڳو مٿي کي جُهڪائڻ سان انهيءَ جو رُڪوع ٿي ويندو.
    سوال: سجدي مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: زمين تي پيشاني رکڻ کي سجدو چون ٿا.
    سوال: جيڪڏهن رڳو نَڪ يا پيشاني تي سجدو ڪري ته سجدو ادا ٿيندو يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن عُذر سان ايئن ڪري ته جائز آهي ۽ بنا عُذر رڳو پيشانيءَ تي سجدو ڪيائين ته سجدو ٿي ويندو پر مڪروهه آهي ۽ عذر کانسواءِ رڳو نڪ تي سجدو ڪرڻ سان سجدو ادا نه ٿيندو.
    سوال: هر رڪعت ۾ هڪ سجدو فرض آهي يا ٻئي؟
    جواب: ٻئي سجدا فرض آهن.
    سوال: جيڪڏهن پيشاني ۽ نَڪ تي زخم هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: سجدي جو اشارو مٿي سان ڪرڻ اهڙي ماڻهوءَ جي لاءِ ڪافي آهي.
    سوال: پهرئين سجدي کانپوءِ ڪيترو ترسي ٻيو سجدو ڪري؟
    جواب: چڱيءَ طرح ويهي پوءِ ٻيو سجدو ڪري.
    سوال: عيدين يا جمعه يا ڪنهن ٻي وڏي جماعت ۾ ماڻهن جي گهڻائيءَ جي ڪري جاءِ تنگ ٿي پئي ۽ پٺئين ماڻهو پنهنجي اڳيئين جي پٺيءَ تي سجدو ڪيو ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي.


    نماز جو پنجون رڪن (قعده اخيره) جو بيان

    نماز جو پنجون رڪن (قعده اخيره) جو بيان
    سوال: آخري قعدي جو ڪيترو مقدار (اندازو) فرض آهي؟
    جواب: التحياتُ جي آخري لفطن عَبْدُہٗ وَرَسُوْلُہٗ تائين پڙهڻ جيترو ويهڻ فرض آهي.
    سوال: آخري قعدو ڪهڙين نمازن ۾ فرض آهي؟
    جواب: سڀني نمازن ۾ خواهه فرض هجن يا واجب سنت هجن يا نفل آخري قعدو فرض آهي.


    نماز جي واجبن جو بيان

    نماز جي واجبن جو بيان
    سوال: نماز جي واجبن مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: نماز جا واجب انهن شين کي چون ٿا، جن جو نماز ۾ ادا ڪرڻ ضروري آهي، جيڪڏهن انهن مان ڪا شيءِ ويسر کان رهجي وڃي ته سجده سهو ڪرڻ سان نماز صحيح ٿي وڃي ٿي ۽ ويسر کان رهجي وڃڻ کان پوءِ سجده سهو نه ڪيو وڃي يا ڄاڻي واڻي ڪا شيءِ ڇڏي وڃي ته نماز جو موٽائڻ واجب ٿئي ٿو.
    سوال: نماز جا واجب ڪيترا آهن؟
    جواب: نماز جا واجب چوڏهن آهن:
    (1) فرض نمازن جي پهرين ٻن رڪعتن کي قرأت جي لاءِ مقرر ڪرڻ، (2) فرض نمازن جي ٽئين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ سڀني نمازن جي هر رڪعت ۾ سُورة فاتحه پڙهڻ، (3) فرض نمازن جي پهرين ٻن رڪعتن ۽ سورة فاتحه کانپوءِ سورت يا وڏي هڪ آيت يا ننڍيون ٽي آيتون پڙهڻ، (4) سورة فاتحه کي سورة کان اڳي پڙهڻ، (5) قرأت ۽ رُڪوع، سجدن ۽ رڪعتن ۾ ترتيب قائم رکڻ، (6) قومه ڪرڻ يعني رُڪوع کان اُٿي سڌو بيهڻ، (7) جلسه يعني ٻنهي سجدن جي وچ ۾ سڌو ويهڻ، (8) تعديل ارڪان يعني رُڪوع، سجده وغيره کي اطمينان سان چڱيءَ طرح ادا ڪرڻ، (9) قعده اوليٰ يعني ٽن ۽ چئن رڪعتن واري نماز ۾ ٻن رڪعتن کانپوءِ تشهُد جيترو ويهڻ، (10) ٻنهي قعدن ۽ تشهُد پڙهڻ، (11) امام کي نماز فجر، مغرب، عشاءَ، جمعه، عيدين، تراويح ۽ رمضان شريف جي ويترن ۾ آواز سان قرأت ڪرڻ ۽ ظهر، عصر وغيره جي نمازن ۾ آهستي پڙهڻ، (12) لفظ سلام سان نماز کي پوُرو ڪرڻ، (13) نماز وتر ۾ قنوت جي لاءِ تڪبير چوڻ ۽ دُعاءِ قنوت پڙهڻ، (14) ٻنهي عيدن جي نماز ۾ زياده تڪبيرون چوڻ.


    نماز جي سُنتن جو بيان

    نماز جي سُنتن جو بيان
    سوال: نماز جي سُنتن مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جيڪي شيون نماز ۾ حضور اڪرمﷺ جن کان ثابت ٿيون هجن، پر انهن جو تاڪيد فرض ۽ واجب جي برابر ثابت نه ٿيو هجي ته انهيءَ کي سُنت چون ٿا، انهن شين مان ڪا شيءِ جيڪڏهن ويسر کان رهجي وڃي ته نه نماز ڀڄي ٿي ۽ نه سجده سهو واجب ٿئي ٿو نه گناهه ٿئي ٿو ۽ ڄاڻي واڻي ڇڏي ڏيڻ سان نماز نٿي ڀڄي ۽ نه سجده سهو واجب ٿئي ٿو، پر ڇڏيندڙ ملامت جو مُستحق ٿئي ٿو.
    سوال: نماز ۾ ڪيتريون سُنتون آهن؟
    جواب: نماز ۾ ايڪيهه سُنتون آهن:
    (1) تڪبير تحريمه چوڻ کان اڳ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻڻ، (2) ٻنهي هٿن جون آڱريون پنهنجي حالتن ۾ کُليل ۽ قبلي طرف رکڻ، (3) تڪبير تحريمه چوڻ جي وقت مٿي کي نه جهڪائڻ، (4) امام جي لاءِ تڪبير تحريمه ۽ هڪ رڪن کان ٻئي رڪن ۾ وڃڻ جون سڀ تڪبيرون ضرورت موافق چوڻ، (5) ساڄي هٿ کي کاٻي هٿ تي دُن جي هيٺان ٻڌڻ، (6) ثنا پڙهڻ، (7) تعوُذ يعني اَعُوذُباللهِ من الشيطٰن الرجيم پڙهڻ، (8) بسم الله پڙهڻ، (9) فرض نماز جي ٽئين ۽ چوٿين رڪعت ۾ رڳو سورة فاتحه پڙهڻ، (10) آمين چوڻ، (11) ثنا، تعوذ، بسم الله ۽ آمين سڀني کي آهستي پڙهڻ، (12) سُنت جي موافق قرأت ڪرڻ، يعني جنهن نماز ۾ جيترو قرآن مجيد پڙهڻ سُنت آهي، انهيءَ جي موافق پڙهڻ، (13) رُڪوع ۽ سجدي ۾ ٽي ٽي دفعا تسبيح پڙهڻ، (14) رُڪوع ۾ مٿي ۽ پُٺيءَ کي برابر سڌو رکڻ ۽ ٻنهي هٿن جي کُليل آڱرين سان گوڏن کي جهلڻ، (15) قومه ۾ امام کي سَمِعَ اللہُ لَمَنُ حَمَدہٗ ۽ جماعتيءَ کي رَبَّنَالَکَ الْحَمْدُ چوڻ ۽ اڪيلي کي تسميع ۽ تحميد ٻئي چوڻ، (16) سجدي ۾ وڃڻ وقت پهريائين ٻئي گوڏا پوءِ ٻئي هٿ ۽ پوءِ پيشاني رکڻ، (17) جلسي ۽ قعدي ۾ کاٻو پير وڇائي انهيءَ تي ويهڻ ۽ ساڄي پير کي اهڙيءَ طرح اُڀو رکڻ جو ان جي آڱرين جون چوٽيون قبلي طرف هُجن ۽ ٻئي هٿ رانن تي رکڻ، (18) تَشَهُّد ۾ اَشْھَدُ اَنْ لَّا اِلٰہَ تي ڏسڻي آڱر سان اشارو ڪرڻ، (19) پوئين قعدي ۾ تشهد کانپوءِ درود پڙهڻ، (20) درود کانپوءِ دُعا پڙهڻ، (21) پهريائين ساڄي طرف پوءِ کاٻي طرف سلام ڦيرڻ.


    نماز جي مُستحبن جو بيان

    نماز جي مُستحبن جو بيان
    سوال: نماز ۾ ڪيتريون شيون مستحب آهن؟
    جواب: نماز ۾ پنج شيون مستحب آهن:
    (1) تڪبير چوڻ وقت ٻانهن کان ٻئي هٿ ٻاهر ڪڍڻ، (2) رڪوع ۽ سجدي ۾ ٽن دفعن کان وڌيڪ تسبيح پڙهڻ، (3) قيام جي حالت ۾ سجدي جي جاءِ تي ۽ رڪوع ۾ پيرن جي پُٺيءَ تي، جلسي ۽ قعدي ۾ پنهنجي هنج تي سلام جي وقت پنهنجن ڪُلهن تي نهارڻ، (4) کنگهه کي پنهنجي طاقت سان روڪڻ، (5) اوٻاسيءَ ۾ وات بند رکڻ ۽ کُلي وڃي ته قيام جي حالت ۾ ساڄي هٿ ۽ باقي حالتن ۾ کاٻي هٿ جي پُٺيءَ سان وات کي ڍڪڻ.


    نماز پڙهڻ جو طريقو

    نماز پڙهڻ جو طريقو
    جڏهن نماز پڙهڻ جو ارادو ڪيو ته پهريائين پنهنجو جسم حدث اڪبر ۽ حدث اصغر ۽ ظاهري پليدي کان پاڪ ڪريو ۽ پاڪ ڪپڙا پائي پاڪ جاءِ تي قبلي طرف منهن ڪري اهڙي طرح بيهو جو ٻنهي پيرن جي وچ ۾ چار آڱريون يا انهيءَ جيترو فاصلو هجي، پوءِ جيڪا نماز پڙهڻي هجي، انهيءَ جي نيت دل سان ڪيو، جيئن ته هيءُ فجر جي نماز فرض الله جي لاءِ پڙهان ٿو ۽ زبان سان به چوي ته سُٺو آهي پوءِ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻو، هٿن جون تريون ۽ آڱريون قبلي طرف هجن ۽ آڱوٺا ڪنن جي پاپڙين سامهون هُجن ۽ آڱريون کليل رهن، انهيءَ وقت الله اڪبر چئي ٻئي هٿ دُن جي هيٺان ٻَڌو ساڄي هٿ جي تري کاٻي هٿ جي تريءَ جي پُٺيءَ تي هُجي ۽ آڱوٺي ۽ چيچ سان حلقي (گول) وانگر مُريءَ کي پڪڙيون ۽ باقي ٽي آڱريون ٻانهن تي هجن ۽ نظر سجدي جي جاءِ تي هجي، هٿ ٻڌي آهستي آهستي ثنا پڙهو پوءِ تعوذ پوءِ تسميه پڙهي سورة فاتحه پڙهو، جڏهن سورة فاتح پوري ڪيو ته آهستي آمين چئو، پوءِ ڪا سورة يا ڪا وڏي هڪ آيت يا ننڍيون ٽي آيتون پڙهو، پر جيڪڏهن امام جي پٺيان نماز پڙهندا هجو ته رڳو ثنا پڙهي خاموش بيهي رهو، تعوذ ۽ تسميه، سورة فاتحه ۽ ٻي ڪا سورة ڪجهه به نه پڙهو، قرأت صاف صاف ۽ صحيح پڙهو، جلدي نه ڪيو پوءِ الله اڪبر چوندي رڪوع ۾ وڃو، آڱريون کولي انهن سان گوڏن کي جهليو، پُٺيءَ کي اهڙو سڌو ڪيو جو انهيءَ تي پاڻيءَ جو پيالو رکيو وڃي ته ٺيڪ رکيو هجي، مٿي کي پُٺيءَ جي سڌائيءَ ۾ رکو نه مٿي ڪيو نه هيٺ رکو، هٿ پاسڙين کان پري هجن ۽ پنيون سڌيون بيهن، پوءِ رُڪوع جي تسبيح ٽي دفعا يا پنج دفعا پڙهو، پوءِ تسميع چوندي سدا اُٿي بيهو، تحميد به پڙهو (امام رڳو تسميع پڙهي ۽ مقتدي صرف تحميد پڙهي ۽ اڪيلو تسميع ۽ تحميد ٻئي پڙهي پوءِ تڪبير چوندي سجدي ۾ وڃو، پهريائين ٻئي گوڏا پوءِ ٻئي هٿ پوءِ نڪ پوءِ پيشاني رکو، منهن ٻنهي هٿن جي وچ ۾ ۽ آڱوٺا ڪنن جي مُقابلي ۾ هجن، هٿن جون آڱريون مليل رکو تانته سڀني جون چوٽيون قبلي طرف هجن، ٺونٺيون پاسڙين کان ۽ پيٽ رانن کان پري هجي، ٺونٺيون زمين تي نه رکو، سجدي ۾ ٽي يا پنج دفعا سجدي جي تسبيح چئو پوءِ پهريائين پيشاني پوءِ نڪ پوءِ هٿ مٿي کڻي تڪبير چوندي مٿي اُٿو ۽ سِڌا ويهو پوءِ تڪبير چئي ٻيو سجدو ڪيو پوءِ تڪبير چوندي اُٿو، اُٿڻ ۾ پهريائين پيشاني پوءِ نڪ پوءِ هٿ پوءِ گوڏا کڻي پيرن تي سڌا بيهو ۽ بيهي هٿ ٻڌو ۽ بسم الله ۽ سورة فاتحه ۽ ڪا ٻي سورة پڙهو، امام جي پٺيان هجو ته ڪجهه به نه پڙهو ماٺ ڪري بيهو پوءِ انهيءَ قاعدي سان رُڪوع، قومه، سجده، جلسه ٻيو سجدو ڪيو، ٻنهي سجدن مان اُٿي کاٻو پير وڇائي انهيءَ تي ويهو ۽ ساڄو پير اُڀو رکو، ٻنهي پيرن جي آڱرين جون چوٽيون قبلي طرف هجن ۽ ٻئي هٿ رانن تي رکي التحيات پڙهو، جڏهن اَشْھَدُ اَنْ لّااِلٰہَ تي پهچو ته ساڄي هٿ جي آڱوٺي ۽ وچين آڱر سان حلقو (گول) ٺاهيو ۽ چيچ ۽ انهيءَ جي ڀرواري آڱر کي بند ڪيو ۽ ڏسڻي آڱر کڻي اشارو ڪيو ۽ لَااِلٰہَ تي آڱر کڻو ۽ اِلَّااللہُ تي هيٺ ڪيو ۽ اهڙي طرح پڇاڙيءَ تائين حلقو ٺهيل هُجي، تشهُد پورو ڪري جيڪڏهن ٻن رڪعتن واري نماز هجي ته درود شريف پڙهو، انهيءَ کانپوءِ دُعا پڙهو پوءِ پهريائين ساڄي طرف پوءِ کاٻي طرف سلام چئو، ساڄي طرف سلام چوندي ساڄي طرف منهن ڦيريو ۽ کاٻي طرف سلام چوندي کاٻي طرف منهن ڦيريو، ساڄي سلام ۾ ساڄي طرف جي ملائڪن ۽ نمازين جي نيت ڪيو ۽ کاٻي سلام ۾ کاٻي طرف جي ملائڪن ۽ نمازين جي نيت ڪيو ۽ جنهن طرف امام هجي ته انهيءَ طرف جي سلام ۾ امام جي به نيت ڪيو ۽ امام ٻنهي سلامن ۾ مقتدين (جماعتين) جي نيت ڪري ۽ جيڪڏهن ٽن يا چئن رڪعتن واري نماز آهي ته تشهُد کانپوءِ درود نه پڙهو بلڪ تڪبير چوندي اُٿي بيهو ۽ ٽين ۽ چوٿين رڪعت جيڪڏهن فرض آهي ته انهيءَ جي قاعدي سان ۽ واجب يا سُنت يا نفل آهي ته اُنهيءَ جي قاعدي سان پورو ڪري سلام ورايو، ٻنهي سلامن کانپوءِ اَلّلھُمَّ اَنْتَ السَّلَامُ وَمِنْکَ السَّلامُ تَبَارَکْتَ یَا ذَالجَلَالِ وَاْلاِکْرَامِ ۽ اَلّلھُمَّ اَعِنِّی عَلیٰ ذِکْرِکَ وَ شُکرِک وَحُسْنِ عِبَادَتِکَ پڙهو ۽ هيءَ دُعا به مسنون آهي: لَاالِٰہَ الَّا اللہُ وَحْدَہٗ لَاشَریکَ لَہٗ لَہُ المُلْکُ وَلَہُ الحَمدُ وَھُوَ عَلیٰ کُلِّ شَیْءٍ قْدِیْرُ اَللّٰھُمَّ لَا مَانِعَ لِمَا اَعْطَیتَ وَلَا مُعْطیَ لِمَا مَنَعْتَ وَلایَنفَعْ ذَا الجَدِّ مِنْکَ الجَدُّ۔


    حصو چوٿون: تعليم الارڪان يا اسلامي اعمال

    توحيد

    سوال: لفظ ”الله“ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: الله ان ذات جو نالو آهي جيڪا واجب الوجود آهي ۽ سڀئي ڪمال واريون صفتون ان ۾ موجود آهن.
    سوال: واجب الوجود جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: واجب الوجود اهڙي هستيءَ کي چون ٿا يا اهڙي موجود شيءِ کي چون ٿا، جنهن جو وجود يعني موجود هجڻ واجب يا ضروري ۽ ان جو عدم يعني نه هجڻ محال هجي، جيڪو واجب الوجود هوندو اهو هميشه کان هوندو ۽ هميشه رهندو، نه ان جي شروعات ٿيندي نه ان جي پڇاڙي ۽ ڪنهن به وقت ان جي فنائيت نه ٿي سگهندي ۽ اهو پنهجو پاڻ موجود هوندو ڇو ته جيڪا شيءِ ٻئي ڪنهن جي پيدا ڪرڻ سان پيدا ٿئي ۽ وجود ۾ اچي، اها واجب الوجود نه ٿي ٿي سگهي، پوءِ اسلامي تعليم موجب الله تعاليٰ واجب الوجود آهي، ان کانسواءِ دنيا جي ڪا به شيءِ واجب الوجود نه آهي.
    سوال: ڪمال وارين صفتن جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: جيئن ته الله تعاليٰ واجب الوجود آهي ۽ واجب الوجود جو پنهنجي ذات ۾ ڪامل هجڻ ضروري آهي، تڏهن ان ذاتي ڪمال جي لاءِ جن جن صفتن جو ان ۾ هجڻ ضروري آهي، اهي سڀ ان جي لاءِ ثابت آهن، انهن صفتن کي صفاتِ ڪماليه يا ڪمال واريون صفتون چئبو آهي.
    سوال: الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيون ڪهڙيون شيون قديم آهن؟
    جواب: خدا تعاليٰ جون سڀئي صفتون قديم آهن، ان کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ قديم نه آهي.
    سوال: جيڪا شيءِ هميشه کان هجي ۽ هميشه رهي ان کي ڇا چئجي؟
    جواب: ان شيءِ کي قديم چئبو آهي.
    سوال: جڏهن الله تعاليٰ کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ هميشه کان موجود نه هئي ته پوءِ الله تعاليٰ آسمان ۽ زمين ۽ ٻيون شيون ڪيئن پيدا ڪيون؟
    جواب: الله تعاليٰ سڄي جهان کي پنهنجي حُڪم ۽ قدرت سان پيدا ڪيو، کيس جهان کي ٺاهڻ، آسمان ۽ زمين کي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن به شيءِ جي گُهرج نه هئي، ڇو ته جيڪڏهن الله تعاليٰ به جهان کي پيدا ڪرڻ ۾ ڪنهن شيءِ جو محتاج هجي ها ته پوءِ واجب الوجود نه ٿي سگهي ها.
    ياد رکو! الله تعاليٰ واجب الوجود آهي ۽ واجب الوجود پنهنجي ڪنهن ڪم ۾ ڪنهن به ٻئي شخص يا ٻيءَ شيءِ جو مُحتاج نٿو ٿئي.
    سوال: الله تعاليٰ جون ڪمال واريون صفتون ڪهڙيون ڪهڙيون آهن؟
    جواب: وحدت، قدمَ يا واجب الوُجود، حيواة، قدرت، علم، ارادو، سمع، بصر، ڪلام، خلق، تڪوين وغيره.
    سوال: صفت وحدت جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: وحدت جي معنيٰ آهي هڪ هجڻ، هيءَ الله تعاليٰ جي صفت آهي جو هو پنهنجي ذات ۾ به هڪ آهي ۽ صفت ۾ به اڪيلو آهي، توحيد جي معنيٰ الله کي هڪ سمجهڻ يا ان جي هڪ هجڻ جو يقين ۽ اقرار ڪرڻ آهي.
    سوال: صفت قديم ۽ وجوبِ وجود جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: قديم جي معنيٰ آڳاٽو هُجڻ آهي يعني هميشه کان هجڻ ۽ هميشه رهڻ ۽ وجوبِ وجود جي معنيٰ واجب الوجود هجڻ، واجب الوجود جي معنيٰ توهان هن رسالي جي شروع ۾ پڙهي چُڪا آهيو.
    سوال: ”ازلي“ ۽ ”ابديءَ“ جي ڇا معنيٰ آهي.
    جواب: جنهن شيءِ جي شروعات ۽ مُنڍ نه هُجي يعني هميشه کان هجي ان کي ازلي چوندا آهن ۽ جنهن شيءِ جي پڇاڙي نه هجي يعني هميشه رهي ان کي ابدي چوندا آهن. پوءِ الله تعاليٰ ابدي به آهي ۽ ازلي به آهي، اهائي معنيٰ قديم جي آهي.
    سوال: ”حيواة“ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: حيواة جي معنيٰ زندگي ۽ جياپي جي آهي يعني الله تعاليٰ جيئرو آهي ۽ زندگيءَ جي صفت ان لاءِ ثابت آهي.
    سوال: صفت ”قدرت“ جي ڇا معنيٰ آهي.
    جواب: قدرت جي معنيٰ طاقت آهي يعني جهان کي پيدا ڪرڻ ۽ قائم رکڻ ۽ پوءِ فنا ڪرڻ ۽ پوءِ موجود ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.
    سوال: صفتِ ”علم“ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: علم جي معنيٰ آهي ڄاڻڻ، يعني الله تعاليٰ سڀني شين جو عالم يعني ڄاڻندڙ آهي، سندس علم مان ڪا به شيءِ ننڍي هجي يا وڏي، نڪتل ڪونهي، ذري ذري جي کيس ڄاڻ آهي، هر شيءِ کي ان جي وجود کان اڳ ۾ ۽ فنا ٿيڻ کانپوءِ به ڄاڻي ٿو، رات جي اونداهيءَ ۾ ڪاري ڪاموڙيءَ جي هلڻ سان ان جي پيرن جي چُرپر کي به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ ڏسي ٿو، انسان جي دل ۾ جيڪي خيال اچن ٿا، اهي الله جي علم ۾ سڀ روشن آهن، علمِ غيب خاص الله تعاليٰ جي صفت آهي.
    سوال: ارادي جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: ارادي جي معنيٰ پنهنجي اختيار سان ڪم ڪرڻ يعني الله تعاليٰ جنهن شيءِ کي گهُري ٿو پنهنجي اختيار سان پيدا ڪري ٿو ۽ جنهن کي گهري ٿو پنهنجي اختيار سان معدوم (ختم) ڪري ٿو، دنيا جون سڀ ڳالهيون ان جي اختيار ۽ ارادي سان ٿين ٿيون، دنيا جي ڪا به شيءِ ان جي اختيار ۽ ارادي کان ٻاهر ناهي، هو ڪنهن به ڪم ۾ مجبور ڪونهي.
    سوال: صفت ۽ سمع ۽ بصر جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: سمع جي معنيٰ آهي ٻُڌڻ ۽ بصر جي معنيٰ آهي ڏسڻ، يعني الله تعاليٰ هر ڳالهه کي ٻُڌي ٿو ۽ هر شيءِ کي ڏسي ٿو ليڪن مخلوق وانگر ان کي ڪن نه آهن، نه وري مخلوق وانگر ان کي اکيون آهن، نه وري ان جي ڪنن ۽ اکين جي ڪا صورت آهي، هو هلڪي کان هلڪي آواز ٻُڌڻ ۽ ننڍيءَ کان ننڍي شيءِ کي ڏسڻ وارو آهي. ان جي ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ ۾ ويجهي ۽ پري، اونداهه يا روشني ۾ ڪو به فرق ناهي.
    سوال: صفتِ ڪلام جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: ڪلام جي معنيٰ ڳالهائڻ آهي، خُدا تعاليٰ جي لاءِ اها صفت به ثابت آهي پر کيس مخلوق جهڙي زبان ڪونهي.
    سوال: جيڪڏهن الله تعاليٰ کي زبان ڪونهي ته پوءِ پاڻ ڳالهيون ڪهڙي طرح ڪري ٿو؟
    جواب: مخلوق زبان کانسواءِ ڳالهائي نٿي سگهي، ڇو ته مخلوق پنهنجي سڀني ڪمن ۾ سببن ۽ اوزارن جي محتاج آهي، پر الله تعاليٰ پنهنجي ڪم ۾ ڪنهن به شيءِ جو محتاج نه آهي، جيڪڏهن اهو به ڳالهين ڪرڻ لاءِ زبان جو محتاج هجي ته اُهو خدا ۽ واجب الوجود نٿو ٿي سگهي.
    سوال: صفت خلق ۽ تڪوين جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: ”خلق“ جي معنيٰ آهي پيدا ڪرڻ ۽ تڪوين جي معنيٰ آهي وجود ۾ آڻڻ. الله تعاليٰ جي لاءِ اهي صفتون به ثابت آهن، اهو ساري جهان جو خلقڻهار ۽ مُڪون (وجود ۾ آڻڻ وارو) آهي.
    سوال: انهن صفتن کانسواءِ الله تعاليٰ جون ٻيون به صفتون آهن يا نه؟
    جواب: هائو! الله تعاليٰ جون ٻيون به ڪيتريون ئي صفتون آهن، جئن مارڻ، جيئرو ڪرڻ، رزق ڏيڻ، عزت ڏيڻ، ذلت ڏيڻ وغيره وغيره ۽ الله تعاليٰ جون صفتون ازلي، ابدي ۽ قديم آهن انهن ۾ گهٽ وڌ يا ڦير گهير ۽ مٽاسٽا نٿي ٿي سگهي.


    الله تعاليٰ جا ڪتاب

    الله تعاليٰ جا ڪتاب
    سوال: اسلامي عقيدن ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته قرآن شريف ٽيويهن سالن ۾ لٿو ۽ قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته شَہۡرُ رَمَضَانَ الَّذِیۡۤ اُنۡزِلَ فِیۡہِ الْقُرْاٰنُ (سورة بقره رڪوع 23)
    رمضان جو مهينو، اهو آهي جنهن ۾ قرآن نازل ڪيو ويو، ان مان معلوم ٿيو ته قرآن شريف رمضان شريف جي مهيني ۾ لٿو.
    ۽ وري قرآن شريف ۾ ٻئي هنڌ فرمايل آهي”اِنَّا اَنۡزَلْنٰہُ فِیۡ لَیۡلَۃِ الْقَدْرِ“يعني اسان ان (قرآن شريف) کي قدر جي رات ۾ نازل ڪيو، هن مان معلوم ٿيو ته قرآن مجيد قدر جي رات ۾ لٿو، هي ٽي ڳالهيون پاڻ ۾ هڪ ٻئي جي ابتڙ آهن، انهن مان ڪهڙي ڳالهه صحيح آهي؟
    جواب: ٽئي ڳالهيون صحيح آهن، ڇو ته ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن شريف جا نزول ٻه آهن: (1) هيءَ ته پهريائين سڄو قرآن شريف هڪ ئي دفعي لوح محفوظ کان دنيا جي آسمان (پهرئين آسمان) تي لاٿو ويو. (2) نزول هيءُ ته وقتاً فوقتاً ضرورتن جي لحاظ کان دنيا ۾ ٿورو ٿورو لٿو، پوءِ قرآن مجيد جي انهن ٻنهي آيتن ۾ نزول جو پهريون نزول مُراد آهي، جيڪو رمضان شريف مهيني جي هڪ رات ۾ جا شبِ قدر هئي. لوحِ محفوظ کان دنياوي آسمان تي نازل ٿيو هو ۽ ٽيويهن ورهين ۾ نازل ٿيڻ مان مُراد ٻيو نزول آهي ته دنيا جي آسمان کان حضور اڪرمﷺ جن تي ٽيويهن سالن ۾ ٿورو ٿورو نازل ٿيو، پوءِ هي ٽئي ڳالهيون پاڻ ۾ مُخالف نه آهن، بلڪه ٽئي صحيح آهن.
    سوال: قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جي شروعات ڪٿان ٿي يعني ڪهڙي جاءِ تي قرآن مجيد لهڻ شروع ٿيو؟
    جواب: مڪي شريف ۾ هڪ جبل آهي جنهن جو نالو ”حِرا“ آهي ان ۾ هڪ غار هئي. رسول اللهﷺ جن ان غار ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ڪرڻ لاءِ ويندا هئا ۽ ڪيترن ئي ڏينهن تائين ان ۾ رهندا هئا، جڏهن کاڌو ختم ٿي ويندو هو ته پنهنجي جاءِ تي اچي وري ڪجهه ڏينهن جو سامان کڻي ويندا هئا ۽ اڪيلائي ۾ الله تعاليٰ جي عبادت ڪندا رهندا هئا، ان غارِ حرا ۾ رسول اڪرمﷺ جن تي قرآن شريف لهڻ شروع ٿيو.
    سوال: قرآن مجيد جي نزول جي شروعات ڪيئن ٿي؟
    جواب: رسول اڪرمﷺ جن ان غار ۾ هئا ته هڪ ڏينهن اتي حضرت جبرائيل عليه السلام آيو ۽ پاڻ ڪريمن جي آڏو ظاهر ٿي کين فرمايائين ته: ”اِقْرَاۡ“ هي لفظ سورة ”علق“ جو پهريون لفظ آهي ۽ ان جي معنيٰ آهي (پڙهه) آنحضرتﷺ جن فرمايو ته آئون پڙهيل نه آهيان، اهڙي طرح ٽي دفعا ٿيو، پوءِ جبرائيل عليه السلام هي آيتون پڙهيون:
    اِقْرَاۡ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیۡ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنۡسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاۡ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیۡ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنۡسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
    اهي آيتون ٻُڌي حضور جن به پڙهيون، پوءِ هي آيتون قرآن مجيد ۾ سڀ کان اڳ ۾ آنحضرتﷺ جن تي نازل ٿيون آهن:
    سوال: جيڪڏهن قرآن مجيد جي نازل ٿيڻ جي شروعات سورة ”علق“ جي انهن شروعاتي آيتن سان ٿي آهي ته ڇا قرآن شريف جنهن ترتيب سان هاڻي موجود آهي انهيءَ ترتيب سان نازل نه ٿيو هو.
    جواب: نه! موجوده ترتيب نزول واري ترتيب نه آهي، ڳالهه هيءَ آهي ته قرآن مجيد جو نازل ٿيڻ ته ضرورت ۽ موقعي جي لحاظ کان ٿيندو هو، مگر جڏهن ڪا سورة لهندي هئي تڏهن حضور اڪرمﷺ جن ٻڌائيندا هئا ته هن سورة کي فلاڻي سورة کانپوءِ ۽ فلاڻي سورة کان اڳ ۾ لکي ڇڏيو ۽ جڏهن ڪا آيت يا آيتون نازل ٿينديون هيون، تڏهن حضوراڪرﷺ جن فرمائيندا هئا ته هن آيت يا هنن آيتن کي فلاڻي سورة جي فلاڻي آيت کان پوءِ ۽ فلاڻي آيت کان اڳ ۾ لکو، بس توڙي کڻي قرآن مجيد جو نازل ٿيڻ ته موقعي ۽ ضرورت جي لحاط کان هن موجوده ترتيب جي اُبتڙ ٿيو آهي پر هيءَ موجوده ترتيب به حضور انورﷺ جن جي ٻڌايل آهي ۽ حضورﷺ جن جي ارشاد ۽ حُڪم جي موافق قائم ٿي آهي.
    سوال: حضور انورﷺ جن جنهن ترتيب سان قرآن شريف لکايو هو ۽ جيڪا ترتيب پاڻ سڳورن قائم فرمائي هُئائون هيءَ خود پاڻ سڳورن جي راءِ مُبارڪ سان هئي يا خدا تعاليٰ جي حُڪم جي موافق پاڻ سڳورا ٻڌائيندا هئا؟
    جواب: سورتن جو ڳاڻيٽو، انهن جي شروعات ۽ پڇاڙي ۽ هر سورة جي آيتن جو ڳاڻيٽو ۽ هر آيت جي شروعات ۽ پڇاڙي ۽ اهڙي طرح سڄي قرآن شريف جي ترتيب الله تعاليٰ جي طرف کان حضرت جبرائيل عليه السلام کي معلوم ٿي ۽ انهيءَ حضور ڪريمﷺ جن کي ٻُڌائي ۽ حضورﷺ جن جي ذريعي اسان کي معلوم ٿي آهي.
    سوال: قرآن شريف کي لٿي تيره سئو سالن کان مٿي وقت گذري چُڪو آهي، هاڻي هن ڳالهه جو ڪهڙو دليل آهي ته قرآن شريف جيڪو اسان وٽ موجود آهي، سو اهوئي قرآن مجيد آهي جيڪو حضورﷺ جن تي نازل ٿيو هو؟
    جواب: هن ڳالهه جا، ته قرآن شريف اهوئي اصلي قرآن شريف آهي جيڪو حضورﷺ جن تي نازل ٿيو هو، گهڻائي دليل آهن اسين ڪُجهه سولا سولا دليل پيش ڪري ڇڏيون ٿا:
    پهريون دليل: قرآن مجيد جو متواتر هجڻ، يعني لاڳيتي سلسلي سان حضور اڪرمﷺ جن جي زماني کان وٺي اڄ تائين نقل ٿيندو اچڻ، (جيڪا شيءِ تواتر سان ثابت ٿي وڃي، ان جو ثبوت يقيني ۽ قطعي هوندو آهي) هن ۾ ڪنهن طرح جي شڪ شبهي جي گنجائش نه هوندي آهي.
    سوال: متواتر ۽ تواتر جي معنيٰ ڪهڙي آهي؟
    جواب: جنهن ڳالهه جا نقل ڪرڻ وارا ايترا ته گهڻا هجن جو انهن سڀني جو ڪُوڙ ڳالهائڻ عقل وٽ محال هجي ته ان ڳالهه کي متواتر ۽ ان ڳالهه کي اهڙي طرح نقل ٿيندو هليو اچڻ کي تواتر چوندا آهن.
    ته پوءِ هاڻي قرآن مجيد جيڪو حضورﷺ جن جي زماني کان ايتري قدر گهڻائي سان ماڻهو نقل ڪندا، پڙهندا ۽ پڙهائيندا آيا آهن جو گهٽ عقل وارو ماڻهو به يقين نٿو ڪري سگهي ته ايترا ماڻهو سڀ جا سڀ ڪوڙ ڳالهائيندا هجن.
    ٻيو دليل: حضورﷺ جن جي زماني کان اڄ تائين لکين بلڪه ڪروڙين انسان قرآن شريف جا حافظ ٿيندا آيا آهن ۽ اڄ به دُنيا ۾ مُسلمانن جا لکين ٻار، جوان، پوڙها اهڙا موجود آهن، جن جي سينن ۾ قرآن مجيد محفوظ آهي.
    ۽ جنهن ڪتاب جي نزول جي وقت کان اڄ تائين ايترا حافط موجود رهيا هجن ۽ انهن پنهنجن سينن ۾ ان جي حفاظت ڪئي هجي، ان جي محفوظ ۽ اصلي هجڻ ۾ ڪهڙو شڪ ٿي سگهي ٿو؟
    ٽيون دليل: خود قرآن شريف ۾ الله رب العزت فرمايو آهي ته اِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا الذِّكْرَ وَ اِنَّا لَہٗ لَحٰفِظُوۡنَ ﴿۹﴾ يعني اسان ذڪر (قرآن مجيد) کي لاٿو آهي ۽ اسان ئي ان جا سنڀاليندڙ آهيون.
    هاڻي جڏهن الله تعاليٰ قرآن شريف جي حفاظت پنهنجي ذمي کنئي آهي ۽ ان جي حفاظت جو واعدو فرمايو اٿس ته پوءِ ضروري طور تي ثابت ٿي ويو ته قرآن شريف بعینہ اهو قرآن شريف آهي جو حضورانورﷺ جن تي نازل ٿيو هو، ڇو ته ان جي حفاظت جو واعدو الله تعاليٰ فرمايو آهي پوءِ اهو اڄ تائين محفوظ آهي ۽ انشاءَالله تعاليٰ قيامت تائين محفوظ رهندو.
    چوٿون دليل: قرآن شريف پنهنجي نزول جي وقت جيڪا دعويٰ ڪئي هئي ته ان جهڙو ڪلام ڪو به شخص نٿو ٺاهي سگهي، اها دعويٰ اڄ تائين هن قرآن شريف جي متعلق صحيح رهي آهي، ڇو ته جيڪو قرآن شريف اڄ موجود آهي، ان جهڙو نڪي ڪو شخص ٺاهي سگهيو آهي نه وري ٺاهڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، نه وري ڪو ٺاهي سگهندو، پوءِ اها ڳالهه هڪ چٽو دليل آهي ته قرآن شريف اهو اصلي قرآن شريف آهي جيڪو حضور ڪريمﷺ جن تي نازل ٿيو هو.


