ڪتاب جو نالو: ائين چيو اللهﷻ
مصنف: علامھ علي خان ابڙو
ڇپائيندڙ: سنڌيڪا اڪيڊمي
ڪيٽيگري: مذهب
شايع ٿيڻ جو سال: 2014
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 04 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 711 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 339 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو الله“ جي نالي سان سنڌيڪا پاران ڇپايو ويو آهي.
قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • حق ۽ واسطا
  • پبلشر نوٽ
  • ڪجهه علامه علي خان ابڙي جي متعلق
  • ائين چيو اللهﷻ

  • سورت فاتحه
  • سورت البقرة (ڳئون)
  • سورت آل عمران
  • سورت نساءِ (عورتون)
  • سورت المائدة (دسترخوان)
  • سورت الانعام (انعام- ڍور ڍڳا)
  • سورت الاعراف مڪي (اعراف -مٿاهيون جايون)
  • سورت انفال (لڙائيءَ ۾ هٿ آيل غنيمت جو مال)
  • سورت توبه يا (براءَة- ذميواريءَ کان آزادي)
  • سورت يونس
  • سورت هود
  • سورت يوسف
  • سورت رعد (معنيٰ: ڪڪرن جي گجگوڙ)
  • سورت ابراهيم
  • سورت الحجر (پٿر يا ڪوهستان) “ديار ثمود جو نالو”
  • سورة نحل- (ماکيءَ جي مک)
  • سورت بني اسرائيل
  • سورت الڪهف (ڪهف= غار)
  • سورت مريم
  • سورت طٰہٰ
  • سورت الانبياءَ
  • سورت الحج
  • سورت المؤمنون
  • سورت النور
  • سورت الفرقان
  • سورت الشعرآءِ- شعرا =شاعِرَ
  • سورت النمل (ڪِوِل)
  • سورت القصص (قصو بيان ڪرڻ)
  • سورت العنڪبوت (ڪوريئڙو)
  • سورت الروم
  • سورت لُقمٰن
  • سورت السّجدةِ
  • سورت الاحزاب- (لڙائي ۾ شريڪ يا لشڪر)
  • سورت سَبَا
  • سورت فَاطِر
  • سورت یٰسٓ
  • سورت الصافات (صافات جمع صافة – قطارن ۾ بيٺل)
  • سورت صٓ
  • سورت الزُّمَرِ (گروهه-ٽولا)
  • سورت المؤمن
  • سورت حٰمٓ السجدۃ
  • سورت الشورٰي (مشورو وٺڻ يا صلاح مصلحت ڪرڻ)
  • سورت الزخرف
  • سورت الدُخَانِ (دونهون يا ڪوهيڙو )
  • سورت الجاثية (گوڏن ڀِرِ ڪِرندڙ )
  • سورت الاحقاف (ڊگهيون ورن وڪڙن واريون ڀٽون )
  • سورت مُحَمّد
  • سورت الفتح
  • سورت الحُجُرٰتِ
  • سورت قٓ
  • سورت الذٰريٰت
  • سورت الطُّورِ
  • سورت النَّجمِ
  • سورت القَمَرِ (معنيٰ: چَنڊُ)
  • سورت الرّحمٰنِ
  • سورت الواقعة
  • سورت الحَدِيدِ
  • سورت المجادله (هڪ ٻئي سان بحث مباحثو ڪرڻ)
  • سورت الحشر (گڏ ڪرڻ )
  • سورت الممتحنه (ظاهر ڪرڻ واري )
  • سورت الصف (صف ٻڌڻ (جنگ لاءِ))
  • سورت الجمعه (معنيٰ : گڏ ٿيڻ )
  • سورت المنافقون
  • سورت التغابن ( معنيٰ : کٽڻ هارائڻ )
  • سورت الطلاق (معنيٰ: طلاق ڏيڻ)
  • سورت التحريم (حرام ڪرڻ )
  • سورت الملڪ (حڪومت- بادشاهي)
  • سورت القلم
  • سورت الحاقه
  • سورت المعارج (وڏا مرتبا )
  • سورت نوح
  • سورت الجن
  • سورت المزمل
  • سورت المدثر
  • سورت القيمه
  • سورت الدهر
  • سورت المرسلات
  • سورت النبا
  • سورت النازعات
  • سورت عبس
  • سورت التڪوير
  • سورت الانفطار
  • سورت المطففين
  • سورت الانشقاق
  • سورت البروج
  • سورت الطارق
  • سورت اعليٰ
  • سورت الغاشيه
  • سورت الفجر
  • سورت البلد
  • سورت الشمس
  • سورت اليل
  • سورت الضحيٰ
  • سورت الانشراح
  • سورت التين
  • سورت العلق
  • سورت القدر
  • سورت البينه
  • سورت الزلزال
  • سورت العٰديٰت
  • سورت القارعه
  • سورت التڪاثر
  • سورت العصر
  • سورت الهمزه
  • سورت الفيل
  • سورت القريش
  • سورت الماعون
  • سورت الڪوثر – مڪي (٣) آيتون
  • سورت الڪافرون
  • سورت النصر
  • سورت اللهب
  • سورت الاخلاص
  • سورت الفلق
  • سورت الناس
  • دعا ختم القرآن

  • حق ۽ واسطا

    ائين چيو اللهﷻ

    قرآن مجيد جي آيتن جي سولي سنڌي سمجهاڻي

    شارح
    علامھ علي خان ابڙو


    ڪتاب نمبر
    136


    نئون ڇاپو: 2014ع
    ڪتاب جو نالو : ايئن چيو الله
    شارح: علامه علي خان ابڙو
    ڇپيندڙ: آزاد ڪميونيڪيشنز، ڪراچي
    ڇپائيندڙ : سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي


    “Aien Chayo Allah”
    (Sindhi Explanation of Holy Quran)
    Translated by: Allama Ali Khan Abro
    Published by: Sindhica Academy,
    B-24, National Auto Plaza, Marston Road, Karachi-74400
    Phone: 021-32737290, www.sindhica.org
    Email: sindhica_academy@yahoo.com



    سنڌيڪا اڪيڊمي B-24 ، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400. فون: 32737290-021
    سنڌيڪا بوڪ شاپ، 19 بلديه پلازه گهنٽا گهر چوڪ سکر فون: -03352233803 03013431537
    العماد بوڪ سيلرز، اردو بازار، ڪراچي فون: 0212214521 ، 0300-343115
    ڪاٺياواڙ بوڪ اسٽور اردو بازار ڪراچي- ڪتاب مرڪز فريئر روڊ، عزيز ڪتاب گهر بئراج روڊ، بخاري ڪتاب گهر، قادري بوڪ اسٽور، مهراڻ بوڪ اسٽور، مجاهد بوڪ اسٽور نيم ڪي چاڙهي سکر- سنڌي ادبي بورڊ بوڪ شاپ، تلڪ چاڙهي حيدرآباد- شاهه لطيف بوڪ شاپ، ڀٽ شاهه- عثمانيه لائبريري، چنيهاڻي ڪنڊيارو، - نيشنل بوڪ اسٽور، نوراني بوڪ ڊپو بندر روڊ، رابيل ڪتاب گهر اسٽيشن روڊ، رهبربوڪ اڪيڊمي رابعا سينٽر بندر روڊ لاڙڪاڻو- مدني اسلامي ڪتبخانو، نئون چوڪ دادو- حافظ بوڪ اسٽور مسجد روڊ، خيرپور ميرس - المهراڻ ڪتاب گهر، زاهد بوڪ ڊپو، سانگهڙ- سيد ماس ميگا اسٽور، جيڪب آباد- ميمڻ بوڪ اسٽور، شاهي بازار نوشهروفيروز- حافظ اينڊ ڪمپني، لياقت مارڪيٽ، نواب شاهه- ديدار بوڪ ڊپو، ٽنڊوالهيار- رفعت بوڪ هائوس، ماتلي- مرچو لال پريمي، بدين- مڪتبه يوسفيه، ميرپورخاص. فون. 0300-3319565، عطار ڪتاب گهر، بدين، مهراڻ ڪتاب گهر، عمر ڪوٽ، حافظ ڪتاب گهر، کپرو، سنڌ ڪتاب گهر، مورو، عباس ابڙو شڪارپور فون: 03362870897 وسيم ڪتاب گهر لکي در . سعيد بوڪ اسٽور، شڪارپور.
    ساحر ڪتاب گهر، کوندي ميهڙ 8948535-0346 ، مڪتبه امام العصر گهوٽڪي، 03033695037



    لکپڙهه لاءِ
    سنڌيڪا اڪيڊمي
    B-24، نيشنل آٽو پلازه مارسٽن روڊ ڪراچي74400


    پبلشر نوٽ

    ايامن کان اسان جي سنڌ علم ۽ عرفان جو مرڪز رهندي آئي آهي. ڏيڍ سؤ سالن جي انگريزن واري غلاميءَ کان پوءِ پاڪستان ٺهيو ته هتي پنهنجو مقامي اقتدار ساڳي طرح ختم ٿيل هو ۽ پاڪستان جي صورت ۾ جبري الحاق جو ڳٽ ڳچيءَ ۾ هو. ٿيڻ ايئن گهربو هو ته آزاديءَ کان پوءِ ابتريءَ کان بچائڻ لاءِ رياستي اختيار اسان جي واهر ڪري پر هتي اهو رياستي اقتدار مورؤن سنڌي سماج جي تباهيءَ جا جتن ڪندو رهيو. ساڳي سماجي ڇڙواڳيءَ جي اثر ۾ ستر جي ڏهاڪي ۾ هتي اهڙو واءُ گهليو جو اسان جي علمي ادبي ۽ فڪري حلقن جو سٻنڌ عوام جي اڪثريت دين جي قرآني روايتن سان ڪٽجندو ويو. ائين نوي جي ڏهاڪي تائين اسان جا ٽي نسل ان سيلاب جي ور چڙهي ويا. پوءِ ڏسندي ڏسندي جتي اخلاقي زوال جا ڏکائيندڙ منظر سامهون ايندا ويا اتي علمي، نفسياتي ۽ سماجي ڏيوالپڻي جون انتهائي حدون به اورانگهڻ لڳيون. نوي جي ڏهاڪي ۾ اسان سنڌيڪا جو قيام عمل ۾ آڻي انهيءَ مشن سان اشاعتي ڪم جو آغاز ڪيو ته سنڌين جي علمي ادبي شعوري، نفسياتي، سائنسي ۽ سماجي ترقيءَ لاءِ پنهنجي حصي جون ڪوششون سرانجام ڏجن ۽ ان سلسلي ۾ اهڙو مواد مهيا ڪجي جيڪو نه صرف اسان جي تهذيبي روايتن جو امين هجي، بلڪ اسان کي ايڪويهين صديءَ ۾ هڪ باوقار قوم طور وٺي هلڻ جو ضامن هجي. اسان کي يقين هو ته هينئر روايتي موضوعن بجاءِ خالص علمي، شعوري ۽ تحقيقي مواد جي اشاعت سان هتي علمي ترقيءَ جي ماحول کي مچائي سگهجي ٿو. ساڳي وقت اسان محسوس ڪيو ته اسان جي نوجوانن کي مسخ ٿيل اسلام جي آڙ ۾ دين کان بيزار ڪرڻ جو ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جنهن سان زندگيءَ جي لاءِ ڪنهن به ضابطي جي منڪر هجڻ ڪري سماج ۾ انارڪي پيدا ٿي رهي آهي ۽ ان جا اثر بدترين ويڳاڻپ ۽ ڇڙواڳيءَ جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري حقيقي اسلام جي ترويج سان اسان سنڌ جي ان روح جي آبياري ڪيون جيڪو ڪڏهن به اجهاڻو ناهي ۽ جنهن جي آبياري اسان جي عالمن بزرگن ۽ ڏاهن ڪئي.
    اسان پنهنجي پوري شعور ۽ ادراڪ سان هي ڳالهه محسوس ڪئي ته، هن قوم جي نوجوانن کي قرآن جي اصل معرفت کان يا ته پري رکيو ويو آهي يا ٽاهيو ويو آهي ۽ جيستائين هيءَ قوم قرآن جي ويجهو نه ايندي تيستائين پنهنجي تشخص ۽ زندگيءَ جي باري ۾ منجهس تڙپ ۽ اُمنگ پيدا نه ٿيندي. اهو مقصد سامهون رکندي اسان شاهه عبداللطيف ڀٽائي، شاهه ولي الله رحمته الله، مولانا عبيدالله سنڌي، ابوالڪلام آزاد، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ علامه علي خان ابڙي جي قرآني فڪر کي قرآن مجيد جي ترجمن ۽ مختلف ڪتابن جي صورت ۾ ڌڙاڌڙ ڇاپڻ شروع ڪيوسين. ان سان مسخ ٿيل اسلام جي تقابل ۾ سنڌ جي نوجوانن آڏو حقيقي اسلام جي صورت چٽي ٿيندي وئي. سنڌيڪا جي ڪتابن کي سنڌ جي عالمن، شاگردن، اديبن، وڪيلن، صحافين، استادن ۽ سماج جي ٻين طبقن اکين تي رکيو ۽ ڪتابن جا هڪ ٻئي پٺيان ايڊيشن ڇپبا رهيا. ايستائين جو 1996ع کان وٺي 2002ع تائين ستن سالن جي عرصي ۾ سنڌيڪا کي ٻاويهه هزار قرآن مجيد ترجمي سان ڇپائي سنڌ جي ماڻهن تائين رسائڻ جي سعادت نصيب ٿي. اهو خاص الله تعاليٰ جو فضل هو ۽ مشيت ايزديءَ جي تقاضا هئي ته سنڌيڪا جي انهن اشاعتي ڪوششن ۽ اهڙن ڪجهه ٻين ادارن جي سرگرمين سان سنڌ ۾ ديني ڪتابن کي ڇپڻ ۽ پڙهڻ جي هڪ نئين بهار موٽي آئي آهي. تان جو سنڌ ۾ فيشن ايبل ماده پرستي پنهنجي موت پاڻ مرڻ لڳي آهي ۽ سوچ ۽ فڪر جون ڌارائون بدلجڻ لڳيون. هينئر اهو سنڌ جي عالمن، ڏاهن، اديبن ۽ ٻين سڄاڻ ماڻهن جو فرض آهي ته سنڌ جي عام ماڻهوءَ کي قرآن جي فڪر ۽ تعليمات سان سلهاڙڻ جو سرگرميءَ سان ڪوششون وٺن ته جيئن هتي عوامي سطح تي ديني بيداري جا مقصد حاصل ڪري سگهجن. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ جي عالمن، ديني ادارن ۽ تبليغ جي ذريعي عوام کي ديني سوچ سان سلهاڙي رکڻ جون اڻ ميون خدمتون سرانجام ڏينون آهن. ليڪن جديد دور جي تقاضائن جي مطابق حڪمت عمليون اختيار نه ڪرڻ جي ڪري ۽ قرآن فهميءَ جي اصولي ڪوشش نه ٿيڻ ڪري هينئر به جهالت ۽ ويڳاڻپ جو عوام تي غلبو دين سان وابستگيءَ جي مقابلي ۾ تمام گهڻو آهي. ان ڪري ايندڙ دور ۾ جيڪڏهن قرآن فهميءَ کي بڻياد بڻائي ديني فڪر جي ترويج جون ڪوششون ورتيون ويون ته عوام ۾ بيداريءَ جي نسبتاً بهتر نتيجا سامهون ايندا.
    اسان سنڌيڪا اڪيڊميءَ جي پاران هيستائين قرآن مجيد جا ٽي ترجما ۽ ٽي تفسير اشاعت هيٺ آڻي چڪا آهيون ۽ ٽي ترجما ۽ ٽي تفسير اشاعت هيٺ آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن مجيد جو پهريون مقبول عام ترجمو مولانا سيد تاج محمود امروٽيءَ رحه جو هو جيڪو 1934ع ۾ پهريون ڀيرو بنا عربي متن جي شايع ٿيو هو. ان جو مقصد هو ته سنڌ جا مسلمان هن ڪتاب سان پنهنجي انسيت هرحال ۾ قائم رکن ۽ سفر ۾ توڙي ڪم ڪار وارن هنڌن تي به ان کي گڏ رکن ۽ ان مان فيض حاصل ڪندا رهن. گڏوگڏ سنڌ ۾ رهندڙ غيرمسلم به قرآن جي هدًي للناس واري هدايت مان بهره ور ٿين. بعد ۾ اهو ترجمو لاهور جي انجمن خدام الدين جي پاران مولانا احمد علي لاهوري رحمته الله عليه ان کي متن سان گڏ ڇپرايو ۽ ان کان پوءِ تاج ڪمپني ان کي مسلسل ڇاپيندي پئي اچي.
    قرآن مجيد جو ”تفسير المنير“ جي نالي سان سمجهاڻي وارو ترجمو ۽ تفسير علامه علي خان ابڙي 1953ع ڌاري مڪمل ڪيو هو جنهن کي 1996ع ۾ سنڌيڪا ڇپي منظرعام تي آندو ۽ ان کي بيحد مقبوليت نصيب ٿي. سنڌيڪا اڪيڊمي 1998ع ۾ رڳو سمجهاڻي وارو ترجمو الڳ ڪري به ڇپايو ۽ تفسير المنير به پنهنجي جاءِ تي ڇپجندو رهيو. انهن اشاعتن جا هيستائين هڪ ٻئي پٺيان ڪيترا ڇاپا ڇپجي سنڌي ٻوليءَ جي پڙهندڙ وٽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن. هينئر اسان علامه علي خان ابڙي جي قرآن مجيد جي آيتن بابت سمجهاڻي ”ائين چيو آلله“ جي نالي سان ڇپائي هڪ اهڙي ايڊيشن جو اضافو ڪري رهيا آهيون جيڪا سنڌ جي ماڻهن لاءِ سفر ۽ ڪم ڪار ۾ پاڻ سان گڏ رکڻ ۽ ان مان استفادو حاصل ڪرڻ لاءِ مددگار ٿئي. اسان کي اميد آهي ته اسان جي هي ڪوشش به سنڌيڪا جي طرفان قرآن فهميءَ جي گهڻ رخي اشاعتي ڪوششن ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جا پڙهندڙ سڀني طبقن جا ماڻهو هن مان استفادو حاصل ڪري سگهندا.

    نوراحمدميمڻ
    چيئرمين
    سنڌيڪا اڪيڊمي


    ڪجهه علامه علي خان ابڙي جي متعلق

    جناب علي خان ولد عمر خان ابڙو 1888ع ڌاري تعلقي ميهڙ ضلع دادو، (تنهن وقت ضلعي لاڙڪاڻي) جي هڪ ننڍي ڳوٺڙي سانگي تپو منگواڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد کيس سنڌ مدرسة السلام ڪراچيءَ ۾ داخل ڪرايو. هو ايڏو ته ذهين ۽ هوشيار هو جو سڄي بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ يعني سنڌ، گجرات، مهاراشٽر، راجستان ۽ پونا ۾ مئٽرڪ کان وٺي بي- اي، ايم- اي تائين هندن توڙي مسلمانن ۾ پهريون نمبر آيو. کيس بمبئي ۾ يونيورسٽيءَ جو فيلو مقرر ڪيو ويو. پوءِ ته مشهور تعليمدان ۽ استاد ٿيو. ٻالجتيءَ کان پنج وقتو نمازي ۽ خدا ترس بزرگ هو. عربي، فارسي ۽ انگريزي علوم جو ماهر هو. جيتوڻيڪ انگريزي ادب جا شاهڪار ڪتاب هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو پر سندس والهانه محبت هئي حضور اڪرم ﷺ جي سيرت ۽ قرآن حڪيم سان. قرآن حڪيم جو ڪو اهڙو ترجمو يا تفسير نه هو جيڪو سندس مطالعي ۾ نه آيو. پاڻ مولانا تاج محمود امروٽيءَ کان گهڻو متاثر هئا ۽ اڪثر وٽن حاضري ڀريندا هئا. پاڻ گهٽ ۾ گهٽ چاليهه سال مستقل لکندا رهيا. انهن مان ڪيترائي ڪتاب قرآن، سيرت ۽ اسلامي اخلاق ۽ معاشري بابت لکيائون جي تمام مقبول ٿيا ۽ اسلامي سوچ جي جديد لهر سڄي سنڌ ۾ گونججي اٿي. جديد معاشيات تي هڪ ڪتاب ”اسلام ۽ ڪميونزم“ به لکيائون. محترم محمد عثمان ڏيپلائي کانئن گهڻو متاثر هو ۽ اڪثر وٽن ايندو هو. مولانا عبدالحق نصرپور وارو ۽ مولانا محمد اسماعيل لغاري، مسڻ وارو، جي وڏا انقلابي سوچ رکندڙ عالم هئا سي به وٽس ايندا هئا. باقي مولانا محمد صادق کڏي واري وٽ پنهنجي سر وڃي علم جو فيض حاصل ڪندا هئا.
    هي موجوده تفسير هن ويهين صديءَ جي پر آشوب ۽ اٿل پٿل واري دؤر ۾ ترتيب ڏنو يا لکيو ويو. سڄي عمر روزانو قرآن مجيد جو يا تفسير جو مطالعو ڪندي کيس محسوس ٿيو ته کيس عوام الناس لاءِ سليس ترجمو ۽ تفسير لکڻ کپي. سو ڪيترن عالمن سڳورن سان تبادلئه خيالات ڪندي، هيءُ تفسير 1945ع ڌاري لکڻ شروع ڪيائين. جيڪي ڪجهه لکندو رهيو سو عالمن سڳورن کي وقت بوقت ڏيکاريندو ۽ ان متعلق تبادلئه خيالات ڪندو رهيو. مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ علامه يوسف عليءَ جا تفسير سندس پسنديده هئا پر سندس دلي ۽ روحاني لاڙو مولانا تاج محمود امروٽي ڏانهن هو. تفسير مڪمل ٿيڻ کان پوءِ اهو مولانا غلام محمد گرامي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب به نظر مان ڪڍيو. هي ترجمو ۽ تفسير مڪي معظم جي قاري سعيد احمد صاحب کي به نظر مان ڪڍڻ لاءِ ڏنو ويو. هو، جنهن لکي ۾ پنهنجي پسنديدگيءَ جو اظهار ڪيو.
    مون کي بابا جو (علي خان ابڙي صاحب جو) آخر خط ٽيهين جون 1954ع ۾ مليو جنهن ۾ لکيو هئائين ته تفسير مڪمل ٿيڻ سان سندس زندگيءَ جو مقصد پورو ٿي چڪو هو. پاڻ سورهين جولاءِ 1954ع تي وفات ڪيائون.چاليهه سالن جي لمبي عرصي ۾ اهو ناقابل تلافي نقصان ٿيو جو آخري ٽي پارا ۽ آخري وعظ ضايع ٿي ويا. الله معاف فرمائيندو.اهي ٽي پارا 1996 ۽ 1997ع جي پهرئين ۽ ٻئي ڇاپي ۾ مولانا محمد مدنيءَ جي ڇپيل ترجمي تان کنيا ويا هئا جيڪي هنيئر پڙهندڙن جي اصرار تي سنڌيڪا جي نور احمد ميمڻ جي ڪوششن سان منڍ وارن ستاويهن سيپارن جي سولي تفهيم وانگر ڪري شامل ڪيا ويا آهن. الله تبارڪ و تعاليٰ جيڪو رئوف، رحيم ۽ ڪريم آهي، شال پنهنجي پياري نبي سرور ڪائنات ﷺ جي صديق مڙني کي اجر ڏئي، هدايت ڏئي ۽ دنيا توڙي آخرت جون چڱايون نصيب ڪري.

    جمال الدين علي خان ابڙو


    ائين چيو اللهﷻ

    سورت فاتحه

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1- تا- 7

    سڀني جهانن جو پالڻهار الله آهي. ٻانهپ به ان جي آهي ۽ مدد به ان کان گهرو
    (١) خاص ساراهه الله جي لاءِ آهي (يعني سهڻين ۽ چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي) جو سڀني جهانن جو پالڻهار آهي. (٢) ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي. (٣) انهي ڏينهن جو مالڪ آهي، جنهن ڏينهن ماڻهن کي سندن ڪمن جو بدلو ملندو. (٤) (اي خدا! اسان فقط تنهنجي ٻانهپ ڪريون ٿا ۽ فقط توکان مدد گهرون ٿا. (٤) (اي خدا! ) اسان کي (سعادت) جي سڌي واٽ ڏيکار. (٦) انهن ماڻهن جي واٽ (ڏيکار) جن تي تو نعمتون ڪيون. (٧) نه انهن جي واٽ جن تي غضب پيو، ۽ نه انهن جي راھ جي گمراھ ٿيا ۽ واٽ ڀلجي ويا.


    سورت البقرة (ڳئون)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1- تا- 7

    متقين ۽ ڪافرن جو بيان. متقي غيب جي حقيقت تي ايمان رکن ٿا.
    (١) الف لام ميم (٢) هيءُ (خدائي) ڪتاب آهي ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ڪونهي. (خدا کان) ڊڄندڙن پرهيزگارن لاءِ (سعادت جي) راهه کولي ڏيکاريندڙ آهي. (٣) جيڪي غيب (جي حقيقتن) تي ايمان رکن ٿا ۽ نماز تي محڪم رهن ٿا. ۽ جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي ان کي (نيڪي جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا. (٤) ۽ جيڪي توتي نازل ٿيل وحي تي ايمان آڻين ٿا ۽ پڻ انهن تي جي توکان اڳي (ٻين رسولن تي) نازل ٿيا ۽ ان سان گڏ آخرت جي زندگي جو به دل ۾ يقين رکن ٿا. (٥) يقيناً اهي ئي ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي (ڏيکاريل) رستي تي (هلندڙ) آهن، ۽ اهي ئي (دنيا ۽ آخرت جي) ڪاميابي ۽ نعمتون ماڻيندا. (٦) پر اهي ماڻهو جي (ڄاڻي ٻجهي بغض، مفادن يا خود غرضي سببان حقيقتن کان) انڪار ٿا ڪن ته پوءِ تون انهن کي (حق کان انڪار ڪرڻ جي نقصانن ۽ برن نتيجن کان) ڊيڄارين ۽ خبردار ڪرين يا نه ڪرين، هو هرگز ڪين مڃيندا. (٧) انهن جي دلين ۽ ڪنن تي الله تعاليٰ مهر هڻي ڇڏي آهي (هو نه سمجهندا نه ٻڌندا) ۽ هنن جي اکين تي پردا چڙهي ويا آهن. انهن لاءِ سخت عذاب (تيار ڪيل) آهي.

    رڪوع ٢ آيت 8- تا- 20
    منافقن جو بيان ۽ سندن محرومي
    (٨) ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جي چون ٿا ته اسان الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکون ٿا، مگر سچ پچ هو مؤمن ناهن.(٩) اهي الله کي ۽ ايمان وارن کي ڌوڪو ڏيڻ ٿا چاهين پر حقيقتاً هو پاڻ ئي ڌوڪي ۾ آهن، پر هو (ناداني ۽ هٺ سببان) ڏسن ۽ سمجهن نٿا. (١٠) هنن جي دلين ۾ (ڪفر ۽ هٺ جو) مرض آهي، پوءِ خدا هنن جي مرض کي وڌائي ٿو ۽ هنن تي سخت عذاب ڪيو ويندو ڇو ته هو ڪوڙ ٿا ڳالهائين. (١١) جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته زمين تي بگاڙ ۽ فساد نه مچايو (بدعمليون نه ڪيو) تڏهن هو چون ٿا ته اسان سڌارو ڪرڻ وارا آهيون. (١٢) ياد رکو ته اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي خرابيون پکيڙين ٿا، پر هو (ناداني سببان) ڏسن ۽ سمجهن نٿا. (١٣) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته جيئن ٻين ماڻهن ايمان آندو آهي تيئن توهان به ايمان آڻيو، تڏهن هو چون ٿا ته ڇا اسان به اهڙيءَ طرح ايمان آڻيون، جهڙيءَ طرح هنن بيوقوفن ايمان آندو آهي؟ ياد رکو ته هو پاڻ بيوقوف آهن مگر (ناداني ۽ هٺ سببان) اها ڳالهه نه ٿا ڄاڻن. (١٤) جڏهن هي ماڻهو انهن ماڻهن سان ملن ٿا جن (حق جي دعوت تي) ايمان آندو آهي تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندوآهي، پر جڏهن پنهنجي شيطانن سان اڪيلا ويهن ٿا، تڏهن چون ٿا ته اسان توهان سان شامل آهيون ۽ اسان (هنن وٽ پاڻ کي مؤمن سڏائي ساڻن) مسخري ٿا ڪريون. (١٥) (حقيقتاً) خود هنن سان مسخري ٿي رهي آهي جو الله تعاليٰ کين ڊگهو رسو ڏنو آهي جنهن ڪري پنهنجي سرڪشيءِ ۾ انڌا ٿي هيڏي هوڏي ڀٽڪي رهيا آهن. (١٦) يقين ڪريو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي آهي. پر نڪي هنن جو سودو فائديمند نڪتو آهي نه ڪي هدايت تي قائم رهيا آهن. (١٧) انهن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي ماڻهو (رات جي اونداهيءَ ۾ واٽ ڀلجي) باهه ٻاري، پر جڏهن (باهه جي شعلن سان) آسپاس روشني ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ اها باهه وسائي ڇڏي ۽ روشني هلي ويئي ۽ هنن کي اهڙي اوندهه ۾ ڦٽو ڪيائين جو ڪجهه به ڏسي نه سگهيا. (١٨) ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي پيا، تنهن ڪري هو (منافقي ۽ ڪفر جي اوندهه مان) موٽي نٿا سگهن. (١٩) يا وري انهن ماڻهن جو مثال آسمان ۾ برسات سان ڀريل ڪڪر وانگر آهي جنهن سان گڏ اونداهيءَ جا تهه، گجگوڙ ۽ کوڻ جا تجلا هوندا آهن. اهي منافق (ان وقت برسات جي رحمت کان خوش ٿيڻ جي بدلي) ڪڪرن جي گجگوڙ کان موت جو ڊپ سمجهي دهلجي وڃن ٿا ۽ ڪنن ۾ آڱريون وجهن ٿا پر الله تعاليٰ ته (هر حال ۾) ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. (٢٠) بجليءَ جي چمڪ ذري گهٽ هنن جي بينائي (يعني ڏسڻ جي طاقت) ڪڍي وٺي ٿي. جڏهن اها چمڪ هنن کي روشني ڏئي ٿي تڏهن هو اڳتي هلن ٿا ۽ جڏهن وري اوندهه ٿي وڃي ٿي تڏهن بيهي ٿا رهن جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سندن ٻڌڻ ۽ ڏسڻ جي طاقت کسي وٺي ها. بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ تي قدرت آهي (۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي.)
    رڪوع ٣ آيت 21- تا- 29
    توحيد، خالقيت ۽ ربوبيت. رسالت ۽ وحي. آخرت جي زندگيءَ متعلق دليل
    (٢١) اي انسانؤ! پنهنجي پالڻهار جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو، جنهن اوهان کي خلقيو ۽ انهن کي خلقيو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. (ان ڪري مهربان، رحيم، پالڻهار خالق جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪيو) ته من گناهن کان بچي نيڪيءَ جي راهه وٺو. (۽ دنيا ۽ آخرت جون نعمتون ماڻيو). (٢٢) (انهيءَ پالڻهار جي ٻانهپ ڪيو). جنهن اوهانجي لاءِ زمين کي فرش وانگر وڇايو، ۽ آسمان کي ڇت وانگر بلند ڪيو، ۽ جو آسمان مان مينهن وسائي ٿو، جنهن جي وسيلي طرحين طرحين جا ميوا توهانجي کائڻ لاءِ اڀاري ٿو. پوءِ (سندس خالقيت، ربوبيت ۽ رحمت ڏسي ڪري) ائين نه ڪيو جو الله سان ٻين هستين کي به شريڪ ڪريو (۽ انهن کي پوڄيو) جڏهن ته توهان ڄاڻو به ٿا (ته خالق ۽ رب فقط، هڪ الله آهي). (٢٣) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن وحي جي سچائيءَ ۾ شڪ آهي جو اسان پنهنجي ٻانهي (حضرت محمد ﷺ) تي نازل ڪيو آهي ته (ان جو فيصلو آسان آهي، توهان به انسان آهيو، وڌيڪ نه) هڪڙي سورت انهن سورتن جهڙي ٺاهي کڻي اچو. ۽ الله کان سواءِ جن کي توهان حمايتي سمجهيو آهي انهن سڀني کي به مدد لاءِ سڏي اچو جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال کي سچو ٿا سمجهو. (٢٤) پوءِ جيڪڏهن اوهان ائين نه ڪري سگهو (هڪڙي به اهڙي سورت نه ٺاهي سگهو.) يقيناً ۽ هرگز ٺاهي به ڪين سگهندؤ ته انهي باهه جي عذاب کان ڊڄو جنهن ۾ انسان ۽ پٿر ٻاريا ويندا، جا باهه حق جي منڪرن لاءِ تيار آهي. (٢٥) (پر) جن ماڻهن (انڪار جي بدران) ايمان آندو ۽ ڪم به چڱا ڪيائون تن لاءِ (باهه جي بدران دائمي خوشين واري) باغن جي خوشخبري آهي، جن باغن ۾ نهرون وهي رهيون آهن. جڏهن جڏهن انهن باغن جا ميوا کين کارايا ويندا (يعني بهشتي نعمتن مان ڪابه نعمت ماڻيندا) تڏهن چئي ڏيندا ته هي اهائي نعمت آهي جا اڳئي اسان کي ڏني ويئي هئي. ان کان سواءِ هنن کي نيڪ ۽ پاڪ بيبيون ملنديون ۽ هو هميشه ان راحت ۽ نعمتن واري باغ ۾ رهندا. (٢٦) الله تعاليٰ (انسانن کي سندن فهم مطابق سمجهاڻيون ڏيڻ لاءِ) تمام خسيس شين جهڙوڪ مڇر يا ان کان به وڌيڪ خسيس شين جو مثال ڏيڻ کان به نٿو پاسو ڪري، پوءِ ايمان وارا (غور ۽ فڪر ڪري) ڄاڻي وٺن ٿا ته بيشڪ هي اسان جي پالڻهار وٽان حق (سچي، دائمي حقيقت) آيل آهي، پر حق جا منڪر چوندا ته ڀلا اهڙن مثالن ڏيڻ ۾ الله جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو. گهڻائي انسان انهن (مثالن) جي ڪري گمراهي ۾ پوندا ۽ گهڻن ئي تي سعادت جي راهه کُلي پوندي (سرڪشيءَ جي نتيجي وارو خدا جو قانون آهي ته) هو فقط انهن کي گمراهه ٿو ڪري جيڪي (هدايت جون حدون ڀڃي فسادي) فاسق ٿي ويا آهن. (٢٧) فاسق اهي آهن جيڪي الله جي حڪمن جي تابعداري جو عهد اقرار ڪري پوءِ ان عهد کي ٽوڙين ٿا، ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم خدا ڏنو آهي تن کي ختم ڪري ٿا ڇڏين، ۽ (پنهنجي بدعملي ۽ هٺ سان) ملڪ ۾ فساد مچائي ٿا ڏين. اهي ئي نقصان ۽ مصيبتن ۽ بربادي ۾ ڪرندا. (٢٨) (اي انسانو!) اوهان ڪهڙي طرح الله (۽ ان جي عبادت) کان انڪار ڪري ٿا سگهو (ڏسو نٿا ته) ڪڏهن توهان موجود ئي ڪونه هئو، هن توهان کي زندگي ڏني، پوءِ توهان کي ماريندو ۽ وري زندگي ڏيندو ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽندؤ. (٢٩) (ڏسو) هن ئي (پروردگار) اوهان جي لاءِ زمين جون سڀ شيون پيدا ڪيون آهن (ته انهن کي پنهنجي فائدي لاءِ ڪم آڻيو) پڻ الله تعاليٰ آسمان ڏي متوجه ٿيو ۽ ست آسمان درست ڪيائين (انهن کي حسن ۽ سَيارن جو نظام ڏنائين ۽ انهن مان طرحين طرحين جا فائدا اوهان کي ملن ٿا) ۽ هو هر شيءِ جو علم رکي ٿو.

    رڪوع ٤ آيت 30- تا- 39
    آدم کي پيدا ڪرڻ ۽ علم سيکارڻ، ملائڪن جو کيس سجدو ڪرڻ.
    (٣٠) ۽ اي پيغمبر! (هن حقيقت تي غور ڪر ته) جڏهن تنهنجي پالڻهار فرشتن کي چيو ته مان زمين تي هڪ خليفو پيدا ڪرڻ وارو آهيان. تڏهن فرشتن عرض ڪيو ته ڇا اهڙي هستي پيدا ڪري رهيو آهين جا زمين تي فساد مچائي ۽ خونريزي ڪري. حالانڪ اسان تنهنجي حمد ۽ ثنا ڪندي تنهنجي پاڪائي ۽ قدوسيءَ جو اقرار ٿا ڪريون. الله تعاليٰ فرمايو ته جيڪا حقيقت مان ڄاڻان ٿو تنهن جي خبر توهان کي ناهي. (٣١) (جڏهن آدم پيدا ٿيو) تڏهن الله تعاليٰ کيس سڀني شين جا نالا ۽ حقيقتون سيکاريون، پوءِ اهي شيون ملائڪن جي اڳيان پيش ڪري حڪم ڪيائين ته جيڪڏهن اوهان سچ تي آهيو ته هنن جا نالا ۽ حقيقتون ته ٻڌايو. (٣٢) فرشتن عرض ڪيو ته اي خدا سڀ پاڪايون ۽ وڏايون تنهنجي لاءِ آهن. اسان ته فقط ايترو ڄاڻون ٿا جيترو تو اسان کي سيکاريو آهي. تون ئي آهين جو علم ۽ حڪمت ۾ ڪامل آهين. (٣٣) (جڏهن فرشتا عاجز ٿيا) تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته اي آدم تون هنن حقيقتن جو بيان ڪر. جڏهن آدم ٻڌائي ويو تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته، ڇا مون توهان کي چيو ڪين هو ته مان زمين ۽ آسمانن جا سڀ ڳجهه ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي توهان ظاهر ڪيو ٿا سو به ڄاڻان ٿو ۽ جيڪي لڪايو ٿا سو به ڄاڻان ٿو. (٣٤) ۽ (ڏسو) اسان ملائڪن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان نوڙو. هو جهڪيا ۽ ابليس نه جهڪيو. هن نه مڃيو ۽ تڪبر ڪيائين ۽ منڪرن منجهان ٿي پيو. (٣٥) پوءِ اسان آدم کي چيو ته تون ۽ تنهنجي زال ٻئي جنت ۾ رهو ۽ ان مان جيئن ۽ جيڪي وڻيوَ سوکائو ۽ پيئو پر هن وڻ جي ويجهو به نه لنگهجو. (جيڪڏهن ويجهو لنگهندو ته) انهن ظالمن مان ٿيندو جي حدون لتاڙي ٿا وڃن. (٣٦) پوءِ ڇا ٿيو جوشيطان هنن ۾ وسوسا وجهي هنن جا قدم ترڪائي ڇڏيا (يعني هو ان وڻ کي ويجها ويا ۽ ان جو ميوو چکيائون) ۽ نتيجو هي ٿيو جو بهشتي نعمتن ۽ خوشين واري حالت مان نڪري ويا. پوءِ اسان به (سندن نافرماني سبب) کين حڪم ڪيو ته هيٺ لهو ۽ هتان نڪري وڃو. توهان ۾ هڪڙا ٻين جا دشمن آهن. هاڻي توهان کي زمين تي رهڻو آهي ۽ ڪنهن خاص وقت تائين ان مان فائدو وٺڻو آهي. (٣٧) پوءِ آدم پنهنجي پالڻهار وٽان روحاني تعليم ملڻ سان ڪجهه چڱا ڪلما (چڱيون دعائون وغيره) سکيون (جن جي وسيلي) پوءِ الله تعاليٰ هن جي مٿان مِهر ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبه قبول ڪندڙ ۽ بي انتها رحمت وارو آهي. (٣٨) اسان حڪم ڪيو ته هاڻ توهان سڀ (بني آدم) هتان نڪري وڃو ۽ (ياد رکو ته) جڏهن اسان جي طرفان توهان لاءِ حق جي راهه کولي وڃي ته پوءِ (توهان جي لاءِ ٻه واٽون آهن) پوءِ جيڪو ڏنل هدايت تي هلندو تنهن لاءِ نڪو هوندو خوف نڪو غم. (٣٩) پر جيڪي انڪار ڪندا ۽ اسان جي نشانين کي ڪوڙو سمجهندا، اهي دوزخي جماعت مان هوندا ۽ هميشه عذاب ۾ رهڻ وارا هوندا.

    رڪوع ٥ آيت 40- تا- 46
    بني اسرائيل (يهودين) جي حالت ۽ اسان لاءِ عبرت جا سبق
    (٤٠) اي بني اسرائيل! منهنجي اها نعمت ياد ڪيو جا مون اوهان تي ڪئي. (اوهان کي دنيا ۾ سرفراز ڪيو) ۽ جيڪو عهد مون سان ڪيو هو (ته تنهنجي هدايتن ۽ حڪمن تي عمل ڪنداسين) سو پاڙيو ته مان به توهان سان ڪيل عهد پاڙيان (اوهان کي ڪاميابي ۽ نعمتون ڏيان) ۽ فقط مون کان ڊڄو (ڇو ته مون کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي). (٤١) ۽ ان (قرآن) تي ايمان آڻيو جو مون نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪلام (تورات) جي تصديق ٿو ڪري جو توهان وٽ موجود آهي. (توهان کي ته سڀني کان اڳي قرآن تي ايمان آڻڻ گهرجي ائين نه ٿئي جو اٽلندو) سڀني کان اول توهان ئي (ان جي سچائي قبول ڪرڻ کان) انڪار ڪيو. متان منهنجون آيتون خسيس قيمت تي (دنيائي خسيس فائدن لاءِ) وڪڻي ڇڏيو. (توهان کي گهرجي ته) فقط منهنجي فرمانبرداري ڪيو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (٤٢) ۽ سچ کي ڪوڙسان ڍڪي يا ملائي نه ڇڏيو، نڪي سچ کي لڪايو جڏهن ته توهان ڄاڻوبه ٿا (ته حقيقت ڇا آهي). (٤٣) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوات ادا ڪيو ۽ الله جي حضور ۾ جهڪڻ وارن سان گڏ توهان به نياز جو سر جهڪايو. (٤٤) ڇا توهان ٻين ماڻهن کي ته نيڪيءَ جو حڪم ڏيو ٿا، پر پاڻ کي وساري ٿا ڇڏيو (ته توهانجي عملن جو ڪهڙو حال آهي) حالانڪ خدا جو ڪتاب (تورات) پڙهندا رهو ٿا. ڇا (اهڙي صاف ڳالهه به) توهان سمجهي نٿا سگهو؟ (٤٥) ۽ (ڏسو) صبر ۽ نماز جي وسيلي (پنهنجي تربيت ۽ سڌاري ۾) مدد وٺو، پرنماز (آرام طلب ماڻهو لاءِ) ڏاڍي ڏکي آهي، نه انهن لاءِ جيڪي الله جي حضور ۾ نماڻا ۽ جهڪيل آهن. (٤٦) ۽ جيڪي سمجهن ٿا ته کين پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي ۽ آخر سندس حضور ڏانهن موٽڻو آهي.

    رڪوع ٦ آيت 47-تا - 59
    بني اسرائيل جي تاريخ ۽ اسان لاءِ عبرت جا سبق
    (٤٧) اي بني سرائيل! منهنجون نعمتون ياد ڪيو جن سان مون اوهان کي سرفراز ڪيو ۽ دنيا جي قومن تي اوهان کي فضيلت ڏنم. (٤٨) ۽ انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄو جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ٻئي جي ڪم نه اچي سگهندو. (دنيا ۾ ڪيل بڇڙن ڪمن جي نتيجن کان ڪوبه بچائي ڪونه سگهندو) نڪي ڪنهن جي سفارش قبول پوندي، نڪي ڪنهن به قسم جو عيوضو وٺي ڇڏي ڏنو ويندو، نڪي ڪٿان به ڪنهن طرح جي مدد ملندي. (٤٩) ۽ (اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن مون اوهان کي فرعون جي خاندان کان جنهن اوهان کي نهايت سخت عذابن ۽ ظلمن ۾ پيڙي ڇڏيو هو، ڇوٽڪارو ڏنو. اهي اوهان جي پٽن کي بي رحميءَ سان ڪهندا هئا. (ته اوهان جو نسل ختم ٿئي) ۽ اوهان جي نياڻين کي جيئرو ڇڏيندا هئا (ته مصري ماڻهن جون ٻانهيون ٿي رهن) ۽ في الحقيقت هن حال ۾ اوهان جي پالڻهار جي طرف کان اوهان لاءِ وڏي آزمائش هئي. (٥٠) ۽ (پوءِ اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن (توهان مصر ملڪ مان نڪتؤ ۽ فرعون لشڪر سميت اوهان کي پڪڙڻ لاءِ پوئتان آيو) اسان سمنڊ جو پاڻي هيڏي هوڏي ڪري ڇڏيو ۽ اوهان وچئون لنگهي ويو، مگر فرعون کي لشڪر سميت غرق ڪري ڇڏيوسين ۽ توهان پاڻ ڏٺو. (٥١) ۽ (پوءِ اهو واقعو به ياد ڪيو جو) جڏهن (سينائي اپٻيٽ ۾) حضرت موسيٰ سان اسان چاليهه راتين جو واعدو ڪيو هو. (اوهان کان جدا ٿي طور جبل ڏي هليو ويو ته) اوهان هن جي وڃڻ بعد سندس پرپٺ (مصرين وانگر) گابي جي پوڄا شروع ڪري ڏني ۽ اهو وڏو ظلم ڪري ڇڏيوَ (جو حق جي راهه کان هٽي ويؤ.) (٥٢) پر تڏهن به اسان (پنهنجي رحمت سان) هن (وڏي غلطي ۽ گناهه) بعد به اوهان کي معاف ڪيو ته من الله جي بخششن جو قدر ڪيو. (٥٣) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو جو) اسان (چاليهه راتين جو واعدو پورو ڪيو) ۽ موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ۽ فرقان (حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ واري قوت يا نشانيون ۽ معجزا) عطا فرمايا، انهيءَ لاءِ ته توهان تي (سعادت ۽ فلاح جي) راهه کلي پوي. (٥٤) ۽ (وري اهو وقت به ياد رکو) جڏهن حضرت موسيٰ (تورات سان طور جبل کان موٽي آيو ۽ اوهان کي گابي جي پرستش ۾ گرفتار ڏٺائين). اوهان کي چيائين ته، اي منهنجي قوم افسوس! اوهان گابي جي پوڄا ڪرڻ سان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو آهي. هاڻي پنهنجي خالق ڏانهن رجوع ٿيو ۽ (گابي جي پوڄا جي بدلي ۾) پنهنجي جانين کي قتل ڪيو. انهيءَ ۾ اوهان جي خالق وٽ اوهان جي لاءِ بهتري آهي، پوءِ اوهان جي توبه الله تعاليٰ قبول ڪئي. بيشڪ هو بار بار توبه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٥٥) ۽ (اها ڳالهه به ياد ڪيو جو) توهان چيو ته، اي موسيٰ اسان ڪڏهن به توتي يقين نه رکنداسين، جيستائين الله کي ظاهر ظهورهنن اکين سان ڏسون، پوءِ (اوهان جي انهيءَ گمراهيءَ جي دليريءَ جو نتيجو هي ٿيو جو) توهان کي بجلي ۽ گجگوڙ وڪوڙي ويئي ۽ توهان نهاري رهيا هيؤ. (٥٦) پوءِ اسان توهان کي اوهان جي موت بعد وري اٿاري بيهاريو ته جيئن خدا جي نعمتن جي قدر شناسي ڪيو. (٥٧) ۽ (سينا جي رڻ پٽ ۾ جتي سخت اس هئي ۽ نه هو پاڻي نه پوک اتي) اسان اوهان تي ڪڪرن جي ڇانو ڪئي ۽ اوهان جي لاءِ من ۽ سلويٰ جي غذا نازل ڪئي سون ۽ چيوسون ته جيڪي پاڪ شيون اسان توهان جي کائڻ لاءِ عطا ڪيون آهن سي مزي سان کائو. (تڏهن به هنن بي شڪري ۽ بد عملي ڪئي). هنن (پنهنجي بي شڪري ۽ بدعمليءَ سان) اسان کي نقصان ڪونه پهچايو، پر پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا. (٥٨) ۽ ياد رکو ته اسان توهان کي حڪم ڪيو ته هن سامهون واري شهر ۾ (فتح ڪري) گهڙي پؤ ۽ جيئن وڻيو تيئن مزي سان کائو پيئو ۽ خوش زندگي گذاريو، پر دروازي کان اندر گهڙڻ وقت الله جي حضور ۾ جهڪي وڃو ۽ (بخشش گهرندا ۽ استغفار چوندا هلجو ته (جيڪڏهن ائين ڪندؤ ته) اسان توهان جون خطائون معاف ڪري ڇڏينداسين ۽ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عمل انسانن جي عملن ۾ برڪت ڏينداسين ۽ انهن جي اجر ۾ واڌارو ڪنداسين. (٥٩) پر پوءِ ڇا ٿيو جو اوهان مان انهن ماڻهن، جن جي راهه ظلم ۽ شرارت جي راهه هئي، تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه ڪئي (عاجزي ۽ بندگي جي بدران غفلت، هٺ ۽ وڏائيءَ ۾ پئجي ويا) نتيجو هيءُ نڪتو جو اسان ظالمن تي آسمان مان عذاب نازل ڪيو هن ڪري جو هو بي فرماني ڪندا رهيا.

    رڪوع ٧ آيت60-تا-61
    بني اسرايل جون فرمائشون ۽ نافرمانيون
    (٦٠) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم لاءِ پاڻي جي واسطي دعا گهري تڏهن اسان کيس حڪم ڪيو ته پنهنجي لٺ سان پهاڙ جي ڇپ کي ڌڪ هڻ (حضرت موسيٰ حڪم جي تعميل ڪئي) ته ان ڇپ منجهان ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا ۽ سڀني قبيلن ( جيڪي 12 قبيلا هئا) پنهنجو پنهنجو پاڻي کڻڻ جو هنڌ معلوم ڪري ورتو. (ان وقت اوهان کي چيو ويو ته) الله تعاليٰ جي رزق مان کائو ۽ پيئو ۽ زمين تي جهڳڙا فساد نه ڪريو. (٦١) ۽ (ڏسو) توهان حضرت موسيٰ کي چيو ته، اي موسيٰ اسان رڳو هڪ ئي طعام کائڻ تي صبر نٿا ڪري سگهون. تنهن ڪري پنهنجي پروردگار کان دعا گهر ته اسان جي لاءِ اهي سڀ شيون پيدا ڪري جي زمين مان اڀڙنديون آهن، (يعني) سبزي، (ڀاڄيون)، کيرا، ڪڻڪ، دال، بصر، ٿوم وغيره (جي مصر ۾ سڀئي کائيندا هئا). حضرت موسيٰ فرمايو ته، ڇا خير ۽ برڪت واري شيءِ جي بدران خسيس شيءِ ٿا گهرو. چڱو هتان نڪرو، وٺو شهر جي راهه. اتي اهي سڀ شيون اوهان کي ملنديون جي شوق سان گهريون اٿو. بهرحال هنن تي خواري ۽ نامراديءَ جي مار پئي ۽ خدا جي غضب جا لائق ٿيا. اهي مصيبتون (خواري نامرادي ۽ خدا جو غضب) مٿن ان ڪري ڪڙڪيون جو هو خدا جي آيتن (نشانين) کان انڪار ڪندا هئا ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (گمراهي ۽ شرارت هنن ۾ انهيءَ ڪري هئي جو فرمانبرداريءَ بدران) هنن ۾ سرڪشي ۽ بغاوت گهر ڪري ويئي هئي ۽ سڀ حدون لتاڙي شتر بي مهار ٿي پيا هئا. (نتيجو ٿيو، ذلت ۽ خدا جو غضب).

    رڪوع ٨ آيت 62-تا-71
    بني اسرائيل جون بدخصلتون، پنهنجي عهد تان ڦري وڃڻ ۽ عذر بهانا ڪرڻ
    (٦٢) بيشڪ جن ماڻهن (حضرت محمد ﷺ) تي ايمان آندو آهي ۽ اهي جي يهودي آهن، اهي جي نصارا آهن يا صابي آهن (ڪير به هجن ۽ ڪهڙي به جماعت ۾ هجن) پر جنهن به خدا تي، آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تنهن کي (پنهنجي ايمان ۽ چڱن ڪمن جو) اجر پنهنجي پروردگاروٽان ملندو. اهڙن ماڻهن لاءِ ڪنهن به طرح جو نه خوف هوندو ۽ نه وري ڪنهن به قسم جي غمگيني. (٦٣) ۽ (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو هو ۽ ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون. (۽ توهان کي چيو ويو هو ته) جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي ان تي مضبوطيءَ سان قائم رهو ۽ جيڪي ان ڪتاب ۾ بيان ڪيل آهي ان کي هميشه ياد ڪندا رهو انهيءَ لاءِ ته من خدا جي نافرمانيءَ کان بچو. (٦٤) پر وري به اوهان پنهنجي عهد کان ڦري ويو، پوءِ جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان تي پنهنجو فضل ۽ رحمت نه ڪري ها ته (اوهان جي بدعملين سبب) اوهان هڪدم تباهه ٿي وڃو ها. (٦٥) ۽ يقيناً اوهان کي معلوم آهي ته اوهان منجهان جيڪي سبت (يعني موڪل ۽ عبادت جي پاڪ ڏينهن) بابت (خدا جي حڪمن جي) حدن کان لنگهي ويا تن کي اسان چيو ته ذليل ۽ خوار باندرن جهڙا ٿي پؤ. (انسانن وٽان ڌڪار ۽ نفرت سان تڙي ڪڍيا ويندو). (٦٦) (ٿيو به ائين) پوءِ اسان انهيءَ حالت کي انهن سڀني لاءِ جن جي اڳ اها حالت ٿي ۽ پڻ پوين لاءِ عبرت جو سبق بنايو ۽ متقين جي لاءِ ان ۾ نصيحت ۽ دانائي رکي. (٦٧) ۽ (اهو معاملو به ياد ڪريو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته هڪڙو ڍور ذبح ڪيو (هو عمل ڪرڻ بدران اجايا سوال ۽ عذر بهانا ڪرڻ لڳا) چوڻ لڳا ته تون اسان سان چرچا ٿو ڪرين؟ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اعوذبالله (خدا پناه ڏئي) انهيءَ کان جو (خدا جي حڪمن بابت مسخري ڪري) پاڻ کي جاهل ۽ بيوقوف بنايان. (٦٨) هنن چيو ته، ڀلا پنهنجي پروردگار کي اسان جي پاران عرض ڪر ته کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور ذبح ڪيون. حضرت موسيٰ چيو ته، خدا جو حڪم آهي ته اهو ڍور نڪي ڪراڙو هجي، نڪي ٻچڙو هجي. درميان عمر وارو هجي، هاڻي ته ڀلا حڪم جي تعميل ڪيو. (پر هنن ٻيو سوال ڪري ڇڏيو). (٦٩) چوڻ لڳا ته، وري پنهنجي پرودگار کي اسان جي لاءِ عرض ڪر ته، کولي ٻڌائي ته ان جو رنگ ڪهڙو هجي. حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ ٻڌائي ٿو ته ان جو رنگ پيلو هجي، خوب گهرو پيلو، جو ڏسندڙن جي دل خوش ڪري. (٧٠) (مونجهارو پيدا ڪرڻ لاءِ) وري چوڻ لڳا ته پنهنجي رب کي وري به اسان جي پاران استدعا ڪر ته وڌيڪ کولي ٻڌائي ته ڪهڙي قسم جو ڍور قربان ڪجي؟ ڇو ته اسان جي لاءِ ڍور مڙيئي ڍورن جهڙا آهن. (تنهن ڪري وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي). انشاءَ الله اسان پوءِ ضرور سمجهي وٺنداسين. (٧١) تنهن تي حضرت موسيٰ چيو ته، الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته، اهڙو ڍور هجي جو نه ڪڏهن هر ۾ جوٽيل هجي ۽ نه نار ۾ وهايل هجي. پوري طرح صحيح سالم هجي، داغ ۽ عيب کان صاف ۽ پاڪ هجي. پوءِ (عاجز ٿي) چيائون ته هاڻي پوري پوري ڳالهه ٻڌايئي. نيٺ اهو ڍور ذبح ڪيائون، پر ائين ڪرڻ تي هنن جي دل نه ٿي وري.

    رڪوع ٩ آيت 72-تا- 82
    بني اسرائيل جون ڪجهه ٻيون بدخصلتون
    (٧٢) ياد رکو ته، توهان هڪڙو ماڻهو قتل ڪيو، پوءِ ان متعلق پاڻ ۾ جهڳڙو ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي تي ڏوهه ڌرڻ لڳؤ. پر جيڪا ڳالهه توهان لڪائڻ پئي گهري سا الله تعاليٰ ضرور ظاهر ڪرڻ وارو هو (۽ انهيءَ عظيم گناهه لاءِ سزا ڏيڻ وارو هو). (٧٣) (ٿيو به ائين) اسان حڪم ڏنو ته هن شخص تي (جيڪو سچ پچ خوني هو) خون ٿيل جي گوشت مان ڪجهه ٽڪرو هڻو. (جڏهن ائين ڪيو ويو تڏهن حقيقت معلوم ٿي وئي خوني لڀي ويو) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح مئلن کي جيئرو ڪري ٿو ۽ اوهان کي پنهنجون (قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون ڏيکاري ٿو، انهيءَ لاءِ ته سمجهه ۽ عقل ڪم آڻيو. (٧٤) پوءِ توهان جون دليون (بار بار گناهن ۽ نافرمانين ڪرڻ سبب) سخت ٿي پيون، اهڙيون سخت جهڙو پٿر. نه نه، اڃا به وڌيڪ سخت. ڇو ته پٿرن ۾ اهڙا پٿر به آهن جن مان نهرون وهي هلن ٿيون. ڪي وري اهڙيون ڇپون آهن جي ڦاٽي ٻه ٽڪر ٿين پيون ته انهن منجهان پاڻي نڪري ٿو پوي. ڪي ته وري اهڙيون به آهن جي خدا جي خوف کان ڏڪي ڪري پون ٿيون. (مگر افسوس اوهان جي دلين تي! جن جي اڳيان پٿر جي سختي ڪجهه به نه آهي.) ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن به نسبت غافل ناهي (هو اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ اوهان کي سخت عذاب ڏيندو). (٧٥) (اي مؤمنو!) اوهان اميد رکو ٿا ڇا ته (هي مديني جا يهودي) اوهان جي ڳالهه مڃي (حضرت محمد ﷺتي) ايمان آڻيندا؟ ۽ حالت هيءَ آهي جو هنن مان ڪي الله جو ڪلام ٻڌندا به آهن ۽ ان جو مطلب به سمجهندا آهن، پر تڏهن به ڄاڻي ٻجهي ان جي لفظن ۾ مٽ سٽ ڪري مطلب ئي ڦيرائي ڇڏيندا آهن. (٧٦) ۽ ڏسو هنن جا حال جڏهن هو ايمان وارن سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اڪيلا پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته توهان کي خدا جيڪو (تورات) جو علم ڏنو آهي سو هنن (مسلمانن) کي ڇو ٿا ٻڌايو؟ ڇا انهيءَ لاءِ ٿا ٻڌايو ته هو اوهان جي خلاف اوهان جي پروردگار وٽ دليل وٺن؟ (يعني تورات مان ئي توهان جي خلاف دليل پيدا ڪن) ڇا اهڙي ظاهر ڳالهه به نٿا سمجهو؟ (٧٧) (افسوس هنن جي حال تي!) ڇا ايترو به نه ٿا ڄاڻن ته (معاملو انسانن سان ناهي پر الله سان آهي) ۽ الله ته سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو جيڪي هو لڪائين ٿا سو به ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي ظاهر ڪن ٿا سو به ڄاڻي ٿو. (٧٨) ۽ انهن يهودين ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي اڻ پڙهيل آهن ۽ پنهنجي ڪتاب تورات بابت سواءِ پنهنجي خواهشن ۽ اميدن جي ٻيو ڪجهه نٿا ڄاڻن ۽ رڳو پنهنجن وهمن ۽ گمانن سان ڀرپور آهن. (٧٩) پوءِ ويل آهي انهن لاءِ جيڪي پنهنجي لاءِ هٿن سان ڪتاب ٺاهي چون ٿا ته هي خدا وٽان آهي (يعني اهي خدا جا حڪم آهن، حالانڪ پنهنجي مطلبن ۽ فائدن لاءِ ڪوڙا مطلب ٿا ان ۾ لکن) اهو انهيءَ لاءِ ڪن ٿا ته ان جي وسيلي دنيائي فائدن جي خسيس قيمت تي دين کي وڪڻي ڇڏين. پوءِ افسوس آهي انهيءَ تي جيڪي سندن هٿ لکن ٿا، افسوس آهي انهن تي جيڪي هو اهڙيءَ طرح ڪمائن ٿا. (٨٠) ۽ هي يهودي چون ٿا ته جهنم جي باهه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي (ڇو ته اسان ئي خدا جي پياري نجات يافته قوم آهيون) جيڪڏهن کڻي باهه ۾ پئون به ته به ٿورن ڳڻيل ڏينهن لاءِ (پوءِ جنت ۾ داخل ٿينداسين، اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته اها ڳالهه جا چئو ٿا سا (ٻن حالتن کان خالي ناهي يا ته) توهان خدا کان عهد لکائي ورتو، هاڻي ڪو عهد جي خلاف وڃي نه سگهندو يا ته خدا جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چئو ٿا جنهن لاءِ توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. (٨١) هرگز نه، (جنت ڪنهن خاص گروهه ۽ نسل جي ميراث ناهي) خدا جو قانون ته هي آهي ته جن به ماڻهن پنهنجي بدعملين سان برائي ڪمائي ۽ سندن گناهن هن کي گهيري ورتو سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٨٢) جن به ماڻهن (سچو) ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا، اهي جنتي جماعت ۾ هوندا ۽ هميشه جنت ۾ رهندا.

    رڪوع ١٠ آيت 83-تا-86
    بني اسرائيل جا عظيم ڏوهه
    (٨٣) ۽ (وري اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن اسان بني اسرائيلن کان عهد ورتو هو ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪندؤ، ماءُ پيءُ سان احسان (چڱايون) ڪندؤ ۽ پڻ مائٽن يتيمن ۽ مسڪينن سان نيڪيون ۽ مددگاريون ڪندؤ، سڀني انسانن سان تمام سهڻي نموني گفتگو ڪندؤ ۽ نمازقائم ڪندؤ ۽ زڪوٰت ادا ڪندؤ (ايمان ۽ عمل اهوئي آهي) پر توهان انهيءَ عهد تي قائم نه رهيو ۽ سواءِ ڪن ٿورن جي، ابتڙ چال هليؤ ۽ (سچ هي آهي ته) توهان هدايت کان قطعي منهن موڙي ڇڏيو آهي. (٨٤) ۽ (وري هي به ياد ڪيو ته) اسان توهان کان عهد ورتو هو ته هڪ ٻئي جو خون نه وهائيندؤ ۽ نه پنهنجي ماڻهن کي ملڪ نيڪالي ڏيندؤ. توهان اهو اقرار ڏنو هو ۽ توهان هاڻي به اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا (ته توهان برابر اهو عهد اقرار ڪيو هو.) (٨٥) پر وري ڏسو ته سهي ته اوهان اهي ئي ساڳيا (جن عهد اقرار ڏنو، هاڻي ان عهد اقرار جي خلاف) هڪ ٻئي کي قتل ٿا ڪيو ۽ هڪڙي ڌر وارا ظلم ۽ گنهگاري جي ڪم لاءِ ٻڌي ۽ مددگاري ڪري ٻيءَ ڌر وارن مان ڪن کي پنهنجي وطن مان نيڪالي ٿا ڏيو. پر وري جڏهن اهي ئي جلا وطن ڪيل ماڻهو (دشمن جي هٿ چڙهي) قيدي ٿي توهان وٽ اچن ٿا ته توهان فديه (عيوضو) ڏيئي انهن کي ڇڏايو ٿا (۽ چئو ٿا ته اسان جي شريعت موجب ائين ڪرڻ ضروري آهي) حالانڪ (جيڪڏهن شريعت تي هلڻ جو اوهان کي اونو آهي ته شريعت موجب) اوهان لاءِ هيءَ ڳالهه به حرام هئي جو اوهان هنن کي جلاوطن ڪيو. (ڇا پنهنجي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ) ڪتاب جي ڪن ڀاڱن تي ايمان آڻيو ٿا ۽ ڪن ڀاڱن کان انڪار ٿا ڪيو. پوءِ ٻڌايو ته اوهان مان جن جا افعال اهي آهن تن کي انهن بدافعالن جي بدلي ۾ هن کان سواءِ ٻيو ڇا حاصل ٿي سگهندوته دنيا ۾ ذلت ۽ خواري ٿئي ۽ قيامت جي ڏينهن سخت ۾ سخت عذاب ملي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان غافل ناهي (هو ضرور عملن جي جزا ڏيندو). (٨٦) اهي ئي ماڻهو آهن جن آخرت جي زندگي ڏيئي (پاڻ کي برباد ڪري) هن دنيا جي مفادن واري (ذلت جي) زندگي خريد ڪئي آهي هنن جي عذاب ۾ ڪجهه به گهٽتائي نه ڪئي ويندي ۽ نه هنن کي ڪا مدد ئي ملندي.

    رڪوع ١١ آيت 87-تا-96
    يهودين جون ٻيون بدخصلتون ۽ بدعمل، موت کان ويڳاڻائپ
    (٨٧) ۽ يقيناً اسان حضرت موسيٰ کي ڪتاب (تورات) ڏنو. حضرت موسيٰ کان پوءِ هڪ ٻئي پٺيان رسول موڪلياسين ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي (سندن پيغمبري جي سچائي ۽ ثبوت جون) چٽيون نشانيون ڏنيوسين ۽ روح القدس (حضرت جبرائيل يا پاڪ وحي) جي کيس تائيد ڏني سين، پر توهان جي هميشه اهائي عادت رهندي ڇا جو جڏهن ڪوبه رسول توهان وٽ اهڙا حڪم کڻي اچي جي توهان جي نفساني خواهشن جي خلاف هجن تڏهن تڏهن توهان تڪبر ڪيو، ڪن کي ڪوڙو ڪوٺيو ته ڪن کي قتل ڪيو. (٨٨) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته اسان جي دلين تي غلاف (پردو) چڙهيل آهي (ڪا نئين ڳالهه اسان جي دلين تائين ڪين پهچندي اها اعتقاد جي پڪائي ناهي، پر حق کان انڪار ڪرڻ جي تعصب جي لعنت آهي). سو الله تعاليٰ سندن انڪار سبب مٿن لعنت وڌي آهي. تنهن ڪري هو بلڪل نٿا مڃن. (٨٩) جيئن ته جڏهن الله تعاليٰ وٽان هنن وٽ ڪتاب (قرآن) آيو آهي، جنهن انهن جي ڪتاب (تورات) کي سچو ليکيو آهي جو وٽن اڳ ۾ ئي موجود هو تڏهن (تورات ۾ حضرت محمد ﷺ ۽ قرآن مجيد جي پيشنگوئي هوندي به) توڻي جو اڳي ان جي وسيلي ڪافرن تي فتح حاصل ڪرڻ لاءِ دعائون گهرندا هئا، تڏهن به جڏهن اهو (قرآن مجيد) نازل ٿيو ۽ ان کي سڃاتائون به ته پوءِ به (تڪبر ۽ مفادن سبب) ان جا منڪر ٿيا، پوءِ اهي ماڻهو جي ڄاڻي ٻجهي حق کان انڪار ڪن تن تي الله تعاليٰ جي لعنت آهي (يعني اهڙن تي فلاح ۽ سعادت جي واٽ ڪڏهن به نه ٿي کلي). (٩٠) (افسوس هنن جي بدبختيءَ تي!) ڪهڙي نه خسيس قيمت تي هنن پنهنجي ضمير ۽ نفس کي وڪڻي ڇڏيو آهي! جو الله تعاليٰ جي نازل ڪيل سچائي کان انڪار ٿا ڪن سو به رڳو حسد جي ڪري جو الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان پنهنجي بندن مان جيڪو وڻيس ٿو تنهن تي پنهنجو وحي نازل ڪري ٿو. (پوءِ اڳين بدعملين ۽ هنن نئين انڪار سبب) غضب مٿان غضب هنن تي ڪڙڪيو. (خدا جو قانون آهي ته) حق کان انڪار ڪرڻ وارن (سرڪشن) لاءِ هميشه خوار خراب ڪندڙ عذاب آهي. (٩١) ۽ جڏهن کين چيو وڃي ٿو ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي تنهن تي ايمان آڻيو، تڏهن چون ٿا ته اسان فقط انهيءَ تي ايمان آڻينداسين جو اسان تي نازل ٿيو آهي. ان کان سواءِ جو ڪجهه آهي، تنهن کان هنن کي انڪار آهي، توڻي جو اهو خدا جو سچو ڪلام آهي ۽ خود سندن ڪتاب جي تصديق ٿو ڪري. اي منهنجا پيغمبر! تون انهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان فقط تورات کي مڃڻ ٿا چاهيو ته پوءِ انهن نبين کي ڇو نه ٿا مڃيو جن تورات تي عمل ڪرڻ لاءِ توهان کي سمجهايو) ڇو اٽلندو توهان الله جي نبين کي قتل ڪيو؟ جيڪڏهن توهان سچ پچ مؤمن هيئو، (يعني توهان کي خود تورات تي به ايمان ۽ عمل ڪونه هو). (٩٢) (ان جا مثال ٻڌو) اوهان وٽ حضرت موسيٰ سچائي جي روشن دليلن سان آيو، پوءِ توهان هن جي پرپٺ گابو ٺاهي ان جي پوڄا ڪرڻ لڳو ۽ ائين ڪرڻ سان توهان وڏو ظلم ڪري ڇڏيو، (۽ حق کان هٽي ويئو.) (٩٣) ۽ (اهو واقعو به ياد ڪيو) جڏهن اسان توهان کان عهد ورتو. ان وقت طور جبل جون چوٽيون اوهان جي مٿان بلند ڪيون ويون هيون ته جيڪو ڪتاب توهان کي ڏنو ويو آهي تنهن کي مضبوطيءَ سان جهليو ۽ ان تي عمل ڪيو. توهان (زبان سان ته) چيو ته ٻڌوسين، پر (دل سان چيو ته) نٿا مڃيون. پوءِ ڇا ٿيوجو اوهان جي ڪفر سبب اوهان جي دلين ۾ گابي جي پوڄا اثر ڪري ويئي. اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪڏهن توهان جو ايمان اهو آهي ته ڪهڙي نه برائي آهي، اها جو توهان جو (منافقاڻو ڪوڙو) ايمان اوهان کي ڏَسي ٿو. (٩٤) (اي پيغمبر! انهن يهودين کي) چئو ته جيڪڏهن آخرت جو گهر (بهشت) خدا وٽان خالص طور توهان جي لاءِ آهي، نه ٻين لاءِ (جيئن توهان دعويٰ ڪيو ٿا) ته پوءِ جيڪڏهن انهيءَ دعويٰ ۾ سچا آهيو ته موت لاءِ خواهش رکو. (٩٥) پر هو هرگز موت جي تمنا نه رکندا ڇو ته هنن جي هٿن گهڻن ئي گناهن جو ثمر اڳواٽ موڪلي ڏنو آهي (سزا کان ڊڄن ٿا، پر مؤمن جيڪي چڱا عمل ڪن ٿا سي موت کان ڪونه ٿا ڊڄن) الله تعاليٰ ظلم ڪرڻ واري کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو. (٩٦) نه رڳو ايترو پر توهان ڏسندؤ ته وڏي حياتيءَ لاءِ حرص هنن کي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ آهي. مشرڪن کان به وڌيڪ حرص اٿن. هنن مان هرهڪ چاهي ٿو ته شال هڪ هزار سال جيئرو هجان پر ڊگهي حياتي هنن کي آخرت جي عذاب کان ڪونه ڇڏائيندي. جيڪي هو ڪن ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

    رڪوع ١٢ آيت 97-تا-103
    يهودين بابت وڌيڪ حقيقتون
    (٩٧) (اي پيغمبر!) چئو ته جيڪو (مَلَڪ) جبريل سان دشمني رکي ٿو انهيءَ ڪري جو هو الله جي حڪم سان تنهنجي قلب تي وحي نازل ڪري ٿو ۽ اهو وحي تصديق ڪري ٿو انهيءَ وحي جي جو اڳي نازل ٿيو آهي ۽ مؤمنن جي لاءِ حق جي راهه کوليندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ آهي. (٩٨) (پوءِ) جيڪو الله جو ۽ ملائڪن جو ۽ رسولن جو ۽ جبريل ۽ ميڪائيل جو دشمن آهي (يعني وحي جي سلسلي جو مخالف آهي) ته پوءِ الله تعاليٰ به اهڙن حق جي منڪرن جو دوست ناهي. (٩٩) (اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي جا روشن دليل نازل ڪيا آهن ۽ انهن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي، سواءِ انهن ماڻهن جي جيڪي سچائي ۽ نيڪ عملن کي ڇڏي) گمراهه ٿي ويا آهن. (١٠٠) جڏهن به هنن يهودين (حق جي تابعداري جو ڪو) عهد ڪيو تڏهن انهن مان ڪنهن نه ڪنهن ٽوليءَ انهيءَ عهد کي اڇلائي ڦٽو ڪيو، حقيقت هيءَ آهي ته هنن مان گهڻا اهڙا آهن جن جون دليون ايمان کان خالي آهن. (١٠١) ۽ جڏهن هنن وٽ الله وٽان هڪڙو رسول انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ڪندي آيو جو وٽن اڳ ۾ موجود هو تڏهن انهن يهودين جن کي ڪتاب ڏنو ويو هو، تن مان هڪ ٽولي انهيءَ الله جي ڪتاب (تورات) کي پنهنجي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيو. ڄڻ ته ان کي سڃاڻيندا به نه هئا. (حضرت عيسيٰ عليه السلام ۽ حضرت محمد ﷺ کي نه مڃڻ تورات کي نه مڃڻ جي برابر هو، ڇو ته تورات ۾ ٻنهي جي سچائيءَ جون پيشنگويون آهن). (١٠٢) ۽ هو ان (جادوءَ) جي پٺيان لڳي پيا جو حضرت سليمان (عليه السلام) جي بادشاهيءَ جي زماني ۾ شيطان (يعني شرير ماڻهو) پڙهندا هئا، پر حضرت سليمان عليه السلام ڪڏهن به اهو ڪفر جو ڪم نه ڪيو (جادو نه سيکاريو) مگر انهن ئي شيطانن جو ڪفر هئو جو ماڻهن کي جادوگري سيکاريندا هئا، نڪي اهو جادو بابل ۾ هاروت ۽ ماروت مَلڪن تي نازل ٿيو هو. حقيقت هيءَ آهي ته جيڪي به هو سيکاريندا هئا سو هيئن چوڻ کان سواءِ نه سيکاريندا هئا ته يقيناً اسان اوهان جي لاءِ فتنو (آزمائش) آهيون. پوءِ توهان ڪفر جو ڪم نه ڪيو، پر تنهن هوندي به ماڻهو شيطانن کان اهڙا ڪم سکندا هئا جن جي وسيلي مڙس ۽ زال جي وچ ۾ جدائي وجهڻ گهرندا هئا پر هو ڪنهن به انسان کي نقصان پهچائي ڪونه سگهندا هئا، پر خدا جي حڪم سان هونئن ئي ڪنهن کي نقصان پهچڻو هوندو ته پوءِ اهو پهچندو. ۽ اهي ماڻهو اهڙيون ڳالهيون سکن ٿا جي هنن کي نقصان ٿيون پهچائين نه فائدو. هنن کي خبر به آهي ته جيڪو به (پنهنجو دين ايمان وڪڻي) جادوگري خريد ڪندو تنهن کي آخرت جي ڀلاين مان ڪجهه به نه ملندو. ڪهڙي نه خراب شيءِ (خسيس مفادن) جي واسطي هنن پنهنجا ضمير ۽ نفس وڪڻي ڇڏيا. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها. (١٠٣) جيڪڏهن اهي ماڻهو (خدا جي حڪمن تي) ايمان آڻين ها ۽ نافرماني کان بچن ها ته هنن کي الله وٽان بهتر اجر ملي ها. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جيڪڏهن هو اها حقيقت ڄاڻن ها!

    رڪوع ١٣ آيت 104-تا-112
    بيفائدي بحثن کي ڇڏي معافي ۽ درگذر جو رستو وٺو
    (١٠٤) ايمان وارؤ! راعنا (اسان ڏي ڌيان ڏي) جو لفظ ڪم نه آڻيو (جڏهن پيغمبر ﷺ جو ڌيان پاڻ ڏي ڇڪائڻ چاهيو، ڇو ته اهو لفظ ٻه معنائون ٿو رکي) پر انظرنا (اسان ڏي ڌيان ڪر) چئو ۽ (پوءِ جيڪي پاڻ سڳورا فرمائين سو) خيال سان ٻڌو. اهڙن حق جي منڪرن کي ته دردناڪ عذاب ملڻو آهي. (١٠٥) اهل ڪتاب مان جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ پڻ عرب ملڪ جا مشرڪ نٿا چاهين ته تنهنجي رب وٽان توتي خير (۽ سعادت وارو وحي) نازل ٿئي. پر الله ته جنهن کي چاهي تنهن کي پنهنجي رحمت لاءِ چونڊي کڻي ٿو ۽ الله وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي. (١٠٦) اسان وحين مان ڪوبه وحي بدلايون يا وسارائي ٿا ڇڏيون ته ان کان بهتر يا ان جهڙو نازل ڪيون ٿا. ڇا توهان نٿا ڄاڻوته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي؟ (١٠٧) توهان نٿا ڄاڻو ته زمين ۽ آسمانن جي بادشاهت فقط الله تعاليٰ جي آهي ۽ هن کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو توهان جو دوست ۽ مددگار ٿئي. (١٠٨) ڇا توهان چاهيو ٿا ته پنهنجي رسول کان به ائين اجايا سوال پڇو جيئن اڳي حضرت موسيٰ عليه السلام کان يهودين پڇيا هئا. (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان جي نعمت حاصل ڪري وري ان جي بدلي ڪفر اختيار ڪندو سو يقيناً سڌي واٽ کان ڀلجي گمراهه ٿي ويندو (ڪاميابيءَ جي منزل ڪونه پهچندو.) (١٠٩) (ياد رکو ته) اهل ڪتاب مان هڪ وڏو تعداد چاهي ٿو ته اوهان کي ايمان مان ڪڍي، وري ڪفر ۾ موٽائين ۽ توڻي جو حق هنن لاءِ ظاهر ٿي پيو آهي ته به حسد کان ائين ڪرڻ ٿا گهرن. پوءِ (بي فائده بحثن کي ڇڏي) معافي ۽ درگذر جو رستو وٺو، جيستائين ڪه الله تعاليٰ جو فيصلو ظاهر ٿي وڃي، (يعني حق جي فتح ٿيندي ته ثابت ٿي ويندو ته هو باطل تي آهن) بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. (١١٠) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰت ڏيو (ياد رکو ته) جيڪا به چڱاين جي موڙي پنهنجي لاءِ گڏ ڪيو ٿا ان جو چڱو نتيجو الله تعاليٰ وٽ ڏسندؤ، (يعني ايندڙ وقت ۾ انهن جا فائدا ظاهر ٿيندا) جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (١١١) يهودي چون ٿا ته جنت ۾ ڪوبه ماڻهو نه گهڙندو، جيستائين يهودي نه ٿيندو. ساڳيءَ طرح عيسائي به چون ته جنت ۾ ڪوبه نه ويندو جيستائين عيسائي نه ٿيندو. (اي منهنجا پيغمبر!) اهي هنن جون اجايون خواهشون ۽ اميدون آهن، تون کين چئو ته جيڪڏهن اوهان جو خيال سچو آهي ته اها دعويٰ دليلن سان ثابت ڪيو. (١١٢) (ائين ناهي ته جنت فقط هڪ خاص گروهه کي ملندي) جنهن به خدا جي اڳيان سر جهڪايو ۽ چڱايون ڪيائين تنهن کي پنهنجي پروردگار وٽان ضرور اجر ملندو. هن کي نڪو خوف رهندو ۽ نه غمگيني.

    رڪوع ١٤ آيت 113-تا-121
    اهل ڪتاب ۽ مشرڪن جون گمراهيون،سچي حقيقت ڇا آهي؟
    (١١٣) يهودي چون ٿا ته عيسائين جو دين ڪجهه به نه آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته يهودين وٽ رکيو ڇا آهي. حالانڪ هو ساڳيو ئي ڪتاب پڙهندڙ آهن (۽ اصل دين ٻنهي جو ساڳيو آهي) ساڳي ئي ڳالهه اهي به ڪندا آهن جن کي (الاهي ڪتابن جو) علم ڪونهي، (يعني عرب جا مشرڪ ائين ئي چوندا آهن ته رڳو اسان جو طريقو سچو آهي،) پر قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ هنن جي وچ ۾ جج ٿيندو ۽ جن ڳالهين ۾ اختلاف رکن ٿا تن جو فيصلو ڏيندو. (١١٤) ۽ ڏسو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿو ٿي سگهي جو الله تعاليٰ جي عبادتگاهن ۾ سندس نالو ياد ڪرڻ کان ٻين کي روڪي ٿو، بلڪه ٻين جا عبادتگاهه ڊاهڻ گهري ٿو؟ يقيناً هو انهيءَ جا لائق ئي ناهن ته عبادت گاهن ۾ رڳو اندر وڃن، تڏهن وڃن جڏهن خدا جو خوف دل ۾ رکن. مٿي بيان ڪيل ظالمن لاءِ هن دنيا ۾ به خواري آهي ته آخرت ۾ به تمام سخت عذاب ملندن. (١١٥) مشرق توڙي مغرب يعني ساري دنيا الله جي ئي آهي. پوءِ ڪاڏي به منهن ڦيرايو ته اوڏانهن الله تعاليٰ (حاضر ناظر) آهي. بيشڪ الله تعاليٰ هر هنڌ آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (١١٦) ۽ (ڏسو ته سهي عيسائي) چون ٿا ته الله تعاليٰ پٽ (عيسيٰ) ڄڻيو. حالانڪ. الله تعاليٰ اهڙين ڳالهين کان پاڪ آهي. (هن کي پٽن جي ڪهڙي ضرورت آهي جڏهن ته) زمين ۽ آسمانن ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس قانون ۽ حڪم جا تابعدار آهن. (١١٧) ۽ (هي به خيال ڪيو) ته الله تعاليٰ ته زمين ۽ آسمانن جو ٺاهيندڙ آهي. جڏهن هو ڪنهن به ڪم جو فيصلو ڪري وٺي ٿو تڏهن (مددگارن ۽ وسيلن کان سواءِ ئي) هو فقط حڪم ڪري ٿو ته ٿي پئو ته پوءِ ائين ٿي (هي شيون ۽ جانور) ظهور ۾ اچي وڃن ٿا. (١١٨) ۽ جيڪي ماڻهو (خدائي ڪتابن جو) علم نٿا رکن سي چون ٿا ته الله تعاليٰ ڇو نه ٿو اسان سان سنئون سڌو ڳالهائي يا ڪا نشاني (معجزو) موڪلي؟ اهي به هوبهو اهائي (بيهودي) ڳالهه ٿا ڪن جيڪا هنن کان اڳيان ڪندا هئا. (مذهب جي باري ۾) اڳين ۽ پوين جون دليون هڪ جهڙيون پئي رهيون آهن، سچ هي آهي ته اسان گهڻيون ئي نشانيون ظاهر ڪري ڇڏيون آهن، پر اهي نشانيون انهن لاءِ ڪافي آهن، جيڪي مڃڻ وارا آهن (نه انهن لاءِ جي هرو ڀرو انڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهن جيئن مصري ماڻهن ظاهر ظهور معجزا ڏٺا ته به حضرت موسيٰ کي نه مڃيائون). (١١٩) اي پيغمبر! اسان توکي حق ۽ هدايت جي راهه ڏيکارڻ لاءِ موڪليو آهي ۽ انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي (چڱن عملن جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ حق کان انڪار جي بدلي ۾ عذابن به نسبت) خبردار ڪرين. پوءِ جيڪي ماڻهو (انڪار ۽ بدعملن جي ڪري) دوزخي ٿيندا تن به نسبت توتي جوابداري ڪانهي (تنهنجو ڪم آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ). (١٢٠) (ڇا به ڪرين) اهي يهودي ۽ عيسائي توکان راضي ڪڏهن به نه ٿيندا جيستائين تون هنن جي (هٿرادو ٺاهيل) جماعت جي پيروي ڪرين، هنن کي چئو ته هدايت جي راهه ته اها آهي جا الله تعاليٰ ڏَسي آهي ۽ ياد رک ته جيڪڏهن تو هنن جي خواهشن جي پيروي ڪئي اگرچه تو وٽ اڳئي سچو حقيقي علم اچي چڪو آهي ته پوءِ الله تعاليٰ جي دوستي ۽ مددگاري توکي حاصل نه ٿيندي. (١٢١) جن کي (خدائي) ڪتاب ڏنو ويو آهي ان کي (اخلاص سان ۽ غور ۽ فڪر ڪري حقيقت پروڙڻ لاءِ) ائين پڙهن ٿا جيئن ان کي پڙهڻ گهرجي. اهي پوءِ ضرور ان تي ايمان آڻيندا، پر جيڪڏهن ڪو (سڌي راهه وٺڻ کان) انڪار ڪندو ته پوءِ انهن ئي لاءِ تباهي ۽ نامرادي آهي.

    رڪوع ١٥ آيت 122-تا-129
    حضرت ابراهيم عليه السلام ٽنهي دينن جو ڏاڍو آهي، يهودين ۽ عيسائين جي عمل بجاءِ گروهه بندي ڪري هاڻي اسماعيلي قوم کي دنيا جي هدايت لاءِ چونڊيو ويو.
    (١٢٢) اي بني اسرائيلو! منهنجون اهي نعمتون ياد ڪيو جي مون اوهان تي ڪيون ۽ مون اوهان کي سڄي دنيا ۾ ممتاز ۽ سرفراز ڪيو. (١٢٣) ۽ ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جنهن ڏينهن ڪوبه انسان ڪنهن ٻئي انسان کي ڪم نه ايندو (نڪي پنهنجي ڪنهن پيشوا جو نالو وٺي عذاب کان ڇٽي وڃبو) نه ڪنهن طرح جو عيوضو قبول پوندو (يعني فديو ڏئي جان ڪوبه ڇڏائي سگهي) نه ڪنهن جي ڪوشش ۽ سفارش فائدو ڏيندي ۽ نه گنهگارن کي ڪٿان به مدد ملندي. (١٢٤) ۽ (اها ڳالهه ياد رکو ته) جڏهن حضرت ابراهيم کي سندس پروردگار ڪن ڳالهين ۾ آزمايو تڏهن هو آزمائش ۾ پورو نڪتو. پوءِ الله تعاليٰ کيس فرمايو ته مان توکي ماڻهن لاءِ امام بنائڻ وارو آهيان (يعني ماڻهو تنهنجي پيروي ڪندا) تڏهن حضرت ابراهيم عرض ڪيو ته منهنجي اولاد تي به اهڙو فضل ٿئي. الله تعاليٰ جواب ۾ فرمايو ته هائو، پر جيڪي ظالم ۽ گنهگار ٿيندا تن سان منهنجو عهد لاڳو نه ٿيندو (رڳو نسل ۽ خاندانائي ڪجهه به فائدو نٿي ڏئي.) (١٢٥) ۽ وري ڏسو ته اسان هن گهر (ڪعبي) کي ماڻهن جي اچڻ جو مرڪز ۽ امن امان جي جاءِ ڪئي ۽ حڪم ڏنوسين ته حضرت ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي (هميشه جي واسطي) نماز پڙهڻ جي جاءِ بنايو وڃي ۽ اسان حضرت ابراهيم ۽ حضرت اسماعيل کي حڪم ڪيو ته هن منهنجي گهر کي طواف ڪرڻ وارن لاءِ، عبادت لاءِ منجهن رهڻ وارن لاءِ ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن لاءِ پاڪ رکو. (١٢٦) ۽ پوءِ ڇا ٿيو جو حضرت ابراهيم دعا گهري ته اي منهنجا رب! تون هن شهر کي امن امان وارو شهر ڪر ۽ ان جي ماڻهن مان جيڪي الله ۾ ۽ آخرت جي ڏينهن ۾ سچو ايمان رکن تن جي گذران لاءِ هر طرح جا ميوا وغيره عطا ڪر. تنهن تي خدا جو حڪم آيو ته هائو، پر جيڪو ڪفر ڪندو تنهن کي به ڪجهه وقت ته رزق جو فائدو ڏينداسين پر جلد کيس باهه جي عذاب ڏانهن گهلينداسين اهو (دوزخ جو) هنڌ ڪهڙو نه مصيبت وارو هوندو! (١٢٧) ۽ هي عظيم واقعو به ياد رکو جو حضرت ابراهيم خدا جي گهر جي پيڙهه وجهي رهيو هو ۽ سندس پٽ حضرت اسماعيل به ساڻس شريڪ هو، (پٿر کڻندي هو دعا گهري رهيا هئا) اي پروردگار! اسان جي هيءَ خدمت ۽ عمل قبول پوي. بيشڪ تون دعائن جو ٻڌندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهين. (١٢٨) اي اسان جا پروردگار! اسان ٻنهي کي سچو مسلم (تنهنجي حڪمن جو فرمانبردار) ڪر ۽ اسان جي اولاد مان به اهڙي امت پيدا ڪر جا تنهنجي حڪمن جي فرمابردار هجي. اي خدا! اسان کي اسان جي عبادت جا طريقا سيکار ۽ اسان جا قصور معاف ڪر. بيشڪ تون ئي وري وري معاف ڪندڙ ۽ بي انتها رحم واروآهين. (١٢٩) ۽ اي اسان جا پروردگار! (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) جيڪي ماڻهو (مڪي ۾ اسماعيل جو اولاد) پيدا ٿيندا تن ڏانهن انهن ئي منجهان هڪڙو رسول موڪلجانءِ جو تنهنجون آيتون ماڻهن کي پڙهي ٻڌائي. الله جو ڪتاب ۽ عقل ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون سيکاري ۽ (پنهنجي تربيت ۽ صحبت سان) هنن جون دليون پاڪ ڪري ڇڏي. اي پروردگار! بيشڪ تون ئي آهين جو وڏي شان ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهين.

    رڪوع ١٦ آيت 130-تا-141
    حضرت ابراهيم جو دين
    (١٣٠) (حضرت ابراهيم جو طريقو اهو هو جو بيان ڪيو ويو) پوءِ ڪير حضرت ابراهيم جي اهڙي سهڻي دين کان ڦري ويندو؟ سواءِ انهيءَ جي جنهن پاڻ کي جاهل ۽ ڀوڪ بنائي ڇڏيو آهي ۽ بيشڪ اسان حضرت ابراهيم کي دنيا ۾ به چونڊي ممتاز ڪيو ۽ آخرت ۾ به هو صالحن جي جماعت ۾ هوندو. (١٣١) ۽ ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم جي پرودگار کيس حڪم ڪيو ته منهنجي اڳيان سر جهڪائي پورو پورو فرمابردار ٿي وڃ. تڏهن حضرت ابراهيم هڪدم چئي ڏنو ته مون سڀني جهانن جي پالڻهار اڳيان پنهنجو سر جهڪايو. (١٣٢) حضرت ابراهيم ۽ سندس پوٽي حضرت يعقوب پنهنجي اولاد کي اهائي ساڳي وصيت ڪئي (ته الله جي اڳيان سر جهڪائي سندس حڪمن جي فرمانبرداري ڪيو) ته انهن فرمايو ته اي منهنجا فرزندو! الله تعاليٰ توهان جي لاءِ هيءُ سچو دين (اسلام) پسند فرمايو آهي، پوءِ خبردار متان اسلامي فرمانبرداري جي حالت ۾ اچڻ کان اڳ ئي مري وڃو. (١٣٣) پوءِ ڇا توهان انهيءَ وقت حاضر هئو، جڏهن موت اچي حضرت يعقوب جي مٿان بيٺو؟ انهيءَ مهل حضرت يعقوب پنهنجي پٽن کان پڇيو ته مون کان پوءِ ڪنهن جي عبادت ڪندؤ؟ هنن جواب ڏنو ته اسان انهيءَ هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين جنهن جي تو ڪئي آهي ۽ تنهنجي وڏن حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل ۽ حضرت اسحاق ڪئي آهي ۽ اسان به انهيءَ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون. (١٣٤) (بهرحال) اها هڪڙي قوم هئي جا گذر ڪري ويئي، انهن کي اهوئي پلئه پوندو جيڪي هنن عملن سان ڪمايو ۽ اوهان کي به اهو ئي پلئه پوندو جيڪي توهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ، توهان کان اهو ڪين پڇيو ويندو ته هنن ڪهڙا عمل ڪيا. (نڪي توهان هنن جي ڪمن لاءِ جوابدار آهيو، نڪي هو اوهان جي ڪمن لاءِ نڪي هڪ ٻئي کي قيامت ڏينهن ڇڏائي سگهندؤ). (١٣٥) يهودين چيو ته يهودي ٿيو، هدايت وارا ٿيندؤ، پر (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (گروهه بندي ۾ ڇا رکيو آهي! اها عالمگير سچائي اختيار ڪيو جا سڀني نبين سيکاري) حضرت ابراهيم جي راهه اختيار ڪيو. هو الله تعاليٰ جو سچو ۽ مخلص فرمانبردار ٻانهو هو، شرڪ ڪرڻ وارن منجهان نه هو. (١٣٦) (اي مسلمانو!) توهان چئو ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ قرآن مجيد تي ايمان آندو آهي جو اسان تي نازل ٿيو آهي ۽ انهيءَ سچي تعليم تي ايمان آندو آهي جا حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق حضرت يعقوب ۽ سندس اولاد تي نازل ٿي. اسان انهن ڪتابن تي به ايمان آندو آهي جي حضرت موسيٰ ۽ حضرت عيسيٰ تي نازل ٿيا ۽ انهن سڀني هدايتن تي ايمان آندو آهي، جي ٻين نبين کي سندن پروردگار وٽان مليون. اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي جدا نه ٿا ڪيون (جو ان کي نه مڃون ۽ ٻين کي مڃيون. سڀني جي هدايت هڪ ئي هئي ۽ انهيءَ موجب) اسان فقط هڪ خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون. (١٣٧) پوءِ جيڪڏهن هي ماڻهو اهڙيءَ طرح ايمان آڻين جهڙيءَ طرح اوهان ايمان آندو آهي ته پوءِ (جهڳڙو ختم). هنن هدايت جي واٽ ورتي، پر جيڪڏهن هو منهن موڙي هٽي وڃن ته پوءِ سمجهو ته هو ضد ڪري مخالف پارٽي ٿا ٺاهين. پر (پنهنجي ڪم ۾ لڳو رهه) الله تعاليٰ جي مدد توکي هنن جي مخالفتن جي مقابلي ۾ بلڪل ڪافي ٿيندي ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٣٨) اهو آهي الله تعاليٰ جو رنگ ڏيڻ ۽ الله تعاليٰ کان بهتر رنگ ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟ ۽ اسان سندس ئي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيون. (١٣٩) اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي چئي ڏئي ته (اسان جي راهه ته خدا پرستي جي راهه آهي) پوءِ ڇا توهان خدا جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ٿا ڪيو؟ (يعني خدا پرستي جي ئي خلاف آهيو ڇا؟) حالانڪ اسان جو ۽ اوهان جو پروردگار اهوئي آهي. اسان جي لاءِ اسان جا عمل آهن ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جا عمل! اسان ته فقط انهيءَ جي بندگي سچائي ۽ اخلاص سان ڪندڙ آهيون. (١٤٠) يا توهان هيئن ٿا چئو ڇا ته حضرت ابراهيم، حضرت اسماعيل، حضرت اسحاق، حضرت يعقوب ۽ حضرت يعقوب جو اولاد يهودي ۽ نصراني هئا؟ ( اي پيغمبر!) تون هنن کان پڇ ته توهان وڌيڪ. ڄاڻڻ وارا آهيو يا الله؟ (جيڪڏهن الله تعاليٰ وڌيڪ ڄاڻندڙ آهي ته سندس شاهدي اوهان جي خلاف اوهان جي ڪتاب ۾ موجود آهي) پوءِ ڪير وڌيڪ ظالم آهي انهيءَ کان جو خدا جي شاهدي لڪائي؟ ۽ الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان هرگز غافل ناهي. (هو ضرور اوهان کي تباهه ڪندو). (١٤١) اها به هڪ امت هئي جا گذري چڪي جن لاءِ اهوئي هو جو هنن پنهنجي عملن سان ڪمايو ۽ توهان جي لاءِ اهوئي هوندو جو اوهان پنهنجي عملن سان ڪمائيندؤ. توهان کان هُنن بابت پڇاڻو ڪونه ٿيندو ته هنن جا عمل ڪهڙا هئا؟

    حصو ٻيو
    رڪوع ١٧ آيت 142-تا-147
    ڪعبة الله کي نماز لاءِ قبلو بنايو ويو.
    (١٤٢) بي سمجهه ماڻهو چوندا ته ڪهڙي ڳالهه جي ڪري مسلمان جنهن طرف منهن ڪري نماز پڙهندا هئا سو ڦيرائي ٻئي طرف منهن ٿا ڪن. اي پيغمبر! چئو ته، مشرق ۽ مغرب (سڀ طرف) الله ئي جي لاءِ آهن. (هو ڪنهن خاص جاءِ تي محدود ناهي) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي سڌي واٽ کولي ڏيکاري ٿو. (١٤٣) ۽ اي مسلمانو! جهڙيءَ طرح بيت المقدس جي بدران ڪعبة الله کي قبلو بنايو ويو آهي تهڙي طرح اسان توهان کي سڀني کان وڌيڪ نيڪ امت ڪيو آهي،. انهيءَ لاءِ ته توهان سڄي دنيا جي انسانن کي سچي دين جي شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو ۽ اوهان کي هيستائين بيت المقدس جي قبلي تي قائم رکيو ويو هو سو فقط هن لاءِ ته هن موقعي تي معلوم ٿي وڃي ته ڪهڙا ماڻهو رسول ڪريم جي تابعداري ۾ پڪا آهن ۽ ڪهڙا پٺئين پير ڦرڻ وارا آهن ۽ سچ هي آهي ته جن کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي تن کان سواءِ ٻين لاءِ هي معاملو سخت آزمائش وارو هو، پوءِ يقين ڪيو ته الله تعاليٰ توهان جو پڪو ايمان ضايع نه ڪندو (اوهان کي وڏو اجر ڏيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سراسر شفقت ۽ رحمت وارو آهي. (١٤٤) اي پيغمبر! اسان ڏسي رهيا آهيون ته تنهنجو منهن مبارڪ بار بار آسمان جي طرف کڄي رهيو آهي (يعني توکي شوق آهي ته قبلي متعلق ڪو حڪم اچي) سو اسان تمام جلد تنهنجو منهن اهڙي قبلي ڏي ڪنداسين جنهن ۾ تون خوش ٿيندين. هاڻي تون پنهنجو منهن مسجد الحرام (ڪعبة الله) ڏانهن ڦيراءِ ۽ جتي به تون ۽ تنهنجا اصحاب هجن اتي ڪعبة الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهو ۽ جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي پڪ سان ڄاڻن ٿا ته بلاشڪ هي (قبلي جو ڦيرائجڻ) حق آهي جو سندن پروردگار وٽان آيو آهي (ڇو ته سندن ڪتابن ۾ اها پيشنگوئي ڪيل آهي) الله تعاليٰ سندن عملن جي باري ۾ هرگز غافل ناهي. (١٤٥) جيڪڏهن تون اهل ڪتاب وارن اڳيان سڀ نشانيون ۽ سهڻا دليل پيش ڪرين ته به هو هرگز تنهنجي قبلي جي پيروي نه ڪندا، نڪي تون هنن جي قبلي جي پيروي ڪندين. هو ته (اڳئي اهڙا ڇڙوڇڙ ٿيل آهن جو) پاڻ ۾ ئي ڪنهن هڪڙي قبلي تي متفق ناهن. (ياد رکو ته) جيڪڏهن اوهان هنن جي خواهشن جي پيروي ڪندؤ، جڏهن ته توهان وٽ سچو علم ۽ هدايت اچي چڪي آهي ته پوءِ توهان يقيناً نافرماني ڪندڙن منجهان ٿي پوندؤ. (١٤٦) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني تورات ۽ انجيل جا عالم) سي اسلام جي پيغمبر کي اهڙوئي چڱيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙو پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا. (يعني) هنن کي پڪ آهي ته اهوئي آخري رسول آهي، انهن متعلق سندن مقدس ڪتابن ۾ اهڃاڻ ڏنل آهن) تنهن هوندي به هنن ۾ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ڄاڻي ٻجهي به حق کي لڪائي ٿي. (١٤٧) يقين ڪيو ته (هي قبلي ڦيرائڻ وارو حڪم) اوهان جي پروردگار جي طرف کان حق جو امر آهي. پوءِ متان شڪ آڻڻ وارن منجهان ٿيو.

    رڪوع ١٨ آيت 148-تا-152
    رسول پاڪ جي تعليم قرآن مجيد ۽ حڪمت سيکارڻ ۽ مسلمانن جون دليون پاڪ (تربيت) ڪرڻ
    (١٤٨) سڀ ڪنهن جماعت جي لاءِ هڪ طرف آهي جاڏي هو (عبادت جي وقت) پنهنجو منهن ڪن ٿا. (انهي ۾ حق ۽ باطل جو معيار رکيل ڪونهي. اصلي مقصد آهي نيڪ عملي) سو توهان نيڪين ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو، جتي به توهان هوندؤ تِتَان الله تعاليٰ اوهان سڀني کي هڪ هنڌ آڻيندو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي ۽ سڀ ڪجهه ڪري ٿو سگهي. (١٤٩) ۽ (اي پيغمبر!) توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ يقين ڪيو ته هيءُ حڪم اوهان جي پروردگار وٽان حق جو امر آهي ۽ يقين سان ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان جي عملن کان غافل هرگز ناهي. (١٥٠) ۽ ڏسو توهان ڪٿان به نڪرو ۽ ڪٿي به هجو ته (نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڪيو ۽ (اي مسلمانو توهان ڪٿي به هجو ته نماز ۾) پنهنجو منهن ڪعبي جي طرف ڦيرايو. (قبلي جي مقرري تي هيترو تاڪيد جو ڪيو ويو آهي سو) انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي اوهان جي خلاف ڪوبه دليل نه رهي (۽ سڀني کي هيءَ حقيقت چٽيءَ طرح معلوم ٿي وڃي ته حضرت ابراهيم عليه السلام جو عبادتگاهه توهان جي لاءِ قبلو مقرر ٿي ويو) پر انهن ماڻهن جيڪي ظالم آهن سي ته ڪنهن به حالت ۾ مخالفت ڪندا. پوءِ انهن کان بلڪل نه ڊڄو، فقط مون کان ڊڄو ۽ اهو (حڪم قبلي وارو) هن لاءِ پڻ ڏنو ويو آهي ته مان (الله تعاليٰ) اوهان تي پنهنجي نعمت پوري ڪيان ۽ پڻ انهيءَ لاءِ ته توهان سڌيءَ راهه تي هلو. (١٥١) جيئن (مون اڳئي اوهان تي وڏي نعمت ڪئي آهي جو) اوهان مان هڪڙي کي اوهان ڏانهن رسول ڪري موڪليو اٿم. هو اوهان کي اسان جون آيتون پڙهي ٻڌائي ٿو، اوهان جي دلين کي صاف ۽ پاڪ ڪري ٿو، اوهان کي ڪتاب ۽ حڪمت ٿو سيکاري ۽ اهي ڳالهيون سيکاري ٿو جي توهان اڳي بلڪل ڪونه ڄاڻندا هئو. (١٥٢) تنهن ڪري مون کي هر وقت ياد ڪندا رهو (۽ منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهو) مان به توهان کي نه وساريندس (اوهان کي اجر ۽ ڪاميابي ڏيندس) ۽ منهنجي نعمتن جو (عملاً) قدر ڪريو ۽ بي شڪر نه ٿجو.

    رڪوع ١٩ آيت 153-تا-163
    مسلمانن کي عمل، صبر، ثابت قدمي ۽ قربانيءَ جي دعوت
    (١٥٣) اي ايمان وارؤ! صبر ۽ نماز جي وسيلي (ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ) مدد وٺو ۽ يقين ڪريو ته الله تعاليٰ صبر ڪرڻ وارن سان آهي. (١٥٤) ۽ جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ قتل ٿين ٿا تن به نسبت ائين نه چئو ته هو مري ويا آهن، نه نه هو زندهه آهن، پر توهان هنن جي زندگي ڏسي ۽ سمجهي نٿا سگهو. (١٥٥) (۽ ياد رکو ته) توهان کي ضرور خطرن ۽ خوفن ۽ بک جي تڪليفن جان ۽ مال ملڪيت جي نقصانن ۽ فصلن جي تباهي سان آزمائينداسين، پوءِ جيڪي ماڻهو صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪندا انهن کي (فتح ۽ ڪامرانيءَ جي) بشارت (خوشخبري) ڏي. (١٥٦) اهي (صبر ڪندڙ) اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪا مصيبت مٿن اچي ڪڙڪي ٿي ته (بي قرار ٿيڻ جي بدران الله کي ياد ڪري پاڻ ۾ وڏي قوت پيدا ڪن ٿا ۽ روحاني جذبي سان) چون ٿا ته اسان ۽ اسان جو سڀ ڪجهه الله جي لاءِ آهي ۽ اسان کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي. (١٥٧) يقيناً اهڙن ئي ماڻهن تي سندن پروردگار جو لطف ۽ ڪرم آهي ۽ مٿن رب جي رحمت ٿي وسي ۽ اهي ئي ڪاميابيءَ جي راهه تي آهن. (١٥٨) بيشڪ صفا ۽ مروه (جون ٽڪريون) الله تعاليٰ جي (حڪمت ۽ رحمت جون) نشانيون آهن، پوءِ جيڪو شخص حج يا عمري جي نيت سان اتي وڃي ۽ ڪعبة الله جو طواف ڪري ته ڪا گناهه جي ڳالهه ڪانهي، جيڪڏهن انهن ٻنهي (ٽڪرين) جي وچ ۾ ڦيرا ڏئي. جيڪڏهن ڪوبه شخص (دل جي خوشيءِ سان) نيڪي جو ڪو ڪم ڪري ٿو ته الله تعاليٰ ان جو قدر ڪرڻ وارو (اجر ڏيڻ وارو) آهي ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (١٥٩) جيڪي ماڻهو (ڪنهن نقصان يا تڪليف جي خوف کان يا ڪنهن لالچ سبب) اسان جي نازل ڪيل سچائي جي روشن دليلن ۽ هدايتن کي لڪائين ٿا جيتوڻيڪ اسان انهن کي انسانن لاءِ ڪتاب ۾ چڱي طرح بيان ڪيو آهي تن تي يقيناً الله تعاليٰ لعنت ڪري ٿو (اهي رحمت کان محروم رهجي وڃن ٿا) ۽ لعنت ڪرڻ وارا به هنن تي لعنت ٿا ڪن. (١٦٠) پر جيڪي ماڻهو گناهن کان توبه ڪن ٿا ۽ پاڻ کي سڌارين ٿا ۽ (حق لڪائڻ بدران) حق کي ظاهر ڪن ٿا ته پوءِ مان سندس توبه قبول ڪيان ٿو. بلاشبه مان توبه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهيان. (١٦١) پر جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويا (۽ سڌرڻ جو وجهه وڃائي ڇڏيائون) انهن تي الله تعاليٰ جي، ملائڪن جي ۽ انسانن جي، سڀني جي لعنت پئي. (١٦٢) هميشه لعنت جي حالت ۾ رهندا، نڪي هنن جي عذاب ۾ هلڪائي ڪئي ويندي، نڪي کين مهلت ملندي. (١٦٣) ۽ (ياد رکو ته) اوهان جو معبود هڪ ئي معبود آهي، هن جي ذات کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن جي عبادت ڪري سگهجي ۽ هو ڏاڍو مهربان ۽ وڏي رحم وارو آهي.

    رڪوع ٢٠ آيت 164-تا-167
    خدا پرستيءَ تي قائم رهڻ، عقل کان ڪم وٺڻ، ڪائنات تي غور ۽ فڪر ڪرڻ. قومن جي تباهيءَ جو بنيادي سبب ڪوڙن رهبرن جي تابعداري.
    (١٦٤) يقيناً زمين ۽ آسمان جي حيرت انگيز خلقت ۾ ۽ رات ۽ ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾، جهازن ۾ جيڪي انسان جي نفع وارين شين سان سمنڊ ۾ هلن ٿا ۽ برسات ۾، جا الله تعاليٰ آسمان مان نازل ڪري ٿو جنهن جي برڪت سان مئل ڌرتي کي جيئرو ڪري ٿو ڇڏي (يعني زمين سرسبز ٿئي ٿي) ڳالهه ۾ ته زمين تي هر قسم جي جانورن کي پکيڙي ٿو ڇڏي ۽ هوائن کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ ۾ ۽ ڪڪرن ۾ جي زمين ۽ آسمان جي وچ تي (مقرر حدن اندر) حڪم هيٺ ٻڌل رهن ٿا، (انهن سڀني ۾) انهن ماڻهن لاءِ جيڪي عقل هلائين ٿا (الله تعاليٰ جي هستي ۽ هيڪڙائي ۽ سندس رحمت جي قانونن جون) وڏيون نشانيون موجود آهن. (١٦٥) ڪي انسان اهڙا به آهن جيڪي خدا سان ٻين هستين کي شريڪ ۽ ڀائيوار ڪن ٿا ۽ انهن سان اهڙي محبت رکن ٿا جهڙي فقط الله سان رکڻ گهرجي، پر اهي جيڪي الله تي ايمان رکن ٿا تن جي دلين ۾ الله جي حب سڀني کان زيادهه آهي. جا ڳالهه ظالم انهيءَ وقت سمجهندا ۽ محسوس ڪندا جنهن وقت عذاب هنن جي اڳيان اچي ويندو (سا ڳالهه هن وقت محسوس ڪن ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي. انهيءَ ڏينهن هو چڱي طرح ڏسندا ته) بلاشبه هر قسم جي قوت فقط الله کي آهي ۽ (حق جي قانونن ڀڃڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جو عذاب تمام سخت آهي. (١٦٦) ياد رکو ته، (ڪوڙا ليڊر ۽ پيشوا) جن جي پيروي ڪئي ويئي هئي، پنهنجهي پيروي ڪندڙن کان بيزاري ظاهر ڪندا (يعني چوندا ته اسان جو هنن سان ڪوبه واسطو ڪونهي) ڇو ته هو پنهنجي اکين سان عذاب ڏسندا ۽ هنن جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا ۽ وسيلا ٽٽي ويندا (ڪوبه ڪنهن جي مدد يا فڪر نه ڪندو). (١٦٧) پوءِ اهي ماڻهو جن (ڪوڙن پيشوائن جي) پيروي ڪئي هئي، سي پڪاريندا ته، هاءِ اسان کي هڪ دفعو وري دنيا ۾ موٽايو وڃي ته اسان هنن (ڪوڙن پيشوائن) کان اهڙي طرح بيزاري ظاهر ڪيون جهڙيءَ طرح هو هاڻي اسان کان بيزاري ظاهر ڪري رهيا آهن. ڏسو اهڙي طرح الله تعاليٰ هنن کي سندن عمل ڏيکاريندو جو هو حسرت ۽ ارمان ۾ غلطان ٿي ويندا. هو انهيءَ باهه مان ڪڏهن به ٻاهر نه نڪرندا.

    رڪوي ٢١ آيت 168-تا-176
    ڪهڙيون شيون کائڻ حرام آهن، حق کي لڪائڻ جي عيوض دنيا جا خسيس فائدا خريد ڪندڙ پنهنجي اندر ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا وجهن.
    (١٦٨) اي انسانؤ! زمين تي جيڪي به حلال ۽ پاڪ شيون موجود آهن سي بيشڪ شوق سان کائو (پاڻ تي اجايون رڪاوٽون وجهڻ شيطاني وسوسا آهن) توهان شيطان جي نقش قدم تي نه هلو، هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي. (١٦٩) شيطان اوهان کي براين ۽ بيشرميءَ جي ڳالهين جو حڪم ڏيندو ۽ (پڻ هيءَ تعليم ڏيندو ته) الله جي طرف اهڙيون ڪوڙيون ڳالهيون منسوب ڪيو جن متعلق حقيقت ۾ اوهان کي علم ئي ڪونهي. (١٧٠) ۽ جڏهن هنن ماڻهن کي چئجي ٿو ته جيڪا هدايت الله تعاليٰ فرمائي آهي تنهن جي پيروي ڪريو تڏهن هو چون ٿا ته، نه نه اسان ته انهيءَ طريقي تي هلنداسين جنهن تي پنهنجي وڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا وڏا عقل ۽ هدايت کان محروم رهيا هجن ته توهان به عقل ۽ هدايت کان انڪار ڪندؤ ڇا؟ (١٧١) جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو آهي انهن جو مثال اهڙو آهي (يعني انهن کي انڌي تقليد جي بجاءِ عقل ۽ هدايت جي دعوت ڏيڻ اهڙو آهي) جهڙو هڪڙو ڌنار ڍورن ڍڳن جي اڳيان رڙيون ۽ واڪا ڪري جي رڙيون ڍور بلڪل ڪونه ٿا سمجهن، سواءِ انهيءَ آواز جي جيڪو هنن کي سڏڻ لاءِ ڪم آڻبو آهي. اهي ڪافر ٻوڙا گونگا ۽ انڌا ٿي ويا آهن تنهن ڪري هو عقل نه هلائيندا نه ڪي ڪجهه سمجهندا. (١٧٢) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان فقط الله جي ٻانهپ ڪرڻ وارا آهيو (۽ ڄاڻو ٿا ته حلال ۽ حرام به نسبت سندس ئي حڪمن تي هلڻو آهي) ته پوءِ اهي سڀ پاڪ شيون کائو جي الله تعاليٰ اوهان جي کائڻ لاءِ پيدا ڪيون آهن ۽ جيڪڏهن توهان فقط خدا جي عبادت ڪرڻ چاهيو ٿا ته پوءِ (توهان ان جي ڏنل نعمتن کي چڱيءَ طرح ڪم آڻي) سچي شڪر گذاري ڪيو. (١٧٣) اوهان لاءِ حرام ڪيل شيون فقط هي آهن، مردار جانور، جانورن جو رت، سوئر جو گوشت ۽ اهو جانور جو الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي هستيءَ جي نالي وٺڻ سان ذبح ڪيو ويو هجي، پر لاچاري حالت ۾ (جڏهن حلال شيون نه ملي سگهن) ڪو کائي ته مٿس گناهه ڪونهي، بشرطيڪ شريعت جي حڪمن کان باغي ٿيڻ جي نيت نه هجيس ۽ انهيءَ انداز کان زيادهه نه کائي جيترو حياتي بچائڻ لاءِ ضروري هجي. بيشڪ الله تعاليٰ خطائون معاف ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (١٧٤) جيڪي ماڻهو انهن حڪمن کي لڪائين ٿا جي الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ نازل ڪيا آهن ۽ انهيءَ (حق کي لڪائڻ) جي عيوض ۾ دنيا جا خسيس فائدا خريد ٿا ڪن اهي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نٿا وجهن. قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ انهن سان ڳالهائيندو به ڪين، نڪي هنن کي گناهن کان آجو ڪندو ۽ هنن کي سخت عذاب ۾ وڌو ويندو. (١٧٥) اهي ئي ماڻهو آهن جن هدايت وڪڻي گمراهي خريد ڪئي ۽ خدائي بخشش جي بدلي ۾ عذاب خريد ڪيو. ڪهڙو نه عجيب آهي (جو باهه ۾ ٽپي پوڻ جي دليري ٿا ڏيکارين) جو عذاب سهڻ جو حوصلو ٿا سنڀارين. (١٧٦) اهو هن ڪري ٿيو جو الله تعاليٰ ڪتاب (تورات) سچائي سان نازل ڪيو هو (جڏهن وحي ٿو اچي تڏهن پنهنجن وهمن ۽ گمانن تي هلڻ جي ضرورت ئي ڪانهي، پر هي اهل ڪتاب اختلافن ۾ پئجي ويا) بيشڪ پوءِ جن ماڻهن الله جي حڪمن بابت مختلف واٽون ڪڍيون سي تفرقه بازي ۽ اختلافن ۾ گمراهه ٿي ويا.

    رڪوع ٢٢ آيت 177-تا-182
    نيڪي جي راهه، قصاص، مرڻ وقت وصيت ڪرڻ
    (١٧٧) نيڪي ۽ بزرگي انهيءَ ۾ ناهي ته توهان (نماز جي وقت) پنهنجو منهن مغرب يا مشرق ڏي ٿا ڦيرايو (يا اهڙيون ظاهري رسمون بجا ٿا آڻيو) پر سچ پچ نيڪ ماڻهو اهي آهن جيڪي الله تي، آخرت جي ڏينهن تي، فرشتن تي، خدائي ڪتابن تي ۽ خدا جي سڀني نبين تي پورو ايمان رکن ٿا، خدا جي محبت وچان پنهنجو مال مائٽن، يتيمن، مسڪينن، مسافرن ۽ سوال ڪندڙن کي ڏين ٿا ۽ غلامن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ خرچ ڪن ٿا، نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوٰت ڏين ٿا، جڏهن ڪو عهد اقرار ڪن ٿا ته اهو پورو ڪن ٿا، تنگي ۽ مصيبت جي حالت ۾ يا خوف ۽ هراس جي وقت ۾ صبر ڪرڻ وارا (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم) ٿين ٿا. بيشڪ اهي ئي ماڻهو نيڪيءَ جي راهه ۾ سچا آهن ۽ اهي ئي متقي آهن. (١٧٨) اي مؤمنو! قتل جي حالت ۾ اوهان کي قصاص (يعني بدلي وٺڻ جو) حڪم ڏنو وڃي ٿو (پر انسان سڀ برابر آهن) جيڪڏهن آزاد ماڻهو ڪنهن آزاد ماڻهو کي قتل ڪيو آهي ته ان جي بدلي ۾ اهوئي قتل ڪيو وڃي (ائين نه ته مقتول وڏي پوزيشن وارو ماڻهو هجي يا وڏي خاندان ۽ نسل جو هجي ته ان جي عيوض ۾ ٻه ماڻهو قتل ڪيا وڃن، جيئن اڳي عربن جو دستور هو) جيڪڏهن غلام قاتل آهي ته غلام ئي قتل ڪيو ويندو (ائين نه ته مقتول آزاد هجي ته بدلي ۾ وري ٻه غلام قتل ڪيا وڃن) ۽ عورت قاتل هجي ته عورت ئي قتل ڪئي ويندي پوءِ جيڪڏهن قاتل کي مقتول جو وارث ڀاءُ معافي ڏئي (۽ خون بها وٺڻ تي راضي ٿئي) ته پوءِ قاتل کي ڇڏي سگهجي ٿو. ان حالت ۾ وارث انصاف طور مناسب خون بها گهري ۽ قاتل سهڻي نموني سان ڏئي (جيئن صلح ۽ ڀائپي قائم رهي) هي (جو عدل ۽ مساوات جو اصول قائم ڪيو ويو آهي ۽ معافي ۽ خون بها جائز ٺهرائي ويئي آهي سو) توهان جي پالڻهار وٽان (اڳوڻن سخت قانونن جي) هلڪائي آهي ۽ وڏي رحمت آهي، هاڻي هن کان پوءِ جيڪو زيادتي ڪندو تنهن کي سخت عذاب ملندو. (١٧٩) اي سمجهه وارؤ! قصاص واري حڪم ۾ اوهان جي لاءِ زندگي آهي (ڇو ته جيڪڏهن قاتل کي ڇڏي ڏبو ته خونريزيون گهڻيون ٿينديون) هي حڪم انهيءَ لاءِ آهي ته توهان پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پرهيز ڪرڻ سکو. (١٨٠) (هي حڪم به) توهان کي ڏجي ٿو ته جڏهن ڪنهن ماڻهو کي موت اچي ويجهو پوي ۽ مال متاع ڇڏي وڃڻ وارو هجي ته کيس گهرجي ته پهنجي ماءُ پيءُ ۽ مائٽن لاءِ انصاف واري وصيت ڪري. متقي ماڻهن تي حق آهي ته ائين ڪن. (١٨١) پوءِ جيڪو ماڻهو وصيت ٻڌڻ بعد ان ۾ ڦيرڦار ڪري ته پوءِ گناهه انهيءَ تي آهي جيڪو اهڙي ڦيرڦار ڪري. (وصيت تي ان جو اثر ڪونه پوندو وصيت جيئن اصل ڪيل هئي، ان جي تعميل ائين ڪرڻي آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٨٢) پر جيڪڏهن وصيت ڪرڻ واري کان پاسخاطري يا گناهه جو انديشو هجي ته پوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (وصيت ڪندڙ کي سمجهائي يا وارثن کي سمجهائي) انهن ۾ ٺاهه ڪرائي ڇڏي ته ائين ڪرڻ ۾ هن تي ڏوهه ڪونهي. بيشڪ الله تعاليٰ غلطيون بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ٢٣ آيت 183-تا-188
    روزن جو حڪم ۽ مسئلا ۽ انهن جا روحاني فائدا
    (١٨٣) اي مؤمنو! جهڙيءَ طرح اڳين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا هئا، تهڙيءَ طرح اوهان تي به فرض ڪيا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان پاڻ تي ضابطو رکڻ ۽ براين کان بچڻ سکو. (١٨٤) ڳڻيل ڏينهن (روزا رکڻا آهن، گهڻا ڪونه آهن) جيڪڏهن اوهان مان ڪو بيمار هجي ۽ سفر ۾ هجي ته ٻين ڏينهن ۾ (رمضان جا) باقي روزا رکي عدد پورو ڪري ۽ جيڪي ماڻهو روزي جي تڪليف بلڪل برداشت ڪري نه سگهن (مثلاً نهايت پوڙها ماڻهو يا دائم المريض) اُهي روزي جي بدران هڪ مسڪين کي ماني کارائين، پر جيڪڏهن ڪو پنهنجي خوشيءِ سان وڌيڪ مسڪينن کي کارائن ته هن جو اجر وڌيڪ ٿيندو پر جيڪڏهن سمجهه اٿوَ ته پوءِ سمجهي وٺو ته روزو رکڻ اوهان جي لاءِ بهتر آهي. (١٨٥) اهو رمضان جو مهينو اهو آهي جنهن ۾ قرآن مجيد نازل ڪيو ويو. ان ۾ ماڻهن لاءِ هدايت جي واٽ ڏيکاريل آهي. هدايت جا روشن دليل ڏنل آهن، حق ۽ باطل الڳ الڳ ڪري ڏيکاريل آهن، پوءِ اوهان مان جيڪو به هن مبارڪ مهيني ۾ حاضر هجي اهو روزا رکي، ڪو بيمار هجي يا سفر ۾ هجي ته پوءِ رمضان بعد ٻين ڏينهن ۾ باقي روزا رکي عدد پورو ڪري. الله تعاليٰ توهان جي واسطي آساني ٿو چاهي نه ڪه تڪليف (روزن قضا ڪرڻ جو حڪم انهيءَ لاءِ ڏنو ويو آهي ته) روزن جو عدد پورو ڪري پوري برڪت حاصل ڪيو، الله تعاليٰ جا توهان کي سنئين واٽ ڏيکاري آهي، تنهن تي سندس وڏائي ۽ شان بيان ڪيو ۽ پڻ (سندس نعمتون چڱيءَ طرح ڪم آڻي) ان جي شڪر گذاري ڪيو. (١٨٦) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن منهنجو ڪو ٻانهو تو کان منهنجي به نسبت پڇي (ته ڪهڙيءَ طرح مون وٽ پهچي سگهي ٿو) ته تون کيس ٻڌاءِ ته مان ته کيس ويجهڙو آهيان، هو جڏهن مون کي سڏي ٿو تڏهن هن جو سڏ ٻڌان ٿو ۽ قبول ڪيان ٿو، پوءِ (جيڪڏهن هو سچ پچ منهنجي طلب رکن ٿا ته) کين گهرجي ته منهنجي سڏ جو جواب ڏين ۽ مون تي ايمان رکن انهيءَ لاءِ ته سنئين واٽ تي هلي ڪاميابي حاصل ڪن. (١٨٧) توهان جي لاءِ حلال آهي ته روزن جي ڏينهن ۾ رات جي وقت ڀلي پنهنجي عورتن سان همبستر ٿيو. هو اوهان جي لاءِ لباس آهن ۽ اوهان هنن جي لاءِ (يعني اوهان جي زندگي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهي ۽ هڪ ٻئي لاءِ سينگار ۽ حفاظت آهيو) الله تعاليٰ کي معلوم آهي ته توهان (رات جو زالن سان همبستر ٿيڻ کي ناجائز سمجهي به لڪ ڇپ ۾ اهو ڪم ڪري) پنهنجي ضمير سان خيانت ڪري رهيا آهيو، پوءِ الله تعاليٰ توهان جي توبه قبول ڪئي ۽ اوهان جي خطا معاف ڪئي، هاڻي بيشڪ پنهنجي زالن سان رات جي وقت همبستر ٿيو ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ جائز ٺهرايو آهي سو طلب ڪيو ۽ ماڻيو ۽ (رات جي وقت) بيشڪ کائو پيئو جيستائين صبح جي سفيد ڌار رات جي ڪاري ڌار کان نڪري نروار ٿئي (يعني پرڀات ٿي، تنهن کان اڳي کائڻ پيئڻ بند ڪيو) پوءِ (پرهه ڦٽيءَ کان وٺي) رات تائين يعني سج لهڻ تائين روزو پورو ڪيو. پر جيڪڏهن توهان مسجدن ۾ اعتڪاف ڪري رهيا آهيو ته پوءِ (رات جو به) پنهنجي زالن سان همبستر نه ٿيو. اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن، تنهن ڪري (انهن حدن کان ٻاهر وڃڻ لاءِ حدن کي رڳو ويجهو به نه وڃو. الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح پنهنجون هدايتون چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو خدا جي نافرمانيءَ کان بچن. (١٨٨) ۽ هڪ ٻئي جو مال ناجائز طريقن سان نه کائو، نڪي مال ۽ دولت کي حاڪمن جي دلين تائين پهچڻ جو وسيلو بنايو (رشوت رسائي نه ڏيو) انهيءَ لاءِ ته ٻين جي مال مان ڪجهه حصو ناحق طور کائي وڃو اگرچه ڄاڻو به ٿا (ته اهو وڏو ظلم آهي رشوت ڏيڻ ۽ پرائو حق کائڻ ڪبيرا گناهه آهن).

    رڪوع ٢٤ آيت 189-تا-196
    حج ۽ عمري سان گڏ جهاد جو حڪم ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪرڻ.
    (١٨٩) اي پيغمبر! ماڻهو توکان پهرين تاريخ جي چنڊ بابت سوال ڪن ٿا، کين ٻڌاءِ ته اهڙا چنڊ ماڻهن جي لاءِ وقت جو حساب آهن ۽ پڻ حج جي مهيني جي مقرري ان سان ٿئي ٿي ۽ (باقي ماڻهن جا وهم ۽ سنسا ۽ رسمون اجايون آهن) هي ڪا نيڪي جي ڳالهه ناهي ته پنهنجي گهرن ۾ (دروازا ڇڏي) پٺئين پاسي کان داخل ٿجي (جيئن عرب ڪندا هئا) نيڪي ته هن ۾ آهي ته خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪجي. تنهن ڪري (وهم سنسا ڇڏي) پنهنجي گهرن ۾ دروازي کان گهڙو ۽ خدا کان ڊڄي گناهن کان پري ڀڄو ته من ڪامياب ٿيو. (١٩٠) ۽ جيڪي ماڻهو توهان سان اڳرائي ڪري لڙائي ڪن تن سان الله جي راهه ۾ بهادريءَ سان وڙهو، پر ڪنهن به طرح ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃجو. الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن (خود لڙائي جي حالت ۾ به دوکي بازي، بي رحمي، ڦرلٽ ٻارن ۽ زالن کي قتل ڪرڻ وغيره وغيره حرام آهن). (١٩١) (مڪي وارن جنگ جو اعلان ڪيو آهي، توهان به جنگ جو اعلان ڪيو) ۽ جتي به کين ڏسو اتي کين قتل ڪيو ۽ جنهن جاءِ تان هنن اوهان کي تڙي ڪڍيو آهي اتان هنن کي به وڙهي ڪڍي ڇڏيو ۽ فتنو فساد خوريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي. (ڪعبة الله ۾ وڙهڻ عربن ۾ اڳي به ناجائز هو) هو پاڻ توهان سان ڪعبة الله جي حدن ۾ نه وڙهن تيستائين توهان به اتي هنن سان نه وڙهو. پوءِ جيڪڏهن هو پاڻ لڙائي ڪن ته پوءِ توهان به بيشڪ لڙائي ڪيو، حق جي منڪرن لاءِ سندن ظلم جو بدلو اهوئي هئڻ گهرجي. (١٩٢) پر جيڪڏهن هو وڙهڻ بند ڪن (ته توهان به بند ڪيو، ڇو ته) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١٩٣) ۽ انهن ماڻهن سان ايستائين لڙائي ڪندا رهو جيستائين فتنو بند ٿي وڃي (۽ ظلم ۽ مذهبي دشمني قائم ختم رهي) ۽ دين فقط الله جي لاءِ هجي، پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو لڙائيءَ کان باز اچن (ته پوءِ توهان به باز اچو ڇو ته) فقط ظالمن سان ئي مقابلو ڪرڻو آهي. (١٩٤) جيڪڏهن ڪافر مقرر مهينن (مثلاً ذوالحج ۽ محرم) جي حرمت ڪري لڙائي نه ڪن ته توهان به نه ڪيو، پر جيڪڏهن لڙائي ڪن ته مجبوراً توهان کي به ڪرڻي آهي، ساڳيءَ طرح ٻين بين الاقوامي قانونن ۾ به جهڙي روش مخالف ڌر اختيار ڪري تهڙي توهان کي به ڪرڻي پوندي، پوءِ جيڪڏهن اوهان جي خلاف ڪو زيادتي ڪري ته اوتري قدر توهان به انهيءَ معاملي ۾ ڪيو ۽ هر حال ۾ خدا کان ڊڄي پاڻ تي ضابطو رکو ۽ پڪ ڄاڻو ته الله تعاليٰ انهن سان آهي، جي سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ پرهيزگار آهن. (١٩٥) ۽ الله تعاليٰ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪيو. (ائين نه ٿئي جو جهاد لاءِ پئسا وغيره نه ڏيڻ سان) پنهنجي هٿن سان پاڻ کي پاڻ برباد ڪري ڇڏيو. (يعني دشمن غالب پوندو ته اوهان جو مال ملڪيت بلڪ اوهان جون جانيون به چٽ ٿي وينديون) ۽ هميشه چڱايون ڪندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان حب ٿو رکي جيڪي چڱايون ٿا ڪن. (١٩٦) جڏهن حج ۽ عمري جي نيت ڪيو ته ان کي پورو ڪيو پر جيڪڏهن واٽ تي گهيرجي وڃو يعني (لڙائي يا ڪنهن ٻئي سبب کان روڪجي پئو) ته پوءِ هڪڙو جانور قربان ڪيو، جهڙو ملي سگهي ۽ تيستائين وار نه ڪٽايو (حج بعد احرام لاهڻ وقت وار ڪٽائبا آهن) جيستائين قرباني جو جانور پنهنجي جاءِ تي نه پهچي. جيڪڏهن ڪو شخص بيمار هجي يا مٿي ۾ ڪو ايذاءُ هجيس ته وارن ڪٽائڻ جي بدلي ۾ روزا رکي يا صدقو ڏئي يا جانور جي قرباني ڪري. پوءِ جڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ۽ ڪو شخص چاهي ته عمرو ۽ حج ملائي ٻنهي جو ثواب هڪ ئي سفر سان حاصل ڪري ته انهيءَ لاءِ به جانور جي قرباني ڪرڻي آهي، جهڙو جانور ملي سگهي پر جيڪڏهن ڪو جانور هٿ ڪري نه سگهي ته پوءِ حج جي ڏينهن ۾ ٽي روزا رکي ۽ ست روزا گهر پهچڻ بعد. اهي پورا ڏهه روزا ٿيا. (پر ياد رکو ته) هي حڪم (عمري ۽ حج ملائڻ وارو) انهيءَ لاءِ آهي جنهن جو گهر ٻار مڪي ۾ نه هجي ۽ ياد رکو ته هر حال ۾ الله کان ڊڄي چڱا ڪم ڪيو ۽ يقين ڪيو ته (نافرماني ڪرڻ وارن لاءِ) الله تعاليٰ جي سزا سخت آهي.

    رڪوع ٢٥ آيت 197-تا-210
    حج جو بيان، دنيا ۽ آخرت جي چڱائيءَ جي طلب ڪريو.
    (١٩٧) حج جا مهينا سڀ ڪنهن کي معلوم آهن، پوءِ جنهن ماڻهو انهن مهينن ۾ حج ڪرڻ پاڻ تي لازم ڪيو ته پوءِ (حج جي حالت ۾ اچي چڪو) نڪي عورتن ڏانهن رغبت ڪري نڪي ڪو گناهه جو ڪم ڪري، نڪي جهيڙو جنگ ڪري ۽ ياد رکو ته جيڪي به چڱايون توهان ڪيو ٿا سي الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ توهان (حج لاءِ) ثمر کڻندا ڪريو، پر سڀ کان چڱو ثمر آهي تقويٰ (يعني ثمر ۽ گهربل سامان ته کڻڻ گهرجي پر پرهيزگاري جهڙي ٻي ڳالهه ئي ڪانهي) تنهن ڪري اي سمجهه وارؤ! هر حال ۾ خدا کان ڊڄي گناهن کان پرهيزگاري ڪندا رهو. (١٩٨) جيڪڏهن توهان (حج جي موقعي تي) پنهنجي پالڻهار جي فضل (واپار، ڌنڌي دولت ڪمائڻ وغيره) جي تلاش به ڪريو ته انهيءَ ۾ به توهان جي لاءِ ڪو گناهه ڪونهي، پوءِ جڏهن عرفات جي ٽڪري ۽ ميدان کان وڏي هجوم ۾ موٽو تڏهن پاڪ يادگار (يعني مزدلفه) ۾ ڪجهه وقت رهي الله جو ذڪر ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح توهان کي الله تعاليٰ هدايت ڪئي آهي، ياد رکو ته هن کان اڳ اوهان به انهن ماڻهن منجهان هئو جيڪي راهه ڀلجي ويا هئا. (١٩٩) پوءِ اوهان (مڪي جا ماڻهو) به انهيءَ جاء تي وڃي پوءِ موٽو جتان ٻيا ماڻهو انبوهه ڪري موٽن ٿا ۽ الله کان پنهنجي گناهن جي بخشش گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪرڻ وارو ۽ رحم وارو آهي. (٢٠٠) پوءِ جڏهن حج جا سڀ ارڪان پورا ڪري رهو تڏهن الله تعاليٰ جو ذڪر ڪيو جهڙيءَ طرح اڳي پنهجي ابن ڏاڏن جو شان بيان ڪندا هئو، بلڪ ان کان گهڻو وڌيڪ الله تعاليٰ جي پاڪائي ۽ صفتن جو بيان ڪيو (حج جي ارڪانن جو اصل مقصد اهوئي آهي) پوءِ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ ئي (چڱائي) ڏي. انهن کي آخرت جي چڱائي مان ڪو حصو نه ملندو. (٢٠١) پر ڪي اهڙ به آهن جي چو ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان کي دنيا ۾ به چڱائي ڏي ۽ آخرت ۾ به چڱائي ڏي ۽ دوزخ جي عذاب کان بچائي وٺجانءِ. (٢٠٢) (يقين ڪيو ته) اهڙن ئي ماڻهن کي سندن چڱن عملن مطابق دنيا ۽ آخرت جي سعادت مان حصو ملندو ۽ الله تعاليٰ عملن جي حساب جانچڻ ۾ بلڪل تکو آهي (هر انسان کي هن جي عملن موافق جلد نتيجا ڏيڻ وارو آهي. (٢٠٣) حج جي ڳڻيل ڏينهن (ايام تشريق 10، 11، 12، 13 ذوالحج) ۾ الله جي ذڪر ۾ لڳا رهو پر جيڪڏهن ڪو (موٽڻ ۾ تڪڙ ڪري ۽) ٻن ڏينهن ۾ روانو ٿي وڃي ته مٿس گناهه ڪونهي، جيڪڏهن ڪو وڌيڪ ڏينهن رهي ته به مٿس گناهه ڪونهي اها (جلدي يا دير جي) اجازت انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ آهي جو تقوي وارو آهي. (اصل مقصد تقويٰ آهي) تنهن ڪري هر حال ۾ خدا جو خوف دل ۾ رکي پرهيزگاري ڪريو ۽ ياد رکو ته يقيناً اوهان کي (ڪنهن ڏينهن مرڻو) ۽ خدا جي حضور ۾ گڏ ٿيڻو آهي. (٢٠٤) ڪي ماڻهو اهڙا آهن جن جي گفتگو دنيائي زندگي بابت اوهان کي ڏاڍي وڻي ٿي ۽ اهي ماڻهو پنهنجي دل جي پاڪائيءَ تي الله تعاليٰ کي شاهد ڪن ٿا (يعني خدا جو قسم ٿا کڻن) پر حقيقت ۾ هو دشمني ۾ تمام سخت آهن. (٢٠٥) ۽ جڏهن هنن کي حڪومت ٿي ملي تڏهن ملڪ ۾ اهڙيون ڪوششون ڪن ٿا جن ان سان ملڪ ۾ فساد ۽ خربيون پيدا ڪن ۽ پوکن ۽ ٻي پيدائش کي ۽ نسل کي برباد ڪري ڇڏين، پر الله تعاليٰ نٿو پسند ڪري ته آبادي ۽ زندگي جي بدران ويراني ۽ تباهي ٿئي. (٢٠٦) ۽ جڏهن اهڙن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته خدا کان ڊڄو (۽ ظلم ۽ فساد ڇڏي ڏيو) تڏهن هنن جو هٺ ۽ تڪبر هنن کي وڌيڪ گناهن ۽ ظلمن لاءِ آمادهه ڪري ٿو. (هو ڪڏهن به باز نه ايندا (هنن کي فقط جهنم ئي ڪافي ٿيندو، اهو هنڌ ڪهڙو نه خراب آهي! (٢٠٧)( انهن جي ابتڙ) ڪي ماڻهو وري اهڙا به آهن جي الله تعاليٰ جي راضپي جي طلب ۾ پنهنجون جانيون به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن، الله تعاليٰ بيشڪ اهڙن ٻانهن تي ڏاڍو شفيق ۽ مهربان آهي. (٢٠٨) اي ايمان وارؤ! (اعتقاد ۽ عمل جي سڀني ڳالهين ۾) پوريءَ طرح (نه رڳو نالي طور) مسلمان (فرمانبردار) ٿيو ۽ خبردار! متان شيطاني وسوسن جي پيروي ڪريو. شيطان ته اوهان جو ظاهر ظهور دشمن آهي. (٢٠٩) (اي مؤمنو!) توهان وٽ هدايت جا چٽا دليل اچي چڪا آهن، پوءِ به جي توهان حق جي راهه کان لڏي ويندؤ ته ياد رکو (سزا جي قانون کان ڪونه بچي سگهندؤ) الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٢١٠) پوءِ هي (منڪر) ڇاجي لاءِ ترسيا ويٺا آهن؟ ڇا انهيءَ لاءِ ته خود خدا ڪڪرن جي چبوترن ۾ وٽن لهي اچي ۽ ملائڪ به صفون ٻڌي سندس چوڌاري بيٺا هجن ۽ اهڙيءَ طرح جيڪو فيصلو ٿيڻو هجي سو ٿي وڃي. (پر ائين نه ڪڏهن ٿيو آهي نه ٿي سگهي ٿو اهڙو انتظار نه رکن. الله تعاليٰ پنهنجي ئي رٿن موجب کين سيکت ڏيندو) سڀني ڪمن جو سرشتو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي.

