ڪتاب جو نالو: تتل سج هيٺان
مصنف: محب ڀيل
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: ڪالم / مضمون
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 10 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 8615 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 311 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”تتل سج هيٺان“ نوجوان ليکڪ محب ڀيل جي جي خوبصورت ۽ وقتائتن مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. هن نوجوان مختصر عرصي ۾ اخباري ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. انقلابي خيالن جي هن نوجوان قلمڪار هر موضوع تي لکڻ جو شاندار ڏانءُ آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جو هي قلمي پورهيو ”تتل سج هيٺان“ اُميد ته پسند ڪيو ويندو.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • ارپنا
  • اداري پاران
  • (مهاڳ) : ڌرتيءَ جي عشق مان اُڀريل دراوڙ احساس
  • محب ڀيل، پورهيتن جو ليکڪ
  • ليکڪ پاران
  • پاڻ آهيون ڪٿي...؟
  • ڀوپا ڪلچر ۾ ڦاٿل اسان جو سماج
  • دنيا جو اصل مسئلو “بُک” آهي.؟
  • سنڌ جي ماڻهن ۾ “پنڻ” جي نفسيات جو وڌندر رجحان ڪنهن تاريخي الميي کان گھٽ ناهي
  • جديد ٽيڪنالوجي جو ڪمال ئي پورهيتن جو ذوال ۽ استحصال ثابت ٿئي پيو.
  • ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون ۽ جواب طلب سوال؟
  • ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ، زندگي ۽ موت جو گڏيل سامان بڻيل ٿر جا کوهه
  • سو ديس مسافر منهنجو ڙي
  • فطرت سان هٿ چراند ڪير ڪري ٿو؟
  • ٿر جا مسئلا، ڪارو ڏڪار ۽ لابارو ڪندڙ ٿري لاهيارن جا درد
  • اڌ بٽئي تحريڪ، مائي بختاور ۽ هاري تحريڪ ماضي، حال ۽ مستقبل
  • ناقص حڪمت عملي ۽ سنڌ کي تباهه ڪندڙ قاتل منصوبا
  • امن کي ڏنل باهه ڪير اُجھائيندو؟
  • ڀارتي جارحيت ڪٿي دنگ ڪندي؟
  • سنڌ کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا بندوست ڪيا ويا آهن؟
  • عوام آزاريندڙ وي آئي پي ڪلچر
  • ڳالهه هي آهي ته
  • مسئلو اهيو آهي ته ڪو “مسئلو” ناهي
  • ملڪ جون بدلجندڙ سياسي روايتون
  • مزدور : آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا
  • ميلي ۾ مزو نه آهي
  • هاڻ ڪجھه ڪجي؟
  • هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن
  • ويا مور مري
  • تعليم جي تباهي
  • آ رت ۾ خوشبوءُ مهندي جي
  • ڳالهين جو ڳِر
  • چونڊن ۾ قومپرستن جي هارجڻ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟
  • بُحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيل بُحران
  • تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا
  • اڃان ته رڻ گجي
  • مان به خريديان ها کڻي، پر خوشي بازار جو سودو نه هئي

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (270) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”تتل سج هيٺان“ نوجوان ليکڪ محب ڀيل جي جي خوبصورت ۽ وقتائتن مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. هن نوجوان مختصر عرصي ۾ اخباري ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. انقلابي خيالن جي هن نوجوان قلمڪار هر موضوع تي لکڻ جو شاندار ڏانءُ آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جو هي قلمي پورهيو ”تتل سج هيٺان“ اُميد ته پسند ڪيو ويندو.

    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا محترم پياري شيواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    آئون هي قلمي پورهيو منهنجي محبوب قائد محترم رسول بخش پليجو صاحب جي نانءَ ڪيان ٿو،
    جنهن پنهنجي زندگي جا حسين لمحا فقط سنڌ خاطر ڪوٽ لکپت سميت ملڪ جي بدنام زمانه جيلن جي سلاخن پويان گھاريا پر وڪيو ۽ جھڪيو ڪونه،
    ۽
    شهيد شاهه عنايت، ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، ڪارل مارڪس، ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر،
    جن هن سماج کي بدلائڻ لاءِ جدوجھد جا نوان عملي گس ڏنا.
    ”منوسمرتائي“ مدي خارج سماج جي ڏنگيل ڪروڙين مظلوم انسانن جي نانءَ ڪريان ٿو جن کي اڇوت قرار ڏيئي نفرتون آڇي، ڌرتيءَ تنگ ڪري خانه بدوش ۽ نڌڻڪو بڻايو ويو جن کان پنهنجي ڌرتيءَ جي وارثي به کسجي وئي. امر روپلي ڪولهي سميت ڌرتي لاءِ وڙهندي شهيد ٿيندڙ سمورن شهيدن جي نالي ڪيان ٿو.


    اداري پاران

    اهو اتساھ اسان لاءِ ڪافي آهي ته اهل علم ۽ ادب دوست اسان تي ويساھ رکي پنهنجيون ڪاوشون اسان جي اداري کي ڏين پيا، اسان انهن ڪتابن جي ڇپائي کي سهڻائي ڏيڻ ۾ هرممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون. سامروٽي پبليڪيشن جو هي ٽيون نمبر ڪتاب “تتل سج هيٺان” اوهان جي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب اسان جي نوجوان ليکڪ محب ڀيل جي خوبصورت ۽ وقتائتن مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل آهي. هن نوجوان مختصر عرصي ۾ اخباري ميڊيا ۾ جيڪو ڪجهه لکيو آهي، اُن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو آهي. انقلابي خيالن جي هن نوجوان قلمڪار هر موضوع تي لکڻ جو شاندار ڏانءُ آهي. ڪامريڊ محب ڀيل جو هي قلمي پورهيو “تتل سج هيٺان ” اُميد ته پسند ڪيو ويندو.
    سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر ايندڙ وقت ۾ به پنهنجي باذوق پڙهندڙن کي نيون سوکڙيون ڏيڻ لاءِ سرگرم آهي. اوهان جي مثبت مشورن جي آجيان ڪبي.

    پرڪاش ڪرماڻي
    سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
    03333173584


    (مهاڳ) : ڌرتيءَ جي عشق مان اُڀريل دراوڙ احساس

    سنڌ جي هزارين سالن جي عجيب ڪهاڻي رهي آهي. هُن جو اصل وارث دراوڙ جنهن هڪ وڏي عظيم تهذيب کي سرجيو، اهو پاڻ وقت جي گردش ۾ گھڻو پٺتي رهجي ويو. پُرامن رهڻ واري سندس مزاج کيس تماشو بڻائي ڇڏيو. دنيا مان ٻين نسلن ۽ قبيلن جي ڊوڙايل ماڻهن کي هِن محبتي مزاج وارن محبوب دراوڙن پيار مان پناهه ڏني. اُها پناهه هُنن کي راس ئي نه آئي، ڇو جو پناهگير پختا ٿي ويا ۽ هي وطن جا وارث دراوڙ ڌوڙ ۾ ڀڀوت رهجي ويا! هنن کان شهر کسجي ويا، ته ٻهراڙيون به هنن جو ڪونه ٿي سگهيون. اڇوت جو غيرانساني ليبل هنن عظيم انسانن جي ڳچي ۾ ڳٽ بڻجي پئجي ويو. هزارين سالن جي پنهنجي ڪمائي ڪنهن به دراوڙ قلمبند نه ڪئي! سبب ڇا هو؟ اهو ڳجھه اڃا تحقيق طلب آهي. حيرت آهي ان حقيقت تي ته دراوڙن جو لکت وارو علم ڪيڏانهن ويو؟ سنڌي ادب علم جي تاريخ جي مطالعي مان به اها سڌ ٿي پوي ته پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ به ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ نالو ڪنهن دراوڙ جو نظر اچي ٿو. پر مجموعي طور اهو گم آهي. ايڏي تنزلي ۽ گمنامي خود تاريخ لاءِ حيرتناڪ آهي. ها هڪ اهم نقطو اهو ضرور تاريخ اسان تي واضع ڪري ٿي ته هندستان ۽ باقي دنيا سميت جتي به اڇوت سڏجندڙ نسل رهائش پذير رهيو آهي، اُتي ان اڇوت هئڻ واري سانحي تي ادب ۽ شاعري تخليق ڪئي آهي، پر سنڌ ۾ ڪنهن به اڇوت سڏجندڙ قبيلي اُن الميي تي ناهي لکيو. ان حقيقت مان هڪ وڏو نقطو اهو به نروار ٿئي ٿو ته سنڌ جي وارث دراوڙن پاڻ کي ذهني، روحاني ۽ نسلي طور ڪڏهن به اڇوت تصور ئي ناهي ڪيو. انهن پاڻ کي سنڌ وطن جو وارث سمجھيو آهي. تاريخ جي بيشمار ڏکن، تڪليفن ۽ صعوبتن جي باوجود هُنن پاران ذهني شڪست نه کائڻ، بنا شڪ جي عظمت جو شاندار مثال آهي. سنڌي ادب ۽ علم ۾ دراوڙن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن؟ ان سوال جي جواب ۾ منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته مشڪل سان ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪتاب لکيا ويا هوندا.
    ٻي پاسي سنڌي ترقي پسند ليکارين ۽ شاعرن جو اهو منفردپڻو ۽ سگھاري روايت ساراهه لائق آهي. جو انهن پنهنجي هن عظيم دراوڙن جي حُسناڪين، انهن جي تهذيب، ثقافت ۽ زندگين تي پيار جي ورکا ڪئي آهي. ڪارڻ رڳو اهو آهي جو دراوڙ اڄ به موئن جي دڙي جي شاهڪار تهذيب جا رکوال آهن. هُنن جي مائرن ۽ ونين پنهنجي لوڪ گيتن، همرچن، ڪوڏاڻن، راسوڙن ۽ ورساڙن جو جنم جاڳيل رکيو آهي. هُنن ڌرتيءَ کي ماءُ ڄاتو آهي ۽ سنڌو درياهه کي پنهنجو پيءُ سمجھيو آهي.
    مون مٿي جيڪو تجزيو ڪيو آهي ان تناظر ۾ مون کي اڳتي به ڪجھه لکڻو آهي، پر في الوقت اهو ٿو ٻڌائڻ چاهيان ته آئون جڏهن سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ قيد هئس، انهن ڏينهن يعني سن 2000ع ڌاري جهڏو شهر مان هڪ ڪچي وهيءَ جو هاءِ اسڪول ۾ پڙهندڙ اٺين ڪلاس جو سانورو دراوڙ ڇوڪرو مون کي پيار ۽ ايڪتا جي اظهار طور ڏاڍا خوبصورت خط لکندو هو، نه رڳو پاڻ پر پنهنجي اسڪولي سنگت جي ڇوڪرن کي به اتساهيندو هو ته “ پنهنجي قوم جي شاعر کي جيل ۾ خط لکو، ته جيئن هو سمجھي ته اسين سڀ هُن سان گڏ آهيون” ڏسجي ته هڪ ڪچي وهيءَ جي ڇوڪري جي اها سوچ ڪيڏي نه وڏي ۽ مانائتي هئي! اهو دراوڙ نوجوان محب ڀيل هو. اڳتي هلي هي نوجوان صحافت ۾ گھڙيو ۽ اُتي قلم ذريعي سماج جي روين جي نشاندهي ڪندو رهيو. ان کانپوءِ عملي سياست لاءِ رسول بخش پليجي جي پارٽي جو حصو ٿيو، ۽ نهايت سنجيدگي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو آهي. هي مارڪسي نوجوان پنهنجي وطن جي وارثي لاءِ هر ويل عملي جدوجھد جي ميدان تي بيشمار تڪليفن جي باوجود به ثابت قدم رهيو آهي. هن جي تحرير، تقرير ۽ جدوجھد جو محور پنهنجو محبوب وطن ۽ ڌرتيءَ جي مظلوم ماڻهن سميت سڄي دنيا جا هيڻا ۽ لٽيل انسان آهن. ذات پرستي کي زهر سمجھندڙ هُن قلم ڌڻي مطالعي کي پنهنجو رهنما بڻائڻ شروع ڪيو جنهن جي اتساهه هُن کي لکڻ جي واٽ ڏيکاري ڇڏي. هُن جو ذهني پورهيو سنڌ جي مشهور اخبارن ۾ شايع ٿيندو رهيو آهي. هن جي لکڻين ۾ سماجي شعور جي جھلڪ موجود رهي آهي، ان سان گڏ هن جي لکڻين ۾ تنقيدي چهنڊڙين جو نرالو روپ به شامل هوندو آهي. هن جا تمام سٺا، وقتائتا ۽ ڪارائتا ڪالم ۽ مضمون مختلف اخبارن، ميگزينن ۽ رسالن ۾ اوليت جي بنياد تي مسلسل ڇپبا رهيا آهن. جن کي سنڌ ۾ بيحد قدر جي نگاهه سان ڏٺو ۽ پڙهيو وڃي ٿو. اهو محب ڀيل جي قلمي ڪاوشن جو نئون جنم آهي. هُن جي دل سان لکيل ڇرڪائيندڙ، توجھ ڇڪائيندڙ بهترين لکڻين کي سهيڙي ڪتاب “تتل سج هيٺان ” جي عنوان سان نروار ڪيو آهي. جنهن تي مهاڳ طور پنهنجا ويچار پيش ڪندي دلي سرهائي ان ڪري به محسوس ڪريان پيو جو هي ڪتاب منهنجي ڌرتي جي اصل وارث هڪ نوجوان دراوڙ جي لاجواب ڪوشش ۽ ڪاوش آهي.
    هي ننڍڙيون پر جامع لکڻيون، سائنسي، روشن خيال، ترقي پسند سوچن جون عڪاس آهن. اهي جديد دور جي المين، سانحن، غليظ روين، طبقاتي رهزنين کي تنقيدي نظر سان واضع ڪن ٿيون، ته عالمي مونجھارن جا عڪس به هنن لکڻين ۾ موجود ملن ٿا. محب ڀيل جو هڪڙو اهم سماجي ڪم اهو به آهي ته هُن پنهنجي سماج ۾ جاري رهندڙ ناسور جھڙي ڀوپا ڪلچر، رجعت پرستي ۽ تنگ نظر انتهاپسندن کي رڳو قلم ذريعي ننديو آهي، پر هُن ذاتي طور عملي طرح به ان وبا خلاف وڏي جاکوڙ ڪئي آهي، جنهن ڪري هُن جي بغاوت تي ذاتي طور ڪيترن ئي ڪند ذهنن جون آڱريون اُڀيون ٿينديون رهيون آهن، پر هُن فقير منش ماڻهو ان جي ڪڏهن به پرواهه ناهي ڪئي. “دنيا جو اصل مسئلو بک آهي” جھڙو لاجواب ۽ شاندار مضمون ثابت ڪري ٿو ته هُن جو شعور ڪيترو جاڳيل آهي. بک سچ ته دنيا جو وڏو الميو آهي. بک دنيا جو توازن وڃائي ڇڏيو آهي. سنڌ جي ماڻهن ۾ پنڻ جي عادت تي لکيل ليک بنا شڪ جي سماجي ڪوڙهه جي نشاندهي آهي. هن لعنت سنڌ جھڙي زرخيز ڌرتيءَ جي حُسن کي ڄڻ گار ڏني آهي. محب ڀيل اُن اهم موضوع تي ڪمال جو لکيو آهي. هُن پورهيتن جي پگھر تي صرف ورق ڪارا ناهن ڪيا پر هُن پرزور نموني انهن جي آزارن ۽ عذابن تي دل جي روشني وڌي آهي. فطرت سان هٿ چراند هجي يا ڏڪارن جي ڏهڪاءُ جي ڳالهه هجي يا سنڌ جي پاڻي جو ڪيس هجي هُن انهن موضوعن سان زبردست نڀايو آهي. هارين جي جدوجھد هجي يا معاشيات جا ڳرا مونجھارا هجن، پکين جي عذابن جي ڳالهه هجي يا ماحوليات جا الميا هجن، مارئي جي ملڪ جا درد هجن، محب ڀيل هر موضوع تي جديد سوچ ۽ عقلي بنياد تي شاندار لکيو آهي. هُن جي لکڻين جي خاص خوبي هي آهي ته هُن بظاهر ننڍڙا نظر ايندڙ موضوعن تي ڪافي ڪشادي نموني لکيو آهي، جنهن ذريعي هن ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته دنيا ۾ ڪابه حقيقت، ڪوبه سچ، ڪابه شئيءَ ننڍڙي ناهي. اهميت ملڻ کانپوءِ هر حقيقت وسيع ٿي ويندي آهي. محب ڀيل جي هنن لکڻين جي ٻولي ڏاڍي خوبصورت آهي. اسان جي هن نوجوان ليکڪ سچ ته نظرياتي وابستگي ۽ اُجري عشق سان هي قلمي پورهيو ڪيو آهي. هن جي لکڻين جي اهميت کان ذرو به انڪار نٿو ڪري سگھجي. هي لکڻيون پنهنجي وجود ۾ بارشون به رکن ٿيون، ته ڪاڙهن کي به نروار ڪن ٿيون. هنن تحريرن ۽ مضمونن مان گلابن جي مهڪ به اچي ٿي ته اوڇنگارن جا آلاپ به پاڻ کي لڪائين نٿا. هنن مضمونن ۾ روشن خياليءَ جي ڇانءَ به آهي ته ظلم خلاف آواز اٿارڻ جو عزم به موجود آهي، هن جون لکڻيون مدي خارج سماج سان بغاوت جو سڏ به آهن ۽ انهي ڄار مان آجپي جو گس به آهن. محب ڀيل جون لکڻيون قومي عشق مان اُڀري عالمي انساني عشق سان سلهاڙجڻ جو خواب بڻجڻ ۽ انسانيت جو نظريو اڀارڻ جي تمنا به رکن ٿيون. محب ڀيل انهن موضوعن کي به آندو آهي جن موضوعن تي سوين سالن کان انسانن سوچيو ۽ ان تي پنهنجو اظهار ظاهر ڪيو آهي. ڪي اهڙا موضوع به آهن جيڪي محب ڀيل نواڻ ۾ رڱي سهڻائي سان پيش ڪيا آهن. مجموعي طور تي هي ڪتاب “تتل سج هيٺان” هڪ بهترين علمي ادبي ڪاوش ۽ ڪوشش آهي. جنهن جي ضرور آجيان ٿيڻ گھرجي.
    ايوب کوسو


    محب ڀيل، پورهيتن جو ليکڪ

    “سائين ڪتاب بس تيار آهي، توهان جي آسري پيو آهي، توهان بس شام تائين ڪتاب تي ٻه اکر لکي موڪليو.” اها اسان جي دوست محب ڀيل جي هجت هئي، مون کيس چيو ته “يار بندوق رکي پيو لکرائين صفا.” ماڻهو ڪنهن سياستدان کان بندوق رکي استعيفى لکرائيندا آهن ۽ هي وري مون کي پنهنجي ڪتاب لاءِ لکرائي رهيو آهي. هاڻ جڏهن ڪو ٻيو چارو ئي ڪونهي ته پوءِ ظاهر آهي قلم کي حرڪت ۾ آڻبو ۽ ذهن کي تڪليف ڏبي. پر لکڻ ڪو اڪ جي ماکي به ناهي جو ماڻهو جيڪو سوچي اهو اتي جو اتي لکي وٺي ۽ انهي ۾ ترتيب به هجي ۽ خيالن سٽاءَ به بهتر انداز ۾ ٿيل هجي. پر جڏهن ڪنهن دوست جو حڪم هجي ته اهو به مڃڻ ضروري ٿيو پوي.
    محب جو ڪتاب “تتل سج هيٺان” ڪالمن جو ڪتاب آهي ۽ هي اُهي ڪالم آهن جيڪي هيستائين ڇپجي چڪا آهن. مون کي ان ڳالهه جي خوشي آهي ته هن جي ڪالمن جو ڪتاب توهان جي هٿن ۾ آهي. هو هڪ پورهيت سياسي ڪارڪن رهيو آهي، ان ڪري هن جي ڪالمن جا موضوع به پورهيتن سان لاڳاپيل آهن. ڪنهن نظرئي سان واڳيل هڪ سياسي ڪارڪن ئي پورهيتن جي ڏکن سورن ۽ انهن جي پيڙائن کي سمجهي سگهي ٿو. محب به انهن ماڻهن مان هڪ آهي، جنهن تتي ٿڌي ۾ پورهيت طبقي سان پنڌ ڪيا آهن، انهن جي ڏکن سورن جو جيڪڏهن هو علاج نه ڪري سگهيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ هن ايترو ضرور ڪيو آهي جو انهن کي بيان ڪري پنهنجي قلم جي مس کي سجايو ڪيو آهي. نه ته ڪئين اهڙا ماڻهو پيا آهن، جيڪي اڄ به “پروجيڪٽي ليکڪ” بڻجي ڪيترن ٽڻي ٽامڻين ۽ ٽڪي جي رجعتي لڏي جون ونگارون وهي رهيا آهن. پر محب کي اها خبر آهي ته جيڪڏهن اهڙو ليکڪ ٿيبو ته ادبي دنيا توڙي سماجي دنيا ۾ انهي جو قد سدائين ڪنهن “ڄامڙي اديب” وارو رهندو. تنهنڪري هن هڪ اهڙو رستو چونڊيو آهي، جيڪو مظلومن جو سڏ ورنائي ٿو، جيڪو پيڙهيل طبقن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪو انهن درد سان ڀريل وجودن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪي اڄ به ڪاڙهڻ ڪڙهن ٿا، پير پٿون ڪن ٿا، رت ڳاڙين، پگهر جو پورهيو ڪن ٿا ۽ پنهنجو اندر لوئين ٿا.
    اسان جي دوست جو هي پورهيو انهن سمورن پورهيتن کي ڀيٽا آهي، جيڪي پنهنجو آواز اٿاري نٿا سگهن، جن لاءِ ڪي ٻيا ماڻهو هوندا آهن، جيڪي انهن جو آواز بڻجي اڀرندا آهن. محب ڀيل سنڌي عوام جي ڳالهين کي پنهنجن ڪالمن وسيلي انهن ماڻهن تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. جيڪي بظاهر گونگا آهن پر تڏهن هو چاهي ٿو ته انهن جي ڪنن تي اهو آواز پوندو رهي ته جيئن هڪ ڏينهن اچي جو کين اهو آواز ٻڌڻ ۾ اچي ۽ انهن کي لڳي ته اصل ۾ محب جن ماڻهن جو آواز بڻجي پنهنجي قلم کي تڪليف ڏيندو رهيو آهي، انهي جي ڳالهه ۾ ڪجهه ته آهي جو هو لاڳيتو لکي رهيو آهي ۽ لاڳيتو ڇپجي رهيو آهي.
    مون وٽ هن جا ڪالم سدائين بنا رنڊڪ جي پهچي ويندا آهن، جن کي ڏسندي ۽ ايڊٽ ڪندي مون کي سرهائي ٿيندي آهي ته هو اڄ به پنهنجي ڪم سان لڳو پيو آهي. جنهن وٽ ان ڳالهه جي اهميت ناهي ته انهي کي ڪيترا ماڻهو پڙهڻ ٿا پر هن وٽ ان ڳالهه جي اهميت ضرور آهي ته هو پنهنجي قلم کي ڪنهن ڪنڊ ۾ نه رکي بلڪه انهي کي حرڪت ۾ رکندو آيو آهي.
    هن کي لکڻ جو ڏانءَ اٿس، هن جي ٻوليءَ ۾ رس چس آهي، جيڪا عوامي ٻولي آهي. شايد اهو هن جي سياسي تربيت جو حصو آهي ڇاڪاڻ ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن عام ماڻهو جي ڳالهه ڪرڻي آهي ته اها عوامي ٻوليءَ ۾ ئي ٿي سگهي ٿي. هن جي لکڻ جا موضوع هاري، ناري، مزدور، کيتن، ڪارخانن، روڊ رستن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو ئي رهيا آهن. ڇو ته کيس خبر آهي ته سماج ۾ برابري تڏهن ئي اچي سگهي ٿي، جڏهن هڪ غير طبقاتي سماج جنم وٺي. جيڪو هر رنگ، نسل ۽ مذهب کان آزاد هجي. اسان جي سنڌ جا ماڻهو به اهڙو سماج ڏسڻ جا خواب ڏهاڪن کان اکين ۾ سانڍيندا پيا اچن. اهو هڪ محب جو خواب ناهي بلڪه اسان سڀن جو خواب آهي ته سنڌ سکي ستابي هجي، جنهن ۾ هاري ۽ مزدور به سکيو ۽ خوشحال هجي. اسين سڀ انهي پنڌ جا پانڌيئڙا آهيون، جيڪو ان منزل جو پنڌ آهي، جنهن ۾ اسين پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي عوام کي خوشحال، سکيو ۽ آزاد ڏسون. محب کي آئون سندس ڪتاب تي مبارڪون ڏيان ٿو ۽ اها اميد به ڪريان ٿو ته هو پنهنجي لکڻ جو سفر ساڳي رفتار سان جاري رکندو.

    جيئي سنڌ

    اختر حفيظ- حيدرآباد
    22 آگسٽ 2016ع


    ليکڪ پاران

    اسين نج ٻهراڙي جا ڄٽ ماڙهو، علم ۽ ادب سان ته اسان جو پري جو تعلق به نه رهيو آهي. آئون به مڙئي لئي مان لٺ ڀڃي قلم ۽ ڪتابي دنيا ۾ حادثاتي طور آيل ماڻهو آهيان. اڃان به مونکي لکڻ جي ٽل ڪونهي. مڙئي زٽ هڻي ڪم هلايون پيا. انڪري هن ڪتاب ۾ به غلطيون ته هونديون. “انسان آهي ئي خطا جو گھر” سمجھي در گذر ڪندي رهنمائي ڪجو، غلطين کي اڳتي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي.آئون پرائمري کانپوءِ يڪو اڻ اعلانيل طور آخري بئنچن جو ڪُل وقتي شاگرد رهيو آهيان. پاس ٿيڻ لاءِ لاتعداد باسون باسيل هونديون هيون. امتحان وٺڻ لاءِ آيل “اعلى آفيسر” ماني کائي هڪ ئي ڌڪ ۾ سڄي اسڪول کي “پاس” هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي هليا ويندا هئا. پنجون درجو خيرن سان پاس ڪري “چڱي چال چلت” جو سرٽيفڪيٽ ورتو، پر پوءِ چال چلت اڄ ڏينهن تائين نه سڌري سگھي. ان بعد مونکي ۽ مرحوم ڪامريڊ دودو ڀيل(ڏيئي) لالچند ڀيل ۽ پهلاج ڀيل (گھمن سنگھه جو پوٽو) سميت ڪجهه ٻين دوستن کي ذات پرستي واري سياست جو جنون هو. پوءِ دودو ايس ٽي پي ۾ ويو ۽ آئون وري عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيس پوءِ اهو مٿي جو سور لٿو. بعد ۾ مون جھڙو ڦاٽل جھولي ۾ عقل پندڙ ماڻهو قومي عوامي تحريڪ جي ساٿين اياز کوسو، انور نوحاڻي، ڪرم ڪلوئي، اشرف رند ۽ ٻين ساٿين جي ور چڙهي ويو پوءِ ته لکڻ ، پڙهڻ ،تعليمي ورڪشاپ، ليڪچر، تقريرون، اسٽيڊي سرڪلن ۾ گڏيل پڙهائي کان ويندي سنڌ سميت سڄي دنيا جي مظلوم انسانن سان ٿيل ظلم ۽ زيادتين خلاف عملي جدوجھد جي ميدان تي احتجاج، مظاهرا، جلسا، جلوس، اجلاس، روڊ بلاڪ ڌرڻا، لانگ مارچ ۽ پوءِ سڄي سنڌ جا دورا معنيٰ ته شروع واري زندگي کان صفا اُبتا ماڻهو ٿي نمودار ٿياسين، ۽ هڪ نئون جهان جُڙي پيو. ان دوران منو مهراج واري ٺيڪيدار سنگت “ڪافر” هجڻ جي فتوا جو قومي فرض ايمانداري سان سرانجام ڏيئي چڪي هئي. ان وچ ۾ ايف سي ميگھوال ڊاڪٽر امبيڊڪر وارو پنو به پڙهائي چُڪو هو. سچ پڇو ته مون ڪڏهن انهن تنگ دل نام نهاد ۽ انسانيت ۾ ويڇا وڌائيندڙ واڳوئن جي پرواهه ڪرڻ ۽ نتيجي جي ڀئو بجاءِ پنهنجو ڪم جاري رکيو آهي. ان جي رزلٽ اميد کان به وڌيڪ بهتر نڪري پئي. جدت پسند شعوريافته نوجوان سيڪيولر ۽ لبرل خيالن سان اُڀرن پيا. “ڌندوڙي” ٺوڳين جي ڪُڌي ڪاروبار واري دڪانداري اڳتي هلي ضرور بند ٿيندي. جڏهن علم وڌيو ته مدي خارج شيون بازار مان ڪوبه نه وٺندو. قومي عوامي تحريڪ ۾ پڙهائي واري معاملي ۾ ته ڇڏ ڇوٽ آهي ئي ڪونه. سو مونکي به ڪتاب پڙهڻ تي ٽيڙ تپ ايندو هو پر پوءِ محمد بخش جروار ۽ ماما اشرف جي مٺڙي مٺڙي کل لاهڻ واري تنقيد کان بچڻ لاءِ مري جُھري مجبورن پڙهڻو پيو. اُٿي بيهه ڳالهائڻ ۽ مطالعو مون لاءِ وڏو عذاب هو پر ممتاز کوسي سدائين همٿايو. پوءِ ڏندن تي ڏيئي ڪم هلائي وياسين. پليجي صاحب سان جڏهن به گڏجڻ ٿيو ته سڀ کان پهرين پڇندو “اڄڪلهه ڇا پيا پڙهو، فلاڻو نئون ڪتاب آيو آهي سو اوهان پڙهيو يا نه ؟ جي پڙهيو آهي ته تبصرو ڪريو” پوءِ مون جھڙا ساٿي ڪياڙي کنهي رڳو لوڻا پيا هڻندا يا اک ڇنڀ ۾ نظر بچائي کسڪي ويندا. اڳتي هلي دوستن مختلف موضوع ڏيئي لکڻ لاءِ باقاعده پابند بڻايو. پوءِ ته اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪو مامرو سُجهي اچي ته “دٻ درخاش دينو تي” وارو هٿ جهليو. حاجن کوسي سان اُٺ جي آنڊي جيڏا سياسي اختلاف برقرار هوندي به هن مونکي سٺا ڪتاب پڙهايا. اسان پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي ٻڪ ۾ پاڻي پي نفرتن ۽ انساني اڻبرابري جي رجعت پرست ماحول ۾ وڏا ٿيا آهيون. آئون پنهنجي ئي ڌرتيءَ تان ڌڪاريل سنڌ وطن جي وارث قبيلي جو فرد آهيان. اسان کي تاريخ جي ستم ظريفين مسخ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي آهي. مان ان لٽيل قافلي جو سپاهي آهيان جيڪو هاڻ غلامي جي لعنت خلاف صدين کانپوءِ بغاوت جو علم بلند ڪري رهيو آهي ۽ غلامي جي سببن کي سمجھڻ لاءِ اڃان صرف هڪ سيڪڙو آماده ٿيو آهي. جيڪا ڳالهه شايد برهمڻ سامراج کي هضم نه ٿئي، هو ته اسان کي سدائين منو مهراج جي اک سان ڏسڻ ٿا چاهين. پر ياد رکو! اها اک هاڻ گوڪو هڻي ڪڍي ويندي. اُڀي ٿيل آڱر به ڪٽي ويندي. هزار سالن کان پويان ٻڌل ڍينگر، منهن تي ٻڌل لوٽو، علم حاصل ڪرڻ تي عائد ٿيل پابندي، گڏ کائڻ ۽ پيئڻ جي نفرت ڪرڻ جهڙي ٿيل هر تذليل جو حساب ڪتاب چُڪتو ٿيندو. مونکي يقين آهي ته ظلم جي ڪاري رات ۾ انقلاب جو سُرخ سج ضرور اڀرندو. هي ڳالهيون ڪرڀناڪ آهن، ننڊ ڦٽائڻ جو سبب بڻجن ٿيون. دنيا اڏو حقيقتون آڻڻ ۽ پنهنجن مظلوم ڀائرن ۾ شعوري جاڳرتا پيدا ڪرڻ خاطر لکڻو پيو. پوءِ مون جهڙو به حال هو لکيو ۽ لکان پيو. دوستن همٿايو ، ماڻهو غيرتڪراري ٿي ڪونه ٿو سگھي، جي ڪو تضاد ناهي ته پڪ منافقت آهي. مونکي خبر ناهي ته منهنجا ڪيترا آرٽيڪل مختلف موضوعن تي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن؟ ڪجھه مواد 2011ع جي مهاٻوڏ ۾ پُسي ويو. ٻن ڪٽن جيترو اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل مواد ساجن جهڙن مڙسن ڳڙداڻي عيوض ڪاٻاڙي کي وڪڻي ڇڏيو. ڪاپڙي ۽ تحريڪ ۾ شايع ٿيل آرٽيڪل وارا رسالا رميش جي اسٽور ۾ لڪائي رکيم، سو به ڀائو ٽين دٻي واري کي ڏيئي اسٽور صاف ڪيو. باقي جيڪو هٿ آيو سو ڇپائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. منو مهراج جي “منو سمرتي” انساني اڻبرابري جي انڌي آئين جو مثال آهي جنهن ۾ اسان غريب ڌرتي ڌڻين کي رڳو “انسان” سمجھڻ جي عنايت به نه ڪئي وئي آهي. اسان ڌرتيءَ ڌڻين کي دربدر ٿي آيل قبضاگير آرين جي هٿ ٺوڪين قانونن حق حاڪميت کسي غلامي جو ڳاٽ ڪنڌ ۾ هنيو آهي. اسان سڀ هن سماج جا باغي ماڻهو گڏجي ان ڳاٽ کي ڳچي مان ڪڍڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. آئون بنيادي طرح تاريخ ۾ ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل تذليل جو انتقام وٺڻ لاءِ قلم ۽ پرامن قومي عوامي جمهوري جدوجھد ۾ يقين رکندڙ مارڪسي ماڻهو آهيان. مونکي انقلاب ۾ به صبح ٿيڻ جيترو پختو يقين آهي. اندر ۾ اوچ نيچ واري ظالم سماج جون ڏنل باهيون ڀڙڪي ڀڀڙ ٿين ٿيون. ٽانڊن جي ان سفر ۾ ڪڏهن هجومن ۾ ته ڪڏهن اڪيلا ٿي رهيا آهيون. پر مايوسي جي ميم کان به ڀڄندا آهيون. خيالن جي پوتاميل ۽ حياتي جي ترتيب مون کان ڪونه ٿي سگهي. ۽ نه ئي پئسو گڏ ڪرڻ جو جنون رهيو. آڻڻ ۽ چاڙهڻ سڀاڻي لاءِ صبح جو ڏسبو ۽ اڄ کي اڄ ئي نبيربو، تنهڪري زندگي جي اڙانگي سفر ۾ ماپ ، تور ۽ ڦيٿ کڻي هلندڙ واپاري سنگتين جو اسان پارن جپسي، سيلاني، رولاڪ ۽ فقيري لڏي وارن ماڻهن جي خانه بدوش خيالن سان هم آهنگي جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. مونکي خبر آهي ته اڪثر ماڻهو چمڪ ڌمڪ جا هيراڪ آهن. اسان جهڙي لوڪ کان لهواري مخلوق کي عقل کان آجو سمجھن ٿا. منافق، موقعي پرست ۽ مفاد پرست ماڻهو مال روڙڻ لاءِ گوڏا کوڙي قوم ۽ وطن جي مظلوم عوام جو ڪنڌ جھڪائيندا آهن. تنهنڪري “ڀلي بک ڀرم جي” آهي. پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيل تمام گھڻيون ڳالهيون آهن. آخر ۾ شڪرگذار آهيان منهنجي صوفي يارن اصغر کوسو، ايوب کوسو، اختر حفيظ، پرڪاش ڪرماڻي، فقير غلام حيدر لغاري، قيوم بلوچ، عثمان راهوڪڙو، گينو ڪولهي، پونم پاسڪل، متي والجي، ساحر، سچل کوسو، رفيق کوسو، سُريش، مڪيش، اوشو، آدرش، علي محمد کوسو، مدد جروار، مهيندرو ڀيل، ميون ڀيل جنهن جا ٿورا لاهي نٿا سگھجن فقط ڳائي سگھجن ٿا. آئون مٽي آهيان امڙ ۽ بابا جي پيرن جي جيڪي اڄ به جدوجھدن، جلسن، لانگ مارچن، ميلن ۽ ملاکڙن لاءِ پنهنجي هن غريب ڪامريڊ پٽ کي خرچي سان گڏ دعائون به ڏين ٿا.

    محبتن ۾

    محب ڀيل
    ڀيل هائوس، وارڊ نمبر 9 جهڏو
    ڳوٺ پٽيل انب ڀيل تعلقو جهڏو.
    03002682036
    muhibbheel@gmail.com
    آگسٽ 2016ع


    پاڻ آهيون ڪٿي...؟

    انساني تاريخ ۾ ماڻهو پٿر جي ڪٺن دؤر کان وٺي ترقي جا ست سمنڊ جھاڳڻ تائين جي ڏکي ۽ مشڪل سفر ۾ لاتعداد مشڪلاتن کي مُنهن ڏيندو اڳتي وڌندو رهيو آهي. پر حقيقت جي نگاهه سان ڏسجي ته اها ترقي ڪنهن حد تائين انسان جي تباهي جي ذميوار پڻ بڻجي وئي آهي. اوائلي دور جو ماڻهو اڃان “ماڻهپي”۾ نه آيو هو ۽ جڏهن جبلن جي غارن ۽ گھاٽن جنهگلن ۾ رهندو هو تڏهن به ڏاڍو سو گابو وارو قانون هو ۽ ساڳيون قانون جديد شڪلن ۾ اڄ به موجود آهي. ان دور ۾ زورآور قبيلا هيڻن تي هلان ڪري انهن کي غلام بڻائي سندن گذر جي وسيلن تي قبضو ڪندا هئا ۽ اڄ به سڄي دنيا کي صرف ڪجهه ئي خاندان يرغمال بڻائي پنهنجي بادشاهت قائم رکيو اچن. ٻي طرف دنيا جي پرامن تخليقي ذهن رکندڙ عظيم ماڻهن پنهنجي شاندار صلاحيتن سان ڌرتيءَ جي پيچيده مسئلن کي حل ڪري دنيا ۾ ترقي جون راهون کولي ڇڏيون جنهن سان اڄ انساني زندگي آسان بڻجي وئي آهي. انهن عظيم انسانن دنيا جي تقدير کي بدلائڻ واريون ايجادون پنهنجي ذات بجاءِ سڄي ڪائنات جي انسانن لاءِ ڪيون هيون. پوليو، هائڊروفوبيا، ٽي بي، مليريا، ڪاري سائي، نمونيا، هيموفيليا ۽ ٿيليسيميا جهڙن خطرناڪ مرضن جو علاج ڳولڻ لاءِ پنهنجيون حياتيون وقف ڪري پنهنجو نور نچوئي شاندار ايجادن سان لکين قيمتي انساني جانيون بچائيندڙ ۽ هن وقت ايڊز ۽ ڪينسر جھڙن مرضن تي پنهنجا سک ۽ آسائشون ارپي تحقيقون ڪري بغير رنگ، نسل ۽ مذهبي مت ڀيد جي خلق خدا لاءِ خدمتون ڪندڙ اهي عظيم ماڻهو پنهنجي انسان دوستي واري سوچ کي محدود ڪري فقط ذاتيات لاءِ سوچين ها ته شايد اڄ کين چڱن لفظن ۾ ڪير ياد ڪري ها؟ ٻي طرف دنيا جي حوس پرست ۽ جنوني ماڻهن خطرناڪ هٿيار ٺاهي دنيا کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي. پرامن ۽ تهذيب يافته معاشرن ۾ ئي پُرامن ۽ بهتر سماجي نظام جُڙي سگھندو آهي. اهڙي نظام ۾ جمهوريت پسند رويا، امن پسند سوچ ۽ ذهينيت، هڪ بهتر ۽ سگھاري معاشري ۾ امن امان جي ضمانت آهن. دنيا جي ترقي يافته سماجن ۾ امن جي يقيني صورتحال سبب تهذيب، ثقافت، ٻولي، قومي وسيلا، لائبريريون، تعليم ۽ تدريس جا اعلى ادارا هزارين سالن تائين مضبوط ۽ محفوظ هوندا آهن. جڳ ۾ امن امان قائم رکندڙ قومون ئي پنهنجو وجود بچائي سگهنديون آهن. دنيا ۾ ڏيک خاطر جمهوريت پسند ملڪ حقيقت ۾ وڏا ڊڪٽيٽر رهيا آهن. برطانيا ۾اڄ به راڻي ايلزبيٿ ۽ ان جي شاهي خاندان جي حڪم کان سواءِ ڪک به نٿو چُري ۽ آمريڪا اڻسدي طرح ٻين ملڪن لاءِ اڄ به ڊڪٽيٽر، ظالم ۽ بدمست بادشاهه بڻيل آهي. آمريڪا پنهنجي غيرجمهوري سوچ سان پوري دنيا جو امن داءُ تي لڳائي پاڻ هٿيار فروشي ڪري دنيا کي رت سان ڳاڙهو ڪري ڇڏيو آهي. پر ترقي جي بلندين کي فقط اهي قومون ڇهي سگھنديون آهن جيڪي جمهوريت، علم ۽ امن کي يقيني بڻائينديون آهن. صدين تائين انهن قومن جي عظيم تهذيب ، ثقافت ۽ کي لهر نڪو لوڏو هوندو آهي. ڪيتريون ئي قومون ۽ ملڪ جنگي صورتن ۾ به پنهنجا تعليمي ادارا بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا آهن. ڇوته معاشري ۾ فقط تعليم ئي ترقي جي ضمانت آهي. دهشتگردي علم ۽ پرامن معاشرن لاءِ ڪينسر آهي. وقت جا ظالم بي رحم، وحشي، درندا پنهنجي ذاتي مفادن خاطر هن خوبصورت ڪائنات کي رت جو ريج ڏيئي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائن ٿا. بندوقون ڇتن ڪتن جئين ڀونڪن ٿيون، ناگاساڪي ،هيروشيما تي ڪيرايل ايٽم بم جي بدبو انسانيت لاءِ قاتل زهر ثابت ٿي آهي. ان ايٽمي ڌماڪن جا اثر انهن ملڪن جي سرزمين تي اڄ ڏينهن تائين آهن. جنهنڪري اُتي اڄ به هر گھر ۾هڪ يا ان کان وڌيڪ معذور ٻار جنم وٺن ٿا. انهن مستقبل جي معمار معصومن جي اها معذوري هن دنيا ۾ انسانيت جي علمبرداري جون حامون هڻندڙ انساني حقن جي ادارن جي ناڪامي جو اڄ به اعلى مثال بڻيل آهي. لبنان، فلسطين، شام کان ويندي دنيا جي ڪيترن ئي خِطن ۾ روز مسقبل جي معمارن کي قتل ڪيو وڃي ٿو. جن ملڪن ۾ خطرناڪ دهشتگردي جي ڪري اسڪولون، ڪاليج، يونيورسٽيون تباهه ۽ برباد ڪيون وينديون آهن سي ملڪ پٿر جي دور ۾ داخل ٿي ويندا آهن. دهشتگردي جي ور چڙهيل ملڪن کي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ لاءِ وري به صدين جو سفر گھربل هوندو آهي. ڇوته قومن جي تهذيب، ثقافت، ٻولي، تعليم يافته سماج ٺهڻ ۾ پڻ لکين سالن کان انسان جو پورهيو شامل آهي. انسان جي شاندار صلاحيتن سان جڙيل معاشري جي امن کي تيلي ڏيڻ وارو به انسان ئي آهي. جنهن هن حسين ڪائنات ۾ پنهنجي ئي ڀاءُ جو خون وهائي انسانيت جو ڪنڌ جھڪائي ڇڏيو آهي.

