ڪتاب جو نالو: چاندني تو سوا نه ٿيندي
مصنف: مسرور پيرزادو
ڇپائيندڙ: ڪنول پبليڪيشن
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2001
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 07 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 887 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 408 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”چاندني تو سوا نه ٿيندي“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي. هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنمبر پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • مهاڳ : اعجاز منگي
  • چاندني تو سوا نه ٿيندي

  • اوهان جون ڪيتريون ڳالهيون، ٻُڌائي ٿي اڪيلائي،
  • شاعري مون لاءِ هاري چنڊ ٿو،
  • خدا جون خُوبيون پيو ٻُڌائي، اسان کي جانان! جمالُ تنهنجو،
  • ماٺ پُڇندي ئي رهي ٿي ماٺ ۾ ،
  • اسان کي عشق! جڏهين کان، ملي آ رهبري تنهنجي،
  • يار کي ياد ڪر! يار جي ڳالهه ڪر!
  • کِڙي پَون گُل هِئين ۾ منهجي، ڪٿي به اهڙو بهار ناهي،
  • اڄ به تنهنجي ئي اچڻ جي آس آ،
  • سموري عُمر جي لئه عشق جو هڪ درس ڪافي آ،
  • هوءَ محبت جي ڪا ماري آ، هوءَ سُهڻيءَ جئن ڪا ناري آ،
  • حياتي پيار بن پنهنجي، گذاريون ٿا سزا وانگي،
  • شاعري هيءَ بيمار آ ٿي پئي،
  • اکين ۾ آزادگيءَ جا يار! خواب هاڻي مري ويا سڀ،
  • سي جنونِ محبت جون، حالتون ته آڻي ڏي!
  • کڻي کيڪار اکڙين ۾، سَکي جڏهين کِلي آهي،
  • گُلن جو باغ جيئن ٿو، لڳي پيو بهار ۾،
  • پَٽي اکيون چئوطرف ته ڏس تون، حسين نظارا اڃا به آهن،
  • مِلي ميهار سان سُهڻي، سدائين لئه ٻُڏڻ کان پوءِ،
  • محبت وارا ننڍڙا لمحا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن،
  • اوهان لاءِ آرسي بڻجان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو،
  • حُجت ۾ ڳالهه آ جيڪا، حجابن ۾ نه هوندي آهي،
  • درد جي آهي صدا درياهه تي،
  • اڄ هوا ڀي شاعراڻي ٿي لڳي،
  • هان مون کي تنهنجي نظرن سان، ڪوئي انڪار به ڪونهي ڪو،
  • ڪويل- ڪُوڪ ڪري ٿي، دل کي چاڪ ڪٿي!
  • عُمر جي ٽاريءَ تي آهين گُل جواني!
  • نيڻن جي کولين ۾ پنهنجا،
  • مينهن ۾ محبوب کي تون ياد ڪر!
  • شاعريءَ لئه زندگيءَ ۾ ئي شهادت ٿي کپي،
  • مان سدا تنهنجي نظر ۾ گُم رهيس،
  • ٻُسا ٻُسا نيڻ زندگيءَ جا، ڪجل جيان تنهنجي تات گهرجي،
  • خطَ تنهنجي کي سڄڻ! ساڙي ڇڏيو آ،
  • ڪو نظر ۾ سراب ئي ناهي،
  • نگاهه تنهنجيءَ منجھان ڪِري پيار جو پيو آبشار ڪوئي،
  • ماحول سڄو گُلڙن وانگر، هي خوشبو خوشبو ڪرڻو آ،
  • ياد آئي آ ڏکڻ جي هير ۾،
  • جُدا ٿيندي اکين ۾ ڪو وفا جو گيت گُنجي ٿو،
  • “مون تي شعر لکي ڪو مون کي مانُ ڏئي،”
  • پيار ۾ جي دوستي ناهي پرين!
  • ماڻهن کي مارن ٿا اڄ نادان سمورا،
  • وري سِڪَ تنهنجي لڳي آ گهڻي،
  • ڇانوَ ۾ ويهه گهڙي ڏينهن تتل ڏاڍو آ،
  • پيار ئي او پرين! بس رڳو دين آ،
  • پيار هيو هي ڪارن نيڻن واريءَ جو،
  •   نظم -آزاد نظم - نثري نظم

  •   -
  • ٻيو آواز
  • تُون
  • اهو ڪين پُڇ
  • پاڻي
  • ڪائي معنيٰ ڏي تون پيارا!
  • بغاوت
  • هو ڏانهن زماني جون راهون،
  • ثمر
  • نئين دور جي نئين انسان لاءِ
  • تنهنجي بيوفائيءَ کان پوءِ
  • ڪيڏي تلخ حقيقت آهي
  • او ڳوٺاڻا ڳوٺ سڏئي ٿو
  • ڏوهه
  • بانسريءَ جهڙي شخص جي ڪٿا
  • معصوميت
  • پورائو
  • هوءَ مونکي ٿي چوي
  • خودڪشيءَ جو خيال
  • هاڻ هلي آ
  • هي ڇا ڄاڻن
  • محبت جو ڀرت
  • مِينهن کان اڳ ۾
  • چُمي
  • نوان سهڻي ميهار
  • ورثو
  • شاعريءَ جي ماکي
  • سينگار
  • مان توسان اجايو ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان
  • اچ ته موٽي هلون
  • حُسن بچائيندو آهي دنيا کي
  • شاعري ۽ احساس
  • سڪون زندگي آ
  • لاجواب
  • تنهنجو پيار
  • غنيمت
  • آٿت
  • پگهر
  • سنڌو قاتل
  • هڪ شهر جي ڪهاڻي
  • مِينهن ۾ آلو ٿيل نظم

  • ترتيب

    سمورا حق ۽ واسطا ليکڪ وٽ محفوظ

    ڪتاب : چاندني تو سوا نه ٿيندي
    موضوع : شاعري
    ليکڪ : مسرور پيرزادو
    ڇاپو : پهريون
    سال: 2001ع
    ڇپيندڙ : ڪنول پبليڪيشن، قنمبر



    “Chandni To Siva Na Theendi”
    Poetry Collection
    By Masroor Pirzado


    ارپنا

    ارپنا


    پنهنجي ماءُ جي نالي

    تارازيءَ ۾ سوچ جي، توکي توريو مون،
    منهنجي امان تون، ڀاري ساري جڳَ تي.

    (مسرور پيرزادو)


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (265) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ڪتاب ”چاندني تو سوا نه ٿيندي“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو پهريون مجموعو آهي.
    هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنمبر پاران 2001ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري مسرور پيرزادي جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    مهاڳ : اعجاز منگي

    مهاڳ : اعجاز منگي

    دل ۽ دنيا جي وچ ۾

    اهي سڀ ڳالهيون جيڪي منطق جي مٺ ۾ نه ٿيون اچن تن جي لاءِ هيءَ دنيا “ديوانگيءَ” وارو لفظ استعمال ڪري ٿي. حيرت آهي ته هوءِ ان لاءِ معصوميت وارو لفظ استعمال ڇو نه ٿي ڪري؟ ان جو سبب احساسِ جرم کان سواءِ ٻيو ڇا ٿو ٿي سگهي؟ پوءِ ڀلي ان احساس جو اظهار “ آڪڙ” ڀريل اسٽائيل ۾ ڇو نه ڪيو وڃي !
    هيءَ دنيا جنهن جي نظر ۾ سڀ کان وڏي اهميت دڪان جي آهي ۽ جنهن جي نظر ۾ سڀ کان ڪارائتي لکڻي حساب ڪتاب واري هجي ٿي، تنهن جي نظر ۾ اهي سڀ ليڪا ۽ سڀ لفظ جيڪي تخليق جي دائري ۾ اچن ٿا سي ديوانگيءَ جي پئداوار هجن ٿا، جيڪي مائيڪل اينجلو ڪڍي پنهنجو نالو امر ڪري ويو ۽ شئڪسپيئر جي هٿن سان لکيل اهي لفظ جن کي فنا جو هٿ نه ڇهي سگهيو آهي سي سڀ اجايا آهن. جڏهن ته انهن ديوانن ئي هن دنيا جي حسن ۾ اضافو آندو آهي، انهن ديوانن جي ڪري دنيا ۾ پيار ۽ اعتبار جي تصورن کي سگهه ملي آهي پر دولت کي دانائيءَ جي ڪسوٽي سمجھندڙ ان راءِ جا آهن ته پئسي پائيءَ کانسواءِ باقي سڀ ڪجهه ڌوڙ ڇائي آهي.
    انهن ئي ماڻهن جي لاءِ اياز لکيو هو ته :
    ڪي مال ميڙن ڪي آڪڙن ٿا
    ڪنهن ڪو نه ڄاتو ته گلڙا ٽڙن ٿا
    اهي دولت جي انبارن کي ڏسي خوش ٿيڻ بدران چنڊ ستارن کي ڏسي خوش ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن انهن جي گهر مان چوري ٿي وڃي ٿي ته هو ان خيال سان به دل کي خوش ڪري وٺن ٿا ته “چور گهر کي لٽي به ويو آهي ته ڇا هي اڃان ته منهنجي گهر جي ول تي ڪيئي ماڪ ڦڙا چمڪن ٿا” اهڙن خيالن جو بيپرو اهيءَ سان اظهار ڪرڻ وارن کي ديوانو قرار ڏيڻ وارا ماڻهو پاڻ پئسي ۽ پاور جي پويان ڇتا آهن ۽ انهن کي تخليقارن جي مٿان اهڙا الزام مڙهي جهڙوڪ دلي اطمينان حاصل ٿئي ٿو.
    جڏهن ته آرٽسٽ بنيادي طور تي معصوم هوندو آهي. آرٽ جي حوالي سان مون جيترو به سوچيو آهي ته مون کي سدائين اهو محسوس ٿيو آهي ته آرٽسٽ اهو انسان آهي جنهن جي اندر جو ٻار ڪڏهن به وڏو نه ٿو ٿئي.
    اهي آرٽسٽ جيڪي مخصوص وقت کان پوءِ تخليق جي سگهه وڃائي ٿا ويهن انهن سان الميو اهو هوندو آهي ته انهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي. جيستائين ڪنهن جي اندر جو بار ننڍو هوندو آهي تيستائين هن جي تخليق جي سگهه جو انت ڇيهه نه هوندو آهي پر جڏهن ڪنهن جي اندر جو ٻار وڏو ٿي ويندو آهي تڏهن تخليق هن کي ڇڏي ويندي آهي.
    جيڪڏهن ان ڳالهه جي حقيقت اسان اوشو کان پڇنداسين ته هو اسان کي اهوئي ٻڌائيندو ته ننڍڙن ٻارن جي اکين ۾ حيرت جي صلاحيت هوندي آهي، حيرت جي ان صلاحيت کي انفرميشن ختم نه ڪندي آهي جڏهن ته وڏن سان مسئلو اهو هوندو آهي ته هو حيران ٿيڻ ڇڏي ڏيندا آهن. ان ڪري اها خوشي ۽ مستي جيڪا ننڍا بار محسوس ڪندا آهن سا وڏا محسوس نه ڪري سگهندا آهن. ساڳي طرح سان شاعر اهي انسان هوندا آهن جيڪي پنهنجي دل ۾ موجود ننڍي ٻار کي وڏو ٿيڻ نه ڏيندا آهن ۽ جنهن شاعر جي دل ۾ جيترو ننڍو ٻار هوندو آهي. اهو ايترو ئي وڏو شاعر هوندو آهي. شاعري اها وادي هوندي آهي جنهن ۾ وڏن جي داخلا منع هوندي آهي ان واديءَ ۾ صرف ننڍا ٻار ئي داخل ٿي سگهن ٿا. هڪ ننڍي ٻار جي نظر ۾ دولت جي ڪائي اهميت نه هوندي آهي هو صرف انهن ڳالهين تي خوش ٿيندو آهي جن ڳالهين تي وڏا کلي ڏيندا آهن ۽ اصل ۾ هو نه سمجھندا آهن ته انهن جو اهو ٽهڪ اصل ۾ انهن جي اڻڄاڻائيءَ تي هوندو آهي. جنهن کان هو واقف ٿي ناهن سگهندا. ڪنهن دانشور اهو سوال اٿاريو هو ته آخري ٽهڪ ڪير ڏيندو؟ جڏهن نذير اڪبر آبادي مغل آرڪيٽيڪچر وارن محلن جي پاڇي ۾ ويهي لکيو هو ته :
    “سڀ ٺاٺ ڌرا ره جائيگا
    جب لاد چليگا بنجارا”
    ته دراصل هو ان آخري ٽهڪ جي ڳالهه ڪري رهيو هو. هيءَ اها ساڳي ڳالهه آهي جنهن جو ذڪري عظيم نفسياتدان ۽ مفڪر سگمنڊ فرائڊ هڪ انٽرويو ۾ ڪندي چيو هو ته “ سڀ کان وڏو فاتح اهو ڪيڙو آهي جيڪو قبر جي مٽيءَ ۾ دنيا جي عظيم فاتح جي مڙهه جو انتظار ڪري رهيو آهي.”
    جڏهن اسان موت ۽ حياتيءَ جي حوالي سان سوچيون ٿا ته اسان جي ڪنن ۾ اياز جا اهي لفظ گونجڻ لڳن ٿا ته : “ تاج ڪيانيءَ جا تڇ تماشا سڀ هئا، آنيءَ جانيءَ جا” گيت موت تي فتح ماڻي ٿو وٺي جڏهن ته دولت ڌوڙ ٿي وڃي ٿي.
    شاعرن کي ان حقيقت جي پروڙ هوندي آهي ان ڪري هو مايا جي موهه ۾ اچي فنا جي ڦندي ۾ ڦاسڻ بدران ان امرتا جو هٿ پڪڙيندا آهن، جا وقت جي وير ۾ نه لڙهندي آهي. ادب امرتا ڏئي ٿو. ان ڪري ننڍڙي ٻار کي دل ۾ سانڍي هلڻ وارا شاعر پنهنجي زندگي انهن لفظن کي اپرين ٿا. جيڪي لفظ هونئن ته بي معنيٰ آهن پر جڏهن شاعر جي دل انهن کي سٽاءَ ۾ ٿي آڻي ته انهن مان معنيٰ جا درياهه پلٽجي پون ٿا.
    ڇا شاعرن جي اها مهانتا گهٽ آهي ته هو انهن شين کي اهم بنائي ڇڏين ٿا جيڪي بظاهر اهن ناهن ۽ جيڪي شيون عام طور تي اهم سمجھيون وڃن ٿيون شاعر انهن جي اهميت کي صرف هڪ سٽ ۾ ڌوڙ ڪري ڇڏين ٿا. پر انهن شاعرن جي پنهنجي زندگي چنڊ گرهڻ جيان گذري ٿي. ڇو ته انهن جي دل ۽ دنيا جي وچ ۾ شاعري اچي ويندي آهي. اها شاعري جيڪا شاعرن کان هڪ زندگي جو ٻليندان وٺي کين امر زندگي عطا ڪري ٿي.
    جڏهن پنهنجي پيارن کي شاعر روشني ڦهلائڻ جي سزا طور گرهڻ ۾ ورتل چنڊ وانگر نظر اچن ٿا تڏهن هو خلوص نيت سان کين شاعريءَ کان پري رهڻ جي تلقين ڪن ٿا. هو اهڙو ماحول ٺاهين ٿا جيئن انهن جا پيارا ان جوکي واري جذباتي ڌنڌي کان پري رهن پر پوءِ به هڪڙا ماڻهو شاعر ٿيڻ کان رهي نٿا سگهن. اياز لکيو هو :
    جيسين مائون ٻار ڄڻينديون
    جيئن ڪارڻ جنگيون ٿينديون.
    تهڙيءَ ريت جيستائين انسان عشق ڪندو رهندو. تيستائين شاعر پيدا ٿيندا رهندا. شاعر جو جنم ٿيندو ئي انڪري آهي. ڇو ته جيستائين فطرت محبت کي قائم دائم رکڻ چاهيندي، تيستائين هيءَ ڌرتي ڪجهه ماڻهن کي “ ڏات” ڏيندي رهندي ۽ جن جن جي ڀاڳ ۾ ڏات ايندي اهي لات کانسواءِ رهي نه سگهندا.
    لطيف سائين چيو آهي ته “ ڏات نه آهي ذات تي” ان ڪري ڪنهن به شهر جي ڪنهن به ذات جو ماڻهو شاعر طور جنم وٺي سگهي ٿو ۽ ان جي جنم جي رات جي منظر ڪشي اياز ائين ڪئي آهي ته :
    رات ڪويتا جي ڪنٺي تي
    سر سوتيءَ ۽ ڪاليءَ بيٺي
    چانڊوڪيءَ ۾ امرت پيتو
    شايد پيدا ٿيو آ
    مهان ڪوي ڪو !
    موهن جي دڙي جي ڀرسان ان رات به ڪويتا جي ڪنٺي تي سر سوتيءَ ۽ ڪاليءَ گڏجي امرت جو پيگ شيئر ڪيو هو، جنهن رات مسرور جنم ورتو هو، هو هڪ نوجوان شاعر آهي، هن کي شاعريءَ جي ڪٺن رستي تي مهانتا طرف سفر ڪرڻو آهي، ان شاعرانه عظمت جي بلنديءَ تي پهچڻو آهي، جنهن طرف ويندڙ رستي تي دنيا جي ڏکن، سورن ۽ ملامت جو سرس سامان موجود هوندو آهي، هن کي اها خبر هئڻ گهرجي ته شاعرانه عظمت جي اها منزل اهو “سچ نگر” آهي، جنهن جو پنڌ ڪجهه پرڀرو آهي. ان جي راهه رڻ مان گذري ٿي، اهو سسئيءَ جهڙو سفر آهي. ان سفر ۾ هن وٽ رخت سفر اهڙو آهي، جنهن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، ڇو ته رومانس ۽ تصوف جي گيڙو چادر پاتل اٿس، رومانس وڏي سگهه وارو سهارو آهي ۽ جيڪڏهن فطرت جي بيپناهه قوتن سان ان مسافر جو ناتو آهي ۽ انقلاب جو تصور هن لاءِ توانائيءَ جي وٿ پيدا ڪري ٿو ۽ هو پنهنجي ٿڪ ۽ بيزاريءَ کي لطيف، غالب، فيض ۽ اياز جي دعائن جهڙن گيتن سان لاهي ٿو ته ان جي سفر مان هڪ اميد، آرزو ۽ منزل ماڻڻ واري سٺي خبر جو انتظار رکي سگهجي ٿو.
    ۽ خاص ڪري جڏهن شاعريءَ جي رستي تي هلندڙ هن نوجوان مسافر جا قدم اهڙن شعرن جهڙا پختا هجن.
    اسان کي عشق! جڏهين کان ملي آ رهبري تنهنجي،
    ٿيون روشن سڀئي راهون، اها جادو گري تنهنجي.
    ___________
    جڏهن به ڪنهن آ پڇيو اسان کان ته “ ڇا خدا آ، ۽ ڪيئن آهي؟”
    تڏهن اسان ڀي سدائين مُرڪي، ڏنو انهن کي مثال تنهنجو .
    ___________
    “مون پُڄاڻان ڇا ڪيو ٿَوَ ساٿيو؟”
    قبر ڄــــڻ هن جي پڇي ٿي ماٺ ۾.
    ___________
    خدا سمجھڻ جي ڪارڻ يا ته ڪو مذهن نه ڪافي آ،
    يا سمجھڻ وري بس مور جو ڪو رقص ڪافي آ.

