ڪتاب جو نالو: اندرا
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: آچر، 09 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 1443 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 672 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • ارپنا : Dedication
  • سنڌ سلامت پاران
  • اعتراف
  • آتم ڪٿا : دل تي لکيل درس
  • آتم ڪٿا : ڪهاڻين جي ڪٿا منهنجي آتم ڪٿا
  • گناهه
  • هوشو شيديءَ جي آخري شام
  • اُڃايل
  • وري ياد آيا
  • عورت
  • انڪار به آ ـ اقرار به آ
  • هولي
  • ٻه چور
  • سرحد
  • سنڌو سجاڳ ٿيندو
  • برف جو تاج محل
  • اچ ته پيار پڄايون
  • ويران دل جي دنيا
  • پٿر ۽ پيار
  • چرٻٽ ۽ هڪ مداري
  • منهنجي محبت ۽ مان
  • دولت، ناموس ۽ هڪ ڪنوارو
  • انــدرا
  • آتم ڪٿا

  • ارپنا : Dedication

    رتن تلاءُ پرائمري اسڪول، ڪراچيءَ جي نالي، جتي 1942ع کان 1946ع تائين مون ذهن کي وسيع ۽ روح کي روشن ڪندڙ پنهنجي تعليمي زندگيءَ جا پهريان چار سال گذاريا هئا. روزانو ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ، اسيمبليءَ ۾ اسين ٻه ترانا ڳائيندا هئاسين. پهرين رابندر ناٿ ٽيگور جو ترانو:
    جن گن من اڌينايڪ،
    ڀارت ڀاگيه وڌاتا.
    ۽ ٻيو علامه اقبال جو ترانو:
    سارے جہاں سے اچھا ہندستان ہمارا،
    ہندی ہیں، ہم وطن ہیں، سارا جہاں ہمارا۔

    رتن تلاءُ پرائمري اسڪول ۾ تعليم سان گڏ اسان کي حب الوطنيءَ جا درس ڏنا ويندا هئا. اسان جي شعور ۽ لاشعور ۾ ويهجي ويو هو ته وطن اسان جي ماءُ آهي. ماءُ جو ورهاڱو ٿي نه سگهندو آهي. اسين، سندس اولاد وراهجي ويندا آهيون.

    امر جليل


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (269) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”اندرا“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جي لکيل اوائلي ڪهاڻين جو مجموعو آهي، ”اندرا“ امر جليل جي پهرين ڪهاڻي آهي جيڪا 1956ع ۾ نوابشاهه مان نڪرندڙ رسالي ”ادا“ ۾ ڇپي هئي.

    امر جليل لکي ٿو ”اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.“

    هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل جا جنهن ڪتاب پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام ڏنو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    اعتراف

    اوائلي ڪهاڻين جو ڪتاب مختيار احمد ملاح جي محبتن ۽ کوجنائن جي ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي. هڪڙي ڏينهن منهنجين اوائلي ڪهاڻين ۽ ٻين لکڻين جو ضخيم مسودو مون وٽ کڻي آيو. مختيار ملاح کي ضخيم ڪتابن لاءِ جس آهي. مون سندس ضخيم ڪتاب، ”سنڌي ادب تي هڪ نظر“، ”سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو“، جنرل ناليج ۽ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحانن لاءِ تياري ڪرائيندڙ ڪتاب ڏٺا آهن. منهنجين اوائلي تحريرن جو مسودو به سندس ٻين ڪتابن وانگر ضخيم هو.
    چئن پنجن تحريرن کي ڇڏي مختيار ملاح الاءِ ڪيئن ۽ ڪٿان منهنجي شروعاتي دور جون ڪهاڻيون ۽ مختلف تحريرون هٿ ڪيون هيون! ايڏي جاکوڙ ڪوبه شخص جذبي جي سچائي ۽ محبت کان سواءِ ڪري نه سگهندو آهي.
    اوائلي دور جي ڪهاڻين کي مون وساري ڇڏيو هو. ڪنهن به ڪهاڻيءَ کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ مون جاءِ نه ڏني هئي. ائين سمجهو ته اهي ڪهاڻيون منهنجيون رد ڪيل ڪهاڻيون هيون. مختيار ملاح جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي جڏهن هن چيو ته پڙهندڙ کي پنهنجي ليکڪ جي ادبي اوسر بابت خبر هئڻ گهرجي. مون اوائلي ڪهاڻين کي ڪتابي صورت ۾ آڻڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي.
    پهرئين واليوم لاءِ ڪهاڻين جي چونڊ مون پاڻ ڪئي آهي. ائين به ٿي سگهيو ٿي ته سموريون اوائلي ڪهاڻيون هڪ ئي ڪتاب ۾ ڏجن ها. پر پوءِ ڪتاب جي قيمت چار پنج سئو رپيا ٿي وڃي ها. پڙهندڙ جي پهچ کان ٻاهر نڪري وڃي ها. مون هميشه ڪوشش ڪئي آهي ته جڏهن به منهنجو ڪتاب شايع ٿئي. ڪتاب جي قيمت پڙهندڙن جي پهچ مطابق هجي.
    عجب جهڙي ڳالهه آهي ته هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون مختيار احمد ملاح، پبلشر محمد علي ماجد ۽ اوهان اڪثر پڙهندڙن جي ڄمڻ کان اڳ جون لکيل آهن.

    امر جليل


    آتم ڪٿا : دل تي لکيل درس

    مان منهن ورائي گذري ويل اڌ صديءَ کان ڏهاڪو کن سال اڳتي ڏسان ٿو. رتن تلاءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪراچي کي باهه ڏني اٿائون. اُلاوَ در درين ۽ بالڪونين مان ڀنڀٽ ڪري اُڀري رهيا آهن. هجوم ۾ هڪ ڏهن ٻارهن سالن جو ڇوڪرو حيرت ۽ اچرج وچان باهه جي ڀنڀٽن ڏانهن ڏسي رهيو آهي. پريشانيءَ سبب هو توائي ٿي ويو آهي.کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا ڪري! هو اُڀرندڙ اُلائن ڏانهن وڌي ٿو. ماڻهو کيس روڪي، ڇڪي، پوئتي ڪن ٿا. ماڻهن جي ٻانهن ۾ جڪڙيل ڇوڪرو رڙيون ڪري رهيو آهي، ”ڇو؟ ڇو؟ ڇو؟“
    1947 . مارچ يا اپريل جو مهينو. ٽيهٺ چوهٺ سال گذري ويا آهن. اِن ڳالهه کي. اُن وقت تائين اسان جي ڪچڙي ذهن ۾ انگريزن کي هندستان مان ڪڍڻ جون ڳالهيون هلنديون هيون. وڏن جي اوسي پاسي ويهندي يا لنگهندي ملڪ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻ جون ڳالهيون ٻُڌبيون هيون. پوءِ الاءِ ڇا ٿي پيو! انگريزن کي ملڪ مان لوڌي ڪڍڻ بدران ملڪ وراهڻ جون ڳالهيون نڪري پيون. چيائون پي ته هندستان کي ٻه ڀاڱا ڪندا. هڪ ڀاڱي ۾ هندو رهندا. ٻئي ڀاڱي ۾ مسلمان رهندا. ٻنهي ڀاڱن کي جدا رکڻ لاءِ وچ ۾ ڪا سرحد ڇڪيندا، يا ڀت بيهاريندا. ان قسم جي ڳالهين اسان ڇوڪرن کي منجهائي وڌو هو.
    اين جي وي هاءِ اسڪول جي ٽينس ڪورٽ تي ٽينس بال سان ڪرڪيٽ راند ڪري سانجهيءَ ويلي سعيد منزل وٽ اچي بيهندا هئاسين ۽ ماحول ۾ ايندڙ تبديليءَ کي محسوس ڪندا هئاسين. اسان جي اوڙي پاڙي ۾ رهندڙ، ۽ اسان جي گهر ايندڙ ويندڙ، پنهنجن عزيزن کان وڌيڪ ويجهين هندو فيملين مسلماني ويس وڳا پائي ورتا هئا. هردم کلڻ ۽ مرڪڻ وارن چهرن تي خوف جا پاڇا اُڀري آيا هئا. حراس سندن گهرن تي ڇانئجي ويو هو. اهڙي غير يقينيءَ واري ماحول ۾ منهنجي ذهني اوسر ٿي رهي هئي.
    هڪڙي ڏينهن سعيد منزل جي ڪنڊ وٽ ماڻهن کي ٽولن ٽولن ۾ بيٺي، ۽ سرگوشيون ڪندي ڏٺوسين. ڪراچيءَ ۾ برنس روڊ تي ڪجهه هندو فيملين تي مجاهدن خوني حملا ڪيا هئا. اِتي ڪنهن وڏي واڪ چيو، ”رتن تلاءَ اسڪول کي باهه ڏني اٿائون.“
    اِن هڪ جُملي منهنجي ايندڙ زندگيءَ جي جنم پتري لکي ڇڏي – منهنجن لاڙن، رَوين، يقينن ۽ اعتقادن جو تعين ڪري ڇڏيو. تمام ننڍڙي ڄمار ۾ مون مذهبن جي نالي ۾ نفرتن کي بدترين روپ ۾ ڏسي ورتو. هوش هوندي به مان بيهوش بندر روڊ لتاڙي، ٽيمپل روڊ تان ڊوڙندي رتن تلاءُ اسڪول آڏو وڃي بيٺس. هجوم ۾ ڪجهه ماڻهو هنڀوشيون هڻي نعرا بلند ڪري رهيا هئا – ''لے کے رہیں گے پاکستان'' ڪجهه ماڻهو ماٺ ڪري اسڪول جي درن درين مان اُڀ ڏانهن اڀرندڙ اُلاوَ ڏسي رهيا هئا. ڪجهه دير کان پوءِ فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون آيون، ۽ باهه وسائي هليون ويون.
    مان گهر موٽي آيو هوس. امان سان چنبڙي روئي پيو هوس. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو هو – ڏاڍي تڪليف پهتي هئي. دل پي چاهيو هانءُِ ڦاڙي رئان، رڙيون ڪريان. مٿي ۾ مٽي وجهان! اُن شام کان پوءِ آيل رات ڏاڍي ڀوائتي هئي. اکيون بند ڪريان ته اسڪول کي لڳل باهه جا ڀنڀٽ نظر اچن. اکيون کوليان ته پاڻ کي پڄرندي محسوس ڪريان.
    ان قسم جي ڀوائتي ڪيفيت غير معمولي هئي. رتن تلاءُ اسڪول منهنجو پهريون درسگاهه هو. رتن تلاءُ اسڪول جا ٽيچر منهنجا پهريان پهريان استاد هئا. رتن تلاءُ اسڪول ۾ پهريان پهريان دوست مليا هئا، اندرا، ارجن، پرشوتم ۽ سشيل. رتن تلاءُ اسڪول جي راندين واري ميدان ۾ مون پهرين دفعي فٽبال کي ٿڏا هنيا هئا – ۽ بيٽ هٿ ۾ کنئين هئي. صبح جو ساڍي نوين لڳي اسڪول جي اسيمبلي ٿيندي هئي. چئن درجن جا اسين شاگرد، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون چار قطارون ٺاهي بيهندا هئاسين. هيڊ ماستر ڊگهي پول سان ٻڌل رسيون ڇڪي ٽن رنگن وارو جهنڊو جهولائيندو هو. چار شاگرد اول را بندر ناٿ ٽيگور جو ترانو، جَن مَن گَهن، ۽ پوءِ علامه اقبال جو ترانو، سارے جہاں سے اچھا ھندستان ہمارا،ڳائيندا هئا، ۽ قطارن ۾ بيٺل شاگرد هنن سان سُر ۾ سُر ملائيندا هئا. سڀني شاگردن لاءِ منجهند جي ماني گهران ايندي هئي. اسين ننڍڙيون ننڍڙيون ٽوليون ٺاهي، ڪڏهن ٻه ڄڻا، ته ڪڏهن چار ڄڻا پاڻ ۾ ونڊي وراهي ماني کائيندا هئاسين. ٽيچرس کان نه ملندي هئي ڇڙٻ، نه ملندا هئا دڙڪا. ڪلاس هلندي موقعي مهل سان ٽيچر اسان کي شعوري تربيت ڏيندا هئا – ڌرتي اسان جي ماءُ آهي – پنهنجيءَ ماءُ کي انگريزن جي غلاميءَ کان آزاد ڪرائڻو آهي – انگريزن کي پنهنجي ملڪ مان ڌڪي ڪڍڻو آهي – اسان جو مرڻ جيئڻ ماءُ سان آهي.
    اهڙي ماحول ۾ مون پيڙهه واري پٿر جهڙا چار سال گذاريا هئا. هينئر مان چوهتر سالن جو اچي ٿيو آهيان. انهن چوهتر سالن ۾ مون انيڪ لاها چاڙها ڏٺا آهن، پر مان رتن تلاءُ اسڪول ۾ گذاريل چار سال وساري نه سگهيو آهيان. اڄ به منهنجي لاشعور ۾ لوح تي محفوظ ٿيل آهي ته جنهن ڌرتيءَ تي مون جنم ورتو، سا ڌرتي منهنجي ماءُ آهي. مان 1936 ۾ ڄائو هوس. اُن وقت پاڪستان جو نالو نشان نه هو. فقط هندستان هو. تنهن ڪري مان پيدائشي هندستاني Born Indian آهيان. اِها تاريخي حقيقت آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي آڻڻ امڪان کان ٻاهر آهي. 1947 ۾ مسلمان سياستدانن منهنجي ماءُ کي ٻه اڌ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اِن ڳالهه کي ٽيهٺ سال گذري ويا آهن. پر مان پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو قبول ڪري نه سگهيو آهيان. ماءُ جو ورهاڱو ٿي نه سگهندو آهي. سندس ٻار وراهجي ويندا آهن.
    رتن تلاءُ اسڪول کي ڏنل باهه فائر برگيڊ جون ٻه گاڏيون وسائي هليون ويون هيون، پر منهنجي وجود ۾ سوچن جو مَچُ وسائي نه سگهيون هيون. منهنجو رتن تلاءُ اسڪول هندو هو، نه مسلمان هو، نه مندر هو، نه مسجد هو، پوءِ منهنجي اسڪول کي باهه ڇو ڏني هئائون؟ ڌرتيءَ کي ماءُ مڃڻ جو درس مون کي اِن اسڪول مان مليو هو. مون پنهنجي ماءُ جو ورهاڱو، جيتوڻيڪ تاريخي حقيقت آهي، پر قبول نه ڪيو آهي. مان ماءُ جي سرير تي نڪتل سرحدن جو منڪر آهيان. مان بادل آهيان. سرحدن کي ڪَٿ ۾ نه آڻيندو آهيان. مان واءُ وانگر مٿان اُڏامندو رهندو آهيان.
    منهنجي تصور جي ڪابه حد مقرر ٿيل ناهي. منهنجي آتما، منهنجو روح آزاد آهي. مان بنا پاسپورٽ، بنا ويزا جي ڪراچيءَ مان اُڏامي ڪلڪتي جي ايڊن گارڊن ۾ ڪرڪيٽ ميچ ڏسي موٽي ايندو آهيان. مان مڌوبن ۽ مٿرا مان ٿي ايندو آهيان. ڪاشيءَ مان تيرٿ ياترائون ڪري ايندو آهيان. بندرا بن ويندو آهيان. مان پوني جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ان جاءِ کي ڳوليندو آهيان جتي منهنجيءَ ماءُ جنم ورتو هو. مان ممبئيءَ ۾ اُن پاڙي لاءِ سرگردان رهندو آهيان جتي منهنجي ماءُ وڏي ٿي هئي. تڏهن، مون وٽ نه هوندو آهي پاڪستاني پاسپورٽ ۽ پاسپورٽ تي لڳل هندستاني ويزا. منهنجو تصور سرحدن جو پابند ناهي. مان 1936 ۾ ڄائو هوس. مان پيدائشي هندستاني Born Indian آهيان. مان کڻي ڪٿي به رهان، پر هندستان ۾ آزاديءَ سان اچڻ وڃڻ، گهمڻ ڦرڻ، رهڻ، ياترائون ڪرڻ منهنجو بنيادي، انساني، اخلاقي، ۽ پيدائشي حق آهي. مان سمجهان ٿو، محسوس ڪري سگهان ٿو ته اِن قسم جي ذهني ڪيفيت مون کي ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ديوانگيءَ جو در ڏيکاريندي.

    امر جليل

    B-702, Sand View Homes
    Frere Town
    Clifton-Karachi, Sindh.
    E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
    amarjaleel36@gmail.com
    17 مئي، 2010
    ڪراچي


    آتم ڪٿا : ڪهاڻين جي ڪٿا منهنجي آتم ڪٿا

    ڪوبه پينٽر يا آرٽسٽ پنهنجي اوائلي دور جون تصويرون پنهنجي آرٽ گيلريءَ ۾ نه لڳائيندو آهي. ساڳي طرح هڪ شاعر يا ليکڪ اوائلي دور دوران تخليق ٿيل تحريرن کي پنهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ جاءِ نه ڏيندو آهي. مون به اڄ تائين ائين ڪيو هو. سن 1955ع ۾ پهرين ڪهاڻي اندرا کان وٺي 1965ع ۾ لکيل ٻن شرمندو ۽ پشيمان ڪندڙ ڪهاڻين، سرحد ۽ سنڌو سجاڳ ٿيندو. تائين ڏهن سالن ۾ لکيل ڪهاڻين کي (هڪ ٻن کي ڇڏي) پنهنجي ڪنهن به ڪتاب ۾ شامل نه ڪيو. سن 1962 ۾ بمبئي مان نڪرندڙ ”ڪونج“ رسالي طرفان ڪرايل هند سنڌ ڪهاڻي چٽا ڀيٽي ۾ منهنجي ڪهاڻي سوجهرو کي پهريون انعام مليو هو. اها ڪهاڻي منهنجي هڪ ڪتاب ۾ شامل آهي. ٻي ڪهاڻي، اروڙ جو مست کي ”روح رهاڻ“ رسالي طرفان سال 1964 جي بهترين ڪهاڻي قرار ڏنو ويو هو. اروڙ جو مست به منهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ شامل آهي. باقي، مان نه ٿو سمجهان ته پهرين ڏهن سالن دوران لکيل ڪا ڪهاڻي منهنجي ڪنهن ڪتاب ۾ شامل آهي.
    سن 1955ع کان 1965ع تائين گذاريل ڏهه سال منهنجي زندگيءَ جا مضطرب، منتشر ۽ ايڊوينچرس (مهمجوئي) سان ڀريل سال هئا. انهن ڏهن سالن مون کي مروڙي، ڊاهي، ٺاهي اهڙي ڪالب مان ڪڍيو جيڪو هر گذرندڙ گهڙيءَ سان گڏ سختگير ٿيندو ويو. انهن ڏهن سالن دوران مون پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏو گوڙ ۽ گهمسان پيدا ڪيو جنهن جا پڙلاءَ اڄ تائين مون کي ٻڌڻ ۾ ايندا آهن. مون پاڻ پنهنجي زندگيءَ ۾ ايڏا زلزلا آندا جو اڄ تائين پيرن هيٺان زمين مون کي ڌڏندي محسوس ٿيندي آهي. مون پاڻ کي ايڏا وڏا دوکا ڏنا جو اڄ تائين ٻيو ڪوبه مليل دوکو مون کي وائڙو ڪري نه سگهندو آهي. مون لاڳيتو فنا جو در کُڙڪايو هو، پر در نه کليو هو، ماڻهو چوندا آهن ته معجزا ٿيندا آهن. مون معجزو ٿيندي ڏٺو آهي. ورنه، ڪو سبب ڪونهي جو نانگن بلائن جي ٻرن ۾ هٿ وجهڻ کان پوءِ مان بچي سگهان ها. مون زندگيءَ کي اوڙاهه ۾ اڇلائڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي. مون پنهنجي لاءِ پلصراط ٺاهي ورتي، جنهن تان روزانو لنگهڻ منهنجو مقدر ٿي پيو آهي.
    ادبي زندگيءَ جي پهرين ڏهن سالن (1955 کان 1965) واري دور جا تفصيل کولي ويٺس ته پوءِ اوائلي دور جي ڪهاڻين بدران اوهان کي پڙهڻ لاءِ منهنجي آتم ڪٿا جو هڪ طويل باب پڙهڻ لاءِ ملندو. مون کي اها به خبر آهي ته سلسليوار ۽ روايتي آتم ڪٿا لکڻ جو وقت مون کي ڪڏهن ڪونه ملندو. مان مهاڳن، مضمونن ۽ انٽرويوز ۾ پنهنجي آتم ڪٿا بيان ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪندو رهندس. هتي، پهرين ڏهن سالن جو سرسري ذڪر ڪندس.
    عشق جڏهن انتها تي پهچندو آهي، تڏهن جنون ٿي پوندو آهي. ۽، جنون ديوانگيءَ جي سرحد آهي. زندگي هوشمندي ۽ پاڳلپڻي جي وچ ۾ ڌڪا کائيندي رهندي آهي. مان پنهنجي پهرين عشق جو انيڪ دفعا ذڪر ڪري چڪو آهيان. ڪرڪيٽ ۾ مون کي زندگيءَ جو ڀرپور فلسفو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. پاڪستان جو پهريون وڪيٽ ڪيپر بيٽس مين امتياز احمد منهنجي لاءِ رول ماڊل هو. هن وانگر اٿڻ ويهڻ، هلڻ ڦرڻ، هن جهڙو نظر اچڻ لاءِ اُهڙو ئي لباس پائڻ، وارن جي اسٽائيل، بيٽنگ، ۽ وڪيٽ ڪيپنگ جو انداز مون پاڻ تي طاري ڪري ڇڏيو هو. مان اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ئي هوس جو ڪرڪيٽ جي جنون ۾ مبتلا ٿي ويو هوس. ميٽرڪ پاس ڪرڻ به منهنجي لاءِ معجزي کان گهٽ نه هو.
    مون کي ڪا خبر نه هئي ته ميٽرڪ کان پوءَ ڇا پڙهندس، آرٽس يا سائنس؟ مٿاهين سطح تي ڪرڪيٽ کيڏڻ کانسواءِ منهنجو ٻيو ڪو نصب العين نه هو. بابا مون کي ڊي جي سائنس ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، ان خيال سان ته انجنيئر ٿيندس.
    هڪ ته مان جڏو، مٿان وري ڪرڪيٽ جو جنون سر تي سوار! سائنس سمجهه ۾ نه ايندي هئي. انهن ئي ڏينهن ۾ اوچتو هڪ خيال منهنجي هوش ۽ حواسن تي ڇانئجي ويو. امتياز احمد، منهنجو هيرو ۽ رول ماڊل، ايئر فورس ۾ پائليٽ هو. مان پنهنجي ساءِ، لڪ ڇپ ۾، بابا کي ٻڌائڻ کانسواءِ، ايئر فورس ۾ پائليٽ ٿيڻ جي تيارين ۾ لڳي ويس. ان دوران، الاءِ ڪيئن فرسٽ ايئر جو امتحان پاس ڪيم. مون کي پڪ آهي ته منهنجي پاس ٿيڻ ۾ بابا جي سفارش جو دخل هو. بي انتها پيار ڪندو هو مون سان.
    منهنجي ۽ ادا جي عمر ۾ پندرهن سالن جو فرق هو.مان جيستائين ميٽرڪ ۾ پهتس تيستائين ادا آمريڪا مان ايم ايس سي ڪري آيو ۽ نوڪريءَ سان وڃي لڳو ۽ شادي ڪري ٻارن ٻچن جو پيءُ ٿي پيو. سندس پوسٽنگ به سنڌ جي ڏوراهن شهرن ۾ ٿيندي هئي. اڪيلي گهر ۾ بابا جي سڄي توجهه مون طرف هوندي هئي. منهنجو هر انگل پورو ڪندو هو. هڪ دفعي ضد ٻڌي بيٺس ته مون کي لين هٽن آٽو گراف بيٽ ۽ ليزلي ايمز جا وڪيٽ ڪيپنگ گلوز گهرائي ڏيو. اهي شيون انگلينڊ مان ملنديون هيون. بابا جي ڀائرن کان وڌيڪ پياري دوست ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻيءَ جو وڏو پٽ وشنو لنڊن ۾ پڙهندو هو. بابا مهيني کن ۾ بيٽ ۽ گلوز مون کي گهرائي ڏنا. ٻئي شيون تمام مهانگيون هيون، ۽ فقط ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگر استعمال ڪندا هئا.
    ننڍي وهيءَ ۾، خاص ڪري تڏهن، جڏهن عشق جو جنون سر تي سوار هوندو آهي تڏهن هوشمنديءَ واري ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي. زندگيءَ ۾ ڪنهن کي رول ماڊل (پنهنجو هيرو) ڪري وٺڻ تمام سولو آهي. آهستي آهستي اسين هيرو جي شخصيت ۾ گم ٿي ويندا آهيون. تڏهن اسين وساري ڇڏيندا آهيون ته قدرت اسان سڀني کي هڪجهڙي ڏات ڏيئي پيدا نه ڪيو آهي.لين هٽن بيٽ ۽ ليزلي ايمز جا گلوز خريد ڪري سگهجن ٿا. ڪپڙي لٽي، چال ڍال، وارن جي اسٽائيل سان امتياز احمد جهڙو نظر ته اچي سگهجي ٿو، پر امتياز جهڙي ڏات ڪٿان آڻجي؟ امتياز وانگر راند ڪيئن ڪجي؟
    منهنجي ننڍپڻ جي دوست ظفر ڪاظميءَ کي دليپ ڪمار ڏاڍو وڻندو هو. هونءَ به دليپ انڊين فلم انڊسٽريءَ جو ديوتا هوندو هو. هر نوجوان جي دل دماغ تي طاري هوندو هو. ظفر ڪاظمي دليپ جي ذات ۾ اهڙي نموني گم ٿي ويو، جيئن مان امتياز احمد جي ذات ۾ گم ٿي ويو هوس. ڪپڙي لٽي، چال ڍال، وارن جي اسٽائيل کانسواءِ هن دليپ وانگر ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو. چهري جا تاثرات به دليپ جهڙا ٿي ويس. رومانٽڪ هيرو ٿيڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڇوڪريءَ سان عشق ضرور ڪندو هو. اسان واري دور ۾ اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا گڏ پڙهندا هئا، يعني ڪو ايجوڪيشن هئي. تنهن ڪري ظفر کي عشق ڪرڻ لاءِ ڪا نه ڪا ڇوڪري ملي ويندي هئي.
    رول ماڊل جي پيروي ڪندي ظفر اڃا به ڪجهه اڳتي نڪري ويو. اسين سڀيئي ميٽرڪ جي تيارين ۾ هئاسين جو ظفر وڃي لاهور کان نڪتو. لاهور جي فلم انڊسٽري ۾ ڪاهي پيو. هڪ ٻن فلمن جا ڪنٽريڪٽ به مليس. پر، اداڪاري ظفر جي وس جي ڳالهه نه هئي. هن ۾ اداڪاريءَ جي ڏات نه هئي. دل ڀڄي پيس. مايوس ٿي موٽي آيو. پر پنهنجي رول ماڊل جي پاڇي مان نڪري نه سگهيو. سٺو آرٽسٽ هوندو هو. سائين عبدالعلي قلباڻي اسان سڀني جو پيارو ٽيچر، کانئس شاهه لطيف جي سورمين جون تصويرون ٺاهرائيندو هو. سائينءَ جي همٿائڻ تي هن فائن آرٽس ۾ باقاعدي تعليم ورتي. سنڌ ميوزيم جو ڊائريڪٽر ٿي رٽائر ٿيو، پر مرڻ گهڙيءَ تائين پنهنجي رول ماڊل، دليپ ڪمار جي چڪر ۾ اهڙو پيو. جو هن غير ارادي طور پنهنجي شخصيت کي ڪڏهن نکري نروار ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو. هو زندگيءَ ۾ دليپ ڪمار وانگر ايڪٽنگ ڪندي ٽيهتر سالن جي عمر ۾ گذاري ويو.
    ظفر ڪاظميءَ وانگر مون به پنهنجي زندگيءَ جا چار پنج سال امتياز احمد ٿيڻ جي جنون ۾ داوءَ تي لڳائي ڇڏيا. ايئر فورس ۾ ڀرتي ٿيڻ لاءِ دفتر ڊي جي سائنس ڪاليج کان پري نه هوندو هو. مان ڪلاس گُسائي ايئر فورس آفيس ۾ وڃي ڀرتي ٿيڻ لاءِ معلومات گڏ ڪندو هوس. ڏينهن رات تياري ڪندو هوس. ٽيسٽن جي مختلف مرحلن مان نڪرندو رهندو هوس. اڄ جڏهن هي سٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن محسوس ڪري رهيو آهيان ته امتياز احمد وانگر ايئر فورس ۾ وڃڻ جي خواهش کان علاوه مون سائنس پڙهڻ کان فرار جي واٽ تلاش پي ڪئي.
    مان ذهني طرح سائنس کي سمجهي نه سگهندو هوس. منهنجو رجحان آرٽس ڏانهن هو. تخيل اهڙو تيز هوندو هو جو تصور ۾ اُڀري آيل منظر ۾ مورتون مون کي چٽي طرح ۽ واضح طور تي نظر اينديون هيون. مان هنن کي هلندي ڦرندي ڏسي سگهندو هوس. کين ڳالهائيندي ٻولهائيندي ٻڌي سگهندو هوس. هنن جي غم ۾، هنن جي خوشيءَ ۾ شامل ٿي سگهندو هوس. هنن سان روئيندو هوس. هنن سان کلندو هوس. هنن جي شڪست منهنجي شڪست هوندي هئي. هنن جي سوڀ منهنجي سوڀ هوندي هئي. مان پاڻ سوچي نه سگهندو هوس. سوچ مون کي خود بخود ويڙهي وڪوڙي ويندي هئي. ان قسم جي ذهني ڪيفيت ۾ اڄ تائين ڪا تبديلي نه آئي آهي. اُٽلندو ان قسم جي ڪيفيت وڌندڙ عمر سان گڏ پختي ٿيندي ويئي آهي. تخيلاتي ۽ تخليقي ذهن مون کي سائنس پڙهڻ نه ڏيندو هو.
    هڪڙي ڏينهن رسالپور مان آخري انٽرويو جو سڏ آيو. (رسالپور ۾ پائليٽن جو ڪاليج ۽ تربيتگاهه آهي.) گهر ۾ روڄ راڙو ٿي پيو. امان ائين پئي روئي ڄڻ جهاز هلائيندي منهنجو ڪريش ٿيو هو ۽ مان مري ويو هوس. مون کي رسالپور وڃڻ نه ڏنائون.
    مان پڙهڻ کان پڙ ڪڍي بيٺس. ڪاليج وڃڻ ڇڏي ڏنم. ڏينهن رات ڪروڌ ڪندو هوس. شام جو جهانگير پارڪ صدر ۾ پريڪٽس ڪرڻ وڃان، ته وائڙن وانگر بيٽنگ ڪريان. (اڄڪلهه جهانگير پارڪ جي اڌ حصي تي مُلن ۽ اڌ حصي تي چرسين قبضو ڪري ورتو آهي).
    بابا ڏاڍو پريشان ٿي پيو. مون سان ايڏو پيار ڪندو هو جنهن جو اوهين اندازو لڳائي نه ٿا سگهو. سندس سنگتي ساٿي ويٺا مون کي سمجهائيندا هئا. علم بنا ايندڙ وقت جون خوفناڪ ڳالهيون ٻڌائي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. بابا ۽ ادا جي اعليٰ تعليمي قابليت جو ذڪر ڪري مون کي سندن پيروي ڪرڻ لاءِ پيا راضي ڪندا هئا. ان ڪيفيت ۾ اٺ ڏهه مهينا گذري ويا. هڪ تعليمي سال منهنجن هٿن مان نڪرندو پئي ويو، پر مان پنهنجي ضد تان نه لٿس. ٻيهر ڊي جي سائنس ڪاليج وڃڻ کان نابري واري بيٺس.
    جنون تي دليل حاوي ٿي نه سگهندو آهي. جنون مختلف صورتن ۾ پاڳلپڻي جي سرحد تائين پهچائي ڇڏيندو آهي. مان پاڳلپڻي جي سرحد وٽ وڃي پهتو هوس. بابا جي ننڍپڻ جو دوست ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻي حيلن حوالن سان مون کي سمجهائيندو هو. سندس دليلن آڏو منهنجو جنون جهڪي پيو. پر، مان هڪ ضد تي قائم رهيس. سائنس نه پڙهندس، آرٽس پڙهندس.
    منهنجي ڳالهه مڃيائون، تعليمي سال بچائڻ لاءِ مون کي نوابشاهه ۾ نئين قائم ڪيل ڪاليج ۾ داخل ڪرايائون. ڪاليج جو پرنسپال هو پروفيسر احمد سعيد خان. انگريزي پڙهائيندو هو. مون کي پاڻ سان گڏ پنهنجي گهر ۾ رهايائين.
    پروفيسر احمد سعيد خان وقت جو پابند هو. وقت تي سمهڻ، وقت تي جاڳڻ، وقت تي غسل خاني وڃڻ، وقت تي نيرن، وقت تي منجهند جي ماني، وقت تي شام جي چانهه، وقت تي رات جي ماني ۽ وري وقت تي بتي وسائي سمهي پوڻ. مان آزاد منش، پنهنجي مرضيءَ سان اٿڻ، پنهنجي مرضيءَ سان سمهڻ وارو شخص، آزاديءَ ۾ پليل، پروفيسر احمد سعيد خان جي مارشل لا جهڙي ماحول ۾ مون کي ٻوسٽ محسوس ٿيڻ لڳي. گهٽ محسوس ٿيڻ لڳي. پهريون ڀيرو مون کي پنهنجي غلطيءَ جو احساس ٿيو. ڪراچي ڇڏي نوابشاهه اچڻ واري فيصلي ته پڇتايم. پر اظهار نه ڪيم. اظهار ۾ مون کي پنهنجي شڪست نظر پي آئي. فقط ايترو ڪيم جو بابا کي لکي موڪليم ته منهنجي رهڻ جو ٻيو ڪو بندوبست ڪريو.
    بابا فون تي سائين ايڇ ايم خوجه سان ڳالهايو. هُن مون کي پنهنجي پناهه ۾ ورتو. نوابشاهه لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر هوندو هو. سخت ايڊمنسٽريٽر هوندو هو. اسڪول جي هاسٽل ۾ تونگر قسم جي زميندارن جي ٻارن جو کانئس دم نڪرندو هو. سندس اڳيان ايندي ڪنبي ويندا هئا. انهن ۾ مرتضيٰ جتوئي ۽ عبدالستار ساريوال ۽ انهن جهڙا انيڪ شاگرد شامل هوندا هئا.
    سائين خوجه صاحب مون کي اسڪول جي هاسٽل ۾ ڪمرو نه ڏنو. انهن ڏينهن ۾ لطيف هال ٺهي راس ٿيو هو، لطيف هال هينئر نوابشاهه ميڊيڪل ڪاليج ۾ شامل آهي. سائين خوجه صاحب مون کي هال جي اسٽيج سان لڳو لڳ گرين روم رهڻ لاءِ ڏنو. (گرين روم ۾ آرٽسٽ ميڪ اپ وغيره ڪرائي، ڪاسٽيوم پائي اسٽيج تي داخل ٿيندا آهن.) گرين روم تمام وڏو هو. سمورو لطيف هال گهاٽن وڻن سان وڪوڙيل هوندو هو. هاسٽلون، ۽ ڪاليج ڪافي پري هوندا هئا. سج لهڻ کان پوءِ ماحول هيبتناڪ ٿي پوندو هو. اوندهه، هيڪلائي ۽ خاموشيءَ ۾ گدڙن، بگهڙن ۽ ڪتن جي اونائڻ جا آواز ڏاڍا پُراسرار ۽ ڀوائتا لڳندا هئا.
    اتان منهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي دور جي ابتدا ٿي جنهن مون کي اُهو رهڻ نه ڏنو، جيڪي مان هوس. منهنجي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه بدلجي ويو، جنهن ڏينهن قمر شهباز مون کي ٻانهن کان جهلي سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻيءَ ۾ وڃي ويهاريو. تنهن ڏينهن کان، حيرت، تجسس، رازن ۽ رمزن جا در مون تي کُلڻ لڳا. منهنجو پنر جنم (ٻيهر جنم وٺڻ) ۾ پختو اعتبار آهي. اسين ڄمڻ کان اڳ هئاسين، ۽ مرڻ کان پوءِ به ٻيو جنم وٺي موٽي اينداسين. موت عارضي طرح اسان کي ماري سگهندو آهي، پر زندگيءَ جي سلسلي کي ختم ڪري نه سگهندو آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ميٽنگن ۾ ويهندي مون محسوس ڪيو ته لکڻ پڙهڻ واري ڪرت سان منهنجو ڪنهن جنم جو رشتو آهي. انهن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ کانسواءِ مون کي ٻي ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه م نه ايندي هئي. ادبي سنگت ۾ بردي سنڌي، نور عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني، قمر شهباز ۽ گل محمد چنا جي شاعري ۽ ڪهاڻيون ٻڌي مان اچرج ۾ پئجي ويندو هوس. سڀ ڪجهه آهستي آهستي مون کي پنهنجو پنهنجو محسوس ٿيڻ لڳو. مون کي سمجهه ۾ نه ايندو هو ته مون سان ڇا ٿي رهيو هو! مان نفي (انڪار) مان نڪري، اثبات (هاڪار) ۾ داخل ٿي رهيو هوس.
    اڄ آتم ڪٿا جو هيءُ باب لکندي محسوس ڪريان ٿو ته اسين زندگيءَ جي ڪنهن حتمي دور ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ظاهر ۽ باطن جي تبديلي Metamorphosis ۽ Transformation جي مرحلن مان گذرندا آهيون. ان قسم جي تبديليءَ ۾ اسان جي مرضي ۽ منشا جو عمل دخل نه هوندو آهي. ان تبديليءَ جو سمورو دارومدار اسان جي وجود ۾ داخلي ڪيفيت ۽ ٻاهرين ڪيفيتن جي مطابقت ۽ موافقت تي هوندو آهي. انهن ئي ڏينهن ۾(56─1955) ٻن ٽن واقعن منهنجي اندر وارين ڪيفيتن ۽ ٻاهرين ڪيفيتن کي يڪجاءِ ۽ يڪ جان ڪري ڇڏيو.
    عبدالمالڪ کي نوابشاهه شهر وارا، ننڍا هجن يا وڏا ادا سڏيندا هئا. مون کان ٻه سال ننڍو هو. مان انٽر آرٽس ۾ هوندو هوس ۽ ادا ميٽرڪ ۾ پڙهندو هو. خوجه صاحب جي لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽس مين هوندو هو. شاندار بيٽنگ ڪندو هو. ڪرڪيٽ اسان جي دوستيءَ جو سبب ٿي پيئي. نرم سڀاو، خوش طبع، سچو، سپتيو ۽ هاٺي ڪاٺيءَ جو جانٺو جوان. هُن جهڙا هينڊسم نوجوان مون ورلي ڏٺا آهن. طلعت محمود جا گيت ٻڌندو هو، ۽ ڳائيندو به هو ۽ جڏهن ڳائيندو هو ته هوبهو طلعت محمود جي سُر، تال ۽ لهجي ۾ ڳائيندو هو. وري جو اسٽيج ڊرامن ۾ ڪم ڪندو هو ته پنهنجي قدرتي اداڪاريءَ سان سڀني کي حيران ڪري ڇڏيندو هو. ايتري ننڍي عمر ۾ ايڏي عزت مون حنيف محمد کانسواءِ ٻئي ڪنهن نوجوان کي ملندي نه ڏٺي آهي. مان پاڪستان جي ڳالهه ٿو ڪريان. ورنه سچن ٽنڊولڪر سان ڪنهن جي ڀيٽ ڪرڻ امڪان کان ٻاهر آهي. هن سورهن سالن جي عمر ۾ دنيا کي پنهنجي ڏات سان حيران ڪري ڇڏيو هو.
    لطيف هال نوابشاهه ۾ امتياز علي تاج جو ڊرامو انارڪلي اسٽيج ٿيو هو. ڊرامي ۾ ادا عبدالمالڪ شهزادي سليم جو رول ڪيو هو. ڪمال جي اداڪاري ڪري رهيو هو. ڊرامي جي چوٿين ڏينهن، ڊرامو ختم ٿيڻ کان پوءِ، ڪاسٽيوم بدلائيندي بيهوش ٿي ڪري پيو. سڌو اسپتال کڻائي ويس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ گذاري ويو. حادثو ايتري تيزيءَ سان ٿيو جو اعتبار نه پي آيو ته نوابشاهه جو ادا، نوابشاهه مان هميشه لاءِ لڏي ويو هو. نه اکين کي اعتبار، ۽ نه ڪنن کي يقين پر، حقيقت کان منهن موڙڻ ممڪن نه هو. ادا گذاري ويو هو. ادا مري ويو هو. هو هن دنيا مان لڏي ويو هو.
    منهنجو وهم هو، يا گمان هو. لطيف هال جي گرين روم ۾ رهندي، اسٽيج تان مون کي ادا جي مڪالمن جو پڙلاءُ ٻڌڻ ۾ ايندو هو. ان ئي قسم جي ڪيفيت سڀني دوستن جي هئي. ادا جا پاڇولا ۽ عڪس حامد علي ڪرڪيٽ گرائونڊ کان وٺي نوابشاهه جي گهيرن ۽ گهٽين ۾ نظر ايندا هئا.
    دوستن ادا جي ياد ۾ رسالو ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. رسالي جو نالو رکيائون. ”ادا“. فيصلي ۾ طئي ڪيو ويو ته ”ادا“ رسالي جي پهرين شماري ۾ ادا جي ويجهن دوستن کي لکڻو پوندو. سمورا دوست هئا اديب ۽ شاعر. شعر ۽ ڪهاڻيون لکندي ويرم نه ڪيائون. نيٺ مون تي باٺو کنيائون. چيائون، ايندڙ پرچي لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ضرور لکي ڏي.
    قمر شهباز سان صلاح ڪيم. هن همٿايو. ڪجهه هن ريت چيائين: قلم ڪاغذ کڻي ويهي رهه – ڪا اهڙي ياد لک جيڪا تون ڪڏهن به وساري نه سگهيو هجين.
    اُن رات منهنجي ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. مان لطيف هال جي هيڪلي گرين روم ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويهي رهيس. ذهن تي هڪ نه، انيڪ يادگيريون تري آيون. انهن يادن ۾ سڀني يادگيرين تي حاوي ٿيندڙ ياد هئي رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ڪراچي ۾ منهنجي ڪلاس ميٽ اندرا جي ياد.
    سموري رات لکندو رهيس. ٻي رات به لکندو رهيس. پنا پڙهي. ڦاڙي وري پئي لکيم. ائين ٽين رات گذري ويئي. چوٿين رات به گذري ويئي. پنجين ڏينهن ”ادا“ رسالي جي ايڊيٽر گل محمد چنا کي جيڪا ڪهاڻي ڇاپڻ لاءِ ڏنم تنهن ڪهاڻيءَ جو عنوان هو، اندرا.
    هن ڪتاب لاءِ اوائلي ڪهاڻين جي چونڊ ڪندي جڏهن اندرا پڙهي ڏٺم ته مون کي ڏاڍو تعجب ٿيو. ڪهاڻي ڪنهن به لحاظ کان شايع ڪرڻ جهڙي نه هئي. شايع فقط ان ڪري ٿي هئي جو ادا جي ويجهن دوستن کي رسالي ۾ جاءِ ڏيڻي هئي. ڪهاڻي ڪچي ڏڏ آهي. فلمي انداز جهڙا مصنوعي منظر – ڪردار ڪوڙا – واقعا بي ربط تاڃو پيٽو بنهه ڪمزور. ها، اندرا ڪهاڻي پڙهندي هڪ حيرت انگيز حقيقت منهنجي سامهون آئي آهي. موضوع جي لحاظ کان، پنجونجاهه سال اڳ لکيل اندرا منهنجي پهرين ۽ آخري ڪهاڻي آهي. مون پنجونجاهه سالن ۾ جيڪي لکيو آهي، ڪهاڻيون، ناول، ڪالم ۽ مضمون، منهنجي ڪابه تحرير اندرا جي موضوعاتي گرفت مان نڪري نه سگهي آهي. اندرا جو موضوع آهي. دنيا جو ڪوبه مذهب سچ ۽ محبت کان مٿاهون ناهي. ملڪ وراهي سگهجن ٿا، پر محبت نه – وڇوڙي ۾ عشق جي ابديت آهي. بقا آهي – وصل عشق جي نفي آهي ڌرتي اسان جي ماءُ آهي. اهي ئي موضوع آهن جن تي مان اڄ تائين لکي رهيو آهيان.
    شايع ٿيڻ کان پوءِ اندرا تي ڏاڍي تنقيد ٿي هئي. سڀ کان سخت تنقيد ۾ چيو ويو هو ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪفر جو پرچار ڪيل آهي. اڄ تائين ان قسم جي تنقيد ميڊل وانگر مون ڳچيءَ ۾ پائي ڇڏي آهي. ارڙهن سالن جي عمر ۾ اندرا لکڻ مهل منهنجا جيڪي ويچار هئا، خيال هئا. انديشا هئا. سي ٽيهتر ورهين جي عمر ۾ پڪا پختا ۽ Fossil ٿي پيا آهن. هر گذرندڙ گهڙيءَ ۾ نظرين جي تصديق مون کي ملندي رهي آهي.
    مذهبن ملڪن ۾ ماڻهو منجهايا آهن، ماڻهو ڪهائيا آهن، ماڻهو وڙاهيا آهن، دلين ۾ ويڇا وڌا آهن. اهو ويچار مون کي مريديءَ ۾ پنهنجي مرشد سچل سرمست وٽان مليو آهي. هڪ مالڪ کي، خالق کي ماڻهن پنهنجي پنهنجي پروڙ مطابق مختلف نالا ڏيئي ڇڏيا آهن. هنن هڪ کي انيڪ ڪري ڇڏيو آهي، پر، تنهن هوندي به هو هڪ آهي. انسان پنهنجي محدود سمجهه آهر هن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. تخليق (ماڻهو) خالق کي پنهنجي تصور ۾ قيد ڪري کيس پنهنجي مرضيءَ مطابق وصفون ۽ صفتون ڏيئي ڇڏيون آهن. هن هڪ جو انت لهڻ انسان جي وس کان ٻاهر آهي.
    اندرا ڪهاڻيءَ جي نائڪ جو نالو پريمي آهي. ليکڪ پنهنجو نالو مخفي رکندا آهن. يا مٽائي ڇڏيندا آهن. ڪجهه ليکڪ پنهنجي نالي سان ڪونه ڪو تخلص لڳائي ڇڏيندا آهن. هو ائين ڇو ڪندا آهن؟ مون کي خبر ڪونهي، پر، مون به سندن پيروي ڪئي. مون مختلف تخلصن جي باري ۾ سوچيو، پر ڪوبه تخلص مون کي نه وڻيو. تنهن ڪري، ڪهاڻيءَ جي نائڪ جو نالو ”پريمي“، پنهنجي نالي سان ڳنڍي ڇڏيم. منهنجي پهرين ڪهاڻي اندرا جليل پريميءَ جي نالي سان شايع ٿي هئي.
    اندرا (1955) کان پوءِ ٻه ٽي سال مون ڪجهه نه لکيو. ڪرڪيٽ جي عشق مون کي سرگردان ڪري ڇڏيو. انهن ٽن سالن ۾ مان نوابشاهه ڪاليج لاءِ کيڏيس. گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد لاءِ کيڏيس. سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ کيڏيس. سنڌ صوبي لاءِ کيڏيس. ان دوران 1957ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ کيڏندي پشاور يونيورسٽيءَ خلاف وڪيٽ ڪيپنگ جو پاڪستان انٽر يونيورسٽيز رڪارڊ ٺاهيم. ميچ جي پهرين ۽ ٻي اننگ ۾ جيڪي نَوَ، رانديگر اسٽمپ يا ڪيچ ڪيم تن مان ستن کي قمر احمد جي بالنگ تي آئوٽ ڪيو هيم. قمر احمد ليفٽ آرم ليگ اسپنر هو. اڄ ڪلهه بي بي سي لنڊن طرفان هندستان ۽ پاڪستان جي راندين جي ڪوريج Coverage ڪندو آهي. پشاور يونيورسٽي ٽيم جو ڪيپٽن حسيب احسن هو. اڳتي هلي حسيب احسن پاڪستان ٽيم لاءِ کيڏيو. رٽائر ٿيڻ کان پوءِ پاڪستان ٽيم جو سليڪٽر به ٿيو هو.
    مان نوابشاهه ۾ ئي هوس جو مغربي پاڪستان جي وڏيرن، چوڌرين، سردارن، خانن، ميرن، پيرن ۽ سيدن حڪومت کي صلاح ڏني ته سجاڳ ۽ سڄاڻ بنگالين جو اسيمبليءَ ۾ مقابلو ڪرڻ لاءِ مغربي پاڪستان جي چئن صوبن کي ملائي، هڪ ڪري، ون يونٽ ٺاهي، مشرقي پاڪستان کي منهن ڏجي. حڪومت رٿ قبول ڪئي. بنگالين ۽ مغربي پاڪستان جي ڪجهه ميمبرن ون يونٽ جي سخت مخالفت ڪئي. هنن حڪومت تي واضح ڪري ڇڏيو ته ون يونٽ جي رٿ تي عمل ڪرڻ سان ملڪ ٽٽي پوندو. وڏو سياسي ممڻ مچندو جنهن کي حڪومت منهن ڏيئي نه سگهندي.
    1956ع ۾ اسيمبليءَ ون يونٽ ٺاهڻ جي رٿ قبول ڪئي. مهينو مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ـ شايد آگسٽ يا سيپٽمبر جو مهينو هو. نوابشاهه ۾ ون يونٽ خلاف زبردست ريليءَ (جلسي جلوس) جي تياري ڪئي وئي هئي. مان ڪرڪيٽ جو ديوانو، سياسي سڌ ٻڌ کان محروم هوس. ها، ايترو سو ٿيو هو جو ادب طرح وڌندڙ لاڙي سبب مون ۾ سياست کي سمجهڻ جو گڻ پيدا ٿي پيو هو. احتجاجي ريليءَ لاءِ قمر شهباز هڪ گيت لکيو هو:
    وطن جي راهه ۾ وطن جا نوجوان شهيد ٿيو،
    يا بچايو سـنڌ کي، يا سـورمـا شهـيد ٿيو.
    مان اسڪول ۽ ڪاليج (اڳتي هلي يونيورسٽي) ۾ چڱي سُر ۽ تال ۾ ڳائي سگهندو هوس. سڀني جي صلاح سان مون کي ريليءَ ۾ گيت ڳائڻ لاءِ چيو ويو. مان ڳائيندو هوس دوستن جي محفل ۾، يا ڪلاس روم ۾. هيڏي ساري سياسي جلسي ۾ ڳائڻ جي ڳالهه ٻڌي منهنجيون وايون بتال ٿي ويون. ڪنڌ ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪيم. پر ڪڍائي نه سگهيس.
    موني بازار جي چو واٽي تي اسٽيج ٺاهي هئائون. بعد ۾ خبر پيئي ته شيخ مجيب الرحمان جي دوست قاضي فيض محمد جي سڏ تي بنگالي ۽ پٺاڻ ليڊر به اچي نوابشاهه ۾ گڏ ٿيا هئا. مون ايڏو وڏو جلسو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. ڄڻ ماڻهن جو سمنڊ هو. مون کي ڪنبڻي وٺي ويئي. مان ڪو پروفيشنل سنگر ته هوس نه. شوقيه ڳائيندو هوس. سو به دوستن لاءِ. اول خيال آيو ته قمر شهباز جي اک بچائي ڀڄي وڃان. پر، مناسب نه سمجهيم.
    هوش منهنجو تڏهن اُڏامي ويو، جڏهن مائيڪرو فون مون کي هٿ ۾ ڏيئي، چوٽ چاڙهي، چيائون:
    ڳاءِ.
    ادبي کيتر جي پهرين ڏهن سالن ۾ (1955 کان 1965) منهنجي زندگيءَ ۾ ٿيڻ وارن ٽن وڏن واقعن مان هڪ وڏو واقعو اڻ سڌي طرح سياست ۾ پير پائڻ هو ـ سا به احتجاجي ۽ بغاوتي سياست Politics of dissent مون قمر جو گيت ڳائڻ شروع ڪيو. اڃا اڌ کن گيت ڳايو هيم جو ماڻهن جو سمنڊ ڇوليون هڻڻ لڳو ـ ڌرتي ۽ آسمان کي لوڏي ڇڏڻ جهڙا ايڏا ته نعرا هنيائون جو گيت نعرن ۾ گم ٿي ويو. ڏسنديئي ڏسندي جلسو سياستدانن جي هٿن مان نڪري ويو. ڀڃ ڊاهه شروع ٿي ويئي. ويڙهه، ۽ ڀڄ ڀڄان ۾ ايڏي ته دز اڏامي ڄڻ مٽيءَ جا ڪڪر ڌرتيءَ تي لهي آيا هئا.
    ان کان پوءِ اها ئي ڪارروائي شروع ٿي جيڪا اڄ تائين منظم نموني جاري آهي. وٺ پڪڙ، وارنٽ، گرفتاريون، ٿاڻن تي عقوبتون ۽ بيان کان ٻاهر تعديون. جيئن ته اسان جو ڪو تنظيمي ڍانچو نه هو ۽ نه ئي ڪا ليڊرشپ، تنهن ڪري اسين سڀئي ڇڙوڇڙ ٿي وياسين. پوليس کي گوهيون لڪ ڇپ، انڊر ڪَوَر ۽ انڊر گرائونڊ ٿي وياسين. يارن ون يونٽ ٺاهي دم پٽيو. دم ڇا پٽيو، سندن نڪ ۾ دم ٿي پيو، ملڪ، خاص ڪري بنگال ۽ سنڌ ۾ ممڻ مچي پيو، سنڌ جا سياستدان ڍرا، اديب، شاعر، دانشور ۽ صحافي نروار ٿي ميدان تي نڪري آيا، لاڳيتو ڏهه سال بنگالي ادب سان ڀيٽڻ جهڙو سنڌي مزاحمتي ادب پيدا ڪيائون.
    ون يونٽ جي بچاءُ ۾ جنرل ايوب خان بيريڪن مان نڪري آيو. 1958ع ۾ مارشل لا لڳائي ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو. اڳتي هلي، 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽي پيو. مولانا ابو الڪلام آزاد جي اڳڪٿي صحيح ثابت ٿي ته پاڪستان پنجويهن سالن کان وڌيڪ جٽاءُ ڪري نه سگهندو. چوويهين سال پاڪستان ٻه اڌ ٿي پيو.
    سلسليوار آتم ڪٿا لکڻ منهنجي وس کان ٻاهر آهي. مان مختلف موقعن تي آتم ڪٿا جا مختلف باب لکندو رهندس، بلڪه لکي رهيو آهيان، جيئن هيءُ آتم ڪٿا جو هڪ باب آهي. 1971ع ۾ پاڪستان جي ٽٽڻ جا سبب ٻئي ڪنهن مناسب موقعي تي، الڳ باب ۾ لکندس. هن باب ۾ 1955ع کان 1965ع تائين جون ڳالهيون آهن.
    ادب ۽ سياست ۾ منهنجي داخل ٿيڻ جو عرصو ساڳيو آهي. يارن منهنجي ادب تي نعريباز ادب هئڻ جي مهر هڻي ڇڏي. ماڻهن جڏهن غور سان مون کي پڙهڻ شروع ڪيو، ۽ پيار ڀري موٽ ڏني تڏهن به يارن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ماڻهن کي هيٺين ذهن وارو سمجهي ڪا اهميت نه ڏنائون. سندن پروپيگنڊا جو اندازو اوهين ان مان لڳائي سگهو ٿا جو مهينو کن اڳ ايم فل جي هڪ شاگردياڻي مون سان ملڻ آئي. منهنجين ڪهاڻين تي ريسرچ پي ڪيائين. مختلف نوعيت جا سوال پڇڻ کان پوءِ، هڪ سوال پڇيائين، ”اوهان تي الزام آهي تي، اوهين نعري باز ادب لکندا آهيو.“
    مون کيس جواب ڏنو هو، ”ها اهو الزام سئو سيڪڙو صحيح آهي. اردوءَ ۾ اهڙي ادب کي مزاحمتي ادب چوندا آهن ۽ انگريزيءَ ۾ Literature of resistance سڏيندا آهن. اهڙي ادب کي سنڌي ۾ اسان جا يار نعري باز ادب سمجهندا آهن.“
    مان بنيادي طرح رومينٽڪ ليکڪ آهيان. پر، منهنجيون ڪهاڻيون ۽ ناول، ”نيٺ گونگي ڳالهايو،“ سياسي پس منظر ۾ لکيل آهن.
    ادب ۽ سياست کان پوءِ منهنجي ادبي اوسر وارن پهرين ڏهن سالن جو ٻيو واقعو، منهنجي زندگيءَ جو وڏي ۾ وڏو واقعو 1960ع ۾ امان جو اُسهڻ هو. ويهين آڪٽوبر تي اسر کان اڳ منهنجين ٻانهن ۾ هميشه لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون هئائين. ان واقعي جو ذڪر مان آتم ڪٿا جي ٻن ٽن بابن ۾ تفصيل سان ڪري چڪو آهيان. هتي فقط ايترو چوندس ته امان جي اسهڻ کان پوءِ مان اهڙو ته اٻاڻڪو ۽ ننڌڻڪو ٿيس جو ٽيهتر سالن جي عمر ۾ به مان پاڻ کي اٻاڻڪو محسوس ڪندو آهيان. منهنجي وجود ۾ جيڪڏهن ننڍڙي چلولي ٻار جو واسو نه هجي ها ته مان جيڪر ڪڏهن به زندگيءَ ۾ کلي نه سگهان ها.
    ادبي اوسر جي پهرين ڏهن سالن جي ٽئين واقعي منهنجي حياتيءَ کي تهس نهس ڪري ڇڏيو. ايم اي ڪرڻ کان پوءِ يونائيٽيڊ نيشنز جي هڪ عالمي پروجيڪٽ ۾ نوڪري ملي هئي. دنيا ۾ آباديءَ جي ردوبدل تي کوجنا ڪرڻي هئي. سڄي پاڪستان مان چار ڄڻا چونڊيا هئائون. پنجاب مان چونڊيل اميدوار کي فيصل آباد ۾ کوجنا ڪرڻي هئي، مون کي لاڙڪاڻي ۾، بنگال مان ٻن ڄڻن کي ڍاڪا ۽ چٽگانگ ۾ کوجنا ڪرڻي هئي. لاڙڪاڻي جي يونين ڪائونسل لغاريءَ ۾ ڪم ڪندي مون کي اتان جي وڏيري جو رويو اصل نه وڻيو هو. سن 1962ع ۾ استعيفا ڏيئي مان ڪراچي موٽي آيس. بابا جهٽ پٽ مون کي اين جي وي هاءِ اسڪول ۾ ماستري وٺي ڏني، گڏوگڏ پبلڪ سروس ڪميشن جي ٻن ٽن امتحانن لاءِ تياري شروع ڪرائي ڇڏي.
    هڪڙي ڏينهن ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ منهنجو ڪلاس ميٽ احمد ظهير ملڻ آيو. احمد ظهير نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪلچرل ونگ جو جوائنٽ سيڪريٽري هوندو هو. پاڻ سان هڪ فنڪار قسم جي ماڻهوءَ کي وٺي آيو هو. سانورو، مڇون ڏاڙهي چٽ، مٿي جا وار گهاٽا ۽ گنڍيدار، پوري پني بدن سان وچولي قد جو اڌڙوٽ هو، نالو هوس اقبال اي خان. جيتري دير ويٺو رهيو، مون کي مٿي کان پيرن تائين ڏسندو رهيو. پوءِ احمد ظهير کي ڪن ۾ ڪجهه چيائين.
    احمد ظهير منهنجي ڀرسان اچي ويٺو. منهنجو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليندي چيائين، ”اقبال خان پاڪستان ٿيٽرس جو مالڪ ۽ ڊائريڪٽر آهي. ٿيٽر جي دنيا ۾ وڏو نالو اٿس. پنهنجي نئين ڊرامي ۾ هڪ اهم ڪردار لاءِ هن ڪراچيءَ جا سمورا آرٽسٽ ڏسي ڇڏيا آهن. تون کيس ڏاڍو وڻي ويو آهين.“
    مون سڌو سنئون اقبال خان سان ڳالهايو. کيس چيم ته، ”حضرت، تون غلط ماڻهوءَ وٽ آيو آهين. مان ايڪٽنگ ويڪٽنگ مان نه ڄاڻان.“
    اقبال خان چيو، ”تون فقط حامي ڀر، باقي ڪم مون تي ڇڏي ڏي.“
    ”ڪيئن ڇڏي ڏيان؟“ چيم، ”اهو ڪم مون کي ممڪن نه ٿو لڳي.“
    اقبال خان منهنجين اکين ۾ اکيون وجهندي چيو، ”ميان، تون ته ماڻهو آهين ـ منهنجي چوڻ تي پٿر به ايڪٽنگ ڪري سگهندا آهن.“
    احمد ظهير ڏاڍو زور ڀريو. ايوب خان خلاف جلسا جلوس ڪڍڻ، پوليس سان وڙهڻ ۽ چڪريون کائڻ واري دور جو ساٿي هو. مون پاڪستان ٿيٽرس جي ڊرامي ” ایک کمہار سب کہلونی“ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ حامي ڀري ڇڏي. ڪرشن چندر جي ڊرامي ” سراءے کے باہر“، تان انتصار حسين ايڊاپٽ ڪيو هو.
    بابا کي اها ڳالهه بنهن نه وڻي هئي. فقط ايترو چيو هئائين، ”ان ڪم مان ڪو چڱو نتيجو ڪونه نڪرندو.“
    بابا جي ڳالهه ڄڻ اڳڪٿي هئي. پاڪستان ٿيٽرس ۽ نيشنل ٿيٽرس لاءِ ڊراما لکندي، ڊراما ڊائريڪٽ ڪندي، ۽ ڊرامن ۾ حصو وٺندي مان خود هڪ المناڪ ڊرامي جو ڪردار ٿي پيس. 1963ع ۾ هڪڙي ڏينهن زنجير پائي مون خودڪشي ڪري ڇڏي. هڪ جنم کان ٻئي جنم تائين الاءِ ڪائون دفعو مرڻ کان اڳ مري ويو هوس. ٿيٽرس سان گذاريل ٻن اڍائي سالن جو احوال منهنجي آتم ڪٿا جو آخري باب هوندو، ۽ منهنجي مرڻ کان پوءِ شايع ٿيندو.
    انسان زندگيءَ ۾ ڄاڻيندي يا اڻڄاڻائيءَ ۾، (دانشته يا نادانسته) اهڙيون غلطيون، خطائون ۽ گناهه ڪري وجهندو آهي جن کي هو وساري نه سگهندو آهي. سڄي ڄمار پڇتائيندو رهندو آهي. پاڻ تي ملامت ڪندو رهندو آهي.
    هن ڪتاب ۾ نه چاهڻ جي باوجود مون اهڙيون ٻه ڪهاڻيون شامل ڪيون آهن جن مون کي هميشه شرمندو ۽ پشيمان ڪيو آهي. اهي ٻه ڪهاڻيون آهن، ”سرحد“، ۽ ”سنڌو سجاڳ ٿيندو.“ اهي ٻئي ڪهاڻيون منهنجي لاءِ ثبوت آهن. ان ڳالهه جو، ته انسان ڀل ته ذهني ۽ نظرياتي طرح ڪيترو به سجاڳ ۽ اورچ ڇونه هجي، هو ڪڏهن نه ڪڏهن ڌڪ ضرور کائي ويهندو آهي.
    ون يونٽ جي پهرين ڏينهن کان منهنجي ويڙهاڪ سياسي زندگي جي شروعات ٿي هئي ۽ ان سان گڏ ادب جي بارگاهه ۾ سجدن جي. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ٽي سال جنرل ۽ بعد ۾ فيلڊ مارشل ايوب خان جي رياستي جبر ۽ ڏاڍ خلاف وڙهندي گذري ويا هئا. عوام خلاف رياستي رياڪارين، چالاڪين ۽ نفسياتي جنگ کي سمجهڻ ۽ ان جو ٽوڙ ڳولڻ لاءِ ذهن کي لاڳيتو تربيت ملي هئي. سمجهندو هوس، بلڪه بانور ڪندو هوس ته ڪابه رياستي چالاڪي مون کي چڪر ڏيئي نه سگهندي. پر، سڀ ڪجهه سمجهڻ جي باوجود مان دوکو کائي ويٺس.
    جنرل ايوب خان 1964ع ۾ پاڻ کي ڊڪٽيٽر بدران منتخب صدر سڏائڻ جي شوق ۾ صدارتي چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو. اڪيلي سر پاڪستان ٺاهيندڙ محمد علي جناح جي ڀيڻ فاطمه جناح، ايوب خان خلاف چونڊ ۾ بيهڻ جو فيصلو ڪيو. فاطمه جناح ايڏي ته هر دلعزيز هئي جو ڪنهن جي خواب خيال ۾ نه هو ته جنرل ايوب کانئس چونڊ ۾ کٽي سگهندو. رياستي سياڻن، ملن کي فاطمه جناح خلاف مسجدن مان پروپيگنڊا ڪرڻ لاءِ کڙو ڪيو. ملن جو موقف هو ته ڪابه عورت شريعت مطابق هڪ اسلامي ملڪ جي سربراهه نه ٿي سگهندي آهي.
    پاڪستان جي آبادي ۾ اڌ کان وڌيڪ آدمين وارو صوبو مشرقي پاڪستان فاطمه جناح جو حمايتي هو. سنڌ فاطمه جناح سان ساڻ هئي. کيس بلوچستان جي به حمايت حاصل هئي. پنجاب جو ترقي پسند عنصر به فاطمه جناح جي حق ۾ هو. سرحد جي کاٻي ڌر وارا به فاطمه جناح جا حمايتي هئا.
    پر، نتيجو ڇا نڪتو؟ پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين ڌانڌليءَ واري صدارتي چونڊ ۾ فاطمه جناح هارايو. ملڪ وائڙو ٿي ويو. بنگال ۾ بغاوت ٿي پيئي. سنڌ ۾ رڻ گجيو، راڙو ٿيو. لاهور ۾ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد رستن تي نڪري آيا. ايوب خان ششدر ٿي پيو. وايون بتال ٿي ويس.
    ايوب خان وٽ شيطاني ذهن رکڻ وارن جو ٽولو هوندو هو، جڏهن ڏٺائون ته ملڪ ۾ لڳل باهه ڀنڀٽ ٿيندي پي ويئي، هنن ايوب خان کي عوام خلاف نفسياتي جنگ وڙهڻ جي صلاح ڏني ـ اهڙي ڪا چال چلجي جو ماڻهن جو ڌيان صدارتي چونڊ جي نتيجي تان هٽي وڃي، ۽ هو ذهني طرح ڪنهن جذباتي وهڪري ۾ وهي وڃن. ڏاڍي خوفناڪ چال چلي هئائون.
    ايوب خان اوچتو 1965ع ۾ هندستان سان سرحدن تي جنگ ڇيڙي وڌي. جنرل ايوب خان جي ذهين ڪاموري الطاف گوهر ڏاڍي جذباتي تقرير لکي ـ لفظن سان جيڪا راند ايندي هيس. سا ڪيائين. ايوب خان اها تقرير وڏي اداڪاريءَ سان ۽ ڏاڍي دردناڪ انداز ۾ ريڊيو تان نشر ڪئي. پوءِ ته جنگي نغمن، گيتن، شهادت لاءِ واعظن ۽ تلاوتن سان ماڻهن خلاف نفسياتي حربي جو سلسلو شروع ٿي ويو. اڳتي هلي جيڪي حقيقتون سامهون آيون، انهن مطابق 1965ع واري جنگ جي اهميت سرحدي جهڙپن کان وڌيڪ نه هئي. جن فوجين ان جنگ ۾ حصو ورتو هو، تن مان ڪجهه فوجين ڪتاب لکي 1965ع واري جنگ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. بهرحال، ان وقت سموري ملڪ سان ڊرامو کيڏيو ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائرن وڄندا هئا. هوائي حملن جا اطلاع ايندا هئا. بتيون وسائي بليڪ آئوٽ ڪرائي ويندي هئي.
    ان قسم جي انيڪ چالن سان ايوب خان جي ذهين ٽولي خاطر خواهه نفسياتي نتيجو حاصل ڪري ورتو. وڏي تعداد ۾ اديب، ۽ شاعر دوکو کائي ويهي رهيا. هنن نغما لکيا، گيت لکيا، غزل لکيا، نظم لکيا، نوحا لکيا، مرثيا لکيا، شهادت نامه لکيا، افسانه لکيا، مان پڻ دوکو کائي ويٺس. دوکي جي اثر دوران اهي ٻه ڪهاڻيون لکيم، ”سرحد“، ۽ ”سنڌو سجاڳ ٿيندو.“ جيتوڻيڪ ٻئي ڪهاڻيون ڇسيون ۽ حقيقت کان هٽيل آهن. تنهن هوندي به ٻنهي ڪهاڻين ۾ سنڌي معاشري ۾ اوچ نيچ ۽ وڏيرا شاهيءَ جي عقوبتن جي چٻي ٽنڊي عڪاسي ڪيل آهي. اهي ٻئي ڪهاڻيون سياسي، نظرياتي ۽ صوفياڻي سوچ تي هڪ ڊڪٽيٽر جي عوام خلاف نفسياتي ڪاهه دوران عارضي غلبي جي بدنما داغ آهن. هوش ۾ ايندي مون کي دير نه لڳي. پر، دوکي جو ڌڪ مان وساري نه سگهيو آهيان. رياستي شطرنج ۾ مان هر چال کي اڄ تائين شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهيان.
    ادبي عمل جي پهرين ڏهن سالن (1955 کان 1965) تائين مان گهڻو ڪري هندستان ۾ شايع ٿيندو هوس. اتان جا ذهين ايڊيٽر، پرم ابيچنداڻي، اُتم، هري موٽواڻي ۽ راڌا ڪرشن گرناڻي، ”پريان سندي پار جي مڙيوئي مٺائي،“ طور قبول ڪندي منهنجي هر لکڻيءَ کي پنهنجن رسالن ۾ جاءِ ڏيندا هئا. انهن مان ڪجهه تحريرون شايع ڪرڻ لائق نه هيون. هندستاني رسالن لاءِ لکندي مان دانسته، يعني ڄاڻي ٻجهي پنهنجين تحريرن ۾ هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ ٽنبيندو هوس. تنهن ڪري هن ڪتاب ”اوائلي ڪهاڻيون“ ۾ شامل ڪجهه ڪهاڻيون ٻوليءَ جي لحاظ کان اوهان کي اوپريون لڳنديون.
    ننڍپڻ ۾ ئي منهنجي سڌ ٻڌ ۽ سوچ سمجهه جي پيڙهه ڏاڍي پختي پئجي ويئي هئي. تازو شروع ڪيل ڀڳوان سان مڪالمي جو سلسلو، ڪٿا، (2008) ۽ پهرين ڪهاڻي، اندرا (1955)، عقيدي ۽ اعتقاد جي ساڳي سطح تي لکيل آهن. مان پيدائشي صوفي آهيان. جنهن هنج ۾ منهنجي پرورش ٿي، سا منهنجي ماءُ مڪمل صوفياڻي هئي. مان ته سمجهان ٿو جوڳياڻي هئي. سچل سرمست جي معتقد ۽ مريدياڻي هئي. نه رکندي هئي روزا، نه پڙهندي هئي نمازون، پر، مون کي ڪا اهڙي رات ياد ناهي جنهن ۾ مون امان کي سچل سائينءَ جو رسالو پڙهندي ۽ روئيندي نه ڏٺو هجي. ڪڏهن ڪنهن کي تڪليف نه ڏنائين. ڏک نه ڏنائين. ويٺي سڀني کي کلائيندي هئي. دل جي تڪليف هوندي هئس، پر ڪنهن کي ڪل پوڻ نه ڏنائين. آڪٽوبر 1960ع ۾ اسر ويل اٽيڪ ٿيس، منهنجين ٻانهن مان اڏامي هلي ويئي.