    بُرا ڏين ٿا بهارن کي باهيون،
    دنيا جي حسين نظارن کي باهيون.

    دنيا ۾ امن جي اڇي پکي کي بي دردي سان ڪُٺو ويو آهي. ڦر، چوري، ڌاڙا، رهزني، ڏاڍ مڙسي، قبضاگيري، اقرباپروري، مذهبي انتهاپسندي، خودڪش حملا، ڪاروڪاري ۽ قبائلي تڪرارن اسان جي پُرامن معاشري کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي. اٽي جي هڪ ڪلو تي انسان جو قتل ڪيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ سرداري نظام ۾ ٿيندڙ دهشتگردي سبب اسڪولن کي تالا آيل آهن. سنڌ جي اُترين ضلعن ۾ قبائلي فسادن سبب اسڪولون بند پيل هجڻ ڪري اُتي تعليم کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. پاڻي جي واري جي پنجن منٽن تان يا ٻين مس ڪال جھڙي معمولي ڳالهين تان شروع ٿيل تڪرار هيستائين سوين قيمتي انساني جانيون ڳڙڪائي چڪا آهن. انهن علائقن ۾ ذاتي دشمنيون پارڻ خاطر پنهنجي ئي گھر جي بي گناهه عورتن کي موت جو کاڄ بڻائڻ جو غير انساني عمل هن معاشري کي تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. اغوا، ڦرون، ڌاڙا، قتل و غارت جي ڪري هي علائقا ترقي بجاءِ تباهي طرف وڌن پيا. ڇوته انهن علائقن ۾معمولي نويت جا ذاتي مسئلا به قبيلائي تڪرارن جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ انهن علائقن ۾“ذات مار” سوچ جنم وٺي ٿي. جنهنڪري هڪ ذات جا ماڻهو ٻي ذات جا قاتل ويري بڻجي ويندا آهن. ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ انتهاپسندي ۽ تنگ نظر جنوني ذهينيت جي ڪري خودڪش بم ڌماڪا روز جو معمول بڻيل آهن. بم ڌماڪن جي ڊپ کان وڏن شهرن ۾ معصوم ٻار اسڪولن ۾ وڃڻ کان لنوائن ٿا. پشاور سانحي کانپوءِ پشاور توڙي ٻين وڏن شهرن ۾ ٻيهر پرامن تعليمي ماحول جوڙڻ وڏو مشڪل ڪم هو. خود ڪش حملن ۾ شهيد ٿيندڙ اسڪولي ٻار صبح سويلي پنهنجي والدين کي آخري چمي ڏيئي هٿ لوڏيندا موڪلائي سلامت پنهنجي گھرن مان روانا ٿيا هئا. ڪجھه ڪلاڪن بعد انهن جا گولين سان پروڻ ٿيل جنازا والدين کي پنهنجي ڪلهن تي کڻڻا پيا. ڪتابن جي بيگ ۾ اڌ ۾ رهيل پينٽنگ، رنگين پينون رانديڪا، چاڪليٽ، ٽافيون، ماني جا ٽفن باڪس رت جي ڇنڊن سان رنگجي ڪلاس جي ڪنڍ ۾ ئي پيل رهيا.

    کڻي پوپٽن جا جنازا هٿن تي، اُٿي ويا مسافر ڇڏي ڀاڪرن کي،
    هوائن ۾ آهي شهيدن جي خوشبوءُ ، پرين اڄ اسان جي پُڇا کي ڇڏي ڏي.
    هڪ طرف دنيا جون طاقتور ڌريون پنهنجي ذاتي مفادن جي حاصلات لاءِ انتهاپسندي ۽ جنونيت کي هٿي ڏيئي ڪائنات جي امن کي ڏچي ۾ وجھي ڇڏيو آهي. ته ٻي طرف دنيا جون سرمائدار واپاري ڌريون پنهنجي هٿيارن جي منافه بخش ڪاروبار جي دائري کي سڄي ڌرتيءَ ۾ وسيع ڪرڻ خاطر ڪڏهن به دنيا مان فڏي فساد ۽ جنگ جو خاتمو نٿيون چاهين. ڇوته دنيا ۾ امن جي بهتر صورتحال سان هي موت جي وکر جو وڪرو بند ٿي ويندو. دنيا جي انهن موٽن ماڻهن جي روزي روٽي ان ڪڌي ڪاروبار سان منسلڪ آهي. جنهن ۾ دنيا هڪ اڻکٽ جنگ ۾ مبتلا هجي ته جيئن هٿيارن جو واپار وڏي پيماني تي جاري رهي. ان ڪاري ڪاروبار سان هڪ طرف دنيا رت سان لال لهو ٿيندي ته ٻي طرف هٿيارن جي واپاري سرمائدارن جي دانگي چڙهيل هوندي. ان کان علاوه دنيا جي سرمائدار ملڪن جي اک ۾ ڪنڊو بڻيل اهي ملڪ به آهن جن ملڪن ۾ معدني وسيلا، گيس، پيٽرول، ڪوئلو، پاڻي، سمنڊ ۽ بندرگاهون آهن. عالمي قبضا خور سامراج انهن وسيلن ۾ اک هنيو ويٺا هوندا آهن. ڪو معمولي ۽ غير جمهوري جواز ڄاڻائي انهن غريب ملڪن تي غيرقانوني ڪاهون ڪري سندن قومي وسيلا قبضي هيٺ آندا ويندا آهن. هن وقت دنيا ۾ تيزي سان وڌنندڙ انساني آدمشماري سبب مستقبل ۾ کاڌ خوراڪ جي کوٽ هن دنيا جو وڏو مسئلو ٿي اُڀرندي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ دنيا جي ڏاهن ۽ دانشورن جي وس جي ڳالهه نه هوندي . ڇوته بک جي بيماري جو علاج سيمينارن ۾ ٿيل ڊگھين ورن وڪڙن وارين وڏين تقريرن بجاءِ ظاهري طرح سادڙو پر حقيقت ۾ انتهائي پيچيده حل فقط “ماني” آهي. هن وقت دنيا جي آبادي جي اڪثريت سان اٽي، لٽي ۽ اجھي جو مسئلو وڏي پيماني تي درپيش آهي. دنيا ۾ ايٿوپيا جهڙا لاتعداد ملڪ هن دور ۾ به اهڙن مسئلن جو شڪار آهن. بين القوامي ادارا انهن پسمانده مسڪين ملڪن ۾ اڄ ڏينهن تائين “ماني” جي اڻهوند جي ڳنڀير مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن. اهڙي بدحالي واري صورتحال ۾ ملڪ بدامني جي خطرناڪ حالاتن جو شڪار ٿي دنيا جي نقشي تان مِٽجي ويندا آهن. ڇاڪاڻ ته ڪائنات جو بقا انسان ۽ فطرت جي سلامتي سان واڳيل آهي. ڪائنات ۾انسان، انسانيت دشمن سوچ ۽ فطرت جي ويري ذهينيت هن دنيا کي دوزخ بڻائڻ ۾ ڪسر نه ڇڏيندي آهي. جيڪڏهن ڪائنات ۾ انسان ۽ انسانيت محفوظ نه رهي ته يقينن هن خوبصورت ڪائنات جو حُسن خطري ۾ پئجي ويندو. هن دنيا جا سنجيده، باشعور ۽ ذميوار ماڻهو جيڪڏهن هن معاشري ۾ دهشتگردي ختم ڪري امن قائم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا ته دنيا ترقي ڪندي. مقدس تعليمي ادارن مان دنيا جا بهترين ڊاڪٽر، انجينئر، وڪيل پيدا ٿي سگھندا. عالمي انسانيت ۾ ٻڌي، اتحاد، يڪجھتي، امن، رواداري سان دنيا جي امن کي بچائي سگھجي ٿو. انتهاپسندي ۽ رجعت پرستي جي ڪُند ذهين روين کي ترڪ ڪري انساني اڻبرابري، رنگ، نسل، اوچ نيچ ۽ مت ڀيد جو فرق ختم ڪرڻ سان امن بحال ٿي سگھندو. انساني قدرن بابت سوچ جي سطح جي بُلندي کي اوچو ڪرڻ هن وقت جي اهم ضرورت آهي. هن اهم سمي تي دنيا جي امن پسند ماڻهن پنهنجي معاشري جي بهتر جوڙجڪ نه ڪئي ته پوءِ جھڙو فصل پوکبو اهڙو ئي لڻبو. جيڪڏهن هن دور جو جديد انسان پنهنجي ڌرتيءَ جي گولي تان دهشتگردي جي مڪمل خاتمو يقيني نه بڻائي سگھيو ته هن معاشري ۾ پڙهيل لکيل سائنسدان ۽ فلاسافر پيدا ٿيڻ بجاءِ خودڪش بمبار، ڌاڙيل، چور، ڦورو ، قبضاخور مافيا جو راڄ هوندو ، هر طرف جهالت جي اونڌاهي ٻاٽ هوندي. هي ڌرتيءَ ڏوهارين جي آماج گاهه بڻجي ويندي. هر طرف خودڪش ڌماڪن جا پڙاڏا، گولين جي گونجار، ڪهاڙين جا ڪڙڪا، بمن جون باهيون هن سهڻي ڪائنات جي وجود کي ساڙي ڇڏينديون. دنيا کي امن ۽ علم جي انقلاب جي ضرورت آهي. جنهن سان ڌرتيءَ جي گولي کي امن جو آشيانو بڻائي انسان ۽ انسانيت کي بچائي سگھجي ٿو.
    دنيا چاهي ڪيتري به ترقي ڪري جدت جو ويس پاتو هجي پر ان سڄي سفر ۾ انساني آدرش ختم ٿي چڪا آهن. شايد اڄ به جديد دور جي قديم ماڻهو جي “حوس” تي جھنگلي قبيلن جا ماڻهو اچرج کائيندا هجن ۽ هو جديد ٿيڻ کان توبهن ڪندا هجن؟ برابر جھنگل جا به ڪجھه قانون آهن انهي تحت اهي ماڻهو پنهنجن قانون جي وڏي پاسداري ڪندا آهن. جديد دور ۾ به جهنگلن ۾ رهندڙ ماڻهو هڪٻئي تي خودڪش حملا نٿا ڪن. انهن ماڻهن کي سوئيز بينڪن ۾ ناڻو رکڻ جي ضرورت نٿي پوي، جھنگل جي ماڻهن تي وڪي ليڪس ۽ پاناما ليڪس ۾ ذڪر ناهي، جهنگل جي قديم ماڻهو ته پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ لڳائڻ ۾ ملوث نه هو ۽ نه ئي ٽي عالمي جنگ جي تياري پيو ڪري، پر ٽين عالمي جنگ جي تياري به اسان جي جديد دور جو سڌريل انسان پيو ڪري. ماضي ۾ٿيل ٻنهي عالمي جنگن سان لکين قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿيون، انسان ذات جي ان وڏي ڪوس انسانيت کي لڄائي ڇڏيو. ايٽم بم، ڪيميائي هٿيار ۽ ڊورن سميت ٻيا خطرناڪ هٿيار ٺاهڻ جو “ڪارنامو” به جھنگلي ماڻهو نه پر ترقي يافته دور جي جديد ماڻهو سرانجام ڏنو.
    پنهنجي تهذيب، تمدن، ثقافت ۽ امن کي تباهه ڪرڻ بعد فطرت سان هٿ چُراند ڪري ڪائنات ۽ فطرت ۾ تضاد پڻ نئين دور جي انسان پيدا ڪيو آهي. جنهنڪري اڄ سموري ڪائنات جو وجود سخت خطرن ۾ گھيريل آهي. جديد دور جي مهذب ماڻهو پنهنجي گھر کي پاڻ جلائي تماشبين بڻيو آهي. ترقي يافته دور جي نئين انسان جا “لڇڻ” ڏسي جھنگلي ماڻهو جا لڱ ڪانڊارجي ويا هوندا ۽ خودڪش ڌماڪن ۽ ٽنڊو محمد خان جي زهريلي ٺري ۾ مرندڙ ماڻهن جي سانحن ته سندن ڏيل ڏڪائي ڇڏيا هوندا. معصوم ٻارن سان زنا ۽ بي دردي سان قتل تي هو پنهنجا ٻچڙا وٺي وڻن تي چڙهي ويا هوندا. جهنگل جي ماڻهن ۾ سول سوسائٽي، سياسي پارٽيون، ذات پرستي جا اتحاد، هيومن رائٽس، ميڊيا، فوج، عدالتون نه هوندي به مثالي امن قائم آهي. اُتي ته ڪاروڪاري ۽ چرڀيلي جھڙي ڪُڌي رُسم نه آهي. انهن وٽ نه اليڪشن آهي نه ئي سليڪشن ۽ نه ئي دانڌلي آهي. ڇا هن دور جي “مهذب” ماڻهو کي جھنگلي انسان جي سماجي نظام مان سکڻ پوندو.؟
    جديد دور جي نئين انسان جون عادتون ڏسندي سچ پڇو ته پشيماني ٿئي ٿي. ماڻهو مان ماڻهپو نڪرڻ کان پوءِ هو انسان سڏائڻ جي لائق آهي؟ ۡڪهڙي منجھه حساب هو آدم کي ڪوهي آدم سڏائي ٿو ۽ آدم کي ئي لڄائي ٿو. اوچ نيچ ۽ اڻبرابري جا پيمانا مقرر ڪري خود ساخته عظمتن جي مينارن تي ٽنگجڻ جي خواهشن ۾ جڪڙجي انسانيت جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي آهي. انسانيت جي تقدس جي بحالي لاءِ هن دور جي سنجيده ماڻهو کي انسانيت ۾ اعتماد بحال ڪرائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي.
    


    ڀوپا ڪلچر ۾ ڦاٿل اسان جو سماج

    هن سماج ۾ ڪيترائي اهڙا مسئلا آهن جيڪي ظاهري طرح ته معمولي نظر اچن ٿا پر حقيقت ۾ اهي مسئلا اسان جي سماج ۾ ناسور ڦٽ بڻجي چڪا آهن. جنهن ڪري ان ناسور زخمن جو عذاب اسان جو سماج ڀوڳي رهيو آهي. انسان پٿر جي قديم ترين دور جا ارتقائي ڏاڪا طئه ڪندو اڄ هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد ترين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. انسان جي ڏينهن رات ذهني پورهيي جو شاندار نتيجو اهو نڪتو جو اڄ انساني زندگي جون لاتعداد مشڪلاتون هن سائنس جي ترقي يافته زماني ۾ آسان ٿي ويون آهن. انسان جي مسلسل تحقيق ۽ تجربن سبب لاتعداد ڳُجھين بيماري جو علاج ڳولي انساني زندگين کي موت جي راڪاس ۽ خطرناڪ مرضن کان بچائڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي وئي آهي. پر پوءِ به هن جديد دور ۾ هر مرض جو ڪامياب علاج موجود هجڻ ۽ لاعلاج مرضن جي مرضن جي کوجنا جاري هجڻ جي باوجود به اسان جي معاشري جا اٻوجھ ماڻهو ڀوپن جي جڪڙ ۾ سوگھا آهن. ڪاري علم، جادو ۽ وير مُٺ جي ڊپ سبب متاثر ماڻهو انهن خلاف آواز به بلند نٿا ڪن. هن ڪشمڪش واري ڇڪتاڻ جي دور ۾ هن معاشري جا اٻوجھه ۽ مسڪين ماڻهو بک، بيروزگاري، بيماريون، بدحالي، غربت، سماج جي اڻبرابري وارين غيرانساني ظالم روين، برادري ۽ گھرو تڪرارن جي ڪري ذهني عذابن جو شڪار آهن. انهن مسئلن ماڻهن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي. ماڻهو انهن مسئلن جا حقيقي ۽ سائنسي حل ڪڍڻ بجاءِ ڀوپن جي ور چڙهي مسئلن مان آجو ٿيڻ بجاءِ ٻيڻا جڪڙجن ٿا. دماغي روڳن ۾ ڦاٿل رحم لائق نازڪ مزاج نفسياتي مريضن کي سنگھرن ۾ ٻڌڻ، ڏنڀ ڏيڻ، ڪمرن ۾ قيد ڪري اڪيلو ۽ قيد تنهائي ۾ رکڻ مرض جو علاج نه بلڪه مريض کي بيماري ڏانهن ڌِڪڻ آهي.
    ڪيترائي ان قسم جا واقعا ميڊيا جي رڪارڊ تي موجود آهن. 21جنوري 2016ع جي اخبارن ۾ هڪ خبر تي نظر پئي جنهن کي پڙهندي ئي تمام گھڻو افسوس ٿيو. جنهن ۾ ڄاڻايل هو ته “ميرپورخاص ويجھو ڳوٺ موڙو ڪولهي ۾ هڪ ڀوپي جن ڪڍڻ بهاني 8 سالا معصوم نياڻي کيمي ڪولهي کي مچ ۾ ساڙي ڇڏيو، جنهن سبب نياڻي جو جسم 70 سيڪڙو سڙي وڃڻ سميت ٻئي 2 اکيون پڻ ضايع ٿي ويون.” هيڏا هاڃا بُري هن ڀنڀور ۾. سنڌ ۾ هن قسم جا واقعا گھڻو ڪري ميرپورخاص، بدين، ٿرپارڪر ۽ سانگھڙ ضلعن ۾ تمام گھڻو ٿين ٿا.
    زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪري سماج جي ڳنڀير مسئلن جا حل ڪارن ڌاڳن ۽ پڙهيل پاڻي ۾ ڳولڻ فراريت آهي. هن جديد زماني ۾ چمڙي جي خطرناڪ مرضن ۾ مبتلا ماڻهو اڄ به ميڊيڪل جو ڪارائتو علاج ڪرائڻ بجاءِ ناسور زخمن تي “پڙهيل لوڻ” ٻرڪڻ ، ڪاري سائي ۽ پيليو جا مريض ويڪسين ڪرائڻ بجاءِ “پڙهيل ڀڳڙا” کائي مرض وڌائي رهيا آهن. هائيڊروفوبيا ۾ مبتلا ڇتي ڪتي جي چڪيل ماڻهو کي ويرورب ويڪسين ڪرائڻ بجاءِ پڙهيل پاڻي پياري موت جي حوالي ڪرڻ، ريگستاني علائقن ۾ جتي هن جديد زماني ۾ به ميڊيڪل جون سهولتون مهيسر نه آهن. اُتي اڄ به نانگن ۽ بلائن جي ڪکيل ماڻهن کي اينٽي سنيڪ وينيم ويڪسين لڳرائڻ بجاءِ ڀوپن جي ور چاڙهي زهر ڦهلجڻ جو هٿرادو موقعو فراهم ڪري موت کي دعوت ڏني ويندي آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته هن سماج جي اٻوجھه ماڻهن سان گڏ پڙهيل لکيل ماڻهو به رات پيٽ ۾ امير ٿيڻ، پسند جي نوڪري ملڻ، پسند جي شادي ٿيڻ سميت پنهنجي مخالف کي مات ڏيڻ خاطر ڀوپن جي ڌاڳن ڦيڻن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪنگال بڻجيو وڃن.
    ٻهراڙي توڙي شهرن جي اڪثر گھرو فسادن جي جڙ به ڀوپا آهن. جيڪي ماڻهن کي هڪٻئي تي تعويذ ۽ ڪامڻ ڪرائڻ جا الزام هڻي انهن اٻوجھه ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهائي فساد ڪرائي بي گناهه دشمنيون وڌائڻ جو سبب بڻجي پاڻ ويهي تماسو ڏسن ٿا. اهي ڀوپا اهڙي ڪڌي ۽ انسانيت کان ڪريل عمل سان ويجھن رت جي رشتن ناتن ۾ دراڙون وجھي پنهنجي روزي روٽي جو مسئلو حل ڪن ٿا. سائنس جي هن عروج واري دور ۾ به مرگهي جي مرض جو علاج ڀوپا ڌوڻائي ڪرڻ وارو عمل واقعي ئي عجيب لڳي ٿو. مرگھي دماغ جو خطرناڪ مرض آهي. مرگھي جي مريض کي چڪر اچڻ، ساهه گُھٽجڻ، جھٽڪا اچڻ ۽ بيهوشي جا دورا پوڻ وارو عمل وقت به وقت جاري رهندو آهي. مرگھي جو دورو ڪڏهن مختصر لمحن لاءِ هوندو آهي ته ڪڏهن شديد ۽ وڏي وقت تائين يعني ڪجھه ڪلاڪن تائين به ٿيندو آهي. مرگھي ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه عرصي لاءِ بيماري وقفو به ڏئي ويندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن مرگھي جا دورا روز جو معمول به بڻجي ويندا آهن.
    اهڙي بيماري ۾ مبتلا مريض کي خاص طور باهه ۽ پاڻي کان پري رکڻ گھرجي. مرگھي جي مرض ۾ مبتلا مريض کي ڪنهن چڱي دماغ جي ماهر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ بجاءِ ڪنهن تنتري، ڦورو ۽ رهزن ڀوپي جي حوالي ڪرڻ ڪا عقلمندي نه آهي. ظالم ڀوپن پاران معصوم مريضن کي بيدردي سان باهه جي مچ ۾ ساڙڻ جهڙا غيرانساني عمل پٿر جي دور ۾ به نه اپنايا ويا هئا. قانون جي ڪمزور جڪڙ سبب ڀوپن کي کلي ڇوٽ مليل آهي.
    اهڙا واقعا هن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد دور جو هڪ وڏو سانحو آهن. هن کان اڳ به اهڙا واقعا ميڊيا جي عقابي اک ۾ اچي مننظرعام تي ايندا رهيا آهن. پر اڃان به ڪيترائي اهڙا معاملا ڳجهه ڳوهه ۾ نبيرجڻ ڪري منظر تي نه اچي سگهندا آهن. جنهنڪري اهي ڀوپا پنهنجي لفظي جادوگري ۽ نفسياتي بليڪ ميلنگ جي ڄار ۾ مسڪين، مظلوم ۽ اٻوجھ ماڻهن کي ڦاسائي ٻنهي هٿن سان لٽيندا رهيا آهن. بيماري ۾ ڦاٿل مجبور ماڻهو آسان ڇوٽڪاري جي ڳولا ۾ فيضياب ٿيڻ بجاءِ ڀوپن جي ور چڙهي ٻٽي عذاب ۾ داخل ٿيو وڃن. ڀوپن پاران تشدد ڪري بيمارن کي جان کان مارڻ کان ويندي لڄ لٽڻ جا واقعا به ميڊيا ۾ ايندا رهيا آهن. ڪجھه سال اڳ ڪوٽ غلامحمد لڳ به هڪ ظالم ڀوپي پاران ذهني مريض عورت کي علاج بهاني ڪمري ۾ بند ڪري زنا جو نشانو بڻايو ويو بعد معاملو پوليس تائين پهتو ته پوليس پنهنجي روايت برقرار رکندي انصاف جون ڌڄيون اُڏائي اصل معاملي جو ڪيس درج ڪرڻ بجاءِ معمولي نويت جو ڪيس داخل ڪري ڀوپي کي ڳري سزا کان بچائي ڇڏيو. 9 آگسٽ 2014ع تي نئون ڪوٽ لڳ هڪ بي رحم ڀوپي پاران مليريا جي مريض کي وڻ سان ٻڌي لوهه جون سيخون تپائي سندس جسم تي ڏنڀ ڏيئي سخت تشدد جو نشانو بڻائي آخر ماري ڇڏيو. ڪجھه سال اڳ ميرواهه گورچاڻي لڳ هڪ ذهني مريض ڀوپي پنهنجن 3 معصوم ٻارن کي ڪالي ماتا جي بلي چاڙهي ڪهڻ بعد پاڻ به پنهنجي ڪنڌ تان ڇُري ڦيري ڇڏي. مون ماتا جي بلي واري ان قيامت تي هڪ ڪالم لکيو هو ته هڪ نام نهاد ڌرمي ٺيڪيدار (جيڪو پوءِ ڀارت ڀڄي ويو) تنهن ان ڪالم کي ڌرم لاءِ وڏو خطرو سمجھي ڦوٽو ڪاپيون ڪرائي، ان سان گڏ ڪجھه انتشار پکيڙڻ ۽ تيش ڏيندڙ فتوائي مواد لکي پنهنجي جيئري ٻارس ڪري وئڪنٽ ۾ ايڊوانس سيٽ بڪ ڪرائيندڙ هڪ چريي ماڻهو کي ورهائڻ لاءِ ڏنو هو. اهو اڌ مئل ماڻهو ست سنگن ۾ مون تي لعنتون ڏياري ست سنگ جو ڦل حاصل ڪندو هو. ميرپورخاص جي هڪ ڀوپي پاران پٽ ڏيڻ واسطي ٽن نياڻين کي ڪهڻ جو فرمان پڻ جاري ڪيو ويو هو پر مسئلو ميڊيا ۾ اچڻ ڪري دٻجي ويو. سوال اهيو آهي ته هن حسين ڪائنات ۾ هي وحشت جي علامت بڻيل واقعا ڪٿي دنگ ڪندا؟ ڊپريشن، هسٽريا ۽ سائڪي جي مرض ۾ مبتلا معصوم مريضن کي نفسيات جي ماهر ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ جي ضرورت هوندي آهي. پر اسان جي معاشري جا اٻوجھه ماڻهو ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ ٺوڳي ڀوپن جي ور چڙهي وڏو عذاب ڀوڳين ٿا. وڏي عمر تائين جنسي خيالن جي دٻاءُ کي برداش ڪري نفسياتي مرض ۾ مبتلا نوجوان ڇوڪرين کي شادي جي ضرورت هوندي آهي، پر هتي ان جي ابتڙ ذهني مريض بيمار نياڻين کي اٻوجھه مائٽ پنهنجي هٿن سان ڪپڙ ڪوٽ ڪري لوفر ڀوپن جي حوالي ڪندا آهن. ڇا اهو ظلم ناهي؟ ڪارو ڌندو ڪندڙ اهي بي رحم ڀوپا انهن ذهني ۽ نفسياتي مريضن کي سخت جسماني ۽ ذهني تشدد ڪري وڌيڪ بيماري ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن. ٽوڻا ڦيڻا ڪندڙ ڦورو ڀوپا ڪلچر اسان جي سماج ۾ هڪ “مافيا” بڻجي چڪو آهي. انهن کي هر دفعي هن سماج جا لڪيل هٿ بچايو وڃن.
    ڀوپن پاران مسئلن ۾ جڪڙيل اٻوجھه ۽ مجبور ماڻهن تي پنهنجو نفسياتي اثر ويهارڻ خاطر وڏا وار رکڻ ، چرس، آفيم، شراب، ڀنگ، ڏوڏي سميت ٻيا خطرناڪ نشا واپرائي اکين ۾ ڳهر ۽ اکيون ڳاڙهيون رکڻ، آڱرين ۾ قسمين قسمين پٿرن واريون مُنڊيون پائڻ، هٿن، پيرن ۽ ڳچي ۾ مڻڪا، ڪڙا ۽ مالهائون پائڻ سميت پنهنجو ظاهري دٻاءُ وڌائڻ لاءِ اڃان به ڀوائتا روپ اختيار ڪيا وڃن ٿا. ڀوپا هن ڪاري ڪاروبار ۾ “صدقي” جي آڙ وٺي مجبورن کي لٽيو ڇڏين. صدقي ڪارڻ ڇيلا ، ڪُڪڙ، پاڏا، ڪچو توڙي پڪو سيدو سامان، مهانگا ڪپڙا ديسي نڀار گيهه ۽ سچي ڪيسر سميت پنسار جي دڪان تان تمام مهانگيون شيون خريد ڪرائي ڀوپا پنهنجا مفاد ماڻين ٿا. هن قسم جا واقعا ماضي ۾ ٿيل سمورن واقعن جي ڪڙي آهي. جنهنڪري اهڙا واقعا گھڻو ڪري هڪجھڙائي رکن ٿا. ذهني مرضن جو شڪار مردن جي ڀيٽ ۾ عورتون وڌيڪ هئڻ ڪري انهن مسئلن ۾ اڪثر ڪري عورتون گهڻو ڀوڳين ٿيون.
    عورتن کي وحشي صفت درندن پاران غير انساني سلوڪ ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويندو آهي. جنهنڪري ڪيترن ئي عورتن جون زندگيون داءُ تي لڳل هونديون آهن. اسان جي سماج ۾ اهڙا واقعا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. خاص طور سنڌ ۾ اهڙا سانحا ٿيندا رهيا رهندا آهن. پر هر دفعي هن مدي خارج سماج جا ٺيڪيدار پٽڪا ٻڌيو هٿ ٺوڪي راڄوڻي سان اهڙن ظالمن کي بچايو ڇڏين. جنهن جي نتيجي ۾ انهن ڇڙواڳ ظالم ڀوپن جو من وڌي ويندو آهي. جنهنڪري هو پنهنجيون ڪڌيون وارداتون جاري رکيو اچن. ملڪ جي اعلى عدليه، سنجيده سوچ رکندڙ باشعور ماڻهو ۽ قانون جا رکوالا “ڀوپا مافيا” خلاف قانوني ڪاروائي ڪن ۽ هن سماج جا باشعور فرد هن قسم جي مسئلن تي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪري جاڳرتا پيدا ڪن ته جيئن هن معاشري جا معصوم انسان ڀوپن جي ڏنل ذهني عذاب ۽ تذليل کان بچي سگھن.
    