    رڪوع ٢٦ آيت 211-تا-211
    سڀ انسان هڪ امت آهن، خود پرستي ۽ تڪبر جي ڪري اختلاف پيدا ڪيائون.
    (٢١١) بني اسرائيلن کان پڇو ته اسان هنن کي سچائي جون ڪيتريون نه چٽيون نشانيون ڏنيون هيون ۽ جيڪڏهن ڪوئي هنن وانگر خدا جي ڏنل نعمت (صحيح هدايتن) کي مٽائي (باطل ۽ برائي جي واٽ) وٺي ٿو ته پوءِ خدا جو جزا ۽ سزا وارو قانون به سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (٢١٢) ڪافرن کي هن دنيا جي (عيش عشرت واري) زندگي تمام سهڻي ۽ وڻندڙ ٿي لڳي. هو ايمان وارن جي (هاڻوڪي مسڪينائي جي حالت ڏسي) مسخري ٿا ڪن، پر اهي پرهيزگار مسڪين قيامت جي ڏينهن هنن (ڪافرن) جي ڀيٽ ۾ وڏي مرتبي وارا هوندا. (حق جا منڪر ايترو به نٿا ڄاڻن ته اهي مسڪين خدا جي فضل سان سڀاڻي مالدار ٿي سگهن ٿا) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب گهڻو رزق ڏئي ٿو. (٢١٣) شروعات ۾ سڀ انسان هڪ ئي قوم هئا. (پر پوءِ پاڻ ۾ ضد ۽ اختلاف ڪري جدا جدا ٽوليون ٺاهيائون) تنهن ڪري الله تعاليٰ (هڪ ٻئي پٺيان) نبي موڪليا جيڪي کين (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ڏيندا هئا ۽ (انڪار ۽ بدعملن جي نتيجن کان) خبردار ڪندا هئا ۽ پڻ انهن سان گڏ هن حق جي واٽ ڏيکاريندڙ ڪتاب نازل ڪيا، انهيءَ لاءِ ته جن ڳالهين ۾ هو اختلاف ڪرڻ لڳا هئا تن به نسبت فيصلو ڏئي (۽ سڀني کي حق جي راهه تي اتحاد ۾ آڻي) ۽ انهن ماڻهن جو هڪ ٻئي کان اختلاف ڪيو، ڪو سو ته انهيءَ ڪري ته نه هو هدايت ۽ حقيقت کان بي خبر هئا. الله جي هدايت جا چٽا حڪم هنن جي اڳيان هئا، پر تڏهن به رڳو هڪ ٻئي سان ضد ۽ دشمني جي ڪري اختلاف ڪرڻ لڳا هئا. آخرڪار الله تعاليٰ (پنهنجي فضل واري حڪم سان) ايمان وارن کي (يعني حضرت جن جي امت کي) اها حق جي واٽ ڏيکاري جنهن به نسبت اڳين قومن ۾ اختلاف پئجي ويا هئا (۽ هڪ ٻئي کي ڪوڙو ۽ غلط سمجهندا هئا) بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي دين جي سڌي واٽ ڏيکاري ٿو. (٢١٤) (اي مسلمانو!) ڇا توهان ائين سمجهيو آهي ته (رڳو زباني طرح ايمان جي دعويٰ ڪري) توهان جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ؟ حالانڪ اڃا ته توهان انهن آزمائش مان نه لنگهيا آهيو جي اڳين ماڻهن کي پيش آيون ۽ وڏن مشڪلاتن ۽ هراسن ۾ هنن جون دليون دهلجي ويون. تان جو الله جي رسول ۽ ايمان وارن پڪاريو ته اي الله سائين! تنهنجي مدد ڪڏهن پهچندي. (جواب آيو ته) دل نه لوڙهيو بيشڪ خدا جي مدد ويجهي آهي. (٢١٥) اي پيغمبر! توکان ماڻهو پڇن ٿا ته ڪهڙي خيرات ڪن ۽ ڪهڙيءَ طرح ڪن. انهن کي چئو ته، جيڪي توهان پنهنجي مال مان بچائي سگهو سو خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ان لاءِ حقدار آهن ماءُ پيءُ، مٽ مائٽ، يتيم مسڪين ۽ مسافر ۽ ياد رکو ته جيڪا به چڱائي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو). (٢١٦) توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اهو توهان کي نٿو وڻي، پر ممڪن آهي ته جيڪا شيءِ توهان کي ناپسند آهي سا توهان جي لاءِ فائدي واري هجي ۽ جيڪا توهان پسند ٿا ڪيو سا توهان جي لاءِ نقصانڪار هجي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو، پر توهان نٿا ڄاڻو.

    رڪوع ٢٧ آيت 217-تا-221
    جهاد، هجرت، شراب، جوا. شراب ۽ جوا ۾ انهن جي فائدن کان انهن جو نقصان وڌيڪ آهي.
    (٢١٧) (اي پيغمبر!) توکان ماڻهو پڇن ٿا ته حرمت واري مهيني ۾ لڙائي ڪرڻ به نسبت حڪم ڪيئن آهي، هنن کي چئو ته، ان ۾ لڙائي ڪرڻ وڏي برائي آهي. پر انسانن کي الله جي راهه کان روڪڻ حق کان انڪار ڪرڻ، ڪعبة الله ۾ وڃڻ کان منع ڪرڻ ۽ پڻ مڪي جي مسلمانن کي مڪي مان تڙي ڪڍڻ الله وٽ سڀني گناهن کان وڏو گناهه آهي ۽ فتنو (يعني ظلم ۽ فساد خصوصاً مذهبي تعصب کان ڪيل ظلم) قتل ۽ خونريزيءَ کان به وڌيڪ خراب آهي ۽ (ياد رکو) ته هي ماڻهو توهان سان لڙائي ڪندا رهندا جيستائين (جيڪڏهن ٿي سگهي) توهان کي توهان جي دين کان ڦيرائي ڇڏين، پر توهان مان جيڪو شخص پنهنجي دين کان ڦري ويندو ۽ ڪفر جي حالت ۾ مري ويندو ته پوءِ ياد رکو ته هن جو شمار انهن ماڻهن ۾ ٿيندو جن جا عمل دنيا خواهه آخرت ۾ ضايع ٿي ويا. اهڙا ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ جي عذاب ۾ هوندا. (٢١٨) پر جن ماڻهن ايمان آندو (۽ ثابت قدم رهيا) ۽ پنهنجو پيارو وطن (دين خاطر) ڇڏيو ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. اهي بيشڪ الله جي رحمت ۾ (سچي) اميد رکن ٿا ۽ الله به اهڙن لاءِ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٢١٩) (اي پيغمبر!) ڪي ماڻهو توکان شراب ۽ جوا بابت سوال پڇن ٿا. هنن کي چئو ته انهن ٻنهي شين ۾ نقصان تمام وڏو آهي ۽ انسان لاءِ فائدا به آهن پر انهن جو نقصان انهن جي فائدن کان گهڻو وڏو آهي ۽ توکان پڇن ٿا ته حق جي راهه ۾ ڇا خرچ ڪيون؟. انهن ڪي چئو ته جيڪي توهان جي ضرورتن کان وڌيڪ هجي سوخرچ ڪيو، ڏسو ته ڪيئن الله تعاليٰ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي. انهيءَ لاءِ ته دنيا ۽ آخرت جي مسئلن ۽ مصلحتن جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪيو. ‎(٢٢٠) ۽ ماڻهو توکان يتيمن متعلق سوال ڪن ٿا. انهن کي چئو ته، جنهن ڳالهه ۾ هنن جو سڌارو ۽ فائدو هجي اها ئي بهتر آهي، ۽ جيڪڏهن توهان هنن سان گڏ رهو ۽ پنهنجي گهر ۾ شامل ڪري ڇڏيو ته بهرحال هو اوهان جا ڀائر آهن. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير سڌاري ڪرڻ وارو آهي ۽ ڪير بگاڙو ۽ خرابي ڪرڻ وارو آهي. (توهان جي نيت چڱي آهي ته يتيمن جي مال سنڀالڻ کان نه نٽايو) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (يتيمن جي نازڪ معاملي ۾) اوهان کي تڪليف ۾ وجهي ها (يعني سخت پابندين وارا حڪم ڏئي ها) بيشڪ الله تعاليٰ وڏي طاقت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٢٢١) مشرڪ عورتن سان جيستائين هو مسلمان نه ٿين نڪاح نه ڪيو. هڪ مشرڪ عورت اوهان کي ظاهري طرح ڪيترو به وڻي ته به مؤمن عورت هن کان گهڻو بهتر آهي. ساڳئيءَ طرح مشرڪ مرد جيستائين ايمان نه آڻي کيس مؤمن عورت نڪاح ۾ نه ڏني وڃي. يقيناً خدا جو مؤمن ٻانهو هڪ مشرڪ مرد کان بهتر آهي، اگرچه اهو مشرڪ ظاهر ۾ اوهان کي پسند اچي. اهي مشرڪ اوهان کي (پنهنجي دين کان ڦيرائڻ چاهين ٿا) ۽ دوزخ جي طرف سڏين ٿا ۽ الله تعاليٰ پنهنجي حڪم سان اوهان کي (حق جو دين سيکاري) جنت ۾ مغفرت جي طرف سڏي رهيو آهي. (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ماڻهن جي رهنمائيءَ لاءِ پنهنجون نشانيون ۽ هدايتون چٽيون ڪري ٿو ٻڌائي ته خبردار ٿين ۽ نصيحت تي عمل ڪن.

    رڪوع ٢٨ آيت 222-تا-228
    زالن کي حيض اچڻ ۽ زال مڙس جا تعلقات ۽ حڪم جو بيان
    (٢٢٢) اي پيغمبر! ماڻهو توکان عورتن جي حيض (ماهانه ڪپڙا اچڻ) بابت پڇن ٿا، انهن کي ٻڌاءِ ته اهو ايذاءُ جو وقت آهي تنهن ڪري انهن ڏينهن ۾ عورتن سان همبستر نه ٿيو ۽ انهن کان پري رهو جيستائين حيض جي حالت کان پاڪ ۽ صاف ٿين. پوءِ جڏهن صاف ۽ پاڪ ٿين تڏهن ڀل توهان هنن سان اهڙيءَ طرح ميل جول رکو جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ حڪم ڪيو آهي (يعني الله تعاليٰ جي فطرتي قانونن موجب عمل ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي الله تعاليٰ جي حڪمن ڏي رجوع ٿا ٿين ۽ گناهن کان پناهه ٿا گهرن ۽ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي (ظاهري توڙي باطني) صفائي ۽ پاڪائي رکندڙ آهن. (٢٢٣) اوهان جون عورتون اوهان جي لاءِ پوک وانگر آهن، پوءِ جيئن توهان چاهيو تيئن (فطرت جي تقاضا موجب) ٻنيءَ ۾ پوک پوکيو ۽ پنهنجي لاءِ ايندڙ وقت جو بندوبست به ڪري ڇڏيو (يعني جيڪو اولاد پيدا ٿيندو تنهن لاءِ سامان تيار رکو) ۽ هر حال ۾ خدا جو خوف رکي پرهيزگاري ڪيو ۽ ياد رکو ته توهان کي (هڪ ڏينهن مرڻو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻو آهي ۽ سچو ايمان رکندڙن کي (دائمي سعادت جي) خوشخبري ڏي. (٢٢٤) ائين نه ڪيو جو ڪنهن سان چڱائي ڪرڻ يا ڪو پرهيزگاريءَ جو ڪم ڪرڻ يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرڻ جي خلاف قسم کڻي پوءِ الله جي نالي کي نيڪيءَ جي ڪم کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ بهانو بنايو. (يعني پهريائين ته چڱي ڪم جي خلاف قسم کڻو ۽ پوءِ عذر ڏيو ته مان خدا جو قسم کنيو آهي تنهن ڪري هي ڪم ڪونه ڪندس) ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٢٢٥) توهان جي قسمن مان جيڪي خسيس ۽ بي معنيٰ آهن انهن به نسبت الله تعاليٰ توهان تي سختي ڪانه ڪندو، پر انهن قسمن لاءِ سزا ڏيندو جي سمجهي سوچي دل ۽ دماغ سان برائي لاءِ کنيا ويا آهن (يا جائز ڪمن لاءِ قسم کڻي پوءِ انهن جي خلاف عمل ڪيو آهي) الله تعاليٰ هر حال ۾ بخشيندڙ ۽ تحمل وارو آهي. (٢٢٦) جيڪي ماڻهو پنهنجي زالن ڏي وڃڻ کان قسم کڻي ٿا ويهن تن لاءِ چئن مهينن جي مهلت آهي. پوءِ جيڪڏهن انهيءَ مدت جي اندر پنهنجيءَ زال ڏي وڃن ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (اها طلاق نه چئبي). (٢٢٧) پر جيڪڏهن (ائين نه ٿي سگهي) اهي مرد طلاق جو پڪو ارادو ڪن (ته پوءِ طلاق ٿي چڪي) پر ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي (يعني الله تعاليٰ طلاق کي پسند نٿو ڪري). (٢٢٨) جن عورتن کي سندن مڙسن طلاق ڏني هجي انهن کي ٽن ماهانه حيضن تائين پاڻ کي (ٻئي نڪاح ڪرڻ کان) روڪڻ گهرجي (يعني ٽن مهينن اندر عورت ٻيو نڪاح ڪري نٿي سگهي.) ۽ جيڪڏهن اهي عورتون الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿيون ته هنن لاءِ جائز ناهي ته جا شيءِ الله تعاليٰ هنن جي پيٽ ۾ خلقي آهي سا لڪائي ڇڏين (ڇو ته جيڪڏهن ٻار پيٽ ۾ آهي ته پوءِ عدت تيستائين هلندي جيستائين ٻار ڄمي ممڪن آهي ته ٻار ئي زال مڙس جي ٺهڻ جو سبب بڻجي وڃي) ۽ انهن جي مڙسن کي حق آهي ته جيڪڏهن انهي عدت جي اندر صلح ۽ ٺاهه لاءِ تيار ٿي وڃن ته پوءِ طلاق ڏنل زال کي پنهنجي زال ڪري ڏسن. عورتن کي به مردن تي اهڙائي حق آهن جهڙا مردن کي عورتن تي ته هڪ ٻئي سان چڱي هلت هلن. البت مردن کي عورتن تي هڪڙو درجو وڌيڪ ڏنو ويو آهي. (ڇو ته عورت نازڪ ۽ ضعيف آهي. مرد کيس سنڀالي ۽ حفاظت ڪري ٿو) الله تعاليٰ وڏي شان وارو ۽ حڪمت وارو آهي.

    رڪوع ٢٩ آيت 229-تا-231
    طلاق جا مسئلا
    (٢٢٩) طلاق (جنهن کان پوءِ وري رجوع ڪري سگهجي ٿو) ٻه ڀيرا ٿي سگهي ٿي. پوءِ مرد يا ته انصاف ۽ چڱيءَ سلوڪ سان زال کي پاڻ وٽ زال ڪري رکي يا ته (ٽيون ڀيرو طلاق ڏيئي) سهڻي سلوڪ سان هن کان جدا ٿئي ۽ توهان جي لاءِ جائز ناهي ته جيڪي توهان پنهنجي زالن کي (مهر ۽ ٻيون سوکڙيون، زيور، ڪپڙا وغيره) ڏيئي ڇڏيو آهي تنهن مان ڪجهه طلاق ڏيڻ وقت موٽائي وٺو. پر جيڪڏهن ٻنهي کي انديشو ٿئي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا ته پوءِ هڪ ٻئي سان انهن ڏنل شين بابت راضي نامون ڪري سگهن ٿا. پوءِ توهان کي سچ پچ اهڙو انديشو هجي ته الله جا ٺهرايل حق ۽ واجب ادا ٿي نه سگهندا ته پوءِ ٻنهي تي ڪو گناهه ناهي، جيڪڏهن زال (پاڻ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ) عيوضي ۾ ڪجهه ڇڏي ڏئي. (۽ مڙس اهو وٺي جدا ٿيڻ تي راضي ٿي وڃي) ۽ ياد رکو ته اهي الله جون مقرر ڪيل حدون آهن پوءِ متان انهن کان ٻاهر قدم کڻو. جيڪو به الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن کان ٻاهر ويندو ته پوءِ اهڙا ئي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن. (٢٣٠) پوءِ جيڪڏهن ڪنهن شخص ٽئين طلاق به ڏني ته پوءِ ان کي اها زال جائز ناهي جيستائين ڪنهن ٻئي مرد سان نڪاح نه ڪري پوءِ جيڪڏهن ٻيو مڙس به (پنهنجي خوشيءِ سان) کيس طلاق ڏيئي ڇڏي (۽ اڳيون مڙس ۽ زال پاڻ ۾ راضي ٿي وڃن) ته پوءِ هڪ ٻئي ڏانهن رجوع ٿي سگهن ٿا. ان ۾ انهن لاءِ ڪو گناهه ڪونهي بشرطيڪ ٻنهي کي اميد هجي ته الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن تي قائم رهي سگهندا، اهي الله جون ٺهرايل حدون آهن جن کي الله انهن ماڻهن لاءِ چٽيون ڪري ٿو، جيڪي (زندگيءَ جون مصلحتون) ڄاڻن ٿا. (٢٣١) جڏهن توهان پنهنجي زال کي طلاق ڏيو تڏهن يا ته عدت جي اندر هنن کي چڱي طريقي سان پاڻ وٽ زال ڪري رهايو يا ته (آخري طلاق بعد) چڱي طريقي سان هن کي اماڻي ڇڏيو. ائين نه ٿئي جو هنن کي نقصان پهچائڻ لاءِ روڪي رکو ۽ مٿس ظلم ڪيو. (نڪي زال ڪري وهاريو، نڪي وڃڻ ڏيوس جيئن اڳي بت پرست عرب ڪندا هئا) جيڪو ائين ڪندو سو پنهنجو ئي نقصان ڪندو. ائين نه ڪيو جو الله جي حڪمن کي کيل تماشو بنائي ڇڏيو (اڄ نڪاح ڪيو سڀاڻي طلاق ڏني) پاڻ تي الله جون نعمتون ياد ڪيو. الله تعاليٰ ڪتاب ۽ حڪمت مان جو ڪجهه نازل ڪيو آهي ۽ جنهن سان اوهان کي چڱيون نصيحتون ڏئي ٿو (سي ڪڏهن نه وسارجو) ۽ الله کان ڊڄو ۽ پڪ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ کي هر شيءِ جو علم آهي.

    رڪوع ٣٠ آيت 232-تا-235
    طلاق جا مسئلا ۽ بيواهه زال جا حق
    (٢٣٢) ۽ جڏهن اوهان عورتن کي طلاق ڏيئي ڇڏي آهي ۽ هنن پنهنجي عدت پوري ڪئي آهي ته پوءِ جيڪڏهن اهي مناسب طريقي سان ڪنهن سان نڪاح ڪرڻ چاهين، جڏهن ته ٻئي ڌريون پاڻ ۾ راضي آهن، (ته اهڙيءَ صورت ۾) توهان هنن کي هرگز نه روڪيو، توهان منجهان جيڪو به الله ۽ آخرت ۾ ايمان رکي ٿو، تنهن کي هن حڪم جي وسيلي نصيحت ڪئي وڃي ٿي. انهيء ۾ توهان جي لاءِ وڌيڪ برڪت ۽ پاڪائي آهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو پر توهان نٿا ڄاڻو. (٢٣٣) ۽ (جيڪڏهن طلاق ڏنل عورت کي ٻار ڄاول هجي) ته ٻار کي پورا ٻه سال ٿڃ پياري، ٻار جي انهيءَ پيءُ تي لازم آهي ته انهيءَ عرصي لاءِ ٻار جي ماءُ کي کاڌو پيتو، لٽو ڪپڙو مناسب طرح ڏئي. ڪنهن به شخص کي سندس وسعت کان وڌيڪ تڪليف ڏيڻي ناهي، نه ماءُ کي سندس ٻچي سببان ڪو نقصان پهچايو وڃي، نه پيءُ کي انهي ٻچي سببان. پر جيڪڏهن والد فوت ٿي وڃي ته سندس وارث انهيءَ عورت جي کاڌي پيتي ۽ لٽي ڪپڙي وغيره جو اهڙيءَ طرح انتظام رکي جهڙيءَ طرح پيءُ کي مناسب آهي، پر جيڪڏهن ٻئي پيءُ ۽ ماءُ پاڻ ۾ راضي ٿي صلاح مصلحت سان ٿڃ (مدت کان اڳي) ڇڏِرائين ته پوءِ مٿن گناهه ڪونهي ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ته پنهنجي ٻچن لاءِ ڪنهن ٻي عورت جي ٿڃ جو انتظام ڪيو ته ان ۾ به اوهان تي ڪو گناهه ڪونهي، بشرطيڪ جيڪي ماءُ کي ڏيڻو ڪيو هو سو دستور موجب انصاف سان ان جي حوالي ڪيو. (وڏي ڳالهه هيءُ آهي ته هر حال ۾) الله تعاليٰ جو خوف رکو ۽ يقين ڪيو ته جيڪي به توهان ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو پيو. (٢٣٤) ۽ توهان مان ڪي ماڻهو فوت ٿي وڃن ۽ بيوهه زالون ڇڏي وڃن ته انهن بيوهه زالن کي گهرجي ته چار مهينا ۽ ڏهه ڏينهن (وفات جي عدت تائين) پاڻ کي (ٻئي نڪاح کان) روڪي رکن. پوءِ جڏهن اها عدت پوري ڪن تڏهن جيڪي جائز طريقي سان پنهنجي لاءِ ڪن (يعني ٻئي نڪاح جي تياري ڪن) ته ان لاءِ توهان تي ڪو ڏوهه ڪونهي. (يعني انهن کي نڪي ٻئي نڪاح کان منع ڪيو، نڪي وڌيڪ سوڳ ڪرڻ تي مجبور ڪيو) ۽ جيڪي توهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ ان جي خبر رکندڙ آهي. (٢٣٥) ۽ جن بيوهه عورتن سان نڪاح ڪرڻ چاهيو تن کي جيڪڏهن اشاري طور پنهنجو ارادو ٻڌايو يا پنهنجي دل ۾ نڪاح جو ارادو لڪائي رکو ته ان ۾ اوهان جي لاءِ گناهه ڪونهي. الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ان جو خيال توهان جي دل ۾ ايندو، پر ائين نه ٿئي جو لڪي ڇپي انهن کي (نڪاح جو) وعدو ڏيئي ڇڏيو. مگر دستور موجب مناسب ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ٿي ۽ جيستائين عدت جي مقرر مدت پوري نه ٿئي تيستائين نڪاح جي ڳنڍ ٻڌڻ جو پڪو ارادو نه ڪيو (ڇو ته عدت جي اندر نڪاح جي تياري به جائز ناهي) ۽ يقين ڪيو ته جو ڪجهه اوهان جي دلين ۾ آهي سو الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. تنهن ڪري سندس خوف رکو ۽ ڄاڻو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشڻ وارو ۽ تحمل وارو آهي.

    رڪوع ٣١ آيت 236-تا-242
    مهر يا ڪابينو ڏيڻ ۽ فوت ٿيل مڙس جي زال کي هڪ سال گهر ۾ رهائڻ
    (٢٣٦) ۽ جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي جو توهان عورت کي اڃا هٿ به نه لاتو هجي نڪي اڃا مهر مقرر ڪيو هجي ۽ طلاق ڏيئي ڇڏيو ته توهان تي ڪو گناهه ڪونهي، پر ان حالت ۾ (جو مائٽي جون ڳالهيون پڪيون ڪري وري ٽوڙڻ سان عورت کي صدمو يا نقصان پهچي ٿو، تنهنجي عيوض ۾ ضروري آهي ته) عورت کي ڪجهه ڏيو ايترو ڏيو جيترو حالتن موجب مناسب هجي شاهوڪار پنهنجي وسعت آهر ڏئي ۽ مسڪين پنهنجي وسعت آهر ڏئي، نيڪ عمل انسانن تي حق آهي ته ائين ڪن. (٢٣٧) پر جيڪڏهن عورت کي هٿ لڳائڻ کان اڳي طلاق ڏيو ۽ مهر مقر ڪيو هجيو ته انهيءَ حالت ۾ مقرر ڪيل مهر جو اڌ عورت کي ڏيڻ گهرجي، مگر ائين ٿي سگهي ٿو ته عورتون پنهنجي خوشيءِ سان معاف ڪري ڇڏين يا مرد جنهن جي هٿ ۾ نڪاح جو رشتو آهي سو پاڻ اڌ رقم باز رکڻ جي بدران سڄو مهر زال کي ڏئي، توهان مرد جيڪڏهن ائين ڪندؤ (يعني اهڙي حالتن ۾ به سڄو مهر ڀري ڏيندؤ) ته اها پرهيزگاري ۽ نيڪ عملي جي ڳالهه آهي، پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان احسان ۽ ڀلائي ڪرڻ ڪڏهن نه وساريو ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل اوهان ڪيو ٿا سي بيشڪ الله تعاليٰ ڏسي ٿو. (٢٣٨) پنهنجي نمازن جي حفاظت ۾ ڪوشش ڪندا رهو خصوصاً اهڙي نماز جا (ظاهر ۽ باطن ۾) بهترين نماز هجي (ٽپهري يا عصر جي نماز کي به صلوٰة الوسطي وچئين نماز چئبو آهي) ۽ الله جي حضور ۾ اهڙيءَ طرح نماز ۾ بيهو جو گويا ادب ۽ نياز ۾ مستغرق ٿي ويا آهيو. (٢٣٩) پر جيڪڏهن دشمن جو خوف خطرو هجي ته پيادا هجو يا سوار هجو، هلندي جيئن به ٿي سگهي تيئن نماز پڙهي وٺو. پوءِ جيڪڏهن امن امان جي حالت قائم ٿئي ته اهڙيءَ ئي طرح نماز پڙهو. جهڙيءَ طرح توهان کي سيکاري ويئي آهي، جنهن جي اڳي اوهان کي خبر ڪانه هئي. (٢٤٠) ۽ توهان منجهئون جيڪي فوت ٿين ۽ پٺيان بيوهه زالون ڇڏي وڃن ته (مرڻ کان اڳي) وصيت ڪرڻ گهرجين ته هنن کي (ڪم از ڪم) هڪ سال تائين کاڌو پيتو ڪپڙو وغيره ڏنو وڃي ۽ گهر مان نه ڪڍيو وڃي، پر جيڪڏهن پاڻ سال گذرڻ کان اڳي گهر ڇڏي هليون وڃن ۽ (چار مهينا ڏهه ڏينهن عدت گذرڻ بعد) نڪاح وڃي ڪن ته اوهان تي ڏوهه ڪونهي (يعني پوءِ کاڌو پيتو وغيره پهچائڻ جو اوهان تي بار ڪونهي نه ڪي کين روڪي هروڀرو هڪ سال تائين سوڳ ڪرائڻ گهرجي) ياد رکو ته الله تعاليٰ وڏي طاقت ۽ شان وارو۽ حڪمت وارو آهي. (٢٤١) ۽ ياد رکو ته جن عورتن کي طلاق ڏني ويئي آهي تن کي مناسب طريقن سان فائدو پهچايو. پرهيزگار ٻانهن تي حق آهي ته ائين ڪن. (٢٤٢) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ پنهنجون آيتون ۽ حڪم چٽا چٽا ڪري ٿو ٻڌائي، انهيءَ لاءِ ته عقل کان ڪم وٺو.

    رڪوع ٣٢ آيت 243-تا-248
    جهاد، موت کان ڊڄڻ وارن لاءِ سچ پچ موت (ذلت) آهي، ڪير آهي جيڪو الله کي سهڻو قرض ڏئي.
    (٢٤٣) اي پيغمبر! ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي، جيڪي پنهنجن گهرن مان نڪري ويا ۽ اگرچه هزارن جي تعداد ۾ هئا ته به (ڊڄڻا) موت جي خوف کان ڀڄي هليا ويا. الله جو حڪم آيو ته (موت کان ڀڄي رهيا آهيو ته ڏسو) هاڻي سچ پچ توهان جي لاءِ موت آهي. (ڊڄڻن تي ضرور دشمن غالب پوندو ۽ ڦرلٽ ۽ قتل عام ڪندو) پر الله تعاليٰ (مٿن رحم ڪري) کين زندهه ڪيو (يعني منجهن ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪيو ۽ هو مقابلو ڪري فتحياب ٿيا) بيشڪ الله تعاليٰ انسانن تي وڏا فضل ڪندڙ آهي، مگر افسوس! جو گهڻائي انسان الله تعاليٰ جي نعمتن جو قدر نٿا ڪن. (٢٤٤) ۽ (جيڪڏهن لڙائي ڪرڻي پوي ته بهادر ٿي) خدا جي راهه ۾ لڙائي ڪريو ۽ يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. (٢٤٥) ڪير آهي جو الله تعاليٰ کي خوشيءِ سان سهڻو قرض ڏئي جو قرض الله تعاليٰ کيس موٽائي ڏئي (جهاد لاءِ يا ٻيءَ طرح خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ آهي خدا کي سهڻو قرض ڏيڻ، جنهن جي عيوض بي شمار برڪتون ۽ نعمتون حاصل ٿين ٿيون) ۽ (تنگدستيءَ کان نه ڊڄو) الله ئي تنگدستي ۽ ڪشادو رزق ڏيندڙ آهي ۽ آخر ته انهيءَ جي طرف موٽڻو اٿوَ. (٢٤٦) اي پيغمبر! ڇا تو بني اسرائيلن جي سردارن جي انهيءَ واقعي تي غور نه ڪيو جو واقعو حضرت موسيٰ کان پوءِ هنن کي پيش آيو. سردارن پنهنجي وقت جي نبي کي چيو ته، اسان خدا جي راهه ۾ جنگ ڪنداسين اسان جي لاءِ بادشاهه مقرر ڪيو. نبي سڳوري فرمايو ته ممڪن آهي ته جيڪڏهن توهان کي لڙائيءَ جو حڪم ڏنو وڃي ته توهان لڙڻ کان انڪار ڪندؤ. سردارن چيو ته جنهن صورت ۾ اسان پنهنجي گهرن مان تڙيا ويا آهيون ۽ اولاد کان جدا ڪيا ويا آهيون تنهن صورت ۾ ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو اسان خدا جي راهه ۾ نه وڙهنداسين پر پوءِ جڏهن لڙائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو تڏهن ڪن ٿورن کان سواءِ سڀني پٺي ڦيرائي، پر الله تعاليٰ بي فرمانن جي (دلين جي کوٽ کان) بي خبر ناهي. (٢٤٧) پوءِ هنن جي نبي سڳوري کين چيو ته، الله تعاليٰ توهان جي لاءِ طالوت کي بادشاهه مقرر ڪيو آهي، (ان جي فرمانبرداري ڪيو ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيو) هنن چيو ته، ائين ڪيئن ٿيندو جو هن کي اسان تي حڪمراني ملي ڇو جو حڪمراني لاءِ هن کان وڌيڪ ته اسان پاڻ حقدار آهيون. ازان سواءِ هن کي مال ۽ دولت جي ڪشادگي به ڪانهي. نبي سڳوري فرمايو ته، الله تعاليٰ طالوت کي ئي (حڪمرانيءَ جي لياقتن سببان) توهان تي ترجيح ڏيئي چونڊيو آهي ۽ کيس گهڻي علم ۽ وڏي جسماني طاقت عطا ڪئي آهي. الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو (۽ لائق سمجهي ٿو) تنهن کي بادشاهي ڏئي ٿو، بيشڪ الله تعاليٰ وڏي وسعت رکڻ وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٢٤٨) ۽ وري انهن جي نبيءَ سڳوري کين فرمايو ته ڏسو ته هن جي حاڪم ٿيڻ جي (لائقي جي) نشاني هيءَ آهي ته، توهان جو پاڪ تابوت (جو هاڻي دشمنن جي قبضي ۾ آهي) ملائڪ اتان کڻي ايندا. انهيءَ تابوت ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ (فتح جي) تسلي آهي ۽ جيڪي حضرت موسيٰ ۽ هارون جو خاندان ڇڏي ويا آهن، ان جو باقي حصو آهي. جيڪڏهن توهان مڃڻ وارا آهيو ته هن ۾ توهان لاءِ وڏي نشاني موجود آهي.

    رڪوع ٣3 آيت 249-تا-252
    بادشاهه طالوت جي فتح ۽ الله جي رسولن بابت ڪجهه حقيقتون
    (٢٤٩) پوءِ جڏهن طالوت لشڪر سان روانو ٿيو تڏهن هن چيو ته واٽ تي (هڪ ندي ايندي ۽) الله تعاليٰ ان نديءَ جي پاڻيءَ سان توهان جي (صبر ۽ فرمانبراريءَ جي) آزمائش وٺندو. ياد رکو ته جنهن به ان نديءَ جو پاڻي پيتو تنهن سان منهنجو واسطو ڪونهي (انهيءَ کي لشڪر مان ڪڍي ڇڏيندس) پر جيڪو اهو پاڻي نه پيئندو سو ئي مون سان اڳتي هلندو. پر جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو (مجبوري جي حالت ۾) هٿ سان ڪجهه پاڻي کڻي هڪڙو ڍڪ پيتو ته فڪر ناهي. پوءِ (جڏهن لشڪر نديءَ وٽ پهتو تڏهن) ڪن ٿورڙن کان سواءِ سڀني پاڻي پيتو، (صبر ۽ فرمانبرداري ۾ پورا نه نڪتا) پوءِ جڏهن طالوت ۽ هن سان گڏ اهي ماڻهو جيڪي سچا ايمان وارا هئا نديءَ کان پار لنگهيا، تڏهن انهن ماڻهن (جن پاڻي پي حڪم جي انحرافي ڪئي هئي) چيو ته اسان کي اها طاقت ناهي ته اڄ جالوت سان (جو فلسطيني لشڪر جو راڪاس جهڙو سردار هو) ۽ سندس لشڪر سان وڙهي سگهون. پر اهي ماڻهو جن سمجهيو ٿي ته (هڪ ڏينهن) الله جي حضور ۾ حاضر رهڻو آهي تن بي ڌڙڪ چئي ڏنو ته (وڏي لشڪر کان ٿا ڊڄو؟) ڪيتريون ئي ننڍيون ٽوليون خدا جي حڪم سان وڏن لشڪرن تي غالب پئجي ويون ۽ الله تعاليٰ هميشه صبر ۽ ثابت قدمي رکڻ وارن جو ساٿي آهي. (٢٥٠) ۽ جڏهن هو جالوت ۽ سندس لشڪر جي سامهون ٿيا تڏهن هنن دعا گهري ته اي اسان جا رب! اسان جي مٿان صبر ۽ ثابت قدمي جو پيالو پرٽاءِ ۽ اسان جا قدم ڄمائي رک ۽ اسان کي انهن جي خلاف مدد ڪر جيڪي حق جا منڪر آهن. (٢٥١) پوءِ هنن الله جي حڪم سان دشمنن کي ڀڄائي ڪڍيو ۽ حضرت دائود جالوت کي قتل ڪري وڌو. پوءِ الله تعاليٰ حضرت دائود کي بادشاهي ۽ دانائي ڏني ۽ جو علم کيس سيکارڻ چاهيائين سو کيس سيکاريائين. جيڪڏهن الله تعاليٰ (ظالم) ماڻهن کي (نيڪ) ماڻهن هٿان دفع نه ڪرائي ها ته دنيا ۾ ظلم ۽ فساد ۽ تباهي زور وٺي ها، پر الله تعاليٰ انسانن تي رحم ۽ فضل ڪندڙ آهي، (نيڪن کي ظالمن جي مقابلي ۾ مدد ڪري ٿو). (٢٥٢) اي پيغمبر! اهي الله تعاليٰ جون آيتون آهن جي توکي برحق ٻڌايون ٿا ۽ بيشڪ تون سچن رسولن منجهان آهين.

    حصو ٽيون
    (٢٥٣) اهي سڀ پيغمبر آهن، انهن مان ڪن کي ٻين کان افضل (بهتر) ڪيوسين (يعني اگرچه پيغمبريءَ جي لحاظ کان سڀني جو درجو هڪ آهي پر هر ڪنهن جون خصوصيتون پنهنجون پنهنجون آهن) انهن مان ڪي ته اهڙا آهن جن سان الله تعاليٰ ڪلام ڪيو (يعني انهن تي ڪتاب نازل ڪيو) ۽ ڪي اهڙا آهن جن جا درجا (ان وقت جي حالتن مطابق ٻين ڳالهين ۾) بلند ڪيا ويا. ۽ حضرت عيسيٰ ابن مريم کي هدايت جا روشن دليل ڏناسين ۽ روح القدس (پاڪ وحي) جي تائيد سان سرفراز ڪيوسين. جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها (سندس قدرت ته سڀ ڪجهه ڪري ٿي سگهي) ته جي ماڻهو انهن پيغمبرن کان پوءِ پيدا ٿيا سي هدايت جي روشن دليلن ملڻ بعد وري پاڻ ۾ اختلاف ڪري وڙهن ڪونه ها، پر (جنهن صورت ۾ الله تعاليٰ انسان کي ارادي ۽ فعل جو اختيار ڏنو آهي) انهن ماڻهن (خود غرضين ۽ تڪبر سببان) پاڻ ۾ اختلاف ڪيو، ڪن ايمان جي واٽ اختيار ڪئي ته ڪن وري ڪفر جو رستو پسند ڪيو، جيڪڏهن الله چاهي ها ته هو ڪونه وڙهن ها، پر الله تعاليٰ پنهنجي رٿ ۽ ارادي موجب عمل ڪري ٿو. (سندس رٿ اها آهي ته انسان پنهنجو عقل ۽ ٻيون قوتون ڪم آڻي.)

    رڪوع ۳۴ آيت 253-تا-257
    خدا جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ، شفاعت. الله تعاليٰ جي عظمت، دين ۾ جبر ڪونهي.
    (٢٥٤) مؤمنؤ! جيڪو رزق اسان توهان کي ڏنو آهي سو (رڳو پنهنجي نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ نه پر الله جي راهه ۾ به) خرچ ڪيو، انهيءَ کان اڳي جو زندگي پوري ٿي وڃي ۽ اهو ڏينهن اچي وڃي جنهن ڏينهن نڪي خريد فروخت ٿي سگهندي (جو پيسا ڏيئي جنت خريد ڪيو) نڪي ڪنهن دوست جي ڪوشش ۽ مددگاري ڪم ايندي، نڪي ڪنهن جي سفارش سان ڪم ڪڍي سگهبو. (ان ڏينهن فقط چڱا عمل ڪم ايندا) ۽ ياد رکو ته جيڪي ماڻهو (هن حقيقت جا) منڪر آهن سي ئي پاڻ تي پاڻ ظلم ڪري رهيا آهن. (٢٥٥) الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو “الحي” آهي (يعني ازخود زندهه آهي ۽ هن جي زندگيءَ کي فنا ۽ زوال ڪونهي) هو “القيوم” آهي (يعني سڀ ڪجهه هن جي حڪم سان قائم آهي ۽ پنهنجي قيام لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي) هن کي نڪو ڍڪر ٿو اچي، نڪي ننڊ. آسمانن ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سڀ سندس ئي آهي ۽ سندس ئي حڪم سان آهي. ڪير آهي جو هن جي اڳيان هن جي اجازت کان سواءِ ڪنهن جي لاءِ سفارش ڪري سگهي؟ جيڪي جيڪي انسان جي اڳيان آهي سو به الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ جيڪي جيڪي پٺيان اٿس سوبه ڄاڻي ٿو. انسان هن جي علم مان ڪجهه به پروڙي نٿو سگهي، پر اوترو جيترو الله تعاليٰ پاڻ عطا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ ڏئي ٿو. هن جو تخت (حڪومت) آسمانن ۽ زمين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ ۾ هن کي ڪو ٿڪ ڪونه ٿو ٿئي هو بي انتها بلند ۽ بي انتها وڏو آهي. (اها آهي مشهور آية الڪرسي) (٢٥٦) دين جي باري ۾ زور زبردستي جائز ناهي، يقيناً هدايت جي واٽ گمراهي کان الڳ ۽ چٽي ڪئي ويئي آهي. (ٻئي واٽون ماڻهن جي سامهون آهن، جنهن کي جيڪا وڻي سان اختيار ڪري) پوءِ جنهن طاغوت (شيطان) کان انڪار ڪيو (يعني فساد ۽ سرڪشيءِ کان بيزار ٿي ويو) ۽ الله تي ايمان آندو تنهن (سعادت واريءَ) ڀروسي جهڙي ٽاريءَ کي مضبوط جهليو، جا ٽاري ٽٽڻ واري ناهي (جنهن ان کي جهليو سو سلامت رهيو) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٢٥٧) الله تعاليٰ انهن ماڻهن جو محافظ ۽ مددگار آهن جي ايمان جي راهه اختيار ڪن ٿا. هو انهن کي هر قسم جي اونداهين مان ڪڍي روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو، پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن جا دوست ۽ مددگار اهي سرڪش ۽ مفسد شيطان آهن، (جن کي هنن معبود بنايو آهي) اهي شيطان هنن کي روشنائيءَ مان ڪڍي اونداهين ۾ وٺي وڃن ٿا. اهي ماڻهو آهن جيڪي دوزخي جماعت جا ساٿي آهن ۽ هميشه ان باهه ۾ رهندا.

    رڪوع ۳۵ آيت 258-تا-260
    حضرت ابراهيم عليه السلام جو الله تعاليٰ متعلق دليل، بيت المقدس جو ويران ٿيڻ ۽ وري آباد ٿيڻ
    (٢٥٨) اي پيغمبر! تو انهيءَ شخص جي حالت تي غور ڪونه ڪيو ڇا؟ جنهن حضرت ابراهيم سان سندس پروردگار جي باري ۾ بحث ڪيو. ڇو ته الله تعاليٰ کيس بادشاهي ڏني هئي (يعني بادشاهيءَ جي فخر کان خود خدا بابت حجتون ڪرڻ لڳو) جڏهن حضرت ابراهيم فرمايو ته، منهنجو پروردگار اهو آهي جو جيئاري ۽ ماري ٿو، تڏهن هن بادشاهه چيو ته، مان به جيئاريان ۽ ماريان ٿو (يعني پنهنجي بادشاهيءَ ۾ جنهن کي وڻيم تنهن کي مارائي ڇڏيان ۽ جنهن کي وڻيم تنهن کي ڇڏي ڏيان) حضرت ابراهيم تنهن تي فرمايو ته الله تعاليٰ سج کي اوڀر کان اڀاري ٿو، تون اولهه کان اڀاري ڏيکار. هي جواب ٻڌي حق جو منڪر وائڙو ٿي ويو. الله جو قانون آهي ته هو ظالمن کي حق جي راهه نٿو ڏيکاري. (٢٥٩) وري انهيءَ شخص جو مثال وٺو جو هڪڙي اهڙي ڳوٺ جي ڀرسان لنگهيو جنهن جي گهرن جون ڇتيون ڪري پيون هيون ۽ انهن جي مٿان درن ۽ ڀتين جو ڍير لڳي ويو هو،( هي حال ڏسي) هن چيو ته، الله تعاليٰ هن ڳوٺ کي موت بعد وري زندهه ڪندو (يعني ڪيئن ويران ڳوٺ کي وري آباد ڪندو!) پوءِ الله تعاليٰ هن شخص کي سؤ سالن جو موت ڏنو ۽ پوءِ اٿاري کڙو ڪيائين ۽ پڇيائين ته، ڪيترو وقت انهيءَ حالت ۾ رهين؟ هن چيو ته، هڪڙو ڏينهن يا ڏينهن جو ڪجهه حصو. الله تعاليٰ فرمايو ته، تون هڪ سؤ سال انهيءَ حالت ۾ رهئين. هاڻي پنهنجي طعام ۽ پاڻيءَ تي نظر ڪر. انهن ۾ هيترا سال گذرڻ جي ڪا نشاني به ڪانهي (بلڪل تازا پيا ڏسجن) ۽ پنهنجي سواريءَ جي گڏهه ڏانهن نهار (ته ڪهڙي حالت ۾ آهي) هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو ويو ته توکي ماڻهن جي لاءِ (حق جي) هڪ نشاني ٺهرايون ۽ وري هڏين ڏانهن نهار ڪيئن اسان انهن ڪي کڙو ڪيون ٿا ۽ ڪيئن انهن تي گوشت چاڙهيون ٿا، پوءِ جڏهن انهيءَ شخص کي اها حقيقت سمجهه ۾ آئي تڏهن هن چيو ته، هاڻي مان يقين سان ڄاڻان ٿو ته، بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو. (٢٦٠) ۽ وري ڏسو جڏهن حضرت ابراهيم چيو ته اي منهنجا رب! مون کي ڏيکار ته ڪهڙيءَ طرح تون مئلن کي زندهه ٿو ڪرين؟ تڏهن الله تعاليٰ فرمايو ته، توکي ان جو يقين ناهي ڇا؟ هن عرض ڪيو ته يقين ته آهي پر هي انهيءَ لاءِ عرض ٿو ڪريان ته منهنجي دل کي آرام اچي. (يعني هي جا مايوس ڪندڙ حالت ڏسان ٿو ۽ دل ڌڙڪي ٿي سا دل جي مايوسي لهي وڃي). الله تعاليٰ جو حڪم ٿيو ته هيئن ڪر جو پکين مان ڪي به چار پکي هٿ ڪريو ۽ انهن کي پاڻ وٽ رکي پاڻ سان هيرائي ڇڏ، پوءِ انهن مان هرهڪ کي جدا جدا جبلن جي چوٽين تي وهار ۽ پوءِ هنن کي سڏ ڪر، هو (تنهنجو آواز ٻڌي) تنهنجي طرف اڏامي ايندا ۽ يقين ڪر ته بيشڪ الله تعاليٰ وڏي شان ۽ طاقت وارو ۽ حڪمت رکندڙ آهي.

    رڪوع ٣٦ آيت 261-تا-266
    صدقا ۽ خيراتون
    (٢٦١) جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا (انهن جي نيڪي ۽ نيڪيءَ جي برڪتن جو) مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ٻج جو داڻو. جو جڏهن پوکيو وڃي ٿو تڏهن هڪ داڻي مان ست سنگ پيدا ٿين ٿا ۽ هرهڪ سنگ مان سؤ داڻا نڪري اچن ٿا. (يعني هڪڙي داڻي خرچ ڪرڻ سان سوين داڻا ملن ٿا) ۽ الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن کي ٻيڻو يا وڌيڪ ڪري ڏئي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي وسعت وارو (ڪشادو رزق ڏيندڙ) ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (پر افسوس! جو اسان گمراهن کي الله جي هن قول تي ايمان ڪونهي، تنهن ڪري ٻين کي ڏيڻ بدران ٻين کان ڦرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺا آهيون.) (٢٦٢) جيڪي ماڻهو الله جي راهه ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ اهڙيءَ طرح خرچ ڪن ٿا جو نڪي وٺندڙن تي ٿورو ٿڦن ٿا ۽ نه وري وري احسان جي يادگيري ڏيارين ٿا، نڪي احسان ڪرڻ بعد ڪنهن به نموني سندن دل ڏکائن يا کين ايذاءُ پهچائن ٿا انهن ماڻهن کي الله تعاليٰ وٽان سندن عمل جو اجر ملندو هنن کي نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو رهندو نه غمگيني. (٢٦٣) مٺو ۽ وڻندڙ ٻول ۽ (رحم ۽ شفقت سان) معافي ڏيڻ انهيءَ صدقي يا خيرات کان بهتر آهي جنهن جي پٺيان خدا جي ٻانهن لاءِ ڪو ايذاءُ رٿيل هجي. (ياد رکو ته سخاوت ۾ خود اوهان جي چڱائي آهي.) الله تعاليٰ ته بي پرواهه ۽ تحمل وارو آهي. (٢٦٤) اي ايمان وارو! ماڻهن تي ٿورو ٿڦڻ سان يا ايذاءُ پهچائڻ سان پنهنجي خيرات کي برباد نه ڪري ڇڏيو، جهڙيءَ طرح اهو ماڻهو پاڻ کي برباد ڪندو آهي جو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجو مال خرچ ڪندو آهي ۽ الله ۽ آخرت ۾ ايمان ڪونهيس. اهڙن ماڻهن جو مثال اهڙو آهي جهڙي پٿر جي هڪ ڇپ. ان ڇپ تي مٽي پئجي ويئي آهي (۽ ان ۾ ٻج ڇٽيو ويو آهي) جڏهن زور سان مينهن وسيو تڏهن مٽي ٻج سميت وهي هلي وئي ۽ فقط هڪ صاف سخت ڇپ وڃي رهي. (اهوئي حال آهي ڏيکاءُ ۽ ناموس لاءِ خيرات ڪندڙن جو) انهن (خيرات ڪري) جو ڪجهه به ڪمايو سو (رياڪاري سببان) ضايع ٿي ويو. هن کي ڪجهه به هٿ نه آيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انهن کي سنئين واٽ نٿو ڏيکاري جيڪي ڪفر جي واٽ ٿا وٺن. (٢٦٥) (ان جي ابتڙ) جيڪي ماڻهو الله جي راضپي جي لاءِ ۽ پنهنجي دل جي خوشي ۽ ثبات سان پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪڙي آئٺي تي لڳايل باغ، انهيءَ تي چڱو مينهن وسيو ته ٻيڻا ڦل ڦول پيدا ٿي ويا ۽ جيڪڏهن زور سان مينهن نه وسيو ته هلڪيون بوندون به هن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪافي آهن ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (٢٦٦) ڇا توهان مان ڪوبه ماڻهو هيءَ ڳالهه پسند ڪندو ته هن کي کارڪن جي وڻن ۽ انگورن جي منهن جو هڪڙو باغ هجي ان ۾ نهرون وهندڙ هجن ۽ پڻ ان ۾ هن لاءِ ٻيا به طرحين طرحين جا ڦل ڦول هجن ۽ پوءِ ڇا ٿئي جو ٻڍائپ اچي وڃي ۽ ٻار هجنس ننڍڙا ۽ ضعيف ۽ اوچتو ئي اوچتو ساڙيندڙ هوا لڳي ۽ باغ کي ساڙي اجڙ ڪري ڇڏي؟ الله تعاليٰ اهڙن ئي مثالن سان توهان جي لاءِ حقيقت جون نشانيون چٽيون ڪري ٿو ڇڏي انهيءَ لاءِ ته غور ۽ فڪر کان ڪم وٺو.

    رڪوع ٣٧ آيت 267-تا-273
    شيطان توهان کي سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو ۽ دولت لاءِ برايون ڪرڻ جو حڪم ٿو ڪري
    (٢٦٧) اي مؤمنو! جيڪي توهان ڪمايو ٿا ۽ جيڪي اسان توهان لاءِ زمين مان پيدا ڪيون ٿا انهن مان پاڪ ۽ چڱيون شيون خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو. ائين نه ڪيو جو ڪا ردي ۽ خراب شيءِ خدا جي نالي تي خيرات ڪيو، اهڙي شيءِ جيڪر اوهان کي ملي ته ڪڏهن به نه وٺو. پرڄاڻي ٻجهي اکيون بند ڪري وٺو ته پوءِ ٻي ڳالهه آهي. ياد رکو ته الله تعاليٰ بي نياز ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. (هن کي اوهان جي ڪنهن به شيءِ جو احتياج ڪونهي، چڱين شين جي خيرات ڪرڻ مان توهان کي سعادت ۽ نجات ملندي). (٢٦٨) شيطان توهان کي سڃائيءَ کان ڊيڄاري ٿو (توهان ۾ وسوسا ٿو وجهي ته خيرات ڪندؤ ته سڃا ٿي ويندؤ) ۽ دولت ڪمائڻ لاءِ برائيون ڪرڻ جو حڪم ٿو ڪري، پر الله تعاليٰ توهان کي اهڙيءَ راهه ڏي سڏي ٿو جنهن ۾ سندس بخشش ۽ فضل ۽ ڪرم جو واعدو آهي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ ڪشادو رزق ڏيندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (٢٦٩) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي حڪمت ڏئي ٿو ۽ جنهن کي حڪمت ملي تنهن کي يقيناً تمام وڏي چڱائي ۽ برڪت ملي ويئي، نصيحت فقط اهي وٺندا جي سمجهه ۽ عقل وارا آهن. (٢٧٠) ياد رکو ته جنهن به قسم جي خيرات تي خرچ ٿا ڪيو يا خدا جي نالي تي باسيل نذر ڏيو ٿا ته الله تعاليٰ کي ان جي خبر پوي ٿي (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو) ۽ جيڪي ماڻهو ظلم ۽ گناهه ڪن ٿا تن کي (عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڪوبه مددگار نه لڀندو. (٢٧١) جيڪڏهن توهان (ڏيکاءُ ناموس جي نيت کان سواءِ) کليو کلايو خير خيرات ڪيو ته به چڱي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن لڪي ڇپي ڪيو. اهڙن محتاجن کي ڏيو جن کي ڪجهه به ناهي ته توهان جي لاءِ سڀ کان چڱو آهي. اهڙي خيرات توهان جي گناهن کي اوهان کان پري ڪري ڇڏيندي ۽ جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر رهي ٿي. (٢٧٢) اي پيغمبر! هنن ماڻهن جي هدايت جي ذميواري توتي ناهي (انهن ڪافرن کي به ڀلي خيرات ڏيو، پر نه انهيءَ نيت سان ته لالچ تي مسلمان ٿين) پر الله تعاليٰ ئي آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي هدايت ڪري. (پوءِ ماڻهن کي چئو ته) جيڪي توهان نيڪي جي راهه ۾ خيرات ڪندؤ سا خود اوهان جي فائدي لاءِ آهي، توهان جو خرچ ڪرڻ فقط انهيءَ لاءِ آهي ته خدا جي راضپي جي طلب ٿا رکو ۽ جيڪي جيڪي توهان نيڪي جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ ان جو بدلو توهان کي تمام چڱو ملندو ۽ توهان سان بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. (٢٧٣) خيرات انهن گهرج وارن کي ڏيڻي آهي، جيڪي خدا جي راهه ۾ گهيرجي مجبور ٿي ويٺا آهن ۽ هنن کي اها طاقت ڪانهي جو گذاران جي تلاش ۾ ملڪ ۾ هيڏي هوڏي نڪري پون. (هو بک يا گهرج هوندي به شرم يا خودداريءَ کان سوال نٿا ڪن) تنهن ڪري اڻ واقف ماڻهو سمجهن ٿا ته هنن کي ڪابه گهرج ڪانهي. توهان هنن جو چهرو ڏسي هنن جي حالت سمجهي سگهو ٿا. پر هو ماڻهن جي پوئتان لڳي ڪڏهن به سوال ڪرڻ وارا ناهن ۽ ياد رکو ته توهان جيڪي به نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪندؤ سو بلاشبه الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو.

    رڪوع ٣٨ آيت 274-تا-281
    صدقو ۽ وياج. الله تعاليٰ وياج مان کوٽ ۽ تباهي ڏئي ٿو.
    (٢٧٤) جيڪي ماڻهو رات جو يا ڏينهن جو ڳجهي طرح يا ظاهر ظهور نيڪيءَ جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪن ٿا تن کي يقيناً پنهنجي پرودگار وٽان اجر ملندو. هنن کي نه ڪو خوف خطرو هوندو، نڪا غمگيني. (٢٧٥) جي ماڻهو (گهرج وارن جي مدد ڪرڻ بدران اٽلندو انهن کان) وياج وٺي پيٽ پالن ٿا اهي (انهيءَ ظلم جو نتيجو ڏسندا) ۽ اٿي بيهي به ڪين سگهندا پر جي بيهندا ته انهي ماڻهو وانگر جنهن کي شيطان جي ڇهڻ سان چريائي ٿي وئي هجي (يا مرگهيءَ جي بيماريءَ ۾ گرفتار هجي.) هي انهيءَ ڪري ٿيندو جو هنن (وياج کي ناجائز نه سمجهيو ۽) چيائون ته واپار به وياج وٺڻ وانگر آهي، پر الله تعاليٰ واپار ڪري نفعو ڪمائڻ کي حلال ٺهرايو آهي ۽ وياج کي حرام ڪيو. (ٻنهي ۾ زمين آسمان جو تفاوت آهي) سو هاڻي جنهن ماڻهو کي پنهنجي رب وٽان هي حڪم پهچي ته آئندهه وياج وٺڻ بند ڪري، تنهن کي اڳيون ورتل وياج وٽس ئي هجي ۽ هن جو معاملو الله وٽ آهي پر جيڪڏهن آئندهه به ڪو ماڻهو (وياج وٺڻ کان) باز نه ايندو ته پوءِ هو دوزخي جماعت منجهان آهي ۽ هميشه عذاب ۾ رهندو. (٢٧٦) الله تعاليٰ وياج مان کوٽ ۽ تباهي ڏئي ٿو ۽ خيرات لاءِ برڪت ۽ واڌارو ٿو ڏئي ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن کي ناپسند ٿو ڪري جي الله تعاليٰ جا بي شڪر ۽ نافرمان آهن. (٢٧٧) جي ماڻهو الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ سندن عمل به چڱا آهن پڻ نماز قائم ڪن ٿا ۽ زڪوٰت ڪڍن ٿا تن کي يقيناً سندن پروردگار وٽان اجر ملندو، نڪي هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف خطرو رهندو، نڪي ڪا غمگيني. (٢٧٨) اي مؤمنو! جيڪڏهن توهان کي سچ پچ ايمان آهي ته خدا جو خوف رکو ۽ جيڪو وياج قرضدارن وٽ رهجي ويو آهي سو ڇڏي ڏيو. (٢٧٩) جيڪڏهن توهان ائين نه ڪيو ته پوءِ الله ۽ ان جي رسول سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار رهو. (الله جي حڪمن جي خلاف عمل ڪرڻ آهي الله ۽ رسول سان جنگ ڪرڻ) پر جيڪڏهن انهي ڪم کان توبه ڪري باز اچو ته پوءِ توهان جي لاءِ هي حڪم آهي ته پنهنجي اصلي رقم وٺو ۽ وياج ڇڏي ڏيو نڪو توهان ڪنهن تي ظلم ڪيو، نڪي توهان تي ظلم ڪيو وڃي. (٢٨٠) ۽ جيڪڏهن قرضي تنگ حالت ۾ آهي (۽ هڪدم قرض ڏيئي نٿو سگهي) ته هن کي آساني جي حالت ٿيڻ تائين مهلت ڏيڻ گهرجي پر جيڪڏهن سمجهه رکو ٿا ته يقين رکو ته توهان لاءِ بهتري هن ۾ آهي ته اهڙي مسڪين کي قرض (مور به) صدقي طور بلڪل معاف ڪري ڇڏيو. (٢٨١) ۽ انهيءَ ڏينهن جي حساب کان ڊڄو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور ۾ موٽي ويندؤ. پوءِ ڇا ٿيندو جو هر نفس (پنهنجي عملن سان) جيڪي ڪمايو هوندو ان جو پورو پورو بدلو هن کي ملندو ڪنهن سان به بي انصافي نه ٿيندي.

    رڪوع ٣٩ آيت 282-تا-283
    ڏيتي ليتي واڌ وغيره کي لکپڙهه هيٺ آڻڻ
    (٢٨٢) اي مؤمنو! جڏهن ڪنهن خاص مدي لاءِ اوڌر (پيسا يا ٻيو ڪجهه) ڏيو يا وٺو ته پوءِ ان کي لکپڙهه هيٺ آڻيو ۽ هڪڙو لکڻ وارو اوهان جي وچ ۾ هجي جو عدل ۽ ايمانداريءَ سان دستاويز لکي. لکي ڄاڻندڙ کي گهرجي ته لکڻ کان انڪار نه ڪري، ڇو ته الله تعاليٰ ئي هن کي لکڻ سيکاريو آهي، تنهن ڪري ضرور لکي. هيئن ڪجي جو جنهن کي رقم يا شيءِ (مقرر مدي تي) ڏيڻي آهي سو چوندو وڃي (ته ڪاتب لکندو وڃي) ۽ چوڻ وقت پنهنجي پروردگار جو خوف دل ۾ رکي ۽ جو ڪجهه هن کي ڏيڻو آهي تنهن کان ذرو به گهٽ نه لکائي، پر جيڪڏهن ذميوار بي سمجهه هجي يا ضعيف هجي ۽ لکائڻ جي قابليت نه هجيس ته پوءِ ان جي پاران سندس خير خواهه دوست يا سنڀاليندڙ عدل ۽ ايمانداريءَ سان چوندو لکائيندو وڃي ۽ (جيڪو دستاويز لکيو وڃي) تنهن تي پنهنجي ماڻهن مان ٻن مردن کي شاهد ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن ٻه مرد نه هجن ته هڪ مرد ۽ ٻه عورتون جيڪي پسند هجن سي شاهد ڪري ڇڏيو. انهيءَ لاءِ ته جيڪڏهن هڪ عورت کان ڳالهه وسري وڃي ته ٻي هن کي يادگيري ڏياري ۽ جڏهن شاهدن کي سڏيو وڃي تڏهن هلي وڃڻ ۽ شاهدي ڏيڻ کان نه نٽائين ۽ معاملو ننڍڙو هجي توڙي وڏو هجي پر ميعاد پيل هجي ته دستاويز لکڻ ۾ شرم يا ڍرئي نه ڪيو. هن ڳالهه ۾ الله تعاليٰ جي نظر ۾ توهان جي لاءِ انصاف جي زياده مضبوطي آهي، شاهديءَ لاءِ وڌيڪ پڪائي آهي ۽ وڌيڪ امڪان آهي ته شڪ شبهي ۾ ڪونه پوندو، پر جيڪڏهن سودو ڪرڻ وقت هٿئون هٿ ڏيئي وٺي ڪم لاهي ڇڏيو ٿا (اوڌر ڪانه رهي) ته پوءِ اوهان تي ڏوهه ناهي، جيڪڏهن اهو سودو لکپڙهه هيٺ نه آڻيو، پر تڏهن به (وڏن تجارتي معاملن ۾) سودي ڪندي شاهد ڪري ڇڏيو (ته پوءِ ڪو جهڳڙو نه ٿئي. مثلاً ڳئون يا ٻڪري خريد ڪيو ۽ پوءِ ڪو چوي ته توهان چورائي آيا آهيو ته ڪيڏو نه خلل ٿي پوي) (هي ڳالهه به ضروري آهي ته) لکندڙ ۽ شاهد کي ڪوبه نقصان نه پهچي (يعني غرض وارو هنن تي دٻاءُ نه وجهي ته شاهدي گهٽ وڌ ڏي. پر ممڪن آهي ته هي معنيٰ به آهي ته لکندڙ يا شاهد کي جيڪڏهن لکڻ يا شاهدي ڏيڻ ۾ مالي نقصان ٿيندو هجي ته انهن کي عيوضو ڏيڻ گهرجي) جيڪڏهن توهان هنن کي نقصان هيٺ آڻيندو ته توهان جي لاءِ گناهه جو ڪم آهي ۽ توهان کي گهرجي ته هر حال ۾ خدا جو خوف رکندا رهو. هو اوهان کي (ضروري ڳالهيون) سيکاري ٿو ۽ هو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (٢٨٣) ۽ جيڪڏهن توهان سفر ۾ هجو ۽ (دستاويز لکڻ لاءِ) ڪاتب نه لڀي ته پوءِ ڪا شيءِ گروي طور قبضي ۾ ڏني وڃي، پر جيڪڏهن توهان مان هڪڙو ماڻهو ٻئي تي اعتبار رکي ته پوءِ جنهن تي اعتبار رکيو ويو هجي سو (وقت اچڻ تي) امانت واپس ڪري ۽ پنهنجي پروردگار الله جو خوف رکي (ضرور امانت واپس ڏئي) ۽ خبردار! شاهدي ڪڏهن به نه لڪايو (ڪهڙو به خوف خطرو هجي، ڪهڙي به لالچ ملي ته به سچي شاهدي ڏيو) جيڪو شاهدي لڪائيندو سو پنهنجي دل ۾ گنهگار ٿيندو (سندس دل ڪاري ٿيندي) ۽ ياد رکو ته جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا تن کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي (هو ضرور باز پرس ڪندو).

    رڪوع ٤٠ آيت 284-تا-286
    ماڻهوءَ لاءِ اهوئي ڪجهه آهي جيڪا هو ڪمائي ڪري ٿو. الله تعاليٰ ڪنهن به نفس تي سندس طاقت کان ٻاهر بوجهه نٿو رکي.
    (٢٨٤) آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ ڪجهه الله جو آهي، جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو ظاهر ڪيو، توڙي لڪايو (اهو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو) ۽ اوهان کان ضرور ان جو حساب وٺندو، پوءِ (اها ڳالهه سندس اختيار جي آهي ته) جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي. الله هر شيءِ تي قادر آهي. (٢٨٥) الله جو رسول انهيءَ
    (وحي) تي ايمان رکي ٿو جو ان جي پروردگار وٽان مٿس نازل ٿيو آهي ۽ سچا مسلمان به ان تي ايمان رکن ٿا. انهن سڀني، الله تي سندس ملائڪن تي، سندس ڪتابن تي ۽ سندس رسولن تي ايمان آندو آهي. (هو ايمان سان چون ٿا ته) اسان الله جي رسولن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪريون (سڀني کي سچو ٿا سمجهون) انهن ماڻهن کي جڏهن حق جي دعوت ملي تڏهن) هنن چئي ڏنو ته اي خدا! اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ تابعداريءَ سر جهڪايوسين، شال تنهنجي مغفرت نصيب ٿئي. اسان سڀني کي آخر تو ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (٢٨٦) الله تعاليٰ ڪنهن به نفس تي سندس طاقت کان ٻاهر ذميواري نٿو رکي. سڀ ڪنهن کي اهوئي ملندو جيڪي هن ڪمايو آهي ۽ اوتروئي لوڙيندو جيترو هن بدعملي ڪئي آهي. (پوءِ ايمان وارا هميشه هي ئي صدا ڪند آهن ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کان ڀل چڪ ۽ خطا ٿي وئي ته ان لاءِ پڪڙ نه ڪجانءِ (۽ بخشي ڇڏجانءِ) اي خدا! اسان تي اهڙا بار نه وجهجانءِ جهڙا اڳوڻن تي وڌا ويا. اي خدا اسان تي اهڙا بار نه وجهجانءِ جن جي سهڻ جي طاقت اسان (ضعيفن) ۾ نه هجي. اي خدا تون اسان کي معاف ڪر. اسان جا گناهه ڍڪي ڇڏ. اسان تي رحم ڪر، تون ئي اسان جو مالڪ ۽ آقا آهين. پوءِ ظالم ڪافرن جي مقابلي ۾ اسان جي مدد ڪر.


    سورت آل عمران

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-9
    وحي جي حقيقت ۽ محڪمات ۽ متشابهات
    (١) الف- لام- ميم (٢) الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو“الحي” (سدائين زندهه) ۽ “القيوم” آهي (جنهن جي ئي وسيلي هر شيءِ قائم آهي ۽ پاڻ پنهنجي قيام لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي). (٣) هن (الله تعاليٰ) توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي، جنهن ۾ حقيقت ۽ سچائي آهي ان کان اڳي جيڪي به ڪتاب نازل ٿي چڪا آهن تن جي تصديق ڪندڙ آهي. تورات ۽ انجيل نازل فرمايو. (٤) ۽ الله تعاليٰ اڳين ماڻهن جي هدايت وانگر پڻ فرقان (يعني نيڪ ۽ بد ۽ حق ۽ باطل جي وچ ۾ فرق ڪرڻ واري سمجهه ۽ قوت) نازل ڪيو. جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن (حق کي ڇڏي باطل سان شامل ٿا ٿين) انهن کي (سندن ڏانهن عملن جي عيوض) سخت عذاب ملڻو آهي ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي ۽ (گنهگارن کي) سزا ڏيڻ وارو آهي. (٥) بلاشبه الله تعاليٰ کان ڪابه شيءِ ڳجهي ناهي اها شيءِ زمين ۾ هجي، توڙي آسمان ۾ (ته به الله تعاليٰ کي ان جو علم آهي). (٦) اهوئي آهي جو جهڙيءَ طرح چاهي ٿو تهڙيءَ طرح ماءُ جي پيٽ ۾ اوهان جي صورت (جسم عضوا اکيون وغيره) بنائي ٿو. يقيناً هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو غالب ۽ طاقت وارو آهي، (جنهن جي حڪم سان سڀ ڪجهه ظهور ۾ اچي ٿو) ۽ وڏي حڪمت وارو آهي (جو ٻار جي پيدا ٿيڻ کان اڳي پيٽ ۾ ئي ان جا سڀ عضوا بنائي تيار ڪري ٿو). (٧) اي پيغمبر! اهوئي (حي ۽ قيوم) آهي، جنهن توتي ڪتاب قرآن مجيد نازل ڪيو آهي. ان ۾ ڪي آيتون محڪم آهن (جن جي معنيٰ ظاهر ۽ چٽي آهي) اهي آيتون قرآن مجيد جو اصل ۽ بنياد آهن. ٻيون آهن متشابهات (جن جي معنيٰ اسان لاءِ چٽي ٿي نه ٿي سگهي). پوءِ جن ماڻهن جي دلين ۾ ڏنگائي ڦڏائي آهي، اهي (محڪم آيتن کي ڇڏي) انهن آيتن جي پٺيان پون ٿا جي الله جي ڪتاب ۾ متشابه آهن. هن غرض سان ته فتنو پيدا ڪن ۽ انهن جي حقيقت ڳولي لهن، پر انهن جي حقيقت الله کان سواءِ ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي، پر جيڪي ماڻهو علم ۾ پڪا آهن، اهي (متشابهات جي پوئنا نٿا پون اهي) چون ٿا ته، اسان انهن تي ايمان رکون ٿا، ڇو ته اهي سڀ اسان جي پروردگار جي طرف کان آيل آهن. حقيقت هيءَ آهي ته (حق جي تعليم مان) نصيحت اهي ٿا وٺن جي عقل ۽ سمجهه وارا آهن. (٨) (اهي عقل وارا هميشه هيئن چوندا آهن ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي جو سنئين رستي تي لڳايو اٿئي سو ائين نه ڪجانءِ جو اسان جون دليون وري بگڙي پون ۽ اسان کي پاڻ وٽان رحمت عطا ڪر، يقناً تون ئي سڀني کان وڏو نعمتون ڏيندڙ آهين. (٩) اي اسان جا پروردگار! اسان کي هن ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي ته تون يقيناً هڪڙي ڏينهن سڀني ماڻهن کي جمع ڪرڻ وارو آهين. يقيناً الله تعاليٰ پنهنجي واعدي جي خلاف نٿو وڃي.

    رڪوع٢ آيت 10-تا-20
    ڪافرن جي هلت ۽ نتيجو، مؤمنن جي حالت ۽ نتيجو
    (١٠) جن ماڻهن (سچائي ۽ نيڪيءَ جي واٽ ڇڏي) ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ياد رکن ته) کين الله جي پڪڙ کان نڪي سندن دولت ڇڏائي سگهندي، نڪي اولاد (جي دنيا ۾ ته ڪجهه نه ڪجهه مدد ڪن ٿا) اهي عذب جي باهه جو ٻارڻ ٿيندا. (١١) انهن ماڻهن جو به اهوئي رستو آهي جو فرعون جي جماعت جو هو ۽ انهن کان اڳوڻن ماڻهن جو هو، انهن الله تعاليٰ جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو، تنهن ڪري الله تعاليٰ سندن گناهن ۽ بدعملن جي ڪري کين به پڪڙ ڪندو. بيشڪ الله تعاليٰ گناهن جي سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (١٢) (اي منهنجا رسول!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئو ته توهان به مغلوب ٿيندؤ ۽ جهنم ڏانهن ڌڪجي ويندؤ. اهو ڪهڙو نه خراب هنڌ آهي. (١٣) بيشڪ يقيناً اوهان لاءِ انهن ٻن لشڪرن ۾ (حق جي فتح جي) وڏي نشاني هئي جي (بدر جي ميدان ۾) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا. هڪ طرف اها (ننڍڙي) جماعت هئي جا الله جي راهه ۾ وڙهي رهي هئي. ٻي ٽولي حق جي منڪرن جي هئي جن کي مسلمان پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا هئا ته کانئن ٻيڻا آهن، (تنهن هوندي به حق جي منڪرن کي سخت شڪست آئي) الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي مدد پهچائي ٿو. بيشڪ جن ماڻهن کي ڏسڻ جون اکيون آهن (۽ سمجهه اٿن) انهن لاءِ هن معاملي ۾ وڏي عبرت (۽ نصيحت) رکيل آهي. (١٤) انسان جي لاءِ مرد ۽ عورت جي لاڳاپي ۾، اولاد ۾، سون چاندي جي دولت ۾، چونڊ گهوڙن ۾، ڍورن ڍڳن ۾، پوکن ۽ باغن ۾ دل جي خوشي زينت آهي (فطرتاً توهان کي به انهن جي خواهش آهي ۽ ان ۾ گناهه ڪونهي) پر هي سڀ دنيوي زندگيءَ جو متاع آهي ۽ بهتر مڪان ته الله تعاليٰ وٽ آهي. (١٥) (اي پيغمبر!) هنن کي چئو ته مان توهان کي ٻڌايان ته زندگيءَ جي انهن فائدن کان به بهتر اوهان جي لاءِ ڇا آهي؟ ياد رکو ته جي ماڻهو متقي آهن انهن جي لاءِ الله تعاليٰ وٽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن وٽان نهرون وهي رهيون آهن (تنهن ڪري سڪندا ڪونه) هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. پاڪ زالون هنن سان گڏ هونديون ۽ (سڀني کان وڌيڪ هي ڳالهه ته) الله جو راضپو هنن کي حاصل ٿيندو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جو حال ڏسي رهيو آهي. (١٦) (متقي انسان اهي آهن) جي چون ٿا ته اي اسان جا پروردگار! اسان توتي ايمان آندو آهي، پوءِ اسان جا گناهه بخش ۽ جهنم جي عذاب کان اسان کي بچائجانءِ. (١٧) اهي (تڪليفن ۽ مصيبتن ۾) صبر ڪرڻ وارا، (قول ۽ عمل ۾) سچا، نياز نوڙت سان بندگي ڪندڙ، نيڪيءَ جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ وارا ۽ رات جي پوين گهڙين ۾ (جڏهن دنيائي ماڻهو مزي جي ننڊ ۾ الوٽ هوندا آهن) الله جي حضور ۾ نماز لاءِ اٿي بيهڻ وارا ۽ کانئس بخشش گهرڻ وارا آهن، (اهي آهن متقين جون خصلتون). (١٨) الله تعاليٰ هن ڳالهه جي شاهدي ڏني آهي ته الله کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي هو يگانو آهي ۽ (ڪائنات ۾) عدل سان انتظام رکڻ وارو آهي فرشتا به اها ئي شاهدي ٿا ڏين ۽ علم وارا (جي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن سي) به ساڳي شاهدي ٿا ڏين. بيشڪ هن کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي. هو طاقت ۽ قدرت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٩) بلاشبه اصلي دين الله وٽ فقط اسلام آهي ۽ هي جو اهل ڪتاب سچي علم ۽ وحي اچڻ بعد به اختلاف ڪيا آهن ۽ فرقا ٺاهيا آهن سو رڳو پاڻ ۾ ضد ۽ دشمني ڪرڻ ڪري. (حقيقت ۾ انهن وٽ هڪ ئي دين اسلام جو علم ۽ وحي آيل هو. فرقا پوءِ ٺاهيائون) ۽ ياد رکو ته جيڪڏهن هو الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ٿو ڪري (۽ هدايت جي بدران گمراهي پسند ٿو ڪري) ته پوءِ الله به حساب وٺڻ ۾ ڍرو ناهي. (٢٠) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو تو سان بحث جهڳڙو ڪن ته (اي پيغمبر) تون چئي ڏي ته منهنجو ۽ منهنجي پيروي ڪندڙن جو طريقو ته هي آهي ته اسان الله تعاليٰ جي اڳيان اطاعت جو سر جهڪايو آهي (يعني اسان جي راهه خدا پرستيءَ کان سواءِ ٻي ڪابه ڪانهي) ۽ اهل ڪتاب وارن ۽ عرب جي اڻ پڙهيل مشرڪن کان پڇ ته توهان به الله جي اڳيان جهڪو ٿايا نه؟ جيڪڏهن هو به جهڪن ته (سڄو جهڳڙو ختم ٿيو ۽) هنن هدايت جي واٽ ورتي پر جيڪڏهن منهن موڙين ته پوءِ تنهنجو فرض آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ ۽ الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي حال کان غافل ناهي، هو سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي.

    رڪوع ٣ آيت 21-تا-30
    گروهه بندي ۽ خانداني فوقيت نه پر ايمان ۽ عمل ڪم ايندو
    (٢١) جيڪي ماڻهو الله جي آيتن کان انڪار ٿا ڪن ۽ سندس نبين کي ناحق قتل ٿا ڪن ۽ انهن کي به قتل ٿا ڪن جيڪي حق ۽ عدل جو حڪم ٿا ڏين انهن کي (اي پيغمبر) ٻڌائي ڇڏ ته هنن لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. (٢٢) اهي ئي ماڻهو آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، نه دنيا ۾ ڪم آين نه آخرت ۾. ۽ ڪوبه هننجو مددگار ڪونه ٿيندو. (٢٣) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي خدائي ڪتاب جي علم مان ڪجهه حصو مليو آهي. (يعني يهودين جا علماء) انهن کي خدا جي ڪتاب ڏانهن سڏيو ويو ته اهو ڪتاب انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪري. تڏهن به انهن مان هڪڙيءَ ٽوليءَ منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ حقيقت هي آهي ته خود خدائي ڪتاب کان ئي هنن سڀني جو رخ ڦريل آهي. (٢٤) هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي آهي جو هو (بيوقوف سمجهن ٿا ته اسان الله جي پياري قوم آهيون) تنهن ڪري دوزخ جي باهه اسان کي ڪڏهن به نه ڇهندي، ڇو ته اسان نجات يافته قوم آهيون) ۽ جي ڇهندي ته به ڪي ٿورا ڳڻيل ڏينهن (پوءِ صاف ۽ پاڪ ٿي جنت ۾ داخل ٿينداسين) هي جو (خدا تي) هٿراڌو ٺاهيل ڪوڙ ٿا هڻن تنهن ڪوڙ هنن کي دين جي باري ۾ دوکي ۾ وڌو آهي (۽ پاڻ کي پاڻ ٺڳي گمراهه ڪري ڇڏيو اٿن.) (٢٥) پر انهيءَ وقت جو ڇا حال ٿيندو جڏهن قيامت جي ڏينهن جنهن جي اچڻ ۾ ڪوبه شڪ ناهي. اسان هنن کي پاڻ وٽ گڏ ڪنداسين، پوءِ هر نفس جيڪي جيڪي عمل ڪيا هوندا انهن جي مطابق کيس پورو پورو بدلو ملندو ۽ ڪنهن سان به ظلم ڪونه ٿيندو. (٢٦) اي پيغمبر!(تون پنهنجو معاملو الله جي حوالي ڪر ۽) چؤ ته اي منهنجا خدا! جهان جا مالڪ، جنهن کي وڻئي تنهن کي بادشاهي ڏئين ۽ جنهن کان وڻئي تنهن کان کسي وٺين، جنهن کي وڻئي تنهن کي عزت ڏئين ۽ جنهن کي وڻئي تنهن کي ذليل (خوار خراب) ڪرين. سڀ چڱائي تنهنجي ئي هٿ ۾ آهي. بيشڪ تون هر شيءِ تي قادر آهين. (٢٧) تون ئي رات کي ڏينهن ۾ (رفته رفته) گم ٿو ڪرين ۽ ڏينهن کي رات ۾، جانورن کي بي جان شين مان ٻاهر ڪڍين ٿو ۽ بي جان شين کي جانورن مان ٻاهر آڻين ٿو ۽ جنهن کي چاهين ٿو تنهن کي (پنهنجي ڪرم جي خزاني مان) بي حساب رزق ڏئين ٿو. (٢٨) ايمان وارن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو مؤمنن کي ڇڏي حق جي منڪرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بڻائين، جيڪو ائين ڪري ٿو سو ياد رکي ته پوءِ هن کي الله تعاليٰ وٽان ڪابه مدد ڪانه ملندي، پر جيڪڏهن اهڙي حالت پيش اچي وڃي جو هنن جي شرارت کان پاڻ بچائڻو پوي ته پوءِ ان حالت ۾ ائين ڪري سگهو ٿا. ياد رکو ته الله تعاليٰ به اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا کان) خبردار ڪري رهيو آهي ۽ آخر ته توهان کي الله ڏانهن ئي موٽڻو آهي. (٢٩) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ آهي سو لڪايو، توڙي ظاهر ڪيو، هر حال ۾ الله تعاليٰ ان کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو، بلڪ جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سوبه ڄاڻي ٿو. الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. (٣٠) (انهيءَ ڏينهن کي نه وساريو) جنهن ڏينهن هر هڪ انسان ڏسندو ته جيڪي نيڪ عمل هن دنيا ۾ ڪيا هئا سي سندس اڳيان موجود آهن. (يعني انهن جو اجر ملي رهيو آهي) ۽ جيڪي برا عمل ڪيا هئائين اهي به هن جي اڳيان آيا آهن، انهيءَ ڏينهن هو چاهيندو ته هاءِ! جيڪڏهن انهن برن عملن ۽ هن ڏينهن جي وچ ۾ وڏي مدت پئجي وڃي ها ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها! (پر مقرر وقت هٽي نه ٿو سگهي) الله تعاليٰ اوهان کي (پنهنجي پڪڙ ۽ سزا بابت) خبردار ٿو ڪري (انهيءَ لاءِ ته سندس نافرمانيءَ کان بچو) بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي بندن تي ڏاڍو مهربان آهي.

    رڪوع ٤ آيت 31-تا-41
    بي بي مريم جو تولد، زڪريا کي پٽ يحيٰ جو پيدا ٿيڻ
    (٣١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، جيڪڏهن توهان سچ پچ الله سان محبت رکو ٿا ته پوءِ منهنجي پيروي ڪيو. (يعني جيڪي الله جا حڪم توهان کي ٻڌايان ٿو تن جي تعميل ڪيو، جيڪڏهن ائين ڪندؤ) ته الله به اوهان سان محبت ڪندو ۽ اوهان جون خطائون معاف ڪندو، الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٣٢) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ۽ سندس رسول جي فرمابرداري ڪيو، پوءِ جيڪڏهن هو پٺي ڏين ۽ منهن موڙين (يعني فرمانبرداري نه ڪن) ته پوءِ الله تعاليٰ به ڪفر ڪرڻ وارن کي پسند نٿو ڪري. (٣٣) انهيءَ ۾ شڪ ناهي ته الله تعاليٰ آدم کي، نوح، کي ابراهيم کي ۽ عمران جي گهراڻي کي سڄي دنيا ۾ چونڊي وڌيڪ سرفراز ڪيو. (٣٤) اهو هڪڙو خاندان هو جنهن ۾ هڪڙا ٻين مان پيدا ٿيا ۽ الله تعاليٰ (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (مصلحتن جو) ڄاڻندڙ آهي. (٣٥) ڇا ٿيو جو عمران جي زال دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجي پيٽ ۾ جيڪو ٻار آهي تنهن کي (دنيا جي ڌنڌن ۽ والدين جي خدمت کان) آزاد ڪري تنهنجي (ديول جي خدمت) لاءِ نذر ٿي ڪريان، سو تون منهنجي طرف کان هي نذر قبول فرماءِ. بيشڪ تون (دعائون) ٻڌندڙ (دل جو حال) ڄاڻندڙ آهين. (٣٦) پوءءِ جڏهن (پٽ جي بدران) ڌيءُ ڄڻيائين تڏهن چيائين ته، اي منهنجا پروردگار! مون کي ته ڌيءُ ڄائي، (هاڻي مان ڇا ڪريان؟) الله تعاليٰ ته بهتر ڄاتو ٿي ته ڇا ڄائو. ڇوڪرو ڪو ڇوڪري وانگر ناهي (عمران جي زال الله تعاليٰ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته) مان هن جو نالو مريم رکيو آهي ۽ مان کيس ۽ سندس اولاد کي تنهنجي پناهه ۾ ڏيان ٿي ته تڙيل شيطان (جي وسوسن) کان سلامت رهن. (٣٧) پوءِ مريم کي سندس پروردگار سهڻي قبوليت سان قبول ڪيو ۽ سندس نيپاج ۽ پرورش اهڙي سهڻي ۽ سٺي ڪيائين جو پاڪائيءَ ۾ وڏي ٿي ۽ زڪريا کي (جو ديول جو مجاور هو) سندس سنڀاليندڙ ڪيائين. جڏهن به زڪريا وٽس محراب ۾ ويندو هو (جتي هوءَ عبادت ۾ مشغول هوندي هئي) تڏهن هن وٽ ڪجهه کائڻ جون شيون ڏسندو هو. تنهن تي کانئس پڇندو هو ته، اي مريم! توکي هي شيون ڪٿان مليون؟ هوءَ چوندي هئي ته، خدا وٽان ٿيون ملن. بيشڪ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي بي حساب رزق ڏئي ٿو. (٣٨) اتي ئي زڪريا پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! تون پنهنجي خاص فضل سان مون کي پاڪ اولاد عطا ڪر (جو هن مريم وانگر نيڪ ۽ عابد هجي) بيشڪ تون دعائون ٻڌندڙ ۽ قبول ڪندڙ آهين. (٣٩) پوءِ جڏهن زڪريا محراب ۾ بيهي نماز پڙهي رهيو هو، تڏهن ملائڪن کيس پڪاري چيو ته، الله تعاليٰ توکي يحيٰ جي پيدا ٿيڻ جي خوشخبري ڏئي ٿو (يعني توکي پٽ ڄمندو جنهن جو نالو يحيٰ رکيو وڃي) هو (يحيٰ) خدا جي حڪم سان هڪ پيدا ٿيڻ واري (حضرت عيسيٰ) جي تصديق ڪندڙ، جماعت جو سردار، پارسا (ديندار) ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هڪڙو نبي ٿيندو. (٤٠) زڪريا اهو ٻڌي چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي ڪيئن پٽ ڄمندو، مان ته ٺيٺ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجي زال به ٻارن ڄڻڻ جي حالت کان لنگهيل آهي؟ الله تعاليٰ فرمايو ته، انهيءَ حالت ۾ به پٽ ڄمندو. الله تعاليٰ جيڪي به چاهي ٿو سو ڪري ٿو سگهي، (ڪابه ڳالهه سندس طاقت کان ٻاهر ناهي). (٤١) تنهن تي زڪريا عرض ڪيو ته اي منهنجا رب! هن بابت منهنجي لاءِ ڪا نشاني ڏي؟ حڪم ٿيو ته، نشاني هي آهي ته ٽن ڏينهن تائين نه ڳالهاءِ، رڳو اشارا ڪم آڻ (يعني روزا رک جيئن ان زماني ۾ دستور هو) ۽ پنهنجي پروردگار کي گهڻو ياد ڪر ۽ صبح توڙي شام سندس حمد وثنا ڪرڻ ۾ مشغول رهه.

    رڪوع ٥ آيت 42-تا-54
    حضرت عيسيٰ جو پيدا ٿيڻ ۽ نبوت ملڻ بابت سندس والده کي بشارت ملڻ
    (٤٢) (جڏهن حضرت مريم وڏي ٿي تڏهن ڪنهن ڏينهن) فرشتن کيس اچي چيو ته، اي مريم! توکي الله تعاليٰ چونڊي سرفراز ڪيو آهي (براين جي گندگيءَ کان) پاڪ ڪيو آهي ۽ سڄي دنيا جي عورتن کان وڌيڪ ڀلارو ڪيو آهي. (٤٣) اي مريم! هاڻي تون پنهنجي پروردگار جي عبادت وڏي نياز ۽ نماڻائيءَ سان ڪر ۽ رڪوع ۽ سجدو ڪرڻ وارن سان گڏ تون به رڪوع ۽ سجدو ڪندي رهه. (٤٤) (اي پيغمبر!) هي خبرون غيب جي خبرن منجهان آهن جي اسان توکي وحي جي وسيلي ٻڌايون ٿا، (نه ته توکي ڪيئن خبر پوي ها) تون ته انهيءَ وقت انهن ماڻهن وٽ ڪونه هئين، جڏهن (ديول جا مجاور) پنهنجا پنهنجا قلم اڇلائي رهيا هئا ته (ڪڻا وجهي فيصلو ڪن ته) ڪير مريم جو سنڀاليندڙ ٿئي. نڪي تون انهيءَ وقت موجود هئين جڏهن (مريم جي سنڀال ڪرڻ لاءِ) پاڻ ۾ جهڳڙو ڪري رهيا هئا. (٤٥) پوءِ ڇا ٿيو جو فرشتن اچي چيو ته، اي مريم! بيشڪ الله تعاليٰ توکي پنهنجي ڪلام جي وسيلي (پٽ جي) خوشخبري ٿو ڏئي. هن جو نالو ٿيندو عيسيٰ مسيح ابن مريم. هو دنيا ۽ آخرت ۾ نيڪ بخت هوندو ۽ الله تعاليٰ جي خاص مقربن (ويجهڙن) مان هوندو. (٤٦) هو ننڍپڻ توڙي وڏي عمر ۾ ماڻهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندو ۽ خدا جي صالح ٻانهن مان هوندو. (٤٧) مريم (هي ٻڌي عجب ۾ اچي) چيو، اي منهنجا رب! مونکي ڪنهن مرد ڇهيو به نه آهي. الله تعاليٰ فرمايو ته (اهڙي طرح) الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو سو پيدا ڪري ٿو. هو جڏهن ڪنهن شيءِ کي پيدا ڪرڻ جو فيصلو ڪري ٿو تڏهن ان بابت رڳو حڪم ڪري ٿو ته “ٿي پئه”، ته پوءِ اها شيءِ ظهور ۾ اچي وڃي ٿي. (٤٨) ۽ (اي مريم! الله تنهنجي انهيءَ پٽ کي) ڪتاب ۽ حڪمت سيکاريندو ۽ پڻ تورات ۽ انجيل جو علم ڏيندو. (٤٩) ۽ کيس بني اسرائيلن جي لاءِ رسول ڪري موڪليندو (هو کين چوندو) ته مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان. مان توهان جي لاءِ مٽيءَ مان پکيءَ جي صورت جهڙي شيءِ ٺاهي پوءِ ان ۾ ڦوڪ ڏيان ته اها الله جي حڪم سان پکي ٿي پوندي ۽ الله جي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيان ۽ مردن کي زندهه ڪري ڇڏيان ۽ جيڪي جيڪي توهان کائو ٿا ۽ پنهنجي گهرن ۾ گڏ ڪري رکو ٿا اهو سڀ توهان کي ٻڌائي ڇڏيان ۽ جيڪڏهن سچ پچ توهان ايمان وارا آهيو ته پوءِ يقيناً هنن ڳالهين ۾ اوهان جي لاءِ وڏي نشاني آهي. (٥٠) ۽ (مان انهيءَ لاءِ اوهان تي رسول ڪري موڪليو ويو آهان ته) تورات جيڪو منهنجي اڳيان موجود آهي تنهن جي تصديق ڪيان ۽ ڪي شيون جيڪي توهان تي حرام ٿي ويون آهن، انهن کي اوهان لاءِ حلال ڪيان ۽ ڏسو مان توهان جي پروردگار جي نشاني وٺي توهان ڏي آيو آهيان، (جنهن جي خبر پاڪ ڪتابن ۾ ڏنل آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان الله جو خوف رکو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو. (٥١) الله منهنجو ۽ اوهان سڀني جو پروردگار آهي تنهن ڪري فقط انهيءَ جي بندگي ڪريو. اهوئي دين جو سڌو رستو آهي. (انهيءَ خوشخبريءَ موجب حضرت عيسيٰ پيدا ٿيو ۽ هن بني اسرائيلن ۾ اهو واعظ ۽ نصيحت شروع ڪري ڏني). (٥٢) پوءِ جڏهن حضرت عيسيٰ بني اسرائيلن ۾ (سندس دعوت جي خلاف) ڪفر محسوس ڪيو تڏهن پڪاري چيائين ته، ڪير آهي جو الله جي راهه ۾ منهنجو مددگار ٿيندو؟ تنهن تي حوارين (جن مٿس سچو ايمان آندو هو) چيو ته، اسان الله جي ڪم ۾ مددگار رهنداسين. اسان مٿس ايمان ٿا آڻيون ۽ (اي حق ڏانهن سڏيندڙ) تون شاهد رهه ته، اسان سندس فرمانبرداريءَ ۾ سر جهڪائيندڙ آهيون. (حواري بلڪل ٿورا ۽ مسڪين حال هئا.) (٥٣) (هنن هي به چيو ته) اي اسان جا پروردگار! جيڪي تو نازل ڪيو آهي تنهن تي اسان جو ايمان آهي ۽ اسان تنهنجي رسول جي پيروي ڪئي آهي، پوءِ تون اسان کي به انهن ماڻهن ۾ شمار ڪر جي حق جي شاهدي ڏيڻ وارا آهن. (٥٤) (۽ پوءِ يهودين حضرت عيسيٰ جي خلاف) مڪر ڪيا (يعني مخفي ۽ باريڪ طريقا مخالفت جا ڪم ۾ آندا) ۽ خدا به اهڙائي طريقا ڪم آندا (يعني مسيح جي حفاظت لاءِ لڪل وسيلا پيدا ڪيا) ۽ بيشڪ (الله تعاليٰ ڪنهن کي بچائڻ گهري ته) مخفي طريقا ڪم آڻڻ ۾ کانئس بهتر ڪوبه ڪونهي.

    رڪوع ٦ آيت 55-تا-63
    حضرت عيسيٰ جي خدا جي طرفان حفاظت، عيسائين جو اعتقاد ته حضرت عيسيٰ خدا جو پٽ آهي.
    (٥٥) ڏسو الله تعاليٰ فرمايو ته، اي عيسيٰ! مان تنهنجا ڏينهن پورا ڪندس، توکي پنهنجي طرف کڻي وٺندس، تنهنجي منڪرن (جي تهمتن) کان توکي پاڪ ڪندس ۽ جن ماڻهن تنهنجي پيروي ڪئي آهي تن کي قيامت تائين تنهنجي منڪرن کان بلند ۽ بالا رکندس ۽ آخر سڀني کي منهنجي ئي طرف موٽڻو آهي، پوءِ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندس جن ۾ ماڻهو هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن. (٥٦) پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي دنيا توڙي آخرت ۾ سخت عذاب ڪندس ۽ (الله جي عذاب کان بچائڻ ۾) ڪوبه هنن جو مددگار ڪونه ٿيندو. (٥٧) پر (ان جي ابتڙ) جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ صالح عمل به ڪيا اٿن، ان کي انهن جو پورو پورو اجر ملندو ۽ الله تعالي ظلم ڪندڙن کي پسند نٿو ڪري. (٥٨) (اي پيغمبر!) اهي الله تعاليٰ جون آيتون ۽ وڏي حڪمت وارا حڪم ۽ پيغام آهن جي اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون. (٥٩) الله وٽ حضرت عيسيٰ جو مثال ائين آهي جيئن حضرت آدم جو، جنهن کي الله تعاليٰ مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ حڪم ڪيائين ته ٿيءُ ته پوءِ (جيئن الله تعاليٰ جو ارادو هو تيئن) ٿي پيو. (٦٠) (اي پيغمبر! حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ بابت جيڪي توکي چيو ويو آهي سو) تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق آهي. تنهن ڪري متان شڪ آڻيندڙن منجهان ٿئين. (عيسائي حضرت عيسيٰ کي خدا ڪري مڃن ٿا، پر هو انسان هو.) (٦١) پوءِ جيڪي (عيسائي) توسان هن باري ۾ جهڳڙو ڪن هن کان پوءِ به جڏهن ته علم ۽ يقين تو وٽ اچي چڪو آهي، ته پوءِ انهن کي چئو ته، (مونکي حضرت عيسيٰ جي انسان هجڻ جو علم اچي چڪو آهي، پر جيڪڏهن توهان کي سندس خدا هئڻ جو يقين آهي ته) اچو (هيئن فيصلو ڪريون). اسان ٻئي ڌريون (ميدان ۾ نڪرون ۽) پنهنجي پنهنجي پٽن ۽ عورتن کي سڏيون ۽ اسان پاڻ به شريڪ ٿيون. پوءِ عجز ۽ نياز سان خدا جي حضور ۾ التجا ڪريون ته، (اسان ٻنهي ڌرين مان جنهن جي دعويٰ ڪوڙي هجي تن) ڪوڙن تي خدا جي لعنت هجي. (٦٢) (اي پيغمبر!) هي جو بيان ڪيو ويو سو بلاشڪ حق جو بيان آهي ۽ ڪوئي معبود ڪونهي سواءِ هڪ الله جي ۽ يقيناً اهوئي آهي جو سڀ طاقت رکندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٦٣) پوءِ جيڪڏهن اهي (عيسائي مباهله واروفيصلو به) قبول نه ڪن ته پوءِ الله تعاليٰ يقيباً مفسد (خرابيون ڪندڙن) جو حال چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي.

    رڪوع ٧ آيت 64-تا-71
    اهل ڪتاب کي حق جي دعوت ۽ سندن هلتون
    (٦٤) (اي پيغمبر!) تون (يهودين ۽ عيسائين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب (اختلاف واريون ڳالهيون ڇڏي ڀلا) هن ڳالهه تي اچو جا توهان ۽ اسان وٽ هڪجهڙي قبول پيل آهي، ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيون ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايون ۽ اسان مان هڪڙو انسان ڪنهن ٻئي انسان سان اهڙي هلت نه هلي جو گويا خدا کي ڇڏي ان کي پنهنجو رب بڻايو اٿس. پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو (انهيءَ ڳالهه تي عمل ڪرڻ کان به) ڦري وڃن ته پوءِ توهان (مسلمان) کين چئي ڏيو ته شاهد رهو ته (توهان ئي انڪاري آهيو) اسان ته خدا جي اڳيان سر جهڪائڻ وارا آهيون. (٦٥) اي اهل ڪتاب! توهان حضرت ابراهيم بنسبت جو جهڳڙو ڪري رهيا آهيو؟ (ته هن جو طريقو يهودين جو طريقو هو يا نصرانيت جو طريقو هو) حالانڪ تورات ۽ انجيل (جن جي نالي ۾ اهي جماعتون يهودين ۽ عيسائين جون ٺهيون سي) حضرت ابراهيم کان گهڻو پوءِ نازل ٿيا. (پوءِ جنهن گروهه بنديءَ جو انهي وقت وجود ئي ڪونه هو، تنهن جو پيروي ڪندڙ هو ڪيئن ٿي سگهي ٿو) ڇا توهان (اهڙي سولي ڳالهه به) سمجهي نٿا سگهو؟ (٦٦) ڏسو توهان اهي ماڻهو آهيو، جن انهن ڳالهين متعلق ئي جهڳڙا ڪيا جن بابت (اوهان کي ڪجهه نه ڪجهه) علم هو، پر هن ڳالهه بابت ڇو ٿا جهڳڙو ڪيو جنهن بابت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، توهان ڪجهه به نٿا ڄاڻو. (٦٧) حضرت ابراهيم نڪي يهودي هو، نڪي نصراني (عيسائي) (نڪي ڪنهن ٻئي گروهه بندي جو پيروي ڪندڙ هو) بلڪ (پنهنجي زماني جي سڀني گمراهين کان) پاڪ، حق تي هلندڙ خدا جو فرمانبردر ٻانهو هو. يقيناً هو مشرڪين منجهان نه هو. (٦٨) حقيقتاً حضرت ابراهيم کي ويجها ماڻهو ته اهي آهن جن سندس پيروي ڪئي ۽ پڻ هي نبي (حضرت ﷺ) ۽ جن مٿس ايمان آندو آهي (سي حضرت ابراهيم کي ويجها آهن، نه اهي جن خدائي دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا آهن ۽ توحيد جي راهه کان هٽي ويا آهن) ۽ ياد رکو ته الله انهن جو مددگار ۽ محافظ آهي، جيڪي سچو ايمان رکن ٿا. (٦٩) (اي ايمان وارؤ) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي اهڙي آهي جا چاهي ٿي ته اوهان کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏي پر ياد رکو ته، هو توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ سان توهان کي نه پر خود پاڻ کي گمراهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن، اگرچه (جهل ۽ نفسانيت سببان) اها ڳالهه نٿا ڏسن ۽ سمجهن. (٧٠) اي اهل ڪتاب! ڇو ٿا الله جي آيتن کان انڪار ڪيو، جڏهن ته اهي نشانيون ظاهر ظهور ڏسي رهيا آهيون. (٧١) اي اهل ڪتاب! ڇو حق کي باطل جي لباس سان ڍڪي مشتبه ڪري ٿا ڇڏيو ۽ حق کي لڪايو ٿا اگرچه توهان کي خبر به آهي ته حقيقت ڇا آهي.

    رڪوع ٨ آيت 72-تا-80
    اهل ڪتاب جي متعلق وڌيڪ حقيقتون
    (٧٢) اهل ڪتاب ۾ هڪڙي ٽولي آهي جا چوي ٿي ته (مسلمانن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ) هيئن ڪيو جو صبح جي وقت هنن جي ڪتاب تي ايمان آڻيو ۽ شام جي وقت وري انڪار ڪيو. اهڙيءَ طرح ممڪن آهي ته هو (ماڻهن کي اسلام کان ڦرندي ڏسي پاڻ به) ڦري وڃن. (٧٣) ۽ (هو پاڻ ۾ چون ٿا) ته خبردار! انهن ماڻهن کان سواءِ جي توهان جي دين جي پيروي ڪندڙ آهن، ٻئي ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃو (اگرچه اها چڱي ڳالهه هجي) تون (اي پيغمبر) انهن ماڻهن کي چئي ڏي ته سچي هدايت ته اها آهي جا الله جي هدايت آهي (اها ڪنهن خاص ٽوليءَ يا خاندان جي ميراث ناهي) (۽ هو هڪ ٻئي کي چون ٿا ته، هيءَ ڳالهه به نه مڃو) ته جهڙو دين اوهان کي ڏنو ويو آهي اهڙو ڪنهن ٻئي انسان کي به مليو هجي يا هي ته توهان جي پروردگار جي حضور ۾ اوهان جي خلاف ڪنهن جي به حجت هلي سگهي ٿي. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته، بيشڪ فضل ۽ ڪرم ته الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ۽ جنهن کي چاهي تنهن تي پنهنجو فضل ۽ ڪرم ڪري. هو وڏي وسعت رکڻ وارو ۽ سڀني (لائقن ۽ نالائقن کي) ڄاڻڻ وارو آهي. (٧٤) هو جنهن کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي رحمت (وحي) جي نزول لاءِ چونڊي ٿو. بيشڪ الله تعاليٰ تمام وڏي فضل ۽ ڪرم وارو آهي. (٧٥) ۽ اهل ڪتاب مان ڪي ته اهڙا ايماندار آهن جو جيڪڏهن سون چانديءَ جو وڏو ڍير انهن وٽ امانت رکو ته هو امانت باسلامت موٽائي ڏيندا. پر انهن ۾ اهڙا به آهن جن وٽ رڳو هڪ رپيو امانت رکو ته به ڪڏهن واپس نه ڪندا، جيستائين ڪه هميشه هنن جي مٿان بيهي (سخت طلبي ڪندا) رهو، اهو هن ڪري ٿيو آهي جو هو سمجهن ٿا ته اميين (اڻ پڙهيل يعني عربن) سان وهنوار ڪندي (ڪهڙي به بي ايماني ڪريون ته) اسان کي پڪڙ ڪانه ٿيندي. هو ڄاڻي ٻجهي الله تعاليٰ تي اهو ڪوڙ ٿا هڻن. (٧٦) ها (هنن کي ضرور پڪڙ ٿيندي، ڇو ته خدا جو قانون آهي ته) جيڪو به پنهنجو قول سچائيءَ سان پاڙيندو ۽ ڏيتي ليتيءَ ۾ اگرچه غير مذهب وارن سان هجي) پرهيزگار رهندو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جيڪي پرهيزگار آهن. (٧٧) ياد رکو ته، اهي ماڻهو جيڪي دنيائي خسيس قيمت واري فائدي لاءِ الله تعاليٰ سان ڪيل عهد (نيڪ عمليءَ ايمانداري جو) ۽ خود پنهنجا کنيل قسم وڪڻي ڇڏين ٿا (۽ ايمانداري جي عيوض بي ايماني ڪن ٿا) انهن کي آخرت ۾ ڪجهه به نصيب نه ٿيندو، نڪي الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن هنن سان ڳالهائيندو، نڪي هنن ڏي نهاريندو، نڪي هنن کي گناهن جي گندگيءَ کان پاڪ ڪندو (بلڪه) هنن کي سخت عذاب ڏنو ويندو. (٧٨) اهل ڪتاب ۾ (انهن جي عالمن جي) هڪ ٽولي آهي جا الله جو ڪتاب پڙهندي ان ۾ مروڙ سروڙ ڪري (۽ ان جو مطلب ڦيرائي) ٿا ڇڏين. انهيءَ لاءِ ته توهان ائين سمجهو ته جيڪي هو ٻڌائي رهيا آهن، سو الله جي ڪتاب مان آهي. حالانڪ اهو الله جي ڪتاب مان هرگز ناهي ۽ هو ماڻهن کي چون ٿا ته هي الله جي طرف کان آهي، حالانڪ اهو الله جي طرف کان ناهي، هو الله تي ڪوڙ ٿا هڻن ۽ ڄاڻن به ٿا ته ڪوڙ ٿا هڻون. (٧٩) ڪنهن به انسان کي ائين نٿو جڳائي ته الله تعاليٰ هن کي ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي ۽ پوءِ ماڻهن کي چوي ته خدا کي ڇڏي منهنجا ٻانها ٿيو (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا ٻانها ٿيو. (يعني خدا جي حڪمن جي عيوض منهنجا حڪم مڃو)، بلڪ گهرجي ته رباني انسان ٿيو (يعني ماڻهن کي حق جي واٽ ڏيکاريو ۽ سندن مربي ٿيو، يعني سندن مددگاري ڪري کين چڱي درجي تي رسايو) اهو هن ڪري جو توهان الله جو ڪتاب سيکاريو ٿا ۽ پڙهڻ پڙهائڻ ۾ مشغول رهو ٿا. (٨٠) ۽ هو (رباني انسان يا نبي) ڪڏهن به اوهان کي اهو حڪم نه ڏيندو ته ملائڪن کي ۽ نبين کي پنهنجو رب بنايو، (يعني جهڙيءَ طرح رب جي اڳيان جهڪو ٿا تهڙيءَ طرح هنن جي اڳيان جهڪو). ڇا ائين ٿي سگهي ٿو ته هو اوهان کي ڪفر ڪرڻ جو حڪم ڏئي؟ حلانڪه توهان مسلم (يعني خدا جي فرمان جا تابعدار) ٿي چڪا آهيو.

    رڪوع ٩ آيت 81-تا-91
    اصل دين سڀني انسانن ۽ قومن جو هڪ ئي آهي، يعني فطرت جي قانون جي اطاعت
    (٨١) ۽ ياد رکو ته، اسان نبين جي باري ۾ (بني اسرائيلن کان) عهد ورتو هو ته اسان توهان کي ڪتاب ۽ حڪمت عطا فرمائي آهي، پوءِ جيڪڏهن ڪو ٻيو رسول انهيءَ ڪتاب جي تصديق ڪندي توهان وٽ اچي جو ڪتاب اڳئي توهان وٽ آيل آهي، ته توهان ان رسول تي ايمان آڻيو ۽ سندس مدد ڪيو. (الله تعاليٰ) فرمايو ته ڇا، توهان هن ڳالهه جو اقرار ڪيو ٿا ۽ ان جو ذمو کڻو ٿا؟ انهن چيو هو ته، هائو! اسان اقرار ڪيون ٿا. (تنهن تي الله تعاليٰ) فرمايو ته انهيءَ تي شاهد ٿيو ۽ مان پاڻ به اوهان سان گڏ انهيءَ تي شاهد آهيان. (٨٢) تنهن ڪري هاڻي جيڪو به اهڙي عهد اقرار ڪرڻ بعد ڦري ويندو (۽ الله جي رسول کي نه مڃيندو) پوءِ يقيناً اهڙا ماڻهو فاسق آهن (يعني حق پرستيءَ کان ٻاهر نڪري ويا آهن). (٨٣) پوءِ اهي ماڻهو ائين ٿا چاهين ڇا ته الله جو دين ڇڏي ٻي ڪا واٽ ڳولي ڪڍن؟ حالانڪ زمين ۽ آسمان ۾ جيڪي به ساهه وارا ۽ بي جان شيون آهن، سڀ خوشي ناخوشيءِ سندن ئي قانون ۽ حڪمت جا تابعدار آهن (سڄي ڪائنات خدائي قانونن تي هلندڙ آهي) ۽ آخر سڀني کي خدا ڏي ئي موٽڻو آهي. (٨٤) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته اسان ته الله تي ايمان آندو آهي ۽ جيڪي اسان تي نازل ڪيو ويوآهي ۽ جيڪي ابراهيم، اسماعيل، اسحاق ۽ يعقوب ۽ يعقوب جي اولاد تي نازل ٿيو تنهن تي به ايمان رکون ٿا ۽ پڻ جيڪي به موسيٰ عيسيٰ ۽ ٻين سڀني نبين کي خدا جي طرف کان مليو آهي، تنهن تي به اسان جو ايمان آهي اسان انهن نبين مان ڪنهن به هڪڙي کي ٻين کان جدا نٿا ڪيون (يعني سڀني کي ٿا مڃون) ۽ اسان خدا جا فرمانبردار ٻانها آهيون. (٨٥) ۽ جيڪو به دين اسلام کان سواءِ (جو سڀني نبين جي تصديق ۽ پيرويءَ جو دين آهي) ٻئي ڪنهن دين جي طلب رکندو ته اهو دين ڪڏهن به قبول نه پوندو ۽ آخرت ۾ هو انهن ماڻهن ۾ هوندو جي تباهه ۽ نامراد ٿيا. (٨٦) الله تعاليٰ ڪيئن اهڙي قوم کي ڪاميابيءَ جي راهه ڏيکاريندو جن ايمان آڻي وري ڪفر جي واٽ ورتي، حالانڪ هنن شاهدي به ڏني هئي ته، الله جو رسول برحق آهي ۽ (حقيقت جا) چٽا دليل وٽن اچي ويا هئا. (الله جو قانون آهي) ته هو ظلم ڪرڻ وارن لاءِ (سعادت جي) راهه نٿو کولي. (٨٧) انهن ماڻهن کي (انهن جي ظلم ۽ شرارت جو) جيڪو بدلو ملندو اهو هي آهي جو انهن تي الله جي، فرشتن جي، انسانن جي ۽ سڀني جي لعنت پئجي رهي آهي. (٨٨) انهيءَ حالت ۾ هميشه گرفتار رهندا، نڪي هنن جو عذاب هلڪو ڪيو ويندو، نڪي هنن کي مهلت ڏني ويندي. (٨٩) پر جن ماڻهن انهيءَ حالت کان پوءِ به توبه ڪئي ۽ پاڻ کي سڌاريائون (يعني جيڪي ماڻهو بدعمل ڇڏي نيڪ عملي جي راهه اختيار ڪندا تن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان اڳيان گناهه معاف ڪندو ۽ آئنده لاءِ لعنت واري حالت مان ڪڍي رحمت ۾ داخل ڪندو). (٩٠) پر جن ماڻهن ايمان کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ پنهنجي ڪفر (جي شرارتن) ۾ وڌندا رهيا ته پوءِ اهڙن ماڻهن جي پشيماني قبول ڪانه پوندي. (ڇو ته سچي توبه انهن کي نصيب ئي نه ٿيندي) ۽ اهي ئي ماڻهو آهن جي سچ پچ گمراهه آهن. (٩١) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪفر تي قائم رهيا تن مان ڪوبه (قيامت جي ڏينهن) سڄي ڌرتي جيترو سون فديي طور ڏئي ته به اهو فديو قبول نه پوندو (۽ هن کي پنهنجي بدعملن جي ڪري) سخت عذاب ٿيندو ۽ ڪوبه (عذاب کان بچائڻ ۾) هنن جو مددگار ڪونه هوندو.

    حصو چوٿون
    رڪوع ١٠ آيت 92-تا-101
    مسلمانن کي يهودين جي گمراهين بابت خبردار ڪرڻ
    (٩٢) توهان نيڪيءَ جي درجي کي ڪڏهن به پهچي نٿا سگهو، جيستائين توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ نه ڪيو ان مان جنهن سان توهان کي محبت آهي. جيڪي جيڪي توهان (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪيو ٿا سو بلاشبه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (۽ ان جو اجر ڏئي ٿو). (٩٣) کائڻ جون سڀ شيون بني اسرائيلن لاءِ حلال هيون، سواءِ انهن شين جي جيڪي تورات جي نازل ٿيڻ کان به اڳي بني اسرائيل پاڻ تي پاڻ حرام ٺهرايون هيون (انهن شين کي خدا حرام ڪونه ڪيو هو. اي پيغمبر! جيڪڏهن هن باري ۾ يهودي توسان بحث ڪن ته کين) چئو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي خيال ۾ سچا آهيو ته تورات کڻي اچو ۽ ان کي کولي پڙهو. (٩٤) پوءِ جيڪي هن (اعلان) بعد به (ساڳئي خيال تي قائم رهندا) ۽ الله تعاليٰ تي بهتان ٻڌندا، اهي ئي ظالم (گنهگار) آهن. (٩٥) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته الله تعاليٰ حق جي ڳالهه ٻڌائي آهي. (توهان بني اسرائيلن کي جيڪڏهن سچائي قبول ڪرڻي آهي ته) توهان حضرت ابراهيم جي طريقي جي پيروي ڪيو (جنهن جي مان دعوت ڏئي رهيو آهيان). اهو طريقو آهي غير کي ڇڏي فقط الله جو ٿي رهڻ، ۽ يقيناً حضرت ابراهيم مشرڪن منجهان نه هو. (٩٦) يقيناً پهريون پهريون گهر(عبادت گاهه) جو انسانن جي لاءِ ٺاهيو ويو، اهو اهوئي آهي جو مڪي معظم ۾ آهي، جو گهڻي برڪت وارو ۽ سڀني انسانن جي لاءِ هدايت جو مرڪز آهي. (٩٧) ان ۾ حق جون چٽيون نشانيون موجود آهن، (جن ان مان هڪ آهي اها) جاءِ جتي حضرت ابراهيم بيهي نماز پڙهي هئي. (مقام ابراهيم اڄ تائين موجود ۽ مشهور آهي. ٻي نشاني هيءَ آهي ته) جيڪو به ان جي حدن ۾ داخل ٿيو سو امن امان ۾ رهيو ۽ (هي به نشاني آهي ته) الله جي طرف کان ماڻهن لاءِ هي ڳالهه به ضروري مقرر ڪئي ويئي ته جيڪو به ان تائين پهچڻ جي طاقت سنڀاري سو ان گهر جو حج ڪري، پوءِ جيڪو به (هن حقيقت مڃڻ کان) انڪار ڪندو (سو پاڻ کي ئي گمراهه ڪري خساري هيٺ آڻيندو) بيشڪ الله تعاليٰ سڄي دنيا کان بي نياز ۽ بي پرواهه آهي. (ڪنهن جي به عبادت وغيره جو محتاج ناهي). (٩٨) (اي پيغمبر انهن کي) چئو ته اي اهل ڪتاب! توهان (ڄاڻي ٻجهي) الله تعاليٰ جي آيتن کان انڪار ڇو ٿا ڪيو؟ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا تنهن کي الله تعاليٰ ڏسي رهيو آهي. (٩٩) اي اهل ڪتاب! توهان ايمان آڻيندڙن کي خدا جي راهه کان ڇو ٿا روڪيو ۽ کين ڏنگي ڦڏي واٽ وٺائڻ ڇو ٿا چاهيو؟ حالانڪ توهان (حقيقت) ڏسي رهيا آهو. (ياد رکو ته) جيڪي جيڪي عمل توهان ڪيو ٿا، تن بنسبت الله تعاليٰ غافل ناهي. (١٠٠) اي ايمان وارؤ! جيڪڏهن توهان اهل ڪتاب مان ڪنهن ٽوليءَ جي ڳالهين تي عمل ڪندؤ ته اهي اوهان کي حق جي راهه تان ڦيرائي ڇڏيندا ۽ ايمان آڻڻ بعد وري ڪفر ۾ پئجي ويندؤ. (١٠١) ۽ ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو توهان وري ڪفر ڏي موٽي وڃو، جڏهن ته الله جون آيتون اوهان کي ٻڌايون وڃن ٿيون ۽ سندس رسول (اوهان جي رهنمائيءَ لاءِ) اوهان ۾ موجود آهي ۽ ياد رکو ته جيڪو مضبوطيءَ سان الله تعاليٰ ۾ پڪو ايمان رکي ٿو تنهن کي يقيناً سڌيءَ واٽ تي هلڻ جي هدايت ملي ويئي. (ان جي ٿڙڪي وڃڻ جو انديشو ڪونهي).

    رڪوع ١١ آيت 102-تا-109
    مؤمنن جي پاڻ ۾ ڀائپي ۽ محبت ۽ هڪ ٻئي کي حق جي دعوت ڏيڻ
    (١٠٢) مؤمنؤ! الله کان ڊڄو، اهڙو ڊڄو جهڙو سچ پچ ڊڄڻ چئجي ۽ دنيا مان رحلت ڪري وڃو تنهن کان اڳي پڪا مسلمان ۽ خدا جي فرمانبرداريءَ تي ثابت قدم ٿي وڃو. (١٠٣) ۽ (اي مؤمنؤ!) سڀ ملي هڪ ٿي الله جي رسيءَ کي مضبوط جهليو ۽ جدا جدا نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ جي اوهان تي اها نعمت ياد رکو جو ڪڏهن ته پاڻ ۾ هڪ ٻئي جا دشمن هئو، پر (هاڻي) الله تعاليٰ اوهان جون دليون محبت ۾ ڳنڍي ڇڏيون آهن ۽ سندس فضل ۽ ڪرم سان هڪ ٻئي جا ڀائر ٿي ويا آهيو. توهان جي حالت ته هي هئي جو توهان باهه سان ڀريل اونهيءَ کڏ جي ڪناري تي بيٺا هئو (ذرو به پير ترڪيو ته ڌو باهه ۾). پر الله تعاليٰ توهان کي ان کان بچائي ورتو. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون (حڪم ۽ نشانيون) چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو، انهيءَ لاءِ ته من توهان (سعادت جي) راهه وٺو. (١٠٤) ۽ ڏسو تمام ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته توهان ۾ هڪ جماعت (هرهڪ ڳوٺ ۽ هرهڪ محلي ۾) اهڙي هجي جا نيڪيءَ جي راهه جي دعوت ڏيندڙ هجي، نيڪ ڪمن ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ براين کان روڪي يقيناً اهي ئي ماڻهو ڪامياب ٿيندا (دنيا ۾ توڙي آخرت ۾). (١٠٥) (اي مؤمنو! متان انهن ماڻهن (يهودين) وانگر ٿيو جي (خدا جي دين تي هڪ ٿي رهڻ بدران) جدا جدا ٿيا ۽ اگرچه وٽن (الــــــــٰهي ڪتابن جا) روشن دليل اچي چڪا هئا، تڏهن به هڪ ٻئي سان اختلاف ڪيائون. يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ وڏو سخت عذاب آهي. (١٠٦) انهيءَ ڏينهن ڪيترائي چهرا نور سان چمڪندا ۽ ڪيترائي ڪارا ٿي ويندا (يعني نيڪ ماڻهو نعمتن ۾ هوندا ۽ بدڪار مصيبتن ۽ عذاب ۾ گرفتار هوندا) پوءِ جن ماڻهن جا چهرا ڪارا ٿي ويندا انهن کي انهيءَ ڏينهن چيو ويندو ته، ڇا توهان ايمان آڻي پوءِ وري ڪفر جي واٽ ورتي؟ چڱو هاڻي (پنهنجي ڪفر جي بدعملن جي عيوض ۾) عذاب جو مزو چکو. (١٠٧) ۽ جن ماڻهن جا چهرا چمڪندا، اهي الله جي رحمت جي ڇانو ۾ هوندا ۽ هميشه الله جي رحمت هيٺ رهندا. (١٠٨) (اي منهنجا پيغمبر!) اهي الله جون آيتون (نشانيون ۽ حڪم) آهن جي اسان حق سان توکي ٻڌائي رهيا آهيو ۽ الله تعاليٰ دنيا جي ماڻهن تي ظلم ڪرڻ نٿو چاهي (بلڪ سچي حڪمت ٿو سيکاري ۽ مفيد حڪم ٿو ڏئي ته انهن جي تعميل ڪري دنيا ۽ آخرت ۾ خوشحال ۽ ڪامياب ٿين). (١٠٩) ۽ جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله ئي جو آهي ۽ سڀ ڳالهيون آخر الله تعاليٰ ڏي موٽڻ واريون آهن (۽ هوئي مناسب فيصلا ڪندو ۽ جزا ۽ سزا ڏيندو).
    رڪوع ١٢ آيت 110-تا-120
    بهترين قوم اها هي جيڪا نيڪين جو حڪم ڏئي ۽ برائين کان روڪي.
    (١١٠) (اي مسلمانو) توهان سڀني امتن کان بهتر امت آهيو، جو توهان ماڻهن جي (سڌاري) لاءِ نڪري نروار ٿيا آهيو ۽ توهان نيڪيءَ جو حڪم ڏيڻ وارا ۽ براين کان روڪڻ وارا آهيو ۽ الله تي (سچو) ايمان رکڻ وارا آهيو ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب به (مخالفت جي عيوض) ايمان آڻين ها ته سندن لاءِ وڏو فائدو ۽ چڱائي ٿئي ها (۽ هوئي جهان جي سڌاري جو ڪم ڪن ها) انهن ۾ اهڙا به آهن جي ايمان وارا آهن، پر وڏو تعداد انهن ماڻهن جو آهي جي بي فرمان ۽ حق جي راهه کان ٻاهر ويندڙ آهن. (١١١) هو (اهل ڪتاب ڪيتري به اوهان جي مخالفت ڪن ته به) ٿوري ايذاءُپهچائڻ کان سواءِ توهان کي ڪو وڏو ضرر پهچائي ڪونه سگهندا ۽ جيڪڏهن هو توهان سان لڙائي ڪندا ته پٺي ڏيئي ڀڄندا ۽ ڪڏهن به فتح مند نه ٿيندا. (١١٢) هنن (يهودين) تي جتي به هجن ذلت ۽ خواري ٿي وسي. سواءِ هن (حالت) جي جو خدا جي عهد يا انسانن جي عهد سان کين پناهه ملي هجي. (ٻين جي رحم تي زندگي بسر ڪرڻ به درحقيقت وڏي ذلت آهي) خدا جو غضب پاڻ تي آندائون ۽ محتاجي ۽ بدحالي ۾ گرفتار ٿيا. اهو هن ڪري ٿيو جو هو الله جي آيتن (نشانين ۽ حڪمن) کان انڪار ڪندا هئا ۽ نبين کي ناحق قتل ڪندا هئا. اها (حالت) هن ڪري ٿين جو هو نافرماني ۽ سرڪشي ڪرڻ لڳا هئا ۽ (شرارتن ۾) حدون لتاڙي چڪا هئا. (١١٣) (ائين به) ناهي ته سڀ اهل ڪتاب هڪ جهڙا آهن انهن مان هڪڙي ٽولي اهڙن ماڻهن جي آهي جي هدايت جي واٽ تي قائم آهن، هو رات جو اٿي الله جون آيتون پڙهن ٿا ۽ سندس اڳيان سجدو ڪن ٿا. (١١٤) هو الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نيڪيءَ جو حڪم ڏين ٿا ۽ براين کان روڪين ٿا، چڱاين ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ ۾ تڪڙا قدم کڻن ٿا ۽ سچ پچ صالح ٻانهن منجهان آهن. (١١٥) (سو ياد رکو ته) اهي ماڻهو نيڪ عملن مان جيڪي ڪجهه ڪن ٿا تنهن جو قدر ڪيو ويندو (هنن کي نيڪ عملي جو اجر ضرور ملندو) ۽ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پرهيز ڪندڙ آهن، اگرچه يهودي عيسائي وغيره هجن) تن جي حال کان الله تعاليٰ بي خبر ناهي. (١١٦) پر بيشڪ جن ماڻهن ڪفر ۽ نافرمانيءَ جي راهه اختيار ڪئي تن کي سندن مال متاع ۽ آل اولاد، خدا جي عذاب کان بچائي ڪونه سگهندا. اهي دوزخ ۾ پوندا ۽ هميشه ان ۾ رهندا. (١١٧) دنيا جي هن زندگيءَ ۾ هي ماڻهو جيڪي خرچ ڪن ٿا ان جو مثال اهڙو آهي جهڙو ان هوا جو لڳڻ جنهن ۾ پارو هجي. انهيءَ پاري واريءَ هوا انهن ماڻهن جي کيتيءَ کي ساڙي ناس ڪري ڇڏيو، جن ماڻهن (تڪليفون ڪري پوک ته پوکي پر) هڪ ٻئي تي ظلم ڪيا ۽ گناهن جا ڪم ڪيا. (سي تباهه ٿي ويا) الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪونه ڪيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پاڻ تي ظلم ڪيائون. (١١٨) مؤمنؤ! پنهنجن ماڻهن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو همراز ۽ حال محرم نه بنايو، (نڪي ٻين تي ڀروسو ۽ اعتماد رکو). هنن ماڻهن جو (يعني دشمنن جو) حال هيءُ آهي جو توهان جي خلاف فتنه انگيزيءَ ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارا ناهن. جنهن ڳالهه ۾ اوهان کي نقصان پهچي سا هنن کي وڻي ٿي. هنن جي دشمني هنن جي ڳالهين مان ئي ظاهر آهي پر جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو ان کان به وڌيڪ آهي. جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به عقل آهي (ته ڏسي سگهندؤ) ته اسان توهان جي لاءِ پنهنجون نشانيون چٽيون ڪري ڇڏيون آهن. (١١٩) ڏسو توهان جو حال ته هي آهي جو توهان هنن (دشمنن) سان حب ۽ دوستي ٿا رکو پر هنن جو حال هي آهي جو توهان کي (هڪ گهڙيءَ لاءِ) حب نٿا ڪن. توهان الله تعاليٰ جي سڀني ڪتابن تي ايمان آڻيو ٿا (هنن جي ڪتابن جي به عزت ڪيو ٿا پر هنن جي حالت ابتڙ آهي) هو جڏهن اوهان سان ملن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان به ايمان آندو آهي، پر جڏهن اوهان کان پري اڪيلا ٿين ٿا تڏهن توهان جي خلاف ڪاوڙجي جوش ۾ ڏند ڪرٽڻ لڳن ٿا. (غور ڪيو ته اهڙن دشمنن کي ڪيئن همراز بنائڻ جائز ٿي سگهي ٿو. اي پيغمبر! تون انهن دشمنن کي) چئو ته، (رڳو ڏند نه ڪرٽيو پر) ڪاوڙ جي جوش ۾ پاڻ کي ماري وجهو (ته به جيڪي ٿيڻو هوندو سوئي ٿيندو) ۽ ياد رکو ته جيڪي سينن ۾ لڪل آهي سو به الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو (١٢٠) (اي مؤمنؤ!) توهان کي چڱائي رسي ٿي ته هنن کي ڏک ٿو ٿئي ۽ توهان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته هو ان تي خوشيون ٿا ڪن، (پر ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (مصيبتن ۽ مشڪلاتن ۾ به) صبر ڪندو (يعني خدا جا حڪم بجا آڻيندا رهندؤ) ته پوءِ هنن (دشمنن جا) فريب ۽ حيلا اوهان کي ڪجهه به ضرر نه پهچائيندا. جيڪي به هو ڪن ٿا تنهن کي الله جي قدرت گهيريون بيٺي آهي.

    رڪوع ١٣ آيت 121-تا-129
    بدر ۽ احد جي جنگين جي نتيجن مان نصيحت.
    (١٢١) ۽ (اي پيغمبر اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون صبح جو سويل پنهنجي گهر مان نڪتو هئين ۽ (احد جي ميدان ۾) لڙائي جي لاءِ مؤمنن کي مورچن ۾ وهاري رهيو هئين ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٢٢) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اوهان مان (يعني مسلمانن مان) ٻن ٽولين ارادو ڪيو ته همت هاري ڇڏين (۽ موٽي وڃن) حالانڪ الله تعاليٰ سندن مددگار هو. ايمان وارن کي ته گهرجي ته (هر حال ۾) الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن. (١٢٣) (ياد رکو) ته بيشڪ الله تعاليٰ بدر جي جنگ ۾ اوهان کي فتح ڏني هئي اگرچه توهان تمام ڪريل حالت ۾ هئا. تنهن ڪري توهان خدا کان ڊڄو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته توهان سندس نعمتن جو قدر ڪيو. (١٢٤) (اي پيغمبر! اهو وقت ياد ڪر) جڏهن تون (جنگ جي ميدان ۾) مؤمنن کي چئي رهيو هئين ته ڇا اواهان جي لاءِ هي ڪافي ناهي ته الله (ٽي هزار دشمن جي مقابلي ۾) ٽي هزار فرشتا موڪلي اوهان جي مدد ڪري. (١٢٥) ها بيشڪ! جيڪڏهن توهان صبر ۽ ثابت قدمي ڏيکاريو ۽ تقويٰ جي راهه اختيار ڪيو ۽ دشمن انهيءَ دم توهان تي تڪڙا ڪاهي پون ته اوهان جو پروردگار (رڳو ٽن هزارن ملائڪن سان نه پر) پنج هزار نشان رکندڙ ملائڪن سان اوهان جي مدد ڪندو. (١٢٦) ۽ ياد رکو ته هي ڳالهه جا چئي ويئي سا فقط هن لاءِ ته توهان جي لاءِ (فتح جي) خوشخبري ٿئي ۽ توهان جي دلين کي ان جي وسيلي تسلي ۽ ڏڍ اچي. مدد ۽ فتح فقط الله وٽان ملي ٿي جو سڀني تي غالب ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٢٧) ۽ پڻ هن لاءِ ته ڪافرن جي طاقت جو ڪجهه حصو وڍي بيڪار ڪيو وڃي يا هنن کي اهڙو ذليل ۽ خوار ڪيو وڃي جو هو مراد حاصل ڪرڻ کان سواءِ پٺئين پير موٽي هليا وڃن. (١٢٨) (اي پيغمبر!) هن معاملن ۾ (يعني حق جي دشمنن کي بخشڻ يا نه بخشڻ ۾) توکي ڪوئي دخل ڪونهي. (تنهنجو ڪم آهي ماڻهن کي حق جي دعوت ڏيڻ ۽ ڪنهن به حالت ۾ مايوس نه ٿيڻ) هي الله جي هٿ آهي ته جنهن کي وڻيس تنهن کي معاف ڪري ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي، ڇو ته، يقيناً هو ظالم آهن. (١٢٩) جيڪي زمين ۽ آسمان ۾ آهي سو سڀ ڪجهه الله جو آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڪري (ڪوبه کيس روڪي نٿو سگهي ۽ ياد رکو ته) الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١٤ آيت 130-تا-143
    وياج جي منع، متقي اهي آهن جيڪي آسودگي توڙي سڃائيءَ جي حالت ۾ خدا جي راهه ۾ مال خرچ ڪن ٿا.
    (١٣٠) مؤمنؤ! وياج نه کائو جو (مور ۾ گڏجي ٿو ته اصل رقم) ٻيڻي چوڻي ٿي وڃي ٿي. الله کان ڊڄو (۽ سندس نافرمانيءَ کان بچو) انهيءَ لاءِ توهان ڪامياب ٿيو (۽ نعمتون حاصل ڪيو). (١٣١) ۽ انهيءَ باهه جي عذاب کان ڊڄو (۽ ان کان بچڻ لاءِ احتياط رکو) جا باهه ڪافرن جي لاءِ تيار رکي ويئي آهي. (١٣٢) ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو، انهيءَ لاءِ ته الله جي رحمت جي لائق ٿيو. (١٣٣) پنهنجي پروردگار جي مغفرت (بخشائش) ڏانهن تڪڙا ڊوڙو ۽ پڻ انهيءَ جنت ڏانهن ڊوڙو جنهن جي پکيڙ ايڏي آهي جيڏي آسمانن ۽ زمينن جي (يعني سڄي ڪائنات جي) ۽ جا جنت متقي انسانن لاءِ تيار رکي آهي. (١٣٤) اهي متقي اهي انسان آهن جيڪي آسودگي توڙي سڃائي جي حالت ۾ (خدا جي راهه ۾) مال خرچ ڪن ٿا ۽ ڪاوڙ کي ضابطي هيٺ رکن ٿا ۽ ماڻهن جا قصور معاف ڪري ڇڏين ٿا. (اهي نيڪ عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ نيڪ عمل ڪندڙن سان محبت ٿو رکي. (١٣٥) ۽ اُهي متقي انسان اُهي آهن جيڪي جڏهن ڪو سخت خراب ڪم ڪري ٿا ويهن يا ڪو گناهه جو ڪم ڪري پنهنجي جانين کي مصيبت ۾ وجهن ٿا تڏهن هڪدم خدا جي يادگيري ڪن ٿا (۽ پنهنجي ضمير جي ملامت محسوس ڪن ٿا) ۽ خدا کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرن ٿا ۽ جيڪي گناهه جا ڪم هنن کان ٿي ويا آهن تن تي ڄاڻي ٻجهي قائم نٿا رهن. (بلڪ گناهن کان باز اچن ٿا) ۽ خدا کان سواءِ ڪير آهي جو گناهه بخشي ڇڏي. (١٣٦) انهن ئي جي واسطي انهن جي پردگار جي طرفان معافي ۽ بخشش جو اجر آهي ۽ (دائمي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. اهي هميشه انهن باغن ۾ رهندا ۽ (ڏسو ته) ڪهڙو نه عمدو اجر آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن کي ملندو. (١٣٧) (۽ ڏسو ته) توهان کان اڳي به دنيا ۾ (قومن جي ترقي ۽ تنزل جون) واٽون ۽ قانون ظاهر ٿي چڪا آهن (جن چڱا عمل ڪيا تن ترقي ڪري نعمتون ماڻيون ۽ جن بدعمل ڪيا تن تي مصيبتون نازل ٿيون) پوءِ توهان دنيا جو سير ڪري پنهنجي اکين سان (کنڊر ۽ نشان) ڏسو ۽ معلوم ڪريو ته جن خدا جي حڪمن کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ابتڙ عمل ڪيائون) تن جي پڇاڙي ڪهڙي نه خراب ٿي (۽ بدعملن جي بدلي ۾ ڪهڙيون نه مصيبتون ڏسي برباد ٿي ويا.) (١٣٨) هي ماڻهن جي (بصيرت) لاءِ هڪ چٽو بيان آهي ۽ متقي ماڻهن لاءِ هدايت ۽ نصيحت آهي. (١٣٩) ۽ (ڏسو مشڪلاتن ۽ شڪست جي حالت ۾ به) همت نه هاريو، نڪي غمگين ٿيو. جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته سڀني کان مٿانهان هوندو. (١٤٠) جيڪڏهن توهان کي (احد جي لڙائيءَ ۾) زخم لڳو آهي ته (غمگين ۽ ملول نه ٿيو) پوءِ تحقيق ٻي ڌر کي به اهڙو زخم رسيو آهي. اهي (فتح شڪست جا) موقعا اسان انسانن ۾ هيڏي هوڏي ڦيرائي رهيا آهيون (توهان همت نه هاريو جو هن حادثي ۾ گهڻيون ئي مصلحتون رکيل آهن) ۽ (اهو سڀ هن لاءِ ٿيو ته هن ڳالهه جي) آزمائش ٿئي ته ڪير سچا مؤمن آهن (۽ ڪير سچا نه آهن) ۽ هن لاءِ ته توهان مان ڪن کي (واقعن جي نتيجن جو) شاهد (ڏسندڙ ۽ سمجهندڙ) ڪجي. الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن کي نٿو پسند ڪري. (١٤١) ۽ (هن حادثي ۾ هي به) مصلحت هئي ته الله مؤمنن کي (ڪن ڪمزورين کان) پاڪ ڪري ۽ حق جي منڪرن کي (ڪمزورين کان پاڪ ٿيل طاقتور مؤمنن هٿان) آخر برباد ڪري ڇڏي. (١٤٢) (مسلمانو!) توهان ائين ٿا سمجهو ڇا ته (خالي ايمان جي دعوي ڪري) جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ (۽ ايمان ۽ عمل جي آزمائش ئي ڪانه ٿيندي؟) (اڃا ته اهڙو موقعو ئي) ڪونه آيو آهي جنهن سان الله تعاليٰ اوهان کي آزمائي ظاهر ڪري ڏيکاري ته ڪهڙا ماڻهو حق جي راهه ۾ پوري پوري ڪوشش ڪندڙ آهن ۽ ڪهڙا مشڪلاتن ۾ به ثابت قدم رهڻ وارا آهن. (١٤٣) ۽ هي حقيقت آهي ته جيستائين توهان کي موت جي سامهون اچڻو ڪونه پيو هو تيستائين حق جي راهه ۾ مرڻ جي خواهش رکندا هئو (۽ ضد ڪيو هو ته مديني کان ٻاهر نڪري دشمن جو مقابلو ڪريون) پر پوءِ جڏهن موت توهان جي سامهون اچي ويو تڏهن ڏسندي ڏسندي بيهي رهيو.

