ڪتاب جو نالو: بهارون سوڳواريءَ ۾
مصنف: اياز رضوي
ڇپائيندڙ: اُتساھ پبليڪيشن ، مٺي، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: ڇنڇر، 08 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1041 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 325 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ خوبصورت شاعر اياز رضويءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي. ايوب کوسو لکي ٿو ”ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا...
  • ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!
  • محبوب شاعر، دلربا ڪردار
  • مهڪيا چُوڙا ماڪَ ۾
  • هوا، خُوشبو ۽ اُجالن جو شاعر
  • شاعريءَ جي پيار جي پاڇي ۾
  • غزل

  • سِنڌُ جي زمين تون
  • وڇوڙو بَد دُعا جهڙو،
  • نٿي دل ڪَکِ سَهي تو تي،
  • هوا خُوشبو اُجالو تُون،
  • حُسن جي بادشاهي آ،
  • اک اک ۾ دفن آهي لُڙڪن جو هڪ خزانو،
  • حسن پنهنجي جي هاڪ سمجهي ڇڏ،
  • توبن زخمي عڪس جيان،
  • هڪ ٻئي لاءِ پراوا آهيون،
  • اچڻ ۾ دير هر ڀيري،
  • نظر کي جا وڻي نه آ
  • تنهنجو پاڙو پيارو مون کي،
  • ڏياري هولي تنهنجو مُرڪڻ،
  • رُسيو توبن جپ وڃي،
  • پِرين ياد توکي ڪري ٿو سُمهان.
  • فيض دل جو غني پکيڙي ٿو،
  • تون پنهنجي وچن کي پاڻي ڏي،
  • توکي منهنجو خيال ڪٿي آ،
  • چيئي توڙي ٻه ٽي جُملا،
  • تو ۾ ڪا ديد ناهي،
  • سفر اسان جي نصيب ۾ آ،
  • روح تنهنجي چاهه ۾،
  • اک ۾ جذبو ظاهر ڪونهي
  • ياد جاني ڪجان،
  • پاڻي پاڻي سنڌ سڄي آ،
  • ڳالهه زباني کي هر ڪوئي ڄاڻي ٿو،
  • ڌرتي جو حُبدار اسان جو پنهنجو آ،
  • نه تون جئري مهماتي ڏي،
  • ڏُور نه ٿي تون مُور اڳيان،
  • اکين کي قهر ڏئي وئين تون،
  • ڀٽڪيل ڪوئي رُوح حياتي لڳندي آ،
  • تو در سوالي منهنجا ڳوڙها،
  • نيڻن ۾ ٻُڏي ڇوري
  • پرتي نه رفيقو آ،
  • جواڻ ملي ڪا پوڙهي کي،
  • نه قرب ٿيو وصول آ،
  • هاڻ ڪاوڙ ڇڏ کڻي،
  • اڃان دُوريون گهٽيون ناهن،
  • ڪا راحت ڪونه وڙڪي ٿي،
  • مُور نه ڪوئي تنهنجو مٽ آ،
  • مُک يار ڏسيو مون کي،
  • دل جو پورو خيال توتي آ.
  • تو ۾ لحاظ ڪونهي،
  • ڳالهه تو ڪڏهن نه ڪئي محسوس هُئي،
  • رنجشون الزام پاسي تي رکي،
  • وئي سنگت ڦِٽي توسان،
  • هاڻ هُن جي شهر تان گهُمرو ڪجي،
  • سندم ڌرتي سخي آهي،
  • خوشبو جي کرن جهڙو،
  • جانم! تنهنجي ٻک ۾ آهيون،
  • انگور بدن تنهنجو،
  • دلبر مون سان پرتو ڪونه،
  • حُب اڃان هيڪاندي تو لئي،
  • ڪيسين دل هي آتي رکجي؟
  • سوا تو جا گهڙي گذري،
  • رهيو ڪو گُل نه ٽاريءَ ۾،
  • دل کان پرتي زنگ رکي آ،
  • ڳالهه جڳ جي اها سچي نڪتي،
  • پير پنهنجا ٿڙي رهيا آهن،
  • جيون منهنجو درد بنائي وئين پيارا،
  • مون کي پر ڏيهي پکين جهڙو لڳو،
  • لا غرض کڻي آهين،
  • توبن قيامت ڪاريءَ جهڙا،
  • هر ڳالهه وِيَئي وسري،
  • وڇوڙو دل ڪکيو وڃي،
  • هي سِيس اوهان جي قدمن ۾،
  • جوت ويجهو هُجي،
  • ڏس ڍير ڪنڊا آهن،
  • هر ڪنهن ٽوڙيو پاڻ ٻنهي کي!
  • تُنهنجي آڏو رَت رُنو آ،
  • اڄ پُور چڙهي ويا ڦاهي تي!
  • پاڻ ٻئي، شام آ،
  • هو پاڻ جُهڪي پئي آ،
  • رڳ رڳ ۾ روشني آ،
  • مهمان تازو ٿي ويو،
  • پن ڇڻ رُت آ،
  • ڪُجهه لحاظي ٿي پئو،
  • روز ڇو کامون جلون؟
  • ڳالهه سدائين گهاٽي جي!
  • خالي گلاس آهي،
  • اکين اڳيان لطيف آ،
  • طويل غزل
  • ملڪيت مال نه ڌن ٿو گُهرجي،
  • دل جو ائين تنهنجن پَٽن سان واسطو،
  • عالمي احساس کي گولي لڳي،
  • وائِيُون

  • پنهنجو سڄو ديس
  • بي حد آهي ڀلوڙ
  • پيارا تُنهنجو پُور
  • مُرڪي ڏنم ساهه
  • هٿ ۾ جهلي جام
  • هٿين خالي ور
  • اکيون پير ڪري
  • اُجريو آ هر انگ
  • آهيون پاڻ ٻئي ڀاءُ
  • بيت

  • بيت
  • نظم

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (266) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ خوبصورت شاعر اياز رضويءَ جي شاعريءَ جو ٻيو مجموعو آهي.
    ايوب کوسو لکي ٿو ”ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي.“
    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ اُتساهه پبليڪيشن مٺي وٽان ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، قرب اياز رضوي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.
    اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا...

    ارپنا...
    پنهنجي جيجل امان
    جوڀن رُت ۾ رشتن جي بي حسي
    جو شڪار ٿي ويل منهنجي ننڍي ڀاءُ
    اشتياق علي شاھ مرحوم
    ڏاڏيءَ مرحوم، شهر بانو ولهاري
    هن وقت زندگيءَ ۾ موت جي سرحد
    تي بيٺل شاعر دوست حنيف عاطر
    ۽ پنهنجي پورهيت صوفي دوست
    سرڳواسي ڀوپيي ڪولهيءَ
    جي نالي.









    ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!

    ٻه لفظ اُتساهه جا .....!!

    هلڪي سانوري رنگ جو فقير منش ماڻهو، هر ڪنهن سان ملندو ته اهڙي نماڻي ۽ نِوڙت سان، حالانڪه ذات پرستي تي اچي ته پاڻ سيد سڳورو پر مجال جو منجهس ڪا هٺ يا وڏائي هجي. نالو ته پهرين ٻُڌل هو، سندس شاعري به نظر مان گذرندي رهندي پئي آئي آهي، پر هينئر سنڌي ادبي سنگت جي پروگرامن ۾ مسلسل ملاقاتن ۾ واقعي ئي محسوس ٿيو ته ايڏي نمرتا سندس شخصيت ۾ شمار آهي. ادبي سنگت جي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ هڪ ئي سڏ تي شامل ٿيڻ توڙي هٿ ٻڌي ملڻ ڏاڍو متاثر ڪيو.
    ڪيڏو وڏو شاعر آهي يا سندس شاعري ڪيتري پُختي آهي، اهو ڪم آهي ادب جي پارکو نقادن جو، جيڪي ويهي ڀلين سندن شاعري جي چير ڦاڙ ڪن، اسين آهيون بس محبت جي سراهي مان ڍڪ ڀرڻ وارا، سو اسان کي سندس شاعري جي هڪ هڪ سٽ محبوبه جي نڪ جي ڦلڙي وانگي دلفريب ٿي لڳي. سندس انداز بيان توڙي شاعري جو سٽاءُ ٿر جي ناري جي گهاگهري جي گج جهڙو ٿو لڳي. جيئن هنن شعرن ۾ محسوس ٿو ٿئي:

    ٽهڪ رضوي ٿا آرسون موڙن،
    ساز ڪيڏا ڇڙي رهيا آهن.
    __
    پنهنجو تعلق ڪيئن توکي سمجهايان،
    گُل بدن تي تون ماڪ سمجهي ڇڏ
    __
    سندءِ هڪ مُرڪ ٿي ڊاهي،
    غمن جا ڍير هر ڀيري.
    __
    هيءَ ته سندس غزلن جا چند شعر آهن، غزل کان علاوه اياز رضوي شاعري جي ٻين صنفن ۾ پڻ بهترين طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ وائي، گيت، نظم، بيت شامل آهن، جيڪي پڻ اهل دل ماڻهو کي پاڻ ڏانهن ڇِڪ محسوس ڪرائين ٿا.
    منهنجي اها خواهش رهي آهي ته ٿر جي تخليقارن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن کي سندس پورهئي جي مڃتا ملڻ کپي، اسان کين ٻيو ڪجهه به نٿا ڏيئي سگهون پر گهٽ ۾ گهٽ سندس قلمي پورهئي کي ڇپرائي، سنڌ جي وڏن پبلشرن ۽ ادبي ادارن تائين اهو پيغام ته پهچائي ٿا سگهون ته ٿر جو قملڪار، شاعر، اديب بي ڌڻيو ناهي جنهن کي لڪير جا فقير ادارا هميشه نظر انداز ڪندا رهيا آهن. بس انهي ڏِس ۾ قدم کڻندي، اُتساهه پبليڪيشن هميشه ڪوشش ڪئي ته ٿر جي املهه هيرن جي ڪم کي مڃتا ڏجي.
    انهي سلسلي جي ڪڙي کي اڳتي وڌائيندي، اسان سنڌ جي خوبصورت شاعر ”اياز رضوي“ جو هيءَ شعري مجموعو ’بهارون سوڳواريءَ ۾‘ توهان تائين پهچائي رهيا آهيون، اميد ته توهان کي پسند ايندو.
    ــ دليپ دوشي لوهاڻو
    اُتساهه پبليڪيشن، مٺي ٿرپارڪر ــ
    03332511104


    محبوب شاعر، دلربا ڪردار

    محبوب شاعر، دلربا ڪردار

    ڳالهه رڳو شاعريءَ جي هجي ته اهو هڪ جملو ئي لکڻ ڪافي سمجهان ته، اياز رضوي شاندار شاعر آهي، پر ڳالهه اڃان ڪجهه اڳتي جي آهي. ڇو جو هُن جو ڪردار به خود شاعري آهي. آئون ائين به چوندس ته اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کان به ڪيئي درجا مٿي بيحد معتبر ۽ محبوب نظرياتي انسان آهي. هُو رجعت پرستيءَ جو ضد آهي. هُن طبقاتي ۽ مذهبي فرق جي ليڪن تي اڇو چُن ڦيرائي دل جي ديوار صاف ڪري ڇڏي آهي. حيران ڪندڙ بيباڪي هن کي شاعر هجڻ ئي ڏني آهي. ان بيباڪيءَ جو مفهوم فقط سنڌ وطن جي مالڪيءَ ڪرڻ جو نظريو آهي. مالڪي اها آهي جو رجعت پسندي ۽ طالبان ازم کي دل سان ته هر باشعور ماڻهو ڌڪاري ٿو، پر کليل اظهار کان پاسو ڪري ٿو. پر هي يگانو شاعر ٿر جي چيڪ پوسٽ تي بيٺل اهلڪارن کي به اهو سڌو ٿو ٻڌائي ته ”بابا اسان شاعر ماڻهو آهيون، اسان وٽ نه بارود آهي، نه هٿيار آهن، روڪڻو اٿئو ته رجعت پرست طالبان ٿر ۾ داخل ٿين پيا انهن کي روڪي پنهنجي ماحول ۽ نسل کي بچايو!“ اياز رضوي سنڌ لاءِ هڪ نئون رول ماڊل آهي، جنهن جي ڪشش تي نوان پروانا ڳاٽ کڻي مِڙي رهيا آهن.
    شاعريءَ ۾ هُو ڀلي کڻي پيو دلفريب احساسن جا تاڪيا پکيڙي، وڇوڙن ۽ وصالن جي ڪيفيتن جي مصوري ڪري. ذلفن ۽ ڪارن تِرن تي مورن جا ٽهوڪا ۽ رقص نڇاور ڪري، اها نئين ڳالهه ناهي! اهو ته هر شاعر جو شاعراڻو ورثو ۽ جهان آهي، صدين جي روايت آهي. اها شاعراڻي ڪاڪ ته ڪڏهن ڪِري ئي ناهي، پر نئين ڳالهه اها آهي جو اياز رضوي ان ڪاڪ ۾ رهي به تصوراتي ۽ نظرياتيءَ طور هڪ نئين ذهن جي صورتگيري پيو مُرتب ڪرڻ چاهي، اُهو عظيم تصور تعصب کان آجي انسان جو روشن خيال حَسين تصور آهي. اهو انسان جنهن کي سياسي، طبقاتي، سماجي، ۽ معروضي حالتن گروي يا رتو رت ڪري ڇڏيو آهي، اهو انسان سيڪيولر سنڌ ۾ باھ جي وچ ۾ گل کنيو بيٺو آهي. اياز اُن لُٽيل ۽ گهُٽيل انسان کي شاعريءَ جي اکين ۾ ويهاري رهيو آهي. هو وطن جي وارث کي ڇانءُ ۾ ويهارڻ جو آرزو مند آهي. هو هِن ليڙون ليڙون ٿيل دؤر جو زندھ صوفي آهي. هُن جي ڪابه واٽ مُنجهيل ناهي. صوفي ازم کي هن قومي ازم سان سلهاڙيو آهي. ان واٽ تي هُن جي شاعري هٿ ۾ عشقيا جام جهلي پارڪر جي علائقي چڻيندا ۾ وڃي رام کي ريجهائي ٿي! نئين رت هاڻي تاريخ جي تندور کي تپائي سنڌ جي وارث کان طنبوري جي تار کسڻ جي جيڪا ڪُڌي سازش ٿي آهي، اُن جو شڪار ٿيل ڏوٿيئڙن کي لڪن ۾ لهسندي، اڪن سان گڏ تپندي ڏسي اياز پنهنجو نئون عشق مُرتب ڪيو آهي اُن عشق جي ورقن ۾ مئو علائقي جو مسڪين معصوم انسان رامجي ڪولهي مُرڪي ٿو. ماستر موليو کنوڻ جهڙي کِل سان کجڪي ٿو، ڇو جو اياز رضوي هندو گلاس، مسلم گلاس ۽ ٿالهيءَ جي ڌار هئڻ واري عمل ۽ سوچ کي رڻ جي ڪنهن ساٺيڪي کوھ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ سڀ گلاس سنڌي آهن، سڀ ٿالهيون صوفي آهن. پارڪر جا پريتم ڪولهي ۽ ٿر جا معصوم مينگهواڙ توڙي مٺيءَ جا محبتي لوهاڻا سڀ هن عشق هڪ مالا ۾ پوئي ڇڏيا آهن. هر صورت محبوب جي صورت آهي. هر مُرڪ سنڌ جي مُرڪ آهي. هن نئين جاڳ لاءِ پاڻ کي روليو آهي، هڪ فرد جي حيثيت مان نڪري هن پاڻ کي هڪ تحريڪ ۾ تبديل ڪيو آهي. نئين ڪوٽ جي سڌين ٻنين ۾ رهندي هُن ۾ ڪي اڻپورايون هيون، پر 2011ع جي مهاٻوڏ ۾ دربدر ٿي مون وانگي هو ٿر جي واريءَ تي پناھ گير ٿيو هو ته مٺيءَ شهر ۾ رهي هُن ٿر جي تهذيبن مان نوان اتساھ ماڻي پاڻ کي مڪمل ڪري ورتو هو. اها تبديلي وڏي تبديلي چئي سگهجي ٿي. هاڻ هُن جو نئون ڪردار سچ ته سون جهڙو آهي. اياز رڳو غزل جي حسناڪين جو شاعر ناهي، پر هُو راسوڙن، همرچن، موريي، ۽ ڪوڏاڻن توڙي ٻين ڳيچن جي حُسن جو شاگرد به آهي. هُو نئين عشق جو تشريح نگار آهي. هن جا پير وچولي ۾ کڄن ٿا، پر هن جا ساھ ڀوڏيسر ۾ ڀئونر بڻجي رلن ٿا.
    هن جي سڄي سنگت پاڻ کي فقير سڏائي ٿي، انهن فقيرن ۾ ڀارو مل امراڻي به آهي، ته ساگر خاصخيلي به آهي، ايوب کوسو به آهي ته تاج جويو به آهي، رجب فقير به آهي ته شنڪر ساگر به آهي، گل گوماڻي به آهي ته دليپ دوشي به آهي، ته پرڪاش ڪرماڻي به آهي. انهن جديد صوفي فقيرن جي ڪڙين کي ملائڻ وارو اياز رضوي ئي آهي، جنهن پنهنجو وجود قرب ۽ محبتن لاءِ وقف ڪيو آهي. ڪالهه هُن پنهنجي پهرئين شعري ڪتاب: ” اُگهي ڪير ڳوڙها“ جي شاعريءَ ۾ هڪ ڀنگياڻيءَ جي ڳوڙهن جي مالڪي ڪئي هئي، هاڻ پنهنجي هن نئين ڪويتا ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ ۾ سنڌ جي بهادر ڪولهين جي پگهر کي دل جا ڀاڪر ڀريا آهن، اُتي ئي هن وطن جي خزائن جا کُٽڪا ۽ بهارن جا سُڏڪا به بيان ڪيا آهن. هي سڄي هن دؤر جي ماتمن جي شاعري آهي.
    اياز رضوي کي آئون سرٽيفڪيٽن کان مٿڀرو انسان ۽ سگهارو شاعر سمجهان ٿو. ان سان گڏوگڏ اهو به قطعي طئي نٿو ڪريان ته هُو ڪهڙي درجي جو شاعر آهي. ننڍو يا وڏو شاعر آهي؟ اهڙي ليبل جي هُن کي ڪابه ضرورت ناهي، ڇو جو هُن ڪو ليبل ماڻڻ لاءِ شاعري ناهي ڪئي. ڪنهن به انسان لاءِ اهو وڏو اعزاز هوندو آهي ته هُو دنيا جي ڪنهن قوم ڪنهن ٻوليءَ جو شاعر آهي. شاعر هجڻ ئي خود وڏو اعزاز آهي. اياز رضوي لاءِ اهو اعزاز ئي ڪافي آهي ته، هُو دنيا جي قديم ٻولي سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت شاعر آهي هُن هڪ منفرد ۽ نرالي شاعري طور بهترين مڃتا ماڻي آهي. وڏي ڳالهه ته هُن جي شاعراڻي اُڃ اڃا برقرار آهي، اهو زبردست ڪمٽمنٽ آهي. اياز رضوي جي شاعري پنهنجي وطن سان سلهاڙيل آهي، هي شاعري پنهنجو پختو ۽ نظرياتي رويو چٽائيءَ سان پڌرو ڪري ٿي، هن شاعريءَ ۾ ڪو به ابهام ناهي، بيانيا انداز جيترو لاجواب آهي، اوترو ئي هُن جي پيش ڪيل موضوعيت مهتاب آهي. هن جي احساسن ۾ جيڪي ڇانوَرا آهن اهي ڏاڍا بانوَرا آهن.
    ڪيفيتن کي شاعريءَ ۾ تبديل ڪرڻ جو آرٽ اياز خوب ڄاڻي ٿو. غزل جي مزاج کي هن ڪنهن به ريت اوپرو ناهي بڻايو، ڇو جو هُن رواجي لفاظيءَ کان حد درجي جو پرهيز ڪيو آهي، هن تخليقي وجد تي انحصار ڪيو آهي.
    وائيءَ جي ورلاپ کي هُن سسئيءَ جي اگهاڙن رتورت پيرن جيان نروار ڪري ڪلاسيڪيت ۾ تڙ ڪرايو آهي، جنهن ڪري هُن جي شاعري وڏي ڪشش ماڻي ورتي آهي. اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ کي وسعتي شاعراڻن موضوعن سان رڱي ثابت ڪيو آهي ته هو هن دؤر جو بهترين اثر ڇڏيندڙ پختو ۽ سگهارو شاعر آهي، هُن جي شاعري دل مان نڪتل شاعريءَ جو روپ آهي.