    دنيا جو اصل مسئلو “بُک” آهي.؟

    “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جھڙو بي مثال نعرو ۽ داس ڪيپيٽال جي صورت ۾ دنيا کي بدلائيندڙ شاهڪار انقلابي ۽ سائنسي نظريو ڏيندڙ استاد ڪارل مارڪس جو پٽ ايٽگرمارڪس انتهائي معاشي تنگدستي، غربت، مفلسي، بدحالي، بيماري سان گڏ خاص طور بک سبب گذاري ويو. انقلابي نظريي سان سامراج جا ڀاري برج لوڏيندڙ مارڪس پنهنجي پياري ٻچڙي کي بک کان بچائي نه سگھيو. پر مارڪس چيو ته “منهنجو هي پٽ ته بک وگھي مري ويو پر هن بک جي گھڙين ۾ جيڪو ٻيو پٽ مان هاڻ پيدا ڪندس (داس ڪيپيٽال ڏانهن اشارو) ان پٽ کي دنيا جي ڪابه طاقت نٿي ماري سگھي” مارڪس بعد سندس نظريي تي بُکين مارڪسوادي ڪامريڊن روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ انقلاب آڻي بک جو مقابلو ڪيو.
    ڪي ماڻهو فقط ايترو کائيندا آهن جو صرف زنده رهي سگھن پر ڪجھه ماڻهو ته زنده ئي کائڻ لاءِ هوندا آهن. جڳ مشهور سماج سڌارڪ مسڪين جھان خان کوسو به ماني جي پرواهه ڪرڻ بنان لڱ ساڙيندڙ لُڪن ۾ لڪ لتاڙيندو خدائي خلق جي ڀلائي خاطر هن سماج جون صعوبتون، تڪليفون، ڏک، پيڙاهه، مشڪلاتون ۽ سور سهندو اڳتي وڌندو رهيو. سندس جيون ساگر جي سماپتي لمحن دوران لال بتي جي هڪ وارڊ ۾ هڪ عظيم ۽ نامياري سماج سڌارڪ جي موت جي ٻين سببن سان گڏ چار ڏينهن کان ماني نه کائڻ به هڪ سبب هو. بک هن سهڻي دنيا جو وڏو مسئلو هئي، آهي ۽ مستقبل ۾ به رهندي. ان مسئلي جو مستقل حل هيستائين نه نڪري سگھيو آهي. دنيا ترقي جي بلندين کي ڇُهي پئي، سائنس ۽ جديد ٽيڪنالوجي جو نت نيون ايجادون، ڪائنات جا راز پروڙڻ، ناممڪن کي ممڪن بڻجڻ جو تعميري سفر، چنڊ تي انساني قدم، مريخ تي زندگي جي ڳولا، فاصلا مختصر ٿيڻ، ڊي اين اي ۽ ڪلونگ سميت ٻيا سائنسي دنيا جا بي مثال انقلابي ڪارناما جن دنيا کي حيرت انگيز ترقي ڏياري آهي، پر ان سڄي ترقي جي تاريخ ۾ بک جو بلو نه ڪيو ويو. ان سائنسي حقيقت کي تسليم ڪرڻ لاءِ ذهني طرح تيار رهڻ گھرجي ته بک بحال رکڻ خاطر ڳڀي جو ڏڪار دنيا جي وڏن هٿن جو هنيل آهي. ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي هيستائين ڪائنات جون حالتون ۽ لقاءُ مسلسل بدلائو ۾ رهيا آهن. يعني ڪائنات جون ٻيون به اڻ ڳڻيون شيون “نفي جي نفي” واري عالمي سائنسي قانون تحت فنا ٿينديون رهيون آهن پر تبديلي فنا نٿي ٿئي اها مسلسل برقرار رهي آهي. بلڪل ائين ئي تبديلي سان گڏ بک به برقرار رهي آهي. معنى ته بک فنا نٿي ٿئي، بک کي موت نٿو اچي، بيڪٽريل شين کي اينٽي بايوٽيڪ سان موت اچي ٿو، بک ڄڻ وائرل هجي ۽ وائرل شين کي زندگي ئي ناهي ته موت ڪٿان ايندو؟ بک جو علاج مستقل نه پر عارضي آهي. بک جو خطرناڪ مرض زندگيون کائيو وڃي. بکايل ماڻهو دنيا جي ڪهڙي به خطي جو هجي پر بک جو سور ۽ بک سبب پيٽ ۾ پيل مروڙ جو درد سڄي ڪائنات ۾ هڪجھڙو آهي. سور جي ڪيفيت ۽ رت جو رنگ به هر جاءِ تي هڪجھڙو آهي. دنيا جي مقدس وجود تي بک جي جمودطاري آهي ۽ دنيا جي ترقي ۾ رڪاوٽ جو راز به بک آهي. بک جي خلاف ڪيتريون ئي بک هڙتالون به رڪارڊ تي آهن.
    ڪائنات ۾ ساهوارا پنهنجي نسلي واڌ ويجھه خاطر بک سان ويڙهه ڪري پنهنجو وجود بچائن ٿا. هڪڙا ساهوارا ٻين جيوتن کي کائي پيٽ جي بک اُجھائن ٿا ۽ پنهنجو نسل برقرار رکي ڪائنات جي وجود جي گواهي بڻيل آهن. جڏهن ته ڏاڍا ۽ هيڻا بک مٽائڻ وارن وسيلن تان وڙهندا هڪٻي جي نسل ڪشي ڪندا رهيا آهن. پر بک ۾ گُرڙ پکي جا صفا هوش خطا ٿيو وڃن. جنهنڪري هي خوني پکي بک ۾ پنهنجا جيئرا ٻچا ٻوٽي ٻوٽي ڪريو کايو وڃي. تنهنڪري ان پکي جو نسل ناياب ٿي ويو آهي پنهنجي نسل جي ناياب ٿيڻ جو ذميوار به هو پاڻ آهي. اهڙي صورتحال ماڻهو جي به ٿيندي نظر اچي ٿي. بک اجھائڻ خاطر ماڻهو ٻي ماڻهو جو ماس پٽي پيو. جنهن ڪري هاڻ ماڻهو پنهنجي ئي نسل لاءِ خطرو بڻجي چڪو آهي ڪائنات ۾ ماڻهو جو ماڻهو کان وڌيڪ ٻيو ڪو ويري نه آهي. پکي خوراڪ جي ذريعن جو زخيرو نٿا ڪن، پر ماڻهو اناج جا زخيرا ڪري ٻين ڪروڙين انسانن کي بک تي رکيو اچي. پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ سميت ٻين خودڪش حملن، جهيڙن، فڏن ۽ فسادن ۾ هيستائين ڪروڙين انسان موت جو راڪاس ڳڙڪائي چڪو آهي. هن دنيا کي امن ۽ شانتي جو آشيانو بڻائڻ جي ڳالهه ڪندڙ ماڻهو دنيا مان فقط بک ختم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ان سبب ڪيترن ئي مسڪين ملڪن جا ماڻهو اڄ به خوراڪ جي شديد قلت جي ڪري حياتيون وڃائن پيا. هن ڌرتيءَ تي انساني آبادي جي نسل ڪشي صرف گولين، بندوقن، ايٽمي هٿيارن ۽ بيمارين سان نه ٿي آهي پر ان قتل عام ۾ بُک جو اهم ڪردار رهيو آهي. دنيا جي دورنگي بازار ۾ مختلف فلسفا ۽ نظريا بازاري وکر جيئن موجود آهن. دنيا ۾ ڳاڙها، ڦڪا، ساوا، اڇا، ناسي، ڪارا، گلابي، رتام خوني انقلاب، ورن وڪڙن وارا پيچيده انقلاب، طوطي جي پرن جهڙن ساون ۽ سبز انقلابن جا هوڪا هُلن ٿا. پر بک فقط ماني جي ٻولي سمجھي ٿي. بقول حافظ نظاماڻي جي
    سڄو ڏينهن جي ويهي مان سجدا ڪيان،
    ته ماني جو ملهه ڏس مونکي ڪير ڏيندو.؟
    آدم جو اولاد آ، ملائڪ ته ناهي،
    جڏهن پيٽ ڀربو تڏهن اک پٽيندو.
    تنهنڪري بک کي ختم ڪرڻ جي انقلاب جون ڳالهيون به خيالي پلاءُ جيئن وڻن ٿيون، پر انهن ڪتابي، دانشوراڻين ۽ فلسفاڻين ڳالهين سان پيٽ نٿو ڀرجي. بک کي ڇاٻ دانگي جي پٽي (ماني) سان ايندي آهي.نوخيز نيڻن ۽ ڌرتيءَ جي عشق ۾ برابر ڳڀي ڀت جي ضرورت هڪ تاريخي ۽ سائنسي حقيقت رهي آهي. پيٽ جي دوزخي باهه اُجھائڻ لاءِ ٻن مانين سان گڏ ٻوڙ جو ذرو ملي وڃي ته هينئي کي ٿڌو ڇنڊو لڳي ويندو. زندگي جي گاڏي کي بک جو ڪنڊو پنڪچر ڪري ٿو پر وري به ماني جي چتي زندگي ۾ ساهه ڀرندي آهي. قبرون کوٽيندڙ گورڪي جي روزي روٽي ماڻهن جي موت سان منسلڪ آهي. بک جي مجبوري انساني آدرشن جو آڪال آندو آهي نه ته ماني گرهه خاطر ماڻهو مرڻ لاءِ دعا ڪير گھري؟ ڪيوبا جي آزادي واري ويڙهه ۾ فيڊرل ڪاسترو ۽ چي گويرا جهڙن انقلابي جوڌن جنگ دوران محاذ تي بک ۾ ڀولڙا ۽ گھوڙا ڪُهي کائي به سامراج خلاف ثابت قدمي سان ڄمي وڙهيا هئا. انهن انقلابي اڳواڻن جي لازوال ۽ عظيم قربانين جي نتيجي ۾ سندن وطن ۾ انقلاب جي سج اُڀريو ۽ بک جو خاتمو آيو. ايوب کوسي جو قلم بک کي هيئن ٿو ڏسي اي بکيا! ماني آسماني صحيفو ناهي، پورهيتن ان کي پنهنجي رت ۽ پگھر سان زمين مان پيدا ڪيو، پر سرمائدار ان کي اغوا ڪري ويا. سموري دنيا تي غير جمهوري طريقي سان قابض چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترين عالمي سامراجي قوتن جي مکيه ايجنڊا ئي اهو آهي ته هن حسين ڪائنات ۾ بک کي ڪيئن برقرار رکجي ۽ دنيا جي بکين ماڻهن تي حڪمراني ڪيئن قائم رکجي؟ استاد بخاري جي سٽن ۾
    اسان اڌ ڍاوا اوهين وڌ ڍاوا،
    اسين ڦٿڪون ٿا، اوهين فاٽو ٿا.
    دنيا جي ست ارب آبادي مان تمام ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا جيڪي ٽي ويلا ماني کائي سگھندا هوندا، پر اڄ به انسانن جي وڏي اڪثريت بک سبب ويلا ڪاٽڻ تي مجبور آهي. هن دنيا ۾ ماني جي مجبوري انساني حقن جي عالمي ادارن، بک کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ مها سماجي اڳواڻن، خوراڪ جي کوٽ ختم ڪرڻ جي پروجيڪٽ هلائيندڙ ادارن لاءِ چيلينج ان ڪري بڻيل آهي جو بک ختم ٿي وئي انهن جا پروجيڪٽ به ختم ٿي ويندا، دنيا جي غريب انسانن جي بک اميرن جي ڍئو جو لڪل راز به آهي ته هن دنيا جو وڏو الميو به آهي جو هن خوبصورت ڪائنات ۾ اشرف المخلوقات جي فنا ٿيڻ جو باعث بک بڻجي رهي آهي. “ڍائو کنهي پيٽ، بکئي جو وڃي ساهه” هڪ طرف دنيا جي مالدار ماڻهن کي شگر، بلڊ پريشر، چرٻي ۽ وزن وڌڻ سميت لاتعداد بيماري ۾ هرقسم جي غذا تي پابندي عائد ٿيل هوندي آهي جنهنڪري اهي ماڻهو هن وڻندڙ ڪائنات جي لاجواب ذائقن کان محروم هوندا آهن، ۽ ٻيا اهي ماڻهو جيڪي بک لڳائڻ جو دوائون ته کائن ٿا پر کين بک نٿي لڳي. ٻي طرف گھڻائي ۾ اهي ماڻهو آهن جن جو وزن فقط بک ۽ خوراڪ جي شديد ڪمي جي ڪري خطري جي حد تائين گھٽجي ٿو نيٺ انهن ڪروڙين مسڪين انسان جي زندگي جو انجام موت جي چوواٽي تي دنگ ڪري ٿو. جتي بک زندگي جا سگنل ختم ڪريو ڇڏي.
    دنيا جي گولي تان وڏي ۾ وڏو ساهه وارو جانور مرحوم ڊائنوسار ان ڪري پرلوڪ پڌاري ويو جو سندس پيٽ پوجا وارو مسئلو وڌي وڻ ٿي ويو هو. خوراڪ جي ذريعن جي شديد قلت ڊائنوسار جو نسل ئي ختم ڪري ڇڏيو. “بُک بڇڙو ٽول داناءَ ديوانا ڪري” بُک انقلابن جو سبب به بڻجندي آهي ته رڪاوٽ به، پر جديد ميڊيڪل جي ڪامياب تجربن ۾ ڪٿي به اهيو ثابت نه ٿيو آهي ته بُک ڪا بيماري آهي؟ پوءِ ٿر جا مسڪين ٻار بُک ۾ ڇو ٿا مرن؟ بُک کان بچاءَ جي ڪا احتياطي تدابير يا ويڪسين آهي؟ مجنو ته ليلى جي حُسن ۽ عشق ۾ زمانن تائين بر پٽن ۾ ٿُڙ بڻيو بيٺو هو، مٿس وڻ ويڙهي وراڪا ڏيئي وئي هئي، هڪڙي ڪاٺير ته وڃي ڪهاڙو وڌو تڏهن وڃي مجني رڙ ڪئي “ير!حضرت عشق جي وڍيل کي نه وڍ ” جڏهن ته اڄ حُسن ۽ عشق جي صورتحال بابت زميني حقيقتن جي عڪاسي هنن سٽن ۾ ڏسجي ٿي ته “ڍئو بنان ڍولا ناهي ساڃاهه سونهن جي” هاڻ سائنس کي اهيو ثابت به ڪرڻو آهي ته عاشق مست مجني ايڏو عرصو بُک ڪيئن برداش ڪئي؟ اهيو فارمولو ٿر سميت ايٿوپيا جهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ٻُڌائي سندن زندگي بچائي وڃي. جيئن ريگستاني جانور اُٺن ۽ ڍڳن جي پُٺن تي چرٻي جو وڏو ٿوهو کين ڏڪار جي صورت ۾ گھڻي عرصي تائين بُک برداش ڪرڻ جي قوت فراهم ڪري ٿو. هن جديد دور ۾ عضون جي پيوندڪاري، پلاسٽڪ سرجري، مصنوعي اکيون، ڪن، نڪ، چپ، جيرو، گڙدا لڳائڻ ۽ جنس مٽائڻ جا ڪارناما سرانجام ڏيندڙ ميڊيڪل جي ماهر مسيحاهن کي گهرجي ته بُک متاثر ماڻهن جي پُٺ ۾ به “ بُک پروف ٿوهو” هڻي دنيا جي اڪثريت کي بک سبب موت جي راڪاس کان بچايو وڃي نه ته ماڻهو به ڊائنوسار جئين ڌرتيءَ ماتا جي گولي تي ناياب نسل بڻجي ويندو. وقت به وقت ٿرپارڪر، ڪوهستان ۽ اڇڙي ٿر سميت سنڌ جا ڪيترائي علائقا شديد ڏڪار جي ور چڙهيل رهندا آهن. جتي بُک وڏو مسئلو بڻيل آهي. انهن علائقن ۾ نائجيريا ۽ ايٿوپيا جهڙيون حالتون پيدا ٿيندي نظر اچن ٿيون. بک دنيا جي سائي وڻ کي بي پاڙهي ول جيئن ويڙهي وئي آهي جنهن هن ڪائنات کي سڪائي رکيو آهي. دنيا اربين بکايل ماڻهو پنهنجي تقدير کي پاڻ بدلائڻ بجاءِ گٺل پيٺل موروثي نظرين ۽ نعرن جي ذريعي تقدير بدلجڻ جي آسري ۽ ڪنهن معجزاتي چمتڪار جي اميد تي هوندا ته بک سندن نسلن ڪشي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏيندي سندن معصوم بُکن ۾ پاهه ٿي ويندا. جڏهن ته دنيا جي سمورين تحقيقاتن ۾ اهيو ثابت ٿي چڪو آهي ته بُک ڪو لاعلاج مرض نه آهي. بک جون پاڙون ۽ ٺڪاڻا غريبن جا گھر آهن جتي هو مستقل مهمان طور ترسيل آهي. دنيا جا ماڻهو پنهنجي بُک جو پاڻ مستقل علاج ڳولن ته جيئن دنيا مان بک جو باب بند ٿي سگھي. بکن سبب مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن جي مرڻ سلسلو نسل در نسل هلندڙ آهي. دنيا جا موروثي امير ماڻهو اميرترين بڻجندا وڃن ۽ غريب ماڻهن کي غريب ترين رکڻ لاءِ سرمائيدار سامراج ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا وڏا ماڻهو ڪوشان آهن. بُک، بيروزگاري ۽ بدحالي سبب مايوسين جي ڪُن ۾ ڦاٿل مسڪين ماڻهو خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اُجھائڻ ۾ مسئلن جو حل سمجھن ٿا. ڪافي ڀيرا ته ڪجھه ماڻهو پنهنجا معصوم ٻچڙا بازار ۾ وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيندي ڏٺا ويا آهن. اهڙيون خبرون وقت به وقت ميڊيا تي پڻ اينديون رهيون آهن اهڙي خطرناڪ صورتحال تي سڄي دنيا جي ساڃاهه وند ڌرين ۽ باشعور انسان دوست ماڻهن کي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪري مستقبل لاءِ بُک ختم ڪرڻ جي پلانگ ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ بُک آنا ٻچا ڏيئي سڄي دنيا ۾ پنهنجا فارم کولي ڇڏيندي. بک جي ان خطرناڪ صورتحال کي وس ۾ آڻڻ انسان جي وس جي ڳالهه نه هوندي. تنهنڪري بک جي بدنما داغ کي دنيا جي حسين دامن تان ڌوئي صاف ڪريون.
    


    سنڌ جي ماڻهن ۾ “پنڻ” جي نفسيات جو وڌندر رجحان ڪنهن تاريخي الميي کان گھٽ ناهي

    دنيا جا سڌريل ملڪ پنهنجي عوام جي سمورن ڏکن، سورن، اهنجن، تڪليفن، دردن ۽ پيڙائن کان چڱي ريت واقف هوندا آهن. جمهوريت پسند رياستون پنهنجي ملڪ جي شهرن، ڳوٺن، واهڻ، وستين تائين امن امان جي صورتحال، معاشيات، سياسي، سماجي، علمي، ادبي، معاشرتي ريتن، رسمن، سماجي براين، رياستي ڏوهن تي سخت نظر رکن ٿيون. جنهن جي نتيجي ۾ اهي ملڪ آدم ذات لاءِ سک، امن، شانتي ۽ آسائشن جو شاهڪار آشيانو بڻيل آهن. ڪيترن ئي ملڪن ۾ بيروزگار نوجوانن کي سرڪار نوڪري ڏيڻ تائين مقرر الائونس ڏي ٿي. رٽائرمينٽ کي پهتل پيرسن ماڻهن لاءِ پڻ اسپيشل ڪوٽا هوندي آهي. جنهن تحت اهي ماڻهو سماج ۾ ڪنهن تي بار ٿيڻ بجاءِ سرڪار جي سهاري سان پنهنجي حياتي جا ڏينهن آساني سان گذاري ويندا آهن. ان سبب انهن سڌريل ملڪن ۾ پنڻ جو رجحان نه هئڻ برابر آهي. انهن رياستن ۾ قانون ۽ آئين جو احترام هر فرد تي لازمي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو. قانون جي پاسداري ئي ملڪن جي ترقي ۽ امن جي ضامن آهي. ملڪن جي خوشحالي لاءِ ڪوشان معاشري جا ذميوار ۽ سنجيده فرد پنهنجي قوم ۽ وطن جي ناموس، ثقافت، تهذيب ۽ تمندن جي تحفظ جا رکولا بڻيل رهيا آهن. جنهنڪري انهن قومن جي سوچ، ويچار ۽ خيال رجعت پرست، قديمي ۽ انتهاپسنداڻي جنونيت بجاءِ جديد ترقي پسند آهن.
    ڪيتريون ئي ڳالهيون، واقعا ۽ حادثا قومن جي نفسيات تي صدين تائين خطرناڪ اثر ڇڏي ويندا آهن. ڌارين حملي آورن جي گھوڙن جي سنبن صديون اڳ سنڌ کي چچريو هو پر اهو “گھوڙا ڙي گھوڙا” جا واڪا ، آهون، دانهون ۽ ڪوڪون اڄ به سنڌي ماڻهن جي ڪنن م واڄٽ جيئن وڄن ۽ گونجن ٿيون. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي پاڻي ٻوڙيندو يا باهه ساڙيندي تڏهن به اهو ماڻهو “باهه ڙي باهه يا پاڻي ڙي پاڻي” ڪرڻ بجاءِ “گھوڙا ڙي گھوڙا”جون اُڀ ڏاريندڙ پڪارون ڪندا آهن. فوتگي تي به سنڌي ماڻهو گھوڙا ڙي گھوڙا جي دانهن سان پار ڪڍي روئيندا آهن. اهڙا واقعا صدين تائين قومي نفسيات ۾ خوف ۽ حراس جو سبب بڻيل آهن. معاشري جا سماجي سائنس جا ماهر ماڻهو پنهنجي قوم کي اهڙي خوفزده نفسيات مان آجو ڪرڻ لاءِ عملي ڪردار ادا ڪري قوم ۾ بهادري ۽ دليري جا شاندار جذبا پيدا ڪندا آهن. پنهنجي عوام جي هيڻن ماڻهن ۾ همت ۽ جُرت پيدا ڪري کين تاريخي احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي جي مايوسي مان ڪڍي کين هماليه جيڏا حوصلا ڏيئي سندن ذهنن ۾ احساس برتري جي قومي نفسيات پيدا ڪئي ويندي آهي. اهي قومون ڌرتيءَ جي گولي تي پنهنجو وجود بچائڻ ۾ ڪامياب وينديون آهن. جنگ جي فن جا ٻه عظيم ماهر سن زو ۽ نيپولن بوناپارٽ به ان ڳالهه تي آماده آهن ته دنيا جون ڪيتريون ئي جنگون خطرناڪ هٿيارن جي ويڙهه ۾ انسانن جو خون وهائڻ کان سواءِ فقط نفسياتي برتري حاصل ڪري به کٽي سگھجن ٿيون.
    هن وقت سنڌي قوم جي نفسياتي صورتحال به ڪجھه ڳڻتي جوڳي آهي. جنهن تي سنڌ جي ساڃاهه وند ڌرين کي نهايت ئي سنجيدگي سان سوچ ويچار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. 1843ع کانپوءِ انگريز سرڪار قابض ٿيڻ بعد راجائن ۽ مهاراجائن جون رياستون ۽ راڄواڙا ٽوڙي انهن شاهي گھراڻن جي خرچ پکي لاءِ وظيفا مقرر ڪري ڇڏيا هئا. اڻسڌي طرح وظيفو مفت خوري ڏانهن راغب ڪري ٿو جيڪو اڳتي هلي خيرات جو هڪ جدا قسم بڻجي ويندو آهي. انگريز فرنگي برصغير جي راجائن جي نفسيات کي سمجھندي کين سر، خانبهادر، راجا ۽ مهاراجا جا شاندار خطاب ڏيئي آهستي آهستي کين فقير بڻائي ڇڏيو. هڪ صدي تائين اهي يوسي سطح جي رياستن جا بادشاهه فرنگين اڳيان جي مقرر ڪيل وظيفن تي پلبا رهيا. مفت جا وظيفا بند ٿيڻ بعد انهن بادشاهن جي باقيات مالي تنگدستي ۾ زندگي گذاريندي ڏٺي وئي. دنيا جا سمورا مهذب مذهب غريبن جي مدد جي سختي سان تاڪيد ڪن ٿا. ڪنهن مسڪين، مجبور ۽ ضرورتمند اڙيال جي اڙي ڀڃڻ ئي اصل انسانيت آهي. پر پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ پنهنجي قوم جي مسڪينن کي خيرات ۽ امداد جو عادي بڻائي انهن ماڻهن جي قومي نفسيات ۾ کين پينو بڻائڻ هڪ غير جمهوري ۽ غيرانساني عمل آهي. اسان جي ملڪ ۾ غريب، بي پهچ ۽ مسڪين ماڻهن جي سهائتا لاءِ پڻ ڪيترائي سرڪاري ادارا جوڙيل آهن جن جو فنڊ اصل حقدارن کي ملڻ بجاءِ ڪرپشن جي ڪوڙهه ۾ مبتلا راشي ڪاموراشاهي جي پيٽ ڀرڻ جو ذريعو بڻيل آهن.
    جڳ مشهور سماجي ڪارڪن مرحوم عبدالستار ايڌهي ۽ ڇيپا جهڙن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن ۽ ادارن کانسواءِ بي سهارا مسڪين ماڻهن جي مدد ڪندڙ ٻيا لاتعداد سماجي ماڻهو ۽ اين جي اوز ٽائپ سماجي ادارا پڻ خيراتون ۽ پروجيڪٽ وٺڻ لاءِ آتا هوندا آهن. انهن جو ڪوبه احتساب نٿو ڪيو وڃي. خانه پوري لاءِ ڪيل نالي ماتر آڊٽ ۾ به لاڳاپيل آفيسر ڳجھه ڳوهه ۾ ملي ڀڳت سان پنهنجو حصو پتي مخصوص ڪري ويندا آهي. غريبن لاءِ مخصوص ڪيل زڪوات ۽ خيرات مان اعلى آفيسرن جا برگر ٻار پلجن ٿا. پ پ سرڪار هن گذريل دور حڪومت ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان “بينظير انڪم سپورٽ پروگرام” متعارف ڪرايو. جنهن ۾ غربت جي شرح چڪاسڻ لاءِ هڪ سروي ڪئي وئي. جنهن بعد هڪ مخصوص فارمولي تحت غريب عورتن کي منتخب ڪيو ويو. اي ٽي ايم ڪارڊ ذريعي انهن عورتن کي ماهوار هڪ هزار روپيا غربت کي مِٽائڻ لاءِ ڏنا وڃن ٿا. ان پرگرام معتارف ڪرائڻ ۽ سال 2010ع ۽ سال 2011ع جي ٻوڏ ۾ ملندڙ امداد ۽ وطن ڪارڊ سميت ٿر ۾ مسلسل ڪاري ڏڪار کان پوءِ ملندڙ ڪڻڪ جي ٻوري جي امداد بعد سنڌي عوام جي تبديل ٿيندڙ قومي نفسيات رحم جوڳي ٿي وئي آهي. ٻوڏ جي خطرناڪ صورتحال جي ڏکين ڏينهن ۾ ته سرڪار پاران امدادي سهائتا تمام وقت جي اهم ضرورت هئي جنهن سان انساني جانيون بچي سگهيون. پر پوءِ آهستي آهستي ڪيمپن ۾ ترسيل ڪجھه متاثرين ته پنهنجن ماڳن تي وڃي روزگار ۽ ٻني ٻاري کي لڳي ويا پر ڪجھه متاثرين انهن ئي ڪيمپن ۾ ترسي مفت جون امدادون حاصل ڪرڻ ۽ خيراتون وٺڻ واري پينو نفسيات جي مرض ۾ وڪوڙجي ويا. سرڪار غربت کي ختم ڪرڻ لاءِ روزگار جا ذريعا پيدا ڪرڻ بدران پنڻ جا ذريعا پيدا ڪري هڪ باصلاحيت، محنتي ۽ تاريخ جي سخي ۽ مهمان نواز عظيم قوم کي پينو بڻائي ڇڏيو آهي. گذريل هڪ ڊگھي عرصي کان سنڌ ۾ غريب ماڻهن سان امداد جي نالي ۾ وڏي تذليل ٿيندي رهي آهي. هر طرف خاص طور عورتن ۽ پيرسن مردن جو هڪ وڏو انگ صبح سويلي مزدوري تي وڃڻ بجاءِ قومي شناختي ڪارڊ ۽ انهن جي ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپين سميت درخواستون کڻي سرڪاري آفيسن توڙي سماجي ادارن ۽ اين جي اوز جي آقائن اڳيان ڌڪا، ٿاٻا کائي دربدر ٿيندو رهي ٿو. سنڌ جا مسڪين ۽ اٻوجھه ماڻهو امداد جي آسري ۾ بدمست آفيسرشاهي جا داٻا، دڙڪا ۽ ڇڙٻون برداش ڪرڻ ته روز جو معمول آهي پر ڪڏهن ڪڏهن ته تشدد جا واقعا به اخبارن جي زينت بڻبا آهن. امدادي قطارن ۾ رش سبب عورتن جو بيهوش ٿيڻ ۽ عورتن جا پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ ٿيڻ جا واقعا به روز اخبارن ۾ ايندا رهندا آهن. ٻوڏ دوران عارضي امداد بعد روزگار جا ذريعا ختم ٿيڻ ڪري هاري ۽ مزدور طبقي تمام وڏو عذاب ڀوڳيو هو. ٻوڏ ۾ سراسري طور هڪ هاري جو ٽي ايڪڙ پوکيل مرچن جو فصل ۽ ٻه ايڪڙ ڦٽيون ٻوڏ جي نظر ٿيڻ، گھر، گھاٽ، کٽون ، هند، بسترن سميت سندن چوپايو مال پڻ مري ويو هڪ هاري جو نقصان جو ڪاٿو مجموعي طور ٿُلهي ليکي ڏهه لک جي لڳ ڀڳ ٿئي ٿو. ان پورهيت جو لکين روپين جو نقصان ڀرڻ لاءِ سرڪار پاران ڏهن هزارن جو وطن ڪارڊ يا پاڪستان ڪارڊ جي نالي سان ازالو ڪرڻ جي سخاوت ڪئي وئي. ٻهراڙي جا ڪيترائي اٻوجھه ماڻهو ته اهو خيراتي ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ مهينن تائين آفيسن جا چڪر ڪاٽي ڏهه هزارن جيترو ته خرچ ڪري ويا پر پوءِ به ڪيترائي مستحق ماڻهو ڪارڊ ٺهرائڻ کان رهجي به ويا هئا جيڪي اڃان تائين اهو ڪارڊ حاصل ڪرڻ کي پنهنجي زندگي جو اهم مقصد سمجهي ڪوششن ۾ رڌل آهن. اهڙي نفسيات هڪ عظيم قوم جي فقير بڻجڻ لاءِ راهه هموار ڪري رهي آهي.
    هڪ طرف امدادي آفيس اڳيان سنڌي عوام جو اهو طبقو قطارون ڪري بيٺل هوندو آهي جيڪو عام طور معاشري ۾ پنهنجي محنت ۽ مزدوري سان پيٽ گذر ڪري زندگي گذاري ٿو پر ان محنت ڪش ماڻهن کي هڪ هزار روپين جي معمولي خيرات ڏيئي کين پنڻ تي هيرايو پيو وڃي. انهن ماڻهن کي هر وقت اي ٽي ايم مشينن جي آسپاس چڪر لڳائيندي پسي سگھجي ٿو. پر ان سان گڏ خيراتي پئسا ڏيارڻ لاءِ ايجنٽن جا ٽولا به آسپاس ۾ ڦيرا ڏيندي نظر ايندا آهن. جيڪي ٻهراڙي جي اٻوجھه ماڻهن کي ملندڙ خيرات مان پنهنجو حصو وصول ڪري بقايا پئسا ڏيندا آهن. ايتري قدر جو ايجنٽن پاران اي ٽي ايم مان ڪارڊ مٽائڻ جا به فيس جي نالي تي پئسا ورتا ويندا آهن. بئنڪون به بي آئي ايس پي جي قسط اچڻ وارن ڏينهن ۾ پنهنجيون اي ٽي ايم مشينون غيرقانوني طور بند ڪري انهن مسڪين ۽ اٻوجھه ماڻهن کي ويتر وڌيڪ ذليل ۽ دربدر ڪنديون آهن. اهڙي عمل تي بئنڪ انتظاميه کان ڪو پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي؟ ٻي طرف سنڌ جي شهرن توڙي ڳوٺن ۾ پنڻ وارن فقيرن جو تعداد گذريل ڪجھه سالن ۾ وڏي تيزي سان وڌي رهيو آهي. سراسري طور هر دُڪان تي پنڻ وارن جو انگ روزانه ٽي سئو ۽ شهر سميت ٻهراڙي جي گھرن ۾ سئو کن چڱا ڀلا، ٿلها، مواڙ، متارا ۽ صحت مند مرد ۽ عورتون فقير بڻجي گداگري ڪن ٿيون. جنهنڪري حقيقي مفلس ماڻهو نظرانداز ٿي ويندا آهن. ماضي ۾ فقط ڪجھه مخصوص گداگر قبيلا ئي خيرات وٺندا هئا. باقي ٻين قبيلن جو ڪو ورلو معذور فرد خيرات وٺندي نظر ايندو هو عام طور تي هن وقت پنڻ جا به وقت سان گڏ لاتعداد جديد طريقا معتارف ٿي چڪا آهن. پنڻ لاءِ صدا جو آواز ميموري ڪارڊ ۾ رڪارڊ ڪري ميگافون تي وڄائي فقير خيرات جو انتظار پيو ڪندو آهي. يا پنڻ لاءِ سندس مجبوري ۽ موقف هڪ پني تي لکي پنجاهه کن ڦوٽو اسٽيٽ ڪاپيون ڪرائي مسافر بسن ۾ يا دڪانن تي خاموشي سان تقسيم ڪري بعد ۾ فقير خيرات جي وصولي لاءِ ايندو پنهنجو ڏنل پرچو به واپس وصول ڪندو ۽ گڏ خيرات به وٺندو. ۽ ڪي فقير ته عوامي چوڪن تي ويهي صدا هڻندا “هڪ گلاس پاڻي جو ۽ يارهن سئو پنجويهه روپين جو سوال آهي” سوال پورو نه ٿيڻ تائين ڌرڻو هڻي ويٺل هوندا آهن. پنڻ جو ٻيو ٽرينڊ به سنڌ ۾ گھڻو نظر اچي ٿو جنهن ۾ خوبصورت نوجوان ڇوڪريون وڏي پردي داري سان بُرقا ۽ نقاب پائي مهذب طريقي سان خيرات وٺن ٿيون، پوڙهين فقيرياڻين جي ڀيٽ ۾ نوخيز نگاهن وارين جديد فقير عورتن کي هوٽلائي ماڻهو وڌيڪ خيراتون ڏين ٿا. انهن سان زباني ذائقي خاطر کل، ڀوڳ ۽ مزاق جي ماحول ۾ فون نمبرن جي ڏيتي ليتي پڻ ٿئي ٿي. روڊن ۽ رستن تي موجود اسپيڊ بريڪرن يا ڪنهن وڏي کڏي وٽ توهان کي برقعي جي نقاب ۾ اکيون ٽمڪائيندڙ هر وهي جي فقيرياڻي انگ اگھاڙن معصوم وجودن سان خيرات وٺندي نظر ايندي. يا وري ڪي فقير پنهنجي جسم تي ڪنهن وڏي زخم جو ڏيک ڏيڻ لاءِ تيز ڦڪي رنگ وارو برنال ڪريم هڻي پنندا آهن. جنهن کي ڏسڻ سان ڪراهت ٿئي ٿي. ان قسم جي فقير کي ٽارڻ لاءِ ماڻهو کيسي ۾ هٿ هڻي جلد کيس روانو ڪندا آهن. پنڻ جا اڃان ٻيا به لاتعداد طريقا هوندا پر اهي سڀ طريقا هڪ عظيم قوم لاءِ خواري جو ٺِڪر آهن. اهڙي صورتحال تي سنڌ جي اعلى اختيار ڌرين، سياسي، سماجي ڌرين، سول سوسائٽي، معاشري جي ذميوار فردن ۽ ادارن ڪڏهن سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪيو آهي؟ پنڻ وارن ماڻهن لاءِ ڪو قانونسازي ٿيل آهي؟ وڏن شهرن ۾ ته فقيري “مافيا” بڻجي وئي آهي. جتي ڪجھه بااثر ماڻهو معذور ٻارڙن کي اغوا ڪري يا چڱن ڀلن ٻارڙن کي هٿرادو طور اکيون ڪڍي کين هميشه لاءِ بي نور ڪري، ڄنگھون ۽ ٻانهون ٽوڙي مروڙي معذور بڻائي کين پنائن ٿا. صبح سويلي انهن کي شهرن جي مکيه چوڪن، چورهائن، رش وارين بازارن، مسافر گاڏين، بس اسٽاپن، ريلوي اسٽيشنن، درگاهن جي گھٽين ۽ ڦٽ پاٿن تي پنائڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي اهي معذور ۽ اپائج گرمين، سردين، لڪن جھولن ۾ بک ۽ اُڃ ۾ ان بااثر مافيا لاءِ پنن ٿا. ڪيترائي معذور ته بک ۽ بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري ويندا آهن. قانون جا ادارا توڙي حد جي انتظاميه ان مقامي مافيا کان ڀلي ڀت واقف هوندي به قانوني ڪاروائي کان قاسر ڇو آهي؟ پينو مافيا خلاف قانوني ڪاروائي نه ڪرڻ جو ڪهڙو جواز آهي؟
    هڪ شاندار تهذيب، تمندن ۽ ثقافت رکندڙ دنيا جي هڪ عظيم قوم جنهن تاريخ ۾ ڪيترن ئي فقير بڻجي آيل پناهه گيرن، لاچار ماڻهن جي ٽولن ۽ ڌڪاريل ماڻهن کي محفوظ آشيانو ڏنو، اٽو، لٽو ۽ اجھو ڏيئي سندن سهائتا ڪئي، پنهنجي ڌرتين تان مختلف سبب جي ڪري تڙجي دربدر ٿيندڙ بهاري، بنگالي، برمي، افغانين کي پناهه ڏني. سخاوت جو اهڙو شاندار ماضي رکندڙ اها قوم هن وقت ڪهڙي نفسيات مان گذري پئي؟ امدادي قطارن جي دربدري ان قوم لاءِ تاريخي الميو ناهي؟ ان تاريخي تذليل جي سانحي تي هن سماج جي سنجيده سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ ماڻهن کي پنهنجي عوام جي پينو ٿيڻ واري خطرناڪ نفسيات تي ڪا ڳڻتي ۽ فڪر آهي؟ اسان پنهنجي سماج جي بهتر جوڙجڪ ۽ قوم جي تقدير کي بدلائڻ لاءِ ڪيترا سنجيده آهيون؟ قومن جون حالتون ماضي، حال ۽ مستقبل تي دارومدار رکن ٿيون. هن وقت اسان پنهنجي حال تي نظر ڦيرائي مستقبل جو اندازو آساني سان لڳائي سگھون ٿا. اسان پنهنجي قوم کي ڪهڙو مستقبل ڏنو آهي؟ جنهن قوم جون مائرون، ڀينرون، معصوم ٻار ۽ پيرسن امداد جي آسري تي صبح کان شام تائين قطارن ۾ اُڀي پير بيٺا هجن ان قوم جي مستقبل جا معمار پنهنجي قوم کي دنيا جي ترقي جي ڊوڙ ۾ ڪٿي بيهاري سگھندا؟
    


    جديد ٽيڪنالوجي جو ڪمال ئي پورهيتن جو ذوال ۽ استحصال ثابت ٿئي پيو.