    رڪوع ١٥ آيت 144-تا-148
    احد جي جنگ ۾ شڪست کائڻ مان وڌيڪ عبرتون ۽ نصيحتون.
    (١٤٤) (حضرت) محمد (ﷺ الله ناهي) فقط الله جو رسول آهي، کانئس اڳي به الله جا رسول ٿي گذريا هن، (جيڪي حق جي دعوت ڏيئي دنيا مان هليا ويا) پوءِ جيڪڏهن هو (حضرت محمدﷺ) هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري (هڪ ڏينهن نيٺ ته رحلت ڪرڻ وارو آهي) يا لڙائيءَ ۾ شهيد ٿئي ته پوءِ توهان حق جي راهه کان پٺئن پير ڦري ويندؤ ڇا؟ جيڪوحق جي واٽ کان پٺئين پير ڦري ويندو اهو (پنهنجوئي نقصان ڪندو) خدا جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو. جي ماڻهو شڪر گذار آهن (يعني حق جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن) تن کي الله تعاليٰ ان شڪر گذاريءَ جو اجر عطا فرمائيندو. (١٤٥) ۽ (ياد رکو ته) خدا جي حڪم کان سواءِ ڪوبه مري نٿو وڃي. هر انسان جي لاءِ هڪ خاص وقت مقرر ڪيل آهي، (موت جي خوف کان توهان جا قدم ڇو پوئتي هٽڻ گهرجن) ۽ جيڪو به ماڻهو دنيا جو فائدو چاهي ٿو تنهن کي اهو ملندو. اسان (حق جي نعمتن جي) ڪندڙن کي (هنن جي نيڪ عملي جو) اجر ضرور ڏينداسين. (١٤٦) ۽ (ڏسو) ڪيترائي نبي سڳورا ٿي گذريا آهن جن لڙايون ڪيون ۽ هنن سان شامل ٿي ڪيترن ئي رباني نيڪ ماڻهن به جنگيون ڪيون. پر ائين نه ٿيو جو خدا جي راهه ۾ جيڪي سختيون هنن کي پيش آيون تن جي سبب کان بي همت ٿيا ۽ نه ائين ٿيو جو ڪمزوري ڏيکاريون، نه ڪي (دشمن جي اڳيان) عاجزي ۽ بيوسي ظاهر ڪيائون. الله تعاليٰ ته انهن کي حب ٿو ڪري (جي سخت مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به) ثابت قدم رهن ٿا. (١٤٧) ۽ (سختين ۽ مصيبتن ۾ به) هنن جي زبان منجهان هن کان سواءِ ڪو لفظ نه نڪرندو هو ته، اي خدا اسان جا گناهه معاف ڪر، اسان کان اسان جي ڪمن ۾ جيڪي زيادتيون ٿي ويون هجن سي درگذر ڪري ڇڏ. اسان جا قدم حق جي راهه ۾ ڄمائي رک ۽ حق جي منڪر قوم تي اسان کي فتح ڏي. (١٤٨) پوءِ جڏهن ته هنن جي ايمان ۽ عمل جي اها اعليٰ حالت هئي تڏهن (الله تعاليٰ هنن کي دنيا جو به فائدو ڏنو (جو هو فتح مند ٿا، حاڪم ٿيا ۽ آسوده حال ٿيا) ۽ آخرت جوگهڻو وڏو ۽ سٺو فائدو به ڏنو (جو دائمي نعمتن جا حقدار ٿيا) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي ئي محبت ڪري ٿو جي نيڪ ڪم ڪندڙ آهن.

    رڪوع ١٦ آيت 149-تا-155
    جلدئي اسان حق جي منڪرن جي دلين ۾ اوهان جي هيبت وجهنداسين
    (١٤٩) مؤمنو! جيڪڏهن توهان ڪافرن جي چوڻ تي لڳندؤ (جي توهان کي دشمن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊيڄارين ٿا) ته (پوءِ ياد رکو ته) هو اوهان کي حق جي راهه کان پوئين پير ڦيرائي ڇڏيندا ۽ اوهان (سعادت جي واٽ ڇڏي) نقصان ۽ تباهي هيٺ ايندؤ. (١٥٠) سو (دشمنن جي گهڻائي ۽ طاقت کان ڊڄي جنگ ڪرڻ کان متان هٽو) توهان جو نگهبان ۽ محافظ الله آهي ۽ هو بهترين مدد ڪندڙ آهي. (١٥١) جلدئي اسان حق جي منڪرن جي دلين ۾ اوهان جي هيبت وجهنداسين، ائين هن ڪري ٿيندو جو هنن الله سان ٻين هستين کي شريڪ ٺهرايو آهي جن لاءِ الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. انهن جي جاءِ آخر دوزخ آهي، ظالمن جي آخري جاءِ (دوزخ) ڪهڙي نه خراب آهي.! (١٥٢) ۽ بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي مدد ۽ فتح جو واعدو اوهان کي سچو ڪري ڏيکاريو، جڏهن توهان سندس حڪم سان دشمنن کي (خدا جي ميدان ۾) ماري ماري ڀڄائي رهيا هئو (فتح توهان جي هئي) پر جڏهن اسان توهان کي (فتح جو جلوو) ڏيکاريو جو توهان کي تمام گهڻو وڻي ٿو تڏهن توهان پاڻ ڪمزوري ڏيکاري ۽ جنگ جي باري ۾ هڪ ٻئي سان جهڳڙو ڪرڻ لڳؤ، (هڪڙي تير اندازن جي ٽوليءَ چيو ته هاڻي مورچي تي بيهڻ ضروري ڪونهي، ٻئي چيو ته ضروري آهي) ۽ آخر (پنهنجي سردار الله جي رسول جي حڪم جي) نافرماني ڪئي. اوهان ۾ ڪي اهڙا هئا جي دنيا جا طالب هئا (دولت جي مال جي پٺيان پيا) ۽ ڪي اهڙا هئا جي آخرت جا طالب هئا (جنگ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ شهيد ٿيا) پوءِ اسان به اوهان جو رخ دشمن جي طرف کان ڦيرائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ ته اوهان کي (هن حادثي سان) آزمايون (اهڙيءَ طرح توهان جي فتح بعد اوهان کي شڪست آئي). پر يقيناً الله تعاليٰ توهان جو قصور معاف ڪيو ۽ بيشڪ الله تعاليٰ جو مؤمنن تي وڏو فضل آهي. (١٥٣) (اهو وقت به ياد ڪيو) جڏهن (جنگ مان ڀڄي) مٿاهين ڏانهن چڙهي رهيا هيؤ ۽ (حراس ۾ ايتري قدر گرفتار ٿي ويا جو) رڳو هڪ ٻئي ڏي منهن ڦيرائي نهاريو به ڪين ٿي ۽ الله جو رسول اوهان کي پٺيان پڪاري رهيو هو. (سو جڏهن توهان جو حال اهو هو) تڏهن الله به اوهان کي غم پٺيان غم ڏنو. انهيءَ لاءِ ته (هن حادثي مان عبرت وٺو ۽ آئينده) نڪي انهي لاءِ غم ڪيو، جيڪي اوهان جي هٿن مان هليو ويو هجي، نڪي انهيءَ مصيبت تي غم ڪيو جا اوهان جي مٿان ڪڙڪي. جيڪي جيڪي اوهان ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. (١٥٤) پوءِ الله تعاليٰ غم بعد اوهان مان هڪ جماعت تي بي خوفي جي ننڊ آندي (يعني دلين کي تسلي ۽ آرام اچي ويو) پر ٻي ٽولي اوهان ۾ اهڙي هئي جن کي انهيءَ وقت به رڳو پنهنجي سر جي اچي لڳي ۽ الله تعاليٰ بابت جاهليت جي زماني وارا غلط ۽ بي جا وهم ۽ گمان ڪرڻ لڳا، اهي ماڻهو چوڻ لڳا ته هن معاملي ۾ اسان کي ڪو اختيار هو ڇا؟ (يعني اسان جي راهه تي عمل ٿئي ها ته اهڙي حالت نه بڻجي ها. هنن کي) چئو ته (نه رڳو هي معاملو) پر سڀئي ڳالهيون الله ئي جي اختيار ۾ آهن. (پر الله تعاليٰ جو قانون آهي ته جهڙا عمل ۽ سبب تهڙا نتيجا نڪرن ٿا) (حقيقت هي آهي ته) جيڪي هنن ماڻهن جي دلين ۾ آهي سو توکان لڪائين ٿا. (هنن جي ائين چوڻ جو اصل مطلب هي آهي) هو چون ٿا ته جيڪڏهن هن معاملي ۾ اسان جي لاءِ فتح هجي ها ته هن طرح هتي اسان جي ماڻهن جو اهڙو قتل نه ٿئي ها. (اي پيغمبر! انهن کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان پنهنجي گهرن ۾ ويٺا هجو ها ته به جن کي قتل ٿيڻو هو سي ضرور گَهرن مان نڪرن ها ۽ پنهنجي مارجڻ جي جاءِ تي پهچي وڃن ها ۽ هي (سڀ) انهيءِ لاءِ ٿيو ته جيڪي توهان جي دلين ۾ لڪل آهي، تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ اوهان کي آزمائش ۾ وجهي ۽ جيڪي (خراب خيال)اوهان جي دلين ۾ پيدا ٿيا هئا اهي ڪڍي ڇڏي ۽ جيڪي دلين ۾ لڪل آهي سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو. (١٥٥) اوهان مان جن ماڻهن انهيءَ ڏينهن لڙائي ۾ پٺي ڏني هئي، جنهن ڏينهن ٻنهي لشڪرن هڪ ٻئي جو مقابلو ڪيو هو، تن جي انهيءَ غلطيءَ جو سبب هيءُ هو جو جيڪي خطائون هنن ڪيون هيون تنهن مان ڪن خطائن سبب شيطان هنن جا قدم منجهائي ڇڏيا. (ائين نه هو ته هن جي ايمان ۾ خلل هو) الله تعاليٰ هنن جي غلطي معاف ڪئي. يقيناً الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ تحمل وارو آهي.

    رڪوع ١٧ آيت 156-تا-171
    الله جي رستي ۾ ڏنل قرباني کي نه جتايو، مصلح نرم ۽ مهربان هجو، سخت مزاجي ۽ سنگدلي ماڻهن کي ڀڄائي ٿي.
    (١٥٦) اي ايمان وارؤ! اوهان انهن وانگر نه ٿيو جن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ جڏهن سندن ڀائر ڪنهن سفر تي وڃن ٿا يا لڙائي ڪن ٿا ۽ اهي مري يا مارجي وڃن ٿا ته پوءِ اهي چوڻ لڳن ٿا ته جيڪڏهن هو اسان وٽ هجن ها ته نڪي مرن ها، نڪي مارجن ها. (خدا پرستن جي دلين ۾ اهڙا غلط خيال خطرا نه ٿا اچن ۽ هي ڳالهه جا توهان کي چئي وئي سا هن لاءِ ته) انهيءَ ڳالهه کي (يعني اوهان جي بي خوفي ۽ ايمان جي مضبوطيءَ کي) الله تعاليٰ ڪافرن جي دلين لاءِ حسرت ۽ ارمان بڻائي (ته ڪنهن به حالت ۾ اوهان کي بي همت نه ڪري سگهن. ياد رکو ته) الله ئي زندهه رکندڙ ۽ ماريندڙ آهي ۽ جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو سڀ ڪجهه الله تعاليٰ ڏسي ٿو. (١٥٧) ۽ جيڪڏهن توهان الله جي راهه ۾ مارجي ويو يا پنهنجي موت مري ويو ته پوءِ الله تعاليٰ وٽان جيڪا رحمت ۽ بخشش اوهان کي ملندي سا انهن سڀني شين کان گهڻو بهتر آهي جي ماڻهو ميڙي گڏ ڪري رهيا آهن. (١٥٨) ۽ (ياد رکو ته) توهان پنهنجي موت مري وڃو يا مارجي وڃو هر حال ۾ آخر اوهان کي الله وٽ آڻي گڏ ڪيو ويندو. (١٥٩) (اي پيغمبر!) هي الله جي رحمت آهي جو تون هنن ماڻهن سان هيتري قدر نرم ۽ مهربان آهين، جيڪڏهن تون سخت مزاج ۽ سنگدل هجين ها ته ماڻهو تو وٽان ڀڄي هليا وڃن ها (پر تنهنجي نرميءَ ۽ محبت جي ڪري هنن جي دلين کي ڪشش ٿئي ٿي ۽ وڏي شوق ۽ محبت سان تو وٽ اچي ويهن ٿا) پوءِ انهن جا قصورمعاف ڪري ڇڏ ۽ الله کان به انهن لاءِ مغفرت گهر ۽ پڻ وڏن معاملن ۾ هنن سان مشورو ڪر. پوءِ جڏهن ڪو فيصلو ڪري پڪو ارادو ڪيو ته خدا تي ڀروسو رکو (۽ ان ڪم تي ثابت قدم رهو) بيشڪ الله تعاليٰ انهن سان محبت ٿو رکي جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا. (١٦٠) (مسلمانو!) جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جي مدد ڪندو ته ڪوبه توهان تي غالب نه پوندو ۽ جيڪڏهن هو اوهان کي ڇڏي ڏيندو ته پوءِ ڪير آهي جو هن جي ڇڏي ڏيڻ بعد اوهان جي مدد ڪري سگهندو؟ تنهن ڪري مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تعاليٰ تي ڀروسو رکن (۽ حق جي راهه تي ثابت قدم رهن). (١٦١) ۽ (ڏسو خدا جي) ڪنهن به نبيءَ کان هيءَ ڳالهه ٿي نٿي سگهي جو (نبوت جي فرضن ادا ڪرڻ ۾) ڪنهن به طرح جي خيانت ڪري.جيڪو به پنهنجي فرض اداين ۾ خيانت ٿو ڪري سو اها خيانت قيامت جي ڏينهن پاڻ سان کڻي ايندو. پوءِ هرهڪ نفس کي سندس عملن جو پورو پورو بدلو ملندو، ڪنهن سان به بي انصافي ڪانه ڪئي ويندي. (١٦٢) پوءِ ڇا جنهن ماڻهو الله جي راضپي واري راهه اختيار ڪئي آهي (۽ اهي ڪم ڪري ٿو جي الله کي پسند آهن) سو انهيءَ ماڻهو وانگر ٿي سگهي ٿو جو (پنهنجي بدعملن سان) الله جو غضب پاڻ تي آڻي ٿو ۽ جنهن جو ٽڪاڻو جهنم جهڙو برو ٽڪاڻو آهي؟ (١٦٣) (نه نه ائين هرگز ٿي نٿو سگهي) الله وٽ ماڻهن جا (جدا جدا) درجا آهن ۽ جيڪي عمل هو ڪن ٿا سي الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (١٦٤) يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن تي وڏو احسان ڪيو آهي. جو هنن ۾ هڪڙو رسول موڪليو اٿس جو هنن منجهان ئي آهي، هو کين الله جون آيتون ٻڌائي ٿو، (براين کان) کين پاڪ ڪري ٿو ۽ ڪتاب ۽ حڪمت سيکاري ٿو، حالانڪ هن کان اڳي هو ظاهر ظهور گمراهي ۾ ڦاٿل هئا. (١٦٥) جڏهن (احد جي جنگ ۾) اوهان تي مصيبت اچي ڪڙڪي، انهيءَ کان ٻيڻي مصيبت ته اوهان جي هٿان (بدر ۾) اوهان جي دشمنن تي پيئي هئي، تڏهن توهان چئي ڏنو ته هيءَ مصيبت اسان تي ڪٿان آئي؟ (اي پيغمبر! کين چئو ته) اها مصيبت خود توهان جي هٿئون توهان تي ڪڙڪي (جيڪڏهن توهان همت نه هاريو ها ۽ خدا ۽ رسول جي پوري فرمانبرداري ڪيو ها ته هرگز هي مصيبت نه ڏسو ها) ياد رکو ته الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي. (١٦٦) جيڪا مصيبت اوهان تي انهيءَ ڏينهن آئي جنهن ڏينهن (احد ۾) ٻنهي ڌرين جو مقابلو ٿيوسا مصيبت الله جي حڪم سان آئي (جيئن فتح ۽ شڪست لاءِ سندس قانون ٺهرايل آهن ۽ اها مصيبت انهيءَ لاءِ آئي) ته ظاهر ٿي پوي ته سچي ايمان وارا ڪهڙا آهن؟ (١٦٧) ۽ منافق ڪهڙا آهن (سچ پچ منافق هن موقعي تي پوريءَ طرح ظاهر ٿي پيا) ۽ (جڏهن) کين چيو ويو ته اچو، الله جي راهه ۾ (ٻاهر نڪري) جنگ ڪيو يا (مديني ۾ رهي) دشمنن جي حملي کي روڪيو. (تڏهن) چوڻ لڳا ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته لڙائي ضرور لڳندي ته اسان (پاڻ کي تيار ڪيون ها ۽) توهان سان ضرور شامل ٿيون ها (اهو ڪوڙو بهانو هو). (يقين ڪيو ته جنهن وقت هنن ائين چيو) تنهن وقت هو ايمان کي اهڙا ويجها نه هئا جهڙا ڪفر کي ويجها هئا. اهي ماڻهو جيڪي زبان سان چون ٿا سو درحقيقت هنن جي دلين ۾ ناهي، جيڪي هو دلين ۾ لڪائين ٿا سو الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي. (١٦٨) اهي ماڻهو پاڻ ته گهرن ۾ ويهي رهيا پر پنهنجي ڀائرن جي باري ۾ (جي جنگ ۾ مارجي ويا) چون ٿا ته جيڪڏهن اسان جي چوڻ تي لڳن ها ته ڪڏهن به نه مارجي وڃن ها. (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته جيڪڏهن توهان سچ پچ (پنهنجي هن خيال ۾) سچا آهيو ته جڏهن موت توهان جي مٿان اچي پوي تڏهن پاڻ تان موت ٽاري ڇڏيو (۽ پنهنجي چالاڪين ۽ دور انديشن سان هميشه زندهه رهو.) (١٦٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو خدا جي راهه ۾ قتل ٿيا آهن، تن بابت ائين نه سمجهه ته هو مري ويا، نه نه هو جيئرا آهن ۽ پنهنجي پروردگار وٽ پنهنجي روزي حاصل ڪري رهيا آهن. (١٧٠) الله تعاليٰ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان جيڪي کين عطا ڪيو آهي تنهن تي فرحتن ۽ خوشين ۾ آهن ۽ جيڪي ماڻهو انهن جي پٺيان (دنيا ۾) رهجي ويا آهن ۽ اڃا ساڻن نه وڃي مليا آهن، تن بابت به خوشيون ٿا ڪن جو (ڄاڻن ٿا ته) انهن لاءِ به نڪي ڪو خوف آهي، نڪا غمگيني آهي. (١٧١) هو الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ فضل تي ڏاڍو خوش آهن ۽ پڻ هن ڳالهه تي ته بيشڪ الله تعاليٰ ايمان وارن (جي عملن) جو اجر ضايع نٿو ڪري.

    رڪوع ١٨ آيت 172-تا-180
    اسان جو ڪافرن کي مهلت ٿا ڏيون تنهن مان ائين نه سمجهن ته هنن جو خير آهي
    (١٧٢) جن ماڻهن الله ۽ سندس رسول جي سڏ تي لبيڪ چئي (۽ جنگ لاءِ وري تيار ٿيا) جيتوڻيڪ (هڪ سال اڳي احد وارو) زخم کائي چڪا هئا تن بابت ياد رکو ته انهن مان جيڪي به چڱا عمل ڪندڙ ۽ متقي (پرهيزگار) آهن تن جي لاءِ تمام وڏو اجر تيار رکيل آهي. (١٧٣) هي اهي ماڻهو آهن جن کي ڪن چيو ته توهان سان (جنگ ڪرڻ لاءِ) دشمن وڏو لشڪر گڏ ڪيو آهي تنهن ڪري خوف رکجو (۽ ٻاهر نڪري ساڻن مقابلي ڪرڻ لاءِ نه وڃجو) پر (اها ڳالهه ٻڌڻ تي ڊڄي وڃڻ بدران) هنن جو ايمان اڃا به وڌيڪ مضبوط ٿيو ۽ هو (بي خوف ٿي) چوڻ لڳا ته اسان جي لاءِ الله ڪافي آهي ۽ جنهن جو ڪارساز الله پاڻ هجي تنهن جو ڪهڙو نه چڱو ڪارساز آهي. (١٧٤) پوءِ (ڇا ٿيو جو مسلمان بي خوف ٿي مقابلي لاءِ نڪتا ۽) الله جي نعمت ۽ فضل سان مالامال ٿي واپس آيا. ڪوبه ايذاءُ کين ڇهي به نه سگهيو. هنن الله جي راضپي واري راهه ۾ قدم کنيو (اهو الله جو فضل هو) ۽ الله وڏي فضل وارو آهي. (١٧٥) (۽ هيءَ جو دشمنن جي ڇاڙتي توهان کي وڏي لشڪر جي ڪوڙي خبر ٻڌائي ڊيڄارڻ ٿي چاهو) اهو شيطان هو جنهن پنهنجي ساٿين بابت توهان کي ڊيڄارڻ ٿي چاهيو، پر جيڪڏهن توهان سچ پچ سچا مؤمن آهيو ته شيطان جي ساٿين کان نه ڊڄو ۽ مون کان ئي ڊڄو. (١٧٦) (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ڪفر جي واٽ تي ڊوڙي رهيا آهن (انهن جي حالت ڏسي) غم نه ڪريو. يقين ڪريو ته هو خدا (جي ڪمن کي) هرگز نقصان پهچائي نه سگهندا. (هو پاڻ پنهنجو نقصان ڪري رهيا آهن) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آخرت ۾ هنن جي لاءِ (هنن مان) ڪجهه به حصو نه رکي ۽ هنن جي لاءِ تمام وڏو عذاب آهي. (١٧٧) جن ماڻهن ايمان وڪڻي ڪفر خريد ڪيو آهي سي الله (جي ڪمن) کي ڪجهه به ضرر نه پهچائي سگهندا ۽ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار رکيل آهي. (١٧٨) ۽ اسان جو ڪافرن کي (زندگي ۽ مال متاع ۾) مهلت ٿا ڏيون تنهن مان ائين نه سمجهن ته (ان مهلت ۾) هنن لاءِ چڱائي آهي. اسان هنن کي انهيءَ لاءِ مهلت ٿا ڏيون ته (جيڪڏهن بدعملين کان باز نه اچن ته) پنهنجي گناهن ۾ اڃا به وڌيڪ واڌارو ڪن ۽ آخر هنن کي وڌيڪ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب ملندو. (١٧٩) ائين ٿي نٿو سگهي ته الله تعاليٰ ايمان وارن کي انهي ئي حالت ۾ ڇڏي ڏئي جنهن حالت ۾ توهان هاڻي آهيو. الله تعاليٰ ضرور ائين ڪندو جو پليتن (منافقن) کي پاڪن (مؤمنن) کان الڳ ڪري ڏيکاريندو (ته آئينده لاءِ سڃاڻپ ٿئي) ۽ خدا جي سنت اها ناهي ته (هن باري ۾) غيب جي خبر ڏيئي ڇڏي (يعني منافقن جا نالا ٻڌائي) پر بيشڪ الله تعاليٰ پنهنجي رسولن مان جن کي وڻيس تنهن کي هن ڳالهه لاءِ چونڊي ٿو (يعني جيڪي الله تعاليٰ هن باري ۾ چاهيندو سو پنهنجي رسول ﷺ کي ٻڌائيندو) پوءِ (اي منافقو! توهان جي سڌاري لاءِ هي آخري مهلت آهي) الله تي ۽ سندس رسول تي سچو ايمان رکو. جيڪڏهن توهان (هاڻي به) ايمان آڻيندؤ ۽ گناهن ۽ بدعملن کان پري رهندؤ ته توهان جي لاءِ وڏو اجر آهي. (١٨٠) جن ماڻهن کي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان رزق ڏنو آهي ۽ هو اهو مال خرچ ڪرڻ ۾ ڪنجوسائي ڪن ٿا سي ائين نه سمجهن ته ائين ڪرڻ سان هنن کي ڪا چڱائي رسندي. (نه نه) بلڪ ان مان هنن لاءِ وڏي برائي آهي. جلد قيامت جي ڏينهن اهو مال متاع جنهن کي گڏ ڪري روڪي رکڻ لاءِ ڪنجوسائي ڪن ٿا، تنهن مان (عذابن جو) ڳٽ ٺاهي هنن جي ڳچين ۾ وڌو ويندو ۽ ياد رکو ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ الله جي ميراث آهي ۽ اوهان جيڪي به ڪيو ٿا، تنهنجي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر آهي.

    رڪوع ١٩ آيت 181-تا-189
    مسلمانن لاءِ سبق ته صبر ۽ تقويٰ رکندؤ ته ڪاميابي توهان جي آهي.
    (١٨١) بيشڪ الله تعاليٰ انهن ماڻهن (منافقن) جو قول ٻڌو آهي، جن چيو ته الله محتاج آهي ۽ اسان دولت مند آهيون (جو هر هر اسان کان سندس نالي تي لڙائي وغيره لاءِ مال گهريو وڃي ٿو) اسان جلد سندس اهو قول لکي ڇڏينداسين (يعني هي جو الله جي انهيءَ حڪم تي مسخريون ٿا ڪن ته، “خدا جي راهه ۾ خرچ ڪيو”، سو جلد کين محتاج ۽ تباهه ڪنداسين) ۽ پڻ سندن هي عمل لکي ڇڏينداسين جو ناحق نبين کي قتل ڪندا هئا، پوءِ (جڏهن هن قول ۽ عمل جو بدلو پيش ايندن تڏهن) چونداسين ته هاڻي جهنم جي عذاب جو مزو چکو. (١٨٢) توهان جيڪي پنهنجي هٿن سان ڪري اڳتي موڪليو آهي تنهن جو ئي اهو نتيجو آهي، الله تعاليٰ ڪڏهن به پنهنجي ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي. (١٨٣) هي ماڻهو (يهودي) چون ٿا ته الله اسان کان عهد ورتو آهي ته اسان ڪنهن به رسول تي ايمان نه آڻيون جيستائين هو اسان وٽ اهڙي قرباني نه آڻي جنهن کي باهه کائي وڃي، تون کين چؤ ته مون کان اڳي الله جا ڪيترائي رسول سچائيءَ جي روشن دليلن سان اوهان ڏي آيا ۽ انهيءَ ڳالهه سان آيا جا چئي رهيا آهيو (يعني باهه ۾ ساڙڻ واري قرباني سان آيا) پوءِ جيڪڏهن توهان پنهنجي قول ۾ سچا آهيو ته ڇو توهان (انهن تي ايمان آڻڻ بدران) هنن کي قتل ڪندا رهيؤ؟ (١٨٤) (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪڏهن توکي ڪوڙو چئي رهيا آهن (ته رڳو توسان اها روش نه ورتي اٿن) توهان کان اڳي ڪيترائي رسول وٽن آيا جن کي ساڳيءَ طرح ڪوڙو ڪوٺي سندن منڪر ٿيا. اگرچه اهي رسول چٽن دليلن ۽ (حڪمت وارن خدائي) ڪتابن ۽ (شريعت جي) روشن حڪمن سان وٽن آيا هئا. (١٨٥) (مسلمانو! ياد رکو ته) هر هڪ نفس کي آخر موت جو مزوچکڻو آهي ۽ اوهان جي عملن جو بدلو اوهان کي قيامت جي ڏينهن پورو پورو ملندو. انهيءَ ڏينهن جيڪو به دوزخ جي باهه کان بچايو ويندو ۽ جنت ۾ داخل ڪيو ويندو انهيءَ ئي ڪاميابي ۽ نعمتون حاصل ڪيون. ياد رکو ته هن دنيا جي زندگي (عيش عشرت جو سامان) فقط فريب جو سامان آهي. (١٨٦) يقيناً توهان پنهنجي مال ملڪيت ۽ جانين جي باري ۾ آزمائش ۾ وڌا ويندو ۽ يقيناً اهل ڪتاب ۽ عرب مشرڪن کان گهڻيون ئي ڳالهيون ٻڌندؤ جي ٻڌي توهان کي ڏک ٿيندو. پر جيڪڏهن توهان صبر اختيار ڪندؤ (۽ مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾ به حق جي راهه تي ثابت قدم رهندؤ) ۽ تقويٰ کي نه ڇڏيندؤ (يعني حق جي حڪمن جي نافرمانيءَ کان بچندؤ) ته پوءِ بيشڪ وڏن اهم ڪمن ۾ هيءَ وڏي عزم ۽ همت جي ڳالهه ٿيندي. (١٨٧) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ اهل ڪتاب کان عهد ورتو هو ته اهو ڪتاب (۽ ان جا حڪم) ماڻهن کي چٽا ڪري ٻڌائجو ۽ هرگز نه لڪائجو. پر هنن (اهو عهد پورو نه ڪيو) ۽ الله جي ڪتاب کي پٺئين پاسي اڇلائي ڇڏيائون (يعني خسيس وقتي فائدي لاءِ دائمي وڏا فائدا وڃائي ڇڏيائون) پوءِ ڪهڙي نه خراب اها قيمت آهي جا (حق فروشي جي بدلي ۾) حاصل ڪيائون. (١٨٨) جيڪي ماڻهو پنهنجي ڪرتوتن تي خوش ٿي رهيا آهن ۽ پسند ٿا ڪن ته انهن ڪمن لاءِ سندن ساراهه ٿئي ڪيا ئي ڪونه اٿن تن به نسبت ائين هرگز نه سمجهو ته ايندڙ عذاب کان بچي ويندا. بلڪل نه، يقيناً هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (١٨٩) (انهن ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي ته) آسمان ۽ زمين جي بادشاهي فقط الله جي آهي (نه سندن) ۽ الله ئي هر شيءِ تي قادر آهي.

    رڪوع ٢٠ آيت 190-تا-200
    اعليٰ روحاني جذبا پيدا ڪرڻ لاءِ اعليٰ تعليمات.
    (١٩٠) بيشڪ آسمان ۽ زمين جي خلقت ۾ ۽ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ سمجهه وارن لاءِ (حق جي سڃاڻپ جون) وڏيون نشانيون موجود آهن. (١٩١) (انهن سمجهه وارن لاءِ وڏيون نشانيون موجود آهن) جي بيهندي، ويهندي، ليٽندي هر وقت الله کي ياد رکن ٿا ۽ آسمان ۽ زمين جي خلقت تي غور ۽ فڪر ڪن ٿا (انهيءَ غور ۽ فڪر جو نتيجو اهو ٿئي ٿو جو هنن تي حقيقتن جي سڃاڻپ جو دروازو کلي پوي ٿو ۽ هو بي اختيار چئي ٿا ڏين ته) اي اسان جا پررودگار! هي سڀ جيڪو پيدا ڪيو اٿيئي سو هرگز بيڪار ۽ اجايونه آهي (ضرور ڪو مقصد ۽ حڪمت رکيل آهي) بيشڪ تون پاڪ آهين (ان ڳالهه کان جو بيڪار ڪم تنهنجي هٿان ٿين) اي خدا! اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچائجانءِ. (١٩٢) اي اسان جا پروردگار! جنهن کي تون دوزخ ۾ وجهندين سو بيشڪ وڏي خواري خرابيءَ ۾ پيو (ان ڏينهن) ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو. (١٩٣) اي اسان جا پروردگار! اسان سڏ ڪندڙ (رسولﷺ) جو سڏ ٻڌو جو ايمان جي طرف سڏي رهيو هو. (هو چئي رهيو هو ته (اي انسانو!) پنهنجي پروردگار تي ايمان آڻيو. اي پروردگار! اسان جا گناهه بخش، اسان جون بڇڙايون اسان مان ڪڍي ڇڏ ۽ اسان کي انهن سان گڏ مار (۽ موت بعد انهن جي سنگت ۾ رهاءِ) جي پرهيزگار ۽ نيڪ هجن. (يعني اسان کي نيڪ ڪر ته نيڪن ۾ شمار ٿيون.) (١٩٤) اي اسان جا پروردگار! اسان کي اهو سڀ ڪجهه عطا فرماءِ جنهن جو وعدو اسان سان پنهنجي رسولن جي معرفت ڪيو هو ۽ قيامت جي ڏينهن اسان کي ذليل ۽ خوار نه ڪجانءِ. بيشڪ تون ڪڏهن به پنهنجي وعدي جي خلاف نٿو وڃين. (١٩٥) پوءِ هنن جي پروردگار هنن جون دعائون قبول ڪيون ۽ فرمايائين ته بيشڪ آءٌ ڪنهن به عمل ڪندڙ جو عمل ضايع نٿو ڪيان، مرد هجي توڙي عورت. توهان سڀ هڪ ٻئي جي جنس آهيو (عملن جي نتيجن جو قانون سڀني لاءِ هڪ جهڙو آهي) پوءِ جن (خدا جي راهه ۾) هجرت ڪئي، پنهنجي گهرن مان تڙي ڪڍيا ويا، منهنجي راهه وٺڻ جي ڪري ايذايا ويا ۽ حق جي راهه ۾ لڙايون ڪيائون ۽ قتل ٿيا تن جون خطائون هنن مان يقيناً ميساري ڇڏيندس ۽ کين (ابدي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون. هي الله جي طرف کان (هنن جي نيڪ عملن جو) اجر ۽ انعام هوندو ۽ الله ئي آهي جو بهترين اجر ۽ انعام ڏئي ٿو. (١٩٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي انهن جو ملڪ ۾ (تجمل ۽ وڏائي سان) هيڏي هوڏي گهمڻ ڦرڻ توکي دوکي ۾ نه وجهي. (١٩٧) اهو ٿورڙو دنيائي فائدو آهي. آخر انهن جو ٽڪاڻو جهنم آهي. اهو ڪهڙو نه برو ٽڪاڻو آهي. (١٩٨) پر جن ماڻهن خدا جو خوف رکيو (۽ نيڪ عمل ڪيا) تن جي لاءِ (ابدي نعمتن جا) باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان (ابدي خوشين جي) حالت ۾ رهندا. هيءُ هنن لاءِ الله تعاليٰ جي طرف کان مهماني ٿيندي. جيڪي الله تعاليٰ وٽ آهي سو نيڪ عمل ڪندڙن لاءءِ وڏي چڱائي ۽ نعمت آهي. (١٩٩) ۽ بيشڪ اهل ڪتاب ۾ ڪي اهڙا به آهن جيڪي الله تي سچو ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي مٿن نازل ٿيو آهي تنهن تي به هنن جو ايمان آهي ۽ سندن دليون الله جي اڳيان جهڪيل آهن، اهي ائين نٿا ڪن جو خدا جون آيتون خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏين. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان اجر ملندو. يقيناً الله تعاليٰ حساب وٺڻ ۽ (بدلو ڏيڻ) ۾ سست رفتار ناهي. (٢٠٠) اي ايمان وارؤ! (جيڪڏهن ڪاميابي چاهو ٿا ته هنن سڀني ڳالهين جو جوهر هي آهي ته) صبر ڪيو، هڪ ٻئي کي صبر ڪرڻ جي ترغيب ڏيو، هڪ ٻئي سان ڳنڍجي هڪ ٿي وڃو ۽ (هر حال ۾) خدا کان ڊڄندا رهو ته (پنهنجي مقصد ۾) ڪامياب ٿيو.


    سورت نساءِ (عورتون)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 01-تا-10
    صلهء رحمي جا حق خدا جا ٺهرايل حق آهن، يتيمن جي سنڀال، فوتي جي مال جي وراثت، عورتن کي به ملڪيت مان حصو ملڻ
    (١)اي انسانو! پنهنجي پروردگار کان ڊڄو (سندس حڪمن ۽ قانونن جي تعميل ڪيو ورنه تباهه ٿيندؤ، انهيءَ پروردگار کان ڊڄو) جنهن توهان کي هڪڙي نفس مان پيدا ڪيو ۽ ان مان ئي سندس جوڙو (يعني عورت) پيدا ڪئي. پوءِ انهن ٻنهي مان مردن ۽ عورتن جو وڏو تعداد دنيا ۾ پکيڙيو (هڪ نفس مان قبيلا، قومون، شهر ۽ ملڪ ٿي ويا ۽ مائٽي جو وڏو حلقو ٺهيو) پوءِ الله کان ڊڄو، جنهن جي نالي ۾ هڪ ٻئي کان (پيار ۽ ڳانڍاپي جي) طلب ڪيو ٿا ۽ پڻ مائٽيءَ جي معاملن ۾ (خصوصاً عورتن جي معاملن ۾) خبرداري رکجو. يقين ڄاڻو ته الله تعاليٰ اوهان تي ۽ (اوهان جي عملن تي هر وقت) نظر رکيون ويٺو آهي. (٢) ۽ يتيمن جو مال (ايمانداريءَ سان) سندن حوالي ڪيو (جڏهن هو وڏا ٿين). ائين نه ڪيو جو هنن جي ڪنهن چڱي شيءِ جي بدران پنهنجي ڪا ردي شيءِ هنن کي ڏيو ۽ هنن جو مال پنهنجي مال سان ملائي کائي ڇڏيو. يقيناً ائين ڪرڻ (يتيمن جو مال هضم ڪرڻ) تمام وڏي گناهه جي ڳالهه آهي. (اڄ ڪلهه وڏا ڀائر يا چاچا گڏيل ملڪيت مان پاڻ لاءِ وڏا وڏا خرچ ڪن ٿا، حالانڪ صغيرن جي ملڪيت مان رڳو هڪ پئسو خيرات ڏيڻ به جائز ناهي.) (٣) ۽ جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته يتيم ڇوڪرين سان (نڪاح ڪري) انهن سان انصاف نه ڪري سگهندؤ (ته انهن سان نڪاح نه ڪيو بلڪه ٻين) عورتن مان جي پسند اچن تن سان نڪاح ڪيو، ٻن يا ٽن يا چئن سان (بشرطيڪ انهن ۾ انصاف ڪري سگهو، يعني سڀني کي سڀ حق هڪ جهڙائي ڏئي سگهو ۽ سڀني سان هڪ جهڙي هلت ڪري سگهو) جيڪڏهن توهان کي انديشو هجي ته انصاف نه ڪري سگهندؤ ته پوءِ فقط هڪ سان نڪاح ڪيو يا انهن عورتن سان نڪاح ڪيو جي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي هٿ ۾ آيون آهن. بي انصافيءَ کان بچڻ لاءِ ائين ڪرڻ بهتر آهي (ان کان جو يتيم ڇوڪرين سان نڪاح ڪري انهن جي حقن متعلق الله وٽ ڏوهاري ٿيو). (٤) عورتن کي مهر دل جي خوشيءِ سان ڏيئي ڇڏيو (اگرچه اهي يتيم ۽ لاواث هجن) پر جيڪڏهن هو پاڻ خوشيءِ سان ڪجهه ڇڏي ڏين (نه وٺن) ته پوءِ ڀلي مزي سان ان کي پنهنجي ڪم آڻيو. (٥) اوهان جو مال متاع جنهن کي الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ گذران جو وسيلو بنايو آهي سو بي سمجهه ماڻهن جي حوالي نه ڪري ڇڏيو (متان اجايو برباد ڪري ڇڏين) (يعني ننڍي عمر وارن نادان ڇوڪرن جي حوالي نه ڪيو) مگر هيئن ڪيو جو هنن جي مال مان هنن کي کارايو پيئاريو ۽ لٽو ڪپڙو ڏيو ۽ چڱيون ڳالهيون هنن کي سمجهايو (تعليم ۽ تربيت ڏيو). (٦) ۽ يتيمن جي سنڀال ڪندي انهن کي آزمائيندا رهو (ته هنن جي سمجهه ڪيتري قدر آهي) جيستائين ڪه هو نڪاح جي عمر کي پهچن، پوءِ جيڪڏهن انهن ۾ قابليت ۽ سڌارو ڏسو ته انهن جو مال سندن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ متان وڏا اجايا خرچ ڪري جلد جلد انهن جو مال کائي کپائي ڇڏيو، انهيءَ خيال کان ته وڏا ٿيندا ( ته مال موٽائي وٺندا. اوهان سنڀاليندڙن مان) جيڪو غني يعني آسودو هجي تنهن کي گهرجي ته (هنن جي مال مان پنهنجي لاءِ ڪجهه به خرچ ڪرڻ کان) پرهيز ڪري، پر جيڪو مسڪين محتاج هجي سو ان مان ڪجهه پاڻ لاءِ ڪم آڻي، پر انصاف سان مناسب حدن اندر. پوءِ جڏهن هنن جو مال سندن حوالي ڪيو تڏهن ان تي ماڻهن کي شاهد ڪيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ چڱيءَ طرح پورو حساب وٺندڙ آهي. (٧) ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ڇڏيل ملڪيت ۾، ٿوري هجي توڙي گهڻي، ڇوڪرن جو حصو آهي ۽ اهڙيءَ طرح ماءُ پيءُ ۽ ويجهن مائٽن جي ترڪي ۾ ڇوڪرين جو به حصو آهي ۽ اهو حصو (خدا جو) ٺهرايل حصو آهي. (٨) ۽ جڏهن ترڪي جو مال ورهائڻ وقت ٻيا ڪي مائٽ (جن کي ورثي ۾ ڪجهه به ملڻو ناهي) ۽ (خاندان جا) ۽ يتيم ۽ مسڪين حاضر هجن ته انهن کي به (مال جي گهڻائي يا ٿورائي تي نظر رکي) ڪجهه ٿورو گهڻو ڏيو ۽ (جيڪڏهن راضي نه ٿين ته) هنن کي چڱن وڻندڙ لفظن سان سمجهائي خوش ڪيو. (٩) ۽ ترڪو ورهائيندڙن کي ڊڄڻ گهرجي (ته متان ڪنهن حقدار سان بي انصافي ٿئي) جيڪڏهن هو پاڻ ضعيف اولاد ڇڏي وڃن ته کين انهن بنسبت ڪيڏو نه انديشو رهي. (ساڳيءَ طرح ٻين جي اولاد لاءِ به خيال رکن) تنهن ڪري کين گهرجي ته خد کان ڊڄن ۽ اهڙا لفظ زبان مان ڪڍن جي مناسبت ۽ وزندار هجن. (١٠) جيڪي ماڻهو بي انصافيءَ سان يتيمن جو مال هڙپ ڪري ٿا وڃن سي (ياد رکن) ته هو پنهنجي پيٽن ۾ باهه جا ٽانڊا وجهي رهيا آهن ۽ جلد ئي هو دوزخ جي سخت ڄڀي ڪندڙ باهه ۾ اڇلايا ويندا.

    رڪوع ٢ آيت 11-تا-14
    ترڪي ۾ وارثن جا حصا
    (١١) توهان جي اولاد جي باري ۾ الله تعاليٰ اوهان کي حڪم ٿو ڏئي ته ڇوڪر لاءِ ٻن ڇوڪرين جي برابر حصو هجي (يعني ڇوڪر جو حصو ڇوڪريءَ جي حصي کان ٻيڻو هئڻ گهرجي) پر جيڪڏهن (ڇوڪر نه هجي) ٻه يا وڌيڪ ڇوڪريون هجن ته انهن جو حصو ٿيندو 3/2 يعني ٽن مان ٻه حصا ۽ فقط هڪ ڇوڪري هجي ته هن کي ترڪي جو اڌ ملندو. ۽ ميت جي ماءُ پيءُ مان هر هڪ کي ڇهون حصو ملندو. جيڪڏهن ميت اولاد ڇڏيو هجي. جيڪڏهن اولاد نه ڇڏيو هجيس ۽ وارث فقط ماءُ پيءُ هجن ته ماءُ کي ٽيون حصو ملندو (باقي پيءُ کي). جيڪڏهن (ماءُ پيءُ جي علاوه) ميت هڪ کان وڌيڪ ڀائر يا ڀينر ڇڏي وڃي ته ماءُ جو حصو ڇهون ٿيندو، پر ياد رکڻ گهرجي ته ميت جيڪا وصيت ڪئي هجي يا جيڪو قرض مٿس رهجي ويو هجي (۽ ڪفن دفن جو خرچ) انهن سڀني جي ڏيڻ بعد اهي حصا وارثن کي ورهائي ڏجن. توهان کي خبر ناهي ته توهان جا ماءُ پيءُ (ڏاڏو ڏاڏاي) نفع پهچائڻ جي لحاظ کان توهان کي وڌيڪ ويجها آهن يا توهان جو اولاد (۽ پوٽا پوٽيون) وڌيڪ ويجها آهن. (ڪنهن جو حق وڌيڪ آهي، ڪنهن جوگهٽ، الله جي حڪمت ئي ان جو فيصلو ڪري ٿي سگهي، تنهن ڪري) الله تعاليٰ حصا مقرر ڪيا آهن ۽ هو (پنهنجي بندن جي مصلحتن کي) ڄاڻڻ وارو ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (١٢) جيڪڏهن زال ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه هجيس ته مڙس کي ملندو اڌ. پر جيڪڏهن اولاد ڇڏي وڃي ته مڙس کي چوٿين پتي ملندي، پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد باقي ملڪيت مان ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن مڙس ترڪو ڇڏي وڃي ۽ اولاد نه ڇڏي ته زال کي ملندي چوٿين پتي، پر جيڪڏهن اولاد هجيس ته اٺين پتي ملندس. اهو ورهاڱو (بلڪ سڀ ڪو ورهاڱو) وصيت جي تعميل ۽ قرض لاهڻ بعد ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ترڪو ڇڏي وڃي ۽ ڪلاله هجي (يعني نڪي پيءُ ماءُ، ڏاڏو ڏاڏاي، نانو ناني هجيس، نڪي اولاد يا اولاد جو اولاد هجيس) ۽ (مائيتو) ڀاءُ يا ڀيڻ هجيس ته کيس ڇهون حصو ملندو، پر جيڪڏهن (ڀائر ۽ ڀينر) هڪ کان وڌيڪ هجن ته اهي ٽيون حصو پاڻ ۾ ورهائي کڻندا. (باقي ٻه حصا ٻين ڏي ويندا سڳا ڀائر ڀينر يا ساڳئي پيءُ جا اولاد موجود هوندا ته مائيتي ڀائرن ۽ ڀينرن کي ڪجهه نه ملندو) پر اهو ورهاڱو وصيت جي تعميل ۽ قرض ادا ڪرڻ بعد ڪرڻو آهي، بشرطيڪ حقدارن کي نامناسب طور نقصان نه پهچي. هي الله جي طرفان حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ چڱي طرح ڄاڻندڙ آهي (ته سندس بندن جي چڱائي ڇا ۾ آهي) ۽ (انهن جي غلطين جي باري ۾) ڏاڍو بردبار آهي. (١٣) (ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جون (ٺهرايل) حدون آهن. پوءِ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪندو تنهن کي الله تعاليٰ اهڙن باغن (جنت) ۾ داخل ڪندو جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن هو انهيءَ (نعمتن واري حالت) ۾ هميشه رهندا ۽ اها تمام وڏي ڪاميابي آهي. (١٤) پر جيڪو الله ۽ سندس رسول جي نافرماني ڪري ٿو ۽ سندس ٺهرايل حدن کان ٻاهر ٿو وڃي تنهن کي باهه جي عذاب ۾ وجهندو ۽ هميشه ان حالت ۾ رهندو ۽ هن جي لاءِ ذليل ۽ خوار ڪندڙ عذاب هوندو.

    رڪوع ٣ آيت 15-تا-22
    عورتن سان ڪهڙي هلت ڪجي ۽ نڪاح ڪنهن سان جائز آهي.
    (١٥) جيڪي عورتون فاحش ڪم ڪن تن بنسبت پنهنجي ماڻهن مان مٿن چئن جي شاهدي وٺو. جيڪڏهن (چار شاهد) شاهدي ڏين ته پوءِ اهڙين عورتن کي گهرن ۾ بند رکو، جيستائين مٿن موت اچي وڃي يا الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪا ٻي راهه پيدا ڪري. (١٦) ۽ جيڪي ٻه مرد توهان مان بدچالي جو گناهه ڪن تن کي ايتري مار ڏيو جو ايذاءُ اچين، پوءِ جيڪڏهن هو ٻئي توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين ته هنن کي ڇڏي ڏيو. بيشڪ الله تعاليٰ توبه قبول ڪندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (١٧) الله تعاليٰ فقط انهن جي توبه قبول ٿو ڪري جيڪو برائي جو ڪم نادني ۽ بي خبريءَ ۾ ڪري ٿا ويهن ۽ پوءِ هڪدم (پشيمان ٿي ارمان ڪن ٿا ۽) توبه ڪن ٿا، بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن ڏانهن الله تعاليٰ (پنهنجي رحمت سان) موٽي ٿو ُ يقيناً هو سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. (١٨) پر انهن ماڻهن جي توبه (سچي توبه) ناهي جي سڄي عمر بڇڙايون ڪندا رهن جيستائين انهن مان ڪنهن جي مٿان موت اچي بيهي ۽ پوءِ چوي ته هاڻي مون توبه ڪئي. اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي توبه به ڪم جي ناهي جي ڪفر جي حالت ۾ مرن ٿا. انهن سڀني ماڻهن لاءِ (يعني گناهه ڪندڙ مسلمانن توڙي ڪافرن لاءِ) اسان دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. (١٩) مؤمنؤ! توهان جي لاءِ هيءَ ڳالهه جائز ناهي ته عورتن کي (فوتيءَ جي) ميراث سمجهي (فوتيءَ جي مال سان گڏ) انهن تي زور سان قبضو ڪيو. نڪي اوهان کي ائين ڪرڻ گهرجي جو جيڪو (مهر يا مال متاع) انهن کي ڏنو هجيو ان مان ڪجهه کانئن وٺڻ لاءِ مٿن سختي ڪيو ۽ انهن کي روڪي ويهاريو. سواءِ ان حالت جي جڏهن هو ظاهر ظهور فاحش ڪم ڪندڙ هجن ۽ هنن سان گڏ گذارڻ ۾ انصاف ۽ مهرباني جي هلت ڪيو، پر جيڪڏهن توهان کي هو ناپسند هجن (ته بگڙجي نه وڃو) ممڪن آهي ته توهان ڪنهن ڳالهه کي ناپسند ٿا ڪريو، پر الله تعاليٰ ان ۾ اوهان جي لاءِ وڏي چڱائي رکي هجي. (٢٠) ۽ جيڪڏهن توهان ارادو ڪيو ته هڪڙيءَ زال کي ڇڏي ٻي آڻيو ۽ جيڪڏهن پهرئين زال کي سون ۽ چاندي جو ڍير (مهر ۾) ڏنو هجيو تڏهن به ائين ڪرڻ نه گهرجي جو هن کان ان مان ڪجهه واپس وٺو، ڇا توهان بهتان لڳائي ۽ ظاهر ظهور ظلم ڪري مال کسي وٺندؤ؟ (٢١) ۽ ڪيئن مال کسي وٺندؤ، جڏهن ته زال مڙس ٿي رهيا آهيو ۽ اوهان جي زالن نڪاح جي وقت (پنهنجي حقن جو) عهد اقرار اوهان کان وٺي ڇڏيو آهي. (٢٢) ۽ انهن عورتن کي پنهنجي نڪاح ۾ نه آڻيو جن کي توهان جي والد نڪاح ۾ آندو هو (عرب اڳي ائين ڪندا هئا) هن کان اڳي جو ڪجهه ٿي چڪو سو ٿي چڪو. (ائنده لاءِ ياد رکو ته) اهو وڏو فاحش ڪم هو، نفرت جهڙو ڪم هو ۽ ڪنو بڇڙو دستور هو.
    رڪوع ٤ آيت 23-تا-25
    جن عورتن سان نڪاح حرام آهي، جن سان جائز آهي
    (23) هنن عورتن سان نڪاح ڪرڻ اوهان لاءِ حرام ٺهرايو ويو آهي، اوهان جون مائر، اوهان جون ڌيئر، اوهان جون ڀينر، اوهان جون پڦيون، اوهان جون ماسيون، اوهان جون ڀائٽيون، اوهان جون ڀاڻيجيون، اوهان کي ٿڃ پيارڻ واريون مائرون، ٿڃ واريون ڀينر، توهان جي زالن جون مائر، توهان جي زالن جي اڳين مڙسن جون ڌيئر جي توهان جي سنڀال هيٺ آيون آهن، جيڪڏهن توهان پنهنجي زالن سان همبستر ٿي چڪا آهيو، پر جيڪڏهن (نڪاح جو عقد ٻڌل آهي پر) زالن سان اڃا همسبتر نه ٿيا آهيو، پوءِ (انهن کي طلاق ڏيئي) انهن جي ڌيئرن کي نڪاح ۾ آڻيو ته اوهان تي گناهه ڪونهي، توهان جي حقيقي پٽن جون زالون (به اوهان کي حرام آهن) ۽ (پڻ هي ڳالهه به حرام ڪيل آهي ته هڪ ئي وقت ۾) ٻن ڀينرن کي نڪاح ۾ آڻيو. (هن حڪم جي نازل ٿيڻ کان) اڳي جيڪي ٿيو سو ٿيو، الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.

    حصو پنجون
    (٢٤) ۽ اهي عورتون به (اوهان تي حرام آهن) جيڪي ٻين جي نڪاح ۾ هجن سواءِ انهن جي جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) اوهان جي قبضي ۾ آيون هجن (ڇو ته انهن جي اڳئين نڪاح متعلق تحقيقات ڪري نه ٿي سگهجي). هي الله جي طرف کان توهان جي لاءِ قانون مقرر ڪيو ويو آهي، جن عورتن جو مٿي ذڪر ڪيو ويو تن کي ڇڏي ٻيون سڀ عورتون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن. بشرطيڪ پاڪدامن رهڻ لاءِ نه شهوت پرستيءَ لاءِ. مهر وغيره ڏيئي (انهن سان نڪاح ڪيو) پوءِ جن عورتن سان توهان نڪاح جو فائدو ورتو آهي تن کي مقرر ڪيل مهر ڏئي ڇڏيو. ۽ مهر مقرر ڪرڻ بعد جيڪڏهن هڪ ٻئي جي رضامندي سان ڪا ڳالهه ٺهرايو (يعني زال مهر مان ڪجهه معاف ڪري ڇڏي) ته پوءِ ائين ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ توهان تي ڏوهه ڪونه رکيو ويندو. بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٢٥) ۽ جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن کي اها طاقت نه هجي جو آزاد مؤمن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ته پوءِ انهن عورتن سان نڪاح ڪري سگهي ٿو، جيڪي (لڙائيءَ ۾ قيد ٿي) توهان جي قبضي ۾ آيون هجن ۽ مؤمن هجن. (غلام عورت سان نڪاح ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب يا گهٽتائي ڪانهي. اصل ڳالهه آهي ايمان) سو الله تعاليٰ اوهان جي ايمان جي حقيقت بهتر ڄاڻندڙ آهي (ممڪن آهي ته هڪ مؤمن ٻانهي ايمان جي لحاظ کان بهتر درجو رکندڙ هجي، هڪ شريف زادي کان جا ايماني خصلتن کان محروم هجي) ۽ توهان سڀ هڪ ٻئي سان هڪ جنس آهيو. (ٻانها ۽ ٻانهيون به ٻين وانگر انسان آهن) پوءِ ڀلي اهڙين غلام عورتن کي انهن جي مالڪن جي اجازت سان پنهنجي نڪاح ۾ آڻيو ۽ دستور موجب انهن کي مهر ڏيو.هيءَ ڳالهه ضروري آهي ته اهي (ٻانهيون) نڪاح جي قيد اندر پاڪ دامن ٿي رهن، بدڪار نه ٿين نه ڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪندڙ هجن. پوءِ جيڪڏهن نڪاح ۾ اچڻ بعد انهن مان ڪا فاحش ڪم ڪري ته هن لاءِ انهيءَ سزا جو اڌ آهي جا آزاد عورتن لاءِ مقرر آهي. هي حڪم انهن ماڻهن لاءِ آهي جن کي انديشو هجي ته (نڪاح نه ڪرڻ جي ڪري) نقصان يا گناهن ۾ پئجي ويندا. ۽ جيڪڏهن توهان صبر ڪيو (۽ بهتر حالتن لاءِ ترسو) ته توهان جي لاءِ بهتر آهي ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ٥ آيت 26-تا-33
    الله تعاليٰ چاهي ٿو ته توهان ڏانهن پنهنجي رحمت جي موٽ ڪري ۽ سختين ۽ رڪاوٽن جي بدران اوهان جي لاءِ هلڪائي ۽ آساني ڪئي وڃي.
    (٢٦) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته توهان کي انهن (ڪامياب) ماڻهن جا طريقا چٽا ڪري ٻڌائي جي اڳي ٿي گذريا آهن، ۽ انهن جي طريقن تي توهان کي به هلائي ۽ پڻ اوهان ڏانهن پنهنجي رحمت سان موٽي ۽ الله تعاليٰ (توهان جي مصلحتن جو) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٢٧) ۽ الله تعاليٰ ته چاهي ٿو ته توهان ڏانهن (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪري (۽ توهان انهن گناهن کان تائب ٿيو جن ۾ گرفتار هئو) پر جيڪي ماڻهو پنهنجي نفساني خواهشن جي پوئتون لڳي پيا آهن، سي چاهين ٿا ته توهان حق جي راهه کان هٽي تمام پري هليا وڃو. (٢٨) الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (سختين ۽ رڪاوٽن جي بدران) اوهان جي لاءِ هلڪائي ۽ آساني ڪئي وڃي، ڇو ته (هي حقيقت آهي ته) انسان (طبيعت ۾) ڪمزور خلقيو ويو آهي. (٢٩) مؤمنؤ! هڪ ٻئي جو مال پاڻ ۾ ناحق (ناجائز طور بيهودين ڳالهين ۾) نه کائي کپائي ڇڏيو، پر جيڪڏهن گڏيل ڌنڌو واپار هجي ته پوءِ هڪ ٻئي جي رضامنديءَ سان (مناسب طور) کائي سگهو ٿا. متان پنهنجي جانين کي برباد ڪري ڇڏيو. الله تعاليٰ توهان تي رحم ڪندڙ آهي. (٣٠) ۽ جيڪو دشمني ۽ ظلم سان ائين ڪندو تنهن کي اسان جلد دوزخ جي باهه ۾ وجهنداسين ۽ الله جي واسطي اها ڳالهه بلڪل سولي آهي. (٣١) ۽ جن ڪبيرن گناهن کان توهان کي منع ڪئي ويئي آهي تن کان جيڪڏهن توهان پاڻ کي بچائيندؤ ته (اسان جي فضل ۽ رحمت جو قانون هي آهي ته) اسان توهان جي ننڍين اوڻاين ۽ غلطين جا اثر توهان مان ميساري ڇڏينداسين ۽ توهان کي عزت (۽ نيڪيءَ) جي درجي تي پهچائينداسين. (٣٢) الله تعاليٰ توهان مان ڪن کي وڌيڪ رزق (۽ ٻيو ڪجهه) ڏنو آهي. پوءِ ان بابت ريس يا لالچ يا حسد نه رکو (خصوصاً جيئن) مرد کي پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي (تيئن) عورت کي به پنهنجي عملن ۽ ڪمائي جي ڦل تي حق ۽ حصو آهي. (هڪ ٻئي سان ريس ۽ ساڙ نه ڪيو، نڪي هڪ ٻئي ۾ لالچ رکو بلڪه) خدا کان سندس فضل ۽ نعمتون گهرو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (٣٣) ۽ (ڏسو) جيڪو ترڪو ماءُ پيءُ ۽ مائٽ ڇڏي وڃن تنهن ۾ هرهڪ جي لاءِ اسان حقدار وارث ٺهرائي ڇڏيا آهن ۽ پڻ جن عورتن سان توهان جو عهد اقرار(نڪاح) ٿيل آهي، (تن جو به اسان حصو ٺهرائي ڇڏيو آهي) تنهن ڪري انهن جو حصو انهن کي ڏيئي ڇڏيو ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر ناظر آهي (۽ کانئس ڪابه شيءِ لڪل ناهي).

    رڪوع ٦ آيت 34-تا-42
    نيڪ زالن جو فرض، زالن سان انصاف ڪرڻ ۽ نباهڻ.
    (٣٤) مرد عورتن (جي گذران ۽ حفاظت) لاءِ بندوبست ڪرڻ وارا آهن، هن ڪري جو الله تعاليٰ ڪن کي ڪن کان (ڪن ڳالهين ۾ مثلاً طاقت ۾) بهتر ڪيو آهي ۽ پڻ هن ڪري جو مرد پنهنجو مال (عورتن تي) خرچ ڪن ٿا. پوءِ جيڪي عورتون نيڪ آهن، سي (الله جون) فرمانبردار رهن ٿيون ۽ جيئن الله تعاليٰ کين حفاظت ۾ رکيو آهي، تيئن پاڻ به (ظاهر توڙي باطن ۾) غيب ۾ به (خدائي قانونن جي) حفاظت ڪنديون رهن ٿيون. ۽ جن زالن کان توهان کي بغاوت جو انديشو هجي تن کي (پهريائين نرمي ۽ محبت سان) سمجهايو پوءِ کين خواب گاهه ۾ پاڻ کان الڳ رکو (پوءِ به نه مڃن ۽کين (ڪجهه قدر) بدني سزا به ڏيو. پوءِ جيڪڏهن توهان جو چوڻ مڃن ته (سختي بند ڪيو) ۽ ائين نه ڪيو جو (مٿن الزام رکڻ لاءِ) واٽون ۽ حيلا بهانا ڳوليو. ياد رکو ته الله تعاليٰ سڀني کان اعليٰ ۽ سڀني کان وڏو آهي. (٣٥) ۽ جيڪڏهن اوهان کي انديشو ٿئي ته زال مڙس پاڻ ۾ ڦٽي پوندا ته پوءِ هڪڙو امين مڙس جي مائٽن مان ۽ هڪڙو امين زال جي مائٽن مان مقرر ڪيو جيڪڏهن ٻئي امين (دل سان) چاهيندا ته صلح ڪرائي ڇڏيون ته الله تعاليٰ ضرور زال مڙس جي وچ ۾ موافقت پيدا ڪري ڇڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ سڀ ڪنهن ڳالهه جي خبر رکندڙ آهي. (٣٦) ۽ (خبردار!) الله جي ٻانهپ ڪريو ۽ ڪنهن به شيءِ کي ساڻس شريڪ نه ڪيو ۽ اوهان کي گهرجي ته ماءُ پيءُ سان، مائٽن سان، يتيمن ۽ مسڪينن سان، پاڙيسرين سان، اهي پاڙيسري مائٽ هجن توڙي ڌاريا هجن، (مسافريءَ ۾ يا هونئن) ۽ ڀرسان ويٺل سنگتين سان، مسافرن سان ۽ انهن سان جي توهان جي قبضي يا زيردستيءَ ۾ آهن، انهن سڀني سان احسان (خير خواهي ۽ مددگاري) ڪندا رهو. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي آڪڙيل ۽ ٻٽاڪي آهن. (٣٧) جيڪي پاڻ به ڪنجوسائي ٿا .ڪن ۽ ٻين کي به ڪنجوسائي ڪرڻ جو حڪم ٿا ڏين ۽ جيڪي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان کين ڏنو آهي سو لڪائي ٿا رکن (ياد رکو) ته انهن بي شڪري ڪندڙن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي. (٣٨) ۽ (انهن ماڻهن کي به الله تعاليٰ پسند نٿو ڪري) جيڪي رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ (نالي ماتر ناموس لاءِ) مال خرچ ڪن ٿا، اهي حقيقت ۾ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ڪونه ٿا رکن. (الله تي ايمان هجين ته ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ مال ڇو لٽائين). سو جنهن جو سنگتي شيطان آهي تنهن جو اهو ساٿي ڪهڙو نه خراب آهي. (٣٩) ۽ انهن ماڻهن کي ڪهڙو نقصان ٿئي ها جيڪڏهن هو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ها ۽ جيڪي خدا هنن کي ڏنو آهي ان کي (سندس راهه ۾) خرچ ڪن ها؟ الله تعاليٰ سندن حالت چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (٤٠) يقيناً الله تعاليٰ (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) هڪ ذرو به ڪنهن تي ظلم نٿو ڪري، جيڪڏهن ڪنهن هڪ رتيءَ جيتري به نيڪي ڪئي آهي ته الله تعاليٰ ان کي ٻيڻو ڪندو ۽ وڌيڪ پنهنجي طرفان اهڙو بدلو به ڏيندو جو تمام وڏو بدلو هوندو. (٤١) ۽ پوءِ (اي پيغمبر!) ڪهڙو حال ٿيندو انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن جڏهن اسان هرهڪ امت مان هڪڙو شاهد ڪنداسين (يعني ان امت جي پيغمبر کي آڻينداسين جيڪو پنهنجي امت جي عملن بابت شاهدي ڏيندو) ۽ اسان توکي هنن ماڻهن جي مٿان شاهدي ڏيڻ لاءِ آڻينداسين. (٤٢) انهيءَ ڏينهن جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي ۽ (الله جي) رسول جي حڪمن جي نافرماني ڪن ٿا سي(ارمان ۽ پشيمانيءَ ۾) خواهش ڪندا ته مٽيءَ سان ملي هڪ ٿي وڃن، پر (ائين ٿي ڪين سگهندو) هو انهيءَ ڏينهن الله تعاليٰ کان ڪابه ڳالهه لڪائي نه سگهندا.

    رڪوع ٧ آيت 43-تا-50
    نماز ۽ نشو، عمل ۽ تيمم، يهودين جو ڪفر ۽ شرارتون، شرڪ. مؤمنن لاءِ انعام، عدل ۽ انصاف ڪرڻ جو حڪم
    (٤٣) مؤمنؤ! نشي جي حالت ۾ نماز جو ارادو نه ڪيو. (تڏهن نماز پڙهو جڏهن) جيڪي زبان سان (نماز ۾) چئو، سو چڱيءَ طرح سمجهو ۽ جنهن کي تڙ پيل هجي سو به جيستائين غسل نه ڪري تيستائين نماز جو ارادو نه ڪري. واٽ ويندڙ مسافر هجي (۽ پاڻي نه مليس ته تيمم ڪري) نماز پڙهي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو يا سفر ۾ هجو يا توهان مان ڪو پائخانه مان فارغ ٿي نڪري يا توهان عورت سان همبستر ٿيا هجو ۽ (وضو ۽ غسل جي لاءِ) پاڻي نه ملي ته پاڪ زمين کان ڪم وٺو (زمين تي هٿ لڳائي) منهن ۽ هٿن جي مٿان گهمايو. بيشڪ الله تعاليٰ معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. (٤٤) ڇا توهان انهن ماڻهن جي حالت نه ڏٺي جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو؟ ڪيئن هو (هدايت وڪڻي) گمراهي خريد ڪري رهيا آهن ۽ چاهين ٿا ته توهان به سڌي راهه ڇڏي گمراهه ٿي وڃو. (٤٥)۽ الله تعاليٰ اوهان جي دشمنن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو (توهان جي لاءِ) الله جي دوستي ۽ مددگاري ڪافي آهي. (٤٦) (اي پيغمبر!) يهودين مان ڪي اهڙا آهن جيڪي لفظن کي انهن جي اصلي جاءِ تان ڦيرائي ڇڏين ٿا ۽ (جڏهن توهان سان ملن ٿا تڏهن) حق جي دين تي طعنه زني ۽ بدنامي ڪرڻ جي خيال سان زبان کي وٽ ڏيئي لفظن کي بگاڙي ڇڏين ٿا. (مثلاً) چون ٿا سَمِعنا وَ عَصَينا ۽ اِسمَع غير مُسمَع ۽ راعنا. جيڪڏهن اهي ماڻهو (شرارت ڇڏي) سمعنا و اطعنا ۽ اسمع ۽ انُظُرنا چون ها ته هنن لاءِ چڱو ٿئي ها ۽ صحيح حقيقت کي پهچن ها. پر سندن ڪفر سببان مٿن الله تعاليٰ جي لعنت پئجي ويئي، سو ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ ايمان کان محروم آهن. (٤٧) اي اهل ڪتاب! جيڪو ڪتاب اسان (حضرت محمدﷺ تي) نازل ڪيو آهي ۽ جو انهيءَ ڪتاب (تورات) جي تصديق ٿو ڪري جيڪو توهان وٽ موجود آهي، ان تي ايمان آڻيو. انهيءَ وقت کان اڳي (ايمان آڻيو) جڏهن اسان ماڻهن جي چهري جي شڪل مٽائي پٺيءَ جي پاسي ڦيرائي ڇڏينداسين (يعني کين ذليل ۽ خوار ڪنداسين) يا مٿن اهڙي لعنت وجهنداسين جهڙي سبت وارن تي وڌي هئي سين ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ جيڪو فيـصلو ڪري ڇڏيو آهي اهو ضرور ائين عمل ۾ ايندو. (٤٨) الله تعاليٰ هي ڳالهه هرگز نه بخشيندو ته ساڻس ڪنهن ٻيءَ هستيءَ کي شريڪ ڪيو وڃي. (جيئن يهودي ۽ نصاريٰ پوپ، پادرين ۽ راهبن جي فرمانبرداريءَ ۾ هر حڪم جي تعميل ڪندا هئا ۽ کين خدا سان شريڪ ڪندا هئا). پر ان کان سواءِ ٻيا گناهه جيڪڏهن چاهي ته بخشي ڇڏي. جيڪو الله سان ڪنهن کي شريڪ ڪري ٿو، اهو وڏو گناهه ڪري ٿو ۽ خدا تي جڙتو ڪوڙ هڻي ٿو. (٤٩) (اي پيغمبر!) ڇا تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي جيڪي پنهنجي پاڪائيءَ تي وڏو فخر ڪن ٿا (اهل ڪتاب چون ٿا ته آخرت جو ڇوٽڪارو فقط اسان جي لاءِ آهي، حالانڪ پاڪائي جو مدار نيڪ عملن تي آهي نه يهودي يا عيسائي سڏائڻ تي) هي الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي ته جنهن کي چاهي تنهن کي (براين کان) پاڪ ڪري ۽ هو (عملن جي بدلي ڏيڻ ۾) تر جيتري به ڪنهن سان بي انصافي نٿو ڪري. (٥٠) ڏس ته هي ماڻهو ڪيئن نه الله تعاليٰ تي ظاهر ظهور ڪوڙو بهتان هڻن ٿا (ته پاڪائي ۽ ڇوٽڪاري جو مدار يهودين جي جماعت ۾ اچڻ تي آهي.) هنن جي ظاهر ظهور گنهگار هِئڻ لاءِ هيءَ هڪ ئي ڳالهه ڪافي ثابتي آهي.

    رڪوع ٨ آيت 51-تا-59
    عدل ۽ انصاف ڪرڻ جو حڪم. الله ۽ سندس رسول جي حڪمن موجب فيصلا ڪرڻ
    (٥١) (اي پيغمبر!) ڇا تون انهن ماڻهن جو حال نٿو ڏسين جن کي الله جي ڪتاب (جي علم مان) ڪجهه حصو ڏنو ويو هو. (ڪيئن نه) هو بتن ۽ شيطاني قوتن جا معتقد ٿي ويا آهن ۽ ڪافرن (بت پرست عربن) جي باري ۾ چون ٿا ته اهي (بت پرست) هنن مؤمنن کان زياده سڌيءَ واٽ تي هلندڙ آهن. (٥٢) (يقين ڪيو ته) اهي ئي ماڻهو آهن جن تي الله جي لعنت پئي ۽ جنهن تي به الله جي لعنت پئي تنهن لاءِ ڪوبه مددگار نه ڏسندؤ. (٥٣) ڇا انهن جي قبضي ۾ طاقت ۽ بادشاهيءَ جو ڪجهه حصو اچي ويو آهي؟ جو هاڻي چاهين ٿا ته ماڻهن کي ڪوڏي به نه ڏيون. (٥٤) يا وري الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان ماڻهن کي جيڪي عطا ڪيو آهي تنهن تي هنن کي حسد ٿو ٿئي ڇا؟ (هو نٿا چاهين ته جنهن نعمت يعني هدايت کان پاڻ محروم ٿي چڪا آهن، سا نعمت ٻين کي ملي) جي ائين آهي ته (هنن کي هن ڳالهه کان بي خبر نه هئڻ گهرجي ته) اسان حضرت ابراهيم جي خاندان کي ڪتاب ۽ حڪمت ڏني هئي ۽ ان سان گڏ وڏي سلطنت به ڏني هئي. (٥٥) پوءِ انهن مان ڪن ان ڳالهه تي ايمان آندو ۽ ڪن ان کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ (جنهن منهن موڙيو تنهن جي لاءِ) دوزخ جي ساڙيندڙ باهه ڪافي آهي. (٥٦) (ياد رکي ته) جن ماڻهن اسان جي آيتن کان انڪار ڪيو (يعني انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ شرارتن سان مقابلو ڪيو) تن کي اسان جلد (قيامت جي ڏينهن) دوزخ جي باهه ۾ ڌڪي وجهنداسين. جڏهن جڏهن هنن جي هڪڙي کل سڙي ويندي تڏهن ان جي بدران ٻي کل پيدا ڪنداسين، انهيءَ لاءِ ته عذاب جو مزو چڱيءَ طرح چکي وٺن. بيشڪ الله تعاليٰ سڀني تي غالب آهي (۽ جيڪي ڪري ٿو سو) حڪمت سان ڪري ٿو. (٥٧) ۽ جيڪي ماڻهو (اسان جي آيتن تي ايمان آڻين ٿا ۽ ڪم به چڱا ڪن ٿا تن کي (خوشين جي) اهڙن باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهنديون هونديون. اهي انهن باغن ۾ هميشه رهندا. انهن ۾ سندن سنگت لاءِ پاڪ زالون هونديون ۽ پڻ اسان کين (پنهنجي رحمت جي) وڏي ۽ چڱيءَ ڇانو ۾ رهائينداسين. (٥٨) مؤمنؤ! خدا توهان کي حڪم ٿو ڪري ته جيڪا جنهن جي امانت هجي سا ان جي حوالي ڪندا ڪريو ۽ جڏهن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪريو تڏهن عدل ۽ انصاف سان فيصلا ڪريو. خدا توهان کي ڪهڙي نه چڱي نصيحت ٿو ڏئي، بيشڪ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي. (٥٩) مؤمنؤ! الله جي فرمانبرداري ڪيو، الله جي رسول جي فرمانبرداري ڪيو ۽ (انهن ماڻهن جي فرمانبرداري ڪيو) جيڪي اوهان ۾ حاڪم ۽ اختيار رکندڙ هجن، پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڳالهه بابت اختلاف ۽ جهڳڙو ڪيو ته الله ۽ رسول ڏي رجوع ڪريو (۽ جيڪو فيصلو اتان ملي ان کي قبول ڪري ان جي تعميل ڪريو) جيڪڏهن توهان سچ پچ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان ٿا رکو (ته ضرور ائين ڪيو) انهيءَ ۾ توهان جي لاءِ وڏي چڱائي آهي ۽ ( ان جي پڇاڙي چڱي آهي) ۽ ان مان نتيجو تمام سهڻو نڪري ٿو.

    رڪوع ٩ آيت 60-تا-70
    منافقن جي حالت. سچو ايمان آهي الله ۽ رسول جي حڪمن جي سچيءَ دل سان پيروي ڪرڻ
    (٦٠) ۽ (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن (منافقن) جي حالت تي نظر نه ڪئي ڇا، جن جي دعويٰ هيءَ آهي ته جيڪي توتي نازل ٿيو آهي ۽ جيڪي توکان اڳي نازل ٿيو آهي تنهن تي هو ايمان رکن ٿا پر (سندن عملن جو حال هي آهي جو) هو چاهين ٿا ته پنهنجا تڪرار ۽ معاملا هڪ شرير ۽ سرڪش (انسان) وٽ (فيصلي لاءِ) کڻي وڃن. اگرچه هنن کي حڪم ڪيو ويو آهي ته هن (شيطان) کان انڪار ڪن (۽ فقط الله ۽ سندس رسول جي پيروي ڪن) حقيقت هي آهي ته شيطان چاهي ٿو ته هنن کي اهڙو گمراهه ڪري جو سنئين راهه کان بلڪل پري وڃي پون. (٦١) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن انهن ماڻهن کي الله جي حڪم جي طرف جو هن نازل ڪيو آهي ۽ رسول جي طرف (جنهن جي فرمانبرداريءَ جو حڪم ڪيو ويو آهي) سڏيو وڃي ٿو تڏهن تون منافقن کي ڏسين ٿو ته توکان منهن موڙين ٿا (۽ هنن جا قدم رڪجي وڃن ٿا.) (٦٢) پوءِ جيڪڏهن سندن ئي بدعملن سبب هنن تي ڪا مصيبت اچي ڪڙڪي ته ان وقت انهن ماڻهن جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ انهيءَ وقت هو تو وٽ اچي خدا جو قسم کڻندا ۽ چوندا ته (اسان کي تنهنجي فيصلي مڃڻ کان انڪار ڪونهي) اسان جيڪي ڪيو تنهن جو مقصد فقط چڱائي هو ۽ هي به مقصد هو ته پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ميلاپ قائم ٿئي. (٦٣) (اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن بابت الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ته سندن دلين ۾ ڇا لڪل آهي، تنهن ڪري توکي گهرجي ته هنن جي (شرارتن کان) پاسو ڪر ۽ کين نصيحت ڪندو رهه ۽ انهن کي سمجهاڻيءَ لاءِ اهڙيون ڳالهيون ٻڌاءِ جو هنن جي دلين تي چڱو اثر پوي. (٦٤) ۽ (اي پيغمبر! نه رڳو توکي پر) جنهن کي به اسان دنيا ۾ رسول ڪري موڪليو، سو هن لاءِ ته اسان جي حڪم سان سندس فرمانبرداري ڪئي وڃي. ۽ جڏهن هنن ماڻهن (تنهنجي نافرماني ڪري) پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو ۽ نقصان پهچايو تڏهن جيڪر تو وٽ اچن ها ۽ خدا کان معافي گهرن ها ۽ پڻ خدا جو رسول هنن جي معافيءَ لاءِ خدا کان دعا گهري ها ته هي ماڻهو ڏسن ها ته خدا بيشڪ توبه قبول ڪندڙ ۽ رحم وارو آهي. (٦٥) (اي پيغمبر!) تنهنجو پروردگار هن ڳالهه تي شاهد آهي ته اهي ماڻهو ڪڏهن به مؤمن ٿي نه سگهندا جيستائين ڪه توکي پنهنجن جهيڙن ۽ معاملن ۾ حاڪم ۽ منصف ڪن (پڻ هنن جي دلين جي حالت به اهڙي ٿئي جو) جيڪو فيصلو تون ڪرين ان جي خلاف هنن جي دلين ۾ ڪو کٽڪو پيدا نه ٿئي ۽ اهڙيءَ طرح مڃن جنهن کي پورو پورو مڃڻ چئي سگهجي. (٦٦) ۽ جيڪڏهن اسان انهن ماڻهن کي حڪم ڏيون ها ته پاڻ کي قتل ڪيو (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿي جانيون قربان ڪيو) يا حڪم ڏيون ها ته پنهنجي گهرن مان (هجرت ڪري) ٻاهر نڪري پئو ته، ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا ان حڪم جي تعميل ڪونه ڪن ها، ۽ (سچ هي آهي ته) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي وڃي ٿي ان تي جيڪڏهن عمل ڪن ها ته هنن جي لاءِ وڏي چڱائي به ٿئي ها ۽ (حق جي راهه تي) پوريءَ طرح ثابت قدم به رهن ها. (٦٧) ۽ ان صورت ۾ اسان ضرور پنهنجي طرفان (سندن عملن جي بدلي ۾) تمام وڏو اجر عطا ڪيون ها. (٦٨) ۽ کين (سعادت واري) سڌيءَ واٽ تي لڳائي ڇڏيون ها. (٦٩) ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ٿو ڪري سو ضرور انهن ڀلارن سان گڏ هوندو جن تي الله تعاليٰ پنهنجون نعمتون ڪيون، اهي (ڀلارا) آهن، نبي، صديق، شهيد ۽ صالح. ۽ (جن جا سنگتي اهڙا ماڻهو آهن) تن جا اهي سنگتي ڪهڙا نه سٺا سنگتي آهن. (٧٠) اهو فضل الله جي طرفان آهي ۽ (انسان جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ) الله جو علم بلڪل ڪافي آهي.

    رڪوع ١٠ آيت 71-تا-76
    جهاد متعلق منافقن جي روش. مسلمانن کي الله جي راهه ۾ لڙڻ جو حڪم
    (٧١) مؤمنؤ! پنهنجي حفاظت ۽ تياريءَ ۾ لڳا رهو، پوءِ (جڏهن ضرورت پوي تڏهن دشمن جي مقابلي لاءِ نڪرو) جدا جدا ٽولين ۾ نڪرو يا گڏجي لشڪر ڪري نڪرو (جيئن مناسب سمجهو). (٧٢) ۽ ڏسو توهان ۾ ڪو ڪو ماڻهو اهڙو به آهي جو (جنگ جي سڏ ٿيڻ تي) پٺتي هٽي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن (لڙائيءَ ۾) اوهان تي ڪا تڪليف اچي وڃي ته (خوش ٿئي ٿو ۽) چوي ٿو ته، خدا مون تي وڏو احسان ڪيو جو مان انهن سان نه هوس. (٧٣) ۽ جيڪڏهن توهان تي خدا جو فضل ٿئي ٿو ته (حسد ۽ ساڙ ۾) چوي ٿو، ڄڻ ته توهان جي ۽ هن جي وچ ۾ محبت جو ڪو تعلق ئي ڪونهي، ته “هاءِ هاءِ! جيڪر انهن ماڻهن سان گڏ هجان ها ته ڪيڏ نه وڏو فائدو حاصل ڪيان ها”! (٧٤) سو جن ماڻهن آخرت جي نعمتن لاءِ دنيا جي زندگي (الله وٽ) وڪڻي ڇڏي آهي تن کي گهرجي ته (اهڙن منافقن وانگر جهاد کان نه ٽهن ۽) الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ جنگ ٿو ڪري سو قتل ٿي وڃي يا غالب پوي (هر حال ۾) اسان کيس وڏو اجر ڏينداسين. (٧٥) ۽ (مسلمانو) توهان ڇو نه ٿا الله جي راهه ۾ جنگ ڪيو، جڏهن ته ڪيترائي ويچارا ، بيوس مرد ۽ عورتون ۽ ٻار آهن جي (ظالمن جي ظلم کان تنگ ٿي) فرياد ڪري رهيا آهن ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي هن شهر مان، جنهن جا ماڻهو (اسان تي) ظلم ڪري رهيا آهن، اسان کي سلامت ٻاهر ڪڍ. (يعني مڪي مان ڇڏاءِ) ۽ پنهنجي طرف کان اسان جي لاءِ ڪو حفاظت ڪندڙ بناءِ ۽ ڪو مددگار اسان ڏي موڪل. (٧٦) جي ماڻهو ايمان رکن ٿا سي الله جي راهه ۾ لڙن ٿا (حق ۽ انصاف لاءِ، نه ڪه پنهنجي نفساني خواهشن لاءِ) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي طاغوت (شيطانيت) جي راهه ۾ لڙن ٿا. سو (جيڪڏهن توهان ايمان وارا آهيو ته) شيطان جي مددگارن سان لڙو (انهن جي طاقت ۽ گهڻائين جي پرواهه نه ڪريو) شيطان جو مڪر يا عملي تجويز (ظاهري ڪيتري به مضبوط هجي پر حق جي مقابلي ۾) بيشڪ ضعيف آهي.

    رڪوع ١١ آيت 77-تا-87
    ضروري سببن کان سواءِ جنگ ۽ خونريزي عظيم ترين گناهه آهي، جيڪڏهن هي قرآن ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها ته ضرور ان جي ڳالهين ۾ اختلاف ڏسو ها.
    (٧٧) (اي پيغمبر!) تو (انهن ماڻهن جي حالت تي) نظر نه ڪئي ڇا، جن کي حڪم ڏنو ويو ته (جنگ ۽ خونريزيءَ کان) پنهنجا هٿ روڪيو. (ضروري سببن کان سواءِ جنگ ۽ خونريزي عظيم ترين گناهه آهي) ۽ نماز قائم ڪيو ۽ زڪوٰت ڪڍو ( ان وقت پنهنجي وحشانيت ۽ خود غرضين جي ڪري لڙندا هئا پر) پوءِ جڏهن (حق جي راهه ۾) وڙهڻ مٿن فرض ڪيو ويو تڏهن هڪ ٽولي انسانن کان اهڙو ڊڄڻ لڳي جهڙو خدا کان ڊڄڻ گهرجي. بلڪه ان کان به وڌيڪ ڊڄڻ لڳي. اهي چوڻ لڳا ته، اي خدا! جنگ ڪرڻ اسان تي ڇو فرض ڪيئي، ڇو نه اسان کي ٿورا ڏينهن ٻيا به مهلت ڏنئي. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (جنهن دنيا جي محبت ۾ توهان موت کان ڀڄو ٿا انهيءَ) دنيا جي موڙي ۾ فائدو ته تمام ٿورڙو آهي. ۽ جيڪو (انسانن کان نه پر) الله کان ڊڄي ٿو ان جي لاءِ آخرت ئي (جي موڙي ۽ فائدو) تمام گهڻو آهي، اتي توهان سان رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي. (٧٨) توهان ڪٿي به هوندو ته به موت اوهان کي ڳولي لهندو. جيڪڏهن توهان بلند ۽ مضبوط برجن يا قلعن جي اندر هوندؤ، (ته به ان کان بچي ڪين سگهندؤ) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي ڪا چڱائي ملي ٿي تڏهن چون ٿا ته هيءَ چڱائي خدا جي طرف کان (اسان جي ڪوششن جو بدلو) آهي. پر جڏهن کين ڪو نقصان پهچي ٿو تڏهن توکي چون ٿا ته هي تنهنجي طرف کان آهي. (يعني رسول الله جي طرف کان) تون کين چئو ته، جيڪي به ٿئي ٿو سو سڀ الله جي طرفان آهي (سندس قانونن موجب نتيجا نڪرن ٿا) پوءِ (افسوس هنن جي حالت تي!) انهن ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي جو ڪنهن به ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ عقل جي ويجهو به نٿا وڃن؟ (٧٩) (اي انسان!) جيڪا به چڱائي توکي ملي ٿي سا خدا جي طرفان ملي ٿي ۽ جيڪو نقصان توکي پهچي ٿو سو خود تنهنجي طرف کان آهي. (تنهنجي ئي بدعملن جو نتيجو آهي) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي ماڻهن ڏانهن پنهنجو پيغمبر ڪري موڪليو آهي. (پيغمبر جو ڪم آهي پيغام پهچائڻ تون ماڻهن جي بدعملن لاءِ ذميوار نه آهين) ۽ (تنهنجي پيغمبر هئڻ به نسبت) الله جي شاهدي ڪافي آهي. (٨٠) جنهن رسول پاڪ جي فرمانبرداري ڪئي تنهن في الحقيقت الله جي اطاعت ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن (تنهنجي فرمانبرداريءَ کان) منهن موڙيو ته پوءِ (اي پيغمبر!) اسان توکي مٿس نگهبان ڪري ڪونه موڪليو آهي (جو تون هن کي زور سان پنهنجي فرمانبرداري ڪرائين). (٨١) هو (زبان سان ته) توکي چون ٿا ته تنهنجو حڪم اسان کي اکين تي آهي، پر جڏهن تو وٽان اٿي ٻاهر وڃن ٿا تڏهن انهن مان ڪي رات جي وقت گڏ ٿين ٿا ۽ جيڪي جيڪي تون چوين ٿو تنهن جي خلاف مشورو ڪن ٿا. جيڪي هو رات جي وقت مجلسن ۾ ڪن ٿا سو الله کان لڪل ناهي ۽ هو ان کي (سندن اعمال نامن) ۾ لکي ٿو ڇڏي. پوءِ هنن جو ڪجهه به خيال نه ڪر ۽ الله تي ڀروسو رک ۽ ڪارسازيءَ لاءِ الله تعاليٰ ڪافي آهي. (٨٢) پوءِ ڇاهي ماڻهو قرآن (جي مطلبن) تي غور ۽ فڪر نٿا ڪن؟ (۽ خدا جي ڏنل عقل کان ڪم نٿا وٺن؟) جيڪڏهن هي قرآن ڪنهن ٻئي جي طرف کان هجي ها، الله جي طرف کان نه هجي ها ته، هو ضرور ان جي ڳالهين ۾ گهڻوئي اختلاف ڏسن ها. (٨٣) ۽ جڏهن هنن ماڻهن وٽ امن جي يا خوف جي ڪابه خبر اچي ٿي تڏهن هڪدم ان کي ماڻهن ۾ مشهور ڪن ٿا. جيڪڏهن هو ان (ماڻهن ۾ مشهور ڪرڻ بدران) الله جي رسول ۽ اختياريءَ وارن وٽ پيش ڪن ها ته پوءِ جيڪي انهن مان ان ڳالهه جو اڳ پوءِ جاچيندڙ آهن سي سڄي حقيقت سمجهي وٺن ها (۽ عوام ۾ اجايو هراس يا غلط فهمي پيدا نه ٿئي ها) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن اوهان تي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (توهان جي ڪمزورين جو حال ته هي هو جو) ٿورن ماڻهن کان سواءِ ٻيا سڀ شيطان جي پوئتان لڳي پئو ها (۽ سندس تابعداري ڪيو ها.) (٨٤) پوءِ (اي پيغمبر!) تون اهو خيال نه ڪر ته هي منافق توسان جنگ ۾ شامل ٿيندا يا نه) تون بيشڪ الله جي راهه ۾ لڙائي ڪر جو توتي رڳو پنهنجي ذميواري آهي نه ڪنهن ٻئي جي ۽ مؤمنن کي به لڙائي لاءِ آماده ڪر. عجب ناهي ته الله تعاليٰ جلد حق جي منڪرن جو زور ۽ ظلم اوهان کان روڪي ڇڏيندو ۽ الله جو زور سڀني کان وڌيڪ آهي ۽ سزا ڏيڻ ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت آهي. (٨٥) جو انسان ٻئي انسان سان چڱي ڪم ۾ شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان عمل (جي اجر) ۾ حصو ملندو ۽ جيڪو برائي ۾ ٻئي سان شامل ۽ مددگار ٿئي ٿو، تنهن کي ان لاءِ ان برائي (جي نتيجي) مان حصو ملندو. (هو ۽ هر هڪ شيءِ جو سنڀاليندڙ ۽ نگهبان آهي. هو هر عمل جي مطابق بدلو ڏئي ٿو) ۽ بيشڪ هو هر (ڪم ڪرڻ جي) طاقت رکندڙ آهي. (٨٦) ۽ (اي مؤمنؤ) جڏهن توهان کي دعا جو سلام ڪيو وڃي تڏهن توهان ان کان به بهتر دعا جا الفاظ جوابي سلام ۾ ڪم آڻيو يا (ڪم از ڪم) ساڳيا لفظ موٽائي چئو. بيشڪ الله تعاليٰ هر شيءِ جو حساب وٺندڙ آهي. (٨٧) (ياد رکو ته) الله تعاليٰ هڪ آهي ۽ هن کان سواءِ ڪو به معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) هو ضرور اوهان کي قيامت جي ڏينهن گڏ ڪندو ان ۾ ڪجهه به شڪ شبهو ڪونهي (اهو خود الله جو قول آهي) ۽ قول ۾ الله کان وڌيڪ سچو ڪير ٿي سگهي ٿو؟


    رڪوع ١٢ آيت 88-تا-91
    ڪهڙي حالت ۾ جنگ ڪجي ۽ ڪهڙي حالت ۾ جنگ نه ڪجي.
    (٨٨) (مسلمانو!) پوءِ توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو توهان منافقن به نسبت ٻه ٽوليون ٿي پيا آهيو. (هڪڙي ٽولي هڪڙي راءِ ٿي ڏئي ته ٻي وري مخالف راءِ ٿي ڏئي) حالانڪ الله تعاليٰ کين سندن بدعملين سبب اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. ڇا توهان چاهيو ٿا ته اهڙن ماڻهن کي هدايت ڪيو جن کي خدا گمراهه ڪيو آهي ۽ ياد رکو ته جنهن کي به خدا (جي قانون موجب بدعملين سبب) گمراهي حاصل ٿي تنهن لاءِ توهان ڪابه هدايت جي واٽ لهي نه سگهندؤ. (٨٩) اهي منافق تمام سخت چاهنا رکن ٿا ته جهڙيءَ طرح پاڻ ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي اٿن تيئن توهان به ڪيو ته سڀ هڪ جهڙا ٿي پئو. پوءِ جيستائين اهي ماڻهو (مڪي جا منافق) الله جي راهه ۾ هجرت نه ڪن (۽ دشمنن کي ڇڏي توهان وٽ نه اچن) تيستائين توهان هنن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست ۽ مددگار نه بنايو، پر جيڪڏهن هو هجرت ڪرڻ قبول نه ڪن ته (جنگ جي حالت ۾ دشمنن جو ساٿي به دشمن آهي تنهن ڪري) جتي به کين ڏسو اتي کين گرفتار ڪيو يا قتل ڪيو ۽ انهن مان ڪنهن کي به پنهنجو دوست نه بنايو، نڪي پنهنجو مددگاربنايو. (٩٠) (اهو حڪم انهن لاءِ ناهي) جي دشمنن کان جدا ٿي ڪنهن اهڙي قوم ۾ وڃي ملن جن سان اوهان جو صلح ۽ عهد نامون ٿيل هجي يا اهڙا ماڻهو هجن جي لڙائي کان بيزار ٿي توهان وٽ هليا اچن. نه توهان سان لڙائي ڪن نه (توهان جي پاران) پنهنجي قوم سان لڙائي ڪن (انهن جي خلاف اوهان لڙائي نه ڪيو.) جيڪڏهن خدا چاهي ته انهن ماڻهن کي توهان تي زبردستي ڏئي ۽ هو اوهان سان وڙهندا رهن. پوءِ جڏهن هو اوهان کان پاسو ڪري ويا ۽ جنگ نٿا ڪن ۽ پڻ صلح جو پيغام موڪلي رهيا آهن ته پوءِ الله تعاليٰ توهان جي لاءِ ڪابه اهڙي راهه يا سبب نه ڇڏيو آهي جو اهڙن ماڻهن سان لڙائي ڪيو. (٩١) انهن کان سواءِ ڪي وري اهڙا ماڻهو ڏسندؤ جي (لڙائيءَ جا خواهشمند نه آهن) توهان کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا ۽ پنهنجي قوم کان به امن ۾ رهڻ چاهين ٿا پر جڏهن فتني ۽ فساد جي طرف ڌڪيا وڃن ته اونڌا ٿي ان ۾ ڪري پون (۽ پنهنجي امن واري خواهش تي محڪم رهي نه سگهن) سو جڏهن اهڙا ماڻهو توهان کان پاسو نه ڪن ۽ توهان ڏي صلح جو پيغام نه موڪلن ۽ نه لڙائي کان هٿ روڪن ته پوءِ انهن کي به گرفتار ڪيو ۽ جتي به کين ڏسو اتي قتل ڪيو، هي اهي ماڻهو آهن جن جي خلاف (جنگ ڪرڻ لاءِ) اسان توهان کي چٽي سند يا اختياري ڏني آهي.

    رڪوع ١٣ آيت 92-تا-96
    ڄاڻي واڻي ڪنهن کي خون ڪرڻ وارن لاءِ جهنم آهي، سڀني کان وڏي ۾ وڏي نيڪي آهي جان ۽ مال سان جهاد ڪرڻ
    (٩٢) ڪنهن به مؤمن کي نٿو جڳائي ته ڪنهن مؤمن کي قتل ڪري سواءِ ان حالت جي جڏهن ڀل چڪ کان ائين ٿي وڃي. جنهن به هڪڙي مؤمن کي غلطيءَ کان (شڪ شبهي ۾) قتل ڪيو هجي تنهن کي گهرجي ته هڪ مؤمن ٻانهو آزاد ڪري ۽ مقتول جي وارثن کي خون بها (عيوضو) ڏئي پر جيڪڏهن مقتول جو وارث خون بها معاف ڪري ته ڪري سگهي ٿو. ۽ جيڪڏهن مقتول انهيءَ قوم مان آهي جي توهان جا دشمن آهن (۽ توهان سان لڙائي اٿن) پر هو آهي مؤمن (۽ ڪو ائين سمجهي ته هي به دشمنن مان آهي ان کي قتل ڪيو هجي) ته گهرجي ته هڪ مسلمان غلام آزاد ڪيو وڃي. (خون بها ڏيڻ جو ضرور ڪونهي ڇو ته هن جي وارثن ۽ سنگتين جي مسلمانن سان لڙائي آهي) ۽ جيڪڏهن مقتول انهن ماڻهن مان آهي جن سان اوهان جو صلح جو عهدنامو ٿيل آهي ته گهرجي ته قاتل مقتول جي وارثن کي خون بها به ڏئي ۽ هڪ مسلمان غلام آزاد به ڪري. ۽ جيڪڏهن قاتل هڪڙو غلام نه لهي (يعني کيس ايتري وسعت ناهي جو ڪو غلام خريد ڪري ان کي آزاد ڪري ڇڏي) ته پوءِ ٻه مهينا لاڳيتا روزا رکي، هن لاءِ جو الله جي طرف کان اها (هن جي گناهه جي) توبه آهي. ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. (٩٣) ۽ جيڪو مسلمان ڪنهن مؤمن کي ڄاڻي ٻجهي قتل ڪري تنهن جي سزا جهنم آهي، جنهن ۾ هو هميشه رهندو ۽ مٿن الله جو غضب پيو ۽ لعنت پئي ۽ هن جي لاءِ تمام وڏو عذاب تيار رکيل آهي. (٩٤) مؤمنؤ! جڏهن توهان الله جي راهه ۾ جنگ ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪرو تڏهن (توهان کي گهرجي ته جن ماڻهن سان مقابلو هجي تن بابت) چڱيءَ طرح تحقيقات ڪريو (ته اهي دشمنن مان آهن يا دوستن مان) ۽ جيڪو به توهان کي سلام ڪري (۽ پاڻ کي مسلمان ظاهر ڪري) تنهن کي ائين نه چئو ته تون مؤمن نه آهين (اسان توسان وڙهنداسين) ڇا توهان دنيا ۽ دولت جا طلبگار آهيو؟ (جو چاهيو ٿا ته جيڪو به ملي تنهن سان وڙهي ڦرلٽ ڪري مال دولت هٿ ڪيون) (توهان کي خبر ناهي ڇا ته) الله وٽ توهان جي لاءِ وڏيون (جائز) نعمتون موجود آهن، (ظلم جي روش ڇو ٿا وٺو؟) اوهان جي حالت به اڳي اهڙي هئي. پوءِ الله تعاليٰ اوهان تي احسان ڪيو (جو توهان کي هدايت به نصيب ٿي ۽ قومي زور به حاصل ڪيو) تنهن ڪري توهان ضرور تحقيقات ڪريو (۽ فقط دشمنن جو مقابلو ڪيو) بيشڪ الله تعاليٰ توهان جي عملن جي خبر رکندڙ آهي. (٩٥) مؤمن ۾ جيڪي بنا عذر گهر ويهي ٿا رهن (يعني لڙائيءَ ۾ شريڪ نٿا ٿين) سي انهن جي برابر هرگز ٿي نٿا سگهن، جيڪي پنهنجي مال ۽ جان سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ وارا آهن. الله تعاليٰ مال ۽ جان سان جهاد ڪرڻ وارن کي ويهي رهندڙن جي ڀيٽ ۾ وڏو درجو ۽ فضيلت ڏني آهي (هونئن ته) الله تعاليٰ جو چڱو واعدو سڀني (نيڪ مسلمانن) لاءِ آهي پر مجاهدن کي ويهندڙن کان گهڻو وڏو اجر ملندو. (٩٦) اهي هن جي طرف کان (ٺهرايل) درجا آهن ۽ سندس بخشش ۽ رحمت آهي ۽ هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي.

    رڪوع ١٤ آيت 97-تا100
    ڪافرن جي غلاميءَ هيٺ رهڻ جي ذلت ۽ ان کان بچڻ لاءِ جتن
    (٩٧) جي ماڻهو (دشمنن سان رهي) پاڻ تي ظلم ڪري (پنهنجو نقصان ڪري) رهيا آهن تن جو روح قبض ڪرڻ بعد فرشتا انهن کان پڇندا ته، توهان ڪهڙي حال ۾ هئو؟ (توهان ڪهڙو جهاد ڪيو ۽ ڪهڙا چڱا ڪم ڪيا؟) هو جواب ۾ چوندا ته (اسان ڇا ڪري سگهون ها؟) اسان ملڪ ۾ دٻايل ۽ هيڻا هئاسين. تنهن تي فرشتا کين چوندا ته (جيڪڏهن توهان پهنجي ملڪ ۾ بيوس هئو ته) ڇا خدا جي زمين ڪشادي نه هئي جو توهان ڪنهن ٻئي پاسي هجرت ڪري وڃو ها؟ اهڙن ماڻهن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي، اهو دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي. (٩٨) سواءِ انهن مردن، عورتن ۽ ٻارن جي، جيڪي سچ پچ اهڙا لاچار ۽ هيڻا هئا جو هنن لاءِ ڪوبه حيلو وسيلو ڪونه هو ۽ (هجرت ڪرڻ لاءِ) ڪابه واهه ڪانه هئي. (٩٩) انهن لاءِ امڪان آهي ته الله تعاليٰ (هنن جي معذوري ڏسي) هنن کي معاف ڪندو ۽ هو معاف ڪندڙ ۽ بخشيندڙ آهي. (١٠٠) ۽ جيڪو الله جي راهه ۾ پنهنجو گهر ٻار ڇڏي هجرت ڪندو تنهن کي خدا جي زمين ۾ گهڻيون ئي رهڻ جون جايون ملنديون ۽ ڪشادگي ڏسندو ۽ جيڪو به پنهنجي گهر مان نڪري الله ۽ سندس رسول جي طرف هجرت ڪري ۽ پوءِ (واٽ تي) موت اچي وڃينس تنهن کي يقيناً الله تعاليٰ وٽان اجر ملندو ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ وڏي رحم وارو آهي.

    رڪوع ١٥ آيت 101-تا-104
    لڙائي ۽ سفر جي حالت ۾ قصر نماز. نماز ڪنهن به حالت ۾ نه ڇڏڻ
    (١٠١) ۽ جيڪڏهن (جنگ ڪرڻ لاءِ) سفر تي نڪرو ۽ اوهان کي انديشو هجي ته ڪافر توهان کي ڪنهن تڪليف ۾ نه وجهن ته پوءِ توهان تي گناهه ڪونهي. جيڪڏهن نماز گهٽائي پڙهو (يعني چار رڪعتون فرض جي بدران ٻه رڪعتون). بلاشبه ڪافر توهان جا ظاهر ظهور دشمن آهن (نماز جي وقت به حملو ڪري ڏيندا). (١٠٢) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون مسلمانن ۾ هجين (جنگ هلندڙ هجي) ۽ تون هنن جي لاءِ نماز قائم رکين ته گهرجي ته (فوج جو) هڪ حصو (مقتدي ٿي) تنهنجي پٺيان توسان گڏ (نماز لاءِ) اٿي بيهي ۽ هٿيار به کڻي بيهي، پوءِ جڏهن (اهو حصو) سجدو ڪري رهي ته پوئتي هٽي وڃي ۽ ٻيو حصو جو نماز ۾ شريڪ نه هو سو توسان شريڪ ٿئي ۽ کين گهرجي ته پوري خبرداري رکن ۽ هٿيار کڻي بيهن. (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ وررتي آهي سي چاهين ٿا ته توهان پنهنجي هٿيارن ۽ جنگ جي سامان کان غفلت ڪيو ته هو هڪدم اوهان جي مٿان ڪاهي پون ۽ جيڪڏهن توهان کي برسات جي ڪري ڪجهه تڪليف ٿئي يا توهان بيمار هجو ته، پوءِ توهان تي گناهه ڪونهي، جيڪڏهن هٿيار لاهي رکو. پر پنهنجي بچاءُ ڪرڻ کان غافل ٿيڻ نه گهرجي (يقين رکو ته) الله تعاليٰ ڪافرن جي لاءِ خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي (هو اوهان تي فتح حاصل نه ڪندا). (١٠٣) پوءِ جڏهن توهان نماز پڙهي چڪؤ. تڏهن به گهرجي ته بيٺي ويٺي ليٽندي هر حال ۾ الله کي ياد ڪندا رهو. پوءِ جڏهن توهان کي (دشمن جي طرف کان) خطرو نه رهي ۽ تسلي هجي تڏهن (هميشه جي دستور موجب) نماز پڙهو. بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت جي پابنديءَ سان فرض ڪئي ويئي آهي. (١٠٤) ۽ دشمنن جي پوئتان پوڻ ۾ همت نه هاريو. جيڪڏهن توهان کي (جنگ ۾) تڪليف پهچي ٿي ته جهڙيءَ طرح توهان کي تڪليف ٿي ٿئي تهڙيءَ طرح هنن کي به تڪليف ٿي پهچي، پر توهان کي الله وٽان (فتح ۽ اجر جون) اهڙيون اميدون آهن جي هنن کي بلڪل نه آهن (ڇو ته توهان حق ۽ انصاف لاءِ وڙهي رهيا آهيو ۽ هو ظلم ۽ فساد جي راهه ۾ لڙي رهيا آهن). الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي.

    رڪوع ١٦ آيت 112-105
    رسول جي اطاعت، هر حال ۾ انصاف ڪرڻ
    (١٠٥) (اي پيغمبر!) اسان توتي سچائي سان ڀريل ڪتاب نازل ڪيو آهي انهيءَ ته جيڪي الله تعاليٰ (ان ۾) ڏيکاريو آهي تنهن موجب ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪرين. ۽ خيانت ڪرڻ وارن جي طرفداريءَ ۾ جهڳڙو نه ڪر. (١٠٦) ۽ الله کان بخشش گهر (جو فيصلن ڪرڻ جو ڪم تمام اهم ۽ نازڪ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١٠٧) ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجي اندر ۾ خيانت رکن ٿا تن جي طرفداريءَ ۾ تون جهڳڙو نه ڪر. الله تعاليٰ اهڙن ماڻهن کي هرگز پسند نٿو ڪري جي خيانت ڪندڙ ۽ ڏوهه گناهه ڪندڙ آهن. (١٠٨) اهڙا ماڻهو انسانن کان (پهنجي خيانت) لڪائين ٿا پر خدا کان ڪو نه ٿا لڪائين جڏهن هو رات جي وقت گڏ ٿي اهڙين ڳالهين جو مشورو ڪن ٿا جي خدا کي پسند ناهن تڏهن هو هنن وٽ موجود آهي. ۽ جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي الله جو علم گهيريون بيٺو آهي. (١٠٩) ڏسو توهان ماڻهو اهي آهيو جن دنيا جي زندگيءَ ۾ ته ڏوهارين جي طرفان جهڳڙو ڪيو پر قيامت جي ڏينهن الله وٽ انهن جي طرفان ڪير جهڳڙو ڪندو، يا ڪير آهي جو (انهيءَ ڏينهن) هنن جي وڪالت ڪندو. (١١٠) ۽ جيڪو ماڻهو ڪو برو ڪم ڪري ٿو ويهي يا پاڻ کي نقصان ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ (ان کان توبه ڪري) الله جي بخشش ٿو گهري، سو ڏسندو ته بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١١١) ۽ جيڪو (بدعملي ڪري) برائي ڪمائي ٿو سو پنهنجي ئي جان لاءِ برائي ڪمائي ٿو (نتيجو کيس ئي لوڙڻو پوندو) ۽ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت رکندڙ آهي. (١١٢) ۽ جنهن اڻ ڄاڻائي ۾ خطا ڪري وڌي يا ڄاڻي ٻجهي ڪو ڏوهه ڪيو ۽ پوءِ ڪنهن بي ڏوهيءَ تي ان ڏوهه جي تهمت ڌريائين ته (ياد رکو ته) هن بهتان ۽ کليل ڏوهه جو بار پنهنجي گردن تي وڌو.

    رڪوع ١٧ آيت 113-تا-115
    جيڪي سنئين راهه ڇڏي ٿو ڏئي اهو پنهنجو نقصان پاڻ ٿو ڪري
    (١١٣) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توتي الله جو فضل ۽ رحمت نه هجي ها ته (هي ماڻهو توکي برغلائي سگهن ها ۽ تون يهوديءَ جي خلاف فيصلو ڪرين ها). هنن ماڻهن مان هڪ جماعت توکي ڀلائڻ جو پڪو ارادو ڪيو هو. اهي ماڻهو فقط پاڻ کي ڀلائي گمراهه ڪري رهيا آهن (جو حق جي حمايت ڪرڻ بدران ڪوڙي ماڻهو جي حمايت ڪري رهيا آهن) اهي (پنهنجن ئي چالاڪين سان) توکي ڪجهه به نقصان نه پهچائي سگهندا ڇو ته الله تعاليٰ توتي ڪتاب ۽ حڪمت نازل ڪئي آهي ۽ جي ڳاليون توکي معلوم نه هيون سي توکي سيکاري ڇڏيون اٿس ۽ توتي الله تعاليٰ جو تمام وڏو فضل آهي. (١١٤) هنن ماڻهن جي مخفي مشورن مان گهڻن ۾ چڱائي ڪانهي پر جيڪڏهن ڪو (مخفي طرح) خيرات ڪرڻ لاءِ يا ڪنهن نيڪي جي ڪم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري يا ماڻهن جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ چاهي (ته پوءِ مخفي مشورا ڪرڻ ۾ به چڱائي آهي) ۽ جيڪو خدا جي راضپي جي طلب ۾ ائين ڪري ٿو تنهن کي اسان وڏو اجر ڏينداسين. (١١٥) ۽ جنهن شخص لاءِ هدايت ۽ حق چٽو ڪيو وڃي ۽ پوءِ به هو الله جي رسول جي مخالفت ڪري ۽ مؤمنن جي واٽ ڇڏي ٻي واٽ تي هلي، تنهن کي اسان انهيءَ ئي طرف وٺي وينداسين جنهن طرف وڃڻ هنن پسند ڪيو آهي ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائي ڇڏينداسين. دوزخ ڪهڙي نه بري جاءِ آهي.

    رڪوع ١٨ آيت 116-تا-126
    الله تعاليٰ شرڪ نٿو بخشي، اصل شيءِ آهي ايمان ۽ عمل، رڳو يهودين، عيسائين يا مسلمانن ۾ نالي ماتر شامل ٿيڻ ڪجهه به ناهي.
    (١١٦) الله تعاليٰ هيءَ ڳالهه هرگز نٿو بخشي ته ساڻس ڪنهن کي شريڪ ڪيو وڃي، ان کان سواءِ جيڪي به گناهه آهن اهي جنهن کي چاهي بخشي ڇڏي ۽ جنهن به الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو سو سڌي راهه گم ڪري تمام پري وڃي پيو. (١١٧) (اهي مشرڪ) الله کي ڇڏي ديوين کي پڪارين ٿا ۽ مردود شيطان کي پڪارين ٿا. (١١٨) الله تعاليٰ ان (مردود شيطان) تي لعنت ڪئي آهي. جنهن خدا کي چئي ڏنو ته مان تنهنجي بندن مان هڪ مقرر حصو پاڻ سان شامل ڪري ڇڏيندس. (١١٩) ۽ ضرور انهن کي گمراهه ڪندس ۽ ضرور (چڱن عملن بدران ڪوڙين) اميدن ۾ کين (خوش) رکندس ۽ ضرور کين (مشرڪانه رسمن ۽ وهمن جا) حڪم ڏيندس، پوءِ هو جانورن جا ڪن ضرور چيريندا (۽ انهن کي پيرن بتن جي نالي ڪري ڇڏي ڏيندا ۽ انهن کان ڪم نه وٺندا) ۽ مان کين ضرور حڪم ڏيندس ۽ هو (ان حڪم موجب) خدا جي خلق (شين) جي شڪل ضرور بگاڙي ڇڏيندا (سو اهي مشرڪ شيطان جي هدايتن تي هلن ٿا) ۽ جيڪو به الله کي ڇڏي شيطان کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائي ٿو سو يقيناً چٽي تباهي ۾ پيو. (١٢٠) شيطان هنن سان (ڪوڙا) واعدا ڪري ٿو ۽ کين (ڪوڙين) اميدن ۾ وجهي ٿو ۽ شيطان جيڪي واعدا هنن سان ڪري ٿو سي ٺڳي ۽ فريب کان سواءِ ڪجهه به نه آهن. (١٢١) اهي ئي ماڻهو (يعني مشرڪ شيطان جا تابعدار) آهن، جن جي جاءِ (آخر) دوزخ آهي ۽ هو ان مان ڀڄي نڪرڻ جي واٽ نه لهندا. (١٢٢) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن کي اسان جلد اهڙن (دائمي نعمتن وارن) باغن ۾ داخل ڪنداسين جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا، اهو الله جو واعدو برحق آهي. ۽ قول ۾ الله کان ڪير وڌيڪ سچو ٿي سگهي ٿو؟ (١٢٣) (مسلمانو! نجات ۽ سعادت) نڪي اوهان جي خواهشن ۽ اميدن تي مدار رکي ٿي، نڪي اهل ڪتاب جي خواهشن ۽ اميدن تي (اها ته ايمان ۽ عمل تي مدار ٿي رکي) جيڪو به (مسلم هجي توڙي غير مسلم) برائي ڪندو تنهن کي ان جو (خراب) بدلو ملندو ۽ هن کي الله کان سواءِ نه ڪوئي دوست ملندو، نه مددگار! (١٢٤) ۽ جيڪو به چڱا ڪم ڪندو، مرد هجي توڙي عورت، ۽ هو (خدا تي سچو) ايمان رکندڙ به هوندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جيڪي جنت ۾ داخل ٿيندا ۽ هنن سان (عملن جي جزا ملڻ ۾) رتيءَ جيتري به بي انصافي نه ٿيندي. (١٢٥) ۽ انهيءَ ماڻهو کان بهتر دين رکندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو، جنهن الله جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايو ۽ نيڪ عمل ڪندڙ به آهي ۽ جنهن حضرت ابراهيم عليه السلام جي طريقي جي پيروي ڪئي جو ايمان ۾ خالص ۽ سچو هو ۽ الله تعاليٰ حضرت ابراهيم عليه السلام کي پنهنجو مخلص دوست بنايو هو. (١٢٦) ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جو آهي ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) سڀني شين کي گهيريون بيٺو آهي.

    رڪوع ١٩ آيت 127-تا-134
    يتيمن ۽ عورتن سان چڱو سلوڪ، زالن جي ملڪيت زور سان نه کسڻ گهرجي
    (١٢٧) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان عورتن جي باري ۾ فتويٰ گهرن ٿا. تون کين چئو ته، الله تعاليٰ اوهان کي ان باري ۾ (هاڻي) حڪم ٻڌائي ٿو ۽ پڻ يتيم عورتن متعلق حڪم ڏئي ٿو جو توهان کي (هاڻي) قرآن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو. (اڳي به حڪم نازل ڪيل آهي ته ساڻن بي انصافي نه ڪيو) اهي يتيم عورتون (توهان جي سنڀال هيٺ آهن) ۽ جن کي توهان سندن حق (ورثي جو)، جو انهن جي لاءِ ٺهرايو ويو آهي سو نٿا ڏيو ۽ چاهيو ٿا (ته سندن مال تي قبضو ڪرڻ لاءِ پاڻ) انهن سان نڪاح ڪيو (اهو ظلم نه ڪيو) ۽ پڻ جيڪي بيوس (يتيم) ڇوڪرن بنسبت قرآن ۾ ٻڌايو ويو آهي (۽ اڳئي نازل ٿيل آهي) تنهن باري ۾ به خدا توهان کي حڪم ٿو ڏئي (ته انهن جا حق نه ماريو). ۽ حڪم ٿو ڪري ته يتيمن جي معاملي ۾ (ڇوڪريون هجن توڙي ڇوڪرا ۽ توهان جي سنڀال هيٺ هجن، توڙي نه، هر حال ۾) حق ۽ انصاف تي قائم رهو ۽ (ياد رکو ته) جيڪا به نيڪي توهان ڪيو ٿا سا الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (١٢٨) ۽ جيڪڏهن ڪنهن عورت کي پنهنجي مڙس جي طرف کان انديشو هجي ته ساڻس سختي ڪندو يا همبستريءَ کان پري رهندو ته پوءِ مٿن گناهه ڪونهي، جيڪڏهن (عورت خوشيءِ سان پنهنجي مال مان ڪجهه مڙس کي ڏئي ۽) پاڻ ۾ صلح ڪن. (بي اتفاقيءَ کان) صلح وري به بهتر آهي ۽ (طبيعتاً) انسان کي مال جي لالچ رهي ٿي، پر توهان کي گهرجي ته (لالچ کي روڪي هڪ ٻئي سان) چڱايون ڪيو ۽ (بي انصافيءَ کان) پاڻ کي بچايو. توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهنجي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. (١٢٩) توهان (هڪ کان وڌيڪ) زالن جي وچ ۾ ڪامل طرح عدل ڪري نه سگهندؤ، اگرچه توهان عدل ڪرڻ جي خواهش رکو (ڇو ته قدرتي محبت ۽ توهان جي دل توهان جي وس ۾ ناهي) پر تڏهن به ائين نه ڪيو جو ڪنهن هڪ جي طرف گهڻو جهڪي پئو ۽ ٻي کي اهڙيءَ طرح ڇڏي ڏيو جو ڄڻ ته معلقه آهي (يعني نڪي مڙس کيس زال ڪري ڏسي، نڪي طلاق مليس، جو وڃي پنهنجو انتظام رکي، وچ ۾ لٽڪيل آهي) پر توهان جيڪڏهن (عورتن سان) چڱائي چاهيو ۽ (بي انصافي ڪرڻ کان) پاڻ بچايو ته پوءِ الله تعاليٰ بيشڪ بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١٣٠) ۽ جيڪڏهن (زال مڙس بلڪل نه ٺهن ۽) جدا ٿي وڃن ته الله تعاليٰ پنهنجي (فضل جي) ڪشادگيءَ سان ٻنهي کي غني (آسودو ۽ بي پرواهه) ڪري ڇڏيندو، ۽ الله تعاليٰ وڏي وسعت وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٣١) ۽ (ياد رکو) ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جو آهي ۽ الله جي واسطي آهي. يقيناً اسان انهن ماڻهن کي جن کي اوهان کان اڳي ڪتاب ڏنو ويو ۽ پڻ اوهان کي حڪم ڪيو ته الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪيو، ۽ جيڪڏهن (سندس حڪم) نه مڃيندؤ ته (خدا کي ڪا پرواهه ڪانهي، نقصان اوهان جو ٿيندو) يقيناً جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي سو سڀ الله جي لاءِ آهي ۽ الله تعاليٰ بي نياز آهي ۽ سڀني چڱين صفتن سان ڪامل طرح موصوف آهي. (١٣٢) ۽ (بيشڪ) الله ئي جي لاءِ آهي جيڪي به آسمان ۽ زمين ۾ آهي ۽ هو (پنهنجي فرمانبردارن لاءِ) ڪافي ڪارساز آهي. (١٣٣) اي انسانؤ! جيڪڏهن هو چاهي ته توهان کي (اقبال ۽ سعادت جي حالت مان ڪڍي) پست حالت ۾ آڻي يا برباد ڪري ڇڏي ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ٻين کي آڻي هو بيشڪ ائين ڪرڻ لاءِ قادر آهي. (١٣٤) جيڪودنيا جو فائدو چاهي ٿو، تنهن کي (ياد رکڻ گهرجي ته) الله وٽ دنيا ۽ آخرت ٻنهي جون نعمتون موجود رکيون آهن. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ آهي (۽ چڱن عملن ڪندڙن کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون بخشيندو).

    رڪوع ٢٠ آيت 135-تا-141
    عدل ۽ انصاف ڪرڻ ۽ سچي شاهدي ڏيڻ، توڙي جو پنهنجي خلاف هجي
    (١٣٥) مؤمنؤ! انصاف تي پوري مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ الله جي واسطي (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو. اگرچه اها (سچي) شاهدي خود توهان جي خلاف يا اوهان جي پيءُ ماءُ ۽ ويجهن مائٽن جي خلاف هجي (ته به سچي شاهدي ڏيڻ کان نه ڪيٻايو) جيڪو ڪو شاهوڪار آهي يا مسڪين آهي ته الله (اوهان کان) وڌيڪ انهن تي مهربان آهي) (توهان کي ائين ڪرڻو ناهي جو دولتمند جي دولت ۾ لالچ رکي يا مسڪين جي حال تي رحم کائي سچي ڳالهه ڪرڻ کان هٽي وڃو) پوءِ خبردار ائين نه ٿئي جو نفساني خواهشن جي ڪري انصاف کان هٽي وڃو ۽ جيڪڏهن توهان (شاهدي ڏيڻ ۾) آڏيون ڦڏيون ڳالهيون يا شاهدي ڏيڻ کان انڪار ڪندو ته (ياد رکو) ته توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. (١٣٦) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول تي ايمان آڻيو ۽ انهيءَ ڪتاب تي ايمان آڻيو جو پنهنجي رسول تي نازل ڪيو اٿس ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان آڻيو جيڪي ان کان اڳي (ٻين پيغمبرن تي) نازل ڪيا هئائين ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله تي سندس ملائڪن ۽ ڪتابن ۽ رسولن تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نه آندو سو سنئين واٽ ڇڏي تمام پري هٽي ويو. (١٣٧) جن ماڻهن ايمان آندو پوءِ ڪفر ۾ پيا، وري ايمان آندائون ۽ وري ڪفر ۾ پئجي ويا ۽ پوءِ ڪفر ۾ وڌندا ويا (ته في الحقيقت هنن جو ايمان سچو ايمان نه هو) الله تعاليٰ کين ڪونه بخشيندو، نڪي کين سڌي واٽ ڏيکاريندو. (١٣٨) (اي پيغمبر!) تون منافقن کي هي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ ته بلاشڪ هنن جي لاءِ دردناڪ عذاب تيار (رکيو ويو) آهي. (١٣٩) (اهي منافق) مسلمانن کي ڇڏي ڪافرن کي پنهنجو دوست ۽ مددگار بنائين ٿا. ڇا هو ائين ٿا چاهين ته هو (مسلمانن جي دشمنن) وٽ عزت لهن (جيڪڏهن عزت چاهين ٿا ته کين ياد رکڻ گهرجي) يقيناً سڀ عزت فقط الله جي لاءِ آهي (۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي فقط هوئي عزت ڏئي ٿو). (١٤٠) ۽ الله تعاليٰ پنهنجي ڪتاب ۾ اوهان جي لاءِ حڪم نازل ڪيو آهي ته جڏهن توهان ڏسو ۽ ٻڌو ته خدا جي آيتن کان (شرارت طور) انڪار ڪيو وڃي ٿو ۽ انهن تي کل مسخري ڪئي وڃي ٿي، تڏهن هنن جي مجلس ۾ نه ويهو جيستائين ان ڳالهه کي ڇڏي ٻيون ڳالهيون ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي انهن سان ويهو) جيڪڏهن هنن سان گڏ (آيتن سان مسخري ڪرڻ وقت) ويهندؤ ته توهان به هنن جهڙا ٿيندؤ، (ياد رکو ته) خدا اهڙن منافقن ۽ ڪافرن کي جهنم ۾ گڏ ڪرڻ وارو آهي. (١٤١) اهي (منافق) توهان جي تاڪ ۾ آهن ۽ موقعي جو انتظار ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن توهان کي الله جي طرف کان فتح ملي ٿي ته توهان کي چون ٿا ته، ڇا اسان توهان سان شامل نه هئاسين؟ جيڪڏهن ڪافرن جي فتح ٿئي ته، کين چون ٿا ته، ڇا اسان (يعني مسلمانن جو لشڪر) توهان کي شڪست ڏيئي توهان تي غالب ڪين پياسين، پر پوءِ اسان (منافقن چالاڪيون ڪري) اوهان کي مسلمانن کان بچائي وڌو. پوءِ (يقين رکو ته) الله تعاليٰ قيامت جي ڏينهن توهان (سچن مسلمانن) ۽ هنن (منافقن) جي وچ ۾ فيصلو ڪري ڇڏيندو. (هو ڪيترو به اوهان جي دشمنن سان شامل ٿين ته به) الله تعاليٰ ڪڏهن به ڪافرن کي مسلمانن تي (غالب پوڻ جي) واٽ نه ٺاهيندو.

    رڪوع ٢١ آيت 142-تا-152
    منافقن جون خصلتون، ٻين جون برايون ظاهر ڪرڻ کان منع
    (١٤٢) منافق (پنهنجي دورنگي چال کيڏي سمجهن ٿا ته هو) خدا کي (۽ مؤمنن کي) ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، پر حقيقت هي آهي جو هو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن، (الله تعاليٰ کين مهلت ڏئي، کين ڌوڪو ڏئي رهيو آهي ۽ هو منافقيءَ ۾ وڌندا وڃي کڏ ۾ ڪرندا) ۽ جڏهن هو نماز لاءِ اٿن ٿا تڏهن سستيءَ سان اٿن ٿا رڳو ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ نماز ٿا پڙهن ۽ الله کي ياد ڪونه ٿا ڪن، پر نالي طور. (١٤٣) هو (ڪفر ۽ ايمان جي) وچ ۾ منجهيا بيٺا آهن، (ته هتي رهون يا هتي رهون) نڪي هنن (مسلمانن) جي طرف آهن، نڪي هنن (ڪافرن) جي طرف آهن ۽ حقيقت هي آهي ته جنهن کي الله (پنهنجي قانون موجب) گمراهه ٿو ڪري تنهن جي لاءِ توهان ڪابه راهه نه لهي سگهندؤ. (١٤٤) مؤمنؤ! متان مؤمنن کي ڇڏي ڪافرن کي (جي توهان سان لڙائيءَ ۾ آهن ۽ اوهان کي برباد ڪرڻ چاهين ٿا) پنهنجو دوست ۽ مددگار بنايو، ڇا توهان چاهيو ٿا ته خدا جو چٽو الزام پاڻ تي کڻو. (١٤٥) بلاشبه منافق دوزخ جي سڀ کان هيٺيئن تري ۾ پوندا ۽ توهان هنن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه ڏسندو. (١٤٦) سواءِ انهن (منافقن) جي جن توبه ڪئي (ڏنگي واٽ ڇڏي سڌي راهه ورتي) پنهنجا عمل سيکاريا ۽ الله (جي حڪمن) تي مضبوطيءَ سان ڄمي رهيا ۽ پنهنجي دين ۾ خالص خدا ڪارڻ سچا رهيا، پوءِ اهي مؤمنن سان گڏ هوندا ۽ جلد الله تعاليٰ مؤمنن کي وڏو اجر عطا فرمائيندو (دنيا ۾ به جلد ڪاميابي ڏيندو ۽ آخرت ۾ به جنت نصيب ڪندو). (١٤٧) (اي انسانو!) جيڪڏهن توهان خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو ۽ مٿس ايمان رکو ته خدا کي توهان کي عذاب ڏئي ڇا ڪرڻو آهي (يعني ڇو اوهان کي عذاب ڏيندو) الله تعاليٰ ته (انسانن جي چڱن عملن جو) قدر ڪندڙ ۽ (هنن جي حالت جو) علم رکندڙ آهي.

    حصو ڇهون
    (١٤٨) خدا پسند نٿو ڪري ته توهان (ٻين جون) برايون وڏي آواز سان ٻڌائيندا وتو، سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن سان ظلم ٿيو هجي (۽ هو ظالم جي ظلم جو بيان ڪري) ۽ (ياد رکو ته) خدا ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٤٩) توهان ڪو نيڪيءَ جو ڪم ظاهر ڪيو يا لڪائي ڪريو يا ڪنهن جي بڇڙائي معاف ڪري ڇڏيو ته (هر حال ۾ اوهان کي اجر ملندو) ۽ الله تعاليٰ قدرت رکندڙ ۽ (برايون) معاف ڪندڙ آهي. (١٥٠) جيڪي ماڻهو الله ۽ سندس رسولن کان انڪار ڪن ٿا ۽ چاهين ٿا ته الله ۽ ان جي رسولن جي وچ ۾ فرق ڪيون ۽ چون ٿا ته اسان انهن مان ڪن کي مڃون ٿا ۽ ڪن کي نٿا مڃون ۽ اهڙيءَ طرح چاهين ٿا ته ايمان ۽ ڪفر جي وچ ۾ ڪا (ٽين) راهه اختيار ڪريون. (١٥١) اهڙا ماڻهو سچ پچ ڪافر آهن ۽ (اهڙن) ڪافرن لاءِ اسان خوار خراب ڪندڙ عذاب تيار رکيو آهي. (١٥٢) ۽ جيڪي ماڻهن الله ۽ سندس رسولن ۾ ايمان رکن ٿا ۽ انهن جي وچ ۾ ڪوبه فرق نٿا ڪن تن کي اسان جلد اجر ڏينداسين ۽ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ٢٢ آيت 153-تا-162
    يهودين جو رسولن کي نه مڃڻ، سندن شرارتون
    (١٥٣) (اي پيغمبر!) اهل ڪتاب (يهودي) توکان گهرن ٿا ته آسمان مان ڪو ڪتاب وٽن لهي اچي (ته هنن کي يقين ٿئي ته تون خدا جو رسول آهين. اهڙو سوال رڳو توکان ڪونه ٿا گهرن) هنن انهيءَ کان به وڏيءَ ڳالهه جو سوال حضرت موسيٰ (عليه السلام) کان (به) ڪيو هو. هنن (يعني سندن وڏن سينا جي ميدان ۾ حضرت موسيٰ کي) چيو هو ته، اسان کي خدا ظاهرظهور ڏيکار، پوءِ انهيءَ شرارت سبب مٿن بجلي ڪڙڪي، پوءِ چٽن دليلن اچڻ بعد به هنن گابي جي پرستش ڪئي، اسان کين اها شرارت معاف ڪري ڇڏي ۽ حضرت موسي کي اسان ظاهر ۽ چٽي اختياري ۽ اقتدار ڏنو. (١٥٤) ۽ اسان (يهودين کان) عهد اقرار وٺڻ لاءِ سندن مٿان طور جبل جي چوٽي بلند ڪئي (هنن فرمانبرداريءَ جو عهد اقرار ڪيو) ان کان پوءِ اسان کين حڪم ڏنو ته شهر جي دروازي ۾ (خدا جي اڳيان) جهڪي داخل ٿيو (۽ فتح بعد ظلم ۽ شرارتون نه ڪجو) ۽ اسان کين حڪم ڪيو ته سبت جي ڏينهن (لاءِ ڏنل حڪمن بابت) حدن کان ٻاهر نه وڃجو. اسان هنن کان (انهن سڀني ڳالهين تي) پڪو عهد اقرار وٺي ڇڏيو هو. (١٥٥) پوءِ انهن جي انهيءَ عهد اقرار ٽوڙڻ سببان، الله جي آيتن نه مڃڻ سببان، نبين کي ناحق قتل ڪرڻ سببان ۽ پڻ هنن جي هن قول سببان ته اسان جي دلين تي پردو چڙهيل آهي (هنن ۾ حق کي قبول ڪرڻ وارو مادوئي نه رهيو) بلڪ سندن ڪفر سببان الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي. تنهن ڪري ڪن ٿورن کان سواءِ ٻيا سڀ (يهودي) ايمان نه آڻيندا. (١٥٦) ۽ هنن (يهودين) جي ڪفر سببان ۽ هن ڳالهه سببان جو هنن حضرت مريم جي خلاف وڏو بهتان ٻڌو هو. (١٥٧) ۽ پڻ سندن هن قول سببان ته اسان عيسيٰ بن مريم الله جي رسول کي قتل ڪيو (الله تعاليٰ هنن جي دلين تي مهر لڳائي ڇڏي) حالانڪ هنن (حضرت عيسيٰ کي) نڪي قتل ڪيو، نڪي سوريءَ تي چاڙهيو، پر سچي حقيقت هنن کي معلوم ٿي نه سگهي، (هنن سمجهيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته اسان کيس سوريءَ تي چاڙهيو ۽ هو مري ويو پر ائين نه هو) ۽ جن ماڻهن هن ڳالهه بابت اختلاف ڪيو (يعني جن عيسائين چيو ته، مسيح ڦاسيءَ تي چاڙهيو ويو پرپوءِ زندهه ٿيو) اهي به (ڀليل آهن ۽) شڪ شبهي ۾ پيل آهن. شڪ ۽ گمان پٺيان لڳڻ کان سواءِ ڪو (حقيقت جو) علم هنن وٽ ڪونهي، يقيناً يهودين حضرت عيسيٰ کي قتل ڪونه ڪيو هو. (١٥٨) بلڪ الله تعاليٰ کيس پنهنجي طرف کڻي ورتو ۽ الله سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي. (١٥٩) ۽ اهل ڪتاب مان (يعني يهودين مان جن حضرت عيسيٰ کي نه مڃيو) ڪوبه نه هوندو جو پنهنجي موت کان اڳي (حقيقت کي نه ڄاڻيندو ۽) هن تي (يعني حضرت عيسيٰ جي سچائيءَ تي) ايمان نه آڻيندو. (ڇو ته مرڻ وقت شرارت جو پردو هٽي ٿو وڃي) ۽ قيامت جي ڏينهن هو (الله جي حضور ۾) هنن تي شاهدي ڏيندو. (١٦٠) مطلب ته يهودين جي هن ظلم سببان اسان ڪي چڱيون شيون به هنن لاءِ حرام ٺهرائي ڇڏيون جي (پهريائين) حلال هيون ۽ پڻ هن سبب جي ڪري جو هو ماڻهن کي الله جي راهه کان گهڻو روڪڻ لڳا هئا. (١٦١) ۽ پڻ هن سبب ڪري جو هو وياج وٺڻ لڳا، اگرچه کين ان کان منع ڪيل هئو ۽ ناجائز طريقن سان ماڻهن جو مال کائڻ لڳا، (اگرچه کين سڀني انسانن سان ديانتدار ٿي هلڻ جو حڪم ڏنل هو) ۽ (ياد رکو ته) جي ماڻهو (اهڙيءَ طرح حق جي حڪمن جا) منڪر ٿيا تن جي لاءِ اسان (سندن بدعملن جي بدلي ۾) دردناڪ عذاب تيار رکيو آهي. (١٦٢) پر انهن مان جيڪي ماڻهو (الله جي ڪتاب جي) علم ۾ پڪا آهن سي ۽ مسلمان (انهن گمراهين کان پري رهن ٿا ۽) انهيءَ ڪتاب تي ايمان رکن ٿا جو توتي (اي پيغمبر!) نازل ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي جي توکان اڳي نازل ٿيا آهن. اهي ۽ جيڪي نماز قائم ڪرڻ وارا آهن. زڪوٰت ادا ڪندڙ آهن ۽ الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا تن سڀني کي اسان تمام وڏو اجر ڏينداسين.