    امر جليل
    25-11-2008
    B-702, Sand View Homes,
    Frere Town,
    Clifton-Karachi, Sindh.
    E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
    amarjaleel36@gmail.com


    گناهه

    ڪجهه چوڻ لاءِ چپ ٿڙڪيا، ڦڙڪيا، جيڪي چوڻو هئس سو نه چيائين، جيڪي نه چوڻو هئس سو چيائين، ”ڪڏهن موٽندين؟“
    ”جڏهن روح جو روڳ ڌوئي ڇڏيندس، تڏهن موٽندس.“
    ”مون کي جدائيءَ جي جوڳ ۾ جلڻ لاءِ ڇڏي ويندين؟
    ”ڀٽڪيل سمجهي وساري ڇڏجاءِ.“
    ”اهو منهنجي لاءِ ناممڪن آهي.“
    ”پر ممڪن ڪرڻو پوندوءِ، تنهنجو پيار پويتر آهي، امر آهي. مان ڪوڙهي سارنگ جو وسڪارو.“
    هوءَ خاموش رهي. مون ڏانهن اُداس نگاهن سان ڏسندي رهي. مان ساڻس اک ملائي نه سگهيس. چيائين،
    ”مون ڏانهن ڏسين ڇو نٿو؟“
    ”تنهنجي دامن ۾ ڪنڊا ڀريا اٿم، تنهنجو ڀرم ڀوريو اٿم. هينئر تو ڏانهن ڏسڻ جي سرت پاڻ ۾ نٿو ساريان.“
    ان هڪ لمحي جي جنهن ماٺ ۾ اسان ٻئي ٻڏي وياسين، تنهن ۾ بي پناهه طوفان جو شور هو. لفظ نه هئا، پر دل جي بي چيني پنبڻن جي جهالر ۾ اٽڪي پيئي. سڏڪا ساهن ۾ سمائجي ويا. دور ڪٿي بادل گجگوڙ ڪري متزلزل ٿي ويا. پنهنجي ئي آواز ۾، پنهنجيءَ ئي آهه ۾. چيم،
    ”مون جيڪا بي وفائي تو سان ڪئي آهي، تنهن لاءِ هن ڪٽ کاڌل قانون وٽ ڪابه سزا ڪونهي.“
    دريءَ جي چائنٺ تي کاڏي رکي، اکيون پوري ڇڏيائين، دل جو درد سندس ٽٽل ساهن ۾ سمائجي رهيو هو. اکيون نه کوليائين. پڇيائين،
    ”ڪيڏانهن وڃي رهيو آهين، اهو به نه ٻڌائيندين؟“
    ”ڪيڏانهن وڃي رهيو آهيان، ان جي سڌ مون کي به ڪونهي، فقط ايترو ڄاڻان ٿو ته پاپي من جي خواهشن کي ڪچلڻ لاءِ مان دور وڃي رهيو آهيان.“
    ڏندن ۾ چپ ڀيڪوڙي، جذبن کي دفن ڪري ڇڏيائين. منهن ورائي اسٽيشن کان دور ڏٺائين، پري پري تائين گهنگهور گهٽائون ڇانئجي ويون هيون. آسمان تي تارا ڪڪرن جي ڪارن جبلن ۾ لڪي پيا هئا. ماحول ۾ ٻوسٽ نه هئي، پر تڏهن به اندر ۾ مونجهه ۽ گهٽ جو احساس ويو ٿي وڌندو، منهنجين وراڻين هن کي بيچين ڪري ڇڏيو، منهنجا جواب ڪنهن قديم کنڊر جي پڙاڏي جهڙا هئا. جنهن ڪٽار سان پاڻ کي ڪٽيو هئم، تنهنجو زهر منهنجي رڳ رڳ ۾ ڊوڙي رهيو هو، ڀڻڪيم...
    ”ڪجهه انسان پنهنجي هٿن سان پنهنجي زندگي اُجاڙيندا آهن. مان انهن مان هڪ آهيان.“
    کن لاءِ سوچيائين پوءِ چيائين،
    ”ڪجهه انسان جيون جي ڪٺن راهن ۾ منجهي پوندا آهن. اسان کين گمراهه نه چوندا آهيون.“
    ”اهي تنهنجا پنهنجا خيال آهن. پر، اخلاق جو اُٻاٽجڻ آتما جي هتيا آهي.“
    ”ان لاءِ پرائشچت؟“
    ”پرائشچت نه، جرم لاءِ سزا“
    ”ڪهڙي؟“
    ”پيار جو ٻليدان“
    گاڏيءَ کي ٽيڪ ڏئي، مون ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهي. وارن جي ڪنبڻ مان سمجهيم ته هوءَ پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. ذهن ۾ جيڪو طوفان اُڀري آيو هئس، تنهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي. منتشر لفظن جي لرزندڙ لهجي ۾ چيائين،
    “بيحد اُٻهرو آهين.“
    ”تڏهن ته زهر کي امرت سمجهي پي ويندو آهيان.“
    ”زندگي مسلسل غلطين جو هار – زخمن جي مالها آهي.“
    مون کي لهڻ جي کوجنا ڪيائين، مون کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن پنهنجا زخم وساري ڇڏيا، کيس فقط منهنجو مجروح ضمير ياد رهيو، منهنجي بي انت پيڙا ياد رهي، مان خاموش رهيس، هن ڳالهايو،
    ”هڪ غلطيءَ تي هزار جتنن سان حاصل ڪيل هيءَ زندگي قربان ڪبي آهي. وساري ڇونه ٿو ڇڏين؟“
    ”اهو منهنجي وس ۾ ناهي.“
    ”ائين ڪيئن جي سگهندين؟“
    ”جيستائين ساهه ماهه سان چنبڙيل رهندو، مان جيئندو رهندس.“
    گناهه جي ڌٻڻ ۾ دفن ٿي چڪو هئس. پاپ جو پڇتاءُ منهنجي خون ۾ سيسڙاٽ ڪري رهيو هو. هڪ هڪ گهڙي نيپوڙي رهي هئي.
    گاڏي ڇٽڻ ۾ ٿوري دير وڃي بچي هئي.
    منهن ورائي مون ڏانهن ڏٺائين. اکين ۾ اُداسي تري آئي هيس. چيائين،
    ”ڏينهن واري گاڏيءَ ۾ وڃين ها“
    ”مان اونده کان ڌار ٿي نه سگهندس، منهنجي زندگيءَ جو ايندڙ حصو تاريڪين ۾ گذرندو.“
    ”ڪاش، هن دک ۾ مان توسان ساڻ رهي سگهان“
    ”مان اڪيلائين ۽ تنهائين جو ساٿي آهيان. مان هيڪلاين ۾ ڦتڪڻ چاهيان ٿو“
    ”اهڙي سزا ته قاتلن کي به نه ڏيندا آهن!“
    ”اسان جي قانون وٽ مجرم جي جسم لاءِ، سرير لاءِ سزائون آهن، پر نفس جي وحشي جذبن لاءِ ڪا سزا ڪونهي.“
    ڀنل نيڻ مٿي ڪيائين. اوسيئڙي جا ديپ اکين ۾ ٽم ٽم ڪرڻ لڳس. ميگهه ۾ آگ ڏٺم.
    ”سزا جو وڏو حصو منهنجي جهول ۾ وڌو اٿئي.“
    ”تو منجهه سهڻ جي سگهه آهي، ضبط ڪرڻ جي طاقت آهي. مان ڪمزور آهيان، ڪريل آهيان، زمين جي خاڪ آهيان.“
    ”زمين جي خاڪ مان گل به ته جنم وٺندا آهن.“
    ”ها. تون گلن جي خوبصورتي ۽ مان ٿوهر آهيان.“
    پليٽ فارم جي بلب جي ميرانجهڙي روشني هن جي زرد منهن تي پئجي رهي هئي. سندس خشڪ چپن تي چنبڙيل پپڙيون ڏري پيون هيون. آڱريون ڪنبڻ لڳس. دريءَ تان هٿ جي گرفت ڍري ٿيڻ لڳس. جنهن غبار جي آنڌيءَ کي هن بي پناهه قوت سان روڪيو هو، تنهن آنڌيءَ ۾ هن جو هينئون جهرڻ لڳو. لڳم ڄڻ روئي پوندي، سڏڪي پوندي، ڪري پوندي. ساڻس ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جا ڏينهن گذاريا هئم. سندس هڪ هڪ عمل کي اندر جي اکين سان ڏسي وٺندو هئس. جنهن لامحدود تڪليف ۽ غم ۾ جلي رهي هئي، تنهن کي هڪ نظر ۾ سڃاڻي ورتم. اَلاءِ ڪيئن چيائين،
    ”مان ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌل آهيان. ٽٽي سگهان ٿي،منتشر ٿي سگهان ٿي. مان ئي آهيان جنهن تنهنجو جيون جنجال ڪيو آهي، زندگي حرام ڪئي آهي. مون اڀاڳڻ لاءِ اجايو پاڻ کي سزا ڏيئي رهيو آهين.“
    ”ائين نه چئه.“ کيس روڪيم، ”منهنجو وجود پرزا پرزا ٿي ويندو، تون ائين نه چئه، گناهه مون ڪيو آهي. مان سزا ڀوڳيندس. تو مون تي اعتبار ڪيو، مون تنهنجي وشواس کي جنسي آگ ۾ ڀسم ڪري ڇڏيو.“
    هن جيڪي ڪجهه چيو، سو ڇولين ۾ ڇلندي چيائين، تصور جي روهن ۾ رلندي چيائين. مون جيڪي ڪجهه وراڻيو، تنهن ۾ منهنجي اندر جي آهن جو آواز هو، گناهه جي اعتراف جو اقرار هو.
    هوءَ وياڪل ۽ ويراڳڻ نظر آئي. صحرا جي سڃ ۽ مرگهه ترشنا جو تڙڪو نظر آئي. پهريون ڀيرو سندس اکين ۾ نهاريم. آڪاش جي ڪنهن ٽٽل تاري جي اُجهيل اُجهيل چڻنگ هئين جي ڀنور ۾ چڪر کائي رهي هيس.
    اسان هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺا هئاسين، پر ڪيترو نه دور! دل جا اُڌما ڦاٽ کائڻ لاءِ ڦتڪي رهيا هئا. چيم،
    ”ڪالهوڪي رات ڪڏهن به وساري نه سگهندس. ڪاري رات جو ڪاريهر مون کي سدائين ڏنگيندو رهندو.“
    ”تون ڄاڻي واڻي ته نه ڪيو، جيڪي ڪجهه ڪيئه، دوستن جي هرکائڻ تي ڪيئه.“
    ”دوست! هون. بدي دشمن جو نه، دوست جو روپ ڌاري ايندي آهي، پر مون مورک اکين کان، عقل کان ڪم نه ورتو.“
    ”آئينده لاءِ اهڙن دوستن کان ڪناراڪش به ته ٿي سگهين ٿو.“
    ”مون وٽ بچيو ئي ڇاهي، جنهن جي حفاظت ڪيان.“
    ”منهنجين اکين سان ڏسين ته تو منجهه اڃا به سڀ ڪجهه موجود آهي.“
    ”ڪالهه رات شراب پيتم. سڄي رات هڪ وئشيا جي ننگي جسم کي ڄور وانگر چهٽيل رهيس.“
    نڙيءَ ۾ ٻٻر جي ٽاري ڦٽندي محسوس ڪيم. هوءَ ڪجهه نه ڪڇي. چيم،
    ”مون تنهنجي پيار جو اپمان ڪيو آهي. تنهنجي محبت جي توهين ڪئي اٿم.“
    ضمير جي ملامت ۾ منهنجو ڪنڌ جهڪي ويو. شرم جي احساس ۾ جسم آلو ٿيندو محسوس ڪيم. منهنجي پگهريل هٿ کي ڇوهيندي چيائين،
    ”فخر ڪندي رهيس ته اعتراف ڪيو اٿئي. جيڪا غلطي ڪئي اٿئي تنهن لاءِ مون کي افسوس ڪونهي.“
    ”۽ اهو ئي ڏک اٿم ته تو افسوس ڇونه ڪيو. مون کي ڌڪاريئه ڇونه، ٺڪرائيه ڇونه؟“
    هن جواب نه ڏنو، فقط مون ڏانهن ڏسندي رهي، نهاريندي رهي ۽ اک نه ڇنڀيائين. پوءِ چيائين،
    ”جيئن آهين، جهڙو آهين، منهنجو آهين. مان توکي اپنايان ٿي.“
    دل مان چيخ نڪتي ۽ منهنجي رڳ رڳ چيريندي هلي ويئي. چيم،
    ”تون نادان آهين، پڳلي آهين. جيڪڏهن تون پنهنجو جسم ڪنهن اجنبي مرد جي ٻانهن ۾ ڏين ها، ته هوند مان سڄي عمر تو کان نفرت ڪندو رهان ها، توکي ڌڪاريان ها، توکي بيوفا چوان ها، گاريون ڏيان ها.“
    ”مان تنهنجي امانت آهيان. اهڙو وقت اچڻ کان اڳ مان پنهنجي خواهشن، جنسي تقاضائن کي گهٽو ڏيئي ڇڏيان ها.“
    ”پوءِ مون ڇونه ڳلو گهٽي ڇڏيو پنهنجي نفس جي اُگهاڙين خواهشن جو؟ سوچيندو هئس مان ڪنهن اهڙي ڇوڪريءَ کي چاهيندس ۽ ساڻس شادي ڪندس جيڪا گنگا جهڙي پويتر ۽ شفق اڻڇهيل هوندي – ڇو جو مون به پنهنجي جسم کي جنسي باهه جي اُلن کان دور رکيو هو – پر.......“
    ”اعتراف سان اُن آڳ کي اُجهائي ڇڏيو اٿئي.“
    ”نه.“ وراڻيم، ”مان تنهنجي لائق نه آهيان. هينئر اهو نه آهيان. پاروٿو آهيان، استعمال ٿيل آهيان.“
    کيس منهنجي ضد جي ڄاڻ هئي. خاموش رهي. چيم،
    ”هوش ۾ اچڻ کان پوءِ، ان رات دل ڏاريندڙ رڙ ڪئي هئم، پر آڪاش نه ٽڙڪيو، ڌرتي نه ڦاٽي. مان جهري پيس. منهنجو ضمير جهري پيو، منهنجي اندر واري انسان شرم وچان آپگهات ڪري ڇڏيو.“
    ڪاري رات جي اونده ڪائنات کي پنهنجي چادر ۾ ويڙهي، نامعلوم اوڙاه ۾ ٻڏندي رهي. سنسار ڀيانڪ خاموشيءَ ۾ لڙهي ويو. کجين جا وڻ ڇڙيون هڻڻ لڳا – تڏهن منهنجو ڏيل ڏري پيو، ٽٽل ڦٽل اکرن ۾ ڳالهايم،
    ”منهنجو جسم مون وٽ تنهنجي امانت هو، مون امانت ۾ خيانت ڪئي آهي. مون کي سزا ملڻ گهرجي.“
    جهيڻي آواز ۾، ترسي ترسي، هٻڪندي چيائين،
    ”اُن رات کي وساري نه سگهندين؟“
    ”نه. جڏهن به شاديءَ کان پوءِ تنهنجي جسم کي پيار منجهان ڇوهندس، تڏهن هڪدم اُن وئشيا جو ننگو سرير منهنجي اکين اڳيان اچي بيهندو. مان ڪڏهن به توسان سچار ٿي نه سگهندس.“
    رات جي ڪارهن کڻي، پرائشچت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي سزا ڏيڻ لاءِ، پنهنجي شهر کان دور وڃي رهيو هئس. هن کي فقط سڌ هئي ۽ هوءَ اسٽيشن تائين آئي.
    گاڏي ڇٽڻ ۾ وقت وڃي ٿورڙو بچيو هو.
    دل تي ضبط ڪري، لڙڪ لڪائيندي پڇيائين،
    ”ٽڪيٽ ڪٿان جي ورتي اٿيئي؟“
    ”روهڙيءَ جي.“
    ”ڇو؟“
    ”روهڙي کان اروڙ ويندس. اروڙ جي ويرانين، تنهاين ۾ ڀٽڪندو رهندس. مان ڪنهن سان به ملڻ نٿو چاهيان. ڪجهه وقت ڪالڪان جي مندر ۾ رهڻ جو ارادو ڪيو اٿم.“
    اکيون اشڪن سان ٽمٽار ٿي ويس.
    ”اڪيلاين ۾ ڪڏهن به وساري نه سگهندين. ٻين سان ملي جلي رهندين ته سمورو غم ڀلائي ڇڏيندين.“
    ”مان ڀلائڻ نٿو چاهيان. ڀلائڻ جي ڪوشش ڪندس ته زخم ناسور ٿي پوندا. مان پاڻ کي سزا ڏيڻ چاهيان ٿو. وحشي جذبن کي چچرڻ چاهيان ٿو.“
    گارڊ وسل وڄائي.
    هوءَ پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي. سڏڪن ۾ پڇيائين،
    ”اروڙ ۾ ڪيستائين رهندين؟“
    ”جيستائين نفس جي خواهشن کي نيچي نه نوائيندس، مان رلندو رهندس.“
    ”ائين ڪري سگهندين؟“
    ”ائين ڪرڻ لاءِ مان اروڙ ۾ رلندس، ٽيڪسيلا ۾ گوتم جي عبادت گاهن ۾ ڀٽڪندس، اماوس جي راتين ۾ موهن جو دڙو لتاڙيندو رهندس. مان پاڻ تان نفس جا ٻنڌڻ ٽوڙي، نفس کي پنهنجي قبضي ۾ ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    ”ڪوبه ائين ڪري نه سگهيو آهي، پر جي تو وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته مان توکي نه روڪيندس. مون پيار ڪيو آهي. مان سڄي عمر تنهنجي پيار کي سيني سان لڳائي جيئندي رهنديس.“
    سائي بتيءَ جي لوڏن سان ريل چرڻ لڳي – هن وک وڌائي – چيائين،
    ”ڪوبه انسان پنهنجن خواهشن تي قبضو ڪري نه سگهيو آهي.“
    گاڏي ڊوڙڻ لڳي.
    پڇيومانس، ”مون کي معاف ڪيو اٿئي نه؟“
    ڪنڌ لوڏي اقرار ڪيائين. گاڏيءَ جي رفتار وڌندي ويئي. هوءَ ڊوڙڻ لڳي، پر ريل جي فولادي ڦيٿن سان پڄي نه سگهي. مون ڏانهن هٿ وڌايائين. دريءَ مان ٻانهن ڪڍي هٿ ڏانهس وڌايم. هڪ لمحي لاءِ اسان جون آڱريون پاڻ ۾ ملي ڌار ٿي ويون. وڏي واڪ چيم،
    ”انسان لوهه ۾ زندگي وجهي سگهيو آهي. لوهه جون ڪلون سندس قبضي ۾ اچي سگهن ٿيون، ته ڇا پنهنجي ئي نفس جي جنسي خواهشن تي انسان قبضو ڪري نه ٿو سگهي؟“
    ريل جي رفتار تيز ٿي ويئي.
    هوءَ پوئتي رهجي ويئي. اسان جي وچ جو مفاصلو وڌندو ويو. وڇوٽي وڌندي ويئي. هوءَ پري ٿيندي ويئي، دور ٿيندي ويئي. پليٽ فارم جي آخري ڇيڙي تي ٻئي ٻانهون ڦهلائي بيهي رهي. لوهي ڦيٿن جي رفتار گرد اُڏائي ۽ هوءَ منهنجين نظرن کان اوجهل ٿي ويئي.
    ڪوپيءَ ۾ مان اڪيلو هئس ۽ روح ۾ گناهه جا گهاو هئا.

    1963


    هوشو شيديءَ جي آخري شام

    جيجل منهنجي ماءُ
    ڏسين ٿي –
    هوشو منهنجو ڀاءُ
    تنهنجي خاطر جنهن ڪيا
    هيڻا پنهنجا حال،
    جسم جنهن جو
    پرزا پرزا –
    گهائل جنهنجو ساهه،
    اڄ اڪيلو بيٺو آهي
    چچريل جنهن جو ماهه،
    ڪير نه ڀلندو همت جنهنجي
    ڪير نه جنهن جو چاهه.
    پوءِ ائين ئي ٿيو –
    ته سج حيدرآباد جي منگهن کان منهن موڙيو ۽ سنڌين جي شڪست تي خون جا لڙڪ لاڙيندو، آسمان کي رت سان رڱيندو، ڪنهن اوڙاهه ۾ اجهامندو ويو، لڙندو ويو، لهندو ويو، ڪرندو ويو.
    سنڌ جي سپوتن مٺڙي ماءُ جي سيني ۾ سازش ۽ غداريءَ جون بڙڇيون هنيون – ڀالا هنيا، نيزا هڻي خنجر هنيا. سنڌ جو سينو درد و غم ۾ جهرندو ويو. اٻاٽجي ويو، سڪندو ويو، سنڌ جي سڪل گود کي آلو ڪرڻ لاءِ سرڪش سنڌين مياڻيءَ جي ميدان ۾ پنهنجي خون جو ٻليدان ڏنو.
    شام جي ميرانجهڙي روشنيءَ ۾.
    بارود جو دونهو،
    ۽ گهوڙن جي سنبن سان اڏايل دز تحليل ٿيل.
    ماحول ۾ نه گولن جي دل ڏاڙيندڙ ڌماڪن جو آواز هو ۽ نه ئي زخمي گهوڙن جي هڻڪار.
    هر طرف انڌڪار
    مسلسل ماٺ، خاموشي
    ۽ نه للڪار.
    جن تلوارن جي جيت ٿي، سي مياڻن ۾ موٽي ويون. جن جي هار ٿي، سي مٽيءَ ۾ منتشر ٿي ويون. تيرن جا ترڪش خالي. بندوقون بارود بنا بيڪار. زخمين جا جسم ۽ شهيدن جا لاش مٽيءَ ۾ لٿڙيل.
    هيبتناڪ ماحول ۾ موت جا پاڇا انساني زندگين جي ورڇ ۾ ۽ ترڇ ۾، نچندا رهيا، ٽپندا رهيا، ڪڏندا رهياـ
    ۽ اچانڪ آفتن جي گود مان،
    هڪ قداور ۽ بهادر
    زخمي ۽ گهائل سورمو،
    بيٺو اٿي
    عشق وطن جي بود مان.
    سڄو جسم رت جي کونڀي ۾ رڱيل هئس. وارن کان پيرن تائين عضوو عضوو چچرجي چور ٿي چڪو هئس. پر تڏهن به، دل ۾ پنهنجي ديس جي حب جي مشعل کڻي، چاهت جا چراغ کڻي، اڪيلي سر اٿي بيٺو جنگ جي ميدان ۾.
    زخم اکلي پيس. تڪليف جي احساس ۾ سيسڙاٽ نڪتس. اکيون کولڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پنبڻين ۾ خون جي جهالر اٽڪي پيس. اوچتو، درد جي شدت ۾ سڄي ڪائنات هن جي نگاهن ۾ متزلزل ٿي، ڀرندي وئي، ٻئي گوڏا ڌرتيءَ تي کوڙي ڇڏيائين. سگهه ساري، ڪهاڙيءَ جي ڳن تي زور ڏيئي ٻيهر اٿي بيٺوـ
    زخمن مان وهي نڪتس خون جي ڌارا
    جسم ۾ چڀندا رهيس ايذاءَ جا آرا
    پر ٻڙڪ نه نڪتس چپڙن مان
    ظلم سٺا هن سارا
    ڏٺائين، ميدان جي پرئين پاسي دشمن جي فاتح فوج. سنڌ جي هوائن ۾ فرنگين جو رنگا رنگي جهنڊو ڦڙڪندي ڏٺائين. ڏسندي ڏسندي، سندس وجود مان حقارت ڦٽي نڪتي، چوٽن جي چهڪ ۽ ضربن جا وَڍ وساري ڇڏيائين. دشمن ڏانهن وکِ وڌائڻ چاهيائين، پر وڌائي نه سگهيو.
    سندس سيني ۾،
    جولا جلندي رهي
    نهائين دکندي رهي
    وڙهڻ ۽ لڙڻ جي تمنا تڙپندي رهي.
    اڪيلي سر، جتي سندس سمورا ساٿي ڇڏي، پنهنجي جندڙي قربان ڪري شهيد ٿي چڪا هئا، هن دشمن کي للڪاريو، پڪاريو.
    انگريز سپاهين ميدان ۾ گهائلن ۽ لاشن جي انبار درميان، هڪ قداور جوان کي بيٺل ڏٺو. رڳ رڳ مان رت ريلا ڪري وهي رهيو هئس. هو سندن شڪل سڃاڻي نه سگهيا، پر سندس قد بت ڏسي پاڻ ۾ سُس پس ڪرڻ لڳاـ
    "He who stands among the dead there,
    Is the one who, can dare
    To fight alone for his mother land"
    سندس گجگوڙ ڪنن ۾ گونجڻ لڳن ـ ته، ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“ ڪئپٽن رچرڊس چيو ـ
    He is Hoshoo, the giant
    ها، هو هوشو شيدي هو، سنڌ جو سٻاجهو سپوت هو، وطن جي لڄ ۽ سنڌڙيءَ جو شان هو، شجاعت جي جان هو. زندگيءَ جي شام ۾ هو اڪيلو هو، تنها هو، ساهه ماهه کان ڌار ٿي رهيو هئس، پر تڏهن به، چيريل جسم کي سڌو ڪري، وڍيل ڪٽيل ٻانهن سان ڪهاڙي کڻي بيٺو،
    ڪئپٽن چيو ـ
    Ruthlessly he fights
    He has killed our knights.
    Now, some one kills him right.
    پر ڪنهن به گوري سپاهيءَ هوشو کي مارڻ جي حامي نه ڀري. جنگ جي دوران سڀني فرنگين سندس بي پناهه قوت ڏٺي هئي. وطن لاءِ سندس محبت ڏٺي هئي. سڀني سندس ڪهاڙيءَ جا ڪڙڪاٽ ۽ تلوار جا تجلا ڏٺا هئا.
    ڪئپٽن جي اکين ۾ بدلي جو خون لهي آيو، هن هڪ سپاهيءَ کي ساڻ ڪيو ۽ ميدان ۾ ڪاهي پيو،
    سنڌ جي سيني کي قدمن سان ڪٽيندو،
    ڇتي ڪتي وانگر ڀونڪندو
    هٿ ۾ نيزي کي نچائيندو، وڌندو رهيو
    نيٺ اچي هوشوءَ جي آڏو بيٺو،
    هوشوءَ چاڪ گريبان جي ڪنڊ سان، پنهنجي پنبڻين تان رت جا ڄميل تهه اگهي، پنهنجي دشمن ڏانهن نهاريو. سپاهي مياڻ مان تلوار ڪڍي ڏانهس وڌي آيو. هوشوءَ جي ٻانهن ڪلهي کان ڪپجي، مشڪن ۾ لٽڪي رهي هئي. ڪهاڙي کاٻي هٿ ۾ قابو ڪري، رهيل سهيل طاقت ميڙي، وڄ وانگر سپاهيءَ کي سيني تي ڪهاڙي اڇلائي هنيائين. گورو سپاهي رڙ ڪرڻ بنا ڦهڪو ڪري ڪِري پيو، ڪئپٽن بنا دير، اک ڇنڀ ۾ ڀالو هوشوءَ جي ڇاتيءَ مان پار ڪري ڇڏيو.
    ڀالو هوشوءَ جي سيني کي چيريندو، پٺيءَ کان وڃي نڪتو. هوشوءَ جي وات مان ساڳي سدا بلند ٿي ـ ”مرسون مرسون، سنڌ نه ڏيسون.“ کاٻي مٺ ڀالي ۾ وجهي، سٽ ڏيئي سيني مان ڇڪي ٻاهر ڪڍيائين. خون جو ڦوهارو شرڙاٽ ڪري وهي نڪتس.
    رت جي ريلن کي ڏسي،
    نيا گرا جو آبشار
    ترسي پيو،
    سنڌونديءَ جو وهڪرو
    رڪجي ويو،
    کيرٿر جون سر بلند چوٽيون
    جهڪنديون ويون.
    هوشو ٿڙندو ٿاٻڙندو پوئتي ڌڪجي ويو ۽ پوءِ آهستي آهستي ڌرتيءَ تي ويهندو ويو. هن پنهنجا رت آلود چپ سنڌ جي مٽيءَ سان پيوست ڪندي چيو ـ
    ”منهنجي مٺڙي ماءُ
    منهنجي جيجل ماءُ،
    تنهن جي مٿان جڏهن ڀي
    ظلم ٿيندا
    ستم ٿيندا
    مان تنهنجي آن تان
    مان تنهنجي شان تان،
    سر صدقي ڪري، ٻليدان ڏيندس.
    هر دور ۾
    هر دور جي طوفان ۾
    ڏيندو رهندس پنهنجي جان.“
    جنهن وقت ڪائنات مڪمل اونده ۾ جذب ٿي رهي هئي، تنهن وقت هوشوءَ پنهنجي زندگيءَ جا آخري ساهه کنيا ۽ جيجل ماءُ جي هنج ۾ سمهي پيو .