    ايوب کوسو
    مئي 2016ع


    مهڪيا چُوڙا ماڪَ ۾

    مهڪيا چُوڙا ماڪَ ۾

    اڄ جڏهن ’نئين شاعري‘، هڪ طرف ’تعريف ۽ تحسين‘ جي اڏيءَ تي زخمي ٿي رهي آهي، ۽ ٻئي طرف ڪي نوان، سڌڙيا شاعر، پختگيءَ واري منزل تي رسڻ کان اڳ ئي، ڪجهه مال متاع وڪڻي، ڏوڪڙ کيسي ۾ وجهي، پبلشرن جي ڳولا ۾ نڪري پون ٿا ۽ سهڻن ٽائٽلن وارا شعري مجموعا ڇپائي، يارن دوستن ۾ ورهائيندا يا کپائيندا رهن ٿا. اهي ’مال ۽ رومال‘ (مواد ۽ معيار) جي خيال کان ايترو اثر نه ٿا ڇڏين، ڇو ته نه انهن جي ڪا درست پروفنگ ٿيل هوندي آهي ۽ نه ئي ڪا بهتر ايڊيٽنگ. نتيجي طور ڪتابن جي اڀياس جا شائق ۽ شوقين جڏهن اهڙا ڪتاب خريد ڪري وڃي پڙهن ٿا ته کين مايوسي پلئه پوي ٿي- ۽ پوءِ بهتر شاعريءَ جا ڪتاب به نظر انداز ٿيو وڃن، ائين هڪ طرف سٺن تخليقڪارن/ شاعرن سان ناانصافي ٿيو وڃي ته ٻئي طرف ڪتابن جي وڪري تي به وڏو اثر ٿئي ٿو.
    هروڀرو ايئن به ڪونهي ته ڪو اڄوڪي دؤر ۾ بهترين ۽ تخليقي شاعري نه ٿي ٿئي. نئين ٽهي تمام خوبصورت شاعري ڪري ٿي، پر گهڻ ۾ معياري شاعري نظر انداز ٿيو وڃي.
    اها حقيقت آهي ته ڀٽائيءَ جي دؤر کان اڄ تائين هزارين شاعر جنم ورتو آهي، پر تاريخ جي تيز طوفان ۽ ڌوڙ ئي مان ڪي ڳاڻ ڳڻيا شاعرئي، ابر ۾ آفتاب وانگر نڪري نروار ٿيا. ايئن اڄ به ٿيڻو آهي ۽ سڀاڻي به ٿيندو، اهو تاريخ جو اڻ ٽر فيصلو آهي!
    ويا اڏامي ڪک
    پڙ تان پاهڻ نه چُڙي
    جديد سنڌي شاعريءَ ۾ سينئر ٽهيءَ کان پوءِ، جن شاعرن ڪوتا کيتر ۾ پهرين ڀرپور کيپ طور پاڻ مڃائي ورتو، تن ۾ اياز گل، شريڪانت صدف، ادل سومرو، آسي زميني، مختيار ملڪ، حليم باغي، نصير مرزا، اقبال رند، رکيل مورائي، حسن درس، وسيم سومرو ۽ اياز جاني جا نالا اهم آهن ۽ هن دؤر کي اياز گل کان اياز جانيءَ جو دؤر چئي سگهجي ٿو، ڪن نقادن نئين شاعريءَ جي هن دؤر کي انور پيرزادو کان اعجاز منگيءَ جو دؤر سڏيو آهي. پر آءٌ ۽ ٻيا سينئر ٽهيءَ کان پويان ايندڙ نئين ٽهيءَ جي پهرين کيپ جي وچ واري عرصي جا شاعر آهيون. نئين ٽهيءَ جي هنن شاعرن منهنجي نظر ۾ انور پيرزادو ۽ اعجاز منگيءَ کان وڌيڪ نئين سنڌي شاعري تي پنهنجي ڇاپ ڇڏي آهي. ٿورو ئي پوءِ احمد سولنگي، سدار نگائي، سعيد ميمڻ اڳيان آيا ۽ ڪجهه ئي سالن جي وٿيءَ کان پوءِ ايوب کوسو، روبينه ابڙو، فياض چند ڪليري، بخشل باغي، رخسانه پريت، ساحر راهو، امر ساهڙ، امر اقبال، مشتاق گبول، آس ٻٻر، اسحاق سميجو، جاويد سوز، گل گوماڻي ۽ اياز رضوي ۽ ٻيا نئين سنڌي شاعريءَ جي اُڀ تي جڳمڳائيندڙ ستارن وانگر اُڀري آيا. ۽ محسوس ٿيو ته جديد سنڌي شاعريءَ ۾ نئين آواز ۽ لهجي سان ڪيترا خوبصورت شاعر وارد ٿيا آهن، جن ڪوتا کيتر کي سنڍ ٿيڻ کان بچائي ورتو. هنن شاعرن کان پوءِ به هڪ ٽهيءَ سنڌي جديد شاعريءَ جو مان مٿانهون رکيو آهي، جن ۾ حاجي ساند، فياض ڏاهيري، عامر سيال، امر پيرزادو، مسرور پيرزادو، فراق هاليپوٽو، رحمت پيرزادو، زبير سومرو، سائل پيرزادو، اشرف پلي، اياز امر شيخ ۽ ٻيا ڪيترا نوان نوجوان ڳڻي سگهجن ٿا ۽ ائين پوءِ به نوان آواز ايندا رهن ٿا.
    هنن شاعرن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ غزل، نظم ۽ وائي ۾ جدت ۽ نُدرت سان گڏ جيڪا خيال ۽ معنيٰ جي حسناڪي آندي آهي، ان سنڌي شاعريءَ جو ڳاٽ فخر کان اوچو ڪيو آهي.
    غزل جي حوالي سان اسان وٽ سينئر شاعرن ذوالفقار راشدي، ارجن حاسد، ايم ڪمل، وفا ناٿن شاھي، واسديو موهيءَ کان پوءِ ايئن پئي سمجهيو ويو ته جديد سنڌي غزل، جنهن جو بنياد شيخ اياز ۽ نارائڻ شيام وڌو شايد اهو معيار ۽ تسلسل قائم رکي نه سگهي، پر نئين ٽهيءَ مان سنڌ ۾ اياز گل ۽ هند ۾ شريڪانت صرف نئين غزل، جو حد نشان بنجي آيا ۽ نقادن جا خدشا مات کائي ويا، ۽ پوءِ اقبال رند، حسن درس، اياز جاني، رکيل مورائي، روبينه ابڙو، فياض چنڊ، رخسانه پريت، ايوب کوسي، بخشل باغي، امرساهڙ، جاويد سوز، اسحاق سميجي کان اياز رضويءَ تائين جديد سنڌي غزل، هڪ ڀيرو وري ست رنگن نقادن، جون تنقيدي تاڃيون ٽوڙي پنهنجيءَ نئين اڻت ۽ اوڄي سان اُڀري آيو ۽ اڄ سنڌي غزل تي بهار آيل آهي- اُن بهار جي سڳنڌي ماحول ۾ هڪ نالو اياز رضويءَ جو به آهي، جنهن سينئرن ۽ همعصرن جي ابتدائي اثر قبولڻ کان پوءِ پنهنجو لهجو قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
    اياز رضوي کي شاعري ورثي ۾ ملي آهي، هن جو نانو سيد عباس علي شاھ ڪافي جو وڏو شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جو سلسلو ڪلاسيڪي دور جي وڏي شاعر ۽ ڀٽائيءَ جي وڏي معاصر شاھ عنات رضويءَ سان وڃي جُڙي ٿو. ايئن اياز رضوي ناناڻي نک کان شاعري ورثي ۾ کڻي اچي جديد شاعريءَ جي سٿ سان سلهاڙيو، جنهن ۾ ايوب کوسو ، امر ساهڙ، ساحر راهو، روبينه ابڙو، ابل آس ٻٻر، رخسانه پريت، اسحاق سميجو، جاويد سوز ۽ ٻي پوري هڪ ڪهڪشان شامل آهي.
    عجيب اتفاق آهي ته عباس علي شاھ جي ڪافي تي به مون قلم آرائي ڪئي هئي ۽ اڄ اياز رضويءَ جي شاعريءَ، خاص ڪري سندس غزلن جو پڻ جائزو وٺي رهيو آهيان.
    ايازرضويءَ جي ”اُگهي ڪير ڳوڙها“ (پهرئين شعري ڪتاب) کان ’بهارون سوڳواريءَ ۾‘ (ٻئي شعري ڪتاب) جي سفر تي نظر وجهجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته هن جي شاعري رديف ۽ قافيي پيمائيءَ تائين محدود نه آهي پر هن ڪيترن همعصرن جي ابتڙ استعارن ۽ تشبيهن جي ڀرمار کان پري رهي، فڪر ۽ خيال کي اهميت ڏني، پنهنجي سادي ٻوليءَ وارو سادو اظهار برقرار رکيو آهي. هن وڏا بحر ۽ وزنن تي گهٽ شاعري ڪئي آهي، ننڍن بحرن ۽ وزنن جو استعمال ڪري، پنهنجي غزل کي انفراديت ڏني آهي:
    پرين! ڍير ڳوڙها
    اُگهي ڪير ڳوڙها؟
    وئين تون ۽ پهتا،
    ننگي پير ڳوڙها!
    اڪيلو مان، ساڳي
    اُها ٻير، ڳوڙها
    ٭
    روڄ راڙو نه ڪر
    غم اگهاڙو نه ڪر
    روز مون کان رُسي
    تنگ پاڙو نه ڪر
    پنهنجو لهجو پرين
    روز ٻاڙو نه ڪر!
    ننڍي بحرن ۾ لهجو وفا ناٿن شاھي ۽ اياز گل کان پوءِ، اياز رضويءَ جنهن خوبصورتيءَ سان ڪم آندو آهي، اُن سندس غزل کي انفراديت ڏني آهي، ’بحر تقارب‘ جي ٻن رُڪنن ’فعولن فعولن‘ واري مختصر سٽاءَ مان قافيو ۽ رديف ڌار ڪجن ته هر سٽ ۾ صرف هڪ هڪ لفظ بچي ٿو، پر اُن هڪ لفظ سان قافيو ۽ رديف جوڙي، جيڪي خود هڪ هڪ لفظ تي مشتمل جيڪو لهجي ۽ خيال جو سنگم جوڙيو ويو آهي، ان اياز رضويءَ جي غزل کي نواڻ ۽ اسلوب جي انفراديت بخشي آهي. مثلا ”’پرين‘ (تخاطب)هڪ لفظ آهي، ’ڍير‘ (قافيو) هڪ لفظ آهي ۽ ’ڳوڙها‘ (رديف) هڪ لفظ آهي، ۽ اهي ٽئي لفظ ملي شعر جي هڪ سٽ جوڙين ٿا ۽ ٻيا ٽي لفظ: ’اُگهي‘، ’ڪير‘ ۽ ’ڳوڙها‘ ملي ٻي سٽ جوڙين ٿا ته شعر جو بند جُڙي پوي ٿو ۽ اُن جو جيڪو تاثر اُڀري ٿو، اهو ئي غزل جي ’اشاريت‘ ۽ ’تغزل‘ کي اُڀاري بيهي ٿو ۽ اياز جو غزل ڪامياب غزل لڳي ٿو- ۽ ائين وري!
    وئين تُون ۽ پهتا
    ننگي پير ڳوڙها!
    واري بند کي ڏسجي ٿو ته: ’هُن‘ (شاعر جي تخاطب ’تون‘) جي ’وڃڻ‘ سان ’ڳوڙهن‘ جو ’ننگي پير‘ پهچڻ واري ترڪيب، سنڌي شاعريءَ ۾ اڇت لڳي ٿي ۽ وڏي ڳالهه ته هن مختصر بحر وزن واري بند ۾ شاعر پنهنجي محبوب سان مخاطب ٿيندي ڪنهن به ’محترم لقب‘ جو انتخاب نه ٿو ڪري، پر ’تون‘ جو صيغو (ضمير حاضر) ڪم آڻي ٿو، جنهن لفظ ۾ جيڪو پيار، جيڪا پنهنجائپ موجود آهي، اُها ’دلبر‘، ’دلربا‘، ’مهلقا‘، ’سڄڻ‘، ’سپرين‘ وغيره لفظن ۾ نه آهي.
    اهڙيءَ ريت ’اڪيلو‘، مان، ’اُها ٻير‘ ۽ ڳوڙها، لفظن جي ميلاپ سان غزل جو جيڪو بند جُڙي ٿو، اُن جي پويان ’معصوم پيار‘، ’ڳوٺاڻي پيار‘ جو هڪ پسمنظر جُڙي، اسان جي اکين اڳيان اچي ٿو:
    اڪيلو مان، ساڳي
    اُها ٻير، ڳوڙها!
    تصور ڪريو ته ’ٻه معصوم پريمي‘ هڪ ٻير جي هيٺيان ويهي پيار جا ناتا جوڙين ٿا، ٻير ڌوڻي ٻير ڇاڻي کائين ٿا- ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن ’معصوم عاشق‘ ساڳيءَ ٻير جي هيٺيان اڪيلو اچي بيهي ٿو، سندس محبوبا موجود نه آهي، ۽ هُن جي اکين ۾ ڳوڙها آهن! غزل ۾ هن قسم جو خيال به مختصر بحر وزن ۽ مختصر لفظن ۾، جديد سنڌي غزل، جو حسن آهي.
    يا وري سندس هڪ ٻئي غزل جو بند ڏسو:
    هڪ ڄار گذاري وئي،
    هڪ سار گذاري وئي.
    هن غزل جي بند ۾ صرف قافيي جي بدلاءَ سان ڪيڏي نه اهم ڳالهه ڪئي وئي آهي. پيار ڪندڙن ٻه دليون، جنهن ڄار (وڻ) جي هيٺيان ويهي پيار جا عهد پيمان ڪندا هئا، بيدرد زماني جي بيدرد ماڻهن اُها ’ڄار‘ وڍائي ڇڏي. شاعر ’ڄار‘ جي وڍجڻ کي ’گذارڻ‘ سان تشبيهه ڏئي ٿو ۽ گڏوگڏ اِهو اظهار ڪري ٿو ته اُن سان گڏ لفظ ڄڻ ته ” هڪ سار گذاري وئي“- ته هڪدم ’واه واه!‘ جا لفظ زبان تي تري اچن ٿا ۽ شاعر جي مشاهدي ۽ پبليڪشن کي داد ڏيڻو پوي ٿو.
    اياز رضوي جي هڪ غزل جي هيٺين بندن ۾ ’رديف‘ جو ڪيڏو نه سهڻو ڀچاءَ نظر اچي ٿو:
    سُتينءَ تون رات ڪمري ۾،
    رُني ڳچ دير چانڊوڪي
    -
    انڌن جي شهر ۾ رضوي
    سنڀالي ڪير چانڊوڪي
    -
    وڃائي هوش ويٺي آ،
    ٻُڌي ڪا ڇير چانڊوڪي!
    رديف جو هي سهڻو استعمال ته دل کي ڇُهي ٿو، پر خيال ۽ احساس جو حُسن، توڙي گهرائي وڌيڪ متاثر ڪري ٿي. خيال جي حُسن جو اندازو ته ڪريو، شاعر محبوبا سان مخاطب ٿيندي، سندس حسين بدن ۽ ساروپن جو ذڪر ڪرڻ کان سواءِ جڏهن چوي ٿو ته ”تون جڏهن ڪمري ۾ وڃي سُتينءَ ته چانڊوڪي (جيڪا خود حسن جو روپ آهي) تنهنجي غير موجودگيءَ ۾ ڳچ دير تائين روئندي رهي“ – يا وري ’ناچڻيءَ جي پيرن ۾ پايل/ ڇير جي وڄت ٻُڌي چانڊوڪي پنهنجو هوش وڃائي ويهي ٿي‘- اها خيال جي حسناڪي جڏهن جديد غزل ۾ نظر اچي ٿي ته جديد شاعريءَ جو مستقبل تابناڪ نظر اچي ٿو.
    يا وري هي مختصر بحر وزن واري غزل جو بند ڏسو:
    روشني ٿي پوي
    شاھ ڳايو وڃي!
    شاھ لطيف جي شاعري ڳائڻ سان ’روشني ٿي پوڻ‘ وارو احساس ٻڌائي ٿو ته اسان جي نوجوان شاعرن ڪلاسيڪل کان نيو ڪلاسيڪيت جو جيڪو سفر ڪيو آهي، اُن ۾ هنن پنهنجي ورثي کان اکٻوٽ نه ڪئي آهي، پر اُن جي دائمي قدرن کي پنهنجو ڪيو آهي، اڄ جڏهن اونده جي قوتن جي مذهبي انتهاپسنديءَ جي روپ ۾ هن ڌرتيءَ تي يلغار ٿي رهي آهي ته اسان جو نوجوان شاعر ” شاھ جي شاعريءَ کي روشنيءَ جي علامت“ ۽ اونده جي قوتن سان مقابلي جو هٿيار سمجهي ٿو. اهڙي طرح هُو پنهنجي روشن، ماضيءَ مان اتساھ وٺي ٿو.
    خون ڪري پيو نوحه جواني،
    دل- دريبل تي پٿر برسيا!

    غزل جي هن بند ۾ شاعر وٽ، تاريخ جو شعور ملي ٿو، مسجدن، مندرن، ڪليسائپ ۽ امام بارگاهن تي خودڪش حملن ذريعي رت جي جيڪا هولي کيڏي وڃي ٿي، ان خون کي شاعر زنده روپ ڏئي چوي ٿو ته هي بيگناھ وهندڙ خون نوحه خواني ڪري پيو، ڄڻ ته دل جي ديبل تي منجنيقن ذريعي پٿر برسن پيا!
    ايازرضويءَ جي شاعريءَ جا مون جيڪي مثال ڏنا آهن، اُهي سڀ سندس پهرئين مجموعي ”اُگهي ڪير ڳوڙها“ مان ڏنا ويا آهن. سندس نئين ڪتاب ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ ۾ به اها نواڻ موجود آهي، جيڪا سندس غزلن ۽ واين مان اُڀري اچي ٿي، مثال طور!
    چئوس ڪمرو ڇڏي اچي ٻاهر
    چنڊ کي انتظار ڪافي آ!

    انڊلٺ جهڙو لڳندو آهي،
    ڳوٺ، مٺي! تو وارو مون کي!

    چاڙهيا ڪيڏا چت تي،
    نشا تنهنجي نام،
    چُڻيندا جي ڳوٺ ۾
    مهڪيا چُوڙا ماڪ ۾.
    چنڊ ڏنو پيغام:
    چُڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    اياز جي نئين شاعريءَ تي آءٌ تبصرو ڪونه ٿو ڪريان، ان جي پڙهندڙ اوک ڊوک ڪندا، شال! سندس هيءَ نئين شاعري، سندس پهرين ڪتاب جو ڀرم قائم رکي!
    آءٌ اياز رضوي کي هڪ مشورو ڏيندس ته شاعري ڳارائڻ جي شوق ۾ ’رضوي‘ تخلص جو استعمال گهٽ ڪري. شيخ اياز ڪٿي لکيو آهي ته (اصل لفظ ڪجهه ٻيا آهن، پر مفهوم هي آهي ته) ’تخلص، شاعر جي انا جي سڃاڻپ آهي، مون به اياز تخلص ڪافي ڪم آندو آهي، پر جيڪڏهن تخلص گهٽ ڪم آڻجي ته بهتر“- ان روشنيءَ ۾ اياز رضويءَ، ’رضوي‘ تخلص ڪم آندو آهي، ڇو ته ’اياز‘ تخلص شيخ اياز، اياز گل ۽ اياز جانيءَ کان پوءِ ڪم آڻڻ هن مناسب نه سمجهيو آهي (جڏهن ته اياز گل به محتاط رهندي ’گل‘ ۽ اياز جاني، ’جاني‘ تخلص ڪم آندو آهي) ڇو ته شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ تي ڇاپ امٽ آهي. هرشاعر کي پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجي ٻولي ڪم آڻڻ کپي، جيئن هو پنهنجي لهجي مان سڃاپجي. اياز رضويءَ، رضوي تخلص ڪٿي ته بهتر ڪم آندو آهي، پر گهڻين جاين تي اجايو لڳي ٿو، ان جو استعمال جيترو گهٽائي ته بهتر. ٻي ڳالهه جيڪا رڳو اياز رضوي نه پر ڪيترن نون شاعرن تي لاڳو ٿئي ٿي ته اهي اردو شاعريءَ جي اثر هيٺ قافين ۾ اعرابن (زبر، زير، پيش) جو خيال نه ٿا ڪن. ’پَڪَ، ڪَڪِ، شڪُ’ يا اهڙن ٻين قافين جو استعمال عام آهي، جنهن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، خاص ڪري اسان جا سنڌي شاعر، جن جي مادري ٻولي سرائڪي آهي سي اڪثر اها غلطي ڪن ٿا. اياز رضوي، سندس همعصرن ۽ کانئن پوءِ ايندڙ نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻ گهرجي ته جيئن جديد سنڌي شاعريءَ ۾ جيڪو ٻوليءَ جو ’چنڊ–چٽاءُ‘ موجود آهي، سو برقرار رهي. اياز کي مشورو ڏيندس ته هو ڊگهن بحرن وزنن بجاءِ ننڍا بحر وزن ڪم آڻي ته بهتر ٿيندو جن تي لکيل سندس حاصل آهي.
    آخر ۾ اياز رضوي لاءِ سندس همعصر دوست ايوب کوسي جا هي لفظ، پنهنجا سمجهي دهرايان ٿو ته: ’اياز رضوي، نظر انداز ڪرڻ جهڙو شاعر نه آهي‘ شال! سندس ’رنگن جي شاعري‘، ’جوڀن جي آرسيءَ‘ ۾ حسين تر رهي!

