ڪتاب جو نالو: برساتن لئه ڪهڙا بارڊر
مصنف: پيارو شواڻي
ڇپائيندڙ: اُتساھ پبليڪيشن ، مٺي، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 22 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1082 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 443 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر“ خوبصورت شاعر پياري شيواڻي جي شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ شامل آهن،
ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. پر پيارو مٺيءَ کي ڇڏي سرحد پار هند هليو ويو، پر بارڊر به سندس محبت ۾ ڪمي آڻي نه سگهيا.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران :
  • ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!
  • سنڌ توکي ڪيئن لڳي!
  • ڪهڙادنگ دلين جا
  • ڳوٺ ياد ايندو
  • پياري شِواڻيءَ جي خُوبصُورتِ پورٽريٽ جا قَدَرَ شَناس پهلُو
  • زمينون ، زمانا ، ڪٿي راس ايندا
  • پيارو شواڻي دردن جو ڪيسو ٻاءِ
  • کوهنڀي جي ڦلڙين جهڙو شاعر
  • خوابن جو تعزيتي نوٽبُڪ
  • فطرت جو عاشق شاعر پيارو شواڻي
  • پيرن جيان پوڄڻ جهڙو پيارو ماڻهو
  • غزل

  • دلبر ڌارا، ديوالي
  • زمينون ، زمانا، ڪٿي راس ايندا ؟.
  • نديءَ تي نينگريون وهنجي، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا،
  • ڀڳل چوڙيون، سريل بستر، ٻُڌائن تــه گهڻو ڪجه ٿا،
  • روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
  • چوٽ توکي لڳَي ، درد مونکي ٿِيئي،
  • تو سان شروع ٿي، تو تي ختم ٿي
  • توکي ڪيڏو ، هوءَ ٿي چاهي ؟
  • ٽليا پئي ڪي ٽولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي،
  • نظم ۽ گيت

  • ڍاٽڪي گيت
  • ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون
  • ڪارونجهر جي ڪور تي ڪُٺل چتراسر جي نيل گاءِ جو نوحو
  • ڍاٽڪي نطم
  • دل چوي ٿي هاڻ يارا،
  • بچپن کئ کيا باتين کهون ؟
  • ٿر جو ايڌي
  • جوڌاڻي کان امراڻي ڏي
  • ڍاٽڪي نظم
  • صادق فقير کي ڀيٽا
  • صادق فقير جو وڇوڙو
  • مرتي تو بس مان هي هه
  • هڪڙي پاسي من رهي ٿو
  • بيت

  • موڻابائو
  • رڪشا بنڌن ( رکڙي پونم )
  • سنڌي
  • ڏکين اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي :
  • اُتساهه پبليڪيشن مٺي جا ڇپايل ڪتاب

  • ترتيب

    ارپنا

    سائين
    پريم شواڻي
    ۽
    صادق فقير
    جي نانءُ


    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (268) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر“ خوبصورت شاعر پياري شيواڻي جي شاعريءَ جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ شامل آهن، .

    ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. پر پيارو مٺيءَ کي ڇڏي سرحد پار هند هليو ويو، پر بارڊر به سندس محبت ۾ ڪمي آڻي نه سگهيا.

    هي ڪتاب اتساهه پبليڪيشن، مٺي پاران 2016ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا محترم پياري شيواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!

    ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!


    مرڪندڙ چهرو، ڊاٽڪي لطيفا، ٽهڪ، مستي، مذاق، خوبصورت شاعري، بهترين اسٽيج سيڪريٽري ۽ ٻيون کوڙ ساريون شيون هن جون سڃاڻپ آهن، پر اندر ۾ ڪارونجهر جيڏو درد رکندڙ، مالهورويڻه جي مٽيءَ جو هي مٺڙو ماڻهو پنهنجا سمورا درد لڪائي هميشه مرڪ چپن تي سجائي ٽهڪن جا پوپٽ اڏائيندو رهي ٿو. پر جڏهن درد برداشت کان ٻاهر ٿي وڃن ٿا ته هيءَ شاعري جي ديس ۾ پناهه وٺي ٿو ۽ دردن کي لفظن ۾ پروئي ٿو ڇڏي. شاعري ۾ به هي بناوٽي اصولن، چهڪندڙ تشبيهن، ٺلهي لفاظي بجاءِ پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اتان جي ماڻهن جي ڳالهه بنهه سادي ۽ سولي انداز ۾ ڪئي آهي.

    پياري شواڻي جي شاعري ڪيتري سگهاري آهي، تنهن کي ڪنهن سَند جي ضرورت ڪونهي ڪو، پرهن جي سرجيل هڪ هڪ سٽ ۾ ڌرتيءَ سان جڙاءَ ۽ مٽيءَ جي سنڳنڌ اچي ٿي. پنهنجي احساس، درد ۽ اڌمن کي انتهائي جٽادار انداز ۾ بنهه سادي ٻولي ۾ بيان ڪيو آهي، ته جيئن سندس لفظن کي ٻوليءَ جا چوٽيءَ جا پارکو توڙي بنهه سادي مزاج جا ڳوٺاڻا ماڻهو پڻ سٺي نموني سمجهي سگهن. پيارا، تون ڪيڏو وڏو شاعر آهين، اهو پاڻ ڇڏيون ٿا ادب جي نقادن تي، اهي ويهي تنهنجي شاعري جو قد ڪاٺ ماپين، پر اسان کي تنهنجي شاعري نج محبت ۽ حجت جو ميلاپ لڳي ٿي، تنهنجي هڪڙي هڪڙي سٽ ۽ لفظ لفظ مان پيار جي جهلڪ محسوس ٿئي ٿي، جنهن مان ڪابه دنياوي ملاوٽ ناهي، نج نڪور محبت جو آئينو آهي، جنهن ۾ بس پيار ئي پسجي سگهجي ٿو

    توڙي جو تنهنجي جواني جون سموريون، رونقون ۽ مرڪون شهر جي ماحول ۾ سرجيون هيون پر تون شهري دوستن جي جهڳٽي ۾ هوندي پڻ پنهنجي ڳوٺ ۽ اتي جي ماحول کي وساري نه سگهيو هئين، جو جڏهن به توکي شهر جي دونهاٽيل ماحول ۾ اڪيلائي محسوس ٿيندي هئي، ته توکي ڳوٺاڻو ماحول، چونئنري مان نڪتل چنڊ ۽ اتان جون چلولايون ياد پونديون هيون تڏهن ئي ته انهي کي ياد ڪندي انتهائي خوبصورت نظم ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ سرجي ڇڏيو.
    هر پل ٿو هت ساھ مُنجهي،
    هن شهر جا، سارا رنگ ڇڏي،
    ڪنهن چؤنري مٿان چنڊ ڏسان
    دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.
    دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.

    جتي تو پنهنجي درد، پيار ۽ پيڙاهه کي شاعري جي ڪينواس تي چٽيو آهي، اتي تو مٺيءَ جي انسان دوست ڪردار مامي وشن ٿري کي به نه وساريو آهي، سندس ذڪر ڪندي تو واندي لفاظي کي پنهنجي شاعري ۾ سرجڻ جي بجاءِ بنهي سادن ۽ سهڻن لفظن ۾ سندس ڪردار ۽ ڪم کي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪو تو تي فرض به هو.
    تو ۾ رتُ رهيو ئي ناهي !
    پوءِ ڀي رتُ ڪرين تو ڀيڙو ؟ ،
    ماما ! ڇا ته مسيحا آهين ،
    ڪيڏو ستُ ڪرين ٿو ڀيڙو.
    .
    پيارا، مون کي الائي ڇو امداد حسيني جون اهي سٽون ڏاڍيون وڻنديون آهن:

    ڪڏهن رات آهي، ڪڏهن ڏينهن آهي،
    هميشه جو آهي، اهو نينهن آهي.

    ۽ انهي سٽن جو عڪس مون تو ۾ ڀانيو آهي، مون تو ۾ سدائين نينهن اڇل محسوس ڪئي آهي، جو تون جهڙو ٻاهر پيارو آهين اهڙو ئي اندر جو اجرو محسوس ٿيندو آهي، تڏهن ئي ته اڄ تنهنجي پرديس اسري وڃڻ باوجود به سموري سنگت تنهنجي انهي آڇيل محبت ۽ نينهن کي وساري نه سگهي آهي، جڏهن به جتي به ڪا تقريب منعقد ٿئي ته تنهنجو ذڪر ضرور ٿئي ٿو.

    اُتساهه پبليڪيشن ٿر سان تعلق رکندڙ اديبن ۽ شاعرن کي مان ڏيڻ لاءِ ڪجهه سالن کان سندن ڏات کي ڪتابي شڪل ۾ منظر تي آڻيندي رهي آهي، هن کان اڳ ۾ سائين شنڪر ساگر ، سائين نور احمد جنجھي ، ڀارو مل امراڻي ۽ ٻين جي فن ۽ فڪر تي ڪتاب آندا آهن. پيارو شواڻي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي، جنهن جا اڳ ۾ شاعريءَ جا ٻه ڪتاب دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ۽ ٻاٻيهو ٻولي ڇپيل آهن. هي پياري شواڻي جي شاعري جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي، ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري شامل آهي ۽ سندس فن ۽ فڪر تي ڏات ڌڻين جون لکڻيون پڻ هن ڪتاب ۾ شامل آهن، جيڪو توهان دوستن تائين پهچائي رهيا آهيون، اميد ته توهان کي پسند ايندو.
    دليپ دوشي لوهاڻو
    اُتساهه پبليڪيشن، مٺي
    ٿرپارڪر، سنڌ


    سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

    سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

    پياري شواڻي جي شاعري ، ٻن ديسن وچ ۾ موجود سرحدي خاردار تارن تي، ڪنهن جهنگلي ول وانگر چڙهي آئي آهي. هن ول ۾ سُهڻا گُل ڦٽي پيا آهن. ۽ انهن گلن تي پوپٽ ۽ ڀؤنرا خوابن ۽ خواهشن وانگر ڀيرا ڏئي رهيا آهن. وقت جي ويرَ واريءَ وانگر مٺ مان هوريان هوريان کسڪي رهي آهي. اها خاردار تارن واري ڀت ڏينهون ڏينهن اونچي ٿي رهي آهي. خوابن ۽ خواهشن جا پوپٽ ۽ ڀئونرا ان خاردار ڀت سان مٿو هڻي، موٽي ٿا وڃن. پر پياري جي شاعري پنهنجي معصوميت ۽ سجلتا سان، ٻارڙن جي هٿڙن جهڙن نرم ملائم لفظن سان، انهن خاردار تارن کي ڍڪڻ ۾ مصروف آهي. ڇوته هيءَ شاعري ان اونچي ديوار کي ڊاهي نٿي سگهي، فقط ڍڪڻ جي ڪوشش ئي ڪري سگهي ٿي. جيتوڻيڪ ننڍي کنڊ جي رت گاڏئين تاريخ، انهن لوهي ديوارن جي پٺيان لڪل وحشي ۽ ڀيانڪ نيتن ۽ ارادن بابت جيڪا آگاهي ڏئي ٿي، ان مطابق پياري جي معصوم شاعريءَ جي اها ول انهن خاردار تارن مٿان هوريان هوريان سڪي، ٺوٺ ٿي، ڇڻي وڃڻي آهي- بي معنيٰ ڪک پن وانگر پَٽجي، اُڇلجي ويندي. انتها پسندي دهشتگردي ۽ مذهبي جنونيت انهن تارن کي تهائين طاقتور بڻائيندي رهندي. پر شاعرن کي به ته پنهنجو ڪم جاري رکڻو آهي. پنهنجي هجڻ جو جواز قائم رکڻو آهي. اوندهه وڌندي رهندي، ته ڇا ٽانڊاڻا ٽِم ٽِم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا؟

    پياري جڏهن پنهنجي پهرئين ڪتاب “دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان” جو ڄاڻايل نالو رکيو هو، تڏهن مون کي سمجهه ۾ نه آيو هو، ته مٺيءَ کان مالڻهور وڃڻ ۾ هن کي ڪهڙي رُڪاوٽ آهي؟ ۽ کيس ڪنهن روڪيو آهي؟ تيستائين شايد هُن پاڻ به نه سوچيو هجي ته هڪ ڏينهن مالڻهور جي هن شهزادي کي، اُن نگر جون بي نام ڳليون پنهنجي ڇِڪ سان ڇڪي وٺنديون، جتان جي رهواسڻ پنهنجي ڏاڏيءَ لاءِ- حسن درس لکيو هو:
    جوڌپور تنهنجو وطن،
    سنڌ توکي ڪيئن لڳي!

    گذريل ڪجهه عرصي دوران، خاردار تار جي هڪ هڪ تار پياري کي روح تائين چُڀندي رهي آهي، جڏهن هُو پهرين اسان سڀني جي محبوب صادق فقير جي وڇوڙي ۽ بعد ۾ پنهنجي والد سائين پريم جي موڪلائڻ واري مهل به مٺي پهچي نه سگهيو. تڏهن مون کي سمجهه ۾ آيو ته هن پنهنجي پهرئين ڪتاب جو اهڙو حسرت آميز نالو ڇو رکيو هو. شايد هن کي پنهنجي ڇهين حواس ايندڙ وقتن ۾ هن جي اندر سان پيش ايندڙ وارتائن جو ادراڪ عطا ڪري ڇڏيو هو. هاڻ جڏهن سنڌ ۽ راجستان تي هڪ ئي وقت بارشون وٺيون آهن، ٻنهي پاسي جا مور ٽهوڪيا آهن، ٻنهي پاسي سائي گاهه جا سلا واريءَ جي دل چيري ٻاهر نڪري آيا آهن، تڏهن ٻيهر هن کي مالڻهور ۽ مٺي اُڊڪي وانگر اُڀري آيا آهن، ۽ وطن جي پڊن ۽ پوٺن، ڏهرن ۽ ڏيئن تائين، سندس بي پهچي، کيس برساتن جي سرحدن کان ماورا هجڻ واري خوش بختيءَ سان رشڪ کائڻ تي مجبور ڪيو آهي.

    ڀڳل چوڙيون ، سريل بستر ، ٻُڌائن تــه گهڻو ڪجهه ٿا،
    سڄو سمجهون پيا پر هُو ، لڪائن تــ گهڻو ڪجهه ٿا.

    ***
    چوٽ توکي لڳَي، درد مونکي ٿِيئي ،
    جيئن مان ٿو جيئان، ايئن ڀي ڪو جيئي !.

    ***
    ننگرپارڪر جي گول پٿرن وارن پهاڙن مان ور وڪڙ کائي نڪرندڙ نانگڻ نيُون، گوڙي مندر جي ڇت هيٺان نقش ٿيل تصويري ڪٿائون، روهيڙي جا رتاوان ڦول ۽ گڊي ڀٽ تان مٺيءَ تي پوندڙ جهرمر نگاهه جي ياد ڪنهن ٻار وانگر هن جي دل ۾ حسرتن جون ڀنڀوريون اُڏارڻ لڳي آهي، هن جي هن نئين ڪتاب ۾ اڪثريتي شاعري هن جي نون ۽ داخلي دردن جو مظهر ٿي محسوس ٿئي، جن جو وڏو ڪارڻ وطن کان دوريءَ جي نتيجي ۾ اندر کي کاٽ هڻندڙ ڳوڙهي پيڙا آهي.

    ۽ ڪهاڻي رڳو ايتري به ته ناهي- مٺي، مور جي پَر جهڙو هڪ شهر، مورَ جي رڙ جهڙو شهر به ته بڻجي ويو. مٺي جنهن جي گهٽي گهٽي پياري جي چرچن، خليل جي کجڪن، صادق جي ٽهڪن، فقير مقيم ڪنڀار جي شفيق نهارُن ۽ پريم شواڻيءَ جي بيتن ۾ موجود ٿر جي لازوال محبت سان سينگاريل هُئي، تنهن جي سموري سُونهن ڇانگجندي رهي-وڍجندي رهي، گُگر جي وڻن وانگر- ٿر جو هيءُ نِکٽ جهڙو شهر، هڪ هڪ ٿي گم ٿيل ستاري جي غم ۾، اوندهه اوڙهيندو رهيو. هڪ سرائڪي شاعر جو شعر آهي:

    تيڪون آکِيا هَم، مُٺ رَيت دي هان،
    مُٺ کول ڇوڙيئي، مَيڪون رول ڇوڙيئي!

    مٺي ايئن پنهنجي مُٺ مان واريءَ وانگر پنهنجي دلڪشيءَ جو ڪارڻ هستين کي وڃائيندو رهيو، ۽ ان جي سونهن ۽ سوڀيا، ڪشش ۽ ڇڪ، رنگيني ۽ رواني رلندي ۽ ڇڻندي رهي. هاڻ هيءُ هڪ شهر ته آهي، پر اهڙو، جنهن تي رات لهي آئي آهي، ۽ بجلي هلي وئي آهي. هڪ نئن آهي، جنهن ۾ پاڻي گهٽ، لَيون ۽ لاڻا وڌيڪ آهن. ادب، آرٽ، موسيقي، شاعري، ٻاٻيهي جون صدائون- سڀ ڪجهه ڌنڌلائجڻ لڳو آهي. ادب کان وٺي صحافت تائين، سطحيت، سياست ۽ فيس بڪ جو ٽه-مُنهون اٺ هر چڱي روايت کي چَري رهيو آهي.

    پياري جي ته ڪهاڻي ئي الڳ آهي. وٽس هڪ وڻندڙ ڪائنات هئي. دوستن جي دلفريب ٽولي، سڃاڻپ جا سهڻا حوالا ۽ وقت جي ڪميت جي واڳ هٿن ۾ هيس. پر الائي ڇو، هن کي 1947 کي ورجائڻ جو آٽو سُجهي آيو. هن جلاوطن ٿيل اديبن جون آتم ڪٿائون به پڙهيون هيون، ۽ ان ۾ موجود هنن جي لڇ پڇ ۽ بي چينيءَ کي به ڀوڳيو هو. کيس مڪمل ادراڪ هو ته وطن کان وڇڙي ماڻهو نالو ۽ ناڻو ته ڪمائي سگهي ٿو، سک پائي نٿو سگهي. منهنجي پهرئين ڪتاب “صدا بي چين آهي” جو هڪ شعر آهي:

    پئسا ماڻي، پيار وڃائي، موٽي آيا آهيون،
    ڏس ته اسان پرديس ڪمائي، موٽي آيا آهيون!

    پياري جي نئين شاعري، جنهن لاءِ هن “برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر” جهڙي اثرائتي استعاري جو انتخاب ڪيو آهي، هن جي چپن جي مرڪ هن جي شاعريءَ جي اکين جون پنبڻيون پُسائيندي نظر پئي اچي. روئبو رڳو اکين سان ته ناهي. سڏڪو رڳو نڙيءَ مان ته نه نڪرندو آهي. تڙپ رڳو جسم جي لڇ پڇ ته نه ٻڌائيندي آهي. ان کي جاچڻ ۽ پرکڻ جا ٻيا به کوڙ نشان ۽ علامتون آهن. مون کي هيءَ شاعري لڏپلاڻ جي درد ڪهاڻيءَ جو ڀڄائيندڙ سفرنامو ٿي محسوس ٿئي. اها لڏپلاڻ جيڪا هن پيرن سان ته ڪئي، دل سان ڪري نه سگهيو. خيال سان ته ڪئي، احساس سان ڪري نه سگهيو. هاڻ اها لڏپلاڻ هن کي ماءُ جي ڀاڪر وانگر چنبڙي پئي آهي. ٻير جي ڊنگهري وانگر وچڙي وئي آهي. هاڻ هو ڇڏائي ڇڏائي ٿڪجي پيو آهي، پر ڪپڙا ٿو ڇڏائي ته بدن نٿو ڇڏائي سگهي، بدن ٿو ڇڏائي ته دل نٿو ڇڏائي سگهي. اها ئي هن جي ڳجهي ڪهاڻي آهي، جيڪا مون هن جي سٽن جي اندروني آهنگ ۾ لڪل مام مان پروڙي ۽ پرکي آهي.

    جتي ڀي مران ۽، جڏهن ڀي مران پر،
    وري جي ڄمان ته ، سنڌ ۾ جنم ٿئي.
    ***
    الئه ديس ڌارا ، وڃي ڇو تون ويٺين؟
    روئان ٿو مان تولا، گڍيءَ جي ته گڍ تي.

    جيتوڻيڪ هن ڪتاب ۾ ڪلام ٿورو آهي، ۽ ڪنهن به شعري مجموعي جو ايترومختصر هجڻ مناسب روايت نه آهي، تڏهن به هن ڪتاب ۾ ڪي اهڙا شعر به آهن، جيڪي پياري جي شاعرانه ميچوئرٽي جي گواهي ڏين ٿا. هن کي اهڙن شعرن طرف ئي توجهه ڏيڻ کپي، ۽ گهٽ ۾ گهٽ هاڻ کيس پنهنجي شاعرانه ڪچاين جو ادراڪ حاصل ڪري، انهن مان جان ڇڏائڻ لاءِ به سنجيدگيءَ سان سوچڻ کپي.

    هن جي هٿ ۾ روز هجڻ لاءِ
    ڌاڳو ڌاڳو ٿو واجهائي

    هنداڻي کي ، هُرمچ وانگي،
    عشق انوکو ، ٿو چِترائي
    ..
    ڀتوارڻ لاءِ نيڻ صبوح کان
    هاري ڊاڳي ۾ ڊوڙائي!
    .
    هوءَ هجي شل، روهيڙي جان ،
    ڏُڪارن ۾ ، نـــه مُرجهائي ،


    راسوڙي جي، رقص سان ڪولهي،
    ڪارونجهر جو ڪر گونجائي.