    ___________
    عشق! تون ئي آنهه بس آزادگي،
    مون منجھا مون کي اچي آزاد ڪر!
    ___________
    ڪاش مونکي تون تراشين هان ڪڏهن!
    مان هميشه ئي پٿر ۾ گُم رهيس.
    ___________
    شاعريءَ جي اڄ ڪُلهي تي درد ٿڪجي،
    ڪنڌ پنهنجو هوريان لاڙي ڇڏيو آ.


    اعجاز منگي


    چاندني تو سوا نه ٿيندي

    اوهان جون ڪيتريون ڳالهيون، ٻُڌائي ٿي اڪيلائي،

    اوهان جون ڪيتريون ڳالهيون، ٻُڌائي ٿي اڪيلائي،
    سَوين ساروڻيون سُهڻيون، سمائي ٿي اڪيلائي.

    ڏسين ٿي تون رڳو مون ڏي، گهڙيءَ جي لاءِ او جانان!
    گهڙي ان ٿورڙيءَ کي ڀي، وڌائي ٿي اڪيلائي.

    دلين ۾ پيار جا جيڪي، ٻَرن ٿا دِيپَ تن کي ڀي،
    زماني جي ھوائن کان، بچائي ٿي اڪيلائي.

    اسان هِت پاڻ سان ڀي ڏِس، مِلون ٿا ٿورڙو ساٿي!
    اسان کي بس اسان سان ڄڻ ملائي ٿي اڪيلائي.

    وسي ڦُڙ ڦُڙ پئي ڪجهه ڪجھه، پکي چُون چُون پيا ٿاڪن،
    مگر توبِن اسان کي هيءَ گهائي ٿي اڪيلائي.

    وٺي ڄڻ مون منجھان مون کي، وڃي ٿي دُور ئي نِيندي،
    الائي ڪٿ مون کي منهنجي، پُڄائي ٿي اڪيلائي.

    ملي ٿو چين منهنجي روح کي سوچن جي ٻانُهِن ۾،
    سبب سوچي حياتيءَ جو، ٻُڌائي ٿي اڪيلائي.

    ****


    شاعري مون لاءِ هاري چنڊ ٿو،

    شاعري مون لاءِ هاري چنڊ ٿو،
    ڪيتريون گڻتيون ٻُهاري چنڊ ٿو.

    جا وساڻي چاهه جي هيءَ باهه آ،
    ڦُوڪ ڏيئي ڄڻ ته ٻاري چنڊ ٿو.

    آهه من ۾ جو سُتو شاعر پيو،
    پيار سان اُن کي اُٿاري چنڊ ٿو.

    اي پکيئڙا! هيءَ تنهنجي سوڀ آ،
    ڇو ته توکي اڄ به ساري چنڊ ٿو.

    ٿو جهان جي مان خيالن ۾ ٻُڏان،
    پر مون کي منهنجو اُڪاري چنڊ ٿو.

    ڪنهن حويليءَ جي نويلِي نارِ کي،
    پيار مان ڄڻ هو پُڪاري چنڊ ٿو.

    جا تَڏي تي آهه ويٺل پُٽَ جي،
    ماءُ اُن کي ڄڻ ته ماري چنڊ ٿو.

    هر وڏو آهي ڪوي تنها هتي،
    جيئن تنها هُو گذاري چنڊ ٿو.

    ڏس ته سنڌوءَ – ڇولڙين کي چاهه مان،
    هي چُمي دريا ڪناري چنڊ ٿو.

    هاسٽل ۾ ڳوٺ کي ساريان پيو،
    ۽ جدائيءَ ڏُک اُڀاري چنڊ ٿو.

    ****


    خدا جون خُوبيون پيو ٻُڌائي، اسان کي جانان! جمالُ تنهنجو،

    خدا جون خُوبيون پيو ٻُڌائي، اسان کي جانان! جمالُ تنهنجو،
    ٿي واسُ ڏئين تون ۽ ولِ وانگي، ويڙهي ويو آ وصالُ تنهنجو.

    ويو جڏهن کان ٿي عشق آهي، تڏهن کان دنيا اُها نه آهي،
    ڪِٿي هئي ڪائنات ههڙي؟ پرين! اهو بس ڪمال تنهنجو.

    جڏهن به ڪنهن آ پُڇيو اسان کان، ته “ڇا خد آ ۽ ڪيئن آهي؟”
    تڏهن اسان ڀي سدائين مُرڪي، ڏنو انهن کي مثال تنهنجو.

    پُڇيو هو ڌرتيءَ “ڪيرُ آهي، ڀري جو رت ساڻ سِينڌ منهنجي؟”
    جواب جي سو تلاش ۾ آ، اڃا به ڌرتي! سوال تنهنجو.

    اسان ته ڳاڙيون رڳو پيا ٿا، هي لُڙڪ گُونگا ڪي بيوسيءَ جا،
    مگر کِلي ٿو هُو واڇون ٽيڙي اسان جي ڌرتي ! دلال تنهنجو.

    اڃا به آنڌيءَ جيان اچي تيز ٿو پيو هي خيال تنهنجو،
    لُڇي وڻن جئن وجود منهنجو، وڪوڙي مون کي ملال تنهنجو.

    ****


    ماٺ پُڇندي ئي رهي ٿي ماٺ ۾ ،

    ماٺ پُڇندي ئي رهي ٿي ماٺ ۾ ،
    “ماٺ ڇو آن تون؟” پُڇي ٿي ماٺ ۾.

    ڪوبه جذبو، ڪوبه سپنو ڪونه آ،
    زندگي ٻُڏندي وڃي ٿي ماٺ ۾.

    “مون پُڄاڻان ڇا ڪيو آهي اوهان؟”
    قبر اڄ هن جي پُڇي ٿي ماٺ ۾.

    چيخ تنهنجي، جا کڻي توکي وئي،
    ياد مون کي سا اچي ٿي ماٺ ۾.

    “ڇو ورهايو ٿا پيا مون کي توهان؟”
    هيءَ ڌرتي ڄڻ چوي ٿي ماٺ ۾.

    هلڪڙا آوازَ جي تون ٿو ٻُڌين،
    شاعري منهنجي ڪري ٿي ماٺ ۾.

    ****


    اسان کي عشق! جڏهين کان، ملي آ رهبري تنهنجي،

    اسان کي عشق! جڏهين کان، ملي آ رهبري تنهنجي،
    ٿيون روشن سڀئي راهون، اِها جادوگري تنهنجي!

    هُيس ڄڻ آنءُ پٿر جان، گهڙي تو مُورتي اُن مان،
    اها اوعشق! ڪا آهي، عجب ڪاريگري تنهنجي!

    رڳو تنهنجي هُجڻ سان ٿي، مِلي هر چيز کي معنيٰ،
    وڻائي ٿي سڄي دنيا، مون کي موجودگي تنهنجي.

    ستارا، چنڊ، سورج ۽ هوائون شاعري آهن،
    ڏسان جيڪا به شيءِ ٿو مان، اُها آ شاعري تنهنجي.

    رنگن ۾ پيار جي رنڱيل، گذاريو وقت آ توسان،
    اسان جي سوچ آ رنگين ٿي وئي، ڄڻ چُني تنهنجي.

    زماني جي تپش کان جا، پناهون ڏئي پئي مون کي،
    اُها سا سُونهن گهاٽي ڇانوري جئن آ رُڳي تنهنجي.

    ڏسي ديوانگي منهنجي، چڪورن ڀي چَيو مون کي،
    “اسان کي ڀي وئين ماري، عجب آ عاشقي تنهنجي!”

    چِتائي پاڻ کي تون ڏِس، سُڃاڻي پاڻ کي تون ڏِس!
    نه آهي شاعري منهنجي، اَٿي ڪا آرسي تنهنجي.

    مڃان ٿو شاعريءَ جي لئه، گهڻيون ئي ڳالهڙيون آهن،
    مگر هيءَ شاعري مون لاءِ آهي ڳالهڙي تنهنجي.
    ****


    يار کي ياد ڪر! يار جي ڳالهه ڪر!

    يار کي ياد ڪر! يار جي ڳالهه ڪر!
    ڪا اجائي نه ڪر، پيار جي ڳالهه ڪر!

    ڳالهه جنهن جي سُڳنڌون پکيڙي ڇڏي،
    گُلَ جهڙي انهي، نار جي ڳالهه ڪر!

    فڪر ٻاهر سندي اڄ جهان جو ڇڏي،
    پنهنجي اندر جي فنڪار جي ڳالهه ڪر!

    ڏس اُداسي اچي آ اندر ۾ لٿي،
    اڄ ته سُپرينءَ جي رُخسار جي ڳالهه ڪر!

    عطرجي تون نه ڪر، بس رڳو ڳوٺ ۾،
    مِينهن کان پوءِ مهڪار جي ڳالهه ڪر!

    اڄ گُلن آ چيو، روئي گُلدان جي:
    “ جنهن تي هئاسين، اُنهي ٽار جي ڳالهه ڪر!”

    ڇو رڳو آدمي! ڳالهه گهر جي ڪرين،
    ڪجهه وڏو ٿيءُ سنسار جي ڳالهه ڪر!

    ظلم جي، ويڙهه جي، اڄ ڇڏي ڳالهڙي،
    چاندنيءَ ۾ ڪوي! پيار جي ڳالهه ڪر!

    آ پرين ٿيو پري، ڪيئن هاڻي سري؟
    شاعري! تون ته سهڪار جي ڳالهه ڪر!
    ****


    کِڙي پَون گُل هِئين ۾ منهجي، ڪٿي به اهڙو بهار ناهي،

    کِڙي پَون گُل هِئين ۾ منهجي، ڪٿي به اهڙو بهار ناهي،
    جهان ۾ هونءَ ته آهي سڀڪجهه، الئه ڇو من کي قرار ناهي.

    هوا ڏکڻ جي اچي چُمي ٿي، جڏهن به درياهه جي گلن کي،
    تڏهن چوي ساز ٿي چُمين جو “لِڪو ڪڏهن ڪوبه پيار ناهي.”

    ڏِسو ته يارو! افق چوي ٿو، “اَڏيو اچي ڪو اَجھو هتي ڀي”
    ٻُڌي اهو شرم ڄڻ اچي ٿو، هتي ته ڪائي اُڏار ناهي.

    قهار رسمون ڳِهي وڃن ٿيون، محبتون ڪئين هتي اسان وٽ،
    تڏهن به يارو! پيو ڪڏهن ڀي، محبتن جو ڏڪار ناهي.

    چريو، ديوانو ۽ مست، مجنون، چيو سڀن عشق ۾ اسان کي،
    مگر اسان کي لقب لڳا سي، اسان جي دل شرمسار ناهي.

    اڃا چپن تِي چُميون ڦُٽن ٿيون، اڃا اکين ۾ سي خواب آهن،
    اڃا محبت نئين نئين آ، اڃا ته دل کي قرار ناهي.

    ****


    اڄ به تنهنجي ئي اچڻ جي آس آ،

    اڄ به تنهنجي ئي اچڻ جي آس آ،
    سمنڊ- دريا جئن ملڻ جي آس آ.

    تنهنجي گهر جو در رڳو آ موت ئي،
    تنهنڪري مون کي مرڻ جي آس آ.

    نازڪي هن جي هٿن جي هيءَ ڏسي،
    اڄ گُلن کي ٿي ڇڄڻ جي آس آ۔

    ڇڏ شڪاري! ڏِس پکيءَ کي ڪيتري،
    آسمان تي اڄ اُڏڻ جي آس آ!

    پُٽ مري ويو شهر ۾ پر بيخبر،
    ماءُ کي هن جي ورڻ جي آس آ.

    جَلُ ته شمع جيئن جو مون کي وري،
    اڄ پتنگن جئن جلڻ جي آس آ.

    سانوري! اڄ ڇيڙ تارون تون کڻي،
    ساز دل جي کي وڄڻ جي آس آ.

    ****


    سموري عُمر جي لئه عشق جو هڪ درس ڪافي آ،

    سموري عُمر جي لئه عشق جو هڪ درس ڪافي آ،
    ملي پئي جي ڪٿي ڪوئي پرينءَ جو عڪس ڪافي آ.

    خدا سمجھڻ جي ڪارڻ يا ته ڪو مذهب نه ڪافي آ،
    يا سمجھن لئه وري بس مور جي ڪو رقص ڪافي آ.

    اسان کي روح جي آزادگيءَ جي لاءِ او جاني!
    نه ڪوئي قافلو گهرجي، فقط هڪ شخص ڪافي آ.

    محبَت لاءِ ڪا خُوبي به رستو ٿي سگهي کولي،
    ۽ نفرت ڪاڻ ڀي پيارا! ڪو هڪڙ نقص ڪافي آ.

    نظر مان نار! تون اوتي، اڃا ڀي مَڌُ ڏِي مون کي،
    خُمارن مان نه نڪران مان، نه چئه تون “بس ڪافي آ.”

    سُتل آهين سُرَ سائين! اسان جي دل ۾ اڄ تائين،
    انهن جي بس وڄڻ جي لئه، اوهان جو لمس ڪافي آ.

    ****


    هوءَ محبت جي ڪا ماري آ، هوءَ سُهڻيءَ جئن ڪا ناري آ،

    هوءَ محبت جي ڪا ماري آ، هوءَ سُهڻيءَ جئن ڪا ناري آ،
    هوءَ ڀُوري عشق ڪئي آ پر، هِت رسم ڪئي هوءَ ڪاري آ.

    هن پنهنجي جيون کي مون آ، ڪاغذ جي ٻيڙي سمجھو ڪا،
    جا عشق جي گَهري دريا ۾، اڄ تائين ويٺي تاري آ.

    هي اڄ به جوانيون پوڙهيون ٿي، بي يار ويون، بيڪار ويون،
    ڇو جو آ پيار تي پابندي ۽ رسم- حڪومت جاري آ.