    تاج جويو






    هوا، خُوشبو ۽ اُجالن جو شاعر

    هوا، خُوشبو ۽ اُجالن جو شاعر

    محبت جو جذبو انسان جي اعليٰ ترين جذبن مان هڪ آهي. جڏهن مُحبت جو واس روح ۾ لهڻ شروع ڪندو آهي تڏهن نيڻ نهار تائين گُل ئي گُل نظر ايندا آهن، داغستان جي البيلي شاعر رسول حمزاتوف هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”پيار جي جذبي ۾ ٽُٻ ٿيل هڪ الهڙ ڇوڪري برف باريءَ جي صبح ۾ جڏهن ڪمري جي دري کولي آرس ڀڳو ته دل مان بي اختيار رڙ نڪري وئي ويس مار! ٻاهر ڪيڏا گُل ٽڙيا آهن. سندس ماءُ حيرت مان چيو ته ڪٿي آهن گل؟ ٻاهر ته برف ئي برف آهي!“
    جين مت جي هڪ روايت آهي ته ”هڪ ساڌو جهنگ مان گذرندي ڪنهن سُڪل وَل کي چيو ته تون ڦُٽي پئو، ساڌُو جي چوڻ جي دير هئي، سُڪل وَل ٽِڙي پئي. اُنهيءَ تي ڪنهن ڏسندر حيرت مان پڇيو ته اهو ڪيئن ٿيو؟ ساڌو مُرڪي چيو مُحبت جي ڪري فقط مُحبت جي ڪري!
    مُون چيو ميندِي کيٽ کي اُٿي ڦُٽِي پوء!
    مُون کي ڪيئي سؤ، رَتا گهُرجن هٿڙا!
    اياز رضوي جي شاعري پڙهندي مونکي رسول حمز اتوف جي لکڻي ۽ جين مت جي هي روايت بار بار ياد اچي رهي آهي، اياز رضوي ڌرتي ۽ سرتيءَ جي مُحبت ۾ ٽُٻ ٿي لفظن جي سُڪل ولين ۾ شاعريءَ جي گلزاري پيدا ڪئي آهي نيڻ نِهار تائين هوا، خوشبو ۽ اُجالن جو تمنائي بڻيو آهي.
    شيخ اياز جي اُنهيءَ راءِ کي سنڌي ادب ۾ تمام گهڻو دُهرايو ويو آهي ته هر ’شاعر مُحبت‘ ’شاعر انقلاب‘ ٿي سگهي ٿو پر هر ’شاعر انقلاب‘ ’شاعر مُحبت‘ نه ٿو ٿي سگهي. آئون به هتي اُنهي ءَ راءِ جو سهارو وٺي اظهار ڪرڻ ٿو چاهيان ته اياز رضوي مُحبت جو شاعر آهي ۽ محبت جي جذبي ۾ رهي انقلاب لاءِ گَسُ گهڙي ٿو. سماج ۾ موجُود اُنهن حالتن جو خاتمو چاهي ٿو جيڪي انسان جي عزتِ نفس کي نقصان رسائين ٿيون، انسان جي بنيادي جبلتن کي دٻائن ٿيون. اياز رضوي جي دل جي معصوم چاهنا آهي ته انسان جي عزت نفس کي ضرب نه رسي، اياز انساني آزادي ۽ ڀائيچاري جي قدرن کي جيارڻ لاءِ جستجو ڪري ٿو. اياز رضوي جو سپنو آهي ته انسان انسانن وانگر جيئي ۽ پنهنجي جنم ڀومي تي آزادي سان ساهه کڻي.
    ڪن پڪڙ ۽ نڪ گيساٽ جي قطار ۾ اسان جا ڪيترائي ڏات ڌڻي بيٺل آهن جيڪي ڏاڍي اڳيان گونگا ۽ هيڻي اڳيان ٻوڙا ٿي پئسي ۽ عهدن جا هڏڙا چوسڻ لاءِ واجهائي رهيا آهن.
    انهيءَ دؤر ۾ اسانجي اياز رضوي وٽ قلندرانه وڏائي سان گڏ فقيراڻي نيازمندي آهي. ٻي کي دردن ۾ ڏسي مُنهن نه ٿو ڦيرائي ۽ نه وري مُنهن مونن ۾ وجهي پاڻ کي پاڻ ۾ ڳولڻ ۾ مصروف رهي ٿو.’ٻري جن ٻاري‘ واري ڀٽائي جي قافلي جو فرد ٿي شاعراڻي ديوانگي جي جُنون ۽ جذبي سان سماج جي المين، اُداسين ۽ محرومين جا چٽ پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽي ٿو. هڪ شاعر طور تي مٽي ۽ ماروئڙن سان جذباتي وابستگي پوري ريت نڀائي ٿو ڌرتيءَ جا درد دل سان لائي امن، آشتي ۽ بقا جي لاءِ لکي ٿو، عالم انسانيت لاءِ ويچاريندي به هُن قوميت جي شعور کي هٿان نه ڇڏيو آهي. سنڌيت جي تصور ۾ هن جي شاعري هڪ اهڙو آئينو آهي جنهن ۾ سنڌ جي تقدير چمڪي ٿي، پراچين سڀيتا جي پُڪار گونجي ٿي.
    مون شاعريءَ کي ڪڏهن جاميٽري سمجهي ليڪا نه پاتا آهن نه وري ڪڏهن حساب جو پرچو سمجهي ونڊ جوڙ ڪٽ ڪيو آهي شاعري مُنهنجي لاءِ چنبيلي ول تي ماڪ ڦڙن وانگر رهي آهي. مون شاعري کي ڪارونجهر جي مور جي رقص وانگي روح ۾ اتاري آهي، آئون سچي شاعر ۽ شاعري سان پيار ڪندڙ ماڻهو آهيان. منهنجي لاءِ تنقيد جي نالي ساڙ، حسد ۽ لوئڻ وارو عمل پاپ برابر آهي.
    سنڌي غزل جي تاريخ ۽ تشريح تي تمام گهڻو لکيو ويو آهي سنڌي غزل جي شروعات نور محمد حُسته کان ڄاڻائي وڃي ٿي پر وڏي وقت تائين سنڌي غزل فارسيت ۾ ٻُڏل رهيو. خليفي گل ۽ سانگي مقامي رنگ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڪثر غزل جي صورت ساڳي رهي گهڻو وقت پوءِ ڪشنچند بيوس، هري دلگيري، کيئل داس فانيءَ جي سنڌي شاعري ۾ انقلاب آڻڻ واري گس تي هلي شيخ اياز سنڌي غزل جي ڪايا پلٽائي ڇڏي سنڌي غزل فارسيت مان آجو ٿي گيڙو ويس اختيار ڪيو. نامياري شاعر سرمد چانڊيي پنهنجي هڪ ليک ۾ سنڌي غزل جي تاريخ کي ٽن دؤرن ۾ ورهايو آهي. سرمد چانڊيي موجب پهريون دؤر خليفي گل کان شروع ٿي قليچ تائين پهچي ٿو، ٻيو دؤر شيخ اياز کان اياز گُل تائين، ٽيون دؤر انهيءَ کانپوءِ شروع ٿئي ٿو جيڪو نوجوانن جو دؤر آهي. مونکي خبر ناهي ته دؤرن جي درجابندي ڪرڻ وارا وفانا ناٿن شاهي، وفا پلي ۽ واجد منگي کي ڪهڙي دؤر ۾ شامل ڪن ٿا. پر جديد سنڌي غزل کي اياز جي گيڙو ويس غزل کانپوءِ پروان چاڙهڻ ۾ نارائڻ شيام، ايم ڪمل، ارجن حاسد، امداد حسيني، اياز گل، ادل سومري سان گڏ وفا ناٿن شاهي، وفا پلي ۽ واجد منگي جو اهم ڪردار رهيو آهي. پويان ايندڙ ٽهي انهن کي پڙهي، اُتساهه وٺي غزل جي گهاڙيٽي ۾ پنهنجا پير پُختا ڪيا آهن وفا ناٿن شاهي ۽ واجد منگي اياز رضوي جا ويجها دوست رهيا اياز رضوي انهن مان وڏ اتساهه ورتو آئون چاهيان ٿو ڳالهه کي اڳتي وٺي وڃڻ کان اڳ ۾ وفا ۽ واجد جي سٽن جو سُرو من ۾ ماڻيندا هلون.
    وفا ناٿن شاهي:
    نه فرض پالي سگهان ٿو نه پيار ساهِيڙي،
    ٻڌاءِ اهڙي جيئڻ مان مراد ڇا هي ڙي .

    سڄي جهان کي آزادگيون عزيز آهن.
    نه ڪو غلام ٿجان نه ڪو غلام ڪجان.

    واجد منگي:
    مون ته شمع ۾ سا ڪونه ڏٺي
    جا پيڙه هُئي پرواني ۾

    زندگي جي هر ادا مونکي قبول
    باوفا يا بي وفا مونکي قبول،
    زندگي وئرٿ وئي واجد مگر
    تلخ ٿيا جي تجربا مونکي قبول.

    اياز رضوي پنهنجي شاعريءَ ۾ وفا کي مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته:
    غزل ۾ فلسفو ڪوئي،
    ڪري شامل وفا جهڙو.

    اياز رضوي کي وفا جي شاعري پنهنجي شاعري وانگر عزيز رهي آهي اياز رضوي نشيلين محفلن ۾ پنهنجي شاعري سان گڏ وفا ۽ واجد جي شاعري پڙهڻ فرض سمجهيو آهي ايتري اُتساهه وٺڻ باوجود غزل ۾ روايتي پيروي ڪرڻ جي بدران پنهنجي واٽ ورتي آهي جنهن تي هلي پنهنجي تخيل جي اُڏار سان نئين نسل لاءِ نرالا غزل لکي ٿو.
    ٻين جي پيروي رضوي
    ڇڏي تخليق ذاتي ڏي
    نرالا غزل ڪي نئين نسل لئه
    لکي ڄڻ آئون سوجهري ٿو سُمهان
    اياز رضويءَ جو هن کان اڳ ۾ هڪ مجموعو ”اگهي ڪير ڳوڙها“ جي نالي سان شايع ٿيل آهي، اياز رضوي غزل جي فن جي سانچي ۽ خيال جي نزاڪت سان پوري ريت نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي خاص طور ننڍي بحر وزن ۾ خوبصورت غزل لکيا آهن.

    تو خواب وِڪيا پنهنجا
    صدمو رسيو مونکي

    سنڌ جي زمين تون
    سرڳ کان حسين تون

    اسانجي عشق جي مٺي
    آهين بس امين تون

    وِڇوڙو بد دُعا جهڙو
    حياتي لئه سزا جهڙو

    انگور بدن تُنهنجو
    ڄڻ نور بدن تنهنجو

    لهجي ۾ رڳو تنهنجي
    ڇو ٻير ڪنڊا آهن

    ٿورو ترس اڃا
    بي چئي شام آ
    اياز رضوي اڪثر طور غزل پهرين سٽ ۾ عمل ڏيکاري ٻي سٽ ۾ رد عمل آڻي موضوع سان انصاف ڪري ٿو. ڪٿي ڪٿي پهرين سٽ ۾ عمل ۽ ردعمل گڏ آهن اياز رضوي وٽ (Creative Sensiblity) اياز رضوي جا موضوع پنهنجي سماج جا موضوع آهن، پنهنجي مٽي ۽ ماڻهن سان گڏ رهندي پيار پيڙا، پڇتاءُ، دک، درد، آس، نراس، المين، اداسين، تلخين، بيواجبين، ريت روايت جي داخلي توڙي خارجي ڪيفيت کي لفظن ۾ آندو آهي، اياز جي شاعري پنهنجي سماج جي شعوري لاشعوري ۽ نفسياتي عڪس آهي، اياز رضوي پنهنجي شاعري ۾ جدت باوجود پنهنجي ڪلاسڪ سان رشتو جوڙي رکيو آهي، پنهنجي ڌرتي جي مزدورن ۽ منصورن سان ڀٽائي وانگر پيار ڪري ٿو ڀٽائي سنڌ جي هر سڄاڻ شاعر جيان اياز رضوي جو به رهنما آهي.

    اڄ ريت روايت کي ٽوڙيون
    هن ڳوٺ کي نئين آکاڻي ڏي،

    هر آفت کان محفوظ رهين،
    توکي بخشي مولا جواڻي ڏي

    ڪاتي هيٺيان مرڪيا آهيون،
    ڪنڌ تي ڏئي لت رنو آ،

    ڪيڏو پيٽ بکايل خاطر،
    در تي اُڇليل ڀت رنو آ،

    بستي ۾ بادشاهي آهي شڪارين جي،
    محفوظ ڪيسين رهندو پنڇين جو آشيانو

    مٽي کي ٿو مهڪائي،
    مزدور بدن تنهنجو.

    ڏس محل ڀريندي سيٺن جا،
    مزدور چڙهي ويا ڦاهي تي،

    هر دور ۾ حق جا نعرا هڻي،
    منصور چڙهي ويا ڦاهيءَ تي.

    هوا خوشبو اجالو تون،
    زماني کان نرالو تون،

    چٽيو پيو روح تي آهين،
    ڀٽائي جو رسالو تون

    وک وک تي ڪُٺي آهي،
    ڇا دل شهيد ناهي.

    اياز رضوي جي ٻولي سادي سلوڻي ڳوٺاڻي ٻولي آهي، پنهنجي ٻهراڙي جي ماحول جا محاورا، چوڻيون، اُهڃاڻ، استعارا، ترڪيبون ۽ تشبيهون کڻي ٿو، جن سان هن جي غزلن ۾ ٻولي جي حسناڪي جهلڪي ٿي
    پيٽ ڀرڻ ۾ پورا آهيون،
    جانچ ڪٿي پڙتال ڪٿي آ.

    زمانو ڪري ڪوششون ڪيتريون،
    سڄو زهر مان اوڇري ٿو سمهان.

    چرين وانگر چاهت ڪرڻ،
    ڏيندا رهندا جهاوا آهيون.

    دنيا پيٽ مُجيري جو ۽،
    سپنا سرڙئي هاري جهڙا.

    پنهنجو آ پڪو رشتو،
    هارين ۽ هرن جهڙو.

    محبت کي سائنسي فلسفي ۾ نه پر شاعري جي سٽن ۾ بيان ڪري سگهبو آهي، اياز رضوي محبت کي بيان ڪندي غزل کي حُسن جو هندورو بڻائي ٿو، جنهن ۾ پڙهندڙ/ ٻُڌندڙن جو روح جهولي ٿو، اياز رضوي ميران ٻائي وانگر سانوري جي رنگ ۾ رچيل شاعر آهي، ميران ٻائي چوي ٿي ته:
    بن پيا جوت مندر اندهيارو،
    ديپ دائي نه آوي.
    (پيار جي جوت کانسواءِ من جي اندر ۾ اوندهه ئي اوندهه آهي، ڏيئو به ڪم نٿو اچي)
    اياز رضوي جي من ۾ سدائين پيار جي جوت ٻرندي رهي آهي. پيار جي صحبت ۾ اياز رضوي شاعري جو بهار ڀرپور رکيو آهي، خوبصورت بدن جي خوشبوءِ سٽن ۾ محسوس ٿئي ٿي. ڪن سٽن کي پڙهندي سيسراٽ اُڀري اچن ٿا تصور ۾ بي اختيار ٿري لوڪ گيت تري اچي ٿو ته ”ڪامڻ ڪري گيو ڙي“ (جادو ڪري ويو ڙي) فارسي جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته: هرڻ ڀڄڻ وقت تو کان سکيو آهي، ٽپ ڏئي ڀڄڻ، بيهڻ ۽ ”پوئتي ڏسڻ“
    ڪامڻ ۽ هرڻ جا سمورا آرپار هن جي غزلن ۾ موجود آهن.

    پنهنجو تعلق ڪيئن توکي سمجهايان،
    گل بدن تي تون ماڪ سمجهي ڇڏ،

    آئون ٻي ڪا امان ڇو ڳوليان،
    پنهنجي ٻک جو هيراڪ سمجهي ڇڏ.
    ***
    تو بن زخمي عڪس جيان،
    جيون بي گهر شخص جيان.

    قافلو منهنجي سوچن جو،
    مستن جي آ رقص جيان.

    ٽهڪ رضوي ٿا آرسون موڙن،
    ساز ڪيڏا ڇڙي رهيا آهن.

    خوشبو، چنڊ ۽ تارن کي،
    دل جي گهر جو ڀاتي رکجي.

    خوشبو جي کرن جهڙو،
    تُون مور پرن جهڙو.

    جنت جون سِڪون لاهي،
    ٿو حُور بدن تُنهنجو.

    رک ڏور هوائن کان،
    آ ٻُور بدن تنهنجو
    ***
    اياز رضوي جون اهڙيون سٽون پڙهندي ڪنهن کي هندي جي شاعر ”ست سُئي“ جي مصنف بهاري لال جي ڪوتا ياد نه ايندي؟ اياز رضوي جي شاعريءَ مان بهاري لال جي سٽن جهڙي سُڳند اچي ٿي
    ڀوشن ڀار سنڀار هي ڪيون يه تن سکمار،
    سود هي پاءِ نه دهر پرين، سو ڀائين ڪي ڀار.
    (اي نفيس ڪامڻي تون زيورن جو وزن ڪيئن کڻديئين، توکان جوڀن جو بار به سنڀالجي نه ٿو، جواني جي وزن سبب تُنهنجا پير زمين تي سڌا نه ٿا پون)
    ڏيٺ نه برت سمان رُت ڪنڪ اڪنڪ سيس ڪات،
    ڀوشڻ ڪر ڪر ڪس لگت، پرس پچائي جات
    (ڪامڻي جي جسم جو رنگ سون جهڙو آهي، اُن تي چمڪندڙ زيور ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن، ڇاڪاڻ ته ٻنهي جو رنگ هڪ جهڙوآهي پر جڏهن هٿ سختي محسوس ڪري ٿو ته زيور جو پتو پوي ٿو)
    هن ڌرتيءَ جو دودو دلير جنهن جي لاءِ شيخ اياز چيو ته:
    دودا تُنهنجو ساهه ته ويندو،
    پر ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو
    صديون گذري ويون آهن ماڻهن جو ويساهه اڄ به ساڳيو آهي، اياز رضوي پنهنجي ديس جي دودي جي پڳ کي روشن ڏسي ٿو.
    دودا دلير تُنهنجي
    ڇا پڳ ۾ روشني.
    اهڙي طرح اياز رضوي پنهنجي هيرن کي خراج تحسين پيش ڪندي روپلي ڪولهي ۽ شهيد بختاور کي پنهنجي ڪوتائن ۾ ڀيٽا ڏني آهي، شهيد بختاور تي اياز رضوي جو شعر پڙهي مونکي حبيب جالب جو حيدر بخش جتوئي تي لکيل نظم ياد اچڻ لڳو. شهيد بختاور ۽ حيدر بخش جتوئي ٻئي هاري اڳواڻ هُئا اسانجو هاري انهن جي جدوجهد جي نقش قدم تي قائم رهي ها ته سندن اڄ تقدير تبديل ٿي چڪي هُجي ها.