    هن ڪائنات جون سموريون خوبصورتيون، حسين رنگ ۽ وڻندڙ نظارا شعور جي احساسن ۽ محسوسات جي حس جي ڪري ئي دلڪش آهن. لاشعوري جي عالم ۾ دنيا جا سمورا حسين رنگ ٻُسا لڳندا آهن. انساني دماغ جو اعلى شعور، عقل، احساس، آدرش، حواس، جذبا، خيالن جي اُڏام، ماضي، حال ۽ مستقبل جي سوچ، فڪر، ويچار، رٿابندي، بدتر کان بهتري جو سفر، نئين کي پُراڻو ۽ پُراڻي کي نئون نڪور ڪرڻ جي کوجنا، مسلسل اڳتي وڌڻ جو مشڪل سفر، لاتعداد ڪاميابين ۽ ناڪامين جي سنگم جا سمورا فطري، سائنسي، زميني حقيقتن جي حالتن جا واقعا، لقاءُ، حادثا ۽ ڪوششون فقط انساني نسل جي بقاءُ جي جنگ آهن. پر هن ڪائنات جو اهو جُدا ڏکوئيندڙ داستان آهي ته ان انساني نسلي بقاءُ جي مها يُد ۾ انساني حوس، حرس، هوڏ ۾ انساني نسل جو فصل ڌرتيءَ تان گاهه جيئن لڻيو ويو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اجتماعيت جي ڳالهه مذاق لڳي ٿي، مون ۽ مان جو “آئون پڻو” اُڀار کائي ٿو. هن سنسار ۾ روڳ، رت جي راند واريون مها ڀاري لڙايون، ايٽم بم جي يلغار، فطري آفتن ۽ ٻين ڪيترن ئي سببن جي ڪري هماليه جيڏو مضبوط ماڻهو ماڪوڙين جي موت مرندو رهيو ۽ ڪائنات ۾ قيمتي سمجھيو ويندڙ انساني نسل نيست ۽ نابود ٿيندو رهيو آهي. پر انهن مشڪلاتن ۽ هزارين ناڪامين جي باوجود انسان سدائين جيئڻ جي جستجو جاري رکي آهي. جنهنڪري هيڏي وڏي انساني نسل ڪشي کانپوءِ به ڌرتيءَ تي انساني آبادي جو بار ايترو ته وڌي ويو آهي جو هاڻ هي ڪائنات ٻين ساهوارن سان گڏ انسان جي پيٽ گذر جي وسيلن، خوراڪ جي قلت ۽ رهڻ لاءِ سوڙهي ٿيندي وڃي. دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ خوراڪ جي شديد کوٽ ڪر کنيو آهي. جتي ماڻهو جهڙي اشرف المخلوق ماني، ڳڀي لاءِ ترسندي تڙپي تڙپي پساهه پورا ڪري ٿي. انهن جي ڏٻرن ڏيلن تي ڳِجھون لامارا ڏين ٿيون. انهن جا هڏاوان ڍانچا ڪانگ ۽ ڪتا پٽين ٿا. جيون ساگر جا من ۾ ماتم برپا ڪندڙ اهي منظر هن ڪائنات جي سرندي وارن جي اڻ کٽ سرمائي تي سوال بڻجڻ بجاءِ منڌيڻو هڻن ٿا.
    دنيا جي موٽن دماغن عقل جا واهڙ وهائيندي بُک ختم ڪرڻ بجاءِ بُکين کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي نسلي روڪٿام لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لاتعداد ادارا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جيڪي نسلي واڌ ويجھه کي روڪڻ جا غيرفطري طريقا متعارف ڪرائي عورتن کي فطري سونهن کان محروم ڪري صحت جي مسئلن جي ٻٽي عذابن ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. انساني آبادي جي روڪٿام لاءِ قانون جو احترام ڪندڙ ملڪن ۾ ان قانون تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ٿو. جنهنڪري ان قانون جي پاسداري ڪندڙ ڪجھه ملڪن ۾ هڪ ٻار ته ڪجھه ملڪن ۾ ٻه ٻار پيدا ڪرڻ جي قانوني اجازت آهي.
    هن وقت دنيا جي سرندي وارن سرمائدارن پاران پنهنجو پيٽ ڀرڻ خاطر جيترو ڌيان هٿيارن جي ڪاروبار واري ڊوڙ ۽ ٻين ڪائنات، فطرت ۽ انسان دشمن غيرضروري ڪارگذارين ۽ سرگرمين تي ڏنو پيو وڃي اوتري توجهه جيڪڏهن انسان ۽ انسانيت کي بچائڻ، پيٽ گذر جا ذريعا وڌائڻ، خوراڪ جي قلت کي ختم ڪرڻ ۽ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ڪرڻ لاءِ ڏنو وڃي ته هن ڌرتيءَ ماتا جي گولي تي ڪو به آدم جو ٻچڙو بک جا ويلا ڪاٽيندي موت جو شڪار نه ٿيندو.
    دنيا جا سمورا ڪم، هُنر، پورهيا، محنتون، ايجادون، تخليقون، تجربا انسان فقط پاڻ کي سڪون، آسائش، امن ۽ شانتي سان زندهه رهڻ ۽ پنهنجو نسل برقرار رکڻ ۽ وڌائڻ خاطر ڪري ٿو. هن ڌرتيءَ تي قديم زمانن کان وٺي هن جديد دور تائين پيٽ گذر جي ٻين لاتعداد ذريعن ۽ وسيلن سان گڏ سڀ کان وڏو ۽ اهم ذريعو فقط زراعت ئي رهي آهي. ڪائنات جي ارتقائي دور کان وٺي هن جديد زماني تائين جي ڊگھي پنڌ ۾ زراعت ئي پيٽ جي باهه اُجھائڻ جو ڪم ڏنو آهي. پٿر جي دور جي غارن واري زندگي، جھنگل جي حياتي، ميدانن ۾ ٽولن جي صورت ۾ رهڻ وارو جيون، ڳوٺ ٻڌي رهڻ ۽ هن ترقي يافته شهري زندگي جي سفر تائين هيڻا ۽ ڏاڍا ماڻهو زندگي جي گاڏي کي هڪٻئي سان طبقاتي مت ڀيد جي سخت ڪشمڪش جي صورتحال جي باوجود به لازم ۽ ملزوم بڻجي ڇڪيندا رهيا آهن. کاڌ خوراڪ ۽ ٻين رزق جي ذريعن تي ڏاڍن قوتن پاران قبضا ڪرڻ جي هڪ ڊگھي تاريخ رهي آهي. ان ڦورو ۽ قبضاخور ذهينيت جو تسلسل نسل در نسل پنهنجو وارو وڄائيندو اچي. ڌرتيءَ جي گولي تي هزارين سالن جي ارتقائي پيچيدگين جي مشڪل سفر کانپوءِ زرعي سماج ٺهڻ سان ئي زمينن جي وسيع جاگيرن تي سماج جون طاقتور قوتون قابض ٿي ويون، اهو غيرجمهوري ۽ غيرقانوني قبضو اڄ به برقرار آهي. ۽ هيڻن ماڻهن کي پنهنجو ذاتي غلام بڻائي وٽائن سخت جسماني پورهيا ڪرائڻ جي عيوض کين فقط زندهه رهڻ جيترو اجورو به وڏي مشڪل سان ملندو رهيو آهي. نتيجي ۾ زراعت جي پيداوار ۽ خوراڪ جي زخيرن تي طاقتور ڌريون قابض ٿي ڌرتيءَ جي عظيم شهيد شاهه عنايت جي “جيڪو کيڙي سو کائي” واري عظيم نعري جي کُلي انحرافي ڪري دنيا جي مسڪين پورهيتن جو استحصال ڪنديون رهيون آهن.
    ڪائنات جي ارتقائي دور جي اوائلي اوزان سان زمين جو سينو چيري اناج پيدا ڪندڙ پورهيت ڪلهه به بکن ۾ پاهه ٿي رهيو هو ۽ اڄ به نسل در نسل بک ۽ بدحالي سندس نه بدلجندڙ نصيب بڻجي وئي آهي. زراعت جي کيتر ۾ وڏن ڪشالن کانپوءِ پورهيت ان جي دن بٽائي ڪري ٿو ته سمورو اناج بنا پُڇاڻي جي جاگيردار ٽالهيون ڀرايو کڻيو وڃي. باقي پورهيت کي رڳو ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي گھر ويندي ٿڌا شوڪارا هڻڻ جو “جمهوري” حق حاصل آهي. اوائلي دور کان زرعي ترقي جو سهرو عورت جي سر تي سونهي ٿو. عورت زراعت کي ابتدائي حالتن مان اوج تي پڄايو. يعني عورت کي زراعت جي موجد چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو. مرد ويچارو ته زندگي جي بقاءُ لاءِ شڪار ۽ نسلي تحفظ لاءِ دشمن قوتن سان ويڙهه مان واندو ئي ڪونه هو. تنهنڪري زراعت جي شروعاتي دور ۾ ان طرف مرداڻو رويو غير سنجيدگي ۽ عدم دلچسپي وارو هو. جڏهن ڪل ۽ ڦيٿي جو زمانو ڪونه هو تڏهن ٻني ٻاري، کيتي زرعي اُپت لاءِ ماڻهو جي ضرورت تمام گھڻي هُئي. دنيا جون ضرورتون ٻيڻيون ٿيڻ ڪري ماڻهو عقل جو استعمال ڪري جهنگ جي جانورن کي پنهنجي هٿ هيٺ ڪري زرعي ڪتب ۾ آندو. ڍڳو، اُٺ، گھوڙو، خچر، گڏهه جهڙن جانورن جي زرعي استعمال سان ترقي جي ان عمل ۾ شاندار انقلاب هو جنهن سان زمين جي کيڙي، هُرلن ذريعي پاڻي کڻڻ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ سميت ٻين زرعي ڪمن ڪارن ۾ وڏيون مشڪلاتون دور ٿيون ۽ آساني حاصل ٿيڻ سان گڏ جيئن دنيا جي آبادي وڌڻ سان خوراڪ جي ضرورت به وڌي تيئن خوراڪ جي ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ فقط زراعت ئي ڪرنگھي واري هڏي جي حيثيت جيئن اهم جز ثابت ٿي. اڄ به انسان ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ زراعت جي ساڳي اهم حيثيت برقرار آهي. دنيا مان کاڌي جي کوٽ کي پورو ڪري انساني نسل جي بقاءُ جو انقلابي قدم زراعت کي خاص بڻائي ڇڏيو. قديم دور جو ماڻهو پيٽ گذر جو اهم ذريعو شڪار سان گڏ زراعت کي سمجھڻ لڳو ۽ ان کي ئي اوليت ڏيڻ لڳو. ان بعد زرعي ترقي جو وڏو ڇال زراعت ۾ مشينري جو ڪتب آهي جيڪو زرعي دنيا ۾ هڪ اهم ۽ انقلابي دور سمجھيو وڃي ٿو. ماضي ۾ ڪجھه ايڪڙ زمين آباد ڪرڻ خاطر ڪيترائي پورهيت ۽ ڍڳن جا جوڙا گھربل هوندا هئا. پر جڏهن زرعي ميدان تي ٽريڪٽر ۽ ٻي جديد زرعي مشينري آئي ته نتيجي ۾ رات پيٽ ۾ هزارين ايڪڙ زمين سنوت ۾ اچي وئي، هر طرف بهاري لڳي وئي، بنجر زمينون آباد ٿي ويون، مهينن جو ڪم منٽن ۾ ٿي ويو، کيڙي، گُڏ، ڳاهه ڳاهڻ، بار کڻڻ، اسپري، پاڻي وارو ڦٽو هلائڻ جو ڪم وغيره معنى ته زراعت جو گھڻو ڪم رڳو اڪيلو ٽريڪٽر ۽ ٻيون مشينون ڪرڻ لڳيون، مختصر آبادي بجاءِ لکين ايڪڙ زمين پوکجي وئي، فصل جي اُپت وڏي لهڻ ڪري دنيا مان ڪافي حد تائين خوراڪ جي کوٽ پوري ٿيڻ جھڙي بهتر صورتحال ڏسڻ ۾ آئي. پر سرمائدارن جي “زخيره ڪلچر” حوسي سوچ ڪائنات جي غريب محنت ڪش پورهيت ماڻهو کي بک ماري ڇڏيو آهي. لڱ ساڙيندڙ لُڪ توڙي هڏ سڪائيندڙ سياري ۾ تتل ڪاڙهي توڙي رات جي ڪاري اونڌاهي ٻاٽ ۾ لُنڊيون لتاڙي، پگھر وهائي، ڪنڊن سان پير ڇنائي ۽ اڌ بک اڌ ڍئو تي پنج ڪلو جي ڪوڏر هڻي اناج جا انبار اُپائيندڙ ۽ پوکي ۾ اڌ جي قانوني ڌڻي پورهيت جي هن وقت ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ کيت مزدور جي حيثيت وڃي رهي آهي. ان کيت مزدور پورهيت کي جڏهن چاهي مالڪ بي دخل ڪري سگهي ٿو. ٻي پاسي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد مشيني آلاتن سان زراعت جو عروج ضرور آيو پر زرعي سماج مان هڪ هر هاري پورهيت زرعي ڪم ڪارج ختم ٿيڻ ڪري بيروزگار بڻجي زوال جي ور چڙهي ويو. ان جو وڏو فائدو سرمائدار ۽ جاگيردار کي ٿيو جيڪو هاڻ سوين هاري ۽ پورهيت رکڻ ۽ انهن تي ڳري مالي سيڙپ ڪرڻ بجاءِ ناڻو خرچ ڪري تيزترين مشيني آلاتن سان زرعي اُپت جو اڪيلو وارث بڻجي غريب پورهيتن جي وات مان ماني جو ٽُڪر کسي رهيو آهي. سرمائدار پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻي غريب جو پيٽ ڦاڙي رهيو آهي. جنهنڪري سڄي دنيا ۾ پورهيتن جي حق تلفي ۽ استحصال ٿي رهيو آهي. روزگار جي ذريعا مشينن حوالي ٿيڻ ڪري مزدور طبقي ۾ ڏينهون ڏينهن بي روزگاري ۽ بدحالي وڌي رهي آهي. ٿر ۾ ڏڪار دوران لکين مسڪين ماروئڙا پيٽ گذر لاءِ سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ ڪڻڪ جي فصل جو لابارو ڪري ڏڪر جا ڏينهن ٽارين ٿا. پر هاڻ انهن مزدورن جي جاءِ تي ٽريڪٽر ذريعي هلندڙ لاباري واري مشين هڪ ئي ڏينهن ۾ سوين ايڪڙ ڪڻڪ جو لابارو ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي. مختصر وقت ۾ هزارين ماڻهن جو ڪم هڪ ئي مشين ڪري سرمائدار کي ڪروڙين روپين جو فائدو ڏيئي سگھي ٿي پر ان سان لاتعداد مزدورن جي چلهه اُجھي ويندي. زندگي جي عام ڪارهنوار ۾ جديد مشينن جيتوڻيڪ وقت ۽ ناڻو بچائي اُپت به ٻيڻي ڏي ٿي. پر ان جو مجموعي فائدو هڪ سرمائدار کي ئي آهي ۽ جيڪڏهن ان جديد مشينري جو سڌي طرح نقصان آهي ته فقط جسماني پورهيو ڪندڙ مزدور ۽ هاري کي آهي. جيڪو ان مشين سبب بيروزگار بڻجي پيو.
    هي مشيني سفر زراعت جي ميدان ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد زرعي آلاتن جي ڪمال سان هارين جي معاشي قتل ۽ زوال جو سبب بڻجڻ تي دنگ ڪرڻ بجاءِ هاڻ ان جو رخ ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، کاڻين، هوٽلن، هوائي توڙي پاڻي جي جهازن، ايئرپورٽن، بندرگاهن، ريلوي پليٽ فارم، سپر اسٽورن، مارڪيٽن، گيريج، ورڪشاپن، ڪمپنين طرف آهي جتي هاڻ ٻچن جي روزي روٽي خاطر مزدوري ڪندڙ پورهيتن کي فارغ ڪري سندن جاءِ تي مشيني روبوٽ رکيا ويا آهن. بندرگاهن تي ڪم ڪندڙ هزارين مزدورن جو روزگار جهازن مان مال لاهڻ جي ڪم سان وابسطا هو. اهي مزدور مهينن جا مهينا جهازن مان سامان لاهي پيٽ گذر ڪندا هئا ۽ هاڻ انهن پورهيتن جو ڪم مشينن کان ورتو وڃي ٿو. جنهن سان سرمائدار کي ته ٻيڻو فائدو آهي پر وري به ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت بيروزگار ٿئي ٿو. ڪڻڪ، توريو، سورج مکي، مرچ سميت ٻين زرعي جنسن کان ويندي ڪاٺ، لوهه وغيره جهڙين مختلف شين جي وزن ڪرڻ لاءِ مزدورن جا ٽولا ڪم ڪري پيٽ گذر سان لڳل هئا. هن وقت مال سان لوڊ ٿيل گاڏي کي ڪمپوٽر ڪانٽي تي ٻن منٽن ۾ 50 روپين عيوض وزن ماپيو ويندو آهي. اهو ڪمپوٽر ڪانٽو هڪ ڏينهن ۾ هزارين وزن واريون گاڏيون توري سگهي ٿو. ان سان سيڙپڪار سرمائدار کي ته فائدو آهي. پر سوين مال ڀريل گاڏين جي تور ڪندڙ هزارين پورهيت ضرور بيروزگار ٿيا آهن.
    چائنا جي هڪ وڏي ڪمپني 60 هزار ملازم فارغ ڪري انهن جي جاءِ تي روبوٽ رکي ڇڏيا. هاڻ مزدورن وارو سمورو ڪم انهن روبوٽن کان ورتو پيو ويندو. اهي روبوٽ نه ٿڪجن ٿا، نه ماني کائين ٿا، نه ئي هو ننڊ ڪن ٿا، نه ئي انهن کي مرڻي، پرڻي ۽ بيماري لاءِ موڪل گھرجي، نه انهن جي ڪا مزدور يونين آهي، نه ئي هو هر سال 1 مئي تي شڪاگو جي شهيدن جو ڏينهن ملهائي “دنيا جا روبوٽو هڪ ٿي وڃو” جهڙو نعرو هڻن ٿا، جيڪونعرو سرمائڪارن جي ڀاري برجن کي لوڏڻ لاءِ ڪافي رهيو آهي، نه ئي هو ماني، پاڻي، اجهو، لٽو، عزت، آجپو گھرن ٿا نه کين پگھار ۽ پينشن گھرجي، هنن کي ته صرف بيٽري چارج کپي ۽ رموٽ ڪنٽرول جا سيل نوان هجن، هزارن مزدورن جو ڪم هڪ روبوٽ بنا ساهي جي معمولي اشاري تي پيو ڪندو. ۽ هزارين روبوٽن جو مالڪ اڪيلو سرمائيدار هوندو جيڪو انهن روبوٽن جي ڪمائي اڪيلو کائي پيو اوڳرايون ڏيندو. ترقي يافته ملڪن ۾ صبح جو چانهه ناشتو، ماني، پيزا به هوٽل جي بيري بجاءِ رموٽ تي ڪنٽرول ٿيندڙ ڊورن ذريعي موڪليو پيو وڃي. يا ڪيترن ئي ملڪن ۾ هاڻ گاڏيون بغير ڊرائيور جي هلڻ شروع ٿيون آهن جنهن سان ڪيترا ڊرائيور بيروزگار ٿيندا؟ هاڻ ٿورو تصور ڪري ڏسو ته هن ڌرتيءَ تي پورهيت ماڻهو جو باقي ڪم ڪهڙو ٿو رهي؟ ماڻهو بي مقصد، واندو، نڪمو ۽ ناڪاره بڻجڻ طرف وڌي پيو. دنيا جو ڪو به سنجيده ۽ باشعور ماڻهو ڪنهن به ريت اُن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري جديد دور جي تيز ترين، ترقياتي ۽ تعميري مشيني آسائشن جو قطئي طور انڪاري نه هوندو پر اهي ايجادون، آلات ۽ روبوٽ فقط هڪ مخصوص سرمائدارن جي پيٽ ڀرڻ جو وسيلو بڻجڻ جي صورت ۾ ايندڙ دور جي پورهيت لاءِ بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جو سبب ٿي سگھن ٿا. دنيا جي هر شعبي ۾ انهن مشيني آلاتن جي وڌندڙ ڪارج کي مدنظر رکي اهو سوال پيدا ٿئي ته مستقبل ۾ ملن، فيڪٽرين، ڪارخانن، زراعت ۾ مزدورن ۽ هاري پورهيت طبقن جي ضرورت باقي ڪهڙي رهندي؟ ڇا هي مشيني انقلاب پورهيت جي پيٽ تي لت ته ناهي؟ انهن شين جي فائديمند ڪمن سان گڏ ناڪاري اثرن تي به نهايت وڏي غور، فڪر ۽ سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. جيڪڏهن انسان مشيني ڀرمار جو شڪار ٿي ويو ته هن ڪائنات جي آبادي جي وڏي اڪثريت نه رڳو بيروزگار بڻجي ويندي پر دنيا جا عظيم ۽ مقدس رت جا رشتا، ناتا، مائٽيون ۽ برادريون، ياريون، دوستيون، عشق ۽ آدرش سماپت ٿي ويندا، هر طرف مصنوعيت جو راڄ هوندو. ماڻهو پنهنجا ڏکن، سورن ۽ غمن جا داستان روبوٽن ۽ ڪمپوٽرن سان اوري دل جو بار هلڪو ڪري سگھندو؟ ۽ ڪي ويچارا ماڻهو انٽرنيٽ تي ويهي اُلٽيون ڪري دل جو بار هلڪو ڪندا.
    


    ڌرتيءَ ڌڻين جون درد ڪٿائون ۽ جواب طلب سوال؟

    دنيا جي ساڃاوندن، مها دانشورن، کان ٻڌندا ۽ تاريخدانن جي لکيل تواريخن ۾ پڙهندا اچون ته سنڌ ماتا جا اصل ڌرتي ڌڻي موجوده دور جا مسڪين خانه بدوش ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوگي، گرگلا، راوڙا، سامي، اوڏ وغيره آهن ۽ اهي ڌرتيءَ ڌڻي هن وقت “ڀٽڪندڙنسل” طور سڃاڻپ رکن ٿا. سند جا هي ڌرتيءَ ڌڻي وقت پاران مليل هزارين تڪليفن کي پنهنجو مقدر سمجھي برداش ڪندا رهيا آهن. پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل ڏکن ۽ سورن جي باوجود به هنن ماڻهن جي ذهن ۾ ڪڏهن ڀُلجي به سنڌ ڌرتيءَ ڇڏڻ جو رڳو ٺلهو تصور به نه آيو آهي. ڌرتي ڌڻين جي هٿن مان سنڌ جي وارثي جي واڳ ته آرين جي آمد تي ئي نڪري وئي هئي. جيڪا اڄ ڏينهن تائين سندن هٿن ۾ نه اچي سگھي آهي ۽ آزاد ڌرتي ڌڻين جي ڳچي ۾ غلامي جو ڳٽ پئجي ويو. جنهن بعد عظيم تهذيب، ثقافت ۽ سڀيتا جا وارث پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي غير بڻجي ويا. صدين کان ڌرتي ڌڻين کي وقت جي “وڏن ماڻهن” پاران غير انساني سلوڪ ڪندي برابري جي بنياد تي تعليم حاصل ڪرڻ، اڇو ڪپڙو پائڻ، کوهن تان پاڻي ڀرڻ ۽ آزاد زندگي گذارڻ تي اڻ سڌي طرح اڻ اعلانيل پابندي عائد ٿيل رهي آهي. انسان اڇوت ٿي نٿو سگھي پر “اڇوتپڻو” هڪڙي برهمڻ سامراج جي ڪُنڌ ذهينيت ۽ سوچ جي پيداوار آهي. ان جنونيت پسند انسان دشمن سوچ ماڻهن ۾ اڻبرابري جو غير انساني ۽ غيرجھموري عنصر پيدا ڪيو. ان رجعت پرست سوچ عظيم انسانيت ۾ ويڇا وڌائي ماڻهو کي ماڻهو جي رت جو پياسو بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ماڻهپو مرڻ ڪنڌي تي پهچي چڪو آهي. انسان جو انسان سان ڪهڙو پلاند رهيل هو جنهن ۾ ماڻهو انسانيت جي حد جون آخري ليڪو به اُڪري ويو؟ سنڌ ڌرتيءَ کي پنهنجو گھر سمجھندڙ هنن معصوم ڌرتيءَ ڌڻين کي تاريخ بي گھر ڪري ڇڏيوآهي. باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي پاران پاس ڪرايل ٽيننسي ايڪٽ کي پٺي ڏيئي هارپي ۾ پنهنجا من پسند قانون رائج ڪرڻ سان سنڌ جي زرعي نظام ۾ هاري ۽ زميندار ۾ تضاد پيدا ٿيڻ ڪري هڪ طرف زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ته ٻي طرف سنڌ جو اصل ڌرتي ڌڻي هاري طبقو دنڌوڙي ڪامريڊن جي ور چڙهي هاري ڪيمپن ۾ دربدري جي زندگي گھاري رهيو آهي. پرائي ٻني ۾ ٺاهيل پنهجو گھر به کسجي ويو. اڻ ڏٺل ماڳ، ڦٽ پاٿ، ڪيمپن جو سوڙو ماحول، شهرن جون دونهون سندن ساڌڙي زندگي تي ڪارو داغ بڻجي ويو آهي. ڪيمپن ۾ پليل هارين جي مستقبل جا معمار صبح سويل درسگاهه وڃڻ بجاءِ ڪلهي ۾ ٻورو ٽنگي ڪاغذ جا گتا چونڍين ٿا يا وري پنن ٿا. ڪيمپن ۾ حياتي جي گذرندڙ لمحن کي “زندگي” بجاءِ تاريخ جي تذليل به چئي سگھجي ٿو. اهو تاريخ جو ڏکوئيندڙ الميو آهي پر هڪ خطرناڪ سانحو به آهي. جنهن تي تاريخ کي وار کولي ماتم ڪرڻ گھرجي. هر سال پوکائي جي منڌ کان هڪ مهينو اڳ هڪ جوءَ کان ٻي جوءَ تائين دراوڙ هارين جي ٿيل لڏپلاڻ جو صدين کان هلندڙ اڻکٽ سلسلو سندن خوشحالي نه پر بدحالي جو منظر آهي. اهو دربدري جو سفر انساني حقن جي اعلى اختيارن کي الئه ڇو نظر نٿو اچي؟ “مهذب سماج” اڏيندڙن پاران ڌرتيءَ ڌڪاڻن جا سبيل چپ انساني تاريخ جي وڏن انقلابن کان پوءِ به کُلي نه سگھيا آهن. پنهنجي ٻولي، تهذيب، ثقافت، ڌرتي ۽ درياهه جا ڌڻي لاوارثي جي عالم ۾ تاريخ جي بدترين زمانن مان گذرندي احساس محرومي جو شڪار ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي عشق ۾ اڙجي هنن وطن دوست ماڻهن هزارين صعوبتون برداش ڪيون.
    اوهان جي عشق ۾ اٽڪي،
    زماني ساڻ اٽڪياسين
    غمن جو رڻ سڄو جھاڳي
    حياتي پوري ڀٽڪياسين.
    دراوڙن سان ظلم، زيادتين، ناانصافين، اڻبرابري ۽ انياءَ جي هڪ ڊگھي درد ڀري تاريخ آهي. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ جي انهن اصل وارثن (موجوده خانه بدوشن) جي ڌرتيءَ سان عشق کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ساڃاهه وندن ۽ دانشورن پاران ڪيل ڊگھيون تقريرون، سيمينار، تاريخدانن پاران لکيل تاريخون، انقلاب جا زباني چسڪا به ڌرتيءَ ڌڪاڻن جي تقدير کي پنج هزار سالن کان بدلائڻ ۾ ناڪام ويا آهن. اهي من جون ماڙيون ٺاهڻ واريون ڳالهيون عارضي طور ته خوشي جي خوراڪ مهيا ڪنديون آهن پر جڏهن بک پيٽ ۾ مروڙ ڏيندي آهي ته انقلاب جو لولو چنڍ لڳندو آهي. جنهن کي ڄڻ گرهڻ لڳل آهي. پگھر جي پورهيي سان دنيا لاءِ اناج پيدا ڪندڙ هي پورهيت ماڻهو پاڻ بکئي پيٽ سمهن ٿا ۽ صدين کان ماني جي صدا انهن لاءِ باعث سزا بڻيل آهي. ان حقيقت کي به تسليم ڪرڻو پوندو ته هزارين انقلابي نسخن کان پوءِ به غلامي جو علاج فقط آزادي آهي.
    موئن جي دڙي مان مليل هڏين جا حقيقي وارث دربدري جي دورن مان گذرندي غلامي جي ڄار ۾ جڪڙجي چڪا آهن. ساڃاوند ۽ سرڪار سڳوري جيڪڏهن دراوڙن کي ڌرتيءَ سان محبت جي مڃتا نٿا ڏيئي سگھن ته دراوڙن جي غلامي جون پنج سئو صديون مڪمل ٿيڻ تي“جشن غلامي” ملهائڻ جو ڪو اهتمام ڪيو وڃي ته جئين هنن ڌرتيءَ ڌڻين کي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي “غلامي” انجواءِ ڪرڻ جو جمهوري حق ملي ويندو. اڃا به جيڪڏهن دانشور ۽ انساني حقن جا عالمي ادارا ٿوري به ڪوشش ڪندا ته خانابدوش دراوڙن کي “ماڻهو” هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي سگھي ٿو. جمهوريت پسندي جون دعويدار ڌريون سنڌ جي هنن مسڪين ۽ مظلوم دراوڙن جي حقن جي حاصلات لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا آهن؟ سياسي پارٽيون اعلى ايوانن ۾ غريب دراوڙن کي نمائندگي ڏيڻ بجاءِ ڏوڪڙن عيوض “مخصوص” سيٽون من پسندن کي ورهايو ڇڏين جيڪي مخصوص نمائندا ايوانن ۾ مسڪين دراوڙن جا مسئلا حل ڪرڻ بجاءِ گُتن جا پرمٽ، ترقياتي اسڪيمون، نوڪرين سميت ٻيون مراعتون حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشان هوندا آهن. اقليت جي ڪوٽا ۾ آيل نوڪريون مسڪين طبقي جي نوجوانن کي ملڻ بجاءِ خبر ناهي ته ڪٿي وڪرو ٿين ٿيون ؟ اڄ تائين انهن جو ڪو رڪارڊ نه آهي. هنن مسڪينن جي زندگي ۾ ڪڏهن سُک ايندو ڪا خبر نه آهي؟ هن مظلوم طبقي جي ايوان ۾ نمائندگي ڪندڙ مخصوص سيٽن وارا نمائيندا به سندن دردن جون دانهون ٻڌڻ کان اڳ ۾ چوندا آهن ته “اسان اوهان جي ووٽن تي اسيمبلي ۾ ڪونه پهتا آهيون پر اسان پنهنجي اثر رسوخ تي ميمبر ٿيا آهيون” پوءِ آخر دراوڙن جي دردن جي داد رسي ڪير ڪندو؟
    هڪ طرف سڄي دنيا جي مسڪين ۽ مظلوم اقليتي آبادين جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ انساني حقن جا عالمي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا، عالمي توڙي ملڪي اعلى عدليا، دنيا جا سمورا بين القوامي سماجي ۽ جمهوري قانون، آئين، قاعدا ۽ ضابطا لاڳو ڪري مظلوم ماڻهن کي انساني حق ڏيارڻ لاءِ سرگرم عمل آهن. ٻي طرف سنڌ جا اصل ڌرتيءَ ڌڻي غيريقيني واري صورتحال ۾ عدم تحفظ جو شڪار آهن. سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين جون نياڻيون روز کڄن ٿيون، انهن مسڪينن جي ننگن سان هٿ چراند روز جو معمول بڻجي وئي آهي. ظالم قوتن پاران غريبن جي چادر ۽ ڪکن جو تقدس پائمال ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي. تاريخ جي ڏاڍن ماڻهن پاران هيڻن کي هيسائڻ جو سلسلو ڪٿي دنگ ڪندو؟ ڇا اُن ظلم جو نتيجو ڪنهن بغاوت کان سواءِ هوندو؟ ڇا تاريخ ۾ ڪڏهن ائين ٿيو آهي ته ظلم برداش ڪندڙ طبقا سدائين خاموش رهيا هجن. ۽ انهن ڪڏهن مزاحمت نه ڪئي هجي؟
    دنيا جا سمورا مذهب ۽ قانون انسانيت جو درس ڏيندي انسان کي مهان سمجھن ٿا. اوچ، نيچ ۽ انساني اڻبرابري جو ڪڌو قانون ته فقط ڏاڍن طبقن پاران پنهنجي ذاتي مفاد ڪارڻ جوڙيو ويو آهي ته جيئن سندن غير آئيني ۽ غيرجمهوري راڄ قائم رهي سگھي. بادشاهي برقرار رکڻ خاطر انسان ڪريل حُربا استعمال ڪري انسانيت کي لڄي بڻائي ڇڏيو آهي. جنهن سبب ماڻهپي جو ڪنڌ جھڪي ويو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جا اصل رهاڪو ڀيل، ڪولهي، ميگھواڙ، جوڳي، گُرگلا، راوڙا، اوڏ ۽ سامي اڄ پنهنجي ڌرتيءَ تي پنهنجن ئي پيارن جا لاش دفنائڻ لاءِ پريشان هوندا آهن. ڀورو ڀيل ۽ الهڏني ڀيل جي لاش جو مثال موجود آهي. ڇا دنيا جي ڪنهن قانون ۾ اهيو گُنجاهش موجود آهي ته “ڌرتيءَ ڌڻي کي جنازا دفن ڪرڻ جي اجازت نه هجي ۽ انهن جي لاشن کي قبرن مان ڪڍي تذليل جو نشانو بڻائي گھليو وڃي؟”
    غريب ۽ بي پهچ ڌرتيءَ ڌڻين جي ننگن کي اغوا ڪري اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪرڻ کان پوءِ به جوابدار ديده دليري سان قانون جي پڪڙ کان آجا هجن، ڏاڍاين جا ڪيس رات پيٽ ۾ خارج ڪيا وڃن، سنڌ جي مسڪينن جون دانهون ۽ آهون ڪير ٻڌڻ وارو آهي؟
    منو ڀيل جا 9 گھر ڀاتي زمين ڳڙڪائي وئي يا آسمان؟ ڪڪو ڪولهڻ سان زنا ڪري قتل ڪندڙ جوابدارن کي ڪهڙي سزا ملي؟ ٿر جي معصوم سيتا سان ڪهڙو انصاف ٿيو، وحشي درندن پاران سيتا جي لٽيل آبرو جو ڪهڙو حساب ٿيو؟ پارڪر جي ڪستوري جي عزت ۽ عصمت جو سودو گھڻي ۾ ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟ ڪنري جي ليلان ڀيل ۽ حوا ٻائي جو اُٻڙڪا ڏيندڙ رت ڪئين رائگان ويو؟
    او شوخ هوا،او شوخ هوا،
    مخدوم بلاول کي چئجان
    ٽلٽي جا ڌڻي ڪا واهر ڪر.
    سنڌ جي ڌرتيءَ ڌڻين سان ٿيل ظلم جا لاتعداد سوال اڄ به انصاف جي اوسيڙي ۾ قانون جي ڪاغذن ۾ اٽڪيل آهن. ملڪ جي جمهوريت پسند پارٽين وٽ سنڌ جي اصل وارث ڌرتيءَ ڌڻين لاءِ ڪهڙو پروگرام ۽ پاليسي آهي.؟ جنهن تحت اهي پارٽيون اُن لٽيل طبقي جي تقدير کي بدلائي سگھن.
    اوچ جاتين جا سيٺ ته هنن مسڪينن کي “دلت” سڏائڻ جي به مخالف ڪن ٿا. اڃان تائين ته اهو به واضع نه ٿي سگهيو آهي ته آدمشماري جي خاني ۾ کين ڇا لکڻ گھرجي؟ معنى ته هُنن جي شناخت ڪهڙي آهي؟ ان موضوع تي ٿيل بحث دل ڏکائڻ لاءِ گھٽ نه آهن؟ ته هڪ شاندار تهذيب، ثقافت، ڌرتيءَ، درياهه، ٻولي، سڀيتا رکندڙ پرامن انسانن جي سڃاڻپ جو فيصلو تاريخ ۾ منجھيل رهيو هجي. کين ڇا سڏائڻ گھرجي؟ کين ڇا پائڻ گھرجي؟ کين ڇا کائڻ گھرجي؟ کين ڇا پڙهڻ گھرجي؟ سماجي قانونن ۾ هنن جي حيثيت ڪهڙي آهي؟ هٿ ٺوڪيو جڙتو سماج ان جي اجازت ڏي ٿو يا نه؟ ڌرتيءَ جي سنگين ۽ اهم مسئلن بابت سنڌ جا باشعور ماڻهو سنجيدگي سان سوچي غور ۽ ويچار ڪن ته انهن وطن دوست ماڻهن کي وقت جا ڏنل گھاءُ ۽ احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ممڪن قدم کڻڻ گھرجن.؟ انهن جي ترقي، تعليم ۽ تحفط لاءِ ڪهڙا اُپاءُ وٺي سگھجن ٿا؟ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ رياست جي ذميواري ۽ فرض آهي. جيڪڏهن ڌرتيءَ ڌڻين جي مسئلن کي فني بنيادن تي حل نه ڪيو ويو ته هن غريب طبقي جا سور گھٽجڻ بجاءِ وڌي ويندا. پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي تباهي ڪناري پهتل سنڌ جي مٽي جا ماڻهو محڪومي مان آجپي ۽ تشخص جي بحالي لاءِ ڪنهن مان اميد رکن؟ انهن جي درد جي دوا ڪيئن ممڪن آهي؟ سماج جي ظلم ۽ ستم جي باهه جا ٻاريل ڌرتيءَ ڌڻي اڄ به انصاف لاءِ واجھائن ٿا. وقت جي عجيب وارتا آهي جو اسان مظلومن جا ماڻهو برهمڻ سامراج جا وارڙيا ٿيو بيٺا آهن. جڏهن ڪا سجاگي جي ڳالهه ٿئي ٿي ته هو پنهنجي مسڪين ۽ لٽيل ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ بجاءِ غلامي جي گسن تي ڇڻڪارون ڪري پنهنجي گھرن کي پيا باهيون پيا ڏيندا آهن.
    لي ڪر آگ پرائي گھر دي، ڦوڪ سٽي گھر اپڻان
    


    ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ، زندگي ۽ موت جو گڏيل سامان بڻيل ٿر جا کوهه