    1964


    اُڃايل

    پنهنجي ڪمري ۾ پهچي هن کي ڪجهه سڪون محسوس ٿيو، ۽ بلب روشن ڪرڻ بنا اونڌي منهه کٽ تي ليٽي پيو، ڊسمبر جي سرد رات ۾ به هن جي پيشاني پگهر ۾ تر هئي. هن جو دم گهٽجي رهيو هو، اُڃ جي شدت کان هن جي نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. پر هن ۾ ايتري همت به نه هئي ته پاسي ۾ رکيل جڳ مان پاڻي پيئي سگهي ۽ هن محسوس ڪيو ته اڃايل ئي رهجي ويندو، ڪوبه هن کي سيراب ڪري نه سگهندو.
    هيٺين ڪمرن مان سهرن جو آواز بلند ٿي رهيو هو.
    ”اکيون ادل جون ٻرن شعله”
    ۽ رات جي خاموشي کي چيريندڙ نغما هن جي دل کي به چيري رهيا هئا. پر هو مجبور هو. هن کي اهي گيت ضرور ٻڌڻا هئا.
    ”ڪجل جوڙ بنايو آ.“
    هن ڪنن کي ٻنهي هٿن سان بند ڪري بي چينيءَ مان پاسو ورايو، اڄ زرينه هن کان جدا ٿي رهي هئي.... هميشه لاءِ ...... ۽ هو پنهنجي مجبور نگاهن سان پنهنجي دنيا لٽجندي ڏسي رهيو هو. زرينه هن سان واعدو ڪيو هو ته هوءَ زندگيءَ جي تاريڪ راهن ۾ هن جو ساٿ ڏيندي. پر واعدو ڪندي هن اهو نه سوچيو هو ته هوءَ سماج جي غلام هئي ۽ ان جي قانونن جي بجا آوري هن تي فرض هئي. روزو نماز به فرض آهن ۽ سماجي قانون به فرض آهن.... هن ته محض واعدو ڪيو هو جا هن جي وڏي ۾ وڏي غلطي هئي ..... محبت جي تيز ڌار ۾ ترندي هن اها حقيقت فراموش ڪري ڇڏي هئي ته هوءَ عورت هئي ..... مجبور ۽ ڪمزور عورت ـ حيوان وانگر فرمانبردار ڌيءَ، جا پنهنجي خاندان ۽ والدين جي عزت لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار هوندي آهي ۽ هن واعدو ڪري ڇڏيو، ۽ واعدو ڪندي هن اهو ڇو ڀلائي ڇڏيو، ته هن جي حرفن تي ڪو پنهنجي انمول زندگي نڇاور ڪري ڇڏيندو، ۽ هو سوچي رهيو هو ته قدرت هن کي اهڙا سپنا ڇو ڏيکاريا جن جي ڪابه تعبير ڪونه هئي...... هن جي اميدن جو محل واريءَ جي دڙن تي ڇو تعمير ڪيو ويو. آخر هن کي ڇو بي معنيٰ بيتن سان بهلايو ويو.
    اڄ هن جي آشائن جا ديپ پوين پساهن ۾ هئا، ۽ چند لمحن بعد جڏهن مولانا زماني جي پراڻي رسم دهرائيندو، تڏهن ديپ هميشه لاءِ وسامي ويندا ۽ هن جي مٿان نراشا جي هيبتناڪ سياهي ڦهلجي ويندي ۽ زرينه هميشه جي لاءِ هن کان جدا ٿي ويندي، محبت جا سڀ رشتا ٽٽي پوندا جن جي ڪڙيءَ ڪڙيءَ ۾ ارمان دفن هوندا.
    ڪنهن جي قدمن جي آهٽ هن کي هوشيار ڪيو ۽ هن قميص جي دامن سان پگهر اگهي ڇڏيو. هن کي ته تڙپڻ جي به اجازت نه هئي ۽ اجايو ميز جي خاني ۾ ڪجهه ڳولهڻ لڳو. ”اختر،“ ماءُ سڏ ڪيو.
    ”جي امان،“ هن آهسته جواب ڏنو.
    ”هيٺ مهمان گڏ ٿي رهيا آهن ۽ تون هت ڇا ٿو ڪرين.“
    ”صفدر لاءِ لفافو ڳولهي رهيو آهيان.“ هن ڪوڙ ڳالهايو.
    ”اوندهه ۾ ڪيئن لڀندو. بجلي ٻاري ڳولهه ۽ جلد اوطاق ۾ وڃ.“ ماءُ چيو.
    ۽ هن کي پنهنجي غلطي محسوس ٿي ته هو اوندهه ۾ خانو کوٽي رهيو هو ۽ جڏهن هن بتي ٻاري ته ماءُ وڃي چڪي هئي.
    هن کي سڀني مهمانن کان نفرت هئي. سينگاريل ڪمرن ۾ هن کي وحشت ٿي رهي هئي. هلڪا ۽ ٽين درجي جا چرچا ٻڌندي هن جا ڪن شل ٿي چڪا هئا. اڄ گهڻو ڪري هن جا عزيز ۽ هن جي والدين جا ويجها دوست آيا هئا. پر هن کي انهن سڀني کان نفرت هئي. هن نٿي چاهيو ته ڪو هن سان ڳالهائي. پر تنهن هوندي به هو مجبور هو ته مشڪندو رهي، ڦڪا ٽهڪ ڏيندو رهي ڇو جو شادي جو سڄو بار هن جي ڪلهن تي هو. ماسيءَ هن کي خاص طور تي شاديءَ جي بندوبست ۾ هٿ ونڊڻ لاءِ چيو هو ۽ هن به فيصلو ڪيو هو ته هو پنهنجي ارمانن جو ڳلو گهٽي ڇڏيندو پر پنهنجي سٺ ورهين جي ماسيءَ کي رنج نه ڪندو، هو پنهنجي هٿن سان زرينه کي سينگاريندو، هن جي هٿن تي ميندي لڳائيندو ۽ هن جي روشن پيشانيءَ تي جهومر لڳائيندو ... ۽ ... ۽.
    ماسيءَ کي زرينه ۽ جميله کان سواءِ ڪابه ٻي اولاد نه هئي ۽ ان حال ۾ اختر تي سڄو بار اچي پيو هو. گهڻا مائٽ ٻاهران آيا هئا، جن جي رهائڻ جو بندوبست ۽ کائڻ پيئڻ جو خيال پڻ هن کي ڪرڻو هو ۽ گذريل هڪ هفتي کان هو ان ڪم ۾ رڌل هو. هن هر ممڪن ڪوشش ڪري ڪنهن کي به شڪايت جو موقعو نه ڏنو ۽ سڀ هن جا فرمانبرداريءَ مان خوش هئا، ۽ جن جي به دل ۾ شڪ شبهه هئا، دور ٿي ويا. جيڪي به ڪهاڻيون اختر ۽ زرينه جي نالن سان وابسته هيون نامڪمل رهجي ويون. جا باهه زرينه ۽ اختر جي پيوسته نالن خاندان جي آن ۾ لڳائي هئي، تنهن کي اڄ اختر جي ڪشاده پيشانيءَ مان وهندڙ پگهر سرد ڪري ڇڏيو ۽ سڀني محسوس ڪيو ته بي بنياد الزام زرينه. اختر تي لڳايا ويا هئا ۽ هو پڻ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو هو ته هن جي منهن مان ڪا اهڙي ڳالهه ظاهر نه ٿئي جا زرينه جي ازدواجي زندگيءَ لاءِ زهر هجي. اختر جي اها دلي خواهش هئي ته زرينه جتي به هجي، آباد رهي، خوش رهي ڇو جو هن کي خبر هئي ته محبت جي انتها وصال نه پر فراق آهي، ۽ هو زندگي جا زخم سيني ۾ سانڍي نامرادين جي صحرا ۾ ڀٽڪندو رهندو، جتي پياس جي شدت کان هن جو حلق خشڪ ٿي ويندو ۽ هن کي پنهنجي نڙيءَ ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيندا... هو رڃ جي ڪڍ ڊڪندو رهندو ... پر هميشه اُڃايل!
    اختر کي اڄ پنهنجون مجبوريون شدت سان محسوس ٿي رهيون هيون. هو زرينه لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهيو، هن سوچيو، هو زرينه کي پاڻ سان تمام پري وٺي وڃي ها. تمام دور. هن سماج جي پهچ کان لامحدود. جتي ڪوبه زرينه کي هن جي مضبوط ٻانهن مان جدا ڪري نه سگهي ها. پر محبت انڌي نه آهي. هن جي سامهون خاندان جي آن ۽ عزت پهاڙ مانند نمودار ٿي ۽ جڏهن هن ساهميءَ جي هڪ پڙ ۾ زرينه جي محبت ۽ ٻئي پڙ ۾ خاندان جو وقار وڌو، ته هن محسوس ڪيو ته هن جي محبت قربانيءَ جو ٻڪر آهي.
    ظاهر هيءَ ڳالهه ڪهڙي نه سولي هئي ته زرينه هن جي ماسيءَ جي ڌيءَ هئي ۽ اختر هن کي حاصل ڪري سگهيو ٿي..... پر والدين هن سماجي ڄار کي اڃا به مضبوط ڪيو ۽ جڏهن زرينه ٽن سالن جي هئي ته هن جو مڱڻو سندس سئوٽ صفدر سان ٿي ويو هو. وقت جي وهنوار ۾ صفدر زرينه کان دور رهيو ۽ زرينه اختر ۾ سمائجي وئي.
    وقت تيز رفتار سان نامعلوم منزل طرف گامزن هو ۽ هو ٻئي اهڙي سرحد تي اچي پهتا جتي کلڻ بدنامي ۽ سرد آهه ڀرڻ جو ڪارڻ هئا. هڪ ٻئي جي ويجهو رهڻ جي تمنا جواني ۾ پڻ اختر ۽ زرينه جو ساٿ ڏيندي آئي ۽ هو ڪوشش جي باوجود هڪ ٻئي کان دور ٿي نه سگهيا. ماضيءَ جي گرد والدين جي غلطيءَ کي لٽي ڇڏيو ۽ زرينه کان اهو به وسري ويو ته هوءَ اختر کي ڪڏهن به ملي نه ٿي سگهي.
    اختر محسوس ڪيو ته هن جي محفل مان غير حاضري شايد مائٽن ۽ دوستن کي ڪنهن غلط فهميءَ ۾ مبتلا ڪري نه ڇڏي ۽ هو قميص جي ٻانهن سان پگهر اگهندو هيٺ پڌر ۾ پهتو. سامهون ڪمرن مان اڃا به ڪنواريون سهرا آلاپي رهيون هيون ۽ ڪراڙيون ماضيءَ جي شيرين يادين کي دهرائي گد گد ٿي رهيون هيون.... پر هو محسوس ڪري رهيو هو ته هي خوشيءَ جا گيت نه آهن. بلڪه دک درد جا مرثيا آهن، جي دل جي شڪسته ارمانن مان نڪري رهيا آهن. هي سڀ نقلي ٽهڪ آهن، جن سان غمن جي حقيقت جي پرده داري ڪئي پئي وڃي.
    ”اختر.“
    ”جي امان.“ هن منهن ورائڻ بنا چيو.
    ”ڪهڙو نه سخت سيءُ آهي ۽ تون هڪ قميص ۾ رلندو ٿو وتين.“
    ”امان مون کي سيءُ نٿو ٿئي.“ هن مرده آواز ۾ چيو.
    ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ ماءُ سرگوشيءَ ۾ چيو. ماءُ کي خبر هئي ته اختر جي دنيا زرينه ۾ سمايل هئي ۽ هن کي اها به خبر هئي ته زرينه کي وڃائڻ کان پوءِ هو ڪڏهن به مرڪي نه سگهندو، هر وقت هن جي نگاهن ۾ حسرت ۽ محرومي رقص ڪندي رهندي. هو سڄي دنيا کان بددل ٿي ويندو. پر هوءَ ڇا ٿي ڪري سگهي. هن پنهنجي سر ته تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. ڀيڻ کي طرح طرح سان ريجهايائين. زرينه جي پيءُ کي ايلاز ڪيائين. پر سڀ بي سود، ڇو جو زرينه جو مڱڻو صفدر سان پندرهن سال اڳ ٿي چڪو هو ۽ ان سرد ۽ تير جهڙي تيز واءُ ۾ اختر جو هڪ قميص ۾ رلڻ به ماءُ لاءِ ان بي پرواهيءَ جي هڪ ڪڙي هئي جا هن جي زندگيءَ جو جز بنجي چڪي هئي. ماءُ جي ممتا وري اُڀري.
    ”پٽ تنهنجو ڪوٽ ڪٿي آهي.“ ماءُ هن جي مٿي تي هٿ ڦيرائيندي چيو.
    ”مٿي، ڪمري ۾ پيو آهي.“
    ”تون هت ترس مان جميله کي ٿي موڪليان، کڻي ايندي.“ ماءُ چيو ۽ شادي جي گمسان ۾ جميله کي تلاش ڪرڻ هلي وئي ۽ هو انهن گيتن ۾ جلندو رهيو، هن ورانڊي جي ڀت جو سهارو وٺي پاڻ کي اونده ۾ لڪائي ڇڏيو. هن نٿي چاهيو ته ڪوبه هن جي منهن مان هن جي جذبات کي پڙهي سگهي. جميله هن جو ڪوٽ کڻي آئي.
    ”اختر.“ هن سڏ ڪيو. ”اختر“ هن وري سڏ ڪيو ۽ ورانڊي جي اونده ۾ غور سان نهارڻ لڳي ۽ هن کي اختر نظر آيو. جنهن مٿو ڀت سان لڳائي اکيون پوري ڇڏيون هيون. جميله هن جي ويجهو آئي ۽ اختر کي ٻانهن کان وٺي جهنجهوڙيندي چيائين. ”اختر ـ اختر.“
    ”جي.“ اختر ڄڻ ڪنهن سپني مان سجاڳ ٿيو.
    ”هي ڪوٽ وٺ.“ ۽ ڪوٽ ڏيندي هن جو هٿ اختر جي هٿ سان ٻنهي هٿن ۾ جهليندي چيو.
    ”نه.“ هن آهسته وراڻيو ۽ ڪوٽ پائڻ لڳو.
    ”توکي بخار آهي.“ جميله هن جي پيشاني ڇهي جا پگهر ۾ تر هئي. ”توکي ضرور بخار آهي.“
    ”نه جميله نه.“ هو وڃڻ لاءِ مڙيو.
    ”اختر“ جميله هن کي ٻانهن کان وٺندي چيو. ”پنهنجي ڀيڻ کي به نه ٻڌائيندين.“
    ”جميله مون کي ڪجهه به نه آهي.“ هن شڪسته آواز ۾ چيو، ”۽ اڄ تائين مون توکان ڪهڙي ڳالهه لڪائي آهي ۽ جميله جيڪڏهن خدا مون کي تو جهڙي ڀيڻ نه ڏئي ها ته خبر نه آهي ته منهنجو ڪهڙو حشر ٿئي ها.“
    جميله پنهنجي رئي جي پلاند سان هن جي پيشاني خشڪ ڪئي.
    ”اختر مان چڱي طرح سمجهي سگهان ٿي ته تنهنجي دل تي ڪيترا نه گهرا زخم آهن.“
    ”منهنجي چري ڀيڻ.“ اختر هن جي مٿي ته آهسته ڌڪ هنيو، ”جنهن کي تو جهڙي ڀيڻ هوندي تنهن جا زخم به خود ڀرجي ويندا.“
    ”تون ڪوڙو آهين.“ هن ننڍن ٻارن وانگر چيو، ”تو منهنجي ڪاليج مئگزين لاءِ اڃا ڪوبه افسانو نه لکيو آهي. هڪ هفتي کان ايلاز پئي ڪيان.“
    ”ديواني“ اختر مرڪندي چيو. ”هي شاديءَ جا جهنجٽ لهي وڃن ته پوءِ توکي ضرور لکي ڏيندم ۽ توکي ملڪ چاڪليٽ به آڻي ڏيندم.“
    ”اون ڪوڙا.“ چاڪليٽ جميله جي چيڙ هئي ۽ هن اختر جي پٺيءَ تي هڪ زوردار مڪ هنئين ۽ کلندي اندر ڪمري ۾ هلي وئي، جتي چاءِ جو دور هلي رهيو هو.
    هو آهستي آهستي قدمن سان اوطاق طرف وڃڻ لڳو. هن جو ذهن ڪجهه هلڪو هو. ڇوجو هن هر وقت کلندڙ جميله کي پنهنجي ڀيڻ ڪيو هو. هوءَ زرينه کان يڪلخت مختلف هئي. زرينه سنجيده، بافڪر ۽ جذباتي هئي. جنهن اختر جي زندگيءَ جي راهن ۾ ڪنڊا وجهي ڇڏيا، هن جي چپن تان مرڪ ڦري سرد آهون ڏيئي ڇڏيون هيون ۽ جميله زرينه کان ٻه سال ننڍي هئي. پر بلڪل مختلف. هر وقت مشڪندڙ هر خيال کان لاپرواهه. سنجيدگيءَ کان دور ۽ اختر هن کي ڀيڻ بنايو هو ۽ ان جي عيوض جميله هن کي فلڪه شگاف ٽهڪ ڏنا هئا ۽ جميله سان ملڻ کانپوءِ اختر جي هر اداسي دور ٿي ويندي هئي. اختر جڏهن ورانڊي جي ڏاڪڻ وٽ پهتو ته هن جا قدم رڪجي ويا. ٻه عورتون پاڻ ۾ سرگوشي ڪري رهيون هيون.
    ”ان کان وڌيڪ بي حيائي ٻي ڇا هوندي.“ هڪ عورت چيو.
    ”ڪيئن ته کلي کلي ڳالهائي رهي هئي.“
    ٻيءَ چيو، ”۽ رئي جي پلاند سان منهن اگهي رهي هيس.“
    ”ڏاڍو خيال ٿي رکيس.“ پهرين عورت چيو. ”ڪيئن نه ڪوٽ کڻڻ لاءِ ڊڪندي هلي وئي.“
    پوئين ڪمري مان هڪ ٽين عورت پڻ نڪري ان طرف اچڻ لڳي ۽ هو ٿنڀي جي اوٽ ۾ لڪي پيو، هن جي ذهن ۾ شعله اڀري رهيا هئا.
    ”ڇا آهي ادي.“ نو وارد پڇيو.
    هڪ عورت رسيءَ مان نانگ ٺاهيندي نو وارد کي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو. ان عورت چيو.
    ”اختر به ته وڏو ڪمينو آهي. پهريائين وڏي ڀيڻ کي خوار ڪيائين ۽ جڏهن هوءَ هٿن مان نڪري ويس ته ننڍيءَ تي ڏورا وجهي رهيو آهي.“
    اختر جو مغز دکي رهيو هو. هن کي نس نس ۾ ڪنڊا چڀندا محسوس ٿيا. هن ٽنهي عورتن کي غور سان ڏٺو، جي هن جون مائٽياڻيون هيون. هن کي پنهنجو خيال بلڪل نه هو. هو جميله لاءِ فڪرمند هو، جنهن کي هو پنهنجي ننڍي ڀيڻ سمجهندو هو ۽ اڄ محض هن جي ڪري جميله تي الزام لڳي رهيو هو. اختر هنن عورتن جي پست ذهنيت تي جهنجهلائجي ويو. هن سوچيو. آخرهي سوچڻ کان اڳ فيصلو ڇو ٿيون ڪن. ڇا ٻه نوجوان دليون ڀيڻ ڀاءُ جي پاڪ رشتي ۾ هڪ ٿي نٿيون سگهن. زرينه کي هو پيار ڪندو هو. هن زرينه کي روح جي گهراين سان چاهيو هو ۽ ٻنهي جي پيار ۾ شدت هئي. پر جميله کي هو ڀيڻ سمجهندو هو. خدا هن کي سڳي ڀيڻ کان محروم رکيو هو. پر جميله جي روپ ۾ هن کي ڀيڻ جي پاڪ محبت ميسر ٿي هئي. ۽ اختر کي خبر هئي ته جڏهن مخالفت جون هوائون تيز ٿي وينديون. جڏهن هو منزل کان محروم ٿي ويندو. جڏهن هن جا پير زندگيءَ جي ڪٺن راهن ۾ متزلزل ٿي ويندا. تڏهن هو جميله جو سهارو وٺندو. هو جميله جي پلاند ۾ منهن لڪائي دنيا جي غمن کي وساري ڇڏيندو... ۽ هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ خشڪ ٿي ويندا. هو محبوبه جي پيار کان محروم رهجي ويندو. پر ڀيڻ جي پاڪ محبت هن کي ميسر هوندي. پر اڄ اختر محسوس ڪيو ته هنن ٽن عورتن جي اندر پهچنديئي هيءَ ڳالهه باهه مانند پکڙجي ويندي ۽ جميله جي گردن هميشه جي لاءِ جهڪي ويندي. هوءَ ڪڏهن به ٽهڪ ڏيئي نه سگهندي.
    اختر کي پنهنجي وجود کان نفرت ٿيڻ لڳي. هن جي ڪري زرينه سڄي خاندان ۾ بدنام ٿي ۽ اڄ جميله کي پڻ هيءَ دنيا تباهه ڪرڻ لاءِ اٿي رهي هئي. هوءَ سڀني جي نظرن ۾ ڪري پوندي. هن جي دل پاش پاش ٿي ويندي ۽ اختر محسوس ڪيو ته هن سماجي دنيا ۾ ڪنهن کي به پيار ڪرڻ نه گهرجي. هتي آشا جا ديپ نراشا جي آنڌيءَ ۾ وسامي وڃن ٿا. اميدن جا چمن ويران ٿي ٿا وڃن. هن دنيا ۾ جوان ٿيڻ پاپ آهي ۽ ٻن دلين جو پاڻ ۾ ملڻ طوفان جو پيش خيمو آهي، ڀل ته هو ڪهڙي روپ ۾ کڻي ملن. هن دنيا ۾ سڀني کي هڪ ٻئي کان نفرت ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي جي خون لاءِ پياسو هئڻ گهرجي. هت محبت جي اڃ ڪڏهن به سيراب نه ٿي ٿئي ۽ پريمي هميشه اڃايل رهجي وڃي ٿو! اختر خيالات جي روانيءَ ۾ وهندو رهيو ۽ تلخي مان ٿڪ اڇلي هن سماج جي بدمزاج منهن تي ۽ تڪڙن قدمن سان اوطاق ۾ پهتو، هن جو دماغ دکي رهيو هو، ڄڻ ته ڪنهن هن جي بدن کي ٽانڊن تي اُڇلي ڇڏيو هو.
    اوطاق ۾ مهمانن جي پيهه هئي. ڪوبه هن ڏانهن متوجه نه ٿيو ۽ هو آتشدان جي ويجهو پيل ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. هن جي نڙي خشڪ ٿي چڪي هئي. آتشدان مان نڪرندڙن شعلن کي هو غور سان ڏسي رهيو هو ۽ حاضرين مولانا جو انتظار ڪري رهيا هئا. آتشدان ۾ باهه جو زور وڌي رهيو هو. هن جگ مان پاڻي ڪڍي نڪرندڙ شعلن تي ڇنڊا هنيا. باهه جو زور ڪجهه ڍرو ٿيو ۽ پوءِ مولانا ڪمري ۾ داخل ٿيو.
    هو حسرت ڀريل نگاهه سان صفدر کي ڏسي رهيو هو، صفدر کٽيو ۽ هن هارايو. سماج فتح پاتي ۽ محبت شڪست. هن سڪل چپن تي زبان ڦيري ... ۽ جڳ جو بچيل پاڻي يڪساهي پي ويو. مولانا زماني جي پراڻي رسم دهرائيندو رهيو ۽ ان جي لفظ لفظ سان گڏ هن جو دم خشڪ ٿيڻ لڳو ۽ پوءِ هن کي شاهدن سان گڏ اندر زناني ۾ موڪليو ويو. بجليءَ جي لهر هن جي بدن ۾ ڊڪي وئي. آخر هو ڪيترو ضبط ڪري سگهيو ٿي. هو به ته انسان هو..... زرينه هن جي سامهون ويٺي هئي ..... ڳاڙهي وڳي ۾ ملبوس .... منهن گوڏن ۾ وجهي .... هن جو گونگهٽ پيرن تائين نڪتل هو.
    اختر جو مٿو ڦرڻ لڳو. ايترو ضبط ڪرڻ هن لاءِ ناممڪن هو ۽ ڪوچ تي ويهي رهيو. سڀ زرينه کان پڇندا رهيا. پر هوءَ ديوار وانگر خاموش هئي.... سڀ انتظار ۾ هئا ته زرينه زبان سان نه ته ڪنڌ جي اشارن سان ها ڪري ته هوءَ بلڪل ذبح ٿي چڪي آهي ...... پر هوءَ خاموش هئي. ماءُ، ماسي چاچي .... سڀ پڇي رهيا هئا ...... پنج منٽ گذري ويا .... ڏهه ۽ پندرهن منٽ گذري ويا. زالن ۾ چمگيويون ٿيڻ لڳيون.... اختر آهستي آهستي ڪوچ تان اٿيو ۽ زرينه جي ويجهو آيو ۽ سڀ پري هٽي ويا. هن ٻڏل آواز ۾ چيو:
    ”زرينه” آواز هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي رهيو هو. ”زرينه ..... ڏس مان آيو آهيان اختر هڪ ستايل انسان ..... ڇا تون به مون کي مايوس ڪنديئن .... ها ڪر زرينه ها ڪر.“ ۽ هن جو آواز ڀرجي آيو. زرينه منهن گوڏن مان ڪڍي ها ڪئي. مبارڪ ........ مبارڪ..... سڄي ماحول ۾ مبارڪ جا آواز گونجي ويا ۽ هو تڪڙن قدمن سان ورانڊي مان گذرندو پنهنجي ڪمري ۾ پهچي ويو ۽ اوندهي منهن کٽ تي ليٽي پيو ..... هو لٽجي ويو .... بي يارو مددگار.
    ٿوري دير کان پوءِ الوداعي گيت گونجڻ لڳا .... هن اٿي رستي واري دري کولي ... زرينه ڏوليءَ ۾ ويهي رهي هئي گيت بند ٿي ويا ... ڏولي رواني ٿي وئي. هو حسرت ڀريل نظرن سان ڏسندو رهيو. ۽ چند لمحن بعد هن کي پنهنجي پٺيءَ تي ڪنهن جا هٿ محسوس ٿيا ۽ پوءِ جميله هن جي پٺيءَ سان لڳي سڏڪا ڀري روئڻ لڳي.

    1958


    وري ياد آيا

    هن گهٽيءَ جي ذري ذري سان مون کي محبت آهي. سندس پٿر پٿر کي پوڄيان ٿو. پپل جي ڏار ۾ اڄ به مون کي پينگهه ٻڌل ٿي نظر اچي. ان پپل سان مون کي پريم آهي. هينئر ته پپل پنهنجون ٽاريون وسيع دائري ۾ وراهي ڇڏيون آهن، پر ان وقت ته ايترو بلند به نه هو جڏهن مان ۽ اندرا ڇانو ۾ معصوم لمحا ۽ ماڪ ۾ ڌوتل گلاب جهڙو پاڪ وقت گذاريو هو.
    پپل جي سامهون واريون ماڙيون ڪجهه ته ڪري چڪيون آهن ۽ ڪجهه سرن جي فرش تي جهڪي آيون آهن. وقت جي ٺوڪرن ۾ گهٽي اداس ۽ ويران ٿي چڪي آهي ۽ پپل جا پن به اڪثر ڇڻي چڪا آهن. پپل جي پاسي ۾ اسان جي حويلي جي ڏيڍي آهي. اسان جي هڪ گهر کان سواءِ سڄيءَ گهٽي ۾ ٻيو ڪوبه آباد ڪونهي. سڀ اسان کي اڪيلو ڇڏي وڃي چڪا آهن. اسان جا ساٿي! اسان کي وساري ويا آهن اسان جا دوست ۽ اسان کي هر لمحي تڙپائڻ ۽ ارمان ڪرڻ لاءِ ڏئي ويا آهن پنهنجيون حسين ۽ دلفريب يادگيريون!
    انهن يادن جي سهاري ته اسان جيءَ رهيا آهيون ـ ورنه ـ جتي هنج هئا ات ڪانون ڪانگيرا ڪيا آهن. گهٽيءَ جي پهرين وراڪي وٽ قديم مندر آهن. ڏسان پيو ته مندر به اجڙجي ويو آهي. ڀڳوان جي گهر ۾ آشائن جا ديپ جلائڻ وارو ڪوبه ڪونهي. ڇا سندس پوڄاري وڃي چڪا آهن؟ مندر مان ڀڄن جو آواز ڇو نه ٿو اچي. مان اندرا جو معصوم آواز ڇو نٿو ٻڌي سگهان جنهن ۾ سڄي دنيا جو مٺاڻ مليل هوندو هو.
    ”ڇا ٿي ويو ڀــڳوان.
    ويا من مندر جا ديپ وسامي ڇا ٿي ويو ڀڳوان.“
    ها! اڄ منهنجي من مندر جا سڀ ديپ اجهامي چڪا آهن. چئني طرف هيبتناڪ اونداهيءَ کان سواءِ ڪجهه به ڪونهي. ڪرشن مراريءَ جي ساڌن ۽ سنتن سان گڏ منهنجي من مندر جي ديوي به وڃي چڪي آهي. هينئر منهنجي چپن تي مرڪ ڪونهي. اکين ۾ اداسي ۽ دل ۾ درد آهي، ڄڻ ته منهنجي من جو ڪنول ڪومائجي ويو آهي. ڄاڻان ٿو ته هڪ ڏينهن هي پپل به سڪي ويندو ۽ وقت جي واءُ ۾ سندس سڪل ۽ زرد پن به ڇڻي ويندا، پر منهنجي اکين مان وهندڙ لڙڪ موت جي آغوش ۾ خشڪ نه ٿي سگهندا. منهنجي آتما جون اکيون سانوڻ جي گهٽائن وانگر وسنديون رهنديون.
    اسان جي حويليءَ جي پٺيان سنڌو آهي ۽ سنڌوءَ جي وچ ۾ خواجه خضر جو آستان ۽ ساڌ ٻيلو بيٺل آهي. انهن ٻنهي کي وقت جي آنڌي هڪ ٻئي کان دور ڪري نه سگهي آهي. اڄ به سنڌوءَ جون لهرون ساڳئي وقت ٻنهي جا قدم چمنديون آهن. نادان انسانن وانگر لهرن پنهنجي من ۾ ڪينو ۽ حسد نه لڪايو آهي. هميشه وانگر اڄ به درياهه شاهه جي هنج ۾ موتي مڙهيل آهن. پر ڏسان پيو ته، ڄڻ موتين جو مالڪ روئي رهيو آهي. سندس ڇولين ۾ فرياد آهي ـ ته. ڪٿي آهن اهي ديويون جي منهنجي لهرن ۾ پير پسائي، لڪندڙ سج جي وڇايل ڪرڻن ۾ اٽي جا ننڍڙا ننڍڙا ڏيئا وهائينديون هيون، ۽ ڪٿي آهن اهي ديويون جيڪي پرهه ڦٽي جل ۾ گلاب جون پنڙيون اڇلائينديون هيون!
    ساڌن کانسواءِ ساڌ ٻيلو کنڊر ٿي ويو آهي. مندرن جا در بند آهن ۽ پوڄا پاٺ ۾ ماٺ آهي. خضر جو آستان پنهنجي صدين جي ساٿيءَ جي مجبور حالت ڏسي خود به ويران ٿي ويو آهي ـ هينئر آستان تي ڏيئو ٻارڻ وارو ڪوبه ڪونهي ۽ رات جو تارن جي روشنيءَ کانسواءِ سندس پڌر ۾ ڪجهه به نه هوندو آهي. آستان ڪيئن گوارا ڪندو ته ساڌ ٻيلو اجڙندو رهي ۽ پاڻ سرهو رهي! انسانن وانگر هي ڪيئن ٿا هڪ ٻئي کان نفرت ڪري سگهن! ٻنهي جون عمارتون پٿر جون ٺهيل آهن. پر انسانن وانگر وحشي نه آهن.
    اندرا کي خواجه جي آستان سان عقيدت هوندي هئي. چوندي هئي. ”پاڻ ٻئي به هڪ ڏينهن خواجه جي آستان ۾ ڏيئو ٻارڻ هلنداسين.“
    هينئر مان جوان ٿي چڪو آهيان. پر منهنجي اندرا ڪٿي آهي. جنهن کي ساڻ ڪري مان آستان تي ڏيئو ٻارڻ ويندس! پڪ اٿم. ته هينئر مان ڪڏهن به جوت جلائي نه سگهندس. مان اندرا کان وڇڙي چڪو آهيان. آڪاش تي اڏامي نه سگهندس منهنجا پنک ڪپجي ويا آهن. ها! وري ڪڏهن به لينڊس ڊائون پل جي پاسي ۾ بيهي سکر بئراج جي پويان ٻڏندڙ سج جي رجيل سون کي نه ڏسي سگهندس، ڇو جو منهنجي پاسي ۾ اندرا نه هوندي!!!
    ۽ پوءِ جڏهن سج ٻڏي ويندو هو ۽ سکر ۽ روهڙي جي بتين جا عڪس پاڻيءَ ۾ رقص ڪرڻ لڳندا هئا، ته اندرا چوندي هئي ته ”امر هي ٻئي شهر ڪيترا نه حسين آهن. آڪاش جي ستارن سان گڏ ڄڻ سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي به ستارا چمڪي رهيا آهن.“
    پر اندرا کي ڪهڙي سڌ ته هينئر هڪ پاسي جا ستارا وسامي ويا آهن. سندس سپنن جو شهر روهڙي اجڙي چڪو آهي. بلند ماڙيون ڪري پيون آهن. ناري شالا ۾ وحشتناڪ اداس آهي ۽ ستين جي آستان جون ڪاشي لڳل سرون ڪري پيون آهن. اندرا کي ڪهڙي خبر ته هينئر چوسول تي ڪابه رونق ڪونهي درن بنان دڪان ماضيءَ جي يادگيرين جا تيز نشتر هر دفعي چڀائن ٿا ۽ پوءِ جڏهن چندر جو مڌر آواز درد ۾ ٻڏل گيت آلاپيندو آهي:
    ”وطن کان دور آهيان، دربدر آهيان.“
    ته ان وقت گهڻي ڪوشش جي باوجود نيڻن مان نير وهي نڪرندا آهن. چندر جنهن وطن جي ياد ۾ دربدر آهي. اهو هينئر خزان جي ويرانين ۾ ويڙهجي ويو آهي. ائين پيو محسوس ٿئي ڄڻ ٿوري عرصي اندر هي اندرا جو شهر جديد دڙي ۾ بدلجي ويندو. هي اجڙيل دڪان وسي نه سگهندا ۽ مان اڄ به تاريڪ راتين ۾ هن پپل هيٺان ويهي پنهنجي ماضيءَ کي سڏيندو آهيان. انهن حسين لمحن کي پڪاريندو آهيان جيڪي مون اندرا سان گڏ گذاريا آهن ۽ پوءِ جڏهين چانڊوڪي راتيون اينديون آهن ۽ چانڊوڪي پپل جي پنن مان ڇڻندي مون تائين پهچندي آهي تڏهن مان چنڊ کان پڇندو آهيان. ”اي چندرما! ٻڌائي ته منهنجي اندرا ڪٿي آهي؟ هينئر ته هوءَ اڇي فراڪ بدران هلڪي آسمان رنگ جي ساڙهي پائيندي هوندي ۽ يقين اٿم ته سندس بي پناهه حسن توکي به شرمائي ڇڏيندو هوندو. ٻڌاءِ چندرما ته ڪڏهن اندرا به مون وانگر بيچين ٿي آهي. منهنجي ياد ۾ ڪڏهن لڙڪن جي موتين جي مالها به پوئي آهي! ڇا اندرا به مون وانگر کلندي اوچتو ڪجهه ياد ڪري اداس ٿيندي آهي. ٻڌاءِ آڪاش جا مسافر! ته اندرا به اڪيلن رستن ۽ تنها پيچرن تي منهنجي تصور کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي گهمندي رهندي آهي؟ اي ستارن جا ساٿي! اسان جي محبت امر آهي ۽ امر رهندي.“

    1960


    عورت

    ٿڪل قدمن سان هو ڪاليج جي ڪمپائونڊ مان ٿيندو، ڪلاسن جي سامهون واري ورانڊي ۾ پهتو. سندس دل بيحد اُداس هئي. خواهه مخواهه نگاهن تي آنسن جي جهالر لڏي رهي هيس. ڄڻ ته سندس سيني ۾ ڪجهه ڀَڄي پيو هو.
    هن در جي وٿي مان اندر ڪلاس ۾ نهاريو. شاگرد غور سان پروفيسر ولسن جو ليڪچر ٻڌي رهيا هئا. هن شاگردن جي هڪ هڪ قطار ۽ هڪ هڪ بينچ کي غور سان ڏٺو، پر کيس ڪملا نظر نه آئي. هن جو درد وڌي ويو. کيس پنهنجن سنڌن ۾ سور جو احساس ٿيو ۽ وري سندس نگاهن تي لڙڪن جي جهالر پئجي ويئي.
    هو ٻڏل دل ۽ روئندڙ روح سان ڪاليج جي گارڊن ۾ آيو. سڀ شاگرد ڪلاسن ۾ هئا. هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ هن وسيع دنيا ۾ سندس ڪوبه نه هو. تنهائيءَ هن جون مايوسيون سمنڊ جي گهراين کان به وڌيڪ اونهيون ڪري ڇڏيون. هو پپر جي ڇانوَ ۾، ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي، سائيءَ ڇٻر تي ليٽي پيو. دل کانئس پڇيو ته آخر ڪملا کيس ڇو ستائي رهي آهي. هوءَ هڪ هفتي کان ڇو غير حاضر آهي! ۽ پوءِ هن پاڻ سان ڳالهايو: ”ها، ڪملا هڪ هفتي کان غير حاضر آهي. آخر هوءَ سمجهي ڇو نٿي ته مان کيس دل جي گهراين سان چاهيان ٿو، منهنجي محبت پوڄا آهن. مان کيس پوڄيان ٿو. ها، پوڄيان ٿو. هوءَ منهنجي من ـ مندر جي ديوي آهي. پر ديويون ستائينديون ته ناهن ... ته پوءِ ڪملا هڪ هفتو منهنجي نظر کان اوجهل رهي، مون کي ڇو ستائي رهي آهي!“
    هن ڪنڌ ورائي، سامهون واريءَ بينچ کي حسرت سان ڏٺو. هڪ دفعو اڳ، ڪملا ان بينچ تي ويٺي هئي ۽ هو سندس قدمن ۾ ويٺو هو.
    ”تون ديوانو آهين، ستيش!“ ڪملا چيو هو.
    ۽ جواب ۾ هن ڪنڌ جهڪائي، ڪملا جا پير چمي ورتا هئا. ڪملا حيرت مان اٿي بيهي رهي ۽ پوءِ ستيش جي اکين ۾ ڏٺائين. ستيش جون نگاهون ڄڻ ته ڳالهائي رهيون هيون. ”ڪملا، منهنجي دنيا تون آهين. منهنجي بهار تون آهين. منهنجي شفق تون آهين. منهنجو پيار تون آهين. منهنجي پوڄا تون آهين، ڪملا!“
    ۽ اڄ هو ان ڪملا لاءِ تڙپي رهيو هو، جنهن جي هن پوڄا ڪئي هئي. انتظار ڪندي ڪندي، هن محسوس ڪيو ته هو ڪملا کانسواءِ زندگيءَ جي خاڪ ۾ ملي ويندو.
    پوءِ اوچتو، ڪملا گارڊن جي در وٽ اچي بيٺي. ستيش کان سڀ شڪوا ۽ شڪايتون وسري ويون ۽ سندس چئني طرف مسرت جون مکڙيون کلڻ لڳيون.
    ”اوه، ڪمو!“ هن ٻانهون کوليندي چيو، ”منهنجي ڪمو، منهنجي ڪملا!“
    ڪملا در وٽ ئي بيٺي رهي ۽ پوءِ هن پنهنجا هٿ اڳتي وڌايا.
    آسمان مان رت جا ڦڙا ٽمڻ لڳا.
    ڪملا جي هٿن تي مينديءَ جي روپ ۾ ستيش جي حسرتن جي خون هاريل هو. پوءِ هوءَ، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي، هميشه لاءِ هن کان جدا ٿي ويئي.
    ڪملا عورت ـ هن جي محبوبه!

    پوءِ سڄي دنيا جون محروميون، مايوسين ۽ اداسيون هڪ دکي انسان جي حصي ۾ هليون آيون ـ ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي اوندهه فقط ستيش لاءِ هئي، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جا غم فقط ستيش لاءِ هئا. ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي ناڪامين جو زهر فقط ستيش لاءِ هو.
    ۽ زهر ستيش جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن جون حسرتون لٽجي ويون. ارمان لٽجي ويا ۽ سندس آرزوئن سان ڀريل دل ڀڄي پيئي. هڪ عورت جي پيار ۾ کيس روئندڙ اکيون، ويران ذهن، جلندڙ جذبات ۽ پنهنجي ئي دل جا ٽڪرا مليا!
    آخر هو ڪيستائين سهي سگهيو ٿي! هن جو سڄو جسم هڪ عورت جي بي وفائي ۾ سڙي رهيو هو. صبر جو دامن هن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو ۽ هن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳو. رحم جي جذبي هن کي شراب جي بوتلن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جيئن ڪجهه دير لاءِ هو پاڻ کي ۽ پنهنجي لُٽيل، اجڙيل ۽ ويران دنيا کي وساري سگهي ـ ۽ وساري ڇڏي ته هڪ عورت کيس پيار ۾ دوکو ڏنو ۽ پنهنجي مجبوريءَ جو سهارو وٺندي کيس فريب ڏنو!
    هڪ رات هن خوب پيتو. شراب هن جي جسم ۾ داخل ٿي رهيو هو ۽ سندس زهر درد جي احساس کان آجو ٿي رهيو هو. هو آخري پئگ پي، بار مان ٻاهر نڪتو، هن جي ذهن ۾ آرام ۽ سڪون هو، هو ويران سڙڪن ۽ ٽيوب ـ لائيٽ ۾ چلڪندڙ رستن تي هلندو رهيو ۽ پوءِ جڏهن هاسٽل جي ٻاهرئين در وٽ پهتو ته در بند ٿي چڪو هو ۽ هاسٽل جا ٻئي چوڪيدار سامهون ورانڊي ۾ ستل هئا. هن ڀت ٽپڻ مناسب نه سمجهي.
    پوءِ هن جا ٿڙندڙ قدم هڪ بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳا. ان بلڊنگ جي هڪ فليٽ ۾ هڪ عورت رهندي هئي. جنهن سان هن ننڍي هوندي راند ڪئي هئي ۽ جنهن سان هڪ ئي گهر ۾ نپيو ۽ پليو هو. ان عورت جي جنهن ڏينهن شادي ٿي رهي هئي. تنهن ڏينهن ستيش بيحد اداس ۽ مايوس، مهمانن جي وچ ۾ گهمي رهيو هو ۽ پوءِ جڏهن ڦيرن جي رسم به پوري ٿي ويئي ۽ منڊپ جي باهه به سرد ٿي ويئي، تڏهن هن جون اکيون وسي پئيون. هو معصوم ٻارن وانگر، ڪيوڙي جي سائي ٿڙ سان لڳي. سڏڪا ڀرڻ لڳو ـ ۽ ڄڻ ته ڪيوڙو به سندس آهن ۾ سڪڻ لڳو. پوءِ اها عورت سندس آلو چهرو پنهنجي سيني ۾ لڪائي. هن جي وارن تي پنهنجا چپ ۽ ڳل ڦيرڻ لڳي. هن عورت جي سيني تان منهن هٽائي. کيس پرنم نگاهن سان ڏٺو ۽ عورت سندس آلين اکين تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.
    ”هن گهر ۾ توکان سواءِ منهنجي دل نه لڳندي، چندرا.“ هن سڏڪن ۾ چيو.
    ”مان هميشه تنهنجي رهنديس، ستيش.“ عورت جو سندور ستيش جي چپن کي لڳو پيو. ”منهنجو نئون گهر به تنهنجو ئي آهي.“
    ۽ هينئر هو انهيءَ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. بلڊنگ جي ڏاڪڻ ۾ ٿاٻڙندو، هو فليٽ جي در وٽ بيهي رهيو. هن بيل تي آڱر رکي ۽ اندر گهنٽي وڳي. هو انتظار ڪندو رهيو ۽ پوءِ هن وري بيل تي زور ڏيئي گهنٽي وڄائي. ڪجهه دير کانپوءِ ان عورت در کوليو. ستيش جي وات ۽ ڪپڙن مان نڪرندڙ شراب جي بوءِ، عورت کي سخت ناگوار لڳي. هوءَ هڪ قدم پوئتي هٽي ويئي. ستيش اندر داخل ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو، پر عورت هن جي سامهون اچي ويئي.
    ”نه، ستيش“ هن چيو، ”منهنجو گهر تو جهڙن اوباشن لاءِ ناهي!“
    ”چندرا!“
    ”پنهنجي زندگي ته تباهه ڪري چڪو آهين، هينئر مون کي برباد نه ڪر، نڪري وڃ. هليو وڃ، ستيش ۽ وري منهنجي چانئٺ تي قدم نه رکجانءِ!“ عورت کيس حقارت سان ڏسندي چيو ۽ پوءِ در بند ڪري اندر هلي ويئي.
    ستيش جو درد جاڳي اٿيو، هن جا زخم گهرا ٿي ويا ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ڏاڪڻ لهي آيو. چندرا عورت هئي ـ هن جي ڀيڻ!

    جڏهن هڪ انسان جون حسرتون خاڪ ۾ ملي وينديون آهن، جڏهن قدم قدم تي انسان کي ٺوڪرون ملنديون آهن، جڏهن منزل نظرن کان اوجهل ٿي ويندي آهي ۽ جڏهن انسان رات جي تاريڪين ۾ ۽ ڏينهن جي روشنين ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي، تڏهن هو سهارا تلاش ڪندو آهي.
    ستيش کي به سهاري جي ضرورت هئي. کيس هڪ بهاني جي ضرورت هئي. جنهن جي سهاري هو جي سگهي. ورنه هن جون ته سڀ آسون ۽ اميدون مٽجي چڪيون هيون ـ هن کي قدم قدم تي دوکا مليا، کيس موڙ موڙ تي فريب مليو ۽ پوءِ تمنائن جا ديپ وسامي ويا. هينئر زندگيءَ جي تاريڪ راتين لاءِ کيس فقط جگنوءَ جي ضرورت هئي، جيئن هو جي سگهي. هو قدرت جي قانون موجب زنده هو، پر سندس دل مري چڪي هئي.
    هڪ ڏينهن، ستيش کي ياد آيو ته زهر جو علاج زهر آهي، پوءِ هو پنهنجي ذهن جي تلخيءَ ۽ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ مٽائڻ لاءِ، زهر کي امرت جي پيالي ۾ وجهي پيئڻ آيو.
    ”تنهنجو نالو؟“ هن زهر کان پڇيو.
    ”مان شانتي آهيان.“ زهر جواب ڏنو.
    ”۽ مان ستيش آهيان.“ هو زهر جي پاسي ۾ ويهي رهيو ۽ پوءِ شانتيءَ هن کي سهارو ڏنو، کيس درد ڀريا گيت ٻڌائي، سندس زخمن تي پهو رکيو. کيس پيار ڏيئي، هوءَ کانئس سندس ماضيءَ جون چوٽون کسيندي رهي ۽ هو زندگيءَ جي محور تي موٽي آيو. شانتيءَ هن کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو، کيس زندگيءَ جي قدرن جي اهميت سمجهائي ۽ وري هن کي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي. شانتيءَ جي محبت ستيش کي جهڪائي ڇڏيو، ۽ هن سوچيو ته شانتي سندس درد جي دوا آهي: شانتي عورت جو مڪمل روپ آهي، شانتيءَ جي گيتن ۾ گنگا ۽ جمنا جي وهڪري جي رواني آهي ۽ هن شانتيءَ کي محبت جي عيوض سڀ ڪجهه ڏيئي ڇڏيو. هن کي سڪون جي تلاش هئي، آرام جي جستجو هئي، ته پوءِ هو ڇو نه شانتيءَ کي سڀ ڪجهه ڏيئي، سندس پيار ۽ سندس الفت خريد ڪري وٺي ها!
    پوءِ، هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو، شانتيءَ هن کان منهن موڙي ڇڏيو. شانتيءَ جي توجهه ٻئي ڪنهن طرف ٿي ويئي. سندس گيت ۽ سندس دلفريب ادائون انهن لاءِ رهجي ويون، جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه هو. پر ستيش ته سڀ ڪجهه ڏيئي چڪو هو ۽ هڪ ڏينهن ڪنگال ستيش کي شانتيءَ پنهنجي ڪوٺيءَ مان ڌڪاري ڇڏيو. اها چوٽ عظيم هئي، اها ضرب ڪاري هئي ۽ ان فريب ۾ اذيتناڪ تڪليف هئي. هڪ عورت، هڪ دفعو، وري کيس ڀڳل شيشن تي اڇلائي ڇڏيو.
    شانتي عورت هئي ـ هڪ وئشا!

    مسلسل بيوفائين هن جي سيني ۾ داغ وجهي ڇڏيا. زماني خوب دل کولي کيس ستايو. بدتر حالتن کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو. قدرت هن جو مذاق اڏايو ۽ دنيا هن جي مجروح دل تي ٽهڪ ڏنا، ۽ هو پنهنجو غم ڀلائڻ لاءِ شراب خانن ۽ سينگاريل ڪمرن ۾ ڀٽڪڻ لڳو. هو پنهنجي دلجوئيءَ لاءِ انهن ڪمزور سهارن کي چنبڙي رهيو هو، جن کان دنيا کي نفرت آهي. پوءِ، آهستي آهستي، سڀ کانئس دور ٿيندا ويا، پري ٿيندا ويا، پر هو لاپرواهه رهيو.
    هاڻي ستيش جو سينو ڇلجي پيو ۽ کنگهه ۾ کيس رت اچڻ لڳو. وچڙندڙ مرض هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن وڏن شهرن کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن پوسٽ آفيس مان هڪ عورت کي تار ڪئي ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، هو هڪ گاڏيءَ جي دريءَ وٽ، ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪري ويٺو هو ۽ ريل کيس منزل ڏانهن نيئي رهي هئي. اسٽيشنون اينديون رهيون، مسافر لهندا ۽ چڙهندا رهيا. ڪن جون منزلون آيون ۽ ڪي منزلن لاءِ سوار ٿيا. دريءَ مان ايندڙ سرد هوا سندس ڪمزور جسم ۾ خنجر وانگر چڀي رهي هئي. سندس سيني ۾ درد وڌي رهيو هو، ڄڻ ته سرد هوائون سلهه لاءِ موزون هيون. کيس کنگهه جو دورو پيو ۽ هن ڪوٽ جي کيسي مان رومال ڪڍي، هڪ هٿ سان وات تي رکيو ۽ ٻئي هٿ سان سيني کي زور ڏيئي، دريءَ تي ليٽي پيو. گاڏيءَ جا مسافر ڄڻ ته سڀ ڪجهه سمجهي ويا. سڀني جي اکين ۾ حقارت ڀرجي ويئي ۽ سندن نڪ نفرت جي اظهار ۾ شهنائين وانگر ويڪرا ٿي، سُسي ويا.
    ستيش سڀني کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. هن دريءَ جي چائنٺ تي ٻانهن رکي، منهن ويڻيءَ ۽ ڏوري جي وچ تي رکي ڇڏيو. سندس ٻيو هٿ دريءَ کان ٻاهر لٽڪي رهيو هو. هزارين خيال تيزيءَ سان سندس دماغ ۾ اڀري ۽ ٻڏي رهيا هئا. ڪملا، چندرا ۽ شانتيءَ جون تصويرون سندس تصور ۾ اُجاگر ٿيون.
    ڪملا سندس ديوي هئي، جنهن کي هن محبت جي نالي ۾ پوڄيو، چندرا سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس اوباش ۽ آوارهه سمجهي ڌڪاريو، ۽ شانتي وئشا هئي. جنهن کيس ڪوڙو پيار ۽ مصنوعي محبت ڏيئي، کانئس سڀ ڪجهه ڦري ورتو.
    ڪملا، چندرا ۽ شانتي، عورت جا مختلف روپ هئا، ۽ عورت هر روپ ۾ هن تي ظلم ڪيا، کيس زخم ڏنا، کيس پائمال ڪيو، ستايو، لٽيو ۽ آخر ۾ کيس زندگي جي اذيتناڪ مايوسين، محرومين ۽ تاريڪين ۾ ڌڪي ڇڏيو.
    ۽ هينئر هو وري هڪ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. کيس خيال آيو ته موٽي وڃي. هن عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ نٿي چاهيو. کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن عورت کيس چوٿين روپ ۾ به پيار بدران نفرت ڏني، يا کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ته پوءِ هو هڪ لمحو به زنده رهي نه سگهندو، ۽ سندس روح موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ لٽڪندو رهندو. هن موٽي وڃڻ جو خيال ڪيو.
    پر اڳين اسٽيشن سندس منزل هئي. هو دريءَ وٽ ويٺو ئي رهيو: هن فيصلو ڪيو ته عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ کان اڳ، هو ريل سان گڏ اڳتي هليو ويندو، ڀل ته سڀ ڪجهه پوئتي رهجي وڃي. هن ڪمزور اکين جي سرد نگاهن سان هڪ دفعو پنهنجي منزل جي اسٽيشن ڏسي، اکيون بند ڪري ڇڏيون.
    يڪا يڪ سندس ڪن تي لرزندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز پيو، ”ستيش! منهنجا لال!“
    هن ٿڪل پنبڻيون مٿي ڪيون. عورت سندس سامهون پليٽ فارم تي بيٺي هئي. هو ڪجهه دير عورت کي ڏسندو رهيو. عورت هن جون سڪل آڱريون زرد چهرو ۽ اداس اکيون ڏسي ورتيون. هن ٻانهون کولي، کيس وري سڏ ڪيو، ”منهنجا لال، منهنجا ستيش! لهي آ، منهنجا لال!“
    گاڏي سرڻ لڳي هئي. ستيش عورت جي اکين ۾ سمنڊ جون لهرون ڏسي ورتيون پيار جو ساگر ڏسي ورتو ۽ پوءِ هن هلندڙ گاڏيءَ مان پليٽ فارم تي ٽپو ڏنو. سندس رهيل کهيل رت منهن ۾ تري آيو، ۽ ساهه جي وچ ۾ پردا پئجي ويس. وري ساڳيءَ کنگهه کيس بيحال ڪري ڇڏيو، عورت سندس پاسي ۾ فرش تي ويهي رهي. ۽ کيس معصوم ٻار وانگر پنهنجيءَ هنج ۾ ليٽائي ڇڏيائين. هو کنگهي رهيو هو. سندس سيني ۾ بڙڇيون چڀي رهيون هيون. پوءِ کيس خون جي اُلٽي آئي. عورت سڄي اُلٽي پنهنجن ڪمزور ۽ ڪنبندڙ هٿن ۾ کڻي ورتي. پيار جو ساگر اٿلي پيو: ”تو ڇا ڪيو، منهنجا لال، منهنجا لال، منهنجي جوت!“
    عورت هن جو رت ۾ ٿڦيل چهرو چمي ورتو. ۽ هن آهستي چيو:
    ”ڪجهه به ناهي ... مان هينئر جلد ٺيڪ ٿي ويندس، جلد ٺيڪ ٿي ويندس!“
    پوءِ ٻنهي جي چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي، ٻنهي جي اکين ۾ محبت جون کنوڻيون چمڪڻ لڳيون ۽ ٻنهي ڳڙاٽڙي پائي، هڪ ٻئي جي سيني ۾ چاهت جا نغما ٻڌي ورتا.
    اها عورت هن جي ماءُ هئي.