    جي بختاور جي واٽ وٺي،
    ڇو هٿ کڄي هارياڻي ڏي!

    اياز رضوي جي اهڙي کري شاعريءَ جو بنيادي ڪارڻ اهو ويساهه آهي ته

    مرڻو حُسين ناهي،
    رهڻو يزيد ناهي.

    اهڙو ويساهه رکندڙ شخص سدائين مظلوميت جو طرفدار هوندو آهي هيڻي جي ڌُر ٿي بيهندو آهي، هُن کي حسيني پياس وِک وِک تي ياد ايندي آهي اياز رضوي چوي ٿو.

    پياس حُسيني ياد پوڻ سان،
    هٿڙن ۾ شربت رُنو آ

    نفاست ۽ نزاڪت سان مُحبت جي ڪونپل ڪچڙن احساسن تي شعرسرجندڙ شاعر مُحبت انهيءَ ڪيفيت ۾ شاعرِ انقلاب بڻجي وڃي ٿو پر رومانس کي هٿان نه ٿو ڇڏي انقلاب جي اُنس کي رومانس جي رومال ۾ ويڙهي پيش ڪري ٿو پُختي ۽ سگهاري شاعر جو اهو ئي ڪمال هوندو آهي.
    مقتل گاهن جي گسن تي مُروئي جي مهڪار آڻي، ڦاسي گهاٽ جي ڦندن کي سِڻي گل جيان محسوس ڪرائي، دلبري جي دلڪشين کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي دردن کان ڪوتا جي پاندن ۾ ميڙي مٽي هاڻن ماڻهن کي اتساهي ٿو.

    سنڌ ۾ پلجي نالي سان ڇو،
    بنگالي، گجراتي رکجي.

    هن سنڌ جهڙو آهي منهنجو وجود رضوي،
    هڪ ڀيرو جيڪو آيو واپس نه ٿيو روانو.

    سڄي سنڌ نيڻن ۾ اڪريل اٿم،
    ننگر ۾ ڪڏهن ساڪري ٿو سمهان.

    ڏياري هولي تُنهنجو مُرڪڻ،
    سنڌي ٻولي تُنهنجو مُرڪڻ،

    شال سنڌ ۾ هُجان،
    موت ويجهو هجي،

    من ۾ هرپل سنڌ وسي ٿي،
    ان جي هر ڪک پن ۾ آهيون

    گهر کي جلائي ڏياري هڪ ڪونه مون ڪئي آ،
    منهنجو سڄو نسل ئي، مون جهڙو آ ديوانو،

    اياز رضوي لکڻ کي ڪڏهن سستي شهرت جو ذريعو نه بڻايو آهي نه وري ڪڏهن ادبي محفل جي صدارت يا خاص مهمان جي ڪرسي والارڻ واري خصيص خواهش من ۾ پيدا ڪئي آهي . هن ميراجِي جي ”ڀرلي امرت پيالا پياري“ واري ڪيفيت ۾ ڪارين ڪجرين اکين جي اُلارڻ کان وٺي پارڪر جي ڳم ڳنڍير ، ڏُٿ ۽ ڏوٿيئڙن تائين هر منظر ۾ لفظ بازي کان آجي زندگيءَ جي ضمير جي سِٽ سِرجي آهي اياز رضوي جي شاعري سنڌي سماج جو ذهني، شعوري ۽ نفسياتي عڪس آهي، هن پنهنجي وطن ۾ سياست ۽ ڪامورڪي بدن تي مُنافقي ۽ لوڀ جي ڪيڙن کي ٻُر ٻُر ڪندي ڏٺو آهي! اياز رضوي کي سُڃ ۽ ڏُٿ ڏوريندڙ ڏوٿيئڙا تمام پيارا آهن ماروئڙن کي درد مان آجو ڏسڻ جو هِن جي اندر ۾ اٺ ئي پهر اُلڪو رهي ٿو جن وٽ نه اجهو آهي نه اٽو آهي نه آگاهي آهي نه آسرو .
    اياز رضوي وائي، بيت ۽ نظم سان به خُوب نڀايوآهي، آئون هِتي صرف غزلن جو ذڪر ڪري سگهيو آهيان طوالت جي ڊپ کان وائي، بيت ۽ نظم جي موضوعن کي ڇيڙيو ناهي پر گڍي ۽ گل گوماڻي کي اياز رضوي جي شاعري ۾ ڪيئن نظر انداز ڪري سگهجي ٿو؟ چڻيندا جي ڳوٺ ۾ هٿ ۾ جهلي جام رام ريجهائڻ واري رِيت رُوح ۾ ريلا ڪري اچي اُٿي. عيد ڏهاڙي به هٿين خالي گهر پهچندڙ ور جي درد ڪهاڻي معاشي ترقيءَ جي هام هڻندڙن جي ڳل تي هٿوڙي وانگر لڳي ٿي. سماجي سُڌارن جي دعوائن کي ڌوڙ ڪري ٿي ”جانچي ڏس تاريخ کي ”واري وائي ۾ رهزنن جي رهبريءَ کان بچڻ جي لاءِ هوشياري جي هڪ صدين جي پيڙا جي صدا آهي. ”نازڪ ڏاڍو دؤر آ“ ۾ ديس پرديس لڳڻ ۽ ڏيهي ڏُور ٿيڻ جي اَذيت ۽ اَلمين جو چِٽو عَڪس پَسجي ٿو. انهن سمورين واين، بيتن ۽ نظمن ۾ پڙهندڙ پاڻ پنهنجو وجُود ڳولڻ جو اختيار رکي ٿو. مون کي ائين لڳو آهي جيئن اردو جي ڪنهن شاعر چيو آهي ته ؛

    يه عشق نهين آسان، بس اتنا سمجهه ليجيئي،
    اِک آگ ڪا دريا هي اور ڊُوب ڪي جانا هي!

    ڀارُو مَل اَمراڻِي سُوٽهڙ
    چيلهار، ٿرپارڪر
    11- جُولاءِ 2016ع


    شاعريءَ جي پيار جي پاڇي ۾

    شاعريءَ جي پيار جي پاڇي ۾

    شاعريءَ! آئون تنهنجي حضور ۾ پاڻ کي اُن شخص وانگر محسوس ڪري رهيو آهيان جيڪو مُدتن کانپوءِ ڪنهن عبادتگاه ۾ اچي بظاهر ته سجدي ۾ جهڪيو آهي، پر سندس ذهن ڪنهن ٻئي ماڳ ڀٽڪي رهيو آهي، منهنجي به تنهنجي حضور ۾ بس ايتري ئي ڪمائي آهي. پر تنهنجون مون ناچيز تي اڻ ڳڻيون نوازشون آهن تو مون جهڙي عام رواجي ماڻهو کي بامقصد زندگي گذارڻ جو درس ڏنو، منهنجي وجود کي وشالتا بخشي توئي مون کي پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم سان عشق ڪرڻ سيکاريو. تو مون کي انسانيت جو علمبردار بنايو تنهنجي طفيل ئي مون فطرت سان پيار ڪرڻ سکيو ۽ تو مونکي ڪيترائي پيار ڪندڙ دوست ڏنا جيڪي منهنجي وجود جو حصو ۽ حياتي جو ڪُل سرمايو بڻجي ويا. سچ پچ آئون تنهنجو هڪ ٿورو به لاهي نٿو سگهان عام رواجي زندگي ۾ به تنهنجي لامحدود هئڻ جي احساس مون کي ڪيترين ئي ڪم ظرفين کان بچايو آهي ۽ مون دليون ڳنڍڻ وارو وکر ورهايو آهي، تنهنجي صدقي مون بابا ڀٽائي جي ٻئي فهم سان پرين پسڻ واري سٽ تي عمل ڪندي پنهنجي ڌرتيءَ جي هيسيل ماڻهن سان سندس ڏک سُک ۾ شريڪ ٿيڻ کي افضل عبادت ڄاتو آهي.
    شاعريءَ! هي اهو رهزن دؤر آهي جنهن ۾ سڄي ڌرتيءَ جو گولو جُون جي ٻرندڙ سج جيان دوزخ بڻيل آهي ۽ ماچيس بدران ماڻهو ماڻهو سان جلي رهيو آهي. ان ماحول ۾ صرف تنهنجو دوستاڻو ۽ عاشقاڻو وجود ئي ماڻهن کي ڪجهه گهڙين لاءِ روحاني سڪون بخشي ٿو.
    مون لاءِ اها ڳالهه به مُسرت ۽ آٿت جو باعث آهي ته ڏکين حالتن باوجود منهنجي قوم جا باذوق نوجوان مذهب جي نالي ۾ ڪي فساد ڪرڻ بدران گهڻي تعداد ۾ تنهنجا پوئلڳ آهن ۽ تو سان پيار ڪن ٿا ۽ ڀٽائي، سچل، سامي ۽ مئين شاھ عنايت رضوي واري ڏسيل واٽ جا پانڌي آهن. مون کي سج جهڙو ويساھ آهي ته تو ذريعي ئي جهر جهنگ ۾ محبتن جا گيت گُونجندا درد جي ڪاري رات ختم ٿيندي، امن آجپي سلامتي جا نوان سج هن ڌرتي مٿان ضرور اُڀرندا.
    آئون اهو ڄاڻان ٿو ته تون (شاعريءَ) زمانن کي جاڳائين ٿي، تبديلين جا رابيل ٽڙائين ٿي. مون وٽ قطعي اها دعويٰ ناهي ته مون گلزار ڪيو آهي! نه ائين ناهي اصل ۾ تو مون کي حق ۽ سچ جو حاميءَ بنايو آهي، تون جنهن به روپ ۾ مون وٽ آئي آهين، مون اهو روپ قبول ڪيو آهي، بس اها دلي ڪوشش ڪئي اٿم ته توسان نڀاءُ جاري رهي، چاهيو اهو اٿم ته تنهنجو روح ميرو نه ٿئي. تنهنجي مُرڪ قائم رهي، تنهنجا آرس اوپرا نه لڳن. شاعريءَ تو مون کي جيڪو منفرد وجد ڏنو آهي، ان کان وڏي مون لئه ٻي ڪا به دولت ناهي.
    مهربان پاٺڪو! آئون توهان پنهنجن سڀني مهربان پڙهندڙ چاهيندڙ دوستن جو دل جي گهراين سان شُڪر گذار آهيان جن سال 2005ع ۾ ڇپيل منهنجي پهرين شعري مجموعي ”اُگهي ڪير ڳوڙها“ کي محبتن ڀري موٽ ڏني روبرو، فون توڙي خطن رستي منهنجي بي حد گهڻي همت افزائي ڪئي توهان جي ان حوصله افزائي مون کي وڌيڪ لکڻ لاءِ اتساهيو پنهنجو هي ٻيو شعري مجموعو ”بهارون سوڳواريءَ ۾“ توهان جي خدمت ۾ اِن آس سان پيش رهيو آهيان ته مون کي پنهنجي بهترين مشورن ۽ راين سان نوازيندا ته جيئن منهنجي لاءِ شعري مسافت سولي بنجي سگهي ۽ آئون شاعريءَ جي سفر ۾ پنهنجو اوڻايون دور ڪري سگهان ۽ توهان پاٺڪن کي ئي مان بهترين نقاد سمجهان ٿو.
    آخر ۾ آئون ٿورائتو آهيان اُتساھ پبليڪيشن مٺي جي روح روان مانائتي دوست دليپ دوشي لوهاڻو جو جنهن گذريل ٽن چئن سالن کان مختلف ادارن ۾ دربدر ٿيندڙ منهنجي هن مجموعي کي پيار جو ڀاڪر آڇي هڙان وڙان خرچ ڪري مختصر عرصي اندر پڙهندڙن تائين پهچائي عمر ڀر لاءِ مون کي پنهنجين محبتن جو قرضي بنائي ڇڏيو آهي.
    ان کانسواءِ آئون احسان مند آهيان پياري ڀاءُ دليپ ڪوٺاري ۽ سندس شاگرد تيرٿ راٺي جو جن ڏينهن رات محنت ڪري هي ڪتاب ڪمپوز ڪيو آئون پنهنجن پيارن سائين شنڪر ساگر، گل گوماڻي، آسي زميني، وفا محمود نهڙيو، اشوڪ شرما، ايوب کوسو، پرڪاش ڪرماڻي، عيسيٰ نهڙيو، حفيظ سنڌي، عبدالحميد نهڙيو، امر ساهڙ ۽ ڀارو امراڻي جون محبتون ۽ ٿورا ڪيئن ٿو وساري سگهان جن وک وک تي منهنجو ساٿ ڏنو ۽ رهنمائي ڪئي پنهنجين نيڪ صلاحن سان نوازيو.

    اياز رضوي
    03332514637
    03003317337
    ٽپال گهر نئوڪوٽ
    تعلقو جُهڏو ضلعو ميرپورخاص سنڌ
    ayazshahrizvi12@gmail.com


    غزل

    سِنڌُ جي زمين تون

    سِنڌُ جي زمين تون،
    سَرڳُ کان حسِين تون.

    اسان جي عشق جي مِٺي،
    آهين بس اَمينَ تُون.

    موت ڪُلفتن سَندو،
    مُحبتن جو دين تُون.

    زرد هن وجُود کي،
    ڪري وئين رنگين تُون.

    ڪجهه نه چئو ڀلي کڻي،
    آهين پر ذهين تُون.

    وسي ٿو تو ۾ ڀٽ ڌڻي،
    سکر به تون بدين تُون.

    وجود کان پري رهي،
    ڪڏهن به آهين ڪين تُون.

    غلام تنهنجي در جو آ،
    اَياز ڪر يقين تُون.
    ✤✤


    وڇوڙو بَد دُعا جهڙو،

    وڇوڙو بَد دُعا جهڙو،
    حياتي لئه سزا جهڙو.

    هي دل بيمار جنمن جي،
    تنهنجو درشن شَفا جهڙو.

    ڪو ماڻهو ويجهڙو هوندي،
    لڳي ٿو پيو جُدا جهڙو.

    غزل ۾ فلسفو ڪوئي،
    ڪري شامل وفا جهڙو.

    اسان جو نيڪ هر جذبو،
    لڳئي ڇو ٿو خطا جهڙو.

    زماني جو رويو آ،
    مُدي خارج دوا جهڙو.

    پنهنجا سپنا ڏيئي جهڙا،
    سڄو پاڙو هوا جهڙو.

    نگاهن ۾ ويو لکجي،
    ڪو چهرو التجا جهڙو.

    نڪي ڄائو نڪي ڄمندو،
    عليرضه مُشڪل ڪشا جهڙو.

    اوهان جي شهر ۾ ”رضوي“،
    گداگر جي صدا جهڙو.
    ✤✤
    *وفا ناٿن شاهي: ناليوارو سنڌي غزل گوُ شاعر ۽ تغزل جو بادشاهه


    نٿي دل ڪَکِ سَهي تو تي،

    نٿي دل ڪَکِ سَهي تو تي،
    پرين اُڀري لَهي تو تي.

    ميارُون سڀ حصي منهنجي،
    نه ڪوئي ڏُک ٺهي تو تي.

    خزان ۾ ڀي رهين سَرهو،
    نه هِڪڙو پن ڊهي تو تي.

    سدائين سُونهن جي ديوي،
    مِٺي! راضي رهي تو تي.

    وفا جي راهه ۾ ”رضوي“،
    ڀلي خنجر وهي تو تي.
    ✤✤





    هوا خُوشبو اُجالو تُون،

    هوا خُوشبو اُجالو تُون،
    زماني کان نِرالو تُون.

    چِٽيو پيو رُوح تي آهين،
    ڀِٽائيءَ جو رسالو تُون.

    اسان جي هر مصيبت جو،
    رُڳو آهين اَزالو تُون.

    بنهه وکري ويا آهيون،
    ڪو هاڻي ڪر سَنڀالو تُون.

    اندر جي ڳالهه ٿئي پَڌري،
    چپن جو کول تالو تون.

    ڀرين ٿو رنگ محفل ۾،
    هُجين جهڙو جمالو تُون.

    ڪرين ڪنهن لاءِ ٿي آخر،
    رئو هر روز آلو تُون.

    گڏي ڇڏ هاڻ رضوي جو،
    غُلامن منجهه نالو تون.
    ✤✤







    حُسن جي بادشاهي آ،

    حُسن جي بادشاهي آ،
    اسان جي عشق ٺاهي آ.

    وفا جي پيچرن تي دل،
    اسان وِهٽن جان واهي آ.

    حياتي ڊوڙ جو نالو،
    اوهان جو ساٿ ساهي آ.

    نتيجو ڪُلفتن جو بس،
    اڳيان پويان تباهي آ.

    ڊٺو هيڪر نه ڪو نڪتو،
    هي لالچ ڄڻ تي کاهي آ.

    پرين هر موڙ تي توکي،
    مون اَرپي خير خواهي آ.

    تنهنجي تصوير سان ڳوڙهن،
    يڪي ياري نباهي آ.

    اَياڻي ٿي لڳي جيڪا،
    حقيقت ۾ سا ڏاهي آ.

    غمن جي شهر ڏي جانان،
    وري ٿيو رُوح راهي آ.

    دُنيا ٻيو ڪجهه گُهريو رضوي،
    مُحبت پاڻ چاهي آ.
    ✤✤


    اک اک ۾ دفن آهي لُڙڪن جو هڪ خزانو،

    اک اک ۾ دفن آهي لُڙڪن جو هڪ خزانو،
    هر شخص جي اَندر ۾ دردن جو ڪارخانو.

    بازار سوچ جي ۾ جيڪو به ٿو وِڪامي،
    پيڙاءُ جو رهي ٿو پلپل اهو نشانو.

    گهر کي جلائي ڏياري هڪ ڪونه مون ڪئي آ،
    منهنجو سڄو نسل آ مون جهڙو ئي ديوانو.

    *ڍينگاسري ۾ ڊيلون اڄ رنگ پيو ورهائن،
    خوش ٿي پيو کيڪاري ٻاجهر جو ڪانو ڪانو.

    بستيءَ ۾ بادشاهِي آهي شڪارين جي،
    محفوظ ڪيسين رهندو پَنڇين جو آشيانو.

    تاريخ زندگي جي کولي پڙهي ڏٺيسون،
    رنگين باب آهي ننڍپڻ جو بس زمانو.

    هن سنڌ جهڙو آهي پنهنجو وجود رضوي،
    هڪ ڀيرو جيڪو آيو واپس نه ٿيو روانو.
    ✤✤
    *ڍينگاسرو: ننگرپارڪر جو هڪ ڳوٺ









    حسن پنهنجي جي هاڪ سمجهي ڇڏ،

    حسن پنهنجي جي هاڪ سمجهي ڇڏ،
    مون کي پيرن جي خاڪ سمجهي ڇڏ.

    تنهنجي مُکِ تي نظر پوڻ کان پو،
    مون کي بلڪل ئي پاڪ سمجهي ڇڏ.

    پنهنجو تعلق ڪيئن توکي سمجهايان،
    گُل بدن تي تون ماڪ سمجهي ڇڏ.

    رُوح منهنجي کي سمجهه راڻو ۽،
    گهر سندءِ کي تون ڪاڪ سمجهي ڇڏ.

    ٿي نه حيران هڪڙو جهير ڏسي،
    دل، جگر، سينو چاڪ سمجهي ڇڏ.

    آئون ٻي ڪا امانَ ڇو ڳوليان؟
    پنهنجي ٻک جو هيراڪ سمجهي ڇڏ.

    تو مان دل ڀَربي ڪونه رضوي کي،
    هر جنم جو هيراڪ سمجهي ڇڏ.
    ✤✤






    توبن زخمي عڪس جيان،

    توبن زخمي عڪس جيان،
    جيون بي گهر شخص جيان.

    تنهنجي ياد به زخم ڏنا،
    ماڻهو ڪنهن بي ترس جيان.

    ڪوڙ سدائين پڌرو آ،
    کير ۾ پاڻي سرس جيان.

    رنگ اُفق جي نيڻن جو،
    بلڪل تنهنجي پرس جيان.

    قافلو منهنجين سوچن جو،
    مستن جي آ رقص جيان.