    ***
    دلبر ڌارا ، ديوالي،
    ڪپڙا ڪارا ، ديوالي!

    ***
    نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
    ندي پئي هيکلي روئي ، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا ،
    ***
    زمينون ، زمانا ، ڪٿي راس ايندا ؟ .
    اسين هئون ديوانا ، ڪٿي راس ايندا ؟.
    ***
    روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
    بيٺي آ هُو ، ڄڻ ٻنيءَ ۾
    ***
    برساتن لئه ڪهڙا بارڊر ،
    وسڪاري لئي ڪهڙي ويزا !
    ***
    مُڙي موڻابائو تان ، ڏٺم ديس دڙا ،
    منهنجي لاءِ مڙها، ماڙين کان مٿي هُئا .
    ***
    مُڙي موڻابائو تان ، کنيم ٿڌو ساه ،
    وطن تي ويساه ، ماڻهوئان مٿي لڳو.

    بهرحال پياري جي شاعري فني طور اڃان ڪمزورين جو شڪار آهي، ۽ کيس پُختو شاعر ٿيڻو آهي ته انهن ڪمزورين مان پاڻ آجو ڪرائڻو پوندس.

    منهنجي خيال ۾ هن ڪتاب ۾ شاعري ڪنهن به هڪ ٻوليءَ ۾ هجڻ کپندي هئي. ٽن ٻولين جي شاعري ٽنهي ٻولين جي شاعريءَ جو مڪمل لطف ماڻڻ جي ڏس ۾، مون لاءِ ته رنڊڪ جو سبب بڻجي رهي آهي.

    اسحاق سميجو
    ڄام شورو


    ڪهڙادنگ دلين جا

    ڪهڙادنگ دلين جا

    تواريخ جي تاريڪ راهن خدا جي خلق کي جيترو لوڙايو آهي ، ڀوڳايو آهي،تنهنجي ڪٿ ڪوئي ڪري نه سگهيو آهي ڇاڪاڻ جو درد کي ماپي نه سگهبو آهي ، سُور جي پُور کي ڪٿَي نه سگهبو آهي، اها پيڙا لکين انسانن جي گڏيل پُونجي آهي جنهن جون شاهد صديون هونديون آهن يا وري ڌرتيءَ جو سينو ۽ اُڀ جي وسعت انهي صدمي ۽ سُور جي شاهد هوندي آهي. مورخ به جيڪا تاريخ لکن ٿا اها به گهڻو ڪري واقعن ۽ وقوعن جو اهڙو احوال هوندي آهي جيڪو گهڻو ڪري هڪ طبقي جي ترجماني ڪندو آهي. رڪ وهندي راند ۾ کلون ڪندڙ کڙڳن جي تاريخ تي ته قلم گهڻوئي هليو آهي پر دلين جي ڌڙڪڻ جي زيروبم جي ڪٿا ادب ئي ڪري سگهيو آهي.تواريخ جو دامن انهي پالوٽ کان پالهو آهي. ادب ۾ وري شاعري ادب جي پيشانيءَ جو اهڙو موڀي مو ڙ آهي ، جنهن کي پنهنجي سونهن آهي. جنهن کي پنهنجي جامعيت آهي. جنهن ۾ الکي اليک آهي. شاعري شايد انسان جي ٻولپڻي (ناطقيت) سان گڏ ڄائي آهي تنهنڪري انسان جو درد ۽ شاعري هڪٻئي جا مجيجي آهن، شاعريءَ ۾ انساني سفر جا اهڙا جگري احوال آهن جيڪي ٻئي ڪنهن به علم ۾ ناهن. تڏهن ته سائين جلال الدين رومي جهڙو يگانو شاعر، شاعريءَ بابت هيئن چئي ويٺو؛
    شاعري جزواست ازپيغمبري، جاهلانش ڪفرداندازخري
    انساني رويئي ۽ محسوسات بابت شاعري جيڪو ڪجهه بيان ڪري ٿي اهو ادب جي ٻي ڪنهن صنف ۾ ممڪن ناهي. سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ سمورا گهاڙيٽا آزمايا ويا آهن پر اڄ به بيت وائي ، ڪافي جي عوامي مقبوليت کي ٻي ڪا به صنف پهچي نه سگهي آهي. رڳو نظم اهڙو فارم آهي جيڪو سنڌي شاعري ۾ عوامي مقبوليت ۾ ڪافي اڳتي آهي.
    شاعري ۽ درد جاڙا ۽ سڳا آهن . درد ملندو آهي ته شاعري جي ڏات نکري نروار ٿي پوندي آهي. درد هونئن به فن کي جلا بخشي ٿو. پيار، محبت ۽ عشق هڪڙي بلا جا نالا آهن رڳو زهر جي شدت جو فرق آهي. خبر کاڌن کي پوي جهڙي سٽ چئي سونهين ڀٽائي، ڳالهه سنئين ڪري ڇڏي آهي. انهي پن لڳڻ کانپوءِ ته شاعريءَ جا بند ڀڄي ٿا پون ڇاڪاڻ ته سڪ جو سمنڊ اٿلي پوي ٿو. اسان جي پياري شاعر پياري شواڻي به اهڙي اونهي اوهري ۾ ٽُٻي هنئي آهي جو جڏهن به هو ساهي پٽڻ لاءِ سسي مٿي ٿو کڻي ته شاعريءَ جي صورت ۾ دل جي تصوير ڪشيءَ جو تحفو آڇي ٿو. پياري جي انهي ڪلاونت ڪم ۾ جتي پنهنجي حساس طبيعت جو حصو آهي تتي سندس والد صاحب سائين پريم شواڻي جي تربيت به شامل آهي ، ڇاڪاڻ جو سائين پريم ليکڪ ، شاعر۽ صحافي هجڻ جي ناتي سڀني محفلن جو مور هوندو هو پر انهن سڃاڻپن پويان جيڪو سائين پريم لڪل هو اهو پريم عاشق پريم هو جنهن جي عشق جي ريلي پياري کي به عشق ۾ رڱي ڇڏيو ۽ هو به ڀلوڙ شاعر ٿي اُڀريو جنهن سڀ کان پهريان ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ جهڙو من کي مهٽا ڏيندڙ شعري مجموعو ڏنو. ان کانپوءِ هن شيخ اياز جي شاعري جو ڍاٽڪي ٻوليءِ ۾ پهريون دفعو منظوم ترجمو ڪري، ”ٻاٻيهو ٻولي“ جهڙي ڪتاب جي نرالي سوکڙي ڏني. انهن ٻنهي ڪتابن ۾ موجود شاعري جنهن به پڙهي هوندي انهيءَ کي اندازو هوندو ته پيارو ڪيترو نه حساس آهي. وري اهڙو واءُ وريو جو ڳوٺ سان دل رکندڙ نرم دل وارو پيارو شواڻي پنهنجي دل جي چوڻ کي ٻوٽي ، پرانهين پار اڏامي ويو. ڇواڏامي ويو؟ اها شايد کيس ئي خبر هجي يا ڪنهن تاڙي ماري نه اُڏايو هجي؟ ڳالهه جي اها ڳنڍ شايد ئي کُلي. لڙڪ لڪائي ، سدائين ٽهڪ ڏيندڙ محفلن جو مور پياروشواڻي ، ليڪو اڪري هن پار هليو ويو . انهي درد ۽ ميار کي هو به محسوس ڪري ٿو ته سندس گهڻگهرا پڻ. لوڪ منهن موڪ آهي ان تي ميار ناهي.
    لڏپلاڻ انساني ترقيءَ ۾ به وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ته انسان کي جيڪي وڇوڙا ڏنا آهن تنهن جا وڍ وقت جو امرت ڌارا ملم به ايري نه سگهيو آهي. اهي سدا چڪندڙ ناسور وانگر سموريءَ پرٿويءَ تي هرکنڊ ۾ نظر ايندا. لڏپلاڻ ادب کي به پنهنجي تلخ تخليقن سان مالامال ڪيو آهي جنهن جا ٻه وڏا مثال ڪرشن چندر جو ناولٽ ”غدار“ ۽ سعادت حسن منٽوءَ جو افسانو ”ٽوبه ٽيڪ سنگهه “ مشهور آهن. درد جي اهڙيءَ پالوٽ پياري شواڻيءَ کي به چُپ رهڻ نه ڏنو ۽ گرنار جو موريو ، ڪهڪاءَ ڀري ڪوڪ ڪري ويٺو جيڪا توهان جي هٿن ۾ ”برساتن لئه ڪهڙا بارڊر“ جي صورت ۾ آهي. نالي مان ئي ظاهر آهي ته شاعر وڇوڙي جي انهي درد کي برساتن ۾ محسوس ڪندي، اظهاري ٿو ته برسات کي ڪوئي بارڊر ناهي. برساتن وانگر دلين جا دنگ به نه ٿيندا آهن. روح جو ريلو اوهيرن جي اوت وانگر ڪنهن ويزا جي ٺپي جو محتاج ناهي. هن مجموعي ۾ سنڌي، ڍاٽڪي ۽ اردوءَ ۾ شاعري آهي جيڪا نه رڳو شاعر جي دل جو آواز آهي پر هر درد منديءَ دل جي واڻي آهي. پياري جي شاعري جي موضوعن ۾ غربت، محبت، دنياوي پابنديون، انياءُ مکيه موضوع آهن جن جي چوڌاري سندس شاعري گهمي ٿي. هتي اسين سندس شاعريءَ جي فٽ پٽيءَ سان ماپ نٿا ڪريون پر سندس خيال جي ڌارا جي ڳڻ ڳوت ڪنداسين ته اهو ڪهڙن گلن جا واس وٺي ڇا ڇا آڇيندو رهيو آهي. هن ڪتاب جي سموري شاعري پڙهڻ يا ٻُڌڻ وٽان آهي پر خاص ڪري اهي نظم جيڪي دلين ورهائجڻ ۽ ٻاراتڻ جي يادن جي خيال جي مالها آهن تن ۾ رس چس سرس ۽ سوايو آهي. محبت سان گڏوگڏ غربت ۽ ٻالجتيءَ جي ڳالهه به سندس شاعري ۾ آهي. ديوالي خوشي جو ڏڻ آهي جيڪو اُپت لهڻ واريءَ مند ۾ اچي ٿوپر غريب ماڻهو ڏڪار ۽ ڏک حاليءَ ۾ ڪهڙي ديوالي ملهائيندا . هو انهن ٽنهي خيالن کي هڪ غزل ۾ هن ريت سمائي ٿو؛
    دلبر ڌارا ، ديوالي
    ڪپڙا ڪارا ، ديوالي
    ٻاروتڻ ٿو ياد اچي ،
    ڏ ٻليون تارا ، ديوالي
    مسڪينيءَ ۾ ڪيئن ڪندا؟
    سانگي سارا ، ديوالي

    پياري جي شاعريءُ ۾ سندس محبوب دوست صادق فقيرجي وڇوڙي جو ذڪر به آهي. سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻنهي ٻولين ۾ هن صادق فقيرکي ڀيٽا پيش ڪئي آهي
    هيينئون هٿان مان جائي تو
    صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟

    پياري جي شاعريءَ ۾ سرريئلزم به آهي. سندس تجربي جي اونهائي کيس انهي وٿ سان نوازي ٿي تڏهن ته هو ههڙو شاهڪار شعر سرجي ٿو
    نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
    ندي پئي هيکلي روئي ، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا ،
    هو ٿر ۾ رهجي ويل سندس ڪُل پُونجيءَ جهڙن پنهنجي دوستن کي به ساري ٿو ته مامي وشني لاءِ به عقيدت جو اظهار ڪري ٿو . سندس ڏات جي اڏام جوڌاڻي کان مالهاڻي تائين اڻ ڳڻين کنوڻين جيان چمڪي ٿي پرسندس مونجهارو کيس ڪٿي به وسڻ نٿو ڏي. پشاورجي اسڪول ۾ معصومن جي مارجڻ تي به سندس خيال تڙپي اٿي ٿو ۽ خوبصورت اردو نظم جي صورت ۾ پنن تي نروار ٿي پوي ٿو. ڪارونجهر جي ڪور ويجهو ڳوٺ چتراسر ۾ ڪي ماريا ماري روجهه مارين ٿا ته به پيارو تڙپي پوي ٿو ۽ نظم لکي ٿو.
    ڪُسن ٿيون روجهڙيون رڻ ۾ ،
    روئي ٿو روز چتراسر ،
    کڄن ٿيون جيئن بندوقون ،
    روئي ٿو تيئن ڪارونجهر

    پياري جي شاعريءَ ۾ وڇوڙو به نمايان نظر اچي ٿو. موڻابا ريلوي اسٽيشن تان بيهي جڏهن هو پٺتي سنڌ ڏانهن ڏسي ٿو ته سندس روح رت جا ريلا هاري ٿو ۽ انهي ڪيفيت ۾ هو جيڪي بيت لکي ٿو سي پڙهندڙ جي بُت ۾ سيسراٽ وجهي ٿا ڇڏين. برساتن جي ڳالهه ڪندي بارڊر جي ڳالهه ڪري ٿو ويزا جي ڪهاڻي به ورجائي ٿو ۽ پوءِ انهن تلخين جي ڪهڪ گهٽائڻ لاءِ هو روايتي حل آڇيندي مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪري ٿو پر دنيا ڏٺو آهي ته جڏهن به ڪا شئي بازار جو واپار ٿيندي آهي ته پوءِ انسانن لاءِ اتياچار ٿي پوندي آهي.مذهب کي به جڏهن کان بازار ٻولي ۽ ڀرتي ڏني آهي ته نه رڳو دنيا ورهائجي ويئي آهي پر دلين جي ورهاڱن جو به ڪارو ڪيس ٿيو آهي.
    پياري جي هن مجموعي ۾ سندس ٻالجتي جي اڪير بابت سنڌي توڙي ڍاٽڪي شاعري سڀني کان زور آهي. شاعري جيترو نج خيال تي ٻڌل هوندي اوترو ئي پُر اثر هوندي. شاعريءَ ۾ ڀرتي هلي وڃي ٿي پر شاعري ڀرتيءَ تي بيهي نه سگهندي. شاعريءَ ۾ خيال جي ڪنوارپ کي سڀ کان وڌيڪ مڃتا ملندي رهي آهي. پياري جا نظم اهڙي نج خيال تي ٻڌل شاهڪار نظم آهن جيڪي دنيا جي انهي قسم جي شاعريءَ کي ڪلهو هڻي سگهن ٿا.
    اونهاڙي ري ويڪيشن ۾ ،لڪ لڪوٽي ، روج رميا تي ،
    آکو پايو ، ميه رو سايو ،گهر گهر ڏاڻا ، ڪين پنيا تي ؟
    ٻاڙوتڻ را ، ڏينهن سنڀاري ، نيڻ مانهانجا، رات ڀِجيا تي

    انهي نظم ۾ بچپن هڪ اسڪرين وانگر با تصوير ٿي اکين اڳيان گذري ٿو. هر ٿري ٻار جو ٻاراتڻ اهي ڏاڪا پار ڪري ٿو. پيرن ۾ پڳ رکي (جُتي ) نه هوندي هئي اڪن جا پُڙا ٻڌي جتي ٺاهبي هئي. سرن جي اٽوڙن ۾ ڏورو ٻڌي لاري ٺاهبي هئي ڇاڪاڻ ته لاري ٿري ماڻهو لاءِ خواب رهي آهي . هاڻي ته ڀانت ڀتيليون لاريون ٿر۾ ڏائڻن وانگر اچي ٽٽيون آهن ، نه ڄاڻ ٿر جو ڇا ٿيندو؟ ڪاڪي پُونجي جي ڪوٽڙيءَ مان چورايل ٻيڙين ۽ ٽوٽن پيئڻ ۾ جيڪو مزو آهي اهو شايد دنيا جي ولايتي ۽ مهانگن سگريٽن ۾ مشڪل هجي. ٻاراتڻ جي اها اڪير اندر ۾ ويٺل ان ٻارکي ٿئي ٿي جيڪو زماني جي سموري گدلاڻ کان پاڪ هجي ٿو. باقي وڏو ته جڏو آهي جنهنجو وک وک تي موه ۽ مڏو آهي جنهن کي هو سدائين پاڻ سان کڻي هلڻ چاهي ٿو.پر اندر جو ويٺل ٻار کيس انهن اصلي وٿن جي اهميت ياد ڏياري ٿو ته هنن رنگن روپن تي موهجي تو پنهنجو پاڻ وڃايو آهي. تڏهن اکر اڳيان اُڀري، واڳو ٿي ورندا آهن ۽ ماڻهو جڳ کان ته ڀڄي ويندو آهي من کان ڪيڏانهن ڀڄندو. اونهاري جي وئڪيشن جي لڪ لڪوٽي وسارڻ ڪنهنجي وس ۾ ناهي.
    بچپن جي اُتم ڌن بابت پياري اڙدوءَ ۾ به نظم بچپن ڪي باتين لکيو آهي جنهن ۾ به اهائي اڪنڊ ۽ اڪير آهي. اهائي سانوڻ گهاٽن مينهن جي ڳالهه آهي ته اهوئي ڪاغذ جي ٻيڙيءَ وارو قصو آهي، جنهن جيتري ٻي ڪا حسين ڪهاڻي نه آهي. دنيا بانوري آهي جيڪا ڪبير ڀڳت جي بقول رڱيل کي بي رنڱ چوي ٿي .اهڙي طرح دنيا ۾ جڏهن ماڻهو ٻار هوندو آهي ته کيس ننڍو چيو ويندو آهي ۽ جيئن عمر گذرندي ويندي آهي ته کيس وڏو چيو ويندو آهي. جيتوڻيڪ معاملو ان جي ابتڙ آهي. ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ماڻهو وڏو آهي ۽ وڏي عمر۾ هو پنهنجي حصي جي ڪوٽا کپائي چڪو هجي ٿو ۽ ننڍي ٿي وڃي ٿو پر پنهنجي ڀوءَ کي لڪائڻ لاءِ هن اهي لفظ ابتي استعمال ۾ آڻي ڇڏيا آهن يا وري جڏهن ننڍو آهي ته وڏي ٿيڻ جي چڪر ۾ آهي ۽ وڏي ٿيڻ جواحساس منجهس ننڍڙي ٿيڻ جو احساس اڀاري ٿو ۽ هو ان لاءِ انيڪ ناڪام جتن ڪري ٿو ۽ ڦانڦون ڏئي ٿو پرٻاراتڻ موٽي نٿو ملي. اها تانگهه ۽ طلب کانئس هن نظم جهڙا شعرلکرائي ٿي؛

    بچپن کئ کيا باتين کهون ؟،
    بچپن کي کيا يادين کهون ؟ !
    بچپن اُتم هوتا تها ،
    واپس ، سب کچه ملتا تها ،

    اهڙي اتم بچپن جا نوحا ڳائيندڙ پياروشواڻي ، دل ۾ دردن جا درياهه سمائي زندگي گهاري رهيو آهي تنهنڪري ، برساتن جو دنگ ته ٿي سگهي ٿو پر دلين جو دنگ ڪائنات کان به وسيع آهي . پياري جي درد دلي واري ڪيفيت کانئس ههڙا شعر تخليق ڪرائيندي رهندي ۽ هو پنهنجي شعرن جي ڪيفيتن کي معنى ڏيندي ، مُڙي ڏسندو ته روهيڙي جي وڻ کان وٺي، رليءَ جي رنگن تائين گهڻو ڪجهه موجود آهي. سندس ياد جو اهو سمورو املهه ورثو لڙڪن ۽ مرڪن جي امتزاج سان ٽمٽار آهي ۽ ادب جي دنيا کي محبت جي موتين جون سوکڙيون آڇيندو رهندو. پيارو پنهنجي دردکي سمجهي به ٿو ته ڳيتي به وڃي ٿو ۽ دردجي اها ڳيت ڳيتان خوبصورت غزلن، نظمن، گيتن ۽ بيتن جي برکا ٿي بن برسات وسندي رهي ٿي ۽ وسندي رهندي.