    هن ڌرتيءَ جي گولي تي ڪائنات جا لاتعداد رنگ رچيل آهن. جبل، نديون، آبشار، سرسبز علائقا، خشڪ علائقا، پوٺا، جھنگل، صحرا، ريگستان موجود آهن. هر علائقي جو رهائشي ماڻهو زميني حقيقتن کي مدنظر رکي ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي. جي نظريي تحت پنهنجي عام روز مرهه جي زندگي جي گھرجن کي پورو ڪري پنهنجي نسل جي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي. سرد علائقن جا ماڻهو گرمي جي ڳولا ۾ ۽ گرم علائقن جا ماڻهو ٿڌڪار جي ڳولا ۾ رهي زندگي جي مشڪل سفر کي طئه ڪندا رهيا آهن بلڪل ائين ئي درياهه، سمنڊ، گھڻين برساتن وارن علائقن جا ماڻهو ٻوڏ ۽ سيلاب کان بچاءُ جا طريقا ڳولي حياتي کي ارتقا کان هن جديد دور تائين پهچائڻ لاءِ هٿ پير هڻندا رهيا آهن. پر صحرائي ۽ ريگستاني علائقن جا ماڻهو پاڻي ڦڙي لاءِ تڙپندي واجھائن ٿا. پاڻي جو قدر ٿر پٽن جي ماڻهن کان وڌيڪ ڪنهن کي هوندو؟ ٿري زندگي جو ڪارهنوار ڪڪرن تي هوندو آهي. تنهنڪري آسماني بوندن جي وقتائتي وسڪاري کان وڌيڪ ٿر جي مارو ماڻهن جي ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگھي ٿي؟ ٿري ماڻهن جي وسڪاري لاءِ تڙپ ۽ اُڪير جي ڪيفيت تي مرشد لطيف جو سُر سارنگ مڪمل عڪاسي ڪري ٿو.
    آگمجي آئيون، اُتران ڪري اور
    جي پرين هُئڙا ڏور، سي مون کي مينهن ميڙيا.
    ٿر جي لوئي ۽ لڄ جو اهڃاڻ مارئي به پاڻي جي حاصلات لاءِ وقت جي عمر بادشاهه هٿان کوهه تان کنڀجي وئي هئي. انساني زندگي جي سلامتي لاءِ خوراڪ کان وڌيڪ پاڻي جي ضرورت آهي. موسم جي عالمي سطح تي تبديلي جي شروعات جا اثر پڌرا ٿي چڪا آهن. گلوبل وارمنگ (موسمياتي تبديلي) جي ٻين ڪيترن ئي سببن سان گڏ ماحولياتي آلودگي ۽ گرمي پد جو وڌڻ پڻ اهم سبب آهي. جنهنڪري ايندڙ دور ۾ “پاڻي” جي کوٽ نه رڳو صحرائي علائقن جو مسئلو هوندي پر سڄي دنيا پاڻي جي کوٽ جي مسئلن کي منهن ڏيندي. اڳتي هلي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پاڻي تان ڇڪتاڻ جي صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.
    ٿر ۾ ٻين لاتعداد مسئلن سان گڏ پاڻي جو مسئلو پڻ ٿرواسين لاءِ ڏکوئيندڙ درد جو داستان رهيو آهي. پاڻي جي حاصلات لاءِ ٿرواسي ماروئڙا جوکائتا جتن ڪن ٿا. بارشن جو پاڻي تراين ۾ هڪ مختصر عرصي لاءِ ته ٿرواسي استعمال ڪري سگھن ٿا. پر وارياسي زمين هجڻ ڪري تراين ۾ پيل برساتي پاڻي جلد سُڪي ويندو آهي. وري ٿر واسين جا سور ساڳيا هوندا آهن. پاڻي جي مسلسل ڊگھي تلاش ۽ مصيبتن کان پوءِ به مارئي جي ملڪ ملير جا مارو پنهنجي وطن جي ڪکن سان قرب رکن ٿا. ٿر جي لڱ ساڙيندڙ واري تي ڪوهين ڏور ٻانهيارن جا ٻيلهڙا ٿرين جي دردن جي منظرن کي پيش ڪن ٿا. پاڻي لاءِ انهن جي تڙپ ۽ احساسن جي عڪاسي هن شعر ۾ واضع آهي.
    پريت نه ڪريو ٻگلي جيسي،
    جل سوڪي تو اُڙ جائي
    پريت ڪريو پونئري جيسي
    جل سوڪي تو مر جائي.
    شاعر چوي ٿو ته (ٻگلي جھڙي پريت نه ڪجي جيڪو پاڻي سڪڻ سان اُڏاميو وڃي پر پريت ته پوئنري (پاڻي جو هڪ جيوت) جھڙي ڪجي جيڪو پاڻي سڪڻ سان اُتي پنهنجا پسا پورا ڪري ٿو) برساتي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ خاطر ٿر ۾ ڪيترائي طريقا ڪتب آندل آهن. پاڻي جمح ڪرڻ لاءِ ننگرپارڪر جي پٿريلن علائقن ۾ ڪجهه ڊيم پڻ ٺاهيا ويا آهن مور ڊيم، گھنٽياري ڊيم ۽ راڻپور ڊيم وغيره جو پاڻي ماروئڙن کي چند مهينن لاءِ ڪم ڏي ٿو. ٿر ۾ پاڻي محفوظ ڪرڻ لاءِ ننڍي پئماني تي گھرن ۾ زمين دوز پڪا ٽانڪا ٺاهيا وڃن ٿا. ٿر جا ماڻهو وڏي ڪفايت سان پاڻي استعمال ڪن ٿا پر پوءِ به اهو گڏ ڪيل پاڻي سڄي سال لاءِ ته ڪافي ناهي. برسات دوران گھرن جي ڇِتن ۽ ٿلهن تان وهي ايندڙ پاڻي کي ٽانڪن ۾ گڏ ڪري رکيو ويندو آهي پر ڪجهه عرصي بعد ته اهو پاڻي ختم ٿي ويندو آهي. تنهنڪري وري به ٿر ۾ ساهوارن لاءِ پاڻي جي ضرورت کوهن جي پاڻي ذريعي پوري ٿئي ٿي. ٿر ۾ پاڻي حاصل ڪرڻ جا لاتعداد طريقا آهن. هر علائقي ۾ جر جي پاڻي جي الگ سطح آهي. تنهڪري مارو ماڻهو جر جي پاڻي جي اونهائي مطابق کوهه، کوهيون، پار، تس، ويري، ڀاڏ کوٽي پاڻي هٿ ڪن ٿا. مجموعي طرح ٿر جي پاڻي جي ٽي ڊي ايس سطح ايتري ته وڌيل آهي جو سڄي ٿر جو پاڻي پيئڻ لائق نه آهي. ٿر ۾ کوهه کوٽڻ ۽ ان مان پاڻي حاصل ڪرڻ جو ڪم ايترو آسان هرگز نه آهي. بلڪه تمام مشڪل ڪم آهي. ٿر ۾ کوهه کوٽائڻ تي لکين روپين جي لاڳت جو خرچ گھربل هوندو آهي. ان سبب جنهن ماڻهو وٽ ٿر ۾ پنهنجو ذاتي کوهه آهي ته ان کي سکيو ستابو تصور ڪيو وڃي ٿو. واقعي به اهڙو ڪم ڪنهن سرندي واري کان سواءِ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. ٿر ۾ اڪثر مالوند ڀاڳين جا ذاتي کوهه هوندا آهن. انهن کوهن جو پاڻي ماڻهو، پکي توڙي چوپائي لاءِ ڪتب ايندو آهي. سڄي برصغير سميت ٿر ۾ اوچ جاتين جي امير ماڻهن وٽ خاص طور پنهنجا ذاتي کوهه هجڻ اهم ڳالهه سمجھي ويندي هئي. اوچ نيچ واري سماج ۾ شودر قرار ڏنل مسڪين ۽ مظلوم هيڻن ماڻهن تي انهن کوهن تان پاڻي ڀرڻ جي پابندي عائد ٿيل هئي. ممڪن آهي اهو غيرانساني طريقو اڃان به ڪٿي اڻسڌي طرح رائج ٿيل هجي؟ وسيع ايراضي رکندڙ اڇڙي ٿر ۾ ٽوٽل چالهيارو کن کوهه آهن. ايڏي وڏي ايراضي ۾ تمام گھٽ کوهه هجڻ جو سبب فقط وڏيراشاهي جي هڪ هٽي آهي. اهي بااثر قوتون ٻين وچولي طبقي جي ماڻهن کي کوهه کوٽڻ جي اجازت نٿيون ڏين. ته جيئن اهي مسڪين ماڻهو پاڻي جي مجبوري خاطر سندن اڳيان مجبور ٿي جھڪيل هجن. پٽيلن ۽ وڏيرن جي نالي سان منصوب تڙ ۽ پار جا نالا قائم ۽ دائم هجن. ووٽ نه ڏيڻ جي صورت ۾ انهن غريب ماڻهن جو کوهه تان پاڻي ڀرڻ بند ڪيو ويندو آهي. سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي عروج جي زماني ۾ به ٿر ۾ پيڻڻ جو پاڻي جي حاصلات لاءِ موت جي منهن ۾ وڃڻو پوي ٿو. ٿر ۾ جر جي پاڻي جي گھرائي هر علائقي جي مختلف سطح جي آهي. مٺي تعلقي ۾ 90 کان 100 فٽ، ڏيپلي ۾ 40 کان 50 فٽ، ننگرپارڪر جو پٿريلو علائقو 40 کان 50 فٽ ۽ وارياسو علائقو 90 کان 100 فٽ آهي. ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ اُنهائي ڇاڇري تعلقي ۾ آهي جتي 300 فٽن کان به اونها کوهه آهن. آڳاٽي دور جا کوهه ڪنڊي جي ڪاٺ جي سنوت آندل ٽُڪرن مان ۽ ان بعد وچئين دور ۾ پٿر مان ٺاهيا ويندا هئا. اڄ جي هن جديد دور ۾ پڪين سرن ۽ سيمينٽ سان کوهه جوڙيا وڃن ٿا. وقت ۽ حالتن جي ردوبدل موجب پاڻي جي ڳولا ۾ ٿر جي ماڻهن به کوهه کوٽڻ جي طريقن ۾ تبديليون آنديون آهن. اڇڙي ٿر واري پاسي ڍنڍن جي 10 کان 15 فٽن جي فاصلي تي ننڍڙيون کوهيون، تس ۽ ڀاڏ کوٽيا ويندا آهن. انهن ۾ ڍنڍن جي سيلاب جو پاڻي ايندو آهي. جڏهن خود ڍنڍن جو پاڻي کارو هوندو آهي. کوهه کي ٺاهڻ واري مستري کي ٿر ۾ ٻانڌارو چوندا آهن. کوهه جي کوٽائي دوران واري ڪڍڻ لاءِ ٻورين جون جھوليون استعمال ڪيون وينديون آهن. جڏهن ته کوهه جي کوٽائي صرف ايتري ڪئي ويندي آهي جيتري چُڻائي ٿي سگھي. ڇو ته کوهه جي چُڻائي مٿائين کان هيٺائين طرف فرمو فٽ ڪري سيمينٽ ۽ سرن سان ڪئي ويندي آهي. روزانه 8 کان 10 سرن جون اوساريون ڏيئي وري ٻي ڏينهن سُڪڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي. هڪ کوهه کي کوٽڻ جي ڪم ۾ مهينن جو عرصو لڳندو آهي. ان بعد به توڪل ڪري کوٽيل کوهه جي مٺي يا کاري هجڻ جي ڪابه پڪ نه هوندي آهي. ٿر جا جھونا ماڻهو فقط پنهنجي لوڪ ڏاهپ جي تجربن جي آڌار تي کوهه کوٽڻ لاءِ جاءِ منتخب ڪندا آهن. ان لاءِ راڄ جو ڪو چڱو ماڻهو، پير، بزرگ سڏايو ويندو آهي. جيڪو پهريون لپو هڻڻ واري رسم ادا ڪندو آهي. جنهن کي “ٺپو” چيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن توقع مطابق ته ڪڏهن توقع کان اُبتڙ صفا کارو پاڻي نڪري پوندو آهي جنهن کي ٿري ٻولي ۾ “هڙيا مار” (ٿري ٻولي ۾ هڙيا بلبل کي چئبو آهي) يعني جيڪڏهن اهو پاڻي بلبل پکي پيئي ته مري پوندو. ۽ ڪٿي ڪٿي کوهن مان مٺو پاڻي نڪرندو آهي جنهن سان خرچ ۽ محنت سجائي ويندي آهي. ان خوشي ۾ مٺائي ورهائي خيراتون پڻ ڪيون وينديون آهن. ڪنهن کوهه مان مٺو ۽ کارو گاڏڙ پاڻي نڪرندو آهي. جنهن پاڻي کي ٿري ماڻهو گذاري لائق پاڻي سمجھندي “پياڪ” سڏين. کوهه جو پاڻي ٻن قسمن جو هوندو آهي هڪ پاڻي زمين جي وارياسي سطح جو ٻيو پاڻي پٿر جي سطح جو هوندو آهي. واري جي دٻڪڻ جي خدشي سبب واري تي دنگ ڪندڙ کوٽائي بعد ڪنڊي جي ڪاٺي جو فريم لڳايو ويندو آهي جنهن کي “چرڪ” چيو ويندو آهي. کوهه جي مٿان ورت گھمائڻ لاءِ چرخي لڳل هوندي آهي. جنهن کي ٿري ٻولي ۾ “ڀوڻي” چيو ويندو آهي. پٿر جي سطح واري کوهه ۾ چرڪ جي ضرورت نه پوندي آهي. کوهه مان پاڻي ڇڪڻ واري رسي کي “ورت” چيو وڃي ٿو جيڪا ماضي ۾ چمڙي جي ٺهيل هوندي هئي هاڻ سڻي، سُٽ، جانورن جي ڏاس ۽ پلاسٽڪ سميت مختلف قسمن جي رسن مان ورت ٺاهي ويندي آهي. کوهه مان پاڻي جي ورت ڇڪڻ لاءِ اُٺ، ڍڳا ۽ گڏهه جوٽيا ويندا آهن. انهن جانورن کي هڪلڻ واري کي “کيليو” چيو ويندو آهي. زمين جي پاتال مان پاڻي ڇڪي ساهوارن جي زندگي بچائڻ جو هي اهم ڪم ضرورت موجب به ڪيو ويندو آهي ته ثواب خاطر به ڪيو ويندو آهي. ٿري ماڻهو سفر دوران پاڻي کڻڻ لاءِ “سانڌاري” به استعمال ڪن ٿا جيڪا ٻڪري جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. اها ٻڪري وياميل نه پر ننڍي پٺ هجڻ گھرجي. پٿر جي سطح تي کوٽيل کوهه جا ڪيترائي پاڻي جا نار هوندا آهن پر ان ۾ ڪاريگر ٻانڌاري کي هڪ خاص ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو آهي ته پاڻي جي نارن ۾ ڪو کارو يا ڪڙو نار نه شامل ٿيڻ گھرجي پر جي غلطي يا اتفاق سان اهڙو نار ٽُڪجي شامل ٿي ويو آهي ته ٻانڌارو ميڻ، ڪپهه، سوتلي ۽ ٻين مختلف شين سان ان نار کي بند ڪري ڇڏيندو آهي. ٿر جي زمين ۾ معدنيات گھڻي هجڻ ڪري ٿر جي جر جو پاڻي ۾ گندرف، سنکيو ۽ ٻين انساني صحت لاءِ هاڃيڪار غلاظتن جي ڪري پيئڻ لائق نه آهي. ان زهريلي پاڻي پيئڻ سبب ٿر جا ماڻهو هيپاٽائٽس بي ۽ سي، چمڙي، اکيون، گلي هڏن جي ڪمزوري ، ڏند ڇڻي پوڻ ۽ گڙدن جي بيمارين جو شڪار آهن. پاڻي ۾ نمڪيات گھڻي هئڻ ڪري معصوم ٻارن ۽ پيرسن ماڻهن ۾ ڊائريا جو مرض گھڻو هوندو آهي. وڏي خرچ ۽ محنت سان کوٽيل کوهه جي ڊگھي حياتي لاءِ ان جي صفائي سان گڏ ان جي استعمال سان واڳيل آهي. ٿر جا ڪيترائي قديم کوهه اڄ تائين بهتر حالت ۾ موجود آهن. کوهه جي صفائي کي ٿري ٻولي ۾ “ڪيڻ” ڪڍڻ چئبو آهي. وڻن جي پاڙهن ۽ ڪچري جي ڪري کوهن جي نارن مان پاڻي جو وهڪرو گھٽجي ويندو آهي. جيڪو صفائي بعد ٻيهر بحال ٿي ويندو آهي. ٿر جا تمام گھڻا ڳوٺ انهن کوهن، تڙن ۽ ويرين جي نالن سان مشهور آهن. جيئن ملهي جو تڙ، آڏي جو تڙ، ڪانا ويري، کيمي جو پار، وغيره ٿر جي کاهوڙ واري پاسي کوهيون ۽ پار آهن. ٿر ۾ مال جي پيئڻ لاءِ تڙن جي ڀر ۾ پاڻي جا “آواڙا” حوض ٺاهيا ويندا آهن جتي ڳوٺاڻن جو ڇوٽ چرندڙ مال پاڻي پيئندو آهي. گرمين جي مند ۾ آواڙن ۾ ڀرايل پاڻي تمام گھڻو گرم ٿيڻ ۽ ٻي طرف ان گرم پاڻي جي ٽي ڊي ايس سطح وڌيل هجڻ ڪري پاڻي پيئڻ سان بروقت جانور ڪري پوندو آهي. جنهن کي گوسيو (کوهه مان پاڻي ڪڍڻ وارو ماڻهو) ان ئي وقت ڪن ۾ تيز ڌار واري چاقو سان ٽڪو ڏيندو آهي. جيڪڏهن جانور جي ڪن ۾ ڏنل ٽُڪي مان رت نڪتو ته رت جو دورو بحال ٿيڻ ڪري جانور بچي ويندو ٻي صورت ۾ ساڳي چاقو جانور جي ڪنڌ تي ڦيريو ويندو آهي. جيئن سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ذاتي دشمنين جي آڙ وٺي پيئڻ جي پاڻي ۽ مڇين جي ڍنڍن ۾ زهريليون دوائون اُڇلائي انسان سان گڏ ٻين ساهوارن کي نقصان رسايو ويندو آهي. پر ٿر ۾ ائين نه آهي. ٿر جي شاندار روايت چئبي جو اُتي جا مارو ماڻهو معاشرتي اڻبڻت جي انتقام ۾خدائي خلق جي ڪم ايندڙ شين کي قطئي نقصان نه ڏيندا آهن. چاهي ڪيڏي به دشمني ڇونه هجي. نه ته کوهه کارو ڪرڻ لاءِ فقط ٻه ڪلو لوڻ جي ضرورت هوندي آهي. يا گاهه جو هڪ قسم لاڻو (اٺن جو چارو) جا به ٻه ٽي ٽارا کوهه کي کارو ڪري ان جو ذائقو خراب ڪري ڇڏيندا آهن. ننگرپارڪر ۾ کوهن جو پاڻي تمام سٺو ۽ وافر مقدار ۾ آهي. پارڪر ۾ ڪاسبي، پورڻواهه، ۽ آديگام واري پاسي کوهن جي پاڻي تي آباديون پوکي وڏو ناڻو ڪمايو پيو وڃي. گھڻي عرصي کان مُندائتا مينهن نه وسڻ ڪري ٿر ۾ جر جو پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ تمام گھري سطح تائين هيٺ هليو ويو آهي جتي هاڻ جان جوکي ۾ وجھي کوهن جي کوٽائي ڪرڻ ٿرواسين جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا کوهه يا ته کارا ٿي وڃڻ ڪري هاڻ پيئڻ جي لائق ئي نه رهيا آهن يا ته سڪي ويا آهن. وڏن ڪشالن سان ٿرواسي جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪري استعمال ڪن ٿا سو پاڻي ڪنهن به صورت ۾ پيئڻ جي قابل نه آهي. تنهڪري ٿر ۾ هن وقت پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو پيدا ٿيل آهي. کوهن جي کوٽائي دوران واري جون ڀڪون سرڪڻ ڪري ڪيترائي دفعا کوهه کوٽيندڙ پورهيت دٻجي فوت ٿيا هوندا. 21 اپريل 2016ع تي به ٿر جي هڪ ڳوٺ ماڇيائو ۾ نئين کوهه جي کوٽائي دوران کوهه دٻجڻ ڪري ٻانڌارو ٿانو ڀيل فوت ٿي ويو ان پورهيت جي لاش کي ڳوٺاڻن ۽ انتظاميه وڏي ڪوشش سان 24 ڪلاڪن بعد ڪڍي ورتو. ان کان اڳ تعلقي ننگر پارڪر جي ڳوٺ اونڙو ڀيل ۾ کوهه کوٽيندي 3 پورهيت کوهه ۾ دٻجي فوت ٿيا هئا. انهي سانحي ضلعي ٿرپارڪر جي انتظاميه جي پت وائکي ڪري ڇڏي هئي. ان بدنصيب ڳوٺ ۾ چار ڏينهن تائين هڪ عدد مشين سست رفتاري سان کوٽائي وارو ڪم ڪري رهي هئي ۽ جڏهن ته دٻجي فوت ٿيل 3 غريب پورهتين جا سوين وارث انهي اوسيڙي ۾ کوهه جي چوداري اکيون اٽڪايو ويٺا هئا ته “ڪيڏي محل ٿا سنڌن پيارن جا لاش نڪرن” انتظار جي اهڙي درديلي ڪيفيت کي رڳو محسوس ڪرڻ سان به من اندر ۾ ماتم برپا ٿيو وڃي. درد وندي جي ديس تان مُندائتي مينهن جي رم جهم ته رسامو ڪندي رهندي آهي. پر انهن ماروئڙن جا نيڻ اڄ به اوهيرا ڪري وسن ٿا جن جا پيارا پنهنجي گام جي اُڃ اُجهائڻ لاءِ کوهه کوٽيندي هزارين مڻ مٽي هيٺ دٻجي ويا. ڪوئلي (ڪاري سون) جا وارث ٿر واسي جن جي ڪوئلي مان هڪ سئو سال تائين سڄي ملڪ لاءِ بجلي ته فراهم ڪري سگهجي ٿي ۽ ٻين ملڪن کي بجلي وڪڻي قومي ناڻو به ڪمائي سگھجي ٿو پر جن ماروئڙن جي کيتر مان ڪوئلو نڪتو آهي انهن غريب ٿرين لاءِ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي جي لپ ناهي؟ ڪيترائي دفعا کوهه کوٽي اُڃ اجھائڻ جي ڪوشش ۾دٻجي موت جي منهن ۾ ويندڙ پورهيت ٻانڌارن جا لاش ڪڍڻ لاءِ سرڪار وٽ هن سائينس ۽ ٽيڪنالوجي جي جديد دور ۾ ڪا هيوي مشينري ڇو نه هوندي آهي؟ جڏهن به ٿر ۾ اهڙو واقعو ٿيندو آهي ته انتظاميه جي اهڙي سُستي واري روش هڪ روايت بڻجي سامهون ايندي آهي. ڳوٺ اونڙو ۾ دٻجي ويل کوهه به هڪ سماجي تنظيم جي پروجيڪٽ مان ڏنل هو جنهن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيل هئڻ ڪري کوهه جا فرما ٽٽي پيا ۽ کوهه 3 انساني جانين کي ڳڙڪائي ويو. ڇا اربين رپيا ٽيڪس جو بار برداش ڪندڙ مسڪين عوام کي مٺو پاڻي فراهم ڪرڻ سرڪار جي ذميواري ۾ شامل ناهي؟ ٿرپارڪر جا چونڊيل نمائيندا ٿر ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ آر او پلانٽ يا درياهي پاڻي کي ٿر جي شهرن توڙي ٻهراڙي جي پسمانده ڳوٺن تائين پهچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون وٺن ته هن جديد دور ۾ ٿرواسي صاف پاڻي پي سگھن ٿا. جيئن ٿر جي واري وارين ڀٽن جي هزارين فٽ گھرائي مان ڪوئلو ڪڍڻ لاءِ هيوي مشينري جو استعمال ڪيو پيو وڃي تيئن ٿر جي مسڪين ماڻهن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست لاءِ کوهه کوٽڻ خاطر جديد مشينري جو بندوبست ڪري انساني جانيون بچائي سگھجن ٿيون. ٿر زمين جي کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ وارا ڏنل ڪيترا سرڪاري آر او پلانٽ ڪم ڪري رهيا آهن؟ ڪيترا چالو ٿيڻ کان اڳ ختم ٿي ويا؟ انهن پلانٽن جي بند ٿيڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟ انهن جا ذميوار ڪير آهن؟ انهن پلانٽن تي ٿيل لکين روپين جي سيڙپ ضايع ٿيڻ جي ڪا جانچ پڙتال به ٿيندي يا ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، مال هضم ٿي ويو. انهن مسئلن تي خود ٿر جي ماڻهن کي پرامن جمهوري جدوجھد ڪري اعلى ايوانن تائين پنهنجو آواز پهچائڻ گھرجي ۽ ان لاءِ عدالتن ۾ پڻ وڃڻ گھرجي.
    


    سو ديس مسافر منهنجو ڙي

    دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا ريگستان موجود آهن جتي مينهن جا ميگهه پيا وسن پر مجال آهي جو ان سُنڍ ڌرتيءَ تي گاهه جو ڪو ذرو تيلو به ڦٽي، پر اسان جي ٿر جي صورتحال ڪائنات جي ٻين ريگستانن کان بنهه مختلف آهي. مارئي جي هن ماڳ جا ٻه رنگ آهن هڪ وسڪارو ٻيو ڏڪار، جيڪي ماڻهو ٿر جي ٻنهي رنگن کان واقف هوندا انهن کي پتو هوندو ته ٿر جو ڏڪار ڪهڙو ٿئي ۽ وسڪاري جا ويس ڪهڙا هوندا آهن؟ اگر ڪنهن سياح ڏڪار جي صورت ۾ ٿر گھمي ڏٺو هوندو ۽ جڏهن وري وسڪاري جا رنگ پسيا هوندا ته کيس قطئي به يقين نه ايندو ته جنت الفردوس جو ڏيک ڏيندڙ هي اهو ساڳيو ٿر آهي جتي ڏڪار دوران هر طرف بک، بدحالي ۽ سُڃ جا منظر هئا؟ سو واقعي ٿر سونهي وسڪاري سان، مرشد لطيف جي هي وائي وسڪاري جي منظرڪشي ڪري ٿي :

    آئي مند ملار،
    آئون کهنبا ڪنديس ڪپڙا.
    وسڻ جا ويس ڪيا، اڄ پڻ منهنجي يار،
    لار لائيندي وڇڙا، ڀنڙس ڀنڀا وار،
    پکي آءُ پرين تون، لَهُه منهنجي سيد سار.

    بارشن بنان ٿر بر پٽ آهي. هن ديس جو سڄو ڪارهنوار ڪڪرن تي دارومدار رکي ٿو. لوڪ ڏاهپ جي ماهرن جا مينهن بابت ٻولايل سنوڻ سچا ٿيا، سال سامهون آيو، اُتر کان ڪاراڻ ڪري وڄون وسيون ۽ سانوڻ ۾ ڪڪرن قرب ڪيو ان سال مينهن اوڙڪون ڏيئي برسيو ته هر طرف ملهاري لڳي ويندي. جيڪڏهن بادلن جو رسامو وسيع ٿيو ته بک جي ڏائڻ ٿر جي معصوم وجود کي کائڻ شروع ڪندي آهي.
    دنيا ۾ تپش وڌڻ ڪري عالمي سطح تي موسمون مٽجي ويون آهن. موسمن جي بدلجڻ جا خطرناڪ اثر سڀ کان وڌيڪ ٿر ڀوڳيا آهن. ڇو ته ٿر جي زندگي جو فطري نظام برسات سان لاڳاپيل آهي. ٿر ۾گھربل مندائتا مينهن نه وٺا ته ٿر جي زندگي جي فطري سگھه آهستي آهستي ختم ٿيندي ويندي ۽ ڏڪار جا آثار پڌرا ٿيندي ئي سوڪهڙي جا ناڪاري اثر ظاهر ٿيندا آهن. ٿر کي سُڪار لاءَ وقفي وقفي سان چار کن بارشون گھربل هونديون آهن. جيڪڏهن اهي گهربل مينهن ضرورت کان گھٽ وُٺا يا 2011ع جي سال جيئن تمام وڏيون بارشون ٿيون تڏهن به ٿر ۾ مال جو چارو ته ٿي سگھي ٿو پر فصل جو ايوريج جيترو لهڻ گھرجي اوترو نٿو لهي. معدني طور مالا مال ٿر ۾ گذر جي ٻين محدود وسيلن سان گڏ برساتي فصل ۽ چوپايو مال آهي. جيڪو صحرا ۾ زندگي جي سفر کي روان دوان رکيو اچي. ٿر جي وارياسي زمين تي پوکائي لاءِ پهريون وسڪارو ذوردار هجڻ گھرجي. جنهن ۾ تل، ترايون، ٽوڀا تار ٿي وڃن ۽ زمين ۾ لڳ ڀڳ هڪ فٽ جو ريج ٿيڻ کانپوءِ ئي پوکائي ممڪن ٿي سگھي ٿي. ٻج ڄمڻ بعد گھٽ ۾ گھٽ هر ويهه ڏينهن جي وقفي سان چار بارشون وسن ته ٿر بحال ٿي ويندو آهي. پر 2011ع جي تيز بارشن کانپوءِ مسلسل چار سالن کان ٿر ۾ گھربل مينهن نه وسڻ ڪري ٿر جي صورتحال ڪاري ڏڪار جي ور چڙهڻ ڪري ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي. ٿر جي ريگستان جون اُڃاريون ڀٽون هر سال بادلن جي برسڻ جون منتظر هونديون آهن. وسڪاري جي رُت ويجھي ٿيندي ئي درد وندي جي ديس جا مارو ماڻهو اُڀ تڪين ٿا. مينهن جون مندون مٽي ويون پر نه بادل برسيا نه ڏڪار جا ڏينهن ٽريا. ڪارونجھر تي ڪڪرن ڪارونڀار نه ڪيو مُهراڻي کان مالڻهور ۽ ڏاهلي کان ڏاني دانڌل تائين هر طرف رُڃ پسجي ٿي ۽ طوفاني هوائن ۾ ٿر جا ڪچا پيچرا توڙي پڪا رستا واري سان لٽجي ويا آهن.

    جت لڪ لڳي جت اڪ تپن
    سو ديس مسافر منهنجو ڙي.

    گذريل ڪيترن ئي سالن کان ايتريون خاص بارشون نه وسڻ ڪري ٿر ڪاري ڏڪار جي خطرناڪ صورتحال کي ڀوڳي رهيو آهي. اعلى اختيارن پاران هر سال اوير سوير ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي نالي ماتر امدادي ڪاروايون پڻ شروع ڪيون وينديون آهن. ضرورت موجب ٿر واسين جي خوراڪ جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ جي موجوده سرڪار توڙي ماضي جي حڪومتن به ڪيتريون ئي ڪوشش ڪيون آهن پر لاڳاپيل کاتن جي نااهلي، سفارش ڪلچر ۽ غيرسنجيدگي واري رويي سبب ٿر مان خوراڪ جي کوٽ جو پورائو ڪرڻ ۾ ڪافي حد تائين ناڪامي نصيب ٿي آهي. انهن سببن تي غور ۽ ويچار جي ضرورت آهي. وقت به وقت ٿر مان ڪڻڪ جي غير منصفانه ورهاست جون خبرون اينديون رهنديون آهن. اعلى اختيارن جي پنهنجا نواز پاليسي تحت ٿيندڙ امدادي ورهاست ۾ ڪيترائي ٿر جا مسڪين ۽ بي پهچ مظلوم ماروئڙا نظرانداز ٿي ويندا آهن. جيڪي امداد ملڻ جي آسري ۾ قطارون ڪري صبح کان شام تائين بيٺل هوندا آهن. ٿر جي ڏڪار متاثر ماروئڙن سان اهڙي تذليل ۽ جٺ هڪ ڏکوئيندڙ الميو آهي. جيڪي مارو پنهنجن غريباڻن اوتارن تي آيل مهمان کي لک عزتون ڏيئي مهمان نوازي جو شاندار مثال قائم ڪيو اچن سي ٻين جي اڳيان هٿ ڪيئن ٽنگن؟ پنهنجي اڀري سڀري حال تي ٿري خوش گذارين ٿا لطيف سائين جي شاهدي ۾ :

    ٿوري قوت قراريا، رهن سٻر ست،
    کٿيءَ ۾ کهه ڀڪُليا، ڀوڻن اهڙيءَ ڀت،
    پنوهارڪي پت، پيهي پُڇ ملير ۾.

    ٿر جون ڪاري ڏڪار جي ور چڙهيل حالتون حادثاتي طور يا چند ڏينهن ۾ خراب نه ٿيون آهن. پر ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جي صورتحال کي تمام گهڻو عرصو گذري چڪو آهي. ماضي ۾ به هن وسيع ريگستان ۾ ڪيترائي لاها چاڙها، لوڏا، لمحا ۽ ڊگھي عرصي تائين قائم رهندڙ ڪارا ڏڪار پڻ ايندا رهيا آهن. موسمي ڦيرڦار جي ڪري ٿر ۾ هر سال گھربل وسڪارو ٿيڻ بجاءِ هر ٽي يا چار سال بعد وسڪارو ٿئي ٿو عام طور ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال برقرار هجڻ جي باوجود به ٿر سان لاڳاپيل مسئلن جا مستقل حل ڪڍڻ بجاءِ هر دور اقتدار جي ڌر شعوري طرح گوٿناٿ جو شڪار ٿي پنهنجي دور حڪومت جا ڏينهن مٽائڻ جي جتن جي جاکوڙ ۾ هوندي آهي. ٿر جي مسڪين ۽ مظلوم ماروئڙن سان لاتعلقي واري روش غيرجھموري آهي. ٿرپارڪر ۾ بنيادي طور ٿر واسين جي گذر سفر جو ذريعو چوپايو مال، برساتي فصل ۽ گاهه آهي. مسلسل ڏڪار جي صورتحال سبب ٿر ۾ چوپائي مال جي چاري جي وڏي کوٽ ٿيڻ ڪري هڪ طرف چوپائي مال کي بُکون بي حال ڪري ڇڏينديون آهي. ته ٻي طرف چوپايي مال ۾ بيماري سبب ٿري مالوندن جا واڙا ويران ڪرڻ جون خبرون به ميڊيا ۾ اينديون رهنديون آهن. لائيو اسٽاڪ سان لاڳاپيل کاتي پاران ٿر ۾ وقت سر مال جي ويڪسن نه ٿيڻ ڪري چوپائي مال ۾ گوگهي، ڳنڊ، ڦڦڙي، ماتا، تير وغيره جي بيمارين ۾ هر سال ڀاڳين کي وڏو نقصان پلئه پوندو آهي.
    ڪاري ڏڪار سبب ٿر واسي هن وقت ان ڪري به ٻٽي عذاب جو شڪار آهن جو اڳ ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ٿيندي ئي ٿر جا مارو ماڻهو روزگار خاطر ۽ ٿري مالوند ڀاڳيا چوپائي جي چاري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن ميرپوخاص، بدين، عمرڪوٽ، نوابشاهه، سانگهڙ وغيره ڏانهن رُخ ڪندا آهن. سنڌ جا اهي بئراجي علائقا پيٽ گذر لاءِ مزدوري ۽ مالوند ماروئڙن جي چوپائي جي چاري لاءِ بندوبست جا هٿيڪا ٺڪاڻا بڻيل هوندا آهن. هر سال مارو پنهنجي گذر جي اهم ذريعي چوپائي مال ۽ پنهنجن معصوم ٻچڙن کي وٺي ڊگھو پنڌ ڪري سنڌ جي انهن ضلعن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري پهچندا آهن. پر هاڻ مٿي ڄاڻايل ضلعن ۾ به پاڻي جي شديد کوٽ سبب مقامي آبادي پڻ سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهي آهي. جنهنڪري انهن علائقن ۾ روزگار جا وسيلا گھٽجي ويا آهن.
    انهن علائقن ۾ چوپائي جي چاري ۽ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي. ٿر جا پاڙيسري بئراجي ضلعا پاڻي جي کوٽ سبب زرعي طور سوڪهڙي جو شڪار هئڻ ڪري ٿر جو اضافي بار برداشت ڪرڻ جي تمام ڪمزور پوزيشن ۾ به نه آهن. گذريل ڪيترن ئي سالن کان ٿر ۾ چوماسي جون گھربل برساتون نه وسڻ ڪري ٿر جا برساتي فصل گوار، ٻاجهري، جوئر، مورٺ، تر، مڱ وغيره به گھٽ ٿين ٿا. جنهنڪري هڪ طرف اناج جي کوٽ آهي ته ٻي طرف ايندڙ وسڪاري لاءِ ٿر واسين وٽ پوکڻ خاطر ٻج جي کوٽ جو مسئلو به ڪر کڻندو رهندو آهي. اُڀ ۾ اکيون اٽڪائي ويٺل ٿري آبادگارن جي مالي مجبوري جو ناجائز فائدو وٺندي مقامي واپارين پاران زرعي جنسن جا من پسند اگھه وصول ڪرڻ ۽ ڳري وياج عيوض ٻج ڏيئي ماروئڙن کي قرضي ڪيو ويندو. ڇا سرڪار وٽ ان مسئلي جو اڳواٽ ڪو حل آهي؟ جنهن تي اُپاءُ وٺي ٿري آبادگارن کي ٻيڻي نقصان کان بچائي سگھجي.
    ٻين ملڪن جي ريگستانن ۽ صحرائي علائقن جي صورتحال سنڌ جي صحرا کان مختلف آهي. ڇو ته انهن ملڪن جي انتظاميا پاران بدلجندڙ موسمي صورتحال کي مد نظر رکي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ رٿا بندي ڪئي ويندي آهي. ته جيئن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي مصيبت کان بچائي سگهجي. پر اسان جي ٿر جون حالتون ٻين ملڪن جي ريگستانن کان ابتڙ ۽ بدتر آهن. بيماري ۽ خوراڪ جي کوٽ سبب معصوم ٻارن تي موت جو راڪاس روز لامارا ڏي ٿو. هيستائين سوين معصوم ٻار جيجل جي جهولين کان جدا ٿي چڪا آهن. ٿر جي قبرستانن ۾ معصومن جي قبرن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي. ٿرواسي مسڪين ماروئڙن جي اڳڻ تي سوڳواري جي فضا ڇانيل آهي. هر ڳوٺ، گام، وانڍ ۽ واهڻ ۾ معصومن جا جنازا کڄن ٿا. غريبن جي اجھن تي سوڳواري جا تڏا وڇايل آهن. غربت ۽ بي وسي جي حالاتن ۾ آيل موت تي چونرن مان معصومن جي مائرن جون جيءُ جھوريندڙ آهون، دانهون، سسڪيون ترقي يافته سماج ۽ دنيا جي انساني حقن تي ڪم ڪندڙ عالمي سطح جي بين الاقوامي ادارن جي پت کي وائکو ڪن ٿيون. مري ويل ٻارڙن جا ڪکاڻي منهه ۾ ٽنگيل رانديڪا، قسطن تي مليل مختصر زندگي جا اوٽي تي ڏنل معصوماڻا ٽهڪ، انهن سماپتي مُرڪن جا چند سئو روپين جي چائنا واري موبائل سيٽ ۾ ڪڍيل ڌندلا ڦوٽو، پتڪڙين قبرن تي پيل روهيڙي رتن گلن جون سڪل پتيون، هيج مان پارايل هٿ جا ڪارا ڪڱڻ، خالي ٿيل سر جي ڪانين وارو پينگھو، ۽ کٽ ۾ ٻڌل چُني جي خالي ٿيل لوڏ، لوڙهي تي سُڪندڙ ننڍڙي قميص جي کيسي تي ڀرت ڀريل پشم جا گلابي گل، ماءُ جا ڳايل لاڏا جيڪي هاڻ هوائن ۾ اوڇنگارون بڻجي گونجن ٿا. ڇا ٿر جي هن درد ڀرين منظرن کي ماپڻ لاءِ هن جديد دنيا وٽ ڪو اوزار آهي؟ ڇا هي منظر هينئي جي آتش فشان ڦاٽڻ لاءِ ڪافي ناهن؟ ٿر جي ان ڪيڏاري تي اعلى اختيارن جي من اندر ۾ ڪو ماتم برپا ٿئي ٿو؟ ٿر جي بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جا ڏکوئيندڙ منظر ڪيمرا جي اک ۾ قيد ڪري انهن جي نالي تي اربين روپين جا فنڊ ۽ پروجيڪٽ وٺندڙ سماجي ادارا ۽ اين جي اوز ٿر ۾ ڪهڙي تبديلي آڻي سگھيا آهن؟ ٿڌن حالن ۽ فائيو تارن وارين هوٽلن ۾ ٿيندڙ سيمينار ۾ صفائي تي ليڪچر ڏيندڙ ٽرينرن پاران ٿرين کي صابڻ سان هٿ ڌوئڻ، صحتمند زندگي لاءِ ناشتو ضروري آهي، نيرن ۾ هڪ صوف، ٻه ڪيلا ۽ کير جو هڪ گلاس، ورزش جا اصول ۽ ماني کانپوءِ واڪ جي صلاح ڏيئي ڏڪار متاثر ٿرين جي غربت جو مذاق اڏايو وڃي ٿو. انهن کي اهو خبر ناهي ته اهو ليڪچر هو اسلام آباد جي ماڻهن کي پيا ڏين يا اسلام ڪوٽ جي ماڻهن کي؟ انهن ادارن کي اهو ڄاڻ ناهي ته هنن جا ڪيترائي معصوم ته ماءُ ۾ رت جي کوٽ، ڪاري سائي، ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا هئڻ ڪري پيدا ٿيڻ کان اڳ پيٽ ۾ ئي مريو وڃن. ماروئڙن جي سيم ۾ معصوم ٻارن ۽ مورن تي آيل شام غريبان تي وس وارن جي خاموشي تاريخ جو وڏو سانحو آهي. گذريل ڪافي عرصي دوران ٿر ۾ مري ويل مورن ۽ معصومن جو تعداد هاڻ هزارن ۾ هوندو. خوراڪ جي قلت ۽ وقت سر بيمارين جو مناسب علاج نه ٿيڻ ڪري ابهم ٻارڙن جي موت جي وڌيل شرح ملڪي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪِرڻ ۽ چڙهڻ تي اثر انداز ڪونه ٿي هوندي . باقي رت جا رشتا رکندڙن جي اکين اڳيان بي وسي جي عالم ۾ ڏرا ڏيئي ويل معصوم اکين جي ماڻڪين جي ختم ٿيندڙ روشني، لڙڪيل ڪنڌ، اک جي ڪنڊ مان آخري ميار واري نهار ۽ هن دنيا کي خيرآباد چوڻ واري پڇاڙڪي هڏڪي ڪنهن جي من اندر ۾ سموري حياتي باهه جيئن ڀڙڪندي هوندي.
    موسم جي عالمي تبديلي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ ڪٿي بارشون گھڻيون ته ڪٿي صفا نه وسڻ ڪري سوڪهڙا، ۽ ڪٿي خطرناڪ ٻوڏون اچي رهيون آهن. پر سوال اهو آهي. ته ان سڄي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي سرڪار ۽ لاڳاپيل کاتن وٽ ٿرپارڪر لاءِ ڪهڙي منصوبا بندي ٿيل آهي؟ ٿر ۾ مسلسل ڏڪار سبب جر جو پاڻي کارو ٿي ويو آهي. کوهن جي پاڻي ۾ انساني صحت لاءِ هاڃيڪار شين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. جنهن ڪري ٿر جي اڪثر آبادي ڪاري سائي، گڙدن جو مرض، پيٽ جي بيمارين ۾ مبتلا آهي. ٿر جي ڏورانهن ڳوٺن ۾ اڄ به صحت جي ڪابه بنيادي سهولت موجود نه آهي. جنهن ڪري اڪثر ٿري عورتون ويم دوران سفري سهولتون جي اڻ هوند جي ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ ئي فوت ٿيو وڃن.
    وسڪاري جي مند توڙي ان کان اڳ ٿر ۾ نانگ ۽ بلائن کان ڪکجڻ جا واقعا به تمام گهڻا ٿين ٿا. ڪڏهن ڪڏهن ته تعلقي ليول جي اسپتالن ۾ به اينٽي سنيڪ وينيم ويڪسين جي کوٽ جي ڪري ڪکيل مريض تڙپندي تڙپندي دم ڏين ٿا. برساتون ۽ ڏڪار ته فطري مسئلا آهن. پر ان کان علاوه به ٿر جا ٻيا ڪيترائي مستقل مسئلا حل طلب آهن. جن تي اعليٰ اختيارن ڪڏهن به سنجيدگي سان سوچڻ جي زحمت ئي نه ڪئي آهي. انتظاميه جا بي حسي وارا رويا ڏڪاريل ڏيهه جي مسڪين ماروئڙن تي چٿر آهن. ڀلي مهر جا مينهن وسن، هر طرف ملهاري لڳي وڃي، ديس سائي چادر اوڍي ڏڪار جا ڏينهن سماپت ٿين ۽ سُڪار اچي پر ڪڻڪ جي امدادي ٻوري لاءِ قطار ۾ بيهه ڌڪا کائيندڙ پيرسن ٿريي جي اندر جو انسان ان تاريخي تذليل کي ڪڏهن به وساري نه سگهندو.
    ٿر جي اهم مسئلن تي با شعور ماڻهن ۽ اعليٰ اختيارن کي سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي. ڏڪار دوران ٿر ۾ پاڻي صحت ۽ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو سنگين ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن اعليٰ اختيار ۽ وس وارن ٿر جي اهم ۽ بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي بنيادن تي اُپاءُ نه ورتا ته ايندڙ وقت ۾ ٿر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين خراب ٿيڻ جو انديشو آهي. ٿر ۾ خوراڪ، کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ وارا پلانٽ، چوپائي مال جي ويڪسن ۽ چاري جو بندوبست، صحت مرڪزن ۾ دوائون ۽ ڊاڪٽر فوري طور پهچائي مسڪين مارو ماڻهن جي اهنجن کي گهٽائي سگهجي ٿو.
    