    1961


    انڪار به آ ـ اقرار به آ

    سڄي ڪاليج تي اداسي ڇانيل هئي. هر طرف دل کي درد جو احساس ڏياريندڙ خاموشي هئي. ان خاموشيءَ ۾ شاگرد ڪنڌ جهڪائي مايوسيءَ سان هلي رهيا هئا ـ اڪثر پروفيسرن پنهنجا ڪلاس به نه ورتا ۽ هينئر ڪجهه شاگرد ڪامن روم ۾ ويٺا هئا ـ ڪجهه ڪينٽين ۾ ۽ باقي ڪاريڊار ۽ ورانڊن ۾ بيچينيءَ سان اچ وڃ ڪري رهيا هئا.
    ڇوڪرن جي ڪامن روم ۾ وحشتناڪ ويراني هئي. ڪاليج جا شرير ۽ حرفتي شاگرد خالي ڪرسين تي پير ڊگها ڪري ويٺا هئا. ٻه ـ چار شاگرد ٽيبل ٽينس جي ٽيبل تي ليٽيل هئا. درن درين جا پردا هيٺ مٿي ٿيل ۽ ڪتاب فرش تي ۽ ٽيبل تي اڇلايل هئا. سڀني جي نگاهن ۾ بيچيني ۽ اضطراب هو ـ سڀني کي انتظار هو ـ ۽ انتظار طويل ۽ تلخ ٿيندو ٿي ويو. ساڳي حالت ڇوڪرين جي ڪامن روم جي هئي. شوخ ۽ چنچل ڇوڪريون خاموش هيون. ڪجل ڀريون اکيون اداس هيون ۽ ڀڙڪيلن ڪپڙن ۽ رنگين پلاندن ۾ پڻ هڪ دردناڪ جهلڪ موجود هئي.
    اڄ مغرور شيلا جي اکين ۾ پڻ لڙڪ تري رهيا هئا.
    هٺ ۽ وڏائيءَ جو احساس به سندس دل مان نڪري چڪو هو.
    ۽ هينئر،
    ان احساس جي ياد ۾ هوءَ جلي رهي هئي ـ اها ئي ته ايرکا هئي ـ اها ئي ته محبت هئي. اها ئي ته پريم جي نشاني هئي. جو ڪوشش جي باوجود سندس پنبڻيون آليون ٿي پيون هيون. اکين اکين ۾ دل ڏکائيندڙ روش تي پڇتاءُ هو.
    شيلا جي پاسي ۾ سبيتا ويٺي هئي. سبيتا جي چهري تي ڪوبه ظاهري اضطراب نه هو. هوءَ پٿر مثل خاموش هئي ـ ۽ سندس نگاهون شيلا جي بيڪلي ۽ بيچيني ڏسي رهيون هيون.
    ٻيون ڇوڪريون آهستي آهستي سرگوشيون ڪري رهيون هيون ـ ڪجهه ڪامن روم جي در وٽ منتظر هيون.
    کين انتظار هو هڪ خبر جو ـ
    اهڙي خبر جو، جنهن کي ٻڌڻ لاءِ سڀ بيچين هيون.
    پر مڃڻ لاءِ ڪابه نه!
    انتظاريءَ ۽ بيقراريءَ کان مجبور ٿي ۽ ڪڪ ٿي گهڻا شاگرد، پرنسپال جي آفيس ٻاهران جمع ٿي رهيا هئا. هڪ اندوهناڪ خبر ٻڌڻ لاءِ هو پنهنجن حواسن کي تيار ڪري رهيا هئا. گهٽيل لهجي ۾ گفتگو هلي رهي هئي.
    ”خبر ته غلط به ته ٿي سگهي ٿي.“
    ”ڪهڙي خبر.“
    ”شايد ڪنهن شرارت Activity ڪئي هجي.“
    ”ممڪن آهي.“
    ”بس هينئر سڀ معلوم ٿي ويندو.“
    ”پوسٽ مين تمام دير لاتي آهي.“
    ”ايندو ئي هوندو ـ ڪجهه شاگرد پوسٽ ۽ ٽيليگراف آفيس ويا آهن.“
    ۽ گرلس ڪامن روم ۾ ـ
    سبيتا آهستي چيو ”شايد ڪنهن چرچو ڪيو هجي.“
    ”ائين ئي هجي سبيتا! ائين ئي هجي.“ شيلا بيچين ٿي چيو.
    حسن کي عشق باهه لڳائي ڇڏي.
    ”توکي ته کانئس نفرت آهي.“ سبيتا طنز ڀريل لهجي ۾ چيو.
    ”هئي سبيتا، هئي.“ حسن برهم ٿي ويو.
    ”۽ هينئر؟“
    ”هينئر ارمان جا آنسو پيار جو نذرانو آهن.“ شيلا لڙڪ لڪائڻ لاءِ اکيون بند ڪري ڇڏيون ۽ پنبڻين ۾ اٽڪيل لڙڪ سندس ڳلن تي وهي آيا.
    عشق ديوتا وڃي چڪو هو. حسن کان منهن موڙي ـ پيار جا پيمانا درد دل کي ڏيئي. ۽ هينئر پوڄا بيڪار هئي.
    ڇوجو جنهن پرڪاش کان شيلا نفرت ڪندي هئي، سو ان وقت تائين چتا ۾ جلي چڪو هوندو ۽ اڄ جڏهن پرڪاش جي موت شيلا جي نفرت کي الفت ۾ بدلي ڇڏيو ته هن محسوس ڪيو ته سڄي عمر پرڪاش جي ياد جي چتا سندس سيني ۾ دکندي رهندي.
    ٻن ڏينهن کان پرڪاش جي موت جي خبر ڪاليج ۾ پهتل هئي. پرنسپال هڪدم سندس مائٽن کي تار ڪئي ۽ اڄ ان تار جو جواب اچڻو هو، پڪ ٿيڻي هئي ته پرڪاش جو موت ڪيئن ٿيو. پڪ نه پوڻ ڪري پرنسپال شاگردن جي پرزور مطالبي تي به ڪاليج بند نه ڪيو. کيس تار جي جواب جو انتظار هو.
    پر پرڪاش جي موت جي خبر سڄي ڪاليج ۾ باهه وانگر پکڙجي وئي. سڀ شاگرد ۽ پروفيسر دم بخود رهجي ويا ۽ ڌڙڪندڙ دليون هڪ لمحي لاءِ بيهي رهيون ۽ ساهه منجهڻ لڳا! پرڪاش کلمک ۽ ڪاليج جو هر دلعزيز رانديگر هو. ڪاليج جي فتحن ۾ هن جو هميشه وڏو حصو رهيو هو ... پر اڄ ڪاليج جي وڏي غم ۾ سڄو حصو پرڪاش جو هو!
    ۽ شيلا!
    شيلا مغرور هئي!
    کيس پنهنجي حسن ۽ امارت تي ناز هو. ڪاري ڪيڊلڪ مان لهندي، هوءَ لاپرواهيءَ سان ورانڊن ۽ ڪاريڊارن ۾ گهمندڙ شاگردن تي هڪ نظر وجهي ڪامن روم ۾ هلي ويندي هئي. سڀ کيس ڪيڙا ماڪوڙا نظر ايندا هئا. ۽ جڏهن به ڪنهن شرير شاگرد تي پنج ڏهه رپيا ڏنڊ وجهرائيندي هئي يا پاڻ ئي کيس اهڙين حقارت آميز نظرن سان ڏسندي هئي جو شرير شاگرد جي دل ڪنبي ويندي هئي ۽ هو وري ڪڏهن به کيس ڇيڙڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو.
    ۽ پرڪاش!
    پرڪاش شڪست مڃڻ وارو نه هو!
    پرڪاش کي پنهنجن حرڪتن ۽ شرارتن ۾ پنهنجي مجبور ساٿين جو بدلو نظر اچڻ لڳو. ۽ هن شيلا کي خوب پريشان ڪرڻ شروع ڪيو. ڪلاس ۾ جڏهن به هوءَ پروفيسر کان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي يا پروفيسر کانئس سوال ڪندو هو ته هو کلي پوندو هو، ان کل کان شيلا کي نفرت هئي ۽ هوءَ منجهي پوندي هئي، سندس منجهڻ ڏسي سڄو ڪلاس ٽهڪن ۾ پئجي ويندو هو، ۽ ٽهڪن جو طوفان فقط ان وقت ختم ٿيندو هو جڏهن پروفيسر پنهنجو هٿ مٿي ڪري شاگردن کي خاموشيءَ لاءِ چوندو هو. پرڪاش، شيلا جي ڪپڙن تي کلندو هو. شيلا جي هلڻ تي کلندو هو ۽ خوامخواه کلندو هو ۽ جلي ويندو هو.
    ۽ پوءِ!
    پوءِ ڪاليج جي شاگردن پرڪاش جي شرارتن ۾ محبت جي لاٽ ڏسي ورتي ۽ هينئر هن وقت ان جي دماغ تي شيلا سان ڳالهائڻ جو ڀوت سوار رهندو هو. هر وقت شيلا سان ڳالهائڻ جا موضوع تلاش ڪندو هو، پر شيلا هميشه بي مروت رهي. هميشه هن پرڪاش کي ٺڪرايو ۽ ڌڪاريو. پوئين ڏينهن پڻ!
    پوئين ڏينهن پرڪاش شيلا کي لائبريريءَ جي ٻاهران روڪيو هو.
    ”شيلا!“ ان ڏينهن پرڪاش بيحد سنجيده هو.
    ۽ شيلا بيدليءَ سان بيهي رهي.
    ”اڄ مان پنهنجي گهر وڃي رهي آهيان.“
    شيلا خاموش رهي.
    ”منهنجي ماءُ بيمار آهي شيلا!“
    ”تو کي ڳالهائڻ لاءِ بهانا گهرجن!“ شيلا سخت ناگوارا لهجي ۾ چيو.
    ”ها شيلا!“ پرڪاش اطمينان سان جواب ڏنو. ”مان هر وقت تو سان ڳالهائڻ جا موقعا تلاش ڪندو آهيان.“
    ”آخر ڇو؟“ خشڪ آواز ۾ چيو. ”ڪاليج ۾ ٻيون ڇوڪريون به ته آهن.“
    ”پر شيلا فقط هڪ آهي.“ پرڪاش آهستي چئي ويو.
    ”تنهنجو مطلب ڇاهي پرڪاش!“ شيلا هڪ طرف هلندي چيو. ”تون چاهين ٿو ته، مان تنهنجين بيهودين حرڪتن جي پرنسپال وٽ رپورٽ ڪيان؟“
    ”ها شيلا! اهو تنهنجو مون تي پهريون ۽ آخري احسان هوندو.“ پرڪاش جي لهجي ۾ اعتماد هو.
    ”ته مان تنهنجي حسرت پوري ڪندس.“ شيلا چيو ۽ پوءِ پنهنجي گلابي ساڙيءَ جو پلو سنڀاليندي جڪ کائيندي هلي وئي.
    ”سنگدل“ پرڪاش چپن ۾ چيو.
    شيلا سڄي ڪاليج ۾ سنگدل مشهور هئي.
    ۽ پرڪاش شيلا جي سنگدليءَ کي دل ڏيئي ويٺو.
    هڪ ڏينهن، سالياني راندين ۾ پرڪاش پريان شيلا کي ايندي ڏٺو. ان وقت پندرهن سو ميٽرن جي ڊوڙ لاءِ پهريون آواز آيو. پرڪاش ٽريڪ تي نالو ڏيئي ـ شيلا کي ملڻ لاءِ ڇوڪرين جي تنبوءَ وٽ پهتو.
    ”شيلا!“
    ”ڇو؟“ بي رخيءَ جواب ڏنو.
    ”آخري ڊوڙ ٿي رهي آهي.“
    ”مان ڇا ڪيان؟“
    ”دعائون“
    ”هارائيندين.“
    ”مان دل جي بازي هارائي ويٺو آهيان.“ ۽ هو موٽي ٽريڪ تي آيو. پرڪاش پندرهن سو ميٽرن جي ڊوڙ سان سالياني چيمپئن شپ کٽي ورتي. هن ٽرافي ۽ ڪپ ڊائس تي رکيا ۽ شيلا ڏانهن ڊوڙندو آيو. هوءَ پنهنجي ڪاري ڪيڊلڪ ڏانهن وڃي رهي هئي.
    ”شيلا!“
    هوءَ بيهي رهي.
    ”مبارڪ نه ڏيندينءَ شيلا!“ التجا.
    ”تون مبارڪ جو مستحق ناهين.“ بيرخي.
    ”تنهنجي بيرخي منهنجي لاءِ مبارڪ آهي.“
    ”مان بڪواس ٻڌڻ جي موڊ ۾ نه آهيان.“ شيلا بيزاريءَ مان چيو.
    ”۽ سنگدلي تنهنجو تحفو!“ پرڪاش آهستي وراڻيو.
    ۽ هوءَ ڪار جو در کولي ويهي رهي.
    ۽ هينئر شيلا کي ستائيندڙ وڃي چڪو هو. هن هميشه لاءِ ڪاليج ڇڏي ڏنو ـ ۽ شيلا شدت سان محسوس ڪيو ته وري ڪڏهن به ان پرڪاش کي نه ڏسي سگهندي. جنهن جي تمنا فقط کيس ڏسڻ ۽ ڳالهائڻ هئي.
    اُف! مون ڇا ڪيو.
    حسن پڇتايو ۽ محبت پُر درد گيت اَلاپيا.
    پوسٽ مين اچي چڪو هو. ورانڊي ـ ڪامن روم ۽ ڪينٽين جا شاگرد پرنسپال جي آفيس ٻاهران گڏ ٿيڻ لڳا. پوسٽ مين آفيس ۾ گهڙي ويو ۽ سڀني جون دليون ٽٽندڙ آسن ۽ اميدن جي وچ ۾ ڌڙڪڻ لڳيون ـ ڄڻ ته هوائون رڪجي ويون ۽ سج پنهنجو منهن ڪارن ڪڪرن ۾ لڪائي ڇڏيو. انتظار جو هڪ هڪ لمحو اذيتناڪ هو، هڪ هڪ گهڙي گهائل ڪندڙ هئي ۽ هڪ هڪ ساعت سڪائيندڙ هئي. سڀني جون نگاهون پرنسپال جي در تي لڳل هيون. اڄ پرڪاش جي موت جي پڪ ٿيڻي هئي.
    پرنسپال جي آفيس جو در کليو، دليون ڌڙڪڻ لڳيون ـ زور سان! پرنسپال هٿ ۾ تار کڻي ٻاهر نڪري آيو ۽ سڀني جا قدم لڙکڙائجي ويا. پرنسپال خاموش شاگردن تي هڪ نظر وجهي. اندوهناڪ خبر ٻڌائي ته پرڪاش جو موت جيپ جي ايڪسيڊنٽ ڪري ٿيو هو. سندس آخري الفاظ هئا ته، مان سڀني ساٿين جو پريم دل ۾ کڻي ٿو وڃان ۽ ان جو پڻ جنهن مون کي ڪڏهن به نه چاهيو.
    پرنسپال موڪل جو اعلان ڪيو ۽ شاگردن يونين پاران ميٽنگ سڏائي، جنهن ۾ يونين جي وائيس پريزيڊنٽ کان سواءِ، پرڪاش جي گهرن دوستن به پرڪاش جي شخصيت تي تقريرون ڪيون، پر شاگردن کي اهو ڏسي حيرت ٿي ته پرڪاش جو سڀ کان گهرو دوست مقبول موجود نه هو. پوءِ پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته، جنهن ڏينهن کان پرڪاش ويل هو، ان ڏينهن کان مقبول به غائب هو.
    ميٽنگ ختم ڪري شاگرد، چهرن تي اُداسيون ۽ دل ۾ ويرانيون کڻي موٽڻ لڳا. ڪنهن به ڪينٽين ۾ ويهڻ پسند نه ڪيو ۽ نه ئي ان دردناڪ موضوع تي ڳالهائڻ چاهيو.
    ”تو پرڪاش جا آخري الفاظ ٻڌا؟“
    ”ها.“ شيلا جو ڪنڌ جهڪي ويو.
    ”تو پرڪاش تي هميشه ظلم ڪيو. کيس ستايو ـ ٺڪرايو.“ سبيتا کيس نشتر ڇپايو.
    ”مان گهائل آهيان سبيتا، مان گهائل آهيان.“
    ورانڊا ۽ ڪاريڊار خالي ٿي چڪا هئا ـ ۽ هينئر فقط شيلا ۽ سبيتا خالي ورانڊي مان گذري رهيون هيون. شيلا جون اکيون لڙڪن سان ٽمٽار هيون ۽ سبيتا جي چهري تي الميه آثار! لائبريريءَ جي ڏاڪڻ وٽ سبيتا چيو.
    ”تو کيس هميشه ڌڪاريو ـ سنگدل.“
    ”بس ڪر سبيتا، بس ڪر ـ مان ...“ ۽ شيلا ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي روئي پئي.
    ”روئڻ مان ڇا ورندو شيلا!“ سبيتا کيس سمجهائيندي چيو. ”ٻڌ، ڪو ڏاڪڻ لهي رهيو آهي، ماڻهو ڇا چوندا؟“
    ”مون کي ماڻهن جي پرواهه ناهي. شيلا منهن تان هٿ نه هٽايا اڄ مان سڀني کي ٻڌائيندس ته مان سنگدل نه آهيان. مون کي پرڪاش سان .... ها ... سبيتا پرڪاش منهنجو ديوتا آهي ۽ ... ۽ مان سندس داسي.“
    قدمن جو آواز هن جي قريب رڪجي ويو ۽ پوءِ ڪنهن سندس قدمن کي ڇُهيو. شيلا منهن تان هٿ هٽائي ڇڏيا. پرڪاش سندس قدمن ۾ گلاب جو گل رکي رهيو هو. شيلا جي وات مان هلڪي رڙ نڪري وئي.
    ”پرڪاش.“
    ”ديوتا، پنهنجي داسيءَ جي قدمن ۾ عقيدتن جا گل نڇاور ڪرڻ آيو آهي!“ پرڪاش شيلا جي سامهون اٿي بيٺو. شيلا ڏاڪڻ جي ريلنگ کي مضبوطيءَ سان جهلي ورتو، پرڪاش وڌي کيس سهارو ڏنو ۽ هن پاڻ کي پرڪاش جي ٻانهن ۾ ڇڏي ڏنو.
    ”پرڪاش.“ شيلا جون اکيون بند ٿيڻ لڳيون. پريان سبيتا جي ٽهڪن جو آواز آيو، شيلا، حواسن تي قابو پائيندي اکيون کوليون ـ ۽ پوءِ سبيتا جي ويجهو هلي آئي.
    ”اڃا به توکي شڪ آهي ته مان ڪاليج جي ڊرامئٽڪ سوسائٽيءَ جي بهترين هيروئن نه آهيان؟“ سبيتا فخر سان چيو ”ٻن ڏينهن کان ڪهڙي نه الميه اداڪاري ڪئي اٿم.“
    شيلا جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي.
    ”۽ تار؟“
    ”مقبول منهنجي گهر پهچي چڪو هو.“ پرڪاش ٻڌايو، ”اسان پروفيسر ريمنڊ سان شرط رکي هئي ته هڪ ڏينهن ڪنهن Activity سان ڪاليج ۾ موڪل ڪرائينداسين.“
    ”ته توهان شرط کٽي ورتي.“ شيلا هيڻي آواز ۾ چيو.
    ”ها.“ پرڪاش مسرت لڪائي نه سگهيو.“ پر مون هيءَ سڄي ڪائنات جيتي ورتي.“
    ۽ ڪائنات جي ذري ذري مان محبت جا گيت گولجڻ لڳا.

    1962


    هولي

    هميشه وانگر، ڊوڙندو آيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪليءَ سان لٽڪائي رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. مان کيس پنهنجي ڪمري جي دريءَ مان ڏسي رهيو هوس. سندس عمر پنج سال مس ٿيندي. پر چنچلتا سرير ۽ آتما ۾ اوتيل اٿس. منهنجو سڀ کان ننڍو ڀائٽيو آهي. کيس بيحد ڀائيندو آهيان. آهي به ڏاڍو سندر، بلڪل چينيءَ جي گُڏن جهڙو. ڀاڀي اڪثر رنگا رنگي نِڪرون ۽ قميصون پهرائيندي اٿس. بيحد پيارو اٿم. ان ڪري ئي ”هولي“ سڏيندو آهيانس.
    هميشه وانگر ڊوڙندو آيو. ڪتابن جو ٿيلهو ڪليءَ سان لٽڪائي، رنڌڻي ڏانهن هليو ويو. منجهند جي ماني آڻي ٽيبل تي رکيائين. ڏاڍي بک لڳي هيس، جو هٿ ڌوئڻ به وسري ويس. ڪرسي آڻي ٽيبل وٽ رکيائين ته چيومانس:
    ”هولي!“
    ”جي. چاچا.“
    ”پٽ، هٿ نه ڌوئيندين؟“
    ”ڌوئان ٿو، چاچا.“ هٿ وارو گرهه اتي ئي رکي، گينڊيءَ جو نل کولي، هٿن کي صابڻ سان ڌوئي صفا ڪيائين. جيترو مان کيس گهرندو آهيان. ان کان وڌيڪ مون لاءِ ماندو رهندو آهي. ٽوال سان هٿ اگهي. وري اچي ڪرسيءَ تي ويٺو. هڪ گرهه مس کاڌائين ته کيس ڪجهه ياد آيو.
    ”چاچا!“
    ”هولي پٽ ...“
    ”چاچا، مون کي هولي ڇو سڏيندا آهيو؟“
    ”پيارو جو آهين!“
    پر سندس اڻتڻ پوري نه ٿي. ٻه ـ چار گرهه کائي، منهن ورائي چيائين: ”اڄ اسان جي نئين ٽيچر پڇيو ته سڀ توکي هولي ڇو چوندا آهن.“
    ”تو ڇا چيس؟“
    ”چيو مانس ته منهنجي چاچا منهنجو نالو هولي رکيو آهي.“
    پاڻيءَ جا ٻه ـ ٽي ڍڪ ڀري، شوخيءَ سان ٻڌايائين: ”چاچا، ٽيچر مون کي هوليءَ جي معنيٰ به ٻڌائي.“
    مون سوچيو، ان ٽيچر هولي کي ”هولي“ جي ڪهڙي معنيٰ ٻڌائي هوندي. جنهن رنگين پاڻيءَ جي راند ئي نه ڪئي هوندي، تنهن کي ڀلا هوليءَ جي ڪهڙي ڄاڻ؟ پر هوليءَ کان ئي پڇيم: ”ٽيچر توکي ڇا ٻڌايو، هولي؟“
    هولي پنهنجو پتڪڙو هٿ کڻي چيو: ”ٽيچر چيو، هولي معنيٰ پاڪ، پويتر.“
    مون سوچيو، سچ ئي ته ٽيچر کيس ٻڌايو آهي! سڪ ۽ محبت سان هڪ ٻئي تي هاريل پاڻي، پاڪ ئي ته هوندو آهي. پر جنهن جذبي ڪري مان کيس هولي سڏيندو آهيان، ان کي معصوم هولي ڪيئن سمجهي سگهندو؟ مون ته کيس ڪنهن جي ياد سان وابسته ڪري ڇڏيو آهي. چيومانس: ”هولي معنيٰ پاڪ. پاڪ پاڻي!“
    هو منجهي پيو. سندس ننڍڙي دماغ لاءِ اهي ڳالهيون بي معنيٰ هيون. پر تڏهن به پڇيائين: ”ڀلا ڪيئن هوندو آهي اهو پاڻي؟“
    ”رنگا رنگي .... انڊلٺ جهڙو!“ مون کيس سمجهايو: ”پچڪارين ۾ رنگين پاڻي ڀري، هڪٻئي کي پيار وچان پُسائڻ جو نالو اٿئي ”هولي.“ رنگين پاڻيءَ جي راند جو نالو اٿئي ”هولي!“
    ”ڪهڙي رنگ جو هوندو آهي پاڻي؟“ هن ڏائي ڳل تي هٿ رکي چيو.
    ”ڳاڙهو، سائو، گلابي، ... ۽ ـ“ منهنجو آواز ڀرجي آيو.
    ”ڀلا ڪير ڪندا آهن اهي راند؟“ هوليءَ وري پڇيو.
    ”ڪندا هئا ... هولي! .... ”مون دل جي درد کي اکين ۾ لڪائيندي چيو، ”پرڪاش، موهن، پرشوتم ... ۽ اندرا ... ۽ ...“ منهنجون پنبڻيون آليون ٿي ويون. پراڻا زخم وري تازا ٿيڻ لڳا ـ ناسور ڪيئن ڇٽندا! هولي غور سان دلچسپيءَ سان رنگين پاڻيءَ جي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو، ۽ مون کيس وري ٻڌائڻ شروع ڪيو: ”ساڌ ٻيلي کان شيش محل تائين، ڄڻ سنڌو به رنگجي ويندي هئي. ڍورو، ناري شالا، چبوتڙو، ڍڪ بازار، سڀ انڊلٺ کان وڌيڪ سهڻن رنگن ۾ رنگجي ويندا هئا!“
    هولي پنهنجي ڪهاڻي ٻڌي رهيو هو.
    ” ... ۽، هولي! اندرا اسان جي گهر اچي، امان، بابا، ادا ۽ مون کي پچڪاريءَ سان رنگي ڇڏيندي هئي. هميشه آسماني رنگ هڻندي هئي ... اهڙو سندر، اهڙو پيارو رنگ، هولي!“
    لڙڪ پنبڻين جو بند ڀڃي، اندر جي آگ اجهائڻ آيا. مون هوليءَ کان نظرون بچائي، اکيون اگهي ڇڏيون. هولي ٽپ ڏيئي ڪرسيءَ تان اٿي آيو. ۽ پنهنجون نرم ٻانهون منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي، ڳراٽڙي پائي چيائين.
    ”چاچا، اسين به رنگين پاڻيءَ جي راند ڪنداسين!“
    گهاءُ گهرا ٿي ويا. سڏڪا جهلي چيومانس: ”اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي، هولي اسان وٽ اهو پاڻي ڪونهي!“
    هوليءَ جو منهن مرجهائجي ويو، ۽ مون کيس پنهنجي گهائل سيني سان لڳائي ڇڏيو.

    1963


    ٻه چور

    سڄي شهر ۾ ميرل ۽ پيرل جي نالن جي ڌاڪ ويٺل هئي. ٻئي زبردست چور هئا. ڳئون مينهون ڇوڙڻ ته هنن لاءِ ڏائي هٿ جو ڪم هو. هو پنهنجي فن ۾ ايتريقدر ته ماهر هئا، جو راتو واهه بيٺل فصل به لڻي ويندا هئا. ڀريا گهر ڀينگ ڪري ڇڏيائون.
    سندن ڪاميابيءَ جا راز ٻه هئا.
    کين خبر هئي ته سج ۽ چنڊ سندن ڌنڌي جا دشمن آهن، اِن ڪري چوريون فقط اُماس جي ڪارين راتين ۾ ڪندا هئا. ٻٽَ ٻڌي، ڪاريون چادرون ويڙهي، وڻن جي پاڇن ۾ ڇپندا، جاين جي ڇتين تي چڙهي ويندا هئا. وڇوٽيون ماپيل ۽ قدم ڄميل هوندا هئن. معمولي کڙڪو به کانئن ڪونه ٿيندو هو. اتفاق سان ڪو ڀاتي جاڳي به پيو، ته هو هوا ۾ ڪهاڙيون ڦيرائيندا، اوندهه ۾ جذب ٿي ويندا هئا. هنن جي مهارت اڳيان پوليس به هٿ مهٽيندي رهجي ويئي هئي.
    ٻيو ته هنن اتحاد جو پورو پورو فائدو ورتو هو. ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي چوريون ڪندا هئا. سخت کان سخت خطري ۾ به، ٻانهن ٻيلي ٿي مصيبت جو مقابلو ڪندا هئا. اڪيلي سر نه ميرل جي چوريءَ تي نڪرندو هو، ۽ نه ئي پيرل.
    نه ڪنهن سندن صورت ڏٺي هئي، ۽ نه ئي ڪڏهن سندن آواز ڪنهن ٻڌو هو، نه ٻنهي جو نالو معلوم ڪري سگهيا هئا. سندن ڪارنامن جي سڌ مون کي ڪيئن پئي، سا ڳالهه اوهان کي پوءِ ٻڌائيندس.
    سڄي شهر ۽ پاسي وارن ڳوٺن ۾ اِهو وهم ويهجي ويو ته ٻيئي آدم جو اولاد نه، هو آتش جو اولاد هئا. ڪو کين جن سمجهندو هو ۽ ڪو ڀوت. عورتن ۽ پير پرستن فيصلو ڪيو ته ٻنهي وٽ ٺڪر شاهه جو تعويذ هو. اِهي افواهه چئني طرف پکڙجي ويا. ميرل ۽ پيرل جي چابڪدستيءَ کي ٺڪر شاهه جي تعويذ جي ڪرامت سمجهي، سڄي خلقت اچي ٺڪر شاهه جي تڏي تي ٽٽي. ٺڪر شاهه، جيڪو لڪ ڇپ ۾ چرس جو واپار ڪندو هو، تنهن جا ڏينهن ڦري ڀيڄ ۽ راتيون ڇيڄ ٿي پيس. ماڻهن ميرل ۽ پيرل جي ڊپ کان درن ۾ تعويذ ٽنگي ڇڏيا. اڳ ميرل ۽ پيرل ماڻهن جا گهر خالي ڪري ڇڏيا هئا ۽ هينئر ڳوٺاڻا پنهنجي مرضيءَ سان پنهنجو مال ميڙي ٺڪر شاهه کي نذرانو ڏيڻ لڳا. الهڙ جوانڙيون، رون ۾ ناريل ۽ پتاشا کڻي. سانجهيءَ ٽاڻي ٺڪر شاهه جي اوتاري تي اينديون هيون، ۽ ڪجهه دير کان پوءِ هَڙَ ۽ وَڙَ وڃائي واپس ورنديون هيون.
    هڪ رات، اوچتو ئي اوچتو، ميرل ۽ پيرل واچوڙي ۾ لاٽ وانگر گم ٿي ويا. چوريون بند ٿي ويون، اڳ جو گهر جا ڀاتي اَڌ اَڌ رات جو اُٿي ڪڙا ڪُنڍا جاچيندا هئا، تن کي به آرام جي ننڊ نصيب ٿي، خوف ماڻهن جي دلين تان لهي ويو، ۽ هر طرف سانتيڪي زندگي ڦهلجي ويئي. آهستي آهستي ماڻهن ميرل ۽ پيرل جو نالو وساري ڇڏيو.
    ميرل ۽ پيرل جو گم ٿيڻ به ٺڪر شاهه جي ڪرامتن سان وابسته ٿي ويو. ان ڏينهن کان پوءِ ٺڪر شاهه جو نانءُ اهڙو ته چمڪيو آهي، جو پري پري کان نامرادَ مرادون ماڻڻ لاءِ ۽ بي اولاد اولاد حاصل ڪرڻ لاءِ سندس اوتاري تي ڳِجهن وانگر ڳچيون ڪڍيو ويٺا هوندا آهن. هنن اٻوجهن کي اهو ئي ويساهه ته ٺڪر شاهه جي تعويذن ميرل ۽ پيرل جو اَنت آندو!
    ميرل ۽ پيرل جي گم ٿيڻ پٺيان ڪهڙو راز هو، ۽ ان راز ۾ ڪهڙي حقيقت لڪل هئي، تنهن جي خبر مون کان ۽ منهنجي هڪ جگري دوست کانسواءِ ٻئي ڪنهن به بني بشر کي ڪانهي. مان هن راز مان ان ڪري واقف آهيان جو منهنجو نالو ”ميرل“ آهي. ۽ منهنجي سنگتيءَ جو نالو آهي ”پيرل!“
    اسين رٿيل پروگرام موجب چوريون ڪندا هئاسين. اوندهه اسان جي دوست، ۽ روشني دشمن هئي. ان ڪري جڏهن به چوريءَ تي نڪرندا هئاسين، تڏهن هر طرف ماٺ ۽ رات جي چادر دنيا تي چڙهيل هوندي هئي. هڪ چوريءَ جا زيور مان کڻندو هوس، ۽ پيرل پيسا روڪڙ ۽ ٻيو مال. ٻيءَ چوريءَ جا زيور پيرل کڻندو هو، ۽ مان ٻيو مال. ان ورڇ ۾ ڪڏهن به ڦير گهير ڪانه آئي.
    چوريءَ لاءِ اول هڪ ڀريو گهر تاڙيندا هئاسين. گهر جي نقشي کي سمجهڻ ۽ مال جي اندازي لڳائڻ لاءِ، پيرل ۽ مان مَنڊي ۽ انڌي فقير جو ويس ڪري نڪرندا هئاسين. منتخب ڪيل گهر ٻاهران ماني ڳڀي ۽ پاڻي چڪي جي سَئنَ هڻي، خيرات وٺندي، هڪ نظر ۾ چپو چپو جاچي ڇڏيندا هئاسين. اهو هميشه جو دستور هو. ڪڏهن به نقشي سمجهڻ ۽ ان کي چڱيءَ طرح ذهن نشين ڪرڻ بنا چوريءَ تي نه نڪتاسين.
    هت مان فقط اوهان کي ان چوريءَ جي باري ۾ ٻڌائيندس، جنهن ۾ اسان پنهنجي معمول ۾ ڦيرو آندو ۽ جنهن کان پوءِ اسين وري ڪڏهن به ڪاري چادر ويڙهي ۽ ٻُٽَ ٻڌي رات ۾ ٻاهر نه نڪتاسين.
    اها اسان جي پروگرام جي پوئين چوري هئي. چوريءَ لاءِ هڪ ڪلارڪ جو گهر چونڊيوسين. نقشو سمجهي ورتوسين، جنهن ڏينهن فقيراڻو ويس ڪري مال جو اندازو لڳائڻو هو ان ڏينهن پيرل بيمار ٿي پيو. زندگيءَ ۾ پهريون دفعو مان اڪيلي سر لُولو فقير ٿي ٻاهر نڪتس. اونهاري جا ڏينهن هئا. آسمان پڄري رهيو هو. مان ڪلارڪ جي گهر ٻاهران اچي بيٺس. گهٽي ويران هئي. هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، ٻيڪڙيل دريءَ کي لٺ سان ڌڪو ڏنم. دريءَ جو تاڪ ٿورڙي وِٿ ڪري، اٽڪي پيو. وِٿ مان ليئو پاتم. مون سئن هنئي: ”آهي ڪو سخي، هن لنگڙي کي پاڻيءَ چڪو پيئاري!“ گهر اندر خاموشي رهي.
    ڪجهه دير کانپوءِ، ٽين جي پيتين سُرڻ جو آواز ڪن پيم. وِٿ مان جهاتي پاتم، ڏٺم ته هڪ ڪراڙي مرد ۽ ڪراڙيءَ عورت هڪ ٽين جي پيتي آڻي کٽ تي رکي ۽ پاڻ به کٽ تي ويهي رهيا. پوءِ، هيڏانهن هوڏانهن ڏسي، احتياط سان پيتيءَ جو پُڙ لاٿائون. منهنجي حيرت جي انتها نه رهي. پيتيءَ ۾ سون جا زيور ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. عورت دُهري کڻي جاچي ڏٺي، ۽ پوءِ سخت مايوس آواز ۾ چيائين:
    ”هوبهو اصلي سون جهڙا پيا لڳن!“
    مڙس وراڻيو: ”چاندي به نج ناهي، ان ۾ به جست مليل آهي.“
    ”خواب ۾ به نه سوچيو هوسين ته اسين ڪڏهن اهڙا بي ايمان به ٿي سگهون ٿا!“
    مڙس وراڻيو: ”هي ڏيتي ـ ليتيءَ جو زمانو آهي، زهره جي ماءُ! جي بي ايمان نٿا ٿيون ته ڇوڪريءَ جو سڱ ڪير وٺندو.“
    ”پر اسان جو ڪوڙ آخر ڪيستائين لڪي سگهندو!“
    ”کٽي زهره جي قسمت!“ ڪراڙي مڙس چيو.
    ”سچ ٿا چئو، سڀ مڙيئي قسمت جا کيل آهن.“
    ”ٺڪر شاهه کي وساري ڇڏيو اٿئي ڇا!“
    ”کانئس ڪو تعويذ تڙو ڪرائينداسين.“
    ”الله چڱي ڪندو.“ مڙس چيو. ”الائي ڪهڙو زمانو آيو آهي، محنت ۽ ايمانداريءَ مان ڪمايل موڙيءَ کي پرکڻ وارو به ڪوبه ڪونهي!“ هن پيتيءَ مان نوٽن جي ننڍڙي ڳنڍ ڪڍندي آهه ڀري.
    نوٽ هزار يا ڏيڍ هزار کن رپين جا هئا.
    مان دريءَ جي وٿ وٽان هٽي ويس. جهٽ جاءِ تي پهتس. اُن چوريءَ جي روڪڙ پيرل کي، ۽ زيور مون کي کڻڻا هئا. اٽڪل لڙائيندي، پيرل کي چيم: ”يَر پيرل، پوئينءَ ڀيري توکي زيور گهٽ هٿ لڳا هئا. هن دفعي مال سوکو اٿئي. سڀ زيور تون کڻجانءِ ۽ مان روڪڙ.“
    پيرل پڇيو: ”نقصان ۾ ته نه رهندين؟“
    ”هزار کن پلئه پوندم.“
    ”يَر، ڀڃڪڙي چڱي ناهي.“
    ”پرواهه نه ڪر، پيرل! جوان جو سنگتي آهين، ميرل ڪو ڀاڙي ڪونهي!“
    پيرل منهنجي ڳالهه مڃڻ تي مجبور ٿي پيو،
    هڪ اونداهيءَ رات ۾، ٻه پاڇا ڪلارڪ جي گهر ۾ داخل ٿيا، بدنصيب ڀاتي! اگهور ننڊ ۾ کونگهرا هڻندا رهيا، ۽ سندن اُميدن جي پيتي اسان جي کنڊر ۾ پهچي ويئي. پيرل جهڙو آزمودگار چور به دوکو کائي ويو. زيور ڏسي کڻي نعرو بلند ڪيائين. زيور ٻنهي هٿن ۾ جهلي، جُهمر پائڻ لڳو. سندس نادانيءَ تي ازخود کلي ويٺس.
    يار کي دوکو ڏيڻ تي دل راضي نه ٿي. سمهڻ مهل سوچيم ته صبح جو کيس سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندس. کيس سچ سچ ٻڌائيندس ته زيور نقلي آهن. ان کان وڌيڪ، پيرل لاءِ منهنجي من ۾ تَر جيتري به مُر نه هئي.
    صبح جو منهنجي اک ڪجهه دير سان کلي. پيرل ڀنڀرڪي جو اٿي، زيور کڻي، شهر ڏانهن روانو ٿي ويو هو. پوءِ، جيئن ماڻهن کان ٻڌم، هن زيور جڏهن وڪڻڻ لاءِ صرافه اڳيان رکيا ته هن هڪ نظر ۾ فريب جو ملمو تاڙي ورتو. کڻي پيرل کي سوگهو ڪيائين. پيرل اهڙو ته پختو نڪتو جو پوليس سان به سچي نه ڪيائين. زيور ڪوڙا هئا. ان ڪري ڪلارڪ به ڪنهن کي خبر ڪانه ڏني. باقي پيرل کي دوکي سان ڪوڙن زيورن وڪڻڻ جي الزام ۾ ٻه سال جيل جي سزا ملي.
    جنهن ڏينهن پيرل جيل روانو ٿيو، تنهن ڏينهن کان مون به چوريءَ کان بان ڪئي. پيٽ گذر لاءِ هڪ ٻيو ڌنڌو اختيار ڪيم. ماڻهن مشهور ڪيو ته اها سڀ ٺڪر شاهه جي ڪرامت هئي، جو ميرل ۽ پيرل گم ٿي ويا.
    مان پيرل جي سزا جا ڏينهن ڪجهه ڏينهن تائين ته ڳڻيندو آيس، پر ڌنڌي جي مشغوليءَ سبب، ڏينهن سنڀالڻ ڇڏي ڏنم، هڪ ڏينهن، اوچتو، پيرل منهنجي سامهون اچي بيٺو.
    منهنجي منهن جو پنو لهي ويو، سوچيم ته پنهنجو بدلو ضرور وٺندو. پر جڏهن غور سان سندس منهن ۾ نهاريم، ته اُتي دوستي، حب ۽ سڪ بکي رهي هئي.
    ”مون کي خبر نه هئي پيرل، ته زيور ....“ مون هٻڪيو.
    ”پرواهه نه ڪر، ميرل، زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي.“
    ”مان ... “
    ”پراڻي قبر نه کوٽ،“ هن چيو، ”ٻڌاءِ، خوش ته آهين!“
    ”ها.“
    ”ٻه سال ڪيئن گذاريا اٿئي؟“
    ”چوريءَ جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو اٿم.“
    ”چڱو ڪيئه.“
    ”۽ هينئر،“ مون زهر آلود مرڪ سان چيو، ”هٿ جو پورهيو شروع ڪيو اٿم. چڱي اُپت آهي.“
    مون کي ڳراٽڙي وڌائين: ”مان به جيل مان ان ڪم ۾ ماهر ٿي نڪتو آهيان.“
    ”سچ.“
    ”ها.“
    ”پوءِ ڀلا، ڪڏهن ٿو ڪمال ڏيکارين؟“ مون پڇيومانس.
    ”اڄ شام.“
    ”ڪٿي؟“
    ”چوسول وٽ منهنجو انتظار ڪجانءِ“ ائين چئي، پيرل هليو ويو.
    شام جو چوسول وٽ پهتس. پيرل اڃا نه آيو هو. سوچيم، پيرل ڀلا ان هنر ۾ مون سان ڇا پڄندو! وري خيال آيو، جيستائين هو اچي، ڇونه ڪجهه مشق ڪري وٺان! اک ڇنڀ ۾ هڪ ڪراڙي پارسيءَ جو ٻٽون کسڪائي ورتم. سامهون هڪ بوري سيٺ پئي آيو. مان پاسيرو ٿي بيٺس. جيئن ئي ٺيلهو هڻي، سندس کيسو صاف ڪري وِکَ وڌايم، ته ڪنهن منهنجيءَ هٿن ۾ هٿ وڌو. منهنجو خون خشڪ ٿي ويو.
    ”اچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي ويئي.“
    ”اوه! پيرل آهين.“
    ”ها.“ هن هڪ طرف هلندي چيو: ”اچ ته توکي ڪاريگري ڏيکاريان.“
    ”منهنجي ڪاريگري ڏسندين؟“
    ”ها پوءِ. هينئر منهنجو هنر هلي ڏس.“
    هڪ ڪارخاني ۾ داخل ٿيندي چيائين: ”اچ.“
    ڪارخاني ۾ غاليچا آڻجي رهيا هئا. هڪ وڏي ڪمري ۾ پهچندي چيائين: ”مان هت ڪم ڪندو آهيان.“
    ”تون؟“
    ”ها. جيل ۾ غاليچن اُڻڻ جي تربيت ورتي هيم.“
    ”هن هنر جي باري ۾ پئي ٻڌايئه!“
    ”ها. هن هنر ۾ نه خوف آهي نه خطرو، نه ضمير جي ملامت آهي، ۽ نه سزا جو ڊپ.“ هن اعتماد سان چيو: ”پنهنجي هنر تي فخر اٿم!“
    سندس لفظن منهنجن ڪنن ۾ سُيون ٿي چڀايون.
    چيائين. ”جيستائين پورهئي جي ڄاڻ نه هيم، تيستائين اڻواقف هوس.“
    مان حيرت سان سندس منهن تڪيندو رهيس.
    اڏاڻي وٽ ويهندي چيائين: ”سکيو اٿم ته هنر ۽ محنت انسان جي عظمت جا مضبوط مهارا آهن.“
    مان ساڻس اک ملائي نه سگهيس.
    ڪارخاني جي در وٽ، پنهنجون آڱريون ۽ ٻانهون جاچيم. نگاهون ريکائن تي رڪجي ويون، ۽ پيرل جو آواز منهنجي روح ۾ گونجندو رهيو: ”هنر ۽ محنت، انسان جي عظمت جا مضبوط سهارا آهن!“