    نوراحمد جنجهي
    جنجهي هائوس، ڌرماڻي ڪالوني
    مٺي ٿرپارڪر
    28 جولاءِ 2016


    ڳوٺ ياد ايندو

    ڳوٺ ياد ايندو
    پيارو شواڻي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي، جنهن جا اڳ ۾ شاعريءَ جا ڪتاب دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ۽ ٻاٻيهو ٻولي ڇپيل آهي. هي هن جي شاعري جو ٽيون ڪتاب آهي. جنهن ۾سنڌي،ڍاٽڪي اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ شاعري سرجيل آهي. شاعري جي هن ڪتاب تي لکندي ڳالهين ۾ آئون گيتا جو گيان کڻي اچان پر وقت جي ٽٽي ويل ارجن کي حوصلو ملندو الائي نه !؟. سور جي سرڪش گهوڙي جي واڳ ڪير جهلي؟ نئين سمي جي ڪروکيتر جو ڪرب به نئون آهي! درد کي دل ۾ امانت وانگر سنڀالڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.زماني سازيءَ جي مئخاني ۾ واعدن جا جام روز ٽٽي حساس انسانن جي سيني ۾ شيشي وانگر رهڙ ڏئي هيٺ اترن ٿا، پر پوءِ به شڪايت انهن جي شان وٽان نه رهي آهي.
    پياري شواڻي جي شاعري جي پهرين ڪتاب جي نالي واري نظم “ دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان ” کي استاد شفيع فقير سوز ڀري سُر ۾ ڳايو آهي. ڪجهه سال اڳ ۾ ٿر جي مختلف محفلن ۾ انهيءَ نظم تي اکيون آليون ڪري ٿڌا ساه ڀريندي ٻڌندڙن کي ڪوي پاڻ ڏٺو هو پر هن کي تڏهن اهو پتو نه هو ته سڀاڻي هن گيت جي تخليقار کي پنهنجي ڳوٺ کان ڪوهين ڏور پرديس ۾ ڳوٺ جي ريل جي لاءِ تڙپي “برساتن لئه ڪهڙا باڊر” جهڙي شاعري تخليق ڪرڻي پوندي. هي ڪوتا جي برسات ساوڻ رت ۾ گهنگهور گهٽائن مان برسي آهي يا پيار جي پڪار ۾ اکيون اوهيرا ڪري وٺيون آهن.
    گيت گوونده جو مصنف ڀڳتي تحريڪ جوخوبصورت شاعر جئه ديو پنهنجي هڪ گيت ۾ چوي ٿو ته؛
    جڏهن ڏکڻ ڏس جي پهاڙن مان هوائون اچن ٿيون،
    ۽ محبت جي ديوتا کي به ساڻ آڻين ٿيون،
    جڏهن اڻ ڳڻيا گل،
    پريم پنٿ جي پانڌيئڙن جي دلين ۾ ڏارون وجهڻ لئه
    ٽڙڻ پکڙڻ ٿا لڳن،
    تڏهن ڪو تنهنجي وڇوڙي سبب ڏکوئجي ٿو وڃي. سرحد جي ٻنهي پار واريءَ جو ريگستان ساڳي آهي، پر مينهن ۽ نينهن جي مهڪ ۾ وڏو فرق آهي، ڀنيءَ جي خوشبوءِ جيڪا ملير جي مٽيءَ مان ماڻي سگهجي ٿي اها راجپوتانان جي ريت مان ڪٿان ملي سگهي ٿي ؟ ڀالوا جي ڀٽ تي مينهن وساڙن جا منظر پوري مارواڙ کان موهيندڙ لڳندا آهن. ڍاٽ ۽ مهراڻي جي دڙن تي نه رڳو ڍاٽي ڍولا ۽ مانجهي مڙس ڦينٽن سان ڦُٽرا ۽سنڌي ٽوپي سان ٽنڊيلا انڊلٺ جو روپ ٿي روح کي وڻندا آهن پر ڍاٽڻيون به پنهنجي سونهن سوڀيا ۽ اخلاق حسن ۾ انوکيون لڳنديون آهن. لوڪ ساگر جي ڪوين پنهنجي ڪوتائن ۾ بي اختيار ڍاٽي سونهن ۽ مهراڻي جي مهانتا جي
    ساک ڀري آهي.
    سار وکاڻان سنڌ ري، مونگ منڏور ڏيس،
    جهيڻو ڪپڙو ماڙٻو، مرد مرڌر ڏيس
    (سنڌ جون ساريون(چانور) ۽ منڏورديس جا مڱ ساراه لائق آهن، ماڙٻو جو جهيڻو ڪپڙو ڀلو آهي، اهڙي ريت مرد مرڌر ديس يعني مهراڻي جي خطي جا سهڻا ۽ سٻاجها آهن)
    اُرچوڙي ڪر پاتلي، جيڪاري ري ٻاڻ،
    جي جاڻين سک جيء رو ڌڻ ڍاٽ ري آڻ
    (ڀريل ڇاتي ۽ سنهڙي چيلهه واري سندريءَ جنهن جي مُک مان هر سڏ تي جيءُ جو آواز اچي، گرهستي جيون ۾ پنهنجي زندگي جو سک چاهين ٿو ته ڍاٽ جي اهڙي ناري پرڻجي اچ)
    پياري جي پرديس پڌارڻ تي ناليواري ليکڪ ارباب نيڪ محمد سڄڻ پار جي سڄڻن جي پارت ڪندي ڪاوش مئگزين معرفت خط لکيو هو، اتي سنڌ جي نوجوان ٽهي جي نامور شاعرن حاجي ساند، خليل ڪنڀار، امر ساهڙ، ساگر خاصخيلي ، امر رائسنگهه راجپوت ۽ ٻين محبتن جي ميارن سان نظم غزل ۽ نثر سرجيا هئا تڏهن رقم الحروف جي روح به رڙ ڪندي ڪنهن ڪاغذ جي ڪنڊ تي اتاريو هوته؛
    “ڳوٺ ياد ايندو ڳليون ياد اينديون”

    هن ڪتاب ۾ڳهڻن جهڙن نظمن کي پڙهندي جڏهن اکيون ڪوي پاران پنهنجي ڳوٺ کي يادن جي هڙ ۾ ٻڌي سرحد جي هُن پار تصوراتي پڊ بڻائي اڏڻ جي ريت تي بيهن ٿيون، تڏهن گوندرن جا گهنگهرو وڄن ٿا ته ڇا ڪوي کي هُتي ستارن سان رهاڻيون ڪرڻ جي لاءِ مالڻهور ويڻه جهڙو منفرد ماحول ڪٿي ملي سگهي ٿو. ؟ هوا جي سرگوشين ۾ ڪنهن جي ساهن جي خوشبوءِ اندر ۾ اتارڻ جي لاءِ گڍي جي ڳولا روز ٿڪائي نه وجهندي ؟ راٺوڙڪي رهاڻ وارومهراڻ گڍ مهراڻي جي مٺي جهڙو شرميلو ڪڏهن ٿيو آهي؟ ڇاڇراڻي جي ڇيل ڀوئنرن گلابي شهر جي گل بدن کان وڌيڪ ڪاسٻي جي ڪارسرن ڦلن جو سواگت ڪيو آهي. ڀاٽين جي ڀومي جو جس پتروسوڍن جي صاحبي جي شهر امرڻي سان حسن جي هوڏ ڇا ڪري سگهندو؟ همروٽ ( امرڪوٽ يا عمرڪوٽ ) ڇتيسي جو مٺڙو ڪوي بانڪيداس چوي ٿو ته؛
    مراڻو امرا پُري ڌُرا سرنگي ڍاٽ،
    رهي جو سوڍو راجوي، پهه پنوارن پاٽ،
    (مسافر!منهنجو امراڻو ڌرتيءَ تي امراپُري (دلڪش ماڳ) آهي. ڍاٽ جا هي دڙا، جتي پرمار سوڍن جي صاحبي آهي، ڏسندين ته اتي جي ريت سرڳ سمان آهي.)
    ڪيهر لنڪي گوريان، سوڍا چُتر سُڄاڻ،
    بڙ جُهڪيالانٻي سران، آيو گڊ امراڻ،
    (جتي چيتي جي سنهڙي چيلهه واريون سُندر ناريون هجن، جتي مرد سياڻا ۽ بهادر هجن، جتي لانٻي جي تلاءَ تي بڙ جي وڻن جا جهڳٽا هجن، ته پڪ ڄاڻجان اهي آثار امراڻي گڍ (قلعي) جا آهن.)
    ديومالائي ڌرتي جي پهاڙ ڪارونجهر جي ڪر آڏو ڪڏهن ڇوٽهڻ جو ڏونگر ڇيهه ڀلو ٿي نٿو سگهي، ڀلين آبو جي پهاڙن تي مورن ٻولندا هجن ۽ لوڪ گيتن ۾ ڳايو وڃي ته؛ “مور ٻولي ملجي آبو ري پهاڙان ..” پر صبح سرخي مائل شام سرمئي لڳندڙ ڪارونجهر جو ڏيک نيارو آهي.
    ڪارونجهر ني ڪور مرئين تو پڻ مهلين نهين، (ماٿي ٽهوڪي مور، ڏونگر لاگي ڏيپتو(ڪارنجهر جي چوٽي مرڻ گهڙيءَ تائين وساري نٿو سگهين، ان جي چوٽي تي مور نچي ٽهوڪندو آهي تڏهن ڏونگر ڏيئي وانگر ٻرڻ لڳندو آهي) پياري جي شاعري جو روپ سروپ ڪوي ڪاليداس جي اروشي جهڙو آهي يا نه پر هن جي عشق جي اروشي مٺي جي دڙن تي واري جي سمنڊ جي لهرن ۾ سرجي هئي.جڏهن جواني جو خون هن جي ڳلن تان ٽپڪندو هو، تڏهن ٿر جي واريءَ جي ريٽن تي پيار جي کٽ جي ايس تان پره ڦٽي جي روشني پڌري ٿيڻ باوجود هن کان اٿڻ وسري ويندو هو.هاڻي پويان سار جي سنگمرمر واري پٿر سان مٿو ٽڪرائي ڪوئي ڳوڙها آڻي هن جي لاءِ لوڪ گيت ڳائي ٿو ته ؛
    ڪامڻ ڪري گيو ڙي.....
    ( هُو جادو ڪري ويو ڙي.....)
    ڪلهه هن نوجوان ڪوي جي لاءِ ڪنهن البيلي ناري اوٽي جي وچ تي ويهي رومال ڀريو هو، جنهن پنهنجي ڪارين اکين ۾ هن جي لاءِ ڪجل پاتوهو، جنهن پنهنجن نازڪ هٿڙن سان ڪنڊڙن ڪاڪلن کي سنواري مک تي هن جي لاءِ لهرايو هو.جنهن چنڊ کي چونئري مان ڏسڻ جي لاءِ ڳوٺ وڃڻ جي اڪير ٿيندي هئي، تنهن سانوري جي سار ۾ ڌرتيءَ کان دور وڇوڙي جي شدت کي شاعري جي سٽن ۾ سمائي اداسي جا گيت لکڻ کان سواءِ هن ڪوي وٽ ڇا رهيو آهي!؟
    درُ کُليل هُيو ، اک بند نَـ هُئي ،
    راتُ جاڳيِ ڪٽيو ، مُون سان هِڪڙي ڏيئي،
    ***
    شاعري جي سُٽن ۾ پنهنجي ڪچائي جو اقرار ڪندي مڃي ٿو ته هن کي پيٽ ڪارڻ مجبوري ۾ پيار کي پٺي ڏيڻي پئي.
    پيارُ وقت گهُريو ، پيٽ ڪون ڇڏيو !،
    مُئس مان ڀي ڪٿي ؟ ، پيو هُو ڀي جيئي !.
    فرانسيسي شاعره پنهنجي هڪ نظم ۾ وڇوڙي جو ورلاپ ڪندي چوي ٿي ته ؛
    اي منهنجا محبوب
    مان ڪهڙي ويچ وٽ وڃان؟
    مان ڪنهن کي پنهنجا گهاو ڏيکاريان؟
    ڇا انهن طبيبن وٽ اهي اکيون آهن،
    جيڪي ڏسي سگهن
    ”پيار جا زخم”
    تو مونکي جنهن جنهن هنڌ چميو
    هاڻي اتي لهو چڪندڙ زخم آهن!
    تو منهنجي وجود جي
    جنهن جنهن حصي تي هٿ رکيو
    اهو هنڌ جلي رهيو آهي
    مان گھايل آهيان
    پر منهنجا گهاو ڪنهن کي نظر ايندا؟
    سواءِ تنهنجي
    ”اي منهنجا وڇڙي ويل محبوب”
    ”اي منهنجا وڇڙي ويل محبوب
    اهڙي ڪيفيت ۾ پياري شواڻي جي شاعري جون سٽون واهيري جي وير وارن پکين جيان ولر ٺاهي ورن ٿيون. لڪن ۾ جڏهن سج لهي ٿو تڏهن رتل راسين جو عڪس هن جي اندر ۾ جڙي ٿو، ڪارڻ اڪارڻ هن ڏي اداسي پنڌ ڪري ٿي پر سنجها ٿيڻ سان من جي وستيءَ ۾ ڏات جو ڏيئو ٻاري اونداهي ۽ اداسي کان آجو جيئڻ جي جستجو ڪري ٿو. سياري جي سرد راتين ۾ ڪتين جي ڪر موڙڻ تي اجرن انگن کي آغوش ۾ سميٽڻ جي سڪ برهه جي باه بڻجي عاشق جي ڪايا کي آلي ڪاٺي وانگر جلائيندي آهي تڏهن بي چئي من جي ميار نظم جو نئون روپ وٺندي آهي
    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون
    ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
    جيئن رڃ ۾ هرڻ ۽ سڃ ۾ مسافر اڃ ۾ اتاولو ٿي پوندوآهي.تيئن ديس کان شاعر جي اندر ۾ آنڌ مانڌ اٿلي پوندي آهي.پر هن انهي آنڌ مانڌ باوجود شاعري ۾ ڪٿي نعري بازي ۽ سطحي خيال جو ساٿ نه ڏنو آهي، هن آرٽ کي اوليت ڏيڻ جي ترجيحات رکي آهي، پر وطن جي وڇوڙي جي جذبات ۽ رومانوي رنگ جي ريت ڪجهه حاوي آهي
    اچوته هن جي چونڊ شعرن جي حسناڪي روح ۾ اتاريندا هلون، جن ۾ وطن جي سڪ۽ رومانوي رنگ سان گڏ سماجي اقتصادي مسئلن جي اپٽار ٿيل آهي.
    مور من جو روئيِ ، روز کيڙا ڪري ،
    ڊيل ڪائي هُجي ، جيڪا آنسوُ پيئي،
    **
    اسان منهن پاڻي ۾، ڏٺو ڪونه آهي
    ملائيندو مولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي
    **
    اڳي ته ايئن هوندو هو . مليو ٿي انُ بازارين! ،
    جڏهن کان پاڻ سُڌريا هئون ، ڏٺاسين هٽ پاڻيءَ جا ،
    **
    جنين جي اندر ۾ ، تڏو آ وڇايل ،
    تنيين کي ترانا ، ڪٿي راس ايندا ؟
    **
    روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
    بيٺي آ هُو ، ڄڻ ٻنيءَ ۾
    **
    هوءَ هجي شل، روهيڙي جان ،
    ڏُڪارن ۾ ، نـــه مُرجهائي ،
    **
    ڀُرٽن جيان ڀوتار ڦرن پيا
    اوڍي هل ، اوڍڻ ٻني ءَ ۾
    ___
    سـڄا ماڻهو ، مري آخر ، مٽيءَ هيٺيان ، مٽي ٿيندا ،
    پوءِ ڀي ڏس ، پيارا هي ، اَڏائن تــ گهڻو ڪجهه ٿا
    **
    نديءَ تي نينگريون وهنجي ، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا ،
    ندي پئي هيکلي روئي، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا.
    **
    ڳڙ جي ڳنڍ ۽ ٻاجهر ماني !
    واه جو آ اولڻ ٻني ءَ ۾
    هن پنهنجي ڍاٽڪي شاعري ۾ ثقافتي پابندي واري پيڙهه واري پٿر تي سر رکي آهي، هن ڪٿي به پنهنجي اڳيئن شاعري کان ناتو نه ڇنو آهي. هن جي پهرين ڪتاب ۾ موجود ڍاٽڪي شاعري کي ٿر جي مشهور راڳين ڪريم فقير ۽ نظر محمد رامسريي پياري انداز ۾ ڳايو آهي.
    پيارو شواڻي ريڊيو ۽ اسٽيج جو بهترين ڪمپئر رهيو آهي. ڳالهه ڳالهه مان لطيفو جوڙڻ جو ڏانءُ هن کي ورثي ۾ مليو آهي. هن جي حاضر جوابي ڪمال جي آهي.
    تاج جويي مٺي ۾ رهڻ دوران ادبي سرگرمين جي لاءِ جيڪو تحرڪ پيدا ڪيو، تنهن سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ البيلي انسان صادق فقير اهم ڪردار ادا ڪيو، صادق فقير جي اتساهه تي دليپ ڪوٺاري، پيارو شواڻي، خليل ڪنڀار، دليپ دوشي، دولت رام کتري ۽ ٻيا دوست مٺي ۾ گهڻي وقت تائين ادبي سرگرمين جي حوالي سان سرگرم رهيا آهن انهن ساٿين جي منقعد ڪيل پروگرامن ۾ اسان جهڙن نون لکندڙ کي پنهنجي تخليقي صلاحيت اڀارڻ ۾ موقعو مليو. صادق فقير مٺيءَ ۾ هئڻ دوران روز شام جو ٿر ڪتاب گهر يا ڪاڪي رتن مالهي جي هوٽل تي اچي ويهندو هو، پوءِ صادق فقير جي ڳالهين جا گفتا سڻڻ ۽ صادق سان گڏجي ٽهڪن ۾ ٽڙڻ جي لاءِ مٺي جا سماجي، ادبي متحرڪ ماڻهو ڀيڙا ٿيندا هئا. پياري شواڻي کي اعزاز رهيو ته هن ۽ خليل ڪنڀار سهڻي راڳي صادق فقير گڏ نه صرف ٿر جي ڀٽن جو سفر ڪيو پر سنڌ جي بئراجي علائقن ۽ پوري ملڪ جو وڏو حصو پيرن هيٺيان ڪڍيو. ڪڏهن انهن جو قافلو مئن جي دڙي تي رات ٺاريندو هو ته ڪڏهن کاري ڇاڻ جي چانڊوڪي ۾ ڪيٽي بندر جي ڪنڊ جهليندو هو. ڪڏهن هُو ٽنڊوالهيار ۾ جهوني شاعر سيد مرتضي شاه ڏاڏهي جا مهمان ٿيندا هئا ته ڪڏهن خيرپور جي کجين هيٺ ريڊيو پاڪستان جي راڻن ڪوثر ٻرڙي، مختيارملڪ ۽ سيد اڪبرشاه سان رس رهاڻيون رچنديون هيون. ڪڏهن انهن ٺٽي نگر ۾ ڏيئا ۽ ڏياٽيون جلايون ته ڪڏهن ڪراچي جي سمنڊ ڪناري وڏن ٻيڙن جا سڙه ڇڪيندڙ ملاحن سان ملاقاتي ٿيا. صادق فقير جي دکدائڪ مرتئي تي هن جا نظم واڍوڙن جا وڍ آهن، سٽ سٽ ڪان جي ڪڙ ڪڙ ڪري وجود مان گذري ٿي. پياري شواڻي جديد سنڌي شاعري جي وڏي نانءُ شيخ اياز جي چونڊ شاعريءَ کي ٿري ٻولي جو ڍاٽڪي ويس پهرايو آهي. پڙهندڙن جي دل کي ڍاٽڪي ترجمي واري حسناڪي سان موهيندڙ ڪتاب “ ٻاٻيهو ٻولي ” جي ارپنا هن صادق فقير جي حياتيءَ ۾ ئي هُن جي نالي ڪئي هئي.،
    هن ڪتاب برساتن لئه ڪهڙا بارڊر جي ارپنا به شاعر جي وڇڙي ويل دوست صادق فقير ۽ پنهنجي والد صاحب ۽ ، ٿر جي سگهاري شاعر، صحافي، ناول نويس ۽ چترڪار پريم شواڻي جي نالي ڪيل آهي. جن جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ نصيب نه ٿيو. پريم پنهنجي پٽ پياري کي ڏاڍو ڀائيندو هو، عمر جي پوئين ڏهاڙن پياري کي ساري اياز جي سٽن کي چپن تي آڻيندو هو ته ؛

    جَي سُڀاڻي قدمَ چُمي پَنهنجا، ڪا به منزل ته، تُون ڪٿي هوندين؟ هاءِ، مُنهنجا جَلاوطن پيارا جَي گُهرَي دل ته تُون ڪٿي هوندين؟
    زندگي تلخ تجربن جو ڊگهو داستان آهي.شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن انهن داستانن کي قلمند ڪرڻ جي لاءِ جنم ورتو آهي يانه ؟ بحث کي اڳتي وڌائڻ جي بدران ڳالهه کي اڌ ۾ کڻجي ٿي ته پيارو شواڻي ديس کان دوريءَ جي خوفناڪ خزان ۾ نه ڇڻي ها ته سنڌ ۾ رابيل جو روپ هجي ها. هن موڻابائو تان مڙي پنهنجي اباڻي وطن ڏي نهاريو ته اکيون ڀرجي آيون. خليل ڪنڀار جي نظم جو سڏ پڙاڏو ڪنن ۾ گونجڻ لڳو کن ترسين ها ، تون مان گڏجي ، اهڙو سهڻو ديس اڏيون ها......(خليل ڪنڀار)
    ديس کان دور عارضي اڏيل آستاني تي پهچي لکيو ته ؛

    پکي ديس واپس ،اُڏامي اچي پر،
    نوان هي نشانا ، ڪٿي راس ايندا ،

    جتي ڀي مران ۽، جڏهن ڀي مران پر،
    وري جي ڄمان ته ، سنڌ ۾ جنم ٿي.

