ڪتاب جو نالو: اَڻکُٽ پيالو
مصنف: بندو ڀٽ / ڪلاڌر متوا
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: ناول
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اربع، 05 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 963 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 378 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ناول ”اَڻکُٽ پيالو“ هند جي ليکڪا بندو ڀٽ جو لکيل آهي. هن ناول جو سنڌيڪار ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا ڪيو آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • گذارش
  • بندو ڀٽ پيڙا جي امرت جو اڻکٽ پيالو : منسُک سلا
  • اڻکُٽ پيالو : ناريءَ جو ست : چندرڪانت ٽوپي والا
  • ناول

  • 1
  • 2
  • 3
  • 4
  • 5
  • 6
  • 7
  • 8
  • 9
  • 10
  • 11
  • 12
  • 13
  • 14
  • 15
  • 16
  • 17
  • 18
  • 19
  • 20
  • 21
  • 22
  • 23
  • 24
  • 25
  • 26
  • 27
  • 28
  • 29
  • 30
  • 31
  • 32
  • 33
  • 34
  • 35
  • 36

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (267) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ناول ”اَڻکُٽ پيالو“ هند جي ليکڪا بندو ڀٽ جو لکيل آهي. هن ناول جو سنڌيڪار ڪڇ- ڀُڄ هندستان جي علائقي ”ٻني“ جي ڳوٺ پناهواري جي سنڌي دوست ڪلاڌر مُتوا ڪيو آهي.

    ٿورائتا آهيون مانواري ڪلاڌر متوا جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    گذارش

    منهنجو پهريون ننڍڙو ناول ”ميران ياگنڪ جي ڊائري“ 1992 ۾ شايع ٿيو. گجراتي ساهتيه جي نئين جھوني پيڙهيءَ جي انيڪ ودوانن انهيءَ کي ساراهيو ۽ مخلاصانه رايا به ڏنا. اخبارن سيمينارن ۾ ان بابت بحث مباحثه به هلندا رهيا. ان کان پوءِ به ساهتيه سرجن ته جاري ئي رهيو. پر الڳ الڳ سوَروپن ۾. ناول بابت هيڏو لمبو وقفو روا نه هو. ميران ياگنڪ جي ڊائريءَ بابت ”سنديش“ ۾ رگھووير ڀائي لکيو تڏهن ان جي ڪلاتمڪتا ۽ سوَروپ بابت نوٽس وٺندي آخر ۾ چهنڊڙي پاتائين ته ' ميران ياگنڪ کي اڳتي وڌڻو پوندو.'
    هنن جو اهو جملو منهنجي لاءِ هڪ نئين ڏِس ڳولهڻ جو پريرڪ بڻجي ويو! رچنا پرڪريا جي حساب سان بلڪل الڳ ڇيڙي تي وڃي ساماجڪ واستَو جي پس منظر (پرشٺ ڀوميءَ) تي ڪنچن با جي ڪردار کي مرڪز ۾ رکي هيءُ ناول لکڻ لاءِ سوچيم. هتي به مرڪز ۾ هڪ استري آهي. جنهنجو دائرو سماج جي مختلف ڪُنڊن تائين ڦهلجي اهڙي ڪوشش ڪئي اٿم.
    منهنجي ستاسي سالن جي ڏاڏي ڀوتڪال اوريندي هجي جنهن کي ٻڌي ائين ٿئي ته هڪ ئي جنم ۾ ماڻهوءَ کي ڪهڙا ڪهڙا نه اوتار وٺڻا ٿا پون! ڀارت جو ورهاڱو ٿيو ان وقت هنن جيڪو ڀوڳيو آهي جنهن جا زخم اڃا ڀريا ڪونه آهن. انهيءَ ۾ به گذريل سال وڏي ڀاءُ جي اوچتي موت جو آگھات هاڻي کيس زمان ــ مڪان ڀلائي ڇڏي ٿو. ماضي حال ۽ هرديه جي اونهي دک جي ڪارڻ هوءَ بار بار ڪراچيءَ وارن ڏينهن ۾ گم ٿي ويندي آهي.
    هن ڪٿا جي شروعات وارن بابن وارو ڪافي ڪجھ مصالحو مونکي ڏاڏيءَ وٽان ۽ هنن سان گڏ ڪراچيءَ ۾ رهيل رشتيدارن، پاڙي وارن جي يادن مان مليو آهي. ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪنچن با اسان سان هيترو وقت گڏ ئي هئي. ڪنهن سڄڻ جي وڃڻ تي جيئن گھر خالي لڳندو آهي اهڙو ئي محسوس ٿئي ٿو. آخرين باب ڀاءُ جي پهرين ورسيءَ تي لکجيو اهو به هڪ سنجوگ آهي!
    هيءُ ناول هونئن ته 95 ۾ لکڻ شروع ڪيو هيم. 97 ۾ گجراتي ساهتيه پريشد جي اڌيويشن ۾ ناول ' سوَروپ ' واري بئٺڪ ۾ هن ناول بابت به ڇڊي پاڊي ڳالهه نڪتي. بئٺڪ ختم ٿيندي ”جنم ڀومي ــ پرواسي“ جي سمپادڪ تروبين ڪجاريا گُھر ڪئي. پر ڪافي عرصو گذري ويو ۽ تروبين بار بار گھرندي رهي. 98 جي نومبر ۾ هُن نئين سال تي هيءَ ڀيٽا ڏيڻ لاءِ مونکي ڄڻ ٻڌي ڇڏيو. سندن اسرار ۽ پيار مونکي لکڻ لاءِ ويهاريو. مان سندن لاءِ دلي آڀاري آهيان.
    شرعات وارا ڇهه باب يڪ مشت لکجي ويا ۽ پوءِ وارا باب قسطوار لکندي رهيس. منهنجي لاءِ اهو هڪ طرح جو آزمودو هو، جوکمي به هو! پنهنجي پرڪرتيءَ جي ابتڙ هلڻ وارو اهو آزمودو البت مون لاءِ سڦلو ثابت ٿيو. لکندي لکندي منهنجي سرجڪتا جو، منهنجي ڏات ۽ ذات جو هڪ نئون ئي عڪس ظاهر ٿي بيٺو.
    هن سڄي سفر دوران شري ڀولاڀائي پٽيل جا آشيرواد مونکي مسلسل حوصلو ڏيندا رهيا. شري دليپ راڻپورا، ڊاڪٽر ڪنوڀائي جاني، ڪوي شري هري ڪرشن پاٺڪ جهڙن ساهتڪارن جي راين مونکي پروتساهت ڪيو. پياري سکي شريفا بجلي والا پٺاڻي اگھراڻي ڪري قسطون پڙهيون ۽ ضروري لڳن اتي تنقيد به ڪئي. شريمتي پرگيابين انتاڻي، ڀالچندر ترويدي، رسِڪ چنداراڻا ۽ شريمتي ڀارتي اوجھا جهڙا ساهتڪار دلداري ڏيندي هم سفر رهيا. مانواري ڌيروڀائي پٽيل جا اڀينندن ته منهنجي لاءِ موڙيءَ مثل آهن. ناول جي هر هڪ باب جي تعريف ڪندي منهنجي جيون ساٿي هرشد ترويديءَ جي چاهت کي ته ويَڪت ڪندي لفظ ئي ساٿ نه پيا ڏين! هر باب لاءِ منهنجي ڪاليج جي پٽيوال شري شِوا ڀائيءَ جي سائيڪل زيراڪس، ڪُريئر لاءِ ڊوڙندي رهي. سندس آڀار نه مڃان ته ڪيئن هلندو؟ شري چندرڪانت ڀٽ اُلڪو رکي پروف جانچي ڏنا ، ايترو ئي نه اتساهه سان پنهنجا رايا به ڏنا جنهنجي مونکي خوشي آهي.
    ”اکي پاتر“ (اڻکُٽ پيالو) شايع ڪرڻ جي لاءِ مربي شري ڀڳت ڀائي سيٺ، ۽ ڀائي شري چِنتن جي به شڪرگذار آهيان.

    3 اگسٽ 1999


    بندو ڀٽ پيڙا جي امرت جو اڻکٽ پيالو : منسُک سلا

    بندو ڀٽ جو لکيل ناول ”اکي پاتر“ (اڻکُٽ پيالو) هڪ ناري جيون جي پيڙا جي، اڻکٽ پيالي جي ڪٿا آهي. جيئن اڪشيه پاتر ۾ ڪڏهن شيءِ کٽندي ناهي تيئن ڪنچن با جي جيون ۾ پيڙا جون لهرون هڪ مٿان ٻي اينديون ئي رهنديون آهن. پر اگر اها پيڙا ئي هن ناول جو مرڪز هجي ها ته جيڪا اونهاڻ ۽ گهرائي حاصل ٿي آهي، ڪنچن با جي جيون ۾ سجاڳي ۽ يٿارٿ جي نراميتا پرگھٽ ٿي آهي، اها ممڪن نه ٿئي ها.
    ڪنچن با جي اٺهتر سالن جي عمر، پيڪو گھر به ڏهه سال اڳ وڪامجي ويو آهي اهڙي ڳوٺ جساپر ۾ اچي ڪري ٽن ڏينهن جو انُشٺان ڪري ٿي. انهن ٽن ڏينهن ۾ هوءَ اڪيلي آهي پر نويڪلي ناهي. هن جي من سان جڙيل سمرتي ڪٿا جي ساکي آهي شڪتي ماتا. هوءَ شڪتي ماتا جي مندر ۾ ٽي ڏينهن رهي ٿي، ۽ گذريل وقت کي يادن ۾ آڻي سامهون بِيهاري ٿي. پر اها صرف سمرتي ڪٿا ناهي. ماضيءَ جي يادن کي ناول جي روپ ۾ ذڪر ڪرڻ جي هڪ ريت آهي. هتي انهيءَ ريت جو استعمال ٿيل آهي. پر خوبي اها آهي ته هن ريت ۾ ڪيتري سوکيمتا اچي سگھي ٿي، ڪيتري اونهاڻ اچي سگھي ٿي اهو هتي ماپيو ويو آهي. انهيءَ ڪري ياترا جيتري ٻاهريان جي آهي اوتري ئي اندر جي به آهي.
    وري پيڙا جو ئي صرف ذڪر هجي ها ته هيءُ ناول شايد ايڏي اونچائيءَ تي نه پهچي سگھي ها. پيڙا ڪنچن با کي جرڪايو آهي، چمڪايو آهي. پيڙا کان مٿانگري ٿي هوءَ سمجھ واري ڪردار ۾ اسٿر ٿئي ٿي. جنهن لاءِ ضروري اهڙو وچون رستو هوءَ پراپت ڪري سگھي آهي. بندو ڀٽ ناول جي هلندڙ سوَروپ جو انوکو پريوگ ناهي ڪيو ، بلڪ انهيءَ سوَروپ کي انوکي طريقي سان استعمال ڪيو آهي اها هن جي خوبي آهي.
    ڪٿا پرواهه ۾ ماضي حال جي اڻت واري ٽيڪنڪ پريچت آهي. پر هتي ان جي ارٿ گھٽن ۽ هڪ ٻئي کي جرڪائيندڙ گھٽنائن جي اڻت، ننڍين ننڍين ڄاڻڪارين ، ڪريائن، منوڀاون يا اسٿل سندرڀن مان تلاءَ ۾ پٿر اڇلائجي ۽ لهرون اٿننديون رهن تيئن ڀاوسنويدنائون جاڳنديون ــ ڦهلجنديون رهن ٿيون. پنهنجي وجود کي نئين سر ڏسندي ڏسندي، ماضيءَ جي گھٽنائن کي نون سندرڀن ۾ يادن سامهون آڻيندي گھٽنا جي پيڙا کان مٿانگرو ٿيڻ واري نايڪا ڪنچن با جي جستجو آهي. يعني حال جي ڌار تي بيهي ماضيءَ طرف منهن ڪري وري حال کي نئون ڪري يٿارٿ کي حاصل ڪرڻ جي هيءَ ڪٿا ــ هار جهڙي سونهن پائڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي جنهن جي لاءِ بندو ڀٽ اڀينندن جي اڌيڪاري آهي.
    هونئن ڏسجي ته ڪنچن با جساپر ۾ داخل ٿئي ٿي اتان کان ڪٿا جي شروعات ٿئي ٿي ۽ ٽن ڏينهن جي انشٺان بعد ڳوٺ ڇڏي ٿي اتي ڪٿا پوري ٿئي ٿي. وقت جو ٻاهريون عرصو تمام مختصر آهي. پر انهيءَ ۾ ادا ٿيندڙ جيون ليلا اٺهتر سالن جي آهي. جنهن ۾ قدم قدم تي ڪنچن با جي حصي ۾ آيل پيڙائن جو آزمودو کيسي خرچي ٿيو آهي.
    جساپر نِواس ڪنچن با جي جيون ۾ ٽن طبقن ۾ وڪسِت ٿيو آهي. 1 ٻالڪپڻ جي يادن سان جڙيل گھر. 2 ڪراچيءَ مان خالي هٿين ڀڄي جساپر ۾ ورتل آسرو، جتي رُکي ڀاڀيءَ جو ڏنل پيالو سندس ڀَوساگر جي ٻيڙي بنيو. 3 هميشهه جي لاءِ ڇڏڻ بعد، پتيءَ جي موت جي خبر بعد، پيسن لاءِ پٽ چندرڪانت طرفان ڪيل وشواس گھات ۽ پوءِ ڇا ڇڏڻ ڇا کڻڻ واري سوچ ويچار ۾ ٽن ڏينهن جي لاءِ انشٺان ڪرڻ آئي هئي اهو جساپر. ٽنهي دفعي سندرڀ، سنٻنڌ ، ڀومڪا ۽ نتيجا الڳ الڳ آهن. انهيءَ طرح ليکِڪا هڪ ئي ڪيندر کي مختلف طرحن سان وڌايو آهي. اهائي سهيڙ ناول کي اونچائي ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿي آهي. هن جي سندرڀن کي وياپڪتا ڏيڻ ۾ ملڪ جي ورهاڱي واري گھٽنا آفت بڻجي وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. ورهاڱي اسٿول ملڪيتون ئي ڪونه کسيون آهن، هڪ جي پويان هڪ پنهنجا وڃائڻا پيا آهن. ڀارت پهچندي سمنڊ ڪناري جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿئي ٿي ۽ اها سڄي گھٽنا پرمپرا جي پريڻام جهڙي اپنگ پٽ ڪارتڪ کي جنم ڏئي ٿي. هو نه صرف شخصي طور بلڪ سڄي ديش جي ورهاڱي جي نتيجي جو نشان آهي. ورهاڱو هن ناول کي وسعت ڏيندڙ اسباب آهي. جنهن جو پاڇو آخرين گھٽنا تائين پنهنجو دائرو وڌائيندو رهي ٿو. ٻاهران سنئين سڌي هلندڙ ڪٿا جي اها اڻت ان جي آنترڪريا ۽ نتيجن کي جنهن ريت ڏيکاري ٿي اها هن ناول جي خوبي آهي.
    ليکڪا جيڪا گھٽنا ۽ گھٽڪ پسند ڪيا آهن تن مان ڪنچن با جو ڀاوَلوڪ اجاگر ٿيندو وڃي ٿو. پيڪي ڳوٺ مان هميشهه جي لاءِ ويل ڪنچن با واپس اچي ٿي تڏهن مقامي ماڻهن جي منودشا چُري اٿي ٿي. جنهن جا پيار ڀريا ۽ سنڪوچت چتر چٽجيا آهن. سمرتي ڪٿا ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ حقيقي جڳت کيس ماضيءَ طرف ڌڪيندو رهي ٿو.
    سندس جھونو گھر هاڻي شڪتي ماتا جو مندر آهي. بس اسٽئنڊ کان مندر پهچندي وچ ۾ رُکي ڀاڀيءَ کي ڏسندي ڪنچن با جي چهري تي مرڪ آئي ۽ وکون ڪجھ تيز ٿيون، پر رُکي با تائين پهچندي اها مشڪ ڌنڌلي ٿي ويئي ۽ قدم سست. ڳراٽڙي پائڻ لاءِ اُتسڪ رُکي با جي هٿن کي ٻنهي هٿن جي ترين ۾ جھلي هن هڪ کڻ لاءِ سڄي اتسُڪتا کي ويڙهي ورتو. پل ڀر هڪ ٻئي ۾ اڻيل آڱريون ڳالهائينديون رهيون. اکيون ٻڌنديون رهيون (پيج ـ 3) هيءَ گھٽنا سڄي ناول جي چال کي سامهون آڻي بيهاري ٿي.
    ڪنچن با جھوني گھر جي سامهون بيهي سوچي ٿي ' ڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ ۾ پير رکيم ۽ مونکي ٿيو ته جهڙو ڇڏي ويئي هئس سڀ ڪجھ اهڙو ئي ساڳيو هوندو ( پيج ــ5) پاڙي ۾ پير رکندي اندر مان سرسر ڪندي سرواڻي ڦٽڻ لڳي ٿي! هاڻي ئي ڇاتيءَ تي پيل پهڻ اٿلائي اٿندي! نه اهو ٺيڪ ناهي. جنهن کي خوش ٿي ڇڏيوسين انهيءَ لاءِ موهه! آهستي سان ڪنهن جا هٿ هٽائيندي هجي ائين هن نظر ڪئي ( پيج ــ 6) هن جي منودَشا جي سوچڪ تصوير اهائي آهي جيڪا انت تائين ڦهلجندي رهي ٿي.
    ستي ماتا جي اوٽي سامهون ويهي ڪنچن با چوي ٿي ' هيءَ ستي ماتا ساکي آهي مون ڪڏهن آگ ڏيڻ ۾ ڪُپت ناهي ڪئي، پر تون ٻڌاءِ هاڻي مون مٿان ڪڏهن لهندي اها آگ؟ انهيءَ جي باوجود به توکي مونکي آزمائڻو هجي ته بس هڪ شرط تي. مونکي شڪتي ڏي (پيج ــ 6) ويساهين کڻڻ لاءِ نم جي ٿڙ وٽ ويئي تڏهن هوءَ ٿڙ جي ٽيڪي سان ويٺي. پٺيءَ تي نم جي کُهرن ڇوڏن جو ڇهاءُ ڄڻ گھر جي ڪنهن محنت ڪش وڏڙي جو ڇهاءُ ( پيج ــ 7) وري ڪنچن با جي سامهون اچي وڃي ٿو هڪ ٻيو منظر. سڄي عمارت جي اڏاوت ۽ رنگ ڪافي بدلجي چڪا آهن پر ڪليون جھونيون ئي آهن. انهن ڪلين ۾ ٻارن جا اسڪول بيگ، فانوس، ڇٽي، ۽ ٽُوال لٽڪندا رهندا هئا. اڄ سڀيئي ڪليون خالي هيون( پيج ــ 8)
    اڱڻ ۾ ايندڙ ڇيلو سندس چندر ڪانت جي ننڍي پٽ ٽيڪوءَ جي ياد کي تازو ڪري ٿو. ' هو مونکي ڳوليندو هوندو، رات جو ڪنهن جي پاسي ۾ سمهيو هوندو؟ (پيج ــ 13). سکي هري پريا گذريل سال گذاري ويئي پر پٽ چندر ڪانت وڃڻ نه ڏنس. ' اسان جو هن ۾ ڇا وڃي ؟ هوءَ ڪٿي اسان جي برادريءَ مان آهي جو ....، رُت ئي ڇو ؟ ڪنچن با کي ٿيو هاڻي سڀ ڪجھ بدلجي ويو آهي. پيالي مان چانهه مان نڪرندڙ دونهين کي ڏسي ڪنچن با کي ڪهانمل (ڪراچي) جي اڱڻ وارا ڦوهارا ياد اچي ويا. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن با کي لڳي ٿو ته پاڻ ڪا ڪلي آهي. جيڪو ٿو اچي اهو پنهنجي ڪا نه ڪا پوٽلي لٽڪائي ٿو وڃي! ..... پاڻ شيتلا ساتم واري وارتا ۾ ايندڙ ڏيراڻي آهي. جيڪو ٿو ملي اهو هڪ هڙ ٿمائي ٿو ڇڏي. (پيج ــ 44). انهي ڀومڪا بعد ڪنچن با جي سمرتي ياترا شروع ٿي ٿئي.
    ٻالڪپڻ جا، ڪنچن ۽ سندس ڀاءُ وشوناٿ جا چٽ هوبهو ۽ پرتيڪش آهن. ڪنچن سويل ماني کائي وٺي ته وشوناٿ کيس سامهون ويهاري ۽ چويس مون جيان منهن چور ته مان ماني کائيندس. پاڙي جون ڏيئر ڪنچن با کي وشوناٿ جي نالي چيڙائينديون هيون. ' تنهنجي هن پڇ کي ڏاجي ۾ کڻي وڃج.' اهو وشوناٿ ڪراچيءَ ۾ رکڙي ٻڌائڻ لاءِ به نه ترسيو هو ۽ هميشه جي لاءِ وڃائجي ويو هو. انهي سهه اپسٿتيءَ جي ڪري گھٽنائن جي مارمڪتا وڌي ٿي وڃي.
    پيءُ ڪنچن، وشوناٿ ۽ ماءُ ريوا کي ڪراچيءَ وٺي ويو. ڏاڏي جي گذاري وڃڻ تي وري جساپر آيو. ريوا کي ڏاڏايءَ وٽ ڇڏي ڪراچي واپس ويو ۽ ڪنچن ڪٿي جلي نه وڃي انهي ڊپ کان پڻس کيس رسوئي ڪرڻ به نه ڏيندو هو. پر سندس ڀاڳ ۾ قائم جلڻ لکجي ويو. ماڻس جي بيماريءَ بعد ڪنچن جو نه صرف اسڪول ڇٽي ويو بلڪ ٻالڪپڻ به هليو ويو. ماءُ جي غيرحاضريءَ ۾ هوءَ ٻال گھرڌياڻي ته بڻي ئي هئي. هاڻي گھر جو سڄو بار سرڪي هن جي مٿي تي اچي وڃي ٿو. اسڪول وارو ڪَوَچ ڇٽو ته ڪنچن غير محفوظ ٿي ويئي. ( پيج ــ 97).
    ڪنچن جي اسڀاوڪ سمجھ جيڪو ڪجھ ڏنو هو تنهن کان وڌيڪ ڏکويو هو. ڪنچن با جي اوائلي (شروعات واري) زندگيءَ ۾ اهو سڀ ڄڻ هڪ هڪ نئين ارٿ ۽ معني جو اضافو ڪري ٿو. ڪراچي وڃڻ ويل گاڏي ۾ صبوح جو سويل ٻنيءَ ۾ ڪوڪندڙ ڪوئل کي جواب ڏيڻ لاءِ اُتسُڪ ڪنچن ماءُ ــ پيءَ جا اداس چهرا ڏسي گونگي ٿي ويئي هئي. (پيج ــ 61).
    گاڏيءَ ۾ ڪاڪوس خاني وٽ ميليل سيليل ماڻهو جي چادر هٽاءِ ڏيکاريل بيهودو منظر ننڍڙيءَ ڪنچن با جي من کي اُٻڪو ڏياري ٿو ڇڏي. انهيءَ جو ٻال مانس تي پيل اثر ڀلي تبصري کان ٻاهر هجي پر انهيءَ جو اثر گهرو ئي هوندو. ۽ ڪراچيءَ مان موٽندي هن تي بلاتڪار ٿيو، اتي ڄڻ دائرو مڪمل ٿئي ٿو. انهن يادن جي سفر ۽ اسٿول گھٽنائن جي اڻت بڻت سان سڄي ڪٿا ۾ ارٿ جو دائرو وڌندو رهي ٿو.
    ڪنچن جو امرت سان ٿيل مڱڻو ۽ الپ جھلپ سکن جي ڇانو کان پوءِ وِواهت جيون کي پڦي لوڏي ڏوڌي ٿي ڇڏي. پڦيءَ جو چهرو ڏسندي ئي ڪنچن کي 'اونهاري ۾ سڪي ويل تلاءُ جو تر ياد اچي وڃي ٿو. شاديءَ جي نائين سال وِڌوا ٿيل پڦي ابهم ڪنچن جي وِواهت جيون جي رج رج جي ڄاڻ حاصل ڪري اترپت من جي ترپتي سوَپنَ شيل دَشا ۾ ڀوڳي ٿي. ڪنچن ڄڻ صرف ماڌيم ئي بڻجي رهي ٿي. پتي ۽ پڦيءَ جي وچ ۾ ڪنچن کي لڳندو هو ته ' هوءَ مزدور جيان صرف شِفٽ ئي بدلاءِ ٿي.'
    نڻان جَيا لليتا جي اتساهڻ تي هنسڪ ڪاررواين ۾ سڪريه ٿئي ٿي، ۽ هڪ رات گھر ڇڏي ٿي وڃي. ميئر ۽ هر طرح جي آسائشن ــ آرامن جو ڌڻي اهڙو سُهرو ديوشنڪر شڪل چت کٿو ٿي وڃي ٿو. ۽ ورهاڱي جو اوڙاهه ڀڙڪي اٿي ٿو. امرت يوگانڊا وڃڻ جي تياري ڪري ٿو. ڪنچن ڪراچي ڇڏيندي ڇا کڻجي ڇا ڇڏجي انهي مٿاڪُٽ ۾ آهي. هن جي آکيري جو هڪ هڪ ڪک الڳ ٿيندو پيو ٿو وڃي. پتيءَ کي ڇڏيو، ڀاڻس جي گھر ۾ آگ لڳي، ڪير بچيو تنهن جي به خبر ناهي. پاڻيءَ جي جهاز تائين پهچندي موٽر مان لهي ويل پُٽ گوتم کي هميشه جي لاءِ وڃائي ڇڏيو.
    جهاز طرف ويندڙ انساني سمنڊ، جهاز ۾ جڳهه والارڻ لاِءِ ڊوڙاڊوڙي، هڪ عورت جو ويم، ۽ چت کٿي سُهري کي سنڀالڻ جي جوابداري اهو سڄو حصو جيترو حقيقي آهي اوترو ئي مارمڪ آهي. جيترو گتي شيل آهي اوترو ئي سوکيم آهي. ليکڪا جي نثري سگھ کي جيترو ساراهجي اوترو ئي صبر به هتي واکاڻ جوڳو آهي.
    ڪجھ ننڍڙا واقعا به ڏاڍا دل کي ڇهندڙ آهن. ديو شنڪر کي ڪو هوش ڪونهي. ويٺو هوندو آهي اتي ئي ڌوتي پسائيندو آهي. اڄ تائين ته وڏو پٽ گوتم ڪپڙا بدلائيندو هوس ، هاڻي اها جوابداري به ڪنچن جي مٿان اچي وڃي ٿي. ابهم ٻار جهڙي سُهري جي ڌوتي بدلائي ڳنڍ ته ڏني. پوءِ ٻيو ڇيڙو کڻي گارڻ لاءِ ديوشنڪر جي پويان ويئي. ڇيڙو گاريندي ڪنچن ديوشنڪر جي پٺيءَ سان چهٽي روئي پيئي. انهن سڏڪن ۾ هوءَ ڳولهي رهي هئي، پيءَ جي هنج ۽ پتيءَ جي ڇاتي، ڀاءُ جو هٿ ۽ پٽ جو ڪلهو. ٺاپر ۾ ايندي هن طيءِ ڪيو، هاڻي جيڪو سمجھو سو مان ئي آهيان. هاڻي مونکي اڪيلي ئي هيءُ ڀوساگر تري پار ڪرڻو آهي (پيج ــ 126).
    جهاز ۾ ماڻهن ديوشنڪر جا هٿ پير ٻڌي ڇڏيا. آخرڪار ڪنچن اهي کولي ٿي ڇڏي. ' ديوشنڪر جا هٿ پير کوليندي هن کان سڏڪو ٿو نڪري وڃي. ڇرڪي جاڳيل ديوشنڪر ڪنهن ڊنل ٻار جيان کيس چهٽي پيو. هن جي اڻڀن وارن ۾ گھمندڙ ڪنچن جي اڱرين مان ممتا وهي رهي هئي.' (پيج 142). انهي سُهري کي به ڪنچن وڃائي ٿي. ليکڪا هتي هڪ چتر رکي ڇڏي ٿي. 'سمنڊ ڪنهن روئي روئي ٿڪل اک جهڙو ماٺ ۾ هو. ليکڪا اهڙين گھٽنائن ۾ جيڪو ضابطو رکيو آهي، جذبات جي آليکن کي ضابطي ۾ رکي، سوکيمتا، سنڪيتن ذريعي پرتيڪاتمڪ طور سان اظهاريو آهي جنهن جي ڪري اهو وڌيڪ اثردار ٿي اڀريو آهي.
    جساپر اچڻ بعد رُکي ڀاڀيءَ جو پيالو ڀلي ورتو. پر ڪنچن سنئين بيهي سگھي ٿي. پٽ چندرڪانت جڏهن احمدآباد پڙهڻ وڃي ٿو تڏهن پٽ کي ڄڻ هميشه جي لائي وڃايو هجي اهڙو احساس ڪنچن کي ٿئي ٿو انهي ۾ مستقبل جا اشارا آهن. ڄڻ هيءَ سڄي ڪٿا وڃائڻ واري ڪٿا آهي ۽ هر موڙ تي ڪنچن با بانس جي ٻوٽي جيان وري وري ڦُٽي کڙي ٿئي ٿي.
    ڌيءَ اروڻا کي وڪاس گرهه ۾ داخل ڪرائڻ وقت تلڪ چند ٿورو ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ چويس ٿو تڏهن ڪنچن اهو سهي نٿي سگھي. نابري واري ڇڏي ٿي. گرهه ماتا ذرينا اهائي نڻان جَيا آهي اهو ڄاڻندي ڪنچن جو آواز ڪنهن ڪپڙي کي اڀو چيرجي ائين چيرجي ويو. سالن بعد جو اهو مِلن هردي کي ڇهندڙ آهي. ڌيءَ اروڻا جَيا وٽ رهي پڙهي تيار ٿئي ٿي. جيا پرديس وڃڻي هئي تڏهن ممبئي ۾ ايئر پورٽ تي هن کان موڪلائيندي ڪنچن کي انڀو ٿئي ٿو ته ڄڻ نڻان کي هميشه جي لاءِ ڇڏي رهي آهي. ۽ حقيقت ۾ ائين ئي ٿئي ٿو. پوءِ جَيا کي آسرو ۽ سهارو ڏيندڙ انيس سان جيون جوڙيندي هوءَ هميشه جي لاءِ دبئي هلي ٿي وڃي تڏهن ڪنچن جو هڪ سنيهه آڌار کسجي ٿو وڃي.
    انهن سڀني تڪليفن ۽ ڏکن جي وچ ۾ به ڪنچن جي جيون جو هڪ آڌار هو ته امرت؛ چاهي ڪٿي به هجي پر جيئرو آهي. ايو جي خط ذريعي هن کي ڄاڻ پوي ٿي ته ايوَ سان شادي ڪئي اٿس. سندس ڪيوون نالي پٽ به آهي. ڪار حادثي ۾ امرت جو موت ٿئي ٿو. هن جي وراثت جي رقم ڏيڻي آهي. هن گھٽنا جي ڪري ڪنچن جي جيون ٻيڙيءَ جو کوهو ئي ٽٽي پيو. خط پورو ٿيندي ليکڪا لکي ٿي ' امرت جي جيون جو گرنٿ پورو ٿيو ۽ ڪنچن جي جيون جو هڪ باب شروع ٿيو (پيج ــ 209). انگريزيءَ ۾ خط لکيل هو انهيءَ ڪري ڪنچن جي پياري سکي هري پريا جي مڙس ڀلاڀائي اهو خط پڙهي ٻڌايو. ڪنچن ٽٽل ول جيان چڻي پيئي. ان ٽاڻي ڀلاڀائي ڪنچن کي چوي ٿو ' اٿ سکي، تون ئي ائين ڀڄي پوندينءَ ته ....... پويان لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي رهيا. ڪنچن اٿي، ڀلاڀائي کي هين نراس ٿيندو ڏسي پاڻ کي سنڀالي ورتو.( پيج ــ 211) جيون جا تمام ڏکيا پل، صرف “ سکي” لفظ سان رشتن کي سنيَم سان اظهار ڪرڻ جي لاءِ ليکڪا جي قابليت هتي داد جي مستحق آهي. اهو هڪ ئي جملو ڪيڏي نه ويَنجنا جي گولائي والاري ٿو؟
    امرت جي موت بعد ڪنچن چندرڪانت کي وِڌي وِڌان ڪرڻ کان منع ڪري ٿي. ماڻهن جو ڊپ ڪونه ٿي رکي. ڏک اڪيليءَ ئي سٺو. 'ننڍڙي پُٽ ڪارتڪ جو پيءُ ڪير ؟' جو ڪنچن جو جواب اندر جي سچائيءَ کي اجاگر ڪري ٿو: ' مونکي لڳي ٿو ته تون منهنجي جيون جي آخرين سک ڀري گھڙين جو سنتان آهين، ۽ گڏوگڏ منهنجي جيون جي سڀ کان ڀينڪر گھٽنا جو پڻ سنتان آهين. تون ته ننڍو هئين، اڻ سمجهو هئين. تنهنجو پيءُ ڪير آهي ۽ ڪير ناهي انهي اڻتڻ ۾ مون ڪيتريون ئي راتيون ڦٿڪندي گذاريون آهن. آخرڪار مونکي منهنجي اندر مان هڪ ئي جواب مليو آهي ۽ اهو جواب آهي ته تون منهنجو سنتان آهين. ۽ مان تنهنجي جنني آهيان. '
    هتي ستيه ڪام جابال واري ڪٿا جو سمرڻ ٿيو آهي. ڪارتڪ جي من جو ڪنڊو نڪري ويو. هن پنهنجو نالو ڪارتڪ امرت لال شڪل مان بدلي ڪارتڪ ڪنچن با ڪري ڇڏيو. جيون جي تمام نازڪ، دک ڀري پل کي ماءُ پٽ جي سامهون جنهن طريقي سان کولي ٿي انهيءَ ۾ ڪنچن با جي جيون جو چٽ ڏسي سگھجي ٿو.
    ڌيءَ اروڻا شادي ڪرڻ نٿي چاهي. انهي ڳالهه تي بحث ڪندي ڪنچن چوي ٿي : 'مان هڪ استري آهيان، خالي هڪڙي ڪک کي آکيرو سمجھي مون ۾ جيئڻ جي شڪتي آهي. ان ڪري ئي ته قدرت مونکي ماءُ بڻجڻ جو وردان ڏنو آهي. (پيج ــ 242) اها سمجھ مان نڪتل آهي. انهيءَ ڪري شادي شدهه، طلاق نه ٿيل شانتا سان گڏ ڪارتڪ ٻن سالن کان رهي ٿو. اهو ڄاڻي هوءَ شانتا جي ويَٿا کي سمجھي سگھي ٿي. امان کي ڪونه وڻندو ائين ڌاري ڪارتڪ شانتا کي ٻين جي گھر ڇڏي اچي ٿو.ڪنچن اڌ رات جو وڃي هن کي وٺي آئي ۽ هن جو سويڪار ڪيو. ڪنچن ڄڻ جيون جي هڪ هڪ ڏاڪڻ چڙهندي ٿي وڃي. سندس اهو چِنتن ڪنچن جو آئندو به آهي. جيئن جيئن واستوِڪتا جو انڀَو ٿيندو وڃي تيئن تيئن ماڻهو کي مضبوط ٿيڻ کپي. هر طرف کان ڪٽجندي ڪنچن با اڪيلائپ ۾ به سمپورڻ پرڪاش پراپت ڪري ٿي.
    پٽ سان گڏ رهڻ جي لاءِ پيڪو گھر وڪڻي ڇڏڻ جو طيءِ ٿئي ٿو تڏهن ڪنچن کي احساس ٿئي ٿو ته ' اهو گھر ڇڏڻ معني ڪنچن با لاءِ هڪ کل لاهي ٻي پائڻ جهڙو هيو. نانگ لاءِ کل لاهڻ ضروري آهي ، نه ته انهي کل جو تهه اکين کي به ڍڪي ڇڏي ٿو. هو انڌو ٿي وڃي ٿو. وقت جي هڪ تقاضا هوندي آهي. پاڻ کي پيڙائن جي ڪنڊن تي چاڙهڻو پوي ٿو، رهڙجڻو پوي ٿو، پر ان مان آجو ٿيڻ ضروري آهي. (پيج 265).
    امرت جي موت بعد چندرڪانت ماءُ جي نالي کوٽو دستخط ڪري ايوَ کي خط لکي ٿو. رقم حاصل ڪرڻ جو انتظام ڪري ٿو. ايو امرت وارن ڏيڍ لک روپين ۾ ٻيا پنجاهه هزار وجھي ٻه لک روپيا ڪري موڪلي ٿو. پٽ جي انهي ڪيل وشواس گھات سان ڪنچن کي لڳي ٿو ته ' چندرڪانت ڄڻ هن جي پيرن هيٺان بيهڻ وارو آڌار به کسڪائي ورتو آهي. گوڏن هيٺان ٽنگون صفا گپ جهڙيون ٿي ويئون. پتيءَ ٻي شادي ڪري پتنيءَ جي انتظار کي بي معني ڪري ڇڏيو هو. پٽ ڪوڙ ڪري پهاڄ جي مدد ورتي هئي. جيون جا پنجاهه سال بيڪار ويا. هوءَ چندر ڪانت کي چوي ٿي: چندرڪانت تو ڀُل ئي نه پر اپراڌ ڪيو آهي. .... تو منهنجي ٿڃ لڄائي آهي. .... منهنجا سنتان منهنجو نالو روشن ڪندا اهو منهنجو برهم هيو. ( پيج ــ 271) ڄڻ ڪنچن با جو چندرڪانت جي گھر سان ناتو ئي ڪٽجي ويو هو. هوءَ وڻ مان مٽجي بُنڊ ٿي ويئي هئي. ڪنچن با پنهنجو پاڻ سان چٽي ٿي ويئي هئي. ' ڪٿي رهجي اهو وڏو سوال ڪونهي، ڪيئن رهجي اهو ئي اهم آهي.' (پيج ــ 272) ۽ هوءَ جساپر اچي ٿي. ٽن ڏينهن جو انشٺان ڪري ٿي. انشٺان دوران هوءَ ڀوت کان مڪت ٿيڻ وارو اڪشيه پاتر ملڻ جي انڀوتي ڪري ٿي. شڪتي ماتا هن جي لاءِ اپنائڻ واري ڀون آهي. ول آهي، سنجيوني ٻوٽي آهي. هن کي لڳي ٿو يادون هم سفر ٿي ويئون آهن ... هاڻي منهنجي من ۾ ڪو ڀاو ــ ڪُڀاو ناهي. وڻند اڻوڻند ناهي. اڄ هڪ ڀيرو وري مونکي نئين سر مسافري شروع ڪرڻي آهي. منزل تي پهچي ويئي آهيان اهو ته منهنجو برهم هيو.'
    ' فرسٽ ڪروسيفڪيشن ڌين رِسريڪشن ' اهو بائيبل تتو ڪنچن با جي جيون ۾ چرتارٿ ٿئي ٿو. ورتمان جي سوالن مان هوءَ ڀوتڪال جي پيڙائن جي اڪشيه پاتر کي سمتا پوروَڪ ڏسي سگھي ٿي. هاڻِي ٻڌڻ وارو، روڪڻ وارو ڪجھ ناهي. سنتانن، رشتيدارن، سڃاڻپ وارن سڀني ڳالهين کان مٿ ڀري اوسٿا پراپت ٿئي ٿي. منشيه ديهه ۽ منهنجي پڻي جو ڀوت انت تائين لڳل رهي ٿو، انهيءَ مان ڇٽڻ جو اهو پرڀ آهي. ويَٿا جو اڪشيه پاتر مڪتيءَ جو اڪشيه پاتر بڻجي وڃي ٿو. ويدنا جو، يٿارٿ جو سهج سويڪار اهو ئي سندس ٻل بڻجي وڃي ٿو. اها بي طرفداري، اها سمجھ، يٿارٿ کي سڃاڻڻ اهائي مڪتي آهي. انهي گيان بعد ڪنچن با جيون جي اهڙي موڙ تي اچي بيهي ٿي جتان آئندي جي اڻچٽائيءَ ۾ به هوءَ سُڌ سمجھ سان داخل ٿي سگھي ٿي. هن جي لاءِ اهو نئون جنم ( رِسريڪشن) آهي. ناول جو اهو ڪيندر بندو آهي. هن ڳوٺ ڇڏيو. ٽيمپو ۾ ويهي رهي. ' خالي بس اسٽئند، خالي رستا ۽ خالي سيم ۾ ٽيمپو جو آواز گونجندو رهيو.'( پيج ــ 276)
    هيءُ هڪ ڪرداري ناول آهي. ٻيا ڪردار ڄڻ ڪنچن با جي شخصيت کي، آنتروشواس کي وڌائيندڙ آهن. ننڍڙن ڪردارن ۾ هري پريا، رُکي ڀاڀي، جَيا، امرت، ڪارتِڪ، سُهري ديوشنڪر جا ڪردار سُريک ۽ شخصيت وارا ٺهي سگھيا آهن. ليکڪا استري جيون، ڪٽنب جيون جا انيڪ چٽ، تمام باريڪيءَ سان چٽيا آهن. هتي خوبي اها آهي ته تفصيل ڪردار جي منوگت کي اجاگر ڪن اهڙيءَ ريت استعمال ٿيا آهن. استري ليکڪا جون خوبيون هتي اپڪارڪ ثابت ٿيون آهن.
    ليکڪا نثر ۾ سگھاري آهي. سوراشٽر جي ٻوليءَ جو لهجو ۽ خصوصي جملن ۽ لفظن جو استعمال ليکڪا جي هٿ ۾ يا کڻي چئجي دل وٽان آهي.
    ورڻن ۾ ليکڪا جي ڀاشا سگھاري ۽ اوتري ئي اشارن واري آهي: رُکي با جو اشوِن جي لاءِ ڀاو : ' ڄڻ زندگي ڀر هو ڪنهن جي کيت ۾ ساٿي ــ ڏهاڙيي طور ڪم ڪندو هجي ائين سڄي جوابداري کنئي. نه زمين، نه ٻج، نه ڦل. ڪجھ به پنهنجو نه. .... پتيءَ جي غير حاضريءَ ۾ جيڪا جيئي ٿي ، سهي ٿي انهيءَ جي لهس ته جڳ ڪٿي ڏسي سگھي ٿو؟ هتي نثر جي طاقت ۽ خوبصورتيءَ جو احساس ڪري سگھجي ٿو.
    حال ماضيءَ جي روئداد جي روپ ۾ هلندڙ تخليق ۾ جيڪو ڪردار جي چت ۾ يا ياد ۾ هجي اوترين ئي گھٽنائن جو ذڪر ڪرڻ ممڪن هوندو آهي. هن ناول ۾ ڪجھ هنڌ اهڙا آهن جن جو ذڪر ڪنچن با جي من ۾ هُئڻ ممڪن ناهي. مثال طور ايو جو خط پڙهڻ بعد ڪنچن گھر وڃي ٿي تڏهن پويان ڀلاڀائي ۽ هري پريا جيڪي ڳالهيون ڪن ٿا انهن جي ڪنچن با کي ڪيئن خبر پيئي اهو هڪ سوال رهي ٿو. ائين ئي اروڻا جي من جو تذڪرو (پيج ــ 253) ڪرڻ وقت هيءَ سڄي ڪٿا ڪنچن با جي سمرڻ ياترا آهي اهو وساريو ويو آهي. اها ساوڌاني رکڻ ضروري هئي. اڳيان پويان سلسلا جوڙي انهي کي ڪنچن با جي يادگيرين جو حصو بڻاءِ سگھجيو ٿي. ائين ئي ڪجھ چوڻيون ۽ سنواد ناول جو حصو بڻجي نه سگھيا آهن، نه سنڌو ـــ ريهه جيئن انتر ڀاڳ نٿا ٿين انهيءَ تي ليکڪا کي وري ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي.
    پهرئين ناول کان ڌيان ڇڪائيندڙ بندو ڀٽ ٻئين ناول ۾ انيڪ پاسن کان اونچائي حاصل ڪري سگھي آهي اها نوٽس وٺڻ جهڙي ڳالهه آهي. هڪ سرجڪ طور سندس وڪاس لاشڪ خوشي ڏيندڙ آهي.


    اڻکُٽ پيالو : ناريءَ جو ست : چندرڪانت ٽوپي والا

    بندو ڀٽ جي پهرئين شايع ٿيل ڊائريءَ واري شيليءَ ۾ پريوگ ٿيل ناول ”ميران ياگنڪ جي ڊائري“ 1992 جو تعلق هُونئن ته آڌونڪتاوادي شخصي چيتنا سان هو، تنهن جي باوجود انهيءَ جي سجاتيءَ سنسڪار جي ڪري اهو ڪٿي ڪٿي انوآڌونڪتا (ناريوادي) کي به ڇهندو هئو؛ پر بندو ڀٽ جو ٻيون ناول “اکي پاتر” (اڻکُٽ پيالو) 1999 ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ واري حصي جي ٻن ڏهاڪن جي انوآڌونڪ ناريوادي، دلتوادي، ديشيوادي پرواهن جي نتيجن کي ساڻ رکي صاف طور سان ساماجڪ چيتنا سان تعلق رکي ٿو. هتي ذڪر ٿيل ساماجڪ چيتنا جي اڌارڀومي ڀارت جي ورهاڱي واري وشيه جي آهي.
    گجراتي ساهتيه ۾ ڀارت جي وڀاجن کي ورلي ئي کنيو ويو آهي. اردو پنجابي ڪٿا ساهتيه ۾ ڀيشم سهاني جي “ تمس” امرتا پريتم جي “پنجر”، راجندر سنگھ بيديءَ جي “ لاجونتي”، قرت العين حيدر جي “ آگ ڪا دريا”، جهڙين رچنائن ۾ ورهاڱي واري آفت جنهن طريقي سان برابر مرڪز ۾ رهي اجاگر ٿي آهي اها اسان وٽ ڪشن سنگھ چاوڙا جي “ اسمت” يا ڪملابين پٽيل جي “ موڙ سوتان اُکڙيلان” (پاڙن سميت اکوڙيل) 1979 جهڙين رچنائن ۾ ڪٿي ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. “اکي پاتر ” ناول ۾ ڀارت جي ورهاڱي کان ورهاڱي جي ڪارڻ ڪردارن جي بدلجندڙ ڀاڳ جو تذڪرو آهي، چتار آهي. ۽ انهن ڪردارن جي ڪيندر ۾ ڪنچن با جو ناري ڪردار آهي.
    ناول جي روپ ريکا ڪجھ هن طرح جي آهي: جساپر ڳوٺ ۾ وڏي ٿيل برهمڻ ڪنيا پتا جي ڌنڌي جي ڪارڻ ڪراچي پهتي، پتا جي سيٺ جي پٽ امرت سان شادي ٿئيس ٿي پر ورهاڱي جي هنسڪ واتاورڻ جي ڪري امرت کان جدا ٿي وڃي ٿي، ۽ راحت ڇاوڻي ۾ جنسي زيادتيءَ جو شڪار ٿئي ٿي. آخرڪار ٻن ٻارن سان گڏ جساپر ۾ خالي پيل پيڪي گھر ۾ آسرو وٺي ٿي. استري هئڻ جي باوجود برهمڻڪو ڪم ڪري چندرڪانت ۽ اروڻا کي پنهنجي ٻانهن جي ٻر تي سانڍي پالي ٿي. گڏوگڏ پتيءَ جو گرڀ آهي يا بلاتڪاريءَ جو، ستت انهي اڻتڻ ۾ ڪارتڪ کي به پالي ٿي. ڪنچن با جي ڳوٺ سان هلندڙ ڇڪتاڻ دوران چندرڪانت احمدآباد وڃي پڙهي ڪري وشاکا سان گڏ ٿانئيڪو ٿئي ٿو. ته اروڻا وڪاس گرهه ۾ پڙهي آخر ۾ گانڌينگر پسند ڪري ٿي. اروڻا جي وڪاس گرهه واري موقعي تي ڪنچن با کي سالن بعد انقلابي نڻان جَيا جو ذرينا جي روپ ۾ ڀيٽو ٿئي ٿو. ته ممبئي واري موقعي تي ڪنچن با کي ڪنهن پرڻيل شانتا سان ڪارتڪ جيون جيئڻ جو طيءِ ڪري چڪو آهي انهي جو سامنو ڪرڻو پوي ٿو. پنهنجي پنهنجي نصيب مطابق ڌار ٿيندڙ ڪردارن جي درميان آفريڪا مان آيل خط ذريعي پتي امرت جي ٻيءَ شاديءَ جي، هن جي حادثي ۾ ٿيل موت جي ۽ هن جي ڪيل وراثت جي خبر خوددار(سوَماني) ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ واري ڪنچن با کي لوڏي ڌوڏي ڇڏي ٿي.
    جرمن شاعر گيوٿي جو چوڻ آهي ته ' جيڪو جيئي ٿو انهيءَ جو جيون آهي، ۽ جيڪو جيئي ٿو انهيءَ کي بدلاو لاءِ تيار رهڻ گھرجي ' ڪنچن با جو ڪردار بدلاو هيٺ جيئي ٿو ۽ آخر ۾ بدلاو لاءِ تيار رهي ٿو اهڙي احساس جي آسپاس هتي ڪٿا اڻيل آهي. ڪٿا جي جغرافيا دبئي، ڪمپالا جي ذڪر سميت خاص طور سان جساپر ڳوٺ سان تعلق رکي ٿي. ويجھن شهرن ڪانپ (سُريندر نگر) ، ڪراچي، ۽ ممبئي ــ احمدآباد تائين ڦهلجي ٿي. تنهن جي باوجود 78 سالن جي مکيه ڪردار ڪنچن با جا احمدآباد وارا ڏهه سال ڪڍندي چاليهارو کن سال جساپر ۾ گذاريا آهن. ڪنچن با جو اهو سميه سفر ڪٿا جي گھٽنا مالها کي اڳتي وڌائي ٿو پر انهي گھٽنا مالها جي ورتمان بندو مٿان ڪنچن با جي ٽٽندڙ ۽ جڙندڙ سمرڻ ڪٿا جي روپ ۾ ٿيل آميزش ڪٿا کي دلچسپ بڻائي ٿي. ايترو ئي نه پر پٽ ڪارتڪ جي گرڀ بابت وارو شڪ، پتيءَ جي ٻي پتني ايوَ جي آيل خط مان، ايو جي پٽ ايوون جي تار سان ۽ پنهنجي ڄاڻ ٻاهر پٽ چندرڪانت ايوَ وٽان حاصل ڪيل سهاءِ جي ڪري ڪٿا ۾ ايندڙ گتي ورڌڪَ، رهسين کي ظاهر ڪندي ڪٿا جي ڪرامت کي مسلسل جوڙي رکن ٿا.
    ناول جي شروعات ڪنچن با جي داخلي سان ڳوٺ ۾ ٿيل هلچل سان ٿئي ٿي ۽ ناول جو انت ڪنچن با ٽن ڏينهن کان پوءِ ڳوٺ ڇڏي ٿي، انهيءَ سان اچي ٿو. مندر سميت پيڪي گھر کي وڪڻي ڇڏڻ بعد ڏهن سالن بعد چندرڪانت کان ڏنل آگھات کان آنترڪ سنتولن حاصل ڪرڻ لاءِ آيل ڪنچن با ٽن ڏينهن ۽ ٽن راتين جو انشٺان ڪري ٿي. انهي دوران سمرڻ ڪٿا ۽ سمرڻ ڪٿا جي اندر به ڪيتريون ئي ڪٿائون ويَڪت ٿينديون ٿينديون ڪنچن با کي وڃي ٻالڪپڻ تائين وٺي آخر ۾ ورتمان حالت تي آڻي ڇڏين ٿيون. جنهنجو ڪٿاپٽ ڳوٺ جي درٻارن، برهمڻن، واڻين، پٽيلن، دلتن سان رشتن ۾ اڻجندڙ سماج ڪارڻ، راج ڪارڻ، ارٿ ڪارڻ کي به ظاهر ڪندو رهي ٿو. انهيءَ لاءِ چوڻين ، پهاڪن، رسمن ۽ رواجن سان مخصوص لهجي ۾ ادا ٿيل آنچلڪ لفظن واري ڳالهه ٻولهه جو سواد ۽ ڪڏهن ڪڏهن نثر جو مخصوص استعمال ڪاريه شيل رهيو آهي. ڪنچن با جي من جي حالت کي ڏيکاريندڙ ٻاهرين عڪسن کي ڏسو:
    “ڪوٺيءَ مٿان مٽيءَ وارو ڍڪ لاهي ڏٺائين ته پراڻي پاڻيءَ مٿان سينور تري رهي هئي. ڊنڪي هلائي هن پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ڳچ دير کان پوءِ پاڻي آيو. ٻُڪ ۾ وٺي گُرڙي ڪئي. پاڻي ٿورو ٻاڙو هو. پٺيان گھمندي هن جي نظر مندر جي پوئين ڀت تي پيئي. هن جي پوکيل ڪرڻ هئي اها جيئري هئي ۽ ٻه چار گلابي گل به هئا. ڪنچن با جي هردي کي آٿت مليو ( پيج ــ7)”
    فرينچ ڊائريڪٽر انگبار برگمين جي فلم “ وايلڊ اسٽروبيري” ۾ ماضي حال جي جدا ڪندڙ ٻن تصويرن کي ڏيکاريندڙ منظرنگاريءَ جو آڪرشڪ نتيجو ڏسو:
    “ ته پوءِ ڇا مون منجھان ئي هڪ ٻي ڪنچن جدا ٿي رهي آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هوءَ مون مان نڪري ڏور ٻانهون ٻڌي بيٺي آهي ۽ مونکي، هن ننڍڙيءَ ڪنچن کي ڏسندي رهي آهي. پر ائين ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ مان ڀِڄان به سهي ۽ ڪوري رهي ڏور ڀِڄڻ ڏسان به سهي؟ (پيج ــ 59) تي ڦهليل اُپماچتر دواران اڻجندڙ سنويدن پٽ ڏسو:
    “ اهو وڻ آهي نه! منهنجو هميشه جو ويساهين کائڻ جو هنڌ! پر هڪ ڏينهن توهان مٿي تي بار کڻي ٻنپهرن جو نٽهڻ اُس ۾ پهچو ۽ نظر اچي ننهن چوٽيءَ تائين لٿل کل وارو ٺوڙهو وڻ! تمام آسرا ڀڄي ڀور ٿي وڃن، هڪ ليٽو پئجي وڃي هينئين ۾۽ مٿي تي رکيل بار ۽ تر واري تپش ڳري وڃي انهي ليٽي ۾ (پيج ــ 90)
    اڱڻ ۾ بيٺي امرت کي نهاريندڙ ڪنچن جي اک جو ڪئميرا جهڙو Partial view ڏسو:
    “ ڏور باغ ۾ ويٺل امرت جا پير ڏسجي رهيا هئا. کيس ڪاري پتلون پاتل هئي. گوڏن تي ٽيڪيل هٿن ۾ سفيد رومال هو. (پيج ــ 92)
    ورهاڱي بعد ماڻهن جي انبوهه جو جيئرو آتنڪ ڏسو:
    “ ڪياماڙي بندر تي سڄي شهر جا ماڻهو هئا. اگر هڪ ٿالهي گھمندي ڇڏي ڏجي ته ماڻهن جي مٿن تي گھمندي رهي هيٺ نه ڪري. شهر جي الڳ الڳ ڪُنڊن مان هڪ دهشت، هڪ آتنڪ جو ريلو ٿڙندو، ٿاٻڙجندو ، ڇڪجندو اچي رهيو هو. ۽ هتي بندر جي ڌڪي تي جمع ٿيندو پئي ويو. پولار ۾ شورغل ۽ رڙين واڪن جي پرت ٿلهي ٿيندي پئي ويئي. (پيج ــ 121).
    خاص ته پهريون ڀيرو ريلوي جڳت کي نهاريندي ڪنچن ۽ وشوناٿ جي ٻال سرشٽيءَ جو وِسميه ستيه جيت ري جي “ پاٿير پانچالي” جي ٻال سرشٽيءَ واري وِسميه کي يادگيرين ۾ کينچي اچي تهڙو جيونت آهي. پنهنجي 78 سالن جي ڏاڏيءَ وٽان ۽ ڏاڏيءَ جي ڪراچيءَ جي رشتيدارن، پاڙيسرين جي يادگيرين مان ڪراچيءَ بابت جيڪو ڪچو مال ليکڪا کي مليو آهي انهيءَ جو سمجھ ۽ حساسيت ڀريو سندرڀ ۽ پُنرگھٽن به ڌيان ڇڪائي ٿو. هڪ طرح سان ڏسون ته آزاديءَ کان اڳ واري ڪال کان آزادي کان پوءِ واري وقت جو بدلجندڙ مزاج هتي ڪامياب طريقي سان چٽجي سگھيو آهي.
    انهيءَ جي باوجود هن ناول ۾ جيڪي ڪجھ مشڪلاتون سامهون آيون آهن اهي هن جي پهريون ڀيرو ٿيل پرڪاشن جي ريت سان جڙيل آهن. هيءُ ناول جيئن ليکڪا ڄاڻائي ٿي تيئن ڇهن بابن تائين مسلسل ۽ پوءِ قسطوار لکيو ويو آهي ۽ نومبر 1998 کان “جنمڀومي پرواسي” ۾ شايع ٿيندو آيو آهي. قسطوار لکيل ناول ، جڏهن ڪتابي روپ ۾ پريس ۾ وڃي تڏهن انهيءَ کي پورو پنروانچن ۽ انهيءَ جي گھربل سار لهڻ گھرجي. ناول قسطن ۾ لکجندو آهي تڏهن اڳيان وڃڻ بعد بابن ۾ گھربل تبديلي ڪري نه سگھبي آهي. گھڻي دفعي وقت جي دٻاو جي ڪري اڻ ڄاتل چڪون پڻ داخل ٿي وڃن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن اڳ اچي چڪيل بيڪار اهڙا جملا به وري اچي وڃن ٿا. قسط جي قد کي ڌيان ۾ رکندي بيڪمي ٿولهه کي به وڌائڻو پوي ٿو. پاٺڪن جي سولائي لاءِ ڪري بي معني ڄاڻ به ڏيڻي پوندي آهي. هيءُ ناول قسطوار شايع ٿيڻ بعد هن جي مڪمل طور سهيڙ نه ٿي هئڻ جو آزمودو ڪرائي ٿو. ڪنچن با جي سمرڻ ڪٿا جو آليکن ڪٿڪ ۽ ڪنچن با جي پرسپر مُنجھندڙ آوازن ۾ ٿيو آهي. اگر ڪنچن با جي سمرتي ڪٿا هجي ته انهيءَ ۾ رحمت ڊرائيور جو ڪنچن با کي بندر تي ڇڏي وڃڻ بعد وارين وڳوڙن جو يا ڏاڏي واري ناناچند ڪاڪي وٽان لکايل يٿاتٿ ڪاڳر پيش ٿيڻ کي ڪا جڳهه ئي ڪانهي. پيج 131 تي ترڻيتر جي ميلي جو ذڪر، پيج 253 تي اک مان آنسن سان گڏوگڏ تير جيان ڇٽندڙ پريم آنند ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه، پيج 255 تي استري اڌيڪاري وارو، 147 تي جسو ٽپاليءَ وارو، ر. و. ڊيسائيءَ جهڙو تبصرو ــ دور ڪري سگھجي تيئن آهي. ٿوري ۾ هن ناول ۾ سنگھٽن آهي سٿاپتيه آهي پر بچت جي ڪڏهن ڪڏهن ڪمي محسوس ٿئي ٿي.
    نه ته، ' مان هڪ عورت آهيان. هڪڙي ئي ڪک کي آکيرو سمجھي جيئي وڃڻ جي مون ۾ شڪتي آهي.' جهڙا جملا جيئري ويڙهاڪ نائيڪا جي، جرمن ۾ جنهن کي وڪاس نول ( Bildungsroman) چوندا آهن اهڙو وڪاس نول آهي. ٻين کي پنهنجي لڳي تنهنجي باوجود به پنهنجي دنيا ۾ سامهون واري ماڻهوءَ کي پرويش نه ڏيندڙ نائيڪا ڪنچن با لاءِ ڪٿي رهڻو انهيءَ کان وڌيڪ ڪيئن رهڻو اهو اهم آهي. ۽ انهي ڪري برهمڻڪي ڪم واري اڻکُٽ پيالي کي هن جيئڻ جو جھونجڻ جو آڌار بڻايو آهي. پيالو انهي طرح سوکيم پرتيڪاتمڪتا ڌارڻ ڪري ٿو. ناول جو “ اکي پاتر ” (اڻکُٽ پيالو) عنوان انهي سنگھرش کي ته وائکو ڪري ئي ٿو پر انهي ئي سنگھرش جي ڪارڻ مسلسل ايندڙ ويٿا کي به سامهون آڻي ٿو.
    “اکي پاتر” (اڻکُٽ پيالو) ناول آخرڪار ڪنچن با جي پيڙا جو اڻکٽ پيالو آهي. انهيءَ ۾ آخر ۾ نئين ناريءَ جي اناياس تصوير اڀري آهي. ويهين صديءَ جي پوين ٻن ڏهاڪن جي شروعات ۾ مليل ايلا عارب مهتا جي “ بتريس پوتڙي ني ويدنا” (ٻٽيهن پتلين جي ويدنا) 1982 ۽ ڪندنيڪا ڪاپڙيا جي “ سات پگلا آڪاش مان” (ست قدم آڪاش ۾) 1984 جهڙي ناري سنويدنا ڪيندري ناولن جي سامهون ويهين صديءَ جي انت ۾ آيل هيءُ ناول ناري چيتنا کي وڌيڪ ڪلاتمڪ اظهار جي گنجائش بخشي ٿو، انهيءَ ۾ شڪ ناهي.


    ناول

    1

    بس اسٽئنڊ کان ڪنچن با (“با” لفظ گجراتيءَ ۾ “امڙ” جي لاءِ استعمال ٿيندو آهي) ڳوٺ پهتي، تنهن کان اڳ ۾ ئي بازار ۾خبر عام ٿي ويئي.
    “ ڪنچن با آئي آهي .” مانڊڻيءَ واري اڳيان پنجن جو سڪو اُڇلائيندي ويرڀدر چيو.
    “ ٻه مصالحا.”
    “ ڇا! ائين نه هوندو ٻاپو.” آواز سان گڏوگڏ هريش به مٿاهون ٿي ويو. هريش جي ڪلهي تي هٿ رکندي هن کي هيٺ ويهاريندي ويرڀدر چيو.
    “ ڇا، ماڻڪچند؟ ٿي نٿو سگهي!” کلندي کلندي اڳيان چيائين.
    “ ادا هن جي پيءُ جو ڳوٺ آهي. تو وانگر ٿوري آهي؟”
    پوئين جملي کي ڳرڪائيندي هريش چيو.
    'پر ڀونگا ڀيڻيون وڪڻي ويا تنهن کي به اڄ ڏهه سال ٿي ويا. هيل تائين هڪ ڀيرو به ڪونه آيا آهن. ۽ هي ساوڻ به ته سڄو ويو مٿان اڌڪ وارو ساوڻ به اڌ گذرڻ تي آهي. هاڻي وري ڇا وٺڻ جي لاءِ ايندي.؟'
    “ اڙي توهان واپارين جو اهو ئي ته ڏک آهي! ڇا جي لاءِ ايندي؟ اڙي اچي به ته تنهن ۾ توکي ڪهڙو ڏک ؟ تنهنجي مان ته ڪو اڌ ڪونه ورهائي ويندي. نقصان به ته هن جڳي برهمڻ کي . تون ته ڪانپ جا ڦيرا ڪندو رهُ ۽ ويٺوجلسا ڪر.” ڪانپ جو نالو ٻڌندي ئي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وڃي تيئن هريش ڍلو ٿي ويو.
    ڪانپ معني سُريندر نگر. ڪانپ انهيءَ جو جهونون نانءُ. انگريزن جي دور ۾ هتي لشڪر جي ڪئنپ هوندي هئي. ڪئنپ کي ماڻهو ڪانپ چوندا هئا. ضلعي جا لڳڀڳ سڀئي ماڻهو سامان سڙو، وکر واپار، دوا ــ دارون يا ڪورٽ ڪچهريءَ جي ڪم ڪار لاءِ ڪئنپ وڃن. هريش جو ناناڻڪو چئو يا وطن، سڀئي ڪانپ ۾. ماءُ ــ پيءُ ٻئي تمام ننڍپڻ ۾ گذاري ويا. اولاد لاءِ سڪندڙ ماميءَ وڏو ڪيُس.
    جساپر ۾ هريش جو سهرو تلڪ چند گذاري ويو انهيءَ ڪري کيس گھر، کيت ۽ ڌنڌو سنڀالڻ جي لاءِ هت اچڻو پيُس. تلڪ چند کي هڪ ئي ڌيءَ ڀاونا. ڀاونا کي هريش ڪافي سمجهايو پر هوءَ ڪئمپ ڇڏڻ لاءِ تيار نه ٿي. هن جساپر ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ هريش کي چيو“ تو ڀلي ڪئمپ ۾ رهُ، هفتي اندر اچج. دڪان جو مال به کڻندو اچجانءِ. مان هتي سڀ ڪجھ سنڀالي وٺنديس” لوڪ لڄ خاطر هريش هت رهڻ قبوليو.
    “هريش ڪمار، ذرا پنج سو گرام ويجيٽيبل گيهه ته ڏج.” چوندي رُکي ڀاڀي آئي.
    “امڙ، توکي ويجيٽيبل گيهه هلندو؟”
    “ مونکي ته پهڻ به پچي ويندا آهن. اهو ته سڀاڻي ايڪادشي آهي انهيءَ لاءِ سامان سيڌو ڏيڻو آهي. ” چوندي رُکي دڪان جي اوٽي تي ويهي رهي.
    “ ته ڇا اڌڪ جي ايڪادشيءَ تي ساهيڙين کي نج گيهه ۾ ٺاهيل لڏون ڪونه کارائيندينءَ؟”
    “ اڙي، ڇو نه کارايان، پر منهنجي ڪا ساهيڙي به هجي تڏهن نه!”
    “ هوڏانهن ڏس هوءَ پئي اچيو.” هريش دور ٺاڪر مندر طرف آڱر کڻندي چيو.
    رُکيءَ اکين مٿان هٿ جي ڇڄي ٺاهي نهاريو. هڪ استري آڪار ٺاڪر مندر جي ڏاڪڻ وٽ پراهون منهن ڪيو بيٺو هو. رکيءَ کي لڳو، شايد چمپل پائي رهي آهي. ويس ته اهو ئي آهي. اها ئي اڇي ساڙهي ۽ هٿ ۾ ٿيلهي. ٿي سگهي ٿو هي ناٺي مشڪري به ڪندو هجي. جيئن ئي هن مائيءَ پير ڀريو ته رکي اٿي بيٺي. اها ئي هڪ هٿ ۾ ٿيلهي ۽ ٻئي هٿ ۾ ساڙهي ٿوري مٿاهين پڪڙي هلندڙ ڪنچن با. وچولي قد ڪاٺي ۽ سنهڙو سرير.
    اڄ کان پنج سال پهريان وارو وقت هجي ها ته رکي ڊوڙ پائي ها. پر هينئر چيلهه جي سور کيس حيران ــ پريشان ڪري ڇڏيو اٿس. ۽ هوءَ ٻه قدم اڳيان هلي. ڪنچن با هن کي ڏٺو. ' ڪيڏي نه بدلجي ويئي آهي رکي ڀاڀي. مُنهن ۾ ڏند به ناهن ۽ چيلهه کان ٿورو جهڪي بيهڻوٿو پئيس ' ڪنچن با جي مُنهن تي مرڪ اچي ويئي، ۽ پير ٿورا تڪڙا هلڻ لڳا، پر رکي ڀاڀيءَ وٽ پهچندي مرڪ مرجهائجي ويئي ۽ وکون به ڌيميون پئجي ويون. ڀاڪر پائڻ جي لاءِ بي صبري رکي ڀاڀيءَ جي هٿ کي ٻنهي هٿن ۾ زور سان جهلي هن هڪ کڻ لاءِ سڄي سڪ کي ويڙهي ورتو. کڻ پل هڪ ٻئي ۾ ڳُتيل آڱريون ڳالهائينديون رهيون، اکيون ٻڌنديون رهيون. رکي ڀاڀيءَ جي ڳالهائڻ لاءِ کُلندڙ چپن کي ڏسي ڪنچن با هن جي سارن سوالن کي ڌُتاريندي پير وڌايا ۽ چيو؛
    “ مان ذرا سَتي ماتا جي آستاني جا درشن ڪري وٺان، پوءِ ڳالهايون ٿيون.
    هريش جلد بازيءَ ۾ پنهنجي حاضري ڳڻائيندي چيو؛
    “ جي نارا'ڻ، گوراڻي ماءُ.”
    “ جي نارا'ڻ ، چوندي ڪنچن با درٻار گڍ طرف هلي ويئي.
    ڪنچن با جي وڃڻ بعد رکي با به هلڻ جي ڪئي.
    “امڙ، گيهه ناهي وٺڻو؟ ” هريش پويان رڙ ڪئي.
    “ توري رکج. شام جو سنجيوَ کي موڪليانو ٿي.”
    هريش جي من ۾ هيو ته رُکي با به درٻارن واري گڍ واري واٽ وٺندي. پر هن ته پنهنجي گهر جي يعني سُٽهڙن واري پاڙي جو رخ ڪيو.
    رُکي با جون وکون ڍليون هيون پر من ۾ ته الائي ڪيترا ئي گهوڙا ڊوڙيا پي. 'ڏهن سالن بعد هيئن اوچتي؟ ڇو آئي هوندي ڪنچن با؟ پل ڀر بيٺي به ڪانه ۽ ڳالهايائين به ڪونه؟ ڇا هوندو؟ ڪجهه فڪر جهڙو ته ڪونهي نه! چندرڪانت يا سندس زال سان جيهڙو ٿيو هوندس؟ خبر ناهي، اڄ ڪلهه جي ماڻهن جو ڪجھ چئي نٿو سگھجي! هونئن ته شوق سان وٺي ويا هئا ڪنچن با کي. احمدآباد جهڙي شهر ۾ گهر جهڙو گهر. زال مڙس ٻئي سرڪاري نوڪريءَ ۾۽ پٽ جي گهر به ٻه پٽ. ڪهڙو نه صاف سٿرو مزيدار علائقو! پرڀو ڀڄن ڪرڻ ۽ ٻارن کي سنڀالڻ، هن عمر ۾ هاڻي ٻيو گھرجي به ڇا؟ پر ايشور ڄاڻي! ڪجھ چئي نٿو سگھجي. هن ڍڪيل ڪَپار جي ڀلا ڪنهن کي ڪلَ! '
    گھر جي چانئٺ چڙهندي رکي باَ جي منهن مان شوڪارو نڪري ويو.
    “ ڇو با اڄ توکي دير ٿي وئي؟” تيار ٿيندڙ سمِتا پڇيو.
    “ڪنچن با آئي آهي.”
    “ کيس وٺي نه آئينءَ؟”
    “هاڻي ئي اچي ٿي، ستي ماتا جي درشن لاءِ ويئي آهي.”
    ڪلهي ۾ پرس لٽڪائيندي سمِتا تڪڙ ۾ حويليءَ جو در کوليو ۽ ويندي ويندي چوندي وئي:
    “ مان اسڪول وڃان ٿي، سَنجيو دير سان ايندو. توهان کائي وٺجو.”
    “ها، اما.” رکيءَ پاٽ تي پير ڊگهيريا. چيلهه کي ذرا سٺو لڳو، ٿورو آرام محسوس ٿيس.
    ڳوٺ جو درٻار گڍ معني درٻارن جي گھٽي. جنهن جي پڇڙ ۾ ڪنچن با جي پيءُ جو گھر. هڪڙو ئي برهمڻن جو گھر. هتان کان شروع ٿئي ڪڙمين جو پاڙو. پيڙهيون اڳ ڳوٺ جي ٺاڪر صاحب ڪنچن با جي مائٽن کي زمين ڏني هئي. هئن ته ستي ماتا واري آستاني واري جڳهه به هنن جي حوالي هئي. گھٽ ۾ گھٽ ڏيو ٻرندو رهندو هو. اڱڻ ۾ داخل ٿيندي ئي ساڄي پاسي نم جو وڻ ۽ ان جي هيٺان ستي ماتا جو اسٿانڪ. سنڌُر سان رڱيل پٿر تي استريءَ جي چوڙن واري هٿ جو نشان. ڪافي سال اڳ درٻارن جي خاندان ۾ اڪي ٻڌي کيڏندڙ ڇوڪري ستي ٿي هئي. اڃا ته مڱڻوئي ٿيو هئس۽ سندس ٿيندڙ مڙس ڳوٺ جي گانين کي جهنگ مان وارڻ ويو ۽ اتي ئي کپي ويو. اڄ به ڳوٺ ۾ نات ڀلي ڪا به هجي ، ڇوڪري يا ڇوڪريءَ جو مڱڻو ڪن ته ستي ماتا جي اڳيان ناريل ضرور ڀڃين. ڏيساور يا ٻاهر هجن ته گھٽ ۾ گھٽ مني آرڊر ذريعي ناريل جا پيسا موڪلي ڇڏين.
    حويليءَ وٽان لنگهندڙ ٺاڪر صاحب جي هاري جيوي ڪنچن با کي ڏسي ورتو.
    “ جي نارا'ڻ، با.”
    “جي نارا'ڻ، ابا.”
    “ ترسندينءَ نه؟”
    “ ها، ابا.” ڪنچن با هلندي هلندي ئي جواب ڏنو.
    جيوو ٺاڪر صاحب جو هاري. مُند ۾ کيت جوٽي ۽ باقي وقت ۾ چوويهه ئي ڪلاڪ ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي حاضري ڀري.ايڪو جوڙي پاڻيءَ جو ڊرم کوهه تان ڀري اچڻ کان وٺي حُقو، چلم ۽ چانهه پاڻي سڀ ڪجھ ڪري ڏئي. هن جو پيءُ به ٺاڪر صاحب جو دوست ماڻهوهو. چوندا هئا ' جيوي جي پيءُ ته ٺاڪر صاحب لاءِ جنم ورتو آهي.' جيوي کي ولايتي صاحب يعني پرويڻ سنگھ درٻار پگھار ٻڌي ڏني هئي ۽ رهڻ لاءِ گهر به ڏنو هو. جيوي جي زال ڪيسر ڪنچن با جي چيلي. ڪنچن با کي ٿيو 'ڪيسر کي خبر پوندي ته هوءَ گهڙي به ڪونه ترسندي.'
    جهوني گهر جي سامهون اچي بيٺي ته ڪنچن با کڻ لاءِ گمانجي وئي. ' هي مان ڪٿي اچي وئي آهيان!' خاطري ڪرڻ لاءِ هن آسي پاسي نهاريو. ' نڪو، ڳلي ته اهائي آهي.' ياد ايندي هن جي منهن مان امالڪ نڪري ويو . ' اڙي رام رام! مان به ڪهڙي نه اياڻي آهيان. ڏهن سالن کان پوءِ ڳوٺ ۾ پير رکيو اٿم ۽ لڳيم پيو ته جهڙو ڇڏي وئي هئس اهڙو ئي سڀ ڪجھ اڃا هوندو. اڙي چري، موهه ۾ اهو به ڀلجي ويس ته گھر ته ٺاڪر صاحب خريد ڪري ورتو آهي.' پنهنجي ذات سان ٿيندڙ ڳالهين کي ٻنجو ڏيندي هن وري نظر ڊوڙائي. ٺاڪر صاحب جي سالن کان تمنا هئي ته ستي ماتا جي اسٿانڪ وٽ شڪتي ماتا جي به جڳهه هئڻ گھرجي. اها جڳهه ٺهي راس ٿي تنهن کي به اڄ ست سال ٿي ويا .
    ڪنچن با نهاريو. سامهون آسماني رنگ سان رڱيل لوهي گيٽ هو. حويلي ۽ گھر جي چوءطرف مٿاهين ديوار کڙي ڪري چئني طرفن کان تارَ جي واڙ ڪيل هئي. واڙ مٿي ولايتي مهندي چاڙهڻ جي به جهڙي تهڙي ڪوشش ڪيل ڏسجي رهي هئي. اڳي ته هڪ اوسري ۽ ٻه ڪمرا هئا. پري کان ڄاريدار اوسري ڏسجي رهي هئي. هن گيٽ کولي اندر پير رکيو. هڪ پل لاءِ هن جا پير ڌرتيءَ سان چهٽي ويا. انتر مان سَر سَر ڪندي سَرواڻي اچڻ لڳي! هاڻي ئي ڇاتيءَ مٿان رکيل پٿرن کي هٽائيندي ٻاهر نڪري ايندي! 'نه، اهو ٺيڪ ڪونهي، جنهن کي راضي ٿي ڇڏيوسين تنهن لاءِ موهه !' ڄڻ ڪنهن جي هٿ کي پاسيرو ڪري رهي هجي تيئن هوريان هوريان هن نظر هٽائي، پوءِ آسرو ڳولهيندي هجي تيئن هوءَ ستي ماتا جي اسٿانڪ طرف وڌڻ لڳي. اسٿانڪ جي آس پاس پڪين سرن ۽ تارَ جي واڙ ۽ ننڍي ڄاري. درشن لاءِ هڪڙو ننڍڙو دروازو. ڄاري ۽ دروازو ٻئي سائي رنگ سان رڱيل. ٽن فوٽن جيتري اونچي ڄاري ٻڪرين ــ ڪتن کي روڪڻ لاءِ ڪيل ٿي ڏسجي، پر هِت هُت سندس حاضريءَ ۾ نشان ڏسجي رهيا هئا. دروازو هجي ته ڍنگ سان بند ٿيندو رهندو هجي ۽ اهو به عام جاءِ تي! ائين مڃي وٺڻ اهو به ٺيڪ ڪونه ٿو لڳي.
    ستي ماتا جي مڙهيءَ اڳيان وهندي سوالي نظرن سان ڪنچن با چيو: هيءَ ستي ماتا ساکي آهي، مون ڪڏهن به آڳ ڏيڻ ۾ ڪُپت ناهي ڪئي پر ماتا تون ئي چئُه، هاڻي ڪڏهن لهندي منهنجي مٿان اها آڳ؟ جيئن تيئن ڪندي ٻن سالن بعد ته اسي سال پورا ٿي ويندا. هاڻي گهڻو نڀائي سگھبو؟ تنهن جي باوجود به اگر منهنجي مٺڙي ماءُ مونکي آزمائڻو اٿيئي ته هڪڙي شرط تي. مونکي سگھ ڏي، شڪتي ڏي. وڇايل پلوءَ ۾ ڪجھ نه ڪجھ ضرور پيو هوندو انهي اميد سان هوءَ اٿي بيٺي. ۽ دَرڙو کولي اچي نم جي اوٽي تي ويهي رهي.
    آسمان ۾ بادلن جي اچ ــ وڃ جي ڪري پل ۾ اس پئي لڳي ته پل ۾ ڇانو. پر آسي پاسي جي ماحول کي ڏسڻ سان لڳي رهيو هو ته ٻپهري ٿي رهي آهي.نم ڏاڍو پراڻو هو جنهن جي پور ۾ پوپٽ آکيرا ٺاهيندا هئا.انهن مان هينئر ڪن ايڪڙ ٻيڪڙن جا آواز اچي رهيا هئا. ڪنهن نم جي ٽاريءَ ۾ ٺِڪر لٽڪائي ڇڏيو هو. نم جي گھاٽي ڇانو کي ڏسي ڪنچن با جي من ۾ ٿيو ، ذرا ساهي پٽي وٺان. هوءَ ٿُڙ کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي. پٺيءَ تي کُهري کَلَ جو ڇهاءُ ڄڻ گھر جي ڪنهن محنت ڪش بزرگ جو اسپرش هجي!. هوءَ هٽي وئي. هن سوچيو 'هينئر ئي هي نم خبرون چارون ڪندو ته هن جو مقابلو ڪيئن ڪبو؟' ڪنچن امڙ اٿي ويئي ۽ پويان واڙي ڏانهن هلي وئي. واڙو ڪافي ڪشادو هو. ٻيون به ٻه جڳهيون ٺهي سگھن ايترو موڪرو هو. ماضيءَ ۾ ڪنچن با کي اهو سوچيندي مزو ايندو هو ته وڏي پٽ چندر ڪانت کي اڳيان رهائيندي ۽ ننڍي ڪارتِڪ کي پويان گهر ٺهرائي ڏيندي. هن کي اها به خبر هئي ته پرَ ايندي جساپر وارو آڪاس سندن ناني جيان پٽن کي به سوڙهو لڳندو. واڙي جي هڪ ڪنڊ ۾ ڪپهه جا ڪانا سٿيل هئا. 'ڪنهن جا هوندا؟' جنهن جا هوندا تنهن جا هوندا، تنهن ۾ پنهنجو ڇا؟ هڪ کڏ کوٽيل هئي. ڪچرو اڇلائڻ جي لاءِ. کن پل لاءِ سندس چهرو ٻهڪي پيو.هتي ڪنهن کي صفائي سٿرائيءَ جو اونو هجي اهڙو لڳي ئي ڪونه ٿو. گھٽي هفتي ۾ مڏ ٻهاري ڏسندي هوندي. هڪ طرف ڊنڪي ۽ موري هئي، پاسي ۾ وڏي ڪوٺي هئي. ڪوٺيءَ مٿان ڍڪڻ لاهي ڏٺائين ته پاڻي گندو هو مٿس سينور ڄميل هئي. ڊنڪيءَ کي هلائي هن پاڻي ڪڍڻ چاهيو. ڪافي دير بعد ٿورڙو پاڻي آيو. ٻُڪ ۾ ڀري هن گرڙي ڪئي. پاڻي ڪجھ ٻاڙو هو. پويان گھمندي هن جي نظر مندر طرف ويئي. هن جو پوکيل ڪرَڻ جو ٻوٽو اڃا جيئرو هو. جنهن تي ٻه ٽي گلابي گل به آيل هئا. ڪنچن با جي دل کي راحت رسي.


    2

    پنج ڏاڪڻيون چڙهندي ڪنچن با مندر جي ورانڊي وارو لوهي دروازو کوليو. صرف ڪڙو ئي ڏنل هو. اوٽي جي بلڪل سامهون شڪتي ماتا جي مندر جو مکيه دروازو هو. جيڪو بند هو. جنهن جي اڳيان اڌ حصي ۾ اسٽيل جي شيخن مان ٺهيل ڄاري هئي. ڄاريءَ جي چوءطرف گل ٻوٽا اڪريل هئا. ٻمڀي جي ساڄي ۽ کاٻي ٻنهي پاسن کان ٻه کڏيون هيون. جن جي مٿان ڪاراڻ لڳل هئي. جتي ڏِيا رکيا ويندا هئا. کڏين جي ٻنهي طرفان ڪاٺيءَ جا ٽي ٽي ڪلا کتل هئا. ڪنچن با کي ياد آيو ته سڄي عمارت جي اڏاوت ۽ رنگ ڪافي بدلجي چڪا آهن، پر ڪلا اڃان اهي ئي جھونا آهن. هنن ڪلن ۾ ڇوڪرن جا پڙهائيءَ وارا ٿيلها، ڌوتي، ڇٽ، قنديل لٽڪيل هوندا هئا. اڄ ٽيئي ڪلا خالي هئا.
    ڪنچن با پنهنجي هٿ واريون ٿيلهيون انهن ڪلن ۾ لٽڪايون ڇني ۾ بيهي نظر ڊوڙائي. مٿي ڄارا ۽ هيٺ دز ڄميل هئي. ڄاريءَ ۾ کجيءَ جي ڦڙن مان ٺاهيل کٿل ٻهاري هنيل هئي. ' ڪو پجاري ته رکيو هوندائون، پر کيس پگھار کان علاوه مندر ۾ دلچسپي نه هوندي. ڳالهه به سچي آهي، ائين آسانيءَ سان ڌرتيءَ سان جڙاو ٿورو ئي ٿيندو آهي! لاڳاپو جيئن جلدي ٿيندو ناهي تيئن تڪڙو ٽٽندو به ناهي. ڏسو نه هيترن سالن بعد اڄ به مان ڪو سڀ ڇڏي سگهان ٿي؟ ٿورو من مٿي ٿيو ۽ ياد اچي ويو مائٽاڻو گھر!' ڪنچن با ٻهاري کڻي ٻهارو ڏيڻ لڳي.
    “ ائي الا، مان ته تنهنجي واٽ پيئي نهاريان، ۽ تون ويٺي هت ڄارا صاف ڪرين.” رُکي با جي آواز مان ٿورڙي ناراضگي بکي رهي هئي.
    “ شڪتي ماءُ جا درشن اڃا بند آهن، من ۾ ٿيم ٿوري ويهڻ جوڳي ته جاءِ ڪري ڇڏيان. ” ڪن ڪچرو ٻُهاريندي ڪنچن با چيو.
    “ اهو جڳديش ته شام جو آرتي ڪرڻ ايندو. تنهن کان اڳ درشن ڪونه ٿيندا.”
    “ ڪهڙو، رامپر واري ترڀُون جو پٽ.؟
    “ها، تون هلي وئينءَ ته هن کي لاڳ لڳي ويو. ڪاليج ڪئي اٿس. ۽ ماستر ٿيڻ جيترو پڙهيو به آهي. پر اڄ ڪلهه اسڪول ۾ پاڻي پيارڻ واري نوڪري به ڪٿي ائين ئي پيئي آهي؟ وري ان جا به باقاعدي ڀاوَ پيا هلن! هي پنهنجا درٻارَ ڏاڍا ڀلا ماڻهو آهن. مان چئي رهي هيس ڳوٺ جي برهمڻ کي ڇڏي ٻاهرئين ڳوٺ جي برهمڻ کي وٺي اچڻ؟ ماءُ کي ڇڏي منيءَ کي ڌائڻ جهڙو ناهي؟! هاڻ تو ئي چئه صبوح ــ شام، ٽاڻي ڪُٽاڻي اگر برهمڻ جي ضرورت پئجي وڃي ته ڇا ڪجي؟”
    رُکي با جي ڪاوڙ کي ٺاريندي ڪنچن با چيو:
    “ اڙي ڀاڀي، هاڻي اڳوڻيون ڳالهيون ڪٿي رهيون آهن ته گاڏا جوٽڻا پون ۽ وچ ۾ ڍنڍون ڍورا اچن ۽ پيادل هلڻو پوي. مئي هاڻ ته ٽيمپن ڇڪڙن جو ڪٿي پار آهي؟ ٻارهن ئي مهنا رينگهاٽ ڪندا رهن ۽ دونهان ڪڍندا رهن.”
    “ اڙي مان به ڪهڙي آهيان؟ اصل ڳالهه ته رهجي ويئي ۽ ٻيءَ ڳالهه تي چڙهي ويس. هاڻي گھر هل. شام جو ٻئي نڻان ڀاڄائي گڏجي اينديونسين. ”
    “ڀاڀي توهان جو گھر ڀڄي ته ڪونه ٿو وڃي. ايندس، ضرور ايندس، هينئر ته مندر ۾ رهي انشٺان ڪرڻو اٿم.
    “گھڻن ڏينهن جو؟”
    “ ٻن ڏينهن جو. پوءِ اڳيان جهڙي شرڌا ۽ همٿ.”
    “ تيستائين هتي ئي رهندينءَ؟ هي ڪن ڪچرو. ڪو جيو جنتو.....” رُکي ڀاڀيءَ جي منهن تي حيرت ۽ چنتا جا ٻئي ڀاوَ هئا.
    “ تون بيفڪر رهج، مڙدي تي بجلي ڪرندي ناهي.”
    “ هي ڇا پيئي چئين؟ گھڙي کن ته گھر هل، چانهه پاڻي، نيرن ٻيرن.”

    “ اڄ ڪجھ به نه. اڙي ها اهو ته ٻڌاءِ گھر ۾ سڀ ڪيئن آهن؟ ٻار ٻچا چاڪ چڱڀلا؟ اشوِن جي ڪا خبرچار؟” ڪنچن ڳالهه کي ٻئي پاسي موڙيندي پڇيو. پر هن کان اهو شايد وسري ويو ته ڳالهه جو اهو رخ رُکي جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڻ برابر هيو، يا ته هوءَ پنهنجي ڳالهه کي ٽاريندي هن جي ڏک کي اظهارڻ جو موقعو ڏيئي رهي هئي.
    “ اڙي ادي، منهنجي اشوِن جي ته ڇا ڳالهه ڪريان. پوين چئن سالن کان ڪو به ڏس پتو ناهي. آخرين خط ممبئي مان آيو هو. ڇاتيءَ مٿي جوان ننهن ۽ وڌندڙ نينگر.! ڀڳوان مونکي ئي ڳولهي سزا ڏني آهي. نه ته مان مڙس مان ٺريس نه ئي اولاد مان.”
    “ ائين ٿيندو آهي. ان جو نالو ئي سنسار آهي. ڳالهه کي ٿورو مزاڪي نوع ۾ کڻندي ڪنچن با چيو.
    “ ان ۾ هين آهي ته تون آهين پنج هٿ پوري. جيڪو سهي سگھي ان کي ئي سڄو بار ڏبو آهي نه؟ ياد اٿيئي تنهنجي شاديءَ ۾ ڪهڙا نه ڦوٽاڻا ڳاتا هياسين!؟”
    رُکي با جو ڊگھو قد. سندس مڙس رتي لال کان به ڊگھو. شاديءَ ۾ ڄاڃياڻين کي ته مزو اچي ويو. 'چانور کان ڪڻڪ ڊگھي، ڙي الا ميان.....' رُکي با جا هٿ گوڏن تائين پهچن. شروع شروع ۾ گھٽيءَ مان نڪرندي هئي ته جھڪي هلندي هئي. هينئر وقت جھڪائي ڇڏيو اٿس.
    “ ڪنچن با تون به هاڻي ڪهڙيون پيئي ڳالهيون ڪرين!” پنجهتر سالن جي رُکي با جي گھنجيل منهن تي مرڪ ڊوڙي ويئي.
    “ مان ٿورو هرجي ڀاءُ جي گھران ٿي اچان ٿي. تون هل.” ڳالهه کي بند ڪندي ڪنچن با ڏاڪڻيون لهي ويئي. رُکي با کيس ويندي ڏسندي رهي. 'ڪنچن با ائين پيٽ ڪونه ڏيندي. پر ڪجھ نه ڪجھ آهي ضرور. هين مندر ۾ رهڻ ، ڪجھ به ٿي وڃيس ته؟ پر منهنجي ڳالهه ڪونه مڃيندي. هل ته وڏيري( درٻار) جي حويليءَ تي ڳالهه ڪندي وڃان.
    ڪنچن با هرجي پٽيل جي حويليءَ تي پهتي ته سهي، پر ڪڙو کڙڪائڻ لاءِ وڌيل هٿن کي واپس ڪندي موٽي آئي. 'هو نه ڳالهائيندو ته.' هئن ته پاڙيسري سمتا ۽ هرجيءَ جوسڱ به هن ئي ڪرائي ڏنو هو. سالن تائين هڪ ئي ڪٽنب جيان رهيا. سمتا پيٽ ڄائيءَ جيتري عزت ڏئي. پر جڳهه وڪرو ڪرڻ وقت هرجيءَ کي ٿوري مٺيان لڳي. اها جڳهه هن کي خريد ڪرڻي هئي. هن جي من ۾ ائين هيو ته ڪنچن با وارو گھر ملي وڃي ته ڀوشيه ۾ ٻنهي پٽن جا گھر ٿي وڃن. يڪو هڪ ورانڊو، چار ڪمرا ۽ اڳيان پويان پورتي جڳهه. ڍور ڍڳا ۽ ٻني ٻارو سڀ رهجي وڃي، پر ڪنچن با کي ٺاڪر صاحب اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو. مٿان وري ڪنچن با تي هن جا ڪيترا ئي ننڍا وڏا احسان به هئا. هن کي ناڪار به ڪيئن ٿئي. ائين هرجي ڀائي کي ناراض ڪرڻو پيو هو.
    ' ڇا سمتا پويون سڀ ڪجھ ڀلجي ويئي هوندي؟ هن کي ته مان ......' ڪنچن با جو من جملو پورو ڪري ان کان اڳ دروازو کليو. سمتا سامهون بيٺي هئي. سندس مٿي تي گھڙو ۽ هٿ ۾ دلي هئي.
    “ اڙي اما تون! اچ اما اچ. مان هاڻي ئي اڃا کيت مان چارو کڻي آئي آهيان. اسڪول وٽ رُکي با جي ننهن خبر ڏني ته با آئي آهي. مونکي ٿيو ته پهريان مٺي پاڻيءَ جي ٻيلهه ڀري اچان پوءِ با وٽ وينديس.
    سمتا جي آواز واري اتساهه ڪنچن با جي هٻڪ کي دور ڪري ڇڏيو. سمتا واپس مڙي.
    “ مونکي به لڳو ته سمتا گھر ۾ ڪانه هوندي. نه ته اچڻ بنا ڪيئن رهي ها. اهو ٿورو ڏنڪيءَ مان پاڻي ڀرڻو آهي.”
    ورانڊي ۾ پيل کٽ تي رلهي وڇائيندي سمتا چيو:
    ' امڙ ڏنڪيءَ مان پاڻي نه ڀرجو. خراب ٿي ويو آهي. لکڙي ترسو هينئر ئي ٿي مٺي پاڻيءَ جي دلي ڀري اچانو. توهان جو سامان ڪٿي آهي؟ '
    ' شڪتي ماتا جي مڙهيءَ ۾. '
    ڪنچن با جي ڪنن ۾ ڪانجي پٽيل جا لفظ گونجڻ لڳا. ' گوراڻي امان، هي گھر ڀلي تون وڪڻي رهي آهين پر جِيئري رهين تيسيتائين تنهنجو آهي. ڳوٺ ۾ اچين ۽ ڪٿي سامان رکنديس تنهنجي چنتا ـــ فڪر نه ڪج.' ڇا مون ئي منهنجي هٿان پنهنجي ويهڻ واري ٽاري ڪٽي آهي! خبر ناهي پر گھڻا دفعا ريت صحيح هئڻ جي باوجود حساب جو جواب غلط ايندو آهي. نه ته ڏس نه .......'
    ' وڏي ننهن ڇو ڏسڻ ۾ ڪونه ٿي اچي؟ ' کٽ تي ويهندي ڪنچ با پڇيو.
    ' وڏو ڪالو ته سندس پيءُ سان وڙهي سورت هليو ويو. ننهن نينگر ويا. مان ته روز توکي ياد ڪندي رهندي آهيان ۽ من ئي من ۾ تنهنجا ٿورا مڃيندي رهندي آهيان. سٺو ڪيوَ جو پنهنجي جڳهه بابا کي ڏيئي ڇڏيوَ. نه ته روز جا جهيڙا ٿين ها. منهنجي امڙ ته چوندي هئي ته سس جي چلهه جي ڀر ۾ ٻي چلهه ٺاهجي پر سهري جي گھر ٻاهران پير به نه ڌرجي، پر امان روز روز جي جهيڙن کان مان ته ڊڄندي آهيان. پري ئي سٺو. پريم به وڌي ۽ امن به قائم رهي. '
    ' ننڍي گريش جي خبرچار؟'
    ' هو پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻني ٻارو ڪندو آهي، اهو سٺو آهي. سندس شادي ڪئي آهي. ننهن اسان جي ناناڻڪي مان آهي. ڳورهاري هئڻ جي ڪري مائٽ وٺي ويا اٿس. تون لِک ترس. هينئر ئي رنجن ڇيڻو ليپي ايندي.'
    سمتا جي وڃڻ کان پوءِ ڪنچن با جو من به پينگھي سان گڏ .....
    ' وڏي پٽ چندرڪانت جي شاديءَ تي دعوت هتي ئي رکي ويئي هئي. لڳڀڳ سڄو ڳوٺ مانيءَ تي آيو هو. ڪيڏي نه اتساهه سان مون ننهن جو ستڪار ڪيو هو. مون ڪنهن به موقعي تي ڪڏهن به هٿ تنگ ناهي ڪيو. وڏي ننهن جي گود ڀرجي هئي ته کيس هتي ٻيلهه ۽ وکون کڻايون هيون سين. سٺي صحت جي ڪري بار سهي سگھي هئي. مٿان وري سندس مائٽن کي شوق ، ڀلي خرچ ٿئي، پرواهه ناهي اسان جي هڪ ئي سڪيلڌي ڌيءَ آهي. پيءُ جو ٻارهو ۽ ڌيءَ جو پهريون پيٽ روز روز ٿيندا ناهن. ڀڳوان ننهن کي پهرئين ڄم ۾ ديوتا جي چڪر جهڙو پٽ ڏنو. خوشي ئي خوشي هئي. تنهن کي به اڄ ٻارهن مهنا گذري ويا.
    'مي ... مي ... ' آواز ڪنچن با جي ڌيان کي ڇڪايو. ٻڪريءَ جو ڇيلو گھٽيءَ ۾ اچي هيڏي هوڏي گھمي رهيو هو. شايد ماءُ کي ڳولهي رهيو هو. ڪنچن با جي هرديه تي چندرڪانت جو پنجن سالن جو ننڍو پٽ ٽيڪو چڙهي آيو. هو مونکي ڳولهيندو هوندو. رات جو ڪنهن جي ڀر ۾ سمهندو هوندو؟ ماءُ پيءُ جي پاسي ۾ سمهڻ جي ته ٻنهي مان ڪنهن کي به عادت ناهي. چا ڪندا هوندا؟'
    “ اڙي منهنجي جيجل ! تون ڪڏهن آئي آهين؟” مٿي تان ڇيڻي وارو تغارو اڇلائيندي رنجن ڪنچن با کي ڏسي ڊوڙي آئي. سندس اتساهه ڪنچن با کي به ڀِڄائي ڇڏيو. هٿ ڇيڻي وارا آهن اهو ياد ايندي رنجن ڏنڪيءَ ڏانهن هلي ويئي. هٿ ڌوئي ڪنچن با کي هن ڀاڪي پاتي ۽ سندس ڀر ۾ ويهي رهي. ڪنچن با هن جي مٿي تان هٿڙا گھمائيندي چيو:
    ' تون ته ڏاڍي وڏي ٿي ويئي آهين. ڇيڻو ليپڻ به تو کي اچي ويو آهي. '
    'ها، هاڻ توهان چئه ان جي مٿان ڇيڻو ليپي ڏيانو. هاڻي ته مانيون پچائڻ به سکي ويئي آهيان. ' رنجن ڄڻ سڀئي سرٽيفڪيٽ اڄ ئي وٺي ڇڏڻ ٿي چاهيا تيئن چوندي ويئي.
    ' ڪائين ڪلاس ۾ پڙهندي آهين؟ '
    ' نائين ڪلاس ۾، پر پاڻ وٽ هت ڏهين ڪلاس تائين جي پڙهائي ٿيندي آهي. يارهون ٻارهون درجو پڙهڻ لاءِ ته ڪانپ ۾ ئي وڃڻو پوندو آهي. منهنجو بابو موڪل ڪونه ڏيندو.'
    ' مان چوندي سانس ته توکي اجازت ڏيندو. '
    'سچي؟'
    ' ها، سچ پچ، پر هينئر تون هڪڙو ڪم ڪر. آئون وڃان ٿي. سمتا اچي تڏهن پاڻيءَ جو دلو مونکي شڪتي ماتا جي مڙهيءَ تي پهچائي وڃجانءِ. '
    'پر گھڙي پل ته ويهو. با آکاڻي ٻڌايو نه.'
    'هيڏي وڏي جو ٿي ويئي آهين. ڏينهن جو آکاڻيون ٻڌائبيون آهن ڇا؟ مامو گھر ڀلجي ويندو. تون شام جو مندر اچجانءِ.' چوندي ڪنچن با اڳيون دروازو بند ڪيو. عينڪ اگھندي ڳليءَ طرف هڪ نظر گھمائي. پري کان ڪنهن موٽر سائيڪل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.


    3

    موٽر سائيڪل ۽ ڪنچن با لڳڀڳ ساڳئي وقت تي مندر جي گيٽ تي پهتا. گاڏيءَ کي اسٽئنڊ ڪندي جيوڀا ڳالهايو:
    “ جي نارايڻ امڙ.”
    “ جي نارايڻ.”
    ڪنچن با کي جَيوڀا جي آواز ۾ سندس ڏاڏي جي جھلڪ محسوس ٿي. کيس ياد اچي ويو اڄ کان پنجاه سال پهريان جو بڊي وارو سميه. آڪاس ۽ اک، ٻنهي مان ڪنهن هڪ جو پاڻي نه پي سڪو. ڪراچيءَ کان ڀڄي پاڻ ڳوٺ جي ديوي جهانپلدي جي اوٽي تي آسرو ورتو هو. هن طرح ئي ٺاڪر صاحب آيو هئو. ڊگھي قد بت ۽ آواز ذريعي ئي اڌ جنگ کٽي وٺندڙ شخصيت. گڏوگڏ ڇانو ڪندڙ نظر.
    جَيوڀا ويس ۽ وهنوار ۾ نئين زماني جي اثر ۾ هئو. ڪنچن با ساڻ ڏاڪڻيون چڙهندي چڙهندي ڇا چوڻو ان تي ئي غور و فڪر ڪندو رهيو. هُونئن به ڪنچن با ڳوٺ ۾ هوندي هئي ته هن جي سامهون وڃڻ کان ٽارو ڪندو هو. جيوڀا کي هميشهه لڳندو هو ته هن مائيءَ کان ڪجھ به لڪو نٿو رهي. هُو اڄ به هت اچڻ ٽاري ها ......
    “ ابا گهر سڀيئي مزي ۾؟” ڪنچن با جي سوال هن جي آڱر جھلي.
    “ ها، توهان کي وٺڻ آيو آهيان. بابا چيو آهي.” در جي ٻمڀي کي پڪڙي بيٺي بيٺي هن چيو.
    ڪماڙ وٽ ويهندي ڪنچن با جواب ڏنو :
    “ ايندس.”
    “ هنيئر ئي هلو.”
    “ هي انُشٺان پورو ٿئي پوءِ ايندس.”
    “ اسانجي گھر هلي انشٺان ڪجو. هي چوءماسي جا ڏينهن ۽ هين ورانڊي ۾، بيمار سيمار ٿي پوندينءَ ته.”
    “ ڀڳوان جهڙو سار لهندڙ ڌڻي ٿيو آهي، ۽ اگر بيمار ٿي پيس ته توهان وٽ اچي ئي کٽ ڍاريندس.”
    “ هين ٿا ڪيون. اڄ شام جو جڳديش ايندو ته هو چاٻي توکي ڏيندو ويندو.”
    “ نه ابا نه، چاٻي وٺي چا ڪنديس! مون لاءِ ته ڪمرو ۽ ورانڊو ٻئي هڪ جهڙا آهن.”
    “ پر امان ڀڳوان نه ڪري پر توکي ڪجھ ٿي پوي ته اسان ڪهڙو جواب ڏينداسين؟ ” جيوڀا جي آواز ۾ وينتيءَ کان شڪ وڌيڪ هو. ' ڪٿي هيءَ هيئن مري ويندي ته؟ الائي ڇو آئي آهي؟ نينگر نهرن کان وڙهي آئي هجي ۽ هتي اچي ڊگھي تاڻي ڇڏي ته؟ پوليس کي ته پڄي وٺنداسين، پر هرو ڀرو اهو سڀ ڪرڻو!.”
    ڪنچن با هن جي بنا پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو:
    ' پٽڙا تون بي فڪر رهُ. بابي کي چئج مونکي ڪجھ به ڪونه ٿيندو. اڃا ته سو سال پورا ڪرڻا اٿم. ' ڳالهه پوري ڪندي چيائين، “جڳديش سان مان ڳالهائي وٺندس. ڀلي هاڻ، جي نارايڻ.'
    “ جي نارايڻ.” وڃڻ جي تڪڙ ۾ جيوڀا بوٽ جي ڏوري به ڪونه ٻڌي. گاڏيءَ کي ڪِڪ هڻندي من ئي من ۾ چيائين: ' هيءَ رُکي با واندي ۽ تنهن کان وڌ واندو آهي بابو. ڪانپ ۾ ٽين بجي واري شو ۾ پهچي وڃان ته سٺو. ڏيڍ ته هت ئي ٿي ويو آهي.'
    ڪنچن با ڏٺو ته جِند ڇُٽڻ جي جلدبازيءَ ۾ جيوڀا ورانڊي وارو در بند ڪرڻ به ڀلجي ويو. هوءَ در وٽ آئي ۽ ڪڙو چاڙهي ڳليءَ ڏانهن ڏسندي رهي.
    ڳليءَ ۾ لڳڀڳ تمام گھر درٻارن جا هئا. اڌ بند ۽ سنسان آهن. وڏيون حويليون ۽ چوطرف ڀتيون. ديوارن تي رنگين ڪانچن جا نوڪدار ٽڪرا لڳل. چور ٽپي نه اچي تنهن جي لاءِ. اندر وڏو اڱڻ ۽ پوءِ مڪان. روشني اوطاق تائين ئي پهچي سگھي ٿي. اندر انڌڪار ۽ دونهي جو راڄ. هتي جي ٻوساٽ ڪڏهن آگ واري حادثي جي روپ ۾ ته ڪڏهن اچانڪ اپينڊڪس ڦاٽڻ جي روپ ۾ ظاهر ٿيندي هئي پر ستا ۽ سمپتيءَ جي زور تي اهو ويڙهيندي ڪهڙي دير!
    ڪنچن با کي ياد آيو. پهريون ڀيرو ماءُ سان گڏ ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي ويئي هئي. هوندي اٺن نون سالن جي عمر. امان گھاگھري ۽ چولي مٿان اوڍڻي اوڍائي ۽ خاص تاڪيد ڪئي ته ڪٿي اوڍڻي مٿي تان لهي نه وڃي. ان زماني ۾ هن ڳليءَ ۾ مٿي اگھاڙو ۽ پيرن ۾ چمپل پائي نڪري نه سگھبو هو. امان ته ڏاڍو منهن ڍڪيو هو. هوءَ هن ڳوٺ جي ننهن جو هئي.
    هر سال ٺاڪر صاحب جي زال جيجي ماءُ ستي ماتا جي تٿ تي ڪنوارِڪا سينگاريندي هئي ۽ گوراڻيءَ کي کارائيندي هئي. جيجي ماءُ پهريان ڪنچن با کي هنج ۾ ويهاريندي هئي پوءِ سامهون رکيل سندليءَ تي. ڪنڪو چانورن جو ٽيڪو ڪرڻ کان اڳ پڇندي هئي ' سنان ڪيو اٿيئي؟' ۽ کلي پوندي هئي. ننڍڙيءَ ڪنچن جي هنج ۾ ستارن وارو رتو چڻيو چولي رکندي هئي ۽ مٿي تان چنري اوڍائيندي هئي. هٿ ۾ چوڙيون پارائي پلو وڇائي پيرين پوندي هئي. هيڏي وڏيءَ جيجي ماءُ کي پيرين پوندو ڏسي ڪنچن ڊڄي ويندي هئي. پويان بيٺل ماڻس آشيرواد جا ٻول ٻوليندي هئي. ' سدا سهاڳڻ رهو، سدا سکي رهو، توهان جو ونش سدا وڌندو رهي.'
    ان ڏينهن امان جي آڱر پڪڙي هئي پر پوءِ به اوٽي تان آٿڙي ڇڻي هيس. اما هٿ جهلي جھڻڪيو هو. ڪٿان اونهي کوهه مان آواز آيو هو.
    'کمان توکي، هوريان هوريان.'
    اوندهه کان ڌيمي ڌيمي عادي ٿيندڙ نظر آواز کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. پهريان ته پڇنڊيءَ تي ٽامي پتل جا چمڪندڙ ٿانو ڏسڻ ۾ آيا. ننڍيون وڏيون ٻيلهون. ڪٿي لوٽا پيالا. ننڍيون ننڍيون وٽيون ته ڪليون هڻي لٽڪايون ويون هيون ۽ سينگار ڪيو ويو هو. پيڊلي تي پتل مڙهيل ٻه وڏا داٻلا. داٻلن کي ڏنل لوهه جا وڏا تالا. هنن تالن جي چاٻين جي ڇٻي کي ڪمر ۾ لٽڪائيون ته چيلهه به چٻي ٿي وڃي! هيٺ نظر ويندي ڏٺائين ته اهو جھيڻو آواز کٽ تي ويٺل جيجي ماءُ جو هيو. چانديءَ جي وٽ وارو چولو. نراڙ تي روپئي جيڏو تلڪ. سندس پٺين ديوار تي ٺاڪر صاحب جو رجواڙي انداز ۾ وڏو فوٽو لٽڪيل هو. بند گلي جو ڪارو ڪوٽ، رتي پڳهه ۽ سفيد چوڙيدار. واڍڪي ڪم سان اڪريل گل ٻوٽن واري ڪرسيءَ جي هٿن جي ڇيڙي تي شينهن جا مک اڪريل هئا.پير مٿان پير چاڙهي ٺاڪر صاحب شينهن کي هٿ سان سهلائيندي نظر اچي رهيو هئو.
    ٺاڪر صاحب جو فوٽو چٽايل هئو. جنهن جي هيٺان لکيل هو ' جساپر جو ٺاڪر صاحب شري ڪِرپال سنگهه هرپال سنگهه راڻا ' ڪنچن کي پڙهندي ڏسي جيجي ماءُ پڇيو. ' توکي پڙهڻ ايندو آهي، پٽ؟' ۽ امڙ سامهون نهاريندي چيو، ڪير گورڀاءُ پاڙهيندو آهي؟'
    'نه امان نه، هيءَ ننڍي وشوناٿ کي اسڪول ڇڏڻ ــ وٺڻ ويندي آهي اتي ٻه ــ چار اکر ڪنن تي پوندا اٿس. ننڍو ٿورو چاڳلو آهي، ڏاڍي مستي ڪندو آهي. کيس اڪيلو نه ڇڏي سگھندا آهيون.'
    وڏي ڀاءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ ننڍي ڀاءُ لاءِ امان جو ساهه مٺ ۾ رهندو آهي. ڀاءُ کي اسڪول ڇڏڻ وڃڻ، ۽ اسڪول ڇٽي تيستائين خيال رکڻ. ڪلاس جي ٻارن سان جهيڙو نه ڪري تنهن جو خيال رکڻ. ماستر کي خاص سوچنا ته کيس هٿ نه لائي. اگر ماستر ماري ته ڏاڏهنس اتي وڃي کيس ڌمڪائي اچي. پنچايت آفيس جي سامهون هڪ اوٽو. اوٽي مٿي ماستر ٻارن کي پڙهائي ۽ هيٺ ڌڌڙ ۾ کيڏندڙ ڪنچن مٽيءَ ۾ اکر لکندي وڃي. الف لکندي ٿيل انڀوتيءَ جو احساس اڄ به ڏسڻيءَ اڱر جي چوٽيءَ ۾ موجود آهي. اهو الف جڏهن پهريون ڀيرو لکي ننڍي ڀاءُ کي ڏيکاريو هو ته ڪيڏي نه خوشي ٿي هئي. بس اتان کان ئي لکڻ پڙهڻ جي لگني لڳي وئي. ڪڏهن ڪڏهن ننڍي ڀاءُ کي پڇندي هئي ته هو هيڊ ماستر جهڙو رعب ڄمائيندو هو. سکڻ سکائڻ ته پنهنجي جڳهه تي جهيڙو شروع ٿي ويندو هو. ڪٽي ٿي ويندي هئي. پاڻ ۾ رسي پوندا هئا. پر اسڪول وڃڻ واري ڪرت ته چالو رهندي هئي.
    ٻه اکر پڙهڻ جي سگھ ايندي ئي ڪنچن با بس، جتي ڪٿي ڪاڳر چونڊيندي گھمندي پيئي هئي. ان زماني ۾ صرف ٻن گھرن ۾ ئي اخبار ايندي هئي.هڪ ٺاڪر صاحب جي گھر ۽ ٻي شِوچندڀا جي گھر.ٺاڪر صاحب جي گھر ته اڪيلو وڃڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي. حويليءَ تي لسي وٺڻ لاءِ وڃي يا کوهه تان پاڻي ڀرڻ جي لاءِ وڃي تڏهن پير جي آڱرين سان ڪاڳر چونڊي ، ارد گرد جي ماڻهن جي نظرن کان بچندي گھاگھريءَ جي ور ۾ هڻي ڇڏي. بازار يا ڳليءَ ۾ جھڪي ڪري ڪا شيءِ کڻي نه سگھبي هئي نه ته گھر به مار پوي.
    شِوچند سيٺ جو ووئڻن ڦٽين جو وهنوار.ڪنچن با جو ڏاڏو ٻني ٻاري ۾ ۽ ڌنڌي واپار ۾ به ڀائيوار.بازار جا اگھ ڄاڻڻ لاءِ اخبار گھرائيندو هو.شِوچند ڀا ڪنچن کي پڙهندي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. آسمان واري ڇا سوچيو هوندو؟ اهي ٻه ٽي اکر لکڻ پرهڻ اچي ويا ڄڻ پار لنگھياسين. لنگھياسين؟ تُنبي جا تيرهن ڀوَ ڪنهن کي خبر!ڪير ڄاڻي؟
    'هي ڏسو نه منهنجو من به نه مڃي رهيو هو پر والايتي صاحب کي به راجڪوٽ موڪلڻو ئي پيو نه. ڇا ڪيان؟ ولايتي صاحب اهو ته ماڻس چاڳ جو نالو رکيو هو.اصل نالو ته پرويڻ سنگھ هيس.چئن نياڻين جي پويان هڪڙو پٽڙو. پٽ لاءِ ٺاڪر صاحب ٻه ڀيرا پرڻيو. جي جي ماءُ پاڻ پنهنجي ڀائٽي وٺي آئي. ان زماني ۾ اهڙا قصا ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونه هئي! ايشور جو حڪم پٽ کي جنم ڏيڻ بعد هوءَ ويم ۾ ئي گذاري وئي.چوندا آهن ته ويم واري استريءَ جو هڪ پير ته مساڻ ۾ ئي هوندو آهي! ماڻهو ڳالهيون ڪندا هئا. 'جيجي ماءُ جي پيٽ ۾ توهان ڀلي نَوَ مهينا رهو ته به توهان کي خبر نه پوندي ته ان ۾ ڇا آهي؟ڏاڍي اونهي مائي.' پر پٽن کي اکين جي رتنن جيان جتن ڪري هن ماڻهن جي مُنهن تي تالا هڻي ڇڏيا هيا.
    هي ولايتي صاحب ئي جساپر ۾ نئون زمانو وٺي آيو. حالانڪ انهي جي وڏي قيمت کيس ادا ڪرڻي پئي.شايد ان ڪري ئي ماڻهو اڄ کيس ڀلاڀائي چوندا آهن.
    ڀلا ڀائيءَ جي گھرواري هري پريا ڪنچن با جي وهيءَ جي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن با وٽ دل جو درد اوريندي هئي.هري پريا ڀلا ڀائيءَ جي انگريزيءَ جي ماستر جي ڌيءَ. کلندي کلندي چوندي هئي، 'بابا سائين اسان کي پريم جي ڪويتا پاڙهيندي پاڙهيندي پريم جو پاٺ به پڙهائي ڇڏيو.' جهوني ڳالهه ياد ايندي ڪنچن با جا چپ ٿورا مشڪي پيا. 'ان وقت مان سائيڪل سان ڪاليج ويندي هئس ۽ ٺاڪر صاحب ته هاسٽل ۾ ئي رهي پر شام جو سنگيت جي ڪلاس ۾ وڃان ته پويان پويان هو موٽر سان اچي.مان هلندي هجان ۽ هو مونکي موٽر ۾ وهڻ جو اسرار ڪري. ويهان ته به ماڻهن لاءِ مزاڪ ۽ نه ويهان ته به تماشو.'
    هري پريا جي پيءُ کي پهريان خبر پيئي پر سڌريل ويچارن جو هئو انهيءَ ڪري اعتراض ڪون ڪيائون. پر پڌري پَٽ ساٿ به نه ڏنائون. ڀلاڀائي لاءِ ته نيسارن جو پاڻي مٿي چاڙهڻ جهڙي ڳالهه هئي. هن شادي ڪئي پر جيئرو رهيو تيستائين پيءُ نه هن سان ڳالهايو نه ماءُ ننهن جي هٿ جو پاڻي پيتو.سندس ٻار ڏاڏي ڏاڏيءَ ٻنهي جو ساهه پساهه! جيوڀا ڪاليج ڪري هتي وارو ڪاروبار سنڀاليندو آهي ۽ وڏين ٻِن ڀينرن مان ڪُنج ٻالا داجينگر جي ٺاڪر صاحب جي چترڪار پٽ سان پرڻائي آهي ۽ ننڍي ونودٻالا آرڪِٽيڪ وارو علم پڙهي پرديس هلي وئي آهي، شادي ڪونه ڪئي اٿس. هري پريا گذريل سال گذاري وئي. اخبار ۾ پڙهيو هيم پر وڏڙي پڳڙين ۾ وڃڻ نه ڏنو. ' اسان جو هنن ۾ ڇا؟ هو ڪهڙا اسان جي نات جا آهن جو .... ' ڪنچن با کان شوڪارو نڪري ويو. هوءَ ٿڪل قدمن سان واپس آئي ۽ مندر جي اوسريءَ ۾ ساڙهي ڦهلائي اهلي پئي.
    ننڊ ته نه پي آئي ۽ پيرن ۾ به جلن ٿي رهي هئي. 'اڃا گھڻو پنڌ باقي هوندو؟' آڪاس ۾ بادل مڙڻ لڳا هئا ڏينهن جي روشني ٿوري جھَڪي ٿي وئي هئي. آرسيءَ تي ٻاڦ ڄمي وڃي تيئن. هونئن ته هي بڊو هو، پر هن سال نه ته ساوڻ سٺو رهيو نه بڊو ڀرپور. مندن جي چال به ڪافي بدلجي وئي آهي. مندون ئي ڇو ، هن کي ٿيو سڀ ڪجھ بدلجي ويو آهي.ان ئي وقت ويچارن کي ٽوڙي ڇڏي اهڙي آواز سان گڏ گيٽ وارو دروازو ڪنهن کڙڪايو.