    هي پڪڙي ٿو جنهن ماڻهوءَ کي، ٿو اُن جو سارو“پاڻ” ڪُهي،
    پو اُن کي نِوڙت سيکاري، ها اهڙو عشق شڪاري آ.

    تون وڃ! ۽ هن کي چئه هاڻي، دل کي اڄ کٽ جئن ڇڏ واڻي!
    ڇو جو هوءَ جيڪا گُل جهڙي، سا هاڻ اچڻ ئي واري آ.

    اڄ مون کان يار ويو وڇڙي، ڄڻ جيون- ٻُوٽو ويو اُجڙي،
    جو گُلَ جھليندو هو ڪيڏا، سو خالي ٽاري ٽاري آ!

    هي هيڏا سال رهڻ جيئرو، ڄڻ موت سندي ڪا تياري آ،
    ڄڻ موت اسان جي منزل آ، ۽ جيون اُن لئه لاري آ.

    ****


    حياتي پيار بن پنهنجي، گذاريون ٿا سزا وانگي،

    حياتي پيار بن پنهنجي، گذاريون ٿا سزا وانگي،
    اسان کان موسمون ناراض ساجن بيوفا وانگي.

    مُنجھي ٿو ساهه هي منهنجو، کڻي آ پيار تون پنهنجو !
    هلي آ هاڻ او جانان! ڏکڻ جي تون هوا وانگي.

    لِڪي ٿو چنڊ ڪڪريءَ ۾، هوا ڀي گيت ڳائي ٿي،
    وڻي ٿو هي سمو مون کي، پرين! تنهنجي ادا وانگي.

    طبيبن جي دوائن سان نه فرحت آهه ملڻي ڪا،
    وڪوڙي آهه بيماري وئي هن کي انا وانگي.

    نگاهون اڄ به ڊوڙن ٿيون، وري تنهنجي پرين! پويان،
    لڳي ٿو پيار هي پنهنجو، وري ڄڻ ابتدا وانگي.

    لڳو آ جو مرض مون کي، چَون ٿا لاعلاج آهي،
    پرين! تنهنجي ئي نيڻن ۾، ملي ٿو ڪجهه دوا وانگي.

    ****


    شاعري هيءَ بيمار آ ٿي پئي،

    شاعري هيءَ بيمار آ ٿي پئي،
    پيار جا تون پرين ! ڪي پها وڃ رکي.

    سوچ پوپٽ پيا ٿا ڦِرن ڪيترا،
    ياد تنهنجيءَ سندي اڄ گُلَن تي وري.

    رات، ماضيءَ سندي، حُسن جي سمنڊ ۾،
    سوچ منهنجيءَ هنئي، دير تائين ٽُٻي.

    منهنجي دل کي ڪيو، ڀرت سُهڻي جيان،
    روز رنگين نظر جا تو ٽاڪا هڻي.

    شور ڪوئي نه آ، ڪابه مستي نه آ،
    سانت ۾ آ سُتي، چاهه جي هيءَ ندي.

    چاهه جي خاڪ ۾، هاڻ چڻنگون بچيون،
    آ، نظر جي وري، ڦُوڪ وڃ ڪا ڏئي!

    نا اُميديءَ جي، حادثن ۾ مٺا!
    ڪيترائي ٿيا، خواب پنهنجا ڌڪي.


    اڄ جدا ٿي به ڪو، لُڙڪ ناهي اکين،
    ڏِس! پٿر ٿي وڃڻ تي ويا سين هِري.

    اڄ جدائيءَ سندي، هن ڊگهي رات ۾ ،
    ياد جي شمع ڪا آهه جلندي رهي.

    شعر پازيب پائي نچن ٿا پيا،
    شور ان جي ڪري، ننڊ آهي ڦِٽي.

    وقت- درياهه ۾، ڄڻ ته ڪاٺيءَ جيان،
    ٿي وڃي هيءَ اجائي پئي زندگي.

    اڄ شفق جئن وري، شام جو اوچتو،
    ذهن- آڪاس تي، آ اُداسي يڪي.

    سوچَ، اڳ آ ڪڍيو، تيز گاڏيءَ کان،
    ڪيترو جلد ۾، ڳوٺ آهي پُڳي.

    رات پنهنجي سڄڻ جا ڪي سهرا چئي،
    هوءَ آَهي وِهاڻي ۾ مُنهن ڏئي رُني.

    اڄ شڪستن جي هيڏي وڏي ٻوڏ ۾،
    آرزو هر ڪا منهنجي وئي آ لُڙهي.

    ****


    اکين ۾ آزادگيءَ جا يار! خواب هاڻي مري ويا سڀ،

    اکين ۾ آزادگيءَ جا يار! خواب هاڻي مري ويا سڀ،
    ڪيون اُميدون اسان به ڇاتي؟ سراب هاڻي مري ويا سڀ.

    عوام سارو لِڪي پيو ٿو، هِتي تہ چُوزن جيان اڃا ڀي،
    اڃا مُئو خوف ناهه تن جو، عُقاب هاڻي مري ويا سڀ.

    هتي ته پوپٽ اچن ٿا جيڪي، سي يار! معصوم ڏاڍا آهن،
    اچو! ٻُڌايون تنين کي روئي، گُلاب هاڻي مري ويا سڀ.

    جڏهن به گولي هوا کي ڪُنهدي، ڦٽي وجھي ٿي پکيئڙيءَ کي،
    تڏهن ٻُڌي تاڙِيون لڳي ٿو، ڪتاب هاڻي مري ويا سڀ.

    ****


    سي جنونِ محبت جون، حالتون ته آڻي ڏي!

    سي جنونِ محبت جون، حالتون ته آڻي ڏي!
    وقت! موٽ پُٺتي سي، چاهتون ته آڻي ڏي!

    اڄ به عشق جو توکي ،مان جُنون ڏيکاريان،
    پر ڪٿان پرين! ٿوريون، فرصتون ته آڻي ڏي!

    شهر ڏي وٺي آئين، سڀ ڏنو اٿيئي پر،
    ڳوٺ جي سياري جون، ساعتون ته آڻي ڏي!

    پيار سان ڏسي پوڙهو، زال کي چوي ويٺو،
    “اڄ هٿن کي جوڀن جون، عادتون ته آڻي ڏي!”

    ڇو ڀلا اکيون تنهنجون، ساڳيون رهيون ناهن،
    پيار سان ڀريل پياري! گُهور تون ته آڻي ڏي!

    وقت! تو جواني ڏئي، آ ڦُري ڇڏيو بچپن،
    هُو حسين بچپن جون، راحتون ته آڻي ڏي!

    ****


    کڻي کيڪار اکڙين ۾، سَکي جڏهين کِلي آهي،

    کڻي کيڪار اکڙين ۾، سَکي جڏهين کِلي آهي،
    تڏهن دل دير تائين مور جئن منهنجي ٽِلي آهي.

    اڃا ويجھو اچڻ ڏي عشق ۾ تون جسم پنهنجي جي،
    بُرائي ڇا، ڀلا گُل سان، هوا جي کيچلي آهي!

    اوهان جي ڳوٺ سان واڳيل، اسان جي عشق جون ڳالهيون،
    اوهان جي ڳوٺ جي پياري، ڳهيلي! هر ڳلي آهي.

    الئه ڪهڙن ثوابن جي، خدا اڄ موٽ ۾ مون ڏي،
    تصَور حُور جي کان وڌ، حسينا موڪلي آهي.

    اوهان جي انتظارن ۾ ستارا، رات، چندرما،
    اوهان جي آس ۾ مون سان، اڃا کٽ تي رلي آهي.

    ****


    گُلن جو باغ جيئن ٿو، لڳي پيو بهار ۾،

    گُلن جو باغ جيئن ٿو، لڳي پيو بهار ۾،
    ائين ئي آدمي ٽِڙي، سُڳنڌ ڏئي ٿو پيار ۾.

    ٻُڌو هيو ته عشق هي، عميق ڪو سمنڊ آ،
    اسان ته سو ڏٺو هيو، سڄو سندس نهار ۾.

    لطيف ڀي، اياز ڀي، اسد به آ ۽ فيض ڀي،
    سڀئي مليا سمائجي، مون کي فراقِ يار ۾.

    اڃا به تون اُڏين نه ٿو، زمين تي ڊڄين پيو،
    مزو ته ڏس آ ڪيترو، هوا ۾ هن اُڏار ۾!

    ٻُڌو هيو ته وقت سان، ڪمي اچي ٿي پيار ۾،
    وڌي ويو هي پيار آ، اسان جو انتظار ۾.

    عجيب قِسم جو هيو، نشو سندس نهار ۾،
    اسان ته پِي وساريو، هي پاڻ اڄ خمار ۾.

    ****

    لطيف: شاهه عبدالطيف ڀٽائي
    اياز: شيخ اياز
    اسد: اسدالله خاب غالب
    فيض: فيض احمد فيض


    پَٽي اکيون چئوطرف ته ڏس تون، حسين نظارا اڃا به آهن،

    پَٽي اکيون چئوطرف ته ڏس تون، حسين نظارا اڃا به آهن،
    چڱي نظر سان ڏسين جهان کي، ته چاهه وارا اڃا به آهن.

    اوهان سان ناهن شڪايتون ڪي، ڪيو اسان تي عنايتون ڪي،
    اسان جي دل جي ڪشادي گهر جا، کليل دوارا اڃا به آهن.

    اڃا سويرو گهڻو پري آ، اڃا نڪر تون نه ڀاڪرن مان،
    گذار گڏجي گهڙيون جو اُڀ تي، ٻه ٽي ستارا اڃا به آهن.

    اڃا هلي هاڻ ناوَ آهي، ته خوف ٻوڙي پيو ٻُڏڻ جو،
    ڪنديون نه ڪجهه ڀي نراس- ڇوليون، ڪيئن ڪنارا اڃا به آهن.

    ڇڏي اسان کي وئين جڏهن کان، ته سنگ ساوڻ ڀري ٿو سُڏڪا،
    ڪري ٿي تو لئه هوا به واڪا، چريا نظارا اڃا به آهن.

    بچڻ سندو آسرو نه هو ڪو، جڏهن اسان کي ڇڏي ڏنو تو،
    بچايو آ شاعريءَ جنهين جا، حسين سهارا اڃا به آهن.

    ****


    مِلي ميهار سان سُهڻي، سدائين لئه ٻُڏڻ کان پوءِ،

    مِلي ميهار سان سُهڻي، سدائين لئه ٻُڏڻ کان پوءِ،
    حياتي سا حسين آهي، ملي ٿي جا مرڻ کان پوءِ.

    ضروري آ قدم ننڍڙو، وڏي ڪنهن پنڌ لئه جانان!
    خدا سان ڀي ملي سگهبو، رڳو تنهنجي ملڻ کان پوءِ.

    سدائين سُونهن کي خطرو، رهيو آهي زماني کان،
    پَٽڻ لئه هٿ پهچن ٿا، گُلابن جي ٽڙڻ کان پوءِ.

    اوهان جي گُهور سان گُلشن، بڻيو آهي اسان جو من،
    عجب ٿا عشق جا گُلڙا، ڦُٽن تنهنجي ڏسڻ کان پوءِ.

    اوهان جو هي وڇوڙو ڀي، لڳي ٿو باهه وانگي ئي،
    انهيءَ ئي باهه ۾ سونو، ٿيان ٿو مان پچڻ کان پوءِ.

    اڳي اونداهه هو ڪوئي، جڏهن محبت نه هوندي هئي،
    حياتي روشني ٿي وئي، محبت جي اچڻ کان پوءِ.

    ****


    محبت وارا ننڍڙا لمحا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن،

    محبت وارا ننڍڙا لمحا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن،
    نظرن وچ ۾ هلندڙ نغما، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن.

    دل ۽ روح سندا سڀ رشتا، ٿين ثبوتن کان به مٿي ٿا،
    ظاهر ۾ هي سهڻا رشتا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن.

    پيار ڀريا جملا ته هيا ڪي، تنهنجي دل ۾ قيد رهيا جَي،
    مون لئه بي آواز سي جملا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن.

    ڪالهه پَٽيا مون تو لئه گلڙا، دُور هيا پر تنهنجا هٿڙا،
    هاڻي مُرجھايل سي گلڙا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن.

    تعبيرن جي گهاٽي وڻ لئه، ٻِجَ جيان هي سپنا آهن،
    جيون ڪن ٿا سهڻو، سپنا، ڪجهه به نه هوندي سڀ ڪجهه آهن.

    ****


    اوهان لاءِ آرسي بڻجان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو،

    اوهان لاءِ آرسي بڻجان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو،
    اجائي آس ۾ ڀٽڪان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    هي منهنجو فن ته بارش آ، مگر هي ديس پٿريلو،
    انهي تي مان پيو برسان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    انڌيري ۾ سُمهڻ چاهن، پيا هن ديس جا ماڻهو،
    ٻران پيو ديپ وانگر مان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    اوهان کي راهه منزل جي، ڏسڻ منهنجو ته ڪم آهي،
    اوهان جو همسفر ڀي ٿيان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    نظر منهنجي ڏسي ٿي مختلف هر شيءِ ۽ ڏسندي پئي،
    اوھان وانگي ڏِسان سڀ مان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    سندءِ دل جي هجان ڀرسان، ضروري سو پرين! آهي،
    بدن جي ڀي هجان ڀرسان، ضروري سو ته ڪونهي ڪو.

    ****


    حُجت ۾ ڳالهه آ جيڪا، حجابن ۾ نه هوندي آهي،

    حُجت ۾ ڳالهه آ جيڪا، حجابن ۾ نه هوندي آهي،
    عزت آ بي حجابيءَ ۾، آدابن ۾ نه هوندي آ.

    “پرستش، پيار ۾ پنهنجي، وڇوڙي کي وڌائي ٿي،”
    چوي ٿي پيار ۾ جڏهين، حجابن ۾ نه هوندي آ.

    پرين! تنهنجي ته نيڻن مان، اچي ٿي پيار جي خوشبوءِ،
    هلي آ تون، اها خوشبوءِ، گلابن ۾ نه هوندي آ.

    تنهنجي نيڻن ۾ جيڪا پيار جي آ ڳالهڙي جانان!،
    اها دنيا جي سڀني ئي ڪتابن ۾ نه هوندي آ.

    سوالن جي بيابانن ۾ رُلندي مون اهو ڄاتو،
    سوالن ڪن جي سمجھاڻي، جوابن م نه هوندي آ.

    اُڏي ٿي سوچ شاعر جي، گهڻو آڪاس کان اُوچي،
    اُڏامڻ جي اها طاقت، عُقابن ۾ نه هوندي آ.

    ****


    درد جي آهي صدا درياهه تي،

    درد جي آهي صدا درياهه تي،
    آهه سُهڻيءَ جي ڪٿا درياهه تي.

    تن به سمجھيو زندگيءَ جي راز کي،
    پاڻ ئي جيڪي ٻُڏا درياهه تي.

    ڪيترو پاڻيءَ ۾ پڇتاءُ هو،
    لاش ها جڏهين پيا درياهه تي.

    “ڇا لهي درياهه ويندو چاهه جو؟”
    گفتگو پنهنجي اِها درياهه تي.

    دوستيءَ ۾ چاڙهه آيو هو تڏهن،
    ٽهڪ گڏ جڏهين ڏنا درياهه تي.

    ڪيئن لفظن ۾ اھا تصوير ٺاهيان؟
    هي پکي ۽ ٻارڙا درياهه تي.

    سج لٿي ماحول سارو ٿو گُهري،
    امن جي پياري دعا درياهه تي.

    ڪيتري مون کي ڏئي ٿي شاعري!
    جا سُريلي آ هوا درياهه تي.
    ****


    اڄ هوا ڀي شاعراڻي ٿي لڳي،

    اڄ هوا ڀي شاعراڻي ٿي لڳي،
    سوچ منهنجي ڀي اُڏاڻي ٿي لڳي.

    زندگي آ گيت ڪوئي چاهه جو،
    سانوري تنهن جي وراڻي ٿي لڳي.

    “چنڊ جهڙي” ڪيئن مان توکي چوان؟
    ڳالهه مون کي هيءَ پُراڻي ٿي لڳي.

    عُمر ڀر پيتي اٿم بس شاعري،
    ڪونه پو ڀي اُڃ اُجهاڻي ٿي لڳي.

    ڪيتري هٻڪار آهي شعر ۾،
    ڏات ڪائي رات- راڻي ٿي لڳي.

    عشق جي آويءَ ۾ جو آهي پڪي،
    شاعري پو صوفياڻي ٿي لڳي.