    ڪونه ٿو وسري هو رضوي،
    اُستادن جي درس جيان
    ✤✤






    هڪ ٻئي لاءِ پراوا آهيون،

    هڪ ٻئي لاءِ پراوا آهيون،
    ڄڻ ٻئي ڪُوڙي دعويٰ آهيون.

    پن ڇڻ رُت جو قبضو آهي،
    ڪير چوي ٿو ساوا آهيون؟

    تنهنجي درشن جي نعمت مان،
    ڪونه ڪڏهن من ڍاوا آهيون.

    پٿرن سان ڪيئن رشتو جوڙيون،
    اندران ٻاهران ڪاوا آهيون.

    چرين وانگر چاهت ڪارڻ،
    ڏيندا رهندا جهاوا آهيون.

    جو پل ويجها هُوندا آهيو،
    خوب ڪندا پوءِ جاوا آهيون.

    درد جو درياءَ جهاڳڻ لاءِ،
    پاڻ ته رضوي ڄاوا آهيون.
    ✤✤


    اچڻ ۾ دير هر ڀيري،

    اچڻ ۾ دير هر ڀيري،
    نه ڪر انڌير هر ڀيري.

    چُمين تي گُلبدن پنهنجو،
    نه ايڏو هير هر ڀيري.

    ملڻ لاءِ ڪريو زخمي،
    اچين دل، پير هر ڀيري.

    وڌائيندي حياتي آ،
    هي تنهنجي ڇير هر ڀيري.

    وسي ٿو مينهن خوشبو جو،
    سندءِ چئو ڦير هر ڀيري.

    سدائين اڻ هيريا هيري،
    نه اکيون ڦير هر ڀيري.

    سموري ڳوٺ جا پٿر،
    سهي ٿي ٻير هر ڀيري.

    سندءِ هڪ مُرڪ ٿي ڊاهي،
    غمن جا ڍير هر ڀيري.

    روئڻ آ مشغلو رضوي،
    سنڀالي ڪير هر ڀيري
    ✤✤







    نظر کي جا وڻي نه آ

    نظر کي جا وڻي نه آ
    اُها اسان ڳڻي نه آ

    اوهانجي ريس جا ڪري
    اڃان ڪا ماءَ ڄڻي نه آ

    اچي ڪيئن ننڊ چين جي
    هٿن جي ڪا ڦڻي نه آ

    هي زندگي آ مختصر
    جواني ڀي گهڻي نه آ

    ڊگهو ڏڪار ٿي ويو
    ڪا قرب جي ڪڻي نه آ

    اکين جو نُور ڇوڪري
    هُو پير جي پڻي نه آ

    رُلي سو ويندو راھ ۾
    جنهن ڌڻ سندو ڌڻي نه آ

    فدا ٿي وڃ فراق ۾
    تون هام ڪا هڻي نه آ

    نه ڪنهن جو ٿي سگهيس ڪڏهن
    ۽ منهنجي هو بڻي نه آ

    پرين جي ياد ذهن تان
    اياز ڏس ڇڻي نه آ
    ✤✤


    تنهنجو پاڙو پيارو مون کي،

    تنهنجو پاڙو پيارو مون کي،
    ڪونه سُجهي ٻيو چارو مون کي.

    توسان سر جا سودا ٿي ويا،
    حاصل ٿيو جڳ سارو مون کي.

    دل جي بلڪل ويجهو آهين،
    ناهي ڪو مُونجهارو مون کي.

    ڏيندو هر اڳواڻ رهي ٿو،
    روز نئون هڪ نعرو مون کي.

    انڊلٺ جهڙو لڳندو آهي،
    ڳوٺ مِٺي تو وارو مون کي.

    توکان ٽوڙي ڪونه سگهي ٿو،
    پٿرن جو وسڪارو مون کي.

    پنهنجيون غلطيون ڪو نه ڏسين ٿو،
    مُفت ڪرين ٿو ڪارو مون کي.

    راتين جو رولاڪ مان رضوي،
    ڄاڻي ٿو هر تارو مون کي.
    ✤✤



    ڏياري هولي تنهنجو مُرڪڻ،

    ڏياري هولي تنهنجو مُرڪڻ،
    سنڌي ٻولي تنهنجو مُرڪڻ.

    پار نه ڪوئي پهچي سگهندو،
    سنڌوءَ ڇولي تنهنجو مُرڪڻ.

    روز سليندي دل ٺرندي آ،
    پيارو پرولي تنهنجو مُرڪڻ.

    عشق جي ويرين لاءِ سڌي آ،
    ڄڻ هي گولي تنهنجو مُرڪڻ.

    يار ڀري هر وار سگهي ٿو،
    خالي جهولي تنهنجو مُرڪڻ.

    ڌارين ماڻهن جي ميلي ۾،
    پنهنجي ٽولي تنهنجو مُرڪڻ.

    ڪافر شخص ڀلائي سگهندو،
    مٺڙي لولي تنهنجو مُرڪڻ.

    فارسي، عربي، ”رضوي“ ڪونهي،
    سنڌيءَ سولي تنهنجو مُرڪڻ.
    ✤✤


    رُسيو توبن جپ وڃي،

    رُسيو توبن جپ وڃي،
    ڇڄندي چڙهيو تپ وڃي.

    رُسندو آهين ڀوڳن ۾،
    جڳ کي لڳيو مپ وڃي.

    تنهنجي هڪڙي گُهور پرين،
    سِبيو منهنجا چپ وڃي.

    پيار جي ٻيڙي لوڏن ۾،
    پرتي ٿيندو ڪپ وڃي.

    درد جو هر آواز ٻڌي،
    وڌندو دل جو ڊپ وڃي.

    ڏيئن کي بي درد هوا،
    روز هڻيو ٿي ٿپ وڃي.

    درد نئون نيڻن کي ڏيو،
    لڙڪن جي هر لپ وڃي.

    رحمت زحمت بڻجي وئي،
    ملندا سين پر گپ وڃي.
    ✤✤


    پِرين ياد توکي ڪري ٿو سُمهان.

    پِرين ياد توکي ڪري ٿو سُمهان.
    اندر منجهه خوشبو ڀري ٿو سُمهان،

    متان ٿي زيارت وڃي خواب ۾،
    سُمهان ٿو انهي آسري ٿو سُمهان.

    ٿڌي دل سان ويهي پرين سوچجان،
    ڪٿي تو کان آئون پري ٿو سُمهان.

    تنهنجو هٿ هٿن ۾ آ پويان ڀلي،
    کڻي ڪجهه وهي واپري ٿو سُمهان.

    سڄي سنڌ نيڻن ۾ اُڪريل اٿم،
    ننگر ۾ ڪڏهن ساڪري ٿو سُمهان.

    زمانو ڪري ڪوششون ڪيتريون،
    سڄو زهر مان اوڇري ٿو سُمهان.

    منهنجي سنڌ ماتا ڪڙهائي ۾ آ،
    اکين منجهه ڳوڙها تري ٿو سُمهان.

    نِرالا غزل ڪي نئين نسل لئه،
    لکي آئون ڄڻ سوجهري ٿو سُمهان.

    مليو نئين حياتي وڃي ذهن کي،
    ٻه ٽي ڍُڪ رضوي ڀري ٿو سُمهان
    ✤✤


    فيض دل جو غني پکيڙي ٿو،

    فيض دل جو غني پکيڙي ٿو،
    شهر ۾ روشني پکيڙي ٿو.

    محبتن جو سفير آ شاعر،
    چنڊ جان چاندني پکيڙي ٿو.

    روز تولئه وجود ور پنهنجو،
    فائلن ۾ وني پکيڙي ٿو.

    آهي دلڪش مٺاس لهجي ۾،
    شخص ڪو چاشني پکيڙي ٿو.

    روئي ڀاڳن تي ڪوئي سانوڻ ۾،
    گهر ڪچي تي پني پکيڙي ٿو.

    مند هر ڪنهن ۾ حُب منجهان هاري،
    خواب تو ۾ ٻني پکيڙي ٿو.

    انت اوندھ جو رضوي آڻڻ لئه،
    سج پنهنجي ڪني پکيڙي ٿو.
    ✤✤


    تون پنهنجي وچن کي پاڻي ڏي،

    تون پنهنجي وچن کي پاڻي ڏي،
    هڪ رات اسان کي راڻي ڏي.

    بي ڏوهه اکين کان ڏوُر رهي،
    تون درد نه ڄاڻي واڻي ڏي.

    اچ ريت روايت کي ٽوڙيون،
    هن ڳوٺ کي نئين آکاڻي ڏي.

    هر آفت کان محفوظ رهين،
    توکي بخشي مولا جُواڻي ڏي.

    جي بختاور جي واٽ وٺي،
    ڇو هٿ کڄي هارياڻي ڏي.

    آ سمجهه سراسر سُور خدا،
    موٽائي وهي ٻاراڻي ڏي.

    هر روز ميارون ساجن کي،
    ٿي آس ڪا ڳوڙهن هاڻي ڏي.

    ڇُڙ واڳ جواني کي رضوي،
    ڪا سُونهن نٿي سمجهاڻي ڏي.
    ✤✤


    توکي منهنجو خيال ڪٿي آ،

    توکي منهنجو خيال ڪٿي آ،
    تو ۾ ساڳي ڳالهه ڪٿي آ.

    پُهتو منهنجو تو وٽ ڪڏهن،
    سر بستو احوال ڪٿي آ.

    وِک وِک تي آ سوڳ وِڇايل،
    هيل سڻائو سال ڪٿي آ.

    وقت بدن لاءِ مرهم آهي،
    ڀربو دل جو خال ڪٿي آ.

    حق جو جهنڊو هٿ ۾ آهي،
    مون وٽ دولت مال ڪٿي آ.

    پيٽ ڀرڻ ۾ پُورا آهيون،
    جانچ ڪٿي پڙتال ڪٿي آ.

    ڳوڙهن سان ڳل آلا تنهنجا،
    رهجي ويو رُومال ڪٿي آ؟

    سادي ماڻهو ڳوٺاڻي وٽ،
    شطرنج واري چال ڪٿي آ.

    دلبر سامهون ويٺو آهين،
    لفظن ۾ سُر تال ڪٿي آ.

    هر هنڌ رت جي هولي آهي،
    ڌرتي جو رکوال ڪٿي آ.

    توکان پرتي وِکريل آهيون،
    بهتر پنهنجو حال ڪٿي آ.

    جوڀن رُت ۾ جُهور ٿيو رضوي،
    هن جي هاڻ سنڀال ڪٿي آ.
    ✤✤



    چيئي توڙي ٻه ٽي جُملا،

    چيئي توڙي ٻه ٽي جُملا،
    ويا ڪيڏو ڦَٽي جُملا.

    سوين ڀيرا اڪيلائي،
    وئي سُهڻا چَٽي جُملا.

    سگهيا پُهچي نه تو تائين،
    ويو قاصد جَهٽي جُملا.

    ڪوي ٿو روز ڪاغذ تي،
    محبت جا ڇَٽي جُملا.

    تو لئه سانڍي رکيل دل ۾،
    نه شل ڪوئي پَٽي جُملا.

    چيا مُرڪي تو هڪ ڀيرو،
    ڇڏيا سي مون رَٽي جُملا.

    سِمنڊ سوچن جو جهاڳي ٿو،
    اَمُلهه شاعر کَٽي جُملا.

    وڏي ڪوشش ڪئي رضوي،
    ويئي سر تان مَٽي جُملا.
    ✤✤






    تو ۾ ڪا ديد ناهي،

    تو ۾ ڪا ديد ناهي،
    اکين جي عيد ناهي.

    مرڻو حسين ناهي،
    رهڻو يزيد ناهي.

    پڪ ڄاڻ عاشقن جي،
    مٽي پليد ناهي.

    تنهنجي پرين محبت،
    هاڻي شديد ناهي.

    مرضي جي آهي مالڪ،
    دل زر خريد ناهي.

    آٿت جو لفظ ڪوئي،
    هاڻي مفيد ناهي.

    نئين دور ۾ به تنهنجو،
    جذبو جديد ناهي.

    ڪا ڳالهه من اندر جي،
    توکان بعيد ناهي.

    وک وک مٿي ڪُٺي آ،
    ڇا دل شهيد ناهي.

    توکان پري رهڻ جي،
    همت مزيد ناهي.

    ڪڪرن مان ٿر اُڃايل،
    لاٿي اُميد ناهي.

    اَڻ موٽ وقت رضوي،
    ڪنهن جو مُريد ناهي.
    ✤✤


    سفر اسان جي نصيب ۾ آ،

    سفر اسان جي نصيب ۾ آ،
    نه گهر اسان جي نصيب ۾ آ.

    مڙهيون ڇو الزام ڪنهن تي سائين،
    چڪر اسان جي نصيب ۾ آ.

    پرين جي زلفن جي رنگ جهڙو،
    ڪڪر اسان جي نصيب ۾ آ.

    وفا جي بدران جفا جو ڇا لئه،
    ثمر اسان جي نصيب ۾ آ.

    اي حُسن تُنهنجا مَزُورَ آهيون،
    پَگهر اسان جي نصيب ۾ آ.

    جو سنگباري ڪري ٿو سوئي،
    بشر اسان جي نصيب ۾ آ.

    اوهان جي بدليل خلوص واري،
    نظر اسان جي نصيب ۾ آ.

    جتي محبت جو قحط آسو،
    نگر اسان جي نصيب ۾ آ.

    ڪنهن رڻ جي خاموش واٽ جهڙو،
    پَڌر اسان جي نصيب ۾ آ.

    جتان ملي ساڃاهه جي سُتي آ،
    سو در اسان جي نصيب ۾ آ.

    سُکن جو سُورج اُڀرندو رضوي،
    سحر اسان جي نصيب ۾ آ.
    ✤✤


    روح تنهنجي چاهه ۾،

    روح تنهنجي چاهه ۾،
    جسم مقتل گاهه ۾.

    عاشقن جي زندگي،
    ڌُوڙ ٿي وئي راهه ۾.

    وڻ به ڇاڻي روز ٿو،
    لُڙڪ پنهنجا واهه ۾.

    ڏار ڇو پئجي ويا،
    پيار جي ويساهه ۾.

    ڪو ڇڏي ويو بي رحم،
    نِينگري درگاهه ۾.

    ڇا رکيو آ جنگ ۾،
    بهتري آ ٺاهه ۾.

    خرچ ٿي ويو آدمي،
    وقت جي آڙاهه ۾.

    دل سميٽيندو رهيس،
    تون رهين ڀڃ ڊاهه ۾.

    رنگ جياپي جو رچيل،
    سُرت ۽ ساڃاهه ۾.

    عاشقي جو دڳ اٿئي،
    پير پوندئي باهه ۾.

    ڏات جا ٿي پَرُ ڪَٽِيا،
    دوستن ساراهه ۾.

    پل نٿو وسري سگهين،
    تون سدائين ساهه ۾.

    اُڀ سڄو لرزي ويو،
    ڇا اثر هو آهه ۾.

    آس پيو رضوي رکي،
    شخص بي پرواهه ۾.
    ✤✤










    اک ۾ جذبو ظاهر ڪونهي

    اک ۾ جذبو ظاهر ڪونهي
    سپنن جي ٿي واهر ڪونهي

    سڀني چوڙيون پائي ڇڏيون
    ڳوٺ ۾ ڪوئي آهر ڪونهي

    ٻيهر سنڌ محبتن ۾ آ
    اڄ ڪو راجا ڏاهر ڪونهي

    ساھ کان ويجهو آهي سپرين
    پل ڪو دل کان ٻاهر ڪونهي

    نيڻ پڙهي ٿو ڄاڻي ”رضوي“
    ڪيئن چوين ٿو ماهر ڪونهي.
    ✤✤





    ياد جاني ڪجان،

    ياد جاني ڪجان،
    مهرباني ڪجان.

    دل حوالي ڪيم،
    نگهباني ڪجان،

    راهه ۾ عشق کي،
    پنهنجو باني ڪجان.

    هر ڪنهن ظالم اڳيان،
    حق بياني ڪجان،

    هُو اچي جنهن گهڙي،
    گُل فشاني ڪجان،

    پنهنجي ساڻيهه سندو،
    ٻيو نه ثاني ڪجان.

    ڀل امر دار تي،
    زندگاني ڪجان،

    دلبري تان فدا،
    هي جواني ڪجان،

    درد جنهن پل وڌي،
    گُم نشاني ڪجان.

    ڳالهه جي تون ڪرين،
    ڪا سُهاني ڪجان.

    مون تي رضوي رڳو،
    حڪمراني ڪجان.
    ✤✤


    پاڻي پاڻي سنڌ سڄي آ،

    پاڻي پاڻي سنڌ سڄي آ،
    ساڻي ساڻي سنڌ سڄي آ.

    مُرڪون سپنا مينهن کسي ويو،
    ڏس ويڳاڻي سنڌ سڄي آ،

    ماڻهو گهرتڙ مال لُڙهي ويو،
    هيل ڌڪاڻي سنڌ سڄي آ.

    ڪارُونجهر ڏي ڊوڙي نڪتي،
    اڄ اُڀراڻي سنڌ سڄي آ،

    ستسنگ ٻُڌندي لڳندي بلڪل،
    هي ڀڳتياڻي سنڌ سڄي آ،

    ڀِٽ ڀڳي آجهوڪ جُهريوآ،
    ٿي قيدياڻي سنڌ سڄي آ.

    وس وارن جي ڏُک ۾ ڪاٿي،
    محبت ماڻي سنڌ سڄي آ.

    واءُ سَڻائو وار خُدايا!
    هاءِ نماڻي سنڌ سڄي آ.

    سوچي ڏسجي ڀُڳڙن مُٺ تي،
    ڇو ته وڪاڻي سنڌ سڄي آ.

    ڪوبه مسيحا ڪونهي ”رضوي“
    سُورن هاڻي سنڌ سڄي آ.
    ✤✤

    2011ع جي مها ٻوڏ تي لکيل


    ڳالهه زباني کي هر ڪوئي ڄاڻي ٿو،

    ڳالهه زباني کي هر ڪوئي ڄاڻي ٿو،
    اک جي ٻولي ڪوئي ڪوئي ڄاڻي ٿو.

    صرف انا جو خول ڦِٽو ڪرڻ پوندو،
    عيب ته پنهنجا سڀڪو ڌوئي ڄاڻي ٿو.

    آئون مهان مسيحا اُن کي ئي چوندس،
    ٻئي جي ڏُک تي جيڪو روئي ڄاڻي ٿو.

    ڪونه سو وڪبو ڪونه ئي جُهڪندو ڪنهن آڏو،
    تنهنجي لَڄ جو ماڻهو لوئي ڄاڻي ٿو.

    آهي محبت مذهب منهنجي ڌرتي جو،
    سچ انهي کي جڳ سڄو ئي ڄاڻي ٿو.

    خوب ڪڙهيو ۽ درد پڙهيو آ جنهن ”رضوي“
    راز حياتي جا ته اُهو ئي ڄاڻي ٿو.
    ✤✤






    تنهنجي هڪڙي نهار ڪافي آ،
    هاڻ مون لئه ڄمار ڪافي آ.

    قرض هڪ رات ۾ ڪٿي لهندو،
    زندگي جي اُڌار ڪافي آ.

    پوک احساس جي پئي ڀيل ٿئي،
    توڙي هڪلي مون جهار ڪافي آ.

    چئوس ڪمرو ڇڏي اچي ٻاهر،
    چنڊ کي انتظار ڪافي آ.

    ڪوئي بادل خُلوص جو برسي،
    چاهتن جو ڏُڪار ڪافي آ.

    جهول منهنجي ۾ لڙڪ، غم اُلڪا،
    تنهنجي حصي ۾ پيار ڪافي آ.

    گهاءُ گهرا ڏنئي حياتي کي،
    هي نوازش به يار ڪافي آ.

    نانءُ تنهنجو لبن تي آ هر هر،
    اڄ لڳي ٿو خُمار ڪافي آ.

    دشمنن جا هزار ٿين حملا،
    تنهنجو هڪڙو ئي وار ڪافي آ.

    ديپ وانگي جلان پيو رضوي،
    هجر ۾ هي قرار ڪافي آ،
    ✤✤


    ڌرتي جو حُبدار اسان جو پنهنجو آ،

    ڌرتي جو حُبدار اسان جو پنهنجو آ،
    سارو هي سنسار اسان جو پنهنجو آ.

    ”انسانن سان پيار ڪري، ڪهڙو به کڻي،“
    دين ڪري اختيار اسان جو پنهنجو آ.

    ڀاءُ سڳو ڀي ناهي سچو جي ساڻيهه سان
    ڪونه اُهو غدار اسان جو پنهنجو آ.