    4

    گيٽ جي دروازي جي آواز سبب ڪنچن با اٿي بيٺي. هن کي لڳو ڪو ڍور مٿو هڻي رهيو آهي. چشمو اکين تي چاڙهي ڏٺائين ته ڪا ڇوڪري لڳي. موتيو لهرايو آهي پر چهرو جلد سڃاپجي نٿو. ڏاڪڻ لهي ڏٺائين ته رنجن هئي. هڪ هٿ ۾ مٽيءَ جي دلي ۽ ٻئي هٿ ۾ پتل جو لوٽو. لوٽي مٿان پتل جي ڪٽوري ڍڪيل هئي.ڪنچن با کي هن ڏسندي چيو:
    'امڙ ٿورو گيٽ ته کوليو. منهنجي ٻنهي هٿن ۾ شيون آهن.'
    ڪنچن با جي اڳيان ڏاڪا چڙهندي چڙهندي رنجن چيو، ' مونکي ايندي ٿوري دير ٿي وئي آهي . ٿي وئي آهي نه؟ اچو چانهه پي وٺو.'
    'مون ته توکي صرف پاڻيءَ جو ئي چيو هونه اڄ مونکي ٻيو ڪجھ به وٺڻو ناهي.'
    'امڙ تون ڪٿي ڇوتِ ڇات ۾ مڃي ٿي؟ 'چوندي رنجن وٽيءَ ۾ چانهه اوتي.
    رنجن جي ڳالهه سچي آهي. ٻيا برهمڻ ته چانهه جي به دعوت هجي ته ميزبان جي گھر وڃي نه پين بلڪ گھر ئي کنڊ ، چانهه جي پتي ۽ کير گھرائي وٺن. مانيءَ جي دعوت هجي ته پاڻ پچائين پاڻ کائين. ڪنچن با ڪچي پڪي سيڌي جي رامايڻ ۾ پوندي ئي نه هئي.دعوتن ۾ رڌ پچاءُ جي لاءِ ويندي هئي پر کائيندي ڪونه هئي. آخرين دعوت ڪراچيءَ ۾ آکاڙي پونم تي کادي هئائين. وڏي پٽ گوتم جي جنم ڏينهن تي.هوا بندر تي ڪنچن با جي مڙس امرت لال جي ڀائيوار ڪهان مل موتا جو وڏو بنگلو. سرخ پٿرن جي اها حويلي. ڪهان مل جي وطن بيڪانير ۾ به اهڙي ئي حويلي هئي. هر سال امرت لال گوتم جي جنم ڏينهن تي وڏي دعوت ڪندو هئو. ڪهان مل جي دلي اڇا هئي ته دعوت ان جي ئي بنگلي تي ٿئي.هن کي گوتم سان ڏاڍو پيار هو.هن جي هٿن سان ڌنڌي جو مهورت ڪرائيندو هو.
    وٽيءَ مان چانهه جي ٻاڦ کي نڪرندي ڏسي ڪنچن با کي ڪهان مل جي اڱڻ وارا ڦوهارا ياد اچي ويا. گھر۾ ٻه بگيون ۽ هڪ موٽر. ننڍڙو راڄواڙو ئي سمجھو.هونئن ته ڪنچن با جي گھر ۾ به ڪهڙي ڪمي هئي؟ هن ورهاڱي ته کين چوطرف کان لٽيو هيو.
    .... ڇا ڇا ڳڻجي؟
    ' ڪهڙن ويچارن ۾ پئجي وئينءَ امڙ؟ هيءَ چانهه ٺري ٿي پئي.'
    هين! ها ، ڏي پي وٺان.'ڪنچن با ڍڪ ڀريو.
    'امڙ چانهه سٺي ٿي آهي نه؟ مون هن ۾ سُنڍ به وڌي آهي.'
    ' ها پٽڙا، چانهه سٺي ٺهي آهي. بس هاڻي منهنجي سمتا کي ڪنهن ڳالهه جي چنتا ناهي. ڌيءَ رنڌڻو سنڀالي سگھي اهڙي ٿي وئي آهي.'
    ' نه ڀئي. مونکي ته رنڌڻي سان اصل وڻندو ناهي.'
    'ڇو، ته پوءِ ساهُري ويندينءَ تڏهن ڇا ڪندينءَ؟'
    ' مونکي ته لکي پڙهي ادي اروڻا جيان هيکلو ئي رهڻو آهي.شادي ڪرڻي ئي ناهي.'
    ڪنچن با جي ڌيءَ اروڻا گانڌينگر سچيواليه ۾ نوڪري ڪندي آهي. رنجن کي ايتري ڄاڻ هئي ته هوءَ اڪيلي رهندي آهي.هن کي ڪهڙي خبر ته اڪيلو رهڻ جي معني ڇا آهي؟
    'هين امڙ، هاڻي ته تون هتي ئي رهندينءَ نه؟'
    'هتي مونکي ڪير رهڻ ڏيندو؟'
    'ڇو، اسان جو گھر ناهي ڇا! ۽ احمدآباد مان چندو ڪاڪا کي خط لکي ڇڏينديس ته ماءُ صرف تو اڪيلي جي ماءُ ناهي!'
    رنجن جو اڌيڪار ڀاو ڏسي ڪنچن با نه ته خوش ٿي نه نراس.
    'هين امڙ تون رهندينءَ نه؟ پوءِ روز آکاڻيون چئج. اڳ اڌڪ ماس ۾ڪهڙيون نه سٺيون آکاڻيون تون ٻڌائيندي هئينءَ.تون وئي آهين تنهن کان پوءِ هڪ ڀيرو به ڏڻ تهوار ملهائڻ ۾ مزو ناهي آيو.جاگرڻ ۾ به سڀيئي چٻري جيان ٽي ويءَ ۾ منهن وجھيو ويٺا هوندا آهن.نه کيڏن نه ڳائين ۽ نه ئي راس ڪن. ۽ امڙ هن جڳي ڀائي کي ته پوجا ڪرائيندي به ڪونه ٿي اچي.'
    ' ڇو ائين پئي چئين؟'
    پوڄا ته ڪرائيندو آهي پر ورت وغيره ۾ ته پنجن ئي ڏينهن جي پوڄا پهرئين ڏينهن يڪي ڪرائي ڇڏي.۽ ڳوٺ جي تمام ڇوڪرين کي گڏ ڪري. ڄڻ ڇنڇر هجي اسڪول ۾ سڀيئي ورزش ڪرڻ جي لاءِ لائين ۾ بيٺيون هجن ائين پيو لڳندو آهي! اسڪول ۾ ته مائيڪ هوندو آهي جنهنجي وجهه سان پهرين ڇوڪري جيڪو ڪجھ ڳالهائيندي آهي اهو آخرين قطار تائين ٻڌڻ ۾ ايندو آهي. هتي ته اگڙم .... بگڙم ..... پنهنجو پاڻ کي جيتري پوڄا اچي اوتري ڪريو. ۽ آرتيءَ جي ٽاڻي ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڀڳوان جي نه، اڳيان بيٺل ڇوڪريءَ جي پٺيءَ جي آرتي ڪندا هجن ائين پيو لڳندو آهي.'
    مير مئي . تون ته ڏاڍي ڳالهيار آهين.'
    ماءُ جو سُنهن، هڪ دفعي ته هن ڀاونا با جي ڌيءَ روپليءَ جي چنيءَ کي ڏيي مان ٽانڊو لڳي ويوهو. اهو ته ٺيڪ ٿيو جوهوءَ وري به بچي وئي.'
    ڪنچن با سوچيو 'جڳديش کي ايتري به خبر نه پوندي هوندي ڇا؟ ٻارن جي مائٽن کي سار سنڀال لهڻ گھرجي، پر انهن ويچارن کي واندڪائي ڪٿان آئي؟ کيس ياد آيو هوءَ پهريون دفعو جڏهن ستيه نارايڻ جي ڪٿا ڪرڻ وئي هئي تڏهن يجمان پتي پتنيءَ چيو 'گوراڻي ماءُ هٿ پاڻي وٺرائي ڇڏيو ته ڪنڪو ڇٽڪاري هلندا ٿيون. ڪٿا پوري ٿئي تڏهن هي پرساد ورهائي ڇڏجو.۽ ٻئي ٻنيءَ تي هليا ويا.پل جي واندڪائي نه هجي اهي ڀلا پنج اڌيايه ٻڌڻ جي لاءِ ڪٿان ٿا ويهي سگھن؟ اها ته ڪنچن با هئي جنهن سڄي ڪٿا پڙهي. ٻيو ڪو هجي هاته يجمان وڃي ۽ گور (برهمڻ) به گھر ڀيڙو. پر يجمان لاءِ اها ڪٿا ضرور ڦلدايڪ ٿيندي آهي. هن جو اپواس ۽ سندس گرهست ڌرم ٻئي مالڪ جي ڌيان ٻاهر نه وڃن پر هن برهمڻ کي ته ڪنهن به ريت قرض چڪائڻو ئي پوي. ڪنچن با کي ٿيو 'مان ڇا ڪيو هوندو؟ مونکي اڃا گھڻو چڪائڻ باقي آهي.
    ڪمري واري گھڙيال ۾ پنجن جا ٽڪورا لڳا ۽ ڪنچن با جو ڌيان اوڏانهن ويو.رنجن ويٺي ويٺي پٽ تي چاڪ سان ڪجھ ٺاهي رهي هئي. ڪنچن با اٿي سندس ڀر ۾ ويئي. رنجن سموري ڌيان سان ميلي جوچٽ چٽي رهي هئي. پينگهون، جھولا، ڦوڪڻن وارو، جادوءَ وارو .... هڪ ريڙهيءَ تي الڳ الڳ ٿالهن ۾ گول چوڪنڊيون ۽ شڪرپارن جي آڪار واريون شيون پيئون هيون.رجن ٽُٻڪا ٽُٻڪا ٺاهيندي پئي ويئي. ڪنچن با پڇيو :
    'ڇا ويٺي ٺاهين؟'
    'مٺائيءَ مٿي اڏندڙ مکيون.' چوندي هوءَ وري پنهنجي ڪم کي لڳي ويئي.رنجن جو هٿ ته ڪجھ ٺيڪ هو پر سندس مشاهدو سٺو هو. ڦوڪڻو ڀريندڙ ڦوڪڻن واري جون مٽون، مٿي تي گھڙو کڻي پاڻي ڀرڻ ويندڙ باندر. پاسي ۾ ويهندي سندس مٿي تان هٿ گھمائيندي ڪنچن با پڇيو:
    ' توکي چتر ٺاهڻ ڏاڍو وڻندو آهي ڇا؟'
    ' ها. پر منهنجو بابو وڙهندو آهي. چوندو آهي ههڙا چتر ٺاهي ڪيڏانهن وڃڻو اٿيئي؟ هن مان ڀلو ڪونه ٿيندءِ . پر امڙ، اسان جي ماسترياڻيءَ کي ته اسڪول ۾ نوڪري ملي آهي.'
    رُکي با جي پُٽ اشوِن جي زال سمِتا اسڪول ۾ چترن جي ماسترياڻي آهي.پر ڳوٺڙن ۾ ته استاد کي مول وشيه کان علاوه ٻيا به وشيه پاڙهڻا پوندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن ٻن ڪلاسن کي گڏ وهارڻو پوندو آهن تڏهن ٻه وشيه به پاڙهڻا پون.
    “مان سمِتا کي چونديس ته توکي چترن جي امتحان وارو فارم وٺي آڻي ڏي. ۽ خاص ڌيان ڏيئي توکي سيکاريندي.”
    “ هن کي ته خبر آهي. هن ئي مونکي چيو هو ته پوءِ احمدآباد، بڙودا يا ممبئي وڃي اڳيان چترن جو پڙهجي ته نوڪري به ملي.”
    سمِتا جو ڌيان هُونئن ته ڪٿان وڃي. ڇو ته اسڪول ۾ خاص ڪو ان طرح جو ماحول نه ملي ۽ وقت به نه. ٻارن کي يارهن کان پنجين تائين شانتيءَ سان ويهاري سگھو ۽ آرام سان ڪاڳر ڀري سگھو ۽ فارم وغيره موڪلي سگھو ، ايترو ڪافي آهي.هڪ طرف استادن جي ڪمي هجي ۽ ٻي طرف نئين ڀرتيءَ تي بندش هجي . انهيءَ ۾ به مقامي رهڻ وارا ٻه چار . باقي ٻيا پاسي وارن شهرن مان اچ وڃ ڪندڙ.
    سمِتا جو ساهرو ڳوٺ ۾، وري هن جا ساماجڪ رشته به هئا. هڪ دفعو آرتوار جو هوءَ ڪپڙا ڌوئڻ جي لاءِ تلاءَ تي ويئي.وڃي ڪپڙن جي هڙ ۽ ڏول رکي، ته رنجن ڊوڙي وڻ جي پويان لڪي رهي. سمِتا ڏٺو ته رنجن مينهن جي پُٺيءَ تي لغڙ اڏائيندڙ ڇوڪريءَ جو چتر ٺاهيو هو.رنجن کي کٽڪو ٿيو ته ماسترياڻيءَ کي خبر پئجي ويندي ته مان اسڪول مان چاڪ چورائيندي آهيان. پوءِ ته رنجن کي سفيد ئي نه پر رنگين چاڪ به ملڻ لڳا.اسڪول ۾ رنگولي ، چترن يا مينديءَ جو مقابلو هجي سڀني هنڌ رنجن. پر مينهون چارڻ ويندي سڀ کان وڌاري مُڪتي مينهن جي پٺيءَ تي چترن ٺاهڻ ۾ محسوس ٿيندي هئس.هن جو انوکو بليڪ بورڊ ۽ ڪلپنا جو رنگين آڪاش! پر جڏهن کيس ياد ايندو هو ته بابا ....
    'امڙ ادي اروڻا کي تو شهر ۾ پڙهائيءَ جي لاءِ موڪليو هيو نه؟'
    ' ها پر چترن جي پڙهائيءَ لاءِ ته ڪارتِڪ کي موڪليو هيو. پر هو واپس آيو. '
    ' ڇو؟'
    ان ۾ ڏاڍي محنت ڪرڻي پوندي آهي. هڪ مُشت اٺ اٺ ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي! ڪڏهن ڪڏهن وڏو چتر هوندو آهي ته ڏينهن به لڳي ويندا آهن. بِيهڻو پوندو آهي. ڪارتِڪ پڙهائي مڪمل ڪونه ڪئي. واپس موٽي آيو.
    ' پر امڙ، وڻندڙ ڪم ۾ ته مزو ايندو آهي نه؟'
    ' ها تنهنجي ڳالهه صفا سچي پر گھڻن کي ته اڌ زندگي نڪري ويندي آهي تيستائين ڇا وڻندو آهي تنهن جي به خبرئي نه پوندي آهي. هن رُکي با واري اشوِن کي ئي وٺو! مڏ مئٽرِڪ ٿيو. پوءِ چيائين ڌنڌو ڪرڻو آهي. ته ويچاري رکيءَ قرض کڻي پيسا ڪري ڏناس ۽ ڪپڙي جو دڪان ڪيائين. هاڻي هتي ته سٺي ڀاڄي وٺڻ جي لاءِ به ماڻهو ڪانپ وڃن اتي هن جو دڪان ڪٿان هلندو؟ سال اڌ هت هُت گذاري وري چيائين ڪاليج ڪرڻي آهي. اها به اڌوري، پوءِ ناٽڪن جو رنگ لڳس. هينئر ته رام ڄاڻي ڪٿي هوندو؟'
    'امان سڀيئي چون پيا ته سندس ماءُ پيءُ جو پتو ڪونهي، اها ڳالهه صحيح آهي؟'
    'ڪهڙي خبر پُٽ! جهڙا جنهن جا ڪرمَ. تون ڇڏ انهن ڳالهين کي هاڻي گھر وڃ. سمتا واٽ نهاريندي هوندي.'
    ' پر پهريان چئُه تون آکاڻي ٻڌائيندينءَ نه؟'
    'پر ڪهڙي؟'
    ' بس، ڀلجي وئينءَ ؟ اڌِڪ ماس واري!
    ڪنچن با کي ٿيو رنجن کي ياد آهي هوءَ پاڻ ڇو ڀلجي ويئي؟ هُونئن ڏسجي ته سڀ ڪجھ ياد رهي اهو به ڪٿي سٺو آهي! هينئر ته لڳي ٿو ته ڀلجڻ ۾ ئي سُک آهي. پر هيءُ من موٽي موٽي .....
    ' چڱو سڀيئي گڏ ٿيندا ته اڌڪ ماس جون آنندڌارا مان ٻه چار آکاڻيون پڙهبيون. پر منهنجي چوپڙي ته احمدآباد ۾ ئي رهجي ويئي آهي.'
    'منهنجي ماءُ وٽ آهي چوپڙي پر هن کي تو جهڙو پڙهندي ڪونه ٿو اچي. مان کڻي اينديس.'
    ' ڀلي. هي ٿانو ٺڪر کڻندي وڃ. ۽ هاڻي مونکي پڇڻ بنا ڪجھ به نه کڻي اچجانءِ.
    رنجن جي وڃڻ کان پوءِ ڪنچن با هڪ پل لاءِ بلڪل واندي ٿي وئي. اچانڪ کيس سڀ ڪجھ خالي خالي محسوس ٿيڻ لڳو. رنجن هئي ته سڀ ڪجھ ڀريو ڀاڳيو پئي لڳو.ڪڏهن ڪڏهن ته صفا ٽمٽار. جنهن جو بار به محسوس ٿيندو هو. شايد پاڻ ورتمان ۽ ڀوتڪال جي ڇڪ تاڻ ۾ رکي رکي ڦاسندي پِئي ويئي. ڪوشش ڪري نڪتي پئي ته وري به جڪڙجي ٿي وئي. ۽ هاڻي هڪ دم اداس ٿي وڃي اهڙي واندڪائي! توهان ڪنهن باسڻ کي ڀريل سمجھي کڻڻ وڃو ۽ اهو خالي هجي اهڙي!
    ڇا ڪجي؟ ڪليءَ مان ٿيلهي لاهي ان مان مالها ڪڍي. گئو مکي ڪڍي.گئو مکيءَ جي رتي ڪپڙي کي بي ڌيانيءَ سان نهاريندي سوچڻ لڳي. 'هيءَ ڇا جي لاءِ ؟ مالها ڦيريندي گئو مکي هٿ ۾ پاتي ويندي آهي. ڪنهن کي مالها نظر نه اچي تنهن جي لاءِ! اسان کي ائين ڌرم آچرڻو، جنهن جي ٻئي کي خبر به نه پوي، تنهن جي لاءِ هوندي؟ حقيقت ۾ ته پنهنجي هستيءَ ۾ پڻ اهڙي سڀانتا اهڙو هوش ڳري وڃڻ گھرجي.مون ته سوا لک جاپ ڪيا. مان ته هر روز ٽي ڪلاڪ پوڄا ۾ ئي هوندي آهيان، هر اگيارس تي اُپواس ۽ سيڌو ڏيڻو ئي، ساڍا چار مهنا هڪ ٽاڻا ڪرڻا ئي. فلاڻي تٿ تي گانءِ کي گاهه ۽ فلاڻي تٿ تي اڀيشيڪ! اسان کي ته اندر ٻاهر هر جڳهه تختيون لڳائڻ کان سواءِ هلندو ئي ناهي!
    ڪنچن با ستي ماءُ جي اسٿانڪ وٽ نم جي وڻ هيٺان اوٽي تي ويٺي. هڪ مالها پوري ٿيندي مالها وارو وڏو مڻيون ۽ ڦندڻ هٿ ۾ آيو. ٻي پل ۾ ئي مالها جو مڻيون آڱرين ۾ اچي ويو. وري ٻي مالها. هڪڙو نه رڪجندڙ سلسلو. هن زندگيءَ جو به ڪجھ اهڙو ئي ته آهي. گھڻا دفعا ائين لڳندو آهي ته شڪر هاڻي هن ما ڇٽاسين! پل ڀر من ساهي پٽي نه پٽي اتي ٻيو مڻيون حاضر. وري نئين مالها ، نئين زندگي، نئون پاٺ! ٿي سگھي ٿو اهو سلسلو ئي زندگي هجي.
    ڏينهن ڌيري ڌيري مُڙڻ لڳو هو. ڪنچن با جا چپ هوريا هوريان چُري رهيا هئا، آڱرين جي وچ مان مڻيان سُري رهيا هئا۽ اکيون گيٽ طرف کتل هيون. شايد هوءَ راهه ڏسي رهي هئي.


    5

    گھڙيال ۾ ڇهن جا ٽڪورا لڳا ۽ ڪنچن با جون مالها ڦيريندڙ آڱريون بيهجي ويئون. جاپ ڪندي چُرندڙ چپ، اڌ کليل اکيون، سرلا ڪن ۽ ڪنهن ٻي پٽيءَ چڙهيل من .... ڪنچن با جي اندر ۾ سڀ ڪجھ گڏجڻ لڳو هو.گذريل ڏهن سالن کان گھڙيال جي ڪانٽن سان ڳُتيل زندگيءَ جو سميه پترڪ 'ساوڌان' ڪندو هو ۽ وري ياد ايندي 'وشرام.' آنند' ڪراٽي جي ڪلاس مان اچي ويو هوندو؟ مندر جو دروازو کڙڪندي ئي ڪنچن با جو ڌيان ڇڪجيو. هوءَ پڇڻ لڳي: ڪنهن جو ڪم اٿو؟ پر موٽندي ئي 'اڙي هي ته ماءُ جڳدمبا جو اسٿانڪ. هتي ڀلا ڪنهن کي ڪم نه هوندو! پنهنجي سامهون شرمسار ٿيندي هن اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    گيٽ کوليندي ئي جڳديش جي اک ستي ماتا جي اوٽلي تي ويٺل ڪنچن با کي ڳولهي ورتو. هُونئن ته ڳوٺ ۾ پير رکندي ئي کيس خبر پئجي وئي هئي. بازار ۾ هريش جي دڪان تي ويٺل هرجي پٽيل واري گريش ته سڌو فرمان ڪڍيو هو.
    'جڳا ڀائي ، ٻڌ ٽپڙ ٽاڙي ۽ هلندو ٿي.'
    'نه،نه، گريش صفا ائين ڪيئن ٿيندو؟ هريش کي ٺارڻ جي اداڪاري ڪندي جلائڻ جي ڪئي.
    'اڙي ناٺي، هن کي توهان سڃاڻو ڪونه. ٻي ڀانت آهي.'
    جڳديش گھٻرائيندي چيو، اڙي ادا ڪجھ سمجھائيندا به سهين يا ٻئي ائين ئي لڙندا رهندا.'
    'هل مان چوانءِ ٿو.'چوندي جيو ڀا جڳديش جي ڪلهي تان هٿ ورايو.
    حويليءَ تي ٻاپوءَ ايترو ئي چيو، 'اڄ وڃين تڏهن چاٻي ڪنچن با کي ڏيندو وڃج.'
    جڳديش کي ڪافي ڪجھ پڇڻو هو ته، اهو سڀ ڇا جي لاءِ؟ پر هن جي همت نه هلي.اها ته جيو ڀا سان دوستي آهي جو هيترو بِيهڻ لاءِ به مليو نه ته ..... پر اندر ۾ ڊپ ته ٿيو ئي. هيءَ پوڙهي هاڻي؟
    سائيڪل بِيهاريندي جڳديش ڏٺو.ڪنچن با مالها مڪمل ڪندي مير (وڏو مڻيون) اکين تي رکي رهي هئي.'نه نه هيءَ ڪراڙي اهڙي ته ڪانه ٿي لڳي جو ڏنل ڏاڻ واپس وٺي.' کيس ڪنچن با جي خاص واقفيت ڪانه هئي. ڀر واري ڪنهن به ڳوٺ ۾ چوراسي ٿئي تڏهن آسي پاسي وارن ڳوٺن مان برهمڻ خاندان ڪڏهن ڪڏهن ملن پر ڪنچن با جو اهڙن موقعن تي به نه وڃڻ جو نيم. چڱن ــ لڱن موقعن تي سندس حاضري هوندي آهي. جڳديش پهريون ڀيرو سندس ڏاڏي جي ديهانت تي ڪنچن ٻا کي ڏٺو هو.هوءَ پڇڻ آئي هئي.
    رامپرا ڪنچن با جو ساهرو. هُونئن ته سالن کان سندس ڪٽنب ڪراچيءَ ۾ واپار ڪندو هو. سندس سهري جو جنم به ڪراچيءَ ۾. جنهن ڳوٺ ۾ نه ٻالڪپڻ جون يادون هجن نه بابي جو ٻني ٻارو اهو ڀلا پنهنجو لڳي به ڪيئن ٿو سگھي؟ امرت لال ته ڳوٺ جواجھور( مال جي وهڻ جي جائي. جھنگ) به ڪونه ڏٺو هو. ورهاڱي بعد ڪنچن با جساپر آئي ۽ رامپرا سان ٿورو ڇڊوپاڊو ناتو وري جيئرو ٿي پيو.
    جڳديش کي ڏاڏي جي موت وارو منظر اڃا به ياد آهي.ان وقت سندس عمر ستن اٺن سالن جي هوندي. ڳوٺ جون ميراسياڻيون روز اچي مرثيا ڳائي ڇاتي ڪُٽينديون هيون. گھر جي زالن کي به انهن جو ساٿ ڏيڻو پوندو هو. جڳديش جي ماءُ ويچاري ٽن ڏينهن کان اهو ظلم سهندي رهي هئي. هڪ ته دم جي بيماري ٻيو اهو روئڻ پٽڻ. مٿان وري ڪٽنب وارن جا چڙهيل لٿل منهن ڏسڻ اهو جدا!ڪنچن با هڪڙي هڪل سان ئي اهو سڀ بند ڪرايو.
    'بابا مزي جي سائي ٻني ڇڏي ويو آهي.۽ نوي سالن جي عمر ۾ هلندڙ چلندڙ ماڻهو پٽ جي ڪلهي چڙهي وڃي ان کان وڌيڪ نصيبدار ٻيو ڪير! هاڻي صبر ڪريو۽ پويان جيڪي رهجي ويا آهن انهن جي ته ڀلائيءَ جي ڪامنا ڪريو. ڀڳوان جو نالو وٺو.'
    جڳديش سوچيو 'هيءَ مائي پٽ وٽ پرڀو ڀڄن ڪرڻ جي لاءِ وئي هئي، وري هت ڪهڙا ٻُڪ ڀرڻ آئي آهي؟' هن طيءِ ڪيو ته ذرا خيال رکڻو پوندو.
    مالها پوري ڪري ڪنچن با نهاريو. جڳديش مندر جي اوسريءَ وارو ڄاريو کولي رهيو هو. جڳديش جي ڏيک، اوڍڻ پهرڻ ۽ ڌنڌي جو ڪو ميل ڪونه هو. چٽڪمرو وڏن گلن وارو بش شرٽ۽ پينٽ، مٿي تي وڏو پٽڪو ۽ وات ۾ تماڪ جي ڪري هيٺيون چپ سُڄيل. 'سرڙ سرڙ ' آواز سان جڳديش مندر ٻهارڻ لڳو. هو ٻهار ڪڍي رهيو هيو يا دز اڏائي رهيو هو! ڪنچن با سوچيو ' هڪ سٺي ٻُهاري هجي ته مندر سٺي نموني صاف ٿي سگهي.' سڀاڻي سمتا کي چونديس هوءَ وٺي ايندي. پر هي جڳديش ڪجھ الٽو ئي سمجھندو ته!پر ماتا جي ڪم ۾ به سوارٿ کي سنگھي اهڙي نڪ جو ڊپ ڇو رکجي؟ ڇا زندگي ڀر ماڻهن کي ڏيکاريندا ڦرون! ثبوت، خُلاصا، تصديق ناما ۽ پرماڻ پتر! نه ڀائي، مان ته هڪ منهنجي رام کي جواب ڏيڻ جي لاءِ ٻڌل آهيان.ٻين جو برو ٿئي ته چنتا.
    اوسريءَ ۾ اچي هن مٽيءَ جي دليءَ مان پاڻي پيتو. ماتاجيءَ جو ڪمرو کليل هو.ڪمري جي ڪماڙ وٽ بيٺي بيٺي درشن ڪرڻ لڳي.ڪمري جي سامهون واري ڀت ۾ برابر وچ تي ٽي ڏاڪڻيون ٺهيل هيون.ٽين ڏاڪڻ تي شينهن مٿي سوار اشٽ ڀجا ماتاجيءَ جي ٽي کن فوٽن جي سفيد آرس پهڻ جي مورتي هئي. ماتاجيءَ جو سوَروپ سندرتا ۽ شڪتيءَ جو پرتيڪ بڻجي شوڀا ڏيئي رهيو هو. مورتيءَ جي اڳئين حصي ۾ ٻنهي طرفن کان ننڍڙن ڏيَن جي قطار ۽ وچ ۾تامرڀانڊ، آچمني ۽ پنچ پاتر پيا هئا.پوڄا جا ٿانو آمريءَ جي کٽاڻ جي راهه ڏسي رهيا هئا.ڪمري جي کاٻي ديوار ۾ ننڍڙو ڪٻٽ هو. ڪنچن با ڪٻٽ جي هئنڊل تي پنهنجين آڱرين جي ڇاپ ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي. اصل اهو رنڌڻي جو ڪٻٽ. هينئر ئي کلندو مٿئين خاني ۾ پيل هيڊ مصالحي جا دٻا ۽ هيٺئين خاني ۾ تيل ــ گيهه جي دٻن جي پاسي ۾ سڻڪ ۾ ڪپڙي سان ڍڪيل مانيون به پيل هونديون.
    جڳديش واڙي مان ڪرِڻ جا ٻه ــ ٽي گل پٽي آيو. هن هوريان هوريان ڪمري جو دروازو بند ڪيو.ڪماڙ وٽ بيٺل ڪنچن با ٻه قدم پوئتي هٽي وئي. حالانڪ کيس هٽڻ جي ضرورت نه هئي.شايد جڳديش جي هن حرڪت کيس ڌاري ڪري ڇڏي هئي . ٻاهر واري ماڻهوءَ کي ڪمري جي اندر مُنهن پائڻ جي اجازت ڪٿي هوندي آهي؟
    نظر سامهون بند دروازي ڏانهن ڏسندي ڪنچن با گھڙي پل لاءِ ورتمان ۾ ئي ٿمبي وئي. در پاڻ بند ڪرڻ ۽ ڪو دروازو بند ڪري انهن ٻن گھٽنائن ۾ زمين آسمان جو انتر آهي. ' جي امبي' آواز سان گڏ وري دَر کُليو ۽ ڪنچن با مٿي تان اوڍيندي پاڻ کي سنڀاليو. جڳديش پينٽ بدلائي پِتامبر پاتوهو. سندس کُليل ڪُلهن تي جڻيو هو. سامهون کاٻي اڌ کُليل ڪٻٽ مان ماتاجيءَ جي چُنري ۽ جڳديش جي شرٽ جي ٻانهن ڏسجي رهي هئي.سائي رنگ جي آئل پئنٽ هيٺان هيڊ مصالحن واري بوءِ ۽ گيهه تيل وارو مکُ ڍڪجي ويو هو. هڪ اونهون ساههُ کڻي هُن ڪمري جي ساڄي ديوار واري پاسي رکيل وڏي ڪٻٽ جي آرسيءَ مٿان نظر ڊوڙائي. اروڻا چوندي هئي ' با، مان نوڪري ڪنديس ۽ پوءِ سڀ کان پهرين مان ڊريسنگ ٽيبل ٺهرائينديس. جوانيءَ ۾ داخل ٿيندڙ اروڻاجو هڪ به عڪس هن آرسيءَ ۾ نه هو. پوئين ڀِت جي اونچي ڄاريءَ مان ايندڙ پرڪاش ۽ هنن ٻن ڪٻٽن کان سواءِ سڀ ڪجھ نئون هو. ڪنچن با شوڪارو ڀريندي هردي کي 'هري اوم' چوندي ٻيءَ موڙي ڇڏيو.هن ڏٺو ته جڳديش ڪپهه کڻي وٽ وٽي رهيو هو.کيس وٽ ٺاهڻ نه پئي آئي. ' ڏي ٺاهي ڏيانو.'
    'هينئر هلندو.' چئي جڳديش گيهه وارو دٻو کڻڻ لاءِ مڙيو.ڪنچن با آگرهه نه ڪيو.هوءَ وڃي ماتاجيءَ جي سامهون اوسريءَ ۾ ويٺي. شام ٿي رهي هئي. آسمان ۾ ڦهليل رنگن جي لالاڻ مندر اوسري ۽ سڄي محلي ۾ ڇانيل نظر آئي. وڻ تي ڪيترا ئي پکي ڪِل وِل ڪري رهيا هئا. نم جي پولارن ۾ رهندڙ پوپٽن جا آواز وڌيڪ اچي رهيا هئا. جھونا رهواسي هُئڻ جي ڪري ٿي سگھي ٿو اهي وڏو دعوو ڪري رهيا هجن. هل هنگامون ڪندڙ ٻارن کي ڏسي مشڪندڙ وڪيل جيان نِم هوريان هوريان لُڏي رهيو هو.
    لهندڙ ڏينهن جي هلڪي سوجھري ۾ ڪنچن با اوسريءَ جي وچ ۾ لڳل تختي پڙهي. 'سورگيه شري امرت لال ديو شنڪر شُڪل جي ياد ۾ سندس ڌرم پتني گنگا سوَروپ ڪنچن گَوريءَ ماتاجيءَ جي مندر ۾ تختي جڙائي آهي. سنبت 2034 اکاٽيج آرتوار .....' وڏي پرٻاهرا پئسا ٺاڪر صاحب کي موڪليا هئا. عادت مطابق سڄو پڙهي پورو ڪيائين پر ڪنچن با جو ڪليجو ڪُرڪي پيو. ' اڙي مان به ڪهڙي نه نادان آهيان! ڏيندڙ ته سڄي هٿ سان ڏيندا آهن جنهن جي کاٻي هٿ کي به خبر نه پوندي آهي. ڏنو، جس جڙيو ۽ وري وصول ڪرڻ آئي آهيان! ٻئي هٿ جوڙي هوءَ من ئي من ۾ ليلائڻ لڳي.
    'ماءُ، مونکي پنهنجي مڃي معاف ڪجانءِ، توکي ارپڻ ڪيل ڪا شيءِ مونکي نه کپي. دردن جي ماري تنهنجي شرڻ آئي آهيان، هن شرير سان تنهنجو قرض چڪائڻ بنا مان ڪونه مرنديس.'
    آرتيءَ جي گھنڊڻي جي آواز ڄڻ ڪنچن با کي جاڳائي ڇڏيو. هوءَ اٿي ۽ اوسريءَ ۾ لڳل گھنڊ وڄائڻ شروع ڪيو.روز ته جڳديش اڪيلو هوندو آهي. وري هن کي هڪ هٿ سان آرتي ڪندي ڪندي ٻئي هٿ سان گھنڊڻي وڄائڻ ٿورو مشڪل ٿيندو آهي.گھنڊڻيءَ جي ليه قائم رکڻ ويندو آهي ته آرتيءَ جو رڌم ٽٽندو آهي ۽ آرتيءَ کي سنڀاليندو آهي ته گھنڊڻيءَ واري ليه ڦِٽندي آهي. هونئن به زندگيءَ ۾ هڪ ليه کي قائم رکڻ ڏکيو هوندو آهي اتي هي ٻه ٻه ليه .... پر اڄ گھنڊ جي آواز جي ڪري ڏهه ــ ٻارهن ڇوڪرا مڙي آيا هئا. سمتا واري رنجن به حق سان ڪنچن با جي ڀر ۾ اچي بيهي رهي هئي. .آرتيءَ کان پوءِ ڇوڪرن کي خالي هٿين ويندو ڏسي ڪنچن با کي ٿيو : ماتاجيءَ کي ٿورو پرساد ڏيڻ کپي. سڀاڻي ڪنهن کي چونديس. پر ...
    'اي ٻارو، گيٽ بند ڪندا وڃجو.' جڳديش هڪل ڪري ڪمري جا دروازا وري بند ڪيا. رنجن ڪنچن با جي قريب ويندي پڇيو:
    ' اما، هي جڳا ڀائي اندر ڇا ڪندو هوندو؟'
    ' پوڄا.'
    ٿوري دير بعد پينٽ پائي پلاسٽڪ جي ٿيلهي هٿ ۾ کنيو جڳديش ٻاهر نڪتو. جڳديش کي ڏسي رنجن کلي پئي. ڪنچن هن کي روڪي تنهن کان اڳ ته ....
    ' چاچا جڳا ڌوتي پهري سائيڪل نه هلائي سگھجي؟' رنجن پڇي ئي ورتو.
    'ڏاڍي وائڙي آهي. وٺ اما، هيءَ چاٻي.' چوندي جڳديش ڪنچن با ڏانهن چاٻي وڌائيندي چيو.
    ' پٽ مونکي چاٻيءَ سان ڪهڙو ڪم؟'
    ' ٻاپوءَ چيو آهي.'
    ' ٺيڪ آ، پر مونکي چاٻيءَ جي ضرورت ناهي. تون ٿڌيءَ دل سان ماتا جي پوڄا ڪر مونکي ته هن اوسريءَ جي ڪنڊ ڪافي آهي.'
    'پر ٻاپو پڇندو ته ـــــ'
    ' ته چئجوس ڏيئي ڇڏي آهي. پوءِ مان سنڀالي وٺنديس.ٺيڪ آ، جيه امبي. '
    جڳديش ڪمري جو مکيه دروازو بند نه ڪيو. اندر لائيٽ لئمپ چالو رکيو. اڌ ڄاريءَ وارو در بند ڪري چاٻي جڻئي ۾ ٻڌندي هن کي ٿيو، هي گريش ۽ هريش هرو ڀرو ڀڙڪائي رهيا هئا. هن امڙ کي ته ڪجھ به نه پيو کپي. پر اڃا ڪجھ کپيس نٿو اهو جملو من ۾ پورو ڪري تنهن کان اڳ شڪ وري مٿو مٿي کنيو. ڪٿي هن جو پلان وڏو نه هجي! ٻاپوءَ جا ڪن ڀري ٿڌي پاڻيءَ سان خارش نه ڪڍي. ڇا ڪريان چاٻي ڏيئي ڇڏيانس؟ پر هوءَ ته وٺي ئي نٿي. ڀلي وٺي نٿي ۽ ٻاپوءَ کي چوندي ته جڳوءَ چاٻي ته مونکي ڏني ئي ناهي! '
    ڏاڪڻ لهندي جڳديش کي عرب ۽ اٺ واري ڪهاڻي ياد اچي ويئي. سياري جي رات ۾ رڻ ۾ ٿڌ کان بچڻ لاءِ اٺ پهريان ٿورو مُنهن ئي تنبوءَ ۾ وڌو ۽ پوءِ عرب کي ٻاهر ڌڪي ڇڏيو. هن کي ٿيو ' پر هيءَ ته آڱر وٺڻ کان به منع پيئي ڪري. پڪ سان ڪو وڏو ڪارنامو ڪندي. هن پٺيان واڙي واريءَ زمين تي ته سندس اک ڪانهي! پر هاڻي هن جو ڪهڙو حق؟ هن ته ٺاڪر صاحب کي مڪان وڪڻي ڇڏيو آهي ۽ ٺاڪر صاحب سڄو وهيوٽ پئنچات کي سونپي ڇڏيو آهي. هن اليڪشن ۾ سرپنچ وچن ڏنو آهي ته پويان ڪمرو ٺهرائي ڏيندو. پر هيءَ سرپنچ سويتا هونئن به مائي عالم. هن کي ته آڱوٺو ئي هڻڻو آهي. وري جنهن جي گھر ۾ پائيءَ جيتري به نه هلندي هجي تنهن جي پئنچات ۾ ڪير ٻڌندو؟ ' هڪ کن لاءِ جڳديش کي ٿيو ته هن جا ٻارهن ئي وهاڻ ٻڏي ويا. هي صبح ــ سانجھي ڏيي بتيءَ جا مهني ٻه سو روپيا ملن جنهن مان سائيڪل جو پنڪچر به مهانگو پئجي وڃي.اهو ته وار تهوار تي پوڄا ــ ڪٿا هلندي آهي جنهن جي ڪري ٻارهن مهنن جو ان ملي پوندو آهي. پر لڳي ٿو هاڻي هتي وارو ان ــ جل به پورو ٿي ويو آهي يا ڇا؟
    ٺاڪر صاحب جي حويليءَ وٽان لنگھندي جڳديش پل ڀر لاءِ رڪجي ويو.' ملي وٺانس؟' پوءِ ٿيس هل نه سرپنچ جي گھر کان ٿيندو اچان. ' سويتا بين جو ڏير رَوجي ماستر دوست آهي ان ڪري پهرين هن جي ئي ڪن ۾ ڳالهه وجھي ڇڏيان، پوءِ فڪر نه رهي. ' جڳديش سائيڪل سرپنچ جي گھر ڏي موڙي ڇڏي.


    6

    سرپنچ سويتا بين جو گھر ڳوٺ جي ڇيڙي تي. آزاديءَ جي پنجاهه سالن کان پوءِ به هريجن واس ڳوٺ جي وچ ۾ ناهي . پر گذريل ستن اٺن سالن ۾ هريجن محلي جي ڪايا پلٽ ٿي وئي آهي. ڌارا سڀيه شنا ڀائي جي چونڊجڻ تي سماج ڪلياڻ يوجنائون صحيح دشا ۾ مڙيون آهن. ائين ته شنا ڀائي کي ڪا پارٽي اڳتي اچي چانور چهٽائڻ اچي اهڙو اتهاس ۾ ناهي ٿيو. ڏاڍو سو گابو واري تال جيئن اُوچ جاتيءَ وارا تلاءَ جي هن پار رهندڙن کي ماڻهو ئي ڪٿي ليکيندا هئا؟ ننڍا وڏا لوڀ لالچون، اکين جي شرم سان يا وري زوريءَ ووٽ وٺي ويندا هئا!هي ته وري محفوظ ٻئٺڪ وڌي جنهن جي ڪري جساپر واري سيٽ شنا ڀائي جي ڀاڳ ۾ آئي.پهرين ٽرم ته هن گذريل ڌاراسڀيه جي جي حضوريءَ ۾ پوري ڪئي. پر ٻي ٽرم ۾ شنا ڀائيءَ ڪجھ رنگ ڏيکاريو. ماڻهو ايڏو قابل ڪونه هو پر دل جي سوچ وارو ضرور هو. هن پهرين سڀ ڪجھ ڄاڻي ٻجھي چڱن ـــ لڱن ماڻهن جي سَنڌ سڃاتي. اڄ جساپر جي هريجن محلي ۾ لائيٽ جا ٿنبا، هئنڊ پمپ، ۽ پڪا رستا ڏسو ته توهان کي شنا ڀائيءَ جي سوجھ ٻوجھ جي ڪل پوي.
    شنا ڀائي سڌو سنئون ماڻهو. پاڻ ڀلو ۽ سندس ڪوريڪو ڪم ڀلو. پيءُ والي ڀڳت جو ڀڄن ڳائڻ وارو ورثو ننڍي ڀاءُ روجيءَ قائم رکيو هو ۽ اڻڻ وارو ڪم شنا ڀائيءَ جي آڱرين. گذريل ٿوري عرصي کان پوليئيسٽر کاڌيءَ جو واهپو وڌندي اڻڻ ۾ به ٿوري ٿوري برڪت پيئي هئي. جيئن ئي جساپر واري سيٽ محفوظ ظاهر ٿي ته ننڍي ڀاءُ رَوجيءَ موقعي جو فائدو ورتو.ڀلا ڀائيءَ کي وچ ۾ رکي هن شناڀائي جي ٽڪيٽ پڪي ڪرائي ورتي. وقت جو بدلجندڙ روپ ڪنهن کان به ڳجھو ڪونه هو پر ڇڏي ڪير؟ پهل ڪير ڪري؟ اڳوڻي ڌارا سڀيه ڀرت سنگھ لاءِ ڳوٺ جي سڀ کان وڏي گراسدار ڀلا ڀائيءَ جي ڳالهه کي ٽارڻ ڏکيو هو. پُٽ ويرڀدر جي ننڍن وڏن ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ سال ۾ ويهه ڀيرا ڀلاڀائيءَ جو احسان وٺڻو پوندو هو. اگر عهدو ڇڏيندي به هٿ مٿاهون رهندو هجي تتان وهندڙ گنگا ۾ هٿ ڌوئڻ ۾ ڪنهن کي اعتراض هوندو؟ ائين شنا ڀائي اسمبليءَ تائين رسائي حاصل ڪري سگھيو. گذريل سال سندس گھرواري سرپنچ جي عهدي تي چونڊجي آئي.
    جڳديش شناڀائي واري ڳليءَ ۾ سائيڪل موڙي ته مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. کن پل هن کي ٿيو ته ' ڪنهن گھر وٽ بيهي رهان.'پر پوءِ هو ڳليءَ جي سامهون واري ڇيڙي تي پهچي ويو. ڳلي ۾ ويڙهيل پوليئيسٽر جي رومال سان مُنهن اگھندي هن روجي ماستر جي ڏيئڍيءَ جو دروازو کُڙڪايو. ٻئين ماڙ تان دريءَ مان ڪنهن نهاريو.
    ' جڳو برهمڻ آيو آهي. '
    جڳديش ٻڌو. در کلندي ئي رَوجيءَ مٿان سڏ ڪندي جڳديش کي سامهون واري اوسريءَ ۾ وِهڻ لاءِ چيو.
    ڏيئڍي، وچ ۾ وڏو کليل اڱڻ. پوءِ هڪ اوسري ۽ يڪا چار ڪمرا۽ مٿئين ماڙ تي به ائين ئي.اوسريءَ جي ڏاڪڻ وٽ رَوجيءَ جو اسڪوٽر پيو هو.جڳديش هٻڪندي اوسريءَ ۾ پيل ڪرسيءَ تي ويٺو. رَوجي دوست جو هئس. ڪاليج ۽ بي. ايڊ ۾ گڏ هئا پر گھر اچڻ وڃڻ گھٽ هو. ٻنهي جي وچ واري کاهي ڪانپ ۾ ويندي ڪڏهن ڪڏهن پورجي ويندي هئي ته ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺ ۾ ايندي وري ظاهر ٿي پوندي هئي جنهن جي خبر ئي نه پوندي هئي.
    بنگلي جي ڏاڪڻ تان ڇوڪرا ڊوڙندا هيٺ لٿا. جڳديش جو من چُري هليو. جڳديش هاءِ اسڪول ۾ استاد ۽ سندس گھرواري ڳوٺ جي پرائمري اسڪول ۾ ٽيچر. نوڪريءَ کان علاوه ٽيوشن جي به آمدني ڀرپور. ڇوڪرن جي لهڻ کان پوءِ جڳديش به هيٺ لٿو.اچي هن جھولي ۾ وِهندي سيل فون پاسي ۾ رکيو ۽ پنهنجي ڀر ۾ ٻئي پاسي جڳديش کي وهڻ لاءِ چيو.
    ' هتي اچو ما'راج. '
    'مان هتي ئي ٺيڪ آهيان. ' چئي جڳديش نه ڪئي. ۽ پوءِ پڇيائين:
    ' ڇا اڄوڪي شفٽ پوري؟ '
    ' نه، نه اڃا هڪ بئچ باقي آهي. '
    ' سڄو ڏينهن لڳاتار ڪم ڪندي ٿڪجي ڪونه پوندا آهيو؟'
    ' هي ڪم ته آسان آهي. ڪوڏر ڪهاڙي جهڙو ته آهي ڪونه، اهوته وِهاري ويٺا هوندا آهيون. پڙهن ته ٺيڪ آهي باقي اکر سڌرن ته به ڪافي آهي. گھر کان بازار ڀلي. '
    ' ڏهين ڪلاس وارا هوندا؟' جڳديش ويهن ويهن واري بئچ جو حساب لڳائيندي پڇيو.
    ' نه، نه بابا ايڏي مٿاڪُٽ ڪير ڪندو؟ اسان کي ته اٺين نائين درجي وارا بس آهن. امتحان اسڪول ۾ ئي هوندو آهي ان ڪري .... '
    'گھر جا ديو گھر جا پوڄاري! ' جڳي پورو ڪيو.
    جڳديش جي تير کي پڪڙي مڏو ڪندي رَوجيءَ پڇيو.
    ' ٻيو ٻڌاءِ، اڄ هتي ڪيئن اچڻ ٿيو؟'
    ' سويتا بين ناهي.؟ '
    ' ڀاءُ ڀاڀي گانڌينگر ويل آهن. ڪو ڪم هيو ڇا؟'
    جڳديش سنئين سڌي سوال جي ڪري ٿورو ڍلو ويو. ڇا چوڻو؟ پاڻيءَ کان پهرين ٻنو ٻڌڻ لاءِ نڪتل جڳديش کي اندازو نه هيو ته ڇا چوندو؟ هونئن ته ڪجھ به نه ٿيو هو. هڪ ڳالهه ته ڏيي جهڙي واضح هئي ته مندر جو ڪم کيس ديادان ۾ مليو هو. ان ۾ احسان ڪيل ماڻهو حق دعوي جي ڳالهه ڪهڙي مُنهن سان ڪري سگھي؟ پر چوڻو ته هو. رَوجي دوست جو هو. گڏ پڙهيا هئا پر ان کي به چڱو وقت گذري ويو هو.وري ان وقت هو ڌاراسڀيه جو ڀاءُ نه هيو. جڳديش کي چونڊن واري موقعي تي سويتابين جو ڏنل وچن ياد آيو ' پئنچات شڪتي ماتا جي ڪمري جي پٺيان پوڄاريءَ لاءِ هڪڙو ڪمرو ٺهرائيندي. ڏڻن وارن تي مائين کي سوڙهه نه ٿئي ۽ ساوڻ مهني ۾ ڪٿا وارتا به ٿئي'پر چونڊن وارا وچن ..... هن آخر بهانو ڳولهيو.
    ' سويتابين سان ٿورو ڳالهائڻو هو. هن اچ وڃ ۾ سائيڪل ڇڪيندي ٿڪجي پئبو آهي. سويتا ٻين شڪتي ماتا جي ڪمري جي پٺيان هڪڙو ڪمرو ٺهرائي ڏيڻ جي لاءِ چيو هو. هتي هجان ها ته توهان جهڙن جي سفارش سان ٻه چار سٺا ٽيوشن به ملن ها. اسان جي رامپرا ۾ ته پرائمري تائين ئي اسڪول آهي. ٽيوشن ڪرائڻ ۾ مزدوري وڌيڪ ۽ اجورو ڪجھ به نه. اڄ ٿورو ٽائيم هيو ان ڪري سوچيم ٿورو ملندو وڃان. ' جڳديش ڳالهائي رهيو هو ۽ رَوجيءَ جي چهري جي بدلجندڙ ڀاون کي به ڏسي رهيو. ڳالهه پوري ڪندي ڪندي هن کي محسوس ٿيو ته رَوجي هن جي هڪ هڪ جملي کي ڌيان سان ٻڌي رهيو آهي ۽ هر جملي کي رد ڪندي ڀر واري ڪچري جي ڍڳ ۾ اڇلائي رهيو آهي.
    جڳديش چپ ٿي ويو. رَوجيءَ ڪجھ چوڻ چاهيو ان ئي مهل پاسي ۾ پيل سيل فون وڳو.
    روجي فون کڻي اوسريءَ جي ڇيڙي تي آيل رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. فون تي ٿيندڙ ڳالهه کي روڪي وچ ۾ هن ڪجھ چيو. جڳديش انومان ڪيو ته چانهه ٺاهڻ جي لاءِ چيو هوندائين. فون پورو ڪري رَوجي آيو ته هن چيو؛
    ' چانهه ناهي پيئڻي. '
    ' ته پوءِ روٽي کائيندو وڃ. 'پوءِ کلندي کلندي چيائين مان ٻاهر ڪنهن کي به ڪونه چوندس. '
    ' نه،نه اهڙو ڪجھ به ناهي، پر گھر پهچندي دير ٿي ويندي ۽ هيءَ برسات هينئر ڀلي رڪجي وئي آهي، پر ايندي ضرور. '
    رَوجي اٿيو ۽ جڳديش سان موڪلاڻي ڪندي چيو؛
    ' تون صبر ڪر، ڪنچن با توکي آڏي ڪونه ايندي. هوءَ ته ڀڳتياڻي مائي آهي تنهن جي باوجود به اگرڪجھ ٿيندو ته مان ويٺو آهيان نه. '

    'ڀلي' چوندي جڳديش رامپرا جي واٽ ورتي. رَوجيءَ کي ورهين پهريان جا اُهي تپندڙ اونهاري وارا ڏينهن ياد اچي ويا. رَوجي ٻارهن تيرهن سالن جو هوندو. ڳوٺ ۾ هريجنن لاءِ کوهه الڳ. انهن لاءِ آواڙو به جدا. اونهاري ۾ کوهه جو پاڻي کارو ٿي وڃي.مٺي پاڻيءَ لاءِ يا ته برهمڻن جي کوهه تي وڃڻو پوي يا ته رامپرا جي رستي آيل ڀاڙيا کوهه تي. ڀاڙيا کوهه پري ۽ اونهاري ۾ ويران رستو ڏکيو به ڏاڍو. ڳوٺ جي کوهه تي صبح سان ئي وڃڻو. اگر ڪنهن کي رحم اچي ته گھڙو ٻه گھڙا وجھي ڏين. ڪيترين ئي نيزارين بعد شام جو مس مس اهو پاڻي ملي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٿيندو آهي ته هنن لڙڪن سان اڃ اجھندي هجي ته ڪيڏو نه سٺو؟ پر اهي به ته کارا وک ..... ڪنچن با جي اچڻ بعد ان جو اهو اصول، روز ڪنچن با ۽ سندس ڌيءَ اروڻا کوهه تي ٻه ڪلاڪ بِيهن. ڪنچن با کي ڪو پڇي : ' گوراڻي اما هينئر ئي واندي ٿي وئينءَ؟ پوڄا پاٺ، رڌ پچاءُ پتجي ويو؟ ڪنچن با چوي، ' ها، هي پاڻي ڀريندي ڀريندي پوڄا جو پاٺ ٿي ويندو آهي. ' انهن ٻن ڪلاڪن ۾ جيڪو ڪو به ايندو هو تنهن کي ماءُ ــ ڌيءَ پاڻي ڀري ڏينديون هيون.
    ڪو ڳوٺ چڻ ڀڻ بنا رهيو آهي جو هي رهي! ڳوٺ ۾ چُڻ ڀُڻ هلي. ڪنچن با چيو، ' توهان جي ڌرم جي ته حفاظت ٿئي ٿي نه، ته پوءِ باقي ڇا آهي؟ ۽ منهنجي لاءِ ڪَڙهندا هجو ته يا ته هنن کي پاڻي ڀرڻ ڏيو يا هنن لاءِ هنن جي ئي محلي ۾ کوهه کوٽائي ڏيو. ٺاڪر صاحب نئون کوهه کوٽائي ڏنو. پاڙي وارا سڀئي ان کي ' با وارو کوهه ' چوندا هئا. رَوجيءَ جي پيءُ والي ڀڳت کي ڪنچن با رکڙي ٻڌندي هئي.
    هڪ دفعي ته ڏسڻ وٽان ٿي. کوهه کوٽائڻ بعد ڪنچن با جي پاڙي ۾ اچ وڃ وڌي ويئي. ان ۾ ٿيو ائين جو هڪ ڀيري رَوجيءَ جي ڀيڻ جي شادي هئي. ڄڃ اچي پهتي پر برهمڻ ڪانپ هليو ويو هو.والو ڀڳت ڪنچن با کي وٺي آيو.ڪنچن با سيڻن کان سنڪلپ وٺي وِڌي ڪئي. ڏکڻا ۾ ڪنچن با ڀڳت وٽان ڀڄن ڪرڻ جو وچن ورتو.
    والي ڀڳت جي وهي خاص ڪونه هئي ننڍپڻ ۾ ئي شادي ٿي پر نکيٽي ٿيڻ کان اڳ ئي ڪنيا مري ويئي.پوءِ ٻيو گھر ڪيو. شنا ڀائي جيءَ ماءُ سان شادي ڪئي. شنا ڀائيءَ جو پيءُ گذاري ويو هو ان ڪري ماءُ جي اڱر تي آيو هو.نصيب جو مُٺل ٻي زال به ٻه ڌيءَ پُٽ ڇڏي مري ويئي.گھر ڀڳل والي ڀڳت اڻڻ ۽ ڀڄن ۾ من لڳايو. رَوجي ۽ ليلا کي شنا ڀائيءَ ئي وڏا ڪيا.والو ڀکت رامديو پير جا پاٽ ( هريجن قوم جي هڪ ڌارمڪ رسم) هوندا هئا ته راتين جون راتيون گھر ڪونه ايندو هو. ڪنچن با سان ڪيل قول کان ڪيئن ٿو ڦري سگھجي.
    درٻارن جي ستي ماتا جي اسٿانڪ جي اڱڻ ۾ ڀڄن ڪرڻ اهو ته رات کي ڏينهن چوڻ جهڙو ڏکيو ڪم هيو. ڀڳت آيو. اگن ڦُل ڇڻيو ۽ پاٽ تي جيوتي جلي. اڃا ته چوهر يعني چار ڀڄن ڳائجن تنهن کان اڳ هو هو ۽ هُل ٿيو.
    ' بند ڪريو اهو سڀ، اڇوت ڪري پيا ماريو. ڪڍو هنن سڀني کي هتان. نه ته جلائي ڇڏينداسين سڀني کي. '
    ڪنچن با دور ڀيڙ ۾ ڀرت سنگھ جو آواز سڃاتو. هوءَ اٿي ۽ ڀيڙ جي سامهون وڃي بيٺي.
    ' ڀڄن بند ڪونه ٿيندو. توهان کي جيڪو ڪرڻو هجي سو ڪريو. '
    ڪنچن با کي ڌڪو ڏيندي ڀرت سنگھ اڳيان آيو ۽ ڀڄن منڊليءَ جي ماڻهن کي چوڻ لڳو:
    ' اڙي توهان جو به اٽو کٽو آهي جو هن جي لاري لڳا آهيو. نڪرو ٻاهر نه ته جيئرا ئي دفنائي ڇڏيندوسانو. '
    ڪنچن با ۽ والي ڀڳت کان سواءِ سڀيئي هڪ جي پويان هڪ هلڻ لڳا. ٻه راتيون ۽ ٻه ڏينهن ڪنچن با ۽ والو ڀڳت ان جل جو تياڳ ڪري مسلسل پاٺ ڪندا رهيا. ٽئين ڏينهن صبح جو ٺاڪر صاحب پڳ لاهي ڪنچن با جي پيرن تي رکي.
    ' ڌيءَ، تون ستي ماءُ جي اسٿانڪ ۾ ويٺي آهين. نه ڪري ناٿ توکي ڪجھ ٿي پوي ته مونکي استري ۽ برهم هتيا ٻنهي جو پاپ لڳندو. هن ڳوٺ مٿي ستي ماتا جو ڪوپ ۽ قهر لهندو. ڀرت سنگھ جي بدران مان معافي ٿو گھران، هاڻي اپواس ڇوڙيو. '
    ڪنچن با ٺاڪر صاحب جو مانُ رکيو ۽ گڏوگڏ هڪ دڙڪو به ڏنو. ' توهان ڀرت سنگھ کي چئي ڇڏجو منهنجي آڏو نه اچي. هي ته اک جي شرم جي ڪري پوليس تائين نه پيئي وڃان پر هاڻي سُٺو ڪونه ٿيندو. زمانو بدلجي ويو آهي. '
    ان سال رڪشابنڌن جي ڏينهن تي پهريون ڀيرو ڪنچن با والي ڀڳت کي رکڙي ٻڌي.


    7

    'هاڻي ڏس، ادي تو ته لائيٽ به ڪونه ڪئي آهي؟ اهو ته سٺو ٿيو جو بيٽري هئي جنهن سان خبر پيئي ته تون ويٺي آهين.' چوندي رکي با اوسريءَ واري لائيٽ جو بٽڻ دٻايو. پاور گهٽ هو ان ڪري بلب چمڪ چمڪ ڪري رهيو هو.
    'جي نارا'ڻ ڀاڀي. چئه ڪٿي وهاريانو؟ ۽ ڀليڪار به ڇا جي ڪريان؟ هي ڪهڙو منهنجو .... ' جملو اڌورو ڇڏي ڪنچن با وکرندڙ صبر کي سنڀالي ورتو.
    ' اهو ڇا پيئي چئين ادي. مونکي ڏسي منهنجو ئي مثال وٺ نه. جيڪي منهنجا هيا سي منهنجا ٿيا؟'
    'جهڙا جنهن جا نصيب ، جهڙا ڪرمَ.'
    ' مونکي ته رات ڏينهن بس هڪڙي ئي چنتا ستائي رهي آهي. منهنجي سمتا جو ڇا ٿيندو؟ هن لاءِ ته هن سنسار ۾ مٿي اُڀ ۽ هيٺ ڌرتي. سڀاڻي مان نه هوندس تڏهن هن جو ڪير ٿيندو؟'
    'ٿيندو، هن جو به ٿي پوندو. اسان کان آسمان واري کي وڌيڪ چنتا هوندي آهي.' ڪنچن با رکي با کي سالن کان سڃاڻي ٿي. دل جي تمام صاف. بس ٿوري بڙبڙي. پنهنجي ڳالهه کان سواءِ ٻين جي مڏ ٻڌندي آهي. آئي هجي ڪنهن کي پڇڻ پر ان ڳالهه کي اتي ڇڏي پنهنجي ڪٿا شروع ڪري ڇڏي. ٿي سگھي ٿو زندگي ڀر جي هيڪلائي ۽ اڻتڻ جي وجهه سان سندس سڀاو ان طرح جو ٿي ويو هجي. ان ۾ ڪنچن با جو به عمل دخل هو. هن جي شخصيت ئي اهڙي جو هر ڪنهن کي پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ جو من ٿئي. ڪڏهن ته ڪنچن با کي لڳندو آهي ته هوءَ ڪا ڪلي آهي. جيڪو ٿو اچي اهو پنهنجي هڪڙي هڙ ٽنگيندو وڃي! ڪو ائين به نه پڇندو آهي ته توکي هتي هڪڙي ئي هنڌ کُپي رهڻ وڻندو به آهي؟ توکي ڪجھ چوڻو آهي؟ توکي هنن هڙن جو بار ته ڪونه ٿو لڳي نه؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن با کي لڳندو آهي ته هوءَ پاڻ شيتلا ساتم واري وارتا ۾ ايندڙ ڏيراڻي آهي. جيڪو ملندو آهي اهو هڪڙي هڙ سونپي ڇڏيندو آهي پر پوءِ ٿيندو آهي ته ڏيراڻيءَ کي ته انهن اُپڪارن جو ڦل به مليو هو پر مونکي! اڄ هيَن هن شڪتي ماءُ جي آسري .... اتي سندس من چوي.
    ' نه، نه هن جي ڪِرپا لاٽري لڳڻ جهڙي سادي ته ناهي هوندي! ڏس نه هن جي ڪرپا جي ڪري هي هٿ پير ۽ هردو سلامت هوندو! ڪنهن کي خبر! '
    ' اڙي ادي مان به ڪيڏي نه ويسلي آهيان! سمتا چيو ته وڃ ڪنچن با کي گھر وٺي اچ. سنجيو يا منهنجي چوڻ سان ڪونه ايندي. هاڻ هل ته هلون .....'
    ' ڏس ڀاڀي، ڪيترا سارا سال تنهنجي اوڍر رهيس. ننڍن ننڍن ٻارڙن کي ڪراچيءَ کان وٺي آئي هيس تڏهن ماءُ چئجي يا پيءُ تون ئي ته هئينءَ. پر ادي مِٺي وڻ جون پاڙون پٽجن.'
    ' اهي ڏينهن ته ڪيئن ڀلجن! ڪراچيءَ کان ڀڳاسين ته پورو مهنو رلندي رلندي پنهنجي ڳوٺ پهتاسين. سُهري جي ڳوٺ رامپرا ۾ ته پير رکڻ جي به جڳهه ڪٿي هئي. هت ڳوٺ جي وڻن ٽڻن کان واقف ۽ ڪچو ته ڪچو پر پيڪو گھر ته هيو. ڳوٺ ۾ پير رکندي پهريون ڀيرو ' نڀاڳي' مِهڻو سڄي شرير کي لوڏي ڌوڏي ويو هو.ايشور ڄڻ ساري ساري ڪنچن با جي گھر جي سڄڻن کي کڻي ورتو هو. پيءُ ۽ ماءُ جي مرڻ کان پوءِ گھر جي چاٻي پري جي سوٽ وٽ رهندي هئي.گھر ۾ بس گهر جا ڪماڙ ئي باقي رهيا هئا. باقي ننڍيون وڏيون شيون پير ڪري ويئون هيون. رُکي با جي سُهري لالجي سوٽهڙ پئنچات ڪوٺائي سوٽن کان يجمان ورتيءَ وارو حصو ڪنچن با کي ڏياريو.هن ڪنچن با جي وڪالت ڪندي چيو هو :
    ' اسان ڄڻ اڳيون ڪجھ ياد ئي نه ڪندا آهيون. گذريل تِٿ ٻانڀڻ به پڙهندو ناهي. پر ايترو ته طئه آهي اگر جيٺي ٻاپا جا پٽ هيا ته! اها ته ڪال جي ڪرڻي جو ٻئي پٽ پرلوڪ ٿي ويا ۽ هن گڦ ــ ٿڪ جي رشتيدار کي هيترا سال گراس ڀوڳڻ جي لاءِ مليو. پر ڄڻ نصيبن جي ماري ڳوٺ جي نياڻي ٻارَ وڏا ڪرڻ آئي آهي. ۽ اسان کي ڪٿي اسان جي کيسن مان ڏيڻو آهي؟ هن جو آهي سو هن کي سونپڻو آهي.ڀاڻيجڙن جي هٿان ڌرم جا ٻه ڪم ٿين ته سو بانڀڻن کي راضي ڪرڻ وارو پُڃ پاڻ کي پراپت ٿيندو.اهي وٺڻ جهڙا ۽ اسان ڏيڻ جهڙا ان ڪري وچون رستو ڪڍون. سڀيئي نه پر اڌ ججمان ڪنچن کي ملن ته ٻنهي جو گڏو هلي.' هن ۾ به لالجي ٻاپا چال اونڌي ڦيرائي. صاف ٻڌائي ڇڏيو.
    ' ڏس يار، تون سموري ويڙهاڪ قوم جا گھر ڪنچن جي حوالي ڪري ڇڏين اهو ڪونه هلندو.سٺن ۽ برن سڀني گھرن ۾ برابريءَ وارو ڀاڳ. ۽ تنهنجي گھر به ڪٿي ٻاجھر جي ڪمي آهي. مان چوندو هوس جيٺي ٻاپا کي، هڪ اڌ کيت پاڻ وٽ رکو پر ڪونه مڃيائون. ڪال جي ڪنهن کي خبر آهي؟'
    ' ڪهڙي خبر ڪهڙي شُڪن ۾ بابا ڳوٺ ڇڏيو هو جو وري موٽيو ئي ڪونه! هي ڏس نه هڪ مان آهيان جو وري وري موٽي ايندي آهيان.' ڪنچن با کان شوڪارو نڪري ويو.
    ' ڪهڙن ويچارن ۾ کوهجي وئينءَ؟ منهنجي گهر اچڻ ۾ توهان کي ڪو اعتراض ....'
    ' نه، نه ڀاڀي اعتراض ته ڇا جو هوندو؟ پر ياد آهي مون جڏهن ڪراچيءَ کان اچي پهريون ڀيرو هن حويليءَ ۾ قدم رکيو هو تڏهن تون آيئ هئينءَ. تنهنجي جي مٿي تي ٽويو ڀر ٻاجھري هئي ۽ هٿ ۾ ڳوٿري ۾ رڌ پچاءُ وارا ٿانو ٺڪر هيا.' چوندي ڪنچن با هڪدم اٿي کڙي ٿي ۽ ڪليءَ ۾ لٽڪيل ٿيلهيءَ مان ڪجھ ڪڍي آئي.
    ' ڏس ڀاڀي هن باسڻ کي سڃاڻي ٿي؟ هي اهو ئي پيالو آهي جيڪو تون ان ڏينهن کڻي آئي هئينءَ. هن پيالي جي سهاري ئي هت پهتي آهيان.'
    ' ڀيڻ تون به ڇا آهين جو اڃا سڀ ڪجھ سنڀاليو ويٺي آهين. هاڻ هل، منهنجي گھر هلندي توتي ڪو ٿورو ته ڪونه رهجي ويندو. پرائي پرديس ۾ تو جيڪو منهنجي لاءِ ڪيو آهي ان جو ملهه ۽ ڪٿ ئي ڪيئن ٿئي! منهنجي هن چمڙيءَ مان جوتا سبائي توکي پهرايان ته به گھٽ آهي!'
    رکي با جو ور رتي لال. ڇهن نينگرين کان پٺيان هڪ جو هڪ نينگر. لالجي مستري مٿو هڻي هڻي ٿڪجي پيو پر ڪو ڪم نه سکي سگھيو.زور مس وهارينس ته به ڪجھ به نه ڪري.ماءُ جو مُنهن چاڙهيل. بس هڪڙي ئي ڌُن فلمن ۾ وڃڻو آهي.ناٽڪ ڪرڻو آهي. آسي پاسي وارن ڳوٺن ۾ ڀوائي يا رامديو پير جو آکيان هجي ۽ رتي لال اتي ضرور پهچي وڃي.سڄو ڏينهن ڀواين جي پويان پويان گھمندو وتي. انهن جي چلم ٻيڙي ۽ ٻيا ننڍا وڏا ڪم ڪندو ڦري.ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي انهن جا ميڪ اپ ڏسندو رهي.وڏو ٿيڻ کان پوءِ ننڍا وڏا رول به ڪندو رهي.ڏينهن تائين انهي موڊ ۾ رهي. ڳوٺ جا ماڻهو کيس 'رتيو ڦاڪ' فلم جي ڦاڪ چوندا هياس. شادي ڪيائونس. ائين ڪرڻ سان به ڪو سڌرندو هجي ته ٻيو ڇا کپي!
    ڪڏهن ڪڏهن رُکي با ڪنچن با کي جھونيون ڳالهيون ياد ڪرائيندي چوندي هئي : جڏهن مان نکڙجي آئي هيس تڏهن تنهنجو جو ڀاءُ ڪڏهن ڪڏهن هريش چندر جو کيل ڪري ته ڪڏهن ڪڏهن ڪادو مڪراڻيءَ وارو ڪردار. هڪ ڀيري پرٿوي راج جيان سَنيوڪتا کي کڻڻ ويو ۽ منهنجو پير مڙي ويو. ' رکي با جي مشڪ ۾ رهندڙ پيڙا جي هڪ به ريکا ڪنچن با کان لڪل نه رهندي هئي.
    رکي با پهريون ٻار ڄڻڻ جي لاءِ پيڪي گھر وئي ته رتي لال هلي نڪتو احمدآباد. سال کن رلڻ بعد ڪراچيءَ هليو ويو. ڪراچيءَ ۾ ڊرامائي طور سان امرت لال سان ملاقات ٿي ويس. ٽڪيٽ ٻاريءَ تي مٿاڪُٽ ٻڌي امرت لال آفيس مان اٿي ٻاهر نڪتو. بوڪنگ ڪلارڪ چيو ٻڌايو ته 'هي ماڻهو سون جي مُنڊي ڏيئي چوي ٿو ته هن جي پيسن مان جيترن ڏينهن جون ٽڪيٽون ٿين ايتريون ڏي. چيومانس ڪنهن سوناري جي دڪان تي وڃ پر مڃي ئي ڪونه ٿو.هيڏانهن شُو جو ٽائيم ٿي چڪو آهي.
    رتي لال کي آفيس ۾ گھرائي ڳالهه ڪندي سڃاڻپ نڪتي.ان ڏينهن رتي لال کي ٿئيٽر ۾ پروجيڪٽر روم ۾ نوڪري ملي، فلم ڏيکارڻ جي. ڪنچن با جي چوڻ تي رتي لال ٻچن ٻارن کي گھرائي ورتو هو.پر رتي لال جنهن جو نالو اهو ڀلا ائين ڪيئن ٿو ويهي سگھي. پنج کن سالن کان پوءِ لاهور جي واٽ ورتائين.ٿڪجي آخرڪار ڪنچن با پنهنجي ڀاڙي سان رکي با ۽ سندس پٽ کي وطن واپس موڪليو.اهو ته نصيب هُين جو وقت سر وطن پهچي ويا.
    ڪنچن با ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي پڇيو :
    'ڪر خبر ڀاڀي تنهنجو وڏو پٽ ڀلا ائين ڪيئن گذاري ويو؟'
    ' اسان ڪراچيءَ آياسين ۽ ٻئي سال کيس ڌنور ٿي پيو.هونئن ته ننڍو هو پر سڄو ڏينهن پيءَ سان گڏ واهلا سيرايون الاريندو رهندو هو.ان ۾ خبر ناهي ڪڏهن ڪجھ لڳي ويو هوندس؟ اهو ته ڪانپ ۾ وٺي وياسينس تڏهن خبر پيئي ته لوهه لڳي ويو هوندس.دوا خاني پهتاسين ۽ ڪلاڪ ۾ ڍرڪي پيُو.'
    ' منهنجو ڀاءُ آيو هو؟'
    ' ها، هن کي اڏندي اُڏندي سماچار مليا. پوءِ سال ٻن سالن ۾ هڪڙو آڌ گھمرو ڪري ويندو هو. ڏس نه ان ۾ ئي هن اشون جي پيڙا لڳي. '
    ' انهيءَ ۾ به ڪو ايشوري سنڪيت هوندو. هن اشون جي ڪارڻ ته توهان جو اوتار نڪتو.'
    ' اهو ته ٺيڪ پر ٽيهن سالن جي عمر ۾ ننڍي نڻان سان گڏوگڏ ويم واري کٽ وڇائيندي سٺي لڳنديس؟ گھر کان ٻاهر پير رکندي شرم اچي. اهو ته سس سُهري جو سهارو جو ڪو آڱر نه کڻي سگھي باقي لوڪ ته سيتا جهڙي ستيءَ کي به ڪٿي ٿو ڇڏي؟'
    رکي با کي گھڻن سالن کان پوءِ ڏينهن چڙهيا. سس سوچيو ته پويان نالو وٺندڙ ته رهندو پر رکي با جو من ستت هڪ ئي بار کڻندو رهيو. اندر مان هڪ ناڪار اٿندي رهندي هئي. اشوِن جي جنم کان پوءِ به ڪو اتساهه ڪونه جاڳيو.هن کي وڏو ڪيو، ڌنڌي لڳائڻ لاءِ پنهنجا ڳهڻا زيور وِڪيا، اوڌر سوڌر ڪري سندس شادي ڪئي. سڀ ڪجھ ڪيو پر زندگي ڀر ڄڻ هوءَ ڪنهن جي کيت ۾ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندي هجي ائين سڄي جوابداري کنئي. نه زمين، نه ٻج ۽ نه ڦَل. ڪجھ به پنهنجو نه. اشوِن جو هن جو هجي ها ته ڇا ائين هليو وڃي ها!'
    'هينئر منهنجو ڀاءُ ڪٿي آ؟'
    ' ڪهڙي خبر؟ ٻه سال اڳ مدراس مان خط آيو هو.فلم ۾ ايڪسٽرا ماڻهو کان وٺي سڀ ڪجھ سپلاءِ ڪندو آهي. هونئن ته دلالي ئي چئجي. جيڪو به هجي. هن جا ڪرم هن سان. ادي مون ته منهنجي مٿي تي اِيشور جيڪا به وڌي اها ذميداري کنئي. ابي امڙ جي آخر تائين خدمت ڪئي. اهي وري ٻه کيت ڇڏي ويا آهن جو مانيءَ جي چنتا ڪونهي. باقي هو هجي يا نه هجي، منهنجي ڀاڳ ۾ ته ڀڙ ڀڙ سڙڻو ئي لکيل آهي. مون ــ تو جهڙين جا آستانا لوڪ ڪري ته ڳوٺ ۾ گهر گھٽ؛ آستانا جھِجھا ٿي پون!!
    ڪنچن ٻا کي ٿيو، رُکي ٻا جي ڳالهه غلط ناهي. جيڪا ڌڻيءَ جي پٺيان ستي ٿي ان جي چِتا ته سڀني ڏٺي آهي پر گھرواري جي غير حاضريءَ ۾ جيڪا جيئي ٿي، جلي ٿي ان جي لهس کي جڳ ڪٿي ڏسي ٿو؟
    اٿندي رکي با چيو:
    ' تون به عجيب آهين، مونکي ڳالهين ۾ لڳائي ڀلائي ڇڏيَئه. هلو هاڻ گھر. روٽي پاڻي ڪري ٻئي نڻان ڀاڄائي ٿڌيون مٺيون ڳالهيون ڪنديونسين.
    ' پوءِ اينديس، مونکي سڀاڻي کان انشٺان ڪرڻو آهي. تون وڃ. سمِتا چنتا ڪندي هوندي. هي چوماسي جا ڏينهن. اوندهه ۾ ڪو جيو جنتو .... '
    ' ڏس نه هيءَ هٿ بتي انهيءَ ڪري ته کڻي آئي آهيان.ڳوٺ ۾ بجليءَ جا ٿنڀا ته گھڻا ئي آهن پر هيءَ پرجا گولا رهڻ ڏئي تڏهن نه! پئنچات وارا وجھن ۽ ماڻهو ٻئي ڏينهن ٽوڙي ڇڏين.'
    ' هاڻي ٻيون ڳالهيون پوءِ. هل ته مان توکي اڌ تائين ڇڏي ٿي اچان. ڪنچن با رُکي با جو هٿ جھليندي چيو.
    ' نه نه مان پهچي وينديس، پر توکي هڪڙي ڳالهه ۾ به نه پُڄي سگھجي. پنهنجو ئي ڪندي آهين. چڱو ته تون ٻنپهرن جو جڏهن ڪٿا وانچين ته چَورائي موڪلج.'
    'سٺو. سمتا جي رنجن کي چوڻ لاءِ موڪلينديس. چڱو ته هاڻي جئه نارا'ڻ.'
    رکي با وئي ۽ دروازو بند ڪري ڪنچن با ڏاڪڻيون چڙهي اوسريءَ ۾ آئي. رُکي با هئي تڏهن ڪجھ سٺو لڳي رهيو هو ڪجھ برو. بادلن جي ڪري اُس نه لڳندي آهي پر بادل وسن نه ۽ صرف آڙنگ ڪن ته بي چيني ٿيندي آهي. رکي با جون ڳالهيون من کي راحت ڏيئي رهيون هيون پر من ڄاتو ٿي ته هينئر ئي هوءَ هلي ويندي ۽ پاڻ هيڪلي! هيءَ چوماسي جي رات، مندر ۾ اڪيلي. گھر ۾ ماڻهو اڪيلو هجي ته نيٺ در درين ۽ ڇت جو سهارو هوندو آهي. هونئن ته ساکيات شڪتي ماءُ جو آسرو هو پر ڪڏهن ڪڏهن سامانيه لڳندڙ شيون به عجيب ٻل ڏيئي وينديون آهن. جڏهن ته رُکي با ته پنهنجن مان ئي هئي!
    ڪنچن با کي ٿيو رُکي با سان گڏ هلي وئي هجان ها ته ! اتي ڪنهن چيو، ' بس هن هيتري سهاري نڪتي آهيان؟' هن وڇايل ڪپڙو کڻي ڇنڊي وري وڇايو۽ ٿيلهيءَ مان شال ڪڍي. وهاڻو ته ٿيلهيءَ جو ئي. اٿي ڪري لائيٽ بند پئي ڪيائين ته ڊِم لائيٽ هئي سابه وئي. کن پل لاءِ اوچتو اوندهه ٿي وڃڻ جي ڪري ٿورو ڊني. پوءِ ڌيري ڌيري وڇايل ڪپڙي تائين پهتي.هٿوراڙين سان ٿيلهي هٿ ڪري سري رکي ۽ شال سريکي ڪري اوڍي.
    گھڙيال ۾ نون جا ٽڪورا لڳا.ڳوٺ ۾ اڌ رات جهڙو ماحول هو.شهر ۾ ته نون کان پوءِ نئون ڏينهن شروع ٿيندو آهي. ٽي وي سيريل، پان ــ مصالحا، ڀاڄي پائون، ڊوسا ۽ ڀيل پوري آئسڪريم ۽ ٻيو به ڇاڇا.هتي ته سويل صبوح کان گھر ــ کيت ۾ مزدوري ڪري ٿڪل ماڻهو تڪڙا سمهي پون. وري رات ۾ هڪ ٻه ڀيرا ڍورن کي چارو پاڻي ڏيڻ جي لاءِ اٿڻو پوين.کيتيءَ ۾ ساڌن ته گھڻا آيا. کيڙڻ جا، پوکڻ جا، ۽ لاباري جا. پر استرين جي مزوري ڪا گھٽي ڪانهي. مٿان امبر چرخن جو به ڪم هلي .
    ڪنچن با کي ياد آيو، پاڻ چندر ڪانت کي چيو هئائين ته هو کيس هڪڙو امبر چرخو ڏياري. سڄا ٻپهر واندي هوندي آهيان. جيڪو ٻوڙ ــــ پن نڪري سو، پر هن منع ڪئي. ٿي سگھي ٿو ان ۾ هن کي گهٽتائي محسوس ٿي هوندي يا ته ائين هوندو ته هاڻ ته امان کي آرام ملڻ کپي! ڪنچن با پاسو ورايو.
    تڏن جا آواز اچي رهيا هئا.ڪنچن با سمهي پئي هئي، پر ميلن تائين ننڊ نظر نه اچي رهي هئي. سرير ٿڪجي پيو هو ان ڪري اهلي هئي. رات ٿي ان ڪري نيم موجب سمهڻو هيو پر ننڊ اهڙن اصولن کي ڪٿي مڃيندي آهي. ننڊ کي اچڻو هوندو آهي ته هلندڙ بس ۾ بيٺا هجون ته به جھوٽو اچي ويندو آهي ۽ نه اچڻو هوندو آهي ته شاهي پلنگن تي سو مڻ ڪپهه ڀريل گديلن تي به نه ايندي آهي! ٻيڻو ڪري وڇايل ڪپڙي هيٺان به فرش ٺري رهيو هو. ننڊ کي منائڻ وارو من اڄ نه هيو. سامهون مينهوڳي رات. ڪوري تختي، يادگيرين کي اوتڻ لاءِ آتي.


    8

    ڪنچن با کي ڄڻ سالن بعد پنهنجي وجود سان ــ پنهنجي پاڻ سان رهڻ جو موقعو مليو هو! اجالن جي اوٽ جي ڪارڻ ڪنهن جي به سوال تي ڪن ڪونه ڏنائين، پر هينئر جو پاڻ کان پڇندي ته؟ هينئر ئي ڇو؟ انيڪ ڀيرا اهڙا پل آيا آهن جو لڳندو آهي ته هاڻي ئي ماضيءَ جا پاڻيءَ حال تان ڦري ويندا. ڊوڙي ڊوڙي ان جا گھارا بند ڪيا آهن. حال ۾ جيئڻ ۽ جَالڻ اهو ضروري هو.خبر به نه پي پئي ائين اندر ۾ آيل تهه خانو ڀرجندو پئي ويو ، ڪم جي ۽ نڪمي سڀني ڳالهين سان، پر هاڻ ته لڳي ٿو اهو تهه خانو اوطاق (بئٺڪ) ۾ داخل ٿي ويندو. مزي جي ڳالهه اها آهي ته ڪنچن با وانگر سڀڪو تهه خاني جي وجود کي ڀلجڻ ٿو چاهي، پر جو هڪ ڀيرو به ان تهه خاني ۾ داخل ٿي ويو ته ان کي ان ۾ مشغول ٿيڻ کان سواءِ ٻي ڪا واهه ڪانهي. هي جھونو ٿالهي واڄو! ۽ هيءَ اڳڙين مان ٺاهيل گڏي! هي جنڊ جو مٿيون پُڙ ۽ هيءَ ٽرائيسيڪل جي سيٽ! هي رومال تي ڀرت ڀريل چوپڙ! هيءَ پينگھي جي گھوڙي ۽ بنا فوٽوءَ جي فريم ۽ لاٽون هي ارام ڪرسيءَ جو ڪوئن جو ڪُتريل ڪپڙو. هي پاپڙ ويلڻ جو ويلڻ. هي ڀرت وارو ٽٽل ڳن وارو وڃڻو هي .... هي هڪ هڪ شيءِ هڪ نئون سنسار کڻي ٿي اچي.
    اڄ هن مينهوڳيءَ رات جي سانت ۾ ڪنچن با کي ڪا عجب جهڙي فرصت ملي وئي هئي.ڄڻ گھر ۾ ڪو نه هجي ۽ پاڻ سامهون خزانو کولي ويٺي هجي. هڪ ٻئي پويان شيون ڏسندي ويندي هجي ۽ گذريل ورهيه وَهندا ويندا هجن. پر ڏسڻ هميشهه سٺو ڪونه هوندو آهي.سٺيون يا خراب يادون هِنسڪ هونديون آهن. انهن جي نَهن کان بچڻ ڏکيو هوندو آهي. ڪو جهنگلي جانور چئن پيرن تي کڙو ٿي توهان جو چهرو رهڙيندو آهي.رت ڦُٽي ايندو آهي.ڄڀ کي اهو ڪوءڙو سواد وڻندو آهي. اها جلن، جھوري ڌيري ڌيري نشو بڻجي ويندي آهي.ورتمان کان دور، من هلڪي کان هلڪو ٿي اڏرڻ لڳندو آهي. هڪ ٻئي پٺيان تَهون کِسڪنديون آهن ـــ پردا هٽندا آهن. پاڻ سامهون بيهڻ جي ڌيرج هجي ته هڪ پاردرشي پاڻ ملندو آهي.
    ڪنچن با ياد ڪري ٿي اهو ڏينهن جڏهن پهريون ڀيرو ڳوٺ کان ٻاهر پير رکيو هئائين. پيءُ ڪراچيءَ مان ڪوٺڻ آيو هو. ڏاڏو ۽ امان گڏ ڪراچيءَ نه آيا هئا. ' هِن ويندڙ زندگيءَ ۾ ڪراچي ناهي وڃڻو، هاڻ ته هتي جي شمشان ۾ سومناٿ جي ڀر ۾ سُمهبو.' ڪنچن کان وڏي سومناٿ جي موت جو گھاءُ ڏاڏو مهاپرساد ڀلجي نه سگھيو هو.شاديءَ کان گھڻن ڏينهن کان پوءِ ڪنچن جي ماءُ ريوا کي ڏينهَن رهيا. ڪيترين ئي ٻاڌائن ۽ شرڌائن کان پوءِ ٿيل پهرينءَ پيٽ جو پُٽ! سومناٿ جا جھنڊا ٽئين سال لهرائي راندل جا لوٽا گھرائي چئن سالن بعد چانورن جي ٻاڌا ڇڏي. پر خبر ناهي ڀڳوان ساڄي هٿ سان نه ڏنو هجي تيئن چوٿون سال وهندي کڻي ورتو. امڙ چوندي هئي ڏاڍي ماتا نڪتي هئس. گلي جي اندر به زخم پئجي ويا هئس. پاڻيءَ ڍڪ به هيٺ نه لهي. ڊاڪٽر کان دوا دارون نه وٺجي ، نه ته ماتاجي رسي وڃي. ڳوٺ ۾ ڪٿان آيا ڊاڪٽر؟ ان لاءِ ته ڪانپ وڃڻو پوي. امان ڏاڏيءَ وٽ وڃي ڊڄندي ڊڄندي ڪانپ ۾ وڃڻ جي اجازت گھري ته ڏاڏي ڪاوڙجي وئي، ' ها هڪ تو ئي ڄڻيو آهي پُٽ! اهو ته سڀني کي هڪ ڀيرو ماتاجي نڪرندي آهي. گھرکان ٻاهر ڪڍبو آهي ڇا پُٽ کي؟ متان ڪنهن جو پاڇو نه پئجي وڃيس ۽ ڳوٺ ۾ ڳالهيون ٿين!' پر رات ڏينهن پُٽ جي شيوا ٽهل ڪندي امڙ لکي ورتو هو. ڪو موقعو هٿان وڃائڻ نه پئي چاهيو. ٿي سگھي ٿو سومناٿ بچي وڃي! مان ــ مريادا جي نالي جنهن نينگر کي سس ــ سُهري جي حاضريءَ ۾ ٻه هٿ گڏ ڪري ڪُڏايو نه هيو، هنج ۾ نه کنيو هو ان جي پويان ٻنهي هٿن سان ڏينهن تائين ڇاتي ڪُٽي رُني هئي. هاءِ ڙي شنڪر ٻاڻ هنيا .... هاءِ هاءِ ٻاڻ ڪنهن کي لڳا ..... '
    ڪنچن با وڏي ٿي ته پوءِ ڏاڏيءَ ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون. ڪنچن جي جنم ٽاڻي ماڻس وڏي سڏ روئي ڇاتي ڪُٽي هئي.پُٽ وٺي ڀڳوان ڌيءَ ڏني هئي! پر جڏهن ڪنچن جي ڄمڻ جي ٻن سالن کان پوءِ ننڍو ڀاءُ وشوناٿ ڄائو ته ماڻس ڳوٺ ۾ پتاشا ورهايا هئا ۽ ننڍڙيءَ ڪنچن جا پير ڪنڪو هاڻا ڪري ان جي هڪ نئين نڪور سفيد ڪپڙي تي ڇاپ هڻي اهو ڪپڙو پيتيءَ ۾ رکيو هئائين. 'منهنجي ڪنچن ڪنڪو قدمي! ڀاءُ وٺي آئي!'
    وشو ناٿ قد بُت ۾ سنهڙو. سِڪي پني مليل پُٽ، اُميا امڙ چاڳ ۽ لاڏ ڪوڏ ڪرائڻ ۾ پٺيان ڦري ڪونه ڏٺو هو.سخت ضدي ۽ ويڙهاڪ. ڪنچن کي پل ڀر ڪونه ڇڏيندو هو. ڪچرو اڇلائڻ وڃي ته به اُکڻ ۾ ۽ ڇيڻو ٿڦڻ وڃي ته به گود ۾.ڪنچن جيڪو ڪري اهو سڀ ڪرڻو. گھاگھري پولڪو پائڻ جو ضد ڪري ۽ ڪنچن کي ڪو رانديڪو مليو هجي تيئن هن جي وارن ۾ گلن جي ويڻي وجهي کيس سينگاري. ڪنچن بنا نه وهنجي نه کائي، نه اسڪول وڃي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن جلدي کائي وٺي ته هو کيس سامهون وهاري ۽ چويس 'مون جيئن وات چور ته ئي مان ماني کائيندس.'ڪنچن ورت رکي پوڄا لاءِ وڃي ته هو به گڏ وڃي. ڪڏهن ڪڏهن پاڙي جون ڇوڪريون ڪنچن کي چيڙائين. ' تنهنجي هن پُڇ کي ڏاجي ۾ به کڻي وڃج.' ساهيڙين جي ڪيل مسخري به صحيح ثابت ٿي. امرت لال وشوناٿ کي نوڪري ڏياري. پل ڀر لاءِ ڪنچن جو پلاند نه ڇڏيندڙ وشوناٿ هليو ويو. ناريلي پونم کان اڳ ... هو رکڙي ٻڌائڻ لاءِ به نه ترسيو. ڪراچي ويا ته سڀيئي گڏ ۽ آئي تڏهن .....
    پهريون ڀيرو جيشٺارام ڪراچي ويو تڏهن ڪنچن ٽن سالن جي هئي ۽ وشوناٿ هڪ سال جو.بابو پيءَ سان جھڳڙو ڪري هليو ويو هو. پيءُ ججمان ورتيءَ کان علاوه ڪالر ڪپهه جوواپار به ڪندو هو. بابا کي پڙهائيءَ لاءِ ڪانپ ۾ ڇڏيو هئائين.ست چوپڙيون انگريزي پڙهڻ کان پوءِ بابا کي نوڪري ڪرڻي هئي.ڳوٺ ۾ وڌ ۾ وڌ ته مزدوري ملي. نوڪريءَ لاءِ ڳوٺ ڇڏڻو پوي. ڏاڏي جي رتيءَ ماتر اڇا نه هئي ته بابا ڪراچي وڃي. ان جو هڪ ئي گڻِت هو ته جيڪو ٻاهر ويندو آهي اهو ڦِري ويندو آهي. هو ڄاڻندو هو ته ڪرم ڪانڊ، ڏان ڏکڻا، سامان سيڌو ڪنهن به شيءِ کي اوڏو نٿو وڃي اهو پُٽ اکين کان اوجهل ٿيندي ئي جڻيو ساڙي پي ويندو. شرير سان ڪمزور باباجو گجو ڪونه هو ته کيتي سنڀالي سگھي. ۽ وڻيس به نه. مٿي تي اچي وڃي ته ٽارڻ جا هزار هيلا بهانا ڪندو هو.اونهاري۾ اُس لڳيس، چوماسي ۾ سِيئو تپ اچي وڃيس ۽ سياري ۾ ٿڌ لڳيس.
    هڪ رات بابا اوسريءَ ۾ روٽي کائي رهيو هو ۽ امان سامهون رنڌڻي ۾ ٻاجھريءَ جو ڍوڍو پچائي رهي هئي. ڏاڏي اوسريءَ ۾ ٿنڀ جي ٽيڪي جي سهاري ويهي مالها جپي رهي هئي ۽ ڏاڏو گھٽيءَ ۾ ٻارڻ لاءِ آندل ڪاٺيون سريکيون ڪري رکي رهيو هئو. بابا امان کان کير گهريو ۽ ڏاڏي جو دماغ ڦاٽو ' ڪم ڪار ڪرڻو ناهي ۽ پُٽ کي کچڻي ۽ کير کائڻو آهي. حرام جي هڏن جا، هي تنهنجو پيءُ نه هوندو ته ڪير ڀريندو تنهنجن هنن ٻائڙي ٻارن جا ڀانڊا! ۽ اصل ته هيءَ رن .... 'چوندي اٿيو ۽ چلهه مان ٻرندڙ ڪاٺي کڻي امان کي مارڻ لاءِ پٺيان ڊوڙيو. ' هن رن ئي خراب ڪيو اٿس!' ڪڇ ۾ وشوناٿ کي کڻي بيٺل ڪنچن جي اڻ سمجھو اکين ڏٺو. بابا ٿالهي ڌڪي هڪ دم کڙو ٿيو۽ پڻس جي هٿ ۾ کنيل ڪاٺي جھٽي پري اڇلائيندي هلي نڪتو. گھر کان ٻاهر نڪري سڌو شِوچند جي گهر هليو ويو. اوڌر پيسا وٺي ڪراچيءَ جي واٽ ورتائين.
    پُٽ جي وڃڻ جو دک ڏاڏو امان تي غصي جي صورت ۾ ٻاهر ڪنڍندو هو.۽ امان ڏاڏيءَ تي. ڏاڏي لڙڪ هاري راهه ڏسندي رهندي هئي.ڪنچن کي ڏاڏيءَ جي ڳالهين ۾ پڻس جي حاضري محسوس ٿيندي هئي.ٻن مهنن بعد ڪراچيءَ مان بابا جو پهريون خط آيو ته ڏاڏي سڀني کي سيرو کارايو ويو. ٽپال ڏاڏي اونچي آواز سان پڙهي ته جيئن رنڌڻي ۾ ويٺل امان به ٻڌي سگھي. امان ڪنچن وٽان لڪ چوريءَ به خط پڙهائيندي هئي.پوءِ ته ڪڏهن ڪڏهن، هتي جساپر واري ديوشنڪر جو حساب ڪتاب لکندو آهيان. پندرهن روپيا پگھار اٿم. ' ته وري ' مون هري شنڪر شاستريءَ جي پاڙي ۾ ڪمرو مسواڙ تي ورتو آهي. رسوئي هٿ سان ڪندو آهيان.'ڪڏهن ڪڏهن مني ارڊر سان گڏ هڪ اڌ جملو ڪنچن لاءِ به لکندو هو ' هن ڏياريءَ تي ڪنچن کي جهانجهري وٺي ڏجو.' ان ڏياريءَ تي ماءُ کي به نوان ٽپڙ ٽاڙي ملندا هئا.
    هڪ ڀيرو ڪنچن وٽان ڏاڏيءَ ڪاڳر لکرايو
    سِريمانجي،
    توهان جو خط مليو آهي. اسان هت مزي ۾ آهيون. طبيعت جو خيال رکجو. پيسن جي چنتا نه ڪجو. هر روز صبوح شام کير پيئجو. پرايو ملڪ آهي. اسان هت مرچ مانيءَ تي گذارو ڪري وٺندداسين. وشو ۽ ڪنچي توهان کي ڏاڍو ياد ڪندا آهن. امڙ ۽ بابا به ياد ڪندا رهندا آهن. هتي پاڙي ۾ توهان جي دوست سَوجي پٽيل جي گھر پُٽڙو ڄائو آهي. ڪنچن سندس نالو هرجي رکيو آهي. شوچندڀا کي ڪانپ واري دواخاني کڻائي ويا آهن. چون ٿا ته سِلهه جي بيماري ٿي اٿس. بابا کي کاٻي اک سان گھٽ نظر اچي ٿو. توهان اچوته کيس ڊاڪٽر کي ڏيکاريون.هن سال کيت ۾ اٺ آنا اپت ٿي آهي. بابا کان ڪم پڄي ڪونه ٿو.رامپرا جي رستي وارو کيت وڪڻي ڇڏڻ جو چون پيا. ڪنچن کي اٺون سال ويٺو آهي. منهنجو مامو سندس سالي جي ڇوڪري جو مڱڻو ڪنچن سان ڪرڻ جي لاءِ آيو هو. پر بابا منع ڪري ڇڏي چيائين ' هو سڌريل آهي، منهنجوچيو ڪونه مڃيندو'
    لکندڙ، ريوا جا رام رام

    بابي ۽ امڙ کان لڪ ڇپ ۾ واڙي ۾ وڃي ڪاڳر لکرايو پر ٽپال ۾ ڪهڙيءَ ريت وجھڻو؟ ڪنچن شِوچندڀا جي پُٽ نانچند ڪاڪا کي ڪاڳر ٽپال ۾ وجھي اچڻ لاءِ ڏنو. هن جو پُٽ تلڪچند ڪنچن کان ٻه سال ننڍو. هن کي خبر پئي ته هن ڪنچن کي دٻايو ' تنهنجي ڏاڏي کي چئي ڏيندس.' ائين هڪ ٽپال جي بدلي ۾ هفتي تائين هن ڪنچن کان آمريون ۽ انب لهرايا. ڪنچن جي آڏن ڦڏن اکرن ۽ ڀڳل ٽٽل ڀاشا وارو خط پڙهي پنجن سالن بعد پڻس سڀني کي وٺي وڃڻ جي لاءِ گھر آيو.
    ڪنچن ڳليءَ ۾ اِڪ ٻِڪ راند کيڏي رهي هئي ته وشوناٿ ڊوڙندو ڊوڙندو آيو ' ادي هل اسان جي گھر ڪو ماڻهو آيو آهي. ڏاڏو ڏاڏي ۽ امان ڏاڍا روئي رهيا آهن.' راند اڌ ۾ ڇڏي ڪنچن ڀڳي. گھر ۾ پير رکندي ئي کن پل لاءِ کُپي وئي. سامهون اوسريءَ ۾ کٽ تي ڏاڏي جي پاسي ۾ پڻس ويٺو هو ۽ ماڻس پٽ تي اوسريءَ جي ٿنڀي وٽ ويٺي هئي. ڏاڏي جو هٿ پٽ جي پٺيءَ تان گھمي رهيو هو. امان رکي رکي آنسو اگھي رهي هئي.
    ' بابا آ.....' رڙ ڪندي ڪنچن آيل ماڻهو جي پيرن تي ڪري پئي. وشو ناٿ کي هاڻي ڪجهه سمجھ ۾ آيو. ڇو ته پهريان ته ڏاڏي هن کي ڇنڊ ڪڍي هئي.' توکي هاڻي گھر ياد آيو آهي. ماءُ پيءَ کي هيَن ڇڏي وڃبو آهي ڇا ! ڪجھ ٻارن ٻچن جوبه ته خيال ڪرڻ گھرجي. ' پوءِ بابا کي ڀاڪر ۾ ڀريندي روئي پيو. ٺاپر ۾ ايندي ڏاڏي وِشوناٿ کي سڏ ڪيو هو. پر هوته ڳليءَ ۾ کيڏندڙ ڪنچن کي سڏڻ هليو ويو هو. ڪٿي ڀيڻ نه بنا ڀاڳ جي رهجي وڃي!
    ڪنچن کي هنج ۾ ويهاريندي بابي وشوناٿ کي پاڻ وٽ سڏيو. هٻڪندو، ڏاڏي ۽ ماءُ سامهون نهاريندو هو ٻه وکون هلي بيهي رهيو. ڏاڏي چيو ' اچ، ابا تنهنجو پيءُ آهي. هيڏانهن اچ تنهنجي لاءِ شيون آنديون اٿس.' ڪنچن وچ ۾ ڳالهايو 'ادا هي ته اسان جو پيءُ آهي. ' تڏهن وڃي هو اکيون هيڏانهن هوڏانهن گھمائيندو پيءُ جي ڪپڙن ڏي نهاريندو ويجھو ويو. ساسڪين جي ڪريم ڪلر جي پئنٽ کي ڇهندي هن محسوس ڪيو ' هن تان ته هٿ سرڪيو وڃي.'
    پيءُ جي گود ۾ ويٺل ڪنچن کي رنڌڻي جي در مان نهاريندڙ ٻه اکيون نظر آيون.هن کي ماءُ ياد اچي وئي. هوءَ اٿي رنڌڻي ۾ هلي وئي. ماڻس ماني پچائڻ لاءِ اٽو ڳوهي رهي هئي ۽ سامهون در مان نهاريندي سندس اکيون ڀڄي رهيون هيون. ان ڏينهن کانو کائيندي وشوناٿ پڇيو هو ' امان تو مانيءَ ۾ لوڻ وڌو آهي؟' ماڻس هڪ نظر پڻس تي وڌي ۽ چيو ، 'ها، گھر ۾ اڄ هونئن به لوڻ تيز ڏسجي ٿو پيو.'
    بابا آيو ان ڏينهن ڏاڏي سڀني کي وري وهنجاريو.سڀني جي پاڻيءَ جي ڏول ۾ ٻه ڦڙا گنگا جل جا وڌا هئا. بابا ٻه ڏينهن کير پي اپواس ڪيا هئا. پوءِ به بابا جي ٿالهي ڪٽوري ۽ گلاس الڳ رکيا ويا هئا. بابا جو جڻيو ۽ مٿي جي وارن واري چوٽي سلامت ڏسڻ جي باوجود ڏاڏي کي ڀروسو نه هيو. گھر ٻاهر پير رکجي ۽ ڌرم ڀرشٽ نه ٿئي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي!
    وڃڻ جو وقت ويجھو ايندو پئي ويو.گھر بدلجندي پئي ويو. پُٽ سان گڏ ننهن ۽ ٻار به هن ڀيري گڏ ويندا.خبر ناهي، هاڻي ڪڏهن ملندا؟ جيئري جيءَ وري هي ڏينهن واپس اچڻا ناهن. وري ملنداسين. اهو ئي گھر هوندو ۽ اهي ئي گھر جا ڀاتي، پر هيءُ وقت ته ڪونه هوندو! وهي ويل جل جي اسپرش جي ٿڌڪار صرف هوندي سمرڻ ۾. ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڄڻ سڄو پريم ڏيئي ڇڏڻ جي تڪڙ ۾ ڇلڪي رهيا هئا. ڏاڏو پينشن وٺڻ کان پهرين ورتل موڪلون ماڻي رهيو هو. ڪنچن هن جو نئون روپ ڏسي رهي هئي. اڳي ته هڪ گھڙي به واندو ڪونه وهندو هو. ڪجھ نه ته آخرڪار ٻارڻ جون ڪاٺيون ڦوڙيندو هو. پر جڏهن کان پيءُ آيو هو تڏهن کان ڄڻ سامان سيڙهي رهيو هئو. بابا سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهيون ڪندو رهندو هئو.ڪڏهن ڪڏهن چوپڙا کڻي سمجھائيندو رهندو هئو. ڏاڏيءَ جي دنيا ننهن ۽ ٻارن ۾ سمائجي رهي هئي. ڳالهين ڳالهين ۾ امان کي ڇڙٻيندي ماءُ ڌيءَ کي پرديس موڪليندي هجي ائين چنتا ڪندي چوي ' توکي ايتري به خبر نٿي پوي؟ اتي پرديس ۾ وڃي ڇا ڪندينءَ؟'
    ڪنچن ۽ وشوناٿ ته جڏهن کان سندن پيءُ آيو هو تڏهن کان وڃڻ جون وايون ڪري رهيا هئا. ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ واڙي جي هڪڙي ڪُنڊ ۾ ڪنهن کي ڪل نه پئي ائين پنهنجو پنهنجو سامان گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. اڳڙين مان ٺاهيل گڏي، اِڪ ٻِڪ راند جون ڪڪريون،بلورَ، مٽيءَ جا ڍڳا، ۽ لالجي مستريءَ جي ڪاٺيءَ مان ٺاهي ڏنل ڍڳي گاڏي، رنگين ڪاڳر ۽ ڪوڏيون، مٽيءَ مان ٺاهيل ٿانو، ..... پر انت ۾ انهن سڀني مان گُڏي ۽ گَڏو ئي ساڻ اچي سگھيا.
    وڃڻ جي اڳئين ڏينهن ڏاڏيءَ ڪنچن کي پاسي ۾ سمهاريندي چيو، وٺ هاڻي، آخرين ڀيرو ڏاڏيءَ جو لاڀ وٺي ڇڏ.' کن پل لاءِ ڪنچن کي ٿيو هاڻي ننڊ ڪيئن ايندي؟ ڏاڏيءَ جي اڇي پيٽ واري رتي ترَ تي آڱر ڦيريندي ڦيريندي ڪنچن هن وٽان روز آکاڻين جو لاڳو اوڳاڙيندي هئي.ان رات ڏاڏيءَ رام جي بنواس واري وارتا کنئي پر پوري نه ڪري سگھي.ڪوشليا جي ودايه وچن ۾ هوءَ پاڻ روئي پئي هئي.