    ****


    هان مون کي تنهنجي نظرن سان، ڪوئي انڪار به ڪونهي ڪو،

    هان مون کي تنهنجي نظرن سان، ڪوئي انڪار به ڪونهي ڪو،
    پر توسان پيار محبت جو، ڪوئي اقرار به ڪونهي ڪو.

    هي عشق سندو آهي رستو، جو نيٺ خدا ڏي پهچي ٿو،
    توڙي دشوار به ڪونهي ڪو، پر هي هموار به ڪونهي ڪو.

    هي وهندڙ پاڻيءَ جيئن لمحا، او جانان! سڀ تنهنجا منهنجا،
    ڪئن اهڙن لمحن کي روڪيون! ڪو اهڙو ڄار به ڪونهي ڪو.

    هوءِ چوڏهينءَ جي چانڊاڻ هئي، ۽ خوشبوءَ وانگي ساڻ هئي،
    هاڻي ته نصيبن ۾ منهنجي، هن جو ديدار به ڪونهي ڪو.

    جي جيون اهڙو آهه ڪِنو، پوءِ زوريءَ جيئجي ڇو اهڙو؟
    مان پيار نه آهيان ڪنهنجو ڀي، ۽ منهنجو پيار به ڪونهي ڪو.

    پنهنجي به جدا ٿي ويئي سرِي، ڏس ڪيئن ويا سين يار! هِري،
    ٻئي جيئون ٿا توڙي اهڙو، سهڻو سنسار به ڪونهي ڪو.


    ****


    ڪويل- ڪُوڪ ڪري ٿي، دل کي چاڪ ڪٿي!

    ڪويل- ڪُوڪ ڪري ٿي، دل کي چاڪ ڪٿي!
    هاڻ اسين احساسن جي هيراڪ ڪٿي!

    نيڻ گناهه ڏسڻ جا عادي ٿيا منهنجا،
    تنهنجا سپنا ڏسندڙ اڄ هي پاڪ ڪٿي!

    جِت هي منهنجو پيار مُسافر ٿَڪُ ڀڃي،
    تنهنجي نيڻن جا سي پياري! ٿاڪ ڪٿي!

    هاڻي منهنجو من مصروف ويو آ ٿي،
    تنهنجي ياد جي رستن جو رولاڪ ڪٿي!

    تنهنجي دُوريءَ جو ڀي درد پراڻو ٿيو،
    نيڻ به آلا لُڙڪن سان نمناڪ ڪٿي!

    پاڻ ته پوڙها ٿي ويا آهيون جوڀن ۾،
    محبت وارا سي جذبا بيباڪ ڪٿي!

    تو پنهنجو گُلدان سجايو گُلَ ڇني!
    هاڻي گُل ٿا روز پُڇن “آ ماڪ ڪٿي؟”

    ****


    عُمر جي ٽاريءَ تي آهين گُل جواني!

    عُمر جي ٽاريءَ تي آهين گُل جواني!
    اڳ ڇڻڻ کان جُهول ۽ ڪجهه جھُل جواني!

    ڪيترو ئي عشق کي ٿو مان لڪايان،
    ها مگر هيءَ ٿي مچائي هُل جواني.

    خوبصورت جي به تخليقون ٿين ٿيون،
    ها، انهن جو ڀي سبب آ ڪُل، جواني!

    پيار جا ڪجهه ڏينهن گهاري هُو هليو ويو،
    حسرتن جي هاڻ رڻ ۾ رُل جواني!

    عشق ۾ ناڪام ٿي ڪُومائجين ڇو؟
    ڏي سُڳنڌون، گُلَ وانگي کُل جواني!

    پاڻُ هڪڙي شخص لئه ڇو ٿي وڃائين؟
    هِير دنيا لاءِ بڻجي گهُل جواني!

    ****


    نيڻن جي کولين ۾ پنهنجا،

    نيڻن جي کولين ۾ پنهنجا،
    سپنا سارا قيدين جهڙا.

    روز هِنن کي مار مِلي ٿي،
    منهنجا سپنا قيدين جهڙا.

    تنهنجو جوڀن ڏسندي منهنجا،
    دل ۾ جذبا قيدين جهڙا.

    سوچَ هوا ۾ اُڏري ٿي پر،
    منهنجا پرڙا قيدين جهڙا.

    گونگي جي اندر ۾ آهن،
    ڪيئي نغما قيدين جهڙا.

    جيلن ۾ آزاد اٿي هُو،
    توڙي ڪپڙا قيدين جهڙا.

    آزادي ٿا چاهن يارو!
    وات ۾ واڪا قيدين جهڙا.
    ****


    مينهن ۾ محبوب کي تون ياد ڪر!

    مينهن ۾ محبوب کي تون ياد ڪر!
    ايئن ڪجهه ويران من آباد ڪر!

    عشق! تون ئي آنهه بس آزادگي!
    مون منجھان مون کي اچي آزاد ڪر!

    جيڪڏهن دل کي خدا جو گهر ڪرين،
    عشق کي اُن گهر سندو بنياد ڪر!

    تو بنان صحرا لڳي دنيا سڄي،
    نينهن! اِن کي مِينهن ٿي آباد ڪر!

    ڪجهه ڏهاڙا وڃ پرينءَ جي ڳوٺ ڏي،
    نوڪريءَ ۾ نه وهي برباد ڪر!

    شاعري تنهنجي ٻُڌي ڀي ڏينهن ٿيا،
    آ هلي آ مِينهن! ڪجهه ارشاد ڪر!

    ****


    شاعريءَ لئه زندگيءَ ۾ ئي شهادت ٿي کپي،

    شاعريءَ لئه زندگيءَ ۾ ئي شهادت ٿي کپي،
    گهاءَ کي دائم رکڻ واري به طاقت ٿي کپي.

    ڪنهن ڪناري عشق جي تي، هاڻ پهچڻ لئه پرين!
    زندگيءَ جي ناوَ کي تنهنجي رفاقت ٿي کپي.

    چنڊ! توسان مان پرينءَ جون ڳالهڙيون جيڪر ڪيان،
    پر مشيني زندگيءَ مان يار! فرصت ٿي کپي.

    ڇا ٿيو جو سڀ مخالف ٿي پيا منهنجا هتي،
    ڪين ماڻهن جي مون کي ڪائي حمايت ٿي کپي.

    مان خدا جي ويجھڙو هان، مسجدن کان دُور ڀي،
    او مُلان! ڪائي خدا لئه ٻي عبادت ٿي کپي.

    هاڻ تون ماڻهن کي ڏاها! بس ڇڏ ڏي، ها ڇڏي،
    ڇو ته تن کي ڪين راحت پر اذيت ٿي کپي.

    شاعري رومانوي آ تنهن کي سمجھڻ لاءِ بس،
    پيار ۾ ڀرپور دل واري نزاڪت ٿي کپي.

    ****


    مان سدا تنهنجي نظر ۾ گُم رهيس،

    مان سدا تنهنجي نظر ۾ گُم رهيس،
    نينهن جي نياري نگر ۾ گُم رهيس.

    منزلن جي سوچ ئي وسري وئي،
    عشق جي بس مان سفر ۾ گُم رهيس.

    ڪاش مون کي تون تراشين ها ڪڏهن!
    مان هميشه ئي پٿر ۾ گُم رهيس.

    جنهن ۾ ٿورو وقت تو گهاريو هيو،
    مان سدا تنهن يار ! گهر ۾ گُم رهيس.

    ****


    ٻُسا ٻُسا نيڻ زندگيءَ جا، ڪجل جيان تنهنجي تات گهرجي،

    ٻُسا ٻُسا نيڻ زندگيءَ جا، ڪجل جيان تنهنجي تات گهرجي،
    لڳي پئي زهر زندگي هيءَ، مِٺي مِٺي تنهنجي بات گهرجي.

    غلامي مننجي قبول ڪريو! کپي نه آزادگي ڪا مون کي،
    حسين هي قيد عشق آهي، نه مون کي اُن مان نجات گهرجي.

    اوهان جي نيڻن ۾ گُهور پائي، ڏٺي سڄي ڪائنات آهي،
    پناهه مون کي ڏيو انهي ۾، حسين هيءَ ڪائنات گهرجي.

    اسان ته سورج مُکي مگر هي ، هجوم ڪڪرن جو آ زمانو،
    او سج جھڙا پرين! اوهان جي، انهي منجھان ڪائي جهات گهرجي.

    گلاب تي ماڪ جيئن سهڻي، حيات هيءَ بي ثبات آهي،
    حيات کي جا ثبات ڏئي يا خدا! مون کي سائي ڏات گهرجي.

    ****


    خطَ تنهنجي کي سڄڻ! ساڙي ڇڏيو آ،

    خطَ تنهنجي کي سڄڻ! ساڙي ڇڏيو آ،
    خواهشن کي لُڙڪ سان لاڙي ڇڏيو آ.

    دل سُکي آ عشق جي ڌاڙي لڳڻ سان،
    مون کي آسُودو ڪري ڌاڙي ڇڏيو آ!

    تو سوا جيون سڄڻ! ڪاغذ ردي هو،
    پاڻ ئي جيڪو اسان ڦاڙي ڇڏيو آ.

    زندگيءَ جو اُڏرندڙ سهڻو پکيئڙو،
    موت جي ماريءَ اڄ تاڙي ڇڏيو آ.

    تو ڏٺو مون کي ۽ مون تو کي ڏٺو هو،
    بس وڌائي ڳالهه کي پاڙي ڇڏيو آ.

    اڄ به عورت کي پکيءَ وانگر اسان هت،
    پَر ڪٽي پڃري اندر واڙي ڇڏيو آ.

    باهه ۾، ماني پچائڻ مهل ئي هن،
    رات وارو خواب ڀي ساڙي ڇڏيو آ.

    خون مان گُل انقلابن جا ڦُٽن ٿا،
    ڪالهه ڳڀروءَ جو هتي ڳاڙي ڇڏيو آ.

    شاعريءَ جي اڄ ڪُلهي تي درد ٿڪجي،
    ڪنڌ پنهنجو هوريان لاڙي ڇڏيو آ.

    ****


    ڪو نظر ۾ سراب ئي ناهي،

    ڪو نظر ۾ سراب ئي ناهي،
    پو به سڌ جو حساب ئي ناهي.

    مان اڃا ڀي اُڏان چڪورن جان،
    ها مگر ماهتاب ئي ناهي.

    برف جيڪو حجاب جي ڳاري،
    عشق جو آفتاب ئي ناهي.

    زندگي تون گذار گل وانگي!
    ڪوبه اهڙو ثواب ئي ناهي.

    عُمر ڀر ٿو نشو رهي اُن جو،
    عشق جهڙو شراب ئي ناهي.

    ڪيئن تعبير پاڻ ئي ملندي؟
    جي اکين ۾ ڪو خواب ئي ناهي.

    ڪو به گهر ۾ ڪتاب ئي ناهي،
    باغ ۾ ڄڻ گلاب ئي ناهي.

    ****


    نگاهه تنهنجيءَ منجھان ڪِري پيار جو پيو آبشار ڪوئي،

    نگاهه تنهنجيءَ منجھان ڪِري پيار جو پيو آبشار ڪوئي،
    وڃي ٿو هيءُ روح صاف ٿيندو، ملي پيو ٿو قرار ڪوئي.

    اڃا محبت جون آڱريون هي انيڪ سُرَ ٿيون پيون پکيڙن،
    ويو سُريلو ٿي آهه جيون، وجود ڄڻ آ ستار ڪوئي.

    عظيم هستيون ڪئين دنيا ۾، لِڪي ويون وقت- بار هيٺان،
    ڊهي وئي آ مزار جنهن جي، هو ديس جو جان نثار ڪوئي.

    ڪڏهن ڪڏهن موت آهه هوندو، حيات کان ڀي حسين ڏاڍو،
    اُڏي هوا ۾ پکيءَ چاهيو، ڪري وڃي اڄ شڪار ڪوئي!

    جُدا ڪيا موت کوڙ ماڻهو، هيا جي اُتساهه زندگيءَ لئه،
    نه ڪي ڏٺوسين نه ڪي ٻُڌو هيئن موت جهڙو قهار ڪوئي.

    اچو! اچو ڀِيل، باگڙي سڀ، ننڍا وڏا ذات پات ميٽي،
    اچو! هلون عشق جي سمندر ۾ آهه جو بيڪنار ڪوئي.

    ****


    ماحول سڄو گُلڙن وانگر، هي خوشبو خوشبو ڪرڻو آ،

    ماحول سڄو گُلڙن وانگر، هي خوشبو خوشبو ڪرڻو آ،
    ۽ جاڳ سندا ڪي ڏيئا ٿي، اڄ اونداهين ۾ ٻرڻو آ.

    هاڻي ڀي چاهت آ توسان، پر آنءُ وڃان ٿو او جانان!
    هن لُڙڪن هاڻي ڌرتيءَ کي، ڪي مُرڪون ڏيئي ورڻو آ.

    سو جيون ڪيڏو آهه سڦل، جون پاڻ سڙي پر ڇانوَ ڏئي،
    ها اهڙي گهاٽي وڻ وانگر، سج هيٺان مُرڪي جلڻو آ.

    جَي موت اسان جو ماڻهن کي، ڪو جيون بخشي ٿو ساٿي!
    پو اهڙي سُهڻي مقصد لئه، ها يار! اسان کي مرڻو آ.

    اڄ لالچ، ڪوڙ ۽ دوکي جي، ميراڻ وجودن تي آهي،
    پر صاف ڪندو جو نِينهن سندو، سو مينهن به نيٺ ته وسڻو آ.

    ****


    ياد آئي آ ڏکڻ جي هير ۾،

    ياد آئي آ ڏکڻ جي هير ۾،
    ڪين آ جنهن جو ملڻ تقدير ۾.

    ياد آيا زلفِ جانان اوچتو،
    جو جُسو جڪڙيل ڏٺم زنجير ۾.

    موتَ، رسمن ۽ گِلا بابت ڪڏهن،
    ڪين سُهڻيءَ سوچيو هو سِير ۾.

    نيڻ پوڙهي جا ڀِنا اڄ اوچتو،
    پاڻُ، جوڀن جي ڏسي تصوير ۾.

    جيترو آسان آ سپنو ڏسڻ،
    درد اوڏو حاصلِ تعمير ۾.

    ڪالهه شرمندو هُيس آزاد ٿي،
    فخر اڄ محسوس ٿيو زنجير ۾.

    صاف ماڻهن کي ڪري جيڪا ڇڏي،
    سگهه آ سا ڪيتري تحرير ۾؟

    ****


    جُدا ٿيندي اکين ۾ ڪو وفا جو گيت گُنجي ٿو،

    جُدا ٿيندي اکين ۾ ڪو وفا جو گيت گُنجي ٿو،
    ڪو سُڏڪن جي سُرن تي ڄڻ هوا جو گيت گونجي ٿو.

    اهو ڪئن عشق ۾ ڳائي، سگهي ٿو گيت نوڙت جو!
    جنهين جي جِيءَ ۾ هردم انا جو گيت گونجي ٿو.

    اها برسات ڏس! ڪي پل، اکيون کولي عبادت مان،
    اُٺي جي هِن هوا ۾ ڪو، خدا جو گيت گونجي ٿو.

    پراڻي پيار جا سارا، وڃن ٿا گهاءَ تازا ٿي،
    جدائيءَ جي ڏکن جو جئن، لتا جو گيت گونجي ٿو.

    ائين مايوس ڇو آهين؟ ڪري ڪجهه غور ٿو ڀي ٻڌ!
    اَڃا آزادگيءَ جي ڄڻ، صدا جو گيت گونجي ٿو.

    ****


    “مون تي شعر لکي ڪو مون کي مانُ ڏئي،”

    “مون تي شعر لکي ڪو مون کي مانُ ڏئي،”
    شاعر آڏو خالي ڪاڳر سوچي ٿو.

    “ڇو نه ٻُڌن ٿا ماڻهو فطرت جي ٻولي؟”
    چنڊ کڙو جو آهي ٻاهر سوچي ٿو.

    مون پڇيو هو “محبت ڇاهي؟” هُو چُپ آ،
    سائنس جي علمن جو ماهر سوچي ٿو.

    محبوبا جي ڀاڪر تي ڇا ڇا لکجي!؟
    لفظ رُٺل جنھن کان سو شاعر سوچي ٿو.

    “ماڻهو پنهنجي وندر ڪاڻ اچن ٿا بس،
    سمجھن منهنجو درد نه” ساگر سوچي ٿو.

    هن جي بچپن ۾ کيڏڻ جا سڀ منظر،
    لاش ڏسي اڄ، گهر جو آڳر سوچي ٿو.