    رسالت

    رسالت
    سوال: قرآن مجيد ۾ آهي: وَ اِنۡ مِّنْ اُمَّۃٍ اِلَّا خلَا فِیۡہَا نَذِیۡرٌ ﴿۲۴﴾ (سورة فاطر رڪوع 3) يعني ڪا قوم اهڙي ناهي جنهن ۾ خدا جي طرف کان ڪو ڊيڄارڻ وارو نه آيو هجي ۽ ٻي هنڌ فرمايل آهي: لِكُلِّ قَوْمٍ ہَادٍ ٪﴿۷﴾ (سورة رعد رڪوع 1) يعني هر قوم جي لاءِ هدايت ڪرڻ وارو موڪليو ويو آهي.
    هنن آيتن مان معلوم ٿئي ٿو ته هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ الله تعاليٰ جي طرف کان ڪو نه ڪو پيغمبر موڪليو ويو آهي ته ڇا هندستان ۾ به ڪو پيغمبر آيو هو؟
    جواب: هائو! هنن آيتن مان بيشڪ اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته هر قوم جي لاءِ الله تعاليٰ ڪو هادي ۽ ڊيڄارڻ وارو موڪليو ۽ ان لاءِ ممڪن آهي ته هندستان ۾ به ڪو نبي آيو هجي؟
    سوال: ڇاهي چئي سگهون ٿا ته هندن جا پيشوا جهڙوڪ ڪرشن مهاراج جي ۽ رامچندر جي وغيره خدا جا پيغمبر هئا؟
    جواب: نٿا چئي سگهون ڇو ته پيغمبري هڪ خاص عهدو هو، جو خدا جي طرف کان ان جي برگزيده ۽ ان جي خاص بندن کي عطا فرمايو ويندو هو ته جيستائين شريعت مان اها ڳالهه معلوم نه ٿئي ته هي خاص عهدو الله تعاليٰ فلاڻي شخص کي عطا فرمايو هو، ان وقت تائين اسان نٿا چئي سگهون ته هو خدا جو نبي هو، جيڪڏهن اسان شرعي دليل کانسواءِ پنهنجي راءِ سان ڪنهن شخص کي پيغمبر سمجهيو ۽ حقيقت ۾ اهو پيغمبر نه هئو ته الله تعاليٰ جي حضور ۾ اسان کان غلط عقيدي جي پڪڙ ٿيندي.
    هيئن سمجهو ته توهان جيڪڏهن صرف پنهنجي خيال سان ڪنهن شخص کي سمجهيو ته هو بادشاهه جو نائب يعني گورنر جنرل آهي ۽ هو حقيقت ۾ گورنر جنرل نه هجي ته اوهان حڪومت جي قانون ۾ ڏوهاري ٿيندؤ ته هڪ اهڙي شخص کي جنهن کي بادشاهه گورنر جنرل نه بنايو هو، توهان گورنر جنرل مڃي بادشاهه جي طرف هڪ غلط ڳالهه جي نسبت ڪئي.
    مطلب ته گذريل ماڻهن ۾ اسان خاص طور انهن بزرگن کي پيغمبر چئي سگهو ٿا، جن جو پيغمبر هجڻ شريعت سان ثابت آهي ۽ قرآن مجيد يا حديث شريف ۾ انهن کي پيغمبر ٻُڌايو ويو آهي.
    هندن يا ٻين قومن جي پيشوائن جي متعلق اسان زياده کان زياده ايتري قدر چئي سگهون ٿا ته جيڪڏهن انهن جا عقيدا ۽ عمل صحيح هجن ۽ انهن جي تعليم آسماني تعليم جي خلاف نه هجي ۽ انهن خلاف خدا جي هدايت ۽ رهنمائي جو ڪم به ڪيو هجي پوءِ ٿي سگهي ٿو ته اهي نبي هجن، مگر هي چوڻ ته اهي نبي هئا، يقيناً بنا دليل ڳالهه ۽ اٽڪل جو تير آهي.
    سوال: حضور اڪرمﷺ جن جي باري ۾ ڪهڙا عقيدا رکڻ گهرجن؟
    جواب: (1) پاڻ الله تعاليٰ جا ٻانها ۽ هڪ انسان هئا، (2) الله تعاليٰ کانپوءِ پاڻ سموري مخلوق ۾ افضل آهن، (3) پاڻ گناهن کان معصوم (ٻچيل) آهن، (4) مٿن الله تعاليٰ قرآن مجيد نازل فرمايو، (5) کين شب معراج ۾ الله تعاليٰ آسمانن تي گهرايو ۽ جنت دوزخ وغيره جو سير ڪرايو. (6) پاڻ الله تعاليٰ جي حڪم سان تمام گهڻا معجزا ڏيکاريائون، (7) پاڻ الله تعاليٰ جي تمام گهڻي عبادت ۽ بندگي ڪندا هئا، (8) سندن اخلاق ۽ عادتون نهايت اعليٰ درجي جون هيون، (9) کين الله تعاليٰ تمام گهڻين گُذريل ۽ ايندڙ ڳالهين جو علم عطا فرمايو هو جن جي پاڻ پنهنجي اُمت کي خبر ڏنائون، (10) کين الله تعاليٰ سموري مخلوق کان وڌيڪ علم عطا فرمايو هو ليڪن پاڻ عالم الغيب نه هئا، ڇو ته عالم الغيب هجڻ صرف الله تعاليٰ جو شان ۽ ان جي خاص صفت آهي، (11) پاڻ خاتم النبيين آهن، حضورتﷺ وسلم جن کان پوءِ ڪو نئون نبي نه ٿيندو هائو صرف حضرت عيسيٰ عليه السلام جيڪو اڳئين زماني جو پيغمبر آهي، آسمان تان لهندو ۽ اسلامي شريعت جي پيروي ڪندو، (12) پاڻ انسانن ۽ جنن لاءِ رسول آهن، (13) پاڻ قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ جي اجازت سان گنهگارن جي شفاعت ڪندا، انهيءَ سبب جي ڪري حضورﷺ جن کي شفيع المُذنبين چوندا آهن ۽ خدا تعاليٰ حضور جن جي شفاعت به قبول فرمائيندا، (14) پاڻ سڳورن جن ڳالهين جو حڪم ڪيو آهي، انهن تي عمل ڪرڻ ۽ جن کان منع ڪئي اٿن انهن کان رڪجڻ ۽ پري رهڻ ۽ جن واقعن جي خبر ڏني اٿن انهن کي اهڙي طرح مڃڻ ۽ يقين ڪرڻ اُمت لاءِ ضروري آهي، (15) حضور ڪريمﷺ جن سان محبت رکڻ ۽ سندن تعظيم مان مراد اها تعظيم آهي جا شرعي قاعدي جي موافق هجي ۽ شريعت جي اُبتڙ ڳالهين جي تعظيم يا محبت سمجهڻ ناداني آهي.
    سوال: معصوم هجڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: معصوم هجڻ مان مراد اها آهي ته ڪو ننڍو يا وڏو گناهه حضورﷺ جن کان ارادي يا ڀُل سان واقع نه ٿيو، سڀئي انبياءَ عليهم السلام گناهن کان معصوم ٿيندا آهن.
    سوال: حضورﷺ جن جو معراج جسماني هو يا منامي؟
    جواب: حضور جن پنهنجي جسم مبارڪ سان معراج لاءِ ويا هئا، ان ڪري سندن معراج جسماني هئو هائو، ان جسماني معراج کانسواءِ چند مرتبا حضورﷺ جن کي خواب ۾ به معراج ٿيو هو، انهن کي منامي معراج سڏين ٿا. ڇو ته منام ننڊ کي چئبو آهي، پر حضورﷺ جن جا خواب ۽ اهڙي طرح سڀني انبياءَ عليهم السلام جن جا خواب سچا ٿيندا آهن انهن ۾ غلطي ۽ خطا جو شبهو نٿو ٿي سگهي، مطلب ته حضور‏ﷺ جن جو هڪ معراج ته جسماني معراج هو ۽ چار يا پنج معراج منامي هئا!
    سوال: شفاعت مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: شفاعت سفارش کي چوندا آهن، قيامت جي ڏينهن حضورﷺ جن گنهگار بندن جي خدا تعاليٰ جي آڏو سفارش ڪندا، حضورﷺ جن کي اها فضيلت عطا ٿي چڪي آهي، پر پوءِ به الله تعاليٰ جي جلال ۽ جبروت جي ادب کان حضور جن شفاعت جي اجازت وٺندا جڏهن کين اجازت ملندي تڏهن شفاعت فرمائيندا.
    حضور ڪريمﷺ جن کان علاوه ٻيا نبي، اولياءَ ۽ شهيد وغيره به شفاعت ڪندا، پر بنا اجازت ڪو شفاعت نٿو ڪري سگهي.
    سوال: ڪهڙي قسم جي گناهن جي معافي لاءِ سفارش ٿيندي.؟
    جواب: سواءِ ڪفر ۽ شرڪ جي باقي سڀ گناهن جي معافي لاءِ شفاعت ٿي سگهي ٿي، ڪبيرن گناهن وارا شفاعت جا زياده محتاج هوندا، ڇو ته ننڍا گناهه ته دنيا ۾ به عبادتن سان معاف ٿيندا رهن ٿا.


    ايمان ۽ اعمالِ صالحه (چڱن ڪمن) جو بيان

    ايمان ۽ اعمالِ صالحه (چڱن ڪمن) جو بيان
    سوال: ايمان ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: ايمان هن کي چوندا آهن ته الله تعاليٰ ۽ ان جي سڀني صفتن، ملائڪن، آسماني ڪتابن ۽ پيغمبرن جي دل سان تصديق ڪري ۽ جيڪي ڳالهيون حضور اڪرمﷺ جن خدا جي طرف کان آنديون آهن، انهن سڀني کي سچو سمجهي ۽ زبان سان انهن سڀني ڳالهين جو اقرار ڪري، اها تصديق ۽ اقرار ايمان جي حقيقت آهي، ليڪن اقرار ڪنهن ضرورت يا مجبوريءَ جي وقت ساقط ٿي وڃي ٿو، جيئن گونگي ماڻهوءَ جو ايمان زباني اقرار بنا به معتبر آهي.
    سوال: اعمالِ صالحه ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: اعمالِ صالحه جي معنيٰ آهي نيڪ ڪم، جيڪي به عبادتون ۽ نيڪ ڪم الله تعاليٰ ۽ ان جي پيغمبرن مخلوق کي سيکاريا ۽ ٻُڌايا آهن، اهي سڀ اعمال صالحه آهن.
    سوال: ڇا عبادتون ۽ نيڪ ڪم به ايمان جي حقيقت ۾ داخل آهن؟
    جواب: هائو! ايمان ڪامل ۾ اعمال صالحه داخل آهن، صالح عملن سان ايمان ۾ روشني ۽ ڪمال پيدا ٿي ويندو آهي ۽ عمل صالح نه هوندا ته ايمان اڌورو رهندو آهي.
    سوال: عبادت جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: عبادت بندگي ڪرڻ کي چئبو آهي، اسان جو سڀ کان سچو ۽ حقيقي معبود اهوئي هڪ الله آهي، جنهن اسان کي ۽ سموري دنيا کي پيدا ڪيو آهي ۽ اسين سڀ ان جا ٻانها آهيون، هن اسان کي پنهنجي عبادت جو حڪم ڪيو آهي، هن لاءِ اسان جي ذمي عبادت ڪرڻ فرض آهي.
    سوال: الله تعاليٰ پنهنجي مخلوق مان ڪنهن ڪنهن مخلوق کي عبادت جو حڪم ڏنو آهي؟
    جواب: ماڻهن ۽ جنن کي عبادت ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، انهن ٻنهي کي ”مڪلف“ چوندا آهن، ملائڪ ۽ دنيا جا ٻيا ساهوارا عبادت جا ”مڪلف“ نه آهن.
    سوال: جن ڪير آهن؟
    جواب: جن به الله تعاليٰ جي هڪ وڏي مخلوق آهي، جيڪي باهه مان پيدا ٿيا آهن، جنن جا جسم اهڙا لطيف آهن جيڪي اسان کي ڏسڻ ۾ نٿا اچن پر جڏهن هو ڪنهن ماڻهوءَ يا جانور جي شڪل ۾ ٿي ويندا آهن ته نظر اچڻ لڳندا آهن، پنهنجي شڪل بدلائڻ ۽ ماڻهن يا جانورن جي مورت ۾ ٿي وڃڻ جي الله تعاليٰ انهن کي طاقت ڏني آهي، انهن ۾ مرد به آهن ۽ عورتون به آهن، انهن کي اولاد به ٿيندو آهي.
    سوال: عبادت ڪرڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟
    جواب: عبادت ڪرڻ جا گهڻائي طريقا آهن: (1) نماز پڙهڻ، (2) روزا رکڻ، (3) زڪوات ڏيڻ، (4) حج ڪرڻ، (5) قرباني ڪرڻ، (6) اعتڪاف (رمضان جي آخري ڏهي) ۾ ويهڻ، (7) مخلوق کي چڱين ڳالهين جي هدايت ڪرڻ، (8) خراب ڪمن کان پاڻ کي روڪڻ، (9) ماءُ، پيءُ، استادن ۽ بزرگن جي عزت ۽ ادب ڪرڻ، (10) مسجد بنائڻ، (11) مدرسو جاري ڪرڻ، (12) دين جو علم پرهڻ، (13) دين جو علم پڙهائڻ، (14) دين جي علم پڙهندڙن جي مدد ڪرڻ، (15) الله جي رستي ۾ الله جي دشمنن سان وڙهڻ، (16) غريبن جي حاجت پوري ڪرڻ، (17) بکين کي کاڌو کارائڻ، (18) اُڃايلن کي پاڻي پيارڻ، (19) ۽ انهن ڪمن کانسواءِ اهڙا ڪم ڪرڻ جيڪي الله جي حُڪم ۽ مرضيءَ جي موافق هجن، اهي عبادت ۾ داخل آهن ۽ انهن ڪمن کي اعمالِ صالحه (چڱا ڪم) چئبو آهي.


    معصيت ۽ گناهه جو بيان

    معصيت ۽ گناهه جو بيان
    سوال: معصيت جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: معصيت جي معنيٰ نافرماني ڪرڻ ۽ حُڪم نه مڃڻ، جنهن به ڪم ۾ الله تعاليٰ جي حڪمن جي نافرماني ٿئي ٿي، ان کي معصيت ۽ گناهه چئبو آهي.
    گناهه ڪرڻ تمام خراب ڳالهه آهي، الله تعاليٰ جو غضب، ناراضپو ۽ عذاب، گناهه جي ڪري ٿئي ٿو، گناهن ۾ سڀني کان وڏو گناهه ڪفر ۽ شرڪ آهي. ڪافر ۽ مُشرڪ هميشه دوزخ ۾ رهندا. ڪافر ۽ مشرڪ جي شفاعت به ڪير ڪو نه ڪندو، قرآن مجيد ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته مشرڪ کي آئون ڪڏهن به نه بخشيندس.


    ڪُفر ۽ شرڪ جو بيان

    ڪُفر ۽ شرڪ جو بيان
    سوال: ڪفر ۽ شرڪ ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: جن شين تي ايمان آڻڻ ضروري آهي، انهن مان ڪنهن به هڪ ڳالهه کي نه مڃڻ ڪُفر آهي، مثلاً الله تعاليٰ کي نه مڃي يا الله تعاليٰ جي صفتن جو انڪار ڪري يا ٻه ٽي خدا مڃي يا ملائڪن جو انڪا ڪري يا الله تعاليٰ جي ڪتابن مان ڪنهن ڪتاب جو انڪار ڪري يا ڪنهن پيغمبر کي نه مڃي يا تقدير جو منڪر هجي يا قيامت جي ڏينهن کي نه مڃي يا الله تعاليٰ جي قطعي حُڪمن مان ڪنهن به حُڪم جو انڪار ڪري يا رسول اللهﷺ جن جي ڏنل ڪنهن به خبر کي ڪوڙو سمجهي ته انهن سڀني صورتن ۾ ڪافر ٿي ويندو.
    ۽ شرڪ ان کي چوندا آهن ته الله تعاليٰ جي ذات يا صفتن ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ يا ڀائيوار ڪري.
    سوال: الله تعاليٰ جي ذات ۾ شريڪ ڪرڻ جي معنيٰ ڇا آهي؟
    جواب: ذات ۾ شريڪ ڪرڻ جي معنيٰ هيءَ آهي ته ٻه يا ٽي خدا مڃڻ لڳي، جيئن عيسائي جيڪي ٽي خدا مڃڻ سبب مشرڪ آهن ۽ جيئن آتش پرست (باهه جا پوڄاري) جيڪي ٻه خدا مڃڻ سبب مُشرڪ ٿيا ۽ جيئن هندو جيڪي گهڻا خدا مڃي مُشرڪ ٿيا آهن.
    سوال: صفتن ۾ شرڪ ڪرڻ جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ وانگر ڪنهن ٻئي جي لاءِ ڪا صفت ثابت ڪرڻ شرڪ آهي، ڇو ته ڪنهن مخلوق ۾ توڙي اهو ملائڪ هجي يا نبي يا ولي يا شهيد يا پير يا امام هجي ان لاءِ الله تعاليٰ جي صفتن وانگر ڪا به صفت نٿي ٿي سگهي.
    سوال: شرڪ في الصفات جا ڪيترا قسم آهن؟
    جواب: گهڻائي قسم آهن، هتي اسان ڪجهه قسمن جو بيان ڪري ڇڏيون ٿا:
    شرڪ في القدرت: يعني الله تعاليٰ وانگر قدرت جي صفت ڪنهن ٻئي جي لاءِ ثابت ڪرڻ مثلاً هي ثابت ڪرڻ فلاڻو پيغمبر يا ولي يا شهيد وغيره مينهن وسائي سگهي ٿو، يا مارڻ ۽ جيئرو ڪرڻ ان جي هٿ ۾ آهي يا ڪنهن نفعي يا نقصان پهچائڻ تي قدرت رکي ٿو ته اُهي سڀ ڳالهيون شرڪ آهن.
    شرڪ في العلم: يعني الله تعاليٰ وانگر ڪنهن ٻئي جي لاءِ علم جي صفت ثابت ڪرڻ مثلاً ايئن سمجهڻ ته الله تعاليٰ وانگر فلاڻو پيغمبر يا ولي وغيره علم ڄاڻندڙ آهي يا الله تعاليٰ وانگر ذري ذري جو انهيءَ کي علم آهي يا اسان جي سڀني حالتن کان واقف آهي يا هو ويجهين ۽ پري وارين شين جي خبر رکي ٿو ته هي سڀ شرڪ في العلم آهي.
    شرڪ في السمع والبصر: يعني الله تعاليٰ جي صفت سمع يا بصر ۾ ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪرڻ مثلاً هي عقيدو رکڻ ته فلاڻو پيغمبر يا ولي اسان جون سڀ ڳالهيون ويجهي کان ۽ پري کان ٻُڌي ٿو يا اسان جي ڪمن کي هر جاءِ تي ڏسي ٿو ته اهو سڀ شرڪ آهي.
    شرڪ في الحڪم: يعني الله تعاليٰ وانگر ڪنهن ٻئي کي حاڪم سمجهڻ ۽ ان جي حڪم کي خدا جي حڪم وانگر مڃڻ مثلاً پير صاحب حڪم ڏنو ته هي وظيفو ٽيپهريءَ جي نماز کان اول پڙهندو ڪر! ته ان حُڪم جي تعميل اهڙي طرح ضروري سمجهي جو وظيفي پوري ڪرڻ سبب وچين نماز جو وقت مڪروهه ٿي وڃڻ جي پرواهه نه ڪيائين ته اهو به شرڪ آهي.
    شرڪ في العبادات: يعني الله تعاليٰ وانگر ڪنهن ٻئي کي عبادت جو حقدار سمجهڻ، مثلاً ڪنهن قبر يا پير کي سجدو ڪرڻ يا ڪنهن لاءِ رڪوع ڪرڻ يا ڪنهن پير، پيغمبر، ولي يا امام جي نالي جو روزو رکڻ يا ڪنهن جو نذر يا سُکا باسڻ يا ڪنهن قبر يا گهر جو ڪعبي شريف وانگر طواف ڪرڻ وغيره اهو سڀ شرڪ في العبادت آهي.
    سوال: انهن ڳالهين کانسواءِ ٻيا به شرڪ جا ڪم آهن يا نه؟
    جواب: هائو! گهڻائي ڪم اهڙا آهن، جن مان شرڪ جو لاڳاپو آهي. انهن سڀني ڪمن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي، اهي ڪم هي آهن: نجومين کان غيب جون خبرون پُڇڻ، پنڊتن ۽ پاميسٽرن کي هٿ ڏيکارڻ، ڪنهن کان فال ڪڍائڻ، ماتا يا ڪنهن ٻي بيماريءَ کان نفرت ڪرڻ ۽ هي سمجهڻ ته هڪ جي بيماري ٻئي کي لڳي وڃي ٿي، تعزيه بنائڻ، عَلم چاڙهڻ، قبرن تي پَڙ وجهڻ، نذر، نياز ڪرڻ، خدا کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي نالي جو قسم کڻڻ، تصويرون ٺاهڻ يا تصويرن جي عزت ڪرڻ، ڪنهن پير يا وليءَ کي اڙين آڌار يا مُشڪل ڪُشا چئي پُڪارڻ، ڪنهن پير جي نالي جي مٿي تي چوٽي يا چڳ رکڻ يا محرم ۾ امامن جي نالي جو فقير بنجڻ، قبرن تي ميڙا ڪرڻ وغيره.


    بدعت جو بيان

    بدعت جو بيان
    سوال: ڪُفر ۽ شرڪ کانپوءِ ڪهڙو وڏو گناهه آهي؟
    جواب: ڪُفر ۽ شرڪ کانپوءِ بدعت وڏو گناهه آهي.
    بدعت ان شيءِ کي چئبو آهي، جنهن جو بنياد شريعت مان ثابت نه هجي، يعني قرآن شريف ۽ حديث شريف مان ان جو ثبوت نه ملي ۽ رسول اڪرمﷺ ۽ اصحابن سڳورن ۽ تابعين و تبع تابعين جي زماني ۾ ان جو وجود نه هجي ۽ ان کي دين جو ڪم سمجهي ڪيو يا ڇڏيو وڃي.
    بدعت تمام بڇڙي شيءِ آهي، رسول مقبولﷺ جن بدعت کي مردود فرمايو آهي ۽ جيڪو شخص بدعت جاري ڪري ان کي دين جي ڊاهڻ وارو چيو اٿن ۽ اهو به فرمايو اٿن ته هر بدعت گمراهي آهي ۽ هر گمراهي دوزخ ۾ وٺي وڃڻ واري آهي.
    سوال: بدعت جا ڪُجهه ڪم ٻُڌايو؟
    جواب: ماڻهن هزارين بدعتون ڪڍيون آهن. ڪجهه بدعتون هي آهن: پڪيون قبرون بنائڻ، قبرن تي قُبا بنائڻ، ڌام ڌوم سان عُرس ڪرڻ، قبرن تي ڏيا ٻارڻ، قبرن تي چادرون ۽ غلاف چاڙهڻ، ميت جي گهر ۾ کاڌي کائڻ لاءِ گڏ ٿيڻ، شاديءَ ۾ سهرا (موڙ) ٻَڌڻ ۽ هر جائز مستحب ڪم ۾ اهڙا شرط لڳائڻ جن جو شريعت ۾ ڪو به ثبوت نه هجي، بدعت آهي.


    باقي گناهن جو بيان

    باقي گناهن جو بيان
    سوال: ڪُفر، شرڪ ۽ بدعت کانسواءِ ٻيا ڪهڙا ڪم ڪرڻ گناهه آهن؟
    جواب: ڪُفر، ۽ بدعت کانسواءِ ٻيا ڪيترائي گناهه آهن، جيئن ته ڪوڙ ڳالهائڻ، نماز نه پڙهڻ، روزا نه رکڻ، زڪوات نه ڏيڻ، مال ۽ طاقت هوندي به حج نه ڪرڻ، شراب پيئڻ، چوري ڪرڻ، بدڪاري ڪرڻ، گلا ڪرڻ، ڪُوڙي شاهدي ڏيڻ، ڪنهن کي ناحق مارڻ، ستائڻ، چُغلي هڻڻ، فريب ڏيڻ، ماءُ پيءُ ۽ استاد جي نافرماني ڪرڻ، پنهنجي گهرن ۽ ڪمرن ۾ تصويرون لڳائڻ، امانت ۾ خيانت ڪرڻ ماڻهن کي حقير ۽ ذليل سمجهڻ، جوا کيڏڻ، گاريون ڏيڻ، ناچ ڏسڻ، وياج وٺڻ ۽ ڏيڻ، ڏاڙهي ڪوڙائڻ، پيڏين کان هيٺ ڊگهي سُٿڻ پائڻ يا گوڏ ٻڌڻ، فضول خرچي ڪرڻ، کيل تماشي ناٽڪ ۽ ٿيٽرن ۾ وڃڻ، ان کانسواءِ ٻيا ڪيترائي گناهه آهن، جيڪي وڏن ڪتابن ۾ توهان پڙهندؤ!
    سوال: گناهه ڪرڻ وارو ماڻهو مسلمان رهي ٿو يا نه؟
    جواب: جيڪو ماڻهو اهڙو گناهه ڪري جنهن ۾ ڪُفر يا شرڪ هجي، اهو مسلمان رهي نٿو سگهي، بلڪ ڪافر ۽ مُشرڪ ٿي وڃي ٿو ۽ جيڪو بدعت وارو ڪم ڪري ٿو ته اهو مسلمان ته رهي ٿو ليڪن ان جو اسلام ۽ ايمان تمام ناقص ۽ ڪمزور ٿي وڃي ٿو، اهڙي شخص کي مُبتدع ۽ بدعتي چئبو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڪفر، شرڪ ۽ بدعت کانسواءِ ٻيو ڪو ڪبيرو گناهه ڪري اهو به مسلمان ته آهي ليڪن ناقص مسلمان آهي، ان کي فاسق چوندا آهن.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن کان ڪو گناهه جو ڪم ٿي پيو ته عذاب کان بچڻ لاءِ ڪهڙي صورت آهي؟
    جواب: توبهه ڪرڻ سان الله تعاليٰ گناهه معاف فرمائي ٿو، توبهه ان کي چوندا آهن ته پنهنجي گناهن تي شرمندو ۽ پشيمان ٿئي ۽ الله تعاليٰ جي اڳيان روئي زاري ڪري توبهه ڪري ته اي الله! منهنجا گناهه معاف ڪر! ۽ دل ۾ عهد ڪري ته آئون هاڻي ڪڏهن به گناهه نه ڪندس. ياد رکو! صرف زبان سان توبهه توبهه ڪرڻ اصلي توبهه نه آهي.
    سوال: ڇا توبهه ڪرڻ سان هرڪنهن قسم جا گناهه معاف ٿي سگهن ٿا؟
    جواب: جيڪي گناهه اهڙا آهن، جو ڪنهن به ٻانهي جو انهن ۾ واسطو نه آهي. صرف الله تعاليٰ جو حق آهي ته هو نافرماني ڪرڻ جي سبب کان سزا ڏئي ته اهڙا سڀ گناهه توبهه سان معاف ٿي سگهن ٿا، ايستائين جو ڪُفر ۽ شرڪ جو گناهه به سچي توبهه سان معاف ٿي وڃي ٿو، پر جيڪي گناهه اهڙا آهن جو انهن ۾ ڪنهن ٻانهي جو واسطو آهي، مثلاً ڪنهن يتيم جو مال کاڌائين يا ڪنهن تي تُهمت لڳايائين يا ظلم ڪيائين، اهڙن گناهن کي حقوق العباد چون ٿا، اهي صرف توبهه سان معاف نٿا ٿين، بلڪه انهن جي معافيءَ لاءِ ضروري آهي ته پهريائين ان شخص جو حق ادا ڪريو يا ان کان معاف ڪرايو، ان کانپوءِ الله تعاليٰ جي حضور ۾ توبهه ڪريو، تڏهن معافيءَ جي اُميد ٿي سگهي ٿي.
    سوال: توبهه ڪهڙي وقت قبول ٿئي ٿي؟
    جواب: جڏهن انسان مرڻ وارو هجي ۽ عذاب جا فرشتا ان جي روبرو اچن ۽ نڙيءَ ۾ ساهه گهٽجي ان وقت جي توبهه قبول ناهي ۽ ان حالت کان اڳ ۾ هر وقت جي توبهه قبول آهي.
    سوال: جيڪڏهن گناهگار ماڻهو توبهه ڪرڻ کان سواءِ مري وڃي ته جنت ۾ ويندا يا نه؟
    جواب: هائو! سواءِ ڪافر ۽ مُشرڪ جي باقي سڀ گنهگار پنهنجي گناهن جي سزا ڀوڳي جنت ۾ ويندا ۽ هي به ٿي سگهي ٿو ته الله تعاليٰ ڪُفر ۽ شرڪ کانسواءِ باقي گناهن کي سزا ڏيڻ کانسواءِ ڪنهن جي شفاعت سان يا بنا شفاعت جي بخش ڪري ڇڏي!
    سوال: ميت کي دُنيا جا عزيز قريب، رشتيدار، دوست وغيره به ڪجهه فائدو پهچائي سگهن ٿا يا نه؟
    جواب: هائو! ميت کي عبادت بدني ۽ ماليءَ جو ثواب پهچي ٿو، يعني جيئرا ماڻهون جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪن ٿا مثلاً قرآن شريف يا درود شريف پڙهڻ، الله جي رستي ۾ صدقو خيرات ڏيڻ، ڪنهن بکيءَ کي کاڌو کارائڻ ته انهن ڪمن جو ثواب الله تعاليٰ جي طرف کان انهن کي ملندو، پر الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سان ايترو به اختيار ڏنو آهي ته جيڪڏهن اهي ڪم ڪرڻ وارو پنهنجو ثواب ڪنهن ميت کي پهچائڻ گهرن ته الله تعاليٰ ان ميت کي اهو ثواب پهچائي ٿو، اهڙو ثواب پهچائڻ لاءِ ڪنهن خاص شيءِ يا خاص وقت يا خاص صورت جي پنهنجي طرف کان تخصيص نه ڪرڻ گهرجي، بلڪه جيڪا شيءِ جنهن به وقت ميسر ٿئي، اها الله ڪارڻ ڪنهن به حقدار کي ڏئي ڪري ان جو ثواب بخشي ڇڏڻ گهرجي، رسم جي پابندي يا ڏيکاءُ خاطر نالي ڪڍائڻ ۽ مشهوريءَ جي لاءِ وڏيون وڏيون دعوتون ڪرڻ، يا پنهنجي طاقت کان وڌيڪ قرض کڻي رسم پوري ڪرڻ تمام خراب ڳالهه آهي.