    رڪوع ٢٣ آيت 163-تا-171
    دين ۾ وڌاءُ ڪرڻ وڏي گمراهي آهي
    (١٦٣) (اي پيغمبر!) بيشڪ اسان توڏي وحي اهڙي ئي طرح موڪليو آهي جهڙيءَ طرح نوح تي ۽ کائنس پوءِ آيل نبين تي موڪليو هو ۽ جهڙيءَ طرح ابراهيم، اسماعيل، اسحاق، يعقوب، يعقوب جي اولاد، عيسيٰ، ايوب، يونس، هارون ۽ سليمان تي موڪليو هو ۽ دائود کي زبور ڏنوسين. (١٦٤) ۽ پڻ انهن رسولن (تي وحي موڪليوسين جن) جو احوال اسان (قرآن ۾) اڳئي توکي ٻڌايو آهي ۽ پڻ انهن رسولن تي جن جو احوال سان توکي ڪونه ٻڌايو آهي ۽ (ساڳيءَ طرح) الله تعاليٰ موسيٰ سان ڳالهايو (جيئن سچ پچ طور جبل تي ڳالهائڻ ٿيو هو). (١٦٥) اهي سڀ پيغمبر (خدا پرستي ۽ نيڪ عملن جي نتيجن جي) خوشخبري ٻڌائڻ وارا ۽ (حق جي انڪار جي نتيجن بابت) خبردار ڪرڻ وارا هئا. (۽ انهيءَ ئي لاءِ موڪليا ويا هئا ته) انهن جي اچڻ (۽ نيڪي بدي ظاهر ڪري ڏيکارڻ) بعد ماڻهن کي به ڪابه حجت باقي نه رهي جا هو خدا وٽ پيش ڪري سگهن (يعني هي عذر نه ڏيئي سگهن ته اسان کي حق جي واٽ ڪنهن نه ڏيکاري) ۽ الله تعاليٰ سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٦٦) (اي پيغمبر هي ماڻهو انڪار ڪن ته ڀلي ڪن) پر خود خدا توتي وحي نازل ڪري (تنهنجي سچائي جي) شاهدي ٿو ڏئي ۽ هن پنهنجي علم سان توتي وحي نازل ڪيو آهي. ۽ ملائڪ به ان جي شاهدي ڏين ٿا. ۽ الله جي شاهدي ته بلڪل ڪافي آهي. (١٦٧) جي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا ۽ ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪيائون سي بيشڪ (سڌي واٽ کان) ڀلجي ويا ۽ اهڙا ڀلجي ويا جو دور دراز ڏنگين واٽن ۾ گم ٿي ويا. (١٦٨) جن ماڻهن ڪفر ڪيو (مرڻ تائين) ظلم ڪندا رهيا تن کي خدا ڪڏهن به نه بخشيندو، نڪي کين (ڪاميابيءَ جي) ڪا واٽ ڏيکاريندو. (١٦٩) سواءِ انهيءَ واٽ جي جا جهنم ڏي ٿي وڃي جتي هو هميشه رهندا، ۽ الله جي لاءِ ائين ڪرڻ بلڪل آسان آهي. (سندس قانونن جي عمل کي ڪوبه روڪي نٿو سگهي). (١٧٠) اي (سڀئي) انسانو! بيشڪ الرسول (پيغمبر اسلام) اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائي کڻي اوهان ڏي آيو آهي. تنهن ڪري توهان مٿس ايمان آڻيو جو (ان ۾) اوهان جي ئي لاءِ بهتري آهي، پر جيڪڏهن توهان انڪار ڪندؤ ته پوءِ آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله ئي جي لاءِ آهي (توهان جو انڪار ۽ ظلم توهان کي ئي نقصان پهچائيندو) ۽ (ياد رکو ته) الله سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (١٧١) اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ غلو نه ڪيو (يعني حقيقت ۾ اعتدال کان ٻاهر نه وڃو) ۽ الله جي باري ۾ حق کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه چئو، عيسيٰ مسيح ابن مريم فقط الله جو رسول ۽ سندس (بشارت جي) ڪلمي جو ظهور آهي. جو ڪلمو (سندس والده) مريم تي القا ڪيو ويو هو ۽ پڻ هو هڪ روح آهي جو الله جي طرفان موڪليو ويو، پوءِ اوهان کي گهرجي ته الله تي ۽ سندس رسولن تي ايمان آڻيو ۽ ائين نه چئو ته خدا ٽي آهن. (اهڙيءَ ڳالهه ڪرڻ کان) باز اچو ته توهان لاءِ وڏي چڱائي آهي. حقيقت هي آهي ته فقط الله ئي هڪ معبود آهي (ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي) هو هن ڳالهه کان پاڪ آهي، جو هن کي ڪو پٽ هجي (جڏهن ته) آسمان ۽ زمين ۾ جو ڪجهه آهي سو سندس ئي آهي (ته پوءِ کيس ڪهڙي محتاجي آهي جو ڪنهن کي پٽ بنائي دنيا ۾ موڪلي) ڪارسازيءَ لاءِ خدا جو ڪارساز هئڻ ڪافي آهي.

    رڪوع ٢٤ آيت 172-تا-176
    جيڪي شخص منهنجي ٻانهپ کي عار سمجهن ۽ وڏائي ٿا ڪن انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي.
    (١٧٢) مسيح هن ڳالهه کان عار نٿو ڪري ته کيس الله جو ٻانهو سمجهيو وڃي، نڪي مقرب ملائڪ اهڙو عار ٿا ڪن ۽ جيڪو خدا جي ٻانهپ کان عار ڪري ۽ تڪبر ڪري ٿو (سو ويندو ڪاڏي، اهو وقت پري ناهي جڏهن) خدا سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪندو. (١٧٣) (انهيءَ ڏينهن) ڇا ٿيندو جو جن ماڻهن ايمان آندو آهي ۽ چڱا ڪم ڪيا آهن تن کي هو سندن چڱن ڪمن جو پورو پورو بدلو به ڏيندو. ۽ پنهنجي مهربانيءَ سان انهن کي وڌائي به ڏيندو. پر جن ماڻهن (خدا جي) بندگيءَ کي تنگ ۽ عار سمجهيو ۽ هٺ وڏائي ڪئي تن کي (ان ڏوهه جي عيوض ۾) اهڙو عذاب ڏيندو جو دردناڪ عذاب هوندو. ۽ هنن کي خدا کان سواءِ ڪوبه رفيق يا دوست نه لڀندو، نڪي ڪو مددگار لڀندو. (١٧٤) اي انسانو! توهان وٽ توهان جي پروردگار وٽان برهان (يعني دليل ۽ حجت) اچي ويئي آهي ۽ اسان اوهان ڏانهن چمڪندڙ روشني موڪلي آهي. (١٧٥) پوءِ جن ماڻهن الله تي ايمان آندو ۽ ان جي سهاري کي مضبوط جهليو تن کي هو جلد پنهنجي رحمت جي ڇانو ۾ داخل ڪندو ۽ مٿن پنهنجو فضل ڪندو ۽ کين پاڻ تائين پهچڻ جي واٽ ڏيکاريندو (اها واٽ ڏيکاريندو) جا سڌي واٽ آهي. (١٧٦) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان ڪلاله جي باري ۾ (يعني اهڙي ماڻهو جي ميراث جي باري ۾ جنهن کي نه پيءُ ماءُ هجي، نه اولاد) فتوي گهرن ٿا. کين چئو ته، الله تعاليٰ توهان کي ڪلاله جي باري ۾ (هيءُ) حڪم ڏئي ٿو. جيڪڏهن اهڙو (ڪلاله) مرد مري وڃي جنهن کي اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ۽ کيس هڪ ڀيڻ هجي ته جيڪي فوتي ڇڏي ويو آهي، تنهن جو اڌ ڀيڻ کي ملندو، پر جيڪڏهن (ڪلاله) عورت مري وڃي ۽ کيس اولاد نه هجي (نڪي پيءُ ڏاڏو) ته هن جي سڀ مال جو وارث سندس ڀاءُ ٿيندو، ۽ جيڪڏهن ٻه ڀينر هجن (يا ٻن کان وڌيڪ) ته انهن (3/2 يعني) ٽن حصن مان ٻه حصا ترڪي مان ملندا ۽ جيڪڏهن ڀائر به هجن ۽ ڀينر به ته، پوءِ هرهڪ ڀاءُ کي هرهڪ ڀيڻ کان ٻيڻو ملندو. الله تعاليٰ اوهان جي لاءِ حڪم چٽا ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته گمراهه نه ٿيو ۽ الله تعاليٰ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي.


    سورت المائدة (دسترخوان)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع١ آيت 1-تا-5
    پنهنجا معاهدا پورا ڪيو ۽ پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيو. اسلام ڪامل دين آهي
    (١) مؤمنو! پنهنجا معاهدا پورا ڪيو (پنهنجا سڀ فرض بجا آڻيو). توهان جي لاءِ ڍڳن ڍورن (جو گوشت کائڻ) حلال ڪيو ويو آهي، سواءِ انهن جي جن بابت (اڳي بيان ڪيل آهي ۽ اڳتي) حڪم ٻڌايو ويندو، پر جڏهن احرام جي حالت ۾ هجو تڏهن شڪار ڪرڻ حلال ناهي، بيشڪ الله تعاليٰ جيڪي چاهي ٿو تنهن جو حڪم ڏئي ٿو. (٢) مؤمنو! خدا جي شعائرن جي (يعني خدا پرستي جي مقرر ڪيل نشانين ۽ رسمن جي) بي حرمتي نه ڪريو، نڪي انهن مهينن جي (بي حرمتي ڪريو) جي حرمت جا مهينا آهن (ذي قعد،ذي الحج، محرم ۽ رجب مهينن ۾ جنگ ڪرڻ جائز ناهي ڇو ته انهن مهينن ۾ حاجين جي آمدرفت رهندي هئي) نڪي (حَج جي) قرباني جي (بيحرمتي ڪريو) ۽ نه انهن جانورن جي جن جي ڳچين ۾ (نشانيءَ طور) ڪنڍيون پاتل آهن ۽ پڻ انهن ماڻهن جي (بي حرمتي نه ڪيو، نڪي کين روڪيو نڪي نقصان پهچايو) جي بيت الحرام جو قصد ڪن ٿا ۽ پنهنجي پروردگار جو فضل ۽ راضپو ڳولين ٿا، ۽ جڏهن توهان احرام جي حالت کان ٻاهر اچو تڏهن شڪار ڀلي ڪيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو هڪ قوم جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه تي آماده ڪري جو توهان به زيادتي ڪرڻ لڳو. ڇو ته هنن اوهان کي ڪعبة الله کان روڪي ڇڏيو هو. (توهان جو دستور ته هي هئڻ گهرجي ته) نيڪي ۽ پرهيزگاريءَ جي ڪمن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪريو، مگر گناهه ۽ ظلم جي ڪمن ۾ مدد نه ڪيو، ۽ (خبردار!) الله کان ڊڄندا رهو، جو يقيناً (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي. (٣) (مسلمانو!) توهان تي (هي شيون) حرام ڪيون ويون آهن، مردار جانور، رت، سوئر جو گوشت، اهو جانور جنهن تي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو وٺجي، گردن گهٽي ماريل، ڌڪ هڻي ماريل، مٿاهين جاءِ تان ڪري مئل، ڪنهن جانورن جي سڱن سان مريل، جنهن کي ڪنهن ڦاڙيندڙ جانور چيري، ڦاڙي کاڌو هجي، پر اهي (حرام ناهن) جن کي توهان (انهن جي مرڻ کان اڳي) ذبح ڪري وٺو. اهو جانور به حرام آهي جو ڪنهن غير الله جي پوڄا جي جاءِ تي ذبح ڪيو وڃي، ۽ جيڪي (گوشت يا ٻيون شيون ڪڻن جي نموني يا جوا طور) تيرن سان پاڻ ۾ ورهايو (جيئن عرب جا مشرڪ ڪندا هئا سو به حرام آهي). اها گناهه جي ڳالهه آهي. (مسلمانو!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي هئي اهي هاڻي اوهان جي دين بابت نااميد ٿي ويا آهن (يعني ڏسن ٿا ته اسلام پڪي پايي تي قائم ٿي ويو آهي ۽ مسلمان زور وٺي ويا آهن) پوءِ توهان هنن کان بلڪل نه ڊڄو ۽ فقط مون کان ڊڄو (۽ منهنجي حڪم جي تعميل ڪيو) اڄوڪي ڏينهن مون توهان جي لاءِ توهان جو دين ڪامل ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان تي پوري ڪيم ۽ توهان جي لاءِ دين اسلام پسند ڪيم، پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو بک کان لاچار هجي، ائين نه ته (ڄاڻي ٻجهي) گناهه جو ڪم ڪرڻ چاهي (۽ لاچاري حالت ۾ ڪا حرام شيءِ کائي) ته پوءِ الله تعاليٰ بخشڻهار ۽ رحمت رکندڙ آهي. (٤) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان پڇن ٿا ته ڪهڙيون ڪهڙيون شيون کين حلال آهن؟ تون چئو ته، جيڪي به چڱيون شيون آهن، سي سڀ توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن ۽ شڪاري جانور جن کي توهان شڪار ڪرڻ لاءِ تربيت ڏني آهي ۽ (شڪار جو طريقو) جيئن خدا توهان کي سيکاريو آهي (يعني خدا جي ڏنل عقل ۽ ذهن سان توهان ڳولي ڪڍيو آهي) انهن شڪاري جانورن کي سيکاريو ته پوءِ جيڪو شڪار هو پڪڙين ۽ توهان جي لاءِ رکن ته اهو توهان بيشڪ کائو، پر گهرجي ته (شڪاري جانور کي شڪار تي ڇڏڻ وقت) خدا جو نالو وٺو (جيئن ذبح ڪرڻ وقت وٺندا آهيو) ۽ (هر حال ۾) الله کان ڊڄندا رهو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ (عملن جو) حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي. (٥) اڄ سڀ چڱيون شيون توهان جي لاءِ حلال ڪيون ويون آهن، جن ماڻهن کي ڪتاب ڏنو ويو آهي تن (اهل ڪتاب) جو تيار ڪيل طعام توهان جي لاءِ حلال آهي ۽ اوهان جو طعام هنن لاءِ حلال آهي. پڻ اوهان جي لاءِ مسلمان بيبيون ۽ اهل ڪتاب جون بيبيون حلال آهن، بشرطيڪ انهن جو مهر انهن کي ڏيو ۽ مقصود نڪاح ۾ آڻڻ جو هجي، نڪي نفس پرستيءَ لاءِ بدڪاري ڪئي وڃي، نڪي لڪي ڇپي بدچالي ڪئي وڃي، ۽ (ياد رکو ته) جيڪو به ايمان کان منڪر ٿيو تنهنجا عمل ضايع ٿي ويا ۽ آخرت ۾ هو انهن منجهان هوندو جي تباهه حال هوندا.

    رڪوع ٢ آيت 6-تا-11
    وضو ۽ تيمم جو حڪم. حق جي حمايت ڪرڻ ۽ سچي شاهدي ڏيڻ
    (٦) مؤمنؤ! جڏهن نماز جي لاءِ تياري ڪيو تڏهن پنهنجو منهن ۽ هٿ ٺونٺين تائين ڌوئيندا ڪريو ۽ مٿي تي (پاڻي سان آلو ڪيل) هٿ گهمايو ۽ پنهنجا ٻئي پير مرن تائين ڌوئي ڇڏيو، ۽ جيڪڏهن تڙ جي ضرورت هجي ته وهنجي صاف ۽ پاڪ ٿيو ۽ جيڪڏهن توهان بيمار هجو ۽ (پاڻيءَ جو استعمال نقصانڪار هجي) يا سفر ۾ هجو (۽ پاڻيءَ جي ڳولا ڪرڻ ۾ تڪليف هجي) يا توهان مان ڪو پائخاني مان ٿي آيو هجي يا عورت کي هٿ لاتو هجيس (همبستر ٿيو هجي) ۽ پاڻي نه ملي ته پوءِ (وضو ۽ غسل لاءِ پاڻيءَ بدران) پاڪ مٽيءَ کان ڪم وٺو. (تيمم جو طريقو هي آهي ته) پاڪ مٽيءَ تي هٿ لڳائي هٿن کي منهن ۽ ٻانهن تي (ٺونٺين تائين) گهمايو. الله تعاليٰ نٿو چاهي ته توهان کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ وجهي، بلڪ هو چاهي ٿو ته توهان کي (اهڙن عملن جي وسيلي) صاف ۽ پاڪ رکي ۽ پڻ چاهي ٿو ته توهان تي پنهنجي نعمت (هدايت) پوري ڪري ته توهان شڪرگذار رهو (يعني الله جي نعمتن جو قدر ڪريو). (٧) الله تعاليٰ جا نعمت اوهان تي ڪئي آهي، سا ياد رکو ۽ سندس عهد اقرار نه وساريو جو مضبوطيءَ سان اوهان کان وٺي ڇڏيو اٿس، جڏهن توهان (اسلام قبول ڪندي) چيو هو ته، اسان تنهنجو حڪم ٻڌو ۽ اسان فرمانبرداري ڪئي (۽ ڪندا رهنداسين) ۽ (جڏهن ته اهڙو عهد اقرار ڪري چڪا آهيو، تڏهن هر حال ۾) خدا (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو، جيڪي جيڪي (اوهان جي) دلين ۾ لڪل آهي سو يقيناً الله تعاليٰ کي معلوم آهي. (٨) مؤمنؤ! خدا (جي سچائيءَ) جي لاءِ مضبوطيءَ سان قائم رهڻ وارا ۽ انصاف جي لاءِ (سچي) شاهدي ڏيڻ وارا ٿيو، ۽ (خبردار) ائين نه ٿئي جو ڪن ماڻهن جي (اوهان سان) دشمني اوهان کي هن ڳالهه لاءِ اڀاري ته توهان (ساڻن) انصاف نه ڪيو. (هر حال ۾) انصاف ڪيو. ڇو ته ائين ڪرڻ تقويٰ کي ويجهو آهي ۽ الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو، توهان جيڪي به ڪيو ٿا تنهن جي الله تعاليٰ خبر رکندڙ آهي. (٩) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن سان الله تعاليٰ جو واعدو آهي، ته انهن جي لاءِ مغفرت ٿيندي ۽ کين وڏو اجر ملندو. (١٠) پر جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڪوٺيو سي دوزخي آهن. (١١) مؤمنؤ! پاڻ تي الله جي اها نعمت ياد ڪيو جو جڏهن هڪ قوم پڪو ارادو ڪري ورتو هو ته توهان تي (جنگ ۽ تباهي جو) هٿ وڌائي. تڏهن خدا (پنهنجي ڪرم ۽ فضل سان) هنن جا هٿ اوهان کان روڪي ڇڏيا (۽ توهان بنا وڏي نقصان جي غالب رهيؤ) ۽ الله کان ڊڄندا رهو، مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکن.

    رڪوع ٣ آيت 12-تا-19
    يهودين ۽ عيسائين فرمانبرداريءَ جو عهد ٽوڙيو.
    (١٢) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ بني اسرائيلن کان (فرمانبرداريءَ جو) عهد ورتو هو ۽ هنن ۾ ٻارهن سردار مقرر ڪيا هئا ۽ الله تعاليٰ (کين) فرمايو هو ته مان توهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد اوهان سان آهي) جيڪڏهن توهان نماز قائم رکي، زڪوٰت ڏيندا رهيؤ، منهنجي سڀني رسولن تي ايمان آندوَ ۽ انهن جي مدد ڪيو ۽ الله کي چڱو قرض ڏيندا رهيؤ (يعني حق جي راهه ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندا رهيؤ) ته پوءِ مان ضرور توهان مان توهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندس ۽ توهان کي ضرور (نعمتن جي) باغن ۾ داخل ڪندس جن جي هيٺان نهرون وهنديون، پوءِ توهان مان جنهن هن کان پوءِ به ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي، تنهن يقيناً (ڪاميابيءَ واري واٽ) سڌي راهه گم ڪري ڇڏي. (١٣) پوءِ هنن ماڻهن فرمانبرداري جو عهد ٽوڙيو، تنهن سبب اسان مٿن لعنت ڪئي ۽ سندن دليون سخت ڪيون سين. (ڇو ته خدا جو قانون آهي ته جيڪو حق ۽ اطاعت کان ڦري ٿو وڃي تنهن جي دل ۽ دماغ سمجهه ۽ هدايت جي لائق نٿا رهن) جيئن ته هو (خدا جي) لفظن کي سندن اصلي جاءِ تان ڦيرائي ٿا ڇڏين (۽ پنهنجي دنيائي مطلبن حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون معنائون ٿا ٺاهين) تنهن ڪري جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪو فائدو وٺڻ، هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا، ۽ توهان (مسلمان هاڻي به) هنن جي (اهڙي) ڪنهن نه ڪنهن خيانت جو اطلاع حاصل ڪندا رهو ٿا (يعني ڏسو ٿا ته هو پنهنجي خدائي ڪتابن جا لفظ مٽائي ٻڌائين ٿا) اهي تمام ٿورا آهن جي ائين نٿا ڪن پوءِ (اي پيغمبر!) تون هنن جي (خيانتن کان) درگذر ڪر ۽ هنن کي ڌيان نه ڏي. بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جي نيڪ عمل ڪندڙ آهن. (١٤) ۽ جيڪي ماڻهو پاڻ کي نصاريٰ (عيسائي) سڏائين ٿا، تن کان به اسان (ايمان ۽ عمل جو) عهد ورتو هو (پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو) جنهن ڳالهه جي کين نصيحت ڪئي ويئي هئي تنهن مان ڪوبه فائدو وٺڻ هنن جي حصي ۾ نه آيو ۽ ان کي بلڪل وساري ويهي رهيا. (هو فرقا ٺاهي جدا جدا ٿي ويا) پوءِ اسان هنن جي (مختلف فرقن جي) وچ ۾ قيامت تائين دشمني ۽ بغض جي باهه ڀڙڪائي ڇڏي. (فرقا ٺاهڻ جو اهو قدرتي نتيجو آهي.) اهو وقت پري ناهي جڏهن الله تعاليٰ سندن ڪرتوتن جي حقيقت کين ٻڌائيندو. (١٥) اي اهل ڪتاب! هيءَ حقيقت آهي ته اسان جو رسول اوهان ڏي اچي چڪو آهي خدائي ڪتاب (يعني تورات ۽ انجيل) جون گهڻيون ئي ڳالهيون جن کي توهان (نفساني خواهشن پورين ڪرڻ لاءِ) لڪائيندا رهيا آهيو، سي هو اوهان کي چٽيون ڪري ٻڌائي ٿو ۽ گهڻيون ئي ڳالهين کان درگذر ڪري ٿو (جن جي بيان ڪرڻ جي ضرورت نٿو ڏسي). الله جي طرف کان اوهان وٽ (حق جي) روشني اچي ويئي آهي ۽ چٽايون ڪندڙ روشن ڪتاب (قرآن مجيد) اچي چڪو آهي. (١٦) خدا ان (ڪتاب) جي وسيلي انهن ماڻهن لاءِ جي (نفساني خواهشن جي بجاءِ) خدا جي راضپي (وارن حڪمن) جي تابعداري ڪن ٿا، سلامتيءَ جون واٽون ڏيکاري ٿو (۽ کولي کولي ظاهر ڪري ٿو ڇڏي) ۽ پنهنجي حڪم سان (يعني پنهنجي مقرر قانون موجب) هنن کي اونداهين مان ڪڍي ٿو ۽ روشنائيءَ ۾ آڻي ٿو ۽ (ڪاميابيءَ جي) سڌي راهه تي لڳائي ڇڏي ٿو. (١٧) يقيناً انهن ماڻهن ڪفر ڪيو جن چيو ته الله آهي مسيح بن مريم. (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته (هي ڪهڙي نه بي عقليءَ جي ڳالهه ٿا ڪيو؟) جيڪڏهن خدا مسيح پٽ مريم کي ۽ سندس ماءُ کي بلڪ روءِ زمين تي جيترا به انسان آهن تن سڀني کي فنا ڪرڻ چاهي ته ڪير آهي جو هن جي بادشاهيءَ ۾ دخل ڏيڻ جي جرئت ڪري سگهي. آسمان ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله کي آهي. هو جيڪي به چاهي ٿو سو خلقي ٿو ۽ هو هر شيءِ تي قدرت رکندڙ آهي. (١٨) يهودي ۽ عيسائي چون ٿا ته اسان خدا جا پٽ ۽ سندس پيارا آهيون (اسان ڪجهه به ڪيون ته به اسان لاءِ نجات آهي) تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ خدا توهان جي بدعملين سبب اوهان کي (وقت به وقت) ڇو عذاب ڏيندو رهيو؟ (اها ڳالهه توهان پاڻ به قبول ڪيو ٿا ۽ توهان جا ڪتاب خدا جي ملامتن ۽ عذابن جي واقعن سان ڀريا پيا آهن) بلڪ حقيقت هي آهي ته سندن پيدا ڪيل انسانن مان توهان به انسان آهيو. (نجات الله جي هٿ ۾ آهي) هي جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي عذاب ڏئي. آسمانن جي، زمين جي ۽ انهن سڀني جي جيڪي انهن ۾ آهن مالڪي ۽ سلطاني فقط هن جي لاءِ آهي ۽ سڀني کي آخر ڏانهنس ئي موٽڻو آهي. (١٩) اي اهل ڪتاب! اهڙيءَ حالت ۾ جو رسولن جو ظهور ڪيتريءَ ئي مدت کان وٺي بند هو، اسان جو رسول (پيغمبر اسلام) اوهان وٽ آيو. هو اوهان جي لاءِ (منهنجا حڪم) چٽا ڪري ٻڌائي رهيو آهي ته توهان ائين نه چئي سگهو ته، اسان ڏي ڪو بشير (هدايت جي خوشخبري ڏيندڙ) ۽ نذير (گمراهيءَ کان خبردار ڪندڙ) ڪونه آيو (هاڻي ڏسو ته) توهان وٽ بشير ۽ نذير اچي ويو آهي. (يعني هاڻي توهان جي لاءِ ڪوبه عذر باقي ڪونه رهيو آهي) الله تعاليٰ هر شيءِ تي قادر آهي.

    رڪوع ٤ آيت 20-تا-26
    يهودين جي بزدلي ۽ ڪم همتي ۽ جنگ ڪرڻ کان ٽهڻ. انهيءَ بزدليءَ جو نتيجو
    (٢٠) ۽ (اهو واقعو ياد ڪيو) جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! الله جو پاڻ تي احسان ياد ڪيو، (جو هن اوهان تي وڏيون مهربانيون ۽ نعمتون ڪيون ۽) هن اوهان ۾ نبي پيدا ڪيا، توهان کي آزاد ۽ حاڪم قوم بنايائين ۽ توهان کي اها (نعمت) عطا ڪيائين جا (اڳي) دنيا ۾ ڪنهن کي به نه عطا ڪيائين (يعني نبوت ۽ بادشاهي ٻئي گڏ اڳي ڪنهن به قوم کي نه مليا هئا). (٢١) اي منهنجي قوم! (هاڻي) پاڪ زمين (فلسطين) ۾ داخل ٿيو جا زمين خدا توهان جي لاءِ لکي ڇڏي آهي. (يعني جنهن بابت اوهان کي واعدو ڏنل آهي ته اهو اباڻو ملڪ وري اوهان کي ملندو). متان (ڊپ ۾) پٺئين پير پٺي ڏئي هٽي وڃو ۽ (فتح ڪرڻ بدران) نقصان ۽ تباهي هيٺ اچي وڃو. (٢٢) (تنهن تي) هنن جواب ڏنو ته اي موسيٰ! ان ملڪ ۾ وڏي طاقت وارا زبردست ماڻهو رهن ٿا (اسان کي هنن سان وڙهڻ جي طاقت ڪانهي). سو جيستائين اهي ماڻهو ان ملڪ مان پاڻهي نڪري نه وڃن تيستائين اسان ان ملڪ ۾ پير به نه پائينداسين. پر جيڪڏهن هو اتان نڪري ويندا ته پوءِ اسان ضرور داخل ٿي وينداسين. (٢٣) تنهن تي ٻن ماڻهن جيڪي فقط خدا کان ڊڄڻ وارا هئا ۽ جن کي الله تعاليٰ (ايمان جي) نعمت عطا فرمائي هئي، تن انهن ماڻهن کي چيو ته، (اهڙا ڊڄڻا ڇو ٿيا آهيو همت ڪري انهن ماڻهن جي مٿان ڪاهي پئو ۽) دروازي کان داخل ٿي وڃو.جيڪڏهن توهان داخل ٿيندؤ ته يقيناً توهان غالب پوندؤ ۽ (فتح حاصل ڪندؤ) ۽ جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو ته خدا تي ڀروسو رکو. (٢٤) تنهن تي هنن (ڊڄڻن) چيو ته، اي موسيٰ! جيستائين هو (زبردست) ماڻهو اتي موجود آهن تيستائين اسان ڪڏهن به داخل ٿيڻ وارا ناهيون. (۽ جيڪڏهن تون اوڏاهين وڃڻ لاءِ اهڙو شائق آهين ته) تون پاڻ هليو وڃ ۽ تنهنجو خدا به توسان وڃي. اوهان ٻئي وڃي وڙهو. اسان ته هتي ئي ويهي ٿا رهون. (٢٥) (هيءَ حالت ڏسي حضرت) موسيٰ چيو ته، اي منهنجا رب! مون کي پنهنجي جان ۽ پنهنجي ڀاءُ (هارون) کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي به اختيار ڪونهي. تنهن ڪري تون اسان ۽ هنن بي فرمان ماڻهن جي وچ ۾ (پنهنجي حڪم سان) فيصلو ڪري ڇڏ. (٢٦) الله جو حڪم ٿيو ته (جنهن صورت ۾ هي ماڻهو اهڙا ڊڄڻا ۽ بي فرمان ٿيا آهن تنهن صورت ۾) هاڻي هنن تي اهو پاڪ ملڪ چالهين سالن تائين حرام ڪيو ٿو وڃي. (يعني چاليهن سالن تائين اهو ملڪ کين نه ملندو). هو هن ئي بيابان ۾ رلندا ڦرندا وتندا. تنهن ڪري (اي موسيٰ!) تون هنن بي فرمان ماڻهن جي حالت تي غمگين نه ٿيءُ.

    رڪوع ٥ آيت 27-تا-34
    يهودين ۾ فساد ۽ خونريزيءَ جي عادت گهر ڪري ويئي
    (٢٧) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي آدم جي ٻن پٽن جو حال سچائيءَ سان ٻڌائي ڇڏ، جڏهن هنن (خدا جي قبوليت لاءِ) قرباني پيش ڪئي، تڏهن انهن مان هڪڙي (يعني هابيل) جي قبول پئي ۽ ٻئي جي قبول نه پئي (يعني قابيل جي قبول نه پئي، تنهن تي قابيل حسد ۽ ساڙ ۾ سڙي) چيو ته، مان توکي ضرور قتل ڪندس، (هابيل) چيو الله تعاليٰ فقط متقي ماڻهن جي قرباني قبول ٿو ڪري. (جيڪڏهن خدا تنهنجي قرباني قبول نه ڪئي ته ان ۾ منهنجو ڪهڙو قصور!) (٢٨) جيڪڏهن تون مون کي قتل ڪرڻ لاءِ هٿ کڻندين ته (کڻ) پر مان توکي قتل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به هٿ نه کڻندس. مان الله کان ڊڄان ٿو جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (٢٩) مان ته چاهيان ٿو ته (زيادتي تنهنجي طرف کان ٿئي ته ٿئي، پر منهنجي طرف کان نه ٿئي، ۽) تون منهنجا گناهه ۽ پنهنجا گناهه پنهنجي سر تي کڻين ۽ دوزخين منجهان ٿئين جو ظلم ڪرڻ وارن کي اهوئي بدلو ملڻو آهي. (٣٠) پوءِ ڇا ٿيو جو) قابيل جي نفس کيس پنهنجي ڀاءُ جي قتل لاءِ تيار ڪيو. هن هابيل کي قتل ڪري وڌو. نتيجو هي نڪتو جو هو انهن منجهان ٿيو جي نقصان ۽ تباهي ۾ پيل آهن. (٣١) پوءِ الله تعاليٰ هڪڙي ڪانو کي موڪليو ۽ هو زمين کوٽڻ لڳو، انهيءَ لاءِ ته کيس (يعني قابيل کي) ڏيکاري ته ڪيئن پنهنجي ڀاءُ جو لاشو (زمين ۾) لڪائي ڇڏي. (اهو ڏسي قابيل) چيو ته افسوس! منهنجي حال تي جو مون کان ايترو به ٿي نه سگهيو جو ڪانو وانگر (زمين کوٽي) پنهنجي ڀاءِ جو لاش لڪائي ڇڏيان. مطلب ته هو ڏاڍو پشيمان ٿيو. (٣٢) انهيءَ حالت جي مدنظر، اسان بني اسرائيلن جي لاءِ حڪم لکي ڇڏيو ته، جنهن به ماڻهوءَ سواءِ ان حالت جي جڏهن قصاص وٺڻو هجي يا ملڪ ۾ ڦرمار ۽ خونريزي ڪرڻ وارن کي سزا ڏيڻي هجي، ڪنهن ٻئي ماڻهو کي قتل ڪري وڌو، تنهن ڄڻ ته سڀني انسانن جو خون ڪيو، ۽ جنهن به ٻئي ڪنهن جي حياتي بچائي تنهن ڄڻ ته سڀني ماڻهن کي حياتي ڏني، ۽ پوءِ هنن ڏي اسان جا رسول (هڪ ٻئي پٺيان) روشن دليلن سان ايندا رهيا (۽ ظلم ۽ خونريزيءَ کان) کين منع ڪندا رهيا) تنهن هوندي به انهن مان گهڻا اهڙا هئا جي ملڪ ۾ زيادتيون ڪندا هئا. (٣٣) بيشڪ انهن ماڻهن لاءِ جيڪي الله ۽ سندس رسول سان جنگ ڪن ٿا ۽ ملڪ ۾ فساد مچائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪن ٿا، (يعني رهزن ۽ ڌاڙيل آهن تن جي) سزا هيءَ آهي ته هنن کي قتل ڪيو وڃي يا ڦاسيءَ تي لٽڪايو وڃي يا هنن جا هٿ پير مخالف طرفن کان وڍيا وڃن يا هنن کي ملڪ نيڪالي ڏني وڃي (جيئن هر حالت ۾ مناسب ڏسڻ ۾ اچي). اها سزا هن لاءِ دنيا ۾ خوار خراب ڪندڙ آهي ۽ آخرت ۾ به هنن جي لاءِ وڏو عذاب آهي. (٣٤) سواءِ انهن جي جيڪي توهان جي هٿ چڙهي وڃن ۽ توهان هنن کي گرفتار ڪريو تنهن کان اڳ ئي هو پشيمان ٿي (ظلم ۽ فساد کان) باز اچن. (اهڙن سان نرميءَ جي هلت ڪيو ۽ الله تعاليٰ به کين بخشيندو يقين ڪريو ته الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي.

    رڪوع ٦ آيت 35-تا-43
    چور جا هٿ وڍڻ، ڪوڙ جي لاءِ ڪن لڳائڻ ۽ بڇڙن طريقن سان پرائو مال کائڻ وارا يهودي آهن
    (٣٥) مؤمنؤ! الله (جي نافرمانين جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ وٽس پهچڻ لاءِ حيلا وسيلا ڳوليندا رهو ۽ سندس راهه ۾ ڪوشش ۽ جهاد ڪندا رهو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪاميابي حاصل ڪيو. (٣٦) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي، تن جي قبضي ۾ جيڪڏهن روءِ زمين جو سڀ (مال متاع) موجود هجي ۽ اوترو ٻيو به کين ملي وڃي ۽ پوءِ اهو (سڀ مال متاع) قيامت جي ڏينهن جي عذاب کان بچڻ لاءِ عيوضي طور ڏيئي ڇڏين تڏهن به اهو فديو قبول نه ڪيو ويندو، انهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (٣٧) هو چاهيندا ته دوزخ جي باهه مان ٻاهر نڪري اچن، پر هو ڪڏهن به ٻاهر نڪري نه سگهندا، هنن جي لاءِ قائم رهڻ وارو عذاب هوندو. (٣٨) ۽ جيڪي چور هجن مرد خواهه عورتون تن جا هٿ وڍي ڇڏيو. اها هنن جي ڪِيئي جي سزا آهي ۽ الله جي طرف کان عبرت جي نشاني آهي (جنهن کي ڏسي ٻيا چوري نه ڪندا) الله تعاليٰ (سڀني تي) غالب ۽ (پنهنجي سڀني حڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٣٩) پوءِ جنهن اهڙي ظلم (يعني چوري) ڪرڻ بعد توبه ڪئي (يعني چوري ڪرڻ کان هميشه لاءِ باز رهيو) ۽ پاڻ کي سڌاريائين، تنهن ڏانهن الله تعاليٰ به (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪندو، بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت رکندڙ آهي. (٤٠) (اي انسان! تون خدا جي بخشش ۽ رحمت تي عجب نه کاءُ) ڇا توکي خبر ناهي ته آسمان ۽ زمين جي سڄي بادشاهي فقط الله جي آهي، جنهن کي وڻيس تنهن کي عذاب ڏئي ۽ جنهن کي وڻيس تنهن کي بخشي ڇڏي ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي. (٤١) اي پيغمبر! انهيءَ ٽوليءَ مان جن زبان سان ته چيو ته، اسان ايمان آندو پر هنن جون دليون ايمان کان خالي هيون ۽ پڻ انهيءَ ٽولي مان جي يهودي آهن، جيڪي به ڪفر جي واٽ تي تڪڙا ڊوڙيا تن جي حالت توکي غمگين نه ڪري. اهي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن ڏيئي ٻڌڻ وارا آهن (۽ هن لاءِ) ڪن ڏئي ٻڌندڙ آهن ته انهن ٻين ماڻهن کي (تنهنجون) ڳالهيون وڃي ٻڌائين جيڪي تو وٽ نه آيا آهن. اهي ماڻهو (تورات) جي لفظن کي باوجود انهن جو صحيح مطلب موقعن سان مناسب ثابت ٿيو هجي پنهنجي صحيح معنيٰ کان ڦيرائي ڇڏين ٿا. هو (ماڻهن کي) چون ٿا ته (جيڪو حڪم تورات) جو اسان توهان کي ٻڌايو اهڙوئي حڪم (حضرت ﷺ وٽان اوهان کي) ڏنو وڃي ته قبول ڪيو، نه ڏنو وڃي ته پاسو ڪيو. (اي پيغمبر! اهڙن فاسق ماڻهن جي حالت تي غم نه ڪر) جنهن به شخص لاءِ الله تعاليٰ چاهي ٿو ته آزمائش ۾ پوي (۽ سندس کوٽ ظاهر ٿي پوي) تنهن لاءِ تون خدا کان ڪجهه به (هدايت) حاصل ڪري نٿو سگهين. (يقين ڪر ته) اهي ئي ماڻهو آهن، جن جي دلين کي الله تعاليٰ پاڪ ڪرڻ نٿو چاهي. (ڇو ته سندس قانون آهي ته جيڪو گندگي پسند ٿو ڪري تنهن جي لاءِ پاڪائي جي واٽ بند ٿي وڃي ٿي) انهن جي لاءِ دنيا ۾ به خواري خرابي آهي ۽ آخرت ۾ به وڏو عذاب آهي. (٤٢) (اي پيغمبر!) هي ماڻهو ڪوڙ جي لاءِ ڪن لڳائڻ وارا ۽ بڇڙن طريقن سان (پرائو) مال کائڻ وارا آهن، پوءِ جيڪڏهن اهي تو وٽ اچن (۽ پنهنجو ڪيس پيش ڪن) ته (توکي اختيار آهي ته) انهن جي وچ ۾ فيصلو ڪرين يا هنن کان پاسو ڪرين. جيڪڏهن پاسو ڪندين ته هو توکي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندا، پر جيڪڏهن فيصلو ڪرين ته پوءِ هنن جي وچ ۾ بلڪل انصاف سان فيصلو ڪر (اهو خيال نه ڪر ته هو شرير يا ڪافر آهن) بيشڪ الله تعاليٰ انصاف ڪندڙن کي حب ٿو ڪري. (٤٣) ۽ هي ماڻهو ڪيئن ٿا توکان فيصلا ڪرائين جڏهن ته تورات هنن وٽ موجود آهي ۽ خدا جو حڪم ان ۾ موجود آهي. (ان جي مطابق پاڻ ڇو نه ٿا فيصلا ڪن؟) هو تورات هوندي به پنهنجو منهن (ان کان) موڙين ٿا ۽ حقيقت هي آهي ته (ان تي) ايمان ئي ڪونهين (ظاهري ته ايمان هون، پر اسان مسلمانن وانگر عمل ڪونه ڪندا هئا).

    رڪوع ٧ آيت 44-تا-50
    خدا پرستي ۽ صالح عمل سڀني قومن ۾ هجن ته دنيا جا سڀ ماڻهو هڪ ٿي وڃن.
    (٤٤) بيشڪ اسان تورات نازل ڪيو. ان ۾ هدايت ۽ روشني آهي، خدا جا نبي جيڪي (خدا جي حڪمن جا) فرمانبردار هئا، انهيءَ (تورات) جي مطابق يهودين کي حڪم ڏيندا هئا ۽ پڻ رِبي ۽ احبار (يعني يهودين جا علماء ۽ مشائخ) انهيءَ (تورات) تي عمل ڪندا هئا. ڇو ته هو انهيءَ الله جي ڪتاب جا محافظ ٺهرايا ويا هئا ۽ ان (جي حڪمن ۽ هدايتن) تي شاهد هئا، پوءِ (اي يهودين جي جماعت وارؤ! حق جي تابعداري ڪرڻ ۾) ماڻهن کان نه ڊڄو. مون کان ڊڄو ۽ منهنجي آيتن کي (دنيائي فائدي جي) ٿورڙي بَها تي وڪڻي نه ڇڏيو. (ياد رکو ته) جيڪڏهن ڪوبه خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن، جي ڪافر آهن. (٤٥) ۽ اسان (يهودين جي لاءِ تورات ۾) هي حڪم ڏنو هو ته جان جي عيوض ۾ جان، اک جي عيوض ۾ اک، نڪ جي عيوض ۾ نڪ، ڪن جي عيوض ۾ ڪن، ڏند جي عيوض ۾ ڏند ۽ زخمن جي عيوض ۾ اهڙائي زخم. پوءِ جيڪو بدلو وٺڻ معاف ڪري ڇڏي تنهن لاءِ اها (معافي سندس گناهن جو) ڪفارو ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته اهڙائي ماڻهو آهن جي ظلم ڪندڙ آهن. (٤٦) ۽ پوءِ (انهن نبين جي پٺيان) انهن ئي جي نقش قدم تي اسان عيسيٰ ابن مريم کي پيغمبر ڪري موڪليو، ۽ تورات جو سندس سامهون موجود هو، تنهن جي تصديق ڪندڙ ڪري کيس موڪليوسين. ۽ اسان کيس انجيل ڏنو، جنهن ۾ هدايت ۽ روشني آهي ۽ تورات جيڪو اڳيئي موجود هو تنهن جي تصديق آهي، ۽ پڻ متقي ماڻهن لاءِ (سعادت جي) راهه کولي ڏيکارڻ وارو ۽ (اعليٰ نصيحتن سان ڀريل آهي.) (٤٧) انجيل وارن (عيسائين) کي گهرجي ته جيڪي انجيل ۾ الله تعاليٰ نازل ڪيو آهي تنهن موجب حڪم ڏين، ۽ جيڪڏهن ڪو خدا جي نازل ڪيل ڪتاب موجب حڪم نه ڏيندو ته پوءِ اهڙائي ماڻهو آهن جي فاسق آهن. (٤٨) ۽ (اي پيغمبر اهڙيءَ طرح) اسان توڏي سچائيءَ سان ڀريل ڪتاب موڪليو جو انهن ڪتابن جي تصديق ڪندڙ آهي، جيڪي اڳ ئي موجود آهن ۽ انهن تي نگهبان آهي، تنهن ڪري تون خدا جي نازل ڪيل ڪتاب مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر، ۽ جيڪا سچائي تو وٽ اچي چڪي آهي، تنهن کي ڇڏي ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪجانءِ. اوهان مان هرهڪ قوم لاءِ اسان هڪ “شرع” ۽ “منهاج” ٺهرايو (يعني مذهبي زندگيءَ جو طريقو مقرر ڪيو) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته اوهان سڀني کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ قومون هڪ حالت ۾ هجن ها ۽ مختلف طريقن جي ضرورت نه پوي ها) پر (الله تعاليٰ هن ڪري ائين نه ڪيو) ته جيڪي (توهان جي حالتن ۽ ضرورتن مطابق وقت به وقت) اوهان کي ڏنو ويو آهي، تنهن ۾ توهان کي آزمائي. (۽ توهان جي لاءِ ترقيءَ جون واٽون پيدا ٿين). پوءِ توهان نيڪيءَ جي راهه ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيو (جو سڀني شريعتن جو اصل مقصد اهوئي آهي) توهان سڀني کي آخر الله ئي ڏي موٽڻو آهي، پوءِ هو اوهان کي ٻڌائيندا ته جن ڳالهين ۾ توهان هڪ ٻئي سان اختلاف ڪند رهيا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي. (٤٩) ۽ (اي پيغمبر!) اسان توکي حڪم ڏنو ته جيڪي الله تعاليٰ تو تي نازل ڪيو آهي تنهن مطابق ماڻهن جي وچ ۾ فيصلا ڪر ۽ هنن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر ۽ پڻ هنن بنسبت خبردار رهه، جو ائين نه ٿئي ته جيڪي خدا نازل ڪيو آهي، تنهن جي ڪنهن به حڪم (جي تعميل) ۾ تنهنجا قدم هو هٽائي ڇڏين، پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منهن موڙين (۽ الله جا حڪم نه مڃن) ته پوءِ يقين ڪر ته خدا کي اهائي ڳالهه منظور آهي ته هنن جي ڪن گناهن سببان مٿن مصيبت پوي، ۽ حقيقت هيءَ آهي ته گهڻائي انسان (حق جي حڪمن جا) نافرمان آهن. (٥٠) پوءِ (جيڪي ماڻهو الله جا حڪم نٿا پسند ڪن سي ڇا ٿا چاهين؟) اهي جاهليت واري زماني جا حڪم ٿا چاهين ڇا؟ (جڏهن ماڻهو علم ۽ بصيرت کان محروم هئا ۽ پنهنجي وهمن ۽ بيوقوفين تي عمل ڪندا هئا) پر انهن ماڻهن جي لاءِ جي يقين رکندڙ آهن الله کان بهتر حڪم ڏيڻ وارو ڪير ٿي سگهي ٿو؟
    رڪوع ٨ آيت 51-تا-56
    ديني دشمنن سان دوستيون نه رکو، سچن مسلمانن جون خصلتون
    (٥١) مؤمنؤ! يهودين ۽ عيسائين کي (جيڪي توهان جي خلاف اٿي کڙا ٿيا آهن) پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو، هو (اوهان جي مخالفت ۾) هڪ ٻئي جا مددگار آهن ۽ (هاڻي) توهان مان جيڪو هنن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنائيندو سو انهن مان سمجهيو ويندو. الله تعاليٰ انهيءَ قوم کي (ڪاميابي ۽ سعادت) جي واٽ نٿو ڏيکاري جيڪا ظلم ڪندڙ آهي. (٥٢) پوءِ (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته جن ماڻهن جي دلين ۾ (نفاق جو) مرض آهي سي انهن (يهودين ۽ نصاريٰ) ڏي ڊڪ ڊوڙ ڪري رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته اسان ڊڄون ٿا ته متان (انهن ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري) ڪنهن مصيبت جي گهيري ۾ نه اچي وڃون. (يقين رک ته) جلد الله تعاليٰ (اوهان کي) فتح ڏيندو يا سندس طرف کان (ڪاميابي ۽ غلبي جي) ڪا ٻي ڳالهه ظهور ۾ ايندي ۽ پوءِ اهي (منافق) ماڻهو ان ڳالهه تي شرمندا ٿيندا جيڪا پنهنجي دلين ۾ لڪائي هئائون. (٥٣) ۽ (ان وقت) ايمان وارا چوندا ته، ڇا هي اهي ئي ماڻهو آهن جي زوردار نمونن سان الله جا قسم کڻي چوندا هئا ته اسان توهان سان شامل آهيون. (حالانڪه اهي منافق دشمن عيسائين ۽ يهودين سان شامل هئا) پوءِ(ڏسو ته) هنن جا سڀ عمل (انهيءَ نفاق سببان) ضايع ٿي ويا ۽ آخر تباهه ۽ نامراد رهجي ويا. (٥٤) مؤمنؤ! اوهان مان جيڪو به پنهنجي دين کان ڦري ويندو سو (ائين نه سمجهي ته سندس ڦري وڃڻ جي ڪري دين کي ڪو نقصان پهچندو) ممڪن آهي ته پوءِ الله تعاليٰ هڪ اهڙي قوم (سچن مؤمنن جي) پيدا ڪندو جن کي خدا حب ڪندو ۽ جيڪي خدا سان حب رکندا ۽ اهي مؤمنن سان نهايت نرم ۽ نماڻا هوندا، پر دشمنن جي مقابلي ۾ نهايت سخت هوندا. هو الله جي راهه ۾ جهاد ڪندا ۽ ڪنهن به ملامت ڪندڙ جي ملامت کان نه ڊڄندا. اهو الله جو فضل آهي جو جنهن کي چاهي تنهن کي ڏئي. ۽ الله تعاليٰ (فضل ڏيڻ ۾) وڏي وسعت رکندڙ (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ آهي. (٥٥) (مسلمانو!) اوهان جو مددگار ڪو آهي ته الله آهي، سندس رسول آهي ۽ پڻ اهي اوهان جا مددگار آهن، جيڪي ايمان وارا آهن. (جن جون خصلتون هي آهن) جو هو نماز قائم رکن ٿا، زڪوٰت ادا ڪن ٿا ۽ (هر حال ۾) الله جي اڳيان جهڪيل رهن ٿا. (٥٦) ۽ (ياد رکو ته) جنهن به الله کي، سندس رسول کي ۽ ايمان وارن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو، سو (الله جي جماعت ۾ داخل ٿيو ۽) بيشڪ الله جي جماعت غالب رهڻ واري جماعت ٿيندي.

    رڪوع ٩ آيت 57-تا-66
    الله وٽ جزا ۽ سزا جي لحاظ کان اهي ماڻهو وڌيڪ بڇڙا ٿيا جن نافرمانيءَ سان گڏ آڪڙ ۽ ٺٺوليون ڪيون، الله انهن تي لعنت ۽ غضب نازل ڪري، کين سوئرن ۽ باندرن جهڙو ڪري ڇڏيو.
    (٥٧) مؤمنؤ! جن کي اوهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنو ويو آهي (يهودين ۽ نصارن) ۽ (مڪي جي) ڪافرن مان جيڪي اوهان جي دين تي ٽوڪون مسخريون ڪري رهيا آهن، تن کي توهان پنهنجو رفيق ۽ مددگار نه بنايو ۽ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، جيڪڏهن توهان سچ پچ ايمان وارا آهيو. (٥٨) ۽ جڏهن توهان نماز جي لاءِ سڏيو ٿا (يعني آذان ڏيو ٿا) تڏهن اهي ماڻهو ان کي کيل تماشو بنائن ٿا ۽ ان تي کل مسخري ڪن ٿا، اهو هن ڪري ٿا ڪن جو هو هڪ اهڙي جماعت آهي جا بلڪل بي سمجهه آهي. (٥٩) (اي پيغمبر! تون انهن يهودين کي) چئو ته، اي اهل ڪتاب! اسان کان فقط هن ڳالهه لاءِ وير ٿا وٺو ڇا جو اسان الله تي ايمان ٿا رکون ۽ ان ڪتاب تي ايمان ٿا رکون جو اسان تي ناز ٿيو آهي ۽ پڻ انهن ڪتابن تي ايمان رکون ٿا جي اڳي نازل ٿيا هئا؟ ۽ پڻ هن ڪري (وير ٿا وٺو ڇا جو اسان چئون ٿا) ته توهان مان گهڻا (تورات جي حڪمن جا) نافرمان ٿي ويا آهن؟ (٦٠) (اي پيغمبر تون کين) چؤ ته، مان توهان کي ٻڌايان ته الله وٽ جزا ۽ سزا جي لحاظ کان ڪير وڌيڪ بڇڙا ٿيا؟ اهي ماڻهو (وڌيڪ بڇڙا ٿيا) جن تي خدا لعنت ڪئي ۽ پنهنجو غضب نازل ڪيو ۽ انهن مان ڪيترن ئي کي باندرن ۽ سوئرن جهڙو ڪري ڇڏيو ۽ هي جي شيطاني طاقتن کي پوڄڻ لڳا، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سڀني کان بدتر درجي ۾ آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ، سڌي واٽ کان پري نڪري گمراهه ٿي ويا آهن. (٦١) ۽ (ڏسو ته) جڏهن اهي ماڻهو اوهان وٽ اچن ٿا تڏهن چون ٿا ته، اسان ايمان آندو آهي، حالانڪ هو ڪفر کڻي توهان وٽ آيا هئا ۽ ڪفر کڻي واپس ويا، ۽ جيڪي هو پنهنجي دلين ۾ لڪائين ٿا، تنهن کي خدا بهتر ڄاڻڻ وارو آهي. (٦٢) ۽ توهان (مسلمان) انهن مان گهڻن کي ڏسندؤ ته گناهه، ظلم ۽ حرام جي مال کائڻ ۾ تڪڙا آهن. (افسوس! هنن جي ايمان جي دعويٰ تي) ڪهڙا بڇڙا ڪم آهن جي (رات ڏينهن) هو ڪندا رهن ٿا! (٦٣) هنن جي عالمن ۽ بزرگن کي ڇا ٿي ويو آهي جو هنن کي ڪوڙن ۽ گناهه جي لفظن چوڻ کان ۽ حرام جي مال کائڻ کان نٿا روڪين؟ ڪهڙا ته اهي برا ڪرتوت آهن، جيڪي هو ڪري رهيا آهن! (٦٤) ۽ يهودين چيو ته، الله جو هٿ (بخشش کان) ٻڌو پيو آهي. (حقيقت هيءَ آهي ته) سندن ئي هٿ ٻڌا پيا آهن ۽ جيڪي جيڪي هنن چيو تنهن سببان هنن تي لعنت پئجي ويئي آهي. خدا جا ته ٻئي هٿ کليل آهن. جيئن هو چاهي ٿو تيئن (پنهنجو فضل ۽ ڪرم) خرچ ڪري ٿو ۽ (توهان ڏسندؤ ته) خدا جي طرف کان جيڪي اوهان تي نازل ٿيو آهي سو هنن مان گهڻن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ اڃا به وڌيڪ وڌائيندو. ۽ (انهيءَ ئي سرڪشيءِ جي ڪري) اسان منجهن دشمني ۽ بغض وجهي ڇڏيو آهي جو قيامت تائين ميٽجڻ وارو ناهي. جڏهن به هو لڙائي لاءِ باهه دکائين ٿا تڏهن الله تعاليٰ ان کي وسائي ٿو ڇڏي. اهي ماڻهو ملڪ ۾ خرابي ۽ فساد پکيڙڻ لاءِ ڪوششون ڪن ٿا، پر الله تعاليٰ فساد ۽ خرابي پيدا ڪندڙن کي بلڪل پسند نٿو ڪري. (٦٥) ۽ جيڪڏهن اهل ڪتاب ايمان آڻين ها ۽ پرهيزگار ٿين ها ته اسان ضرور هنن تان هنن جون خطائون (يعني خطائن جو اثر محو ڪري) ميساري ڇڏيون ها. ۽ ضرور کين نعمتن جي باغن ۾ داخل ڪيون ها. (پر هو نافرمان ٿيا ۽ نعمتن کان محروم ٿي ويا.) (٦٦) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو تورات ۽ انجيل کي ۽ جيڪي مٿن سندن پروردگار وٽان نازل ٿيو آهي تنهن کي (سچائيءَ سان) قائم رکن ها ته ضرور هن کي مٿان (يعني آسمان مان) ۽ هيٺان (يعني زمين مان) نعمتون ملن ها. (پر هنن تورات جي تعليم ۽ حڪمن تي عمل نه ڪيو). (ايترو سو آهي ته) هنن ۾ هڪ جماعت بيشڪ وچون رستو (يعني چڱو رستو) وٺندڙ آهي پر گهڻا هنن ۾ اهڙا آهن جي جيڪي ڪن ٿا سو سراسر بڇڙائي آهي.

    رڪوع ١٠ آيت 67-تا-77
    اهل ڪتاب سان خطاب. کين تورات، انجيل ۽ قرآن جي حڪمن تي هلڻ جو تاڪيد.
    (٦٧) اي پيغمبر! تنهنجي پروردگار جي طرف کان جيڪي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن کي (خدا جي بندن تائين) پهچاءِ (۽ دشمنن جي پرواهه نه ڪر) جيڪڏهن ائين نه ڪيو ته پوءِ تو خدا جو پيغام نه پهچايو (يعني رسالت جي فرض ادا ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي) ۽ الله توکي ماڻهن (جي شرارتن) کان بچائيندو هو انهيءَ ٽولي تي (ڪاميابي جي) واٽ نٿو کولي، جنهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي. (٦٨) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي اهل ڪتاب! توهان وٽ ڪابه شيءِ ڪانهي (جنهن تي بيهي سگهو) جستائين ڪه تورات ۽ انجيل تي ۽ ان تي جيڪي اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي، قائم رهو. ۽ (اي پيغمبر! تون ڏسندين ته) جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي سو (هنن کي هدايت ۽ نصيحت جو سبب ٿيڻ بدران) هنن کي سرڪشي ۽ ڪفر ۾ وڌائيندو (ڇو ته، کين توسان حسد ۽ ساڙ آهي). پوءِ تون انهيءَ انڪار ڪندڙ قوم جي حالت تي افسوس نه ڪر. (٦٩) بيشڪ! جن ماڻهن (قرآن مجيد تي) ايمان آندو آهي يا اهي ماڻهو جيڪي يهودي ۽ صابي ۽ عيسائي آهن، ڪير به هجن پر انهن مان جيڪو به الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ويساهه رکندو ۽ صالح عمل ڪندو تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن قسم جو خوف خطرو هوندو، نڪا غمگيني هوندي. (٧٠) هيءَ حقيقت آهي ته اسان بني اسرائيل کان (ايمان عمل ۽ فرمانبرداريءَ جو) عهد اقرار ورتو ۽ (ان تي کين قائم رکڻ لاءِ) رسول موڪليا، پر جڏهن به ڪو رسول هنن وٽ اهڙو حڪم کڻي آيو جو سندن نفساني خواهشن جي خلاف هو تڏهن هنن ڪن رسولن کي ڪوڙو ڪوٺيو ۽ ڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. (٧١) هنن سمجهيو ته ڪا آزمائش (عذاب) ڪونه ايندو، تنهن ڪري (جِهل، هٺ ۽ ساڙ ۾) انڌا ٿي پيا. پوءِ خدا تعاليٰ (رحم ڪري) سندن توبه قبول ڪئي، پر وري به انهن مان گهڻا انڌا ۽ ٻوڙا ٿي ويا ۽ (هاڻي به) الله تعاليٰ سندن عمل چڱيءَ طرح ڏسي رهيو آهي. (٧٢) يقيناً اهي به (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ته اهوئي مسيح مريم جو پٽ آهي ۽ (پاڻ حضرت عيسيٰ ته ائين بلڪل ڪونه سيکاريو) هن ته چيو ته، اي بني اسرائيلو! خدا جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو (يعني سڀني جو) پروردگار آهي. يقيناً جنهن به خدا سان ڪنهن ٻئي کي شريڪ ڪيو تنهن تي الله تعاليٰ بهشت حرام ڪري ڇڏيو، انهيءَ جو مڪان دوزخ جي باهه آهي ۽ ظالمن جي لاءِ ڪوبه مددگار ڪونه هوندو. (٧٣) يقيناً اهي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا جن چيو ته، خدا ٽن خدائن مان ٽيون آهي (يعني هڪ خدا، ٻيو خدا جو پٽ عيسيٰ ۽ ٽيون روح القدس آهي، ٽيئي خدائون آهن) حالانڪ هڪ معبود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي ۽ (ڏسجو) جيڪي ڪجهه هي چون ٿا تنهن کان جيڪڏهن هو باز نه ايندا ته پوءِ انهن مان جن ماڻهن حق کان انڪار ڪيو تن کي سخت دردناڪ عذاب پيش ايندو. (٧٤) هنن کي ڇا ٿي ويو آهي جو الله تعاليٰ ڏي نٿا موٽن ۽ کانئس بخشش نٿا گهرن؟ حالانڪه هو بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (٧٥) مريم جو پٽ مسيح هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهي ته هو الله جو هڪ رسول آهي. هن کان اڳي به ڪيترائي رسول ٿي گذريا ۽ سندس والده صديقه هئي. (يعني تمام سچي هئي) اهي ٻئي (سڀني انسانن وانگر) کائيندا پيئندا هئا، (تنهن ڪري ظاهر آهي ته هو انسان هئا نه خدا) ڏسو ته ڪيئن نه اسان انهن ماڻهن (عيسائين) لاءِ دليل چٽا ڪري ٿا ڇڏيون ۽ وري ڏسو ته اهي ماڻهو ڪاڏي جو ڪاڏي ڦيرا کائي رهيا آهن، (جو اهڙي چٽي ڳالهه به نٿا سمجهن). (٧٦) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چيو ته، توهان خدا کي ڇڏي اهڙين هستين جي بندگي ڪيو ٿا ڇا، جي نڪي توهان کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، نڪو ڪو فائدو ڏئي ٿا سگهن؟ ۽ فقط الله ئي آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ سڀني ڳالهين جو علم رکندڙ آهي. (٧٧) (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، اي اهل ڪتاب! پنهنجي دين ۾ حقيقت جي خلاف حد کان ٻاهر نه وڃو ۽ انهيءَ ٽوليءَ جي خواهشن جي پيروي نه ڪيو، جيڪي توهان کان اڳي گمراهه ٿي چڪا آهن ۽ گهڻن ئي کي گمراهه ڪري ڇڏيو اٿن ۽ حق جي سڌيءَ واٽ کان پري هٽي ويا آهن.

    رڪوع ١١ آيت 78-تا-86
    غلط عقيدن تي ڄمي رهڻ ۽ بدعملين تي قائم رهڻ ڪري دلين تي مهر لڳي وڃي ٿي ۽ سڌارو ناممڪن ٿي پوي ٿو.
    (٧٨) (جيئن ڏسو ته) بني اسرائيلن مان جيڪي ماڻهو (حق جا) منڪر ٿيا هئا تن تي (پهريائين) حضرت دائود ۽ (پوءِ) حضرت عيسيٰ بن مريم پنهنجي زبان سان لعنت ڪئي هئي، ڇو ته هو (خدا جي) نافرماني ڪندا هئا ۽ حدن کان ٻاهر نڪري ويندا هئا. (٧٩) هو (هڪ ڀيرو) براين ۾ پئجي ويندا هئا ته وري باز نه ايندا هئا (ضدي هئا). بيشڪ اها وڏي خرابي هئي جا هو ڪندا هئا. (٨٠) (اي پيغمبر!) تون ڏسندين ته انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي ڪافرن (مشرڪ عربن) سان دوستي ۽ مددگاريءَ جو رستو رکن ٿا. ڪهڙي نه وڏي برائي هنن پنهنجي آئنده لاءِ تيار ڪئي جو مٿن خدا جو عذاب آيو ۽ هميشه ان عذاب ۾ رهڻ وارا آهن! (٨١) ۽ جيڪڏهن هو الله تي ۽ (پنهنجي) نبي (موسيٰ) تي ۽ جيڪي مٿس نازل ٿيو (يعني تورات)تي ايمان رکندڙ هجن ها ته هو ڪڏهن به (مسلمانن جي خلاف) مشرڪن جا دوست ۽ مددگار نه بنجن ها. پر هنن مان گهڻا اهڙا آهن جي سچائيءَ جي حدن کان گهڻو پري نڪري ويا آهن. (٨٢) (اي پيغمبر!) تون مسلمانن سان دشمني ڪرڻ ۾ يهودين کي وڌيڪ سخت ڏسندين ۽ پڻ (عرب جي) مشرڪن کي ۽ مسلمانن سان دوستي رکڻ ۾ سڀني کان ويجهو انهن ماڻهن کي ڏسندين جي چون ٿا ته اسان عيسائي آهيون، هن ڪري جو هنن ۾ ڪي پادري آهن (جيڪي علم ۾ مشغول آهن) ۽ ڪي راهب (درويش) آهن (جي زهد ۽ عبادت ۾ مشغول آهن) ۽ هن ڪري جو هنن ۾ هٺ وڏائي ڪانهي.

    حصو ستون
    (٨٣) ۽ جڏهن اهي (عيسائي) اهو ڪلام ٻڌن ٿا جو الله جي رسول تي نازل ٿيو آهي، تڏهن توهان ڏسو ٿا ته هنن جي اکين مان ڳوڙها وهي هلن ٿا، ڇو ته هنن (هن ڪلام جي) سچائي سڃاتي آهي ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏين ٿا ته، اي خدا! اسان (هن ڪلام تي) ايمان آندو آهي. تنهن ڪري اسان جا نالا به انهن ماڻهن سان گڏ لکي ڇڏ. جي (تنهنجي سچائيءَ جي) شاهدي ڏيڻ وارا آهن. (٨٤) ۽ (هو چون ٿا ته) اسان کي ڇا ٿي ويو آهي جو اسان الله تي ۽ انهيءَ ڪلام تي جو سچائيءَ سان اسان وٽ آيو آهي، ايمان نه آڻيون ۽ پنهنجي پروردگار ۾ اها اميد نه رکون ته هو اسان کي صالح ماڻهن جماعت ۾ داخل ڪري ڇڏي. (٨٥) پوءِ الله تعاليٰ هنن کي ائين چوڻ ۽ مڃڻ جي اجر ۾ (دائمي نعمتن جا) باغ عطا فرمايا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن جنتن ۾ رهندا اهوئي بدلو آهي جو نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ مقرر ڪيل آهي. (٨٦) پر جن ماڻهن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي (تڪبر ۽ حسد سببان) ڪوڙو ٺهرايو سي دوزخي آهن.

    رڪوع ١٢ آيت 87-تا-92
    رهبانيت يعني دنيا کي ترڪ ڪرڻ ۽ جائز نعمتون نه ماڻڻ جي روين کان منع. بڇڙي ڪم لاءِ جيڪو قسم کڻجي تنهن جو پابند نه ٿيڻ گهرجي پر ٽوڙي ڪفارو ڏيڻ گهرجي.
    (٨٧) مؤمنؤ! الله تعاليٰ جيڪي چڱيون شيون اوهان جي لاءِ حلال ڪيون آهن، انهن کي پاڻ تي حرام نه ڪيو ۽ (پاڻ کي روڪڻ ۾) حد کان ٻاهر نه وڃو. الله تعاليٰ انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. (٨٨) ۽ جيڪي جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي ڏنو آهي تنهن مان چڱيون ۽ حلال شيون بيشڪ کائو ۽ انهيءَ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو جنهن تي اوهان ايمان آندو آهي. (٨٩) الله تعاليٰ اوهان کان انهن قسمن بابت پڇاڻو يا سختي نه ڪندو جي خالي بڪواس ۽ بي معنيٰ آهن، پر انهن بابت باز پرس ڪندو جي ڄاڻي ٻجهي کنيا اٿو، پوءِ (جيڪڏهن اهڙو قسم ٽوڙڻو پوي ته) ان جو ڪفارو (عيوضو) آهي ڏهن مسڪينن کي ماني کارائڻ درمياني ماني جهڙي پنهنجي ٻارن ٻچن کي کارايو ٿا، يا (ڏهن مسڪينن کي) ڪپڙا پهرائڻ يا هڪڙو غلام آزاد ڪرڻ ۽ جيڪڏهن (انهن ٽن مان) ڪابه حاصل ٿي نه سگهي ته پوءِ لاڳيتا ٽي ڏينهن روزا رکجن. اهو توهان جي قسمن جو ڪفارو آهي، جي توهان (ڄاڻي ٻجهي) کنيا آهن. پر توهان کي گهرجي ته پنهنجي قسمن جي پوري نگهباني ڪيو (جيئن ٽوڙڻا نه پون) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ پنهنجون آيتون اوهان جي لاءِ چٽيون ڪري ٿو ڇڏي، انهيءَ لاءِ ته شڪرگذار رهو (۽ سندس هدايتن جو قدر ڪري انهن تي عمل ڪيو.) (٩٠) مؤمنؤ! بيشڪ شراب، جوا، باطل ديوتائن جا نشان (مثلاً پٿر) ۽ تيرن سان فال وجهڻ يا قسمت آزمائي ڪرڻ اهي سڀ شيطاني عملن جي گندگي آهن، تنهن ڪري انهن کان پري ڀڄو انهيءَ لاءِ ته ڪامياب ٿيو. (٩١) شيطان ته اهوئي چاهي ٿو ته شراب ۽ جوا جي وسيلي اوهان ۾ دشمني ۽ بغض پيدا ڪري ۽ اوهان کي خدا جي يادگيري ۽ نماز کان روڪي ڇڏي. پوءِ (ٻڌايو ته اهڙين بڇڙائين کان) باز ايندؤ يا نه؟ (٩٢) ۽ (ياد رکو) الله جي فرمانبرداري (ضرور) ڪيو ۽ الله جي رسول جي فرمانبرداري به ڪيو ۽ بڇڙاين کان بچندا رهو، پوءِ جيڪڏهن (ائين ڪرڻ کان) هٽي ويندؤ ته يقين ڄاڻو ته اسان جي پيغمبر جو ڪم ته اهي فقط پيغام پهچائڻ (عمل ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي. جهڙا عمل ڪندؤ تهڙا نتيجا ڏسندؤ). (٩٣) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون انهن (حرام ٿيڻ جي حڪم کان اڳي) جيڪي (حرام شيون) کاڌيون تن بنسبت مٿن گناهه ڪونهي، جڏهن ته هو (آئنده جي لاءِ) پرهيزگار ٿيا، ايمان آندائون ۽ صالح عمل ڪيائيون ۽ جڏهن ڪنهن ڳالهه کان کين روڪيو ويو ته رڪجي پيا ۽ (الله جي حڪم تي) ايمان آندائون ۽ چڱا ڪم ڪيائون، پوءِ به پرهيز ڪندا رهيا ۽ چڱايون ڪيائون (پوءِ بيشڪ هو صالح عمل ڪندڙ آهن) ۽ الله تعاليٰ چڱايون ڪندڙن کي حب ٿو ڪري.

    رڪوع ١٣ آيت 93-تا-100
    احرام جي حالت ۾ شڪار ڪرڻ کان منع
    (٩٤) مؤمنؤ! شڪار بابت جنهن (جانور) تائين توهان جا هٿ ۽ نيزا (هٿيار) پهچن، خدا ضرور اوهان جي (فرمانبرداريءَ جي) هڪ حد تائين آزمائش وٺندو، انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿئي ته ڪير الله تعاليٰ کان غائبانه ڊڄي ٿو (۽ جهنگلن ۽ ميدانن ۾ جتي ڪوبه انسان کيس ڪونه ٿو ڏسي ته به پنهنجو هٿ روڪي ٿو ۽ ڪير هٿ نٿو روڪي) پوءِ جيڪو به هن (حڪم ملڻ) کان پوءِ به حد کان ٻاهر ويندو تنهن جي لاءِ دردناڪ عذاب آهي. (٩٥) مؤمنؤ! جڏهن توهان احرام جي حالت ۾ آهيو تڏهن شڪار جي جانور کي نه ماريو، ۽ جيڪو توهان مان ڄاڻي ٻجهي ماري وجهي تنهن کي گهرجي ته ان جو عيوضو ڏئي. (۽ اهو عيوضو هي آهي ته) جهڙو جانور ماريو اٿس ان جهڙو گهرو جانور (ٻڪري، ڍڳو ۽ اٺ وغيره) ڪعبي ۾ پهچائي قرباني ڪري ۽ ٻه انصاف ڪندڙ امين فيصلو ڪن ته ڪهڙو جانور قربان ڪيو وڃي، يا ڪفارو ڏئي (۽ اهو هي آهي ته) مسڪينن کي (اوتري قيمت وارو) طعام کارائي يا وري انهن مسڪينن جي عدد جيترا روزا رکي، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ڪئي جي جزا چکي. هن (حڪم) کان اڳي جيڪي ٿي چڪو سو الله تعاليٰ معاف ڪري ڇڏيو آهي، پر جيڪو (آئنده) وري ائين ڪندو تنهن کان الله تعاليٰ (سندس نافرمانيءَ جو) بدلو وٺندو ۽ الله تعاليٰ (پنهنجي ڪمن ۾) قادر ۽ (هر عمل جو) بدلو وٺندڙ آهي. (٩٦) اوهان جي لاءِ درياهه ۽ سمنڊ جو شڪار ۽ کائڻ جون شيون (جي بنا شڪار جي هٿ اچن مثلاً مڇي، جا پاڻيءَ مان نڪري آيل هجي احرام جي حالت ۾ به) حلال آهن، انهيءَ لاءِ ته توهان کي به فائدو پهچي ۽ قافلو به فائدو وٺي. پر خشڪيءَ جو شڪار تيستائين توهان جي لاءِ حرام آهي جيستائين احرام جي حالت ۾ آهيو. پوءِ الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، ڇو ته (آخر) انهيءَ ڏانهن اوهان کي جمع ڪري آندو ويندو. (٩٧) الله تعاليٰ ڪعبي کي جو حرمت جو گهر آهي ماڻهن جي لاءِ (امن امان ۽ گڏ ٿيڻ کي) قائم رکڻ جو وسيلو ٺهرايو آهي، پڻ حرمت جي مهينن کي ۽ (حج جي) قرباني کي ۽ (قربانيءَ جي) انهن جانورن کي جن جي ڳچين ۾ (نشاني طور) ڪنڍيون وجهندا آهن (سو ڪعبي جي حرمت قائم رکو ۽ ڪعبي متعلق سڀني رسمن ۽ آدابن جي به حرمت قائم رکو) هي (سڀ) انهيءَ لاءِ آهي ته توهان کي معلوم ٿئي ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سڀ جو حال الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ۽ هر هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (٩٨) (يقين سان) ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن لاءِ) سخت سزا ڏيندڙ آهي، ۽ (ان سان گڏ) بخشيندڙ ۽ رحمت وارو به آهي. (٩٩) خدا جي رسول جي ذمي فقط هيءَ ڳالهه آهي ته هو (سندس) پيغام (ماڻهن کي) پهچائي. (عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ اوهان جو ڪم آهي) ۽ جيڪي توهان کليو کلايو ڪيو ٿا يا لڪي لڪي ڪيو ٿا سو سڀ خدا (چڱيءَ طرح) ڄاڻي ٿو. (١٠٠) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، پاڪ شيون ۽ گنديون شيون هڪ ٻئي جي برابر ٿي نه ٿيون سگهن اگرچه اوهان کي گندي شيءِ جو گهڻو هئڻ پسند اچي. پوءِ اي سمجهه وارؤ! الله (جي نافرمانيءَ جي نتيجن) کان ڊڄو، انهيءَ لاءِ ته (نقصان ۽ تباهيءَ جي بدران) ترقي ۽ ڪاميابي حاصل ڪيو.

    رڪوع ١٤ آيت 101-تا-108
    دين ۾ اجايا سوال ڪرڻ منع آهي
    (١٠١) مؤمنو! (اجايا ۽ اونها خيال پچائي) انهن شين بابت سوال نه پڇو جي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائجن ته توهان کي تڪليف ٿئي، جيڪڏهن انهن شين بابت سوال پڇو جن بابت جڏهن قرآن نازل ٿي رهيو آهي ته پوءِ توهان کي ظاهر ڪري ٻڌايو ويندو (پر توهان جي لاءِ چڱو نه ٿيندو هاڻي ته) الله تعاليٰ (اهو قصور) معاف ڪيو آهي (پر آئنده خيال رکو) ۽ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ بردبار آهي. (١٠٢) اوهان کان اڳي هڪڙي قوم (بني اسرائيل) اهڙا سوال پڇيا هئا، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو هو جو هو (خدا جي حڪمن جا ئي) منڪر ٿي پيا. (١٠٣) بحيره ۽ سائبه ۽ وصيله ۽ حام مان ڪابه ڳالهه خدا ڪا نه ٺهرائي آهي، پر جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي تن الله تي ڪوڙ هڻي ٺهرايون آهن. ۽ انهن ۾ گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جي بلڪل بي سمجهه آهن. (١٠٤) ۽ جڏهن انهن ماڻهن کي چيو وڃي ٿو ته انهيءَ ڳالهه تي اچو جا خدا نازل ڪئي آهي ۽ پڻ الله جي رسول طرف رجوع ڪيو تڏهن هو چون ٿا ته اسان جي لاءِ ته اهو طريقو ڪافي آهي، جنهن تي پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺوسين. (انهن کان پڇو ته) جيڪڏهن اوهان جا ابا ڏاڏا علم کان محروم هئا ۽ سڌيءَ واٽ تي هلندڙ نه هئا (تڏهن به اوهان انهن جي انڌي تقليد ڪندا رهندا ڇا؟) (١٠٥) مؤمنؤ! (ياد رکو) توهان تي فقط پنهنجي جان جي ذميواري آهي. (نڪي توهان ٻين جي ڪمن جا ذميوار آهيو نڪي ٻيا اوهان جي ڪمن جا) جيڪڏهن اوهان پاڻ سڌي رستي تي قائم رهندؤ ته ڪنهن ٻئي جو گمراهه هجڻ اوهان کي ڪجهه به نقصان پهچائي نه سگهندو (۽ آخر) اوهان سڀني کي الله ئي جي طرف موٽڻو آهي ۽ (انهيءَ ڏينهن) هو اوهان کي ٻڌائيندو ته اوهان ڪهڙا ڪهڙا ڪم (هن دنيا ۾) ڪيا. (١٠٦) مؤمنؤ! جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت جي گهڙي اچي وڃي (۽ وصيت ڪرڻ چاهي) ته وصيت جي وقت شاهديءَ لاءِ اوهان مان ٻه معتبر عادل ماڻهو شاهد ٿيڻ گهرجن، پر جيڪڏهن اوهان سفر ۾ هجو ۽ موت جي گهڙي پيش اچي وڃي (۽ مسلمان شاهد نه ملي سگهن) ته (مسلمان شاهدن جي بدران) غيرمسلم شاهد به ٿي سگهن ٿا. (پوءِ جيڪڏهن انهن شاهدن جي سچائيءَ ۾ ڪنهن طرح جو شڪ پئجي وڃي ته) انهن کي نماز بعد (مسجد ۾) روڪيو. هو الله جو قسم کڻي چون ته، اسان پنهنجو قسم ڪنهن به عيوضي لاءِ ڪونه وڪيو آهي. اگرچه (فائدو وٺندڙ) اسان جو ويجهو مائٽ هجي (ته به اسان ڪوڙ ڳالهائي قسم ڪونه ڀڃنداسين) اسان خدا ڪارڻ سچي شاهدي ڪڏهن به نه لڪائينداسين، جيڪڏهن اسان ائين ڪيون ته گناهه اسان تي آهي. (١٠٧) پوءِ جيڪڏهن معلوم ٿئي ته انهن ٻنهي شاهدن گناهه جو ڪم ڪيو آهي (۽ ڪوڙ ڳالهايو اٿن) ته پوءِ انهن جي جاءِ تي ٻيا ٻه شاهد انهن ماڻهن مان اٿي کڙا ٿين جن جو حق (پهرين) شاهدن مان هرهڪ دٻائڻ چاهيو هو، ۽ اهي (ٻيا) شاهد انهن مان هجن جي (مظلوم ڌر سان) ويجهڙائي رکندڙ هجن، پوءِ اهي ٻئي خدا جو قسم کڻي چون ته اسان جي شاهدي پهرين شاهدن جي شاهديءَ کان وڌيڪ سچي آهي. اسان شاهدي ڏيڻ ۾ ڪنهن به قسم جي زيادتي ڪانه ڪئي آهي. جيڪڏهن زيادتي ڪيون ته ظلم جو گناهه اسان جي گردن تي آهي. (١٠٨) هن طرح جي قسم مان وڌيڪ اميد رکي سگهجي ٿي ته شاهد سچي شاهدي ڏيندا يا (گهٽ ۾ گهٽ) هنن کي هن ڳالهه جو انديشو ٿيندو ته متان اسان جي قسمن کي ٻي ڌر جي قسمن بعد رد نه ڪيو وڃي. (بهرحال) الله (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄو ۽ سندس حڪم ٻڌو ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ نافرمانن لاءِ هدايت واري واٽ نٿو کولي.

    رڪوع ١٥ آيت 109-تا-115
    حضرت عيسيٰ جا معجزا، سندس حوارين يا صحابن جو عرض
    (١٠٩) جنهن ڏينهن الله تعاليٰ سڀني رسولن کي جمع ڪندو ۽ پڇندو ته، توهان کي (توهان جي قومن وٽان حق جي دعوت متعلق) ڪهڙو جواب مليو (يعني هنن ڪيتري قدر ان تي عمل ڪيو؟) تنهن ڏينهن هو چوندا ته اسان کي ته ڪجهه به خبر ناهي، فقط تون ئي آهين جو غيب جون خبرون چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهين. (١١٠) جڏهن (انهيءَ ڏينهن) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ بن مريم! مون توتي ۽ تنهنجي ماءُ تي جيڪي نعمتون ڪيون سي ياد ڪر، ڏس مون روح القدس (پاڪ روح يا پاڪ فرشتي) جي وسيلي توکي قوت ڏني. تون ماڻهن سان ننڍي عمر ۾ پينگهي ۾ به ڳالهائيندو هئين ۽ وڏي عمر ۾ به (ماڻهن کي وعظ نصيحت ڪندو هئين) مون توکي ڪتاب ۽ حڪمت (عقل) ۽ تورات ۽ انجيل سيکاريو هو، تون منهنجي حڪم سان مٽي کڻي پکيءَ جي شڪل جهڙي شيءِ ٺاهيندو هئين ۽ ان ۾ ڦوڪ ڏيندو هئين ۽ اها منهنجي حڪم سان پکي ٿي پوندي هئي. تون منهنجي حڪم سان انڌن ۽ ڪوڙهين کي چڱو ڀلو ڪندو هئين، منهنجي ئي حڪم سان تون مئلن کي موت جي حالت مان ٻاهر آڻيندو هئين، مون بني اسرائيلن جون شرارتون جي تنهنجي خلاف ڪندا هئا توکان روڪي ڇڏيون (۽ توکي نقصان پهچائي نه سگهيا) اهو زمانو اهو هو جڏهن تو (سچائيءَ جا) روشن دليل هنن جي آڏو پيش ڪيا هئا، ۽ انهن مان جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي تن چئي ڏنو ته (اهي معجزا ناهن) اها ظاهر ظهور جادوگري آهي. (١١١) ۽ (اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن مون تنهنجي حوراين (مڃيندڙن) تي الهام موڪليو هو ته مون تي ۽ منهنجي رسول (مسيح) تي ايمان آڻيو تڏهن هنن چيو ته، اسان ايمان آندو آهي ۽ (اي خدا!) تون شاهد رهه ته اسان مسلمان (يعني فرمانبردار ٻانها) آهيون. (١١٢) (۽ ڏسو جڏهن هيئن ٿيو هو جو) حوارين چيو هو ته، اي عيسيٰ ابن مريم! ڇا تنهنجو پروردگار ائين ڪري سگهي ٿو ته آسمان مان اسان ڏي هڪڙو دسترخوان نازل ڪري (يعني اسان جي غذا جي واسطي آسمان مان غيبي سامان پيدا ڪري ڏئي) تڏهن حضرت عيسيٰ فرمايو ته، خدا کان ڊڄو (اهڙي طلب نه ڪريو) جيڪڏهن توهان ايمان رکندڙ آهيو. (١١٣) هنن چيو ته، (اسان جو مطلب اهو ناهي ته الله جي قدرت جو امتحان وٺون پر) اسان چاهيون ٿا ته (اسان کي غذا ملي ۽) اسان ان مان کائون ۽ اسان جي دلين کي آرام اچي، ۽ اسان کي معلوم ٿئي ته تو جيڪي ٻڌايو سو سچ هو ۽ اسان ان تي شاهد ٿيون. (١١٤) (تنهن تي) عيسيٰ بن مريم دعا گهري ته اي الله سائين! اسان جا پروردگار! هڪڙو دستر خوان موڪل جو اسان جي لاءِ ۽ اسان جي اڳين ۽ پوين لاءِ عيد ٿئي ۽ تنهنجي طرف کان (تنهنجي فضل ۽ ڪرم جي) هڪ نشاني ٿئي. (اي خدا!) اسان کي رزق ڏي، تون سڀني کان بهتر روزي ڏيندڙ آهين. (١١٥) الله تعاليٰ فرمايو ته، مان توهان جي لاءِ دسترخوان موڪليندس، پر جيڪو شخص ان کان پوءِ به (حق جي راهه کان) انڪار ڪندو تنهن کي مان (بدعملن جي عيوض ۾) عذاب ڪندس ۽ عذاب به اهڙو جهڙو سڄي دنيا ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ڏنو ويندو.

    رڪوع ١٦ آيت 116-تا-120
    حضرت عيسيٰ ماڻهن کي ائين نه چيو هو ته منهنجي عبادت ڪيو
    (١١٦) ۽ (پوءِ ڇا ٿيندو جو) الله تعاليٰ فرمائيندو ته، اي عيسيٰ ابن مريم! تو ماڻهن کي چيو هو ڇا ته، الله کي ڇڏي مون کي ۽ منهنجي والده کي خدا سمجهو ۽ (اسان جي عبادت ڪيو). حضرت عيسيٰ (جواب ۾) عرض ڪندو ته، پاڪائي هجي تنهنجي مون کان ائين ڪيئن ٿي سگهندو جو اهڙي ڳالهه چوان جنهن جي چوڻ جو مون کي حق ئي ڪونهي. جيڪڏهن مان ائين چوان ها ته
    ضرور توکي خبر پوي ها. تون منهنجي دل جون ڳالهيون به ڄاڻين ٿو، پر مون کي تنهنجي ضمير جو علم ڪونهي، تون ئي آهين جو غيب جون سڀ ڳالهيون ڄاڻندڙ آهين. (١١٧) مان ته هنن کي فقط اها ڳالهه چئي جنهن جي چوڻ جو تو حڪم ڏنو هو، يعني ته الله جي بندگي ڪيو جو منهنجو ۽ اوهان جو پروردگار آهي، جيستائين مان انهن سان هيس تيستائين ته انهن جي حالت ڏسندو رهيس، پر جڏهن تو مون کي انهن مان کڻي ورتو تڏهن تون ئي انهن جو نگهبان هئين ۽ تون هر شيءِ کي ڏسندڙ ۽ ان جي نگهباني ڪندڙ آهين. (١١٨) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي عذاب ڏئين ته (تنهنجو ئي اختيار آهي ڇو ته) هو تنهنجا ئي (خلقيل) ٻانها آهن، ۽ جيڪڏهن هنن کي بخشي ڇڏين ته (اها بخشش ضرور مناسب هوندي ڇو ته) تون ئي سڀني تي غالب ۽ سڀني ڪمن ۾ حڪمت رکندڙ آهين. (١١٩) (پوءِ) الله تعاليٰ فرمائيندو ته اڄ اهو ڏينهن آهي جڏهن سچن انسانن کي انهن جي سچائي ڪم ايندي. انهن جي لاءِ باغ هوندا جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن، هو هميشه انهن باغن ۾ رهندا. الله تعاليٰ هنن کان راضي هوندو ۽ هو به الله تعاليٰ (جي رحمت) کان خوش هوندا. اهائي آهي (انسان جي لاءِ) سڀني کان وڏي ڪاميابي. (١٢٠) آسمانن جي ۽ زمين جي ۽ جيڪي به منجهن آهي تنهن سڀ جي بادشاهي فقط الله جي لاءِ آهي، ۽ هو هر شيءِ تي قادر آهي.


    سورت الانعام (انعام- ڍور ڍڳا)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع ٿا ڪيون الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-10
    قومون جن غرور ۽ تڪبر ڪيو ۽ ايمان ۽ عمل ڇڏي ڏنا، سي برباد ٿي ويون.
    (١) سڀ ڪامل ساراهه خاص الله جي لاءِ آهي، جنهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ اونداهيون ۽ روشني پڌري ڪئي، تنهن هوندي به (جي ماڻهو پنهنجي پروردگار کان) منڪر ٿي ويا آهن، سي (اوندهه ۽ روشني جي وچ ۾ فرق ڪري نٿا سگهن ۽ ٻين هستين کي) خدا جي برابر ٿا سمجهن (٢) اهوئي (خالق) آهي جنهن توهان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو ۽ پوءِ اوهان جي لاءِ (هن دنيا جي زندگيءَ جو) هڪ مدو ٺهرايو (عملن ڪرڻ لاءِ) ۽ هڪ ٻيو مدو به سندس علم ۾ مقرر ڪيل آهي (يعني قيامت جو وقت جڏهن دنيا ۾ ڪيل عملن جي نتيجن جو فيصلو ٿيندو)، تڏهن به توهان (حقيقتن تي غور نٿا ڪيو ۽ ان ۾) شڪ ٿا آڻيو. (٣) اهوئي الله آهي آسمانن ۾ به ۽ زمين ۾ به، توهان جون سڀ ڪنهن قسم جون ڳالهيون لڪل توڙي ظاهر سڀ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. توهان جيڪي به (چڱا يا برا ڪم) ڪيو ٿا سي به بخوبي ڄاڻي ٿو. (٤) ۽ (ڏسو) هنن جي پروردگار جي نشاني مان ڪا به نشاني ڪانهي جا هنن وٽ پهتي هجي ۽ هنن ان کان منهن نه موڙيو هجي. (٥) جيئن ته جڏهن سچائي وٽن آئي (يعني قرآن جي دعوت کين ملي) تڏهن هنن ان کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو. سو جنهن ڳالهه تي هو ٽوڪون ڪري کلي رهيا آهن، تنهن جي حقيقت هنن کي جلدئي معلوم ٿي ويندي. (٦) ڇا اهي ماڻهو نٿا ڏسن ته کانئن اڳي قومن جا ڪيترائي دور گذري چڪا آهن، جن کي اسان تباهه ڪري ڇڏيو، اِهي اُهي قومون هيون جن کي اسان اهڙو طاقتور ڪري ملڪن ۾ مضبوط ڪيو هو جهڙو توهان کي ڪونه ڪيو اٿئون. اسان هنن لاءِ آسماني برسات اهڙيءَ طرح موڪلي هئي جو هڪ ٻئي پٺيان وسندي رهندي هئي ۽ سندن آبادين جي هيٺان نهرون وهائي ڇڏيون هيون، پر ته به اسان (پنهنجي قانون موجب) انهن گناهن سببان کين برباد ڪري ڇڏيو ۽ انهن کان پوءِ ٻين قومن جا دؤر آنداسين. (٧) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اسان توتي هڪ ڪتاب ڪاغذ تي لکيل نازل ڪيون ها ۽ هي ماڻهو ان کي هٿ لائي ڏسن ها (ته سچ پچ ڪتاب آهي) ته به جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي، سي چون ها ته هي کلي کلائي جادوگريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. (٨) هيئن به چيائون ته، (جيڪڏهن هي شخص پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهي ته) هن وٽ فرشتو ڇو نٿو اچي (جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسون) پر جيڪڏهن اسان فرشتو موڪليون ها ته پوءِ سڀني ڳالهين جو فيصلو ٿي وڃي ها ۽ پوءِ هنن کي (ايمان آڻڻ يا نه آڻڻ لاءِ) مهلت ئي ڪانه ملي ها. (٩) ۽ جيڪڏهن ڪنهن فرشتي کي پيغمبر ڪري موڪليون ها ته ان کي به ته انسان جي صورت ۾ موڪليون ها. (ڇو ته فرشتا پنهنجي ملڪوتي حقيقت ۾ انسانن کي ڪيئن ڏسڻ ۾ ايندا) پوءِ جيئن هاڻي شڪ شبها آڻي رهيا آهن تيئن پوءِ به شڪن شبهن ۾ گرفتار ٿي وڃن ها (يعني هو چون ها ته هي ته ڏسڻ ۾ اسان جهڙوئي انسان آهي.) (١٠) ۽ (اي پيغمبر!) سچ آهي ته توکان اڳين رسولن تي به ٽوڪون ڪيون ويون هيون، (جيئن توتي ٽوڪون ڪيون وڃن ٿيون) پوءِ جن ماڻهن ٽوڪون ڪيون هيون تن تي انهيءَ ڳالهه جي ٽوڪ اچي مٿئون پئي، جنهن ڳالهه جي ٽوڪ ڪندا هئا، (يعني هو هن ڳالهه تي ٽوڪون ڪندا هئا ته بدعملن جو نتيجو نيٺ بد آهي، سو نيٺ پنهنجي بدعملن جي سزا پاتائون.)

    رڪوع ٢ آيت 11-تا-20
    ڪائنات جي خلقت ۽ خود انسان جي فطرت خدا جي وجود جي شاهدي ڏئي ٿي.
    (١١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، زمين تي گهمو ڦرو ۽ سير سفر ڪيو (اڳين قومن ۽ شهرن جا کنڊر ڏسو) ۽ معلوم ڪيو ته (پيغمبرن کي) ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ وارن جي پڇاڙي نيٺ ڪهڙي ٿي چڪي. (١٢) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو ڪنهن جو آهي ۽ ڪنهن جي لاءِ آهي؟ چئو ته الله جي لاءِ آهي. هن پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو آهي ته رحمت ڪري. (خلقت ۾ ڏسو ته ظاهر ظهور سندس رحمت ڪم ڪري رهي آهي) هو يقيناً اوهان کي قيامت جي ڏينهن هڪ هنڌ گڏ ڪندو. ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي، پر جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪري رهيا آهن، سي ايمان ڪونه آڻيندا. (١٣) ۽ (ڏسو) ته جيڪي به رات (جي اونداهيءَ) ۾ ۽ ڏينهن (جي روشنيءَ) ۾ رهندڙ آهي، سو سڀ سندس (يعني الله جي) لاءِ آهي، ۽ هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٤) (اي پيغبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته ڇا، جو خدا آسمان ۽ زمين جو پيدا ڪندڙ آهي تنهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجو نگهبان ۽ ڪارساز بنايان؟ اهوئي سڀني کي روزي رسائي ٿو، پر ڪوبه ڪونهي جو کيس روزي ڏيندڙ هجي (کيس ته روزي يا طعام جي ضرورت به ڪانهي) تون چئو ته، مون کي ته هي حڪم ڏنو ويو آهي ته خدا جي اڳيان جهڪڻ وارن ۾ پهريون جهڪڻ وارو ٿي ۽ مون کي چيو ويو آهي ته ائين نه ڪر جو مشرڪن مان هڪڙو ٿي پوين. (١٥) (اي پيغمبر!) تون چئو ته مان ڪيئن خدا جي نافرماني ڪيان؟ مان ته انهيءَ ڏينهن جي عذاب کان ڊڄان ٿو جو تمام وڏو ڏينهن آهي. (١٦) انهيءَ ڏينهن جنهن جي سر تان عذاب ٽري ويو تنهن تي خدا وڏو ئي رحم ڪيو ۽ (انسان جي لاءِ) وڏي ۾ وڏي ڪاميابي اهائي آهي. (١٧) ۽ (اي انسان) جيڪڏهن خدا توتي مصيبت آڻي ته ان کي ٽارڻ وارو ڪوبه ڪونهي، سواءِ سندس ذات جي ۽ جيڪڏهن هو توتي ڀلائي ڪري ته (کيس روڪڻ وارو ڪوبه ڪونهي) هو سڀ ڪنهن ڳالهه تي قادر آهي. (١٨) ۽ اهو ئي آهي جو پنهنجي سڀني بندن تي غالب آهي ۽ اهو ئي آهي جو حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي. (١٩) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته، اها ڪهڙي شيءِ آهي جنهن جي شاهدي سڀني کان وڏي شاهدي آهي؟ تون چئي ڏي ته (الله جي شاهدي وڏي آهي.) الله منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ شاهد آهي، مون تي هي قرآن انهيءَ لاءِ وحي طور نازل ڪيو ويو آهي ته ان جي وسيلي مان اوهان کي ۽ انهن کي جن وٽ اهو پهچي خبردار ڪيان. (هاڻي توهان کي ڇا چوڻو آهي؟) ڇا توهان شاهدي ڏيو ٿا ته خدا سان ٻيا ديوتائون به شريڪ آهن؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، مان ته اها شاهدي ڪونه ٿو ڏيان، ۽ چئو ته، فقط اهوئي اڪيلو معبود آهي (هن سان ڪوبه شريڪ ڪونهي ) ۽ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪيو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. (٢٠) جن ماڻهن کي مون ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ اهي حقيقت کان بي خبر ناهن) سي سندس سچائي (يعني اسلام جي پيغمبر جي سچائي) اهڙيءَ طرح سڃاڻن ٿا جهڙيءَ طرح پنهنجي اولاد کي سڃاڻن ٿا (پر) جن ماڻهن پنهنجو پاڻ کي تباهه ڪيو آهي سي ڪڏهن به ايمان آڻڻ وارا ناهن.

    رڪوع ٣ آيت 21-تا-30
    عيسائين رڳو ضد ۽ دشمنيءَ سبب ايمان نه آندو
    (٢١) ۽ (ڏسو) جنهن الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٺاهيو ۽ سندس آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تنهن کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير ٿي سگهي ٿو؟ يقين آهي ته ظلم ڪندڙ (يعني غلط راهه تي هلندڙ) ڪڏهن به ڪامياب ڪين ٿيندا. (٢٢) ۽ انهيءَ ڏينهن (جو اچڻ وارو آهي) اسان هنن سڀني کي اٿاري هڪ هنڌ گڏ ڪنداسين، پوءِ جن ماڻهن خدا سان ٻين کي شريڪ ڪيو هوندو تن کي اسان (يعني خدا) چونداسين، ته ٻڌايو ته ڪٿي آهن، توهان جا اهي (هٿراڌو ٺهرايل ديوتائون) شريڪ، جن بابت توهان اهو باطل عقيدو رکندا هئو؟ (٢٣) پوءِ انهيءَ وقت هو ڪابه ٻي شرارت نه ڪري سگهندا سواءِ هن جي جو چوندا ته قسم آهي الله جو جيڪو اسان جو پروردگار آهي ته اسان مشرڪ (شرڪ ڪندڙ) ڪونه هئاسين. (٢٤) ڏس ته ڪيئن نه پنهنجو پاڻ تي ڪوڙ هڻڻ لڳا آهن ۽ جيڪي ٺاهه (هن دنيا ۾) ٺاهيا هئائون سي ڪيئن نه کانئن ڀڄي ويا آهن. (٢٥) ۽ (ڏسو) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ظاهري طرح، حق جي ڪلام) ٻڌڻ لاءِ تنهنجي طرف ڌيان ڏين ٿا، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) اسان هنن جي دلين تي اهڙا پردا چاڙهي ڇڏيا آهن، جو ان ڳالهه کي سمجهي نٿا سگهن ۽ هنن جي ڪنن ۾ اهڙو روڳ پيل آهي جو ٻڌي به نه ٿا سگهن، (ضد ۽ تعصب ڪرڻ وارن جو حال اهوئي ٿيندو آهي تنهن ڪري) اگرچه هو (سچائي جي) هرهڪ نشاني ڏسن تڏهن به هو ان ۾ ايمان آڻڻ وارا ناهن، ايتري قدر (ضدي آهن) جو جڏهن هو تو وٽ اچن ٿا تڏهن توسان جهڳڙا ۽ بحث ڪن ٿا، پوءِ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چوڻ لڳن ٿا ته هي ته اڳين ماڻهن جون (پراڻيون) آکاڻيون آهن (جي هميشه ٻڌندا آيا آهيون.) (٢٦) ۽ اهي ماڻهو قرآن مجيد (جي ٻڌڻ) کان ٻين کي به روڪين ٿا ۽ پاڻ به پري ڀڄن ٿا ۽ هو (ائين ڪرڻ سان ٻين جو نقصان ڪونه ٿا ڪن پر) پاڻ کي ئي ٿا تباهه ڪن، پر ڇا (ڳالهه آهي) جو (نڀاڳن کي) اها خبر ئي نه ٿي پوي. (٢٧) ۽ (اي انسان!) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين ان وقت ڏسين جڏهن هو دوزخ جي باهه جي ڪناري تي کڙا ڪيا ويندا ۽ پوءِ چوندا ته هاءِ هاءِ! شال ائين ٿئي جو وري دنيا ۾ اسان کي موٽايو وڃي ۽ اسان پنهنجي پروردگار جي آيتن کي رد نه ڪيون ۽ انهن مان ٿيون جي ايمان وارا آهن. (٢٨) (اهو سچي دل جو ارمان نه هوندو) بلڪ (هن ڪري هوندو جو) جيڪي هو اڳي لڪائيندا هئا، (يعني دل جو روڳ) تنهن جو بدلو هنن تي ظاهر ٿي پيو (۽ ان کان بچڻ لاءِ پشيماني ظاهر ڪرڻ لڳا) جيڪڏهن هنن کي وري دنيا ۾ موٽائي آندو وڃي ته وري به انهيءَ (ڪفر ۽ بدعملن) ۾ پئجي ويندا، جنهن کان هنن کي روڪيو ويندو هو ۽ هن ۾ شڪ ئي ڪونهي ته هو (پشيماني ظاهر ڪرڻ ۾) ڪوڙا هوندا. (٢٩) ۽ هو چون ٿا ته، زندگي اهائي آهي جا هن دنيا جي زندگي آهي ۽ اسان (مرڻ بعد) وري اٿڻ وارا ناهيون. (٣٠) ۽ (اي انسان!) توکي ڏاڍو جيڪر عجب لڳي جيڪڏهن تون کين انهيءَ حالت ۾ ڏسين جڏهن هو (قيامت جي ڏينهن) پنهنجي پروردگار جي سامهون کڙا ڪيا ويندا. ان وقت خدا کانئن پڇندو ته، هي (مرڻ کان پوءِ وري اٿڻ) پر حق ناهي؟ هو چوندا ته، قسم آهي اسان کي پنهنجي پروردگار جو ته بيشڪ (وري اٿڻ) برحق آهي، تنهن تي الله تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو (دنيا ۾ قيامت متعلق) انڪار ڪندا رهيؤ، تنهن ڪري هاڻي ان جي بدلي ۾ عذاب جو مزو چکي وٺو.
    رڪوع ٤ آيت 31-تا-41
    جيڪي حقيقتون ۽ نشانيون ڏسي نٿا سگهن سي مئل آهن
    (٣١) يقيناً اهي ماڻهو نقصان ۽ تباهيءَ ۾ پيا جن (مرڻ بعد) خدا وٽ پيش ٿيڻ کي ڪوڙ سمجهيو، تان جو جڏهن (موت جي) گهڙي اوچتو انهن تي اچي پوندي، تڏهن چوندا ته، افسوس! انهيءَ تي آهي جيڪو هن باري ۾ اسان جو قصور ٿيو، اهي انهيءَ وقت پنهنجي گناهن جو بار پٺين تي کڻي هلندا. سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بار آهي، جو هو (پنهنجي پٺين تي) وجهي رهيا آهن. (٣٢) ۽ دنيا جي زندگي ته ڪجهه به ناهي، پر (هڪ طرح جو) کيل ۽ تماشو آهي (ڇو ته ان ۾ مهلت ٿوري آهي) جيڪي ماڻهو پرهيزگار ۽ نيڪ عمل ڪندڙ آهن تن جي لاءِ آخرت جو گهر بهتر آهي. (افسوس!) توهان (ايتري ڳالهه به) نٿا سمجهو. (٣٣) (اي پيغمبر!) اسان کي معلوم آهي ته توکي هن ڳالهه جو ڏاڍو غم ۽ ڏک آهي جو هو (انڪار ۽ دشمني جون) ڳالهيون چئي رهيا آهن، حقيقت هيءَ آهي ته هو توکي ڪوڙو نه ٺهرائي رهيا آهن، پر اهي ظالم (ڄاڻي ٻجهي) الله جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رهيا آهن. (٣٤) (هيءَ حقيقت آهي ته) توکان اڳي به رسولن کي ڪوڙو ٺهرايو ويو ۽ هنن کي جو ماڻهن ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايذاءَ ۽ تڪليفون ڏنيون، تنهن تي هنن صبر ڪيو ۽ (پنهنجي ڪم ۾ ثابت قدم رهيا). تانجو اسان جي مدد کين پهچي وئي، ۽ (ياد رکو ته الله تعاليٰ جو هي قانون آهي ته) ڪوبه ڪونهي جو سندس (ٺهرايل) لفظن ۽ حڪمن کي بدلائڻ وارو هجي، ۽ توکي ته رسولن جي خبرن مان گهڻيون ئي ڳالهيون پهچي به چڪيون آهن. (٣٥) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هنن ماڻهن جو منهن موڙڻ (ايمان نه آڻڻ) توکي ڏکيو ٿو لڳي ته (جيڪي ڪري سگهين سو ڪر، هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا) جيڪڏهن توکان ٿي سگهي ته زمين جي اندر سرنگهه ڳولي لهه (۽ ان ۾ گهـڙي وڃ) يا آسمان ۾ ڏاڪڻ ڳولي لهه (۽ ان تي چڙهي وڃ) ۽ اهڙيءَ طرح هڪڙي نشاني آڻي هنن کي ڏيکار (ته به هو ڪونه مڃيندا). جيڪڏهن خدا چاهي ها ته سڀني کي حق جي دين تي جمع ڪري ها (پر خدا جو قانون اهو ناهي) تنهن ڪري تون انهن منجهان نه ٿيءُ جن کي (حقيقت جو علم ڪونهي ۽) جاهل آهن. (٣٦) تنهنجي سڏ جو جواب فقط اهي ڏيئي سگهندا جي (دل سان) ٻڌندا، پر جيڪي مئلن وانگر آهن (تن ۾ ٻڌڻ جي اميد نه رک) انهن کي ته الله تعاليٰ (قبرن مان) اٿاريندو ۽ اهي (نيٺ) الله تعاليٰ ڏانهن موٽايا ويندا. (٣٧) ۽ هو چون ٿا ته ڇو هن (رسولﷺ) تي سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (معجزو) نازل نه ٿيو آهي؟ (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته خدا کي بيشڪ اها قدرت آهي جو ڪا نشاني نازل ڪري، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جو (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن. (٣٨) ۽ زمين ۾ ڪوئي به چرندڙ جانور ۽ هوا ۾ پرن سان اڏامندڙ ڪوبه پکي اهڙو ڪونهي جو توهان وانگر جماعتون يا ٽوليون رکندڙ نه هجي، (يعني اهي به گڏجي رهن ٿا ۽ گڏجي گذران جو بندوبست ڪن ٿا) ڏسو اسان پنهنجي ڪتاب ۾ ڪابه شيءِ ڇڏي نه ڏني آهي ، (يعني هر مخلوق جي لاءِ جيڪي به هئڻ گهرجي سو سڀ اسان لکي ڇڏيو آهي، يعني ٺهرائي ڇڏيو آهي). پوءِ سڀني کي (آخر) پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ گڏ ڪيو ويندو. (٣٩) ۽ (ڏسو) جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو سي (گويا) ٻوڙا گونگا اونداهين ۾ گم آهن، خدا جنهن به انسان متعلق چاهي تنهن کي (ڪاميابي جي) واٽ کان پري ڪري ڇڏي ۽ جنهن لاءِ چاهي تنهن کي ڪاميابي جي سڌي واٽ تي لڳائي ڇڏي. (الله تعاليٰ هن باري ۾ جو قانون ٺاهيو آهي ان کي ڪوبه بدلائي نٿو سگهي. اهو قانون هي آهي ته جيڪو پنهنجو عقل ۽ سمجهه نٿو هلائي ۽ تڪبر ۽ ضد کان حق جو ڪلمون ٻڌڻ کان انڪار ٿو ڪري سو ڪڏهن به سڌي واٽ تي نه ايندو.) (٤٠) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان تي خدا جو عذاب اچي وڃي يا (موت جي) گهڙي مٿئون اچي بيهي، ته ان وقت به توهان خدا کان سواءِ ٻين کي (مدد لاءِ پڪاريندؤ؟ (جواب ڏيو) جيڪڏهن توهان سچا آهيو. (٤١) نه نه! توهان انهيءَ ئي الله کي پڪاريندؤ ۽ جيڪڏهن هو چاهيندو ته توهان جي مصيبت لاهي ڇڏيندو ۽ ان وقت انهن کي وساري ڇڏيندؤ جن کي توهان (خدا سان) شريڪ ڪندا هئو.

    رڪوع ٥ آيت 42-تا-50
    جاهل پنهنجي پيغمبرن ۽ ڀلارن ماڻهن کي الوهيت جي درجي تي پهچائيندا آهن
    (٤٢) ۽ (اي پيغمبر هي حقيقت آهي ته) بيشڪ جيڪي امتون توکان اڳي ٿي گذريون آهن تن ڏي اسان (پنهنجا رسول) موڪليا ۽ انهن کي (پنهنجي ٺهرايل قانون موجب) سختي ۽ تڪليف ڏني، انهيءَ لاءِ ته (بدعملي ڦٽي ڪن ۽ خدا جي درگاهه ۾) عاجزي نياز ۽ زاري ڪن. (٤٣) پوءِ (غور ڪيو ته) ائين ڇو نه ٿيو جو جڏهن اسان جي طرف کان هنن تي سختي آئي تڏهن توبه زاري ڪن؟ هن ڪري جو هنن جون دليون سخت ٿي ويون هيون، ۽ جيڪي بدعمليون هو ڪندا هئا سي شيطان هنن جي نظر ۾ وڻندڙ ۽ سهڻيون ڪري ڏيکاريندو هو. (٤٤) پوءِ جڏهن هيئن ٿيو جو جيڪا نصيحت هنن کي ڏني ويئي هئي تنهن کي وساري ڇڏيائون، تڏهن اسان (ظاهر ظهور) هنن لاءِ هر طرح (جي خوشحالين) جا دروازا کولي ڇڏيا. ايتري حد تائين جو اسان جي ڏنل نعمتن تي خوشيون ملهائڻ لڳا، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان هنن کي (سندن بدعملن سبب) پڪڙ ڪئي ۽ ڏسو هو نا اميدين ۾ رهجي ويا. (٤٥) پوءِ ڏسو ته جنهن قوم ظلم ڪيا تنهن جون اسان پاڙون ئي پٽي ڇڏيون، بيشڪ سڀ ساراهه انهيءَ الله جي لاءِ آهي جو سڀني جهانن جو پروردگار آهي. (٤٦) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن الله تعاليٰ اوهان جا ڪن ۽ اکيون کسي وٺي ۽ اوهان جي دلين تي (يعني عقل ۽ سمجهه تي) مهر لڳائي ڇڏي ته پوءِ سواءِ هن جي ٻيو ڪهڙو معبود آهي جو اوهان کي اهي موٽائي ڏئي سگهي؟ ڏسو ته ڪيئن اسان قسم قسم جي نمونن سان پنهنجون آيتون چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا. تڏهن به اهي ماڻهو منهن ڦيرائي ڇڏين ٿا. (٤٧) (کين) چئو ته، توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن اوهان تي خدا جو عذاب اوچتو اچي ڪڙڪي يا (اطلاع بعد) ظاهر ٿي اچي ته پوءِ ظالم قوم کان سواءِ ٻي به ڪا قوم ٿي سگهي ٿي، ڇا جا تباهه ڪئي ويندي؟ (يعني فقط ظالم قوم کي تباهه ڪيو ويندو) (٤٨) اسان پنهنجي رسولن کي فقط هن لاءِ موڪليندا آهيون ته (ايمان ۽ عمل جي برڪتن جي) خوشخبري ٻڌائين ۽ (انڪار ۽ بدعملي جي بد نتيجن کان) خبردار ڪن. پوءِ جنهن به ايمان ۽ يقين آندو ۽ پاڻ کي سڌاريائين تنهن جي لاءِ نڪي ڪنهن طرح جو انديشو هوندو، نڪي ڪنهن طرح جو غم هوندو. (٤٩) پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو تن کي سندن نافرماني ۽ بدعملن سببان عذاب وڪوڙي ويندو. (٥٠) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي) چئو ته، مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته، غيب جو علم رکندڙ آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو توهان کي چوان ته مان (انسان ناهيان پر) فرشتو آهيان، منهنجي حيثيت ته فقط هيءَ آهي ته مان انهيءَ ئي ڳالهه تي عمل ڪيان ٿو جا خدا مون کي وحي جي وسيلي ٻڌائي آهي. (۽ انهيءَ ئي طرف اوهان کي به سڏيان ٿو پوءِ) انهن کان پڇ ته، ڇا اهو جو انڌو آهي (حقيقت ۽ وحي کي نٿو سڃاڻي) ۽ اهو جو ڏسندڙ آهي (جو وحي جي روشنيءَ کي ڏسي ٿو) اهي ٻئي برابر ٿي سگهن ٿا؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر ئي نٿا ڪريو؟

    رڪوع ٦ آيت 51-تا-55
    رهبرن کي گهرجي ته سڌاري لاءِ وعظ ۽ نصيحت جو ڪم گهڻي قدر انهن ماڻهن ۾ ڪن جيڪي ايمان ڏي مائل هجن، توڙي جو هو مسڪين ۽ بي طاقت هجن.
    (٥١) (اي پيغمبر!) تون (انهن منڪرن کي جيڪي مڃڻ وارا ناهن ڇڏي ڏي ۽) انهن ماڻهن کي خبردار ڪر جيڪي (آخرت جي زندگيءَ ۾ ايمان رکن ٿا ۽) ڊڄن ٿا ته سندن پروردگار جي حضور ۾ کين حاضر ڪيو ويندو (۽ ايمان ۽ عمل جي نه هئڻ جي حالت ۾ کين عذاب ڪيو ويندو) ۽ انهيءَ ڏينهن سواءِ الله جي هنن جو نه ڪوئي مددگار هوندو، نه سفارش ڪرڻ وارو. (اهڙن ئي ماڻهن کي واعظ نصيحت ڪر) عجب ناهي ته هو متقي (پرهيزگار ۽ نيڪ ڪردار) ٿي پون. (٥٢) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي جي صبح شام خدا کي پڪارين ٿا ۽ کانئس دعا گهرن ٿا ۽ سندس راضپو چاهين ٿا تن کي پاڻ وٽان تڙي نه ڪڍ. انهن جي ڪمن جي جوابداري تنهنجي ذمي ناهي، نڪي تنهنجي جوابداري هنن جي ذمي آهي، جو (انهيءَ خيال کان) هنن کي تڙي ڪڍين. جيڪڏهن ائين ڪندين ته ظلم ڪندڙن منجهان ٿيندين. (٥٣) ۽ (ڏسو) هن طرح اسان (ماڻهن کي مختلف حالتن ۾ رکي) ڪن ماڻهن کي ٻين ماڻهن متعلق آزمايون ٿا جو ڪي ماڻهو (شاهوڪار ۽ طاقت وارا غريبن کي ڏسي) چوڻ لڳا آهن ته ڇا هي (حقير) ماڻهو اهي آهن جن کي خدا پنهنجي انعامن ۽ نعمتن لاءِ اسان مان چونڊيو آهي؟ (اي تڪبر ڪندڙ شاهوڪارؤ!) ڇا خدا (توهان کان) بهتر ڄاڻندڙ ناهي؟ ته ڪهڙا ماڻهو (سندس نعمتن، خصوصاً هدايت جو) قدر ڪندڙ آهن. (٥٤) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن اهي ماڻهو تو وٽ اچن جن اسان جي آيتن تي ايمان آندو آهي، تڏهن تون (مٿن مهربان ٿي ۽) چئو ته اوهان تي سلام هجي، توهان جي پروردگار پنهنجي مٿان رحمت لازم ڪري ڇڏي آهي. توهان منجهان جيڪڏهن ڪوئي اڻ ڄاڻائيءَ کان ڪا برائي ڪري وجهي ۽ پوءِ توبه ڪري (يعني آئنده اها برائي نه ڪري) ۽ پاڻ کي سڌاري ته پوءِ (خدا جي رحمت کان نااميد نه ٿيو) بيشڪ هو غفور ۽ رحيم آهي. (٥٥) ۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح کولي کولي پنهنجون آيتون بيان ڪيون ٿا ۽ هن لاءِ (بيان ڪيون ٿا ته) گنهگار جي واٽ چٽي ظاهر ٿي پوي (۽ سچن جي راهه جهڙي ڏسڻ ۾ نه اچي).

    رڪوع ٧ آيت 52-تا-60
    منڪر رڳو وهم ۽ گمان تي هلن ٿا، پر رسولن جي تعليم دليلن سان آهي.
    (٥٦) (اي پيغمبر! حق جي منڪرن کي) چؤ ته، مون کي هن ڳالهه کان منع ڪيل آهي ته مان انهن (ديوتائن) جي بندگي ڪيان جن کي توهان خدا کي ڇڏي پڪاريو ٿا. (پڻ کين) چؤ ته مان ڪڏهن به اوهان جي نفساني خواهشن تي ڪونه هلندس. جيڪڏهن مان ائين ڪيان ته پوءِ ته گمراهه ٿي ويس ۽ انهن ۾ نه رهيس جي سڌي واٽ تي هلڻ وارا آهن. (٥٧) چئو ته، بلاشڪ مان پنهنجي پروردگار وٽان مليل روشني ۽ دليل تي آهيان، ۽ اوهان ان (حقيقت) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي. (هاڻي فيصلو الله تعاليٰ جي هٿ ۾ آهي. توهان چئو ٿا ته فيصلو هڪدم ڇو نٿو ٿئي سو) جنهن فيصلي لاءِ توهان تڪڙ لڳائي ڏني آهي، سو منهنجي اختيار ۾ ناهي. حڪم فقط الله جو آهي. اهوئي حق جون ڳالهيون بيان ڪري ٿو ۽ اهوئي سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. (٥٨) تون چئي ڏي ته جنهن ڳالهه جي توهان تڪڙ مچائي ڏني آهي سا منهنجي هٿ ۾ هجي ها ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ فيصلو ڪڏهن جو ٿي وڃي ها. (پر الله تعاليٰ پنهنجي قانون مطابق سڀ ڪنهن ڳالهه لاءِ وقت ٺهرايو آهي) ۽ الله تعاليٰ ظلم ڪندڙن جي حالت چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آهي. (غافل ناهي پاڻهي جلد اوهان جو فيصلو ڪندو). (٥٩) هن وٽ ئي غيب جون ڪنجيون آهن (يعني غيب جي خزانن جو مالڪ آهي) ان کي خود خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبه ڪونه ٿو ڄاڻي. جيڪي خشڪيءَ تي آهي ۽ جيڪي سمنڊن ۾ آهي تنهن سڀ جو علم رکندڙ آهي، وڻن مان ڪو پن به نٿو ڪري ۽ زمين جي اندر گهپ اونداهين ۾ ڪو داڻو به نه ٿو ڦٽي جنهن کي هو نٿو ڄاڻي. ڪوئي آلو تازو يا سڪل ميوو نٿو ڪري جو سندس ڪتاب ۾ چٽو لکيل ناهي. (٦٠) ۽ (ڏسو) اهوئي خدا آهي جو رات جي وقت اوهان کي (ننڊ جو) موت ڏئي ٿو ۽ جيڪي جيڪي خيال اوهان ڏينهن جي وقت پچايا سي به چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. پوءِ (صبح جو) ڏينهن ٿيڻ تي اوهان کي اٿاري کڙو ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته (زندگيءَ جو) ٺهرايل مدو پورو ٿئي، پوءِ (نيٺ) توهان سڀ خدا طرف موٽايا ويندؤ، جيڪي جيڪي (عمل) توهان ڪيا آهن انهن جي حقيقت هو اوهان کي ٻڌائيندو.

    رڪوع ٨ آيت 61-تا-70
    انسان جي هيءَ فطرت آهي ته مصيبت ۾ خدا کي پڪاري ٿو ۽ مصيبت لهڻ بعد وري گمراهه ٿي ٿو وڃي.
    (٦١) ۽ هو (الله تعاليٰ) پنهنجي بندن تي غالب آهي ۽ هو اوهان تي حفاظت ڪندڙ (قوتون) موڪلي ٿو. تانجو جڏهن اوهان مان ڪنهن تي موت اچي ٿو تڏهن سندس موڪليل (فرشتا) هن جو ساهه ڪڍن ٿا ۽ هو (اسان جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا ۽ ان ۾) ڪنهن به طرح جو قصور نٿا ڪن. (٦٢) پوءِ سڀ بندا خدا جي طرف موٽايا ويندا جو سندن حقيقي مالڪ آهي. ياد رکو ته حڪم سندس ئي آهي ۽ حساب وٺندڙن ۾ ڪوبه کانئس تڪڙو ڪونهي. (٦٣) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي بيابانن ۽ سمنڊن جي اونداهين مان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو ۽ جنهن جي درگاهه ۾ آهي ۽ زاري ڪيو ٿا ۽ دل جو دل ۾ مخفي طرح دعائون گهرو ٿا. (۽ چئو ٿا ته) جيڪڏهن خدا اسان کي هن مصيبت مان ڇوٽڪارو ڏئي ته پوءِ اسان (ڪڏهن به خدا کي نه وسارينداسين) ضرور شڪر گذار بندا ٿي رهنداسين. (٦٤) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله ئي آهي جو اوهان کي انهيءَ بلا کان ۽ هر طرح جي مصيبت کان ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، پر توهان تنهن هوندي به ساڻس (ٻين کي) شريڪ ڪيو ٿا. (٦٥) (اي پيغمبر! کين) چئو ته، هن کي اها قدرت آهي جو اوهان تي مٿان (آسمان مان) ڪو عذاب پيدا ڪري يا هيئن ڪري جو توهان پارٽيون بنجي هڪ ٻئي سان وڙهي پئو ۽ هڪڙي پارٽي ٻئي پارٽيءَ جي ڏاڍائي ۽ ظلم جو مزو چکي. سو ڏسو ته اسان ڪهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان پنهنجون آيتون بيان ٿا ڪيون ته من هو سمجهن. (٦٦) ۽ (اي پيغمبر!) تنهنجي قوم ان (قرآن مجيد) کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي، حالانڪ اهو بلڪل حق آهي. (پوءِ کين) چئو ته، (ڀلي رد ڪيو، نقصان توهان جو آهي) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان. (٦٧) سڀ ڪنهن خبر جي واسطي هڪ ٺهرايل وقت آهي (۽ ان وقت ان جي حقيقت معلوم ٿي وڃي ٿي) توهان کي به جلد ئي معلوم ٿي ويندو. (٦٨) ۽ جڏهن توهان اهڙن ماڻهن کي ڏسو جيڪي اسان جي آيتن بابت (شرارت ڪري) بيهودي بڪواس ڪن ٿا تڏهن توهان انهن کان پاسو ڪري هليا وڃو، جيستائين هو ڪنهن ٻيءَ ڳالهه تي غور ۽ خوض ڪرڻ لڳن (پوءِ ڀلي وٽن ويهو ۽ بحث ۾ شامل ٿيو) ۽ جيڪڏهن شيطان اوهان کان هيءَ (ڳالهه) وسارائي ڇڏي ته يادگيري اچڻ بعد اهڙي قوم (جي مجلس) ۾ نه ويهو جا ظلم ڪندڙ آهي. (٦٩) ۽ جيڪي ماڻهو پرهيزگار آهن تن تي اهڙن ماڻهن جي ڪمن جي ڪابه ذميواري ڪانهي، جيڪي انهن جي ذمي آهي سو هي آهي ته پاڻ نصيحت وٺن، انهيءَ لاءِ ته (براين کان) بچن. (يا انهن کي واعظ ۽ نصيحت ڪندا رهن ته من اهي پرهيزگار ٿين.) (٧٠) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين کي کيل تماشو کڻي بنايو آهي ۽ دنيا جي زندگي کين ٺڳي ڇڏيو آهي، تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي ۽ قرآن مجيد جي وسيلي واعظ نصيحت ڪندو رهه. ائين نه ٿئي جو ڪوئي انسان پنهنجي بدعملي سببان تباهيءَ ۾ ڇڏيو وڃي. (ڇو ته جيڪڏهن بدعملن سببان تباهيءَ ۾ پوندو ته) پوءِ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو سندس مددگار ٿئي،يا سندس سفارش ڪري هن کي بچائي وٺي جيترو به عيوضو ٿي سگهي ٿو، اهو سڀ ڏئي ته به ان کان نه ورتو ويندو، (ڇو ته فديو يا عيوضو بدعملي جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي) هي اهي ماڻهو آهن جي پنهنجي بدعملين سببان تباهيءَ ۾ وڌا ويا آهن، هنن کي ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ ڪفر ڪرڻ جي سزا ۾ کين دردناڪ عذاب ملندو.

    رڪوع ٩ آيت 71-تا-82
    فطرت ۾ نظام، ترتيب، عدل ۽ جمال آهي.
    (٧١) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا اسان خدا کي ڇڏي انهن (ديوتائن يا بتن) کي پڪاريون جي (پاڻ بيوس آهن ۽) نڪي اسان کي فائدو پهچائي سگهن ٿا، نڪي نقصان؟ ۽ توڙي خدا اسان کي (حق پرستيءَ جي) سڌي واٽ ڏيکاري آهي تڏهن به (گمراهيءَ جي طرف) پٺئين پير ڦري هليا وڃون؟ ۽ اسان جو مثال انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي پوي جنهن کي شيطان بيابان ۾ واٽ ڀلائي ڇڏي هجي ۽ حيران پريشان ٿي (هيڏي هوڏي ڀٽڪي) رهيو هجي ۽ سندس سنگتي هن کي واٽ جي طرف سڏيندا رهن (۽ چوندا هجن ته ڪاڏي گم ٿي ويو آهين) هيڏي اسان ڏي اچ؟ (اي پيغمبر!) تون چئو ته، فقط خدا جي ڏسيل واٽ ئي حق جي واٽ آهي ۽ اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته سڀني جهانن جي پروردگار جي اڳيان فرمانبرداريءَ جو سر جهڪايون. (٧٢) اسان کي هي پڻ حڪم ڏنو ويو آهي ته نماز قائم ڪيو ۽ (هر حال ۾) خدا (جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄندا رهو ۽ آخر انهيءَ ئي جي طرف توهان کي جمع ڪري موٽايو ويندو. (٧٣) ۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي علم ۽ حقيقت سان پيدا ڪيو (يعني مصلحت ۽ حڪمت سان بنايو) ۽ (سندس قدرت ته ڏسو جو) جنهن ڏينهن هو چئي ڏيئي ته ٿي پؤ ته (سندس مرضي موجب) ائين ئي ٿي پوي ٿو. سندس قول حق آهي (يعني علم، حقيقت ۽ حڪمت وارو آهي) ۽ جنهن ڏينهن صور ۾ ڦوڪ ڏني ويندي (۽ قيامت جو اعلان ٿيندو) تنهن ڏينهن (ڪُليءَ طرح) سندس ئي بادشاهي هوندي (يعني انهيءَ ڏينهن انسان يا شيطان ڪجهه به ڪري نه سگهندو) هو ئي ڳجهه ۽ ظاهر جو ڄاڻندڙ آهي ۽ هوئي حڪمت وارو ۽ سڀ خبر رکندڙ آهي. (٧٤) ۽ (ڏسو) حضرت ابراهيم پنهنجي پيءُ آزر کي چيو ته ڇا توهان (پٿر جي) بتن کي معبود ڪري ٿا مڃو؟ مان يقين سان سمجهان ٿو ته تون ۽ تنهنجي قوم کليل ۽ چٽي گمراهي ۾ مبتلا آهيو. (٧٥) ۽ اهڙيءَ طرح اسان ابراهيم کي آسمانن جي ۽ زمين جي بادشاهت جا جلوا ڏيکاري ڇڏيا، انهيءَ لاءِ ته هو يقين رکڻ وارن مان ٿي پوي. (٧٦) پوءِ جڏهن هن تي رات جي اونداهي اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو تارو (زهرو آسمان ۾ چمڪندو) ڏٺو. هن چيو ته، هي منهنجو پروردگار آهي، (جنهن جي بندگي سڀ ماڻهو ڪن ٿا) پر جڏهن اهو تارو لهي ويو تڏهن چيائين ته مان انهن شين کي پسند نٿو ڪريان جي گم ٿي ٿيون وڃن. (٧٧) پوءِ جڏهن چنڊ چمڪندو اڀريو تڏهن ابراهيم چيو ته هي منهنجي پروردگار آهي، پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته جيڪڏهن منهنجو پروردگار مون کي واٽ نه ڏيکاري هجي ها ته مان ضرور انهيءَ قوم منجهان ٿيان ها جي سڌي واٽ ڀلجي پري نڪري ويا آهن. (٧٨) پوءِ جڏهن (حضرت ابراهيم) سج اڀرندو ڏٺو تڏهن چيائين ته هي منهنجو پروردگار آهي، هي سڀني کان وڏو آهي. پر جڏهن اهو به لهي ويو تڏهن چيائين ته اي منهنجي قوم! توهان جن کي خدا سان شريڪ ٺهرايو ٿا تن کان مان بيزار آهيان. (٧٩) مون هر طرف کان منهن موڙي فقط انهيءَ هستيءَ ڏي پنهنجي رخ ڪيو آهي جو (بنايل ناهي پر) آسمان ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي (۽ جنهن جي حڪم ۽ قانون تي آسمان ۽ زمين جي سڀ مخلوقات هلي رهي آهي) ۽ مان انهن مان نه آهيان جي ساڻس شريڪ ٿا ٺهرائين. (٨٠) ۽ (پوءِ) حضرت ابراهيم سان سندس قوم بحث مباحثو ڪيو. حضرت ابراهيم فرمايو ته، ڇا توهان مون سان الله جي باري ۾ رد ڪد ٿا ڏيو. هن ته پاڻ مون کي حق جي واٽ ڏيکاري آهي. (توهان مون کي باطل ديوتائن جو ڊپ ٿا ڏياريو پر ياد رکو) ته جن کي توهان خدا جو شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بلڪل ڪونه ٿو ڊڄان. مان ڄاڻان ٿو ته منهنجو پروردگار جيستائين مون کي نقصان پهچائڻ نه چاهي تيستائين مون کي ڪوبه نقصان پهچائي نٿو سگهي. منهنجي پروردگار پنهنجي علم سان سڀني شين کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. پوءِ ڇا (ايتري چٽائي هوندي به) نصيحت نٿا وٺو. (٨١) ۽ (ڏسو) مان انهن کان ڪيئن ڊڄندس جن کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي. جڏهن ته توهان هن ڳالهه کان نٿا ڊڄو جو خدا سان ٻين کي شريڪ ٿا ڪيو جنهن لاءِ توهان تي ڪابه سند يا دليل نازل نه ٿيو آهي. (ٻڌايو ته) اسان ٻنهي فريقن (جماعتن) مان ڪنهن جي واٽ امن امان واري واٽ آهي. (ٻڌايو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه به علم آهي. (٨٢) جن ماڻهن (خدا تي) ايمان آندو، ۽ پنهنجي ايمان کي ظلم (شرڪ) سان بگاڙي نه ڇڏيو تن جي لاءِ ئي امن امان آهي ۽ اهي ئي صحيح راهه تي آهن.

    رڪوع ١٠ آيت 83-تا-90
    خدا اهڙا سچا مؤمن پيدا ڪندو جيڪي انهيءَ راهه جي پيروي ۽ حفاظت کي پنهنجي ذمي کڻندا
    (٨٣) ۽ (ڏسو) هيءَ اسان جي حجت (دليل) آهي جا اسان حضرت ابراهيم کي سندس قوم لاءِ ڏني هئي. اسان جنهن جو درجو ۽ مان بلند ڪرڻ چاهيون ٿا تنهن کي (علم ۽ دليل جي معرفت سان) بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ يقيناً تنهنجو پروردگار حڪمت ڏيڻ وارو ۽ علم عطا ڪرڻ وارو آهي. (٨٤) ۽ اسان ابراهيم کي اسحاق ۽ (اسحاق جو پٽ) يعقوب ڏنا. اسان انهن سڀني کي سڌي واٽ ڏيکاري ۽ ابراهيم جي نسل مان دائود، سليمان، ايوب، يوسف، موسيٰ ۽ هارون کي به (اسان اهائي سڌي واٽ ڏيکاري) اسان اهڙيءَ طرح سان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عملن جو) بدلو ڏيون ٿا. (٨٥) ۽ زڪريا، يحيٰ، عيسيٰ ۽ الياس کي (به اسان سڌي واٽ ڏيکاري) جو اهي سڀ صالح انسانن منجهان هئا. (٨٦) ۽ پڻ اسماعيل، اليَسَعَ، يونس ۽ لوط کي، جو اسان انهن سڀني کي دنيا وارن تي بهتري ۽ فضيلت ڏني. (٨٧) ۽ سندن ابن ڏاڏن، سندن اولاد ۽ سندن ڀائرن مان به ڪيترن ئي کي (اسان انهيءَ ئي راهه تي هلايو) انهن سڀني کي اسان شرف لاءِ چونڊيو هو ۽ (فلاح ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي انهن کي لڳايو هو. (٨٨) اها الله جي هدايت آهي پنهنجي بندن مان جنهن کي چاهي تنهن کي ان جي وسيلي روشني ڏيکاري ٿو ڇڏي. جيڪڏهن هي ماڻهو (توحيد جي راهه ڦٽي ڪري) شرڪ ڪن ها ته سندن ساري ڪئي ڪمائي ضايع ٿي وڃي ها. (٨٩) (اي پيغمبر!) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن کي اسان ڪتاب ۽ حڪومت ۽ نبوت عطا فرمائي، پوءِ جيڪڏهن هي (عرب جا مشرڪ) انهيءَ نعمت کان انڪار ٿا ڪن (ته ڀلي ڪن، سندن انڪار مان ڪجهه ڪين بگڙندو) اسان ان جي (پيروي ۽ حفاظت) اهڙي جماعت جي حوالي ڪئي آهي جا سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ واري ناهي، (يعني مهاجر ۽ انصار). (٩0) (اي پيغمبر!) هي اهي ماڻهو آهن جن کي خدا حق جي واٽ ڏيکاري ڇڏي، پوءِ تون به انهن جي راهه جي پيروي ڪر، تون چئي ڏي ته مان هن (رهنمائي) لاءِ ڪوئي بدلو ۽ فائدو ڪونه ٿو گهران. اها (رهنمائي) سواءِ هن جي ڪجهه ناهي ته سڄي دنيا جي لاءِ نصيحت آهي.

    رڪوع ١١ آيت 91-تا-94
    وحي جي منڪرن کي جواب
    (٩١) ۽ جڏهن انهن ماڻهن چيو ته خدا ڪنهن به انسان تي ڪجهه به نازل نه ڪيو آهي، تڏهن هنن خدا جي خدائيءَ جو اهو قدر نه ڪيو جو ڪرڻ گهرجي. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، ڀلا ڪنهن اهو ڪتاب نازل ڪيو جو حضرت موسيٰ کڻي آيو ۽ جو ڍڳ بنائي ماڻهن کي ڏيکاريندا آهيو ۽ (انهيءَ جي حڪمن مان) گهڻيون ئي ڳالهيون لڪائيندا آهيو ۽ پڻ (جنهن ڪتاب جي وسيلي) توهان کي اهي ڳالهيون سيکاريون ويون جي توهان اڳي نه ڄاڻندا هئو نه توهان جا ابا ڏاڏا، تون کين چئو ته الله (نازل ڪيو) ۽ پوءِ انهن کي سندن باطل خيالن ۾ ڇڏي ڏي ته ڀلي (پنهنجي اجاين ڳالهين ۾) کيل تماشو ڪندا رهن. (٩٢) ۽ (ڏسو) هي ڪتاب (قرآن) آهي، جنهن کي اسان (تورات وانگر) نازل ڪيو ۽ برڪت وارو آهي ۽ جيڪو (ڪتاب) اڳي (نازل ٿيو آهي) تنهن جي تصديق ڪندڙ آهي ۽ اهو (قرآن) هن لاءِ اسان نازل ڪيو ته تون مڪي جي ماڻهن کي ۽ انهن کي جي ان جي چوگرد آباد آهن، خبردار ڪرين، سو جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين رکن ٿا سي ان تي ايمان به آڻين ٿا ۽ پنهنجون نمازون به قائم ڪن ٿا. (٩٣) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير آهي جو خدا تي ڪوڙ هڻي هٿراڌو ڳالهه ٺاهي يا چوي ته مون تي وحي آيو آهي ۽ حقيقت ۾ هن تي ڪوبه وحي نه آيو آهي. ۽ پڻ انهيءَ کان (وڌيڪ ظالم ڪير آهي) جو (وحي جي مخالفت ڪري) چوي ته، مان به اهڙي ڳالهه نازل ڪري ڏيکاريندس جهڙي خدا نازل ڪئي آهي ۽ (اي پيغمبر!) تون جيڪر عجب کائين جيڪڏهن ظالمن کي انهيءَ حالت ۾ ڏِسين جڏهن هو موت جي سڪرات ۾ هوندا ۽ ملائڪ (هنن جو ساهه ڪڍڻ لاءِ) هٿ ڊگها ڪندا (۽ چوندا ته) پنهنجا روح (پنهنجي جسم مان) ٻاهر ڪيو. اڄ جو ڏينهن اهو ڏينهن آهي جو جيڪي تهمتون توهان خدا تي ڌريندا هئو ۽ سندس آيتن کي تڪبر سببان رد ڪندا هئو، تنهن جي عيوض ۾ توهان کي خوار خراب ڪندڙ عذاب ڏنو وڃي. (٩٤) ۽ (پوءِ خدا فرمائيندو ته) ڏسو آخر توهان مون وٽ اڪيلا اچي ويؤ، جهڙيءَ طرح توهان پهريائين اڪيلا پيدا ڪيا ويا هئو، ۽ جيڪي جيڪي (رزق) توهان کي (دنيا ۾) ڏنو هوم اهو سڀ پٺيان ڦٽي ڪري آيا آهيو. (اڄ) اسان توهان وٽ اهي هستيون نٿا ڏسون جن کي توهان شفاعت جو وسيلو سمجهيو هو ۽ جن متعلق اوهان جو خيال هو ته اوهان جي ڪمن ۾ هو خدا جا شريڪ آهن. اوهان جا سڀ لاڳاپا ٽٽي ويا ۽ جيڪي جيڪي خيال توهان رکندا هئو سي سڀ اوهان کان پري ڀڄي ويا.