    ڀارومل امراڻي چيلهار
    3 آگسٽ 2016ع


    پياري شِواڻيءَ جي خُوبصُورتِ پورٽريٽ جا قَدَرَ شَناس پهلُو

    پياري شِواڻيءَ جي خُوبصُورتِ پورٽريٽ جا قَدَرَ شَناس پهلُو

    ٿر جي اَدبِي، ثفافتِي ۽ سَماجِي ڪَئِنواس تي پِياري شِواڻي (يا شيواڻي) جي نانءُ وارو تجريدِي ڪَلا وسيلي خُوبِ نِکرندڙ رنگ ڪُجهه ڪثرت سان ئي اِستعمال ٿيندو رهيو آهي. هن نوجوان جي پينسل ڪلر/ واٽر ڪلر يا آئل ميڊيم واري پورٽريٽ کي پسند ڪرڻ وارنَ جو ڪاٿو ؛ ڪنهن دور ۾ ريڊيي جي سگهارِي آوازِي ميڊيا ۾ پُهچندڙ ٻورنَ ڀَريل خطنَ جي ڳاڻيٽي کان گهڻو مٿي آهي. عُشاقنَ جي ميلن کان مَٿاهين هِن فهرستِ ۾ سُونهاري واري سائين نيڪڻ فقير، ڪامريڊ ڄام ساقيءَ جِي جاتِ سان جُڙيل سائين نور احمد جنجهي ، واحد جَنجِهي، اَمر ساهڙ، شيرين ۽ گُداز آلاپ واري گُلوڪار صادق فقير، تڙدوسي تاجدار علي اَڪبر راهمي، ساميءَ جي فلسفي تي آخرِڪار اِڪتفا ڪندڙ مير حسن آريسر، اقبال جي خُودي واري خيال سان سَوائي سَهمَتِي رکندڙ سائين شنڪر ساگر، پياري سان مانيُون ۽ سِي.ڊِيُون ونڊيندڙ محمد علي ڀٽي ۽ سِنڌُ جي صُوبيدار شاعر خليل ڪُنڀار سَميت شُمارِ کان مَٿڀرا مقامِي، پَرڳَڻي پَڌرا ۽ هم مملڪتي چاهيندڙ شامل رهيا آهن.
    مالڻهور ويڻا جي مِٽيءَ جو هيءُ مَلُوڪ شبيهه شاعر، ڪمپيئر، اِسٽيج سيڪريٽري، ميل ماڊل ۽ مارُئيءَ جي ٿر جو مِثالي ميزبان پنهنجي ڪِردارِ ۽ گُفتارِ ۾ بَجا طور ڪمال جي ڪشش رکي ٿو جنهن کان ڇيڙو ڇڏائڻ جو ساهُس ڪنهن به سوڍي ۾ به سَمايو نه ٿو مِلي. مِٺيءَ شهر جي قومي بچت بئنڪ واري هاڻوڪي هنڌ تي پياري جي پِتا شِري سرڳواسي سائين پريم شِواڻي جڏهين ٽائيپ رائيٽر کان ڪمپيوٽر ايج طرف لڙندي؛ اُتي هڪ وڏي هال نما مَسواڙِي دُڪان ۾ عريضي نويسيءَ، انگريزي ٽِيُوشن ۽ صحافتي مشغُولين کي سرانجام ڏيڻ لڳو ته اِن ڪم ۾ پيارو به سائين جو خُوب ساٿ ڏيڻ لڳو بلڪه سَڄِي اِسٽامپ وينڊرِيءَ وارِي ڪِرتِ اڪيلي سر پاڻ ڪرڻ لڳو هو. اُتان ايندي ويندي لانگهائُو ٿيندي، ڪڏهين ڪڏهين آئُون به پياري وٽ وڃي ٿڪ ڀڃيندو هُئس، هُو چانهه چُڪي به پياريندو هو ته بعضي بعضي پنهنجي تازي شاعري به ونڊيندو هو. ٻه چار نوان ڀوڳ چرچا ٻُڌائي اَسان جي مايُوس مُهانڊنَ تي ڪي مُرڪون ۽ ڪي ٽهڪ به آڻيندو هو. هُونئن اَسان جي ويجهڙائپ ۽ دِلي دوستي سِنڌي اَدبي سنگت شاخ مِٺيءَ جي ٻيهر فعاليت کان پوءِ ٿيندڙ دستُوري گڏجاڻين، مِٺيءَ ۾ مُنعقد ٿيندڙ ادبي، ثقافتي ۽ سَماجي سرگرمين، تقريبن ۽ ويهڪن مُهابي اَڳي گهڻي وڌي چُڪي هُئي ۽ اَڪثر شام جو روز ڪاڪي جهامن داس رتن لال مالهيءَ وارِي مَصرُوف ترين! هوٽل جي سدائين خالي پيل کٽن تي صادق جي سَرپِئنچيءَ ۾ مچندڙ مُنافقيءَ کان آجين ۽ بي غرض ڪچهرين ۾ پيا مِلندا هُئاسين. (صادق ڇا موڪلائي ويو ڄڻ اَسان مِڙني جي مُحبتن جو مرڪزي اَڻو ڇيهُون ڇيهُون ٿي ٽُٽي ويو، اَدبِي ساٿُ جي سَنگهرُ ۾ سَلهاڙيل اَسان اَڪثر دوست بنهه ڀَڄي ڀُري هيکلا ۽ دائمي ويڳاڻا ٿي پيا آهيُون، صادق صفا سُڃِ ڪري ويو آهي! هاڻ ته مِٺيءَ جي ڪنهن به محفل، ميلي ۽ ڪچهري ۾ هن جي ڪمي مُون کي شِدتَ سان کُٽڪي ٿي ۽ سچ پچ ڪِٿي به من نٿو لڳي!)
    مُنهنجي تصور ۾ ئي ڪو نه هو ته ’دِل چوي ٿي ڳوٺِ وڃان!‘ جهڙو اِنتهائي وڻندڙ نظم لکندڙ شاعر سُڪارِيو (وڌيڪ سُکيو ۽ آسُودو) ٿيڻ کان پوءِ هيئن اوچتو مِڙني دوستن يارن کان بِنا موڪلائڻ جي هُن پار هليو ويندو. نه اَسان هن جي لَڏڻ واري حتمي ۽ ذاتي فيصلي جِي خُوشيءَ ۾ اَرها ۽ نه ئي اَسان کي هن جي ڪاميابي ۽ ڪامرانيءَ سان نئين سر پرڏيهه ۾ پَکڙا اَڏڻ تي ڪا ڪاوڙ - پر لحظي لاءِ ڏُک گاڏڙ حيرت اِها سا ضَرُور ٿي ته ظالم هڪڙو اِلوداعي ڀاڪُرِ پائي، مِلي موڪلائي ته وڃي ها!
    جيئن پيارو گهڻن جي اکين جو تارو رهيو آهي يا اَڃا به رهندو اَچي تيئن پِياري کي مُون به ڪڏهين پاڻ ڌاران يا پاڻ کان بِنهه پَري ڪري ڪو نه ڀانئِيو آهي، اِها ٻِي ڳالهه آهي ته هن سان مُنهنجو ساٿُ صِرف شام توڻي جو رهيو آهي ڇو ته سَنجهي جو هيءَ ڪنڌ ڪڍائي هليو ويندو هو پر پوءِ به آئُون اِنهيءَ مراسم کي پنهنجي جيونَ جو نه وِسرندڙ باب ڪري سمجهان ٿو. اَسان جي تعلق درميان آيل هڪڙي ئي واحد تُرڇ موقعي کي؛ مُنهنجي ادبي ۽ سماجي ذميواري، عزت نفس جي آواز ۽ ضمير جي عدالت ئي جنميو هو، جڏهين پِياري اُن جو آهستي آهستي احساس ڪندي؛ مُون طرف ٻيهر هٿ وڌايو ته مُون هن کي اَڳُ جيان ڀاڪُرنَ ۾ ڀري ورتو.
    هاڻ هيٺ آئُون پياري جي اُن شاعريءَ مُتعلق پنهنجا مُختصر ترين ۽ دِلي رايا قلمبند ڪرڻ جي جسارت ڪريان ٿو جيڪا زيرِ نظر ننڍڙي ڪِتابُ ۾ توهان جي مُطالعي ڪاڻ مُيسر ڪئي وئي آهي.
    پياري جي شاعري مُشاهداتي اِدراڪ جِي شاعرِي آهي. شمشير حيدريءَ مصداق هن کي هاڻ شاعري ڪرڻ جي اَٽڪل باقاعدي اچي ٿي ۽ هو شاعرِيءَ جي اهڙي هُنر سان باقاعدي نباھ ڪري ٿو وڃي. اظهار جي واٽن جا پنڌ ڀيٽيندي؛ هن مقاميت کي سڀ کان مٿانهين جاءِ تي رکيو آهي. هن جي شعرن ۾ سندس ٻال جتيءَ جي حرڪتن، سنگتن ۽ وندر وِرونهن جا اولڙا، علائقائي محرومين جي شناسائي، جوڀن رُتِ جي تجربن جي تاثير، ڳوٺاڻي نِجي پِجي ماحول جا من مسرُور ڪندڙ عڪس، دوستين ۽ دلبرين جا ڏَڍَ، وطن جا وڻ ڇڏي وڃڻ لاءِ ساڳي ريگ وارِي مُشترڪه رِيت هُئڻ جِي جسٽيفڪيشن، صادق فقير سان دِل گهُرئي سَٻنڌ هُئڻ جا جيءُ جهوريندڙ جذبا، ٿر جي سيڪيولر يا ميٺُ مُحبت وارين روايتن ۽ ڪِردارنَ جا سارُوپا، فطرت جا رنگ ۽ ’مِرُوئان موت، مَلُوڪان شڪارِ‘ واري شُغل کي دِليان نندڻ وغيره جهڙا اُتساهيندڙ، اَکِيُون ڀِڄائيندڙ ۽ پَڇتاءَ سان پُرَ مظهر بَخُوبي جَهلِڪن ٿا.
    مُون کي ذاتي طور پياري جو نظم ۽ گيت سان نباھ ۽ سندس اَباڻي ڍاٽڪي لهجي ۾ ڪيل شاعراڻي طبع آزمائي وڌيڪ موهي ٿي ۽ آئُون اُن جو دِلي مُعترف آهيان. باقي پياري جا غزل ۽ بيتڙا به ڌيان ڇڪائڻ جوڳا آهن پر جي هُو خيال جي اُڏار، تخيل جي معيار ۽ سوچ سَنڀارِ کي اَڃا وڌيڪ گهري اِدراڪي سانچي ۾ ڍاليندو ته ٻين صِنفن جي صُورتگريءَ ۾ به گهڻن کان گوءِ کڻي ويندو. آئُون هتي پنهنجي ڏنل راين سان ميل کائيندڙ شعري حوالي ڏيئي اَجائي وَرجاءُ ڪرڻ کان گُريز ڪريان ٿو. پوءِ به اِهو ڪوٽ ڪرڻ (Quote) کان پاڻ کي اَصلُ جَهلي نه پيو سگهان ته پياري پنهنجي سرجيل غزلن ۾ پڻ ڪي اَنوکيُون ۽ اَڇُوتيُون تشبيهُون، تمثيلُون ۽ اِستعارا نهايت ئي نواڻ ڀري اَنداز ۾ سُهڻي ۽ سُڀاويڪ نوع ۾ ڪتبُ آندا آهن؛ جيئن مِثلن: ڀوتار کي ڀُرٽ جهڙي ڪرخت ڪنڊيدار ۽ بيحد بيزارِ ڪندڙ گاھ سان ڀيٽڻ، تار درياهه يا درياهه شاهه جي جي جوڀن کي گُوگَهٽ وارِي تمثيل اَرپڻ، ’ڏِسي ڪو ڦَٽَ پاڻيءَ جا‘ وارو اِستعارو اِستعمال ڪرڻ، غم جي تڏي ۽ خُوشيءَ جي تراني جي موزُون جڙاوت ڪرڻ، ’هاريءَ جو ڊاگي ۾ نيڻ ڊوڙائڻ‘، ’پاڻيءَ ۾ منهن ڏِسڻ‘ واري مُحاوري جو موزُون ترين اِظهار ڪرڻ، رليءَ جي پُڙِ جو ڳالهائڻ ۽ هَنداڻي تي هُرمچ ڀرت چِٽڻ جهڙيُون عڪس بنديُون وغيره
    پِيارو هن ڪِتابُ جي قافين ۽ رديفن ۾ ڪُجهه اُڌارِيُون سَتيُون تقليدي پيرائي ۾ به چڙهيو آهي جن جي مُختصر نشاندهيءَ لاءِ نيڻن جي غُليل هُئڻ وارِي گِسيل پِٽيل تشبيهُه کي گوڦڻ جي اِضافت سان وَرجائي ڀيٽڻ، سٿ ۽ هٿ جو هماليائي سَهارو وٺڻ، ۽ اَڌُورِي چُمي وارا چند مِثال مَٿاڇري نگاھ طُفيل هِتي ڳڻائي سگهجن ٿا.
    آئُون دِل سان دُعاگو ۽ آسوَندُ آهيان ته پياري جي اَڳُوڻن ٻن ڪِتابن يعني پهرين شعري ڳُٽڪي ’دِل چوي ٿي ڳوٺِ وَڃان!‘ ۽ شيخ اَياز جي چُونڊَ شاعريءَ جي ڍاٽڪي لَهجي ۾ ڪيل ترجمي تي ٻَڌل ڪتاب ’ٻاٻيهو ٻولي‘ جيان دَنگئي ٻنڌڻن کي فِطرتي مظهرنَ لاءِ نه ليکڻ (’سَرحدين تو اِنسانُون ڪي لِئي هين‘، پکين، ندين ۽ بادلن لاءِ ڪهڙيُون سيمائُون!) جي مرڪزي خيال تي آڌارِيل هيءُ ڪِتابڙو پڻ هِن ۽ هُن پار جي ساهتي سنگتين جو جوڳو ڌيان ڇِڪرائڻ ۾ لاريب (بِلاشڪ)سوڀارو ويندو.

    -دليپ ڪوٺارِي
    مِٺي، ضلعو ٿرپارڪر، سِنڌُ
    اَڱارو ٻين آگسٽ، 2016


    زمينون ، زمانا ، ڪٿي راس ايندا

    زمينون ، زمانا ، ڪٿي راس ايندا
    هن سان پهرين ملاقات ٿي ته الائي ڪڏھن هئي پر ايترو ياد آھي ته انهيءَ ملاقات جو وسيلو صادق فقير هيو.آئون خليل ڪنڀر سان گڏ صادق جي ڪچهري جي سحر ۾ شامل ٿيو ھئس ته هي به انهي ڪچهري ۾ هوندو هو .اهي مٺي ۾ منهنجا شروعاتي ڏينهن هئا.صادق هڪ اهڙو نقطو هيو جتي مٺي جا اديب شاعر ۽ علم دوست اچي گڏ ٿيندا هيا.انهي ڪچهري ۾ ھن جا ٽھڪ به شامل هيا. هن جي شاعر ۽ سٺو ڪمپيئر هجڻ جي ته مونکي اڳي خبر هئي پر وڏو لطيفي باز هجڻ جي خبر تڏھن پئي. جڏھن هن سان شناسائي ٿي.ٿر جي هڪ ڪلاسيڪل برادري ۽ ڪجه نالي وارن اديبن تي هن جيڪي لطيفا ٺاهيا .ايترا ته وتائي فقير جا به لطيفا ڪون آھن. کيس هي سُتي سندس والد سائين پريم شواڻي پينگهي ۾ ئي ڏني هئي.انهن لطيفن جي بنياد تي هن صادق سان گڏجي همرائن کان جيڪا اوڳاڙي ڪئي انهي جا شاهد اهي آھن جن ڪڙاهيون کاڌيون .باقي ڳچ سنگت هن جي 19 سو ٻُڙي ماڊل فٽفٽيي ۾ تيل انهي بنياد تي جام ڀرايو ته مهرباني ڪري هن لطيفي کي هاڻي نه ڦھلاءُ. پر هي انهيءَ ڌُر سان اهو واعدو ڪرڻ کان اڳ نئون لطيفو ٺاهي مٺي جي مارڪيٽ ۾ لانچ ڪري پوءَ واعدو ڪندو هو. اهوئي موٽر سائيڪل ريڊيو پاڪستان مٺي جي ڳچ سنگت لاءَ نه صرف ٽانگي جو ڪم ڏيندو هيو پر گهڻن جي گهرن جو سيڌو سامان به انهي تي ويندو هيو مٺي کان سوين ميل پري ويهي هواڄ به اهو ڪم ڪري سگهي پيو.پر ديس جي درد دوستن کان دوري.جسم جي حصي(صادق فقير)جو ٽٽڻ ۽ سندس والد جي وڇوڙي هن جي انهي حس کي جهيڻو ڪري ڇڏيو آھي.
    هي جنهن جو نالو ئي پيارو آھي اهو مونکي فيض احمد فيض جي انهن سٽن تي پورو لڳندو آھي.
    جو رکے تو کوہ گراں تھے ہم.جو چلے تو جہاں سے گزر گئے
    رہ یار ہم نے قدم قدم تجھے یادگار بنا دیا
    اهو ڪچهرين جو ڪوڏيو ۽ محفلن جو مور رهيو آھي.مٺي ۾ ھن جيڪي به پروگرام ڪرايا يا جيڪي به ڪچهريون رچايون اهي نه صرف يادگار رهيون .پر شھر ۽ ٻھراڙي جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪيو نه ته شھر ٻھراڙين کي ڪيئن Face ڪن ٿا اهو ڏسڻو هجي ته هليا اچو انهي ڪامرو ديس ۾ جنهن کي مٺي چون ٿا. مون جهڙا ڪيئي ڳوٺاڻا جن جو شھر ۾ ڪو به اوهي واهي نه هو انهن کي هن کليل ٻانهن سان جيء ۾ جايون ڏنيون .مٺي جنهن لاءَ چيو وڃي ٿو ته هتي رواداري ۽ ڀائيپي آھي. ته اهڙو جيڪي ڪجه هتي آھي انهي ۾ چند ماڻھن جو ڪردار آھي. جيڪي سنڌ ۽ هنڌ ۾ مٺي جي سڃاڻپ آھن . اهڙا ماڻهو نه هجن ته هتي روز ڪربلا ۽ ڪروکيتر کڙا هجن .مونکي ماڻھن جي نيتن ۽ روين جي خبر صادق جي وڇوڙي پڄاڻان پئي ته ڪيئن دوستين جون هامون هنيون ويون ۽ ڪيئن نالو استعمال ڪري قد اوچا ڪيا ويا.ڪيئن نيتن جون ٻِليون ٻوريءَ مان ٻاهر نڪري آيون.اهڙن ۽ انهن ئي روين هن کي شايد هتان کان لڏڻ تي مجبور ڪيو.
    منهنجو خيال هو ته آئون هن جي شاعري تي لکندس.موڪليل مسودو پڙھڻ بعد مونکي هن جي شاعري کان وڌيڪ هن جي شخصيت جو پاسو ڳرو لڳو .تنهن ڪري مون معذرت ڪندي هن جي باقي زندگي تي لکڻ جو اسرار ڪيو.
    هو جيڪو سڄو سراپا ٿر آھي.توهان هن جي ڳالهين ڪچهرين شاعري پروگرامن ۽ ڪاروبار مان جيڪر ٿر ڪڍي ڇڏيو ته پويان پيارو ٻاجهر صاف ڪرڻ کان پوءَ بچيل صرف تيلن (ڏونٺڙيا)کانسواءَ ڪجه به ناهي.هن هروقت هر ويلي ۽ ھرهند ٿر کي سوچيو ۽ پچاريو آھي.ريڊيو تي هئاسين ته ٿري گيتن لاءَ ڪوشان رهيو.ڍاٽڪي پروگرامن جو وقت وڌارايائين.ايئين ٿر جي هنر ڀرت کي ترقي وٺرائڻ .پنهنجي واڍڪي ڪم ۾ جدت آڻڻ .ٿر جي فلورا فانا.ختم ٿيندڙ رسمن رواجن يا پراڻن ڌنڌن۽ هنرن کي سنڀالڻ جو ڪم ڪرڻ هن جي زندگي جو مقصد رهيو آھي ۽ ھو اڄ به انهي ڪرت سان لڳل آھي.
    جنهن ڏينهن هُو پاڻ پنهنجن جا گهاءُ نه سهندي هتان وڃڻ لڳو هو جنهن جو پتو صرف صادق جي فيميلي کي ئي هو، ته انهي ڏينهن اسين هن سان گڏ صادق فقير جي اوطاق تي پتن راند ۾ ٻه ٻه هٿ ڪري رهيا هئاسين. هن ڪنهن کي ڪون ٻڌايو ، کيس خبر هئي ته دوستن سان موڪلائيندس ته وڃي ڪونه سگهندس ۽ رهڻ هونئين مشڪل هو.اسين سڀ ڏاڍا ڪاوڙياسين خليل روئي روئي اصل باه ٿيل هجي .سائين صادق به مون سيريئس ٿيل تڏھن ڏٺو.پر هن پنهنجين مشڪرين سان سڀني کي سرچائي وڌائين . پياري هند مان سنڌ گهمڻ اچڻ کان اڳئين ڏينهن ميسيج ڪيائين ته صبحاڻي اچان پيو. مون مذاق ۾ چيو ڇو؟.جيڪو جواب ڏنائين انهي جي تشريح ڊاڪٽر صاحب ئي ڪري سگهي ٿو.شوڪت ، خليل ۽ اسين سڀ ميرپورخاص وياسين.ملندي ئي مشڪريون شروع.صادق جي وڇوڙي کان پوءِ اهو پهريون ڏينهن هيو جڏھن اُستاد ممتاز نهڙيي پاران پياري جي مان ۾ ڏنل دعوت ۾ سڀ دوست نه صرف کلياسين پر صابر فقير ڳائڻ ۾ پلٽا هنيا ۽ ممتاز يڪتارو چپڙي وڄايا پياري جو 15 ڏينهن اسان وٽ رهي وري واپس هند وڃڻ مهل مون رابطو منقطع ڪري ڇڏيو. آئون ڳوٺ ھليو ويس. سندس ڀائرن پيتامبر شواڻي ۽ ايشور شواڻي کي فون تي چيم هاڻي هن ذليل سان آئون موڪلائي نه سگهندس.
    مٺي ته هاڻي کائڻ ٿو اچي.هتي ته هاڻي اهي وڃي بچيا آھن جيڪي ڪنڌ ۾ نه ڪلي نه ڪوڪو بلڪه ڪنڌ ۾ سريو هڻي پيا هلن ۽ انهن جو ڪنڌ ڪيڏانهن وري ئي ڪانه ٿو.شام جو ڪچهري جو سبب صادق جا ٽھڪ .پياري جا لطيفا خليل جا دومعنئ جملا هيا .اهي سموريون شيون موڪلائي ويون .
    تون ڇا وڇڙين منهنجو ويڙھو ئي ويران ٿي ويو. هن جي شاعري مون انڊر لائين ڪئي هئي انهي تي وري ڪنهن ٻي ڀيري لکبو في الحال هن جي وڇوڙي وانگي هينئن ۾ ڪان جيئن کپيل سندس غزل جا ڪجه بند اوهان جي نظر ڪندي موڪلايون ٿا
    زمينون زمانا.ڪٿي راس ايندا
    اسين هون ديوانا ڪٿي راس ايندا
    **
    اسان جو جيئڻ ئي ملڻ منجه آھي
    رساما روزانا.ڪٿي راس ايندا
    **
    پکي ديس واپس اڏامي اچي پر
    نوان هي نشانا .ڪٿي راس ايندا.