    9

    ڪنچن با اُڊرڪي جاڳي هٿوراڙيون ڦيري وڇاڻ ڳولهڻ لڳي. هن کي ٿيو ان رات ڏاڏيءَ کي چهٽي سُتي هئي ۽ ڪنچن سوڙ ۾ لڪي رهي هئي. ڄڻ سارا سور چوسي وٺڻ نه چاهيندي هجي!.پر جي اها ڪنچن مان آهيان ته پوءِ منهنجو هٿ ڪنهن کي سهلائڻ لڳو هو؟ نه مان ڏاڏي ته ناهيان. هوءَ ته ويچاري ڪڏهوڪي گذاري وئي آهي. ته پوءِ ڇا مون منجهان ئي هڪ ٻي ڪنچن الڳ ٿي رهي آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته هوءَ مون منجهان نڪري دور هٿ ٻڌي بيٺي آهي ۽ مونکي هن ننڍڙيءَ ڪنچن کي ڏسي رهي آهي! پر ائين ڪيئن ٿيندو؟ مان ڀِڄان به سهي ۽ ڪوري رهي دور ڀِڄڻ ڏسان به سهي؟ ٿي سگھي ٿو وهنوار جي پرڪريا ڏسڻ جي لاءِ پاڻ کي هيَن ' مان' ۽ ' هُن' ۾ ورهائڻو پوندو هجي.
    ڪنچن با ليٽندي ليٽندي ئي چوطرف نظر گھمائي.جيتن ۽ ڏيڏرن جا آواز مسلسل اچي رهيا هئا. ڪنهن سالن پراڻي ويڙهيَل وستر کي کولجي ۽ هر هڪ تهه واري گھنج مان روشني ليئا پائيندي هجي ائين سامهون ورانڊي مان ڏسجندڙ آڪاش ۾ هت هُت تارا ڏسجي رهيا هئا. بادل مڪمل هٽيا نه هئا. وچ وچ ۾ انهن جو چمڪاٽ گھٽ ڏسڻ ۾ ٿي آيو. ڪنچن با جي من جي اسٿتي به ڪجھ ان طرح جي هئي. ماضيءَ جو تهه هٽيو نه هو پر وچ وچ ۾ سنهڙي پُڙ مان حال ليئا پائي رهيو هو. هوءَ ياد ڪرڻ لڳي زندگيءَ جو اهو پهريون سفر. خبر ناهي ڪهڙي پل پهر سامان سڙهو ٻڌو هو جو اڃا به پورو ڪٿي کوليو نه هو. هونئن به سامان سان گڏ ٻڌجي ويندڙ يادون ڪڏهن به ڇٽنديون ناهن.
    اها صبح. سَوجي ڪاڪا سويل پنجين بجي ئي گاڏو آڻي بيهاري ڇڏيو هو. وشوَ ناٿ ته چيو به سهي ته اسان ٺيٺ ڪراچيءَ تائين گاڏي ۾ وڃون ته؟ هن کي ڍڳن جي نٿ هٿ چڙهي هئي ته کيس مزو ئي اچي نه! ڏاڏي پوءِ ڳالهه ڪئي هئي ته سڀ کان پهرين هڙوَد مان ئي جيڪو مڻي شنڪر ويو هو اهو ته ڪڇ جو ننڍو رڻ لتاڙي پيادل ئي ويو هو! پر ٽرين جي ڪشش ته امان کي به هئي. رامپرا اسٽيشن تائين گاڏي ۾ وڃڻو هو.امان سامان ٻڌڻ ۾ ڪجھ به باقي نه ڇڏيو هو. ' اهو ته کپي.' پرديس ۾ اسان جهڙو ناهي هوندو.' اتي پرائي ملڪ ۾ ڪنهن کان گھربو،' ائين ڪندي ڪندي اناج، ويڳر مصالحا ، ٿانو ٺڪر، بستر ڪپڙا اڙي لنڀ جي ٻُهاريءَ سميت! هن کي ڪيئن سمجھائجي ته ڪراچيءَ ۾ سمينٽ جي ٽائيلن تي هيءَ ٻُهاري ڪم ڪونه ايندي! هن جو وس هليو هجي ته راڳو (ليپو) ڪرڻ واري مٽي به گڏ کڻي هلي ها!!.
    سَوجي ڪاڪا ڍڳن ۾ چنگ ٻڌا هئا. جن جي آواز پرهه جو پاڙي وارن کي چتايو هو. هونئن ته گذريل ڏهن ڏينهن کان سانسر چانهه پي وڃڻ جون دعوتون گھر گھر مان آيون هيون اهي آخر وڃي ناريل ۽ پيسن جي شُڪنن سان الوداع ڪرڻ سان بند ٿيون هيون. اڱڻ ۾ ناريلن جو ڍِڳ ڏسي وِشوَناٿ کي رڪجي وڃڻ تي من ٿيو. ڳڙ ۽ ڪچي ڏونگھي کيس ڏاڍي وڻندي آهي.هن کي چنتا به ٿي ته 'هيڏا سارا ناريل ڏاڏو ۽ ڏاڏي ڪيئن کائي سگھندا؟ ' ڏاڏي ٻه چار ناريل ڪٽي کوپري جي هڙ ٻڌي ڏني تڏهن وِشوَناٿ جي پيرن ۾ از خود طاقت اچي وئي.
    وڃڻ واري ڏينهن هولاشٽڪ(هوليءَ جي اردگرد واري عرصي ۾ ڪن گرهن جو راشيءَ ۾ پرويش ٿيڻ جنهن ۾ سٺن ڪمن لاءِ مهورت نه ڪري سگھجي. جنهن جو عرصو تقرييبن اٺن ڏينهن جو هوندو آهي.) ويهي رهيو هو. بابا شڪن اپ شُڪن ۾ مڃين ڪونه. ٻارس جي ڏينهن تي ٻارسانگ نه ڇڏجي ۽ آرتوار ــ منگل تي گھر جي ننهن کي وداعي نه ڏجي. ۽ ان تِٿ تي فلاڻي ڏس نه وڃجي سامهون ڪال چئجي. پر انهن سڀني مڃتائن مان رستا به ماڻهو ئي ڳولي ڪڍن. شُڪن سنڀالڻ جي لاءِ اڳئين ڏينهن پَستانو ڪن. يعني پاڙيسريءَ وٽ هڪ ٿيلهي رکي اچن. امان ڪنچن کي سامان جي هڪ ٿيلهي ڏيئي شِوچند جي گھر پستانو ڪرڻ جي لاءِ لڪ ڇپ ۾ موڪلي. سَوجي ڪاڪي کي ڪن ۾ چئي ڇڏيو هو ته پهريان شِوچند جي گھران ٿي اچي. سڄي واٽ ڪنچن ڊڄندي رهي ته بابا کي ڪٿي خبر نه پئجي وڃي.هن کي سمجھ ۾ نه پي آيو ته اهي ڪهڙا شُڪن آهن جن کي سنڀالڻ لاءِ ڪوڙ ڳالهائڻو پوي! ڪوڙ ڳالهائي ڪيل ڪم ڪيئن ٿو سٺو ٿي سگھي؟
    ڦڳڻ مهني جي سويل صبح. سيم (ڳوٺ جي آسي پاسي واري جوء) مان گذرندي انبن ۽ نمن جي سڳنڌ گاڏو هڪليندڙ سَوجي ڪاڪي جو ڪلهو جھلي بيٺل وِشوَناٿ جي وِنگن وارن سان کيڏي رهي هئي. ٻنيَن ۾ ڳائيندڙ ڪوئل کي جواب ڏيڻ لاءِ جذباتي ۽ اُتسڪ ڪنچن ماءُ پيءُ جا اداس چهرا ڏسي ماٺڪي ويٺي هئي.
    رامپرا جي اسٽيشن هوندي ڏهه ــ ٻارهن ڳائو. ڳوٺن ۾ ويندي هونئن به ٽي کن ڪلاڪ ته لڳي وڃن. رستا کڏن کوٻن وارا . ڳوٺ ڇڏڻ جو ڏک وڏن کي جهڙو ۽ جيترو هيو ان کان ڪنچن ۽ وِشوناٿ جو ڏک الڳ هو. امان ابي وطن جي يادن کي گڏ ٻَڌي ورتو هو ۽ سامهون هڪڙو نئون سنسار هو. ڏاڏي ڏاڏيءَ دکي دل سان قبولي ورتو هو ته پُٽ ننهن جو ايترو ئي قرض هو؟ وِشوَناٿ جي ته اڃا عمرڪونه هئي جو ان کي ڇا پائبو ڇا وڃائبو ان جي سمجھ هجي! ڪنچن جو من ڌنڌ ۾ منڌل هو. ڏاڏي، ڏاڏو، گھر، ڳلي، کيت، سرتيون، وار تهوار ڪيترا سارا اَنوبنڌ. ڇڏڻ جي ڏک ۾ اڄاتل ڊپ ۽ نئون ڏسڻ جو وِسميه گڏجي رهيا هئا. انهي اڻتڻ ۾ هئي ۽ اسٽيشن اچي وئي.
    پهريون ڀيرو ريلوي اسٽيشن تي پير رکڻ وارو آزمودو اڄ به ناهي ڀلجي سگھيو.سَوجي ڪاڪا گاڏو بيهاري ڍڳا ڇوڙي ٻٻر ۾ ٻڌا ۽ کين چارو ڏنو. بابا گاڏي مان سامان لاهي رهيو هو. امان مٿي تي مانيءَ وارو وڏو دٻو ۽ آڱر ۾ وِشوَناٿ ۽ مٿي تي ڀري کنيل ڪنچن سان گڏ پليٽ فارم تي پير رکيوهو. ٻنهي طرفن کان ڍار وارا ڇنا. ڇنن ۾ رهندڙ پکين جا آواز، پاڻيءَ جي گاڏي تي هيٺ مٿي رکيل مٽڪا ۽ ڪجھ ترڻ واري خوشبوءِ. ڪنچن ڏٺو ته ريڙهي تي پڪوڙا ترجي رهيا هئا. گھر۾ ته سال ۾ ٻه ڀيرا ساتم آٺم ۽ ڏياريءَ جهڙن تهوارن تي ئي ڪڻاهو چلهه تي چڙهندو هو. وِشوَناٿ اک جي اشاري سان گُهر ڪئي ته امان چيو 'نه کائجن، آڀڙجي پئبو.'
    چوپڙيءَ ۾ ڏٺل گاڏيءَ جي چترن جي زور تي بهادري ڏيکاريندڙ وِشوَناٿ دور کان انجڻ جي سيٽي ٻڌي ماءُ کي چهٽي پيو.ڪنچن پيءُ جي پويان لِڪڻ جي ڪئي. پوئين هڪ ڪلاڪ کان گاڏيءَ جي انتظار ۾ دور دور تائين اکيون ڦاڙي نهاريو هيو. پٽن تي ڪن ڏيئي ان جو آواز ٻڌڻ جي ڪوشس ڪئي هئي ۽ پليٽ فارم تي وِشوَناٿ جي خميس پڪڙي گاڏي هلائي هئي، اها گاڏي آئي ته ڪنچن هڪي ٻڪي ٿي وئي. امان سَوجي ڪاڪا کي ناريل ڏنو. ريلوي جو انجڻ ڪو ڪارو ڀوت هو. شِو جي وڪرال سوَروپ جهڙو. ريجھي تيستائين ته ٺيڪ پر ناراض ٿئي ته؟ امان اڳواٽ ٻاڌا رکي هئي. سَوجي ڪاڪا ٻن پٽن جي وچ ۾ ناريل ٽوڙڻ لاءِ رکيو. امان پيرين پَئي بَلائون ورتيون. 'منهنجو سُهاڳ سلامت رکج، ۽ منهنجي اولاد کي جيئرو رکج.' ڪنچن ۽ وِشوَناٿ به پيرين پيا. بابا ۽ سَوجي ڪاڪا سامان چاڙهيو. امان منهنجي پاسي ۾ وِشوَناٿ کي وٺي ويٺي. ريل جا دٻا ننڍا هيا. ڪنچن کي ٿيو هي خالي دٻا اُٿلي پوندا ته؟ تڏهن ئي انجڻ ٻاڦ ڇڏي. ڪنچن ٻنهي گوڏن جي وچ ۾ ڊپ جي ماريل مٿو لڪائي ڇڏيو وِشوَناٿ ته ٽپي دروازي طرف ڊوڙيو. در بند ڪندڙ پيءُ کي رڙيون ڪري چوڻ لڳو' ناهي هلڻو، مونکي ناهي هلڻو.' بابا کيس کڻي سيٽ تي وٺي آيو ته دريءَ مان وري سَوجي ڪاڪا کي ڏسي زور زور سان چوڻ لڳو ' ڪاڪا مونکي ڊپ ٿو ٿئي، ڏاڏي وٽ وٺي هلو ڪاڪا، ڊپ ٿو ٿئي.' شام جو چئين بجي ڪانپ آيو تيستائين وِشوَناٿ ماڻس جو گھڙي پل لاءِ به ڇيڙو ڪونه ڇڏيو.
    ڪانپ جي اسٽيشن جنڪشن. اسٽيشن جو وستار وڏو، گاڏين جي اچ وڃ وڌيڪ ۽ ماڻهو به ڪافي. اسٽيشن تي ڇهه کن ڪلاڪ رهڻو هيو. وِشوَناٿ جو شرير ٿورو تپجي پيو. بابا اسٽيشن کان ٻاهر وڃي لوٽي ۾ وِشوَناٿ لاءِ ڪوسو کير کڻي آيو. گھر کير ۾ ٺاهيل ٿيپلا، مٺائي ۽ ڳُڙ ۽ مرچن جو آچار پليٽ فارم تي کائيندي کائيندي ڪنچن کي هر سال ڳوٺ ۾ شيتلا ساتم جي موقعي تي ٻَڙيا ڪاڪا جي اسٿانڪ تي اڻگو (استرين جو هڪ ورت) ملهائڻ ويندا هئا اهو ياد اچي ويو!
    ٻي گاڏيءَ ۾ چڙهندي ڪنچن جون اکيون ننڊاکڙيون ٿيون هيون. ۽ وِشوناٿ گهريءَ ننڊ ۾. صبح جو جاڳ ٿي ته گاڏي پالنپور اسٽيشن تي بيٺي هئي. ڪراسِنگ هو. پيءُ پاڻي ڀرڻ جي لاءِ هيٺ لٿو هو. ان ئي وقت پاسي مان ٻي گاڏي لنگھي. ڪنچن رڙ ڪري چيو 'بيهاريو ، منهنجو پيءُ هيٺ رهجي ويو آهي.' پل ڀر ته ماڻس به نه سمجهي سگھي پر پوءِ پليٽ فارم طرف نهاريندي کيس سمجھ ۾ آيو ته گاڏي بيٺي آهي. رستي ۾ پسار ڪندي وڻ، نديون، پليون، گھر، کيتَ، ڊوڙي رهيا هئا ۽ ڪنچن دريءَ مان ڏسي رهي هئي. لوڻي اسٽيشن تي پهريون ڀير ڏهيوڙا کاڌا . ٻاهر جي شيءِ ماڻس ته نه کائيندي هئي. هن ڀُڻ ڀُڻ به ڪئي.
    ' ڌرم بِگاڙيندا.' پيءُ چيو اهڙو ڪهڙو تنهنجو ڌرم جو ڳالهه ڳالهه ۾ ان ۾ رخنو پوي. اهو ڪو رڌل ان ٿورو آهي جو بگڙجي ويندو! پنهنجي ته هڪڙي ئي ڳالهه، ڪنهن جي دل دکائجي ته اڌرم.'
    زندگيءَ ۾ وسيع وستار جو آزمودو! ٻاڙمير کان ڇيڙي تائين جو رڻ وستار ڪنچن ڏٺو. هن جون ننڍڙيون اکيون چڪِت ٿيون هوءَ ڀوري رنگ جي واريءَ واري وستار کي ڏسندي رهي.دور دور نظر وڃي ٿي ، ڪٿي به انت ناهي. هڪ هنڌ واريءَ جي دڙن جي پويان هڪ اڌ سائي ٽاري ڏسجي ٿي! ڇا هوندو هُتي؟ گھر هوندو، اڱڻ ۾ ڳئون ٻڌل هوندي، ڇوڪريون اِڪ ٻِڪ کيڏنديون هونديون! ڇا هوندو؟ هن کي ٿيو ويران، غيرآباد وستار ۾ هوءَ پاڻ به هڪ واريءَ ڪڻ آهي. پل ڀر لاءِ ننڍڙي ڪئلي بڻجي ٻر ۾ لڪي وڃڻ جي کيس اڇا ٿي وئي. رڻ جو وستار ڄڻ کيس صفا ننڍڙي شيءِ ۾ تبديل ڪري رهيو هو. هن مٿان اثر وجھي رهيو هو. ٻنپهرن ٽاڻي اُس ۾ جڳهه جڳهه پاڻيءَ جو ڍنڍون جَرڪيون ٿي. پڻس کيس مرگ جل جي مايا جال ته سمجھائي پر ان کي ٽوڙڻو ڪهڙيءَ ريت؟ ان ۾ به من، پاڻ کي وڻندڙ عڪس ڏسندي مرڪندو هجي تڏهن؟ گاڏي ننڍين ننڍين اسٽيشنن تي بيٺي پئي ۽ ڳوٺ جا ماڻهو پاڻي ڀري پئي ويا. ڏورانهن هنڌن تي رهندڙ ماڻهن لاءِ جيون سان جڙيل ڪا ڏور هئي هيءَ گاڏي.
    ڪراچي وڃڻ لاءِ حيدرآباد سنڌ مان وري گاڏي تبديل ڪرڻي هئي. ٽئين ڏينهن شام جو ڪوئٽا ميل جو ڪنيڪشن ورتو. ان ڀريل گاڏيءَ ۾ جڳهه جي ته ڪهڙي ڳالهه ڪجي؟ چڙهڻ جو موقعو مس مليو. دروازي وٽ هڪ طرف سامان ۽ بسترن مٿي ماءُ وِشوَناٿ ۽ ڪنچن کي وٺي ويهي رهي. پڻس لک ۾ بيٺو پئي ته لک ۾ گھميو پئي. ٽرين جي مسافري واري آخرين رات ڪنچن کي خاص طور سان هميشهه جي لاءِ ياد رهجي وئي.
    ٽرين ۾ ڪنچن کي ڪاڪوس خاني ۾ وڃڻ ۾ ڏاڍو ڊپ لڳندو هو. جھولندڙ دٻو ۽ هيٺ نظر ويندي ڏسجندڙ زمين. ستت ڪِري پوڻ جي دهشت. هيل تائين ته اسٽيشن آئي پئي ته ماڻس کيس پليٽ فارم تي وٺي پئي وئي. شام ڍلجي چڪي هئي. نه سرندي ڪنچن دٻي جي ٻئين ڇيڙي تي وئي. ڪاڪوس جو در کوليو پر همٿ نه ٿي ۽ واپس آئي. امان وڙهندي ته؟ ان ڪري ٿوري دير در وٽ بيهي رهي. هوءَ دريءَ مان ٻاهر ڏسي رهي هئي. هن کي ٿيو سندس پٺيءَ تي ڪجھ آهي.هن پٺيءَ تان هٿ ڦيريو ۽ وري نهاريو. گاڏي جي ٻئي بند دروازي جي ڪُنڊ ۾ هڪ ماڻهو ويٺو هو. جھڪي روشنيءَ ۾ سندس ميرا ڪپڙا ۽ پيرن وٽ پيل ٻه هڙون ڏسجي رهيون هيون. هو ڪنچن کي نهاري رهيو هو. هن جو ٻئي اکيون چمڪيون پئي. ڌيمي ڌيمي اوندهه ۾ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنچن ڏٺو، هن جا چپ ڪجھ عجيب نموني کليا پيا هئا. هن کي چادر اوڍيل هئي. ڪنچن کي پنهنجي طرف نهاريندي ڏسي هن شعوري طور چادر کسڪائي. اهو ڪنو نظارو ڏسي ' اُٻڪو ڪندي ماءُ ڏانهن ڊوڙي. هن جو لٿل منهن ڏسي ماڻس پڇيس به سهي. پر هن کي ٿيو جو هڪ به لفظ ڳالهائينديس ته اُٻڪو الري ٻاهر نڪري ايندو. هن ڪجھ به نه ٻڌايو. ٻئي ڏينهن وِشوَناٿ هن کي اِڪ ٻِڪ کيڏڻ لاءِ چيو ته بنا من جي کيڏندي رهي ۽ گھڙي گھڙي وارو وڃائيندي رهي. شام جو ڪراچيءَ لٿا تيستائين هوءَ سُن مُن ويٺي رهي.


    10

    مندر جي گھڙيال ۾ رات جا ڏهن جا ٽڪورا وڳا ۽ ڪنچن پاسو ورايو. يادُن جو ڪيف اکين ۾ وڌندو پئي ٿي ويو. بند اکين ۾ هوءَ فلم ڏسي رهي هئي. ڀوتڪال جا چتر پسار ٿي رهيا هئا.
    پهريون ڀيرو ڪراچي ڏسڻ وارو سمو اڄ هوءَ ياد ڪري رهي آهي. ڪراچي شهر، ان جا رستا، بازار، بندر وارو وستار. هڪ لفظ ۾ چوڻو هجي ته چئي سگھجي ڪراچي معني سمنڊ. ڪٿي ٻُڪ جيترو جساپر، جنهن جي هڪ هڪ ڳلي، گھٽي، کانچا، محلا، پاڙا پيادل پنڌ جيترا. ۽ ڪٿي ڪراچي؟ مٿي نظر وڃي ۽ هيٺ ايندي ته دور دور تائين ڦهلجي وڃي.ڪراچيءَ کي پهرين نظر ڏسندي ڪنچن کي خيال آيو اگر امان ابا کي ڪراچي ڪيڏي آهي ائين چوڻو هجي ته هٿ ڪيترا ڦهلائڻا پون! کوهه جو ڏيڏر لڏندو لمندو ڏول ۾ سمائجي ٻاهر نڪري ۽ ٽپو ڏيئي پهچي وڃي سمنڊ ڪناري . پوءِ ته هن جون اُپسيل اکيون اڙي ڀڻسان .... ڪندي ڊٻڪ ڪري ٻاهر نڪري اچن! ڪجھ ان طرح جو انڀَو ٿيو ننڍڙيءَ ڪنچن کي.
    وڪٽوريا ۾ ويهندي وشو ۽ ڪنچن ڄڻ راجا پاٺ ۾ اچي ويا. پڪا سڌا رستا، وسيع فٽ پاٿ، ٽرام، بجليءَ سان جڳمڳ ٿيندڙ بَوڙي بازار، چئن چئن ماڙن جون عمارتون، ڇا ڏسجي ڇا نه ڏسجي؟ هڪ طرح جي حيرت ڀري دنيا۾ اچي ويا هئا ٻئي ڀاءُ ڀيڻ.
    بگي هري شنڪر شاستريءَ جي ماڙ وٽ اچي بيٺي. ڪمپائونڊ جي چوڦير پڪي چيلهه سريکي ديوار. وڏي دروازي جي پاسي ۾ ننڍي ڳڙکي. بابا هيٺ لهي دروازو کوليو۽ سامان سان گڏ بگي اندر داخل ٿي. پڪو پٽ ڏسي ڪنچن کي ٿيو هتي ته وِشو راند لاءِ ليٽا ڪيئن ڪڍي سگھندو. وِشوَ ناٿ ته ٽئين ماڙ تي تارا پڪڙڻ لاءِ ٻه ٻه ڏاڪڻيون چڙهندو پيءُ کان اڳتي ٿي ويو. تالو کولي پڻس سامان ورانڊي ۾ رکيو. ٽئين ماڙ تي ڊگھي لابيءَ ۾ ڏهه کن گھر. ورانڊو، رنڌڻو، ڪمرو ۽ پٺيان به ننڍو ورانڊو. هر منزل تي ڏهن ئي گھرن لاءِ گڏيل ڪاڪوس، سنان ڪوٺيون. ان رات دير تائين وِشو ۽ ڪنچن گھر ۾ ڪونه ويا. ورانڊي ۾ بيٺي بيٺي رستي تان وهندڙ انساني ريلي کي ڏسندا رهيا. ڳوٺ جي هڪ ئي طرح جي زندگيءَ ۾ ڪا نواڻ نه هئي ۽ نه ئي ڪو رومانچ هو. هت ته پل پل ۾ نواڻ ڀريل هئي.
    ٻئي ڏينهن شروع ٿي وئي نئين ليه ۽ نئون تال. واپرائڻ جو پاڻي ڇت تي ٺاهيل ٽانڪيءَ مان ايندو هو. وِشو گھڻا دفعا نل کولي بند ڪري عجب ماڻيو هو. پيئڻ جو پاڻي ڀرڻ جي لاءِ هيٺ وڃڻو پوندو هو. صبوح شام نل ايندو هو. ماڙ جا ٽيهن ئي گھرن جا ماڻهو هيٺ لائين سر وڌل نلن تي لائين لڳائيندا هئا. پر انهن ۾ جيڪي عورتون گھونگھٽ ڪڍنديون هيون انهن جو وارو پهرين اچي ويندو هو. 'ويچاري ننهن آهي، هن کي پهرين ڀرڻ ڏيو.' بابا کي وڻندو ڪونه هو پر امان به گھونگھٽ ڪڍي پاڻي ڀرڻ ويندي هئي.
    آکاڙي ٻيج تي اسڪول ۾ ويهڻ سان گڏ ڪنچن ۽ وشوناٿ وسميه جي هندوري مان هيٺ لٿا. ريوا جي خاص اڇا نه هئي. ' ڌيءَ ڌڻ پڙهائي ڇا ڪبو؟' پر جيشٺارام ٻنهي کي اسڪول ۾ ڇڏيو. وِشوءَ کي ڇڏڻ ــ وٺڻ ويندڙ ڪنچن جي من ۾ جساپر جي ڌوڙي (ڦرهيءَ تي ڌوڙ وجھي ڪم ورتو ويندو هو ان زماني واري ) اسڪول جو چتر هو. وڃڻ واري ڏينهن برهم سماج جي پرائمري اسڪول جي ماسترياڻي شاردا بين ۽ ڏهه کن ٻيا وديارٿي ڪنچن ۽ وشوناٿ کي وٺڻ آيا هئا. وشوناٿ سٿڻ ڪرتو ۽ مٿي تي ٽوپي پاتي هئي. ڪنچن کي اڄ نئين گھگھري، پولڪو ۽ چنري ملي هئي. ماءُ ڀاءُ ڀيڻ ٻنهي کي ڪنڪوءَ جو تلڪ ڪري هٿ ۾ ناريل ڏنا هئا. گلي ۾ گلن جي مالها سان گڏ بئنڊ باجن سميت اسڪول واري ڏس طرف قدم کنيا هئا. شُڪن ۾ سڀني کي ڳُڙ ڌاڻا ورهائي ڏنا هئا. ڪنچن کي لکندي پڙهندي ايندو ڏسي ماسترياڻيءَ ٻنهي کي سڌو ٻئين درجي ۾ داخلا ڏني.
    ولايتي نليَن واري ڇت وارو پڪو اسڪول. يڪا اٺ نو ڪمرا. هرهڪ پيرڊ ۾ گھنڍ وڄائيندڙ پٽيوالو، وڏي صاحب جي آفيس اڳيان لگھندي نمستي ڪندڙ ٻارَ، ڇنڇر تي سموهه پرارٿنا، سفيد شرٽ ۽ آسماني چڍيءَ ۾ ڇوڪرا ۽ سفيد گھاگھري ـــ پولڪي ۽ اوڍڻيءَ ۾ ڇوڪريون. ڪنچن ڪلاس ۾ سڀني کان ڊگھي. شروع شروع ۾ کيس لڄ ٿيندي هئي. وشوناٿ بُت ۾ بندرو ۽ ڪمزور.هن کي اڳيان وهاريو ويندو هو. پهرئين ڏينهن ئي ڪنچن شاردا بين جي سٺي ساڙهي ڏسي طي ڪري ورتو ته بين (ماسترياڻي) ٿيڻو آهي. شاردا بين وڌوا هئي. هونئن ته چار گجراتي ئي پڙهيل هئي. سُڀاو جي تکي. پڙهندڙ ڇوڪريءَ جي مٿي تان اوڍڻي کسڪي وڃي ته ڪاوڙ مان هڪل ڪري چوندي هئي ' مٿي ۾ ڪليون هڻايو، ڪليون.' هڪ ضرورتمند استريءَ کي مدد ڪرڻ جي طور برهم سماج جي بانيڪارن کيس نوڪريءَ ۾ رکيو هو. شاردا بين نوڪري ڪندي هئي پر کيس نات جي آڀڙڇيٽ يعني ڇوت ڇات وارن سمورن اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو هو ۽ ڪرائڻو پوندو هو.پاڻي پي هرهڪ وديارٿيءَ کي پتل جو گلاس ملي صاف ڪرڻو پوندو هو. مهني ۾ چار ڏينهن ماسترياڻي بين کي ماسِڪ ڌرم پاڙڻو پوندو هو. انهن ڏينهن ۾ نوڪريءَ ۾ موڪل رهندي هئي. ڪنچن جي شاردا بين پهريون ڀيرو موڪل تي رهي ته هن گھر اچي چيو ' امان اسان جي بين کي به تو وانگرڪپڙا ايندا آهن. ' ماڻس کي لڳو، هاڻي ڪنچن وڏي ٿيندي پئي ٿي وڃي.
    ريوا ڳوٺ ڇڏي آئي هئي پر ان لاءِ هيڏن سالن واري عادت ڇڏڻ آسان نه هئي.ڳوٺ ۾ سس، سُهري جي ڪارڻ ريوا کي هڪڙي ڳالهه جي سڌ هئي ته مائٽ جيڪو چون اهو ڪجي. پنهنج آزاد هستي کيس کُهري کُهري لڳي رهي هئي. نئين جتي پير ۾ سيٽ ٿئي تنهن کان اڳ پير ڀرڻ جهڙي هيءَ اِسٿِتي هئي. ريوا کي ستت هڪ ڊپ رهندو هو. 'بابا کي خبر پئجي ويندي ته! امڙ کي ڪونه وڻندو ته!' ڪنچن کي اسڪول ۾ ڇڏيو هئو تنهن کان پوءِ بابا نانچند ڪاڪا کان ڪاڳر لکرائي موڪليو هو.
    ' راجمان راجيشري چِرنجيوي جيشٺارام ۽ سڀيئي،
    توهان جو خط مليو آهي، شاسترن ۾ لکيل آهي ته جوان پُٽ پيءُ برابر هوندو آهي. توهان ته سمجھدار ۽ پڙهيل آهيو. وشوَناٿ کي اسڪول ۾ ڇڏيو آهي اهو سٺو ڪيو آهي، پر ڪنچن لاءِ ته ور ڳولڻ جو وقت آهي. چوڪري ذات هن کي پڙهائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ اکنڊ سوڀاگيوتي ريوا کي چئجو ته ڌيءَ کي گھر ڪم ۾ جوٽي. نه ته توهان کي به مِهڻا سهڻا پوندا. ڪنچن جي شاديءَ سان گڏ ويشوءَ کي جڻيو پارائي ڇڏيون ته اسان جي حياتيءَ ۾ تنهنجو پرسنگ پتجي وڃي. ڪنياڪال گذري وڃڻ کان پوءِ ڪنيا جي ڪنيادان جو پڃ ملندو ناهي. اسان ٽٽل پن آهيون. تنهنجي ماءُ ٻارن کي ڏاڍو ياد ڪندي آهي. طبيعت سنڀالجو.
    لکندڙ مهاديو پرساد جا شڀ آسيس.

    پر ڏاڏي جي تمنا پوري نه ٿي. ڪراچي اچڻ کان پوءِ ٻئين سال ڏاڏو گذاري ويو. هڪ اک جي پلڪاري ۾ ڇاجو ڇاٿو ٿي وڃي! ويندي ويندي ڏاڏي کي بابا جي هٿان گنگا جل به نصيب نه ٿيو. ڪٽنب وارن انتم سنسڪار ڪيا. پرايو ملڪ، ڏاڏي جو منهن به ڏسي ڪونه سگھياسين. ڏاڏو صفا اوچتو هلي نڪتو. کيت ۾ چڻا پوکيا هئائين. هن کي ٿيو هڪ اڌ چڪر هڻي اچان. سويل صبوح جو ويو ۽ ڏهه کن وڳي ته سماچار آيا ته ڏاڏو نه رهيو آهي. کيت ۾ ڪنڊي جي ٿڙ جي پاسي ۾ ويٺي ويٺي پراڻ پکيئڙو اڏامي ويو.ڪافي وقت تائين ته ڪنهن کي ڪل به نه پيئي. جڏهن ڀر واري کيت ۾ ڦٽيون چونڊڻ مزدور آيا ۽ ڀاڳئي ڪسان جي ڪُتي ڀونڪي رهي هئي ۽ سنهون سنهون روئندي ڏاڏي جي آسپاس چڪر هڻي رهي هئي. 'اڙي هي ڪراڙو به واه جو آهي، هيءَ رن ڪُتي ههڙو اپسوڻن وارو روئي رهي آهي ته به ان کي هڙ به نٿو چوي.' ويجھو وڃي ڏٺائين ته ڪجھ به نه رهيو هو. شِوچند ڀا چيو ' هن مهاديو جو گهر بدلجي ويوآهي. هن جو جيو اصل هاريءَ جو. ڏاڏي دم به کيت ۾ ڏنو. هڪ طرف سرهن جا پيلا گل ٻي طرف ڪپهه جون ڦاٽ ڦاٽ ٿيندڙ ڦٽيون.
    ڪنچن وطن واپس آئي پر ان کي گھر، کيت، کوهه، تلاء، درٻارگڍ سڀ ڪجھ نئون لڳي رهيو هو. خاص ته بنا اسڪول جي ڪجھ به نه پئي وڻيو. وشو کي ته مزو اچي رهيو هو. هن ته قبولي ورتو هو ته 'ڏاڏو ڀڳوان جي گھر ويوآهي.' ڪنچن ٻڌندي هئي ' سٺي ماڻهو جي ته ڀڳوان کي به گھرج هوندي آهي. ' ته ڇا جيڪي جيئن ٿا اهي سٺا ماڻهو ڪونه آهن؟ائين گهڙي پل ۾ اهڙو ته ڇا ٿيندو هوندو جو هينئن ماڻهو مريو ٿو وڃي. ڀڳوان جو گھر ڪٿي هوندو؟ ٺيٺ مٿي! ڪيتريون ڏاڪڻيون چڙهجن ته اتي پهچي سگھجي؟ هوءَ نهاري رهي هئي. پڻس وار لهرايا، سڄي وڌي ڪري، لوڪاچار نڀايو.پڻس سڀ ڪجھ چُپ چاپ ڪري رهيا هئا. امان جي هڪ به ڳالهه جي مخالفت هاڻ نه ڪندا آهن. ماڻس کي روئندو ڏسي ڪنچن کي ٿيندو هو ته بابا منهنجي شادي ڪري ڇڏي ها ته ڏاڏي جو جيو اوگتيءَ نه وڃي ها! پر هن کي ڪهڙي خبر ته شادي، معني ڇا؟ نوان ڪپڙا، ڳهه زيور، مزمان ۽ مزو ئي مزو. هوءَ پنهنجي ماسترياڻي شاردا بين کي ڏسندي هئي. جا هميشهه سفيد ڪپڙا ئي پائيندي هئي. مٿو ڪوڙيل. ته ڇا امان جو مٿو به! ڏهين ڏينهن تي سُکو حجام ماڻس جا وار لاهڻ آيو ته ڪنچن ڊوڙي هن جو هٿ پڪڙي ورتو هو. 'گھڻا مٿا ڪوڙيا اٿئي. نه منهنجي ماءُ جو چوٽو نه ڪٽجو. مان ڪٽڻ ڪونه ڏيندس.' کيس زبردستي الڳ ڪري ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيو. دريءَ مان بيٺي بيٺي ڏسندي رهي ' بابا ڇو ڪجھ ڳالهايو ڪونه پيا.'
    ڏاڏي جي موت ڪنچن کي اچانڪ وڏو ڪري ڇڏيو. هوءَ پندرهن ڏينهن سڀ تال ڏسندي رهي. وهنوارن، رسمن ۽ رواجن ۾ ڦٿڪندڙ جذبات ڏسندي رهي.لوڪاچار جي نالي ٿيندڙ گلا غيبت ڏسندي رهي. هن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو آرام سان ويٺل ماڻهوءَ ، چٽڻي آچارن جو سواد ماڻيندڙ ماڻهو قضئي، ڪاڻ ــ موڪاڻ وغيرهه تي ايندي هڪدم دکي ٿي ويندا هئا. حويليءَ تي سماچار ايندا هئا ته اڄ فلاڻي ڳوٺ جي ڪاڻ آئي آهي. سڀ ساوڌان ٿي ويندا هئا ۽ پنهنجي پنهنجي رول ۾ اچي ويندا هئا. ڊگھي گھونگھٽ ۾ ڊگھي راڳ ۾ روڄ راڙو ڪندي ۽ چڪور اکيون چوطرف لَکينديون هيون ته ڪنهن ڪاري ساڙهي پاتي آهي ۽ ڪنهن گھگھري ڪرتو؟ ڪنهن جي اک سڄل آهي ۽ ڪير ٿي رڙ وڏي ڪري. مرد گھڙي ٻه گھڙيون منهن ڀيلو ڪري وُئڻ ڏيڏن جو ڀاو ڪرڻ لڳندا هئا۽ حقا ڦرڻ لڳندا هئا. ٿورو ماحول ٺاپر ۾ ايندي ڪنهن جا ٻار شاديءَ جيڏا آهن ڪنهن جي گھر جڻيو آهي؟ ڪنهن ننهن کي ڪڍي ڇڏيو ۽ ڪنهن جي گھر نئين ننهن آئي. ڪنهن شاديءَ ۾ ڇا کارايو ۽ ڪنهنجي شاديءَ ۾ ڪير نه آيو؟ وهنوار ، ميار آشواسن، آٿت ۽ آنسن جو زبردست ناٽڪ هلندو هو.
    ڏاڏي سڄي بدلجي ويئي هئي. ڪنهن ڄڻ سندس سمورو رت ست چوسي ورتو هجي صفا اهڙي ڏورا ڏورا ٿي وئي هئي. ڪڏهن ڪڏهن وڏي سڏ روئندي هئي ته ڪڏهن چپ چاپ ويٺي هوندي هئي. امان گھر، وهنوار، ۽ لوڪاچار جي گھاڻي ۾ پيڙهجندي رهندي هئي. بابا اڪيلو اڪيلو ويٺو هوندو هئو. جيڪو جو ڪجھ پيو چوندو هو سو ماٺ ڪر ٻڌندو پيو هئو. هن جي حالت طوفان ۾ ڇاڄ اڏامي ويل گھر جهڙي هئي.
    ڏاڏي جو ساليانو شراڌ نه ٿي نبري تيستائين امان کي ڪنڊ جھلڻي پوي. سماج عجيب آهي. هڪ طرف ائين چوندا هئو ' پنجيتاليهه ورهيه ٿيا، ننڍڙي نينگر آهين جو روئين ٿي؟ هاڻي ته پوٽي جي گھر به پينگھا ٻڌبا.' ۽ ٻي طرف سوگ جا نيم نڀائڻا پون. ڪٺ پتليءَ جيئن بس نچندو ئي رهڻو؟ امان ڏاڏيءَ وٽ وطن ۾ رهي، پيءُ ٻارن جي پڙهائي نه بگڙي تنهن لاءِ ڪنچن ۽ وشوناٿ کي وٺي ڪراچيءَ آيو.
    پيءُ صبوح جو سويل اٿي باکري ڀاڄي ٺاهيندو هو. شام جو پيڊيءَ تان موٽي دال چانور ٺاهيندو هو.ڪنچن کي ڏاڍي اڇا ٿيندي هئي ته اهو سڀ هوءَ ڪري پر پڻس منع ڪري ڇڏيندو هو. 'رهڻ ڏي تون جلي ويندينءَ.' توهان ته ڏاڍو سنڀاليو پر منهنجي ڀاڳ ۾ جلڻ ئي لکيل هو اهو ڪيرٿو مٽائي سگھي؟'
    ڪنچن با پهريون ڀيرو ويلڻ چڪلو پڪڙيو هو اهو ڏينهن ياد آيو. پڻس جي ساڄي هٿ ۾ ننهن ٿر ٿي هئي. هڪ هٿ سان باکريءَ لاءِ اٽو ته ڳوهيو پر نه ڇٽندي ڪنچن کان ويلائي.ان پهرين باکريءَ جي شڪل ڪهڙي هئي اهو چوڻ مشڪل آهي، پر پوءِ پاڙي ۾ رهندڙ نرملا ماسيءَ هڪ اٽڪل سيکاري. پهريان وڏي باکري ويلي ان مٿان وڏو ڪٽورو اونڌو هڻي. پوءِ آسي پاسي کان اٽو کڻي وٺڻو. هڪ دم گول باکري تيار. ويچاري نرملا ماسي ڏاڍو جيءُ ٻاريندي هئي. سڀني جي ڏسندي برهمڻ جي رنڌڻي ۾ هڪ لوهاڻي ڀلا ڪيئن ٿي وڃي سگھي؟ هوءَ لڪ ڇپ ۾ اچي ڀاڄي وگھاري ڏيندي هئي. دال ۾ مصالحو وجھي ڏيندي هئي. ڪنچن کي دل ۾ ويهاري کيس سڀ ڪجھ سيکاريو.
    وقت گذري رهيو هو. ڪنچن ڌيمي ڌيمي سڀ ڪجھ سکندي پئي وئي. جيشٺارام کي خبر به نه پئي پَئي ائين ننڍيون ننڍيون جوابداريون کسڪي ڪنچن جي مٿي تي اچي ويون پئي. سويل اٿي پاڻي ڀرڻ کان وٺي دير رات ڌونرو ڄمائڻ تائين سڀ ڪم ڪنچن پَئي ڪندي هئي. اسڪول ويندي روي شنڪر ڪراڻي واري کي شين جي لسٽ ڏيندي ويندي هئي. شام جو مزدور تغاري ۾ ڀري مٿي تي کڻي هن سان گڏ ايندو هو. هڪ هڪ شيءِ لسٽ ۾ نهاريندي هئي. ان وغيرهه سُپ سان سوئڻ نرملا ماسيءَ کان سکندي هئي.من ئي من ۾ هوءَ تيار ٿي رهي هئي. هن کي صرف هڪ ڳالهه من ۾ هئي ته ماڻس اچي تڏهن کيس اهي ڪم ڪاريون ڏيکاري حيرت ۾ وجھي ڇڏڻو آهي!
    ڏيڍ سال کان پوءِ ماڻس آئي پر ......


    11

    وطن مان نانچند جو خط آيو آهي تڏهن کان جيشٺارام ڪجھ منڌل منڌل رهندو آهي. پڻس جي چالاڻي کي سال کن گذري ويو آهي. سندن ورسيءَ تي وطن وڃڻو پوندو. ريوا زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو هيڏي عرصي لاءِ ٻارن کان الڳ رهي هئي. ٻارن جي محبت جي سهاري ريوا کي ور کان الڳ رهڻ جي عادت پئي هئي. جيشٺارام لاءِ به هي سال آزمائش وارو هو. پهريان اڪيلو رهڻ جي هير ۽ تياري ٻئي هئا. ريوا جي اچڻ کان پوءِ هڪ سال ۾ اها اهڙي ته اڻٽر بڻجي پئي هئي جو هن کي پاڻ تي به ويساهه نه پئي آيو ته هو هيڏا سال اڪيلو ڪيئن رهي سگھيو هو؟ ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي. مٿان ڪنچن ۽ وشوناٿ هن جي سهاري ۽ گھر جي به جوابداري. جيشٺارام کي اداس ٿيڻ جو موقعو ڪٿي ملندو هو جو اداس ٿئي. ان وچ ۾ ريوا جي ناچاڪيءَ واري خبر .....
    ڪنچن ۽ وشوناٿ ماءُ سان ملڻ لاءِ اهڙا آتا هئا جو اهو ڀلجي ويا هئا ته هيل وطن وينداسين ته ڏاڏو ڪونه هوندو. اهو ڏاڏو جيڪو سياري جي رُت ۾ اڱڻ ۾ باهه ٻاري پوءِ ٻنهي کي پنهنجو کٿو اوڍائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو۽ ڪمند ڇوليندو ويندو هو ۽ گريون کارائيندو ويندو هو.ڳوٺ ۾ رام ليلا يا ڀوائي هجي يا رامديو پير جو آکياڻ هجي ڏاڏو وشوءَ کي سڄو کيل ڏيکاريندو هو. ڪنچن اگر ورت رکندي هئي ته ان ڏينهن مٺائيءَ واري وٽ وڃي سامهون ويهي پيڙا ٺهرائي ايندو هو. ڏاڏي جي گذاري وڃڻ بعد مهِني کان پوءِ پيءُ سان گڏ ٻار ڪراچي ويا، وري ماسڪ شراڌ ڪرايو، ڪرم ڪانڊن ۾ مشغول رهڻ جي وجهه سان ڏاڏي کي ياد ڪرڻ لاءِ من ۾ جڳهه ئي ڪٿي بچي هئي!
    وشوناٿ کي وطن وڃي ماءُ سان چهٽي سمهي ڍءُ ڪرڻو هو. هونئن ته هت پيءُ ۽ ڪنچن ٻئي آهن پر پيءُ سان گڏ سمهڻ ۾ شرم اچي ٿو. هو ڊڄڻو چوندو ته! ڪنچن ته ' تون سڄي رات لتون هڻندو آهين.' چئي الڳ سمهاريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن سپني ۾ ڊپ لڳندي بسترو ڀڄي به سهي. ڪنچن کيس چيڙائي پر ڪنهن کي به خبر نه پئي تيئن پٺيان وڃي ديوار تي رلي سُڪائي اچي. ڪنچن هن کي سنڀاليندي ته آهي پر آڱرين جون گريون ڳڻيندي رهندي آهي ائين لڳندو آهي. ڪنچن به ماءُ سان ملي وري هڪ ڀيرو اڳ واري هلڪي ڦل ڪنچن ٿي وڃڻ لاءِ آتر هئي. امان ايندي پوءِ ته ؟ نه بابا جي نوڪريءَ تي وڃڻ جي چنتا نه ئي صبح جو سويل پاڻي ڀرڻ جي، هاڻ اسڪول به روز وڃي سگھبو. شام ٿيندي رسوئي ڪرڻ جي به چنتا نه هوندي ان ڪري هيٺ کيڏڻ به وڃي سگھبو.هيلوڪي ساوڻي پرڻِما تي مٿي ۾ وجهڻ لاءِ چانديءَ جي پِن ۽ گھنگھرين وارن چيپيَن لاءِ ضد ڪبو، هاڻي ڪريلن جي ڀاڄي کائڻ جي ناڪار ڪري سگھبي، امان جي غيرحاضريءَ ۾ ته کائڻي پوندي هئي نه ته پوءِ وشو به نه کائي ها. هاڻي وشوناٿ کي ڌاٻو ڏيڻ ۾ ڊپ ڪونه رهندو ته متان هو روئي؟ امان جي غير حاضريءَ ۾ گھر ۽ وشوناٿ کي سنڀالڻ لاءِ جيڪا سياڻپ ڏيکارڻي پوندي هئي اها اسهج لڳندي هئي. پهريون ڀيرو ساڙهي پائجي ۽ ستت ئي ساڙهيءَ کي سنڀالڻو پوي ڪجھ ان طرح جي اسٿتي هئي. ريوا کي وطن ۾ ترسڻو پيو هو ته ڄڻ ڪنچن جو ٻالڪپڻ به اتي ئي رڪجي ويو هو. ڪنهن بند ٻڌي ڇڏيو هو ۽ رواني رڪجي وئي هئي. ڪجھ وقت کان ڪنچن ماڻس کي سندس امانت سونپي ڏيڻ لاءِ اهڙي ته آتي ٿي هئي جو گذريل پندرهن ڏينهن کان پڻس جو بدليل چهرو هن کي نظر نه آيو هو.
    جيشٺارام چنتا ۾ آهي. نانچند ريواجي جي طبيعت جي خبرچار ڏني آهي. ٻارن کي وٺي وڃجي يا ڇڏي وڃجي؟ وري اهي مڃيندا به سهي؟ وري ٿيندو هئس ڇڏي ته وڃجي پر ڪهڙيءَ ريت؟ هڪ اڌ ٽڪ يا ڏينهن جي ڳالهه هجي ته پاڙيسرين کي به پارت ڪري وڃجي، پر هي ته پراهون پنڌ، پندرهن ڏينهن مهنو ته لڳي ئي وڃي. ڳوٺ وارو گھر بند ڪرڻ، اتي وارو ڪاروبار سميٽڻ ۽ پوڙهيءَ ماءُ ۽ بيمار ريوا کي واپس وٺي اچڻ آسان نه هيو، آخر جيشٺارام کي ٿيو ته پيڍيءَ جي سيٺ ديوشنڪر شڪل سان ڳالهائجي. هو ڪو رستو ڪڍي ڏيندو. من ۾ ٿورو ڀروسو به هو. بابا گذاري ويو هو تڏهن سيٺ ٻه سو روپيا ڪڍي ڏيندي چيو هو ' هي پيسا پگھار مان ڪونه ڪٽيندس، ۽ وياج تي به ناهن، ٿورا ٿورا ڪري موٽائي ڏج. تڪڙ ڪونهي. ڀلي ٻن جا چار سال به ٿي وڃن.'
    جيشٺارام ٻنهي ٻارن کي وٺي هڪ شام جو سيٺ جي گھر ويو. پيڍي ته ڪياماڙي بندر روڊ تي هئي. سالن کان سامونڊي رستي مال موڪلڻ ۽ گھرائڻ واري ايجنسي. وري پهرين مها ڀاري لڙائيءَ ۾ گورن صاحبن جي مهربانيءَ سان ساءُ ٿيو هو. گڏوگڏو ڌيرپ وارو به ڌنڌو شروع ڪيو هئائين. پوءِ ته پيسو پيسي کي ڇڪيندو رهيو. ۽ شُڪل سائين روپيين راند ڪرڻ لڳو هو.
    سيٺ جو بنگلو رتن تلاءُ جي پاسي ۾ هو. سٺو بنگلو. دور کان ڪو پکي پر ڦهلاءِ اڏامڻ جي تياري ڪندو هجي ائين پيو لڳندو هو. وشوناٿ مکيه دروازي تي آرس پهڻ جي تختيءَ تي لکيل پڙهيو ـــ ' ديووِلا.' اندر داخل ٿيندي رتين سِرن سان ٺاهيل ڊگھو رستو. ساڄي کاٻي ڪيلن جا گولاڪار ٻارا وچ ۾ گلاب ۽ گلگوٽا. سامهون ڏاڪڻيون چڙهندي ورانڊو. جنهن جي چوءڦير ٽن ٽن فوٽن جيترو مٿاهون رتي رنگ جي ڪاٺين مان ٺهيل ننڍڙو دروازو. ورانڊي ۾ سامهون ۽ ساڄي کاٻي دروازا. سامهون شيشم جو مکيه دروازو. ڪمري ۾ داخل ٿجي ته ائين لڳي ڄڻ ڪنهن هال ۾ بيٺا آهيون. هيٺ غاليچن ۾ وهندڙ پير، مٿاهين ڇت، ڪمري جي وچ ۾ هندورا، سامهون ڇيڙي تي سنگھاسن جهڙي وڏي شاهي ڪرسي. اردگرد سفيد گادي تڪين واري بئٺڪ، پويان سامهون ديوار تي وڏو چتر.چتر ۾ اونچي اسٽول تي رکيل ڦولداني ۽ ان تي ٺونٺ رکي بيٺل استري. دور کان سندس آسماني ساڙهيءَ جو سنهري پلو چمڪي رهيو هو.
    جيشٺارا دروازي وٽ بيٺو بيٺو سوچي رهيو هو ته ڪنهن کي سڏ ڪجي، اتي ڏهه کن سالن جي هڪ نينگري هال ۾ نظر آئي. هن جون ٻئي چوٽيون ٻڌل هيون ۽ پيرن تائين ڊگھو گلابي رنگ جو فراڪ جهڙو ڪجھ پاتل هوس. هن پڇيو:
    ' ڪنهن جو ڪم آهي؟'
    ڪنچن کي ان جي بي ادبي نه وڻي. وڏڙن سان ائين ڳالهائبو آهي!'
    جيشٺارام جواب ڏئي تنهن کان اڳ،
    ' ڪير آيو آهي جَيا؟ اڙي وياس صاحب توهان؟ اچو اچو، جَيا وڃ پاڻي کڻي اچ. جَيا ڪنچن جي اڏندڙ اوڍڻي ۽ چڻيين چوليءَ کي حيرت مان ڏسندي ڏسندي اندر وئي. هندوري ۾ وهندي ديوشنڪر ڪرسيءَ طرف اشارو ڪيو ۽ وشوناٿ کي پاڻ وٽ سڏيو.
    ' ننڍڙا وياس سائين توهان جو نالو ڇا آهي؟ '
    'منهنجو نالو وشوناٿ آهي ۽ منهنجي ڀيڻ جو نالو ڪنچن آهي.'
    'اڙي ها مان ته هن کي ڀلجي ئي ويُس. ' پوءِ نوڪر جو آندل پاڻيءَ وارو گلاس واپس ڪندي رڙ ڪيائين 'جَيا ڪيڏانهن وئينءَ ! هن تنهنجي جيڏل کي کيڏڻ وٺي وڃ.'
    ڪنچن جي وڃڻ جي خاص دل نه هئي پر پڻس جي چهري کي ڏسندي هوءَ جَيا سان گڏ ويئي.
    ' مان به وڃان؟ 'چوندي وشوناٿ به پويان پويان ڊوڙيو.
    اوطاق جو دروازو پوئين لابيءَ ۾ کليو ٿي. لابيءَ ۾ ٻنهي طرفن کان ڪمرا ۽ وچ ۾ ٻڌل پڪو چونڪ هو. کاٻي پاسي ڇيڙي تي جَيا جو ڪمرو هو. ڪمري ۾ پلنگ مٿي جَيا جي ڦهليل دنيا هئي. ڪتاب، نوٽ بُڪ، پين، پينسل، گڏيون، ڪنگڻيون، ريبن. گڏي هٿ ۾ کڻندي وشوناٿ چيو ' هل ادي گهر گھر کيڏون.'
    ' نه هينئر نه، چوندي هن ڪتاب هٿ ۾ کنيو.
    ' توکي پڙهڻ ايندو آهي ڇا؟ جيا جي من ۾ ڪنچن جو ڳوٺاڻو ويس ڏسي سوال کڙو ٿيو.
    ' ها، ڇو نه، اسان ٻئي گجراتي ٽئين ڪلاس ۾ پڙهندا آهيون. ۽ سانئڻ ته مونکي به سيکاريندي آهي.
    ڪنچن ڪتاب جا پنا ورائيندي ورائيندي چيو.
    ' نئين روشني. پر هن ۾ ته الڳ سبق آهن.'
    ' ها، هن ڪتاب مان امتحان ناهي ڏيڻو. اهو ته بابا ائين ئي پڙهڻ لاءِ وٺي ايندو آهي. هن ۾ ڪهاڻيون ۽ ان جهڙو ٻيو به گھڻو ڪجھ هوندو آهي.'
    ڪنچن کي پهريون ڀيرو لڳو ته جَيا سان دوستي ڪرڻ جهڙي آهي. هن جيا کان پڇيو:
    ' تنهنجي امي ڪٿي آهي؟ '
    ' هوءَ ته اڃان مان صفا ننڍي هئس تڏهن ئي گذاري وئي.'
    ' ته پوءِ رسوئي تون ٺاهيندي آهين ڇا؟ وشوناٿ پڇيو.
    ' نه نه مان ته ڪافي ننڍي آهيان، رنڌڻي طرف ويندي جيا چيو.
    ' منهنجي ڀيڻ کي ته سڀ ڪجھ ايندو آهي!'
    'ڪنهن کي سڀ ڪجھ اچي ٿو؟ رنڌڻي مان ڪنهن عورت جو آواز آيو.
    ' منهنجي پُڦي آهي. منهنجي وڏي امان.'
    ديوشنڪر جي پڦي گنگابا جي نون سالن جي عمر ۾ شادي ٿي پر نکڙجي ساهري وڃي تنهن کان اڳ ئي وڌوا ٿي وئي. ڀاءُ جي ٻارن جا ٻار به وڏا ڪيا، پر وڌوا جي رسمن رواجن جي ڪري شروع ۾ جيڪي اصولن جون پابنديو وجھڻ ۾ آيون هيون اهي اصول هاڻي عادت بڻجي چڪا هئا. ديو شنڪر کي بدلجندڙ دور ۾ ريتين رسمن واريون ڳٺڙيون کڻڻ وڻنديون ڪونه هيون پر هو خاص ڪجھ چوندو نه هو. پر سندس پٽ امرت ته اهڙو ڪٽر هيو جو پڦيءَ جي سامهون به نه لنگھندو هو، پڦي به امرت جي پاڇي کان پاسو ڪندي هئي.
    'اها انگريچي پڙهي پاڻ کي ٺيڪ ٿو سمجھي.'
    جيا جي پويان ڪنچن ۽ وشوناٿ رنڌڻي ۾ پير پائيندي ٻڌو ' ڏسجو رنڌڻو نه پليت ڪيو.'
    تون به ڇاڇا چوندي رهندي آهين وڏي امان،. هي ته برهمڻ آهن.'
    ' ها، پر جٿي ڪٿي کيڏڻ وڃو ۽ ڪهڙي خبر ته ڪنهن کي ڇهي آيا هجو. بيهي مان پاڻي ڀري ٿي ڏيانو.' ڀاڄي ڪٽڻ وارو ڪم ڇڏي لڪڻ جي سهاري هڪ هٿ چيلهه تي رکي هلندي هن ٿورڙو پري بيهندي ڇوڪرن جي پيالي ۾ پاڻي وڌو. ڪنچن کي هن جو چهرو ڏسي اونهاري ۾ سڪي ويل تلاءُ جو تر ياد آيو. گھنجيل چمڙي ۽ چِٻو ٿيل منهن،' سالن بعد ڏاڏي ههڙي لڳندي پوءِ امان پوءِ مان به ...' ڪنچن ٽنهي جا گلاس ملي ڌوئي اونڌا رکيا.
    ' هيءَ ڌيءَ ته ٺاهوڪي آهي.' گھڻن ڏينهن کان پوءِ ههڙا ممتا ڀريا الفاظ ڪنچن کي رومانچت ڪري ويا.
    گنگابا ٻارن کي مٺائي ورهائي ڏني. پوءِ ته شام ڪيئن گذري وئي جنهن جي خبر ئي نه پئي. وشوناٿ ڏسي آيو ته پٺيان نوڪر واري ڪمري جي ڀرسان ڊگھو زوردار گھوڙو ۽ سفيد رنگ جي بَگي آهي.نوڪر واري خالي ڪمري ۾ کٽ آڏي ڪري رنڌڻو ٺاهيو ۽ ان ۾ پتل جي ننڍن ننڍن ٿانون سان گھرڙو سجايو ويو.
    ' رسوئي مان ٺاهينديس.' جيا جي ڳالهه ٻڌي ڪنچن اتساهه مان چيو.
    ' مان اسڪول جي ماسترياڻي ٿينديس ۽ وشو ڏينهن جو اسڪول ۾ پڙهي ۽ شام جو واپس اچي ته پيءُ ٿي وڃي.
    ' ها ۽ مان ٻاهر وڃا ته بگيءَ ۾ وڃا.'
    اڃا گھرگھر واري راند کيڏندي جيا ـــ شام جي رسوئي شروع ڪري ئي ڪري ته هن جي نالي سڏ ٿيو. جيا کي پاڙهڻ لاءِ هڪڙي گوري مئڊم ايندي هئي. انگريزي لکڻ پڙهڻ کان علاوهه ڪيئن ڳالهائجي، ڪيئن هلجي، ڪهڙي موقعي تي ڪهڙا ڪپڙا پائجن جهڙيون انگريزي ريتيون رواج سيکاريندي هئي.
    هڪ ئي ٻرانگھ ۾ لابي ۽ چونڪ ٽپڻ لاءِ آتر جيا کي جڏهن مئڊم هن جي مٿي تي ڪجھ وزن رکندي هئي ۽ پوءِ ڌيري ڌيري هلڻ لاءِ چوندي هئي تڏهن هن کي سٺو نه لڳندو هو.
    جيا جي وڃڻ کان پوءِ ڪنچن ۽ وشوناٿ راند پوري ڪري ڇڏي. جيا جي ڪمري وٽان لنگھندي ڪنچن ڏٺو ته ڪمري ۾ سامهون واري پاسي دريءَ وٽ هڪ ٽيبل هئي. ۽ جيا جي سامهون ٽيبل جي ٻئي پاسي گوري مئڊم ويٺي هئي.ڪلهن تائين کليل ناسي وار، سنهڙو چهرو، ڳالهائڻ وقت ٿورڙا ئي کلندڙ چپ، ۽ بنا ٻانهن واروگوڏن جيترو ڪارو فراڪ مئڊم کي پاتل هو.هن جو رنگ ڏسي ڪپهه جو کليل ڏيڏو ياد اچي وڃي.اڄ تائين چترن ۾ ڏٺل ههڙي عورت حقيقت ۾ هڏ چم جي به ههڙي عورت ٿيندي آهي ان ڳالهه جو هن کي احساس ٿي رهيو هو. وشو ته چيو به سهي ' ادي هيءَ سچ پچ استري هوندي؟ مان هن کي ڇُهي اچان.' ڪنچن هن جو هٿ پڪڙي اوطاق ڏانهن هلڻ لڳي.
    اوطاق ۾ داخل ٿيندي هن ڏٺو ته پيءُ جي ڀر واري ڪرسيءَ ۾ هڪ نوجوان ويٺو هو. مٿي تي ڪاري هيٽ ۽ ڪوٽ پتلون. کن پل لاءِ سوچيائين ته 'هي به ڪو چتر نه هجي!.'
    'ڪنچن ۽ وشو، هن کي پيرين پئو. هي اسان جو ننڍو سيٺ آهي.' جيشٺا رام چيو.
    ' توهان به وياس سائين، امرت ته توهان جي پٽ جهڙو آهي.' ديوشنڪر ٽوڪ ڪئي. وشوناٿ کي هئٽ طرف هڪ ٽڪ نهاريندو ڏسي هن هئٽ لاهي هن جي مٿي تي رکي ڇڏي. کن پل بعد وشوناٿ ' ڦُس' ڪندو کلي پيو ۽ هئٽ جي ڪناريءَ تان هٿ گھمائيندي ڪنچن کي ڏيکارڻ لڳو. پر ڪنچن جو ڌيان ته امرت جي وڏي نراڙ تي جھڪي آيل وارن جي ونگي چڳَ تي هو. وشوناٿ هن جو هٿ ڇڪيو تڏهن ئي هن ٻڌو.
    'چڱو ته وياس صاحب، توهان ڀلي آرام سان وطن وڃي توهان جي بابا جي ورسي ملهائي اچو. ٻئي ٻار هتي ئي رهندا. وڃڻ جو ٿئي تڏهن چئجو امرت اچي ٻنهي ٻارن کي وٺي ويندو. توهان واپس ايندا تيستائين ٻنهي ٻارن جي جوابداري منهنجي سِر۽ ان کان علاوهه به ٻيو ڪو ڪم هجي ته بنا هٻڪ جي چئجو. '
    موٽندي رستي ۾ وشوناٿ 'ديو وِلا' ۾ رهڻ جو موقعو ملندو انهي ويچار ۾ آڪاش ۾ اُڏي رهيو هو. اسڪول بگيءَ ۾ وڃبو ۽ ڪيڏو نه وٽ پوندو!پر ڪنچن ڪجھ ٻين ئي ويچارن ۾ هئي. هن کي امرت کي ڏسي ڪجھ ياد اچي رهيو هو. هن کان اڳ به ڪٿي ڏٺو آهي هن کي؟ چهرو نه پر سندس وارن واري ونگي چڳ ڏٺل محسوس ٿي رهي هئي.
    ' اڙي ها ياد آيو، گذريل پورنماسي تي برهم سماج جي واڙيءَ تي نات هئي اتي ڏٺو هومانس.' ڪنچن جي من ۾ اهو نظارو وري کڙو ٿيو.
    نيٽي جيٽي بندر تي جڻيا بدلائڻ کان پوءِ سڀيئي برهمڻ برهم سماج جي واڙيءَ تي اچي لڏون کائيندا هئا. اها گڏجاڻي جڏهن کان شروع ٿي هئي تڏهن کان لڏون ديوشنڪر شڪل جي پاران ڏيڻ وارو اصول ٺهي ويو هو. شڪل ڪراچي ۾ رهندڙ جھونن پرهمڻن مان هو ۽ پيسي پڃڻ ۾ پهچ وارو هو. جاتيءَ جو نڪ. ان ڏينهن واري مزمانيءَ ۾ ويٺل قطار ۾ ڪنچن جي ڀر ۾ وشوناٿ ويٺو هو. ٿالهي ڏني وئي هئي پر اڄ هن ڪنچن کي حيران پريشان ڪرڻ جو سوچيو هو. ننڍي هئي تڏهن کان ئي ڪنچن هر ڀيم اگيارس تي ڪونه ڪو نيم وٺندي هئي، جيئن ته روز صبح جو گھر جو در پوڄڻ، يا تلسي ڏيو ڪرڻ يا سج جي پوڄا ڪرڻ يا ڪجھ به کائڻ پيئڻ وقت ڀڳوان جو نالو وٺڻ وغيره. ڪنچن ٻه ٽي ڀيرا وشوناٿ کي چيو:
    ' ڀاءُ چئو شنڪر پارپتي.' پر هن زور سان چپ ڀڪوڙي ڇڏيا.هن وشوناٿ کي چهنڊڙي پائيندي ڌيمي آواز ۾ وري چيو. موٽ ۾ وشوناٿ ' او بابا ڙي ' رڙ ڪئي اتي ئي ڪنچن کي ٻڌڻ ۾ آيو ' شنڪر ــ پارپتي' ڪنچن اٽنبي نهاريو ته هڪ ڪشور هٿ ۾ لڏون واري ٿالهي کنيو جھڪيو بيٺو هو. سندس نراڙ ٿي وِنگن وارن واري چڳ جھولي رهي هئي.اک مٿي کڻندي وري چيائين 'شنڪر ــ پارپتي' ۽ 'لڏون لڏون' چوندو اڳيان وڌي ويو هو.
    ڪنچن وري هڪ ڀيرو انهيءَ آزمودي مان پسار ٿي رهي هئي.


    12

    دور تلاءَ جي پار تي مور ٻوليو ۽ جواب ۾ ڪيترائي ٽهُڪا. ڪو ڳائيندڙ گيت جي مصرع کڻي ۽ پوءِ ڪورس ان کي ورجائي ائين هڪ تنوار جو پڙاڏو ڪنچن با جي من ۾ به ٻڌڻ ۾آيو. 'ديووِلا' وارا اهي ڏينهن! ڪل ڪل ڪندڙ نديءَ جي پرواهه جهڙا ڏينهن! ساگر طرف سفر ڪرڻ جي شروعات وارا ڏينهن!
    'ديووِلا' ۾ لڳڀڳ پندرهن ڏينهن ڪنچن ۽ وشوناٿ رهيا. پڻس کي وطن وڃڻو هو ان شام بگي وٺي امرت وٺڻ آيو هو. ڪنچن کي هن جي وِنگي چڳ ڏسي ياد اچي ويو. 'شنڪر ـ پارپتي' پڻس کي اسٽيشن تي لاهي امرت وشوناٿ کي پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ پڇيو ' ڇا وشو شنڪر ـ پارپتيءَ کان پوءِ ڪهڙو وِرت وَرتو آهي؟'
    'ڪو به نه .. مان ته اديءَ جو ورت به ڇڏرائي ڇڏيو.'
    'وڃ وڃ هاڻي ٻٽاڪي، وڏو آيو آهين وِرت ڇڏرائڻ وارو! اهو ته هاڻي مان من ئي من پنج ڀيرا نالو وٺي ڇڏيان ته هي به چئي ڇڏي.' ڪنچن مخالفت ڪندي چيو.
    امرت اک ۾ مستي ڀريندي چيو، 'ائين ڪونه هلندو، من ۾ ته تون چاهي ان جو نالو وٺي سگھين ٿي. اها ته ڪُپت چئجي. ڪيئن نه وِشو؟'
    'ڪُپت ڪُپت ' چوندي وشوناٿ اتساهه مان سُر ۾ سُر ملايو.اڪيلي ٿي ويل ڪنچن رُسندي چيو ' وڃ وڃ' پوءِ ته گھر وڃي امرت ڪنچن کي "ٻال جيون" مخزن جا جھونا پرچا ڏيئي پرچائي ورتو. امرت ڪنچن کي 'شنڪر ــ پارپتي' چئي چيڙائيندوهوته ڪنچن کيس 'امرت ٽوپي ' چوندي هئي. ديووِلا ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون ٻه پارٽيون ٿي ويون هيو. هڪ طرف امرت ۽ وشوناٿ ته ٻي طرف جَيا ۽ ڪنچن. شام جو ڪمپائونڊ ۾پٺيان ٻڌل نيٽ تي بئڊمنٽن جا ساٿي طيءِ هوندا هئا.رات جو روٽيءَ کان پوءِ امرت وشوناٿ کي پاڙهيندو هو. هڪ ڏينهن هن ڪنچن کي زبردستي پڙهڻ لاءِ ويهاريو. ضرب وارو حساب ڪرائيندي هن پڇيو
    ' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'
    ڪنچن ڪو جواب نه ڏنو. هوءَ هيٺ ڪنڌ ڪري ويٺي رهي. امرت کي ٿيو نٿو اچيس ان ڪري نٿي جواب ڏئي. امرت وري پڇيو

    ' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'

    وشوناٿ کي ٿيو هينئر ئي ڀيڻ کي ڇنڊ ڪڍندو، پر ڪنچن ته ڪنهن الڳ ئي دنيا ۾ هئي. سامهون ويٺل امرت جو عڪس ٽيبل واري ڪانچ ۾ ڏسجي رهيو هو. ڪنچن هڪ ٽڪ ان ۾ ڏسجندڙ ونگي چڳ ۽ ناسي اکين کي ڏسي رهي هئي. امرت وڏي آواز مان وري پڇيو
    ' اُڻويهن کي پنجن سان ضربجي ته ؟'

    حيرت مان ڪنڌ مٿي کڻي ڪنچن نهاريو 'خبر ناهي' چوندي ٻاهر ڊوڙي وئي.
    'ديووِلا' ۾ اچڻ جي هڪ هفتي بعد ڪنچن جي ماسترياڻي شاردا بين کي پرڏيهي ڪپڙي جي دڪانن ۾ پِڪيٽِنگ ڪندي پڪڙيو ويو.حالانڪ چئن ئي ڏينهن ۾ ڇٽي به ويئي پر پوليس وارن جي گاڏيءَ مان هيٺ لهي رهي هئي ته پويان ٿاڻيدار زور سان لت وهائي ڪڍي ۽ هوءَ وڃي هيٺ ڪري جنهن جي ڪري سندس ساڄي پير ۾ فرئڪچر ٿي پيو. ۽ مٿي ۾ به ٽانڪا آيس. ماسترياڻي موڪل تي هلي وئي ته ٻارن لاءِ ته مزو ٿي ويو.ڪنچن کي ٿيو ته پوليس ته خراب ماڻهن کي پڪڙيندي آهي پر شاردابين ته سٺي مائي آهي. اسڪول ۾ پاڙهيندي آهي ته به پوليس ڇو کيس پڪڙي وئي؟ هن کي ٿيو ته امرت کان پڇجي، پر امرت وٽ صفا سادي لڳندس ته؟ هن نه پڇيو.
    اسڪول ۾ موڪلن جي ڪري ڪنچن سڄا ٻپهر خفي رهندي هئي. ڪجھ به نه سجھندو هو تڏهن هوءَ گنگابا وٽ وڃي ويهندي هئي. چوءماسي جا ڏينهن. گنگابا ساڍا چار مهينا هڪ ٽاڻا ۽ ورت ــ اُپواس ۽ ڪٿا وارتا ۾ رڌل رهندي هئي.ٻنپهرن جي وقت هوءَ جيا واري ڪمري ۾ هيٺ فراسي وڇائي اهلندي هئي. ڪنچن ڏسندي هئي، گنگابا هيٺ مشڪل سان ويهي سگھندي هئي. اٿڻ مهل چئن پيرن تي ٿيڻو پوندو هئس. هن هڪ ڀيري چيو به سهي “وڏي امان، توهان پلنگ تي سمهو ها ته؟”
    “ توکي خبر ناهي، وِڌوا استريءَ کي پلنگ تي سمهڻ جي منع هوندي آهي.” چوندي گنگابا مٿي تان رئو لاهي ٺوڙهه تان هٿ گھمائي وٺندي هئي. ڪنچن ان بادلن ڇائي روشنيءَ ۾ هن جو چمڪندڙ مٿو ڏسندي رهندي هئي. جيڪو ڇلڪي لٿل ناريل جهڙو لڳندو هو.گنگابا امرت کان لڪائي حجم کي گھر گھرائي وٺندي هئي. امرت وڏي امان جي هنن ڪرم ڪانڊن، ۽ آڀڙڇيٽن کان ڏاند جيئن ٽهندو هو. امرت ٽن سالن جو هو ۽ جيا ڇهن مهنن جي،تڏهن کان ئي گنگابا جي هٿ هيٺ. هن ته ٻارن کي پالڻ تاتڻ ۾ ڪا ڪمي ڪانه ڇڏي پر امرت جي من ۾ ڳنڍ بڌجي وئي هئي. ڪنهن هن جا ڪن ڀريا هئا ته ' سندس ماءُ انسويا گنگابا جي ستائڻ جي ڪري ئي مري وئي.' حقيقت ۾ ته انسويا اڌڪ ماس ۾ سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ وئي هئي تڏهن ٻڏي وئي هئي.
    ڪنچن کان پهريون ڀيرو سمنڊ ڏسڻ وارا اهي پل ڀلجن تهڙا ناهن. رشي پنچميءَ جو ڏينهن هو. گنگابا هوابندر واري سمنڊ ۾ سنان ڪرڻ لاءِ وڃڻي هئي. وشوناٿ جي به ڏاڍي دل هئي. دل ته ڪنچن جي به هئي، پر ان ڏينهن تي ته هاري ۽ وڏيون مايون ئي ورت رکن. جيا چيو 'ورت نه رکون ته ڇا ٿيو، سمنڊ تي ته وڃي سگهجي ٿو نه!' جيا ۽ وشوناٿ امرت کي به تيار ڪيو. ان ڏينهن جيا ڪنچن کي پنهنجو فراڪ پارايو. ٿورو تنگ لڳي رهيو هوس. هڪ ڀيرو ته ڪنچن کي لڳو ته ساهه به کڻي سگھبو يا نه؟ ڪنچن جا هٿ رکي رکي چنري ٺاهڻ لاءِ مٿي تي ويا پي پر وري واپس پي اچي ويا. فراڪ ۾ ڪنچن کي ڏسي گنگا چيو، 'اصل جيا جي مڊم جهڙي لڳي رهي آهي.' ڪنچن هن جي مٺي نظر جو ڇهاءُ محسوس ڪري رهي هئي.
    هوابندر وارو سمنڊ. ڪنچن کي ٿيو ته هن آسماني فراڪ نه پر ڄڻ سمنڊ ئي پاتو آهي! ڇلڪندڙ، وهندڙ، لهرائيندڙ .... نظر وڃي تيستائين پاڻي ئي پاڻي. آسماني پاڻي. لهرون اٿن آڪاش ۽ ڏرتيءَ کي الڳ ڪن، وري هڪ ڪري وڃن، ڦيڻ ڦيڻ ٿي وکرجي وڃن. ڪنچن ڪناري تي بيٺي بيٺي پيرن تي ڇولين جو ڇهاءُ ماڻي رهي هئي. گنگابا ٿورو پريان ساڙهيءَ سميت سنان ڪري رهي هئي.امرت سمنڊ ڪناري ريتيءَ جي ڍڳ مٿي ويٺو هو. جيا ۽ وشوناٿ ڪوڏ ميڙڻ لاءِ هيڏانهن هُوڏانهن ڊوڙي رهيا هئا. ڪنچن بيٺي ته هئي سمنڊ ڪناري پر سندس اک جي سامهون ته باڙمير جي ڇيڙي واري وستارجو رڻ علائقو تڙڳي رهيو هيو. ' رڻ هجي يا سمنڊ .... اڻ کٽ ..... اپار.... ۽ مان ؟ هڪ ريت ڪڻ، هڪ جل ڦڙو! پر سمنڊ ڀِڄائيِ ٿو، پاسي ۾ سڏي ٿو، ڪلهي تي هٿ رکي ٿو، هڪ نرم هٿڙو کڻي اچي ٿو ۽ ڪنڊ ڪنڊ تائين ڦري وڃي ٿو.' ڪنچن کي ڪجھ وڻي رهيو هو ته ڪجھ اداس ڪري رهيو هو. هن سمجھڻ چاهيو ٿي تيستائين اتي جيا ۽ وشوناٿ ڊوڙندا پهچي آيا ۽ هڪ ٻئي کي ٿيلها ڏيندي پنهنجا ڪوڏ ڪوڏيون ۽ سُتيون ڏيکارڻ لڳا. جيا فراڪ جي پاند ۾ ۽ وشوناٿ خميس جي چانئر ۾ چونڊيل خزانو ڀريو هو. ڪنچن جيئن هٿ وڌايو ته واٽ نهاري ويٺل ڇولين ٽنهين کي پُسائي ڇڏيو. انهن ڇولين جي ڇوهه ۾ جيا ۽ وشوناٿ سمنڊ کي پنهنجو ڌن واپس ڏيئي ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳا. ڀِڄڻ جي ڪري ڪنچن سوچن مان واپس موٽي ڪناري طرف هلڻ لڳي. ڪنچن کي روڪيندي وشوناٿ ۽ جيا امرت کي سڏيو. ڀنل فراڪ کي نچوئيندي ڇنڊيندي ڪنچن ڊوڙڻ لڳي، ان پل ئي امرت آڏو اچي بيهي رهيو. ڪنچن پل ڀر لاءِ بيهي رهي. امرت جي نظر سندس نظر سان ملي نه ملي، هوءَ سرڪي وئي ۽ ..... ڪنچن واپس موٽي وئي. ان ڏينهن پهريون ڀيرو هن ڇاتيءَ ۾ کڙندڙ گلن جي سڳنڌ کي محسوس ڪيو. ان ڏينهن کان پوءِ ڪنچن ۽ امرت آمهون سامهون اچڻ کان پاڻ کي ٽاريندا هئا. جيا يا وشوناٿ پتي راند ۾ ڀيچي ٿيڻ وارو پرستاو کڻي ايندا هئا ته ڪو بهانو ڪڍندي هئي، پر وشوناٿ کي پاڙهيندي امرت کي خبر هوندي هئي ته سندس آواز ٻڌندڙ ڪنچن آسي پاسي ۾ ئي ڪٿي هوندي. ته جيا کي چوٽي ٺاهي ڏيندي ڪنچن ڄاڻندي هئي ته هينئر ئي امرت هروڀرو هت ايندو ۽ ترت واپس موٽي ويندو.
    پڻس وطن مان واپس اچڻو هو ان جي اڳئين ڏينهن گنگابا ۽ امرت جي وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو.ان ڏينهن ٽپال ۾ امرت جي ساهرن کان تحفو آيو هو.انسويا جي حياتيءَ ۾ ئي گنگابا امرت جو رشتو پنهنجي نڻان جي ڌيءَ سان ڪري ڇڏيو هو. امرت گذريل ٽن سالن کان رشتو ٽوڙڻ وارو ضد ڪيو ويٺو هو. ديوشنڪر امرت کي ارڙهن سال ڪڏهن پورا ٿين انهيءَ جي واٽ نهاريو ويٺو هو. پر قدرت جا ڪم! اها ڇوڪري تپ ۾ گذاري وئي. گنگابا لڳڀڳ آزي ڪندي امرت کي چيو 'مٺا منهنجو صرف ايترو چيو مڃ، تون سنان ڪري وٺ. ڪجھ به هجي پر هوءَ اسان جي هئي. روپيو ۽ ناريل ورتا آهن اها ڪا راندڳالهه ته ناهي. ان ويچاريءَ جي قسمت ۾ سڱ جي صرف چنري ۽ پتاشا هوندا.هوءَ پنهنجو قرض وٺي هلي وئي.تون سنان ڪري وٺ. ڇوت ڇات ته اسان کي به لڳندي نه.'
    امرت صاف انڪار ڪري ڇڏيو.آخر گنگابا اُپواس وارو هٿيار آزمايو. ' جيستائين تون سنان نه ڪندين تيستائين مان ان جل ڪونه ورتائيندس.' چئي هوءَ ته ويهي رهي ڀڳوان جي سامهون.جيا۽ وشوناٿ ته سڄي گھٽنا کان ڊڄي هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهيا هئا. ديوشنڪر ته پيڍيءَ تان رات جو واپس ايندو هو.آخر ڪنچن امرت کي سمجھائڻ لاءِ وئي.
    امرت سندس ڪمري ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هو۽ ٽيبل تي ڪو ڪتاب کليل پيو هو. دور دريءَ مان نهاريندڙ نظر ۽ ڪرسيءَ جي هٿن تي پيل سندس هٿ. هلڪڙن قدمن سان اڳتي وڌندي ٽيبل وٽ پهچي ڪنچن کليل ڪتاب بند ڪيو.۽ چيو:
    ' هل، پاڻي رکيو اٿم.'
    موٽ ۾ هڪ به حرف اچارڻ کان سواءِ امرت ڪنچن سامهون تکو نهاريو.
    ' تون ڇوت ڇات ۽ سوتڪ ۾ نه مڃيندو آهين. ڀلي منڊن نه ڪرائج پر سنان ڪرڻ ۾ ڪهڙو نقصان آهي؟'
    ' مذاق نه ڪر.'
    سمجھائڻ واري نوع ۾ ڪنچن چيو:
    ' تون هروڀرو ڪاوڙجي رهيو آهين. توکي ته سڱ ٽوڙي ڇڏڻو هو ۽ هي ڏس نه پاڻهين تو لاءِ رستو صاف ٿي ويو آهي. هوءَ ويچاري ته توکي آزاد ڪندي وئي. ۽ سماج ۾ بدناميءَ کان به بچائيندي وئي.هل سنان ڪري وٺ.'
    ' پر مان هن جي نالي جو ........'
    ' هن جو نه ته منهنجي نانءَ جو ....'ڪنچن جملو پورو ڪري ان کان اڳ ئي امرت هڪدم اٿي بيٺو۽ ڪنچن جا ٻئي ڪلها جھلي هن کي ڌوڏيندي چيو:
    ' ڇا پيئي چئين؟ ورائي چئه ڀلا!'
    ڪلهن تان هٿ هٽائيندي ڪنچن چيو:
    ' مان مري وينديس ته ان ۾ تنهنجو ڇا ؟ '
    امرت جو ڄڻ ٻرندڙ اڱرن تي پير پئجي ويو هجي ائين ٽپو ڏنائين ۽ ڪنچن جي چوٽي پنهنجي ڳچيءَ ۾ ويڙهيندي چيائين:
    ' ته مان به مري ويندس.'
    ڪنچن جو ساهه مٿي ٿي ويو. نديءَ جي پاڻيءَ ۾ ترندڙ سون ورڻيون مڇيون ائين ئي ڇٻ ڇٻ ڪندي للچائجن ۽ هٿ ۾ اچانڪ ڪا مڇي اچي وڃي تيئن ڪنچن ڇال ڏنو.هوءَ نه ته مڇيءَ کي ڇڏي سگھي نه جھلي سگھي. پٺيان طبيلي ۾ ٻڌل گھوڙي جي هانهر جي آواز ان ڄمي ويل پل کي ٽوڙيو. ڪجھ دير کان پوءِ رنڌڻي مان گنگابا ڏٺو ته ڪنچن جي پويان پويان امرت به وڃي رهيو هو.


    13

    امان آئي، لابيءَ ۾ بيٺل ڪنچن ۽ وشوناٿ وِڪٽوريا مان ماءُ کي لهندي ڏٺو ۽ ڊوڙ پاتي.هونئن ته وڪٽوريا گاڏي حويليءَ جي صدر دروازي وٽ بيهندي هئي، پر هن ڀيري پيءُ ٺيٺ اندر ڏاڪڻين تائين وٺي آيو هو. ڪنچن ۽ وشوناٿ کي ڏسي ماءُ ٻه قدم اڳتي وڌي ۽ ٻنهي ٻارن کي ڀاڪي پائيندي روئي پئي. ڏاڏو گذاري ويو هو انهن ڏينهن ۾ ماءُ ڪمري جي ڪنڊ ۾ چهرو ڏسڻ ۾ نه اچي ائين اڌ اوڍي رکندي هئي. ان ڪمري ۾ ڇانيل اوندهه ۾ ماءُ جي موءن يا روئڻ واري هلڪي آواز کي سڃاڻي سگھبو هو. ائين نما شام جي چمڪندڙ روشنيءَ ۾ ماءُ کي ڏسي ڪنچن جي اکين ۾ ڳوٺ جي سڃي ۽ سنسان سيم وارو نظارو اڀري آيو. هوءَ ٻڏتر واري حالت ۾ ماءُ کي ڏسندي رهي. وشو ماءُ جي هنج مان نڪري وڪٽوريا طرف ڊوريو. هن کي ائين هيو جو اڃا سامان لاهيندي دير لڳندي، تيستائين ڪوچوان جي سيٽ جو مزو ماڻي وٺجي! پر سامان لاهيندي پيءُ وشوناٿ جي هٿ ۾ مٽيءَ جي بدڪ ٿماءِ ڇڏي. انهي بدڪ کي ٻن هٿن ۾ جهلي هو گدا جيان هوا ۾ گھمائڻ ويو ته بدڪ جو ڪنڌ ئي سندس هٿن ۾ رهيو ۽ پيٽ وڃي پريان ڪريو. ڪنچن کي هٽائيندي ماءُ چيو:
    ' سڳڻ ٿيو، سٺو ٿو.'
    وڪوٽريا جي پاسي ۾ وڃي ڪنچن ڏٺو، پيءُ سارو سامان لاهي ورتو هو ته به ماءُ ڊگھي گھونگھٽ ۾ سيٽ جي هڪ ڪنڊ ۾ ويڙهجي ويٺي هئي. ماءُ ڪنهن ڀريءَ جهڙي لڳي رهي هئي. ڪنچن “امان” چوڻ لاءِ چپ اڃا کوليا مڏ تان پيءُ کيس دور کسڪائيندي ماءُ کي ٻنهي هٿن ۾ کڻي گھر ڏانهن هلڻ لڳو. هيٺ پيل هڙَ مٿي ته کڻي ڪنچن به هلڻ لڳي. پڻس جي هٿن ۾ لڄ جي ڪري سُسندڙ ماءُ جو چهرو ڏسي ڪنچن کي ٿيو هڪ هڪ ڏاڪڻ تي سندس مٿي تي اڃا به ڪا ڀري رکي پئي وڃي!
    ريوا کي واءُ ٿيو هو. اڀري آيل ڇاتيءَ جو پڃرو، اڳيان جھڪي ويل چيلهه، جڪڙجي ويل هٿن پيرن جون آڱريون... ريوا صفا لاچار ۽ بي ڊولي ٿي وئي هئي. هن جي سَنڌ سَنڌ جھلجي وئي هئي.هوءَ پاڻ ڪجھ به نه ڪري سگهندي هئي. ڇڪ ڏيڻ يا کنگھڻ وقت سندس هڏا وڄي اٿندا هئا۽ ويدنا جو ڄار ريوا جي چهري ۽ اکين ۾ جھولڻ لڳندو هو. ڪنهن واڌو شيءِ جيان ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ هڪ رليءَ تي کيس ويهاري ڇڏيائون. ڪنهن اڻ کپندڙ شيءِ جيان هن جي مٿان لاپرواهي ۽ پيڙا جو پڙدو ڄمندو پئي ويو. هن جي سڪل هٿن تي چٽيل ٽاڄوڻا ريٽجي رهيا هئا. هٿ پير هلڻ چلڻ کان معذور ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجي زبان کي به ويڙهي سيڙهي ڪٿي رکي ڇڏيو هو.ضرورت پورتو ئي مڏ ڳالهائيندي هئي. ڪجھ به نه گھرندي هئي. نه سَرندي ڪٿي ڪپڙا نه بگڙجي پون انهي ڊپ جي ڪري ڏاڏيءَ کي چوندي هئي. اهوبه وري وري نه چوڻو پئي تنهن لاءِ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پاڻي نه پيئندي هئي. اڌ بکايل رهندي هئي. حڪيمن جي ڪاڙهن، ڦڪين، سيڪن، تپن، مالشن،۽ ڪِريَن جي چڪرن ۾ هوءَ ماٺ ماٺ ۾ هيٺ مٿي ٿيندي رهندي هئي.
    ماءُ جي هنج ۾ وڃڻ لاءِ آتُر وشوناٿ ٽهندو دور دور رهندو هو.گھر ۾ به خاص نه ٽڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ماءُ کيس پاڻ وٽ سڏيندي هئي ته عذر ڏيئي سڏ ٽاري ڇڏيندو هو. ڪنچن کي ته ماءُ ڪجھ وڌيڪ ئي ويجھي ٿي وئي هئي ائين لڳندو هو!
    سالن کان سڃاتل رستي تان هميشهه توهان هڪ گھاٽي وڻ کي ڏسندا ايندا هجو، جڏهن به ان رستي تان وڃڻ ٿئي تڏهن توهان کي مڪمل يقين هوندو آهي ته ڀلي واءُ طوفان هجن يا لڪون لڳن پر اهو وڻ آهي نه! پنهنجو هميشهه وارو آسرو آهي نه!پر ڪنهن ڏينهن توهان مٿي تي بار کڻي ٽاڪ منجھند جو پهچو ۽ نظر اچي هيٺ کان مٿي تائين لٿل کل وارو سڪل وڻ! تمام دلداريون ڀڄي ڀور ٿي وڄن. هڪ چهڪ پوي هنئين ۾ ۽ مٿي تي رکيل بار ۽ تپيل زمين جو تپ ڳري وڃي هڪ ڌڪ ۾! پنهنجو دک وسري وڃي ۽ سمائجي وڃي ٺونٺ وڻ ۾!رهي صرف وڻ ۽ واٽهڙو کي جوڙيندڙ ويدنا....
    ڪنچن سان به ڪجھ ان طرح جو ئي ٿيو. ماءُ کي چوڻ لاءِ سانڍي رکيل ڳالهين کي تالا لڳي ويا. ڪنچن کي چوڻو هو ته .... کيس به ماءُ جهڙي ڇڊي لپي رڌڻ اچي وئي آهي. پاڙي ۾ ڪڻڪ جي اٽي مان سيون ويلڻيون هجن يا چانورن ــ اڙد مان پاپڙ، سڀئي چوندا هئا ڪنچن جي ڇا ڳالهه ڪجي! ديوولا ۾ گنگابا ڪنچن ڪمهوڙي (جھجھو ڪم ڪندڙ) چئي جَيا کي ڇڙٻيندي هئي! هن کي چوڻو هو ته اسڪول جي ساهيڙي لليتا جيان پڙهائي ڇڏي سوَديسي وارن جي باندر سينا ۾ شامل ٿي وڃڻو آهي! ڪنچن وٽ ڪرڻ لاءِ کوڙ ڳالهيون هيون پرسڀ سُسي ويون .
    ماءُ جي بيماريءَ ۾ ڪنچن کي ڏاڏيءَ وارو نئون روپ نظر اچي رهيو هو. وطن ۾ جڏهن مامو وير پسلي (هڪ ڏڻ جنهن تي ڀاءُ ڀيڻ کي تحفا ڏيندو آهي) موڪلڻ ۾ يا سنڪرانت جي کچڻي موڪلڻ ۾ سُستي ڪري، مامي سال ۾ ٻه ڏينهن به نه گھرائي تڏهن اهڙن تهوارن ــ ڏڻن تي ماءُ کي مَٺيان لڳندي هئي. روئندڙ ماءُ کي آٿت ڏيندي ڏاڏي چوندي هئي ' ڪا ڳالهه ڪانهي تون دکي نه ٿي، ڀلي تنهنجي ناناڻي ۾ ماءُ پيءُ ناهن، پر مان ويٺي آهيان نه ٻارهن ورهين جي" پر اها ڏاڏي بدلجي وئي هئي. ڏاڏي ماءُ کي مالش ڪندي هئي. وهنجاريندي ڌُوئاريندي هئي، مٿي کي ڦڻي ڏيئي ڏيندي هئي، کارائيندي هئي ..... سڀ ڪجھ ڪندي هئي. اڙي اڙي ويچاريءَ کي الائي ڇا ٿي پيو آهي. اڃا ته ننڍڙي ٻار آهي. سڄو سنسار به ڪونه ڏٺو اٿس. هڪ اڌ پرسنگ ڪيو هجيس ته به مٿي تي موڙ وجھي ڪنڪو هاڻي آڱر به ڪري ها! ڪهڙي خبر ڪڏهن چاڪ ٿيندي! اهي بيماريون اچن گھوڙي جيئن وڃن ماڪوڙيءَ جيئن. اڙي ڙي! جيٺي جو ڇا ٿيندو! ماءُ تي ترس کائيندي ڏاڏيءَ جو آواز ۽ ان جا لفظ هڪ ٻئي سان ٽڪرائجندا رهندا هئا.ڏينهن ۾ سو دفعه ماءُ کي ويچاري چوندي ڏاڏيءَ جي اکين ۾ رحم جي بدلي رنج محسوس ٿيندو هو. ماءُ جي ڊگھن وارن ۾ ڍِڳ ڄيون پئجي ويون هيون. ڪنچن کي ٿيندو هو اگر جَيا واري مئڊم جيان امان جا وار ڪٽجي وڃن ته کيس هيءَ تڪليف سهڻي نه پوي! هن هڪ ڀيرو سندس ڏاڏيءَ کي چيو به سهي ته ڏاڏيءَ کيس پٺيءَ تي ڌڪ هڻي چيو:
    چري رن، بدبخت تو ۾ ڪا سُڌ به آهي يا نه؟ هزار دفعه چيو اٿم اها ولايتي پڙهائي ڇڏي ڏي، هيءَ نابود واري ڇڏيندءِ! مرين شل توکي اها به خبر نٿي پئي ته تنهنجو پيءُ ويٺو آهي ۽ تنهنجي ماءُ جي وارن کي ڪينچي ڏيکاري سگھجي ٿي؟ ڄيون پيون آهن، ڪي شينهن بگھڙ ته ڪونه پيا آهن جو تنهنجي ماءُ کي کائي ويندا. ۽ کائي وڃن ته به..... ' اڌورو ڇڏيل جملو سمجھندي ڪنچن ڪنبي ويئي. امان مري ويندي ته !! ڏيڍ سال ته ماءُ آهي. ۽ هڪڙو ڏينهن ايندو ان ئي آس ۾ ڪنچن سڀ ڪجھ ڪندي رهي. پر ڪنهنجي به واٽ نه نهارڻي هجي ته ڪيئن ٿو رهي سگهجي؟ ڪنچن ماءُ کي ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي ته ماڻس چوندي هئي " هوندو، پوڙهو جيو آهي. هڪ ته پرايو ملڪ، ٻيو پنهنجو پراڻو گھر ڇڏي ڀلا هتي شهر ۾ ڪيئن مزو اچي؟ ان ۾ وري پٽ ننهن جا انگل آرا ڪنهن کي وڻن؟ اهو ته ڏاڏو گذاري ويو ان ڪري هن کي هتي اچڻو پيو. ويچاري ڇا ڪري؟ منجھندي آهي تڏهن ڪاوڙجي ڳالهائيندي آهي.
    خبرچار ملي تڏهن هڪ ڀيرو گنگابا امان کي پڇڻ جي لاءِ آئي. جيا گڏ هئي پر امرت مٿي گھر ۾ نه آيو. هيٺ بگيءَ ۾ ئي ويٺو رهيو. ٻيو ڪو ٽاڻو هجي ها ته هوءَ ڊوڙي هيٺ وڃي ها يا جيا کي چوي ها پر ان وقت هوءَ ڪجھ به نه چئي سگھي. هوءَ رنڌڻي ۾ چانهه ٺاهي رهي هئي ۽ گنگابا ماڻس کي چئي رهي هئي “ ڏاڍي ڏاهي ڌيءَ آهي. عمر ڪونه اٿس پر سياڻي ڏاڍي آهي .... سندس لڇڻ اهڙا آهن جو هرڪو ڪم پيو هن جي هٿن ۾ سونهي! ۽ هڪ هيءَ آهي اسان جي جَيا،ڇا چئجي! ڀڳوان ڇوڪرو ٺاهيندي ٺاهيندي ڇوڪري ٺاهي ڇڏي! ڪو ڪم نٿو وڻيس. نه ويلڻ پڪڙيندي اچيس ٿو نه ئي بٽڻ ٽانڪڻ. بس سڄو ڏينهن هت هُت چڪر ڪاٽيندي رهندي آهي. خبر ناهي ڇاڪندي ساهري وڃي! ” ڪنچن جو من ڪجھ ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو. چانهه ڏيئي هوءَ جَيا کي ٻاهر لابيءَ ۾ وٺي وئي. دور بگيءَ ۾ ويٺل امرت جا پير ڏسجي رهيا هئا.هن کي ڪاري پتلون پاتل هئي. گوڏن تي ٽيڪيل هٿن ۾ سفيد رومال هو. ڪنچن کي ٿيو ڇا هي اهو رومال هوندو جنهن جي وٽ هن پاڻ پنهنجي هٿ سان واري هئي؟ جيا ڪنچن کي چئي رهي هئي “ محرم جي موقعي تي مسلمانن جا تعزيه نڪرن تڏهن تعزيه ٿڌا ڪرڻ جي ٻاڌا رکجي ته چاهي ڪهڙي به مشڪل هجي اها دور ٿي ويندي آهي. وڏي ڀاءُ کي ٻه سال اڳ مدَتيو تپ ايندو هو تڏهن وڏي امان تعزين جي ٻاڌا رکي هئي .” ڪنچن کي خبر نه هئي ته تعزيه ٿڌا ڪرڻ، معني ڇا ؟ ڪنچن پڇيو، “ پر ان ۾ ڇا ڪيو ويندو آهي؟ ۽ اها ٻاڌا ته جيڪو مسلمان هجي ان جي پوري ٿيندي آهي نه؟
    “ نه اهڙو ڪجھ به ناهي. وڏو ڀاءُ چوندو هو ته ڀڳوان ته هڪ ئي آهي. ڀلي ان جا نالا جدا جدا آهن. ۽ تعزيه ٿڌا ڪرڻ لاءِ ته تعزيه جتان نڪرندا آهن ان رستي تي ٻه ٻيلهون پاڻيءَ جون ڇنڊڻيون ۽ امام حسين جي گھوڙي جي هيٺان نڪري جيڪي ڇاتي ڪٽيندا هجن انهن کي شربت پيارڻو. ان ۾ ڇا آهي؟”
    ڪنچن من ئي من ۾ ٻاڌا ته رکي پر ان کي ڊپ به ٿيو ته ڏاڏيءَ کي خبر پئجي ويندي ته؟ هوءَ ته ٻي ذات جو پاڻي به نه پيئڻ ڏيندي آهي.
    ڏينهون ڏينهن گھر جو ماحول بدلجندو پئي ويو. پيءُ قليل ئي ڪڏهن ڪنچن يا وشوناٿ سان ڳالهائيندو هو. پيڍيءَ کان ڇٽي ٻه ڪلاڪ نامو لکڻ ويندو هئو. امان ۽ بابا جي وچ ۾ڄڻ ــ سامان ۽ مزدور جو رشتو رهيو هو. امان چوندي هئي ته پوٽليءَ جيان ماءُ کي کڻي چوڪڙيءَ ۾ ويهاريندو هو يا وري واپس کڻي رليءَ تي ليٽائي ڇڏيندو هو.ڪو چوندو فلاڻي حڪيم وٽ وڃوته اتي ڪو ٻيو چوندو هو ته فلاڻي ڊاڪٽر وٽ وڃو ته اتي. بالٽن مارڪيٽ وٽ هڪڙو ولائتي ڊاڪٽر ڏاڍو مشهور هو. هن ته بابا کي ٻي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. ڏاڏايءَ کي خبر پيئي ته هوءَ ڏاڍي اتساهه ۾ اچي وئي هئي. پر بابا صرف ايترو چيو “ اها بيماري اگر مونکي لڳي هجي ها ته؟” ڏينهون ڏينهن هن جو چهرو مرجھائجندو پئي ويو. ڪڏهن ڪڏهن وشوناٿ پڇندو هو “ بابا ڇا منهنجي ماءُ جي حالت هاڻي ههڙي ئي رهندي؟ هو ڪو به جواب ڏيڻ کان سواءِ وشوناٿ جي مٿي تان هٿ گھمائي ماٺ ڪري ويهي رهندو هو.ڪنچن بنا ڪجھ چوڻ جي پيءُ جو دک ٻڌندي رهندي هئي. هيل تائين هوءَ ماڻس جي بدلي ۾ ڪم ڪندي رهندي هئي. هاڻي هن هميشهه جي لاءِ ذميواري پاڻ تي کڻي ورتي هئي. هن ڏاڏيءَ کي به هلڪو ڪري ڇڏيو هو. بدلي ۾ هن کي اسڪول ڇڏڻو پيو هو.
    ان ڏينهن ڏاڏي هنومان مندر تي وئي هئي. ڪنهن چيو هوندس ، ته توکي راهو آڏو اچي ٿو اتي سمشان پاسي ڪو برهمڻ وڌي ڪندو هو. اتي امان ويئي هئي. شام جا چار کن لڳا هئا. ڪنچن ۽ وشوناٿ اسڪول کان گھر سويل موٽي آيا . گھر۾ گھڻن ڏينهن کان واندڪائي ڏسي ماءُ کي بک لڳي. هن ڪنچن کي ڀجيا ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو هو. ماءُ کي پٽاٽن جي ڀجين جي سڳنڌ ڏاڍي وڻندي آهي. کائيندي ته ٻه چار ئي هئي پر ڄڻ سُڳنڌ سان سندس پيٽ ڀرجي ويندو هو ! ڏاڏي مندر کان گھر آئي ته کيس خبر پئي، پوءِ ته هن گھر مٿي تي کڻي ڇڏيو. “ ماڻهين کان ڄڀ جو سواد وڃي ڪونه ٿو. هيترو سارو ٿيڻ کان پوءِ به سواد جا حيلا اچنس پيا. منهنجو پٽ پيسي ٽڪي ڌوپجي پيو پر هن پرائي ڄائيءَ کي آهي ڪو فڪر؟. هيءَ تنهنجي ڇوڪري سڙي وڃي ها ته ؟ ۽ نشان بدلائيندي هن هٿ به مٿي کنيو. “ هن رَن جو به ماءُ لاءِ ڏاڍو پيٽ ٿو جلي. ڀجيا کائڻ کان سواءِ ڄڻ مري نه ويندي تنهنجي ماءُ! هينئر کان هين لڪ ڇُپ ۾ ههڙا ڪم ويٺي ڪرين، مٿي تي ڀريون کڻي موٽي ايندينءَ ساهري مان.۽ ماڻهين جو پيٽ خراب ٿي پوندو ته ڪير ڌوئندو هن جون پوتيون، تنهنجو پيءُ؟ ” امان ويچاريءَ ڪيڏي نه سمجھائڻ جي ڪوشس ڪئي پر ڏاڏيءَ جي واڪن ۾ ڪنهن ٿي ٻڌو؟ تنگ گليءَ ۾ ڦاٿل ٻه جيوَ هڪ ٻئي کان بچڻ لاءِ گِرندا رهيا.
    روئندي روئندي ڪنچن ويچاري رهي هئي ته پنهنجي ئي گھر ۾ پنهنجي ماءُ کي کارائڻ چوري ڪيئن چئبي؟ انهي سڄي گهپيءَ جي پاڙ آهي امان جي بيماري. امان ڪجھ ڪري نٿي سگھي ان ڪري سڀ ڪجھ ڏاڏيءَ کي ٿو ڪرڻو پوي.هن طيءِ ڪيو ته هاڻ هوءَ اسڪول ڪانه ويندي. پر پڻس کي ڪونه وڻندو ته؟ ڏاڏي کي نظرانداز ڪري هن ڪنچن کي پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ڇڏيو هو. ڀلي بابا وڙهي. هونئن ته ڪڏهن هٿ ڪونه الاريو اٿن پر ٿي سگھي ٿو هڻن به سهي. ڀلي هڻن. پر هاڻ بيمار ماءُ مٿي روز روز جي گهپيءَ ته ڪانه رهندي!
    فيصلو جيترو جلدي ٿيو ايترو ان تي عمل ڪرڻ آسان نه هو. هر روز جيان اسڪول وڃڻ واري وقت تي پل ڀر لاءِ من للچائجي ويندو هو. ' اڄوڪو ڏينهن وڃي ٿي اچان اسڪول؟'ڪنچن کي اسڪول ته ڇڏڻو هيو پر لليتا جيان. هن کي ڪڏهن ڪڏهن من ۾ ٿيندو هو منهنجو پيءُ به لليتا جي پيءُ جيان گانڌيجيءَ سان گڏ رهندو هجي ها ته! هن کي لليتا جي ايرکا ٿيندي هئي.جنهن ڏينهن هن اسڪول ڇڏيو ان ڏينهن ٻنپهرن جو ڪمري جي پٺئين پاسي ويهي هوءَ پڙهائيءَ واري هڪ هڪ شيءِ تان نظر گھمائيندي هٿ ڦيريندي رهي. پرارٿنا جي نوٽ جا ورق ورائيندي هن کي ٿيو هاڻي وڏو صاحب ڪنهن کي ڀڄن ڳارائڻ جو چوندو؟
    ڪنچن اسڪول ڇڏي ڏنو آهي اهو ڄاڻي ماءُ ڪجھ به نه چيو پر شام جي روٽي نه کاڌائين.وشوناٿ کي سنگت ڇٽي وڃڻ جو دک هو. ڏاڏيءَ سک جو ساهه کڻي پڻس کي واڌائي ڏني. پيءُ جي اکين ۾ هڪڙو سوال اٿيو ۽ ترت ئي غائب ٿي ويو. هن چيو: “ سڀاڻي شام جو توکي ۽ مونکي سيٺ صاحب جي بنگلي تي هلڻو آهي. سائين جن گھرايو آهي.