    اکيون ٻُوٽي گس نه ڪنهن جو ورتوسين،
    شعرن ۾ اظهار اسان جو پنهنجو آ.

    ظالم اڳيان ڪنڌ جُهڪيو آ ڪونه ڪڏهن،
    دُنيا ۾ ڪردار اسان جو پنهنجو آ.

    حق جو نعرو جنهن به هنيو، جنهن مهل هنيو،
    سمجهي ڇڏ ويچار اسان جو پنهنجو آ.

    پيار ڪرڻ جو طور طريقو ڪئين ڇڏجي،
    رنگ اهو سرڪار اسان جو پنهنجو آ.

    ناحق جڳ ۾ رضوي آ ڪنهن جو به وهيو،
    خون سو خوشبودار اسان جو پنهنجو آ.
    ✤✤


    نه تون جئري مهماتي ڏي،

    نه تون جئري مهماتي ڏي،
    حياتي ٿي حياتي ڏي.

    خدا! احساس کان آجو،
    نه ڪنهن کي گهر جو ڀاتي ڏي.

    سفر مشڪل اکين تي پر،
    سُريلو ڪوئي ساٿي ڏي.

    وصُل جو سوچ تحفي ۾،
    رُڳو سکڻي نه جهاتي ڏي.

    ڏيڻ چاهين ٿو جي دل ۾،
    جڳهه پوءِ بلاتي ڏي.

    مڪين ٿو درد جا لشڪر،
    ڪُشادي پوءِ ڇاتي ڏي.

    قلم سان عشق منهنجو آ،
    ڪڏهن هٿ ۾ نه ڪاتي ڏي.

    ٻين جي پيروي رضوي،
    ڇڏي تخليق ذاتي ڏي
    ✤✤


    ڏُور نه ٿي تون مُور اڳيان،

    ڏُور نه ٿي تون مُور اڳيان،
    لٺ ته آن بي نور اڳيان.

    دنيا جنت لڳندي آهي،
    هوندي آ جي حُور اڳيان.

    رستو سوڙهو سُور اڳيان،
    منزل پنهنجي ڏُور اڳيان.

    هر هر ويندي ڏوهه نه آ،
    مُک هجي منظور اڳيان.

    ڪونه ٿا مُنهنجا پير اُٿن،
    جهڙو هجي ڪو طور اڳيان.

    هر ڪا آٿت بي معنيٰ
    پيار تنهنجي پُور اڳيان.

    ذات پات جا ليڪا ڇا،
    چاهت جي دستور اڳيان.

    هرڪو پٿر ميڻ ٿيو،
    تنهنجي هڪڙي گهور اڳيان.

    سچ ته سائين سچ آهي،
    سولي ڇا منصور اڳيان.

    پنهنجا خالي هٿ ”رضوي“،
    دشمن آ ڀر پُور اڳيان.
    ✤✤


    اکين کي قهر ڏئي وئين تون،

    اکين کي قهر ڏئي وئين تون،
    خُماريل پهر ڏئي وئين تون،

    سمنڊ! سڀ خواب ڳڙڪائي،
    ڪپر تي لهر ڏئي وئين تون.

    پرين بي رنگ لحمن کي،
    سڳنڌ جا شهر ڏئي وئين تون،

    لڳو امرت جيان مونکي،
    جڏهن ڀي زهر ڏئي وئين تون.

    کِلئين مهڪي پيو ”رضوي“،
    رُٺئين ڄڻ قهر ڏئي وئين تون
    ✤✤


    ڀٽڪيل ڪوئي رُوح حياتي لڳندي آ،

    ڀٽڪيل ڪوئي رُوح حياتي لڳندي آ،
    توکان پرتي ٽُوهه حياتي لڳندي آ.

    رنگ اُڏاڻا دل جي سڀني خوابن جا،
    هاڻي هي مجرُوح حياتي لڳندي آ.

    دوزخ جهڙي رات اندر ۾ درد گهڻا،
    جُهور صفاهي ڦوهه حياتي لڳندي آ.

    اڳ ۾ ندين جهڙي هئي پر تو کان پو،
    يار ڪسارو کوهه حياتي لڳندي آ.

    هُن جي شهر ۾ رضوي هر ڪنهن ماڻهو کي،
    پنهنجي ڇو مڪرُوهه حياتي لڳندي آ.
    ✤✤


    تو در سوالي منهنجا ڳوڙها،

    تو در سوالي منهنجا ڳوڙها،
    وار نه خالي منهنجا ڳوڙها.

    پر پُٺ تو سان ٿيندا رهندا،
    روز حوالي منهنجا ڳوڙها.

    مون کان پوءِ به جيئرا رهندا،
    منهنجا والي منهنجا ڳوڙها.

    ڇرڪين ڇو ٿو ڪهڙي ڪن ٿا،
    ڳالهه نرالي منهنجا ڳوڙها؟

    تنهنجن يادن جي بس ڪن ٿا،
    هي رکوالي منهنجا ڳوڙها،

    هر صدمي تي حاضر آهن،
    يار حِلالي منهنجا ڳوڙها،

    رضوي آڻيندا جيون ۾،
    ڪا خوشحالي منهنجا ڳوڙها.
    ✤✤



    نيڻن ۾ ٻُڏي ڇوري

    نيڻن ۾ ٻُڏي ڇوري
    ڌرتي جان ڌُڏي ڇوري،

    ڇو بار هُئي گهر تي،
    معصوم گڏي ڇوري،

    ڏس کيت چُڳي دل جو،
    وئي تُرت اُڏي ڇوري،

    دل روز تنهنجي در تي،
    ايندي آ ڪُڏي ڇوري،

    محلن جي تون رهواسي،
    مون وٽ ته کُڏي ڇوري،

    ڇا پيار جو واءُ گهليو،
    لامن جان لڏي ڇوري،

    تو بن هي جواني ڄڻ،
    ڪاتي ڪا مُڏي ڇوري،

    ٿي ويندو فنا رضوي،
    جي آس ٿُڏي ڇوري.
    ✤✤




    پرتي نه رفيقو آ،

    پرتي نه رفيقو آ،
    هو دل ۾ هٿيڪو آ.

    تنهنجي عشق ئي سيکاريو،
    جيئڻ جو سليقو آ.

    نيڻن سان ستائڻ جو،
    هي ڪهڙو طريقو آ.

    ٿيا نيڻ سمنڊ آيو،
    اڄ ياد وري ڪو آ.

    ڀوڳن ۾ ائين ڪاوڙبو،
    يڪو ڪونه چري ڪو آ.

    ڪو دل وارو کڻندو،
    دردن جو ٺيڪو آ.

    ٿا خُون ڇڏيون بخشي،
    آيو جي هلي ڪو آ.

    پنهنجو رشتو اُصل ”رضوي“،
    پٿرن تي ليڪو آ.
    ✤✤


    جواڻ ملي ڪا پوڙهي کي،

    جواڻ ملي ڪا پوڙهي کي،
    باهه لڳي ڄڻ لوڙهي کي.

    سنگت جو لاچار هجئي ها،
    ڏسين نه ها ڳٽ ٽوڙهي کي.

    تنهنجي دوري بخشي آهي،
    معنيٰ هر هڪ ڳوڙهي کي،

    دهشت گرد وڪوڙي ويا هِن،
    چڪرا ڳوٺ منهوڙي کي.

    ڪونه قبوليو عشق اياز،
    ماڻهو دل جي سوڙهي کي.
    ✤✤


    نه قرب ٿيو وصول آ،

    نه قرب ٿيو وصول آ،
    پو زندگي فضول آ.

    ڪنهن ڏات وانگي هوبهُو،
    هي نيهن ٿيو نزول آ.

    رکي ٿو مهڪ ڪيتري،
    هي جسم آ، يا ڦول آ.

    ها عاشقي ۾ هر سزا،
    قبول هئي قبول آ.

    اوهان جي بي رخي ڏسي،
    هي من ٿيو ملول آ.

    بي زر کڻي اياز آ،
    رهيو ته با اصول
    ✤✤



    هاڻ ڪاوڙ ڇڏ کڻي،

    هاڻ ڪاوڙ ڇڏ کڻي،
    عيد تي تون سڏ کڻي.

    ڪلفتن ٽوڙيو اٿم،
    الفتن سان اڏ کڻي.

    جي سڄو پاڙو بُرو!!
    تون ئي هڪڙو لڏ کڻي.

    ڪر خطائون درگذر،
    دل کي دل سان گڏ کڻي.

    پوءِ به ٿو پنهنجو لڳين،
    ناهين ورتل هڏ کڻي.

    کڻت ۾ ڪو لالچي،
    آيو قبرون ڀڏ کڻي.

    نيڻ پڙهيو ٿا وڃون،
    توڙي آهيون ڏڏ کڻي.

    ڪونه رضوي آ مٽيو،
    قرب مان تون سڏ کڻي
    ✤✤


    اڃان دُوريون گهٽيون ناهن،

    اڃان دُوريون گهٽيون ناهن،
    اکيون دلبر پٽيون ناهن.

    وري تعلق ڳنڍڻ واريون،
    ڇڏيون ڪي تو گهٽيون ناهن.

    زخم ناسور ٿي ويا هن،
    مرهم ناهن پٽيون ناهن.

    اهو حيوان ماڻهو جنهن،
    ڀريون ڪڏهن چٽيون ناهن.

    ڀٽائي آيتون تنهنجون،
    هيئن تان پل هٽيون ناهن.

    اوهان بن راحتون ڀر مان،
    پرين! ڀُلجي مٽيون ناهن.

    مسيحا تو مريضن جون،
    اڃان دليون کٽيون ناهن.

    وڃي ڪاٿي رلي ”رضوي“،
    ٻيون توبن گهٽيون ناهن.
    ✤✤


    ڪا راحت ڪونه وڙڪي ٿي،

    ڪا راحت ڪونه وڙڪي ٿي،
    بدن ۾ باهه ڀڙڪي ٿي.

    اوهان جي بي رُخي جانان!
    ڦٽن تي لوڻ ڇڙڪي ٿي.

    هي ڪنهن جي مهرباني آ،
    مصيبت روز ڪڙڪي ٿي.

    اوهان جي نانءُ تي ڇا لئي،
    اڃان دل زور ڌڙڪي ٿي.

    اکين جي سيم ۾ ”رضوي“
    اُداسي روز وڙڪي ٿي.
    ✤✤


    مُور نه ڪوئي تنهنجو مٽ آ،

    مُور نه ڪوئي تنهنجو مٽ آ،
    هر ڪو رشتو توکان گهٽ آ.

    بند نه اوڌر ٿيڻي آهي،
    ماءُ جي دل جو اڻ کُٽ هٽ آ.

    تنهنجي محبت ميٽي ڇڏيو،
    هر ڪو جهونو گهرو ڦٽ آ.

    سنڌ نه ڇڏبي ڪنهن حالت ۾،
    پنهنجي ڌرتي پنهنجو پٽ آ.

    شيشي جهڙا اُجرا سپنا،
    ڪونه اندر ۾ پنهنجي ڪٽ آ.

    ڳوٺ جا دلڪش منظر آهن،
    شهر ۾ ڏاڍي گهٽ ٻُوسٽ آ.

    ڌوڙ سا نگري سُڌري سگهندي،
    جنهن جو راجا ئي چرٻٽ آ.

    ياد جا بادل روز ٿا برسن،
    دل جي کيت ۾ ڪاٿي وٽ آ.

    آزادي جو دؤر آ ”رضوي“
    پوءِ به ڳچي ۾ تنهنجي گهٽ آ
    ✤✤


    مُک يار ڏسيو مون کي،

    مُک يار ڏسيو مون کي،
    آرام رسيو مون کي.

    هُن قُرب ڏنو اهڙو،
    مون کان ئي کسيو مون کي.

    ڏونگر کان هئس ڏاڍو،
    نيڻن ئي دسيو مون کي.

    هُو پاڻ پويتر آ،
    هُن پاڪ پسيو مون کي.

    تو خواب وڪيا پنهنجا،
    صدمو آ رسيو مون کي.

    غم جان ڇڏي ”رضوي“
    رستو ڪو ڏسيو مون کي.
    ✤✤










    دل جو پورو خيال توتي آ.

    دل جو پورو خيال توتي آ.
    ٻئي مٿا هاڻ ڳالهه توتي آ.

    تنهنجي نالي ڪئي اٿم هي دل
    هاڻي واجب سنڀال توتي آ.

    ساهه پئجي ويو نظارن ۾
    ڇا لٿو اڄ جمال توتي آ.

    لهر لوڏو نه توکي اچڻو آ.
    عشق منهنجو هي ڍال توتي آ.

    سج اُڀري ويو سُتو آهين،
    حيرتن ۾ گهڙيال توتي آ.

    ٻئي جي تڪليف تي روئڻ وارا،
    بار ڪيڏو ڌمال توتي آ.

    ڀيٽ توکي ڏجي ڀلا ڪنهن سان،
    ٺهڪندڙ هر مثال توتي آ.

    خير سان پار شل پوين سنڌڙي.
    قهري هر ڪوئي سال توتي آ.

    تنهنجو لهجو نه ساڳيو ”رضوي“ سان،
    بس اهوئي مَلال توتي آ.
    ✤✤







    تو ۾ لحاظ ڪونهي،

    تو ۾ لحاظ ڪونهي،
    تنهنجو ”اياز“ ڪونهي.

    تنهنجي ملڻ جو اڄڪلهه،
    ساڳيو انداز ڪونهي.

    راڳي جو روح زخمي،
    سُر ۾ ڪو ساز ڪونهي.

    انسانيت جا ويري،
    تنهنجي نماز ڪونهي.

    صورت جو هو ڀلو آ،
    الفت نواز ڪونهي.

    نيڻن کان روح تائين،
    رستو دراز ڪونهي.

    هڪ بُت ۾ ۽ خدا ۾،
    ڇا امتياز ڪونهي!؟

    تنهنجي کلڻ تي مونکي،
    ڪو اعتراض ڪونهي.

    چهري تي مرڪ رسمي،
    اندر جو راز ڪونهي.

    هي عشق سرمدي آ،
    ڪيئن! سرفراز ڪونهي.

    ابليس آ جنهن دل ۾،
    نوڙت نياز ڪونهي.

    ايڏيون وٿيون وڌئي ڄڻ،
    جئرو ”اياز“ ڪونهي.
    ✤✤


    ڳالهه تو ڪڏهن نه ڪئي محسوس هُئي،

    ڳالهه تو ڪڏهن نه ڪئي محسوس هُئي،
    دل ۾ تو لئه جاءِ ڪا مخصوص هئي.

    ڄڻ سِرنهن جي کيت ۾ پُهچي ويس،
    پيلي جوڙي ۾ مٺي ملبوس هئي.

    ويندو مسجد ۾ ڪو پابندي سان هو،
    مئڪدي جي ڀي چريي کي چُوس هئي.

    عشق پنهنجي شهرتون ماڻيون وڏيون،
    شهر ساري جي هوا جاسُوس هئي.

    هُو ملڻ جي معاملي ۾ هر دفعي،
    دل ٿي ڄاڻي ڪيتري ڪنجوس هئي.

    شوق ڪوئي دل نه وندرائي سگهيو.
    تو پُڄاڻان زندگي مايوس هئي،

    ڪيترن ٽُڪرن ۾ آ ونڊجي وئي،
    دل نه هئي ڄڻ ڪا رياست روس هئي.

    ايتري ڪڪرن جي هئي ٿر کي ڪٿي،
    جيتري ”رضوي“ کي تنهنجي چوس هئي.
    ✤✤



    رنجشون الزام پاسي تي رکي،

    رنجشون الزام پاسي تي رکي،
    پيار ڪر انجام پاسي تي رکي.

    ڇڏ ته نيڻن ۾ وڃايان پاڻ کي،
    اڄ سمورا جام پاسي تي رکي.

    آجيان ڪئي حادثن هر موڙ تي،
    ڪيئن سُمهان ماتام پاسي تي رکي.

    محبتون واپار جان ناهن ڪبيون،
    ڇڏ اِهي اگهه دام پاسي تي رکي.

    هر ستم تو لئي قبوليم مُرڪندي،
    پنهنجو سُک آرام پاسي تي رکي.

    ياد جي تُربت تي ڳوڙهن جا ڏيئا،
    ويندي آهر شام پاسي تي رکي.

    واهرو ويرين اڳيان وڪجي ويا،
    قوم جو قتلام پاسي تي رکي.

    چپ سِبي ”رضوي“ نڀائيندا اچون،
    عشق ۾ هر هام پاسي تي رکي.
    ✤✤





    وئي سنگت ڦِٽي توسان،

    وئي سنگت ڦِٽي توسان،
    رهي ناهي مِٽي توسان.

    مري وئي هاڻ مون لاءِ،
    تنهنجي گهر جي گِهٽي تو سان.

    ڪڏهن آباد هئي دل جي،
    هي يونيورسٽِي توسان.

    امر اتهاس ۾ ٿيندس،
    ڪري الفت مِٽي توسان.

    سڄو هو ڳوٺ هڪ پاسي،
    سندم هئي دل پِٽي توسان.

    ڀلي ناراض ٿي، ڪئي آ،
    حقيقت مون چِٽي توسان.

    الائي ڇو خوشي رضوي،
    ڪئي آهي ڪِٽي توسان.
    ✤✤



    هاڻ هُن جي شهر تان گهُمرو ڪجي،

    هاڻ هُن جي شهر تان گهُمرو ڪجي،
    دل جي هر احساس کي اُجرو ڪجي.

    ڌنڌ ۾ منظر وڃائبا وڃن،
    ڇو نه دل جو آئينو اُجرو ڪجي.

    دل نه آ بازار ڳاڙهيءَ شهر جي،
    نينڍ روزانو ڏئي مُجرو ڪجي.

    دل گُهريو ڪو دوست پيو مهمان ٿئي،
    ڇو نه روشن اڄ سڄو ڪمرو ڪجي.

    سهپ جي سُتي سدا دل کي ڏجي،
    ڪين لڙڪن جو چٽو شجرو ڪجي.

    حق جا هوڪا وڏي سر ئي ڏجن،
    ڪوڙ کي دانگي ملي پڌرو ڪجي.

    زندگي قدرت جو تحفو آ چريا،
    زندگي ۾ هر عمل سُٿرو ڪجي.

    روز رضوي درد جي آڱر جهلي،
    دل جي احساسن کي ڇو اڀرو ڪجي.
    ✤✤






    سندم ڌرتي سخي آهي،

    سندم ڌرتي سخي آهي،
    خُدا عزت رکي آهي.

    نرالو سنڌ جو ماڻهو،
    هوا، پاڻي، پکي آهي.

    زمانو سخت سيءَ جهڙو،
    محبت مورکي آهي.

    خزائن ۾ به ڪا وينگس،
    بهارن جان بکي آهي.

    مقدس آ رڳو ماڻهو،
    اجائي ٻي جکي آهي.

    وطن جي مون شفا سمجهي،
    مٽيءَ مُک تي مکي آهي.

    وڇوڙن هر قدم تي دل،
    ازڙ بڻجي ڪکي آهي.

    سندءِ هر ڳالهه نيڻن مان،
    هميشه مون لکي آهي.

    امر ٿيو تنهنجي چاهت جي،
    چُڪي جنهن ڀي چکي آهي.

    ڀٽائي ڏي ڀڳس رضوي،
    مصيبت ڪا ٻکي آهي.
    ✤✤



    خوشبو جي کرن جهڙو،

    خوشبو جي کرن جهڙو،
    تون مور پرن جهڙو.

    تو بن هي پرين جيون
    آ بند دردن جهڙو.

    تون سنڌ اُتر آئون،
    اوڀر جي برن جهڙو.

    پنهنجو آ پڪو رشتو،
    هارين ۽ هرن جهڙو،

    يادون ڪي اندر ۾ ڄڻ،
    ڪونجون ٿيون ترن جهڙو،

    خوابن جي مقدر ۾،
    ٽانڊا ٿا ٻرن جهڙو.

    تنهنجو به اچڻ ٿر ڏي،
    بادل ٿا ورن جهڙو.

    تنهنجي گهر جا سڀئي رستا،
    مون تي ٿا مرن جهڙو.

    رکيو آ سدا ”رضوي“
    من پاڪ گهرن جهڙو.
    ✤✤


    جانم! تنهنجي ٻک ۾ آهيون،

    جانم! تنهنجي ٻک ۾ آهيون،
    هر ماڻهوءِ جي اک ۾ آهيون.