    دهشتگردن جي گولين سان ٻارَ مري ويا،
    “ڇا لکجي!؟” لفظن جو ساحر سوچي ٿو.

    ****


    پيار ۾ جي دوستي ناهي پرين!

    پيار ۾ جي دوستي ناهي پرين!
    پيار جي پوءِ زندگي ناهي پرين!

    عيش ۽ آرام ڪهڙا تو بنان!
    مُرڪ جو مطلب خوشي ناهي پرين!

    زندگي هاڻي به هيءَ رنگين آ!
    ها مگر تنهنجي چُني ناهي پرين!

    آهي اندر ۾ سمندر درد جو،
    پوءِ به اک ۾ ڪا نمي ناهي پرين!

    آ چپن- ڪشڪول چُمين سان ڀريل،
    بس رڳو تنهنجي چُمي ناهي پرين!

    عشق جي هيءَ راهه ڏاڍي آ ڏُکي،
    موٽ ڀل، تنهنجي گهٽي ناهي پرين!

    آ نشاني ماڻهپي، احساس جي،
    لُڙڪ لاڙڻ، بزدلي ناهي پرين!

    زندگيءَ جي ذِلَتن کي آ بُجو،
    ڏوهه ڪوئي خودڪشي ناهي پرين!

    لاش ڪئن خوش ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن،
    ڳوٺ پنهنجي جي مِٽي ناهي پرين!
    ****


    ماڻهن کي مارن ٿا اڄ نادان سمورا،

    ماڻهن کي مارن ٿا اڄ نادان سمورا،
    قتل ويا ٿي شعرن جا ديوان سمورا.

    هاڻي آزادي ناهي ڪنهن جي محبوبا،
    ڇو ته ويا ٿي مقتل هن ويران سمورا.

    محبت جي هن ڏوهه ڪرڻ جي هيءَ سزا آ،
    جو مون کي مارڻ لئه ڪن اعلان سمورا.

    تون ئي محبوبا ۽ تون ئي آزادي آن،
    ڳالهه اها ڪئن سمجھن هي نادان سمورا.

    هوءَ جيڪا گل جهڙي آ تنهن لاءِ سڀن جي،
    ڀاڪين جا آتا آهن گلدان سمورا.

    هڪڙو ڳڀرو جو دنيا کي لوڏي ويو آ،
    سوچي سو پوڙها ٿي ويا حيران سمورا.

    ڪيڏو انسانيت کان دُور وڃن ٿا ٿيندا،
    هي ماڻهو ڪاٿي آهن انسان سمورا!

    تو ئي درد ڏنا ۽ تو ئي شعر ڏنا هي،
    ڪيئن وساريان تنهنجا هي احسان سمورا!

    ماري ڪير سگهي ٿو سورج کي يارو!؟
    ڪين مُئا هِن صبح سندا امڪان سمورا.

    ****


    وري سِڪَ تنهنجي لڳي آ گهڻي،

    وري سِڪَ تنهنجي لڳي آ گهڻي،
    هلي آ پرين! تون به هاڻي کڻي!

    چِٽو ٿو نظر هاڻ سڀ ڪجهه اچي،
    جڏهن کان محبت آ مشعل بڻي.

    چپن تي چُميون اڄ گُلن جئن ٽڙيون،
    هي آ! وڃن سي نه سڀئي ڇڻي.

    جوانيءَ جي جادوگري آهه جو،
    ائين تون اچانڪ وئي آن وڻي.

    اجھو ٿي اُٿي هوءَ محفل منجھان،
    دليون ڪيتريون پاڻ سان گڏ کڻي.

    وڻن جي ته وارن کي ويجھو اچي،
    هوا، آڱرين سان ڏئي ٿي ڦڻي.

    لڳي ٿو خدا ڀي آ روئي پيو،
    ڀلا مِينهن جي ڇاهي هرڪا ڪڻي؟

    جدائيءَ سندا سُور سارا سهي،
    اسان جيءَ دل، شاعري آڄڻي.

    ****


    ڇانوَ ۾ ويهه گهڙي ڏينهن تتل ڏاڍو آ،

    ڇانوَ ۾ ويهه گهڙي ڏينهن تتل ڏاڍو آ،
    ڪو پٽي ساهه ته هل! ڏُور پنھل ڏاڍو آ.

    بس انهي جي ڪري هي شخص ٽُٽل ڏاڍو آ،
    جنهن جي نيڻن ۾ محبت جو ڪجل ڏاڍو آ.

    مان پوان پير، ٻَڌان هٿ، ڪيان منٿون ڪي،
    ڏانءُ ڪو ڏَس ته سهي يار رُٺل ڏاڍو آ.

    منهنجي اکڙين ۾ نه اچجانءِ او ٽهڪن واري!
    منهنجي اکڙين ۾ ڪڪر غم جو اُٺل ڏاڍو آ.

    ڪيئن تون ان جا هڙئي ٽُڪر ڳنڍي جوڙيندين
    دل جو آئينو اڳي کان به ٽُٽل ڏاڍو آ.

    تنهن کي تلوار ڪندي ڪھڙو اثر دشمن جي،
    جو حسينن جي نگاهن جو ڪُٺل ڏاڍو آ.

    چاندنيءَ ۾ تون ڇڏي ڏينس ته ڪجهه خواب ڏسي،
    ٿورو شاعر کي سُمهڻ ڏي هُو ٿڪل ڏاڍو آ.

    ****


    پيار ئي او پرين! بس رڳو دين آ،

    پيار ئي او پرين! بس رڳو دين آ،
    پيار کان ڪا وڏي ٻي نه تسڪين آ.

    پيار آ چتر ڪاري خدا جي پرين!
    جنهن ڪري زندگي هيءَ رنگين آ.

    تنهنجي غم جو ڪجل، آ اکين ۾ پيل،
    تنهن ڪري ئي ته هر ڏيک غمگين آ.

    تنهنجو غم ٿي چکي زندگيءَ جي زبان،
    زندگيءَ ذائقو هاڻ نمڪين آ.

    پيار مان ڦول جيڪي پرينءَ موڪليا،
    هوءَ ڏسي ٿي پئي توڙي نابين آ.

    ڦولَ، پوپٽَ، پکي، چنڊ، تارا، سمنڊ،
    سڀ رُنا، ڇو ته شاعر جي تدفين آ.

    شاعري ڪين آ يار! تحسين لئه،
    هيءَ پنهجي ئي من لاءِ تسڪين آ.

    ****


    پيار هيو هي ڪارن نيڻن واريءَ جو،

    پيار هيو هي ڪارن نيڻن واريءَ جو،
    جنهن احساس ڏياريو دنيا ساريءَ جو.

    هاڻي شعر لکان ٿو مان مظلومن تي،
    ٻجُ ڇٽيل آ اُن ۾ ڀي هن پياريءَ جو.

    “فخر محبَت منجهه شهادت جو آهي!”
    ڌرتيءَ تي هئن لاش چوي ٿو ڪاريءَ جو.

    هن کي چاهت ڪين ڏنم بس شعر لکيم،
    قرض لهي ڪئن شعرن سان اُن ناريءَ جو!؟

    ڪيڏو سهڻو آهه هوا ۾ هيءُ پکي!
    ڪاش خطا ٿئي اڄ ته نشانو ماريءَ جو!

    جنهن کان يار جُدا آ، درد اُهو ڄاڻي،
    گُلُ ڇِنل آ جنهن تان ڀي، اُن ٽاريءَ جو.

    “آءُ ته هڪٻئي لئه آئينو ٿيون تون، مان”
    ڪيڏو سهڻو مقصد آهي ياريءَ جو!

    پنهنجي نينگر اڄ به سڙي ٿي دانگيءَ سان،
    تو هوٽل ۾ ورتو پاسو ڌاريءَ جو.

    پنهنجي اندر جون ڳالهيون لکندي ڄاتم،
    مون ته لکيو ڄڻ قِصو دنيا ساريءَ جو.
    ****


      نظم -آزاد نظم - نثري نظم

      -

    پهريون آواز

    اچو پنهنجا قلم اُڇليون!
    اچو سارا لکڻ وارئو!
    لتاڙي هي قلم ڇڏيون،
    حياتيءَ کي چِٽڻ وارئو!

    اها ڪهڙي قلمڪاري!
    اهو ئي ڏاڍ آ جاري،
    پکيءَ پويان اڃا ماري،
    محبت ٿئي پئي ڪاري۔

    لکڻ سان ڇا مَٽيو آهي؟
    اُهائي سچ تي تهمت،
    اُهائي ڪوڙ جي طاقت،
    اُهائي عشق تي لعنت۔

    قلم پو ڪهڙي ڪم جو آ،
    نہ ٿو جو زندگي ٺاهي!
    نہ ٿو روڪي جو ظلمن کي،
    اجايو فن رڳو آهي۔

    اجايو فن ويو پنهنجو،
    اجايون سڀ ڪهاڻيون ٿيون،
    اجايون ڳالهڙيون ساريون،
    اهي جي شاعراڻيون ٿيون۔


    ٻيو آواز

    ٻيو آواز

    اچو پنهنجا قلم سانڍيون!
    اچو سارا لکڻ وارئو!
    قلم کي ڪا سلامي ڏيون،
    حياتيءَ کي گهڙڻ وارئو!

    قلم ڀي ساز وانگر آ،
    سُريلو ٿو ڪري جيڪو،
    قلم ڀي ديپ وانگر آ،
    انڌيري ۾ ٻري جيڪو۔

    وجودن کي سنوارڻ جو،
    هُنر آهي لکڻ پيارا!
    سچائيءَ جي به منزل جو،
    سفر آهي لکڻ پيارا!

    اجايو فن ويو ناهي،
    اڃا ڀي ڪو پڙهي ويٺو،
    ۽ ڏاهپ جي وڏي ڏاڪڻ،
    حياتيءَ چڙهي ويٺو۔

    قلم ڪا زندگي ڏئي ٿو،
    قلم ڪا روشني ڏئي ٿو،
    پسائي جا چٽو چهرو،
    قلم سا آرسي ڏئي ٿو۔


    تُون

    تُون

    اسان جي آ دل کي الئه پياس ڪهڙي!
    اسان جي اندر ۾ الئه تاس ڪهڙي!
    ندين جهڙيون ناريون ڪئين آيون پياريون،
    ڀري ڍُڪ پيتيون چُميون جن جون ساريون،
    مگر پو به دل جي ٻُجھي پياس ڪانهي،
    اسان جي اندر جي لٿي تاس ڪانهي،
    اسان جي اندر کي سمندر ٿو گهرجي،
    سمندر اهو بس تون ئي ٿي سگهين ٿي۔

    الئه لمس ڪهڙو اندر کي کپي ٿو!
    اسان جو بدن ڄڻ هميشه رهيو آ،
    حسينن جي هٿڙن سان وڄندڙ ڪو سُرندو،
    مگر پو به اندر رهيو اَڻ ڇُهيو آ،
    سدا ساز خاموش وانگر رهيو آ،
    اندر جي نه تارن کي ڪنهن ڀي ڇهيو آ،
    اسان جي اندر کي ڇُهي تون سگهين ٿي۔

    الئه ماڳ ڪهڙو به دل کي کپي ٿو!
    الئه لاڳ ڪهڙو به دل کي کپي ٿو!
    پکيءَ جئن سدائين پئي ٿي اُڏي دل،
    گهڙي کن هِتي ۽ گهڙي کن هُتي دل،
    مگر ماڳ اهڙو نه ڪوئي لڌو دل،
    جنهين ماڳ جو آهه سپنو ڏٺو دل،
    اهو ماڳ تون ئي رڳو ٿو سگهين ٿي،
    اهو ماڳ تون ئي تڳو ٿي سگهين ٿي۔


    اهو ڪين پُڇ

    اهو ڪين پُڇ

    اهو ڪين پُڇ تون ته ڇا عشق آهي!
    ڪڏهن ڀي نه پُڇ تون ته ڇا عشق آهي!

    انهي بس ڪڪر کي رڳو ڏس پهرڪي،
    وسي جو گلن ساڻ سارن ڪنڊن تي،
    انهي گل کي ڏس جو خوشبو ڏئي ٿو،
    سنگهيندڙ، پٽيندڙ ٻنهي کي ڏئي ٿو،
    انهي سج کي ڏس جو اُڀري اچي ٿو،
    ۽ دنيا جي هر چيز روشن ڪري ٿو،
    انهي ڇوڪريءَ جي رڳو ڏس اکين ۾!
    ڪُڇي ڪانه جيڪا زبان سان پئي ٿي،
    مگر ماٺ ۾ ڳالهه ساري سلي ٿي،
    محبت انهي ماٺ ۾ ئي ملي ٿي۔

    وضاحت نه ڪا عشق جي ٿي سگهي ٿي،
    وضاحت وڃائي ٿي معنيٰ سموري،
    لڄي لفظ لک عشق آڏو اچي ٿيا،
    لکين لفظ اونها نه هن عشق جيڏا،
    ٿڌي ساهه جهڙو ڪو جملو نه آهي،
    نه ئي گهُور جهڙو ڪو فقرو به آهي،
    اهو ڪين پُڇ تون ته ڇا عشق آهي!
    ڪڏهن ڀي نه پُڇ تون ته ڇا عشق آهي!


    پاڻي

    پاڻي

    سنڌو! ڪيڏا لُڙڪ کپن ٿا،
    توکي ٻيهر تار ٿيڻ لئه؟
    سپني جئن سنسار ٿيڻ لئه؟
    سنڌڙيءَ جي گلزار ٿين لئه؟

    پاڻيءَ ڍُڪ لئه ٻار رڙن ٿا،
    ماءُ رڙي ٿي، پيءُ رڙي ٿو،
    هاري ۽ مزدور رڙي ٿو،
    جندڙيءَ جو هي جيءَ رڙي ٿو۔

    پاڻيءَ ۾ هي هيرا ڪِرڻا،
    پاڻي پنهنجي دولت آهي،
    پاڻي مالامال ڪري ٿو،
    پاڻي ئي بس راحت آهي۔

    پر هاڻي سو پاڻي ڪونهي،
    سُک جي ڪائي ڪهاڻي ڪونهي،
    پاڻيءَ- دولت ماڻي ڪونهي،
    هِير به پاڻيءَ هاڻي ڪونهي۔

    هاڻي اهڙو پاڻي ايندو،
    جنهن ۾ سڀ جو لُڙڪ به هوندو،
    جنهن ۾ پنهنجو درد سمورو،
    لُڙهندو ويندو، ٻُڏندو ويندو،
    لُڙهندو ويندو، ٻُڏندو ويندو۔


    ڪائي معنيٰ ڏي تون پيارا!

    ڪائي معنيٰ ڏي تون پيارا!

    مان ته اجائي مٽي آهيان،
    تون ڪنهن ماهر ڪنڀر وانگي،
    هاڻ سجايو ڀي ڪر مون کي،
    مون مان ڇڏ ڪو ٿانءُ بڻائي۔

    مان ته اجايو پٿر آهيان،
    ۽ تون سنگتراش جيان آن،
    مون کي پنهنجي هٿڙن سان تون،
    بخشي ڇڏ ڪا مورت پيارا!
    مون کي ڏي ڪا صورت پيارا!

    مان ته اجائي ڪاٺ جيان هان،
    جنهن جو ڪوئي ڪارڻ ڪونهي،
    تون ڪنهن ماهر واڍي وانگي،
    مون مان ٻيڙي ٺاهه پيارا!
    ڪاهي هل! جت پيار-ڪنارا۔

    مان جيڪو بيڪار پيو هان،
    پيار بنان جو يار! پيو هان،
    منهنجي بي معنيٰ هستيءَ کي،
    ڪائي معنيٰ ڏي تون پيارا!
    ڪائي معنيٰ ڏي تون پيارا!


    بغاوت

    بغاوت

    ننڍي کان وڏن جي چوَن تي هليا سين،
    وڏن جي ئي مرضي جي قيدن ۾ هئاسين،
    پنهنجو ڪو بہ رستو نه ٺاهي سگهيا سين،
    پنهنجي ڪا به منزل نه ماڻي سگهياسين۔

    ٻڌايو ويو هو “گناهه آ بغاوت”
    ٻڌايو ويو هو “ حبت آ تهمت”
    چَين ڪونه “آهي بغاوت سچائي”
    چَين ڪونه “آهي محبت عبادت”۔

    انهيءَ لئه سدائين محبت، بغاوت،
    جي لفظن پيارن کان ڇرڪيا رهاسين،
    ائين پنهنجي گهر جي کليل قيد ۾ ئي،
    حياتي اجائي ڪٽيندا رهياسين۔

    اچو! هاڻ پنهجو ڪو رستو ٿا ٺاهيون،
    حياتيءَ جي جنهن تي سواري هلايون،
    سواري هجي ماڻهپو جنهن جي منزل،
    اچو! هاڻ يارو! پنهنجو پاڻ پايون۔

    محبت کي پنهنجو ئي رهبر بڻايون،
    بغاوت جو سڀ کي ٿا پرچم کڻايون،
    ائين آرسيءَ ۾ ڪو آزادگيءَ جي،
    سڀن کي ٿا پنهنجو ئي چهرو پسايون۔
    ****


    هو ڏانهن زماني جون راهون،

    هو ڏانهن زماني جون راهون،
    هيڏانهن محبت جون ٻانهون،
    ۽ تون وچ تي بيٺو آهين۔

    هوڏانهن وڃڻ جي تون چاهين،
    ڀل يار! زماني- حصو ٿيءُ،
    ۽ سالَ پراڻو قصو ٿيءُ!