    14

    “واڌايون هجن ابا. جيٺو تنهنجي ته گھر ويٺي گنگا آئي.”
    ' ديووِلا' کان واپس موٽيل اُميا امڙ جي خوشيءَ جو پار نه هيو. پر جيشٺارام ٿورو سوچي رهيو هئو.
    “ پر امان اسان کي ٿورو سوچڻو پوندو. سيٺ جي جتيءَ ۾ پير پائڻ کان اڳ ....”
    “ هاڻي ڏس، تون به ڪو عجيب برهمڻ آهين. لڇمي ٽلڪ ڪرڻ آئي آهي تڏهن تون نراڙ ڌوئڻ جون ڳالهيون ويٺو ڪرين! تنهنجو پيءُ ته هڪ اڌوري آس کڻي گذاري ويو ۽ ڪهڙي خبر منهنجو موت به ڪيئن لکيل آهي.
    “ پر تڏهن ته ڪنچن پڙهندي هئي.”
    “ ها، پر هاڻي ڇا آهي؟ ائين ڪندي چوڏهن سالن جي ته ٿي وئي آهي. ڇوڪري ۽ گند ڪچرو ٻئي هڪ جهڙا هوندا آهن، وڌندي دير نه لڳندي آهي.”
    ڪمري جي ڪنڊ ۾ پيل ريوا کي لڳو ته هيءَ ته ڪا ڪنچن جي شاديءَ جي ڳالهه ٿي رهي آهي. هوءَ کن پل لاءِ ناراض ٿي پئي.' منهنجي پيٽ ڄائيءَ جي سڱ جي ڳالهه ٿي رهي آهي ۽ مونکان ڪو پڇي به ڪونه ٿو! هڪ ستايل انسان جيان مونکي ٻڌڻو ۽ ڳالهه جو انداز ڪڍڻو! ڪم نٿي ڪري سگھان ته ڇا منهنجا تمام رشتاناتا به بيڪار ٿي ويا آهن؟ منڊي ڍور جيان ولر مان ئي ڪڍي ڇڏڻو؟ اتي ريوا ڏانهن نظر ويندي جيشٺارام چيو،
    “ شادي ته ٻن سالن کان پوءِ .....”
    “ اڙي!، هنن جو ته هن سياري ۾ ئي شادي ڪرڻ جو ويچار آهي. شادي ۽ نکيٽي سڀئي گڏ. گنگابا کان هاڻي ڪم نٿو پڄي. ان ڪري ته ڪنچن وٺڻ لاءِ تيار ٿي آهي. باقي ڪٿي راجا ڀوج ۽ ڪٿي گانگو تيلي؟”
    “ ريوا کان شوڪارو نڪري ويو. ڌيءَ جو اوتار ... ائين ئي پيءُ جي گھر کان ساهري... ان ۾ به غريب مائٽن جي ڌيءَ ته وڏي گھر ۾ اڳڙيءَ برابر! کيس ياد آيو.
    “امڙ، سيٺ جو پُٽ امرت ته ٻيجوَر ئي چئجي نه.”
    “ هيءَ ڏسو ڏاهي ماءُ جي ڌيءَ! امرت ڪهڙو مري ويل سان گڏ چار ڦيرا ڦريو هو جو ٻيجوَر چئجي. ۽ هيءَ تنهنجي ڇوري به ڪٿي ننڍڙي آهي جو هن لاءِ ڪو ڪنوارو واٽ نهاريو ويٺو هوندو؟ شڪر مڃ ڀڳوان جو، تنهنجي ڌيءَ محل ۾ راڄ راڻيءَ جيئن رهندي!” ۽ جيشٺارام سامهون گھمندي اميا امڙ چيو:
    “ ڏس جيٺو تون خرچ پکي جي چنتا بلڪل نه ڪج. مان ويٺي آهيان نه ٻارهن سالن جي.کيت وڪڻي به رنگ ڍنگ سان ڪارج ڪنداسين. گنگابا ته چئي ٿي مونکي ڪنڪو ۽ ڪنيا ڏيندا ته به هلندو. پر اسان کي پنهنجي حال آهر ڪجھ ته ڪرڻو ئي پوندو نه. ۽ مان ته چوان ٿي ته ڪنچن جي شاديءَ سان گڏ وشوءَ جا جڻيا به ڪري ڇڏيون.”
    پاڙي واري نرملا ماسيءَ وٽ ڀرت ٽانڪوسکڻ جي لاءِ ويل ڪنچن گھر ۾ پير رکندي ئي اميا امڙ جو پويون جملو ٻڌو. ۽ هوءَ اتي ئي در جي وچ ۾ کُپي ويئي. هوءَ ڄڻ سرحد تي بيٺي هئي. هڪ ئي جملي جي ڪري کيس گھر جي اندر واري دنيا ڌار ٿيندڙ لڳي.. هڪ ڏس جا دروازا بند ٿي رهيا هئا پر ٻي ڏِس ڪهڙي؟
    هونئن ته ڪنچن کي ڪجھ وقت کان محسوس ٿي رهيو هو ته ڪجھ نه ڪجھ ضرور ٿيندو. جڏهن کان اسڪول ڇڏيو هو تڏهن کان سندس ڏاڏي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ته ڪنچن جا هٿ پيلا ڪرڻ واري ڳالهه ڪڍندي ئي هئي. اسڪول ڪنچن لاءِ هڪ ڪَوَچ هو ــ بختر هو. اهو هٽي وڃڻ جي ڪري ڄڻ هاڻي هن جو ڪٽجي وڃڻ لازمي هو. هن ته ماءُ لاءِ اسڪول ڇڏيو هو. هن کي هو ته ڏاڏي ڀلي چئي ٿي پر جيستائين ماءُ چاڪ نمري ڪونه ٿيندي تيستائين پيءُ کيس ڪونه پرڻائيندو. پر اڄ جيڪو هن ٻڌو، هينئون ڦاٽي پيس. هوءَ پاڻ کان به اڄاڻ ٿيندي رنڌڻي ۾ هلي وئي.
    ريوا آخرين ٻول ٻولي ڏٺو. هن چيو: “ مان صفا پروس آهيان ڪنچن کي پرڻائي ڇڏيندا ته ......”
    ڄڻ چماٽ هڻي ڳالهه ٻڪي هجي تيئن اُميا امڙ چيو.
    “اڙي توبهه توبهه.. سوارٿ جي به ڪا حد هوندي آهي يا نه؟ تون نئين بني ٿئين ۽ پنهنجي هٿ سان ناٺيءَ کي ڌيءَ ڏئين ان انتظار ۾ ته تنهنجي ڌيءَ پوڙهي ٿي ويندي پوڙهي، ها! ڪنوارو ڪراڙو ٻڌو آهي پر ڪنواري ڪراڙي ٻڌي اٿيئي ڪٿي؟ ريوا تنهنجي ڌيءَ لاءِ تون سٺو سوچ. تون نه سوچيندينءَ ته ٻيو ڪير سوچيندو!”
    ريوا خاموش ٿي وئي. رنڌڻي ۾ ڪنچن ڀاکريءَ لاءِ ڪونڊي ۾ ڳوهڻ لاءِ ڪڍيل اٽي جو ڍڳ ٺاهيندي ڊاهيندي رهي . هونئن ته گھڻا دفعا کيس چيو ويو آهي ته سوچڻ ڪم مائٽن جو آهي توکي ته جيڪو چيو وڃي اهو ڪرڻو آهي. اهو ته هنن جو واڌو اختيار هو. پر من هيو جو ور ور ڏيئي انهي منع ٿيل وستار ۾ گھڙي ٿي ويو. ڪير هوندو اهو!
    تنهن درميان وشوناٿ چيو:
    “ ادي توکي خبر آهي، تنهنجي شادي امرت سان ٿيڻي آهي.”
    “ ڇا ...!؟” ڪنچن ڪڇي پئي. سندس ڀاکري ٺاهيندڙ هٿ رڪجي ويا.
    “ ها، ڏاڏيءَ چيو آهي ته مونکي هاڻي امرت کي امرت لال چوڻو. ۽ تنهنجي شاديءَ ۾ مونکي جڻيو پارائڻ وارا آهن. ڏسج نه مونکي گور مهاراج جڻيو پارائيندو تڏهن مان دور ڀڄي ويندس. ڪنهنجي هٿ نه چڙهندس.” وشوناٿ ڄڃ ۾ گھمي رهيو هجي تيئن رعب مان گھمندڙ گھوڙي سوار جيان رنڌڻي مان ٻاهر نڪري ويو.
    ڪنچن کي ٿيو ' امرت هن مڱڻي جي ها ڪئي هوندي؟'
    کيس ٻڌڻ ۾ آيو 'شنڪرپاربتي' ۽ سندس لالاڻ ڀرئي چهري تي هلڪڙي مشڪ اچي وئي.
    ***

    بسنت پنچمي. ڪنچن جي زندگيءَ جو نئون باب هن ڏينهن کان شروع ٿيو.ساهرو ڳوٺ ۾ هو، ماڻهو ڄاڻندا هئا، امرت جو ساٿ وڻندو هو پر ڪنچن جي من تي هڪڙو بار هو. سالن کان هڪڙي ئي سُر ۾ ساهرو لفظ ٻڌو آهي، ههڙي ڍڳي جهڙي رهندينءَ ته ڪير هٿ جھليندو تنهنجو؟ ههڙيون غلطيون ڪندينءَ ته ڪير رهڻ ڏيندو توکي؟ مٿي تي ڀري رکي ڊوڙائي ڇڏيندءِ سس. ننڍري ٻار کي ٻلي ۽ ٻاوي جو ڊپ ڏيکاري وڏو ڪيو وڃي تيئن هتي ساهرن جو ڊپ ڊاءُ ڏيکاري ڪڏهن ڊيڄاريندي ته ڪڏهن ڌمڪائيندي هئي ڏاڏي.هڪ ته اڻ ڄاتل ڊپ ۽ ٻي ٻاراڻي عمر! ايندڙ ڏينهن ۾ شادي ڪرڻ جا سپنا ڪٿي ٿا ڏسي سگھجن. هتي اُڳن ته آشنڪائن، ڊپن جا ٿوهر اڳن! مخالفت ڪري سگھجي اهڙو ويچار اُڳي اهڙي نه ته زمين هئي، نه ئي هوا ، نه ڀاڻ پاڻي!سُتيءَ کان وٺي هڪ ئي مصرع جي رٽَ رٽائي ڏيڻ ۾ اچي. صرف سويڪار. سويڪار اها ئي نيَتي. اهو ئي رواج.
    ريوا به ڪٿي آزاد هئي انهي نيرَ مان. ريوا به پرڻائڻ واري ڳالهه جو آخرڪار سويڪار ڪري ئي ورتو پر انهيءَ سويڪار جو هن تي الڳ ئي اثر ٿيو. بيماريءَ جي ڪري گھروارا کيس نظرانداز ڪرڻ لڳا هئا ۽ وقت ويندي هوءَ پاڻ به پاڻ کي نظرانداز ڪرڻ لڳي هئي. خالي زمين ڏسي ڪو به ستايل ماڻهو ان تي قبضو ڪري وٺندو آهي تيئن ريوا تي به بيماريءَ قبضو ڄمائي ورتو هو! پر جيئن جيئن شاديءَ وارا ڏينهن ويجھا پئي آيا تيئن تيئن هوءَ جنون جي حد تائين بيماريءَ کي ڌڪيندي اڳيان وڌي رهي هئي.اميا ۽ جيشٺارام وهنوار، وهيوٽ ۽ خريداريءَ ۾ لڳا پيا هئا.ريوا ڪنچن جي ڏيج لاءِ ننڍيون وڏيون شيون الڳ ڪري رهي هئي. هوءَ ڪنچن کي پاسي ۾ ويهاري جھوني پيتي کولائيندي هئي. سندس ماءُ چوڄ مان ريوا کي ڏيج ۾ ڏنل ڀرت ڀريل ٽپڙٽاڙين واري پوٽلي به کولائيندي هئي. ڪنچن کي ٿيندو هو اگر منهنجي ماءُ به چاڪ هجي ها ته مونکي به ڀرت ڀريل ڪپڙا، موتين جا تورڻ ، ڏورن ۽ اُن جا ڀرت ڀريل وال پيس ، ڪماڙ، تڪيا، موتين مڙهيل ناريل لوٽا، ۽ وڃڻا ڏئي ها.... پر ريوا چونڊي چونڊي سڀ ڪجھ ڪنچن کي ڏيئي ڇڏيو. بس هڪ هرمچي ڀرت وارو رومال ماءُ جي يادگيريءَ طور پاڻ وٽ رکيائين.
    وهنوار ،ڀليڪار،کينڪار، اوڍاڻيون، پهراڻيون، ۽ دعوتون ڏيندي شاديءَ وارو ڏينهن اچي پهتو. هفتي کان پوري پڪوانن جون تياريون هلنديون رهيون. سڄا ٻپهر سِهرن ڳيچن سان گونجندا رهندا هئا.صبح جو پرڀاتيا ۽ شام جو سانجھي. هيءَ چوري هيءَ چنري، هيءَ سس جي ساڙهي ۽ هيءُ رامڻ ڏيو، هيءَ پاٽ هيءُ پوش، هيءُ ماڻڪ ٿنڀ ۽ کيت پال، هيءَ ڪچري داني، هيءَ گڻيش ماٽلي ..... ڪنچن اکيون مٽڪائيندي ڏسندي رهي. ۽ کيس مخاطب ٿي ڳيچ ڳائجندا رهيا. “ بني ماڻين بنرا سيڄ ماڻين سنرا، سدا اڱڻ آئين لاڏا بنالا.....” “هٿين گل ميندي پيرين گل ميندين، لال لڱن کي لايو ڙي منهنجو ڪالونگر. روح چوي ڙي منهنجي اڱڻ ٻاروچو آيو ڙي ...” “ لڏي لڏي ٿو نمن جي لامن منجهه، لڏي لڏي ٿو انبن جي ٽارين منجھه. توکي لڳو ونيءَ جو واءُ ڙي راڻا توکي لڳو جيڏل جو واءُ.” ته وري ڪنهن گيچ ڳايو جنهن ۾ لاڏي جي رنگ جو ذڪر هو. سهرا ٻُڌي شرمائيندڙ ڪنچن کي ٿيو پر امرت جو رنگ سانورو ته ناهي ، اتي ئي ڪنهن رڙ ڪري چيو پيٺي برابر لڳائجو، ته جيئن رنگ کلي. وري ساهري وڃي وڏو گر جو سنڀالڻو اٿس.' ڪنچن کي ٿورو ٿورو سمجھ ۾ اچي رهيو هوته ڪجھ سوچنائن مان الڳ ئي بوءِ اچي رهي آهي.باسڻ ۾ هيٺ کير سڙي چهٽي وڃي پوءِ بوءِ اچي اهڙي بوءِ.
    ڪنچن کي وشوناٿ جي جلوس ۽ جھمر ۾ وڃڻ جو موقعو نه مليو. مالها پائڻ کان پوءِ گھر کان ٻاهر پير نه رکي سگھجي. وشوناٿ جو جلوس رڻڇوڙ لائن کان ٿيندو ٽرام جي پٽن کان لگھندو پاروتيءَ جي مندر کان ويندو چئين بجي واپس آيو. وشوناٿ کي ساسڪين جو ڪوٽ ــ پئنٽ پاتل هئا. گھوڙي تي ويٺل وشوناٿ جي هٿ ۾ موتين سان مڙهيل ناريل هو ۽ پٽڪي ۾ لائيٽ چمڪي رهي هئي.اڳيان اڳيان بئنڊباجا ۽ پويان پويان اونچن راڳن ۾ جڻئين جا گيت ڳائيندڙ عورتون.... چيٽ ويساک جا واءَ لڳا، انهن وائن ۾ ٻٻر ڦرهيون. .....پوءِ ته انهي ٻٻرن مان هر ٺاهيا ۽ هر سان کيت کيڙيا، کيت ۾ وُئڻ پوکيا ۽ وُئڻن ۾ ڏيڏا لڳا. ڏيڏن مان ڪپهه ڪڍيو ۽ ڪپهه مان سٽ ڪتيو ۽ سُٽ مان جڻيو تيار ٿيو. جلوس جي ٻنهي پاسن کان مٿي تي پئٽروميڪس کڻي مزدور هلي رهيا هئا جن جا چهرا اوندهه ۾ ڍڪيل هئا.
    شادي ۽ جڻيو. هيڏو وڏو شادمانو. ريوا جي گھر ته هي پهريون موقعو هو، پر جڏهن کان هن ڪراچيءَ ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان سندس ڀائرن هن کي دل تان ميساري ڇڏيوهو اتي مامن طرفان ڪا آس رکڻ اجائي هئي! ريواکي دک ٿيندو هو، پر اميا ان جو به رستو ڪڍي ورتو هو. ڪنوار جي پڦي گذاري وئي آهي انهي ڪري پيڪا ڪونه اچي سگهندا. ائين ريوا کي به تڪليف ٿئي پر پيڪي جو ماتم ساهري ۾ ڪهڙي ڪم جو! پر سندس ڀائر وڏي دل وارا آهن. روڪ پيسا موڪلي ڏنا اٿن. ههڙي ٽاڻي ڪُٽاڻي سيڻن سان دک رکون ته ماڻهو ئي نه سڏايون.
    ڇاتي تائين گھونگھٽ ڪڍي ان کي ٻن هٿن سان پڪڙي ڪنچن مانڊوئي ۾ ويٺي هئي ته ڪپڙي مان ٺاهيل ڪنهن گڏيءَ جهڙي لڳي رهي هئي. گور مهاراج جي وچان ڏنل پڙدي جي ٻئي پار امرت ويٺو هو. ان جي پويان بيٺل لوڻونتي جيا رکي رکي مڱ لوڻ ڀريل ٽامي جي لوٽي ڀاءُ جي مٿان کڙڪائي رهي هئي.ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي انهيءَ ڪري. پڙدو هٽيو ۽ ڪنچن جو هينئون هڪ ڌڙڪن ڌڙڪڻ کان رهجي ويو.هتي شرم کان ڊپ وارو احساس وڌيڪ هو. هن جي اک ٻوٽجي وئي. ٿوريءَ دير کان پوءِ هن اڌوگابري نظر سان نهاريو، سامهون اهو ئي ڄاتل سڃاتل چهرو هو، اهو ئي هو! هست ميلاپ جي وقت ڏڪندڙ ساڄو هٿ گھونگھٽ مان ٻاهر نڪتو. گور مهاراج جي ڏسيل ڏس ۾ اڳيان وڌيو۽ امرت جي هٿ ۾ ڏنو ويو. وچ ۾ پيل ناگروَل جي پنن جي آرپار بجليءَ جي هڪ لهر ڊوڙي وئي. ڪنچن گلاب جي ڪنهن مهڪندڙ ٽاريءَ جيان لڏي وئي. هن کان اڳ هڪ ڀيرو امرت جو ڇهاءُ نصيب ٿيو هو. راند ڪندي الاهي دفعا ڪوڏيون ۽ ڪڪريون جھٽيون آهن، ڪيترا ئي دفعا ڊوڙا ڊوڙي ڪندي هڪ ٻئي سان ٽڪرايا آهن. لڱ لڱن سان لڳا آهن. پر هن ڇهاءَ جي جاڳايل ڏڪڻي ته سڌو آخرين ڀيري پيءُ جي در جي چانئٺ تي هنيل ڪنڪو جي چنبي ۾ هميشهه جي لاءِ چٽجي وئي.
    اميا کي خوشي هئي ته ڪنچن جو ڪنياڪال پورو ٿيڻ کان اڳ هن جو ڪنيادان ڪري پڃ ڪمائي ورتو آهي. هوءَ ئي ڇو؟ هن جهڙا انيڪ بزرگ هيئن ئي ايڊريو قلعو فتح ڪندا آيا آهن.
    (“ايڊريو قلعو فتح ڪرڻ” هڪ اصطلاح آهي)
    ڪنچن پرڻجي ساهري وئي تڏهن امرت جي مئٽرڪ جي امتحان کي هڪ مهنو آڏو هو.هو ڄڻ شاديءَ پورتو ئي ڪتابن مان ٻاهر آيو هو! وري واپس امتحانن جي تياريءَ ۾ لڳي ويو. هو لڳڀڳ پنهنجي ڪمري ۾ ئي پڙهندو رهندو هو. روٽي به پنهنجي ڪمري ۾ کائيندو هو. ڪنچن جيا ۽ گنگابا گڏ رهنديون هيو. گھر، ماڻهو ۽ امرت سڀئي اهي ئي هئا پر هاڻي رشتا بدليا هئا. هاڻي کلي پوتي نه پر ساڙي پائڻي پوندي هئي. ديوشنڪر سيٺ هاڻي سُهرو هيو. هن جي اڳيان هاڻي لنگھي نه سگھبو هو. جيا سان مان سان ڳالهائڻو پوندو هو. امرت کي به نالي سان نه سڏي سگھبو هو. سويل اٿي گنگابا سان گڏ وهنجي سهنجي رنڌڻي ۾ وڃڻو پوندو هو. گنگابا ڀڳوان جي پوڄا ڪندي يا مالها جپيندي ضروري سوچنائون ڏيندي رهندي هئي.
    ان ڏينهن امرت جو امتحان پورو ٿيو. رات جو گنگا با ڪنچن کي کير جو گلاس ڏيئي امرت جي ڪمري ۾ موڪليو ۽ چيو ' توکي تنهنجي ماءُ چيو هو اهو ياد آهي نه؟ امرت چوي تيئن ڪرڻو آهي. ڪنهن به ڳالهه جي ناڪار ناهي ڪرڻي.' ڪنچن کي ٿيو، اهڙي ته ڪهڙي وڏي ڳالهه هوندي جا هينئن ياد ڏيارڻي پوي؟ هن مٿو لوڏي هاڪار ڪئي.
    صبح جو هميشهه جيان ڪنچن جي اک کلي. ڀر ۾ ستل امرت کي ڏسي هن کي هڪ ئي وقت ڪاوڙ آئي ۽ روئڻ به آيو. جيئن تيئن ساڙهي ٺاهيندي هوءَ گنگابا وٽ ويئي ۽ کيس ڀاڪي پاءِ روئڻ لڳي. هن جي سڏڪن ۾ گنگابا ٽٽل ٽٽل ٻڌو.
    ' هن .... امرت مونکي .... ماريو ....'
    گنگا با لاءِ هن حالت جو مقابلو ڪرڻ سولو نه هيو.پاڻ ٻال وڌوا. هڪ ڪورو ڪاڳر! حالانڪ ٻين جي واتان ٿورا گھڻا اکر اڪلايا هئائين پر هڪ طرح سان ته ڪنچن جهڙي ئي هئي. پتي پتنيءَ جي جسماني رشتن بابت ٻين کان ٻڌي ٿورو ڄاتو هو. وقت وقت تي من ۾ جيڪو ڪجھ جاڳندو هيو ان کي ڌرم ــ نيم جي پردي ۾ دٻائيندي رهي. ڌڪيندي رهي، تنهن جي باوجود اهي شيون مٿو کڻنديو رهنديون هيون. هن ڪنچن کي ڀر ۾ ويهاريندي پٺيءَ تان هٿ گھمائيندي ڌيري ڌيري پڇيو ،' ڇا ٿيو ؟' ڪنچن کي ته ڄڻ ڪو دانهن ٻڌڻ وارو ملي ويو هو، هوءَ چوندي وئي. ڳالهه پوري ڪندي هن ڏٺو ته گنگابا جي اکين ۾ هڪ عجيب چمڪ هئي، نه ڪاوڙ. پوءِ ته گنگابا ڪنچن کي روز زوريءَ امرت وٽ موڪليندي هئي. ڪنچن وڃڻ کان ڪيٻائيندي هئي ته کيس ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي 'پاپ لڳندءِ' ته ڪڏهن چوندي هئي ' ڀڳوان وڙهندءِ' ته ڪڏهن ' تنهنجي ماءُ کي چئي ڏينديس' چئي ڊيڄاريندي هئي. ٻئي ڏينهن کيس پرچائي هڪ هڪ ڳالهه پڇندي هئي. ڄڻ من کي وڻندڙ شربت جا ننڍڙا ننڍڙا ڍڪ ڀريندي رهندي هجي.
    هڪڙي ڏينهن اهو سلسلو ٽٽي پيو.گنگابا پوڄا ڪندي چندن ملي رهي هئي ۽ ڪنچن ٿوم ڦولهيندي ڳالهائي رهي هئي، امرت به اتي اچي نڪتو. خبر ناهي گھڻي دير کان هو هتي بيٺل هو ؟ هن جو چهرو غصي جي ڪري ڳاڙهو ٿي رهيو هو۽ گنگا با جو چهرو سفيد پوڻيءَ جهڙو ٿي ويو.ڪنچن کي ٿيو جيڪو ماڻهو ڏوهه ۾ اچي وڃي اهو ڪاوڙ ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ شايد امرت جو قصور نه هجي. اهو ته شاديءَ جي ٽئين سال گنگابا گذاري ويئي تڏهن امرت انهي ڪاوڙ جو مطلب ڪنچن کي سمجھايو هو.
    مڱڻي جي مصري چنري اوڍيندي ئي ڪنچن جي ڪاياپلٽ ٿيڻ واري پرڪريا جي شروعات ٿي هئي. اها ٻئي سال پهرين گود جي گوتم جي جنم سان پوري ٿي وئي. شاديءَ جو پهريون سال ته ڄن پاڻ کي ۽ هڪٻئي کي ڳولڻ ۾ ئي پورو ٿي ويو هو. ڪايا جون روز نيون نيون پرهليون ڳوليندي هڪ جو جواب ملندو هو ته ٻي ته ڄڻ گم ئي ٿي ويندي هئي.


    15

    وقت وڃي رهيو هو. گھريلو جيون گھاريندي ڪم ڪار سکندي سکندي پيرين ڀر ٿي رهي هئي. شروعات ۾ ڪٿي ڪٿي آٿڙي ، ٿاٻڙجي ۽ رهڙجي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ٻه چار قدم گڏ کڻي رومانچت ٿيندي هئي ، ۽ هڪ وقت اهڙو به آيو جو آرام سان اردگرد وارو منظر ڏسندي ــ ماڻيندي اڳيان ئي اڳيان وڌي رهي هئي.
    شروعات ۾ هر ٻئي ڏينهن هري شنڪر شاستريءَ جي مالها ڏانهن ڊوڙندڙ ڪنچن جو من ڌيري ڌيري 'ديوولا' ۾ ٿانئيڪو ٿي رهيو هو. ڪنچن جي اچڻ کان پوءِ ديوشنڪر شُڪل شهر جو ميئر بڻيو. ڪنچن جو مان مرتبو وڌي ويو ۽ گڏوگڏ ذميواريون به. هونئن به گهراڻو وڏو. صفا اڻ سڄاڻو ماڻهو به مدد جي آس ۾ ڊوڙي اچي. ان ۾ به جو پرديس ۾ ڪمائڻ لاءِ آيل گجراتي هجي ته ڇهن مهنن جو مزمان پڪو! ديوشنڪر چوندو هو ' منهنجي اڱڻ تان ڪو به بنا مانيءَ جي ۽ ٽڪڻ جي واپس نه وڄڻ گھرجي. ڪهڙي خبر اهو سڀ ڪنهن جي نصيب جو آهي؟'
    گنگابا جي طبيعت خراب ٿيندي هاڻي لڳڀڳ بستري جي حوالي ٿي وئي هئي.گھر ۾ نوڪر چاڪر گھڻا پر سڄي تنتر تي نظر رکڻ ۽ رنڌڻو به سهي! جيا ورناڪيولر فائينل جي تياريءَ ۾ ۽ مٿان ائين مڃيندي هئي ته ڀاڀيءَ جي اچڻ کان پوءِ نڻان ڪم ڪري ته اها نڻان ئي نه چئبي! جيا کي نڻان بڻجڻ ۾ ئي فائدو ڏسجي رهيو هو.
    مئٽرڪ کان پوءِ امرت کي اڳتي پڙهڻو هو. هن لنڊن چئمبرس آف ڪامرس جي امتحان جي تياري ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏي هئي. ٽن سالن جو ڪورس هو. پاڻيءَ جي جهاز ذريعي ٽين مهني امتحان جو پيپر ايندو هو. امرت پهريون سال پاس به ڪيوهو، پر جڏهن کان ڪراچيءَ ۾ ڪانگريس جو مها اڌيويشن ٿيو هو تڏهن کان ماحول ۾ هڪ وڏو ۽ تڪڙو ڦيرو اچي ويو هو. هيل تائين ته گھڻي ڀاڱي ڪپهه جي نڪاس جي بدلي هن جي پيڍي ولايتي ڪپڙو، ڪاڳر، دوائون، جوڙا، رانديڪا، سيگريٽ، دارون، ۽ صابڻ جهڙيون شيون آيات ڪندي هئي. پر ڀڳت سنگھ کي ڦانسيءَ جي سزا واري گھٽنا اهنسڪ ۽ هنسڪ زمري وارين پرورتين کي زبردست متائثر ڪيو هو.سوَديسي آندولن، سوينيه قانون ڀنگ جي ساٿ ساٿ انقلابين طرفان سرڪاري تنتر کي ڇڙوڇر ڪرڻ واري ٽوڙڦوڙ واري پرورتي جهنگ جي آگ جيان ڦهلجندي چوطرف وڌي رهي هئي.هڪ طرف عوام جو مزاج بدلجي رهيو هو ته ٻي طرف گورن افسرن جو دماغ به. اڳ جيان هاڻي هو ڀارتي واپارين تي ڀروسو نه ڪندا هئا.
    امرت بدلجندڙ وقت کي ڏسندي هوريان هوريان ڌنڌي جو روپ بدلايو.شخصي سيڙپڪاريءَ جي بدلي هن اسٽيٽ بئنڪ آف بيڪانير مان شيئر خريد ڪيا ۽ بورڊ آف ڊيريڪٽرس ۾ چونڊيو ويو. بئنڪ جو چئرمين شِورتن موتا جو پٽ ڪهانمل سندس ننڍپڻ جو دوست هو. ٻنهي گڏجي ٿئيٽر ورتو. نالو رکيائون 'وڪٽوريا'. انگريزن جي حيراني گھٽ ٿئي انهي ڪري اهو نالو پسند ڪيائون. ڌيري ڌيري هڪ مان ٽي ٿئيٽر ٿيا. ڪنچن ۽ لکمي. لکمي ڪهانمل جي زال جو نالو هو.
    ڪنچن پهريون ڀيرو ٿئيٽر ۾ "ويڻاويلي" ناٽڪ ڏٺو. هونئن ته فلمن جا روز شام جو ٻه شو ٿيندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ممبئي کان ناٽڪ منڊليون اينديون هيون ته خاص شو رکيا ويندا هئا. سماج واڙي يا پاروتيءَ جي مندر ۾ ٿيندڙ شِوراتري جي ميلن کان سوائي پهريون ڀيرو ڪنچن هيڏن سارن ماڻهن کي ڪٺو ٿيل ڏٺو هو. هوءَ امرت جيا ۽ ننڍڙي گوتم سان گڏ فيميلي باڪس ۾ ويٺي هئي. عام طور سان عورتن جي ويهڻ لاءِ الڳ انتظام هو. اهي آخرين ٻه ٽي قطارون هونديون هيون. ته جيئن استرين کي منهن تان پلو نه وجھڻا پون. "ويڻا ويلي" ناٽڪ جو گيت 'اڀمان ڪدي نَو ڪريئي، پٿر رهي ڪيم تريئي' ( اڀمان ڪڏهن نه ڪريون، پٿر ٿي ڪيئن ترون) ڏينهن تائين جيا ۽ ڪنچن ڳائينديون رهيون. جيا ويليءَ کي پاتل اهڙو ڪلش آڪار جو ڳلو ۽ ڦوڪڻي جهڙي ٻانهن وارو بلائوز سبايو. امرت ڪنچن جي سادگي ڏسي 'پوڙهي' چئي چيڙائيندو هو. هڪ ڀيرو ته ڪا انگريزي فلم ڏسڻ لاءِ زوريءَ وٺي ويو. ڪا پريم ڪٿا هئي، ڪلب جا نرتيه ۽ پريم جا منظر آيا ته منهن تان پلو وجھي ويهي رهي. موٽندي سڄي واٽ بگيءَ ۾ ويٺي ويٺي امرت جو ڀاشڻ ٻڌندي رهي. ' توهان رهيا ڳوٺاڻا توهان کي ڪهڙي سڌ نئين زماني جي؟ هي انگريز آيا تڏهن ته خبر پيئي ته توهان جو ديش ڪيڏو نه مهان آهي؟ اڙي اڃا به توهان ڪنهن ڪنڊ ۾ پيل هجو ها! هي احسان مڃو انگريزن جو جن توهان کي ريل ڏني، ڇا پيءُ مري وڃي ته بنا ٽپال جي پٽ جي هٿان اگني سنسڪار ممڪن ٿئي ها؟ اڙي مان ته چوان ٿو توهان کي هن آزاديءَ جي سمجھ به انگريزي علم ڏني آهي، نه ته ويٺا هجو ها جھونن سڙيل گرنٿن کي ياد ڪندا! توهان ته پيءَ جي کوهه ۾ مرڻ لاءِ ئي پيدا ٿيا آهيو؟'
    ڪنچن امرت جي ڳالهين کي ڪنهن حد تائين قبول ڪندي هئي پر اندر ۾ هن کي انگريزن لاءِ نفرت هئي. شاردا بين ماسترياڻي ۽ لليتا جي ڇاپ دور ئي نه ٿيندي هئي. ڏينهون ڏينهن چٽي ٿيندي ويندي هئي ڪنچن اهو سڀ وساري امرت گنگابا ۽ گھر جي ماحول مطابق ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ، پر جڏهن امرت جو من رَکڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ته گنگابا جي غصي ۽ ايرکا کي سهن ڪرڻو پوندو هو. امرت ته سڄو ڏينهن ٻاهر هوندو هو. مٿان وري هو مڙس ٿي ڇٽي وڃي. گنگابا مهل ڪمهل ڪنچن کي آدرش استريءَ جا پاٺ پڙهائيندي ، ڌمڪائيندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪنچن کي لڳندو هو ته هوءَ مزدور جيان شفٽ ۾ جي رهي آهي. صبح شام پتيءَ جي مرضيءَ مطابق ۽ ڏينهن سڄو گنگابا جي حڪم مطابق. هتي پنهنجي خواهش مطابق جيئڻ جو ڪو موقعو ئي ڪونه هو. ها هڪ ڀيرو کيس هڪ موقعو مليو هو. اهو گوتم جي جنم کان اڳيون ڏينهن هيو.ڦڳڻ چيٽ جا ڏينهن هئا. بمبا گرائونڊ ۾ وڏو منڊپ ٻڌو ويو هو. ڪانگريس مها سڀا جو اڌيويشن هئو. ساهري هجي هاته ڪانگريس جي ڪاريه ڪرم لاءِ پڇ پاڇ به نه ڪري ها. گھروارن کي به نه وڻي ها. سهرو سڄو ڏينهن انگريز عملدارن سان گڏ لهه وچڙ ۾ هوندو هو. وري هن جو واپاري دماغ، ڪنهن جو پاسو کڻڻ يا مخالفت ڪرڻ ۾ مڃيندو ئي ڪونه هو. امرت جو رخ ته صاف هو. انگريزي رهڻي ڪهڻي ۽ پڙهائيءَ طرف هن جو لاڙو هو. هتي پيڪي ۾ پيءُ کي سڀا ۾ ويندو ڏسي ڪنچن کان رهيو نه ٿيو. هوءَ وشو کي وٺي ويئي.
    وڏو وشال پنڊال، سامهون منچ ۽ عوام جي بئٺڪ ويَوَسٿا ۾ هڪ طرف مرد ته ٻي طرف عورتون. عورتن جو تعداد وڌيڪ هو. منچ مٿي ٻي قطار ۾ سانوري ٿوري ٿلهي سائوٿ جي ساڙهيءَ ۾ ملبوس اهڙي هڪ مائي ويٺي هئي. ڪنچن کي پوءِ سندس نالو معلوم ٿيو. هوءَ سروجني هئي. شروتائن ۾ گھڻن ماڻهن جي مٿن تي کاڌي ٽوپيون پاتل هيون. ڪنچن کي گانڌيجي ۽ نهروجيءَ جو پهريون درشن هميشهه جي لاءِ ياد رهجي ويو. نهرو جي پهرين نظر ۾ ڪنهن سُپني جهڙا سندر ۽ پُرڪشش لڳي رهيا هئا. گانڌيجي ماءُ ڌرتيءَ جو ماڻهو. سندن سنهڙو شرير ڏسي عجب لڳي ته هن مٺ هڏن جي مالها ۾ اهڙي ته ڪهڙي برقي طاقت هوندي جيڪا مڙدن کي به اٿاري ويهاري ٿي سگھي؟ گانڌيجي هڪ سادي سرل انسان جيان پنهنجي ڳالهه عوام اڳيان رکندا هئا. ڪو پاڙيسري توهان سان ڳالهائيندو هجي تيئن. سندن ڳالهين ۾ کُهري انوڀو جي آتميتا هئي. هو ڪنهن بزرگ جيان دل جي سوجھري سان ٻڌندڙن کي وشواش ۾ وٺندا هئا ۽ ٻڌندڙ کي ڪل به نه پوي تيئن مٿن جادو ڇانئجي ويندو هو. هو شرڻ اچي ويندا هئا. گانڌيجيءَ ڏانهن نهاريندڙ ڪنچن اچانڪ حيرت ۾ پئجي وئي. منچ وٽ ٺاهيل نوڙيءَ جي ريلنگ جي پاسي ۾ لليتا بيٺي هئي. لليتا کي کاڌيءَ جي سفيد ساڙهي پاتل هئي ۽ مٿي تان اوڍيل هيو.ڪنچن ٻئي ڇيڙي کان کيس سڏڻ ويئي پر پنهنجي وديشي ساڙهيءَ تي نظر پوندي سندس آواز جھڪو پئجي ويو. هوءَ سڀا ڇڏي گھر هلي آئي. ٻئي ڏينهن صبوح جو سويل ئي گوتم جو جنم ٿيو.
    ڪنچن جڏهن جڏهن به ڪا سڀا جلوس ڏسندي هئي ته سندس نظر لليتا کي ڳوليندي هئي. هن کي ٿيو ان ڏينهن لليتا کيس سڃاتو ڪونه اهو سٺو ٿيو. وديشي ڪپڙن ۾ سجيل هن کي هن سان گڏ باندر سينا ۾ شامل ٿيڻ جي چاهڪ ڪنچن ڪٿان ٿي ڏسجي ؟ پر هڪ رات لليتا اچانڪ نظر آئي، ڪنهن پڇر تاري جيان.
    ان رات ڪنچن ۽ امرت 'اڇوت' فلم نهارڻ ويا هئا. فلم ۾ گوهر بانو ۽ موتي لال اداڪاري ڪئي هئي. امرت اسان جي هڪ گجراتي چندولال شاهه جي فلم جي واکاڻ ڪندي ٿڪجيو ئي نه پئي. ڪنچن کي گھڻو ڪجھ چوڻ جو من ٿيو پئي ته، اسان جي گجراتي گانڌيءَ جا ويچار به هن فلم ۾ آهن. پر هن ڪجھ نه چيو. گھر اچي ڏٺائين ته مهمان خاني ۾ لليتا جيا سان ڳالهيون ڪري رهي هئي. ڪنچن کن پل لاءِ ڊڄي وئي. لليتا ڏٺو. هن ڊوڙي لليتا کي ڀاڪر پاتو ۽ الڳ ٿيندي چيو ' تون به واهه جي آهين ڪنچن، تو تنهنجي گھروارن سان به ڳالهه ناهي ڪئي ته توکي هڪ ماماٽ آهي، جنهن جو نالو لليتا آهي، جيڪا ٻال وڌوا آهي۽ سوامي نارايڻ جو گج پاتو اٿس ۽ ها شاديءَ ۾ هوءَ آئي ڪونه هئي.' لليتا اڄ سڃاپجي نه پئي. هن کي مرون رنگ جي ساڙهي پاتل هئي. مٿو ڪوڙيل هو ۽ گلي ۾ ڪنٺي پاتل هيس. لليتا مهنو ترسڻ جو پلان ظاهر ڪيو. هونئن ته هوءَ پڦيءَ وٽ آئي هئي پر اتي ريوا جي طبيعت صحي نه هوئڻ جي ڪري هتي رهڻي هئي. ڪنچن کي ڊپ لڳو ته متان امرت کي اصل ڳالهه جو پتونه پئجي وڃي.هونئن ته پيڪي مان ڪا خبر پئجي اهو مشڪل هو. ٻئي پٽ چندرڪانت جي جنم کان پوءِ پيڪن جي حالت هيڻي هئي.
    گوتم جي ڄم واري وقت ڪنچن ڄاتو ته پيءُ جو گھر هاڻي گھر نه رهيو آهي. ڏاڏي وڏي گھر جي ننهن طور ڪنچن کي ڏسي رهي هئي. ماڻس ريوا ڏينهون ڏينهن ديا جوڳي ٿي رهي هئي. گھر جون ننڍيون وڏيون ذميواريون پاڙي واري نرملا پاڻ تي هموار ڪري رهي هئي. بي اولاد نرملا ماسيءَ جو مڙس کنڊ جي مل ۾ نوڪري ڪندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ٻن ٻن شفٽن ۾ به ڪم ڪرڻو پوندو هوس. سڄو ڏينهن اڪيلي ۽ واندي نرملا ماسي ٽيم ڪڍڻ جي لاءِ ته ڪڏهن ڪم ڪار ۾ مدد ڪرڻ جي واسطي ايندي رهندي هئي. ڪنچن کي ٻار به هن ئي ڄڻايو هو. هڪ ڏنهن هن ڏٺو ته ماسي روٽي پچائي رهي هئي ۽ پڻس روٽي کائي رهيو هو. هن کي غصو لڳو پر پاڻياريءَ تان پاڻي پي واپس آئي. ماڻس ته پنهنجا سارا پتا هيٺ ڦٽا ڪري ڇڏيا هئا.هوءَ راند مان ٻاهر نڪري وئي هئي. هن وٽ هڪ به لهڻ جهڙو پتو رهيو نه هيو. هوءَ ته بس ائين ئي ڀيچي بڻي ويٺي هئي ۽ راند کيڏڻ وارو ناٽڪ ڪري رهي هئي. وشوناٿ کي ولايت ۾ وڪالت جي پڙهائيءَ کان سواءِ ڪجھ ڏسجي نه رهيو هو. گھر هوريان هوريان نرملا ماسيءَ جي چنبي ۾ اچي رهيو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن کي پڻس تي ڪاوڙ ايندي هئي تڏهن امرت چوندو هوس ' تون تنهنجي پيءُ جو ته ويچار ڪر.' پر هن جو من مڃيندو نه هو. ڇا جي لاءِ ڪنهن هڪ سان نياءُ ڪرڻ جي لاءِ ٻئي سان انياءُ ڪجي؟
    لليتا جي اچڻ سان جيا ڏاڍي خوش هئي. هوءَ ستت ئي لليتا جي اڳيان پويان نچندي رهندي هئي.ڪلاڪن جا ڪلاڪ هو سڀ رهاڻيون ڪندا رهندا هئا. پتي، ٻارن ۽ گھر جي وچ ۾ ڦاٿل ڪنچن لليتا سان گڏ آرام سان ويهڻ جي لاءِ واندي ئي ڪٿي ٿيندي هئي. تنهن ۾ به گنگابا جي موت کان پوءِ عزيزن رشتيدارن کي ۽ وهنوارن کي به هن کي ئي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو. اڄ ڪنهن جي گھر پٽڙو ڄائو آهي ۽ خوشي ملهائڻي آهي ته ڪنهن کي پڇڻ لاءِ وڃڻو آهي. فلاڻو ماڻهون جاٽ تي وڃي رهيو آهي جنهن جي ڪري کيس پيسا ۽ ناريل ڏيڻ لاءِ وڃڻو آهي. ته فلاڻي اديءَ جي سس گذاري وئي آهي ته اتي ويهڻ لاءِ وڃڻو آهي. ان ۾ به ڪنچن جي لاءِ سڀ کان وڏو مٿي جو سور ته امرت ! امرت کي اهي ڳوٺاڻا رواج ڪونه وڻندا هئا. ڪنچن کي سهري جي ڪري اهو سڀ ڪرڻو پوندو هو. ماڻهو ته چون ' گھر ته مائيءَ جو' خبر ناهي گھڻو؟
    لليتا صبح جو ڪمرو بند ڪري چار ڪلاڪ پوڄا ڪندي هئي. رات جو دير تائين جاڳندي هئي. چوندي آهي، جپ ڪندي آهيان.ڪنچن کي لڳندو آهي جيا سندس ساهيڙي ڦري ورتي آهي. هوءَ فرياد ڪري ته ڪنهن کي ڪري؟ امرت ڪڏهن ڪڏهن لليتا جي ڪرت ڪار ڏسي چوندو هو: هيتري ننڍي عمر ۾ ڇوڪري وڌوا ٿي وڃي ته ماءُ پيءَ کي گھرجي ته کيس ٻئي ڪٿي پرڻائي ڇڏين. ان جي برعڪس تنهنجو مامو ــ مامي ڪهڙا نه راڪاس آهن جو ويچاريءَ کي گج پارائي ڇڏيو اٿن! ان جڳهه تي مان هجان ها ته وِڌوا ڇوڪريءَ جي ٻي شادي ڪرائي ڇڏيان ها. ڪنچن جي چهري تي مذاق جي ريکا ڏسي هن چيو، 'ڏس ٻڌ مان چوان ٿو اهو سوفيصد چوان ٿو. توکي خبر ناهي.جيا ٻال وِڌوا آهي.مون وانگر هن جو به تڪڙو مڱڻو ٿيو هو. مان هن کي پاڙهيندو آهيان. پوءِ هن کي ڪو پڙهيل سڌريل ڇوڪرو ڳولي پرڻائي ڇڏيندس. هي سنياس به هڪ طرح جو جيئڻ جو بهانو آهي. ڌرم جو بهانو يا عذر ڏيئي اسان بدعنواني وڌائيندا آهيون.لوڙهو ٺاهي اسان گھيڙ ڳولهڻ جي پريرڻا ڏيندا آهيون. '
    ڪنچن کي لليتا سمجھ ۾ نه ايندي هئي.ان ڏنهن بمبا گرائونڊ ۾ ڏٺل لليتا ۽ اڄ واري لليتا ۾ ڪافي ڪجھ فرق هو. هڪ ڏينهن اهو راز پڌرو ٿيو. لليتا کي هت ايندي پندرهن کن ڏينهن ٿيا هئا. هڪ رات ڪنچن اچانڪ جاڳي ويئي هئي. هن ٻاهر اچي ڏٺو. پويان طبيلي جي طرف کلندڙ دروازو کليل هو. هن کي ٿيو غلطيءَ سان در کليل رهجي ويو هوندو. هوءَ بند ڪرڻ جي لاءِ وڃي رهي هئي ته هن ڏٺو ته پوئين ڀت واري پاسي ڪوئي وڃي رهيو هو.ڪنچن هن کي سڃاڻڻ جي ڪوشس ڪئي. اتي ڀت جي ٻاهرئين پاسي کان ٻه ڀيرا بيٽريءَ جي روشني پئي. انهي الپ جھلپ روشنيءَ ۾ هن لليتا کي سڃاتو. ڪنچن دروازي جي آڏو بيٺي هئي. لليتا ڪجھ دير کان پوءِ واپس آئي ۽ تڪڙي تڪڙي وڃي جيا واري ڪمري ۾ سمهي رهي. اها سڄي رات ڪنچن سمهي ڪانه سگھي.
    اسڪول ۾ پڙهنديون هيون اتان کان لليتا ڪنچن جي ساهيڙي هئي. لليتا سندس پيءُ جي ستياگرهه جي لڙائيءَ واريون ڳالهيون ڪندي هئي. ڪنچن ڪنهن اتهاس مان زندهه ٿيل ڪارنامن جيان حيرت مان ٻڌندي هئي. شاردا بين ۽ لليتا سوديشي مومينٽ لاءِ اسڪول ڇڏيو هو تڏهن ڪنچن کي ٻيڻو ڏک ٿيو هو. هڪ ته هنن جي سنگت ٽٽڻ جي ڪري ۽ ٻيو هنن سان گڏ نه وڃي سگھڻ جي ڪري. ڪنچن کي لليتا جي ايرکا ٿيندي هئي. پاڻ سڀ ڪجھ ڇڏي نه سگھي پر هيئنر لليتا جي مدد ڪرڻ جو سنتوش محسوس ڪري رهي هئي. هن گھر ۾ ڪنهن کي به لليتا جي سچي سڃاڻپ نه ڏني هئي. امرت هڪ اڌ ڀيرو پڇيو به هو پر هن کي اونهاڻ ۾ وڃڻ جو وقت نه هو. گانڌيجيءَ “ڪرين گي يا مرين گي” جو نعرو اهنسڪ ويڙهه لاءِ ڏنو هو پر “هند ڇڏيو” جي اعلان جي ڪري عوام رستن تي اچي ويو هو. هن انڌاڌُنڌيءَ ۾امرت رات ڏينهن ڌنڌي جي ڊوڙا ڊوڙيءَ ۾ لڳو پيو هو ۽ ميئر ديوشنڪر صلح مسلحتن ۾ رڌل هوندو هو، پر راتوڪي گھٽنا ڪنچن کي چنتا ۾ وجھي ڇڏيو هو. اگر لليتا پڪڙجي ويندي ته؟
    ٻئي ڏينهن هن لليتا کي اڪيلائيءَ ۾ پڇي به ورتو.
    لليتا ظاهري طور سوديشي مومينٽ ۽ سماج سڌارن وارا ڪم ڪندي هئي پر خفيا طور هوءَ انقلابين سان جڙيل هئي. جنهن جي پويان به هڪ گھٽنا هئي.
    لليتا ڪافي سمجھي ٻجھي ڪنچن جو گھر پسند ڪيو هو. انگريزن جي وفادار ڪٽنڀ ۾ آسرو وٺي ته پوليس وارن کي شڪ نه پئي. مٿان ڪنچن جي رشتيدار طور رهڻ ۾ گھر جو ميٺاج ملي رهي. جنهن گھر ۾ صرف گجراتي هئڻ جي ناتي ڇهن مهنن جيڏو آسرو ملي وڃي اتي لليتا جو سماويش نه ٿئي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟
    لليتا منڍ کان وٺي ڳالهه ڪئي.اسڪول ڇڏڻ بعد شاردا بين ماسترياڻي جيڪا 'گانڌي سيوا سينا ' جي سڪريٽري هئي. انهي جي رهنمائيءَ ۾ هڪ باندر سينا جي رچنا ڪئي. هيءَ باندر سينا هٿ سان لکيل يا ليٿو ڪيل پترِڪائون ورهائي سوديشي آندولن جو پرچار ڪندي هئي. ريليون ڪڍندي هئي، پرڀات ڦيريون ڪندي هئي، ۽ صفائيءَ جا ڪم ڪندي هئي.ڪڏهن ڪڏهن ڏکئي وقت ۾ نيتائن کي ڳجھا نياپا پهچائيندي هئي.لليتا باندر سينا جي ليڊر هئي. پر هڪ ڏينهن سڀ ڪجھ بدلجي ويو. ڏهاڪو سالن پهريان جي ڳالهه هوندي.
    پنچ مکا هنومان مندر جي تهه خاني ۾ليٿو ڪڍڻ واري مشين تي پتريڪا ڇپجندي هئي. شاردابين ڇاپيندي هئي.لليتا ۽ هن سان گڏ سنيهه لتا پترڪا وٺڻ آيون هيون. مندر جي ڀنڊاري طور استعمال ٿيندڙ تهه خاني ۾ اناج جون ٻوريون پيون هيون. اچانڪ گوليءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.شاردابين ترت لليتا ۽ سنيهه لتا کي ٻوريءَ ۾ لڪايو.مشين بند ڪيو ۽ ڏاڪڻ چڙهي ٻاهر نڪري ڌرپڪڙ ڪرائڻ ويئي. پر اڌ وچ ۾ پوليس کيس پڪڙيو ۽ ڏاڪڻ تان ڳوڻ جيان گيسري ٻاهر کڻي ويئي. چور قدمن سان لليتا ۽ سنيهه لتا ٻاهر اچي ڏٺو. شاردابين جا هٿ پير ٻڌي پوليس کيس سمشان طرف وٺي وڃي رهي هئي. جنهن استريءَ وِڌوا ٿيڻ کان پوءِ پنهنجي پتيءَ جي چتا سان گڏ جلڻ جي بدلي جيون جي جوالا قبولي هئي. تنهن کي ڪنهن اڻڄاتل لاش سان گڏ چتا تي چاڙهي ڇڏي. شاردابين جي هن ٻليدان جو ڪٿي به ڪو ذڪر ڪونه ٿيو. سنيهه لتا واپس گھر آئي. ائين بنا ڪجھ ڪرڻ جي ، بنا مخالفت جي مرڻ کان ڀلي هنسا ته هنسا پر مقابلو ڪري مرڻ جو وچن وٺي لليتا “ آتمنِشٺ يُوتي سماج” سان جڙي وئي. هيءَ سنسٿاظاهري طور سوديشي هئي ۽ اندروني طور انقلابي.
    ائين ٻٽي چلت سان اگر ڪم سڦل به ٿئي ته ڇا؟ پهريون ڀيرو ڪنچن کي ٿيو ' هوءَ ڀلي هڪ سامانيه گھرڌياڻي آهي پر ڪنهن کي ٺڳي ته ڪونه ٿي ۽ هاڻي ته بلڪل ئي نه. هن لليتا کي اچڻ سان ئي چوويهن ڪلاڪن جي اندر ٻيو انتظام ڪري وٺڻ جو چئي ڇڏيو.
    لليتا ويئي. پر ....


    16

    لليتا ويئي ۽ “ديووِلا” جو لوڻ ــ چمڪ کڻندي ويئي. انهي صبح کان ئي ڄڻ گڻيش ويهي رهيو هو. ڪنچن با جيون ڀر اهو ڏينهن ڀلجي نه سگھي.
    اهو پهرئين نورتي وارو ڏينهن هو.ڪنچن کي گرڀ وارا پويان ڏينهن هلي رهيا هئا. نائون مهنو پورو ٿيڻ کان پوءِ مٿي ڏهه ڏينهن ٿي ويا هئا. ڪنچن روز صبح ٿيندي ئي ويچاريندي هئي ته اڄ ڇٽي وينديس ۽ انتظار ۾ ئي انتظار ۾ رات پئجي ويندي هئي. چمني ٻاريندي هن کي ٿيندو هو خبر ناهي اڌ رات جو دائيءَ کي گھرائڻو پوندو ته؟ امرت ولايتي ڊاڪتر کي به چئي ڇڏيو هو. ٻار ڄڻڻ کان اڳ ئي ڪنچن جو تاثير بدلجي ويو هو. هٿ پير سڄي پيا هئس. هير ۾ ڦير پئجي ويو هئو. رسوئي ڪرڻ ويهندي هئي ۽ اٻرندڙ دال يا ڀاڄيءَ جي وگھار جي بوءِ سهي نه سگھندي هئي. هن ڀيري رسوئيءَ لاءِ مهاراج کي رکڻو پيو هو. گوتم ۽ چندرڪانت واري ٽاڻي ته نائون شروع ٿيندي ئي سور اٿيا هئا.پر هن ڀيري سڀ ڪجھ نئون لڳي رهيو هو. ڪنچن کي مسلسل ڊپ پيو لڳندو هو ته ' ڪجھ ٿي پوندو ته؟ '
    ان ڏينهن سويل ئي هن امرت کي اٿاريو. دائيءَ کي سڏڻ لاءِ وڃڻ کان اڳ امرت جيا کي اٿارڻ ويو ۽ ڪنچن نڪ ڪنن مان ڳهه ڳٽا لاهڻ شروع ڪيا. اڃان ته ڪنچن نڪ واري ڦلي ساڙهيِءَ جي پلو ۾ ٻڌي رهي هئي ته امرت ڪمري ۾ لڳڀڳ ڊوڙندو آيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪاڳر هيو۽ چهري تي چنتا. هن لڳڀڳ ڦاٽل آواز مان چيو.
    “ جيا لليتا سان گڏ هلي وئي.” ۽ ڪرسيءَ ڦان ٿي ڪري پيو. ڪنچن زمين تي ڍڳ ٿي پئي.
    پنجن کن منٽن بعد ڪنچن جي پيرن وٽ پڪل ڦَل جيان ڪريل ڇوڪري روئڻ لڳي تڏهن امرت کي خيال آيو ته ڇوڪري ڄمي چڪي آهي ۽ ڪنچن بيهوش پئي آهي. انهي پل هو جيا جي باري ۾ سوچڻ ڇڏي ڊاڪٽر ڏانهن ڊوڙي ويو. ٻئي ڏينهن هوش ۾ آئي ته ڪنچن کي خبر پيئي ته ڌيءَ ڄائي آهي. هن سندس نالو اروڻا رکيو.
    جيا وئي. صدمي جي ڪري ديوشنڪر کي چت کٿائي ٿي پئي. شهر جو ميئر رات ڏينهن انگريزن جي وچ ۾ اٿندڙ ويهندڙ، پنجن ۾ پڇائجي اهڙو سيٺ ديوشنڪر سڀني هنڌن ماڳن، عزيزن ــ رشتيدارن ۽ رشتن کان الڳ ٿي هڪ موالي ماڻهو ٿي ويو هو. خالي اکيون ۽ ڪورو چهرو کڻي هو جيئندو رهيو. هن جي ۽ ڪٽنبين جي وچ ۾ صرف سوچنائن وارو ئي تار رهي هئي. هيءَ تار هڪ طرفي هئي. هو صرف ٻڌندو ئي هو. ننڍڙو گوتم ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو: 'اما ڏاڏو ته ڪٺ پتليءَ جيان جيئن چئونس تيئن ڪري ٿو.' ڪنچن جي دل جو درد سمجھڻ جيترو اڃا هو وڏو نه ٿيو هو.ديو شنڪر ڇيڙي واري ڪمري ۾ هميشهه پيو هوندو هيو. ڪوئي هن کي اٿڻ لاءِ چوندو هو ته اٿندو هو ۽ سمهڻ لاءِ چوندو هو ته سمهي پوندو هو. هڪ ڀيرو هو ڪاڪوس ۾ ويو پر ڪنهن کيس 'ٻاهر نڪر' ائين ڪونه چيو؛ هو پنجن ڪلاڪن تائين اندر ويٺو پاڻي هاريندو رهيو.اهو ته وري ڪنچن کي خيال ۾ آيو ۽ ان جي چوڻ سان ٻاهر نڪتو. روٽي کائڻ مهل چوڻو پوندو هو ' بس بابا، هاڻي چانور کڻو.' روٽي پائيندي ڪنچن سوچيو ڪهڙي ڪال گھڙيءَ ۾ مونکي اها اونڌي سُجھي جو مون لليتا کي آسرو ڏنو! جنهن ساڄي هٿ سان ڏنو هو ته کاٻي هٿ کي به خبر نه پوڻ ڏني هئي ان جون مانيون ڳڻڻ جو سمو آيو آهي! سُهري هن کي ڌمڪائي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هجي ها ته هوءَ روئي به من هلڪو ڪري سگھي ها. هي ته هنن کي ڏسي پل پل ۾ آتما تي بار وڌي رهيو هو.امرت ته هن سان ڳالهائڻ به لڳڀڳ بند ڪري ڇڏيو هو. هو گوتم يا چندر ڪانت ذريعي ضروري نياپن پاراتن جي ڏي وٺ ڪندو هو. ڪنچن ڏسي رهي هئي ته امرت به هن جيئن اڪيلو ٿي ويو هو.
    امرت ڪلهه تائين ديوشنڪر جهڙي مضبوط ڪلي جي ٻر تي وڇيري جيان هڻڪندو پيو هو.پر يڪ مشت لغام ۽ الياڻ جي پيڙا جي ڪري پلاڻ کڻڻ به مشڪل ٿي پيو هو.جيا ڀڄي نڪتي هئي ان پل ته امرت کي ڪنچن کي پيڙهي ڇڏڻ جيترو غصو آيو هو پر بيهوش ڪنچن ۽ روئندڙ ڇوڪريءَ کي ڏسي هن پاڻ تي ضابطو آندو. هو ڪنچن کي ڪيترو چاهيندو هو؟ هن تي وشواس رکي سڄو گھر ۽ سڀ ڪجھ هن کي سونپي ڇڏيو پر هن هين اوندهه ۾ رکيو؟ امرت ڇا ڪري؟ ڪنچن کان پڇي؟ پاڻ کان پڇي يا جيڪو پڇي رهيو آهي ان سماج کي جواب ڏئي؟ هڪ ئي وقت ۾ ڪيترا سارا مورچا هن جي سامهون منڊجي ويا هئا! ماڻهن کي ائين چئي ته 'جيا وطن وئي آهي' ٽاري ڇڏيندو هو پر ديوشنڪر جي خالي اکين ۾ اٿيل سوال جو جواب ڪيئن ڏيڻو؟ ڪڏهن امرت کي لڳندو هو ته بابا نصيبدار آهي ! هنن سڀني پيڙائن کان بچي ويو آهي! پر ڇا موڳائيءَ کي سک مڃي سگھجي ٿو؟ امرت ڌنڌو سميٽي آفريڪا ڀڄي وڃڻ جو منصوبو ٺاهيو.
    ماڻهن جي منصوبن مطابق سڀ ڪجھ هلندو هجي ها ته؟ ماڻهن جي منصوبن کي ڪو اڻڄاتل اڻ لکو عنصر بگاڙي وجھي ته ڪجھ سمجھ ۾ به اچي پر ماڻهوءَ جي وچ ۾ ماڻهو ئي رنڊڪ کڙي ڪري تڏهن ڇا چوڻو؟ ڪنچن کي لڳي ٿو شروعاتي ٽيهه سال ا ب ت .... سکڻ ۾ ئي ويا. جيون ۽ منش بابت مهاگرنٿ ته ڏاڍا دير سان ڏٺا ۽ انهن مان ڪيترا پڙهي سگھياسين اهو امتحان ڏيڻ وارو وقت اچي تڏهن خبر پوي! توهان جي زمين ڪهڙي آهي، توهان هر ڪهڙو هلايو آهي، توهان جو ٻيجارو تندرست آهي يا نه، توهان جو پاڻي، گُڏ ڪهڙي آهي اها ته کري تي ئي خبر پوندي آهي! امرت يوگانڊا وڃڻ جي تياري ڪرڻ لڳوهو. پر نصيب ته ڪا ٻي ئي دشا نرڌارت ڪئي هئي!
    هڪ شام جو سهڪندي اچي امرت چيو، 'ڪراچي شهر پاڪستان ۾ ويندو. اسان کي جلد از جلد هتان کان نڪرڻو پوندو. '
    ڪنچن کي ٿيو هاڻي ئي ته ماڻهو چوندا هئا ته گانڌيجي ملڪ جا ٽڪرا ڪونه ٿيڻ ڏيندو، ته پوءِ اهو اهڙو ته وري ڇا ٿي ويو جو .... هن امرت کان پڇيو:
    “ پر اسان هتي ئي رهون ته ڪهڙو نقصان آهي؟”
    “ نه هتي رهڻ ۾ جوکم آهي، هتي ڪڏهن به قومي وڳوڙون ٿي سگھن ٿيو پوءِ ته سر بچائڻ به مشڪل ٿي پوندو. ٽيون ڏينهن پنکا ڳليءَ ۾ هڪ سردار کي ڪنهن ڪُهي ڇڏيو. بنگال، بهار، ۽ پنجاب وارا ڇنڊا هت به اڏامندا.
    “ اسان ته سڀئي ڪيئن نه هڪ جيو ٿي رهون پيا. هاڻ توهان ئي چئو ڇا اسان جو ٿئيٽر وارو چوڪيدار رحمت خان اهڙو ڪجھ ڪندو؟”
    “ هاڻ تون اهڙين ڳالهين کي ڇڏ ۽ پرينهن پڻهي وطن وڃي رهيو آهي. وشوناٿ جي ڪمپنيءَ جو جهاز وڃڻو آهي. تون ۽ ٻار هنن سان گڏ نڪري وڃو. مان هتان ڪاروبار سميٽي ڪمپالا پهچي توهان کي گھرائي وٺندس.”
    “۽ بابا؟”
    “ مون سان گڏ.”
    “ پرائي ملڪ ۾ توهان هن کي ڪيئن سنڀالي سگھندا؟ مان هنن کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندس.”
    پنجن سالن بعد ڪنچن امرت جي اکين ۾ پوئين پِڇاڻ ڏٺي. ان رات ڪمري ۾ اها ئي پرِچِت مهڪ مهڪي. هڪ وياڪلتا سان گڏ انهي مهڪ کي ڀرپور ماڻي وٺڻو هو. ' هيءَ رات خبر ناهي وري ڪڏهن ايندي؟ شايد نه به اچي! نه اهڙو سوچڻو به ناهي. پويون ۽ اڳيون سڄو سمو اڄ برابر ڪري وٺڻو آهي. ڪمري جي نويڪلائي سالن تائين هم بستريءَ جو ههڙو اڳ نه ڏٺو اهڙو مزو ڀلجي نه سگھندي.ڪنچن کي ان رات اُترا ۽ اڀيمنيو واري ڇهن مهنن واري ڊگھي ملن راتريءَ وارو رهسيه سمجھ ۾ اچي رهيو هو.
    ٻئي ڏينهن رات جو ڪياماڙي بندر تي پهچڻو هو. سِنڌيا نيويگيشن جا جهاز هونئن ته مال جي هيرڦير ڪندا هئا پر بدليل حالتن ۾ فوري طور مسافرن لاءِ به انتظام ڪرڻ ۾ آيو هو. ريلوي وارو نظام ته سڄي هڪ ٽرين جي قتلام پٺيان بند ٿي ويو.اها ته وشوناٿ جي ڪري “سيناوتي” اسٽيمر ۾ وڃڻ جي سهوليت ملي ويئي هئي. آخر تائين جو ساٿ. ڪنچن سڄي رات ۽ سڄو ڏينهن تياري ڪندي رهي پر ڄڻ تياري پوري ئي نه پئي ٿي. گوتم پڇيو به سهي 'اما تون ڇو گھڙي گھڙي ويهي ٿي رهين؟ ' سفر لاءِ مٺائي ڪونه ٺاهبي اهو ٻڌي چندرڪانت روئڻ لڳو. ٻارن جي من ته اهو ڪو پرواس هو، پهريون ڀيرو پاڻيءَ جي جهاز ۾ ويهڻ جو موقعو هو. ڪنهن ڪنهن وقت ڪنچن شين کي سميٽيندي هٿ ڦيرڻ ۾ مشغول ٿي ويندي هئي ته ڪنهن ڪنهن ٽاڻي مُنجھي بيهي رهندي هئي ته ڪهڙي شيءِ کڻي وڃجي ڪهڙي ڇڏي وڃجي! ڪنچن کي ٿيو شيون ڀلي ساڻ کڻي ڪونه ٿيون سگھجن پر سلقي سان رکي ته سگھجن ٿيون. ' هن ڪانچ جي برني صاف ڪئي ۽ ان مان آرپار نڪري ويئي.' ڀڳوان، جيڪوبه هي شيون استعمال ڪري اهو مٺيون ڪري استعمال ڪري. هن کي مون واري جيان آکيرو ڦٽائڻ وارا ڏينهن شل نه ڏسڻا پون.' ڪک ڪک ڪري هي آکيرو اڏيو هئم. ڪيڏي مٿا ڪُٽ ۽ اتساهه سان هي آکيرو ٺاهيو هئم! هڪ هڪ شيءِ کي ڇڏڻ معني' انهن سان جڙيل ماڻهن کي ڇڏڻ مثل آهي. هي چانديءَ جو ٿالهه ۽ پنچ پاتر گنگابا جي ويندي ڄڻ ڍلا ٿي ويا هئا ۽ هاڻي ته صفا اناٿ! ديوشنڪر جي بنا هي ٽامي جو ديڳڙو ڄڻ اداس ٿي ويندو! هن صندليءَ تي چندرڪانت بنا ڪير ويهندو! هن ڊريسينگ ٽيبل جي سامهون بيهي اروڻا گڏيءَ کي کڻي نچندي رهندي هئي. اهي شيشا هاڻي ڪنهن جا چارا ڪڍندا؟ گوتم جي سائيڪل کي به ياد رهندو ته هن ڪهڙو نه کيس پٽ سان هنيو هئو؟ جيا جي ڪمري ۾ جھولندڙ جھولو ڪنهن جي گيتن ۾ سر ملائيندو. هيءَ ڇٽي، پلنگ ڪنهنجي اکين جي اوجاڳن ۾ سندر سپنن جو ڀرت ڀريندا؟
    ڪنچن کي سامان ٻڌندي ڏسي امرت کان رهيو نه ٿيو. هن چيو '“ بس، ٿورا ڪپڙا ۽ پيسا کڻي وٺ. هي بسترا ۽ باسڻ رهڻ ڏي. تون سڀني جا سر سنڀاليندينءَ يا سامان؟” ڳالهائڻ بعد هن کي افسوس ٿيو. ههڙي ڳالهه ٻڌي ڪنچن ڪٿي ڊڄي ويندي ته ڇا ٿيندو؟ ڪنچن امرت جي ڳالهه ٻڌي. کيس گھڙي پل لاءِ ٿيو ڪٿي ڪنهن مهل موقعي ۽ پهرن ۾ اهي ٻول سامهان نه اچن. پر وري هينئون جھلي چيائين:
    ايشور ڪندو ته سڀ سڻائي ٿيندي. ڪنچن ٿورا پيسا پاڻ وٽ رکيا ۽ ٿورا گوتم جي چڍي ۽ خميس جي اندرئين حصي ۾ سبي ڇڏيا. ڪپڙن سان سٿيل لوهه جي وڏي پيتي، مانيءَ وارو دٻو، ۽ پاڻيءَ جو وڏي ڍڪڻ وارو پتل جو لوٽو، بس هي سامان کنيو آهي.
    وڃڻ جي اڳين رات اڱڻ ۾ موٽر اچي بيهي رهي. روز واري ڊرائيور بنسيءَ جي بدلي چوڪيدار رحمت هو. هن وٽ بندوق جو لائسنس به هو. ڊگھو قداور رحمت، سندس مينديءَ سان رڱيل ڏاڙهي ۽ چهري تي پن جي رس سان رسيل مشڪ! پر ڪنچن اڄ هن کي ڏسي پل لاءِ شڪ جي ڪري ڪنبي ويئي. هن وري هڪ ڀيرو من ئي من ۾ ارادو پختو ڪيو. ايشور جيڪو ڪندو آهي اهو چڱائيءَ لاءِ ڪندو آهي. هاڻي اکريءَ ۾ مٿو وجھڻ بعد مهريءَ جو ڪهڙو ڊپ.
    ڪنچن ڀڳوان جي پوڄا ڪري پاڻياريءَ ۽ تلسي ڪونڊيءَ وٽ ڏيا رکي اجازت ورتي. سندس ڀنل اکڙين ۾ هڪ پل لاءِ سڄو گھر جرڪي پيو. هن ڪماڙ، در درين کي ڀريل گھر سونپي پير کنيو. ٻار امرت سان چهٽي بيٺا هئا. ديوشنڪر ڪوري ڪاڳر جهڙو چهرو کنيو اڳين سيٽ ۾ ويٺو هو. چالو موٽر جي دريءَ مان ڪنڌ ڪڍي ڪافي دير تائين دور ٿيندڙ گھر ۽ امرت کي ڏسندي رهي.
    موٽر رتن تلاءَ وارو چڪر ڪاٽي صدر بازار طرف مڙي. اڃا ته رات جا اٺ ئي ٿي رهيا هئا پر رتن تلاءَ جي پار تي رکيل بئنچون خالي هيون. چوءماسو ۽ مٿان اونداهي راتين وارا ڏينهن ، روڊ لائيٽن جي روشني جھڪي پئي لڳي. صدر بازار ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر اچي رهيو هو. بند دڪانن جي اوٽن تي ڪٿي ڪٿي پينو فقير سمهيا پيا هئا. صدر بازار جي چوٿين لائين کان جيئن ئي موٽر نڪتي ته پويان ڄڻ غوغا ڪندو طوفان اچي رهيو هجي اهڙو آواز آيو. ڪنچن جھٽ پٽ گاڏيءَ جا شيشا چاڙهي ڇڏيا. پٺيان واري شيشي مان ڏٺائين ته ٻه سو ، پنج سو ماڻهن جو ٽولو هٿن ۾ مشعالون کنيو اچي رهيو هو. رحمت ترت گاڏي ڀڄائي جوڙيا بازار وارو رستو ورتو. اتي کليل دڪانن ۽ ٿوري هلچل کي ڏسي ڪنچن کي سٺو لڳو. 'پر هاڻي بابا ۽ وشو کي وٺڻو ڪيئن؟ 'هاڻ پنکا گليءَ ۾ وڃڻو پوندو. ڪنچن ڏڪي ويئي. هن کي ٿيو رحمت ڄاڻي ٻجھي ته هي رستو ناهي کنيو نه؟ هن ٽيڏي اک سان سندس چهري ڏانهن ڏٺو. رحمت آرام سان گاڏي هلائي رهيو هو. هن جي سوسٿتا کي ڏسي لڳو پئي ته ڇاڇا ٿي سگھي ٿو تنهن جو انداز هن کي هو.هو مڪمل تياريءَ سان آيو هو. موٽر جيئن ئي پاروتي پتيءَ وارو موڙ ڪاٽي مکيه روڊ تي آئي ته ٽانڊي جون ڄڀيون مٿي چڙهنديون نظر آيون. ڌونهين جا غول ماڻهن جي ڪولاهل کي وڌيڪ گهرو ڪري رهيا هئا. رحمت گاڏي هڪ طرف بيهاري ۽ چيو هاڻي ئي اچان ٿو.
    ' رحمت چاچا مان به هلان ٿو.' چوندي گوتم هن جي پويان پويان وڃڻ لڳو. ڪنچن کيس وڙهي واپس واريو. اتي رستي تان لگھندڙ واٽهڙو کي ڏسي ڪنچن پڇيو :
    'ڪٿي آگ لڳي آهي؟'
    “ هري شنڪر شاسترءَ جي محلي ۾. گذريل هفت کان سڀئي هشياريءَ سان رهندا هئا. سڄي رات جاڳي چوڪي پهرو ڏيندا هئا. گھرن کي تالا لڳائي ڇتين تي ويٺا هوندا هئا. پر اڄ شام جو آگ لڳي ويئي. سڀئي چون ٿا ته اهي بهار مان آيل آهن اهي ئي آهن. ته ڪي چون ٿا ته پنجاب مان آيا آهن اهي آهن. ٻن ڪلاڪن کان آگ لڳل آهي. فائر بريگيڊ وارا آيا آهن پر ٽانڊو وسامڻ جي بدلي الٽو وڌيڪ جليو آهي. گھڻا ته چون ٿا پاڻيءَ جي بدلي گاسليٽ وڌو ويو آهي، پر ڪو بچندو ڪونه.” راهگير پنهنجي ليه ۾ ڳالهائي رهيو ۽ ڪنچن جي اکين ۾ اوندهه ڇانئجي رهي هئي. هن گاڏيءَ جي سيٽ تي مٿو ٽيڪيو.
    خبر ناهي گھڻو وقت گذريو هوندو پر رحمت گاڏي تيز ڀڄائي تڏهن هوءَ جھوٻا ايندي جاڳي پئي. ڏٺائين ته گاڏي واپس وڃي رهي هئي. هن رحمت کان پڇيو : ڪيڏاهن ٿو کڻي هلين؟ 'پر رحمت ڪو به جواب ڪونه ڏنو. ڪنچن کي وهم لڳو ته رحمت جي نيت ته ڪونه ڦري وئي آهي؟ هن پويان هن جو ڪلهو پڪڙيو ۽ کيس ڌوڏيو ۽ چرين جيان چوڻ لڳي ' ٻڌاءِ توکي ڇا ٿو کپي ٻڌاءِ، ٻول گھڻا پيسا گھرجن، چئه توکي سون چاندي کپي .... '۽ اڃا ته جملو پورو ٿئي ئي ٿئي تان هن رڙ ڪئي “منهنجو گوتم ...... ”


    17

    زوردار برئڪ ڏيڻ جي ڪري موٽر بيهي رهي. رحمت ڏٺو گوتم پوئين سيٽ تي نه هو.
    رحمت جڏهن ڪنچن جي پيڪي جي خبرچار لهڻ ڪرڻ لاءِ هيٺ لٿو هو تڏهن گوتم هن جي پويان وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. پر ڪنچن کيس ڇڙٻي روڪيو هو.ناراض ٿيل گوتم دروازو بند نه ڪيو هو. هو ٻوٿ سڄائي دروازو پڪڙي بيٺو هو. جڏهن ڪنچن گاڏيءَ جو ٻيون دروازو کولي رستي ويندڙ اڻڄاتل شخص سان هري شنڪر محلي ۾ لڳل باهه بابت پڇاڳاڇا ڪري رهي هئي تڏهن گوتم ڌيري ڌيري کسڪي ويو هو. هن کي ناني يا مامي جي چنتا کان باهه بابت ڄاڻڻ جي اتسڪتا وڌيڪ هئي. باهه وسائڻ وارن جي ڪرتبن ، ڪرامتن کي ڏسڻ جي خيال کان هو رحمت جي پويان پويان ويو هو. رحمت کي ان جي ڪل ئي نه پيئي.
    رحمت لڳڀڳ ڊڪون پائي رهيو هو. هڪ طرف گاڏيءَ ۾ سيٺ جو ڪٽمب بي يارومددگار هو ته ٻي طرف اهڙو به امڪان هو جو جيشٺارام جو پريوار بچي به ويو هجي! هو ڄڻ هڪ سنهڙيءَ ڏوريءَ تي ڊوڙي رهيو هو ! هري شنڪر شاستريءَ جي محلي کان اڌ ڪلو ميٽر دور هن ڏٺو ته ماڻهن جا هشام گڏ ٿي رهيا هئا. سڄو علائقو مڇريل ڍڳي جيان هتان کان هتي ڊوڙون پائي رهيو هو. هن جي سامهون ايندڙ يا ته ٽڪر کائي يا سڱن ۾ مٿي کڻي هيٺ الاري! رحمت کي هڪ پل پنهنجي ڏاڙهي ۽ سٿڻ ياد آئي. هو مُنجھي پيو، وڃجي يا نه؟ 'ڇا ٿيندو، وڌ ۾ وڌ سر ويندو نه. ' ويچاري هو ٿورو اڳيان وڌيو ته امرت سيٺ جي ڪيل پارت وارا لفظ ياد آيا، ' رحمت اڄ توکي منهنجي سڄي زندگيءَ جي موڙي حوالي ڪري رهيو آهيان. الله جي امانت سمجھي سنڀالجانءِ.' رحمت واپس موٽيو . اچي هن موٽر ڊوڙائي ڇڏي.
    جهڙي ڪنچن گوتم جي نالي رڙ ڪئي گاڏي زوردار جھوٻو کائي سان بيهي رهي. هو ڪجھ سوچي تنهن کان اڳ ڪنچن دروازو کولي اڀي رستي ڊوڙڻ لڳي. رحمت ڊوڙي کيس پڪڙيو. هن جي پڪڙ مان ڇٽڻ لاءِ هٿ پير هڻندڙ ڪنچن واڪا ڪري رهي هئي. ' منهنجو گوتم .... مونکي وڃڻ ڏي .... منهنجو پٽڙو .... وڃڻ ڏي .... 'ڪاوڙ ۽ وينتي ڀريل آنسن ۾ ڪنچن جا اڌ الفاظ ٻڏي ٿي ويا. رحمت کي هن کي موٽر تائين گهلي اچڻو پيو.ڄڻ ڦر کان وڇڙندڙ ڳئون رنڀي رهي هجي! رحمت هن کي سيٽ تي ويهاري رهيو هو ته وري هن ڇڪي ڏيئي ڊوڙڻ شروع ڪيو. رحمت هن جا ٻئي هٿ هڪ پنجي ۾ پڪڙي ۽ ٻئي هٿ سان هڪ ٿپڙ وهائي ڪڍي. رحمت دروازو لوڪ ڪري گاڏي ڊوڙائڻ لڳو.
    ڪنچن سيٽ جي ڌار تي مٿو پڇاڙي وڏي آواز سان روئي رهي هئي. چندرڪانت ۽ اروڻا ڊپ جا ماريا سيٽ جي هيٺا ويهي رهيا. ديو شنڪر ڪنهن چتر جيان اسٿِر ويٺو هو. رحمت سيٺياڻيءَ کي ٿپڙ ته هڻي ڪڍي هئي پر پوءِ شرمسار ٿي رهيو هو. بندر آيو تيستائين هن هڪ اکر به نه ڳالهايو.
    ڪياماڙي بندر تي سڄي شهر جا ماڻهو هئا. اگر هڪ وڏي پليٽ مٿي هلائي ڇڏجي ته ماڻهن جي مٿن تي گھمندي رهي ، هيٺ نه ڪري اهڙي ڀيڙ. شهر جي مختلف ڪنڊن مان هڪ دهشت، هڪ آتنڪ جو پرواهه ٿڙندو ٿاٻڙندو، ڇڪجندو ڇڪيندو اچي رهيو هو ۽ هتي بندر واري ڌڪي تي اچي گڏ ٿي رهيو هو. اوڪاش ۾ شورغل، رڙين چيخن جو تهه ٿلهو ٿي رهيو هئو. ڪجھ سُجھي نه رهيو هو. هڪ لهر هتان کان ٿي آئي ته ٻي هُتان کان. اندر ٻاهر سڀ ڪجھ لڏي لمي رهيو هو.
    هر سال شرد پورنما واري رات ڪياماڙي بندر تي ميلو لڳندو هو. سمنڊديوتا جي آستاني تي آڪاش جي اڱڻ ۾ وکريل چانڊوڪيءَ ۾ اتسو جو جھولو جھولندو هو. امنگ ۽ آنند جي ٻن ڇيڙن جي وچ ۾ ماڻهو جھولندا هئا. اڄ اهو ئي سمنڊ ڪنارو آهي ۽ اهو سمنڊ ديوتا جو آستانو. ماڻهو ته سمائجي ئي نه رهيا آهن. ماڪوڙين جيان اچي مڙيا آهن. آڪاش ۾ بادلن کي ۽ ماحول ۾ آڙنگ ڏسي سڀيئي صديون پراڻا ڏر، ٻِرَ ڇڏي نڪري پيا آهن. ڪنهن به وقت هي بادل وسندا ۽ اها رت جي برسات نه هوندي تنهن جي ڪا خاطري نه آهي. هي پاڙن مان اکوڙيل ڪٿي وڃي پاڻ کي پوکيندا اها خبر نه آهي! اڄ تائين پاڙن مان نڪتل وڻ سائو ٿيو هجي اهڙو ٻڌو ناهي. ڀلي وڻ نه بچن پر هنن سلن کي ته جيارڻا پوندا. ڪُک تي، ڪلهي تي ۽ اڱرين ۾ پيٽ ڄاين کي چهٽايا آهن. مٿي تي خانابدوش زندگيءَ جون ڀريون آهن. اداس اکيون ۽ ٻيڙيل چپ کڻيو ويٺا آهن ، هاڻي ته ٻه چار پساهه بچن يا بچائي سگھجن ته به غنيمت آهي!
    رحمت ڪنچن کي جهاز جي پئسيج واريءَ قطار ۾ ويهاريو ۽ پاسي ۾ سامان رکيو. چندرڪانت ۽ اروڻا ڪنچن جي ٻنهي پاسن کان لڳي ويٺا. رحمت ديوشنڪر کي لوهه جي پيتيءَ مٿي ويهاريو ۽ چيو “ هتي ئي ويهجو، ڪيڏاهن چرجو نه” ديوشنڪر مٿو لوڏي ها ڪئي. ڪنچن طرف گھمندي چيو:
    “ سيٺياڻي امان، تون هت بي فڪر رهج. مان هينئر ئي گوتم کي وٺيو ٿو اچان. ڌرتيءَ جي پيٽ مان کيس ڳولهي لهندس. توهان هن لائين ۾ ئي رهجو۽ جيئن جيئن لائين اڳيان کسڪي تيئن توهان به اڳتي وڌندا رهجو. لائين کان ٻاهر نه نڪرجو. مان هينئر ئي اچان ٿو.”
    ڪنچن جون خالي اکيون ويندڙ رحمت کي ڏسي رهيون هيون.
    يادن جي ڌاڳن ۾ اڻجندڙ اتيت جو پاڻ ۾ ڪو ڌاڳو ٽٽو. ... رحمت ؟
    پر ڪنچن ڪهڙي خبر هئي ته رحمت جو ڇا ٿيو؟
    رحمت ڪنچن کي دلداري ته ڏني هئي پر هن ڄاتو ٿي ته ههڙي وقت ۾ گوتم کي ڳولهڻ وارو ڪم ڪيڏو نه ڏکيو آهي. سڄو ڪراچي شهر هڪ جھنگل ۾ تبديل ٿي ويو هو. وڳوڙن واري باهه شهر جي سڪن ــ آلن علائقن کي لپيٽ ۾ کڻندي پئي ٿي ويئي. هن زهري باهه ۾ سڙندڙ، جلندڙ، ڀڄندڙ، ٽهڪندڙ، تڙڦندڙ ماڻهو نه هندو هيا نه مسلمان ۽ نه سک. اهي سڀ هيا صرف غريب جيوَ! هي سڀ زندگيءَ لاءِ هيڏاهن هوڏاهن ڊڪون پائي رهيا هئا، واجھائي رهيا هئا. هنن جيون جي چڪرين ۾ ڪيترا ئي پساهه ٽٽي رهيا هئا، لتاڙجي رهيا هئا. موقعي جو فائدو وٺڻ جي لاءِ تيار ويٺل شڪاري سوداگر ڪنهن هڪڙي اڪيلي کي هڪ ئي حملي ۾ پتائي ٿي ڇڏيو. هنن جي من ڏارهي يا مڇ، چندن يا لوبان، پڳهه يا ٽوپي سڀيئي هڪ جهڙو هيو. هنن کي نه الله جو خوف هو نه پرماتما جو ، نه هنن کي قرآن پاڪ روڪيو ٿي نه گرنٿ صاحب! هنن جي گيتا ۾ هڪ سوتر هيو ــ “ ڦل جي ڪامنا سان، سوارٿ لاءِ ڪڌي کان ڪڌو ڪم ڪرڻ کان نه رڪجڻو. ” ستا ۽ سياست جي سياهڪاريءَ ۾ ويچارن پيادلن جي ڪهڙي هستي؟ رحمت سوچي رهيو هو ، ' ماڻهوءَ جو ههڙو ڪڌو روپ اڄ تائين ڪٿي ڍڪيو پيو هو؟ جيڪي اکيون آتميتا جا آئينا هيون انهن اکين ۾ آشنڪا جا رتهاڻا عڪس ڏسجي رهيا هئا. هن کي ڪنچن جون اکيون ياد آيون.
    رحمت بندر روڊ کان سوامي نارايڻ مندر واري رستي ڏانهن گاڏي موڙي. هن کي ائين هيو ته شهر ۾ سيٺ جي گاڏيءَ کي سڀئي سڃاڻندا آهن. ميئر جي موٽر ڪنهن کان ڳجھي هوندي! ۽ شهر ۾ گورن کان سواءِ آڱرين تي ڳڻي سگھجن ايترن ماڻهن وٽ گاڏيون هيون. مندر واري رستي کان وڃڻ ۾ جوکم ناهي. پر جيئن ئي رحمت گاڏي موڙي ته سامهون تعزين وارو جلوس نڪتو هجي تيئن ڍول نغارا وڄائيندا ماڻهو مشعلون کڻي نڪري پيا هئا. “ هائي حسين” جي بدلي “ هائي هندوستان” جا نعرا آسمان ۾ گونجي رهيا هئا. رحمت پٺيان ڏٺو ته نمڪ واري گليءَ کان نڪري ٻيو انبوهه مندر طرف وڃي رهيو هو. انبوهه جا ماڻهو مهاديوجيءَ جو ٽولو بڻي هٿن ۾ ڏنڊا الاريندا اچي رهيا هئا. ٻنهي طرف مشعلن، تلوارين، لٺين، ڪرپاڻن ۽ پهڻن سان سينائون سج هيون. ڪلهه اڃا هيءَ ئي پرجا هڪ ٿي پرديسين سان وڙهندي رهي هئي. پر اڄ اهائي پرجا ظالم پرديسين جي ڳالهه ۾ اچي پنهجي ئي هڪڙي انگ کي ڪٽي ڇڏڻ لاءِ اتاولي بڻي آهي. رحمت ڦڙتيءَ سان گاڏي نانڪ واڙي جي گليءَ ۾ موڙي. اونداهي گليءَ ۾ ڪجھ پريان چار پنج ٻوڪاني ٻڌل ماڻهو گلي روڪي بيٺا هئا. هاڻي واپس ورڻ مشڪل هو.رحمت گاڏي بيهاري ڇڏي. هو بندوق بردار ڊوڙي آيا ۽ انهن مان هڪ رحمت جي ڇاتيءَ تي خنجر رکيو.
    “ چل گاڏي کول.”
    هڪ اڳين سيٽ تي رحمت سان گڏ ويٺو. هن پنهنجو خنجر رحمت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيو. ٻيا چار پوئين سيٽن تي ويٺا.
    “ هل، بولٽن مارڪيٽ وٺي هل.”
    رحمت گاڏي چالو ڪئي. هن کي هڪ ويچار آيو ته گاڏي واپس وٺي انهي ٽولي ۾ ڦاسائي ڇڏي. ڀلي ماڻهو جلائي ڇڏين. پر ترت ياد آيو، اڃا ته گوتم کي ڳولهڻو آهي. سيٺياڻي راهه ڏسندي هوندي. هن آڏي نظر سان نهاريو ، خنجر واري جي اکين ۾ به خوف ته هيو ئي! هيءَ وري ڪهڙي لڙائي چئبي جو ٻئي ڌريون هڪ ٻئي کان ڊڄي رهيون هيون. هٿيارن وارو ۽ بنا هٿيارن وارو ٻئي. حالانڪ لڙائيءَ جي پاڙ ۾ خوف آهي. انسان پهريون ڀيرو ڊپ جو مقابلو ڪيو هوندو ان مان ئي هن کي هٿيار ٺاهڻ جي پريرڻا ملي هوندي. بي ڊپائي ته صرف پريم ۽ وشواش جي ڌرتيءَ تي وڌندي ويجھندي آهي.
    صدر بازار جي آڏين ڦڏين گلين مان ٿيندي رحمت پنجن ئي ٻوڪاني واريل شخصن کي بولٽن مارڪيٽ پهچايو. هو پنج ئي اوندهه ۾ الوپ ٿي ويا. رحمت راحت جو ساهه کڻي گاڏي پنکا گلي طرف ورتي. گليءَ جي چونڪ وٽ پهتو ته هن سوچيو هڪ منٽ گهران ٿي اچان. گاڏي بيهاري هو پنهنجي فلئٽ طرف ويو. فلئٽ ۾ ڏهه ٻارهن گھر هئا. پاڙي ۾ ڀيانڪ شانتي هئي. کن پل لاءِ سندس هردو بيهجي ويو. اڃا پنهنجي گھر جي ڪڙي کڙڪائي ئي کڙڪائي اتي “ ماريوس، ماريوس” جا آواز آيا. هو ڊوڙيو. هن ڏٺو ته پنجاهه سٺ ماڻهن جو ٽولو سيٺ جي گاڏيءَ کي چوءڦير اچي مڙيو هو. رحمت گاڏيءَ طرف ڊوڙيو. ڪو لٺين سان موٽر جا شيشا ٽوڙي رهيو هو ته ڪو موٽر تي ڪيروسين هاري رهيو هو. رحمت ٽولي ۾گھسيو. سندس پڳهه مٿي تان لهي هيٺ ڪري پئي. هو ٿڙندو ٿاٻڙجندو موٽر تائين پهتو تيستائين مشعل هن جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو. رحمت مشعل واري وٽان مشعل جھٽڻ ويو تيستائين پويان لٺ ٺڪاءُ ڪيو. 'مارو سالي ڪو، ديدو هندوستان .... ' ڪو هن کي امرت سيٺ جو بنسي ڊرائيور سمجھي ماري رهيو هو ته ڪو ڪافر سمجھي. 'سالا هندوڙي ڪو بچاتا هَي، غدار ... ڀيج دو اسي ڀي بيوي بچون ڪي ساٿ ....' موٽر سان گڏ رحمت کي جيئرو جلائڻ کان پوءِ ٽولي کي محسوس ٿيو ته انصاف برابر ٿيو آهي. هڪ ڪافر کي برابر جي سزا ملي آهي.
    انصاف ۽ ايمان جي وائي هر وات تي هئي. جيڪي ڀارت مان ڀڄي آيا هئا اهي پنهنجا رتهاڻا زخم ڏيکاري رهيا هئا ۽ جيڪي هتي سڀ ڪڇ ڇڏي وڃي رهيا هئا اهي پنهنجا ڪٽيل انگ ڏيکاري رهيا هئا. سڀني کي هڪ ٻئي سان شڪايت هئي. هرڪو پنهنجي حساب سان حساب برابر ڪرڻ واري پيرويءَ ۾ هو. پر ڪو به اهو سوچڻ لاءِ رڪيو نه پئي ته هي دفتر صاف ڪرڻ لاءِ انسانيت جي لڳاتار ونڊ ٿي رهي آهي. شيش ۾ شُنيه وٺي اسان ڪنهن جي آڌار تي ٽڪنداسين؟
    رحمت جي وڃڻ کان پوءِ ڪنچن دير تائين ان ڏس طرف نهاريندي رهي. هن جي اڳيان هڪ لمبي لائين هئي.ڌيري ڌيري هن جي پويان ماڻهو وڌندا پئي ويا. شروعات ۾ ڪا حرڪت ٿي پئي وري سڀ ڪجھ شانت ٿي رهيو هو. ڪنچن جي آسپاس مختلف آواز اٿي رهيا هئا پر ڪنچن جي ڪنن سان ڪجھ به ٽڪرائجي نه رهيو هو. هوءَ هوريان هوريان مورڇا ۾ سرڪي رهي هئي، چندرڪانت کيس جھنجھوڙيو.
    ' اما نهار ته سهي ! ڏاڏي ڌوتيو ڀڄايو آهي. ' پيتيءَ تي ويٺل ديوشنڪر جي پيرن وٽان مٽ جو ريلو اچي رهيو هو. پوين پنجن ڪلاڪن کان ڪنهن ياد ڪرائي کيس پيشاب ڪونه ڪرايو هو. ڪنچن هڪدم اٿي. ديوشنڪر کي اٿاري پيتيءَ مان ٻيو ڌوتيو ڪڍيو. اڄ تائين ته امرت هن کي ڪپڙا پارائيندو هو ، وهنجاريندو هو، امرت نه هوندو هو ته اهي ڪم گوتم جي مٿي تي اچي ويندا هئا. اڄ پهريون ڀيرو اهو ڪم ڪرڻو هو. ڪنچن کن پل لاءِ هٻڪي. ديوشنڪر ته ڪڏهوڪو استري پرش جي ڀيد کان پر ٿي ويو هو. هونئن ته چوڻ کپي ته انسان هئڻ واري اسٿتيءَ مان به نڪري ويو هئو. ڪنچن هن کي ڀت جي پويان بيهاري سندس ڌوتيو بدلايو. ديوشنڪ ابهم ٻار جيان ڪنچن جي سامهون بيٺو رهيو. ڪنچن ڌوتيو هن جي چيلهه تي ويڙهي پٺيان ڳنڍ ڏيئي ڇڏي. پلئه پويان گارڻ لاءِ هوءَ ديوشنڪر جي پٺيءَ طرف مڙي. ڇيڙو گاريندي ڪنچن ديوشنڪر جي پٺيءَ تي مٿو رکي روئي پئي. انهن سڏڪن ۾ هوءَ ڳولهي رهي هئي پيءُ جي هنج ۽ پتيءَ جي ڇاتي، ڀاءُ جو هٿ ۽ پٽ جو ڪلهو. پاڻ تي ضابطو آڻيندي هن فيصلو ڪيو ته هاڻي ته جيڪو چئه سو هوءَ پاڻ آهي. هاڻي مونکي پنهنجي ٻانهن سان تڙڳي سنسار پار ڪرڻو آهي. ها، اڪيلي ئي ترڳڻو آهي.
    ديوشنڪر کي لائين ۾ ويهاري هوءَ بندر جي آفيس ويئي.وشوناٿ سان گڏ وڃڻو هو ان ڪري لائين ۾ ته ويهڻو ئي نه هيو، پر هاڻي وشوناٿ ته هيو ئي ڪونه. هن آفيس ۾ پڇا ڪئي. هڪ ننڍڙي اهڙي ڳوٺ جيترو ڪمپنيءَ جو وستار ۽ ان ۾ نوڪري ڪندڙ ماڻهن جو تعداد هزارن ۾. ان ۾ به وري گدام بابو طور ڪم ڪندڙ وشوناٿ جهڙي ننڍي انسان کي ڪير سڃاڻي؟هاڻي ته تقسيم ڪميٽي وارا جنهن محلي جو وارو ڪڍن ان مطابق جهاز ۾ چڙهڻو هيو. 'ديوولا' ته سوَتنتر بنگلو هو. اهو ڪنهن لائين، ڪنهن محلي ڪنهن پاڙي ۾ نه پئي آيو. سيٺين ماڻهن جوظاهر ۾ ماڻهوءَ مان رکن پر اندر ۾ ته انهن کي الڳ ئي ليکين. ايرکا ۾ سوکيم اهمَ جي به ملاوٽ ٿئي. ٽئين ڏينهن هري شنڪر شاستري محلي جو وارو آيو ڪنچن به انهن سان ملي ويئي. ڪميٽيءَ جي ممبرن مان ٻن ٽن مخالفت به ڪئي تڏهن هن چيو ' بابا ۽ ڀاءُ جون اسٿيون سنگم ۾ پروان ڪرڻيون آهن. آخرڪار کين اسٽيمر جي ٿرڊ ڪلاس يعني بلڪل تهه واري حصي ۾ وڏي هال جهڙي جڳهه ۾ هڪ ڪنڊ ملي.مٿين ٻن ماڙن ۾ فرسٽ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس جون ڪئبينو هيون. ڪنچن کي ڪنهن چيو به سهي ته 'توهان کي هت مزو ڪونه ايندو.' ماڻهو ڏنگ هڻڻ ڪٿان سکيو هوندو؟ ڪنچن ڪجھ به نه ڪڇيو. هوءَ ڪهڙي ريت چئي ته ڪجھ پيسا ۽ ٿورا گھڻا زيور گوتم جي چڍيءَ جي اندرئين حصي ۾ سبيا هئا اهي به گوتم سان گڏ ويا. هن کي ائين هيو ته ٻار سمجھي ڪو هن وٽ رقم هئڻ جو گمان ڪونه ڪندو. ڪنچن ڪنهن کي روئي؟ پٽ کي يا پيسن کي؟ اڄ هن کي وڏي ڀاءُ سومناٿ کي ياد ڪري روئندڙ امڙ جي پيڙا سمجھ ۾ آئي. 'پر منهنجو گوتم جيئرو ته هوندو يا پوءِ ؟'
    ڪنچن آخرين گھڙيءَ تائي يعني اسٽيمر جي ٽئين سائرن تائين رحمت جي راهه نهاريندي رهي. هو ضرور گوتم کي وٺي ايندو! هوءَ پوين ٽن ڏينهن کان چندرڪانت ۽ اروڻا کي ديوشنڪر جو خيال رکڻ جو چئي هِت هُت ننڍن ــ وڏن ڇوڪرن ۾ گوتم کي ڳولهيندي رهي. ' متان ڪنهن سان گڏ بندر تي آيو هجي.' ڪو بادامي بش شرٽ ۾ هجي يا ڪاري چڍيءَ ۾ ، هوءَ ڊوڙي پهچندي هئي ۽ شرمسار ٿي ويندي هئي. واقف اڻ واقف جيڪو به ملندو هو ان کان پڇندي هئي، 'توهان ڏهن يارهن سالن جي ٿوري ٿلهي بدن ۽ گول منهن واري ڳوري ڳوري ڇوڪري کي ڪٿي ڏٺو ناهي؟ سندس نراڙ تي وارن جي ونگي چڳ هوندي. ڏسو ته مهرباني ڪري مونکي چئجو. هن کي ڪڏهن ڪڏهن ته اها به سڌ نه رهندي هئي ته سامهون وارو سندس اڌ ڳالهه ٻڌي هلڻ لڳو آهي. هوءَ پنهنجي ڌُن ۾ ڳالهائيندي رهندي هئي. هوءَ چري ڇو نه ٿي اها اڄ تائين هن لاءِ پاڻ لاءِ به هڪ تعجب جهڙي ڳالهه آهي.
    اسٽيمر روانو ٿيو. ڪناري تي ڪو الوداع ڪرڻ وارو پنهنجو هٿ ڪونه هو. سامهون هئا باقي رهجي ويل اهي وڃڻ لاءِ آتا مسافر. انهن جا هٿ هوا ۾ کڄي رهيا هئا ۽ چئي رهيا هئا ته اسان جي لاءِ به دعا ڪجو ته جيئن اسان به پنهنجي ماءُ مٽي ڏسي سگھون. سالن تائين جنهن کي پنهنجي مڃي هئي اها ڀومي هڪ اڀاڳي پل ۾ پرائي ٿي ويئي هئي.