    توکان پر تي سمجهي ڇڏجان،
    جئري ئي دوزخ ۾ آهيون.

    پاڻ ڀٽائي جا پُوڄاري،
    سنڌي پڌرا لک ۾ آهيون.

    من ۾ هر پل سنڌ وسي ٿي،
    اُن جي هر پن، ڪک ۾ آهيون.

    ڪونه ٿا ڪنهن ڏي لوئڻو ڦيريون،
    پيار جي ”رضوي“ رک ۾ آهيون.
    ✤✤











    انگور بدن تنهنجو،

    انگور بدن تنهنجو،
    ڀرپور بدن تنهنجو.

    جنت جون سڪون لاهي،
    ٿو حور بدن تنهنجو.

    رک ڏُور هوائن کان،
    آ ٻُور بدن تنهنجو.

    مٽيءَ کي ٿو مهڪائي،
    مزدور بدن تنهنجو.

    پيو چنڊ جيان جرڪي،
    ڄڻ نُور بدن تنهنجو.

    زخمن جا ڏنئي تحفا،
    مشڪور بدن تنهنجو.


    گلشن ۾ گلن وانگي،
    مسرور بدن تنهنجو.

    نيڻن کان رهيو ناهي،
    پل ڏور بدن تنهنجو.

    ڪيئن لام جيان جهڪندو،
    مغرور بدن تنهنجو.

    ٿئي ڪين زماني ۾،
    رنجور بدن تنهنجو.

    ڇانيل آ حواسن تي،
    مخمور بدن تنهنجو.

    ٿو درد سهي”رضوي“
    مجبور بدن تنهنجو
    ✤✤






    دلبر مون سان پرتو ڪونه،

    دلبر مون سان پرتو ڪونه،
    هٿ ۾ هُن هٿ ورتو ڪونه.

    شهر ويئي ڳڙڪائي ٿريا!
    ڀلجي ساريو ٿر تو ڪونه.

    ڳوڙهن جي درٻار ۾ مون سان،
    هليو ڪوئي سرتو ڪونه.

    عشق جي دُنيا ۾ ڪيئن اگهبين،
    من تان لاٿي مرتو ڪونه.

    سمنڊ سلامت وڻجهاريءَ جو،
    موٽايو ڇو ور تو ڪونه.

    سڀئي يادون سُڏڪي موٽيون،
    کوليو دل جو در تو ڪونه

    رُلندي جيون گهاريئي ”رضوي“
    ٺاهيو پنهنجو گهر تو ڪونه.
    ✤✤









    حُب اڃان هيڪاندي تو لئي،

    حُب اڃان هيڪاندي تو لئي،
    اڄ به پرين دل ماندي تو لئي.

    غم سان گهرو رشتو جوڙي،
    وار ڪياسين چاندي تو لئي.

    اکيون پُوري هر خطري جي،
    پهتاسين پيراندي تو لئي.

    پنڇين جهڙا خواب اسان جا،
    بڻجي ويا سڀ باندي تو لئي.

    هونئن ته گهڻي مصروف حياتي،
    هوندي آ پر واندي تو لئي.

    ڪونه مقدس ڏينهن ڪنهن ”رضوي“
    راحت ڪڏهن آندي تو لئي
    ✤✤







    ڪيسين دل هي آتي رکجي؟

    ڪيسين دل هي آتي رکجي؟
    ڪيسين ڪنڌ تي ڪاتي رکجي؟

    خوشبو، چنڊ ۽ تارن کي،
    دل جي گهر جو ڀاتي رکجي.

    جذبا ماري، هن جيون تي،
    جيئري ڇو مهماتي رکجي.

    رسمن جي تلوار اُڀي آ،
    ڪيئن ڳليءَ ۾ جهاتي رکجي.

    سنڌ ۾ پلجي، نالي سان ڇو،
    بنگالي، گجراتي رکجي.

    چانڊوڪي جان اُجري اُجري،
    هر دم يار حياتي رکجي.

    تيرن جي برسات آ ”رضوي“
    هاڻ ڪشادي ڇاتي رکجي.
    ✤✤




    سوا تو جا گهڙي گذري،

    سوا تو جا گهڙي گذري،
    قسم تنهنجو ڪڙي گذري.

    پرين! خنجر جيان دل تان،
    تنهنجي هرڪا اڙي گذري.

    ٻريا سڀ ريشمي سپنا،
    عمر روئي رڙي گُذري.

    ڏيئي جي روح کي رهڙي،
    هوا اڄ بي وڙي گذري.

    وجهي هر رُت وڇوڙي جي،
    هٿن ۾ هٿڪڙي گذري،

    سموري لوڪ جون جهڻڪون،
    سهيڙي ڪا ٻڙي گذري.

    اشارن ئي اشارن ۾،
    ڏئي وينگس تڙي گذري.

    اسان جي آروز ”رضوي“
    شهر مان اڄ سڙي گذري.
    ✤✤


    رهيو ڪو گُل نه ٽاريءَ ۾،

    رهيو ڪو گُل نه ٽاريءَ ۾،
    بهارون سوڳواريءَ ۾!!.

    گلابي خواب نيڻن جا،
    لُڙهي ويا اشڪباريءَ ۾.

    اسان خود کي وڃايو آ،
    اوهان جي قربداريءَ ۾.

    اکين جي روشني آهي،
    ڀٽائي سنڌ ساريءَ ۾.

    فنا مزدور ٿي ويا هن،
    رڳو پٿرن جي ياريءَ ۾.

    مون هر ڪا رات چانڊوڪي،
    گذاري بي قراريءَ ۾.

    اوهان بن ڇا رکيو آهي،
    پرين! هولي ڏياريءَ ۾.

    گهڻيون آسون نه رک ”رضوي“
    عمر پنهنجي اُڌاريءَ ۾.
    ✤✤



    دل کان پرتي زنگ رکي آ،

    دل کان پرتي زنگ رکي آ،
    هڪڙي پاسي سنگ رکي آ.

    فطري روپ جي قائل دل آ،
    مصنوعي سڀ رنگ رکي آ.

    ٻيا ته سڀئي در ڀيٽي آئين،
    هاڻ علي تي ننگ رکي آ.

    دنيا ۾ بس پيار جي ويرين،
    هر جاءِ تي جنگ رکي آ.

    تنهنجي هرڪا مرضي ڍوليا،
    مون ته هميشه دنگ رکي آ.

    هر ڪنهن لفظ کي ساهه ٿئي ٿو،
    شاعر ٿورو ڍنگ رکي آ.

    منهنجن اُجرن احساسن تي،
    تو ته سدائين ٽنگ رکي آ.

    بيشڪ تنهنجو ”رضوي“ آ
    دريا دل ٿي تنگ رکي آ.
    ✤✤






    ڳالهه جڳ جي اها سچي نڪتي،

    ڳالهه جڳ جي اها سچي نڪتي،
    پنهنجي واعدن جي هو ڪچي نڪتي.

    ضبط جي پل صراط کي ٽوڙي،
    دل چريءَ تو وٽان اچي نڪتي.

    هن جي يادن جي مهڪندڙ خوشبو،
    روح منهنجي مان آ رچي نڪتي.

    ڪيڏا نيڻن ۾ حادثا پوکيئي،
    پر حياتي سندم بچي نڪتي،

    جا به تحرير توکي ارپي مون،
    من جي آوي مان سا پچي نڪتي.

    ڏک انهي ڳالهه جو اٿم ”رضوي“
    هُوءَ به دنيا جان لالچي نڪتي
    ✤✤








    پير پنهنجا ٿڙي رهيا آهن،

    پير پنهنجا ٿڙي رهيا آهن،
    پوءِ به توڏي رڙهي رهيا آهن.

    منهنجي نيڻن ۾ تنهنجي يادن جا،
    روز ڳوڙها ٽڙي رهيا آهن.

    روشني جو قصور ناهي ڪو،
    زلف مُک سان وڙهي رهيا آهن.

    پڪ اچڻ جي آ، پوءِ به سوچن ۾،
    کوڙ خدشا گهڙي رهيا آهن.

    راحتون سڀ پري نگاهن کان،
    درد دل ۾ مڙي رهيا آهن.

    همڪلامي مٽيءَ سان بوندن جي،
    ڄڻ ستارا کڙي رهيا آهن.

    ٽهڪ ”رضوي“ ٿا آرسون موڙن،
    ساز ڪيڏا ڇڙي رهيا آهن.
    ✤✤







    جيون منهنجو درد بنائي وئين پيارا،

    جيون منهنجو درد بنائي وئين پيارا،
    اندر سارو زرد بنائي وئين پيارا.

    ست ڇڏائي ويئي آهي جيون مان،
    احساسن کي سرد بنائي وئين پيارا.

    تنهائي جو روڳ ڏئي وئين تحفي ۾،
    پاڻ نوان همدرد بنائي وئين پيارا.

    مون کي ايڏو چاهه ڏئي تون کاري وئين،
    دشمن هر ڪو فرد بنائي وئين پيارا.

    خوف ڏنو ڇا تنهنجي وڇوڙي نيڻن کي،
    سپنا دهشت گرد بنائي وئين پيارا،

    راحت ڪائي راس نه آئي ”رضوي“ کي،
    ڳوڙهن جو شاگرد بنائي وئين پيارا.
    ✤✤














    مون کي پر ڏيهي پکين جهڙو لڳو،

    مون کي پر ڏيهي پکين جهڙو لڳو،
    شخص هُو پنهنجين اکين جهڙو لڳو.

    دل کي وڻندڙ هر نظارو هوبهو،
    هن جي چُنري ۽ سڳين جهڙو لڳو،

    هُو گهمانن کان مٿي مون لاءِ آ،
    هُن سواءِ پل صدين جهڙو لڳو.

    هُن جي صحبت آثوابن وانگيان،
    هن جي وڇڙڻ آ بَديُن جهڙو لڳو.

    سايو هن جي جسم جو ڌرتي مٿان،
    گل تي شبنم جي چُمين جهڙو لڳو.

    زندگي ”رضوي“ سموري رڻ سندم،
    هو سمنڊ، بادل ندين جهڙو لڳو
    ✤✤





    لا غرض کڻي آهين،

    لا غرض کڻي آهين،
    پروئي تون وڻي آهين.

    گُل ڏين يا کڻين پٿر،
    مرضي جي ڌڻي آهين.

    آ تنهنجو قسم دل ۾،
    تون هڪڙي ڄڻي آهين.

    مان ڪيئن چوان توکي،
    پيرن جي پڻي آهين.

    بي تاب بدن تنهنجو،
    بارش جي ڪڻي آهين.

    تو موهي ڇڏيا منظر،
    هوشيار گهڻي آهين.

    ويو ”رضوي“ بهارن ۾
    سرءَ جان ڇڻي آهين
    ✤✤



    توبن قيامت ڪاريءَ جهڙا،

    توبن قيامت ڪاريءَ جهڙا،
    لمحا خنجر آريءَ جهڙا.

    توکان پوءِ ڳوٺ ڇڏي ويا،
    سُندر ڏينهن ڏياريءَ جهڙا.

    ڪي ڪي جُملا لڳندا آهن،
    سچ پرين! سنگباريءَ جهڙا.

    دُنيا پيٽ مجيريءَ جو ۽،
    سپنا سرڙيي هاريءَ جهڙا،

    مُور نه دل جو ساٿ ڇڏن ٿا،
    سُور به هن ساٿاريءَ جهڙا.

    وکريل جيون کي ٿا گهُرجن،
    ڀاڪر چؤ ديواريءَ جهڙا.

    تنهنجي اڳيان لفظ اسان جا،
    بيوس، سنڌي ناريءَ جهڙا.

    جوڀن جا هي ڏينهن به ”رضوي“
    مطلب واري ياريءَ جهڙا.
    ✤✤



    هر ڳالهه وِيَئي وسري،

    هر ڳالهه وِيَئي وسري،
    اڄ، ڪالهه وِيَئي وسري.

    پئي باهه ٻري دل ۾!
    مس ڪال وِيَئي وسري.

    ڪو سُور رنو، پنهنجا،
    جنجال وِيَئي وسري.

    جيون جو خزانو هئا،
    ڪجهه سال، وِيَئي وسري.

    سالن کان اندر سانڍيل،
    ڪئين سوال، وِيَئي وسري.

    اڄ موت ڏنئي ڌڙڪو،
    ڌن، مال وِيَئي وسري.

    افسوس اٿم ”رضوي“،
    سڀ ڀال وِيَئي وسري.
    ✤✤












    وڇوڙو دل ڪکيو وڃي،

    وڇوڙو دل ڪکيو وڃي،
    اکين ۾ غم رکيو وڃي.

    اوهان جي ياد جسم تي،
    ٿي مُشڪ ڄڻ مکيو وڃي.

    جهليندي جواني عشق جو،
    ڇو ذائقو چکيو وڃي.

    ها! مون ته چپ سبي ڇڏيا،
    اکين مان پر لکيو وڃي.

    اڃان به ڪنهن کي ڏاڍ سان،
    ٻَڌو پيو اکيو وڃي.

    هي ”رضوي“ هر دفعي سندءِ،
    *پَڳن ۾ دل رکيو وڃي.
    ✤✤

    پڳن: پيرن












    هي سِيس اوهان جي قدمن ۾،

    هي سِيس اوهان جي قدمن ۾،
    آسِيس اوهان جي قدمن ۾.

    جو ڪونه جهڪيو سو تڙجي ويو،
    ابليس اوهان جي قدمن ۾!

    ٿو مون کي اُٿاري لوڪ ڪري،
    ڇو ڪيس اوهان جي قدمن ۾.

    هر خواب مَٽائي يار اچي،
    *آبِيس اوهان جي قدمن ۾.

    انمول ٿي وئي آ ”رضوي“ جي،
    هر رِيس اوهان جي قدمن ۾.
    ✤✤

    * آبِيس: حُليو، شڪل












    جوت ويجهو هُجي،

    جوت ويجهو هُجي،
    ڪو ته ويجهو هُجي.

    جيڪو دل ۾ وسي،
    سو ته ويجهو هُجي.

    چاهيو سسئي فقط،
    هوت ويجهو هُجي.

    روح زخمي ڪندڙ!
    ڇو ته ويجهو هُجي؟

    شال سنڌ ۾ هُجان،
    موت ويجهو هُجي.

    گهڻگهرو آ سندم،
    پو ته ويجهو هُجي.

    چاهيو ”رضوي“ ڪڏهن،
    تو ته ويجهو هُجي.
    ✤✤









    ڏس ڍير ڪنڊا آهن،

    ڏس ڍير ڪنڊا آهن،
    چؤ ڦير ڪنڊا آهن!

    رستو آ وفائن جو،
    ٿيا پير ڪنڊا آهن،

    لهجي ۾ رُڳو تنهنجي،
    ڇو ٻير ڪنڊا آهن؟

    سسئيءَ جو سفر ساکي،
    سڀ ڏير ڪنڊا آهن!

    هر گُل جا ڪندا ماتم،
    ڳچ دير ڪنڊا آهن!

    ڇا تنهنجو قدر ڄاڻن،
    او ڇير! ڪنڊا آهن.
    ✤✤









    هر ڪنهن ٽوڙيو پاڻ ٻنهي کي!

    هر ڪنهن ٽوڙيو پاڻ ٻنهي کي!
    ڪنهن به نه جوڙيو پاڻ ٻنهي کي!

    ريشمي سڀ احساس رلي ويا،
    درد وڪوڙيو پاڻ ٻنهي کي.

    باغي سپنن جهڙا هُئاسين،
    وقت ولوڙيو پاڻ ٻنهي کي.

    رهجي ويا ڪي عڪس ڪپر تي،
    دريا ٻوڙيو پاڻ ٻنهي کي.

    زخمن جا اسرار لڪي ويا،
    دنيا روڙيو پاڻ ٻنهي کي.

    دنگ جي پٿر وانگر سپرين،
    ڄڻ ويو کوڙيو پاڻ ٻنهي کي.

    چاهت جي رستن تان ”رضوي“
    رسمن موڙيو پاڻ ٻنهي کي!
    ✤✤












    تُنهنجي آڏو رَت رُنو آ،

    تُنهنجي آڏو رَت رُنو آ،
    منهنجو هرهڪ خط رنو آ،

    ڌرتي جي ناسورن تي ڏس،
    پار ڪڍي پربت رنو آ.

    پياسي حُسين حُسيني ياد پوڻ سان،
    هٿڙن ۾ شربت رنو آ.

    چاهت جي بازار ۾ وڪجي،
    ماري ڪوئي مت رنو آ.

    پنهنجن واعدن ۽ قسمن جي،
    ڪونه رکي هُو پت رنو آ.

    ڪاتي هيٺان مُرڪيا آهيون،
    ڪنڌ تي ڏئي ڪو لت رنو آ.

    عضوا وس ۾ ڪونه رهيا ٿس،
    ساري جوڀن ست رنو آ.

    ڪيڏو پيٽ بُکايل خاطر،
    در تي اُڇليل ڀت رنو آ.

    چهڪ بدن جا شاهد ”رضوي“
    ڪونه ڪري هُو دت رنو آ.
    ✤✤


    اڄ پُور چڙهي ويا ڦاهي تي!

    اڄ پُور چڙهي ويا ڦاهي تي!
    ڏک سُور چڙهي ويا ڦاهي تي!

    هن عشق جي آڏو لوڪ سندا،
    دستور چڙهي ويا ڦاهي تي.

    هر دؤر ۾ حق جا نعرا هڻي،
    منصور چڙهي ويا ڦاهي تي.

    لڙڪن جو ڪفن ڪي خواب ڍڪي،
    مجبور، چڙهي ويا ڦاهي تي.

    ڏس محل ڀريندي سيٺن جا،
    مزدور چڙهي ويا ڦاهي تي.

    سڀ ”رضوي“ چاهت جا ويري،
    بي نور چڙهي ويا ڦاهي تي.
    ✤✤















    پاڻ ٻئي، شام آ،

    پاڻ ٻئي، شام آ،
    سُر مئي شام آ.

    اڄ خماريل صفا،
    بي چئي شام آ.

    گُل وچن جو ٽڙيو،
    ڇا نَئي شام.

    ترس ٿورو اڃان،
    ٿي وئي شام آ.

    ڪيتري پُرڪشش،
    تو ڪئي شام آ.

    دل تي ”رضوي“ رقم،
    ٿي پئي شام آ.
    ✤✤











    هو پاڻ جُهڪي پئي آ،

    هو پاڻ جُهڪي پئي آ،
    هر ڳالهه مُڪي پئي آ.

    رستن تي شرافت ڏس،
    پانن جان ٿُڪي پئي آ!

    ڪنهن جهوني وڻ وانگي،
    هي دل به ٽُڪي پئي آ.

    لفظن کي ڪَيئي سوگهو،
    هاڪار رُڪي پئي آ.

    اکين جي ڪٽوري ۾،
    دردن جي ٻُڪي پئي آ.

    مدهوش بدن ”رضوي“
    چاهت جي چُڪي پئي آ.
    ✤✤






    رڳ رڳ ۾ روشني آ،

    رڳ رڳ ۾ روشني آ،
    هر دڳ ۾ روشني آ.

    تو ڏانهن جو کجي تنهن،
    پڳ پڳ ۾ روشني آ.

    خوشبو خيال تنهنجا،
    ڪُل جڳ ۾ روشني آ.

    آمد جو تو ڇا سوچيو،
    ٿي اڳ ۾ روشني آ.

    هُن حُور اپسرا جي،
    چڳ چڳ ۾ روشني آ.

    يادن جو ديس جانچيم،
    وڳ وڳ ۾ روشني آ.

    دودا دلير تنهنجي،
    ڇا پڳ ۾ روشني آ.
    ✤✤









    مهمان تازو ٿي ويو،

    مهمان تازو ٿي ويو،
    ايمان تازو ٿي ويو.

    هُن نهاريو قرب مان،
    احسان تازو ٿي ويو.

    عڪس هو ڪو رقص ۾،
    وجدان تازو ٿي ويو.

    هُو پُڳي مندر مان ڄڻ،
    ڀڳوان تازو ٿي ويو.

    اڄ گَهٽيءَ مان ڇا لنگهيس،
    بُهتان تازو ٿي ويو.

    قدرت سندو پرتو ڏسي،
    انسان تازو ٿي ويو.

    اپسرا هئي چنڊ هو،
    ارمان تازو ٿي ويو.

    سونهن جي واکاڻ ۾.
    رومان تازو ٿي ويو.