    قرأت جي ڪن احڪامن جو بيان

    قرأت جي ڪن احڪامن جو بيان
    سوال: جيڪڏهن فجر ۽ مغرب ۽ سومهڻيءَ جي نماز اڪيلو پڙهي ته جَهر ڪرڻ (آواز سان پڙهڻ) واجب آهي يا نه؟
    جواب: واجب ته نه آهي پر آواز پڙهڻ افضل آهي.
    سوال: جيڪڏهن اُهي نمازون قضا پڙهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: قضا ۾ امام کي آواز سان ئي پڙهڻ گهرجي باقي منفرد کي اختيار آهي، وڻي ته آواز سان پڙهي يا آهستي پڙهي.
    سوال: فرض نمازن ۾ ڪيتري ڪيتري قرأت مسنون آهي؟
    جواب: مسافريءَ جي حالت ۾ ته اختيار آهي سورة فاتحه کانپوءِ جيڪا سورة چاهي پڙهي (البته اقامت يعني گهر رهڻ جي حالت ۾) قرأت جو خاص مقدار مسنون آهي.
    سوال: اقامت جي حالت ۾ قرأت مسنو ن ڪهڙي آهي؟
    جواب: اقامت جي حالت ۾ فجر ۽ ظهر جي نماز ۾ طوالِ مفصل پڙهڻ ۽ عصر جي نماز ۽ عشاءَ جي نماز ۾ اوساطِ مفصل پڙهڻ ۽ مغرب جي نماز ۾ قصارِ مفصل پڙهڻ مسنون آهي.
    سوال: طوالِ مفصل، اوساطِ مفصل ۽ قصار مفصل ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: قرآن مجيد جي ڇويهين سيپاري جي سورة حجرات کان سورة بروج تائين سورتن کي طوال مفصل چون ٿا ۽ سورة طارق کان سورة لَم يَڪُنِ تائين جي سورتن کي اوساط مفصل چون ٿا ۽ سورة اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَہَا کان سورة الناس تائين يعني آخر قرآن مجيد تائين جيڪي سورتون آهن انهن کي قصار مفصل چون ٿا.
    سوال: اها قرأت مسنونه امام جي لاءِ آهي يا منفرد جي لاءِ؟
    جواب: امام ۽ منفرد ٻنهي جي لاءِ اها قرأت مسنون آهي.
    سوال: ڇا ڪنهن نماز ۾ ڪا خاص سورت اهڙي طرح به مقرر ڪيل آهي جو ان کانسواءِ ٻي سورت پڙهڻ جائز نه هجي؟
    جواب: ڪنهن به نماز جي لاءِ ڪا به سورت اهڙي طرح مقرر نه آهي، شريعت آسانيءَ جي لاءِ هر هنڌ کان قرآن شريف پڙهڻ جي موڪل ڏني آهي، پنهنجي طرف کان مقرر ڪرڻ شريعت جي خلاف آهي.
    سوال: جيڪڏهن اقامت جي حالت ۾ ڪنهن ضرورت جي ڪري مسنون قرأت ڇڏي ڏئي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جائز آهي.
    سوال: فجر جي سُنت ۾ قرأت مسنون ڪهڙي آهي؟
    جواب: گهڻو ڪري حضورﷺ جن فجر جي سُنت جي پهرين رڪعت ۾ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ ۽ ٻي رڪعت ۾ قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ پڙهندا هئا.
    سوال: وتر جي مسنونه قرأت ڪهڙي آهي؟
    جواب: پهريون رڪعت ۾ سَبِّحِ اسْمَ رَبِّکَ الْاَعْلَی ۽ ٻي رڪعت ۾ قُلْ یٰۤاَیُّہَا الْکٰفِرُوۡنَ ۽ ٽي رڪعت ۾ قُلْ ہُوَ اللہُ اَحَدٌ پڙهڻ حضور اڪرمﷺ جن کان ثابت آهي.


    جماعت ۽ امامت جو بيان

    جماعت ۽ امامت جو بيان
    سوال: امامت مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: امامت جي معنيٰ سردار هجڻ آهي، نماز ۾ جيڪو شخص سموري جماعت جو سردار هجي ۽ سب مقتدي ان جي تابعداري ڪن، ان کي امام چوندا آهن.
    سوال: جماعت جي ڇا معنيٰ آهي؟
    جواب: جماعت پاڻ ۾ گڏجي نماز پڙهڻ کي چوندا آهن، جنهن ۾ هڪ امام ٿيندو آهي ۽ ٻيا سڀ مقتدي ٿيندا آهن.
    سوال: جماعت فرض آهي يا واجب يا سُنت؟
    جواب: جماعت سنت مؤڪده آهي، ان جو گهڻو تاڪيد آهي، ڪن عُلمائن ته ان کي فرض ۽ ڪن واجب به چيو آهي هن ۾ شڪ ناهي ته جماعت ۾ گهڻا فائدا آهن.
    سوال: جماعت سان نماز پڙهڻ ۾ ڪهڙا ڪهڙا فائدا آهن؟
    جواب: (1) نماز جماعت سان پڙهڻ ۾ ستاويهن نمازن جو ثواب ملڻ، (2) پنج وقت مسلمانن جو پاڻ ۾ ملڻ، (3) ان جي ڪري پاڻ ۾ اتفاق ۽ محبت جو پيدا ٿيڻ، (4) ٻين کي ڏسي عبادت جو شوق ۽ رغبت پيدا ٿيڻ، (5) نماز ۾ دل لڳڻ، (6) جماعت ۾ بزرگ ۽ نيڪ ماڻهن جي برڪت سان گنهگارن جي نماز جو به قبول ٿيڻ، (7) ناواقفن کي واقف ماڻهن کان مسئلا پُڇڻ ۾ آساني ٿيڻ، (8) حاجتمندن ۽ غريبن جو حال معلوم ٿيندو رهڻ، (9) هڪ خاص عبادت يعني نماز جو شان ظاهر ٿيڻ، ان کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن کي جماعت ۾ نه اچڻ جي اجازت آهي؟
    جواب: عورتون، نابالغ، ٻار، بيمار، بيمار جي خدمت ڪرڻ وارا، لولا لنگڙا، اپاهج، پير ڪٽيل تمام پوڙها جهور، انڌا انهن سڀني جي ذمي جماعت ۾ حاضر ٿيڻ ضروري نه آهي.
    سوال: اهي ڪهڙا عذر آهن، جن جي ڪري چڱي ڀلي ماڻهو کي جماعت ۾ نه اچڻ جائز ٿئي ٿو؟
    جواب: سخت مينهن، رستي ۾ تمام گهڻي گپ جو هجڻ، سخت سيءُ پوڻ، رات ۾ طوفان هجڻ، مسافري مثلاً ريل يا جهاز جي وڃڻ جو وقت ويجهو هجڻ، ڪاڪوس پيشاب جي حاجت هجڻ يا بُک تمام گهڻي لڳي هجڻ. انهيءَ حالت ۾ کاڌي جو سامهون اچڻ، انهن عذرن سبب جماعت جي حاضري جو تاڪيد ختم ٿي وڃي ٿو.
    سوال: ڪهڙين نمازن ۾ جماعت سنت مؤڪده يا واجب آهي؟
    جواب: سڀني نمازن ۾ جماعت سان پڙهڻ سُنت مؤڪده آهي، تراويح نماز جي جماعت سُنت ڪفايه آهي، رمضان شريف ۾ وِتر نماز جي جماعت مُستحب آهي.
    سوال: گهٽ ۾ گهٽ ڪيترن ماڻهن جي جماعت ٿي سگهي ٿي؟
    جواب: گهٽ ۾ گهٽ ٻه ماڻهو جماعت لاءِ ڪافي آهن، هڪ مقتدي هجي ۽ هڪ امام مگر ان حالت ۾ مقتدي امام جي ساڄي طرف بيهي ۽ جڏهن ٻه جماعتي هجن ته پوءِ امام کي اڳتي وڌي بيهڻ گهرجي.
    پاڻ ۾ ملي صفون سڌيون ڪري بيهن وچ ۾ خالي جڳهه نه ڇڏين ٻارن کي پٺيان جدا صف ۾ بيهارين، وڏن ماڻهن جي صف ۾ ٻارن کي بيهارڻ مڪروهه آهي عورتن جي صف وري ٻارن جي پٺيان هئڻ گهرجي.
    سوال: جيڪڏهن امام جي نماز فاسد ٿي وڃي ته مقتدين جي نماز صحيح ٿيندي يا نه؟
    جواب: جڏهن امام جي نماز فاسد ٿي وڃي تڏهن مقتدين جي نماز به فاسد ٿي ويندي، انهن کي به پنهنجي نماز کي ورائي پڙهڻ ضروري ٿيندو.
    سوال: امامت جو حقدار ڪهڙو شخص آهي؟
    جواب: پهريان عالم، يعني اهو شخص جيڪو نماز جي مسئلن مان چڱي طرح واقف هجي بشرطيڪ ان جا عمل به ٺيڪ هجن، تنهن کانپوءِ جيڪو قرآن مجيد سٺو پڙهندو هجي. ان کانپوءِ زياده متقي ۽ پرهيزگار هجي. ان کانپوءِ جيڪو وڏي عمر وارو هجي. ان کانپوءِ جيڪو بااخلاق، سلڇڻو ۽ ذاتي شرافت وارو هجي، ان کانپوءِ جيڪو وڌيڪ خوبصورت ۽ عزت وارو هجي، ان کانپوءِ جيڪو نسبي شرافت رکندو هجي.
    سوال: جيڪڏهن مسجد جو امام مقرر هجي ۽ جماعت جي وقت ان کان ڪو افضل شخص اچي وڃي ته امامت جو وڌيڪ حقدار ڪير آهي؟
    جواب: مقرر ٿيل امام ان ڌارئين اچڻ واري کان وڌيڪ حقدار آهي، پوءِ کڻي اهو ڌاريو ماڻهو امام کان وڌيڪ افضل هجي.
    سوال: ڪنهن ماڻهن جي پٺيان نماز پڙهڻ مڪروهه آهي؟
    جواب: بدعتي ۽ فاسق، جاهل ۽ ٻانهي، جاهل ٻڪرار ۽ احتياط نه ڪرڻ واري انڌي ۽ ولدالزنا يعني حراميءَ جي پٺيان نماز مڪروهه آهي. پر جيڪڏهن ٻانهون ۽ ڳوٺ جي رهڻ وارو شخص عالم هجي ۽ انڌو احتياط رکندڙ هجي ۽ عالم هجي يا قرآن مجيد سٺو پڙهندو هجي ۽ ولدالزنا عالم ۽ نيڪ بخت هجي ۽ انهن کان افضل ڪو ٻيو شخص نه هجي ته پوءِ انهن جي امامت بنا ڪراهت جي جائز آهي.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن جي پٺيان نماز بلڪل نٿي ٿئي؟
    جواب: چرئي ۽ نشي واري ۽ ڪافر يا مشرڪ جي پٺيان ته ڪنهن به شخص جي نماز صحيح نٿي ٿئي ۽ نابالغ جي پٺيان بالغن جي ۽ عورت جي پٺيان مردن جي نماز صحيح نٿي ٿئي ۽ جنهن باقاعده وضو يا غسل ڪيو آهي، ان جي نماز معذور جي پٺيان نٿي ٿئي ۽ جيڪو پوري طرح اگهڙ ڍڪي ان جي نماز اهڙي شخص جي پٺيان جنهن جو بدن کليل آهي صحيح نه ٿيندي ۽ جيڪو رڪوع ۽ سجدا ڪري ٿو، ان جي نماز رڪوع ۽ سجدا اشارن سان ڪرڻ واري جي پٺيان نٿي ٿئي، اهڙي طرح هڪ فرض (مثلاً ظهر) پڙهڻ واري جي نماز ٻئي فرض (مثلاً عصر) پڙهڻ واري جي پٺيان نٿي ٿئي.
    سوال: نابالغ ڇوڪري جي پٺيان تراويح جائز آهي يا نه؟
    جواب: تراويح به نابالغ جي پٺيان جائز نه آهي. هائو جڏهن ڇوڪرو پندرهن سالن جو ٿي وڃي، پوءِ کڻي ٻي ڪا بلوغت جي نشاني ظاهر نه هجي، ته ان جي پٺيان تراويح ۽ فرض نماز جائز آهي.


    مُفسدات نماز (نماز کي ڀڃيندڙن) جو بيان

    مُفسدات نماز (نماز کي ڀڃيندڙن) جو بيان
    سوال: مفسدات نماز ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: مفسدات نماز اهڙين شين کي چون ٿا جن سان نماز فاسد ٿي ويندي آهي يعني ڀڄي پوندي آهي ۽ ان جو ورائي ادا ڪرڻ ضروري ٿي ويندو آهي.
    سوال: نماز کي فاسد ڪندڙ ڇا ڇا آهن؟
    جواب: (1) نماز ۾ ڳالهائڻ پوءِ کڻي اهو ڄاڻي ٻُجهي ۽ ارادي سان هجي يا ويسر ۾ ٿورو هجي يا گهڻو، هر حالت ۾ نماز ڀڄي پوندي آهي. (2) سلام ڪرڻ جي ارادي سان سلام يا تسليم يا السلام عليڪم يا ان جهڙو ڪو ٻيو لفظ چئي ڇڏڻ، (3) سلام جو جواب ڏيڻ يا ڇڪ ڏيڻ واري کي يَرحَمک الله چوڻ يا نماز کان ٻاهر واري ڪنهن شخص جي دُعا تي آمين چوڻ، (4) ڪنهن خراب خبر تي اِنَّا لِلہِ وَ اِنَّاۤ اِلَیۡہِ رٰجِعُوۡنَ پڙهڻ يا وري ڪنهن سُٺي خبر تي اَلۡحَمْدُ لِلہِ چوڻ يا ڪنهن عجيب خبر تي سُبحانَ الله چوڻ، (5) سُور يا تڪليف سببان آهه اُف ڪرڻ، (6) پنهنجي امام کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي لقمون ڏيڻ يعني قرأت ٻُڌائڻ، (7) قرآن شريف ڏسي پڙهڻ، (8) قرآن شريف پڙهڻ ۾ ڪا سخت غلطي ڪرڻ، (9) عمل ڪثير يعني ڪو اهڙو ڪم ڪرڻ جنهن مان ڏسڻ وارا هي سمجهن ته هي شخص نماز نه پڙهي رهيو آهي. (10) کائڻ پيئڻ، ارادي سان هجي يا ويسر ۾ (11) ٻن صفن جي برابر هلڻ، (12) قبلي جي طرف کان بنا عُذر سينو ڦيرائڻ (13) ناپاڪ جاءِ تي سجدو ڪرڻ، (14) اوگهڙ کلڻ جي حالت ۾ هڪ رڪن جي مقدار جيترو بيهڻ. (15) دعا ۾ اهڙيون شيون گهرڻ جيڪي ماڻهن کان گهريون وينديون آهن مثلاً يا الله! مون کي هڪ سئو رپيا ڏي، (16) سُور يا مصيبت ڪري اهڙي طرح روئڻ جو لفظ ظاهر ٿين، (17) بالغ ماڻهوءَ جو نماز ۾ ٽهڪ ڏيئي يا آواز سان کلڻ، (18) امام کان اڳتي وڌي وڃڻ وغيره وغيره.


    نماز جي مَڪروهن جو بيان

    نماز جي مَڪروهن جو بيان
    سوال: نماز ۾ ڪيتريون شيون مڪروهه آهن؟
    جواب: (1) سدل يعني ڪپڙو لٽڪائڻ، مثلاً چادر مٿي تي رکي ان جا ٻئي پاسا هيٺ لڙڪائي ڇڏڻ يا ڪوٽ يا پهراڻ ۾ ٻانهون وجهڻ کانسواءِ ڪُلهن تي پائڻ، (2) ڪپڙن کي مٽيءَ کان بچائڻ لاءِ هٿن سان کنجڻ يا ويڙهڻ، (3) پنهنجن ڪپڙن يا بدن سان راند ڪرڻ، (4) معمولي ڪپڙن ۾ نماز پرهڻ جيڪي ميڙ ۾ پائي وڃن پسند نه ڪيا وڃن. (5) منهن ۾ رُپيو يا پئسو يا ڪا ٻي شيءِ رکي نماز پڙهڻ جنهن جي ڪري قرأت ۾ مجبوري ۾ ڏکائي نه ٿئي جيڪڏهن قرأت ڪرڻ ۾ ڏکيائي ۽ مجبوري ٿيندي ته نماز بلڪل نه ٿيندي، (6) سُستي ۽ بي پرواهيءَ ڪري مٿو اُگهاڙو ڪري نماز پڙهڻ، (7) وارن کي مٿي تي گڏ ڪري چوٽيون ٻَڌڻ، (8) ڪاڪوس يا پيشاب جي حاجت هئڻ جي حالت ۾ نماز پڙهڻ، (9) پٿريون هٽائڻ، پر جيڪڏهن سجدو ڪرڻ مشڪل هجي ته هڪ دفعو هٽائڻ ۾ ڪو به حرج ناهي. (10) آڱرين سان ٺڪاءُ ڪڍڻ يا هڪ هٿ جون آڱريون ٻئي هٿ جي آڱرين ۾ وجهڻ، (11) چيلهه يا ڪُک يا ڍاڪ تي هٿ رکڻ، (12) قبلي کان منهن ڦيرائي يا صرف اک سان هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ، (13) ڪتي وانگر ويهڻ يعني رانون اُڀيون ڪري ويهڻ ۽ رانن کي پيٽ سان ۽ گوڏن کي سيني سان ملائڻ ۽ هٿن کي زمين تي رکڻ، (14) سجدي ۾ ٻئي ڪرايون زمين تي وڇائڻ مرد لاءِ مڪروهه آهي، (15) ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي طرف نماز پڙهڻ جو نمازيءَ جي طرف منهن ڪري ويٺو هجي، (16) هٿ يا مٿي جي اشاري سان سلام جو جواب ڏيڻ، (17) بنا عُذر جي پلٿي ماري ويهڻ، (18) ارادو ڪري اوٻاسي ڏيڻ يا روڪي سگهڻ جي حالت ۾ نه روڪڻ، (19) اکيون پورڻ پر جيڪڏهن نماز ۾ دل لڳڻ جي لاءِ پوري ته مڪروهه نه آهي. (20) امام جو محراب منجهه بيهڻ پر جيڪڏهن پير محراب کان ٻاهر هجن ته مڪروهه ناهي، (21) اڪيلي امام جو هڪ هٿ مٿي جاءِ تي هجڻ ۽ جيڪڏهن ان سان ٻيا ڪي مقتدي به هوندا ته مڪروهه ناهي، (22) اهڙي صف جي پٺيان اڪيلو بيهڻ جنهن ۾ خالي جاءِ هجي، (23) ڪنهن ساهه واري جي تصوير وارا ڪپڙا پائي نماز پڙهڻ، (24) اهڙي جاءِ تي نماز پڙهڻ جو نمازيءَ مٿان يا ان جي سامهون يا ساڄي کاٻي طرف يا سجدي جي جاءِ تي تصوير هجي، (25) آيتون يا سورتون يا تسبيحون آڱرين تي ڳڻڻ، (26) چادر يا ڪو ٻيو ڪپڙو اهڙي طرح ويڙهي نماز پڙهڻ جو جلدي هٿ ٻاهر نڪري نه سگهي، (27) نماز ۾ آرس ڀڃڻ يعني سُستي لاهڻ، (28) پٽڪي جي ور تي سجدو ڪرڻ، (29) سُنت جي خلاف نماز ۾ ڪو ڪم ڪرڻ.


    وِتر جي نماز جو بيان

    وِتر جي نماز جو بيان
    سوال: وِتر جي نماز واجب آهي يا سُنت؟
    جواب: وتر جي نماز واجب آهي، ان جي پڙهڻ جو تاڪيد فرض نمازن جي برابر آهي ۽ نه پڙهڻ جي حالت ۾ قضا ڪرڻ واجب آهي ۽ بنا عُذر جي ارادو ڪري ڄاڻي ٻُجهي ڇڏڻ وڏو گناهه آهي.
    سوال: وتر نماز جون گهڻيون رڪعتون آهن؟
    جواب: وتر نماز ۾ ٽي رڪعتون آهن ٻه رڪعتون پڙهي قعدو ڪيو وڃي ٿو ۽ التحيات پڙهي پوءِ اُٿي بيهي رهندا آهن، پوءِ وري هڪ رڪعت پڙهي قعدو ڪندا آهن ۽ التحيات، درود شريف ۽ دُعا پڙهي سلام ورائيندا آهن.
    سوال: وتر نماز ۾ ۽ ٻين نمازن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: هن جي ٽين رڪعت ۾ دعا قنوت پڙهي وڃي ٿي، جنهن جي ترڪيب هي آهي ته ٽين رڪعت ۾ سورت فاتحه ۽ ٻي صورت کان فارغ ٿي الله اڪبر چئي هٿ ڪنن تائين کڻي ۽ پوءِ هٿ ٻَڌي دُعاءِ قنوت پڙهي، پوءِ رڪوع ۾ وڃي ۽ باقي نماز دستور موجب پوري ڪجي.
    سوال: دعا قنوت زور سان پڙهڻ گهرجي يا آهستي؟
    جواب: امام هجي يا منفرد، سڀني کي دُعاءِ قنوت آهستي پڙهڻ گهرجي.
    سوال: دعاءِ قنوت ياد نه هجي ته ڇا ڪجي؟
    جواب: ڪا ٻي دُعا مثلاً رَبَّنَاۤ اٰتِنَا فِی الدُّنْیَا حَسَنَۃً وَّ فِی الۡاٰخِرَۃِ حَسَنَۃً وَّ قِنَا عَذَابَ النَّارِ پڙهڻ گهرجي.
    سوال: جيڪڏهن مقتدي پوري دُعاءِ قنوت نه پڙهي ۽ امام رڪوع ڪيو ته هاڻي ڇا ڪري؟
    جواب: دُعاءِ قنوت ڇڏي ڏي ۽ رڪوع ۾ هليو وڃي.


    سُنت ۽ نفل نمازن جو بيان

    سُنت ۽ نفل نمازن جو بيان
    سوال: ڪيتريون نمازون سُنت مؤڪده آهن؟
    جواب: ٻه رڪعتون نماز فجر جي فرض کان اڳ ۾ ۽ چار رڪعتون (هڪ سلام سان) اڳين نماز ۽ جمعه نماز جي فرض کان اڳ ۾ ۽ ٻه رڪعتون اڳين نماز جي فرض کانپوءِ، ٻه رڪعتون سومهڻي جي فرض کانپوءِ ۽ رمضان شريف ۾ تراويح نماز جون ويهه رڪعتون سُنت مؤڪده آهن.
    سوال: ڪيتريون نمازون سُنت غير مؤڪده آهن؟
    جواب: وچين نماز جون پهريون چار رڪعتون ۽ سومهڻي جي نماز سُنت مؤڪده کانپوءِ ٻه رڪعتون ۽ سانجهيءَ جي سُنت مؤڪده کانپوءِ ڇهه رڪعتون ۽ جمعي جي نماز کانپوءِ سُنت مؤڪده کان بعد ٻه رڪعتون ۽ تحية الوضوءَ جون ٻه رڪعتون، تحية المسجد جون ٻه رڪعتون، نماز چاشت جون چار يا اٺ رڪعتون، نماز وتر کانپوءِ ٻه رڪعتون، نماز تهجد جون چار يا ڇهه يا اٺ رڪعتون، صلواة التسبيح، نماز استخاره، نماز توبهه، نماز حاجت وغيره اهي سڀ نمازون سُنت غير مؤڪده آهن.
    سوال: سُنتون مسجد ۾ پڙهڻ بهتر آهن يا گهر ۾؟
    جواب: سڀ سُنتون ۽ نفل نمازون گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهن، سواءِ انهن سُنتن ۽ نفلن جي جيڪي مسجد ۾ پڙهڻ افضل آهن، جيئن نماز تراويح، تحية المسجد، سج گرهڻ جي نماز وغيره.
    سوال: نفل نماز ڪهڙي وقت پڙهڻ مڪروهه آهي؟
    جواب: پرهه ڦٽڻ کانپوءِ فجر جي ٻن رڪعتن سُنت کانسواءِ فرض کان اڳ ۾ نفل نماز مڪروهه آهي، فجر جي فرض کانپوءِ سج نڪرڻ کان اڳ ۾ نفل نماز مڪروهه آهي، وچئين جي فرض کانپوءِ سج لهڻ کان اڳ به نفل نماز مڪروهه آهي، پر انهن ٽنهي وقتن ۾ فرض نماز جي قضاء، جنازي جي نماز ۽ تلاوت جا سجدا بنا ڪراهت جي جائز آهن ۽ سج نڪرڻ جي شروعات ٿيڻ کان اڳ ۾ هڪ نيزي جيترو ٿيڻ تائين ۽ ٺيڪ ٻن پهرن جي وقت ۽ سج جي متغير ۽ جهڪي ٿيڻ کان سج لهڻ تائين هر ڪا نماز مڪروهه آهي. هائو! جيڪڏهن ان ڏينهن جي وچئين نماز نه پڙهي اٿس ته اها سج لهڻ تائين ڪنهن به وقت پڙهي سگهجي ٿي.
    اهڙي طرح خطبي مهل سُنت ۽ نفل نماز ٻئي مڪروهه آهن.
    سوال: سج جي متغيّر ٿي وڃڻ مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جڏهن سج ڳاڙهيءَ ٽڪيءَ وانگر ٿي وڃي ۽ ان کي بنا تڪليف جي ڏسي سگهجي، تڏهن سمجهو ته سج متغير ٿي چڪو آهي.


    نمازِ تراويح جو بيان

    نمازِ تراويح جو بيان
    سوال: تراويح نماز سُنت آهي يا نفل؟
    جواب: تراويح نماز مردن ۽ عورتن ٻنهي جي لاءِ سُنت مؤڪده آهي ۽ جماعت سان پڙهڻ سُنت ڪفايه آهي. يعني جيڪڏهن پاڙي جي مسجد ۾ تراويح نماز جماعت سان پڙهي وڃي ۽ ڪو شخص گهر ۾ اڪيلو پڙهي ته گنهگار نه ٿيندو، پر جيڪڏهن سموري پاڙي وارا جماعت سان نه پڙهندا ته سڀ گنهگار ٿيندا.
    سوال: نماز تراويح جو وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: تراويح نماز جو وقت سُمهڻي نماز کانپوءِ فجر تائين آهي، وتر جي نماز کان اڳ ۾ به ۽ ان کانپوءِ به تراويح جو وقت آهي يعني جيڪڏهن ڪنهن شص جي تراويح جون ڪجهه رڪعتون رهجي ويون هجن ۽ امام وِتر پڙهڻ لڳو ته اهو شخص امام سان وتر ۾ شريڪ ٿي وڃي ۽ وِتر کانپوءِ پنهنجون تراويح جون رهيل رڪعتون پوريون ڪري ته جائز آهي.
    سوال: تراويح جون ڪيتريون رڪعتون آهن، انهن جو تعداد ۽ ڪيفيت بيان ڪريو؟
    جواب: ويهه رڪعتون ڏهن سلامن سان مسنون آهن، يعني ٻن ٻن رڪعتن جي نيت ڪري ۽ هر تراويح يعني (چئن رڪعتن) کانپوءِ ٿوري دير آرام ڪرڻ مُستحب آهي.
    سوال: جيتري دير آرام ڪرڻ لاءِ ويهن ته ماٺ ۾ رهن يا ڪجهه پڙهن.
    جواب: اهو پنهنجو اختيار آهي، چاهي خاموش رهجي يا قرآن مجيد آهستي پڙهجي يا تسبيح پڙهجي يا اڪيلي اڪيلي نفل نماز پڙهجي.
    سوال: تراويح ۾ قرآن مجيد جو ختم پورو ڪرڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: پوري مهيني ۾ هڪ ڀيرو قرآن مجيد جو ختم ڪرڻ سُنت آهي ۽ ٻه ختم ڪڍڻ افضل آهن ۽ ٽي ختم پورا ڪرڻ ان کان وڌيڪ افضل آهي پر ٻه دفعا يا ٽي دفعا ختم ڪڍڻ جي فضيلت ان وقت آهي جو جماعتين کي تڪليف نه ٿئي. هائو! هڪ ڀيرو ختم ڪڍڻ ۾ ماڻهن جي سُستي جو خيال نه ڪيو ويندو.
    سوال: تراويح نماز ويهي پڙهڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: بيهڻ جي طاقت هوندي به تراويح ويهي پڙهڻ مڪروهه آهي.
    سوال: ڪي ماڻهو رڪعت جي شروع ٿيڻ سان نماز ۾ شريڪ نٿا ٿين، پر جڏهن امام رڪوع ۾ وڃڻ وارا ٿئي ٿو، تڏهن شروع ٿين ٿا، اهو ڪيئن آهي؟
    جواب: اهو مڪروهه آهي، رڪعت جي شروعات منجهه ئي شامل ٿيڻ گهرجي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي فرض جي نماز جماعت سان نه ملي ته ان کي فرض اڪيلو پڙهي تراويح جي جماعت ۾ شريڪ ٿيڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي!