    رڪوع ١٢ آيت 95-تا-100
    فطرت مان وحي ۽ الله تعاليٰ جي ربوبيت جو دليل
    (٩٥) (ڏسو) هي الله ئي (جي ڪارسازي) آهي، جو هو (ٻج جي) داڻي ۽ کارڪ جي ککڙيءَ کي (جا زمين ۾ پوي ٿي) ڦوڙي وجهي ٿو (۽ هڪ خشڪ داڻي يا ککڙيءَ مان جيئرو ۽ ڦل ڏيندڙ وڻ پيدا ٿي پوي ٿو) هو زندهه کي مئل مان ڪڍي ٿو ۽ اهوئي آهي جو مئل کي زندهه مان ڪڍندڙ آهي. اهوئي (پروردگار ۽ حڪيم) خدا آهي پوءِ (افسوس! اوهان جي عقل تي) توهان ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهيو. (٩٦) (رات جي پردي کي ڦاڙي چاڪ ڪري) صبح کي ظاهر ڪندڙ (اونداهيءَ کي روشنيءَ ۾ بدلائيندڙ، اهوئي پروردگار آهي) جنهن رات کي (اوهان جي لاءِ) آرام ۽ فرحت جو سامان بنايو، ۽ سج ۽ چنڊ (جي اڀرڻ لهڻ ۽ گردش مان وقت، ڏينهن، مهينا ۽ سالن جو) حساب جو معيار بنجي ويا. (ممڪن ناهي جو هڪ منٽ يا سيڪنڊ جي به گهٽتائي يا وڌائي ٿئي) هي انهيءَ ئي جو ٺهرايل اندازو آهي، جو سڀني تي غالب آهي ۽ سڀ علم رکندڙ آهي. (٩٧) ۽ هو اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان جي لاءِ تارا بنايا ته بيابانن ۽ سمنڊ جي اونداهين ۾ انهن جي نشانين سان واٽ لهو، بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي علم رکندڙ آهن پنهنجي (ربوبيت ۽ رحمت جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن. (٩٨) ۽ (وري ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي، جنهن اوهان کي هڪ نفس (جان) مان پيدا ڪيو (۽ وڌايو) پوءِ توهان جي لاءِ قرار (يڪجا بيهڻ) جي جاءِ آهي (يعني ماءِ جو پيٽ) ۽ حوالي ڪرڻ جي جاءِ آهي (يعني مرڻ واري جاءِ) بيشڪ جي ماڻهو سمجهه رکن ٿا تن جي لاءِ اسان پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪيون آهن. (٩٩) ۽ (ڏسو) اهوئي (پروردگار) آهي جو آسمان مان پاڻي وسائي ٿو ۽ پوءِ ان سان هر طرح جا گاهه ٻوٽا پيدا ڪري ٿو. پوءِ انهن ٻوٽن مان سايون سايون ٽاريون نڪري اچن ٿيون ۽ ٽارين مان داڻا ظاهر ٿين ٿا. هڪ داڻي سان ٻيو داڻو مليو پيو آهي ۽ (اهڙيءَ طرح) انگورن، زيتونن ۽ ڏاڙهن جا باغ پيدا ڪيائين، شڪل ۾ هڪ جهڙا به ۽ هڪ ٻئي کان مختلف ۽ الڳ الڳ به. انهن جي ميون کي ڏسو ته جڏهن وڻ ميوو ڪري ٿو (تڏهن ڪيئن نه ٽارين مان ۽ ٻور مان عجب نمونن سان نڪري ٿو ۽ مقرر انتظار سان درجي بدرجي وڌي ٿو ۽ پچي ٿو) ۽ وري انهن جي پچڻ کي ڏسو (ته ڪيئن شڪل، رنگ، خوشبو ۽ ذائقي ۾ عجيب عجيب قسم جا اختلاف پيدا ٿين ٿا) بيشڪ جيڪي ماڻهو يقين رکندڙ آهن، انهن جي لاءِ هن ڳالهه ۾ (ربوبيت جون) وڏيون نشانيون موجود آهن. (١٠٠) ۽ (ڏسو ته تنهن هوندي به) هنن ماڻهن خدا سان جنن کي (طاقت ۽ تصرف ۾) شريڪ ٺهرايو آهي، اگرچه (هو مڃن ٿا ته سڄي مخلوقات وانگر) هنن کي به خدا تعاليٰ ئي پيدا ڪيو آهي ۽ هنن ماڻهن علم جي روشني نه هئڻ سببان خدا جي لاءِ پٽ ۽ ڌيئرون به ٺهرايون آهن. پاڪائي هجي خدا جي! سندس ذات ته انهن سڀني ڳالهين کان پاڪ آهي جي ڳالهيون سندس متعلق بيان ڪن ٿا.

    رڪوع ١٣ آيت 101-تا-110
    ماڻهن جي ديوتائن کي گاريون نه ڏيو، متان هو به بي سمجهيءَ کان خدا کي
    گهٽ وڌ ڳالهائين.
    (١٠١) هو (الله) آسمانن ۽ زمين جو ايجاد ڪندڙ آهي (يعني بنا ڪنهن اڳوڻي مثال جي ۽ بنا ڪنهن به شيءِ جي موجود هئڻ جي پنهنجي خالص علم۽ قدرت سان زمين ۽ آسمان پيدا ڪيائين) هي ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هن کي ڪوئي پٽ هجي، جڏهن ته هن کي ڪا زال ئي ڪانهي. هن ئي سڀ شيون پيدا ڪيون ۽ هو هر شيءِ جو علم رکندڙ آهي. (١٠٢) اهوئي الله اوهان جو پروردگار آهي، ڪوبه ٻيو معبود ڪونهي، پر هو پاڻ سڀني شين جو پيدا ڪندڙ آهي. تنهن ڪري فقط، انهيءَ جي بندگي ڪيو ۽ هر شيءِ سندس حوالي آهي. (١٠٣) هن کي نگاهون نظرون نه ٿيون ڏسي يا لهي سگهن، پر هو سڀني نگاهن کي ڏسي رهيو آهي، هو تمام باريڪ شيون به ڏسي سگهي ٿو ۽ ڪامل طرح باخبر آهي. (١٠٤) (ڏسو) توهان جي پروردگار وٽان توهان وٽ علم ۽ دليل جون روشنيون اچي ويون آهن، (جهل اڻ ڄاڻائي جو ڪوبه عذر هاڻي باقي نه رهيو) پوءِ جيڪو ڏسندو ۽ سمجهندو ته (ان جو فائدو) خود انهيءَ لاءِ ئي آهي، ۽ جيڪو (اکين هوندي) انڌو ٿي ويندو ته ان جو وبال انهيءَ جي سر تي پوندو. ۽ (اي پيغمبر! تون چئي ڏي ته) مان توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان جون اکيون کوليان). (١٠٥) ۽ (ڏسو) اسان اهڙيءَ طرح قسمن قسمن جي طريقن سان آيتون بيان ڪيون ٿا (انهيءَ لاءِ ته حجت ۽ دليل پورو ٿئي) ۽ هن لاءِ ته توکي هو چئي ڏين ته تو (حق جي بيان ڪرڻ ۾ ڪابه گهٽتائي نه ڪئي سڀ ڪجهه) پڙهي ٻڌايو ۽ پڻ هن لاءِ جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ (حق جا دليل) روشن ڪري ورتا. (١٠٦) (اي پيغمبر!) تنهنجي پرودگار جي طرف کان جيڪو وحي توتي نازل ٿيو آهي، تنهن جي پيروي ڪر، ڇو ته کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (تنهن ڪري فقط سندس ئي حڪمن جي تعميل ڪر ۽ سندس حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به ڳالهه نه مڃ) ۽ مشرڪن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي. (١٠٧) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته (بيشڪ کيس هيءَ قدرت هئي ۽ آهي ته سڀني انسانن کي اهڙي طرح خلقي ها جو سڀ هڪ ئي راهه تي هلڻ وارا هجن ها ۽) هي ماڻهو شرڪ نه ڪن ها (پر الله جي مرضي هيءَ هئي ته سڀ ڪو پنهنجي سمجهه هلائي ۽ پنهنجي سمجهه موجب عمل ڪري تنهن ڪري تنهنجو ڪم آهي فقط نصيحت ڏيڻ ۽ راهه ڏيکارڻ تون زور سان کين راهه تي هلائي نٿو سگهين) اسان نڪي توکي هنن تي نگهبان ڪري رکيو آهي. نڪي هنن جي ذميواري تنهنجي حوالي آهي (جو هنن جي نه مڃڻ ۽ عملن نه ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهين). (١٠٨) ۽ (اي مسلمانو!) جيڪي ماڻهو خدا کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن (جي ديوتائن) کي گاريون نه ڏيو جو وري هو به حد کان ٻاهر لنگهي بي سمجهيءَ کان خدا کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳن. اسان اهڙيءَ طرح هر ڪنهن قوم لاءِ سندس عمل چڱا ۽ سهڻا بنايا آهن (يعني جيڪي ماڻهو غلط ۽ بد ڪم ڪن ٿا تن کي به پنهنجا ڪم صحيح ۽ سٺا ڏسڻ ۾ اچن ٿا) پوءِ آخر سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏانهن موٽڻو آهي. ان وقت هو انهن سڀني کي سندن عملن جي حقيقت کولي ڏيکاريندو جيڪي عمل هو (دنيا ۾) ڪندا رهيا آهن. (١٠٩) ۽ اهي (حق جا منڪر) خد جا سخت قسم کڻي چون ٿا ته جيڪڏهن ڪا نشاني (يا معجزو) کين ڏيکاريو وڃي ته پوءِ هو ضرور ان تي ايمان آڻيندا. (اي پيغمبر!) تون کين چئي ڏي ته نشانيون ته فقط الله وٽ آهن (ڪنهن به بندي جي اختيار ۾ ناهن) ۽ (اي مسلمانو!) توهان کي (انهن ماڻهن جي حال جي) ڪهڙي خبر؟ جيڪڏهن کين نشانيون به ڏيکاريون وڃن ته به هو هرگز ايمان ڪين آڻيندا. (١١٠) اسان هنن جي دلين ۽ اکين کي اونڌو ۽ ابتو ڪري ٿا ڇڏيون (ڇو ته سمجهه نه هلائڻ وارن لاءِ اسان جو اهوئي قانون آهي) جو هنن اول کان ئي (هٺ ۽ دشمنيءَ سبب) قرآن (جي ٻڌڻ ۽ سمجهڻ) کان انڪار ڪيو ۽ اسان هنن کي ڇڏي ٿا ڏيون ته ڀلي پنهنجي سرڪشين ۾ ڀٽڪندا رهن.

    حصو اٺون
    رڪوع ١٤ آيت 111-تا-121
    هروڀرو ائين ناهي ته جيڪڏهن گهڻا ماڻهو ڪنهن راءِ يا راهه تي قائم آهن ته اهي حق تي آهن.
    (١١١) ۽ (يقين ڄاڻو ته) جيڪڏهن اسان هنن (ڪافرن) ڏي فرشتا موڪليون ۽ (قبرن مان) مردا (اٿي) ساڻن ڳالهائين ۽ جيتريون به شيون (دنيا ۾) آهن، اهي سڀ سندن اڳيان کڙيون ڪيون تڏهن به هو اهڙا ناهن جو ايمان آڻين، سواءِ هن جي جو خود خدا جو اهڙو حڪم يا مرضي هجي، پر هنن مان گهڻا جاهل آهن جي (اها حقيقت) نٿا ڄاڻن. (١١٢) ۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح اسان هرهڪ نبيءَ جي لاءِ (جڏهن هن ماڻهن کي حق جي دعوت ڪئي) انسانن ۽ جنن مان جيڪي شيطان هئا تن کي (انهيءَ نبي جو) دشمن ڪيو. جي شيطان پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خالي ڏيکاءُ جون سهڻيون ڳالهيون سيکاريندا هئا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي ٺڳي گمراهه ڪن ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته (ائين ڪري سگهي ها جو) هو دشمني نه ڪن ها (پر الله جي حڪمت جو فيصلو ئي اهو آهي ته هتي دنيا ۾ روشنيءَ سان گڏ اونداهي ۽ حق سان گڏ باطل به هجي) پوءِ (اي پيغمبر! هنن جي مخالفت کان دل شڪستو نه ٿيءُ ۽) کين سندن ڪوڙن ٺاهڻ جي مشغولين ۾ ڇڏي ڏي. (١١٣) ۽ (اهي دشمن اهڙيون ڳالهيون هن لاءِ سيکارين ٿا) ته جيڪي ماڻهو آخرت ۾ يقين نٿا رکن تن جون دليون (ٺڳيندڙ ڳالهيون ٻڌي) انهن جي طرف جهڪي پون ۽ انهن جون ڳالهيون پسند ڪن ۽ جهڙا بدعمل اهي (شيطان) پاڻ ڪن ٿا تهڙا هوبه ڪرڻ لڳن. (١١٤) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کان پڇ ته) ڇا (توهان هي ٿا چاهيو ته) مان (اوهان جي ۽ پنهنجي وچ ۾) فيصلو ڪرڻ لاءِ خدا کان سواءِ ٻيو جج ڳوليان؟ حالانڪ اهوئي آهي جنهن اوهان تي هي ڪتاب نازل ڪيو آهي. جو کولي کولي (ڳالهيون) ٻڌائڻ وارو آهي، ۽ (ڏسو) جن ماڻهن کي (توهان کان اڳي) اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا ته قرآن اوهان جي پروردگار جي طرف کان سچائيءَ سان نازل ٿيو آهي. پوءِ انهن ماڻهن مان نه ٿيو جي (خدا جي فيصلي بابت) شڪ آڻيندڙ آهن. (١١٥) ۽ (ياد رکو ته) توهان جي پروردگار جو قول سچائي ۽ عدل سان پورو ٿيندو. سندس قول (يا قانون) کي بدلائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. هو سڀ ڪجهه ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١١٦) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن جو چوڻ مڃين جي اڄ روءِ زمين تي سڀني کان گهڻا آهن ته اهي توکي خدا جي راهه کان ڀٽڪائي ڇڏيندا (ڇو ته اهي سڀ گمراهه ٿيل آهن.) اهي فقط گمان جي پيروي ڪري رهيا آهن ۽ فقط شڪ ۽ گمان ۾ ڪوڙيون ڳالهيون ۽ خيال ٺاهي رهيا آهن. (١١٧) بيشڪ تنهنجو پررودگار ئي هي ڳالهه بهتر ڄاڻندڙ آهي، ته ڪير سندس راهه کان هٽي گمراهه ٿي ويو آهي ۽ ڪير آهن جن حق جي واٽ لڌي آهي. (١١٨) پوءِ (گمراهن جي وهمن ۽ گمانن جي پيروي نه ڪيو ۽ جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو بيشڪ کائو جيڪڏهن توهان خدا جي آيتن تي ايمان رکو ٿا. (١١٩) ۽ توهان کي ڪهڙي ڳالهه روڪي ٿي ته جنهن (جانور) تي خدا جو نالو ورتو ويو آهي، سو نه کائو (۽ مشرڪن جي وهمن جي اثر هيٺ اچو)؟ حالانڪ جيڪي اوهان لاءِ حرام ڪيو ويو آهي سو خدا کولي کولي بيان ڪري ڇڏيو آهي، پر مجبوريءَ جي حالت توهان کي ڪجهه (حرام) کائڻ تي مجبور ڪري ته پوءِ توهان تي گناهه ڪونهي، ۽ گهڻا ئي ماڻهو اهڙا آهن جي علم کان سواءِ فقط پنهنجي نفساني خواهشن کان ماڻهن کي ڀلائين ٿا. (تون اي پيغمبر ! ڄاڻ ته) تنهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو جي (حدن کان ٻاهر لنگهي) زيادتي ڪندڙ آهن. (١٢٠) ۽ (ڏسو) ظاهري گناهه هجي توڙي لڪل گناهه هجي، هر حال ۾ گناهه جون ڳالهيون ۽ عمل ترڪ ڪري ڇڏيو. جيڪي ماڻهو گناهه ڪمائين ٿا سي (ماڻهن کان کڻي ڪيترو به لڪائين پر) جيڪي به ڪن ٿا تنهن جو بدلو ضرور کين ملندو. (١٢١) ۽ جنهن جانور تي خدا جو نالو نه ورتو ويو آهي، تنهن جو گوشت نه کائو. ان مان کائڻ بيشڪ نافرماني آهي. ۽ (ڏسو) شيطان ته پنهنجي ساٿين جي دلين ۾ وسوسا وجهندا رهن ٿا، انهيءَ لاءِ ته توهان سان ڪج بحثي ڪن (يعني ڏنگا ڦڏا دليل ڏين) جيڪڏهن توهان انهن جو چوڻ مڃيو ته پوءِ سمجهو ته توهان شرڪ ڪرڻ وارن سان ٿي پيؤ.

    رڪوع ١٥ آيت 122-تا-129
    ايمان زندگي آهي ۽ علم ۽ بصيرت جي روشني آهي.
    (١٢٢) پوءِ ڇا اهو ماڻهو جو مئل هو ۽ اسان هن کي جيئرو ڪيو ۽ اسان هن جي لاءِ نور ٺهرايو جنهن جي روشنيءَ سان ماڻهن ۾ (بي ڊپائيءَ سان) گهمي ڦري، سو انهيءَ ماڻهو جهڙو ٿي سگهي ٿو، جو اونداهين ۾ غلطان آهي ۽ انهن مان ٻاهر نڪرڻ جي واهه ئي ڪانهيس؟ (هرگز هڪ جهڙو ٿي نٿو سگهي. سو ڏسو ته جهڙيءَ طرح هڪ شخص اونداهين ۾ غلطان هوندي پنهنجي حالت تي راضي رهي ٿو) تهڙيءَ طرح ڪافرن جي نظر ۾ اهي ئي ڳالهيون سهڻيون ۽ چڱيون لڳن ٿيون جيڪي هو ڪندا رهن ٿا (دلين تي مهر ۽ ڪنن تي پردو ائين ٿو چڙهي). (١٢٣) ۽ (ڏسو جهڙيءَ طرح مڪي جا سردار حق جي دعوت جي مخالفت ڪن ٿا) تهڙيءَ طرح هرهڪ ڳوٺ ۾ ان ڳوٺ جي بدڪار ماڻهن جا سردار بنايا ويا آهن، انهيءَ لاءِ ته اتي اهي مڪر ۽ فريب جو ڄار پکيڙين. (يعني اسان جي ٺهرايل قانون مطابق سوسائٽي يعني گڏجي رهندڙ ماڻهن جي حالت ئي ائين آهي) ۽ حقيقت ۾ اهي سردار پاڻ سان ئي مڪر ۽ فريب ٿا ڪن پر کين اها خبر ڪانه ٿي پوي. (١٢٤) ۽ جڏهن هنن وٽ (سچائي جي) ڪا نشاني اچي ٿي تڏهن چون ٿا ته اسان هرگز تيستائين ايمان نه آڻينداسين جيستائين اسان کي اهڙي ئي ڳالهه (معجزو) نه ملي جهڙي الله جي رسولن کي ملي هئي. (حالانڪ) الله ئي بهتر ڄاڻندڙ آهي ته ڪٿي ۽ ڪهڙيءَ طرح پنهنجا پيغمبر موڪلي ۽ ڪهڙيءَ طرح اهي رسالت جا فرض ادا ڪن. جي ماڻهو (حقيقت کان منهن موڙڻ جو) گناهه ڪن ٿا تن کي جلد خدا جي حضور ۾ خواري ۽ ڌڪار نصيب ٿيندي ۽ جيڪي مڪاريون هو ڪندا رهيا آهن تن جي عيوض ۾ کين سخت عذاب ملندو. (١٢٥) پوءِ جنهن جي لاءِ خدا چاهي ٿو ته کيس (سعادت ۽ ڪامراني جي) راهه تي لڳائي تنهن جو سينو اسلام جي لاءِ کولي ٿو ڇڏي. ۽ جنهن لاءِ (سچائيءَ جي) واٽ گم ڪرڻ چاهي ٿو، تنهن جي سيني کي اهڙيءَ طرح تنگ ۽ بند ڪري ٿو ڇڏي جو ڄڻ ته اڀ ڪپري مٿاهينءَ ڏي چڙهي رهيو آهي (۽ دم گهٽجي رهيو اٿس) اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي عذاب ڪري ٿو جي (خد جي سچائيءَ تي) ايمان نٿا رکن. (١٢٦) ۽ هي (اسلام جي راهه) توهان جي پروردگار جي (ڏيکاريل) سڌي راهه آهي. بيشڪ اسان انهن ماڻهن جي لاءِ جي نصيحت تي ڌيان ڏيڻ وارا آهن (حق جي راهه جون) نشانيون کولي کولي بيان ڪري ڇڏيون آهن. (١٢٧) انهن ئي ماڻهن جي لاءِ (جن خدا جي ڏيکاريل سڌي واٽ تي قدم کنيو) سندن پروردگار وٽ سلامتي ۽ عافيت جو گهر آهي، ۽ جيڪي (نيڪ) عمل هو ڪري رهيا آهن ۽ ڪندا رهندا تن سببان هو (الله تعاليٰ) هنن جو مددگار ۽ رفيق آهي. (١٢٨) ۽ (ڏسو) جنهن ڏينهن خدا هنن سڀني کي (پاڻ وٽ) گڏ ڪندو (تڏهن فرمائيندو ته) اي جنن (يعني شيطانن) جي ٽولي توهان ته انسان مان وڏو تعداد (پنهنجي وسوسن وجهڻ سان پاڻ سان شامل ڪري ورتو، ۽ انسانن مان جيڪي ماڻهو سندن ساٿي ٿيا ۽ شامل ٿي رهيا سي (انهيءَ ڏينهن حقيقت ڏسي مجبور ٿي) چوندا ته اي پروردگار! (دنيا ۾) اسان هڪ ٻئي کان (گمراهي ۽ شرارت جي ڪمن ۾) فائدو وٺندا رهياسين. (يعني گمراهه انسانن شيطانن جو هٿ ورتو ۽ شيطانن انسانن جو هٿ ورتو) ۽ (آخر) ميعاد (اجل) جي انهيءَ منزل تائين پهچي وياسين جا تو اسان جي لاءِ مقرر ڪئي هئي (هاڻي فيصلو تنهنجي هٿ ۾ آهي) خدا تعاليٰ فرمائيندو ته توهان جو ٽڪاڻو دوزخ جي باهه آهي، انهيءَ ۾ هميشه رهندؤ، سواءِ ان جي جيڪي الله تعاليٰ چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار وڏي حڪمت رکندڙ ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (١٢٩) ۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان ڪن ظالمن (گنهگارن) کي ٻين ظالمن تي غالب (۽ ظلم ڪندڙ) ڪيون ٿا ڇو ته هو (پنهنجي بدعملين سان) بدي ڪمائيندا رهيا آهن.

    رڪوع ١٦ آيت 130-تا-140
    مشرڪن جا غلط عقيدا، بدعمل، ڀرم، سنسا ۽ وهم.
    (١٣٠) (قيامت جي ڏينهن اسان پڇنداسين ته) اي جنن ۽ انسانن جي جماعت! (توهان جو پنهنجون گمراهيون اڄ قبول ڪري رهيا آهيو سو) ڇا توهان وٽ توهان ئي منجهان اسان جا پيغمبر ڪونه آيا هئا؟ هنن توهان کي اسان جون آيتون ڪونه ٻڌايون هيون؟ ۽ اڄ جو ڏينهن، جو توهان جي پيش آيو آهي، تنهن کان ڪونه ڊيڄاريو ۽ خبردار ڪيو هو؟ “هو عرض ڪندا ته اي خدا! اسان پنهنجي خلاف شاهدي ڏيون ٿا (ته برابر رسول آيا هئا ۽ اسان کي سڀ ڪجهه ٻڌايو هئائون پر اسان سندن چوڻ نه مڃيو. حقيقت هيءَ آهي ته) دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ هنن کي فريب ۾ وجهي ڇڏيو هو ۽ هاڻي هو پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته بيشڪ اسان سچائيءَ کان انڪار ڪرڻ وارا هئاسين. (١٣١) (اي پيغمبر!) هيءُ (پيغمبرن جو ظهور ۽ حق جي دعوت جو اعلان) هن ڪري ٿيو جو تنهنجي پروردگار جو هي دستور ناهي ته هو بي انصافيءَ سان ڳوٺن کي تباهه ڪري ڇڏي، جڏهن اتي جا رهندڙ (حق جي راهه کان) بي خبر هجن. (١٣٢) ۽ (الله جي قانون مطابق) سڀني جا درجا سندن ڪمن مطابق (الڳ الڳ) آهن (۽ انهن درجن موجب هنن کي نتيجا ملن ٿا) ۽ جيڪي جيڪي عمل انسان ڪن ٿا تن کان تنهنجو پروردگار غافل ناهي (ماڻهن جي سڀني عملن جي خبر کيس پوي ٿي ۽ انهن موجب جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.) (١٣٣) توهان جو پروردگار بي نياز (ڪنهن جو به محتاج نه آهي) ۽ رحمت وارو آهي. (سندس رحمت جي تقاضا آهي ته ظلم ۽ فساد قائم نه رهي) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان (ظالمن ڪافرن) کي هٽائي ڇڏي ۽ اوهان جي پٺيان جنهن (جماعت) کي چاهي تنهن کي اوهان جو جانشين بنائي، جهڙيءَ طرح هن اوهان کي هڪ ٻيءَ قوم جي نسل مان اٿاري کڙو ڪيو آهي. (١٣٤) جنهن ڳالهه جو توهان کي واعدو ڪيو وڃي ٿو اها ڳالهه يقيناً اچڻ واري آهي ۽ توهان جي وس ۾ ناهي جو (خدا کي) مجبور ڪيو (۽ ان ڳالهه کي روڪي ڇڏيو). (١٣٥) (اي پيغمبر! انهن ماڻهن کي) چئو ته، اي منهنجي قوم! (جيڪڏهن توهان جهل ۽ انڪار کان باز نٿا اچو ته منهنجو ۽ اوهان جو فيصلو خدا جي هٿ ۾ آهي) توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو ۽ مان به (پنهنجي جاءِ تي) ڪم ڪندو رهان ٿو. جلدئي اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته آخرڪار ڪهن جي پڇاڙي چڱي آهي. يقيناً ظلم ڪرڻ وارا ڪڏهن به ڪامياب ڪونه ٿيندا (هيءَ پيشنگوئي جلد ئي پوري ٿي هئي.) (١٣٦) ۽ (ڏسو ته) جيڪي به خدا پوکن ۽ جانورن مان پيدا ڪيو آهي، تنهن مان هڪ حصو هي (مشرڪ) پنهنجي غلط خيال موجب خدا جي واسطي ٺهرائين ٿا ۽ چون ٿا ته، هيءُ حصو الله جي لاءِ آهي ۽ (هڪ حصو بتن جي لاءِ ٺهرائي چون ٿا ته) هي حصو انهن لاءِ آهي جن کي اسان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي، پوءِ جيڪي سندن ٺهرايل شريڪن جي لاءِ آهي، سو خدا جي طرف نٿو پهچي (يعني ان مان خدا جي لاءِ خرچ نٿا ڪري سگهن) پر جيڪو حصو خدا جي لاءِ آهي سو انهن جي (ٺهرايل) شريڪن جي طرف پهچي وڃي ٿو. (يعني خدا جي ٺهرايل حصي ۾ بتن جي لاءِ خرچ ٿئي ته ڪجهه به فڪر ڪونهي) اهو فيصلو جو اهي ماڻهو ڪن ٿا سو ڪهڙو نه برو آهي! (١٣٧) ۽ (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح گهڻا ئي مشرڪ آهن جن جي (ٺهرايل) شريڪن، هنن مشرڪن جي نظر ۾ اولاد جي قتل (جهڙو وحشي ڪم به) سهڻو ۽ چڱو ڪري ڏيکاريو آهي. انهيءَ لاءِ ته کين (يعني مشرڪن کي) تباهيءَ ۾ وجهن ۽ سندن دين جي واٽ مونجهاري واري ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) جيڪڏهن خدا چاهي ها ته هو اهي ڪم نه ڪن ها. (يعني هنن جي طاقت کسي وٺي ها، پر سندس حڪمت جو فيصلو اهوئي آهي ته هر طرح جون واٽون ۽ عمل هجن) تنهن ڪري تون کين ۽ سندن ڪوڙن ٺاهڻ کي سندن حال تي ڇڏي ڏي (هو تنهنجي چوڻ سان ايمان ڪونه آڻيندا). (١٣٨) ۽ هو چون ٿا ته هي جانور ۽ هي پوک منع ڪيل آهن. انهن ڪوبه کائي (ڪم آڻي) نٿو سگهي، سواءِ انهيءَ ماڻهو جي جنهن کي اسان پنهنجي خيال مطابق کارائڻ چاهيون. (يعني جن بتن جو نذر ڪري ڇڏيون تن جا مجاور کائي سگهن ٿا. ٻين لاءِ جائز ناهن) ۽ (اهڙيءَ طرح) ڪي جانور آهن جن جي پٺي (تي سوار ٿيڻ يا بار کڻڻ سندن خيال موجب) حرام آهي، ۽ ڪي جانور اهڙا آهن جن تي الله جو نالو نٿا وٺن، ڇو ته خدا تي ڪوڙ ٺاهي هنن اهو طريقو ڪڍيو آهي. سو جيڪي افترا پردازيون (ڪوڙ ٺاهڻ) هو ڪن ٿا تن لاءِ خدا کين جلد ئي سزا ڏيندو. (١٣٩) ۽ (مشرڪ) چون تا ته هنن ڍورن جي پيٽ مان جيڪو جيئرو ڦر ڄمندو سو اسان جي مردن لاءِ حلال آهي، پر اسان جي عورتن لاءِ حلال ناهي ۽ جيڪڏهن مئل هوندو ته پوءِ (ان جي کائڻ ۾ مرد ۽ عورتون) سڀ شريڪ آهن. (ڪهڙي نه بي وقوفيءَ جي ڳالهه آهي جا هو چون ٿا). اهو وقت ويجهو آهي جڏهن خدا کين سندن هنن (بي اصول) ورهاڱن جي سزا ڏيندو، بيشڪ الله تعاليٰ حڪمت وارو ۽ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي. (١٤٠) يقيناً اهي ماڻهو تباهه ۽ برباد ٿيا جن جهالت سببان پنهنجو اولاد (پنهنجي هٿن سان) قتل ڪيو، ۽ جيڪو رزق خدا هنن جي لاءِ پيدا ڪيو آهي تنهن کي خدا تي ڪوڙ ٺاهي حرام ٺهرايو، بيشڪ هو گمراهه ٿي پيا ۽ سڌي واٽ تي هلڻ وارا نه هئا.

    رڪوع ١٧ آيت 141-تا-144
    فصل لهڻ وقت ڪجهه خدا جي راهه ۾ به ڏيڻ گهرجي
    (١٤١) ۽ (ڏسو ته) اهو خدا ئي آهي جنهن (طرحين طرحين وڻن جا) باغ پيدا ڪيا، ڪي منهن تي چڙهايل (جيئن ڊاک جون وليون) ۽ ڪي بنا مَنَهنِ جي (جيئن عام وڻ آهن) ۽ پڻ کجيءَ جا وڻ ۽ پوکون پيدا ڪيائين جن جا ميوا جدا جدا قسمن جا ٿين ٿا، پڻ زيتون ۽ ڏاڙهن جا وڻ پيدا ڪيائين جن مان ڪي صورت شڪل ۾ هڪ جهڙا ته ڪي وري مخلتف، سو (خدا جا پيدا ڪيل) ميوا شوق سان کائو، جڏهن اهي وڻن ۾ پيدا ٿين ۽ پچن، ۽ اوهان کي گهرجي ته جڏهن فصل کڻو تڏهن هن جو (يعني خدا جو) حق به ڏيندا ڪريو، (يعني خدا جي راهه ۾ صدقو ۽ زڪوٰت ڪڍندا ڪريو) ۽ اسراف نه ڪيو، خدا انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي اسراف ڪندڙ آهن. (١٤٢) ۽ (ڏسو ته) انهيءَ ئي خدا (اوهان جي لاءِ) ڍورن مان ڪي بار کڻڻ لاءِ پيدا ڪيا، (جيئن گڏهه، خچر ۽ اٺ) ۽ ڪي زمين سان لڳل (يعني ننڍي قد وارا جي سواري ۽ بار کڻڻ جي ڪم نٿا اچي سگهن جهڙوڪ رڍون ۽ ٻڪريون) سو جيڪي جيڪي خدا توهان جي روزيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي سو (بي ڌڙڪ) کائو ۽ شيطان جي قدمن تي نه هلو. بيشڪ هو اوهان جو کليو کلايو دشمن آهي. (١٤٣) ڍورن مان (جن جو گوشت کائجي ٿو) اٺ قسم پيدا ڪيائين، رڍن مان ٻه قسم (يعني نر ۽ مادي) ۽ ٻڪرين مان به ٻه قسم (يعني نر ۽ مادي) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کان) پڇ ته (توهان جو پنهنجي وهم ۽ خيال منجهان حلال ۽ حرام جا قاعدا ٺاهيا آهن سو ٻڌايو ته) خدا انهن مان ڪهڙو جانور حرام ڪيو آهي؟ ٻنهي قسمن جي نرن کي يا مادين کي؟ يا وري انهيءَ ڦر کي (حرام ڪيو آهي) جنهن کي ٻنهي قسمن جي ماديءَ پنهنجي پيٽ ۾ سانڍيو آهي. جيڪڏهن توهان سچا آهيو ته مون کي علم سان جواب ڏيو (يعني ان لاءِ ڪو اصل يا سند پيش ڪيو.) (١٤٤) ۽ (ڏسو ته ساڳيءَ طرح) اٺ جا به ٻه قسم آهن ۽ ڳائي مال جا به ٻه قسم آهن، (يعني نر ۽ مادي) تون هنن کان پڇ ته ڇا انهن مان نر کي (خدا) حرام ڪري ڇڏيو آهي يا ماديءَ کي يا ان ڦر کي جو انهن ٻنهي جي مادين جي پيٽ ۾ آهي؟ پوءِ توهان (جو علم کان سواءِ خدا جي حلال ڪيل شين کي حرام ٺهرائي رهيا آهيو سو) ڇا توهان انهيءَ وقت خدا وٽ حاضر هيؤ، جڏهن هن اوهان کي هن باري ۾ حڪم ڏنو هو؟ پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ ماڻهو کان وڌيڪ ظلم ڪندڙ ڪير آهي جو ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ لاءِ خدا تي الزام تراشي ڪري (ڪوڙ ٺاهي ٻڌائي) ۽ وٽس (ان باري ۾) ڪو علم به نه هجي، بيشڪ خدا انهن ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي جيڪي ظلم ڪندڙ آهن (۽ خدا تي ڪوڙ ٺاهيندڙ آهن.)

    رڪوع ١٨ آيت 150-145
    سڀ شيون حلال آهن سواءِ انهن جي جيڪي قرآن مجيد ۾ حرام ٻڌايل آهن.
    (١٤٥) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته جيڪو وحي مون ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن ۾ مان ڪائي شيءِ حرام نٿو ڏسان جنهن جو کائڻ کائيندڙن لاءِ حرام هجي، سواءِ ان جي جو مردار (ڍونڍ) هجي يا وهندڙ رت هجي يا سوئر جو گوشت هجي، ڇو ته بيشڪ اهي شيون غليظ ۽ گنديون آهن. اها شيءِ به حرام آهي جا گناهه ۽ نافرمانيءَ جو سبب بڻجي ٿي جو مٿس خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي جو نالو ورتو وڃي ٿو. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو (حلال شيءِ نه ملڻ سبب) مجبور هجي، نافرمانيءَ جي نيت نه هجيس ۽ ضرورت جي حد کان ٻاهر نه وڃي (۽ هو جان بچائڻ لاءِ انهن حرام شين مان ڪجهه کائي) ته پوءِ بيشڪ تنهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. (١٤٦) ۽ يهودين لاءِ اسان نَنهن (سُنبن) وارا جانور حرام ڪري ڇڏيا هئا ۽ ڳئيون ۽ ٻڪريءَ جي چرٻي به حرام ڪئي هئي، پر اها چرٻي نه، جا انهن جي پٺيءَ تي لڳل هجي يا آنڊن ۾ يا هڏين سان مليل هجي. اها اسان هنن جي سرڪشيءِ جي سزا ڏني هئي. (اهي شيون درخود حرام نه هيون) ۽ بيشڪ اسان (بيان ڪرڻ ۾) سچا آهيون. (١٤٧) پوءِ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن اهي ماڻهو توکي ڪوڙو سمجهي تنهنجي ڳالهه نه مڃين، ته تون کين چئي ڏي ته اوهان جو پروردگار وڏي وسيع (ڪشادي) رحمت رکندڙ آهي (تنهن ڪري ئي مهلتون ڏئي ٿو) پر گناهه ڪندڙن کان سندس عذاب هرگز ٽري ڪونه ويندو. (١٤٨) جن ماڻهن شرڪ جي واٽ ورتي آهي سي چوندا ته جيڪڏهن الله چاهي ها ته اسان جا ابا ڏاڏا شرڪ نه ڪن ها، نڪي ڪنهن شيءِ کي (پنهنجي راءِ سان) حرام ٺهرائين ها. سو (ڏسو ته) اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن به (سچائيءَ کي) ٺڪرايو هو جي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن، تان جو (آخر) کين اسان جي عذاب جو مزو چکڻو پيو. (اي پيغمبر!) تون چؤ ته، ڇا توهان وٽ (هن باري ۾) ڪا علم جي روشنائي آهي جا اسان جي اڳيان پيش ڪري سگهو؟ (جيڪڏهن آهي ته پيش ڪيو) حقيقت هيءَ آهي ته، توهان فقط وهمن ۽ اٽڪلن جي پيروي ڪري رهيا آهيو ۽ توهان (پنهنجي ڳالهين ۾) سواءِ هن جي ڪجهه ناهيو ته بنا سمجهڻ جي ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهڻ وارا آهيو. (١٤٩) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته پڪو دليل جو (ماڻهن جي دلين کي) پهچندڙ هجي سو فقط الله جو آهي. جيڪڏهن هو چاهي ها ته سڀني کي (سچيءَ) راهه تي لڳائي ڇڏي ها (ڇو ته سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي، پر هن ائين نه چاهيو ۽ اهوئي سندس حڪمت جو فيصلو آهي.) (١٥٠) (اي پيغمبر!) کين چؤ ته، (جيڪڏهن توهان پنهنجي گهڙيل قاعدن سان انهن جانورن کي حرام ٺهرايو ٿا ته) پنهنجي شاهدن کي (يعني حڪم ڏيڻ وارن کي) وٺي اچو ته انهيءَ ڳالهه جي شاهدي ڏين ته خدا (سچ پچ) اها شيءِ حرام ڪري ڇڏي آهي. پوءِ جيڪڏهن سندن (ڪوڙا شاهد) اهڙي شاهدي به ڏين ته به تون انهن سان شامل ٿي اهڙي شاهدي نه ڏجانءِ (ڇو ته اها حقيقت جي بلڪل خلاف آهي) تون انهن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي نه ڪر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو آهي ۽ جي آخرت تي يقين نٿا رکن ۽ ٻين هستين کي پنهنجي پروردگار جي برابر ٺهرائين ٿا.

    رڪوع ١٩ آيت 151-تا-154
    سچائي ۽ حقيقت جي سڌي واٽ هڪ آهي، گهڻين واٽن تي جدا جدا هلي گمراهه نه ٿيو
    (١٥١) (اي پيغمبر!) انهن کي چؤ ته، اچو ته مان اوهان کي (الله جو ڪلام) پڙهي ٻڌايان، ته توهان جي پروردگار توهان جي لاءِ ڇا ڇا حرام ڪري ڇڏيو آهي. خدا سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ نه ٺهرايو. پنهنجي ماءُ پيءُ سان چڱي هلت وٺو ۽ چڱايون ڪيو. پنهنجي اولاد کي سڃائي جي خوف کان قتل نه ڪيو، اسان ئي توهان کي روزي ڏيون ٿا ۽ انهن (يعني اوهان جي اولاد) کي به روزي اسان ڏينداسين ۽ بي شرمي جي ڳالهين ۽ ڪمن کي رڳو ويجهي به نه وڃو. اهي (بي شرميءَ جا ڪم ۽ ڳالهيون) کليل هجن توڙي لڪل هجن (ڪنهن به حالت ۾ انهن جي ويجهو نه وڃو) ۽ ڪنهن به جان (انسان) کي قتل نه ڪيو، جنهنجي (قتل) کي خدا تعاليٰ حرام ٺهرايو هجي، سواءِ هن جي جو ڪنهن حق جي بنا تي هن کي قتل ڪرڻو پوي (مثلاً قصاص ۾ يا جج جي فيصلي موجب) اهي آهن اهي ڳالهيون جن جي خدا توهان کي وصيت ڪئي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان عقل ۽ سمجهه کان ڪم وٺو. (١٥٢) ۽ (اهڙيءَ طرح) يتيمن جي مال ملڪيت کي به ويجهو نه وڃو. (يعني ان تي قبضو ڪرڻ يا ان مان ڪجهه هضم ڪرڻ جو ارادو به نه ڪيو) سواءِ هن جي جو چڱي طريقي (۽ نيت) سان (ان جو انتظام رکو) (يعني يتيمن جي فائدي ۽ سنڀال لاءِ سندن مال ملڪيت جي نگهباني ڪرڻ چاهيو) سو به تيستائين جيستائين اهي يتيم پنهنجي (سمجهه ۽ طاقت جي) عمر کي پهچي وڃن، ۽ (هي ڳالهه به ياد رکو ته) انصاف ۽ ايمانداريءَ سان تور ۽ ماپ پوري ڪريو. اسان ڪنهن به جان (انسان) تي سندس طاقت کان ٻاهر بار نٿا رکون (پنهنجي طاقت آهر انصاف ۽ ايمانداريءَ جي ڪوشش ڪريو) ۽ جڏهن ڪابه ڳالهه چؤ ته حق ۽ انصاف جي چئو، اگرچه معاملو پنهنجي مائٽن سان تعلق رکندڙ هجي (۽ فيصلو سندس خلاف وڃي) ۽ الله سان جيڪو عهد اقرار ڪيو اٿو سو پورو ڪيو ۽ چڱيءَ طرح پاڙيو. اهي ڳالهيون آهن جن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته من نصيحت وٺو (۽ صالح عمل ڪيو). (١٥٣) ۽ (الله تعاليٰ ٻڏايو ته خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ جي) اهائي واٽ منهنجي (ٺهرايل) سڌي واٽ آهي، سو انهيءَ ئي (واٽ) تي هلو. (ٻين) واٽن تي نه هلو، متان اهي واٽون اوهان کي خدا جي سڌيءَ واٽ کان جدا ڪري ڇڙوڇڙ ۽ گمراهه ڪري ڇڏين. اها ڳالهه آهي جهن جو خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان پرهيزگار ٿي پئو. (١٥٤) وري (ڏسو ته) اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو، انهيءَ لاءِ ته جيڪو نيڪ عمل ڪندڙ ٿئي تنهن تي پنهنجي نعمت پوري ڪيون، ۽ هرهڪ ڳالهه کي کولي کولي بيان ڪيون ۽ ماڻهن جي لاءِ (اهو ڪتاب) هدايت ۽ رحمت ٿئي ته من پنهنجي پروردگار جي ملاقات (يعني قيامت جي ڏينهن خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ) تي ايمان آڻين.

    رڪوع ٢٠ آيت 155-تا-165
    سڀ انسان هڪ آهن ۽ اصل دين سڀني لاءِ هڪ آهي، جن دين ۾ فرقو وڌو ۽ جدا جدا ٽوليون ٺاهيون تن سان تنهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي.
    (١٥٥) ۽ (اهڙيءَ طرح) هي ڪتاب (قرآن مجيد) آهي، جنهن کي اسان نازل ڪيو آهي جو برڪت وارو آهي (يعني جيڪي ان جي پيروي ڪندا تن لاءِ برڪت واري راهه کولي ڇڏيندڙ آهي). پوءِ توهان کي گهرجي ته ان (قرآن مجيد) جي پيروي ڪيو ۽ پرهيزگاريءَ جو ڍنگ اختيار ڪيو ته توهان تي رحم ڪيو وڃي. (١٥٦) (اي اهل عرب! اسان هي قرآن مجيد هن لاءِ نازل ڪيو ته) توهان ائين نه چئي سگهو ته خدا فقط ٻن جماعتن (يهودين ۽ عيسائين) تي ڪتاب نازل ڪيو جي اسان کان اڳي ٿي گذريا ۽ اسان کي هنن جي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جي خبر ڪانه هئي. (١٥٧) يا چئو ته، جيڪڏهن اسان تي ڪتاب نازل ٿئي ها ته اسان انهن جماعتن کان (جن تي ڪتاب نازل ٿيو) زياده هدايت وارا ٿيون ها، سو (ڏسو) تحقيق توهان ڏي به توهان جي پروردگار وٽان هڪ چٽو دليل ۽ رحمت اچي وئي آهي، پوءٌ (ٻڌايو ته) انهيءَ کان وڌيڪ ظالم انسان ڪري آهي جو خدا جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائي ۽ انهن کان منهن موڙي. (ياد رکو ته) جي ماڻهو اسان جي نشانين کان منهن موڙين ٿا تن کي اسان ان جي بدلي ۾ جلد سخت عذاب ڏينداسين. (١٥٨) پوءِ اهي ماڻهو (جيڪي سچائي جي نشانين ڏسڻ بعد به سرڪشيءِ کان باز نٿا اچن) ڪهڙيءَ ڳالهه جي انتظار ۾ ترسيا ويٺا آهن؟ هن ڳالهه جي انتظار ۾ ته (آسمان مان) فرشتا هنن وٽ هلي اچن يا خود تنهنجو پروردگار انهن جي سامهون اچي بيهي يا وري تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون (معجزا) ظهور ۾ اچن (يا قيامت جا آثار ظاهر ٿين؟) پوءِ (جيڪڏهن اهي ماڻهن انهيءَ ڳالهه جي واٽ تڪي رهيا آهن ته کين معلوم ڪرڻ گهرجي يه) جنهن ڏينهن تنهنجي پروردگار جون ڪي نشانيون ظهور ۾ اينديون تنهن ڏينهن ڪنهن به انسان کي جنهن اڳ ئي ايمان نه آندو هوندو يا پنهنجي ايمان (جي حالت) ۾ نيڪي نه ڪمائي هوندي تنهن جو (پوءِ) ايمان آڻڻ کيس فائديمند ڪونه ٿيندو. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (جيڪڏهن توهان کي انتظار ئي ڪرڻو آهي ته ڀلي) انتظار ڪندا رهو. اسان به (حق ۽ باطل جي فيصلي جو) انتظار ٿا ڪيون. (١٥٩) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن پنهنجي دين ۾ تفرقو وڌو (يعني اختلاف ڪري جدا جدا فرقا ۽ مذهب بنايا) ۽ جدا جدا ٽوليون ٺاهيائين تن سان تنهنجو ڪوبه واسطو ڪونهي، (تنهنجي راهه حقيقي دين جي راهه آهي جا سڀني کي ڳنڍڻ ۽ هڪ ڪرڻ واري آهي تنهنجي واٽ اها ناهي جا ماڻهن جي ٺاهيل ٽولين بنائڻ واري آهي) انهن جو معاملو الله جي حوالي آهي، پوءِ اهوئي ٻڌائيندو ته جيڪي هو ڪندا رهيا آهن، تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟ (١٦٠) (ياد رکو ته) جيڪو به (الله جي حضور ۾) نيڪي (صالح عمل) آڻيندو تنهن کي سندس نيڪ عملن کان ڏهوڻو ثواب ملند، ۽ جيڪو برائي آڻيندو سو ان برائيءَ جي بدلي ۾ اوتري ئي سزا کائيندو جيتري برائي ڪئي هوندائين (يعني نيڪيءَ جي اجر ۾ واڌارو ڪيو وڃي ٿو پر برائي جي سزا ۾ واڌارو ڪونهي) ۽ ائين ڪونه ٿيندو جو (عملن جي بدلي ۾) ماڻهن سان ڪجهه به بي انصافي ڪئي وڃي. (١٦١) (اي پيغمبر!) چئي ڏي ته، منهنجي پروردگار مون کي سڌو رستو ڏيکاريو آهي. اهوئي درست ۽ صحيح دين آهي. (اهو آهي) حضرت ابراهيم جو طريقو ته فقط خدا جي لاءِ ٿي وڃو (ٻيو ڪوبه مقصد يا مطلب نه رکو) ۽ حضرت ابراهيم مشرڪين مان هرگز نه هو. (١٦٢) چؤ ته، منهنجي نماز، منهنجو حج (قرباني) منهنجو جيئڻ ۽ منهنجي مرڻ سڀ ڪجهه فقط الله جي لاءِ آهي، جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (١٦٣) هن جو ڪوئي شريڪ ڪونهي، مون کي انهيءَ ئي ڳالهه جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ مان مسلمانن ۾ (يعني خدا جي فرمانبردارن ۾) پهريون فرمانبردار آهيان. (١٦٤) تون (هنن ماڻهن کان) پڇ ته ڇا (توهان هي چاهيو ٿا ته) مان خدا کان سواءِ ڪو ٻيو پروردگار ڳوليان؟ حالانڪ فقط اهوئي هر شيءِ جي پرورش ڪندڙ آهي؟ ۽ (ڏسو) هرهڪ ماڻهو پنهنجي عملن سان جيڪي ڪمائي ٿو سو انهيءَ جي ذمي ٿئي ٿو، (چڱا عمل مندو ته پاڻ کي ئي فائدو پوندس ۽ بدعمل ڪندو ته پاڻ کي ئي نقصان رسندس) ڪوبه بار کڻندڙ ٻئي جو بار نٿو کڻي، پوءِ (آخر) اوهان سڀني کي پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻو آهي ۽ (جڏهن وٽس حاضر ٿيندو تڏهن هو) ٻڌائيندو ته جن ڳالهين ۾ اوهان اختلاف ڪندا هئو تن جي حقيقت ڇا هئي. (١٦٥) ۽ اهوئي (خدا) آهي جنهن اوهان کي (هڪ ٻئي جو) زمين ۾ جانشين بنايو ۽ توهان مان ڪن کي ڪن مٿان (عملن جي لحاظ کان) مرتبا ڏنا، انهيءَ لاءِ ته جيڪو (اختيار) اوهان کي ڏنو ويو آهي تنهن ۾ توهان کي آزمائي (۽ طلب ۽ ڪوشش جو موقعو ڏئي. اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پروردگار جلد (بدعملين جي) سزا ڏيڻ وارو آهي، ۽ بيشڪ هو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.


    سورت الاعراف مڪي (اعراف -مٿاهيون جايون)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-10
    وحي جو مقصد آهي بيدار ڪرڻ ۽ نصيحت ڏيڻ ۽ بدعملين جي نتيجن کان خبردار ڪرڻ
    (١) الَمّصَ (٢) (اي پيغمبر! هي) ڪتاب آهي جو توتي نازل ڪيو ويو آهي. پوءِ ان (ڪتاب) جي ڪري تنهنجي سيني ۾ ڪجهه به تنگي ۽ تڪليف نه هئڻ گهرجي (۽ نه ٿيندي) انهيءَ لاءِ ته تون هن (ڪتاب) جي وسيلي (انڪار ۽ بدعملي جي نتيجن کان) خبردار ڪرين. (۽ هي ڪتاب) ايمان وارن لاءِ بيداري ۽ نصيحت ٿئي. (٣) (اي انسانو!) توهان جي پروردگار وٽان جيڪي اوهان ڏي موڪليو ويو آهي (يعني جيڪو منهنجو وحي اوهان کي منهنجو رسول ٻڌائي ٿو) تنهن جي پيروي ڪيو (ان تي عمل ڪيو) ۽ خدا کي ڇڏي اوليائن (جن کي توهان خدا سان شريڪ ٿا ڪيو ۽ سمجهو ٿا ته خدا وٽ هنن جي رسائي آهي ۽ اسان جي مدد ڪندا اهڙن خيالن) جي تابعداري نه ڪريو. (افسوس جو) توهان (اهڙي سولي ڳالهه نٿا سمجهو ۽) تمام ٿورا آهيو جو نصيحت حاصل ڪيو ٿا. (٤) ۽ (اي انسانو! عبرت وٺو، ڏسو ته) ڪيترا نه شهر اسان تباهه ڪري ڇڏيا (هن ڪري جو انهن جي ماڻهن تڪبر ۽ ظلم ڪيو ۽ خدا جي حڪمن جي نافرماني ڪئي) اسان جو عذاب هنن تي رات جي وقت (اوچتو) اچي ڪڙڪيو يا ڏينهن جي وقت جڏهن (منجهند واري مٺي) ننڊ ۾ هئا. (٥) جنهن وقت هنن جي مٿان اسان جو عذاب اچي ڪڙڪيو تنهن وقت هنن جي وات ۾ فقط اهائي وائي هئي ته بيشڪ اسان سچ پچ ظالم هئاسين. (٦) پوءِ (قيامت جي ڏينهن) اسان انهن ماڻهن کان ضرور پڇاڻو ڪنداسين جن ڏي اسان رسول موڪليا هئا ۽ رسولن کان به پڇا ڪنداسين (ته توهان پنهنجي ماڻهن کي اسان جا ڪهڙا حڪم پهچايا ۽ انهن ڪيتري قدر اسان جي حڪمن جي تعميل ڪئي). (٧) (پر) پوءِ جيئن ته اسان کي (اڳيئي) سڀ ڪجهه معلوم آهي سو اسان سڀ حالتون کين ٻڌائينداسين، ڇو ته اسان ڪٿي به (۽ ڪنهن به وقت هنن کان پري) غائب يا غيرحاضر ڪونه هئاسين (۽ اسان نه رڳو سندن عمل پئي ڏٺا پر سندن دل جا خيال به معلوم پئي ڪيا.) (٨) انهيءَ (قيامت جي) ڏينهن (عملن جي) تور بلڪل ٺيڪ ٺيڪ ڪئي ويندي پوءِ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ ڳورو ٿيندو سي ئي ڪامياب ٿيندا (۽ بهشت جون نعمتون ماڻيندا). (٩) ۽ جن ماڻهن جي (نيڪ عملن جو) پڙ هلڪو ٿيندو تن جون جانيون هلاڪت ۾ پونديون، ڇو ته هنن اسان جي آيتن ۽ حڪمن بنسبت بي انصافي ئي هئي (۽ انهن تي عمل ڪرڻ بدران مخالفت ڪئي هئائون). (١٠) ۽ (اي انسانو!) اسان توهان کي زمين تي (پنهنجي پنهنجي حد اندر) حڪمراني ڏني آهي (يا سلامتيءَ سان رهايو آهي) ۽ ان زمين ۾ توهان جي زندگيءَ ۽ گذران جو سامان ۽ وسيلا ٺاهيا آهن (پر افسوس!) توهان ماڻهو گهڻي قدر بي شڪري ٿا ڪيو (جو خدا جي نعمتن خصوصاً وحي جي نعمت جو پورو فائدو نٿا وٺو.)

    رڪوع ٢ آيت 11-تا-25
    بني آدم لاءِ ٻه واٽون ٿيون هڪ آدم واري، جو ڀل ٿئي ته توبه ڪري ۽ ٻي ابليس واري يعني قصور ڪرڻ بعد به سرڪشي ڪري.
    (١١) ۽ (اي انسانو! ڏسو ته) اسان ئي توهان کي پيدا ڪيو ۽ (نه رڳو پيدا ڪيو پر پيدا ڪرڻ بعد ظاهري توڙي معنوي طور سهڻي) صورت ڏني (۽ علم سيکاريو ۽ فرشتن کان به مٿاهون درجو ڏنو) پوءِ اسان فرشتن کي حڪم ڪيو ته آدم جي اڳيان جهڪو. پوءِ سڀئي فرشتا (آدم جي اڳيان تعظيم لاءِ) جهڪيا ۽ نوڙيا، پر ابليس نه جهڪيو ۽ جهڪڻ وارن سان شامل نه ٿيو. (١٢) (تنهن تي الله تعاليٰ ابليس کان) پڇيو ته، جڏهن مان توکي سجدي ڪرڻ جو حڪم به ڏنو تڏهن ڪهڙي ڳالهه توکي روڪيو جو سجدو نه ڪيئي؟ ابليس ورندي ڏني ته مان هن (يعني آدم) کان بهتر آهيان ڇو ته مون کي باهه مان پيدا ڪئي ۽ هن کي مٽيءَ مان پيدا ڪئي. (١٣) الله تعاليٰ (تنهن تي) حڪم ڪيو ته (اي ابليس!) جنت مان نڪري وڃ مناسب ناهي ته تون هن حالت ۾ رهي تڪبر ڪرين. نڪري وڃ ٻاهر. يقيناً تون ذليلن خسيسن مان آهين. (جيڪي هميشه خوار خراب رهن ٿا). (١٤) ابليس چوڻ لڳو ته (اي خدا!) مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي، جنهن ڏينهن (جزا ۽ سزا لاءِ) ماڻهن کي وري اٿاريو ويندو. (١٥) الله تعاليٰ فرمايو ته توکي مهلت آهي. (١٦) (حاسد ابليس مهلت وٺي) چيو ته (اي خدا!) جيئن ته تو مون کي بي راهه ڪري ڇڏيو آهي، تنهن ڪري مان به ماڻهن کي تنهنجي سڌي (راهه کان ڀلائي گمراهه ڪري کڏ ۾ ڪيرائڻ لاءِ) واٽ تي (لڪي ڇپي) ويهي رهندس. (١٧) ۽ پوءِ يقيناً انهن ماڻهن جي اڳئين پاسي کان پٺئين پاسي کان انهن جي ساڄي پاسي کان ۽ پڻ کاٻي پاسي کان (يعني هر طرف کان ۽ هر حيلي ۽ ٺڳيءَ سان) وٽن ايندس (۽ گمراهه ڪندس، تان جو) تون ڏسندين ته هنن مان گهڻا تنهنجي (نعمتن جي) شڪرگذاري نه ڪندا (۽ تنهنجي نافرماني ڪري ظلم ڪندا. (١٨) الله تعاليٰ (تنهن تي) فرمايو ته، (اي ابليس) هتان خوار خراب ۽ تڙيل ٿي نڪري وڃ. بيشڪ (ائين ٿيندو جو) جيڪو به ماڻهن منجهان تنهنجي پيروي ڪندو تنهن سان ۽ اوهان سڀني سان (يعني تون، تنهنجا سنگتي شيطان ۽ تنهنجي پيروي ڪندڙ انسانن سان) دوزخ کي ڀري ڇڏيندس. (١٩) ۽ (الله تعاليٰ فرمايو ته) اي آدم! تون ۽ تنهنجي اهليه (بي بي حوا) جنت ۾ رهو ۽ جيڪي به وڻيؤ سو مزي سان کائو. پر هن وڻ کي ويجهو به نه وڃجو. جيڪڏهن ويجهو ويندؤ ته (خدا جي نافرماني سببان) ظالمن ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيا ويندؤ. (٢٠) پوءِ شيطان هنن (آدم ۾ حوا) جي دلين ۾ وسوسو وڌو انهيءَ لاءِ ته انهن (جي فطرت) ۾ جيڪو ستر يا شرمگاهه کانئن لڪل هو سو کين کولي ڏيکاري. سو کين شيطان چيو ته، اوهان جي رب اوهان کي هن وڻ کان ٻئي ڪنهن به سبب نه روڪيو آهي، سواءِ هن (سبب جي ته) توهان ٻئي (ان وڻ جي ويجهو وڃڻ سان) فرشتا نه بنجي پئو يا جنت ۾ هميشه رهڻ وارن منجهان نه ٿي پئو. (٢١) ۽ شيطان هنن کي قسم کڻي چيو ته مان سچ پچ اوهان ٻنهي جو خير خواهه آهيان ۽ چڱيءَ ۽ سچي نصيحت ڏيندڙ آهيان. (٢٢) پوءِ اهڙيءَ طرح شيطان ٻنهي کي فريب ڏئي ڦاسايو. پوءِ هنن اڃا وڻ کي چکيو مس ته هنن جي (فطرت ۾ رکيل) شرمگاهه يعني اوگهڙ جا عضوا ڏسڻ ۾ اچڻ لڳا (سو ڇا ڪيائون جو شرم کان) باغ جي پنن سان پنهنجي جسم کي ڍڪڻ لڳا ۽ سندس پروردگار کين پڪاري چيو ته، مان توهان ٻنهي کي انهيءَ وڻ (کي ويجهو وڃڻ) کان منع ڪين ڪري ڇڏي هئي؟ ۽ توهان کي ٻڌائي ڪين ڇڏيو هوم ته شيطان اوهان جي کليو کلايو دشمن آهي؟ (٢٣) (تڏهن هڪدم) ٻنهي چئي ڏنو ته، اي اسان جا پروردگار! اسان پاڻ تي پاڻ ظلم ڪيو (۽ پاڻ کي نقصان پهچايو) ۽ جيڪڏهن تون اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي رحم نه ڪندين ته اسان ضرور تباهه ٿي وينداسين. (٢٤) الله تعاليٰ (کين) فرمايو ته هيٺ لهي وڃو (يعني جنت مان نڪري زمين تي رهو ۽ مَلڪَي زندگيءَ مان نڪري حيواني حالت ۾ اچو) توهان (سڀني انسانن) ۾ هڪ ٻئي لاءِ دشمنيءَ جو مادو هوندو ۽ (آئنده) اوهان جي لاءِ زمين تي رهڻ جي جاءِ آهي ۽ ڪنهن (مقرر) وقت تائين اتي رهي (دنيائي) فائدا ۽ نعمتون ماڻيندؤ. (٢٥) (الله تعاليٰ کين هيئن پڻ) فرمايو ته انهيءَ ئي زمين تي رهي زندگي گذاريندؤ ۽ انهيءَ زمين تي مرندؤ ۽ پوءِ (آخر) انهيءَ ئي زمين مان (ٻيهر جيئاري قيامت جي ڏينهن) اوهان کي (قبرن مان) اٿاري ٻاهر ڪڍيو ويندو.

    رڪوع ٣ آيت 26-تا-31
    تقويٰ روح جي لاءِ حفاظت ۽ زينت آهي
    (٢٦) اي آدم جا اولاد! تحقيق اسان توهان جي لاءِ لباس نازل ڪيو (يعني ڪپڙا مهيا ڪيا) انهيءَ لاءِ ته توهان جي شرمگاهن کي ڍڪي ۽ پڻ زينت جو سامان مهيا ڪياسين. (پر ياد رکو ته) تقويٰ (يعني الله جي نافرمانيءَ کان بچڻ) جو لباس ئي بهترين لباس آهي. (۽ پڻ ياد رکو ته) هي الله تعاليٰ جي نشانين منجهان آهن (جي انهيءَ لاءِ نازل ڪيون ويون آهن) ته من ماڻهو نصيحت وٺن. (٢٧) اي آدم جا اولاد! (خبردار) متان شيطان اوهان کي ڀلائي وجهي. جهڙيءَ طرح هن اوهان جي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ (آدم ۽ حوا) کي ڀلائي جنت مان ٻاهر ڪڍائي ڇڏيو ۽ هنن جو (الله تعاليٰ جي فرمانبرداريءَ جو) لباس لهارائي ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ ته هنن کي سندن شرمگاهه کولي ڏيکاري. (ياد رکو ته) اهو شيطان ۽ سندس لشڪر (هر وقت) اهڙيءَ طرح توهان کي نظر ۾ رکيو ويٺو آهي، جي توهان انهن کي ڏسي نٿا سگهو. (هو توهان کي ڀلائڻ لاءِ اهڙا موقعا ۽ وجهه تاڙي ٿا وٺن جو توهان کي پتوئي نٿو پوي. تنهن ڪري هر وقت خبردار رهو ۽ فقط خدا ۾ ايمان رکي سندس ئي حڪمن تي عمل ڪيو) يقين ڄاڻو ته جيڪي ماڻهو (خدا تي) ايمان نٿا رکن (اهي ئي ڀلجن ٿا ۽) انهن ئي لاءِ اسان شيطان کي سندن دوست بنايون ٿا. (٢٨) ۽ جڏهن هي (ڪافر) ڪو بي شرميءَ جو ڪم ڪن ٿا تڏهن چون ٿا ته اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي انهيءَ طريقي تي هلندو ڏٺو ۽ خدا به اسان کي اهوئي حڪم ڏنو آهي. (الله تعاليٰ (ڪڏهن به) بي شرميءَ جي ڪمن ڪرڻ جو حڪم نٿو ڏئي. ڇا (خود) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون ٿا مڙهيو جن بنسبت توهان کي ڪجهه به علم ڪونهي؟ (٢٩) (اي پيغمبر! تون انهن ماڻهن کي) چئو ته منهجي پروردگار (هر حالت ۾) اعتدال جي راهه اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي (پڻ حڪم ڪيو آهي ته) نماز جي هر وقت تي ۽ هر هنڌ پنهنجا منهن بلڪل سڌا رکو (يعني پوريءَ طرح الله جي اڳيان نياز جو سر جهڪايو) ۽ الله کي سچي دل سان ۽ ڪامل فرمانبرداريءَ جي نيت سان پڪاريو (ياد رکو ته) جهڙيءَ طرح الله تعاليٰ اوهان کي پهريائين پيدا ڪيو تهڙيءَ طرح اوهان (موت کان پوءِ ڏانهنس) موٽندؤ. (٣٠) الله تعاليٰ هڪڙيءَ ٽوليءَ کي (سندن اخلاص سبب ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه وٺائي آهي ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراهي (حق ۽ انصاف سان) واجب ٿي آهي، ڇو ته هنن الله کي ڇڏي شيطانن کي پنهنجو رفيق ۽ مددگار بنايو آهي ۽ (ڀلجي) سمجهن ٿا ته اسان سچي هدايت جي واٽ ورتي آهي. (٣١) اي آدم جا اولاد! نماز جي هر وقت ۽ هر هنڌ سٺائي ۽ سينگار رکو ۽ (بيشڪ) کائو پيئو، (يعني الله تعاليٰ جون ڏنل نعمتون ماڻيو) پر حدن کان ٻاهر نه وڃو. (حدن کان ٻاهر وڃڻ ۾ اوهان جو ئي نقصان آهي) بيشڪ الله تعاليٰ انهن کي پسند نٿو ڪري جيڪي حدن کان ٻاهر ٿا وڃن.

    رڪوع ٤ آيت 32-تا-39
    اسلام خدا جي ڏنل نعمتن کي ڪم آڻڻ جو حڪم ٿو ڏئي.
    (٣٢) اي پيغمبر تون) ماڻهن کان پڇ ته الله تعاليٰ زينت جو جيڪو ساز سامان پنهنجي بندن لاءِ پيدا ڪيو آهي، تنهن کي ۽ کائڻ پيئڻ جي صاف ۽ سٺين شين کي ڪنهن حرام ٺهرايو آهي؟ کين ٻڌاءِ ته اهي سڀ شيون دنيا ۾ ئي ايمان وارن لاءِ آهن، قيامت جي ڏينهن ته خالص طور (دنيائي تڪليفن کان پاڪ) فقط، مؤمنن لاءِ آهن (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان پنهنجون آيتون (سمجهاڻيون ۽ حڪم) کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي علم ۽ سمجهه رکن ٿا. (٣٣) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) ٻڌاءِ ته منهنجي پروردگار ته بي حيائيءَ جون ڳالهيون ۽ ڪم حرام ڪيا آهن، پوءِ اهي ظاهر هجن توڙي لڪل هجن ۽ پڻ گناهه جا ڪم ۽ زيادتي وارا ڪم جي حق ۽ انصاف جي خلاف هجن (حرام ڪيا اٿس ۽ هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس ته) اوهان الله سان ڪنهن کي شريڪ ٺهرايو جنهن لاءِ ڪابه سند نازل ڪانه ڪئي اٿس ۽ (هيءَ ڳالهه به حرام ٺهرائي اٿس جو) خدا تي اهڙيون (ڪوڙيون) ڳالهيون مڙهيو جن بابت توهان کي ڪوبه علم ڪونهي. (٣٤) ۽ هرهڪ قوم لاءِ هڪڙو وقت ٺهرايل آهي (جنهن وقت هن تي عذاب ايندو يا بربادي ٿيندي) پوءِ جڏهن هنن تي اهو وقت اچي ويندو تڏهن نڪي هڪ گهڙي (ان عذاب يا تباهي کي) دير ڪرائيندا نڪي هڪ گهڙي ان کي اڳي آڻي سگهندا. (٣٥) اي آدم جا اولاد! جڏهن جڏهن اوهان ڏي اوهان منجهان رسول اچن جي اوهان کي منهنجون آيتون پڙهي ٻڌائين تڏهن جيڪو به تقويٰ اختيار ڪندو (يعني گناهن کان پاڻ بچائيندو) ۽ نيڪ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙن ماڻهن لاءِ نڪو ڪو خوف هوندو نڪي هو غمگين ٿيندا. (٣٦) ۽ اهي ماڻهو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي خلاف عمل ڪيائون سي دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٣٧) پوءِ اهڙي شخص کان ڪير وڌيڪ ظالم ٿي سگهي ٿو جو الله تي ڪوڙ مڙهي ۽ سندس حڪمن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪري. انهن ماڻهن جي نصيب ۾ جيڪي لکيل آهي، سو کين (هن دنيا ۾) ملندو. تان جو جڏهن اسان جا موڪليل (موت جا ملائڪ) سندن جانيون قبض ڪرڻ لاءِ وٽن پهچي ويندا، تڏهن کين (اهي ملائڪ) چوندا ته توهان الله کي ڇڏي جن (ديوتائن) کي پڪاريندا هئو سي ڪٿي آهن؟ هو (ڪافر) جواب ۾ چوندا ته اسان کي ڇڏي گم ٿي ويا ۽ اهي ڪافر پاڻ پنهنجي خلاف شاهدي ڏيندا ته سچ پچ اسان ڪافر هئاسين. (٣٨) (پوءِ الله تعاليٰ جو) حڪم ٿيندو ته جيڪي (منڪر) ٽوليون جنن ۽ انسانن مان توهان کان اڳي گذريون آهن تن سان گڏ توهان به دوزخ ۾ داخل ٿيو. جڏهن به ڪا ٽولي دوزخ ۾ داخل ٿيندي تڏهن اڳي داخل ٿيل ٽوليءَ تي لعنت ڪندي (ڇو ته انهن وڏن ننڍن کي سنئين واٽ نه ڏيکاري). تان جو جڏهن اهي سڀ ٽوليون ان ۾ گڏ ٿي وينديون تڏهن پويون ٽوليون اڳين ٽولين بنسبت چونديون ته اي اسان جا پروردگار! هنن ماڻهن اسان کي گمراهه ڪيو هو، تنهن ڪري هنن کي دوزخ جي باهه جو ٻيڻو عذاب ڏي. الله تعاليٰ فرمائيندو ته، توهان سڀني (اڳوڻن توڙي پوين) لاءِ ٻيڻو عذاب آهي، پر توهان نٿا ڄاڻو (جيئن اڳوڻن اوهان کي گمراهه ڪيو، تيئن اوهان به ننڍن کي گمراهه ڪيو). (٣٩) ۽ پهريون ٽوليون پوئين ٽولين کي چونديون ته اوهان اسان کان بهتر ڪونه آهيو. سو توهان به جيڪي عمل ڪمايا آهن، تن جي بدلي ۾ عذاب چکو.

    رڪوع ٥ آيت 40-تا-47
    بهشت وارن جون دليون بغض ۽ ساڙ کان پاڪ هونديون.
    (٤٠) يقين ڄاڻو ته جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائي رد ڪيو ۽ تڪبر ڪري انهن جي مخالفت ڪئي تن جي لاءِ آسمان جا (يعني معافي ۽ رحمت جا) دروازا نه کيوليا ويندا، نڪي اهي جنت ۾ داخل ٿيندا جيستائين ڪه اٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي وڃي. (يعني نڪي اُٺ سئيءَ جي سوراخ مان لنگهي سگهندو نڪي هو جنت ۾ داخل ٿي سگهندا) اهڙيءَ طرح اسان گنهگارن کي (بدعملن جو) بدلو ڏيون ٿا ۽ ڏينداسين. (٤١) انهن (منڪرن) لاءِ باهه بسترو ٿيندي (يعني باهه تي ليٽايا ويندا) ۽ سندن مٿان به باهه جي چادر يا سوڙ هوندي، ظالمن کي اسان اهڙيءَ طرح (سندن ظلم جو) بدلو ڏيندا آهيون. (٤٢) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل به ڪيا (ياد رکڻ گهرجي ته) اسان ڪنهن به شخص کي سندس طاقت کان ٻاهر (نيڪ عملن ڪرڻ جي) تڪليف نٿا ڏيون. اهي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا. (٤٣) ۽ انهن (نيڪ ماڻهن) جي سينن ۾ جيڪو ڏک يا ڪينو (انهن بنسبت جن کين دنيا ۾ ايذاءَ ڏنا هئا) هوندو، سو اسان ڪڍي ڇڏينداسين. (انهيءَ لاءِ ته هنن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون ۽ هو (بي اختيار) چئي ڏيندا ته حمد (يعني سڀ ساراهه) آهي الله جي، جنهن اسان کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) سڌي واٽ تي هلايو. ۽ (ان واٽ تي هلڻ سببان) اسان کي هن (جنت) ڏانهن آندائين. جيڪڏهن الله تعاليٰ اسان کي سڌي واٽ تي نه لڳائي ها ته اسان پنهنجو پاڻ ڪڏهن به اها واٽ نه لهي سگهون ها. اسان جي پروردگار جا رسول سچ پچ حق ۽ صداقت کڻي اسان وٽ آيا هئا. پوءِ انهن (نيڪ ماڻهن) کي پڪاري چيو ويندو ته ڏسو اها اٿؤ جنت جا اوهان جي (نيڪ) عملن سبب اوهان کي ورثي ۾ ڏني وئي آهي. (٤٤) ۽ جنت وارا ماڻهو دوزخ وارن کي سڏي چوندا ته جنهن ڳالهه جو واعدو اسان جي پروردگار اسان سان ڪيو هو سو اسان جي حق ۾ سچو نڪتو (۽ اسان جنت ۾ داخل ٿيا آهيون) (هاڻي اوهان ٻڌايو ته) جيڪو واعدو (دوزخ ۾ وجهڻ جو) اوهان جي پروردگار اوهان سان ڪيو هو سو به اوهان جي حق ۾ سچو نڪتو آهي يا نه؟ اهي چوندا ته هائو (اهو واعدو به سچو نڪتو ۽ اسان دوزخ جو عذاب پيا ٿا چکون) پوءِ هڪڙو آواز ڏيندڙ انهن ۾ آواز ڏيندو ته ظالمن تي خدا جي لعنت آهي. (٤٥) (انهن ظالمن تي خدا جي لعنت آهي) جي ماڻهن کي الله جي راهه (تي هلڻ) کان روڪيندا هئا ۽ ان (واٽ) ۾ ڏنگائي ڦڏائي (۽ عيب) ڳوليندا هئا (۽ ماڻهن کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا) ۽ هو آخرت جا منڪر هئا، (تنهن ڪري ئي هو بي باڪ ٿي اهي ڪم ڪندا هئا). (٤٦) ۽ جنتي ماڻهن ۽ دوزخي ماڻهن جي وچ ۾ پردو هوندو. پر اتاهين جاين تي (پيغمبر ۽ ٻيا صالح) ماڻهو هوندا جيڪي بهشتين ۽ دوزخين کي سندن نشانين منجهان سڃاڻي وٺندا ۽ جنتين کي سڏي چوندا ته اوهان تي سلامتي هجي (اوهان اجهو ٿا جنت ۾ داخل ٿيو). اهي اڃا (جنت ۾) داخل ڪونه ٿيا هوندا پر کين اميد ۽ آسرو هوندو (ته اجهو ٿا داخل ٿيون). (٤٧) ۽ (وري) جڏهن (انهن صالحن جون) اکيون دوزخين تي پونديون تڏهن هو چوندا ته، اي اسان جا پروردگار! اسان کي ظالمن جي سنگت ۾ نه موڪلجانءِ.

    رڪوع ٦ آيت 48-تا-54
    اتي مسڪينن جي سامهون ظالم وڏيرن کي پشيمان ۽ ذليل ڪيو ويندو
    (٤٨) ۽ مٿاهين جاين وارا (دوزخي) ماڻهن کي، جن کي سندن نشانين جي ڪري سڃاڻي وٺندا، سڏ ڪري چوندا ته، توهان جو وڏو لشڪر (يا گڏ ڪيل ناڻو ۽ سامان) ۽ توهان جو تڪبر توهان کي ڪنهن به ڪم نه آيو. (اهو توهان کي توهان جي بدعملن جي نتيجن کان بچائي نٿو سگهي.) (٤٩) (پوءِ مٿاهين جاين وارا صالح ماڻهو تڪبر ڪندڙ دولت مند دوزخي ماڻهن کان پڇندا ته) هي جنتي اهي ئي (مسڪين) ماڻهو ناهن جن بنسبت توهان (ڌڪار ۽ نفرت سان) قسم کڻي چوندا هئو ته، انهن تي الله تعاليٰ هرگز رحمت نه ڪندو؟ (هاڻي ته اکيون کولي ڏسي سگهو ٿا). (الله تعاليٰ انهن مسڪينن کي خطاب ڪري فرمائي رهيو آهي ته) جنت ۾ داخل ٿيو اوهان تي ڪوبه خوف خطرو ڪونه هوندو ۽ نڪي توهان غمگين ٿيندؤ. (٥٠) ۽ دوزخ وارا ماڻهو جنت جي ماڻهن کي سڏي چوندا ته اسان تي ڪجهه پاڻي ڇڻڪايو (يا پرٽايو، جو گرمي اسان کي بي تاب ڪري وڌو آهي.) ۽ جيڪي الله تعاليٰ اوهان کي کائڻ لاءِ ڏنو آهي، تنهن مان اسان کي به ڪجهه ڏيو. اهي جنتي ماڻهو جواب ڏيندا ته الله تعاليٰ اهي ٻئي شيون حق جي منڪرن لاءِ حرام ٺهرايون آهن. (تنهن ڪري اوهان کي ڪونه ملي سگهنديون.) (٥١) (اهي ڪافر انهن نعمتن کان محروم رهندا) جن پنهنجي دين کي کيل تماشو بنائي رکيو هو ۽ جن کي هن دنيا جي زندگيءَ (جي حرصن هوسن) فريب ڏنو. تنهن ڪري اڄ (قيامت جي ڏينهن) اسان هنن کي (ڄاڻي واڻي) وساري ڇڏينداسين جو هنن به هن پنهنجي ڏينهن تي اسان وٽ حاضر ٿيڻ (جي حقانيت) کي وساري ڇڏيو هو ۽ (پڻ هن ڪري اسان کين وساري ڇڏينداسين جو) هنن اسان جي آيتن (۽ حڪمن) کي نه مڃيو هو (۽ انهن جي ابتڙ عمل ڪيا هئا.) (٥١) ۽ اسان هنن (سڀني ماڻهن) ڏانهن هڪ ڪتاب (قرآن مجيد) آندو آهي ۽ اسان ان ڪتاب ۾ (پنهنجي ڪامل) علم (۽ حڪمت) سان تفصيل سان روشن هدايتون ڏنيون آهن. (اهو ڪتاب) ايمان آڻيندڙ ماڻهن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه ڏيکاريندڙ ۽ (سراسر) رحمت آهي. (٥٣) ڇا اهي (منڪر) ماڻهو فقط انهيءَ لاءِ ترسيا ويٺا آهن ته ڏسون ته ڪيئن ۽ ڪڏهن خدا جو واعدو ۽ حڪم (عذاب بنسبت) سچو ٿو ثابت ٿئي؟ (اهي بيوقوف ايترو به نٿا سمجهن ته) جڏهن اهو ڏينهن ايندو جنهن ڏينهن خدا جو واعدو سچو ثابت ٿيندو (تڏهن ايمان آڻڻ ۽ عمل ڪرڻ جو وقت گذري ويو هوندو ۽ عذاب کي هو ٽاري ڪونه سگهندا ۽) جن (ڪافرن) ان (قيامت جي) ڏينهن کي اڳي خيال ۾ ئي ڪونه آندو هو سي پوءِ چوندا ته بيشڪ اسان جي پروردگار جا رسول سچائي سان آيا (۽ سچ ٻڌايائون ته منڪر دوزخ ۾ پوندا) ۽ پڻ چوندا ته ڪي شفاعت ڪرڻ وارا هجن جيڪي اسان جي لاءِ (خدا وٽ) سفارش ڪن. يا (شال هيئن ٿئي جو) اسان کي (دنيا ۾) موٽايو وڃي ته جيڪي (بد) عمل اسان ڪيا هئا تن جي ابتڙ (نيڪ) عمل وڃي ڪيون. (پر نڪو هوندن ڪو سفارش ڪرڻ وارو، نڪي دنيا ڏانهن موٽايا ويندا). حقيقت هي آهي ته هنن پاڻ کي پاڻ نقصان هيٺ آندو ۽ جيڪي ڪوڙ ٺاهيا هئائون ۽ ڪوڙا ديوتائون ٺهرايا هئائون سي کانئن گم ٿي ويا.

    رڪوع ٧ آيت 54-تا-58
    خدا جي رحمت نيڪ عمل ڪندڙن کي ويجهي آهي ۽ اهي ڪامياب ٿيندا.
    (٥٤) (اي انسانو!) بيشڪ توهان جو پروردگار الله ئي آهي، جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ خلقيو ۽ (ڪائنات جي) تخت تي قائم ۽ محڪم رهيو (يعني دنيا جي نگهباني ڪندو ٿو رهي.) اهوئي الله تعاليٰ رات سان ڏينهن کي ڍڪي ٿو (يعني رات جو پردو ڏينهن تي پوي ٿو) ۽ رات ڏينهن جي پٺيان چهٽي ملي اچي ٿي ۽ هن سج، چنڊ ۽ تارا بنايا جي سندس فرمان هيٺ آهن. (ياد رکو ته) خلقڻ ۽ حڪم هلائڻ فقط الله تعاليٰ جو ئي ڪم آهي. (نه ڪنهن ٻئي جو) وڏي برڪت واري آهي ذات الله جي جو سڄي جهان جو پروردگار آهي. (٥٥) (اي انسانو!) خدا کي نماڻائي ۽ آهه زاريءَ سان ۽ خلوت ۾ (اڪيلائي ۾ آهسته آهسته، (نه وڏي واڪي سان) پڪاريو. (ياد رکو ته الله تعاليٰ دل جا خيال به ڄاڻي ٿو. ظاهري ڏيک ويک ڪرڻ ۽ هٺ وڏائي رکڻ واري دعا يا نماز گهربل اخلاقي بلندي ۽ روحانيت پيدا نه ڪندي اٽلندو خدا کان دور ڪندي) يقين ڄاڻو ته الله انهن کي حب نٿو ڪري جي حدن کان ٻاهر وڃن. (٥٦) (اهڙي دعا زمين تي سڌارو ۽ امن امان پيدا ڪندڙ آهي) ۽ توهان (اي انسانو!) متان درستي انتظام ۽ امن امان بعد زمين تي فساد ۽ خرابيون پيدا ڪيو (ان لاءِ ضروري آهي ته) الله تعاليٰ کي خوف ۽ اميد جا جذبا رکي پڪاريو. (خوف اهو رکو ته متان اوهان کان خدا جي نافرمانيءَ جو ڪو ڪم ٿي وڃي ۽ اميد اها رکو ته چڱن ڪمن لاءِ توهان کي برڪتون نصيب ٿينديون) بيشڪ الله جي رحمت نيڪيون ڪندڙن کي بلڪل ويجهي آهي. (٥٧) ۽ اهوئي (الله) آهي جو هوائن کي پنهنجي رحمت (يعني برسات کان اڳي برسات) جي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ هوائيون موڪلي ٿو، تان جو جڏهن اهي هوائون (مينهن سان ڀريل) ڳورن ڪڪرن کي کڻي هلن ٿيون تڏهن اسان انهن (هوائن ۽ ڪڪرن) کي مئل (يعني خشڪ ۽ غيرآباد) ملڪن ڏانهن هڪاليون ٿا ۽ انهن ملڪن تي (برسات جو) پاڻي انهن ڪڪرن مان وسايون ٿا، پوءِ اسان ان پاڻيءَ جي وسيلي هر قسم جا ميوا ۽ ڦل پيدا ڪيون ٿا. (ياد رکو ته) اهڙيءَ ئي طرح اسان مئلن کي (وري زندهه ڪري) ٻاهر آڻيون ٿا، انهيءَ لاءِ ته من توهان غور ۽ فڪر ڪريو ۽ نصيحت وٺو. (٥٨) ۽ جيڪا زمين ڀلي ۽ سٺي آهي تنهن جي (ڪارائتي) سبزي خدا جي حڪم سان خوب اڀڙي ٿي، پر جيڪا زمين خراب آهي تنهن مان ڪجهه نٿو اڀڙي سواءِ بيڪار ٻوٽن جي. اهڙيءَ طرح اسان انهن ماڻهن لاءِ جي خدا جي نعمتن جو قدر ڪندڙ آهن ۽ انهن مان فائدو وٺن ٿا، پنهنجون آيتون کولي کولي طرح طرح سان بيان ڪيون ٿا.

    رڪوع ٨ آيت 59-تا-64
    اسان کي پنهنجن گمانن ٺاهڻ بدران رسولن تي ويساهه ڪرڻ گهرجي
    (٥٩) بيشڪ اسان حضرت نوح کي سندس قوم ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو، سو هن پنهنجي قوم کي (همدردي ۽ محبت وچان) چيو ته اي منهنجي (پياري) قوم! الله جي بندگي ڪريو (شيطان جي بندگي ڇڏي ڏيو، يعني ٻين تي ظلم ڪرڻ ۽ ٻيا گناهه جا حڪم ڦٽي ڪيو. ياد رکو ته) الله کان سواءِ توهان جو ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪيو. خدا جي حڪمن جي خلاف ڪنهن جي به حڪم جي تعميل ڪرڻي ناهي) بيشڪ مون کي اوهان جي بنسبت ڏاڍو خوف آهي ته متان اوهان تي وڏي ڏينهن جو عذاب اچي ڪڙڪي. (٦٠) سندس قوم جي سردارن چيو ته، (اي نوح) اسان توکي يقيناً کلي ۽ چٽي گمراهيءَ ۾ ڏسي رهيا آهيون. (٦١) حضرت نوح فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته ڪابه گمراهيءَ جي ڳالهه ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهان جي پروردگار وٽان (اوهان ڏي) رسول ٿي آيو آهيان. (٦٢) مان اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ مان توهان کي اخلاص سان چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان (۽ اوهان جو ڀلو ٿو چاهيان. مان توهان کي حقيقت ٿو ٻڌايان ته) مون کي الله تعاليٰ وٽان انهن ڳالهين جو علم ٿو ملي جن ڳالهين جي اوهان کي ڪجهه به خبر ڪانهي. (٦٣) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي شخص جي وسيلي توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي پيغام ۽ نصيحت اچي انهيءَ لاءِ ته توهان کي (نافرماني ۽ بدعملن جي نتيجن کان هو خبردار ڪري ۽) خوف ڏياري ۽ انهيءَ لاءِ ته توهان خدا جو خوف رکي صالح عمل ڪيو ته من توهان تي رحمت ٿئي. (٦٤) پوءِ (اهڙين سهڻين هدايتن ملڻ بعد به) هنن (منڪرن) حضرت نوح کي ڪوڙو ٺهرايو (۽ ڌمڪيون ڏنيون) پر اسان کيس ۽ جيڪي ساڻس (دين ۾) شامل هئا ٻيڙيءَ ۾ (چاڙهي ٻوڏ کان) بچايو. پر جن ماڻهن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي (ٻوڏ جي پاڻي ۾) غرق ڪري ڇڏيوسين. يقيناً اهي (منڪر) ماڻهو (دل ۽ دماغ جا) انڌا ٿي ويا هئا.

    رڪوع ٩ آيت 65-تا-72
    گمراهه ماڻهو حق جو سڏ ڏيڻ تي پنهنجي خانداني ۽ نسلي وڏڙن جو بهانو وٺن ٿا.
    (٦٥) ۽ (ساڳيءَ طرح) اسان قوم ڏي ( جا عربستان جي ڏکڻ ۾ رهندي هئي) سندن ڀاءُ حضرت هود کي رسول ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهجي قوم! الله جي بندگي ڪيو، کانئس سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) پوءِ توهان (سندس نافرمانيءَ جي نتيجن ۽ سزا کان) نٿا ڊڄو ڇا؟ (٦٦) پر سندس قوم مان جن مڃڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن چيو ته اسان ڏسون ٿا ته تون حماقت (يعني بي وقوفي) ۾ پيل آهين ۽ توکي اسان يقيناً ڪوڙو ٿا سمجهون. (٦٧) (حضرت هود کين جواب ۾) چيو ته، اي منهنجي قوم! مون ۾ ته تر جيتري حماقت به ڪانهي، بلڪ مان ته سڄي جهانن جي پروردگار جي طرفان رسول ٿي آيو آهيان. (٦٨) آءٌ اوهان کي پنهنجي پروردگار جا پيغام ۽ حڪم پهچايان ٿو ۽ ايمانداريءَ سان توهان کي چڱيون نصيحتون ٿو ٻڌايان ۽ اوهان جو سچو خيرخواهه آهيان. (٦٩) توهان کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ڇا ته توهان مان هڪڙي ماڻهو جي معرفت توهان جي پروردگار وٽان پيغام ۽ نصيحت آئي آهي؟ (حضرت هود اوهان ڏي رسول ڪري موڪليو ويو آهي) انهيءَ لاءِ ته توهان کي (گناهن ۽ ظلمن جي بدلي ۾ ايندڙ عذابن کان) خبردار ڪري (هيءَ حقيقت) ياد ڪريو ته الله تعاليٰ نوح جي قوم کان پوءِ اوهان کي سندن جانشين ڪيو ۽ قد، بت ۽ طاقت ۾ (ٻين قومن کان) وڌيڪ ڪيو. سو (اها ڳالهه ياد رکو ته) الله تعاليٰ جي نعمتن کي نه وساريو (۽ سندس نعمتن جو قدر ڪري سندس حڪمن جي پيروي ڪريو) انهيءَ لاءِ ته ڪاميابي ۽ سعادت حاصل ڪيو. (٧٠) هو (هٺيلا) چوڻ لڳا ته ڇا تون اسان وٽ هن لاءِ آيو آهين ته اسان فقط هڪ الله جي بندگي ڪيون ۽ جن جي بندگي اسان جا ابا ڏاڏا ڪندا آيا آهن تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه سچي آهي (ته اسان تي عذاب ايندو) ته ڀلا جنهن عذاب جو اسان کي ڊپ ڏيارين ٿو سو آڻ. (اسان کي ته يقين آهي ته تون ڪوڙو آهين ۽ اسان تي عذاب ڪونه ايندو). (٧١) حضرت هود جواب ۾) فرمايو ته، (جيڪڏهن توهان ايمان نٿا آڻيو ته ڏسو) توهان جي پروردگار جي طرف کان توهان تي عذاب ۽ غضب اچي ڪڙڪيو آهي. ڇا توهان مون سان (ديوتائن جي سکڻن) نالن جي باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ٿا ڪيو جي نالا توهان ۽ توهان جي وڏن پاڻ هٿراڌو ٺاهيا آهن جن بابت الله تعاليٰ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي؟ (جيڪڏهن توهان فلاح ۽ سعادت جي بدران عذاب ٿا گهرو ته) پوءِ (عذاب جو) انتظار ڪيو، مان به توهان سان گڏ انتظار ڪندڙن مان آهيان. (ترسو تباهي اجها ٿي اچي). (٧٢) پوءِ (ٿيو به ائين) اسان حضرت هود کي ۽ انهن کي جي ساڻس (دين ۾) شامل ٿيا هئا. (ايندڙ تباهيءَ کان) پنهنجي رحمت سان بچايو. پر جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ ايمان نه آندائون تن جون پاڙون به وڍي پٽي ڇڏيون سين.

    رڪوع ١٠ آيت 73-تا-84
    حضرت صالح ۽ حضرت لوط جي پنهنجي قومن کي گناهن تي تنبيهه
    (٧٣) ثمود جي قوم ڏي به اسان سندن ڀاءُ حضرت صالح کي (پيغمبر ڪري) موڪليو. حضرت صالح (عليه السلام) کين چيو ته، اي منهنجي قوم! الله جي بندگي ڪيو. اوهان جي لاءِ کانئس سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جو بندگيءَ جو لائق هجي) توهان جي پروردگار وٽان توهان ڏي روشن دليل اچي چڪو آهي. هيءِ (جا ڏسو ٿا) خدا جي (موڪليل) ڏاچي آهي جا توهان لاءِ نشاني آهي، ان ڏاچيءَ کي ڇوٽ ڇڏيو ته خدا جي زمين تي چرندي وتي ۽ برائي جي نيت سان ان کي رڳو هٿ به نه لائجو. (جيڪڏهن ان کي ڪو نقصان رسائيندؤ ته) پوءِ اوهان تي سخت عذاب اچي ڪڙڪندو. (٧٤) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن الله تعاليٰ اوهان کي عاد قوم کان پوءِ زمين تي سندن جانشين ڪيو ۽ زمين تي توهان کي (چڱيون) رهڻ جون جايون ڏنيون. توهان ان زمين جي ميدانن تي محلاتون ٺاهيو ٿا ۽ جبلن کي ٽڪي ٽڪي گهر ٺاهيو ٿا (يعني جبلن ۾ اندر غار ٺاهي تراشي تراشي سهڻا گهر بنايو ٿا) پوءِ الله تعاليٰ جي (اهڙين) نعمتن کي ياد ڪريو (۽ سندس نعمتن لاءِ شڪر گذار ٿي ڪري صالح عمل ڪيو) ۽ زمين تي فتنا فساد نه ڪندا وتو. (٧٥) تنهن تي (حضرت صالح جي) قوم جي هٺيلن سردارن انهن مسڪينن ضعيفن کان جن (حضرت صالح تي) ايمان آندو هو (ٽوڪ طرح) پڇيو ته، توهان کي خبر آهي ڇا ته صالح سچ پچ پنهنجي پروردگار جي طرفان موڪليل مرسل آهي؟ هنن (مسڪين مؤمنن) وراڻي ڏني ته، بيشڪ اسان انهن (سچين حقيقتن ۽ حڪمن) تي ايمان آندو آهي جن سان هن کي خدا موڪليو آهي. (٧٦) هٺيلن سردارن تنهن تي چيو ته، جن ڳالهين کي توهان (چڱيون سمجهي) ايمان آندو آهي تن کان اسان انڪار ٿا ڪريون (جو اسان کي اها تعليم ڪانه ٿي وڻي. ڀلا خودغرض ظالمن کي اها تعليم ڪيئن وڻندي ته مسڪينن سان عدل ۽ احسان ڪيو ۽ خدا جي زمين تي تڪبر سان نه گهمو). (٧٧) (پوءِ ڇا ڪيائون جو) انهيءَ ڏاچيءَ کي زخمي ڪيائون ۽ هٺيلائيءَ سان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي مخالفت ڪيائون. ۽ (آڪڙ ۾ ڀرجي) چيائون ته اي صالح! جيڪڏهن تون مرسلن (موڪليلن) منجهان آهين ته ڀلا آڻ اهو عذاب جنهن جو اسان کي خوف ڏياريندو آهين. (اسان کي ته يقين آهي ته نڪي تون سچو رسول آهين، نڪي اسان تي ڪو عذاب ايندو). (٧٨) پوءِ (نيٺ خدا جو غضب منڪرن تي اچي ڪڙڪيو ۽) سخت زلزلي (يعني ڌرتيءَ جي ڌٻڻ) هنن کي اوچتو گهيري ورتو جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا). (٧٩) ان وقت (حضرت صالح) هنن کان پنهنجو منهن ڦيرايو ۽ فرمايو ته، اي منهنجي قوم! مون ته پنهنجي پروردگار جو پيغام اوهان کي پهچائي ڏنو ۽ توهان جي خيرخواهي ڪري اوهان کي چڱيون نصيحتون ٻڌايم، پر (افسوس !جو) توهان خيرخواهن ۽ نصيحت ڪندڙن کي پسند نٿا ڪيو (هاڻي چکو خدا جو عذاب). (٨٠) ۽ لوط کي به اسان هڪڙي قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو) هن پنهنجي قوم کي چيو ته، (وڏي شرم جي ڳالهه آهي) ڇا توهان اهڙي بي شرميءَ جو ڪم ٿا ڪيو جو اوهان کان اڳي سڄي جهان ۾ ڪنهن به نه ڪيو. (٨١) (يعني) توهان عورتن کي ڇڏي مردن ڏي شهوت راني ڪرڻ لاءِ ويندا آهيو ڇا؟ بلڪ (افسوس ۽ شرم!) توهان ماڻهو (فطرت جي) حدن کان ٻاهر نڪري ويا آهيو. (٨٢) پر هن جي قوم جو جواب ٻيو ڪوبه ڪونه هو، سواءِ هن جي جو چوڻ لڳا ته هنن (يعني حضرت لوط ۽ ايمان وارن) کي پنهنجي شهر مان لوڌي ٻاهر ڪڍو. اهي ماڻهو (ڏسو جو) اچي پاڪ ۽ صاف بڻيا آهن! (٨٣) پوءِ اسان حضرت لوط کي ۽ سندس ماڻهن کي (ايندڙ مصيبت کان) بچايو (يعني شهر مان ٻاهر آندو) سواءِ سندس زال جي جا پٺتي رهيل (عذاب چکڻ وارن منڪرن) ماڻهن ۾ رهجي پئي. (٨٤) ۽ پوءِ اسان انهن منڪرن تي پٿرن جو مينهن وسايو، پوءِ ڏسو ته گنهگارن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي.

    رڪوع ١١ آيت 85-تا-93
    حضرت شعيب جي تبليغ ته ماپ تور پوري ڪريو، امن رکو ۽ فساد نه پکيڙيو
    (٨٥) ۽ الله تعالي! مدين وارن ڏي سندن ڀاءِ شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم! فقط الله جي بندگي ڪيو. ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه اوهان جو معبود ڪونهي (جنهن جي عبادت ڪيو) توهان وٽ توهان جي پروردگار جي طرف کان روشن دليل اچي چڪو آهي. سو آئينده توهان ماپ ۽ تور پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون گهٽ ڪري نه ڏيو ۽ ملڪ ۾ صلح امن امان ۽ انتظام هئڻ بعد وري فساد نه پکيڙيو. توهان ۾ جيڪڏهن ايمان هجي ته ان ۾ (يعني مٿين حڪمن مڃڻ ۾) توهان جي لاءِ گهڻي چڱائي ۽ بهتري آهي. (٨٦) ۽ ائين نه ڪيو، جو هرهڪ رستي تي ويهي ماڻهن کي دڙڪا ڏيو ۽ ڊيڄاريو ۽ الله جي راهه (سچي دين) کان انهن کي روڪيو جي الله تي ايمان ٿا آڻين. ۽ ان سچي راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي ڳولڻ لڳو ۽ اهو وقت ياد ڪيو جڏهن توهان ٿورڙا هئو. ۽ الله تعاليٰ اوهان کي تعداد ۾ وڌايو ۽ اکيون کولي ڏسو ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي! (٨٧) ۽ جيڪڏهن هڪ ٽولي اهڙي آهي جا توهان مان هن پيغام تي ايمان رکي ٿي جنهن جي پهچائڻ لاءِ الله تعاليٰ مون کي (رسول ڪري) موڪليو آهي ۽ هڪ ٽولي اهڙي آهي جا ان تي ايمان نه ٿي آڻي ته (ان حالت ۾) صبر ڪريو، جيستائين الله تعاليٰ اسان جي وچ ۾ فيصلو ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) اهوئي بهترين فيصلو ڪندڙ حاڪم آهي.

    حصو نائون
    (٨٨) (حضرت) شعيب جي قوم جي هٺيلن سردارن چيو ته، اي شعيب! اسان توکي ۽ تنهنجي ساٿين کي جن توتي ايمان آندو آهي، يقيناً پنهنجي ڳوٺ مان ڪڍي ڇڏينداسين، يا ته اوهان اسان جي (ابن ڏاڏن جي) مذهب ۾ موٽي اچو (ته پوءِ اسان اوهان کي ملڪ نيڪالي ڪونه ڏينداسين). حضرت شعيب فرمايو ته، جيڪڏهن اسان (توهان جو غلط مذهب ۽ ظالم طريقا) ڌڪاريون ٿا ته به (توهان جو مذهب ۽ طريقا) اختيار ڪريون ڇا؟ (۽ روشنائيءَ کي ڇڏي اونداهي اختيار ڪريون ڇا؟) (٨٩) حضرت شعيب وڌيڪ فرمايو ته) جيڪڏهن اسان توهان جي دين ۾ موٽي اچون ته پوءِ اهو موٽي اچڻ ٿيو الله تعاليٰ تي ڪوڙ ۽ بهتان مڙهڻ. (ڇو ته حقيقتاً اهو غلطين ۽ گناهه جا ڪم الله تعاليٰ ڪونه سيکاريا آهن ۽ اسان ڪيئن غلط دين ۾ موٽي سگهون ٿا). جڏهن ته اسان کي الله تعاليٰ ان مان ڇڏايو آهي ۽ اسان جي لاءِ هي هرگز مناسب ناهي ته اسان ان (غلط دين) ۾ وري اچي داخل ٿيون، سواءِ هن جي جو (توهان جو دين سچو هجي ۽) اسان جو پروردگار پاڻ ائين چاهي. اسان جي پروردگار جو علم هر شيءِ تي پهچي ٿو (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي). اسان ته الله تي توڪل رکي آهي (توهان ظالمن کان هرگز ڊڄڻ وارا ناهيون) اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان (مؤمنن) جي ۽ اسان جي (منڪر) قوم جي وچ ۾ حق ۽ صداقت سان فيصلو ڪرڻ فرماءِ ۽ تون ئي بهترين فيصلو ڪندڙ آهين. (٩٠) ۽ قوم مان جن (حضرت شعيب تي) ايمان آڻڻ کان انڪار ڪيو تن جي سردارن (قوم جي مؤمنن توڙي منڪرن کي) چيو ته، جيڪڏهن توهان شعيب جي پروي ڪئي ته يقيناً نقصان هيٺ ايندؤ (يعني اسان توهان کي پنهنجي ظالم ڪاررواين سان تباهه ڪري ڇڏينداسين.) (٩١) (تنهن تي الله تعاليٰ جو غضب منڪرن تي آيو ۽) پوءِ هنن کي ڌرتيءَ جي زلزلي اچي پڪڙ ڪئي. جنهن جي ڪري هو پنهنجي گهرن ۾ ڪريل ۽ ليٽيل حالت ۾ (دٻجي پورجي) فنا ٿي ويا (صبح جي وقت اونڌي منهن پيا هئا). (٩٢) (ڏسو ته) جن ماڻهن شعيب کي ڪوڙيو سمجهي نه مڃيو سي (اهڙا ته فنا ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن انهن گهرن ۾ رهيائي ڪونه هئا (جن ۾ دنيائي نعمتون ماڻيون هئائون ۽ ڏسو ته اهي منڪر مؤمنن کي ڪوبه نقصان پهچائي ڪونه سگهيا اٽلندو) اهي ئي تباهه ٿي ويا جن حضرت شعيب کي ڪوڙو سمجهي مٿس ايمان نه آندو. (٩٣) پوءِ حضرت شعيب انهن منڪرن کان منهن موڙي هليو ويو ۽ چيائين ته، اي منهنجي قوم! مون ته بيشڪ پنهنجي پروردگار جا موڪليل پيغام ۽ حڪم اوهان کي پهچائي ڏنا ۽ اوهان جي خيرخواهي ڪري چڱيون نصيحتون ڏنم. (مون پنهنجو فرض بجا آندو) پوءِ ڇو منڪر قوم (جي برباد ٿيڻ) تي اجايو ويهي افسوس ڪيان.

    رڪوع ١٢ آيت 94-تا-99
    جڏهن رسول ڪٿي اچي ٿو تڏهن سردار ۽ شاهوڪار مخالفت ڪن ٿا.
    (٩٤) اسان جتي به ۽ جڏهن به ڪنهن بستيءَ ۾ نبي موڪليو تڏهن اتي جي رهندڙن کي تڪليف ۽ تنگيءَ ۾ مبتلا ڪيوسين، انهيءَ لاءِ ته هو نماڻائي سکن. (٩٥) پوءِ وري اسان ان تڪليف ۽ تنگيءَ جي جاءِ تي راحت ۽ آسودگي آندي ايتري قدر جو هنن خوب ترقي ڪئي ۽ وڌيا. پر پوءِ چوڻ لڳا ته اسان جي ابن ڏاڏن کي به ساڳيءَ طرح (پهريائين) سختي ۽ (پوءِ) راحت ۽ آسودگي پيش آئي هئي. (يعني هنن خدا جي قانون کي وساري اها ڳالهه رواجي سمجهي پر حقيقتاً هي قانون اڻ ٽر آهي ته نيڪ ۽ صالح قوم ترقي ڪري ٿي ۽ وري جڏهن گناهن ۾ غلطان ٿئي ٿي تڏهن مٿس زوال اچي ٿو. هو خدا جي حڪمن کان غافل ٿيا تنهن ڪري) اسان اوچتو کين پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو) جڏهن هو بلڪل بي خبر هئا ۽ هنن کي اها ڳالهه سمجهه ۽ خيال ۾ ئي نه آئي (ته سندن اخلاقي حالت بگڙندي رهي آهي ۽ مٿن عذاب اچڻ وارو آهي.). (٩٦) ۽ جيڪڏهن شهرن ۾ رهندڙ (خدائي قانون ۾) ايمان رکن ها ۽ خدا (جي حڪمن جي نافرماني جي نتيجن) کان ڊڄن ها ته اسان هنن لاءِ زمين ۽ آسمان جون سڀ برڪتون کولي ڇڏيون ها پر هنن (خدائي حڪمن کي) ڪوڙيو ٺهرايو، تنهن ڪري اسان هنن کي سندن بدعملن جي سزا ڏيڻ لاءِ پڪڙ ڪئي (۽ مٿن عذاب نازل ڪيو.) (٩٧) شهرن جا ماڻهو (پنهنجي غفلت ۾) پاڻ کي هن خطري کان سلامت ٿا سمجهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن رات جي وقت اوچتو اچي ڪڙڪي ۽ هو ننڊ ۾ پيا هجن؟ (٩٨) شهرن جا رهندڙ هن خطري کان بي خوف ٿي ويا آهن، ڇا ته اسان جو عذاب مٿن ڏينهن جوئي اچي ڪڙڪي ۽ هو کيلن تماشن ۾ بي خبر هجن؟ (٩٩) ڇا اهي ماڻهو الله جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت کان) بي خوف ٿي ويا آهن؟ (کين يقين ڄاڻڻ گهرجي ته) فقط اهائي قوم خدا جي مخفي تدبير (۽ قانون جي گرفت) کان پاڻ کي سلامت سمجهي ٿي ۽ بي خوف رهي ٿي جا (ان غفلت سبب) ضرور تباهه ٿيڻ واري آهي.

    رڪوع ١٣ آيت 100-تا-108
    افسوس جو ترقي يافته ماڻهو اڳين قومن جي تباهيءَ مان عبرت نه ٿا وٺن
    (١٠٠) ڇا اهي ماڻهو جي اڳين حڪمران قومن (جي برباد ٿيڻ) کان پوءِ زمين جا وارث ٿيا آهن، سي هي ڳالهه نٿا سمجهن ۽ ان مان سبق ۽ هدايت نٿا وٺن ته جيڪڏهن اسان (خدا تعاليٰ) چاهيون ته کين به سندن گناهن سبب عذاب ۽ مصيبتن ۾ وجهون ۽ سندن دلين تي (اهڙي طرح) مهر ڪري ڇڏيون جو هو (حق ۽ انصاف جا لفظ) ٻڌن ئي نه (نڪي سمجهن، نڪي سعادت جي راهه اختيار ڪن). (١٠١) (اي پيغمبر!) اهي بستيون ۽ شهر آهن (جن ۾ مٿي ذڪر ڪيل پيغمبرن پنهنجا فرض ادا ڪيا) جن جا احوال اسان توکي بيان ڪري ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً انهن ماڻهن ڏي انهن جا پيغمبر روشن دليلن سان آيا. پوءِ جنهن ڳالهه (هدايتن ۽ حڪمن) کي هنن ڪوڙو سمجهي نه مڃيو تنهن تي ايمان آڻڻ کان هو پوءِ به پري رهيا. (ڇو ته جيڪو ماڻهو بنا غور ۽ صداقت جي ضد ۽ مخالفت ڪري ٿو سو وڌيڪ ۽ وڌيڪ انڌو ٿيندو ٿو وڃي) الله تعاليٰ اهڙيءَ طرح انهن ماڻهن جي دلين تي مهر ڪري ٿو ڇڏي. (پوءِ هو سنئين راهه تي اچي نٿا سگهن) جيڪي ضد ۽ هٺ سببان حق کان انڪار ٿا ڪن. (١٠٢) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن کي اسان عهد اقرار تي قائم نه ڏٺو، (يعني جيڪي عهد اقرار الله سان ۽ سندن رسولن سان ڪيا هئائون تن تي عمل نه ڪيائون) بلڪه اسان گهڻن کي نافرمان ۽ باغي ڏٺو. (١٠٣) (انهن پيغمبرن کان) پوءِ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين (معجزن) سان فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو. پر هنن انهن نشانين بابت ظلم ڪيو، (انهن کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نه مڃيو) پوءِ (اي پيغمبر!) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. (١٠٤) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته، اي فرعون مان بيشڪ سڄي جهان جي پروردگار جي طرف کان پيغمبر ٿي آيو آهيان. (١٠٥) منهنجي لاءِ مناسب ۽ زيب ائين آهي ته الله تعاليٰ بابت (۽ سندس پاران) اهڙي ڳالهه نه چوان جا حق نه هجي. مان سچ پچ توهان جي رب جي طرف کان روشن دليل کڻي اوهان ڏي آيو آهيان. پوءِ (منهنجي ڳالهه مڃيو ۽) بني اسرائيلن کي مون سان وڃڻ ڏيو (ته مان کين مصر مان ڪڍي پنهنجي اڳوڻي وطن ڪنعان ڏي وٺي وڃان). (١٠٦) فرعون ورندي ڏني ته، جيڪڏهن ڪا نشاني کڻي آيو آهين ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ دعويٰ ۾ سچو آهين ته اها نشاني پيش ڪر. (١٠٧) پوءِ حضرت موسيٰ پنهنجي لٺ پٽ تي اڇلائي ته ڇا ٿيو جو اها لٺ هڪ چٽي چٽي ازدها (يعني وڏو نانگ) ٿي پيئي. (١٠٨) ۽ (بغل مان جو) هٿ ڪڍيائين ته (سبحان الله) هو ڏسندڙن لاءِ سفيد ۽ نوراني هو.

    رڪوع ١٤ آيت 109-تا-126
    مصر جي جادوگرن جو گڏ ٿي حضرت موسيٰ سان مقابلو.
    (١٠٩) (جڏهن حضرت موسيٰ پنهنجا ٻه معجزا ڏيکاريا تڏهن) فرعون جي قوم جا سردار (پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته، بيشڪ هو وڏي علم وارو (هوشيار) جادوگر آهي. (١١٠) هو (حضرت موسيٰ) چاهي تو ته اوهان (سڀني مصري ماڻهن) کي ملڪ مان تڙي ڪڍي (۽ پنهنجي بادشاهي قائم ڪري) هاڻي ٻڌايو ته توهان جي ڪهڙي صلاح آهي. (ٻڌايو ته ڇا ڪرڻ گهرجي). (١١١) هنن (مشورو ڪرڻ بعد فرعون کي) چيو ته موسيٰ ۽ سندس ڀاءُ (هارون) کي مهلت ڏي ۽ سڀني شهرن ۾ گڏ ڪندڙ (قاصد) موڪل. (١١٢) جي سڀني علم وارن هوشيار جادوگرن کي تو وٽ وٺي اچن. (١١٣) (فرعون انهيءَ مشوري تي عمل ڪيو ۽ قاصد ويا) پوءِ سڀ جادوگر فرعون وٽ آيا ۽ چيائون ته جيڪڏهن اسان (موسيٰ جي جادورگريءَ تي) غالب پئون (۽ کيس شڪست ڏيون) ته ضرور اسان کي (تو وٽان) انعام ملڻ گهرجي. (١١٤) (فرعون) چيو ته، هائو (بيشڪ اوهان کي انعام ڏيندس نه رڳو ايترو پر) اوهان بيشڪ انهن مان ٿيندؤ هي (مون وٽ) ويجها پيارا معزز درٻاري آهن. (١١٥) جادوگرن چيو ته، اي موسيٰ (پهريائين) تون اڇلائيندين (يعني جادو ڏيکاريندين) يا اسان (اول) اڇلائڻ وارا ٿيون. (١١٦) حضرت موسيٰ ورندي ڏني ته (اول) توهان اڇلايو، سو جڏهن هنن اڇلايو تڏهن ماڻهن جون اکيون مسحور ڪري ڇڏيائون (يعني چشم بندي ڪيائون ۽ ماڻهن جي اکين کي ڀلايائون) ۽ ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پيدا ڪيائون ۽ وڏو جادو ڪري ڏيکاريائون. (١١٧) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) وحي جي رستي موسيٰ کي حڪم ڏنو ته (هاڻي) تون پنهنجي لٺ اڇلاءِ. (هن لٺ اڇلائي ته) ڇا ٿيو جو هڪدم (اها لٺ نانگ بڻجي) انهن شين کي ڳهي ويئي جي هنن (سکڻيون ڪوڙيون) بنايون هيون. (١١٨) پوءِ (اهڙيءَ طرح) حق ثابت ٿيو، ۽ جيڪي جيڪي (ڪوڙيون ڳالهيون) هنن ڪيون هيون سي بيڪار ثابت ٿيون. (١١٩) پوءِ (اهڙيءَ طرح فرعون ۽ سردارن کي) اتي شڪست آئي ۽ هو ذليل ۽ خوار ٿيا (۽ هنن جو ڪنڌ هيٺ ٿي ويو). (١٢٠) پر (اهي سڀ) جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا. (١٢١) (۽) چيائون ته اسان جهانن جي پروردگار تي ايمان آندو آهي. (١٢٢) جو موسيٰ ۽ هارون جو پروردگار آهي (يعني انهيءَ ئي رب تي ايمان آندو اٿئون، جنهن جي تعليم موسيٰ ۽ هارون ڏين ٿا). (١٢٣) (تنهن تي غصي ۾ اچي) فرعون (انهن جادوگرن کي) چيو ته، ڇا انهيءَ کان اڳي جو مان اوهان کي (ايمان آڻڻ لاءِ) موڪل ڏيان توهان (موسيٰ ۽ سندس رب تي) ايمان ٿا آڻيو؟ بيشڪ هيءَ هڪڙي چالبازي آهي جا توهان هن شهر ۾ کيڏي آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان هتئون جي ماڻهن کي هن شهر مان تڙي ڪڍو. پر جلد ئي توهان معلوم ڪندؤ (ته اوهان کي ڪهڙي ٿو سزا ڏيان). (١٢٤) يقين ڄاڻو ته مان توهان جا هٿ ۽ پير الٽا ۽ سڌا وڍائي ڇڏيندس، پوءِ توهان سڀني کي ڦاسيءَ تي چڙهائيندس. (١٢٥) (هنن ايمان آڻيندڙ جادوگرن) جواب ۾ چيو ته، (تون ڀلي اسان کي سوريءَ تي چاڙهه) اسان سڀ (آخر ته) بيشڪ پنهنجي پروردگار ڏي موٽڻ وارا آهيون. (١٢٦) ۽ (اي فرعون!) تون اسان کان (ڪهڙيءَ ڳالهه جو بدلو ۽ وير ٿو وٺين ڇا؟) هن ڳالهه جو وير ٿو وٺين ته جڏهن اسان جي پروردگار وٽان اسان ڏي آيتون (يعني نشانيون) اچي ويون آهن، تڏهن اسان انهن تي ايمان آندو آهي. (ڀلي ايمان آڻڻ جي بدلي ۾ اسان کي سزا ڏي. اسان جي صدا ته هيءَ آهي ته) اي اسان جا پروردگار! اسان کي صبر ۽ ثابت قدمي عطا ڪر ۽ اسان کي اسلام (يعني تنهنجي فرمانبرداريءَ) جي حالت ۾ موت عطا ڪر.

    رڪوع ١٥ آيت 127-تا-129
    غلامانه زندگيءَ جو اثر هي ٿو ٿئي جو همت جو روح ئي سڪي ٿو وڃي
    (١٢٧) ۽ فرعون جي قوم جي سردارن فرعون کان پڇيو ته، موسيٰ کي ۽ سندس قوم کي ائين ئي ڇڏي ٿا ڏيو ڇا ته ڀلي ملڪ ۾ فساد مچائيندا رهن ۽ توکي ڇڏي ڏين (تنهنجي تابعداري نه ڪن) ۽ تنهنجي خدائن کي به ڇڏي ڏين؟ (يعني مصر جي ديوتائن جي پوڄا نه ڪن؟) تنهن تي فرعون ورندي ڏني ته، (جيئن اڳيئي منهنجو حڪم ڪيل آهي) اسان انهن (بني اسرائيلن) جا (نوان ڄاول) پٽ (داين هٿان) قتل ڪنداسين ۽ سندن (نيون ڄاول) ڌيئرن کي جيئرو ڇڏينداسين (جي اسان جون ٻانهيون ٿينديون) ۽ بيشڪ اسان کي هنن جي مٿان ڪامل طاقت ۽ غلبو آهي. (١٢٨) (جڏهن فرعون ۽ سندس سردارن جا بني اسرائيلن تي وڌيڪ ظلم ٿيڻ لڳا تڏهن) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم جي ماڻهن کي فرمايو ته، الله کان مدد گهرو ۽ (مصيبتن ۾) صبر ڪيو (۽ خدا جي راهه ۾ ثابت قدم رهو) يقين ڄاڻو ته، زمين الله جي آهي. پنهنجي بندن مان جنهن کي وڻيس تنهن کي ان زمين جو وارث (يا مالڪ يا حاڪم) ڪري ۽ (يقين ڄاڻو ته) (چڱي) پڇاڙي انهن جي ٿيندي جي پرهيزگار ۽ نيڪ آهن. (١٢٩) (بني اسرائيلن ۾ اهڙي صبر ۽ يقين ڪونه هو تنهن ڪري مايوسي ۽ رنجيدگي ۾) هنن چيو ته، اسان جي نصيب ۾ ته اڳي به ايذاءَ ۽ مصيبتون هيون ۽ تنهنجي اسان ڏي (رسول ٿي) اچڻ کان پوءِ به (ساڳيون ئي مصيبتون آهن) تنهن تي حضرت موسيٰ فرمايو ته (نااميد نه ٿيو) ممڪن آهي ته اوهان جو پروردگار اوهان جي دشمن کي تباهه ڪري ڇڏي ۽ اوهان کي ملڪ ۾ (سندن) جانشين ڪري (يعني اوهان کي غلبو ۽ حڪومت ڏئي) ۽ پوءِ الله تعاليٰ توهان کي آزمائي ته (غلبي جي حالت ۾) توهان ڪهڙا ٿا عمل ڪيو.

    رڪوع ١٦ آيت 130-تا-141
    غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ تي بني اسرائيلن کي بادشاهي ۽ ٻيون نعمتون مليون
    (١٣٠) ۽ اسان (يعني الله تعاليٰ) فرعون جي ماڻهن کي خشڪ سالي (پاڻيءَ جي گهٽتائي) ۽ فصلن جي ڪميءَ جي عذاب ۾ گرفتار ڪيو، انهيءَ لاءِ ته من ائين هو خدا کي ياد ڪن ۽ نصيحت حاصل ڪن. (١٣١) پوءِ جڏهن هنن کي ڪو فائدو پهچندو هو تڏهن چوندا هئا ته، اهو اسان جو حق آهي (۽ اسان حق تي آهيون) ۽ جيڪڏهن هنن کي ڪا تڪليف پهچندي هئي ته، حضرت موسيٰ ۽ سندس ماڻهن کي نحس ۽ بدشگون (خراب سوڻ) سمجهندا هئا. (يعني سمجهندا هئا ته حضرت موسيٰ ۽ سندس قوم جي برائي ۽ نڀاڳ جي ڪري سڄي ملڪ تي مصيبتون اچن ٿيون) ائين هرگز ناهي. حقيقت هي آهي ته الله تعاليٰ جي نظر ۾ اهي ئي (يعني فرعون ۽ سندس قوم) نڀاڳا ۽ نحس هئا، پر انهن مان گهڻن کي (اها حقيقت) معلوم نه هئي (ته ظالم منحوس آهن، نه مظلوم). (١٣٢) فرعون ۽ سندس ماڻهن (حضرت موسيٰ کي) چيو ته ڪهڙي به نشاني اسان ڏي آڻين جنهن سان اسان تي جادو ڪرين (يا اسان تي ڪا مصيبت آڻين) ته به اسان توتي ايمان ڪونه آڻينداسين. (١٣٣) پوءِ اسان هنن تي طوفان (يا ٻوڏ) آندي ۽ ماڪڙ ۽ جوائون ۽ ڏيڏر ۽ رت. اهي سڀ جدا جدا چٽيون نشانيون هيون. تڏهن به هو تڪبر ڪندا رهيا ۽ هو گنهگار ماڻهو هئا. (١٣٤) ۽ جڏهن جڏهن هنن تي ڪو عذاب ايندو هو تڏهن تڏهن چوندا هئا ته، اي موسيٰ! جهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توسان عهد ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اسان جي لاءِ کانئس دعا گهر. پوءِ جيڪڏهن اسان تان هي عذاب ٽاريندين ته اسان ضرور توتي ايمان آڻينداسين ۽ توسان گڏ (وڃڻ لاءِ) بني اسرائيلن کي موڪلي ڏينداسين. (١٣٥) پوءِ جڏهن اسان هنن تان اهو عذاب مقرر مدي بعد، جنهن مدي کي هو پهچڻا هئا ٽاري ڇڏيو تڏهن هنن هڪدم بدعهدي ڪئي ۽ واعدو نه پاڙيو (يعني ايمان نه آندائون ۽ بني اسرائيل کي موڪل نه ڏنائون.) (١٣٦) پوءِ (نيٺ) اسان کين (سندن ظلمن جو) بدلو ڏنو ۽ کين سمنڊ ۾ غرق ڪري ڇڏيو، ڇو ته هو اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرائيندا هئا، ۽ انهن کان غافل رهندا هئا (يعني انهن تي عمل نه ڪندا هئا). (١٣٧) ۽ (پوءِ) اسان انهن ماڻهن (بني اسرائيلن) کي جي (مصر ۾) ڪمزور سمجهيا ويندا هئا انهيءَ ملڪ جي مشرق ۽ مغرب جو وارث ڪيو (يعني بادشاهي ڏني) جنهن ملڪ تي اسان نعمتون ۽ برڪتون ڪيون (يعني فلسطين جو ملڪ) ۽ تنهنجي پروردگار جو نيڪ واعدو بني اسرائيلن جي حق ۾ پورو ٿي ويو، هن ڪري جو هنن (ان زماني ۾ مصيبتن تي) صبر ڪيو ۽ (حق جي راهه تي) ثابت قدم رهيا. (پر جن ظالمن مٿن ظلم ڪيو هو تن جو حال اهو ٿيو جو) جيڪي وڏا ڪاريگريءَ جا ڪم ۽ محلاتون فرعون ۽ سندس ماڻهن ٺاهيون هيون تن کي اسان برباد ڪري ڇڏيو. (١٣٨) ۽ اسان جڏهن بني اسرائيلن کي (مصر منجهان ڪڍي) سمنڊ جي پار پهچايو تڏهن هو هڪ اهڙي قوم جي ماڻهن مان لنگهيا جي پنهنجي بتن جي پوڄا ڪندا هئا. (هي ڏسي بني اسرائيلن حضرت موسيٰ کي) چيو ته، اي موسيٰ! اسان کي به هڪ معبود (بت) ٺاهي ڏي. جهڙا هنن ماڻهن جا معبود آهن. حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان يقيناً سخت جاهل ماڻهو آهيو. (١٣٩) جنهن دين ۾ هي ماڻهو آهن سو (مصري ماڻهن جي دين جو) ڀڳل برباد ٿيل ٽڪرو آهي (۽ جلد فنا ٿي ويندو) ۽ اهي ماڻهو جيڪي عمل (۽ عبادتون) ڪن ٿا سي باطل آهن (يعني بلڪل بيڪار ۽ بي بقا آهن). (١٤٠) (حضرت موسيٰ وڌيڪ) فرمايو ته (اي بني اسرائيلؤ! افسوس اوهان جي عقل تي) مان سچي الله کي ڇڏي اوهان جي لاءِ ڪو ٻيو معبود ڳوليان ڇا؟ ۽ (توهان ايترو به خيال نٿا ڪريو ته) الله تعاليٰ ئي اوهان کي ٻين قومن تي فضيلت ڏني آهي (۽ اوهان تي بخششون ۽ نعمتون ڪيون اٿس، پوءِ ڇو ٿا ٻين ديوتائن جي ڳولا ڪيو). (١٤١) ۽ (اسان جي هيءَ نعمت به) ياد رکو ته اسان اوهان کي فرعون جي ماڻهن کان ڇڏائي آزاد ڪيو. جي اوهان کي سخت ايذاءُ ۽ تڪليفون ڏيندا هئا ۽ اوهان جي پٽن کي قتل ڪندا هئا ۽ اوهان جي ڌيئرن کي جيئرو ڇڏيندا هئا، انهيءَ ۾ توهان جي رب جي طرف کان توهان جي لاءِ تمام وڏي آزمائش هئي. (ته ڪيتري قدر صبر کان ڪم ٿا وٺو ۽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ڪيئن ٿا خدا جي شڪرگذاري ۽ فرمانبرداري ڪيو).


    رڪوع ١٧ آيت 142-تا-147
    حضرت موسيٰ جو طورسينا جبل تي وڃڻ ۽ خدا سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ
    (١٤٢) ۽ (پوءِ) اسان حضرت موسيٰ جي لاءِ ٽيهه راتيون (پنهنجي ماڻهن کان الڳ ٿي وڃڻ لاءِ) مقرر ڪيون، ۽ پوءِ ڏهه راتيون وڌائي مدو پورو ڪيوسين. سو سندس پروردگار جو پورين چاليهن راتين جو مدو (وعدي موجب) پورو ڪيو ويو. (وڃڻ کان اڳي) حضرت موسيٰ پنهنجي ڀاءُ هارون کي چيو ته، (منهنجي غيرحاضريءَ ۾) منهنجي قوم ۾ منهنجو خليفو (يا نائب) ٿي رهجانءِ ۽ هنن جو سڌارو ڪندو رهجانءِ ۽ بگاڙو ۽ شرارت ڪندڙن جو رستو نه وٺجانءِ. (١٤٣) ۽ حضرت موسيٰ اسان جي مقرر ڪيل جاءِ تي آيو ۽ سندس پروردگار ساڻس ڳالهايو، تڏهن حضرت موسيٰ عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! تون مون کي پنهنجو پاڻ ڏيکار ته مان توکي هيڪر ڏسان. الله تعاليٰ فرمايو ته تون مون کي هرگز ڏسي نه سگهندين. پر هن جبل ڏي نظر ڪر. جيڪڏهن اهو جبل پنهنجي جاءِ تي قائم رهيو ته تون به مون کي ڏسي وٺندين. پوءِ جڏهن سندس رب ان جبل تي پنهنجو تجلو ڪيو تڏهن ان کي خاڪ ڪري ڇڏيائين، ۽ حضرت موسيٰ بيهوش ٿي ڪري پيو. پوءِ جڏهن هوش ۾ آيو تڏهن چيائين ته اي خدا! تون پاڪ آهين (جسم کان جنهن ڪري توکي ڪوبه ڏسي نٿو سگهي) مان (پنهنجي ڪيل قصور کان توبه ڪري) توڏي موٽان ٿو ۽ مان ايمان آڻيندڙن ۾ اڳرو آهيان. (١٤٤) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي موسيٰ بيشڪ مون توکي پنهنجي (پيغمبريءَ جي) پيغامن سان ۽ پنهنجي ڪلام سان (يعني توڏي وحي موڪلڻ سان ۽ توسان گفتگو ڪرڻ سان) ماڻهن جي مٿان برگزيدگي (يعني بهتري ۽ وڏو درجو) بخشيو آهي. پوءِ جيڪي (شريعت جا حڪم) توکي ڏنا ويا آهن سي وٺ ۽ شڪر بجا آڻ. (يعني پاڻ به انهن تي عمل ڪر ۽ ٻين کي به ٻڌاءِ). (١٤٥) ۽ اسان موسيٰ جي لاءِ فرحين ۾ هر قسم جون ڳالهيون لکي ڏنيون هيون، انهيءَ تي (دين جي) هرهڪ ڳالهه بابت انهن ۾ نصيحت هجي ۽ هرهڪ ڳالهه جدا جدا چٽي ٿي وڃي. پوءِ (اسان کيس ائين به چيو ته) انهن کي مضبوطيءَ سان جهل ۽ پنهنجي قوم کي به حڪم ڏي ته انهن جي بهترين حڪمن تي عمل ڪن. اهو وقت پري ناهي جڏهن اسان توکي نافرمان ماڻهن جي جاءِ ڏيکاري ڇڏينداسين. (يعني تون ڏسندين ته هنن جي حالت ڪهڙي نه خراب ٿيندي). (١٤٦) جيڪي ماڻهو حق کان سواءِ خدا جي زمين تي تڪبر جي روش اختيار ڪن ٿا تن جو منهن اسان پنهنجي نشانين کان موڙي ڇڏينداسين. هو کڻي سڀ نشانيون به ڏسن ته به انهن تي ايمان نه آڻيندا. جيڪڏهن هو هدايت واري سڌي واٽ کڻي ڏسن ته به اها سڌي واٽ هرگز نه وٺندا. پر جيڪڏهن گمراهيءَ واري ڦڏي واٽ سامهون ڏسندا ته هڪدم ان تي هلڻ لڳندا. هنن جي اها حالت هن ڪري ٿي وڃي ٿي جو هو اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرائين ٿا ۽ انهن (تي عمل ڪرڻ) کان غافل رهن ٿا. (١٤٧) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ آخرت (جي اچڻ جي حقانيت) کان انڪار ڪيو تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا. هنن کي جيڪو بدلو ملندو سو انهن (بد) عملن جو ڦل هوندو جي بدعمل هو دنيا ۾ ڪندا هئا.

    رڪوع ١٨ آيت 148-تا-151
    هٿرادو گابي جي منهن مان رنڀان نڪرڻ ۽ بني اسرائيلن جو ان کي پوڄڻ
    (١٤٨) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو ته) حضرت موسيٰ جي ماڻهن سندس وڃڻ بعد پنهنجي زيورن مان (پگهارڻ بعد) هڪڙي گابي جو ڌڙ ٺاهيو، جنهن مان ڳئون جي رنڀ جهڙو آواز ٿي نڪتو ۽ انهيءَ (گابي) کي (پوڄا لاءِ ديوتا ڪري) ورتائون. هنن (بيوقوفن) اهڙي (سولي) ڳالهه به نه سمجهي ته اهو گابو نڪي ساڻن ڳالهائي ٿو سگهي، نڪي ڪو رهنمائي (واٽ ڏيکارڻ) ڪري ٿو سگهي. هنن ان گابي کي ديوتا ڪري ورتو هو ۽ هنن (پاڻ تي) ظلم ڪيو. (١٤٩) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو) پشيمانيءَ ۾ هٿ مهٽڻ لڳا ۽ ڏٺائون ته (سچي) واٽ کان بلڪل پري نڪري گمراهه ٿي ويا آهيون تڏهن چوڻ لڳا ته، جيڪڏهن اسان جو پروردگار اسان تي رحم نه ڪري ها ۽ نه بخشي ها ته اسان ضرور تباهه ٿي وڃون ها. (١٥٠) ۽ جڏهن موسيٰ ڪاوڙ ۽ افسوس ڪندي پنهنجي ماڻهن وٽ موٽي آيو تڏهن کين چيائين ته، افسوس آهي اوهان تي! توهان مون کان پوءِ ڪهڙي نه خراب طريقي سان منهنجي جانشيني ڪئي! توهان پنهنجي پروردگار جي حڪم جي انتظار ۾ ذرو به صبر ڪري نه سگهيؤ! (جوش ۾ اچي) هن تختيون کڻي ڦٽي ڪيون ۽ پنهنجي ڀاءُ هارون کي مٿي جي وارن کان جهلي پاڻ ڏي ڇڪڻ لڳو. (تنهن تي) هارون چيو ته، اي منهنجا مائيتا ڀاءُ! (مان ڇا ڪيان) ماڻهن مون کي ڪمزور سمجهيو ۽ مون کي قتل ڪرڻ تي هئا، پوءِ مون سان اهڙي هلت نه ڪر جو دشمن مون تي کلن ۽ مون کي هنن ظالم ماڻهن ۾ شمار نه ڪر. (١٥١) حضرت موسيٰ (پوءِ) دعا گهري ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو قصور بخشي ڇڏ (جو مان جوش ۾ اچي تڪڙ ڪئي) ۽ منهنجي ڀاءُ جو قصور به معاف ڪر (جو گمراهن کي سختيءَ سان روڪي نه سگهيو) ۽ اسان کي پنهنجي رحمت (جي ڇانو) ۾ داخل ڪر ۽ تون سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم وارو آهين.

    رڪوع ١٩ آيت 152-تا-157
    هٿرادو گابي جي پوڄا ڪندڙن تي غضب ۽ دنيا ۾ ذلت ۽ خواري، توبه ڪندڙن لاءِ بخشش ۽ رحمت
    (١٥٢) (الله تعاليٰ فرمايو ته) جن ماڻهن گابي جي پوڄا ڪئي انهن تي سندن پروردگار جو غضب اچي ڪڙڪندو، ۽ دنيا جي زندگيءَ ۾ به ذلت ۽ خواري ڏسندا. اسان ڪوڙن گهڙيندڙن کي (سندن بدعمليءَ جو) بدلو اهڙيءَ طرح ڏيندا آهيون. (١٥٣) پر جن ماڻهن براين ڪرڻ بعد توبه ڪئي ۽ ايمان آندو (تن جي لاءِ) بيشڪ تنهنجو پروردگار سندن توبه بعد بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ آهي. (١٥٤) ۽ جڏهن حضرت موسيٰ جو غصو لهي ويو تڏهن هن فرحيون کڻي ورتيون انهن ۾ جيڪي (حڪم) لکيل هئا سي انهن ماڻهن لاءِ هدايت ۽ رحمت هئا جي پنهنجي پروردگار جو خوف رکندا هئا. (١٥٥) اسان جي ٺهرايل وقت ۽ جاءِ تي حاضر ٿيڻ لاءِ موسيٰ پوءِ پنهنجي قوم مان ستر ماڻهو چونڊي کنيا (اهي اتي آيا) پوءِ جڏهن ڏڪائيندڙ مصيبت انهن کي اچي جهليو تڏهن حضرت موسيٰ (اسان جي درگاهه ۾) عرض ڪيو ته، اي پروردگار! جيڪڏهن تون چاهين ها ته هنن سڀني کي اڳيئي تباهه ڪري ڇڏين ها ۽ خود منهنجي زندگي به ختم ڪري ڇڏين ها (پر تو پنهنجي فضل ۽ رحمت سان اسان کي مهلت ڏني) پوءِ هڪ اهڙي ڳالهه لاءِ جا اسان مان ڪي بي وقوف ڪري ويٺا آهن، تون اسان سڀني کي تباهه ڪندين ڇا؟ هي هن کان سواءِ ڪجهه ناهي ته تنهنجي طرف کان هڪ آزمائش آهي. تون جنهن کي چاهين تنهن کي ان (آزمائش) ۾ گمراهه ڪري ڇڏين ۽ جنهن کي چاهين تنهن کي سچي راهه ڏيکاري ڇڏين، اي خدا! تون ئي اسان جو والي آهين، اسان کي بخشي ڇڏ ۽ اسان تي رحمت ڪر توکان بهتر بخشڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي. (١٥٦) ۽ (اي خدا!) هن دنيا جي زندگيءَ ۾ به اسان جي لاءِ چڱائي لکي ڇڏ ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به (اسان جي لاءِ چڱائي ڪر.) اسان توڏي موٽي آيا آهيون (يعني اڳين گناهن کان باز اچي تنهنجي حڪمن تي هلڻ لاءِ تيار آهيون). الله تعاليٰ فرمايو ته منهنجي عذاب جو حال هي آهي ته جنهن کي چاهيان تنهن کي (سندس بدعملن جي بدلي ۾) ڏيان، پر منهنجي رحمت جو حال هي آهي جو هرهڪ شيءِ تي ڇانيل آهي، پوءِ مان انهن ماڻهن جي لاءِ رحمت لکي ڇڏيندس جيڪي گناهن کان پرهيز ڪندا ۽ زڪوٰت ڏيندا رهندا ۽ انهن جي لاءِ به جيڪي اسان جي نشانين (۽ حڪمن) تي ايمان آڻيندا. (١٥٧) جيڪي ماڻهو حضرت رسول (ﷺ) جي پيروي ۽ تابعداري ڪندا جو هڪ امي (ظاهري طرح اڻ پڙهيل) نبي هوندو ۽ جنهن جي ظهور جي خبر (اهل ڪتاب) پاڻ وٽ رکيل تورات ۽ انجيل ۾ لکيل ڏسندا تن (پيروي ڪندڙن) کي اهو نبي نيڪيءَ جو حڪم ڏيندو، برائيءَ کان روڪيندو، وڻندڙ شيون حلال ڪندو، غليظ شيون حرام ٺهرائيندو. انهيءَ بار کان ڇوٽڪارو ڏيندو جنهن جي هيٺان دٻيل آهن ۽ انهن ڦندن (سرڪڻ ڦاهين) مان ڪڍندو جن ۾ هو ڦاٿل هوندا. تنهن ڪري جيڪي به ماڻهو مٿس ايمان آڻيندا، سندس مخالفن کي روڪيندا، (حق جي راهه ۾) سندس مدد ڪندا ۽ انهيءَ نور ۽ (روشنائي) جي پٺيان لڳندا جو هن سان گڏ موڪليل آهي اهي ئي ماڻهو ڪاميابي حاصل ڪرڻ وارا آهن. (هو دنيا ۾ به خوش آسودا ۽ طاقت وارا رهندا ۽ آخرت ۾ به جنت جا حقدار ٿيندا).