    ڇا چپن تي مُرڪ هُئي.
    گلدان تازو ٿي ويو.

    تو پڙهيو شاعر سندو
    ديوان تازو ٿي ويو.
    ✤✤


    پن ڇڻ رُت آ،

    پن ڇڻ رُت آ،
    باهه ۾ بُت آ.

    سار جون سُرڪيون،
    دلڙي ڌُت آ.

    ڪونه سفر ۾،
    واجب گُهت آ.

    ڳاڙهو چهرو،
    پير ۾ کُت آ.

    بجلي ناهي،
    گهر ۾ ڪُت آ.

    ڀر ۾ آهين،
    دلڪش رُت آ.

    جا ٿي تون آن،
    چين به اُت آ.
    ✤✤











    ڪُجهه لحاظي ٿي پئو،

    ڪُجهه لحاظي ٿي پئو،
    اڄ ته راضي ٿي پئو.

    نئين زماني جي سڄڻ،
    سوچ تازي ٿي پئو.

    آئيندي جي ڇڏ پچر،
    درد! ماضي ٿي پئو.

    دل کي پهرين صاف ڪر،
    پوءِ نمازي ٿي پئو.

    پنهنجي جذبن جو پرين،
    پاڻ قاضي ٿي پئو.

    سنڌ خطري ۾ اٿئي،
    هاڻ غازي ٿي پئو.
    ✤✤



    روز ڇو کامون جلون؟

    روز ڇو کامون جلون؟
    هل ڀٽائي ڏي هلون.

    سمجهيوسين دير سان،
    دوستن جون اٽڪلون.

    شهر قبرستان ٿيا،
    اُجڙيون سڀ محفلون.

    دل بي ٽارين تي چڙهيون،
    تنهنجي يادن جون ولون.

    روز ٿا ڳولن ڪميڻا،
    سنڌ ٽوڙڻ جون ٽلون.

    پارڪر ۾ گهاربيون،
    هيل گڏجي موڪلون.

    مُرڪي اکين تي رکيم،
    زندگي جون مشڪلون.

    ڌن جي خاطر لاهين ٿو،
    ڇو ته جيئرن جون کلون؟
    ✤✤


    ڳالهه سدائين گهاٽي جي!

    ڳالهه سدائين گهاٽي جي!
    دنيا ماءُ آ ماٽي جي،

    مونکي جنهن مان ٺاهيو مالڪ،
    مِٽيءَ هئي چؤواٽي جي!

    ماس پٽيندڙ توکي وڻندي،
    ڳالهه ڪيئن دال پٽاٽي جي؟

    پٿر جو بُت ڇا سمجهي،
    عظمت جُهڪيل ڳاٽي جي.

    ٿوري گهڻي تي ڏي نه بدن کي،
    ٿُوڻي ڦڪِي ۽ چاٽي جي.
    ✤✤









    خالي گلاس آهي،

    خالي گلاس آهي،
    صدين جي پياس آهي.

    خوشبو وڪامجي وئي،
    موسم اُداس آهي.

    دل ڇانورو ٿي ڳولي،
    وڻ بي لباس آهي.

    چهرو نه آهي تنهنجو،
    ڪو اقتباس آهي.

    گوڏو نه اک ڏسي ٿي،
    ڪيڏي اُماس آهي.

    ڌرتي ڇڏي وڃي پيو،
    ماڻهو بي قياس آهي.

    غالب ڇو هر ذهن تي،
    خوف ۽ حراس آهي.

    اڄ لوڻ کان به سستو،
    ماڻهو جو ماس آهي.

    وهندڙ ندي اکين جي،
    ڪو التماس آهي.

    ٿي خاڪ تنهنجي درتي،
    مظلوم آس آهي.

    ٽوڙي نه ڪوئي سگهندو،
    رشتو جي خاص آهي.

    دنيا جي ڪوڙي ياري،
    آئي نه راس آهي.

    رنگين گل اڏي ويا
    گلشن نراس آهي.

    تنهنجي پگهر ۾ جانان،
    گُل گُل جو واس آهي.

    دل پنهنجي ناهي “رضوي“،
    غم جو اڀياس آهي.
    ✤✤











    اکين اڳيان لطيف آ،

    اکين اڳيان لطيف آ،
    نه منهنجو ڪو حريف آ.

    زمين آ لهو لهو،
    نه دؤر هي شريف آ.

    ڪريان ٿو تنهنجو ورد مان،
    ڪٿي ذهن صعيف آ.

    اسان جي توسان بي رحم،
    ربيع نڪو خريف آ.

    جُهڏي ۾ پنهنجو ڀرجهلو،
    *ايوب ٻيو حنيف آ.

    منهنجو غزل نظم سندءِ،
    حسن جي تعريف آ.

    هُو عرش جو ڌڻي رڳو،
    فقير جو حليف آ.

    هلان ٿو ڏونگرن مٿان
    ڪٿي بدن نحيف آ.
    ✤✤
    *ايوب کوسو ۽ حنيف عاطر سنڌ جا سرموڙ شاعر






    طويل غزل

    طويل غزل

    هُن جو جيڪو رايو آهي،
    جيون جو سرمايو آهي.

    ڄاڻي واڻي تنهنجي آڏو،
    هر هر مون هارايو آهي.

    تون مُرڪئين يا وسڪاري ۾،
    راسُوڙو ڪنهن ڳايو آهي؟

    ڌرتي تي فطرت جي ويرين،
    ماڻهن کي مارايو آهي.

    پاڻ ٻنهي کي ٽوڙڻ لاءِ،
    دنيا زور لڳايو آهي.

    صرف ڪتابن ۾ ئي ڏني کي،
    صابوءَ هار پارايو آهي!

    چانڊوڪي ۾ مُرڪي چهري،
    تارن کي شرمايو آهي.

    باهه برهه جي تنهائي ۾،
    جذبن کي گرمايو آهي.

    ”سن“ جو سائين گهٽ نه سمجهو.
    سنڌ جو چوٿون پايو آهي.

    تنهنجي پاڪ محبت جوئي،
    منهنجي سر تي سايو آهي.

    مهڪي پيو اسين آ شهر مٺي جو،
    ڪير گڍيءَ تي آيو آهي

    تارا آهن چُنري تي يا،
    اُڀ ڪنهن هيٺ وڇايو آهي؟

    دير سان قومون ٺهنديون آهن،
    وقت اِهو سمجهايو آهي.

    حق جا هوڪا ڏيندڙ کي ڏس،
    دنيا هر هر گهايو آهي.

    تنهنجن ويجهن رشتن مون کي،
    تنهنجو گهر ڇڏرايو آهي.

    وقت ڏکئي ۾ دلبر پنهنجو،
    پاڇو ئي ته پرايو آهي!

    پنهنجي دل جو ڏيهه سمورو،
    ٿر جان يار اُڃايو آهي.

    ڌرتيءَ کي مون ديوي سمجهي،
    ”رضوي“ سِيس نمايو آهي.
    ✤✤


    ملڪيت مال نه ڌن ٿو گُهرجي،

    ملڪيت مال نه ڌن ٿو گُهرجي،
    اجهو، لٽو ۽ ان ٿو گُهرجي،

    تن سان گڏ هر عيب کان آجو،
    پاڻ کي ڍوليا! من ٿو گهرجي.

    بُک بيماري بُڇڙائي کان،
    هاڻي پاڪ وطن ٿو گهرجي.

    عمر سڄي جو ساٿ کپي ٿو،
    ڪو نه گهڙي پل کن ٿو گهرجي.

    پاڻي تي سمجهوتو ناهي،
    سائو هر ڪو پن ٿو گهرجي.

    ذات جي نالي ڪنهن مفلس جو،
    ڪونه اسان کي ڏن ٿو گهرجي .

    ڌرتي جا پوڄيندڙ آهيون،
    ڪاٿي باغ عدن ٿو گهرجي.

    ڏاڍو ڀوڳيو آهي ”رضوي“
    ڪونه نئون ويڌن ٿو گهرجي
    ✤✤




    دل جو ائين تنهنجن پَٽن سان واسطو،

    دل جو ائين تنهنجن پَٽن سان واسطو،
    جيئن گُلن جو پوپٽن سان واسطو.

    اهڙو تعلق پاڻ جو لڳندو اٿم،
    جهڙو مرهم جو ڦٽن سان واسطو.

    اڄ ته نئين سر چاهه مان جيون اڏيون،
    ٽوڙيون ٻئي جهيڙن جهٽن سان واسطو.

    تون جي وڇڙئين هاڻ جوڙيندو پرين،
    روح پياسو بر پٽن سان واسطو.

    دل جا هت احساس ڪو سمجهي نٿو،
    پنهنجو آ سڀني ڄٽن سان واسطو.

    تنهنجي راهن ۾ اکيون قيدي بڻيل،
    ڄڻ درن جو چوکٽن سان واسطو.

    ڪيئن ٿيندو مڌ پياڪن جو گُذر،
    جي ڇنو موکي مٽن سان واسطو.

    ڇڏ اهو ٿورو ڪري اياز تي،
    رک نه تون ليکن ڏٽن سان واسطو.
    ✤✤










    عالمي احساس کي گولي لڳي،

    عالمي احساس کي گولي لڳي،
    سنڌ جي وشواس کي گولي لڳي.

    قوم جي تقدير ڪاري ٿي وئي،
    آجپي جي آس کي گولي لڳي.

    ڀُون سڄي ڀيلاڙجي ويئي وري،
    رات ڄڻ اتهاس کي گولي لڳي.

    روح تڙپيو دير تائين جڳ ڏٺو،
    کوهه ڀرسان پياس کي گولي لڳي.

    زندگي جو عڪس ڌنڌلو ٿي ويو،
    چاندني، گل واس کي گولي لڳي.

    ڄڻ لٿي شامِ غريبان هر طرف،
    سُونهن جي الماس کي گولي لڳي.

    سنگدل جا نيڻ آلا ڪونه ٿيا،
    هر دُعا ۽ باس کي گولي لڳي.

    ڪنهن چيو ڌرتي سڄي کسڪي وئي،
    ڪنهن چيو آڪاش کي گولي لڳي.

    وقت جون اکيون کُليون رهجي ويون،
    باب هڪڙي خاص کي گولي لڳي.

    سچ کي ڇا لوڪ ”رضوي“ رد ڪيو،
    جهڙو منهنجي ماس ۾ گولي لڳي.
    ✤✤


    • شهيد راڻي بي نظير ڀٽو کي ڀيٽا


    وائِيُون

    پنهنجو سڄو ديس

    پنهنجو سڄو ديس
    لڳي ٿو پرديس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    ناهي مُند ملڻ جي
    چئجو وڃي کيس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    هر ڪو ماڻهو روح کي
    پهچائي ٿو ٺيس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    اڄ جي ليليٰ دربدر
    ڪُٽي جو آ قيس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    زخمي سارو ڏيهه آ
    مرهم ڪو ته رکيس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    بهارن ۾ باغ کان
    وسريو سائو ويس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    ڇڏي ڌرتي ڀاءُ پيو
    روڪي ڪو ته جهليس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!

    ”رضوي منهنجي حال تي
    نٿو رحم اچيس
    نازڪ ڏاڍو دور آ!
    ✤✤


    بي حد آهي ڀلوڙ

    بي حد آهي ڀلوڙ
    نديءَ جو ڄڻ ڇوڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    سانوڻ ۾ سنڌوءَ جيان
    ناهي سهندو نوڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    مايوس جي مُند ۾
    جيئڻ جي جاکوڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    سا ڀيائن جو روپ آ
    ميندي ڳانو موڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    ڪيڏو پُر اسرار آ
    کنوڻ ڪڪر گوڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    اڃايل واري مٿي
    ڊيلن جي ڄڻ ڊوڙ
    بدن تنهنجو بانوري

    لڳندو آ ”اياز“ کي
    ايذاءُ تي ٽاڪوڙ
    بدن تنهنجو بانوري
    ✤✤




    پيارا تُنهنجو پُور

    پيارا تُنهنجو پُور
    خوشبو جيئن ڀَرپُور
    وسي ٿو دل جي اندر

    پيار جو پورهيو ڪندڙ
    محنتي مزدُور
    وسي ٿو دل جي اندر

    سپرين تنهنجي سُونهن جو
    چٽو ڪيڏو نور
    وسي ٿو دل جي اندر

    وَصل واري مُند ۾
    وڇڙڻ جو وهلُور
    وسي ٿو دل جي اندر

    سرڪش سوچون ذهن جون
    عشق سندو دَستُور
    وسي ٿو دل جي اندر

    رهجي ڪيئن قرار ۾
    مُلڪ سڄو مجبُور
    وسي ٿو دل جي اندر

    ڀر ۾ تون اياز جي
    ڏُک نه ڪوئي سُور
    وسي ٿو دل جي اندر
    ✤✤


    مُرڪي ڏنم ساهه

    مُرڪي ڏنم ساهه
    ڪونه ٽُٽو ويساهه
    جانچي ڏس تاريخ کي

    امر ڪئي آ زندگي
    ڌرتي سندي چاهه
    جانچي ڏس تاريخ کي

    رهزنن جي رهبري
    ڪندي آهي تباهه
    جانچي ڏس تاريخ کي

    سُڌري ويندئي پيڙهيون
    ڳٺ ڳچي مان لاهه
    جانچي ڏس تاريخ کي
    ✤✤


    هٿ ۾ جهلي جام

    هٿ ۾ جهلي جام
    ريجهائن ٿا رام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    وسڪاري ۾ روز ٿي
    چؤنري چڙهي شام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    رُوپلي جي روح هو
    ڪيو رات قيام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    چاڙهيا ڪيڏا چِت تي
    نشا تنهنجي نام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    جاڳيا جوڌا جُوءِ جا
    ويري ٿيا ناڪام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    انسانيت جو ڪيترو
    اُوچو آهي مقام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    مهڪيا چُوڙا ماڪ ۾
    چنڊ ڏنا پيغام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    ملندو آهي اڻ ميو
    اکڙين کي آرام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!

    ڏات ڏنو اڌ رات جو
    اُٿاري انعام
    چڻيندا جي ڳوٺ ۾!
    ✤✤





    هٿين خالي ور

    هٿين خالي ور
    پهتو پنهنجي گهر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    ٻُڏا پٽ پُراڻ جا
    زنگجي ويا هر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    ڊگهي وئين تون ڪري
    اکين سان اوڌر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    رهي ناهي وجود ۾
    توکان پوءِ ڌر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    اڃان تائين ننڊ ۾
    پنهنجو سڄو تر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    بي وڙي بادل پُٺيان
    رُليو ڪيڏو ٿر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو

    سُڃي توري سانورا
    ڀوڏيسر جي ڀر
    چنڊ نه اُڀريو عيد جو
    ✤✤







    اکيون پير ڪري

    اکيون پير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    تو ڌاران ٻيو دلبري
    پنهنجي ڪير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    تو لئه سپرين اڻ ڳڻيا
    ڳوڙها خير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    دل هٿان مجبور ٿي
    غم سڀ زير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    ڏک ڏوراپن جون سڀئي
    ڀتيون ڍير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    ڪيئن روڪيان پاڻ کي
    سڏ پئي ڇير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“

    چَنڊُ اُلهي ويو آ ”رضوي“
    ڪيڏي دير ڪري
    ”تو وٽ پهتو آهيان“
    ✤✤









    اُجريو آ هر انگ

    اُجريو آ هر انگ
    سار لڌي سارنگ
    سرڳ جهڙو پارڪر

    مور هٺيلا موج مان
    ورهائن پيا رنگ
    سرڳ جهڙو پارڪر

    اوڍيو سائو ويس آ
    پنهنجي آس اُمنگ
    سرڳ جهڙو پارڪر

    ڌڻ ڌنارن ڇوڙيا
    چؤڏس چُريا چنگ
    سرڳ جهڙو پارڪر

    جيئرا جيسين رُوپلا
    ارڏا ۽ اڙٻنگ
    سرڳ جهڙو پارڪر
    ✤✤


    آهيون پاڻ ٻئي ڀاءُ

    آهيون پاڻ ٻئي ڀاءُ،
    ڌرتي پنهنجي ماءُ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    پنهنجا ڏک ۽ سُور تُون،
    مون کان ڪين لڪاءَ!
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    تو تي اُلريون وحشتون،
    مون کي رسيا گهاءَ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    اڌ ۾ ڇڏي ڪين وڃ،
    مون سان توڙ نڀاءَ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    سامي جا سلوڪ ٻُڌ،
    ڀٽ ڌڻي کي ڳاءَ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    منهنجو ٿي مون ساڻ بيهه،
    ويرين کي ورچاءِ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!

    اڻ ٽُٽ تو سان واسطا،
    جيءَ ۾ تو لئي جاءِ.
    فرق نه آهي پاڻ ۾!
    ✤✤


    بيت

    بيت


    ڌرتي تنهنجي درد کي ويٺا وساري،
    ماڻهن ڄڻ ماري، جئري ڇڏيو پاڻ کي.

    اکيون پُوري ٿو ڪرين، جيڪو جيئن چوئي
    اڙي مار پوئي، لڄائين ٿو ڪُڙم کي

    توڙي مون سان دلربا هليو ناهين سِڌو
    پر مون ناهي وِڌو سنڌو ڪو سنگت ۾

    هوندو آهين جنهن گهڙي اکين کي اوڏو
    لهر نڪي لوڏو سپرين منهنجي ساهه کي

    سجاول ۾ سوڳ پکيڙيو پاڻ،
    هڪدم اُڏاڻي مرڪ هر ڪنهن مُک تان.

    پاڻي پاڻي ٿي ويو سارو ناٿن ساهه
    مُٺ ۾ اچي ساهه هر ڪنهن ماڻهو کي ويو.


    پاڻ سڀئي بازيون، هٿن سان هاريون،
    ڌرتي تي ڌاريون، پنهنجي جهڙتي ٿو وئي،

    سڄو آهي سوڳ ۾ سنڌين جو وانڍيو
    هيل به هُن سانڍيو، آهي ڏک ڏڪار جو

    گڍي تان اڌ رات جو مئيءَ جو منظر،
    اُڀ جهڙو ڪر وڇيل هو واري مٿي.

    چانڊوڪي جي رات ۾ جرڪي گڍي ڀٽ،
    ڄڻ ڪا اُملهه سٽ آهي شاهه لطيف جي.

    گڍي تان اڌ رات جو وڌي مُون نظر،
    مٺي جو شهر، هيو منهنجي مُٺ ۾

    گڍي تنهنجي گود ۾ آڌي ٽاڻي مان مان
    ”گوماڻي گُل سان سليان ويٺو سورڙا





    -


    نظم

    تاريخ جو مجرم!!

    اڙي او او رات جا رهزن،
    اڙي او پاپ پُوڄاري،
    اکين هوندي انڌو ٿي وئين،
    انا جا خول پائي تو،
    لڄائي ماڻهپو ڇڏيو،
    وڪي تو ٿڃ ماتا جي،
    وئين ڀُلجي مِٺيون لوليون،
    ٿيئن ويري سچائي جو،
    ڪڙم جو سر جُهڪايو تو،
    بڻئين مُنڪر تون ڌرتي جو،
    گهڻيون جهوليون اجاڙيون تو،
    سوين سينڌون به ساڙيون تو،
    پڳون پوتيون به ڦاڙيون تو،
    ڪيئي سودا ضميرن جا،
    ڪُٺئي سپنا اسيرن جا،
    لهو سان هٿ رنگي پنهنجا
    ڪئي رت ڇاڻ ڌرتي تو.
    جلادن سان ٿئين ڀيڙو،
    دغا جي واٽ ورتي تو،
    وڻي جيڪو سڏائين تون،
    ٺڳي جا ٺاهه ٺاهين تون،
    ڀلي ڪيڏو پڏائين تون،
    سموري قوم ڄاڻي ٿي،
    سچائي کي سڃاڻي ٿي،
    چنيسر جو تون ساٿاري،
    آهين دشمن تون دودي جو،
    ڀلي انڪار ڪر ڏوهي،
    سُتيون ڏيئي دليلن جون،
    صفائي کي گلي لائي،
    مگر هي قوم ڏاهي آ،
    اُنهي تنهنجي مقدر ۾،
    لکي هاڻي تباهي آ،
    تون آن تاريخ جو مُجرم،
    نون نسلن جو ڏوهاري،
    ڪندئي تاريخ ڦِٽڪارون!
    ڪندئي تاريخ ڦٽڪارون!
    ✤✤


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 478
    ڪتابن جو مشاهدو: 428740
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 174396
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