    قضا نمازون پڙهڻ جو بيان

    قضا نمازون پڙهڻ جو بيان
    سوال: ”ادا“ ۽ ”قضا“ ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: ”ادا“ ان کي چوندا آهن ته ڪنهن عبادت کي ان جي مقرره وقت تي ڪيو وڃي ۽ ”قضا“ ان کي چون ٿا ته ڪنهن فرض ۽ واجب کي ان جي مقرر وقت گذرڻ کانپوءِ ادا ڪيو وڃي.
    م‍ثلاً ظهر جي نماز ظهر جي وقت منجهه پڙهي وڃي ته ان کي ”ادا“ چئبو ۽ ظهر جي وقت گذري وڃڻ کانپوءِ پڙهبي ته ”قضا“ سمجهي ويندي.
    سوال: قضا ڪهڙين نمازن جي واجب ٿئي ٿي؟
    جواب: سڀني فرض نمازن جي قضا فرض ۽ واجب جي قضا واجب آهي ۽ ڪن سُنتن جي قضا سُنت آهي.
    سوال: ڪنهن فرض يا واجب کي وقت تي ادا نه ڪرڻ ۽ قضا ڪرڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: ڄاڻي واڻي ارادي سان ۽ بنا ڪنهن عُذر جي فرض يا واجب، سُنت مؤڪده کي ان جي وقت تي ادا نه ڪرڻ گناهه آهي، فرض ۽ واجب کي وقت تي ادا نه ڪرڻ جو گناهه وڏو آهي، ان کانپوءِ سُنت جو. هائو! جيڪڏهن بنا ارادي جي قضا ٿي وڃي مثلاً نماز پڙهڻ وسري وئي يا نماز جي وقت اک نه کُلي ۽ سُتل رهيو ته گناهه نه آهي.
    سوال: فرض يا واجب نماز قضا ٿي وڃي ته پوءِ اها ڪهڙي وقت پڙهڻ گهرجي؟
    جواب: جنهن وقت ياد اچي وڃي يا جاڳي ته هڪدم پڙهي، دير ڪرڻ گناهه آهي، هائو! جيڪڏهن مڪروهه وقت ۾ ياد اچي وئي يا جاڳي ته ان وقت گذرڻ کان پوءِ پڙهي.
    سوال: قضا نماز جي نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: قضا نماز جي نيت هن طرح ڪرڻ گهرجي ته آئون فلاڻي ڏينهن جي فجر يا ظهر جي قضا نماز پڙهان ٿو، ڪافي آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن جي ذمي گهڻيون نمازون قضا هجن ۽ ڏينهن ياد نه اٿس، مثلاً انهيءَ مهينو يا ٻه مهينا بلڪل نماز نه پڙهي ۽ ان کي هيءُ معلوم آهي ته مون تي فجر جون ٽيهه نمازون ۽ ايتريون ظهر وغيره جون نمازون آهن، ليڪن ان کي مهينو ياد نه آهي ته ڪهڙي مهيني جون نمازون ڇڏيون اٿم ته هاڻي اهو نيت ڪهڙي طرح ڪري؟
    جواب: اهڙي صورت ۾ جڏهن ڪنهن نماز مثلاً فجر جي قضا ڪري ته اهڙي طرح نيت ڪري ته منهنجي ذمي جيتري قدر فجر جون نمازون باقي آهن، انهن مان پهرين فجر جي نماز پڙهان ٿو يا انهن مان فجر جي آخري نماز پڙهان ٿو، اهڙي طرح جيڪا به نماز قضا ڪري ان جي نيت اهڙي طريقي سان ڪرڻ گهرجي.
    سوال: قضا نماز مسجد ۾ پڙهڻ بهتر آهي يا گهر ۾؟
    جواب: جيڪڏهن اڪيلي ماڻهوءَ جي نماز قضا هجي ته گهر ۾ پڙهڻ بهتر آهي ۽ جي مسجد ۾ پڙهي ته به ڪو حرج ناهي، پر ڪنهن به ماڻهوءَ سان اها ڳالهه نه ڪري ته آئون هي قضا نمازون پڙهي رهيو آهيان، ڇو ته پنهنجي قضا نمازن جو ٻين سان ذڪر ڪرڻ مڪروهه آهي.
    سوال: اهي سُنتون ڪهڙيون آهن جن جي قضا ڪرڻ سُنت آهي؟
    جواب: فجر جون سُنتون جيڪڏهن فرض سان گڏ قضا ٿيون هجن ته زوال يعني سج لڙڻ کان اڳ اهي به فرض جي قضا سان پڙهڻ گهرجن، پر جي زوال کانپوءِ پڙهي ته صرف فرض قضا ڪري ۽ جيڪڏهن صرف سُنتون رهجي وڃن ته سنتن جي قضا ڪو نه ٿيندي، سج اُڀرڻ کان اڳ ۾ ته مڪروهه آهي ۽ سج اُڀرڻ کانپوءِ مڪروهه ته نه آهي، پر اهي سُنتون نه ٿينديون نفل ٿي ويندا.
    سوال: ظهر جون چار رڪعتون سُنت جيڪڏهن فرض کان اڳ ۾ نه پڙهيون ويون ته انهن جو ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ظهر جون چار رڪعتون سُنت جيڪڏهن فرض کان اڳ ۾ نه پڙهيون ويون آهن ته فرض کانپوءِ پڙهجن ۽ فرض کانپوءِ ٻه رڪعتون سُنت کان اڳ ۾ يا ان کانپوءِ ٻنهي نمونن سان پڙهڻ جي اجازت آهي پر بهتر ايئن آهي ته ٻن رڪعتن سُنت کانپوءِ پڙهي.


    مُدرڪ، مَسبوق ۽ لاحق جو بيان

    مُدرڪ، مَسبوق ۽ لاحق جو بيان
    سوال: مُدرڪ ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: جنهن کي امام سان پوري نماز ملي هجي يعني پهرين رڪعت کان شريڪ ٿيو هجي ۽ آخر تائين شامل رهيو هجي، ان کي مُدرڪ چئبو آهي.
    سوال: مسبوق ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: مسبوق ان شخص کي چئبو آهي جنهن کي امام سان گڏ شروع کان هڪ رڪعت يا ڪي رڪعتون نه مليون هجن.
    سوال: لاحق ڪنهن کي چئبو آهي؟
    جواب: لاحق ان شخص کي چئبو آهي جنهن جون امام سان شريڪ ٿيڻ کانپوءِ هڪ رڪعت يا ڪي رڪعتون هليون ويون هجن، مثلاً هڪ شخص امام سان نماز ۾ شريڪ ٿيو پر قعدي ۾ ويٺي ويٺي ننڊ اچي ويس ۽ ايتري دير سُتل رهيو جو امام هڪ يا ٻه رڪعتون ٻيون پڙهي ويو.
    سوال: مسبوق پنهنجي ڇڏيل نماز ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي طرح پوري ڪري؟
    جواب: امام سان نماز ختم ٿيڻ تائين شريڪ رهي، جڏهن امام سلام ورائي ته مسبوق ان سان گڏ سلام نه ورائي بلڪه اُٿي بيهي ۽ ڇڏيل رڪعتن کي اهڙي طرح ادا ڪري جو ڄڻ ته هينئر ان نماز شروع ڪئي آهي. مثلاً جيڪڏهن توهان صرف هڪ رڪعت رهجي ويئي آهي ته امام جي سلام کانپوءِ اهڙي طرح پڙهو جو پهريائين ثناء ۽ تعوذ (اَعُوذُباللهِ) ۽ تسميه (بسم الله) پڙهي سورة فاتحه پڙهو ۽ پوءِ ڪا ٻي سورت ان سان ملايو پوءِ قاعدي موجب رڪعت پوري ڪري قعدو ڪريو ۽ سلام ورايو اهو طريقو هرڪنهن نماز جي رهيل رڪعت پوري ڪرڻ جو آهي.
    ۽ جيڪڏهن توهان کان ظهر يا عصر يا عشاءَ يا فجر جون ٻه رڪعتون رهجي ويون آهن ته پهرين رڪعت ۾ ثناء اَعُوذُ باللهِ ۽ بسم الله کانپوءِ فاتحه ۽ سورة وري ٻي رڪعت ۾ فاتحه ۽ سورة پڙهي رڪوع ۽ سجدا ڪري قعدو ڪريو ۽ سلام ورايو ۽جيڪڏهن ظهر يا عصر يا عشاءَ جي صرف هڪ رڪعت امام سان ملي ته پنهنجون ٽي رڪعتون هن ريت پوريون ڪريو جو پهرين رڪعت فاتحه ۽ سورة سان پڙهي قعدو ڪري ۽ پوءِ هڪ رڪعت فاتحه ۽ سورة سان پڙهي پوءِ هڪ رڪعت ۾ صرف الحمد پڙهي ۽ رڪعت پوري ڪري ۽ سلام ورائي، جيڪڏهن مغرب جي هڪ رڪعت امام سان گڏ ملي آهي ته هڪ رڪعت فاتحه سورة سان پڙهي قعدو ڪريو ۽ ٻي رڪعت به فاتحه ۽ سورة سان پڙهي قعدو ڪريو ۽ سلام ورايو، مطلب ته جڏهن نماز جي صرف هڪ رڪعت امام سان پڙهي وئي هجي ته پنهنجي نماز ۾ هڪ رڪعت کانپوءِ قعدو ڪرڻ گهرجي پوءِ کڻي ڪهڙي به وقت جي نماز هجي.
    سوال: جيڪڏهن مسبوق امام جي سلام ورائڻ سان اُٿي بيٺو ۽ امام سهو جو سجدو ڪيو ته پوءِ مسبوق ڇا ڪري؟
    جواب: موٽي اچي امام سان سجدي سهو ۾ شريڪ ٿئي.
    سوال: جيڪڏهن مسبوق ڀُل ۾ امام سان پاڻ به سلام ورايو ته هاڻي ان لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن امام جي سلام کان اڳ ۾ يا ٺيڪ ان سان گڏوگڏ سلام ورايائين ته پوءِ مسبوق جي ذمي سجدو سهو جو نه آهي ۽ نماز پوري ڪري ۽ جيڪڏهن امام جي سلام کانپوءِ هن سلام ورايو ته پوءِ پنهنجي نماز جي آخر ۾ سجدو سهو ڏيڻ واجب آهي.
    سوال: لاحق پنهنجي ڇڏيل نماز ڪهڙي وقت ۽ ڪيئن پوري ڪري؟
    جواب: لاحق جي جيڪا رڪعت ڪنهن عُذر مثلاً سمهي پوڻ جي سبب کان رهجي وئي هجي ته جنهن وقت هو جاڳي ته پهريائين پنهنجي ڇڏيل نماز امام جو ساٿ ڇڏي پڙهي ۽ اهڙي طرح جيئن امام سان پڙهي ٿو، يعني قرأت ڪري ۽ جڏهن ڇڏيل نماز پوري ڪري ته پوءِ امام سان گڏجي باقي نماز پوري ڪري جيئن امام جي پٺيان پڙهبي آهي، ان حالت ۾ جيڪڏهن ان کي ڪا سَهو ٿي وڃي ته سهو جو سجدو نه ڪري ڇو ته ان وقت اهو مقتدي آهي ۽ مقتديءَ جي سَهو تي سجدو سهو لازمي نه آهي.


    سَجده سَهو جو بيان

    سَجده سَهو جو بيان
    سوال: سجده سَهو ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: سَهو جي معنيٰ آهي ڀُلجي وڃڻ، ڀُل کان ڪڏهن ڪڏهن نماز ۾ گهٽتائي يا زيادتيءَ سبب نقصان ٿئي ٿو، ڪي نقصان اهڙا آهن جو انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ نماز جي آخري قعدي ۾ ٻه سجدا ڪيا ويندا آهن، انهن کي سَهو جا سجدا چوندا آهن.
    سوال: سجده سهو ڪهڙي طرح ڪيو ويندو آهي؟
    جواب: آخري قعدي ۾ التحيات پڙهڻ کانپوءِ هڪ پاسي سلام ورائي تڪبير چئي سجدو ڪري سجدي ۾ ٽي ڀيرا تسبيح پڙهي پوءِ تڪبير چئي اُٿي ويهي، وري ٻيو سجدو ڪري پوءِ ٻيو ڀيرو التحيات ۽ درود شريف ۽ دُعا پڙهي پوءِ ٻنهي پاسن سلام ورائي.
    سوال: جيڪڏهن سجدي سَهو جي سلام کان اڳ ۾ التحيات کانپوءِ درود شريف ۽ دعا به پڙهيائين ته پوءِ ڇا ڪري؟
    جواب: ڪن عالمن ان کي احتياطاً پسند ڪيو آهي ته سجدي سَهو کان اڳ ۾ به التحيات ۽ درود ۽ دعا پڙهي ۽ سجدي سَهو کانپوءِ به ٽئي پڙهي، ان ڪري پڙهڻ بهتر آهي ۽ نه پڙهڻ ۾ ڪو به نقصان نه آهي؟
    سوال: سجدو سَهو صرف فرض نماز ۾ واجب آهي يا سڀني نمازن ۾؟
    جواب: سڀني نمازن ۾ سجدي سَهو جو حُڪم هڪجهڙو آهي.
    سوال: جيڪڏهن هڪ طرف به سلام نه ورايائين ۽ سَهو جو سجدو ڪيائين ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ايئن ڪرڻ مڪروهه تنزيهي آهي.
    سوال: جيڪڏهن ٻنهي سلامن کانپوءِ سجدو سَهو ڪيائين ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: هڪ روايت جي مطابق جائز آهي، مگر قوي ڳالهه هي آهي ته هڪ ئي طرف سلام ورائي، جيڪڏهن ٻنهي طرف سلام ورايائين ته سجدو سهو نه ڪري بلڪه سڄي نماز موٽائي پڙهي.
    سوال: سجدو سهو ڪهڙين حالتن ۾ واجب ٿئي ٿو؟
    جواب: (1) ڪنهن واجب جي رهجي وڃڻ کان يا (2) واجب ۾ دير ٿيڻ سان (3) ڪنهن فرض ۾ دير ٿيڻ سان، (4) ڪنهن فرض کي اڳ ۾ ڪرڻ سان يا (5) ڪنهن فرض کي ٻيو دفعو ڪرڻ سان مثلاً نماز ۾ ٻه رڪوع ڪيائين، (6) ڪنهن واجب جي ڪيفيت بدلجي وڃڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو.
    سوال: هي ڳالهيون جن جي ڀُلجي ڪرڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو، اهي جيڪڏهن ڄاڻي واڻي ڪيون وڃن ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ڄاڻي واڻي ڪرڻ سان، سجدي سَهو ادا ڪرڻ سان نقصان ختم نٿو ٿئي، بلڪه نماز جو موٽائي پڙهڻ واجب ٿئي ٿو.
    سوال: جيڪڏهن هڪ نماز ۾ ڪئين ڳالهيون اهڙيون ٿي وڃن جن مان هر هڪ تي سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو ته پوءِ گهڻا سجدا ڪري؟
    جواب: صرف هڪ ڀيرو ٻه سجدا ڪرڻ ڪافي آهن.
    سوال: قرأت ۾ ڪهڙي ڦير گهير ٿيڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو؟
    جواب: (1) فرض نماز جي پهرين رڪعت يا ٻئي رڪعت يا انهن ٻنهي ۾ ۽ واجب يا سُنت يا نفل نماز جي ڪنهن هڪ يا وڌيڪ رڪعتن ۾ پوري سورت فاتحه رهجي وڃڻ سان، (2) انهن ٻنهي رڪعتن ۾ پوري سورت الحمد يا ان کان وڌيڪ حصي کي وري پڙهڻ سان، (3) سورة فاتحه کان اڳ ۾ ٻي ڪا سورت پڙهڻ سان، (4) فرض نماز جي ٽين ۽ چوٿين رڪعت کانسواءِ هر نماز جي (فرض هجي يا واجب يا سُنت يا نفل) ڪنهن رڪعت ۾ سورت نه پڙهڻ سان سجدو سَهو واجب ٿيندو آهي، پر شرط آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ويسر ۾ ٿيل هجن.
    سوال: جيڪڏهن تعديل ارڪان (نماز جي رڪنن کي) پوري طرح ادا ڪرڻ ڀُلجي وڃي ته سجدو سَهو واجب ٿيندو يا نه؟
    جواب: سجده سَهو واجب ٿيندو.
    سوال: جيڪڏهن پهريون قعدو ڀُلجي وڃي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ڀُل ۾ اُٿڻ لڳي ته جيستائين ويهڻ جي ويجهو هجي ته ويهي رهي ۽ سَهو جو سجدو نه ڪري پر جي بيهڻ جي ويجهو هجي ته پوءِ قعدو ڇڏي ڏي ۽ بيهي رهي ۽ آخر ۾ سجدو سَهو ڪري نماز ٿي ويندي.
    سوال: ٻين ڪهڙين ڪهڙين ڳالهين سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو؟
    جواب: (1) رڪوع ٻه ڀيرا ڪري وڃڻ سان، (2) ٽي سجدا ڪري وڃڻ سان، (3) پهرئين قعدي يا آخري قعدي ۾ التحيات نه پڙهڻ سان، (4) پهرئين قعدي ۾ التحيات کانپوءِ درود شريف اللّٰھُمَّ صَلِّ عَلَٰی مُحَمَّدٍ جيترو پڙهڻ يا اوترو وقت خاموش ويهي رهڻ، (5) جهري نمازن ۾ امام جي آهستي قرأت پڙهڻ سان، (6) نمازن ۾ امام جي آواز سان قرأت پڙهڻ سان سجدو سَهو واجب ٿئي ٿو، مگر شرط هي آهي ته اهي سڀ ڳالهيون ويسر ۾ ٿيون هجن.
    سوال: جيڪڏهن امام جي پٺيان مقتديءَ کي ڪجهه سَهو ٿي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: مقتديءَ تي پنهنجي سَهو سان سجدو واجب نٿو ٿئي.
    سوال: مسبوق کي پنهنجي باقي نماز پوري ڪرڻ ۾ سَهو ٿي وڃي ته ڇا ڪري؟
    جواب: ان صورت ۾ مٿس پنهنجي نماز جي آخري قعدي ۾ سجدو سَهو ڪرڻ واجب آهي.


    سجده تلاوت جو بيان

    سجده تلاوت جو بيان
    سوال: سجده تلاوت ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: تلاوت جي معنيٰ پڙهڻ آهي، قرآن شريف ۾ ڪي هنڌ اهڙا آهن جن تي اهي لفظ پڙهڻ سان يا ٻئي ڪنهن کي پڙهندي ٻُڌڻ سان سجدو ڪرڻ واجب ٿئي ٿو، ان کي سجدهٔ تلاوت چوندا آهن.
    سوال: اهي ڪُل ڪيتريون جايون آهن جن جي پڙهڻ يا ٻڌڻ سان سجدو ڪرڻو پوندو آهي؟
    جواب: سڄي قرآن شريف ۾ چوڏهن جايون اهڙيون آهن جن کي چوڏهن سجدا به چوندا آهن.
    سوال: جيڪڏهن نماز کانپوءِ سجدي جي آيت پڙهي ته پوءِ ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي طرح سجدو ڪري؟
    جواب: بهتر ته هي آهي ته جڏهن سجدي جي آيت پڙهي ته ان وقت سجدو ڪري، پر جيڪڏهن ان وقت سجدو نه ڪري ته به گناهه نه آهي، هائو زياده دير ڪرڻ مڪروهه آهي ۽ نماز کان ٻاهر سجدي ڪرڻ جو بهتر طريقو هي آهي ته بيهي تڪبير چوي ۽ پوءِ سجدو ڪري ۽ پوءِ تڪبير چئي اُٿي بيهي، پر جيڪڏهن ويٺي ئي سجدي ۾ ويو ۽ سجدو ڪري ويهي رهي تڏهن به سجدو ادا ٿي ويو.
    سوال: سجدي تلاوت ڪرڻ لاءِ ڪهڙا شرط آهن؟
    جواب: جيڪي شرط نماز جا آهن، اهي سجدي تلاوت جا آهن، يعني بدن، ڪپڙا ۽ جاءِ جو پاڪ هجڻ، اگهڙ ڍڪڻ، قبلي جي طرف منهن ڪرڻ، سجدي تلاوت جي نيت ڪرڻ.
    سوال: تلاوت جو سجدو ڪهڙين شين سان ڀڄي پوي ٿو؟
    جواب: جن شين سان نماز ڀڄي پوندي آهي، انهن سان سجده تلاوت به ڀڄي پوندو آهي.
    سوال: جيڪڏهن سجدي جي آيت ٻه يا زياده دفعا پڙهي ته ان جي لاءِ ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن سجدي جي ڪا خاص آيت هڪ مجلس ۾ ٻه يا زياده ڀيرا پڙهي يا ٻُڌي ته هڪ ئي سجدو واجب ٿئي ٿو.
    سوال: جيڪڏهن هڪ مجلس ۾ سجدي جون ٻه آيتون پڙهجن يا هڪ آيت ٻن مجلسن ۾ پڙهي وڃي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: هڪ مجلس ۾ جيتريون به مختلف سجدن جون آيتون پڙهجن يا هڪ آيت ڪيترين مجلسن ۾ وري وري پڙهي وڃي ته اوترائي سجدا واجب ٿيندا.
    سوال: جيڪڏهن ڪو شخص قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ وقت اول ۽ آخر پڙهي ۽ وچ ۾ صرف سجدي واري آيت نه پڙهي ته ڪيئن آهي؟
    جواب: ايئن ڪرڻ مڪروهه آهي.
    سوال: جيڪڏهن تلاوت ڪرڻ وارو اهڙي جاءِ تي تلاوت ڪري رهيو آهي جو اتي ٻيا ماڻهو به ويٺا آهن ته پوءِ هو سجدي جي آيت آهستي پڙهي جيئن ٻيا ماڻهو نه ٻُڌن ته ڪيئن آهي؟
    جواب: جائز آهي، بلڪه بهتر ايئن ئي آهي ته آهستي پڙهي!


    بيمار جي نماز جو بيان

    بيمار جي نماز جو بيان
    سوال: بيمار جي لاءِ ڪهڙي حالت ۾ ويهي نماز پڙهڻ جائز ٿئي ٿو؟
    جواب: جڏهن بيمار ۾ بلڪل بيهڻ جي طاقت نه هجي يا بيهڻ سان سخت تڪليف ٿيندي هجي يا مرض وڌي وڃڻ جو ڊپ هجي يا مٿي کي چڪر ايندا هجن ۽ ڪري پوڻ جو خوف هجي يا بيهڻ جي طاقت ته هجي پر رڪوع ۽ سجدا نه ڪري سگهندو هجي ته انهن سڀني حالتن ۾ ويهي نماز پڙهڻ جائز آهي، پوءِ جيڪڏهن رُڪوع ۽ سجدا ڪري سگهي ٿو ته رڪوع ۽ سجدن سان ۽ جي نٿو ڪري سگهي ته رڪوع ۽ سجدن جي اشارن سان نماز پڙهي، رُڪوع ۽ سجدن جا اشارا ڪنڌ نمائي ڪري پر رڪوع جي اشارن کان سجدي جي اشارن ۾ مٿي کي وڌيڪ نمائي.
    سوال: جيڪڏهن ڪو شخص پوريءَ طرح سمورو وقت بيهي نٿو سگهي پر ٿورو وقت بيهي سگهي ٿو ته ان لاءِ ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ان تي اوترو وقت بيهڻ ضروري آهي جيترو بيهي سگهي.
    سوال: جيڪڏهن بيماريءَ ۾ ويهي به نماز پڙهڻ جي طاقت نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: سُتي سُتي نماز پڙهي، سُتي نماز پڙهڻ جي صورت هيءَ آهي ته سنئون سڌو ٿي سُمهي پير قبلي ڏانهن ڪري پير ڊگها نه ڪري گوڏا اُڀا رکي ۽ مٿي جي هيٺان ويهاڻو وغيره رکي ان کي مٿانهون ڪري ۽ رڪوع ۽ سجدن جي لاءِ ڪنڌ جُهڪائي، اشارن سان نماز پڙهي، اها صورت افضل آهي ۽ هيءُ به جائز آهي ته اُتر جي طرف مُنهن ڪري ساڄي پاسي تي، يا ڏکڻ طرف منهن ڪري کاٻي پاسي تي ليٽي ۽ اشارن سان نماز پڙهي انهن ٻنهي صورتن مان ساڄي پاسي تي ليٽڻ افضل آهي.
    سوال: جيڪڏهن بيمار کي مٿي سان اشارن ڪرڻ جي به طاقت نه هجي ته ڇا حڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن مٿي سان به اشارا نه ڪري سگهي ته نماز پوئتي ڪري پوءِ جيڪڏهن هڪ رات ڏينهن کان وڌيڪ ان جي اها حالت رهي ته ڇڏيل نمازن جي قضا به ان جي ذمي نه آهي، هائو جيڪڏهن هڪ ڏينهن رات يا ان کان گهٽ وقت ۾ ان کي مٿي سان اشارن ڪرڻ جي طاقت اچي ويئي ته پوءِ ڇڏيل نمازن جي (جيڪڏهن پنج نمازون يا ان گهٽ هونديون) قضا ان جي ذمي لازمي ٿينديون.


    مسافر جي نماز جو بيان

    مسافر جي نماز جو بيان
    سوال: ڪيترو پري سفر ڪرڻ جي ارادي سان ماڻهو مسافر ٿئي ٿو؟
    جواب: شريعت ۾ مسافر ان کي چئبو آهي جيڪو ايترو پري وڃڻ جو ارادو ڪري نڪري جتي ٽن ڏينهن ۾ پهچي سگهي، ٽن ڏينهن ۾ پهچڻ مان هي مطلب نه آهي ته سڄو ڏينهن پنڌ ڪري ٽن ڏينهن ۾ پهچي، بلڪ روزانو صبح کان سج لڙڻ تائين هلڻ متعبر آهي ۽ رفتار مان وچولي درجي جي رفتار ۽ ڏينهن مان ننڍي ۾ ننڍو ڏينهن مراد آهي.
    سوال: وچولي درجي جي رفتار مان ڇا مُراد آهي ۽ ٽن ڏينهن جو پنڌ ڪيترا ميل ٿئي ٿو؟
    جواب: وچولي درجي جي رفتار مان پيادي ماڻهو جي رفتار مراد آهي ۽ ٺيڪ ڳالهه ته هي آهي ته ٽن منزلن جو پنڌ متعبر آهي پر سولائيء جي لاءِ 39 ميلن جو پنڌ ٽن منزلن جيترو سمجهيو ويو آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪو شخص ريل، ٽانگي يا بس تي پنهنجي مسافريءَ جو ايترو پري جو ارادو ڪري هلي جتي پيادو ماڻهو ٽن ڏينهن ۾ پهچي سگهي ته ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: اهو مسافر ٿي ويو، کڻي ڪيترو به جلد پهچي وڃي.
    سوال: مسافر جي نماز ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
    جواب: مسافر اڳين ۽ وچين جي نماز ۽ سومهڻي نماز چئن رڪعتن بدران صرف ٻه رڪعتون پڙهندو آهي. فجر، سانجهي ۽ وتر جون نمازون پنهنجي حال تي ادا ڪندو آهي. انهن ۾ ڪو به فرق نٿو اچي.
    سوال: چئن رڪعتن وارين نمازن جو ٻه رڪعتون پڙهڻ کي ڇا چوندا آهن؟
    جواب: ان کي قصر چوندا آهن.
    سوال: مسافر ڪهڙي وقت کان قصر شروع ڪري؟
    جواب: جڏهن پنهنجي رهائش واري هنڌ جي آباديءَ کان ٻاهري نڪري ان وقت کان قصر شروع ڪري.
    سوال: مسافر ڪيستائين قصر ڪري؟
    جواب: جيستائين سفر ڪندو رهي ۽ ڪنهن شهر يا ڳوٺ ۾ پندرهن ڏينهن رهڻ جي نيت نه هجي، ان وقت تائين قصر نماز پڙهندو رهي ۽ جڏهن ڪنهن جاءِ تي پندرهن ڏينهن رهڻ جي نيت ڪري ته نيت ڪرڻ سان ئي پوري نماز پڙهڻ شروع ڪري.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن هنڌ ٻه چار ڏينهن رهڻ جو ارادو هو، پر ڪم پورو نه ٿيو پوءِ ٻن چئن ڏينهن جي نيت ڪيائين، وري به ڪم پورو نه ٿيو ۽ وڌيڪ ٻن چئن ڏينهن جي نيت ڪيائين، اهڙي طرح پندرهن ڏينهن کان به وڌيڪ ڏينهن گذري ويا ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيستائين هيڪاندي پندرهن ڏينهن جي نيت نه ڪري تيستائين ان کي نماز قصر پڙهڻ گهرجي ۽ ان حالت ۾ پندرهن ڏينهن کان وڌيڪ به گذري وڃن ته به ڪو حرج ناهي.
    سوال: جيڪڏهن مسافر چئن رڪعتن واري نماز پوري پڙهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيڪڏهن ٻي رڪعت تي قعدو ڪيو اٿس ته پوءِ پڇاڙيءَ ۾ سجدو سهو ڪرڻ سان نماز ٿي ويندي، پر ارادي سان ايئن ڪرڻ سان گنهگار ٿيندو، پر جي ويسر ۾ ٿي ويو آهي ته گناهه به نه ٿيندو ۽ ان صورت ۾ ٻه رڪعتون فرض ۽ ٻه نفل ٿي وينديون پر جيڪڏهن ٻي رڪعت کانپوءِ قعدو نه ڪيائين ته نماز فرض نه ٿيندي چارئي نفل ٿي وينديون. هاڻي فرض موٽائي نئين سر پڙهي.
    سوال: جيڪڏهن مسافر ڪنهن مقيم جي پٺيان نماز پڙهي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: مقيم، امام جي اقتداء ڪرڻ سان مقتدي مسافر جي ذمي به چار رڪعتون فرض ٿي وينديون آهن.
    سوال: جيڪڏهن امام مسافر هجي ۽ مقتدي مقيم هجي ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: مسافر امام پنهنجون ٻه رڪعتون پوريون ڪري سلام ورائي ۽ سلام ورائڻ کانپوءِ چوي ته توهان پنهنجي نماز پوري ڪريو، آئون مسافر آهيان، پوءِ مقتدي سلام ورائڻ کانسواءِ اُٿي بيهن ۽ پنهنجون پنهنجون باقي رڪعتون پوريون ڪن، پر انهن ٻنهي رڪعتن ۾ فاتحه ۽ سورت نه پڙهن ۽ جيڪڏهن ڪا سَهو ٿي وڃي ته سجدو سَهو به نه ڪن.
    سوال: هلندڙ ريل يا جهاز ۾ نماز جائز آهي يا نه؟
    جواب: هلندڙ ريل ۽ جهاز ۾ نماز پڙهڻ جائز آهي، جيڪڏهن بيهي پڙهي سگهي، مٿي ڦرڻ يا ڪرڻ جو ڊپ نه هجي ته بيهي نماز پڙهڻ ضروري آهي ۽ جي بيهي نه پڙهي سگهي ته ويهي پڙهي ۽ نماز جي وچ ۾ ريل يا جهاز جي ڦيري کائڻ تي نمازيءَ جو منهن قبل طرف نه رهي ته هڪدم قبلي جي طرف ڦري وڃڻ گهرجي، ورنه نماز نه ٿيندي.