    رڪوع ٢٠ آيت 158-تا-162
    رسول ڪريم ﷺ جن سڀني انسانن لاءِ پيغمبر ٿي آيا، اسلام جي دعوت اها آهي ته سڀ انسان هڪ الله جي اڳيان جهڪي وڃن.
    (١٥٨) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي) چئو ته، اي انسانو! مان توهان سڀني ڏانهن الله جو موڪليل پيغمبر ٿي آيو آهيان. اهو الله جنهن کي آسمانن ۽ زمين جي سڄي بادشاهي آهي. سندس ذات کان سواءِ ڪوبه معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي جيئاري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو. پوءِ توهان الله ۾ ايمان رکو ۽ سندس رسول امي نبي تي به ايمان آڻيو. (يعني حضرت محمدﷺ تي) جنهن الله تي به ايمان آندو آهي ۽ سندس ڪلمات (يعني سندس سڀني ڪتابن) تي به ايمان آندو آهي. ( اي انسانو! توهان) سندس پيروي ڪيو ته (ڪاميابيءَ جي) راهه توهان جي لاءِ کلي پوي. (١٥٩) ۽ موسيٰ جي قوم ۾ هڪ ٽولو (بيشڪ) اهڙو آهي جيڪو ماڻهن کي سچائيءَ جي راهه تي هلائي ٿو ۽ سچائي سان (سندس معاملن ۾) انصاف به ڪري ٿو. (١٦٠) ۽ اسان بني اسرائيلن کي ٻارهن خاندانن جي ٻارهن قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ جڏهن انهن ماڻهن حضرت موسيٰ کان پيئڻ لاءِ پاڻي گهريو تڏهن اسان کيس وحي ڪيو ته پنهنجي لٺ سان هن ٽڪريءَ کي ڌڪ هڻ. (ڌڪ هڻڻ سان) ٻارهن چشما ڦٽي نڪتا، ۽ هرهڪ قبيلي پنهنجي پنهنجي جڳهه پاڻيءَ جي معلوم ڪري ورتي ۽ اسان بني اسرائيلن تي ڪڪر جي ڇانو ڪئي هئي، ۽ (هنن جي کائڻ لاءِ) ”من“ ۽ ”سلويٰ“ نازل ڪيا هئا. اسان کين چيو هو ته، هيءَ وڻندڙ غذا کائو جا اسان عطا ڪئي آهي (۽ فتنن ۽ فسادن ۾ نه پئو، پر هنن نافرمانيون ڪيون) هنن اسان جو ته ڪجهه به نه بگاڙيو پر پاڻ پنهنجي هٿن سان پنهنجو ئي نقصان ڪندا رهيا. (١٦١) ۽ پوءِ (اهو واقعو ياد ڪريو) جو اسان بني اسرائيلن کي حڪم ڏنو هو ته هن شهر ۾ وڃي رهو (جنهن کي فتح ڪرڻ جي اوهان کي توفيق ملي آهي) ۽ (هي ڏاڍو وسندڙ ملڪ آهي) جتان اوهان کي وڻي اتان غذا حاصل ڪيو ۽“حطة” چوندا رهو (يعني چئو ته، اي خدا! اسان کي گناهن کان پاڪ ڪري ڇڏ) ۽ جڏهن ان جي دروازي مان اندر داخل ٿيو تڏهن (الله پاڪ جي حضور ۾) جهڪندي داخل ٿجو. اسان توهان جون خطائون بخشي ڇڏينداسين ۽ نيڪ عمل ڪندڙن کي (ان کان به) وڌيڪ اجر ڏينداسين. (١٦٢) پر (پوءِ ڇا ٿيو جو) انهن مان جن ماڻهن ظلم ۽ فساد جي راهه اختيار ڪئي تن خدا جي ٻڌايل ڳالهه بدلائي ٻي ڳالهه بنائي، (يعني خدا جي حڪمن جي ابتڙ عمل ڪيائون) پوءِ اسان هنن تي آسمان مان عذاب موڪليو، انهن ظلمن سببان جي هو ڪندا ٿي رهيا.

    رڪوع ٢١ آيت 163-تا-171
    ڪنهن به قوم تي ظالم حڪمرانن جو ضابطو رهڻ به خدا جو عذاب آهي.
    (١٦٣) ۽ (اي پيغمبر!) بني اسرائيلن کان انهيءَ شهر بابت پڇا ڪر جو سمنڊ جي ڪناري تي هوندو هو، جتي ماڻهو سبت جي ڏينهن خدا جي ٺهرايل حد کان ٻاهر ويندا هئا. سبت جي ڏينهن هنن جون (گهربل) مڇيون پاڻيءَ تي ترنديون هنن ڏي اچي وينديون هيون. پر جنهن ڏينهن سبت نه ملهائيندا هئا تنهن ڏينهن نه اينديون هيون. اهڙيءَ طرح اسان کين آزمائش ۾ وجهندا هئاسين هن ڪري جو هو نافرماني ڪندا هئا. (١٦٤) ۽ جڏهن ان شهر جي رهاڪن مان هڪ ٽوليءَ (واعظ نصيحت ڪرڻ وارن کي) چيو ته، توهان ڇو ٿا (اجايو) اهڙن ماڻهن کي نصيحت ڪيو جن کي (سندن گناهن سبب) يا ته خدا (دنيا ۾ ئي) تباهه ڪندو يا ته (آخرت ۾) نهايت سخت عذابن ۾ مبتلا ڪندو. تڏهن انهن جواب ۾ چيو ته، اسان هن لاءِ ٿا واعظ ڪيون ته پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ عذر پيش ڪري سگهون (ته اسان پنهنجو فرض ادا ڪيو) ۽ هن لاءِ به ته شايد (ڪي) ماڻهو باز اچي وڃن. (١٦٥) پوءِ جڏهن (هيئن ٿيو جو انهن) ماڻهن اُهي سڀ نصيحتون وساري ڇڏيون جي انهن کي ڪيون ويون هيون تڏهن (اسان جي جزا ۽ سزا جو ظهور ٿيو) اسان انهن ماڻهن کي ته بچائي ورتو جي برائي کان روڪيندا هئا مگر شرارتون ڪندڙ ظالمن کي هڪ اهڙي عذاب ۾ وڌوسين جو محرومي ۽ نامرادي ۾ مبتلا ڪرڻ وارو عذاب هو، انهن نافرمانين سبب جي هو ڪندا هئا. (١٦٦) پوءِ جڏهن (اها سزا به هنن کي سبق سيکاري نه سگهي ۽) هو انهيءَ ڳالهه ۾ حد کان زياده سرڪش ٿي ويا جنهن کان انهن کي منع ڪئي ويئي هئي، تڏهن اسان چيو ته باندر ٿي پئو، ذليل ۽ خوار. (١٦٧) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن (هيئن ٿيو جو) تنهنجي پروردگار هن ڳالهه جو اعلان ڪيو هو ته (جيڪڏهن بني اسرائيل شرارتن ۽ بدعمليءَ کان باز نه آيا ته) هو قيامت جي ڏينهن تائين انهن تي اهڙن ماڻهن کي غالب ۽ حاڪم ڪندو جي کين ذليل ڪرڻ واري عذاب ۾ مبتلا ڪندا. حقيقت هيءَ آهي ته تنهنجو پروردگار (بدعمليءَ جي) سزا ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ وارو ناهي، بيشڪ هو ان سان گڏ بخشيندڙ ۽ رحم ڪندڙ به آهي. (١٦٨) ۽ اسان هنن کي جدا جدا ٽوليون ڪري زمين تي پکيڙي ڇڏيو. ڪي انهن ۾ نيڪ هئا، ۽ ڪي انهن ۾ ان جي ابتڙ هئا (يعني نيڪ نه هئا، بدعمل هئا) ۽ اسان هنن کي چڱين توڙي خراب حالتن ۾ وجهي آزمايو، انهيءَ لاءِ ته (بدعملين کان) باز اچن. (١٦٩) پوءِ انهن ماڻهن بعد، ناخلفن (يعني نيڪ ابن ڏاڏن جي روش ڦٽي ڪندڙن) هنن جي جاءِ ورتي ۽ خدائي ڪتاب جا وارث ٿيا. هو (دين فروشي ڪري) هن حقير دنيا جو مال متاع (بي ڌڙڪ) وٺن ٿا ۽ چون ٿا ته انهيءَ جي اسان کي معافي ملندي ۽ جيڪڏهن (ٻئي ڪنهن جو) ڪو مال متاع هنن کي اهڙيءَ طرح هٿ اچي وڃي ٿو ته اهي به بي ڌڙڪ وٺن ٿا. ڇا انهن کان (سندن) ڪتاب ۾ عهد نه ورتو ويو هو ته خدا جي نالي سان ڪابه ڳالهه منسوب نه ڪن، سواءِ ان جي جا حق هجي؟ ۽ ڇا جيڪو حڪم (سندن) ڪتاب ۾ ڏنو ويو آهي سو ڪونه پڙهيو اٿن؟ جيڪي متقي (پرهيزگار) آهن، تن جي لاءِ آخرت جو گهر (دنيا ۽ دنيا جي خواهش کان) گهڻو بهتر آهي. (اي يهودين جا عالمو!) ڇا اهڙي (سولي) ڳالهه به توهان سمجهي نٿا سگهو؟ (١٧٠) ۽ (بني اسرائيلن مان) جيڪي ماڻهو الله جي ڪتاب کي مضبوط جهلين ٿا (يعني ان تي عمل ڪن ٿا ۽ ان جي حڪمن تي هلن ٿا) ۽ نماز تي قائم رهن ٿا (تن جي لاءِ ڪوبه کٽڪو ڪونهي) اسان ڪڏهن به سنوارڻ وارن (نيڪ عمل ڪندڙن) جو اجر ضايع نٿا ڪريون. (١٧١) ۽ جڏهن (هيئن ٿيو جو) اسان هنن جي مٿان جبل کي زلزلي ۾ وڌو هو، ڄڻ ته هڪ شاميانو هو (جو لڏي رهيو هو) ۽ هو (هراس ۾) سمجهي رهيا هئا ته اجهو ٿو مٿن ڪري پوي. تڏهن اسان هنن کي حڪم ڏنو هو ته هي ڪتاب جو اسان اوهان کي ڏنو آهي، تنهن کي مضبوط جهليو (ان تي عمل ڪيو) ۽ جيڪي به ان ۾ ٻڌايو ويو آهي، ان کي چڱيءَ طرح ياد رکو، انهيءَ لاءِ ته توهان براين کان بچو.

    رڪوع ٢٢ آيت 172-تا-181
    خدا جي هستيءَ جو اعتقاد انسانن جي فطرت ۾ رکيل آهي.
    (١٧٢) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ماڻهن کي ياد ڏيار) جڏهن تنهنجي پروردگار بني آدم کان يعني انهيءَ اولاد کان جي سندن جسم مان (پشت به پشت) پيدا ٿيڻ وارا هئا، عهد ورتو هو ۽ انهن کي (يعني انهن مان هرهڪ کي سندس فطرت ۾) خود هن ڳالهه تي شاهد ڪيو هو، (خدا پڇيو ته) ”ڇا مان توهان جو پروردگار نه آهيان؟“ سڀني (انسانن) جواب ڏنو هو ته، ”هائو، تون ئي اسان جو پروردگار آهين. اسان ان ڳالهه جي شاهدي ڏني.“ ۽ اهو ڪم (عيني انسان جي فطرت ۾ حق جي قبوليت رکڻ) اسان هن لاءِ ڪيو هو ته ائين نه ٿئي جو اوهان (انسان) قيامت جي ڏينهن عذر ڏيئي سگهو ته اسان هن ڳالهه کان بي خبر هئاسين. (١٧٣) يا هيئن چئو ته، (اي خدا!) شرڪ ته اسان کان اڳي اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو اسان هنن جي نسل مان پوءِ پيدا ٿياسين (۽ لاچار سندن راهه تي قدم کنيوسين). پوءِ ڇا تون اسان کي هن ڳالهه تي تباهه ڪندين جا (اسان کان اڳي) غلط راهه تي هلڻ وارن ٺاهي هئي؟ (١٧٤) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان سچائيءَ جون نشانيون جدا جدا ڪري چٽيون ڪري ٻڌايون ٿا، انهيءَ لاءِ ته ماڻهو (حق جي طرف) موٽي اچن. (١٧٥) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي انهي ماڻهو جو حال پڙهي ٻڌاءِ جنهن کي اسان پنهنجون نشانيون ڏنيون هيون (يعني سمجهه ڏني هئي، پر) پوءِ (ڇا ٿيو جو هن سمجهه ۽ عقل جو) جامون لاهي ڇڏيو. پوءِ شيطان هن جي پٺيان پيو نتيجو هي نڪتو جو هو گمراهن منجهان ٿي پيو. (١٧٦) ۽ جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن نشانين جي وسيلي سندس درجو بلند ڪيون ها. پر هو (پاڻ) زمين جي طرف پستيءَ ڏانهن جهڪي پيو ۽ نفساني حرصن جي پيروي ڪيائين. هن جو مثال ڪتي وانگر ٿيو. ڪتي تي ڪاهه ڪيو ته به هو ڀؤنڪندو ۽ زبان ٻاهر ڪڍندو ۽ کيس ڇڏي ڏيو ته به ائين ئي ڪندو رهندو. اهڙوئي مثال انهن ماڻهن جو آهي جن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تنهن ڪري (اي پيغمبر!) هي ڳالهيون ماڻهن کي ٻڌاءِ انهيءَ لاءِ ته انهن بابت غور ۽ فڪر ڪن. (١٧٧) ڪهڙو نه برو مثال انهن ماڻهن جو ٿيو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙو ٺهرايو. هو پنهنجي هٿن سان پنهنجو نقصان ڪندا رهيا. (١٧٨) جنهن لاءِ الله (ڪاميابيءَ جي) راهه کولي سو ئي (سعادت واري) راهه تي آهي ۽ جنهن لاءِ اها راهه گم ڪري ڇڏي ته اهڙا ئي ماڻهو آهن جي وڏي نقصان هيٺ آيل آهن. (١٧٩) ۽ گهڻائي جن ۽ انسان آهن جن کي اسان جهنم جي لاءِ پيدا ڪيو آهي (يعني آخر هو جهنم ۾ داخل ٿيڻ وارا آهن، ڇو ته) هنن کي عقل آهي پر ان کان سمجهڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي اکيون آهن پر انهن کان ڏسڻ جو ڪم نٿا وٺن، هنن کي ڪن آهن پر انهن کان ٻڌڻ جو ڪم نٿا وٺن، هو (عقل ۽ حواسن جو استعمال وڃائي) چوپاين جانورن جهڙا ٿي ويا، بلڪ انهن کان به وڌيڪ گمراهه ٿيا. اهڙائي ماڻهو آهن جي غفلت ۾ غرق ٿي ويا آهن. (١٨٠) ۽ (ڏسو) حسن ۽ خوبي جا نالا (يعني سڀ چڱيون صفتون) الله لاءِ آهن، تنهن ڪري توهان انهن ئي نالن سان کيس پڪاريو ۽ جيڪي ماڻهو سندس نالن ۾ ڏنگايون ڦڏايون يا ناپاڪايون گڏين ٿا (يعني اهڙيون صفتون گهڙين ٿا جي سندس جمال ۽ پاڪائيءَ جي خلاف آهن) تن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي. اهي جلد پنهنجي ڪئي جو ڦل پائيندا. (١٨١) ۽ جن ماڻهن کي اسان پيدا ڪيو آهي تن ۾ بيشڪ اهڙو ٽولو به آهي جو ماڻهن کي سچائيءَ جي واٽ ڏيکاري ٿو ۽ سچائيءَ سان انهن ۾ انصاف به ڪري ٿو

    رڪوع ٢٣ آيت 182-تا-188
    منڪرن ۽ گنهگارن کي درجي بدرجي سزا ملندي
    (١٨٢) ۽ جن ماڻهن اسان جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو تن کي اسان درجي بدرجي (آخر نتيجي تائين) وٺي وينداسين، اهڙيءَ طرح جو هنن کي خبر به نه پوندي. (١٨٣) اسان کين مهلت ٿا ڏيون (يعني اسان جي قانون مطابق نتيجا درجي بدرجي ظاهر ٿا ٿين) ۽ اسان جي مخفي تدبير بلڪل مضبوط ۽ اڻ گس آهي. (١٨٤) ڇا ماڻهو غور ۽ فڪر به نٿا ڪن. سندن رفيق (يعني پيغمبر اسلام نبوت ملڻ کان اڳ چاليهه سال منجهن گذاريو ۽ سندن عقل ۽ اخلاق ڏٺائون، هاڻي هو ڪيئن ٿا چئي سگهن ته هن کي) چريائي اچي جهليو آهي. (سندس عملن مان کين يقين اچڻ گهرجي ته) هو سواءِ هن جي ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو ته (انڪار ۽ بدعملي جي سزا بابت) کليءَ طرح خبردار ڪرڻ وارو آهي. (١٨٥) پوءِ ڇا اهي ماڻهو آسمان ۽ زمين جي بادشاهي ڏانهن ۽ جيڪي جيڪي خدا خلقيو آهي تنهن ڏانهن غور جي نظر سان نٿا ڏسن؟ ۽ پڻ هن ڳالهه تي غور نٿا ڪن جا بلڪل ممڪن آهي ته سندس (مقرر) وقت ويجهو اچي ويو آهي؟ (جيڪڏهن اهي ڳالهيون به هنن کي غور ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيون ڪن ته) پوءِ ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي جنهن تي هن کان پوءِ ايمان آڻيندا؟ (١٨٦) (ياد رکو ته) جهن جي لاءِ الله تعاليٰ (حق جي) راهه گم ڪري ڇڏي (يعني خدائي فطرت جي قانون موجب پنهنجي سمجهه پاڻ وڃائي ڇڏي) تنهن جي لاءِ ٻيو ڪوبه واٽ ڏيکاريندڙ ڪونهي. خدا (جي قانون) هن کي ڇڏي ڏنو آهي ته پنهنجي سرڪشيءِ ۾ ڀٽڪندا رهن. (١٨٧) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان (قيامت جي) اچڻ واري وقت بابت پڇن ٿا ته آخر اها ڪڏهن ايندي؟ تون چئو ته، ان جو علم ته منهنجي پروردگار کي آهي. اهوئي آهي جو ان کي ان جي وقت تي ظاهر ڪندو. اهو وڏو ڀاري حادثو آهي جو آسمانن ۽ زمين ۾ واقع ٿيندو. اهو (واقعو) اوهان تي اوچتو اچي ڪڙڪندو. (اي پيغمبر!) اهي ماڻهو توکان اهڙيءَ طرح ٿا پڇن جو ڄڻ ته تون ان (قيامت جي اچڻ) لاءِ وڏي شوق سان نهاري رهيو آهين. تون کين ٻڌاءِ ته حقيقت هيءَ آهي ته ان جو علم فقط الله کي آهي. پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جي هن حقيقت کان بي خبر آهن. (١٨٨) (اي پيغمبر! تون ماڻهن کي هي به) چئوته، منهنجو حال ته اهو آهي جو پنهنجي جان جو نفعو نقصان به منهنجي اختيار ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي خدا چاهي ٿو. جيڪڏهن مون کي غيب جو علم هجي ها ته ضرور ائين ڪيان ها جو گهڻائي نفعا ۽ فائدا پنهنجي لاءِ حاصل ڪيان ها، ۽ (زندگيءَ ۾) ڪوئي ايذاءُ يا تڪليف مون کي نه پهچي ها. مان هن کان سواءِ ٻيو ڇا آهيان ته مڃڻ وارن لاءِ خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري ڏيڻ وارو آهيان.

    رڪوع ٢٤ آيت 189-تا-206
    عرب جا مشرڪ ڪنهن گهرج يا مصيبت وقت خدا کي پڪاريندا هئا، پر مراد پوري ٿيڻ کان پوءِ سمجهندا هئا ته اسان جي آستانن ۽ بتن اسان جي مراد پوري ڪئي.
    (١٨٩) اهوئي (اوهان جو پروردگار) آهي جنهن هڪ جان (آدم) مان اوهان کي پيدا ڪيو ۽ انهيءَ جي جنس مان سندس جوڙو (حوا) بنايو، انهيءِ لاءِ ته سندس صحبت ۾ آرام ۽ خوشي حاصل ڪري. پوءِ جڏهن مرد عورت سان همبستر ٿئي ٿو تڏهن عورت کي پيٽ ۾ ٻار ٿئي ٿو. پهريائين حمل جو بار هلڪو ٿو ٿئي ۽ ان سان گهمندي ڦرندي وقت گذاري ٿي، پر جڏهن بار ڳورو ٿئي ٿو (۽ ويم جو وقت ويجهو اچي ٿو) تڏهن ٻئي زال مڙس خدا کان، جو سندس پرورش ڪندڙ آهي دعا گهرن ٿا ته: اي خدا! اسان ٻئي تنهنجا شڪرگذار رهنداسين، جيڪڏهن اسان کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمائيندين. (١٩٠) پوءِ جڏهن خدا هنن کي هڪ تندرست ٻار عطا فرمايو تڏهن جيڪي خدا هنن کي ڏنو تنهن ۾ ٻين هستين کي شريڪ ٺهرائڻ لڳا (يعني چوڻ لڳا ته، فلاڻي ديوتا يا آستان اسان تي ڀلائي ڪئي آهي) سو (ياد رکو ته) اهي ماڻهو جيڪي شرڪ جون ڳالهيون ڪن ٿا تن کان الله جي ذات گهڻو بلند (۽ پاڪ) آهي. (١٩١) اهي ماڻهو ڪهڙين هستين کي (خدا سان) شريڪ ٺهرائين ٿا؟ ڇا اهڙين هستين کي جي ڪا به شيءِ پيدا ڪري نٿا سگهن ۽ خود پاڻ به ڪنهن ٻئي جا پيدا ڪيل آهن؟ (١٩٢) هنن (ديوتائن) ۾ نڪي اها طاقت آهي جو انهن (ماڻهن) کي مدد ڪري سگهن، نڪي اها طاقت اٿن جو پاڻ کي ئي مدد پهچائي سگهن. (١٩٣) جيڪڏهن توهان هنن کي سڌيءَ واٽ ڏي سڏيو، ته هو توهان جي پٺيان قدم نه کڻندا. ۽ توهان هنن کي سڏيو يا چپ رهو ٻنهي حالتن جو نتيجو اوهان جي لاءِ هڪ جهڙو ٿيندو (يعني هو اوهان ڏي ڪونه ايندا ۽ ايمان ڪونه آڻيندا.) (١٩٤) (نادانؤ!) توهان خدا کان سواءِ جن هستين کي پڪاريو ٿا اهي ته اوهان وانگر خدا جا ٻانها آهن، جيڪڏهن توهان (پنهنجي هن وهم ۾) سچا آهيو ته (هنن ۾ ٻين انسانن کان وڌيڪ طاقتون آهن) ته پوءِ (پنهنجي گهرجن پورين ڪرڻ لاءِ) هنن کي سڏيو ۽ هو توهان جي سڏ جو جواب ته ڏين! (١٩٥) ڇا هن (بتن) کي پير آهن جن سان هلي سگهن؟ کين هٿ آهن جن سان ڪا شيءِ جهلي سگهن؟ کين اکيون آهن جن سان ڏسي سگهن؟ کين ڪن آهن جن سان ٻڌي سگهن؟ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته (جيڪڏهن توهان جا ٺهرايل شريڪ اوهان جي مدد ڪري ٿا سگهن ته) انهن پنهنجن شريڪن کي (خوب) پڪاريو، پوءِ (منهنجي خلاف سڀ) مخفي تدبيرون عمل ۾ آڻيو ۽ مون کي (پنهنجي عقل موجب) ذرو به مهلت نه ڏيو. (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري). (١٩٦) منهنجو ڪارساز ته بس الله آهي جنهن هيءُ ڪتاب نازل فرمايو ۽ اهوئي آهي جو نيڪ انسانن جي ڪارسازي ٿو ڪري. (١٩٧) توهان الله کان سواءِ جن کي پڪاريو ٿا سي نڪي توهان جي مدد ڪري ٿا سگهن، نڪي پنهنجي ئي مدد ڪرڻ جي طاقت اٿن. (١٩٨) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي سڌي رستي ڏانهن سڏين ته هو ڪڏهن به تنهنجو سڏ نه ٻڌندا. توکي ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته هو تنهنجي طرف نهاري رهيا آهن، پر حقيت هيءَ آهي ته هو توکي ڪونه ٿا ڏسن (۽ سمجهن). (١٩٩) (بهرحال) نرمي ۽ درگذر کان ڪم وٺ، نيڪيءَ جو حڪم ڏي ۽ جاهلن کان مڙي لنگهه. (٢٠٠) ۽ جيڪڏهن شيطان جي طرف کان ڪو (خراب) وسوسو تون محسوس ڪرين ته الله جي طرف متوجهه ٿي وڃ ۽ سندس پناهه گهر. بيشڪ هو (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٢٠١) بيشڪ جيڪي ماڻهو متقي آهن (يعني خدا جو خوف رکندڙ آهن تن کي) جيڪڏهن شيطان جي وسوسي وجهڻ سان ڪو خيال (گناه ڪرڻ جو) اچي وڃي ٿو ته هڪدم خبردار ٿي ٿا وڃن (۽ خدا جي يادگيري اچي ٿي وڃين) ۽ پوءِ (غفلت جو پردو هٽي ٿو وڃي ڄڻ ته) هنن جون اکيون بروقت کلي وڃن ٿيون. (٢٠٢) پر جيڪي ماڻهو شيطانن جا ڀائر آهن تن کي اهي (شيطان) گهلي وڃي ٿا گمراهيءَ (جي کڏ) ۾ وجهن، پوءِ اهي ان گمراهي (۽ گناهن) ۾ ذرو به گهٽتائي نٿا ڪن. (٢٠٣) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون هنن ڪافرن وٽ ڪا نشاني (آيت) نٿو آڻين تڏهن هو توکي چون ٿا ته ڇو نه تو ڪا نشاني پسند ڪري چونڊي آندي؟ (يعني ڇو نه پاڻ ٺاهي ورتئي؟) تون کين چئو ته، حقيقت فقط هيءَ آهي ته جيڪي منهنجي پروردگار جي طرفان مون وٽ وحي اچي ٿو تنهن جي پيروي ٿو ڪريان (پنهنجون ڳالهيون ڪونه ٿو ٺاهيان) هي (قرآن) توهان جي پروردگار وٽان (سچن) دليلن ۽ ثابتين جو سرمايو آهي ۽ جيڪي به ماڻهو ايمان رکندڙ آهن تن جي لاءِ هدايت ۽ رحمت آهي. (٢٠٤) (اي مسلمانو!) جڏهن به قرآن مجيد پڙهيو وڃي تڏهن دل لڳائي ٻڌندا ڪريو ۽ خاموش رهندا ڪريو ته، اوهان تي الله تعاليٰ جي رحمت ٿئي. (٢٠٥) ۽ (اي پيغمبر!) پنهنجي پروردگار کي صبح شام (يعني هر وقت) ياد ڪندو ڪر، دل ئي دل ۾ عاجزي ۽ نياز سان ۽ ڊڄندڙ دل سان ۽ زبان سان به آهستي آهستي (دعا گهرندو ڪر يا قرآن پڙهندو ڪر) پر نه وڏي آواز سان ۽ ائين نه ڪجانءِ جو غافلن منجهان ٿي پئين. (٢٠٦) جيڪي الله وٽ (مقرب) آهن، سي ڪڏهن به تڪبر ڪري سندس بندگيءَ کان منهن نٿا موڙين. اهي سندس پاڪائي ۽ شان ڳائين ٿا ۽ سندس ئي اڳيان سجدي ۾ جهڪن ٿا.


    سورت انفال (لڙائيءَ ۾ هٿ آيل غنيمت جو مال)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-10
    سچا مؤمن اهي آهن جيڪي جڏهن الله جو نالو ٻڌن تڏهن سندن دليون ٿڙڪي وڃن.
    (١) (اي پيغمبر!) ماڻهو توکان غنيمت جي مال بابت پڇن ٿا (ته ڪيئن ورهائجي؟) تون کين چئو ته، غنيمت جو مال دراصل الله ۽ ان جي رسول جو آهي. (يعني الله ۽ رسول کي ئي فيصلو ڪرڻو آهي) پوءِ جيڪڏهن توهان سچا مؤمن آهيو ته توهان کي گهرجي ته (ان مال بابت پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو) الله کان ڊڄو، پنهنجا هڪ ٻئي سان معاملا درست رکو ۽ الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداريءَ ۾ محڪم رهو. (٢) مؤمنن جو شان ته هي آهي جو جڏهن الله جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو (يا نالو ورتو وڃي ٿو) تڏهن سندن دليون دهلجي ٿيون وڃن ۽ جڏهن سندس آيتون کين پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن سندن ايمان کي وڌيڪ پڪو ڪري ٿيون ڇڏين، ۽ هو هر حال ۾ پنهنجي پروردگار تي (پنهنجي فرض ادائي ڪرڻ بعد) پورو ڀروسو رکن ٿا. (٣) جيڪي نماز قائم ڪن ٿا ۽ جيڪي جيڪي اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (ڪجهه حصو اسان جي راهه ۾ به) خرچ ڪن ٿا. (٤) بيشڪ اهڙائي ماڻهو حقيقي مؤمن آهن، انهن جي لاءِ سندن پروردگار وٽان مرتبا ۽ درجا آهن ۽ بخشائش ۽ عزت جي روزي آهي. (٥) (هن غنيمت جي معاملي کي به اهڙوئي سمجهو) جهڙئيءَ طرح (بدر جي جنگ ۾) هيءَ ڳالهه ٿي هئي جو تنهنجي پروردگار سچائي سان (حق جي راهه ۾) توکي گهر کان ٻاهر آندو هو ۽ هيءَ سچي ڳالهه آهي ته مؤمنن جي هڪڙي ٽولي هن ڳالهه ۾ (يعني ڪافرن جي لشڪر سان وڙهڻ ۾) بلڪل ناراض هئي. (٦) اهي (ناراض ٽوليءَ وارا) توسان حق جي ڳالهه ۾ جهڳڙو ڪرڻ لڳا، اگرچه معاملو صاف ظاهر ٿي چڪو هو (ته هڪ هزار ڪافر مديني تي ڪاهڻ لاءِ اچي رهيا هئا، اهي مسلمان لڙائي ڪرڻ کان ايتري قدر ٿي ڇرڪيا جو) ڄڻ ته کين زور سان موت جي منهن ۾ ڌڪيو پي ويو ۽ هو (پنهنجو موت پنهنجي اکين سان) ڏسي رهيا هئا. (٧) ۽ (اي مسلمانو! اهو وقت ياد ڪريو) جڏهن الله اوهان سان واعدو ڪيو هو ته (دشمنن جي) ٻن جماعتن مان هڪ ضرور اوهان جي هٿ ايندي ۽ اوهان جو حال هي هو جو چاهيو ٿي ته جنهن جماعت ۾ وڙهڻ جي طاقت ڪانهي (يعني قافلي واري) سا هٿ اچي وڃي، پر خدا ته چاهيو ٿي ته پنهنجي واعدي موجب حق کي ثابت (۽ پائدار) ڪري، ۽ حق جي دشمنن جون پاڙون پٽي وڍي ڇڏي. (٨) اهو انهيءَ لاءِ ته (الله تعاليٰ) حق کي حق (يعني ثابت ۽ پائدار) ڪري ڏيکاري ۽ باطل کي باطل ڪري ڏيکاري (يعني ڪوڙ کي ناڪامياب ۽ فنا ڪري ڇڏي) اگرچه (ظلم ۽ فساد ڪندڙ) گنهگار ائين ٿيڻ پسند نه ڪن. (٩) (۽ اهو وقت به ياد رکو) جڏهن توهان (بدر جي جنگ جي موقعي تي) پنهنجي پروردگار وٽ پڪار ڪئي هئي ته، اسان جي مدد ڪر ۽ هن اوهان جي پڪار ٻڌي هئي، هن چيو هو ته، مان هڪ هزار فرشتن سان جي هڪ ٻئي پٺيان ايندا توهان جي مدد ڪندس. (١٠) ۽ الله جو اها ڳالهه ڪئي سو سندس مقصد سواءِ هن جي ڪجهه نه هو ته (توهان جي لاءِ) خوشخبري ٿئي ۽ اوهان جون (هراسيل) دليون تسلي ۽ قرار حاصل ڪن، نه ته مدد ته (هر حال ۾) الله ئي جي طرف کان آهي. بيشڪ هو (سڀني تي غالب پوڻ وارو ۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکڻ وارو آهي.

    رڪوع ٣ آيت 11-تا-19
    جيڪي الله جي راهه ۾ نڪري پوندا ته الله به انهن لاءِ رحمت جا دروازا کولي ڇڏي ٿو.
    (١١) (اهو وقت ياد ڪيو) جڏهن الله تعاليٰ اوهان تي ڇانئجي ويندڙ ننڊ آندي، جا ننڊ خدا جي طرفان اوهان لاءِ تسلي ۽ بي ڊپائيءَ جو سبب بڻجي پئي ۽ الله تعاليٰ آسمان مان اوهان تي مينهن وسايو انهيءَ لاءِ ته اوهان کي پاڪ ۽ صاف ٿيڻ جو موقعو ڏئي ۽ اوهان مان شيطان (جي وسوسن) جي ناپاڪائي ڪڍي ڇڏي. پڻ توهان جون دليون ڳنڍي مضبوط ڪري ڇڏي ۽ (واريءَ تي) اوهان جا قدم ان مينهن جي وسيلي ڄمائي. (١٢) (اي پيغمبر! هي اهو وقت هو) جڏهن تنهنجي پروردگار فرشتن تي وحي نازل ڪيو ته مان اوهان سان آهيان (يعني منهنجي مدد توهان سان آهي) پوءِ مؤمنن کي محڪم ۽ ثابت قدم رکو. جلدئي مان ڪافرن جي دلين ۾ (مؤمنن جي) دهشت وجهندس تنهن ڪري (اي مسلمانو!) هنن جي گردنن تي (تلوار جا) ڌڪ هڻو ۽ هنن جي هٿن ۽ پيرن جي هرهڪ آڱر تي ڌڪ لڳايو. (١٣) ۽ هي (هلت) هن ڪري (ڪيو) جو هنن الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪئي ۽ جيڪو به الله ۽ سندس رسول جي مخالفت ڪندو ته پوءِ ياد رکو ته الله تعاليٰ (کين سندن عملن جي بدلي ۾) سخت سزا ڏيڻ وارو آهي. (١٤) (اي حق جا دشمنؤ!) هيءَ آهي سزا اوهان جي لاءِ، پوءِ ڀوڳيو اها سزا ۽ يقين ڄاڻو ته حق جي منڪرن لاءِ دوزخ جي باهه جو عذاب به اچڻو آهي. (١٥) مؤمنؤ! جڏهن ڪافرن جي لشڪر سان اوهان جو مقابلو ٿئي (يعني هو اوهان تي چڙهي اچن ۽ اوهان کي ساڻن وڙهڻو پوي) تڏهن هنن کي هرگز پٺي نه ڏيکار جو (يعني متان ڊڄي پوئتي ڀڄو). (١٦) ۽ جيڪو به اهڙي موقعي تي پٺي ڏئي ڀڄندو تنهن بابت سمجهيو ته هو خدا جي غضب هيٺ اچي ويو ۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو. (۽ هن جو ٽڪاڻو دوزخ ٿيو ته پوءِ) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي، پر جيڪو لڙائي جي مصلحت لاءِ هٽي وڃي يا (پنهنجي ٽولين مان) ڪنهن ٽوليءَ سان جاءِ وٺڻ چاهي (۽ انهن مقصدن لاءِ هڪ جاءِ کان هٽي ٻي جاءِ ڏي وڃي ته پوءِ جائز آهي.) (١٧) (ٻٽاڪ نه هڻجو ياد رکو ته) توهان هنن کي (جنگ ۾) قتل نه ڪيو پر خود خدا هنن کي قتل ڪيو ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تو (جنگ جي ميدان ۾ مٽيءَ سان مٺ ڀري ڪافرن ڏانهن) اڇلائي هئي تڏهن حقيقتاً تو ڪين اڇلائي هئي پر خدا اڇلائي هئي ۽ اهو هن ڪري ٿيو هو ته ان جي وسيلي ايمان وارن کي هڪڙي چڱي آزمائش ۾ وجهي آزمائي. بيشڪ الله تعالي! ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (١٨) هي سڀ ته ٿي چڪو (جو بدر ۾ ڪافرن کي شڪست آئي) هاڻي (هي به ٻڌي ڇڏيو ته) الله تعاليٰ يقيناً ڪافرن جي مخفي تدبيرن کي به (جيڪي هو اسلام کي روڪڻ لاءِ ڪري رهيا آهن) ڪمزور ڪري ڇڏڻ وارو آهي. (١٩) (اي مڪي جاسردارؤ!) جيڪڏهن توهان سوڀ جا طلبگار هئو ته ڏسي ورتوَ ته سوڀ توهان جي سامهون اچي ويئي. (يعني فتح مؤمنن کي ملي) ۽ جيڪڏهن (آئنده لڙائيءَ کان) باز اچو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن وري اها هلت (وڙهڻ واري) وٺندؤ ته اسان به اهائي هلت وٺنداسين ۽ ياد رکو ته اوهان جو لشڪر توهان جي ڪجهه به ڪم نه ايندو، اگرچه گهڻا ماڻهو گڏ ڪيو. يقيناً الله تعاليٰ مؤمنن سان آهي. (کين مدد ڪندو ۽ اوهان ڪافر نيٺ مغلوب ٿيندؤ).

    رڪوع ٣ آيت 20-تا-28
    مال ۽ اولاد اوهان جي آزمائش لاءِ آهن، متان انهن جي خاطر بدفضيلتا ٿي وڃو
    (٢٠) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪيو. ان کان منهن نه موڙيو، جڏهن ته توهان (حق جو سڏ) ٻڌي رهيا آهيو. (٢١) ۽ انهن ماڻهن (اهل ڪتاب) وانگر نه ٿيو، جن (زبان سان ته) چيو ته، اسان ٻڌو پر حقيقت هيءَ آهي ته هو ڪونه ٻڌندا هئا. (يعني نڪي غور ۽ فڪر ڪندا هئا، نڪي تعميل ڪندا هئا). (٢٢) يقيناً الله تعاليٰ جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خراب اهي (انسان) آهن جي ٻوڙا ۽ گونگا آهن جي ڪجهه به نٿا سمجهن. (٢٣) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن ۾ ڪجهه به ڀلائي ڏسي ها (يعني فهم ۽ حق جي قبوليت جو مادو ڏسي ها) ته ضرور هنن کي ٻڌرائي ها، ۽ جيڪڏهن هنن کي ٻڌرائي ته به نتيجو هي نڪرندو جو هو منهن موڙي ڇڏيندا (يعني نڪي مڃيندا، نڪي عمل ڪندا) هو (ايمان کان) ڦري وڃڻ وارا آهن. (٢٤) مؤمنؤ! الله ۽ سندس رسول جو سڏ اونايو، جڏهن هو اوهان کي سڏي. انهيءَ لاءِ ته توهان کي (روحاني موت جي حالت مان ڪڍي) زندهه ڪري ڇڏي ۽ ڄاڻو ته (اڪثر وقتن تي ڇا ٿو ٿئي جو) الله تعاليٰ (پنهنجي ٺهرايل قانون ۽ سببن جي وسيلي) انسان ۽ سندس دل جي وچ ۾ حائل ٿي ٿو وڃي، ۽ پڻ ڄاڻو ته آخر سندس ئي حضور ۾ گڏ ڪري آندا ويندؤ. (٢٥) ۽ انهيءَ فتني کان (خبرداريءَ سان) پاڻ کي بچائيندا رهو جو فتنو جيڪڏهن ايندو ته ان جي چوٽ رڳو ظلم ڪندڙن کي نه لڳندي ۽ ڄاڻو ته الله تعاليٰ (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ سخت آهي. (٢٦) ۽ اهو وقت ياد ڪريو جڏهن (مڪي ۾) اوهان (مسلمانن) جو تعداد تمام ٿورو هو ۽ توهان ملڪ ۾ ڪمزور سمجهيا ٿي ويؤ. توهان انهيءَ وقت ڊڄندا هئو ته متان (زبردست دشمن) ماڻهو اوهان کي اڏائي کڻي نه وڃن. پوءِ الله تعاليٰ اوهان کي (مديني ۾) پناهه ڏني، پنهنجي مددگاريءَ سان اوهان کي طاقت ڏني ۽ چڱيون شيون ڏئي رزق جو سامان مهيا ڪيو، انهيءَ لاءِ توهان شڪرگذار رهو (۽ خدا جي نعمتن جو قدر ڪيو.) (٢٧) مؤمنؤ! ائين نه ڪجو جو الله ۽ سندس رسول سان خيانت ڪيو. هڪ ٻئي جي امانتن ۾ خيانت ڪيو ۽ توهان هن ڳالهه کان ناواقف ڪونه آهيو. (٢٨) ۽ ياد رکو ته توهان جو مال ۽ توهان جو اولاد (اوهان جي لاءِ) هڪ آزمائش آهي (۽ هيءَ ڳالهه به نه وسارجو ته) الله ئي آهي جنهن وٽ (نيڪي ڪندڙن لاءِ) وڏو اجر (۽ نعمتون) آهن.

    رڪوع ٤ آيت 29-تا-37
    خدا کان خوف رکڻ سان حق ۽ باطل ۾ فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ٿئي ٿي.
    (٢٩) مؤمنؤ! جيڪڏهن توهان خدا کان ڊڄندا رهو (۽ سندس نافرماني کان بچو) ته پوءِ هو توهان جي لاءِ (حق ۽ باطل ۾) فرق ڪرڻ ۽ سمجهڻ جي قوت پيدا ڪندو ۽ اوهان منجهان اوهان جون برايون ڪڍي ڇڏيندو ۽ اوهان کي بخشيندو. (ياد رکو ته) الله تعاليٰ ته تمام وڏو فضل ڪندڙ آهي. (٣٠) ۽ (اي پيغمبر!) اهو وقت ياد ڪر جڏهن (مڪي ۾) ڪافر تنهنجي خلاف پنهنجين مخفي تجويزن ۾ مشغول هئا، انهيءَ لاءِ ته توکي گرفتار ڪن يا قتل ڪن يا ملڪ نيڪالي ڏين ۽ (جڏهن) هو پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيا هئا (تڏهن) الله تعاليٰ به پنهنجون مخفي تجويزون ڪري رهيو هو ۽ الله تعاليٰ بهتر تجويزون ڪندڙ آهي. (٣١) ۽ جڏهن اسان جون آيتون هنن (ڪافرن) کي پڙهي ٻڌائجن ٿيون تڏهن هو چون ٿا ته هائو، اسان ٻڌيون. جيڪڏهن اسان چاهيون ته اسان به اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهون ٿا. اهي ڳالهيون سواءِ هن جي ڇا آهن ته گذري ويل ماڻهن جا لکيل داستان آهن. (٣٢) ۽ (اي پيغمبر! اهو وقت به ياد ڪر) جڏهن (مڪي جي ڪافرن) چيو هو ته، اي خدا! جيڪڏهن هيءَ ڳالهه (يعني اسلام جي دعوت) تنهنجي طرف کان حق آهي ته اسان تي پٿرن جو مينهن وساءِ يا اسان کي (ڪنهن ٻئي) دردناڪ عذاب ۾ مبتلا ڪر. (٣٣) پر الله ته ائين ڪرڻ وارو نه هو جو تون انهن ۾ موجود هجين ۽ انهن کي عذاب ۾ وجهي ۽ الله ائين به ڪرڻ وارو نه هو جو هنن کي عذاب ۾ وجهي ۽ هو معافي گهري رهيا هجن. (٣٤) پر (هاڻي جڏهن هنن توکي مڪو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو آهي تڏهن) ڪهڙي ڳالهه رهجي وئي آهي جو الله کين عذاب نه ڏئي، حالانڪ هو ڪعبة الله کان مسلمانن کي روڪي رهيا آهن ۽ حقيقت هيءَ آهي ته هو ان جا متولي ٿيڻ جا لائق ئي نه آهن، ان جا متولي جيڪڏهن ٿي سگهن ٿا ته اهي ئي ٿي سگهن ٿا جيڪي متقي (پرهيزگار) هجن (نه فسادي ۽ ظالم) پر هنن مان گهڻن کي (هن حقيقت جي) خبر ڪانهي. (٣٥) ۽ ڪعبي جي گهر ۾ هنن جي نماز سواءِ هن جي ٻيو ڇا هئي ته سيٽيون وڄائن ۽ تاڙيون هڻن، پوءِ جيڪو ڪفر توهان ڪيو ٿا (تنهن جي بدلي ۾) عذاب جو مزو چکو. (٣٦) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي پنهنجو مال ملڪيت انهيءَ لاءِ خرچ ڪري رهيا آهن ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان روڪين. اهي ماڻهو آئنده به (اهڙيءَ طرح) خرچ ڪندا رهندا، پر پوءِ (اهو وقت ايندو جڏهن انهيءَ خرچ ڪرڻ تي) هنن کي ڏاڍو ارمان ٿيندو ۽ پوءِ (آخر) هو مغلوب ڪيا ويندا (يعني هو تباهه ٿيندا ۽ مسلمان مٿن غالب پوندا) ۽ (ياد رکو ته) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي (۽ پڇاڙيءَ تائين ان تي قائم رهيا) تن کي دوزخ ڏي هڪاليو ويندو. (٣٧) ۽ اهو هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ ناپاڪ (روحن) کي پاڪ (روحن) کان جدا ڪري ڇڏي ۽ جيڪي ناپاڪ آهن تن مان ڪن کي ڪن سان ملائي ڇڏي، پوءِ سڀني کي (سندن بدحال ۾) جمع ڪري، پوءِ (قيامت جي ڏينهن) انهن کي دوزخ جي حوالي ڪري. اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي سراسر تباهه ٿيڻ وارا آهن.

    رڪوع ٥ آيت 38-تا-44
    ڪافرن کي امن ۽ صلح جي دعوت ۽ اڳين زيادتين کي معاف ڪرڻ جو وعدو
    (٣٨) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي تن کي چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان (هاڻي دشمنيءَ کان) باز اچو ته جيڪي ٿي گذريو سو توهان کي معاف ڪيو ويندو، پر جيڪڏهن هو پوءِ به (ظلم ۽ لڙائي جي طرف) موٽن ته (انهيءَ باري ۾) اڳوڻن جو طريقو ۽ ان جو نتيجو گذري چڪو آهي (۽ سڀني کي معلوم آهي ته ظلم جو نتيجو آهي ظالمن جي تباهي. اهوئي نتيجو هنن مڪي جي ڪافرن کي به پيش ايندو.) (٣٩) ۽ (اي مسلمانو! هاڻي توهان جي لاءِ فقط هي چارو رهيو آهي ته) هنن ڪافرن سان تيستائين لڙندا رهو، جيستائين ظلم ۽ فساد باقي نه رهي ۽ دين جو سڄو معاملو الله ئي جي لاءِ ٿي وڃي (يعني دين جي آزادي هجي ۽ انسان جو ظلم ان ۾ دخل نه ڏئي) پوءِ جيڪڏهن اهي ڪافر (جنگ کان) باز اچن ته پوءِ جيڪي جيڪي هو ڪن ٿا تنهن کي خدا ڏسي ٿو پيو. (٤٠) ۽ جيڪڏهن (صلح جي هن آخر دعوت کان به) منهن موڙين ته ياد رکو ته، الله تعاليٰ اوهان (مسلمانن) جو رفيق ۽ ڪارساز آهي (۽ جنهن جو رفيق الله هجي ته) ڪهڙو نه چڱو رفيق ۽ ڪارساز آهي ۽ ڪهڙو نه چڱو مددگار.

    حصو ڏهون
    (٤١) ۽ ڄاڻي ڇڏيو ته اوهان کي جيڪو غنيمت جو مال هٿ اچي تنهن جو پنجون حصو الله ۽ الله جي رسول لاءِ ۽ (رسول جي) مائٽن لاءِ، يتيمن جي لاءِ، مسڪينن جي لاءِ ۽ مسافرن جي لاءِ آهي (۽ باقي چار حصا مجاهدن ۾ ورهائي سگهجن ٿا) جيڪڏهن توهان الله (جي انهيءَ غيبي مدد) تي يقين ٿا رکو جيڪا مدد اسان فيصلو ڪري ڇڏڻ واري ڏينهن پنهنجي بندي (حضرت رسولﷺ) تي نازل ڪئي هئي جڏهن ٻه لشڪر (بدر وٽ) هڪ ٻئي جي سامهون ٿيا هئا (ته انهيءَ طرح ورهاڱو ڪيو) ۽ (ياد رکو ته) الله جي قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. (٤٢) هيءُ اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن توهان ماٿريءَ جي ويجهي هنڌ هئو ۽ دشمن جو لشڪر ماٿريءَ جي پراهين هنڌ هو ۽ (قريشن جو) قافلو توهان کان هيٺئين حصي ۾ هو (يعني قافلو سمنڊ جو ڪنارو وٺيو نڪري ويو) ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ لڙائي جي ڳالهه ٺهرايو ها ته ضرور جنگ جي وقت، جاءِ تان هٽي وڃو ها (ڇو ته توهان کي دشمنن جي گهڻائيءَ کان ڊپ هو ۽ اوهان مان گهڻن جي مرضي هئي قافلي کي لٽڻ جي) پر الله تعاليٰ (ٻنهي لشڪرن کي هڪ ٻئي جي مقابل آندو) انهيءَ لاءِ ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري (يعني ڪافرن جي طاقت کي ٽوڙي ڇڏي) پڻ هن لاءِ ته جنهن کي تباهه ٿيڻو آهي سو حجت پوري ٿيڻ بعد تباهه ٿئي ۽ جيڪو زندهه (۽ ڪامياب) ٿيڻ وارو آهي سو به حجت جي پوري ٿيڻ بعد زندهه رهي. (يعني ٻئي ڌريون ڏسن ته حق ڪهڙي طرف آهي ۽ الله تعاليٰ حق کي فتح ڏيندڙ آهي) بيشڪ الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڏسي ۽ ڄاڻي ٿو. (٤٣) ۽ (اي پيغمبر!) هي اهو ڏينهن هو جنهن ڏينهن الله تعاليٰ توکي خواب ۾ هنن (دشمن ڪافرن) جو تعداد ٿورو ڪري ڏيکاريو (يعني هي ڏيکاريو ته اگرچه ظاهراً گهڻا هوندا، پر وڙهڻ ۾ ٿورا ثابت ٿيندا) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ هنن (ڪافرن) کي گهڻا ڪري ڏيکاري ها ته توهان (مسلمان) همت هاري وڃو ها ۽ انهيءَ معاملي ۾ پاڻ ۾ اختلاف ۽ جهڳڙا ڪيو ها، پر الله تعاليٰ توهان کي (اهڙيءَ حالت کان) بچائي ورتو. يقين ڪيو ته جيڪي به (ماڻهن جي) دلين ۾ لڪل آهي سو سندس علم کان لڪل ناهي. (٤٤) ۽ (وري ڏسو ته) جڏهن توهان ٻئي لشڪر هڪ ٻئي جي مقابل ٿيا هئو، تڏهن الله تعاليٰ هيئن ڪيو جو دشمن اوهان جي نظر ۾ ٿورا ڏسڻ ۾ آيا (يعني اوهان جي دلين ۾ ايمان ۽ ثابت قدميءَ جو روح ڦوڪجي ويو هو) ۽ هنن جي نظر ۾ اوهان ٿورا ڏسڻ ۾ آيؤ) (ڇو ته ظاهر طرح توهان برابر هنن کان ٿورا هئو) ۽ اهو سڀ الله تعاليٰ هن لاءِ ڪيو ته جيڪا ڳالهه ٿيڻي هئي سا ڪري ڏيکاري ۽ سڀني ڪمن (جي فيصلي) جو دارومدار فقط الله تعاليٰ تي آهي.

    رڪوع ٦ آيت 45-تا-48
    الله جي يادگيري/ فرمانبرداري ۽ ايمان دلين کي مضبوط ٿا ڪن
    (٤٥) اي مؤمنؤ! جڏهن (حملو ڪندڙن جي) ڪنهن ٽوليءَ سان اوهان جو مقابلو ٿئي تڏهن لڙائيءَ ۾ ثابت قدم رهو ۽ الله تعاليٰ کي گهڻو ياد ڪيو، انهيءَ لاءِ ته توهان ڪامياب ٿيو. (٤٦) ۽ الله ۽ سندس رسول جو چوڻ مڃو ۽ پاڻ ۾ جهڳڙا نه ڪيو (بي اتفاقي نه ڪيو، هڪ ٿي وڃو) ائين ڪندؤ (يعني پاڻ ۾ جهڳڙا ڪندؤ ۽ پاڻ ۾‍ ٻڌي نه ڪندؤ) ته توهان جون دليون هارجي وينديون ۽ اوهان جي طاقت هلي ويندي ۽ (مشڪلاتن ۽ مصيبتن ۾) صبر ۽ ثابت قدمي اختيار ڪيو (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي صبر ڪندڙ ۽ ثابت قدم رهندڙ آهن. (٤٧) ۽ (خبردار) انهن ماڻهن جهڙا نه ٿجو جيڪي پنهنجي گهرن مان (لڙائي ڪرڻ لاءِ) آڪڙ ڪندي ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ نمائش ۽ ڏيکاءُ ڪندي نڪتا ۽ جن جو حال هي آهي جو الله جي راهه کان (سندس بندن کي) روڪين ٿا ۽ (ياد رکو ته) جيڪي به عمل هي ماڻهو ڪن ٿا تن تي الله تعاليٰ (پنهنجي علم ۽ قدرت سان) گهيرو ڪيون بيٺو آهي. (٤٨) ۽ اهو (واقعو به ياد رکو جو) شيطان (سراقه بن مالڪ) هنن جي عملن کي هنن جي نظر ۾ سهڻا ڪري ڏيکاريو هو ۽ چيو هو ته، اڄ ماڻهن ۾ ڪي به اهڙا ڪونه آهن جي توهان تي غالب پئجي سگهن ۽ مان توهان جو پشت پناهه آهيان، پر جڏهن ٻئي فوجون (بدر وٽ) هڪ ٻئي جي مقابل ٿيون تڏهن پٺئين پير واپس ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته، مان توهان کان بيزار آهيا. مان اهو ڪجهه ڏسي رهيو آهيان جو توهان نٿا ڏسو. مان خدا کان ڊڄان ٿو ۽ خدا (بدعملن جي بدلي ۾) تمام سخت سزا وارو آهي.

    رڪوع ٧ آيت 49-تا-58
    هر ڪا قوم پنهنجي بلندي ۽ ترقي پنهنجي ئي ايمان ۽ نيڪ عملن وسيلي آڻي ٿي.
    (٤٩) ۽ (وري ڏسو ته) منافقن ۽ انهن ماڻهن جن جي دلين ۾ (ايمان جي ڪمزوريءَ جو) مرض هو چيو هو ته، هنن مسلمانن کي سندن دين مغرور ڪري ڇڏيو آهي (يعني دين جو نشو ۽ جوش هنن کي وڏي لشڪر جي مقابلي لاءِ اڀاري رهيو آهي. هنن منافقن کي خبر ناهي ته مسلمانن جو ڀروسو الله تعاليٰ تي آهي) ۽ جيڪڏهن ڪوبه الله تعاليٰ تي ڀروسو رکي ٿو ته پوءِ بيشڪ الله تعاليٰ (سندس حمايت ۾) غالب پوڻ وارو ۽ حڪمت وارو آهي. (٥٠) ۽ جيڪڏهن توهان (پنهنجي اکين سان) اها حالت ڏسو جڏهن فرشتا انهن ڪافرن جا روح قبض ڪندا ۽ سندن منهن ۽ پٺيءَ تي ڌڪ هڻندا ۽ (چوندا ته اي ڪافرؤ) هاڻي چکو باهه جي عذاب جو ذائقو (ته پوءِ توهان ڏسندڙن جو ڪهڙو حال ٿئي؟) (٥١) (اي حق جا دشمنؤ!) هي عذاب انهيءَ (بدعمليءَ) جو نتيجو آهي جنهن جو سامان خود اوهان جي هٿن اڳ ئي گڏ ڪري رکيو آهي. (توهان بدعمل ڪري پاڻ تي پاڻ عذاب آندو آهي) الله تعاليٰ ته ڪڏهن به پنهنجي بندن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي. (٥٢) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو هو جي انهن کان اڳي ٿي گذريا تهڙو ئي (ظلم ۽ فساد جو) دستور اوهان (مڪي وارن) جو آهي. هنن الله جي نشانين کي نه مڃيو ته الله به سندن گناهن جي ڪري کين پڪڙ ڪئي. بيشڪ الله تعاليٰ وڏي قوت وارو (بدعملن جي) سزا ڏيڻ ۾ تمام سخت آهي. (٥٣) هيءَ ڳالهه هن ڪري ٿي جو الله تعاليٰ جو مقرر قانون آهي ته جيڪا نعمت هو ڪنهن قوم کي عطا فرمائي ٿو، سا وري ڪڏهن به نٿو بدلائي، جستائين انهيءَ قوم جا ماڻهو پاڻ پنهنجي حالت نه بدلائين). ۽ هن ڪري به جو الله تعاليٰ (سڀ ڪنهن جي) ٻڌي ٿو ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻي ٿو. (٥٤) جهڙو دستور فرعون جي ماڻهن جو هو ۽ انهن (فاسقن) جو، جي انهن کان اڳي ٿي گذريا اهڙو ئي دستور (فسق جو) اوهان جو به آهي. هنن پنهنجي پروردگار جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ته اسان کين سندن گناهن سبب تباهه ڪري ڇڏيو ۽ فرعون جي ماڻهن کي (سمنڊ ۾) ٻوڙي ڇڏيو ۽ اهي سڀ ظالم هئا. (٥٥) بيشڪ الله تعاليٰ جي نظر ۾ بدترين چوپايا جانور اهي (انسان) آهن جن ڪفر جي واٽ ورتي. پوءِ اهي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (٥٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن سان تو (صلح جو) عهدنامون ڪيو هو، تن اهو عهدنامو ٽوڙيو ۽ وري وري عهدناما ڪري ٽوڙيندا رهيا ۽ (اهڙي بد هلت جي نتيجن کان) ڊڄن به ڪونه ٿا (نه خدا کان ٿا ڊڄن نه انسانن کان). (٥٧) تنهن ڪري (هاڻي گهرجي ته جهڙي هلت پاڻ وٺن تهڙي تون به وٺ) جيڪڏهن تون هنن کي لڙائيءَ ۾ موجود ڏسين ته کين اهڙي سزا ڏي جو جيڪي ماڻهو هنن جي پٺ ۾ آهن (يعني سندن حمايتي مڪي جا مشرڪ) تن کي ڀڄندو ڏسي پاڻ به ڀاڄ شروع ڪن ۽ ممڪن آهي ته (انهيءَ شڪست ۽ سزا مان) عبرت وٺن (۽ آئينده لاءِ صلح ۾ رهن). (٥٨) ۽ جيڪڏهن ڪو ٽولو (اهڙي هلت وٺي جو)انهن کان اوهان کي دغا جو انديشو ٿئي ته اوهان کي گهرجي ته انهن جو عهدنامو انهن کي اڇلائي ڏيو ته ٻئي طرف هڪ جهڙي حالت ۾ ٿي وڃن. (يعني ائين نه ٿئي جو اوچتو عهد ٽوڙي حملي ڪجي جيئن مخالفن کي لڙائي وغيره جي تياريءَ جي مهلت ۽ وقت ئي نه ملي) ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن کي هرگز پسند نٿو ڪري.

    رڪوع ٨ آيت 59-تا-64
    الله جي دشمنن ۽ پنهنجي دشمنن کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ هر وقت جنگ لاءِ تيار رهو.
    (٥٩) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي ائين نه سمجهن ته بازي کڻي ويا. هو ڪڏهن به (حق جي پيروي ڪندڙن کي) عاجز ۽ هيڻو ڪري نه سگهندا. (٦٠) ۽ (اي مسلمانو!) جيتري قدر ئي ٿي سگهي اوتري قدر پاڻ ۾ قوت پيدا ڪري ۽ گهوڙا (جنگ لاءِ) تيار رکي دشمن جي مقابلي لاءِ پنهنجو (جنگ جو) سامان تيار ڪندا رهو. ڇو ته اهڙيءَ طرح تيار رهڻ سان اوهان الله جي دشمن ۽ پنهنجي دشمنن تي پنهنجو ڌاڪو ۽ رعب ڄمائيندؤ ۽ پڻ انهن ماڻهن کان علاوه ٻين تي ڌاڪو ڄمائيندؤ، جن جي توهان کي خبر ناهي (ته اوهان جا دشمن آهن) الله تعاليٰ انهن کي ڄاڻي ٿو ۽ (ياد رکو ته) الله جي راهه ۾ (يعني جهاد جي تياريءَ ۾) توهان جيڪو به خرچ ڪندؤ سو توهان کي پورو پورو ملي ويندو ۽ اوهان جو حق هرگز تلف نه ڪيو ويندو. (٦١) ۽ جيڪڏهن (دشمن) صلح جي طرف جهڪن ته اوهان کي گهرجي ته اوهان به صلح جي طرف جهڪو ۽ (هر حال ۾) الله تي ڀروسو رکو (ته) بيشڪ اهوئي الله آهي جو سڀ ڪجهه ٻڌي ۽ ڄاڻي ٿو. (٦٢) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن هنن جو ارادو هي هجي ته توکي ڌوڪو ڏين ته (به فڪر ناهي) الله تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي. اهوئي آهي جنهن پنهنجي مددگاريءَ سان ۽ مؤمنن (جي همراهيءَ) سان تنهنجي تائيد ڪئي (۽ قوت پيدا ڪري فتح ڏني). (٦٣) ۽ اهوئي آهي جنهن مؤمنن جي دلين ۾ هڪ ٻئي لاءِ الفت ۽ محبت پيدا ڪري ڇڏي. جيڪڏهن تون اهو سڀ ڪجهه خرچ ڪرين جو روءِ زمين تي آهي ته به هنن جي دلين کي الفت ۽ محبت ۾ ڳنڍي نه سگهين ها. پر اهو الله ئي آهي جنهن منجهن الفت ۽ محبت پيدا ڪئي، بيشڪ هو (پنهنجي ڪمن ۾) غالب ۽ حڪمت وارو آهي. (٦٤) اي پيغمبر! الله تعاليٰ تنهنجي لاءِ ڪافي (مددگار) آهي ۽ انهن مؤمنن لاءِ )به) ڪافي (مددگار) آهي جيڪي تنهنجي تابعداري ڪندڙ آهن (نه انهن لاءِ رڳو نالي طور مؤمن يا مسلمان آهن.)

    رڪوع ٩ آيت 65-تا-69
    توهان مسلمانن کي مال جو حرص نه هجڻ گهرجي
    (٦٥) اي پيغمبر! مؤمنن کي لڙائيءَ جو شوق ڏيار (اي مسلمانو!) جيڪڏهن توهان ۾ رڳو ويهه صابر ۽ ثابت قدمي رکندڙ ماڻهو نڪري پون ته يقين ڪيو ته اهي ٻه سؤ دشمنن تي غالب پئجي ويندا، ۽ جيڪڏهن اوهان ۾ اهڙا ماڻهو سؤ ٿي وڃن ته هزار ڪافرن تي غالب پئجي ويندا. هن ڪري جو ڪافر ماڻهو (حق ۽ باطل کي) نٿا سمجهن (منجهن دانش ۽ بصيرت ڪانهي.) (٦٦) مسلمانو!) هاڻي ته خدا توهان جي لاءِ بار هلڪوڪيو آهي. هن کي خبر آهي ته توهان ۾ ڪمزوري آهي. سو هن وقت جيڪڏهن توهان ۾ صبر سان مشڪلاتون سهڻ وارا هڪ سؤ ماڻهو هوندا ته (انهن کي فقط ٻيڻي تعداد سان مقابلو ڪرڻو پوندو يعني) هو ٻن سون دشمنن تي غالب پئجي سگهندا. ۽ جيڪڏهن هزار هوندا ته الله جي حڪم (۽ تائيد) سان ٻه هزار دشمنن کي مغلوب ڪري سگهندا، ۽ (ياد رکو ته) الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (مشڪلاتن ۾) صبر ڪندڙ ۽ (فرض ادائين ۾) ثابت قدم رهندڙ آهن. (٦٧) نبيءَ کي مناسب ناهي ته سندس قبضي ۾ قيدي هجن تان ته ڪافرن کي قتل ڪري (ملڪ ۾ غلبو حاصل ڪري وٺي.) (مسلمانو!) توهان دنيا جو سامان چاهيو ٿا پر الله تعاليٰ چاهي ٿو ته (اوهان کي) آخرت (جو اجر ڏئي) ۽ الله غالب رهندڙ ۽ حڪمت وارو آهي. (٦٨) جيڪڏهن (هن باري ۾) اڳ ئي الله جو حڪم نه اچي وڃي ها ته جيڪو مال توهان (غنيمت طور بدر ۾) هٿ ڪيو تنهن لاءِ ضرور اوهان کي وڏو عذاب پهچي ها. (٦٩) بهرحال جيڪي توهان کي غنيمت ۾ هٿ آيو آهي تنهن کي حلال ۽ پاڪ سمجهي پنهنجي ڪم ۾ لڳايو ۽ خدا کان ڊڄندا رهو. بيشڪ الله تعاليٰ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.

    رڪوع ١٠ آيت 70-تا-75
    جيڪڏهن توهان جي دلين ۾ چڱائي آهي ته فديه جي عيوض اوهان کي اجر ۽ بخشش ملندي

    (٧٠) اي پيغمبر! لڙائي جي قيدين مان جيڪي ماڻهو تنهنجي قبضي ۾ آهن تن کي چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ توهان جي دلين ۾ ڪجهه چڱائي ڏٺي ته پوءِ جيڪو (فديو) اوهان کان ورتو ويو آهي ان کان بهتر اجر توهان کي عطا فرمائيندو ۽ اوهان کي بخشي ڇڏيندو. هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (٧١) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو چاهين ته توسان دغا ڪن ته (به اهو ڪو سبب ناهي جنهن جي ڪري تون ان انديشي کان پنهنجو عملي دستور عدل ۽ احسان وارو ڦيرائي ڇڏين) اهي ماڻهو هن کان اڳي خود الله سان ٺڳيون ڪري چڪا آهن، ۽ انهيءَ ئي ڪري توکي هنن تي غلبو ڏنو ويو آهي. (ياد رک ته) الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي. (٧٢) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي مديني ۾) جاءِ ڏني ۽ انهن جي مدد ڪئي سي اهي ماڻهو آهن جي هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن، ۽ جن ماڻهن ايمان ته آندو پر هجرت نه ڪئي تن جي مدد ۽ رفاقت اوهان تي لازم ناهي، جيستائين هو پنهنجي وطن مان هجرت نه ڪن. پر جيڪڏهن دين جي باري ۾ توهان کان مدد گهرن ته پوءِ بيشڪ توهان تي انهن جي مددگاري لازم آهي. سواءِ ان حالت جي جو ڪنهن اهڙي قوم جي مقابلي ۾ مدد گهرن جنهن قوم سان توهان جو (صلح ۽ امن جو) عهدنامو ٿيل هجي. (ڇو ته ان حالت ۾ توهان عهد نامي جي خلاف عمل ڪري نٿا سگهو.) جيڪي جيڪي ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ چڱيءَ طرح ڏسي ٿو. (٧٣) ۽ (ڏسو) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي (ڪفر جي واٽ ۾) هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. جيڪڏهن توهان ائين نه ڪندؤ (يعني هڪ ٻئي سان محبت ۽ مددگاري نه ڪندؤ) ته ملڪ ۾ فتنو فساد پيدا ٿيندو ۽ وڏي خرابي ۽ بگاڙو پکڙبو. (٧٤) (مطلب ته) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو ۽ جن ماڻهن (مڪي جي مهاجرن کي) پناهه ڏني ۽ مدد ڪئي سي (مهاجرين ۽ انصار) في الحقيقت سچا مؤمن آهن ۽ انهن جي لاءِ بخشش ۽ عزت واري روزي آهي. (٧٥) ۽ جن ماڻهن پوءِ ايمان آندو ۽ هجرت ڪئي ۽ توهان سان شامل ٿي جهاد ڪيائون سي به توهان ۾ ئي داخل آهن. (انهن کي پاڻ کان الڳ نه سمجهو) ۽ (باقي رهي هيءَ ڳالهه ته) الله جي حڪم موجب مائٽ هڪ ٻئي جي ميراث جا وڌيڪ حقدار آهن، (انهيءَ کان جو انصار جو ترڪو مهاجر ڀاءُ ڏي وڃي) بلاشبه الله تعاليٰ هرهڪ ڳالهه جو علم رکندڙ آهي.


    سورت توبه يا (براءَة- ذميواريءَ کان آزادي)

    رڪوع ١ آيت 01-تا-6

    جيڪڏهن عهدنامن ٽوڙيندڙن سان تيستائين لڙائي جاري رکو جيستائين توبه ڪن، ڪي مشرڪ جاهل آهن هنن کي موقعو ڏيو ته الله جو ڪلام ٻڌن.
    (١) (مسلمانو) جن مشرڪن سان توهان (صلح ۽ امن جو) عهدنامون ڪيو هو، تن متعلق الله ۽ سندس رسول جي طرفان ذميواريءَ کان آزاد هئڻ لاءِ (اهي اعلان آهي ته) (٢) چار مهينا ملڪ ۾ گهمو ڦرو (ڪا روڪ ٽوڪ ڪانهي، چئن مهينن بعد جنگ جي حالت قائم ٿيندي) ۽ ياد رکو ته توهان (مشرڪ) ڪڏهن به الله کي عاجز ڪري نه سگهندؤ (يعني مسلمانن ۽ اسلام جي فتح ۽ واڌاري کي روڪي نه سگهندؤ) ۽ (پڻ يقين ڄاڻو ته) الله تعاليٰ منڪرن کي (حق جي پيروي ڪندڙن هٿان) ذليل ۽ خوار خراب ڪندو. (٣) ۽ الله ۽ سندس رسول جي طرفان حج جي وڏي ڏينهن تي عام پڙهو ڏنو وڃي ٿو ته الله هاڻي مشرڪن جي ذميواريءَ کان آزاد آهي ۽ سندس رسول به آزاد آهي (يعني عهد ناما ٽٽي پيا ۽ مسلمان هاڻي انهن جو ذمون کڻڻ کان آزاد آهن) پوءِ جيڪڏهن توهان (مشرڪ دشمن هاڻي به ظلم ۽ شرارتن کان) توبه ڪيو ته ان ۾ توهان جي لاءِ بهتري آهي ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه نه مڃيندؤ ته يقين ڄاڻو ته توهان الله کي عاجز ڪري ڪين سگهندؤ. (اي پيغمبر!) جي ماڻهو ڪفر جي واٽ وٺي رهيا آهن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. (٤) سواءِ انهن مشرڪن جي جن سان توهان عهدنامون ڪيو هو ۽ هنن (قول قرار نڀائڻ ۾) ڪابه گهٽتائي ڪانه ڪئي، نڪي توهان جي خلاف ڪنهن (دشمن) جي مدد ڪيائون. اوهان کي به گهرجي ته هنن سان جيتري مدي لاءِ عهدنامون ٿيل آهي اوتري مدي تائين ان کي نڀايو. الله تعاليٰ انهن کي حب ڪري ٿو جيڪي (هرهڪ ڳالهه ۾) متقي رهن ٿا. (٥) پوءِ جڏهن حرمت جا مهينا گذري وڃن تڏهن (جنگ جي حالت قائم ٿيندي پوءِ) مشرڪن کي جتي به ڏسو قتل ڪيو ۽ گرفتار ڪيو ۽ پڻ انهن کي گهيرو ڪيو ۽ هر جڳهه انهن جي تاڙ ۾ ويهو. پوءِ جيڪڏهن توبه ڪن، نماز قائم ڪن ۽ زڪوٰت ڏين ته پوءِ (وٺ پڪڙ نه ڪيو ۽) کين آزاد ڇڏي ڏيو، بيشڪ الله تعاليٰ وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. (٦) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو ماڻهو اچي ۽ اوهان کان پناهه گهري ته کيس ضرور پناهه ڏيو تيستائين جيستائين هو (چڱيءَ طرح) الله جو ڪلام ٻڌي وٺي، پوءِ کيس (سلامت) سندس امن واري جاءِ تي پهچايو. هيءُ حڪم هن ڪري ضروري ٿيو جو اهي ماڻهو (اسلام جي حقيقت کان) بي خبر آهن.

    رڪوع ٢ آيت 16-7
    ڇو نه توهان مسلمان هنن سان وڙهندؤ جڏهن ته هنن رسول اللهﷺ کي ڪڍي ڇڏيو ۽ اڳرائي ڪري لڙايون ڪيون.
    (٧) ائين ڪيئن ٿو ٿو سگهي ته (هنن) مشرڪن جو عهد الله ۽ سندس رسول جي نظر ۾ (سچو) عهد سمجهڻ ۾ اچي؟ پر جن ماڻهن سان اوهان ڪعبة الله جي ويجهو (حديبيه ۾) عهد ۽ پيمان ڪيو هو (۽ انهن ان کي نه ٽوڙيو تن جو عهد بيشڪ سچو عهد آهي ۽( جيستائين اهي توهان سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهن تيستائين توهان به انهن سان (پنهنجي عهد تي) قائم رهو. الله تعاليٰ انهن کي حب ٿو ڪري جي (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) متقي رهن ٿا. (٨) انهن مشرڪن جو عهد ڪيئن (سچو) عهد ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته هنن جو حال هيءُ آهي جو جيڪڏهن اڄ اوهان تي غلبو حاصل ڪن ته نڪي توهان سان مائٽي هئڻ جو خيال ڪن، نڪي عهد ۽ پيمان جو (يعني توهان تي هر طرح جا ظلم ڪن ۽ قتل ڪرڻ چاهين ٿا، پر هنن جون دليون اوهان کان ڦريل آهن ۽ هنن ۾ اڪثر ماڻهو فاسق آهن (يعني سچائي ۽ خيرخواهيءَ جي بدران ٺڳي ۽ ظلم جي طريقن تي قائم آهن.) (٩) انهن ماڻهن الله جي آيتن کي تمام خسيس قيمت تي وڪڻي ڇڏيو (يعني نفساني خواهشن جي تابع ٿي ويا ۽ الله جي آيتن تي يقين ڪونه ڪيائون). تنهن ڪري ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪڻ لڳا (افسوس هنن تي) ڪهڙا نه برا فعل آهن، اهي جي اهي ماڻهو ڪندا رهن ٿا. (١٠) (اهي مشرڪ) ڪنهن به مؤمن سان نڪي مائٽي هئڻ جو لحاظ ٿا ڪن، نڪي عهدنامن جو. اهي ئي ماڻهو آهن جي ظلمن ۾ حد کان ٻاهر لنگهي ويا آهن. (١١) بهرحال جيڪڏهن هو باز اچن، نماز قائم ڪن، زڪوٰت ڏين ته (پوءِ توهان مسلمان به هنن جي خلاف هٿ نه کڻو. اهي) اوهان جا دين جا ڀائر ٿي پيا، جيڪي ماڻهو علم رکن ٿا تن لاءِ اسان پنهنجون آيتون کولي کولي بيان ڪيون ٿا. (١٢) ۽ جيڪڏهن اهي ماڻهو پنهنجو عهدو پيمان جو پاڻ ڪري چڪا آهن ٽوڙي ڇڏين ۽ اوهان جي دين کي طعني طور گهٽ وڌ ڳالهائين ته پوءِ (هن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونهي ته انهن) ڪفر جي سردارن سان جنگ ڪيو. اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جو قسم ناهي. (۽ توهان کي جنگ هن لاءِ ڪرڻ گهرجي) تان ته هو (ظلم ۽ بدعهدي کان) باز اچي وڃن. (١٣) (مسلمانؤ!) ڇا توهان اهڙن ماڻهن سان جنگ نه ڪندؤ جن عهد نامن تي کنيل قسم ٽوڙي ڇڏيا، جن الله جي رسول کي (سندس وطن مان) نيڪالي ڏيڻ جو منصوبو ٺاهيو ۽ وري اوهان جي خلاف لڙائي جي اڳرائي به سندن طرف کان ٿي؟ ڇا توهان کانئن ڊڄو ٿا؟ (جيڪڏهن ڊڄو ٿا ته توهان مؤمن ناهيو ڇو ته) جيڪڏهن مؤمن آهيو ته الله هن ڳالهه جو وڌيڪ حقدار آهي ته توهان فقط کانئس ڊڄو. (١٤) (مسلمانؤ!) هنن سان (بي ڌڙڪ) جنگ ڪيو. الله تعاليٰ اوهان جي هٿان کين عذاب ڏيندو، کين خوار ڪندو، توهان کي هنن تي فتح وارو ڪندو ۽ مؤمنن جي جماعت جي دلين جا سڀ دُک دور ڪري ڇڏيندو. (١٥) سندن دلين جو ساڙ هٽايو ويندو ۽ وري جنهن متعلق چاهيندو تنهن ڏي پنهنجي رحمت جي موٽ ڪندو. الله تعالي سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ ۽ حڪمت رکندڙ آهي. (١٦) (مسلمانؤ!) ڇا توهان هيئن سمجهيو آهي ته توهان ايتري ۾ ئي ڇڏي ڏنا ويندؤ؟ حالانڪه اڃا ته الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي پوريءَ طرح آزمائش ۾ وڌو ئي ناهي جن اوهان مان جهاد ڪيو آهي ۽ الله ۽ سندس رسول ۽ مؤمنن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي کي پنهنجي ڳجهو دوست نه بنايو آهي (ياد رکو ته) جيڪي به عمل توهان ڪيو ٿا تن جي خبر الله کي آهي.

    رڪوع ٣ آيت 17-تا-24
    حاجين کي پاڻي پيارڻ يا مسجد الحرام کي آباد رکڻ ايڏو وڏو ڪم ناهي جيڏو خدا جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ
    (١٧) مشرڪن کي هي حق ڪونهي ته الله جي مسجدن کي آباد ڪن جڏهن ته هو پاڻ (پنهنجو ڪفر قبول ڪري رهيا آهن ۽) شاهدي ڏيئي رهيا آهن ته اسان ڪافر آهيون. اهي ماڻهو اهي آهن جن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويا، ۽ هو هميشه باهه جي عذاب ۾ رهڻ وارا آهن. (١٨) في الحقيقت مسجد کي آباد ڪرڻ وارو ته اهو آهي جنهن الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان آندو، نماز قائم ڪئي، زڪوٰت ڏني ۽ الله کان سواءِ ڪنهن کان به نه ڊنو. جيڪي ماڻهو اهڙا آهن انهن ئي بنسبت اميد رکي سگهجي ٿي ته هو (سعادت ۽ ڪاميابيءَ جي) راهه تي هلندڙ آهن. (١٩) ڇا اوهان ماڻهن هيءَ ڳالهه ٺهرائي رکي آهي ته حاجين کي پاڻي پيارڻ جو بندوبست رکڻ ۽ ڪعبة الله کي آباد رکڻ اهڙو ئي وڏي درجي وارو ڪم آهي جهڙو انهيءَ شخص جو ڪم جنهن الله ۽ آخرت تي ايمان آندو آهي ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو. الله وٽ اهي ٻئي برابر ناهن ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) ظلم ڪندڙن لاءِ (ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي. (٢٠) جن ماڻهن ايمان آندو، هجرت ڪئي ۽ پنهنجي جانين ۽ مالن سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو تن جو يقيناً الله وٽ تمام وڏو مان مرتبو آهي ۽ اهي ئي آهن جي ڪامياب ٿيڻ وارا آهن. (٢١) سندن پروردگار کين پنهنجي رحمت ۽ ڪامل رضامنديءَ جي خوشخبري ڏئي ٿو ۽ پڻ سندن لاءِ اهڙي باغن جي خوشخبري ڏئي ٿو جن ۾ هنن جي لاءِ دائمي نعمتون هونديون. (٢٢) اهي انهن ۾ هميشه رهڻ وارا هوندا، يقيناً الله وٽ (نيڪ عمل ڪندڙن لاءِ) تمام وڏو اجر آهي. (٢٣) اي مؤمنؤ! جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا ڀائر ايمان جي مقابلي ۾ ڪفر کي وڌيڪ پيارو رکن ته انهن کي پنهنجو رفيق ۽ ڪارساز نه بنايو ۽ جيڪڏهن اوهان مان جيڪو به انهن کي رفيق ۽ ڪارساز بنائيندو ته اهو اهڙن ماڻهن مان هوندو جيڪي (پاڻ تي) ظلم ڪرڻ وارا آهن. (٢٤) (اي پيغمبر! مسلمان کي) چئي ڏي ته جيڪڏهن توهان جا پيئر ۽ توهان جا پٽ ۽ توهان جا ڀائر ۽ توهان جون زالون ۽ توهان جا مائٽ ۽ توهان جو مال جو توهان ڪمايو آهي ۽ توهان جو واپار جنهن جي سرد پوڻ ۽ نقصان هيٺ اچڻ جو توهان کي انديشو ٿئي ٿو ۽ توهان جي رهڻ جا مڪان جي توهان کي ايتري قدر پسند آهن، اهي سڀ شيون اوهان کي الله کان سندس رسول کان ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ کان وڌيڪ پياريون آهن ته (حق جي دعوت اوهان جي محتاج ناهي) توهان ترسو ۽ انتظار ڪريو جيستائين جيڪي خدا کي ڪرڻو آهي سو توهان جي اڳيان آڻي ۽ الله (جو مقرر قانون آهي ته هو) فاسقن لاءِ (سعادت ۽ ڪاميابيءَ جي) راهه نٿو کولي.
    رڪوع ٤ آيت 25-تا-29
    مشرڪ ناپاڪ آهن ۽ آئنده ڪعبة الله ۾ داخل نه ٿين.
    (٢٥) (مسلمانؤ!) هيءَ حقيقت آهي ته الله تعاليٰ گهڻن ئي موقعن تي اوهان جي مدد ڪئي (جڏهن اوهان کي اوهان جي ٿورائي ۽ هيڻائيءَ سبب ڪاميابيءَ جي اميد ڪانه هئي) ۽ حنين واري جنگ جي موقعي تي به. جڏهن توهان پنهنجي گهڻائي سبب بي پرواهه ٿو ويؤ (۽ سمجهيو هيوَ ته فقط پنهنجي گهڻائي سان فتح حاصل ڪري وٺنداسين) تڏهن اها گهڻائي اوهان جي ڪجهه به ڪم نه آئي ۽ زمين پنهنجي سڄي ڪشادگيءَ هوندي به (اوهان جي لاءِ) تنگ ۽ سوڙهي ٿي ويئي، آخر ڇا ٿيو جو توهان پٺي ڏئي ميدان مان ڀڄڻ لڳؤ. (٢٦) پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي رسول تي ۽ مؤمنن تي پنهنجي طرفان دل جي تسلي ۽ قرار نازل فرمايو ۽ اهڙيون فوجون لاٿيون جيڪي اوهان کي ڏسڻ ۾ ڪونه آيون ۽ (اهڙيءَ طرح) انهن ماڻهن کي عذاب ڏنائين جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي ۽ اهائي جزا آهي انهن ماڻهن جي جيڪي ڪفر جي راهه اختيار ڪن (يعني سندن بدعمليءَ جو لازمي نتيجو اهوئي آهي). (٢٧) وري ان کان پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهيندو تنهن ڏانهن پنهنجي رحمت جي موٽ ڪندو (يعني توبه قبول ڪندو) ۽ الله وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (٢٨) اي مؤمنؤ! حقيقت هي آهي ته مشرڪ پليت آهن، (يعني شرڪ جي ڪري هنن جي دل جي پاڪائي هلي ويئي آهي) تنهن ڪري گهرجي ته هاڻي هن سال کان پوءِ (يعني سن 9 هجري بعد) ڪعبة الله جي ويجهو نه اچن ۽ جيڪڏهن توهان کي (هنن جي آمدرفت بند ٿيڻ ڪري) سڃائي ۽ تنگيءَ جو انديشو هجي (جو هو ضروري شيون آڻي واپار ڪندا آهن ته گهٻرايو نه) الله تعاليٰ چاهيندو ته جلدئي اوهان کي پنهنجي فضل سان مالامال ڪري ڇڏيندو. الله تعاليٰ سڀ ڪجهه ڄاڻندڙ آهي ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٢٩) اهل ڪتاب مان جن ماڻهن جو حال هي آهي جو نڪي خدا تي (سچو) ايمان رکن ٿا، نڪي آخرت جي ڏينهن تي ۽ نڪي انهن شين کي حرام سمجهن ٿا، جن کي الله ۽ سندس رسول حرام ٺهرايو آهي، نڪي سچي دين تي عمل ڪندڙ آهن، تن سان به (اي مسلمانو!) جنگ ڪيو، جيستائين ڪه هو پنهنجي خوشيءِ سان جزيو ڏيڻ قبول ڪن ۽ اهڙي حالت بڻجي جو هنن جي سرڪشي ٽٽي ويئي هجي.

    رڪوع ٥ آيت 30-تا-37
    دين اسلام جي ٻين دينن تي غالب پوڻ جي خوشخبري. سون چاندي گڏ ڪري رکڻ جو عذاب
    (٣٠) ۽ يهودي چون ٿا ته عزير الله جو پٽ آهي ۽ عيسائي چون ٿا ته مسيح الله جو پٽ آهي. اهي هنن جون ڳالهيون آهن فقط زبان کان آيل. (دماغ هلائين ته ڪڏهن به اهڙي ڳالهه نه چون) اهي ماڻهو به اهڙي ڳالهه ٿا چون جهڙي اڳي ڪافر چوندا هئا، مٿن الله جي لعنت هجي هو ڪاڏي جو ڪاڏي ڀٽڪي رهيا آهن. (٣١) انهن (اهل ڪتاب) الله کي ڇڏي پنهنجي عالمن ۽ درويشن کي (پنهنجا) رب کڻي بنايو آهي ۽ پڻ مريم جي پٽ مسيح کي حالانڪ کين جيڪو حڪم ڏنو ويو هو سواءِ نه هن کان سواءِ ڪجهه نه هو ته هڪ خدا جي ٻانهپ ڪيو. کانئس سو ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي (يعني خدا جي حڪمن خلاف ڪنهن به انسان جي حڪم جي تابعداري نه ڪجي) الله تعاليٰ پاڪ آهي، انهيءَ (شرڪت ۽ شريڪن) کان جي سندس ذات سان شامل ڪري رهيا آهن. (٣٢) اهي ماڻهو چاهين ٿا ته الله جي روشنيءَ (يعني حقيقي دين) کي پنهنجي ڦوڪن سان وسائي ڇڏين، حالانڪ الله تعاليٰ اها روشني ڪامل ڪرڻ کان سواءِ رهندو، اگرچه ڪافرن کي اها ڳالهه پسند نه هجي. (٣٣) (ها) اهوئي آهي جنهن پنهنجي رسول کي حقيقي هدايت ۽ سچي دين سان موڪليو، انهيءَ لاءِ ته انهيءَ دين کي سڀني (هٿراڌو ٺاهيل) دينن تي غالب ڪري ڇڏي، اگرچه مشرڪن کي ائين ٿيڻ پسند نه اچي. (٣٤) اي مؤمنؤ! ياد رکو ته (يهودين ۽ عيسائين جي) عالمن ۽ درويشن ۾ هڪ وڏو تعداد اهڙن ماڻهن جو آهي جيڪي ماڻهن جو مال ناحق ناجائز طور کائن ٿا، ۽ الله جي راهه کان انهن کي روڪين ٿا ۽ جيڪي ماڻهو سون چاندي پنهنجي خزاني ۾ گڏ ڪري رکندا رهن ٿا ۽ ان کي الله جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن تن کي دردناڪ عذاب جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. (٣٥) (دردناڪ عذاب جي) انهيءَ ڏينهن (جي خوشخبري ٻڌائي ڇڏ) جڏهن (انهن جو گڏ ڪيل) سون چاندي جو ڍير باهه ۾ تپايو ويندو ۽ ان سان سندن مٿا، پاسا ۽ پٺيون ڏنڀيون وينديون. (۽ ان وقت کين چيو ويندو ته) هي آهي اهو خزانو جو توهان پنهنجي لاءِ گڏ ڪري رکيو هو. سو جيڪو خزانو گڏ ڪري رکيو هو تنهنجو مزو اڄ چکي وٺو. (٣٦) الله تعاليٰ وٽ مهينن جو ڳاڻاٽو ٻارهن مهينن جو آهي. الله جي ڪتاب ۾ ائين ئي لکيو ويو انهيءَ ڏينهن جنهن ڏينهن آسمانن ۽ زمين کي پيدا ڪيائين. انهن (ٻارنهن مهينن) مان چار مهينا حرمت جا مهينا ٺهرايا ويا (جن ۾ جنگ ڪرڻ ناجائز آهي، پوءِ انهن حرمت جي مهينن ۾ (جنگ ۽ خونريزي ڪري) پنهنجي جانين تي ظلم نه ڪيو. ۽ اوهان سڀني (مسلمانن) کي گهرجي ته سڀني مشرڪن سان گڏجي لڙائي ڪيو، جيئن هو سڀ اوهان سڀني سان گڏجي لڙائي ٿا ڪن ۽ ياد رکو ته الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي جي (هر حال ۾) متقي آهن. (٣٧) “نَسِي” (يعني ڪنهن مهيني کي سندس جاءِ تان هٽائڻ جيئن مڪي جا ڪافر پنهنجي مطلب لاءِ ۽ ٻين کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪندا هئا) هن کان سواءِ ڪجهه ناهي ته ڪفر ۾ ڪجهه وڌيڪ زيادتي ڪرڻ آهي. ان جي ڪري ڪافر گمراهيءَ ۾ پون ٿا. ساڳئي ئي مهيني کي هڪڙي سال حلال سمجهن ٿا (يعني ان ۾ لڙائي جائز ٺهرائن ٿا) وري ساڳئي ئي مهيني کي ٻئي سال حرام ٺهرائين ٿا (يعني ان ۾ لڙائي ناجائز ٺهرائين ٿا) انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ حرمت جي مهينن جو جيڪو ڳاڻاٽو رکيو آهي، تنهن کي پنهنجي ڳاڻاٽي مطابق ڪري الله جي حرام ڪيل مهينن کي حلال ڪري ڇڏين. سندن نظرن ۾ سندن برا ڪم سهڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ الله (جو قانون آهي ته هو) حق جي منڪرن لاءِ (ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه نٿو کولي.

    رڪوع ٦ آيت 38-تا-42
    حق جي لاءِ ويڙهه ڇڏي ڏيندو ته الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب ۾ وجهندو ۽ اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي کڙو ڪندو.
    (٣٨) مؤمنؤ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي جو جڏهن توهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته الله جي راهه ۾ قدم کڻو (يعني جهاد لاءِ نڪرو) تڏهن توهان جا پير ڳورا ٿي زمين کي چهٽي پون ٿا؟ ڇا آخرت کي ڇڏي فقط دنيا جي زندگيءَ تي ريجهي ويا آهيو؟ (جيڪڏهن ائين آهي) ته (ياد رکو ته) دنيا جي زندگيءَ جو متاع ته آخرت جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه آهي، پر تمام ٿورو. (٣٩) جيڪڏهن (جهاد لاءِ) قدم نه کڻندؤته ياد رکو ته الله تعاليٰ اوهان کي دردناڪ عذاب ۾ وجهندو، ۽ اوهان جي جاءِ تي ڪنهن ٻي قوم کي آڻي کڙو ڪندو، ۽ توهان (پاڻ کي دشمنن کان بچائڻ ۾ غفلت ڪرڻ سان) الله جو ته ڪجهه به ڪم بگاڙي نه سگهندؤ (اٽلندو پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) ۽ الله تعاليٰ هر ڪنهن ڳالهه تي قادر آهي. (٤٠) جيڪڏهن توهان الله جي رسول جي مدد نه ڪندؤ ته (نه ڪيو) الله ته سندس مدد ڪئي ۽ انهيءَ وقت مدد ڪئي جڏهن ڪافرن کيس (مڪي مان) ڪڍي ڇڏيو هو (۽ هو فقط ٻه ڄڻا هئا، هڪ پاڻ سڳورا ﷺ ۽ ٻيو حضرت ابوبڪر صديق رضه) ۽ ٻن ۾ ٻيو (الله جو رسول ﷺ) هو ۽ ٻئي (ثور جي) غار ۾ لڪا ويٺا هئا. ان وقت الله جي رسول پنهنجي سنگتيءَ کي چيو هو ته، غمگين نه ٿي، يقيناً الله اسان سان ساڻ آهي. (هو دشمنن کي اسان تي قابض نه ڪندو) پوءِ الله تعاليٰ پنهنجي قرار ۽ تسلي هن تي (يعني حضرت ابوبڪر صديق رضه تي) نازل ڪئي ۽ پڻ اهڙين فوجن سان مدد ڪئي جن کي توهان نٿا ڏسو، ۽ آخرڪار ڪافرن جي ڳالهه هيٺ ٿي، (يعني هو ناڪامياب ٿيا) ۽ الله ئي جي ڳالهه آهي جنهن کي بلندي آهي ۽ الله تعاليٰ غالب پوندڙ ۽ وڏي حڪمت وارو آهي. (٤١) (مسلمانو! هٿيارن ۽ سامان سان جو) هلڪو هجي توڙي ڳورور هجي، جنهن به حال ۾ هجو نڪري کڙا ٿيو (جو مدافعت لاءِ توهان کي سڏيو ويو آهي) ۽ پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان الله جي راهه ۾ جهاد ڪيو، جيڪڏهن توهان (پنهنجو نفعو نقصان) ڄاڻو ٿا ته، هي (يعني جهاد ڪرڻ) توهان جي حق ۾ بهتر آهي. (٤٢) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن (تنهنجو سڏ ڪنهن اهڙي ڳالهه لاءِ هجي ها جنهن ۾) ترت فائدو ڏسڻ ۾ اچي ها ۽ اهڙي سفر لاءِ هجي ها جو سولو هجي ها ته اهي (منافق) بي ڌڙڪ تنهنجي پٺيان لڳن ها، پر هنن کي (تبوڪ جي) راهه دوريءَ جي راهه ڏسڻ ۾ آئي (تنهن ڪري نٽائڻ لڳا) ۽ (تون ڏسندين ته هو) سگهوئي الله جا قسم کڻي (مسلمانن کي) چوندا ته جيڪڏهن اسان جو وس هجي ها ته ضرور توهان سان شامل ٿي نڪرون ها (افسوس سندن حال تي) هو (ڪوڙا قسم کڻي) پاڻ کي تباهيءَ ۾ وجهي رهيا آهن ۽ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته هو بلڪل ڪوڙا آهن.
    رڪوع ٧ آيت 43-تا-59
    مؤمنن لاءِ فقط اميد ۽ ڪامراني آهي، نه مايوسي ناڪامي
    (٤٣) (اي پيغمبر!) الله توکي بخشي تو ڇو ائين ڪيو جو (هنن جي ڪوڙن عذرن تي) هنن کي (پٺتي رهڻ جي) اجازت ڏئي ڇڏيئي؟ (تيستائين ته اجازت نه ڏئين ها) جيستائين توکي چڱي طرح معلوم ٿي وڃي ها ته ڪهڙا سچا آهن ۽ پرکي وٺين ها ته ڪهڙا ڪوڙا) آهن. (٤٤) جيڪي ماڻهو الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا سي ڪڏهن به توکان اجازت نه گهرندا ته پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان (الله جي راهه ۾) جهاد ڪريون ۽ الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو ته ڪير متقي آهن. (٤٥) توکان اجازت گهرڻ وارا ته اهي ئي آهن جي (في الحقيقت) الله ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان نٿا رکن ۽ انهن جون دليون شڪ ۾ پيل آهن. تنهن ڪري شڪ جي حالت ۾ پيا ٿا ٻڏن چڙهن. (٤٦) ۽ جيڪڏهن سچ پچ انهن (منافقن) نڪرڻ جو ارادو ڪيو هجي ها ته ان لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ثمر ۽ سامان جي تياري ضرور ڪن ها، پر (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعاليٰ سندن اٿڻ (۽ جنگ لاءِ نڪرڻ) پسند ئي نه ڪيو. تنهن ڪري هنن کي ڳورو ڪري ڇڏيائين ۽ کين چيو ويو (يعني سندن ڳورائي کين چيو ته) ٻين ويهي رهڻ وارن سان گڏ توهان به ويهي رهو (۽ جنگ لاءِ نه نڪرو). (٤٧) جيڪڏهن اهي (منافق) توهان مسمانن ۾ (رل مل ٿي) نڪرن ها ته توهان جي اندر سواءِ خرابين جي ٻيو ڪجهه به زياده نه ڪن ها ۽ ضرور هو توهان جي وچ ۾ فتنه انگيزي جا ڄار پکيڙين ها ۽ (توهان کي معلوم آهي ته) توهان ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جي سندن ڳالهين تي ڪن ڏيڻ وارا آهن، ۽ الله تعاليٰ خوب ڄاڻي تو ته ڪير ظلم ڪرڻ وارا آهن. (٤٨) (اي پيغمبر!) هي حقيقت آهي ته انهن (منافقن) هن کان اڳي به (احد واري جنگ وقت) فتني جون ڪوششون ڪيون ۽ تنهنجي تجويزون ڊاهڻ چاهيائون، تانجو نيٺ سچائي ظاهر ٿي پيئي ۽ الله جو حڪم غالب پيو، اگرچه ائين ٿيڻ هنن کي سخت ناپسند هو. (٤٩) ۽ انهن (منافقن) ۾ ڪو اهڙو به آهي جو چوي ٿو ته مون کي اجازت ڏيڻ فرمايو (ته گهر ۾ ويٺو رهان) ۽ مون کي فتني ۾ نه وجهو. ياد رکو ته، اهي ماڻهو هونئين ئي فتني جي کڏ ۾ ڪري پيا آهن (جو ڪوڙا عذر ٺاهي خدا جي راهه کان منهن موڙيو اٿن) ۽ بلاشبه دوزخ ڪافرن کي گهيرو ڪيون بيٺو آهي. (٥٠) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن توکي ڪا چڱي ڳالهه حاصل ٿئي ٿي ته هنن (منافقن) کي ساڙ ۽ ڏک ٿئي ٿو ۽ جيڪڏهن توکي ڪا تڪليف درپيش اچي ٿي ته چوڻ لڳن ٿا ته انهيءَ ئي خيال اچڻ ڪري اسان اڳي ئي دورانديشي ڪري مصلحت وارو عمل ڪيو (۽ پيغمبر سان انهي ڪم ۾ شامل نه ٿياسين) ۽ پوءِ (ڳچيءَ کي موڙو ڏيئي) وڏي خوشيءِ ۾ ڦري هليا وڃن ٿا. (٥١) (اي پيغمبر! تون) چئو ته، اسان کي ڪجهه به پيش نٿو اچي سگهي سواءِ ان جي جيڪي الله تعاليٰ اسان جي لاءِ (پنهنجي ڪتاب ۾) لکي ڇڏيو آهي. اهوئي اسان جو ڪارساز آهي ۽ مؤمنن کي گهرجي ته فقط الله تي (هر طرح جو) ڀروسو رکن. (٥٢) (اي پيغمبر! تون انهن کي) چئو ته توهان اسان جي لاءِ جنهن ڳالهه جو انتظار ڪيو ٿا (يعني جنگ ۾ قتل ٿيڻ جو) اهو اسان جي لاءِ ٻن چڱاين مان هڪڙي چڱائي آهي (يعني فتح ۽ شهادت جي چڱاين مان شهادت واري چڱائي) ۽ اسان توهان جي لاءِ جنهن ڳالهه جا منتظر آهيون اها هيءَ آهي ته الله تعاليٰ اوهان تي پاڻ وٽان ڪو عذاب موڪلي ۽ يا اسان جي هٿان عذاب ڏياري، سو هاڻي (نتيجي جو) انتظار ڪيو. اسان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارا آهيون. (٥٣) ۽ چؤ ته، توهان (منافق ظاهري طور) خوشيءِ سان (حق جي راهه ۾) خرچ ڪيو يا ناخوشيءِ سان خرچ ڪيو، توهان جو خرچ ڪرڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته توهان ماڻهو (الله جي حڪمن جا) نافرمان آهيو. (٥٤) ۽ هنن جو خرچ ڪرڻ هن ڪري قبول نه پيو جو هنن الله ۽ سندس رسول کي نه مڃيو. (اگرچه ظاهري طور ايمان جي دعويٰ ۾ هو ڪنهن کان به پٺتي نه آهن) هو نماز لاءِ اچن ٿا ته سستي ۽ ڍرائي سان ۽ مال خرچ ڪن ٿا پر سخت ناپسندي ۽ ناراضگيءَ سان. (٥٥) پوءِ هيءَ ڳالهه ته انهن ماڻهن وٽ مال ۽ دولت آهي ۽ گهڻي اولاد وارا آهن توکي عجب ۾ نه وجهي. هي ته رڳو انهيءَ لاءِ آهي ته الله تعاليٰ (سندن) مال ۽ اولاد جي ذريعي ئي کين دنيوي زندگيءَ ۾ عذاب ڏيڻ چاهي ٿو. (جو منافقي ۽ ڪنجوسائي ۽ بي سبب مال جو خرچ ڪرڻ هنن لاءِ وڏي مصيبت آهي، ۽ هنن جي اولاد جو مسلمان ٿيڻ ۽ کين ڇڏي وڃڻ به هنن کي رات ڏينهن ساڙ ڏئي رهيو آهي) ۽ (باقي رهي آخرت جي ڳالهه سو) هنن جو ساهه هن حالت ۾ نڪرندو جو هو ان وقت به ڪفر ۾ هوندا (۽ ايمان کان محروم هوندا). (٥٦) ۽ (ڏسو اهي منافق) الله جا قسم کڻي کڻي (اوهان کي) يقين ٿا ڏيارين ته هو توهان مان ئي آهن (يعني اوهان وانگُر ايمان وارا آهن) حالانڪ هو اوهان مان ناهن، بلڪ هڪ اهڙي ٽولي آهن جيڪي ڊپ ۽ هراس ۾ آهن (ته متان اسان جي منافقي ظاهر ٿي پوي). (٥٧) (هنن جي دلين جي خوف ۽ نفرت جو حال هي آهي جو) جيڪڏهن هنن کي پناهه جي ڪا جاءِ ملي وڃي يا ڪا غار ملين يا ڪو لڪي ويهڻ جو سوراخ ملين ته هو هڪدم اوڏاهين رخ رکندا ڄڻ ته رسو ڇنائي ڀڄي رهيا آهن. (٥٨) ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جي زڪوٰت جو مال ۽ صدقا ورهائڻ ۾ توتي (پاسخاطريءَ جي) تهمت لڳائين ٿا، پوءِ هنن جي حالت ته هيءَ آهي جو جيڪڏهن کين ان مان ڏنو وڃي ٿو ته خوش ٿا ٿين ۽ جيڪڏهن ان مان کين نٿو ڏنو وڃي ته بس هڪدم (ڪاوڙ ۾) بگڙي ٿا پون. (٥٩) ۽ (ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها) جيڪڏهن هيئن ٿئي ها جو جيڪي الله ۽ سندس رسول کين ڏنو، تنهن تي راضي رهن ها ۽ چون ها ته الله تعاليٰ اسان جي لاءِ ڪافي (رزاق) آهي. الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان اسان کي (گهڻوئي) عطا فرمائيندو ۽ سندس رسول به (ڏيڻ ۾ گهٽتائي ڪانه ڪندو) اسان جي لاءِ الله ئي مقصود آهي (۽ هن ۾ ئي اميدون رکي ڏانهنس متوجهه ٿيون ٿا).



    رڪوع ٨ آيت 60-تا-66
    صدقا ۽ زڪوات جو مال ڪيئن خرچ ڪجي؟ منافقن جون ٽوڪبازيون ڪفر جو ڪم آهن
    (٦٠) صدقي جو مال (يعني زڪوٰت جو مال) فقط فقيرن (نادارن) لاءِ ۽ مسڪينن لاءِ ۽ انهن (ڪامورن) لاءِ جي ان جي وصولي لاءِ مقرر ڪيا وڃن، ۽ انهن لاءِ جن جي دلين ۾ (حق جي ڪلمي جي) الفت (شوق محبت) پيدا ڪرڻي آهي (مثلاً تبليغ ڪرڻ سان). ۽ انهن لاءِ جن جا گَردن (غلاميءَ جي زنجيرن ۾) جڪڙيل آهن (۽ انهن کي آزاد ڪرائڻو آهي) ۽ پڻ قرضدارن جي لاءِ (جي قرض ۾ پورجي ويا هجن ۽ قرض لاهڻ جي طاقت ڪانه اٿن) ۽ الله جي راهه ۾ (يعني جهاد لاءِ ۽ انهن سڀني ڪمن لاءِ جي جهاد وانگر حق جي ڪلمي کي بلند ڪرڻ لاءِ هجن) ۽ مسافرن لاءِ (جي مفلس هجن ۽ گهر پهچي نه سگهن) آهي. اهو الله جي طرف کان ٺهرايل حڪم آهي ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٦١) ۽ انهن (منافقن) ۾ (اهي ماڻهو به آهن جي الله جي) نبي سڳوري کي (پنهنجي بد الفاظن سان) تڪليف ڏيڻ چاهين ٿا ۽ چون ٿا ته هي شخص (يعني رسول الله) ته گهڻو ٿو ٻڌي ۽ سڀ ڳالهه تي ڪن ٿو ڏئي. (يعني جيڪو به ماڻهو ڪا ڳالهه کيس چوي ٿو سا مڃي ٿو. اي پيغمبر! تون چئو ته، بيشڪ مان گهڻي ٻڌڻ وارو آهيان، پر توهان جي ئي بهتري لاءِ (گهڻو ڪن ٿو ڏيان، ڇو ته مان حق کان سواءِ ڪابه ڳالهه قبول نٿو ڪريان). هو (يعني خدا جو رسول) الله تي يقين ٿو رکي ۽ سچن مؤمنن جي ڳالهه تي اعتبار ٿو ڪري ۽ هو انهن ماڻهن لاءِ سراسر رحمت آهي جن اوهان مان ايمان آندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو الله جي رسول کي ايذاءُ پهچاڻ چاهين ٿا تن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار رکيل) آهي. (٦٢) (اي مسلمانو!) اهي (منافق) اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻن ٿا، انهيءَ لاءِ ته اوهان کي خوش ڪري وٺن، حالانڪ جيڪڏهن هو سچا مؤمن هجن ها ته (سمجهن ها ته) الله ۽ سندس رسول هن ڳالهه جا وڌيڪ حقدار آهن ته هن کي (پنهنجي ايمان ۽ عملن سان) راضي رکن. (٦٣) ڇا (اڃا تائين) هنن کي هيءَ ڳالهه به معلوم نه ٿي آهي ته جيڪو به الله ۽ سندس رسول جو مقابلو ٿو ڪري تنهن جي لاءِ دوزخ جي باهه آهي ۽ هميشه ان ۾ سڙندو؟ ۽ اها تمام وڏي ذلت ۽ خواري آهي. (٦٤) منافق هن ڳالهه کان به ڊڄن ٿا (يعني مسخريءَ طور چون ٿا ته) شل ائين نه ٿئي جو سندن باري ۾ ڪا سورت نازل ٿئي ۽ جيڪي سندن دلين ۾ (لڪل) آهي سو کين (يعني مسلمانن کي کليءَ طرح) ٻڌائي ڇڏي. (اي پيغمبر!) تون انهن کي چئي ڏي ته اوهان (پنهنجي عادت مطابق) مسخريون ڪندا رهو. يقيناً الله تعاليٰ هاڻي اها ڳالهه ڪڍي ٻاهر ڪرڻ وارو آهي جنهن جو توهان کي انديشو رهي ٿو. (٦٥) ۽ جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کان پڇين ته (اهڙيون ڳالهيون ڇو ٿا ڪريو؟ ته) هو ضرور جواب ۾ چوندا ته اسان ته هونئن ئي مزي طور هڪڙي ڳالهه ڪري ۽ فقط کل چرچو ٿي ڪيو. تون (کين) چئو ته، ڇا توهان الله سان سندس آيتن سان ۽ سندس رسول سان کل چرچو ٿا ڪيو؟ (٦٦) بهانا نه بنايو. حقيقت هيءَ آهي ته توهان ايمان جو اقرار ڪري وري ڪفر اختيار ڪيو آهي. جيڪڏهن اسان (يعني خدا تعاليٰ) توهان مان هڪڙي جماعت کي (سندن پشيماني ۽ باز اچڻ تي) معاف به ڪري ڇڏيون ته به هڪڙي ٽوليءَ کي ضرور عذاب ڏينداسين هن ڪري جو (اصل ۾) اهي ئي گنهگار هئا.

    رڪوع ٩ آيت 67-تا-72
    منافق هڪ ٻئي کي گناهن جو حڪم ٿا ڏين ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ کان منع ٿا ڪن ۽ خدا جي راهه ۾ خرچ نٿا ڪن.
    (٦٧) منافق مرد ۽ منافق عورتون سڀ هڪ ٻئي جي جنس آهن. برائين جو حڪم ڏين ٿا ۽ چڱين ڳالهين کان روڪين ٿا ۽ (حق جي راهه ۾ خرچ ڪرڻ کان) پنهنجون مٺيون بند رکن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته هنن الله کي وساري ڇڏيو آهي. تنهن ڪري الله تعاليٰ به کين وساري ڇڏيو آهي. (يعني کين ڊگهو رسو ڏنو آهي ته ڀلي پاڻ کي پاڻ وڌيڪ برن ڪمن ڪرڻ سان تباهي جي کڏ ۾ وجهن) بيشڪ اهي منافق ئي آهن جي (حق جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن. (٦٨) منافق مردن ۽ منافق عورتن لاءِ ۽ (کليو کلايو) انڪار ڪندڙن لاءِ الله جي طرف کان دوزخ جي باهه جو واعدو ٿيل آهي. جنهن ۾ هو هميشه رهندا ۽ اها باهه هنن لاءِ ڪافي (سزا) آهي. پڻ الله تعاليٰ مٿن لعنت ڪئي ۽ هنن لاءِ اهڙو عذاب آهي جو قائم رهندو. (٦٩) (اي منافقو! اوهان جو حال به اهڙو ئي آهي) جهڙو انهن ماڻهن جو هو جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن. اهي اوهان کان وڌيڪ طاقت وارا هئا ۽ مال دولت ۽ اولاد به اوهان کان گهڻو هون. پوءِ جيڪي (دنيائي فائدا) هنن جي حصي ۾ آيا تن جو مزو ورتائون. اوهان به پنهنجي حصي جو فائدو اهڙيءَ طرح ماڻيو جهڙيءَ طرح هنن ماڻيو هو ۽ جهڙيءَ طرح (باطل پرستيءَ جون واهيات) ڳالهيون هو ڪري ويا، تهڙيءَ طرح توهان به ڪري ورتيون. (پوءِ ياد رکو ته) اهي ئي ماڻهو هئا جن جا سڀ ڪم دنيا ۽ آخرت ۾ ضايع ٿي ويا ۽ اهي ئي آهن جي گهاٽو ۽ نقصان پائيندا. (٧٠) ڇا انهن ماڻهن کي انهن ماڻهن جو احوال نه مليو آهي، جيڪي کانئن اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم، ابراهيم جي قوم ۽ مدين جا ماڻهو ۽ اهي جن جا ڳوٺ ۽ آباديون اونڌيون (ڪري تباهه) ڪيون ويون. انهن سڀني جا رسول انهن وٽ روشن دليلن سان آيا هئا (پر هو انڌا ٻوڙا رهيا ۽ تباهه ٿيا) ۽ ائين هرگز ٿي نه ٿي سگهيو جو الله تعاليٰ مٿن ظلم ڪري، پر هو پاڻ ئي پاڻ ظلم ڪندا رهيا (۽ پاڻ کي پاڻ تباهه ڪيائون.) (٧١) ۽ مؤمن مرد ۽ مؤمن عورتون سڀ هڪ ٻئي جا ڪارساز ۽ رفيق آهن. هو نيڪي جو حڪم ڏين ٿا، برائيءَ کان روڪين ٿا، نماز قائم رکن ٿا، زڪوٰت ڏين ٿا، ۽ (هر حال ۾) الله ۽ سندس رسول جي فرمانبرداري ڪن ٿا. سو اهي ئي ماڻهو آهن جن تي جلد الله تعاليٰ رحمت ڪندو، يقيناً الله سڀني تي غالب ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٧٢) مؤمن مردن ۽ مؤمن عورتن جي لاءِ الله جي طرف کان (دائمي نعمتن جي) باغن جو وعدو آهي. جن باغن جي هيٺان نهرون وهندڙ هونديون (۽ انهيءَ ڪري ڪڏهن به خشڪ ٿيڻ وارا نه آهن) هو هميشه انهن ۾ رهندا. پڻ هنن جي لاءِ دائمي باغن ۾ پاڪ رهڻ جون جايون هونديون ۽ انهن سڀني (نعمتن) کان وڌيڪ ۽ وڏي (نعمت هي هوندي جو) الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ راضپو کين نصيب ٿيندو. اهائي وڏي ۾ وڏي ڪاميابي ۽ سعادت آهي.

    رڪوع١٠ آيت 73-تا-80
    اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر، هو ظاهري اسلام آڻي پوءِ ڪفر ڪن ٿا.
    (٧٣) اي پيغمبر! ڪافرن ۽ منافقن سان جهاد ڪر ۽ ساڻن سختيءَ سان پيش اچ. (ڇو ته ڪافرن جون عهد شڪنيون ۽ منافقن جا فريب ۽ ٺڳيون هاڻي آخري حد تائين پهچي چڪيون آهن) آخر ته هنن جو مڪان دوزخ آهي ۽ دوزخ ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي پهچڻ لاءِ (۽ ان ۾ داخل ٿيڻ لاءِ). (٧٤) اهي (منافق) الله پاڪ جا قسم کڻي چون ٿا ته اسان ائين ڪونه چيو، پر سچ هي آهي ته هنن يقيناً ڪفر جي ڳالهه چئي، هو اسلام قبول ڪري وري به ڪفر جي چال چليا، ۽ انهيءَ ڳالهه جو منصوبو ٺاهيائون جنهن ۾ ڪامياب نه ٿيا. هنن ڇا جو وير ٿي ورتو؟ فقط هن ڳالهه جو ته الله ۽ سندس رسول انهن کي پنهنجي فضل سان (غنيمت جو مال ڏيئي ڏيئي ۽ واپار وڌائي) تونگر ڪري ڇڏيو هو. بهرحال جيڪڏهن اهي ماڻهو هاڻي به باز اچن ته سندن لاءِ بهتر آهي. پر جيڪڏهن منهن موڙيندا رهندا ته پوءِ ياد رکن ته الله تعاليٰ ضرور کين دنيا ۽ آخرت ۾ دردناڪ عذاب ڏيندو. ۽ روءِ زمين تي هنن لاءِ نڪو ڪو ڪارساز هوندو، نڪو ڪو مددگار. (٧٦) ۽ (ڏسو ته) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا به آهن جن الله سان عهد ڪيو هو ته، جيڪڏهن هو پنهنجي فضل سان اسان کي (مال ۽ دولت) عطا فرمائيندو ته اسان ضرور صدقا ڏينداسين ۽ ضرور نيڪي جي زندگي گذارينداسين (يعني صالح عمل ڪنداسين). (٧٨) پوءِ جڏهن الله تعاليٰ هنن کي پنهنجي فضل سان (مال) عطا فرمايو تڏهن ان ۾ ڪنجو سائي ڪرڻ لڳا، ۽ (پنهنجي عهد اقرار کان) ڦري ويا. ۽ حقيقت هي آهي ته (نيڪيءَ کان) هنن جون دليون ڦريل آهن. (٧٧) پوءِ (انهيءَ ڳالهه جو نتيجو هي نڪتو جو) سندن دلين ۾ منافقيءَ (جو مرض) دائمي ٿي ويو، انهيءَ تائين (يعني قيامت جي ڏينهن تائين جڏهن الله تعاليٰ جي اڳيان پيش ٿيندا ۽ اها حالت) هن ڪري ٿيندي جو هنن الله سان جيڪو واعدو ڪيو هو سو (ڄاڻي ٻجهي) نه پاڙيو ۽ پڻ هن ڪري جو ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا هئا. (٧٨) (افسوس) هنن ايترو به نٿي ڄاتو ڇا؟ ته الله تعاليٰ سندن راز ۽ ڳجهه ۽ سندن ڳجهيون صلاحون ۽ منصوبا چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه ته الله تعاليٰ کان غيب جي ڪابه ڳالهه لڪل ناهي. (٧٩) جن (منافقن) ماڻهن جو حال هي آهي جو خوشيءِ ۽ اخلاص سان صدقا ڏيڻ وارن مؤمنن تي (رياڪاريءَ جي) تهمت لڳائين ٿا ۽ جن مؤمنن کي پنهنجي محنت جي ڪمائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل ناهي (۽ ان ٿورڙي ڪمائي مان به جيترو ٿي سگهين ٿو اوترو حق جي راهه ۾ خرچ ڪري ڇڏين ٿا) تن تي (اهي منافق) ٽوڪون ٿا ڪن. (کين ياد رکڻ گهرجي ته) دراصل الله جي طرف کان خود مٿن ٽوڪون ٿي رهيون آهن (جو ذلت ۽ نامراديءَ جي زندگي گذاي رهيا آهن) ۽ (آخرت ۾) هنن لاءِ دردناڪ عذاب (تيار رکيل) آهي. (٨٠) (اي پيغمبر!) تون هنن لاءِ بخشش جي دعا گهرين، توڙي نه گهرين (هڪ ئي ڳالهه آهي.) جيڪڏهن تون ستر ڀيرا هنن لاءِ بخشش جي دعا گهرين ته به الله تعاليٰ کين هرگز ڪين بخشيندو. اهو هن ڳالهه جو نتيجو آهي جو هنن الله ۽ رسول (جي تابعداريءَ) کان انڪار ڪيو ۽ الله (جو مقرر قانون هي آهي ته) نافرمان باغين لاءِ هو (ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه ڪڏهن به نٿو کولي.

    رڪوع ١١ آيت 81-تا-89
    هنن عهد ڪيو هو ته آسودا ٿينداسين ته صدقا ڏينداسين، پر هاڻي هو بخل ٿا ڪن، رسول ڪريم ﷺجن کي منافقن کان بيزاريءَ جو حڪم.
    (٨١) جيڪي (منافق تبوڪ واري جهاد لاءِ شريڪ نه ٿيا ۽) پٺتي ڇڏيا ويا سي ڏاڍو خوش ٿيا ته الله جي رسول جي (خواهش جي) خلاف پنهنجي گهرن ۾ (مزي سان سلامت) ويٺا آهيون ۽ کين هيءَ ڳالهه سخت ناپسند لڳي ته پنهنجي مال ۽ جانين سان جهاد ڪيون. هنن ماڻهن کي چيو ته، اهڙي گرميءَ ۾ (گهر جو آرام ڇڏي) ڪوچ نه ڪيو. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، دوزخ جي گرمي ته (ان کان) گهڻو وڌيڪ گرم هوندي. جيڪڏهن هو سمجهه رکن ها (ته ڪڏهن به پوئتي رهجي پوڻ تي خوشيون نه ڪن ها). (٨٢) چڱو! ڀلي اهي ماڻهو ٿورو کلي وٺن ۽ پوءِ انهن کي پنهنجي انهن بدعملن جي بدلي ۾ گهڻوئي روئڻو پوندو، جيڪي بدعمل هو ڪندا رهيا آهن. (۽ جن لاءِ عذاب ضرور مٿن ڪڙڪندو). (٨٣) پوءِ جيڪڏهن الله تعاليٰ توکي انهن مان ڪنهن ٽولي ڏي (صحيح سلامت) موٽائي آڻي، ۽ پوءِ (ڪنهن موقعي تي) هو (جهاد ڪرڻ لاءِ) نڪرڻ جي اجازت گهرن، ته ان وقت کين چئي ڏجانءِ ته توهان مون سان ڪڏهن به نه هلو. نڪي ڪڏهن مون سان شامل ٿي دشمن سان لڙائي ڪيو. توهان اڳئين ڀيري پٺتي رهي پوڻ پسند ڪيو، تنهن ڪري هاڻي به پٺتي رهڻ وارن سان گڏ (گهرن ۾) ويٺا رهو. (٨٤) ۽ (اي پيغمبر!) انهن مان ڪوئي مري وڃي ته تون ڪڏهن به ان جي جنازي تي (هاڻي) نماز نه پڙهجانءِ، نڪي سندس قبر تي بيهي رهجاءِ. ڇو ته هنن الله ۽ سندس رسول کي نه مڃيو، ۽ گنهگاري ۽ نافرماني جي حالت ۾ مري ويا. (٨٥) ۽ توکي هنن جي (گهڻي) مال ملڪيت ۽ اولاد تي عجب ۾ پوڻ نه گهرجي. اهو مال ۽ اولاد سواءِ هن جي ڪجهه به ناهي ته الله تعاليٰ چاهي ٿو ته مال ۽ اولاد جي ذريعي ئي هنن کي عذاب ڏئي (يعني مال ۽ اولاد جي ڪري هو تڪبر ڪري نافرمانيون ۽ گناهه ڪري پاڻ کي پاڻ تباهه ڪندا) ۽ هنن جو ساهه ڪفر جي حالت ۾ نڪري وڃي (يعني پڇاڙي تائين ڪفر کان باز نه اچن). (٨٦) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن ڪا (قرآن جي) سورت هن باري ۾ نازل ٿئي ٿي ته الله تي ايمان آڻيو ۽ سندس رسول سان شامل ٿي جهاد ڪيو، تڏهن انهن مان جيڪي ماڻهو سرنديءَ وارا آهن، (يعني لڙائيءَ لاءِ سڀ سهولتيون ۽ طاقتون ۽ مال متاع اٿن) سي ئي توکان موڪل ٿا گهرن ته اسان کي ڇڏي ڏي ته گهرن ۾ ويهڻ وارن سان اسان به ويهي رهون. (٨٧) هنن هيءَ ڳالهه پسند ڪئي ته پٺتي رهڻ وارين (عورتن) سان رهجي پئون. (يعني مرد ٿي ڪري جنگ جي وقت زالن سان گهرن ۾ ويهي رهون) ۽ سندن دلين تي مهر لڳي ويئي، تنهن ڪري هو ڪجهه به نه ٿا سمجهن. (٨٨) پر الله جي رسول ۽ انهن جن، ساڻس گڏ ايمان آندو آهي، پنهنجي مال سان ۽ پنهنجي جانين سان (حق جي راهه ۾) جهاد ڪيو. (۽ منافقن جون چالبازيون کين ڪونه برغلائي سگهيون) انهن ئي (مؤمنن) لاءِ چڱايون (نعمتون ۽ برڪتون تيار رکيل) آهن، ۽ اهي ئي هر طرح ڪامياب رهندا. (٨٩) الله تعاليٰ انهن (مؤمنن) لاءِ (دائمي نعمتن جا) اهڙا باغ تيار رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه انهن ۾ رهندا ۽ اها ئي وڏي ڪامراني ۽ فتح مندي آهي (جا کين نصيب ٿيندي).

    رڪوع ١٢ آيت 90-تا-99
    منافق توهان جي اڳيان قسم کڻندا ته جيئن توهان هنن کان راضي ٿي وڃو، پڪ سان الله به هنن کان راضي نه ٿيندو.
    (٩٠) ۽ (اي پيغمبر!) اعرابين مان (يعني بياباني بدوين مان) بهانن ڏيڻ وارا تو وٽ آيا ته کين به (گهر ۾ ويهي رهڻ جي) اجازت ڏني وڃي، ۽ (انهن مان) جن ماڻهن (مسلمان سڏائي) الله ۽ سندس رسول سان ڪوڙ ڳالهايو هو سي گهرن ئي ۾ ويٺا رهيا. ڏسو (يعني ڄاڻو ته) انهن مان جن (اها) ڪفر جي راهه اختيار ڪئي تن تي جلدئي دردناڪ عذاب اچي ڪڙڪندو. (٩١) ضعيفن ۽ بيمارن تي ۽ اهڙن ماڻهن تي جن کي خرچ ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ناهي تن سڀني تي ڪو به گناهه ڪونهي (جيڪڏهن لڙائيءَ ۾ شريڪ نه ٿين) بشرطيڪ الله ۽ سندس رسول جي خيرخواهيءَ ۾ ڪوشش ڪندڙ هجن. نيڪ عمل ڪندڙن تي ڏوهه رکڻ لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي. الله تعاليٰ وڏ بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي. (٩٢) نڪي انهن ماڻهن تي (ڪو گناهه آهي) جن جو حال هي هو جو (سواري ڪانه هين ۽) تو وٽ آيا ته کين سواري ملي ۽ جڏهن تو چيو ته، مان توهان جي لاءِ سواري ميسر ڪري نٿو سگهان تڏهن (بيوس ٿي) موٽي ويا، پر هنن جون اکيون انهيءَ ڏک ۾ ڳوڙها ڳاڙي رهيون هيون (۽ چئي رهيا هئا ته افسوس! جو) اسان کي اهو ناهي جو هن راهه ۾ خرچ ڪيون. (٩٣) گناهه ته انهن تي آهي جي توکان (ويهي رهڻ لاءِ) موڪل ٿا گهرن، اگرچه هو مالدار آهن. هنن پسند ڪيو ته (جڏهن سڀ ماڻهو حق جي راهه ۾ ڪوچ ڪري رهيا هجن تڏهن هو) گهرن ۾ رهيل عورتن سان گڏ (رئو مٿي تي ڪري) رهي پون، ۽ (حقيقت هيءَ آهي ته) الله تعاليٰ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏي آهي، تنهن ڪري ڪجهه به نٿا ڄاڻن ۽ سمجهن.

    حصو يارهون
    (٩٤) جڏهن توهان (تبوڪ جي سفر کان) موٽي انهن (منافقن) وٽ ويندؤ تڏهن هو ان وقت توهان جي اڳيان (قسم قسم جا) بهانا ٺاهيندا.(اي پيغمبر! توکي گهرجي ته ان وقت) چئي ڏي ته بهانا نه ٺاهيو، هاڻي هرگز اسان اوهان تي اعتبار ڪرڻ وارا ناهيون، تحقيق الله تعاليٰ اسان کي اوهان جو احوال پوريءَ طرح ٻڌائي ڇڏيو آهي. هاڻي اڳتي الله ۽ سندس رسول ڏسندا (ته) اوهان جا عمل (ڪهڙا ٿا رهن. منافقيءَ تي قائم ٿا رهو يا باز اچي سچا مؤمن ۽ صالح ٿا ٿيو؟) ۽ پوءِ (آخر) انهيءَ الله جي طرف موٽائي آندا ويندؤ جو ظاهر ۽ لڪل هر طرح جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ هو اوهان کي ٻڌائيندو ته (دنيا ۾) ڪهڙا عمل ڪندا رهيا آهيو. (٩٥) جڏهن توهان (سفر تان) موٽي انهن (منافقن) سان ملندؤ تڏهن ضرور هو اوهان جي اڳيان الله جا قسم کڻي چوندا ته اسان کي ڇڏي ڏيو. سو توهان ڇڏي ڏيون (يعني هنن کان منهن موڙي ڇڏيو) هو پليت ناپاڪ آهن هنن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي. اهو (دوزخ) نتيجو ۽ سزا آهي هنن جي (بد عملن جو) جي (بدعمل) هو ڪندا رهيا. (٩٦) هو اوهان جي اڳيان قسم کڻندا ته (جيئن) توهان هنن کان راضي ٿي وڃو. سو (ياد رکو ته) جيڪڏهن توهان (ڀلجي) کانئن راضي به ٿي وڃو ته به الله تعاليٰ انهن سان ڪڏهن به راضي ٿيڻ وارو ناهي، جيڪي (هدايت جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن. (٩٧) اعرابي (صحرا جا عرب) ڪفر ۽ منافقيءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ سخت آهن ۽ هو هن ڳالهه لاءِ وڌيڪ حقدار آهن ته هنن متعلق سمجهيو وڃي ته دين جي انهن حڪمن جي کين خبر ئي ڪانهي جي الله تعاليٰ پنهنجي رسول تي نازل ڪيا آهن (ڇو ته شهرن ۾ نه رهڻ ڪري تعليم جو موقعو کين ڪونه ٿو ملي) ۽ الله (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٩٨) ۽ اعرابين ۾ اهڙا ماڻهو (به) آهن جيڪي (حق جي راهه ۾ جيڪو ڪجهه) خرچ ڪن ٿا، تنهن کي (پاڻ تي) ڏنڊ ٿا سمجهن ۽ منتظر رهن ٿا (۽ چاهين ٿا) ته اوهان تي ڪا گردش (۽ مصيبت) اچي (ته هو بغاوت ڪن ۽ اسلام ڦٽي ڪن) حقيقت هيءَ آهي ته گردش (مصيبتن) جا ڏينهن خود مٿن اچڻا آهن ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٩٩) ۽ بيشڪ اعرابين ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جيڪي الله تي ۽ آخرت جي ڏينهن تي ايمان رکن ٿا ۽ جيڪي (حق جي راهه ۾) خرچ ڪن ٿا تنهن کي الله جي ويجهڙائي (۽ راضپي جو) ۽ رسول جي دعائن جو وسيلو سمجهن ٿا. سو ٻڌي ڇڏيو ته في الحقيقت اهو (خرچ ڪرڻ) هنن جي لاءِ خدا کي ويجهو ٿيڻ جو سبب آهي. الله تعاليٰ کين پنهنجي رحمت جي دائري ۾ داخل ڪندو. بيشڪ هو وڏو بخشيندڙ ۽ رحمت وارو آهي.


    رڪوع ١٣ آيت 100-تا-110
    جن اول اسلام قبول ڪيو، اول هجرت ڪئي ۽ اول مدد ڪئي تن کان الله راضي ٿيو، سچ پچ مسجد اها آهي جيڪا تقويٰ لاءِ هجي، نه اها جيڪا مسلمانن ۾ ڦيٽارو وجهي.
    (١٠٠) ۽ مهاجرن ۽ انصارن مان جيڪي ٻين کان اڳ ۾ (مسلمان) ٿيا ۽ سڀني کان اڳي اسلام قبول ڪيائون ۽ اهي ماڻهو جن سچائيءَ سان سندن پيروي ڪئي (يا صالح عملن ڪرڻ ۾ سندن نقش قدم تي هليا) تن کان الله تعاليٰ راضي ٿيو ۽ هو به الله تعاليٰ کان راضي ٿيا ۽ الله تعاليٰ هنن جي لاءِ (دائمي نعمتن وارا) باغ تيار ڪري رکيا آهن جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو هميشه ان ۾ رهندا ۽ اها وڏي فتح ۽ ڪاميابي آهي. (١٠١) ۽ هنن اعرابين مان جي توهان جي چوگرد آهن ڪي منافق آهن ۽ خود مديني جي رهاڪن ۾ به ڪي (ماڻهو اهڙا) آهن جي منافقيءَ ۾ (رهندي رهندي) پڪا منافق ٿي پيا آهن. (اي پيغمبر!) تون هنن کي نٿو ڄاڻين، پر اسان کين ڄاڻون سڃاڻون ٿا. اسان کين ٻه ڀيرا عذاب ڏينداسين (هڪڙو ڀيرو بدعملن يا ڪفر جي بدلي ۾ ۽ ٻيو ڀيرو منافقي ۽ ٺڳيءَ جي بدلي) ۽ پوءِ کين انهيءَ عذاب ڏي موٽائي آندو ويندو جو تمام وڏو عذاب آهي. (١٠٢) ۽ ٻيا ماڻهو (اهي آهن) جن پنهنجا ڏوهه گناهه قبول ڪيا. انهن مليل گڏيل ڪم ڪيا، ڪي چڱا ته ڪي برا. ممڪن آهي ته الله تعاليٰ انهن تي (پنهنجي رحمت جي) موٽ ڪري. الله تعاليٰ وڏو ئي بخشيندڙ ۽ وڏو ئي رحمت ڪندڙ آهي. (١٠٣) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن جي مال مان صدقا وٺ. (تون اهي وٺي) انهن ماڻهن کي (ڪنجوسائي ۽ طمع جي برائين کان) پاڪ ۽ (دل جي نيڪين جي ترقيءَ ۾) وڌيڪ ڪندين ۽ تربيت يافته ڪندين. پڻ هنن جي لاءِ چڱي دعا گهر، بلاشبه تنهنجي دعا هنن (جي دلين) کي راحت ۽ تسڪين ڏيندي ۽ الله تعاليٰ (دعائون) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ آهي. (١٠٤) ڇا کين معلوم نه آهي، ته الله ئي آهي جو پنهنجي ٻانهن جي توبه قبول ٿو ڪري ۽ جيڪي به هو صدقي طور ڪڍن ٿا، تنهن کي منظور ٿو ڪري؟ ۽ (هي به معلوم نه اٿن ڇا ته) الله ئي آهي جو وڏي ۾ وڏو توبه قبول ڪندڙ آهي ۽ وڏي ۾ وڏو رحمت ڪندڙ آهي. (١٠٥) ۽ (اي پيغمبر!) تون چئو ته عمل ڪندا رهو. الله تعاليٰ ڏسندو ته توهان جا عمل ڪهڙا آهن ۽ الله جو رسول به ڏسندو ۽ مسلمان به ڏسندا ۽ پوءِ توهان سندس طرف موٽائي آندا ويندؤ. (قيامت جي ڏينهن انهيءَ الله وٽ حاضر ٿيندؤ) جو ظاهر ڳالهيون توڙي لڪل غيب جون ڳالهيون ڄاڻندڙ آهي. پوءِ هو توهان کي ٻڌائيندو ته جيڪي عمل توهان ڪندا رهيا آهيو تن جي حقيقت ڇا هئي؟ (١٠٦) ۽ (بيان ڪيل توبه ڪندڙ جماعت کان سواءِ) ڪي ٻيا ماڻهو آهن جن جو معاملو هن انتظار ۾ ته الله جو ڪهڙو حڪم ٿو اچي، ملتوي ڪيو ويو آهي) يعني انهن جو ڪيس رکيو ويو آهي جيستائين بالا عملدار الله تعاليٰ جو حڪم صادر ٿئي) اهو خدا کين عذاب ڪري يا (پنهنجي رحمت جي) انهن تي موٽ ڪري (سندس هٿ ۾ آهي) ۽ الله تعاليٰ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (١٠٧) ۽ (منافقن مان اهي ماڻهو به آهن) جن هن مطلب سان هڪ مسجد ٺاهي کڙي ڪئي ته (مسلمانن کي) نقصان پهچائين، ڪفر ڪن ۽ مؤمنن ۾ ڦيٽارو وجهن، ۽ انهن ماڻهن لاءِ هڪ (منصوبي ٺاهڻ جي) جاءِ پيدا ڪن جي اڳي الله ۽ سنس رسول سان وڙهي چڪا آهن. هو ضرور قسم کڻي چوندا ته اسان جو مطلب سواءِ ڀلائي ۽ چڱائي جي ٻيو ڪجهه به نه هو، پر الله تعاليٰ جي شاهدي هيءَ آهي ته هو پنهنجي قسمن ۾ بلڪل ڪوڙا آهن. (١٠٨) (اي پيغمبر!) تون ڪڏهن به انهيءَ مسجد ۾ نه بيهجانءِ، تنهنجي بيهڻ لاءِ (۽ مؤمنن کي نماز پڙهائڻ لاءِ) ته اها (ئي) مسجد حقدار آهي، جنهن جو بنياد پهرئين ڏينهن کان تقويٰ تي رکيو ويو آهي. (يعني قبا واري مسجد ۽ مسجد نبوي) ان ۾ اهڙا ماڻهو (ايندڙ) آهن جيڪي پاڪ ۽ صاف رهڻ پسند ٿا ڪن ۽ الله به پاڪ ۽ صاف رهڻ وارن کي ئي پسند ٿو ڪري. (١٠٩) ڇا اهو شخص بهتر آهي جنهن پنهنجي عمارت جو بنياد الله جي خوف ۽ سندس راضپي تي رکيو (جو بنياد ڪڏهن به ڊهڻ وارو ناهي) يا اهو (ماڻهو بهتر آهي) جنهن هڪ کاڻ جي ڪرندڙ ڪناري تي پنهنجي عمارت جو بنيد رکيو ۽ اها (عمارت) پنهنجي ٺاهيندڙ سميت دوخ جي باهه ۾ وڃي ڪري. حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انهن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) راهه نٿو ڏيکاري جيڪي ظلم جو شيوو اختيار ڪن ٿا. (١١٠) اها عمارت جا هنن ٺاهي آهي (يعني مسجد ضرار، نقصان واري مسجد) هميشه هنن جي دلين کي شڪن ۽ شبهن ۾ ٿڙڪندڙ رکندي. (اهو ڪنڊو سندن دلين ۾ چڀندو رهندو) جيستائين هنن جون دليون ڪاٽي ذرا ذرا ڪيون وڃن، (ڇو ته سندن منافقيءَ جي اها وڏي شرارت هئي جا ڪامياب نه ٿي. تنهن ڪري ان جي سبب هو هميشه خوف ۽ هراس جي حالت ۾ رهندا) ۽ الله تعاليٰ (سڀني جو حال) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.