    1963


    سرحد

    ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين جي مسلسل جنگ کان پوءِ ٽئين ڏينهن شام جو دشمن جون توپون خاموش ٿي چڪيون هيون. فضا مان هوائي جهاز غائب ٿي ويا هئا. ڪجهه دير اڳ جنهن ماحول ۾ بم گولن جا ڌماڪا، هوائي جهازن جا ڪڙڪاٽ، مشين گن، اسٽين ۽ برين گن جي گولين جا آواز آسمان ڏاري رهيا هئا، تنهن ۾ اوچتو ئي اوچتو خاموشي ڇانئجي ويئي هئي. دشمن جا ماڪڙ جيڏا سپاهي. جيئن ڪوئا ٻرن مان نڪرندا آهن، تيئن خندقن مان نڪرندا، واريءَ جي دڙن پويان لڪندا، پٺ ڏيئي ڀڄي ويا. اڳرائي جو کين عبرتناڪ جواب ملي چڪو هو. هر طرف ماٺ مسلط ٿي ويئي.
    جيتوڻيڪ سج پوين پساهن ۾ هو پر تڏهن به جڏهن بارود جي دونهي جا بادل هوا ۾ منتشر ٿي ويا ته سج جي سونهري ڪرڻن ۾ واريءَ جا ذرڙا موتين وانگر جرڪڻ لڳا. حد ـ نگاهه تائين واري وڇايل هئي. ڪٿي ڪٿي، ڪجهه مٿڀرو واريءَ جا دڙا هئا جن جا طويل پاڇا واريءَ تي داغ وانگر نظر اچي رهيا هئا.
    اهڙي ئي هڪ دڙي پويان هڪ نوجوان اسٽين گن کڻي، سامهون، دشمن جي مورچن ڏانهن منهن ڪري بيهي رهيو. هو پنهنجن ساٿين کان گهڻو اڳتي ۽ هندستاني سرحد کي قريب هو. ٽين صبح جو گولين جي وسڪاري ۾ هو پنهنجي خندق مان نڪري، پيٽ ڀر رڙهندو، دڙن پويان لڪندو، دشمن جي مورچن جي سامهون هڪ دڙي جي اوٽ ۾ وڃي بيٺو هو. اتان هن واريءَ تي ليٽي دشمن جي سپاهين کي چٽڻ شروع ڪيو هو. جنهن به خندق مان ڪنڌ مٿي ڪيو ٿي تنهن مغز مان هن جي گولي پار ٿي پئي ويئي. صبح کان شام تائين هن دشمن جا ايترا ته سپاهي ماري وڌا جو شام جو، ڪجهه دير لاءِ کيس اهو احساس وڪوڙي ويو. ڄڻ هن اڪيلي سر دشمن سان جنگ جوٽي هئي ۽ دشمن جي فوج کي نيست و نابود ڪري ڇڏيو هئائين.
    هن دشمن جي ٽڙيل پکڙيل سامان، هٿيارن، جيپن، ٽرڪن ۽ ٽينڪن ڏانهن لاپرواهيءَ سان ڏٺو ۽ کيسي مان سگريٽ ڪڍي، دکائي لمبو ڪش هنيائين. ٻن ڏينهن کان کيس سگريٽ ڇڪڻ جي فرصت نه ملي هئي. اسٽين گن واريءَ تي رکي، هيلمٽ (لوهي ٽوپلو) لاهي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳو. هيلمٽ پائڻ سبب سندس وار وچڙي پيا هئا. لاڳيتو هڪ هنڌ ويهي وڙهڻ سبب جسم سخت ۽ عضوا ساڻا ٿي پيا هئس. ڄڻ ته ٽنگن ۾ ڳڍڙيون پئجي ويون هئس. هن آرس ڀڳو ۽ ٽنگن کي اُڇل ڏنائين. ائين ڪرڻ سان هن پنهنجين ٽنگن جي ساڻائي ختم ٿيندي محسوس ڪئي. سندس دل ۾ پنڌ ڪندو پنهنجن مورچن ۽ خندقن کان ٿيندو ويو. سندس نگاهون واريءَ جي دڙن تان ترڪنديون اُفق تائين وڃي پهتيون. ان طرف ڪٿي عمر ڪوٽ به هو.
    محاذ ڏانهن ايندي هو عمر ڪوٽ وٽان لنگهيو هو. عمر ڪوٽ ۾ هن اُها جاءِ به ڏٺي هئي. جتي هندستان جو عظيم مغل شهنشاهه اڪبر ڪسمپرسيءَ جي حالت ۾ ڄائو هو. هن عمر ڪوٽ جي مٽي مِٺ ۾ کڻندي چيو هو.
    ”پنج سئو سالن کان پوءِ اسان وري موٽي آيا آهيون، عمر ڪوٽ. هن زمين تي اسان جي فتح دشمن جي سڀ کان وڏي شڪست ثابت ٿيندي.“ ان وقت کان سندس دل ۾ دشمن کي اڪيلي سر چٿي ڇڏڻ جي تمنا جاڳي اُٿي هئي. سندس هٿ جي گرفت اسٽين گن تي مضبوط، ٿي ويئي هئي. دشمن کي ماري مات ڪري ڇڏڻ لاءِ هو بي چين ٿيڻ لڳو. دل جو آواز پنهنجي دوست کي ٻڌايو هئائين.
    ”دل چاهي ٿي، مان اڪيلي سر دشمن جي سموري فوج کي گولين سان ڍير ڪري ڇڏيان.“
    ”واهه ـ“ درانيءَ وراڻيو هئس ـ ”اسان ڄڻ دشمن جا لاش ڳڻڻ نڪتا آهيون! اڙي ميان، اسان سڀني جي دل جي اها ئي تمنا آهي.“
    تڏهن هن پنهنجن ساٿين ڏانهن ڏٺو جن جا جسم فولاد جهڙا هئا ۽ چهري تي بي مثال عزم هو. سڀ ٽرڪن، جيپن ۽ توپن سان گڏ محاذ ڏانهن وڃي رهيا هئا. هن غور سان هڪ هڪ جي منهن ۾ نهاريو، هنن سڀني جي دل ۾ ساڳي تمنا آهي!. اڪيلي سر دشمن کي تباهه ڪرڻ جي تمنا! هي ڪير آهن؟ آهن پاڪستان جي بري فوج جا جوان، پر آهن ڪير؟ ڊپ جن جي پاڇي کان به ڏڪي ٿو هي سڀئي طارق آهن، خالد آهن ۽ موسيٰ آهن. هنن کي مارڻ مذاق ڪونهي. هنن ڪڏهن به شڪست جو منهن نه ڏٺو آهي. هي فتح جا خريدار آهن. نصرت سندن ٻانهي آهي. سڀ هوشو آهن. جڏهن دٻي وٽان لنگهيا ته تڏهن درانيءَ کيس هوشو جي باري ۾ ٻڌايو هو ـ هي اٿئي دٻي جو ميدان، جتي وطن جي حفاظت لاءِ هوشو پنهنجي جان قربان ڪئي هئي.“
    ”هوشو!“
    ها، هوشو شيدي، جنهن مڪار انگريزن جي فوجن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. جسم تي چوراسي زخم لڳا هئس پر به نعرو ٿي هنيائين. ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.“
    هن غور سان درانيءَ ڏانهن نهاريو هو ـ ڄڻ ته هو هوشو هو درانيءَ چيو.
    ”هوشو شيديءَ جي بهادريءَ شجاعت ۽ حب الوطنيءَ جي عزت اسان سنڌين جي دل ۾ ايڏي آهي جيڏي حيدرآبادين جي دل ۾ ٽيپوءَ لاءِ آهي.“
    هن دراني ڏانهن ڏسندي چيو هو ـ
    ”توهان سنڌي دلير آهيو؟“
    ”دلير آهيون، پر اسان جي دليري پيرن مرشدن جي مريديءَ ۾ دفن ٿي ويئي آهي.“
    ”پر دليري جو جذبو ايتري آسانيءَ سان ختم ٿيڻ جو ته ناهي؟“
    درانيءَ جي چپن تي زهر آلود مرڪ مڙي آئي ـ
    ”زوريءَ پرائي ٻانهن کڻائڻ ۽ ڪنهن نچڻيءَ جي ناز نخرن تي هارين جي پگهر جو پورهيو قربان ڪري ڇڏڻ وارو اسان ۾ سورهيه سڏائيندو آهي.“
    ”سنڌ جي باري ۾ تنهنجا خيال خطرناڪ آهن.“
    ”سنڌ جي باري ۾ نه ـ“ درانيءَ وراڻيو ـ ”اڄ جي سنڌي ذهنيت کان مان باغي آهيان. آزاديءَ کان اڳ سياڻو سيٺ اٻوجهه عوام جي کل لاهيندو هو ۽ آزاديءَ کان پوءِ ساڳيو ڪم ڀوتار، رئيس ۽ وڏيرو انجام ڏيندو آيو آهي ... پر ... .“
    ”پر ڇا؟“
    ”انقلاب کان پوءِ عوام سجاڳ ٿيو آهي. هن جنگ ويتر کين پنهنجي وجود جو احساس ڏياريو آهي. گڏڙو جي محاذ تي مان توکي حر ڏيکاريندس. جيڪي اسان جي فوجين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دشمن سان وڙهي رهيا آهن.“
    ۽ پوءِ درانيءَ کيس حرن جي بهادري ۽ شجاعت جا اچرج ۾ وجهندڙ قصا ٻڌايا هئا. هو اسٽين گن گوڏن تي رکي. ٽرڪ کي ٽيڪ ڏيئي غور سان حرن جي جدوجهد ۽ انگريزن خلاف سندن بغاوت جا داستان ٻڌندو محاذ ڏانهن وڌندو ويو.
    محاذ تي ٻن ڏينهن ۽ ٻن راتين جي مسلسل جنگ کان پوءِ، ٽئين ڏينهن صبح جو گولين ۽ بمن جي وسڪاري ۾ هو پنهنجي خندق مان ٽپ ڏيئي نڪتو. درانيءَ کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
    ”ترس، تڪڙ نه ڪر شاهين.“
    پر شاهين نه ترسيو. واريءَ جي دڙن پويان لڪندو دشمن جي مورچن جي بلڪل سامهون هڪ واريءَ جي دڙي جي اوٽ وٺي دشمن جو تعداد کٽائيندو رهيو هو. شام جو جڏهن دشمن ڀاڄ کاڌي تڏهن هو دڙي پويان نڪري آهستي آهستي پنڌ ڪندو پنهنجن ساٿين کان پري نڪري ويو هو. سندس چئني طرف دشمن جي سپاهين جا لاش پکڙيل هئا. انهن مان گهڻا اهڙا هئا جن کي هن پنهنجي گولين سان شڪار ڪيو هو. هن آسمان ڏانهن ڏٺو جتي اڃا به ڪجهه روشني باقي هئي. سوچيائين ـ صبح جو دشمن جي سپاهين جا لاش چچرڻ لاءِ آسمان تي ڳجهن جا ولر وري ايندا ـ ڪانو ۽ ڪتا هندستاني سورمائن جا لاش ٻوٽي ٻوٽي ڪرڻ ايندا.
    هڪ لمحي لاءِ کيس دشمن جي مئل سپاهين تي رحم آيو ـ هڪ گهڙيءَ لاءِ پاڻ کان نفرت ڪيائين. رحم ۽ نفرت جي ڇڪتاڻ ۾ هو ڇڪبو ويو. ٻه متضاد جذبا سندس سيني ۾ الجهڻ لڳا. ياد آيس ته سيالڪوٽ جي محاذ تي ڪيئن نه دشمن جي سپاهين هٿيار ڦٽا ڪري پاڪستاني جوانن کان ماني گهري هئي. تصور ۾ بي انت، طويل خيالن جو سٽ سلجهائيندو وڌندو رهيو ... بک ۾ پاهه ٿيل ... ماني ڳڀي لاءِ محتاج ... مسڪين ... بيروزگار عوام. نالو اٿن هندستاني فوج! ويچارا! ازل کان انسان، مانيءَ لاءِ عصمت کان وٺي جان تائين قربان ڪندو آيو آهي، ۽ مان؟ مان ڪير آهيان؟ قاتل! خوني! نه نه مون پنهنجي وطن جي حفاظت ڪئي آهي. مان محافظ آهيان. مان هر اُن نگاهه کي بي نور ڪري ڇڏيندس. جنهن ۾ منهنجي وطن لاءِ بد ارادي جي جوت هوندي.
    هن منهن ورائي گڏڙو ڏانهن ڏٺو، اسٽيشن جي پڪ سري عمارت ۽ لانڍيون کانئس ڪافي دور رهجي ويون هيون. سج جي سونهري ٿالهه جي ڪني واريءَ جي دڙن سان اچي لڳي هئي. هن پنهنجي محاذ ڏانهن موٽڻ جو ارادو ڪيو، اوچتو سندس ڪن تي چرپر جو آواز ٿيو. سندس پويان واريءَ جو وڏو دڙو هو. آواز اتان ئي آيو هو. هن اسٽين گن سڌي ڪئي ۽ پوءِ وڄ وانگر دڙي جي ٻئي پاسي وڃي پهتو. ڪو سندس قدمن ۾ اچي ڪريو. هن هڪدم پنهنجي وک پوئتي ڪئي ۽ اسٽين گن تاڻي بيهي رهيو.
    ”مون کي نه مار! مون کي نه مار!!“
    هڪ هندستاني سپاهي واريءَ تي گوڏا کوڙي هٿ ٻڌي کانئس جان جي امان گهري رهيو هو.
    ”مون کي گرفتار ڪر، پر ڀڳوان جي نالي مار نه“
    هن کيس اُٿي بيهڻ لاءِ چيو. هو اٿي بيٺو. گوڏا ڪنبي رهيا هئس. منهن جو پنو لهي ويو هئس. هن کيس ٻانهون اُڀيون ڪري بيهڻ لاءِ چيو. قيديءَ پنهنجون ٻانهون اُڀيون ڪيون. هن قيديءَ کي وارن کان پيرن تائين جاچي ڏٺو ۽ پوءِ پيرن تي نظر پونديئي کائنس ٽهڪ نڪري ويو ـ پڇيائينس ـ
    ”رٻڙ جو بوٽ ڇو پاتو اٿئي؟“
    ”نَون ڀرتي ٿيل سپاهين کي رٻڙ جا بوٽ مليا آهن.“
    ”ڇو.“
    قيديءَ منجهندي منجهندي وراڻيو ـ ”ته جيئن ڀڄڻ ۾ سولائي ٿئي.“ قيديءَ جي جواب تي شاهين کي کل آئي. سندس تلاشي وٺندي کيس ڪجهه غير ضروري ڪاغذ، هڪ پرس (ٻٽون) قيديءَ جي کيسن مان مليا. هن قيديءَ کي ٻانهون اُڀيون ڪري گڏڙو ڏانهن هلڻ لاءِ چيو. قيدي ٻانهون مٿي ڪري، ڪنڌ جهڪائي گڏڙو ڏانهن هلڻ لڳو. هو کانئس ٻه قدم پوئتان هلڻ لڳو. هلندي هلندي پرس کولي ڏٺائين. پرس ۾ پنج هندستاني ننڍا پيسا ۽ هڪ عورت جي تصوير هئي.
    ”هيءَ ڪنهن جي تصوير آهي؟“
    قيديءَ منهن ورائي شاهين ڏانهن ڏٺو. سندس هٿ ۾ پرس ڏسي وراڻيائين.
    ”هيءَ آشا آهي.“
    ”تنهنجي ڇا ٿئي؟“
    قيديءَ هلندي هلندي وراڻيو ـ ”جنگ کان سال کن اڳ اسان شادي ڪئي هئي.“
    ”ته تنهنجي زال آهي.“
    ”مون کي بيحد چاهيندي آهي اسان Love Marriage ڪئي آهي.“
    "Love Marriage"
    ”ها“
    ”هڪ ئي پاڙي ۾ رهندا هيو ڇا؟“
    ”ڪاليج ۾ گڏ پڙهندا هئاسين.“
    ڪجهه دير ٻئي خاموش هلندا رهيا. رستو طويل هو.
    هن قيديءَ کان پڇيو.
    ”تنهنجي لاءِ رني ته هوندي؟“
    ”ڪير؟“
    ”تنهنجي زال.“
    ”ها، رني هئي.“
    ”ڇا چيو هيائين؟“
    ”چيو هئائين ته ٻئي نوڪري نٿي مليئه ته فوج ۾ نه وڃ. ڇولا ۽ ڊبل روٽي وڪڻ.“
    تو ڇا ”وراڻيس؟“
    ”چيومانس ڇا ته مون وٽ ايترو سرمايو ڪونهي جو ڇولن جو گاڏو ۽ ديڳڙا وٺي سگهان. مون وٽ ايترو پيسو به ڪونهي جو پوليس جي سپاهيءَ ۽ ميونسپالٽيءَ جي انسپيڪٽر کي ٻه روپيا روز ڏيئي سگهان.“
    قيديءَ ٿڌو ساهه کنيو ۽ ماٺ ڪري هلندو رهيو. ڪجهه دير کان پوءِ شاهين چيو.
    ”مون به Love Marriage ڪئي آهي.“
    ”سچ!“ قيديءَ منهن ورائي ڏانهس نهاريو ۽ پوءِ وري اڳتي هلڻ لڳو.
    ”ها.“
    ”توکي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ کان روڪيو هوندائين؟“
    ”نه ـ “ هن وراڻيو ـ ”مون سان شادي فقط تڏهن ڪيائين جڏهن مان فوج ۾ ڀرتي ٿيس.“
    ”محاذ تي اچڻ کان اڳ موڪلائڻ مهل ته رني هوندي؟“
    ”ها رني هئي، پر اُهي خوشي جا لڙڪ هئا.“
    ”خوشيءَ جا لڙڪ!“
    ”ها. سڄي ڳوٺ جا ٻار ٻڍا، ننڍا وڏا، عورتون ۽ مرد مون کي الوداع ڪرڻ اسٽيشن تي آيا هئا. مون کي ايترا ته هار وڌا هئائون جو منهنجو منهن نڪ تائين گلن ۾ ڍڪجي ويو هو.“
    قيدي خاموش رهيو ۽ هن به ساڻس نه ڳالهايو. هلندي هلندي هو ٻئي گڏڙو جي لانڍين کي ويجها پهتا هئا. شاهين سگريٽ دکائي وڏو ڪش هڻندي قيديءَ کان پڇيو ـ
    ”سگريٽ ڇڪيندين؟“
    ”نه. مان اڃايل آهيان.“
    ”پاڻي پيئندين؟“
    ”ها.“
    ”ترس.“ هن پاڻيءَ جي جستي بوتل ڏانهس وڌائي ـ ”پيءُ.“ قيديءَ منهن ورائي ڏانهس نهاريو. ٻانهون هيٺ نه ڪيائين.
    ”ٻانهون هيٺ ڪر.“
    قيدي پاڻيءَ جي جستي بوتل وٺي ويهي رهيو. هڪ ڳيت سان اڌ بوتل پي ويو. ٻانهن سان وات اُگهندي اُٿي بيٺو. بيهنديئي پيٽ ۾ ڄڻ وٽ پيس. هو ٻئي هٿ گوڏن تي رکي جهڪي بيهي رهيو.
    ”ڇو؟ ڇا ٿيو.“ شاهين کانئس پڇيو.
    ”پيٽ ۾ وٽ پيو اٿم.“ قيدي ڪنجهندي وراڻيو. هن اسٽين گن واريءَ تي رکي ۽ قيدي کي سهارو ڏيندي واريءَ تي ويهاري ڇڏيائين. قيديءَ چيو.
    ”مان ٻن ڏينهن کان بکايل آهيان. خالي پيٽ تي پاڻيءَ وٽ ڪيو آهي.“
    قيدي واريءَ تي ليٽي پيو. ٻانهون ڊگهيڙيائين ته هڪ هٿ اسٽين گن تي وڃي پيس. منهن ورائي اول اسٽين گن ڏانهن ڏٺائين ۽ پوءِ پاڪستاني فوجيءَ ڏانهن. هن کانئس پڇيوـ
    ”ڪيئن، هلڻ جهڙو آهين؟“
    ”شايد.“
    قيديءَ پنهنجي مٺ اسٽين گن ۾ قابو ڪري ڇڏي. ٻي ٻانهن جي سهاري سان هو اُٿي بيٺو. هو قيديءَ جي هڪ هڪ حرڪت غور سان جاچي رهيو هو. قيديءَ ڏانهس ڏسندي پڇيو.
    ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“
    ”شاهين“ ـ هن وراڻيو ۽ عقاب وانگر مٿانئس بيٺو رهيو. قيديءَ جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي. اسٽين گن کي اُٿلائي پٿلائي ڏسڻ لڳو ـ چيائين.
    ”مون وٽ برين گن هئي.“
    هو اسٽين گن کڻي اُٿي بيٺو، شاهين کانئس هڪ قدم پوئتي هٽي ويو. گن شاهين کي موٽائيندي چيائين.
    ”انسان پنهنجي موت جو سامان پاڻ تيار ڪيو آهي.“ هو ٻئي هٿ مٿي ڪري هلڻ لڳو. شاهين حيرت مان ڏانهس نهاريندي چيو ـ ”ٻانهون هيٺ ڪري ڇڏ.“
    قيديءَ پنهنجون ٻانهون هيٺ ڪري ڇڏيون. شاهين کانئس پڇيو.
    ”تنهنجو نالو ڇاهي؟“
    ”شڪتيمان.“ هن جواب ڏنو ۽ ڪنڌ جهڪائي شاهين سان گڏ هلڻ لڳو. منهن مٿي ڪري لانڍين ڏانهن نهاريائين ۽ اوچتو هڪ هنڌ بيهي رهيو. لانڍين ڏانهن اشارو ڪندي پڇيائين.
    ”هو ڪير آهن.“
    ”ڪير؟“
    ”هو جيڪي سامهون بيٺا آهن. جن جي جنگ ڪرڻ جو طريقو نرالو آهي. ڪير آهن؟“
    ”هي سڀ حر آهن.“
    ”حر!“ شڪتيمان ڄڻ گوڏن تائين زمين ۾ لهي ويو.
    ”ڇو؟ هلين ڇو نٿو؟“ شاهين کانئس پڇيو.
    ”هي مون کي ماري ڇڏيندا.“
    ”نه. تون جنگي قيدي آهين. اها کين خبر آهي.“
    ”پر هي سڀ مون کي گهوري رهيا آهن ... ڄڻ ته ... “
    ”ڏڪ نه. هي ڪمزور دشمن کي پنهنجي بهادريءَ جا جوهر نه ڏيکاريندا آهن.“
    ”انگريزن جي فوجي طاقت هنن آڏو هيچ هئي.“
    ”تون هنن جي باري ۾ ڄاڻين ٿو؟“
    ”ها.“ شڪتيمان وراڻيو. ”ڪجهه سندن باري ۾ پڙهيو هئم ۽ گهڻو ڪجهه سنڌي هندن کان ٻڌو اٿم. جيڪي ڪجهه ٻڌو هئم تنهن کان وڌيڪ ٻن ڏينهن جي جنگ ۾ ڏسي چڪو آهيان.“
    ”تڏهن ڏڪين ٿو؟“
    ”ها. جيڪي شخص رائيفل کي رانديڪو ۽ جنگ کي ونجهه وٽي سمجهن ٿا سي مون کي زنده نه ڇڏيندا.“
    ”هي بهادر آهن. ڪمزور قيديءَ تي هٿ نه کڻندا.“ قيديءَ ڏڪندي ڏڪندي قدم وڌايو. اکين ۾ ڊپ جا ليڪا ظاهر هئس. هو لانڍين ۾ حرن کي ڏسندو. جن کي اڇيون اجريون پڳون، وڏيون شلوارون ۽ ڊگها چولا پهريل ۽ ڪلهن تي اجرڪ هئن. اڳتي وڌندو ويو.
    اسٽيشن کان ڪجهه پرڀرو هو ٻئي هڪ پاڪستاني مورچي تي پهتا. مورچي ۾ شاهين جو دوست دراني مشين گن سنڀالي ويٺو هو. سندس نگاهون دشمن جي تاڙ ۾ لڳل هيون. جيئن ته هندستاني فوجن کي سندن ئي علائقي ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هو، تنهن ڪري ٻنهي فوجن جي سرحد ٻنهي جي مورچن جي قطار هئي. دراني پهرين مورچن مان هڪ تي ويٺو هو. هندستاني مورچا کانئس گهڻو پري نه هئا. هن ڪنڌ ورائي شاهين ۽ شڪتيمان ڏانهن ڏٺو. قيديءَ کي ڏسندي چيائين.
    ”لڪيو ويٺو هو ڇا؟“
    ”ها ۽ بکايل آهي.“ شاهين وراڻيو ـ ”منهنجي خندق آهي. تو وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه آهي؟“
    ”کوڙ.“ درانيءَ مشين گن جي ڀر ۾ رکيل خاڪي ٿيلهي ماني کائڻ جون شيون ڪڍي شاهين کي ڏنيون. شڪتيمان بکايل نگاهن سان ماني ڏسڻ لڳو. شاهين ماني ۽ پاڻي ڏانهس وڌايو. شڪتيمان ڪنبندڙ هٿن سان ماني ورتي، ۽ خندق جي پاسي ۾ واريءَ جي ڳوڻين کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. شاهين ڏانهس رحم ڀريل نگاهن سان ڏٺو. شڪتيمان ماني کائڻ ۾ مشغول ٿي ويو. شاهين پنهنجي اسٽين گن ڳوڻين تي رکي، هيٺ خندق ۾ لهي بيٺو. مشين گن تي ٻانهن رکي ٻئي هٿ سان سندس رخ ڦيرايائين. درانيءَ آرس ڀڃندي چيو.
    ”گولين کان تعداد ۾ وڌيڪ دشمن جا سپاهي هئا.“
    ”مئا به ته بي انداز آهن.“
    ۽ پوءِ ٻئي دوست ڳالهيون ڪندا رهيا. ڪڏهن پاڻي پٽ جي جنگ جو ذڪر آيو، ڪڏهن راڊرڪ سان طارق جي مقابلي جي ڳالهه آئي. شاهين ڳالهائڻ جي دوران رکي رکي شڪتيمان ڏانهن به نهاري ورتو ٿي. سندن ڳالهين جو سلسلو المنصور جي سينتياگو کي تباهه ڪرڻ تائين وڃي پهتو. شاهين شڪتيمان ڏانهن نهاريو ۽ ڄڻ ته کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
    شڪتيمان اسٽين گن کڻي خندق جي مٿان بيٺو هو. سندس ويجهڙائيءَ ۾ ان مورچي کانسواءِ ٻيو ڪوبه مورچو نه هو. سندس منهن تي مرڪ هئي. شاهين مورچي مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر شڪتيمان اسٽين گن کي سٽ ڏيئي سڌو ڪري ڏانهس گهورڻ لڳو. درانيءَ شاهين کي ٻانهن کان ڇڪي پنهنجي پاسي ۾ بيهاريو.
    ”شڪتيمان!“ شاهين کان حيرت ۾ رڙ نڪري وئي. شڪتيمان بت وانگر خاموش بيٺو رهيو. ڄڻ ته اجل هو. ڄڻ ته موت جو پيغام هو. سندس منهن تان مرڪ به غائب ٿي چڪي هئي. اکين ڇنڀڻ ڇڏي ڏنو هئس. سندس آڱر ”ٽرگر“ تي ڪنبي رهي هئي. هڪ جنبش ـ هڪ لرزش اسٽين گن مان گولين جو وسڪارو ڪري ڇڏي ها.
    اوچتو، بيٺي بيٺي شڪتيمان پوئتي وک وڌائي. نگاهون خندق تان هٽايائين نه. نه ئي اسٽين گن جو رخ ٻئي طرف ڪيائين. هو پٺيرو هٽندو ويو. هندستاني مورچن ڏانهن وڌندو ويو. درانيءَ مشين گن جو رخ شڪتيمان ڏانهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر شاهين کيس منع ڪئي. درانيءَ زور رکيو.
    ”مون کي مشين گن هلائڻ ڏي شاهين.“
    ”نه.“
    ”اسان ٻنهي مان هڪ کي هن موزيءَ جي گولي کائڻي آهي.“
    ”ته اول مان گولي کائيندس.“ شاهين وراڻيو. ”مون شڪتيمان کي ماني کارائي، پاڻي پيئاريو آهي. مان ئي سندس گوليءَ جو نشانو ٿيندس.“
    ”ترس. نه تون نه مان.“ درانيءَ شاهين کي ڇڪي ڳوڻين جي اوٽ ڪندي چيو. ”هن نمڪ حرام کي اسان جي گولين جو شڪار ٿيڻو آهي.“
    درانيءَ مشين گن جو رخ سڌو شڪتيمان ڏانهن ڪيو. شڪتيمان مشين گن جو رخ پاڻ ڏانهن ڦرندو ڏٺو. هن پنهنجي هٽڻ جي رفتار ۾ تيزي نه آندي. نه ئي ڪنهن ڀٽ جو سهارو ورتائين. درانيءَ شڪتيمان جي سيني جي سنوت ورتي. تڏهن شاهين کيس روڪيو.
    ”ترس. کيس هندستاني مورچي تائين پهچڻ جي مهلت ڏي. هن اسان جي ماني کاڌي آهي اسان هن کي پنهنجي زمين تي نه مارينداسين. هندستاني مورچو سندس موت جي سرحد آهي.“
    شڪتيمان هٽندو هٽندو هندستان جي ڀڄي ويل سپاهين جي پهرين مورچي وٽ پهتو. مورچو خالي هو.
    ”مورچي ۾ لهڻ جي ڪوشش ڪيائين، مورچي جي سرحد ٽپڻ جي ڪيائين ته مان کيس ٿڏي تي ماري وجهندس.“ درانيءَ فائر جي تياري ڪندي چيو.
    ”تڪڙ نه ڪجانءِ دراني. ڏسڻ ڏي ته شڪتيمان ڪرڻ ڇا ٿو چاهي. اسان سندس نگاهن کان لڪل آهيون. هو اسان جي سامهون آهي.“ شاهين کيس حيرت مان ڏسندو رهيو.
    شڪتيمان پهريائين هندستاني مورچي کي گهوريندو رهيو. پوءِ وڄ وانگر پاڪستاني مورچن ڏانهن پٺي ڪري بيهي رهيو، اوچتو اسٽين گن سڌي ڪري خالي مورچن ۾ گوليون هلايائين. درانيءَ ۽ شاهين حيرت مان هڪ ٻئي ڏانهن ڏٺو. شڪتيمان گوليون هلائي وري خالي مورچي کي گهورڻ لڳو. پوءِ آهستي آهستي هن هڪ هٿ سان پنهنجي ڪلهي تان هندستاني ٻلو پٽي مورچي ۾ اڇلائي بيلٽ لاهي زور سان پري ڦٽو ڪيو، ۽ آخر ۾ ٽوپي لاهي ڇڏيائين. ان وقت سج ريگستان جي رڃ ۾ رلي ويو. شاهين مورچي مان ٻاهر نڪري بيٺو.
    شڪتيمان ٻئي مٺيون اسٽين گن ۾ وجهي ٻانهون اُڀيون ڪيون (hands up) ۽ پاڪستاني مورچن ڏانهن موٽڻ لڳو.

    1965


    سنڌو سجاڳ ٿيندو

    سنڌو اڄ بيحد اُداس آهي. هو اوطاق جي ورانڊي ۾ اچي، ٺلهه سان ٽيڪ ڏيئي بيٺو آهي. ڪائنات جو ذرو ذرو آسمان کان زمين تائين اوندهه ۾ جذب آهي. اوسي پاسي جون تمام عمارتون اوندهه ۾ راڪاسن وانگر بيٺيون آهن. تاريڪيءَ ۾ کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نٿو اچي. ائين ئي هن پنهنجو ساهه منجهندو محسوس ڪيو آهي. ڪنڌ مٿي ڪري هن ٻه ٽي وڏا ساهه کنيا آهن. سندس نگاهون تارن سان وڃي ٽڪريون آهن. تارا روشن آهن. چمڪن ٽمڪن ٿا. پر سندن روشني پاڻ تائين محدود آهي. هن ٻئي ٻانهون اُڀيون ڪيون آهن ۽ ڪنڌ ٺلهه سان لڳائي ڇڏيو اٿائين. هو بيچين آهي. اندر ۾ ٻوسٽ محسوس ٿي رهي اٿس. اکيون بند ڪري ڇڏيون اٿائين. متحرڪ به ناهي. ڄڻ ته ڪنهن زبون عمارت جو ٽٽل شهتير آهي.
    اوطاق ۾ ٻه ڪمرا آهن ۽ ٻنهي ڪمرن جي وچ ۾ وڏو هال آهي، جنهن ۾ مهمان ٽڪندا آهن. مهمان ڪونهن. هال بند آهي. جڏهن کان جنگ لڳي آهي تڏهن کان اوطاق مان رقص و سرود جون محفلون به موڪلائي ويون آهن. نه ته هونءَ سڄي سڄي رات پيٽرومڪس جي اکيون جلائيندڙ روشنيءَ ۾ اوريان پريان زميندار رنگين راتيون ملهائڻ ايندا هئا. سنڌو اورئين ڪمري ۾ آهي. پرئين ڪمري مان هڪ نسواني ٽهڪ رکي رکي اُڀري ٿو ۽ سيسڙاٽ ۾ بدلجندو رهي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن نسواني ٽهڪ سان گڏ هڪ مردانو ٽهڪ به گونجي اٿي ٿو. مردانو ٽهڪ هو سڃاڻي ٿو. ٻڌل اٿس. ٻڌندو رهيو آهي. اهي سندس وڏي ڀاءُ جا ٽهڪ آهن. اوچتو جلترنگ جو هڪ سرجاڳي وري سمهي پوي ٿو. ڪا قيمتي بوتل شيشي جي گلاس سان ٽڪري آهي. ان جي کيس ڄاڻ آهي پر سيسڙاٽ ۽ ڪاروباري زنانن ٽهڪن جي باري ۾ هو ڪجهه به نٿو ڄاڻي. اهڙا ٽهڪ هر رات بدلجندا رهندا آهن. فصلن جي ساوڪ،ڪڻڪ جو سونهري ڦهلاءُ ۽ چانورن جي چاندي هر رات جلترنگ ۾ جلندي رهندي آهي. سنڌوءَ لالو ڪڙميءَ جي ٻارن کي پيرن اگهاڙو ڪنڊن تي ۽ تتل واريءَ تي هلندي ڏٺو آهي.
    گلاس ۽ بوتل جو تصادم، جلترنگ. کوکلي کل ۽ هڪ اميراڻو ٽهڪ! سنڌوءَ پنهنجو ڪنڌ ٺلهه کان ڌار ڪيو آهي. منهن ورائي حويليءَ جي بلند ڀت ڏانهن ڏٺو اٿائين. مٽيءَ ۽ گاري جي بلند و بالا ديوارين جي ٻئي پاسي ريتن رسمن جا سنڀاليل زنگ آلود زنجير آهن. هن پنهنجن ٻن پڦين، ٽن ڀينرن، ماءُ ۽ ڀاڄائيءَ کي انهن زنجيرن ۾ جڪڙيل ڏٺو آهي. ڪٽ کاڌل زنجير سنڌي تهذيب و تمدن جا هار آهن. هارن کي پيڙهه تائين احتياط سان سنڀاليو ويو آهي. سنڌوءَ جون ٻه پڦيون ۽ ٽي ڀينرون ڪنواريون آهن. سندن ڪنڌ مان روايتن جا هار لاهڻ وارو ڪوبه مرد پيدا نه ٿيو آهي. سندس اُداس، ڪومايل ۽ بي رونق چهرا سنڌوءَ جي خاندان جو آن آهن، شان آهن ۽ مان آهن. سندس ماءُ سڄو ڏينهن پينگهي ۾ لڏندي رهندي آهي يا جهليءَ جي جهلڪن ۾ خواب ڏسندي آهي. سنڌوءَ جو پيءُ سنڌ جي مشهور يوناني حڪيمن کان فولاد جا ڪشتا تيار ڪرائيندو رهندو آهي. سنڌوءَ جي ڀاڄائي کنڀ کٿل پکيءَ وانگر پرڙا هڻي هڻي ساڻي ٿي پوندي آهي ۽ سندس ڀاءُ هر رات نئون جلترنگ ۽ نئون وڪاميل ٽهڪ خريد ڪندو آهي.
    سنڌوءَ جي ان ماحول ۾ دل نه ٿي لڳي. منجهائن هوندي به هن پاڻ کي اجنبي محسوس ڪيو آهي. جڏهن کان جنگ جا بادل ڇانيا آهن ۽ انهن سان گڏ مڪمل تاريڪي آئي آهي. سنڌوءَ پاڻ کي وڃايل محسوس ڪيو آهي. مان ڪير آهيان؟ هو اڄ ڪلهه پاڻ کان پڇڻ لڳو آهي. ايترو بي حس ڇو آهيان؟ ڪٿي رستي جو پٿر ته نه آهيان! ڪا وساريل ڪهاڻي ته نه آهيان! مان ڪير آهيان؟ دشمن منهنجي در تي منهنجي غيرت کي للڪاريو آهي. مان چپ آهيان! شايد صحرا جي سڃ آهيان. ريگستان جي رڃ آهيان مان، مرگهه ترشنا جو تڙڪو آهيان.
    ٿوري دير اڳ جڏهن خطري جو سائرن وڳو هو تڏهن هو آرام ڪرسيءَ تان اٿي ورانڊي ۾ اچي بيٺو هو. ورانڊي جي ٺلهه سان مٿو ٽيڪي هن تارن ڀريل آسمان ڏانهن نهاريو هو. گهڻي دير تائين سندس نگاهون تاريڪيءَ کي چيرينديون تارن تائين پهچنديون رهيون هيون. سندس ذهن خيالن جي سانجهيءَ ۾ ابابيلن وانگر لامارا ڏيڻ لڳو. هو پنهنجي جاءِ تي ڄمي ويو. ڄڻ ته سڪل وڻ جي ٽاري هو. خيالن جو آتش فشان هو.
    اوچتو پاڪ فضائيه جو هڪ هوائي جهاز دشمن جي جهازن جي تعاقب ۾ ڪڙڪاٽ ڪندو برق رفتار اُڏامندو آيو. سنڌوءَ وڄ وانگر جهٽ ڏيئي ٻئي هٿ جهاز جي پر ۾ کپائي ڇڏيا ۽ پوءَ ”ڪاڪ پٽ“ مٿي ڪري، لانگ ورائي ڪنٽرول تي ويهي رهيو. هن راڊ کي سٽ ڏني ۽ سندس جهاز جي رفتار سوين ميل وڌي ويئي. جهاز جي ڪڙڪاٽن ۾ ستارا متزلزل ٿيڻ لڳا. چنڊ ڪنبي ويو. هن اوندهه ۾ اکيون ڦاڙي دشمن جي جهازن کي ڏسڻ چاهيو پر پري پري تائين کيس ڪجهه به ڏسڻ ۾ نه آيو. جنهن کيس جنگ جي دعوت ڏني هئي تنهن کي ترسڻ به گهريو هو. سنڌو دشمن جي بزدليءَ تي جڪ کائڻ لڳو. اوچتو پنهنجي مٿان دشمن جي جهازن جو آواز ٻڌائين. دشمن جا ڇهه جهاز مٿانئس اچي ڪڙڪيا. هن هڪ نظر جهازن تي وڌي ۽ پوءِ ”اسڪرو اپ“ ڪندو دشمن جي جهازن کان مٿي هليو ويو. ڪافي مٿي وڃڻ کان پوءِ هن جهاز کي سنوت ۾ آندو ۽ اوچتو جهاز کي ڦيرائي دشمن جي جهازن تي گهت هڻي پرن مان گولين جو وسڪارو ڪري ڇڏيائين. دشمن جا ٻه جهاز شعلن ۾ ويڙهجي ويا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي لاٽونءَ وانگر ڦرندا، بولاٽيون کائيندا هيٺ لهندا ويا. هن ”لوپ“ ڪري جهاز کي وڏي حلقي ۾ ڦيرايو ۽ پوءِ دشمن جي چئني جهازن سان ”ڊاگ فائيٽ“ ڪندو کانئن اڳ نڪري ويو. دشمن جا ٻه جهاز قلابازيون کائيندا، دونهي جي لاٽ ڇڏيندا تيزيءَ سان ڌرتيءَ ڏانهن لهڻ لڳا ۽ کن ۾ پاش پاش ٿي ويا. دشمن جا بچيل ٻه جهاز مقابلو ڪرڻ بدران پٺ ڏيئي وٺي ڀڳا. سنڌوءَ جي اکين ۾ خون لهي آيو. هن ڪنٽرول راڊ کي سٽ ڏني. جهاز کنوڻ وانگر دشمن جي جهازن تي ڪڙڪيو. اوچتو ٻئي جهاز مختلف رخن ڏانهن ڦري ويا. سنڌو هڪ جهاز جي ڪڍ لڳو. اوچتو، پوئتان ٻيو جهاز ”ڊاگ فائيٽ“ ڪندو آيو. سنڌو پنهنجي جهاز جي پرن مان گوليون وسائيندو اڳتي نڪري ويو. پهريون جهاز باهه ۾ ويڙهجي ويو ۽ فضا ۾ هڪ خوفناڪ آواز ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. پٺيان ايندڙ جهاز سنڌوءَ تي گوليون وسايون. ڪجهه گوليون سنڌوءَ جي جهاز جي پرن مان پار ٿي ويون. ٽنگن مان پيٽرول ٽمڻ لڳو. سنڌوءَ هڪدم پنهنجي جهاز کي بلند ڪيو ۽ رفتار گهٽ ڪري ڇڏيائين. ائين ڪرڻ سان دشمن جو جهاز اڳتي وڌي آيو ۽ ٻئي جهاز پر پر ۾ ملائي اڏامڻ لڳا. سنڌوءَ جي جهاز جو پيٽرول تيزيءَ سان وهي رهيو هو. هن ”ڪاڪ پٽ“ مٿي ڪيو ۽ روالور سان دشمن جي پائلٽ تي فائر ڪيائين. دشمن جي جهاز کي لوڏو آيو ۽ اک ڇنڀ ۾ جبل جيڏو جهاز ڪاغذ جي لغڙ وانگر هوا ۾ ڦرندو گهرندو وڻن تي ڪريو. ڌماڪو ٿيو. آواز سان گڏ دونهي جا ڪڪر اڀريا ۽ شعلا ڀڙڪڻ لڳا.
    سنڌوءَ ”ڪاڪ پٽ“ هيٺ ڪيو. سندس جهاز جو پيٽرول ذري گهٽ ختم ٿي چڪو هو. ”رن وي“ تمام پري هو. سندس جهاز جي انجڻ اٽڪڻ لڳي. هن بيلٽ کولي ڇڏيو. جهاز جي رفتار گهٽ ٿيڻ لڳي. جهاز آهستي آهستي هيٺ لهڻ لڳو. هن گهٻرايو نه. نه ئي ڇٽي کولي جهاز مان ٽپ ڏنائين. هن اطمينان سان اکيون بند ڪري ڇڏيون. سندس جهاز هوا ۾ ٽٻي هئين ۽ تيزيءَ سان هيٺ لهندو ويو. هيٺ لهندو ويو. تمام هيٺ، ڪنهن پاتار ۾.
    اوچتو خطري ٽرڻ جو سائرن وڳو. سنڌوءَ گهٻرائيندي اکيون کوليون. پاڻ کي اوطاق جي ورانڊي ۾ بيٺل ڏٺو هئائين. تڏهن کان هو اتي ئي بيٺو آهي. پنهنجن پورن تي حيران پريشان آهي.
    ماحول ۾ هر طرف اوندهه آهي پر سنڌوءَ جي من ۾ گهگهه اوندهه آهي. سندس خيالن ۾، ويچارن ۾ هيبتناڪ انڌيرو آهي. خيالن ۾ ڪنهن تاريڪ کوهه جا چمڙا اڏامڻ لڳا اٿس. چمڙا يادگيرين جي سڪل ٽارين ۾ ابتا لٽڪي پيا آهن.
    ”مان اڳتي نه پڙهندس.“ هن گهڻو اڳ چيو هو.
    ”زمينداري ڪر، ٻنيون سنڀال.“
    ”اهو ڪم مون کان نه ٿيندو.“
    ”ڀلا واپار ڪر. پيسي ڏوڪڙ جي ته ڪمي ڪانهي.“
    ”مون وٽ واپاري مغز ڪونهي.“
    ”ٻاهران بئريسٽري ڪري اچ.“
    ”مان سچ کي ڪوڙ ۽ رات کي ڏينهن ثابت ڪري نه سگهندس.“
    ”آخر ڇا ڪندين؟ ڪجهه ته ڪرڻو اٿئي.“
    تڏهن هو سوچ ۾ پئجي ويو هو. ڪجهه ته ڪرڻو ئي آهي! ڪجهه ته ٿيڻو آهي! دل جي ڳالهه زبان تي آندي هئائين.
    ”مان پائلٽ ٿيندس.“
    ڪنهن وراڻيو هو. ”اسان سنڌي آهيون، سٻاجها آهيون. توکي پائلٽ ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟“
    ”مان ڪجهه ٿيڻ چاهيان ٿو، ڪجهه غير معمولي ڪم ڪرڻ چاهيان ٿو.“
    ”تون پير آهين. پيرن جو اولاد آهين. تون گادي نشين ٿيندين. لکين مريدن جو مرشد ٿيندين.“
    سنڌو پنهنجي روح سميت سنڪن جي اوڙاهه ۾ لهي ويو هو. ڪجهه دير تصور جي تاريڪيءَ ۾ ڀٽڪندو رهيو هو. تڏهن اوندهه ۾ لاٽ نظر آئي هيس. وراڻيو هئائين.
    ”مان ڀٽڪيل آهيان. وڃايل آهيان. مان پاڻ ڀليل ڀليلن کي ڪيئن راهه رسائيندس. مان مرشد ٿي نه سگهندس.“
    ”تنهنجو مغز خراب آهي.“
    پوءِ، ان ڏينهن کان اها ڳالهه عام آهي ته سنڌوءَ جو مغز خراب آهي.
    سنڌوءَ دل جي تمنا دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏي هئي. سندس هٿن مان فيصلي جي ڏور ڇڏائجي ويئي هئي. دوستن مٿس ٺٺوليون ڪيون هيون، مٿس کليا هئا. اڄ به انهن زهر ۾ ٻڏل ٽهڪن جا نشتر سنڌوءَ جي جگر ۾ چڀي رهيا آهن. پڙاڏا ماضيءَ جي ڪٽهڙن جا قيد ڀڃي کيس چيڙائڻ لڳا آهن.
    ”اسان ته توکي اڳ ئي چيو هو يار، ته سنڌي بزدل هوندا آهن. تو کي پائلٽ ٿيڻ جي گهران اجازت ئي نه ملندي.“
    هو ٻئي هٿ ڪنن تي ڏيئي ٺلهه کان ڌار ٿي بيٺو آهي. ڪن بند اٿس پر اندر جي اُڌمن کي روڪي نه سگهيو آهي. چٿرون کيس چٿي رهيون آهن.
    ”تون زميندار ٿيندين دوست! ڪتن کي رڇن سان ۽ ماڻهن کي مرن سان ويڙهائيندين.“
    اڄوڪي اوندهه کيس ان اونداهي رات جي ياد ڏياري رهي آهي جڏهن هو جنت جا در بند ڪري نه سگهيو هو. هن ٻيهر اکيون پوري ڇڏيون آهن. ڪاراڻ ۾ هو پاڻ کي زمين جو داغ محسوس ڪري رهيو آهي. مون کي پنجاب ۾ پيدا ٿيڻ گهربو هو. سرحد ۾ پيدا ٿيڻ گهربو هو، بلوچستان ۾ پيدا ٿيڻ گهربو هو. هن سوچيو آهي. ڪو کيس لڳو آهي. سندس خيال منتشر ٿيا آهن. ڏسڻ چاهي ٿو، پر اوندهه ۾ ڏسي نٿو سگهي. هينئر پنهنجو هٿ وڌايو اٿائين. سندس هٿ رائيفل جي ناليءَ سان وڃي لڳو آهي.
    ”ڪير آهين؟“
    ”سائين مان آهيان لالو ڪڙمي.“
    ”بندوق ته کدو ۽ رحيم کڻندا آهن.“
    ”ها سائين، ٻئي ڄڻا شام کان دونهي ويل آهن.“
    ”ها، ادا لاءِ خدا بخش ماستر جي زال کڻڻ ويا آهن. پر تو بندوق ڇو کئين آهي؟“
    ”سائين.“ لالوءَ وراڻيو ”چون ٿا ته دشمن جا ڪجهه سپاهي ڇٽين رستي هوائي جهازن مان هيٺ لٿا آهن.“
    ”تون ڪيڏانهن ٿو وڃين.“
    ”ٻنين تي.“
    ”ڇو.“
    ”اجهو شيدي آيو آهي. ٻڌايو اٿائين ته دشمن جا ڪجهه سپاهي ٻنين ۾ لڪيا آهن.“
    سنڌوءَ پنهنجو هٿ لالوءَ جي ڪلهي تي رکيو آهي. لالوءَ چيو آهي.
    ”مهمان ٿي اچن ها ته اکين ۾ سانڍيون ها. بد ارادي سان زوري گهڙي آيا آهن ته مولا ٿو ڄاڻين هڪ هڪ کي ماري مات ڪبو.“
    ”پر هنن وٽ هٿيار هوندا لالو.“
    ”مون وٽ به بندوق آهي.“
    ”تون اڪيلو آهين، هو پاڻ ۾ گهڻا هوندا.“
    ”منهنجو مولا مون ساڻ آهي، سائين!“
    سنڌوءَ جون آڱريون لالوءَ جي ڪلهي تي کپي ويون آهن.
    ”تنهنجا ننڍا ننڍا ٻار آهن لالو.“
    ”مولا ٿو ڄاڻي جي هڪ به ٻار هجي ها ته کيس به وڙهڻ لاءِ وٺي وڃان ها. کيس سيالڪوٽ ۾ هندستاني ٽينڪون تباهه ڪرڻ لاءِ موڪليان ها. مولا ٿو ڄاڻي منهنجو پٽ به دشمن کي اهڙا ته ٽوٽا چٻائي ها جو هڪ هڪ اخبار ۾ ٻين جوانن وانگر منهنجي پٽ جو به فوٽو اچي ها. کيس ٻلو ملي ها. سائين.“
    ”لالو.“
    سنڌوءَ لالوءَ کي ڀاڪر ۾ ڀريو آهي. لالوءَ کان ڄڻ، ڇرڪ نڪتو آهي.
    ”سائين، مان ڪڙمي آهيان، مسڪين آهيان. توهان جي پيرن جي خاڪ آهيان.“
    ”نه لالو نه. ائين نه چئه. مان توکي سڃاڻڻ لڳو آهيان. پر تو اڃان پاڻ نه سڃاتو آهي.“
    سنڌوءَ لالوءَ کي ڀاڪر مان ڇڏيو آهي. لالو جهڪي ٿو پر سنڌو کيس جهڪڻ نٿو ڏئي. هو لالوءَ کي ورانڊي ۾ بيهاري ڪمري ۾ موٽي وڃي ٿو. اوندهه ۾ ئي الماڙي کولي هڪ رائيفل ڪڍي ٿو. گولين جو پٽو چيلهه مٿان ٻڌي هو ٻاهر ورانڊي ۾ موٽي آيو آهي.
    ”مان به توسان هلندس لالو.“
    ”سائين.“
    ”ڪجهه نه چئه لالو، چپ ڪري هل.“
    سنڌو ۽ لالو اوندهه ۾ روانا ٿي ويا آهن. ٻنهي جي هٿن ۾ بندوقون آهن. ٻنهي جا قدم پختا آهن. اوندهه ۾ ڏسي نٿا سگهن پر پيچرا سڃاتل اٿن. ٻنين جو رخ ڪيو اٿائون جتي دشمن جا ڪجهه سپاهي لٿا آهن. هو ٻئي دشمن جو اجل آهن. 

    1965


    برف جو تاج محل

    ازل کان بيوفائيءَ جي آسمان تي وِکريل باکون.
    تمنائن جي ويراڳ جي آد،
    ۽ اُرجهيل اُرجهيل اُبناسي آشائون.
    ”منهنجي محبت کي مذاق نه سمجهجانئه زهره.“
    زهره خاموش.
    ساز بي آواز
    ۽ اگربتين جي خوشبوءِ قبرستان جي نازبوءِ جهڙي.
    ”مون وٽ اکر ڪونهن. لفظ ڪونهن، جملا ناهن، جن سان پنهنجي لامحدود چاهت جو، ديوانگيءَ جو اظهار ڪري سگهان.“
    مخروطي آڱرين جو ڇهاءُ.
    هارمونيم جي سسڪي
    هڪ آهه.
    ”سوچيان ٿو، سوچيان ٿو ائين ئي تنهنجي در جي چائنٺ تي ويٺو رهان. تنهنجي ڪمري جي خاموش ديوارن سان خاموش ٿي وڃان، دروازي جي دز ٿي قدمن ۾ لتاڙبو رهان.“
    شيشي جي ساگر ۾ لهر اٿي.
    ٿڌين ٿڌين نگاهن ۾ چڻنگ
    بادلن ۾ باهه.
    ”ٻڌاءِ زهره، ٻڌاءِ ته جڏهن انسان پٿر سان پيار ڪندو آهي، جڏهن سمنڊ جون چريون چريون ڇوليون چنڊ کي چاهينديون آهن، ۽ جڏهن دل جو درد من جي وياڪلتا دور ڪرڻ لاءِ تڙپندو آهي، تڏهن، تڏهن اُهي ڪهڙا اکر هوندا آهن جي خود به خود اُڪلندا منزل منزل پڪاريندا آهن.“
    سنگمرمر ۾ چرپر، زندگي.
    گاگر جي ڳل تي چوڙين ڀريل هٿ جي ٿڦڪي
    ڪائنات جو سنگيت.
    ”تون وڃ. ڪجهه خاص گراهڪ اچڻا آهن.“
    اکين جو ميلاپ،
    حسن جو ڇرڪ
    الفت جي التجا.
    ”منهنجي پوڄا پاپ نه آهي. ائين ٺڪرائي، منهنجي دل نه ٽوڙ زهره.“
    خاموشي.
    اگربتين جي دونهين جا دائرا
    ماحول ۾ ڇير جو ڇمڪو.
    ”مون کي بيچين ڪري ڇڏيو اٿئي، راج. تون ٻين جهڙو نه آهين. تو کي ڌڪارڻ چاهيان، ته ڌڪاري نه ٿي سگهان.“
    ڄر،
    آڳ
    ۽ آواز.
    ”مون کي ڌڪاري ڇڏ. ٺڪرائي، مِٽائي ڇڏ، پر نه. مون وٽ اڃا به دولت آهي ـ چانديءَ جا بي حس چلڪندڙ سِڪا ۽ مروڙيل سروڙيل نوٽ. هي در منهنجي لاءِ نه، ته هن مڪروه دولت لاءِ ته کليل رهندو.“
    سڏڪو، ديپڪ راڳ
    چوڙين جو جلترنگ
    پڪار.
    ”راجن، ترس راجن.“
    طوفان.
    بيڪلي
    ۽ سرجيت.
    ”نه زهره، اڄ نه ترسندس. مان بيکاري ٿي موٽندس، توکان تنهنجو دان گهرندس. توکي ڏيڻو پوندو، هلڻو پوندو، منهنجي پيار جي ڪائنات ۾ سموئڻو پوندو.“
    وڄ جي تجلي.
    گهٽائن جي لشڪر جي لاٽ
    آبشار.

    پر ڪجهه ڏينهن اڳ،
    سرد چپن
    چيو هو.
    ”اسان سان هر ڪو مرد محبت ڪندو آهي.“
    ”مان انهن مان نه آهيان.“
    ”سڀ ائين چوندا آهن.“
    ”ڇا!“
    ”نه توهان تي جان ڏينداسين، مرنداسين پر محبت ڪنداسين.“
    ٽهڪ،
    طنز
    ٺٺولي.
    ”۽ پوءِ؟“
    ”پوءِ ڪجهه دولت لٽائي، عزت لٽائي، محبت کين هوش ايندو آهي.“
    ”ڪو اهڙو به ته هوندو، جنهن کي هوش نه آيو هوندو.“
    ”اُهي ڪنگال، بيروزگار، کيسن خالي ديوانه هوندا آهن.“
    ”مان انهن مان نه آهيان.“
    ”ڇو؟ تو منجهه سرخاب جا پَر لڳل آهن ڇا!“
    ”نه. پر مان کوجنائن جو شاگرد آهيان. مون کي موهن جي دڙي سان پيار آهي. مان کُهرن ٽڪرن ۾ لڪل قدرتي خزانن جو تمنائي آهيان. مان اپولو جو دشمن آهيان.“
    ”عجيب ڳالهيون ٿو ڪرين!“
    ”عجيب! نه. اِهي تنهنجون پنهنجون ڳالهيون آهن. تو ئي مون کي سيکاريون آهن. مان گوتم ٻڌ کي دان ڏيندس. مان شاهجهان جو رقيب آهيان. مان خاڪ محل اڏيندس.“
    حسن جي نگاهن ۾ حيرت،
    دل جي دنيا ۾ سوجهرو
    ۽ رجني ٿي پرڀات.
    ”تون ڪير آهين. ٻڌاءِ تون ڪير آهين.“
    ”مون رام کي بن ۾ ڀٽڪندي ڏٺو آهي. مان ازل جو انتقام آهيان. مان سقراط جي هٿن مان زهر جو پيالو ڦري وٺندس.“
    پياسو پرمل پرواسي،
    جهاجهه جل جا جهاڳيندو
    نيٺ ميگهه کي پهتو
    ۽ ڪالهه کان پوءِ اڄ!

    در جي چائنٺ کان ٻاهر،
    اڌ ٻيڪڙيل طاق جي سهاري
    ٿڪل، ٽٽل، ساڻو ساڻو ساهه.
    ”اندر اچ نه راجن.“
    آزي،
    اکين جي ڇنڀ اُلڪو
    ۽ هنسراج جي کنڀن تي پاڻيءَ جا قطرا.
    ”پڙهيل ڳڙهيل، پنهنجي سقيم حالت ڪئي اٿئي. وار وکريل، اکيون اُداس، ڪپڙا ميرا، راجن ڇا ٿيو اٿئي.“
    ساڳي گهور،
    مجبور
    ۽ الفت جي هتيا.
    ”ڄاڻي ٻجهي شعلن سان لنوء لڳايئه. خبر به هيئه ته آءُ وئشا آهيان، دولت جي ڄور، پيسي جي پياسي آهيان.“
    پڙاڏو نه سڏ،
    دل ۾ دل جي لوڇ
    پيار بنا انڌير.
    ”اندر ڇونه ٿو اچين؟“
    ”مون وٽ فقط هڪ رپيو آهي، سو جي قبول ڪرين ته ...“
    ”تنهنجي هٿان ته آءُ رستي جا پٿر به قبول ڪنديس.“
    ”مون اڪثر رستي جي پٿرن ۾ تاج محل ڏٺو آهي“
    قدم لڙ کڙايا،
    ٿڙيا ٿاٻڙيا
    جهريا ۽ جهڪيا.
    ”ڇا ٻڌندين؟“
    ”جوڳ.“
    ”جوڳ!“
    ”ها.“
    سازن جي سيني ۾ پيڙا جي لوچَ،
    سُرن جي پرن ۾ پران جو پڙلاءُ
    ”جوڳ لڳائي وئين يار ديوانه.“
    ”منهنجو آخري نذرانو.“
    ”نه راجن. تو کان ڪجهه نه وٺنديس.“
    ”انڪار نه ڪر زهره.“
    ”نه راجن نه. آءُ نه وٺندس.“
    ”ها. ڪيئن وٺنديئن! هزارن سان کيڏڻ واري ڀلا سکڻي رپئي جو دان ڪيئن قبوليندينءَ.“
    ”بڙڇي هڻ، پر اهي اکر نه اُڪل. اچي وٺ، کڻ هي گناهه جي ڪفن جا نوٽ. ڪنهن ڏنا؟ ڪٿي آهن دولت جا مطالبي مالڪ؟ کڻي وڃ راجن کڻي وڃ ـ مون کي ڪوبه مايا ڪايا سان خريدي نه سگهيو ـ ڪوبه نه، ڪوبه نه ...“
    اشڪ بڻيا برسات،
    سسڪيون ۽ سڏڪا
    لڙڪ محبت جو تحفو.