    هيڏانهن اچڻ جي تون چاهين،
    هيڏانهن محبت- ٻانهون ٿي،
    ۽ دردن جون ڪي دانهون ٿي۔

    هيءَ محبت ئي بس سچُ اٿي،
    هيءَ باهه سندو ڪو مچ اٿي،
    جنهن ۾ خطرو ڀي ڳچ اٿي۔

    تون وچ تي بيٺو آن ساجن!
    جڏانهن وڃڻ تون چاهين ٿو،
    تون وڃ سا تنهنجي مرضي آ!


    ثمر

    ثمر

    پاڻ کي ڀي نيٺ ٿيڻو هو جدا،
    پر اهو ڀي او پرين! گهٽ ڪونه آ،
    جو اسان کي پل مليا ڪي پيار جا۔

    پل اهي جي عمر تي ڀاري هيا،
    پل اهي ئي جن تي خوش آهي خدا،
    ڇا اهو ڪافي نه آهي جو پيا!
    سونهن تنهنجيءَ جو سڄو سارو تصور،
    اڄ به مون ۾ ڪا ڀري ٿو زندگي،
    مرڪندڙ تنهنجي ئي مُک جو نُور هو،
    جنهن ڪري جيون ۾ آئي روشني،
    تنهنجي نيڻن جي نظر حاصل ڪري،
    زندگيءَ جي هئي ڳُجهارت مون ڀڳي،
    تنهنجي ٽهڪن جي ئي موسيقي ته هئي،
    زندگي هيءَ جنهن سُريلي آ ڪئي،
    تنهنجي چپڙن مان چُڪي پي پيار جي،
    زندگي ٿي آ سدائين لئه مٺي،
    تنهنجي وارن تن وڏن جي ڇانو جي ڇانو ۾،
    روح رليل کي ملي وئي آشتي،
    جسم تنهنجي ۾ پناهون ڪي مليون،
    دل به منهنجي دير تائين هئي لُچي،
    اڄ به تنهنجي سُونهن جو جو آهي اثر،
    جو ڪري ٿو سهل جيون جو سفر،
    ڇا ٿيو جو تون جدا ٿي آن وئي،
    پيار جا پل عمر جو آهن ثمر،
    پيار جا پل عمر جو آهن ثمر۔


    نئين دور جي نئين انسان لاءِ

    نئين دور جي نئين انسان لاءِ

    هن ڌرتيءَ جو آن ناز به تون،
    ۽ صدين جو آواز به تون،
    جو اُوچو ٿي هر چيز ڏسي،
    سو آهين ڄڻ شهباز به تون۔

    هي رسمون سڀ زنجير اٿي،
    تون هاڻي تن کي ٽوڙي ڇڏ!
    ۽ صوفين راهه ڏسي آ جا،
    تون ٿورو ان کي موڙي ڇڏ!

    تون گُل تي ماڪ ڦُڙو ناهين،
    تون آنهه سمندر گهرو ڪو،
    ٿيون راهون تنهنجا پير تڪن،
    تون اڳتي وڌ، ڇو آن بيٺو!

    جت ڪنهن به پکيءَ جو پير نه آ،
    سا جاءِ ته پنهنجي اوسيئڙي،
    هي چنڊ ستارا ٻيرن جئن،
    تڪجي پونين ميڙي ميڙي۔

    هي تنهنجا ننڍڙا هٿ ڪڏهن،
    ان دنيا جا خالق ٿيندا،
    جنهن دنيا جا انسان سڀئي،
    تو جهڙا ئي مالڪ ٿيندا۔


    تنهنجي بيوفائيءَ کان پوءِ

    تنهنجي بيوفائيءَ کان پوءِ

    تنهنجي بيوفائيءَ کان
    پوءِ ڇو چوان جانان!
    “زندگي اجائي آ.”

    تون رڳو نه آهين پر،
    پو به جي ته سگهجي ٿو،
    فيض جئن چيو آهي،
    “پيار بن به ڏُک آهن”
    پيار بن سُک آهن،
    ڇو نه ائن چوان جانان!

    منهنجو پيار دريا هو،
    تو طرف هو وهندو هو،
    هاڻ انهي دريا جو،
    رُخ ڦري به سگهجي ٿو،
    ائن ڪَري به سگهجي ٿو،
    پيار هي سڄو سارو،
    سچ کي ڏئي ڇڏجي،
    ديس کي ڏئي ڇڏجي،
    ڪن غريب ٻارن کي،
    ڀينرن کي مائن کي،
    پوپٽن کي گُلڙن کي،
    چنڊ ۽ ستارن کي،
    يا حسين شعرن کي،
    يا ڪنهن بہ ٻئي فن کي،
    پيار هي ڏئي ڇڏجي۔

    زندگيءَ جو مقصد،
    صرف ناهه عورت ئي،
    ۽ انهي جي محبت ئي،
    زندگيءَ جو مقصد،
    ٻيو وڏو به آهي ڪو.
    تون رڳو نه آهين پر،
    پو به جي ته سگهجي ٿو ،
    پوءِ به جي ته سگهجي ٿو.


    ڪيڏي تلخ حقيقت آهي

    ڪيڏي تلخ حقيقت آهي



    ڪيڏي تلخ حقيقت آهي،
    گندي دنيا ڪُوڙي ناهي،
    اُجرا سپنا ڪُوڙا آهن،
    ميرو جيون سچو آهي.


    او ڳوٺاڻا ڳوٺ سڏئي ٿو

    او ڳوٺاڻا ڳوٺ سڏئي ٿو

    او ڳوٺاڻا ڳوٺ سڏئي ٿو،
    ڳوٺ، جنهين ۾ تنهنجي جڙ آ.

    ڳوٺ جون ڳليون جن ۾ تنهنجي،
    بچپن جون يادون آهن،
    ڪيئن وساريون سي تون آهن؟
    آءُ هلي آ! ڳوٺ سڄي جا منظر تنهنجي،
    نظرن منجھه اچڻ لئه آتا آتا آهن،
    اڄ به سنڌوءَ جون ڇوليون تنهنجي،
    پيرن ساڻ لڳڻ ٿيون چاهن،
    اڄ به مُهين جي اسٽوپا ٿي،
    تو کي بند تي جاچي ويٺي،
    ٻلهڙيجيءَ جا چنڊ ستارا،
    تو بن ڄڻ ويڳاڻا آهن،
    ٻير،ڦريون، ڦوٽا توکي ٿا،
    پنهنجي لذت بخشڻ چاحن،
    تنهنجي ڳوٺ جا پنڇي پيارا!
    توکي سڏڻ لئه لات لنون ٿا،
    اڄ ڀي فصلن جي وچ وارا،
    سنهڙا رستا توکي سڏن ٿا،
    تنهنجا سنگتي ساٿي سارا،
    شام سمي جو راند رهن ٿا،
    تنهنجي گهر جا ڀاتي سارا،
    چُلهه تي تنهنجون ڳالهيون ڪن ٿا،
    آءُ هلي آ! سيءَ اچي ويا،
    ڪنهن ناريءَ جا نيڻ وسي پيا.

    هيءُ مڃون ٿا توکي اتڙي،
    هر آسائش هوندي سُوندي،
    ڳوٺ جي ياد به ايندي هوندي،
    ڇو ته ملير جي مارئيءَ جهڙو،
    تنهنجو منڙو ماندو هوندو،
    ڳوٺ ڏسڻ لئه، ڳوٺ اچڻ لئه۔

    او ڳوٺاڻا! ڳوٺ سڏئي ٿو،
    ڳوٺ، جنهين ۾ تنهنجي جڙ آ۔


    مهين جي = موهن جو دڙي جي
    ٻلهڙيجي= شاعر جو ڳوٺ


    ڏوهه

    ڏوهه

    ڪنهن وڏي مقصد خاطر، خون هڪڙو ڏوهه ڪونهي،
    پر اجايو ٽار تان ڪو گُل ڇِنڻ ڀي ڏوهه آهي.

    پيار جي آهي ته پوءِ ويجھو ٿيڻ ڪو ڏوهه ڪونهي،
    پيار جي ڪونهي ته پو ٿورو ڇُهڻ ڀي ڏوهه آهي.

    ڪُوڙ جنهن سان امن جا گل ڦُٽن سو ڏوهه ڪونھي،
    سچُ جيڪو رت وهائي سو چوڻ ڀي ڏوهه آهي.

    زندگيءَ جو هي ڀڃي پڃرو اُڏڻ ڪو ڏوهه ڪونهي،
    موت کان بيڪار جيون کي جِئڻ ڀي ڏوهه آهي.






    دوستو وسڪيءَ جي ناول ( crime & punishment ) کان متاثر ٿي لکيل


    بانسريءَ جهڙي شخص جي ڪٿا

    بانسريءَ جهڙي شخص جي ڪٿا

    مان ته ڄڻ ڪا بانس جي ڪاٺي هيس،
    جا اجائي هئي پئي ، پر
    عشق مون کي پنهنجي هٿڙن ۾ کنيو،
    عشق مون ۾ سوهڻا ڪي سَلَ ڪڍيا،
    ۽ مون کي هي روپ بخشيو۔
    عشق مون کي پنهنجي چپڙن تي رکي،
    ڦُوڪ پياري پنهنجي جذبن جي ڏني،
    پوءِ سُرَ مون مان سوين نڪتا سڄڻ!
    سُرَ اهي جي شاعري ٿيا،
    سُرَ اهي جي روشني ٿيا۔

    سُر اُهي جي راڳَ ٿي پيا،
    زندگيءَ جو ڀاڳ ٿي پيا،
    سُر اهي جي رنگ ٿي پيا،
    ۽ جيئڻ جا ڍنگ ٿي پيا.


    معصوميت

    معصوميت

    سال ڪيئي ٿي ويا بچپن وئي،
    رانديون ڪندي،
    آنءُ هاڻي ٻار ناهيان،
    هاڻ جڏهين تن درختن جي وچان مان،
    ٿو وڃان،
    ڇانوَ تن جي ڄڻ چوي ٿي،
    “بيوفا تون ٿي ويو آن،
    ڇو ته هاڻي تون اچين ئي ڪونه ٿو،
    پينگهه شاخن ۾ ٻڌي ۽
    تون لُڏين ڀي ڪونه ٿو.”
    ۽ هتي پوپٽ چَون ٿا:
    “بيوفا تون ٿي ويو آن،
    تون اسانجي پوئتان،
    ڇو ڀلا ڊوڙين نہ ٿو؟
    ڇو ڀلا ڊوڙين پيو
    ايترو پيسي پٺيان؟
    آ ته گلڙن سان هلي توکي ملايان،
    ۽ ٻڌايان ڇا هي دولت!
    ۽ اها معصوميت،
    جا وڃائي تو اجائي ،
    ڊوڙندي پيسي پٺيان،
    آ ته توکي مان ٻڌايان،
    چاهه ڇا هي! خواب ڇاهي!
    آ هلي آ! آ هلي آ!
    ايتري ڀي بي وفائي ٺيڪ ناهي،
    ايتري ڀي بي وفائي ٺيڪ ناهي۔


    پورائو

    پورائو

    تون، مان ڀائر آهيون، پيارا!
    او دنيا بدلائڻ وارا!
    مان هان تنهنجو شاعر ڀاءُ،
    ڌرتي آهه ٻنهي جي ماءُ،
    پاڻ ٻئي فرزند آهيون هي ڌرتيءَ جا،
    ٻئي پورائو آهيون پنهنجي هستيءَ جا۔

    هي منهنجي خوابن جا وڃ تون ٻج کڻي،
    ۽ سياست جي ٻنيءَ ۾ تون ڇٽَ وڃي،
    ڏينهن اهو ڀي ڏسندا سين پو تون ۽ مان،
    هن ڌرتيءَ تي فصل سجاڳيءَ جا ٿيندا،
    گل آزاديءَ جا ڦُٽندا،
    هي ءَ ڌرتي،
    فرزند ٻئي جنهن جا آهيون.


    هوءَ مونکي ٿي چوي

    هوءَ مونکي ٿي چوي

    “هاڻ تون مون کي ڇڏي ڏي،
    ڇو ته پنهنجي راهه هاڻي آ جدا،
    ۽ نه ٿي مان چاهيان،
    راهہ ان ۾ تون بہ پنهنجي
    هن جوانيءَ جا هي نازڪ پيرڙا،
    نا اميدين جي ڪنڊن سان،
    ئي ڪرين زخمي پرين!
    هاڻ تننجي پيرڙن لئه
    منتظر هن کوڙ راهون،
    جن ۾ ڪيئي ڇوڪريون نازڪ گلن جان
    واس محبت جو ڏيڻ چاهن ٿيون توکي.
    ڏِس ته تو لئه ڇوڪرين جو کوڙ ٻانهون
    منتظر آهن پرين!
    جي ڏئي توکي سگهن ٿيون پيار سارو
    جو ڏئي مان ڪونه توکي ٿي سگهان،
    ڪين ٿي مان ٿي سگهان،
    تنهنجي جيون جي غزل جو ڪورديف،
    جو مڪمل تنهنجي شعرن کي ڪري۔

    پر چڙي ٿو مان چوان:
    “عشق تي ڪو زور ڪونهي،
    عشق ڪائي بيخودي آ،
    جنهن ۾ پنهنجو ڪوبه ڪونهي دخل ڪو،
    هي پَکي جان ڪونه آ جنهن جي هوا جو
    رُخ پيو ڦيرائجي،
    عشق ميندي ڪين آ جا لائجي،
    ۽ ڪجن هي انگ ڳاڙها،
    ڪين گهرجن سي گلن جون مونکي راهون ،
    جن ۾ ڪُوڙي آ خوشي،
    پر مون کي آهن قبول
    سي ڪنڊن- راهون پرين!
    جن ۾ سچو درد آ،
    مان هلي تن تي وهائڻ چاهيان ٿو
    خون پنهنجي پيار جو،
    ڇو ته سو ئي سچ آهي،
    ها اهو ئي سچ آهي۔”


    خودڪشيءَ جو خيال

    خودڪشيءَ جو خيال

    زندگيءَ جي هر طرف تذليل ڪيو ٿا،
    زندگيءَ- مفهوم کي ماري ڇڏيو ٿا،
    سچ کي ڀي ها سدا پاڳل چئو ٿا،
    ۽ انهي ئي ڏوهه ۾ پٿر هڻو ٿا،
    عشق جي نازڪ بدن کي ڀي ڪُهو ٿا،
    هيءَ اڇائي عشق جي ڪاري ڪيو ٿا،
    سونهن جي سڏڪي مرڻ تي خوش ٿيو ٿا،
    خواب جي سنسار کي ڀُونڊا ڏيو ٿا،
    بادشاهي دل سندي سنگسار ڪيو ٿا،
    اڄ به آزادن جي لئه پڃرا وٺو ٿا،
    ۽ انهن جا پَر ڪٽي قابو ڪيو ٿا،
    زندگيءَ ۾ موت جو سامان ٿيو ٿا،
    مون جو ڀرپور هڪ امڪان ٿيو ٿا ،
    ۽ اسان جي زندگي اهڙي ڇڏيون ٿا،
    ۽ پناهون موت جون حاصل ڪيون ٿا،
    پو اوهان هي کار کائي ڇو چئو ٿا:
    “ خودڪشي آهي حرام”
    خود ڪشي آهي گناهه۔”


    هاڻ هلي آ

    هاڻ هلي آ

    او جانان! تون هاڻ هلي آ!
    هاڻ هلي آ،
    جو منهنجي هي،
    پيار جو بادل توتي،
    برسڻ چاهي ٿو۔
    هاڻ هلي آ، مونکي تو بن،
    اڌ هجڻ جو هي احساس به ماري ٿو،
    هاڻ هلي آ جو منهنجي جيون جي وڻ ۾،
    محبت- ميوو پچي ويو آ،
    ۽ ان کان اڳ جو هي اُڪري،
    جان! هلي آ!