    رڪوع ١٤ آيت 111-تا-118
    الله تعاليٰ مؤمنن کان سندن مال ۽ جانيون خريد ڪري ورتيون آهن، جنت جي بدلي ۾.
    (١١١) بلاشبه الله تعاليٰ مؤمنن کان سندن جانيون ۽ مال ملڪيتون خريد ڪري ورتيون آهن، هن قيمت تي (خريد ڪيون اٿس) ته هنن کي بهشت (جي دائمي زندگي) ملي، اهي (مؤمن ڪنهن دنيائي مقصد لاءِ نه پر) الله جي راهه ۾ جنگ ڪن ٿا، پوءِ قتل ڪن به ٿا ۽ قتل ٿين به ٿا. اهو واعدو الله جي ذمي ٿي چڪو (يعني اهو سندس قانون آهي) تورات، انجيل، قرآن (ٽنهي ڪتابن) ۾ (هڪ ئي نموني انهيءَ ڳالهه جو اعلان ڪيل آهي) ۽ الله کان وڌيڪ ڪير آهي جو پنهنجو واعدو ٺيڪ طرح پورو ڪرڻ وارو هجي؟ پوءِ (اي مسلمانو!) پنهنجي هن سودي تي جو توهان الله سان ڪيو آهي خوشيون ڪيو ۽ اها ئي وڏي ۾ وڏي فتح ۽ ڪامراني آهي. (١١٢) (انهن مؤمنن جي وصفن ۽ عملن جو حال هي آهي جو هو پنهنجي ڀل چڪ ۽ خطائن کان) توبه ڪندڙ (يعني اصلاح ڪندڙ)، عبادت (يعني سڀني حڪمن جي فرمانبرداري) ڪندڙ، الله تعاليٰ جي حمد ۽ ثنا ڪندڙ (يعني الله تعاليٰ جون صفتون بيان ڪندڙ ۽ انهن تي عمل ڪندڙ)، سير ۽ سفر ڪندڙ، (۽ عبرت وٺندڙ) ۽ رڪوع ڪندڙ ۽ سجدي ۾ جهڪندڙ، نيڪيون ڪرڻ جو حڪم ڏيندڙ، برائين کان روڪيندڙ ۽ الله تعاليٰ جي ٺهرايل حدن جي حفاظت ڪندڙ آهن. (اي پيغمبر! اهي ئي سچا مؤمن آهن) ۽ مؤمنن کي (ڪاميابي ۽ سعادت جي) خوشخبري ٻڌائي ڇڏ. (١١٣) پيغمبر کي ۽ انهن ماڻهن کي جيڪي ايمان رکن ٿا، هيئن ڪرڻ مناسب ناهي جو، جڏهن چٽائي ٿي وڃي ته هي ماڻهو دوزخي آهن، تڏهن به مشرڪن جي مغفرت لاءِ طلبگار ٿين، اگرچه اهي مشرڪ سندن ويجها مائٽ هجن. (١١٤) ۽ حضرت ابراهيم جو پنهنجي پيءُ جي بخشائش (جي خواهش) ڪئي هئي سو فقط هن سبب ته پنهنجو اهو واعدو پورو ڪري جو ساڻس ڪيو هئائين (يعني حضرت ابراهيم عليه السلام پنهنجي پيءُ کي چيو هو ته، منهنجي وس ۾ ٻيو ته ڪجهه به نه آهي. فقط دعا گهري ٿو سگهان جا دعا گهرندو رهندس) پر جڏهن هن لاءِ چٽائي ٿي ويئي ته هو الله (جي سچائي) جو دشمن آهي، تڏهن هن کان بيزار ٿي ويو. بلاشبه حضرت ابراهيم عليه السلام ڏاڍو نرم دل ۽ بردبار (برداشت ڪندڙ انسان) هو. (١١٥) ۽ الله جو هي شان ناهي جو ڪنهن جماعت کي هدايت ڏئي (۽) پوءِ وري گمراهه ٺهرائي، جيستائين ڪه هنن لاءِ اهي سڀ ڳالهيون چٽيون ڪري ڇڏي، جن کان هنن کي بچڻ گهرجي. بيشڪ الله تعاليٰ جي علم کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. (١١٦) بيشڪ آسمانن ۽ زمين جي بادشاهت الله ئي جي لاءِ آهي. اهوئي جياري ٿو ۽ اهو ئي ماري ٿو. سڀ ڪجهه سندس قبضي ۾ آهي) ۽ (مسلمانؤ!) کائنس سواءِ نه ڪوئي اوهان جو رفيق ۽ ڪارساز آهي، نه ڪو مددگار آهي. (١١٧) الله تعاليٰ پنهنجي رحمت سان پيغمبر ڏي موٽ ڪئي، پڻ مهاجرن ۽ انصارن ڏي رحمت جي موٽ ڪيائين جي وڏي تنگي ۽ تڪليف جي گهڙي ۾ (تبوڪ واري سفر وقت) سندس پٺيان لڳا، (۽ جهاد لاءِ نڪتا) ۽ اهڙي وقت پٺيان لڳا جڏهن حالت اهڙي ٿي چڪي هئي جو هڪ ٽوليءَ جون دليون ذري گهٽ هٽڻ ڏانهن مائل ٿيون هيون، پر هي پنهنجي رحمت سان انهن سڀني ڏانهن موٽيو. بيشڪ هو شفقت رکندڙ (مهربان) ۽ رحمت وارو آهي. (١١٨) ۽ (اهڙيءَ طرح) انهن ٽن شخصن تي به (سندس رحمت جي موٽ ٿي) جي (انتظار جي حالت ۾) ڇڏيا ويا هئا (۽ انهيءَ وقت رحمت جي موٽ ٿي) جڏهن زمين پنهنجي ڪشادگيءَ هوندي هنن لاءِ تنگ ٿي وئي هئي ۽ پاڻ به پنهنجي جان کان تنگ اچي ويا هئا ۽ هنن پاڻ به ڄاتو ٿي ته الله کان ڀڄي کين ڪابه پناهه ملي نه ٿي سگهي سواءِ سندس ئي دامن ۾. پوءِ الله تعاليٰ انهن تي پنهنجي رحمت جي موٽ ڪئي، انهيءَ لاءِ ته هو به (خدا جي فضل ڏانهن) موٽن، بلاشبه الله ئي آهي جو وڏو توبه قبول ڪندڙ ۽ وڏو رحمت وارو آهي.

    رڪوع ١٥ آيت 119-تا-122
    اوهان مان هڪڙي ٽولي ديني علم حاصل ڪري ماڻهن کي گناهن کان بچڻ
    لاءِ خبردار ڪري.
    (١١٩) مؤمنؤ! خدا جو خوف رکو ۽ سچن جا ساٿي بڻجو (ڇو ته اها سچائي هئي جا انهن ٽن اصحابن جي بخشش جو وسيلو ٿي.) (١٢٠) مديني جي ماڻهن کي ۽ انهن اعرابين کي جي ان جي آسپاس رهندا هئا، لائق نه هو ته الله جي رسول سان (دشمنن جي حملن کي روڪڻ ۾) شامل نه ٿين ۽ پٺتي رهجي پون، نه ڪي هيءَ ڳالهه مناسب هئي ته سندس جان جي پرواهه نه ڪري رڳو پنهنجي جانين جي فڪر ۾ پئجي وڃن. هن ڪري جو الله جي راهه ۾ جيڪا مصيبت هنن کي درپيش اچي ها سا هنن جي لاءِ هڪ نيڪ عمل شمار ڪئي وڃي ها. جيڪا اڃ هنن کي سَهڻي پوي ها، جيڪا محنت، تڪيلف، ٿڪ ۽ بک ڪين ستائي ها، جيڪو به قدم هو اوڏانهن کڻن ها جاڏي هلڻ ڪافرن جي غصي ۽ غضب جو ڪارڻ ٿئي ها ۽ جيڪا جيڪا شيءِ هو (غنيمت طور) دشمنن کان هٿ ڪن ها (اهي سڀ ڳالهيون هنن جي لاءِ نيڪ عمل ثابت ٿين ها، ڇو ته) الله تعاليٰ نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري. (١٢١) ۽ (ساڳيءَ طرح هو الله جي راهه ۾) جيڪا به رقم خرچ ڪن ها، ننڍي رقم يا وڏي، جيڪو به ميدان لتاڙي اڳتي وڌن ها، تِنهن جي (نيڪي) سندن نالي تي (خدا جي) ڪتاب ۾ لکي وڃي ها. انهيءَ لاءِ ته الله تعاليٰ کين سندن ڪمن جو چڱي ۾ چڱو اجر عطا فرمائي. (١٢٢) ۽ ائين ممڪن نه هو ته، سڀئي مسلمان (پنهنجي گهر مان) نڪري کڙا ٿين (۽ ديني تعليم جي مرڪز ۾ اچي تعليم وٺن) پوءِ ڇو نه ائين ڪيو ويو ته هر گروهه مان هڪڙي ٽولي اچي ها جيڪا دين جو علم حاصل ڪري ها ۽ دين کي سمجهي ها ۽ جڏهن (تعليم ۽ تربيت بعد) پنهنجي گروهه ڏي موٽي وڃي ها تڏهن ماڻهن کي (جهل ۽ غفلت جي نتيجن کان) خبردار ڪري ها، انهيءَ لاءِ ته (برائين ۽ گناهن کان) بچن.


    رڪوع ١٦ آيت 129-123
    قرآن جون آيتون مؤمنن جي ايمان کي وڌائين ٿيون، رسولﷺ توهان جي مٿان مصيبتن تي ڏکارو ٿئي ٿو.
    (١٢٣) مؤمنؤ! انهن ڪافرن سان جنگ ڪيو جي اوهان جي آسپاس (پکڙيل) آهن ۽ (اهڙي نظم ۽ جوش سان لڙو جو) هو (جنگ ۾) اوهان جي سختي ۽ طاقت ۽ بهادري) محسوس ڪن، (ڇو ته سختيءَ کان سواءِ جنگ جنگ ناهي) ۽ ياد رکو ته، الله تعاليٰ انهن جو ساٿي آهي، جيڪي (هر حال ۾) متقي آهن. (يعني خدا جي حڪمن جي بجا آوري ڪندڙ آهن). (١٢٤) ۽ جڏهن (الله تعاليٰ وٽان) قرآن مجيد جي ڪا سورت نازل ٿئي ٿي ته انهن (منافقن) مان ڪي اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي (انڪار ۽ شرارت طور) چون ٿا ته، توهان مان ڪنهن جو ايمان انهيءَ (سورت) وڌايو آهي؟ حقيقت ته هيءَ آهي ته جيڪي ايمان رکن ٿا، تن جو ايمان بيشڪ زياده ڪيو اٿس ۽ اهي ان تي خوش ٿي رهيا آهن. (١٢٥) پر جن ماڻهن جي دلين ۾ (منافقت جو) مرض آهي تن جي ناپاڪيءَ ۾ هڪ ٻي ناپاڪي به (انهيءَ سورت) وڌائي ڇڏي. اهي مري ويا ۽ هن حالت ۾ مري ويا جو (پڇاڙيءَ تائين) ڪفر ۾ رهيا. (١٢٦) (افسوس! انهن جي حال تي) ڇا هو ڏسن نٿا ته اهڙو سال ئي ڪونهي جنهن ۾ هڪ يا ٻه ڀيرا آزمائش (۽ مصيبت) ۾ وڌا نٿا وڃن، تڏهن به اهي (اهڙا ته ڪٺور آهن جو) نڪي توبه ٿا ڪن، نڪي نصيحت ٿا وٺن. (١٢٧) ۽ جڏهن ڪابه سورت نازل ٿئي ٿي (جنهن ۾ منافقن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو) تڏهن هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي ڏانهن نهارڻ لڳن ٿا، (گويا چون ٿا ته) توهان تي ڪنهن جي نگاهه ته ڪانهي، (يعني اوهان پنهنجو ذڪر ٻڌي جو وائڙو منهن ڪري رهيا آهيو، تنهن تي ڪنهن جي نظر ته نه پئجي ويئي) پوءِ منهن ڦيرائي هليا وڃن ٿا. حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ هنن جون دليون ئي (سچائيءَ کان) ڦيرائي ڇڏيون آهن، ڇو ته هو اهڙا ماڻهو آهن جو عقل ۽ سمجهه کان بلڪل ڪورا آهن. (١٢٨) (مسلمانو!) توهان وٽ (الله جو) هڪ رسول اچي ويو آهي، جو توهان ئي منجهان آهي. توهان جي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوڻ هن کي ڏاڍو ڏکارو ٿو ڪري، هو توهان جي ڀلائيءَ جو ڏاڍو خواهشمند آهي، هو مؤمنن جي لاءِ شفقت رکندڙ (مهربان) ۽ رحم وارو آهي. (١٢٩) (اي پيغمبر!) جيڪڏهن انهيءَ هوندي به هي ماڻهو منهن موڙين (۽ غفلت ڪن) ته کين ٻڌائي ڇڏ ته الله جو سهارو ڪافي آهي. ڪوبه معبود ڪونهي پر فقط سندس ذات. مان انهيءَ تي ئي ڀروسو رکيو. هو (سڄي ڪائنات جي شهنشاهيءَ جي) عرش عظيم جو خداوند آهي.


    سورت يونس

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-10

    جيڪي ماڻهو فقط هن دنيا جي موجن جا خواهشمند آهن ۽ حق کان غافل ٿا رهن، سي دوزخ جي باهه ۾ پوندا.
    (١) الف- لام- را- هي آيتون آهن حڪمت سان ڀريل ڪتاب جون. (يعني اهڙي ڪتاب جون جنهن جون سڀ ڳالهيون حڪمت ۽ دانائيءَ جون ڳالهيون آهن.) (٢) ڇا ماڻهن کي هن ڳالهه تي عجب ٿو لڳي ته منجهانئن ئي هڪڙي ماڻهوءَ ڏي اسان وحي موڪليو آهي؟ (اهو هن ڳالهه جو وحي آهي) ته ماڻهن کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪري ۽ ايمان وارن کي خوشخبري ڏئي ته هنن لاءِ پروردگار وٽ چڱي ۽ وڏي پوزيشن (درجو) آهي. (پر) ڪافرن چيو ته، بلاشبه هي شخص جادوگر آهي، ظاهرظهور (جادوگر!) (٣) (اي انسانؤ!) اوهان جو پروردگار ته اهوئي الله آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو. (يعني ڇهن مقرر زمانن ۾ پيدا ڪيو) پوءِ پنهنجي حڪومت جي تخت تي با قدرت قائم رهيو. اهوئي سڀني ڪمن جو بندوبست ڪري رهيو آهي، (يعني دنيا پيدا به پاڻ ڪيائين ۽ ان تي حڪومت به فقط سندس ئي رهي) هن وٽ ڪوبه سفارش ڪندڙ ٿي نه ٿو سگهي، سواءِ ان جي جنهن کي پاڻ اجازت ڏئي، (۽ اجازت کان پوءِ هو سفارش ڪرڻ جي جرئت ڪري) اهوئي آهي الله اوهان جو پروردگار. تنهن ڪري انهيءَ جي بندگي ڪيو، ڇا توهان غور ۽ فڪر کان ڪم نٿا وٺو؟ (٤) اوهان سڀني کي آخر ڏانهس ئي موٽڻو آهي. اهو الله جو سچو واعدو آهي. اهوئي آهي جو خلقڻ جي شروعات ڪري ٿو ۽ وري ان کي ٻيهر دهرائيندو (يعني مرڻ کان پوءِ ٻيهر زندهه ڪندو) انهيءَ لاءِ ته جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي عدل ۽ انصاف سان بدلو ڏئي. (باقي رهيا اهي ماڻهو) جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي سو انهن کي ڪفر جي عيوض ۾ ٽهڪندڙ پاڻي پيئڻ لاءِ ملندو ۽ دردناڪ عذاب ملندو. (٥) اهوئي آهي جنهن سج کي چمڪندڙ بنايو ۽ چنڊ کي روشن ڪيو، ۽ وري چنڊ جي منزلن جو اندازو ٺهرايو، انهيءَ لاءِ ته توهان سالن جو ڳاڻيٽو ۽ حساب معلوم ڪيو. الله تعاليٰ هي سڀ ڪجهه بنا حڪمت ۽ مصلحت جي ڪونه ٺاهيو آهي. جيڪي ماڻهو علم وارا آهن تن جي لاءِ هو (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جا) دليل کولي کولي بيان ڪري ٿو. (٦) بيشڪ رات ڏينهن جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ ۾ ۽ انهن سڀني شين ۾ جي الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين ۾ پيدا ڪيون آهن، انهن ماڻهن لاءِ (سندس قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون آهن جيڪي متقي (يعني خدا جو خوف رکي گناهن کان پاڻ کي بچائڻ وارا) آهن. (٧) جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان سان ملڻ (۽ اسان جي اڳيان پيش ٿيڻ) جي اميد نٿا رکن (يعني قيامت کان ئي انڪار ٿا ڪن) فقط هن دنيا جي زندگيءَ ۾ مگن ۽ خوش آهن ۽ انهيءَ حالت تي ريجهي ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو اسان جي آيتن (يعني نشانين ۽ حڪمن) کان غافل آهن. (٨) تن جو ٽڪاڻو دوزخ آهي. انهيءَ ڪمائي جي سببان جيڪا (پاڻ پنهنجي ئي عملن جي ذريعي) ڪمائيندا رهن ٿا. (٩) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ صالح عمل ڪيا تن جي ايمان جي سببان (ڪاميابي ۽ سعادت جي راهه) سندن پروردگار انهن لاءِ کولي ڇڏيندو. جڏهن هو الاهي نعمتن جي باغن ۾ هوندا تڏهن سندن هيٺان نهرون وهي رهيون هونديون. (١٠) اتي (انهن باغن ۾، يعني بهشت ۾) سندن صدا (يا پڪار) هيءَ هوندي ته، اي خدا! سڀ پاڪايون تنهنجي لاءِ ئي آهن. هنن جي دعا هيءَ هوندي ته، سلامتي هجي ۽ دعائن جو خاتمو هيءُ هوندو ته الحمدلله رب العالمين.

    رڪوع ٢ آيت 11-تا-20
    الله تعاليٰ گناهن جي سزا هڪدم نٿو ڏئي، فاسقن کي ڊگهو رسو ڏئي ٿو.
    (١١) ۽ (ڏسو ته) انسان جهڙيءَ طرح فائدي لاءِ تڪڙ لائي ٿو ڏئي، تهڙيءَ طرح جيڪڏهن الله به (سندس بدعملن جي ڪري) کيس نقصان پهچائڻ ۾ جلدي ڪري ته سندس وقت (سزا يا موت جو) ڪڏهن پورو ٿي وڃي ها. (پر جزا ڏيڻ ۾ خدائي قانون مهلت ڏيڻ جو آهي) پوءِ جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ پيش ٿيڻ جي اميد نٿا رکن (يعني کين قيامت کان ئي انڪار آهي) تن کي اسان سندن سرڪشين ۽ بدڪارين ۾ سرگردان ڇڏي ڏيون ٿا. (١٢) ۽ جڏهن ڪنهن انسان کي ڪا تڪليف پهچي ٿي ته ڪهڙي به حال ۾ هجي، پاسي ڀر ليٽيل هجي يا بيٺو هجي، اسان کي پڪارڻ لڳي ٿو، پر جڏهن اسان سندس تڪليف لاهي ٿا ڇڏيون تڏهن هو اهڙيءَ طرح (منهن موڙي) هليو وڃي ٿو جو ڄڻ ته مصيبت جي وقت هن اسان کي پڪاريو ئي ڪونه هو. پوءِ ڏسو ته جيڪي ماڻهو حدون لنگهي وڃن ٿا تن جي نظر ۾ سندن ڪم سهڻا ڪري ڏيکاريا ويا آهن. (١٣) ۽ توهان کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن جن جڏهن ظلم جي واٽ ورتي تڏهن اسان کين برباد ڪري ڇڏيو. انهن جا رسول انهن ڏي روشن دليلن سان آيا هئا، پر تنهن هوندي به هو ايمان آڻڻ تي آماده نه ٿيا. (سو ڏسو ته) گنهگارن کي اهڙيءَ طرح (تباهه ڪرڻ سان) سندن گناهن جو بدلو ڏيندا آهيون. (١٤) پوءِ انهن (امتن) بعد اسان توهان کي سندن جانشين بنايو انهيءَ لاءِ ته ڏسون ته توهان جا عمل ڪهڙا ٿا ٿين. (١٥) ۽ (اي پيغمبر!) جڏهن تون اسان جون چٽيون آيتون کين پڙهي ٻڌائين ٿو تڏهن جيڪي ماڻهو (مرڻ بعد) اسان وٽ حاضر ٿيڻ جي اميد نه ٿا رکن (يعني سمجهن ٿا ته نڪا قيامت ٿيڻي آهي، نڪي خدا وٽ پيش ڪيا وينداسين) سي چون ٿا ته هن قرآن جي بدران ڪو ٻيو قرآن آڻي ٻڌاءِ يا انهيءَ قرآن (جي مطلبن) ۾ ڦيرڦار ڪر. تون کين چئو ته، مون کي طاقت ناهي جو مان پنهنجي خيال ۽ مرضيءَ تي ان ۾ ڦيرڦار ڪريان. مان ته بس انهيءَ حڪم جو تابعدار آهيان جو مون ڏي وحي جي رستي موڪليو وڃي ٿو. جيڪڏهن پروردگار جي حڪم کان منهن موڙيندس ته (مون تي عذاب اچي ويندو) مان ته عذاب جي وڏي ڏينهن کان ڊڄان ٿو. (١٦) ۽ کين (اهو به) چئو ته، جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته مان توهان کي قرآن ٻڌايان ئي ڪونه ها، نڪي ان جي ذريعي اوهان کي خبردار ڪريان ها. (پر سندس مرضي اها آهي ته سندس ڪلام اوهان لاءِ نازل ٿئي ۽ اوهان کي سڄي جهان جي هدايت جو ذريعو بنائي) پوءِ ڏسو ته هيءَ حقيقت آهي ته هن معاملي کان اڳي (يعني نبوت ملڻ کان اڳي 40 سال) اوهان ماڻهن جي وچ ۾ هڪ پوري عمر گذاري چڪو آهيان، ڇا توهان سمجهه ۽ عقل نٿا هلايو؟ (١٧) پوءِ ٻڌايو ته انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو پنهنجي اندر مان ڪوڙي ڳالهه ٺاهي الله تي مڙهي (ته هي الله جو وحي آهي) ۽ انهيءَ کان جيڪو الله تعاليٰ جي سچين آيتن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪري (وڌيڪ ظالم ۽ شرير ڪير آهي؟) يقيناً گناهه ڪندڙ ڪڏهن به ڪاميابي حاصل ڪري نٿا سگهن. (١٨) ۽ (هي مشرڪ) الله کي ڇڏي اهڙين هستين جي پوڄا ڪن ٿا جي نڪي کين نقصان پهچائي سگهن ٿيون، نڪي فائدو. ۽ هو چون ٿا ته، (اسان هن ڪري انهن جي پوڄا ڪيون ٿا جو) اهي الله وٽ اسان جا سفارشي آهن. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، ڇا توهان الله کي اهڙي ڳالهه جي خبر ڏيڻ چاهيو ٿا جا خود کيس به معلوم ناهي؟ نڪي آسمانن ۾ نڪي زمين ۾؟ پاڪ ۽ بلند آهي سندس ذات انهيءَ شرڪ کان جيڪو هي ماڻهو ڪري رهيا آهن. (١٩) ۽ (شروعات ۾) انسانن جي هڪ ئي امت هئي پوءِ هو الڳ الڳ ٿي ويا ۽ جيڪڏهن توهان جي پروردگار جي طرفان اڳ ئي هڪڙي ڳالهه نه ٺهرائي ويئي هجي ها (يعني ته ماڻهو الڳ الڳ واٽن تي هلندا ۽ ان اختلاف ۾ انهن لاءِ عملن جي آزمائش ٿيندي) ته جن ڳالهين ۾ ماڻهو اختلاف ڪري رهيا آهن تن جو فيصلو ڪڏهن کان ٿي چڪو هجي ها. (٢٠) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته، ڇو هن تي (يعني رسولﷺ تي) سندس پروردگار وٽان ڪا نشاني (يا معجزو) نٿو نازل ٿئي؟ (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته غيب جو علم ته فقط الله جي لاءِ آهي. پوءِ ترسو مان به توهان سان گڏ ترسڻ وارن مان آهيان (ٿورن ئي سالن ۾ سچائي ۽ ڪوڙائي جو فيصلو ٿيو ۽ سچن کي فتح نصيب ٿي.)

    رڪوع ٣ آيت 21-تا-30
    جڏهن انسان تي ڪا مصيبت اچي ٿي ته فطرتاً خدا کي پڪاري ٿو، پر جڏهن خوشين ۾ محو آهي تڏهن حق کان ۽ چڱن عملن کان غافل رهي ٿو.
    (٢١) ۽ جڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) ماڻهن کي ڏکن بعد رحمت جو مزو چکايون ٿا تڏهن هڪدم اسان جي (رحمت جي) نشانين جي خلاف باريڪ باريڪ حيلا ٺاهڻ شروع ڪري ڏين ٿا. (اي پيغمبر!) تون چئو ته، الله اهڙين باريڪين ۾ سڀني کان وڌيڪ تيز آهي. سندس فرشتا توهان جون اهي سڀ مڪاريون لکي رهيا آهن. (٢٢) اهوئي (الله) آهي جنهن توهان جي لاءِ زمين تي ۽ پاڻيءَ تي سير ڪرڻ جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. پوءِ جڏهن توهان جهازن ۾ سوار ٿيو ٿا ۽ جهاز سڻائي واءَ لڳڻ ڪري توهان کي کڻي روانا ٿين ٿا ۽ مسافر خوش ٿين ٿا (ته ڪهڙي نه چڱي هوا لڳي رهي آهي) پوءِ اوچتو سخت هوا جا جهوٽا لڳن ٿا ۽ هر طرف کان لهرن جي ڌم لڳي وڃي ٿي ۽ مسافر ڀانئن ٿا ته بس هاڻي انهن لهرن ۾ گهيرجي وياسين (۽ بچڻ جي ڪابه اميد ڪانهي) ته پوءِ (هنن کي خدا کان سواءِ ٻي ڪابه هستي ياد نٿي اچي ۽ هو) دين جي اخلاص (۽ سچائيءَ) سان خدا کي پڪارڻ لڳن ٿا ته، اي خدا! جيڪڏهن هن حالت منجهان اسان کي ڇوٽڪارو ڏئين ته اسان ضرور تنهنجا شڪرگذار رهنداسين. (٢٣) پوءِ (ڏسو ته) جڏهن الله تعاليٰ کين ڇوٽڪارو ڏئي ٿو تڏهن هڪدم (پنهنجي عهد اقرار وساري ڇڏين ٿا ۽) ناحق ملڪ ۾ سرڪشي ۽ فساد ڪرڻ لڳن ٿا. اي انسانؤ! توهان جي سرڪشي ۽ شرارتن جو وبال ته خود توهان جي ئي جانين تي پوڻ وارو آهي. اهي دنيا جي (ٿورڙن ڏينهن جي) زندگي جا فائدا آهن سي ڀلي ماڻيو. پوءِ توهان کي اسان ڏي ئي موٽي اچڻو آهي. ان وقت اسان توهان کي ٻڌائينداسين ته جيڪي جيڪي دنيا ۾ ڪندا رهيؤ تنهن جي حقيقت ڇا هئي؟ (٢٤) دنيا جي زندگيءَ جو مثال ته بس اهڙوئي آهي، جهڙو هيءُ معاملو ته آسمان مان اسان مينهن وسايو ۽ زمين جا اوڀڙ جي ماڻهن ۽ چوپاين جانورن لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جو ڪم ڏئي ٿي سا ان مينهن سان سرسبز ٿي، پوءِ جڏهن اهو وقت آيو جو زمين (پنهنجي ساوڪ ۽ لعلائي جا) سڀ زيور پاتا ۽ (لڏندڙ پوکن ۽ ميويدار باغن سان) سينگارجي ويئي ۽ زمين جي مالڪن سمجهيو ته، هاڻي فصل اسان جي قبضي ۾ اچي ويو، تڏهن اوچتوئي اوچتو اسان جو حڪم ڏينهن جي وقت يا رات جي وقت اچي ويو ۽ اسان زمين جو سڄو فصل اهڙيءَ طرح پاڙون پٽي ڦٽي ڪيو جو ڄڻ ته گذريل هڪ ڏينهن تائين ان جو ڪو نالو نشان به ڪونه هو. اهڙيءَ طرح اسان (حقيقت جا) دليل کولي کولي بيان ڪيون ٿا انهن ماڻهن لاءِ جيڪي غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (٢٥) ۽ الله تعاليٰ سلامتيءَ جي گهر ڏانهن سڏي ٿو ۽ جنهن لاءِ وڻيس ٿو تنهن کي (ڪاميابي ۽ نجات جي) سڌي واٽ تي لڳائي ٿو. (٢٦) (الله جو قانون هيءُ آهي ته) جن ماڻهن چڱائي ڪئي تن جي لاءِ چڱائي ئي ٿيندي، بلڪ ان کان به گهڻو زياده چڱائي کين ملندي. سندن چهرن تي نڪي (محروميءَ جي) ڪاراڻ لڳندي، نڪي ذلت ۽ خواري جو اثر ظاهر ٿيندو. اهڙا ئي ماڻهو جنتي آهن ۽ هميشه جنت ۾ رهندا. (٢٧) ۽ جن ماڻهن برايون ڪمايون تن لاءِ برائيءَ جو نتيجو اهڙوئي نڪرندو، جهڙي برائي ڪئي هوندائون ۽ انهن تي خواري ڇانئجي ويندي. الله (جي قانون) کان کين بچائڻ وارو ڪوبه نه هوندو. سندن چهرن تي اهڙيءَ طرح ڪاراڻ ڇانئجي ويندي جهڙيءَ طرح اونداهي رات جو هڪ ٽڪرو چهرن تي ٿڦيو ويو هجي. سو اهڙائي ماڻهو دوزخي آهن ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٢٨) ۽ (ڏسو) هڪڙي ڏينهن اسان انهن سڀني (مشرڪن) کي پنهنجي حضور ۾ گڏ ڪنداسين ۽ پوءِ انهن ماڻهن کي جن شرڪ ڪيو هو چونداسين ته، توهان ۽ اهي سڀ جن کي توهان (اسان سان) شريڪ ٺهرايو هو پنهنجي جاءِ تان نه چرجو (يعني جتي بيٺا آهيو اتي ئي بيٺا رهجو) ۽ پوءِ اسان کين هڪ ٻئي کان (يعني شرڪ ڪندڙن کي فرضي شريڪن کان) ڌار ڌار ڪنداسين. پوءِ اهي هستيون جن کي خدا سان شريڪ بنايو ويو هو سي چونديون ته ائين بلڪل ناهي ته توهان اسان جي پرستش يا بندگي ڪندا هئو. (٢٩) اڄوڪي ڏينهن اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ الله تعاليٰ جي شاهدي ڪافي آهي، هو ڄاڻي ٿو ته اسان توهان جي پوڄائن کان بلڪل بي خبر هئاسين. (٣٠) پوءِ انهيءَ ڏينهن هرهڪ ماڻهو ظاهرظهور چٽيءَ طرح معلوم ڪندو ته جيڪي جيڪي هو اڳي ڪري چڪو آهي، تنهن جي حقيقت ڇا هئي. سڀ الله جي حضور ۾ جو سندن حقيقي مالڪ آهي موٽائي آندا ويندا ۽ حقيقت جي خلاف جيتري قدر ڪوڙا ٺاهه هو ٺاهيندا رهيا آهن سي سڀ گم ٿي ويندا.

    رڪوع ٤ آيت 31-تا-40
    پالڻهاري ۽ ڪارسازي ڏسي پوءِ به هو خدا جي حڪمن کي نٿا مڃن
    (٣١) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته اهو ڪير آهي جو اوهان کي آسمان ۽ زمين جي ذريعي روزي ٿو ڏئي؟ اهو ڪير آهي جنهن جي قبضي ۾ اوهان جو ٻڌڻ ۽ ڏسڻ آهي؟ اهو ڪير آهي جو زندهه کي مردهه مان ڪڍي ٿو ۽ مردهه کي زندهه مان ڪڍي ٿو؟ ۽ وري اهو ڪير آهي جو هن سڄي ڪارخاني جو انتظام رکي رهيو آهي؟ هو هڪدم چئي ڏيندا ته، الله، فقط الله! پوءِ تون کين چئو ته جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ توهان (حق جي انڪار جي نتيجن کان) ڇو نه ٿا ڊڄو؟ (٣٢) اهو ئي الله في الحقيقت اوهان جو پروردگار آهي، پوءِ ٻڌايو ته سچائيءَ کي ڄاڻڻ کان پوءِ ان کي نه مڃڻ گمراهي ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟ توهان (حقيقت کان) منهن موڙي ڪاڏي وڃي رهيا آهيو؟ (٣٣) (اي پيغمبر!) اهڙي ئي طرح تنهنجي پروردگار جو فرمودو انهن ماڻهن تي سچو ثابت ٿيو جيڪي ماڻهو (هدايت جي دائري کان) ٻاهر نڪري ويا آهن جي ايمان آڻڻ وارا ئي نه رهيا آهن. (٣٤) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇ ته ڇا اوهان جي ٺهرايل شريڪن مان ڪو اهڙو به آهي جو خلقت جي پيدائش شروع ڪري ۽ وري ان کي ٻيهر پيدا ڪري؟ کين چئو ته، الله ئي آهي جو ابتدا ۾ پيدا ڪري ٿو، وري ان کي ٻيهر پيدا ڪندو، پوءِ غور ته ڪيو ته توهان جي اونڌي هلت چلت اوهان کي ڪاڏي کڻي وڃي رهي آهي. (٣٥) (اي پيغمبر!) انهن کان پڇو ته، توهان جي هٿرادو بنايل شريڪن مان ڪوئي آهي جو حق جي راهه ڏيکاري ٿو؟ چئو ته، الله ئي آهي جو حق جي راهه ڏيکاري ٿو. ڇا پوءِ جيڪو حق جي راهه ڏيکاري سو وڌيڪ حقدار آهي ته سندس پيروي ڪئي وڃي يا اهو وڌيڪ حقدار آهي جو پاڻ ئي راهه لهي نٿو سگهي، جيستائين ڪه کيس راهه نه ڏيکاري وڃي؟ (افسوس آهي اوهان تي) اوهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟ اوهان ڪيئن (غلط) فيصلو ڪري رهيا آهيو؟ (٣٦) ۽ انهن ماڻهن مان گهڻا ماڻهو اهڙائي آهن، جيڪي فقط وهم ۽ گمان جي ڳالهين تي هلن ٿا. بيشڪ سچائيءَ جي سڃاڻپ لاءِ گمان ڪجهه به ڪم ڏئي نٿو سگهي. اهي ماڻهو جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن سو تحقيق الله تعاليٰ خوب ڄاڻي ٿو. (٣٧) ۽ هن قرآن جو معاملو اهڙو ناهي جو الله کان سواءِ ڪوبه ٻيو پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي ٺاهي سگهي. اهو ته انهن سڀني وحين جي تصديق آهي جيڪي ان کان اڳي نازل ٿي چڪا آهن ۽ (قرآن) الله جي ڪتاب جو تفصيل آهي (يعني الله جي ڪتابن ۾ جيڪا به تعليم ڏني ويئي آهي سا سڀ ان ۾ کولي کولي بيان ڪئي وئي آهي) ان ۾ ڪجهه به شڪ ڪونهي سڀني جهانن جي پروردگار وٽان آيل آهي. (٣٨) ڇا اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ته هن شخص (يعني پيغمبرﷺ الله جي نالي) تي هي ڪوڙو ٺاهه ٺاهيو آهي؟ تون چئو ته، جيڪڏهن توهان ائين چوڻ ۾ سچا آهيو (۽ جيڪڏهن هڪڙو ماڻهو اهڙو ڪلام پاڻ ٺاهي سگهي ٿو) ته قرآن جي سورتن جهڙي هڪڙي سورت ٺاهي پيش ڪيو ۽ خدا کان سواءِ جن جن هستين کي پنهنجي مدد لاءِ سڏي سگهو ٿا، تن کي به سڏيو (اوهان سڀ گڏجي به هڪ سورت نه ٺاهي سگهندؤ). (٣٩) نه نه، (اها ڳالهه ته آهي ئي نه، اصل حقيقت هيءَ آهي ته) جنهن ڳالهه کي پنهنجي علم سان پروڙي نٿا سگهن ۽ جنهن ڳالهه جو نتيجو اڃا پيش نه آيو اٿن تنهن کي ڪوڙو سمجهي رد ڪرڻ لاءِ تيار بيٺا آهن. بلڪ اهڙيءَ ئي طرح انهن ماڻهن به (حق کي) ڪوڙو ٺهرايو هو جي ماڻهو اڳي ٿي گذريا آهن، پوءِ ڏسو ته انهن ظالمن جي پڇاڙي ڪهڙي نه (خراب) ٿي. (٤٠) ۽ (اي پيغمبر!) انهن مان (يعني تنهنجي قوم مان) ڪي ته اهڙا آهن جي قرآن تي (آئنده) ايمان آڻيندا ۽ ڪي اهڙا آهن، جي ايمان آڻڻ وارا هرگز ناهن ۽ تنهنجو پروردگار خوب ڄاڻي ٿو ته ڪهڙا ماڻهو مفسد آهن (يعني خرابيون ڪرڻ وارا آهن.)
    رڪوع ٥ آيت 41-تا-53
    جيڪي ٻوڙا ۽ انڌا آهن تن کي تون ڪيئن ٻڌائي سگهندين ۽ واٽ ڏيکاري سگهندين؟
    (٤١) ۽ جيڪڏهن هي ماڻهو (ايتري قدر سمجهائڻ بعد به) توکي ڪوڙو سمجهن ته، تون چئي ڏي ته منهنجي لاءِ منهنجو عمل آهي ۽ اوهان جي لاءِ اوهان جو. مان جيڪي جيڪي ڪيان ٿو تنهن جي ذميواري اوهان تي ڪانهي ۽ توهان جيڪي جيڪي ڪيو ٿا تنهن لاءِ مان ذميوار ڪونه آهيان. (توهان ڀلي پنهنجي راهه وٺو، پوءِ ڏسو ته الله ڪهڙو ٿو فيصلو ڪري). (٤٢) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ۾ ڪي ماڻهو اهڙا آهن جيڪي تنهنجيون ڳالهيون (ظاهري طرح) ٻڌن ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته حق جو ڪلام ٻڌي سچائي اختيار ڪندا، پر حقيقتاً هو ٻڌن ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون ٻوڙن کي ٻڌائي سگهندين اگرچه هو ڳالهه کي سمجهي ڪونه سگهندا؟ (نڪي سمجهڻ جي ڪوشش ئي ڪن؟) (٤٣) ۽ انهن ۾ ڪي اهڙا آهن جيڪي توڏي نهارين ٿا (۽ تون ڀانئين ٿو ته توکي سمجهه سان ڏسن ٿا، حالانڪ هو توکي ڏسن ئي ڪونه ٿا) پوءِ ڇا تون انڌن کي واٽ ڏيکاريندين اگرچه هن کي (سمجهڻ جي) نظر ئي ڪانه هجي؟ (٤٤) يقيناً الله تعاليٰ انسانن تي تر جيترو به ظلم نٿو ڪري (هو ڪنهن کي زور سان انڌو ٻوڙو نٿو ڪري) پر پاڻ انسان ئي آهي جو پاڻ تي ظلم ٿو ڪري (ڇو ته الله جي ڏنل قوتن کان ڪم نٿو وٺي ۽ خود غرضي ۽ هٺ وڏائي ۾ پئجي سچائيءَ کان انڪار ٿو ڪري). (٤٠٤) (٤٥) ۽ جنهن ڏينهن الله تعاليٰ انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن) جمع ڪري پاڻ وٽ حاضر ڪندو تنهن ڏينهن کين ائين معلوم ٿيندو ته (دنيا ۾) هڪ گهڙيءَ کان وڌيڪ نه رهيا ۽ (رڳو هڪ گهڙي) پاڻ ۾ ڄاڻ سڃاڻ (۽ کيڪار ڀليڪار) ڪري ورتائون. بيشڪ اهي ماڻهو پوءِ وڏي نقصان ۽ تباهي هيٺ آيا (يا ايندا) جن الله جي حضور ۾ حاضر ٿيڻ کي نه مڃيو هو ۽ (ڪاميابيءَ جي) راهه وٺڻ وارا نه هئا. (٤٦) ۽ (اي پيغمبر!) هنن ماڻهن سان (يعني عرب جي منڪرن سان) جن ڳالهين جو واعدو ڪيو ويو آهي (يعني عذابن جي خبر ڏني وئي آهي) انهن مان ڪي ڳالهيون توکي (تنهنجي حياتيءَ ۾) ڏيکاريون يا (ان کان اڳ ئي) تنهنجو وقت پورو ڪري ڇڏيون، هر حالت ۾ هنن کي اسان جي ئي طرف موٽڻو آهي ۽ اهي جيڪي جيڪي ڪري رهيا آهن تنهن تي الله تعاليٰ شاهد آهي (۽ ضرور کين سندن عملن جو بدلو ڏيندو.) (٤٧) ۽ (ياد رکو ته) هرهڪ امت جي لاءِ هڪ رسول آهي (جو ان ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ حق جي طرف سڏي ٿو) پوءِ جڏهن ڪنهن امت ۾ ان جو رسول ظاهر ٿيو ته (اسان جو قانون هي آهي ته) انهن جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪيو وڃي ٿو، ۽ ائين نٿو ٿئي جو هنن سان بي انصافي ٿئي. (يعني رسولن سان دشمنيءَ ۾ مخالفت ڪندڙن کي سندن ظلمن جي سزا انصاف سان ملي ٿي). (٤٨) ۽ هي ماڻهو چون ٿا ته جيڪڏهن توهان (مسلمان) سچا آهيو ته، هيءَ ڳالهه (يعني حق کان انڪار ڪرڻ جي سزا) ڪڏهن ظهور ۾ ايندي؟ (٤٩) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته (هيءُ معاملو منهنجي هٿ ۾ ناهي جو ٻڌايان ته ڪڏهن ائين ٿيندو) مون کي ته پنهنجي جان جو نفعو نقصان به قبضي ۾ ناهي. اهوئي ٿئي ٿو جيڪي الله تعاليٰ چاهيو آهي. هر امت جي لاءِ (عمل جي بدلي جو) هڪ مقرر وقت آهي ۽ جڏهن اهو وقت اچي وڃي ٿو تڏهن هو نڪي هڪ گهڙي پوئتي رهي سگهن ٿا، نڪي هڪ گهڙي اڳتي. (٥٠) (اي پيغمبر! تون هنن ماڻهن کي) چئو ته، (ڇا توهان هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته) توهان ڇا ڪندؤ جيڪڏهن خدا جو عذاب راتو رات نازل ٿئي يا ڏينهن جو ئي توهان کي وڪوڙي وڃي. پوءِ ڪهڙي ڳالهه آهي جنهن جي لاءِ (هي بيوقوف) ڏوهه گناهه ڪندڙ تڪڙ ڪري رهيا آهن (ائين نٿا سمجهن ته عذاب جي اچڻ لاءِ تڪڙ ڪري رهيا آهيون.) (٥١) ڇا جڏهن اهو (عذاب) واقع ٿيندو (يعني اچي ويندو) تڏهن توهان کي يقين ايندو؟ (پر ان وقت ايمان يا يقين ڪجهه به ڪم نه ايندو. انهيءَ وقت ڪاڏي ويندؤ. هائو!) هاڻي توهان کي يقين آيو، پر توهان ئي هئو جو هن (عذاب جي) طلب ۾ جلدي مچائي ڏيندا هئو. (٥٢) پوءِ ظلم ڪندڙن کي چيو ويندو ته هاڻي هميشه لاءِ عذاب چکو. توهان کي جيڪو بدلو ملي رهيو آهي سو سواءِ هن جي ٻيو ڪجهه به نه آهي ته توهان جي ئي ڪرتوتن جو نتيجو آهي جي دنيا ۾ ڪندا رهيا آهيو. (٥٣) ۽ هو توکان پڇن ٿا ته، ڇا هيءَ ڳالهه واقعي سچ آهي؟ تون (بي ڌڙڪ) چئي ڏي ته ها منهنجو پروردگار ان تي شاهد آهي ته هيءَ ڳالهه بلاشڪ سچ آهي ۽ توهان هرگز ائين نٿا ڪري سگهو جو هن کي (يعني الله کي سندس ڪمن ۾) عاجز ڪري سگهو. (يعني انهن ڪمن کان کيس روڪي سگهو.)

    رڪوع ٦ آيت 60-24
    ڪافرن کي جيڪا مهلت ڏني وڃي ٿي سا خدا جو فضل آهي بشرطيڪه هو توبه ڪن ۽ پاڻ سڌارين.
    (۵۴) ۽ (اهو اچڻ وارو عذاب اهڙو ڀيانڪ ۽ ڀوائتو آهي ۽ ان جو اچڻ ايتري قدر يقيني آهي جو) جيڪڏهن هرهڪ ظالم انسان جي قبضي ۾ اهو سڀ ڪجهه هجي جو روءِ زمين تي آهي ته هو ضرور ان کي فدئي طور (پاڻ کي عذاب کان بچائڻ لاءِ) ڏئي ڇڏيندو. (يعني سڀ ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندو، پر ان وقت فديو قبول نه پوندو) ۽ (ڏسو ته) جڏهن هنن عذاب کي پنهنجي سامهون ڏٺو تڏهن (پنهنجي سرڪشي ۽ ڪفر ياد ڪري) دل ئي دل ۾ پڇتائڻ لڳا. پوءِ انهن جي وچ ۾ (يعني مؤمنن ۽ سرڪش ڪافرن جي وچ ۾) انصاف سان فيصلو ڪيو ويو. ۽ ائين ڪڏهن به نه ٿيندو جو هنن سان ڪنهن به طرح جي بي انصافي ڪئي وڃي. (٥٥) ياد رکو ته آسمانن ۾ ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو سڀ الله جي لاءِ ئي آهي. (کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي جنهن کي حڪم ۽ تصرف ۾ ڪجهه دخل هجي) ۽ هيءَ ڳالهه به نه وساريو ته الله جو واعدو سچو آهي (اهو ڪڏهن به ٽري نه سگهندو) پر (افسوس ته) هنن ماڻهن ۾ اڪثر اهڙ آهن، جيڪي اها ڳالهه نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن). (٥٦) اهوئي (الله تعاليٰ) جيئاري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ اهوئي آهي جنهن ڏانهن اوهان سڀني کي (آخر) موٽڻو آهي (۽ عملن جو بدلو وٺڻو آهي). (٥٧) اي انسانو! توهان ڏي توهان جي پروردگار وٽان هڪ اهڙي شيءِ آئي آهي جا (وڏي فائدي واري) نصيحت آهي، دل جي سڀني بيمارين لاءِ شفا آهي ۽ هدايت ۽ رحمت آهي انهن ماڻهن لاءِ جيڪي ( ان قرآن تي) ايمان ۽ يقين رکن ٿا. (٥٨) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، هي (قرآن) الله جو فضل آهي ۽ الله جي رحمت آهي. پوءِ (مؤمنن کي) گهرجي ته انهيءَ تي خوشيون ڪن ۽ اهو (قرآن) انهن سڀني شين کان بهتر آهي، جي هو (ڪافر) ماڻهو (دنيا جي زندگيءَ ۾) جمع ڪندا رهن ٿا. (٥٩) (اي پيغمبر!) تون انهن (انڪار ڪندڙن) کي چئو ته، ڇا توهان هن ڳالهه تي به ڪڏهن غور ڪيو آهي ته جيڪا روزي الله تعاليٰ اوهان لاءِ پيدا ڪئي آهي تنهن مان ڪن شين کي توهان (فقط پنهنجي وهمن ۽ گمانن جي ڪري) حرام ٺهرايو آهي ۽ ڪن کي حلال سمجهيو آهي؟ تون کانئن پڇ ته (هي جو توهان حلال حرام جا حڪم لڳايا آهن سو اوهان کي) الله تعاليٰ انهيءَ جي اجازت ڏني آهي ڇا؟ يا توهان الله تعاليٰ تي بهتان ٺاهي ويٺا آهيو؟ (٦٠) ۽ (جن ماڻهن جي جرئتن جو اهو حال آهي جو) الله جي نالي تي ڪوڙ هڻي ٺاهه ٺاهي رهيا آهن، تن قيامت جي ڏينهن بابت ڇا سمجهيو آهي، (ائين ٿا سمجهن ڇا ته الله جي طرف کان سندن ڪوڙن ۽ بدعملن لاءِ پڇاڻو ٿيڻوئي ڪونهي؟) حقيقت هيءَ آهي ته الله تعاليٰ انسانن جي لاءِ وڏي فضل وارو آهي (جو عملن جي سزا جو وڏو حصو آخرت لاءِ رکي ڇڏيو اٿس ۽ دنيا ۾ سڀني کي مهلت گهڻي حد تائين ڏئي ڇڏي اٿس) تنهن هوندي به هنن ۾ اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي بلڪل بي شڪر آهن.

    رڪوع ٧ آيت 61-تا-70
    الله تعاليٰ کان اوهان جا علم ۽ ڳالهيون ڳجهيون ناهن، عزتون الله جي هٿ ۾ آهن
    (٦١) ۽ (اي پيغمبر!) تون ڪهڙي به حال ۾ هجين ۽ قرآن جي ڪا آيت به پڙهي ٻڌائيندو هجين، ۽ (اي انسانو!) اوهان ڪوبه ڪم ڪندا هجو ته به اسان اوهان کي اهو ڪم ڪندي ڏسون ٿا. زمين ۾ ۽ آسمان ۾ ڪا ذري برابر شيءِ به تنهنجي پروردگار کان ڳجهي ناهي. انهيءَ کان به ننڍي يا وڏي شيءِ ڪابه ڪانهي جا واضح ۽ چٽي ڪتاب ۾ درج ٿيل نه هجي (يعني الله تعاليٰ کي سڀ ڪجهه معلوم آهي ۽ سڀني شين تي سندس نگاهه ۽ ضابطو آهي.) (٦٢) ياد رکو ته، جيڪي الله جا دوست آهن تن جي لاءِ نه ڪنهن طرح جو خوف هوندو، نه وري ڪنهن به طرح جي غمگيني. (٦٣) اهي ئي ماڻهو آهن جن (سچيءَ طرح) ايمان آندو ۽ (زندگي اهڙيءَ طرح گذاريائون جو) برائين ۽ گناهن کان بچندا رهيا. (٦٤) انهن (سچن مؤمنن) لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به (ڪامراني ۽ سعادت جي) خوشخبري آهي ۽ آخرت جي زندگيءَ ۾ به. الله جا فرمان (۽ قانون) اڻٽر آهن. ڪڏهن به بدلجڻ وارا نه آهن ۽ اهائي سڀ کان وڏي فتح ۽ ڪامراني آهي (جا فرمانبرداري انسان کي نصيب ٿي سگهي ٿي). (٦٥) ۽ (اي پيغمبر!) منڪرن جي (دشمنيءَ جي) ڳالهين تي تون غم نه ڪر. سڀ عزتون الله جي لاءِ ئي آهن (هو جنهن کي چاهي تنهن کي عزت ڏئي ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي خوار خراب ڪري) هو ٻڌندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي. (٦٦) ياد رکو ته، اهي هستيون جي آسمانن ۾ آهن ۽ اهي جي زمين ۾ آهن سي سڀ الله ئي جي حڪم لاءِ آهن (۽ سندس فرمانن جون تابعدار آهن) ۽ جيڪي ماڻهو الله کان سواءِ پنهنجي ٺهرايل شريڪن کي پڪارين ٿا تن بابت توهان کي خبر آهي ته هو ڪهڙي ڳالهه جي پيروي ٿا ڪن (ڇا يقين ۽ بصيرت جي پيروي ٿا ڪن؟ نه هرگز نه) هو فقط وهمن ۽ گمانن جي پيروي ڪري رهيا آهن. هو (هر ڳالهه ۾) فقط اٽڪلون هلائي رهيا آهن (۽ باطل جي پٺيان لڳي رهيا آهن). (٦٧) اهوئي (الله) آهي جنهن اوهان جي لاءِ رات جو وقت بنايو، انهيءَ لاءِ ته ان ۾ آرام وٺو ۽ ڏينهن جو وقت به بنايو ته ان ۾ (دنيا ۽ دنيائي شين کي) ڏسو وائسو. بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ (الله جي ربوبيت جون) وڏيون ئي نشانيون آهن، جيڪي (حق جو ڪلام) ٻڌن (۽ سمجهن) ٿا. (٦٨) اهي چون ٿا ته، الله پنهنجو هڪ پٽ بنائي رکيو آهي. (پر) پاڪائي هجي الله جي لاءِ! هو ته (انهيءَ طرح جي گهرجن کان) آزاد ۽ بي نياز آهي (ڇو ته) جيڪي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي جيڪي زمين تي يا زمين ۾ آهي سو سڀ سندس ئي لاءِ آهي (پوءِ پٽ جي ڪهڙي ضرورت پئي اٿس) توهان (مشرڪن) وٽ اهڙي ڳالهه چوڻ لاءِ ڪهڙو دليل اچي ويو آهي؟ ڇا توهان الله جي باري ۾ اهڙي ڳالهه چوڻ جي جرئت ٿا ڪيو، جنهن لاءِ توهان کي ڪو علم ئي ڪونهي. (٦٩) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، بيشڪ جيڪي ماڻهو الله تي بهتان ٿا ٻڌن سي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. (٧٠) انهن جي لاءِ فقط دنيا جوئي متاع آهي (جيئن ڍورن ڍڳن لاءِ به آهي) پوءِ (آخر) اسان ڏي موٽندا، پوءِ اسان کين سخت عذاب جو مزو چکائينداسين، انهيءَ لاءِ ته جيڪي ڪفر جون ڳالهيون (۽ ڪم) ڪري رهيا آهن تن جو نتيجو لوڙين.

    رڪوع ٨ آيت 71-تا-82
    پيغمبر اوهان وٽ هدايت کڻي ٿا اچن ان لاءِ ڪا موڙي نٿا گهرن ۽ نه ڪا طمع ٿا رکن.
    (٧١) ۽ (اي پيغمبر!) انهن کي حضرت نوح جو احوال ٻڌاءِ ته حضرت نوح پنهنجي قوم کي چيو هو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان کي هيءَ ڳالهه تڪليف ٿي ڏئي ته مان (توهان کي اسلام جي دعوت ڏيڻ ۽ هدايت ڪرڻ لاءِ) اٿي کڙو ٿيو آهيان ۽ الله جي آيتن سان نصيحت ٿو ڪيان ته منهنجو ڀروسو فقط الله تعاليٰ تي آهي. پوءِ (منهنجي خلاف جيڪي به ڪرڻ چاهيو ٿا تنهن لاءِ) گڏجي ٺاهه ٺاهيو ۽ پنهنجي (ٺهرايل) شريڪن کي به پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ (جيڪو به توهان جي منصوبو تيار ٿئي تنهن کي چڱيءَ طرح سمجهي وٺو) جيئن ڪابه ضروري ڳالهه رهجي نه وڃي. پوءِ (جيڪي به منهنجي خلاف ڪرڻو اٿو سو) ڪري گذرو ۽ مون کي ذرو به مهلت نه ڏيو (۽ ڏسو ته آخر نتيجو ڇا ٿو نڪري؟) (٧٢) پوءِ جيڪڏهن (انهيءَ تي به توهان باز نه آيا ۽) مون کان منهن موڙي ڇڏيو ته (ياد رکو ته پنهنجو ئي نقصان ڪندؤ) مان جيڪي به ڪري رهيو آهيان تنهن لاءِ توهان کان ڪابه مزوري ڪڏهن به ڪانه گهريم. منهنجي مزوري (اجر) ته الله کان سواءِ ٻئي ڪنهن وٽ به ناهي. مون کي (خدا وٽان) حڪم ڏنو ويو آهي، ته سندس فرمانبردار ٻانهن جي جماعت ۾ شامل رهان. (٧٣) تنهن هوندي به (هوس پرست انڌن) ماڻهن کيس (يعني حضرت نوح کي) ڪوڙو سمجهي نه مڃيو. پوءِ اسان کيس ۽ سندس ماڻهن (يعني مٿس ايمان آڻيندڙن) کي جيڪي ساڻس ٻيڙيءَ ۾ سوار هئا (طوفان ۽ ٻوڏ کان) بچائي ورتو ۽ (غرق ٿيل قوم جو) جانشين بنايو ۽ جن ماڻهن اسان جون آيتون (نشانيون) ڪوڙيون سمجهي نه مڃيو تن کي اسان (ٻوڏ ۾) ٻوڙي غرق ڪري ڇڏيو. پوءِ ڏس ته انهن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيو جن کي (انڪار ۽ سرڪشيءِ جي نتيجن کان) خبردار ڪيو ويو هو. (٧٤) پوءِ حضرت نوح بعد اسان (ڪيترائي) رسول سندن قومن ۾ پيدا ڪيا. اهي هنن ڏانهن روشن دليل کڻي آيا هئا، تڏهن به سندن قومون جيڪا ڳالهه اڳ ئي ڪوڙي سمجهي نه مڃي هئائون تنهن کي (دليل ڏسي به) مڃڻ لاءِ تيار نه هيون، (سو ڏسو ته) جيڪي ماڻهو (سرڪشي ۽ فساد ۾) حدن کان ٻاهر لنگهي ٿا وڃن، تن جي دلين تي اسان اهڙيءَ طرح مهر لڳائي ٿا ڇڏيون (جو پوءِ ڪڏهن به عقل ۽ بصيرت جي سڌي واٽ تي اچي نٿا سگهن.) (٧٥) پوءِ اسان انهن رسولن بعد موسيٰ ۽ هارون کي (پيغمبر ڪري) فرعون ۽ سندس درٻارين ڏي موڪليو. هنن کي (يعني حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) اسان جون نشانيون ۽ معجزا ساڻ گڏ هئا، پر فرعون ۽ سندس درٻارين تڪبر ڪيو ۽ هنن جي جماعت گنهگارن جي جماعت هئي. (٧٦) پوءِ جڏهن اسان وٽان فرعون ۽ سندس ماڻهن ڏي (حضرت موسيٰ ۽ هارون کي) حق جي ڳالهه آئي (۽ معجزا ڏٺائون) تڏهن هو (منڪر) چوڻ لڳا ته، هي ته فقط جادو آهي ۽ چٽو چٽو جادو آهي. (٧٧) حضرت موسيٰ چيو ته جڏهن توهان وٽ حق ۽ سچائي اچي ويئي آهي تڏهن ان باري ۾ هيئن ٿا چئو ڇا ته اهو جادو آهي؟ حالانڪه جادوگر ته ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿين. (٧٨) هنن (جواب ۾) چيو ته، ڇا توهان اسان ڏي هن لاءِ آيا آهيو ته جنهن راهه تي اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي هلندي ڏٺو تنهن کان اسان کي هٽائي ڇڏيو ۽ هن ملڪ ۾ اوهان ٻنهي ڀائرن کي سرداري (۽ بادشاهي) ملي وڃي؟ اسان ته توهان کي مڃڻ وارا ڪونه آهيون. (٧٩) ۽ فرعون چيو ته، منهنجي بادشاهي ۾ جيترا به هوشيار جادوگر آهن تن سڀني کي مون وٽ حاضر ڪريو. (٨٠) جڏهن جادوگر اچي گڏ ٿيا (۽ مقابلي جو ميدان تيار ٿيو) تڏهن حضرت موسيٰ چيو ته، توهان (جادوگرن) کي جيڪي ميدان ۾ آڻڻو آهي سو آڻيو (يعني جادوءَ جا ڪرشما ڏيکاريو). (٨١) پوءِ جڏهن هنن (پنهنجي جادوءَ جون رسيون ۽ لٺيون ميدان ۾) اڇلايون تڏهن حضرت موسيٰ فرمايو ته توهان جيڪي ڏيکاريو آهي سو جادو آهي ۽ بيشڪ الله تعاليٰ ان کي برباد ڪري ڇڏيندو. بيشڪ الله جو اهو قانون آهي ته هو بگاڙو ڪندڙن جا عمل نٿو سنواري (نه ڪامياب ڪري). (٨٢) ۽ هو (الله) پنهنجي حڪمن مطابق حق کي ضرور ثابت ڪري ڏيکاريندو اگرچه گنهگارن کي ائين ٿيڻ پسند نه اچي.

    رڪوع ٩ آيت 92-83
    فرعون جو لاش، نه مڃيندڙن جي لاءِ نشاني آهي. پر افسوس اڪثر انسان نشانين کان غافل آهن.
    (٨٣) پوءِ تڏهن حضرت موسيٰ تي ڪنهن به ايمان نه آندو، سواءِ سندس قوم جي نوجوانن جي هڪ ٽوليءَ جي. اهي نوجوان به فرعون ۽ سردارن کان ڊنا پئي ته متان (ايمان آڻڻ جي ڪري) کين ڪنهن مصيبت ۾ وجهي ۽ انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته فرعون (مصر جي) ملڪ ۾ وڏو سرڪش (بادشاهه) هو ۽ انهيءَ ۾ به شڪ ڪونهي ته هو (ظلم ۽ جبر ۾) چوٽ چڙهيل هو. (٨٤) ۽ حضرت موسيٰ (پنهنجي قوم کي) چيو ته، اي منهنجي قوم! جيڪڏهن توهان سچ پچ الله تي ايمان آندو آهي ۽ سندس فرمانبرداري ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي گهرجي ته فقط الله تي ڀروسو رکو (۽ فرعون جي طاقت کان نه ڊڄو). (٨٥) هنن چيو ته اسان الله تي ڀروسو ڪيو آهي. (اسان دعا ٿا گهرون ته) اي پروردگار! اسان کي هن ظالم ٽولي جي لاءِ (اهڙي) آزمائش ۾ نه وجهه (جو سندن ظلمن جي مقابلي ۾ ڪمزوري ڏيکاريون). (٨٦) ۽ پنهنجيءَ رحمت سان اسان کي هن ڪافر قوم کان بچائجانءِ. (٨٧) ۽ اسان حضرت موسيٰ ۽ سندن ڀاءُ (هارون) تي وحي نازل ڪيو ته پنهنجي قوم جي لاءِ مصر ۾ گهر ٺاهيو ۽ گهرن جو رخ پنهنجي قبلي ڏي ڪيو ۽ (انهن گهرن ۾) نماز قائم ڪيو ۽ جن ايمان آندو آهي تن کي (ڪاميابيءَ جي) خوشخبري پهچايو. (٨٨) ۽ حضرت موسيٰ دعا گهري ته، اي خدا! تو فرعون ۽ سندس سردارن کي هن دنيا جي زندگيءَ ۾ زيب ۽ زينت جو سامان ۽ مال ۽ دولت جون شوڪتون ڏنيون آهن. پوءِ اهو (سڀ ڪجهه) هن لاءِ آهي ڇا ته هو ماڻهن کي تنهنجي راهه کان روڪي گمراهه ڪن؟ اي خدا! سندن دولت ناس ڪري ڇڏ ۽ سندن دلين تي مهر لڳائي ڇڏ، انهيءَ لاءِ ته هو ايمان نه آڻين تانجو دردناڪ عذاب پنهنجي سامهون ڏسن. (٨٩) الله تعاليٰ فرمايو ته اوهان ٻنهي جي دعا قبول ڪئي وئي. سو هاڻي اوهان (پنهنجي راهه ۾) مستقيم ۽ محڪم ٿي وک وڌايو، ۽ انهن ماڻهن جي تابعداري نه ڪريو جيڪي (منهنجي ڏسيل واٽ کي) نٿا ڄاڻن (۽ سمجهن). (٩٠) ۽ پوءِ اسان بني اسرائيل کي سمنڊ جي پار اڪاريو. هي ڏسي فرعون ۽ سندس لشڪر سندن پٺيان پيو، انهيءَ لاءِ (بني اسرائيلن سان) ظلم ۽ شرارت ڪن، پر جڏهن حالت هيءَ ٿي جو فرعون سمنڊ ۾ ٻڏڻ لڳو، تڏهن (عاجز ٿي) پڪاريائين ته مان هاڻي يقين ٿو ڪريان ته انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي جنهن تي بني اسرائيلن ايمان آندو آهي ۽ مان به انهيءَ ئي جي فرمانبردارن ۾ آهيان. (٩١) (الله تعاليٰ فرمايو ته) ها! هاڻي تو ايمان آندو! (هاڻي ڇا ٿيندو) اڳي تون هميشه نافراني ڪندو هئين ۽ تون بگاڙو ڪندڙ انسانن ۾ هڪ (وڏو) بگاڙو ڪندڙ هئين. (٩٢) پوءِ اڄ اسان تنهنجي جسم کي (سمنڊ جي لهرن مان) بچائي ٻاهر ڪڍنداسين انهيءَ لاءِ ته انهن ماڻهن جي واسطي جيڪي توکان پوءِ اچڻا آهن (حق جي قدرت جي) هڪ نشاني ٿئي. (پر افسوس!) اڪثر انسان اهڙا آهن جيڪي اسان جي نشانين کان بلڪل غافل آهن.

    رڪوع ١٠ آيت 93-تا-103
    الله تعاليٰ جبر سان ماڻهن کي هدايت جي واٽ تي نٿو لڳائي.
    (٩٣) ۽ بيشڪ اسان بني اسرائيل کي (پنهنجي واعدي مطابق فلسطين ۾) رهڻ لاءِ چڱا مڪان ڏنا هئا ۽ پاڪ شين مان سندن روزيءَ جو سامان مهيا ڪري ڏنو هو. پوءِ جڏهن به هنن (دين جي باري ۾) اختلاف ڪيا تڏهن هنن ڏي علم جي روشني موڪلي ويئي (يعني هڪ ٻئي پٺيان هنن ڏي پيغمبر موڪليا ويا، تنهن هوندي به اختلاف ڪندا رهيا) سو قيامت جي ڏينهن تنهنجو پروردگار هنن جي وچ ۾ انهن ڳالهين جو فيصلو ڪندو جن ۾ هڪ ٻئي سان اختلاف ڪندا رهيا آهن. (يعني کين معلوم ٿيندو ته حقيقت ڇا هئي). (٩٤) ۽ جيڪڏهن توهان کي هن ڳالهه ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي جيڪا اسان اوهان تي نازل ڪئي آهي ته انهن ماڻهن کان پڇي ڏسو جيڪي اوهان جي زماني کان اڳ جا (خدائي) ڪتاب پڙهندا رهن ٿا (يعني اهل ڪتاب کان پڇي ڏسو) ته يقيناً هي حق آهي جو اوهان جي پروردگار وٽان اوهان تي نازل ٿيو آهي. تنهن ڪري هرگز ائين نه ڪجو جو شڪ آڻيندڙ ٿي پئو. (٩٥) ۽ انهن ماڻهن جهڙا نه ٿيو جن الله جي نشانين کي ڪوڙو ٺهرايو ۽ نتيجو هيءُ نڪتو جو هو نامراد ٿي وڏي نقصان هيٺ اچي ويا. (٩٦) (اي پيغمبر!) جن ماڻهن تي الله جو فرمان سچو ثابت ٿيو آهي (يعني سندس هي قانون ته جيڪو اکيون کڻي پوريندو تنهن کي ڪجهه به نظر نه ايندو) سي ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (٩٧) جيڪڏهن (دنيا جون) سڀ نشانيون به هنن جي اڳيان اچي وڃن (ته به هو نه مڃيندا) تان جو دردناڪ عذاب پنهنجي اکين سان ڏسن. (٩٨) پوءِ ڇو ائين ٿيو جو يونس جي قوم جي بستي (آبادي ۽ شهر) کان سواءِ ڪابه اهڙي بستي ڪانه هئي جا (عذاب اچڻ کان اڳي) ايمان آڻي ها ۽ ايمان جي برڪتن جو فائدو پرائي ها. سو اسان به هن (يونس جي ماڻهن) تان ذلت (خواري) جو اهو عذاب ٽاري ڇڏيو جو دنيا جي زندگيءَ ۾ مٿن اچڻو هو ۽ هڪ خاص مدي تائين اسان کين آسودي زندگيءَ جي مهلت ڏني. (٩٩) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته جيڪي به ماڻهو روءِ زمين تي آهن سي سڀ ايمان آڻين ها (۽ دنيا ۾ اعتقاد ۽ عمل جو اختلاف ڪونه هجي ها، پر تون ڏسين ٿو ته الله تعاليٰ ائين ڪونه چاهيو. سندس مشيت يا قانون ئي ائين ٿيو ته طرح طرح جون طبيعتون ۽ لياقتون ظهور ۾ اچن. پوءِ جيڪڏهن ماڻهو اسلام تي نه اچن ته) ڇا تون انهن تي زور آڻيندين ته جستائين ايمان نه آڻيندؤ تيستائين مان اوهان کي ڇڏڻ وارو ناهيان؟ (١٠٠) ۽ (ياد رکو ته) ڪنهن به انسان جي اختيار ۾ ناهي جو الله جي حڪم کان سواءِ (ڪنهن به ڳالهه تي) ايمان آڻي. (يعني الله جي قانون کان جيڪو ٻاهر هوندو سو ڪڏهن به حق تي نه ايندو ۽ سندس قانون هي آهي ته) الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي (محرومي ۽ بدبختي جي) گندگيءَ ۾ ڇڏي ٿو ڏئي جيڪي عقل کان ڪم نٿا وٺن. (١٠١) (اي پيغمبر!) تون انهن ماڻهن کي چئو ته جيڪي به آسمان ۾ (اوهان جي مٿان) آهي ۽ جيڪي به زمين ۾ (اوهان جي چئني طرفن کان) آهي تنهن تي نظر ڪيو (۽ ڏسو ته هو پنهنجي حالتن سان ڪهڙي حقيقت جي شاهدي ڏيئي رهيا آهن) پر جيڪي ماڻهو يقين نٿا رکن تن جي لاءِ نڪي (قدرت جون) نشانيون ڪارگر ٿين ٿيون، نڪي (رسولن جون) تنبيهون ۽ خبردار ڪرڻ واريون هدايتون. (١٠٢) پوءِ جيڪڏهن اهي ماڻهو منتظر آهن ته سندن انتظار (يعني ڪنهن ڳالهه لاءِ ترسي پوڻ) هن ڳالهه کان سواءِ ٻي ڪهڙي ڳالهه لاءِ ٿي سگهي ٿو ته جهڙي (عذاب جا) ڏينهن اڳين ماڻهن تي اچي چڪا هئا تهڙائي مٿن به اچي ڪڙڪن. سو تون چئي ڏي ته چڱو، انتظار ڪندا رهو. مان به توهان سان گڏ انتظار ڪرڻ وارن مان آهيان (ته خدا ڪهڙو نه مناسب فيصلو ٿو ڪري). (١٠٣) پوءِ (جڏهن عذاب جي گهڙي اچي ٿي وڃي تڏهن اسان جو قانون آهي ته) پنهنجي رسول کي ۽ مؤمنن کي ان عذاب کان بچائي ٿا وٺون. اهڙيءَ طرح اسان پاڻ تي ضروري ٺهرايو آهي ته مؤمنن کي بچائيندا رهون.

    رڪوع ١١ آيت 104-تا-109
    ڪافرن کي چئو ته مان دين جي باري ۾ فقط خدا جي حڪمن تي هلندس نه اوهان جي خواهش تي.
    (١٠٤) (اي پيغمبر!) تون چئو ته، اي انسانو! جيڪڏهن توهان کي منهنجي دين جي باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ هجي ته مان توهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته منهنجو طريقو ڪهڙو آهي. توهان الله کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪريو تن جي بندگي مان ڪونه ٿو ڪريان. (نڪي ڪندس) مان ته الله جي بندگي ٿو ڪريان (جنهن جي قبضي ۾ اوهان جي زندگي آهي ۽) جنهن جي حڪم سان اوهان تي موت اچي ٿو ۽ مون کي ان ئي وٽان حڪم آيل آهي ته مؤمنن جي جماعت ۾ رهان. (١٠٥) ۽ پڻ مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته، هر طرف کان هٽي پنهنجو رخ الله جي دين ڏانهن ڪر، ۽ هيئن هرگز نه ڪجانءِ جو مشرڪن منجهان ٿي پوين. (١٠٦) ۽ (مون کي حڪم ڏنو ويو آهي ته) الله کان سواءِ ڪنهن کي به نه پڪار، کانئس سواءِ جيڪو به آهي سو نڪي فائدو پهچائي سگهي ٿو، نڪي نقصان! جيڪڏهن تون ائين ڪندين (يعني ڪنهن غير کي پڪاريندين) ته پوءِ يقيناً تون ظالمن ۾ شمار ڪيو ويندين. (١٠٧) ۽ جيڪڏهن الله تعاليٰ جي حڪم سان توکي ڪا تڪليف پهچي ته پڪ ڄاڻ ته ان کي لاهڻ وارو ٻيو ڪوبه ڪونهي سواءِ سندس ذات جي. جيڪڏهن هو توکي ڪنهن به طرح جي چڱائي بخشڻ چاهي ته پڪ ڄاڻ ته ڪوبه ٻيو ڪونهي جو سندس فضل کي روڪي سگهي. هو پنهنجي ٻانهن مان جنهن لاءِ وڻيس تنهن تي فضل ڪري ڇڏي. هو بخشيندڙ ۽ رحم وارو آهي. (١٠٨) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کي چئو ته، اي نسانو! توهان جي پروردگار وٽان سچائي توهان وٽ اچي ويئي آهي. پوءِ جيڪو هدايت جي واٽ وٺندو سو پنهنجي ئي چڱائي لاءِ وٺندو ۽ جيڪو گمراهه ٿيندو تنهن جي گمراهي سندس ئي آڏو ايندي. مان (پيغمبر) اوهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زبردستيءَ اوهان کي مڃايان ۽ راهه وٺايان). (١٠٩) (اي پيغمبر!) جيڪو وحي توتي موڪليو وڃي ٿو تنهن تي عمل ڪندو رهه ۽ پنهنجي راهه تي ڄميو ره، تان جو الله تعاليٰ فيصلو ڪري ۽ هو فيصلو ڪندڙن ۾ سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي.


    سورت هود

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-8

    قرآن مجيد جون آيتون دليل ۾ بلڪل چٽيون بيان ڪيل آهن
    (١) الف- لام- را. هي ڪتاب آهي جنهن جون آيتون (پنهنجي مطلبن ۽ دليلن ۾) مضبوط ڪيون ويون آهن. وري کولي کولي چٽيون ڪيون ويون آهن. هي (ڪتاب) ان جي طرف کان آهي جو وڏي حڪمت وارو ۽ سڀني ڳالهين جي خبر رکندڙ آهي. (٢) (ان قرآن جو اعلان ڇا آهي؟) اهو ته الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪيو. يقين رکو ته مان (رسول) سندس طرفان اوهان ڏانهن خبردار ڪرڻ وارو ۽ خوشخبري پهچائڻ وارو آهيان. (٣) ۽ هي (اعلان آهي) ته، پنهنجي پروردگار کان معافي گهرو ۽ ڏانهس موٽو. (ائين ڪندؤ ته) هو توهان کي هڪ مقرر وقت تائين زندگيءَ جي فائدن سان بلڪل چڱيءَ طرح نوازيندو ۽ (پنهنجي قانون مطابق) هرهڪ زياده (عمل) ڪرڻ واري کي سندس وڌيڪ ڪوشش جو اجر به ڏيندو. پر جيڪڏهن (خدا پرستي ۽ نيڪ عمليءَ کان) منهن موڙيندؤ ته مون کي ڊپ آهي ته توهان تي عذاب جو وڏو ڏينهن نه اچي وڃي. (٤) اوهان سڀني کي (آخر) الله ڏي ئي موٽڻو آهي ۽ سندس قدرت کان ڪابه ڳالهه ٻاهر ناهي. (٥) (اي پيغمبر!) تون ٻڌي ڇڏ ته، هي ماڻهو پنهنجي سينن کي ڍڪي ويڙهي ٿا ڇڏين، انهيءَ لاءِ ته الله کان لڪن (يعني پنهنجي دلين جون ڳالهيون لڪائين ٿا) پر ياد رکن ته (انسان جي ڪابه ڳالهه خدا کان لڪل ناهي) اهي ماڻهو جڏهن پنهنجا سڀ ڪپڙا پنهنجي مٿان وجهي ڇڏن (تڏهن به لڪي نٿا سگهن). جيڪي هو لڪي لڪي ڪن ۽ جيڪي ظاهرظهور ڪن ٿا سو سڀ الله کي معلوم آهي. هو ته سينن (يعني دلين) جا ڳجهه به ڄاڻندڙ آهي.

    حصو ٻارهون
    (٦) ۽ زمين تي هلڻ وارو ڪوبه ساهه دار ڪونهي جنهن جي روزيءَ جو انتظام الله تي نه هجي ۽ هو نه ڄاڻندو هجي ته سندس رهڻ جي جاءِ ڪٿي آهي، جنهن کي آخر سندس وجود سونپيو ويندو (يعني ڪٿي مرندو وغيره) اهو سڀ ڪجهه ڪتاب ۾ درج ٿيل آهي. (يعني الله تعاليٰ کي چڱيءَ طرح معلوم آهي.) (٧) ۽ اهوئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي ڇهن ايامن ۾ پيدا ڪيو ۽ سندس (حڪومت جي) تخت جي فرمانروائي پاڻيءَ تي هئي ۽ هن لاءِ پيدا ڪيائين ته توهان انسانن کي آزمائي ۽ هيءَ ڳالهه ظاهر ٿي پوي ته ڪير عمل ۾ بهتر آهي. ۽ (اي پيغمبر!) جيڪڏهن تون انهن ماڻهن کي چئين ته توهان کي مرڻ بعد اٿاريو ويندو ته پوءِ جيڪي ماڻهو منڪر آهن سي ضرور چوندا ته هي ته (ڪوڙيون) جادوءَ جهڙيون ڳالهيون آهن. (٨) ۽ جيڪڏهن اسان هنن تان هڪ مقرر وقت تائين عذاب کي ٽاري رکون ته هو ضرور چوندا ته ڪهڙي ڳالهه آهي جا ان عذاب کي روڪي رهي آهي. سو ٻڌي ڇڏيو ته جنهن ڏينهن مٿن عذاب ايندو تنهن ڏينهن پوءِ ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري ڪونه سگهندو ۽ جنهن ڳالهه تي اهي مسخريون ڪري رهيا آهن سان ضرور مٿن اچي ڪڙڪندي.

    رڪوع ٢ آيت 9-تا-24
    جيڪي رڳو دنيا چاهي ٿو تنهن کي سندس ڪوشش آهر دنيا ڏني وڃي ٿي، پر آخرت جي نعمتن کان محروم رهندو.
    (٩) ۽ جيڪڏهن اسان انسان کي پاڻ وٽان رحمت جو مزو چکايون ٿا (يعني ڪا نعمت بخشيون ٿا) ۽ وري اها هٽائي ڇڏيون ٿا ته هو هڪدم مايوس ۽ ناشڪر ٿي وڃي ٿو. (١٠) ۽ جيڪڏهن کيس ڏک پهچي ٿو ۽ ان بعد کيس راحت جو مزو ٿا چکايون ٿا ته پوءِ (هڪدم غافل ٿي وڃي ٿو ۽) چوي ٿو ته هاڻي خرابيون مون کان ڀڄي ويون (هاڻي ڪهڙو غم آهي) حقيقت هيءَ آهي ته انسان (ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين تي) خوشيءِ ۾ ڀرجي وڃي ٿو ۽ ٻٽاڪون هڻڻ لڳي ٿو. (١١) پر جيڪي ماڻهو صبر ڪن ٿا ۽ نيڪ عمل ڪن ٿا تن جو اهو حال ناهي، انهن لاءِ بخشش آهي ۽ تمام وڏو اجر به آهي. (١٢) پوءِ (اي پيغمبر!) تون هيئن ڪندين ڇا ته جيڪو وحي تو ڏي موڪليو ويو آهي، تنهن مان ڪجهه ڳالهيون ڇڏي ڏيندين ۽ ان سبب پنهنجي دل کي ڏک پهچائيندين؟ هن ڪري جو اهي ماڻهو چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (حضرت جن) تي ڪو خزانو (آسمان مان) ڇو نه ٿو لهي اچي يا هن سان گڏ هڪڙو فرشتو ڇو نه ٿو کڙو رهي. (نه، انهن ڳالهين جي ڪري توکي غمگين ٿيڻ نه گهرجي) تنهنجي پوزيشن (منصب) هن کان سواءِ ڪجهه به ناهي ته تون (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو آهين. (توتي اها ذميواري ڪانهي ته ماڻهو تنهنجيون ڳالهيون مڃين) ۽ هر شيءِ تي الله ئي نگهبان آهي. (١٣) پوءِ اهي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته، هن ماڻهوءَ (يعني حضرت جن) قرآن پنهنجي دل مان ٺاهيو آهي. (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته، جيڪڏهن توهان پنهنجي انهيءَ ڳالهه ۾ سچا آهيو ته اهڙيون ڏهه سورتون ٺاهي پيش ڪريو ۽ الله کان سواءِ جنهن کي به توهان پڪاري سگهو ٿا تنهن کي (ان ڪم ۾ مدد ڪرڻ لاءِ) پڪاري وٺو. (١٤) پوءِ جيڪڏهن (توهان جا ٺهرايل معبود) توهان جي پڪار جو جواب نه ڏين (۽ توهان اهڙيون سورتون نه ٺاهي سگهو) ته توهان سمجهي ڇڏيو ته قرآن الله ئي جي علم سان نازل ٿيو آهي. ۽ هيءَ ڳالهه به حق آهي ته هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه معبود ڪونهي، هاڻي ٻڌايو ته، توهان اها ڳالهه قبول ڪيو ٿا ۽ الله جي فرمانبرداري ڪيو ٿا يا نه؟ (١٥) جيڪو (فقط) دنيا جي زندگي ۽ ان جي زينت چاهي ٿو تنهن لاءِ (اسان جو قانون هي آهي ته) سندس ڪوشش ۽ عمل جا نتيجا هتي (هن دنيا ۾) پورا پورا ڏئي ڇڏيون ٿا ۽ هن لاءِ هن دنيا ۾ ڪجهه به گهٽتائي ڪانه ٿي ڪئي وڃي. (١٦) پر (ياد رکو ته) هي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ آخرت (جي زندگيءَ) ۾ (دوزخ جي) باهه کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو. (ڇو ته هو حقيقتن کان منڪر ٿي گناهه جا ڪم به ڪندا هئا). جيڪي به هنن دنيا ۾ ٺاهيو سو سڀ ضايع ٿي ويندو ۽ جيڪي عمل هو ڪندا رهيا آهن سي نابود ٿي ويندا. (١٧) وري ڏسو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي پروردگار جي طرف کان هڪڙو روشن دليل رکندڙ هجي (يعني وجدان ۽ عقل جو فيصلو) ۽ ان سان گڏ هڪڙو شاهد به هن جي طرف کان اچي ويو هجي (يعني الله جو وحي) ۽ ان کان اڳي حضرت موسيٰ جو ڪتاب جو رهنمائي ڪندڙ ۽ سراسر رحمت هو سو به اچي چڪو هجي (۽ تصديق ڪندڙ هجي ته پوءِ به اهڙا ماڻهو انڪار ڪري ٿا سگهن ڇا؟ نه) اهي ماڻهو مٿس ايمان آڻين ٿا ۽ (ملڪ جي مختلف) ٽولين مان جيڪي به ان جا منڪر ٿيا تن بابت يقين رکو ته انهن لاءِ (دوزخ جي) باهه ئي (ٺڪاڻو) آهي، جنهن جي کين واعدو ڪيو ويو آهي. پوءِ (اي پيغمبر!) تون ان باري ۾ ڪنهن به طرح جو شڪ نه آڻ. (يعني قرآن جي دعوت جي ڪاميابي بابت ڪنهن به طرح جو شڪ نه ڪجانءِ) اهو تنهنجي پروردگار جي طرف کان حق ئي حق آهي، پر (افسوس! هيئن ٿو ٿئي جو) اڪثر ماڻهو (سچائيءَ تي) ايمان نٿا آڻين. (١٨) ۽ انهيءَ کان وڌيڪ ظالم ڪير ٿي سگهي ٿو جو ڪوڙ ڳالهائي خدا تي بهتان لڳائي، جيڪي ائين ڪري رهيا آهن، سي پنهنجي پروردگار جي حضور ۾ پيش ڪيا ويندا ۽ ان وقت شاهد شاهدي ڏيندا ته هي اهي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار تي ڪوڙ هنيو هو. سو ٻڌي ڇڏيو ته انهن ظالمن تي الله جي لعنت آهي. (١٩) جيڪي الله جي راهه کان سندس بندن کي روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان ۾ ور وڪڙ ۽ ڏنگائي پيدا ڪن ۽ جي آخرت جا به منڪر آهن. (٢٠) اهي ماڻهو نڪي زمين ۾ (الله کي) عاجز ڪرڻ وارا آهن (يعني الله جي ڪمن کي روڪي ڪين سگهندا) نڪي الله کان سواءِ انهن جو ڪوئي ڪارساز آهي. انهن کي ٻيڻو عذاب ٿيندو. (ڇو ته سندن سرڪشي ۽ ضديت اهڙي ته هئي جو) نڪي حق جي ڳالهه ٻڌي سگهندا هئا، نڪي (حقيقت جي روشني) ڏسي سگهندا هئا. (٢١) اِهي اُهي ماڻهو آهن جن پنهنجون جانيون تباهه ڪيون ۽ (زندگيءَ ۾) جيڪي جيڪي (حق جي خلاف) ڪوڙ ٺاهيائون سي سڀ (آخرت ۾) کانئن گم ٿي ويا. (٢٢) هن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اهي ماڻهو آخرت ۾ سڀني کان زياده تباهه حال ٿيندا. (٢٣) پر جن ماڻهن ايمان آندو ۽ نيڪ عمل ڪيا ۽ پنهنجي پروردگار جي طرف قرار ورتو سي بهشتي آهن ۽ بهشت (جي نعمتن) ۾ هميشه رهڻ وارا آهن. (٢٤) انهن ٻن ٽولين جو مثال اهڙو آهي جيئن هڪڙا انڌا ۽ ٻوڙا ۽ ٻيا ڏسندڙ ۽ ٻڌندڙ، پوءِ ٻڌايو ته ڇا ٻئي ٽوليون برابر ٿي سگهن ٿيون؟ ڇا توهان غور ۽ فڪر به نٿا ڪريو؟ (افسوس!)

    رڪوع ٣ آيت 25-تا-35
    حضرت نوح جا هدايت واسطي پنهنجي قوم کي جتن ۽ قوم جي بيزاري
    (٢٥) ۽ هي حقيقت آهي ته اسان نوح کي سندس قوم ڏي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، (اي منهنجي قوم!) مان توهان کي (انڪار ۽ بدعمليءَ جي نتيجن کان) کليو کلايو خبردار ڪرڻ وارو آهيان. (٢٦) الله کان سواءِ ڪنهن جي به ٻانهپ نه ڪريو. مان ڊڄان ٿو ته متان اوهان تي عذاب جو دردناڪ ڏينهن نه اچي وڃي. (٢٧) تنهن تي قوم جي انهن سردان جن ڪفر جي راهه اختيار ڪئي هئي، چيو ته، اسان تو ۾ هن کان سواءِ ٻي ڪابه ڳالهه ڪانه ٿا ڏسون ته، تون به اسان وانگر هڪڙو انسان آهين ۽ جيڪي ماڻهو تنهنجي پٺيان لڳا آهن، تن ۾ به انهن ماڻهن کان سواءِ ٻيو ڪوبه نٿو ڏسجي جي حقير(۽) ذليل آهن. (يعني جيڪي مسڪين توتي ايمان آڻي رهيا آهن سي اهي آهن جن کي اسان ڌڪاريندا رهيا آهيون ۽ کين نفرت سان ڏسندا رهيا آهيون) ۽ اهي ماڻهو بنا سوچڻ سمجهڻ جي تنهنجي پٺيان لڳي پيا آهن. اسان ته اوهان ماڻهن ۾ پاڻ کان ڪابه بهتري ۽ برتري ڪانه ٿا ڏسون. (يعني اوهان اسان کا ڪنهن به ڳالهه ۾ افضل ڪونه ٿا ڏسجو) بلڪ اسان ته سمجهون ٿا ته توهان ڪوڙا آهيو. (٢٨) (حضرت) نوح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي به غور ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرفان هڪ روشن دليل تي آهيان ۽ هن پاڻ وٽان هڪ رحمت به مون کي بخشي هجي (يعني حق جي راهه ڏيکاري هجي) پر اها رحمت اوهان کي ڏسڻ ۾ نه اچي ته (مان جيڪي ڪري رهيو آهيان تنهن کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ڪري سگهان) ڇا اسان توهان کي زور سان راهه ڏيکاريون، اگرچه توهان ان کان بيزار آهيو؟ (٢٩) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان جيڪي ڪجهه ڪري رهيو آهيان تنهن جي عيوض ۾ توهان کان مال دولت ڪونه ٿو گهران، منهنجي خدمت جي مزدوري فقط الله تي آهي ۽ (هيءَ ڳالهه به سمجهي ڇڏيو ته) جن ماڻهن ايمان آندو آهي (سي اوهان جي نظر ۾ ڪيتروئي ذليل هجن پر) مان ائين ڪرڻ وارو ناهيان جو کين پاڻ وٽان تڙي ڪڍان، هنن کي به پنهنجي پروردگار سان (هڪ ڏينهن) ملڻو آهي (جيڪو اسان سڀني جي عملن جو حساب وٺڻ وارو آهي.) پر (مان توهان کي ڪهڙيءَ طرح سمجهائي باز آڻيان) مان ته ڏسان ٿو توهان اهڙا ماڻهو آهيو جو (حقيقت کان) جاهل آهيو. (٣٠) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! (مون کي ٻڌايو ته) جيڪڏهن مان هنن ماڻهن کي پاڻ وٽان ڪڍان (۽ الله جي طرفان مون کان پڇاڻو ٿئي جنهن الله وٽ عزت جو مدار آهي، ايمان ۽ عمل تي، نه ڪي دولت ۽ دنيائي پوزيشن تي) ته پوءِ الله جي مقابلي ۾ ڪير آهي جو منهنجي مدد ڪندو؟ (افسوس آهي اوهان تي) ڇا توهان غور نٿا ڪيو؟ (٣١) ۽ (ڏسو) مان توهان کي ائين ڪونه ٿو چوان ته مون وٽ الله جا خزانا آهن، نڪي ائين ٿو چوان ته مان غيب جون ڳالهيون ڄاڻان ٿو، نه وري منهنجي هيءَ دعويٰ آهي ته مان فرشتو آهيان. مان هيئن به ڪونه ٿو چوان ته جن ماڻهن کي توهان حقارت جي نظر سان ڏسو ٿا تن کي الله تعاليٰ ڪابه ڀلائي نه ڏيندو (جيئن اوهان جو اعتقاد آهي) الله ئي بهتر ڄاڻي ٿو جيڪي انهن ماڻهن جي دلين ۾ آهي. جيڪڏهن مان (اوهان جي خواهش مطابق) ائين چوان (ته جيئن ئي اهڙي ڳالهه وات مان ڪڍندس) تيئن ئي ظالمن منجهان ٿي پوندس. (٣٢) تنهن تي انهن ماڻهن چيو ته، اي نوح! تو اسان سان بحث ڪيا ۽ گهڻائي بحث ڪري چڪين (هاڻي انهن ڳالهين مان ورندو ڪجهه به ڪين) جيڪڏهن تون سچو آهين ته جنهن ڳالهه جو تو واعدو ڏنو آهي (يعني چيو آهي ته، اوهان تي عذاب ايندو ۽ برباد ٿي ويندؤ) اها آڻي ڏيکار. (٣٣) نوح چيو ته جيڪڏهن الله کي منظور هوندو ته بيشڪ هو اوهان تي اها ڳالهه آڻي ڪڍندو ۽ اوهان کي اها طاقت نه ٿيندي جو (کيس ان ڳالهه کان) عاجز ڪري ڇڏيو (يعني کيس روڪي سگهو). (٣٤) ۽ جيڪڏهن الله جي مشيت (ارادو ۽ خواهش) اها آهي ته اوهان کي تباهه ڪري ته پوءِ مان توهان کي ڪيتري به نصيحت ڪرڻ گهران ته به منهنجي نصيحت ڪجهه به فائدو نه ڪندي، اهوئي اوهان جو پروردگار آهي ۽ ان ڏانهن ئي اوهان کي موٽڻو آهي. (٣٥) (الله جو حڪم ٿيو ته اي نوح!) هي ماڻهو هيئن ٿا چون ڇا ته هن ماڻهو (يعني نوح) پنهنجي دل مان هيءَ ڳالهه (يعني هدايت ۽ وحي جي ڳالهه) گهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي؟ تون چئي ڏي ته جيڪڏهن هيءَ ڳالهه مون گَهڙي ٺاهي ٻڌائي آهي ته منهنجو ڏوهه مون تي آهي ۽ توهان جيڪي گناهه ڪيو ٿا (تن جو بدلو توهان کي ملندو) مان انهن لاءِ ذميوار ڪونه آهيان.

    رڪوع ٤ آيت 36-تا-49
    حضرت نوح جي قوم تي ٻوڏ، سندس پٽ لاءِ سفارش. پر الله تعاليٰ کيس فرمايو ته، هو تنهنجو ناهي ڇو ته هو بدعمل آهي.
    (٣٦) ۽ حضرت نوح کي وحي ڪيو ويو ته تنهنجي قوم مان جن ماڻهن ايمان آندو آهي تن کان سواءِ هاڻي ٻيو ڪوبه ايمان نه آڻيندو، پوءِ جيڪي اهي (ڪافر) ڪري رهيا آهن، تنهن تي (اجايو) ڏک ۽ غم نه ڪر. (٣٧) ۽ (حضرت نوح عليه السلام کي خدا فرمايو ته) اسان جي نظرداريءَ هيٺ ۽ اسان جي حڪم مطابق هڪڙي ٻيڙي ٺاهڻ شرع ڪري ڏي، ۽ هنن ظالمن جي باري ۾ هاڻي اسان کي ڪجهه به عرض معروض نه ڪر. يقيناً اهي ماڻهو غرق ٿيڻ وارا آهن. (٣٨) تنهن تي حضرت نوح عليه السلام ٻيڙي ٺاهڻ لڳو ۽ جڏهن جڏهن سندس قوم جا (هٺيلا) سردار وٽائنس لنگهندا هئا تڏهن (کيس ٻيڙي ٺاهڻ ۾ مشغول ڏسي) مسخريون ڪرڻ لڳندا هئا. حضرت نوح کين چوندو هو ته، توهان مون تي ٽوڪون ٿا ڪيو ته (ڀلي ڪيو) اهڙيءَ ئي طرح اسان به (توهان جي بيوقوفين تي هڪڙي ڏينهن) کِلنداسين. (٣٩) اهو وقت پري ناهي جڏهن اوهان کي معلوم ٿي ويندو ته اهو ڪير آهي جنهن تي اهڙو عزاب ايندو جو کيس خوار خراب ڪندو ۽ وري (آخرت ۾ به) دائمي عذاب مٿس نازل ٿيندو. (٤٠) (هي سڀ ڪجهه يعني مسخري وغيره ٿيندي رهي) تان جو جڏهن وقت اچي ويو ته ان جي (مقرر ڪيل) ڳالهه ظهور ۾ اچي ۽ (فطرت جو) تنور جوش ۾ آيو تڏهن اسان (حضرت نوح عليه السلام کي) حڪم ڏنو ته هر قسم (جي جانورن) جا ٻه ٻه جوڙا ٻيڙيءَ ۾ چاڙهه ۽ پنهنجي اهل عيال کي به پاڻ سان گڏ وٺي هل، پر اهل عيال ۾ اهي ماڻهو داخل ناهن جن بابت اڳ ئي چيو ويو آهي (ته غرق ٿيڻ وارا آهن) پڻ انهن ماڻهن کي به پاڻ سان کڻ جن ايمان آندو آهي ۽ نوح سان گڏ ايمان ڪونه آندو هئائون، سواءِ ڪن ٿورن ماڻهن جي. (٤١) ۽ (حضرت نوح سنگتين کي) چيو ته، ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيو. الله جي نالي سان ان ٻيڙيءَ کي هلڻو آهي ۽ الله ئي جي نالي سان ان کي بيهڻو آهي. بيشڪ منهنجو پروردگار بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهي. (٤٢) ۽ (ڏسو) اهڙين لهرن ۾ جي جبلن وانگر اٿن ٿيون ٻيڙي انهن (ماڻهن) کي کڻي وڃي رهي آهي ۽ حضرت نوح عليه السلام پنهنجي پٽ کي سڏ ڪيو جو ڪناري وٽ بيٺو هو ۽ چيائين ته، اي منهنجا پٽ! اسان سان ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿيءُ ۽ ڪافرن سان نه رهي پئو. (٤٣) هن چيو ته، مان ڪنهن جبل تي پناه وٺندس، جو مون کي پاڻيءَ (۾ ٻڏڻ) کان بچائي وٺندو. حضرت نوح چيس ته، (تون ڪهڙي خام خيال ۾ گرفتار ٿي ويو آهين) اڄ الله جي (ٺهرايل) ڳالهه کان بچائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سواءِ ان جي جنهن تي الله پاڻ رحم ڪري ۽ (ڏسو) ٻنهي جي وچ ۾ هڪڙي لهر اچي ويئي. پوءِ هو انهن مان ٿيو جيڪي ٻڏڻ وارا هئا. (٤٤) ۽ (پوءِ الله جو) حڪم ٿيو ته، اي زمين پنهنجو پاڻي پئي ڇڏ ۽ اي آسمان برسات کي بند ڪر، پوءِ پاڻي لهي ويو ۽ حادثي پڄاڻي ڪئي ۽ ٻيڙي جودي جبل تي بيهي رهي. ۽ (الله جو) فيصلو ٿيو ته نامرادي ۽ ناڪامي انهن ماڻهن لاءِ آهي جيڪي ظالم آهن. (٤٥) ۽ نوح عليه السلام پنهنجي پروردگار کان دعا گهري ۽ چيو ته، اي منهنجا پروردگار! منهنجو پٽ ته منهنجي گهر جي ماڻهن مان آهي ۽ يقيناً تنهنجو واعدو سچو آهي. توکان بهتر فيصلي ڪرڻ وارو ڪوبه ڪونهي. (٤٦) (خدا) فرمايو ته، اي نوح! هو تنهنجي گهرجي ماڻهن مان ناهي. هو ته سراسر بدعمل آهي. پوءِ جنهن حقيقت جو توکي علم ناهي تنهن بابت سوال نه ڪر، مان توکي نصيحت ٿو ڪيان ته جاهلن مان نه ٿيءُ. (٤٧) (نوح) عرض ڪيو ته، اي منهنجا رب! مان هن ڳالهه کان تنهنجي پناه ٿو گهران ته اهڙيءَ ڳالهه جو سوال ڪيان جنهن جي حقيقت جو علم مون کي ڪونهي، جيڪڏهن تون مون کي نه بخشين ۽ رحم نه ڪرين ته مان انهن ماڻهن منجهان ٿي پوندس جيڪي نقصان هيٺ آيا ۽ تباهه ٿي ويا. (٤٨) حڪم ٿيو ته، اي نوح! هاڻي ٻيڙيءَ مان لهه. اسان جي طرفان توتي سلامتي ۽ برڪتون هجن، پڻ انهن جماعتن تي جي توسان آهن ۽ ٻيون ڪيتريون ئي جماعتون (پوءِ اچڻ واريون) آهن جن کي اسان (زندگيءَ جي فائدن سان) حصيدار ڪنداسين. پر پوءِ کين (بدعملن جي بدلي ۾) اسان جي طرف کان دردناڪ عذاب پهچندو. (٤٩) (اي پيغمبر!) اهي غيب جي خبرن مان آهن جي اسان وحي جي ذريعي توکي ٻڌائي رهيا آهيون هن کان اڳي اهي ڳالهيون نڪي تون ڄاڻندو هئين نڪي تنهنجي قوم. پوءِ (تون به) صبر ڪر ۽ استقامت رک (۽ پنهنجي فرض ادائي ۾ ثابت قدم رهه ۽ منڪرن جي جهل ۽ شرارتن جي ڪري دلگير نه ٿيءُ) بيشڪ (ڪامياب) پڇاڙي انهن لاءِ آهي جيڪي متقي آهن.

    رڪوع ٥ آيت 50-تا-60
    حضرت هود جو پنهنجي قوم کي نصيحت ڪرڻ ۽ سمجهائڻ
    (٥٠) ۽ اسان عاد (قوم) ڏي سندس برادريءَ مان حضرت هود کي پيغمبر ڪري موڪليو، حضرت هود کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو. کانئس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود (يا حاڪم يا بادشاهه) ڪونهي، يقين ڪريو ته توهان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيو ته (حقيقت جي خلاف) ڪوڙا ٺاهه ٺاهيندڙ آهيو. (٥١) اي منهنجي قوم جا ماڻهو! مان هن ڳالهه جي لاءِ توهان کان ڪو عيوضو (يا انعام) ڪونه ٿو گهران. منهنجي بدلو يا اجر ته انهيءَ تي آهي جنهن مون کي پيدا ڪيو. پوءِ ڇا توهان اهڙي صاف ڳالهه به) نٿا سمجهو. (٥٢) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! پنهنجي پروردگار کان (پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي) مغفرت (يعني معافي) گهرو ۽ (آئنده جي لاءِ) سندس حضور ۾ توبه ڪيو. هو توهان جي لاءِ مينهن وسائيندڙ ڪڪر موڪلي ٿو (جن سان توهان جون پوکون ۽ باغ سرسبز ٿين ٿا) ۽ توهان جي قوتن ۾ نيون نيون قوتون وڌائي ٿو. (جنهن ڪري ترقيون ڪري رهيا آهيو) ۽ (ڏسو) ائين نه ٿئي جو گناهه ڪري (حق ۽ حقيقت کان) منهن موڙي ڇڏيو. (٥٣) (هنن ماڻهن) چيو ته، اي هود! تون اسان وٽ ڪو (مضبوط) دليل ته ڪونه کڻي آيو آهين ۽ اسان تنهنجي چوڻ تي پنهنجي معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڪونه ڏينداسين. اسان توتي ايمان آڻڻ وارا هرگز نه آهيون. (٥٤) اسان جيڪي به چئي سگهون ٿا، سو هي آهي ته اسان جي معبودن مان ڪنهن معبود جي توتي مار پئي آهي يا پٽ لڳي آهي (تنهن ڪري اهڙيون ڳالهيون ٿو ڪرين). (تنهن تي) هود چيو ته، مان الله کي شاهد ٿو ڪريان ۽ اوهان به شاهد رهو ته جن هستين کي توهان خدا سان شريڪ ٺهرايو آهي تن کان مان بيزار آهيان. (٥٥) توهان سڀ گڏجي منهنجي خلاف جيڪي به تدبيرون ڪري سگهو ٿا سي ضرور ڪيو ۽ مون کي (ڪجهه به) مهلت نه ڏيو (پوءِ ڏسو ته نتيجو ڇا ٿو نڪري). (٥٦) منهنجو ڀروسو الله تي آهي جو منهنجو به پروردگار آهي ۽ اوهان جو به. ڪوبه چرندڙ ساهه وارو ڪونهي جو سندس قبضي کان ٻاهر هجي. منهنجو پرورگار (حق ۽ عدل جي) سڌي واٽ تي آهي (يعني سندس راهه ظلم جي راهه ٿي نٿي سگهي.). (٥٧) پوءِ جيڪڏهن (تنهن هوندي به) توهان منهن موڙيو ته (ياد رکو ته) جنهن ڳالهه لاءِ مون کي پيغمبر ڪري موڪليو ويو آهي، سا ڳالهه مون پهچائي (ان کان وڌيڪ منهنجي اختيار ۾ ڪجهه به ناهي) ۽ (مون کي ته هيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي ته) منهنجو پروردگار (توهان کي برباد ڪري) ڪنهن ٻي قوم کي توهان جي جاءِ ڏيندو، ۽ توهان سندس ڪجهه به (ڪم) بگاڙي نه سگهندؤ. يقيناً منهنجو پروردگار هر شيءِ تي نگهبان آهي. (٥٨) ۽ (ڏسو) جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان پنهنجي رحمت سان هود کي بچائي ورتو ۽ انهن ماڻهن کي به بچائي ورتو جن ساڻس گڏ (سچائي تي) ايمان آندو هو، ۽ اهڙي عذاب کان بچايو جو وڏو سخت عذاب هو. (٥٩) هي آهي بيان عاد قوم جو. هنن پنهنجي پروردگار جون نشانيون (تڪبر ۽ خود غرضيءَ کان) ڪوڙيون ٺهرايون ۽ سندس رسولن جي نافرماني ڪئي ۽ هرهڪ تڪبر ڪندڙ سرڪش جي حڪم جي پيروي ڪئي. (٦٠) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) دنيا ۾ هنن تي لعنت وسي (يعني الله جي رحمت جي برڪتن کان محروم رهيا.) ۽ قيامت جي ڏينهن به (مٿن لعنت پيئي) سو ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته عاد جي لاءِ محروميءَ جو اعلان ٿيو جا هود جي قوم هئي.

    رڪوع ٦ آيت 61-تا-68
    حضرت صالح جو پنهنجي قوم ثمود کي وعظ ڪرڻ. انڪار ۽ نافرماني سبب سندن تباهه ٿيڻ. حضرت صالح ۽ مؤمنن جو بچڻ.
    (٦١) ۽ اسان ثمود قوم ڏانهن سندس برادريءَ مان حضرت صالح کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪيو. کائنس سواءِ اوهان جو ڪوبه معبود ڪونهي. (جنهن جي ٻانهپ ڪجي) اهوئي آهي جنهن اوهان کي زمين مان پيدا ڪيو ۽ وري ان ۾ ئي اوهان کي رهايو. (يعني زمين کي اوهان سان آباد ڪيو ۽ رونق ڏني) پوءِ اوهان کي گهرجي ته کانئس بخشش گهرو ۽ سندس طرف رجوع ٿي زندگي بسر ڪريو. يقين رکو ته منهنجي پروردگار (هرهڪ کي) ويجهڙو آهي ۽ (هرهڪ جي) دعائن جو جواب ڏيندڙ آهي. (٦٢) ماڻهن چيو ته، اي صالح! هن کان اڳي ته تون اهڙي (اعليٰ دل ۽ دماغ وارو) ماڻهو هئين جو اسان سڀني جون تو ۾ ڏاڍيون اميدون هيون، پوءِ ڇا تون اسان کي روڪين ٿو ته انهن معبودن (ديوتائن) جي پوڄا نه ڪريون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن. (هيءَ ڪهڙي ڳالهه آهي؟) اسان کي به انهيءَ ڳالهه ۾ وڏو شڪ آهي، جنهن جي اسان کي دعوت ڏئي رهيو آهين ۽ جنهن کي اسان جون دليون قبول ئي نٿيون ڪن. (٦٣) صالح چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! اوهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته جيڪڏهن مان پنهنجي پروردگار جي طرف کان (مليل) روشن دليل تي به هجان (يعني خدا مون کي صحيح عقل به ڏنو هجي) ۽ پوءِ به مان سندس حڪم جي انحرافي ڪريان ۽ نافرماني ڪريان ته پوءِ ڪير آهي جو الله جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪندو. (توهان جو مون کي چئو ٿا ته ابن ڏاڏن جي رسمن خلاف خدا جو حڪم ڇڏي ڏيان، سو) توهان مون کي ڪو فائدو نه ٿا پهچايو، پر اٽلندو نقصان ۽ تباهيءَ جي طرف وٺي وڃڻ ٿا چاهيو. (٦٤) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ڏسو، هي الله جي ڏاچي (يعني سندس نالي تي ڇڏي ڏنل ڏاچي) توهان جي لاءِ هڪ (فيصلو ڪندڙ) نشاني آهي. پوءِ ان کي ڇڏي ڏيو ته الله جي زمين تي چرندي وتي. ان کي ڪنهن به قسم جو ايذاءُ نه پهچائجو، نه ته هڪدم اوهان تي عذاب اچي ڪڙڪندو. (٦٥) پر ماڻهن (زياده ضد ۾ اچي) ان کي ماري ڇڏيو. تڏهن حضرت صالح کين چيو ته، (هاڻي توهان کي فقط) ٽن ڏينهن (جي مهلت آهي) پنهنجي گهرن ۾ کائي پي وٺو. هيءَ (خدائي) واعدو آهي، هرگز ڪوڙو نه ٿيندو. (٦٦) پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن اسان صالح کي ۽ انهن کي، جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو، پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ ان ڏينهن جي خواري ۽ خرابيءَ کان ڇوٽڪارو ڏنو. (اي پيغمبر!) بيشڪ تنهنجو پرورگار ئي آهي جو قوت وارو ۽ سڀني تي غالب آهي. (٦٧) ۽ جن ماڻهن ظلم ڪيو هو تن کي هڪ وڏي زورواري ڪڙڪي اچي پڪڙيو. جڏهن صبح ٿيو، تڏهن سڀ پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا. (٦٨) (۽ هو اهڙو اوچتو مري ويا) گويا انهن گهرن ۾ ڪڏهن رهيائي ڪونه هئا، سو ٻڌي ڇڏيو ته ثمود قوم پنهنجي پروردگار جي ناشڪري ڪئي ۽ پڻ ٻڌي ڇڏيو ته ثمود جي قوم (هر طرح جي نعمتن کان) محروم رهي.

    رڪوع ٧ آيت 69-تا-83
    لوط جي قوم جي شهرن تي بدعملي جي ڪري پٿرن جو مينهن وسيو ۽ تباهه ٿي ويا.
    (٦٩) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان جا موڪليل (فرشتا) حضرت ابراهيم وٽ خوشخبري کڻي آيا. هنن چيو ته اوهان تي سلامتي هجي. ابراهيم چيو ته، توهان تي به سلامتي هجي. پوءِ حضرت ابراهيم هڪدم هڪڙو ڀڳل گابو کڻي آيو (۽ کائڻ لاءِ سندن اڳيان رکيائين جو کين رواجي مهمان سمجهيو هئائين.) (٧٠) پوءِ جڏهن ڏٺائين ته هنن جا هٿ طعام ڏي نٿا وڌن تڏهن هنن جي باري ۾ بدگمان ٿيو ۽ دل ۾ ڊنو (ته هيءَ الاجي ڪهڙي ڳالهه آهي.) (پر) هنن چئي ڏنو ته ڊڄ نه، اسان ته (الله جي طرف کان) لوط جي قوم ڏانهن موڪليا ويا آهيو. (٧١) ۽ سندس گهرواري (ساره) به (تنبوءَ ۾) بيٺي (ٻڌي رهي) هئي. هوءَ کلي ويٺي (ڇو ته پهريون انديشو لهي ويس ۽ خوش ٿي) پوءِ اسان کيس (پنهنجي فرشتن هٿان) اسحاق (جي پيدا ٿيڻ) جي خوشخبري ڏني ۽ هن ڳالهه جي ته اسحاق کان پوءِ يعقوب جو ظهور ٿيندو. (٧٢) هن چيو ته، افسوس مون تي! ڇا هيئن به ٿي ٿو سگهي ته مون کي اولاد ٿئي جڏهن ته مان گهڻي ٻڍڙي ٿي وئي آهيا، ۽ هيءُ منهنجو مڙس (حضرت ابراهيم عليه ا لسلام) به پوڙهو ٿي چڪو آهي. هيءَ ته وڏي عجب جي ڳالهه آهي. (٧٣) هنن چيو ته، ڇا تون الله جي ڪمن تي عجب ٿي کائين. اوهان تي الله جي رحمت ۽ برڪتون هجن اي (ابراهيم عليه السلام جي) گهر جا ماڻهو (سندس فضل ۽ ڪرم لاءِ هيءَ ڪا وڏي ڳالهه ڪانهي) بيشڪ اهوئي آهي جو سڀني ڪامل صفتن سان موصوف آهي ۽ اهو ئي آهي جنهن جي لاءِ هر طرح جي بزرگي ۽ شان آهي. (٧٤) پوءِ جڏهن حضرت ابراهيم جي دل مان انديشو دور ٿي ويو ۽ کيس خوشخبري ملي تڏهن هو لوط جي قوم جي باري ۾ اسان سان جهڳڙو ڪرڻ لڳو. (يعني اسان جي فرشتن کان هر هر سوال پڇڻ لڳو ته ايندڙ بلا لوط جي قوم تان ٽري وڃي). (٧٥) حقيقت اها آهي ته، حضرت ابراهيم وڏو بردبار، تمام نرم دل ۽ (هر حال ۾) الله جي طرف رجوع ٿي رهڻ وارو هو. (٧٦) (اسان جي فرشتن کيس چيو ته) اي ابراهيم، هاڻي هن ڳالهه جو خيال ڇڏي ڏي. تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه اچي وئي آهي ۽ هنن ماڻهن تي عذاب اچي رهيو آهي. جو ڪنهن به طرح ٽرڻ وارو ناهي. (٧٧) ۽ جڏهن اسان جا فرشتا حضرت لوط وٽ پهتا تڏهن هو سندن اچڻ تي خوش ڪونه ٿيو ۽ سندن موجودگيءَ کيس پريشان ڪري وڌو، هن چئي ڏنو ته اڄوڪو ڏينهن وڏي مصيبت جو ڏينهن آهي. (٧٨) ۽ سندس قوم جا ماڻهو (ڌارين جي اچڻ جي خبر ٻڌي) ڊوڙندا (وٽس) آيا. هو اڳ ئي بڇڙن (فاحش) ڪمن ڪرڻ جا عادي ٿي ويا هئا. حضرت لوط کين چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! هي (شهر ۾ رهندڙ زالون) منهنجون نياڻيون آهن (يعني حضرت لوط کين پنهنجي ڌيئرن وانگر ڀائيندو هو ۽ کين سندن مردن ڇڏي ڏنو هو) اهي (زالون) اوهان جي لاءِ جائز ۽ پاڪ آهن. پوءِ (انهن ڏي وڃو ۽ بي شرميءَ جا ڪم ڇڏي ڏيو) الله کان ڊڄو منهنجي مهمانن جي باري ۾ مون کي شرمندو ۽ خوار نه ڪيو. ڇا اوهان ۾ ڪو هڪڙو به چڱو مڙس ڪونهي؟ (٧٩) هنن (خبيث) ماڻهن چيو ته توکي ته خبر آهي ته تنهنجي انهن نياڻين سان اسان جو ڪوبه واسطو ڪونهي ۽ توکي چڱيءَ طرح معلوم آهي ته اسان ڇا ڪرڻ چاهيون ٿا. (٨٠) حضرت لوط چيو ته، شال ائين هجي ها جو مون کي اوهان جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت هجي ها، يا ڪو مضبوط سهارو (ڪنهن جماعت جي مددگاري) هجي ها جنهن جو آسرو يا پناهه يا مدد وٺي سگهان ها! (٨١) (تڏهن) انهن مهمانن (يعني فرشتن) چيو ته، اي لوط! اسان تنهنجي پروردگار جا موڪليل آهيو. (گهٻرائڻ جي ڳالهه ئي ڪانهي) هي ماڻهو ڪڏهن به تو وٽ پهچي نه سگهندا (جو توکي ايذاءُ ڏين يا توتي غالب پون). تون هيئن ڪر جو جڏهن رات جو هڪ حصو گذري وڃي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن کي پاڻ سان وٺي نڪري هليو وڃ ۽ اوهان مان ڪوبه هيڏي هوڏي نه ڏسي (يعني ڪنهن به ڳالهه جو فڪر نه ڪري)، پر تنهنجي گهرواري (تو سان گڏ نه هلندي. هو پٺتي رهجي پوندي ۽) جيڪو هنن ماڻهن تي (حادثو) اچڻو آهي سو مٿس به (يعني تنهنجي زال تي به) ايندو. انهن ماڻهن جي لاءِ عذاب جو مقرر وقت صبح آهي ۽ صبح جي اچڻ ۾ ڪا دير ڪانهي. (٨٢) پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو تڏهن (اي پيغمبر!) اسان ان (آباديءَ) جون سڀ بلنديون (يعني بلند عمارتون) هيٺاهينءَ ۾ بدلائي ڇڏيون (يعني ڪيرائي زمين جي برابر هموار ڪري ڇڏيون) ۽ انهن (علائقن) تي باهه ۾ پڪل پٿر لاڳيتا وسايا. (٨٣) جي پٿر تنهنجي پروردگار جي حضور ۾ (انهيءَ مطلب لاءِ) نشان ڪيا ويا هئا. اها بستي ۽ علائقا هنن ظالمن (يعني مڪي جي شريرن) کان پري ڪونه آهن (اهي مڪي جا ظالم پنهنجي مسافريءَ وقت اتان لنگهندا رهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ان مان عبرت وٺي سگهن ٿا.)

    رڪوع ٨ آيت 84-تا-95
    نافرمانين جي ڪري مدين جي ماڻهن تي اهڙو آواز اچي ڪڙڪيو جو صبح جي وقت اونڌا ٿيا پيا هئا.
    (٨٤) ۽ اسان مدين (قبيلي) ڏانهن سندن ڀاءُ حضرت شعيب کي پيغمبر ڪري موڪليو. هن چيو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! الله جي ٻانهپ ڪريو، کائنس سواءِ ڪوبه اطاعت لائق ڪونهي ۽ ماپ ۽ تور ۾ گهٽتائي نه ڪريو. مان ڏسي رهيو آهيان ته توهان خوشحال ۽ آسودا آهيو (يعني خدا توهان کي گهڻوئي رزق ڏنو آهي، پوءِ بي شڪريءَ کان پاڻ کي بچايو) مان ڊڄان ٿو ته توهان تي اهڙو عذاب جو ڏينهن نه اچي ڪڙڪي، جو سڀني تي ڇانئجي وڃي. (٨٥) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ماپ ۽ تور انصاف سان پوري پوري ڪندا ڪريو ۽ ماڻهن کي سندن شيون (سندن حق کان) گهٽ نه ڏيو. ملڪ ۾ شرارت ۽ فساد نه پکيڙيندا وتو. (٨٦) جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه مڃي ته پوءِ جيڪي الله جو ڏنل (ڌنڌي ۾) بچي پوي، تنهن ۾ ئي توهان جي ڀلائي آهي ۽ ڏسو (منهنجو ڪم ته فقط نصيحت ڪرڻ آهي.) مان ڪو توهان تي نگهبان ڪونه آهيان (جو زور سان اوهان کي پنهنجي راهه تي هلايان). (٨٧) ماڻهن چيو ته، اي شعيب! تنهنجون اهي نمازون (جي تون پنهنجي خدا جي لاءِ پڙهين ٿو) توکي هي حڪم ٿيون ڏين ڇا ته، اسان کي اچي چئين ته هنن معبودن (ديوتائن) کي ڇڏي ڏيون جن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا رهيا آهن؟ يا (اسان کي اچي چئين ته) توهان کي اهو اختيار ڪونهي ته توهان پنهنجي مال دولت بابت جيئن وڻيو تيئن ڪيو؟ (اسان کي بيشڪ پنهنجي مال بابت اختيار آهي) بس رڳو تون ئي هڪ نرم دل ۽ ايماندار ماڻهو وڃي رهيو آهين؟ (٨٨) حضرت شعيب چيو ته، اي منهجي قوم جا ماڻهو! توهان هن ڳالهه تي غور نه ڪيو آهي ڇا ته، جيڪڏهن مون کي الله جي طرف کان هڪ روشن دليل مليل هجي ۽ (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) مون کي چڱي روزي ڏيئي رهيو هجي ۽ (ته پوءِ به مان چپ ڪري ويهي رهان ۽ توهان کي حق جي طرف نه سڏيان) ۽ مان ائين به ڪونه ٿو چاهيان ته جنهن ڳالهه کان توهان کي روڪيان ٿو تنهن کان توهان کي ته روڪيان پر پاڻ ان جي خلاف عمل ڪيان. (مان جيڪي توهان کي چوان ٿو تنهن تي پاڻ به عمل ڪيان ٿو). مان هن کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو چاهيان ته جيتري قدر منهنجي وس ۾ آهي اوتري قدر حالتن سڌارڻ جي ڪوشش ڪريان، منهنجو ڪم جيڪڏهن سرانجام ٿيڻو آهي ته فقط انهيءَ تي ڀروسو ٿو ڪيان ۽ انهيءَ ئي ڏانهن رجوع ٿو ٿيان. (٨٩) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! ائين نه ٿئي جو مون سان ضد ۾ اچي (يعني ذاتي دشمنيءَ جي ڪري) اهڙي ڳالهه ڪري ويهو جو توهان تي به اهڙو عذاب اچي ڪڙڪي جهڙو نوح جي قوم يا هود جي قوم يا صالح جي قوم تي اچي نازل ٿيو. ۽ لوط جي قوم (وارو معاملو) ته توهان کان گهڻو پري ناهي (يعني اهو ٻين کان پوءِ ٿيو آهي ۽ اوهان سڀني کي معلوم آهي. تنهن ڪري عبرت وٺو.) (٩٠) ۽ الله کان (پنهنجي گناهن جي) معافي گهرو ۽ سندس طرف موٽو. منهنجو پروردگار وڏي رحمت وارو ۽ وڏي محبت وارو آهي (هو اوهان تي رحمت ڪندو ۽ اوهان سان محبت رکندو). (٩١) ماڻهن چيو ته اي شعيب! تون جيڪي به چئين ٿو تنهن مان گهڻيون ڳالهيون ته اسان جي سمجهه ۾ ئي نه ٿيون اچن، ۽ اسان ڏسون ٿا ته تون اسان ماڻهن ۾ هڪ ڪمزور ماڻهو آهي. جيڪڏهن (توسان) تنهنجي برادريءَ جا ماڻهو شامل نه هجن ها ته اسان ضرور توکي سنگسار ڪري ڇڏيون ها (يعني پٿر هڻي ماريون ها) اسان جي اڳيان تنهنجي ڪابه هلندي پڄندي يا طاقت ڪانهي. (٩٢) حضرت شعيب فرمايو ته، اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان تي الله کان وڌيڪ منهنجي برادريءَ جو دٻاءُ آهي ڇا؟ (يعني الله جو ايترو به خيال نٿا رکو جيترو منهنجي برادريءَ جو) ۽ (الله توهان جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي جو) هن (جي حڪم) کي پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿو. (چڱو ٻڌي ڇڏيو ته) جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو منهنجي پروردگار جي احاطه (علم) کان ٻاهر ناهي. (يعني الله تعاليٰ اوهان جا عمل ڄاڻي ٿو ۽ ضرور انهن جو حساب وٺندو.) (٩٣) ۽ اي منهنجي قوم جا ماڻهو! توهان پنهنجي جاءِ تي ڪم ڪندا رهو. مان به (پنهنجي جاءِ تي) عمل ۾ سرگرم آهيان، (يعني پنهنجي فرض ادائي ڪندو رهندس) تمام جلد اوهان کي معلوم ٿيندو ته ڪنهن تي ٿو عذاب اچي جو ان کي خوار خراب ڪري ۽ ڪير سچ پچ ڪوڙو آهي. ترسو، مان به توهان سان گڏ ترسان ٿو. (٩٤) ۽ پوءِ جڏهن اسان جي (ٺهرايل) ڳالهه جو وقت اچي ويو (تڏهن ڇا ٿيو جو) اسان شعيب کي ۽ انهن کي جن ساڻس گڏ ايمان آندو هو پنهنجي رحمت سان بچائي ورتو ۽ جيڪي ماڻهو ظالم هئا تن کي هڪ سخت آواز اچي پڪڙ ڪئي. پوءِ جڏهن صبح ٿيو تڏهن (ڏٺو ويو ته) اهي پنهنجي پنهنجي گهرن ۾ اونڌا ٿيا پيا هئا. (٩٥) (اهي اهڙو ته اوچتو تباهه ٿي ويا جو) گويا هو ڪڏهن به انهن گهرن ۾ رهيائي ڪون هئا. سو ٻڌي ڇڏيو ته مدين جي قبيلي جي لاءِ به اهڙي ئي محرومي ۽ ناڪاميابي رهي جهڙي ثمود جي قوم لاءِ ٿي هئي.

    رڪوع ٩ آيت 96-تا-109
    هنن پاڻ تي ظلم ڪيو، خدا ته عادل ۽ رحيم آهي.
    (٩٦) ۽ اسان موسيٰ کي پنهنجي نشانين ۽ چٽيءَ سَندَ سان پيغمبر ڪري موڪليو. (٩٧) فرعون ۽ سندس سردارن ڏانهن، پر اُهي سردار فرعون جي ڳالهه تي هليا، ۽ فرعون جي ڳالهه سچائي ۽ سڌائي جي ڳالهه نه هئي. (٩٨) قيامت جي ڏينهن هو (يعني فرعون) پنهنجي قوم جي اڳيان هوندو (جهڙيءَ طرح دنيا ۾ به گمراهيءَ ۾ سڀني کان اڳ ۾ هو) ۽ هنن کي دوزخ ۾ پهچائيندو، پوءِ ڏسو ته ڪهڙي نه بڇڙي پهچڻ جي جاءِ آهي اها جتي هو پهچندا. (٩٩) ۽ هن دنيا ۾ به لعنت سندن پٺيان لڳي (جو سندن بدنامي پئي ڳائجي) ۽ قيامت ۾ به (جتي آخرت جي عذاب جا حقدار ٿيا) سو ڏسو ته ڪهڙو نه بڇڙو بدلو آهي جو سندن حصي ۾ آيو. (١٠٠) (اي پيغمبر!) هي (اڳوڻين) آبادين جي خبرن مان ڪن جو بيان آهي جو اسان توکي ٻڌائي رهيا آهيون، انهن مان ڪي ته هن وقت تائين قائم آهن ۽ ڪي بلڪل اجڙي ويون. (١٠١) ۽ اسان مٿن ظلم ڪونه ڪيو. بلڪ خود هنن ئي پاڻ تي ظلم ڪيو. سو (ڏس ته) جڏهن تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل ڳالهه) اچي ويئي تڏهن هنن جا اهي معبود ڪنهن به ڪم نه آيا، جن کي الله کان سواءِ (يعني الله کي ڇڏي) پڪاريندا هئا. انهن (کين) ڪجهه به فائدو ڪونه پهچايو. اٽلندو سندن تباهيءَ جو باعث ٿيا. (١٠٢) ۽ تنهنجي پروردگار جي پڪڙ اهڙي ئي ٿيندي آهي جڏهن هو انساني آبادين کي ظلم ڪندي پڪڙيندو آهي. (يعني جڏهن ماڻهو ظلم ڪندا آهن ۽ الله تعاليٰ سندن ظلمن جي ڪري کين پڪڙ ڪندو آهي) يقيناً سندس پڪڙ ڏاڍي دردناڪ ۽ سخت هوندي آهي. (١٠٣) بيشڪ هن ڳالهه ۾ انهيءَ ماڻهوءَ لاءِ وڏي عبرت رکيل آهي، جيڪو آخرت جي عذاب جو خوف رکندڙ هجي. هي (آخرت جو ڏينهن) اهو ڏينهن آهي جڏهن سڀ انسان هڪ هنڌ گڏ ڪيا ويندا ۽ هي اهو ڏينهن آهي جنهن جو نظارو ڪيو ويندو. (١٠٤) ۽ اسان انهيءَ ڏينهن کي پٺتي نه رکيو آهي، پر فقط هن لاءِ ته هڪ مقرر وقت تي ان جو ظهور ٿئي. (١٠٥) جڏهن اهو ڏينهن اچي ويندو تڏهن ڪنهن کي به مجال نه ٿيندو جو الله جي اجازت کان سواءِ زبان کولي (۽ ڳالهائي) پوءِ (انهيءَ ڏينهن انسانن جا ٻه قسم هوندا) ڪي اهڙا هوندا جن جي لاءِ محرومي آهي ۽ ڪي اهڙا جن لاءِ سعادت آهي. (١٠٦) سو جيڪي ماڻهو محروم رهيا سي دوزخ ۾ هوندا ۽ هنن لاءِ اتي روئڻ ۽ رڙيون ڪرڻ هوندو. (١٠٧) هو انهيءَ (روڄ راڙي جي حالت ۾ ) رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن. (۽ ان جي خلاف ڪجهه نه هوندو) سواءِ هن صورت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. بيشڪ تنهنجو پروردگار پنهنجن ڪمن ۾ اختيار وارو آهي. جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو. (١٠٨) ۽ جن ماڻهن سعادت (ڪامراني) حاصل ڪئي سي بهشت ۾ هوندا ۽ ان ۾ ئي رهندا جيستائين ڪه زمين ۽ آسمان قائم آهن (ان جي خلاف ڪجهه ٿيڻوئي ناهي) سواءِ ان حالت جي جو تنهنجو پروردگار (ٻيءَ طرح) چاهي. اها (سعيدن سڀاڳن لاءِ) بخشش آهي جا هميشه لاءِ جاري رهڻ واري آهي. (١٠٩) پوءِ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو جيڪي (خدا کان سواءِ ٻين هستين جي) بندگي ٿا ڪن تن جي باري ۾ توکي ڪوبه شڪ نه هئڻ گهرجي (هو ضرور پنهنجو ڪيتو لوڙيندا) اهي اهڙيءَ ئي طرح بندگي ڪري رهيا آهن، جهڙيءَ طرح کانئن اڳي سندن ابا ڏاڏا ڪندا رهيا آهن. ضرور هيئن ٿيڻو آهي ته اسان هنن (جي عملن جي نتيجن) جو حصو هنن کي پورو پورو ڏينداسين، بنا ڪنهن گهٽتائيءَ جي.

    رڪوع ١٠ آيت 110-تا-123
    حضرت موسيٰ تي ڪتاب نازل ڪيو ويو، پر تنهن هوندي به ماڻهن اختلاف ڪيا.
    (١١٠) ۽ اسان موسيٰ کي ڪتاب ڏنو هو، پوءِ ان ۾ اختلاف ڪيا ويا ۽ جيڪڏهن تنهنجي پروردگار اڳ ۾ ئي هڪڙي ڳالهه ٺهرائي نه ڇڏي هجي ها (يعني هيءَ ڳالهه ته دنيا ۾ هر انسان کي خدا جي قانون موجب مهلت ملڻي آهي) ته ضرور انهن جي وچ ۾ (هڪدم) فيصلو ڪيو وڃي ها ۽ انهن (منڪرن) کي ان بابت شڪ ۽ گمان آهي جو منجهي پيا آهن. (١١١) ۽ (يقين ڪر ته) سڀني جي لاءِ هيئن ئي ٿيڻو آهي ته جڏهن وقت اچي ويندو تڏهن تنهنجو پروردگار سندن عملن جو بدلو کين پورو ڏيئي ڇڏيندو. جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن، تنهن جي الله تعاليٰ کي پوري پوري خبر پوي ٿي. (١١٢) تنهن ڪري توکي گهرجي ته جهڙيءَ طرح توکي حڪم ڏنو ويو آهي تهڙيءَ طرح تون ۽ اُهي سڀ جيڪي (خدا ڏي) موٽي توسان شامل ٿيا آهن، (حق جي راهه تي) مضبوط ۽ محڪم ٿي وڃو ۽ حدن کان ٻاهر نه وڃو، يقين ڪيو ته جيڪي جيڪي توهان ڪيو ٿا سو خدا ڏسي رهيو آهي. (١١٣) ۽ هيئن به نه ڪجو جو ظالمن جي طرف جهڪي پئو (۽ هنن کي خوش ڪرڻ لاءِ پنهنجي عملن ۾ گهٽتائي ڪيو ۽ سندن دليون وٺڻ جي ڪوشش ڪيو) جنهن ڪري (انهن جي ويجهو هئڻ سبب) توهان کي به باهه جي لهس اچي وڃي. الله کان سواءِ اوهان جو ڪوبه رفيق ڪونهي. پوءِ (جيڪڏهن ان کان جدا ٿيندؤ ته) ڪوبه توهان جي مدد ڪونه ڪندو. (١١٤) ۽ نماز قائم ڪيو، انهيءَ وقت جڏهن ڏينهن شروع ٿيڻ تي هجي ۽ انهيءَ وقت جڏهن رات جو پهريون حصو گذري ويو هجي. ياد رکو ته، نيڪيون برائين کي کڻي ٿيون وڃن. هيءَ نصيحت آهي انهن لاءِ جيڪي نصيحت وٺندڙ آهن. (١١٥) ۽ صبر ڪيو (يعني حق جي راهه ۾ سڀ تڪليفون ۽ مصيبتون ثابت قدميءَ سان سهندا رهو) ڇو ته بيشڪ الله تعاليٰ نيڪ عملن جو اجر ضايع نٿو ڪري. (١١٦) پوءِ (ڏسو ته) هيئن ڇو نه ٿيو جو جيڪي پيڙهيون اوهان کي اڳي ٿي گذريون تن ۾ ڪي نيڪ ماڻهو به رهن ها جيڪي ٻين ماڻهن کي گناهن ۽ شرارتن ۽ فساد کان روڪين ها، پر ائين ڪونه ٿيو سواءِ ڪن ٿورين پيڙهين جي جن کي اسان (تباهه ٿيڻ کان) ڇوٽڪارو ڏنو. ظلم ڪندڙ ته انهيءَ ئي راهه تي هلندا رهيا جنهن ۾ هنن (پنهنجي نفساني لذتن جي) آسودگي محسوس ڪئي هئي ۽ اُهي سڀ (حق جي حڪمن جا نافرمان) ڏوهاري ۽ گنهگار هئا. (١١٧) ۽ (ياد رک ته) هيئن هرگز ٿي نٿو سگهي جو تنهنجو پروردگار بستين ۽ آبادين کي ناحق تباهه ڪري ڇڏي، اگرچه انهن جا رهاڪو پاڻ کي سڌارڻ وارا هجن. (١١٨) ۽ جيڪڏهن تنهنجو پروردگار چاهي ها ته سڀني ماڻهن کي هڪ امت بنائي ها (يعني سڀ هڪ ئي راهه تي گامزن هجن ها. پر توهان ڏسي رهيا آهيو ته هن ائين نه چاهيو ۽ هتي جدا جدا ٽوليون ۽ جدا جدا واٽون ٿيون) ۽ ماڻهو ائين ئي جدا جدا راهن تي هلندا رهندا. (١١٩) پر جن تي تنهنجي پروردگار رحم ڪيو (سي اختلاف ڪونه ڪندا، ڇو ته اُهي حقيقت کي پروڙي ويندا ۽ قبول ڪندا) ۽ کين انهيءَ ئي لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي ۽ (وري ڏسو ته فڪر ۽ عمل جي انهيءَ ئي اختلاف جو نتيجو آهي جو) تنهنجي پروردگار جي (ٺهرايل) ڳالهه پوري بيٺي جو ضرور هيئن ٿيندو ته مان جهنم کي جنن توڙي انسانن سان ڀري ڇڏيندس. (١٢٠) ۽ (اي پيغمبر!) رسولن جي احوالن مان جيڪي جيڪي قصا اسان توکي ٻڌايون ٿا (يعني جن جن نمونن سان ٻڌايون ٿا) تن سڀني ۾ هيءَ ئي ڳالهه (يعني مقصد رکيل) آهي ته تنهنجي دل کي تسڪين (تسلي) ڏيون (ته اڳي به ماڻهن رسولن جي مخالفت ڪئي تنهن ڪري تون پاڻ کي ارمان ۾ جهوري نه وجهه) ۽ (ٻي هيءَ ڳالهه ته انهن قصن مان) توکي حق جو اجر ملي ويو. (يعني سچائي جا روشن دليل ملي ويا) ۽ پڻ نصيحت (ته فقط نصيحت وٺندڙ نصيحت تي هلندا) ۽ پڻ (انهن قصن ۾) مؤمنن جي لاءِ (حق جي) يادگيري ڏياري ويئي. (١٢١) ۽ (اي پيغمبر!) جيڪي ماڻهو ايمان نٿا آڻين (۽ حق جي دعوت جو مقابلو ڪري رهيا آهن) تن کي چئي ڏي ته توهان پنهنجي جاءِ تي (يعني جيئن وڻيوَ ۽ پڄيوَ تيئن) ڪم ڪندا رهو. اسان به (پنهنجي جاءِ تي) عملن ۾ سرگرم آهيون. (١٢٢) ۽ (نتيجي لاءِ) منتظر رهو. اسان به منتظر آهيون. (١٢٣) ۽ (ياد رک ته) الله ئي کي آسمان ۽ زمين جي لڪل ڳالهين جو علم آهي. ۽ سڀ ڪم سندس ئي اڳيان رجوع ٿين ٿا. تنهن ڪري سندس ئي بندگيءَ ۾ لڳو رهه (يعني سڀ فرض ۽ حڪم بجا آڻيندو رهه) ۽ مٿس ڀروسو رک (ته آخر نيڪ ماڻهو ڪامياب ٿيندا ۽ بد ماڻهو نقصانن هيٺ ايندا) تنهنجو پروردگار انهن عملن کان غافل ناهي، جيڪي جيڪي ماڻهو ڪري رهيا آهن (هو ماڻهن جا سڀ عمل ڄاڻي ٿو ۽ انهن جو حساب وٺي ٿو ۽ جزا ۽ سزا ڏئي ٿو.