    جُمعي نماز جو بيان

    جُمعي نماز جو بيان
    سوال: جمعي نماز فرض آهي يا واجب يا سُنت؟
    جواب: جمعي نماز فرض آهي، بلڪه اڳين نماز کان ان جو تاڪيد وڌيڪ آهي، جمعي جي ڏينهن اڳين نماز نه آهي، جمعي نماز ان جي قائم مقام ڪئي ويئي آهي.
    سوال: ڇا جمعي جي نماز هر مسلمان تي فرض آهي؟
    جواب: جمعي جي نماز، آزاد، بالغ، سمجهدار، چڱن ڀلن ۽ مقيم مردن تي فرض آهي، باقي نابالغ ٻارن، ٻانهن، چرين، بيمارن، انڌن ۽ اپاهجن ۽ اهڙي طرح ٻين عذر وارن ۽ مسافرن ۽ عورتن تي جمعي جي نماز فرض نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن مسافر يا انڌو يا لولو يا لنگڙو يا بيمار يا عورتون نماز ۾ شريڪ ٿين ته انهن جي نماز صحيح ٿيندي يا نه؟
    جواب: هائو! ٿي ويندي ۽ اڳين نماز انهن تان لهي ويندي.
    سوال: جمعي جي نماز صحيح ٿيڻ جا ڪهڙا شرط آهن؟
    جواب: جمعي جي نماز صحيح ٿيڻ جا ڪيترائي شرط آهن:
    پهريون شرط: شهر يا شهر جو قائم مقام وڏو ڳوٺ هجي، اهڙي طرح شهر جي آسپاس جي اهڙي آبادي، جنهن سان شهر جون ضرورتون واسطو رکنديون هجن، مثلاً شهر جا ميت اتي دفن ٿيندا هجن، يا ڇاوڻي هجي ته اها به شهر جي حُڪم ۾ آهي ننڍي ڳوٺ ۾ جمعو درست ناهي.
    ٻيو شرط: اڳين نماز جي وقت جو هجڻ.
    ٽيون شرط: نماز کان اڳ ۾ خطبو پڙهڻ.
    چوٿون شرط: جماعت.
    پنجون شرط: عام اجازت هجي.
    اهي پنج شرط پورا هجن تڏهن اتي جمعي جي نماز صحيح ٿيندي.
    سوال: خطبي پڙهڻ جو مسنون طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: نماز کان اڳ ۾ امام منبر تي ويهي ۽ان جي اڳيان بانگو بانگ چوي، جڏهن بانگ پوري ٿئي، تڏهن امام نمازين ڏانهن منهن ڪري بيهي ۽ خطبو پڙهي. پهريون خطبو پڙهي ٿوري دير ويهي پوءِ وري اُٿي بيهي، ٻيو خطبو پڙهي جڏهن ٻيو خطبو ختم ٿئي، تڏهن امام منبر تان لهي محراب جي سامهون ٿي بيهي ۽ بانگو تڪبير چوي پوءِ حاضرين اُٿي بيهي امام سان گڏ نماز ادا ڪن.
    سوال: خطبي جي بانگ ڪهڙي جاءِ تي هئڻ گهرجي؟
    جواب: اها خطيب جي سامهون هئڻ گهرجي، پوءِ کڻي منبر وٽ هجي يا هڪ ٻن صفن کان پوءِ يا سڀني صفن کانپوءِ مسجد ۾ هجي يا ٻاهر هر طرح جائز آهي.
    سوال: خطبو اردو يا سنڌي ٻولي ۾ پڙهڻ يا سنڌي ۽ ٻئي ڪنهن ٻولي جا بيت پڙهڻ ڪيئن آهن؟
    جواب: عربي زبان کانسواءِ ٻي ڪنهن زبان ۾ خطبو مڪروهه آهي، پر خطبي جو فرض ادا ٿي وڃي ٿو، البته ثواب ۾ نقصان ٿئي ٿو.
    سوال: خطبي جي وقت ڪهڙا ڪهڙا ڪم ناجائز آهن؟
    جواب: (1) ڳالهيون ڪرڻ، (2) نماز سُنت يا نفل شروع ڪرڻ، (3) کائڻ، (4) پيئڻ، (5) ڪنهن ڳالهه جو جواب ڏيڻ، (6) قرآن شريف وغيره پڙهڻ مطلب ته جيڪي ڪم خطبي ٻُڌڻ ۾ رنڊڪ وجهن اهي سڀ مڪروهه آهن.
    سوال: نماز جمعي لاءِ جماعت شرط آهي، ان مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جمعي جي نماز ۾ امام کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽن ماڻهن جو هجڻ ضروري آهي، جيڪڏهن ٽي ماڻهو نه هوندا ته جمعي جي نماز صحيح نه ٿيندي.
    سوال: اذنِ عام ۽ عام اجازت مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: اذنِ عام جي معنيٰ اجازت آهي، اذن عام جو مطلب هي آهي ته سڀني کي اجازت هجي، جنهن کي کپي اچي نماز ۾ شريڪ ٿي سگهي، اهڙي جاءِ تي جمعي جي نماز صحيح نٿي ٿئي جتي صرف خاص ماڻهو اچي سگهن ۽ هر ڪنهن کي اچڻ جي اجازت نه هجي.
    سوال: جمعي جي فرض نماز جون گهڻيون رڪعتون آهن؟
    جواب: ٻه رڪعتون آهن، پر کڻي شروع نماز ۾ شريڪ ٿئي يا کڻي هڪ رڪعت، يا آخري قعدي ۾ شريڪ ٿئي تڏهن به ٻه رڪعتون پوريون ڪري.


    عيدن جي نمازن جو بيان

    عيدن جي نمازن جو بيان
    سوال: عيد جي ڏينهن ڪهڙا ڪهڙا ڪم مُستحب آهن؟
    جواب: (1) غسل ڪرڻ ۽ ڏندڻ ڏيڻ، (2) پنهنجي ڪپڙن مان سُٺا ڪپڙا پائڻ، (2) خوشبو لڳائڻ، (4) عيدالفطر ۾ عيدگاهه ۾ وڃڻ کان اڳ کجور يا ٻي ڪا مٺي شيءِ کائڻ، (5) صدقه فطر ادا ڪرڻ، (6) عيدالاضحيٰ ۾ نماز کانپوءِ اچي پنهنجي قربانيءَ جو گوشت کائڻ، (7 ) عيدگاهه ۾ عيد جي نماز پڙهڻ، (8) پيادو وڃڻ، (9) هڪ رستي تان وڃڻ ۽ ٻئي کان واپس اچڻ، (10) عيد جي نماز کان اڳ ۾ گهر ۾ يا عيدگاهه ۾ نفل نه پڙهڻ ۽ عيد ادا ڪرڻ کانپوءِ عيدگاهه ۾ نفل نماز نه پڙهڻ.
    سوال: عيدالفطر ۾ عيدگاهه ڏانهن ويندي رستي ۾ تڪبير چوڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: عيدالفطر ۾ جيڪڏهن آهستي آهستي تڪبيرون چوندو وڃي ته پرواهه ڪونهي ۽ عيد الاضحيٰ ۾ زور سان تڪبيرون پڙهڻ مستحب آهي.
    سوال: عيد جي نماز واجب آهي يا سُنت؟
    جواب: ٻنهي عيدن جون نمازون واجب آهن ۽ جن ماڻهن تي جمعي جي نماز فرض آهي، انهن تي عيد جي نماز واجب آهي ۽ جيڪي شرط جمعي جي نماز ۾ آهن، اهي عيد جي نمازن ۾ به آهن، پر عيدن جي نماز جو خطبو نڪي فرض آهي ۽ نه وري نماز کان اڳ ۾ پڙهبو آهي، بلڪه نماز کانپوءِ خطبو پڙهڻ سُنت آهي.
    سوال: عيدن جي نمازن جون گهڻيون رڪعتون آهن ۽ ڪهڙي ترتيب سان پڙهبيون آهن.
    جواب: ٻنهي عيدن جي نمازن ۾ ٻه ٻه رڪعتون آهن، انهن ٻنهي نمازن جي لاءِ بانگ ۽ تڪبير نه آهي، پهريائين نيت هن طرح ڪري ته آئون عيدالفطر يا عيدالاضحيٰ جي واجب نماز ڇهن وڌيڪ تڪبيرن سان هن امام جي پٺيان پڙهان ٿو، پوءِ تڪبير تحريمه چئي هٿ ٻڌي ۽ ثناءَ پڙهي، پوءِ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي ۽ هٿ ڇڏي ڏي، پوءِ وري ٻيو ڀيرو هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي هٿ ڇڏي ڏي، وري ٽيون ڀيرو هٿ ڪنن تائين کڻي الله اڪبر چئي هٿ ٻڌي، پوءِ امام تعوذ، تسميه، سورة فاتحه ۽ ٻي ڪا سورة پڙهي پوءِ رڪوع ڪري ٻي رڪعت جي لاءِ جڏهن بيهي تڏهن امام اڳ ۾ قرأت پڙهي، قرأت کان فارغ ٿي ڪنن تائين هٿ کڻي تڪبير چئي ۽ هٿ ڇڏي ڏئي ۽ وري هٿ ڪنن تائين کڻي ٻي تڪبير چئي ۽ هٿ ڇڏي ڏئي وري به ڪنن تائين هٿ کڻي ٽين تڪبير چئي ۽ هٿ ڇڏي ڏئي، پوءِ هٿ مٿي کڻڻ کانسواءِ چوٿين تڪبير چئي رڪوع ۾ وڃي ۽ قاعدي موافق نماز پوري ڪري، پوءِ امام بيهي خطبو پڙهي ۽ سڀ ماڻهو ماٺ ڪري ويهي خطبو ٻُڌن، عيدن ۾ ٻه خطبا آهن ۽ ٻنهي جي وچ ۾ ويهڻ مسنون آهي.
    سوال: عيدالاضحيٰ جا خاص حڪم ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) رستي ۾ زور سان تڪبيرون چوڻ، (2) نماز کان اڳ ۾ ڪجهه به نه کائڻ، (3) تشريق جون تڪبيرون واجب هجڻ.
    سوال: تشريق جي تڪبيرن مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: ايام تشريق (تشريق جي ڏينهن) ۾ فرض نمازن کانپوءِ جيڪي تڪبيرون پڙهيون وڃن ٿيون تن کي ”تڪبيرات تشريق“ چون ٿا.
    سوال: ايامِ تشريق جا ڪهڙا ڪهڙا ڏينهن آهن؟
    جواب: ايام تشريق ٽن ڏينهن جو نالو آهي، ماهه ذوالحج جي يارهين، ٻارهين ۽ تيرهين هنن تاريخن کي ايامِ تشريق چوندا آهن.
    سوال: تشريق جون تڪبيرون ڪڏهن کان ڪيستائين واجب آهن؟
    جواب: يوم عرفه، يوم نحر ۽ ٽي ڏينهن ايام تشريق جا ڪُل پنج ڏينهن چيا وڃن ٿا.
    يوم عرفه ذوالحج جي نائين تاريخ کي ۽ يوم نحر ڏهين تاريخ کي چون ٿا، نائين تاريخ جي فجر نماز کانپوءِ تڪبيرون شروع ٿين ٿيون ۽ پوءِ هر فرض نماز کانپوءِ تيرهين تاريخ جي وچين نماز تائين تڪبيرون چوڻ واجب آهن، فرض جو سلام ورائيندي هڪدم وڏي آواز سان تڪبيرون چوڻ گهرجن، البته عورتون آواز سان نه چون، جيڪڏهن امام ڀلجي وڃي تڏهن به مقتدي چون.
    سوال: تڪبير تشريق ڇا آهي ۽ گهڻا ڀيرا پڙهڻ گهرجي؟
    جواب: تشريق جي تڪبير هي آهي: اَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ لَاالِٰہَ الَّا اللہُ واَللهُ اَکْبَرْ اَللهُ اَکْبَرْ وَ لِلہِ الحَمْدُ ۽ هي هر فرض نماز کانپوءِ هڪ دفعو پڙهڻ واجب آهي.


    نماز جنازه جو بيان

    نماز جنازه جو بيان
    سوال: ميت جي نماز فرض آهي يا واجب يا سنت؟
    جواب: ميت جي نماز فرض ڪفايه آهي، جيڪڏهن هڪ ٻه ماڻهو به پڙهن ته سڀني جي ذمي تان فرض لهي ويندو ۽ ڪنهن به نه پڙهي ته سڀ گنهگار ٿيندا.
    سوال: جنازي جي نماز جا گهڻا شرط آهن؟
    جواب: (1) ميت جو مسلمان هجڻ، (2) ميت جو پاڪ هجڻ، (3) ان جو ڪفن پاڪ هجڻ، (4) اگهڙ ڍڪيل هجڻ، (5) ميت جو نماز پڙهڻ واري جي سامهون رکيل هجڻ....اهي شرط ته ميت جي متعلق هُئا ۽ نماز پڙهڻ واري جي لاءِ سواءِ وقت جي باقي سڀئي اهي شرط آهن جيڪي نمازن جي شرطن ۾ توهان پڙهي چُڪا آهيو.
    سوال: نماز جنازه جي پوري ترڪيب بيان ڪريو؟
    جواب: نماز جي لاءِ صف ٻڌي بيهجي، جيڪڏهن ماڻهو گهڻا هجن ته ٽي يا پنج يا ست صفون ڪرڻ بهتر آهي. جڏهن صفون درست ٿي وڃن، تڏهن نماز جنازي جي نيت هن طرح ڪجي ته آئون خدا جي واسطي هي جنازي جي نماز هن ميت جي دعاءِ مغفرت جي لاءِ هن امام جي پٺيان پڙهان ٿو، پوءِ امام زور سان ۽ مقتدي آهستي تڪبير چون ۽ ٻئي هٿ ڪنن تائين کڻي بعد ۾ دُن جي هيٺان ٻڌن ۽ امام ۽ مقتدي آهستي آهستي ثناء پڙهن وَتَعَالیٰ جَدُّکَ کانپوءِ وَجَلَّ ثَنَاؤُکَ به چون ته بهترآهي، ته پوءِ امام زور سان ۽ مقتدي آهستي بنا هٿ کڻڻ جي ٻي تڪبير چون ۽ ٻئي درود پڙهڻ جيڪي نماز جي آخري قعدي ۾ پڙهيا ويندا آهن، امام ۽ مقتدي سڀ آهستي پڙهن پوءِ ٻين تڪبيرن وانگر ٽين تڪبير چون، جيڪڏهن جنازو بالغ مرد يا عورت جو هجي ته امام ۽ مقتدي آهستي آهستي هيءَ عربي دعا پڙهن.
    اْللّٰھُمَّ اغْفِرْ لِحَیِّنَا وَ مَیِّتِنَا وَ شَاھِدِنَا وَ غَائِبِنَا وَصَغِیْرِنَا وَکَبَیْرِنَا وَ ذَکَرِنَا وَاُنْثَانَا اَللّٰھُمَّ مَنْ اَحیَیْتَہٗ مِنَّا فَاَحْیِہٖ عَلَی الِاسْلَامِ وَمَنْ تَوَفَّیْتَہٗ مِنَّا فَتَوَفَّہٗ عَلَی اْلَایْمَانِ۔
    اي الله! اسانجن جيئرن ۽ مُئلن ۽ حاضرن ۽ غائبن ۽ ننڍن، وڏن ۽ مردن ۽ عورتن کي معاف ڪر. يا الله! اسان مان جنهن کي تون جيئرو رکين ان کي اسلام تي جيئرو رک ۽ جنهن کي اسان مان مارين ان کي ايمان تي مار.
    ۽ جيڪڏهن جنازو نابالغ ڇوڪري جو آهي ته هي دُعا پڙهي.
    اْللّٰھُمَّ اجْعَلْہٗ لَنَا فَرَطًا وَّ اجْعَلْہٗ لَنَا اَجْرًا وَّ ذُخْرًا وَاجْعَلْہٗ لَنَا شَافِعًا وَّ مُشَفَّعًا۔
    اي الله! هن ٻار کي اسان جي ڇوٽڪاري لاءِ اڳتي وڃڻ وارو بنائي ۽ ان جي جدائيءَ جي مصيبت کي اسان جي لاءِ اجر ۽ ذخيرو بنائي ۽ ان کي اسان جي شفاعت ڪرڻ وارو ۽ شفاعت قبول ڪيل بنائي.
    ۽ جيڪڏهن جنازو نابالغ ڇوڪريءَ جو آهي ته اتي به اها دعا پڙهجي پر ايترو فرق ڪجي ته ٽن هنڌن تي اجْعَلْہٗ کي اجْعَلْھَا ۽ شَافِعًا وَّ مُشَفَّعًا جي بجاءِ شَافِعَۃً وَّ مُشَفَّعَۃً پڙهجي هيءُ صرف ٻن لفظن جو فرق آهي معنيٰ ساڳئي رهندي تنهن کانپوءِ امام زور سان ۽ مقتدي آهستي چوٿين تڪبير چون پوءِ امام زور سان ۽ مقتدي آهستي پهريائين ساڄي طرح ۽ پوءِ کاٻي طرف سلام ورائين.
    سوال: جنازي نماز کان فارغ ٿي پوءِ ڇا ڪجي؟
    جواب: نماز کانپوءِ فارغ ٿيندي ئي جنازو کڻي قبرستان هلجي، هلڻ وقت جيڪڏهن ڪلمو شريف پڙهجي ته دل ۾ پڙهجي، آواز سان پڙهڻ مڪروهه آهي، ميت جي پهرين منزل يعني قبر ۽ دنيا جي بي اعتباريءَ جو ڌيان رکجي ۽ دل ۾ ميت جي لاءِ معافي ۽ سولائي جي دُعا گهرجي پوءِ قبرستان ۾ پهچي ميت کي دفن ڪجي.


    اسلامي فرضن مان روزي جو بيان

    اسلامي فرضن مان روزي جو بيان
    سوال: روزو ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: پرهه ڦٽي کان سج لهڻ تائين نيت سان کائڻ پيئڻ ۽ نفساني خواهشن کي روڪي رکڻ جو نالو روزو آهي، روزي کي صوم ۽ روزي کولڻ کي افطار چوندا آهن.
    سوال: روزي جا گهڻا قسم آهن؟
    جواب: روزي جا اٺ قسم آهن: (1) فرض معين، (2) فرض غير معين، (3) واجب معين، (4) واجب غير معين، (5) سُنت، (6) نفل، (7) مڪروهه، (8) حرام.
    سوال: فرض معين ڪهڙا روزا آهن؟
    جواب: سڄي سال ۾ هڪ مهينو يعني رمضان شريف جا روزا فرض معين آهن.
    سوال: فرض غير معين ڪهڙا روزا آهن؟
    جواب: جيڪڏهن ڪنهن عذر جي ڪري يا بنا عُذر رمضان شريف جا روزا رهجي وڃن ته انهن جي قضا جا روزا فرض غير معين آهن.
    سوال: واجب معين ڪهڙا ڪهڙا روزا آهن؟
    جواب: نذر معين يعني ڪنهن خاص ڏينهن يا خاص تاريخن جي روزن رکڻ جي باس باسڻ سان ان ڏينهن يا انهن تاريخن جا روزا واجب ٿي وڃن ٿا جيئن ڪنهن نذر باسيو ته جيڪڏهن آئون امتحان ۾ پاس ٿيان ته الله ڪارڻ رجب جي پهرين تاريخ جو روزو رکندس.
    سوال: واجب غير معين ڪهڙا روزا آهن؟
    جواب: ڪفارن جا روزا، نذر غير معين جا روزا واجب غير معين آهن، مثلاً ڪنهن باس باسي ته جيڪڏهن آئون پهريون نمبر پاس ٿيس ته خدا جي واسطي ٽي روزا رکندس.
    سوال: ڪهڙا روزا سُنت آهن؟
    جواب: روزن ۾ سُنت مؤڪده ڪو به روزو نه آهي پر جن ڏينهن جا روزا حضور ڪريمﷺ جن کان رکڻ يا انهن جي باري ۾ ترغيب ڏيڻ ثابت آهي ته ان کي سُنت چئبو آهي. جيئن عاشوره جا ٻه روزا يعني محرم جي نائين(9) ۽ ڏهين(10) تاريخ جا عاشوره محرم جي 10 ڏهين تاريخ جو نالو آهي ۽ عرفه يعني ذوالحج جي 9 نائين تاريخ جو روزو ۽ ايام بيض يعني هر مهيني جي 13 تيرهين، 14 چوڏهين ۽ 15 پندرهين تاريخ جا روزا.
    سوال: مستحب ڪهڙا روزا آهن؟
    جواب: فرض، واجب ۽ سُنت روزن کانپوءِ سڀ روزا مستحب آهن، پر ڪي روزا اهڙا آهن جو انهن ۾ ثواب زياده آهي، جيئن شوال جا ڇهه روزا شعبان مهيني جي پندرهين تاريخ جو روزو، جمعي جي ڏينهن جو روزو ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو.
    سوال: مڪروهه روزا ڪهڙا آهن؟
    جواب: صرف ڇنڇر جي ڏينهن جو روزو، صرف عاشوري يعني ڏهين تاريخ جو روزو، نوروز جي ڏينهن جو روزو، عورت جو مُڙس جي اجازت کانسواءِ نفلي روزو رکڻ.
    سوال: ڪهڙا روزا حرام آهن؟
    جواب: سڄي سال ۾ پنج روزا حرام آهن، عيدالفطر ۽ عيدالاضحيٰ جا ٻه روزا ۽ ايام تشريق جا ٽي روزا، ايام تشريق ذوالحج جي يارهين، ٻارهين ۽ تيرهين تاريخن جو نالو آهي.


    رمضان شريف جي روزن جو بيان

    رمضان شريف جي روزن جو بيان
    سوال: رمضان شريف جي روزن جي ڪهڙي فضيلت آهي؟
    جواب: رمضان شريف جي روزن جو تمام وڏو ثواب آهي ۽ انهن جون ڪيتريون ئي فضيلتون حديث شريف ۾ آيون آهن. مثلاً حضور اڪرمﷺ جن فرمايو آهي ته جيڪو شخص الله جي رضامندي جي لاءِ رمضان شريف جا روزا رکندو ته ان جا پويان سڀ گناهه معاف ٿي ويندا، ٻي حديث ۾ حضور اڪرمﷺ جن فرمايو ته روزيدار جي وات جي بوءِ خدا تعاليٰ وٽ مُشڪ جي خوشبوءَ کان به بهتر آهي، ٽين حديث ۾ آهي ته الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته روزو خاص منهنجي لاءِ آهي ۽ آئون خود ان جو بدلو، ڏيندس، اهڙي طرح ٻيون به ڪيتريون ئي فضيلتون حديثن سڳورين ۾ آيون آهن.
    سوال: رمضان شريف جا روزا ڪهڙن ماڻهن تي فرض آهن؟
    جواب: هر مسلمان عاقل، بالغ، مرد، عورت تي فرض آهن انهن جي فرضيت جو انڪار ڪرڻ وارو ڪافر ۽ بنا عذر ڇڏڻ وارو سخت گناهگار ۽ فاسق آهي. اگرچه نابالغ تي نماز، روزو فرض نه آهي، پر عادت وجهڻ لاءِ بلوغت کان اڳ ۾ ئي روزو رکائڻ ۽ نماز پڙهائڻ جو حُڪم ڪريو، حديث شريف ۾ آيو آهي ته جڏهن ٻار ستن سالن جو ٿئي ته ان کي نماز جو حڪم ڪريو ۽ جڏهن ڏهن سالن جو ٿي وڃي ته ان کي نماز جي لاءِ مارڻ به گهرجي، اهڙي طرح جڏهن روزي رکڻ جي طاقت ٿئي ته جيترا روزا رکي سگهي اوترا روزا ان کان رکائڻ گهرجن.
    سوال: اهي ڪهڙا عذر آهن جن سان روزو نه رکڻ جائز ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: (1) سفر! يعني مسافر کي سفر جي حالت ۾ روزو نه رکڻ جائز آهي، پر جي سفر ۾ تڪليف نه هجي ته روزو رکڻ افضل آهي، (2) مرض يعني جيڪڏهن اهڙي بيماري آهي، جنهن ۾ روزي رکڻ جي طاقت ناهي يا بيماري وڌڻ جو انديشو آهي. (3) گهڻو پوڙهو ٿيڻ، (4) عورت جو پيٽ سان هجڻ، جڏهن عورتن جي حمل کي روزي مان نقصان پهچڻ جو گمان غالب هجي، (5) ٿڃ پيارڻ. جڏهن ته کير پيارڻ واري يا ٻار کي روزي مان نقصان پهچندو هجي، (6) روزي جي ڪري ايتري قدر بُک يا اُڃ جو غلبو ٿئي جو ساهه نڪرڻ جو انديشو هجي، (7) حيض ۽ نفاس جي حالتن ۾ روزو رکڻ جائز نه آهي.


    چنڊ ڏسڻ ۽ شاهدي ڏيڻ جو بيان

    چنڊ ڏسڻ ۽ شاهدي ڏيڻ جو بيان
    سوال: رمضان شريف جي چنڊ ڏسڻ جو ڪهڙو حُڪم آهي؟
    جواب: شعبان جي اوڻٽيهين تاريخ تي رمضان شريف جو چنڊ ڏسڻ يعني ڏسڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ آسمان تي ڳولا ڪرڻ واجب آهي ۽ رجب جي اوڻٽيهين تاريخ تي شعبان جو چنڊ ڏسڻ مستحب آهي، هن لاءِ ته شعبان جي اوڻٽيهين تاريخ جو حساب پورو پورو معلوم ٿئي، جيڪڏهن شعبان جي اوڻٽيهين تاريخ تي رمضان جو چنڊ ڏٺو وڃي ته صبح جو روزو رکجي ۽ جيڪڏهن چنڊ نظر نه اچي ته جيڪڏهن آسمان صاف هجي ته صبح جو روزو نه رکو ۽ جيڪڏهن آسمان تي جُهڙ هجي ته پوءِ صبح جو ڏهين يارهين بجي تائين ڪجهه کائڻ ۽ پيئڻ نه گهرجي جيڪڏهن انوقت تائين ڪٿان چنڊ جي خبر معتبر ذريعن سان اچي وڃي ته روزي جي نيت ڪجي ۽ جيڪڏهن نه ملي ته هاڻي ڀلي کائو پيو!
    ليڪن اوڻٽيهين شعبان جو چنڊ نه ڏسڻ جي صورت ۾ صبح جو روزي جي نيت هن طرح ڪرڻ ته چنڊ ڏسجي ويو هوندو ته رمضان شريف جو روزو ۽ جيڪڏهن نه ته نفل ٿي ويندو اهو مڪروهه آهي.
    سوال: رمضان شريف جي چنڊ جي لاءِ معتبر شاهدي ڪهڙي آهي؟
    جواب: جيڪڏهن آسمان صاف نه هجي مثلاً ڪڪر يا ڌُنڌ وغيره هجي ته رمضان شريف جي چنڊ جي لاءِ هڪ ديندار، پرهيزگار سچي ماڻهوءَ جي شاهدي متعبر آهي، پوءِ کڻي مرد هجي يا عورت آزاد هجي يا ٻانهو، اهڙي طرح جنهن شخص جو فاسق هجڻ ظاهر نه آهي ۽ ظاهر ۾ ديندار ۽ پرهيزگار معلوم ٿيندو هجي، ان جي شاهدي به متعبر آهي.
    سوال: عيد جي چنڊ لاءِ متعبر شهادت ڪهڙي آهي؟
    جواب: آسمان صاف نه هجڻ جي حالت ۾ عيد الفطر ۽ عيدالاضحيٰ جي چنڊ جي لاءِ ٻن پرهيزگارن، سچن ماڻهن (مردن) يا اهڙي طرح هڪ پرهيزگار مرد ۽ ٻن پرهيزگار عورتن جي شاهدي متعبر آهي.
    جيڪڏهن آسمان صاف هجي ته رمضان شريف ۽ ٻنهي عيدن جي چنڊ ڏسڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ايترن ماڻهن جي شاهدي ضروري آهي جو ايترن ماڻهن جي ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ هٿرادي ڳالهه ٺاهڻ جو دل کي يقين نه هجي بلڪه انهن جي شاهديءَ سان دل کي چنڊ ڏسڻ جو غالب گُمان ٿي وڃي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پرانهين شهر کان چنڊ ڏسڻ جي خبر اچي ته اها معتبر سمجهي وڃي يا نه؟
    جواب: کڻي ڪيتري به پرانهين خبر اچي، معتبر آهي مثلاً حيدرآباد وارن چنڊ نه ڏٺو ۽ لاهور جي ماڻهن انهن جي آڏو چنڊ ڏسڻ جي شاهدي ڏني ته انهن تي هڪ روزي جي قضا لازم ٿيندي هائو! هي شرط آهي ته خبر اهڙي طريقي سان اچي جنهن جو شريعت ۾ اعتبار هجي، تار (ٽيليفون) جي خبر معتبر ناهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن شخص رمضان شريف جو چنڊ ڏنو ۽ ان جي شاهدي قبول نه ڪئي ويئي ۽ ان کانسواءِ ٻئي ڪنهن به چنڊ نه ڏٺو، نه وري روزا رکيا ويا ته ان شخص تي روزو فرض آهي يا نه؟
    جواب: هائو ان تي روزو رکڻ واجب آهي ۽ جيڪڏهن ان جي حساب سان ٽيهه روزا ٿي وڃن ۽ عيد جو چنڊ نه ڏٺو وڃي ته اهو شخص ٻين ماڻهن سان گڏ ايڪٽيهون روزو به رکي.


    نيت جو بيان

    نيت جو بيان
    سوال: ڇا روزي جي لاءِ نيت ضروري آهي؟
    جواب: هائو! روزي جي لاءِ نيت ڪرڻ شرط آهي، جيڪڏهن اتفاقي طور، پرهه ڦٽيءَ کان سج لهڻ تائين کائڻ، پيئڻ ۽ صحبت کان بچيل رهيو، پر روزي جي نيت نه ڪيائين ته روزو نه ٿيندو.
    سوال: نيت ڪهڙي وقت ڪرڻ ضروري آهي؟
    جواب: رمضان شريف، نذرمعين، سُنت ۽ نفل روزن جي نيت رات جو ڪري يا صبح کان اڌ ڏينهن تائين ڪرڻ جائز آهي، ڏينهن مان مُراد شرعي ڏينهن آهي جو پرهه ڦٽڻ کان سج لهڻ تائين جو نالو آهي، مثلاً جيڪڏهن چئين بجي صبح جو پرهه ڦٽي ۽ ڇهين بجي سج لهي ويو ته ان حساب سان شرعي ڏينهن چوڏهن ڪلاڪ ٿيو ۽ اڌ ڏينهن يارهين بجي تائين ٿيندو ته يارهين بجي کان اول نيت ڪرڻ ضروري آهي.
    ۽ رمضان جي قضا روزن، ڪفاري ۽ نذر معين جي نيت پرهه ڦٽڻ کان اڳ ۾ ڪرڻ گهرجي.
    سوال: نيت ڪهڙي طرح ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: رمضان شريف ۽ نذرمعين، سُنت ۽ نفل روزن جي نيت ۾ گهري ته خاص انهن روزن جو ارادو ڪري يا صرف هي ارادو ڪري ته روزو رکان ٿو يا نفل روزي جي نيت ڪري بهرحال رمضان ۾ رمضان جو روزو ۽ نذر معين جي ڏينهن نذر جو روزو ۽ باقي ڏينهن ۾ سُنت يا نفل جو روزو ٿي ويندو ۽ نذر غير معين ۽ ڪفاري ۽ قضا رمضان جي نيت ۾ خاص انهن روزن جو ارادو ڪرڻ ضروري آهي.
    سوال: زبان سان نيت ڪرڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: نيت، قصد ۽ ارادي ڪرڻ کي چئبو آهي. دل سان ارادو ڪرڻ ڪافي آهي، زبان سان چوي ته بهتر آهي، نه چوڻ ۾ ڪو به حرج نه آهي.


    روزي جي مستحبن جو بيان

    روزي جي مستحبن جو بيان
    سوال: روزي جا مستحب ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) اسر جو کاڌو کائڻ، (2) رات جو ئي نيت ڪرڻ، (3) سحري آخري وقت ۾ کائڻ، مگر شرط هيءُ آهي ته پرهه ڦٽڻ کان يقيناً اڳ فارغ ٿي وڃي. (4) روزي کولڻ ۾ جلدي ڪرڻ، جڏهن ته سج لهڻ ۾ ڪو به شڪ وغيره نه هجي، (5) گلا، ڪوڙ، گاريون ڏيڻ وغيره خراب ڳالهين کان پاسو ڪرڻ، (6) ڇهارن يا کجور سان، جي اهي نه هجن ته پوءِ پاڻيءَ سان روزو کولڻ.
    سوال: سحري ڇاکي چئبو آهي ۽ ان جو وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: سحري رات جي پڇاڙي ۾ پرهه ڦٽڻ کان اڳ ۾ ڪجهه کائڻ پيئڻ کي چئبو آهي، رات جو آخري حصو پرهه ڦٽڻ کان اڳ وارو ان جو وقت آهي، سحري کائڻ سُنت آهي ۽ ان جو گهڻو ثواب آهي، بُک نه هجي ته به هڪ ٻه گرهه ضرور کائڻ گهرجن.


    روزي جي مڪروهن جو بيان

    روزي جي مڪروهن جو بيان
    سوال: روزي ۾ ڪهڙيون ڳالهيون مڪروهه آهن؟
    جواب: (1) کونئر چٻائڻ يا ٻي ڪا شيِءِ وات ۾ وجهي ڇڏڻ، (2) ڪا به شيءِ چکڻ، هائو جنهن عورت جو مُڙس سخت بدمزاج هجي، اها زبان جي چوٽيءَ سان ٻوڙ جو لوڻ وغيره چکي ته جائز آهي. (3) طهارت ڪرڻ وقت پير زياده ويڪرا ڪري ويهڻ ۽ گرڙي يا نڪ ۾ پاڻي ڏيڻ ۾ مبالغو ڪرڻ، (4) وات ۾ تمام گهڻي ٿُڪ گڏ ڪرڻ، (5) گلا ڪرڻ، ڪوڙ ڳالهائڻ، گاريون ڏيڻ ۽ بدڪلامي ڪرڻ، (6) بي قراري ۽ گهٻراهٽ ظاهر ڪرڻ، (7) وهنجڻ جي ضرورت هجي ته غسل کي پرهه ڦٽڻ کانپوءِ ارادي سان هٽائڻ، (8) ڪوئلو چٻاڙڻ يا ڏندن کي منجن لڳائڻ.
    سوال: ڪهڙين شين سان روزو مڪروهه نٿو ٿئي؟
    جواب: (1) سُرمو وجهڻ، (2) بدن کي تيل لڳائڻ يا مٿي ۾ تيل وجهڻ، (3) ٿڌاڻ جي لاءِ وهنجڻ، (4) ڏندڻ ڏيڻ جيتوڻيڪ تازي پاڙ يا ٽاريءَ جو هجي، (5) خوشبو لڳائڻ يا سُنگهڻ، (6) ويسر ۾ ڪجهه کائي پي وٺڻ، (7) خودبخود بنا ارادي الٽي جو اچڻ، (8) پنهنجي ٿُڪ ڳڙڪائڻ، (9) بنا ارادي مک يا دُونهه جو نڙيءَ کان هيٺ وڃڻ، انهن سڀني شين سان روزو نٿو ڀڄي ۽ نه وري مڪروهه ٿئي ٿو.