    فطرت سان هٿ چراند ڪير ڪري ٿو؟

    هي ڪائنات ساهوارن جو آشيانو آهي. هن ڪائنات جو وجود، سلامتي، حُسن فطرت جي سلامتي سان وابسطا آهي. پر انسان پنهنجي عارضي مفادن خاطر فطرت سان هٿ چراند ڪري پنهنجي ئي گھر کي جلائڻ لاءِ سندرو ٻڌيو بيٺو آهي. موسم جو توازن مڪمل طرح بگڙي چڪو آهي جنهنڪري گرمي پد تمام گھڻو تيزي سان وڌڻ ڪري سڄي دنيا ۾ عالمي موسمياتي تبديلي (گلوبل وارمنگ) جا خطرناڪ اثر ظاهر ٿي رهيا آهن. ڇا موسم جو عالمي ڦيرو هڪ ڏينهن ۾ آيو آهي؟ ان تبديلي ۾ وڏو زمانو لڳو آهي. ماحوليات ۽ موسميات جي عالمي ماهرن پاران هڪ ڊگھي عرصي کان دنيا کي اهڙن امڪاني خطرن کان آغا ڪيو ويو آهي. پر ماحوليات جي تحفظ ۽ فطرت جي بچاءُ تي ڪو عمل نه ٿي سگھيو آهي. جنهن جي نتيجي ۾ هن ڌرتيءَ جو مستقبل فطري نقصانن جي مڪمل گھيري ۾ آيل آهي.
    دنيا ۾ موجود برف جا گليشير پڻ تيزي سان ڳري رهيا آهن. ڪٿي ٻوڏون ته ڪٿي سخت سوڪڙو ۽ ڏڪارن سبب زمينون بنجر بڻجي باهه اوڳاڇين ٿيون. مندائتا مينهن موڪلائي ويا آهن. بارشون هاڻ ڪڏهن آڳاٽيون ته ڪڏهن صفا مند مٽائي پاڇاٽيون وسن ٿيون يا ته ايتريون گھڻيون وسن ٿيون ڄڻ آسمان کي گھارا پيا هجن ۽ ٿر جهڙن ريگستاني علائقن ۾ بادل ڊگھي رسامي تي آهن. سال 2015ع ۾ بارشون ته وچوليون ٿيون پر ٿر ۾ گاهه جو تيلو به ڪونه ڦٽو، پوکيل فصل کي تيز هوائن لٽي ڇڏيو هو، جڏهن ته اهڙن علائقن جو ته گذارو ئي برسات تي آهي. سياري جي موسم ۾ ماضي جي ڀيٽ ۾ سرديون به رڪارڊ ٽوڙ ٿين ٿيون. يعني موسمون پنهنجي فطري محور جي دائري مان نڪري ويون آهن. جنهنڪري ان تبديلي جا اثر هر صورت ۾ ناڪاره ئي پوڻا آهن. موسمي ڦير ڦار جي انهن سمورين زميني حقيقتن، واقعن، حالتن جا نج سائنسي سبب به ته هوندا؟ تنهنڪري هن ڪائنات ۾ شعور جي مالڪ ماڻهو کي گوٿناٿ جوشڪار ٿيڻ بجاءِ فطرت جي تباهي جي حقيقي سببن جي انت تائين پهچي ثابت ڪرڻو آهي ته هي فطري فرق ڪيئن آيو؟ جنهن فرق سان هاڻ هي ڪائنات ساهوارن لاءِ سوڙي ٿيندي وڃي. انهن فطري تباهين جو ذميوار ڪير آهي ۽ ان جا ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ مئي جي مهيني کان ئي سج نيزي پاند لهي اچڻ ڪري ساهه وارن جو ساهه اٽڪي پيو آهي. ساهوارن لاءِ هي ڌرتيءَ ڄڻ کورو بڻجي رهي آهي. گرمي پد ۾ تيزي سان اضافو وڏين فطري آفتن جي تباهين جو سبب بڻجي سگھي ٿو. قهر جهڙي گرمي ۾ ڪانءَ جي اک پئي نڪري ماڻهو هيٽ اسٽروڪ سبب عذاب ۾ مبتلا ٿيو وڃن.
    معنى ته ڌرتيءَ تي ساهه وارا فطرت جي سنگين نقصانن جي جڪڙ ۾ ڦاسي پيا آهن. “هٿ جي وڍئيي جو ويڄ نه طبيب” سوال اهو آهي ته فطرت سان ڇيڙڇاڙ ڪير ٿو ڪري؟ وڻ ڪنهن وڍيا آهن؟ پاڻي جي فطري گسن تي قبضا ڪنهن ڪيا آهن؟ گرينائٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارونجھر جهڙن جبلن جي پرسڪون ماحول ۾ ڊائنامينٽ جا ڌماڪا ڪير ٿو ڪري؟ ايٽمي ڌماڪا ڪنهن ڪيا هئا؟ گُگر کي ٽُڪ ڪير ٿو ڏي؟ ماحول ۾ آلودگي جو سبب غريب جي ڪکائين جھوپڙي ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي لاٽ آهي يا سرمائيدارن جي ڪارخانن مان خارج ٿيندڙ ڪارو دونهون؟ ماحولياتي گدلاڻ جو ذميوار ڪير آهي؟ ماحوليات سان لاڳاپيل اداران ان حوالي سان ڪهڙيون سنجيده ڪوششون ورتيون آهن؟ اهي سوال جواب طلب آهن. پاڻي سمنڊ تائين پهچڻ لاءِ پنهنجا گس پاڻ ٺاهيندو آهي. مينهوڳي جي مند ۾ واڌو پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ جي فطري گسن پراڻ، هاڪڙو، پٽيهل وغيره تي بااثرن پاران قبضا ڪري ٻنيون آباد ڪرڻ، گھر ٺاهڻ سميت ٻيون مختلف رڪاوٽون ۽ بند ٻڌي پاڻي جا قدرتي وهڪرا ۽ لنگهه بند ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڻي سڀ ڪجهه پاڻ سان گڏ لوڙهي خطرناڪ تباهي جو سبب بڻجندو رهيو آهي. ويجھي ماضي ۾ 2010ع ۽ 2011ع جون برساتي توڙي درياهي ٻوڏون ان جو واضع مثال آهن. جنهنڪري پاڻي اُٿل کاهي انساني آبادين کي ٻوڙي ڇڏيو هو. مستقبل ۾ به اهڙا خطرا موجود آهن.
    ٻي طرف درياهه بادشاهه کي پنجاب پاران هٿ وٺي سڪائڻ جي نتيجي ۾ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري تمر جا ٻيلا، آبي جيوت ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ جو ڪچو تباهي ڪناري تي پهچي چڪو آهي. سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري هيستائين سمنڊ سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين ڳڙڪائي ويو آهي، اها تباهي ڪائنات جي فطري نظام سان هٿ کس جو نتيجو آهي. دونهون، دز ۽ گندو پاڻي خارج ڪندڙ مختلف ڪارخانا، ملون ۽ فيڪٽريون به دنيا جي پورهيتن جون ته نه آهن.؟ اهي به ڪنهن بااثر سرمائيدارن جون آهن. ملن جو خارج ٿيل ڪيميڪل مليل زهريلو ۽ گندو پاڻي ماحوليات جي تباهي جو وڏو ڪارڻ بڻيل آهي. ان ملز جي ڪيميڪل واري زهريلي پاڻي سبب هڪ طرف آبي جيوت ختم ٿيندو وڃي ته ٻي طرف ان زهريلي پاڻي جي گذرڻ ڪري سنڌ جون زرخيز زمينون سيم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وڃڻ ڪري زرعي طور ناڪاره بڻجي چڪيون آهن. ماحولياتي آلودگي پکيڙيندڙ گندو پاڻي جو جتان به گذر ٿئي ٿو اُتي جا رهواسي دم، نزلو، چمڙي، اکين سميت ٻين لاتعداد بيمارين جي ور چڙهي وڏو عذاب ڀوڳي رهيا آهن. دونهين ۽ دز سان هڪ طرف ساهوارن لاءِ ڪيتريون ئي پيچيده بيماريون پيدا ٿين ٿيون ٻي طرف ماحولياتي آلودگي ڦهلجڻ ڪري اوزون جي تهه کي وڏو نقصان پهچڻ ڪري موسم پنهنجي فطري ڦيري مان آهستي آهستي نڪري رهي آهي. انسان پاران انفرادي مفادن خاطر ڌرتيءَ تي ڪيل فطري هٿ چراند سان مستقبل ۾ ماحولياتي تبديلي جنهنجو ذميوار اڻسڌي طرح وري به هن دنيا جو سرمائيدار آهي جيڪو پنهنجا ڪاروباري مفاد ماڻڻ لاءِ فطرت کي رانديڪو سمجھي کيڏي رهيو آهي.
    جتي وڻڪاري وڌيڪ هوندي آهي اُتي بارشون به تمام سٺيون وسنديون آهن. گھڻين بارشن جي ڪري ڏيهه ۾ گلزاري لڳل هوندي هُئي. هن ڌرتيءَ جي وجود تان اجگر جھنگل جي ٻيلن مان ساوا چهچ وڻ ڪنهن بااثر سرمائيدار کانسواءِ ڪو مسڪين ڪيئن وڻ وڍڻ جي جُرت ڪري سگھي ٿو؟ وڻ هن ڪائنات جو حُسن آهن. انهن کي پنهنجي ڪاروباري مفادن لاءِ وڍي هن ڪائنات جي اربين انسانن لاءِ فطري عذاب پيدا ڪيا پيا وڃن. هن وقت دنيا جي آبادي لڳ ڀڳ ساڍا ست ارب آهي. دنيا جا وس وارا ٽيڪس جي اوڳاڙي جيئن هر فرد تي سال ۾ ٻه عدد وڻ پوکڻ جو قانون پاس ڪن ته ايندڙ پنجن سالن ۾ دنيا اندر وک وک تي وڻ هوندا. فطرت جي ڪيل نقصان جو مڪمل ته نه پر ڪجهه قدر ازالو ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن انسان پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل جي بقاءَ لاءِ فطرت کي بچائڻ جون سنجيده ڪوششون نه ورتيون ته هي ڪائنات انسان لاءِ سک ڀريو آشيانو نه رهي سگھندي ڇو ته واحد فطرت آهي جيڪا پاڻ سان ٿيل هٿ چراند جو انتقام بي رحمي سان هرحال ۽ هر صورت ۾ يقيني طور وٺندي آهي. فطرت جي پلاند کان انڪار ڪرڻ غيرسائنسي عمل آهي. فطرت طرف انسان جو غيرسنجيدگي وارو رويو انسان جي ايندڙ نسلن لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. هڪ طرف ڌرتيءَ تان وڻ وڍي جھنگلي جانورن ۽ پکين جا گھر ڍاهيا پيا وڃن ته ٻي پاسي انهن معصوم جانورن ۽ پکين جو شڪار ڪري نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ان سبب ڪيترن خوبصورت پکين ۽ جانورن جا نسل مڪمل طرح ختم ٿي چڪا آهن يا ته ناياب بڻجي خطري هيٺ آهن. تلور جو رت ڪير ٿو وهائي؟ ڪونجن جو قاتل ڪير آهي؟ اڇڙن ۽ ڪارڙن تترن کي ڪير ٿو ماري؟ مورن جي ٽهوڪن جو گلو ڪنهن گُھٽيو آهي؟ هرڻيون ڪنهن ڪُٺيون آهن؟ ڊگوش، نيرڳي، ڪائنرو، آڙي، ڪنگ لاءِ ڄار ڪنهن وڇايا آهن؟ فارمي ڪڪڙن جي فيڊ لاءِ مڇي جي ٻيجاري جهلڻ خاطر ڀن ڪنهن پکيڙيا آهن؟ اهو ڪم به ڪنهن بااثر سرمائيدار کانسواءِ ٻي ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي.
    ماضي ۾ موسمي برساتن ۽ پاڻي جو اوج هئڻ ڪري جھرجهنگ، ٻهراڙي جي سيم جون ڪنڌيون، پاسا، پوٺا، ڀڏا، واهن جا ڍاڪا، فصل جا ڀيلاڙا، ٿر ۾ چوپائي مال جي چاري لاءِ گاهه جي رک خاطر گئوچر وغيره جي ڪري ڀاڳين جو چوپايو مال خوش هوندو هو هاڻ هڪ طرف پاڻي جي کوٽ ۽ برساتن جو رسامو ۽ مسلسل ڪاري ڏڪار سبب سائي گاهه جي وڏي کوٽ هئڻ ڪري ٻٻرن ۽ ديوين جا پلڙا به وڪامن ٿا. اهو عمل توڙي جو ديس ۾ ڏڪار، بک ۽ بدحالي جي عڪاسي ڪري ٿو. پر ان سان هن ڌرتيءَ تي هڪڙو فطري فائدو ضرور ٿيندو جو جانورن جي ڇيڻي ۽ ڦولڙين ذريعي ٻٻر ۽ ديوي جا ڪيچڪا ضرور پکڙبا جيڪي برساتن ۾ ڄمي پوندا. جھنگل فطري سونهن رکندڙ پکين ۽ جانورن جي محفوظ پناهه گاهه هوندا آهن. وڻن جي واڍي سان مورن جا ٽهوڪا، طوطن جون تنوارون، ڳيرن جون ڳٽڪارون، ڪويلن جون ڪوڪون پرڀات ويل ڪائنات جي شاندار حسن جي منظرنگاري جا لاتعداد رنگ رسي ويا آهن. اهو هن ڌرتيءَ جو تاريخي الميو آهي. فصل جي پوکائي دوران ٻج ۾ زرعي زهريلي دوائن جي ملاوٽ ۽ فصل تي اسپري ۾ به چوڻو پاڻي چڳڻ لاءِ ايندڙ پکيڙا اجل جو شڪار ٿيڻ ڪري موت جي ور چڙهيو وڃن. ويجھي ماضي ۾ توهان پنهنجي آسپاس جي ماحول تي نظر ڦيرائندا ته توهان کي پکين جي تعداد ۾ وڏي ڪمي محسوس ٿيندي. جھرڪي، ڪٻر، وهيو، ٻگو، ڍولير، ڪانءَ، ڳيرو، طوطو، ڪبوتر، ڪاڻ ڪڻڇي، تتر اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ نظر اچن ٿا. پکي هڪ طرف هن خوبصورت ڪائنات جي سونهن آهن ته ٻي طرف پکي ماحول دوست پڻ آهن. جيئن ڳجهون علائقي ۾ مرندڙ جانورن جا لاش کائي ماحوليات ۾ آلودگي ۽ وبائن کي ڦهلجڻ کان روڪين ٿيون، هن وقت دنيا ۾ ڳجهن جو نسل سخت خطري هيٺ آهي. ٻيا ڪيترائي لاتعداد پکي آهن جيڪي زرعي فصلن کي نقصان ڏيندڙ خطرناڪ جيت جڻين ۽ ڪيڙن کي کايو وڃن. زرعي دوائن جي استعمال سان نه رڳو جھنگ جي پکين کي نقصان پهتو آهي پر واهن، ڪينالن، ڍنڍن توڙي مڇي جي تلائن ۾ مڇي جا لاتعداد ناياب قسم پڻ آخري پساهن ۾ آهن. گرمي جي مند ۾ گھرن اڳيان بيٺل وڻن، ڇپرن توڙي ديوارن تي پکين جي داڻي ۽ پاڻي لاءِ پاٽوڙا ڀري رکيا ويندا هئا. هاڻ اهڙي فطرت دوستي جا مثال تمام گھٽ نظر اچن ٿا. سگھڙ مايون گھر ۾ پچندڙ پهرين ماني پکين کي ڏينديون هيون. گھر جي ڌاريل ڪتي لاءِ ته صبح ۽ شام متاري ماني پچائي ڏني ويندي هُئي. افسوس هاڻ اهو رواج تمام گھٽجي ويو آهي. اهڙيون فطرت دوست ريتون، رسمون ۽ رواج پڄاڻي تي پهچڻ ڪري فطرت جو نقصان پهتو آهي. گھر جي لوڙهي ۾ ويٺل ماکي کي به ڪونه ڇاڻيو ويندو هو.
    ٻڌمت ۽ جين مت جا بانيڪارن گوتم ٻڌ ۽ مهاوير پڻ فطرت جي تحفظ جارکوالا هئا. اشوڪ آعظم جي دور ۾ پڻ پکين ۽ جانورن جي شڪار ۽ وڻن جي واڍي تي پابندي عائد ٿيل هئي. تاريخ ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪڇ علائقي جو حاڪم بڊاماڻي پُنرو فطرت دوستي طور بيحد مشهور رهيو آهي. جنهن جي دور ۾ شڪار تي پابندي هئي. هن حاڪم جو ذڪر لطيف سرڪار وڏي احترام سان ڪيو آهي. هن وقت اهڙن فطرت دوست ڪردارن، قدرن ۽ روايتن جو خاتمو ڪنهن سانحي کان گھٽ نه آهي. سنڌ ۾ ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترين جاين تي اڄ به فطرت کي بچائڻ جا جتن ڪندڙ ماڻهو موجود آهن. ننگرپارڪر جي راڄ جا به ڪيترائي ماڻهو فطرت جا پهريدار آهن. جهڏو جو فقير غلام حيدر لغاري جھڙا فطرت دوست ماڻهو هن لوڪ ۾ موجود آهن جن جي هٿ تي جھنگلي مور، ڪبوتر، ڪٻرون داڻو چڳن ٿا. جنهن جي فقيراڻي زرعي فارم تي پڪل فصل تي جھار نٿي هڪلي وڃي. فقير جو چوڻ آهي ته “پکي هن ڪائنات جو فطري حُسن آهن، پکين جون ٻوليون پيار، محبت، امن جو اهڃاڻ آهن. هي خوبصورت پرندا بک سبب مرندي نٿو ڏسي سگھان، ماڻهو پاڻ پنهنجي ڪائنات کي قتل ٿيندي ڪيئن ٿو ڏسي سگھي؟ هن ڪائنات ۾ مون کان اهو قهر برداش نه ٿيندو. ان ڪري مان پنهنجي وس آهر ڪڻڪ، سورج مکي، جوار، ٻاجھري ۽ ٻين ٻج وارن فصلن تان جھار هڪلڻ نه ڏيندو آهيان. هر ڪو پنهنجو نصيب کائندو آهي، داڻي داڻي پي لکا هي کاني والي ڪا نام، آئون پنهنجي علائقي ۾ ڪوشش ڪري شڪار به نه ڪرڻ ڏيندو آهيان”
    ماحوليات تي گھري نظر رکندڙ دنيا جا بين الاقوامي ذميوار ادارا فطرت ۽ ماحوليات جي خطرناڪ تباهي کي محسوس ڪندي هڪ ڊگھي عرصي کان ميڊيا تي ان حوالي سان مهم پڻ هلائي رهيا آهن پر انهن سمورن حربن جي باوجود به تر جيتري تبديلي يا بهتري نظر نٿي اچي. جنهن مان اهو اميد ڪري سگھجي ته ماحوليات جي عالمي ادارن جي جاڳرتا مهم ۽ نالي ماتر قانون هئڻ جي باوجود به فطرت کي لاحق خطرن بابت خدشا دور ڪرڻ بجاءِ اهي خطرا اڃان به وڌن پيا. يعني هي ڪائنات خطرن جي مڪمل گهيري ۾ جڪڙيل آهي. پنهنجي ڌرتيءَ کي فطري نقصانن جي ان سوڙي گھيري مان ڪڍڻ لاءِ هن ڪائنات جي هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻو پوندو.
    دنيا جا باشعور ماڻهو فطرت جي تحفظ لاءِ سنجيدگي وارو ڪردار ادا ڪن ته هن ڪائنات به جنت ٿي سگھجي ٿي. جيڪڏهن دنيا جي وس وارا ماڻهو چاهين ته هن ڌرتيءَ جي سيني تان وڻن جي غيرقانوني وڍ روڪي نوان وڻ پوکي ٻيلا بچائي سگھجن ٿا، ملن ۽ ڪارخانن جي ضايع ٿيندڙ ڪيميڪل واري زهريلي پاڻي کي جديد مشينري سان فلٽر ڪري زرعي استعمال لائق بڻائي سگھجي ٿو. دز ۽ گھڻو دونهون خارج ڪندڙ ڪارخانا ۽ گاڏين تي سخت پابندي جا قانون لاڳو ڪري ماحوليات کي آلودگي کان بچائي سگھجي ٿو. پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا ڪندڙ بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري پاڻي جا فطري گس بحال ڪري ٻوڏ کان بچاءُ ڪري سگھجي ٿو. ڪائنات کي حُسن بخشيندڙ خوبصورت پکين ۽ ناياب جانورن جي قتل عام تي سخت سزائون مقرر ڪري فطرت جو تحفظ يقيني بڻائي سگھجي ٿو. فطرت جو تحفظ ئي اصل ۾ هن ڌرتيءَ ۽ انسان جو پنهنجو تحفظ آهي.
    


    ٿر جا مسئلا، ڪارو ڏڪار ۽ لابارو ڪندڙ ٿري لاهيارن جا درد

    دنيا ۾ تپش پد وڌڻ ڪري ڪُل ڪائنات ۾ مُندن جو وڏو ڦيرو آيو آهي. جنهنڪري موسم جو توازن بگڙجي ويو آهي. موسم جي عالمي سطح جي تبديلي (گلوبل وارمنگ) جا اثر اسان جي خطي ته به پڌرا ٿيا آهن. جنهنڪري وقتائتا واه نٿا گُھلن نه ئي موسمي مينهن اوڙڪون ڏيئي وسن ٿا. ڪڏهن گھٽ ته ڪڏهن وڌ بارشون وسڻ ڪري اسان جو ريگستان جون حالتون مسلسل خراب ٿي رهيون آهن. جڏهن ته اسان جي پاسي واري ڀارتي ريگستاني علائقي ۾ ڪينال ٺهڻ سان اُتي وڏي خوشحالي آئي آهي. ان سان گڏ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ريگستانن جون حالتون اسان کان ڪافي حد تائين بهتر آهن. پر اسان جي ٿر ۾ دنيا جو ڇهون نمبر ڪوئلي جو وڏو زخيرو هئڻ جي باوجود ايٿوپيا جو ڏيک ڏي ٿو.
    مارئي جي ملڪ ملير تي گذريل وڏي عرصي کان بادل هر ٽي کان چار سال جي رُسامي کانپوءِ برسڻ ڪري هتي گھڻو تڻو ڏڪار جي صورتحال برقرار رهي ٿي. ڊگھن ڏڪارن هن ديس کي ڀڙڀانگ بڻائي ڇڏيو آهي. جنهنڪري ٿر ۾ ڪارو ڏڪار هڪ اڌ وسڪاري کانپوءِ ڪر کنيو بيٺو آهي. هيستائين سوين معصوم ٻار غذائي کوٽ ۽ بيمارين جو وقت سر سهي علاج نه ٿيڻ سبب موت جو شڪار ٿي چُڪا آهن. وسڪاري ۾ جنت الفردوس جو ڏيک ڏيندڙ ٿر ڏڪار وقت ويراني جا منظر پيش ڪري ٿو. ٿر جا ڪجهه مکيه مسئلا آهن جن تي اعلى اختيار وس وارا سنجيدگي سان سوچي غور ۽ ويچار ڪن ته ڪجھه قدر ٿرواسين جي دردن جو درمان ٿي سگھي ٿو.

    .(1) پاڻي جو مسئلو
    گھڻي عرصي کان مُندائتا مينهن نه وسڻ ڪري ٿر ۾ جر جو پاڻي ڪيترن ئي علائقن ۾ تمام گھري سطح تائين هيٺ هليو ويو آهي جتي هاڻ جان جوکي ۾ وجھي کوهن جي کوٽائي ڪرڻ ٿرواسين جي وس جي ڳالهه نه آهي ۽ جڏهن ته ڪيترن ئي ڳوٺن جا کوهه يا ته کارا ٿي وڃڻ ڪري هاڻ پيئڻ جي لائق ئي نه رهيا آهن يا ته سُڪي ويا آهن. وڏن ڪشالن سان ٿرواسي جيڪو پاڻي پيئڻ لاءِ حاصل ڪري استعمال ڪن ٿا سو ڪنهن به صورت ۾ پيئڻ جي قابل نه آهي. کوهن جي پاڻي ۾ سنکيو، گندرف ۽ نمڪيات جو مقدار وڌڻ ڪري ٿر جي اڪثر عوام هيپاٽائٽس بي ۽ سي، پيٽ، چمڙي، گڙدن سميت ٻين ڪيترين ئي موذي مرضن ۾ مبتلا آهي. تنهڪري ٿر ۾ وسڪاري جي ٻه يا ٽي مهينن کانسواءِ هر وقت پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو هوندو آهي.

    (2)خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو
    ٿرواسين جي پيٽ گذر جو اهم ذريعو برساتي فصل ٻاجھر، جوئر، مورٺ، گوار، تر ۽ مڱ سميت چوپائي جو چارو پڻ هيل اڳ جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ ٿي سگھيو آهي. جنهنڪري لکين ٿرواسي اناج جي سخت اڻاٺ جو شڪار هئڻ سان گڏ جانور ۽ پکي پڻ وڏي عذاب جي ور چڙهيل هوندا آهن. جنهن سبب ٿر جا هزارين خاندان پيٽ گذر خاطر سنڌ جي بئراجي ضلعن بدين، حيدرآباد، نواب شاهه، ٺٺو، ميرپورخاص سميت سڄي سنڌ جي مختلف علائقن ڏانهن مزدوري تي وڃڻ ڪري سندن گھرن کي ڍينگھر آيل هوندا آهن. لڏپلاڻ سبب انهن جي معصوم ٻارن جي تعليم داءَ تي لڳل آهي.

    (3) صحت جي سهولتن جو ناڪاره نظام
    اهيو الڳ ڳالهه آهي ته ملڪ جا ڪيترائي نالي وارا ڊاڪٽر ٿر سان تعلق رکن ٿا پر سندن صلاحيتون ۽ خدمتون ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي نصيب ۾ نه آهن. ٿر جون سرڪاري اسپتالون پڻ عوام لاءِ شفاگهرن بجاءِ عذاب گاه بڻيل آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب ٿر جا سوين ٻار گھربل علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي چڪا آهن ۽ جڏهن ته ڪيترائي ٻار مسيحاهن جا مُنتظر ٿي آخري پساه کڻي رهيا آهن. جنهنڪري ٿر ۾ ٻارن جي موت جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي پئي. ٻهراڙي جي ڳوٺن ۾ ته سواري ۽ علاج جو بندوبست نه هئڻ ڪري حمل واريون عورتون، نانگ بلائن جا ڪکيل مريض ۽ معصوم ٻار اسپتالن تي پهچڻ کان اڳ موت جو شڪار ٿيو وڃن. وچٿري موسم ۾ ٿر جي صورتحال ڪنهن حد تائين ڪنٽرول ۾ هوندي آهي، پر جڏهن شديد گرميون ٿين ٿيون، لڪون ۽ جھولا لڳن ٿا ته مسلسل ڪيترن ئي سالن کان گھربل بارش نه وسڻ جا فطري شديد ناڪاري اثر بيمارين جي صورت ۾ ظاهر ٿيندا آهن. جنهن سبب وڌيڪ خطرناڪ ۽ پيچيده بيمارين جي پيدا ٿيڻ جو انديشو هوندوآهي. خاص طور معصوم ٻارن ۾ الٽي، جلاب، بخار، رت جي کوٽ ۽ جسم ۾ گهربل نمڪيات جي کوٽ جي ڪري ٻارڙا موسم جي ناڪاري اثرن جو نشانو بڻجي سگھڻ جو خدشو آهي. ڪارو سون (ڪوئلو) لوڻ، چائنا ڪلي، گرينائٽ ۽ شاندار فطري حسن رکندڙ ڌرتي جا ڌڻيءَ بُک، بدحالي، بيروزگاري سبب دربدري جا درد ڀوڳي رهيا آهن. ذميوار اعلى اختياريون ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار بابت پنهنجي ذميواري محسوس ڪرڻ بجاءِ گوٿناٿ ڪنديون رهيون آهن. ٿر جي ڪاري ڏڪار ۾ ايمرجنسي بنيادن تي ميڊيڪل جون سهولتون ڏنيون وڃن ۽ خوراڪ جي قلت کي ختم ڪري مفت ۾ ڪڻڪ جي فراهمي کي شفاف ۽ يقيني بڻايو وڃي. معصوم ٻارن لاءِ اسپيشلٽ ماهر ڊاڪٽر، خشڪ کير، ڏارو، بسڪيٽن سميت خوراڪ جون ٻيون شيون ڏنيون وڃن. زندگي بچائڻ واريون سموريون دوائون ۽ ٻارن توڙي عورتن جي ماهر ڊاڪٽرن کي مقرر ڪري کين ڊيوٽي جو پابند بڻائڻ گھرجي. صاف پاڻي لاءِ هر ڳوٺ ۾ آر او پلانٽ لڳايا وڃن، جتي ممڪن ٿي سگھي ته درياهه جو مٺو پاڻي پهچائڻ لاءِ پائپ لائين لڳائي وڃي. ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار واري خطرناڪ صورتحال تي سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ٿر جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي نه ڪئي وئي ته ڪجهه عرصي کانپوءِ ٿر جي صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.
    ٻي طرف ۾ ڪاري ڏڪار سبب ٿر جون حالتون سازگار نه هئڻ ڪري ٿرواسي جي زندگي عذاب ۽ پيڙاهن ۾ گذري رهي آهي. ٿر ۾ بيماريون، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي ماروئڙن جي منهن تان مرڪون کسي ورتيون آهن. هڪ طرف هو پنهنجي گذر جو ذريعو چوپايي مال کي بچائڻ لاءِ پريشان آهن. ٿر ۾ ڏڪار ڪارڻ چوپائي جي چاري جي سخت کوٽ ۽ چوپائي مال ۾ بيمارين سبب ٿري ڀاڳين کي ڳڻتيون ڳارينديون رهن ٿيون. ڏڪاريل ڏيهه جا متاثرين ماروئڙا دنيا جي ترقي جي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ فقط پنهنجي ۽ پنهنجي معصوم ٻچڙن جي پيٽ جي باهه اُجھائڻ خاطر سنڌ جي بئراجي پٽن تي ڪڻڪ جي لاباري تي لاهيارا بڻجي کُلي آسمان هيٺ دربدري جا عذاب ڀوڳيندا رهيا آهن. اهو الڳ ڳالهه آهي ته ڏڪار سبب بيگانه بڻيل مارو ماڻهو پنهنجي سيم جا زميندار به آهن.
    پر برابر “وسي ته ٿر، نه ته بر” عارضي طور ئي سهي پر پنهنجا ويڙها ڇڏڻ جو درد جيءَ کي جھوري وجھندو آهي. بک ته واقعي بُڇڙو ٽول آهي. جنهنڪري ٿر جي ڏڪار متاثر ماروئڙن کي پنهنجا معصوم ٻچڙا اڻڄاتل منزل تي وٺي مزدوري لاءِ رولاڪين، دربدرين، مصيبتن ۽ سورن جا سفر طئي ڪرڻا پون ٿا. سماجي اڻبرابري ۽ هٿ ٺوڪي معاشرتي وڏائپ جا تلخُ رويا وک وک تي کين سوين صعوبتون آڇين ٿا .ڇوته لاڙ لاباري تي آيلن ۾ اڪثريت سنڌ جي اصلوڪن دراوڙن جي آهي. جن ڌرتيءَ ڌڻين کي آرين جي آمد کان ئي خانه بدوش ۽ ڀٽڪندڙ نسل جي جبري شناخت ڏني وئي آهي. جيڪا شناخت پنج سئو صديون مڪمل ٿيڻ تي به ختم نه ٿي سگھي آهي. هُنن جي فيس بڪ تي هلندڙ ان بحث سان ڪا دلچسپي ڪونهي ته “آدمشاري جي خاني ۾ شيڊول ڪاسٽ لکائجي يا هنڌو؟” ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته دنيا ڏيپلي ۽ ڇاڇري جيڏو گلوبل ڳوٺ بڻجي وئي آهي، ماڻهو مريخ تي اڳواٽ پلاٽن جي بڪنگ پيا ڪرائن. “پر هو چون ٿا ته سائنسي ترقي مان اسان کي ٻيو ڪجھه به نٿو گھرجي فقط جي ٿي سگھي ته “بک” جو بندوبست ڪيو وڃي! هو ته فقط اٽي لاءِ سوچين ٿا. هر وقت “ماني” سندن وڏو مسئلو بڻيل آهي. اهو جائز مسئلو اڄ ڏينهن تائين حل نه ٿي سگھيو آهي. انهن ڌرتيءَ ڌڻين کي ٿر ۾ نالي ماتر هلندڙ امدادي ڪارواين مان به فقط “غريب” هجڻ جي اتفاقي ۽ ڪبيري گناهه ڪارڻ نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. ٿرپارڪر ۾ معصوم ٻارن ۽ مورن تي موت جي موسم سماپت ئي نٿي ٿئي. ڪڻڪ جي سيزن ۾ ڏڪاريل ڏيهه جا هزارين ٿري خاندان لاباري خاطر سنڌ جي بئراجي علائقن جي ڳوٺن ۾ پوٺن تي کُلي آسمان هيٺ ديوين جي ڍينگھرن جا عارضي اجھا ٺاهي بي يارو مددگار بڻيل هوندا آهن. پنهنجي ککن کان ڏور هجڻ ڪري ڪڻڪ جي وڍائي تي آيل لکين ٿرواسي لاهيارا پيٽ جي پاپرن سبب پنهنجي مستقبل جي معمارن کي تعليم به نٿا ڏيئي سگھن. اٽي، لٽي ۽ اجھي کانسواءِ فقط نيري آسمان جي ڇپر ۽ ڇانءَ هيٺ گرم هوائن ۾ سڙندڙ ٿر جي معصوم وجودن کي خبر نه آهي ته کيس ڪهڙي نمبر جو شهري تسليم ڪيو وڃي ٿو؟ بک ۽ بيمارين سبب ٿر ۾ ٻارن تي موت جو راڪاس روز رقص ڪري ٿو. ٿر جي ڀٽن تي سوڳواري وار کولي ويٺل هوندي آهي. قبرستانن ۾ مسلسل پتڪڙين قبرن جو انگ وڌندو وڃي. پنهنجي ئي ملڪ جي ڏڪاريل خطي جا مسڪين ماروئڙا پنهنجن ٻچڙن کي بک ۽ بيماري کان بچائڻ لاءِ رات ڏينهن اڙانگن پندن جون سفري صعوبتون برداش ڪري بئراجي علائقن ۾ لاباري جي مند ۾ لڏا لاهن ٿا. هڪ طرف سرڪار جو به فرض ٿئي ٿو ته پنهنجي ديس جي ڏڪار متاثر ماروئڙن جي دردن جو درمان ڪري جيڪو سرڪار جي ذميواري سان گڏ فرض به آهي. ۽ ٻي طرف بئراجي علائقن جي سکين ستابن ماڻهن کي به پنهنجي صديون پراڻي مهمان نوازي واري عظيم ثقافت، تهذيب ۽ روايت کي برقرار رکندي ٿري لاهيارن جو خاص خيال رکڻ گھرجي.
    


    اڌ بٽئي تحريڪ، مائي بختاور ۽ هاري تحريڪ ماضي، حال ۽ مستقبل

    جڏهن دنيا ۾ اڃان ڪٿي بادشاهتون قائم هيون ته ڪٿي عوامي انقلابن جي بغاوت جا نعرا آهستي آهستي بلند ٿي رهيا هئا. فرينچ انقلاب به بيٺل پاڻي ۾ پٿر هو. جنهن جون لهرون بعد ۾ دنيا جي ٻين انقلابن ۽ باغين لاءِ اتساهه جو سبب بڻيون. پر ان وقت انساني برابري جي ڳالهه ۽ جمهوريت جون خبرون خواب خيال ۾ به ڪونه هيون. طاقتور بادشاهي سلطنتن کي للڪارڻ جو ڪو بندو سوچي ئي ڪونه سگھندو هو. پر جيڪڏهن ڪنهن غلام جي ذهن ۾ ان مظلوم دشمن نظام خلاف بغاوت جو ٺلهو خيال به پيدا ٿيندو هو ته هو ان کي للڪارڻ جي ذري به جُرت نه ڪري سگھندو هو. “دنيا جا پورهيتو هڪ ٿي وڃو” جهڙو شاهڪار نعرو ۽ ڇٽن کي پٽن سان هڻڻ جو عالمي انقلابي سائنسي نظريي “داس ڪيپيٽل” جو سرجڻهار جڳ مشهور جرمن ڏاهو ڪارل مارڪس اڃان ڄائو به ڪونه هو. تڏهن سنڌ جي صوفي بزرگ شهيد شاهه عنايت شهيد “جيڪو کيڙي سو کائي” جو عظيم نعرو هڻي سر اڏي تي رکيو هو. ان جدوجھد ۾ سنڌ جا هزارين هاري شهيد ٿيا هئا. شهيد مائي بختاور به شهيد شاهه عنايت جي ڌرتيءَ جو خمير هئڻ ڪري بغاوت جو علم بلند ڪندي ان ئي جدوجھد جو تسلسل هئي.
    ڪڇي ڪاڇوٽي ناگن ٻڌي نينهن جي،
    جهڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
    انهين سندي چوٽي پورڀ ٿيندي پڌري.
    سنڌ ۾ شهيد شاهه عنايت شهيد جي مسڪين پورهيت هارين جي حقن لاءِ هلايل ان وڏي هاري هلچل بعد هڪ وڏي وٿي کانپوءِ ٻيهر سنڌ هاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي هاري هلچل هلائي. ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ايوان اقتدار کان ٻاهر هوندي به ان جدوجھد ۾ هارين جي حقن جا مطالبا مڃرايا هئا. ان ڪامياب ۽ عظيم جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌ اندر ٽيننسي ايڪٽ 1950ع “هارپ جو قانون” پاس ڪرايو ويو. يعني هارين جي حقن لاءِ مڪمل قانون سازي ڪرائي وئي. هاري تحريڪ جي جدوجھد جي عروج واري زماني ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي جلسن ۾ هاري ۽ پورهيت طبقو وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿي ٻڌي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيئي جاگيردار سامراج جي ڀاري بُرجن کي لوڏي وجھندو هو.
    پاڪستان ٺهڻ کان اڳ واري زماني ۾ هارين جا سمنڊ جيئن ڇوليون هڻندڙ جلسا برطانيا سرڪار جي اک ۾ نه رڳو ٻاٻرو ڪنڊو بڻيل هئا پر سنڌ جي هارين جو شاندار اتحاد به سندن بي چيني جو وڏو سبب بڻيل هو. پنجاب پاران انگريز سرڪار لاءِ خاص نرم گوشو هئڻ ڪري اُتي گورن جي راڄ خلاف جدوجھد ماٺي هئي. جنهن ڪري پنجاب به خاص طور انگريزن جو منظور نظر هو. انگريز فرنگين پاران پنجاب کي نوازڻ خاطر سنڌ جون هزارين ايڪڙ سون جھڙيون زمينون سنڌ جي مقامي باشندن کي ڏيڻ بجاءِ غيرقانوني طور پنجاب جي ماڻهن کي ڏيئي سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي حق تلفي ڪئي وئي. پراڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي عمرڪوٽ ضلعي جي پوڇڙ واري ننڍڙي ڳوٺاڻي شهر ٽالهي ۾ به پنجاب جي قاديانين کي نفيس نگر اسٽيٽ مفت ۾ ڏني وئي.
    حالت اها آهي جو جاويد ميانداد شارجا ۾ ڇڪو هنيو ته کيس انعام ۾ ٻني بدين ۾ ڏني وئي، ورهاڱي بعد ڪيترن ئي رٽائرڊ فوجي آفيسرن ۽ رانديگرن کي سڄي سنڌ سميت خاص طور پُراڻو ٿرپارڪر ضلعو، سانگھڙ ضلعو ۽ بدين ضلعي ۾ زمينون ڏنيون ويون هيون. انهن علائقن ۾ پنجاب مان آندل ماڻهن پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ خاطر سنڌ جي مقامي ماڻهن تي پنهنجي ڏاڍ مڙسي ذريعي ظلمن جا پهاڙ ڪيرائي ڇڏيا هئا. مقامي ماڻهن سان سندن ناانصافين، جبر ۽ ظلم وڌندو ويو. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به انهن ظالم زميندارن جي بنڌوق جو کاڄ بڻجي وئي. انگريز سامراج پاران هي ڌرتيءَ خالي ڪرڻ کان اڳ سنڌ دشمني جي سوچ تحت پنجاب جي ظالم زميندارن حوالي ڪيل زمين تي ڌرتيءَ ڌڃاڻي مائي بختاور به هارياڻي هئي.
    “جيڪوکيڙي سو کائي” جو نعرو ته هن سرشٽي جو قانون نه بڻجي سگھيو آهي. پر ان نعري هڪڙي بغاوت کي جنم ڏنو جنهن جو تسلسل سنڌ توڙي دنيا جون هاري جدوجھدون آهن. زرعي سماج قائم ٿيڻ بعد دنيا جي ڏاڍن ماڻهن پاران زمينن تي قبضا ڪري جاگيرون جوڙيون ويون ۽ هيڻن ماڻهن کي اُپت مان اڌ جي ڌڻي جي حيثيت سان پورهيو ڪرائي اڌ ڏيڻ بجاءِ سڄو اناج ۽ فصل چُڪتو جاگيردار کڻندو رهيو آهي. وقت به وقت ان ظلم ۽ انياءُ خلاف هاري تحريڪون جدوجهد ڪنديون رهيون آهن. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جو سبب پڻ “اڌ بٽئي” جي جدوجھد ۽ بغاوت بڻي. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري به وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان پنهنجي گھرڀاتين سان گڏجي ڪڻڪ پوکي هئي، جڏهن لابارو ڪري دن جو ڳاهه ڳاهڻ بعد اڌو اڌ جي ورهاست جو وقت آيو ته زميندار اکيون ڦيري اڌ بٽئي ڪرڻ بدران ڪڻڪ جي سموري کوڙي زبردستي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تان مائي بختاور جي من اندر ۾ به بغاوت ڪر کنيو. 22 جون 1947ع تي ٽاڪ منجهند جي ٽاڻي هارياڻي مائي بختاور لاشاري به پنهنجي ڪڻڪ جي کوڙي تي ڏانگ کڻي چُني چيلهه سان ٻڌي اناج جي ڍڳ تي ويهي رهي ۽ چيائين ته “اُپت جو پورو اڌ ڪريو ته ٺيڪ آهي نه ته جيستائين اسان جا مرد هاري حقدارن جي جهڏي واري جلسي مان واپس نٿا اچن تيستائين ڪڻڪ جي کوڙي کي ڪو هٿ به نه لاهيندو” ظالم زميندار پاران زبردستي ان کڻڻ تان روڪڻ ۽ مزاحمت ڪرڻ تي زميندار ڏمرجي مائي بختاور تي بندوق جا سڌا فائر ڪري ڪڻڪ جي کري تي شهيد ڪري ڇڏيو. سندس جسم مان ٺينڍيون ڪري وهيل رت سان ڪڻڪ جي کوڙي ڳاڙهي ٿي وئي. جيئن شڪاگو جي شهيدن جي رت سان سندن قميصون ڳاڙهيون لال ٿي ويون هيون جيڪي اڄ ڏينهن تائين پورهيتن جو عالمي جهنڊو بڻيل آهن. هڪ اتفاق ٿيو جو شهيد بختاور جي تر ۾ هڪ اين جي او جي لاهوري ملازمن ٻج لاءِ هارين ۾ ڪڻڪ ورهائي پئي ان ڪڻڪ کي ڳاڙهو رنگ ڏنل هو ، مون ڳاڙهي ڪڻڪ ڏسي هڪ ساعت لاءِ ائين محسوس ڪيو ته هي شهيد ادي بختاور جي رتاڻي ڪڻڪ اڃان رکيو ويٺا هئا، جيڪا هاڻ شهيد هارياڻي جي ديس ۾ ورهائي اسان کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ ٿا چاهين؟ مائي بختاور لاشاري سنڌ جي پهرين شهيد هارياڻي هئي جنهن هارين جي حصي “اڌ بٽئي” لاءِ وڙهندي شهادت جو جام پيتو. پنجاب سامراج سان لاڳاپيل ظالم جاگيردارن اڌ بٽئي لاءِ مزاحمت تي مائي بختاور جي پٽ صديق لاشاري کي پڻ شديد زخمي ڪيو هو. مائي بختاور هارين جي حقن لاءِ جاگيرداراڻي سماج جي ڏاڍ، جبر خلاف بغاوت ڪندي عمل جي ميدان تي ويڙهه وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو ڏنو. سندس خون جا آخري ڦڙا هن ڌرتيءَ کي لال لهو سان ريج ڏيئي ويا. سنڌ جي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجھدن ۾ شامل هزارين سنڌياڻيون شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي جدوجهد جو تسلسل بڻجي پنهنجي وطن جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. مائي بختاور جي شهادت واري ڏينهن سندس ڳوٺ ٽالهي کان سڏ پنڌ تي جھڏو ۾ سنڌ هاري ڪميٽي پاران “آل سنڌ هاري ڪانفرنس” ڪوٺائي وئي هئي. جنهن ۾ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي گھر جا سمورا مرد شرڪت لاءِ ويل هئا. هزارين هارين جي ان شاندار جلسي ۾ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي، جي ايم سيد، پارسي جمشيد نسروانجي مهتا (ڪراچي جو پهريون ميئر) ڪيرت ٻاٻاڻي (هنڌ سنڌ جو برک اديب)، مير علي بخش ٽالپر ۽ قاضي فيض محمد پڻ موجود هئا. ان جلسي ۾ مائي بختاور جي شهادت جي خبر باهه جيئن ڦهلجي وئي. جنهن بعد هارين ۾ تاءُ پکڙجي ويو. پر ان وقت سنڌ هاري ڪميٽي جي اڳواڻن وڏي ڌيرج ۽ سنجيدگي سان قانوني رستو ورتو. جيڪڏهن ان وقت هزارين هارين کي سندن اڳواڻ هڪ اشارو به ڪن ها ته شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتل پنجاب جي انهن ظالم زميندار جاگيردارن کي تمام وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳڻو پوي ها ۽ ٽالهي شهر ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ انهن سيٽلر جاگيردارن کي وڏي تاريخي خون جو درياهه پار ڪرڻو پوي ها. شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي شهادت جي ڄاڻ ملندي ئي جلسي جي مرڪزي قيادت مائي بختاور جي ڳوٺ رواني ٿي وئي. سنڌ هاري ڪميٽي جا مکيه اڳواڻ جاءِ واردات جي حد سان لاڳاپيل ٿاڻي نبي سرروڊ پهچي ان وقت جي صوبيدار عنايت ابڙو سان ملاقات ڪري شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قتل جو ڪيس 13 ڄڻن خلاف داخل ڪرايو. ساماري مان شهيد مائي بختاور جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻن جي صلاح مثلت سان مائي بختاور جو ڪيس ان دور جي نامياري قانوندان وڪيل بينارام وڙهيو. جنهن شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي قاتلن کي سزائون ڏياريون. ان واقعي دوران مير باگي جي ڀونءَ ۾ به ميرحاجي خدابخش ٽالپر جي جاگير تي اڌ بٽئي تان مزاحمت ڪندي هاري محمد پٺائي اُنڙ ۽ سندس پٽ محمد ابراهيم اُنڙ شهيد ڪيا ويا هئا. ان ڪيس جي پوئواري به سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي قيادت ۽ باباءِ سنڌ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي ڪئي هئي. مائي بختاور جي قرباني پنهنجي پگھر جي پورهيي لاءِ ويڙهه وڙهندڙ دنيا جي سمورن پورهيتن لاءِ هئي. مائي بختاور ظالم جاگيردارن اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ بجاءِ ڪنڌ ڪپائي جدوجھدن ۽ قرباني جي هڪ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. سنڌ جي عظيم شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري جي ڪردار ۽ قرباني کان متاثر ٿي شهيد محترمه بينظير ڀٽو پڻ پنهنجي نياڻي جو نالو “بختاور” رکيو. سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن پنهنجا ڪتاب پڻ شهيد هارياڻي مائي بختاور لاشاري کي ارپنا ڪيا آهن. پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته سنڌ سرڪار ڌرتيءَ جي هن عظيم سورمي کي وساري تاريخ کي وسارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. دنيا جون عظيم قومون پنهنجي وطن جي شهيدن کي وڏي اعزاز سان ياد ڪري ايندڙ نسلن کي پنهنجن هيرن بابت ڄاڻ ڏينديون آهن. انهن هيرن جي لازوال قربانين جي باعث قومن جا ڪنڌ صدين تائين اُوچا ٿي ويندا آهن. ڇو ته ڌرتيءَ جي شهيدن سان لاتعلقي جي رويي کي تاريخ ڪڏهن به چڱن لفظن ۾ ياد نه ڪندي آهي. وقت جي عالي جنابن کي ماضي جي تاريخ مان سبق سکڻ گھرجي.
    هارياڻي مائي بختاور جي شهادت جي ترت ئي پوءِ سنڌ ٽيننسي ايڪٽ (هارين جو قانون) پاس ٿيو. پُرامن جدوجھد ذريعي سنڌ اسيمبلي مان هارين جو قانون پاس ڪرائڻ پڻ سنڌ جي هارين جي وڏي فتح هئي. ان بعد هاري تحريڪ سنڌ ۾ تمام گھڻي مضبوط ٿي. “اڌ بٽئي تحريڪ” هاري زميندار جي حساب ڪتاب لاءِ هاري تحريڪ جا اڳواڻ هارين سان گڏجي کرن تي وڃي بروقت حساب چُڪتو ڪري هاري کي پنهنجو اڌ حصو وٺي ڏيندا هئا. جنهن ۾ چمبڙ وارو مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ احمد لغاري پڻ هاري عدالتون لڳائي فيصلا ٻڌائيندو هو. انهن فيصلن زميندار طبقي ۾ وڏو تاءُ پکيڙي ڇڏيو هو. جنهن جي نتيجي ۾ هاري اڳواڻن خلاف وڏيون انتقامي ڪاروايون پڻ ٿينديون هيون. ان بعد لاڙ جي مٽي مان جنم وٺندڙ شهيد فاضل راهو سنڌ جي هارين جي حقن لاءِ مسلسل جدوجهدون هلائي سنڌ جي لکين هارين ۽ پورهيتن جو مقبول اڳواڻ بڻجي چڪو هو. شهيد فاضل راهو پاران “سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ” هلائي سنڌ جي خاص طور لاڙ جي هزارين مسڪين هارين کي ٻنيون ڏياريون. سندس جدوجهد کان خائف سامراجي ڌرين هڪ ڪرائي جي قاتل فضل چانگ هٿان پنهنجي ئي شهر ۾ ڪهاڙين جا وار ڪرائي کيس شهيد ڪرائي ڇڏيو. سنڌ جي ماضي جي تاريخ ۾ هارين جي حقن لاءِ جدوجھد ڪندڙ سنڌ جا مشهور هاري اڳواڻ ڪامريڊ غلامحمد لغاري “نانگو” (سچائي منزل وارو) غلام رسول سهتو، ڦوٽو رستماڻي، رسول بخش ڏيٿو عرف جبل سنڌي، ڪامريڊ مانڌل شر، علي سوڍو، عثمان لغاري، قادر بخش طالباڻي، سيد اڪبر، شيرخان لنڊ، عزيز سلام بخاري، حمزو هاري، اسماعيل سوهو، ڏاڏا قادر رانٽو، عارب ڪيڙانو، پوڙهو ڀيل، جمعون نوحاڻي، پٽيل انب ڀيل، فيض محمد پنهور، رامجي ڪولهي، لکمڻ ڪولهي، ڪامريڊ دودو ڀيل، ڏامرو مل، غلام مصطفى لغاري، ڪامريڊ نور محمد کوسو، اوڀايو جوڻيجو، سميت ٻيا لاتعداد نالا آهن جيڪي سڄي حياتي مظلومن جو ساٿ ڏيئي انهن جي حقن لاءِ جدوجهدن جي ميدان تي ثابت قدمي سان ڄمي بيٺا رهيا. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز کوسي جو خيال آهي ته “جيڪڏهن فقط هاري جي ڪمائي هاري کي ايمانداري سان ڏني وڃي ته سنڌ جا هاري خوشحال ٿي وڃن. پر هتي ته ٽيننسي ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي زميندار ان قانون تي عمل ڪرڻ بجاءِ پنهنجا هٿ جا قانون ٺاهيو ويٺا آهن. جنهن جي نتيجي ۾ فصل تي ٿيندڙ گھڻو خرچ اڻپڙهيل هارين جي کاتي ۾ لکي انهن سان وڏي ڪُپت ڪئي وڃي ٿي. جنهنڪري هاري طبقو نسل در نسل قرضن جي ڪوڙهه ۾ ڦاٿل رهڻ ڪري غلامن واري زندگي گھاري رهيو آهي. تقاوي جو نظام غيرقانوني آهي جنهن تحت هڪ زميندار کان ٻي زميندار تائين اڻسدي طرح هارين جي خريد فروخت ٿئي ٿي. ان رواج تي پڻ قانوني پابندي هجڻ گھرجي. مسڪين هاري ظلمن کان تنگ ٿي هاري ڪورٽن جا در کڙڪائن ٿا. هاري ڪيمپن ۾ به گھڻو تڻو زميندارن جو ستايل طبقو آهي. پر هاڻ ڪجهه ڌندوڙي ڪامريڊن هارين کي “آزادي” جي نالي تي ورغلائي اٻوجھه پورهيتن کي ڪيمپن جي جيل ۾ قيد ڪرايو آهي. جتي سندن مستقبل تباهه ٿي ويو آهي. هاري زميندار ۾ تضاد پيدا ڪري سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. سنڌ جي هاري کي خوشحال بڻائڻو آهي ته فوري طور ٽيننسي ايڪٽ تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي”
    