    ڪيڏا ڏينهن اجايا آهن،
    جيڪي تو بن هي گذرن ٿا،
    جن ۾ تنهنجي نظرن جي ڪا نعمت ناهي،
    جن ۾ تنهنجي ڳالهه سندو ميٺاج نه آهي،
    جن ۾ تنهنجي جسم سندي ڪوساڻ نه آهي،
    جن ۾ تنهنجي مُرڪ سندي مهڪار نه آهي،
    پر او جانان! هاڻ هلي آ!
    هاڻي جيڪي ڏينهن بچيا هن،
    تن ۾ تنهنجو پيار ڀري ڇڏ!
    جيون کي گلزار ڪري ڇڏ!
    جيون چاهي!!
    بس پنهنجي ئي
    پيار کي پائڻ جي ڪاوش آ،
    يار کي ماڻڻ جي ڪاوش آ.
    او جانان! تون هاڻ هلي آ،
    هاڻ هلي آ جو پنهنجو هي،
    گُلن- ٻوٽي جهڙو رشتو،
    وصل جي پاڻيءَ سان سونهين ٿو،
    وصل سان هن ۾ گل ڦُٽن ٿا،
    پيار سندي مهڪار اچي ٿي،
    ۽ هن جيون ۾ او جانان!
    پيار سندي مهڪار امرتا ماڻي ٿي،
    پيار سندي مهڪار امرتا ماڻي ٿي.


    هي ڇا ڄاڻن

    هي ڇا ڄاڻن

    جيئن وڃان ٿو بند هيٺان مان،
    کيتن مان ٿا ڪي ڳوٺاڻا،
    مون کي ڏسندي، ڏاٽا رکندي،
    پاڻ ۾ سُس پُس ويٺا ڪن ٿا،
    شايد ويٺا هئين چَون ٿا:
    “هي ته لڳي ٿو واندو آهي،
    ڪو هن کي ڪم ڪار نه آهي،
    هيئن هتي ڇو روز اچي ٿو؟
    ڇا روزانو هيئن ڏسي ٿو؟”
    پر هي ڇا ڄاڻن ويچارا،
    ڇا ڇا آنءُ ڏسان ٿو هتڙي.

    هي کيت سرنهن جا منهنجي لئه،
    گهاٽا يار ته آهن ڪيئي،
    هي سورج ڪرڻا سنڌوءِ تي،
    مون لاءِ وڏي ڪا دولت آ،
    هي ٿڌڙا جھُوٽا هيرن جا،
    محبوبا جي ڳالهين وانگر،
    هي نيرو آ آڪاس مٿان،
    جو ڄڻ پرين جو رئو آهي،
    هي وڻ سڃاڻن ٿا مون کي،
    سالن کان ڳوٺاين وانگي،
    هيءَ مٽيءَ جا رستن تي آ،
    سا ڪيڏي پنهنجي پنهنجي آ.

    پر هي ڇا ڄاڻن ويچارا،
    هي ڪونه ڏسن منظر سارا،
    جئن آنءُ ڏسان ٿو پيو هتڙي،
    جئن آنءُ ڏسان ٿو پيو هتڙي۔


    محبت جو ڀرت

    محبت جو ڀرت

    ڀرت ڀريندي تنهنجي نظرن،
    منهنجي دل تي ڀي ڪوئي،
    محبت جو ڄڻ ڀرت ڀريو آ.

    منهنجي دل جيڪا اڳ ۾،
    ٻُسي ۽ ڪنهن خالي ڪپڙي جهڙي هئي،
    تنهن کي تنهنجين نظرن اهڙن،
    رنگن جي ڪا نعمت بخشي،
    جن سان منهنجي دل ۾ ڪائي،
    پياري پياري رونق آئي،
    پو آنءَ سمندر جهڙن تنهنجن نيڻن ۾،
    لڙهندو لڙهندو دُور ويس،
    ها پر پو منهنجي جانان!
    ڀاڳن جي موسم جا ڏينهن به ڦِرندا ويا،
    ائين وڇوڙا وڌندا ويا
    ................
    پر هاڻ ڏِسين ٿي جڏهين تون،
    ائين ڪرين ٿي ظاهر تون،
    ڄڻ منهنجي دل تي ڪا تون،
    ڪاريگري ئي ڪانه ڪئي آ۔
    پر او منهنجي سانورڙي! او ويسرڙي!
    سڀ ادائون تنهنجون اڄ ڀي،
    منهنجي دل تي چقمق وانگر چنبڙيل آهن،
    ۽ هاڻ ڀلي تون آءُ ڏسي وڃ!
    ڪين اڃا ڀي ٽاڪا سي ته کُليا آهن،
    ڪالهه هنيا ها جيڪا پياري!
    محبت جا ڪي،
    ڀرت ڀريندي،
    تنهنجي نظرن،
    منهنجي دل تي۔


    مِينهن کان اڳ ۾

    مِينهن کان اڳ ۾

    مِينهن کان اڳ ۾ سڄو
    ماحول چُپ ٿي آهه ويندو.
    بند ٿي آهي هوا ويندي تڏهن،
    ساهه گُهٽجڻ آهه لڳندو تنهن مهل،
    نيٺ پو آ مِينهن وسندو،
    پو سڄي ماحول ۾ آ شور ٿيندو،
    پو هوا مان آ سڳنڌ ايندي پئي،
    ڇو ته آخر،
    حَد هوندي آهه هر هڪ چيز جي۔

    اڄ تنهنجي ناراضگيءَ ۾،
    مِينهن کان اڳ واري ڪيفيت،
    مان پيو محسوس ڪيان،
    ۽ پيو دل ۾ چوان:
    “اَٻَ جئن ناراضگي،
    ساهه گھُٽجي ٿو پيو جنهن ۾ سندم،
    ختم ٿي ويندي پرين!
    مِينهن محبت جو به وسندو،
    شور ٿيندو ڪو کِلڻ جو،
    ڳالهڙيون تنهنجو سڳنڌون ڏينديون،
    ڇو ته آخر،
    حد هوندي آهه هر هڪ چيز جي۔


    چُمي

    چُمي

    مان جنهن وقت به
    پين سان ڪنهن پني تي،
    تنهنجو نالو لکندو آهيان،
    ته پين پني کي،
    چُمي ضرور ڏيندو آهي۔


    نوان سهڻي ميهار

    نوان سهڻي ميهار

    تون ئي منهنجي سهڻي ۽ مان،
    تنهنجو ئي ميهار آهيان،
    يار ته آهيان،
    پيار ته آهيان.
    هُو ڏم تنهنجي جسم سندو ڪو آ بس ساٿي،
    پر مان تنهنجي روح سندو ڪو آهيان ساٿي.
    مان ئي تنهنجي،
    جيءَ سندو سنسار ته آهيان،
    تنهنجو ئي مان پيار ته آهيان،
    پو ڀي ڏس مان ڌار ته آهيان۔
    ڇو هئن تو کان ڌار به آهيان؟
    توڙي تنهنجي اکڙين جو مان ٺار به آهيان.

    هيءُ زمانو، هي رسمون هِت،
    تنهنجي منهنجي وچ ۾ جيڪي،
    ڄڻ ته وهن ٿيون دريا وانگي،
    تن جي دهشت ڏاڍي آهي،
    پو ڀي محبت ڏاڍي آهي،
    جو هئن تو مون وانگر ڪيئي،
    چاهن هن ۾ روز ٽپڻ ٿا،
    چاهن هن مان پار پُڄڻ ٿا،
    چاهن ڪنهن سان ڌار ملڻ ٿا۔

    پر هي دريا ظالم آهي،
    جو رسمن جو تيز وهي ٿو،
    جنهن ۾ محبت روز ٻُڏي ٿي،
    جنهن ۾ محبت روز مري ٿي،
    روز ٻُڏي ٿي، روز مري ٿي۔


    ورثو

    ورثو

    راهه تي پِنندي رهي ٿي،
    ڇو ته ورثي ۾ مليو هن پي پنڻ آ۔

    هنج تي هن کي ننڍو هڪ ٻار آهي،
    جو گهڻو بيمار آهي،
    جنهن جي اکڙين مان پيو،
    موت ٿو پائي ليئا۔
    ڇوڪريءَ جي عمر ۾ ئي،
    هوءَ عورت ڄڻ ڪُراڙي ٿي لڳي،
    سُونهن جي ڀي ساٿ جي،
    هن سان پڇاڙي ٿي لڳي.
    ڪيتري هئي خوبصورت!
    ۽ هيس معصوميت!
    پر مقدر جي هوائن ۾ ڇڻي ويو،
    گل انهي جي ڀاڳ جو۔

    مرد هن کي تنگ ڪن ٿا،
    روح سان ڄڻ جنگ ڪن ٿا،
    هوءَ چاهي ٿي ته جيڪر
    “مان بُجو تن کي ڏيان”
    هوءَ پر مجبور آهي،
    هٿ ساڳيو ئي جھلي ٿي،
    ۽ پِني ٿي،
    ڇو ته هن کي ٻار آهن،
    جيءَ جا جنسار آهن،
    جن سندو هوءَ آ سهارو.

    هوءَ پنندي نيٺ آخر ٿي ڏسي،
    ٽهڪ ڏيندڙ هڪ اداڪاره جو فوٽو،
    ۽ پئي ان کي چوي:
    “تون به جي هتڙي ڄمين ها!،
    تون به مون وانگر هجين ها!،
    تون به مون وانگر پِنين ها!.”


    شاعريءَ جي ماکي

    شاعريءَ جي ماکي

    اڄ جدائيءَ جي خزان ۾،
    منهنجي مُرڪن جا سڀئي
    ٻوٽا پيا ڇڻندا وڃن،
    ۽ ڪيان ٿو ياد مان،
    تنهنجي ٽهڪن جي بهار.

    تنهنجي ٽهڪن جي بهار،
    جنهن ۾ منهنجي،
    دل جي ٽارين تي ٽڙيا ها،
    پيار جا ڪيئي گلاب.

    پيار جا ڪيئي گلاب،
    جن تي منهنجي سوچ جي
    سارين مکين جو ميڙ هو،
    رَس چُوسي جن سموري،
    شاعريءَ جي ماکي ٺاهي.

    شاعريءَ جي ماکي جيڪا،
    آ سدائين لئه مِٺي،
    زندگيءَ جي جا سڄي ڪوڙاڻ کي
    ختم ٿي پيئي ڪري
    ختم ٿي پيئي ڪري.


    سينگار

    سينگار

    منهنجا محبوب!
    مون تي تنهنجي نظر،
    سهڻي لباس جيان آهي،
    ذهن ۾ تنهنجو خيال،
    ائين پُورو ٿو اچي،
    جيئن آڱر ۾ مُنڊي،
    ڪراين ۾ تنهنجا وڌل هٿ،
    مون لئه سون کان مهانگيون چوڙيون آهن،
    اکين ۾ ڪجل،
    تنهنجي پيار جو ئي ته آهي،
    تنهنجي نالي وٺڻ سان ئي ڄڻ،
    چپن تي سُرخي ٿي لڳي،
    ڳلن تي تنهنجون ڦرندڙ آڱريون،
    محبت جي لالي لائن ٿيون،
    نرڙ تي چُمي جي ڇڏيل آلاڻ،
    قيمتي جھُومر آهي،
    وکريل وارن کي جيئن سڳي سميٽي،
    تيئن سميٽي ٿو وکريل وجود کي،
    تنهنجو پيار۔
    منهنجا محبوب!
    تون ئي ته آهين،
    منهنجو اصل سينگار.


    مان توسان اجايو ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان

    مان توسان اجايو ڳالهيون ڪرڻ ٿو چاهيان

    نه گهرجي مون کي،
    اها سُڪون واري ۽ پُوري ننڊ،
    مان تنهنجي پاسي بدلائڻ ۽
    چوڙين جي ڇڻڪڻ ڪري،
    هر هر ننڊ مان اُٿڻ ٿو چاهيان.

    نه گهرجي مون کي،
    ڪنهن بهترين هوٽل جي بهترين چانهه،
    مونکي آلين
    تڪڙ ۾ ٺهيل
    مٺي چانهه گهرجي،
    جنهن جو ڍُڪ ڀري
    توکي چيڙائيندي چوندو آهيان؛
    “گرم شربت ٺاهيو اٿئي!”

    نه ٿي گهرجي مون کي،
    اها وڇوڙي جي چاندوڪي رات،
    جنهن ۾ ٿڌڙي هوا،
    وڇوڙي جي ڦٽن تي لُوڻ ٻرڪيندي آ،
    پرمون کي اونھاري جي،
    اها منجھند ٽاڪ گهرجي،
    جنهن ۾ توسان محبت جون ،
    اُٺي جي هوائن جهڙيون،
    ڳالهيون ٿينديون آهن۔

    مان چاهيان ٿو ته منهنجا
    ڪاٽن جا ڪلف ٿيل ڪپڙا،
    تنهنجي ڀاڪرن جي ڪري گھُنججي وڃن.

    مان چاهيان ٿو ته تون مون کي،
    پڪل ميوي وانگر پٽي وڃين.

    مان چاهيان ٿو ۽ تون،
    ڪٿان اوچتو اچي وڃين،
    ۽ منهنجي هٿ مان،
    شاعريءَ جو ڪتاب کسي،
    مون سان ڪي اجايون ڳاليون ڪرين،
    ها، اهڙيون اجايون ڳاليهون،
    جن مان سجائي زندگيءَ جا،
    گل ڦُٽندا آهن.


    اچ ته موٽي هلون

    اچ ته موٽي هلون

    اچ! ته موٽي هلون،
    ان وقت ڏي،
    جنهن ۾ تنهنجي پرس ۾،
    منهنجي شاعري ۽ منهنجي بٽونءَ ۾،
    تنهنجي تصوير هوندي هئي.

    اچ! ته ان وڻ ڏي موٽي هلون،
    ۽ ان کي ايلاز ڪيون،
    ته هو اسان کي ڏئي،
    ساڳي محبت جي ڇانوَ.

    اچ! ته انهن لمحن کي پرچايون هلي،
    جيڪي پراڻي ڊائريءَ ۾ مُرڪن ٿا،
    پر هاڻي رُسي ويا آهن.

    اچ! ته ماضيءَ جي ننڍڙن لمحن جون يادون،
    هڪٻئي کي ويهي ٻڌايون،
    اهي ننڍڙا محبت سان ڀرپور لمحا،
    جيڪي زندگيءَ جو وڏو سرمايو آهن.

    اچ ته موٽي هلون ان وقت ڏي، جيڪو
    اسان جي بي محبت ۽ بي رونق اکين ۾،
    محبت جو ڪجل پائي.

    گهڻي ويجھڙائي،
    دُورين کي به جنم ڏئي ٿي،
    ان ڪري،
    اچ ته موٽي هلون ان وقت ڏي!
    جڏهن گهٽ ملندا هئا سين،
    پر ڀرپور ملندا هئا سين۔


    حُسن بچائيندو آهي دنيا کي

    حُسن بچائيندو آهي دنيا کي

    جڏهن به انسانيت مان مايوس ٿيو آهيان،
    تڏهن تنهنجو حسن ئي هوندو آهي،
    جيڪو ڏسيندو آ زندگيءَ جا گس.
    جڏهن لاشن جي صورت ۾،
    انسانيت جي هار ڏسي،
    تو وٽ ايندو آهيان ته ان وقت،
    تنهنجو وجود ئي هوندو آهي،
    جيڪو خوشبو ڏيندو آ زندگيءَ جي.
    جڏهن به ماڻهن جي مجرماڻي ماٺ ڏسي،
    تو وٽ موٽي ايندو آهيان،
    ته اهي تنهنجون چوڙيون ئي هونديون آهن،
    جيڪي زندگيءَ جا ساز ڇيڙينديون آهن،
    آٿت جيئڻ جي ڏينديون آهن،
    تنهنجا چپ ۽ ڳل ڏسي لڳندو آهي،
    ته گل سدائين ڦٽندا پيا.
    تنهنجون خوبصورت اکيون ڏسي ئي،
    يقين پختو ٿو ٿئي ته نيٺ سڀ،
    جنگيون ۽ ويڙهيون ختم ٿي وينديون.
    ڇو ته حُسن بچائيندو آهي دنيا کي.
    ڪاش هاڻي سڄي دنيا جو حُسن،
    سڀني ماڻهن کي هٿ کان وٺي،
    انسانيت جي راهه تي،
    پنڌ ڪرڻ سيکاري،
    زندهه رهڻ سيکاري.