    روزي جي مفسدات جو بيان

    روزي جي مفسدات جو بيان
    سوال: مفسدات مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: مفسدات انهن شين کي چون ٿا جن سان روزو ڀڄي پوي ٿو، مفسدات جا ٻه قسم آهن:
    هڪڙا اهي جن سان صرف قضا واجب ٿئي ٿي. ٻيا اهي جن سان قضا ۽ ڪفار و ٻئي واجب ٿين ٿا.
    سوال: جن مفسدن سان صرف قضا واجب ٿئي ٿي اهي ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) ڪنهن ماڻهوءَ زبردستي روزي دار جي منهن ۾ ڪا شيءِ وڌي ۽ اها نڙيءَ مان هيٺ هلي وئي، (2) روزو ياد هو ۽ گرڙي ڪرڻ وقت بنا ارادي پاڻي تارونءَ کان هيٺ لهي ويو، (3) اُلٽي آئي ۽ قصدًا نڙيءَ ۾ موٽي وئي، (4) ارادو ڪري وات ڀريل الٽي ڪيائين، (5) ريتي يا پٿر جو ٽڪڙو يا ککڙي يا مٽي يا ڪاغذ جو ٽڪڙو ارادي سان ڳهي ويو، (6) ڏندن ۾ رهيل ڪا شيءِ زبان سان ڇڏائي ڳهي ويو پوءِ کڻي چڻي کان به گهٽ هجي يا زياده ته روزو ڀڄي پوندو، (7) ڪن ۾ تيل وجهڻ (8) ناس ڏيڻ، (9) ڏندن مان نڪتل رت ڳهي وڃڻ، جڏهن ته رت ٿُڪ تي غالب هجي. (10) ڀُل ۾ ڪجهه کاڌائين، پيتائين ۽ پوءِ هيءُ سمجهي ته روزو ڀڄي پيو، پوءِ ارادي سان وري کاڌائين پيتائين، (11) اهو سمجهي ته اڃان صبح نه ٿيو آهي، سحري کاڌائين پوءِ معلوم ٿيس ته صبح ٿي چڪو هو، (12) رمضان شريف کانسواءِ ٻين ڏينهن ۾ ارادي سان ڪو روزو ڀڄي وڌائين. (13) جهڙ وغيره جي سبب هي سمجهي ته سج لهي ويو آهي، روزو افطار ڪيائين، حالانڪه ڏينهن اڃا باقي هو، انهن سڀني ۾ صرف ان روزي جي قضا ڪرڻي پوندي جنهن ۾ انهن ڳالهين مان ڪا پيش آئي آهي.
    سوال: ڪهڙين صورتن ۾ قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب ٿين ٿا؟
    جواب: رمضان شريف ۾ روزو رکي، (1) اهڙي شيءِ يا غذا يا دوا لذت جي طور استعمال ڪئي وڃي ٿي، اها ارادي سان کاڌائين پيتائين، (2) ارادي سان صحبت ڪيائين، (3) سير ڇوڙايائين يا سرمو لڳايائين پوءِ هي سمجهيائين ته روزو ڀڄي پيو ۽ ارادي سان کاڌائين پيتائين ته انهن صورتن قضا ۽ ڪفارو ٻئي واجب ٿيندا.
    سوال: رمضان جي مهيني ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو روزو ڀڄي پوي ته پوءِ ان کي کائڻ پيئڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: نه! بلڪه ان تي لازم آهي ته شام تائين کائڻ پيئڻ وغيره کان پري رهي، اهڙي طرح جيڪڏهن ڪو مسافر ڏينهن جو پنهنجي گهر اچي وڃي يا نابالغ بالغ ٿي پوي يا حيض نفاس واري عورت پاڪ ٿي وڃي يا چريو صحيح ٿي پوي ته انهن ماڻهن کي به باقي ڏينهن ۾ شام تائين روزيدارن وانگر رهڻ واجب آهي.
    سوال: رمضان شريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن روزي ڀڃڻ سان ڪفارو واجب ٿئي ٿو يا نه؟
    جواب: ڪفارو صرف رمضان شريف جي مهيني ۾ فرض روزي ڀڃڻ سان واجب ٿئي ٿو، رمضان شريف کانسواءِ ٻئي ڪنهن روزي جي ڀڃڻ سان پوءِ کڻي اهي رمضان جي قضا جا روزا هجن ڪفارو واجب نٿو ٿئي.


    روزي جي قضا جو بيان

    روزي جي قضا جو بيان
    سوال: روزي جي قضا واجب ٿيڻ جون ڪهڙيون صورتون آهن؟
    جواب: (1) عذر کانسواءِ فرض يا واجب معين جا روزا نه رکي، (2) ڪنهن عذر جي سبب کان ڪجهه روزا هليا وڃن، (3) روزو رکي ڪنهن سبب کان ڀڄجي يا ڀڄي پوي ته انهن روزن جي قضا رکڻ واجب آهي.
    سوال: قضا ڪڏهن ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: جڏهن به وقت ملي ته جيتري قدر جلدي رکي سگهي رکڻ بهتر آهي، سبب کانسواءِ دير ڪرڻ خراب ڳالهه آهي؟
    سوال: قضا روزا لاڳيتا رکڻ ضروري آهن يا نه؟
    جواب: وڻيس ته لاڳيتا رکي وڻيس ته وچ ۾ ناغو ڪري رکي ٻئي نمونا جائز آهن.
    سوال: جيڪڏهن پهرئين رمضان جا روزا اڃا باقي قضا ڪرڻا هئا ۽ ٻيو رمضان اچي ويو ته ڇا ڪري؟
    جواب: هاڻي انهيءَ رمضان جا روزا رکي ۽ رمضان کانپوءِ رهيل روزا قضا ڪري.
    سوال: نفلي روزو رکي ڀڳائين ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ان جي قضا واجب آهي، ڇو ته نفلي نماز ۽ روزو شروع ڪرڻ کانپوءِ واجب ٿي وڃن ٿا.
    سوال: جيڪڏهن قضا روزا رکڻ جي طاقت نه هجي ته ڇا ڪري؟
    جواب: جيڪڏهن اهڙو پوڙهو ٿي ويو آهي جو روزو نٿو رکي سگهي ۽ آئنده طاقت اچڻ جي اميد به نه آهي يا اهڙي قسم جو بيمار آهي جو ٺيڪ ٿيڻ جي اميد نه آهي ته انهن صورتن ۾ روزن جو فديو ڏيڻ جائز آهي.
    سوال: روزن جو فديو ڇا آهي؟
    جواب: هر هڪ روزي جي عيوض ٻه سير ڪڻڪ جو اَن يا ساڍا ٽي سير جَوَ يا انهن مان ڪنهن جي قيمت جيترو ڪو ٻيو اَن مثلاً چانور، ٻاجهري ۽ جوئر وغيره.
    ۽ هر فرض يا واجب نماز جي فديه جو به اهوئي مقدار آهي، مگر جيستائين نماز مٿي جي اشارن سان به پڙهي سگهي ٿو ان وقت تائين اشارن سان ادا ڪرڻ فرض آهي ۽ جڏهن اشارا به نه ڪري سگهي ۽ ان حالت ۾ اهو فوت ٿي وڃي يا ڇهن نمازن جو وقت گذري وڃي ته ان حالت جي نماز فرض نه آهي، پوءِ نماز جو فديو ڏيڻ جي اها صورت آهي، جيڪڏهن نماز پڙهڻ جي طاقت هجڻ جي زماني جون نمازون قضا ٿيل آهن ۽ ادا ڪرڻ کانسواءِ وفات ڪري ويو آهي ته ان جي نمازن جو فديو ڏيئي سگهجي ٿو.
    سوال: هڪ شخص جي ذمي ڪجهه قضا روزا هئا ۽ وفات ڪري ويو ته ان جي طرفان ڪو ٻيو ماڻهو روزا رکي ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: نه! يعني ان مري ويل جي ذمي وارا روزا ان تان نه لهندا، هائو! جيڪڏهن ان جا وارث فديو ڏين ته جائز آهي.


    ڪفاري جو بيان

    ڪفاري جو بيان
    سوال: روزي ٽوڙڻ جو ڇا ڪفارو آهي؟
    جواب: ڪفارو هيءُ آهي ته هڪ غلام آزاد ڪري، پر هنن ملڪن ۾ غلام نه آهن، ان ڪري هتي صرف ٻن صورتن سان ڪفارو ڏيئي سگهي ٿو، پهريون هي ته ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، ٻيو هيءَ ته جيڪڏهن ٻن مهينن جي روزن رکڻ جي طاقت نه هجي ته پوءِ سٺ مسڪينن کي هر ماڻهوءَ کي پوڻا ٻه سير ڪڻڪ يا ان قيمت جي برابر چانور، ٻاجهري يا جوئر وغيره ڏئي.
    سوال: سٺ مسڪينن جو ان مثلاً ٻه مڻ پنجويهه سير ڪڻڪ هڪ مسڪين کي ڏيڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن هڪ مسڪين کي روزانو هڪ ڏينهن جو اَن پوڻا ٻه سير ڪڻڪ ڏني وڃي يا ان کي سٺ ڏينهن تائين ٻئي وقت کاڌو کارايو وڃي ته جائز آهي پر جيڪڏهن ان کي هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن کان زياده جو ان يا قيمت ڏني وڃي ته هڪ ڏينهن جو صحيح ٿيندو ۽ هڪ ڏينهن کان وڌيڪ جيڪو ڏنو ويو آهي ان جو ڪفاري ۾ حساب نه ٿيندو.
    سوال: جيڪڏهن هڪ مسڪين کي پوڻن ٻن سيرن کان گهٽ ڏنو ويو ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: نه! بلڪه ڪفاري ۾ هڪ مسڪين کي پوڻا ٻه سير ڪڻڪ يعني هڪ ڏينهن جي ان جي مقدار کان گهٽ ڏيڻ يا هڪ ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جي مقدار کان وڌيڪ ڏيڻ ناجائز آهي.
    سوال: جيڪڏهن رمضان ۾ ڪيترائي روزا ڀڳا ويا ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: هڪ ئي ڪفارو واجب ٿيندو.


    اعتڪاف جو بيان

    اعتڪاف جو بيان
    سوال: اعتڪاف ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: اعتڪاف ان کي چوندا آهن ته انسان خدا جي گهر (يعني مسجد) ۾ رهڻ کي عبادت سمجهي ان جي نيت سان اهڙيءَ مسجد ۾ جنهن ۾ جماعت ٿيندڙ هجي، ان ۾ رهي.
    سوال: صرف مسجد ۾ رهڻ ڇاجي ڪري عبادت آهي؟
    جواب: جڏهن ته انسان پنهنجا سير، تفريح، گهمڻ ڦرڻ ۽ ڪم ڪار ڇڏي مسجد ۾ رهي پوي ۽ اتي رهڻ سان خدا تعاليٰ جو راضپو مقصود هجي ته ان جو عبادت هجڻ ظاهر آهي.
    سوال: عورت ڪٿي اعتڪاف ۾ ويهي؟
    جواب: پنهنجي گهر ۾ جنهن جاءِ تي نماز پڙهندي هجي، اعتڪاف جي نيت ڪري، انهيءَ جاءِ تي رهي، ڪاڪوس، پيشاب کانسواءِ ٻئي ڪنهن ڪم جي لاءِ ان جاءِ تان اُٿي گهرجي اڱڻ يا ڪنهن ٻئي حصي ۾ نه وڃي ۽ جي گهر ۾ نماز جي ڪا خاص جاءِ مقرر نه هجي ته اعتڪاف شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ اهڙي جاءِ ٺاهي پوءِ ان جاءِ تي اعتڪاف ۾ ويهي.
    سوال: اعتڪاف جا ڪُجهه فائدا ٻڌايو؟
    جواب: اعتڪاف ۾ هي فائدا آهن (1) اعتڪاف ڪرڻ وارو ڄڻ ته پنهنجو سڄو بدن ۽ سڄو وقت الله جي عبادت لاءِ وقف ڪري ٿو، (2) دنيا جي جهڳڙن ۽ ڪيترن ئي گناهن کان بچيل رهي ٿو، (3) اعتڪاف جي حالت ۾ ان کي هر وقت نماز جو ثواب ملي ٿو، ڇو ته اعتڪاف جو اصل مقصد ئي اهو آهي ته اعتڪاف وارو هر وقت نماز ۽ جماعت جي شوق ۾ ويٺو رهي، (4) اعتڪاف جي حالت ۾ ڏهي وارو ملائڪن جي مشابهت پيدا ڪري ٿو انهن وانگر هر وقت عبادت، تسبيح ۽ تقديس ۾ رهي ٿو، (5) مسجد جيئن ته الله تعاليٰ جو گهر آهي، ان جي لاءِ اعتڪاف ۾ ويهندڙ خدا تعاليٰ جو پاڙيسري بلڪه ان جي گهر ۾ مهمان ٿئي ٿو.
    سوال: اعتڪاف جا گهڻا قسم آهن؟
    جواب: ٽي قسم آهن: (1) واجب، (2) سُنت مؤڪده (3) مستحب.
    سوال: اعتڪاف واجب ڪهڙو آهي؟
    جواب: نذر جو اعتڪاف واجب آهي، مثلاً ڪنهن باس باسي ته آئون الله خاطر ٽن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندس يا هن طرح چيائين ته جيڪڏهن منهنجو فلاڻو ڪم ٿيو ته الله جي لاءِ ٻن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندس.
    سوال: سُنت مؤڪده ڪهڙو اعتڪاف آهي؟
    جواب: رمضان شريف جو پويون ڏهو يعني آخري ڏهه ڏينهن اعتڪاف ۾ ويهڻ سُنت مؤڪده آهي، ان جي شروعات ويهين تاريخ جي شام يعني سج لهڻ جي وقت کان ٿئي ٿي ۽ عيد جي چنڊ ڏسڻ سان ڏهو ختم ٿي وڃي ٿو، چنڊ کڻي اوڻٽيهين تاريخ جو هجي يا ٽيهين جو، ٻنهي صورتن ۾ سُنت ادا ٿي ويندي، هي اعتڪاف سُنت مؤڪده علي الڪفايه آهي، يعني ڪن ماڻهن جي ڏهي ۾ ويهڻ سان سڀني جي ذمي تان لهي وڃي ٿو.
    سوال: مستحب ڪهڙو اعتڪاف آهي؟
    جواب: واجب ۽ سُنت مؤڪده کانسواءِ ٻيا سڀ اعتڪاف مُستحب آهن ۽ سال جي سڀني ڏينهن ۾ اعتڪاف جائز آهي.
    سوال: اعتڪاف صحيح ٿيڻ جا ڪهڙا شرط آهن؟
    جواب: (1) مسلمان هجڻ، (2) حدث اڪبر ۽ حيض و نفاس کان پاڪ هجڻ، (3) عاقل هجڻ (4) نيت ڪرڻ، (5) مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ اهي ڳالهيون ته هر قسم جي اعتڪاف جي لاءِ شرط آهن ۽ اعتڪاف واجب جي لاءِ روزو به شرط آهي.


    اعتڪاف جي مستحبن جو بيان

    اعتڪاف جي مستحبن جو بيان
    سوال: اعتڪاف ۾ ڪهڙيون ڳالهيون مستحب آهن؟
    جواب: (1) چڱيون ۽ سٺيون ڳالهيون ڪرڻ (2) قرآن شريف جي تلاوت ڪرڻ، (3) درود شريف پڙهندو رهڻ، (4) ديني علم پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، (5) وعظ نصيحت ڪرڻ، (6) جامع مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ.


    اعتڪاف جي وقتن جو بيان

    اعتڪاف جي وقتن جو بيان
    سوال: گهٽ ۾ گهٽ ڪيتري وقت جو اعتڪاف ٿئي ٿو؟
    جواب: اعتڪاف واجب لاءِجيئن ته روزو شرط آهي، ان لاءِ ان جو وقت گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن آهي پوءِ هڪ ڏينهن کان گهٽ مثلاً ٻه چار ڪلاڪ يا رات جي اعتڪاف جي نيت ڪرڻ صحيح ناهي.
    ۽ جيڪڏهن اعتڪاف سُنت مؤڪده آهي، ان جو وقت رمضان شريف جو ڏهو آهي (آخري ڏهو) ۽ اعتڪاف نفل جي لاءِ وقت جو مقدار مقرر نه آهي، يعني نفلي اعتڪاف ڏهن پنجن منٽن جو به ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن مسجد ۾ داخل ٿيڻ وقت اعتڪاف جي نيت ڪيائين ته روزانو گهڻن ئي اعتڪافن جو ثواب ملي ويندس.


    اعتڪاف ۾ (جيڪي ڳالهيون جائز آهن) انهن جو بيان

    اعتڪاف ۾ (جيڪي ڳالهيون جائز آهن) انهن جو بيان
    سوال: اعتڪاف واري کي مسجد مان نڪرڻ ڪهڙن عذرن سان جائز آهي؟
    جواب: (1) ڪاڪوس يا پيشاب لاءِ نڪرڻ، (2) فرضي غسل جي لاءِ نڪرڻ، (3) جمعي نماز جي لاءِ نڪرڻ، سج لڙڻ جي وقت (زوال) يا ايتري دير اڳ ۾ (جو وري جامع مسجد ۾ پهچي خطبي کان اول چار رڪعتون سُنت پڙهي سگهي) نڪرڻ، (4) بانگ چوڻ جي لاءِ اذان جي جاءِ تي مسجد کان ٻاهر وڃڻ.
    سوال: ڪاڪوس، پيشاب جي لاءِ ڪيترو پري وڃڻ جائز آهي؟
    جواب: پنهنجي جاءِ کان کڻي اهو هنڌ ڪيترو به پري هجي، وڃڻ جائز آهي، هائو! جيڪڏهن ان جون ٻه جايون آهن هڪڙي اعتڪاف واري هنڌ کي وجهي آهي ۽ ٻي پري آهي ته ويجهيءَ ۾ قضا حاجت ڪرڻ ضروري آهي.
    سوال: ڏهي وارو جنازي جي نماز جي لاءِ مسجد مان نڪري ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: جيڪڏهن ان اعتڪاف جي نيت ڪرڻ وقت اها نيت به ڪئي هئي ته نماز جنازي لاءِ ويندس ته جائز آهي، پر جي نيت نه ڪئي اٿس ته جائز نه آهي.
    سوال: ٻيون ڪهڙيون ڳالهيون اعتڪاف ۾ جائز آهن؟
    جواب: مسجد ۾ کائڻ پيئڻ، سُمهڻ، ڪا ضرورت جي شيِءِ خريد ڪرڻ، بشرطيڪه اها شيءِ مسجد ۾ نه هجي، نڪاح ڪرڻ جائز آهي.


    اعتڪاف جي مفسدن ۽ مڪروهن جو بيان

    اعتڪاف جي مفسدن ۽ مڪروهن جو بيان
    سوال: اعتڪاف ۾ ڪهڙيون ڳالهيون مڪروهه آهن؟
    جواب: (1) بلڪل خاموشي اختيار ڪرڻ ۽ ان کي عبادت سمجهڻ، (2) سامان مسجد ۾ آڻي وڪڻڻ يا خريد ڪرڻ، (3) جهڳڙو يا بيهوديون ڳالهيون ڪرڻ.
    سوال: ڪهڙين ڳالهين سان اعتڪاف فاسد ٿي وڃي ٿو؟
    جواب: (1) عُذر کانسواءِ ارادي سان يا ڀُل ۾ مسجد کان ٻاهر نڪرڻ، (2) اعتڪاف جي حالت ۾ صحبت ڪرڻ، (3) ڪنهن عذر سان ٻاهر نڪري، ضرورت کان وڌيڪ ترسڻ، جيئن ڪاڪوس لاءِ ويو ۽ پائخاني کان فارغ ٿي گهر به ڪجهه دير ترسيو، (4) بيماري يا خوف جي ڪري مسجد مان نڪرڻ انهن سڀني صورتن ۾ اعتڪاف فاسد ٿي وڃي ٿو.
    سوال: اعتڪاف فاسد ٿي وڃي ته ان جي قضا واجب آهي يا نه؟
    جواب: اعتڪاف واجب جي قضا واجب آهي سُنت ۽ نفل جي قضا واجب نه آهي.


    نذر يعني باس باسڻ جو بيان

    نذر يعني باس باسڻ جو بيان
    سوال: نذر، باس باسڻ، ڪيئن آهي؟
    جواب: جائز آهي ۽ باس باسي ان جو پورو ڪرڻ واجب آهي.
    سوال: ڇا هر ڪنهن نذر جو پورو ڪرڻ واجب آهي؟
    جواب: جيڪو نذر شريعت جي قانون جي ابتڙ نه هجي ۽ ان ۾ شرط ڏنا وڃن ته انهن جو پورو ڪرڻ واجب آهي، پر جيڪو نذر شريعت جي ابتڙ هجي ان جو پورو ڪرڻ ناجائز آهي.
    سوال: نذر صحيح ٿيڻ جا شرط ڪهڙا آهن؟
    جواب: (1) باس ڪنهن عبادت جي هجي مثلاً منهنجو فلاڻو ڪم ٿيو ته خدا جي واسطي ٻه رڪعتون نماز پڙهندس يا روزو رکندس يا هيترن مسڪينن کي کاڌو کارائيندس، يا هزار رپيا صدقو ڪندس، (2) جنهن شيءِ جي باس باسيل آهي، اها ان جي طاقت کان ٻاهر نه هجي نه ته باس صحيح نه ٿيندي جيئن ته ڪو شخص چوي ته منهنجو فلاڻو ڪم ٿي ويو ته فلاڻي شخص جي دڪان جو مال خيرات ڪندس، اها باس صحيح نه آهي، ڇو ته ڪنهن غير جي دڪان جو مال هن جي ملڪيت نه آهي ۽ ان جي قدرت کان ٻاهر آهي، ان کانسواءِ ٻيا به شرط آهن جيڪي توهان وڏن ڪتابن ۾ پڙهندؤ.
    سوال: ڪنهن پير يا وليءَ جي باس باسڻ ڪيئن آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ کانسواءِ ڪنهن ٻئي جو نذر باسڻ حرام آهي ڇو ته نذر به هڪ قسم جي عبادت آهي ۽ عبادت جو الله تعاليٰ کانسواءِ ٻيو ڪو به حقدار نه آهي.


    اسلامي فرضن مان زڪوات جو بيان

    اسلامي فرضن مان زڪوات جو بيان
    سوال: زڪوات ڇاکي چوندا آهن؟
    جواب: مال جي ان خاص حصي کي زڪوات چوندا آهن، جيڪو الله تعاليٰ جي حڪم مطابق فقيرن، محتاجن وغيرن کي ڏئي انهن کي مالڪ بنايو وڃي، هئين سمجهو ته نماز روزو بدني عبادت آهي ۽ زڪوات مالي عبادت آهي.
    سوال: زڪوات فرض آهي يا واجب؟
    جواب: زڪوات ڏيڻ فرض آهي، قرآن شريف جي آيتن ۽ حضور اڪرمﷺ جن جي حديثن مان ان جي فرضيت ثابت آهي، جيڪو شخص زڪوات فرض هجڻ جو انڪار ڪري ته اهو ڪافر آهي.
    سوال: زڪوات فرض ٿيڻ جا ڪيترا شرط آهن؟
    جواب: (1) مسلمان هجڻ، (2) آزاد هجڻ، (3) عاقل هجڻ، (4) بالغ هجڻ، (5) نصاب جو مالڪ هجڻ، (6) نصاب جو پنهنجن اصلي حاجتن کان زياده ۽ قرض کان بچيل هجڻ، (7) ۽ مالڪ هجڻ کانپوءِ نصاب تي هڪ سال گذري وڃي.
    اهي زڪوات فرض هجڻ جا شرط آهن، پوءِ ڪافر ۽ غلام ۽ مجنون ۽ نابالغ جي مال تي زڪوات فرض نه آهي.
    اهڙي طرح جنهن وٽ نصاب کان گهٽ مال هجي يا مال ته نصاب جيترو هجي، ليڪن اهو قرضدار به هجي يا مال پوري سال تائين نه رهي ته اهڙن حالتن ۾ زڪوات فرض نه آهي.


    زڪوات جي مال ۽ نصاب جو بيان

    زڪوات جي مال ۽ نصاب جو بيان
    سوال: ڪهڙي ڪهڙي مال تي زڪوات فرض آهي؟
    جواب: چاندي، سون ۽ هر قسم جي تجارت جي مال تي زڪوات فرض آهي.
    سوال: چاندي ۽ سون مان ان جا سڪا مثلاً اشرفيون ۽ رپيا مُراد آهن يا ٻيو ڪجهه؟
    جواب: چاندي ۽ سون جي سڀني شين تي زڪوات فرض آهي جيئن رپيا، اشريفون، زيور، ٿانو، مقيش، سوني زري وغيره.
    سوال: جواهرن تي زڪوات فرض آهي يا نه؟
    جواب: جواهرات جيڪڏهن واپار لاءِ آهن ته زڪوات فرض آهي ۽ جي واپار لاءِ نه آهن ته زڪوات فرض نه آهي پوءِ کڻي ڪيتري به ماليت جا هجن. اهڙي طرح جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ ٽامي وغيره جا ٿانوَ نصاب کان وڌيڪ قيمت جا آهن يا ڪو مڪان يا دڪان وغيره نصاب کان زياده قيمت جو اٿس ۽ ان جو ڪرايو به مليس ٿو يا چاندي، سون کانسواءِ ٻئي ڪنهن قسم جو سامان ۽ اسباب آهي ليڪن اهي سڀ شيون تجارت جي لاءِ نه آهن ته انهن مان ڪنهن تي به زڪوات فرض ناهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن وٽ سرڪاري نوٽ نصاب جيترا هجن ته ڇا حُڪم آهن.
    جواب: انهن تي زڪوات فرض آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن وٽ ٿوري چاندي ۽ ٿورو سون آهي پر ٻنهي مان نصاب ڪنهن جو به پورو ناهي ته انهن تي زڪوات فرض آهي يا نه؟
    جواب: ان صورت ۾ سون جي قيمت چانديءَ سان، يا چانديءَ جي قيمت سون سان لڳائي ڏسو ته ٻنهي مان ڪنهن جو نصاب پورو آهي يا نه؟ جيڪڏهن ڪنهن جو نصاب پورو ٿي وڃي ته ان حساب سان زڪوات ڏيو ۽ جي ٻنهي مان ڪنهن جو به نصاب پورو نه هجي ته زڪوات فرض ناهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن وٽ صرف ٽي چار تولا سون آهي ۽ ان جي قيمت چانديءَ جي نصاب جيتري يا وڌيڪ آهي پر چانديءَ جي ٻي ڪا شيءِ ان وٽ نه آهي نڪي رپيا نڪي زيور وغيره ته ان تي زڪوات فرض آهي يا نه؟
    جواب: ان صورت ۾ ان تي زڪوات فرض نه آهي.
    سوال: تجارت جي مال مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: اهو مال جو وڪڻڻ ۽ نفعي ڪمائڻ لاءِ هجي اهو تجارت جو مال آهي پوءِ اهو ڪهڙي به قسم جو هجي، جيئن اناج، ڪپڙو، جتيون، فرنيچر وغيره.
    سوال: نصاب ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: جنهن مال تي زڪوات فرض آهي، ان جو شريعت خاص انداز مقرر ڪيو آهي، جڏهن اوترو انداز ڪنهن وٽ پورو ٿي وڃي ته زڪوات فرض ٿي وڃي ٿي ان انداز کي نصاب چئبو آهي.
    سوال: چانديءَ جو نصاب ڪيترو آهي؟
    جواب: چاندي جو نصاب چونجاهه تولا ٻه ماسا وزن جي چاندي آهي.
    سوال: چونجاهه تولن ۽ ٻن ماسن چانديءَ جي زڪوات ڪيتري ٿيندي؟
    جواب: زڪوات ۾ چاليهون حصو 40/1 ڏيڻ فرض ٿئي ٿو، پوءِ چونجاهه تولن ۽ ٻن ماسن جي زڪوات هڪ تولو چار ماسا ٻه رتيون چاندي آهي.
    سوال: سون جو نصاب ڪيترو آهي؟
    جواب: سون جو نصاب ست تولا، ساڍا اٺ ماسا سون آهي، ان جي زڪوات ٻه ماسا اڍائي رتيون سون ٿيندو.
    سوال: تجارتي مال جو نصاب ڇا آهي؟
    جواب: تجارتي مال جي سون يا چانديءَ سان قيمت لڳايو، پوءِ چاندي يا سون جو نصاب قائم ڪري ان جي حساب سان زڪوات ادا ڪريو.


    زڪوات ادا ڪرڻ جو بيان

    زڪوات ادا ڪرڻ جو بيان
    سوال: زڪوات ادا ڪرڻ جو صحيح طريقو ڪهڙو آهي؟
    جواب: جيتري قدر زڪوات واجب ٿي آهي اها ڪنهن مستحق کي خاص خدا جي واسطي ڏيو ۽ ان کي مالڪ بنايو، ڪنهن خاص خدمت يا ڪنهن ڪم جي مزدوريءَ ۾ زڪوات ڏيڻ جائز نه آهي.• هائو جيڪڏهن زڪوات جي مال مان فقيرن جي لاءِ ڪا شيءِ خريد ڪري انهن ۾ ورهائيو ته جائز آهي.
    سوال: زڪوات ڪڏهن ادا ڪرڻ گهرجي.
    جواب: جڏهن نصاب واري مال تي پورو سال گذري وڃي (جنهن مان هجري سال مُراد آهي) ته هڪدم زڪوات ادا ڪرڻ گهرجي دير ڪرڻ بهتر نه آهي.
    سوال: سال گذرڻ کان اڳ ۾ ڪو شخص زڪوات ڏئي ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: هائو جيڪڏهن نصاب واري مال جو مالڪ سال گذرڻ کان اڳ ۾ زڪوات ادا ڪري ته جائز آهي.
    سوال: زڪوات ڏيڻ وقت نيت ڪرڻ ضروري آهي يا نه؟
    جواب: هائو! زڪوات ڏيڻ وقت يا گهٽ ۾ گهٽ زڪوات جو مال ڪڍي جُدا ڪري رکڻ وقت هيءَ نيت ڪرڻ ضروري آهي ته هي زڪوات ۾ ڏيان ٿو يا زڪوات جي لاءِ جُدا ڪريان ٿو، جيڪڏهن بنا خيال جي ڪنهن کي رپيا ڏنائين ۽ ڏيڻ بعد انهن کي زڪوات جي حساب ۾ لڳايائين ته زڪوات ادا نه ٿيندي.
    سوال: جنهن کي زڪوات ڏني وڃي ان کي هي ٻُڌائڻ ته هي مال زڪوات جو آهي، اهو ضروري آهي يا نه؟
    جواب: اهو ضروري نه آهي، بلڪه جيڪڏهن انعام جي نالي سان يا ڪنهن غريب جي ٻارن کي عيد جي خرچي طور ڏجي ته به زڪوات ادا ٿي ويندي.
    سوال: جيڪڏهن سال گذرڻ کانپوءِ به زڪوات نه ڏني هئائين ۽ سارو مال ضايع ٿي ويو ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ان جي زڪوات به ان جي ذمي تان ڪري پئي.
    سوال: سال گذرڻ کانپوءِ جيڪڏهن سڀ مال الله جي رستي ۾ ڏنو ويو ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: ان جي زڪوات معاف ٿي وئي.
    سوال: جيڪڏهن سال گذرڻ کانپوءِ ٿورو مال ضايع ٿي ويو، يا خيرات ڪيائين ته ڇا حُڪم آهي؟
    جواب: جيتري قدر مال ضايع ٿيو يا خيرات ڪيائين ان جي زڪوات به ختم ٿي وئي، باقي مال جي زڪوات ادا ڪري.
    سوال: جيڪڏهن چانديءَ جي زڪوات چانديءَ سان ادا ڪري ته وزن جو اعتبار ڪجي يا قيمت جو؟
    جواب: وزن جو اعتبار ڪجي، مثلاً ڪنهن وٽ چانديءَ جا هڪ سئو رپيا آهن، سال گذرڻ کانپوءِ ان کي اڍائي تولا (تولو رپئي جي وزن جو آهي.)
    چاندي ڏيڻ گهرجي، هاڻي ان کي اختيار آهي ته هو ٻه رپيا هڪ آڌيو ڏئي يا چانديءَ جو ٽڪر اڍائي تولن جي ڏئي زڪوات ادا ٿي ويندي، ليڪن جيڪڏهن چانديءَ جو ٽڪر اڍائي تولن جو قيمت ۾ ٻن رپين جو هجي ته ٻه رپيا ڏيڻ سان زڪوات ادا نه ٿيندي.
    سوال: چانديءَ جي زڪوات واجب ٿي ته ڪا ٻي شيءِ به زڪوات ۾ ڏيئي سگهجي ٿي يا نه؟
    جواب: هائو! جيتري قدر چاندي زڪوات ۾ واجب ٿيندي هجي اوتري چانديءَ جي قيمت جي ٻي ڪا شيءِ مثلاً ڪپڙو، اناج وغيره خريد ڪري ڏيڻ به صحيح آهي.