    ناقص حڪمت عملي ۽ سنڌ کي تباهه ڪندڙ قاتل منصوبا

    سنڌ دشمن سامراجي قوتن پاران سنڌ کي سڪائي ڀڙڀانگ ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي عرصي کان سازشون سٽيون پيون وڃن. انهن سازشن جي پهرين ڪڙي ڪالاباغ ڊيم آهي. سنڌي قوم جي گذر ۽ جياپي جي وڏي وسيلي سنڌو درياهه کي بند ڏيڻ لاءِ مٿس ڪيترائي ڊيم ۽ ڪينال جُڙي چڪا آهن ۽ اڃان به سامراج سنڌو کي سُڪائڻ لاءِ سندرا ٻڌيو بيٺو آهي. هر وقت پنجاب پاران ٽن صوبائي اسيمبلين جي اڪثريت راءِ سان رد ڪيل ڪالاباغ ڊيم جي ڌپ ڪري ويل مئل گھوڙي ۾ ساهه وجھڻ جي غيرجمهوري ڪوشش ڪئي ويندي رهي آهي. سدائين ڪالاباغ ڊيم جو بي سُرو راڳ سنڌي عوام جي ڪنن ۾ شيهي جيئن پلٽائڻ لاءِ پنجاب سرگرم عمل رهيو آهي. پاڻي کاتي جي اعلى اختيارن پاران اضافي پاڻي جي صورت ۾ سنڌ کي ٻوڙيو ويندو آهي ۽ پاڻي گھٽ هجڻ جي صورت ۾ سنڌ جي حصي جو پاڻي به بند ڪري سنڌو درياهه کي مڪمل طرح سڪايو ويندو آهي. 2010ع ۽ 2011ع ۾ به اهڙو عمل ورجايو ويو هو. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ مها ٻوڏن کي ڀوڳيو. مسلسل ٻه سال ٻوڏن سبب سنڌ جي زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري سنڌي ماڻهو وڏي عرصي تائين بک، بيروزگاري ۽ بدحالي جي خطرناڪ صورتحال کي ڀوڳيندا رهيا. ڪجھه علائقا ته اڃان به ٻوڏ جي نقصانن جو ڌڪ پچائي نه سگھيا آهن. انهن علائقن جا مسڪين ماڻهو زرعي وسيلا تباهه ٿيڻ ڪري ڪاٺيون وڍي پيٽ پالين ٿا. انهن علائقن ۾ ڪاٺين جي اڱارن ۽ سرن جا کورا خوشحالي نه پر بدحالي جي علامت آهن.
    ٻوڏون، سوڪڙا توڙي ٻيون قدرتي آفتون دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اچن ٿيون پر اُتي بهتر انتظامي حڪمت عملي توڙي وقتائتي ۽ ڪارگر منصوبابندي سان درپيش مسئلن کي جنگي بنيادن تي حل ڪري ماڻهن جي مشڪلاتن کي دور ڪيو ويندو آهي. جنهنڪري اُتي قدرتي آفتون تباهين جو سبب نٿيون بڻجن. پر اسان جي ملڪ ۾ ماحولياتي تباهڪاري ۽ قدرتي آفتن سان آساني سان نبري پار پوڻ لاءِ اڳواٽ اُپاءُ نه وٺڻ ڪري وڏا نقصان ٿين ٿا. جيڪي اڳتي هلي ڪنهن وڏي سانحي کي جنم ڏين ٿا.
    ٻي پاسي جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏن توڙي برساتن دوران اضافي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ليفٽ بينڪ آف فال ڊرين (LBOD) جو منصوبو شروع ڪيو ويو هو ته ان وقت پليجي صاحب سميت سنڌ جي ٻين گھڻ گُھرن، ساڃاهه وندن ۽ باشعور ماڻهن ان منصوبي خلاف واڪا ڪيا هئا ته “ايل بي او ڊي جو منصوبو سنڌ لاءِ قاتل زهر آهي، هن منصوبي سبب مستقبل ۾ سنڌ وڏي تباهي جي صورتحال کي ڀوڳيندي، تنهنڪري اهڙو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني” سو ويچارا اُٺ ته تڏهن به پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سباڻا. پر افسوس جو ان وقت ان ڳالهه کي اهميت نه ڏني وئي نه ئي سنڌ جي عوام جي راءِ کي ڪا اهميت ڏني وئي. پر اڄ هن قاتل منصوبي پنهنجا خطرناڪ ۽ تباهي آڻيندڙ اثر ڏيکارڻ شروع ڪيا آهن. غلط پلاننگ سان ٺهيل هي سم نالو برساتن ۽ ٻوڏ جو اضافي پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ بجاءِ سمنڊ جي کاري پاڻي کي ابتو وهائي سنڌ کي ٻوڙيندو رهيو آهي. ڪيترائي دفعا سمنڊ جي چاڙهه سان سمنڊ جو پاڻي اُبتو وهي شادي لارج تائين به اچي پهچندو آهي.
    2011ع واري مها ٻوڏ ۾ هي سم نالو اضافي پاڻي سمنڊ ۾ نيڪال ڪرڻ بجاءِ هندان هندان ڦاٽي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ضلعي بدين ۽ ميرپورخاص جا ڪيترائي شهر ۽ ٻهراڙي جا ڳوٺ مڪمل طرح ٻڏي ويا. ايل بي او ڊي سم نالي ۾ شگر ملن ۽ مختلف فيڪٽرين جو زهريلو ۽ ڪيميڪل وارو پاڻي ڇوڙ ٿيڻ ڪري سم نالو هاڻ گٽر نالو بڻجي چڪو آهي. هن سم نالي جو زهريلو پاڻي سنڌ جي ڳچ ضلعن ۾ ماحولياتي آلودگي پکيڙيندو وڃي سمنڊ ۾ آبي جيوت کي تباهه ڪندو آهي. هن وقت سڄي دنيا ۾ ڪارخانن، ملن ۽ فيڪٽرين جو دونهون ۽ خارج ٿيل زهريلو پاڻي، وڻن جو واڍي، ڀاڻ ، زرعي زهريلا ڦوهارا وغيره سبب پيدا ٿيندڙ “ماحولياتي گدلاڻ” دنيا جووڏي ۾ وڏو مسئلو ٿي اڀريو آهي. گرمي پد وڌڻ جا ڪارڻ به ساڳيان آهن. جنهنڪري عالمي سطح تي موسمياتي تبديلي (گلوبل وارمنگ) سبب وڏو ڦيرو آيو آهي. موسم جي ان عالمي ڦيرگير جا اثر اسان جي خطي به ڀوڳيا آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ فطرت سان هٿ چراند کي ڏوهه تصور ڪندي سخت سزائون مقرر ٿيل آهن. پر اسان جي ڏيهه ۾ انهن کي ڇوٽ مليل آهي. ان فطرت دشمن عمل جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ اسان مڪمل طور فطرت جي خطرناڪ شديد ناڪاري اثرن جي نشاني تي آهيون. ايل بي او ڊي جي زهريلي پاڻي جو جتان به گذر ٿئي ٿو اتي جي ڀلوڙ سون ورنين زرعي زمينن کي سيم ۽ ڪلر تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري آبادگارن پاران فصلن کي اهو زهريلو پاڻي پڻ ڏنو پيو وڃي، جنهن ڪري ايل بي او ڊي سم نالي جي آسپاس جي علائقن جي زراعت تباهه ٿي چڪي آهي. ڪيترن ئي قسمن جا گاهه، ٻوٽا ۽ وڻ مڪمل طرح ختم ٿي چڪا آهن. زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳڻ ڪري ايل بي او ڊي جي متاثر علائقن ۾ روزگار جا وسيلا محدود ٿيڻ ڪري معاشي بدحالي، بک ۽ بيروزگاري سبب غربت جا ڀيانڪ منظر پسجن ٿا. اهي آباد علائقا هاڻ ڀڙڀانگ بڻجي ويا آهن. انهن علائقن جا رهواسي چمڙي، دم ۽ اکين سميت ٻين لاتعداد مرضن ۾ وٺجي ويا آهن. زمينون ڪلر ۽ سيم جي ور چڙهڻ ڪري جر جو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي. اهڙو پاڻي واپرائڻ سبب ماڻهن جو وڏو تعداد پيٽ جي بيمارين، هيپاٽائٽس بي ۽ سي سميت بڪين جي مرضن ۾ مبتلا ٿي چڪو آهي. ايل بي او ڊي جو زهريلو پاڻي منڍ کان وٺي سمنڊ تائين پهچڻ واري سفر ۾ آبي جيوت کي مڪمل طور ختم ڪندي وڃي سمنڊ ۾ به پنهنجا خطرناڪ اثر ظاهر ڪندو آهي. جتي مڇي جا ناياب قسم، پاڻي جي پکين سميت ٻي آبي جيوت جي نسل ڪشي ٿيڻ ڪري مقامي ملاح بيروگار ٿي ويا آهن. جيڪي اڳ خوشحالي جي ڏينهن ۾ ٻارنهن هزار روپيا هفتو به ڪمائي وٺندا هئا سي هاڻ اکيون آليون ڪري پنهنجي شاندار ماضي کي ياد ڪن ٿا. جڏهن بدين جي ڪجھه متاثر علائقن کي ڏسڻ جو موقعو مليو جتي روپاماڙي کان پوءِ وارن منظرن کي پسي جيءُ جهري پيو. هر طرف ايل بي او ڊي جي تباهي جا ڏکوئيندڙ منظر هئا. جتي هڪ طرف ايل بي او ڊي جھڙي رهزن سم نالي جي تباهي هئي ته ٻي طرف سنڌو جو مٺو پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ زمين کي کائي رهيو آهي. هيستائين يوسي ڀڳڙا ميمڻ سميت سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي چڪو آهي ۽ اهو سلسلو مسلسل جاري آهي. ٻي طرف ايل بي او ڊي جو زهريلو پاڻي هاڻ ٿر جي ڪوئلي تائين پهچائڻ لاءِ پڻ وڏي پيماني تي ڪم جاري آهي. جهڏو تعلقي جي ڳوٺ سلهور موري وٽان ايل بي او ڊي مان پاڻي کڻڻ لاءِ سم نالو کوٽايو پيو وڃي. جنهن جو ڪم وڏي تيزي سان هلندڙ آهي. ان پاڻي کي ٿر نبي سر وٽ ٺهندڙ ڊيم ۾ جمح ڪري فلٽر ڪرڻ بعد صاف پاڻي ڪوئلي تائين پهچايو ويندو ۽ گندو پاڻي ٻي سم نالي ذريعي واپس ايل بي او ڊي ۾ ڇوڙ ڪرايو ويندو. ايل بي او ڊي مان پاڻي کڻڻ لاءِ ٺهندڙ سم نالي جو گندو پاڻي ان علائقي جي ماحوليات کي فطري نقصان نه ڏيندو؟ ڇا اهيو زهريلو پاڻي ٿر ۽ بئراج جي ڪس وارين ڀلوڙ زمينن کي ڪلر نه ڪندو؟ ڇا اهڙي منصوبي سان اُتي جي مقامي رهواسين جي ڳوٺاڻي زندگي متاثر نه ٿيندي؟ ٿر جي ڪوئلي لاءِ هر سنڌ دوست ماڻهو جو اکيون ٿديون آهن پر جيڪڏهن ان ڪاري سون جو فائدو اُتي جي مقامي ماڻهن کي ٿيڻ بجاءِ نقصان ٿئي ته پوءِ ضرور اعلى اختيار ڌرين کي سوچ ويچار ۽ سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن منصوبن جوڙڻ کان اڳ ماحوليات جي عالمي ماهرن کان تحقيقاتي اڀياس ڪري نفي ۽ نقصان کي منظرعام تي آڻڻ گھرجي. هيستائين ڪيترائي اهڙا منصوبا آهن جيڪي فائدو ڏيڻ بجاءِ سنڌ لاءِ آزار بڻجي ويا آهن. ڇا سنڌ جي اعلى اختيار ذميوارن کي سنڌ جي ماحوليات کي برباد ڪندڙ تباهيون ۽ مستقبل جو امڪاني تباهيون نظر نٿيون اچن؟ ڇا انهن مسئلن جو ڪو مستقل حل آهي؟ يا ان تيزي سان وڌندڙ تباهي جو هٿ تي هٿ رکي ويهي انتظار ڪجي؟ سنڌ جا باشعور ماڻهو پنهنجي ايندڙ نسلن ۽ مسقبل کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچي حڪمت عملي جوڙين. جيڪڏهن سنڌي قوم جو پاڻي نه رهيو، سنڌ جي زرعي زمين ڪلر ٿي وئي، ماحوليات تباهه ٿي وئي، جر زهر بڻجي ويو، آباد زمينون سمنڊ پائي ويو، پکي ،ٻوٽا ، گاهه ، وڻ ختم ٿي ويا ته سنڌ جي صورتحال ڪهڙي هوندي؟
    


    امن کي ڏنل باهه ڪير اُجھائيندو؟

    ڏوهن جي تاريخ انساني ارتقا کان شروع ٿئي ٿي. دنيا جا سمورا ڏوهه بنيادي طرح طاقتور ماڻهن جي مفادن جي جنگ جو ڪارڻ آهن. انتقام جو جنون انساني فطرت جو اڻ ٽُٽ حصو آهي. جرم جي سفاڪ تاريخ ۾ پنهنجي مخالف يا دشمن کي ذهني ۽ جسماني اذيت ڏيڻ خاطر لاتعداد انسانيت کان ڪريل ڪُڌا ڪم ڪيا ويا آهن. اهڙا لڱ ڏڪائيندڙ واقعا دنيا جي تاريخ جو سياه باب آهن. انا ته فنا آهي پر ان انا ۾ جنم وٺندڙ انتقام جي آگ انسانيت لاءِ ڪارو داغ بڻجي ويندي آهي. انساني سماج ۾ دشمني جي نويت ڪهڙي به هجي پر ماڻهو جي ذهن ۾ دشمني ۽ پلاند جي انتهاپسندي واري شديد نفسياتي ڪيفيت ۾ هڪٻي لاءِ دشمني ۽ انتقام جا انسان دشمن خيال اُڀار کائين ٿا. اهي خيال مخالف کي نقصان ڏيڻ کانسواءِ ماٺا نٿا ٿين. انساني دماغ ۾ مسلسل اهڙن انتقام پسند جنوني خطرناڪ خيالن جي نتيجي جي پيداوار سماجي ڏوهه آهن. انهن ڏوهن سبب هي خوبصورت ۽ حسين ڪائنات ڀيانڪ بڻجندي وڃي. ڌرتيءَ جي انساني تاريخ ۾ ننڍڙا طاقتور ٽولا ڪمزورن تي ڪاهون ڪري مارڻ، ڦرڻ، اغوا ڪري مالي ۽ جاني نقصان ڏيڻ کان ويندي تاريخ جون وڏيون بادشاهي سلطنتن پاران ٻين غريب رياستن تي حملا ڪري نيست ۽ نابود ڪرڻ جو جنون عروج تي رهيو آهي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ مقدس ڌرتي تي سرحدي ليڪا انسانيت لاءِ نفرتن جو وڏو ڪارڻ بڻيل آهن. اغوا، ڦرون، چوريون، ڌاڙا،قبضا، قتل جهڙين وحشي وارداتن هن دنيا جي امن کي تيلي ڏيئي ڇڏي آهي. انهن سماجي براين ۽ ڏوهن خلاف پرامن ماڻهو آواز به بلند ڪندا رهيا آهن پر سندن آواز کي وقت جي وس وارن اعلى اختيارن نظرانداز ڪيو آهي. جنهن جو نتيجو اهيو نڪتو جو اڄ هر طرف ڏوهارين جو راڄ آهي. “ڏاڍو سو گابو” بڻيل سماج ۾ هيڻا هر وقت ڏاڍ، جبر، تذليل، ستم، انياء جو شڪار بڻجي ناانصافي، زيادتي ۽ ظلم ڀوڳين ٿا. سنڌ ۾ ڏوهن جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته لاتعداد واقعا اسان جي اکين اڳيان اچي ويندا جيڪي من اندر ۾ ماتم برپا ڪري ڇڏيندا آهن. هڪ ڊگھي عرصي کان سنڌ جي معصوم نياڻي فضيلا سرڪي، عمران جوکيو ۽ منو ڀيل جي 9 گھر ڀاتين سميت ڪيترائي اغوا ٿيل ماڻهو وڏن تاريخي احتجاجن کانپوءِ به بازياب نه ٿي سگهيا آهن. ڇا انهن مغوين کي آسمان کائي ويو يا زمين ڳهي وئي.ڪو پتو نه آهي؟ سنڌي ۾ هڪ چوڻي آهي ته “مُئي جو هڪڙو سور ۽ گم ٿيل ماڻهو جا هزارين درد آهن” يعني پنهنجي ڪنهن رت جي رشتيدار جي موت تي هڪڙو هينئون ڪري روئي رڙي نيٺ دنيا جي دستور موجب غم کي دل تان لاهي دنياوي ڪارهنوار جو حصو ٿيڻو پوندو آهي. پر اغوا ٿيل يا وڃائجي ويل پيارن جا اڻ کٽ درد آهن جيڪي ساهه جي آخري هڏڪي تائين قيامت بڻجي عذاب ڏين ٿا. فضيلا سرڪي،عمران جوکيو ۽ منو ڀيل جي اغوا ٿيل گھرڀاتين لاءِ به انهن جي خاندان وارن جي ساڳي ڏکوئيندڙ صورتحال آهي. بلڪه سمورا انسان دوست ۽ حساس دلين جا مالڪ ماڻهو ان درد کي پنهجو درد سمجھن ٿا. ان تڪليف ۽ ڪرڀ کي جيڪڏهن رڳو محسوس ٿو ڪجي تڏهن به روح رهڙجي ويندو آهي. مسڪين هاري منو ڀيل پاران دنيا جي تاريخ جو ڊگھو احتجاج ڪرڻ بعد سپريم ڪورٽ ان احتجاج جو نوٽيس وٺندي فوري طور سندس گھرڀاتين کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو پر اڄ ڏينهن تائين ڪو کڙ تيل نه نڪتو. معصوم نياڻي فضيلا سرڪي ۽ نوجوان عمران جوکيو جون امڙيون پڻ وڏي وقت کان پنهنجن ٻچڙن جي آزادي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ اهڙن مسئلن لاءِ آواز بلند ٿيندو رهيو آهي. پر ان مسئلن جي حل لاءِ عملي طرح اڳڀرائي ڇو نٿي ٿئي؟ سنڌ جا باشعور سياسي سماجي ماڻهو، سول سوسائٽي، انساني حقن جا ادارا، برسر اقتدار اعلى اختيار ڌريون ۽ عدليه کي هن اهم ۽ سنگين مسئلي تي سنجيدگي سان غور ۽ ويچار ڪرڻ گھرجي. ته جيئن ڪنهن مسڪين جي گھر جو اُجڙيل خوشيون بحال ٿي سگھن.


    ڀارتي جارحيت ڪٿي دنگ ڪندي؟

    گذريل اليڪشن ۾ ڀارتي جنتا پارٽي جو ڪامياب ٿيڻ ۽ نريندر مودي جو پرڌان منتري ٿيڻ انڊيا جي جدت پسند سيڪيولر ڌرين لاءِ خطري جي گھنٽي ثابت ٿيو آهي. مودي جي اندر جو بال ٺاڪرو پڌرو ٿي پيو آهي. شوسينا جا انتهاپسند دهشتگرد ۽ قدامت پسند مذهبي انتهاپسند رجعت پرست ڌريون ڀارت جي ادبي لڏي، دانشور، صحافي، اداڪارن جي پويان پئجي ويون آهن. انهن تي حملا ڪري کين ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. نتيجي ۾ جڳ مشهور ليکڪا مائي اروندتي راءِ سميت ڪيترن ئي ايوارڊ يافته ماڻهن ايوارڊ واپس ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. اهيو سلسلو مودي سرڪار سميت سڄي ڀارت لاءِ دنيا ۾ بدنامي جو سبب بنجي ويو آهي.هڪ طرف بلقيس ايڌهي ٻنهي ملڪن ۾ پيار،محبت، ملڪي خيرسگالي ۽ انساني ڀائچارو پيدا ڪرڻ خاطر ڀارتي گونگي نينگري گيتا کي سلامتي سان پنهنجي وطن پهچائي امن جو پيغام ڏنو. ٻي طرف ان ئي وقت ڀارت پاران پاڪستان جي سرحدي شهرن تي فائرنگ ڪري پنهنجي پاڙيسرين جو رت وهايو ويو. پاڪستان پاران ڀارتي اڳرائي جي عالمي دنيا کي دانهن پڻ ڏني وئي. پر ان مان وريو سريو ڪجهه ڪونه . مودي سرڪار جي اهڙي روش ڀارت کي عالمي سطح تي بدنام ڪيو آهي. هڪ طرف ڀارت جي عوام پڻ مودي خلاف احتجاج ڪري رهي آهي ته ٻي طرف ملڪ کان ٻاهر به مودي جي انتهاپسنداڻي رويي خلاف سخت احتجاج ٿي رهيو آهي. جنهن جو مثال لنڊن ۾ مودي جي آمد تي برطانيا جون گھٽيون “گو مودي گو” جي نعرن سان گونجي اٿيون. ان قسم جي صورتحال مودي سرڪار لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي. سندس انتهاپسندي واري رويي سبب اهيو انديشو آهي ته هاڻ مودي جو هر هنڌ اهڙو ئي استقبال ٿيندو؟ ڀارتي جنتا پارٽي جي ماضي جي سياست تي نظر ڦيرائڻ سان پتو پئجي ويندو ته مستقبل ۾ هي پارٽي يا هن جي مرڪزي قيادت پنهنجو سياسي توڙي سماجي رويو ۽ بيروني پاليسي ۾ ڪا انقلابي تبديلي آڻڻ جي موڊ ۾ نه آهي. مودي جي پارٽي شو سينا ۽ آر ايس ايس جو حقيقي روح آهي. جنهنڪري ڀارت جي مستقبل ۾ عالمي سطح تي هڪ انتهاپسند رياست طور سڃاڻپ ٿي چڪي آهي. هن ديس جي ڌرتي جي تاريخ مظلوم انسانن سان ظلم، زيادتين، انياءُ ۽ ناانصافين سان ڀري پئي آهي. ڀارت ۾ اوچ نيچ ۽ انساني اڻبرابري جي لعنت جا لازوال قصا اڄ به تاريخ جي منهن تي گروڙيل ڀونڊو آهن. جتي ماڻهن کي ڇوت ڇات جي ڀيد ڀاءُ جي تفرقي ۾ ورهائي ظلمن جا پهاڙ ڪيرايا وڃن ٿا. ڀارت جا لکين دلت اڄ به انتهاپسند هنڌن جي ڏاڍ ۽ جبر جو شڪار ٿي عقوبتون، عذاب، تذليل ۽ صعوبتون سهن ٿا. ان ظلم خلاف جڳ مشهور دلت اڳواڻ ڀيم رائو ڊاڪٽر امبيڊڪر جي تاريخي بغاوت ۽ جدوجھد مذهبي رجعت پرست انتهاپسندن کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏيو هو. اڄ به لکين دلت ان ستم خلاف جدوجھد جي ميدان تي آهن. ڀارت جو پنهنجن اڪثريت رکندڙ دلت آبادي سان ڪهڙو رويو آهي؟ ڀارت جي جمهوريت اُتي ئي پڌري ٿيو وڃي ٿي.
    گڏيل قومن جا عالمي ادارا، عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جون دنياگير تنظيمون ڀارتي انتهاپسند رويي جو نوٽيس وٺن ته جيئن ڀارت ۾ انساني حق پائمال نه ٿي سگھن. جيڪڏهن هن اهم مسئلي تي دنيا جا اعتدال پسند، لبرل ۽سيڪيولر ماڻهن ڪوششون نه ورتيون ته مذهبي انتهاپسندي سبب هر انسان ٻي انسان جو قاتل دشمن بڻجي ويندو. پيار، محبت، قرب ۽ انساني آدرش فنا ٿي ويندا.
    


    سنڌ کي امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا بندوست ڪيا ويا آهن؟

    موسميات جي عالمي تبديلي ( گلوبل وارمنگ) سبب اسان جي خطي جي موسم ۾ به ڪافي حد تائين تبديلي محسوس ڪري سگهجي ٿي. جنهن ڪري گرمي، سردي، هوائون ۽ برساتون ڪڏهن گهڻيون ته ڪڏهن گهٽ ٿين ٿيون. اُن سبب ڪٿي ٻوڏ ته ڪٿي پاڻي جي شديد قلت ٿئي ٿي. موسم جي توازن ۾ غير معمولي فطري ڦيري سبب آفتن جي آمد وقت به وقت جاري آهي. اُترين سنڌ سال 2010ع جي درياهي ٻوڏ ۾ ۽ ڏاکڻي سنڌ 2011 ع جي برساتي ٻوڏ ۾ سخت متاثر ٿي هئي. سنڌ مسلسل ٻه سال ٻوڏ جي تباهين ۽ سالن کان پاڻي جي شديد کوٽ کي برداش ڪيو آهي. 2010ع ۾ وسڪاري جي شروعات پنجاب کان ٿي هئي سليماني جبلن تي تيز برساتون ۽ سڄي پنجاب جا برساتي نالا ۽ نديون جڏهن سنڌو درياهه ۾ شامل ٿيون ته ڪجهه ئي ڏينهن کان پوءِ اڌ سنڌ خطرناڪ درياهي ٻوڏ جو شڪار ٿي وئي. جنهن ۾ سنڌ جا لکين ماڻهو دربدر ٿيا هئا. جڏهن به پنجاب تيز برساتن ۽ درياهي ٻوڏ جي لپيٽ ۾ ايندو آهي. ان ٻوڏ جو پاڻي چند ڏينهن ۾ فطري طور لازمي سنڌ مان گذري تباهيون ڪندو اچي سمنڊ ۾ پوندو آهي. پنجاب جي ٻوڏ جو پاڻي ته سنڌ جي ڪنڌ ۾ آهي پر پاڻي جي کوٽ ۾ پنجاب ڀائيوار ڇو نٿو ٿئي؟ اين ڊي ايم اي، جي رپورٽ موجب پنجاب ۾ ٻوڏ وڏي تباهي آندي آهي. پر افسوس ان اداري کي سنڌ ۾ ٻوڏ جي تباهي نظر نٿي اچي؟ سندن اکين ۾ ڪارو پاڻي ڦري ويو آهي. جڏهن پنجاب جو لکين ڪيوسڪ ٻوڏ جو پاڻي سنڌو درياهه ۾ داخل ٿي سنڌ جي حدن مان گذرندو ته ڇا سنڌو درياهه جا بند پاڻي جي انتهائي وڏي ريلي جو دٻاءُ برداش ڪري سگهندا؟ پاڻي جي وڏي وهڪري کي خير خوبي سان سنڌو درياهه مان سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ذميوار اختيارين ڪهڙا جوڳا بندوبست ڪيل آهن؟ هر سال وسڪاري جي مند ۾ سنڌي ماڻهن جو مٺ ۾ ساهه اچي ويندو آهي. حالت اها آهي جو ڪروڙن جي بجيٽ مان جيڪي درياهه تي بند ٻڌا ويا آهن انهن جو ڪم به ڪرپشن جي ور چڙهڻ ڪري تسلي بخش نه آهي. اُن کان علاوه موسمي ڦيري سبب موسميات کاتو هر سال رڪارڊ ٽوڙ بارشن جي اڳڪٿي ڪندو رهي ٿو . جيڪڏهن برساتون معمول کان وڌيڪ وسن ٿيون ته سنڌ ۾ ٻيهر امڪاني ٻوڏ جي خدشي کي رد نٿو ڪري سگهجي. اُن صورت م سنڌ برساتي ۽ درياهي پاڻي جي ٻن طرفن کان گهيري ۾ هوندي. ويجهڙائي ۾ سنڌ ٻن ٻوڏن جي تباهين کي ڀوڳيو آهي. پر اُ ن جي باوجود به ٻوڏ جي امڪاني صورتحال کان بچڻ لاءِ درياهه جي بندن جو مرمتي ڪم نه ٿيڻ ۽ برسات جي اضافي پاڻي کي سمنڊ تائين پهچائڻ وارا فطري ۽ مصنوعي گس سم نالا، ايل بي او ڊي، ڍورا ، هاڪڙو ، پُراڻ ندي وغيرهه غير قانوني قبضن سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ جي سگهه نٿا رکن. هاڪڙو ۽ پُراڻ به پٽهيل ۽ گگر جيان سنڌو درياهه جون ڇاڙون آهن. جيڪي سنڌو جي اوج دوران وهي ڪيترن ئي علائقن کي آباد ڪنديون هيون. هاڪڙو سنڌ جي ڪلهوڙا حڪمرانن پاران ڪڇ تي ڪاهه ۾ ناڪامي کان پوءِ انتقامي ڪاروائي ڪندي بند ڪري ڪڇ کي سڪايو ويو هو. ۽ انگريزن پاران سنڌو درياهه تي بئراج ٺاهڻ کان اڳ خود ساخته وهندڙ ڇاڙون پڻ بند ٿي ويون. ٻي طرف سنڌو درياهه ۾ غير قانوني قبضا ڪري ٻنيون آباد ڪرڻ، اڏاوتون، تمر ۽ ٻيا وڻ وڍڻ با اثرن پاران پنهنجي ذاتي مفادن خاطر بندن کي ڪٽ هڻي سنڌ کي بدترين ٻوڏ ۾ ٻوڙيو ويو ۽ فطرت سان هٿ چُراند ڪندڙ ماڻهو قانون جي پڪڙ کان آجا رهيا. هن وقت سنڌ ۾ ايريگيشن جو نظام 150 سال پُراڻو (انگريز دور) جو آهي. اُن نظام کي پائيدار بڻائڻ لاءِ اسان جي حڪمرانن ڪا به زحمت نه ڪئي آهي. موجوده موسمي صورتحال کي مدنظر رکي ايريگيشن جي ڏيڊ صدي پُراڻي نظام ۾ تبديلي ۽ سڌارا آڻي بهتر منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ته جئين مستقبل ۾ سنڌ کي امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کان بچائي سگهجي.