    18

    گھڙيال ٽڪورا هنيا ۽ ڪنچن با جاڳي ويئي. اک کولي نهاريائين ته اوندهه لڳي پيئي هئي. 'گھڻا لڳا هوندا؟' هڪ .... ٻه .... هوءَ ٽڪورا ليکڻ لڳي. ٽي .. چار ... ڪنچن با هڪ دم اٿي ويهي رهي. اجالو ٿئي تنهن کان اڳ تلاءَ تي وڃي سنان پاڻي ڪري ڇڏجي، ائين ويچاري هوءَ اٿي. اک ۾ ڪڻو پيو هجي ائين ڪجھ چڀي رهيو هو. هونئن تازگي محسوس ٿي رهي هئي پر من اڃا چاهيو پئي ته ليٽي پئي هجي. سڄي رات جاڳندي سمهندي پسار ٿي هئي. هڪ من سمهي رهيو هو هڪ من ميلن جا سفر طيءِ ڪري رهيو هو. ورانڊي ۾ بتي ٻاري ڳڙکيءَ مان ماتاجيءَ جا درشن ڪري هن پنهنجي تريءَ طرف ڏٺو. 'krig{\ visiti\ )ڪراگري وستي .....( ' عادت مطابق چپ چرڻ لڳا. شلوڪ پورو ڪري وڇايل ساڙهي کنئي ۽ ڇنڊي ويڙهي رکي. ٿيلهيءَ مان ٽوال ۽ ڪپڙا ڪڍي ، لوٽو ۽ موريو کڻي تلاءَ تي وڃڻ جي تياري ڪئي. ورانڊي وارو در کولي هن آڪاش طرف نظر ڪئي. ٽڙيل پکڙيل تارا وڃڻ جا سانباها ڪندي پنهنجا ٽپڙ سرهائي رهيا هئا. آڪاش جو گهرو رنگ ڪٿي ڪٿي ڇڊو لڳي رهيو هيو. ڪٿي ڦلهيار جهڙو لڳي رهيو هو. ڪنچن با گيٽ کوليو گيٽ کلڻ جو آواز ٻڌي گليءَ ۾ ڪتو بهڪيو. هي ڪتا به کيس ڪٿان سڃاڻن؟ هڪ سڄي نئين پيڙهي ئي اچي ويئي هئي. ڪنچن با جهڪي هٿ ۾ هڪڙو ننڍڙو ڌڪو کنيو ۽ گيٽ بند ڪري تلاءَ واري ڏس طرف هلڻ لڳي. تلاءُ ڳوٺ جي اوڀر واري پاسي ڇيڙي تي هو. تلاءَ جي ڪناري وٽ کوهه هو. چوماسي جا چار مهينا ڀرپور پاڻي هوندو هو. ماڻهو چوندا هئا ته تلاءُ ٽٽل آهي. سياري ۾ ان کي تلاءُ چئجي يا کڏو! اونهارو ته هونئن به هن سڪل زمين کي ڀيڙو ڏيندو هو جنهن جي ڪري ههڙن تلائن ۾ ڏارون پئجي وينديون هيون. ڪنهن جوڳڻ جي ڪشتي جهڙو لڳندو هو تلاءُ! هن وقت سٺو ميل آهي. اڌڪ مهنو ۽ چوءماسو. تلاءَ ۾ پاڻي هوندو. ڪنچن با کي ٿيو ' ڪيترن سالن کان پوءِ ڪنٺي گور جي پوڄا ٿيندي. احمدآباد ۾ سابرمتي ته آهي پر اها به اهڙي آهي جو لوٽو چاڙهڻ کان پوءِ ڀڳوان کي وري وهنجارڻو پوي!
    سُڃي گليءَ ۾ هلندي ڪنچن با پل ڀر لاءِ رڪجي ويئي. تمام ٿورا گھر کليل هئا. اڪثر ماڻهو پرديس ۾ هئا. اڳيان پويان نظر ڪئي. ڪٿي ڪٿي اسٽريٽ لائيٽ ٻري رهي هئي. هڪ تمام سوڙهي ڊگھي گليءَ مان هوءَ لنگھي رهي هئي. ٿي سگھي ٿو اڳيان ڪو عام رستو ملي وڃي. هن پريان کان ڏٺو ته هرجي پٽيل جي ڀونگي ۾ اجالو هو. سمتا سويل اٿي هوندي. شڪتي ماءُ جي مندر کان پوءِ ڪڙمين وارو پاڙو شروع ٿئي. ڳوٺ ۾ درٻارن ۽ ڪڙمين جي آبادي وڌيڪ هئي. باقي ٻين جاتين جا گھر ته آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. ورهين پهريان درٻارن جو دٻدٻو. هاڻي انهن ۾ به ڏارون پئجي وئيون آهن. پٽيليا کيتيءَ کان علاوه ٻين ڌنڌن ۾ به پيا آهن. محنت ڪرڻ ۾ڪهڙو شرم! سڄي ملڪ جيان هتي به ستا جي سندريءَ کي لڇميءَ سان گڏ مزو اچي ويو هو.
    هرجي پٽيل جو پيءُ سَوجي پٽيل جيشٺارام جو پڪو دوست. ٻنهي گھرن جي وچ ۾ پيڙهين جو رشتو. سوجي پٽيل جي پتني مونگھي جيشٺارام جو پردو ڪندي هئي. جيشٺارام وڏو جو هيو. گھڻن سالن کان پوءِ جِيشٺارام جو گھر آباد ٿيو هو. ڪنيا جي پيءُ کي ڏيڻ لاءِ ڏوڪڙ ڪونه هيا ان ڪري ڪنواري نه ملي. هو رنڙ مونگھيءَ کي وٺي آيو هو. نالي مطابق هوءَ مهانگي هئي. ننڍڙي ڪنچن هرجيءَ کي ڏاڍو ڪُڏايو هو. پنجن ڇهن مهنن جو هرجي ڏاڍو ٿلهو متارو هو.ڪنچن سندس ٻانهن پڪڙي کيڏائيندي رهندي هئي. مونگھي هرجيءَ کي وهنجاريندي هئي ته ڪنچن اتي پهچي ويندي هئي. کيس نوان نوان ڪپڙا پهرائي. مونگھي هرجيءَ کي سرمو وجھندي هئي ته ڪنچن هرجيءَ جي نراڙ تي ڪجل جو ٽڪو ڪندي هئي، نظر نه لڳي وڃي تنهن لاءِ. سالن کان پوءِ ڪراچيءَ مان اچڻ کان بعد هرجيءَ جو گھر ٺاهڻ ۾ ڪنچن مکيه ڪردار نڀايو هو. اها جھوني ڳالهه ياد ايندي ڪنچن با جو منهن مشڪي پيو.
    ننڍپڻ ۾ ئي هرجيءَ جي سمتا سان شادي ٿي ويئي. سمتاجو پيڪو ڳوٺ ۾ ئي. ٺاڪر مندر جي پويان نادولا پاڙي ۾. سمتا سياڻي ٿي ويئي پر پڻس سندس نکيٽيءَ واري ڳالهه نه ڪندو هو. سوجي پٽيل چوندو هو ته ٿهيليندو رهندو هو. روز نوان بهانا ڪڍندو رهندو هو. 'سون جو ڏورو ٺهرائي ڏيو ته موڪليانس، يا لاڪيٽ بنا ته هلندو هوندو؟ ' وار تهوار تي مونگھي پنهنجي ننهن لاءِ چانديءَ جي جھانجھر يا جھومڪ وٺي وڃي ته چوندو هو 'ههڙا هلڪا نه. پورو پاءُ به وزن ناهي.' ٻن ٽن مهنن کان پوءِ نياپو ايندو هو ته اها جھانجھر گسي ويئي آهي نئين وٺي اچجو.' اصل يوجنا ائين هئي ته ههڙيون فرمائشون ڪريون ته ڇوڪري وارا پاڻهين ڇڏي ڏين. ڇوڪري وارا چون ته ڇڏڻ جي منهن مڱي رقم ملي. ۽ وري ٻيءَ نات ۾ ڇوڪريءَ کي ڏجي ته روڪ پيسا ملن. ائين پنج ئي آڱريون گيهه ۾.
    انهن ڏينهن ۾ ڪنيائن جي ڪمي. ڪڙمين ۾ چئبو هو 'سال سٺو اچي ته هڪ ته ڪڙمي ڏاند سٺا آڻي ۽ ٻي سٺي زال.' پيڪي ۾ سمتا ٻن ماڻهن جيترو ڪم ڪري ڏيندي هئي ان ڪري به کيس نکڙائڻ جي فڪر نه هئي. تنهن ۾ به سمتا جو ڀاءُ ڪنهن وڏي گھر جي ڳالهه کڻي آيو هو. گھوٽ روڪ ٻه هزار روپيا ڳڻي ڏيڻ لاءِ تيار هو. پر نه سمتا ازاد ٿيڻ لاءِ تيار هئي نه هرجي. ائين ئي عمر وڌندي رهي .
    ڪنچن با ڪراچي مان آئي تنهن کي ٻه سال ٿي ويا هوندا. بڊي جو مهنو هو. ترڻيتر جي ميلي تي وڃڻ لاءِ هرجيءَ گاڏو جوٽيو. مونگھي چاچيءَ آگرهه ڪري ڪنچن ۽ سندس ٻارن کي موڪليو. هرجي هن دفعي ڪجھ الڳ ئي موڊ ۾ هو. گاڏي تي ڇيٽ مان ٺاهيل نئين رلهي وڇائي هئائين. نئين جھُل ۾ ڍڳا ڄاڃين جيان سونهي رهيا هئا. خميس ۾ سون جا بٽڻ، ڳلي ۾ ريشمي رومال. ڀرت ڀريل پٽيءَ واري لوئي، چيچاٽ ڪندڙ زريءَ جي ڀرت واري موجڙي. هرجي شوق مان تيار ٿيو هو. عطر جي خوشبو سواسن ۾ ڀريندي اروڻا چيو به سهي ' هرجي ماما، اسان ماميءَ کي وٺڻ هلون ٿا ڇا؟'
    ترڻيتر جي ميلي ۾ دور دور کان ماڻهو آيا هئا.ڪي گاڏن تي ڪي سائيڪلين تي، ته ڪي وري پيادل. رشي پنچميءَ واري ڏينهن تري نِتريشور مهاديو جي ساکشيءَ ۾ ڪُنڊ ۾ گنگا جي پرگھٽ ٿئي ۽ سنان ڪندڙن جا سمورا پاپ ڌوپجي وڃن. ڪنهن بنواسي ارجن کي دروپدي کٽڻ جو موقعو به ملي وڃي. رنگ ۽ رس جا ڦوهارا اڏن. ڏينهن سڄو راسوڙن، ۽ گربن جي مستيءَ ۾ جوان ڇوڪرا ڇوڪريون گندروَ ڪِنر بڻجي ڄڻ ڌرتيءَ کان مٿي پيا اڏامندا هجن. ته رات جو الڳ الڳ تنبن ۾ ٽمڪندڙ ڏيَن جي روشنيءَ ۾ ڪٿي منجيرا ته ڪٿي راوڻ هٿو، ته ڪٿي رام ساگر جي سنگت ۾ ڀڄن. وقت ڪيئن ڪيڏانهن پيو وڃي تنهن جي سڌ سمڪ ئي نه رهي. دڪانڙن ۽ پينگھن جي ته دنيا ئي انوکي. ميلي ۾ ڄڻ سمورا رس ڳيتي آڪاش ۾ اڏڻ لاءِ مانو مهراڻ موجون هڻي رهيو هو.
    ان ميلي ۾ سمتا به آئي هئي. ڏينهن ۾ ڪٿي ٿوريءَ دير لاءِ ڏسجي به هئي پر ڀاءُ ڀاڄائيءَ جي ضابطي ۾ ملڻ مشڪل هو. دير رات جو جتي هرجيءَ گاڏو ڇوڙيو هو سهڪندي ڊوڙي آئي هئي ۽ ڪنچن کي چوندي ويئي هئي ' تنهنجي جي ڀاءُ کي چئج ته ايندڙ ڏياري مان هن جي گھر ڪنديس.'
    دسهڙي واري ڏينهن صبح سويل سمتا ڪچرو ٻُهاري واڙي ۾ اڇلائڻ لاءِ نڪتي ۽ ڪچرو اڇلائي سڌي ڪنچن جي گھر پهچي ويئي. وهنجي سهنجي ڪنچن آندل ڪپڙا پائي هرجيءَ جي گھر کان ٻيلهه کڻي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪتي. گڏوگڏ پيءُ جي گھر جي اوڍڻي ۽ گھاگھري ــ پولڪو تغاري ۾ وجھندي ويئي. پيءُ جي گھر جو در کولي هن گليءَ ۾ رڙ ڪئي 'اما هي کڻي وٺج ' اڱڻ ۾ مٽ وڇوريندي ماڻس ڏٺو. ڌيءَ اڏامندڙ اوڍڻيءَ جي بدلي ساڙهي پاتي آهي ۽ مٿي تي سوجي پٽيل جي گھر جي ٻيلهه آهي. ورانڊي وارو در بند ڪندي سمتا پيءَ جو آواز ٻڌو. ' منهنجي لاءِ پاڻي رک، گڏوگڏ سمتا جو به وهنجي وٺان.'
    سچ ته سمتا جي ڀاءُ کي چٽي وئي هئي. ڪافي ڏينهن کان موقعي جي تلاش ۾هوته سمتا ڪٿي اڪيلائيءَ ملي وڃي ته کيس برابر جهڙو سمجھايانس.سمتا اڪثر ڪنچن با سان گڏ ٻاهر نڪرندي هئي. ڪنچن هوندي هئي ته سندس ڀاءُ جي همٿ نه هلندي هئي. پوءِ به هڪ ڀيرو تلاءَ تي ٻنهي جو ڀيٽو ٿي ويو. سمتا ڪپڙا ڌوئي رهي هئي ۽ ڪنچن با پار تي ڪپڙا سڪائي رهي هئي اتي سمتا جو ڀاءُ ڍڳن کي پاڻي پيارڻ آيو. سمتا کي ڏسي تپي باهه ٿي ويو.
    “لک جي .... چئن چئن ڍڳن جي ڌڻيءَ جي ڌيءَ ٿي ڪري هن ڪنگال سان هلي وئينءَ. جواني هيڏا چڪ پائي رهي هئي جو ......”
    “هل مئا ڪاري ٻوٿ وارا توکي ته تنهنجي سڳي ڀيڻ جي دلالي ڪرڻي هئي ” چوندي سمتا ڌڪو الاريو. سندس ڀاءُ نڪري ويو ۽ اهو ڌڪو وڃي ڪنچن با جي ٽنگ ۾ لڳو هو جيڪو اڄ به سياري جي مند ۾ کيس پيڙا ڏيندو هو. تنهن کان پوءِ سمتا جي پيڪي وارن سندس پيڇو ڇڏي ڏنو هو.
    گليءَ جي ڇيڙي وٽ رستو کاٻي ساڄي وڃي. کاٻي مڙي پندرهن ويهه ميٽر هلجي ته سامهون اچي ڌرمشي ڪوليءَ جو گھر. ارد گرد ٻيا به ڏهه کن گھر هوندا. اصل خاندان ڌرمشيءَ جو. ڀلي ذات جو ڪجھ به هو پر سڀاءُ جو سنئالو ماڻهو هو. ڌرمشي ڳوٺ جو پڳي هو.سندس باز نظر ڀل ڀلن چورن جا پيرا پڪڙي وٺي. ڌرمشيءَ جو ننڍو پٽ لکمڻ ٺاڪر صاحب جو ساٿي. لکمڻ جي مرڻ کان پوءِ سندس وڏي پٽ جيوي پيءُ جي جڳهه سنڀالي. ولايتي صاحب کيس پگھار مقرر ڪري ڏني ۽ رهڻ لاءِ گھر به. جيوو لڳڀڳ ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي ڪٽيندو هو. ۽ سندس گھرواري ڪيسر به اتي ئي ڪنهن ننڍي ڪمري ۾ پيئي هوندي هئي. کيس ڪو اولاد نه هو. پرڀو ڀڄن ڪري ۽ ڏهاڙي ڪمائي اچي سو کائي. جيوي ۽ ڪيسر جي گھريلو زندگي انوکي هئي. جيوي جي گھر وٽان لنگھندي ڪنچن با ڏٺو، در تي تالو هو. 'ڪيسر ڪيڏاهن ويئي هوندي؟'
    تلاءَ تي وڃڻ لاءِ هونئن ته ڪڙمين واري پاڙي کان ٿيندي ساڄي پاسي مڙي ڏهه کن منٽ هلي وڏو چڪر ڪاٽي وڃڻو پوي. کاٻي مڙجي ته سامهون ستوارا پاڙي مان به سڌو نڪري سگھجي. جيوي وارو گھر ڇڏي ڪنچن با ٿورو اڳيان هلي ته سامهون نظر پيئي. سامهون يڪي ڀِت هئي. اڳي ته کليل پاڙي ۾ اٺ ڏهه گھر ۽ پٺيان واڙي منجھان سڌو تلاءَ جي پار تي وڃي سگھبو هو. کن پل لاءِ ڪنچن کي ٿيو ته هوءَ ٻئي ڪنهن ڳوٺ ۾ ته ناهي پهچي آئي نه؟ ڪنچن واپس وري. وڏو چڪر ڪاٽي وڃڻو پوندو. گليءَ جي برابر وچ مان پاڻيءَ جي نالي وهي رهي هئي. برسات جي پاڻيءَ ۾ ارد گرد وارن گھرن مان نڪتل ڪنو پاڻي اچي مليو هو. ننڍپڻ ۾ نيسارن جا پاڻي مٿي تان وهايا هئا ته گليءَ مان وهندڙ پاڻيءَ ۾ڇٻ ڇٻ ڪئي هئي. پر ان زماني ههڙيون ٻارهن ئي مهنا وهندڙ ڪنيون ناليو نه هيون. وهنجڻ سهنجڻ جو ڪم کوهه ـ تلاءَ تي ئي ٿيندو هو. ٿورو گھڻو پاڻي واپرائبو هو اهو ته گليءَ ۾ ئي سڪي ويندو هو. کوهه مان پاڻي پاڻ کي ڀري اچڻو پوندو هو انهي ڪري مايون به ڪرڪسر ڪنديون هيون. اميا ماءُ چوندي هئي.
    “ جنهن مائيءَ کي پاڻيءَ جي بچت ڪندي اچي ان جي ور تي قرض نه چڙهي.” ڪنچن کي ٿيو هينئر ته مڪان جي بنياد کان قرض شروع ٿيندو آهي سو وڃي پيءُ جي ڪارج لاءِ به قرض وٺڻو پوندو آهي. دوڪانن وارا سامهون اچي قرض ڏين. مهني جي پهرين تاريخ تي پوڻي پگھار ته اهي قرضن وارا کڻي وڃن. ڪو پنجويهن هزارن جي پگھار وارو ڀلي هجي پر اگر پندرهين تاريخ تي ماءُ بيمار ٿي پويس ته گھر مان ٻه هزار به نه نڪرن. هي زمانو ئي اڌارو زمانو آهي.پيسن کان وٺي انسان جي انسانيت تائين، تلاءَ جي پار تي چڙهندي ڪنچن با کان شوڪارو نڪري ويو.
    تلاءَ ۾ ٺيڪ ٺيڪ پاڻي هيو.ڪنچن با هڪ پٿر تي ڪپڙا رکي تلاءَ مان لوٽو ڀريو.ڀنل مٽيءَ ۾ سنڀالي ٿي هلڻو پيو. ڪاري چيڪي مٽي، جو ٿورو به ويسلو ٿجي ته سمجھو ترڪياسين. تلاءَ جي سامهون واري پار لهي ڪنچن با هڪ ٻير جي آڙ ۾ ويٺي. چندرڪان جي ننڍي پٽ جي جنم کان پوءِ وشاکا کي ڪمر ۾ سٽ اچي ويئي هئي ان ڪري وڏي کيس گھر ۾ ڪرسيءَ جهڙو ولايتي ڪاڪوس ٺهرائي ڏنو هو. شروع شروع ۾ ڪنچن کي ان ۾ مزو نه ايندو هو ، پر پوءِ عادت پئجي ويئي. اڄ هن طرح گھڻن سالن کان پوءِ اڀن پيرن تي ويهڻو پيو هو جنهن جي ڪري ٻئي پير جڪڙجي ويا هئا. جھڻ جھڻ ٿيندڙ پيرن سان ٻه قدم مڏ هلي ته کيس ٿيو، 'پوڙهپڻ اچي ويئي ڇا؟ هيڏا سال ٽاري آهي ، کيس اچڻ ناهي ڏنو. '
    ڪنچن با تلاءَ جي ڪپ تي اچي لوٽو ملي صاف ڪيو. ڪناري تي ساڙهي پائڻ وقت سنهڙي ساڙهيءَ جي ڪري ٿڌ جي هڪ سياٽي محسوس ٿي. ساڙهيءَ کي ذرا ڇڪي ٻڌندي هن پاڻيءَ طرف نظر ڪئي. پاڻي هڪ دم اسٿر ۽ ٿورو ڪارو محسوس ٿي رهيو هو. چوءماسي ۾ مٿان ايندڙ مينهن جوپاڻي ٿورو لڙ هوندو آهي. تلاءَ جي ڪپ تي ويهي هن وهنجڻ جو ويچار ڪيو. اڳيان وڃڻ جو جوکم ڇو کڻجي؟ حالانڪ کيس تڙڳڻ ايندو هو. ننڍپڻ ۾ تلاءُ ڀربو هو ته گھر اچڻ جو مڏ ياد ايندو هو. شروعات ۾ گھڙو اونڌو ڪري ڍٻ ڍٻ ڪرڻ پوءِ ته سڄو تلاءُ گھمي اچڻ. اڄ انهي عادت کي آزمائڻ جو من به نه هيو ۽ سمو به نه هيو. پاڻيءَ ۾ پير وجھندي ئي هڪ سياٽي بت مان پسار ٿي ويئي. ترت پاڻيءَ ۾ ويهندي هڪ ٻئي مٿان پاڻيءَ جا لوٽا بت تان وجھڻ لڳي. گنگا سنان .... جمونا.... گومتي سنان .... نرمدا .... هري هري ڪندي هوءَ ٻاهر نڪتي. ٻٻر جي آڙ ۾ ڪپڙا مٽائيندي هن چرخيءَ جو آواز ٻڌو. ' هيڏو سويل ڪير آيو هوندو؟ جلدي ساڙهي ويڙهي کوهه تي پهتي. جيوو هيو. “جئه نارا'ڻ گوراڻي امان ”
    “ جي نارا'ڻ. ابا هن گھاگھر ۾ به هڪ دٻو وجھي ڏج ذرا. ڪيسر ڇو ڪونه ٿي ڏسجي ؟” ڪنچن با پڇيو.
    “ ڀاءُ جي گھر ويئي آهي.” جيوي جواب ڏنو.
    ڪنٺي تي اچي هن ڪنٺي گور جي اسٿاپنا ڪئي. مٽيءَ جا پنج پنڊ. جل چاڙهي نمن ڪندي ٿيس ' ناهي ابيل گلال ۽ نه ئي ڌوپ يا ديپ. ڪنٺي تي اڳل ٻٻر مان هيڊا ڦل ڇني چاڙهي من کي منايو. چانور ڪٿان آيا؟ هٿ ۾ ڦل کڻي ڪنٺي گور جي ڪٿا چوڻ شروع ڪيائين. چوندڙ پاڻ ۽ ٻڌندڙ به پاڻ. نه، ٻڌندڙن ۾ هن تلاءَ جا سانت جل هئا. کوهه ۽ کوهه تي لڳل چرخي هئي. دشائون هيون، آڪاش ۾ ڦهليل اوندهه هئي. ڪناري تي اڳل وڻ ته ڄڻ هوريان هوريان مٿو لوڏي هاڪار جھلائي رهيا هئا.
    ' هڪ ڳوٺ هو. ڳوٺ ۾ هڪ شرڌالو سس رهندي هئي. هن کي ٻه نُهرون هيون. ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق. پروشوتم مهنو آيو. ننڍي نُنهن ته سس سان گڏ روز نديءَ تي سنان ڪرڻ جي لاءِ وڃي. ڪنٺي گور جي پوڄا ڪري. وارتا ٻڌندي هئي ۽ ورت وار ڪندي هئي. هڪ ڏنهن ننڍيءَ ننهن کي ٿيو ته اڄ وڏيءَ کي چئي ڏسان. ته وڏي ٿي چوي وڃ ادي وڃ اهو منهنجو ڪم ڪونهي. اهو ته ڏنيل ڇڏيلن جو ڪم آهي. واندين جا ڪم، ٻالين ڀولين جا ڪم ، اهي ڳوٺ ۾ جيڪي ائين ئي رلنديون وتن انهن جا ڪم. منهنجو ته ڌڻي راڄ مان اچي، ڇوڪرو اسڪول مان اچي ننهن پيڪي مان اچي، ۽ ڌيءَ ساهري مان. مون وٽ ته مکڻ ماٽيون، لسيون گھاٽيون، واڙي ۾ وڇون ۽ پاڏا، هنج ۾ ٻار ڪم آهن اڪيچار، ٻائي مونکي ته واندڪائي ناهي. وڏيءَ جا ويڻ ٻڌي ڪنٺو گور ته ڪاوڙيو. ڌڻي راڄ مان نه آيو ڇوڪرو اسڪول مان نه آيو، ننهن پيڪي مان نه آئي، ڌيءَ ساهري مان نه آئي. ... واڙي ۾ وڇون نه هيون پاڏا نه هيا. پوءِ ته وڏيءَ کي پڇتاءُ ٿيو. هن سس جي چوڻ مطابق ورت ڪيو ۽ سڀ ڪجھ سٺو ٿي ويو. ' اي ڪنٺي گور ماءُ جيئن وڏيءَ سان رسي هئينءَ تيئن ڪنهن سان نه رسج. وري جيئن ان تي مهر ڪئي ائين سڀني تي راضي رهج. وارتا پوري ڪندي ڦلن کي اکين تان گھمائيندي ڪنچن با کي ٿيو ' ايشور جو نياءُ هيڏو سادو سرل هجي ها ته ٻيو گھرجي به ڇا؟.'
    آڪاش ۾ سرخي ڇانئجي رهي هئي. ڪنچن با پير کنيا. شڪتي ماءُ واري ڪمري وٽ اچي پويان واڙي ۾ ڪپڙا سڪڻ لاءِ وڌا. نم واري اوٽي کي سڃو ڏسي ٿيس ' پکين کي مٺ چوڻي جي وجھجي ته ڪيئن؟ ورانڊي ۾ اچي هن ڪچرو ٻهاريو. سامهون گھڙيال تي نظر ويئي. ڇهه ٿيڻ جي تياري هئي. هن کي چنتا ٿي. اڄ آنند کي ڪنهن اٿاريو هوندو؟ سندس مميءَ کي ته سويل اٿڻ جي عادت ناهي. اسڪول ٽيم تي نه پهتو هوندو ته؟ ٻنهي ٻارن جو اسڪول، گھر ۽ نوڪري، وشاکا ڪيئن پڄي هوندي؟ جيڪو هوندو سو، مائي تون ڇڏ پچر هنن جي.
    رنجن جي رڙ جي ڪري ڪنچن با ويچارن مان ٻاهر نڪتي. رنجن هٿ ۾ چانهه جو لوٽو ۽ پتل جي سانسر کڻي بيٺي هئي. ڪلهي ۾ بئگ هئس.
    “ وٺو امڙ هيءَ توهان جي چانهه. مونکي اسڪول وڃڻ ۾ دير پيئي ٿئي. اڃا ته پهرين گھنٽي وڄي ان کان اڳ وڏي صاحب جي آفيس وٽ فري هئنڊ ٺاهڻو آهي. سُويچار به لکڻو آهي. هان وٺو.”
    “ ائي ڌيءَ پهتيس. پر مونکي هڪ ڪورو ڪاڳر ۽ پين ته لکڙي وار ڏي.”
    “ هينئر توهان کي ڪهڙا ليک لکڻا آهن؟ ” ڀڻ ڀڻ ڪندي رنجن بئگ مان ڪاڳر ۽ پين ٻئي شيون ڪڍيون.
    “ بيهي” چوندي ڪنچن ڪوري ڪاڳر تي وڏن اکرن ۾ لکيو:
    “ اڄ منهنجو موءن وِرت آهي.” ۽ پين رنجن کي واپس ڏنائين.
    رنجن سوچنا پڙهي هن کان رهيو نه ٿيو. “ ته پوءِ وارتا؟”
    “ ٻن ڏينهن کان پوءِ.” رنجن گليءَ ۾ ڊوڙندي هلي ويئي.
    ڪنچن با ڄاتو ٿي ته هاڻي سڄي ڳوٺ کي هن جي اچڻ جي خبر پئجي ويئي هوندي. ملڻ لاءِ ايندڙن جي آتين اکين ۽ ڳالهائڻ لاءِ آتر چپن جو ڇا؟ استريون ته سڌو سوال ڪنديون ' امڙ تون ڪڏهن آئينءَ؟ ڇو آئينءَ؟ اڪيلي ڇو آئينءَ؟ ڪڏهن واپس ويندينءَ؟ ڪٿي رهندينءَ؟ هڪ مهني جي وارتا چوندينءَ نه؟ سڀني سوالن جو جواب هڪڙو ئي هو موءن وِرت. ٻاهران ايندڙ سوالن کي ته شايد موءن دواران ٽاري سگھجي ٿو پر اندر مان اٿندڙ سوالن جو ڇا؟


    19

    سڄو ڏينهن ڪنچن با گايتري منتر جو جاپ ڪندي رهي.
    “اوم ڀورڀُوَهه، سوَهه، اوم تتسَوِتُروَريڻيه ڀرگو ديوسيه ڌيمهي ڌِيو يو نهه. پرچوديات” .... اي سروَ وياپي پراڻ سوَروپ، تيجسوي پاپ ناشڪ پرماتما، اسان توهان کي انتهه ڪرڻ ۾ ڌارڻ ڪريون ٿا. اسان جي ٻڌيءَ کي ست مارگ تي پريرِت ڪريو..” زندگيءَ جي ههڙي اڻ ڌاريل موڙ تي ڪنچن با ٻيو گهري به ته ڇا؟ منتر جاپ اندر جي سوالن کان بچايو ته موءن وِرت واري ليکت سوچنا ملاقاتين کان بچايو. جڳديش روز جي نيم مطابق اچي پوڄا ڪري جھنگل ويو. رُکي با اچي ماٺ ماٺ ۾ پنج مالهائون ڦيري گھر ويئي. ٻنپهرن جي وچ ۾ سمتا منهن پاتو پر ڪنچن با جون بند اکيون سنئون شرير ۽ هرهڪ منتر جاپ ۾ ڦرندڙ مالها وارو مڻيون ڏسي بنا ڪجھ به چوڻ جي واپس هلي ويئي. ايترو ئي نه پر اگر ڪو مندر طرف ايندي نظر آيو ٿي ته رنجن کان چورائي چپ رهڻ جي سوچنا به ڏيئي رهي هئي. سانجھيءَ جي آرتي ڳائي ڪنچن با موءن ورت کوليو.
    احمدآباد کان نڪتي تڏهن صرف ايترو طيءِ هو جساپر وڃي ماتاجيءَ جا درشن ڪنديس. ڪٿي لهنديس، ڪٿي رهنديس، ڪيترو رهنديس ڪائي خبر نه هئي. گذريل ڪجھ ڏينهن کان من منجھيل هو. جڏهن کان چندرڪانت جي ننڍي نينگر کي اسڪول ۾ داخل ڪيو هو تڏهن کان ڪنچن با کي ٿيو پئي ته هاڻي هت رهڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ ڪيڏاهن به هلي وڃڻو آهي. هتي ناهي رهڻو. ڪيڏاهن وڃجي؟ ته جيءَ چيو جساپر. جڏهن جڏهن ڪو رستو ناهي مليو تڏهن تڏهن وطن ڀوميءَ ئي واٽ ڏيکاري آهي. هن کي دلي يقين هو ته جساپر وينديس ته دل کي دلاسو ملندو. ڪو ڏس يا ڪو گس ملندو.
    وري هڪ ٻيو ڏينهن لٿو. وري هڪ نئين رات آئي. ڪنچن با ان جي ئي واٽ نهاري رهي هئي. جيئن ٿئيٽر ۾ ويٺل ماڻهو راهه ڏسندو آهي ته ڪڏهن ٿئي هال ۾ اوندهه جو پردي تي هڪ هلندڙ ڦرندڙ سنسار ڏسڻ ۾ اچي. شروعات ۾ ان سنسار کي ٻين جو جيون مڃي هرڪو ڏسندڙ مزي سان ڏسندو آهي پر ڏسندڙ کي ڪل به نه پوي تيئن هو پردي وارو جيون پاڻ ۾ سمائي ڇڏيندو آهي. ڏسندڙ منظر کي ڏسندو به رهي ٿو ته اداڪاري به ڪندو رهي ٿو. ڪنچن با راهه نهاري رهي هئي ته ڪڏهن رات پوي ۽ ڪڏهن آس پاس اٿندڙ ڇلندڙ ننڍيون وڏيون ڇوليون سانت ٿين ۽ ڪڏهن خاموش ٿيل سمنڊ ۾ منهن پائجي؟ ڇا ڪنچن با ڀلجي ويئي هئي ته خاموش هجي ان کي سمنڊ چئي سگھجي ٿو؟
    ڇلي ٿي هت ڌرتي ــ آڪاش کي هڪ لپيٽ ۾ کڻن ٿيون لهرون. هونئن ته ناريلي پونم جي ڏينهن سمنڊ ديوتا جي پوڄا ڪري ئي مهاڻا ان ۾ کيڙيندا آهن پر پونم جي واٽ نهارڻ لاءِ هن وٽ وقت ئي ڪٿي هو؟ هاڻي ته جيڪو ٿئي سو. سالن کان سڃاتل ڌرتيءَ ڌڪاري ڇڏيو هو اتي ڪهڙي ڳالهه تي دل دکائجي. هاڻي ته اڻڄاتل جل تي ڀروسو ڪرڻ کان سوائي ٻي ڪا راهه ڪانه هئي.
    هيٺ تهه خاني ۾ داخل ٿيندي ئي مٿي تي، هٿ ۾ بغل ۾ ڪمر ۾ هڙون دٻائيندي ماڻهو پيهه ڪرڻ لڳا. سٺي ۽ وڌيڪ جڳهه والارڻ واري خواهش ۾ اهو به ڀلجي ويا هئا ته پيڙهين کان جنهن ڌرتيءَ کي پنهنجي مڃي هئي سا ڌرتي گھڙيءَ جي ڇهين ڀاڳ ۾ پرائي ٿي ويئي ته پوئي هن رين بسيري جهڙي جهاز تي ٿورڙيءَ جڳهه لاءِ وڙهڻ واجب هيو ڇا؟ ماڻهن سامان ۽ ٻارن جي واڙ ٺاهي پنهنجي پنهنجي جڳهه والاري. هوا ۾ سامان ڪرڻ ۽ ٻارن جي رڙورڙ جي واچوڙي ۾ ماڻهن جي لفظن جون ليرون اڏي رهيون هيون.
    “ اي ڇورا ٿيلها ڇو ٿو ڏين؟” “ اي ادي تو اڪيليءَ کي ئي وڃڻو آهي ائين؟”
    “ اڙي ادا بس اهو ته قسمت جا مٺل آهيون.”
    “ خبردار جو منهنجي سامان کي ڪنهن به هٿ لاتو آهي.” “ گهڙي ٻن گھڙين جي ڳالهه آهي. پکين جو آکيرو آهي ....” “ ڇو تنهنجو پيءُ جو جهاز آهي ڇا؟ ” “ اهو ته منهنجو لوٽو آهي.” “ توکي چوري ڪندي شرم ڪونه ٿو اچي؟ ” “ اڙي الا منهنجي ڪڪي ڪاڏي وئي؟ ” “ اڙي ڀڳوان هاڻي تون جيڪا ڪرين سا مٿي تي.” ويڙهيون، رڙيون، واڪا، آمهون سامهون ٽڪرائجي رهيا هئا.
    ڪنچن ۽ چندرڪانت سامان کنيو. اروڻا ڏاڏهنس جو هٿ پڪڙيو هو. ديوشنڪر جون تکيون اکيون ڏسي هڪ مائيءَ چيو ' “ائي الا هي ته چريو پيو ٿو لڳي.” چندرڪانت جيئن ئي هڪ جڳهه تي پيتي رکي ته ڀر ۾ ويٺل ماڻهو چيو. “ هتي نه، سامهون واري پاسي هليا وڃو. هن چرئي کي ڏسي منهنجي زال ڊڄندي.” ڪنچن ڏٺو ته هن جي زال ٻن ٻارن کي سنڀالي ويٺي هئي ۽ ويٺي ويٺي ڀجيا ۽ ماني کائي رهي هئي. زال مڙس ٻئي سنڌي لڳي رهيا هئا. مڙس متارو هو. چندرڪانت ڪجھ چئي تنهن کان اڳ ڪنچن دور وڃي سامان رکيو. ههڙي مشڪل حالت ۾ ويڙهه جهڳڙي بابت سوچيندي به هينئون ڪنبي وڃي!
    شروعات ۾ اسٽيمر جي تهه خاني ۾ داخل ٿيا ته ائين لڳي رهيو هو ته هيڏا سارا ماڻهو ڪيئن سمائجي سگھندا؟ گنديءَ ۾ ان وجھندي ٿئي ڪجھ ان طرح جو احساس ٿي رهيو هو. شروع ۾ اڀامندڙ لوڪ ڌيري ڌيري ٿانئيڪو ٿي رهيو هو. پهريان جنهن پير پختا ڪري جڳهه والاري هئي اهو ئي ماڻهو ذرا سوڙهو ٿيندي چئي رهيو هو “ هيڏاهن هن طرف اچي وڃو، جڳهه آهي.” هاڻي ته طيءِ هو ته جيستائين جهاز لنگربو ڪونه تيستائين گڏ رهڻو آهي. ڌيمي ڌيمي ماڻهن هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ ننڍڙن ننڍڙن ٽولن ۾ ورهائجي رهيا هئا. اهي ماڻهو نه هيا، پيڙائن جون ڀريون هيون. هر هڪ ماڻهو لڙڪ اگھندي اگھندي انهن کي کولي رهيو هو ۽ ڏيکاري رهيو هو. “ ڏسو مون ڪيڏو سارو وڃايو آهي.” ڏسو مونکي ڪهڙا نه ڪاپاري ڌڪ لڳا آهن.” ڪنچن ڏسي رهي هئي. هن کي ٿيو ائين زخم اگھاڙا ڪري ڏيکارڻ سان هنن جي پيڙا ٻيڻي ڪونه ٿيندي هوندي؟ ڪڏهن ڪڏهن ته ائين لڳندو هو ته هرڪو پنهنجي پنهنجي وڏائي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي پيڙا تان پردو هٽائي رهيو آهي. ائين چٻي چٻي ڳالهه ڪري رهيا آهن ڄڻ ان مان مزو نه وٺي رهيا هجن! هرڪنهن کي لڳي رهيو هو ته هن کان وڌيڪ دکي ٻيو ڪونهي.
    سازگار موسم هجي ته ڪراچيءَ کان اوکا بندر تائين جو سفر ٻارهن کان پندرهن ڪلاڪن جو هو پر ڏمريل سمنڊ ٽن ڏينهن تائين ڪناري پهچڻ نه ڏنو. ماڻهن وٽ پيل کاڌو خوراڪ ڪڏهوڪا ختم ٿي رهيا هئا. پيئڻ جو پاڻي به سنڀالي سنڀالي واپرائڻو پيو ٿي. ٿرڊ ڪلاس وارن جو هونئن به ڪير ڌڻي ڌوڻي هوندو آهي! واڙي ۾ پوريل ڍورن جهڙي حالت هئي. ڪنچن ۽ اروڻا کي سمنڊ ڏاڍو چڙهيو. اروڻا ته الٽيون ڪري ڪري اڌمئي ٿي وئي هئي. ڪنچن کي چڪر اچي رهيا هئا ۽ پيٽ ۾ پيڙا ٿي رهي هئي. سمنڊ ۽ چانڊوڪين وارا ڏينهن. ديوشنڪرجون مستيون به وڌي ويئون هيون. گھڙي گھڙي ڊوڙي ڊيڪ تي هليو وڃي. اتي ڪلاڪڪن جا ڪلاڪ پاڻيءَ کي ڏسندو بيٺو رهي. سندس سنڀال لاءِ ڪنچن چندرڪانت کي هن جي پويان پويان موڪلي. هڪ اڌ ڏينهن چندرڪانت کي پاڻي ڏسڻ وڻيو پر پوءِ هو به خفي ٿي پيو. چپ چاپ ويٺل ديو شنڪر کي ڏسي ڪو ڊڄي هٽي وڃي ته هو چوندو هو “ ڪا ڳالهه ڪانهي، ڪجھ به نه ڪندو. منهنجو ڏاڏو اهڙو چريو ناهي جو مارڪُٽ ڪري.” پر هيٺ تهه خاني ۾ ديوشنڪر کي مزو نه ايندو هو. ڪنهن پڃري ۾ پوريل جانور جيان هيڏي هوڏي چڪر هڻندو رهندو هو. ٻئي ڏينهن ڌمال ڪندي ديو شنڪر کي ڏسي سامهون واري سنڌيءَ چيو “ پوڙهي کي ٻڌي ڇڏيوس.” ڪنچن ڪنبي ويئي. اردگرد وارن به احتجاج ڪيو، ٻڌي ڇڏيوس، ٻڌي ڇڏيوس.” ٻن ٽن ڄڻڻ ملي ڪري ديوشنڪر جا هٿ پير ٻڌي به ڇڏيا. مخالفت ۾ ديوشنڪر مٿو ڀٽڪائڻ لڳو. ليٿڙيون پائڻ لڳو. ٿڪجي ديوشنڪر سانت ٿيو ته ڪنچن هوريان هوريان هن جي ڀر ۾ ويئي. اڌ کليل منهن مان نڪرندڙ گِگ، ڳلن تي سڪل آنسن جو ميل، اک جي ڪنڊ ۾ چهٽل پچيون، ابهم ــ اسهائي ٻار جهڙو لڳي رهيو هو ديو شنڪر. ڪنچن جي دل تي گوتم چڙهي آيو. ديوشنڪر جا هٿ پير ڇوڙيندي هن کان سڏڪو نڪري ويو. اڊڪجي جاڳيل ديوشنڪر ڪنهن ڊنل ٻار جيان هن کي چنبڙي رهيو. هن جي اڻڀن وارن ۾ گھمندڙ ڪنچن جي اڱرين مان ممتا ٽپڪي رهي هئي.
    ان رات سامهون واري ڳورهاري استريءَ کي ويم واري پيڙا اٿي. ڏڪر ۾ اڌڪ ماس! پر جيون ڪٿي ڪنهن جي واٽ نهاريندو آهي. هو پنهنجي نج تال ۽ ليه ۾ مسلسل هلندو رهندو آهي. جهاز ۾ چڙهيا تڏهن کان ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان وڙهندڙ استريءَ جو پتي ڪنچن وٽ اچي هٿ ٻڌي مدد لاءِ وينتي ڪرڻ لڳو. ڪنچن ڏٺو مائيءَ کي ٻر ڪندي به ڪونه اچي رهيو هو. هوءَ ڇڙيون هڻي رهي هئي ، ليٿڙيون پائي رهي هئي. ٻين ٽن چئن عورتن کي سڏي هن ساڙهيءَ جو پڙدو ڪيو. سڄي رات جي ڪوشش کان پوءِ ٻار جو جنم ٿيو. ڪنچن جا هٿ جھلجي پيا هئا. اها عورت هن جون ٻانهون پڪڙي ٻر ڪري رهي هئي. ڪنچن ٿالهي وڄائي. پٽ ڄميو هو پر هن هِن ڌرتيءَ تي پهرين پير رکيا هئا. هونئن به ههڙي ڏکئي وقت ۾ٻيو ٿي به ڇا ٿي سگھيو! پر اهائي دلداري هئي ته ڏکي حالت ۾ به ساهه هلي رهيا هيا. شايد وڌيڪ جيئڻ وارو سنگھرش جيون کي وڌيڪ رفتار ڏيندو هوندو. سڀني چيو “دريا لعل” نالو رکجيس، پر هن جو ديس ڪهڙو؟ ٻار کي وهنجاري پيءَ جي هٿ ۾ ڏنو ويو تڏهن چندرڪانت اچي پڇيو “ اما ڏاڏو ڪٿي؟”
    ڪنچن کن پل لاءِ ته هٻڪي ويئي. وري ڊوڙندي ڊيڪ مٿي ويئي. ڊيڪ تي ڪو ڪونه هيو. جهاز جي ڪنڊ ڪڙڇ گھمي آئي. وڙهي ڪري فرسٽ ڪلاس ۽ سيڪنڊ ڪلاس واريون ڪئبينون به کولرايون. ديوشنڪر ڪٿي ڪونه هيو. هوءَ ڊيڪ جي ريلينگ پڪڙي ويهي رهي. چوڏهين جي چنڊ جو نور اڏي ويو هو. سامون آڪاش ۾ ديوشنڪر جي وياڪل اکين جي لالاڻ اڀري آئي هئي. سمنڊ ڪن روئي روئي ماٺ ڪيل اکين جيان سانت هو. شايد ان کي به ڏک هيو ته هڪ جيو جي بدلي هڪ جيو وٺڻو پيو هو! پر ههڙا ته ڪيترا جيو هليا ويا هوندا ڪهڙي خبر؟ هڪڙو سوال ڪنچن جي مٿي تي سرڻ جيان لامارا ڏيئي رهيو هو. “ مان امرت کي ڪهڙو جواب ڏينديس؟” گوتم ويو. خبر ناهي ڪٿي هوندو؟ هوندو به يا نه؟ ديوشنڪر هيَن اوچتو هليو ويو . ڪنچن کي ٻوهاڙ ڪري روئڻو هيو. هن جون اکيون جلي رهيون هيون ۽ آنسون اٽڪيا پيا هئا. چوئڦير ماڻهو مڙي دلداري ڏيئي رهيا هئا. اروڻا ڪنچن جي گود ۾ مٿو رکي سڏڪا ڀري رهي هئي. چندرڪانت ماڻس جو ڪلهو پڪڙي بيٺو بيٺو روئي رهيو هو. ڪو چئي رهيو هو “ هن پوڙهي جا هٿ پير ڪنهن ڇوڙيا؟” ڪو چئي رهيو هو “ ڇٽي ويا هوندس؛ پاڻهين. ته ڪو وري چئي رهيو هو “ هاڻ اهو چريو ماڻهو هجي ته به ڇا ۽ نه هجي ته به ڇا؟” ته ڪنهن چيو “ هيءَ مائي نه روئندي ته چري ٿي پوندي.” ڪنچن خالي اکين سان ويٺي هئي.
    ٽئين ڏينهن اوکا بندر تي جهاز لنگرانداز ٿيوته ڪنچن جي چهري تي بچي وڃڻ ڪو به ڀاو نه هيو. ديوشنڪر جي وڃڻ جي پويان چندرڪانت اچانڪ وڏو ٿي ويو هو، ڪڙم جو اڪيلو ئي مرد! چندرڪانت چوي تيئن ڪنچن مشين جيان سڀ ڪجھ ڪندي رهي. وطن وڃڻ لاءِ اوکا کان ٽرين ۾ ڪانپ تائين وڃڻو هو. ان ۾ به وارا رکيل هئا. اڃان ته اڳين پنجن کيپن جا مسافر وڃڻ جي واٽ نهاريو شرنارٿي ڪئنپ ۾ويٺا هئا. ڪئنپ معني هڪڙو وڏو تنبو. جت ڪٿ ماڻهو وڻجهارن جيان پيا هئا. تنبوءَ جي ٿورو پريان پاڻيءَ جون ڪوٺيون ڀريون پيون هيون. صبح شام اٺ گاڏي وارو اچي اهي ڀري ويندو هو. راحت پهچائڻ وارن ڪمن ۾ ماڻهن کي زبردست اتساهه ڏيکاريو هو. صبح جو رضاڪار ڀاڄي پوري ۽ شام جو لسي کچڻي کڻي ايندا هئا. هٻڪندي شرمائيندي ماڻهن کي سڏي چوندا هئا “ هي توهان جو ئي آهي، وٺجو، شرم نه ڪجو.” اچي پڇي به وڃن ته “ توهان کاڌو؟” جنهن جي گھر چلهه اکنڊ اگنيهوتريءَ جيان ٻرندي رهندي هئي ان ديو شنڪر جي ننهن ۽ پوٽا لائين ۾ بيهندا هئا. دٻي جي ڍڪڻ ۾ کچڻي يا ڀاڄي وٺبي هئي ۽ لوٽي ۾ لسي. پوريون ته ساڙهيءَ جي پلئه ۾ به وٺي ڇڏبيون هيون. ان کي ئي چوندا هوندا سميه ڪي گتي نياري؟
    هفتو کن ٿيو هوندو. هڪ شام ڪنهن خبر آندي ته سمنڊ ڪناري ڪو لاش آيو آهي. ڪنچن ڄڻ اڊڪجي اٿي هجي. چندرڪانت چيو “ اهو دادا جو لاش نه به هجي.” ۽ هجي ته؟ ڪنچن کي ٿيو “ مان امرت کي ايترو ته چئي سگھنديس ته مون بابا کي وڌيسر وداع ڪيو آهي.” چندرڪانت ۽ اروڻا کي سامان سونپي هوءَ وڃڻ لڳي ته ڪن ٻن ٽن چيو به سهي “ هينئر رهڻ ڏيو، متان ڪجھ ..... ” پر رات ۾ لاش کي گدڙ يا ڪتا کائي وڃن ته؟ ڪنچن پل لاءِ به نه رڪي.
    پرهه جو ڪنچن ڪئنپ ۾ واپس آئي. هوءَ لاش وٺڻ ويئي هئي پر لاش بڻجي واپس آئي هئي. سندس پير ٿاٻڙيا پئي. وکريل وار، اڻڀا ڳل، چيريل ڪن جي پاپڙيءَ تي ڄميل رت، چٿريل چيڀاٽيل جسم.... هن جهڙي ڪيترين ئي استرين جي جيون جو اڀاڳو اڌيايه! اروڻا پڇيو “ اما تنهجو منگل سوتر!” ڪنچن ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ پنهنجن هٿن کي ڏسندي رهي.


    20

    ڇڻ ڻ ڻ ..... ڪو ڌاتوءَ جو باسڻ ڪريو. جنهن جي ڪرڻ جي آواز جا پڙاڏا چوڦير گونجندا گرجندا آخر سانت ٿي ويا. بند اکين سان ليٽيل ڪنچن با سوچيو “ ڪوئا اڃان ويا ڪونه آهن.” آواز مان لڳو ته ٻنگاري ڪري آهي. هڪ پل لاءِ هوءَ ورتمان ۾ آئي پر ترت آئي تهڙي واپس موٽي وئي. پهريون ڀيرو لوٽي (هلڪو ٿيڻ) وڃڻو هيو تڏهن چندرڪانت ائين ئي لوٽو ورانڊي ۾ پڇاڙيو هئو. اها صبح زندگي ڀر ڀلجي سگھجي تيئن ناهي.
    ڪراچيءَ کان اچڻ بعد جساپر ۾ پيءَ واري پاڙي ۾ پير رکڻ جي جڳهه ملي ويئي هئي. مٿي جهڙو تهڙو اجهو به هو. برساتي راتين ۾ سَوجي ڪاڪا جي ڏنل واڻن جي کٽولي تي ٽيئي ماءُ ٻارڙا سمهي رهندا هئا. سالن کان نريا سريکا ڪونه ڪيل هئا انهي ڪري جڳهه هنڌان هنڌان ٽمي رهي هئي. ڪوري جائي تي کٽولو سيريندي سيريندي صبح ٿي وڃي، ڪڏنهن ڪڏنهن ته ڪنچن سيراندي پيراندي ٿانو جھلي چوئاڪا جھليندي هئي ته جيئن ٻار نه پُسن. سندس ٽمندڙ اکيون پلئهُ پُسائينديون رهن. هوءَ هونئن به ڪوري رهي سگھي ائين ڪٿي هيو.
    نانچند ڪاڪو سنهڙيون ٻه رليون ڏيئي ويو هو. تيز هوا ۾ اهي ڪيئن ٿي دٻ جھلي سگھيون؟ هڪ وڇائڻ لاءِ ۽ ٻي ٽنهي جي اوڍڻ لاءِ. ڪنچن پنهنجي سنهڙي ساڙهيءَ ۾ پاڻ کي ٿڌ کان بچائڻ جي ڪوشس ڪندي هئي. ڪوساڻ جي تلاش ۾ ٻار ڪنچن جي گود ۾ لڪندا وڃن. ڪنچن جاڳندي رهي. بادلن جي گجگوڙ ۽ بجليءَ جا چمڪاٽ ٻمڀي مان ٿيندا گھر ۾ اچي پهچن. ٽٽل ڦٽل دروازا ۽ زهري جيو جنتن جو ڊپ! ڪڏهن ڪڏهن سپ بلائون نظر به اينديون هيون. چمنيءَ جي جھيڻي روشنيءَ ۾ ڪنچن ڪنهن چروءَ جي چوڪي ڪندي هجي تيئن امرت جي امانت تي ڦڻ کڻيو ويٺي هوندي هئي، ۽ ويچاريندي رهندي هئي.
    مهنو کن ته ٺاڪر صاحب چلهه جو ٽانڊو جلندو رکيو پر هيَن ڪيستائين؟ ڪنچن وٽ هڪ ئي رستو هيو ـــ ماڌوڪري وارو. لالجي سوٽهڙ ججمان گھر به ڏياريا هئا ، پر ڪنچن کي شاسترن مطابق ڪو ڪرمڪانڊ ايندو نه هو. برهمڻڪو ڪم ڪجي ته ڪيئن ڪجي، صفا مفت ۾ اٽو پني کائجي ؟ من مڃي نه رهيو هو. ٻئي پاسي ڪنهن جو احسان کڻڻ به برداشت کان ٻاهر هو.
    اهو سروَ پترو شراڌ جو ڏينهن هيو. رتي لال جي ننهن رُکي سڄو مهنو هلي ايترو سيڌو کڻي آئي هئي. ڪنچن ڳڙ ڪڪري کڻي اهو سيڌو واپس موٽائي ڏنو. ڳالهه صفا ڪرڻ بنا هلي وڃي ته پوءِ رُکي ڇاجي؟
    “ ته پوءِ ڇا ڪندينءَ؟ پنڻ وڃڻو ڪونهي ۽ ٻين جو ٿورو کڻڻو ڪونهي. توکي خبر آهي ته ست يُگ ۾ به برهمڻ اٽو پنندا هئا. ” ذرا طور ڪندي رکيءَ چيو. “ ته تون وري ڪهڙي کيت جي موري آهين؟”
    رُکيءَ جي ڪاوڙ کي ٺاريندي ڪنچن چيو “ جساپر جي کيت جي. ڀاڄائي توهان جي ڳالهه صحيح آهي پر اهي سڀ ودوان برهمڻ هئا. ڇوڪرن کي سکيا ڏيندا هئا ان ڪري انهن کي مفت جو کائڻ ۾ دوش نه لڳندو هو. ”
    “ ته تون به سيکارج نه. ٻار ته اسڪول ويندا آهن پر اسان جهڙين استرين کي ٻه اکر پڙهڻ سيکارج. واندي هجين ته ڪٿاوارتا چئج. ٻه سٺيون ڳالهيون ڪنن ۾ پونديون ته گهڻن جا ڀَوَ سڌري ويندا.”
    ڏڪندڙ آواز ۾ ڪنچن چيو “ ڀاڄائي اڄ تائين مون ڀڳوان کان به ناهي گھريو ۽ ....”
    “ اها ئي ته ڳالهه آهي. ڀڳوان کي ڀلا ڪنهن ڏٺو آهي؟ ڀڳوان مڃيو ته ڀڳوان ۽ ماڻهو مڃيو ته ماڻهو ٻئي هڪ آهن. ڏک ڏور ڪري اهو ڀڳوان. ”
    ڪنچن کي ٿيو رکي ڀاڄائي جي ڳالهه سورهن وال ۽ هڪ رتي! هن سنسار ۾ ايشور جي ثابتي ماڻهن منجھان ئي محسوس ٿئي ٿي. هيڏن سارن جيون مان ماڻهو ئي هڪڙو اهڙو جيو آهي، جيڪو ٻئي جي مدد ڪري ٿو. پاڻ کان سواءِ ٻين جي لاءِ جيئي ٿو. ان ڪارڻ ئي ڀڳوان جي برابري ڪري سگھي ٿو. انساني اوتار ان ڪري ئي ته درلڀ مڃيو وڃي ٿو. ڪنچن نانچند سيٺ واري تلڪچند وٽان ڪانپ مان ڪرمڪانڊ ۽ ورت ڪٿا وارو ڪتاب گھرائي سکڻ لڳي.
    اهو اسو مهني جي ايڪم وارو ڏينهن هيو. ڪنچن صبح جو سويل ئي اٿي ويئي هئي. پر سُتي هجي ته اٿئي نه! سڄي رات من ۾ اٿل پُٿل هلندي رهي. من ئي من لفظ، جملا ٺاهيندي رهي. اٽو پنڻ وڃڻ وقت ڇا چوڻو؟ “ديووِلا” ۾ ته ڪير آيو ۽ ڇا وٺي ويو تنهن جو حساب رکيو ڪونه هيو، هٿ ڪيئن ڦهلائي سگھبو؟ جيڪو هٿ هميشهه مٿان رهيوآهي، ڏيندو رهيو آهي ان هٿ ۾ پنهنجو سڄو استِتوَ سڄو وجود رکي ڪهڙي طرح ڪنهن جي سامهون بيهي سگھبو؟ ڏيندڙ جي اکين ۽ ڏيندڙ هٿن جو مقابلو ڪيئن ٿي سگھندو؟ روئي پئبو ته؟ هيَن اٽو پنڻ کان ته ڪنهن جا ڪپڙا ــ باسڻ صاف ڪرڻ سٺو، پاڻي ڀرڻ سٺو پر هتي ٻهراڙيءَ ۾ اهي ڪم ڪير ٿو ڪرائي؟ ۽ اهو به برهمڻ جي ڄائيءَ کان! پاپ لڳي ته؟ هي پاپ پڃ وارو چرخو به عجيب آهي. ڪنهن جو سوَمان ليرون ليرون ٿي وڃي ان ۾ ڪو هرج ڪونهي، ان کي ويٺي ويٺي ماني ڏيڻ ۾ واندو ڪونهي. اهو توت ڪنهن آرام پسند جيو ئي کڙو ڪيو هوندو.
    ڪنچن چندر ڪانت کي تيار ڪري ٿيلهيءَ ۾ ڪٽورو وجھي ڏنو ته هن اڇلائي ڇڏيو ۽ پوءِ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. ڪنچن ڪنهن کي هنئاري ڏئي؟. ڪنهن کي دلداري ڏئي؟ پٽ کي گود ۾ کڻندي هن پاڻ به روئي ڏنو. ان ڏينهن چندرڪانت گڏ نه هليو. گھر کان ٻاهر پير رکندي هن کي ٿيو اڳيان ست ساگر آهن، ٻيڙي چئو يا پتوار، جيڪو چئو اهو هي هينئون آهي. هاڻ ته پار لهڻ يا ٻڏي وڃڻ ۾ ئي ڇوٽڪارو آهي. ڪنچن ڄڻ پختو ڪيل ارادو ورجائيندي هجي تيئن پاڻ کي چيو ' مان هاڻي ڀلجي وينديس ته مان ڪا مهاديو پرساد وياس جي پوٽي آهيان جنهن جي نالي جون هُنڊيون هلنديون هيون. مان ڀلجي وينديس ته مان ديوشنڪر شڪل جي ننهن آهيان جنهن جي نالي جون سخاوتون ڳالهائن ٿيون. هاڻي مان صرف “ ماءُ” آهيان.
    گليءَ ۾ ايندي بي خبريءَ ۾ پير سَوجي پٽيل جي گھر طرف مڙيا. “ نارايڻ پرسن اسو ود ايڪم ۽ سومر.” مونگھي چاچي هٿ ۾ اٽي چپٽي کڻي آئي. پريان کان ڪنچن کي ڪونه سڃاتائين. پاسي ۾ آئي تڏهن :
    “ ائي مران، ڪنچن تون؟ ” چوندي هن ڪنچن کي ڊوڙي ڀاڪي پاتي. ۽ چوڻ لڳي “ اڙي الا ڪهڙو ڪال پيو آهي .... جيٺي ڀاءُ جي نياڻيءَ مٿي .... جنهن ويچاري هر ڪنهن لاءِ جيرو جلايو آهي ان جي هيءَ حالت .....”
    “نه نه چاچي ائين نه چئه” چوندي ڪنچن آنسون اگھيا. ۽ چيو “ ڀڳوان شل ڪنهن جو آکيرو نه ڦِٽائي بس ايترو ئي گھران ٿي. اها ته وقت وقت جي ڳالهه آهي. ” مونگھي ڪاڪيءَ سان گڏ پاڻ کي هنئاري ڏيندي ڪنچن ڪٽورو وڌايو ان ڏينهن ڪنچن ٻئي ڪنهن جي گھر نه ويئي. واپس موٽي آئي. ان ڏينهن چلهه ڪونه ٻري.
    وقت وڃي رهيو هو. چندرڪانت به اٽو پنڻ ويندو هو. ڪنچن پونم اگيارس تي، وار تهوار تي ڪٿا ــ وارتا ڪندي هئي. ستيه نارايڻ جي ڪٿا ڪرڻ ويندي هئي. هوريان هوريان سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي رهيو هو. ڪنچن ڏٺو ته اڪيلو رهڻو آهي. ذرا سنڀالي رهڻو پوندو. ڳوٺ جي ماڻهن کان فاصلو رکڻ سان خوامخواهه حيرت جو موضوع بڻجي پئبو، ته وري هڪ دم هلي ملي وڃڻ ۾ به مزو ڪونه هيو. گھر کي اوطاق (بئٺڪ) نه ٿيڻ ڏجي. مڌيم مارگ سٺو. ماڻهن جي سهاري هلڻو هيو. انهن جي دک سُک ما ڀاڳ ورهائڻو، مدد ڪرڻي. ڪنهن سان به ايڏو قريب نه ٿيڻو جو ٻيا مڙيئي ڪٽجي وڃن.هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ئي گذريل وقت جي ڳالهه ٻئي سان ڪندي هئي. هونئن به هر ڪنهن ماڻهو کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ ۾ ئي رس هوندو آهي. ڪنچن کي هڪ گرو چاٻي ملي ويئي هئي. هوءَ اڪثر ٻڌندڙ واري ڪردار ۾ رهندي هئي. جنهن ۾ ٻين کي پنهنجائپ لڳندي هئي پر هن جي انتر سنسار ۾ سامهون وارو ماڻهو ورلي ڪو داخل ٿي سگھندو هو. جنهن ۾ ڪنچن جو الڳ ئي اثر پوندو هو. ڊگھي قدوقامت، ڳورو رنگ، شان و شوڪت ۾ پليل شخصيت جو اثر ماڻهن کي متاثر ڪندو هو.
    ڪنچن جو گھر راس ٿيندو ويو پئي پر هوءَ من ئي من ۾ منجھندي رهندي هئي. ڏيڍ ٻه مهنن جيترو عرصو گذري ويو هو، پر هوءَ ٻاهر ويٺي ڪونه هئي. هوءَ طيءِ نه ڪري سگھندي هئي ته ڇا ٿيو آهي؟ ٿي سگھي ٿو ماضيءَ ۾ ٿيو هو تيئن ائين ئي ماسِڪ چڙهي ويو هجي! يا ٿي سگھي ٿو هوءَ پيٽ سان به هجي. سندس نظر ۾ مسلسل ٻه منظر هلي رهيا هئا. “ديووِلا” ڇڏڻ کان اڳ واري رات مڙس سان ماڻيل مڌر کڻ هن جي اندر ۾ جنم وٺي رهي هئي. انهن کڻن جو سمرڻ لون لون جھڻجھڻائي رهيو هو پر اها جھنڪار اڃا سانت ٿئي نه ٿئي ته اتي ئي اوکا بندر واري ڪاري رات ڪڙڪندڙ وڄ جيان ڪڙڪندي هئي. پيرن کان مٿي تائين لوساٽ لڳندي هئي. بندر جي چوڪيداي لاش ڳولهڻ لاءِ آيل ڪنچن کي آڏي واٽ وٺي لٽيو هو ان حادثي جو پاڇو اڄ ڏينهن تائين تر ۾ دٻيو پيو هو،اهو وري مٿي اڀري آيو هو. ڪڏهن ڪڏهن کيس ٿيندو هو ته هِن بت جا بڪا ڪري ڪنهن جنگلي جانور جي اڳيان اڇلائي ڇڏيان ته ڇٽي وڃا پر وري موٽندڙ پل من چوندوهو “ ممڪن آهي تنهنجي اندر ۾ امرت جي آخرين نشاني پلجي رهي هجي” هن جي هٿن جون مٺيون کلي وينديون هيون. “ امرت ڪٿي هوندو؟ هو ٺيڪ نِمرو ته هوندو نه؟ ڇا هاڻ هن ڀوَ ۾ سندس منهن ڏسڻ نصيب ڪونه ٿيندو؟ وچ سير ۾ طوفان جي ور چڙهيل ڪنهن جهاز جي ٽڪرن جيئن هتان کان هُتان هڪ ٻئي کي ڳولهيندي، هڪ ٻئي جي راهه ڏسندي تهه ۾ ويهي رهنداسين؟” ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن کي ٿيندو هو “ منهنجو گوتم هڪ نه ته ٻي ريت مون ساڻ آيو آهي.” هن جي مامتا گوتم لاءِ تڙڦي اٿندي هئي. گوتم جي ياد ۾ هوءَ اهو ڀلجي ويندي هئي ته ممڪن آهي ته امرت هن ٽئين ٻار کي قبول نه ڪري. ٿي سگھي ٿو هن جو من امرت جي ههڙي اوِشواس جي ڳالهه سوچي به نه سگھندو هو.هن کي مڪمل يقين هو ته بلاتڪار جو ٻج وڌي ئي نه سگھندو آهي. ڪڏهن سندس من ۾ آنڌمانڌ مچندي هئي ته عاجز اچي ڪري چئي ڇڏيندي هئي “ ڪک جي مٽي ته منهنجي آهي نه.” ڪنچن بي يقينيءَ جي چڪ تي چڙهندي رهندي هئي، لهندي رهندي هئي ۽ چڪ تي پيل مٽيءَ مان مورت ٺهندي رهي.
    هڪ ڏينهن رُکيءَ پڇيو “ ادي، ڪائون مهنو هلي رهيو آهي.” “ پنجون.” ڪنچن جواب ڏنو. ڪنچن جي آواز ۾ ڪٿي ڪا جھجھڪ ڪانه هئي. جنهن بابت پاڻ کي شڪ ڪونه هيو ان بابت ماڻهن جو شڪ کيس آڏو نه ايندو هو.هن ڪٿي ڪو اناچار ڪيو هو جو ڊڄڻو پويس! ۽ ماڻهو چون ته ڇا ٿيو. هوءَ ڪٿي ڪنهن تي ڀروسو ڪري ٿي؟ نه ته سيتا کي ٻه ٻه ڀيرا پريکيا ڏيڻي پوي ها! جنهن کي وشواس رکڻو هوندو آهي ان کي ثابتيءَ جي ضرورت ناهي هوندي آهي. ۽ اوِشواسُو ماڻهن کي ته ڪير وشواس ڏياري سگھيو آهي؟
    هڪ ڏينهن ڪنچن ڀارت سنگھ جي گھر ويئي. هن جي ماءُ اگيارس جو سيڌو وٺڻ لاءِ گھرايو هو. هيم ڪنوربا ڪمري ۾ ٿالهي پائي رهي اتي ڀارت سنگھ اشارو ڪري پڇيو.
    “ اهو ڪنهن جو آهي؟” هن جي آواز ۾ ڪو راز پڪڙي وٺڻ جو رومانچ هيو.
    “ توکي ڄاڻڻو آهي؟” ٿڌي آواز ۾ سامهون نهاريندي ڪنچن پڇيو.
    “ ها.” چور جي ڏاڙهيءَ ۾ ڪک واري اتسڪتا ڀارت سنگھ جي اکين مان بکي رهي هئي.
    تنهن دوران اندرئين ڪمري مان هيم ڪُنوربا سيڌو کڻي آئي. هن پڇيو
    “ ڇا ڄاڻڻو آهي پٽ؟ ” ڀرت سنگھ ڪجھ چوي تنهن کان اڳ ڪنچن چيو:
    “ ادو اهو پڇي ٿو ته هن جو اصل پيءُ ڪير آهي؟ تڏهن مون چيو اها خبر ته تنهجي ماءُ کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي هوندي؟”
    ڪنچن جي آواز جي ڌار ٻنهي کي رت هاڻو ڪري ويئي. لڄي ٿيل ڀرت سنگھ ۽ شرمسار هيم ڪُنوربا کي ائين ئي ڇڏي ڪنچن هلي نڪتي.سيڌو ورانڊي ۾ ائين ئي پيو رهيو. ۽ ڪنچن وري ڪڏهن به ڀرت سنگھ جي اوٽي تي نه چڙهي. ستين مهني ڪنچن پٽ کي جنم ڏنو پر ......


    21

    ستين مهِني سور چڙهيو ته ڪنچن کي ٿيو، “چلو جلدي ڇٽي وينديس. گھٽ ۾ گھٽ ٻار کي ته ماءُ تي ديا آئي!” گذريل ڪجھ مهنن کان من ۽ تن سان جنهن طرح سان هوءَ حالتن کي منهن ڏيئي رهي هئي ان ۾ ٽڪي رهڻ ئي وڏي ڳالهه هئي. صفا ڦڪو ۽ سڪل سرير وٺي هوءَ ڇُٽڻ جا ڏينهن ڳڻي رهي هئي. ويم وقت ٻار جي سامانيه روئڻ جي بدلي چٻري جي هلڪي رڙ جهڙو آواز ٻڌي هوءَ ڪنبي ويئي.مونگھي چاچيءَ ٻارڙي کي وهنجاري پاسي ۾ سمهاريو ته هڪ گھڙيءَ لاءِ هن اکيون پوري ڇڏيون. دل ڌڙڪڻ ڇڏي ڏيندي هن کي ٿيو “ ٻار جو چهرو ڪهڙو هوندو؟ بند اکين ۾ ڄڻ وري هڪ ڀيرو سمنڊ جون طوفاني لهرون اٿڻ لڳيون. ٻار ۾ ڪنهن به طرح جي حرڪت کي نه محسوس ڪندي هن اک کولي نهاريو ته اهو ماڻهو کان سواءِ ڪنهن جانور ــ سهي يا ڪوئي جهڙو وڌيڪ لڳي رهيو هو. صفا گلابي ڇُهندي به ڊپ لڳي اهڙو.ڪٿي وزن وڌيڪ اچي ويندس ته دٻجي آڪار بدلجي ويندس! سُتيءَ جو هڪ اڌ ڦڙو مڏ لٿو هوندس. هن ته چير جهڙيون چونچيون اکيون کوليون نه کوليون وري ٻڏي ويو . گهري ننڊ ۾ ڄڻ وري گرڀ ۾ نه پهچي ويو هجي! هن جو سست رفتار ۾ هلندڙ ساهه ۽ بنا حرڪت واري حالت ڏسي ڪنچن کي لڳو ته هي ٻار وڌيڪ ڪونه جيئندو.ڪو ڏسي نه وٺي تيئن هوءَ ٻار جي نڪ وٽ هٿ رکي خاطري ڪندي رهندي هئي، ڪڏنهن ڪڏهن هڪ اڻ ڀانيل ٻار کي پالڻ تانتڻ مان مڪت ٿيڻ وارو ويچار حيرت کان وڌيڪ راحت ڏيندو هو. ڪڏهن ٿيندو هئس، هي ٻار بچي ويندو ته ڀوشيه ۾ پتيءَ جو ڀيٽو ٿيندو. امرت جي امانت سمجھي ئي هن پاڻ کي ڪسوٽيءَ تي چاڙهيوهو.هوءَ ڄاڻندي هئي ته حقيقت جو مقابلو ڪرڻ ڪيترو ڏکيو هو. وري ....
    هڪ ته ستين مهني، ڪچن مهنن ۾ پيدا ٿيل پُٽ ۽ وري کاٻي پير ۾ کوٽ وارو. ٻار جي پير جي ايڙيءَ جو هڏو ٽيڏو هو ان ڪري پنجو پوئين طرف مڙيل هو. ٻنهي پيرن جون ڄڻ دشائون ئي الڳ الڳ هيون. ڪنچن کي ٿيندو هو، هي ٻار هن جُڳ جو سنتان آهي. ڀارت کي آزادي ملي آهي پر مون جهڙو ڀارت ماتا جو سنتان پنهنجن ٻنهي پيرن تي بيهي سگهڻ جي قابل شايد ناهي پيدا ٿيو.جهڙي ريت سڄو هڪ جنم هاڻ پرائي ملڪ ۾ رهي ويو آهي اتي هاڻي ايندڙ وقت سان ڪهڙيءَ ريت قدم تال ملائي اڳيان هلندي؟ پتي امرت بنا هاڻ گھرو زندگي ڪارتڪ جيان منڊڪائي هلندي ڇا؟هڪ ڀوائتي سپني جيان ويچار ايندي ئي هوءَ ڏڪي ويندي هئي.
    چندرڪان ننڍي ڀاءُ جو نالو رکيو ڪارتِڪ. ارُوڻا کيس ڪاڪو چئي چاڳ ڪرائيندي هئي. ننڍي ڀاءُ تي وڏن ڀاءُ ڀيڻ جو پيار وسندو ڏسي ڪنچن پاڻ کي خاطري ڏياريندي هئي “ هي بلڪل امرت جو سنتان آهي. رت کي ئي رت جي ڇڪ ٿيندي آهي.” پر جڏهن سمتا پڇندي هئي.
    “ گوراڻي امان، هي تنهنجو جو ڪاڪو ته صفا ٻي ڀانت آهي. ناهي تو جهڙو ۽ ناهي ٻين ڀائر ڀينر جهڙو. خبر ناهي ڪنهن جهڙو آهي؟” سمتا جو سوال ڪنچن جي ڪليجي ۾ گونجڻ لڳندو هو. ان پڙاڏي اڳيان ڪن لاٽار ڪندي چوندي هئي “ منهنجي وڏي سُهري جهڙو آهي.”
    کوٽ واري ٻار جي ڄمڻ جي خبر ملي ۽ هري پريا ڪنچن کي پڇڻ لاءِ هلي آئي. نه ته هونئن ته قليل ئي ڪڏهن هوءَ درٻارگڊ کان ٻاهر نڪرندي هئي. ڳوٺ ۾ آڱرين تي ڳڻي سگھجن ايترين مائين سندس منهن ڏٺو هوندو. شاديءَ جي موقعي تي سس سُهري جي ناراضگيءَ جي وجهه سان لوڪ چرچا جو وشيه بڻي هئي ان جي ڪارڻ به ظاهر ۾ سڀني سان هلڻ ملڻ ٽاريندي هئي. وري پاڻ به پردي جي خلاف. درٻارگڊ ۾ هونئن به طوفان اٿندا رهندا هئا انهن ۾ خوامخواهه هڪ جو اضافو ڪرڻ. هري پريا پاڻ کي محل ۾ اڪيلو قيد ڪري ڇڏيو هو. پر ان محل جي سانت جل ۾ ڪنچن جي ڪراچيءَ مان ڀڄي اچڻ بعد هڪ حرڪت آئي هئي. ڪڏهن جيوي جي ننهن ڪيسر ڳوٺ جو ڳالهيون آڻيندي هئي ته ڪڏهن الپ جھلپ اشارو ڪنچن جو ملي. هري پريا ڪنچن جي پيڙا کان اڻڄاڻ ڪونه هئي. بلڪ ڪنهن حد تائين سهڀاڳي به هئي. پهريون ڀيرو ڪنچن هن جي اوٽي تي چڙهي ۽ چيو.
    “ نارايڻ پرسن ڪارتڪ سُد نوم ۽ شڪروار” اڳيان وڌايل پيالي ۾ اٽو وجھندي هري پريا ڪنچن جي اکين کي اکين سان پڪڙيندي پڇيو هو.
    “ آشيرواد ڪونه ڏيندينءَ امان؟”
    “ مون وٽ آهي ڇا جو ڏيانو. ” آشا اپيڪشا جي گهري ملبي هيٺا نستيج جواب آيو.
    “ توهان کي ساهيڙي چوڻ جو حق.”
    ان ڏينهن کان پوءِ ڪنچن ۽ هري پريا هڪ ٻيءَ کي ڪڏهن “ ساهيڙي” ته ڪڏهن “سکي” چئي سڏينديون هيون. ٻنهي جي دير رات تائين رهاڻ ڄمندي هئي. هري پريا جيوي جي ننهن ڪيسر کي وٺي رات جو ويهڻ ايندي هئي.ان رات ڪنچن کي پڇڻ آئي هئي ته گڏ ڪيسر ڪونه هئي. ڪارتڪ جو پير ڏسي ڪنچن کي احمدآباد وڃڻ جي لاءِ چيو. احمدآباد ۾ ڪو پرديسي ڊاڪٽر ڪوڪ آهي. هري پريا جي ڀائٽيي کي ڄمڻ وقت پير ۾ اهڙي ئي کوٽ هئي. ٽن کن آپريشنن کان پوءِ سال کن ۾ ٺيڪ ٿي ويو هو. کن پل لاءِ ڪنچن کي ٿيو جلد وڃڻ گھرجي پر آپريشن ۽ دوائن جو خرچ ڪٿان ايندو؟. هتي مڏ دال ماني ملي ٿي. ڪنچن جون اکيون آليون ٿي پيون. ڪراچيءَ ۾ “ماتاشري شاردامڻي ديوي اسپتال” ۾ پنجاهه بسترن واري وارڊ جو ارپڻ ڪنچن جي هٿان ٿيو هو. ڪراچي ۾ سماجواڙين، دواخانن، مندرن، ڌرم شالائن، اسڪولن، باغيچن، کان وٺي ڦوهارن ۾ ديوشنڪر شڪل جو دان هوندو هيو.
    هري پريا ڪنچن جو من ٻيءَ موڙڻ لاءِ پڇيو، “ چندرڪانت ڇا۾ پڙهندو آهي؟”
    “ اتي ته گجراتي ٽئين ڪلاس ۾ هو، هاڻي هت جنهن ۾ ويهارين اهو صحيح. تو وِنودبا کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو آهي يا نه؟”
    “ ساهيڙي تون به ڇا با، با ڪندين رهندي آهين؟”
    “ اڙي ادي ننڍي هيس تڏهن هڪ ڀيرو هڪ درٻار جي ڌيءَ کي توڪارو ڏنو هيم ته ماستر ۽ ماءُ ٻنهي جي مار کاڌي هيم.”
    اهو ته سڀ ويو هاڻي راڄواڙا ويا، خير ونود کي احمدآباد ڀاءَ جي گھر پڙهائيءَ لاءِ ڇڏي اٿم. حالانڪ هائيڪم با ناراض آهن.”
    “ ڪير تنهنجي سس؟”
    “ها، صاحب سندس ماءُ جو نالو رکيو آهي. هونئن ته انگريزيءَ ۾ ٿيندو آهي هاءِ ڪمانڊ پر انهيءَ جو هت ديسي ڪري ڇڏيو اٿن.”
    ڪنچن ڏٺو. مذاق ڪندي هري پريا جو آواز ڪجھ ڀنل هو. پٽ جو پنهنجي مرضيءَ سان پرائي جاتيءَ مان شادي ڪرڻ وارو گھاءُ ورهيه گذرڻ بعد به جيجي امان ڀلجي نه سگھي هئي. پٽ پنهنجو نه رهيو ته سندس پرجا کي به ماءُ ــ پيءُ کان جدا ڪرڻ جو هن کي ڊپ هيو. پريم جي نالي هو هري پريا جي ٽنهي ٻارن کي هڪ مخالف ڌر طور پالي رهيو هو. هري پريا سندس گڊ (قلعي) ۾ کاٽ هنيو.
    “ منهنجي زندگي ته بهت گئي ٿوڙي رهي. هيڏا سال ٿيا پر اڃان به ڄڻ گھر ۾ مهمان آهيان. ناهي پنهنجي هٿان پتيءَ کي ٿالهي پائي ڏني، نه پنهنجي هٿان ٻارن کي وڻندڙ کاڌو کارايو آهي. وڃڻو هڻندي پاسي ۾ ويٺل سس جي چوڪي پهري کان بچندي مونکي ڏور جاليءَ مان پتي ۽ ٻارن کي ڏسڻو پوندو آهي. مان ته ڪوءڙا ڍڪ ڀري ويئي آهيان. ڪو اسان جي پيار سامهون آڱر نه کڻي انهيءَ لاءِ، پر هاڻي ٻارن جي آئندي جوبه ته ويچار ڪرڻو پوندو نه.” چوندي هري پريا جون اکيون ڀرجي آيون.
    دکي ٿيندي ڪنچن هري پريا جي ڪلهي تي هٿ رکيو. وڃڻ جي اجازت وٺندي هري پريا چيو“ چڱو هاڻي هلان ٿي. دير ٿي ويندي ته هيکلي ويندي اونداهي لڳندي.”
    “ ڇو ڪيسر ڪونه آئي؟”
    “ ڪيسر هاڻي هائيڪم با جي قبضي ۾. محل جي دري به بند.”
    هري پريا هلي ويئي پر ان رات ڪنچن دير تائين سُمهي ڪانه سگھي. چوڻ جي لاءِ هيڏي سک ۾ هن طرح جيئڻو؟ اهو به ڪو جيون آهي؟

    ***

    ڪارتڪ وڏو ٿيندو پي ويو.ڪنچن پنهنجو يا پرايو واري اڻتڻ ۾ کيس سانڍيندي پي وئي. ٽيئي ڀائر ڀينر رات جو سمهندا هئا ته قنديل جي روشنيءَ ۾ کين ڏسندي رهندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ڪارتِڪ امرت جو انش لڳندو هو ۽ سندس هينئون ڇال ڏيندو هو. ۽ ستل ڪارتڪ کي ڇاتيءَ سان لاءِ چمين جا وسڪارا ڪري ڇڏيندي هئي. ننڊ مان جاڳي ڪارتِڪ روئڻ لڳندو هو. ڪنچن کيس سمهارڻ لاءِ لولي ڏيندي هئي. ته ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن کي لڳندو هو ته هي ڇوڪرو ببو نه پر سندس سک چئن چوسي رهيو آهي. وقت ويندي ڪنچن جي اها وچيتر مانسڪ اسٿتي ٻارن کان به لڪي ڪونه رهي. چندرڪانت ڏسندو هو ته ماءُ هروڀرو ڪارتڪ جو پاسو کڻي ٿي، ته ڪڏهن ڪڏهن وري ننڍڙي ڳالهه تي به ڍور مار ماري ٿي. ان حالت ۾ ڪارتڪ لاءِ هڪڙو ئي سهارو هيو اروڻا.
    ڪنچن نالو ته سندس سوچي ويچاري رکيو هو. هن جي جنم ٽاڻي انگريز سرڪار سواتنتريه سيناني اروڻا عاصف علي جي سر تي انعام ظاهر ڪيو. پر اروڻا ۾ جوالا جي تپش کان جيوت جي روشنيءَ جو وڌيڪ احساس ٿيندو هو. ڪنچن کي لڳندو هو، اروڻا جو سُڀاءُ امرت جي ماءُ انسويا جهڙو هو. گنگابا گھڻا دفعا هن جي ذهانت، ڏاهپ ۽ عقل جي واکاڻ ڪندي هئي. اروڻا پهرين نظر ۾ تڪڙي لڳي، ڪڏهن ڪڏهن اڀِماني به. هوءَ تمام ٿورو ڳالهائيندي هئي. هن کي بس هڪڙو ئي شوق. اڪيلي اڪيلي ڪم ڪندي رهندي هئي ۽ گيت ڳائيندي رهندي هئي. ڪنچن کان اهو لڪل ڪونه هو ته هوءَ اروڻا تي حيثيت کان وڌيڪ وزن وجھي رهي آهي پر ٻي واهه ڪونه هئي. ڪڏهن ڪڏهن ڪنچن دکي ٿيندي هئي ته اروڻا “ اهو ته مونکي ڏاڍو وڻندو آهي” چئي سڄي ڳالهه کي موڙي وٺندي هئي. جڏهن جڏهن ڪنچن ڪارتڪ کي ڇڙٻيندي هئي تڏهن ڌيري ڌيري هوءَ ڪارتڪ کي پاڻ ڏاهن ڇڪي وٺندي هئي. پنهنجي سڀاءَ کان لاچار ڪنچن ڏسندي رهندي هئي. اڳيان اروڻا ۽ پويان پويان ويندڙ ڪارتِڪ کي ڏسي هن کي پنهنجو ۽ ڀاءُ وشوناٿ جو ٻالڪپڻ ياد اچي ويندو هو. ڇا اروڻا جي قسمت ۾ به پاڻ جهڙي اڻکٽ پيڙا لکيل هوندي؟ ڪنچن دکي ٿي ڪنبي ويندي هئي.
    اروڻا هن سال ڇهين درجي ۾ آئي هئي. چندرڪانت سال کان ڪانپ ۾ برهمڻ بورڊنگ ۾ رهي هاءِ اسڪول ڪندو هو. هونئن ته خرچ کڄي سگھي ائين نه هيو پر هن ڪنچن کي بنا ٻڌائڻ جي درخواست ۾ وڌوا براهمڻيءَ جي پٽ طور لکرائي فيس ۽ خوراڪ وارو خرچ معاف ڪرائي ورتو هو.ڪنچن ته اهو ئي سمجھندي هئي ته هن جو ماستر هن کي مدد ڪندو آهي. حالانڪ اسڪول ۾ فيس معاف ٿيندي هئي ۽ مٿان وري ڪتاب به ملندا هئا. ان ۾ آوڪ جو ذريعو واري خاني ۾ ماڌوڪري لکڻو پوندو هو. چندرڪانت جا دوست ائين ئي سمجھندا هئا ته کيتيءَ جي اپت مان ماڻس گھر هلائيندي آهي. چندرڪانت پڙهائيءَ ۾ ٺيڪ هو. خاص طور سان سندس گڻت (حساب) سٺو هو. بورڊنگ ۾ ئي هن کي ٽي چار ٻار ٽيوشن ڏيڻ جي لاءِ ملي ويا هئا. ڪنچن هٿ خرچيءَ لاءِ ٿورا گھڻا ڇٽا پيسا ڏيندي هئي جن کي چندرڪانت جمع ڪندو ويندو هو. ڪڏهن ڪنهن دوست کي ضرورت پوندي هئي ته اوڌر ڏيندو هو. بدلي ۾ دوست کي هڪڙي فلم ڏيکارڻي پوندي هئي.
    ڪارتِڪ کي اسڪو ۾ داخلو ڏياريو هو. جنهن کي پنج سال پورا ٿي ويا هئا پر اڃا به کيس هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هئي. سالم پير جي گوڏي تي هٿ رکي هو کوٽ واري پير کي کينچي وٺندو هو. پير جو پنجو آڏو ٿي گهلجندو هو. ڌوڙ، کڏن کوٻن، پٿرن ڪڪرن ۽ گپ چڪ وارن رستن تي هلندي ڪڏهن ڪڏهن سندس پنجو رتوڇاڻ ٿي پوندو هو. ڪنچن پهريون ڀيرو کيس اسڪول ڇڏڻ ويئي ته ماستر پڇيو:
    “پڻس حيات آهي؟” پوءِ ڪنچن جي نراڙ سامهون نهاري ڪنڌ جھڪائي ڇڏيائين.
    “ ها، ڪمپالا ۾ ڌنڌو ڪندو آهي.”
    “ ڀيڻ، هڪڙي ڳالهه پڇانو. مٺي نه ڀانئجان. پر پرديس ۾ واپار ڌنڌو آهي ۽ ڇوڪري جي پير جي دوا به ڪونه ٿا ڪرايو.”
    “ توهان سوچيو ٿا ائين ڪونهي. احمدآباد ۾ ڊاڪٽر ڪوڪ هن کي چڪاسي چيو هو ته آپريشن سان به هي ڪيس سڌري تهڙو ناهي. ” ڪنچن جي آواز ۾ ڪوشس ڪرڻ جي باوجود به ڪوءڙاڻ اچي ويئي.
    ماستر ته خاموش ٿي ويو پر ڪارتڪ جي سوالن کي ٽارڻ مشڪل هو.
    “ اگر بابا آهي ته پوءِ اچي ڇو ڪونه ٿو؟ ٽپال ڇو ڪونه لکندو آهي؟ تون سچ پچ مونکي ڊاڪٽر ڪوڪ وٽ وٺي ويئي هئينءَ؟ ” ماءُ مٿي اوشواس ڪرڻ جو به ڪارڻ هو. هو ڏسندو هو ته ٻيا مائٽ پنهنجن معذور ٻارن کي وڌيڪ پيار ڪندا هئا. سندن ور ڳالهائيندا هئا. پر ماڻس ته کيس ڪنهن به ڳالهه ۾ ذرا به ڇوٽ نه ڏيندي آهي. هن جو اصول هوندو هو ته هرڪنهن کي پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻو آهي. کوهه تي ڪپڙا ڌوئڻا هجن تڏهن اروڻا سان گڏ ڪارتڪ کي به وڃڻو پوندو هو. کوهه مان پاڻي ڪڍڻو پوندو هو. ڪارتڪ کي سٺو نه لڳندو هو پر ڪنچن مڃيندي هئي ته ڪارتڪ کي ٻيڻي محنت سان قدرت واري ڏنل کوٽ واري ڪمي پوري ڪرڻي پوندي. معذور لاچار پٽ جي ماءُ چَورائڻ هن کي پسند نه هيو. حالانڪ ڪنچن کي اهڙين ڳالهين تي ڪڏهن ڪڏهن جنون سوار ٿي ويندو آهي ائين به لڳندو هو. ڪارتڪ هميشهه اڻتڻ ۾ رهندو هو. هو طيءِ نه ڪري سگھندو هو ته ڇا ڪرڻ سان امڙ ناراض نه ٿيندي. ڪنچن ڪنهن به پل کيس جھڙپ ۾ وٺي ڇڏيندي هئي. هو ماءُ جي مامتا به نه سمجھي سگھندو هو. هو گُھٽجي ويندو هو. ڪنچن جي حالت عجيب هئي. ڪناري تي رهي نه سگھندي هئي ۽ وهڪري ۾ ڀڄڻو نه هيو. ڪارتِڪ ايڏو ڪجھ ته سمجھي نه سگھندو هو پر آزمودو ته هوس. هو ڏسندو هو ته جنهن سهجتا ، آساني ۽ مڪت من سان وڏو ڀاءُ ۽ ڀيڻ ماءُ سان هلي چلي سگھندا هئا اهڙو ورتڻ هو ڪونه ڪري سگھندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو هو ته هنن ٽنهي ڄڻن کان پاڻ مختلف آهي. اڻ ڀانيل آهي، ٻاهريون آهي ان ڪري ڳورو ناهي.
    ڪارتِڪ کي ٿيندو هو ته، وڏي ڀاءُ سان پنهنجي پيڙا جي ڳالهه ڪري ڏسان. پر چندرڪانت موڪلن ۾ گھر ته ايندو هو پر ڪنهن مهمان جيان گھڻو گھٽ ڳالهائي. گھر ۾ اچي اتان کان ڌوڙ دز ڇنڊيندو رهندو آهي. ويٺو هجي ويچار ۾ ته پري کان ڪارتِڪ کي لڳي ته ادا ڪجھ ڳڻي رهيو آهي. ڪارتڪ حساب ۾ ڪمزور هو پر چتر ٺاهوڪا ٺاهيندو هو. ڪارتڪ جو رزلٽ ڏسي چندرڪانت ايترو ئي چيو “ انهن چترن مان ڪجھ ڪونه ملندءِ. امان هن کي توسان گڏ اٽي لاءِ وٺي ويندي ڪر. پڙهي ڪجھ پائي ڪونه سگھندو.” ان وقت ڪارتِڪ ڏسندو هو ته امڙ جو چهرو ڍال جهڙو سخت ٿي ويندو هو. ڪارتِڪ کي سٺو لڳندو هو. ڪنچن ڪارتِڪ کي ڪڏهن به ججمان جي ڪم لاءِ ڪنهن جي گھر نه موڪليندي هئي. هن کي سخت نفرت هئي ته ڪو هن جي پٽ کي ديا جي نظر سان ڏسي. هن کي ڪارتِڪ جا چتر وڻندا هئا پر گڏوگڏ چنتا به ٿيندي هئي ته هن جو ڇا ٿيندو؟
    ان سال چندرڪانت مئٽرڪ جو امتحان ڏنو. هن کي ڪاليج جي پڙهائي ڪرڻي هئي. جنهن لاءِ هن کي احمدآباد وڃڻو پوي. وري ڪاليج جو خرچ به ڪافي هو. موڪلن ۾ اچڻ کان اڳ چندرڪانت ڪانپ جي گارڊي سيٺ جي سفارش سان ڪاليج جي اڀياس لاءِ اسڪالرشپ جو انتظام ڪري ورتو هو. ڪنچن کي خبر پيئي ته هن چيو“ سٺو ڪيو، تون هاڻي احمدآباد وڃين ٿو ته اروڻا کي به وٺندو وڃ، ايندڙ سال هاءِ اسڪول ۾ ايندي. هتي ته ستين درجي تائين اسڪول آهي. احمدآباد ۾ ٻئي ڀاءُ ــ ڀيڻ روم رکي رهجو ۽ پڙهجو. اروڻا هوندي ته توکي گھر جهڙي سٺي روٽي ملي رهندي. تنهنجي صحت سٺي رهندي ۽ اروڻا جي پڙهائي.”
    “ پر اما اروڻا اڳتي پڙهي ڇا ڪندي؟” ڪنچن کي لڳو ته ڇا منهنجي سانڍڻ ۾ ڪا ڪمي رهجي ويئي آهي ڇا؟
    چندر ڪانت ويو. ڪنچن سوچيندي رهي، ڇا اَنَ جدا ته انهن جا من به جدا؟ هڪ ڀيرو گھر ڇڏڻ بعد وري ڪڏهن واپس اچي نه سگھبو آهي ڇا؟. ته پوءِ امرت .....


    22

    چندرڪانت ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ احمدآباد ويو. پهريون ڀيرو هو ڪانپ ۾ ويو هو ته ڪنچن جي من ۾ ائين هو ته هڪ ٻن سالن ۾ واپس ئي اچڻو آهي نه؟ پر جڏهن هن احمدآباد وڃڻ جو طيءِ ڪيو ته ڪنچن جي من ۾ اڊڪو پئجي ويو. هن کي ٿيو هاڻي چندرڪانت ڪڏهن به واپس ڪونه ايندو. هن کي چندرڪانت جو وڃڻ ڏاڍو ڏڪائي ويو. ڪنچن ڄڻ پٽ جو من پڙهي پي سگھي. چندرڪانت کي ڳوٺ جي لاءِ ڪو ڀاو ڪونه هيو. جنهن حالت ۾ ڳوٺ ۾ رهڻ ۽ جنهن ريت رهڻ قبولڻو پيو هو ان ۾ اهڙو ڪو خاص ڀاو نه جاڳي اهو ڪو اسڀاوڪ ڪونه هيو. پر ڪنچن کي هيو ته چندرڪانت گھر، ماءُ ۽ ڀاءُ ڀينر جي مايا ته ٻڌي رکندو. پر ڪنچن کي لڳو ته چندرڪانت ڳوٺ کان ڇٽڻ چاهيندو هو. ڳوٺ ڄڻ هن کي هن جي مجبور ـــ لاچار ماضيءَ جي ياد ڏياريندو هيو. ڪنچن من کي مڃائيندي هئي. چهنب کنڀڙاٽين وارا ٿيڻ بعد ڪنهن جا ٻچا آکيرو جھلي ويٺا رهندا آهن؟ پر هينئر هينئر کان چندرڪانت جي غير حاضريءَ ۾ هن کي امرت جي ڪمي وڌيڪ محسوس ٿيندي هئي. هوءَ سوچيندي هئي، ڪٿي هوندو امرت؟ هوندو به يا ...... ترت ئي من کي موڙيندي هئي. ڪٿي هيڻو، هچارو ويچار نه اچي وڃي. گنگابا گھڻا دفعا چوندي هئي ، ذرا به ڪمزرر نه ويچارجي، خبر ناهي ڪهڙي پل ، ڪهڙي گھڙيءَ ويچار سڦلو ٿي وڃي! امرت ڪٿي هوندو؟ ڪمپالا پهچي سگھيو هوندو يا ماڳهين ڪراچي ئي نه ڇڏي سگھيو هوندو؟ ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن ته ڪراچيءَ ۾ ئي رهي ويو هو هن کي زوريءَ ڌرم تبديل ڪرايو ويو آهي. جان بچائڻ جي لاءِ ڇا نه ڪندي آهي انسان جي ذات؟ ڇا امرت کي به مذهب تبديل ڪرڻو پيو هوندو؟ ٽيلن ٽپڪن ۽ جڻئي جي بدلي ڏاڙهي ۽ طهر ڪرائڻ سان مذهب بدلجي ويندو آهي ڇا؟ چئني پاسن کان گھيريل جيو جي زبان مان الله جي بدلي ايشور نڪري وڃي يا ايشور جي بدلي الله ته ان ۾ ڪٿي ڪو آسمان ٽٽي پوڻو هو؟ ڊپ سان ماڻهو جي مذهب جي ڀاشا بدلائي سگھجي ٿي پر ان جي پيڙا ڀريل پرارٿنا کي آتما جي ارداس کي بدلائي سگھجي ٿو ڇا؟
    ڪنچن پاڻ تپاس ڪندي هئي. هوءَ پهريان به ڀڳوان کي پوڄا ــ ڏيو ڪندي هئي ۽ اڄ به ڪندي آهي. خاص ڪو فرق ناهي پيو. هوءَ ستيه نارايڻ جي ڪٿا ڪرائيندي آهي، وار ورتولا ۾ پوڄا ڪرائيندي آهي جنهن سان هن جي ڌارمڪتا ناهي وڌي يا ناهي گھٽي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪرم ڪانڊن جي جڙتا ۽ قدامت پسنديءَ جي ڪارڻ سندس من کٽو ٿي پوندو هو. ماڻهن کي ته وڌي وڌانن ۾ ئي رس هو. ورت پوڄا ڪندي يا ڪٿا ٻڌندي هڪ ٻئي جي ايرکا کان يا کڏون کوٽڻ کان نه هٻڪندا هئا.ڪنچن انهن جي اکين جي ڦرڻ ۽ چپن جي چرڻ مان ٻڌي وٺندي هئي “ ڏس ڙي امان، ڪيڏي نه ٺهي بني آئي آهي ڀڳوان کي پاڻ پسائڻ لاءِ.” يا “ ڏاڍي ٽرڙي آهي وجھ ملي ايتري دير آهي ڏسج ڪيئن ٿي ڪيرايانس!” پوڄا ۾ آرتيءَ جي پيسن ۾ گول مال ڪندي يا هڪ ٻئي جي ٿالهيءَ مان ڪمل پنکڙيون سيريندي ماڻهن کي ڏسي ڪنچن کي ٿيندو هو، ڀڳوان اهو سڀ ڏسندو هوندو؟
    چندرڪانت اروڻا کي اڳتي پڙهڻ جي اڻسڌي نموني منع ڪئي ان وقت ڪنچن خفا ٿي. اروڻا ڇوڪري آهي ان ڪري نه پڙهندي ته هلندو ۽ پاڻ ڇوڪرو آهي ان ڪري کيس پڙهڻ جو حق آهي. چندر ڪانت ڀلجي ويو هو ته اگر ماڻس ٻه اکر پڙهيل هجي ها ته هن طرح گھر گھر مان اٽو پنڻ جي نوبت نه اچي ها! هو ڀلجي ويو هو ته گھڻا ڀيرا پنيل اٽو ۽ پنيل لسي کائي پي ڏينهن ڪاٽيا آهن! هو ڀلجي ويو هو ته ننڍڙي اروڻا ڳُڙ لاءِ ضد ڪيو هو ته کيس ماڻس جي مار کائڻي پئي هئي! ڀلجي ويو هو ته پيسن جي کوٽ جي ڪري ننڍڙو ڀاءُ ٽنگون گهليندو هلندو آهي! ڪنچن کي ٿيو پيٽ ڄائي کي اهو سڀ ياد ڪرائڻو پوندو! ان کان ته ڪراچيءَ واري سمنڊ ۾ ٽپو ڏنو هيو ته سٺو هو. پر ڪنچن ڄاڻندي هئي ٻار جيئڻ جو آڌار آهن ته جيئڻ جي لاچاري به. ننڍڙي ننڍڙي شيءِ لائي تڙڦندڙ ٻارن جي اک ۽ خالي هٿ ڏسڻ لاءِ جيتري همٿ جي ضرورت پوندي آهي ان کان گھڻي گھٽ همٿ جي ضرورت هوندي آهي آتم هتيا ڪرڻ ۾! بس هڪڙي وچن جي خاطر، بس هڪڙي ڇڊي پاڊي آس جي ڏوريءَ تي ٽڪي رهي هئي ڪنچن!
    “ اروڻا کي پڙهائڻو ته آهي ئي، چاهي جيڪو ٿئي.” پڪو پهه ڪري ڪنچن تلڪچند وٽ ويئي. تلڪچند ۽ ڪنچن تقريبن هم عمر هئا. تلڪچند ڇوڪري سٺي خراب ڪرڻ ۾ دير سان پرڻيو.ڪجھ نخرا هن ڪيا ۽ ڪجھ ڇوڪرين جي مائٽن. ٻهراڙيءَ ۾ ڇوڪري ڏيڻ ۾ راضي ڪونه هيا. پهرين پسند احمدآباد ممبئي جي سيٺين طرف هوندي هئي. تلڪچند جو ڳوٺ ۾ هڪڙو ننڍڙو دُڪانڙو پر خاص واپار ته ڌيرڌار جو.ڳوٺ ۾ هاري گھڻا ۽ هيءَ ته وري جھالاواڙ جي ڌرتي. هتي برسات هلندي ڀلجي وڃي. تلڪچند جهڙن واپارين لاءِ گيهه ڪيلا. کرا نڪرڻ ٽاڻي هاري چوپڙا صاف ڪرائين ۽ وري پوکيءَ ٽاڻي چترائڻ لاءِ حاضر ٿين. ڪنچن تلڪچند جي گھر پهتي تڏهن سندس ننهن جَھوير اندرئين ڪمري ۾ ٻوڪي ٻڌي پاٺ پڙهي رهي هئي. جھَوير ڌارمڪ سنسڪارن واري هئي. تنهن ۾ به شادي جي گھڻن سالن بعد ڌيءَ ڄمڻ کان پوءِ پٽ پراپت ڪرڻ لاءِ سندس ڌارمڪ مشغوليت ٻيڻو زور پڪڙيو هيو. حالانڪ اڃا تائين سندس اها من مراد پوري نه ٿي هئي.اوسريءَ ۾ پيل پنگھي ۾ ڏيڍ سال جي ڀاونا سُتي پئي هئي. ڪنچن کي ڏسي جھولي ۾ ويٺل تلڪچند اخبار ويڙهيندي چيو:
    ڀلي ڪري آيون ادي . گھڻن ڏينهن بعد توهان ڀلجيون آهيو. ننڍپڻ ۾ ڪنچن کي چيڙائيندڙ تلڪچند هاڻي کيس توڪارو نه ڏيئي سگيو.
    “ ادا، مان ته روز ڀلجندي آهيان نه! پر توهان هي مونکي “ توهان” چئو پيا، مان ته توهان کان ٻه سال ننڍي آهيان.”
    “ ٻه سال اهو ڪو وڏو فرق ڪونهي ادي. ۽ سڀان توهان جو ڇوڪرو پڙهي ڳڙهي تيار ٿيندو ۽ ڇوڪري آڻيندو.
    “ ادا ڳالهه به ڇوڪريءَ جي ڪم جي کڻي آئي آهيان.”
    “ ٻڌايو، ٻڌايو، من ۾ ذرا به کٽڪو نه رکجو.”
    “ اروڻا جي ڀوشيه جو سوال آهي. هيترن سالن ۾ پهريون ڀيرو سوال ڪرڻ آئي آهيان. حالانڪ هونئن ته اسان ماءُ ـ ٻار توهان سڀني جي آسري جيئون پيا.”
    “ ائين نه چئو، توهان ڳوٺ ۾ آيون آهيو ته ڳوٺ جو به فائدو آهي نه. هنن مائين کي ٻه سٺيو ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ ملن. مان شروع کان ئي چوندو رهندو هوس پر سڀني کي واڻئين جي ڳالهه مان سوارٿ جي ڌپ ايندي هئي. پر توهان دلتن جي پاڙي ۾ مٺي پاڻيءَ جو کوهه ڪرائي ڏيئي ڪيڏيون نه دعائون ورتيو آهن. توهان ڪونه هونديون ته به ماڻهو با جي کوهه کي ياد ڪندا رهندا.”
    ڪنچن شوڪارو ڀريندي چيو:
    “ اڃان جيئڻ جو جنجال پورو ناهي ٿيو. موئي پڃاڻا ڪنهن ڏٺو آهي.”
    “ ٻڌايو، ڪهڙي ڪم سان آيون آهيو؟”
    “ اروڻا کي ستين درجي کان پوءِ پڙهائيءَ لاءِ موڪلڻو آهي. چندرڪانت آحمدآباد ۾ آهي، پر اڃا ٻار آهي. جوان ڀيڻ جي ذميداري سندس مٿي تي نه رکجي ته سٺو. توهان جي احمدآباد ۾ ڪا سڃاڻپ هجي يا اهڙو ڪو خانداني گھر هجي. جتي ڇوڪري رهي، پڙهي ۽ گھريلو ڪم ڪار ۾ مدد به ڪري .”
    ڏس ادي پيٽ جي ڳالهه ڪريان. گھر ته گھڻا ئي آهن، منهنجي سالي جو گھر. واپاري ۽ خانداني. پر اتي ٻار پڙهي نه سگھي. ڪم ۾ ئي ڪَتجي وڃي ۽ مٿان وري ڪنهنجو هٿ ٿورو. ان کان ته سٺو آهي ته اروڻا کي ڪنهن سنسٿا ۾ ڇڏجي جيئن هوءَ هر طرح سان تيار به ٿي وڃي. گھڙجي وڃي. اسان جي ڪانپ ۾ “ وڪاس گرهه” نالي سان پشپا بين مهتا جي سنسٿا آهي. منهنجي ماءُ گذاري ويئي هئي ته مون ڪارج ڪونه ڪيو هو. ان جي بدلي “وڪاس گرهه” ۾ دان ڏيئي ڇڏيو هو. ٽرسٽين ۾ منهنجي سڃاڻپ آهي، اتي نراڌار ڇوڪرين کي آسرو ملندو آهي ۽ پيرين ڀر ڪرڻ لاءِ پڙهائيندا به آهن.
    “ ان ۾ اروڻا کي داخل ڪندا؟”
    “ ها، اهو ذرا ڏسڻو پوندو. توهان چنتا نه ڪريو. مان جانچ ڪندس. اها ذميواري منهنجي.”
    پٺن پورو ڪري جھَوير ڪمري مان ٻاهرآئي.
    “ ڪنچن بين جو خير ٿئي، ادي اروڻا کي پڙهائي ڇا ڪندينءَ؟ ڌيءَ ڌڻ. هن کي ته رنڌڻو ئي ڪٽڻو آهي نه؟ لکڻ پڙهڻ اچيس ٿو اهو ئي ڪافي آهي.”
    ڪنچن کان رهيو نه ٿيو.
    “ ڀاڄائي ايندڙ ڏينهن ڪنهن ڏٺا آهن؟ توهان ڌيءَ کي ڀلي ڪيترن ئي لاڏن ڪوڏن سان گھر ۽ ور ڳولهي ڏيئي سون جي ڀِٽ تي ويهاريو هجي پر نه ڪري نارايڻ ۽ ..... هٿ ۾ جيئڻ جوڳي شيءِ هجي ته مون جيان پنڻو ته نه پوي. ”
    جھوير ڪجھ چوي تنهن کان اڳ پينگھي ۾ ڇوڪري رني. جھوير هن کي کڻي تلڪچند جي هنج ۾ ڏني ۽ چيو:
    “ توهان هيءَ ذميواري ڀلجي نه وڃجو. ٻين جي چنتا ۾” پوءِ ڪنچن سامهون منهن ڪندي چيو:
    “ چانهه پيئندينءَ نه ادي؟ ”
    “ نه ڀاڄائي اڄ پونم جو اُپواس اٿم. چڱو ته هاڻي جئه نارايڻ.”
    ڪنچن گليءَ ۾ نظر کان اوجھل ٿي ته جھوير در بند ڪندي چيو:
    “ مڙس جيئرو آهي يا نه تنهن جي ڪا خبر ناهي ، ويٺي پونم جا اُپواس ڪري.”
    ، ماڻهوءَ جو من ائين جلدي اميد نه ڇڏيندو آهي. هي ڏس نه تنهنجي من ۾ اڃا پٽ جي آس آهي نه؟.”
    اروڻا کي ستون درجو پاس ڪرڻ بعد هڪ سال ويهي رهڻو پيو. پر آخرڪار ڪانپ جي “وڪاس گرهه” ۾ کيس داخلا ملي ويئي.جيون هڪ عجب پرولي آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن جي ڀڃڻي اسان جي هٿ ۾ هوندي آهي پر عين وقت تي ئي اسان جي هٿ مان نڪري ويندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن منجھيل ڍير جو ڌاريل ڇيڙو هٿ اچي وڃي ۽ سڄي پرولي ڀڄي پوي.اروڻا بابت به ڪجھ ائين ئي ٿيو هو. ايشور جي ليلا ڪجھ ائين ته اچانڪ طور گھٽنا کي موڙ ڏيندي آهي جو اسان کي سوچيل سمجھيل ناٽياتمڪ ڳالهه لڳندي آهي. جيون ته ڪلپنا کان به وڌيڪ حيرت جو سرجن ڪندو رهندو آهي.
    تلڪچند سان گڏ ڪنچن ڪانپ ۾ وڃڻ جو طيءِ ڪيو. ڳوٺ مان ٻه بسيون صبح جو ستين بجي ۽ شام جو چئين بجي ڪانپ ۾ وڃن. ۽ ائين ڪانپ مان ڳوٺ ۾ اچڻ لاءِ ٻه بسيون ملن. ڪانپ ڪو ايڏو پري ڪونه هيو. پر ڪچا پڪا رستا ۽ اردگرد وارا ڳوٺ وٺندي بس لڳڀڳ چئين ڪلاڪن ۾ ڪانپ پهچائيندي آهي. ڪنچن اروڻا ۽ ڪارتِڪ کي گھر ڇڏي آئي هئي. ۽ پاڙي واري سمتا کي خيال رکڻ لاءِ چئي آئي هئي. جھوير کي ڪانپ مان خريداري ڪرڻي هئي ان ڪري هوءَ به گڏ آئي هئي. اونهاري جا ڏينهن هئا. ننڍي ڇوڪري مٿان وري بس ۾ کيس ڦيري چڙهي. ڪنچن مڏ مڏ کيس سنڀاليو هو.
    “وڪاس گرهه” بس اسٽئنڊ کان ڪافي پري هو. لڳڀڳ ڳوٺ جي ڇيڙي تي.گھوڙاگاڏي ڪري اتي پهتا ته گيٽ وٽ بيٺل چوڪيدار اندر وڃڻ نه ڏنو. ڪافي پڇ پڇ ڪيائين ۽ سڃاڻپ پڪي ڏياري تڏهن دري کوليائين.
    سامهون وچ ۾ وڏو ميدان هو۽ L (ايل) آڪار ۾ آمهون سامهون ڪمرا. ميدان ۾ دور دور نمن جا وڻ ۽ وچ ۾ ڪٿي ڪٿي ٻارن ۾ ڪرڻ جا، چميليءَ جا گلن وارا ٻوٽا.ميدان ۾ سامهون واري ڇيڙي تي سنسٿا جو رنڌڻو ۽ ٻي طرف وهنجڻ ــ ڌوئڻ لاءِ تڙ ۽ پاڻيءَ جي ٽانڪي. داخل ٿيندي ساڄي هٿ تي آفيس. ڪنچن، جھوير ۽ تلڪچند پهتا ان وقت هڪ مائي آفيس ٻُهاري رهي هئي. وڏي ڪمري ۾ ٽن ڪنڊن ۾ ٽيبل ۽ پنج ڇهه ڪرسيون هيون. آفيس جي سامهون واري دنگ تي دروازي مٿان نالي واري پليٽ لٽڪي رهي هئي. “ گرهه ماتا”
    “ٿوري دير لاءِ ٻاهر بيهو.” مائيءَ جي ڳالهائڻ ٽنهي کي ٻاهر ڌڪيليو. آفيس جي ڏاڪڻ وٽ ڪنچن ۽ جھوير ويٺيون. کاٻي پاسي واري ڪمري جي ٻاهران ٻڌل ڏوريءَ تي ڪٿي فراڪ ته ڪٿي ساڙهي ـــ بلائوز سڪي رهيا هئا. ڪمرا بند هئا. ساڄي پاسي ڇيڙي واري وڏي هال جهڙي ڪمري جي دريءَ مان ويٺل ماڻهن جا مٿا ڌنڌلا ڌنڌلا ڏسجي رهيا هئا. ٿوري دير بعد سماپن واري شلوڪ جو ڌيمو ليڪن مڌر آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪمري جي کليل دروازي مان لڳڀڳ چاليهه پنجاهه ڇوڪريون ، مايون ٻاهر آيون. سڀني جي هٿن ۾ ڊگھيون پيتيون هيون. جھَوير پڇيو ته تلڪچند چيو“ چرخا آهن. هتي سڀني کي صبح جو لازمي ڪتڻو پوندو آهي.” ڪنچن جو ڌيان ٻيءَ هيو. هوءَ آخر ۾ ڪمري کي تالو ڏيندڙ مائيءَ جي پٺيءَ سامهون نهاري رهي هئي.هوءَ ڪجھ ڄاتل سڃاتل لڳي رهي هئي. هوءَ مائي اڃان سامهون مڙي تنهن کان اڳ آفيس مان رڙ ٻڌڻ ۾ آئي. ڪنچن ۽ تلڪچند ويا. جھَوير ڀاونا کي کيڏائيندي رهي. آفيس ۾ ويا ته جيڪا مائي ڪچرو صاف ڪري رهي هئي اها کاٻي ڪنڊ ۾ ٽيبل سنڀاليو ڪرسيءَ تي ويٺي هئي. هينئر کيس عينڪ پاتل هئي. هن جي سامهون ٻه ڪرسيون خالي پيون هيون، پر هن ڪنهن کي به ويهڻ لاءِ نه چيو. فارم ڪڍي پڇڻ لڳي:
    “ مائيءَ کي ڪهڙي تڪليف آهي.”
    ڪنچن ۽ تلڪچند هڪ ٻئي جي سامهون نهاريو. هن جو سوال سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳا.
    “ ڪهڙي مائي.” ڪنچن پڇيو.
    “ ڇو، هن ننڍڙي ڇوڪري وٺي آئي آهي ان کي ؟ مڙس ڪڏهن کان ۽ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟”
    ڪنچن آواز بدلائيندي چيو:
    “ ادي ذرا لحاظ رکو. نٿيون ويهڻ لاءِ چئو ۽ نه ئي سليقي سان ڳالهايو ٿيون. ڳوٺاڻا ماڻهو سمجھي پنهنجو ئي ڏنڊو الارينديون ٿيون وڃو.هوءَ مائي منهنجي ڀاڄائي آهي ۽ هيءُ منهنجو ڀاءُ آهي. اسين اسان جي نياڻيءَ کي هتي پڙهڻ جي لاءِ ڇڏڻ آيا آهيون.”
    ڪلرڪ مائيءَ کي پهريان خراب لڳو پر پوءِ آيل ماڻهن جي جاهليت ڏسي کيس جوش چڙهيو.
    “ هتي ڇا اسڪول ڏٺو آهي توهان؟ هتي ته ڏَنيل ڇَڏيل يا وري مائٽ نه هجن اهڙين مائين کي داخل ڪندا آهيون. وڃو هاڻي منهنجو مٿو نه کائو.”
    ڪنچن ڪجھ چوڻ چاهيو ٿي، تلڪچند کيس روڪيندي چيو: ڪنچن بين، هڪ منٽ ذرا ٻاهر اچو. هن ڪنچن کي سمجھائيندي چيو:
    “ تون ڏاڍي تڪڙي آهين. ڌيءَ کي داخل ڪرائڻو آهي هيڏي تڪڙ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ چئي ڇڏين ها رشتيدارن جي ڇوڪري آهي، ۽ ماءُ پيء ڪونه اٿس. هن کي ڪهڙي خبر پوي ها؟ ” تلڪچند چئي ته ويو، پر ڪنچن جي چهري جو رنگ بدلجندو ڏسي هن اضافو ڪيو:
    “ ڏس ڀيڻ مٺي نه ڀانئجان. اهو ته اسان کي ڪم ڪڍائڻو آهي ته پوءِ ٿورو اٽڪل سان ته ڪم وٺڻو پوندو نه.”
    “ اٽڪل معني ڪوڙ؟” ڪنچن جي آواز ۾ تکائي جو انڀو ڪندي تلڪچند چيو:
    “ هيَن ٿا ڪيون جو مان ڳوٺ ۾ وڃي هتي جي ٽرسٽي هيراچند وکاريا جي سفارشي چٺي کڻي ٿو اچان. ٿي سگھي ٿو ڪم ٿي وڃي. تون ۽ تنهنجي ڀاڄائي هتي ويٺيون رهجو.”
    “ مان هتي ويهي ڇاڪنديس؟ مونکي ته بيبيءَ لاءِ ڪپڙا وٺڻا آهن ان ڪري مان به گڏ هلان ٿي.”
    ڪنچن کي ٿيو هاڻي هي مورچو مون اڪيليءَ کي ئي سنڀالڻو پوندو.
    تلڪچند ۽ جھَوير کي گيٽ تائين اماڻي واپس اچي هن ڏٺو ته هوءَ اديوگ روم کي تالو پائيندڙ مائي آفيس ۾ ويئي. ڪنچن کي ٿيو هن سان هڪ ڀيرو ڳالهه ڪري ڏسجي. کيس نه ڄاڻ ڇو هڪ طرح جو اعتماد اچي رهيو هو. وري ويچار به اچي رهيو هو ته ڪٿي منع نه ڪري. هن کان وڌيڪ ته ڪجھ خراب ٿيڻو ناهي. ممڪن آهي ڪو نئون رستو نڪري اچي. آفس ۾ اچي هن ڪلرڪ مائيءَ کان پڇيو:
    “ هينئر آئي هئي اها ادي ڪيڏاهن ويئي؟”
    “ اها ته گرهه ماتا آهي. هوءَ ته پنهنجي آفيس ۾ ويٺي آهي، پر انهن سان ملڻ مان ڪو فائدو ڪونه ٿيندو. ڏاڍي اصول پسند آهي.”
    ڪنچن آخرين ڪوشش ڪندي اندر ڪيبن ۾ داخل ٿي. هوءَ مائي سندس ڪرسيءَ جي پويان پيل ڪٻٽ مان ڪجھ ڳولي رهي هئي. هن جي سائي ڪناريءَ واري سفيد کاڌي جي ساڙهي، سڌو سنهڙو سرير، جھڪيل ڪلها ڪنچن کي ڏاڍا پنهنجا لڳي رهيا هئا.
    “ جئه هند ادي.”
    “ جئه هند.”
    ڪتاب ۾ نهاريندي نهاريندي هن چيو.
    “ ادي، ڏَنيل، ڇڏيل يا مائٽ مري وڃن ته ڇوڪري اناٿ چئجي؟ هن ورهاڱي ۾ اجڙيل گھرن ڪٽنبن ۾ ڪير بچيو ۽ ڪير نه انهيءَ جي ثابتي ڪٿان آڻجي؟ پنهنجي هٿن سان جنهن کي الوداع نه ڪيو آهي ان کي مري ويل ته ڪيئن مڃي سگھجي؟”
    پڙهڻ واري عينڪ لاهيندي هوءَ سامهون گھمي ۽ “ ڏسو ادي ”
    ڪنچن ۽ هوءَ مائي هڪ ٻئي کي ڏسندي ئي ڄڻ ڄمي ويئون!