    نصير ڪنڀر


    پيارو شواڻي دردن جو ڪيسو ٻاءِ

    پيارو شواڻي دردن جو ڪيسو ٻاءِ

    سنگت ، پياري شواڻيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ڇپائي رھي آھي ۽ مون لاءِ سندس شاعري ۽ شخصيت تي لکڻ يقينن ڪنھن امتحان جي گھڙيءَ کان گھٽ ڪونھي. پيارو جيڪو منھنجو سوٽ به آھي ته بچپن جو ساٿي به. ٻاروتڻ ۾ اسان چڊا پائي اٽي ڏڪر به گڏ کيڏي آھي ته انڌلو ڀوپو به، سِروٽي جي اڌڙ ۾ رسو ٻڌي ٻاراڻي زندگيءَ جون گاڏيون به گڏ گھيليون آھن ته خالي ماچيس جي کوکن مان ويڇن کي ويجھا آڻيندڙ ٽيليفون به ٺاھيا آھن، ٿر ۾ آسودگي جي مينھن کي پڪاريندي آکي پايي لاءِ گھر گھر داڻا به پنيا آھن ته ٿر جي واريءَ دڙن تي اميدن جا ڀونگلا به گڏ ٺاھيا آھن. ايئن ئي ننڍپڻ ۾ شرارت ڪندي ٻيڙيون چورائي گڏ پيتيون آھن ته کٽ جي پاگي سان اڻھوند ۾ بصر ڪڻا ڀڃي اُن سان رُکيون مانيون به گڏ کاڌيون آھن. اسان نه رڳو پنھنجو سنھري بچپن گڏ گھاريو آھي پر حسين جوانيءَ جا ھڙئي لمحا پڻ جنت مثل ٿر جي واھڻن ۽ وستين ۾ ايڌي، مسڪين جھان خان کوسو، ڊاڪٽر ڊريگو، ڊاڪٽر ھرچند ۽ مامي وشن جھڙن ڪردارن جي نقشقدمي ۾ ائين ئي گڏ گھاريا آھن جئين پياري جي شاعري جي ھن مجموعي ۾ سارو نقش چٽيل آھن. اڄ جڏھن پياري شواڻي تي لکڻ خاطر اسان جي تعلق جي تاريخ کي تحقيقي اک سان پروڙڻ جي ڪوشش ڪري رھيو ھئس ته شدت سان محسوس ڪيم ته ڄڻ منھنجي خوبصورت يادن جي اثاثي ۾ ھن سان گھاريل ڏک ۽ سک جي ھر هڪ گھڙي ھڪ روحاني اڻٽُٽ تعلق جي ڪڙي ڪڙي مثل بڻجي اسان جي رشتي کي ھڪ مظبوط سنگھر ۾ سوگھو ڪري چُڪي آھي. جئين ڀٽائي چيو آھي ته؛
    ڪڙو منجھه ڪڙي جئين لوھارن لپيٽيو،
    منھنجو جيءُ جَڙي ، سُپرين سوگھو ڪيو.

    ھا انھيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونھي ته پيارو جنھن جو به ٻيلي آھي اُ ن ھر ڪنھن لاءِ ھو سندس ئي شعر جئين ھڏڏوکي رھندو آھي؛
    چوٽ توکي لڳَي ، درد مونکي ٿِيئي ،
    جيئن مان ٿو جيئان ، ايئن ڀي ڪو جيئي !.
    شايد اھو ئي سبب آھي جو منھنجي زندگيءَ جي ھر اھم فيصلي ۾ مون پياري جو ۽ پياري منھنجو اثر قبوليو آھي، ايستائين جو ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ جو موت مثل ڪڙو فيصلو به اسانجو مشترڪه فيصلو رھيو. ان حوالي سان جيتوڻيڪ سنگت وٽ ڪئي سوال آھن اسان لاءِ پر اسان وٽ اڃا پڻ ڪوبه جواب ڪونھي ڀٽائي جي انھن بيتن کانسواءِ ته؛
    مونکي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
    اُڀا ائين چون، متان پانڌ پُسائين۔
    جي سنگت کي اھو به نه وڻي ته کڻي ائين چئجي؛
    ڪنهن جو ڪونهي ڏوھه،امر مون سين ايئن ڪيو
    بھرحال ڪنھن اردو ۾ سچ چيو آھي ته ’داني داني پي لکا ھي کاني والي ڪا نام‘. ڌرتيءَ جي دُوري ھڪ گھري درد جو نانءُ آھي. پيارو جيڪو ظاھري طور سڀني کي لطيفن ۽ مزاح سان کلائيندو وتي تنھن کي آئون سڃاڻان ته ڪئين ھو اندر کان تمام حساس ھئڻ ڪري پنھنجي عام زندگيءَ ۾ به ڪجھه ججھيرڙن دردن جي پيڙاه کڻي جيئندو رھيو آھي ۽ تنھن لاءَ ڌرتيءَ جي دوري يقينن ڪنھن زخم جي ناسور بڻجڻ کان گھٽ ڪونھي ۽ انھيءَ ناسور کي گنڀير روگ بڻجندي مون تڏھن ڏٺو جڏھن اسان جي دوست ۽ پياري شواڻي جي ساه سريکي ٻيلي صادق فقير جي ديھانت واري خبر پياري کي پئي. ھن کي پھريون ڀيرو مون ميڻ بتي وانگر ٻرندي ۽ گرندي ڏٺو. ھو دانھون ڪرڻ ۾ ھو ۽ مونکي چوڻ ۾ ھو يار مونکي سنڀالجان. اڃا ھو صادق جي صدمي مان نڪتو ئي ڪونه ته سندس والد صاحب اسان جو محترم سائين پريم شواڻي به پرلوڪ پڌاريو کيس ڪلھو به نصيب ڪونه ٿيو. ڄڻ اسان سسئي ھجون ۽ ھي ڏک صرف اسانجو ئي نصيب ھجن. ھن پنھنجي ئي شاعري ۾ صحيح لکيو آھي ته ھو دردن جي گھري ۽ ڊگھي پيڙاه کي سياري ۾ ڪوري دلي جيان ڪئين پيئي ٿو؛
    گهڙي ڪوري جيان آئون،
    سنجهي کان صبوح تائين
    سياري کي پيئان آئون.
    جيئان تــ ڪيئن جيان آئون ،
    اسان تي هي صدين جيڏيون
    ماڪوڙي جيان مٽيون راتيون
    ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون !

    پر بھرحال پياري سان تمام ويجھو ھئڻ ڪري گھٽ ۾ گھٽ آئون ھن کي سڃاڻي سگھان ٿو ته ھو اندر کان بلڪل چُورا چُورا ٿيڻ جي باجود ڪيئن نه رڳو پاڻ پنھنجا درد خلق کان لڪائي جيئڻ ڄاڻي ٿو پر پنھنجي چھري تي مصنوئي کِل جو ئي صحيح پر ماسڪ لڳائي سنگت ساٿ کي مشڪل ۾ به زنده دلي سان کِلي گذارڻ جو ڏڍ ڏيندو رھي ٿو.
    پر ٻئي پاسي جڏھن مون جھڙا ڪمزور دل ماڻھو کيس ڌرتي وڇوڙي جي درد جي دانھن ڏين ٿا ته ھو حقيقت پسند ٿيندي پنھنجي فطري جذبن تي وڏي بردباري سان قابو پائي مشڪل حالتن جو زنده دليءَ سان سامهون ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪري ٿو ۽ پنھجي ماتر ڀومي واري ٿر جي عڪس کي راجسٿاني ٿر ۾ ڏسڻ جي منظرڪشي ڪندي اھو ويساه ٿو ڏي ته ماترڀومي ڪڏھن به ۽ ڪٿي به ڪنھن کان دور ناھي ھوندي. آئون سچ ٿو چوان پياري جي ھيٺين ڪويتا ۾ مون منھنجي جنم ڀومي کي راجسٿان ۾ جرڪندي ڏٺو آھي جنھن سان پناهگير ھئڻ جي باجود منھنجو زندگيءَ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر ويساه وڌي ويو نه ته پناهگيري اھلِ دل ماڻھن کي پٿر بڻائي ڇڏيندي آھي.
    دل چوي ٿي هاڻ پيارا،
    ڳوٺ سڄي کي هڙ ۾ ويڙهي
    رکجي راجستان سڄي ۾ ،
    جنهن ۾ جوڌاڻو ٿو جرڪي ،
    جنهن ۾ پاراڻو ٿو پَسجي ،
    جنهن ۾ ڏُونگر ڌورا آهن
    تنهن ۾ مُحب گُهرائي پنهنجو،
    چونئرو اَڏجي ، لانڍِي اَڏجي،
    جن جي چوٽين چنڊ اُهو ئي ،
    پنهنجو پيارو روپ ڏيکاري،
    تڏهن پنهنجو ڳوٺ سنڀاري
    مُحب مٺَي کي مالهاڻي جيان
    ڇاتيءَ لائي مور ڏيکاريان،
    هِت ئي پنهنجو ڳوٺ سنواريان
    جنهن جي هر ڪنهن کيت ڪناري
    هرڻ هزارين ڇالُون آهن
    تنهن ۾ پنهنجا چونئرا ڇاڄيان،
    مالهاڻي کي تنهن ۾ آڻيان،

    پيارو شواڻي جي ٻي شاعراڻي جرئت اھا به آھي ته ھو مذھب ۽ سرحدي تار واري تاثر جي بنياد تي سنڌ واري ٿر ۽ راجسٿاني ٿر جي ھٿرادو وڌل ويڇن واري تصوراتي لڪير کي مٽائي پنھنجي شاعري معرفت حقيقي زندگيءَ جي آئيني ۾ ائين پيش ڪري ٿو ڄڻ ھو برصغير جي ورھاڱي کان ڪنھن اڳين نسل جو باشندو ھجي.
    جوڌاڻي کان امراڻي ڏي ،
    رات سڄي ، هُئي آوت جاوت ،
    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊ ر ؟
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟ !
    ساڳي ٽاڻي گڏُ ڀنا پئي ،
    ڍاٽي ، ڪاڇي ، جهيڻي جهُڙ ۾ ،
    توکي ساري تنهنجي وينگس
    ڀِڄندَي ڀيڙيا ، ڀاڪُر ٿُــڙ ۾
    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ؟
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟!
    صادق ٻُڌجي ٻنهي پاسي ،
    حيدر جي ڀي هاڪ اڃان آ
    ٻيجل تُنهنجن ٻولن جي پڻ ،
    مٺياڻي ۾ ڌاڪ اڃان آ ،
    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ،
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟
    کُنڀيون ، چڀڙ هيڪُو جهڙا ،
    ٻنين ونين ساڳي رنگت
    ڇوهوٽڻ واري ڏ ونگر جهڙي ،
    ڪارونجهر جي آهي بيهڪ ،
    برساتن لئه ڪهڙا بارڊر ،
    وسڪاري لئي ڪهڙي ويزا
    جيتوڻيڪ ڌرتيءَ کان دُوري ھر اھلِ دل ماڻھو لاءِ زندگي جو سڀ کان ڪٺن ۽ ڪڙو تجربو ھوندو آھي جئين ورھاڱي وقت ٻنھي پاسي ڪئي نامور شخصيتن زندگي جو اھڙو درد ڀوگيو جنھن ۾ سعادت حسن منٽو ۽ فيض احمد فيض جھڙا ليکڪ ۽ شاعر پاڪستان ۾ رھيا يا اھڙا انيڪ ھندو سنڌي اديب وري ھندستان ۾ اچي رھيا. ايئن ئي يقينن پياري جھڙي حساس شاعر ۽ ادب ذوق ماڻھو لاءِ پڻ ھي درد اُن کان گھٽ ھرگز ڪونه ھوندو جئين ھو پنھجي شاعري ۾ ئي چوي ٿو؛
    مُڙي موڻابائو تان ، ڏسي لوهي تار ،
    اکين تي انڌار ، اوچتو اچي ويئي.
    توڻي جو سرحدي تارن سبب سالن جي ساه سريکن خليل جھڙن جگري دوستن جو وڇوڙو پياري کي پويان ھر پل پڪاريندو به رھي ٿو؛
    کن ترسين ھا، تون مان گڏجي،
    اھڙو سھڻو ديس اڏيون ھا،
    ۽ وري ساڳي ريت پيارو به وڇوڙي جي انھي درد کي اندر کان محسوس ڪندي پنھنجي شاعري ۾ چوي ٿو؛
    مُڙي موڻابائو تان ، ڏڪي پيو ڏيل
    مونکان ڪنهن خليل ، جوڀن ۾ جدا ڪيو
    پر باوجود انھي جي پيارو مذھبن ۽ سرحدي تارن ذريعي الڳ ڪيل ڌرتيءِ جي ٻنھي پاسن پنھنجي تصوراتي زندگي ۾ جيئڻ واري احساس کان ھرگز مڙي نٿو ۽ ائين ھو پنھنجي پناهگيري واري احساس کي قابو ۾ رکڻ ۾ ڪامياب رھي ٿو، جئين ھو پنھنجي ھن نظم ۾ لکي ٿو؛
    هڪڙي پاسي من رهي ٿو
    هڪڙي پاسي تن رهي ٿو
    من چوي ٿوهُوءَ صحيح آه
    تن چوي ٿو هُوءَ صحيح آه
    آءُ ٻنهيءَ جي جهڳڙي وچ ۾
    اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان ،
    ڏينهن سمورو ڏيه کان ٻاهر
    ويزا تي مان ويهندو آهيان ،
    تارا ٿيندي، تار ٽپان ٿو ،
    ويزا کي مان ڪين ڏسان ٿو
    ۽ پوءِ موذن جاڳي تيسين
    سپني ۾ مان ڳوٺ گهمان ٿو
    هڪڙي ڪن مان ٻانگ ٻُڌان مان،
    هڪڙي ڪن مان رام ٻڌان مان ،
    آءُ ٻنهي جي جهڳڙي وچ ۾
    اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان

    ھر پل سُلجھي اُلجھندڙ ۽ اُلجھي سُلجھندڙ پيارو ڌرتيءَ کان ۽ پنھنجن ساه سرکين کان ٿيل وڇوڙي کي پنھنجو مقدر سمجھيو ۽ اُن وڇوڙي جي دردن جي پيڙاه ۾ سرُور ڳولھي جيئڻ ڄاڻي ٿو. انھي خاطر ھو ولايت ۾ ويھي جتي ٿر جي يادن کي پنھنجي شاعري ۾ ساريندو رھي ٿو اتي ھو ٿر جي حالتن تي پريشان پڻ رھي ٿو؛
    الئه ڪيستائين ، ٿر ، ٿر رهندو ؟ !
    ڪُڏي ٿي ڪرولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي .
    يا وري ھڪ ٻئي شعر ۾ لکي ٿو؛
    ڪُسن ٿيون روجهڙيون رڻ ۾ ،
    روئي ٿو روز چتراسر ،
    کڄن ٿيون جيئن بندوقون ،
    روئي ٿو تيئن ڪارونجهر
    ايئن ئي ھو ڪڏھن ڪارونجھر جي عڪس کي چوھٽڻ ۾ پسي ٿو ۽ ڪڏھن ٿر جي ڪولھين کي پنھنجي شاعري جا ڪردار ٺاھي کين گڏ رکي ٿو؛
    راسوڙي جي، رقص سان ڪولهي ،
    ڪارونجهر جو ڪر گونجائي
    اڃا وڏي ڳالھه اھا آھي ته ھو جوڌپور جي ھينڊيڪرافٽ واري صنعت ۾ شايد واحد ڪاروباري ھوندو جنھن سنڌ کان آيل پناهگير ڪولھين کي ئي پنھنجي فيڪٽري ۾ واڍن جي تربيت ڏيئي ساٿ رکيو آھي ۽ پنھنجي زندگيءَ جا گھڻا پل انھن سان ئي گھاري ٿو. اھڙيءَ ريت پياري جي پناهگيري واري زندگيءَ جا انيڪ عڪس آھن جنھن ۾ کيس اباڻو ديس ٿر ھر گھڙي جرڪندي نظر ايندو رھي ٿو.
    بھرحال انھيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته جنھن کي لڳي تنھن کي ڪل نه ته پاڙي وارن کي ڪھڙي پچار، ۽ اھا به حقيقت آھي ته ڌرتيءَ جي وڇوڙي جي درد جي پيڙاه صرف ڌرتي کان وڇڙيل ئي ڄاڻي سگھن ٿا. اڄ آئون جتي پنھنجي نصيب ۾ آيل پناهگيريءَ واري زندگي تي بدنصيبي جي احساس ۾ گھيريل رھان ٿو اُتي اھا فخر ۽ خوشي پڻ آھي ته آئون پنھنجي ٻيلي پياري شواڻي جي روپ ۾ اڄ جي دور جي ھن ڪيسوٻاءِ سان پڻ ھر پل گڏ آھيان جنھن کان مون اھو سکيو آھي ته جنم ڀومي کان دور دنيا ۾ ڪٿي به رھجي پر دل ۾ ۽ پنھنجي آسي پاسي ۾ ماتر ڀومي کي تصوراتي طور موجود سمجھي سسئي جھڙا سور سھندي به مارئي جيان ملير سان جُڙيو رھي سگھجي ٿو.

    اشوڪ سوٽهڙ ،
    جوڌپور ، راجسٿان .
    آگسٽ 3 ، 2016


    کوهنڀي جي ڦلڙين جهڙو شاعر

    کوهنڀي جي ڦلڙين جهڙو شاعر

    زندگيءَ جون 38 بهارون ماڻيندڙ کلمُک، سهڻو سپاٽو نوجوان ۽ ڀريل بُت جو مالڪ، دلبرن جو دلبر، کلڻهار ۽ ملڻهار، محبتن جو متوالو ۽ چاهتن جو رکوالو، اسان سڀني جو پيارو، پيارو شواڻي جيڪو پنهنجي ظاهري مزاج ۾ خوش اخلاق، خوش طبيعت، خوش مزاج من جو مالڪ آهي. ته وري پنهنجي اندر جي دنيا ۾ پيڙائن جو پوڄاري، درديلو ۽ حساس طبيعت جو مالڪ آهي. کيس درد ايڏو ته دادلو اٿس جو هو جڏهن به ان جي اُپٽار ڪندو آهي. يا پنهنجي اندر جي اُڻ تُڻ ۽ دل جي ڪيفيت جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ته لفظ جذبن جي زبان بڻجي شاعري جو روپ اختيار ڪندا آهن. ۽ هونئن به شاعري داخلي ۽ خارجي ڪيفيتن جو عڪس هوندي آهي.
    پيارو جيئن پيار جو پُختو ۽ دوستي ۾ نباهه ڪندڙ آهي تيئن ئي سندس شاعري فطري حُسن، احساسن سان ٽمٽار، وڻندڙ ۽ دلڪش هئڻ سان گڏوگڏ سندس پُختي خيال جي اڏار ۽ ٻولي جو حسن ڪمال جو رهيو آهي. پيارو جيڪو شهرن ۾ هوندي پڻ پنهنجي دل جي ڌرتيءَ تي ٻهراڙين جا خوبصورت منظر ۽ عڪس سدائين چٽيل رکي ٿو . تڏهن ئي ته سندس شاعري جي ڪئنواس تي ٻهراڙي جي خوبصورت ماحول جي دلڪشيءِ ۽ دلبريءَ جو رنگ ڀريل آهي.

    نديءِ تي نينگريون وهنجي، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا،
    نديءِ پئي هيڪلي روئي، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا،

    پرديس ۾ هجڻ جي ناتي پياري جي شاعري ۾ وڇوڙي جو درد پڻ ڪجهه سوايو رهيو آهي. سندس ئي غزل جي هڪ سِٽ هن ريت آهي.

    جتي ڀي مران ۽ جڏهن ڀي مران
    وري جي ڄمان ته، سنڌ ۾ جنم ٿي.

    يا وري
    پکي ديس واپس، اُڏامي اچي پر،
    نوان هي نشانا، ڪٿي راس ايندا.