    زڪوات جي مصارف جو بيان

    زڪوات جي مصارف جو بيان
    سوال: مصارف زڪوات مان ڇا مُراد آهي؟
    جواب: جنهن شخص کي زڪوات ڏيڻ جي اجازت آهي ان کي ”مصرف زڪوات“ چئبو آهي.
    ”مصارف“ مصرف جو جمع آهي، مصارف زڪوات مان اهي ماڻهو مُراد آهن، جن کي زڪوات ڏيڻ جائز آهي.
    سوال: مصارف زڪوات ڪيترا ۽ ڪهڙا ڪهڙا آهن؟
    جواب: هن زماني ۾ مصارف زڪوات هي آهن (1) فقير يعني اهو شخص جنهن وٽ ڪجهه ٿورو مال ۽ اسباب آهي، ليڪن نصاب جيترو نه آهي، (2) مسڪين يعني اهو شخص جنهن وٽ ڪجهه به نه آهي، (3) قرضدار يعني اهو شخص جنهن جي ذمي ماڻهن جو قرض هجي ۽ ان وٽ قرض لهڻ بعد بچت ۾ نصاب جيترو مال نه هجي، (4) مسافر، جو سفر جي حالت ۾ تنگ دست رهجي ويو هجي، ان کي ضرورت موافق زڪوات ڏيڻ جائز آهي.
    سوال: اسلامي مدرسن ۾ زڪوات جو مال ڏيڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: هائو! طالب علمن کي زڪوات جو مال ڏيڻ جائز آهي مدرسن جي مهتممن کي ان لاءِ ڏيڻ ته طالب علمن تي خرچ ڪن ته ان ۾ ڪو به حرج نه آهي.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ ناجائز آهي؟
    جواب: هنن ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ جائز نه آهي: (1) مالدار يعني اهو شخص جنهن تي زڪوات فرض آهي يا نصاب جيتري قيمت جو ٻيو ڪو مال موجود اٿس جو ان جي حاجتِ اصليه کان زياده آهي مثلاً ڪنهن وٽ ٽامي جا برتن روز مرهه جي ضرورت کان زياده رکيل آهن ۽ انهن جي قيمت نصاب جيتري آهي ته ان کي زڪوات جو مال وٺڻ حلال نه آهي، جيڪڏهن خود انهن تي به انهن ٿانون جي زڪوت ڏيڻ واجب ناهي، (2) سيد ۽ بني هاشم، بني هاشم مان حضرت حارث بن عبدالمطلب ۽ حضرت جعفر ۽ حضرت عقيل ۽ حضرت عباس ۽ حضرت علي جو اولاد مُراد آهي، (3) پنهنجي ماءُ، پيءُ، ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني کڻي ان کان به مٿي ڪي رشتي ۾ هجن، (4) پُٽ، ڌيءَ، پوٽو، پوٽي، ڏوهٽو، ڏوهٽي يا ان کان به هيٺ ڪي رشتي ۾ هجن، (5) مُڙس پنهنجي زال کي ۽ زال پنهنجي مُڙس کي به زڪوات نٿي ڏئي سگهي. (6) ڪافر، (7) مالدار ماڻهوءَ جون بالغ اولاد انهن سڀني ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ جائز نه آهي.
    سوال: ڪهڙن ڪهڙن ڪمن ۾ زڪوات جو مال خرچ ڪرڻ جائز نه آهي؟
    جواب: جن شين ۾ ڪنهن حقدار کي مالڪ نه بنايو وڃي، ان ۾ زڪوات جو مال خرچ ڪرڻ ناجائز آهي، جيئن ميت جي ڪفن دفن ۾ خرچ ڪرڻ يا ميت جو قرض ادا ڪرڻ يا مسجد جي تعمير يا فرش هڻائڻ يا ڪونئرا وٺڻ يا پاڻي جو خرچ ڏيڻ جائز ناهي.
    سوال: ڪنهن شخص وٽ هڪ هزار رپين يا ٻن هزارن رپين جي جاءِ آهي جنهن ۾ هو رهي ٿو يا ان جي مسواڙ مان پنهنجو گذر ڪري ٿو، ان کانسواءِ ان وٽ ٻيو ڪو به مال نه آهي بلڪه تنگدست آهي ان کي زڪوات ڏيڻ جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي! ڇو ته اها جاءِ ان جي حاجت اصليه ۾ داخل آهي، البته جڏهن ڪنهن وٽ حاجت اصليه کان ڪو وڌيڪ مال هجي ته پوءِ ان کي زڪوات جائز نه آهي.
    سوال: جيڪڏهن ڪنهن شخص کي حقدار سمجهي زڪوات ڏني ويئي پوءِ خبر پيئي ته هو سيد هو يا مالدار هو يا پنهنجي ماءُ، پيءُ اولاد مان هو ته زڪوات ادا ٿي يا نه؟
    جواب: ادا ٿي ويئي وري ڏيڻ واجب ناهي.
    سوال: ڪهڙن ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ افضل آهي؟
    جواب: پنهنجي رشتيدارن، جهڙوڪ ڀاءُ، ڀيڻ، ڀائيٽو، ڀائٽي، چاچو، پڦي، ماسي، مامو، سس، سهري، ناٺيءَ وغيره مان جيڪو حاجتمند هجي ۽ مستحق هجي، انهيءَ کي ڏيڻ ۾ تمام گهڻو ثواب آهي، ان کانپوءِ پنهنجي پاڙي وارن يا پنهنجي شهر جي ماڻهن مان جيڪو به وڌيڪ ضروتمند هجي ان کي ڏيڻ افضل آهي، ان کانپوءِ جنهن کي ڏيڻ ۾ وڌيڪ نفعو هجي جيئن ديني علمن جا شاگرد.


    صدقئه فطر جو بيان

    صدقئه فطر جو بيان
    سوال: صدقئه فطر ڇاکي چئبو آهي؟
    جواب: فطر جي معنيٰ روزو کولڻ يا روزو نه رکڻ آهي، الله تعاليٰ پنهنجي ٻانهن تي هڪ صدقو مقرر فرمايو آهي ته رمضان شريف ختم ٿيڻ تي روزي کولڻ جي خوشيءَ ۾ شڪريه طور ادا ڪن ان کي صدقو فطر چئبو آهي ۽ ان روزي کولڻ جي خوشي ملهائڻ جي ڏينهن هجڻ جي سبب کان رمضان شريف کانپوءِ واري عيد کي عيدالفطر چئبو آهي.
    سوال: ڪهڙي شخص تي صدقئه فطر واجب آهي؟
    جواب: هر مسلمان آزاد تي، پر جڏهن نصاب جي مال جو مالڪ هجي ته ان تي صدقو فطر واجب آهي.
    سوال: صدقو فطر واجب هجڻ جي لاءِ جيڪو نصاب جو شرط آهي اهو ساڳيو زڪوات وارو نصاب آهي جيڪو بيان ٿي چڪو يا ڪجهه فرق آهي؟
    جواب: نصاب زڪوات يا نصاب صدقه فطر جو انداز هڪڙو ئي اهي، مثلاً چوونجاهه تولا ٻه ماسا چاندي يا ان جي قيمت برابر نصاب زڪوات ۽ نصاب صدقي فطر ۾ هي فرق آهي ته زڪوات فرض هجڻ جي لاءِ چاندي يا سون يا تجارت جو مال هجڻ لاءِ انهن ٽن شين جي خصوصيت ضروري آهي ته پر صدقي فطر واجب هجڻ جي لاءِ انهن ٽن شين جي خصوصيت نه آهي، بلڪه ان جي نصاب ۾ هر قسم جو مال حساب ۾ آندو وڃي ٿو. هائو! حاجتِ اصليه کان وڌيڪ ۽ قرض کان بچيل هجڻ ٻنهي نصابن ۾ شرط آهي.
    پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شخص وٽ ان جي استعمال جي ڪپڙن کان وڌيڪ ڪپڙا رکيل آهن يا روز مرهه جي ضرورت کان مٿي ٽامي، پتل، چيني وغيره جا ٿانوَ رکيل آهن يا ان جو ڪو دڪان خالي پيو آهي يا ٻئي ڪنهن قسم جو سامان ۽ اسباب اٿس جو ان جي حاجت اصليه کان زياده آهي ۽ انهن شين جي قيمت نصاب جيتري يا وڌيڪ آهي ۽ ان تي زڪوات فرض نه آهي پر صدقو فطر واجب آهي، صدقئه فطر جي نصاب تي سڄو سال گذرڻ جو به شرط نه آهي، بلڪه ان ڏينهن نصاب جو مالڪ ٿيو هجي ته به صدقو فطر ادا ڪرڻ واجب ٿيندس.
    سوال: صدقئه فطر ڪنهن ڪنهن جي طرفان ڏيڻ واجب آهي؟
    جواب: هر شخص نصاب جي مال تي پنهنجي طرف کان ۽ پنهنجي اڻ بالغ اولاد جي طرفان صدقه فطر ڏيڻ واجب آهي، ليڪن اڻ بالغن جو جيڪڏهن پنهنجو مال هجي ته ان جي مال مان ادا ڪري.
    سوال: مشهور آهي ته جنهن روزا نه رکيا ان تي صدقو فطر واجب نه آهي، اهو صحيح آهي يا غلط؟
    جواب: غلط آهي بلڪه هر نصاب مالڪ تي واجب آهي، توڙي روزا رکيل اٿس يا نه رکيا اٿس.
    سوال: صدقو فطر واجب هجڻ جو ڪهڙو وقت آهي؟
    جواب: عيد جي ڏينهن پرهه ڦٽڻ سان ئي هي صدقو واجب ٿئي ٿو، پوءِ جيڪو شخص پرهه ڦٽي کان اڳ مري ويو ته ان جي مال مان صدقو فطر نه ڏنو ويندو ۽ جيڪو ٻار پرهه ڦٽيءَ کان اول پيدا ٿيو ان جي طرفان به ادا ڪيو ويندو.
    سوال: جيڪڏهن صدقو فطر عيد جي ڏينهن کان اڳ ۾ رمضان شريف ۾ ڏنائين ته جائز آهي يا نه؟
    جواب: جائز آهي.
    سوال: صدقو فطر ادا ڪرڻ جو بهترين وقت ڪهڙو آهي؟
    جواب: عيد جي ڏينهن عيد جي نماز تي وڃڻ کان اڳ ادا ڪرڻ بهتر آهي ۽ نماز کانپوءِ ادا ڪري ته به جائز آهي ۽ جيستائين ادا نه ڪندو مٿس واجب الادا رهندو، پوءِ کڻي ڪيترو ئي وقت گذري وڃي.
    سوال: صدقه فطر ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون شيون ۽ ڪيتريون ڏيڻ واجب آهن؟
    جواب: صدقي فطر ۾ هر قسم جو ان يا قيمت ڏيڻ جائز آهي، ان جو تفصيل هي آهي ته جيڪڏهن ڪڻڪ يا ان جو اَٽو يا جَوَ ڏئي ته في ماڻهو پوڻا ٻه سير ڏيڻ گهرجي.
    جيڪڏهن جَوَ يا انهن جو اٽو ڏئي ته ساڍا ٽي سير ڏيڻ گهرجن ۽ جيڪڏهن جون ۽ ڪڻڪ کانسواءِ ٻيو ڪو اناج مثلاً چانور، ٻاجهري يا جوئر وغيره ڏئي ته پوڻا ٻه سير ڪڻڪ جي قيمت يا ساڍن ٽن سيرن جَوَن جي قيمت ۾ اهو اناج جيترو به ايندو هجي اوترو ڏيڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن قيمت ڏئي ته پوڻن ٻن سيرن ڪڻڪ يا ساڍن ٽن سيرن جَوَن جي قيمت ڏيڻ گهرجي.
    سوال: هڪ ماڻهو جو صدقو فطر هڪ ئي فقير کي ڏجي يا ٿورو ٿورو ڪري گهڻن فقيرن کي ڏيڻ به جائز آهي؟
    جواب: گهڻن فقيرن کي به ڏيڻ جائز آهي، اهڙي طرح ڪيترن ماڻهن جو صدقه فطر هڪ فقير کي به ڏيڻ جائز آهي.
    سوال: صدقو فطر ڪهڙن ماڻهن کي ڏيڻ گهرجي؟
    جواب: جن ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ جائز آهي. انهن کي صدقو فطر ڏيڻ به جائز آهي ۽ جن ماڻهن کي زڪوات ڏيڻ ناجائز آهي انهن کي صدقو فطر ڏيڻ به ناجائز آهي.
    سوال: جن ماڻهن تي صدقو فطر واجب آهي اهي زڪوات يا صدقو فطر وٺي سگهن ٿا يا نه؟
    جواب: نٿا وٺي سگهن ۽ ڪو به فرض يا واجب صدقو اهڙن ماڻهن کي ڏيڻ جائز نه آهي، جن وٽ صدقي فطر جو نصاب موجود آهي.


    ضميمو

    شرڪ

    سوال: شرڪ ڇا آهي؟
    جواب: شرڪ هي آهي ته الله تعاليٰ کي ڇڏي ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪرڻ الله جي مقابلي ۾ ڪنهن ٻئي جي اطاعت ڪرڻ يا الله تعاليٰ جون صفتون ڪنهن ٻئي لاءِ تسليم ڪرڻ کي شرڪ چئبو آهي. جيئن الله تعاليٰ رزاق آهي، هاڻي ٻئي ڪنهن کي رزق جو مالڪ سمجهڻ شرڪ آهي.
    سوال: جيڪڏهن ماڻهو روزا، نماز، حج، زڪوات ۽ ٻيا ڪيترا نيڪي جا ڪم ڪري ٿو ۽ الله سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪري ته ان جو حڪم قرآن ۾ ڇا آهي؟
    جواب: شرڪ ڪري ماڻهوءَ جا ٻيا مذهبي عمل به چٽ ٿي وڃن ٿا. جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته: ”جيڪڏهن تون شرڪ ڪندين ته تنهنجا عمل ضايع ٿي ويندا ۽ تون خساري هيٺ اچي ويندين.(الزمر: 65)
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو دنيا ۾ غيرالله جي عبادت ڪري ٿو، ڇا اُهي ان ماڻهوءَ لاءِ قيامت جي ڏينهن ڇوٽڪاري جو سبب بڻبا؟
    جواب: بلڪل نه! الله کانسواءِ ٻين کي دستگير ۽ حاجت روا مڃڻ وارا ماڻهو نه هن دنيا ۾ فائدو ڏئي سگهن ٿا ۽ نه آخرت ۾ جيئن قرآن حڪيم ۾ ٻڌايل آهي ته قيامت جي ڏينهن جڏهن الله تعاليٰ انهن مشرڪن کان پڇندو ته ”ٻڌايو ته ڪٿي آهن توهان جا اهي هٿرادو ٺهرايل ديوتا ۽ شريڪ ماڻهو جن کي اوهان دنيا ۾نفع نقصان جو مالڪ سمجهندا هئا، انهن جي عبادت ڪندا هئا ۽ جن بابت اوهان اهو باطل عقيدو رکندو هئا.“ (الانعام: 22) مقصد ته اهي خيالي خدا انهن ماڻهن کي نه دنيا ۾ فائدو ڏئي سگهن ٿا نه آخرت ۾.
    سوال: گهڻا ماڻهو هي عقيدو رکندا آهن ته فلاڻو ولي يا بزرگ پٽ ڏيندو آهي يا مشڪليون ٽاريندو آهي، ان عقيدي جي باري ۾ قرآن ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”اي انسانو! اوهان کي هڪڙو مثال ٻڌايو وڃي ٿو. غور سان ٻڌو، الله کان سواءِ جن (هٿرادو ٺاهيل) معبودن کي توهان سڏيو ٿا تن ته هڪ مک به ڪڏهن نه پيدا ڪئي آهي. جيڪڏهن توهان جا هي سڀ معبود گڏجي زور لڳائن تڏهن به پيدا نه ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن صرف هڪڙي مک انهن کان ڪجهه کسي کڻي وڃي ته هنن ۾ اها به طاقت ڪانهي جو ان کان ڇڏائي وٺن.“ (الحج: 73) هن آيت مان صاف معلوم ٿيو ته قرآن چواڻي جڏهن انهن وٽ مک کان ڪا شيءِ ڇڏائڻ جي طاقت ناهي ته پوءِ ٻي ڪا به طاقت نه آهي جو ماڻهن جون حاجتون پوريون ڪري سگهن.
    سوال: ڪنهن ماڻهو جا پيءُ ماءُ مشرڪ آهن، اهي ان کي شرڪ ڪرڻ تي ياالله تعاليٰ جي نافرماني ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيا آهن، حالانڪه قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته ابي امان جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ ان صورت ۾ قرآن پاڪ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”جيڪڏهن ماءُ پيءُ توتي زور بار رکن ته مون سان ٻين کي شريڪ ڪر، (يعني خدائي حڪمن ۽ ضابطن جي مقابلي ۾ مرشد ۽ مذهبي پيشوا جا حڪم ۽ ضابطا قبول ڪرائن) جنهن ڳالهه بابت توکي (حق ۽ سچ جو) علم ئي ڪونهي ته پوءِ انهيءَ ڳالهه ۾ سندن تابعداري نه ڪر.“ (لقمان: 15) ۽ حديث شريف ۾ آيو آهي ته مخلوق جي يعني ابي امان، مرشد ۽ ڀوتار جي اهڙن معاملن ۾ فرمانبرداري نه ڪريو، جنهن معاملن ۾ الله تعاليٰ جي نافرماني ٿئي.
    سوال: شرڪ گناهه آهي ۽ الله تعاليٰ سڀ گناهه معاف ڪري ته مشرڪ ماڻهو جنت ۾ وڃي سگهي ٿو؟
    جواب: ٻيا سڀ گناهه الله جي مهر سان معاف ٿي سگهن ٿا. شرڪ اهڙو گناهه آهي، جيڪو ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته ”الله تعاليٰ هي ڳالهه هرگز نه بخشيندو ته ساڻس ڪنهن ٻِيءَ هستي کي شريڪ ڪيو وڃي.“ (النساء: 48)
    سوال: حضرت لقمان حڪيم پنهنجي پٽ کي شرڪ جي باري ۾ ڪهڙي نصيحت ڪئي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ حضرت لقمان حڪيم جي نصيحت ذڪر ڪيل آهي ته ”هن پنهنجي پٽ کي نصيحتون ڪندي چيو ته اي منهنجا پٽ الله سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪجانءِ (يعني الله جي قانونن ۽ حڪمن جي خلاف ڪنهن جو به حڪم نه مڃجانءِ) يقيناً شرڪ تمام وڏو ظلم آهي.“ (لقمان: 13)
    سوال: مشرڪ عورت يا مرد سان شادي ڪرڻ جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”مشرڪ عورتن سان نڪاح نه ڪريو جيستائين الله تعاليٰ جي وحدانيت کي مڃي مسلمان ٿين. هڪ مشرڪ عورت اوهان کي ظاهري ڪيترو به وڻي ته به مؤمن عورت کائنس گهڻو بهتر آهي، ساڳئي طرح مشرڪ مرد جيستائين ايمان نه آڻي کيس مؤمن عورت نڪاح ۾ نه ڏني وڃي. يقيناً خدا جو مؤمن ٻانهون هڪ مشرڪ مرد کان بهتر آهي.(البقره: 221)
    سوال: غيرالله کي قرآن ڇا سان تعبير ڪيو آهي؟
    جواب: حضرت ابراهيم ' جي قول کي الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ هيئن بيان ڪيو آهي جڏهن حضرت ابراهيم' پنهنجي پيءُ کي دعوت توحيد ڏيندي فرمائي رهيو هو ته ”اي منهنجا بابا! شيطان جي ٻانهپ نه ڪر. شيطان ته خدا جو نافرمان ٿي چڪوآهي.“ (مريم: 44) مطلب ته حضرت ابراهيم' جو پيءُ جيڪو بت پرست ماڻهو هو. ان بت پرستيءَ کي حضرت ابراهيم' شيطان پرستي سان تعبير ڪيو. جيڪڏهن اڄوڪي دور ۾ ڪو ماڻهو خدا تعاليٰ کي ڇڏي ڪنهن غير جي ٻانهپ ڪري ٿو، الله جي حڪمن کي پٺيرو ڪري ٻين جا حڪم قبول ڪري ته ان کي به شيطان پرستي چئبو.
    سوال: الله تعاليٰ کانسواءِ ڪوئي نفعو نقصان ڏئي سگهي ٿو، جيڪي ماڻهو غيرالله کي يعني پيرن، مرشدن ۽ انهن جي قبرن کي ايئن سمجهن ٿا ته انهن لاءِ قرآن ڇا ٿو چوي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”حضرت ابراهيم فرمايو ته پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو الله کي ڇڏي اهڙين شين کي ٿا پوڄيو جيڪي نڪي اوهان کي ڪنهن به طرح جو نفعو پهچائن نه ڪو نقصان. توهان جي (در درد پنڻ ۽ ڀٽڪڻ جي) حالت ڪهڙي نه اڻ وڻندڙ آهي ۽ انهن جي به جن کي توهان الله کانسواءِ پوڄيو ٿا. ڇا توهان عقل بلڪل ڪورا ٿي ويا آهيو؟


    نماز

    نماز
    سوال: قرآن حڪيم متقين جي لاءِ هدايت آهي، قرآن متقين جون ڪهڙيون نشانيون ٻڌايون آهن؟
    جواب: (1) جيڪي اڻ ڏٺي تي ايمان آڻين ٿا. (2) نماز جي پابندي ڪن ٿا. (3) جيڪي کين رزق مليو آهي، اهو نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا. (البقره: 2) هتان صاف ظاهر آهي ته ايمان ۽ نماز سان گڏ الله جو مليل رزق جيستائين الله جي راهه ۾ خرچ نه ڪبوتيستائين ماڻهوءَ جو ايمان ڪامل ۽ تقويٰ وارو نه ليکبو.
    سوال: نماز جماعت سان گڏ پڙهڻ جو حڪم قرآن حڪيم جي ڪهڙي سورت ۽ آيت ۾ آيل آهي؟
    جواب: سورة بقره جي آيت نمبر 43 ۾.
    سوال: نماز جماعت سان گڏ پڙهڻ جو تاڪيد ڇو ٿيل آهي؟
    جواب: انسان دنيا م اڪيلو ڪونهي، هن جي چوڌاري ان جا مٽ مائٽ پاڙيوارا، ڳوٺ وارا ۽ وطن وارا آهن. جماعت سان نماز پڙهڻ جي صورت ۾ ماڻهو ٻين ماڻهن سان ملندو ۽ انهن جي غم ۽ خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيندو. سڀ ماڻهو هڪ آدم ۽ حوا جو اولاد آهن انڪري جماعت سان نماز ۾ هڪ ٻئي سان همدردي جو موقعو ملندو آهي.
    سوال: نماز جو لطف ۽ مزو ڪهڙي ماڻهوءَ کي ايندو آهي؟
    جواب: جيڪي ماڻهو الله جي حضور ۾ جهڪيل ۽ نماڻا هوندا آهن. آرام طلب ۽ مغرور ماڻهوءَ جي لاءِ نماز ڏکي هوندي آهي. (البقره: 45)
    سوال: ”ايمان وارؤ صبر ۽ صلواة کان مدد وٺو“ مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: صبر جي ذريعي ماڻهوءَ کي دين تي استقامت ۽ ڄمي هلڻ ۾ سولائي ٿيندي آهي. نماز پڙهڻ جي ڪري الله تعاليٰ سان ماڻهوءَ جو رابطو ۽ تعلق ويجهو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو پنهنجون دعائون ۽ التجائون الله جي آڏو رکندا آهن ۽ ان کان مدد گهرندا آهن ماڻهوءَ کي الله سان عبادت جي تمام ويجهڙائي نماز ۽ دعا ۾ ئي ملندي آهي ۽ پوءِ ماڻهوءَ کي اطمينان ۽ آسرو پيدا ٿيندوآهي جيڪو ماڻهوءَ جي لاءِ وڏو سرمايو هوندو آهي.
    سوال: نماز ۾ ڪهڙي طرح بيهڻ گهرجي؟
    جواب: الله جي حضور ۾ اهڙي طرح نماز ۾ بيهڻ گهرجي جو ڄڻ ته ادب ۽ نياز جي انتها هجي. (البقره: 238) جيئن حديث ۾ ٻڌايل آهي ته ماڻهو ايئن محسوس ڪري ته مان الله کي ڏسي رهيو آهيان، يا الله مونکي ڏسي رهيوآهي.
    سوال: ماڻهو کي سلامتيءَ جي زندگيءَ جو قرآن ڪهڙو ڏس ڏنو آهي؟
    جواب: قرآن حڪيم چيو آهي ته ”جيڪي ماڻهو الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ سندن عمل به ان ايمان مطابق چڱائي وارا آهن. پڻ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ڪڍن ٿا، تن کي پڪ سان الله وٽان انهن ڀلاين جو اجورو ملندو ۽ بنا خوف جي سلامتيءَ واري زندگي ملندي.“ (البقره: 277)
    سوال: نماز ڪهڙين حالتن ۾ نه پڙهڻ جو حڪم آهي ۽ ڪهڙي آيت ۾ آهي؟
    جواب: نشي جي حالت ۾ يعني ذهن جي غافل حالت ۾ نماز پڙهڻ کان منع ڪئي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته جيئن نشي جي حالت ۾ نه ماڻهو دل جي حضور سان عبادت ڪري سگهي ٿو ۽ نه نماز وقت پڙهجندڙ قران سمجهي سگهي ٿو. تيئن ذهن جي هر غافل حالت ۾ به ساڳيو حڪم آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ماڻهو دل جي مڪمل حاضريءَ سان ۽ قرآن جي سمجهه سان نماز نٿو پڙهي، ان کي نماز مان ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. تڙ جي حالت ۾ ۽ سواءِ وضوءَ جي. (النساء: 43)
    سوال: نماز کي مقرر وقت ۾ پڙهڻ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ پنهنجو ذڪر، پنهنجي فرمانبرداري ۽ پنهنجي پچار هر وقت ويٺي بيٺي مطلب ته هر وقت ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي. اهڙي طرح هر نماز لاءِ الله تعاليٰ پنهنجو پنهنجو وقت مقرر ڪيو آهي، ان کي ان وقت ۾ پڙهڻ جي تاڪيد پڻ ڪئي آهي.(النساء: 103)
    سوال: نماز ۾ سستي ڪندڙ لاءِ قرآن ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: نماز ۾ سستي ڪرڻ واري ماڻهوءَ کي قرآن منافق چيو آهي. (النساء: 142)
    سوال: ٻئي کي ڏيکارڻ خاطر نماز پڙهڻ لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ان شخص کي قرآن منافق چئي ٿو. (النساء: 142) ۽ حديث ۾ ان لاءِ وڏي وعيد آئي آهي جيڪو شخص ڏيکاءَ خاطر نماز پڙهي ٿو.
    سوال: ڇا نماز کان پهريان وضو ڪرڻ ضروري آهي؟
    جواب: نماز کان پهريان وضو ڪرڻ ضروري آهي، سواءِ وضو جي نماز نه ٿيندي. قرآن ۾ وضو جو حڪم آيل آهي.(المائده: 6)
    سوال: ڪي ماڻهو آذان ڏيندڙ ۽ نماز پڙهندڙن تي ٽوڪون ۽ مشڪريون ڪندا آهن، ڇا ايئن ڪرڻ درست آهي؟
    جواب: نماز پڙهندڙ ۽ آذان ڏيندڙ تي ٽوڪون ڪرڻ وڏو گناهه آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهو ايئن ڪندو ته اهو شعائر الله جي توهين ڪندڙن ۾ شمار ٿيندو، جن جو شمار ڪافر ماڻهن ۾ ٿئي ٿو، يعني اهو اسلام مان خارج ٿيو وڃي ٿو.(المائده:58)
    سوال: نماز نه پڙهندڙ لاءِ ڇا حڪم آهي، اهي عمل ڪيئن آهي؟
    جواب: اهو شيطاني عمل آهي، قرآن ۾ آهي ته اوهان کي نماز کان روڪيندڙ اوهان جو دشمن شيطان آهي، جنهن اوهان جي لاءِ عارضي دنيوي زندگي برائين سان سينگاريل محسوس ڪرائي ٿو، جنهن ۾ اوهان پنهنجي دنيوي ۽ آخروي فلاح حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندا رهو ٿا.
    سوال: نماز صرف حضرت محمدﷺ جي امت لاءِ فرض آهي يا ان کان پهرين امتن تي به نماز فرض هئي؟
    جواب: جيڪي به امتون گذريون آهن انهن سمورن تي نماز فرض هئي ۽ جيئن قرآن ۾ آيل آهي ته ”اسان حضرت موسيٰ ۽ سندن ڀاءُ (هارون) تي وحي نازل ڪيو ته پنهنجي قوم جي لاءِ مصر ۾ گهر ٺاهيو ۽ گهرن جو رخ پنهنجي قبله جي طرف ڪيو ۽ (انهن گهرن ۾) نماز قائم ڪيو.“ (يونس: 87)
    سوال: حضرت ابراهيم' الله کان ڪيتريون ئي دعائون گهريون آهن ڇا انهن دعائن ۾ نماز جو ذڪر آهي؟
    جواب: جي ها! حضرت ابراهيم هي دعا گهري ”اي منهنجا پروردگار! مونکي توفيق ڏي ته مان نماز قائم رکان ۽ منهنجي نسل کي به نماز ادا ڪرڻ جي توفيق ملي. اي پروردگار منهنجي هيءَ دعا شال تنهنجي حضور قبول پوي.
    سوال: حضرت عيسيٰ' کي نماز جو حڪم ڪهڙي آيت ۾ ۽ ڪيئن ڏنو ويو؟
    جواب: سورة مريم آيت نمبر 31 ۾ ”الله مون کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏنو آهي ته جيستائين جيئرو رهان تيستائين اهي ڪم ادا ڪندو رهان.“
    سوال: حضرت اسماعيل' جن نماز جي باري ۾ پنهنجي گهروارن کي ڪهڙي تلقين ڪئي، ان جو بيان ڪهڙي آيت ۾ آهي؟
    جواب: قرآن ۾ سورت مريم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ”حضرت اسماعيل' پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيندو هو.“ (مريم: 55)
    سوال: الله تعاليٰ ڪهڙي عبادت کي پنهنجو يادگيري وارو عمل قرار ڏنو آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ نماز کي پنهنجي يادگيري سان تعبير فرمايو آهي قرآن ۾ چيو ويو آهي ته: ”منهنجي يادگيري رکڻ لاءِ نماز قائم ڪريو.“ نماز انسان جي دل ۾ الله تبارڪ و تعاليٰ جي ياد ۽ محبت پيدا ڪندڙ عمل آهي.
    سوال: گهڻا پير ۽ وڏا ماڻهو جيڪي پاڻ کي قومن جي لاءِ هدايت جو ذريعو سمجهندا آهن ۽ نماز نه پڙهندا آهن انهن لاءِ قرآن جو حڪم ڪيئن آهي؟
    جواب: نماز هر هڪ ماڻهوءَ تي فرض آهي، قرآن پاڪ ۾ آهي ”اسان انهن (ماڻهن کي) امامت (يعني ليڊري يا پيشوائي) ڏني هئي. اسان جي مطابق هو (حق جي) راهه ڏيکاريندا هئا. اسان هنن کي وحي ڪيو هو ته هر طرح جي نيڪيءَ جا ڪم ڪن، پڻ نماز قائم رکن ۽ زڪواة ادا ڪندا رهن.“ مطلب ته اهي ماڻهو وڌيڪ پابند آهن.(الانبياء: ٧٣)
    سوال: نماز پڙهڻ سان انسان ۾ ڪهڙي ڪيفيت پيدا ٿئي ٿي؟
    جواب: نماز جنهن عبديت ۽ ذميواريءَ جي احساس سان قائم ڪرڻ جو حڪم مليل آهي، جيڪڏهن ڪو ماڻهوان نماز کي اهڙي طريقي سان ادا ڪري ٿو ته اها نماز انسان کي بي حيائي، برن ڪمن ۽ ناانصافي ڪرڻ کان روڪي ٿي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو رڳو نمازن يا رڪعتن جو تعداد پورو ڪرڻ لاءِ ٻه يا چار رڪعتون پڙهندو ته ان جو سڌاري وارو اثر زندگي تي پوڻ مشڪل آهي. اڄڪلهه اسان جي معاشري ۾ گهڻو ڪري نماز اصل روح کان خالي پڙهي پئي وڃي، جنهن نتيجي ۾ سڌاري ۽ چڱائي جي کوٽ نظر اچي ٿي.
    سوال: جمعه جي نماز جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ ڪهڙو حڪم آيو آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”اي ايمان وارؤ! جڏهن جمعي جي ڏينهن نماز لاءِ ٻانگ ڏني وڃي ته (اجتماعي طرح) الله جي ياد ۽ پچار ڪرڻ لاءِ جلدي ڪريو ۽ سودي واپار (۽ ٻين مشغولين) کي ڇڏي ڏيو.“ (جمع: 9)
    سوال: نماز پڙهندڙ ماڻهو جي زندگيءَ بابت قرآن حڪيم جو ڇا چوڻ آهي؟
    جواب: نماز پڙهندڙ جي زندگي بابت قرآن جو چوڻ آهي ته عام روايتي ماڻهوءَ کان گهڻي سٺي، انفاق واري ۽ حق پرستي واري زندگي هوندي آهي. انهن نمازي ماڻهن جون خصوصيتون هي هونديون آهن ته اهي ماڻهن کي الله جي توحيد ڏي سڏيندا آهن ۽ الله جي رستي مان پاڻ به خرچ ڪندا آهن ۽ ٻين کي ترغيب ڏيندا آهن، جيئن قرآن مجيد ۾ آهي.“
    سوال: نماز نه پڙهندڙن لاءِ قرآن ۾ ڪهڙو (وعيد) سزا ٻڌائي وئي آهي؟
    جواب: نماز نه پڙهندڙ جهنمي آهي، قرآن پاڪ ۾ ذڪر ٿيل آهي ته جيڪي جهنمي هوندا جڏهن انهن کان سوال ڪيو ويندو ته اوهان ڪهڙي ڏوهه ۾ جهنم ۾ آيا آهيون؟ اهي چوندا ته (اسان جو ڏوهه هي هو ته) اسين نڪي مسڪين جي کاڌي وغيره جي پرگهور لهندا هئاسون ۽ نڪي نماز پڙهندڙن مان هئاسون. (مدثر: 43)