    ساڳيو در،
    ساڳيو صنم
    ساڳيو درد جو درمل.
    ”الا! راجن هيئن ڪيئن جي سگهندين!“
    ”جيستائين ساهه ماهه سان وچڙيل رهندو، تيستائين جيئندو رهندس.“
    “وئشا جي پيار ۾ ڪجهه به نه ملندءِ راجن.“
    ”پٿر جي صنم کان درد جو دان ملندو آهي، زهره.“
    صنم
    او صنم
    منهنجي دل جي جوت.
    ”ٻاهر ڇو بيٺو آهين؟ هن گهر جا در تولاءِ چار ئي پهر کليل آهن.“
    ”مون وٽ ڏيڻ لاءِ پنهنجي چري چاهت کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي.“
    ”ڄاڻان ٿي مان، راجن ڄاڻان ٿي. ٻڌو اٿم ته ڪالهه کان ڪجهه کاڌو به نه اٿئي.“
    ”ته پوءِ هڪ ڪنگال لاءِ پنهنجو قيمتي وقت ڇو ٿي وڃائين، گراهڪ ڇو ٿي موٽائين.“
    ”منهنجي روح جو مالڪ تون آهين راجن. جيستائين تون مون وٽ آهين،
    تيستائين هيري جي ڪڻ مون لاءِ موت آهي.“
    ”مون لاءِ بي انت چاهه اٿئي نه زهره.“
    ”ها راجن. جي چاهين ته آزمائي ڏس.“
    ”آزمائي ڏسانءَ!“
    ”ها. مون وٽ ائين ئي ويٺو رهه، پهرن جا پهر، ڪوبه شخص هن در جي چانئٺ ٽپي نه سگهندو. هيءَ دولت، هي زيور، مان ۽ منهنجي دل سڀ تنهنجي لاءِ آهن راجن.“
    ”ته پوءِ هن ماحول کي، هن ماحول جي گندگيءَ کي، گند جي بدبوءِ کي ٺڪرائي ڇو نٿي ڇڏين.“
    ”ڪيئن ٺڪرايان راجن، ڪيئن ٺڪرايان، ڪوڙا ٽهڪ منهنجي زندگي ۽ گناهه منهنجي آسودگي آهي. مان طوائف آهيان، رنڊي آهيان، مون لاءِ هن جڳ ۾ جاءِ ڪونهي.“
    سانوڻ جون گهٽائون وسي پيون،
    ڌرتيءَ جو سڪل سينو تراب آلو ٿيو
    ۽ نياگرا ڪڙڪاٽ ڪري ٻه اڌ ٿي پيو.
    ”جڏهن مريم تي الزامن جون آڱريون اُٿيون هيون، تڏهن عيسيٰ سندس پاڪدامنيءَ جي گواهي ڏني هئي. پر تنهنجي روح جي پويترتا جي گواهي هيءَ سڄي ڪائنات ڏيندي.“
    ”مون کي پرچاءَ نه راجن. مان اڪيلي آهيان، ٺڪرايل آهيان، اندر جي ڪوجهي آهيان، ڪِريل ڪُٺل، تنها.“
    ”مان هن بي رحم ڌرتيءَ جي سيني تي توسان ساڻ بيهندس. سماج جي آهني رواجن جي بڙڇين کي مروڙي ڇڏيندس. ها ڪر زهره، ته تون منهنجي آهين، مون لاءِ هڪ نئين، ماڪ ۾ ڌوتل گل جهڙي زندگيءَ جو آغاز ڪنديئن.“
    ”جذبن جي سيلاب ۾ نه لڙهه. سوچ، دل سان، دماغ سان.“
    ”جڏهن زندگيءَ جي بي حس جمود ۾ زلزلو ايندو آهي، تڏهن سوچبو نه آهي ـ تڏهن فقط مڪروه روايتن جي بوسيده عمارتن کي دفن ڪري، اميدن جا نوان شهر تعمير ڪبا آهن.“
    ”جيڪر تون ائين ڪري سگهين راجن، ڪاش!“
    صنوبر جي ٽارين تي چنڊ لهي آيو،
    چڪور چيخ ڪئي
    ۽ ازل جي آد انتها کي پهتي.

    مرد جي هٿ ۾ ظلم جا خردم،
    ازلي برتري ۽ قوت جو نشو
    انصاف جي دائري ۾ مظلوم عورت جو سنگسار.
    ”نچ.“
    ”نه.“
    ”تو کي نچڻو پوندو.“
    ”مان نه نچندس.“
    ”گراهڪ موٽي ويا ته سمجهه تنهنجو خير ناهي.“
    ”ڀل موٽي وڃن.“
    ”موٽي وڃن!“
    ”هيءَ هڪ رات ته ترس، ظالم“
    ”ترسڻ سان ڇا ٿيندو. تون رنڊي آهين. هن ماحول مان نڪرڻ تنهنجي لاءِ ناممڪن آهي.“
    ”مون کي صبح جو انتظار ته ڪرڻ ڏي سنگدل.“
    ”تنهنجو صبح ڪڏهن به نه ايندو.“
    ”ايندو. منهنجي تاريڪ زندگيءَ جو تابناڪ صبح ضرور ايندو.“
    ”بڪواس بند ڪر، نورا کڻ، گهنگهرو ٻڌ.“
    ”نه، نه.“
    ضرب، چوٽ
    مجروح جسم تي گهائل شفق جي سرخي
    گهرا گهرا گهاوَ
    ”عورت مرد جو رانديڪو آهي. رنڊي به مرد جي مڪر ۽ فريب اڳيان ڪجهه ڪونهي.“
    ”منهنجو راجن ته فريبي ناهي.“
    ”راجن!“
    ”منهنجا وار ته ڇڏ، بي درد.“
    ”مون سيٺ کان پنجاهه روپيا ايڊوانس ورتا آهن. اڄ رات تو وٽ گذارڻي آهي. سمجهيئه.“
    ”اهڙا هاڃا ته نه ڪر ستمگر. خدا جي واسطي منهنجا بند خلاص ڪر. هن ڪوڙه مان ڪڍڻ لاءِ سڀاڻي منهنجو راجن ايندو. منهنجو راول ايندو.“
    ”عورتن جي ڌنڌي جو مان ماهر آهيان. دوزخ جي شعلن مان مرد ڪڏهن به عورت کي بچائي نه سگهيو آهي. راجن نه ايندو.“
    ”راجن ايندو. منهنجو راول ايندو.“
    ”ڪڏهن به نه ايندو.“
    ”منهنجو راول ايندو ـ منهنجو راول ايندو.“
    جهنمي گهوڙن جي يلغار.
    معصوم روح تي عدل جي انڌي تلوار جو وار
    خون جي قطرن جو سيلاب.
    نصرت جي ڪلهن تي شڪست جو لاش،
    فتح جي پيرن ۾ باهوٽيءَ جون لڦون،
    جيت جي دامن ۾ هار جا خار.
    "Rajoo, the triumphant."
    آواز، شور، گهمسان،
    ”اسان جي نه مڃيئه خالد، راجو يونيورسٽيءَ Dramatics جو بهترين فنڪار آهي.
    "Hurrah"
    ”توکي شرط جي رقم ۽ دوستن کي ڊنر ڏيڻي پوندي.“
    "I am ready"
    ”راجوءَ کي عشق جي مهم جو مٿيون خرچ به ڏيڻو پوندءِ.“
    "Ok."
    ”هن خالد The great کي ڪهڙي پرواهه. زمينداري پيسو عشق جي Rehearsal تي لڳائيندي چهنڊي به نه پيس!“
    ”پر، هي راجو ڇو خاموش آهي.“
    دوست، ٽهڪ، لاپرواهي.
    ”اڙي راجو، اُن رنڊيءَ سان سچ پچ پيار ته نه ٿي ويو اٿئي.“
    ”جي ائين آهي ته راجو شرط هارائيندو.“
    ”پنج سير کير پي اُلٽي ڪرڻي ناهي.“
    ٽهڪ، بي سُرا، پُرشور.
    ”پر راجو ڳالهائي ڇو نٿو؟“
    ”چپ ڇو آهي؟“
    ”دريءَ وٽ ڇا پيو ڪري؟“
    ”راجو.“
    ”راجن.“
    سڌير، سرويچ، نراشا
    ”هي پيسا اُن عورت جا آهن، جا هنن سڪن لاءِ نچندي، ڳائيندي ۽ پنهنجو جسم وڪڻندي آهي.“
    ”ڪا نئين ڳالهه ڪر، هر ڪا وئشا ائين ڪندي آهي.“
    زهر، اندوهه، بغاوت.
    ”ڏٺم، چڪلن جا مکيه مرد، عورت جي ڪمائيءَ جا حقدار مرد ـ عورت جي جسم جا مالڪ ۽ خريدار مرد!“
    ”ڪميونسٽ ته نه آهين، راجو!“
    ”اچي، وٺو ڏسو، ڳڻيو،“
    ”ايڏا! وڏي رقم ٿي ڏسجي.“
    ”هيءَ سندس هڪ رات جي ڪمائي آهي.“
    ”سچ؟“
    ”ها. ۽ هن ان ڪمائيءَ کان منهن موڙي، آئينده زندگيءَ جا سونهري سپنا ڏٺا. وئشا هڪ مرد جي مضبوط سهاري جي اميد ۾ عورت ٿي پيئي ـ اهڙي عورت، جنهن جي شخصيت ۾ سيتا ۽ مريم جو عڪس ملندو آهي ـ پر ... پر ... “
    ”پر ڇا؟“
    ”ٻاهر ڇا پيو ڏسين، راجن؟“
    ”اوندهه جي اوڙاهه ۾ رڙهندڙ سج سڀاڻي وري اُڀرندو، پر هڪ عورت ٽٽندڙ اُميدن جي مالها جا موتي ميڙي نه سگهندي. واعدن جي برف جو تاج محل هڪ مرد جي حرفت، ازلي برتري ۽ بيوفائيءَ جي ڄر ۾ رجي ويندو.“
    اوندهه جا وڌندڙ پاڇا،
    اڪيلائي، تنهائي
    برف جي تاج محل جا رجندڙ مينار.

    1964


    اچ ته پيار پڄايون

    هميشه چوندي هئي. ”ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
    ”هل ڙي ککي.“ کيس چوٽيءَ کان وٺندي چوندو هوس، ”تون ماڪوڙيءَ جيتري، مان مهان، مونسان آئي آهين پيار پڄائڻ!“
    ”نردئي ڇڏ منهنجا وار.“
    ”منهنجي دل ۾ آهن خار، نه ڇڏيندو مانءِ.“
    ”نيٺ به ته بن مانس آهين نه.“ روڻهارڪي ٿي چوندي هئي.
    ”مان بن مانس!“
    ”ها ها، تون،“ منهنجي ويڻن ۾ مٺيون کپائي چوندي هئي. ”جانور ته آهين. پنهنجن ٻانهن جا وار ته ڏس، جهڙا ڊڀ، پنهنجا سخت کهرا هٿ ته ڏس، جهڙا ريگ مال.“
    ”پنهنجون گابي جهڙيون اکيون ڏٺيون اٿئي؟“
    ”واهه! وڙهين ته چئين گابي جهڙيون، ٺهين ته چئين هرڻيءَ جهڙيون.“
    ”ڀلا مون کي بن مانس ڇو ٿي چئين؟“
    ”پنهنجي انتر آتما به ته سڏيندي آهيانءِ.“ شرمائيندي چوندي هئي. ٻئي کلي پوندا هئاسين. آڪاش جا ستارا مرڪڻ لڳندا هئا.
    ”هاڻ ته منهنجا وار ڇڏ.“
    ”اچي وٺ.“ سندس چوٽي ڇڏي ڏيندو هئس.

    هڪ ڏينهن چيو هئائين. ”ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
    ”مان ته توکي چاهيان ئي نٿو.“
    ”ڇو ٿو منهنجي دل ٽوڙين.“
    ”سچ ٿو چوانءِ چري، مان ته توکي چاهيان ئي ڪين.“
    ”نيٺ به ته مرد آهين نه، ڪوڙو ۽ فريبي.“
    ”تڏهن به شڪر ٿو ڪريان ته عورت ناهيان.“
    ”ڇو، عورتون مردن کان به ويون؟“
    ”مرد عورتن وانگر بيوفا ناهن.“
    ”اهي سيکڙاٽ ليکڪن جا خيال آهن، ديپو“
    ”پر سئو في صد سچ آهن.“
    ”شرط لڳايون؟“ پڇيو هئائين.
    ”ڀلي.“
    ”ته ٻڌ.“ فيصلو ڪندي چيائين، ”مان تو کانسواءِ جوالا جيان جلي وينديس.“
    ”خوب!“ ٽهڪ ڏنو هئم. ”اهي ڳالهيون لکندي سونهن، چوندي نه.“
    ”منهنجي پيار جو اپمان نه ڪر ديپو.“ اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا هئس.
    ”تنهنجي پيار جو اپمان!“
    ”ها ديپو، ڇڏيندين ته مِٽجي وينديس.“
    ”ته پوءِ مان به توکي چاهيندس.“
    ”مرڻ کان پوءِ چاهيهءِ، ته ڇا ڪيهءِ.“
    ”مان توکي مرڻ ٿورو ئي ڏيندس.“ سندس هٿ جهليندي چيو هئم.
    ”ديپو.“
    ”سچ ٿو چوانءِ چري، مان توکي چاهيندو رهندس!“
    ”۽ پنهنجي هار به مڃيندين.“ خوشيءَ وچان پڇيو هئائين.
    ”ها.“
    ”پوءِ مان به چوڻ ڇڏي ڏيندس.“
    ”ڇا؟“
    ”اهو ئي. اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
    ”ڳهيلي!“ هٿ چمندي چيومانس، ”مان توکان سواءِ ڪيئن جي سگهندس.“

    انهن ڳالهين کي ڳچ سال گذري ويا آهن.
    اڄ جو قصو آهي. آفيس کان موٽيو هئس.
    ”موهن کي کنگهه ۽ بخار آهي، اڄ ته ڊاڪٽر کي ڏيکاريونس.“
    ”هلڻو اٿئي ته جلد ڪر.“ وقت ڏسندي چيم. ”دير ٿيندي ته ڊاڪٽر اٿي ويندو.“
    ”سج لٿي گهر اچو، ۽ جلديءَ لاءِ مون کي پيا چئو.“
    ”اهي ڳالهيون رستي ۾ ڪنداسون، وقت نه وڃاءِ.“

    ڊاڪٽر وٽ اڃا ڪجهه مريض موجود هئا.
    موهن کي ماڻس جي هنج ۾ ويهاري مان اچي بالڪونيءَ ۾ بيٺس. بالڪونيءَ ۾ اوندهه هئي. ان رات چنڊ چريو ڪٿي لڪي پيو هو. تارن رکي رکي ڊڪ پي پاتي. ڪنبندڙ ستارو ڏسي رهيو هئس جو شانتيءَ سڏ ڪيو.
    اچو، ڊاڪٽر وٽ فقط هڪ مريض آهي.
    ڪمري ۾ قدم رکيم، اک وڃي سامهون ويٺل هڪ عورت تي پيئي. کيس اڇي ساڙهي پيل هئي. نٻل، ڪمزور ۽ ٿڪل ٿي ڏٺي. ڊاڪٽر کيس اسٽيٿسڪوپ سان تپاسي رهيو هو. پاڻ کي اوندهه ۾ لڪائي، کيس جاچڻ لڳس. ڊاڪٽر سندس ايڪس ري ڏسي رهيو هو. اوچتو هوءَ هڪ هٿ سان وات تي رومال رکي، ٻي سان سيني کي زور ڏيئي کنگهڻ لڳي. تڪليف کان جهور ٿي ويئي، ۽ اوچتو منهنجي ذهن ۾ ماضيءَ جو پڙلاءُِ گونجي اٿيو.
    ”ديپو، اچ ته پيار پڄايون، ڏسون ته ڪير ڏاڍو.“
    شانتي موهن کي کڻي بالڪونيءَ ۾ هلي آئي. چيائين، ”هن عورت کي شايد سلهه آهي.“
    ”ها شانتي، مون هارايو، مون هارايو.“
    ”ڇا ٿا چئو؟“ شانتي حيرت مان منهنجو منهن تڪڻ لڳي.
    ”ڪجهه به نه، ڪجهه به نه.“
    مون منهن اوندهه طرف ڪري ڇڏيو، هڪ روشن تارو آسمان مان ٽٽندو اوندهه ۾ گم ٿي ويو.

    1964


    ويران دل جي دنيا

    مان پنهنجي ڪمري جي پوئين دريءَ مان هيٺ نهاري رهيو آهيان.
    صبح کان اسان جي گهر ۾ اتر ويلا متل آهي. گوڙ جو آواز گهٽ ڪرڻ لاءِ اول ته سڀ دريون ۽ روشندان بند ڪري ڇڏيا هيم، پر عورتن جا واڪا ور ور ڪري وٿين مان اندر ايندا رهيا.
    ڀڳل دل جي زخمن کي مڙهڻ لاءِ هن ڪمري جي اڪيلائيءَ کي اچي اپنايو اٿم، پر اڄ ان خاموشيءَ ۽ سانت کي هيٺان اڀرندڙ آوازن، واڪن ۽ ڪيڪڙاٽين ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو آهي. صبح کان دل ٿي چاهيم ته هن گهمسان مان نڪري وڃان، ڪنهن اهڙي هنڌ ٿائينڪو ٿيان، جتي منهنجي دل جي آهه و زاريءَ کان سواءِ ڪجهه به نه هجي. پر مون ۾ ايترو به ست ناهي جو دنيا جي ٺٺولين کي پنهنجي ظاهري شڪست سان سهي سگهان. بيمار ۽ لاغر جسم، ۽ ٿڪل ٽٽل روح کڻي ڪٿي ڪٿي ڀٽڪندو رهان؟
    هينئر پنهنجن منتشر خيالن جي ڀالن کان گهٻرائجي هيءَ دري کولي ڇڏي اٿم. ڏسي رهيو آهيان ته گهر جا ڀاتي انتظاري ۽ بيچينيءَ جي عالم ۾ ورانڊن ۽ پڌر ۾ اچ وڃ ڪري رهيا آهن. سامهون ورانڊي ۾ وڇايل آرام ڪرسيءَ تي امان ٻنهي هٿن ۾ مٿو جهلي ويٺي آهي. ڀاڀيءَ جي ماءُ جا پير پسيل آهن. ڪجهه منٽ اڳ بابا هٿ مهٽيندو پنهنجي ڪمري ڏانهن هليو ويو هو. هينئر ادا ڳورن قدمن سان ورانڊي ۾ وکون وجهي رهيو آهي. سندس پيشانيءَ تي جا بجا فڪر جا ليڪا نمايان آهن. منهنجون ٻئي ڀينرون سامهون واري بند دروازي تائين وڃي بار بار موٽي ٿيون اچن.
    سامهون واري ڪمري جو در گذريل ڏيڍ ڪلاڪ کان بند آهي. ڪجهه دير اڳ ڊاڪٽر مهتاب پنهنجن ٻن نرسن سميت ڪمري ۾ داخل ٿي هئي. ان ڪمري مان صبح کان ڪيڪڙاٽين جا آواز اچي رهيا آهن، پر هينئر رڙين ۽ سڏڪن جو آواز وڃي ٿو وڌندو. رڙيون منهنجي ڀاڀيءَ جون آهن.
    هوءَ اڄ هڪ انسان کي جنم ڏيئي رهي آهي. مان ان روڄ تي خار کائي رهيو آهيان. خاص ڪري جنهن ڏينهن کان منهنجي ننڍڙي دنيا اُجاڙي اٿائون، تنهن ڏينهن کان منهنجي من مان سڀني لاءِ محبت موڪلائي وئي آهي، پر گهر جي ڀاتين جي تشويش جا ٻه سبب آهن، هڪ ته ڀاڀيءَ جو ويم اهنجو ٿيندو آهي. پر هن دفعي ويم جو فڪر ايترو ناهي. ٻيو ته ڀاڀي اڳ ئي ٽن ڌيئن کي هن دنيا ۾ جنم ڏيئي چڪي آهي. سڀ کان وڏو فڪر کين ايندڙ انسان جو آهي. سڀني آس لڳائي آهي ته هن دفعي ڀاڀي پٽ ڄڻيندي.
    مان سندن ان خيال کي قدرت جي ٺٺولي سمجهان ٿو، مان پڻ چاهيان ٿو ته ڀاڀي هن دفعي هڪ پٽ کي جنم ڏئي. منهنجي روم روم جي آرزو آهي ته ڀاڀي پٽ کي دنيا ۾ جنم ڏيئي. هيءَ ئي وقت آهي جو منهنجا زخم تازا آهن. هيءُ ئي وقت آهي جو منهنجا گهاءُ گهرا آهن. ڀل ته هڪ ڇوڪرو جنم وٺي. مان کيس نپائيندس، پاليندس ۽ پڙهائيندس. جيئن جيئن وڏو ٿيندو ويندو، کيس آهستي آهستي پنهنجي ويران پيار جا ڪومايل گل ڏيکاريندس، کيس اجڙيل ڪائنات جا کنڊر ڏيکاريندس.
    هو کانئن منهنجو بدلو وٺندو. مان کيس ان لاءِ تيار ڪندس. قوي، طاقتور ۽ سگهارو ٿي وڏو ٿيندو. هو به مون وانگر هڪ ادنيٰ. نماڻي ۽ مفلس نوڪرياڻيءَ کي زمين جي خاڪ مان کڻڻ لاءِ خاندان جي ريتن رسمن ۾ باهه لڳائي ڇڏيندو. مون وانگر هڪ ڪنيز جي ڀر ۾ بيهي دولت ۽ امارت سان جنگ جوٽيندو. مان ظاهري شڪست کائي ويٺس. پر ايندڙ انسان هڪ دفعو وري اٿندو، هڪ مسڪين ڇوڪريءَ جو سهارو ٿي، کيس پنهنجي خاندان جي مغرور عورتن جهڙا حق ڏيندو.
    سوچيان ٿو ته ان وقت اسان جي خاندان جي شان ۽ مان جو ڪنڌ ڪٿي هوندو؟ ان وقت بابا ڇا ڪندو؟ ان وقت منهنجي سنگدل ۽ مغرور ڀاڀي ڇا ڪندي، جڏهن سندس پٽ مون وانگر ضدي ٿي بيهندو؟ بلڪل مون وانگر! جيئن مون زهره لاءِ ڪيو هو.
    اڄ به زهره منهنجي تصور ۾ موجود آهي. سندس پرنم ۽ مسرت ڀريل نگاهون اڄ به منهنجي اڳيان ڦري رهيون آهن. نماڻا نيڻ کڻي اهڙين ته اکين سان مون ڏانهن ڏسندي هئي جو منهنجي هردي جي انسانيت سندس قدمن ۾ سجدو ڪرڻ لڳندي هئي. ڄڻ ته کيس منهنجن واعدن ۽ انجامن ته اعتبار ئي نه ٿي آيو.
    ڀلا، اعتبار به ڪيئن ڪري ها؟
    اسان سنڌ جا زميندار نوڪرياڻين کي جيپن وانگر استعمال ڪندا آهيون. پنهنجين ڇوڪرين کي ته ڪوٽن ۾ سانڍي رکندا آهيون، پر مسڪين نوڪرياڻين سان اهڙو ورتاءُ ڪندا آهيون جهڙو بندوق کڻي شڪار سان ڪبو آهي. نه اوهي نه واهي! نه داد نه فرياد!
    پوءِ ڀلا هوءَ ڪيئن اعتبار ڪري ها!
    منهنجي چاهت کي شاهاڻو فريب سمجهي ويٺي، پر هڪ ڏينهن مون کيس پنهنجي الفت جي بي انت لهرن جي بيچيني ڏيکاري. مان اونهاري جي موڪل گذارڻ لاءِ گهر موٽيو هيس. انهن ڏينهن ۾ منهنجو ماروٽ به اسان وٽ آيل هو. سخت عيش پرست ۽ شرابي آهي. سچ آهي ته جيڪي مٺ ۾ سگريٽ جهلي چپٽيءَ سان رک ڇنڊيندا آهن، تن جا خيال مڙيئي خطرناڪ هوندا آهن.
    هڪ ڏينهن صبح جو ڪسرت ڪرڻ لاءِ ٻاهر ٿي نڪتس، جو پنهنجي وهنجڻ واري جاءِ مان ڪنهن جي روئڻ جو آواز ڪن تي پيم. مان تڪڙن قدمن سان ان طرف آيس. جيڪي ڪجهه منهنجي اکين ڏٺو سو منهنجي غيرت کي جاڳائڻ لاءِ ڪافي هو. منهنجو ماروٽ نٻل ۽ ڪمزور زهره جو جسم پنهنجن مضبوط ۽ هوس ڀريل ٻانهن ۾ جڪڙي بيٺو هو. سندس اکين ۾ حيوانيت جي سرخي تري آئي هئي. زهره کيس سرگوشين ۾ ايلاز ڪري رهي هئي، رحم لاءِ ليلائي رهي.
    مون ماروٽ کي ڪنڌ کان وٺي، سٽ ڏيئي کڻي ڀت ۾ هنيو. هن پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. مون هڪ زوردار چماٽ سندس ڀريل منهن تي وهائي ڪڍي. ڌڪ کائي وڙهڻ لاءِ وڌيو ته مون ٻانهن مروڙي سيني ۾ مڪ وهائي ڪڍي مانس. هو ٻيڻو ٿي سور ۾ اٿيو. زهره هڪ ڪنڊ ۾ هيسيل هرڻيءَ وانگر بيٺي هئي.
    ماروٽ سور پچائي وري وڌيو ٿي ته مون خار وچان ڌڪو ڏيندي چيومانس، ”مان ڪاليج ۾ باڪسنگ جو چئمپئن آهيان. هڪ ڌڪ سان ڪنڌ ڀڃي ڇڏيندي مانءِ.“
    هن بيشرمائي سان وراڻيو، ”يار تون به عجيب احمق آهين، هڪ نوڪرياڻيءَ لاءِ ايترو ماندو ٿو ٿئين.“
    ”بڪواس بند ڪر.“ مون شوخ اکين سان چيومانس. ”خبردار، جو وري زهره کي نوڪرياڻيءَ چيو اٿئي.“
    دل چاهيو ته چوانس، ”ته، زهره به انسان آهي! جنم جنم جو ڦير آهي، زهره ڪنهن سيٺ جي گهر جنم وٺي ها ته هوند تو جهڙا سندس پاڇي لاءِ به واجهائيندي خاڪ ٿي وڃن ها. هينئن سندس توهين ڪرڻ جو خيال تنهنجي دماغ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ به پيدا نه ٿئي ها.
    هن چيو، ”اڙي ميان، هڪ معمولي ڇوريءَ کي کڻي سر تي چاڙهيو اٿئي.“
    ”پنهنجي بد زبان بند ڪر، شمن“، مون نفرت وچان گهٽيل آواز ۾ رڙ ڪئي. ”مان زهره سان شادي ڪندس.“
    ”بلي بلي“، هن ٺٺولي ڪندي چيو.
    مون کان رهيو نه ٿيو. هڪ ٻي چماٽ وهائي ڪڍي مانس. نه چاهيندي به چماٽ نڪ ۽ مٿين چپ تي وڃي لڳس. رت ريلا ڪري وهڻ لڳس. ٽوال سان نڪ اُگهندي چيائين، ”ان جو بدلو توکان ضرور وٺندس.“
    ڀاڀيءَ جو ڀاءُ آهي. مون کان عمر ۾ وڏو ٿئي. سڌو ڀاڀيءَ جي ڪمري ۾ هليو ويو. ڀاڀيءَ اڃا ننڊ مان مس اُٿي هئي. الاءِ کيس ڇا ڇا وڃي چيائين. اهڙا ته ڪن ڀريائينس جو نيرن تي سڀني جي سامهون چيائين، ”توهان جي گهر ڪير عزت وارو پنهنجي ٽوپي لاهرائڻ ايندو.“
    بابا ۽ ادا اچرج مان شمن ڏانهن ڏٺو، هن وات تان رومال هٽايو. سندس مٿين چپ ته انچ کن گهاءُِ هو ۽ نڪ به سڄيل هئس.
    ڀاڀيءَ پنهنجو ڳالهائڻ جاري رکندي چيو ”ڪاليج ۾ پڙهي پاڻ کي الاءِ ڇا سمجهڻ لڳو آهي. نه اٿس ننڍي جي عزت، نه وڏي لاءِ مانُ.“
    ادا ڪجهه ٻڌڻ بنا چيو، ”ڪاليج مان ٻه چار ڪپ ڇا کٽي آيو آهي، ڇوري جو مٿو ڦري ويو آهي.“
    مون کان رهيو نه ٿيو. ڏند ڪرٽيندي وراڻيو هيم، ”شڪر ڪيو جو ڪنڌ سلامت اٿس. زمينداريءَ جو رعب هت نه هلندس.“
    شام تائين جڏهن ڀاڀيءَ سڀني کي من گهڙت قصا ٻڌائي پڪ ڏياري ته زهره پنهنجي مرضيءَ سان شمن وٽ وئي هئي، تڏهين منهنجي اکين ۾ رت تري آيو. کين پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيم:
    ”ڪجهه به هجي. مان هن سال ئي امتحانن کان پوءِ زهره سان شادي ڪندس.“
    گهر تي ڄڻ بم ڪريو.
    وايون بتال ٿي وين.
    ۽ جنهن ڏينهن وئڪيشن پوري ڪري موٽي رهيو هيس، تنهن ڏينهن سڀني جي سامهون چئي ڇڏيم، ”زهره منهنجي امانت ۽ توهان جو ننگ آهي.“
    ۽ پوءِ هيسيل زهره کي چيم، ”منهنجو انتظار ڪجانءِ، زهره!“
    مان ضدي هيس.
    مان باغي هيس.
    منهنجي اٽل فيصلي اڳيان سڄي خاندان جي قلعي ۾ زلزلو مچي ويو، ۽ مون سندن وڏ ماڻهپائيءَ ۾ باهه لڳائي، زهره سان جلد موٽڻ جو اقرار ڪري شهر هليو آيس.
    امتحان جي تياريءَ سان گڏوگڏ نوڪري ۽ جاءِ جي ڳولها پڻ شروع ڪيم. گهر ۾ پٺيان ڪوبه اهڙو همدرد ڪونه هيم، جنهن کان ٻه چار اکر زهره جي باري ۾ ٻڌي سگهان ها. جدائيءَ جا مهينا اوسيئڙي ۾ ڪاٽيم. ان جبل جيڏي انتظار ۾ فقط هڪ ڦير آيو. منهنجي خرچ جا پيسا گهٽائي ڇڏيائون. ادا ان جو سبب لکيو: ”خبر ته اٿئي، ته هن سال جا ماڪڙ لٿي هئي، تنهن ڪري تنهنجو خرچ گهٽايون ٿا. ڪفايت شعاريءَ کان ڪم وٺجائين.“
    پيسا گهٽ اچڻ لڳا. ان جو اثر مون تي گهٽ ۽ منهنجن دوستن تي گهرو پيو. اڳ، جي دوست فقط سينيما جي لالچ ۾ مون سان ملندا هئا، تن منهن مٽي ڇڏيو ۽ ٻيا دوست، جي هوٽلن ۾ منهنجن پيسن مان سينڊوچ، چانهه ۽ سگريٽ پيئندا هئا، تن اچڻ وڃڻ ختم ڪري ڇڏيو. سندن عدم موجودگيءَ ۾ سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيم جو امتحان جي پوري پوري تياري ڪري پيپر ڏنم. ان وچ ۾ مستقبل جا پروگرام تعمير ڪيم، جنهن خيال کان منهنجن مائٽن منهنجي خرچ جا پيسا گهٽائي مون کي تڪليف ڏيڻ چاهي، سو ارمان سندن پورو ٿي نه سگهيو. وچولي رهڻي ڪهڻي ۾ زندگيءَ جي حقيقتن جو ويجهڙائيءَ کان مطالعو ڪيم. انهن ئي ڏينهن ۾ ٻن ڪمرن واري هڪ جاءِ ملي ويئي. هڪ طرف امتحان جي رزلٽ جو انتظار ۽ ٻي طرف نوڪريءَ جو فڪر! اهڙين حالتن ۾ مون لاءِ نوڪري نهايت ضروري هئي. ڄاڻ هيم ته جنهن ڏينهن زهره کي ڳاڙهو وڳو پارائي، هٿن تي ميندي لڳائي پاڻ سان وٺي ايندس. تنهن ڏينهن کان منهنجي خاندان جا فرد مون کي ستائڻ ۾ ڪابه ڪسر باقي نه ڇڏيندا. نوڪري! نوڪري به ملي وئي. هڪ اخبار ۾ رپورٽر جي جاءِ مليم.
    رزلٽ ٻڌڻ بنا، پنهنجي زندگيءَ جي سڀ کان اهم آرزو پوري ڪرڻ لاءِ مان ڳوٺ روانو ٿيس. ستن اٺن مهينن کان پوءِ ڳوٺ وڃي رهيو هيس. ان وچ ۾ نه زهره جي مون کي ۽ نه زهره کي منهنجي ڪا سڌ هئي.
    منهنجا قدم مضبوط هئا. دل ۾ پنهنجي فيصلي ته فخر پي محسوس ڪيم.
    اکين ۾ لامحدود خوشين جون روشنيون رقص ڪرڻ لڳيون. دولت امارت ۽ وڏ ماڻهپائيءَ جي ڪوڙي ديوار کي ٽوڙي، پنهنجي ننڍڙي، سچي پيار ڀري دنيا سجائڻ نڪتو هيس. اميدن جي ڏياٽن کي نراشا جي آنڌين کان بچائيندو حويليءَ جي در وٽ پهتس. بنا اطلاع جي پهتو هيس، شايد تنهن ڪري سڀني جي منهن جو پنو لهي ويو. ماءُ به سون ۽ چاندي جي پاسي ٿي بيٺي. ائين ڪرڻ سان هن مامتا جو مذاق اُڏائي ڇڏيو. ڏٺم پئي ته سڄي گهر جا ڀاتي پاڻ ۾ سس پس ڪري رهيا هئا. ڪمرن ۾ اچ وڃ ڪرڻ لڳا. ڄڻ ته ڪجهه لڪائڻ جا سانباهه ڪري رهيا هئا. پر منهنجيون منتظر نگاهون زهره کي تلاش ڪري رهيون هيون. هوءَ ڪٿي هئي؟
    پنهنجي وڏي ڀيڻ کان پڇيم ـ ”زهره ڪٿي آهي؟“
    ”منهنجي ڳنڍ ۾ ٻڌل آهي ڇا؟“
    پريان ڀاڀيءَ کي ڏٺم، منهن تي مرڪ هيس.
    ”زهره ڪٿي آهي؟“ کانئس پڇيم.
    ”جتان آئي هئي، اتي وئي آهي.“
    ”گهٽ اکرن ۾ جواب ڏي، ڀاڀي.“
    ”بڪواس بند ڪر.“
    ”مان پڇان ٿو زهره ڪٿي آهي؟“ ڪاوڙ ۾ منهنجو رت ٽهڪڻ لڳو.
    امان اوري ايندي چيو، ”بي حيا هڪ ڏينهن شمن جي نوڪر سان ڀڄي وئي.“
    اوچتو آسمان منهنجي مٿان اچي پيو. پاڻ سنڀالي چيم، ”اهو ڪوڙ آهي.“
    ”هٿ ڪنگڻ کي آرسي ڪهڙي!“ امان چيو، ”شمن ويچارو هٿ ڪرڻ ويس ته .... “
    ”ته؟“
    ”کڻي کوهه ۾ ٽپو ڏنائين.“ اڳتي هن ڇا چيو، سو ٻڌي نه سگهيم.
    نوڪري، امتحان رزلٽ! مستقبل جا سڀ سپنا! زهره ۽ منهنجي انوکي دنيا! ڪٿي آهن اميدن جا منتشر موتي؟
    سڄي دنيا کان منهن موڙي، هن ڪمري کي اپنايو اٿم. ڪالهه اسان جو پراڻو ڪڙمي لالو ڇت جو ڄارو لاهڻ لاءِ منهنجي ڪمري ۾ آيو هو. مون دريءَ مان خواجه خضر جي اجڙيل آستان ۽ ويران ساڌ ٻيلي ڏانهن ڏٺو، لالوءَ ڏڪندي ڏڪندي چيو.
    ”سائين! تنهنجو ڏک ڏسي نٿو سگهان.“
    ”ڏک فقط ان ڳالهه جو اٿم، لالو،“ مون چيس، ”ته اڄ تائين اصل حقيقت کان بيخبر آهيان.“
    ۽ پوءِ لالوءَ ڪنبندي ڪنبندي، هيڻي آواز ۾ سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏيو، ته ڪيئن شمن معصوم زهره کي نوڪرن کان اغوا ڪرايو هو، زهره مدد لاءِ پڪاريو ۽ اوچتو ڀاڀي ڪنهن ڪنڊ پاسي کان لٺ کڻي هن غريب تي ٽٽي پئي هئي، وڃي:
    ”شرم نٿو اچيئي، ڀريل گهر ۾ اهڙا قهر ٿي ڪرين ـ انگل ڪري مڙس ٿي مارين.“
    لالوءَ ٻڌايو ته زهره شرم وچان جو ڊوڙ پاتي ته سڌو وڃي کوهه ۾ ٽپو ڏنائين.
    ”معصوم جو لاش هٿن سان کوهه مان ڪڍيو هيم.“
    شمن، ڀاڀي، دولت، وڏائي ۽ خانداني وقار، سڀني هڪ ٿي هزارين هاڃا ڪيا.
    اجهو هينئر شمن به چپٽيءَ سان سگريٽ جي رک ڇنڊيندو آيو آهي. سندس عيار ۽ مڪار اکيون مون ڏانهن اٿيون آهن. مان دل جي سڄي نفرت سان ڏانهس ڏسي رهيو آهيان. سندس ڪارن چپن تي هڪ طنز ڀري مرڪ کيڏي وئي آهي، ڄڻ ته چئي پيو. ”ڪيئن، بدلو ورتو مانءِ نه؟“
    پر، ڪاش ته ڪو کيس ٻڌائي ته هار ۾ اسان جي جيت آهي، شڪست ۾ اسان جي فتح لڪل آهي.
    ”مبارڪ، مبارڪ.“ اهو آواز هڪ نرس جو آهي.
    ”پٽ ڄائو اٿس.“
    ”شل سدا جيئي.“
    شمن مون ڏانهن ڏسي رهيو آهي. دل چاهي ٿي ته چوانس ته هي نئون انسان توهان کان بدلو وٺندو. هو جڏهن پنهنجي دنيا سجائڻ جا سانباها ڪندو ته پٺيان مان سندس امانت جي حفاظت ڪندس.هو مون وانگر اڪيلو نه هوندو. مان سندس ڀر ۾ بيهندس. هي نئون انسان توهان کان منهنجو بدلو وٺندو.
    مان دريءَ جا طاق ٻيڪڙي رهيو آهيان. گوڙ وڃي ٿو گهٽبو.

    1963


    پٿر ۽ پيار

    وقت اسان جو ويري ناهي
    اسان وقت جا ويري،
    پنهنجي لاش تي مرڪي ويٺي
    درد بنا هڪ دل.
    ها، هميشه ائين ئي ته ٿيندو هو ته ـ
    ”ڇا حال اٿئي، چري؟“
    ”ڏس، مون کي چري نه چوندو ڪر، راجو.“
    ”چڱو ڀلا پڳلي چوانءِ؟“
    ”چوانءِ ٿي، راجو، ته مون کي نه ستاءِ.“
    ”تون چري، تنهنجي صورت چري.“
    ”لڄ نٿي اچيئي؟“
    ”لڄ! لڄ ايندي آهي، ڇوڪرين کي.“
    ”بيشرم.“
    "Thank you"
    ”ڏاڍو هٺيل آهين.“
    ”گهٽ سمجهيو اٿئي ڇا!“
    ”آهين به ڏاڍو مور.“
    ”ٻيو وري.“
    ڪجهه جڪ
    ڪجهه بيزار ـ
    ”ٻيو وري، هون! رنگ اٿئي رڇ جهڙو، مٿان ٿو ويچارو آڪڙ ڏيکاري.“
    ”اڙي لکن ۾ هڪ آهيان.“
    ”ڏاڍو ڪو ٺهين ٿو.“
    ”يونيورسٽي گرلس ڪامن روم جي ماسيءَ کان وڃي پڇي ڏس ته ڪيتريون ڇوڪريون منهنجو پڇائينديون رهنديون آهن.“
    ”بس هاڻي، ميان مٺو.“
    ”يقين نه اچيئي ته امان کان به کڻي پڇي ڏس ته مان ٺاهوڪو آهيان ڪه نه.“
    ”جيجيءَ کان ڇو پڇان، مون کي اکيون ناهن ڇا؟“
    ”بيقدر ڪهڙو قدر ڪندا. الاءِ ڪيتريون حسينائون منهنجي هڪ جهلڪ لاءِ واجهائينديون رهنديون آهن.“
    ”هونديون ڪي اهڙيون تهڙيون.“
    ”۽ تون؟“
    ”مون کي تنهنجي پرواهه ناهي. وڃ.“
    ڪجهه ساڙ
    ڪجهه خار ـ
    ”ته پوءِ اسان جي گهر ڇو ايندي آهين؟“
    ”ڄڻ تنهنجي لاءِ ايندي آهيان. ويچارو سمجهي ته ڇا ٿو پاڻ کي!“
    ”دل کان پڇي ڏس.“
    ”ڇڏ منهنجي ٻانهن. ڏس، چوانءِ ٿي، راجو، ته هڪ ڏينهن مان به ستائيندي مانءِ ... اهڙو ... جو ...“
    ”جو؟“
    ”جو روئي پوندين.“
    ”پٿر به ڪڏهن رنا آهن، پڳلي.“
    ڪنهن ڪنهن اوسيئڙو
    مون لئه ممڪن ڦول.

    آڳ ازل جي جلندي رهندي
    جلندو رهندو جيءُ،
    ڪير نه ڪنهن جا آنسو روڪي
    ڪوئي نه ڪنهنجا ٽهڪ
    پوءِ، اهو ئي ته نرالو دستور هو
    ”پکي مڙيئي نه هنج ...“
    ”راجو.“
    ”۽ ماڻهو سڀئي نه سهڻا ...“
    ”خدا جي واسطي مون کي تنگ نه ڪر، راجو، ورنه ... “
    ”ورنه؟“
    ”توهان وٽ اچڻ ڇڏي ڏيندس.“
    ”اڄ ئي موٽي وڃ. مون خط لکي گهرايو ٿي مانءِ ڇا؟“
    ”اوهه. تون پٿر آهين، راجو.“
    ”پٿر مان ته تاج محل ٺهيو آهي، پڳلي.“
    ”پاڻ کي تاج محل ٿو سمجهين؟“
    ”مون کي تاج محل کان نفرت آهي.“
    ڪجهه چڙ
    ڪجهه ڄر ـ
    ”مون کي هر اڇي شي کان نفرت آهي، تڏهن ته چوانءِ ٿو ته اڇي ساڙهي نه ٻڌندي ڪر.“
    ”۽ تون جو بلو چيڪ جي ٽي شرٽ پائيندو آهين، ڄڻ ٺهندي اٿئي.“
    ”ٻيو نه ته. خبر اٿئي، مان باڪسر آهيان، منهنجو سينو چاليهه انچ آهي.“
    ”مون کي اڇي ساڙهي وڻندي آهي. مان ٻڌنديس. تنهنجو ڇا!“
    ”ڪجهه به نه. پر سچ پڇين ته ڏاڍي بڇڙي ٿي لڳين.“
    ”بڇڙو هوندين تون.“
    ”پنهنجي دل کان پڇي ڏس.“
    ”ڀلا منهنجي ستائڻ مان ڇا ٿو مليئي؟“
    ”لطف.“
    ”ڀل ستائي وٺ، نردئي. پر هڪ ڏينهن پڇتائيندين. تون روئيندين، راجو.“
    ”تو چري، لاءِ؟
    ”ها، منهنجي اڻميي پيار لاءِ، بي انت چاهت لاءِ.“
    ”پٿر به ڪڏهن رنا آهن، پڳلي.“
    ڪنهن لئه ڪاري رات،
    مون لئه پرهه ڦٽي.

    ڪڏهن زندگيءَ جي شرارت جون ڳالهيون
    نسيم سحر جون، محبت جون ڳالهيون
    جڏهن به وفائن پڇائي پڪاريو،
    اسان ڪجهه نه سمجهيو، اسان ئي ٽهياسين.
    پر، ائين ئي ٿيندو آيو هو ته ـ
    ”اهي نيريون اکيون ته ڪڍرائي ڇڏ.“
    ”ڇو اچي منهنجين اکين جي ڪڍ پيو آهين.“
    ”منهنجي مڃين ته ڪمپاس کڻي ٻئي ڪڍي ڇڏ.“
    ”ڪهل نه ٿي اچيئي، پٿر.“
    ”ڪهل! ڪهل ۽ نيرين اکين تي؟“
    ”نيريون اکيون گناهه آهن ڇا؟“
    ”گناهه ثواب جي سڌ پاڻ کي ڪونهي. بس مون کي تنهنجون اهي نيريون اکيون نٿيون وڻن.“
    ”ڪوڙا.“
    ”سچ ٿو چوانءِ، چري.“
    ”۽ ان ڏينهن جو چيئه ٿي ته تنهنجون اکيون جهڙو ساگر جو نيرو پاڻي.“
    ڪجهه کل
    ڪجهه ٽل ـ
    ”سو ته توکي بنايم پي.“
    ”ڇا چيئيه؟“
    ”ها، دوستن لاءِ چانهه جو ٺهرائڻي هئم.“
    ”دغا باز، فريبي، تون دوکيباز آهين، راجو.“
    ”اون هون. مان عقلمند آهيان.“
    ”ها، مان ئي ته هڪ بيوقوف رهجي وئي آهيان.“
    ”تون فقط چري آهين.“
    ”تڏهن ته بار بار رئارين ٿو.“
    ”توکي رئاري، الاءِ ڇو خوشي محسوس ٿيندي اٿم.“
    ”ڀل رئاري وٺ، راجو، پر هڪ ڏينهن تون به روئيندين.“
    ”پٿر به ڪڏهن رنا آهن، پڳلي.“
    ڪنهنجا نيڻ ڀنا،
    مون وٽ بود جا بان.

    الفت جو اقرار ڪيان ڪيئن؟
    مان البيلو، متوالو
    ڌرتي منهنجي، تارا منهنجا
    منهنجو هي آڪاش.
    تنهن هوندي به، نه چاهيندي به، ائين ئي ٿيندو هو ته ـ
    ”هئو.“ ڇرڪ، دل جو احتجاج.
    ”ڪنهن ڏينهن منهنجو ساهه ڪڍي ڇڏيندين، راجو.“
    ”ڇا پي لکيئه؟“
    ”نه ٿي ڏيکاريان.“
    ”ڀلا پريان ئي کڻي ڏيکار.“
    نه ڏيکارينديس، نه ڏيکارينديس. پري ٿي.“
    ”نه ڏيکاريندينءَ ته پنو ڦري وٺندو مانءِ.“
    ”ڇڏ منهنجو هٿ. منهنجي ٻانهن ڀڃي ڇڏيندين.“
    ”پريم پتر پي لکيئه ڇا؟“
    ”ڏس، راجو، نه پڙهجانءِ.“
    ”ڇو نه پڙهان؟ ها ٻيلي، آهي ته ڪو پيار جو خط.“
    ور ڏنائين
    پنو ڦريائين
    پنو ٿي پيو پرزا ـ
    ”اهو ٽڪر به ڏي.“
    ”هرگز نه ڏيندس.“
    ”پرايو خط پڙهڻ بداخلاقي آهي.“
    ”ڀل هجي.“
    ”ڏي، راجو.“
    ”اون هون.“
    ڏند ڪرٽيائين
    ڌڪ هنيائين ـ
    ”ڏسان ته ڇا لکيو اٿئي.“
    ”ان ٽڪر تي ڪجهه به ڪونهي.“
    ”گهڻو ئي ڪجهه لکيل آهي. اوهه! ڇا لکيو اٿئي: منهنجا راجو!“
    مڪ هنيائين
    جڪ کاڌائين ـ
    چري هٿ ڀڄي پوندوءِ. چوڙيون ٽٽي پوندءِ.“
    ”ڀل ٽٽي پون. اڄ ته توکي ايترو مارينديس، ايترو مارينديس جو ... جو ...“
    ڪجهه چهڪ
    ڪجهه ٽهڪ ـ
    ”جو؟“
    ”جو روئي پوندين.“
    ”پٿر به ڪڏهن رنا آهن، پڳلي.“
    سرت سمجهه جا ڪانچ
    حزن ڪيا سڀ چور.

    تقدير نه ڪنهنجي وس آهي
    وقت نه ڪنهنجو دوست،
    ٻاڙا ٿي ويا ٻار ادل جا
    رڪجي ويو سنگيت.
    مايوس مرڪ ۽ زخم زندگيءَ جا ساٿي ٿي پيا. گهائل گيت، ويرانين جو ويراڳ ۽ آڳ، دل مجروح ۽ نراشا جيون جي ڳلي جو هار ٿي پئي. تڏهن، تڏهن ڪنهن اوٽ مان، الفت جي موٽ ٿي، پر ڪيتري نه مجبور، مايوس ۽ سيني ۾ گهٽيل سڏڪن سان سجايل ۽ اوچتو، ڪنهن ويڻا جي ٽٽل تارن کي ڇيڙيو ته ـ
    ”ڇو، راجو، اڄ نٿو ڇيڙين؟“
    مان خاموش.
    ”شرارتون وساري ڇڏيون اٿئي ڇا؟“
    مان ماٺ.
    ”اڳ ته چوندو هئين شرارتون زندگيءَ جي جواني آهن.“
    مان چپ.
    ”اڄ ضرور ڪا نئين حرڪت سوچي اٿئي.“
    مان پاڇو.
    ”ڏس، راجو، منهنجي هٿن تي ميندي ڏسين ٿو؟“
    مان ديوار.
    ”منهنجي سينڌ ۾ سينڌور ڏسين ٿو؟ چئه نه ڄڻ چنگاريون آهن.“
    مان صحرا.
    ”مينديءَ جو مذاق اڏاءِ نه، راجو.“
    مان سڃ.
    ”اڄ ٽهڪ ڇو نٿو ڏئين؟ ٽهڪ ڏي، راجو، ته مان پرائي آهيان، ڪنهن مساڻ جي ويراڳڻ آهيان. ٽٽل تاري جي لاٽ آهيان.“
    مان رڃ.
    ”کلين ڇو نٿو؟ کل، سنگدل، کل، کل منهنجي مجبوريءَ تي، منهنجي بيڪسيءَ تي، پنهنجي نٺرتا تي.“
    مان اُڃ.
    ”اڄ آڪاش کي ٽهڪن سان ٽوڙي ڇڏ، راجو. تون کلين ڇو نٿو؟ پر نه. مان به ڪا چري آهيان. پٿر به ڪڏهن کليا آهن!“
    جبلن جي دامن ۾ چشمن جي جلترنگ جو آواز ـ پٿرن جا اشڪ ـ ڪائنات جون آهون ـ زرد سورجمکيءَ جي ڳلن تي شڪستن جا لڙڪ. ۽ پري جتان کجين جي اوٽ مان چنڊ ليئو پاتو، اتي، ڪنهن ولر کان وڇڙيل ڪونج دانهن ڪئي.