    پياري جي شاعري ۾ نج خيال جي اُڏار ۽ فطري حسن جا جلوا هڪ غزل جي هيٺئين بند ۾ پڻ پسي سگھجن ٿا.
    مور من جو روئي، روز کيڙا ڪري،
    ڊيل ڪائي هجي، جيڪا آنسو پيئي.

    ڪوملتا، معصوميت، ٻاروتڻ کي جيڪڏهن پسجي ته پياري جي شاعري ۾ ئي پسي سگھجي ٿو. هن جي اندر ۾ ويٺل ٻالڪ کي ڏسي ۽ ٻالڪپڻ تي لکيل شاعري پڙهندي مونکي اڄ به ائين لڳندو آهي. ته اڄ به اسين گڏجي لڪ لڪوٽي، آکو پايو يا انڌلو ڀوپو رمي رهيا آهيون. جيڪو ٽيهارو سال اڳ ۾ اسان گڏجي رميا هئاسين.
    او ڦر ڦر سونٽو، اوٽي تي،
    او انڌلو ڀوپو، ڀونگيءِ ۾،
    او نرسا ڀايا، ڪيڻ گيا،
    او آکا پايا، ڪيڻ گيا،
    وقت نان کائي وقت گيو،
    ڪيڻ اسان جو، بخت گيو،

    يا وري
    اونهاڙي ري وئڪيشن ۾،
    لڪ لڪوٽي، روج رميا تي،
    آکو پايو، ميهه رو سايو،
    گھر گھر ڏاڻا ڪين پنيا تي؟

    پياري شواڻي جي شاعريءِ جو هي ڪتاب ادب جي ڳاڙهي کوهنڀي تي ڦلڙين جيان نروار ٿي بيهندو ۽ اها اُميد رکي سگھجي ٿي ته پيار انهيءَ جذبي سان هند ۾ هوندي به سنڌ لاءِ لکندو رهندو.
    نرسنگهه سوڍو
    مٺي، ٿرپارڪر،سنڌ


    خوابن جو تعزيتي نوٽبُڪ

    خوابن جو تعزيتي نوٽبُڪ

    پيارا !، مون لاءِ اڄ به تُنھجي شاعريءَ تي ڳالھائڻ يا لکڻ ايترو ئي مُشڪل ڪم آهي، جيترو ڪالھ تائين تُنھنجي گھڻ رُخي شخصِيت ۽ اُنھيءَ جي سحرانگيزي جو اُپٽار ڪرڻ ڏُکِيو هو. تُنھجي اِهائي اِهم خُوبي رهي آهي ته تو زندگيءَ جي هر اهم خُوبيءَ کي اهڙي ته سُندرتا ۽ سليقي سان سميٽي رکيو آھي جو مُون سُميت ڪيترن ئي دوست کي توتي رِشڪ ٿيندو آھي .
    مُون جڏھن اسڪولي دور ۾ توکي ٿُلھي ليکي هر ادبي ڪاج ۾ اسٽيج تي ذميواريون نڀائيندي ڏٺو ته سچ پُڇين ته مون هر انھي ويلي ڪمپيئر ٿيڻ چاھيو. تُنھجي مسڪراھٽن ڀري نفيس گفتگو هر اهلِ دل کي موهيو ٿي. وري جو تُون شاعري ۾ ڪاھي نڪتين ته تو پاڻ کي هڪ روايتي ڀِيڙ کان پاڻ کي پرڀرو رکيو. اسان کي ته تُنھجو هِيءَ انداز ۽ اسلوب ئي ڪوتا جي ڪاڄ ۾ گھلي آيو.
    اڙي هان يار، تو ته ڪھاڻي جي ميدان ۾ به پنھجي قلم کي جنبش بخشي. ياد اٿئي نه اُها ڪھاڻي ”توکان ٿيندي ڌار“، ( هزار داستان 1999 ) اُن ڪهاڻيءَ ۾ ڪيترو نه روليو هئيي ويچاري فوزي کي. منھجي سانڀَر موجب اُهو اڄ کان پُورا سارا سَترنَھن سال اَڳ جو قِصو آھي. پر شايد تُنھجا خط سنڀالي روئندڙ فوزِي جي پاراتن توکي ڪھاڻين جا پلاٽ ته ڇا اُگھاڙين پيرين گھر ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ۽ تو شاعريءَ جي آغوش ۾ اچي پاڻ کي سھيڙيو ۽ سنڀاليو.
    اهو تُنھجي لفظن جي اُڻت ۽ پيشگي جو ڪمال چئجي جو شاعري کي ٺيٺ ڳوٺاڻو ماحول ڏنو آهي، جنھن جو اولڙو تُنھجي هڪ مقبول نطم ”دل چوي ٿي ڳوٺ وڃان“ ۾ نظر اچي ٿو. جنھن ۾ سُمورو ڳوٺ هرمچ جي ڀرت سان ڀريل آھي. اُن ۾ شھري گھُٽ ٻوسٽ کان ڀڄي تو ڳوٺ وڃي چونئري مٿان چنڊ ڏسڻ کي فوقيت ڏني آھي.

    هر پل ٿو هت ساھ مُنجهي،
    هن شهر جا، سارا رنگ ڇڏي،
    ڪنهن چؤنري مٿان چنڊ ڏسان
    دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.
    دل چوي ٿي، ڳوٺوڃان.

    يار، هاڻ تون ئي ٻُڌاءِ ته آئون توکي اهو ڪيئن لکي اُماڻيان ته اُنھي چونئري مٿان اُڀرندڙ چنڊ کي الائي ڪيترا ڀيرا گِرھڻ لڳو آھي، ۽ انھيءَ درد جي وسعت کي هڪ شاعر ئي بيان ڪري سگھي ٿو. جنھن جي شاعري جي محور سُونھن، سرتي ۽ سِڪ هوندا آهن.

    مون ويس تُنھجي کي ڀيٽڻ لاءِ
    هن ديس سڄي کي جاچيو آ
    پر هِڪڙي پاسي آھين تُون
    ۽ هِڪڙي پاسي راڄ سڄو،
    پر تُنھجو پاسو ڀاري آ
    ۽ تُنھنجي سُونھن ڏياري آ.

    چيو هئم نه پيارا، تُنھجي شاعري جي حسن آھي اهوئي ته انھي ۾ لفطن جي ڀرتي ناھي. عام فھم لفظن ۾ هڪ پنھجن احساسن جي ترجماني ڪرين ٿو. تون به ته مزاق ۾ چيو هو ته مائٽ ڀرتي اھا شئي آهي جيڪا شاعري ۽ ماڻهو ٻنھي کي تڪليف ڏيندي آھي. تُنھجي شاعري جي سگھ اها پنھجو هڪ الڳ ٿلڳ مرتبو ٺاھيو آھي. تُنھجي شاعري ۾ تنھنجو مقامي مشاھدو به حسين آھي.

    ڀتوارڻ لاءِ نيڻ صبوح کان
    هاري ڊاڳي ۾ ڊوڙائي .

    تو جھڙيءَ ريت شيخ اياز جي شاعري کي ڍاٽڪي (ٿر جي مقامي ٻولي) جو ويس اوڍايو، اهو سُمورو انھي محبت جو مثال آھي جنھن خمير جا پاڻ سڀئي جُز آھيون. تو ان خطي جي مقامي ٻولي سان به بخوبي نڀايو آھي، جنھن ٻولي ۾ تو لوليون ٻُڌيون هيون.

    او آکا پايا ڪيڻ گيا ؟،
    او ڀُونگا ٺاهيا ڪيڻ گيا ؟،
    او ڏاگي لاريا کيتر ۾ ؟،
    هڙ تي واهيا ، ڪيڻ گيا ؟
    وقت نان کائي وقت گيو !
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو ؟

    رومانس ۽ ڳوٺ سان گڏوگڏ دوستي تنھجي شاعري جو مکيه موضوع رھيو آھي، اُھو دوستي جي ڀرم تو فاصلن تي هوندي به ڪسُو ٿيڻ نه ڏنو توڻي جو خنجر خنجر سامھُون هٿ واري واردات جا به ته پاڻ اکيئن ڏٺا ساکي آھيون . ڏس سائين صادق فقير جي وڇوڙي تي سُموري سنڌ جيان تون به ٻه اڌ ٿي پيو آھين. صادق فقير تُنھجي دوستي جي ميِڙيل ڪُل پونجي هو. هُن لاءِ تو ڪيترو رُنو ان جي ڪٿ ڪٿي! درد جو ڪو ڇيڙو ڪونھي.

    ڀِتِين جا ها ، ڪن ٻُڌا سين ،
    ها پر توکان پوءِ فقيرا،
    ڀتين جا مون نيڻ ڏٺا هِن،
    جن جي ڀرسان لنگهندو هُئين تون،
    تن مان اڄ ڀي نير وهي ٿو،
    روئي سُڏڪي ، سنڌ چوي ٿي ،
    صادق ، تولاءِ هند ، چوي ٿي .


    تو پاران مٺي ڇڏڻ توڻي جو اسان لاءِ اڄ به انجسٽيفائيڊ آهي، پر تون ته ساھ سريکن کان به ويجھو آھين. اڄ به اسٽيجن جا شوقين جڏھن پنھجي ڪارجن ۽ ظرفن ۾ کُٽيو پون ته پنھجو اندر جو لِڪل زھر توتي اوڳاڇيو توکي ياد ڪن. اھو به توڻي جو اسان کي ڀانءُ نٿو پوي پر تُون کين ايترو ئي پيار ڏين جيترو پنھنجي يار خليل کي چاھين ٿو.

    مُڙي موڻابائو تان ، ڏڪي پيو ڏيل
    مونکان ڪنهن خليل ، جوڀن ۾ جدا ڪيو.

    پاڻ سڀني ٿرين جو هڪڙو ئي مامو آھي، ان جي محبت کي به تو شاعريءَ ۾ ڳايو آھي. مامي وشن ٿري تي لکندي به يار تو ڪنھن لٻاڙ يا نعري بازي کان ڪم ناھي ورتو. هن جي جذبي کي تو جيئن ڏٺو آھي تيئن پيش ڪيو آھي نه ته توکي به خبر آھي ته جن ڪاسٻو ڪڏھن ڏٺو ئي ڪونه، سي به طويل نظم ڪاسٻي جي ڪامڻين تي لکيو ڇڏين ٿا.

    تو ۾ رتُ رهيو ئي ناهي !
    پوءِ ڀي رتُ ڪرين تو ڀيڙو ؟ ،
    ماما ! ڇا ته مسيحا آهين ،
    ڪيڏو ستُ ڪرين ٿو ڀيڙو.

    خير پيارا، توکي ۽ تنھجي شاعري کي ڪنھن جُڳاڙي جي سرٽيفڪيٽ جي ڪا ضرورت ناھي. تُون جيڪو اڄ به سرحدن جي وچ ۾ اٽڪيل ڌرتي جو وجود آھين. سچ پڇين ته مون کي تنھجي شاعريءَ ۾ اُھي خواب لھندا ۽ مرندا محسوس ٿا ٿين، جيڪي خواب ڪڏھن خودڪشي ڪن ٿا ته ڪڏھن تون پاڻ کين گھوگھو ڏيو ڇڏين ٿو. مون کي ايئن ٿو لڳي ته اها صرف شاعري ناھي، اهو مري ويل خوابن جو تعزيتي نوٽبڪ آھي. جنھن ۾ سُڏڪا به آھن ته اُڍڪا به !!

    ڏينهن سمورو ڏيه کان ٻاهر
    ويزا تي مان ويهندو آهيان ،
    تارا ٿيندي، تار ٽپان ٿو ،
    ويزا کي مان ڪين ڏسان ٿو
    ۽ پوءِ موذن جاڳي تيسين
    سپني ۾ مان ڳوٺ گهمان ٿو
    هڪڙي ڪن مان ٻانگ ٻُڌان مان،
    هڪڙي ڪن مان رام ٻڌان مان ،
    آءُ ٻنهي جي جهڳڙي وچ ۾
    اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان .
    هڪڙي پاسي من رهي ٿو ،
    هڪڙي پاسي تن رهي ٿو.

    امداد حُسيني الائي ڪڏھن ۽ ڪٿي چيو آهي ته ”شاعر اهم آھي يا شاعري؟ يا وري ٻئي اِهم!. اِھڙو تعين به هڪ صحتمند تنقيد ئي ڪري سگھي ٿي، جيڪا في الحال اسان وٽ ناھي ۽ تنقيد جي نالي ۾ جيڪا شيءِ آهي اُن ۾ ميرٽ ۽ معيار بدران ياري باشِي آهي “. پيارا، تُنھنجي شاعر هُجڻ ۽ تُنھنجي شاعريءَ جو قد ڪاٺ ڪَڇڻ وارا ڀلين فوٽ اِسڪيل کڻي پيا بحر ۽ وزن جا اُتر ڏکڻ ماپين، پر هڪ پڙهندڙ جو پيار ۽ مُحبت تُنھجي اُنھي سُموري پورهئي جي مزوري آهي. جيڪو پورھيو ڪڏھن به رائيگان ناھي ويو ۽ ھر ذوق ۽ ظرف رکندڙ دل محبتون موٽائڻ ۾ کوٽائي ناهي ڪئي.

    تو لاءِ اڄ به اُهوئي پيار

    تُنھجو پنھنجو
    مُڪيش راجا سُوٽھڙ
    صادق فقير ڊگري ڪاليج
    مِٺي ٿرپارڪر
    8 آگسٽ 2016


    فطرت جو عاشق شاعر پيارو شواڻي

    فطرت جو عاشق شاعر پيارو شواڻي

    انسان جي خوبصورت احساسن ۽ جذبن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروئڻ جو ٻيو نالو “شاعري” آهي. شاعري دل جو آواز به آهي ته سڄاڳي جو پيغام به آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ “ڪردار” هجي ٿو. تنهنڪري فطري طور تي هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي هو پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر فطرت جو عاشق هوندو آهي، جيڪو شاعر فطرت سان محبت ڪري ٿو، اُهو ئي خوبصورت تخليقڪار هجي ٿو يا ائين کڻي چئجي ته تخليق فطرت جي ڪُک مان جنم وٺي ٿي ۽ زندگي جي هنج ۾ پلجي پروان چڙهي ٿي. خوبصورت شاعري فطرت جي مظهر هوندي آهي، جنهن ۾ فطرت جا سڀئي منظر سمائيل هوندا آهن. سنڌو ندي جي ڇولين جا گڙ گڙ آواز، مينهوڳي مند ۾ مورن جا ٽهوڪا، ٿر جي ڀٽن جون ٿڌريون راتيون، وسڪاري جي آمد جا لوڪ گيت فطرت جا خوبصورت منظرن جو عڪاس آهن. ٿر جي ڀٽن مان اڀري آيل شاعر پياروشواڻي هڪ خوبصورت تخليقڪار آهي. جنهن جي شاعري ۾ خوربصورتي جا رنگ پسجن ٿا. شاعري ۽ موسيقي سان دنيا جو هر ماڻهو پيار ڪري ٿو، ۽ شاعري توڙي موسيقي سرحدن جي محتاج ناهي هوندي. پياري شواڻي جو تعلق نج ڳوٺاڻي زندڳي سان رهيو آهي. انهي ڪري هو فطرت جي رنگن سان تمام گهڻو ويجهو رهيو آهي. ٿوري م ائين کڻي چئجي ته پيارو فطرت جو عاشق شاعر آهي. پيارو شواڻي ٿر کان ڏور هوندي به هو ٿر جي فطري رنگن ۽ سانوڻي مند جي رومانس کي ڪونه وساري سگهيو آهي، جڏهن به جوڌپور جي پڍن تي مينهن اوهيرا ڪري وسندو آهي تڏهن ٿر ۽ سانوڻي مند جا سمورا فطري رنگ ان جي اکين ۾ اوتجي ويندا آهن ۽ هو وري سانوڻي جا گيت جهونگهاري ائين چوي ٿو ته “ عمر وري برسارو آيو”
    هون به سانوڻي مند جو پنهنجو هڪ رومانس آهي. هي اهائي مند آهي جنهن ۾ اسان کي برسات جي هانءُ ٺاريندڙ ڪڻين جا منظر، آسمان جي ڪينواس تي کنوڻين جي تجلن جا انڊلٺي رنگ نظر ايندا آهن هن مند ۾ جڏهن مينهن اوهيرا ڪري وسندو آهي تڏهن فطرت جو هر رنگ ڏسڻ وٽان هوندو آهي. هي اُهائي مند آهي جنهن ۾ اسان کي همرچن جا مُڌر آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهين. هن مند ۾ وسڪاري جا دلڪش منظر پسي سگھجن ٿا. ٻنين ۾ هُرن جو اوڙون، جن ۾ نڪرندڙ نئون گاهه، هر طرف مال جي چڙن جا آواز، مالوندن جون گِٽڪارون پڻ هن مند ۾ ئي ٻڌڻ ۾ اينديون آهن. هي اهائي مند آهي جنهن کي شاعرن پنهنجي ٻولي ۾ ڳايو آهي.ائين پياري پنهنجي شاعري ۾ سانوڻي مند جي انڊلٺي رنگن کي ڳايو آهي. پيارو شيواڻي ڪيترو سگهارو شاعر آهي، ان جي ڪٿ ته وڏا شاعر ئي ڪري سگهن ٿا پر پياري سان منهنجي ننڍپڻ جي نينهن جو ناتو رهيوآهي. ائين کڻي چئجي ته اسان جي دوستي جو رشتو ننڍپڻ کان ئي جڙيو هو. هن کي گهر ۾ ادبي ماحول مليو ۽ هو پنهنجي محنت ۽ لگن سان سٺو ليکاري ۽ شاعر بڻجي سامهون آيو. پياري سان منهنجو هڪ گهر جي ڀاتي وانگر رشتو رهيو آهي ۽ اسان گڏجي ادبي ماحول ۾ پير پاتو. زندڳي جي سفر ۾ اسان هڪٻئي سان گڏ گهمندي ڦرندي تمام بهتر وقت گذاريو ۽ مٺي جي ادبي ماحول کي سرگرم رکيو. پيارو پنهنجي مزاج ۾ کل مک ۽ دريا دل ماڻهو آهي، هاڻي جڏهن ٿر مان لڏي سرحد جي هن پار ويو آهي، ۽ منهنجو محبوب دوست صادق فقير اسان جي وچ ۾ ناهي رهيو، تڏهن ايئن محسوس ٿئي ٿو، ته زندڳي ۾ هاڻ ڪجھ به ناهي رهيو، زندڳي ڄڻ ڇسي ٿي لڳي. هاڻي زندڳي جا ڏک سور ڪنهن سان سليان سو پيارو محبتي دوست آهي، ۽ هن جو ڏنل محبتون منهنجي زندڳي جو ڀرم آهي. هو ڀلين جي سرحد جي هن پار رهي ٿو. پر محبتن ۾ ڪا ڪمي ناهي آئي.