    زڪواة جو بيان
    سوال: زڪواة جي اهميت ۾ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”نماز قائم ڪيو ۽ زڪواة ڏيو ياد رکو ته جيڪا به چڱاين جي موڙي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو ٿا ان جو چڱو نتيجو الله تعاليٰ وٽ ڏسندؤ“ (البقره: 110) ٻي جاءِ تي قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته ”جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ادا ڪن ٿا، انهن لاءِ الله وٽ ثواب آهي.“ (البقره: 177)
    سوال: صرف الله تي ايمان آڻجي ۽ زڪواة نه ڏجي ته اهو ڪيئن آهي؟
    جواب: قرآن ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته ”جن ماڻهن الله تي ايمان آندو. ڏينهن قيامت تي، نماز قائم ڪيائون ۽ زڪواة ڏني.“ مطلب ته انهن سڀني شين جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. مومن جو ايمان به انهن عملن ڪرڻ سان ڪامل ٿئي ٿو، يعني نماز زڪواة ادا ڪرڻ سان. (التوبه: 18)
    سوال: زڪوات ڏيڻ صرف عام مسلمانن لاءِ آهي يا انبياء' تي به ڏيڻ لازم هئي؟
    جواب: انبياء' تي به زڪواة لازم هئي جيئن قران پاڪ ۾ حضرت عيسيٰ' جي باري ۾ آيل آهي ”مون کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏنو آهي ته جيستائين جيئرو رهان تيستائين اهي ڪم ڪندو رهان.
    اهڙي طرح حضرت اسماعيل' بابت قرآن ۾ چيل آهي ته: ”هو پنهنجي گهر جي ماڻهن کي نماز ۽ زڪواة جو حڪم ڏيندو.“ (مريم: 55)
    سوال: گهڻا ماڻهو جيڪي پاڻ کي پير يا ماڻهن لا هدايت جو ذريعو محسوس ڪندا آهن اهي زڪواة نه ڏيندا آهن انهن لاءِ قرآن ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ فرمايو آهي ته حضرت اسحاق' حضرت يعقوب' جي باري ۾”اسان انهن کي (ماڻهن جي) امامت (يعني ليڊري يا پيشوائي) ڏني هئي. اسان جي حڪم مطابق هو (حق جي) راهه ڏيکاريندا هئا. اسان هنن کي وحي ڪيو هو ته هر طرح جي نيڪي جا ڪم ڪن. نماز قائم رکن ۽ زڪواة ادا ڪندا رهن.“ ڏسو نبي هوندي به انهن کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته زڪواة ادا ڪن، پوءِ اڄ جو عام انسان انهن عملن کان آجو ڪيئن ٿي سگهندو. (الانبياء: 73)
    سوال: زڪواة ڏيندڙن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڪهڙي خوشخبري آهي؟
    جواب: قرآن ۾ آهي ته ”منهنجي رحمت جو حال هي آهي جو هر هڪ شيءِ تي ڇانيل آهي، پوءِ مان انهن ماڻهن جي لاءِ رحمت لکي ڇڏيندس جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندا ۽ زڪواة ڏيندا رهندا ۽ انهن جي لاءِ به جيڪي اسان جي نشانين (۽ حڪمن) تي ايمان آڻيندا. (اعراف: 156)


    روزا

    روزا
    سوال: قرآن ۾ روزي رکڻ جو اصل مقصد ڇا ٻڌايو ويو آهي؟
    جواب: قرآن ۾ روزي جو مقصد ٻڌايو ويو آهي ته ”اي مؤمنو! جهڙي طرح اڳين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا هئا تهڙي طرح اوهان تي به فرض ڪيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ توهان پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ براين کان بچڻ سکو.
    (البقره: 183)


    اتفاق في سبيل الله

    اتفاق في سبيل الله
    سوال: قرآن پاڪ ۾ بار بار انفاق يعني مال خرچ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي، اهو مال ڪيترو خرچ ڪرڻ جو حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ مال خرچ ڪرڻ جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ”(اي پيغمبر) تون کان سوال ڪن ٿاته حق جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون، انهن کي چؤ ته توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ جيڪو (مال) هجي سو (الله جي راهه ۾) خرچ ڪيو. (البقره: 219)
    سوال: قرآن پاڪ ۾ جيڪو حڪم ڏنو ويوآهي ته ضرورت کان زياده مال هجي ته ان کي الله جي راهه ۾ خرچ ڪيو، اهو ڪٿي خرچ ڪجي؟
    جواب: قرآن ۾ آهي ته ”اي پيغمبر توکان ماڻهو پڇن ٿا ته ڪهڙي خيرات ڪن ۽ ڪهڙي طرح ڪن. انهن کي چؤ ته جيڪي توهان پنهنجي مال مان بچائي سگهو سو خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو، ان لاءِ حقدار آهن ماءُ پيءُ، يتيم مسڪين ۽ مسافر.“ (البقره: 215)
    سوال: قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ فرمايو آهي ته الله کي سهڻو قرض ڏيو. ان مان ڇا مراد آهي؟
    جواب: خدائي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ يعني الله تعاليٰ جي معرفت، ان جي توحيد ۽ ان جي موڪليل دين اسلام جي سربلنديءَ لاءِ خرچ ڪرڻ کي الله تعاليٰ پنهنجي لاءِ قرض ڳڻايو آهي.
    سوال: جيڪو ماڻهو الله جي راهه ۾ مال خرچ ڪري ٿو ته ان کي بدلي ۾ الله سائين ڇا ڏيندو؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا (انهن جي نيڪيءَ ۽ نيڪيءَ جي برڪتن جو) مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ٻج جو داڻو. جيڪو جڏهن پوکيو وڃي ٿو. تڏهن هڪ داڻي مان ست سنگ پيدا ٿين ٿا ۽ هر هڪ سنگ مان سؤ داڻا نڪري اچن ٿا. (يعني هڪڙي داڻي خرچ ڪرڻ سان سوين داڻا ملن ٿا) ۽ الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ٻيڻو يا وڌيڪ ڪري ڏئي ٿو.“ (البقره: 261)
    سوال: خيرات ڪرڻ وقت ڪهڙي نيت ۽ پوءِ خيرات وٺندڙ سان برتاءُ ڪهڙو ڪرڻ گهرجي؟
    جواب: قرآن ۾ انهن ماڻهن جي هيءَ صفت بيان ڪئي آهي ”جيڪي (ماڻهو) پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن وري پنهنجي ڏيڻ پٺيان نڪي ٿورو رکندا آهن ۽ نڪي ايذائيندا آهن، تن لاءِ سندن پالڻهار وٽ سندن ثواب آهي ۽ نڪي کين ڪو ڀئو آهي ۽ نڪي اهي غمگين ٿيندا. (البقره: 262)
    سوال: ڪي ماڻهو پنهنجو مال خرچ هن لاءِ ڪندا آهن ته ماڻهو سندن تعريف ڪن، اهڙن ماڻهن لاءِ قرآن پاڪ ڇا چوي ٿو؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”(انهن ماڻهن کي به الله تعاليٰ پسند نٿو ڪري) جيڪي رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ (نالي ناموس لاءِ) مال خرچ ڪن ٿا. اهي حقيقت ۾ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ڪو نه ٿا رکن. (الله تي ايمان هجين ته ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال ڇو لٽائين) سو جنهن جو سنگتي شيطان آهي تنهن جو اهو ساٿي ڪهڙو نه خراب آهي.“ (النسا: 38)
    سوال: ڪيترائي ماڻهو مالدار آهن، پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ نه ٿا ڪن، تن لاءِ قرآن حڪيم ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”جيڪي ماڻهو سون چاندي پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪري رکندا رهن ٿا ۽ ان کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ.
    سوال: الله جي راهه ۾ ڪهڙو مال خرچ ڪجي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”توهان نيڪيءَ جي درجي کي تيستائين ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾ اهو) خرچ ڪيو جنهن سان توهان کي محبت آهي (يعني ڀلي شيءِ ۽ ڀلو مال الله جي راهه ۾ ڏيڻو آهي).“ (آل عمران: 92)
    سوال: جيڪي ماڻهو غريبن ۽ مسڪينن تي خرچ نٿا ڪن انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قران پاڪ ۾ آهي ته جڏهن جنت وارا جهنمين کان سوال ڪندا ته اوهان کي ڪهڙي ڏوهه جي ڪري جهنم ۾ وڌو ويو آهي ته جهنمي چوندا ته ”دنيا ۾ نڪي نماز پڙهنداسون ۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا هئاسون.“
    (مدثر: 441)
    سوال: جيڪي ماڻهو گڏ ڪندا آهن وري انهيءَ مال کي وڌائڻ لاءِ هڻ هڻان ڪندا آهن، سيڙپڪاري ڪندا رهن ٿا. مطلب ته هر موقعي تي نفعي اچڻ کانپوءِ پئس کي پنهنجي خوشنودي جو ذريعو سمجهي ڪري پئسا ڳڻيندا رهن ٿا. انهن پئسن کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن ته اهڙن ماڻهن لاءِ قرآن پاڪ جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: الله سائين قرآن پاڪ ۾ ٽن قسمن جي ماڻهن لاءِ فرمايوآهي ته ”هر اهو شخص هلاڪ ۽ برباد ٿيو جو گلاخور ٽوڪ هڻندڙ آهي، جنهن (جي زندگي جي مقصد) مال کي ميڙي ۽ ان جي ڳڻ ڳڻان رهيو آهي.
    (الهمزه: 1 تا 2)
    سوال: يتيم ٻار يا ڪو سائل جڏهن سوال ڪري ته انهن سان ڪهڙو رويو رکڻ جو قرآن ۾ حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته الله تعاليٰ نبي ڪريم کي مخاطب ڪندي فرمايو آهي ته”(تنهنجو نظام به يتيم جي سنڀال ڪري) پوءِ يتيم تي متان ڏکيائيون ڪرين ۽ (تنهنجو ساڳيو نظام ضرورتمندن جو ڪفيل هجي) پوءِ سوالي کي متان جهڻڪين.“(ضحيٰ 9-10) قرآن پاڪ ۾ وضاحت سان چيو ويو آهي ته يتيم ۽ ضرورتمند ماڻهو سان اوهان جو تعلق روش سنڀال ۽ ڪفيل واري هجي ۽ اوهان کي انهن کان مستغني نه ٿيڻ کپي.
    سوال: متقي جي معنيٰ پرهيزگار آهي. پرهيزگار اهو هوندو آهي جيڪي خدا جو خوف رکي چڱا عمل ڪندو آهي ۽ قرآن پاڪ ۾ ڪهڙي عمل سان خوف خدا کي ذڪر ڪيو ويو آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”جنهن شخص (سڄي انسانيت کي الله جو عيال سمجهي انهن ۾) پنهنجي ڪمائي ورهائي ۽ الله کان جو لحاظ رکيو.“ ان آيت جي ترجمي ۾ وضاحت سان چٽو بيان ڪيل آهي ته خدا سان محبت رکڻ وارو انسان سڄي ۽ انسانيت سان محبت ڪندڙ هوندو آهي ۽ ان محبت جي عملي اظهار ۾ هو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ انسانيت تي خرچ ڪرڻ وارو هوندو آهي.(ليل: 5)
    سوال: قرآن پاڪ ۾ نيڪي ڪرڻ وارا ڪهڙا ڪم بيان ڪيا ويا آهن؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”نيڪي ۽ بزرگي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان (نماز جي وقت) پنهنجو منهن اولهه يا اوڀر ڏانهن ڦيرايو (يا اهڙي ظاهري رسمون بجا ٿا آڻيو) پر سچ پچ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي آخرت جي ڏينهن تي فرشتن تي خدائي ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي پورو ايمان رکن ٿا. خدا جي محبت وچان پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا. نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا. جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته اهو پورو ڪن ٿا، تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي فرض ادائين ۾ ثابت قدم) ٿين ٿا. بيشڪ اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راهه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن.(البقره: 177)
    سوال: يتيمن جي مال جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”يتيمن جو مال (ايمانداريءَ سان) سندن حوالي ڪيو. (جڏهن هو وڏا ٿين) ايئن نه ڪيو جو هنن جي ڪنهن چڱي شيءِ جي بدران پنهنجي ڪا ردي شيءِ هنن کي ڏيو ۽ هنن جو مال پنهنجي مال سان ملائي کائي ڇڏيو، يقيناً ايئن ڪرڻ (يتيمن جو مال هضم ڪرڻ) تمام وڏي گناهه جي ڳالهه آهي.“ (النساء-2) (اڄ ڪلهه وڏا ڀائر يا چاچا گڏيل ملڪيت مان پاڻ لاءِ وڏا وڏا خرچ ڪن ٿا. حالانڪه صغيرن جي ملڪيت مان رڳو هڪ پئسو خيرات ڏيڻ به جائز ناهي.“
    سوال: ڪيترائي ماڻهو يتيمن جو مال کائيندا آهن انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”جيڪي ماڻهو بي انصافيءَ سان يتيمن جا مال هڙپ ڪري ٿا وڃن سي (ياد رکن) ته هو پنهنجي پيٽن ۾ باهه جا ٽانڊا وجهي رهيا آهن ۽ جلد ئي هو دوزخ جي سخت چڀي ڪندڙ باهه ۾ اڇلايا ويندا.(النساء: 10)
    سوال: يتيم بار ڪنهن مائٽ جي پرورش ۾ آهن. جڏهن ته يتيمن جي ملڪيت به آهي جيڪا سندن جي پيءُ کان مليل آهي. اها ملڪيت انهن يتيمن کي ڪڏهن حوالي ڪجي، قرآن پاڪ ۾ ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين هو نڪاح جي عمر کي پهچن. پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ پاڻ ڀرائپ ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو. (النساء: 6)
    سوال: جيڪڏهن ڪو ماڻهو يتيمن کي پاڻ سان گڏ رهائڻ چاهي ٿو ته ڇا اهو ماڻهو ايئن ڪري سگهي ٿو، قرآن جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”ماڻهو توکان يتيمن جي متعلق سوال ڪن ٿا. انهن کي چؤ ته جنهن ڳالهه ۾ هنن جو سڌارو ۽ فائدو هجي اهائي بهتر آهي ۽ جيڪڏهن توهان هنن سان گڏ رهو ۽ پنهنجي گهر ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته بهرحال هو اوهان جا ڀائر آهن. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌاري ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪير بگاڙو ۽ خرابي ڪرڻ وارو آهي. (البقره: 220)
    سوال: يتيم سان جيڪو ماڻهو سٺو سلوڪ نه ٿو ڪري ان جي باري ۾ قرآن ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن شريف ۾ آهي ته ”پوءِ هي (اطاعت جو ڪوڙو دعويدار ۽ بدلي جي ڏينهن جو منڪر آهي) اهو آهي جيڪو يتيم (جون ضرورتون پورو ڪرڻ بجاءِ ان) کي لوڌي ٿو ۽ مسڪين کي (پاڻ به کاڌو نٿو کارائي ۽ ٻين کي به) کاڌي کارائڻ جي رغبت نه ٿو ڏئي. (الماعون 1-4)


    گلا غيبت

    گلا غيبت
    سوال: ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ٻين جون برايون ڪندا آهن، انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: ڪنهن جي پرپٺ برائي بيان ڪرڻ سخت وڏو گناهه آهي. حديث شريف ۾ آهي ته گلا ڪرڻ جو گناهه زنا ڪرڻ کان وڌيڪ آهي. قرآن پاڪ ۾ فرمايو ويوآهي ته ”اوهان مان هڪڙا ٻين جي پرپٺ گلا نه ڪن. (پرپٺ گلا ڪرڻ آهي ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائڻ) توهان ۾ ڪو به اهڙو آهي ڇا جو پسند ٿو ڪري ته مئل ڀاءُ جو گوشت کائي؟ توهان ان کان سخت نفرت ڪندا آهيو. (پوءِ پرپٽ گلا ڪرڻ کان ڇو نه ٿا نفرت ڪيون.“ (الحجرات: 12)
    سوال: ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي ڪنهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون ڪندا آهن ۽ برن لقبن (نالن) سان سڏيندا آهن. انهن لاءِ قرآن پاڪ ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: قرآن پاڪ ۾ آهي ته ”اي مؤمنو (خبردار! اوهان مان) هڪڙا ماڻهو ٻين ماڻهن تي چٿرون ۽ ٺٺوليون نه ڪن، ممڪن آهي ته اهي ٻيا مرد انهن (چٿرون ڪندڙن) کان بهتر هجن. نڪي هڪڙيون عورتون ٻين عورتن تي کلون مسخريون ڪن. ممڪن آهي ته اهي ٻيون عورتون انهن (کلون ڪندڙن) عورتن کان بهتر هجن ۽ توهان هڪٻئي جي بدنامي ۽ بدناسي نه ڪيو (۽ هڪٻئي کي طعنا نه هڻو) ۽ هڪٻئي تي خراب نالا نه رکو. ايمان آڻن بعد (ان ماڻهو تي جنهن ايمان آندو آهي) خراب نالو رکڻ وڏي بڇڙائي آهي ۽ (ياد رکو ته) جيڪي ماڻهو (آئينده انهن بڇڙن ڪمن کان) توبهه ڪري باز نه ايندا ته وڏا گنهگار ۽ ظالم آهن.(حجرات: 11)


    اخلاقيات

    اخلاقيات
    سوال: نبي ڪريمﷺ جن جي قران پاڪ ۾ ڪهڙي صفت عملي جو بيان ڪيو ويو آهي.
    جواب: نبي ڪريمﷺ جن جون ڪيتريون ئي صفتون آهن پر انهن مان خاص صفت ”اخلاق عظيم“ واري صفت آهي. جنهن جي باري ۾ قرآن پاڪ ۾ آيل آهي ته”بيشڪ تون (سيرت ۾) وڏي خلق وارو آهين.“ (القلم : 4)
    سوال: نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي نبوت جي مقصدن ۾ ڇا فرمايو آهي؟
    جواب: نبي ڪريمﷺ جن پنهنجي نبوت جي مقصدن ۾ هڪ اهم مقصد هي ٻڌايو آهي ته: إنَّما بُعِثتُ لاُتَمِّمَ مَڪارِمَ الخلاقِ. ترجمو: مان ان جي ڪري موڪليو ويو آهيان ته جيئن انسانيت جي سهڻن اخلاقن کي مٿاهين درجي تائين پهچايان.
    سوال: سيرت جي ڪتابن ۾ نبي ڪريمﷺ جن ڪهڙيون خصلتون بيان ڪيون ويون آهن؟
    جواب: نبي ڪريمﷺ جن سڀني سان مرڪ ۽ مٺي انداز سان پيش ايندا هئا ۽ نهايت مهربان طبيعت جا مالڪ هئا. سخت مزاج ۽ تنگ دل هرگز نه هئا. ڪڏهن زندگيءَ ۾ برو ۽ دل آزاريندڙ لفظ پاڻ سڳورن جي زبان مان نه نڪتو. اهڙي طرح ڪنهن جي عيب جوئي به نه ڪندا هئا.
    سوال: ڪهڙين اجاين ڳالهين کان نبي ڪريمﷺ جن پاسو ڪندا هئا؟
    جواب: ٽن ڳالهين کان پاڻ سڳوراﷺ جن پاسو ڪندا هئا. 1) بحث مباحثي کان، 2) ضرورت کان وڌيڪ ڳالهائڻ کان، 3) بنا مقصد ۽ اجائي ڳالهه ۾ پوڻ کان.
    سوال: پاڻ سڳوراﷺ ڪهڙن ڳالهين کي ٻين انسانن لاءِ پسند نه ڪندا هئا؟
    جواب: پاڻ سڳوراﷺ جن 1) ڪنهن کي برو نه چوندا هئا 2) ڪنهن جي عيب جوئي نه ڪندا هئا 3) ڪنهن جي اندروني معاملن جي باري ۾ پاڻ نه رکندا هئا، مطلب نه جنهن ڳالهه مان ڪو فائدو حاصل نه ٿئي ان کان پري رهندا هئا.


    عادات نبوي

    عادات نبوي
    سوال: ڪنهن کي پنهنجي ذات لاءِ سزا ڏيڻ يا بدلو وٺڻ جي باري ۾ رسول ڪريمﷺ جو طريقو ڇا هو؟
    جواب: پاڻ سڳوراﷺ جن پنهنجي ذات لاءِ ڪنهن کي سزا نه ڏيندا هئا ۽ نڪي بدلو وٺندا هئا. پر انهن ماڻهن لاءِ سزا جو حڪم ڪندا هئا جيڪي الله تعاليٰ جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندا هئا. ڇاڪاڻ ته ان سان ٻين انسانن جو نقصان ٿيندو هو. اسان لاءِ به اهوئي حڪم آهي ته پنهنجي ذات لاءِ نه ڪنهن کي سزا ڏجي ۽ نه بدلو وٺڻجي پر معاف ڪري ڇڏجي.
    سوال: ڪيترائي ماڻهو خوشيءَ جي موقعي تي وڏا ٽهڪ ڏئ کلندا آهن، سيرت رسولﷺ جي روشني ۾ ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: پاڻ سڳوراﷺ ڪڏهن به اهڙي طرح نه کليا هئا جو انهن جو تارون مبارڪ نظر اچي پاڻ صرف مسڪرائيندا هئا. اسان لاءِ به عادات رسولﷺ مان اهوئي سبق ملي ٿو ته ٽهڪ ڏيڻ کان پاسو ڪريون.
    سوال: رسول اللهﷺ جي سيرت جي روشني ۾ زندگي گذارڻ لاءِ دل جي ڪيفيت ڪهڙي هجڻ گهرجي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جي دل تي گهڙي خدا جي رضا حاصل ڪرڻ، ان جي حڪمن جو لحاظ رکڻ ۽ ان جي ناراضگي کان بچڻ جو خيال هوندو هو. اسان لاءِ به ساڳيو حڪم آهي ته هر وقت خدا جي رضا حاصل ڪرڻ ۽ ان جي ناراضگيءَ کان بچڻ لاءِ خوف خدا دل تي ڇانيل رهي.
    سوال: ڪيترائي ماڻهو غصي ۾ ٻين ماڻهن تي نالو وٺي لعنت ڪندا آهن. سيرت نبويﷺ جي روشني ۾ ان جو ڇا حڪم آهي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جن زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن جو نالو وٺي ڪري ڪنهن تي لعنت نه ڪئي آهي. ڇاڪاڻ جو اهو عمل آدميت جي احترام خلاف آهي ۽ الله فرمايو آهي ته اسان ماڻهوءَ کي وڏي احترام وارو ڪري پيدا ڪيو آهي.
    سوال: حديث ۾ مسلمان ماڻهوءَ لاءِ ڇا چيل آهي؟
    جواب: حديث شريف ۾ آهي ته مسلمان اهو ماڻهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ جي تڪليف ڏيڻ کان ٻيو مسلمان ڀاءُ محفوط رهي.
    سوال: حديث ۾ مؤمن ماڻهو لاءِ ڇا چيل آهي؟
    جواب: حديث شريف ۾ آهي ته ”ڪوئي ماڻهو حقيقي مؤمن تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو ماڻهو ٻين ماڻهن لاءِ اهائي شيءِ پسند ڪري جيڪا هو پاڻ لاءِ پسند ڪري ٿو.
    سوال: اهي ئي شيون ڪهڙيون آهن جن يج هجڻ کي ايمان جي سچائيءَ سان تعبير ڪيو ويو آهي؟
    جواب: 1) الله تعاليٰ ۽ رسولﷺ جي محبت سموري شين کان وڌيڪ هجڻ. 2) هر هڪ سان محبت ٻئي ڪنهن به عرض کانسواءِ صرف الله تعاليٰ جي خاطر ڪرڻ. 3) ماڻهوءَ جو فرماني ۽ ڪمن جي طرف وڃڻ ايترو برو ۽ خراب محسوس ٿئي جيترو باهه جي طرف وڃڻ محسوس ڪبو آهي.
    سوال: اهي ٽي شيون ڪهڙيون آهن جن جي گڏ ڪرڻ کي ايمان گڏ ڪرڻ سان تعبير ڪيو ويو آهيئ
    جواب: اهي ٽي شيون هي آهن:
    1) پنهنجي نفس ۽ مفادن جي مقابلي ۾ عدل و انصاف تي قائم رهجي.
    2) دنيا ۾ سلامتي جي پيغام ۽ حق کي ڦهلائڻ.
    3) تند دستي يعني غربت هجڻ جي باوجود الله تعاليٰ جي رستي ۾ خرچ ڪرڻ.
    سوال: نبي ڪريمﷺ جن ڪهڙين ٻن ڳالهين تي زور ڏئي چيو آهي ته اهو به اسلام آهي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جن فرمايو ته: کاڌو کارائڻ ۽ سلام چوڻ توڙي جو اڳيون ماڻهو سڃاتل هجي يا نه.
    سوال: مسلمان کي گار ڏيڻ ۽ ان سان وڙهڻ جي باري ۾ ڪهڙي وعيد آئي آهي؟
    جواب: حديث شريف ۾ آهي ته مسلمان کي گار ڏيڻ فسق ۽ ان سان وڙهڻ ڪفر آهي.
    سوال: ٻه مسلمان پاڻ ۾ وڙهڻ ٿا انهن مان هڪڙو مارجي وڃي ٿو انهن لاءِ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جو فرمان آهي ته ٻئي جهنمي آهن؟
    سوال: قاتل جو جهنمي هجڻ سمجهه ۾ اچي ٿو پر مقتول (جيڪو مارجي ويل آهي) اهو ڪيئن جهنمي آهي؟
    جواب: وڙهڻ وقت ٻنهي جي نيت هڪ ٻئي کي مارڻ جي هئي، ان جي ڪري مقتول به جهنمي آهي، ڇو ته اهو به قاتل کي مارڻ جي نيت سان وڙهي رهيو هو.
    سوال منافق ماڻهوءَ جون ڪهڙيون نشانيون حديث ۾ بيان ڪيل آهن؟
    جواب: حديث شريف ۾ منافق ماڻهوءَ جون چار نشانيون ٻڌايون ويون آهن.
    1) جڏهن ان وٽ امانت رکي وڃي ته اهو خيال ڪندو آهي.
    2) جڏهن ڪا ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائيندو آهي.
    3) جڏهن واعدو ڪندو آهي ته ان کي پورو نه ڪندو آهي.
    4) جهڳڙي ڪرڻ وقت ناحق جي پاسي هليو ويندو آهي.
    سوال: خدا تعاليٰ وٽ ڀلو عمل ڪهڙو آهي؟
    جواب: الله تعاليٰ وٽ ڀلو عمل اهو آهي جنهن تي هميشگي ڪئي وڃي توڙي جو اهو ٿورو ئي ڇو نه هجي.
    سوال: نبي ڪريمﷺ جن ٽي دفعا هي جملو چئي فرمايو ته: ”خدا جو قسم ان شخص ايمان نه آندو“ اهو جملو ڪهڙي ماڻهوءَ لاءِ فرمايائون؟
    جواب: اهو جملو ان ماڻهوءَ لاءِ فرمايائون جنهن جو پاڙيسري ان جي برائين کان محفوظ نه هجن. اسان لاءِ به ساڳيو حڪم آهي ته عادات رسولﷺ کي پنهنجي زندگي گذارڻ جو ئي انمول طريقو اختيار ڪندي ڪنهن کي لعنت نه ڪيون.
    سوال: گهڻن ماڻهن جي عادت هوندي آهي ته اهي ڪاوڙ جي حالت ۾ پنهنجي نوڪرن، خادمن يا ڪمزور صفت عورتن يا جانورن کي ماريندا آهن، ان جوعادات رسولﷺ جي روشني ۾ ڇا حڪم آهي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جن ڪڏهن به ڪنهن خادم يا غلام، عورت ۽ جانور کي پنهنجي هٿن سان نه ماريو آهي، اسان لاءِ به اهائي صفت اعليٰ اپنائڻ جو حڪم آهي.
    سوال: جڏهن ڪو سوالي اچي ڪنهن ڪم لاءِ ته ان سان ڪهڙو رويو اختيار ڪجي، نبوي زندگي جي روشنيءَ ۾ ڇا حڪم مليل آهي؟
    جواب: پاڻ سڳورنﷺ جن ڪڏهن به ڪنهن سائل کي واپس خالي نه موٽايو آهي پر پڌري ناجائز سوال تي اسان لاءِ به نبوي زندگيءَ مان همدردي ۽ اسان ڪرڻ جو درس مليل آهي.
    سوال: پاڻ سڳورنﷺ جن جي گهرو زندگي ڪهڙي هئي؟
    جواب: جڏهن حضرت عائشه صديقه$ کان پاڻ سڳورن جي گهريلو زندگيءَ جي باري ۾ پڇا ڪئي وئي ته فرمايائون! پاڻ سڳوراﷺ گهر وارن جي خدمت ڪندا هئا، يعني انهن جي ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائيندا هئا ۽ جيڪڏهن ڪنهن جو ڪو ڪم پسند نه ڪندا هئا ته ان ڪم جو نالو کڻي ان کان ڪم روڪي ڇڏيندا هئا.
    سوال: حسن اخلاق جي اهميت جي باري ۾ نبي ڪريمﷺ جن ڇا فرمايو آهي؟
    جواب: نبي ڪريمﷺ جن مختلف موقعن تي اخلاق حسنه جي باري ۾ مختلف انداز ۾ اخلاق حسنه جي تعبير ڪئي آهي.
    1) اوهان سمورن مان ڀلو ماڻهو اهو آهي جنهن جا اخلاق سمورن کان ڀلا هجن.
    2) ڪامل ايمان ان مؤمن جو آهي جيڪو اخلاق ۾ سمورن کان وڌيڪ هجي.
    3) قيامت جي ڏينهن اعمال جي ترازو ۾ سڀ کان وڌيڪ وزن وارو عمل اخلاق حسنه هوندو.
    4) انسانن کي قدرت طرفان جيڪي شيون مليل آهن، انهن مان وڌيڪ بهتر شيءِ حسنه اخلاق آهي.
    5) ٻانهن مان الله تعاليٰ جي ويجهو اهو ٻانهو آهي جنهن جا خلاق چڱا آهن.
    6) آخرت جي زندگيءَ ۾ منهنجي لاءِ پسنديده اهو شخص هوندو جنهن جا اخلاق ڀلا هوندا ۽ اهوئي منهنجي ويجهو هوندو.
    7) ڪنهن ماڻهو سوال ڪيو اي الله جا رسولﷺ مؤمنن ۾ سڀ کان افضل ڪير آهي؟ پاڻ فرمايائون! احسنهم خلقا ”جيڪو سمورن مان خوش اخلاق آهي.“
    8) ماڻهو حسن اخلاق جي ڪري عندالله اهو درجو حاصل ڪري وٺي ٿو جيڪو لڳو ڀڳ روزا رکڻ ۽ هميشه راتين جو عبادت ڪرڻ سان حاصل ڪندو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 494
    ڪتابن جو مشاهدو: 471381
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 188671
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