    شاعري ۽ احساس

    شاعري ۽ احساس

    منهنجا ٻه دوست آهن،
    تن مان هڪڙو شاعر آهي،
    هو لفظن جو جادوگر آهي،
    هو خوبصورت جملن جي ڄار ۾،
    ماڻهن کي ڦاسائي سگهندو آهي۔
    هو سٺي نظر رکندو آ دنيا جي ادب تي،
    پر هو شوقيه شڪار ڪندو آ،
    پکين ۽ عورن جو به۔
    هو ڪپڙا خراب ٿيڻ ڪري،
    ٻارن کي هنج تي نه کڻندو آهي۔
    هن ۾ احساس گهٽ
    ۽ فن گهڻو آهي.

    منهنجو ٻيو دوست گهڻو حساس آهي،
    هو گهٽيءَ ۾ روئندڙ ٻار جا ڳوڙها،
    پنهنجي قميص سان اُگهي،
    ان کي پرچائيندو آهي.
    هو ڀٽائيءَ جا بيت ٻُڌي،
    لڙڪ روڪي نه سگهندو آهي،
    هو آسمان ۾ اڏندڙ پکين لاءِ،
    تحفظ جي دعا گهرندو آهي،
    هو پنهنجي محبوبا لاءِ به
    گل نه پٽيندو آهي،
    هو رستي تان ويندي،
    ڪنڊا ۽ پٿر پاسي ڪندو آهي،
    هو هر شيءِ کي احترام سان ڏسندو آ ،
    پر هو پنهنجي احساس کي شاعريءَ جو،
    دلفريب روپ ڏئي نه سگهندو آهي۔
    پوءِ به مون کي شاعر کان وڌيڪ
    پنهنجو حساس دوست پيارو آهي.


    سڪون زندگي آ

    سڪون زندگي آ

    پئسن سان زندگي ٺاهڻ وارا نوجوان!
    اچ ته توکي مان،
    ٻه ماڻهوءَ ڏيکاريان۔

    هي ڏس بنگلي ۾ رهندڙ امير ماڻهو،
    جنهن وٽ سڪون کان سواءِ،
    هر آسائش آهي،
    هن جي دل هن جي گهر جي
    وڏن بلبن وانگر روشن ناهي،
    هن جون خوبصورت گاڏيون،
    سڪون واري منزل تي نه ٿيو پهچن،
    هي ننڊ جي ٻانهن ۾ پناهه چاهي ٿو،
    پر ننڊ هن کان ڪاوڙيل هوندي آهي،
    هي خوشيءَ کي ڪو پکي سمجھي ٿو،
    جنهن لاءِ هن دولت جو پڃرو ٺهرايو آهي،
    پر خوشي مادو ته ناهي،
    خوشي وئشيا به ناهي،
    جيڪا پئسن تي گھُرائي.

    ۽ اچ هن کي ڏس!
    هي جيڪو گوڏ پاتل مهاڻو آهي،
    هي سج لٿي پنهنجي گھرڀاتين لاءِ،
    مڇي کڻي وڃي ٿو،
    هي جڏهن پنهنجي جھوپي ۾ اچي ٿو،
    تڏهن هن جي بانبڙا پائيندڙ ٻارڙي،
    هن کي کيڪاري ٿي،
    هي پنهنجي پُٽ جي شرارتي اکين ۾،
    زندگيءَ جو سرمايو ڏسي ٿو،
    رات جو پيار ڪندڙ زال سان سُمهي ٿو،
    ننڊ هن لاءِ سِڪندي آهي،
    هن جي جھوپي ۾ وڏا بلب ڪونهن،
    پر روشني آهي،
    پيار، سڪون ۽ خوشيءَ جي روشني.

    اي نوجوان ڏس ۽ ٻڌ!
    زندگيءَ جو ٺهڻ،
    نوٽن جا ڍڳ هجڻ ناهي،
    پر پيار، سڪون ۽ خوشيءَ جو هجڻ آهي.


    لاجواب

    لاجواب

    مون وٽ تنهنجي،
    ان سوال جو،
    جواب ناهي هوندو،
    جڏهن تون،
    پنهنجي عميق اکڙين ۾،
    ڪجل پائي،
    ٿورو مرڪي،
    پڇندي آهين،
    “ڪيئن ٿي لڳان؟”


    تنهنجو پيار

    تنهنجو پيار


    منهنجي چهري تي،
    تنهنجي نگاهه ائين آهي جيئن،
    خالي ۽ ٻُسي ڪينواس تي،
    مصور جي رنگن وارو برش۔

    منهنجي اکين ۾ تنهنجا سپنا،
    ائين آهن جيئن،
    غريب مزور جي
    زال جي ٻانهن ۾ سونا ڪنگڻ۔

    منهنجي سوچ لاءِ تنهنجي ياد،
    ائين آهي جيئن،
    ڄنگهن کان معذور،
    ماڻهوءَ لاءِ بيساکيون۔

    منهنجي هٿ تي تنهنجو هٿ،
    ائين آهي جيئن،
    عام جڳهه تي ڪنهن جو سجدو.

    منهنجي بدن تي تنهنجا هٿ،
    ائين ڦرن ٿا،
    جيئن پنهنجي ڳوٺ جي رستن ۾،
    ڪنهن جا آشنا قدم۔

    منهنجي چپن تي تنهنجا چپ،
    ائين پون ٿا جيئن،
    ڪنهن موسيقار جا هٿ،
    ساز تي پوَن ۽ سُرَ ڇڙي پوَن۔

    منهنجي لاءِ تنهنجي پيار جو ساٿ،
    ائين آهي جيئن،
    ٻنين لاءِ پاڻيءَ جا واهه.

    ۽ منهنجي جان!منهنجي لاءِ تنهنجي جدائي،
    ائين آهي جئين شايد،
    دوزخ جي باهه به نه هوندي.


    غنيمت

    غنيمت

    مان فقط توکي ڏسندو آهيان،
    ۽ توکي چاهيندو آهيان،
    اجايو ائين ڇو سوچيان،
    ته قسمت جي لڪيرن ۾،
    تون آهين به يا نه!؟

    مان توکي کلندي ڏسندو آهيان،
    اهو ضروري ڇو سمجھان،
    ته تنهنجي اها موهيندڙ مرڪ،
    ڪنهن لاءِ خوشين جي بارش ٿيندي!؟

    مان ته رڳو تنهنجون،
    ڪاريون، گهريون اکڙيون ڏسندو آهيان،
    هروڀرو ڇو غور ڪيان،
    ته اهڙي پياري دنيا ۾،
    خوابن جو شهزادو ڪير آ!؟

    ڇو اهو سوچان ته تنهنجي،
    گهاٽن وارن ۾ ڪير وٺندو پناهون؟
    توسان ملي پنهنجي من جون،
    ڪير ڪڍندو خزائون؟

    پر مان ائين ٿو سوچيان،
    ته ڇو نه توکي ڏسڻ واري هر لمحي کي،
    غمينت سمجھجي!؟
    پري کان ئي سهي،
    ڏسي ته سگهجي ٿو توکي،
    چنڊ وانگي،
    پوڄي ته سگهجي ٿو توکي،
    خدا وانگي۔


    آٿت

    آٿت

    جدائيءَ جا ڏينهن،
    مان ان آٿت تي گذاري رهيو آهيان،
    ته تون جڏهن ايندينءَ،
    ته ڪيڏو خوش ٿيندس.


    پگهر

    پگهر

    منهنجو ڀاءُ،
    گاهه جي وڏي ڀري ڪري،
    ٿڪجي، پگهر ۾ شل ٿي، قميص لاهي،
    پکي جي اڳيان اچي ويٺو آهي.
    هو جڏهن گاهه تي وڃي رهيو هو،
    ته مان هڪ نظم لکي رهيو هوس،
    پر اهو نظم ڏاڍو ڳورو هيو،
    گاهه جي ڀري کان به گهڻو ڳورو،
    جيڪو مان نه کڻي سگهيس،
    ۽ اڌ ۾ ئي رهجي ويو.

    هاڻي منهنجي ڀاءُ جو پگهر،
    سُڪي ويو آهي،
    پر منهنجو ان بار جي ڪري وَهيل پگهر،
    اڃا تائين ڪونه سُڪو آهي،
    شايد منهنجو پگهر تڏهن سُڪندو،
    جڏهن اهو ڳورو نظم،
    مان کڻي ويندس،
    ۽ مان پني تي اچي لاهيندس.


    سنڌو قاتل

    سنڌو قاتل

    اي سنڌو درياهه!
    منهنجي ڀيڻ جا قاتل!
    اهو ته ڄاڻين ها،
    ته منهنجي ماءُ جي اکين مان،
    وهندڙ هر هڪ ڳوڙهو،
    تو جيتري ئي معنيٰ رکي ٿو،
    اهو ته ڄاڻين ها،
    ته تون هن جي پيءُ جي جسم مان،
    دل کي ڪڍين ٿو،
    اهو ته ڄاڻين ها،
    ته هن کي ڀائرن کي شادين تي،
    ميندي لائڻي هئي،
    تو اهو ڇو نه ڄاتو،
    ته هن کي اڃان جوان به ٿيڻو هو،
    ۽ جوانيءَ ۾ سينگار ڪري،
    آئينو ڏسڻو هو.
    اهو ته ڄاڻين ها،
    ته تون هن جي گهر جي سڀني ڀاتين جي دل ۾،
    هن جي قبر ٺاهين ٿو.

    پرلوڪو! اڄ ڏسو اچي،
    سنڌوءَ پنهنجي جرم جو،
    اعتراف ڪري ڇڏيو آهي،
    ۽ هاڻي منهنجي آڏو،
    ايڏو عظيم هجڻ جي باوجود به سنڌو،
    اکيون جھڪائي،
    قاتل وانگي آهي بيٺو،
    اچو لوڪو! ڏسو اچي.




    (پنهنجي ڀيڻ امبر جي موت تي لکيل، جيڪا 9 سالن جي عمر ۾ سنڌو درياهه جي بيرحم لهرن ۾ جان وڃائي ويٺي)


    هڪ شهر جي ڪهاڻي

    هڪ شهر جي ڪهاڻي

    گندي پاڻيءَ جي دُٻي،
    جهڙي شهر ۾ ڪيڙن وانگر آهن،
    سڀ ماڻهو۔
    هتي زندگي خوفزده چُوهي وانگر،
    ڊڄي ٿي،
    موت جي ٻليءَ کان۔
    هتي زندگيءَ جي اکين ۾،
    سهڻي مقصد جو ڪجل پيل ڪونهي،
    پر انهن ۾ چپِيون پيل آهن،
    بيحسي ۽ سمجھوتي جون.

    ماستر هر روز اسڪول وڃڻ کان اڳ،
    بستر ۾ ئي چاهي ٿو،
    ته ڪا هڙتال ٿئي،
    ۽ اسڪول بند ٿئي۔
    پوليس وارو قانون جي چهري تي
    گهروڙي ڏنل بُجي جهڙو آهي،
    طوائف سِکي چُڪي آهي،
    پنهنجو ڌيان جسم تان هٽائڻ جو فن،
    ۽ هوءَ برداشت ڪري سگهي ٿي،
    هر مرد کي،
    هن لاءِ هر مرد هڪجهڙو آ ،
    جيئن ڊاڪٽر لاءِ هر مريض.
    خوابن ۾ به پوپٽ پڪڙيندڙ ننڍڙا ٻار،
    جنسي تشدد جي خنجر لڳڻ سان هميشه لاءِ،
    روحاني گهاءَ کڻي گهمن ٿا،
    جمعي جي نماز تي ويندڙ
    ڪلف ڪپڙن وارو شخص
    پنندڙ ٻار کي لت هڻي عبادت لاءِ وڃي ٿو،
    هتي سيڪس پيار تي حاوي آهي،
    نوجوان نشي، نارين ۽ نوٽن لاءِ
    بيچين آهن،
    هو نوجوانيءَ واري خوبصورت عمر ۾،
    هڪ ڏينهن به سڌاري جو سپنو نہ ٿا ڏسن،
    ڇوڪريون نه ٿيون سمجھن،
    آزاديءَ جي معنيٰ،
    پوڙها موت لاءِ مشق ٿا ڪن،
    سياستدان عوام کي بيوقوف بڻائن ٿا،
    ۽ عوام به هر دفعي وانگر،
    بيوقوف ٿيڻ لاءِ بلڪل تيار آهي،
    هر پيشو ڪندڙ پنهنجي پيشي کي
    صرف پئسي ڪمائڻ جو ذريعو سمجھي ٿو،
    ۽ ان لاءِ “ڪرپشن” کي فخر سان،
    “پروفيشنلزم” چئي ٿو،
    پر هن شهر جو سچو ۽ ذهين ماڻهو،
    ڪجهه به نه ڪري سگهڻ جي ڏک کان بيزار ٿي،
    خودڪشي ٿو ڪري سمنڊ ۾،
    ۽ سمنڊ ان ماڻهوءَ جي دل،
    پنهنجي سيني ۾ رکي،
    بيچينيءَ ۾،
    سدائين ڇلندو ٿو رهي،
    ڇُلندو ٿو رهي.

    *****

    مڇي رڳو اهو کائي،
    جنهن جي دل درياهه آهي،
    جنهن جو اندر سمند آهي۔



    مِينهن ۾ آلو ٿيل نظم

    مِينهن ۾ آلو ٿيل نظم

    نيٺ اڄ مِينهن وسي پيو،
    ائين جيئن ڪو،
    ڳوڙها روڪڻ جي ڪوشش ۾
    ناڪام ٿي،
    هنجون هاري ويهي۔
    ۽ ان مِينهن ۾ اهي سڀ ڀڄي رهيا آهن،
    جيڪي دل جي هٿان مجبور آهن،
    پر ڪجهه بيوقوف،
    زڪام ٿيڻ جي ڊڄ کان،
    گهرن ۾ ئي واڙيا پيا آهن.

    سانوري ڇوڪري مِينهن ۾،
    سڄڻ موجود نه هئڻ ڪري،
    وڇوڙي جو گيت
    ٻُڌي روئي رهي آهي،
    ۽ دل ۾ چئي رهي آهي:
    “ڇا هو ڦڙين ۾ منهنجا ڳوڙها
    محسوس ڪندو هوندو؟”

    مِينهن ۾ ڀڄندڙ هڪ ناري،
    جنهن کي اڃا پيار نه ٿيو آهي،
    خوبصورت غزل ٿي وئي آهي،
    ۽ ان تي پوندڙ مِينهن ڪڻين کي،
    ڪا معنيٰ ملي رهي آهي.

    هڪ عاشق جنهن کي مِينهن ۾،
    پنهنجي محبوبا گهڻو ياد ايندي آهي،
    وڇوڙي جي باهه کي مينهن ۾ ڀڄندي ،
    وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي،
    پر مِينهن ان تي،
    گاسليٽ جيان هارجي رهيو آهي.

    هڪ ڳوٺاڻو ڳوٺ کان پري،
    شهر جي مينهن ۾ ڀڄندي،
    مِينهن کانپوءِ ڳوٺ جي
    مٽيءَ جي خوشبوءِ ساري،
    ڀٽائيءَ جي “سُر مارئي” جا
    بيت جھونگاري رهيو آهي.

    ننڍڙا ٻار،
    دُٻن ۾ کيڏڻ کان پوءِ گهر اچي،
    ماءُ کي ڪُوڙ هڻي چون ٿا:
    “اڄ اسڪول بند هو.”

    هڪ شاگرد هاسٽل جي ڇت تي،
    مِينهن ۾ وڌيل وڇوڙي جو درد،
    هڪ ڦُوڪ ۾ سمائي،
    بانسريءَ ۾ وجھي ٿو،
    ۽ بانسري ان درد کي،
    سُرن ۾ تبديل ٿي ڪري ڇڏي.

    هڪ پوڙهو هاري پريشانيءَ مان،
    پنهنجي وڌيل ڏاڙهي کنهندي،
    مِينهن ۾ وهندڙ،
    پنهنجي ڇَن ڏسي رهيو آهي.

    هڪ سرڪاري ملازم،
    پنهنجي آفيس جي دريءَ مان مينهن ۾،
    آلو ٿيل ماحول ڏسي دل ۾ چوي ٿو:
    “جيڪر جوانيءَ ۾ لکيل ڊائري کولي،
    ماضيءَ جي خوشبو سنگهجي.”

    هڪ پيار ڪندڙ نوجوان جوڙو،
    مِينهن ۾ پسي،
    مِينهن کي امر ڪري رهيو آهي.

    ۽ شاعر،
    جيڪو سڀن کي محسوس ڪري،
    لکي رهيو آهي،
    سوچن جي مِينهن ۾ ڀڄندي،
    سڀن کان گهڻو،
    آلو ٿي ويو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340644
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