    دولت رام کتري


    پيرن جيان پوڄڻ جهڙو پيارو ماڻهو

    پيرن جيان پوڄڻ جهڙو پيارو ماڻهو

    هي 1995 جي ڳالهه آهي جڏهن آئون ڪاليج جي پڙهائي لاءِ مٺي ۾ اچي رهائش پذير ٿيو هئس. گھر ۾ علمي ادبي ۽ پڙهڻ پڙهائڻ جو ماحول هجڻ سبب ننڍي هوندي کان ادب سان ذوق هو ۽ ٻارن جي رسالن ۾ لکڻ سبب مختلف ٻاراڻن رسالن ۽ ادب ذوق نوجوانن ۽ ڪجھ نامور اديبن ۽ شاعرن سان رهنمائي يا علمي دوستي لاءِ خط و ڪتابت ٿيندي رهندي هئي ته ان جو ڏس پتو پوسٽ آفيس مٺي جو هڪ شيلف هو ، اتفاق سان پيارو شواڻي جي ٽپال به ساڳي شيلف ۾ هوندي هئي، هڪٻئي جي خطن جا ڍڳ ڏسي پڇا ڪرڻي پئي ته هي همراھ ڪير؟ نيٺ هڪٻئي کي ڳولي لڌوسين. ايئن ان ادبي جهان جي خط و ڪتابت واري سلسلي اسان کي هڪ ٻئي جي ويجھو آندو ۽ ان خلوص ڀري تعلق جون ڳنڍيون ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿينديون ويون. منهنجي طبيعت جي سخت مزاج ۽ کارو هجڻ باوجود دوستي، اعتماد ۽ خلوص جي رشتي جو جيڪو ڀرم رهندو آيو اهو صرف پياري جو ظرف ۽ محبتون هيون ۽ سندس سهپ واري عادت هئي. اهو ئي سبب هو جو جڏهن پيارو پرديس پڌاريو ته مون پاڻ کي تمام گھڻو اڪيلو محسوس ڪيو. ڪافي ساريون اهڙيون شيون هونديون آهن جن سان دل جي يادن جو رشتو گَهرو هوندوآهي پر جيتري گَهرائي روح جي رشتن ۾ هوندي آهي ايتري رت جي رشتن ۾ شايد هُجي!
    رشتن کي سنڀالڻ جو فن ڄاڻندڙ هن نفيس طبيعت جي مالڪ شخص جي سادگي ۽ سچائي مون هن جي لکڻين ۽ شاعري ۾ به ڏٺي آهي. هن جي شخصيت جا گھڻا پهلو آهن. هو حاضر دماغ، ڀوڳائي طبيعت، فائين آرٽ جو ماهر، وڏي تحقيقي ڄاڻ رکندڙ، ليکڪ، شاعر، سٺو مقرر ۽ مشهور اسٽيج ۽ ريڊيو ڪمپيئر آهي.
    سندس شاعري ضرور هن وانگر صفا سادي آهي پر منجھس وڏي تخليقي سگھ موجود آهي. خيالن جي نواڻ جو هن وٽ هميشه خزانو رهيو آهي. ڍاٽڪي، مارواڙي، سنڌي، اردو ۽ انگريزي ٻولين ۾ خاصي ڄاڻ رکڻ ڪري هُو لفظن جو محتاج ناهي. هن پنهنجي شاعري ۾ ديس جي درد جي اپٽار به ڪئي آهي ته ظلم و جبر کي ڏات ذريعي آئينو به ڏيکاريو آهي. سندس شاعري ۾ ٿر جي حسناڪين جا عڪس به چٽا نظر اچن ٿا ته پنهنجي ٻولي جو به هن خوب خيال رکيو آهي. هن کي چوٽي جو اديب سڏڻ، وڏو يا ننڍو شاعر ڪوٺڻ بجاءِ هن لاءِ بس ايترو چئبو ته هن پنهنجي حصي جو ڪم مستقل مزاجي سان ڪيو آهي. اهائي ڳالھ هن جي ادبي قد ڪاٺ کي واضع ڪري ٿي ۽ کيس مرتبو ۽ مان بخشي ٿي.
    جيتوڻيڪ هو شاعري جي فن جي عروج تي ناهي پهتل پر سندس شعر جي خيال، گھاڙيٽي ۽ رواني مان هو پختو شاعر لڳي ٿو. شعر جي هر صنف تي عبور يا فني مهارت هجڻ وڏو ڪمال آهي پر پياري شاعري جي مختلف صنفن تي مختلف زبانن ۾ طبع آزمائي ڪري ادب جي آبياري ڪئي آهي.
    مهان شاعر شيخ اياز جي شاعري جو هن جيڪو ڍاٽڪي ٻولي ۾ ترجمو ڪيو اهو اهم ڪارنامو آهي، هن ٻولي جي ترقي جي هڪ راھ ڏسڻ سان گڏوگڏ ادب ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ڪيو آهي. ان ڪم ۾ ڪي ڪوتاهيون به ٿيون هجن تڏهن به اها ادب جي تدريج و ترويج ڏانهن اهم وک آهي. ان عمل ۾ پياري جون ڪاوشون ساراهه جوڳيون آهن. علمي ادبي گھراڻي ۾ اُهو به سائين پريم شيواڻي جهڙي شخصيت پاران پرورش جو اثر به سندس ڪم تي ضرور رهيو آهي. هن سنڌ توڙي ٿر جي علائقائي ثقافت کي هٿي ڏيڻ ۾ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ مختلف وقتن تي اهڙيون سرگرميون عمل ۾ آنديون آهن جن سان معاشري ۾ پنهنجي ثقافت کي زنده رکڻ جو پيغام ملي ٿو.
    هن جي ادب سان سنجيدگي ۽ سپردگي جو عڪس هن جي ڪم جي تسلسل ۾ نظر اچي ٿو. ايئن هن سنڌي ادبي سنگت، موهن ڀڳت آرٽ اڪيڊمي، سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ٻين پليٽ فارمز تان مختلف علمي ادبي ۽ ثقافتي سرگرميون جاري رکيون. ٿرپارڪر ۾ علمي ادبي سماجي ۽ ثقافتي ميڙاڪن جو مور ليکيو ويندڙ هن سٻاجھڙي ماڻهو جو ٿرپارڪر ۾ علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ خاص ڪردار رهيو آهي.
    ريڊيو مٺي جي قيام دوران سندس رضاڪانه خدمتون به قابل تعريف آهن ۽ مسلسل 8 سال هن پنهنجي ٻڌندڙن کي نئين ڄاڻ، نوان رنگ ۽ بي پناهه محبتون ارپيون جنهن جي ڪري اڄ به ڪيترائي ٻهراين مان ريڊيو جا ٻڌندڙ پياري جون پڇائون ڪندا آهن. هڪ ئي وقت سنڌي ، اردو ۽ ڍاٽڪي ٻولين ۾ ريڊيو جو انائونسر ۽ ڪمپيئر هجڻ جو اعزاز به کيس حاصل آهي.
    هن سان منهنجو جيڪو حجت جو رشتو رهيو آهي انکي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگھجي پر مون اسانجي 21 سالن جي هن خلوص ۽ ڀائپي جي رشتي ۾ هن کان ڪڏهن شڪايت نه ٻڌي ۽ نه ئي ڪاوڙ ڏٺي. شايد هُن سان رشتو جوڙيندڙ هر ماڻهو اهي ئي خيال رکندڙ هجي. هن سان جيڪو هڪ دفعو مليو ۽ هن جي مريدي ۾ نه ويو ته جهڙوڪ هو ماڻهو احساسن کان خالي کوکو هو.
    مون ڪڏهن هن جي ماٺيڻي مزاج ۾ نه ذاتي حسد جو هينئون ڏٺو ۽ نه ئي ادبي ساڙ. ٽوڙڻ بدران جوڙڻ جي ڪاروبار ۾ مون هن کي ان آتڻ جو هيراڪ ڏٺو ته ، “ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇِنڻ مُور نه سِکيا”.

    شوڪت تبسم ڪنڀر


    غزل

    دلبر ڌارا، ديوالي

    دلبر ڌارا، ديوالي
    ڪپڙا ڪارا، ديوالي

    ٻاروتڻ ٿو ياد اچي،
    ڏ ٻليون تارا، ديوالي

    آهي اوهانجا آڻيندِي
    انگل آرا ديوالي

    مسڪينيءَ ۾ ڪيئن ڪندا؟
    سانگي سارا، ديوالي

    آءُ ، اسانجي ، اوٽي تي
    ڪيون پيارا، ديوالي.


    زمينون ، زمانا، ڪٿي راس ايندا ؟.

    زمينون ، زمانا، ڪٿي راس ايندا ؟.
    اسين هئون ديوانا، ڪٿي راس ايندا؟.

    اسان جو جيئڻ ئي، ملڻ منجه آهي !،
    رُساما روزانا، ڪٿي راس ايندا ؟

    پکي ديس واپس، اُڏامي اچي پر،
    نوان هي نشانا ، ڪٿي راس ايندا،

    جنين جي اندر ۾ ، تڏو آ وڇايل ،
    تنيين کي ترانا، ڪٿي راس ايندا ؟

    نئين عشق ايڏو، اُڃارو ڪيو آه،
    پُراڻا پيمانا، ڪٿي راس ايندا ؟


    نديءَ تي نينگريون وهنجي، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا،

    نديءَ تي نينگريون وهنجي، کڻي وييون مٽ پاڻيءَ جا،
    ندي پئي هيکلي روئي، ڏسي ڪو ڦٽ پاڻيءَ جا،

    اڳي ته ايئن هوندو هو. مليو ٿي انُ بازارين! ،
    جڏهن کان پاڻ سُڌريا هئون، ڏٺاسين هٽ پاڻيءَ جا،

    صبوح کان سڀ آيون پي،کوه تي هيل پاڻيءَ لئه
    مگر تون نه آئيين جو ، لُڇيا ٿي پٽ پاڻيءَ جا

    جتي ڪل جر جاري هو، اُتي ته هاڻ واري آ
    مُهاڻو ٿو روئي ساري، اُهي گُوگهٽ پاڻيءَ جا


    ڀڳل چوڙيون، سريل بستر، ٻُڌائن تــه گهڻو ڪجه ٿا،

    ڀڳل چوڙيون، سريل بستر، ٻُڌائن تــه گهڻو ڪجه ٿا،
    سڄو سمجهون، پيا پر هُو، لڪائن تــ گهڻو ڪجه ٿا.

    اوهان تي ڀي جوانيءَ جو، هيو واسو ، وڏي ويرا،
    اوهان تي جي مُئا ماڻهو، سُڻائن تــه گهڻو ڪجه ٿا.

    رُڳو هيڪو دفعو ڀيڙا، هلياسين جو، مانئُونٽ آبُو،
    تنهنجا ويجها، منهنجا ويجها، اُڏائن تــه گهڻو ڪجه ٿا.

    وڏا ماڻهو ٿيڻ خاطر، وڏيرن جي چائُنٺن تي،
    اڃان تائين ، اهي ماڻهو، پُڄائن تــه گهڻو ڪجه ٿا.

    سـڄا ماڻهو، مري آخر، مٽيءَ هيٺيان، مٽي ٿيندا ،
    پوءِ ڀي ڏس، پيارا هي، اَڏائن تــ گهڻو ڪجه ٿا


    روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾

    روهيڙي جو وڻ ٻني ءَ ۾
    بيٺي آ هُو ، ڄڻ ٻنيءَ ۾

    ڀُرٽن جيان ڀوتار ڦرن پيا
    اوڍي هل، اوڍڻ ٻني ءَ ۾

    ڳُڙ جي ڳنڍ ۽ ٻاجهر ماني !
    واه جو آ اولڻ ٻني ءَ ۾

    تنهنجا نيڻ بنجي پيئڙا،
    گِليلي، گوڦڻ ٻنيءَ ۾

    تون جو آئيين سوني ٿي پئي ،
    لالڻ ، هي لُوسڻ ٻنيءَ ۾

    ڪاش هلين ها تون ڀي گڏجي،
    پياري سان پوکڻ ٻنيءَ ۾


    چوٽ توکي لڳَي ، درد مونکي ٿِيئي،

    چوٽ توکي لڳَي ، درد مونکي ٿِيئي،
    جيئن مان ٿو جيئان ، ايئن ڀي ڪو جيئي !.

    درُ کُليل هُيو ، اک بند نَـ هُئي،
    راتُ جاڳيِ ڪٽيو ، مُون سان هِڪڙي ڏيئي،

    پيارُ وقت گهُريو ، پيٽ ڪون ڇڏيو !،
    مُئس مان ڀي ڪٿي ؟ ، پيو هُو ڀي جيئي !.

    مور من جو روئيِ ، روز کيڙا ڪري ،
    ڊيل ڪائي هُجي ، جيڪا آنسوُ پيئي،

    ڳوٺ سارَي مٿي ، ڳِهَرِ آهي مٺا،
    ڇا تـه اثرُ ڇڏيو ، تُنهنجي هِڪڙي ليئي


    تو سان شروع ٿي، تو تي ختم ٿي

    تو سان شروع ٿي، تو تي ختم ٿي
    ذڪر ٿو اسان جو، ايئن صنم ٿي.

    جوڙا سمورا ، اُڀ تي ٺهيا پر،
    زمين تي ڪارو ، ڪاري رسم ٿي

    اسڪيمون کائڻ، آسان ڪيڏيون،
    نالونه پنهنجو ، ڪنهن کان هضم ٿي.

    هندو هجي يا ، مسلم هجي ڀل،
    هرڪو روئي جي ، کڙو علم ٿي،

    جتي ڀي مران ۽، جڏهن ڀي مران پر،
    وري جي ڄمان ته ، سنڌ ۾ جنم ٿي.


    توکي ڪيڏو ، هوءَ ٿي چاهي ؟

    توکي ڪيڏو ، هوءَ ٿي چاهي ؟
    پُڙ ، رليءَ جو ٿو ڳالهائي!

    هن جي هٿ ۾ روز هجڻ لاءِ
    ڌاڳو ڌاڳو ٿو واجهائي

    هنداڻي کي ، هُرمچ وانگي،
    عشق انوکو ، ٿو چِترائي

    ڀتوارڻ لاءِ نيڻ صبوح کان
    هاري ڊاڳي ۾ ڊوڙائي،

    هوءَ هجي شل، روهيڙي جان،
    ڏُڪارن ۾ ، نـــه مُرجهائي،

    راسوڙي جي، رقص سان ڪولهي ،
    ڪارونجهر جو ڪر گونجائي


    ٽليا پئي ڪي ٽولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي،

    ٽليا پئي ڪي ٽولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي،
    مونکي تنهنجي ڳولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي .

    الئه ڪيستائين ، ٿر ، ٿر رهندو ؟ !
    ڪُڏي ٿي ڪرولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي.

    الئه ديس ڌارا ، وڃي ڇو تون ويٺين؟
    روئان ٿو مان تولا، گڍيءَ جي ته گڍ تي

    اسان منهن پاڻي ۾، ڏٺو ڪونه آهي
    ملائيندو مولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي

    هلي آءُ پيارا ، ڏسون پاڻ ٻيئي،
    مٺيءَ جا مينهولا ، گڍيءَ جي ته گڍ تي،


    نظم ۽ گيت

    ڍاٽڪي گيت

    ڍاٽڪي گيت

    صادق فقير نان ڀيٽا

    هيينئون هٿان مان جائي تو
    صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟

    هوڙي آن ڌُوڙيلي آيا،
    حاجي ، هندو ڪو تيڙايا!
    رنگ نــ ڪوئي نائَي تو

    هيينئون هٿان مان جائي تو
    صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟

    هوٽل رتن واڙي تان،
    دادن واڙي ماڙي تان
    ٽهڪ نــ ڪوئي آئي تو.

    هيينئون هٿان مان جائي تو
    صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟

    تاهاجي لاريا ، اي نزاڪت،
    جڪي ڀيڙو، ٻيسي راحت
    گڍي نان گرمائي تو

    هيينئون هٿان مان جائي تو
    صادق ، ڪُوڻ وجائي تو ؟


    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون

    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون

    ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟،
    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون !،

    سُمهي ٿو پئي سنجهي سورج
    دُور هيکل دڙن پويان
    ڏينهن کي آه تڪڙ تو جيان،
    ڏينهن تي ڀي اسان کي ناه
    سياري ۾ پڪڙ تو جيان،
    سڄڻ تو ريءَ سياري ۾
    اسان تي هي صدين جيڏيون
    ماڪوڙي جيان مٽيون راتيون
    ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون !

    ڊسمبر ۾ ڊِنوڙي جيان
    سِرامڻ ۾ ڀِنوڙي جيان
    وِڌا تو جي ڀري ڀاڪُر،
    پروڪا سي ڏينهن ساري،
    سيارا ۽ مينهن ساري
    گهڙي ڪوري جيان آئون،
    سنجهي کان صبوح تائين
    سياري کي پيئان آئون.
    جيئان تــ ڪيئن جيان آئون،
    اوهين ايڏانهن اچو جيڪر،
    پوءِ ٻيئي پوه پورو،
    کِلِي ڪٽيون سڄيون راتيون !،
    ملي ڪٽيون سڄيون راتيون!

    ڪٽيون تــ ڪيئن ڪٽيون راتيون ؟
    ڊسمبر جون ڊگهيون راتيون ! .


    ڪارونجهر جي ڪور تي ڪُٺل چتراسر جي نيل گاءِ جو نوحو

    ڪارونجهر جي ڪور تي ڪُٺل چتراسر جي نيل گاءِ جو نوحو

    ڪُسن ٿيون روجهڙيون رڻ ۾ ،
    روئي ٿو روز چتراسر،
    کڄن ٿيون جيئن بندوقون،
    روئي ٿو تيئن ڪارونجهر
    هُيا جت مرگه ٽولين سان،
    اُتي جي رڻ ڪنڌيءَ تي،
    اُڏي ٿو لُوڻ هاڻي بس،
    روئن ٿا راڄ ڪولهين جا،
    اُتي جو هڪ کوسو هو،
    جنهن جي ڏُور ويندي ئي،
    جهنگن جو ننگ وڌوا جيئن،
    روئي ٿو رڻ ڪاري سان،
    جتي ڪله مور ٽهوڪيا ٿي،
    اُتي اڄ ڊيل ڪُسجي ٿي،
    جتي ڪله ميزباني لئه،
    وڇايا نيڻ ويندا ها،
    اُتي اڄ ڌارين جي لئه،
    پچن ٿيون روز هرڻيون هت،
    پچن ٿيون روز هرڻيون هت،
    کُٽن ٿيون روز هرڻيون هت،
    اها جي ماجرا رهندي،
    ڀِٽن جو پوءِ ٿيندو ڇا،
    جنين تي مرگه ويهن ٿا،
    پٽن جو پوءِ ٿيندو ڇا
    پٽن جو پوءِ ٿيندو ڇا
    سڀن جو پوءِ ٿيندو ڇا


    ڍاٽڪي نطم

    ڍاٽڪي نطم
    ويڪيشن

    اونهاڙي ري ويڪيشن ۾
    لڪ لڪوٽي، روج رميا تي،
    آکو پايو، ميه رو سايو،
    گهر گهر ڏاڻا، ڪين پنيا تي ؟
    ٻاڙوتڻ را، ڏينهن سنڀاري،
    نيڻ مانهانجا، رات ڀِجيا تي،
    اونهاڙي ري، ويڪيشن ۾،
    لڪ لڪوٽي ، روج رميا تي،

    اج ڪله مانهانگا ، جُوتا پهري
    مهيڻي ٻيجي ، ٻيجا ليان تا،
    پڻ او بچپن ياد ڪران تو
    جڏهين پگيا ٻڙتا ڏاڍا،
    تڏهين اڪ را پُڙڪا تروڙي،
    باٽا جُتين آپين ٺاهاتا ! ! ،
    اِٽوڙان ۾ نوڙين ٻنڌي،
    ڪهڙين لارين ، آپين ٺاهاتا !
    ٻاڙوتڻ را ڏينهن سنڀاري،
    نيڻ مانهانجا رات ڀِجيا تي،
    اونهاڙي ري ويڪيشن ۾،
    لڪ لڪوٽي روج رميا تي،

    ڪاڪو پونجو ، مٿي ڏينهن رو،
    سُوتو جائي ، اوطاري ۾،
    آپين سجا ، اُوئي ٽاڻي،
    ٻيڙين پيتا ، چورايوڙين،
    ڪاڪو جاڳي ، جڏهان جوتو،
    ٻيڙيان ري ڪوٿڙئي نان،
    ٺلو ڏيکي ڪوٿڙئي نان،
    ڌُڪو کڻي آپان لاري،
    درهوڙي درهوڙي ، کنگهي کنگهي ،
    ٻيسي رهاتو ، ٻُڪڙ منهين نان
    ٻاڙوتڻ را ڏينهن سنڀاري،
    نيڻ مانهانجا رات ڀِجيا تي،
    اونهاڙي ري ويڪيشن ۾،
    لڪ لڪوٽي روج رميا تي،

    هي تان ڏاڙهي اڇي اهي پڻ،
    منهين نان ٻيٺل ويجاڙوڪو،
    ڌرتي تانهانجا ڌورا ساري،
    ڌوٻا ڌوٻا ، آنسو ڍوڙي،
    هيڪُو ڪين او سيمان ساري
    پپان ، کُنڀين ، ڪونڍيران نان،
    سپني ڀِتر ، چُنڊڻ سارون،
    بنگلا ڇڏي ، گامان سمهون،
    جائي پُجي ، روزاني تو،
    ٻاڙوتڻ را ڏينهن سنڀاري،
    نيڻ مانهانجا رات ڀِجيا تي،
    اونهاڙي ري ويڪيشن ۾،
    لڪ لڪوٽي روج رميا تي،


    دل چوي ٿي هاڻ يارا،

    دل چوي ٿي هاڻ يارا،
    ڳوٺ سڄي کي هڙ ۾ ويڙهي
    رکجي راجستان سڄي ۾،
    جنهن ۾ جوڌاڻو ٿو جرڪي،
    جنهن ۾ پاراڻو ٿو پَسجي،
    جنهن ۾ ڏُونگر ڌورا آهن
    تنهن ۾ مُحب گُهرائي پنهنجو،
    چونئرو اَڏجي ، لانڍِي اَڏجي،
    جن جي چوٽين چنڊ اُهو ئي،
    پنهنجو پيارو روپ ڏيکاري،
    تڏهن پنهنجو ڳوٺ سنڀاري
    مُحب مٺَي کي مالهاڻي جيان
    ڇاتيءَ لائي مور ڏيکاريان،
    هِت ئي پنهنجو ڳوٺ سنواريان
    جنهن جي هر ڪنهن کيت ڪناري
    هرڻ هزارين ڇالُون آهن
    تنهن ۾ پنهنجا چونئرا ڇاڄيان،
    مالهاڻي کي تنهن ۾ آڻيان،
    سڀني ساٿين سان پوءِ گڏجي،
    ننگر جهڙو ڇوهوٽڻ گُهمجي
    جنهن جي بازارن ۾ سُهاڳڻ،
    ڍاٽياڻين کي هُرمچ سُونهي
    ماڻهو ماڻهو مُڇ مروڙي
    ڦينٽا ، تريٽا ، ساڳيا پائين
    تن سان ويهي جهوني ٿر ۾
    صادق ٻُڌجي ، حيدر ٻُڌجي
    دل چوي ٿي ڳوٺ اُهوئي
    رکجي راجستان سڄي ۾
    رهجي راجستان سڄي ۾
    ويهجي راجستان سڄي ۾


    بچپن کئ کيا باتين کهون ؟

    بچپن کئ کيا باتين کهون ؟

    بچپن کئ کيا باتين کهون ؟،
    بچپن کي کيا يادين کهون ؟!
    بچپن اُتم هوتا تها،
    واپس ، سب کچه ملتا تها،
    هم مين جو بهي کهوتا تها،
    بچپن کئ اُن جهڱڙون مين،
    بس ، گُڙيا ڻُوڻا کرتي تهي ، !
    ماچيسون کئ ڊبيون سئ،
    ڻيلي فون ، بنتئ تهئ، !
    بچپن کي هر تلخئ کا،!
    بس ، غصا اک دن هوتا تها،
    بچپن کي اُس گاڙي کي،
    ڊبئ هم سب هوتئ تهئ
    چهک چهک چهک چهک چلتئ تهي
    رک رک رک رک چلتي تهي
    بچپن کي هر بارش مين
    هم تو بهيگا کرتئ تهئ
    ڻيلون کي اُس ريتئ سئ !
    بنگلئ ، ! بنتئ رهتئ تهئ
    ڻُوڻي پهوڻي مڻکي سئ !
    سکئ سچئ بنتئ تهئ
    اب تو ، هم تم وه نا رهئ !
    پيسون کو جو پايا هئ
    سب کچه گهر مين هوتئ بهئ
    خالئ خالي لگتا هئ
    اب کي بهاگا دوڙي مين
    کهين نان پهنچا کرتئ هين
    اب گر بارش هوتئ هئ!
    اک دُوجهئ کو فونون پر
    اب تو بس يئ کهتئ هين
    گهر سئ باهر نکلو مت
    تيري ميري گهر کي بيچ
    چهه انچ ، پاني جمع هئ !
    اب اُس ، بُوڙهي نديا کو، !
    ديکهئ ، مدت هو گئي هئ
    جس مين کُودا کرتئ تهئ
    اب گر گائون جاتا هون،
    آنکهين نديا هوتي هين،
    خود کا پاني هوتا هئ
    خود هي نهايا کرتا هون
    بچپن بهي کيا بچپن تها
    جس کو واپس لوڻا هون،
    بچئ کهيلا کرتئ هين
    مين تو بيڻهئ روتا هون،
    بچپن کي کيا باتين کهون
    بچپن کي کيا يادين کهون
    بچپن اُتم هوتا تها.