    1965


    چرٻٽ ۽ هڪ مداري

    هڪڙي ڏينهن اديءَ جون ٽي ساهيڙيون اسان جي گهر آيون ۽ ادي عذرا سان سس پُس ڪري، کجڪا ڪري کلڻ لڳيون.
    ان وقت مان اديءَ جي ڪمري ٻاهران ورانڊي ۾ بيٺو هوس ۽ پنهنجي دوست ڦندڻ سان مداري ڏسڻ جو پروگرام ٺاهي رهيو هوس.
    ڦندڻ ٻڌايو، ”مداريءَ وارو پاڪستان چونڪ وٽ بيٺو آهي ۽ مداريءَ جو سيڪنڊ شو شروع ٿيڻ وارو آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌي مون کي بيحد خوشي ٿي ۽ مان پاڻ کي ڪتڪتائي ڪري کلڻ لڳس.
    ادي ۽ سندس ٽي ساهيڙيون ڪنهن ڳالهه تان ايترو ته کليون جو ادي عذرا پلنگ تي ڪري پيئي ۽ ٻئي هٿ پاسرين تي رکي، اُڀا ساهه کڻي، کل روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳي.
    ڦندڻ پڇيو، ”ڀلا اديءَ جن به مداري ڏسڻ وينديون ڇا، جو ايترو کلي رهيون آهن.“
    ”نه“، کيس جواب ڏنم، ”هي چارئي پڪ وحيد مراد جي باري ۾ ڳالهائي رهيون آهن.“
    ادي عذرا جون ٽيئي ساهيڙيون هر هڪ حليمان عرف هيلن، کتيجان عرف زيبا ۽ الله وسائي عرف شميم آرا، هڪ ڪاليج ۾ پڙهنديون آهن ۽ هڪ هفتي ۾ ٽي دفعا اديءَ سان ملڻ اينديون آهن. جڏهن به اينديون آهن تڏهن پاڻ ۾ سس پس ڪري، کجڪا ڪري کلنديون آهن ۽ کلي کلي ڪري پونديون آهن.
    ڦندڻ کان پڇيم، ”مداريءَ وٽ هڪ ڪبوتر، ٻه جهرڪيون ۽ هڪ طوطو به آهي جيڪو توب هلائيندو آهي.“
    ”طوطو،“ مون چيو، ”طوطو خط نه تنهنجو پهتو.“
    ڦندڻ کلڻ لڳو، جڏهن کلي رهيو هو تڏهن چيائين، ”مداريءَ وٽ هڪ ڀولڙو ۽ هڪ ڀولڙي به آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌي مون کي ٻيهر ڏاڍي خوشي محسوس ٿي.
    مون کي ڀولڙا بيحد پسند آهن. ڀولڙن کي پڃرن ۾ بند ڏسي مون کي ڏک ٿيندو آهي ۽ مان پاڻ کي هڪ ڀولڙو محسوس ڪرڻ لڳندو آهيان. هڪڙي ڏينهن پنهنجي دوست ڦندڻ کي ٻڌايو هوم، جيڪو ان وقت نڪ مان گينگا ڪڍي بينچ کي ٿڦي رهيو هو، ته مان وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس ۽ دنيا جي سڀني ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪندس.
    اها ڳالهه مون پنهنجي وڏي ڀاءُ انور سان به ڪئي هئي. انور هڪ ڪاليج ۾ پڙهندو آهي، تقريرون ڪندو آهي، اسٽرائيڪون ڪرائيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بک هڙتال به ڪندو آهي، تنهن ڪري هو اسٽوڊنٽ ليڊر آهي. جنهن وقت مون کيس اها خبر ٻڌائي هئي ته مان وڏو ٿي ٽارزن ٿيندس ۽ ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪرائيندس. تنهن وقت ادا انور آئيني جي آڏو بيٺو هو ۽ هڪ تقرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس مٺيون ۽ چپ ڀيڪوڙيل هئا، اکيون ڪاوڙ وچان ڳاڙهيون ۽ کاٻي ڀرو فلمي ايڪٽرن وانگر مٿي ڏانهن ڇڪجي ويئي هئس. هو آمريڪا کي گاريون ڏيئي رهيو هو ۽ ويٽ ڪانگ جي تعريف ڪري رهيو هو. هن اوچتو هڪ مڪ منهنجي ٽڪڻ تي وهائي ڪڍي ۽ آئيني کي چيائين، ”اڄ دنيا جو ٻچو ٻچو ويٽ ڪانگ آهي.“ مون کي سخت ڪاوڙ وٺي ويئي. مون ادا انور کي چيو هو، ”مان ڪنگ ڪانگ آهيان ۽ دنيا جي ڀولڙن کي پڃرن مان آزاد ڪرائيندس“، ادا انور پنهنجي تقرير اڌ ۾ روڪي، کيسي مان ٻه آنا ڪڍي مون کي ڏنا هئا ۽ چيو هئائين، ”وڃ وڃي قلفي کاءُِ ۽ منهنجو مٿو نه کاءُ.“ مون ٻه آنا ڪن ۾ وجهي کائنس پڇيو هو، ”ماڻهو ويچارن ڀولڙن کي پڃرن ۾ ڇو بند ڪندا آهن؟“ ادا انور گهور ڪري منهنجي منهن ۾ نهاريو هو. مان سندس اک جو رنگ ڏسي دنگ رهجي ويو هوس. هن تقرير ڪرڻ واري آواز ۾ پڇيو هو، اهو سوال ڇو پڇي رهيو آهين؟
    جواب ڏنو هو مانس، ”مان ڀولڙن جو دوست آهيان.“
    ادا انور منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو هو، ”اهو نهايت سنگين سياسي سوال آهي، ٻيهر نه پڇجانءِ.“
    مون کي ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ لڳي هئي ۽ چيو هوم، ”ڀولڙا بيوقوف ڪونهن جو سياست ۾ بهرو وٺن، ڀولڙا ويچارا ته بي زبان ۽ گگدام آهن، مان ڀولڙن جو دوست آهيان.“
    ”تون چريو چرٻٽ آهين“، ادا انور ٻئي ٺونشا آئيني ۾ پنهنجي عڪس کي ڏيکاريندي چيو هو، ”ڀولڙا مظلوم انسانن جو Symbol يعني علامت آهن ۽ پڃرا سياسي قيد خانن جي علامت آهن. چرٻٽ اهو سوال ٻئي ڪنهن کان پڇندين ته ٻڌجي ويندين.“
    ادا انور جي ڳالهه ٻڌي مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيو هو ۽ مون ٿوري دير لاءِ ڀولڙن جي باري ۾ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو، ان ڏينهن کان مظلوم ڀولڙن جي حال تي دل ئي دل ۾ افسوس ڪندو آهيان.
    ڦندڻ کان پڇيم، ”ڀلا ڀولڙو ڪهڙا ڪرتب ڏيکاري ٿو.“
    ڦندڻ چيو، ”ڀولڙو سولجرن جهڙا ڪپڙا پائي ۽ ڪاٺ جي بندوق کڻي جنگ تي وڃڻ جي ڪري ٿو، ڀولڙي کيس روڪي ٿي. ڀولڙو ڪاوڙ وچان ڀولڙيءَ کي سائين نبوءَ وانگر مار ڪڍي ٿو.“
    مان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳس.
    ادي عذرا دريءَ مان منهن ڪڍي چيو، ”ڇاهي ڙي چرٻٽ، مٿو ڦري ويو اٿئي ڇا؟ ماٺ ڪر.“
    ڦندڻ چيو، ”ماٺ ڪر يار، نه ته تو سان گڏ مون کي به مار کائڻي پوندي.“
    ”هون!“ چيم، ”مار کائڻي پوندي جو ڄڻ اديءَ جو راڄ ٿو هلي.“ مان نه رڳو پتڪڙو آهيان پر عمر ۾ به اديءَ کان هڪ هزار سال ننڍو آهيان. تنهن ڪري کيس جڏهن وڻندو آهي مون کي ڇڙٻ ڏيندي آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ ٻه بجا به هڻي ڪڍندي آهي.
    هڪڙي ڏينهن مان اديءَ جي ڪمري ۾ ويٺو هوس ۽ البم ۾ ٽارزن جا فوٽا هڻي رهيو هوس. ان وقت اديءَ جون ٽيئي ساهيڙيون، هر هڪ حليمان عرف هيلن، کتيجان عرف زيبا ۽ الله وسائي عرف شميم آرا اديءَ سان سس پس ڪري رهيون هيون ۽ رکي رکي سيسڙاٽ ڪري، کجڪا ڪري رهيون هيون.
    الله وسائي عرف شميم آرا اخبار ۾ وحيد مراد جو فوٽو ڏسي، ٿڌو ساهه کڻي چيو هو، ”مان ته جيڪر وحيد مراد سان شادي ڪريان.“
    ان وقت منهنجي هٿ ۾ هڪ تصوير هئي جنهن ۾ ٽارزن هڪ خوفناڪ گينڊي سان مقابلو ڪري رهيو هو. مون اها تصوير وحيد مراد جي فوٽي تي رکندي چيو، ”وحيد مراد عرف ڇوڪريءَ کان ته ٽارزن لک دفعا ٺاهوڪو آهي.“
    اديءَ مون کي ٺڪ ٽڪڻ تي هڪ چماٽ هڻي ڪڍي هئي ۽ ٽارزن جي تصوير دريءَ کان ٻاهر اڇلائيندي چيو هئائين، ”شرم نٿو اچيئي، ڇوڪرين جي وچ ۾ ٿو ڳالهائين.“
    مون باهه ٿي دريءَ مان ٻاهر ٽپو ڏنو هو ۽ ٽارزن جو فوٽو کڻي، ڇنڊي کيسي ۾ رکيو هوم.
    ڦندڻ چيو، ”يار جلدي هل، مداري سيڪنڊ شو شروع ڪري ڇڏيندو ۽ طوطو توب به هلائي ڇڏيندو.“
    ”طوطو! خط نه تنهنجو پهتو،“ ڦندڻ کي چيم، ”تون هتي ترس، ”مان امان کان خرچي وٺي ٿو اچان.“
    ڦندڻ ڪنڌ لوڏي ”ها“ چيو.
    مان ٺينگ ڏيندو امان وٽ پهتس. ادي ۽ سندس ٽي ساهيڙيون امان وٽ بيٺيون هيون. الله وسائي عرف شميم آرا امان کي چئي رهي هئي، ”اڍائي ڪلاڪن جي ته ڳالهه آهي ماسي، فلم ڏسي سڌو گهر موٽي اينديون سين.“
    مون امان کي چيو، ”امان مون کي خرچي ڏي مان ڀولڙن جي مداري ڏسڻ ٿو وڃان.“
    امان منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. شميم آرا کي چيائين، ”چڱو، هن کي به ساڻ وٺي وڃو.“
    مون رڙ ڪئي، ”ڪيڏانهن؟“
    امان چيو، ”تون عذرا ۽ سندس ساهيڙين سان گڏ فلم ڏسڻ وڃ.“
    ادي ۽ سندس ٽن ساهيڙين جو منهن لهي ويو.
    مون چيو، ”مان ڦندڻ سان گڏ مداري ڏسڻ ٿو وڃان. مان فلم نه ڏسندس مون کي خرچي ڏي.“
    چئني ڇوڪرين جي منهن تي خوشي موٽي آئي. لٽڪيل کاڏيون کڄي وين.
    امان چيو، ”چريا، فلم نه ڏسندين!“
    وراڻيم، ”فلمن کان ته مداري لک دفعا سٺي هوندي آهي.“
    ”ڳالهه ٻڌ،“ امان چيو، ”تون عذرا جن سان گڏجي فلم ڏسڻ وڃ. اڪيليون وينديون ته ڀاڻين احمد ناراض ٿيندو.“
    اها ڳالهه ٻڌي منهنجي دل ڀڄي پيئي. روئڻ آيو پر ڇوڪرين جي موجودگيءَ ۾ روئڻ بي عزتي ڀانيم.
    منهنجو ڀاءُ احمد صوبيدار آهي ۽ ڏاڍو خوفناڪ آهي. ماڻهو خدا کان وڌيڪ کانئس ڏڪندا آهن. مان به سائين نبوءَ کان پوءِ ادا احمد کان ڏڪندو آهيان.
    مان ڪنڌ جهڪائي ڦندڻ وٽ آيس. ڦندڻ نم جي ڏندڻ سان پنهنجا هيڊا ڏند صفا ڪري رهيو هو.
    ڦندڻ کي افسوسناڪ لهجي ۾ چيم، ”مان مداري نه ڏسندس ڦندڻ.“ ڦندڻ ڏندڻ اڇلي ڇڏيو، پڇيائين، ”ڇو؟“
    وراڻيم، ”مان وحيد مراد جي ڪا مردار فلم ڏسندس. تون وڃي مداري ڏس ۽ ڀولڙي کي منهنجا سلام ڏي.“
    ڦندڻ ڪن مان مَر ڪڍندو هليو ويو.
    ٿوري دير کان پوءِ چارئي ڇوڪريون تيار ٿي گهر کان ٻاهر نڪتيون. مان کانئن ٿورو پرڀرو هلڻ لڳس. کتيجان عرف زيبا مون ڏانهن درياهي گهوڙي وانگر نهاري رهي هئي. مون منهن ٻئي طرف ڪري ڇڏيو ۽ کيسي مان کٽمٺڙو ڪڍي چوسڻ لڳس.
    چارئي ڇوڪريون خاموش هلي رهيون هيون. مٺيون ۽ چپ ڀيڪوڙيل، نرڙ ۾ گهنج ۽ نڪ جون ناسون ڦنڊيل هئن. چئني کي جيتوڻيڪ منهن تي گهڻائي رنگ لڳل هئا ۽ چپ لالي پاپ وانگر ڳاڙها هئن، تڏهن به سندس شڪليون بيحد ڀوائتيون نظر اچي رهيون هيون.
    مان سندن پوئتان هلڻ لڳس.
    ادي عذرا حليمان عرف هيلن کي ڪن ۾ چيو. ”هي بلڪل چرٻٽ آهي، هن جو خيال ئي نه ڪريو.“
    هيلن اها ڳالهه زيبا کي ٻڌائي ۽ زيبا اها خوشخبري شميم آرا تائين پهچائي. مون به اها ڳالهه ٻڌي ورتي. پوءِ چارئي ڇوڪريون ٽهه ٽهه ڪري کلڻ لڳيون ۽ ڳالهائڻ لڳيون.
    زيبا چيو، ”هيلن جو هيرو ڪٿي هوندو؟“
    ”اون هون، ڇڏ ڀي،“ هيلن عجيب نموني هلڻ لڳي.
    اديءَ هيلن کي ڪک ۾ ٺونٺ هنئين. هوءَ کلڻ لڳي ۽ سندس وات مان ڏاند گاڏيءَ جهڙا آواز نڪرڻ لڳا. مان کڙيون کڻي حيرت مان ڏانهنس نهارڻ لڳس.
    شميم آرا منهنجي ٽڪڻ تي چماٽ هڻندي اديءَ کي چيو، ”تنهنجو ڀاءُ نه فقط بندرو آهي، پر بلڪل بلڊي چرٻٽ به آهي.“ مان بلڊي اکر ٻڌي خوش ٿيس.
    ادي عذرا شميم آرا کان پڇيو، ”هيلن جو هيرو ڪيئن آهي؟“
    شميم آرا وراڻيو، ”هوبهو وحيد مراد جهڙو آهي.“
    ”هون، وحيد مراد جهڙو وري ڌوڙ آهي.“ زيبا هڪدم چيو، ”وحيد مراد جهڙو ته علي مدد گوپانگ آهي.“
    ”ڪير؟ تو وارو پاڏو،“ هيلن چيو، ”جيڪو گرلس ڪامن روم ٻاهران ٿاٻا کائيندو آهي.“
    ”ڏس، زبان سنڀالي ڳالهاءِ هيلن،“ زيبا چيو، ”مون تنهنجي هيرو کي ڪڏهن گهٽ وڌ ڳالهايو آهي.“
    "I am sorry" هيلن چيو، ”مون کي معاف ڪر ڊيئر زيبا.“
    مون هيلن کي چيو، ”تنهنجي هيرو کي مان به سڃاڻان.“
    هيلن حيرت مان مون ڏانهن ڏٺو. پڇيائين. ”تون ڪيئن سڃاڻينس.“
    ”هن کي سڄو شهر سڃاڻي،“ مون خوش ٿيندي کيس ٻڌايو، ”تنهنجي ڪاليج جو فٽ بال ڪئپٽن سچو ٻچو هيرو آهي.“
    سڀئي ڇوڪريون کلڻ لڳيون. زيبا چيو، ”چرٻٽ مولا بخش مڪراڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائي رهيو آهي.“
    ”مئو بن مانس،“ هيلن چيو.
    ”اڙي نه نه.“ مون کيس ٻڌايو، ”مولا بخش هن سال پاڪستان جي طرفان جرمن ٽيم خلاف کيڏندو ۽ پڪ ٽي گول ڪري پاڻ کي هيرو ثابت ڪندو.“
    اديءَ مون کي ڇڙٻ ڏني، ”مئا چپ ڪري هل، ڇوڪرين جي وچ ۾ ٿو ڳالهائين. شرم نٿو اچيئي.“
    مان ماٺ ٿي ويس.
    چارئي ڇوڪريون پوءِ خانداني منصوبه بنديءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ لڳيون ۽ خوش ٿيڻ لڳيون.
    شميم آرا ادي عذرا کي ٻڌايو، سائينداد گهلو ۽ رب ڏنو ٿهيم به گهٽ ٺاهوڪا ناهن.“
    اديءَ پڇيو، ”ڪيئن آهن.“
    ”ڏاڍا سمارٽ آهن.“
    ”ٽارزن کان به؟“ مون شميم آرا کان پڇيو، ”ٽارزن کي ڪڏهن مانگر مڇ سان وڙهندي ڏٺو اٿئي؟“
    ”بس ڪر مئا مرين“، ”اڙي عذرا وڏي آواز ۾ چيو، ٻه ماڻهو جيڪي سامهون اچي رهيا هئا ڇِرڪي، فٽ پاٿ ڇڏي ويا.
    شميم آرا چيو، ”محمد ابو سعيد زخمي اڪبر آبادي به ڏاڍو هينڊسم آهي. شڪل ئي شاعرن جهڙي اٿس.“
    ”خبردار جو ٻيهر ڪنهن پناهگير ڇوري جو نالو کنيو اٿئي.“ کتيجان عرف زيبا شميم آرا تي الر ڪري آئي، ”خبر اٿئي سنڌين لاءِ هي ڪهڙو نازڪ دور هلي رهيو آهي.“
    شميم آرا سُسُي ويئي. ان دڙڪي کان پوءِ ڪجهه دير خاموشي رهي. ٽريفڪ جو آواز باقاعدي ٻڌڻ ۾ پئي آيو.
    هيلن شميم آرا کان پڇيو، ”تنهنجا اڌ ڊزن عاشق ڪهڙي حال ۾ آهن؟“
    ”زمان حال استمراريءَ ۾ آهن،“ شميم آرا وراڻيو، ”ڇهن ئي کي ٽيليفون تي الو بنائيندي آهيان.“
    مون هيلن کان پڇيو، ”ڀلا پاڻ ڪهڙي فلم تي هلي رهيا آهيون؟“
    ”تون ماٺ ڪري هَلُ،“ هيلن چيو.
    ”ماٺ ڪري وري ڪيئن هلان،“ مون وراڻيو، ”مان سڌير جي فلم هرگز نه ڏسندين. جهڙو خچر.“
    ”ڇوڪرين جي وچ ۾ نه ڳالهاءِ،“ اديءَ اکيون ڏيکاريون.
    ”ڪيپيٽال ۾ ٽارزن جي فلم هلي رهي آهي،“ مون اديءَ جي ڪرڙي اک کان اک بچائيندي چيو، ”هلو ته هلي اها ڏسون.“
    ڪنهن به منهنجي ڳالهه جو جواب نه ڏنو. مان ڪجهه ڪجهه ڦڪو ٿيس.
    ان وقت هڪ ميوي وارو، پنهنجو گاڏو ڌڪيندو اسان وٽان لنگهي ويو. چئني ڇوڪرين جي ڳالهائڻ جو موضوع ماڻهن تان ڦري ميون تي وڃي بيٺو.
    شميم آرا چيو، ”مون کي ته بس ڪيلا پسند آهن. جيڪر پنج هزار ڊزن ڪيلا هڪ مهل کائي وڃان.“
    ”۽ ڪدو؟“ زيبا کانئس پڇيو.
    ”ٻه چار ته جيڪر کائي وڃان.“
    ”بس! رڳا ٻه چار؟“
    ”ها، ٻيو نه ته؟“ شميم آرا وراڻيو، ”مان ڪا هاٿڻ آهيان ڇا؟“
    مون شميم آرا کان پڇيو، ”ڀلا اڌ مڻ جو هڪ هنداڻو عرف ڇانهي کائي سگهنديئن؟“
    سڀئي ڇوڪريون زور زور سان کلڻ لڳيون. جڏهن کلي بس ڪيائون تڏهن ادي عذرا چيو، ”موئا چرٻٽ، چپ ڪري نٿو هلين. بيشرم.“
    مون کي شرم آيو ۽ مان ماٺ ڪري هلڻ لڳس.
    صدر ۾ الاڪو هائوس وٽ چاريئي ڇوڪريون بيهي رهيون. زيبا ڪيوالٽي ريسٽورنٽ ڏانهن اشارو ڪندي ادي عذرا کي ٻڌايو، ”هوٽل جي در وٽ جيڪو قداور جوان بيٺو آهي. جنهن کي سليٽي سئيٽر ۽ ڪاري تنگ پتلون پاتل آهي، سو اٿئي هيلن جو هيرو.“
    ۽ هيلن چيو، ”۽ جيڪو ڪنڌ تان مَر لاهي رهيو آهي، سو اٿئي، علي مدد گوپانگ، يعني وحيد مراد.“
    شميم آرا مون کي چيو، ”چرٻٽ، ٻنهي کي وٺي اچ.“
    ”ڪنهن کي؟“ پڇيم، ”هيلن جي هيرو ۽ علي مدد گوپانگ کي؟“
    ”ها،“ شميم آرا چيو، ”سڃاڻي سگهندين.“
    ”ها، ڇونه سڃاڻي سگهندو مان،“ مون وراڻيو، ”اجهو ٿو وٺي اچان.“
    مان فرڙاٽ ڪندو، وڪٽوريا روڊ ٽپي، ڪيوالٽي ريسٽورنٽ وٽ پهتس. ان وقت هوٽل مان ڪجهه ٻيا به جوان ڇوڪرا نڪري آيا ۽ فٽ پاٿ تي بيهي رهيا. ٿورڙي ڪوشش کان پوءِ مون هڪدم علي مدد گوپانگ عرف وحيد مراد کي سڃاڻي ورتو. هو رنگ جو ڪارو هو، بلڪل پاڏي جهڙو هو. سندس نرڙ، نڪ، ڳچي ۽ پيٽ گول هئا. هو سگريٽ جا ڪش هڻي رهيو هو ۽ سنڌ جي ڪنهن سابق سياستدان کي گاريون ڏيئي رهيو هو، ٻيا نوجوان به جوش ۾ هئا.
    مان هڪ هڪ نوجوان جي منهن ۾ ڏسي، هيلن جي هيرو کي تلاش ڪرڻ لڳس نيٺ ان جوان کي ڏسي ورتم جنهن کي سليٽي سئيٽر ۽ ڪاري تنگ پتلون پاتل هئي، هن جو قد ڊگهو هو، ڪلها هيٺ جهڪيل، بلڪل سنڌي اٺن وانگر ۽ ڪلهن تي هڪ ننڍڙو مٿو هوس ۽ مٿي ته گنڊيدار وار هئس. مان حيرت وچان ڏانهس ڏسڻ لڳس. هوبهو شتر مرغ جهڙو هو. اکيون به شتر مرغ وانگر گول هئس.
    مون کيس سئيٽر جي ٻانهن کان وٺي سٽ ڏني.
    هن مون ڏانهن ڌيان نه ڏنو.
    مون کيس ٻيهر ٻانهن کان وٺي ڌونڌڙيندي سڏ ڪيو، ”اي، شتر مرغ“
    سڀني جوانن ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ مون ڏانهن ڏسڻ لڳا. پوءِ اوچتو سڀئي کلڻ لڳا.
    شتر مرغ مون کي مارڻ لاءِ مُڪ اولاري. مان ٽپ ڏيئي هٽي ويس. پريان کيس چيم، ”هو چار ڇوڪريون توکي ۽ علي مدد گوپانگ کي سڏي رهيون آهن.“
    هن جي خار ختم ٿي ويئي. واڇ ٽڙي ويس. علي مدد گوپانگ کي ساڻ ڪري سڙڪ ٽپڻ لڳو.
    علي مدد گوپانگ چيو، ”يار وقت جون ڏاڍيون پڪيون آهن.“ ٻئي ڄڻا جڏهن ڇوڪرين وٽ پهتا تڏهن زيبا علي مدد گوپانگ کان پڇيو، ”اسان وٽ فقط اڍائي ڪلاڪ آهن، ڪهڙو پروگرام آهي؟“
    علي مدد گوپانگ وراڻيو، ”بابو تيزرو ۾ ڳوٺ روانو ٿي ويو آهي. فليٽ بالڪل خالي آهي.“
    شتر مرغ مون ڏانهن ڏسندي هيلن کان پڇيو، ”هي ڪيرآهي؟“
    ”هي چرٻٽ آهي،“ هيلن کيس ٻڌايو، ”اسان جي ساهيڙي عذرا جو ڀاءُِ آهي.“
    ”مان اين ـ جي ـ وي هاءِ اسڪول ۾ ڇهون درجو پڙهندو آهيان.“ فخر مان کيس ٻڌايم، ”مان ٽارزن جو دوست آهيان.“
    علي مدد گوپانگ ۽ شتر مرغ کلڻ لڳا.
    شميم آرا مون کي چيو، ”چرٻٽ، تون فلم ڏسندين يا مداري؟“
    هڪدم وراڻيم، ”مداري.“
    ”ته پوءِ هيئن ڪر،“ شميم آرا چيو، ”تون مداري ڏسڻ وڃ، ٻن ڪلاڪن کان پوءِ هتي اچي اسان لاءِ ترسجانءِ.“
    اها ڳالهه ٻڌي مان ڏاڍو خوش ٿيس.
    ادي عذرا چيو، ”متان امان کي ٻڌائين ته فلم بدران مداريءَ جو تماشو ڏٺو اٿئي. اجايو مار کائيندين.“
    ”نه نه،“ وراڻيم، ”مان ڪو چريو آهيان ڇا.“
    ”امان کي ڇا چوندين؟“
    ”چوندس، مون عذرا ۽ سندس ٽن ساهيڙين سان گڏجي وحيد مراد جي هڪ مردار فلم ڏٺي آهي.“
    ”شاباس،“ ادي عذرا چيو، ”هي وٺ ٻه آنا، قلفي به کائجان.“ مون ٻه آنا وٺي کيسي ۾ وڌا ۽ اڳتي وڌي ويس.
    ”ها.“ هڪدم ڪجهه ياد آيو، ڦيرو کائي هيلن جي هيرو کان پڇيم، ”تون شتر مرغ جهڙو ڇو آهين؟“
    چاريئي ڇوڪريون کلڻ لڳيون.
    پوءِ مان ڊوڙندو پاڪستان چوڪ ڏانهن ويس، جتي مداريءَ جو سيڪنڊ شو شروع ٿي چڪو هو. ڀولڙو سائين نبوءَ وانگر ڀولڙيءَ کي لڪڻ سان مار ڏيئي رهيو هو. مان خوش ٿي تاڙيون وڄائڻ لڳس.

    1966


    منهنجي محبت ۽ مان

    سڪينه کي مان پسند ڪندو هوس (هينئر سندس ياد منهنجي دل ۾ ڪتڪتائي ڪندي آهي) ۽ هوءَ مون کي پسند نه ڪندي هئي. مان کيس لڪي لڪي ڏسندو هوس. هوءَ مون کي ڏسي بيمار ٿي پوندي هئي. سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي هئي، ۽ ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويندو هوس.
    هڪ دفعي پنهنجي ساهيڙيءَ کي چيو هئائين، ”پنهنجيءَ ڪرڪيٽ ٽيم جو جيڪو وڪيٽ ڪيپر آهي نه، سو جهڙو بنمانس!“
    ان وقت هوءَ يونيورسٽي لائبريريءَ ۾ بيٺي هئي، ۽ مان کيس جنرل هسٽريءَ جي ڪٻٽ نمبر چوٿين ۽ پنجين جي وٿيءَ مان تاڙي رهيو هوس.
    سڪينه جو جملو ٻڌي مون کي ٿورو ٿورو ڏک ٿيو، ۽ مون دنيا کي تياڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، ڪراچيءَ جي زولاجيڪل گارڊن ۾ ڪنهن بنمانس جي پڃري ۾ وڃي ويهندس، ۽ سڪينه کي وسارڻ جي ڪوشش ڪندس.
    پر مان پنهنجي فيصلي کي عملي پاجامو پارائي نه سگهيس. مان نه فقط سڪينه جو عاشق ۽ ايم. اي. فائينل جو شاگرد هوس، پر هڪ انگريزي اخبار جو پروف ريڊر به هوس. مان، جيڪو پروف ريڊر هوس، ۽ منهنجو پيءُِ، جيڪو پوسٽ مين هو. (۽ اڃابه آهي،) پنهنجي گهر جي فرسٽ اليون (first eleven) يعني يارهن ڀاتين جي سار سنڀال لهندا هئاسين. اهڙين حالتن ۾، مان نه بنمانس جي پڃري ۾ وڃي ويهي سگهيس، ۽ نه ئي پنهنجيءَ دل مان سڪينه جي محبت ڪڍي سگهيس.
    دوستن چيو، ”توکي اڄ کان چوڏهن سئو سال اڳ پيدا ٿيڻ گهربو هو ۽ حضرت قيس عرف مجنون جو مقابلو ڪرڻ گهربو هو.“
    دوستن جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. مون مجنون ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. ان رات خواب ۾ مون ڪنڊن جو تاج پاتو، ۽ صبح جو مون کي ڪارا دست ٿي پيا جيڪي هڪ هفتو هلندا رهيا. مان هڪ هفتي تائين سڪينه کي ڏسڻ لاءِ سڪندو رهيس، ۽ اخبار جا پروف به ڏسي نه سگهيس. اخبار جي مئنيجر هڪ هفتي جي غير حاضريءَ لاءِ منهنجي پگهار مان ويهه رپيا ڪٽي ورتا ۽ مون مجنون ٿيڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو.
    دوستن صلاح ڏني، ”تون محبت نه ڪر، وڃي وڪيٽ ڪيپنگ (wicket keeping) ڪر.“
    کين هڪ فلمي ڊائلاگ سنڌيءَ ۾ وهائي ڪڍيم، ”مان محبت جي گرميءَ سان سڪينه جي پٿر دل کي ميڻ وانگر رجائي ڇڏيندس!“
    مقبول چيو، ”پٽ، اگربتيون ٻار، ميڻ بتيءَ وانگر محبت ڪري نه سگهندين. محبت ڪرڻي اٿئي ته پنجاهه رپيا کيسي ۾ وجهي، سڪينه کي وڃي سوگهو ڪر.“
    وراڻيم، ”مان ايندڙ هڪ سئو پنجاهه سالن تائين پنجاهه رپيا ميڙي نه سگهندس. منهنجو پيءُِ پوسٽ مين آهي.“
    مقبول چيو، ”پوءِ وڃي لفافن جون ٽڪليون چوراءِ ۽ محبت جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏ.“
    سڄيءَ يونيورسٽيءَ ۾ سڪينه جي باري ۾ هزارين قياس آرايون هليون هيون. قياس آرائين تي مون کي قياس ايندو هو، هڪ دفعي ان ڳالهه تان پنهنجن دوستن سان وڙهي پيو هوس.
    هنن چيو هو: ”مجنون ڇاپ! محبت ڪرڻي ٿئي ته ڪنهن ٻيءَ ڇوڪريءَ سان وڃي ڪر، سڪينه سان نه، جيڪا نيلان جي ساڙهيءَ وانگر پنجاهه رپين ۾ وڪامندي آهي.“
    سڪينه جي بچاءَُ ۾ چيو هوم: ”دل جي ڪابه قيمت نه هوندي آهي، دوستو!“
    دوستن وراڻيو هو: ”جسم سان گڏ دل، دماغ، جگر وغيره به وڪامي ويندا آهن.“
    ”توهين بدمعاش آهيو، ۽ هڪ شريف ڇوڪري کي بدنام ڪري رهيا آهيو!“ ڪاوڙ مان چيم.
    ”بدنام اسان نه، پنجاهه رپين ڪيو اٿس.“ نسيم ناڪوءَ چيو.
    ان انڪشاف تي ڀانيم ته منهنجي دل ڀڄي پوندي، ۽ منهنجو هارٽ فيل ٿيندو. پر اهڙي ڪابه ڳالهه نه ٿي. فقط افسوس ٿيو، ۽ مون دوستن کي ڊزن کن مختلف گاريون ڏنيون.
    مقبول چيو: ”سڪينه مڻي آهي، نڪ مان ڳالهائيندي آهي سهڻي به ناهي.“
    ”هوءَ منهنجي دل جي راڻي آهي!“ وراڻيم.
    ”تون ڪنگال آهين. تنهنجي دل ۾ راڻي نه، ڏائڻ رهندي.“
    ان وقت منهنجن ڪنن ۾ پريس جي مشين پڙاڏا ڪرڻ لڳي. سوچيم ته هڪ نه هڪ ڏينهن مان پنهنجي پريس وٺندس ۽ ڪنگال نه رهندس. ڪنگال رهيس، ته بنگال هليو ويندس.
    وراڻيم: ”مان في الحال ڪنگال آهيان، مقبول، پر تون ڏسندين ته مان هڪ نه هڪ ڏينهن دولتمند ٿيندس ۽ سڪينه کي بدنام ٿيڻ نه ڏيندس.“
    ”تون ايندڙ هڪ هزار سالن تائين دولتمند ٿي نه سگهندين.“ مقبول منهنجي دل ڀڃڻ جي ڪوشش ڪندي چيو.
    وراڻيم، ”مان تڏهن به سڪينه سان محبت ڪندو رهندس.“
    هڪ دفعي سڪينه يونيورسٽيءَ جي يونين آفيس ۾ اسان جي جنرل سيڪريٽريءَ سان ڳالهائي رهي هئي. کلي رهي هئي. ٽهڪ ڏيئي رهي هئي. مون کي روئڻ آيو، پر اک مان لڙڪ نه لڙيو. جڏهن گهڻيءَ ڪوشش کان پوءِ به روئي نه سگهيس، تڏهن يونين آفيس ۾ لنگهي ويس. مون کي ڏسڻ شرط سڪينه ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو. ڪنڍي جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويس. ۽ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳيس.
    سيڪريٽريءَ کي چيائين، ”منهنجي ته ادا طبيعت خراب ٿي رهي آهي.“
    يونيورسٽيءَ ۾ جيڪي به خوشنصيب ڇوڪرا هوندا هئا، تن کي سڪينه ”ادا“ ڪري سڏيندي هئي. جنهن کي ادا چوندي هئي، تنهن کي لفٽ ڏيندي هئي. مان هوا کائيندو هوس!
    مون سڪينه ڏانهن ڏٺو. سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو هوس. طبيعت خراب ٿيڻ لڳي هيس. منهن اهڙو ٿيندو ويس. ڄڻ چهٽيل قميص جي لهواريءَ پٽ ۾ ڪانڌاري ڏينڀو گهڙي ويو هوس.
    سيڪريٽري مون ڏانهن وڌي آيو. چيائين: ”ايونس، خدا جي واسطي آفيس مان هليو وڃ.“
    مون سڪينه ڏانهن نهاريو. هوءَ سامهون ڀت تي ٽنگيل برماشيل جو ڪئلينڊر ڏسي رهي هئي، جنهن تي مونا ليزا جي تصوير ڇپيل هئي.
    مان آفيس مان نڪري، پوئينءَ دريءَ وٽ وڃي بيٺس. سيڪريٽري سڪينه کان پڇي رهيو هو: ”ڪيئن آهين، سڪينه؟“
    ”هينئر ٺيڪ آهيان، ادا.“ هن مڻي آواز ۾ وراڻيو. سڪينه کي زڪام نه هوندو هو (هوءَ ڏيڏري نه هئي)، پر سندس آواز نڪ ۽ نڙيءَ مان ائين ايندو هو، ڄڻ نڙيءَ ۾ بلغم جو ڄارو ۽ نڪ ۾ گوبي جا تهه ڄميل هوندا هئس.
    اوچتو سڪينه جي نگاهه مون تي پئجي ويئي! سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو، ۽ طبيعت خراب ٿيڻ لڳس.
    سيڪريٽريءَ دريءَ وٽ ايندي چيو: ”ايونس، پليز!“ مان دل تي بار کڻي، دريءَ وٽان هٽي ويس.
    يونيورسٽيءَ ۾ سڀ مون کي ”ايونس“ سڏيندا هئا. مان اول اوهان کي ٻڌائيندس ته ايونس ڪير آهي. Godfrey Evans گاڊ فري ايونس 1958 کان اڳ انگلستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. دنيا جي سڀني ٿلهن کان ڦڙت هوندو هو. بال کي ائين جهٽيندو هو، جيئن باز جهرڪيءَ کي. هو پنهنجي وقت ۾ دنيا جو بهترين وڪيٽ ڪيپر هوندو هو. مان ايونس جهڙو نه ٿلهو هوندو هوس، ۽ نه ئي ڦڙت، فقط انڌن ۾ ڪاڻو هوندو هوس.
    مون کي ڪرڪيٽ راند سان تر جيتري به دلچسپي نه هوندي هئي. مون کي حالتن ڪرڪيٽ راند کيڏڻ تي مجبور ڪيو هو. سڪينه جي محبت ۾ ڪاٺ جي ڪرڪيٽ بئٽ (جنهن جو اوائلي نمونو ڪپڙن ڌوئڻ جو سونٽي آهي) ۽ پٿر جهڙي بال کي پنهنجو ڪيو هوم. سڪينه ڪرڪيٽ مئچن تي ايندي ۽ رانديگرن سان کلي کلي ڳالهائيندي هئي. رانديگر خوشيءَ وچان سينچري هڻندا ۽ ڇهه ـ ڇهه وڪيٽون وٺندا، ۽ ڏکيون مئچون کٽي ويندا هئا.
    ڪرڪيٽ راند ڪرڻ کان اڳ مان سڪينه کي خوش ڪرڻ لاءِ افسانه لکندو هوس. هوءَ يونيورسٽيءَ جي ادبي مجلس ۾ پابنديءَ سان ايندي ۽ غور سان افسانا ٻڌندي هئي. کيس ناڪام محبت جا غمگين افسانا پسند هئا. هوءَ اهڙن افسانن کي دل کولي داد ڏيندي هئي. ڏسندي ئي ڏسندي، مجلس جا ميمبر ناڪام محبتن جا غمگين افسانا لڳڻ لڳا. انهن غمگين افسانن ۾ ڪجهه هن طرح هوندو هو:
    ڇوڪرو ۽ ڇوڪري، پيءُ ـ ماءُ کان (ڀائرن ۽ مائٽن کان پڻ) لڪي ڇپي محبت ڪندا هئا. مالهيءَ کان اک بچائي، ٽاڪ منجهند جو ڪنهن باغيچي ۾ ملاقات لاءِ موقعو ملندي ئي، هڪٻئي کي ڊائلاگ هڻندا هئا ته مان توکان سواءِ مري ويندس!، (اهڙو ڊائلاگ گهڻو ڪري ڇوڪرو هڻندو) ڇوڪري ورائيندي: مان توکان سواءِ چري ٿي پونديس!، ڇوڪرو چوندو: مان تنهنجي لاءِ آسمان مان تارا پٽي ايندس!، ـ (پر سندس معاشي حالت پنهنجيءَ محبوبه کي هڪ لڏون کارائڻ جهڙي به نه هوندي) ڇوڪرو، يعني افساني ۾ هيرو صاحب، ڏاڍي ڏمر وچان چوندو: مان سماج سان ٽڪر کائيندس، وڙهندس، وغيره وغيره ـ پوءِ هيرو محبوبه تي شڪ ڪندو، کيس ڇڏي ڏيندو. هوءَ روئيندي رڙندي ۽ فلمي گانا ڳائيندي، آخر ۾ خودڪشي ڪري ڇڏيندي هئي ۽ هيرو پڇتائيندو، ۽ پڇاڙيءَ ۾ پنهنجيءَ محبوبه جي قبر تي اگربتي ٻاريندو هو.
    ڪجهه افسانن ۾ هن طرح به ٿيندو هو ته محبوبه صاحبا پنهنجي محبوب سان بيوفائي ڪري، کيس جدائيءَ جو داغ ڏيندي هئي (عورت بيوفا آهي)، ۽ هيرو غم وچان شراب پي، فلم داغ ۾ دليپ ڪمار وانگر اداڪاري ڪندو، ۽ آخر ۾ ٻڏي مرندو هو.
    ڪن افسانن ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ليسوڙي وانگر هڪٻئي کي چهٽيا پيا هوندا هئا. اهڙن افسانن ۾ والدين ۽ مائٽ مٽ گڙ ٻڙ ڪندا ۽ سندن ڪم خراب ڪندا هئا. اهڙن افسانن ۾ گهڻو ڪري ٻيئي ڄڻا زهر کائيندا هئا.
    انهن ڏينهن ۾، سڪينه کي خوش ڪرڻ لاءِ، مون به ناڪام محبت جا زبردست غمگين افسانا لکڻ شروع ڪيا. افسانن ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو خانو خراب ڪندو هوس. کين هر هنڌ رلائي ماريندو هوس. باغ ۾ ملندا هئا ته مالهي مار ڏيندو هون. مالهي نه هجي ته ماکيءَ جي مک ڏنگ هڻين. فلم ڏسڻ وڃن ته سينيما هال ۾ ويٺل ماڻهو کين محبت ڪرڻ نه ڏين، ۽ مڪراني هيرو کي ٺونشن سان اڌ مئو ڪري ڇڏي. مطلب ته سڄو سماج مخالفت ڪري سندن جيئڻ حرام ڪري ڇڏيندو هو. آخر ۾ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري ڪنهن هوٽل ۾ ويندا هئا ۽ مختلف طعام گهرائي کائڻ شروع ڪندا هئا، ۽ پنهنجو پيٽ ڦاڙي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪندا هئا (آپگهات جو اهو طريقو سڀ کان وڌيڪ فرحت بخش هوندو آهي.)
    مان پنهنجا غمگين افسانا جڏهن ادبي مجلس ۾ پڙهندو هئس تڏهن مجلس جا ميمبر مون تي کلندا هئا ۽ ٺٺوليون ڪندا هئا سڪينه جو ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويندو هو ۽ سندس طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي هئي. تڏهن پنهنجا افسانا (جن کي شاهڪار ۽ ادبي شهپارا سمجهڻ جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا هوس) مون هند سنڌ جي سڀني رسالن کي موڪلڻ جو فيصلو ڪيو. سوچيم، منهنجا افسانا رسالن ۾ شايع ٿيندا. ادب ۾ انقلاب آڻيندا ۽ ادبي ٽريفڪ لاءِ موڙ ثابت ٿيندا: ڇپيل افسانا مجلس جي ميمبرن کي ڏيکاريندس، ۽ کين ساڙيندس!
    مون مختلف رسالن کي افسانا موڪلڻ شروع ڪيا. هند توڙي سنڌ ۾، ڪٿي به منهنجو افسانو شايع نه ٿيو، مون همت نه ڇڏي، ۽ روز هڪ غمگين افسانو ڪنهن نه ڪنهن رسالي کي موڪليندو هوس.
    هڪڙي ڏينهن، سنڌ جي هڪ مشهور رسالي طرفان خط آيو جنهن ۾ لکيل هو ته خدا جي واسطي اسان جي حال تي رحم ڪريو ۽ افسانا موڪلڻ بند ڪريو. اسين سڀ، ايڊيٽر کان پٽيوالي تائين، اوهان جا غمگين افسانا پڙهي بيمار ٿي پيا آهيون!
    پر مان نه مڙيس. روز ڪنهن نه ڪنهن رسالي کي هڪ افسانو موڪلي ڇڏيندو هوس. نيٺ هڪڙي ڏينهن هڪ وڪيل جو نوٽيس آيو، جنهن ۾ لکيو هئائين ته افسانا لکڻ بند ڪر، نه ته توتي قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي!
    مان محبت ۾ جدائي سهڻ لاءِ تيار آهيان، پر قانوني ڪاروائي نه. مون افسانن لکڻ جو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. ان ڏينهن کان پڪ ٿي ويئي اٿم ته افسانو دنيا جي سڀ کان فضول شيءِ آهي.
    افسانن لکڻ جو خيال ترڪ ڪري سگهيس، پر سڪينه جو خيال دل مان ڪڍي نه سگهيس. پوءِ مون ڪرڪيٽ راند سان سڪينه جو پيار جيتڻ جي تحريڪ شروع ڪئي.
    ڪرڪيٽ ٽيم ۾ مون وڪيٽ ڪيپر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. وڪيٽ ڪيپر اسٽمن جي پٺيان بيهندا آهن، ۽ ڀولڙن جهڙيون حرڪتون ڪندا آهن. کين ڪرتب ڏيکارڻ جا هزارين موقعا ملندا آهن. جيڪو وڪيٽ ڪيپر ڏاڍي مستي ڪندو، سو نالو ڪڍندو آهي.
    گذريل يونيورسٽي ٽورنامينٽ ۾ مون پشاور يونيورسٽيءَ خلاف ڏاڍا ڪرتب ڏيکاريا. مستيون ڪندي، پاڪستان يونيورسٽين جون نئون وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيم. سڄي ميدان ۾ تاڙين جو ڦهڪو پئجي ويو. تماشائي اٿي بيٺا ۽ رنگين ٽايون، رومال ۽ مفلر لوڏڻ لڳا. ڇوڪرين پنهنجين ساڙهين ۽ رون جا پلئه ڦڙڪايا.
    ان وقت ڀانيم ته سڀاڻي ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيندو. ڪجهه غير معمولي ٿيندو. سڪينه مون کي ڪلاس ٻاهران يا ڪاريڊار ۾ روڪيندي. چوندي، ”مبارڪ اٿئي، ايونس!“ مان ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندس. هوءَ چوندي، ”مون توکي غلط سمجهيو هو، ايونس، مون کي معاف ڪر،“ مان چوندس، ”نه، ائين نه چئه، سڪينه، مان محبت جي معاملي ۾ دقيانوسي آهيان. قدامت پسند آهيان.“ هوءَ کلندي، هلڪو ٽهڪ ڏيندي. پوءِ مان ڏينهن ـ رات محنت ڪري، ٽيٽران جون ٻه پتلون ۽ ٻه قميصون وٺندس، هڪ جوڙو بوٽن جو ۽ هڪ شوخ رنگ جي ٽاءِ وٺندس ... سڀاڻي ضرور ڪجهه نه ڪجهه غير معمولي ٿيندو. مان سوچيندو رهيس.
    پر ٻئي ڏينهن ڪجهه به نه ٿيو! اهو ئي ٿيو، جيڪي روز ٿيندو هو. ڪاريڊار مان سڪينه کي ايندي ڏٺم. دل لاٽونءَ وانگر ڦرڻ لڳي. هوءَ جڏهن مون وٽان لنگهي، تڏهن سندس ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو، ۽ سندس شڪل وائي باديءَ جي مريضن جهڙي ٿي ويئي. هوءَ منهن ڦيري هلي ويئي.
    ان ڳالهه جو مون کي افسوس ٿيو. مان ڪنڌ جهڪائي، يونيورسٽيءَ جي ورانڊن، لائبريري، جيمخاني ۽ ڪينٽين ۾ رلندو رهيس. اندر ۾ آند ماند هئي. مان سنڌوءَ وانگر وهندو رهيس، وقت وانگر ويندو رهيس. تڏهن پنهنجين اوڻائين جي ڌرتيءَ جو سينو چاڪ ڪري، پنهنجن اوڳڻن ۾ جهاتي پاتم. شڪل شيشا ڀڃندڙ، هرک جي قميص، زين جي اڇي پتلون، ۽ باٽا جو چمپل، منهنجي ميراث هئا. يونيورسٽيءَ جي امداد ۽ وظيفن جو محتاج هوس.
    سوچيم، جنهن گنهگار ڇوڪريءَ تي دوزخ حرام ڪيو ويندو، سا مون سان محبت ڪندي ۽ پنهنجي ڪئي جي سزا ڀوڳيندي.
    مان سوچيندو رهيس، ۽ پل پل وانگر ختم ٿيندو رهيس. ڇوڪرا منهنجي ڪمال تي ڳالهائيندا رهيا، ۽ مان سڪينه جي جمال تي پور پچائيندو رهيس.
    اخبارن ۾ فوٽا آيا. مبارڪن جا خط آيا. تارون آيون. پر دل ۾ خوشي موٽي نه آئي.
    ان ڳالهه جو ذڪر جڏهن مقبول سان ڪيم تڏهن هن مون تي ۽ دنيا جي سڀني ننڍن وڏن عاشقن تي لعنت ملامت ڪئي. پوءِ چيائين، ”انڌا، اڄ تو امتياز احمد جو رڪارڊ ڀڳو آهي. موقعي جو فائدو کڻ. سڌو سنئون وڃي سڪينه کي آئوٽ ڪر.“
    مقبول جي ڳالهه دل سان لڳي. پوءِ جڏهن لائبريري وٽ سڪينه منهنجي سامهون آئي، تڏهن کيس هٻڪندي هٻڪندي روڪيم. چيم، ”اڄ به مون سان نه ڳالهائيندينءِ؟ اڄ مان هيرو آهيان، سڪينه!“
    چيائين، ”تون گنجي ٽڪر جو پٿر آهين! انسان ناهين، بنمانس آهين!“
    ”پر منهنجو پيار بنمانس ناهي!“
    ”توکي ڏسڻ کانپوءِ منهنجي طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي آهي.“ هن نڪ مٿي ڇڪيندي چيو. ”توکي مون سان محبت ڪرڻ جو حق ناهي.“
    وراڻيم، ”مان فلمي ستارن جي من ـ پسند صابڻ لڪس سان منهن ڌوئندس ۽ روز تبت سنو لڳائيندس. پوءِ تنهنجي طبيعت خراب نه ٿيندي.“
    ”آءِ ايم ساري“، سڪينه وراڻيو، ”مان توسان ڪنهن به قيمت تي پيار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيان.“
    هوءَ هلي ويئي. مان ورانڊي جي هڪ ٺلهه کي ٽيڪ ڏيئي بيهي رهيس.ڪجهه دير کان پوءِ مقبول آيو. چيائين، ”ايونس، ان پوز ۾ بلڪل گوريلو ٿو لڳين!“
    مان خاموش رهيس. هو منهنجي جواب جو انتظار ڪندو رهيو. پوءِ چيائين: ”تو منجهه مجنونءَ جو بد روح گهڙي ويو آهي! تون آسيب زده آهين!“
    مان ماٺ رهيس. هو ڪياڙي کنهندو هليو ويو. ستين پيرڊ ختم ٿيڻ کان پوءِ، سڪينه پنهنجي ڪلاس مان ساهيڙين سميت نڪتي. خوشبوءِ اُڏائيندي لنگهي ويئي. منهنجا ڇپر ڳورا ٿيڻ لڳا.
    هوءَ ورانڊو اُڪري، ساهيڙين کي کيڪاريندي ڳاڙهيءَ ووڪس ويگن ڪار ۾ وڃي ويٺي. ووڪس ويگن ڪار جو مالڪ، ايم. اي. پريوئس جو شاگرد سبحان علي هوندو هو، جنهن جو پيءُِ مامد علي جوڙيا بازار جو وڏو واپاري هو.
    ووڪس ويگن جڏهن دز اڏائيندي هلي ويئي، تڏهن مقبول موٽي آيو. چيائين: ”ايونس، هڪ سائيڪل خريد ڪر ان کي ڳاڙهو رنگ هڻاءِ.“
    ”مان سڄيءَ عمر ۾ سائيڪل جو هڪ اشڪرو به خريد ڪري نه سگهندُس. منهنجو پيءُِ پوسٽ مين آهي.“
    ”ٽپال کاتي جي ڳاڙهي سائيڪل چوراءِ.“
    ”مان محبت ۾ سڀڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار آهيان، پر چوري نه ڪندس.“
    ”پوءِ پٽ وڃي چنگ وڄاءِ!“ مقبول رڙ ڪندي چيو، ۽ پوءِ ڌرتي ڪٽيندو هليو ويو.
    مقبول منهنجو پڪو سنگتي هوندو هو (اڃا به آهي)، ڪرڪيٽ ٽيم ۾ آف اسپن بالر (off-spin bowler) هوندو هو، بال کي ويڻيءَ ۽ آڱرين جي زور تي هوا ۾ ڦيرائي رانديگر کي ڀنواٽيون کارائيندو هو. هو منهنجي حال تي رحم کائيندو ۽ مون کي محبت کان باز رکڻ لاءِ اپاءَ ڳوليندو هو. پر مان سڪينه جي محبت ۾ دل جي دنيا لٽائي ويٺو هوس.
    سڪينه جي بي رخي منهنجي لاءِ بي وفائيءَ کان گهٽ نه هئي. مون کي پڪ ٿي ويئي ته ان صدمي کان ٽن ڏينهن ۾ مري ويندس. ٽن ڏينهن کان پوءِ جڏهن نه مئس ۽ اڳ وانگر جيئرو رهيس، تڏهن مون کي پنهنجيءَ محبت تي شرم آيو.
    مقبول کي جڏهن پنهنجي جيئري رهڻ جي خبر ٻڌايم، تڏهن هن ٽوڪ هڻندي چيو. ”تون سڪينه سان قديم محبت جاري رک. ٽن هفتن يا ٽن مهينن ۾ مري ويندين. جيئرو رهين ته پوءِ انشا الله تعاليٰ ٽن سالن ۾ مري ويندين.“
    ”مان سڪينه جي محبت ۾ هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور مري ويندس.“
    ”اهو ٺيڪ ناهي.“ مقبول چيو، ”سچيءَ محبت ۾ مرڻ جو عرصو مقرر هئڻ گهرجي، جنهن کان پوءِ جيئڻ حرام سمجهجي.“
    اهو سڄو ڏينهن مان محبت ۾ مرڻ لاءِ عرصي مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. شام تائين جڏهن ان ڪم ۾ ناڪام رهيس، تڏهن امان کان گهر جي خرچ مان نو آنا وٺي، ريڪس سينيما ۾ فلم ڏسڻ ويس.
    ريڪس سينيما جي جانو مڪرانيءَ سان منهنجي ياري آهي. مان کيس انگريزي فلمن جي آکاڻي، ڊائلاگ ۽ مطلب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌائيندو آهيان. ان جي عيوض جانو مون کي ڪڏهن ڪڏهن مفت ۾ فلم ڏسڻ ڏيندو آهي، يا قطار ۾ بيهڻ بنا ”رايل ڪلاس“ جي ٽڪيٽ آڻي ڏيندو آهي.
    جانوءَ مون کي قطار ۾ بيهڻ کان اڳ ٽڪيٽ آڻي ڏني. ٽڪيٽ کيسي ۾ وجهي، سينيما جي ورانڊي ۾ فلم جا پوسٽر ۽ فوٽا ڏسڻ لڳس. ايندڙ فلمن جا اشتهاري فريم تصويرن سميت قطار ۾ رکيل هئا. مان هڪ هڪ فريم ڏسندو ويس. فريمن جي بلڪل وچ ۾ هڪ وڏي بنمانس جي تصوير رکيل هئي، جنهن تي فلم جو نالو لکيل نه هو. حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها هئي جو بنمانس کي اڇي هرک جي قميص، زين جي پتلون ۽ پيرن ۾ باٽا جو چمپل هو! قميص جون ٻانهون ڏورن تائين کنجيل هيس، ۽ ڪارن وارن سان ڍڪيل گول ۽ مضبوط ٻانهون چيلهه تي رکيون هيس. سندس مٿي جا وار پريشان، ۽ اکيون وڏيون، ميرانجهڙيون ۽ گهاٽين پنبڻين سان ڍڪيل هيون. اوچتو بنمانس ٻانهن مٿي ڪري، پنهنجي نرڙ تان وار پري ڪيا. مون کان ڇرڪ نڪري ويو. پاسي ۾ بيٺل سنهڙا سڪل ٽيڊي ڇورا کلڻ لڳا. ٻيهر غور سان بنمانس ڏانهن ڏٺم... سامهون هڪ فريم ۾ آئينو کتل هو، ۽ آئيني ۾ منهنجو پنهنجو عڪس هو!
    ان ڏينهن مون کي پڪ ٿي ويئي ته دنيا جي ڪابه ڇوڪري مون سان محبت ڪري نه سگهندي.
    مان شايد اداس رهڻ لڳو هوس. ان جو اثر منهنجيءَ راند تي به پيو، هڪ مئچ ۾ مون اڌ ڊزن ڪئچون ڪيرائي ڇڏيون، ۽ جڏهن بئٽنگ جو وارو آيو، تڏهن ”انڊو“ کنيم. اها مئچ اسان بڇڙي نموني هارائي. پوءِ مئچن هارائڻ جو هڪ سلسلو شروع ٿي ويو، هر هارايل مئچ جي ذميواري مون تي هوندي هئي. مان سچ پچ درياهي گهوڙي وانگر ماٺيڻو ۽ سست ٿيندو ويس.
    هڪڙي ڏينهن يونيورسٽي ڪئنٽين ۾ مقبول، کاٻڙيو بالر نسيم ناڪو، ۽ بئٽسمين ميزان ڪوفتو، مون کي ورائي ويا.
    نسيم ناڪوءَ چيو، ”توکي ڇا ٿي ويو آهي، ايونس؟“
    ميزان ڪوفتي چيو، ”تنهنجي ڪري اسان ڏهه لاڳيتيون مئچون هارايون آهن.“
    وراڻيم: ”مون کي ٽيم مان ڪڍي ڇڏيو، ۽ عشرت کان وڪيٽ ڪيپنگ ڪرايو.“
    ”چريو ته نه ٿيو آهين، ڀوڪ!“ نسيم چيو، ”تون پاڪستان جو چئمپئن وڪيٽ ڪيپر آهين. پنهنجو نالو خراب ڪرڻ ٿو چاهين!“
    ”منهنجو ڪوبه نالو ڪونهي.“
    ”تنهنجو دماغ خراب ٿي ويو آهي!“
    ”مان زندگي کان بيزار ٿي ويو آهيان.“ مون سخت غمگين لهجي ۾ وراڻيو.
    تڏهن اوچتو مقبول مون کي ڪنڌ کان وٺي ڌونڌاڙيو، ۽ منهن ۾ گهروڙي ڀونڊو ڏنو، چيائين، ”دئوس، محبت ڪرڻي ٿئي ته ماڻهن وانگر ڪر، مجنونءَ جي ڪاپي نه ڪر!“
    ”زهر کائي مري وڃان؟“ ڪنڌ ڪڍائيندي پڇيم.
    ”پنجاهه رپيا کيسي ۾ وجهي، سڪينه کي وڃي ٻانهن ۾ هٿ وجهه. ”مقبول ڏند ڪرٽيندي چيو. ”اسين وڌيڪ مئچون هارائڻ لاءِ تيار نه آهيون!“
    وراڻيم، ”مون زندگيءَ ۾ پنج رپيا به نه ميڙيا آهن پنجاهه رپيا ڪٿان آڻيندس؟“
    ”ڪٿان به آڻ. چوري ڪر، ڌاڙو هڻ!“ مقبول چيو، ”پنجاهه رپيا پيدا ڪر، تڏهن تنهنجي کوپريءَ مان محبت جو ڀوت نڪرندو.“
    ”مان بنمانس آهيان،“ چيم، ”سڪينه مون سان ڳالهائڻ به پسند نه ڪندي.“
    ”دنيا جي هر عورت جيڪا پيسي سان پيار ڪندي آهي، سا بنمانس سان به محبت ڪري سگهندي آهي.“
    گهٻرائيندي وراڻيم، ”توهين آلجبرا ڳالهائي رهيا آهيو.“
    ”ايونس، تون دئوس آهين.“
    ”مان نحوس آهيان. محبت کان توبهه ڪئي اٿم“
    ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين.“ ڪوفتي چيو، ”ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اسان کي تنهنجي ڪفن دفن جو بندوبست ڪرڻو پوندو.“
    مقبول همدرديءَ ۽ حب سان سمجهائيندي چيو، ”پنجاهه رپين ۾ تون بلڪل چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندين.“
    ”پر مان پنجاهه رپيا ڪٿان آڻيان. بابا!“
    ”ڪتاب وڪڻي ڇڏ.“
    ”ڪتاب منهنجا ناهن، اُڌارا ورتا اٿم.“
    ”ڪپڙا وڪڻي ڇڏ.“
    ”مان جيڪڏهن پنهنجي سڄي خاندان جا ڪپڙا وڪڻي ڇڏيان، تڏهن به پنجاهه رپين جا نه ٿيندا.“
    ناڪوءَ صلاح ڏني، ”توکي پوئربوائز فنڊ مان امداد وٺي ڏينداسين.“
    وراڻيم، ”مون کي رانديگر ۽ غريب هئڻ ڪري يونيورسٽيءَ مان امداد ملندي آهي، محبت لاءِ چندو نه ملندو.“
    مقبول ڪم جي صلاح ڏني: ”راندين ۾ کٽيل ڪپ وڪڻي ڇڏ.“
    ان صلاح جي سڀني تائيد ڪئي، ٻه وڏا ڪپ، جن ۾ هڪ ڪپ وڪيٽ ڪيپنگ جي نئين رڪارڊ قائم ڪرڻ تي مليو هو، ۽ ٽي ننڍا ڪپ، سٺ رپين ۾ وڪڻي ڇڏيم، ڏهين ـ ڏهين رپين جا پنج نوٽ سڪينه جي قدمن تي رکندس، ۽ کيس هٿ نه لاهيندس. پنهنجي اخلاق جو جهنڊو بلند رکندس. محبت کي بدنام ٿيڻ نه ڏيندس. کيس چوندس، پنجاهه رپين جي عيوض تون مون سان ٻه ڪلاڪ ڳالهيون ڪندي رههُ. هوءَ چوندي، ”مان بدنام آهيان، ايونس!“ مان ورائيندس، “مون کي ڪنهن جي پرواهه ناهي. مان ٽيڪم جو لوهه آهيان. دنيا جي بي رحم سيني ۾ اڌ تائين لهي ويندس. مان توسان شادي ڪندس. توکي خوش رکڻ لاءِ ڏينهن ـ رات محنت ڪندس. يونيورسٽيءَ جا جيڪي ڇوڪرا توکي اجايو بدنام ڪندا آهن، تن سان وڙهندس. سڀ کان اول مقبول کي ماريندس، جنهن کي خبر آهي ته تون پنجاهه رپين ۾ نيلان جي ساڙهيءَ يا ٽي سيٽ وانگر وڪامي ويندي آهين...، تڏهن مقبول مون کي ٻانهن ۾ هٿ وجهي. ڌونڌاڙيو، گهٻرائجي هن ڏانهن نهاريم، هو يونيورسٽي آفيس جي سامهون شاگردن جي هڪ ڊگهيءَ قطار وٽ بيٺو هو.
    فخر ۽ ندامت سان کيس ٻڌايم، ”منهنجي کيسي ۾ سٺ رپيا آهن!“
    مقبول چيو: ”پاسي واريءَ دريءَ مان فارم وٺي اچ!“
    حيرت مان پڇيم، ”سڪينه جي بڪنگ، فارم تي ٿيندي آهي ڇا؟“
    ”دئوس!“ مقبول چيو، ”اڄ ايم. اي. فائينل جي لاءِ فارم ڀرڻ جي آخري تاريخ آهي.“
    ”آخري تاريخ آهي!“
    ”ها، آخري تاريخ آهي، مسٽر عاشق!“ مقبول ڳالهائيندو رهيو: ”تنهنجي گهر جي فرسٽ اليون يعني يارهن ڀاتين لاءِ ٻوڙ ماني ڪمائڻ جي سند حاصل ڪرڻ لاءِ پوئين تاريخ آهي!“
    ”ڪالهه ته تو اها ڳالهه نه ٻڌائي هئي.“
    ”تون گذريل چوڏهن سئو سالن کان هوش ۾ ناهين، مسٽر قيس رحمته الله عليه!“ مقبول چيو. ”گذريل چوڏهن صدين ۾ تون هر دفعي عشق ڪندو رهيو آهين. ۽ تنهنجي گهر جا ڀاتي سڪل مانيءَ کي لوڻ ـ مرچ لڳائي کائيندا رهيا آهن.“
    ”آءِ ائم ساري ...“ مون وراڻيو.
    ”ساري مان ڪم نه هلندو. فارم وٺي اچ.“
    ”پر مون وٽ امتحان جي فيءَ لاءِ پنجونجاهه رپيا ته نه آهن.“
    ”اڳهاڻو جو چيئه پئي ته تو وٽ سٺ رپيا آهن؟“
    ”اُهي ته محبت لاءِ آهن!“
    ”پٽ، سال ٿو وڃيئي!“ مقبول چيو. ”في الحال محبت جو خيال ملتوي ڪري ڇڏ ۽ جلدي فارم وٺي اچ!“
    پاسي واريءَ دريءَ مان فارم ورتم. ڀت تي رکي ڀريم. پوءِ وڃي مقبول جي ڀر ۾ بيٺس (يونيورسٽيءَ جا رانديگر قطار ۾ نه بيهندا آهن). ڇوڪرن جي قطار کان ڪجهه پرڀرو، ڇوڪرين جي قطار هئي. قطار ۾ دريءَ وٽ سڪينه بيٺي هئي. ڪنڌ جهڪيل هوس. هوءَ ڏسڻ ۾ بيحد سهڻي پيئي آئي. چاهيم، دل جا در کولي کيس پنهنجي ساهه ۾ سمائي ڇڏيان.هوءَ جيئن آهي، جهڙي آهي، کيس پنهنجي روح جو دائمي حصو ڪري ڇڏيان. مان سوچيندو رهيس، ۽ کيس لاڳيتو گهوريندو رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ، هن جهڪيل نگاهون مٿي کنيون. اسان جون نظرون هڪ پل لاءِ ملي، ڌار ٿي ويون.
    سڪينه جو ڪنڍيءَ جهڙو نڪ مٿي ڇڪجي ويو.