    23

    ٻئي استريون هڪ ٻيءَ کي ڏسنديون خاموش بيٺيون رهيون.وچ ۾ ٽيبل هئي ۽ ٻئي آمهون سامهون .....! بس هٿ ڊگھيڙڻ جي ئي ڄڻ دير هئي. ٻنهي جي دلين جي تهه خانن ۾ جھونن ستارن جا تار ڄڻ هنيئر ئي ڪنهن تاڻيا هيا ۽ آڱريون گھمندي ئي وڄي پيا هئا. ڪو سُر يا ٻول پڪڙڻ مشڪل هو. صبح جو سويل ڪنهن گھاٽي وڻ تي چهڪندڙ پکين جي آوازن ۾ الڳ الڳ پکين کي ڪيئن ڪري الڳ تاري سگھجي ٿو. پر ايترو ته ضرور محسوس ٿيو هو ته صبح ٿي رهي آهي. هت به ڪجھ اهڙو ئي هيو. سالن کان اڳ وڇڙي ويل ڪنچن ۽ جيا آمهون سامهون هيون. رشتن جا ڪرڻا وچ وارن انڌڪارن جي مفاصلن کي روشن ڪري رهيا هئا. گھڙي ٻن گھڙين بعد ڪنچن جا هٿ ٽيبل طرف وڌيا پر جيا ته ڪرسي گهليندي آئي ۽ اچي ڪنچن کي ڀاڪر پاتائين!
    “ ڀاڀي!” اهو جَيا جو پڪاريل لفظ ڪن تي پيو ۽ ڪافي عرصي کان وساريل اهو لفظ هن جي اندر کي جھڻجھڻائي ويو. گذريل پندرهن سالن ۾ پهريون ڀيرو هوءَ ڪٽنب، سماج وارو ناتو محسوسي رهي هئي. حيرت ۾ ٻڏل ڪنچن جو من حيران هو. هن کي لڳي رهيو هو ته هوءَ ڪو سپنو ڏسي رهي آهي. سندس ڪلهو جَياجي لڙڪن سان آلو ٿي رهيو هو. ڪنچن جو هٿ جَيا جي پٺيءَ تي گھمي رهيو هو. هوءَ شايد پاڻ کي خاطري ڪرائي رهي هئي ته ها، اهو سپنو ڪونهي، ڪلپنا به ناهي. جيڪو آهي سو صاف حقيقت آهي. وڻ جي ٽارين جهڙو سچ. ڪنچن سالن کان پوءِ پنهنجي ڌرتيءَ جو ۽ پنهنجي وستار جو انڀَو ڪري رهي هئي. خوشيءَ جي ماريل هن جي دل جي ڌڙڪن تيز ٿي ويئي هئي. مسلسل ڳڻتين ۾ رهيل سندس من ڪافي ڊگھي عرصي بعد اصل رنگ ۾ اچي رهيو هجي ائين هن کي لڳي رهيو هو.اسپرش ڪافي نه هجي تيئن هن جيا کي الڳ ڪندي سندس چهرو ٻنهي هٿن ۾ جھلي اکين سامهون رکيو، پر لڙڪن جي لارن جي هن پار چهرو ڌنڌلو ٿي پئي ويو . آنسون اگھندي ڪنچن هن کي ڏسندي رهي.هن جي ڳلن، مٿي ۽ ڪلهن تان هن جو هٿڙو گھمندو رهيو. جيا هن جي ڇهاءَ ۾ ڄڻ ماءُ، پيءُ،ڀاءُ، ڀاڀي، ۽ پياري اهڙي سکيءَ جو پيار ماڻي رهي هئي.
    نڻان ڀاڀيءَ جي شفي پنرملن وارو درشيه الاجي گھڻو ڊگھوهلي ها پر اسڪول ۾ ننڍي رسيس جو بل وڳو. ۽ جيا ۽ ڪنچن جھٽ ورتمان ۾ اچي پهتيون. جَيا منهن اگھيو، سوَسٿ ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهندي هن گھنٽي وڄائي. ڪنچن سانت ٿي رهي هئي. ٿوري دير کان پوءِ ڪلرڪ مائيءَ آفيس جو دروازو کولي اندر منهن پاتو.
    “ رتن بين ذرا ٻه پيالا پاڻي ته ڀري اچ ۽ ها، اڄ جي ٽپال ۾ ڪجھ هجي ته اهو به ...” جيا ايترو چوندي ڄڻ پاڻ تي ضابطو حاصل ڪري ورتو هو.
    “ جي،وٺي ٿي اچان” چوندي رتن ڪنچن جون روئي روئي رتيون ٿيل اکيون ڏسندي وئي. هوءَ اڌ کليل دروازي سان ٽڪرائجڻ کان ذري گھٽ رهجي ويئي. هن جي هٿ مان پاڻيءَ جو پيالو وٺندي جَيا چيو:
    “ رتن بين، هيءَ آهي ڪنچن بين. منهنجي نجي رشتيدار آهي. توها رنڌڻي تي چورائي ڇڏيو ته منهنجي ڪمري تي ٻه ٿالهيون موڪلين. ڪنچن بين هتي مون سان گڏ ئي ماني کائيندي.” جَيا چئي رهي هئي رتن کي پر ڪنچن جي چهري تي تري آيل اڻتڻ واري ڪيفيت کي به اڪلائي رهي هئي.
    رتن جي وڃڻ بعد هن ڪنچن کي چيو، “ توهان کي برو نه لڳي. پوءِ سڄي ڳالهه آرام سان ڪيون ٿيون. توهان ٿوري دير لاءِ ويهو تيستائين مان ٽپال ڏسي ٿي وٺان. پوءِ هلون ٿيون ڪمري تي!”
    ڪنچن کي هڪدم ياد آيو ــ ٽن ڪلاڪن جيترو عرصو گذري ويو ۽ اڃا تائين تلڪچند ۽ جھَوير ڀاڀي نه پهتا آهن. هنن ماني ڪونه کاڌي هوندي ۽ مان هتي .... ٻه ته ٿيا، جساپر جي آخري بس چئين بجي آهي. انهن کي موڪلي ڇڏيان. هيترن سالن کان پوءِ جَيا ملي آهي ته پوءِ هن سان گڏ ٻه گھڙيون گھارڻ ته گھرجن. ڇا ڪريان؟ اروڻا ۽ ڪارتِڪ وٽ رات جو سمتا سمهي رهندي. اڄ جي رات ٽڪي رهان، سڀاڻي شام جو وينديس پر هن تلڪچند کي ڪيئن لڳندو؟ هن کي ڪونه ٿيندو ته اديءَ جي ته ڪا سڃاڻپ به نه هئي، چوڪيدار به پئي سڃاتو ۽ اچانڪ هي رشتو ڪٿان نڪري آيو؟ حالانڪ تلڪچند ائين نه به سوچي. اها ته سڄي من جي الٽ پلٽ. هو ويچارا منهنجي لاءِ ڪيڏي نه ڊوڙا ڊوڙي ڪري رهيا آهن! هڪ دم ڪيئن چئجي ته توهان ڀلي وڃو مان سڀاڻي اينديس! هن جيا سان ڳالهه ڪئي . جيا چيو “اچڻ ته ڏيو. سڀ ڪجھ ٺيڪ ٿي ويندو.”
    لڳڀڳ اڍائي بجي تلڪچند آيو. ڪنچن جَيا جي واقفيت ڪرائي. “ هي گرهه ماتا ته اسان جي جھوني رشتيدار نڪتي! ڪراچيءَ جي آهي .... ورهاڱي کان اڳ جو اسان جو ناتو!”
    تلڪچند کي ٿورو اچرج ته ٿيو. هو ڪجھ پڇي تنهن کان اڳ جَيا چيو، توهان ڪنچن بين جا رشتيدار ان ڪري منهنجا به رشتيدار. ڪڏهن کان توهان جي واٽ نهاريون ويٺيون آهيون. ماني تيار آهي. اڙي! توهان جي گھرواري ڪيڏاهن ويئي؟”
    جَيا جي ملوڪائي ۽ مانُ ڏسي تلڪچند ڪجھ به پڇي نه سگھيو. گدگد ٿيندي چيائين ــ
    “ اهو ته ڀيڻ، توهان ملي ويئون ڄڻ ڀڳوان مليو! بس، هن منهنجي ڀيڻ جو هڪ ڪم ڪري ڏيو ته توهان جو ٿورو! گنگا سنان جو ثواب ....” وري تلڪچند چيو، “ منهنجي زال ذرا اڪوڻي آهي پر اديءَ لاءِ ته ڊوڙڻو پوندو نه. توهان جي ڀاڀيءَ کي لوج ۾ کارايم ۽ مون به ٻه گرهه کاڌا. هن کي سوناري جي دڪان تي ويهاري مان هتي آيو آهيان. ٽرسٽي ته ٻاهر ڳوٺ ويل آهن. سڀاڻي ايندا. ڇا ڪنداسين ڪنچن بين؟
    “ ادا، اگر توهان کي لڳي ۽ واندو نه هجي ته مان اڄ جي رات هن ڀيڻ وٽ ٽڪي پوان. سڀاڻي صاحب سان ملي شام واري بس ۾ هلي اينديس. توهان ٻارن کي ايتري خبر ڏيئي ڇڏجو. سَمتا آهي ته هوءَ ٻارن وٽ سمهي رهندي ان ڪري ان ڳالهه جي چنتا ڪونهي.”
    زبان تي آيل پر چپن تائين نه پهتل اهڙا ڪيترا ئي سوال کڻي تلڪچند ويو. سندن بار ڄڻ هلڪو ٿي ويو هو اهو هن جي چال مٿان محسوس ٿي رهيو هو.جَيا ۽ ڪنچن هڪ ٻئي سامهون ڏٺو ۽ ٻنهي جي اکين ۾ چمڪ اچي ويئي. ڦيرڙي پائڻ جي ته عمر ڪانه هئي ۽ هاڻي اهڙو سونهي به نه. پر انهن جو وس هلي ها ته هو ائين به ڪن ها! مڏ مليل موقعي کي ته ائين ئي ماڻبو آهي نه.
    جيا جو روم صفا ننڍڙو به نه، ته وڏو به ڪونه هيو. ٽي ڄڻا گڏ ٿي وڄن ته سوڙهه ٿي پوي. اڪيلي ڪا مشڪل نه ٿئي. روم ۾ پاٽ تي سنهڙو گديلو، پاسي ۾ هيٺان هڪ آسن وڇايل ۽ ان جي سامهون جھڪيل ميز. ميز مٿي فائلن جي ٿپي هئي. جَيا مٿي سنسٿا جي وڏي جوابداري هجي ائين لڳي رهيو هو. روم جي هڪ ڪنڊ ۾ ننڍي چوڪڙي. هڪ طرفان ڀت ٺهرائي ڪرايل پردو . ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڪٻٽ جي هيٺئين خاني ۾ پتل جو ڪوٺيءَ وارو ڀرڙاٽن وارو اسٽَو . پتل جي ديڳڙي، بڪيءَ کنڊ جا ڪٽيل پتري جا دٻا، ڇاڻي ۽ پڪڙ پيا هئا. مٿئين خاني ۾ ڪتاب ۽ چار کن جوڙون ڪپڙن پيون هيون. اڪيلي انسان جو گھر ڀلا ڪهڙو؟ اڪيلي استري هجي يا پرش. گھر وکر جي چيزن ۾ به اڪيلو ماڻهو راس نه ٿي سگھندو آهي. شيون به ڪنهن هڪ ۾ ئي محدود ٿي بنا نور جي ٿي وينديون آهن!
    هونئن ته جَيا صبوح شام رنڌڻي تي مانيءَ لائي وڃي، پر ڪو مهمان هوندو آهي ته ڪمري تي ئي ٿالهي گھرائي وٺي. مهمان به ڪڏهن ڪڏهن. يا ته سنسٿا جا عهديدار هوندا آهن يا وري تعليمي کاتي جا سرڪاري عملدار!
    رتن کي حيرت ته ٿي ئي ته اڄ تائين گرهه ماتا جي سڳن رشتيدارن کي ڏٺو ناهي. سنسٿا ۾ ته مڙيئي ايترو ڄاڻندا هئا ته هن جو گهروارو پاڪستان ۾ آهي ۽ هتي هندوستان ۾ سندس ڪوئي ناهي. پَتي اٿس اهو سڀني ٻڌو آهي پر ڪنهن به روبرو يا تصوير ۾ ڪٿي ڏٺو ناهي.
    ڪنچن چوڪڙيءَ ۾ هٿ پير ڌوئي رهي هئي ته ٻاهران رڙ ٻڌڻ ۾ آئي.
    “ ذرينا بين! ذرا دروازو کولجو، منهنجي ٻنهي هٿن ۾ ٿالهيون آهن.” هوءَ رتن هئي.
    رڙ ٻڌي جَيا اڀي ٿي ويئي ۽ اڌ کليل دروازو سڄو کوليندي چيائين “ رتن بين! تون به واهجي آهين. هيئن ٻن هٿن ۾ ٿالهيون کڻي اچبو آهي ڇا؟ واري وٽيءَ سان کڻي اچين ها. اهو ته ٺيڪ آهي رهجي ويو. هنيئر ئي نه سڀ هيٺ ڪري ها.؟”
    جيا ۽ رتن جو پاڻ ۾ ڳالهائڻ ته اتي پورو ٿيو. پر ڪنچن جي حيرت جو پار نه هيو. هن کي ٿيو ته هن ڪنهنجو نالو ٻڌو هو؟ هن جيا کان ئي پڇي ورتو:
    “ هيءَ ذرينا وري ڪير آهي ؟”
    “ مان.”
    “تون؟” ڪنچن جو آواز جيئن اڀي پُڙ ڪپرو ڦاٽي تيئن ڦاٽي ويو.
    “ها، ڀاڀي، ڀڳوان جيان ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو کي به اوتار وٺڻو پوندو آهي. جيا مٽائي مون ذرينا جي نالي اوتار ورتو آهي. پهرين توهان ماني کائي وٺو. پوءِ آرام سان سڄي ڳالهه سڻائينديس .... اڙي ادي! تون منهنجو هٿ لڳايل کاڌو کائيندينءَ ته سهي نه؟”
    “ اهو تو ڇا چيو؟ تون جَيا هجين يا ذرينا. ڪهڙو ٿو فرق پوي؟ مونکي ته ڄڻ هڪ جُڳ کان پوءِ منهنجو روپ موٽي مليو آهي. تنهنجي ڀاءُ جي انتظار ۾ هونئن ته اڌ ٿي ويئي هئس. ڪڏهن ڪڏهن پيءَ جو فرض نڀائيندي ٻيڻو به ٿيڻو پيو آهي. تون ملي آهين ته ڄڻ ڌيري ڌيري منهنجو باقي رهجي ويل انگ به واپس ملندو اهڙي شرڌا پڪي ٿيندي پئي ٿي وڃيم.” هن جي اکين ۾ اميدن جا ڏِيا روشن ٿي پيا. اڳيان چيائين، “ تنهنجو ذرينا نالو ٻڌي منهنجي هينئين جو جھرڻو سڪي وڃي ته سمجھج منهنجو هينئون ايترو تانگھو!
    جَيا ڪنچن جي ڳالهه ٻڌي روئي ڏنو. ماني کائيندي کائيندي ڪنچن جَيا کي گھر ڇڏڻ کان پوءِ واري تسو تسو ۽ ترتر جيتري به ڳالهه ٻڌائي. پر پوين پندرهن سالن جو حساب ائين ڪو ٿورو پتجندو؟ جھجھو جھجھو ته صرف احوال ملي. پر گذريل وقت ۾ ڪيل اوجاڳا، هر پل رهيل ڊپ ڊاءُ، ٻاهر وهيل ۽ اندر لهي ويل آنسو .... انهن سڀني جو حساب ته سنسار جي ڪنهن ڀاشا ۾ نه چئي سگجي ٿو ۽ نه ئي لکي سگھجي ٿو ڪنهن لپيءَ ۾. ديوشنڪر جي ديهانت جي ڳالهه ٻڌي جيا کان صبر نه ٿي سگھيو. سڏڪا ڀريندي هن چيو:
    “ مون گنهگار پيءَ جي زندگي ورتي. هاڻي تون ئي ٻڌائي ڀاڀي ! مان ڪهڙي منهن سان پنهنجي سچي سڃاڻپ ڏيان.”
    مانيءَ کان پوءِ ٿورو اهلڻ بعد جَيا ٿورو ڪم لاهڻ لاءِ آفيس ويئي. شام ٿي ته جيا ڪنچن کي راڻَڪ ديويءَ جي مندر تي وٺي ويئي. موٽندي ڌرم تلاءَ جي ڪناري لهندڙ سج جي روشنيءَ ۾ ڳالهه جي شروعات ڪئي ....
    “ديووِلا” ۾ اچڻ جي ٽئين ئي ڏينهن لليتا جيا کي پنهنجي ڳجھي پرورتين جي ڳالهه ڪئي هئي پر گڏوگڏ کيس قسم به ڏنائين ته“ اگر اها ڳالهه ڪنهن سان ڪندينءَ ته تنهنجي ڀاءُ جو سُنهن اٿئي!” لليتا جي حيرت ۾ وجھندڙ، نت نين، ۽ همت ڀريل ڳالهين ۾ جيا لڙهندي ويئي. لليتا چوندي “ هن انساني اوتار جي سارٿڪتا ڪهڙي؟ ٿوروجھجھو پڙهڻ، شادي ڪرڻ ۽ گھر سنسار منڊڻ ايترو ئي؟حالانڪ اهو به آسان ناهي اهو مان ڄاڻا ٿي.” پر عام رواجي گهريلو عورت جي جيون کان جيا کي لليتا جو مارگ آڪرشڪ لڳندو هو. ڪجھ نئون، سارٿڪ ڪاريه ڪرڻ جي ڀاونا جيا جي اندر ۾ جاڳي چڪي هئي. تنهن ۾ به لليتا جي مزيدار ادائگيءَ ڄڻ سرد ٿيل ڪوئلي کي ڦوڪي ڇڏيو هو. صبح جو سويل ۽ دير رات جو ڪمري ۾ ويهي ڌيان ڪندڙ لليتا سان گڏ هوءَ به ويهندي هئي.ڌيان ته اڌ ڪلاڪ جو ئي. پر، لليتا گپت رئڊيو سيٽ ذريعي پنهنجي سنگٺن جي ليڊر وٽان سوچنا وٺندي هئي ۽ اردگرد ۾ ٿيندڙ گھٽنائن بابت سماچار به ڏيندي هئي.هوريا هوريان جيا پاڻ به پاڻ کي ڪنهن هڪ هٿ لڙندڙ سپاهيءَ جي سوَروپ ۾ ڏسڻ لڳي هئي. اهڙي ويڙهاڪ يا ويرانگنا جيڪا ديس لاءِ فنا ٿيڻ لاءِ به تيار ....
    ڀڄڻ واري اڳين شام لليتا کي نياپو مليو “ اڄ رات جو هوا بندر روڊ تي آيل ڊائمنڊ ڪلب ۾ شهر جي گوري پوليس ڪمشنر جي جنم ڏينهن جي ضيافت آهي. اسان کي ٻهارو ڏيڻ لاءِ برابر ٻه لڳي پندرهن منٽن تي پهچڻو آهي. ٻهروپين جي ديوي سڀني جو ڪلياڻ ڪجو ...”
    جيا نياپو ٻڌو پر کيس برابر سمجھ نه پيئي. لليتا چيو “ ڪلب ۾ بم اڇلائي گورن آفيسرن کي صاف ڪري ڇڏڻو آهي. ٻهروپين جيان الڳ الڳ ويسن ۾ اتي پهچي وڃڻو آهي. ”
    “ پر رات جي ٻه لڳي پندرهن منٽن جو ڪهڙو مطلب؟ جيا جي سوال جي جواب ۾ لليتا چيو ــ
    اهو گورو رات جو ان ٽيم تي ئي ڄائو هوندو. ان ڪري ان ٽيم تي ئي ڪيڪ ڪاٽيو ويندو. ۽ ان وقت ئي سڀئي مهمان حاضر هوندا .”
    بس ان رات لڳڀڳ هڪ بجي لليتا ۽ جيا گھر ڇڏيو .سوچنا موجب لليتا زريءَ جي ڀرت واري ريشمي ساڙهي ۽ زيور پاتا هئا. روڪ رقم ته ڪٿان هوندي؟ پر انسويا جا جيا لاءِ سانڍي رکيل سير جهڙا سونا ڳهه هئا. ٻاهر نڪتل جيا جي مٿي تي ستارن ـــ ٽڪلين سان چمڪندڙ مٽڪ هو. دور کان ڪو ڏسي ته سمجھي ته نوراتريءَ ۾ ماتاجيءَ جو گربو کيڏڻ نڪتا آهن. لليتا مهاڪاليءَ جو ويس ڌارڻ ڪيو هو. کليل منهن مان ٻاهر نڪتل ڄڀ، کليل وار، ڪارا ڪپڙا، هڪ هٿ ۾ ترِشول ۽ ٻئي هٿ ۾ ماڻهو جي مٿي وارو وارن سميت مکوٽو. اوندهه ۾ اچانڪ اگر لليتا پرگهٽ ٿئي ته وڏ ـ وڏيرن کي پگھر ڇٽي وڃي! پر رستن تي اچ وڃ جاري هئي. هونئن ته رات جو ڪا هڪڙي اڪيلي استري نڪري ته هر ڪنهن کي وهم وڃي. جيا ۽ لليتا کي وينديون ڏسي ڪنهن کي به شڪ نه پيو. هو ٻئي ڊائمنڊ ڪلب کان پنجاهه کن ميٽر دور هيون ۽ لليتا کي بجلي چمڪندي هجي ان طرح جو ڪجھ لڳو. هن ترت جيا جو هٿ پڪڙيو نزديڪ واري ڳليءَ ۾ مڙي ڊوڙڻ لڳيون. پر سامهون کان گھوڙي سوار پوليس کي ڏسي هن جيا کي الڳ ڏس ۾ ڌڪيو ۽ پاڻ به ٻي طرف ڀڄڻ لڳي. جيا کي خاص ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو لليتا جي هينسيل حالت ڏسي هن کي لڳو ته ضرور ڪجھ اجوڳ ٿي رهيو آهي. هوءَ ڳليءَ ۾ وڏي نم جي ٿڙ جي آڏو بيهي ڏسڻ لڳي. هن جي پويان ڪو به نه هيو، پر ٿوري دير بعد بندوق جي گوليءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.جيا هٻڪي ويئي. ڇا لليتا ....؟ هوءَ اڳيان ويچاري نه سگھي.
    گھوڙن جي پيرن جا آواز ڌيري ڌيري دور ويندڙ محسوس ٿي رهيا هئا. ٿوري دير بعد وڻ وٽان نڪري هوءَ لليتا واري ڏس طرف ڊوڙي ويئي. اوندهه ۾ سندس پير چِڪ ۾ پيا هجن ائين محسوس ٿيو. هوءَ بيهي رهي. هن هيٺ ڌيان سان ڏٺو ته هوءَ پاڻ رت جي ريلي وٽ بيٺي هئي، ۽ سندس پيرن وٽ ڇاڻيءَ جهڙي سرير سان لليتا سنئين سڌي پيئي هئي. هن جي هٿ مان ڇُٽڪيل نَرمکوٽو دور رِڙهي ويو هو. جيا لاءِ جيون ۾ هن طرح ڪنهن جو موت ڏسڻ وارو پهرون موقعو هيو. گنگابا ويئي هئي پر اهو ته هن جو قدرتي موت هو.عمر ۽ مٿان وري اڌرنگ. هلڻ ڦرڻ جي ڳالهه ته ٺهيو پورو ڳالهائي به نه سگهندي هئي. هوءَ ته ڄڻ ڇٽي ويچاري سورن کا. پر لليتا جو ههڙو دل ڏاريندڙ موت؟ جيا مٺيون ڀڪوڙي ڇڏيون تنهن جي باوجود به سندس بت جي ڏڪڻي گھٽجي نه رهي هئي. پگھر سان شم جيا جي پيٽ ۾ هٿ جيڏو ڄڻ گٻو پئجي ويو هو. هوءَ ته لليتا جو هٿ جھلي نڪتي هئي. هاڻي اهو هٿ ڪٿي رهيو هو؟ هوءَ بت بڻجي ويئي. هاڻي ڇا ڪرڻو؟ هن جي اکين مان آنسو ٻاهر اچڻ کان اڳ ئي ڄمي ويا. آواز ته اچي ئي ڪٿان؟ سندس مٿي ۾ ڄڻ زور زور سان هٿوڙا لڳڻ لڳا هوا. جيا لليتا جي لاش کي گهلي هڪ ڪنڊ ۾ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته گھوڙن جي ٽاپن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. گھوڙي سوار پوليس وارا ئي هوندا. مٿي تان مٽڪ لاهي ساڙهيءَ جو گھونگھٽ ڪڍي جيا ڊوڙڻ لڳي. هڪ ڳليءَ ۾ مڙي ويئي. ..... پر هي ڇا؟ هيءَ ڳلي ته بند ڳلي هئي.واپس موٽڻ يا ٻاهر نڪرڻ جي ته ڪا گنجائش ئي ڪانه هئي.گھوڙن جا ٽاپسا اوڏا اچي رهيا هئا. جيا ڪا واهه نه ڏسندي آخرڪار چيڙي جي گھر جو در کڙڪايو. در کليو. سامهون هڪ ڪراڙي مائي بيٺي هئي.
    مونکي بچايو ..... مونکي بچايو .... امڙ ! چوندي جيا دروازي وٽ ئي ڪري پئي. ٻن ڪلاڪن کان پوءِ سڌ ۾ ٿي ته کيس وڏي امان ڳالهه ڪري ٻڌائي. اڄ به اهو منظر ياد ايندي جيا جون اکيون روئي پونديون آهن ۽ چپ چري پوندا آهن. وڏي امان چيو هو.
    “ اري بٽيا تم ڪو ڪيا بتائون؟ تم تو ايسي ميري اُمبر پي بيڀان هو ڪي گري ڪي مجھي لگا ڪي اي ڇوري تو گَئيِ. ... بڙي ڪي بهو ني اور مين ني دونو جني ني ملڪر تم ڪو اٺايا اور بستر په لِٽا ديا. انيس پاني ڪا لوٽا ڀرڪي آيا .... اڀي مين تمهاري مُنهن پي پاني ڪي ڇينٽي ناکون اسڪي پهلي تو درواجي په دي ڌناڌن ..... ٿوڙي دير تو مين ڊر گئي. يه سالا سُور ڪوئي بدماس هوويگا تو خون خرابا ڪرڪي ڀي ڇوري ڪو اُٺا لي جائيگا. ڪڇ نَڪي نئين. اور يه نگوڙي ڪالمکي گوري پلٽن، وو تو ٽانپ ڪي بيٺيلي هَي ڪي ديسي لوگون ڪا وانڪ آوي اور ڪب وو اسڪو ڦَنساوي، مُئي ان گورون ڪي ديکاديکي ۾ اپني ڪاليون ڪو ڀي خدا ڪا خوف نهين رها. اري اپنو سي گداري ڪروگي تو قيامت ڪي دن الله ميان ڪو ڪيا مُنهن دکائوگي؟ هان، فِر تو مين ني الله ڪا نام ليڪر تم ڪو برقعا پِنها ديا. درواجي کولي تو سامني گھوڙي سوار پوليس ٿي. اندر آئي. آکي گھر ڪي تلاشي لي. ايڪ ايڪ ڪو ڊانٽتي پوڇني لگي. تمڪو تو هم ني برقعا ڊالڪي ڪرسي په بٺا ديا ٿا. تماري باري مين پوڇا تو مين ني ڪَهه ديا ڪي ميري ڇوٽي والي بهو ذرينا هَي. بيٽي! خدا تعالا شايد مجھي معاف نهين ڪريگا. پر تماري جان بچاني ڪي ليي مين ني جھوٽ بول ديا. مجھي معاف ڪرنا .....”
    وڏي امان جو ڪٽنب سڄي رات جاڳندو رهيو. جيا کي انيڪ ريتن سان ڌتاريندي سمجھائيندي وڏي امان سچي ڳالهه سلڻ جي ڪوشس ڪئي. سٺي گھر جي ڇوڪري آهين، پتو ٺڪاڻو ٻڌائي ته سنڀالي پهچائي ڇڏيندي سانو. پر جيا ڪجھ به نه چيو. چوي به ڇا؟ جنهن ريت گھر ڇڏي نڪتي هئي اتي واپس وڃڻ جو رستو ئي نه هيو. مڃي وٺو اگر واپس گھر وڃي به ها ته ڪرانتيڪاري جي گھر تي ڇا ڇا نه ٿيو هجي ها؟ پاڻ ته تڪڙ وارو قدم کنيو هيائين پر پيءُ ڀاءُ جي جيون کي انهي ۾ سلاڙڻ جو کيس ڪو حق نه هيو. هوءَ هڪ ئي ڳالهه چوندي رهي.
    “ مونکي ڪلڪتا وڃڻو آهي ... اتي منهجو مڙس منهنجي واٽ نهاريندو هوندو. ڪلڪتا .... ڪلڪتا ... ان کان علاوه ٻيو ڪجھ به نه چيائين.
    ٻئي ڏينهن صبوح جو ريلوي اسٽيشن تي وڃڻو هيو تڏهن وڏي امان کا برقعو گھري ورتائين ۽ ان ئي مهل پائي ورتو، ذرينا نالو .....


    24

    شام ٿيڻ آئي ته رتن کي هرکر ٿي ته ادي اڃا ڇو ڪونه آئي؟ هن کي ٿيو ڌرم تلاءَ تان چڪر هڻي اچان، هر روز جيان هوءَ اتي ويٺي هوندي! رتن وٺڻ نه آئي هجي ها ته ڪنچن ۽ جيا جي ڳالهين جو اڃا انت نه آيو هجي ها. سالن کان جمع ٿيل يادن جو لوڪ اهڙو سمرڌ هو، جنهن ۾ اهڙا ته موڙ ــ چڪر هئا جو ٻنهي کي اسٿل ــ ڪال جي سمڪ ئي نه رهي.
    ڪنچن رتن کان پڇيو: “ توکي ڪيئن خبر پيئي ته اسان هت ويٺيو آهيون؟ ”
    “ ادي ، ڀلا مونکي خبر نه هوندي ته ٻئي ڪنهن کي هوندي؟ مان ڄاڻا ٿي ته هن ڌرم تلاءَ ۽ هن نَولکي محل جون توهان عادي آهيو. روز شام جو هتي اچڻ، اچي منو ڪلاڪ ويهڻ، .... جنهن ڏينهن اچڻ نه ٿئي ان ڏينهن اديءَ کي ننڊ به نه ايندي آهي. ...ائين ڀلا ناهي ادي ؟ رتن جَيا جي هاڪار ٻڌڻ لاءِ پڇيو.
    “ رتن بين جي ڳالهه سچي آهي. ” چوندي هوءَ اٿي ۽ چيائين “ رتن بين تون اڳتي هلي پهچ اسان هوريان هوريان اچون ٿيون پيون.”
    پٺتي مڙندي جَيا دور کان ڏسجندڙ نولکي محل طرف اشارو ڪندي چيو “ ڀاڀي هو رهيو نولکو محل. ان جي اندر خاص ڪو ويندو ناهي. کنڍر جيان بيٺو آهي.پاسي ۾ وڃي ڏسون ته خبر پوي. هڪ هڪ ٿمبي ۾ باريڪ باريڪ چٽ اڪريل آهن. فرش ۽ دروازن جي آسپاس ته نسورو آرس پهڻ! پر جڳهه وهم واري آهي. اصل ته وڍواڻ جي ٺاڪر صاحب هن خوبصورت هنڌ تي محل ٺاهيو هجي ته ڪيئن؟ اهڙو سوچيو وري سامهون تلاءُ آهي ان ڪري باغ به ٺهن. راجا مهاراجائن جا نوان نوان نخرا! چوماسي ۾ هي محل ته اونهاري ۾ هوا کائڻ جو محل وري ٻيو، سياري ۾ وري ٽيو! بد قسمتي اهڙي جو ٺاڪر صاحب هي محل مڪلمل ٿيل ڏسڻ لاءِ نه ترسيا. ڀرجوانيءَ ۾ سندن موت ٿيو. وري هنن جي موت بابت به ڪيئي ڳالهيون هلن پيون. ڪو چوي راڄ ــ ڪاڄ جي کٽپٽ ۾ ڪجھ کارائي ڇڏيائونس. ته وري ڪو چوي ڦيڻن ٽوڻن ۾ مري ويا. هن جي سڄڻ دشمنن جو پار نه هيو. جيڪو هجي سو!
    پيءَ جي اڌوري اڇا پوري ڪرڻ لاءِ پٽ محل ٺهرائڻ شروع ڪيو پر پورو نه ٿيو. چيو وڃي ٿو رولو جيو پورو نه پيو ٿيڻ ڏي. حقيقت اڃا الڳ به هجي. ممڪن آهي ته محل ٺهرائڻ جيترا پيسا ئي نه بچيا هجن. لوڪ روايت آهي ته ڏينهن جو جيترو محل اڏجي رات جو ڌٻ پٽ تي!
    “ اسان جيئن ئي. ڏينهن سڄو جيئڻ لاءِ هٿ پير هڻون ۽ رات جو اڪيليون هجون تڏهن جتي هيونسين اتي ئي اتي!”
    جيا ڪجھ به نه ڪڇيو. هن جي خاموشي ڪنچن جي ڳالهه ۾ سُر ملائي رهي هئي.
    رات جو به جيا روم تي ئي ٿالهي گھرائي ورتي. ڪنچن جي اڇا هئي ته رنڌڻي تي ئي سڀ گڏجي کائون . رشتيداري ظاهر ٿيڻ ته ممڪن ڪونه هئي پر جيا اڃا ڪنچن سان ويجهڙائپ کي به ظاهر ڪرڻ نه پي چاهيو. ذرينا جي نالي واري کاهيءَ کي ڏٽڻ ائين ڪو آسان ٿورو هيو ؟
    ڪنچن کي ٿيو، ته ڇا منهنجا ٻار هن هڪ ئي رت جي رشتي سان مخاطب ٿيڻ جو سواد ڪونه ماڻي سگھندا؟ “پڦي” لفظ چوندي ته ڪهڙو نه منهن ڀرجي ويندو آهي! ان جي ته هنن کي خبر به نه پوندي. پر جيا ذرينا نالو ڇو رکيو؟ وڏي اما ته هن کي بچائڻ جي لائي ڪوڙ ڳالهايو هو. ته پوءِ جيا؟
    رات جو سموهه پراٿنا پوري ڪري جيا آئي.بستري تي ليٽندي ئي ڪنچن کي ٿيو ته پڇانس.
    “ جيا، تو هي ذرينا نالو ڇو رکيو آهي؟ ڇا تو ڪنهن مسلمان سان حقيقت ۾ شادي ڪري ورتي آهي ڇا؟”
    “ان ۾ ائين آهي ، هڪ طرح سان ڏسو ته مون شادي ڪئي آهي، ۽ ٻي طرح سان ڏسو ته ناهي به ڪئي.” جيا ڳالهه کي کوليندي اڳيان وڌايو.
    وڏي امان جو برقعو پائي جيا پنهنجو اصلي چهرو ته لڪائي ڇڏيو هو پر وڏي امان جي ننڍي پٽ انيس هن کي سڃاڻي ورتو هو.گھر کان نڪرڻ کان اڳ انيس جيا وٽ سندس ڀاڀيءَ کي موڪليو هو. جيا کي اڄ به مسودهه جو اهو چهرو ياد آهي. هوءِ ڊڄندي ڊڄندي جيا وٽ آئي. هن ٻه جوڙون سلوار قميص جيا وت رکيون. اتي ئي انيس اچي چيو “ ڀاڀيءَ جا ڪپڙا پائي وٺو. توهان جي قيمتي ساڙهي ۽ زيور ڏسي شايد رستي ۾ تڪليف ٿئيو. ۽ ها ڳهه الڳ الڳ هنڌن تي رکائجو ڀاڀي!” چوندي هو ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو. جيا ۾ ته مٿي اک کڻي نهارڻ جي همٿ نه هئي. مسوده چيو پي تيئن هوءَ چپ چاپ ڪندي رهي. جھجھن سرن واري سلوار ۽ فراڪ جهڙي ڊگھي قميص. دوپٽو هر هر سرڪي پي ويو. جيا جا ڳهڻا لهرائيندڙ مسودهه کيس ڌيان سان نهاريندي رهي. ڳلي ۾ مڱ مالها ۽ چئن، ڪنن ۾ جھومڪ ۽ وارن ۾ سونيون سنگھرون. مٿي تي هيرن جڙيل تلڪ. هٿ ۾ لاڪيٽ، ٻانهن ۾ چوڙيون ۽ ڪنگڻ. ڪٽڪ جي ڪاريگريءَ وارا مور ٻنهي هٿن جي ڪراين ۾. .... مسودهه مڙيئي الڳ ڪري ۽ شلوار قميص جي کيسي ۾ رکڻ لائي ڏنا. آخر ۾ هٿ واري پوءنچي ڏيندي هوءَ هڪ گهڙي رڪجي ويئي.
    مسودهه هڪ کن لاءِ پوءنچي پائڻ لاءِ ترسي پر ٻي پل اٽڪي ويئي. ان ئي پل جيا کي ٿيو ته هن کي چوان ته “ ڀاڀي پائي وٺ. .... ” پر ان ۾ هن گهر جي عزت هلي وڃي ! اهڙي ٻڏتر جي ڪري هن ڪجھ نه چيو. وري اکين جي سڃاڻپ جي بنا وڏي اما جي ڪٽنب جيا جي لائي جيڪو ڪجھ ڪيو هو ان جي قيمت چڪائڻ جي ته جيا جي ڪا حيثيت ئي ڪانه هئي. رت لڳل ساڙهي ۽ ٻي جوڙي ٻڌل ڪپڙن جي ڀاروڙي کڻي جيا بند رڪشي ۾ ويٺي ان وقت وڏي امان ۽ مسودهه ٻنهي جي اکين ۾ چنتا ۽ آشنڪا ڦهليل هئي.
    رڪشي ۾ سامهون واري سيٽ تي ويهندي ئي انيس پچيو “ ڪنچن ٿئيٽر ۾ هاڻي ڪهڙو ناٽڪ اچڻو آهي؟”
    جيا سٽ ڏيئي پنهنجي چهري تان نقاب دور ڪيو. ۽ هينسيل چهرو ڏسي انيس هلڪي آواز ۾ چيو “ مون ڪنهن کي چيو ناهي، چوندس به ڪونه، تون فڪر نه ڪج!”
    “ پر تو مونکي سڃاتو ڪيئن؟”
    “ هن شهر جي ميئر جي خاندان کي ڀلا ڪير نه سڃاڻي؟ هڪ ڀيرو مون توکي “ڪنچن” ٿئيٽر ۾ ڏٺو هو. تنهنجو جو ڀاءُ ڀاڀي به گڏ هئا. خير! ..... ٻڌائي ڇاڇا ڪرڻو آهي؟ چئو ته رتن تلاءُ طرف ....”
    جيا هڪدم انيس جا ٻئي هٿ پڪڙي ورتا ۽ لڳڀڳ آزيون ڪندي چيو “ نه نه اهو ظلم نه ڪجو! گھر اگر منهن ڏيکارڻ جهڙي هجان ها ته ڪلهه رات جو ئي نه توکي چوان ها ته مونکي گھر پهچائي اچ. ....
    انيس جو چهرو پڙهندي هن خلاصو ڪيو.
    “ نه... نه .... اهڙو ڪجھ به ناهي. منهنجو پير ڪنهن دائري ۾ ڪونه پيو آهي. بس هڪ ئي، پر ڏاڍي وڏي ڀل ٿي وئي آهي. ڪنهن به طرح جي تياري بنا ئي مان ڪنهن جي ڀروسي ٽپي پيس!” جيا مختصر ۾، هڪ ئي ساهه ۾ انيس کي گذريل رات ٿيل حادثي جي باري ۾ ٻڌايو.
    “ هاڻي ڇا ڪندينءَ؟”
    “ ڪلڪتا ويندس.”
    “ڪلڪتا ئي ڇو؟ ڏسو مونکي خبر آهي ته اتي تنهنجي ڪو به واٽ ڪونه پيو نهاري.”
    “ ان وقت ائين ئي ڪلڪتا جو نالو کڻي ڇڏيو هو، منهنجي سڃاڻپ لڪائڻ جي لاءِ. پر، هاڻي ته تو مونکي سڃاڻي ئي ويو آهين ته چاهي ڪجھ به ٿئي پر گھر ته ناهي وڃڻو.”
    “ توکي اعتراض نه هجي ته هڪ ڳالهه ڪريان؟” پڇندي انيس رڪجي ويو. جيا جي سامهون نهاريائين. ۽ چيائين “ ڪلهه رات وڏي امان ته توکي ذرينا ۽ ننڍي ننهن جو لقب ڏيئي ئي ڇڏيو آهي. ڀلي هنن اڻڄاڻائي ۾ چيو هو پر، توکي اعتراض نه هجي ته اهو ئي نالو ۽ لقب قبولڻ لاءِ راضي هجين ته ..... ”
    جيا ڪجھ به نه چيو. من ئي من ۾ هوءَ ڪجھ سوچڻ لڳي. پر انيس کان هن جي خاموشي سهن نه ٿي. “ ائين نه ڀانئج ته وڏي گھر جي ڌيءَ ڏسي هي ڳالهه تنهنجي سامهون رکي آهي، ۽ نه ئي تنهنجي مجبوريءَ جو فائدو وٺڻ جو ارادو آهي. سچ چوان ته تو جنهن وقت حيرت ۾ پوندي نقاب هٽايو ان پل منهنجي اندر ۾ بجليءَ جيا ڪجھ چمڪي ويو هو!”
    “ مان ڇا ڪريان؟ جنهن حالت ۾ آهيان ان ۾ منهنجي ها يا نا جو سوال ئي ڪٿي آهي؟ هي ته توهان گذريل رات مونکي بچائي ورتو. نه ته ڇا جو ڇا ٿي وڃي ها. مان ڪلپنا به نٿي ڪري سگھان. هردي جي ڳالهه ڪريان ته مونکي توهان لائي مان آهي. مونکي اها به خبر آهي ته توهان سان جڙنديس ته دکي ڪونه ٿيندس! پر مان پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي آتما کي ڇا جواب ڏينديس؟ مون ديس شيوا لاءِ گھر ڇڏيو آهي. ڀلي ايڏو ڪو ويچار ناهي ڪيم. حساب سان ڪونه هلي آهيان پر منهنجي وطن لاءِ محبت ناهي پولي ناهي مٿاڇري ۽ اها ته شروعات آهي. ههڙا آزمودا ئي مونکي گھڙي راس ڪندا. هن طرح جي وڻندڙ اڻوڻندڙ حالتن مان ئي مونکي رستو ڳولڻو آهي. ”
    “ سٺو ٿيو جو تو واضح طور ڳالهه ڪئي آهي. نه ته مونکي لڳي ها ته مون تنهنجو اپمان ڪيو آهي. ” ٺاپر ۾ ايندي انيس چيو. “ هڪ ڪم ڪر! تو جنهن ڳالهه لاءِ گھر ڇڏيو آهي ان لاءِ احمدآباد شهر ٺيڪ آهي.۽ گجرات ته منهنجو وطن آهي. اتي اهڙيون سنسٿائون به آهن جيڪي بي سهارن کي سهارو ڏينديون آهن. گانڌيجي ڀلي اتي نه پيا رهن پر سابرمتي آشرم ته آهي نه؟ احمدآباد ۾ ديش شيوا ۽ سماج شيوا ٻنهي لاءِ سٺو ماحول آهي.”
    گاڏيءَ سيٽي هنئي. انيس گاڏي وٽ بيٺو هو. جيا انيس جي هٿ تي هٿ رکيو ۽ چيو:
    “ اڄ کان مان تنهنجي ذرينا بڻجي جيئنديس.” ۽ سندس اکين جي چمڪ ۾ ڳري انيس اندر ۾ لهي ويو.
    جَيا احمدآباد آئي. “وڪاس گرهه” ۾ رهي پڙهي. جنهن ڏينهن کيس ڪانپ واري “وڪاس گرهه” جي جوابداري سونپي ويئي ان ڏينهن هن کي انيس جو سچو ارٿ سمجھ ۾ آيو! ڪنهن اپوروَ کِڻ ۾ جَيا جي جيون ۾ هو آيو ۽ دوست بڻجي هن کي جيئڻ جي دشا ۽ آڌار ڏيئي ويو.
    “ توکي ياد پوي ..... ! مون کان ڪيئن وسري ......! (گجراتي ڪوتا) جي جگلبنديءَ ۾ رات ڪيئن نڪري ويئي جنهن جي خبر ئي نه پيئي. شام جو جساپر جي بس ۾ ڪنچن ويٺي ته پاڻ کي هلڪو ڀانئي رهي هئي. جَيا کيس بي فڪر ڪري ڇڏيو هو.
    “ هاڻي کان سڄي جوبداري منهنجي. پڙهائينديس مان ۽ پرڻائينديس به مان. اڄ کان آئون هن جي ماءُ ــ پيءُ.!
    ڪنچن جون اکيون آليون ٿي پيون. هن کان رهيو نه ٿيو. هن ڀريل ڳلي مان چيو:
    “ ادي! اسان کي رت جو رشتو بلڪل ڀلجي ئي ملڻو؟ منهنجو من ته ڪونه ٿو مڃي ....”
    “ ته ڇا ڪندينءَ؟ ڳوٺ ۾ سڀني کي ائين چوندينءَ ته ذرينا منهنجي نڻان آهي ۽ ڦِري ويئي آهي!” ماڻهو توکي طعنا ڪونه هڻندا؟ ۽ اروڻا؟ هيءَ ڳالهه ڄاڻڻ کان پوءِ مون وٽ رهندي؟ چندرڪانت ۽ ڪارتڪ اهو سڀ ڪيئن سويڪاريندا؟ مون صرف نالو ئي بدلايو آهي اهو ڪير وسهندو؟ ” ڪنچن کي ٿيو جَيا جي ڳالهه ته سچي آهي. پر هن طرح صفا ڪوڙو جيئڻو؟ ڪنهن ٽئين اڳيان ته ٺيڪ پر اولاد جي حاضريءَ ۾ به ڏيکاءُ ڪرڻو؟ آخرڪار جيا کي نرو وا ڪُنجرو وا وارو مارڳ سُڌو. “ ڀاڀي ! تون سڀني کي ائين چئج ته ڪراچيءَ ۾ اسان جي ڀر ۾ رهندي هئي ۽ امرت ادي مونکي ڌرم جي ڀيڻ ڪئي هئي. ڌرم جي ڀيڻ ۾ ڀيڻ به رهندي ۽ ڌرم به سنڀالبو. ۽ ايترو اڌستيه ته يڌشٺير به ڪٿي نه چيو هو؟”
    ڪنچن کي ڳالهه ٿوري دل سان لڳي.
    جساپر آئي ۽ ٻئي ڏينهن رُکي ڀاڀيءَ پڇيو “ نڻان امڙ، تون ته صبوح جو وڃي شام جو واپس اچڻ لاءِ ويئي هئينءَ ۽ ٽِڪي ڇو رهينءَ؟ هن تلڪچند چيو پي ته اتي تنهنجو ڪو رشتيدار ملي ويو هو .... اهو وري ڪير هو ؟
    ڪنچن تيار ئي هئي. ههڙي هڪڙي نه پر انيڪ سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ. هن رُکي ڀاڀيءَ سان وستار سان ڳالهه ڪئي.
    “ هوءَ گرهه ماتا ادڙي اصل ڪراچيءَ جي. هوءَ اروڻا جي پيءَ کي هر ساوڻي پرڻيما تي رکڙي ٻڌندي هئي. سندس پيءُ اسان جي ٿئيٽر ۾ نوڪري ڪندو هو. پر مالڪ نوڪر جهڙو نه هو. سالن کان گھر جهڙو ناتو. هن ذرينا کي منهنجي پڦي سس پيار مان جيا چوي. ڏاڍي ڀلي مائي. بصر ٿوم به نه کائي! مان ڪانپ ۾ نه ويئي هجان ها ته اڃا به پراڻي سڃاڻپ نه نڪري ها! مونکي ٿي چوي ته تون اروڻا ۽ ڪارتِڪ ٻنهي کي موڪلي ڇڏ. مان پڙهائي لکائي تيار ڪنديس. ڀاڀي ههڙن ماڻهن لاءِ ته پنهنجي چم مان جوڙا سبائي پهرايون ته به قرض نه لهي!”
    ايترو چئي خاص پارت ڪئي ته هن ڳالهه کي ڦهلائج نه. ڪنچن کي پڪ هئي ته ائين چوڻ سان سڄي ڳوٺ تائين ڳالهه پهچي ويندي ۽ پاڻ کي اها ڳالهه ور ور ڪري چوڻي ڪونه پوندي!
    ڪانپ ۾ وڃڻ واري ڳالهه تي اروڻا ايڏو ڪو راضي نه هئي. پهريون ڀيرو ماءُ کان ڌار ٿيڻو هو. ۽ اڳيان پڙهڻ ۾ کيس ايڏي ڪا دلچسپي به ڪانه هئي. پر امان چئي ٿي ته منع ڪونه ڪبي، ايتري سامانيه سُڌٻُڌ اروڻا کي هئي. پڙهڻ وڃڻ واري ڳالهه لاءِ اروڻا ۾ ڪنهن طرح جو جذبو نه ڏسي ڪنچن کيس پاڻ وٽ ويهاري سمجھايو.
    “ ڏس تون ويندينءَ ته مونکي ٿورو وڻندو؟ ڪارتِڪ جو خيال ڪير رکندو؟ تو ته سڄي گھر جو ڪم پاڻ تي کڻي ورتو آهي ته مونکي ڪيڏو نه آرام آهي. هاڻ ته سڀ مون تي اچڻو آهي نه؟ پر پٽ! ڪم جي لالچ ۾ مان توکي اڳيان وڌڻ کان روڪيان ته مون جهڙي ڪا ٻي لالچي ماءُ هوندي؟ توکي وڌيڪ ڇا سمجھايان؟ تون پاڻ ئي سڀ سمجھين ٿي. ڏس تنهنجي ماءُ ڪجھ پڙهيل ڳڙيهل هجي ها ته ڪجھ ڪمائي سگھي ها ۽ مانَ عزت سان جي سگھي ها. چوڻ خاطر ته گھڻا چوندا آهن ته پڙهياسين نه ته ڇا ٿيو هي ٻه هٿ ته آهن نه. جنهن کي محنت مزوري ڪرڻ ۾ شرم نٿو اچي ان کي ڪهڙي محتاجي؟ ڌيءَ چوڻ سولو آهي پر مزوري ڪرڻ ڏکيو آهي. ان ۾ جيڪي مهڻا ٻڌڻا پون، لاچاري سهڻي پوي، ... هرهر مان وڃائڻو پوي! دنيا ۾ ڪجھ سهکو ناهي! ۽ آخرين ڳالهه ....
    اسان وارو سمو الڳ هيو ان ڪري ڪاٽي وياسين. پر هاڻي جو وقت ڏکيو ايندو. تعليم بنا ڪنهن جو بِلو، ڀَلو ڪونهي. پڙهندا لکندا ته شان مان سان هلي چلي سگھندا. باقي قاعدن قانونن سان ڪنهن جو پيٽ ناهي ڀريو. ماڻهو پڙهي لکي ته اڳيان اچي سگھي. هي سڀ تنهنجي ڀلي جي خاطر چئي رهي آهيان!
    ۽ ها اتي واري گرهه ماتا ته تنهنجي پيءَ جي ڌرم جي ڀيڻ آهي. آهي ته ڌرم جي ڀيڻ پر سڳين کان به وڌيڪ آهي. نالو اٿس ذرينا .... ڏاڍي سلڇڻي، ويچار شيل، اصول پسند! هن سان گڏ رهندينءَ ته توکي ڌرتي آڪاش ٻنهي کي ڏسڻ واري درشٽي ملندي. باقي پيءَ جي کوهه ۾ مرڻ لاءِ اسان ٿورو جنم ورتو آهي؟ تون پڙهي لکي پيرين ڀر ٿي پوءِ تنهنجي شادي ڪنديس.”
    ڪنچن ڄڻ ڌيءَ کي ساهري موڪلي رهي هجي تيئن اتساهه مان تياريون ڪري رهي هئي. ڪارتڪ ڪجھ موڳو موڳو ۽ سڃو سُڃو گھمي رهيو هو. ڪنچن ڪو ڪم ڏسيس ته به زوريءَ ڪري. اروڻا وڃڻ کان اڳ ڪم اڪلائڻ لاءِ ڊوڙي رهي هئي. هوءَ سوچي رهي ته جيترو به ٿي سگھي ڪندي وڃا ته ايتري امڙ کي راحت رهي. هن ڪوئلا ڀڃي ٽانڪي ڀري ڇڏي. وڌيل چوري جون ٿالهيون ٺاهي ڇڏيون. ويندي ويندي اٽو به پيهندي ويئي. ڪارتڪ جي رلهي ڦاٽي پئي هئي تنهن کي به سنڌيندي ويئي. وري ڪارتڪ جو ضد ته اديءَ جي پوتيءَ مان ئي پُڙ چاڙهيو وڃي، ته جيئن هو اوڍي ته ادي ويجھي لڳي! ڪنچن اروڻا کان چندرڪانت کي ٽپال لکرائي پر هن وئڪيشن ۾ خانگي پيڍيءَ ۾ نوڪري ورتي هئي ۽ مٿان ٻه ٽيوشن به رکيا هئائين ان ڪري نه آيو هو.
    ڪنچن اروڻا کي ڪانپ ۾ ڇڏي آئي هئي تڏهن کان ڪنيا وِدايه جهڙا گڏيل ڀاوَ محسوس ڪري رهي هئي. هڪ طرف بي فڪر ٿي هئي ته چلو اروڻا جو ڀوشيه سڌرندو ۽ ٻي طرف اروڻا ناهي ته دک. هر هر هن جي ڪمي محسوس ٿئيس. گھر ڄڻ خالي خالي هو. ڪارتِڪ ته هيو، هن جي حاضري ڪيتري ڏسجي؟ ڌيمي ڌيمي ڪنچن کي هير پئجي ويئي. دک جي دوا وقت جو وهڪرو! ڏينهن، مهينا ۽ ورههَ گذرندا رهيا.
    هڪ ڏينهن صبوح جو لڳڀڳ ساڍي ستين لڳي ڪنچن رنڌڻي ۾ هئي ته ٻاهران در وٽ جسو ٽپاليءَ اچي هوڪو ڏنو.
    “ هلو گوراڻي ماءُ. مٺو مُنهن ڪرايو. سٺا سماچار کڻي آيو آهيان.” اڱڻ ۾ پير پائيندي ڪنچن کي ٿيو ڇا هوندو؟ هوءَ پوين ويهن سالن کان هڪ ئي خبر جي واٽ نهاريندي رهي هئي ......


    25

    پوسٽ ڪارڊ جسي ٽپالي ڪنچن جي هٿ ۾ ڏيندي چيو، “ توهان جي چندرڪانت کي نوڪري ملي ويئي آهي.”
    ڪنچن کي ٿيو. چندرڪانت به امرت جو انش آهي. هن جي خوشي ٻيڻي ٿي پئي. هن جسوءَ کي مصري کارائي مٺو منهن ڪرايو. ۽ سرهائيَ جا ٻه روپيا ڏيڻ لڳي، پر جسوءَ نه ورتا. هڪ گھر ته ڏائڻ به ٽاريندي آهي.
    ٻهراڙيءَ ۾ جسو جهڙن ٽپالين مٿان ٽپال ورهائڻ کان علاوه ٽپال لکي ڏيڻ ۽ پڙهي ڏيڻ وارو ڪم به هوندو آهي. ٽپال ورهائڻ ۾ هڪ ٻن ڏينهن جي موڪل رکندو آهي ته هلي ويندو آهي پر لکرائيندڙن کان جند ڇڏائڻ مشڪل ڪم. سڄي پوسٽ ڪارڊ ۾ اڌ کان وڌيڪ حصي ۾ صرف نالا ئي هوندا آهن، خط لکجي انهن جا يا لکرائيندڙن جا. ان ۾ به اگر ڪنهن جو نالو رهجي ويندو آهي ته مصيبت ٿي پوي. حالانڪ جسو ان ۾ به ڪمائڻ وارو ڪيميو ڳولي ورتو. ٽپال لکي ڏيڻ جو آنو ـــ ٻه آنا ـــ جنهن کي جهڙي تڪڙ ان مطابق وٺي. ٽپال پڙهڻ وارو ڪم هو دوستن جي سهايتا سان ڪندو هو. پوسٽ ڪارڊ پڙهڻ جو ته ڄڻ سڀني کي اڻ چيو اڌيڪار. انتر ديشي گول نليءَ جهڙو ڪري گھمائڻ ۽ ماڻهن جي گھر پريوارن جي ڳالهين مان مزو وٺڻ. لفافو کولڻ ۾ ٿوري ڪلا ـــ ڪاريگري ڪرڻي پوندي هئي. ٿورو ٿلهو لفافو هجي ۽ ان ۾ به پريم ڪٿا ملي وڃي تڏهن ته مزو ئي مزو. ڳوٺ جي ڪافي سارن ماڻهن کي ان ڳالهه جي خبر. هڪ ٻه ڀيرا ته ڀلي ڀائي جي ساٿي جيوي جسوءَ کي ڊنگول به ڪڍي، جنهن جي ڪري ٿورو ڍلو ٿيو، پوءِ به موقعو ملندو هو ته ڇڏيندو ڪونه هو.
    پر اڄ ته سچي دل سان ڪنچن لاءِ سٺا سماچار کڻي آيو هو. گوراڻي اما کان ناحق جو ڪجھ به نه وٺجي......!
    پوين ويهن سالن ۾ اڱرين تي ڱڻي سگھجن ايترا مڏ سٺا سماچار آيا هوندا. حالانڪ جنهن جي هوءَ سالن کان واٽ نهاريو ويٺي آهي اها خبر ته الاجي ڪڏهن ايندي؟ چندرڪانت کي احمدآباد ميونسيپاليٽيءَ ۾ ڪلرڪيءَ جي نوڪري ملي هئي. امرت جي سونپيل جوابدارين منجھان هڪ ته پار پيئي. بس هاڻي پرڻجي گھرگرهستيءَ وارو ٿئي ته آرام. حالانڪ پويان ئي پويان اروڻا تيار آهي. ڌيءَ ڌڻ، کيس وڌندي ڪهڙي ويرم! جھوير ڀاڀي هجي ها ته چوي ها ڌيءَ ۽ ڪچري جو ڍڳ ٻئي سريکا. پيا پيا وڌندا رهندا آهن. ڪنچن کي ٿيو ته جھوير ڀاڀي ۽ جيا جهڙي نڻان هجي ها ته ڌيءَ بابت سندس خيال بدلجي وڃي ها. اروڻا ڪاليج ۾ آئي ۽ ان ئي سال جَيا احمدآباد جي وڪاس گرهه ۾ بدلي ڪرائي ورتي. ڪنچن کي ٿيو هي چندرڪانت پنج سال کن نوڪري ڪري ۽ تنهن درميان اروڻا ڪاليج ڪري وٺي ته ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جون گڏ شاديون ڪرائي سگھجن. هڪ ئي خرچ ۾ ٻه پرسنگ پتجي وڃن. من ته گهڻو ڌم پڇاڙ ڪندو آهي پر آخر ڪار ته سڀ ڪجھ مالڪ جي هٿ ۾ آهي. ڏسو نه ڪنچن ڪيتريون ساريون ٻاڌائون رکيون هيون پر ڪارتِڪ ستين ۾ ناپاس ٿيو ۽ سال بگڙيو. نه ته ان کي به چندرڪانت وٽ احمدآباد موڪلي ڇڏي ها. هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج سڀ ڪجھ گڏ ئي گڏ پتجي وڃي ها. ڪارتِڪ کي چوپڙين کان چترن ۾ وڌيڪ مزو ايندوهو. هن سوچيو ته جيا کان پڇائيندس ته اتي ڪا اڳيان پڙهائي واري لائن به هجي ته؟ باقي هي ڇوڪرو ٻين جيان ڪونه پڙهندو. هونئن به سُڀاءَ ۾ ڪجھ الڳ ئي آهي. سڄو ڏينهن سيم ۾ رلندو وتي ٿو. گھر کان ٽهندو آهي. ننڍو هو تڏهن ڏَسيل ڪم ڪندو هو، جڏهن کان چندرڪانت کي نوڪري ملي آهي تڏهن کان تقريبن هر ڳالهه هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏي ٿو. گھر کان اسڪول وڃڻ لاءِ نڪرندو آهي پر اسڪول نه پهچندو آهي. هڪ دفعو ماستر ڪنچن کي چيو به سهي. ڪنچن ان ڏينهن ماريس ته سامهون ٿيو. ٿڪجي هارجي ڪنچن سندس نالو وٺڻ ڇڏي ڏنو. هن کي بس بڙودي وڃڻو آهي. ۽ چترڪلا جو اڀياس ڪرڻو آهي. پر ستون درجو ناپاس، کيس ڪير داخل ڪندو؟ ۽ چترن جي پڙهائيءَ ۾ ڪاڳر، رنگ ۽ ٻين شين جي پٺيان وارو خرچ به ڪافي ٿيندو آهي. مڃي وٺو چندرڪانت ٿوري مدد ڪري پر ڪنچن کان اهو سڀ ڪٿان پڄي؟جَيا سان ڳالهائي ته ڪا تڪليف نه رهي، پر هن مٿي به ته اروڻا جي ذميواري وڌي آهي اتي هيءَ ٻي ڪٿان وجھجي. اتفاق سان هڪ ڏينهن ڀلاڀائي گھر آيو. هُونئن ته اهي قليل ڪڏهن ايندو هئو. هري پريا جي ذريعي ئي هو هڪ ٻئي کي سڃاڻندا هئا. ٿيو ائين جو ان ڏينهن ڪنچن گھر کي راڳو ڪرڻ لاءِ ڇيڻو مٽي پُسايا هئا. تقريبن ٻنپهرن جو، ڪارتِڪ اسڪول ويو هو. ڪنچن ڪمري ۾ راڳو ڪري رهي هئي ۽ ٻاهران گيٽ وٽ ڪنهن ڪڙو کڙڪايو. ڇيڻي مٽيءَ وارن هٿن سان ڪنچن دروازو کوليو ته سامهون ڀلاڀائي بيٺا هئا!
    اونچو سنهڙو ڪڻڪائون ديهه. چهري تي هلڪيون مڇون، ليمي جي ڦاڪ جهڙيون اکيون. ڪنچن پل ڀر لاءِ هٻڪي ويئي. کيس خيال به نه رهيو ته ڪو هن جي مٿي تان ساڙهيءَ جو ڇيڙو سِري ويو آهي. چوٽو ڪيل وار ڍلا ٿي ڪنڌ تي پيا آهن ۽ راڳو ڪندي بيٺ ٻڌل آهي، شلوار کنجيل آهي جنهن جي ڪري پير ڳرين تائين کلا آهن.شايد پهريون ڀيرو هوءَ ڪنهن پرائي پرش جي اڳيان هن طرح بيٺي هئي. اڌ گھڙيءَ ۾ هن پاڻ کي سنڀالي ورتو. راڳي وارن هٿن سان مٿي تان اوڍيو “ ادا ڀلي ڪري آئين” چوندي هن ٻڌل بيٺ ڇوڙي ۽ کنجيل شلوار به سريکي ڪئي.
    ڀلاڀائي سنڪوچ وچان اڱڻ ۾ پير پاتو ۽ ڌيمي ستي ماتا واري هنڌ طرف مڙيو. جوڙو لاهي درشن ڪيا. ڪنچن ورانڊي وٽ دروازي جي ڀرسان پاڻيءَ جو گلاس کڻيو بيٺي هئي. هو آيو ۽ ڪنچن کان پاڻيءَ جو گلاس وٺي ڪرسيءَ تي ويٺو. ڪنچن ڪماڙ جي ٽيڪي سان بيٺي هئي. گلاس واپس ڪندي ڀلا ڀائي ڳالهايو:
    “ گھڻن ڏينهن کان توهان سان ملڻو هو پر موقعو نه پي مليو. وچ ۾ هڪ ڀيرو ويچار آيو ته هن کي يعني توهان جي سهيليءَ کي موڪليان پر وري سوچيم ڪجھ ڳالهيون سڌيون ڪجن ته ٺيڪ. ” رڪجندي هن ڪنچن سامهون ڏٺو. ۽ اڳيان چيو:
    “ چوڻين ۾ چيل آهي ته سنگھاسن تي وهندڙ پيءُ مري پر پرايا پيهڻا پيهندڙ ماءُ شل ڪنهن جي نه مري. ڳالهه به ڪجھ صحيح آهي ته ڪجھ اڌوري به. حقيقت ۾ ٻار کي زندگيءَ ۾ ماءُ يا پيءُ ڪنهن هڪ بنا به نه هلندو آهي. مان ڏسان پيو توهان جي تپسيا، ڪيڏو سارو سهي توهان ٻارن کي وڏو ڪيو آهي. پيءَ جو فرض به نڀايو آهي پر ڪمي آهي سا ته آهي ئي.” هو ڪنچن جو ردِعمل ڏسڻ لاءِ رڪجيو. ڪنچن کي ڪجھ سمجھ ۾ اچي رهيو هيو ۽ ڪجھ نه.
    “ ڀلا ڀائي توهان صاف لفظن ۾ ڳالهه ڪريو، مان مٺيان نه ڀائينديس.”
    “ ڳالهه هيئن آهي ته توهان جو ننڍڙو ڪارتِڪ ويرڀدر جي سنگت لڳو آهي. سڄو ڏينهن جھانپل دي جي اوٽي تي پيو هوندو آهي. ڀارت سنگھ جو مٿي جو وار به قرض ۾ ٻڏل آهي. هو اوطاق تي جُوا کيڏندو رهي ۽ هي ويرڀدر ڳوٺ جا ٻار گڏ ڪري مار ڪٽ ڪري، لڦڙا ڪري. پاڻ کي ائين ٿئي ته ڳوٺ جو نالو ٿو بدنام ٿئي پر آخر ڪيستائين کيس پوليس کان بچائجي؟ ڪارتڪ جي هن سان اُٿ ـــ ويهه هجي اهو ٺيڪ ناهي.”
    ڪنچن ڪجھ چئي نه سگھي. هن جو من ڀرجي آيو. پوين ڪيترن مهنن کان هن کي جيڪو ڊپ هيو اهو اڄ سچ ثابت ٿي رهيو هو.چندرڪان سنئون سڌو، ۽ ماٺيڻو. هو وڏو ٿيو ڪنچن کي خبر نه پيئي هئي پر هن ڪارتڪ جو ڇا ڪجي؟ هن ڀريل آواز مان چيو:
    “ڇا ڪريان ادا؟ رات ڏينهن ان جي چنتا ٿيندي اٿم. گذريل سال ستين ڪلاس ۾ فيل ٿيو. ڪيترو ئي سمجھايو اٿم ته امتحان ڏي پر الاجي ڇو مونکي ته ڄڻ پاڻ جي دشمن سمجھندو آهي. ڳالهائيندو ئي ناهي. ڪجھ چئوس، مار ڪُٽ ڪريوس ته چپ سبي ويهي رهندو آهي. ”
    “ ائين تون ڍلي نه ٿي. کيس آرام سان ويهي پڇينس، پڙهڻو نه هجي ته ڪنهن ڪم تي لڳائينس.”
    “ نه هن کي ته چترڪلا جو پڙهڻو آهي. بڙودي وڃڻو آهي، پر منهنجي حيثيت ئي ڪٿي آهي جو مان موڪلي سگھانس. اڃا ته چندرڪانت کي نوڪري ملي آهي تنهن کي ٻه سال به ته نه ٿيا آهن. هن جي نوڪري پڪي ٿي وڃي پوئي ئي ڪجھ سوچي سگجي ٿو ۽ هن چترڪلا کي پڙهي ڇا ڪندو؟ ان مان ڪهڙي ماني ملندي؟”
    “ تون هيئن ڪر، هن کي مون وٽ موڪلج. مان هن کي سمجھائي ڪو رستو ڪڍندس. ۽ ها اگر هو چترڪلا ۾ نالو ڪڍندو ته توکي هن جي ته ڇا تنهجي مانيءَ جي به چنتا ڪونه ڪرڻي پوندي. چڱو ته مان هاڻي هلان ٿو.” چوندي ڀلاڀائي ورانڊي واريون ڏاڪڻيون لهڻ لڳو. جوتو پائي هڪ منٽ بيهي رهيو ۽ چيائين:
    “ تون ڪارتِڪ بابت فڪر نه ڪج، هن جو بڙودي وڃڻ جو انتظام مان ڪري ڏيندس. ان کان علاوهه اڌ رات جو به تنهنجو ڪو ڪم هجي شرم نه ڪج. تون ڳوٺ جي نياڻي ئي نه پر هن جي سکي به آهين. تون ته مٺي پاڻيءَ جي مڇي هتي کاري پاڻيءَ ۾ ڀلجي پيئي آهين. هوندي جيڪا ايشور جي مرضي. پر ايترو ڄاڻج ته تون اڪيلي نه آهين.”
    ڀلا ڀائي ويو. ڪنچن کي ٿيو صفا سڪل نديءَ ۾ به ويئريون هونديون آهن سهي!
    بڙودي وڃڻ واري ڳالهه ڪارتِڪ کي ننهن چوٽيءَ تائين ڄڻ بدلي ڇڏيو. ڪنچن کي من ۾ اونو رهندو هو ته هن پير جي تڪليف سان هو ڪهڙي ريت شهر ۾ رهي سگھندو؟ پر ائين ڪرڻ سان جو هن کي هن جي من کي وڻندڙ ڪِرت ملي ويندي ته گھٽ ۾ گھٽ آڏي رستي ته ڪونه ويندو. بڙودا وڃڻ ۾ هفتي جي دير هئي ۽ هڪ شام جو هرجي پٽيل وارو ڪالو ڪارتڪ کي گهليندو گھر وٺي آيو. پٺيان ماڻهن ۽ ٻارن جو ٽولو هيو. ڪنچن ڊڄي ويئي.
    ڪارتڪ جي منهن مان رت نڪري رهيو هو. سڄو بُت مٽيءَ سان اٽيو پيو هو. ٻئي پير لٿل هئا. ڪنهن کيس ڪنڊن جي واڙ ۾ گهليو هجي اهڙا. هڪ هٿ لٽڪي رهيو هو. ڪارتڪ ڪروڌ ۽ پيڙا جي ڪري روئي به نه پي سگھيو .
    جڏهن کان ڀلا ڀائي ڪارتِڪ کي گھرائي سمجھايو ۽ کيس بڙودا موڪلڻ واري ڳالهه ڪئي هئي تڏهن کان ڪارتڪ ويرڀدر جي سنگت ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو. ويرڀدر کي ڊپ هيو ته ڪارتڪ هن جي ڪارنامن جي پول کولي وجهندو. ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ننڍيون وڏيون چوريون، جيئن ته ڪنهنجي سائيڪل جي گھنٽي چورائجي وڃي، ڪنهن جي بُليٽ گاڏيءَ جي پيٽرول جي ٽانڪي خالي ٿي وڃي، ڪنهن جي ڳئون ڏُهڻ وقت گابو ڇٽي وڃي، تلائن کوهن تي مايون ڪپڙا ڌوئنديون هجن يا وهنجنديون هجن تڏهن وڻ جي ٽارين تي چڙهي لڪي لڪي نهارڻ واري عادت، ڪير ڪنهن سان هلي ٿو ان جون ثابتيون ڳولڻ، دير رات جو ڪنهن اڪيلي رهندڙ عورت جي ڇت تي پٿر ڀتر اڇلائڻ، ڪنهن بيٺل ٻنيءَ ۾ ڍور ڇڏي ڏيڻ ۽ وجھ ملي ته ٺاڪر مندر مان پرچورڻ ميڙي وڃڻ .... اهڙا ڪئين ڪيترن گورک ڌنڌن جو ڪارتڪ ساٿي ۽ ساکي رهيو هو.
    هڪ ڏينهن واڙي ۾ ڪارتڪ لغڙ اڏائي رهيو هيو. ۽ ويرڀدر پنهنجن ساٿين سان گڏ اچي پهتو. ڪارتڪ ڪجھ سمجھي تنهن کان اڳ هن جا لغڙ ڦاڙي ڇڏيا. ڏورن واري ڍيري دور تلاءَ ۾ اڇلائي ڇڏي ۽ لتون مڪون هڻي ڪارتڪ کي هيٺ ڪيرائي کيس ٻٻرن جي ڪنڊن ۾ گھليو ويو.
    “ وڃ. تنهنجي ماءُ کي پڇي اچ ته هن جا گھڻا مڙس آهن؟ ۽ هن حراميءَ کي چئج ته توکان ٿئي سو ڪري وٺج. هو توکي بڙودي موڪلي ٿو، مان ڏسان ٿو ڪيئن ٿو موڪلي هو؟ ”
    ڪارتڪ مار ته سهي ويو هو پر ويرڀدر ڪنچن ۽ ڀلا ڀائي تان جيڪا ڪيچڙ اڇلائي هئي اها هن جي برداشت کان ٻاهر جي ڳالهه هئي. هو هيٺ پيو هو پر سندس هٿ ۾ آيل سِر کڻي ويرڀدر جي مٿي ۾ ٺڪا ڪيائين. رت جي ريلي سان ويرڀدر ويهي رهيو. ان وقت هرجي پٽيل وارو ڪالو سيم مان موٽي رهيو هو. هن هڪل سان ٽولي کي ڀڄايو. ڪارتڪ جا ٻئي پير لهي پيا هئا. کيس ڪلهي تي کڻي گھر وٺي آيو.
    ڪارتِڪ جو کاٻو هٿ اکڙي پيو هو. ڀلاڀائي کي جيئن خبر ملي ته هو گاڏي وٺي ڊوڙي آيو ۽ کيس پاسي واري ڳوٺ سيجڪ پور ۾ ڪنهن ويد وٽ کڻي ويو. ڪنچن کي گڏ اچڻ لاءِ چيو پر هن پهريان ته نا ڪئي. ڀلا ڀائي چيو “ ننڍڙين ننڍڙين ڳالهين ۾ هيئن نراس ٿي ويندينءَ ته ڪيئن هلندو؟ هل، پٽ تو لاءِ هيڏو سَٺو آهي ۽ تون پوئتي هٽي رهي آهين.” ڪنچن ويئي. ويرڀدر به موٽر ۾ هو. هن کي تعلقي جي ڊاڪٽر ٽانڪا کنيا. موٽندي ڀلا ڀائي چيو “ هي ٻار وڏڙن جي ميرن منن جو پڙاڏو هوندا آهن. حقيقت ۾ هو ماڻهو اهڙا نه هوندا آهن.”
    ڪنچن واپس آئي ته ڪيترن ئي ڏينهن تائين طبيعت پڇڻ وارن ماڻهن جي قطار لڳي ويئي. سڄو ڳوٺ ڀارت سنگھ ۽ ان جي ماڻهن کان عاجز هو. سڀيئي واٽ نهاريو ويٺا هئا ته ڪو اچي منيءَ جي ڪنڌ ۾ اچي چڙو ٻڌي! آخرڪار صفا غريب لڳندڙ ڪارتڪ اهو ڪم ڪري ڏيکاريو. ڪنچن کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي ته هن ڪارتڪ کي چيو “ تو ڇو جھيڙو پاڻ تي کنيو؟ هتي ته اڪيليءَ عورت کي عالي موالي گاريون ڏيئي ويندا آهن. ڪنهن کي ڪا لڄ شرم آهي ڪونه. تون ڪنهن جي ڪنهن جي منهن تي ڇاڻي ٻڌڻ ويندين. هن ڀيري تون بچي ويو آهين، پر وري اگر ڳالهه وڌندي ته هي ماڻهو توکي جيئرو ڪونه ڇڏيندا.”
    “ ڀلي، اهي ماڻهو مونکي مارڻ کان وڌيڪ ٻيو ڇا ڪندا؟ پر هڪ ڳالهه تون به ڪن کولي ٻڌي ڇڏ. مان سڀ ڪجھ سهي ويندس، پر ڪو تنهنجو نالو وٺندو ۽ منهنجي پيءَ تائين ويندو ته مان ان کي جيئرو ڪونه ڇڏيندس. ”
    ڪنچن کي ٿيو هاڻي ڪارتِڪ وڏو ٿي ويو آهي. هن کي پنهنجي مٿان ٿڌي ڇانو جو احساس ٿيو.
    ڀلاڀائي جي سڄاڻپ جي ڪري ڪارتڪ کي بڙودي جي فائين آرٽس ڪاليج ۾ داخلا ملي ويئي. پهريئين سال جو ته سمورو خرچ ڀلا ڀائي کنيو ٻئين سال کان ڪارتڪ ننڍا وڏا گرافڪ جا، ڊزائن جا ڪم کڻي ٿورو گھڻو ڪمائڻ لڳو. هن لائن ته پئينٽينگ واري کنئي هئي پر ڌيمي ڌيمي هن جو ڪامرشيل آرٽس طرف لاڙو وڌندو ويو. ٽئين سال هن پڙهائي ڇڏي ممبئي جي واٽ ورتي. اتي اشتهارن جي ڪمپنيءَ ۾ ڪم به ڳولهي ورتو.
    چندرڪانت پڙهڻ ويو تڏهن ڪنچن کي لڳو ته اروڻا ۽ ڪارتڪ آهن. اروڻا ويئي ته ڪارتڪ جو سهارو هيو پر ڪارتڪ جي وڃڻ بعد هوءَ بلڪل اڪيلي ٿي پيئي. هيل تائين هن جيڪو ڪجھ ڪيو پئي ان جي پويان صرف هڪ مقصد هيو ٻار، انهن کي پالڻ، پڙهائي ڍنگ سان ٿئي ۽ هو لائقيءَ لڳي وڃن. ڪنچن کي ٿيو ٻار شروعات وارن ڏهن سالن ۾ ڄڻ تمام هوريان هوريان وڏا ٿيندا لڳن، پر پوءِ ته اچانڪ هڪدم وڌندا يعني گھڙيءَ گھڙيءَ وڏا ٿيندا محسوس ٿين. اڃا هينئر ئي ته چندرڪانت جو آواز بدلجيو هيو تان ڪارتڪ جي منهن تي به منهن سَر ڦُٽي آئي هئي. اروڻا ۽ ڪنچن جي چپل جي ماپ چپٽي وڄائيندي هڪ ٿي ويئي هئي. چهنب ــ پنک ايندي سڀيئي پنهنجي پنهنجي دشائن ۾ اڏامي ويا.
    اروڻا بي. اي. ٿي ويئي. ڪنچن کي هاڻي ٻنهي کي گڏ پرڻائڻ جي اڻتڻ ٿي. هن جَيا کي لکيو لائق ڪنيا ۽ گھوٽ نظر ۾ رکج. پر اروڻا صاف چئي ڇڏيو ته پهريان نوڪري پوءِ ٻيون ڳالهيون. هوءَ سرڪاري نوڪريءَ لاءِ امتحان ڏيڻ جون تياريون ڪرڻ لڳي. ڪنچن کي ڊپ ٿيو ته اروڻا شادي ڪرڻ جي نابري نه واري ڇڏي يا هن من ئي من ۾ ڪنهن کي پسند نه ڪري ڇڏيو هجي؟ هن احمدآباد وڃڻ جو طيءِ ڪيو.


    26

    ڪنچن احمدآباد وڃڻ جو طيءِ ته ڪيو پر وڄڻو ڪهڙي ريت؟. پوين سترهن سالن ۾ مڏ ڪانپ تائين وڃڻ ٿيو هو ۽ اهو به مشڪل سان ٻه ٽي دفعا. وري ڪنهن نه ڪنهن جو ساٿ ته هيو ئي. هيءُ ته احمدآباد وڃڻو. ڊگھو رستو، اچڻ وڃڻ ۾ هفتو لڳي وڃي. ايڏا ڏينهن ڪم ڌنڌو ڇڏي ڪير گڏ هلي؟ ڪنچن اڪيلو ئي نڪرڻ جو ويچار ڪيو.
    ڪانپ مان احمدآباد وڃڻ جي بس به ملي ۽ ريل گاڏي به. حالانڪ چوماسي ۾ بس بند رهندي هئي. ريل گاڏي ۽ بس جي ڀاڙي ۾ به فرق ۽ احمدآباد پهچڻ ۾ به تفاوت. گاڏيءَ جو ڀاڙو گھٽ پر وچ ۾ ويرمگام جنڪشن کان احمدآباد وڃڻ لاءِ گاڏي تبديل ڪرڻي پوي ان ۾ به اگر صبح جو نڪرجي ته اوندهه ٿيندي احمدآباد پهچجي. وچ ۾ اڃا ٻين گاڏين جا ڪراسنگ ۽ ڪنڪشن نڙن اهي نفعي ۾. ڀاڳن سان ڪا گاڏي وقت سر پنهنجي منزل تائين پهچائيندي هئي تنهن کان ته بس سٺي. ڀاڙو ٿورو وڌيڪ پر وچ ۾ ڪٿي به ڪجھ بدلائڻ جي جھنجھٽ ڪانه هئي. ڪانپ مان ويٺاسين سڌو احمدآباد لهڻ.
    ڪنچن ڪانپ مان احمدآباد وڃڻ واري بس ورتي. بس ننڍا وڏا ڳوٺ وٺندي وڃي. گھڙيءَ ۾ پڪن رستن تي هلي ٿي ته گھڙيءَ ۾ ڪچن رستن تي لهي ٿي ويئي. ننڍڙن ننڍڙن ڳوٺڻ ۾ به ويئي پي. ڪنچن صبح جو يارهين لڳي بس ۾ ويٺي ۽ وڃي شام جو ساڍي ڇهين بجي احمدآباد پهتي. گيتا مندر اسٽئنڊ تي لٿي پل ڀر لاءِ سندس اکيون چرخ ٿي ويئون. ڊگھي عرصي کان اونداهي ڪمري ۾ رهڻ بعد اچانڪ کليل موڪري روشن ميدان ۾ اکين کي هير پوڻ ۾ وقت لڳندو آهي. ڪنچن جو ٻالڪپڻ ڀلي ٻهراڙيءَ ۾ گذريو هو پر هن جو هڪ شخصيت طور وڪاس ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ ٿيو هو. سُڌ ۽ سمجھ ڪراچيءَ مان پرائي، سياڻي ٿي. ان ڪري هوءَ ڪيترا ئي سال ڳوٺن ۾ رهي پر پاڻ کي سڏائي ته شهري. هن جي رهڻي ڪهڻيءَ ۾، ويچار وهنوار ۾ ڳوٺاڻي کهرائي گھٽ ۽ شهري نزاڪت وڌيڪ هئي. ڪنچن جي چرخ ٿيل اکين ٻه چار ڀيرا اُپٽ پور ڪئي ۽ من ۾ ڪراچيءَ جا ويڪرا صاف رستا، ڊگھيون عمارتون، ٽرام وي ۽ ريل گاڏين وارا منظر اڀري آيا. ڪاش! اهي سڀ نرجيو ـــ اسٿِر درشيه هجن ها! ڪنچن جي اکين ۾ بوندون اچي ويئون. هاڻي ته صرف يادن ۾ اهو شهر ۽ ان جا رهواسي .... هن هڪ شوڪارو ڀريو ۽ ٿيلهيءَ مان چندرڪانت جي سرنامي وارو ڪاڳر ڪڍيو. هونئن ته جيا جو سرنامو هيو، پر هن سوچيو ته هيئن اوچتو چندرڪانت جي ڪمري تي وڃي ڏسان ته سهي! ڪيئن رهي ٿو ڪيئن نه ، خبر ته پئيم.
    هُن اسٽئنڊ تي گھمندي ڪنڊڪٽر کي سرنامي وارو ڪاڳر ڏيکاريو۽ وڃڻ جو رستو پڇيو. ڪنڊڪٽر ڪاڳر پڙهيو ۽ هڪ نظر ڪنچن جي سامان تي وجھندي چيو: “ هتان کان پري آهي، هيڏو سارو سامان کڻي پيادل پڄي ڪونه سگھبو. پيڊل رڪشا ڪري وٺو.” ڪنچن کي شش وپنج ۾ ڏسي هن چيو: “ڏيو مان ٿو توهان کي رڪشي وارو ڳولهي ڏيان. توهان کي ٺڪاڻي پهچائي ڇڏيندو ۽ پيسا به واجبي وٺندو.” ڪنڊڪٽر جي انسانيت ۽ ماڻهپائي ڏسي ڪنچن کي ٿيو دنيا ۾ اڃا سٺن ماڻهن جو ڏڪر ڪونهي.
    پيڊل رڪشا کي ڏسي ڪنچن جا ٻه قدم پوئتي هٽي ويا. گاڏن، ايڪن، گھوڙي گاڏين ۾ وهندي آهي ته بار ڇڪيندڙ جانورن تي ديا ايندي آهي. هت ته ماڻهو ماڻهوءَ جو بار ڇڪي رهيو هو! هن ناڪار ڪئي. ڪنڊڪٽر سمجھائيندي چيو: ادي گھوڙا گاڏيءَ وارو وڌيڪ پيسا وٺندو. ۽ هي ته ڪجھ سٺو به آهي. سائيڪل رڪشا کي پيڊل هڻڻا پون جنهن جي ڪري رڪشا واري کي گھٽ محنت پوندي آهي. ڪلڪتا جهڙي شهر ۾ ته ماڻهو ٻن هٿن سان گاڏي جا اڳيان ڊگھا ٻه هٿا پڪڙي جانور جي جڳهه تي ڊوڙندا آهن. ۽ بابو پٺيان وهندا آهن. رڪشا واري به جوڙيندي چيو: ادي توهان جيئن اگر سڀيئي اسان تي ديا کائيندا ته اسان ڇا کائينداسين؟
    نئون شهر، وهڻ بنا ٻي ڪا واهه ڪانه هئي. مٿان سامان به گھڻو هو. ٻارن لاءِ هنيون پئي هُريو. يجمانن وٽان آيل اَنُ، کوکن جو ڳوٿرو، اروڻا جي لاءِ پولڪي جا پيس، جَيا جي لاءِ پنج جوڙون ڪپڙا، ٿالهي پياليون، چندرڪانت ڌوتي پائيندو ڪونه هو ان ڪري ان لاءِ ٻن قميصن جيترو اڇو ڪپڙو ۽ مٺائيءَ جو دٻو به. سامان وڌي پيو هو انهيءَ ڪري رضائي کڻي اچڻ وارو ويچار ترڪ ڪري ڇڏيو هو. گھر شيون وڌنديون وينديون هيون پر کائيندڙ يا واپرائيندڙ پاڻ اڪيلي . ڪڏهن ڪڏهن يجمانن کي شيون آڻڻ جي منع ڪرڻي پوندي هئي. ته ڪڏهن اوڙي پاڙي ۾ ورهائي ڇڏيندي هئي. جھوير ڀاڀي بنا گهرڻ جي صلاح به ڏيندي هئي. تنهنجن جي ڀاءُ کي وڌيل شيون دوڪان تي ڏيئي روڪ وٺي ڇڏيندي هجين ته.” پر ڪنچن جو من نه مڃيندو هو. تلڪچند اڌ قيمت ڏئي ها ۽ وري اهي شيون ٻيڻي قيمت ۾ يجمانن کي وڪڻي ها، اهڙا گورک ڌنڌا ڪير ڪري!
    ڪنچن پئڊل رڪشي ۾ ويٺي ته سهي پر هن جو جيو ڏُري رهيو هو. پگھر ٽمندڙ پٺيءَ تي چهٽي ويل قميص، گوڏن تائين ميري گندي پوتڙي، پيرن جي پنڊين جا اڀريل سنايو. ۽ هٿن جون ڇڪيل نسون، ٻر ڪندي چٻو ٿيندڙ سرير. ايلِيس بريج واري ڍار ايندي ڪنچن کان صبر نه ٿيو هن چيو “ بيهو ادا، هي ڍار مان هلي وينديس.” رڪشا ٿوري ڌيمي ٿي ۽ هوءَ لهي ويئي.
    پل وٽ کاٻي باغيچي جي ٻاهران رستي تي ۽ سامهون واري رستي تي هٽڙيون سميٽيندڙ ماڻهو، ويندي ويندي ڪجھ کٽي وڃڻ جي لالچ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ گراهڪ . جمعي واري بازار وکرجي رهي هئي. پل جي ناڪي وٽ وڃي رڪشا وارو پگھر اگھندي بِيهي رهيو. ڪنچن کي ڏسي چيائين “ ادي تون هتان جا ته ڪونه ٿي لڳين. هتي ته پائي پائي وصول ڪرڻ وارا ماڻهو پيا آهن. ڪڏهن ڪڏهن اسان پاڻ وينتي ڪندا آهيون ته مهرباني ٿي سگي ته ٿوري دير جي لاءِ لهي پئو ته ٺيڪ ٿئي ته وڙهي پوندا آهن. ۽ پيسا ڪاٽي وٺڻ جي ڌمڪي ڏيندا آهن. توهان جهڙا رحم دل انسان ته مڏ ملندا آهن.” پوءِ ته رڪشا وارو ڄڻ گائيڊ جو ڪم ڪري رهيو هو.
    “ ادي هيءَ پل آهي ته لوهه جي پر ماڻهون هن کي ڪاٺئين پل چوندا آهن. هيءَ اهڙي پل آهي جو سو سالن تائين به هن کي ڪجھ نه ٿيندو.” پل جي ٻنهي طرفن کان گولاڪار ڪمانن مان سابرمتي وهندي ڏسجي رهي هئي. پل ختم ٿيندي رڪشا واري چيو“ سنڀالي ڏاڍو جھلجھو.” ۽ ڍار لهندي هن جي رڪشا ڊوڙڻ لڳي. رڪشا واري جي چهري تي سامت ڏسي ڪنچن کي ٿيو ' سڄو رستو هلڪو ڦول هجي ها ته ! 'پر جيون ۾ سڀني کي ڪٿي نه ڪٿي ڍار چڙهڻا پوندا آهن. ۽ ڪٿي لهڻا به پوندا آهن. شايد ٻئي شيون زندگيءَ ۾ ضروري آهن. نه نه حقيقت ۾ ته هڪ آهي جنهن جي ڪري ٻي آهي. سک نه هجي ڏک کي سڃاڻي به ڪير؟ ۽ ڏک نه هجي ته سک کي ڪيئن ماڻي سگھجي؟
    “ ادي ، هيءُ احمدآباد جو وڏي ۾ وڏو اسپٽال “ واڙي لال” رڪشا واري جي آواز جي ڪري ڪنچن جي ويچار تند ٽٽي. وسيع عمارت جي سامهون واري پاسي هڪ ٿنڀ تي مادلپور جو پاٽيو لٽڪي رهيو هو. ڪو جھونو ڳوٺ هوندو، هاڻي ته هن جو نالو به مٽجندو ويندو هوندو، شهر وڌندي ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺ ۽ قصبا انهي ۾ جذب ٿي ويندا آهن.
    ' ستياگره آشرم' وارو بورڊ پڙهندي ڪنچن کي ٿيو ' چلو ڪوچرب اچي ويو. موقعو ملندو ته جيا سان گڏجي سابرمتي آشرم به ڏسڻ وينديس.اهو ته چندرڪانت جي پاسي ۾ ئي آهي.' ڪنچن کي تمام وڻيو.
    مندر جي مورتيءَ جا درشن ڀلي دور هجن پر پڙائيءَ جي درشن مان جيڪا راحت ملندي آهي اهڙي ئي ڪجھ راحت جو ڪنچن کي احساس ٿيو.
    ڪوچرب ڳوٺ ۾ نئين پٽيل واس ۾ چندرڪانت جو روم ڳولهڻ ۾ ڪا خاص تڪليف نه ٿي. ڏينهن الهڻ لڳو هو. ڪنچن رڪشا مان لٿي. رڪشا واري سامان هيٺ لاهڻ ۾ مدد ڪئي. طيءِ ڪيل ڀاڙي کان ٻه آنا وڌيڪ ڪنچن رڪشا واري کي ڏنا ۽ چيو “ توهان ته مونکي احمدآباد به ڏيکاري ڇڏيو”
    چندرڪانت جي ڪمري اڳيان پاٽيو لٽڪي رهيو هو ' شري چندرڪانت امرت لال شڪل، بي. ڪام ' ڪنچن جي ڇاتي گز گز ڦلي پيئي. ڪمري جو دروازو اڌ کليل هو. پهرين ڏاڪڻ تي پير رکندي ڪمري مان ڪنهن عورت جي کلڻ جو آواز آيو. ڪنچن بِيهي رهي. جوان ڇوڪرا! ٿورڙو پاڻ کي سنڀاليندي در کڙڪايو.
    “ اچان ٿو، اچان .” چندرڪانت جواب ڏنو.در پورو نه کوليندي هن ٿورو منهن ٻاهر ڪڍيو“ امان تون؟!! چوندي هو حيرت ۾ پئجي ويو. کائونس ڪنچن جي هٿ مان پيتي وٺڻ به وسري ويو.
    “ ها ابا مان، هي هيٺ پيل سامان کڻي هل.” چئي ڪنچن در وٽ بيهي رهي. ڦڪو ٿيل چندرڪانت ڪجھ به چوڻ جي بنا سامان کنيو ۽ سڄو در پير جي اڱوٺي جي ٺيس سان کولي ڇڏيو. ڪمري ۾ گھڙندي ڪنچن ڏٺو ته هڪ ڇوڪري کٽ جي سامهون پيل ڪرسيءَ تي ويٺي آهي. ڪنچن کي ڏسي اٿي بيٺي.
    “ ويهه پٽ ويهه، چوندي ڪنچن پاڻ کٽ تي وڃي ويٺي ۽ ساڙهيءَ جي ڇيڙي سان منهن اگھڻ لڳي. هوءَ ڇوڪري پاڻ پاڻي کڻڻ ويئي. هڪ ڀرپور نظر ڪنچن ڪمري ۾ گھمائي. ننڍين وڏين شين جي رکڻ مان ڪنهن جو امنگ ۽ اتساهه بکي رهيوهو. ڪنچن ڏٺو ته چندرڪانت ڌيمي ڌيمي گھر وسائڻ شروع ڪري ڇڏيو هو. پاڻ گھران ڏنل ٿانون کان علاوه نئين گھاٽ گھاڙيٽي جا ٿانو به نظر اچي رهيا هئا. جن کي ڏسي هن کي به گڏيل مسيل احساس ٿيو. کيس برو ته ڪونه لڳو پر هوءَ راضي به ڪونه ٿي.
    ڇوڪريءَ جي هٿ مان پاڻيءَ جو پيالو وٺي ڪنچن کي ڏيندي چندرڪانت سهجتا سان چيو “ امان هيءَ وِشاکا آهي، گذريل سال کان اسان سان جڙي آهي. ”
    وشاکا نمستي ڪئي. جنهن جو جواب ڏيندي ڪنچن ڳالهه کي الڳ ئي موڙ ڏنو. “ ها، ڪجھ ڪجھ ٿورو ٿورو ياد اٿم، تو هڪ ڀيرو ٽپال ۾ لکيو هو.” وري وشاکا ڏانهن نهاريندي چيو“ ڏاڍي تعريف ڪندو آهي تنهنجي. مونکي ٿو چوي “ مددگار ٿئي اهڙي آهي.”
    چندرڪانت ڳالهه جي تند اڌ وچ مان ڪٽيندي چيو“ ڏس نه هي مونکي ڪلهه تپ آيو هو انهيءَ ڪري اڄ آفيس ڪونه ويس ته هيءَ هتي پڇڻ هلي آئي آهي. وري چوي ٿي ته ڏي ته کچڻي ٿي رڌي ڏيانو.”
    وشاکا ويئي ته چندرڪانت ڳالهه ڪئي. وشاکا جو پيءُ چالو نوڪريءَ اچانڪ گذاري ويو. جنهن جي ڪري کيس رحم راهه تي نوڪري ملي ويئي. ڀاڻس تمام ننڍڙو هو ۽ ماڻس ڪو خاص پڙهيل ڪونه هئي. وشاکا ڪاليج جي ٻئين سال ۾ هئي. کيس مئٽرڪ جي آڌار تي ڪارڪن جي جڳهه تي کڻي ورتي. حالانڪ ماڻس ويچاريءَ کي ڊپ هيو ته ڇوڪري پرڻجي ويندي پوءِ ڇا ٿيندو؟ پٽ وڏو ٿئي انهيءَ انتظار ۾ بکايل ٿورو جي سگهجي؟
    احمدآباد ۾ پهرين رات بنا ننڊ جي ڪنچن ڪاٽي. هن کي ڳڻتي هئي ته اروڻا ڪو ڇوڪرو نه ڳولهي وٺي.هتي ته الڳ ئي ڳالهه هئي. حالانڪ اڃا چندرڪانت صفا چٽو چيو ڪونه هيو پر چوڻ جي ضرورت به ڪهڙي هئي. ڪنچن کي انهيءَ ڳالهه تي ڏاڍو صدمو رسيو هو ائين به نه چئي سگھجي. هوءَ ڪڏهن ڪڏهن چوندي هئي “ ڌيءَ آڻجي چاهي اُتان، پر ڌيءَ ڏجي ته ڪُلوان گهر ۾.” هتي ته انهي چوڻيءَ مطابق ئي هيو” راجا کي وڻي سا راڻي” پر ڪنچن کي پٽ جي ماءُ ٿي وڏپ ڏيکارڻ جو جذبو هيو. ٻن چئن گھرن کان ڇوڪريءَ وارا اچن ۽ انهن مان پٽ لاءِ ڪنوار پسند ڪئي وڃي! هن کي نات پرنات جي ڪا خاص پرواهه ڪانه هئي. ايئن به ڪونه هيو ته وڏ گھراڻي ڇوڪري اچي ۽ ڏاجي ۾ چڱو ڏيج کڻي اچي. بس ڪنچن کي ٿورو من ۾ هيو ته چندرڪانت سندس ٿورو حق کسي ورتو آهي.
    ٻئي ڏينهن چندرڪانت هن کي جيا وٽ ڇڏي آيو. اروڻا سويل سويل ئي سنسٿا جي آفيس ۾ ڪم ڪرڻ ويندي هئي. شيوا جي شيوا ۽ ٿورو دفتري ڪم ڪار به سکي سگھجي. ڪنچن کي ڏسندي شرط ڪنچن سمجھي ويئي ته ڀاڀي ڪنهن ڳڻتيءَ ۾ آهي. چندرڪانت جي ويندي ئي هن پڇي ورتو. سڄي رات جي اوجاڳيل ڪنچن جَيا سان وشاکا ۽ چندرڪانت واري ڳالهه ڪئي.
    جيا چيو“ آهاها ... انهيءَ کان سٺو ٻيو ڇا گھرجي؟ ڇوڪري اسان جو ڪم آسان ڪري ڇڏيو. ” پوءِ ڪنچن کي سمجھائيندي چيائين “ ڀاڀي سچ چئجو هتي اسان جو ڪير آهي؟ هو تون چئين ٿي اهو گھمي ڦري رامپر واري جو تِرڀُون. انهيءَ ۾ اسان ته شروع کان ئي ٻاهر آهيون ۽ هاڻي نات ٻاهر ڪير ڪڍندو؟ ڳالهه صحيح آهي ته اسان جي ڪراچيءَ ۾ شاخ وڏي آهي، پر هتي؟ مونکي لڳي ٿو ته توکي انهيءَ ڳالهه تي وڌيڪ مٺيان لڳي آهي ته چندرڪانت پاڻ پاڻ لاءِ پاتر (ڪردار) پسند ڪيو آهي. ڀاڀي ٿورو سولو مطلب ڪڍو. سڀاڻي هن پسندگيءَ جي جوابداري تو تي ته ڪونه وجھي سگھندو!.
    ڪنچن چيو ته پوءِ اسان کي وشاکا جي ماءُ سان ملڻ گھرجي. مونکي شڪ آهي ته چندرڪانت اسان جي پرسٿتيءَ بابت پيٽ ڇٽي ڳالهه شايد نه ڪئي هجي.” اروڻا آئي ته نڻان ڀاڀيءَ جي ڳالهه اڌ ۾ رهجي ويئي. کاڌيءَ جي ساڙهيءَ ۾ اروڻا کي ڏسي ڪنچن کي ٿيو ڄڻ هوءَ هن جي اڌورن خوابن کي پورو ٿيندي ڏسي رهي آهي.
    هفتو گذري ويو جنهن جي سمڪ ئي نه رهي. انهيءَ وچ ۾ ڪنچن ۽ جيا وشاکا جي ماءُ سان ملي آيون. جڏهن ڪنچن وشاکا جو سرنامو گھريو ته چندرڪانت ايڏو ڪو راضپو ڪونه ڏيکاريو. جَيا صاف پڇي ورتو “ ڇوڪري توکي نٿي وڻي؟”
    “ نه صفا ائين به ناهي، اسان سوچيو پئي ته هڪ ته هن جو ڀاءُ ڪٿي نوڪريءَ لڳي وڃي ۽ ٻيو اروڻا جو به ڪو بلو ٿي وڃي. خرچ بابت به ٿورو ترسون ته .... ”
    جيا ڪجھ چوي تنهن کان اڳ ڪنچن چيو“ ڏس ابا، توکي ڇوڪري وڻندي هجي ته پوءِ اسان کي جوان ڇوڪريءَ جي ماءُ کي بي فڪر ڪري ڇڏڻ گھرجي. اروڻا جو نصيب اروڻا سان، ۽ هاڻي خرچ جي به ڪا ايڏي چنتا ڪانهي. ڪارتِڪ به ممبئيءَ ۾ ٿانئيڪو ٿيندو پيو ٿو وڃي. اهو ته لک ملي ڪونه ۽ لکاپتي ٿي نه سگھجي. آمدني شروع ٿي وڃي پوءِ سڳن رشتيدارن جي مدد به وٺي سگھجي ٿي. ڌيري ڌيري پيسا واپس موٽائي ڏجن. سنسار ۾ سڀيئي وهنوار ائين ئي هلندا آهن. ۽ ها، اسان کي اسان جي حيثيت ۽ جوبدارين واري ڳالهه به هنن کي چئي ڇڏڻ گھرجي.”
    وشاکا جي ماءُ سان ڪنچن ۽ جَيا ملي آيون. انڌي کي ڇا کپي؟ ٻه اکيون. وارو تال هيو. اهي ناگر برهمڻ هئا. انهن کي به نات پرنات کان ڀوِشيه جي وڌيڪ چنتا هئي. ڪنچن وشاکا جي ماءُ کي بي فڪر ڪري ڇڏيو. ” چندرڪانت جهڙو منهنجو پٽ آهي تهڙو توهان جو به. جوان ڇوڪرو آهي اسان کي ڳالهه پڪي ڪري ڇڏڻ گھرجي. شادي ڀلي سال مهنن بعد ڪبي. ۽ شادي سادگيءَ سان ڪبي. توهان جوڙ ڪپڙن ۾ ڌيءَ ڏيندا ته به اسان کي ڪا شڪايت نه رهندي. پر هڪ ڳالهه مونکي واضح ڪرڻي آهي ، منهنجو گھر غريب گھراڻو آهي، هتي يجمان ورتي ۽ ڇوڪري جي نوڪري آهي. هتي پيسن جي ريل پيل ناهي. ٿورو خيال سان هلڻو پوندو. باقي منهنجي گھر توهان جي نياڻي ڏکي ڪونه ٿيندي.” جڏهن چندرڪانت وشاکا سان پڪي ٿيل رشتي جو ڳُڙ کاڌو، انهيءَ ڏينهن جَيا چندرڪانت کي سون جي منڊي ۽ ڌيءَ وشاکا کي سون جو ڏورو پارايو. چندرڪانت کي تعجب ٿيو پر هن ڪجھ ڪڇيو ڪونه.
    وڃڻ جي اڳئين ڏينهن اروڻا ڪنچن کي سابرمتي وٺي ويئي. ڳوٺ جي پڇڙ تي. وچ وچ ۾ بنگلا ۽ ڳوٺڙا به آيا پئي. هونئن ته مڪانن کان وڻ جھجھا هئا . آشرم ۾ گھمندي ڪنچن جي نظر ۾گوتم جي جنم ڏينهن واري اڳين شام تري ويئي. ڪراچيءَ جو بمبا گرائونڊ. منچ تي گانڌيجي ۽ پنڊال ۾ بيٺل لليتا! ڪنچن جو من ڀرجي آيو. ڇا گانڌيجيءَ ههڙي رت سان رڱيل آزاديءَ جو خواب ڏٺو هو؟
    گھر پهچي در کوليائين ته ورانڊي ۾ ٻه ٽپالون واٽ نهارينديون پييون هيون.