    ٿر جو ايڌي

    ٿر جو ايڌي
    مامو وشنو

    منهنجو هڪڙو مامو آهي،
    جنهن وٽ ، ڪو ڀي کيسو ناهي ،
    پوءِ ڀي سندس ڪارج ڪارڻ،
    سارا کيسا هُن جا آهن،
    جن ۾ رکيل ساري پُونجي،
    ماما ، تُنهنجي پنهنجي آهي،
    ايڌيءَ جو تون پاڇو آهين،
    ڊريگو ، هرچند تو ۾ آهن،
    تو ۾ رتُ رهيو ئي ناهي !
    پوءِ ڀي رتُ ڪرين تو ڀيڙو ؟،
    ماما ! ڇا ته مسيحا آهين،
    ڪيڏو ستُ ڪرين ٿو ڀيڙو ،
    تو وٽ جيپون ڪارون ناهن،
    پوءِ ڀي تُنهنجي جهوپي ٻاهران،
    ڪيئي جيپن ڪارن وارا،
    ۽ ڪي ڪارا ڪولهي آهن
    رت جو تن کي دانُ کپي ٿو،
    جن جو ناهي ڪو ڀي تن کي،
    وشنو ڪو ڀڳوان ، کپي ٿو.
    ماما ، جيڪر رهندين ساڳو،
    تو سان هٿ هزارين هوندا،
    تُنهنجو قد هماليا هُوندو،
    توسان سٿ هزارين هوندا.
    توسان سٿ هزارين هوندا،
    توسان هٿ هزارين هوندا.


    ٿر جي کاهوڙي سماجي ڪردار مامي وشني کي ڀيٽا


    جوڌاڻي کان امراڻي ڏي

    جوڌاڻي کان امراڻي ڏي

    رات سڄي ، هُئي آوت جاوت،
    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊ ر ؟
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟ !

    ساڳي ٽاڻي گڏُ ڀنا پئي ،
    ڍاٽي ، ڪاڇي ، جهيڻي جهُڙ ۾ ،
    توکي ساري تنهنجي وينگس
    ڀِڄندَي ڀيڙيا ، ڀاڪُر ٿُــڙ ۾

    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ؟
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟!

    صادق ٻُڌجي ٻنهي پاسي ،
    حيدر جي ڀي هاڪ اڃان آ
    ٻيجل تُنهنجن ٻولن جي پڻ ،
    مٺياڻي ۾ ڌاڪ اڃان آ،

    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر،
    وسڪاري لاءِ ڪهڙي ويزا ؟

    کُنڀيون ، چڀڙ هيڪُو جهڙا،
    ٻنين ونين ساڳي رنگت
    ڇوهوٽڻ واري ڏ ونگر جهڙي،
    ڪارونجهر جي آهي بيهڪ،

    برساتن لئه ڪهڙا بارڊر،
    وسڪاري لئي ڪهڙي ويزا


    ڍاٽڪي نظم

    ڍاٽڪي نظم

    او آکا پايا ڪيڻ گيا ؟،
    او ڀُونگا ٺاهيا ڪيڻ گيا ؟،
    او ڏاگي لاريا کيتر ۾ ؟،
    هڙ تي واهيا ، ڪيڻ گيا ؟

    وقت نان کائي وقت گيو !
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو ؟

    او ڇُڪ ڇُڪ گاڏي ، ڌوري تي ،
    او ريل ريل گاڏي ڌوري تي،
    او ڦر ڦر سونٽو اوٽي تي،
    او انڌلو ڀوپو ، ڀُونگي ۾،
    او نرسا ڀايا ڪيڻ گيا،
    او آکا پايا ڪيڻ گيا؟

    وقت نان کائي وقت گيو،
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو،

    او بصر جهوري پاگي سان،
    تي کاڌي آپان روٽي سين،
    اُوئي مرچان واڙي چٽڻي نان،
    هُون جوئان پيو سالان سان،
    او ڇپر ڇايا ڪيڻ گيا ؟
    او آکا پايا ڪيڻ گيا ؟

    وقت نان کائي وقت گيو
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو ؟

    او وينجهو سائين سبقان تي،
    ڪُٽتو ڀيڇي سوٽي سين،
    آن لڪي ٻيڙي پيئڻ تي،
    سائين يُونس، جهوريا تا،
    او اوٽا ٻاهيا ، ڪيڻ گيا،
    او آکا پايا ڪيڻ گيا ؟

    وقت نان کائي وقت گيو !
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو !؟

    او ماني ڀيڙو ،راجُو نان،
    تي ٻوڙهيو آپان ٽوڀي ۾،
    آن ماسي گومون ٻنهان نان،
    ڪين جهلي ڏنا ٻاپُو نان ؟،
    او ديپا ، سُنيا ، ڪيڻ گيا ؟
    او آکا پايا ڪيڻ گيا ،

    وقت نان کائي وقت گيو !
    ڪيڻ اسان جو بخت گيو ؟!.


    صادق فقير کي ڀيٽا

    صادق فقير کي ڀيٽا

    ڪير چوي ٿو ، تُنهنجي چُمي،
    اڌ ۾ رهجي ويئي آهي ؟،

    ڌرتيءَ کي سڀ تنهنجون چُميون ،
    راحت پنهنجو راڳي بڻجي،
    ڏينهن قيامت تائين ڏيندو،
    ۽ انهيءَ سان گڏجي بيهي،
    سنڌ سموري سينڍون ڏيندي،
    شاه ڀٽائي ، شيخ کي ڳائي،
    شيام ، سان هم قدمي هوندي،
    تُنهنجو سُر سلامت هوندو ،
    جيسين سنڌَين جي سڏن ۾ ،
    تُنهنجو هي نزاڪت هوندو ،

    ڪير چوي ٿو ، تُنهنجي چُمي ،
    اڌ ۾ رهجي ويئي آهي،

    جهڙين ريتن ، مٺيءَ مان تو،
    آلاپن کي اُڀ اُڏاريو،
    جنوري ۾ جون جيان ٿي،
    آوازن سان تو پِگهاريو،
    تَهڙي ئي انداز نرالَي،
    پلٽن کي پاتال پُڄائڻ،
    جي آه سگه اِنهن ۾ آئي،
    سنڌ سموري صدين تائين،
    تولاءِ سڏ پڙاڏا هوندي،
    جنهن جي سامهون سيس نمائي،
    ڌرتيءَ تائين تُنهنجيون چُميون ،
    اَٺئي پهر ، اُڪيران ڏِبيون،

    ڪير چوي ٿو ، تُنهنجي چُمي،
    اڌ ۾ رهجي ويئي آهي.


    صادق فقير جو وڇوڙو

    صادق فقير جو وڇوڙو

    لاڙ ، اُتر ، ٿر ، ڪاڇي کي،
    ۽ ، سڄي سنگت جي پاڇي کي،
    جنهن قدآور هِڪ ڪيو هو،
    تنهن جو قد هوُنئن، ننڍو ڀلي هو،
    هُو منهنجو پنڊت ، تنهنجو ولي هو.

    صادق هاڻي ڪير سڏائي،
    وکريل موتي ، ڪير گڏائي.

    ڀِتِين جا ها ، ڪن ٻُڌا سين،
    ها پر توکان پوءِ فقيرا،
    ڀتين جا مون نيڻ ڏٺا هِن،
    جن جي ڀرسان لنگهندو هُئين تون،
    تن مان اڄ ڀي نير وهي ٿو،
    روئي سُڏڪي ، سنڌ چوي ٿي،
    صادق ، تولاءِ هند ، چوي ٿي،
    رام ، ڪشن ۽ تو ۾ علي هو،
    هُو منهنجو پنڊت ، تنهنجو ولي هو،

    صادق هاڻي ڪير سڏائي،
    وکريل موتي ، ڪير گڏائي.


    مرتي تو بس مان هي هه

    مرتي تو بس مان هي هه

    گولي گرجي يا هو بوم
    مرتي تو بس مان هي هه

    مرتي تو بس مان هي هه
    ڊرتي تو بس مان هي هه

    سکولون مين آتنگواد
    مسجدون مين آتنگواد
    مندرون کا گهنٽا پوچهي
    بهڳوانان ! تو کهان ئي هه ؟

    مرتي تو بس مان هي هه

    کس کا جهڳڙا ، کس سي جهڳڙا ؟
    يه تو کوئي جاني نان !
    پهر بهي هاتهون بندوقين
    دن دهاڙي يهان هي هه

    مرتي تو بس مان هي هه

    کوئي هندو کهلائي
    کوئي مسلم ڪهلائي
    انسانيت کا پوچهو تو
    پياري سب کي نان هي هه

    مرتي تو بس مان هي هه

    مرتي تو بس مان هي هه
    ڊرتي تو بس مان هي هه


    پشاور پاڪستان ۾ اسڪول تي ٿيل حملي جي پسمنظر ۾ ، جنهن ۾ 132 مائُرن جون جهوليون خالي ٿيون هيون


    هڪڙي پاسي من رهي ٿو

    هڪڙي پاسي من رهي ٿو
    هڪڙي پاسي من رهي ٿو
    هڪڙي پاسي تن رهي ٿو
    من چوي ٿوهُوءَ صحيح آه
    تن چوي ٿو هُوءَ صحيح آه

    آءُ ٻنهيءَ جي جهڳڙي وچ ۾
    اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان

    ڏينهن سمورو ڏيه کان ٻاهر
    ويزا تي مان ويهندو آهيان،
    تارا ٿيندي، تار ٽپان ٿو،
    ويزا کي مان ڪين ڏسان ٿو
    ۽ پوءِ موذن جاڳي تيسين
    سپني ۾ مان ڳوٺ گهمان ٿو
    هڪڙي ڪن مان ٻانگ ٻُڌان مان،
    هڪڙي ڪن مان رام ٻڌان مان،

    آءُ ٻنهي جي جهڳڙي وچ ۾
    اُلجهي سُلجهان ، سُلجهي اُلجهان.

    هڪڙي پاسي من رهي ٿو،
    هڪڙي پاسي تن رهي ٿو.


    بيت

    موڻابائو

    موڻابائو

    مُڙي موڻابائو تان ، ڏٺم ديس دڙا،
    منهنجي لاءِ مڙها ، ماڙيان مٿي هُئا.


    مُڙي موڻابائو تان ، کنيم ٿڌو ساه،
    وطن تي ويساه ، ماڻهوئان مٿي لڳو.


    مُڙي موڻابائو تان ، ڏسي لوهي تار،
    اکين تي انڌار ، اوچتو اچي ويئي.


    مُڙي موڻابائو تان ، ڏڪي پيو ڏيل
    مونکان ڪنهن خليل، جوڀن ۾ جدا ڪيو


    مُونکان مُوڻابائو تي ، پُڇيو آڌيءَ چنڊ،
    جوڌاڻي ملي ٿو ؟ ، مٺيءَ جهڙو منڊ،
    گُهمي سارا کنڊ،گڍيءَ سان گڏيج تون.




    108

    107


    رڪشا بنڌن ( رکڙي پونم )

    رڪشا بنڌن ( رکڙي پونم )

    سنڌي
    ڀائر . ڀيڻن وچ ۾ .جي هجي لوهي تار
    ڪندا ڪهڙي ڪوڏ سان؟ .راکي جو تهوار
    ٻارڻ وارا ٻار. ڪنڊا ڪنڌيءَ وچ جا


    ڍاٽڪي
    ڀايان .ٻهنان وچ منهين. جَي هوئي لوه ري تار.
    ڪَرسين ڪهڙي ڪوڏ سين ؟ رکڙي رو تهوار.
    ٻاڙڻ واڙا ٻاڙ . ڪنٽا ڪنڌي وچ را .






    ڍاٽڪي


    مور ٽهوُڪيو ٽيج رو، ٻيسي کيجڙ ڏاڙ،
    جيڏليان ري جاد ۾ ، لُوهي لُڙڪان لاڙ،
    مهندي آن سينگار ، وسري گيا ولات ۾ .


    سنڌي

    سنڌي


    مور ٽهوُڪيو ٽيج جو ، ويهي ڪنڊيءَ ٽار ،
    سهلڙين جي سار ۾ ، اُگهي لُڙڪن لار ،
    مهندي ۽ سينگار ، وسري ويا ولايت ۾


    مُلان رنڱجيِ رنڱ ۾ ، ۽ رنڱيَ هندو ڀاءُ ،
    مندر ، مسجد ، سڀ ۾ ، ساڳو اچي ساءُ،
    دليان ، دُور ٿي وڃي ، تو مان ، مون مان تاءُ،
    وري اهڙو واءُ ، عيد ، ڏياري هڪ ٿيئي
    .❖


    ڏکين اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي :

    ڏکين اکرن جي معنيٰ ۽ سمجهاڻي :

    ڀُرٽ ـ ٿر ۽ راجستان هڪ جو مقامي گاه جيڪو ڪنڊيدار ۽ چُڀيندڙ هوندو آهي
    مانئوٽ آبو ـ راجستان جو پهاڙي سلسلو جيڪو سنڌ جي گورک هل جي مشابهت رکي ٿو ۽ گرمين ۾ به ٿڌو رهي ٿو
    اوڍڻ ـ چنري
    گوڦڻ ـ ٻنيءَ مان جهار هڪلڻ لاءِ پري پري نقصان ڪندڙ پکي اُڏائڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي
    گڍي ـ سنڌ جي شهر مٺي جي اوله خڌطرف واري تاريخي ڀٽ جو نالو
    گڍ ـ قلعو
    هُرمچ ـ ڀرت جو هڪ قسم
    هنداڻو ـ ڇانهيون
    ڀتوارڻ ـ ٻنيءَ ڏي ويل هارين لاءِ ماني کڻي ويندڙ عورت
    رتن جي هوٽل ـ ڪاڪي رتن مالهي جي پُٽ ڪاڪي جهامن جي مٺيءَ ۾ موجود جهوپڙا هوٽل جيڪا مرحوم صادق فقير سميت اسان سڀني جو اجهو آهي ،
    دادن جي ماڙي ـ اسان جي يارڙي شوڪت هنڱورجي جي والد ڪاڪي دادن جي ماڙي ، جنهن جو شمار مٺيءَ ويندڙ مهمانن جو اجهو آهي ، جتي صادق سان گڏجي ٽهڪ ڏبا هئا .
    چتراسر ـ پارڪر جو ڳوٺ جتي هرڻن ۽ روجهن جو سدائين غير قانوني شڪار ٿيندو آهي ،
    کوسو ـ چاچو مسڪين جهان خان کوسو ، ٿر جو هڪ عظيم ڪردار
    روجهه ـ نيل ڳاءِ
    آکو پايو ـ صحرا ۾ جڏهن برساتون ناهن پونديون تڏهن مقامي ٻارڙا گهر گهر وڃي سيڌو گڏ ڪندا آهن ، جيڪو پچائي خيرات ڪبي آهي ته جيئن برسات اچي .
    تروڙي ـ ٿر جي مقامي ٻولي ڍاٽڪي ۾ ٽوڙي کي تروڙي اُچاربو آهي
    اٽوڙو ـ پڪل سر جو ٽُڪر ، جنهن ۾ رسي ٻڌي ٻار گاڏي جيان پيا هلائيندا آهن
    نوڙي ـ مقامي ٻوٽي کپ مان ٺاهيل رسي جو قسم
    درهوڙي ـ ڊوڙي
    ٻُڪڙ ـ ٻن ڀٽن جي پاڻ ۾ ميلاپ واري هنڌ
    ويجاڙوـ ٻار
    ڌورا ـ دڙا ، واريءَ جون ڀٽون
    ڌوٻا ـ ٻُڪ
    پپون ، ڪونڍير ، برسات کان پوءِ صحرائي سوغات يا ميوو
    مالهاڻو ـ اسان جو اباڻو ڳوٺ مالڻهور ويڻا ٿرپارڪر
    ڇوهوٽڻ ـ راجستان جو شهر جيڪو سنڌ جي نگرپارڪر ۽ ڪارونجهر جهڙو آهي
    ڦينٽو ۽ تريٽو ـ ٿر ۽ راجستان جي ماڻهن جو لباس
    مامو وشنو ـ ٿر جو عظيم ڪردار
    جوڌاڻو ـ جوڌپور
    امراڻو ـ عمرڪوٽ
    ڍاٽي ـ ڍٽ جا ماڻهه
    ڪاڇي ـ ڪڇ جا ماڻهو
    حيدر ـ ٿر جو مقبول لوڪ ڳائڪ حيدر رند
    ٻيجل ـ راجستان جو لوڪ ڳائڪ ٻيجل مهر
    وينجهو ـ منهنجو پرائمري جو اُستاد محترم سائين وينجهراج سنگهه سوڍو صاحب ، جنهن جا لٺين جي زور تي ياد ڪرايل سبق جيڪي اڃان ياد آهن .
    يونس ـ هاءَ اسڪول مٺيءَ جو اُستاد مرحوم سائين محمد يونس ساهڙ صاحب ،
    مانو ـ منهنجو ڪلاسي دوست مانسنگه ڪرنسنگه سوڍو
    نرسو ـ منهنجو يار ۽ ڪلاسي نرسنگهه سوڍو ، جيڪو پنهنجي پر ۾ هڪڙو وڏو ڪردار آهي ، جنهن تي وقت ساٿ ڏنو ته ڪڏهن الڳ ۽ تفيصيلي لکبو .
    راجو ، سُنيو ، ديپو ـ ڊاڪٽر راجيش ، ڊاڪٽر سنيل ، ڊاڪٽر دليپ ، منهنجا ڪلاسي دوست
    موڻابائو ـ ٿرپارڪر کي لڳندڙ راجستان جي سرحد تي واقعي انڊيا جي پهرين ريلوي اسٽيشن ، جتان هر هفتي هند کان سنڌ ڏي ايندڙ ۽ ويندڙ ريل گاڏي سوين ماڻهن کي هڪٻي سان ملائيندي ۽ ٽوڙيندي آهي
    مڙهو ـ ٻن ڀٽن جي وچ وارو ميداني علائقو
    خليل ـ منهنجو دوست ۽ سنڌ جو منفرد ۽ مقبول شاعر خليل ڪنڀار
    ٽيج ۽ ڪانهوڙو ـ سانوڻ مند جا عورتن جا تهوار
    کيجڙ ـ ڪنڊو ، ٿر جو وڻ
    جاد ـ ياد
    جيڏليون ـ هڪ جيڏيون ، سهيليون
    لُوهَي ـ اُگهي
    ولات ـ ولايت پرديس


    اُتساهه پبليڪيشن مٺي جا ڇپايل ڪتاب

    اُتساهه پبليڪيشن مٺي جا ڇپايل ڪتاب

    ساکشات اوتار ــ سوامي پربت گر ( مذهبي ڪتاب) دليپ دوشي لوهاڻو
    دل جي تاريخ (شاعري) سائينداد ساند
    وارياسا وجود (ڪهاڻيون ) نصير ڪنڀر
    سوچون ساگر ساپنا ساحل (شاعري ) شنڪر ساگر
    چنڊ کڙيو چيلهار ۾ (مقالا ۽ تاثر) دليپ دوشي لوهاڻو
    سنجها ٽاڻي ساگر ساريو ( مقالا ۽ تاثر) دليپ دوشي لوهاڻو
    وچن ويڙيڇن سين (مقالا ۽ تاثر) دليپ دوشي لوهاڻو
    بهارون سوڳواريءَ ۾ ( شاعري ) اياز رضوي
    برساتن لاءِ ڪهڙا بارڊر ( شاعري) پيارو شواڻي

    ڪتاب خريد ڪرڻ ۽ گهرائڻ جي لاءِ رابطو ڪريو.
    ٿر ڪتاب گهر مٺي، ضلع ٿرپارڪر، سنڌ
    پروپرائيٽر: ڪشور ڪنول
    رابطو نمبر: 03332510760


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428691
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