    1966


    دولت، ناموس ۽ هڪ ڪنوارو

    مان ڪنوارو آهيان.
    پر جڏهن کان پنجوهين سالگرهه ملهائي اٿم، تڏهن کان منهنجو ڪنوارپڻو سڀني کي ککڻ لڳو آهي. بابا صبح جو سڏ ڪندي چيو؛
    ”مون کي سيٺ نورو ڀائيءَ جي ڇوڪري پسند آهي.“ ان کان اڳ جو مان ڪجهه جواب ڏيان، امان پريان ئي رڙ ڪئي:
    ”شرم نٿو اچيو، هن عمر ۾ اهڙيون ڳالهيون ٿا ڪيو؟“
    ”تون وچ ۾ بڪ بڪ نه ڪر. پنهنجو ڪم ڪر.“
    ”مان بڪ بڪ ٿي ڪيان؟“
    ”توکي ٽي هزار ٽي سئو دفعا چيو اٿم ته بزنس جي معاملي ۾ نه ڳالهائيندي ڪر.“
    امان جواب نه ڏنو ۽ نرم ڪشن جي صوفا سيٽ تي ڌڙام ڪري ويهي رهي. منهنجي ماءُ هن شهر جي مشهور هستي آهي. ڪيترن ئي جماعتن جي سرگرم رڪن آهي ۽ عورتن جي ترقي پسند جماعت L.P.A جي جنرل سيڪريٽري آهي. الاءِ ڪيئن بابا جي ڇڙٻ سهي ويئي. ڪوچ تي پاسا پي بدلايائين. سندس رخ مان ظاهر هو ته هوءَ جلد ڪنهن فيصلي تي پهچي. بک هڙتال جو اعلان ڪندي.
    بابا چيو: ”ڇوڪري مون کي پسند آهي. اهڙو سڱ سالن ۾ هڪ دفعو ملندو آهي. تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي؟“
    ”توهان بزرگ آهيو.“
    ”شاباس. فرمانبردار اولاد هجي ته اهڙي.“
    ”مان توهان جو ۽ توهان جي فيصلي جو احترام ڪندو آهيان“
    ”شاباس. سيٺ نورو ڀائيءَ جي ڌيءَ تو به ته ڏٺي هوندي؟“
    ”ها. اڪثر ڪلبن ۽ هوٽلن ۾ کيس ڏٺو اٿم.“
    ”ڪيئن آهي؟“
    ”توهان کي پسند آهي، ته سمجهو مون کي به پسند آهي.“
    ”شاباس. نورو ڀائي شاديءَ ۾ ڌيءَ کي هڪ لک رپيا روڪ، هڪ بنگلو ۽ هڪ ڪار ڏيندو.“
    ”ائين چيو نه،“ امان اٿي کڙي ٿي، ”دولت تي ڀنڀليا آهيو.“
    "shut up" بابا رڙ ڪئي. ”فقط دولت جي ڳالهه ڪونهي. ڇوڪري به مون کي پسند آهي.“
    ”شرم ڪونهي، ٻيو سڀ ڪجهه آهي. اڇن وارن ۾ عقل وڃايو اٿو.“
    ”ڇا، هن گهر ۾ مون کي ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو حق ڪونهي؟“
    ”آهي. پر حق جائز هئڻ گهرجي.“
    ”تون ڪير ٿيندي آهين حق ۽ ناحق جي ساهمي سنڀاليندڙ!“
    ”مان ڪا پراڻي زماني جي دقيانوسي عورت نه آهيان. مان اهو مسئلو ايل. پي. اي. جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
    مون وچ ۾ پئي صلح ڪرائڻ خاطر چيو: ”امان، هيءَ ويهين صدي آهي، ترقي پسند آزاد زمانو آهي. بابا کي اسلام ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي.“
    "what!" ، بابا آرام ڪرسيءَ تان راڪيٽ وانگر اٿي کڙو ٿيو. ڪشميري ٽيبل تي پير رکندي چيائين:
    ”ٻي شادي! بدتميز، نالائق!“
    ”پر بابا توهان ...“
    ”shut up بابا جا ٻچا“
    ”پر ...“
    ”No. تو اهڙي واهيات ڳالهه زبان تي آڻڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي؟“
    ”هن جو ڪهڙو ڏوهه. توهان ئي ته نورو موئي جي ڌيءَ جا ڪلما ٿا ڀريو.“
    ”Old woman، توکي ٽي هزار ٽي سئو ٽي دفعا چيو اٿم ته پنهنجو کنڊو وات بند رکندي ڪر.“
    ”کنڊا هوندءُ توهان. مون کي ته ٻٽيهه ڏند آهن.“
    ”سڀ نقلي آهن. چوچن جا چيني ڊينٽسٽ جا ٺهيل آهن.“
    ”بابا، توهان ئي چيو پئي، ته سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ توهان کي پسند آهي.“
    ”آهي. Bloody fool، پسند آهي.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”پسند ڪئي اٿم، پنهنجي لاءِ نه، پر تنهنجي لاءِ.“
    ”ڇا!“
    ”اسان کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
    امان جي ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. سندس منهن تي خوشي موٽي آئي.
    مون همٿ ڪندي چيو: ”اها ڇوڪري مون کي پسند ناهي.“
    ”ڇو پسند ناهي؟ لک رپيا روڪ، هڪ ڪار، هڪ بنگلو، پسند نه اٿئي؟“
    ”سڀ ڪجهه پسند اٿم. پر ڇوڪري پسند ناهي.“
    ”ساڳي دقيانوسي پسند. اڙي بيوقوف، عقل کان ڪم وٺ. اسان سنڌين کي ترقي ڪرڻي آهي.“
    ”نه نه. ڇوڪري ڪاري آهي. ٿلهي آهي. منهن تي ماتا جا داغ اٿس. هڪ دفعو پنهنجي ڊرائيور سان ڀڄي به ويئي هئي.“
    ”غلطي انسان جي فطرت آهي.“ امان ڪاوڙيندي چيو:
    ”توهان مرد سنگدل آهيو. عورت جي هڪ غلطي هزار سالن تائين سوچيندا رهندا آهيو.“
    ”هي سڀني عورتن جو مسئلو ناهي.“ مون وراڻيو.
    ”آهي. مار پوي مئي شيڪسپير کي، سوين سال اڳ هڪ دفعو چيو هئائين Frailty thy name is woman توهان اڄ تائين انهن اکرن جو تعويذ ٻڌي ٿا گهمو.“
    ”توکي ٽي هزار ٽي سئو ...“
    ”مان اهو مسئلو ايل. پي. اي. جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
    ”ڪجهه به هجي، پر مان سيتاڦل سان شادي هرگز نه ڪندس.“ مون جواب ڏنو.
    بابا اکيون ڦوٽاري مون ڏانهن ڏٺو.
    امان چيو؛ ”مان احمد جي ماءُِ آهيان. ڇوڪري پسند ڪرڻ منهنجو ڪم آهي.“
    ”تون ڪير ٿيندي آهين پسند ڪرڻ واري؟ ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
    ”ڇوڪري پسند ڪرڻ عورتن جو ڪم آهي، توهان عورتن جي معاملي ۾ نه پئو.“
    ”اڄ جي شادي بزنس آهي. بزنس ۾ عورتن کي دخل ڏيڻ نه گهرجي.“
    ”توهان عورتن جي توهين ڪري رهيا آهيو.“
    ”ڪراڙي، بي عقل...“
    ”خبردار جو مون کي ڪراڙي سڏيو اٿو.“
    ”بيوقوف ناهين ته ٻيو ڇاهين؟ وساري ڇڏيو اٿئي ته انيتا کي شاديءَ ۾ اسي هزار ڪيش، هڪ ڪار ڏني هئي سين؟“
    انيتا منهنجي ڀيڻ آهي. بيحد ذهين ۽ حاضر جواب آهي. آمريڪا وڃڻ کان اڳ انڪساريءَ کان ڪم وٺندي هئي. هڪ دفعو بابا کيس سمجهائيندي چيو هو:
    ”اسان سنڌي آهيون. ترقيءَ طرف قدم کنيو اٿئون. اسان کي پاڻ جهڙن سان ڪلهو هڻڻو آهي.“
    ”سڀ انسان هڪ جهڙا آهن. دولت انسانن جي وچ ۾ ديوار ٿي نه سگهندي.“ هن جواب ڏنو هو.
    ان اعتراض جو جواب امان ڏنو هئس: ”سڀ انسان گهوڙا هجن ها، ته گڏهن جو ڪم ڪير ڪري ها؟“
    ”ڪجهه به هجي، مان بهادر خان جهڙي شرابيءَ جي زال ٿيڻ تي موت کي ترجيح ڏيان ٿي.“ انيتا هڪ ڏينهن انقلابي فيصلو ڪيو هو: ”مان رشيد سان شادي ڪنديس. هو غريب آهي، مسڪين آهي. ڏينهن جي نوڪري اٿس، رات جو ڪاليج ۾ پڙهندو آهي.“
    اسان سڀني تي بم ڪري پيو. بابا، جنهن جتن ڪري دولت جمع ڪئي آهي. تنهنجي منهن جو پنو لهي ويو. امان کي ناموس جو فڪر رهندو آهي. سا فڪرمند ٿي ويئي هئي.
    پر انيتا، جڏهن نوجوانن جي مٽاسٽا واري پروگرام ۾ هڪ سال لاءِ آمريڪا مان ٿي آئي، تڏهن سندس خيال به مٽجي ويا. اچڻ شرط رشيد کي ٽيليفون کڙڪائي هئائين:
    ”رشيد، تون منهنجي لاءِ Unfit آهين.“
    هن ڪجهه وراڻيو هو، جنهن تي انيتا جواب ڏنو هئس:
    ”منهنجو اعتقاد راڪيٽن جي رفتار ۾ آهي. تون سڙهه بنا ٻيڙي آهين.“
    ڪجهه عرصي کان پوءِ بابا اسي هزار رپيا ڪيش ۽ موٽر ڏيئي انيتا جي شادي ساڳي زميندار سان ڪرائي هئي. انيتا بيحد مسرور هئي. هن پنهنجي ساهيڙين کي شاديءَ رات هڪ فلمي راڳ به ٻڌايو هو. پر جڏهن کان انيتا جي شادي ٿي آهي، بابا ڏاج جي ڏنل دولت هٿ ڪرڻ لاءِ مون کي اهڙين نظرن سان ڏسندو آهي، ڄڻ ته مان سندس پٽ نه، بلڪ بونس وائوچر آهيان.
    چيائين: ”جيڪي ڪجهه انيتا کي ڏنو اٿم، تنهن کان وڌيڪ وٺندس.“
    مون احتجاج ڪيو: ”توهان مون کي وڪڻي رهيا آهيو.“
    ”بيوقوف. اڄ جي انسان جو خدا کان وڌيڪ دولت ۾ اعتقاد آهي.“
    امان چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس.“
    ”تو کي ٽي هزار ٽي سئو ٽي دفعا چيو اٿم ته تون واپاري معاملن ۾ دخل نه ڏيندي ڪر.“
    ”مون کي پنهنجي پٽ جي زال ڳولهڻ جو به حق ڪونهي؟“
    ”ڪونهي،“ بابا گجگوڙ ڪئي.
    ”مان اها ڳالهه ايل. پي. اي جي هنگامي اجلاس ۾ پيش ڪنديس.“
    ”مون رڙ ڪئي خدارا منهنجي به ته ٻڌو.“
    ”مان تنهنجو پيءُِ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
    ”مان تنهنجي ماءُ آهيان. ڇوڪري مان پسند ڪندس.“
    ”توکي ٽي هزار ٽي سئو ...“
    ”توهان ماٺ ڪيو“ امان چيو: ”پٽ تنهنجي شادي مان ڪرائينديس. ڇوڪري ايم. اي. آهي. يورپ جو سفر ڪيو اٿائين. عورتن جي ازدواجي ۽ سماجي مسئلن تي بهترين تقريرون ڪري سگهندي آهي.“
    ”تقريرون!“ مون ذري گهٽ روئيندي چيو.
    ”نه پٽ، توکي ليڊر نه، زال يعني گهر واري گهرجي.“ بابا همدردي ڪئي.
    ”مون کي ڪجهه به نه گهرجي.“
    ”سيٺ نوروءَ جي ڌيءَ.... “
    ”نه نه.“
    ”هوءَ ايم. اي. آهي ۽ .... “
    ”مان شادي نه ڪندس.“
    ”ڇا؟“ امان ۽ بابا گڏجي رڙ ڪئي.
    ”مان ڪنوارو رهندس.“
    ”تون پاڳل آهين، Crack آهين.“
    ڪرسيءَ تان ٿي ڊوڙ پاتم ۽ تير وانگر ڪمري مان ٻاهر نڪري ويس.

    1965


    انــدرا

    اندرا اڄ پورن اٺن سالن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جي اسٽيشن تي بيٺو آهيان. اندرا! ڇا هيءَ ساڳي اسٽيشن آهي جنهن تي تو مون کي جنگ تان موٽڻ بعد گلن جا هار وڌا هئا؟ نه، نه. يقينن هيءَ ساڳي اسٽيشن نه آهي. ان وقت سورج ديوتا توکي پنهنجي سونهري چادر ۾ لپيٽي حسن ۽ محبت جي ديوي ڪري منهنجي سامهون آندو هو. هينئر ته هت گهگهه اوندهه آهي. پر، هيءُِ پپر جو وڻ ته ساڳيو آهي، ۽ هيءُ فانوس ٽنگڻ جو ڪلو به ته اڃان اتي لڳل آهي. ها، هيءَ ته ساڳي اسٽيشن آهي. پر اندرا، تون اڄ ڪٿي آهين؟ اڄ تون مون کي اسٽيشن تي ملڻ به نه آئينءَ؟ شايد هن وقت تون بي خبريءَ جي هنج ۾ الوٽ آهين. اڄ مان پاڻ تنهنجي اڳيان سر ٽيڪڻ ايندس پر اسٽيشن جو بابو ڪٿي آهي! مون کان ٽڪيٽ ڪير وٺندو؟ شايد هو سمهيو پيو آهي! ها، هن کي سمهڻ ئي گهرجي. هن وقت رات جا چار وڳا آهن. هن مهل ڪير جاڳندو هوندو؟
    اُف، ڪهڙي نه سخت ٿڌ آهي. پارو ڄمي ويو آهي. اسٽيشن تي هوا ڪجهه گهٽ هئي پر ڳوٺ ڏانهن ويندڙ سڙڪ تي هوا شايد منهنجو انتظار ڪري رهي آهي. هيءَ سڙڪ اڳي کان ڪجهه بهتر پئي لڳي. شايد پاڪستان سرڪار جي مهرباني آهي! پر، هي ڪتو ڇو روئي رهيو آهي؟ هن کي ته کلڻ گهرجي. هن کي ڪهڙي خبر ته مان پنهنجي دل جي ديويءَ جا درشن ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو آهيان. منهنجي من جي مها راڻي! ديوي! منهنجي ساهه جو سرور، اندرا. منهنجو جيءُ جيئاريندڙ اندرا، منهنجي اندر جي اندرا، مان اچي رهيو آهيان. مان اچي رهيو آهيان. اميدن جا ڏيئا ٻارڻ، تنهنجي اڳيان سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ لاءِ، تو تان سڀ ڪجهه نڇاور ڪرڻ لاءِ مان اچي رهيو آهيان.
    هي پيچرو شايد منهنجي ڳوٺ جو آهي. شايد ڇو! سچ پچ منهنجي ڳوٺ جوئي آهي. اوهو. هن پيچري تي ڪيترا نه ڪنڊا آهن. منهنجو چمپل به ته پوين پساهن ۾ آهي. ويچارو ڪيئن ڪنڊن سان ڪڇندو.
    ڪُڪُڙَ ٻانگ ڇو ڏيئي رهيا آهن؟ ڇا سونهاري سج جي سواري اچي رهي آهي؟ يقينن هو اچي رهيو آهي ۽ پوءِ، هي بيوه جي ڏيئي جيان ٽيڪندڙ تارا موڪلائي ويندا. هي جهان به ته هڪ مسافر خانو آهي. جنهن ۾ هڪڙا اچن پيا ۽ ٻيا وڃن پيا. سج جا ڪرڻا ڪهڙا نه موهيندڙ آهن. ڪاش! ڪنهن بيوس جو بخت به هڪوار سونهاري سج جيان روشن ٿئي.
    هن گهٽيءَ ۾ اڳ ڏاڍي رونق هوندي هئي. پر هينئر صرف هي ٻه مهاڻا سامهون اچي رهيا آهن. اٺن سالن ۾ ايترو فرق! ۽ سڀ جايون به ته سڪرات ۾ پيون آهن. هون! هن کوهه جو پاڻي به ته خراب ٿي ويو آهي. هي بڙ جو وڻ به ته سڪي ويو آهي. اندرا، هيءُ ساڳيو وڻ آهي جنهن تي پاڻ ٻئي پينگهه لڏندا هئاسون. تون سانوڻ جا ڳيچ ڳائيندي هئينءَ ۽ مان جهومندو هوس. اندرا مان تو کان اُهي گهڙيون وٺڻ اچي رهيو آهيان. مان تنهنجي ياد تازي ڪندس. هيءُ اسڪول به ته اجڙي ويو آهي! اندرا، هن اسڪول ۾ تو ۽ مون ڪيئي سال گڏ پڙهيو آهي. ماستر صاحب جڏهن منهنجي هٿ تي بيد جي لڪڻ جي بارش ڪندو هو، تڏهن تنهنجي نرگس نيڻن ۾ پاڻي اچي ويندو هو، ۽ ڪڏهن ته تنهنجين اکين مان نار وهي نڪرندا هئا ۽ مان بيقرار ٿي ويندو هوس. ۽ جڏهن موڪل ملندي هئي تڏهن تون منهنجا مضبوط هٿ پنهنجن نازڪ هٿن ۾ کڻي ڏسندي هئين. ۽ آلين اکين سان مون تي هڪ نظر وجهي خاموش ٿي ويندي هئينءَ. ٻئي ڏينهن باغ ۾ ويهاري ۽ سبق ياد ڪرائي پوءِ اسڪول وٺي ويندي هئين. اندرا اهي سهڻا سمان گذري ويا ۽ هينئر ٻئي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهنداسين. اندرا، مان توکي وٺڻ آيو آهيان، اندرا، تنهنجو پريمي تنهنجي پوڄا ڪرڻ آيو آهي. اندرا، هيءُ ساڳيو واهه آهي جنهن جي ڪپ تي تون ۽ مان چانڊوڪين راتين ۾ سير ڪندا هئاسين ۽ هڪ رات مون توکي سير ڪندي چيو هو. ”اندرا منهنجا ٻه ڀڳوان آهن. هڪ مون کي پيدا ڪيو ۽ ٻيو مون کي جياري رهيو آهي.“
    ڪجهه، دير تون، منهنجو منهن حيرت وچان تڪيندي رهي هئين، ۽ پوءِ تو چيو هو، ”پريمي، اهي ڳالهيون پاپ آهن. اسان جو ڀڳوان هڪ آهي.“
    مون ٽهڪ ڏنو هو ۽ چيو هو، ”اندرا، جنهن ڀڳوان مون کي پيدا ڪيو آهي، ان کي مان ڏسي نٿو سگهان، پر، جيڪو ڀڳوان مون کي جياري رهيو آهي، تنهن کي ڏسي سگهان ٿو.“
    ”پريمي تون جيارڻ واري ڀڳوان کي ڏسي سگهين ٿو؟“
    ”ها اندرا! مان کيس ڏسي سگهان ٿو. هو منهنجي تمام ويجهو آهي.“
    مون تنهنجي حيرت ۾ اضافو ڪيو ۽ تو هيڏانهن مون ڏانهن نهاريندي پڇيو، ”پريمي! ڪٿي آهي تنهنجو ٻيو ڀڳوان؟“
    ”اندرا! منهنجو ٻيو ڀڳوان تون آهين.“
    ۽ تون شرمائجي وئينءَ ۽ تنهنجي نازڪ ڳلن تي حيا جي ڳاڙهاڻ اچي وئي هئي ۽ تو آهستي مشڪندي چيو هو، ”ديوانا“. اندرا! تنهنجو ديوانو اڄ اچي رهيو آهي. تنهنجو پتنگ اڄ اچي رهيو آهي. مان ديوانو آهيان. تنهنجي محبت ۾ ٿيل ديوانو، مون اٺ سال اٺ صديون سمجهي گذاريا آهن. مان غريب مسڪين مسلمان، ڇورو ڇنو هيس ۽ تنهنجي پيءُِ مون کي پنهنجي اجهي ۾ کنيو. هن مون کي پڙهايو. هن جي محبت مون کي فرش کان عرش تي پهچايو. آخر مان بمبئي يونيورسٽي مان ڊگري وٺي آيس. ان ڏينهن تنهنجي خوشي جي ڪابه انتها نه هئي. تون پنهنجين سهيلين کي ٽڙندڙ مُک سان ٻڌائي رهي هئينءَ، ”پريمي ڊگري وٺي آيو آهي.“
    پر مان پنهنجن خيالن ۾ گم هوس. مون توکي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو. پر اسان جي وچ ۾ سماج جي ڀت ۽ مذهب جو پهاڙ هو، پر مون توکي ٻڌايو هيو، ”اندرا! مان هي سماجي ٻنڌڻ ٽوڙيندس. منهنجو ڪوبه مذهب ڪونه آهي ۽ نڪو تنهنجو ئي ڪو آهي. پاڻ صرف پيدا ڪرڻ ۽ مارڻ واري جا بندا آهيون. سماج جا نه! مان تو منجهه سمائجي ويندس، ۽ پنهنجي وجود کي فنا ڪري ڇڏيندس.“
    هڪ ڏينهن اسان جي ڳوٺ ۾ انگريز مائي باپ آيا ڇونه اچن. آخر هنن جي ئي ته حڪومت هئي. ۽ ڳوٺ جي جوانن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جي تربيت ڏيڻ لڳا. ٻين کي ڏسندي مون به پنهنجو نالو ڏنو ۽ توکي دلاسا ڏيندي ته جنگ ۾ ڪوبه خطرو نه آهي ۽ مان مهيني کن ۾ موٽي ايندس، هنن سان هليو ويس. مون کي هت پنهنجي ڊگري ڪم آئي ۽ هنن مون کي هڪ جٿي جو نائب ڪپتان ڪري رکيو. اسان کي سخت محنت ڪرائي ويندي هئي. اسان جي تربيت شروع ٿي چڪي هئي. مهينو گذري ويو، مون کي تنهنجو خيال ستائڻ لڳو. سڄي ڏينهن جي سخت محنت کان پوءِ ٻيا سڀ جڏهن الوٽ هوندا هئا، تڏهن مان تنهنجي جدائي ۾ هنجون هاريندو هوس. ويهه ڏينهن ٻيا به گذري ويا. هڪ رات جنگ جي منحوس خبر ريڊئي تان نشر ٿي ۽ نار آبشار وانگي اُٿلي پيا. اسان کي هڪدم موڪل ڏني ويئي ته اسان پنهنجن گهرن مان ٿي اچون. ۽ ٻئي ڏينهن مان تنهنجي اڳيان فوجي ڊريس ۾ بيٺو هوس ۽ تو مون کي آبدار اکين سان ڏسي هڪدم منهنجي سيني تي سر رکي سڏڪا ڀرڻ شروع ڪيا. مون توکي دلداري ڏيندي چيو هو، ”اندرا! تون منهنجي جيءَ جو جيارو زنده آهين ته پوءِ مان مري نٿو سگهان.“
    ”پريمي مان توکانسواءِ جالي نه سگهندس!“
    ”چري!“ مون تنهنجا ڳوڙها پنهنجي رومال سان اگهيا هئا ۽ چيو هو، ”مان جلد موٽي ايندس.“
    تون پنهنجي پيءَُ کي ڏسي ڊوڙي وڃي هن جي سيني سان لڳينءَ ۽ سڏڪا ڀريندي چيو هيئه ”دادا! ... هن کي روڪيو.“
    ۽ دادا جي اکين ۾ به پاڻي ڀرجي آيو هو، پر ضبط ڪري هن چيو هو ”پٽ! هيءُ ديس جي شيوا ڪرڻ وڃي رهيو آهي.“
    توهان ٻئي مون کي اسٽيشن تائين ڇڏڻ آيا هئا. گاڏي آئي، ۽ مان دادا سان ڀاڪر پائي مليس. هن جي اکين مان به لڙڪ وهي نڪتا ۽ مون پاڻ تي ضبط ڪندي چيو هو، ”دادا! مان جلد موٽندس.“
    ۽ جڏهن مان تنهنجي ويجهو آيس. تڏهن تون هڪدم ڊوڙي اچي منهنجي سيني سان لڳينءَ. ”پريمي! مان مري ويندس.“
    تنهنجي انهن اکرن منهنجي نيڻن جي نار جا بند کولي ڇڏيا. مون توکي پنهنجي مضبوط سيني سان لڳايو، تو وري چيو هو، ”پريمي! مان تنهنجو انتظار ڪندس.“
    منهنجي ڳوڙهن جي رفتار ۾ واڌ اچي وئي. اسان کي ان حال ۾ پسي سڀ هڪ ٻئي جو منهن تڪي رهيا هئا ۽ دادا حيران هو، ڄڻ کيس ڪجهه سمجهه ۾ نه پئي آيو. گاڏيءَ سيٽي وڄائي ۽ ... ۽ مون توکي، آهستي پنهنجي سيني کان الڳ ڪيو. ۽ رائيفل ڪلهي تي اٽڪائي تڪڙو تڪڙو وڃي گاڏي ۾ ويٺس. مان توکان دور هليو ويس. دور ... تمام دور فرانس .... ۽ جرمنيءَ جي ميدانن ڏانهن. مون کي پڪ هئي ته مان نه مرندس. ڇوجو منهنجو جيارڻ وارو ڀڳوان اڃان زنده هو. مان لڙيس ۽ بي جگريءَ سان لڙيس. هڪ ڏينهن اسين پيش قدمي ڪري رهيا هئاسين ته دشمن جي هوائي جهازن اسان تي حملو ڪيو، اسان جون ٽئنڪون تباهه ٿي ويون. اسان جون موٽرون، جيپون گم ٿي ويون. چئن سالن جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو مون موت جي اوندهي گهر ڏانهن وک وڌائي. پر جڏهن منهنجي اک کلي ته پنهنجي ڀرسان هڪ نرس کي بيٺل ڏٺم. هوءَ مشڪي رهي هئي. مون اٿڻ جي ڪوشش ڪندي پڇيو، ”نرس! منهنجي رائيفل...“
    هن مون کي سمهاريندي چيو، ”توهين زخمي آهيو.. ۽“
    ”۽ ڇا؟“
    ”جرمن هارايو آهي. جنگ ختم ٿي آهي.“ نرس مون کي ليٽائيندي چيو، ”توهان کي هفتي کان پوءِ گهر وڃڻ جي موڪل ملندي.“
    مان حسرت ڀرين نظرن سان پنهنجي پٽين ٻڌل ٻانهن کي ڏسڻ لڳس. ڪاش! اهو زخم نه هجي ها! ڪاش!
    ڊاڪٽر اهڙي ايجاد ڪن ها جو اهو زخم ڪلاڪن ۾ نه، منٽن ۾ نه بلڪه سيڪنڊن ۾ ڀرجي وڃي ها، ۽ مان، ۽ مان تو وٽ اُڏامي اچان.
    مون نرس کي چيو ته هوءَ توکي خط لکي. ۽ پوءِ جڏهن مان اسٽيشن تي پهتس ته تون پرڀرو هڪ بئنچ جي ڀر ۾ بيٺي هئينءَ، ۽ دادا هڪ هڪ گاڏو ڏسي رهيو هو. هن مون کي ڏٺو پر سڃاتو ڪين. ڇو جو منهنجي مٿي ۽ نراڙ تي پٽيون ٻڌل هيون ۽ هڪ ٻانهن به زخمي هئي. مان چپ چاپ گاڏيءَ مان لٿس ۽ تنهنجي سامهون اچي بيهي رهيس. ڪجهه دير تو مون ڏانهن ڏٺو. تنهنجي اکين مون کي سڃاڻڻ لاءِ ڪجهه مهلت ٿي گهري. تنهنجيءَ دل شايد هڪدم چيو، ”اهو ئي ته آهي منهنجو پريمي! ديوانو!“
    تون اٿي بيٺينءَ، ۽ مون ٻانهون کوليون. تون ڊوڙي اچي منهنجي ڇاتي سان لڳينءَ. تنهنجي نيڻن جا نار وهي نڪتا. زخمي ٻانهن منهنجي ڳلي سان لڙڪيل هئي. مون ٻئي هٿ سان تنهنجو منهن مٿي ڪيو. ”اندرا! مان اچي ويس نه!“
    ”پريمي!“ خوشي وچان تون وڌيڪ ڪجهه ٻولي ڪين سگهينءَ.
    ”اندرا! مان تنهنجي لاءِ جيئرو رهيس.“
    ايتري ۾ دادا آيو ۽ مان هن سان مليس. ”گل ڪٿي آهن؟“ دادا پڇيو.
    تو منهنجي ڳچيءَ ۾ گلن جا هار وڌا جن جي سرهاڻ مان هينئر به محسوس ڪري رهيو آهيان. هڪوار وري اسان جي دنيا ۾ خوشيءَ جا ڳيچ هئا. پر، اها بهار جي مند به ٻن ڏينهن جي هئي. قسمت کي ڪجهه ٻيو منظور هو، اندرا! آخر اهو ڏينهن اچي ويو جنهن ڏينهن لاءِ ... مهاتما گانڌي وِرت رکيا، جيل ڪاٽيا.
    اندرا، تون ان ڏينهن ڪيتري نه خوش نظر اچي رهي هئينءَ. تو آزادي جا ڏيئا روشن ڪيا. خوشيءَ جا ڳيچ ڳايا. پر توکي ڪهڙي خبر ته آزاديءَ جو ٻج معصومن ۽ بي گناهن جي رت سان پوکيو ويندو. تو پڇيو هو، ”پريمي! هينئر ته اسان آزاد آهيون. هينئر ته اسان کي ڪنهن جي غلامي ڪڍڻي ڪانه پوندي؟“
    ”اندرا، اسين اڃا به غلام آهيون، غلام آهيون هن پاڙن کاڌل سماج جا.“
    تون منهنجون ڳالهيون ٻڌي ٽهڪ ڏنو هو ۽ چيو هو، ”ديوانا“
    ٻئي ڏينهن صبح جو اسان جي گهر جو در کڙڪيو، ۽ مون تنهنجي دل ڏاريندڙ چيخ ٻڌي. مان پيرين اگهاڙو ٻاهر نڪري آيس. منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن مون پرئي مڙس جي پٽ ۽ سندس ساٿي جي هٿ ۾ خنجر ڏٺا. هو توکي ڌمڪائي رهيا هئا. مان هڪدم اندر ڪمري ۾ گهڙي آيس. ٻي مهل جڏهن ٻاهر آيس ته منهنجي هٿ ۾ اها رائيفل هئي جنهن سان مون سوين نازي جهنم ڏانهن رمندا ڪيا هئا.
    هينئر به ٻه ڏسڻا وائسڻا بدمعاش منهنجي سامهون بيٺا هئا. مون ڪجهه ڪڇڻ کانسواءِ رائيفل جو گهوڙو دٻايو. هو ٻئي اسان جي اڱڻ ۾ لڇڻ لڳا. توتي خوف جو غلبو ٿي ويو. ”پريمي تو هي ڇا ڪيو.“
    ”اندرا، اها انهن جي سزا هئي.“
    ويرم بعد شهر ۾ اها ڳالهه هُلي ويئي ته مون دلاور جو خون ڪيو هو. شام جو مان پوليس جي حراست هيٺ هوس. تنهنجي اکين مان آب جاري هو. مون چيو هو، ”اندرا مان حق تي آهيان، ۽ هميشه سچ جي ئي فتح ٿيندي آهي.“
    دادا مون کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ وسان ڪين گهٽايو. مون تي ڪيس هليو. تون هر شنوائيءَ تي ڪورٽ ۾ ايندي هئينءَ، تنهنجي منهن تي ڏک جا پاڇولا پڌرا هوندا هئا. تنهنجي نرم ۽ نازڪ ٻانهن ۾ چوڙيون به ڪونه هونديون هيون. جڏهن ڪيس جي شنوائي هلي ته منهنجون فوجي خدمتون نظر انداز نه ڪيون ويون. مون کي ڏهه سال سخت پورهئي سان سزا ملي. ۽ تنهنجي مٿان غم جو پهاڙ ڪري پيو. اندرا، جيل وڃڻ کان اڳ مون توسان آخري ملاقات ڪئي هئي ۽ تنهنجا آخري جملا اڃا تائين منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن. ”پريمي! تو دنيا جا ٻنڌڻ ٽوڙڻ ٿي چاهيا. پر دنيا هر دفعي توکي پنهنجي لوهي چنبي ۾ قابو ڪري ورتو، تو مون کي حاصل ڪرڻ چاهيو پر دنيا پاڻ ٻنهي کي جدا ڪري ڇڏيو. اسان جا خواب اڌورا رهجي ويا. منهنجو اميدن جو باغ برباد ٿي ويو. پريمي تنهنجي ڀڳوان کي توکان جدا ڪيو پيو وڃي. پر تون ڪوبه افسوس نه ڪر. اسان جا روح مليا پيا آهن. قالب نه مليا ته ڇا ٿيو! پريمي مان تنهنجو انتظار ڪندس ... مان تنهنجو ... انتظار ...“
    تون سڏڪا ڀرڻ لڳينءَ. توکي ڳوڙها ڳاڙيندي ڏسي مان بي قرار ٿي ويس. مون پنهنجو مٿو لوهه جي شيخن سان ٽڪرائڻ ٿي گهريو، پر مان مجبور هوس. مون توکي دلداري ڏني هئي، ”اندرا! هي ڏهه سال اکٻوٽ ۾ گذري ويندا. اندرا مون جڏهن پهريون ڀيرو توکي حاصل ڪرڻ ٿي چاهيو ته سماج جي بيڪار ڀت اسان جي وچ ۾ آئي. ٻيو دفعو مون جڏهن توکي حاصل ڪرڻ ٿي گهريو تڏهن تقدير مون کي جنگ جا ميدان ڏيکاريا، ۽ مان اتان به بچي آيس. مون موت کي شڪست ڏني! ها موت کي! ان موت کي جو ٻار کي يتيم ڪري ٿو، ڀيڻ کان ڀاءُِ ڦري ٿو، پيءَُ کان پٽ کسي ٿو، پر تنهنجي پريميءَ کي تو کان جدا ڪري نه سگهيو. اندرا، مون توکي وري حاصل ڪرڻ گهريو ... ۽ پوءِ ڇا ٿيو؟ اهو تنهنجي اڳيان آهي. اندرا! تون منهنجو انتظار ڪجانءِ.“
    گڏجاڻيءَ جو وقت ختم ٿيو ۽ تون مون کان جدا ڪيئي وئين. ۽ تنهنجي هلڪي چيخ هوا ۾ گونججي ويئي.
    اندرا مون جيل ۾ پهرن جا پهر جنڊ هلايو آهي. جڏهن منهنجي هٿن ۾ لڦون پئجي وينديون هيون تڏهن مان تنهنجي ياد ۾ بيقرار ٿي ويندو هوس. ڪاش! تون مون کي ان حالت ۾ ڏسين ها! جڏهن ڏينهن جي سخت محنت بعد سڀ قيدي پنهنجي اونداهين ڪوٺين ۾ گهڙندا هئا ۽ پوءِ بيخبر ٿي سمهي رهندا هئا، ڄڻ دنيا سان سڀ ناتا ٽوڙي ڇڏيندا هئا. تڏهن مان تنهنجي ياد ۾ پيو لڇندو پچندو هوس.
    اندرا مون کي ٻه سال معافي ملي آهي. ها ٻه سال مون تي احسان ڪيو ويو آهي! مون شايد ڪنهن فرشتي جو خون ڪيو هو. دلاور واچوڙو بنجي منهنجي ٻرندڙ ڏيئي کي وسائڻ آيو هو. منهنجي ڀڳوان کي ختم ڪرڻ آيو هو. پر کيس ڪهڙي خبر ته ڀڳوان جو پوڄاري اڃا زنده آهي. مون هن کي موت جي اونداهي غار ۾ اڇلي ڇڏيو. هاڻ هو اسان کي ستائي نه سگهندو. ڪنهن جي به ڀڳوان کي ڇهي نه سگهندو. اندرا توکي ياد آهي، ته دلاور مون کي ڇا چوندو هو؟ چوندو هو، اندرا هندو ۽ تون مسلمان آهين. توهان جي محبت اجائي آهي!“
    ڪاش! هو بيوقوف انسان زنده هجي ها ته مان کيس ٻڌايان ها ته منهنجو ڪوبه مذهب نه آهي، ۽ نه ئي اندرا ڪنهن مذهب جي پوڄارڻ آهي. اسين ته انسان آهيون ... صرف انسان فقط انسان. اندرا کي منهنجي لاءِ ۽ مون کي اندرا لاءِ پيدا ڪيو ويو آهي. اندرا، تون منهنجي آهين، منهنجو روح، منهنجي جان آهين. منهنجي اندرا، دنيا مون کي ديوانو سڏي ٿي. چوڌري چوي پيو، تنهنجي اندرا مري ويئي! چريو! بي عقل! کيس ڪهڙي خبر ته ڀڳوان ڪڏهن به نه مرندو آهي! اندرا، تون به ڪڏهن نه مرندئينءَ ... منهنجي محبت جي گرمي توکي هميشه زنده رکندي، ها هميشه لاءِ.
    اندرا! اندرا، هي مان ڇا ڏسي رهيو آهيان؟ اسان جي گهر جا کنڊر، جتي تو ۽ مون پنهنجو ننڍپڻ گذاريو آهي. مان ته توسان ملڻ آيو هوس. اندرا، مان توکي پنهنجي بنائڻ آيو هيس. مان سماج کي شڪست ڏيڻ آيو آهيان. تون منهنجي مدد ڪر. اندرا، ڇا سچ پچ تون مري؟ نه .... نه، ڪڏهن به نه. منهنجي محبت اڃان زنده آهي. اندرا، ڇا تون قسمت جي رڻ پٽ ۾ رلي ويئينءَ؟ اندرا! اندرا! پنهنجي پتنگ کي جواب ڏي. اندرا، اندرا مان موٽي آيو آهيان. تنهنجو پريمي! ڏس منهنجي قميص به ڦاٽي پئي آهي. تون ٽوپو به نه ڏيئي ڏيندينءِ؟ اندرا، منهنجا پريشان وارا ڏس. منهنجي اکين جي چوگرد ڪهڙا نه دردناڪ حلقا پئجي ويا آهن. ڇا اڄ منهنجي حالت تي ڪوبه رحم نه کائيندو؟ اندرا، خدا جي واسطي منهنجي مسڪين حالت تي رحم کاءُ اندرا! ڇا سچ پچ تون موت جي اونداهين غار ۾ ڀٽڪي رهي آهين؟ اندرا! پياري اندرا! منهنجي مٺڙي اندرا! جي اهو سچ آهي. ته پوءِ مان موت جي پُٺ وٺندس. دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ هن جي ڳولا ڪندس. اندرا! جي مان ان ۾ به ڪامياب نه ٿيس ته پوءِ مان توکي سمنڊ ۾ ۽ آسمانن تي تلاش ڪندس. اندرا، مان تنهنجي محبت ۾ ديوانو ٿي ويندس. مان چريو آهيان، مان ديوانو آهيان، اندرا ... اڄ کان پوءِ ماڻهو مون کي تنهنجو مجنون سڏيندا.

    1955


    آتم ڪٿا

    منهنجي سوچ، سمجهه، اعتبارن ۽ آگاهيءَ جي پائدار پيڙهه جو پهريون پٿر رتن تلاءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ ۾ پيو هو. ابتر حالتن هٿان گذريل پنجهٺ سالن ۾ رتن تلاءُ اسڪول پنهنجي سونهن سوڀيا وڃائي ويٺو آهي. منهنجي لاءِ ڪرشمي کان گهٽ ناهي جو تنگ نظر ۽ تعصبي معاشري ۾ رتن تلاءُ اسڪول جو مونوگرام ٻاهرين اتاهين ڀت تي اُڀريل Emboss ۾ ٽه رنگي ٻن جهنڊن ۽ وچ ۾ مهاتما گانڌيءَ جو چرخو اڄ به موجود آهي. روزانو، 1942 کان 1946 تائين، انگريزن جو جهنڊو نه، پر ٽه رنگو جهنڊو چاڙهي، رابندر ناٿ ٽيگور جو ترانو، جن من گن، ۽ اقبال جو ترانو، سارے جہاں سے اچھا ھندوستان ہمارا ڳائي ڏينهن جو آغاز ڪيو ويندو هو. تڏهن هڪ ننڍڙي ذهن کي تعصبن کان مڪتي ملي رهي هئي.
    امر جليل


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 518
    ڪتابن جو مشاهدو: 515356
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 205433
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