    27

    احمدآباد کان جساپر پهچي ڪنچن در کوليو ته ورانڊي ۾ ٻه ٽپالون سندس واٽ ڏسيو پييون هيون.سامان ڪمري ۾ رکي ڪنچن ورانڊي ۾ آئي ۽ ٽپال کڻي جھولي ۾ ويٺي. هڪ پوسٽ ڪارڊ هيو. اکرن مان لڳو پئي ته ڪارتِڪ جو آهي. ٻيو هڪ ڊگھو لفافو هيو اکر اڻڄاتل ، وري انگريزيءَ ۾ هيا. ڪنچن پهرين ڪارتِڪ وارو پوسٽ ڪارڊ پڙهيو. چندرڪانت ۽ اروڻا سان هوءَ ملي آئي هئي ۽ هتي ڪارتِڪ جي ٽپال آئي هئي. هن کي ڏاڍو سٺو لڳو. ڪارتيڪ ٽپال لکڻ ۾ ٿورو سست هو. ڪنچن جڏهن ڏوراپو ڏيندي هئس ته چوندو هو “ ڪي سٺا يا خراب سماچار هجن ته خط لکان نه، باقي مان مزي ۾ آهيان ۽ توهان به مزي ۾ هوندا، اڳيان ماحول جا سماچار ۽ آخر ۾ طبيعت سنڀالجو ، فڪر نه ڪجو، بس. تون چوين ته منهنجي اکرن ۾ هر روز جي حساب سان اهڙا پوسٽ ڪارڊ ڇپائي ڇڏيان ۽ ٽپال واري کي چئي ڇڏيان ته روز آفيس کان گهر ويندي ڀاڄيون وٺڻ وڃين ته منهنجي ٽپال به وجھندو وڃجانءِ.” ڪارتڪ جي ڳالهه سچي پر ته به ويچاري ماءُ جو من. مهني ۾ هڪ اڌ ڀيرو ته پٽ جا اکر ڏسڻ لاءِ اک ترسي. اهو ڪجھ غلط به نه هيو.
    ڪارتڪ نوڪري بدلائي هئي. نئين نوڪريءَ ۾ پگھار وڌيڪ هئي.هن رهائش واري جڳهه به بدلائي هئي. آفيس جي نزديڪ واري علائقي ۾ پيئينگ گيسٽ طور رهڻ جو انتظام ڪيو هئائين. ڪنچن سوچيو هڪ ته پگھار وڌي ۽ ٻيو گاڏيءَ ڀاڙو به بچندو. هن سڀ کان پهرين ڪارتڪ جي نئين آفيس جو سرنامو لکي ورتو.
    لفافو هٿ ۾ کڻندي ڪنچن کي ٿيو ڪنهن جو هوندو؟ ڪو سرڪاري ڪاڳر ته ناهي؟ ڪراچيءَ کان ڀڄي آيا هئا تڏهن ماڻهن چيو هئو ته توهان ضلعي جي آفيس ۾ وڃي پاڻ جو نالو پناهگيرن ۾ لکرائي اچو. سرڪار زمين يا مڪان ڏيڻ لاءِ سوچيو آهي. احمدآباد ۾ سڄي ٺڪرباپا نگر ۽ آس پاس واري علائقي ۾ هن طرح جا پناهگير ئي رهندا آهن. ڪانپ ۾ به سنڌ گجرات سوسائٽيءَ ۾ گھڻن کي زمينون مليون. ڪيترن ماڻهن ته گھڻيون ئي صحيح غلط ملڪيتون ڏيکاريون ۽ زمينون هٿ ڪيون. ننڍڙي زخم کي وڏو ڪري ڏيکاري ماڻهن لاڀ پرايا. پر ڪنچن چوي اسان ڪهڙا پناهگير آهيون، ڪچو ته ڪچو پر اجھو ته آهي!
    ڪنچن ويچار ئي ويچار ۾ لفافو کوليو. انهيءَ ۾ هڪ ٽائيپ ڪيل ڪاڳر هيو، ۽ ٻيو هٿ سان لکيل. ڪنچن کي انگريزي ته ايندي ڪانه هئي. هن کي ٿيو ٿي سگھي ٿو پرديس ۾ رهندڙ امرت جا ڪي سماچار هجن! پر ته پوءِ امرت انگريزيءَ ۾ خط ڇو لکيو آهي؟ هن کي خبر آهي ته مونکي گجراتي به مڏ مڏ ايندي آهي، ته آخر هي ڪنهن جو ڪاڳر ٿي سگھي ٿو؟ گوتم جو؟ هڪ ناممڪن ڪلپنا ڪندي ڪنچن ڪنبي ويئي. امنگل آشنڪا جي ڪري هن جو جيءُ اونهون لهڻ لڳو. هن هٿ مان لفافو هيٺ رکي ڇڏيو. اهو ڄڻ ڪو ڦاٽندڙ پدارٿ هيو. هن چاهيو ته چئن رستن تي منتريل دائرن کان جيئن هوءَ پاسو ڏيئي هلي ويندي هئي تيئن هوءَ هن خط کان به بچي نڪري وڃي. پر انهيءَ ۾ ڇا هوندو؟ هي ڪنهن جو خط هوندو؟ پڙهڻ بنا رهي سگھجي ائين به نه هيو. ڳوٺ ۾ ڪنهن کان ڪاڳر پڙهائجي؟ جسوءَ کي ته چئي نه سگھجي. اهو ته جيئرو جاڳندو ڇاپو آهي. ۽ هن کي انگريزي ڍنگ سان ايندي به نه هوندي. ڀلا ڀائي پڙهي ڏئي ۽ هو اهڙو ڪجھ هجي ته گھر جي خانگي ڳالهه کي به هيٺ لڪائي ڇڏي. ڪنچن گھڙيال ۾ نهاريو. ڀلا ڀائي ته رات جو مانيءَ ٽاڻي بيئٺڪ تان اچي. ڪنچن جيئن تيئن رات جا نو وڄايا.
    ڪنچن ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي پهتي تڏهن جيوو بيئٺڪ جو دروازو بند ڪري رهيو هو. وچ وارو چونڪ لنگھي ڪنچن هري پريا واري ڪمري ڏانهن مڙي. ورانڊي ۾ پئٽروميڪس ٻري رهي هئي. ڪيسر سامهون ملي. هوءَ جوٺي ٿالهي چوڪڙيءَ ۾ رکڻ وڃي رهي هئي. ڪنچن پڇي ان کان اڳ چيائين “ ڀاڀي ۽ ادا اندر ويٺا آهن. وڃو. ” فانوس جي روشني ۾ هري پريا وڃڻو هڻندي ويٺي هئي ۽ آسن تي ويٺل ڀلاڀائي سُئڙي سان سوپاري ڪُتري رهيو هئو. سامهو صندلي ۽ آسن پيا هئا. ڪنچن کي ڏسي هري پريا اٿي ڀليڪار ڪئي. ۽ هٿ کان جھلي پاڻ وٽ غاليچي تي وهاريندي چيو:
    “ سکي، توکي احمدآباد ۾ لڳي ٿو ته ڏاڍي موج اچي ويئي هئي.”
    “ نه، ادي تو بنا نه سري تڏهن ته موٽي آيس.”
    “ موٽي وڃن تنهنجا دشمن. ائين اهڙا ڪڌا اکر ڇو پيئي ڳالهائين. اڃا ته چندرڪانت جي لاڏي جو وٺي اچڻي آهي. ناٺي نبيرڻو آهي. ائين ڪو موٽبو.
    آسن تان اٿندي ڀلا ڀائيءَ چيو:
    “ جيه نارا'ڻ.”
    ڪنچن مٿي تان اوڍيل سريکو ڪيو ۽ چيو “ جيه نارا'ڻ.” ۽ هٿ ۾ جھليل لفافو هن طرف ڊگھيڙيو.
    “ ڇا آهي؟” هري پريا پڇيو.
    “ مان احمدآباد هيس تڏهن ٽپال ۾ آيو آهي. انگريزيءَ ۾ آهي.”
    “ جيوا ذرا پئٽروميڪس ته کڻي اچ.” چئي ڀلا ڀائي ڪمري ۾ پيل پاٽ تي ويٺو.
    لفافي مٿي يوگانڊا جي ٽڪلي ۽ ڪمپالا جو سڪو هو. ڀلا ڀائي کي خبر هئي ته ڪنچن جو گھروارو ڪمپالا ڌنڌو ڪرڻ ويو آهي. پر هو انگريزيءَ ۾ خط ڇو لکي؟ هن سوچيو ڪو دفتري معاملو به ٿي سگھي ٿو. من ۾ ٿورو کٽڪو به ٿيس. ڪا آفت ته ڪانه هوندي نه؟ هو ڪاڳر پڙهڻ لڳو. ڪنچن ۽ هري پريان سامهون ويٺيون ڪاڳر پڙهندڙ ڀلا ڀائي ءَ کي ڏسي رهيو هيون. شروعات ۾ ڀلاڀائيءَ جو چهرو ڪجھ سامانيه هيو. جيئن جيئن پتر اڳتي پڙهندو ٿي ويو چهري جا ڀاوَ بدلجندا پئي ويا. بند ٿيندڙ چپ، اونچيون ٿيندڙ اکيون، ڪنڊن کان جھيڻيون ٿيندڙ اکيون ـــ ڪنچن ۽ هري پريا جا چهرا ڀلاڀائيءَ جو آئينو بڻجي ويا. نه آئينا نه. انهيءَ ۾ استري سهج اڻتڻ به شامل ٿي رهي هئي. پتر جو انت ڀاڳ پڙهندي ڀلا ڀائي من ئي من ڪٿي ڪٿي رڪجيو، مُنجھيو، ساهه کنيو ۽ خط ويڙهي ڇڏيو. ڀلا ڀائي خط پڙهي پورو ڪيو تڏهن ڪنچن کي ياد آيو ته ساهه به کڻبو آهي.
    ڪجھ وقت لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي. ٽنهي مان ڪو به ان ايڪانت ۾ پن اڇلڻ لائي به تيار نه هو. ٽنهي کي خبر هئي ته نه ٿيڻ جهڙو ڪجھ ٿي ويو آهي. ٽنهي ڄاتو ٿي ته جيڪو ڪجھ ٿيو آهي ان بابت ڄاڻڻ بنا ڇوٽڪارو به نه آهي. پر انهي ڀڙ ڀڙ ڪندڙ آگ ۾ هٿ ڪير وجھي اهو سوال هيو. ڀلاڀائي ڄاڻندو هئو، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ٻئي کي نه چئي به سچائيءَ کي پاڻ کان به لڪائي سگھندو آهي. پر هڪ ڀيرو جو ظاهر ٿي وڃي ته پوءِ ان جو مقابلو ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پوندو آهي.
    ڀلاڀائي اڻتڻ ۾ هئو. ڪنچن خط بابت ئي ڄاڻڻ آئي هئي. عام طور سان هوءَ رات جو ڪڏهن به ڪنهن جي گھر نه ويندي هئي. هن لاءِ اهو خط جيئڻ مرڻ جو سوال هو انهيءَ ڪري ته هوءَ آئي هئي. هن کي ٿيو خط جي ڳالهه اڄ ئي ڪرڻي پوندي. سڀاڻي صبح تائين هوءَ ڪيئن صبر ڪري سگھندي؟ وري ٿيو هينئر چوندس ته هيءَ رات ڪيئن ڪاٽي سگھندي؟ هن وچون رستو ويچاريو. ڪنچن کي چوان ٻارن کي گھرائي وٺي. ڀلا ڀائي گلو صاف ڪيو.
    “ مونکي لڳي ٿو سڀاڻي ٻارن کي گھرائي وٺو.”
    “ ضرورت پوندي ته ٻارن کي به گھرائي وٺنديس. منهنجي چنتا نه ڪريو. مان ڪو به صدمو سهي وينديس. مونکي خبر آهي منهنجي ڀاڳ ۾ آيل بار مونکي ئي کڻڻو آهي. توهان هينئر ئي مونکي جيڪا سچي حقيقت هجي سا چئي ٻڌايو.”
    ڀلا ڀائي هڪ کڻ ڳالهائيندڙ ڪنچن کي ڏسندو رهيو. ۽ هڪ پل لاءِ اک بند ڪئي. ڄڻ هڪ ديپ شيکا کي انتر ۾ نهاري ڏٺو. اک کولي هري پريا سامهون نهاريو. هن جي نظر ۾ به انهيءَ ديپ شيکا کي ڏسي خط جو گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪندي چوڻ لڳو:
    پريه ڪنچن،
    اسان هڪ ٻئي کي سڃاڻو نٿا، پر اسان جو ڏاڍو نزديڪيءَ وارو ناتو آهي. کڻي چوان ته هڪ ئي مارگ جا مسافر آهيون.
    منهنجو نالو اِيو آهي. منهنجي پيءَ جي ڪمپالا ۾ وڏي اسٽيٽ آهي. مان هن جو هڪ ئي سنتان آهيان. اڄ کان پندرهن سال پهريان اسان جي اسٽيٽ ۾ امرت لال بطور مئنيجر جڙيو. تمام گٽ عرصي ۾ هو منهنجي پتا جو ساڄو هٿ هٿ ٿي ويو.
    ڌنڌي ۾ ڪجھ مشڪل حالتون اڀيون ٿيڻ جي ڪري منهنجي پتا منهنجي شادي امرت سان ڪئي. مونکي ڌيءَ طور ۽ امرت کي وفادار نوڪر طور هيءَ شادي قبولڻ کان سوائي ٻيو ڪو ڇوٽڪو نه هيو. هن خط ۾ ان ڪشمڪش جو ذڪر ڪرڻ واجب ناهي، پر مونکي چوڻ گھرجي ته اسا جي شادي ڀلي حالتن پٽاندر ٿي پر اسان ٻئي هڪ ٻئي کي حاصل ڪرڻ ۾ نصيب وارا رهياسين. شاديءَ جي ٽئين سال اسان کي هڪ پٽ به ڄائو. جنهن جو نالو آهي ڪيوون آهي.'
    ڄڻ ڏونگر جي ڪنهن چوٽيءَ تي پهتو هجي تيئن ڀلا ڀائي اٽڪيو. هن ڏٺو ڪنچن ڦاٽل اکين سان سڀ ڪجھ ٻڌي رهي هئي. هري پريا ڪنچن جي ساڄي هٿ جي تري پنهنجي هٿن جي ٻنهي ترين ۾ جھلي ويٺي هئي.
    ڀلا ڀائي اڳيان پڙهڻ شروع ڪيو
    ' توکي ٿيندو هوندو ته اهڙو ته ڇا ٿيو جو اڄ، هيترن سالن کان پوءِ هي خط مونکي تو ڏانهن لکڻو پيو. مونکي ڄاڻائيندي ڏاڍو ڏک ٿي رهيو آهي ته ٻه مهنا اڳ هڪ ڪار حادثي ۾ امرت جو دردڀريو موت ٿيو آهي.'
    هاڻي اڳيان ڪي ڏاڪڻيون چڙهڻيون نه هيون. جتي پهتا هئا اتان هيٺ نظر ڪرڻ کان سوائي ڇوٽڪو نه هيو. ۽ اتي هئي اونهي ماٿري. ڪنچن جبل جي چوٽيءَ تي بيهي هيٺ پنهنجي نيَتيءَ کي نهاري رهي هئي.
    'امرت جي موت بعد مون جڏهن هن جو انگت لاڪر کوليو ته انهيءَ مان هڪ ڊائري ملي. توکي حيرت ٿيندي ته منهنجو پتا ان ڳالهه کان باخبر هئو ته امرت جي هڪ شادي ته ٿيل آهي. مان هڪ اڻ سڃاتل مرد يعني منهنجي پتيءَ دواران ئي نه، پر منهنجي سڳي پيءَ دواران به ٺڳجي هئس. ٿي سگھي ٿو تون منهنجي پيڙا سمجھي سگھندينءَ. ڊائري پڙهي مان اهڙي ته ڀڄي پيس جو ترت توکي خط نه لکي سگھيس. ڪوڙ ڪونه چونديس. مونکي توهان جي ايرکا به ٿي. مان مڃيندي هيس ته منهنجو پتي صرف مونکي ئي چاهي ٿو. پر مون ڏٺو ته هن جي ڊائريءَ ۾ هن جو پنهنجو نِجي ۽ علاحدو جڳت به هو. جتي منهنجو داخلو منع ٿيل هو. خير!
    امرت توکي خط لکيو هو پر ان جو جواب هن کي ڪونه مليو. هن توکي مُئل سمجھي ڊائريءَ ۾ روڄ راڙو به ڪيو آهي. پر خبر ناهي ڇو مونکي گذريل مهني کان ائين لڳي رهيوآهي ته تون حيات آهين. تنهنجا ٻار آهن. امرت جي پيار توکي مرڻ نه ڏنو آهي. هو ته ويچارو ڊائريءَ ۾ به پنهنجي من جو مقابلو نه ڪري سگھيوهو. شايد امرت جي اڌوري رهجي ويل ڪم کي پورو ڪرڻ جي مونکي پريرڻا ملي هجي. انهيءَ ڪري هي خط لکي رهي آهيان. ۽ هڪ موقعو وٺان ٿي. مونکي پڪ آهي ته تون اڄ به امرت جي واٽ نهاريندي هوندينءَ.'
    هڪ سڏڪو ٻڌڻ ۾ آيو. ۽ ڀلاڀائي ٿنڀي کائي ويو. ڪنچن هري پريا سان چهٽي روئي رهي هئي. هن جو سڄو سرير ساري پيڙا دٻائڻ جي ڪوشش ۾ ڪنبي رهيو هو.
    سڄو ڪمرو ڪنچن جي درد ۾ ٻڏي رهيو هو. هري پريا ڇا چوي؟ هوءَ ته روئي رهي هئي. آنسو ڀريل اکين سان پاڻي کڻي آئي. ڀلاڀائيءَ اڳيان پڙهيو:
    ' هي خط لکڻ جو خاص مقصد هڪ ٻيو به آهي. امرت ڪجھ رقم فِڪس ۾ رکي هئي. جنهن جي وارث طور تنهنجو نالو آهي. هن خط سان گڏ امرت جي موت جو ڊاڪٽري سرٽيفڪيٽ به آهي. ته جيئن توکي منهنجي ڳالهه ۽ منهنجي ارادي بابت ڪو شڪ نه رهي.
    خط جو جواب ضرور ڏجو. توهان جو خط ملندو تنهن کان پوءِ توهان جي حصي واري ملڪت توکي ملي تنهن بابت قانوني ڪارروائي ڪري سگھنديس.
    تنهنجي ٻارن کي پيار.
    ايو.

    خط پورو ٿيو. امرت جي جيون جو گرنٿ پورو ٿيو. ۽ ڪنچن جي جيون جو هڪ نئون باب شروع ٿيو.


    28

    ايو جو خط پورو ٿيو. امرت جي جيون جو گرنٿ پورو ٿيو. ان گرنٿ ۾ ڪيترن ئي سوالن جا جواب ملڻا باقي رهجي ويا هئا. هاڻي ته اهو گرنٿ پورو ٿي ويو هو اها به هڪ حقيقت هئي.
    ڀلاڀائي خط ويڙهي لفافي ۾ وڌو. هري پريا جي هنج ۾ مٿو رکي روئندڙ ڪنچن، هن جي پٺيءَ تان هٿ ڦيريندي، ور ور ڏيئي پنهنجي ساڙهيءَ جي پلو سان اکيون اگھندي هري پريا، ڪماڙ وٽ ويٺي رکي رکي نڪ سُرڪائيندڙ ڪيسر ۽ پاٽ مٿي چپ چاپ مٿو جھڪائي ويٺل ڀلا ڀائي، سڀني جي دماغي حالت لڳڀڳ ساڳي هئي. ڪير ڪنهن کي دلاسو، دلداري ڏئي. ڪنچن ته لڳڀڳ زمان مڪان جو ڀان ڀلجي ويئي هئي. هري پريا، ۽ هري پريا جي ذريعي ڀلاڀائي ڪنچن جي ويَٿاگاٿا جا ساکي هئا. ڪنهنجي ويَٿا جو ساکي هوئڻ ۽ پاڻ انهيءَ ويَٿا مان پسار ٿيڻ اها الڳ ڳالهه آهي. پر تنهنجي باوجود ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون ويٿائون الڳ ناهي رهنديون آهن. گھڻي دفعي ته ساکين جي پيڙا وڌي ويندي آهي ائين به ٿيندو آهي. دور ويٺل ساکي ويچارو چاهڻ جي باوجود مدد نه ڪري سگھي ان وقت جنهن اسهائتا جو انڀو ڪري ٿو اها حالت وڌيڪ پيڙا ڏيندڙ هوندي آهي.صرف ساکي بڻجي رهڻ آسان ناهي. جنهن پَل ماڻهو ساکي ٿيندو آهي ان پل انهي گھٽنا يا اسٿتيءَ جو جزو بڻجي ويندو آهي. هو مڪت ٿي نٿو سگھي. هينئر هري پريا ۽ ڀلاڀائيءَ لاءِ هيءَ کڻ ڏاڍي ڏکي هئي. هو ٻاهر به هيا ته اندر به، هو اڇوتا نه رهي سگھيا. هري پريا ته اڄ ڏينهن تائين ساهيڙي هوئڻ جي ناتي ڪنچن سان سک ڏک ونڊيندي رهي هئي پر ڀلاڀائي! هو ورلي ڪو هن طرح سئون سڌو ڦاٿو هو.
    ننڍڙي هئي تڏهن ڪنچن ڀلا ڀائي کي ٿورو گھڻو ڪو ڏٺو هو. راجڪوٽ ۾ پڙهندو هو انهيءَ ڪري وئڪيشن ۾ ئي گھر ايندو هو. هو جڏهن پڙهي رهيو هو تڏهن ڪنچن جو ڪٽنب ڪراچيءَ هليو ويو هو. انهيءَ ڪري ٻنهي جي وچ ۾ اصل پل ته هري پريا ئي ٿي ...! ڪراچيءَ کا ڀڄي اچڻ بعد هري پريا ڪنچن کي سکي پد تي براجمان ڪيو. جنهن ۾ وقت گذرندي ڀلاڀائي جو حب شامل ٿيندي وئي. ٻهراڙيءَ جي تاثير ڏسندي ڀلاڀائي ورلي ڪو ٻاهر ظاهر ٿيندو هئو. ڇو ته هتي ته استري پُرشن جي وچ ۾ طيءِ ٿيل نالا هئا ۽ نشچت وهنوار به. يا ته ڌرم جا ڀاءُ ڀيڻ هجن يا ڏير ڀاڀي. ڀلاڀائيءَ جو ڪنچن طرف سنيهه آدر يا ڪنچن جو ڀلاڀائيءَ لاءِ سدڀاءُ هن خاني ۾ ڪٿي ٿي فٽ ٿي سگھيو؟ هري پريا جي ڪري ئي هي ٻئي سنگت ساٿ محسوس ڪندا هئا. اڄ هري پريا جي هنج ۾ روئندڙ ڪنچن کي ڏسي ڀلا ڀائي بي چئن ٿي پيو. پاٽ تان اٿندي هو هري پريا وٽ آيو ۽ هيٺ غاليچي وٽ اچي ويٺو. اکين مان وهندڙ لڙڪن کي روڪيندي هن ڪنچن جي مٿي تان هٿ ڦيريو ۽ چيو:
    “ اُٿ، سکي، تون ئي ائين ڀڄي پوندينءَ ته ......” پويان لفظ هن جي گلي ۾ اٽڪي پيا. ڪنچن اٿي کڙي ٿي. ڀلاڀائيءَ کي هن طرح ڍلو۽ نِستو ٿيندو ڏسي هن پاڻ کي سنڀالي ورتو. پاڻي پيتو، منهن ڌوئي هري پريا کي چيو “ هاڻي مان گھر هلان؟” هري پريا ڪنچن کي اڄوڪي رات هتي ئي ٽڪي رهڻ لاءِ چيو. هن جو من ڪنچن کي گھر موڪلڻ تي نه ٿي رهيو هو. حالانڪ هن ڄاتو ٿي ته ڀلي ڪيترو به آگرهه ڪبو، منٿ ڪبي پر ڪنچن رڪجندي ڪونه.آخرڪار ڀلاڀائي ڪيسر کي گڏ موڪلي ۽ رات جو اتي رڪجي وڄڻ جو هن کي چيو تڏهن ڪنچن ڪجھ به ڪين ڪڇيو. هري پريا ۽ ڀلا ڀائيءَ کي اندر ۾ هڪ دهشت هئي ته اڄ ڪنچن اڪيلي رهندي ته ٿي سگھي ٿو جذبات ۾ اچي هوءَ ڪجھ ڪري وهندي ته پوئي؟ ٻنهي جي چنتا کي سمجھندي ڪنچن چيو:
    “ساهيڙي، مان مري ڪونه وينديس. مئي پڃاڻا ماڻهو طرح طرح جون ڳالهيون ڪن ته منهنجي رک به لڄي ٿيندي. اهڙو مان ڪجھ به نه ڪنديس. توهان مونکي وڃڻ ڏيو.”
    ڪنچن اڄ بلڪل اڪيلو رهڻ چاهيو ٿي. هن کي ڍءُ ڪري روئڻو هيو. ڍءُ سان امرت کي ياد ڪرڻو هو. ۽ امرت سان وڙهڻو هو. اڄ ڏينهن تائين امرت جو انتظار ڪندي ڪندي سڄو ڪاروبار کنيو هو، جيڪي جيڪي جوابداريون اينديون وييون، سُجهندو هو تيئن رستو ڪڍندي ويئي. هن سڄي جھنجھٽ ۾ هردي ۾ سانڍي رکيل امرت کي خاص طور سان ياد به نه ڪري سگھي هئي. هوءَ ته جيڪو ڪجھ ڪندي هئي هن جي من امرت کي ارپڻ هيو. پر هاڻ؟ امرت جو انتظار ڪرڻ نه هو. امرت جا ٻار پيرين ڀر ٿي ويا آهن. اڄ هن کي ڪجھ عجيب فرصت جو احساسي ٿي رهيو هو. اڄ تائين شدت سان امرت جي اچڻ جون واٽون نهاريون هيون. ڏينهن، مهين، سالن جو پل پل جو حساب امرت کي ڏيڻو آهي ائين جيئري رهي آهي. ڏينهن اڀرندو آهي ۽ ٿيندو آهي ته اڄ امرت جي خبرچار ملندي. هن جي راهه ۾ ڏينهن الهي وڃي. وري ٻئي ڏينهن جي اميد. هوءَ هميشا تيار رهندي هئي، سُچيت رهندي هئي. ڪهڙي خبر ڪهڙي ڏس کان امرت جي خبرچار ايندي ۽ پاڻ غافل هوندي ته؟ هوءَ سنسار وهنوار جا سڀيئي ڪم ڪندي هئي پر من ته بس در وٽ بيهي واٽ نهاريندو رهندو هو. بس هاڻي سڀ پورو ٿي ويو. ڪجھ ڪرڻو نه هيو. سامهون ڇڏيل زمين جهڙو جيون هيو. خالي خالي ڪورو ڪورو.
    ڪنچن ويئي. هري پريا ۽ ڀلا ڀائي اوٽي تي بيٺا انڌڪار ۾ اوجھل ٿيندڙ ڪنچن کي ڏسندا رهيا. ڪنچن انڌڪار ۾ الوپ ٿي ته هنن گيٽ بند ڪيو پر ترت ڪمري ۾ وڃڻ جي اڇا نه ٿين. ٻئي ورانڊي ۾ ٿنڀن جو ٽيڪو وٺي آمهون سامهون ويٺا. ٻنهي جي من ۾ گھمساڻ هلي رهيو هو. ڀلا ڀائيءَ جو چهرو ڪنهن غمخوار حادثو ڏسڻ واري ويدنا سان رهڙيل هيو. هري پريا اهو ڏسي ڪنبي ويئي. ' پاڻ ته روئي روئي هلڪي ٿي سگھندي پر پتي؟' هن جي ڪن ۾ پتيءَ جو آواز گونجي اٿيو 'اٿ سکي، تون ئي ائين ڀڄي پوندينءَ ته .....” هن پتيءَ کي چيو “ مونکي توهان کي ڪجھ چوڻو آهي.”
    ڀلا ڀائيءَ چيو، ٿي سگھي ٿو توکي اهو ئي چوڻو آهي جيڪو مونکي چوڻو آهي. توهان کي اڄ مونکي ٻولڪو ڏسي عبب لڳو هوندو. ٿي سگھي ٿو منهنجو اهو انداز توکي نه وڻيو هجي. پر سچ چوان ته مان ڪڏهن توهان ٻنهي جي ساهيڙپ جو همسفر بڻجي ويس، ان جي مونکي سمڪ ئي نه رهي. تون انيڪ وار ڪنچن جون ڳالهيون ڪندي هئينءَ. مان ٻڌندو هوس. تو سان چرچا ڪندو هوس. توکي چنتا ۾ ڏسي مان به چنتت ٿيندو هوس. ڌيري ڌيري تنهنجي ساهيڙپ جو هڪ سلو ڄڻ مون ۾ به ڦٽي نڪتو. ٿي سگھي ٿو توکي اڻ ڀِرندو لڳو هجي ....”
    مڙس کي اڌ وچ ۾ روڪيندي هري پريا چيو، “ اهو ڇا چيئي؟ اهڙو ڪبوتر جهڙو هردو کڻي سڄي سماج کي هڪ پاسي رکي توهان سان گڏ هلي نه آئي آهيان؟” شروعات ۾ روڪيندڙن چوڻ ۾ ڪجھ به باقي نه رکيو هو، ان وقت به منهنجو لون به نه لڏيو هو، اتي هاڻي ته؟ الٽو اڄ توهان اگر ويڪت نه ٿيا هئا ته مونکي توهان جي انسان هوئڻ تي به شڪ وڃي ها يا سوال ٿئي ها ته هيڏي حد تائين غيرجانبداريءَ جي اداڪاري ڪرڻي پوي اهو ڪهڙو لگاءُ آهي؟”
    ڀلاڀائي هري پريا جو هٿ جھلي ڪمري طرف هليو.
    گھر وڃي اڱڻ جي اوٽي جي وچ تي ڪنچن بيهي رهي. پوءِ تڪڙو ستي ماتا جي اسٿانڪ ڏانهن هلي ويئي. ستي ماتا ڏانهن حملو ڪرڻ واري نوءَ ۾ نهاريندي ويٺي. هن جي اکين مان لڙڪن سان گڏوگڏ تيرن جهڙا سوال ڇٽي رهيا هئا. “ ٻڌائي، مون ڪنهن جا آنڊا ساڙيا آهن؟ ٻڌائي مون ڪنهنجو حق کسيو آهي؟ مون ڪنهن جو دل دکائي آهي؟ مون ڪنهن جي دل چوري ڪئي آهي؟ ٻڌائي منهنجا ڪهڙا ورت وار من سان ڪونه هيا؟ ٻڌائي مون ڪڏهن ٽٽل چانورن سان تنهنجي پوڄا ڪئي جو تو منهجون چوڙيون ــ چاندلو ڀڳو آهي؟ ۽ اهو به هن ريت؟ منهنجي سهاڳ ۾ ته پهاڄ به ڀائيواري ڪئي پر منهنجي ڪوري ڪپار کي به نه ڇڏيو؟ ڪهڙي ضرورت هئي اهو سڀ لکڻ جي؟ مان هن جي انتظار ۾ رهيل عمر پوري ڪري ڇڏيان ها! هاڻي مان ڇا ڪنديس؟ جياپي جو آڌار ئي کسجي ويو ۽ اهو به ويندي ويندي منهنجي گذريل ورهين جي اوجاڳن کي اڪارٿ ڪندو ويو. هاڻي وراثت وٺي ڇا ڪريان؟ ميل جو پورو ملڪت ۾! اڙي الا مان ڪيڏي نه اڀاڳڻ آهيان جو هن جو منهن به نه ڏسي سگھيس؟ اهڙا ته ڪهڙي جنم جا منهنجا پاپ آڏا آيا جو هن خط لکيو هو پر اهي اکر به مونکي ڏسڻ نصيب نه ٿيا. ' ڪاڳر واري ڳالهه ياد ايندي ڪنچن کي ياد آيو ' ڪنهن اهو ڪاڳر گم ڪيو هوندو؟ جو ايوَ جو ڪاڳر پهچي سگھي ٿو ته امرت جو ڇو نه! ايوَ جيڪو خلاصو ڪيو آهي اهو امرت جي اکرن ۾ پڙهڻ لاءِ مليو هجي ها ته؟ من پل ڀر لاءِ اٽڪي ويو ۽ پڇي ويٺو، ته تون امرت کي معاف ڪري ڇڏين ها؟ اڄ ته هاڻي هو آهي ڪونه. مڃي وٺ اگر هو هجي ها ۽ تون هن جي ٻي شاديءَ واريءَ ڳالهه جو سويڪار ڪري سگھين ها؟ شايد نه. '
    ڪيسر چپ چاپ ويٺي ڪنچن کي ڏسي رهي هئي. رات ڪافي گذري چڪي هئي. هن چيو:
    هلو گوراڻي امان گھر ۾.” ڪنچن اڀي ٿي. ڪنهن به ڀاو بنا گهلجندڙ جسم سان گھر ۾ ويئي ۽ هن وڃي ڪيسر لاءِ کٽ وڇائي. ڪجھ به چوڻ بنا مٿي تي ساڙهيءَ جو پلو پائي پاسو ورائي ڪنچن سمهي رهي. ڪيسر لڳڀڳ سڄي رات جاڳندي رهي. رکي رکي ڪنچن جا دٻيل سڏڪا ٻڌڻ ۾ پئي آيا، ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٻارڙي ننڊ ۾ روئندي هجي اهڙا اونڪار به. ڪيسر ڪنچن جي نيم بيهوشيءَ واري حالت ڏسي صبوح ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.
    خبر ملندي احمدآباد مان چندرڪانت، اروڻا ۽ جيا پهچي آيا. جَيا جي اڇا ته رڪجڻ جي هئي پر جنهن ريت ماڻهو مسلمان هوئڻ جي باوجود تلڪ لڳائڻ وارو راز پڇي رهيا هئا اهو ڏسي هن کي ٿيو هتي نه رهڻ ۾ ئي ڀلائي آهي. پٺيان ڪنچن لاءِ مشڪل کڙي ٿيندي اهو سوچي انهي ڏينهن ڪانپ هلي ويئي. جيا جو به ڪهڙو درڀاگيه جو سڳي ڀاءُ کي به ڌرم جو ڀاءُ چوڻو پوي ۽ ان جي گذاري وڃڻ جي ڳالهين تي منهن ڦيري روئي به نه سگھجي. اروڻا وٽ پيءَ جون تمام گھٽ يادون هيون. هونئن به هن جي جنم بعد امرت ۽ ڪنچن جي وچ ۾ لليتا وگھن کڙو ڪيو هو. اروڻا يا ته چندرڪانت جي ڳالهين ۾ يا ڪنچن جي ڳالهين ۾ ئي پيءَ جو احساس ڪيو هو. چندرڪانت جي من ۾ شروعات وارن ڪافي سارن سالن جون يادون سانڍيل پييون هيون. پِتا هن جا آدرش هئو. ڪنچن امرت جي موت کان پوءِ واري وڌي يا شراڌ وغيره جي ڪا ڳالهه ڪئي ته هن ماڻس کي پڇيو به سهي. جواب ۾ ڪنچن چيو “ ٻه منا اڳ گذاري ويل امرت جي وِيڌي ڪهڙي ڪرڻي. وري ممڪن آهي ته هُتي هُن عيسائي ڌرم به قبول ڪيو هجي. ” ڪنچن کي ڳالهه ڪجھ سمجھ ۾ نه آئي، پر هن چرچا نه ڪئي. ڪارتِڪ کي ممبئي ٽپال لکي هئي، پر هن جا ڪي سماچار ڪونه هئا. ڪنچن جي رشتيدارن ۾ جيڪو ڪجھ ليکيو اهو اولاد ۽ جيا. انهن کان سواءِ ٻين کي خاص ڪو ڄاڻائڻو نه هيو. رامپراواري تِرڀون کي اڏندي خبر ملي ته هو هتان ٿي ويو. هو وهڻ يا ڏڍ ڏيڻ آيو هو يا اتهاس ڄاڻن ڪنچن کي سمجھ ۾ نه آيو.
    ڪنچن جي حالت عجيب هئي. ڳوٺ جا ماڻهو ايندا هئا، وهندا هئا، ڳالهيون ڪندا هئا پر ڄڻ ڪنچن لڳڀڳ غيرحاضر رهندي هئي. هن جي لڙڪن جو وهڪرو ٻئي ڪيڏاهن مڙي ويو هو. خالي اکين ۽ ڀاوهيڻ چهري سان ويٺي هوندي هئي. ايندڙن سان گڏ چندرڪانت يا اروڻا ڳالهائيندا هئا. هڪ ڀيرو اروڻا ٻڌو، رُکي مامي ڪنهن کي چئي رهي هي ، 'ڇا ڪري ادي، پوين ارڙهن سالن کان لڳاتار واٽ نهاريندي هن جي اکين جا آنسو ئي سڪي ويا آهن. ڀڳوان به ڪهڙو آهي، ڪريل کي ڪوڙا هڻي پيو. ههڙي قهري ڪال ۾ ڌرتيءَ جهڙي ڌرتيءَ جا نير سڪي وڃن هيءَ ته ويچاري غريبڙي مائي آهي. '
    ڪنچن وٽ اروڻا هفتو رهي. چندرڪانت کي مڏ ٻن ڏينهن جي موڪل ملي هئي. ڪارتڪ جي راهه ۾ هڪ ڏينهن وڌيڪ ڪڍيائين پر هو آيو ڪونه. چندرڪانت جي وڃڻ واري ڏينهن جي مهندين رات جو هري پريا اِيو وارو پتر ڏيڻ جي لاءِ ڪنچن وٽ آئي هئي. ان رات ته ڪنچن کي ڪهڙي ڪا سڌٻُڌ هئي جو خط سنڀالي وٺي. خط ڏسي ڪنچن چيو:
    “ ڇو ڪاڳر واپس کڻي آئي آهين؟ ڦاڙي ڇڏڻ کپي نه. گھر ۾ گونهه رکبو آهي ڇا؟ ” هري پريا چندرڪانت ۽ اروڻا طرف اشارو ڪندي چيو “ ڪاڳر توهان ڏانهن لکيل آهي، اڳيان ڇا ڪرڻو آهي اهو توهان جي اختيار ۾ آهي، پر ٻارن کي سندن پيءَ بابت ڄاڻڻ جو اڌيڪار آهي. ڀلي پوءِ توهان ڦاڙي اڇلائي ڇڏيو.” اروڻا ڪاڳر پڙهيو ۽ راڙ ڪري روئڻ لڳي. هري پريا ماٺ ڪرايو. چندرڪانت خط پورو ڪري پڇيو “ امان! هن کان اڳ پتاجيءَ جو خط آيو هو اهو ڪٿي آهي؟ ” ڪنچن ٿورو آواز بدلائي پڇيو “ مطلب؟” پڇندي ته پڇجي ويو پر چندر ڪانت کي پنهنجي ڀل سمجھ ۾ اچي ويئي هئي ، پر هاڻ هڪ وار منهن مان نڪتل لفظ واپس ٿورو وڃي سگھن! اهو ته تير جهڙو آهي. ڇٽڻ بعد يا ته ڪنهن جي آرپار نڪري ويندو آهي يا موٽندي ڌڪ هڻي. هن کي ڀل جو احساس ٿيندي هن چيو، “ نه، نه، اهو ته جيڪو آهي سو يا ته تون اسان کي چوڻ ڀلجي ويئي هوندينءَ يا هيڏاهن هوڏاهن ڪٿي رکجي ويو هوندو!.”
    “ ڏسو پٽ، توهان جي امڙ جنهن جي لاءِ ساري زندگي گَسائي ڇڏي ان جي خبر چار اچي ۽ توهان کي نه ٻڌائي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟ شايد اهو ٿي سگھي ٿو هن کي توهان جي پتاجيءَ جي ٻي شادي ڪرڻ واري ڳالهه منظور نه هجي، پر هوءَ توهان کي هنن جي خيريت جي به خبر نه ڏئي اهڙي اونهي ۽ من جي ميري ته ناهي توهان جي امڙ.” هري پريا پرسٿتيءَ کي سنڀاليندي چيو.
    تو پوءِ ڪنهن نه ڪنهن ضرور وچ مان ئي ڪاڳر هڙپ ڪري ورتو هوندو. ڪير ٿي سگھي ٿو اهو؟ ” چندرڪانت جو سوال ڪنچن، هري پريا، ۽ اروڻا جي من ۾ گونجيو. ڪير ٿي سگھي ٿو اهو؟


    29

    ڪير هوندو اهو؟ هلڪي بيهوشيءَ ۾ ٻڏل من سوال دهرايو ۽ ڪنچن هڪدم هوش ۾ اچي ويئي. اوندهه سان اک جي عادي ٿيڻ تي خيال آيو ته پاڻ ته شڪتي ماتا جي آسري آئي آهي. جاڳڻ جي باوجود من ڪنهن ڦاٿل رڪارڊ جيئن ٻولي رهيو هو، ڪير هوندو اهو؟ ڪير هوندو اهو؟ اڱڻ واري نم تي تاڙو تنواري رهيو هو. چوماسي واري آڪاس ۾ پهرين وڏري نڪرندي تاڙي جو تنوارڻ شروع ٿي ويندو آهي پي .... پيهو .... پي .... پيهو .... جڏهن جڏهن چت جي پٽ تي يادگيريون چڙهي اينديون آهن تڏهن تڏهن ڪليجي ۾ اهڙي ته ڪسڪ اٿندي آهي جنهن کي زوريءَ دٻائي نه سگھبو آهي. تاڙو تنواري رهيو هو ۽ ڪنچن با جي مسلسل پِيڙا جو پڙاڏو پئجي رهيو هئو.
    ڪنچن با اٿي ڪري بتي ٻاري، ۽ گھڙيال ۾ ڏٺو. پنج ٿي رهيا هئا.کيس ياد آيو، اڄ ڪهڙي تِٿ آهي؟ هوءَ احمدآباد کان نڪتي هئي تڏهن ساوڻي پنچم هئي. حالانڪ هي اڌڪ ماس وارو ساوڻ هيو. حقيقي ساوڻ ته اڃا اچڻو هو. هن آڱرين جي گُرين تي تٿيون ڳڻيون.پانچم، ڇٺ، ساتم. ورانڊي وارو در کوليو. ٻاهر آئي، آڪاس سامهون نظر ڪئي. الهندي ڏس ۾ ٿوري رتي چنڊ کي ڏسي ڪنچن با کي پاڪستان سان ٿيل لڙائي ياد اچي ويئي. تقريبن اڻويهه سو ايڪهتر وارو سال هو. ان سال ملڪ ۾ اناج جي سخت اڻاٺ هئي. ماڻهو ڪلاڪن تائين راشن جي دڪان تي قطارن ۾ بيهندا هئا. تڏهن پرديس مان آيل رتي ڪڻڪ ۽ رتي جوار جو اٽو ڏيندا هئا.
    روزاني ڪرت مان فارغ ٿي تلاءُ تان واپس آيل ڪنچن با ڏٺو ته ڪيسر جو گھر کليل هو. ڪنچن کي ٿيو، لڳي ٿو ڪنچن رامپرا کان موٽي آئي آهي. ٿي سگھي ٿو کيس مون واري انشٺان جا سماچار سَمتا، يا رنجن وٽان ملي ويا هجن. انهيءَ ڪري هوءَ ملڻ آئي هوندي. ڪيسر معني ڪنچن جي بنا مُنڊن واري چيلي. هري پريا جي ڪارڻ ڪنچن با سان ڏيٺ ويٺ ٿي. جڏهن کان ڪنچن با رنول ٿي هئي تڏهن کان هن جو اڻ ٽار نيم. روز رات جو ٺاڪر صاحب جو ڪم پتائي پنهنجي ڀونگيءَ تي وڃڻ کان اڳ ڪنچن وٽ وڃي.چوي، هلو گوراڻي امڙ ٻه چار گھڙيون ست سنگ ڪريون. ڪنچن کي ٿيو منهنجي وڌوا ٿيڻ وارن شروعات وارن ڏينهن ۾ ڪيسر بنا چوڻ جي مونکي ڪيڏو نه سنڀالي ورتو هو! ڪنچن ڪڏهن شريمد ڀاڳوت پڙهي ته ڪڏهن مهاڀارت جي ڪٿا ڪري. ڪڏهن تلسيداس جو رامايڻ پڙهي. ڪنچن جو گلو سريلو هو انهيءَ ڪري سُر سان چوپائي ڳائي. ڪيسر جي ياد شڪتي ڏاڍي تيز. پرسنگ، پاترن سان گڏ چوپائين جو راڳ به کيس ياد رهي. هري پريا جو ڪم ڪندي ڏينهن سارو ڳائيندي وتي. چيتنيه پرڀو جي پرائي راڌا جيئن سنسار جا سڀيئي ڪم ڪرڻ جي باوجود سندس من ته ايشور سان جڙيل ئي رهي.
    ڪيسر شروتا سٺي. ٻڌندي ٻڌندي هن کي سوال به ٿين. رام ۽ ڪرشن جي تلنا ڪندي پڇي 'رام ته ڀڳوان، اهو ته سمجھاسين هن سڄي زندگي هڪ پتني ورت پاريو. وري راڪاسن کي ماري ماڻهن جو ڪلياڻ ڪيو پر هي ڪرشن ڀڳوان؟ ڀانت ڀانت جون ليلائون ڪري. سورهن هزار راڻيون رکي، ته به ڀڳوان چئجي؟ ڪنچن هن جي من جو سماڌان ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن شاسترن جو آڌار ته ڪڏهن ڪڏهن لوڪ مانس جو سهارو وٺي. “ تون ئي ٻڌائي، مٿورا جي راجا ڪنس جي قيد مان جن استرين کي ڪرشن ڀڳوان ڇڏايو انهن کي رکڻ لاءِ ڪو تيار ٿئي ها؟ هن ورهاڱي وقت ڪيترين ئي ڌرم بدلايل ڇوڪرين کي سندن مائٽ به رکڻ لاءِ تيار نه هئا. تيئن ڀڳوان ته لاورث، ڇڏيل، ڏکايل، دکايل، ۽ ستايل استرين کي آسرو ڏنو ۽ پنهنجي پتنين طور سماج ۾ مقام به ڏنو. ڪرشن جي ليلا کي سمجھڻ ٿورڙو ڏکيو آهي. مٿو ڌوڻيندي ڪيسر چيو اهو سڀ وڌ ذات وارن ۾. اسان گهٽ ذات وارن ۾ ته ڏيئي ڇڏڻ وارا به ماڻهو پيا آهن. اسان جي هن والجي ڀڳت جو مثال وٺو. ڪنچن کي ٿيو ڇاپيل ڪتابن کان ته هي جيئرا جاڳندا ماڻهو به ڪجھ گھٽ ڪونه ٿا سکائين!
    مهاڀارت پڙهڻ وقت به ڪيسر جي من ۾ هرهر سوال اٿندا هئا. گوراڻي امان، ڌرم جو مطلب ڇا آهي؟ ڌرم جي وياکيا ڪرڻ ٽاڻي انيڪ وقت مهرشي وياس مَوءن (خاموشي) اختيار ڪيو آهي اتي ڪنجن جو ڪهڙو گجو؟ هڪ وار دروپدي چيرهرڻ وارو پرسنگ ٻڌي ڪيسر جي اکين مان ساوڻ بڊو وسڻ شروع ٿي ويا. ڪنچن ويچار ۾ پئجي ويئي. اهڙي ته ڪهڙي پيڙا هوندي جنهن ڪيسر ۽ دروپديءَ کي هڪ ڪري ڇڏيو! هن ٻئي ڏينهن هري پريا کان پڇيو. هن منڍ کان ئي ڳالهه ڪئي.
    “ ڪيسر جو جنم چوڻ ۾ ايندڙ گھٽ ذات وارن ۾ ٿيوهو، پر سنسڪار تمام اونچا. جيجي امان چوندي هئي هيءَ پورب جنم جو ڪو اونچو آتما آهي. پورب جنم يا پُنر جنم ته ٺيڪ پر ڪيسر جي ايمانداري ۽ ماڻهپائي هن جي جيون جي ساتوِڪتا جي ساک ڀري رهيون آهن. گھر ۾ ڪافي چيزون ــ شيون، روپيا ـــ پيسا، سون چاندي، ڪيسر هجي اتي تالو ڪهڙو؟ هٿ جي اهڙي صاف جو گھر ۾ کيت مان آيل ڀوهي مڱ، يا چڻن جا ڍِڳ پيا هجن پر حرام جو ڪيسر انهن مان ڪڻ به چکي. جيڪو ملي تنهن ۾ راضي.ڪبوترن کي جوار وجھڻ لاءِ يا ڪيولين کي کاڌو ڏيڻ لاءِ پنهنجي هڙ جا آنا خرچي. جيجي امان چوي هيءَ ٻاجھري سڙي ويندي اها کڻي ويندي هجين ته؟ پر نه معني نه. وري چوي ، پنهنجي چڱن لڱن ڪمن ۾ ٻين جو حصو نه هلي. اهو پاڻ کي ڪمائڻو پوي ۽ پاڻ کي ڀوڳڻو پوي. امان تون ئي ته ڏيندي آهين واليي اڙيل جومثال. ڪنچن کي ٿيو هت ته گرو گھمنڊ ۾ رهجي ويو ۽ چيلا چمڪي ويا.
    شادي ڪري آئي هئي تنهن کي پنج سال گذري ويا هئا پر ڪيسر بي اولاد رهي. ويدن ويڄن کان وٺي ڏورن ڌاڳن تائين ڊوڙيا پر وريو ڪجھ به ڪين. پڇاڙيءَ ۾ هري پريا جيوي ۽ ڪيسر کي وٺي ڪانپ ۾ وڃي ڊاڪٽر کان به تپاس ڪرائي. هڪ اڌ وار هن داڻو دٻائي ڏٺو، هن ڪيسر کي چيو:
    “ توکي ٻئي وٽ وڃڻ ۾ ڪٿي ڪو مهڻو آهي، 'اهو ته ڪوليءَ جو ڀونگو، هڪ ڇڏي ٻيو اڀو.' ان وقت صرف ايترو ئي چيو “ ڀاڀي سانئڻ ڪم ۾ ريس ٿيندي آهي ڪرم ۾ نه. ڀڳوان ڏاڍو سياڻو آهي. هو اڳ کان ئي سڀ ڪجھ سوچي هلندو آهي. هو اسان کي اوترو ئي ڏيندو آهي جيترو اسان جھلي سگھون. ان سان مهاڏو اٽڪائڻ ۾ مزو ناهي. هڪ ڪندي ٻيو ٿئي. چلهه مان نڪري هنج ۾ پئون. توهان اهو راندل وارو گيت ناهي ٻڌو؟ راندل جي پوڄا لاءِ ويندڙ ننهن کي سُهرو مهڻو ٿو ڏئي ته ننهن چويس ٿي:
    سُهرا سنڍ سنڍ ڇا ٿا ڪريو ڙي الا
    منهنجي جيٺ جا سي منهنجي پيٽ جا
    منهنجي ڏير جا سي منهنجي ويِر جا
    منهنجي نڻان جا سي منهنجي ڌرم جا
    منهنجي پهاڄ جا سي منهنجي اڌ انگ جا.
    ڪيسر ته من کي مڃائي ورتو هو. پر هن مٿيين کي به ڪڏهن ڪڏهن سخت امتحان وٺڻ جو سُجھندو آهي. سچي ماڻهوءَ کي ئي هو وڌ ۾ وڌ آزمائي ٿو.
    ٿيو هين جو هڪ وار ساتم آٺم ڪرڻ ڪيسر پيڪي ويئي. واعدو ته نوم واري ڏينهن واپس اچڻ جو هو پر برسات جي ڪري ٻه ڏينهن وڌيڪ ترسڻو پيو. اگيارس جو ماڻس چيو ڦراڙ ڪري وڃج. جنهن جي ڪري نڪرڻ ۾ دير ٿي ويس. چوماسي جا ڏينهن. رامپرا کان جساپرا پيادل اچڻو پوي. ڪيسر ڏاڍي تيز هلي پر ڏينهن مڙڻ لڳو هو. ان ۾ به وري آسمان ۾ اچانڪ مڙي آيل بادلن جي ڪري ڪجھ جلد ئي اندهه ٿي وئي. جساپر ڳاهو کن پري هو. ۽ گھاٽو مينهن وسڻ لڳو. ڪيسر هيڏاهن هوڏاهن ڏٺو. ڀر واري کيت ۾ هڪ ڄار جو وڻ ڏسڻ ۾ آيو. وڻ ڪافي جھونو ۽ گھاٽو هو. هن جا پالورا زمين سان لڳي رهيا هئا. دور کان اهو وڻ ننڍڙي اهڙي ڀونگي جهڙو لڳي رهيو هو. ڪيسر مينهن کان بچڻ لاءِ انهي ڄار جو سهارو ورتو. ويچاريءَ کي ڪهڙي خبر ته اها ڄار هن نڀاڳيءَ لاءِ ڪو ڄار هئو. هوءَ ڄار ۾ ڦاسي پيئي. پوءِ ته کيس سُڌ به نه رهي ته گھڻن حيوانن کيس چونٿيو آهي. هوءَ بي هوش پيئي هئي. ۽ سڄي سيم ڪنهن راڪاس جيان کان کان ڪندي هن جي سامهون وڌي رهي هئي.
    اهو ته وري ايشور جو اشارو جو صبح سويل سَوجي پٽيل گاڏو جوٽي نڪتو. هلندي هلندي ڍڳا هڪدم ٽهي بيهي رهيا. سوجي پٽيل کي ٿيو رُمجھُم ڊوڙندڙ ڍڳڙا ڪلي جيئن آخر کُپي ڇو رهيا. ضرور ڪجھ نه ڪجھ آهي. هن گاڏي تان هيٺ لهي نهاريو. واٽ جي وچو وچ رت ۽ گپ سان ليٿاڙيل ڪيسر جو اڌ اگھاڙو جسم! ٿوري دير لاءِ ته هيبتجي ويو. ٻه قدم پوئتي هٽي ويو. وري ٿيس، ٿي سگھي ٿو جيئري هجي. ويجھو وڃي ڊڄندي ڊڄندي ڪيسر جي مٿي تي هٿ رکيائين. بت اڃا ڪوسو هو. پوتيءَ جي ليڙن سان جيئن تيئن ڪري ڪيسر جي بت کي ڍڪي گاڏي ۾ سمهاري. هو ڳوٺ سامهون واپس وريو. ڍڳا به ڄڻ سَوجي پٽيل جي تڪڙ کي سمجھي ويا هئا، تيئن تيز تيز ڊڪڻ لڳا.
    سيم ڏانهن ويندڙ ماڻهن سوچيو، ڪڏهن به نه اڄ سَوجي پٽيل جو گاڏو ڇو گھرڙاٽ ڪندو ڊوڙندو واپس پيو اچي. ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تي گاڏو پهتو تڏهن ڪيسر ٿوري چُري. گاڏي مان کڻي لاهيندي هن جيوي کي ڏسي رڙ ڪئي، ۽ وري بي هوشيءَ ۾ هلي ويئي. جڳهه تي جمع ٿيل ماڻهن کي ويچاريندو ڇڏي ڀلاڀائي موٽر ڪڍي. جيوو اڳيان ويٺو ۽ هري پريا ڪيسر جو مٿو هنج ۾ جھلي پٺيان. ڪانپ پهچندي ڪيسر لک ۾ هوش ۾ آئي پئي، پر پيڙا جي ڪري ڪنجهي ٿي ۽ وري بي هوش ٿي ٿي ويئي. ڪانپ جي ڊاڪٽر چيو : ڀاڳ وارا آهيو جو وقت سر آيا آهيو نه ته هڪ کان وڌيڪ وار بلاتڪارن جو بک بڻيل ڪيسر جو بچڻ مشڪل هو.
    تن سان چڱي ڀلي ٿيڻ بعد به ڪيسر کي من سان چاڪ ٿيڻ ۾ چڱو وقت لڳو. هري پريا جي ڪارڻ کيس ٺاپر ۾اچڻ ۾ ڪجھ نه ڪجھ مدد ملي رهي هئي ۽ زخم ڀرجي رهيا هئا تان ٻئي مهني ڪيسر کي سمجھ پيئي ته هري پريا کيس ٻيو گھر منڊڻ جي صلاح ڇو ڏني هئي. هن هري پريا سان ڳالهه ڪڍي. هري پريا جيوي سان، جيوي جي ڳالهه صفا سِڌي هئي. ته ڪيسر ٻئي مرد سان شاريرڪ سنٻڌ رکي ۽ آڱر پڪڙي ٻارڙو وٺي اچي ! وري هري پريا کي ٿيو ته ائين ڪرڻ سان به ڪيسر جو وانجھ مهڻو ڀڄندو هجي ته سٺو ! هري پريا ڪيسر کي سمجھايو. پر هن چاهيو نه پئي ته اڌرم جو ٻج ڦٽي. ۽ پاڻ اڳيان به مڙس واري کوٽ ظاهر ٿئي. اهو هن لاءِ برداشت کان ٻاهر هو. ڪيسر ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو هو اهو حادثو ٿيڻ بعد ڪيسر ڪڏهن جيوي کي ويجھي ڪونه ٿي.
    شڪتي ماتا جي ٿانڪ جو ٻاهريون دروازو کوليندي ڪنچن جي نظر وري هڪ ڀيرو آسمان ڏانهن ويئي. سج جي روشني ٿيندي چنڊ جو جوهر جھڪو ٿي ويو. هاڻي هي سڄو ڏينهن هتان کان هُتي لڏندو رهندو. ڪرشن پڪش چنڊ جي ته نيَتي ئي اها. دير سان اڀرڻ ۽ الهڻ جو موقعو ئي نه ملي.
    سفيد پوڻيءَ جهڙو اڇو اجرو چهرو وٺي رات جي راهه ڏسڻ. اڄ ڪنچن با مندر پهتي، ڏٺائين ته ورانڊي جي ڪنڊ ۾ ڪو چانهه جو لوٽو ڍڪي ويو هو. سَمتا هوندي. چانهه پي ڪنچن با انشٺان ۾ ويهي رهي.
    اڳي ايندو هو تنهن کا اڄ جڳديش ٿورو دير سان آيو. هن سان گڏ ويرڀدر به هو. ويرڀدر هر وقت پارٽيون بدلي راج ڪارڻ جا نه پر ستاڪارڻ جا پينترا کيڏندوهو.ٽيو ڏينهن شام جو جڳديش کي سرپنچ جي گھر ويندي ڏٺائين. هن کي ٿيو اڄ موقعو آهي. لوهه تپڻ جي تياريءَ ۾ آهي. هٿوڙي جو هٿو مضبوط ڪري رکڻ گھرجي. ڪنهن کي خبر ته ڪهڙي وقت هن جي ضرورت پئجي وڃي. تپيل لوهه مٿي جو وقت سر هٿوڙو پئي ته سٺا سٺا آڪار بدلجي ويندا آهن. اگر ڳوٺ ۽ آس پاس ۾ وڌ ذات وارن کي پاڻ طرف ڇڪي وٺجي ته ايندڙ چونڊن ۾ شنا ڀائيءَ جو پتو ڪٽي سگھجي ٿو. ان سوچ جي لحاظ سان جڳديش ڪم جو ماڻهو آهي. رامپرا ۽ جساپرا ٻنهي ڳوٺن ۾ هن جو پير پختو آهي.
    “ڪيئن جڳا حويليءَ تي هٿ ڏيئي آئين نه؟ ” جڳديش کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو.
    “ مطلب؟”
    اهو ئي، ڪلهه شام جو تون سرپنچ جي گھر ويو هئين نه؟ ڇا اُٻاري آئين؟
    “ سويتا بين ته گانڌينگر آهي. روجي ماستر ته ٿڌي ساتم ڪيو ويٺو هئو. ”
    موقعو ڏسي اڙي هڻندي ويرڀدر چيو:
    “هو ڇا ڪري رهيوهو؟ هن ڪراڙيءَ جي کوهه جو پاڻي لڳي ٿو هن جي رت ۾ ملي ويو آهي. تون فڪر نه ڪر، مان جو ويٺو آهيان نه. اسان سڀاڻي ئي فيصلو ٿا ڪري ڇڏيون. اها پوڙهي ٻن ڏينهن ۾ هتان کان ٽپڙ ٽاڙي کڻي هلي نه وڃي ته منهنجون مڇون ڪوڙائي ڇڏيان.
    “ پر ڪنچن با ڪٿي ڪجھ چوي ٿي؟ هوءَ ته موءن ورت وٺي انشٺان ۾ ويٺي آهي .”
    ويرڀدر جڳديش جي نزديڪ وڃي کيس ڪن ۾ راز ڀري آواز ۾ چوي ٿو: تڏهن ئي ته سُچيت رهڻو پوي ٿو. هوءَ ڳالهائي نٿي جنهن جو مطلب اهو آهي ته هوءَ ڪو وڏو ڪارنامو انجام ڏيڻ واري آهي. “ پوءِ ذرا گھمنڊ ڏيکاريندي چيائين “ ڏس ادا، اهو ته تون برهمڻ جو پُٽ آهين ان ڪري تو لاءِ پيٽ ٻري ٿو. باقي ٻيو منهنجو ڪهڙو سوارٿ! ڪٿي ائين نه ٿئي جو تون هن جي ٻولڻ جي واٽ نهاريندو رهين ۽ هوءَ تنهنجي زبان ئي بند ڪري ڇڏي..”
    هرديه جي ڪمزور جڳديش آخرڪار ويرڀدر جي شرڻ سوڪاريندي چيو : “ ته ٻاپو اسان کي ڇا ڪرڻو آهي؟”
    “ ڏس سڀاڻي سوير مان تو سان گڏ هلندس. اسان پٺيان واڙي ۾ جڳهه جوڙڻ جو پلان ڪنداسين. اڌ ۾ ته اسان جون ڳالهيون ٻڌي پوڙهي پاڻهين مڙي ويندي.”
    شڪتي ماتا واري پاڙي ۾ اچي وير ڀدر هٿ ۾ ميجر ٽيپ الاريندي الاريندي وڏي آواز مان چيو:
    “ جڳا تون ڪا چنتا نه ڪر، ڪانپ ۾ منهنجي دوست جو دوڪان آهي. تون چوندين اوترو سيمنٽ، پترا، لوهه سڀ اوڌر تي ڏيندو. رڳو هڪ ڀيرو تون نقشو ٺهرائي پاس ڪر، بس ايتري دير آهي. ”
    ڪنچن با مندر ۾ ماتاجيءَ جي مورتيءَ اڳيان ويٺي هئي. نظر سامهون هيس. اشٽ ڀوجا واري ماتاجيءَ جي مورتي، هٿ ۾ ڦرندڙ مالها جا مڻيان، گڏوگڏ هڪ هڪ گائتري منتر به من ئي من ۾ گونجي رهيو هو. ويرڀدر ڏٺو ته هن جي يا جڳديش جي اچڻ جي باوجود ڪنچن با جي منتر جاپ جي ليه نه ته ڀنگ ٿي، نه ٽٽي. هو هلندو رهيو. هن ٻاهرا لٽڪندڙ گھنڊ وڄايو ۽ زور مان “ جئه ماتاجي.” گھوش ڪيو پر بيڪار. جڳديش ڦڪو ٿيندي ويرڀدر کي چپ رهڻ جو اشارو ڪيو.
    “ ٺيڪ آهي جڳا تون پوڄا پتائي. مان ذرا واڙي ۾ وڃي پلاٽ ماپي ٿو اچان. چوندي ويرڀدر وڃڻ لڳو.
    اڄ جڳديش عادت مطابق ماتاجيءَ جي پوڄا آرتي ڪندو رهيو پر هن جي من ۾ لڳاتار سوالن جا گھيرا ٺهي رهيا هئا. هن ٻاپوءَ کي اچانڪ ڪيئن مون تي ديا آئي آهي؟ هتان ٻڪر ڪڍندي اُٺ ته ڪونه ويهي رهندو؟
    آشڪا وٺڻ لاءِ هو آرتي وٺي ڪنچن وٽ ويو ته گھڙي پل لاءِ ڏڪي ويو. ڏينهن جي اجالي ۾۽ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ڪنچن با جو چهرو ڏسي هن جون اکيون کيريون ٿي وييون. ڪنچن با چپ چاپ آشڪا وٺي ماتاجيءَ کي هٿ جوڙيا. هڪ پل لاءِ ته جڳديش کي ٿيو سڌو نڪري وڃا. ڀلي پٺيان واڙي ۾ ويرڀدر ويٺو واٽ نهاري.
    ورانڊي جون ڏاڪڻيون لهي هو ٿوريءَ دير لاءِ بيٺو رهيو، ۽ سوچيائين ' مونکي مم مم سان ڪم يا ٽپ ٽپ سان؟ جيڪو ڪري ڏي سو. سويتا ڪري يا يا ويرڀدر. هڪدم هو پٺيان واڙي ڏانهن ويو.
    جڳديش واڙي ۾ پهتو ته ويرڀدر ڊنڪيءَ جي چوڌاري ٺهيل ٿلهي تي ويٺو هو. هو ٻيڙي ڇڪي رهيو هو. سندس اکيون ڪٿي ايڪاگر ٿيل چت جي شاهدي ڏيئي رهيون هيون. جڳديش کي ڏسي هن جي اکين ۾ ڪنهن شڪار جي ڦاسڻ واري چمڪ اچي ويئي.


    30

    شام واري آرتي جلد بازيءَ ۾ پوري ڪري جڳديش هليو ويو. هرجي پٽيل واري رنجن ڪنچن با کي چيو به سهي : “ اڄ ته جڳي ڀاءُ گڙبڙ گوٽو ، پرڀو موٽو ڪري جھٽ وينٽو واريو.”
    “ هوندو، هوندس اڄ ڪو ڪم.هاڻي تون به گھر وڃ. ” ڪنچن با چيو.
    “ پر امڙ ، تون بابا کي چوڻ ڪڏهن ايندينءَ؟”
    “ ڇا چوڻ؟”
    هاڻي ڏسو، ايتريءَ دير ۾ ته ڀلجي به وئينءَ. ٻيو وري ڇا؟ اها ئي چتر ڪلا جي پڙهائيءَ واري ڳالهه، تو سان ڪانه ڪئي هئم. رنجن جي اواز ۾ ٿوري ڪاوڙ شامل ٿي.
    ڪنچن با کيس پرچائيندي چيو، اڙي ها، اهو ته مان ڀلجي ويس، سٺو ٿيو جو ياد ڏياري، سڀاڻي ڳالهه، سڀاڻي ضرور تنهنجي بابا سان ملڻ اينديس.”
    “ ملڻ نه، چوڻ.”
    “ ها امان ها، چوڻ بس، تون هاڻي وڃ. هو ڏس اڄ به ڏاڍي کنوڻ پيئي کنوي. متان مينهن نه شروع ٿي وڃي.”
    رنجن جي وڃڻ جي واٽ نهاري رهي هجي تيئن ترت تلڪچند واري ڀاونا آئي. ماتاجيءَ جا درشن ڪري هن ڪنچن با وٽ ايندي چيو“ جئه نارا'ڻ پڦي.”
    هڪ پل لاءِ ته ڪنچن هن کي سڃاڻي نه سگھي. اڃا ته ٽيهارو سال به مڏ ٿيا اٿس ۽ چهري تي ٿوٿر! ۽ ڪپهه جي ڳوڻ جهڙو سرير. ڪنچن با هن جي ڳل جي کاٻي پاسي واري تِر جي ڪري کيس سڃاڻي سگھي. ڪارتڪ ننڍو هو تڏهن اروڻا کي چوندو هو “ ادي، توکي ڇو ڀاوليءَ جهڙو تِر ناهي؟”
    “ائي الا، امان توهان ته سڃاپجين به ڪونه ٿي.” ڪنچن با چئي ته ويئي پر پوءِ من ۾ هُرکُر ٿيس. مڙس، ٻار، گھر، ڌنڌو سڀ ڪجھ هجي پر جنهن عورت جي مٿي تان هميشهه هڪ تلوار لٽڪندي رهندي هجي اها عورت وقت سان قدم ڪيئن ٿي ملائي سگھي؟ يا ته هروقت پچندي پڄرندي ڀون ۾ لهندي ويندي آهي يا روز وکرجندڙ ڀريءَ جهڙي ٿي ويندي آهي. ڪنهن جي سامهون ڳالهائي به نه سگھندڙ استري هين پاڻ کان بدلو وٺڻ کان سوائي ٻيو ڇا ڪري؟ چون ٿا ته هريش جو ڪانپ ۾ ڪنهن سان لڦڙو آهي. اهو ڇڏائڻ لاءِ ئي تلڪچند ناٺيءَ کي ڳوٺ وٺي آيو ۽ پنهنجو ڌنڌو سونپيو. ناٺي به ڏاهي ماءُ جو پٽ نڪتو. ننڍپڻ ۾ مائٽ گذاري ويس. ٻارن لاءِ سڪندڙ ماميءَ سانڍي وڏو ڪيس. ڀلي هزار روپين جي هجي، پر نوڪري آخر نوڪري هوندي آهي. تيار مانيءَ تي ويهڻ جو موقعو هن به وٺي ڇڏيو. ورهين کان ڄمايل دڪان ۽ هفتي ۾ مال خريد ڪرڻ لاءِ ڪانپ جو چڪر. ڪنچن کي ڀاونا جي پيڙا جو ڪجھ ڪجھ اندازو ته هو. ان ڪري ئي هن ڳالهه کي موڙيندي چيو:
    “اهو ته توکي ڪافي وقت کان پوءِ ڏٺو اٿم ان ڪري سڃاڻي نه سگھيس. ۽ اڃا هڪ ئي اک جو موتيو لهرايو اٿم. ٻي اک وارو باقي آهي. ڊاڪٽر چوي ٿو پچي پوءِ ڳالهه. ڇو اڄ اپاسر ( جين ساڌن جي رهڻ جو هنڌ) تي پرتيڪرمڻ ( پاپ جي مافيءَ جي پرارٿنا، جين آچاريه وٽ وڃن اها وڌي) ڪرڻ ناهي وئينءَ ؟”
    “ نه اڄ ناهي ويس. توهان سان ٿورو ڳالهائڻو هيو ان ڪري. هونئن ته مونکي سويل ئي اچڻو هو پر تون موءن ورت ۾ هوندي آهين ان ڪري هينئر آئي آهيا.”
    “اهڙو ته ڪهڙو ڪم پئجي ويو جو پرتيڪرمڻ وارو نيم توکي ٽوڻڻو ........”
    “ ڪنچن با کي اڌ ۾ روڪيندي ڀاونا چيو:
    “ٻنپهرن جو روپا پيءُ گھر مانيءَ تي آيو تڏهن جڳديش ۽ ويرڀدر هن سان ملڻ آيا هئا. سڀاڻي شام جو پئنچات آفيس ۾ ميٽنگ رکڻ وارا آهن. ....... چوندي ڀاونا اٽڪي ويئي.
    ڪنچن با سوالي اکين سان ڀاونا کي ڏسندي رهي. ڀاونا کي ٿيو ڳالهه چٽي ڪرڻ کان سواءِ ڪونه هلندو. هن اونهون ساهه کنيو ۽ هڪدم چوڻ لڳي.
    “ ....... هيءُ تون هتي جيڪو رهين ٿي ان ڪري جڳديش کي ائين من ۾ آهي ته ڌيري ڌيري تون هن تي حق جتائيندينءَ. ضرورت پوڻ تي سڄي ڳوٺ کي گڏ ڪري سڀا به ڪنداسين ان طرح جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا.” ڳالهائڻ کان پوءِ ڀاونا ڄڻ مٿي تان ڀري لاهي هيٺ رکي هجي ائين سامت جو ساهه کنيو.
    “ اوهو جھرڪي ننڍڙي ۽ ڦرڙاٽ وڏو. تون به ڇا ههڙي ڪک جهڙي ڳالهه جي چنتا ڪرين ٿي؟ ” چوندي ڪنچن با کلي ڏنو. هن جي کل ۾ ٿورو ڪوءڙو سواد گھليل هو. هن ڀاونا کي دلداري ڏيندي چيو:
    “ ڏس ڀاونا، هڪ ڳالهه تون به سمجھي وٺ. مان شڪتي ماتا جي آسري آئي آهيان. ڪنهن عالي مواليءَ جي نه. مونکي پوري خاطري آهي ته منهنجو وشواس ڪڏهن به اڪارٿ ڪونه ويندو. چنتا ته ان کي ڪرڻي پوندي آهي جنهن کي ڪجھ لٽجي وڃڻ جو ڊپ هوندو آهي. تون ڏسج ته سهي. اچڻ ڏي، وڄندي گجندي منڊپ تي.
    “ پر ..... ” ڀاونا اڃا بي يقينيءَ ۾ منڌل هئي.
    “ ڏس توکي چنتا ٿئي اهو سڀاويڪ آهي. تنهنجي پيءُ هميشهه مونکي ڀيڻ مڃي ٿي سگھي اهڙي مدد ڪئي آهي. هن چوڪڙيءَ ۾ تنهنجو ور شامل ٿئي اهو به توکي نه وڻي پر ڏس امان مڏ تنهنجو سنسار پٽڙيءَ چڙهيو آهي. تون هريش ڪمار کي حرف به نه چئج. تنهنجي يا منهنجي چنتا ڪرڻ سان ڪجھ ورڻو ڪونهي. اسان کي بس هڪ ئي منتر رکڻو، جيڪو ٿئي پيو سو سٺائيءَ لاءِ، ڇڏ هاڻي هن ڳالهه کي. ٻيو ٻڌائي سڀ ٺيڪ هلي ٿو پيو نه؟”
    “ ها، هاڻي هتي اچڻ کان پوءِ گھڻو سڌرندو پيو ٿو وڃي. پر اڃا هفتي ڏهين ڏينهين مال وٺڻ ڪانپ ويندو آهي. هن جي غير حاضريءَ ۾ مونکي دڪان سنڀالڻو پوندو آهي. گھر ۾ ڪم هوندو آهي تڏهن روپا يا درشن کي وهاري ويندي آهيان، پر روپا وڏي ٿيندي پئي ٿي وڃي ۽ درشن ننڍو. مان ته گھڻو ئي چوندي آهيانس ته ڳوٺ مان روز ٽيمپو ڪانپ ويندو آهي. ڪانپ جا واپاريءَ به سڃاڻا آهن. ٽيمپو واري کي لکي ڏنو هجي اهو سڀ مال گھر ويٺي اچي وڃي. ڪانپ ۾ وڃڻ جو ڀاڙو لڳي ۽ نفعي ۾ ڏينهن سڄو ٽٽي. ڪڏهن ڪڏهن ته ٻه ڏينهن به. سڄو حساب ڪجي ته ٽيمپو سستو پئي پر هو مڃي تڏهن نه! خير اهو ٻڌائي ته ڪارتڪ جا ڪهڙا سماچار آهن. هن شادي ٻادي ڪئي يا نه؟”
    “ نه امان نه اڃا ڪٿي ڪئي اٿس، هو ڪٿي مڃي ٿو. مان ته کيس سڄي ڇوٽ ڏيئي ڇڏي آهي. هن ممبئي جهڙي شهر ۾ ڏهاڙيئي جهڙو جيون ڪهڙي ڪم جو؟”
    “ پڦي، من ماري ڪري ڪنهن جو ساٿي ٿي ڪري زندگي جيئڻ کان ته اهو ڏهاڙيو جيون سٺو. ڀلي تڏهن هاڻي مان هلان ٿي. چوندي چوندي ڀاونا ڏاڪڻيون لهي ويئي.
    ڪنچن با کي ٿيو هيءَ ڀاونا اچانڪ ڇو هلي ويئي؟ ويچار ڪندي هوءَ اهلي. سڄو ڏينهن لڳاتار وهڻ جي ڪري سندس سرير وٺجي ويو هو. ڪمر ڄڻ ڇڪيل ڪمان جيان زمين کان مٿي رهي. ٿوري دير کان پوءِ ڍلي ٿي. هن کي ياد آيو ' ڪارتڪ ننڍڙو هو تڏهن ڪڏهن ڪڏهن ڪم نه ڪندو هو تڏهن اروڻا ڪاوڙجي چويس : هي بيٺل ٿُڙ وڏو ٿي ڪنهن سيٺيئي جو گھرناٺي ٿي رهندو. تلڪچند مامي جهڙي ڪنهن جي دڪانڙي تي ويٺو رهڻو ۽ ماني کائي پيٽ وڌائڻو. جواب ۾ ڪارتڪ چوندو هو، “ ادي ڀاوليءَ سان شادي ڪري سگھجي ٿي؟” ڪنچن وچ ۾ پوندي هئي “ بيهي مئا پِٽيا، اها ته ڀيڻ چئجي.” ته ڇا ڪارتڪ ۽ ڀاونا جي وچ ۾؟ پر ڇو پاڻ کي ڪو شڪ به نه پيو. ها، ننڍڙا هئا تڏهن ڪارتڪ ۽ ڀاونا سڄو ڏينهن گھرگھر راند ڏاڍي کيڏندا هئا. انهيءَ ڪري ئي ڀاونا هين اچانڪ اٿي ۽ ........ ڪارتڪ به لچو آهي. ڪڏهن سندس من جي ڪل به نه پوڻ ڏنائين. ڏس نه سندس پيءُ گذاري ويو تڏهن به ......'
    ڪارتڪ جي واٽ نهاري چندرڪانت احمدآباد واپس هليو ويو.هفتي کن ۾ اروڻا به هلي ويئي. هن کي اڄ ڪلهه ۾ زباني انٽريو اچڻو هو. سرڪاري نوڪريءَ لائي ڏنل ليکت امتحان ۾ ته هوءَ پاس ٿي ويئي هئي. شروعات وارن ڏينهن ۾ ڳوٺ جي ماڻهن کي عجيب لڳي رهيو هو.سُس پُس ڪندا رهيا. ' پيءُ جهڙو پيءُ گذاري ويو ته به ڪارتڪ ماءُ جي منهن ڪونه چڙهيو! ڪنچن لاءِ اها ڳالهه وڌيڪ چنتا جو سبب بڻي ويئي هئي. ڪارتڪ ڇو ڪونه آيو؟ سندس سرنامو ته برابر هو. ته پوءِ ؟
    هونئن ته سماج جي ريت رواجن مطابق وڌوا ٿيل استريءَ کي هڪ مهني تائين ڪنڊ جھلڻي پوي.ساليانو شراڌ يعني ورسي ڪرڻ کان پوءِ هوءَ پيڪي گھر سوگ لاهڻ وڃي. حالانڪ ڀارتي سماج ۾ عورت جي بيوهه ٿيڻ بعد ڪڏهن به سوگ لهندي ناهي. شايد وڌندي ئي ويندي آهي. ڪنچن به انهيءَ ۾ اپواد نه هئي. امرت جي اوچتي موت کي کڻي ٿيندڙ ڳالهيون، امرت جي موت کان پوءِ وِڌي ــ وڌان، چوڙي ڪرم، پڳڙيون، شراڌ يا ٻارهي تيرهي جا ڀوڄن جهڙن مُدن تي مچڪوڙيل منهن يا ڪارتڪ جي نه اچڻ جي ڪري ٿيل ڊگھا ــ ننڍا هٿ. ڪنچن اندران ئي نه، ٻاهران به گھيرجي رهي هئي. هن ڪو به خلاصو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري قلعي بندي ڪري ورتي هئي. لوڪ کي ته ڇاهي؟چاهي تنهن کي گنهگار واري پڃري ۾ بيهاري ڇڏي. الٽ تپاس ۾ جو خلاصو ڪرڻ وڃو ته ڄڻ سڄي سماج کي بچائڻ جو ٺيڪو کنيو هجي تيئن توهان تي چڙهي وهن. پر جو توهان خاموشي اختيار ڪري گنهگار واري پڃري ۾ بيهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته پوءِ هو آخرڪار ٿڪجي توهان کي ڇڏي ڏين ٿا. حالانڪ سڄي لڙائيءَ ۾ ڏاڍي ڌيرج جي ضرورت پوي. هٿيار سامهون هٿيار کڻي وڙهڻ ڏاڍو سولو آهي. پر هٿيار کي نظرانداز ڪري مُڏو ڪرڻ لاءِ اندرين طاقت گھرجي. ڪنچن ڏکيو رستو ورتو هو. ممڪن هو ته هن ۾ سنتان طرفان به سهڪار نه ملي. ڪنچن کي خبر هئي ته چندر ڪانت ڪجھ کٽڪندڙ من سان احمدآباد ويو آهي. هن پيءُ جي موت پٺيان ڪجھ وِڌي وڌان ڪرڻ چاهيا پئي. پر ڪنچن صاف منع ڪري ڇڏي. تڏهن هن سهج چيو هو “ ماڻهو ڇا چوندا؟”
    تڏهن نه سرندي ڪنچن منهن کوليو “ اگر تون حقيقت ۾ هنن ڪرم ڪانڊن ۾ مڃين ٿو ته ٺيڪ آهي. پر توکي ته جڻيو به ڏنل ناهي. توکي ڪير وڌيءَ ۾ ويهڻ ڏيندو؟ ۽ جو توکي پرائي ذات مان ڇوڪري وٺي اچڻ ۾ ماڻهو آڏا نه ايندا هجن ته پوءِ هن ڳالهه ۾ ڪهڙو ڊپ؟ هڪ ڳالهه سمجھي وٺ چندرڪانت، تنهنجي پيءَ جي هيترا سارا سال اسان اڪيلن واٽ نهاري آهي، هنن جي جدائي سَٺي آهي. ۽ هاڻي جيڪا ٿي آهي سا به اسان جي گھر جي ڳالهه آهي. انهيءَ ۾ ماڻهن جي ڊپ کان ڪجھ به ڪرڻ واجب ناهي. ۽ اهي سڀ ڪرم ڪانڊ نه ڪرڻ سان ڪنهن کي به نقصان ڪونه ٿيندو، ته پوءِ ايڏو مڙيوئي ڇو سوچجي.”
    ڪنچن ڪنهن کي به پاڙي مان گهرائڻ کان سوائي چوڙي ڪرم ڪيو. چوڙيون لاهي تلڪ ڊاهيو.رنگ ته هوءَ اڳي ڪٿي ڪي چمڪيلا پائيندي هئي؟ سفيد ساڙهي پاتي. وار هن ڪونه ڪَٽيا. هن کي ياد هو ته پهريون ڀيرو امرت هنن وارن جي چوٽي کي گلي تان ويڙهيندي هنن بنا مري وڃڻ جي ڳالهه ڪئي هئي. هوءَ امرت جي انهن يادن کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار نه هئي.
    تقريبن ڏيڍ مهني ڪارتِڪ آيو. اڱڻ ۾ بيٺي بيٺي هن ڏٺو ته ڪنچن ڀت جي سهاري ويهي ورانڊي ۾ ڀاڄي ڪٽي رهي هئي. گهڙي کن لاءِ ته هو ڪنچن کي دور کان سڃاڻي ڪونه سگھيو. سفيد ساڙهيءَ ۾ ماڻس کي ڏسي هو ٿورو هيبتجي ويو. ڪورو ڪپار ۽ لسا هٿ ڏسي ڪارتڪ کي ٿيو ته پيءُ جو موت معني ڇا؟
    ڪارتڪ کي ممبئي ۾ خط مليو تڏهن ڪجھ گھڙيون کيس ڪورو رکي پسار ٿي ويئيو. پوءِ ڪجھ ياد ايندي هن خط ڦاڙي ٽڪرا ڪري ڇڏيو. اسٽاف يا دوستن مان ڪنهن کي به هن لکا ڪون ڏني. شايد هن پنهنجي وجود کي به ڄاڻائڻ نه پئي چاهيو. پر جنهن کي هو ننڍڙي ئي ڦرڙي سمجھي جيئندو رهيو هو اها ڦرڙي هيءَ خبر ٻڌي شايد پچي پيئي هئي. مٿان مٿان ننڍڙي نظر ايندڙ اها ڦرڙي اندريان وڏو رت ڳڙهه هوندو انهيءَ جي خبر اڄ پيس. هو ته مڃيندو هو ته ويرڀدر جو مٿو ڦاڙڻ سان گڏ اها ڦرڙي به ڦوڙي ڇڏي آهي. پر ائين ڪونه هيو.ڳڙهه پنهنجو پرچو ڏيکاريو هو. لک ڪوششون ڪرڻ جي باوجود پيڙا جا سٽڪا کيس ويهڻ نه ڏيئي رهيا هئا. هن جي اندر ۾ ئي ڪوئي ڌماچوڪڙي ڪري رهيو هو.
    وير ڀدر چيو ۽ تو مڃي ورتو. هن ڪاڳر ته تنهنجي هٿ ۾ ڏنو ڪونه هيو. ڪهڙي خبر ته هن پاڻ انهيءَ خط ۾ نئون نئون ڪجھ جوڙيو نه هجي؟
    پر ته پوءِ امان ائين ڇو ڪندي هئي؟ مونکي هميشهه لڳندو هو ته مان سندس اڻ ڀانيل اولاد آهيان. ٻيا مائٽ ته پنهنجن معذور ٻارن کي وڌيڪ چاهيندا آهن، پيار ڪندا آهن. پر امان ته ڄڻ ڪنهن جا خار ڪڍندي هجي ائين لڳندو هو.
    ' ڀلجي ويو آهين توکي مارڻ کان پوءِ به لڪي ڪنڊ ۾ روئندي هئي هوءَ. ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ نظرن سان ڏٺل به صحيح نه هوندو آهي، اتي تو ته ٻُڌل ڳالهه تي ويساهه ڪري ورتو. ڪارتڪ وٽ ڪو جواب نه هو.
    هن جي ڪوري من آڪاش ۾ وير ڀدر جون ڳالهيون سرڻين جيان لامارا هڻي رهيون هيون. گهمي رهيون هيون، گونجي رهيون هيون. 'ڏس تنهنجو نالو به ناهي خط ۾ ..... تنهنجو پيءُ آهي سو گوري مڊم رکيو ويٺو آهي ...... هتي تنهنجي ماءُ .......... ڪهڙي خبر تنهنجو پيءُ ڪير هوندو. ...... '
    ڪارتڪ کي ٿيو هنن سڀني سوالن جا جواب امان وٽان ملندا. ڪنچن کي ڏسي هن جا سارا سوال ڪکن جيئن خبر ناهي ڪيڏاهن اڏامي ويا. واچوڙي پٺيان جي مينهن جيئن ماءُ پٽ ٻئي پُسندا رهيا.


    31

    ڪارتڪ آيو دير سان پر ڪنچن کي جيون ۾ پهريون ڀيرو ڪارتڪ جي هوئڻ جو احساس ٿي رهيو هو. ڪارتڪ به خبر ناهي ماءُ سان گڏ هين آرام سان رهڻ لاءِ ملندو يا نه اهڙي للڪ سان رهيو. موڪل ته چئن ڏينهن جي هئي پر ڏهه ڏينهن رهيو. ڪنچن کي حيرت ٿي ته ننڍو هيو تڏهن تمام گھٽ گھر ۾ گذاريندو هو. گھر ۾ ويهندو هيو ته ڪنچن ۽ چندرڪانت جي سامهون تمام ٿورو ايندو هو. اڪثر اروڻا جي ارد گرد گھمندو رهندو هو. اروڻا ماني پچائيندي هئي ته اٽي مان ذات ذات جا پکي ـ جانور ٺاهيندو رهندو هو. پوءِ ضد ڪندو هو ته اهي پچائي ڏي. اروڻا بيلڻ کڻي کيس مارڻ لاءِ ڊوڙندي هئي. اروڻا ڪٻٽ جي وڏي آرسيءَ سامهون بيهي تيار ٿيندي هئي ته اکيون کپائي ڏسندو رهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن اروڻا چويس : “ڇوڪري آهين ڇا. وڃ نه ٻاهر کيڏ.” شرمائيندو ٻاهر ڊوڙي وڃي پر ڪلاڪ ۾ واپس اچي. ڪاوڙ مان اڪارڻ الر ڪندڙ ڪنچن جي مار کان اروڻا ئي کيس بچائيندي هئي. انهيءَ ڪري ئي هو ماءُ کان ڀيڻ وٽ وڌيڪ رهندو هو. لڳڀڳ ڏهن ــ يارهن سالن جو ٿيڻ بعد ئي هو پاڻ کي ڌيري ڌيري گھر کان الڳ ڪرڻ لڳو. انهي عرصي ۾ ويرڀدر سان صحبت ٿي. ويرڀدر جي ٽولي ۾ ملي نه ڪرڻ جهڙا ڪم ڪندو هو. ٿي سگھي ٿو هو ڪجھ رفع دفع ڪري ڪنهن سان وڙهڻ جو سُک وٺندو هو. ڪڏهن ڪڏهن هن کي محسوس ٿيندو هو ته هي سک ته مرگ جل جهڙو آهي. هو آڌيءَ رات جو جاڳي ويندو هو. ۽ ورانڊي ۾ ڀت جي سهاري ويهي چپ چاپ ڪنهن جي واٽ نهاريندڙ ماءُ کي ڏسندو هو. يا ڪم ڪندڙ ماءُ هٿ ۾ کنيل ڪم ڀلجي پولار ۾ تڪيندي رهندي هئي تڏهن کيس سمجھ ۾ ايندو هو ته امان خبر ناهي ڪيترن جو مقابلو ڪري رهي آهي. هو ڄاڻندو هو ته ماڻس جي ويڙهه پائيدار آهي. پاڻ ته آشنڪا جي ڪارڻ پنهنجي وجود سان لڙندو رهي ٿو. انهيءَ ۾ به جڏهن ڇهين ڪلاس ۾ آيو ان سال هُن ويرڀدر سندس من ۾ شڪ جو ڪينئون اهڙو ته رکي ڇڏيو جو هو مسلسل دکي ٿيندو رهيو هو. جلندو، سڙندو رهيو هو. پيءَ جي موت واري خبر ڄڻ هن تي چئن ئي پاسن کان حملاور ٿي هئي. انهي ڪري هو ماءُ سان ملڻ ڊوري آيو هو. ماڻس جو سڃو چهرو ڏسي هن جي من جا گھوڙا بيهجي رهيا.
    ڪنچن جي چهري تي ڪنهن جي انتظار ۾ اُڪريل جذبا نه هئا. هاڻي هن کي ڪنهن جي به واٽ ڏسڻي ڪانه هئي. هوءَ امرت جي پرتيکيا جون لاهيون چاڙهيون لهندي چڙهندي ڪنهن هموار زمين تي اچي ويئي هئي. ڪارتڪ کيس سامهون اچي ڳالهائي رهيو هو. هوءَ ڳالهيون ڪندي هئي. ڪارتڪ گھر ۾، ورانڊي ۾، پاڙي ۾ گھمي. ڪنچن جي نظر هن جي پويا پويان گھمي. هوءَ پوڄا ڪندي هجي تڏهن به ڪارتڪ چپ چاپ هن جي ڀر ۾ اچي ويهي رهي. بنا چوڻ جي ماءُ پٽ ٻنهي کي احساس ٿي رهيو هو ته ٻنهي جي وچ ۾ پيل کاهي ڀرجي رهي آهي ۽ هڪ پل آڪار وٺي رهي آهي.
    هڪ ڏينهن ڪنچن کي ٿيو ته مونکي ڪارتڪ کي ايوَ واري خط بابت ڳالهه ڪرڻ گھرجي. هن ڪاڳر ڳولهيو. هونئن ته هميشهه ڪو به آيل خط هوءَ ڪٻٽ ۾ ڪپڙن جي تهه هيٺان رکندي هئي پر ايوَ وارو ڪاڳر نه مليو.ڇا ڪجي؟ ڪارتڪ کي چوان ته ڪيئن چوان؟ ڪنچن کي خبر هئي ته پنهنجي زبان ۾ اها ڳالهه ڪرڻ آسان نه هئي. سوچ ويچار ڪندي هفتو گذري ويو. وڃڻ جي مهندين رات هن ڪارتڪ کي ڀر ۾ ويهاري چيو: ڏس ابا، مونکي توسان هڪ ڳالهه ڪرڻي آهي. تنهنجي پيءَ ڪمپالا ۾ ٻي .......
    “ مونکي خبر آهي. هن پنهنجي سيٺ جي ڌيءَ سان ٻي شادي ڪئي هئي. هن کي هڪ پٽ به آهي. ” ڪارتڪ سانت آواز ۾ چئي رهيو هو. ڪنچن ڇرڪجي ويئي. پر ترت کيس سمجھ ۾ آيو . ته پوءِ ڪارتڪ امرت وارو خط .....؟
    “ نه امان مون وٽ اهو ڪونهي. ويرڀدر جيوي ٽپاليءَ کي ماري اهو ڪاڳر ڦُري ورتو هو. ڪارتڪ ڳالهائيندي رڪجي ويو. هن جي من تي ويرڀدر جا هنيل ڏنگ وري چُري پيا. هن ٻڌو ڪنچن چئي رهي هئي:
    “ڪارتڪ تنهنجي پيءَ ٻي شادي ڇو ڪئي تنهن جي ڪا خبر توکي آهي؟” 'تنهنجي پيءُ ' لفظن ڪارتڪ کي ڏڪائي ڇڏيو. ڇا امان کي اڃا به خبر ڪانه هوندي؟ يا پوءِ ڃاڻي ٻجھي؟
    ويرڀدر منهنجي هٿ ۾ ڪاڳر ڏنو هجي ها ته خبر پوي ها. هن چيو هو ته ڪاڳر ۾ تنهنجو ته نالو به ڪونهي. “ امان ائين ڇو؟ ”حقيقت ۾ ڪارتڪ کي پڇڻو هيو ته “منهنجو پيءُ ڪير آهي؟ '” پر هن جي زبان نه هلي. پر بنا پڇڻ جي ڪنچن سمجھي ويئي هئي ته حقيقت ۾ ڪارتڪ ڇا ٿو پڇڻ چاهي. ڪنهن به پُٽ کي پنهنجي ماءُ کان پڇڻ ۾ حجاب ٿئي اهڙو سوال پڇڻ واري ڏکي حالت مان ڪنچن ڪارتڪ کي بچائي ورتو. ۽ چيو :
    “ڏس ابا، اڄ تائين تون من ۾ ڇاجو ڇا دٻائي جيئرو رهيو آهين. مان اڀاڳڻ تنهنجي من تائين پهچي نه سگھيس. ٿي سگھي ٿو منهنجي تنهنجي من تائين پهچڻ جي تياري نه هئي. ٿي سگھي ٿو مون مڃي ورتو هجي ته توکي ڪو سوال ڇو ٿئي! ٿي سگھي ٿو مون پنهنجي وجود کي به ڪجھ ڳالهين کان دور رکڻ پي چاهيو. مون اڄ ڏينهن تائين ٻين سڀني مورچن تان لڙڻ ۾ هن سوال کي ڀلجڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر اها منهنجي ڀل هئي. نه اهو سوال منهنجي من مان ويو آهي ۽ نه تنهنجي من مان. پر اڄ هيترن سالن بعد ٻيهر انهي وقت کي مان جي رهي آهيان. مونکي ٿئي ٿو ته تون منهنجي جيون جي آخرين سک ڏيندڙ گھڙيءَ جو سنتان آهين. ۽ گڏوگڏ منهنجي جيون جي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ حادثي جو سنتان به.
    “ تون ته ننڍو هئين، ابهم هئين. تنهنجو پيءُ ڪير آهي ۽ ڪير نه، انهي اڻتڻ۾ مون ڪيتريون ئي راتيون ڦٿڪندي گذاريون آهن. آخرڪار مونکي منهنجي انترآتما وٽان هڪ ئي جواب مليو آهي اهو جواب هي آهي ته تون منهنجو اولاد آهين ۽ مان تنهنجي ڄڻيندڙ ماءُ آهيان.
    ڪنچن وچ ۾اٽڪي، ڪارتڪ ڀت جي سهاري ويٺو کيس هڪ چت ٿي ٻڌي رهيو هو. ڪنچن اڳيان وڌي.
    “ ٿي سگھي ٿو توکي خبر هجي. اسانجي پراڻن گرنٿن ۾ ستيه ڪام جابال جي ڪٿا اچي ٿي. ستيه ڪام گڻيڪا جابال جو پُٽ هو. گروءَ وٽ گيان وٺڻ لاءِ ويل ستيه ڪام کي گروءَ پيءَ جو نالو پڇيو. ستيه ڪام کي خبر نه هئي. هو ماءُ وٽ آيو. ماڻس چيس ته، انيڪن جي شيوا ڪندي تون مونکي مليو آهين. مان به نٿي ڄاڻا ته تهنهجو پِتا ڪير آهي؟ ستيه ڪام گروءَ وٽ وڃي ماڻس جو جواب کيس ٻڌايو. اتي ويٺل ششَ ستيه ڪام جي صاف سٿري ڳالهه ٻڌي کلڻ لڳا. پر گرو ستيه ڪام جي سچي ڳالهه چوڻ واري همٿ ڏسي خوش ٿيو. ۽ چيو ته، ستيوادي ماءُ جو ستيوادي پٽ ستيه ڪام گيان جو سچو حقدار اهي. گروءَ ستيه ڪام جي سچي سڃاڻپ ڏني ۽ نالو رکيائونس ستيه ڪام جابال. بيٽا سنسار جو ڌرم نڀائيندي، گرهستيءَ جو ڌرم بجائيندي مونکي تون مليو آهين. هاڻي تون ئي منهنجي سوال جو جواب ڳولهي وٺ.
    ڪارتڪ جي ممبئي وڃڻ بعد لڳڀڳ ٻن مهنن پٺيان سندس خوش خيريت وارو خط آيو. تنهن سان گڏ اخبار ۾ ڇپيل اشتهار جو ننڍڙو تراشو به. هن پنهنجو نالو ڪارتڪ امرت لال شُڪل مان بدلائي ڪري ڪارتڪ ڪنچن با ڪيو هو.
    حالانڪ چندرڪانت کي ڪارتڪ نالو بدلايو هو اهوڪم وڻيو ڪونه هيو. هن ڪارتڪ کي چيو به سهي. چندر ڪانت جي من هيءَ نالو بدلائڻ واري گهٽنا اڄ ڪلهه جي نوجوانن ۾ شوقيه ڏسڻ لائي ملي ٿي. هن مهڻو ڏنو “ ههڙا تهرا نالا بدلائي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو ٿا ته پوءِ اونڌي منهن ڇو نٿا هلو؟” ڪارتڪ هچمچي ويو. هن ڪو جواب ڪونه ڏنو. ان ۾ به چندرڪانت جي شاديءَ ٽاڻي ڪنڪوتريءَ جي ڊزائين تيار ڪرڻي هئي. هن چندر ڪانت کي صاف ٻڌائي ڇڏيو ته اگر تون منهنجو نالو نينڍ پتر ۾ ڇپائڻ وارو هجين ته منهنجو نالو ڪارتڪ ڪنچن با رهندو ۽ توکي نه پسند هجي ته سڄو نالو ڪٽي ڇڏڻ جي توکي موڪل آهي. چندر ڪانت ڪارتڪ جي چيل ٻئي نمبر واري ڳالهه ۾ راضي هو. ڪنچن کي ٿيو سنسار ۾ صفا ٻه ڀائر آهن. اگر هينئر کان ئي وهنوار تٽي ويندن ته؟ هن رستو ڪڍيو. “ڪنڪوتريءَ ۾ صرف منهنجو نالو رهندو.”
    ڪنچن کي گھڻا دفعا ٿيندو هو ته ' هن چندرڪانت ۾ ڇو هيڏي جھونائي ۽ جڙتا آهي. هونئن ته هو پنهنجي انگت ڳالهين ۾ رخنو بڻجندر اهڙين ڳالهين کي ليکندو ئي ناهي. ڇا سمجھ اچڻ سان گڏ جيئڻ جو، ٽڪي رهڻ جو سنگھرش مٿي پوڻ جي ڪارڻ هو ويجھا لاڀ ڏسندو هوندو؟ ڪڏهن ڪڏهن آخرڪار چندرڪانت جي سڀاءَ ۾ گنگابا جي سُتيءَ جو اثر ظاهر ٿئي ٿو. هنجو به ڪهڙو ڏوهه؟ هميشهه ٻين جي سهاري رهڻو هجي اهڙي ٻال وڌوا استريءَ جا ههڙا انتر وروڌ ٿي سگھي ٿو سوارٿ ورتيءَ جي ڪارڻ وڌيڪ وڌندا هوندا.
    امرت جي موت وقت جيا ڪنچن وٽ رڪجي نه سگھي هئي. ٻهراڙيءَ جو ڳوٺڙو ۽ ڪرم ڪانڊ ڪندڙ گوراڻي ( برهمڻي) جي گھر هڪ مسلمان عورت جو رهڻ انيڪ سوال کڙا ڪري ها! جيا جي لاءِ ته سڳي ڀاءُ جو موت ۽ ٻيءَ شاديءَ وارن سماچارن وارو آگھات سهڻ ئي ڏکيو هو. هوءَ پنهجي پيڙا مٿان ڪنچن جي پيڙا جو انومان ڪري سگھي ٿي. ڪنچن کي آٿت ڏيندي ٻيا سوال کڙا نه ٿين انهي ڪري پنهنجي ڇاتيءَ تي پهڻ رکي هوءَ تڪڙي هلي ويئي. ڪنچن جي ته ڏاڍي دل هئي ته جيا رڪجي وڃي پر سندس دماغي حالت اهڙي نه هئي جو هوءَ جيا ۽ ذرينا جهڙن ٻن روپن کي ساهي سگھي. پر چندرڪانت جي شاديءَ ٽاڻي ڪنچن جيا کي هفتو کن اڳ گھرايو هو.
    جيا آئي ۽ ٻئي ئي ڏينهن ڪنچن کي ٿيو اڄ حقيقت ۾ گھر موقعو آيو آهي. ماڻهن پڇيو ٿي، چڻ ڀڻ ڪئي ٿي پر ڪنچن کي ڪٿي ڪا پرواهه هئي. هڪ اڌ ڀيرو جيا چيو به سهي ته هن وٽ جواب حاضر هو “ ڇا ڪندو لوڪ؟ منهنجي بدران ٻيو برهمڻ ڳولهيندو، ته ڳولهڻ ڏيونِ. ۽ هي پٽ ــ ننهن ڪونه رکندم ته تون به ڪونه رکندينءَ ڇا؟”
    جيا ڪنچن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيو“ هي ڇا پيئي چئين ڀاڀي؟ ڀڳوان نه ڪري توکي تنهنجي ٻارن کان جدا ٿيڻ جو موقعو اچي. پوءِ به اگر آيو ته مان ويٺي آهيان نه. مون سان گڏ سنسٿا ۾ مزو نه ايندو ته الڳ مڪان به آهي منهنجو آمباواڙيءَ ۾. هڪ روم رنڌڻو آهي. جيئين تيستائين تنهنجو. مڪت رهج ۽ ويٺي پرڀوڀڄن ڪج.”
    جيا رهي، ۽ نه صرف ايترو سندس سلوڪت ۽ لکڻ ڏسي آڙي پاڙي وارا ڏندين آڱريون ڏيئي ويا. پوريون ٺاهڻ کان وٺي ڪچرو ٻهارڻ تائين هر ڪم ڪار ۾ جيا اڳري رهي. ڪو به اهڙو گيت نه هو جو هن کي نه ايندو هجي. ڪنيا پڪش وارن جي گيت “ پڦيءَ جو پاڙي جيڏو پيٽ ” تي جيا سڀني کي چتاءُ به ڏنو. “ پرائي ڄڃ ۾ ذرينا جو هيڏو لٽڪو وري ڇاجو؟ وهانو پورو ٿيندو ڪڍي ڇڏيندا پوءِ لڳندس جهٽڪو. ... جيا ٻيڻي اتساهه سان جواب ڏيئي رهي هئي. هوءَ ڄڻ من ئي من ۾ طيءِ ڪري آئي هئي ته هيترن سالن جي ڪشمڪش کان پوءِ آيل موقعي کي ذرا به جھڪو يا ڦڪو ٿيڻ ناهي ڏيڻو.شروعات ۾ گڻيش مٽڪي کڻڻ ۾ اڳيان پويان ٿيندڙ ڪنچن کي هن ٿيلهو ڏيئي اڳيان ڪيو. ڪنچن جي من ۾ کُٽ کُٽ هئي. جيا صاف چيس ته ڀاڀي تون ڪنڪو واري آڱر ڪونه ڪندينءَ ته مان چندرڪانت کي ڪورٽ ۾ وڃي پرڻائي اينديس. ڀلي تنهنجون مڻ اٽي جون پوريون خراب ٿين. سنتان لاءِ سُٺو ماءُ کان وڌيڪ ٻيو ڪير چاهيندو؟
    چندرڪانت وشاکا کي پرڻجي آيو ته کيس موڙ ٻڌي جيا سواگت ڪيو. ور گھوڙي جو رستو روڪي بيٺل اروڻا مشڪري ڪندي جھوير کي چيو به سهي “ ذرينا بين هن اروڻا لاءِ به ڪو ڳولهڻو هيو نه گڏوگڏ. هيءَ هروڀرو ڀاءُ ــ ڀاڄائيءَ کي آڏي ايندي.” ڪاوڙجي اروڻا جواب ڏنس “ مونکي شادي ڪرڻي ئي ناهي، تون بي فڪر رهه، ڀاءُ ــ ڀاڄائيءَ کي آڏي ڪونه اينديس. الٽو اوڍرو ٿي رهنديس.”
    وهانو پٺيان موڪلائيندڙ جيا جي پلوءَ ۾ ڪنچن پنج سو هڪ روپيو ٻڌا. جيا ويئي. ڪنچن کي ٿيو ڄڻ ٻيهر هن گهر ڇڏيو. ڪنچن ۽ جيا کي موڪلائڻ وقت سُڏڪا ڀريندو ڏسي وشاکا کي به حيرت ٿي. حيرت چندرڪانت کي به ٿي. هن ڪنچن کي چيو به هو ذرينا پڦيءَ کي پنج سو هڪ روپيا ڏيڻ وڌيڪ چئبا. هوءَ ڪٿي اسان جي رشتيدارن يا ذات مان آهي؟ اسان جو ۽ هن جو ڌرم به الڳ آهي.! ڪنچن کي ڪافي ڪجھ چوڻو هو “ پُٽ هوءَ ته تنهنجي پيءَ جي ماءُ ڄڻي ڀيڻ آهي. توکي ڪهڙي خبر ته سنسار ۾ هڪ ڳوٿريءَ جي رشتي کي ڇا چئجي؟ ڪنچن جي ڪليجي ۾ ڪٽاري لڳي. وشاکا کي مانيءَ تي ويهاري جيا سونا ڪنگڻ ڏنا تڏهن ڇو چندرڪانت ائين نه چيو ته هيڏو سارو نه ڏجي. ڪنچن ڪجھ چيو ڪونه پر هڪ ڏينهن ته کيس چوڻو ئي پيو.