    سورت يوسف

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-6

    قرآن مجيد روشن ۽ واضح ڪتاب آهي. حضرت يوسف جو خواب ۽ پڻس حضرت يعقوب جو تعبير.
    (١) الف- لام- را، هي آيتون آهن روشن ۽ واضح ڪتاب جون. (٢) اسان هن قرآن کي عربي زبان ۾ نازل ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ ته توهان چڱيءَ طرح سمجهو. (٣) (اي پيغمبر!) هن قرآن کي وحي طور موڪلڻ سان توکي اسان بهترين طريقي سان (گذريل) واقعا ۽ حالتون ٻڌايون ٿا ۽ يقيناً قرآن جي نازل ٿيڻ کان اڳي تون انهن ماڻهن منجهان هئين جيڪي (انهن احوالن کان) بي خبر هئا. (٤) ۽ (ٻڌو ته) ڇا ٿيو جو حضرت يوسف پنهنجي پيءُ کي اچي چيو ته، اي منهنجا بابا! مون (خواب ۾) ڏٺو (ته) يارهن تارا آهن ۽ سج ۽ چنڊ به آهن ۽ ڏٺم ته اهي سڀ مون کي سجدو ڪري رهيا آهن. (٥) (پيءُ) چيو ته اي منهنجا پٽ! پنهنجي هن خواب جو حال ڀائرن کي نه ٻڌائجانءِ. متان هو تنهنجي خلاف ڪنهن منصوبي جون تجويزون ٺاهڻ لڳن. ياد رک ته شيطان انسان جو کليو ۽ چٽو دشمن آهي. (٦) ۽ (اي منهنجا پٽ! جهڙيءَ طرح تو ڏٺو آهي ته يارهن تارا ۽ سج ۽ چنڊ تنهنجي اڳيان جهڪيا آهن) تهڙيءَ طرح تنهنجي پروردگار توکي بزرگيءَ (۽ پيغمبريءَ) لاءِ چونڊيو آهي ۽ هيءَ ڳالهه سيکارڻ وارو آهي ته ڳالهين (۽ واقعن) جو نتيجو ۽ مطلب ڪهڙيءَ طرح ٺهرائجي ۽ معلوم ڪجي (يعني الله تعاليٰ توکي عقل ۽ حڪمت ڏيڻ وارو آهي) پڻ جهڙيءَ طرح هو (يعني الله تعاليٰ) هن کان اڳي تنهنجي وڏن ابراهيم ۽ اسحاق تي پنهنجي نعمت پوري ڪري چڪو آهي. تهڙيءَ طرح توتي ۽ يعقوب جي گهراڻي تي به نعمت پوري ڪندو. بيشڪ تنهنجو پروردگار (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي.

    رڪوع ٢ آيت 7-تا-20
    ڀائرن حضرت يوسف کي هڪ کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو. قافلي وارن کيس ڪڍيو،
    مصر ۾ وڪيائون.
    (٧) جيڪي ماڻهو (سچيون حقيقتون) پڇندڙ هجن (۽ سمجهه رکندڙ هجن) تن جي لاءِ حضرت يوسف ۽ سندس ڀائرن جي معاملي ۾ (نصيحت ۽ عبرت جون) وڏيون نشانيون آهن. (٨) هيئن ٿيو جو (يوسف جا ويڳا ڀائر پاڻ ۾) چوڻ لڳا ته اسان جي پيءُ کي يوسف ۽ سندس ڀاءُ (بن يامين) اسان سڀني کان گهڻو وڌيڪ پيارا آهن. حالانڪ اسان هڪ پوري جماعت آهيون. (يعني اسان جو تعداد وڏو آهي.) يقيناً اسان جو پيءُ صريح غلطيءَ تي آهي. (٩) پوءِ (چڱي ڳالهه هيءَ آهي ته) يوسف کي ماري ڇڏيون يا ڪنهن جاءِ ۾ (ڪاڏي به) اڇلائي ڇڏيون. ته پوءِ اسان جي پيءُ جو توجهه (ڌيان ۽ پيار) رڳو اسان جي طرف رهي ۽ هن (يوسف) جي نڪري وڃڻ بعد اسان جا سڀ ڪم سنوارجي وڃن (يا اسان ان گناهه بعد صالح ٿيون ۽ اڳتي اهڙا ڪم نه ڪيون). (١٠) هنن مان هڪڙي چوندڙ چيو ته، يوسف کي قتل نه ڪيو. جيڪڏهن اوهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي ته ڪنهن اونهي کوهه جي تري ۾ کيس ڦٽو ڪيو. (واٽ ويندڙ قافلن مان) ڪوئي قافلو (ان وٽان لنگهندو ۽) کيس ڪڍي وٺندو. (١١) (اها صلاح ڪري سڀ گڏجي پيءُ وٽ ويا ۽) چيائون ته اي اسان جا بابا! ڇو توهان يوسف جي باري ۾ اسان تي اعتبار نٿا ڪيو؟ (۽ ڪاڏي به اسان سان گڏجي هلڻ نٿا ڏيو) حالانڪه اسان ته دل و جان سان سندس خير خواهه آهيون. (١٢) سڀاڻي کيس اسان سان گڏ (ٻيلي ۾) وڃڻ ڏيو ته کائي پيئي مزا ماڻي ۽ راند روند ڪري. اسان سندس حفاظت جو ذمو ٿا کڻون. (١٣) (پيءُ) چيو ته هيءَ ڳالهه مون کي غم ۾ ٿي وجهي ته توهان کيس پاڻ سان وٺي وڃو ۽ مان ڊڄان ٿو ته متان هيئن ٿئي جو کيس بگهڙ ماري کائي ۽ اوهان هن کان غافل رهو. (١٤) هنن چيو ته، ڀلا اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو بگهڙ کيس کائي وڃي، ۽ اسان جي هڪ وڏي ٽولي موجود هجي. جيڪڏهن ائين ٿئي ته پوءِ اسان ته نڪما ۽ بيڪار ثابت ٿينداسين. (يا نقصان هيٺ اينداسين). (١٥) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو (پيءُ کان موڪل وٺي) يوسف کي پاڻ سان وٺي ويا ۽ سڀني هن ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته کيس کوهه جي تري ۾ وڌو وڃي (۽ ائين ڪري گذريا) تڏهن اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف کي وحي موڪليو ته (نااميد نه ٿيءُ) هڪڙو ڏينهن ضرور اچڻو آهي جڏهن تون سندن هي معاملو کين ٻڌائيندين، ۽ هو نٿا ڄاڻن (ته آخر ڇا ٿيڻو آهي). (١٦) ۽ هو پنهنجي پيءُ وٽ شام جو رئندا پٽيندا آيا. (١٧) چيائون ته، اي اسان جا بابا! اسان هڪ ٻئي سان ڊوڙون پڄائڻ ۾ لڳي وياسين، ۽ يوسف کي پنهنجي سامان وٽ ڇڏيوسين، پوءِ هيئن ٿيو جو هڪڙو بگهڙ اچي نڪتو ۽ يوسف کي (ماري) کائي ويو. (اسان ڄاڻون ٿا ته) توهان اسان جي ڳالهه تي يقين نه ڪندؤ اگرچه اسان ڪيترو به سچا هجون. (١٨) ۽ يوسف جي قميص تي ڪوڙو رت (ڪنهن ٻڪريءَ جو) لڳائي کڻي آيا. پيءُ (اهو ڏسي) چيو ته، نه (مان اها ڳالهه مڃي نٿو سگهان) هيءَ ته هڪڙي (هٿراڌو ٺاهيل) ڳالهه آهي، جا اوهان جي نفس اوهان کي سهڻي ڪري سيکاري آهي. (۽ توهان سمجهو ٿا ته ڪارگر چالاڪي ڪري چڪا آهيو) خير مون کي ته هاڻي صبر ئي ڪرڻو آهي. اهڙو صبر جو وڻندڙ هجي ۽ توهان جيڪو ڪجهه بيان ڪيو ٿا تنهن بابت الله کان ئي مدد گهرڻي آهي. (١٩) پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙو قافلو (ان کوهه وٽان) لنگهيو ۽ قافلي وارن پاڻيءَ جي لاءِ پنهنجو پخالي موڪليو. پوءِ جيئن ئي هن پنهنجو ڏول لٽڪايو (۽ پاڻيءَ سان ڀريل سمجهي مٿي ڇڪيائين) تئين ئي (ڇا ڏسي ته هڪڙو جوان ڇوڪر ان ڏول ۾ ويٺو آهي ۽ هن) پڪاري چيو ته، ڪهڙي نه خوشيءِ جي ڳالهه آهي! هي ته هڪ جوان ڇوڪر آهي! ۽ قافلي وارن هن کي واپار جو سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو (ته متان ڪو ان جي دعويٰ ڪري کسي نه وٺي) ۽ هو جيڪي ڪري رهيا هئا سو الله جي علم کان لڪل ڪونه هو. (٢٠) ۽ (پوءِ) هنن يوسف کي تمام ٿورڙن پئسن تي، جي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا درهم هئا. (مصر جي بازار ۾) وڪڻي ڇڏيو، ۽ هو هن معاملي ۾ (وڏي قيمت وٺڻ لاءِ ايترو) خواهشمند به نه هئا. (ڇو ته کين مفت ۾ ملي ويو هو).

    رڪوع ٣ آيت 21-تا-29
    الله تعاليٰ حضرت يوسف کي ڪمن ڪارين ڪرڻ جي اعليٰ قابليت ۽ علم عطا ڪيو.
    (٢١) ۽ مصر جي ماڻهن مان جنهن شخص يوسف کي (قافلي وارن کان) خريد ڪيو هو سو (هن کي پنهنجي گهر وٺي آيو ۽) پنهنجي زال کي چيائي ته هن کي عزت سان رهائجانءِ. عجب ناهي ته هو اسان کي فائدو پهچائي، يا اسان کيس پنهنجي (گود جو يا دين جو) پٽ ڪري رکون ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سر زمين ۾ يوسف جو قدر ڄمايو. ۽ مقصد هو ته کيس ڳالهين ۽ واقعن جا نتيجا ۽ مطلب ڪڍي سمجهائي ۽ سيکاري ڇڏيون ۽ الله کي جيڪو ڪم ڪرڻو هوندو آهي سو ڪري ئي رهندو آهي. (ڇو ته هو قدر ۽ غالب آهي) پر گهڻا ماڻهو (اهي حقيقتون) نٿا ڄاڻن. (٢٢) ۽ پوءِ جڏهن يوسف ڦوهه جوانيءَ کي پهتو تڏهن اسان کيس ڪمن ڪرڻ جي قابليت ۽ قوت ۾ گهڻو علم عطا ڪيو، اسان نيڪ عمل ڪندڙن کي (سندن نيڪ عمليءَ جو) اهڙوئي بدلو عطا ڪندا آهيون. (٢٣) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) جنهن عورت جي گهر ۾ يوسف رهندو هو (يعني عزيز جي زال) سا مٿس (عاشق ٿي پيئي ۽) حيلا هلائڻ لڳي ته هو به (موهجي) بي اختيار ٿي ڳالهه مڃي وجهي، هن عورت (هڪڙي ڏينهن) دروازا کڻي بند ڪيا، ۽ چئي ڏنائين ته مون ڏي هليو آءُ. يوسف چيو ته، معاذالله (خدا پناهه ڏئي، مون کان اهڙو ڪم ڪڏهن به نه پڄندو) تنهنجو مڙس منهنجو سائين آهي. هن مون کي عزت سان (گهر ۾) جاءِ ڏني آهي (مان سندس امانت ۾ خيانت ڪونه ڪندس). ۽ حدن کان ٻاهر لنگهڻ وارا ظالم ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه ٿا سگهن. (٢٤) ۽ حقيقت هيءَ آهي ته اها عورت يوسف جي پٺيان پئجي چڪي هئي، ۽ (حالت اهڙي بڻجي چڪي هئي جو بي اختيار ٿي) يوسف به هن ڏانهن لاڙو ڪري ها، جيڪڏهن سندس پروردگار جو دليل سندس سامهون نه اچي وڃي ها. (سو ڏسو) اهڙيءَ طرح (اسان انساني نفس جي هن سخت آزمائش ۾ به هن کي حق جي دليل جي وسيلي هوشيار رکيو) انهيءَ لاءِ ته برائي ۽ بي شرميءَ جون ڳالهيون کانئس دور رکون. بيشڪ هو اسان جي انهن ٻانهن مان هو، جيڪي بزرگيءَ لاءِ چونڊيا ويا. (٢٥) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) ٻئي دروازي جي طرف ڊوڙيا. (اهڙيءَ طرح ڊوڙيا جو انهن مان هرهڪ ٻئي کان اڳتي ٿيڻ ٿي چاهيو. يوسف هن لاءِ ته ان عورت کان ڀڄي جند ڇڏائي، ۽ عورت وري هن لاءِ ته کيس ڀڄي نڪرڻ کا روڪي وجهي) ۽ ان عورت يوسف جي قميص کي پٺئين پاسي کان ڇڪيو ۽ ڦاڙي وڌائين ۽ (پوءِ اوچتو) ٻنهي ڏٺو ته ان عورت جو مڙس دروازي وٽ بيٺو آهي. تڏهن عورت (پنهنجي گناهه لڪائڻ لاءِ هڪدم ٺاهه ٺاهي ورتو ۽) چيائين ته جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر واريءَ سان بڇڙي ڪم جو ارادو ڪري تنهن جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ ڇا هيءَ سزا نه هئڻ گهرجي ته کيس قيد ۾ وڌو وڃي يا (ڪا ٻي) دردناڪ سزا ڏني وڃي؟ (٢٦) (تنهن تي) يوسف چيو ته، خود هن مون تي حيلا هلايا (۽ مون کي مجبور ڪري ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مان اهڙو ڪم نه ڪيو) ۽ پوءِ (ڇا ٿيو جو) انهيءَ عورت جي ڪٽنب وارن مان هڪڙي شاهد شاهدي ڏني، (هن چيو) ته يوسف جي قميص (ڏسڻ گهرجي) جيڪڏهن اڳيان ڦاٽل آهي ته عورت سچي ۽ يوسف ڪوڙو آهي. (٢٧) جيڪڏهن قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي ته عورت ڪوڙ ڳالهايو آهي ۽ يوسف سچو آهي. (٢٨) پوءِ جڏهن ان عورت جي مڙس ڏٺو ته يوسف جي قميص پٺئين پاسي کان ڦاٽل آهي، تڏهن (حقيقت سمجهيائين ۽) عورت کي چيائين ته ڪجهه به شڪ ناهي ته هيءُ توهان عورتن جي مڪرن مان هڪ مڪر آهي، ۽ توهان عورتن جا مڪر وڏا مڪر آهن. (٢٩) (وري عزيز چيو ته) اي يوسف هن (معاملي) کي درگذر ڪري ڇڏ (يعني جيڪي ٿيو تنهن کي وساري ڇڏ) ۽ (زال کي چيائين ته) پنهنجي گناهه جي معافي گهر، بيشڪ تون ئي خطا وار آهي.

    رڪوع ٤ آيت 30-تا-35
    حضرت يوسف قيد جي ڌمڪيءَ تي چيو ته مون کي گنهگاري ڪرڻ کان قيد وڌيڪ پسند آهي.
    (٣٠) ۽ (پوءِ جڏهن هي قصو مشهور ٿيو تڏهن) شهر جون ڪي عورتون (چور پچور ڪري) چوڻ لڳيون ته ڏسو ته سهي عزيز جي زال پنهنجي غلام تي (عاشق ٿي) حيلا هلائڻ لڳي ته من هن کي ريجهائي ٺاهي وجهي. هوءَ سندس محبت ۾ موهجي ويئي آهي. اسان جي خيال ۾ ته هوءَ ظاهرظهور بدچاليءَ ۾ پئجي ويئي آهي. (٣١) جڏهن عزيز جي زال (سندن) مڪاريءَ جون هي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هنن کي گهرايائين ۽ هنن جي لاءِ مسندون (يعني، طول ويهاڻا) ترتيب سان تيار رکايائين (۽ طعام اڳيان رکايائين) ۽ (دستور موجب) هرهڪ کي هڪ هڪ ڇري ڏنائين (ته کائڻ ۾ ڪم آڻين)، پوءِ (جڏهن هي سڀ ڪجهه ٿي چڪو تڏهن) يوسف کي چيائين ته هنن زالن جي سامهون نڪري اچ. جڏهن (يوسف آيو ۽) انهن عورتن کيس ڏٺو تڏهن (کيس اهڙو ڏٺائون جو) سندس بهتريءَ جو اعتراف ڪيائون، (يعني قبول ڪيائون ته بيشڪ هو اعليٰ شان وارو آهي) هنن (حيرانيءَ ۾ ڇرين سان) پنهنجا هٿ ڪپي وڌا ۽ (بي اختيار) چئي ڏنائون ته سبحان الله! هيءُ انسان ته نه آهي. ضرور ڪو فرشتو آهي ۽ وڏي مرتبي وارو فرشتو آهي. (٣٢) تڏهن (عزيز جي زال) چيو ته، هاڻي ته ڏٺوَ؟ اهو اٿو اهو ماڻهو جنهن جي باري ۾ توهان مون کي طعنا ڏنا هئا. هائو! بيشڪ مون سندس دل کي پنهنجي قبضي ۾ آڻڻ چاهيو هو، پر هو بي قابو نه ٿيو (يعني پنهنجي دل تي ضابطو نه وڃايائين) ۽ (هاڻي کيس ٻڌائي ٿي ڇڏيان ته) جيڪڏهن منهنجو چوڻ نه مڃيندو (۽ پنهنجي ضد تي اڙيو رهندو) ته ضرور قيد خاني ۾ وڌو ويندو ۽ بي عزتيءَ ۾ پوندو. (٣٣) (يوسف اها ڌمڪي ٻڌي الله کان دعا گهري) چيائين ته اي منهنجا رب! مون کي قيد ۾ رهڻ هن ڳالهه کان گهڻو وڌيڪ پسند آهي جنهن ڳالهه ڏانهن هي عورتون مون کي سڏي رهيون آهن. جيڪڏهن تون (منهنجي مدد نه ڪندين ۽) هنن جي مڪارين جي ڄار کان نه بچائيندين ته عجب ناهي ته مان هنن ڏانهن جهڪي پوان ۽ انهن ماڻهن منجهان ٿي پوان جيڪي جاهل ۽ ناشناس آهن. (٣٤) سو (ڏسو) سندس پروردگار سندس دعا قبول ڪئي ۽ کانئس انهن عورتن جون مڪاريون دفع ڪري ڇڏيائين، بيشڪ اهوئي آهي (دعائن جو) ٻڌندڙ ۽ (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ. (٣٥) پوءِ (ڇا ٿيو جو) اگرچه اهي ماڻهو (يعني عزيز ۽ سندس خاندان جا ماڻهو) نشانيون ڏسي چڪا هئا (ته بيشڪ يوسف پاڪ دامن ۽ بلند اخلاق انسان آهي) تڏهن به کين هيءَ ڳالهه مناسب نظر آئي ته هڪ خاص مدت لاءِ يوسف کي قيد خاني ۾ وڌو وڃي.

    رڪوع ٥ آيت 36-تا-42
    قيد خاني ۾ دين ۽ حق جي واٽ جي تبليغ.
    (٣٦) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو) يوسف سان گڏ ٻه جوان مرد ٻيا به قيد خاني ۾ داخل ٿيا. انهن مان هڪ (يوسف کي) چيو ته، مون کي (خواب ۾) ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مان شراب (ٺاهڻ) جي لاءِ (انگورن جو) عرق ڪڍي رهيو آهيان. ٻئي چيو ته، مون کي ڏسڻ ۾ آيو آهي ته مٿي تي ماني کنئي اٿم ۽ پکي ان کي کائي رهيا آهن (۽ ٻنهي عرض ڪيو ته) اسان کي ٻڌاءِ ته، هن ڳالهه جو نتيجو ڪهڙو نڪرڻو آهي. اسان ڏسون ٿا ته تون بيشڪ وڏو نيڪ ماڻهو آهن. (٣٧) حضرت يوسف جواب ۾ چيو ته، (گهٻرايو نه) توهان جو مقرر طعام توهان وٽ اچي تنهن کان اڳ ئي مان توهان جي خوابن جو تعبير توهان کي ٻڌائي ڏيندس. هن ڳالهه جو علم (يعني خوابن جو تعبير ڪرڻ) به انهن ڳالهين منجهان آهي جي مون کي منهنجي پروردگار سيکاريون آهن. مان انهن ماڻهن جي ملت (يا مذهب) ڦٽي ڪيو آهي جيڪي الله تي ايمان نه ٿا رکن ۽ آخرت جا به منڪر آهن. (٣٨) مون پنهنجي ابن ڏاڏن يعني ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جي ملت جي پيروي ڪئي آهي. اسان (ابراهيم جو اولاد) ائين نٿا ڪري سگهون جو الله سان ڪنهن به شيءِ کي شريڪ ٺهرايون. اها (ملت يا مذهب) الله جو هڪ فضل آهي جو هن اسان تي ۽ ماڻهن تي ڪيو آهي. پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (هن نعمت جو) شڪر بجا نٿا آڻين. (٣٩) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (توهان ڪڏهن هن ڳالهه تي غور به ڪيو آهي ته) جدا جدا معبودن جي هئڻ بهتر آهي يا هڪ الله جو، جيڪو يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. (٤٠) توهان ان (خدا) کان سواءِ جن هستين جي بندگي ٿا ڪيو تن جي حقيقت هن کان وڌيڪ ڇا آهي ته فقط ڪي نالا آهن جي توهان ۽ توهان جي ابن ڏاڏن کڻي رکيا آهن. الله تعاليٰ انهن جي لاءِ ڪابه سند نازل نه ڪئي آهي. حڪومت ته الله ئي جي لاءِ آهي. سندس فرمان هي آهي ته، سندس ئي بندگي ڪيو، ٻئي ڪنهن جي به بندگي نه ڪيو. اهوئي سنئون سڌو دين آهي، پر گهڻا ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (اها ڳالهه به) نٿا ڄاڻن. (٤١) اي منهنجا جيل جا ساٿيو! (هاڻي پنهنجي پنهنجي خواب جو مطلب ٻڌي ڇڏيو) توهان مان هڪڙو (اهو آهي جنهن خواب ۾ ڏٺو ته، انگور نچوڙي رهيو آهي) اهو (قيد مان ڇٽندو ۽ اڳوڻي دستور موجب) پنهنجي ساٿين کي شراب پياريندو ۽ ٻيو ماڻهو (اُهو آهي جنهن ڏٺو ته سندس مٿي تي کنيل ماني پکي کائي رهيا آهن) اهو سوريءَ تي چاڙهيو ويندو ۽ پکي هن جومٿو (پٽي پٽي) کائيندا. سو جنهن ڳالهه بابت اوهان پڇو ٿا سا فيصل ٿي ويئي ۽ فيصلو اهوئي آهي. (٤٢) ۽ حضرت يوسف جنهن ماڻهوءَ جي باري ۾ سمجهيو ته ڇٽي ويندو، تنهن کي چيو ته جڏهن پنهنجي سائينءَ وٽ وڃين تڏهن مون کي ياد ڪجانءِ. (يعني منهنجو حال کيس ضرور ٻڌائجانءِ، پوءِ ٻڌايل تعبير مطابق جڏهن اهو ڇٽي ويو تڏهن) شيطان هن کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي ته پنهنجي سائينءَ جي حضور ۾ پهچي يوسف کي ياد ڪري. پوءِ يوسف کي سال (وڌيڪ) قيد خاني ۾ رهيو.

    رڪوع ٦ آيت 43-تا-49
    بادشاهه جي خواب جي حضرت يوسف تعبير ڪئي
    (٤٣) ۽ (پوءِ ڇا ٿيو جو هڪڙي ڏينهن) بادشاهه (پنهنجي سڀني درٻارين کي سڏائي) چيو ته، مان (خواب ۾) ڇا ٿو ڏسان ته ست ٿلهيون متاريون ڳئون آهن جن کي ست ڏٻريون هيڻيون ڳئون ڳهي ڳڙڪائي ويون آهن ۽ ست تازا ساوا سنگ آهن ۽ ست سڪل آهن. اي درٻار جا اميرؤ! جيڪڏهن توهان خوابن جو تعبير ڪندا آهيو ته ٻڌايو ته، منهنجي خواب جو مطلب ڇا آهي؟ (٤٤) درٻارين (غور و فڪر ڪرڻ بعد) چيو ته، اهي ته پريشان (منجهيل) خواب ۽ خيال آهن. (اهڙي ڳالهه آهي ئي ڪانه جنهن جو ڪو خاص مطلب هجي. اسان سچن خوابن جو مطلب ته ڪڍي سگهندا آهيون پر) پريشان خوابن جو مطلب اسان کي معلوم ڪونهي. (٤٥) ۽ جيڪوماڻهو انهن ٻن قيدين مان ڇٽي ويو هو ۽ جنهن کي هڪ مدت بعد (هاڻي يوسف جي) ڳالهه ياد آئي تنهن (بادشاهه جو خواب ٻڌي) چئي ڏنو ته مان اوهان کي هن خواب جو مطلب ٻڌائيندس. توهان مون کي (هڪڙيءَ جاءِ ڏي) وڃڻ ڏيو. (٤٦) (اُهو ساقي قيد خاني ۾ ويو ۽ چيائين ته) اي يوسف! اي سچا صديق! اسان کي هن (خواب) جو تعبير ٻڌاءِ. ستن ٿلهين متارين ڳئن کي ست ڏٻريون ڳئون ڳڙڪائي رهيون آهن ۽ ست سنگ ساوا آهن ۽ ست سڪل آهن. هن لاءِ (ته انهن) ماڻهن ڏي موٽي وڃي سگهان (جن مون کي موڪليو آهي ۽ کين تعبير به ٻڌايان) عجب ناهي ته هو (تنهنجو علم بزرگي ۽ مرتبو) معلوم ڪري وٺن. (٤٧) يوسف چيو ته، (هن خواب جي تعبير ۽ جيڪي ان بابت ڪرڻ گهرجي سو هي آهي ته) ست سال لاڳيتا (پاڻي گهڻو هوندو ۽) توهان کيتي ڪندا رهندؤ. (انهن سالن ۾ پيداوار گهڻي ٿيندي) پوءِ جڏهن فصل لهڻ جو وقت اچي تڏهن جيڪي اٿؤ تنهن کي سنگن ۾ ئي رهڻ ڏيو (انهيءَ لاءِ ته اَنُ سڙي خراب نه ٿئي) ۽ فقط ايترو ٿورو مقدار ( ان جو) سنگن کان جدا ڪري وٺو جيترو کائڻ لاءِ (ضروري) هجي. (٤٨) پوءِ انهن (ستن سالن) بعد ٻيا ست (سال) تمام سخت مصيبت جا سال ايندا، جن ۾ (اڳين ستن سالن جو اناج وغيره) کاڄي ويندو جو توهان اڳ ئي گڏ ڪري رکيو هوندو. پر ٿورڙو جو توهان روڪي رکيو هوندو سو وڃي بچندو. (٤٩) ان کان پوءِ وري اهڙو سال ايندو جنهن ۾ ماڻهن لاءِ خوب مينهن وسندو ۽ ماڻهو ان سال ۾ (ميون ۽ اناج مان) عرق ۽ تيل جام ڪڍندا.

    رڪوع ٧ آيت 50-تا-57
    حضرت يوسف جي صفائي سامهون اچڻ تي بادشاهه کيس حڪومت جو مختيار ڪيو.
    (٥٠) (جڏهن انهيءَ ساقيءَ اها ڳالهه بادشاهه کي ٻڌائي تڏهن) بادشاهه چيو ته، يوسف کي (بنا دير) مون وٽ وٺي اچو. پر جڏهن (بادشاهه جو) پيغام پهچائيندڙ يوسف وٽ پهتو تڏهن هن چيو ته، (مان ائين نه هلندس) توهان پنهنجي بادشاهه ڏي موٽي وڃو ۽ (منهنجي طرفان) دريافت ڪيو ته انهن عورتن جو معاملو ڪهڙو هو، جن پنهنجا هٿ ڪپي وڌا هئا. (مان چاهيان ٿو ته پهريائين ان ڳالهه جو فيصلو ٿئي) جيڪي مڪاريون انهن ڪيون هيون، منهنجو پروردگار انهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو. (٥١) (تنهن تي) بادشاهه (انهن عورتن کي گهرايو ۽) چيو ته صاف صاف ٻڌايو ته توهان کي ڪهڙو معاملو پيش آيو هو، جڏهن اوهان يوسف تي حيلا هلايا ته کيس پنهنجي طرف مائل ڪري وجهو. انهن ورندي ڏني ته ماشا الله! اسان هن ۾ برائيءَ جي ڪابه ڳالهه ڪانه ڏٺي. (اهو ٻڌي) عيزيز جي زال به (بي اختيار) چئي ڏنو ته جيڪا سچي حقيقت هئي سا هاڻي ظاهر ٿي پيئي. بيشڪ مان ئي هيس جنهن يوسف تي حيلا هلايا ته من سندس دل (مون ڏي) مائل ٿئي. بيشڪ هو (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچو آهي. (٥٢) (يوسف چيو ته) مون اها ڳالهه هن ڪري چئي ته کيس معلوم ٿي وڃي (يعني عزيز کي معلوم ٿي وڃي) ته مان هن جي پرپٺ سندس معاملي ۾ خيانت ڪانه ڪئي، ۽ پڻ هن ڪري چئي ته (ظاهر ٿي پوي ته) الله تعاليٰ خيانت ڪندڙن جي تدبيرن لاءِ ڪڏهن به (ڪاميابيءَ جي) راهه نه ٿو کولي.

    حصو تيرهون
    (٥٣) مان پنهنجي نفس جي پاڪائيءَ جي دعويٰ نٿي ڪريان. انسان جو نفس ته برائي جي لاءِ ڏاڍو اڀاريندڙ آهي. (ان جي غلبي کان بچڻ سولو ناهي) سواءِ ان حالت جي جو منهنجو پروردگار پنهنجو رحم ڪري. بيشڪ منهنجو پروردگار وڏو بخشيندڙ ۽ وڏو رحم ڪندڙ آهي. (٥٤) ۽ (وري) بادشاهه حڪم ڏنو ته، يوسف کي مون وٽ وٺي اچو ته کيس خاص پنهنجي (ڪمن) لاءِ مقرر ڪيان. پوءِ جڏهن (هو آيو ۽) ڳالهه ٻولهه ڪيائين (تڏهن بادشاهه) چيو ته، اڄ تون اسان جي نظر ۾ وڏي اقتدار (عزت ۽ پوزيشن) وارو ۽ امانتدار (سچو ۽ ايماندار) انسان آهين. (٥٥) يوسف چيس ته، مون کي ملڪ جي خزاني جي باري ۾ مختيار ڪري ڇڏ، جو مان حفاظت ڪري ٿو سگهان (۽ مان ايمانداريءَ سا خزانو سنڀاليندس ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪم آڻيندس) ۽ مان هن ڪم جو ڄاڻندڙ آهيان (بادشاهه هن کي ملڪ جو مختيار ڪري ڇڏيو). (٥٦) ۽ (ڏسو) اهڙيءَ طرح اسان مصر جي سرزمين ۾ يوسف جا قدم ڄمايا جو جيڪا ئي جاءِ وڻيس تنهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب رهڻ لاءِ ڪم آڻي. (اهڙيءَ طرح) اسان جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي پنهنجي رحمت سان نوازيون ٿا، ۽ نيڪ عمل ڪندڙن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿا ڪيون. (٥٧) ۽ جيڪي ماڻهو (الله تي) ايمان آڻين ۽ (بدعملين کان) بچندا رهن تن جي لاءِ ته آخرت جو اجر ان کان (يعني دنيائي دولت ۽ حڪمت کان) گهڻو بهتر آهي.

    رڪوع ٨ آيت 58-تا-68
    حضرت يوسف سان ڀائرن جو ملڻ
    (٥٨) ۽ (سڪار جي ستن سالن بعد ڏڪار وارن سالن ۾ ڇا ٿيو جو) يوسف جا (وڏا) ڀائر (ڪنعان مان مصر ڏي انُ خريد ڪرڻ لاءِ) آيا. پوءِ ان جي روبرو ٿيا (ته) يوسف انهن کي (ڏسندي ئي) سڃاڻي ورتو، پر هنن ڪونه سڃاتو، (نڪي کين ٻڌايائين). (٥٩) ۽ جڏهن يوسف انهن کي سامان (اناج وغيره) مهيا ڪيو تڏهن (سندن رواني ٿيڻ وقت) کين چيائين ته، وري اچو ته پنهنجي ويڳي ڀاءُ (بن يامين) کي به پاڻ سان وٺيو اچجو. توهان چڱيءَ طرح ڏٺو آهي ته مان پوري ماپ سان (ان توري) ٿو ڏيان ۽ (ٻاهرين مسافرن جي لاءِ) بهترين مهمان نواز آهيان. (٦٠) پر جيڪڏهن توهان کيس مون وٽ نه آڻيندؤ ته، پوءِ ياد رکو ته نڪي مون وٽان اوهان کي (اناج جي) ڪجهه لپ ملندي، نڪي منهنجي ويجهو ايندؤ (يعني اوهان کي رڳو پاڻ وٽ اچڻ به نه ڏيندس). (٦١) هنن چيو ته، اسان سندس پيءُ کي انهيءَ لاءِ گهڻوئي ترغيب ڏينداسين (۽ ان جا فائدا ڏيکارينداسين). اسان ضرور ائين ڪنداسين. (٦٢) ۽ يوسف پنهنجي خدمتگارن کي حڪم ڏنو ته، انهن ماڻهن جي پونجي (يعني موڙي جنهن سان ان خريد ڪيو هئائون) سندن ٻورن ۾ رکي ڇڏيو. جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي گهر ڏي موٽندا تڏهن گهڻو امڪان آهي ته پنهنجي پونجي ڏسي سڃاڻي وٺندا (ته موٽائي ڏني ويئي آهي) ۽ پوءِ عجب ناهي ته ٻيهر موٽي اچن. (٦٣) پوءِ جڏهن اهي ماڻهو پنهنجي پيءُ وٽ موٽي ويا تڏهن کيس چيائون ته، اسان جا بابا! آئينده لاءِ ان جو وڪرو اسان جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري اسان جي ڀاءُ (بن يامين) کي اسان سان گڏ موڪل ڏي ته ان خريد ڪري اچون ۽ اسان سندس حفاظت ڪندڙ آهيون. (٦٤) پيءُ (اهو ٻڌي) چيو ته، ڇا هن جي باري ۾ اهڙيءَ طرح اوهان تي اعتبار ڪريان جهڙيءَ طرح اڳي سندس ڀاءُ (يوسف) جي باري ۾ ڪري چڪو آهيان؟ سو الله ئي سڀني کان بهتر حفاظت ڪندڙ آهي ۽ ڪو به ڪونهي جو کانئس وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو هجي. (٦٥) ۽ جڏهن انهن ماڻهن پنهنجو سامان کوليو تڏهن ڇا ڏسن ته سندن موڙي کين موٽائي ڏني ويئي آهي. سو (پيءُ کي) چيائون ته، اي اسان جا بابا! هن کان وڌيڪ اسان کي ٻيو ڇا گهرجي؟ ڏس، هيءَ اسان جي پونجي آهي، جا اسان کي موٽائي ڏني ويئي آهي. (اسان کي هن ان به ڏنو ته قيمت به موٽائي ڏني. پوءِ اسان کي موڪل ڏي ته بن يامين کي پاڻ سان وٺي وري وڃون) ۽ پنهنجي ڪٽنب جي لاءِ سيڌو وٺي اچون اسان پنهنجي ڀاءِ جي حفاظت ڪنداسين ۽ هڪ اُٺ جو بار به وڌيڪ وٺنداسين. هي ان (جو هاڻي آندو اٿئون) بلڪل ٿورو آهي. (٦٦) (حضرت يعقوب) چيو ته، مان ڪڏهن به کيس توهان سان گڏ نه موڪليندس جيستائين توهان مون سان الله جي نالي ته عهد اقرار نه ڪندؤ. (توهان پهريائين عهد اقرار ڏيو ته) سواءِ هن صورت جي جو اسان پاڻ گهيري هيٺ اچي وڃون (۽ بيوس ٿي پئون) اسان ضرور هن کي تو وٽ موٽائي آڻينداسين. پوءِ جڏهن هنن پيءُ کي (سندس چوڻ مطابق) پنهنجو پڪو قول ڏنو تڏهن هن فرمايو ته اسان جيڪو قول ۽ اقرار ڪيو تنهن تي الله نگهبان هجي. (٦٧) ۽ پيءُ هنن کي (رواني ٿيڻ وقت) چيو ته، اي منهنجا پٽؤ! (ڏسو جڏهن مصر ۾ پهچو تڏهن شهر جي) هڪ ئي دوازي مان داخل نه ٿجو. جدا جدا دوروازن مان داخل ٿجو. مان توهان کي ڪنهن به اهڙيءَ ڳالهه کان بچائي نٿو سگهان جا الله جي حڪم سان ٿيڻي هجي. (پر پاڻ کي پنهنجي وس آهر سڀ تدبيرون ڪرڻ گهرجن) حڪومت فقط الله جي آهي. مان فقط مٿس ڀروسو رکيو آهي. ۽ اهوئي آهي جنهن تي سڀني ڀروسو رکندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي. (٦٨) (پوءِ) جڏهن هي ماڻهو (مصر ۾) داخل ٿيا اهڙيءَ طرح جهڙيءَ طرح پيءُ حڪم ڏنو هو تڏهن اها ڳالهه (يا نصيحت) الله جي (مشيت جي) مقابلي ۾ ڪجهه به ڪم اچڻ واري نه هئي. پر يعقوب جي دل ۾ هڪ خيال پيدا ٿيو هو جنهن مطابق هن اهو عمل ڪيو. (انسان جو فرض آهي پنهنجي ڪوشش ڪرڻ، پر نتيجو الله جي هٿ ۾ آهي) بيشڪ هو (حضرت يعقوب) علم وارو هو، جو اسان ئي (يعني الله تعاليٰ) هن کي علم ڏنو هو. پر اڪثر ماڻهو (هن ڳالهه جي حقيقت) نٿا ڄاڻن.

    رڪوع ٩ آيت 69-تا-79
    حضرت يوسف جي سڳي ڀاءُ بن يامين جي رهڻ جو بهانو ٺهي پوڻ.
    (٦٩) ۽ جڏهن اهي ماڻهو (يوسف جا ڀائر) يوسف وٽ پهتا تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ (بن يامين) کي پاڻ وٽ ويهاريو (۽ رهايو) ۽ کيس (مخفي طرح) ٻڌايو ته مان تنهنجو ڀاءُ (يوسف) آهيان. سو جيڪا (بدهلت اهي ڀائر توسان) ڪندا رهيا آهن، تنهن تي غم نه ڪر (۽ خوش ٿي جو هاڻي زماني پلٽو کاڌو آهي.) (٧٠) پوءِ جڏهن يوسف انهن ماڻهن جو سامان (سندن رواني ٿيڻ لاءِ) مهيا ڪيو تڏهن پنهنجو (چانديءَ جو) پيالو (مخفي طرح) پنهنجي ڀاءُ بن يامين جي ٻوريءَ ۾ وجهي ڇڏيو، (انهيءَ لاءِ ته نشانيءَ طور وٽس رهي). پوءِ (ڇا ٿيو جو جڏهن اهي ماڻهو روانا ٿيا ۽ شاهي عملدارن ڏٺو ته فلاڻو پيالو آهي ئي ڪونه، تڏهن کين شڪ پيو ۽ سندن پٺيان ويا، ۽) هڪ پڪاريندڙ (انهن جي پٺيان) پڪاري چيو ته، اي قافلي وارؤ! (اتي بيهو). بيشڪ توهان چور آهيو. (ٻيو ڪو ماڻهو اتي ڪونه هو، جنهن ۾ شڪ پوين). (٧١) اهي (ڀائر) پڪاريندڙ جي طرف متوجهه ٿيا، ۽ پڇيائون ته ڇا وڃايو اٿوَ؟ (٧٢) (شاهي نوڪرن) چيو ته اسان کي شاهي پيالو نٿو لڀي. جيڪو ئي اهو آڻي ڏئي تنهن کي اٺ جي بار جيترو (ان) انعام ملندو ۽ (انهن جي سردار چيو ته) مان ان ڳالهه جو ضامن آهيان (يعني انعام ڏيڻ جو). (٧٣) هنن (ڀائرن) چيو ته، الله ٿو ڄاڻي ته اسان هتي انهيءَ لاءِ ڪونه آيا هئاسين ته اچي ڪو فساد يا شرارت ڪريون ۽ هيءَ ڳالهه توهان چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا (ڇو ته اڳي به هڪ ڀيرو اسان هتي رهي ويا آهيون ۽ اسان جو اهو وڙ نه هو جو چوري ڪريون. (٧٤) (نوڪرن) چيو ته چڱو، جيڪڏهن توهان ڪوڙا ثابت ٿيؤ ته، پوءِ ٻڌايو ته، چور جي سزا ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ (٧٥) هنن (ڀائرن) چيو ته، چور جي سزا هيءَ ٿئي جو جنهن جي ٻوريءَ مان چوريءَ جو مال نڪري سوئي پاڻ پنهنجي سزا ٿئي، (يعني پنهنجي ڏوهه جي بدلي ۾ کيس روڪي رکيو وڃي) اسان زيادتي ڪندڙن کي اهڙيءَ ئي طرح سزا ڏيندا آهيون. (٧٦) پوءِ (نوڪرن جي سردار) هنن جي ٻورن جي تلاشي شروع ڪئي. پهريائين يوسف جي وڏن ڀائرن جي ٻورن جي تلاشي ورتائون، (۽ ڪجهه به نه لڌائون) پوءِ يوسف جي ڀاءُ (بن يامين) جي ٻوري (ڏٺائون ۽ ان مان) اهو پيالو ڪڍي ورتائون (سو ڏسو ته) اهڙيءَ طرح اسان (يعني الله تعاليٰ) يوسف جي لاءِ (بن يامين کي پاڻ وٽ رهائڻ جي) مخفي تدبير ڪري ڇڏي. هو (يوسف) بادشاهه جي قانون سبب ائين ڪري نٿي سگهيو (ته پنهنجي ڀاءُ کي پاڻ وٽ روڪي رهائي، اگرچه ائين ڪرڻ لاءِ هن جي دل بيقرار هئي) سواءِ هن صورت جي جو الله کي (ان جي راهه ڪڍڻ) منظور هجي (سو الله تعاليٰ غيبي تجويز ڪري راهه ڪڍي ڏني) اسان (يعني الله تعاليٰ) جنهن کي چاهيون ٿا تنهن کي مرتبن ۾ بلند ڪري ڇڏيون ٿا ۽ هر علم واري جي مٿان هڪ (اعليٰ) علم واري هستي آهي (جنهن جو علم سڀني کي گهيرو ڪيو بيٺو آهي، يعني الله جي هستي). (٧٧) (جڏهن بن يامين جي ٻوريءَ مان پيالو نڪري آيو تڏهن) ڀائرن چيو ته، (هن چوري ڪئي آهي ته اها ڪا عجب جهڙي ڳالهه ڪانهي). هن کان اڳي سندس سڳي ڀاءُ (يوسف) به چوري ڪئي هئي. تڏهن يوسف (جنهن جي اڳيان هاڻي اهو معاملو پيش ڪيو ويو هو) اها ڳالهه پنهنجي دل ۾ رکي، ۽ هنن لاءِ ظاهر نه ڪيائين (ته منهنجي منهن تي مون کي چور بنائي رهيا آهيو ۽ فقط ايترو) چيائين ته سڀني کان بري جڳهه (يعني حالت) توهان جي چئبي (جو پنهنجي ڀاءُ تي ڪوڙو الزام لڳائي رهيا آهيو) ۽ جيڪي توهان بيان ڪري رهيا آهيو تنهن کي الله تعاليٰ بهتر ڄاڻيندڙ آهي. (٧٨) هنن (ڀائرن يوسف کي) چيو ته، اي عزيز! هن (بن يامين) جو پيءُ تمام پوڙو ماڻهو آهي (۽ هن سان گهڻو پيار اٿس) سو سندس بدران اسان مان ڪنهن کي به روڪي رک (پر هن کي نه روڪ). اسان ڏسون ٿا ته، توهان انهن ماڻهن منجهان آهيو جيڪي نيڪي ۽ احسان ڪندڙ آهن. (٧٩) يوسف چيو ته، انهيءَ ڳالهه کان الله جي پناهه! جو اسان انهيءَ ماڻهو کي ڇڏيون، جنهن وٽان اسان جو سامان نڪتو، ۽ ٻئي ماڻهو کي پڪڙي رکون! جيڪڏهن ائين ڪيون ته پوءِ ته اسان ظالم چئباسين.


    رڪوع ١٠ آيت 80-تا-93
    حضرت يوسف جي ڀائرن تي راز کلي پوڻ ته ساڻن مهرباني ڪرڻ وارو حاڪم سندن ڀاءُ آهي، انهن جي ندامت ۽ حضرت يوسف جو کين معاف ڪرڻ.
    (٨٠) پوءِ جڏهن اهي، (ڀائر) يوسف کان نااميد ٿيا (ته هو اسان جي اها ڳالهه نه مڃيندو) تڏهن مشوري (صلاح و مصلحت) ڪرڻ لاءِ (ڪنهن جاءِ تي) نويڪلا ويهي رهيا. انهن ۾ جيڪو وڏو (روبن نالي) هو تنهن چيو ته، توهان کي معلوم آهي ته بابي (بن يامين جي باري ۾) الله کي شاهد ٺهرائي اوهان کان عهد ورتو هو ۽ ان کان اڳي يوسف جي معاملي ۾ اوهان وڏو قصور ڪري چڪا آهيو. تنهن ڪري مان ته هاڻي هن ملڪ مان ڪونه نڪرندس، جيستائين ڪه بابا پاڻ حڪم نه ڏئي، يا وري الله تعاليٰ منهنجي لاءِ ڪو ٻيو فيصلو ڪري ۽ هو سڀني کان بهتر فيصلو ڪندڙ آهي. (٨١) توهان بابا ڏي موٽي وڃو ۽ کيس وڃي چئو ته، اي اسان جا بابا! (اسان ڇا ڪيون) تنهنجي پٽ (بن يامين پرائي ملڪ ۾) چوري ڪئي، جيڪا ڳالهه اسان کي چڱيءَ طرح معلوم ٿي، اها ئي توکي اسان ٺيڪ ٺيڪ ٻڌائي آهي. اسان ڪو غيب جي ڳالهين جي خبر رکندڙ ڪونه هئاسين (جو اڳ ئي ڄاڻي ڇڏيون ها ته بن يامين اهڙو ڪم ڪندو). (٨٢) ۽ (هي به کيس چئي ڏجو ته) توهان انهي شهر جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جتي اسان رهيا هئاسين، پڻ انهيءَ قافلي جي ماڻهن کان پڇا ڪيو جنهن ۾ اسان آيا آهيون. اسان (پنهنجي بيان ۾) بلڪل سچا آهيون. (٨٣) (ڀائرن ائين ڪيو ۽ ڪنعان ۾ اچڻ سان اهي سڀ ڳالهيون پيءُ کي ٻڌايائون) هن (ٻڌي) چيو ته نه، هيءَ اهڙي ڳالهه آهي جا اوهان جي نفس اوهان کي سمجهائي آهي (۽ سچي ڪري ڏيکاري آهي، پر بن يامين هرگز چوري ڪانه ڪئي آهي.) خير! منهنجي لاءِ ته صبر کان سواءِ ٻيو چاروئي ڪونهي، صبر ته اهڙو جو سهڻو صبر هجي. الله (جي فضل) کان پري ناهي ته هو (ڪنهن ڏينهن) انهن سڀني کي گڏ مون وٽ آڻي ڪڍي. اهو آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ ۽ (پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (٨٤) ۽ هن (يعني حضرت يعقوب عليه السلام) عانهن ماڻهن کان منهن ڦيرائي ڇڏيو ۽ (جيئن ته هن نئين زخم اڳيئن زخم کي تازو ڪري وڌو تنهن ڪري) پڪار ڪيائين ته هاءِ يوسف جي فراق جو درد! ۽ غم جي شدت سبب (روئندي روئندي) سندس اکيون سفيد ٿي ويون ۽ سندس سينو غم سان ٽمٽار ٿي ويو. (٨٥) (پيءُ جو هي حال ڏسي پٽ) چوڻ لڳا ته، والله! تون هميشه يوسف جي يادگيريءَ ۾ لڳو رهندين تان جو (انهيءَ غم ۾) ڳري ڪنڊا ٿي وڃين يا مري وڃين. (٨٦) پيءُ چيو ته، مان پنهنجي حاجت ۽ پنهنجو غم الله جي درگاهه ۾ پيش ٿو ڪيان (مان ڪو توهان جي شڪايت يا گلا ڪونه ٿو ڪيان) مون کي الله وٽان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جيڪا توهان کي معلوم ناهي. (٨٧) (وري چيائين ته) اي منهنجا فرزندؤ! (هڪ ڀيرو وري به مصر) وڃو ۽ يوسف ۽ سندس ڀاءُ جو پتو لهو. الله جي رحمت کان نااميد نه ٿيو، الله جي رحمت کان نااميد فقط اهي ماڻهو ٿين ٿا جيڪي منڪر آهن. (٨٨) پوءِ جڏهن (پيءُ جي حڪم جي تعميل ڪري اهي ماڻهو مصر پهتا ۽) يوسف وٽ ويا تڏهن (پنهنجي وري اچڻ جو سبب بيان ڪري) چيائون ته، اي عزيز! اسان ۽ اسان جي ڪٽنب جا ماڻهو تنگي ۽ سختيءَ جا ڏينهن گذاري رهيا آهيون، تنهن ڪري (مجبور ٿي اناج جي طلب ۾ وري نڪتا آهيون) اسان تمام ٿوري پونجي کڻي آيا آهيون، (اها قبول ڪر ۽ ان جي) پوري تور عنايت ڪر (يعني پئسا ٿورا وٺ، پر ان اوترو ئي ڏي) ۽ (اهو سودو واپار نه سمجهه پر) اسان کي (محتاج سمجهي) خيرات ڏي. الله تعاليٰ خيرات ڪندڙن کي ان جو وڏو اجر ٿو ڏئي. (٨٩) (اهو حال ٻڌي يوسف جي دل ڀرجي آئي ۽) چيائين ته توهان کي ياد آهي ته توهان يوسف ۽ سندس ڀاءُ سان ڪهڙي هلت ڪئي هئي، جڏهن توهان کي ڄاڻ سڃاڻ ڪانه هئي؟ (٩٠) (هي ٻڌي ڀائر حيران ٿي ويا ۽ هاڻي عزيز جي شڪل ۽ آواز تي غور ڪري سمجهي ورتائون ۽) چيائون ته، ڇا في الحقيقت تون ئي يوسف آهين؟ يوسف چيو ته، هائو مان يوسف آهيان ۽ هي (بن يامين) منهنجو ڀاءُ آهي. تحقيق الله تعاليٰ اسان تي احسان ڪيو ۽ حقيقت هيءَ آهي ته جيڪو به برائين کان پاڻ بچائي ٿو ۽ (مصيبتن ۾) ثابت قدم رهي ٿو تنهن جي لاءِ الله تعاليٰ (پنهنجي قانون مطابق) نيڪ عملن جو اجر ڪڏهن به ضايع نٿو ڪري. (٩١) (هي ٻڌي ڀائرن جو ڪنڌ شرم ۽ پشيمانيءَ کان هيٺ ٿي ويو ۽) چيائون ته قسم آهي خدا جو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توکي اسان تي فضيلت ۽ بزرگي ڏني آهي ۽ بيشڪ اسان سراسر قصوروار هئاسين. (٩٢) يوسف چيو ته، اڄ جي ڏينهن (منهنجي طرفان) توهان تي ڪابه سرزنش ڪانهي (يعني مان توهان کي ڪابه ميار ڪونه ٿو ڏيان، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿي چڪو) الله تعاليٰ شال اوهان جو قصور بخشي ۽ هو سڀني رحم ڪندڙن کان وڌيڪ رحم ڪندڙ آهي. (٩٣) (هاڻي توهان هيئن ڪيو جو) منهنجي هيءَ قميص (نشانيءَ طور) پاڻ سان کڻي وڃو ۽ منهنجي پيءُ جي منهن تي وجهو ته سندس اکيون روشن ٿي پون ۽ (پوءِ) پنهنجي گهراڻي جي سڀني ماڻهن کي وٺي مون وٽ اچو.
    رڪوع ١١ آيت 93-تا-104
    ڀائرن جو موٽي ڪنعان ۾ اچڻ ۽ سڀني جو مصر وڃڻ
    (٩٤) ۽ وري جڏهن (اهي ڀائر يوسف جي حڪم موجب قميص کڻي روانا ٿيا ۽) قافلي مصر جو ملڪ ڇڏيو تڏهن (هوڏي ڪنعان ۾) سندن پيءُ چوڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان ماڻهو هيئن نه چئو ته، پوڙهائي سبب منهنجو عقل کسجي ويوي آهي، ته مان چئي ڏيندس ته مون کي يوسف جي خوشبوءِ اچي رهي آهي (۽ مون کي ان ڳالهه جو يقين آهي). (٩٥) (ٻڌندڙن) چيو ته، والله تون ته اڃا تائين پنهنجي پراڻي غلطيءَ ۾ غلطان آهن. (يعني يوسف جو ته نالو نشان به ڪونه رهيو ۽ تون وري سندس موٽي ملڻ جا خواب لهي رهيو آهين). (٩٦) پر پوءِ جڏهن (قافلو ڪنعان ۾ پهچي ويو ۽) خوشخبري ٻڌائيندڙ (ڊوڙندو ڊوڙندو) آيو، هن (اچڻ شرط) يوسف جي قميص يعقوب جي چهري تي وڌي ته سندس اکيون وري روشن ٿي پيون، تڏهن حضرت يعقوب فرمايو ته، مون اوهان کي چيو ڪين هو ته مون کي الله تعاليٰ کان اها ڳالهه معلوم ٿي آهي جا توهان نٿا ڄاڻو. (٩٧) اهي (ڀائر شرم ۽ پشيمانيءَ ۾ ٻڏي) چوڻ لڳا ته، اي اسان جا بابا! اسان جي گناهن جي مغفرت لاءِ (الله جي حضور ۾) دعا ڪر، بيشڪ اسان سراسر خطاوار هئاسين. (٩٨) پيءُ چيو ته، اهو وقت پري ناهي جڏهن مان پنهنجي پروردگار کان اوهان جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪندس، هو وڏو بخشيندڙ ۽ وڏي رحمت وارو آهي. (٩٩) پوءِ جڏهن (حضرت يعقوب عليه السلام سندس بي بي ۽ سندس پٽ ٻين ماڻهن سميت حضرت يوسف جي خواهش مطابق ڪنعان کان روانا ٿيا ۽ مصر واري شهر جي ٻاهران) يوسف سان مليا تڏهن هن پنهنجي پيءُ ۽ (ويڳي) ماءُ کي (عزت سان) پنهنجي پاسي ۾ جاءِ ڏني ۽ چيو ته، هاڻي شهر ۾ هلو. خدا گهريو آهي ته توهان جي لاءِ هر طرح جي سلامتي آهي. (١٠٠) ۽ (جڏهن شهر ۾ داخل ٿيا تڏهن) هن پنهنجي ماءُ پيءُ کي تخت تي مٿي ويهاريو ۽ (ڏسو ان وقت ڇا ٿيو جو) سڀ سندس اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا (۽ مصر جي دستور مطابق هن جي عهدي جي تعظيم بجا آندائون) ان وقت (کيس پنهنجي ننڍپڻ وارو خواب ياد آيو ۽ بي اختيار) پڪاري چيائين ته، اي بابا! هي آهي تعبير انهيءَ خواب جو، جيڪو گهڻي مدت اڳي مون ڏٺو هو. منهنجي پروردگار ان کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو. هي سندس ئي احسان آهي جو مون کي قيد مان ٻاهر ڪڍيائين، توهان سڀني کي بيابان مان ڪڍي مون وٽ پهچايائين، ۽ هي سڀ ڪجهه هن واقعي کان پوءِ ٿيو، جو شيطان منهنجي ۽ منهنجي ڀائرن جي وچ ۾ اختلاف وجهي ڇڏيو هو. بيشڪ منهنجو پروردگار انهن ڳالهين جي لاءِ جي ڪرڻ چاهي ته بهترين تدبير ڪندڙ آهي. بيشڪ اهوئي آهي جو (سڀ ڪجهه) ڄاڻندڙ (۽ پنهنجي سڀني ڪمن ۾) حڪمت رکندڙ آهي. (١٠١) (پوءِ يوسف دعا گهري ته) اها منهنجا پرورگار! تو مون کي حڪومت عطا فرمائي ۽ ڳالهين جو مطلب ۽ نتيجو ڪڍڻ سيکاريو. اي آسمانن ۽ زمين جي بنائڻ وارا! تون ئي منهنجو ڪارساز آهين. دنيا ۾ به ۽ آخرت ۾ به. تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪجانءِ جو دنيا مان لاڏاڻو ڪيان ته تنهنجي فرمابرداريءَ جي حالت ۾ ڪيان ۽ انهن ماڻهن ۾ داخل ٿيان جيڪي تنهنجا نيڪ ٻانها آهن. (١٠٢) (اي پيغمبر!) هيءَ غيب جي خبرن مان هڪ خبر آهي، جيڪا توکي وحي جي رستي ٻڌائي اٿئون، نه ته (ظاهر آهي ته) جنهن وقت يوسف جا ڀائر گڏجي سازش ۽ منصوبو ٺاهي رهيا هئا ۽ مخفي رٿون رٿي رهيا هئا تنهن وقت تون انهن وٽ ڪونه بيٺو هئين (جو سڀ ڪجهه ڏسي ٻڌي وٺين ها). (١٠٣) ۽ (اي پيغمبر! هيءَ ڳالهه به ياد رک ته) اڪثر ماڻهن جو حال هي آهي جو تون ڪيترو به چاهين (۽ ڪيترا به دليل پيش ڪرين ته به) هو ڪڏهن به ايمان نه آڻيندا. (١٠٤) حالانڪ هنن کان هن ڳالهه جي لاءِ ڪابه مزوري نٿو گهرين. هي (جيڪي تون ماڻهن کي ٻڌائين ٿو سو ته) سڄي جهان لاءِ عمدو پيغام ۽ نصيحت آهي.

    رڪوع ١٢ آيت 105-تا-111
    آسمانن ۽ زمين ۾ خدا جي قدرت ۽ حڪمت جون نشانيون آهن.
    (١٠٥) ۽ (ڏسو) آسمانن ۽ زمين ۾ (الله جي قدرت ۽ حڪمت جون) ڪيتريون ئي نشانيون آهن جن وٽان ماڻهو لنهگن ٿا ۽ اکيون کڻي ڏسن به نٿا. (١٠٦) ۽ انهن مان گهڻن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله تي ايمان آڻين ٿا ته هن حال ۾ آڻين ٿا جو ان سان گڏ شريڪ به ٺهرايا وڃن. (١٠٧) پوءِ ڇا اهي ماڻهو هن ڳالهه کان پاڻ کي سلامت ٿا سمجهن ته الله جي عذاب مان ڪا آفت مٿن اچي وڃي ۽ ڇانئجي وڃي؟ يا اوچتو ئي اوچتو قيامت اچي وڃي ۽ هو بي خبريءَ ۾ پيا هجن. (١٠٨) (اي پيغمبر!) تون چئي ڏي ته منهنجي واٽ ته هيءَ آهي جو مان انهيءَ روشنيءَ جي مدار تي جا منهنجي سامهون آهي الله جي طرف (ماڻهن کي) سڏيان ٿو ۽ (انهيءَ راهه ۾) جن ماڻهن منهنجي پٺيان قدم کنيو آهي، سي به (ساڳيءَ طرح خدا جي طرف ماڻهن کي) سڏين ٿا ۽ پاڪائي هجي الله جي لاءِ. مان شرڪ ڪرڻ وارن مان ڪونه آهيان. (١٠٩) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي اسان ڪنهن به رسول کي نه موڪليو آهي، پر هن طرح جو هو شهر جي رهاڪن مان هڪڙو ماڻهو هو ۽ اسان مٿس وحي نازل ڪيو هو (ائين ڪڏهن ڪونه ٿيو جو آسمان مان فرشتا لٿا هجن). پوءِ ڇا هي ماڻهو (جيڪي تنهنجي رسول هئڻ تي عجب کائي رهيا آهن) سي زمين تي گهميا ڦريا ڪونه آهن؟ جو ڏسن ها ته انهن ماڻهن جي پڇاڙي ڪهڙي (نه خراب) ٿي جيڪي اڳي گذري ويا آهن ۽ جيڪي ماڻهو (برائين کان پاڻ کي) بچائين ٿا تن جي لاءِ يقيناً آخرت جو گهر گهڻو بهتر آهي. پوءِ (اي انسانو!) توهان (اها ڳالهه) نه سمجهندؤ ڇا؟ (١١٠) (۽ انهن اڳوڻين قومن تي هڪدم عذاب ڪونه آيو هو، هنن کي مهلت ملندي رهي) تان جو جڏهن الله جا رسول (هنن جي ايمان آڻڻ کان) نااميد ٿي پيا ۽ ماڻهن خيال ڪيو ته کين ڪوڙا واعدا يا دڙڪا ڏنا ويا هئا،تڏهن (پوءِ اوچتو) اسان جي مدد انهن (رسولن) کي اچي پهتي. پوءِ اسان جن کي چاهيو تن کي بچائي ورتو ۽ (جيڪي منڪر ڏوهاري هئاتن جي لاءِ) ائين ڪڏهن به ٿي نٿو
    سگهي ته ڏوهارين کان اسان جو عذاب ٽري وڃي. (١١١) يقيناً انهن ماڻهن جي قصن ۾ سمجهه وارن ماڻهن لاءِ وڏي عبرت (۽ نصيحت جو سبق) رکيل آهي، هي (يعني قرآن مجيد) ڪا دل مان گهڙي ٺاهي ڪڍيل ڳالهه ناهي، پر انهيءَ ڪتاب جي تصديق آهي جو هن کان اڳي اچي چڪو آهي. پڻ انهن ماڻهن لاءِ جي يقين رکن ٿا (هدايت جي) سڀني ڳالهين جو تفصيل آهي (يعني جدا جدا ڪري چٽيون هدايتون ڏنل آهن) ۽ (اهو قرآن) سچي راهه ڏيکاريندڙ ۽ سراسر رحمت آهي.


    سورت رعد (معنيٰ: ڪڪرن جي گجگوڙ)

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-7

    دنيا ۾ جيڪي به آهي تنهن تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته سڀ ڪجهه قانونن تي هلي رهيو آهي، تنهن ڪري قانون ساز ۽ ڪارساز ضرور آهي.
    (١) الف- لام- ميم- را. (اي پيغمبر!) هي ڪتاب (يعني قرآن مجيد) جون آيتون آهن ۽ جيڪي تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿيو آهي، سو حق جو امر آهي (نه ٻيو ڪجهه) پر اڪثر ماڻهو اهڙا آهن جيڪي (ان تي) ايمان نٿا آڻين. (٢) اهو الله ئي آهي، جنهن آسمان کي بلند ڪيو ۽ توهان ڏسو ٿا ته ڪوبه ٿنڀ انهن کي جهليون ڪونه بيٺو آهي. (خلقڻ بعد هو ننڊ پئجي ڪونه ويو پر) پنهنجي حڪومت (جي تخت) تي قائم رهيو (يعني مخلوقات ۾ حڪم احڪام جاري ڪندو رهيو ۽ انتظام ڪندو رهيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي ڪم ۾ لڳائي ڇڏيائين، (اهڙيءَ طرح) جو هرهڪ پنهنجي ٺهرايل مدت تائين (پنهنجي پنهنجي واٽ تي) هلي رهيو آهي. اهوئي (هن خلقت جي ڪارخاني جو) انتظام ڪري رهيو آهي ۽ (پنهنجي قدرت ۽ حڪمت جون) نشانيون الڳ الڳ ڪري بيان ٿو ڪري ان لاءِ ته اوهان کي يقين ٿي وڃي ته (هڪ ڏينهن) پنهنجي پروردگار سان ملڻو آهي (۽ عملن جو حساب ڪتاب ڏيڻو آهي.) (٣) ۽ (ڏسو) اهوئي آهي جنهن زمين جو مٿاڇرو پکيڙي ڇڏيو آهي، ان ۾ جبل ٺاهيا اٿس، نديون ۽ نهرون وهائي ڇڏيون اٿس ۽ هر طرح جي ميون جا جوڙا ٻن ٻن قسمن جا ڄمايا اٿس. هن رات ڏينهن (جي هڪ ٻئي پٺيان اچڻ جو ۽ درجي بدرجي اچڻ) جو اهڙو قانون ٺاهي ڇڏيو آهي جو ڏينهن جي روشنيءَ کي رات جي اونداهي ڍڪي ڇڏيندي آهي. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو غور ۽ فڪر ڪندڙ آهن. (٤) ۽ ڏسو، زمين ۾ (طرحين طرحين) ٽڪرا آهن جي هڪ ٻئي سان مليل آهن. انهن ۾ انگورن جا باغ آهن، (ان جون) پوکون آهن. کارڪن جا وڻ آهن، جن مان ڪي هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن، ته ڪي وري ڳنڍيل ڪونه آهن. سڀني کي هڪ ئي پاڻي ملي ٿو. پر (تنهن هوندي به) اسان ڪجهه ميون کي ٻين ميون کان ذائقي ۾ بهتري ڏيون ٿا. يقيناً هن ڳالهه ۾ انهن ماڻهن لاءِ وڏيون نشانيون آهن، جيڪي ماڻهو عقل کان ڪم ٿا وٺن. (٥) ۽ (اي انسان!) جيڪڏهن تون ڪا عجيب ڳالهه ڏسڻ چاهين ٿو ته (سڀ کان وڌيڪ) عجيب ڳالهه انهن منڪرن جو هي قول آهي ته جڏهن اسان (مرڻ بعد ڳري سڙي) خاڪ ٿي وينداسين تڏهن اسان وري نئين خلقت ۾ آڻي اٿاريا وينداسين ڇا؟ توهان (سمجهه وارؤ) يقين ڪيو ته اهي ئي ماڻهو آهن جن پنهنجي پروردگار کان انڪار ڪيو ۽ اهي ئي آهن جن جي ڳچين ۾ ڳٽ پيل هوندا ۽ اهي ئي آهن جيڪي دوزخي هوندا ۽ هميشه دوزخ ۾ رهندا. (٦) ۽ (اي پيغمبر!) هي ماڻهو توسان برائيءَ جي لاءِ تڪڙ مچائي ٿا ڏين (يعني ٽوڪ طور توکي چون ٿا ته جلدي اسان تي عذاب آڻ!) ان کان اڳي جو چڱائي جي طلب ڪن، حالانڪ انهن کان اڳي اهڙا مثال ۽ واقعا ٿي گذريا آهن (جن متعلق دنيا ۾) ڪهاڻيون ۽ پهاڪا ٺهي ويا آهن. (پر هي بيوقوف انهن مان عبرت نٿا وٺن) تنهنجي پروردگار ته بيشڪ (سندن) ظلم کي درگزر ڪرڻ وارو (۽ مهلت ڏيڻ وارو) آهي. پر هن ۾ به شڪ ڪونهي ته (جيڪڏهن هو حق تي نه ايندا ته) تنهنجو پروردگار سزا ڏيڻ ۾ به ڏاڍو سخت آهي. (٧) ۽ جن ماڻهن ڪفر اختيار ڪيو آهي سي چون ٿا ته هن ماڻهوءَ (يعني پيغمبرﷺ) تي پنهنجي پروردگار جي طرف کان ڪا نشاني ڇو نه نازل ٿي آهي. حالانڪ تون ته فقط (انڪار ۽ بدعملين جي نتيجن کان) خبردار ڪرڻ وارو هڪڙو رهنما (واٽ ڏيکاريندڙ) آهين ۽ هر قوم جي لاءِ هڪڙو رهنما پئي آيو آهي.

    رڪوع ٢ آيت 8-تا-18
    الله تعاليٰ ڪنهن به قوم جي حالت نٿو بدلائي جيستائين پاڻ پنهنجي عملن سان پنهنجي حالت نٿا بدلائين.
    (٨) الله (تعاليٰ جو علم اهڙو ته وسيع ۽ عالمگير آهي جو هو) اهو به ڄاڻي ٿو ته ماديءَ جي پيٽ ۾ ڇا آهي (يعني ڪهڙي قسم جو ٻچو پيٽ ۾ آهي) ۽ پيٽ ڇو ٿا گهٽجن ۽ وڏا ٿين، هن وٽ هر شيءِ جو هڪ اندازو ٺهرايل ٿئي ٿو. (٩) هو غيب ۽ شهادت (يعني لڪل ۽ ظاهر؛ غير محسوس ۽ محسوس) ٻنهي جو ڄاڻندڙ آهي ۽ سڀني کان وڏو ۽ بلند مرتبي وارو آهي. (١٠) توهان مان ڪوبه دل ۾ ڪا ڳالهه چوي، يا زور سان پڪاري چوي، رات جي اونداهيءَ ۾ لڪل هجي يا ڏينهن جي روشنيءَ ۾ گهمندڙ هجي هن (الله) جي لاءِ هڪ جهڙي ڳالهه آهي (يعني سندس علم کان ڪابه ڳالهه لڪل ناهي). (١١) انسان جي اڳيان ۽ پٺيان هڪ ٻئي پوئتان ايندڙ (قوتون) آهن جي الله جي حڪم سان سندس حفاظت ڪن ٿيون. الله تعاليٰ ڪڏهن به انهيءَ حالت کي نٿو بدلائي جنهن حالت ۾ ڪا قوم آهي جيستائين ڪه اها قوم پاڻ پنهنجي صلاحيت کي بدلائي ڇڏي. ۽ جڏهن الله تعاليٰ چاهي ٿو ته ڪنهن قوم کي (سندس صلاحيت کي ڦيرائڻ جي عيوض ۾) مصيبت پهچي ته (مصيبت پهچي وڃي ٿي) اها ڪنهن جي به ٽارڻ سان ٽري نٿي سگهي ۽ الله کان سواءِ ڪوبه ڪونهي جو هن جو ڪارساز ۽ بچائيندڙ ٿئي. (١٢) اهو (الله ئي) آهي جو اوهان کي کنوڻ جي تجلي (چمڪو) ڏيکاري ٿو، اها کنوڻ يا بجلي دلين ۾ هراس به پيدا ڪري ٿي ۽ اميد به پيدا ڪري ٿي. اهو ئي آهي جو ڪڪرن کي (پاڻيءَ سان) ڀرپور ڪري ٿو ڇڏي. (١٣) ۽ ڪڪرن جي گجگوڙ سندس حمد ۽ ساراهه ڪري ٿي. ۽ فرشتا به ان جي دهشت کان (خدا جي) حمد ۽ ساراهه ڪن ٿا. هو بجليون ڪيرائي ٿو ۽ جنهن کي وڻيس ٿو تنهن کي ان هيٺ آڻي موت جي مصيبت ۾ وجهي ٿو. (تنهن هوندي به) اهي (منڪر الله جي قدرت ۽ حڪمت جي انهن سڀني نشانين کان اکيون بند ڪيون ويٺا آهن جو) سندس (هستي ۽ هڪ هئڻ جي) باري ۾ بحث ۽ جهڳڙا ڪري رهيا آهن، حالانڪ هو (پنهنجي قدرت ۽ طاقت ۾) ڏاڍو سخت ۽ غالب آهي. (١٤) هن (الله) کي پڪارڻ (يعني کانئس دعا ۽ مدد گهرڻ) سچو پڪارڻ آهي. جيڪي ماڻهو هن کان سواءِ ٻين کي پڪارين ٿا تن جي پڪار اهي ٻيا ڪجهه به نٿا ٻڌن. انهن جو مثال اهڙو آهي جهڙو هڪ ماڻهو (سخت اُڃ ۾) ٻئي هٿ پاڻيءَ جي طرف وڌائي ڊگها ڪري ته بس (ائين ڪرڻ سان) پاڻي هن جي وات ۾ پهچي وڃي. حالانڪ اهو ان تائين پهچڻ وارو ئي ناهي ۽ (يقين ڪيو ته) حق جي منڪرن جي دعا يا پڪار سواءِ هن جي ڪجهه به نه آهي ته ڏنگن ڦڏن رستن تي رلڻ ڦرڻ آهي. (١٥) ۽ آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آهي سو الله جي اڳيان سجدي ۾ ڪريل آهي (يعني الله جي حڪمن ۽ قانونن جي اڳيان جهڪڻ کان سواءِ ٻيو کيس چاروئي ڪونهي.) خوشيءِ سان يا مجبوريءَ سان (سجدي ۾ ڪريل آهي) ۽ (ڏسو) سندن پاڇا به صبح توڙي شام جو (ڪهڙيءَ طرح گهٽجن ٿا ۽ وڌن ٿا ۽ ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي ٿي وڃن ٿا). (١٦) (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن کان پڇ ته آسمانن ۽ زمين جو پروردگار ڪير آهي؟ تون (ئي) چؤ ته الله ئي آهي(کانئس سواءِ ڪوبه ڪونهي)، (وري کين) چؤ ته (جنهن صورت ۾ اهوئي پروردگار آهي تنهن صورت ۾) هي ڇا آهي جو توهان هن کان سواءِ ٻين کي پنهنجو ڪارساز بنائي رکيو آهي. جن کي خود پنهنجي جانين جو نفعو نقصان به پنهنجي اختيار ۾ ناهي، پڻ کين چؤ ته انڌو ۽ ڏسندڙ ٻئي برابر آهن ڇا؟ يا (هيئن به ٿي سگهي ٿو) ڇا ته اونداهي ۽ روشنائي برابر ٿي وڃن يا (وري هيءَ ڳالهه آهي ڇا ته) سندن ٺهرايل شريڪن به اهڙيءَ ئي طرح مخلوقات پيدا ڪئي آهي جهڙي طرح خدا پيدا ڪئي آهي. جنهن ڪري پيدا ڪرڻ جي معاملي ۾ هنن کي شڪ شبهو پئجي ويو آهي (ته رڳو الله خالق ناهي پر ٻيا به ڪجهه خلقي ٿا سگهن). تون (کين) چؤ ته الله ئي آهي جو هر شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ هو (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) يگانو ۽ سڀني تي غالب آهي. (١٧) هن آسمان مان پاڻي وسايو ته نديون پنهنجي قدر (يعني ڪشادگي ۽ اونهائي وغيره) آهر وهي هليون ۽ (ڪن ڪچري مان جَهڳي بڻجي پاڻيءَ جي مٿاڇري تي چڙهي ته) پاڻيءَ جو وهڪرو ان کي کڻي هليو ويو ۽ ڏسو ته اهڙيءَ ئي طرح جي جهڳي (ڪن ڪچري مان) انهيءَ وقت به چڙهي ٿي جڏهن ماڻهو زيور يا ڪا ٻي شيءِ ٺاهڻ لاءِ (ڌاتن کي) باهه ۾ تپائن (يا پگهارن) ٿا. حق ۽ باطل جو مثال اهڙو ئي سمجهو جهڙو الله تعاليٰ بيان ڪري ٿو. پوءِ (ڪن ڪچري جي) جهڳي (جا ڪنهن به ڪم جي نه هئي) ائين ئي هلي ويئي ۽ جنهن شيءِ ۾ انسان جو نفعو هو سا زمين ۾ رهجي پيئي. اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ (ماڻهن کي سمجهائڻ لاءِ) مثال ڏئي ٿو. (١٨) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار جو حڪم قبول ڪيو تن جي لاءِ سراسر چڱائي آهي ۽ جن قبول نه ڪيو (تن جا سڀ عمل ضايع ٿي ويندا. اهي نامرادي ۽ بدحاليءَ کان بچي ڪونه سگهندا) جيڪڏهن سڄي زمين جي سڀ دولت سندن قبضي ۾ اچي وڃي ۽ ان کي وري ٻيڻو ڪيو وڃي ته اهي ماڻهو ضرور ان کي فدئي طور ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ته من نامرادي ۽ عذاب کان کين پناهه ملي، پر هرگز نه ملندي) اهي ئي ماڻهو آهن جن لاءِ حساب جي سختيءَ ٿيندي ۽ سندن ٽڪاڻو جهنم هوندو ۽ (اهو جهنم) ڪهڙو نه خراب ٽڪاڻو آهي.

    رڪوع ٣ آيت 19-تا-26
    حقيقت ۽ وحي کي قبول ڪندڙن جون خصلتون، شرارت ۽ فساد ڪندڙن تي لعنت آهي.
    (١٩) (اي پيغمبر!) ائين ٿي سگهي ٿو ڇا؟ ته (هيٺ ڄاڻايل) ٻئي ماڻهو برابر هجن. اهو جيڪو چڱيءَ طرح ڄاڻي (۽ سمجهي) ٿو ته جيڪا ڳالهه تنهنجي پروردگار وٽان توتي نازل ٿي آهي سا حق آهي ۽ اهو جيڪو (هن حقيقت جي ڏسڻ کان) انڌو آهي. جيڪي دانشمند آهن (۽ عقل کان ڪم وٺن ٿا). (٢٠) اهي (نصيحت وٺندڙ) اهي ماڻهو آهن جيڪي الله سان پنهنجي (ٻانهپ جو) عهد پورو ڪن ٿا ۽ پنهنجو قول ۽ قرار نٿا ڀڃن. (٢١) ۽ اهي اهي ماڻهو آهن جيڪي انهن رشتن (يعني لاڳاپن) کي جوڙين ۽ ڳنڍين ٿا جن جي جوڙڻ ۽ ڳنڍڻ جو الله تعاليٰ حڪم ڏنو آهي. (فقط) پنهنجي پروردگار کان ڊڄن ٿا ۽ حساب (ڏيڻ) جي سختي جي خيال کان انديشي ۾ رهن ٿا. (٢٢) ۽ اهي اُهي ماڻهو آهن جن الله تعاليٰ جي محبت ڪندي (يا الله تعاليٰ جي راضپي حاصل ڪرڻ جي طلب ۾ هر طرح جي پَوڻاين ۽ سختين ۾) صبر ڪيو (۽ پنهنجي فرض اداين ۾ ثابت قدم رهيا) نماز قائم رکي جيڪو رزق اسان کين ڏنو آهي تنهن مان (خدا جي راهه ۾) مخفي طرح توڙي ظاهرظهور خرچ ڪندا رهيا. هنن برائيءَ جي مقابلي ۾ برائي نه ڪئي، بلڪ چڱائيءَ جي هلت ڪئي. بيشڪ اهي ئي ماڻهو آهن جن جي لاءِ عاقبت جو گهر (تيار رکيل) آهي. (٢٣) (اهو عاقبت جو گهر آهي) دائمي باغ، جن ۾ اهي پاڻ به داخل ٿيندا ۽ سندن ابن ڏاڏن، زالن ۽ اولاد مان جن صالح عمل ڪيا هوندا سي به داخل ٿيندا. (اتي جي زندگي اهڙي هوندي جو) هر دروازي کان فرشتا انهن ڏي ايندا. (٢٤) (۽ چوندا ته) هي جو توهان (دنيا جي زندگيءَ ۾) صبر ڪيو ۽ ثابت قدم رهيؤ تنهن جي سببان (اڄ) توهان تي سلامتي هجي. پوءِ ڪهڙو نه چڱو عاقبت جو گهر آهي (جو انهن ماڻهن کي نصيب ٿيو). (٢٥) ۽ جن ماڻهن جو حال هي آهي جو الله جو عهد مضبوط ڪرڻ بعد وري ان کي ٽوڙي ٿا ڇڏين ۽ جن لاڳاپن ڳنڍڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي تن کي ڪپي ٿا ڇڏين ۽ ملڪ ۾ شرارتون ۽ فساد ڪندا ٿا رهن سي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ لعنت آهي ۽ بري رهڻ جي جاءِ آهي، (يعني دوزخ ۾ داخل ٿيندا). (٢٦) الله تعاليٰ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ رزق ڪشادو ڪري ٿو ۽ (جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ) ماپي توري (ٿورو) رزق ڏئي ٿو. ماڻهو دنيا جي (ٿورن ڏينهن جي) زندگيءَ (۽ ان جي عارضي فائدن) تي شادمانيون ڪن ٿا. حالانڪ دنيا جي زندگي ته آخرت جي زندگيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به ناهي. فقط ٿورو فائدو وٺڻ آهي.

    رڪوع ٤ آيت 27-تا-31
    الله جي ذڪر ۽ فرمانبرداريءَ سان قلب کي قرار اچي ٿو.
    (٢٧) جن ماڻهن ڪفر جي واٽ ورتي آهي سي چون ٿا ته هيئن ڇونه ٿيو جو هن شخص (پيغمبرﷺ) تي سندس پروردگار وٽان (ڪا حيرت ۾ وجهندڙ) نشاني نازل ٿئي ها. (اي پيغمبر! تون کين) چئو ته، جنهن کي الله تعاليٰ چاهي ٿو تنهن کي (سندس ئي انڌائيءَ سبب) گمراهه ڪري ڇڏي ٿو، پر جيڪو شخص الله ڏي رجوع ٿئي ٿو تنهن کي هو پنهنجي طرف وڌڻ جي راهه ڏيکاري ٿو ڇڏي. (٢٨) (جيڪي ماڻهو الله ڏي رجوع ٿيا سي) اهي ماڻهو آهن جن ايمان آندو ۽ سندن دلين کي خدا جي ذڪر سان آرام ۽ قرار اچي ويو ۽ ياد رکو ته الله جو ذڪر ئي آهي جنهن سان دلين کي آرام ۽ قرار ملي ٿو (۽ شڪ شبهي، خوف ۽ غم جا سڀ ڪنڊا نڪري ٿا وڃن). (٢٩) جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن لاءِ نعمتون ۽ خوشحاليون آهن ۽ (آخرت) تمام چڱي رهڻ جي جاءِ آهي. (٣٠) ۽ (اي پيغمبر!) اهڙيءَ طرح هيءَ ڳالهه ٿي جو اسان توکي هڪڙي امت ڏانهن (پيغمبر ڪري) موڪليو جنهن امت کان اڳي گهڻيون ئي امتون ٿي گذريون آهن (۽ انهن امتن ۾ سچائيءَ جا پيغمبر پنهنجي پنهنجي زمانن ۾ ظاهر ٿي چڪا آهن) ۽ هن لاءِ (توکي پيغمبر ڪري) موڪليوسين ته جيڪا ڳالهه توتي نازل ڪئي اٿئون سان ماڻهن کي پڙهي ٻڌائين ۽ انهن ماڻهن جو حال هي آهي جو منڍ کان ئي خدائي رحمان جا مڃيندڙ ئي نه آهن. تون (کين) چئي ڏي ته اهوئي منهنجو پروردگار آهي. ڪوبه معبود ڪونهي سواءِ هن جي. انهيءَ تي ئي مون ڀروسو ڪيو آهي ۽ سندس ئي طرف رجوع ٿو ٿيان. (٣١) ۽ (ڏسو) جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ها جو ڪنهن قرآن سان جبل هلڻ لڳن ها يا زمين جا وڏا وڏا مفاصلا (هڪ پلڪ ۾) لتاڙي سگهجن ها يا مُردا ڳالهائڻ لڳن ها (ته ضرور هن قرآن سان به ائين ئي ٿئي ها) پر نه (ائين ڪونه ٿو ٿئي ڇو ته) سڀني ڳالهين جو اختيار فقط الله کي آهي (۽ سندس سنت ناهي ته ائين ڪري، هو پنهنجو ڪلام واٽ ڏيکارڻ لاءِ نازل ٿو ڪري. نه عجائبات ڏيکارڻ لاءِ) پوءِ جن ماڻهن ايمان آندو آهي سي (هن ڳالهه کان) نااميد نه ٿيا آهن ڇا (ته نه مڃڻ وارا ڪڏهن به نه مڃيندا؟ هنن هيءَ ڳالهه نه سمجهي آهي ڇا؟ ته) جيڪڏهن الله تعاليٰ چاهي ها ته، سڀني ماڻهن کي (هڪ ئي) حق جي راهه ڏيکاري ڇڏي ها (پر هن ائين نه چاهيو. سندس حڪمت جو فيصلو هي ٿيو ته هن دنيا ۾ هر ڪنهن جي ايمان ۽ عمل جي آزمائش ٿئي) ۽ جن ماڻهن ڪفر جي واٽ اختيار ڪئي آهي (اهي ائين مڃڻ وارا ناهن) انهن کي سندن ڪرتوتن جي بدلي ۾ ڪانه ڪا مصيبت پهچندي رهندي، يا هيئن ٿيندو جو سندن رهڻ جي جاين جي نزديڪ اچي نازل ٿيندي تان جو اهو وقت اچي وڃي جڏهن الله جو واعدو ظهور ۾ اچڻ وارو هجي، بيشڪ (سندس واعدو سچو آهي) هو ڪڏهن به واعدي خلافي نٿو ڪري.

    رڪوع ٥ آيت 32-تا-31
    حق تي ٺٺوليون ڪندڙن کي آخر تباهه ڪيو ويو. ڪافرن جا غلط عقيدا ۽ عمل.
    (٣٢) ۽ (اي پيغمبر!) توکان اڳي به ائين ئي پئي ٿيو آهي جو پيغمبرن تي ٺٺوليون ۽ مسخريون ڪيون ويون ۽ مون (پنهنجي قانون موجب) پهريائين کين ڍر ڏني، پوءِ انهن کي پڪڙ ڪيم. سو ڏسو ته اسان جو ٺهرايل بدلو (جو کين ڏنو ويو سو) ڪهڙو هو، (۽ ڪهڙيءَ طرح ظهور ۾ آيو). (٣٣) پوءِ جنهن (الله جي علم ۽ قدرت جو هي ڪمال آهي جو) هر جان تي نگاهه رکي ٿو ۽ ڏسي ٿو ته ڪنهن پنهنجي عملن سان ڪهڙي ڪمائي ڪئي (سو الله انهن جهڙو سمجهيو وڃي ٿو ڇا جن کي ڪافرن معبود کڻي ٺهرايو آهي؟) ۽ هنن (اهڙين معبودن کي) الله سان شريڪ ٺهرايو آهي. (اي پيغمبر!) انهن (ڪافرن مشرڪن) کان پڇ ته (اهي شريڪ ۽ معبود ڪير آهن؟) انهن جون صفتون ته بيان ڪيو يا وري توهان (مشرڪ) الله کي اهڙي ڳالهه ٻڌائڻ ٿا چاهيو ڇا جا خود کيس به معلوم ناهي ته زمين ڪهڙي هنڌ آهي؟ يا خالي ڏيکاوَ جي ڳالهه آهي ڇا (جنهن جي ڪا حقيقت يا اصليت آهي ئي ڪانه؟) اصل حقيقت هي آهي ته منڪرن جي نگاهن ۾ سندن مڪاريون سهڻيون ڏسڻ ۾ آيون آهن ۽ حق جي راهه ۾ قدم کڻڻ کان روڪجي ويا آهن ۽ جنهن تي الله تعاليٰ (ڪاميابيءَ جي) راهه بند ڪري ڇڏي، تنهن لاءِ ڪير آهي جو کيس راهه ڏيکارڻ وارو ٿي سگهي؟ (٣٤) انهن جي لاءِ دنيا جي زندگيءَ ۾ به عذاب اهي ۽ آخرت ۾ به ۽ آخرت جو عذاب يقيناً گهڻو وڌيڪ سخت ٿيندو ۽ ڪوبه ڪونهي جو هنن کي الله (جي قانون جي پڪڙ) کان بچائي سگهي. (٣٥) متقي (پرهيزگار) انسانن جي لاءِ جنهن جنت جو واعدو ڪيو ويو آهي تنهن جو مثال ائين آهي جيئن هڪ باغ هجي، جنهن جي هيٺان نهرون وهي رهيون هجن (جن جي پاڻيءَ سببان اهي باغ هميشه سرسبز ۽ شاداب رهن) انهن جا ميوا به دائمي آهن (۽ ڪڏهن به ختم ٿيڻ وارا ناهن) ۽ انهن جي وڻن جي ڇانو به دائمي هوندي اها آهي انهن ماڻهن جي پڇاڙي جن تقويٰ جي راهه اختيار ڪئي، پر ڪافرن جي پڇاڙي آهي باهه (جنهن ۾ هو سڙندا رهندا). (٣٦) ۽ (اي پيغمبر!) جن ماڻهن کي اسان ڪتاب ڏنو آهي (يعني يهودي ۽ نصاريٰ) سي هن ڳالهه تي خوش ٿا ٿين جا توتي نازل ڪئي وئي آهي ۽ انهن جماعتن ۾ اهڙا ماڻهو به آهن جن کي ان (يعني قرآن) جي ڪن ڳالهين کان انڪار آهي. سو تون چئي ڏي ته، مون کي ته بس اهوئي حڪم ڏنو ويو آهي ته، الله جي بندگي ڪيان ۽ ڪنهن به هستيءَ کي ساڻس شريڪ نه ٺهرايان. انهيءَ ئي (الله) جي طرف اوهان کي سڏيان ٿو ۽ انهيءَ ئي جي طرف منهنجو رخ آهي. (٣٧) ۽ اهڙيءَ طرح (هيءَ ڳالهه ٿي جو) اسان ان (قرآن) کي هڪ عربي فرمان جي شڪل ۾ (يعني عربي زبان ۾) نازل ڪيو. جيڪڏهن (انهيءَ قرآن جي) علم حاصل ڪرڻ بعد به تون هنن ماڻهن جي خواهشن جي پيروي ڪندين ته پوءِ سمجهي ڇڏ ته الله جي مقابلي ۾ نڪو تنهنجو ڪوئي ڪارساز هوندو، نڪو توکي ڪو بچائڻ وارو هوندو.

    رڪوع ٦ آيت 38-تا-43
    اڳوڻا رسول به انسان هئا ۽ کين زالون ۽ اولاد هئا. هر زماني ۾ خدائي ڪتاب نازل ٿيو
    (٣٨) ۽ هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به (گهڻائي) پيغمبر موڪليا ۽ (اهي به تو وانگر انسان هئا) اسان کين زالون ۽ اولاد ڏنو هو ۽ ڪنهن به پيغمبر لاءِ هيءَ ڳالهه ڪانه ٿي جو هو (پنهنجو پاڻ) ڪا نشاني (يا معجزو) آڻي ڏيکاري پر تڏهن جڏهن الله جو حڪم ٿيو هجي. هر وقت لاءِ هڪ ڪتاب آهي. (٣٩) الله تعاليٰ جيڪا ڳالهه چاهي ٿو تنهن کي ميساري (يا فنا ڪري) ٿو ڇڏي ۽ جيڪا چاهي ٿو تنهن کي قائم رکي ٿو ۽ ڪتاب جو اصل بنياد وٽس ئي آهي. (٤٠) ۽ اسان هنن ماڻهن سان (يعني مڪي جي ڪافرن سان نتيجن جي ظاهر ٿيڻ جا) جيڪي واعدا ڪيا آهن سي (هروڀرو هڪ ئي وقت ظهور۾ اچڻا ناهن) ممڪن آهي ته انهن مان ڪي ڳالهيون اسان توکي تنهنجي زندگيءَ ۾ ڏيکاريون ۽ ائين به ممڪن آهي ته، ان کان اڳي ئي تنهنجي (زندگيءَ جو) وقت پورو ڪري ڇڏيون. بهرحال جيڪي تنهنجي ذمي آهي سو آهي فقط حق جو پيغام پهچائڻ، هنن کان (سندن ڪمن جو) حساب وٺڻ اسان جو ڪم آهي (نه تنهنجو). (٤١) پوءِ ڇا هي ماڻهو ڏسن نٿا ته اسان هن سرزمين (ملڪ عرب) جو قصد ڪري رهيا آهيون؟ ان کي هر طرف گهٽائيندا (۽ مڪي جي ظالمن جي طاقت ٽوڙيندا) ٿا وڃون. (يعني جلد مسلمان سڄو عرب ملڪ فتح ڪري وٺندا). ۽ الله ئي آهي جو (آخر) فيصلو ڪري ٿو. ڪوبه ڪونهي جو سندس فيصلو ٽاري سگهي. هو حساب وٺڻ ۾ بلڪل تکو آهي. (٤٢) ۽ جيڪي ماڻهو هنن کان اڳي ٿي گذريا آهن تن به (حق جي دعوت جي مقابلي ۾) مخفي تدبيرون ڪيون هيون. سو ياد رکو ته) هر طرح جون تدبيرون الله جي لاءِ آهن. اهو ڄاڻي ٿو ته هر انسان ڪهڙي ڪمائي ڪري رهيو آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪافرن کي معلوم ٿي ويندو ته ڪنهن جي لاءِ پڇاڙي چڱي آهي. (٤٣) (اي پيغمبر!) حق جا منڪر چون ٿيا ته تون خدا جو موڪليل نه آهين، تون چؤ ته منهنجي ۽ اوهان جي وچ ۾ خدا جي شاهدي بلڪل ڪافي آهي ۽ انهن جي شاهدي جن کي ڪتاب جو علم آهي.


    سورت ابراهيم

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 6-1

    وحي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ٿو. هدايت روشني آهي ۽ گمراهي اونداهي آهي.
    (١) الف- لام- را- هيءُ هڪ ڪتاب آهي جو اسان تو تي نازل ڪيو آهي. انهيءَ لاءِ ته ماڻهن کي سندن پروردگار جي حڪم جي تعميل ۾ اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي، (۽ انهيءَ راهه تي آڻي) جا غالب ۽ ساراهيل خدا جي راهه آهي. (٢) اهو خدا جيڪو مالڪ آهي، انهيءَ سڀ ڪجهه جو جيڪي به آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (۽ سڀ سندس حڪمن جي اڳيان جهڪيل آهن) ۽ سخت عذاب جي خرابي آهي انهن منڪرن جي لاءِ. (٣) جن آخرت کي ڇڏي دنيا جي زندگي پسند ڪئي، جيڪي ماڻهن کي الله جي راهه کان روڪين ٿا ۽ چاهين ٿا ته ان راهه ۾ ڏنگائي ڦڏائي پيدا ڪن، اهي ئي ماڻهو آهن جيڪي وڏي اونهي گمراهيءَ ۾ وڃي پيا آهن. (٤) ۽ اسان ڪوبه پيغمبر دنيا ۾ نه موڪليو، پر هن طرح جو هو پنهنجي قوم ئي جي زبان ۾ حق جو پيغام پهچائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته (سندن ئي ٻوليءَ ۾ ڳالهه جو) مطلب چٽو ڪري ڏيکاري. پوءِ الله تعاليٰ جنهن کي چاهي ٿو ته (سندس سرڪشيءِ پارؤن) گمراهه ڪري ٿو ۽ جنهن جي لاءِ چاهي ٿو تنهن لاءِ (سندن اطاعت پارؤن ڪاميابيءَ جي) راهه کولي ڇڏي ٿو. هو غالب ۽ حڪمت وارو آهي. (٥) ۽ (ڏسو هي حقيقت آهي ته) اسان پنهنجي نشانين سان موسيٰ کي موڪليو هو ته پنهنجي قوم کي اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي ۽ پڻ الله جي (فيصلو ڪندڙ) واقعات جو بيان ٻڌائي واعظ ۽ نصيحت ڪري. ڇو ته بيشڪ هر انسان لاءِ جيڪو صبر ۽ شڪر ڪندڙ هجي، انهيءَ بيان ۾ (عبرت ۽ نصيحت جون) وڏيون نشانيون آهن. (٦) ۽ پوءِ (هيئن ٿيو جو) حضرت موسيٰ پنهنجي قوم کي (واعظ ۽ نصيحت ڪندي) چيو ته، الله تعاليٰ جيڪي احسان اوهان تي ڪيا آهن سي نه وساريو. هن اوهان کي فرعون جي خاندان (جي غلاميءَ) کان ڇوٽڪارو ڏنو (۽ اهو سندس ڪيڏو نه وڏو احسان آهي) هو اوهان کي ڪهڙن نه خراب عذابن ۾ وجهندا هئا. توهان جي (نون ڄاول) پٽن کي قتل ڪري ڇڏيندا هئا (ته جيئن توهان جو تعداد نه وڌي ۽) توهان جي ڇوڪرين کي زندهه ڇڏيندا هئا (ته ٻانهيون ٿي رهن). ڏسو ته انهيءَ صورت حال ۾ توهان جي پروردگار جي طرف کان اوهان جي لاءِ ڪهڙي نه سخت آزمائش هئي.

    رڪوع ٢ آيت 7-تا-12
    الله تعاليٰ بي پرواهه آهي. ماڻهو سندس هدايت تي نه هلن ته فقط سندن ئي نقصان آهي.
    (٧) (۽ اوهان اهو وقت وساري ڇڏيو آهي ڇا) جڏهن اوهان جي پروردگار (پنهنجي هن قانون جو) اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن توهان شڪر ڪندؤ ته مان اوهان کي اڃا به زياده نعمتون بخشيندس ۽ جيڪڏهن ناشڪري ڪندؤ ته پوءِ ياد رکو ته منهنجو عذاب به ڏاڍو سخت عذاب آهي. (٨) ۽ حضرت موسيٰ فرمايو ته جيڪڏهن اوهان ۽ اهي سڀ جيڪي زمين ۾ رهن ٿا بي شڪري ڪن ته (الله کي ان جي ڪهڙي پرواهه آهي؟) الله جي ذات ته بي نياز ۽ ساراهيل آهي، (ليڪن محرومي ۽ تباهي خود اوهان جي لاءِ هوندي). (٩) پوءِ ڇا توهان تائين انهن ماڻهن جي خبر ڪانه پهتي آهي، جيڪي اوهان کان اڳي ٿي گذريا آهن؟ نوح جي قوم، عاد جي قوم، ثمود جي قوم ۽ اهي قومون جي انهن کان پوءِ آيون ۽ جن جو حال الله ئي کي معلوم آهي. انهن سڀني قومن ڏي انهن جا رسول روشن دليلن سان آيا هئا. پر انهن سندن ڳالهيون موٽائي ڇڏيون (۽ ٻڌڻ کان ئي انڪار ڪيائون) انهن چيو ته جيڪا ڳالهه توهان کڻي آيا آهيو تنهن کان اسان کي انڪار آهي ۽ جنهن ڳالهه ڏانهن توهان سڏيو ٿا تنهن تي اسان کي يقين ڪونهي. اسان شڪ ۽ شبهي ۾ پئجي ويا آهيون. (١٠) انهن جي رسولن چيو ته، ڇا توهان کي الله جي باري ۾ شڪ آهي؟ اهو الله جو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي؟ جو توهان کي سڏي رهيو اهي ته توهان جا گناهه بخشي ڇڏي ۽ هڪ مقرر وقت تائين (زندگي ۽ ڪامرانيءَ جون) مهلتون ڏئي. تنهن تي انهن قومن چيو ته، اوهان سواءِ هن جي ٻيو ڇا آهيو ته، اسان وانگر انسان آهيو. اوهان چاهيو ٿا ته جن معبودن کي اسان جا ابا ڏاڏا پوڄيندا آيا آهن، تن جي پوڄا ڪرڻ کان اسان کي روڪي ڇڏيو. چڱو (جيڪڏهن ائين آهي ته) ڪو چٽو دليل پيش ڪيو. (١١) انهن جي رسولن جواب ۾ چيو ته، هائو اسان هن کان سواءِ ڪجهه به نه آهيون ته توهان وانگر انسان آهيون، پر الله جنهن ٻانهي کي چاهي ٿو تنهن کي پنهنجي فضل ۽ احسان لاءِ (يعني وحي پهچائڻ لاءِ) چونڊي ٿو ۽ هيءَ ڳالهه اسان جي اختيار ۾ ناهي ته توهان کي ڪا سند کڻي اچي ڏيکاريون، سواءِ هن جي جو الله جو حڪم ٿئي ۽ الله ئي آهي جنهن تي ايمان رکندڙن جو ڀروسو آهي. (١٢) ۽ اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو اسان الله تعاليٰ تي ڀروسو نه رکون؟ حالانڪه انهيءَ ئي (زندگي جي) راهن ۾ اسان جي رهنمائي ڪئي آهي. اسان انهن ايذائن ۽ تڪليفن تي صبر ڪنداسين جي توهان ڏيئي رهيا آهيو، فقط الله ئي آهي جنهن تي ڀروسو ڪندڙن کي ڀروسو رکڻ گهرجي.

    رڪوع ٣ آيت 13-تا-21
    سگهارن ماڻهن کي گهرجي ته مسڪينن لاءِ هدايت جو مثال ٿين ۽ مسڪينن کي به انهن جي انڌي تقليد ڪرڻ نه گهرجي ۽ فقط حق جا حڪم مڃڻ گهرجن.
    (١٣) ۽ منڪرن پنهنجي رسولن کي چيو ته، اسان توهان کي ضرور پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏيئي ڇڏينداسين، يا ته توهان اسان جي مذهب تي موٽي اچو. (تنهن تي) اسان رسولن ڏي وحي موڪليو ته هاڻي ضرور اسان هنن ظالمن کي تباهه ڪري ڇڏينداسين. (١٤) ۽ انهن ماڻهن کان پوءِ توهان کي اسان هن سرزمين ۾ (سندن جاءِ تي) رهائينداسين. اهو آهي نتيجو انهيءَ ماڻهو جي لاءِ جيڪو اسان جي (حڪومت ۽ عدالت جي) جاءِ کان ڊپ ۾ رهيو ۽ پڻ (بدعملن جي بدلي ۾ سزا جو جيڪو اعلان ڪيل آهي تنهن) واعدي ۽ اعلان جي خوف ۾ رهيو (۽ خدا جي حڪمن جي پيروي ڪندو رهيو). (١٥) (مطلب ته پيغمبرن) فتح منديءَ جي دعا گهري، (۽ فتح ياب ٿيا) ۽ هرهڪ سرڪش ضدي (جنهن حق جو مقابلي ڪيو هو) نامراد ۽ ناڪامياب رهيو. (١٦) ان کان پوءِ دوزخ آهي (يعني دنيا جي نامراديءَ بعد آخرت جو عذاب پيش اچڻ وارو آهي). اتي رت ۽ پونءِ جو پاڻي کين پياريو ويندو. (١٧) هو هڪ هڪ ڪري وات ۾ وجهندو، پر نڙيءَ کان هيٺ نه لاهي سگهندو، هر طرف کان هن ڏي موت ايندو، پر هو مرندو ڪين ۽ هن جي پٺيان هڪ سخت عذاب لڳل آهي. (١٨) جن ماڻهن پنهنجي پروردگار (جي فرمانبرداريءَ) کان انڪاري ڪيو تن جي عملن جو مثال اهڙو آهي جهڙو رک يا ڪِر جو ڍير. جنهن کي آنڌيءَ جي ڏينهن هوا اڏائي کڻي وڃي. جيڪي به هنن (پنهنجي عملن سان) ڪمايو آهي تنهن مان ڪجهه به هنن جي هٿ نه ايندو. اهائي گمراهيءَ جي حالت آهي جا وڏي اونهي گمراهي آهي. (١٩) ڇا توهان ڏسو نٿا ته الله تعاليٰ آسمانن ۽ زمين کي حق ۽ مصلحت سان بنايو آهي (نه اجايو ۽ بي سود؟) جيڪڏهن هو چاهي ته توهان سڀني کي کڻي وڃي (۽ تباهه ڪري ڇڏي) ۽ (اوهان جي جاءِ تي) ڪا نئين خلق آڻي ظاهر ڪري. (٢٠) ائين ڪرڻ الله تعاليٰ جي لاءِ ڪجهه به ڏکيو يا مشڪل ڪم ناهي. (٢١) ۽ (ڏسو، قيامت جي ڏينهن) سڀ ماڻهو گڏ ٿي الله جي روبرو حاضر ٿيندا. پوءِ هيڻا ماڻهو (جي دنيا ۾ مسڪين ۽ ضعيف هئا) سرڪش (سردارن ۽ حاڪمن کي) چوندا ته اسان (دنيا ۾) توهان جي پٺيان هلڻ وارا هئاسين (۽ توهان جي حڪمن ۽ عملن جي پيروي ڪئي سين) پوءِ ڇا توهان اڄ ائين ڪري سگهو ٿا جو الله جي عذاب کان (اسان جو) ڪجهه بچاءُ ڪيو؟ اُهي چوندا ته، جيڪڏهن الله اسان جي لاءِ بچاءُ جي ڪا راهه کولي ها ته، اسان به توهان کي راهه ڏيکاريون ها. (اسان ته پاڻ ئي عذاب ۾ گرفتار آهيون). صبر ڪيون توڙي روئون ۽ پٽيون اسان لاءِ هڪ ئي ڳالهه آهي، اسان لاءِ اڄ ڪنهن به طرح ڇوٽڪارو ڪونهي.

    رڪوع ٤ آيت 22-تا-28
    شيطان قيامت جي ڏينهن پنهنجي پيروي ڪندڙن کي چوندو ته، اهو توهان جي قصور آهي، جو توهان خدا کي ڇڏي منهنجي پيروي ڪئي.
    (٢٢) ۽ (قيامت جي ڏينهن) جڏهن فيصلو ٿي ويندو تڏهن شيطان چوندو ته، بيشڪ الله تعاليٰ توهان سان واعدو ڪيو هو ۽ سچو واعدو ڪيو هو. (اهو واعدو هاڻي پورو ٿي چڪو) ۽ مون به اوهان سان واعدو ڪيو هو مگر اهو پورو نه ڪيم. مون کي اوهان تي ڪنهن به قسم جو زور ڪونه ڪيو هو (جو توهان کي مجبوراً منهنجي پيروي ڪرڻي پوي ها). جيڪي ٿيو سو فقط هي هو ته مون توهان کي سڏيو ۽ توهان منهنجو سڏ قبول ڪيو (۽ مون تي ملامت نه ڪيو، پر خود پاڻ کي ڏوهه ڏيو ۽ ملامت ڪيو. اڄ جي ڏينهن نڪي مان توهان جو فرياد ٻڌي ٿو سگهان نڪي توهان منهنجو فرياد ٻڌي ٿا سگهو. توهان جو اڳي (دنيا ۾) مون کي الله جو شريڪ ٺهرايو هو (جو منهنجي حڪمن جي فرمانبرداري ڪندا هئو) سو مان ان کان بيزاري ظاهر ٿو ڪيان. بيشڪ ظلم ڪرڻ وارن جي لاءِ وڏو دردناڪ عذاب آهي. (٢٣) ۽ جن ماڻهن ايمان آندو هو ۽ نيڪ عمل ڪيا هئا سي (دائمي نعمتن جي) باغن ۾ داخل ٿيندا، جن جي هيٺان نهرون وهي رهيون آهن. هو پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هميشه انهن ۾ رهندا. اتي انهن جي لاءِ (هر طرف کان) هيءَ دعا ۽ کيڪار هوندي ته اوهان تي سلامتي هجي. (٢٤) ڇا توهان هن ڳالهه تي غور ڪونه ڪيو آهي ته الله تعاليٰ ڪهڙيءَ طرح مثال پيش ڪيا آهن؟ هڪ چڱي ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن هڪ چڱو وڻ. ان جون پاڙون مضبوط آهن ۽ ٽاريون آسمان ۾ پکڙيل آهن. (٢٥) (اهو وڻ) پنهنجي پروردگار جي حڪم سان هر وقت ميوا پيدا ڪندو رهي ٿو. الله تعاليٰ ماڻهن جي لاءِ مثال بيان ڪري ٿو، انهيءَ لاءِ ته هو سوچين ۽ سمجهن. (٢٦) ۽ نڪمي بيڪار ڳالهه جو مثال ائين آهي جيئن نڪمو وڻ. زمين جي مٿان (ٿوهر وانگي) سندس پاڙون کوکليون آهن. (جڏهن وڻيوَ تڏهن اکيڙي پٽي ڇڏيوس) ۽ ان کي ڪا ڄمت يا مضبوطي ڪانهي. (٢٧) (اهڙيءَ طرح) الله تعاليٰ ايمان وارن کي ڄمت ۽ مضبوطيءَ واري ڳالهه جي وسيلي ڄمت ۽ مضبوطي ڏئي ٿو، دنيا جي زندگيءَ توڙي آخرت جي زندگيءَ ۾ ۽ نافرمانن جي لاءِ (ڄمت ۽ مضبوطيءَ جي) راهه گم ڪري ٿو ڇڏي ۽ هو جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو (يعني سندس حڪمت جو قانون ۽ فيصلو اهو آهي ته ائين ڪري).

    رڪوع ٥ آيت 28-تا-34
    الله تعاليٰ جي نعمتن جو قدر نه ڪندڙ جهنم ۾ داخل ٿيندا.
    (٢٨) (اي پيغمبر!) تو انهن ماڻهن جي حالت تي نظر نه ڪئي آهي ڇا جن کي الله تعاليٰ نعمت عطا ڪئي هئي، پر هنن بي شڪري ڪري ان کي بدلائي ڇڏيو ۽ پنهنجي قوم کي برباديءَ جي گهر ۾ وڃي لاٿو؟ (٢٩) يعني دوزخ ۾ وڃي لاٿو (پوءِ جنهن جي رهڻ جي جاءِ دوزخ ٿي سا) ڪهڙي نه خراب جاءِ آهي. (٣٠) ۽ هنن الله جي لاءِ سندس هم درجي وارا (شريڪ) بنايا، انهيءِ لاءِ ته ماڻهن کي خدا جي راهه کان گمراهه ڪري ڇڏين. (اي پيغمبر!) تون کين چئو ته چڱو (زندگيءَ جا ٿورا ڏينهن) فائدا ماڻي وٺو، پوءِ آخر اوهان جي واٽ دوزخ جي باهه جي طرف ئي آهي. (٣١) (اي پيغمبر!) منهجي بندن مان جن ايمان آندو آهي تن کي هيءُ پيغام پهچائي ڏي ته انهيءَ کان اڳي جو اهو (خوفناڪ) ڏينهن اچي ظاهر ٿئي جنهن ڏينهن (ڇوٽڪاري لاءِ) نڪي ڪنهن قسم جو ڏيڻ وٺڻ ڪم ايندو، نڪي ڪنهن به طرح جي دوستي ڪم ايندي (پنهنجي لاءِ ڇوٽڪاري جو سامان ڪري وٺن يعني) نماز قائم ڪن ۽ اسان جي ڏنل روزيءَ مان ظاهر توڙي ڳجهيءَ طرح (خدا جي راهه ۾) خرچ ڪندا رهن. (٣٢) اُهو الله ئي آهي جنهن آسمانن کي ۽ زمين کي پيدا ڪيو ۽ زمين تي مٿان پاڻي وسايو، جنهن جي ڪري طرحين طرحين ڦل ۽ ميوا پيدا ٿين ٿا جي توهان جي لاءِ غذا جو سامان آهن ۽ توهان جي لاءِ جهاز مسخر ڪيائين جي سندس حڪم سان (يعني سندس ٺهرايل قانونن موجب) سمنڊ ۾ هلن ٿا. پڻ درياهه به اوهان جي لاءِ مسخر ڪري ڇڏيائين (يعني اوهان جي ڪم اچڻ لاءِ فرمان هيٺ رکيائين). (٣٣) (اهڙيءَ طرح الله تعاليٰ) سج ۽ چنڊ کي به مسخر ڪري ڇڏيو آهي، جو هڪ خاص دستور سان برابر چڪر لڳائي رهيا آهن ۽ رات ۽ ڏينهن جو ظهور به مسخر آهي. (٣٤) (مطلب ته توهان کي پنهنجي زندگيءَ جي ضروتن ۽ ڪامرانين لاءِ) جيڪي به (سامان) گهربل هو سو سڀ هن عطا ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن توهان الله جون نعمتون ڳڻڻ چاهيو ته (اهي ايتريون ته آهن جو) ڪڏهن به انهن جو شمار ڪري نه سگهندؤ. حقيقت هيءَ آهي ته انسان وڏو بي انصاف ۽ بي شڪر آهي.

    رڪوع ٦ آيت 35-تا-41
    حضرت ابراهيم جي دعا مڪي جي آباديءَ لاءِ ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ ۽ اولاد لاءِ.
    (٣٥) ۽ (اهو واقعو ياد رکو جو) حضرت ابراهيم دعا گهري هئي ته، اهي منهنجا پروردگار! هن (مڪي جي) شهر کي امن امان جي جاءِ بڻائجانءِ ۽ مون کي ۽ منهنجي اولاد ۽ نسل کي هن ڳالهه کان بچائجانءِ جو بتن جي پوڄا ڪرڻ کي لڳي وڃن. (٣٦) اي منهنجا پروردگار! انهن بتن گهڻن ئي ماڻهن کي حق جي راهه کان هٽائي ڇڏيو آهي. پوءِ جيڪو منهنجي پيروي ڪندو (۽ بت پرستيءَ جي گمراهيءَ ۾ نه پوندو) سو منهنجو هوندو، پر جيڪو منهنجي طريقي کان نافرماني ڪندو (تنهن سان منهنجو ڪوبه تعلق ڪونهي ۽) بيشڪ تون ئي بخشيندڙ ۽ رحمت ڪندڙ آهين. (٣٧) اي اسان سڀني جا پروردگار! (تون ڏسي رهيو آهين ته) هڪ اهڙي ميدان ۾ جتي کيتيءَ جو نالو نشان به ڪونهي مون پنهنجي اولاد مان ڪن کي تنهنجي محترم گهر (ڪعبة الله) وٽ اچي رهايو آهي ۽ اي منهنجا رب! هن لاءِ کين هتي رهايو اٿم ته نماز قائم رکن (ته هي پاڪ گهر توحيد جي پرستارن کان خالي نه رهي) پوءِ تون (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) ائين ڪر جو ماڻهن جون دليون انهن (يعني منهنجي نسل) جي طرف مائل ٿي وڃن ۽ انهن جي لاءِ زمين جي پيداوار مان رزق جو سامان مهيا ڪري ڇڏ ته (بنا پاڻي ۽ گاهه واري ريگستان ۾ رهندي به زندگيءَ جي ضرورتن کان محروم نه هجن ۽) تنهنجي شڪرگذاري ڪندا رهن. (٣٨) اي اسان جا پروردگار! اسان جيڪي به لڪايون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو ۽ جيڪي به ظاهر ڪيون ٿا سو به تون ڄاڻين ٿو. آسمان ۽ زمين جي ڪابه شيءِ ڪانهي جا الله کان لڪل هجي. (٣٩) ۽ (حضرت ابراهيم چيو ته،) سڀ ساراهه الله جي لاءِ آهي، جنهن ٻڍاپڻ جي حالت ۾ به مون کي اسماعيل ۽ اسحاق (ٻه پٽ) عطا فرمايا. بيشڪ منهنجو پروردگار (پنهنجي ٻانهن جون) دعائون ٻڌي ۽ قبول ڪري ٿو. (٤٠) اي منهنجا پروردگار! مون کي توفيق ڏي ته مان نماز قائم رکان ۽ منهنجي نسل کي به ائين ڪرڻ جي توفيق ملي. اي پروردگار منهنجي هيءَ دعا شال تنهنجو حضور ۾ قبول پوي. (٤١) اي اسان جا پروردگار! جنهن ڏينهن عملن جو حساب ورتو ويندو تنهن ڏينهن مون کي، منهنجي ماءُ پيءُ کي ۽ انهن سڀني کي جيڪي ايمان آڻين (پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان) بخشي ڇڏجانءِ (۽ حساب جي سختيءَ ۾ نه وجهجهانءِ).

    رڪوع ٧ آيت 42-تا-52
    اهو خيال ڪڍي ڇڏيو ته ظالمن کي خدا ڇڏي ڏيندو.
    (٤٢) ۽ (اي پيغمبر!) اهو خيال نه ڪجانءِ ته الله هنن ظالمن جي ڪمن کان غافل آهي (يعني مڪي جي رئيسن جي ڪمن کان) دراصل الله تعاليٰ هنن جو معاملو انهيءَ ڏينهن لاءِ پوئتي رکي ڇڏيو آهي، جنهن ڏينهن (بدعملن جي نتيجن جون تباهيون ظهور ۾ اينديون. انهيءَ ڏينهن انهن ماڻهن جو حال اهڙو ٿيندو جو خوف ۽ حيرت کان) سندن اکيون ڦاٽي پونديون. (٤٣) حيران پريشان هوندا، نظرون مٿي هونديون ۽ ان حالت ۾ ڊوڙندا رهندا، سندن نگاهون موٽڻ واريون نه هونديون ۽ دليون (خوف ۽ حيرانگيءَ ۾) هر خيال کان خالي رهجي وينديون. (٤٤) ۽ (اي پيغمبر!) ماڻهن کي انهيءَ ڏينهن جي اچڻ بابت خبردار ڪري ڇڏ، جنهن ڏينهن عذاب اچي ڪڙڪندو. انهيءَ ڏينهن ظالم چوندا ته، اي پروردگار ٿوري وقت لاءِ اسان کي مهلت ڏي. (اسان هاڻي هرگز انڪار ۽ سرڪشي نه ڪنداسين ۽) تنهنجي پڪار جو جواب ڏينداسين ۽ پيغمبرن جي پيروي ڪنداسين. (پر کين جواب ملندو ته) ڇا توهان اهي ئي نه آهيو جو هن کان اڳي قسم کڻي کڻي چوندا هئو ته اسان تي ڪنهن به طرح جو زوال نه ايندو. (٤٥) ۽ توهان انهن ماڻهن (اڳين تباهه ٿيل قومن) جي بستين ۾ آباد ٿيا هئو، جن پنهنجي جانين تي ظلم ڪيو هو ۽ توهان کي چٽيءَ طرح معلوم ٿيو هو ته اسان هنن سان ڇا ڇا ڪيو (اسان کين تباهه ڪري ڇڏيو ته به توهان عبرت نه ورتي) توهان کي (سمجهائڻ لاءِ) طرحين طرحين مثال به اسان بيان ڪري ٻڌايا (پوءِ به توهان سرڪشيءِ کان باز نه آيؤ). (٤٦) انهن ماڻهن پنهنجون سڀ تدبيرون ڪري ڇڏيون هيون، ۽ اگرچه هنن جون تدبيرون اهڙيون هيون جو جبلن کي به پنهنجي جاءِ تان لوڏي هٽائي ڇڏين ته به الله وٽ هنن جي سڀني تدبيرن جو جواب هو. ( يعني الله تعاليٰ هنن جي تدبيرن کي ناڪامياب ڪري ڇڏيو ۽ هو عذاب کي روڪي نه سگهيا). (٤٧) پوءِ اهڙو خيال نه ڪيو ته الله پنهنجي رسولن سان جيڪو واعدو ڪري چڪو آهي، تنهن جي خلاف ڪندو (نه نه هو ضرور حق کي فتح ڏيندو ۽ ظالمن کي تباهه ڪندو) يقين ڪيو ته الله (سڀني تي) غالب آهي ۽ (بدعملن جي) سزا ڏيندڙ آهي. (٤٨) انهيءَ ڏينهن هيءَ زمين بدلجي هڪ ٻي زمين ٿي پوندي ۽ آسمان به بدلجي ويندا ۽ سڀ ماڻهو هڪ غالب خدا جي حضور ۾ حاضر ٿيندا. (٤٩) ۽ تون انهيءَ ڏينهن گنهگارن
    کي ڏسندين ته زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا. (٥٠) هنن جون قميصون گندڪ جون هونديون. (جنهن جي گسڻ سان باهه ٻرندي آهي) ۽ چهرا باهه جي ڄڀين سان ڍڪجي ويندا. (٥١) ائين هن لاءِ ٿيندو ته الله تعاليٰ هر انسان کي سندس ڪمائيءَ جي مطابق بدلو ڏئي. بيشڪ الله حساب وٺڻ ۾ بلڪل تيز آهي. (٥٢) هي انسانن جي لاءِ هڪ پيغام آهي، جو هن لاءِ موڪليو ويو آهي ته ماڻهن کي خبردار ڪيو وڃي ۽ هو معلوم ڪن ته سندن معبود (جنهن جي ٻانهپ ڪجي سو) هڪ ئي معبود آهي ۽ پڻ هن لاءِ ته سمجهه وارا ماڻهو ان مان نصيحت وٺن (۽ گناهه ڇڏي چڱا عمل ڪن).


    سورت الحجر (پٿر يا ڪوهستان) “ديار ثمود جو نالو”

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ

    شروع الله جي نالي سان جو ڏاڍو مهربان ۽ رحم وارو آهي.

    رڪوع ١ آيت 1-تا-15

    جيڪي شرير ضد کان انڪار ڪري رهيا آهن سي ڪنهن ڏينهن چوندا ته ايمان آڻيون ها ته ڏاڍو چڱو ٿئي ها
    (١) الف- لام- ر- هي الڪتاب جون آيتون آهن ۽ قرآن جون آيتون آهن. جي (پنهنجي سڀني ڳالهين ۾) چٽيون ۽ روشن آهن.

    حصو چوڏهون
    (٢) جن ماڻهن (هن ڪتاب جي سچائيءَ کان) انڪار ڪيو آهي سي ڪنهن وقت چاهيندا ته هاءِ هاءِ! اسان مسلمان ٿيون ها (ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها.) (٣) (اي پيغمبر!) هنن کي سندن حال تي ڇڏي ڏي، ڀلي کائن پيئن ۽ عيش آرام وٺن ۽ (ڪوڙين) اميدن تي ڀليل رهن. پر اهو وقت پري ناهي جڏهن کين معلوم ٿي ويندو (ته ڪهڙي نه غلطيءَ ۾ گمراهه ٿي ويا هئا.) (٤) اسان ڪڏهن به ڪنهن به بستيءَ جي رهاڪن کي تباهه نه ڪيو، پر هن طرح جو هڪ ڳالهه ٺهرائي ويئي هئي (جا کين ٻڌائي به ويئي هئي سا اها ته هي هڪ مقرر قانون هو ته جڏهن ڪا حالت هن طرح جي ٿيندي ۽ هن حد تي پهچندي تڏهن اهڙو نتيجو ضرور نڪرندو.) (٥) ڪابه امت نڪي پنهنجي وقت کان اڳتي وڌي سگهي ٿي، نڪي پٺتي رهي سگهي ٿي. (٦) ۽ (اي پيغمبر!) انهن ماڻهن توکي چيو ته، اي انسان! جنهن تي (چيو وڃي ٿو ته) نصيحت نازل ٿي آهي، تون (اسان جي خيال ۾) يقيناً ديوانو آهين. (٧) جيڪڏهن تون پنهنجي دعويٰ ۾ سچو آهين ته ڇو نٿو فرشتا آڻي اسان کي ڏيکارين؟ (٨) (پر) اسان فرشتن کي اجايو بي سود ڪونه نازل ڪندا آهيون. تڏهن نازل ڪندا آهيون جڏهن ڪا مصلحت هوندي آهي ۽ (جڏهن فرشتا نازل ڪنداسين) تڏهن کين (پاڻ کي سڌارڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي) مهلت ڪانه ملندي، (اهو ته فيصلي جو ڏينهن ٿيندو). (٩) بيشڪ اسان پاڻ الذڪر (يعني قرآن، جو سراسر نصيحت آهي) نازل ڪيو آهي ۽ بيشڪ اسان پاڻ ان جا نگهبان آهيون. (١٠) ۽ (اي پيغمبر!) هيءَ حقيقت آهي ته اسان توکان اڳي به گذري ويل قومن ڏي پيغمبر موڪليا هئا. (١١) پر ڪڏهن به ائين نه ٿيو جو ڪنهن قوم ڏي ڪو پيغمبر آيو هجي ۽ ماڻهن مٿس ٺٺوليون ۽ مسخريون نه ڪيون هجن. (ائين اڳي به ٿيندو آيو آهي ۽ هاڻي به ٿئي ٿو پيو، تون مايوس نه ٿيءُ). (١٢) سو ڏسو ته، اسان گنهگارن جي دلين ۾ (حق جي ڪلام جي مخالفت) ويهاري ٿا ڇڏيون (يعني اسان جو اهو قانون آهي ته جيڪي خودغرض ۽ تڪبر ڪندڙ انسان ظلم ڪندا ٿا رهن تن ۾ حق جي مخالفت به ڄمي پڪي ٿي وڃي ٿي). (١٣) اهي ان تي ڪڏهن به ايمان ڪونه آڻيندا، جيڪي ماڻهو اڳي گذري چڪا آهن، تن جو به اهڙوئي دستور هو. (١٤) جيڪڏهن اسان هنن لاءِ آسمان جو هڪ دروازو کولي ڇڏيون ۽ اهي ماڻهو ڏينهن ڏٺي جو ان تي چڙهڻ لڳن تڏهن به هو ڪونه مڃيندا. (١٥) هو چوڻ لڳندا ته اسان جي اکين تي نشو چڙهي ويو آهي يا اسان تي جادو ڪيو ويو آهي.

    رڪوع ٢ آيت 16-تا-25
    فطرت ۾ ربوبيت، جمال ۽ رزاقيت ڏسي يقين ڪرڻ گهرجي ته ضرور ڪو راحم رحيم خالق آهي، سندس نعمتن جو قدر ڪري سندس حڪمن ۽ قانونن تي هلڻ گهرجي.
    (١٦) ۽ ڏسو اسان ئي آسمان ۾ برج بنائي ڇڏيا آهن (يعني روشن تارا پيدا ڪيا آهن) ۽ اهي ڏسڻ وارن لاءِ سهڻا ڪيا اٿئون. (١٧) ۽ هرهڪ تڙيل لعنتي شيطان کان انهن جي اسان حفاظت ڪري ڇڏي آهي. (١٨) سواءِ هن جي جو ڪوئي لڪي ڇپي ٻڌي وٺڻ چاهي، تنهن لاءِ وري هڪڙو چمڪندڙ شعلو آهي جو ان جي پٺيان پوي ٿو. (١٩) ۽ (ڏسو) اسان زمين (جو مٿاڇرو) پکيڙي ڇڏيو آهي، (يعني اهڙي بنائي آهي جو اوهان جي لاءِ وڇايل فرش وانگر آهي) ۽ ان ۾ جبل لڳائي ڇڏيا آهن. پڻ ان ۾ اسان جيتريون شيون (پوکون ميوا وغيره) ڄمايون آهن سي سڀ پوري وزن تي ڄمايون آهن. (٢٠) ۽ اوهان جي لاءِ ان ۾ گذارن جو سڀ ساما اسان مهيا ڪري ڇڏيو آهي ۽ (انهن خلقيل جانورن لاءِ به مهيا ڪري ڇڏيو آهي) جن لاءِ توهان روزي مهيا ڪرڻ وارا هرگز ناهيو. (٢١) ۽ (ڏسو) ڪابه شيءِ اهڙي ڪانهي جنهن جو ذخيرو اسان وٽ نه هجي، پر اسان انهن شين کي هڪ مناسب انداز ۾ موڪليون ٿا. (٢٢) ۽ (ڏسو) اسان ئي هوائون لڳايون ٿا جي (پاڻيءَ جي ڦڙن سان) ڀريل آهن. پوءِ آسمان مان پاڻي وسايون ٿا ۽ اهو اوهان کي پيئڻ جي ڪم اچي ٿو ۽ اهو پاڻي ڪو اوهان گڏ ڪري ڪونه رکيو آهي. (اسان ئي سمنڊ ۾ گڏ ڪري رکيو آهي، جتان گرميءَ سبب ٻاڦ ٿي چڙهي ٿو ۽ هوائون ان کي کڻي زمين تي وڃي وسائين ٿيون). (٢٣) ۽ اسان ئي آهيون جو جيئاريون ٿا ۽ ماريون ٿا ۽ اسان جي (ئي) قبضي ۾ سڀني جي ڪمائي اچي ٿي. (٢٤) ۽ بلاشبهه اسان انهن ماڻهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي توهان کان اڳي اچڻ وارا هئا ۽ انهن کي به ڄاڻون ٿا جيڪي پوءِ اچڻ وارا آهن. (٢٥) ۽ (اي پيغمبر!) اهو تنهنجو پروردگار ئي آهي جو انهن سڀني کي (قيامت جي ڏينهن پنهنجي اڳيان) گڏ ڪري آڻيندو، هو حڪمت وارو ۽ علم وارو آهي.

    رڪوع ٣ آيت 26-تا-44
    ابليس فقط انهن کي برغلائي سگهي ٿو، جيڪي خدا جي فرمانبرداري نٿا ڪن
    (٢٦) ۽ بيشڪ هيءَ حقيقت آهي ته اسان انسان کي خمير اٿيل گاري مان ٺاهيو جو سڪڻ بعد وڄندو آهي. (٢٧) ۽ اسان جِنن کي اڳ ۾ ئي ٻرندڙ هوا جي گرميءَ مان پيدا ڪيو هو. (٢٨) ۽ (اي پيغمبر! ياد رک ته) تنهنجي پروردگار فرشتن کي چيو هو ته، مان خميرا ٿيل گاري مان، جو سڪڻ بعد وڄندو آهي، هڪ بشر پيدا ڪرڻ وارو آهيان (يعني انسانن کي جلد پيدا ڪندس). (٢٩) سو جڏهن (هيئن ٿئي جو) مان ان کي درست ڪري ڇڏيان (يعني جڏهن اهو وجود ٺيڪ بنجي وڃي) ان ۾ مان پنهنجو روح ڦوڪيان تڏهن توهان سڀ هن جي اڳيان سجدو ڪجو. (٣٠) پوءِ سڀ فرشتا هن جي اڳيان سجدي ۾ ڪري پيا. (٣١) پوءِ ابليس سجدو نه ڪيو، هن کي اها ڳالهه ڏکي لڳي ته سجدي ڪندڙن سان شامل هجان. (٣٢) الله تعاليٰ فرمايو ته، اي ابليس! توکي ڇا ٿيو جو تون سجدي ڪندڙن سان شامل نه ٿئين؟ (٣٣) هن چيو ته، مون کان ائين ٿي نٿو سگهي ته اهڙي بشر کي سجدو ڪيان جنهن کي تو خمير اٿيل گاري مان ٺاهيو آهي، جو سڪڻ بعد وڄڻ لڳي ٿو. (٣٤) حڪم ٿيو ته، جيڪڏهن ائين آهي ته هتان نڪري وڃ جو تون تڙيل ٿئين. (٣٥) ۽ جزا ۽ سزا جي ڏينهن تائين توتي لعنت پئي. (٣٦) هن چيو ته، اي خدا مون کي انهيءَ ڏينهن تائين مهلت ڏي جنهن ڏينهن انسانن کي (ٻيهر) اٿاريو ويندو. (٣٧ ۽٣٨) خدا تعالي! فرمايو ته، هائو توکي ان مقرر وقت جي ڏينهن تائين مهلت ڏجي ٿي. (٣٩) هن چيو ته، اي خدا! جيئن ته تو منهنجي لاءِ (ڇوٽڪاري ۽ سعادت جي) واٽ بند ڪري ڇڏي آهي، تنهن ڪري هاڻي مان ضرور هيئن ڪندس جو زمين ۾ انهن (ماڻهن) جي لاءِ (ڪوڙيون) زينتون بنائيندس (جن جي پٺيان لڳي هو بڇڙا ڪم ڪندا) ۽ (حق جي راهه کان) کين گمراهه ڪندس. (٤٠) پر انهن ۾ جيڪي تنهنجا سچا مخلص ٻانها هوندا (مان ڄاڻان ٿو ته) منهنجي برغلائڻ جي ڄار ۾ نه ڦاسندا. (٤١) (الله تعاليٰ) فرمايو ته، بس اهائي سڌي راهه آهي جا مون وٽ پهچائڻ واري آهي. (٤٢) بيشڪ جيڪي منهنجا (مخلص) ٻانها آهن، تن تي تنهنجو ڪجهه به زور نه هلندو، فقط انهن تي تنهنجو زور هلندو جيڪي (خدا جي ٻانهپ واري) راهه کان نڪري گمراهه ٿي تنهنجي پٺيان لڳندا. (٤٣) ۽ انهن سڀني جي لاءِ جهنم جي عذاب جو واعدو آهي (جو ڪڏهن به ٽرڻ وارو ناهي.) (٤٤) ان جهنم کي ست دروازا آهن. انهن (دوزخين) جي هرهڪ ٽوليءَ جي حصي ۾ هڪ دروازو ايندو (جنهن مان لنگهي جهنم ۾ داخل ٿيندا.)

    رڪوع ٤ آيت 45-تا-60
    متقي انسان هميشه باغن جي نعمتن ۾ رهندا. اتي ڪنهن به قسم جو صدمو کين
    ڇهي به نه سگهندو.
    (٤٥) بيشڪ متقي (پرهيزگار) انسان (انهيءَ ڏينهن) باغن ۽ چشمن (جي عيش ۽ راحت) ۾ هوندا. (٤٦) (انهن کي چيو ويندو ته) سلامتيءَ سان بي کٽڪي انهن باغن ۾ داخل ٿي وڃو. (٤٧) انهن جي دلين ۾ جيڪي به (هڪ ٻئي سان) رنجشون هيون سي سڀ اسان ڪڍي ڇڏينداسين، اهي ڀائرن وانگر هڪ ٻئي جي سامهون تختن تي ويٺل هوندا (تختا نه، تخت). (٤٨) اتي ڪنهن به طرح جو صدمو انهن کي ڇهي به نه سگهندو، نڪي اتان ڪڏهن به ڪڍيا ويندا. (٤٩) (اي پيغمبر!) منهنجي ٻانهن کي خبر ڏيئي ڇڏ ته بيشڪ مان ئي آهيان جو بخشڻ وارو ۽ رحم وارو آهيان. (٥٠) ۽ بيشڪ منهنجو عذاب وڏو دردناڪ عذاب ٿيندو آهي. (٥١) ۽ کين حضرت ابراهيم جي مهمانن واري ڳالهه به ٻڌائي ڇڏ. (٥٢) جڏهن اهي مهمان هن وٽ آيا تڏهن چيائون ته، توتي سلامتي هجي. حضرت ابراهيم چيو ته، اسان کي توهان بابت انديشو آهي (ته توهان الاجي ڪهڙي قسم جا ماڻهو آهيو). (٥٣) هنن چيو ته، ڊڄو نه، اسان ته اوهان کي هڪ علم واري فرزند جي ڄمڻ جي خوشخبري ٿا ٻڌايون. (٥٤) حضرت ابراهيم چيو ته، مون کي هن ڳالهه جي خوشخبري ٿا ڏيو جڏهن (ته) مون تي پوڙهائي اچي چڪي آهي. ڪهڙي اميد هاڻي رهي آهي جو هيءَ خوشخبري مون کي ٻڌايَوَ. (٥٥) هنن چيو ته، اسان توکي سچائي سان خوشخبري ٻڌائي آهي، پوءِ توکي نا اميد نه ٿيڻ گهرجي. (٥٦) حضرت ابراهيم چيو ته، (مان الله جي رحمت کان نا اميد ڪونه آهيان ڇو ته) گمراهن کان سواءِ ڪير آهي، جو پنهنجي پروردگار جي رحمت کان مايوس ٿي سگهي ٿو. (٥٧) وري هن پڇيو ته، توهان ڇو موڪليا ويا آهيو؟ سو اوهان کي (ٻيو) ڪهڙو ڪم درپيش آهي؟ (٥٨) هنن چيو ته، اسان هڪ گنهگار قوم جي طرف موڪليا ويا آهيون، (جي تباهه ٿيڻ وارا آهن). (٥٩) پر هڪ خاندان اتي حضرت لوط جو آهي ان خاندان جي سڀني ڀاتين کي اسان بچائي وٺنداسين. (٦٠) پر سندس زال نه بچندي. هن جي لاءِ اسان جو اندازو ٿي چڪو آهي ته هوءَ پٺتي رهندڙن سان شامل ٿيندي.

    رڪوع ٥ آيت 61-تا-79
    حضرت لوط جي قوم ۽ مدين جي قبيلي جي تباهي.
    (٦١) پوءِ جڏهن اهي موڪليل (فرشتا) حضرت لوط جي خاندان وٽ آيا. (٦٢) تڏهن حضرت لوط کين چيو ته، توهان ته ڪي ڌاريا ماڻهو ٿا ڏسجو. (٦٣) هنن چيو ته، اها ڳالهه ناهي، بلڪ اسان تو وٽ اها ڳالهه کڻي آيا آهيون جنهن بابت ماڻهو شڪ آڻيندا هئا (يعني تباهيءَ جي خبر، جنهن تباهيءَ بابت هي ماڻهو مسخريون ڪندا هئا). (٦٤) اسان جو اچڻ هڪڙي حق جي ڳالهه لاءِ آهي ۽ اسان بيشڪ سچي ڳالهه ٿا ٻڌايون. (٦٥) پوءِ گهرجي ته جڏهن ڪجهه رات اڃا رهيل هجي تڏهن پنهنجي گهر جي ماڻهن سان گڏ نڪري هليو وڃ، تون هنن جي پٺيان ٿي هلجانءِ ۽ هن ڳالهه جو خيال رکجانءِ ته ڪوبه مڙي پٺئين پاسي نه نهاري. جاڏي وڃڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، تاڏي (رخ رکي) هلندا وڃن. (٦٦) مطلب ته اسان لوط کي هيءَ حقيقت چٽي ڪري ٻڌائي ته (تباهي اچڻي آهي ۽) شهر جي ماڻهن جي پاڙ، صبح ٿيندي ئي پٽجڻ واري آهي. (٦٧) ۽ (انهيءَ وچ ۾ ڇا ٿيو جو) شهر جا ماڻهو خوشيون ملهائيندا اتي پهچي ويا. (٦٨) حضرت لوط کين چيو ته، ڏسو هي (نوان ماڻهو) منهنجا مهمان آهن سو منهنجي بي عزتي نه ڪيو. (٦٩) خدا کان ڊڄو ۽ مون کي شرمسار نه ڪيو. (٧٠) هنن چيو ته، اسان توکي هن ڳالهه کان جهلي ڪين ڇڏيو هو ته ڪنهن به قوم جي ماڻهن کي پاڻ وٽ نه رهاءِ؟ (جيڪڏهن رهائيندين ته پوءِ جيڪي اسان کي وڻندو سو ڪري گذرنداسين.) (٧١) حضرت لوط فرمايو ته، جيڪڏهن ائين ئي آهي ته، ڏسو هي منهنجون نياڻيون بيٺيون آهن (يعني شهر جون عورتون جن جي طرف هو ڌيان ڪونه ڏيندا هئا، انهن جي طرف رجوع ٿيو ۽ انهن سان شاديون ڪيو) جيڪڏهن توهان کي ڪجهه ڪرڻو آهي. (٧٢) (تڏهن فرشتن حضرت لوط کي چيو ته) تنهنجي زندگيءَ جو قسم! هي ماڻهو ته پنهنجي بدمستين ۾ انڌا ٿي گمراهه ٿي ويا آهن (تنهنجون ڳالهيون ڪڏهن به ڪين مڃيندا). (٧٣) مطلب ته سج نڪرندي ئي هڪ خوفناڪ آواز اچي مٿن ڪڙڪيو. (٧٤) پوءِ اسان ان بستيءَ کي زيروزبر ڪري تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن ماڻهن تي پڪل مٽيءَ جي پٿرن جي برسات وسائي. (٧