    32

    وڏي پُٽ جي شاديءَ بعد ڪنچن اهو برهمڻڪو ڪم ڇڏي ڏنو. ڪنچن کي رُکي ڀاڀي سماچار ڏيندي رهي. ڪڏهن ڪڏهن هوءَ چوي “ لوڪ ته چندرڪانت جي شاديءَ جي ڌوم ڌام جي واکاڻ ڪندي ٿڪجي ئي نٿو. اوهو گوراڻي امان ته ماڻهن کي کارائڻ سان ڀلاڀلي ڪري ڇڏي. ڪو به گھر اهڙو نه هيو جتي نيوتو نه ويو هجي يا رسوئي نه پهتي هجي. ڪري ڏيکاريو باقي هن ته. سڄي زندگي ڀل اٽو پنيو پر موقعي تي استعمال به ڪيو. ته ڏيمي آواز ۾ ڳوٺ ۾ ٿيل چُڻ ڀُڻ به چوندي وڃي “ هن گوراڻي امڙ کي اونڌي سُڌي جو هڪ مسلمان مائيءَ کي گھر ۾ رکيو، وري پاڻ هن جي ويجھو ويهي رسوئي به پرڇي. سچ چئجو ڀائي هاڻي هوءَ آڀڙجي(اپويتر) ويل نه چئجي! هن جو ڪرايل ڌرم جو ڪم ڀڳوان تائين پهچندو به الاءِ نه؟
    ماڻهو منهان منهن ڪجھ چون تنهن کان اڳ ڪنچن ظاهر ڪيو ته “ هاڻي مونکي آتم ڪلياڻ جي لاءِ ڀتو ٻڏڻو آهي. گھڻا سال ڪيم. ٻار وڏا ٿي ويا آهن. ٽيئي ڪمائيندا آهن. هاڻي ڪنهن جي لاءِ سڀ گڏ ڪريان؟ مونکي هاڻي بس پاڻ جيتري سوڙ، ٻه جوڙون ڪپڙا ، مُٺ انَ جي ....! ٻارن جو نصيب ٻارن سان. ڪلهه جي ڪنهن کي ڪل؟ سنت تڏهن ئي ته چون ٿا ـــ پوت سپوت توڪا ڌن سنچي؟ پوت سپوت توڪا ڌن سنچي؟ اگر سنتان سپوت آهي ته پوءِ هنن لاءِ ڌن سمپتي گڏ ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ ڪُلوان پرجا نپجي ته پٿر ٽوڙي پاڻي ڪڍي. وري ڪپوت سنتان لاءِ ملڪيت ٺاهڻ مان ڪهڙو فائدو؟ توهان جي رت ست جي ڪمائي بي لکڻي پرجا ڌوڙ ڌاڻي ڪري ڇڏي. ڌن سمپتيءَ جي ويرٿتا ڪنچن کان وڌيڪ ٻيو ڪير ڄاڻي؟ ڪراچيءَ ۾ هئي تڏهن ڇاڇا نه هيو؟ اهڙي آسماني سلطاني ڏسڻ کان پوءِ ڀوشيه جو ڀروسو ته ڪو بي سڌو ئي ڪري!
    ٻار به ڪنچن کي برهمڻڪو ڪم ڪرڻ کان منع ڪندا هئا. چندرڪانت نوڪري چڙهندي ئي چئي ڇڏيو “ امان هاڻي کان مان توکي پيسا موڪليندس.” چندر ڪانت ڪڏهن سو ته ڪڏهن ڏيڍ سو روپيا موڪليندو رهندو هو. ڪنچن جو گاڏو ته ننڍن وڏن ڪرم ڪانڊن سان هلندو پيو رهندو هو. هاڻي ٻن ٽن گهرن مان ئي اٽو وٺڻ ويندي هئي. کيس روڪ پيسن جي تمام گھٽ ضرورت پوندي هئي. ڀاڄيءَ پن ته ان جي مٽا سٽا تي ملي ويندا هئا. اڌ سير کير ته روز ٺاڪر صاحب جي حويليءَ تان ايندو هو. ڪنچن چندر ڪانت وارا موڪليل پيسا گڏ ڪندي ويندي هئي.هن کي هيو ته ڪلهه سڀاڻي ڀاءُ ــ ڀيڻ جو پرسنگ اچي بيهندو. شاديءَ ٽاڻي چندرڪانت جي. پي. ايف. مان لون وٺڻ جي ڳالهه ڪڍي ته ڪنچن منع ڪري ڇڏي. ٿورا گھڻا پيسا ڪنچن وٽ هئا. چندرڪانت به بچت ڪئي هئي. اروڻا ۽ ڪارتڪ وٽان به سٺي اهڙي رقم نڪتي. اروڻا جيا سان گڏ رهندي هئي انهيءَ ڪري سندس ايڏو ڪو خاص خرچ نه هيو. جيا جي وري خاص تاڪيد هئي ته خرچيءَ لاءِ پيسا کپن ته گھري وٺج، پر پگھار ته سڄي ساري جمع رهڻ کپي.
    شاديءَ کان پوءِ سڀاويڪ آهي ته چندرڪانت کي نئون گھر ويَوسٿت ڪرڻو هو. مٿان سندس سهري جي گھر جي جوابداري به هئي. ڪارتڪ وڏي ڀاءُ کي هلڪو ڪري ڇڏيو ، هو ڪنچن کي نيمت پيسا موڪليندو رهندو هو. ڪنچن چوي:
    “ هيڏن سارن پيسن کي مان ڇا ڪريان؟“
    “ ڇو اروڻا کي پرڻائڻو ناهي ڇا؟”
    “ ها، پر تون اتي ممبئيءَ ۾ جمع ڪندو وڃ. جنهن جو وياج به ملندءِ.”
    “ نه اتي مونکان واپرائجي وڃن. تون هتي پوسٽ ۾ کاتو کولائي ڇڏ.
    ڪنچن سمجھائيندي هئي “ تون ڪجھ ٿانئيڪو ٿي. توکي به پرڻجڻو آهي. گھر هلائڻو آهي.”
    “ امان، ڏيڍ پيري کي ڪير ڇوڪري ڏيندو؟ ۽ مونکي سادي ڇوڪري ته هلندي ڪونه. هن کي اڍائي پير هوندا ته ئي اسان جي جوڙي ڄمندي. ” ڪارتڪ ڳالهه کل ۾ ڪڍي ڇڏيندو هو.
    “ ويهه، ڏاهو ٿي هاڻي. تنهنجي لاءِ به ڀڳوان ڪٿي نه ڪٿي ڪا ڪنيا ضرور ٺاهي ئي ته هوندي . تو جهڙو نماڻو، ڪمائيندڙ ڇوڪرو هجي ان کي موڙ ٻڌڻ ۾ ڪهڙي دير! جيئن ئي اروڻا جو بلو ٿئي، تنهنجو ئي وارو. مونکي ته وڏي سان گڏ ئي اروڻا کي پرڻائڻو هو پر ڏس نه اڃا هوءَ ڪجھ ٻولي ئي نه پيئي.
    شروعات ۾ اروڻا پڙهڻ جو عذر اڳيان رکيو هو. پوءِ نوڪريءَ جو. ڪنچن کي ائين هيو ته چالو نوڪريءَ پرڻجندي. پر پوءِ ته هن صاف انڪار ڪر ڇڏيو. چندرڪانت ٻه چار دفعا سٺن عهدن تي نوڪري ڪندڙ سٺا ڇوڪرا ڳولهي آيو، پر ڏسڻ جي ڳالهه ته دور اروڻا ڇوڪرن بابت ٻڏڻ جي به منع ڪري ڇڏي. ڪنچن ۽ جيا سمجھايس پر هن جو ته هڪ ئي جواب هيو:
    “ امان، هن وڪاس گرهه ۾ صبح کان شام تائين ڪيتريون ئي مايون ڏسندي آهيان. شادي ڪري موج ڪنديون هجن اهڙو هڪ به مثال ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي. هميشهه پيڙهجڻو، چِلهجڻو ڪنهن نه ڪنهن جو زورٻر سهڻو. مونکي ته شادي لفظ کان نفرت ٿيندي پئي ٿي وڃي. هاڻي تون ئي چئه امان توکي شادي ڪري ڇا مليو؟ سڄي زندگي گھر جو بار ڊوهيندي رهينءَ ۽ بابا؟ ٻي شادي ڪرڻ کان اڳ ڪڏهن ويچار ڪيو هوندو ته منهنجي زال ۽ ٻارن جو ڇا؟ ڇڙو هيو انهيءَ ڪري هن کي ڊوڙڻو هيو ۽ لاهي ملي ويس.
    ڪنچن امرت جي بچاءَ ۾ ڇا چوي. اگر هن جو خط مليس ها ته.
    “ ڌيءَ، اسان کي ڪهڙي خبر ته تنهنجي پيءَ ٻي شادي ڪرڻ کان اڳ ڇا سوچيو هوندو؟ هن ڪنهن مجبوريءَ جي ڪري ئي ٻي شادي ڪئي هوندي. ڄاڻڻ سمجھڻ جي بنا ٻئي کي دوش ڏيون ته اسان جي انسانيت لڄي. ماڻهو پاڻ خراب نه هوندو آهي، وقت خراب هوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي انسان ڀل ڪري ويهندو آهي. اسان کي ڪنهن ستايل ماڻهو لاءِ به تڪڙي رائي نه ٻڌڻي کپي. جڏهن ته هي ته پنهنجو ماڻهو آهي. ۽ تون منهنجي ڳالهه ڪرين ٿي نه. مان عورت آهيان. سنهڙن اهڙن ڪکن ڪانن کي به آکيرو سمجھي زندگي گذاري وڃڻ جي مون ۾ سگھ آهي انهيءَ ڪري ته قدرت مونکي ماءُ بڻجڻ جو وردان ڏنو آهي. اسان جي رچيل ڪائنات ئي اسان کي جيئڻ جو ٻر ڏئي ٿي. ڌيءَ ٻيو ته ڇا چوان ماءُ هوئڻ جي ڪري منهنجي هڪ مرجات آهي، پر هي مان توهان سڀني کي وڏا ڪري سگھيس، اهو هنن جي پريم ۽ پاٻوهه جي ڪارڻ ئي. پُٽ ڏيو ۽ وٽ هجن پر تيل بنا ته سڀ ڪجھ بيڪار آهي نه.”
    “ ته پوءِ هيءَ پڦي؟ هيڏا سارا سال ٿي ويا آهن پڦڙ منهن به ڪونه پاتو آهي ۽ ڪا چٺي به ڪونه لکي اٿن، هي ته چوڻ خاطر پرڻيل آهن. باقي ڪنوارن جهڙو ئي جيون آهي هنن جو.”
    جيا جي ڳالهه اچي ته ڪنچن کي منهن سبي ڇڏڻو پوي. اروڻا جي هڪڙي ئي ڳالهه هئي، پرڻجو چاهي نه پرڻجو، آخرڪار عورت کي اڪيلي ئي پار لهڻو آهي. ته پرڻجي ڪشتيءَ ۾ هروبرو بار ڇو وڌائجي!
    ڪنچن ڏٺو ته اروڻا جيون جي آڌار کي جيون جو بار چئي رهي هئي. هن کي ٿيو هنن سڀني ڳالهين جو ڪو مطلب ناهي. بحث مباحثي ۾ ٻه لهرون وڌيڪ اٿن. جيون ۾ ڪيترا ئي ستيه انڀوَ کان پوءِ سمجھ ۾ ايندا آهن. اڄ ته ٻانهن ۾ ٻر آهي هيئين ۾ همٿ آهي انهيءَ ڪري ڪشتي هلائڻ آسان لڳي ٿي. پر عمر جي ڪنهن موڙ تي هن خالي ڪشتيءَ جي بار جو ارٿ سمجھ ۾ ايندو تڏهن ؟ صفا سڃ جو ٻوجھو اهڙو ته چٻو ڪر ڇڏيندو آهي جو ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو هٿ ۾ رکيل پتوار هڻڻ ڇڏي ڪري ڪشتيءَ کي هوا جي حوالي ڪري ڇڏي ٿو. ان وقت ڪنارو يا پتوار ، ٻنهي مان ڪجھ به هن جي هٿ ۾ هوندو ناهي.
    ڪنچن کي رات ڏينهن اروڻا جي چنتا ڪوري کائيندي هئي. اروڻا ڪونه پرڻجندي ته ڏونگر جيڏي زندگي ڪيئن ڪڍي سگھندي؟ ڀائر سٺا آهن پر هو پنهنجي سنسار ۾ کوئجي ويندا، پوءِ ڀيڻ جي سار سنڀال ڪيتري لهي سگھندا؟ اروڻا صرف مانيءَ جي محتاج ڪونهي، پر ماڻهوءَ کي مانيءَ کان علاوهه ٻيو به گھڻو ڪجھ گھربل هوندو آهي. ڪارتڪ اروڻا پرڻجي وڃي پوءِ پرڻجڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. چندر ڪانت جي وهانو کي اڄ ڪلهه ڪندي پنج سال ٿيڻ تي آهن. ڳوٺ جا ماڻهو ته وهانو جي ٻئين سال ئي پيڙن جي گھر ڪندي “ ٻڌاءِ گوراڻي ماءُ ، هاڻي ڪڏهن ٿي پيڙا کارائين؟” ڪو چوندو هو “ ادا پيڙا ئي ڇو، لڏون کارائيندي، موڙيءَ کان وياج وڌيڪ مٺو هوندو آهي.” ڪنچن به انتظار ۾ هئي ته ڪڏهن ٿي وشاکا اميد سان ٿئي! پر هوءَ چوندي هئي اڃا ته ڪنوار ننڍڙي ٻار آهي، هيڏي هوڏي گھمي ڦري سندس من ٺري پوءِ ڀلي ذميواري وڌي ته ڪو هرج ڪونهي.
    هاڻي ته ماڻهو پيڙا ڪونه ٿا گھُرن. ڪنهن ڊاڪٽر، يا پير فقير جا نالا سرناما ڏيڻ لڳا آهن. ڪنچن کي ٿيندو هوته ڇا ديوشنڪر شڪل جي خانداني ول اڳيان ڪونه وڌندي؟ سوال سان گڏوگڏ هن جي چِت ۾ ايوَ وارو خط به چمڪاٽ ڏيئي ويندو هو. هن جو پٽ ته امرت جو نالو رکندو نه؟ ڪهڙي خبر؟ پرديس ۾ استريءَ جي ٻي شادي ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ڪونهي. وري هيءَ ته پيسي پڃڻ ۾ سکي مائي آهي. ٻار سميت سندس هٿ جھلڻ وارو ڪو نه ڪو ملي ويندس. ڇا ايوَ جو ٻيو گھروارو امرت جي پٽ کي پنهنجو اصل نالو رکڻ ڏيندو؟ ڪنچن ههڙا بنا منهن مٿي وارا ويچار ڪري آڪڙجي ويندي هئي. هوءَ سڀ ڇنڊي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندي هئي پر ......
    هڪ شام جو ڀلاڀائي ڪيسر جي هٿان اخبار ڏياري موڪلي. ڪنچن کي حيرت ٿي، اهڙو ته ڇا هوندو هن اخبار ۾؟ هن اخبار جا پنا پلٽيندي آخرين پنو ڏٺوته ان پني تي پنج کن استرين جا گجرات جي مکيه منتريءَ سان گڏ فوٽو هئا. جن ۾ جيا به هئي. گجرات سرڪار پاران پسند ٿيل عورتن جو هڪڙو وفد اسلامڪ ملڪن جي ملاقات تي وڃي رهيو هو. مهني ڀر جي سفر دوران اهو وفد مسلم عورتن جي حالتن جو جائزو وٺندو. الڳ الڳ ديسن ۾ هي وفد ڀارت جي عورتن بابت تقريرون به ڪندو. شريمتي ذرينا انيس سيد جي رهبريءَ ۾ هي وفد ايندڙ اٺين تاريخ تي روانو ٿيندو. ڪنچن ٻئي ڏينهن صبح جو احمدآباد لاءِ نڪري ويئي.
    جيا کي ڇڏڻ ڪنچن ممبئي ويئي. ڪارتڪ کي به سماچار موڪليا ويا هئا انهيءَ ڪري هو اسٽيشن تي آيو هو. ڪارتڪ کي ڏسي ڪنچن کي ٿيو، هاڻي سرير ٿورو ٺيڪ ٿي ويو اٿس. جيا ته چيوبه سهي، ڪارتڪ توکي هيڏن ورهين کان پوءِ لوج جي ماني لڳي آهي. ٿورو رنگ به کليو اٿئي.۽ تازو توانو به ٿيو آهين. موٽ ۾ ڪارتڪ ٿورو مشڪيو. جيا جو هوائي انهي ڏينهن ئي دير رات جو هو. اسٽيشن کان سڌو ايرپورٽ تي وڃڻو هو.
    اخبار ۾ جيا جي پرديس وڃڻ بابت پڙهي، هفتو کن اڳ احمدآباد پهچي وڃڻ جي تياري ڪرائي.ممبئي تائين ڇڏڻ ويئي تيستائين ڪنچن اتساهه ۾ هئي. سڄي گجرات جي مهلا ڪاريه ڪرتائن مان ڪنچن جي پسندگي ٿي هئي اها ڪا ننڍڙي ڳالهه ڪانه هئي. پر جيئن ئي ٽيڪسي ايرپورٽ پهتي ۽ ڪنچن هيٺ لٿي ته سندس پير ڏڪڻ لڳا. ڪارتڪ ۽ جيا وڃڻ کان اڳ واريون ڪارروايون پوريون ڪرڻ جي لاءِ ڪائونٽر تي ويا. ڪنچن ايئرپورٽ جي وسيع لائونج ۾ ڪرسيءَ تي ويٺي سامان سنڀاليندي رهي. سامهون دروازي جي هن پار آيل، ايندڙ يا اڏامڻ جون تياريون ڪندڙ جهاز ڏسجي رهيا هئا. مٿان ڏهن ڏهن منٽن تي گھرڙاٽ گگن گونجائي رهيا هئا. ڪنچن ٿيلهو کڻي ائين ويٺي هئي ڄڻ سڀ ڪجھ ڇاتيءَ تي ٻڌي نه رکيو هجي. ايئرپورٽ ڏسندي هن کي پهريون ڀيرو ٿيو ته جيا ديس ڇڏي پردي وڃي رهي آهي. هن جي هنئين تي جھونا ڦٽ اڀري آيا. پرايو ملڪ، الاجي ڪهڙي ڌرتي سڏيندي هوندي؟ ڪٿي جا ان جل کُٽا هوندا ۽ ڪٿي جا قرض نڪتا هوندا؟.
    ڪائونٽر وارو ڪم پتائي جيا واپس آئي. پر ڪنچن گھوماٽيءَ ۾ هجي تيئن هن ڪجھ ڪڇيو ڪين. ڪارتڪ ۽ جيا ڳالهائيندا رهيا. اسهڻ کان اڳ جيا ڪنچن کي ڀاڪي پاتي. ڪنچن جي منهن مان مڏ ٻه لفظ نڪتا 'سڻائي ۽ سنڀالج.' جيا سڪيوريٽي چيڪ اپ واري لائن مان ٿيندي اڳيان ڪئبين ۾ ويئي ۽ اکين کان آڏو ٿي ويئي. ڪنچن انهي ڏس نهاريندي رهي. روئڻ کي روڪيائين ته سندس اکين ۾ رڪيل لڙڪ ڳاڙهاڻ بڻجي جرڪي پيا. ڪارتڪ ڪنچن جو وٺجي ويل منهن ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو. کيس انيڪ وار ڪنچن ۽ جيا جي پاڻ ۾ آتميتا ڏسي سوال ٿيندو هو، عجب لڳندو هو. ڪڏهن ٿيندو هئس ته ذرينا پڦي بابا جي سڳي ڀيڻ ناهي انهيءَ ڪري امان جي هن سان هيڏي ٺهي ٿي. باقي ماڻهو ته چوندا آهن ' نڻان ڀاڄائيءَ ۾ ته ٻارهون چنڊ ئي هوندو آهي ' ڪارتڪ ڪلهو پڪڙي کيس لوڏيو. “امان او امان، هل هاڻي، پڦيءَ جو جهاز ته دير سان اڏامندو. هاڻي هن کي اسان ڪونه ڏسي سگھنداسين.”
    “ ڇا هوءَ ڪڏهن ڪونه ڏسبي؟”
    “ تون به واهجي آهين. پڦي ته مهني کن لاءِ وڃي رهي آهي. انهيءَ ۾ هيڏو ڍلو ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟”
    “ ڪارتڪ مونکي پڻهي به ٿوري وقت لاءِ الوداع چيو هو. پر ڪٿي هن جنم ۾ سندس ٻيهر منهن ڏسي سگھيس! خبر ناهي هاڻي جيا واپس ايندي يا ڀاڻس جيئن ڇڄي ويندي”
    “جيا؟”
    “ها، پٽ تنهنجي پڦيءَ جو سچو نالو جيا آهي. هوءَ منهنجي سهري جي ستن پٽن جهڙي ڌيءَ آهي. اهو ته اسان قسمت جا ماريل سچو رشتو به جي نٿا سگھون.”
    موٽندي ٽيڪسيءَ ۾ سڄي واٽ ڪنچن جيا سان گھاريل وقت کي ياد ڪندي رهي. ڪارتڪ عجيب اهڙي نڻان ڀاڄائيءَ جي ساهيڙپ کي چپ چاپ ماڻيندو رهيو. ڪجھ دير بعد هن کي ڌيان ۾ آيو ته گھر ويجھو ايندو پيو ٿو وڃي. پهريان هن سوچيو هو ته اڄوڪي رات ماءُ پٽ ڪنهن هوٽل ۾ روم وٺي رهندا. پر ڪنچن جي من جي حالت ڏسي هن ڪجھ ڪڇيو ڪين. گھر آيو، ڪارتڪ ٽيڪسي بيهاري ۽ ڪنچن کي “ امان هاڻي ئي اچان ٿو” چئي هو ڏاڪڻ چڙهي ويو. ڪنچن کي ڪجھ سمجھ ۾ نه آيو، ماٺ ماٺ ۾ هوءَ سندس انتظار ڪرڻ لڳي. تقريبن ڏهن منٽن کان پوءِ ڪارتڪ واپس آيو. ٽيڪسيءَ واري کي پيسا چڪائي هن چيو، هلو امان.
    ٻه ڏاڪڻيون چڙهي ڪنچن ڪارتڪ سان گڏ مٿي ويئي. ڪمري جو در کليل هو۽ ڊم لائيٽ ٻري رهي هئي. ڪنچن لابيءَ ۾ پير پاتو، هن کي لڳو ته اندر ڪوئي آهي. هن پٺيان ڦري نهاريو. ڪارتڪ سامان کنيو بيٺو هو.


    33

    ڪنچن گھر ۾ داخل ٿي. ڊم لائيٽ جي جھيڻي روشنيءَ ۾ هن ڏٺو ته گھر ۾ ڪير به ڪونه هيو. ڪارتڪ سامان هڪ طرف رکيو ۽ ٽيوب لائيٽ ڪئي. ڪمري جي وچ ۾ بيٺل روشنيءَ ۾ ڏٺو. گھر جي دروازي جي کاٻي طرف لوهه جو وڏو پلنگ هو. هڪ ٻئي مٿا پيل وهاڻا ۽ پيرانڌي پيل رلهي. پلنگ تي وڇايل هلڪن رنگن جي گلن واري چادر تي هڪ به سر ڪونه هو. ڪنچن جي نظر ڪجھ ڳولهي رهي آهي اهڙو احساس ڪارتڪ کي ٿيندي هن چيو:
    “ امان پلنگ تي ويهه نه.”
    هڪ طرح جي هٻڪ سان ڪنچن ويٺي. هن کي ڪجھ حجاب به ٿيو. پاڻ ڄڻ ڪا جاسوسي ڪرڻ آئي هجي اهڙو ورتاءُ هوءَ ڇو ڪري ويٺي! پر نظر جيڪو ڏسي رهي هئي انهيءَ جو جيڪو مطلب سمجھ ۾ اچي رهيو هو اهو ڪنچن کي سڀاويڪ رهڻ ڏئي تيئن نه هو. پلنگ جي سامهون ديوار وٽ ٻه لوهي ڪرسيون ۽ ٽپائي پيئي هئي. ڪنڊ ۾ ٽجوڙي هئي ۽ ٻي ڪنڊ ۾ دروازو. ڪنچن جو انومان صحيح ثابت ٿي رهيو هو. اليومنيم جا دٻا، ڪانچ جون برنيون، ڪاٺ جو گھوڙو. مٿي پڇنڊيءَ تي رکيل واڌو سامان کي ڍڪيندڙ پڙدو. ڪنچن ويهي نه سگھي. هوءَ اٿي بيٺي. هن سامهون وارو بند دروازو کوليو جيڪو باٿروم ۽ رنڌڻي ٻنهي جي اپيوگ ۾ايندو هو. سامهون ٺهيل ڪٻٽ جي هيٺئين خاني ۾ پاڻيءَ جو مٽ پيو هو. مٿئين خاني ۾ چالو باسڻ. ساڄيءَ ڀت طرف ڪاٺيءَ جي وڏي ٽيبل تي گيس جو چلهو هو. هيٺ ٻه بالٽيون پاڻيءَ جون پيئون هيون. ڪنچن رنڌڻي جي پڇنڊيءَ مان پيالو کڻي پاڻي پيتو ۽ ساڙهيءَ جي ڇيڙي سان منهن اگھيو. ٻاهر اچي هن ڪارتڪ کان پڇيو:
    “ هيءَ ڪيڏاهن ويئي.؟”
    “ڪارتڪ چونڪجي ويو، هن وراڻيو “ڪير؟”
    “ ڪير وري ٻي ڪير؟ هن گھر جي ڌياڻي؟”
    “ امان تون ڪنهن جي پيئي ڳالهه ڪرين؟ ڪارتڪ ککو وکو ٿيندي ورندي ڏني.
    پلنگ تي ويهندي ڪنچن آرام سان چيو:
    “ ڏس پٽ، ماءُ وٽ پيٽ نه لڪائبو آهي. مون هيترا سال ڪي پاڻيءَ ۾ ڪونه ڪڍيا آهن. گھر ۽ گھر جو سامان ڏسي اندازو لڳائي سگجي ٿو ته هن مٿان ڪنهن جو هٿ گھُميل آهي. توکي اسٽيشن تي ڏٺو هئم تڏهن ئي شڪ پيو هئم. گھر آياسين ته تو مونکي ٽيڪسيءَ ۾ ويهاري رکيو. هاڻي پيٽ ڇٽي ڳالهه ڪر ۽ چئه ته منهنجي ننڍڙي ننهن ڪٿي آهي؟ “
    ڪارتڪ سوچيو هو ته هڪ ئي رات جي ته ڳالهه آهي. واندو ڪونه ايندو. پر هاڻي چوڻ کان علاوه ٻيو ڪو چارو ئي ڪونه هو. هن چيو:
    “ هوءَ پاڙي ۾ ڇٽيهه نمبر ۾ آهي.”
    “ هوءَ معني ڪير؟” ڪنچن ڪارتڪ جي هٻڪ جو ڄڻ مزو وٺي رهي تيئن چيو.
    “ شانتا” ڪارتڪ شرمائيندي جواب ڏنو.
    “ هينئر رات جو يارهين وڳي ڪنهن ٻئي جي گھر هن جو ڪهڙو ڪم؟”
    “ نه، ڪنهن ڪم سان ڪونه ويئي آهي، اهو ته ......
    “ مان آئي آهيان انهيءَ ڪري تو هن کي هوڏي موڪلي ڇڏيو آهي، ائين نه؟” ڪارتڪ ڪجھ نه ڳالهايو.
    “ تو مونکي ٻڌائڻ جي بنا ئي شادي ڪري ورتي آهي. ڄاڻا ٿي زمانو بدلجيو آهي. پر توکي ته خبر ئي آهي مون چندرڪانت کي به ڇوٽ ڏني هئي ته توکي ۽ اروڻا کي به ٻَڌو ناهي. مان اڪيلي عورت، مونکي ڪهڙو وڏو ڪٽنب آهي يا سيڻ سڳا آهن جو منهنجي ٻارن لاءِ گھوٽ يا ڪنيا بابت ڪا سفارش ڪن! وري توکي سُکي ڪري اهڙو پاتر هجي، منهنجي من ته اهو برهمڻ ئي آهي. مونکي ٿورو عجيب لڳو آهي ته مونکان ڇو لڪايو آهي؟ ڪنچن جو اواز ٿورو ڀاري ٿي ويو.
    “ امان تون جيڪو سمجھي آهين تنهن کان ڳالهه ڪجھ الڳ آهي. هاڻي ڳالهه نڪتي ئي آهي ته ٻُڌ. ممڪن آهي ته سچي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ تون هن گھر ۾ به ڪونه بيهندينءَ. شانتا مون سان گڏ آفيس ۾ ٽائپسٽ طور ڪم ڪندي آهي. مان کيس ڪافي سالن کان سڃاڻا ٿو. پر اسان ويجھا ته پوين ٽن کن سالن کان ٿيا آهيون. ۽ ٻن سالن کان اسان گڏ رهندا آهيون. ” ڪارتڪ کڻ پل رڪجيو. هن ڪنچن ڏانهن نهارڻ جي ڪوشش ڪئي پر منهن مٿي نه ڪري سگھيو. ڪنچن ڪن ڏيئي ٻڌندي رهي.
    “ شانتا جي شادي اڄ کان پنج سال اڳ سندس نات جي نوجوان سان ٿي هئي. ڪيرالا ۾ ڏاجي ڏيڻ جو رواج تمام چست. شانتا جا مائٽ سامانيه اسٿتيءَ وارا. هنن شانتا جي ساٽي ۾ انجينيئر پٽ پرڻايو. شانتا جو گھوٽ ريلوي ۾ وڏي عهدي تي. هن کي شانتا سان پرڻجڻو نه هيو پر ماٽنن اڳيان ڪجھ نه هليس. زوريءَ ڪيل شاديءَ ۾ ڪلفت وڌندي رهي. آخرڪار شانتا پتيءَ جو گھر ڇڏيو. هڪ اڌ سال هوءَ مائٽن وٽ رهي پر اتي به ڀاڻس جو سنسار لڏڻ لڳو. انهي عرصي ۾ اسان ويجھا آياسين. مون شانتا کي شاديءَ جو پرستاءُ ڏنو. هن طلاق جي گھر ڪئي پر سندس پتي طلاق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. هاڻي جيستائين طلاق نٿي مليس تيستائين شادي ڪرڻ ممڪن ناهي.
    ڪارتڪ ڳالهه پوري ڪئي. ٿوري دير لاءِ ڪنچن کي ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي؟ شاديءَ بنا هين جوان ٻارن جو گڏ رهڻ ڪهڙو! ڳالهه گلي هيٺان لهي اهڙي نه هئي. وري طلاق واري عورت. ڪارتڪ جي پير ۾ کوٽ آهي انهيءَ ڪري ڪنواري ڪنيا نه ملي؟ شاديءَ کان پوءِ پتي هڪ ڀَو جو نه پر ستن ڀون جو ساٿي چئجي. شانتا کي هڪ ڀو مان ٻه ڀو ڪندي ويچار ڪونه آيو هوندو؟ ڪنچن کي هڪ ئي وقت ۾ جيا ۽ امرت ٻئي ياد آيا.امرت جي ٻي شاديءَ واري ڳالهه ٻڌي ته هن کي ذاتي طور ڏاڍو دک ٿيو هو. پر کيس اڻ ٿيڻي ڪانه لڳي . ڇا پاڻ به ائين مڃيندي هئي ته پُرش ٻي شادي ڪري اها سامانيه ڳالهه چئجي! هڪ پل لاءِ ڪنچن کي ويچار آيو ته هن کي اگر ٻه ٻار نه هجن ها ته هوءَ ڇا ڪري ها؟ ڇا امرت بنا هوءَ جيئري رهي سگھي ها؟ ٻي طرف جيا صرف نالي خاطر ڪنواري هئي باقي پرڻيل جيئن جيون گھاري رهي هئي. ڪنچن کي ٿيو ڪٿي ڪا لاڳاپي جي تند هجي يا هجي اولاد ته عورت اڪيلي جالي سگھندي هوندي. ڪهڙي خبر شانتا جي مٿان ڇا نه گذريو هوندو؟ ڪٿي ائين ته ناهي ته پاڻ پيرن کان معزور آهي ان ڪري شانتا جو سويڪار ڪيو اٿس .
    ڪنچن سوالن جي جھنگ ۾ منجھندي ويئي. اچانڪ هن کي ٿيو هاڻي هيڏي هڻ پٽ جوڪهڙو مطلب؟ شانتا ۽ ڪارتڪ گڏ رهن ٿا ۽ آڙي پاڙي وارا کين زال مڙس طور ڏسندا هوندا. من کي مڃائيندي هن پڇيو:
    “هينئر شانتا جو گھوٽ ڪٿي آهي؟”
    “ ڊيپيوٽيشن تي آسام ويل آهي.”
    “ تون ان سان مليو آهين؟”
    “ نه، مون شانتا کي چيو ته هن سان هڪ ڀيرو ملي ڏسجي. پر هن منع ڪئي. هو ڏاڍو ڏنگو ماڻهو آهي. هن کي اگر ڪو شڪ پئجي ويو ته طلاق به ڪونه ڏيندو، مٿان پيسا به گھرندو. هاڻي ڇڏ انهن ڳالهين کي سمهي پئه.”
    ڪارتڪ پٽ تي گديلو وڇايو. ڪنچن کيس آگرهه ڪري مٿي سمهاريو پاڻ پٽ تي سُمهي. سندس اندر واري ماءُ جي مريادا ننهن ــ پٽ جي پلنگ تي سمهڻ لاءِ سهمت نه هئي. ڪنچن سُمهي پر سندس اکيون ڪليءَ جيان کوڙجي ڇت کي تڪينديو رهيون. ٿوري دير بعد ڪارتڪ کونگرا هڻڻ لڳو. ڪنچن اٿي ويهي رهي. هن باريڪ نظر سان ڏٺو. گھڙيال ۾ رات جا ٻه ٿي رهيا هئا. هوءَ سوچڻ لڳي ڪارتڪ شانتا کي اڌ رات جو پاڙي ۾ موڪلي ناانصافي ڪئي آهي. ۽ پاڻ به انهيءَ ناانصافيءَ ۾ شامل آهي. ڀلي شادي ناهي ٿي پر هن گھر جي هڪ هڪ ننڍي وڏي شيءِ چئي رهي آهي ته هي گھر شانتا جو آهي. هين اچانڪ پنهنجي گھر مان ٻاهر وڃڻ لاءِ چوڻ ۾ اچي اهو به پنهنجي ڪنهن محبوب ماڻهوءَ طرفان جنهن کي پنهنجو سمجھي سڀ ڪجھ ڏيئي ڇڏيو هجي تڏهن ڇا ٿيندو آهي؟ هن اپمان جو ڍڪ ڪهڙيءَ ريت نڙيءَ هيٺ لهندو؟
    ڪنچن بستري تان اٿي. هن ڏٺو ڪارتڪ مٺي ننڊ ۾ سمهيو پيو آهي. در کولي هوءَ گھرکان ٻاهران آئي. هن ياد ڪيو، ڪارتڪ چٽيهه نمبر جهڙو ڪجھ چئي رهيو هو. ٻه گھر ڇڏيندي هن پڙهيو 36 نمبر. در کڙڪائڻ لاءِ وڌيل هٿ کڻ لاءِ رڪجي ويو. شانتا ڪارتڪ سان ايڏو پيار ڪري ٿي جو هن لاءِ اڌ رات جو گھر ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي! ڪنچن هڪدم آهستي آهستي در تي ٻه ٺڪاءَ ڪيا. ترت در کليو، ڄڻ ڪو واٽ نهاريو ويٺو هيو. ڪنچن ڏٺو سامهون بيٺل ناريءَ جو چهرو ٿورو جھڪو ٿي ويو. هيءَ شانتا هوئڻ گھرجي. ٿي سگھي ٿو هيءَ ڪارتڪ جي اچڻ جي راهه ڏسي رهي هجي. رنگ جي سانوري، پورو پنو جسم. شانتا جون وڏيون اکيون لڄ جي ڪري جھُڪيون ته ڪنچن چيو:
    “تون شانتا آهين نه؟ هل، گھر هل.” چوندي سندس هٿ جھلي هلڻ لڳي.
    گھر جي در وٽ اچي هن شانتا کي ٻاهر بيهاريو. ستل ڪارتڪ کي جاڳايو. پهريان ته هو ڪجھ سمجھي نه سگھيو. ڪنچن هٿ پڪڙي کيس اٿاريو ۽ وڃي شانتا جي ڀر ۾ بيهاريو. رنڌڻي ۾ وڃي اسٽيل جو لوٽو کڻي آئي. ۽ ساڙهيءَ جو پلو مٿي تان اوڍي هن ڪارتڪ ۽ شانتا جي مٿي تان پنج ڀيرا لوٽو گھمايو ۽ اڱڻ ۾ ٿورو پاڻي ڇٽڪاري ٻنهي کي آشيرواد ڏيئي گھر ۾ آندو.
    پيرين پوڻ لاءِ نوڙيل شانتا کي اٿاريو ته هوءَ ڪنچن کي ڳراٽڙي پاءِ روئي پئي. شانتا جا سُڏڪا پنهنجي آرپار نڪرندا محسوس ڪري هوءَ ڏڪي ويئي. هوءَ ڄاڻندي هئي ته پٽ جو ويَوسٿت سنسار منڊڻ ۽ پوٽي کي ڪُڏائڻ لاءِ اڃا ڪجھ عرصو راه ڏسڻي پوندي. هينئر ته کيس هڪ استريءَ جي لاچاري ڏسجي رهي هئي. ورهاڱي بعد شرنارٿي ڪئنپن ۾ ههڙين ڪيترين ئي نياڻين، ۽ استرين کي ڏٺو آهي. ماءُ پيءُ به رکڻ کان منع ڪن ته پوءِ ڪاڏي وڃڻو؟ مٿان آسمان ۽ هيٺان ڌرتي. هن شانتا جي پٺيءَ تان هٿڙو گھمائي کيس آٿت ڏني.
    “ سڀ سڻائي ٿيندي پٽ، راهه ڏسڻ بنا ڇوٽڪو ناهي. جيڪو ٿيندو آهي سو سُٺائيءَ لاءِ ٿيندو آهي ، اڃا ته وڏو پنڌ پيو آهي. هي جيڪو وقت مليو آهي تنهن ۾ هڪ ٻئي کي سمجھي وٺو. باقي روپ يا پيسو انهن مان هڪ به نه رهندو آهي ...... جيڪو پاڻ ڪمزور لاچار هجي اهو ٻئي کي ڪيئن ٿو سهارو ڏيئي سگھي!
    ٻئي ڏينهن صبح سويل احمدآباد وڃڻ واري ڳالهه ٻڌي شانتا ڪنچن کي رڪجي وڃڻ لاءِ ڏاڍي وينتي ڪئي.
    “ اينديس پٽ ضرور اينديس، ۽ ٿڪجي پوندينءَ ايترو ترسنديس. باقي جيستائين هي هٿ پير هلن ٿا تيستائين مونکي جساپر ۾ئي رهڻو آهي. وڏي جي ننهن به چوندي آهي. جڏهن کٽ تي ڪرنديس تڏهن توهان کان سواءِ ٻيو منهنجو ڪير آهي؟ هينئر توهان به ڇوٽ رهو مونکي به ڇوٽ رهڻ ڏيو. جڏهن به منهنجو ضرورت پويو تڏهن هڪل ڪجو اڌ رات جو اچي بيهنديس.”
    جساپر ۾ چندرڪانت جي وهانو بعد سَمتا ڪڏهن ڪڏهن چوي:
    “ گوراڻي امان، هتي اڪيلي رهين ٿي، وڃ نه پٽن ــ نهرن وٽ رهه. مزيدار ڪوسي ڪوسي ماني ۽ شيوا ٽهل ماڻ. هيڏا ورهيه هٿ پير هنيا آهن، هاڻي ته ساهي پٽ.”
    ڪنچن چوي: تون ئي ٻڌاءِ سَمتا، مون اهي هٿ پير هنيا آهن ڪنهن لاءِ؟ منهنجي ئي ٻارن لاءِ نه؟ مينهن جا سڱ مينهن لاءِ ئي مشڪل کڙي ڪن. ٻارن کي وڏو ڪيو اهو منهنجو فرض هيو. اهو ڪهڙو اُڌارو ڏنو هو جو وصول ڪرڻو پوي. وڃبو پُٽن ننهن وٽ وڃبو. اڃا ته بلڪل چاڪ نمري آهيان. پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگھان پيئي. هنن نهرن کي سَسيون تڏهن ته ڪونه وڻنديون آهن. ڏينهن سڄو سڻائين ' اسان ته گھڻو ڪجھ ڪيو هاڻي توهين ڪجھ ڪريو. اسان ته ٿڪجي پيون آهيون. ' اڙي هٿ پير برابر آهن ٻه ٽڪ مانيون سٺيون پچن ٿيون پوءِ ڇا جون ٿڪجيون آهيو؟ اهو ته من جو ڪارڻ. ماڻهو اولاد کي ڇو ڀائيندو آهي؟ پوڙهپڻ ۾ لٺ ٿئي انهيءَ لاءِ . پر مومل منهنجا هي ٻه پير ڀڃڻ ته ڏي. هينئر کان ئي پاڻ کي کوٽو سمجھي ٻارن مٿان پوڻو ۽ جڏهن حقيقي وقت اچي تڏهن ٻار توهان کان ڪڪ ٿي ويا هجن. سچ چوان ته ٿورو ايترو مٺو.”
    ممبئي کان احمدآباد سڄي رستي ڪنچن پنهنجي جيون جي بدلجندڙ رنگن کي ڏسندي رهي. ڪڏهن گلابي روشني ڏسڻ ۾ ٿي آئي ته ڪڏهن آسماني رنگت، ڪڏهن ڪجل جي ڪاراڻ ته ڪڏهن ڳاڙهي ڳاڙهاڻ. ڪٿي ٿڌيءَ ڇانو هيٺ ساهي پٽڻ ويٺي ٿي ته خبر ناهي ڪٿان کان اُس اچي ٿي نڪتي. ستت هڪ ڦلهيار جي رنگت جهڙيءَ اداسيءَ هن کي گھيري رکيو آهي.
    اروڻا اسٽيشن تي وٺڻ آئي تڏهن هن جي چهري تي خوشخبري ڏيڻ جي آترتا واري چمڪ ڏسي ڪنچن جي من ۾ وري هڪ نئين اميد جاڳي پيئي.


    34

    ريلوي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتي ۽ رڪشا ۾ ويهڻ جيتري ڌيرج اروڻا مڏ رکي سگھي.پوين ڇهن مهنن کان جنهن جي هوءَ بي صبريءَ سان راهه ڏسي رهي هئي اها خبر ٻڌائڻ جي لاءِ هوءَ ڪلهه کان ئي اتاولي هئي. جيا هئي ڪانه، ڪنهن کي چئجي؟ ايئن ته ڳوٺ ۾ چندرڪانت ۽ وشاکا هيا پر جڏهن کان هوءَ هاءِ اسڪول ۾ آئي ۽ چندرڪانت هن کي اڳيان پاڙهڻ جو ڪو شوق ڪونه ڏيکاريو تڏهن کان اروڻا کي چندرڪانت پنهنجو ڪونه لڳندو هو. وشاکا ته هونئن به گھٽ ويجھو هئي. هوءَ اروڻا سان سٺو وهنوار ڪندي هئي پر اهو وهنوار رسمي لڳندو هو. شاديءَ کان بعد چندرڪانت هن کي هڪ ٻه ڀيرو گڏ رهڻ لاءِ چيو پر اروڻا هڪ ئي جواب ڏيندي هئي “ پڦي اڪيلي ٿي ويندي.” وشاکا کي ٿوري مٺيان لڳندي هئي ته پڦيءَ سان اهڙو ته ڪهڙو ناتو آهي جيڪو سڳي ڀاءُ کان وڌيڪ آهي! پر هڪ طرح سان اروڻا نه اچي انهيءَ ۾ فائدو هو. ائين مڃي هوءَ ڪجھ چوندي ڪانه هئي.
    ممبئي واري گاڏي جڏهن احمدآباد ريلوي اسٽيشن تي پهتي ته ان مهل اروڻا کي هڪدم احساس ٿيو ته 'امان آهي'!
    ورهيه اڳ احمدآباد آئي هئي تڏهن شروعات ۾ ماءُ جي ڪمي شدت سان محسوس ٿيندي هئي. ڪنچن کان ڪڏهن به الڳ نه ٿيل اروڻا جيا کان لڪي لڪي روئندي هئي. وار تهوارن تي ڪارتڪ به ياد پوندو هو. هن جي ته چنتا به ڪندي هئي. موڪلن ۾ ماڻس وٽ ڊوڙندي ويندي هئي. جيا کان هن جو ڏک لڪل ڪونه هيو. ماءُ جي لاچاري سمجھندي هئي ۽ پنهنجو ڏک ڪڏهن ظاهر نه ڪندي هئي. اروڻا ڏينهنون ڏينهن وڌيڪ پياري لڳندي هيس. جيا هن جي دوست بڻجي اروڻا جي من ۾ پرويش ڪيو هو پوءِ وقت گذرندي ڄڻ هوءَ ڪنچن جو پريايه بڻجي ويئي. اروڻا جي من جيا ماءُ کان به وڌ هئي. روز شام جو روٽي کائيندي سڄي ڏينهن جي ننڍي ۾ ننڍي ڳالهه به جيا سان ونڊيندي هئي. هاءِ اسڪول ۾ ليسن نه ڪري وڃڻ جي ڪارڻ پهرين آڱوٺا پڪڙڻ واري سزا ٿيڻ واري گھٽنا هجي يا نوڪري ۾ هٿ هيٺ وارن ڪرم چارين کي پهريون ڀيرو ميمو ڏيڻ واري گھٽنا هجي، هوءَ جيا کي ٻڌائيندي هئي.
    هيڏن سالن ۾ پهريون ڀيرو جيا هيڏي دور هيڏي ڊگھي عرصي لاءِ ويئي هئي. جيا جو پرديس وڃڻ هن لاءِ فخر جي ڳالهه هئي پر ڪلهه کيس لڳو ته جيا ناهي. هن جي بدلي گانڌينگر ٿي هئي. گاڏيءَ جي دٻي مان نهاريندڙ ڪنچن کي ڏسي اروڻا کي ٿيو سندس خوشيءَ ۾ شامل ٿيندڙ امڙ آهي، هوءَ صفا اڪيلي ڪونه آهي.
    اڪيلائپ جي ڳالهه اچي تڏهن گروجي چوندو هئو، ' آخرڪار ته هر ڪو ماڻهو اڪيلو ئي آهي. اهو صرف جنم ۽ موت جي سلسلي ۾ ستيه ناهي. جنهن جي چيتنا جاڳي وڃي ٿي اهو اڪيلائپ جو احساس ڪري ٿو. جيئن سڀني سمهيلن جي وچ ۾ ڪو جاڳندڙ اڪيلائي محسوس ڪندو آهي تيئن. جاڳ علم يا سمجھ جو وردان ڳڻيو ته وردان ۽ اڀيشاپ ڳڻيو ته اڀيشاپ. هن اڪيلائپ کي جو هڪ وار ستيه جي روپ ۾ سويڪاري وٺندا ته پوءِ سڄي ڊوڙا ڊوڙِ شانت ٿي ويندي. اڪيلائپ ۾ ئي “پاڻ” سان مکاميلو ڪرڻ ممڪن آهي. انهيءَ “پاڻ” کي وڌيوت پائڻ لاءِ گيان ۽ ڌيان مارڳ اپنائجي. جيڪو پاڻ کي حاصل ڪري وٺي ٿو تنهن کي سمجھ ۾ اچي وڃي ٿو ته پاڻ کان سوائي ٻيو جيڪو ڪجھ آهي ساڌن ماتر آهي. ساڌن اديش ناهي. آشنا اپني حقيقت سي هو، اي دهقان ذرا. ڪائنات ڀي تو، باران ڀي تو، حاصل ڀي تو. .... اي هاري تون تنهنجي وجود کي سڃاڻ، کيتي به تون آهين، برسات به تون آهين، ۽ فصل به تون ئي آهين. ...
    ارُوڻا کي ڳالهه ڏاڍي وڻندي هئي. توهي ساگر هَي تو هي ڪنارا. .... پر انهيءَ جو احساس اڃا ٿيو نه هئو. اڃا انهيءَ منزل تي پهچڻ جيتري هن جي ساڌنا نه هئي، اوقات نه هئي. انهيءَ ڪري کيس نوڪريءَ۾ لڳندو هو ته هوءَ غلط اچي ويئي آهي. نوڪري ڪرڻ جو ويچار آيو تڏهن کان هن سوچيو هو ته نوڪري ڪندي ته آفيسر جي عهدي تي. جيا سان گڏ رهي کيس ڏيتي ليتيءَ جوچڱو اهڙو آزمودو ٿي چڪو هو. سماج ڪلياڻ کاتي ۾ مهلاوڪاس ايڪم ۾ ڪلاس ون آفيسر طور سڌي ڀرتي ٿي هئي تڏهن هن کي ڏاڍو اتساهه هو. استرين جي سنسٿا ۾ رهي هن استرين جي مسئلن کي تمام وجھڙائي کان ڏٺو هو. پاريوارڪ ساماجڪ براين کي هڪ حد تائين وهيوٽ ۽ قاعدي سان قابو ڪري سگھجي ٿو. هن کي ٿيو تمارشاهي ( ڪاڳر پتنر) ۾ لٽڪندڙ استرين جا ننڍا ننڍا ڪم هاڻي تيزيءَ سان پورا ڪري سگھبا. پر ٿورڙي ئي عرصي ۾ اروڻا جو برهم ڀڄي پيو.
    ڪم ڪرڻ جيترو سولو آهي ايترو ڪم وٺڻ آسان ناهي. اڌيڪاري پد تي ويهي هن محسوس ڪيو ته هن جهڙيون ٻه چار اڳتي اچي وڃن انهيءَ مان ڪجھ هڙ حاصل ٿيڻو ناهي. سرڪار ۾ وڏي پيماني تي اها سوچ آهي ته 'مائيءَ جو عقل پير جي کُڙيءَ ۾' وهيوٽ يا انتظام هلائڻ ۾ هن کي ڇا خبر پوي؟ هن کي ڳهه ڳٽا، اچار چٽڻيون، پٽڻا پاراتا تنهن کان علاوه ٻيو اچي به ڇا! استري اڌيڪاريءَ کي ڪو به مرد ڪرمچاري پهرين هڪ عورت طور ڏسندو هو ۽ پوءِ اڌيڪاري طور. شروعات ۾ اروڻا ڪرمچارين سان گڏ انوپچارڪ ( غير رسمي ) رهڻ جي ڪوشش ڪئي ته، هن ڏٺو ته ڪرم چارين کي ميڊم جي تعريف ڪري لاڀ پرائڻ ۾ وڌيڪ رس هو. هوءَ ويڇو رکي رهڻ لڳي ته استري اڌيڪاريءَ جي حڪم جو عمل ڪرڻ وقت مرد ڪرم چارين جي منهن تي لاچاري ، ڪروڌ ۽ تڇڪار وارو ڀاو ڏسي اروڻا جا لونءَ کڙا ٿي ويندا هئا. ههڙي اڻ اظهاريل ڪشمڪش جو مقابلو ڪرڻ ۾هن جي اڌ ڪاريه شڪتي برباد ٿي ويندي هئي. هن کي خبر هئي ته چئمبر ۾ سامهون تت ـــ پپ ڪندڙ ڪرمچاري ٻاهر نڪري پاڻ ڪنهن مايا اڳيان ڏيکاريل مڙسيءَ جون وڏيون ڳالهيون ڪندا هئا. سندن سورهيه ڪٿائون ٻڌندڙن ۾ مايون به هيون. افسوس جو رهسيه پُرڻ کلندڙ يا ٻٽي معني واري کل کل ڪندڙ استرين جو سوَمان مري چڪو هو. نه صرف ايترو پر ستت مردن جو قبضو سهندڙ انهن عورتن جي مانسِڪتا ڀي ڪجھ اهڙي ئي ٿي ويئي هئي. کين مرد آفيسرن جي غلاميءَ جي عادت پئجي ويئي هئي. ۽ عورت عهديدار جي اصولي ڪارروائي به کٽڪندي هئي.
    بي. سي. ايس. آر. ۽ جي. آر جي نوڙيءَ ۾ ٻڌل ستا ڪڏهن ڪڏهن اڳڀرو رستو ڏسندي هئي. ته هڪ اميد جاڳندي هئي. تان مٿيون اڌيڪاري ۽ سياست جي ملي ڀڳت ٿيندي هئي ۽ هن جي ستا ڏاڻجي ويندي هئي. هوءَ مُنجھندي هئي. جيا وٽ انيڪ وار دل جي ٻاڦ ٻاهر ڪڍندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن کيس نوڪري ڇڏي ڏيڻ جو ويچار به اچي ويندو هو. جيا سمجھائيندي هئي. نوڪريءَ ۾ هوندينءَ ته اڄ نه ته سڀاڻِي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪجھ سٺو ڪري سگھندينءَ. سڄي تنتر ( انتظاميا) ۾ هڪ اڌ مجاڳرو بڻجي وڃڻ جي احساس ۾ ڪم جو سنتوش ملڻ ته درلڀ هو. ڪجھ سارٿڪتا لاءِ جھاوا وجھندڙ اروڻا وڪاس گرهه ۾ ٿورو جھجھو ڪم ڪندي هئي. پر پاڻ کي ڊگھي عرصي لاءِ بهلائي ڦسلائي نٿو سگھجي. اها آٿت به جھجھو ٽڪندي ناهي.
    رڪشا ۾ ويهندي ئي اروڻا خوش خبري ٻڌائي.
    “ امان، منهنجي بدلي گانڌينگر ٿي ويئي آهي.” اروڻا جي آواز ۾ امنگ کي محسوس ڪندي ڪنچن پڇيو:
    “ تو بدلي گھري هئي ؟”
    “ نه، پر منهنجي اڇا هئي ، اسان وٽان ڪو وڃڻ لاءِ تيار نه ٿئي. توکي ته خبر آهي مونکي گانڌينگر ڏاڍو وڻندو آهي. ”
    جڏهن به آفيس جي ڪم سان گانڌينگر وڃي ته کيس احمدآباد موٽڻ سٺو نه لڳي. سرڪاري تنتر جي سوڙه جو ساٽو شهر جي ويڪر واري ڏئي. کليل ڇمريل سائو علائقو ۽ شانتي. آفيس وارا تقريبن سڀئي احمدآباد ۾ رهن. انهن جي من گانڌينگر ۾ رهڻ معني ڪاري پاڻيءَ جي سزا برابر. ٽڙيل پکڙيل مڪان، گھاٽا وڻ ۽ ٿوري آبادي. آفيس ڇٽڻ کان پوءِ ڇا ڇا ڪجي؟
    هتي روڊن تي ٽرئفڪ جي پيهه ڪونه هئي. شام ٿيندي ملين جا گھٽيندڙ دونهان ڪونه هيا. فٽ پاٿن واري بازار به نه. نه ٿئيٽر نه هوٽل. نه ناشتن جون ريڙهيون، ڪٿا ڪيرتن مجلسون نه. ورگھوڙا ۽ جلوس نه. صفا سڃ ۾ رهجي ته رهجي ڪهڙي ريت؟
    اروڻا جي من گانڌينگر جي هريالي ۽ شانتيءَ اڳيان وڌندڙ ، وسندڙ شهر جون تمام مصيبتون معاف. احمدآباد _ڏينهون ڏينهن ڀرجندو پئي ويو. ڀيڙ ۽ شور ۾ من منجھندو ويندو هو. جھونين سوسائٽين جا عاليشان بنگلا ٽٽندا ويندا هئا. راتو رات ٿوهرن جهڙا شاپنگ سينٽر کڙا ٿيندا پئي ويا. گھر ۽ دڪان جي وچ واري ڀيد ريکا غائب ٿيندي پئي ويئي.
    اروڻا کي وڌيڪ خوشي اها هئي ته هاڻي گروجيءَ جو آشرم ويجھو اچي ويو هو. احمدآباد ــ گانڌينگر واري رستي تي سابرمتي نديءَ جي ڪناري سوامي ڌَيريانند گيان ساڌنا آشرم آيل هو. ٽي کن سال اڳ وڪاس گرهه ۾ هڪ يوگ شبير ٿيو هو. انهيءَ يوگ شبير جي ادگھاٽن واري موقعي ته هن پهريون ڀيرو سوامي ڌَيريانند جن کي ٻڌو هو. هنن جي ڳالهين ۾ آڌياتمڪتا ۽ ٻوڌڪتا جي آميزش هئي. اروڻا صرف شرڌا سان ڪجھ سويڪاري نه سگھندي هئي. پهريان هن کي ڪنهن به ڳالهه جو ترڪ سمجھڻ ۾ اچڻ کپي. سوامي جيءَ انوکي ڍنگ سان جيون جي سارٿڪتا جو ارٿ سمجھايو هو. ۽ يوگ شبير ۾ اروڻا ڀاڳ ورتو ته هن کي آزمودو ٿيو ته ڌيان درميان من جي ويَگرتا ڪجھ گھٽجندي آهي. پوءِ ته نيم سان يوگ شبير ۾ ڀاڳ وٺندي هئي. هر ٻئين ۽ چوٿين چنچر آرتوار تي هوءَ ضرور آشرم ويندي هئي. اتي آيُرويد جو دواخانو به هو. اروڻا کي اتي بيمارن سان گڏ مزو ايندو هو. ڪجھ ڪم ڪرڻ جو سنتوش ملندو هو. هن آيُرويد جو اڀياس ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو هو. شروعات ۾ هڪ اڌ ڀيرو جيا سندس من کي ماپڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جيا کي شڪ هيو ته ڪٿي هوءَ اڀاون جي پورتڻ وارو رستو ته نه ڳولهي رهي آهي؟ نه ته اڀاون جي پورتي ٿيندي ئي هوءَ واپس ورندي ته پنهنجي نظرن مان ئي ڪري پوندي. اروڻا کي ڪجھ ٺوس ڪم ڪري سارٿڪتا پائڻ جي خواهش هئي. جيا هن کي روڪيو ڪونه. حالانڪ چندرڪانت ٿورو ناراض ٿيو هو.
    ڪڏهن ڪڏهن اخبارن ۾ چپجندڙ ساڌو ٻاون جي پراڪرمن بابت پڙهندي چندر ڪانت جي من ۾ اها ڳالهه ويهي رهي هئي ته اهڙن آشرمن ۾ نه وڃڻ گھرجي. هو اروڻا سان ٿورو وڙهيو به سهي.
    “ ههڙا ڀڳت ششن جي ڳولها ۾ رهندا آهن. تون پڙهيل ڳڙهيل ههڙن پاکنڊين جي ڳالهه ۾ اچي وڃين اهو عقل جو ڏيوالو ناهي ته ٻيو ڇا آهي؟”
    اروڻا شانت آواز سان چندرڪانت کي جواب ڏنو “ اخبارن ۾ ايندڙ ٻه چار قصن تان سڀني ساڌن لاءِ ائين مڃي وٺڻ برابر ناهي. حقيقت ۾ سچي حقيقت ڄاڻڻ کان سوائي ههڙا جملا ڪڍڻ ئي عقل جو ڏيوالو آهن. مان ڪنهن چمتڪار يا سِڌيءَ جي ڳولها ۾ آشرم ۾ نه ويندي آهيان. ٻيو ڪجھ نه ته بيمارن جي شيوا ٿئي اهو ئي منهجي لاءِ ڪافي آهي. پر توکي منهنجي ڳالهه سمجھ ۾ ڪونه ايندي. اها ٿوري سوکيم آهي.”
    رڪشا لڪڙي جي پل تان پسار ٿي تيستائين ڪنچن ڪجھ نه ڳالهايو. اروڻا کي ٿيو ڇو امان ڪجھ ڳالهايو ڪونه. هن پڇيو، “منهنجي بدلي ٿي آهي اهو توکي ڪونه وڻيو ڇا؟
    لکڙي رهي ڪنچن چيو:
    “ مونکي تنهنجي چنتا آهي. هيءُ گانڌينگر روز اچڻ وڃڻ، بسين جي تڪليف، توکي تاڻ پوندي.”
    “ اها ڪجھ وقت لاءِ ٿي سگھي ٿي. مونکي سرڪاري مڪان ملي ويندو پوءِ ته گانڌينگر ۾ ئي رهنديس.”
    “ پر ماڻهو چون ٿا ته اتي ڪا خاص آبادي ڪونهي. اهڙي ۾ اڪيلو رهڻ .....”
    “ ڏس امان، مون طيءِ ڪري ڇڏيو آهي ته هميشهه جي لاءِ اڪيلو رهڻو آهي ته پوءِ ڊڄڻ ڇا ڇو؟ ڊڄڻ مان ڇا ملندو؟ وري اتان کان منهنجي گروجيءَ جو آشرم به ويجھو آهي. آشرم جي وشال جڳهه ۾ ساڌڪن لاءِ ڌيان ڪُٽير به ٺاهي ويئي آهي. منهنجو ويچار ڀوِشيه ۾ اتي هڪ ڪُٽير ٺاهڻ جو به آهي.”
    ڪنچن کي اروڻا جي ڪنڌ ۾ پاتل رُدراڪش جي ننڍن پارن واري مالها جو مطلب سمجھ ۾ آيو. ڪنچن کي چوڻ جو من ٿيو، “ جيئڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪو نه ڪو آڌار وٺڻو ئي پوي ٿو. ڪو گرهسٿاشرم جو ته ڪو گيان ساڌناشرم جو.”
    ڪنچن ڪجھ نه چيو. اروڻا هاڻي ننڍڙي ڪونه هئي. هن آزمودي مان جيڪو پرايو آهي اهو ئي سچ آهي. ماءُ کي ڪڏهن ڪڏهن اولاد کي کليل ماحول ڏيڻ کپي.
    ڪجھ دير ۾ رڪشا چندرڪانت جي اڱڻ ۾ اچي بيٺي. هن ڪوچرب وارو هڪ ڪمري وارو گھر ڇڏي ڏنو هو. هاڻي هو واسڻا ويجھو جواهر نگر سوسائٽيءَ ۾ رهندو هو. مڪان مالڪ لنڊن ۾ رهندو هو. بنگلي جو اڳيون روم ۽ ورانڊو بند هئا. اهي گھرڌڻيءَ جي قبضي ۾ هئا. چندرڪانت پٺيان وارو هڪ روم ۽ رنڌڻو استعمال ڪندو هو. جھوني زماني جي اڏاوت هئي انهيءَ ڪري رنڌڻو ڪمري جيڏو وڏو هو.
    رڪشا جو آواز ٻڌي وشاکا ٻاهر آئي. هن جو جسم ٿورو ٿلهو لڳي رهيو هو ۽ رنگت به نکريل هئس.


    35

    وشاکا کي ڏسي ڪنچن اروڻا کي چيو : “ تون ته مونکي پوريون خبرون به نه ڏيندي آهين. ”
    “ ڪهڙيون خبرون؟ اروڻا ٿورو منجھندي چيو”
    “ اهي ئي، تون پڦي ٿيڻ واري آهين تنهن جون.” چوندي ڪنچن وشاکا جي مٿي تي هٿ رکيو.
    “ انهيءَ جي مونکي ڪيئن خبر پوي؟ ڀاڀيءَ ته ڪجھ چيو نه هو. ” اروڻا خلاصو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو. ڪنواري اروڻا کي ڪيئن خبر پوندي؟ اهو ته وشاکا جو ٽڙيل روپ ۽ بدليل چال ڏسي ڪنچن کي خبر پيئي. انڀوي ڪنهن کي چئجي؟”
    وشاکا جي چهري تي پورڻتا جو نور اوتجي رهيو هو ۽ چال ۾ ٺريل مغروري ڏسجي رهي هئي. هن کي ڏسي ڪنچن کي شانتا جو مرجھايل ڪوماڻيل چهرو ياد آيو. خبر ناهي هوءَ ڪڏهن ماءُ بڻجي سگھندي؟ ڪنچن ٿڌو شوڪارو ڀرڻ کان پاڻ کي جھليو. ڪهڙي خبر هن وشاکا کي ڏينهن چڙهيا آهن انهيءَ ۾ شانتا جي ٿدي ٿيل آنڊيءَ مان نڪتل دعائن جو ئي اثر نه هجي!
    وشاکا گھڻن سالن کان پوءِ اميد سان ٿي هئي. حالانڪ ڪنچن ڄاڻندي هئي ته جيستائين وشاکا جو ننڍڙو ڀاءُ نوڪريءَ نه لڳي تيستائين چندرڪانت اولاد جي جوابداري وٺڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ اڌ ڀيرو رُکي ڀاڀيءَ ڪنچن کي چيو به سهي، “ اسان کي وشاکا کي ڊاڪتر وٽ وٺي وڃڻ گھرجي، ته اڳيان ڇا ڪجي ان جي خبر پوي.”
    اولاد نه ٿيندو آهي ته سڀ کان پهرين شڪ جي سُئي ننهن سامهون ويندي آهي. ايترو ئي نه ڦٽاڦٽ ٻي شاديءَ بابت به سوچجي ويندو آهي. ڪنچن رُکي ڀاڀيءَ کان خلاصو گھرندي پڇيو:
    “ مطلب؟”
    مطلب ٻيو ڪهڙو. ڪراچيءَ ۾ رڻڇوڙ لائن ۾ رهندڙ انهيءَ مُگٽ لال هڪ انڌيءَ مائيءَ جي زندگي ڪونه سڌاري ڇڏي هئي؟ چوي ٿو ته کوٽ واري آڻجي ته کوٽ ڀڄي. هن اولاد لاءِ ئي ته ٻي شادي ڪئي هئي.”
    “ مونکي ناهي ڪنهن مائيءَ جو ڀَو ساڙڻو يا سڌارڻو. جيڪا آهي سا مون لاءِ سون جي آهي.”
    وشاکا جي ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ڪنچن لاءِ احمدآباد ۾ رهڻ ضروري ٿي پيو. وشاکا جي پيڪي ۾ ڌيءَ جو پهريون ويم ٿيندو نه هو. سال اڳ ڪنهن پهريون ٻار ڄڻيندڙ ڌيءَ کي ويم کان اڳ وٺي آيا پر ٻار ڄڻڻ کان پوءِ ٻار ۽ ماءُ ٻئي گذاري ويا. تڏهن کان هو پهرئين ويم واري ڌيءَ کي گھر نه وٺي ويندا آهن. هونئن به وشاکا جي ماءُ پاڻ پهچي سگھي ائين نه هئي، ۽ نه ئي پيسي ٽڪي ۾ پاڻ ڀري هئي. ڪنچن کي ٿيو هڪ طرح سان ته سُٺو ئي ٿيو، ننهن کي کارائڻ پيارڻ ۾ سنڀالي سگھبو.
    آنند جي جنم بعد سوا مهني وشاکا رنڌڻي ۾ پير پاتو تڏهن هڪ ڏينهن چندرڪانت چيو، “ امان هاڻي تون هتي ئي رهين ته اسان کي آنند جو الڪو نه رهي. نه ته اسان کي هن لاءِ ڪا مائي رکڻي پوندي، يا ڪنهن جي گھر ڇڏڻو پوندو يا ڪنهن پينگھي گھر ۾داخل ڪرڻو پوندو. پيسا ڏيندي ماڻهو ته ملي وڃي پر انهيءَ ۾ اسان جي جيءُ کي به چنتا رهي. ڇوڪرو سنڀالجي نه سنڀالجي؛ هونئن ته وشاکا جي امڙ به آهي پر هلندي هن کي دم جي تڪليف ٿي پوي. ....”
    ڪنچن با کي احمدآباد رهڻ ۾ ڪو خاص واندو ڪونه هو. اهو صحيح هو ته هت سوسائتيءَ ۾ رهندي کيس سڀ ڪجھ نئون لڳندو هئو. ڳوٺ ۾ جيڪا پنهنجائپ محسوس ٿيندي آهي يا حق سان ڪنهن جي مدد وٺي سگهجي تهڙو هت نه هيو. حالانڪ، چندرڪانت کان علاوه ڳوٺ ۾ جيا ۽ اروڻا به ويجھي ئي هئي. ڪنچن سوچيو اڄ تائين ڳالهه الڳ هئي. ننهن کي ٻار ڪونه هئا. هوءَ آزاد ۽ مان به ، پر هاڻي پنهنجي ئي پيٽ جي آنڊن سمان پوٽن کي ڇڏي آزادي ماڻڻ اهو ته صفا سوارٿ آهي. ۽ جساپر ۾ به اڪيلو گهڻو رهي سگھبو؟ اڄ نه ته سڀاڻي پٽ ــ ننهن وٽ ته اچڻو ئي پوندو.کٽ تي ڪرڻ کان پوءِ اينديس ته ننهن کي ٿيندو ته ڏس نه جڏهن مونکي ضرورت هئي تڏهن ڪونه آئي. هاڻ ڪيئن بي چئي ڊوڙي آئي آهي؟ پوءِ مان هن وٽان پيار۽ شيوا جي ڪهڙي منهن سان اميد رکي سگھنديس؟ ڪنچن با احمدآباد ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو.
    شروعات ۾ ڪنچن با کي ٿوري تڪليف ٿي. هن جو سالن جو ڪم ڪرڻ جو ڍنگ. سويل اٿڻ، پٽ ٻهاري صاف ڪرڻ، سنان ڪري ئي رنڌڻي ۾ پير رکڻ، جڏهن ته وشاکا جو ڊول الڳ هو. هوءَ سڄو ڪم ۽ رسوئي پتائي پوءِ ئي سنان ڪندي هئي. روٽي کائي افيس ويندي هئي. صبح شام رسوئي پاڻ ٺاهي. کيس ائين هيو ته امڙ سڄو ڏينهن آنند کي سنڀالي ٿي ته کيس تڪليف ڇو ڏجي؟ شام جو ٻئي زال مڙس آفيس جو ٽائم پورو ڪري بازار جا ڪم پتائيندا گھر اچن تيستائين ڪافي دير ٿي ويندي آهي. پوءِ تڪڙ ۾ ڀاڄي ڀاکري ٺاهڻ کان علاوهه ٻيو ڪو وڪلپ ئي ڪونه هيو. وري سڄو ڏنهن گذري وڃڻ بعد آنند وشاکا کي ڏسي انهيءَ ڪري هو وشاکا کي ڇڏيندو ئي نه هيو. هڪ دير سان کائڻو ۽ اهو به صفا سُڪو. ڪنچن با کي هضم ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي. ان طرح ٻنهي سس ــ ننهن جي دل ۾ ڪا دغا ڪونه هئي پر ڪم ڪرڻ جي ريت جي ڪري هڪ نه ڏسجي اهڙي تنگ دلي ماحول ۾ ڏسڻ ۾ ايندي رهي. ڪنچن با آخرڪار پاڻ ئي واتاورڻ کي هلڪو ڪرڻ جي شروعات ڪئي.
    “ ڏس وشاکا، هي آنند توکي سڄو ڏينهن ڏسندو ناهي انهيءَ ڪري هي ڏاڍو بي صبرو ٿي ويندو آهي. تون صبح کان ئي رنڌڻي ۾ هلي ويندي آهين جنهن جي ڪري نه ڇوڪري جو خيال رکي سگھندي آهين ۽ نه ئي چندرڪانت جو. هاڻي کان رنڌڻو منهنجي مٿان، رسوئي مان ڪنديس. توکي صبح جو آنند کي پورتو وقٽ ڏيڻو ۽ رسوئيءَ کان علاوهه منهنجو ٻيو ڪم به ڪهڙو آهي؟ اهو ته سڀ ڪم ڪمواري ڪندي آهي ۽ مان ته اڃا برابر آهيان. انهيءَ ڪري ڪم ڪنديس ته منهنجو سرير به هل چل ڪندو رهندو، نه ته سڀئي سنڌيون، نبضون ڪٽجي جھلجي وينيدون. ”
    وقت گذري رهيو هو. آنند جي پهرين سالگرهه آئي ته جيا هميشهه جي لاءِ دبئي هلي ويئي هئي. وديس جي سفر دوران دبئي جي اخبارن ۾ ڇپيل هن جو نالو ۽ فوٽو ڏسي انيس جيا سان مليو. پاڪستان ڇڏي هو ڏهن سالن کان دبئي ۾ واپار ڪندو هو. جيا سان ملي وري هن سالن پراڻو ارادو دهرايو. انيس جي زال پاڪستان ۾ ئي رهندي هئي. پيءَ جي ملڪيت جي اڪيلي ئي وارث پتنيءَ انيس وٽان طلاق گھري هئي. جيا ان وقت ته ڪو جواب ڪونه ڏنو. هوءَ اڻ تڻ ۾ هئي. ذرينا نالو ڌارڻ ڪرڻو۽ ذرينا بڻجي انهيءَ ئي سماج جو انگ ٿي رهڻو، اهي ٻئي الڳ ڳالهيون هيون. تڙڳڻ جي طريقي بابت ڄاڻڻ ۽ تڙڳڻ ٻنهي ۾ جيترو فرق هوندو آهي اوترو ئي فرق هنن ٻنهي حالتن ۾ هو. هن ڪنچن سان ڳالهه ڪئي.
    ڪنچن ڏٺو ته جيا جنهن کي پنهنجو آڌار مڃيندي هئي انهيءَ اروڻا جي ڏس ئي بدلجي ويئي هئي. نوڪريءَ ۾ به جيا کي ايڏا سال ڪونه هيا. ڏينهون ڏينهن عمر وڌڻي هئي. ڪنچن به نه هجي تڏهن اگھائي سگھائيءَ ۾ سندس ڪير؟ جوانيءَ ۾ اڪيلو گذاري وٺجي. سرير ۾ سگھ هوندي آهي، من مضبوط هوندو آهي پر جيئن جيئن چاليهن واري لاهي لهجي تيئن تيئن اڪيلائپ جو احساس ٿيندو وڃي. ڪيڏو نه عجيب آهي هيءُ جيون! جيئن جيئن حقيقت جو مشاهدو ٿيندو وڃي تيئن ماڻهوءَ کي مضبوط ٿيڻ کپي پر اڪثر ائين ٿيندو ناهي. الٽو ماڻهو ڪمزور ٿيندو پيو ويندو آهي. ڪنچن جيا کي دبئي وڃڻ جي صلاح ئي نه بلڪ وينتي به ڪئي. اتي به جيا جي من کي وڻندڙ ڪمن ڪرڻ جو موقعو هيو. هيترا سال جنهن جي صرف نالي سان ئي پتني سڏائجندي رهي آهي تنهن انيس جي سنگت ملندي. جيون ۾ پريم ۽ دوستيءَ بابت ڪڏهن به ڪو ليٽ ناهي ٿيندو. جيا جڏهن هميشهه جي لاءِ ڀارت ڇڏيو تڏهن ڪنچن کي ٿيو ته ' هر ماڻهو کي مستقبل جي ڪا نه ڪا نشاني ملندي ئي آهي. جيا جڏهن پهريون ڀيرو پرديس ويئي تڏهن جنهن آترتا جو انڀو ڪيو هو اهو ٿي سگھي ٿو هن الوداعيءَ ــ جدائيءَ جو پوروَ سنڪيت هو. پر ان وقت اهو سنڪيت برابر سمجھ ۾ نه آيو هو. اگر سڀني کي ههڙا اڻڀِرندا لڳندڙ سنڪيت سمجھ ۾ اچن ته پوءِ هرڪو ماڻهو اڳ ڪٿي ڪري سگھي. جيا ويئي. پٽ، ننهن، ڌيءَ، اوڙو پاڙو سڀ ڪجھ هوئڻ جي باوجود ڪنچن صفا هيکلي ٿي ويئي.
    احمدآباد اچڻ بعد اونهاري ۾ جساپر جو هڪڙو چڪر هڻڻو پوندو هو. چوماسي کان اڳ گھر جا نريا ٺاهڻ، ديسي نريا هئا. باندرن جي ڪارڻ سال درميان ٽٽن. ڪڏهن ڪڏهن مور نانگن جي ڳولها ۾ اکوڙي ڇڏين. ڀلي رهڻو نه هجي پر گھر جي سار سنڀال لهڻ ته ضروري هئي. نه ته ڊهي پٽ پئجي وڃي. چندر ڪانت کي اها مٿاڪُٽ وڻندي ڪونه هئي. کيس اهو خرچ به بيڪار لڳي. انهيءَ ۾ وري جوڳ ويٺو ته ان جي مڪان مالڪ چندرڪانت کي مڪان خريد ڪري وٺڻ جي آڇ ڪئي. يا ته مڪان خريد ڪري وٺو يا خالي ڪريو. سٺي پاڙي گھٽيءَ ۾ مڪان مسواڙ تي ملڻ مشڪل. وري سرڪار مان مڪان لاءِ قرض ملي ته مسواڙ جيترا هفتا ڀرجن ته ايندڙ ڏينهن ۾ پنهنجو مڪان به ٿي وڃي. قرض ته ملي پر ٻي رقم جو ڇا؟ چندرڪانت منجھندو هو. ڪنچن با جساپر وارو مڪان وڪڻي ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو.
    جساپر وارو مڪان ڪير وٺندو اهو سوال ڪونه هيو. ٺاڪر صاحب جي اتي شڪتي ماءُ جو مندر ٺاهرائڻ جي ورهين کان دلي خواهش هئي. ڪنچن با جي ڳالهه ٻڌي هري پريا کي پلڪ به نه وڻيو. هونئن به هاڻي ساهيڙي هتي ته رهي ڪونه ٿي. مٿان مڪان ڏيئي ڇڏيندي ته پوءِ ڇا هاڻي اهو پهريان جهڙو وقت واپس ايندو؟ دير رات تائين ٻئي ساهيڙيون تنهنجي منهنجي ڪنديون رهنديون هيون. پر وري ٿيس هاڻي اها عمر ۽ پرسٿتي به ڪٿي رهي آهي؟ تنهن جي باوجود به هوءَ چوڻ کان نه رهي سگھي.
    “ مڃي وٺ اتي توکي ڪا تڪليف ٿيندي يا ننهن پٽ سان جيءُ هيٺ مٿي ٿيندو ته .....”
    “ جيڏل تنهنجي آشنڪا غلط ناهي پر تون ئي ٻڌاءِ، اسان هڪ سٺي ماڻهو طور جيئڻ لاءِ ڪنهن ڪنهن سان سمجھوتا ڪندا ناهيون؟ پاڙي واري کا وٺي ڪم واريءَ جي به ڪن لاٽار ڪندا آهيون. هت ته پٽ سان انوڪول ٿيڻو آهي. ٻيو ته موڙي مُٺ ۾ هوئڻ جي باوجود پٽ کي پريشان ٿيڻو پوي انهيءَ کان ته پنهنجي هٿ سان هن کي هن جو حصو ڏيئي راضي ڪري ڇڏيان ته انهيءَ ۾ غلط به ڇا آهي؟مان پنهنجو ئي سوچي گڏ ڪندي رهان ۽ ٻار تنگي پيا محسوس ڪن اهو وري ڪٿي جو نياءُ . انهن جا اڃا هلڻ ــ ڦرڻ، گھمڻ ــ ماڻڻ جا ڏينهن آهن. سادگيءَ سان گھاربو ته عمر وڌندي ۽ تندرستي به. باقي ڪنهن ڏٺو آهي ڪلهه کي؟ ڀڳوان جيئن ڪيوليءَ کي ڪڻ ۽ هاٿيءَ کي مڻ ڏيندو رهي ٿو ته ڇا مونکي بکايل رکندو؟ مون ڪٿي ايشور کي وڪڻي کاڌو آهي جو مونکي سڀاڻي جي چنتا ڪرڻي پوي. ڪندو هو پاڻيهي چنتا.
    مڪان وڪڻڻ جو فيصلو ڪرڻ سولو هو پر اهو ڇڏڻ اولو هو. اهو گھر ڇڏڻ ڪنچن با لاءِ کل لاهي ٻي پائڻ جهڙو هو. نانگ لاءِ ڪنجري لاهڻ ضروري آهي نه ته انهي ڪنجريءَ جو پڙدو ئي سندس اکين کي ڍڪي ڇڏي ٿو. پاڻ کي پيڙا جي ڪانٽي تي لٽڪائڻو پوي. ڪنجھڻو پوي، رهڙجڻو پوي پر انهي موهه مان مڪت ٿيڻ ضروري آهي.
    مڪان ٺاڪر صاحب کي سونپڻو هو تڏهن چندرڪانت گڏ آيو. ضروري شين کان سوائي ٻيو سامان وڪڻي ڇڏڻو هو. پتل جي ٿانون کي ڀنگار ۾ ڏيڻ لاءِ جدا ڪندي چندرڪانت چيو:
    امان هاڻي هيءُ پتل جو پيالو رُکي ماميءَ کي موٽائي ڏيئي اچ .
    ڪنچن کي چندرڪانت جي ڪيل مشڪري ڪونه وڻي. هن ڄاتو ٿي ته چندر ڪانت کي اهو پيالو پلڪ به نه وڻندو هو. آحمدآباد ۾ ڪو ساڌو اٽو وٺڻ ايندو هو ته هن کي ڏسي هو ڇرڪندو هو. برو ڀلو چوندو هو. ڀوتڪال کا ڀڄندو هو. ڪنچن جي من اهو پيالو اڻ کٽ هو.
    ڪرشن دروپديءَ کي اڪشيه پاتر ڏنو هو. بنواس وارو اهو مشڪل وقت پانڊون انهي اڪشيه پاتر جي سهاري ئي پار ڪيو. تيئن مونکي رُکي ڀاڀيءَ جهڙي ڀوري ۽ من جي سچي مائيءَ اڻ کٽ پيالو ڏنو آهي. منهنجي لاءِ هيءُ اڻکُٽ پيالو جيئڻ ۽ جالڻ جو اڌار آهي. ڀلي نه هن زماني جي گردش منهنجو آزمودو ۽ امتحان وٺندي رهي. منهنجي جيون جو جھرڻو سڪو ناهي جنهن جو ڪارڻ آهي هيءُ پيالو. هن کي ڏسندي آهيان منهنجا پير ڌرتيءَ تي ٽڪيل رهندا آهن. هي پيالو مونکي هردم ياد ڏياريندو آهي ته وقت کان وڏي ڪا شيءِ ناهي. اگر سُک جي ڇانو ٽڪندي ناهي ته ڏک جو دور به ڪيئن ٿو رهي سگھي؟ هن کي ڏسي مان سِکي آهيان ته سڀ ڪجھ ڪال کي سونپي ڇڏجي ۽ جيئڻ جو سنگھرش نه ڇڏجي. اها ئي منهنجي هڪ ماتر ڪمائي آهي. هي پيالو ته اتهاس جو ٻوڌپاٺ آهي ــ سبق آهي.
    احمدآباد اچڻ بعد ڪنچن نئين سر ا... ب...ت .. سکڻ، رٽڻ جي شروعات ڪئي. چندرڪانت ايم. جي. لئبريريءَ مان ڪتاب کڻي اچي. آڌياتمڪ ڪتابن جي بجائي ڪنچن با کي ڪهاڻيون ناول وڌيڪ وڻن. الڳ الڳ ڪردارن ۾ انڊلٺي جيون جي رنگن ۾ رڱجي ويندي هئي. اروڻا ڪڏهن ڪڏهن چويس:
    “ امڙ هاڻي توکي هنن سڀني ذميوارين مان مڪت ٿي وڃڻ گهرجي. ڀاءُ ــ ڀاڀيءَ به کي پنهنجن ٻارن جي جوابداري کڻي وٺڻ گھرجي. تون مون وانگر آشرم ۾ هڪ ڌيان ڪٽير ٺاهي وٺ.”
    ڏس ڌيءَ، تنهنجي ۽ منهنجي ڳالهه ۾ فرق آهي. توکي سنسار جو آزمودو ڪونهي. ڪجھ طرح جا ڪم ڪرڻ سان ڪيتري خوشي ملندي آهي اهو تون ڇا ڄاڻين؟ مان هت ڌيان ۾ وهان ۽ هُت سڀيئي دکي ٿين. جيستائين منهنجا هٿ پير هلن ٿا تيستائين اگر ڪنهن کي مدد ڪري سگھجي ٿي ته اهو ئي ڪافي آهي. منهنجي لاءِ ته اهائي سهج سماڌي آهي.
    آنند کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. هن جو اسڪول ويجھو ئي هو. پنڌ ڪندي پندرهن منٽ ئي لڳن. اتي ئي اسڪول جي ڀر سان ٻماڙ بنگلي ۾ ٻڍا آشرم هلندو هو. ڪنچن با آنند کي اسڪول ۾ ڇڏي پاڻ انهي ٻڍا آشرم ۾ ٽي ڪلاڪ پسار ڪري. ڪنهن جو مٿو ڌوئي ڏئي، ڪنهن جي ڪپڙن ۾ ٻيڙا ٽانڪي ڏئي، ڪنهن کي وڻندڙ ڪجھ پڙهي ڏئي. ۽ ڪو به ڪم نه هجي ته وڃي رنڌڻي جي ڪم ۾ هٿ ونڊائي. هن طرح جي ننڍڙن ننڍڙن ڪمن ۾ کيس جيون سارٿڪ لڳيس. آنند اسڪول کان ڇٽي ته کيس گھر وٺي اچي. پوءِ ته آنند جو اسڪول بدلجي ويو. چندر ڪانت کي ٻيو پٽ ڄائو. اهو به اسڪول ۾ ويٺو. ڪنچن با جي ٻڍا آشرم ۾وڃڻ واري ڪرت جاري رهي.
    هڪ شام جو ننڍڙي ٽيڪوءَ کي اسڪول کان وٺي چئين وڳي گھر واپس آئي ته تار وارو سندس انتظار ۾ ورانڊي واري گيٽ تي بيٺو هو.


    36

    ڪنهن نئين ماڻهوءَ کي گيٽ وٽ بيٺل ڏسي نزديڪ وڃي ڪنچن با پڇيو:
    “ ڪنهن جو ڪم اٿو؟”
    “ هيءَ توهان جي تار آئي آهي. ” تار واري فارم ۽ پين اڳيان وڌائيندي چيو.
    “تار؟” پڇندي ئي ڪنچن با جي هينئون ڦڙڪڻ لڳو. ڌڙڪن تيز ٿي ويئي. يڪ مشت ڪيتريون ئي شنڪائون ڇپن جيا ڪرنديون هن محسوس ڪيون. پگھر سان شل ٿيل هٿ اگهندي هن پين ورتي. تار واري ڏسيو اتي دستخط ڪندي هوءَ سوچيندي رهي ته ڪنهن جي تار هوندي؟ ڪارتڪ جي؟ جيا جي؟ ڪا بري خبر چار هوندي؟ سٺا سماچار ته ناهن. نه ته ڪاڳر نه اچي ها. پڪ سان ڪجھ اڻوڻندڙ ٿيو آهي. هن بيچئن ٿيندي سوچيو.
    “ ڪهڙي ڳوٺ مان آئي آهي؟”
    “ لنڊن مان”
    “ لنڊن مان؟” ڪجھ اچرج مان ڪنچن با وري تار واري جا لفظ دهرايا.
    “ ها، پرديس مان.”
    “ ڪهڙي خبر آهي ڀائو، ذرا پڙهي ته ڏي.”
    تار وارو واٽ نهاري نهاري ٿڪو هو. هن تڪڙو تڪڙو پڙهيو. “ لنڊن مان ڇهين تاريخ تي ڪيوون هتي ڀارت ۾ اچي رهيو آهي.” ۽ تار وارو سائيڪل کي پيڊل هڻي روانو ٿي ويو.
    ڪيوون جو نالو ڪن تي پوندي ئي ڪنچن با زمين سان لڳي ويئي. هڪ کڻ صفا خالي خالي گذري ويئي. آهستي آهستي هن جا چپ چُريا. وري هڪ وار هن ڪيوون جو نالو ورتو ۽ پاڻ ئي پاڻ ٻڌو. ڄڻ هوءَ پڪ ڪري رهي هئي. نالو سمجھڻ کان پوءِ کيس ڪجھ نه سُجھيو. هن جي پيرن هيٺان واري زمين، مٿيون آڪاش، ۽ آسپاس جو ماحول ڄڻ سڀ ڪجھ مُنجھي پيو هو. هوءَ اها ڳنڍ سلجھائڻ لاءِ بُنڊ ٿي بيٺي هئي. کيس خبر نه پيئي ته ننڍو ٽيڪو ڪڏهن سندس چيلهه مان چاٻين جو ڇٻو ڇوڙي ورتو ۽ ڪڏهن گھر کوليو. هڪ هٿ ۾ ٽيڪوءَ جي واٽر بيگ ۽ ٻئي هٿ ۾ اسڪول بيگ وٺيو ڪنچن با بيٺي رهي. هوءَ ڪنهن چوواٽي تي بيٺي هئي ۽ هرروز وارو رستو ڳولهي رهي هئي. ڪجھ دير بعد کيس ٽيڪوءَ اچي ڌونڌاڙيو.
    “ ڏاڏي هل نه.”
    اوچتو هن چيو “ ڪيڏاهن؟”
    “ ڏاڏي هل نه، مونکي بک لڳي آهي.”
    “ ها ها، هل توکي کير ناشتو ڏيان”
    ان ڏينهن شام جو چندرڪانت آفيس کان آيو تيستائين ڪنچن با بي سُکي ٿي آنٽا ڦيرا ڪري رهي هئي. هڪ سميه هن کي ٿيو اهو ڪيوون ڪو ٻيو هوندو. ڪٿي تار وارو ڀل ۾ ٻئي ڪنهن جي تار ڏيئي ويو هجي ائين به ٿي سگھي ٿو. پر مسلسل اندر مان انهن سڀني ترڪ وِترڪن جو هڪڙو ئي جواب ملندو هو ' تون ڀلي هيڏاهن هوڏاهن گوشو پاسو ڪرين، ٽارڻ گھرين. پر هيءُ پڪ ئي ايوَ جو پٽ ڪيوون آهي. ڪنچن با کي ياد آيو، ايو ته ڪمپالا ۾ رهي ٿي ۽ هيءَ تار ته لنڊن ما آئي آهي. وري ٿيس، ممڪن آهي چندرڪانت واري مڪان مالڪ جيان ايو کي عيدي امين جي ڪارڻ آفريڪا ڇڏي ڀڄڻو پيو هجي. اگر ائين آهي ته پوءِ هن کي هتي جو سرنامو ڪهڙيءَ ريت مليو؟
    رات جو وشاکا مانيءَ لاءِ ڪنچن با کي سڏيو ته چيائين ٺيڪ ناهيان. ننهن ــ پُٽ کائي ورتو پوءِ هن چندرڪانت جي هٿ ۾ تار وارو ڪاڳر ڏنو. کليل تار ڏسي کن پل لاءِ چندرڪان جو چهرو وسامي ويو. ٿوري دير بعد سوَسٿ ٿيندي هن ڪنچن با سامهون نهاريو. ڪنچن با هن جي سامهون ئي نظر کپائي ويٺي هئي. چندرڪانت تار پاسي ۾ پيل ٽيبل تي رکي ۽ اڏي نه وڃي انهيءَ لاءِ مٿان پاڪيٽ رکيو. پوءِ اٿي بيٺو.
    “ امان، مان ڄاڻا ٿو ته هيءَ تار ملڻ بعد تنهنجي من ۾ ڇا ٿيو هوندو؟ ڪهڙا سوال اٿيا هوندا، انهيءَ جو مونکي اندازو آهي. مونکي توسان ويهي آرام سان ڳالهائڻو هو پر مونکي خبر آهي ته تون ايو يا ڪيوون بابت ڪا به ڳالهه ٻڌڻ نٿي چاهي. ۽ مڃي وٺو اگر مان ضد ٻڌي اها ڳالهه ڪريان به ها ته گھر ۾ گهپيءَ وڌي وڃي ها. مان مناسب موقعي جي تلاش ۾هوس. اڄ جڏهن اهو وقت مليو آهي ته، هل ته هلي آرام سان ويهي ڳالهايون.”
    چوندي چندرڪانت ڪنچن جا ڪلها پڪڙيا ۽ جتي پاڻ ويٺو هو اتي ڪنچن کي وهاريائين. ۽ پوءِ ڀت جي پاسي ۾ پيل ايئزي چير کينچي پاڻ ان تي ويٺو.
    “ امان تو ته منهنجو پتا مري ويو ان خبر سان گڏ ئي ايوَ سان رشتن کي ختم سمجھي ڇڏيو هو. پر آئون انهيءَ بابت الڳ سوچي رهيو هوس، پر ان وقت ان سلسلي ۾ توسان ڳالهائڻ جو ڪو مطلب نه هو. اها ڳالهه سچي آهي بابا ٻي شادي ڪئي هئي اهو هن جو قدم برابر نه هو. پر پوئي ته جواب ڏيڻ لاءِ هو ڪٿي حاضر هئو؟ ۽ بابا جي وجهه سان ايوَ ۽ ڪيوون سان ناانصافي ڪجي ، اهو مونکي نه وڻيو. ايو ته پاڻ خط لکيو هو. هن بابا جي اڇا مطابق اسان لاءِ رقم به امانت سمجھي سنڀالي رکي هئي. هن ته من ۾ ڪو ڏنگ ڪونه رکيو هو، ته پوءِ هن جي خط جو جواب نه ڏيڻ جو ڪارڻ ڪونه هو. بابا جي موت جي ڇهن مهنن بعد مون ايو کي تنهنجي طرفان خط لکيو هو. اگر تون انهيءَ کي ڀُل سمجھين ته اها ڀُل مون ڪئي آهي. پر ان جي پويان هڪڙو ئي مقصد هو ـــ تنهنجو ۽ ڪارتڪ ـــ اروڻا جو ڀلو.”
    چندرڪانت رڪجيو. ڪنچن با چپ ڀڪوڙي ويٺي هئي. ڦاٽي پوڻ لاءِ تيار لاوي کي روڪڻ جي ڪوشس ڪري رهي هئي. ٿوريءَ دير جي لاءِ ڪمري ۾ بلڪل خاموشي ڇانيل رهي. ڪنچن با پاڻ تي ضابطو آڻيندي پڇيو:
    “ پوءِ؟”
    “ منهنجي خط جو هن ڏاڍو پيار ڀريو جواب ڏنو. هن بابا جي رکيل ڏيڍ لک روپين ۾ پنجاهه هزار ٻيا وجھي ٻه لک ڪري موڪليا. ۽ مٿان لکيائين ته ضرورت پوي ته بنا هٻڪ جي لکجو.”
    ڪنچن با لاءِ ڪرسيءَ تي وهڻ مشڪل ٿي پيو. هن کي ڏاڍي مٺيان لڳي هئي. اڄ ڏينهن تائين هوءَ جنهن عزت ۽ خودداريءَ سان مٿو مٿاهون رکي جي هئي، چندرڪانت ڄڻ هن جي پيرن هيٺان واري زمين وارو آڌار کسڪائي ورتو هو. گوڏن کان هيٺ وارا پير صفا گپ جهڙا ٿي ويا هئا. مڙس ٻي شادي ڪري زال جو انتظار بيڪار ڪري ڇڏيو هو. پٽ ڪوڙ ڳالهائي پهاج جي مدد ورتي هئي. هتي ڪنچن جي ماءُ پڻي تي چوڪڙي ماري ڇڏي هئي. جيون جا پنجاهه سال پاڻيءَ ۾ ويا .
    چندرڪانت اڳيان چيو:
    “ انهن ٻي لکن مان مون هن مڪان لاءِ پنجاهه هزار خرچ ڪيا ۽ ڏيڍ لک شيئر بازار ۾ روڪيو. هن ۾ ڪمائي سٺي آهي. ڀوشيه ۾ ضرورت پئي ته ....”
    ڪنچن با اڀي ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪمري طرف هلي ويئي. ٻنڀي تي بيهي هن چيو:
    “ چندرڪانت تو ڀل ئي نه پر گناهه ڪيو آهي. تو منهنجي ٿڃ لڄائي آهي. مان مڃيندي هئس ته ڀلي تنهنجي پيءَ ٻي شادي ڪئي. هڪ عورت طور منهنجي جيون جي اها خالي ڪنڊ مون قبول ڪئي هئي. مونکي هيو ته مون وٽ عزت سان بيهڻ لاءِ پختو فرش آهي. مون ماءُ جو فرض نڀايو هو. منهنجا ٻار منهنجو مان وڌائيندا، پر اهو منهنجو برهم هيو.”
    اها رات ڪنچن با کي ڪنهن انڌاري واديءَ طرف ڇڪي رهي هئي. مڙس ويو هو اها رات سڄي ڇنڊ ڦڙي، ۽ طوفاني هوا ۾ واءُ جي جھوٽن جي ڪري زور سان لڏندڙ نمن جي ٽارين جيان چپ چاپ مقابلو ڪندي رهي. اڄ وري اهڙي ئي رات هئي، پر هاڻي اڳوڻو مقابلو ڪرڻ واري طاقت نه رهي هئي. ان وقت ته پنهنجون ٽاريون ـــ پن پاڻ سان گڏ هيا، انهن جو سهارو هو. اڄ هيو صرف ٿُڙ. پر ٿڙ کي به وقت جو لوڻ لڳڻ شروع ٿي ويو هو. ڪنچن با کي ٿيو، ڇا اها ئي زندگي آهي؟”
    ان رات چندرڪانت به ڪٿي سمهي سگهيو هو! پاڻ ته سٺي مقصد سان اهو سڀ ڪيو هو. پر ان لاءِ به ٿورو غلط ته ڪيو ئي هو. ٿورونه بلڪ ڳچ. اگر ماڻس عدالت ۾ وڃي ها ته کوٽي صحي ڪرڻ ۽ پيسا هڙپ ڪرڻ واري ڏوهه ۾ جيل جي سزا ٿئيس ها. سرڪاري نوڪري به وڃي ۽ بدنامي به ٿئي ها. هن کي ٿيو امڙ جا پير پڪڙي معافي گھري وٺان. هو ڪنچن با جي ڪمري ۾ ويو. هيٺ وڇاڻ تي آنند ۽ ٽيڪو گهريءَ ننڊ ۾ هئا. ڪنچن فولڊنگ پلنگ تي ڀت سامهون پاسو ورائي ستي پئي هئي. چندرڪانت ويجھو ويو ۽ جهڪي ستل ڪنچن با جي چهري کي ڏسڻ لڳو. اکيون بند هيون پر چهرو تڻيل هو. هڪ هٿ مٿي هيٺان هو ۽ ٻئي هٿ ۾ مالها هئي. مالها جا مڻيا گھمي رهيا هئا. چندرڪانت “امڙ” ائين چوڻ لاءِ چپ چوريا تان ڪنچن با اٿي ڪري پلنگ تي سنئين ٿي ويٺي. مٿي تان ساڙهيءَ جو ڇيڙو رکندي چيائين:
    “ چئه، ڇا چوڻو اٿئي؟”
    “ هتي نه ٻار جاڳي پوندا،. ٻاهر بئٺڪ ۾ هل.”
    ڪنچن جي پٺيان پٺيان چندرڪانت بئٺڪ ۾ آيو. ڪنچن دروازي جو آڌار وٺي بيٺي هئي. هلڪيءَ روشنيءَ ۾ هن کي بيٺل ڏسي ائين نه لڳي رهيو هو ته هن جو ڪو هن گھر سان واسطو آهي. هوءَ اهڙو وڻ هئي جنهن جون پاڙون پٽجي وييون هيون ۽ سنهڙيءَ اهڙيءَ تند جي ٽيڪي سان ٿُڙ ٿي بيٺي هئي. وڻ کي پڪو ڀروسو هو ته هي آڌار به بلڪل پل ڀر لاءِ ئي آهي.
    چندرڪانت هڪدم ڪنچن با جا پير پڪڙي ورتا ۽ سڏڪا ڀري روئڻ لڳو. چندرڪانت جا لڙڪ ڪنچن با جا پير پسائيندا رهيا ۽ ڪنچن با جي آنسن سان چندرڪانت جو مٿو ڀڄندو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ پاڻ تي ضابطو آڻيندي ڪنچن با چندرڪانت کي کڙو ڪيو ۽ هندوري ۾ پاڻ سان گڏ وهاريو.
    “ امان تون مونکي معاف ته ڪندينءَ نه؟” رڪجندڙ سڏڪن وچان چندرڪانت پڇيو.
    “ پٽ، مان ماءُ ٿي ڪري توکي معاف نه ڪنديس ته ٻيو ڪير ڪندو؟ تون صبر ڪر. مان ڪورٽ ڪچهري ڪونه وينديس ۽ تنهنجي رستي ۾ آڏو ڪونه اينديس. پر هاڻي هڪ ڳالهه طيءِ آهي ته مان هتي نه رهي سگھنديس.”
    “ ته پوءِ تون ڪيڏانهن ويندينءَ؟”
    “ ڪٿي رهبو اهو ڪو ايڏو وڏو سوال ڪونهي. ڪيئن رهبو اهو مدو آهي.. مونکي لڳي ٿو ته مان هڪڙو چڪر جساپر جو هڻي اچان.”
    “ پر اتي سڀيئي پڇندا ته؟”
    ڪنچن با کِلي. “ تون گھٻرائي نه. مان اها ڳالهه ڪنهن کي به نه چونديس.توکي خبر ناهي پٽ اهي گھاوَ ته اهڙا آهن جو ٻين کي ڏيکارڻ وڃو ته پنهنجن ئي عيبن جي اوگھڙ ٿئي.”
    “ تون ٻن ٽن ڏينهن ۾ هلي اچج. لنڊن مان ڪيوون اچڻو آهي. هن جي ممي گذريل سال گذاري ويئي آهي. مون هن کي هتي گھمائڻ لاءِ گھرايو آهي.”
    ڪنچن با ڪجھ به ڪين ڪُڇيو. ٿوري دير کان پوءِ چيائين “ تون وڃ سمهي رهه. هاڻ مان به سمهان ٿي. سباڻي سويل نڪرڻو اٿم.”
    اچانڪ آڪاس ۾ بجليءَ جو چمڪاٽ ٿيو جنهن جو شعاع ماتاجيءَ جي مندر جي ٻنڀي تائين اچي پهتو. ڪنچن با جاڳي ويئي. هن کي ٿيو لڳي ٿو ڪٿي نه ڪٿي کنوڻ ڪري آهي.
    آسمان ۾ بادلن ۽ بجليءَ جي درميان جنگ ڇڙيل هئي. بادلن جي گجگوڙ درميان بجليءَ جا سيلها آسمان ۾ ور وڪڙ وجھي رهيا هئا. ڪنچن با ويٺي ويٺي نهاري رهي هئي. اُڀ ۾ بجلي تيز ليڪا پاءِ ڪجھ لکي رهي هئي، بادلن اچي انهيءَ کي ڍڪي ٿي ڇڏيو. ڪجھ به پڙهڻ ۾ نه پئي آيو.
    ڪنچن با جساپر آئي. ٽي ڏينهن ۽ ٽي راتيون. انهن ٽن ڏينهن ۾ ته هوءَ انشٺان جي بهاني ڳوٺ کان ڌار رهي. پر ڳوٺ الڳ ڪونه رهيو هو. ڳوٺ ۾ ته چوءٻول مچي ويو هو. ڪنچن با کي ٿيو اڃا ته هڪ حرف به نه اچاريو اٿم تنهن جي باوجود به ماڻهن ۾ سُس پُس چالو ٿي ويئي آهي ۽ ميٽينگون ٿيڻ لڳيون آهن. مجلسون ڪوٺجڻ لڳيون آهن. حالانڪ ويچاري جڳديش جو به ڪهڙو ڏوهه؟ هن کي ته مڏ چٻاڙڻ لاءِ ڪجھ مليو آهي. اهو به کسجي ويندس ته؟ اهو ڊپ نه هجيس ته حيرت نه آهي. پر ٿوري ڌيرج رکي ها. پر هن کي ويساهه به ڪيئن اچي ها؟ هو ڪٿي پيٽ ڄائو هو جو ..... اڙي پيٽ ڄاوا به ڪٿي مونکي سمجھي سگھيا آهن؟ '
    ڪنچن با جو من ڀرجي آيو. آڪاش وارا بادل به ڄڻ هن جي ڇاتيءَ تي چڙهي آيا هئا. ڇاتيءَ تي بار جو دٻاءُ وڌندو پئي ويو. ساهه گُھٽجڻ لڳو هو. ڪنچن با کي ٿيو اهو بار گَھٽجندو نه ته؟ هوءَ هٻڪي ويئي! ' نه مرڻ جو ڊپ ڪونه اٿم. پر ههڙيءَ ريت مرڻو ناهي. پاڻ ته ڇٽي ويندي پر پٺيان سڄو ڳوٺ لهرين چڙهندو. پاڙيسرين، رشتيدارن ۽ پنهنجن سميت سنتان به انهي ڪن ۾ ڦاسي پوندا. نه جيئري رهيس تيستائين ڪنهن کي آڏو ڪونه آيس ته مري ڇو اچجي؟ مونکي هتان هلي وڃڻ گھرجي. ڳوٺ وارا ڇا سوچيندا؟ اهو ٽن ڏينهن کان سوچي رهيا آهن اهو ئي. مون ڪٿي ڪجھ چيو آهي. ماڻهو الڳ الڳ اندازا لڳائي رهيا آهن. مان هلي وينديس پوءِ ته سندن هنيان هلڪا ٿي ويندا. ويچارو جڳديش آرام سان جي سگھندو. منهنجي وڃڻ کان پوءِ هفتو ٻه هفتا ماڻهو شڪ شبهو ڪندا رهندا اتي ڪو نئون موضوع ملي ويندن ۽ ڀلجي ويندا. ماڻهن کي ايڏو ياد به ڪٿي رهندو آهي. '
    هن ڀيري وڄ جو ڪڙڪو وسندڙ مينهن ۾ ٿيو. آڪاس سان گڏوگڏ ڪنچن با جو بار ڳرڻ لڳو. هن اونهون ساهه کنيو. سرد ٿيل هٿن پيرن ۾ گرمي اچڻ لڳي. هن ساڙهيءَ جي پلوءَ سان پگھر اگھيو. گھڙيال ۾ چئين لڳي جا ٽڪورا لڳا.
    ڪنچن با اٿي. ٿيلهيءَ مان ڪپڙا ۽ ٽوال ڪڍيو. مندر جي ڇاپري مان برسات جو پاڻي وهي رهيو هو. ساڙهي پائي سنان ڪيو. سنان ڪري ڪپڙا پائي ماتاجيءَ جي مڙهيءَ سامهو بيهي رهي. هلڪي روشنيءَ ۾ ماتاجيءَ جي مورتيءَ کي ڏسندي رهي. ڌيري ڌيري هن ڏٺو ته مورتي ڪنهن تيج پُنج ۾ تبديل ٿي رهي هئي. کن پل لاءِ سندس اکيون چرخ ٿي پورجي ويون. بند اکين ۾ گهري اندهه لهي آئي. هوريا هوريان تمام لهرون سانت ٿي رهيون هيون.آرتيءَ جي آخرين گھنڊ وڄڻ کان بعد واري سانت اندر ٻاهر ڦهلجي رهي هئي. هوءَ پنهنجي اندر جو آواز ٻڌندي رهي.
    “ ماءُ مان ته آئي هيس تنهنجي درشن لاءِ. تون منهنجي لاءِ پاڙن کي آڌار ڏيڻ واري ڀون آهين. منهنجي وَل سنجيوني ٻوٽي آهين. اڄ وري هڪ ڀيرو مونکي نئين سر سفرجي شروعات ڪرڻي آهي. منزل تي پهچي ويئي آهيان اهو منهنجو برهم هيو. مان ته تو وٽان جيئڻ جي شڪتي پنڻ آئي هئس. ڪو رستو نه سُجھي رهيو هو پرڪاش وٺڻ آئي هئس. پر جڳديس سمجھي ويٺو ته مان هن جو حق کسي وٺنديس. جتي حق هيو اهو به ڇڏي ڏنم اتي .... من ۾ ٿيم هڪ وار جساپر وينديس. هتي جي مٽي ئي منهنجي وکريل ممتا کي ٽڪائي رکڻ جي طاقت ڏيندي. هنن ٽن ڏينهن جي انشٺان درميان مون گذريل پنجاهه ورهيه وري هڪ ڀيرو جي ورتا. اهي يادون اڳي ڪڏهن ڪڏهن منهنجي من کي نچوئي ڇڏينديون هيون، چوسي وٺنديون هيون. مان انهن سان اک نه ملائي سگھندي هئس، پر هاڻي اهي يادون منهنجون هم سفر ٿي ويون آهن. منهنجو سڄو بار هلڪو ٿي ويو آهي. هڪ نرمل فرحت محسوس ڪري رهي آهيان. هاڻي منهنجي من ۾ ڪو به سٺو يا برو ڀاو ڪونهي. ڪا وڻند اڻوڻند ڪونهي. هاڻي مان جيڪا به ڏِس وٺنديس اها منهنجي لاءِ صحيح هوندي. هرڪو ماڻهو پنهنجي متي، شڪتي ۽ نيتي مطابق ڪٿي ڪٿي ڀُل ڪندو آهي ڪٿي ڀَو سڌاريندو آهي. انسان آهي انهيءَ ڪري ڀل ڪندو آهي. نه ته ڀڳوان نه ٿي وڃي ها!'
    بتي ٻاري ڪنچن با سامان ٻڌڻ شروع ڪيو. سامان به ڇا هو؟ ٻه جوڙون ڪپڙا ۽ هڪ پتل جو پيالو. هن ڪمري جي ڪنڊ ۾ اونڌو پيل پيالو ورتو ۽ ٿيلهيءَ ۾ وجھي رهي هئي، پر هڪ پل لاءِ رڪجي ويئي. هٿ ۾ پڪڙيل خالي پيالي کي تڪيندي رهي. ڪجھ دير بعد پيالو ٿيلهيءَ ۾ وجھي ڇڏيائين. پنج لڳي رهيا هئا. ٿيلهي کڻي ڪنچن با اڀي ٿي. برسات بلڪل بند ڪونه ٿي هئي. هلڪي بوند وسي رهي هئي.هن ڪمري جي لائيٽ بند ڪئي، در بند ڪيو. ڏاڪڻ لهي ستي ماتا جي اسٿانڪ وٽ وڃي هٿ جوڙيا. هڪ نظر اردگرد گھمائي. باک جي جھيڻي سوجھري ۾ نم جو وڻ، اوٽو، ماتاجيءَ جو ڪمرو، ستي ماتا جو اسٿانڪ ۽ هوا ۾ ڦرڪندڙ مندر جي ڦڙڪي. ڪنچن با مندر جي پويان ويئي. هٿ سان ڦولهي ڪريڻ جو رتو گل پٽي اکين تان گھمائي مٿي تان به گھمايو ۽ پوءِ بلائوز جي کيسي ۾ وجھي ڇڏيو.
    گيٽ بند ڪري هن وري هڪ ڀيرو شڪتي ماتا جي ڪمري تي نظر وڌي ۽ بس اسٽئنڊ طرف هلي نڪتي. ٺاڪر صاحب جي بند حويليءَ ۾ هلڪي هلچل محسوس ٿي رهي هئي. من ئي من ۾ ڀلاڀائي ۽ هري پريا کي ياد ڪري اڳتي نظر ڊوڙائي. سامهون بازار، چونڪ، چبوترو، سڃا پيا هئا. ٺاڪر مندر ۾ منگلا آرتيءَ جون تياريون ٿي رهيون هونديون. هن سوچيو. جھامپلدي جي اوٽي تي کن پل لاءِ وهڻ جو من ٿيس پر هوءَ ترسي ڪونه. بس ۾ اڃا دير هئي. خالي نظر سان سيم، رستا ۽ آڪاس کي ڏسندي هوءَ روڊ تي ويهي رهي.
    ٿوري دير کان پوءِ ڪنهن واهن جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪا موٽر سائيڪل لڳي رهي هئي. ڪنچن با مٿي تان اوڍيل ٿورو وڌيڪ اوڍيو. هڪ ٽيمپو اچي بيٺو، ٽيمپو وارو ڪو نئون ڇوڪرو هيو. هن پڇيو:
    “ ڪٿي وڃڻو آهي؟”
    “ تون ڪيڏاهن ٿو وڃي؟”
    “ ڪانپ مان مال وٺڻ.”
    ڪانپ مان؟ وڌيڪ ويچارڻ بنا “هلو” چوندي ڪنچن با ٽيمپو ۾ ويهي رهي. خالي بس اسٽئنڊ، خالي رستا، ۽ خالي سيم ۾ ٽيمپو جو آواز گونجندو رهيو.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 466
    ڪتابن جو مشاهدو: 393385
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 159178
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