    عوام آزاريندڙ وي آئي پي ڪلچر

    وي آئي پي ڪلچر سفيد پوش ماڻهن جي پيداوار آهي. اهيو ڪلچر معتارف ٿيڻ کانپوءِ ملڪ ۾ “وي آئي پي ڪلچر”جو شوشو هلي پيو آهي. جئين ڪاروڪاري کي ذوري سنڌ جي رسمن ۾ شامل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، تيئن وي آئي پي به ڪو ڪلچر نه آهي. وي آئي پيز هڪ ذهني عياشي، نفسياتي روڳ ۽ خلق عام کان پاڻ کي بالا تر سمجهڻ واري سطحي سوچ جو نالو آهي. جنهن کي هاڻ ڪلچر طور مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جڏهن به ڪو وي آئي پيز شهر ۾ ايندو آهي ته روڊ رستا، عوامي جايون عام ماڻهن لاءِ بند ڪري مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. جنهن ڪري وي آئي پي طبقو خلق کي فائدو ڏيڻ بجاءِ سورن جو سامان مهيا ڪندو رهيو آهي. ننڍي هوندي راڪاس، برڙ باڪاس ۽ ديوين جي تجسس واريون آکاڻيون ٻڌندا هئاسين جنهن ۾ راڪاسن جي اچڻ جا آثار اهيو ٻڌايا ويندا هئا ته پهرين ڌوڙ اُڏندي، پکالي ڇڻڪار ڪندا، ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ قيد ٿي ويندا، هر طرف ويراني ڇائنجي ويندي ۽ پوءِ آخر ۾ راڪاس شهر ۾ آدم بوءِ آدم بوءِ ڪندو ايندو ۽ جيڪو ماڻهو سامهون ايندو تنهن کي چٽڻي ڪري ڇڏيندو. اُن ڏينهن به شهر ۾ ويراني ڇانيل هُئي. رستن تي ٻُهاري ۽ ڇڻڪار جو ڪم جاري هو مسڪين ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ جا رکوالا هر ايندڙ ويندڙ واٽهڙو تي لٺ جي زيپٽ واري ذميواري جا فرض ايمانداري سان سر انجام ڏئي رهيا هئا. شهر جي ويراني تي مونکي ٻالڪپڻ ۾ ٻُڌل راڪاس واري ڪهاڻي ياد اچي ويئي بازار ۾ وي آئي پي ، وي آئي پي جا هوڪا ٻُڌڻ ۾ آيا پئي سو آئون به ڊپ ۽ تجسس واري ڪيفيت ۾ اُتي پهچي محسوس ڪيم ته ضرور ڪو وي آئي پي راڪاس اچي پيو، ۽ اڄ به ڪنهن گڏهه گاڏي واري پورهيت جو روڊ تي اچڻ سان مٿو ضرور ڦاٽندو، روڊ بلاڪ سبب چنگچي ۾ ڪنهن جو جنم ٿيندو يا ايڪسيڊنٽ وارو مريض اسپتال ۾ پهچڻ کان اڳ ايمبولينس ۾ آخري هڏڪي ڏيندو؟ ٿلهن ڦيٿن وارين گاڏين جا سائرن ڪنن ۾ شيهو پلٽائي رهيا هئا. اهڙي ڏهڪاءُ واري ماحول ۾ اٽي جهڙي مسئلي جي دُٻڻ ۾ ڦاٿل ريڙهي تي بصر وڪڻندڙ پورهيت کي ڪهڙي خبر ته وي آئي پي ڪهڙي مخلوق آهي؟ انهن ماڻهن کي ڪهڙي ڪل ته اهڙو ڪلچر ئي سنڌن حق تلفي ڪري ٿو. قانون ۽ آئين جو احترام صرف خلق عام تي عائد ٿئي ٿو جڏهن ته سمورا سماجي ۽ رياستي ضابطا اخلاق وي آئي پيز تي لاڳو نٿا ٿين. وي آئي پيز فقط اليڪشن جي موسم ۾ وي آئي پي جو چوغو لاهي مسڪين ماڻهن سان عارضي طور “عام” بڻجي ويندا آهن. پر جڏهن غريبن جي طاقت سان مقدس ايوانن ۾ پهچندا آهن ته ٻيهر پنج سالن لاءِ وي آئي پي بڻجي عوام جي “خدمت” ڪندا آهن. گهڻو اڳ رستن تي “خاص” ماڻهن جي آمد سان “ڪپڙ ڪوٽ” جا هوڪا بلند ٿيندي ئي راهگير پُٺيرا ٿي بيهندا هئا. اڃان به سنڌ جي ڪجھه ڳوٺن ۾ “ڪپڙڪوٽ” جا هوڪا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. ممڪن آهي ته ڪنهن سرداري ۽ قبائلي علائقن ۾ اڃان به اهيوخود ساخته قانون هجي؟ ترقي يافته ملڪن جا صدر ۽ وزير اعظم به بنا پروٽوڪول جي روز مره جا ڪم ڪار پيا ڪندا آهن. پر اسان وٽ سڄو نظام ئي مختلف آهي. ايئرپورٽ تي جهاز ۾ ٻن “وي آئي پيز ”کي ليٽ ڪري اچڻ تي جهاز جي مسافرن زبردست ڪٽڪو ڏنو ، جنهن جي وڊيو پڻ انٽرنيٽ تي ڏيکاري وئي هئي. ان واقعي جي لهر کي ملڪ ۾ وي آئي پي نموني سان ڦهلجڻ جو موقعو مهيسر ٿيو ته ڪو وي آئي پي گهڻي وقت تائين وي آئي پي رهي نه سگهندو. جيڪڏهن سنجيده ماڻهن وي آئي پي ڪلچر جي رستا روڪ نه ڪئي ته وي آئي پي کان پوءِ وري“وي وي آئي پي ڪلچر” به هڪ عذاب جي صورت ۾ اسان جي ديس ۾ لاڳو ٿيڻ جو انديشو آهي جيڪو شايد هن ڪلچر کان به ٻيڻا عذاب ڏي ؟
    


    ڳالهه هي آهي ته

    شهرن ۾ روڊ، رستا ۽ گلين تي غيرقانوني قبضن سبب ٽرئفڪ جام ٿيڻ سبب خطرناڪ روڊ حادثا روز جو معمول بڻجڻ ڪري لاتعداد قيمتي انساني جانيون اجل جو شڪار ٿين ٿيون. سرڪار ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس، اينٽي انڪروچمينٽ کاتو ٺاهڻ سميت شهرن کي اور فلاءِ ۽ باءِ پاس ٺاهي ڏنا. پرماڻهن باءِ پاس تي به قبضا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. ڳالهه هي آهي ته ڇا هاڻ شاٽ ڪٽ (وچيون رستو) اور فلاءِ کي باءِ پاس ۽ باءِ پاس کي به باءِ پاس ڏيڻ گھرجي؟ عشق جي سفر ۾ ويچاري دلڙي به ٻين عاسقن کي باءِ پاس ڪندي آهي پر هاڻ دل جو به باءِ پاس ٿئي ٿو.
    ڳوٺن ۽ شهرن سميت سڄي ملڪ جو انفرااسٽڪچر ڪرپشن جي بيساڪين تي لوڏن ۾ آهي. بيساڪين کي بيساڪيون ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ادارا ملڪ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. پر ڳالهه هي آهي ته ٽُٽل کي چتي لڳي ٿي پر چتي کي چتي ڪيئن لڳي؟ ڪرپشن ملڪ کي اڏوهي جيان کائي رهي آهي. ڪرپشن جي خاتمي لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتو پنهنجا “فرض” سرانجام ڏيئي رهيو آهي پر ڳالهه هي آهي ته ان کاتي ۾ ئي ڪرپشن ٿئي ته ان کي روڪڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن کاتي ۾ اينٽي ڪرپشن کاتو ٺاهڻ جي ضرورت آهي؟ “سياست” هر فرد جو جمهوري حق آهي، سياست ماڻهو ڪن ٿا، سياست ماڻهن لاءِ ٿئي ٿي. سياست ماڻهن سان ئي ٿئي ٿي، پر ڳالهه هي آهي ته سياست ۾ سياست ٿئي ته پوءِ ڇا ڪجي؟ دنياداري ۾جهيڙا جهڳڙا ته زمانن کان ٿيندا اچن ۽ جهيڙن کي نبيرڻ لاءِ جرڳا ٿين ٿا پر ڳالهه هي آهي ته جرڳن ۾ ئي جهيڙا ٿي پون ته ڇا ڪجي؟ حضرت ماڻهو پٿر جي دور مان نڪري جديد دور ۾ پير پڌاريا. غيرجمهوري بادشاهتون، تخت ۽ تاج اُڇلائي، ڀاري بُرجن کي لوڏي، سامراجي ديوارن ۾ ڏار وجھي ڇڏيا ۽ دنيا جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ تندون تلوارن سان اٽڪي پيون. انساني حقن جا علمبردار عالمي ادارا ۽ عدليا جي اعلى نظام بابت مظلوم سان انصاف ڪرڻ لاءِ مکڻ مان وار ڪڍڻ جون ڳالهيون ٻڌڻ ۾ آيون. پر اهو نظام ذاتي مقصدن خاطر استعمال ٿئي ۽ اهڙن ادارن تي ذاتي ناپسندي تحت “عدالتي قتل” جهڙا فيصلا ڏيڻ جو الزام لڳي ۽ تاريخ ان کي وائکو به ڪري ته پوءِ ڳالهه هي آهي ته ان ملڪ ۾ ان مقدس اداري جي اهميت ڪهڙي هوندي؟ ان قانون تي حضرت ماڻهو ڪيتري قدر عمل جو پابند آهي؟ مسيحا ڏکوئلن جي زخمن تي مرهم رکندا آهن پرڳالهه هي آهي ته درد جي دوا لاءِ دُکي انسان گڙدي جي پٿري ڪڍائڻ خاطر مسيحا وٽ وڃي ۽ واپسي ۾ گُڙدو ئي گم هجي ته ڇا ڪجي؟
    هُئين ته ويڄن وٽ، پوءِ ڪيئن جيءَ جڏو ٿيو؟
    گهر جو ڪتو چورن سان ملي ڀڳت ڪري گھر ڌڻي جو وٿاڻ ويران ڪرائڻ جي سازش ۾ سراسر گڏ هجي پر ڳالهه هي آهي ته چوري کي ڀُنگ بنان ورائڻ لاءِ ويل ڀاڳين جو ورهاڙو پيرين سميت ئي واٽ تي ڦرجي وڃي ته ڇاڪجي؟ پر گھڻو ڪري چور پير کڻندڙ ورهاڙن سان گڏ ئي هوندا آهن. اڇي تي ڪارو داغ بڻجي ٿو پر ڳالهه هي آهي ته ڪاري تي اڇي جو فلسفو ڪير سمجھائيندو؟ دنيا جا سرمائيدار ناڻي جي زخيرن کي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ انساني کپت جي گھڻين شين جو اسٽاڪ ڪري مارڪيٽ ۾هٿرادو بحران پيدا ڪرائيندا آهن. پر ڳالهه هي آهي ته بُحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيل بُحران ڪئين ختم ٿيندا؟ بجلي، اٽو، امن، پيٽرول ۽ سي اين جي جيئن ملڪ مان انساني آدرش، ايمان، اعتماد، قرب ۽ محبتن جو بحران آيو ته ان کي حل ڪرڻ لاءِ دنيا جي موٽن دماغن وٽ ڪهڙو حل آهي ؟ ان صورتحال ۾ هي ڪائنات رهڻ لائق هوندي؟ ان حالت ۾ ماڻهپو ڪٿي تلاش ڪبو؟ ان حالت ۾ خود حضرت ماڻهو ڪٿي بيٺل هوندو؟ انسانيت جو آڪال هن ڪائنات لاءِ ڪنهن سانحي ۽ الميي کان قطعي گھٽ ناهي.
    


    مسئلو اهيو آهي ته ڪو “مسئلو” ناهي

    بي پاڙها مسئلا جلدي حل ٿي ويندا آهن، پر ڪجھه مسئلن جون جڙون ڊڀن جيان پاتال ۾ کُتل هونديون آهن. جيئن مسئله ڪشمير ۽ فلسطين ۽ وغيره آهن. ڪيترن ئي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نوان مسئلا پيدا ڪيا ويندا آهن. وري انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسئلن جا نوان پلانٽ لڳيا ويندا آهن. ملڪي سطح تي مسئلن جي کوٽ کي مد نظر رکي عوامي مفادن خاطر پاڙيسري ملڪن مان سستا،خالص،نج ۽ نبار مسئلن جا جهاز ۽ ڪنٽينر گهرائي سگهجن ٿا. امپورٽينڊ مسئلن جي سبسڊي ڀرڻ هر دور حڪومت جي ذميواري آهي. جنهن ۾ مسئلن جي ڪوالٽي بابت ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. مختلف ڌرين جو خيال آهي ته سمورن مسئلن جو حل “خوني انقلاب” آهي. پر خوني انقلاب سان به مسئلا ته پيدا ٿيندا جيڪي وري نون مسئلن کي جنم ڏيندا. جڏهن ته قومن جي تقدير کي انقلاب ئي بدلائي سگهن ٿا، ڳاڙهن، ڦڪن، نيلن ۽ ڪارن انقلابن لاءِ وري ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. تنهنڪري اصل مسئلي جي جڙ تائين پهچڻ پڻ وڏو مسئلو آهي. سڄي دنيا جي اٽي لٽي ۽ اجهي جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پورهيو ڪندڙ پورهيت وري هزار مسئلن جو شڪار آهي .

    انصاف مهانگو آ،
    انسان سهانگو آ،
    مزدور ٺاهي ڪپڙو،
    مزدور هي نانگو آ.

    لباس جو مسئلو ڀلي حل ٿي وڃي پر ڏاهي رومي چيو آهي ته “مون جام انسان ڏٺا آهن جن جي بدن تي لباس ناهي هوندو ۽ مون جام لباس ڏٺا آهن. جن جي اندر انسان ناهي هوندو”
    اڳ چيو ويندو هو ته ملڪ سڄو ملير لڳو پيو آهي. هاڻ ٻڌون ٿا ته ملڪ سڄو مسلستان بڻجي ويو آهي. مختلف ملڪن جي زميني صورتحال به مختلف هوندي آهي. پر هر خطي ۾ مسئلن جو فصل هر موسم ساڳين آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ مسئلن جون نرسريون پڻ لڳايون وينديون آهن. اسان جي ابن ڏاڏن جا ڍڳن جي هر تي پوکيل مسئلا هن دور ۾ جديد ۽ تيز ترين مشينري سان به نٿا لڻي سگهجن. آمريڪا جو چوڻ آهي. ته“دهشتگردي” دنيا جو وڏو مسئلو آهي. پر ٻي پاسي سڄي دنيا جو خيال آهي ته سمورن مسئلن جي جڙ آمريڪا آهي. “هڻ شينهن شير ڪون ڪير آکي ته تيڏي منهن وچ ڌپ دي هڙيان هن” ڪاري نسل جو اوباما صدر ٿيو ته جهڏي ۾ مامي گھنور شيدي وارن “مگرمان” پئي ڪئي، پر آمريڪي صدر صاحب جھڙو ٻاهر جو ڪارو آهي اهڙو ئي اندر جو ڪارو نڪتو. هو به سڄي دنيا کي رت سان وهنجارڻ جي خواب جي ساڀيان ثابت ٿيو. هاڻ وري مائي هيلري ڪلنٽن جيڪا مونيڪا وارو دڪ پچائي هاڻ آمريڪا جي صدر ٿئي پئي پر فيمينسٽ ماين کي خوش ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هو به آمريڪا جي ساڳي دنيا دشمن پاليسين کي جاري رکندي.
    نانگ بلائون هڻ کڻ ۽ ڪارا ڀٽون ماڻهن لاءِ وڏو مسئلو هئا ۽ هاڻ ماڻهو هن جيوت لاءِ وڏو مسئلو ٿي پيا آهن . ڪاري ڏڪار سبب ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو وڏو مسئلو رهيو آهي. ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ پورهيتن پاران کوهه کوٽيو ويو ناقص مٽيريل واري مسئلي سبب کوهه ڊهي پيو ۽ 3 پورهيت دٻجي فوت ٿيڻ سان هاڻ هنن مسڪينن جا لاش ڪڍڻ نااهل انتظاميه لاءِ هڪ وڏو مسئلو بڻجي ويو هو. دنيا کي جنت بڻائڻ جو فڪر ۽ فلسفو ڏيندڙ ڏاهن کي گذارش آهي ماڻهن کي مسئلن کان محفوظ ڪرڻ جو ڪو شاهڪار فارمولو ڏين ته جيئن دنيا کي دوزخ بڻجڻ کان بچائي سگهجي .
    


    ملڪ جون بدلجندڙ سياسي روايتون

    اسان جي ملڪ جي سياست ۾ جمهوري قدرن کي نظرانداز ڪري فقط ذاتي پسند ۽ ناپسند جي اناپرستي واري محدود سوچ کي صحيح سمجھڻ جي روش شاندار سياسي روايتون جوڙڻ بجاءِ دٻاءَ ۽ ڌمڪين جي سياسي ماحول کي جنم ڏي ٿي. جنهن سان هيستائين ملڪ ۾ عوامي سطح تي ٻڌي، اتحاد ۽ ڀائچارو پيدا ٿيڻ بجاءِ سياسي انتقامي ڪارواين جي فضا کي فروغ ڏنو ويو آهي. ملڪ ۾ ڪيترائي دفعا اقتدار ۾ رهندڙ سياسي پارٽيون ڪينسر جيئن ڦهليل ڪرپشن، اقرباپروري، مهنگائي، دهشتگردي کي ختم نه ڪري سگھڻ جي ناڪامي جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ ان جو الزام گذريل حڪومت تي هڻي پنهنجو پاند آجو ڪرائڻ ۽ دور اقتدار کي ڊگھو ڪرڻ جي حُربن تي زور ڏين ٿيون. جنهنڪري هڪ ڊگھي عرصي کان ملڪ ترقي جي راهه تان هٽي دهشتگردي جي حوالي سان دنيا ۾ ٽين پوزيشن ماڻي ورتي آهي. اهڙو اعزاز ملڪي وقار تي منڌيڙي جو نشان آهي.سوال اهيو آهي ته اُن جو ذميوار ڪير آهي؟ ڪا هڪ پارٽي ۽ ان جي قيادت، يا قوم؟ آمريت دوران امپورٽيڊ قيادتون ۽ ضيائي باقيات پاران سبز جهنڊن سان ملڪ کي قبائلي دور ۾ ڌڪي وڏيرن ۽ سردارن کي علائقا ذاتي اسٽيٽن طور الاٽ ڪري ڏنا ويا جنهن دوران وڏي عرصي تائين ملڪ ۾ عوامي جمهوري راڄ بجاءِ وڏيراشاهي جي رٽ قائم هُئي. ملڪ جي عوام هڪ وڏي جمهوري جاکوڙ کان پوءِ فوجي آمر مشرف کي گهر ڀيڙو ڪيو نه ته جنرل مشرف به جنرل ضياالحق جيئن ساهه جي آخري گھڙي تائين اقتدار ڇڏڻ لاءِ راضي نه هو. ڪجهه عرصي کان ميڊيا ۾ خبرون هليون هيون ته سنڌ ۾ پ پ سرڪار خلاف جنرل (ر) پرويز مشرف سازش ڪري رهيو آهي. پر حقيقت ۾ خود پ پ جي رڌڻي ۾ پڻ رولو رهيو آهي.ادي ۽ ادا گڏجي شهيد ڀُٽي جي پارٽي کي زرداري ليگ بڻائڻ ۾ ڪا ذري ڪسر به ڪونه ڇڏي آهي. ان پارٽي کي ٻاهرين قوتن کان وڌ اندروني قوتن وڏو نقصان ڏنو هو. ان سانحي ملڪ جي سياسي ڌرين کي گڏ ويهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. هن تاريخي موقعي تي سياسي ڌرين کي ماضي ۽ حال کي نطر ۾ رکي بالغ سياسي روايتون قائم ڪرڻ گھرجن ۽ دهشتگردي خلاف مضبوط حڪمت عملي جوڙي ملڪ جي مستقبل کي بچائڻ گھرجي ته جئين جمهوريت جو سفر به جاري رهي ۽ ملڪ ۾ آمريتي رُکنو نه پوي. جيڪڏهن ملڪ جون سياسي ڌريون ذاتي انا جو مسئلو بڻائي چونڊيل حڪومت خلاف سازش جو حصو بڻجي ٽين ڌر کي دعوت ڏيئي اچڻ جو جواز پيدا ڪري ڏنو ته پوءِ عزيز هم وطنن واري سنگت کي رڳو سلام ورائي محفل جو مور ٿيڻو آهي. هن وقت ملڪ ۾ فوجي عدالتن جو قيام جمهوريت پسند سياسي ڌرين جي ڪمزور صلاحيتن جو نتيجو آهي. ٻي طرف هڪ وڏي عرصي کان ملڪ جون حالتون سازگار نه هئڻ ڪري پاڪستان اڪنامي طرح ڪمزور پوزيشن ۾ هجڻ ڪري ڪيترن ئي بيروني ملڪن جو قرضي آهي. اهڙي صورتحال ۾ ملڪ جي ڪابه سياسي پارٽي اقتدار ۾ اچي ملڪي مسئلن کي آساني سان حل نه ڪري سگھندي. نتيجي ۾ اها پارٽي عوامي مقبوليت وڃائي وهندي. ملڪ ۾ موروثي سياست سبب عوام جي مٿي ۾ لڳل وڏيراشاهي پڻ وڌي وڻ ٿي چڪي آهي. ٻي طرف سنڌ ۽ بلوچستان جي ڳڀرو نوجوانن کي کنڀي گم ڪرڻ ۽ چچريل لاشن ملڻ، پشاور سانحي سميت روز جو معمول بڻيل دهشتگردي جا واقعا عوام ۾ خوف حراس ۽ بي چيني جو سبب بڻيل آهن. ملڪ جو ڪو به فرد پاڻ کي محفوظ نٿو سمجھي. ملڪ ۾ قانون خاموش بڻيل آهي،اهڙي مايوسي واري صورتحال ۾ قوم جو ڇڙوڇڙ ٿيڻ سان ملڪ دشمن دهشتگرد قوتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون. ملڪ جو زخمي ٿيل وجود وڌيڪ مسئلن جي دٻڻ ۾ ڦاسي ويندو. تنهنڪري هن وقت ملڪ جون ذميوار سياسي قيادتون پنهنجي ذاتي مفادن کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ عوام جي ڀلائي خاطر ملڪي مسئلن جو مستقل حل ڪڍن ته جيئن ملڪ کي دهشتگردي کان بچائي سگھجي.
    


    مزدور : آڻين ۽ چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا

    ڪائنات جي اوائلي زمانن کان انسان ذات بنيادي طرح ٻن طبقن ۾ ورهايل آهي. جنهن ۾ هڪ ڏاڍو طبقو ۽ ٻيو هيڻو طبقو آهي. ڏاڍن ماڻهن جي محدود طبقي پنهنجي قبضاگير سوچ، حوس، ڏاڍ، جبر، انياءُ، هٺ ڌرمي، ظلم، بربريت، ناانصافي جي قهر، لاقانونيت ۽ انڌيرنگري جي راڄ سان سڄي دنيا جي مظلومن مزدور کي پنهنجي سامراجي سوچ جي گھري ڄار ۾ ڦاسائي اڻ اعلانيل طور ڪُل وقتي “آزاد” غلام بڻائي رکيو آهي. خود هي ڪائنات هُن لاءِ اڻسدي طرح کليو جيل بڻجي چڪي آهي. سرمائدار جي پورهيت دشمن سوچ جي سازشن سان هي جڳ مزدورن لاءِ جديد جيل بڻجڻ طرف روان دوان آهي. اٽي، لٽي، اجھي ۽ تحفظ کان محروم پورهيت طبقي جي محنت ۽ جفاڪشي سان هي ڪائنات خوبصورت ۽ حسين بڻيل آهي، دنيا جا هي سرسبز کيت، باغ بهاريون ۽ ساڍا ست ارب آدم ذات لاءِ فصل، ڀاڄيون، ميوا، اناج پيدا ڪندڙ هٿ گرهه جي ڇهاءُ کان رهجي ويندا آهن، سفر کي مختصر ڪرڻ لاءِ ٺاهيل روڊن جي ڏامر سان گڏ جن ماڻهن جو پگھر شامل آهي انهن کي ته ڍوءُ تي ماني به مهيسر ناهي. جنتن جو ڏيک ڏيندڙ خوبصورت محلاتون جوڙيندڙ انسانن جو انهن وڏين عمارتن جي پاڇي ۾ ٺهيل جھوپڙيون به ناجائز قبضا ڄاڻائي ڊاهيون وينديون آهن. هو پنهنجو آشيانو اڏين ته ڪٿي اڏين؟
    طاقتور سرمائدار قوتن جي خطرناڪ مزدور دشمن سوچ ۽ پاليسين جي جوڙيل عالمي ڪاروباري ۽ معاشياتي فارمولن تحت پورهيتن کي اڻ ڄاتل مدي تائين استحصال جو شڪار بڻائي ڪنگال رکڻ جو ڪامياب تجربا ٿي چڪا آهن. دنيا جي سرمائدارن هن پورهيت طبقي جي پگھر جي ڪمائي چڪتو ڦٻائڻ ۽ انهن کي فقط پنهنجي ڪارخانن، ملن، فيڪٽرين، روڊن، محلاتن، کيتن، ڪوئلي جي کاڻين ۾ نسلي طور ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ زنده رکيو پيو وڃي. سرمائدارن جي انهن چالبازين کي ڪارل مارڪس چڱي ريت پرکي ويو هو، جنهن سرمائداري سان پنهنجي پورهيت دوست عظيم نظريي تحت مقابلي جو گس ڏنو. پر دنيا جي سمورن مزدور دوست مارڪسي سرخن کي سمجھڻ گھرجي ته جديد دور جي سرمائيدارن “داس ڪيپيٽل” جو کاٻن کان به گھرو مطالعو ڪري ان تي غور ۽ ويچار ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالوجي مان ڀرپور فائدو وٺندي مزدورن کان وڌ مشينري مان ڪم وٺي مستقبل ۾ مزدور کي هن ڪائنات جو فضول ۽ غيرضروري ساهه وارو بڻائڻ جي تياريون ۽ ڪوششون عروج تي آهن.
    پنهنجي پگھر جو پورهيو وڪڻڻ جي باوجود پورهيت طبقو محنت جي خريدارن جو محتاج بڻيل هوندو آهي. ائين ڇو آهي؟ روزگار جي انتظاري انهن جي ذهنن ۾ بي قراري جو سبب بڻجي ويندي آهي. روزگار نه ملڻ جي مايوسي ۽ خالي هٿين ڳرن قدمن سان گھر واپسي جو سفر پورهيت لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دل شڪسته ٿي خودڪشين جو سبب پڻ بڻجي ٿو، ۽ پويان رهجي ويندا آهن مزدور جا يتيم ٻار جيڪي زماني جي اڻکٽ ستمن، ڌڪن، ٿاٻن واري سورن جي حياتي گھاري نيٺ وڏا ٿي ويندا آهن. ڪي بک ۽ بيمارين ۾ چُڙي چُڙي مري ويندا آهن. بک، بدحالي ۽ بيروزگاري سبب اهڙا حالات پيدا ٿي چڪا آهن جو هن وقت مزدور ڏينهن رات پورهيو ڪرڻ جي باوجود پنهنجن بکين ٻچڙن لاءِ اٽي جو سير وٺڻ جي سگهه به نٿو رکي. ڪڏهن ڪڏهن ته مزدوري لاءِ انتظار ڪندڙ پورهيتن جون اميدون نراس به بڻجي وينديون آهن جڏهن سندن اکين کي سڄو ڏينهن روزگار جي راهه تڪڻ جي باوجود به مزدوري جو ڪو ذريعو نٿو ملي. مايوسين جي ان درد جي ماپ ڪهڙي آلات سان ڪري سگهبي؟ مزدور جي ان درد کي ڪهڙي دل سان محسوس ڪري سگھبو؟ مزدور جي جهوپڙي ۾ ماني لاءِ ٻاڪاريندڙ ٻارڙن جون ڪيهون، پيرسن بيمار امڙ جي آخري هڏڪي ۽ پوءِ ان عظيم رشتي جي ڪفن دفن لاءِ مزدور جي دل جو بي وسي مان ٻرڻ، سڙڻ، پڄرڻ ۽ التجائي اکين سان نهارڻ جو تاب ڪو اهل دل ماڻهو جھلي سگھندو؟ سموري ڪائنات جي مزدورن جون ڳالهايون ويندڙ ٻوليون چاهي ڪهڙيون به هجن پر آفريڪا کان سعودي عرب، آمريڪا کان پاڪستان، ۽ ايران کان اٽلي تائين سموري ڌرتي تي محنت ڪش پورهيت مزدورن جا درد، تڪليفون ۽ سور به ساڳيا آهن. انهن جي هٿن ۾ پيل لڦن جي آڪيڙ ساڳي آهي. انهن سان ستم به ساڳيا آهن ته ستم ڪندڙ قوتون به ساڳيون آهن.
    دنيا جا ڪيترائي منجھيل سوال جوابن جا منتظر آهن. هن دنيا ۾ پگھر جو پورهيو ڪندڙ محنت ڪش پورهيت طبقا پنهنجي پيٽ گذر خاطر سخت جسماني پورهيو ڪري هن ڪائنات جي تعمير ۽ ترقي لاءِ لکين سالن کان نسل درد نسل پتوڙڻ جي باوجود اڄ به بک ۽ بدحالي جو شڪار ڇو آهي.؟ جيڪي پورهيت پنهنجي زندگين جا خوبصورت لمحا هن ڪائنات لاءِ گرمين توڙي سردين ۾ اناج پيدا ڪرڻ خاطر ڪارين راتين ۾ لنڊيون لتاڙيندي کيتن ۾ گذارين ٿا، ڇا انهن جي ڪکائن جھوپڙين ۾ داڻن جي ڪا گُندي پيل آهي؟ پورهيت ته ڪائنات لاءِ اناج جا انبار اُپائي به پاڻ سرمائدار اڳيان پنهنجي پگھر جي ڪمائي به جھولي جھليو وٺن ٿا. “منهنجي ڪڻڪ کڻڻ وارا سرمائدارو! مون کي ٿورو اٽو ته ڏجو” اربين ٽن اناج پيدا ڪندڙ پورهيتن جي گھر ٿيلهي ۾ سير اٽو به روز اچي ٿو يا کين ڪڏهن ڪڏهن بکئي پيٽ سمهڻو پوي ٿو؟ لکين ٽن ڦٽي جو فصل پيدا ڪندڙ پورهيتن جي معصوم ٻارن جي انگ تي ڪڏهن ڦاٽل شلوار يا قمص آهي ته ڪڏهن ناهي ۽ اڪثر مزدورن کي پاتل نيلامي ڪپڙن کي پٺن وٽان چتي ڇو لڳل هوندي آهي؟ ڪارخانن ۾ اُچيون ۽ مهانگيون جتيون ٺاهيندڙ پورهيتن جي پيرن ۾ سدائين اڳڙين سان ٻڌل ڇڳل ٺوڳر ڇو هوندا آهن؟ دنيا جون سموريون ماڙيون، محل، بنگلا ۽ پلازا ٺاهيندڙ پورهيتن جا گھر ڪکاوان ڇو آهن؟ آر سي سي ڇتون ٺاهيندڙن جا غريباڻا جھوپا طوفاني هوائن جي پهرين جھونڪي تي ئي پٽ ڇو پئجي ويندا آهن؟ ڪائنات ۾ گھر جوڙي ڏيندڙ ماڻهن جي اڪثريت بي گھر ڇو آهي؟ مزدورن جون جھوپڙيون ماڙين جي پاڇي ۾ الوپ ڇو ٿين ٿيون؟ بنگلا اجگر بلائون بڻجي ڪکن پنن جي انساني آکيرن کي ڇو کايو وڃن ٿا ؟ دنيا جا وڏا روڊ ۽ رستا ٺاهيندڙ مزدورن جون گاڏيون ڪڏهن انهن روڊن تي هليون آهن؟
    پٿر ڍوئيندي ڪولهڻ سوچيو،
    سارو جڳ تغاري آهي.
    ملن، فيڪٽرين، ڪارخانن ۾ پنهنجن لڦن وارن پٿر جهڙن هٿن سان خوبصورت شيون ٺاهيندڙن مزدورن جي مسڪين پريوارن اهي رانديڪا، گل دستا، ڪيڪ پيسٽريون، بسڪيٽ، اُچا لٽا، گاڏيون، ڪتاب، مشروب، دوائون، آرام ده قالين وغيره جون نه پوريون ٿيندڙ خواهشون ڪڏهن اتفاق سان به پوريون ٿيون آهن؟ ڪڏهن اهڙو چمتڪار ٿيو آهي؟ پورهيتن جا هن دنياداري ۾ ناتا، رشتا، واسطا، ياريون ۽ دوستيون ڪونه آهن؟ انهن لاءِ ميلا، ملاکڙا، تهذيبي ڏڻ، ثقافتون، شاديون، غميون، راڄ نيتي، ريتون، رسمون، ڪُنيون، مانيون، وڌاڻا، ٻارسون، عيدون، باراتون ڪونه ٿين؟ هُنن جون خواهشون، خيال، تمنائون ۽ حسرتون ڪونه آهن؟ ڇا ڌرتي جي هنن عظيم محنت ڪش مزدورن کي فقط “انسان” سمجھڻ جي “نوازش” ڪئي وئي آهي؟ سرمائداراڻي اک ۾ پورهيت ڪا ٻي مخلوق آهن؟ جنهن وٽ دل، دماغ، پيٽ، جسم به آهي ۽ ان جسم ۾ ساهه به آهي. انهن کي به بک شدت سان لڳي ٿي. انهن جا به احساس آهن. هو به ڏک ۽ خوشي کي محسوس ڪن ٿا. هنن جا به لڙڪ آهن، پر ايترن سارن عذابن، عقوبتن، ڏکن، تڪليفن، مصيبتن جي باوجود هن ڪائنات جا پورهيت ڪڏهن به ننڊ جون گوريون کائي نٿا سمهن، چاهي سندن چلهه نه به ٻري هجي. پورهيتن جو ڪوليسٽرول نٿو وڌي، مزدور مٺن پيشابن جي بيماري گھٽ مبتلا هوندا آهن. پورهيتن جو بلڊپريشر اسٽاڪ ايڪسچينج جيئن هيٺ مٿي نٿو ٿئي. چاهي دنيا جي ڪهڙي به ليبارٽري مان ايڇ پائلري ٽيسٽ ڪرايو پر پورهيتن کي معدي ۾ رڳو بک جي بيماري کان سواءِ ٻي ڪابه بيماري نه هوندي. هو گجر، بصر هضم ڪريو وڃن، هو ساوا مرچ ته اڻڀي ماني جي گرهه ۾ ويڙهي ڪچا ئي کايو وڃن، پر اُکري ۾ اڌ ڏڏريل زهر جهڙن ڳاڙهن مرچن ۽ مُڪ سان ٽوڙيل بصر سان به رکا ٽڪر شوق سان کائن ٿا. انهن کي گيس ۽ بد هضمي واري تڪليف جي شڪايت نٿي ٿئي. هو برف ڄمائيندڙ سيارن ۽ لڱ ساڙيندڙ گرمين ۾ اگھاڙين پيرين، اوجاڳيل اکين ۽ پٺي لڳل پيٽ سان مشڪل ڪم ڪري پيٽ جي دوزخي آگ کي اُجھائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اها ڪوشش ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين بنا وقفي جي جاري آهي.
    انساني حقن جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ادارا ۽ خاص طور مزدورن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ عالمي سطح جون يونين ۽ ادارا مزدورن جي مسئلن ۽ مستقبل لاءِ ڪهڙو سنجيده پروگرام رکن ٿا؟ ۽ هيستائين انهن ڇا ڪيو آهي؟ انهن جي ڪوشش سان پورهيتن جي زندگي ۾ ڪا بهتري واري تبديلي آئي آهي؟ سرمائدار جي اها سوچ هئي ته مزدور مشينن جيئن ڪم ڪن وٽائن ڪجھه گھرن نه سندن اهڙي خواهش اجگر مشينن ذري گھٽ پوري ڪري ڇڏي آهي. غريب پورهيتن جي پيٽ تي لت هڻندڙ ظالم عالمي سامراج جي سرمائدارانا نظام پاران هر وقت پورهيتن جي حق تلفي جون پاليسيون جوڙڻ، انهن جي عالمي اتحاد ۽ يونين ۾ ٽوڙ ڦوڙ جون سازشون ڪرڻ، پورهيتن جي مزدوري جا من پسند اگھه مقرر ڪرڻ، کين پيڙهين تائين هڏ خريد غلام رکڻ خاطر ڪوڙن قرضن جي ڄار ۾ چوکُنڀو ڦاسائي رکڻ، سندن غربت، هيڻائي، مجبوري، بيوسي ۽ لاچاري مان ناجائز فائدو حاصل ڪري پنهنجا واپاري، مالي ۽ ڪاروباري مفاد ماڻيا وڃن ٿا. انهن سبب ڪري پورهيت طبقو هزارين سالن جا عذاب ڀوڳي رهيو آهي. ڇا پورهيتن جا مسئلا حل طلب ناهن؟ دنيا جي انساني حقن جا عالمي ادارا، پورهيتن جون عالمي تنظيمون، اعلى عدليه قانون ۽ انصاف جا بين القوامي ادارا، سول سوسائٽي، صحافتي ادارا ۽ جمهوريت پسند سياسي ڌريون پورهيتن جي بنيادي انساني حقن جو تحفظ، زندگي جي سمورن مسئلن جي حل، صحت سميت روزگار جهڙن اهم مسئلن تي سنجيدگي اختيار ڪري پورهيتن کي مڪمل حق، انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.
    


    ميلي ۾ مزو نه آهي

    عام طور تي ميلو عوام جي تفريح ۽ وندر لاءِ لڳايو ويندو آهي. ملڪ جي وڏي اڪثريت ميلن جي شوقين آهي. جنهنڪري هن ملڪ جا اڪثر ميلا پُررونق هوندا آهن. پر جنهن جو ميلي ۾ کٿو چوري ٿي ويندو سو ته چوندو“ميلو لڳو ئي منهنجو کٿو چوري ٿيڻ لاءِ هو” يا ميلي ۾ ڪنهن جو کيسو ڪٽجي وڃي ته ان ميلائي جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي؟ ۽ جي ان کان پڇبو ادا! ميلي جي خبر ڏي؟ ته همراهه صفا معصوم بڻجي چوندو “ير! ميلي ۾ مزو ئي نه هو” ميلي جا مختلف شعبا هوندا آهن ۽ شوقين به پنهنجي پسند جي شعبي ڏانهن دلچسپي رکندا آهن. جيئن گيت، گانا، نڙ بيت، ناچ، محفل موسيقي، سرڪس، ٿيٽر، ملهه، ٻيلاڙو، مٺائي ۽ ڦلن جا رنگ برنگي سينگاريل دڪانن جي ڪشش ميلائن پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. ڪيتريون ئي شيون ميلن جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ بڻيل هونديون آهن. سنڌي جي اٻوجھه ماڻهن کي ته ميلي ۾ “لاهوتي جو اعلان آ ” وارا همراهه به 5 روپين جو هوڪو ڏيئي سيڪرين واري ڳاڙهي پاڻي جا چئوڻا نوٽ اوڳاڙي ڪتريو وڃن. عام ملاکڙن ۾ ملهه“صلاح” ۾ وڙهي ويندي آهن پر وڏن ميلن ۾ پهلوان صلاح کان سوا ملهه وڙهندا آهن. ان فائينل مقابلي ۾ پهلوان هڪ ٻي جا هڏ گڏ ڀڃي به ميدان مارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ريٽائر گوڏا ڀڳل پهلوان وري ميلا لڳرائي ان ميدان ۾ نون پهلوانن کي سندرا ٻڌائي پاڻ رڳو هوڪرا ڪندا آهن. ميلن ۾ ڪيترن ئي سرڪسن جي اسٽيج تي اعلان هڪڙا ٿيندا آهن ۽ پردي پويان ناٽڪ ۽ ڊراما ٻيا هلندا آهن. اسلام آباد واري سرڪس ۾ “ڌاندلي” واري ڊرامي جون ٽڪيٽون هٿو هٿ وڪامي ويون. هي ڊرامو ڏيهه توڙي پر ڏيهه ۾ تمام گهڻو مشهور پڻ ٿيو. پر جڏهن هي ڊرامو به اسٽار پلس جي ڊرامي “ساس ڀي ڪڀي بهو ٿي” جئين اشتعارن جي ڪاروبار جي ڪري اڻ کٽ قسطن سبب ڊيگهه ڪري ويو ته حاضرين ۽ ناظرين تاريخي بوريت جو شڪار ٿي ويا. نتجي ۾ ميلي جي رونق وڃائجي وئي. ڪيترن ئي ميلن جون تاريخون اڳواٽ“منتظمين”پاران مقرر ٿيل هونديون آهن. پر اوچتو لڳايل ميلن جي لاءِ “واڳ ڌڻين” کان موڪل وٺڻ ضروري آهي. بنان اجازت ۽ صلاح مصلت کان سواءِ مچايل ميلن ۾ بد نظمي ته فطري عمل آهي. ميلن ۾“شوقينن” پاران ڏانڌ، اُٺ، ۽ گهوڙن جي ريس جا مقابلا ۽ رڇ ڪتي جي ويڙهه ۾ به ويچارا گگدام جانور بي مقصد رتو رت ڪرايا ويندا آهن. ڪاش رت ۾ رنگيل جانورن کي اهيو عقل اچي ته “اسين مسڪين جانور پاڻ ۾ ڀائر آهيون، اسان جو پاڻ ۾ ڪو به سياسي سماجي ۽ ذاتي اختلاف نه آهي پوءِ پرائي بڇ تي پنهنجن جو رت ڇو وهايون؟” ميلن سبب سداين برن ۾ بهاريون لڳنديون آهن پرڪي انوکا ميلا منگل کي جهنگل بڻايو ڇڏين. ميلا ختم ٿيڻ کانپوءِ اُتي رڳو ٿيلهيون ۽ ڪاغذ اُڏامندي نظر اچن ٿا. پر عمران خان ۽ مولانا قادري پاران اسلام آباد ۾ لڳايل ميلن ۽ ملاکڙن ۾ ته ميلائين ڪفن پوش ٿي پارليامينٽ اڳيان قبرون پئي کوٽيون. ۽ هر طرف شيل، غليل، ڏنڊا، ۽ ڏهڪاءُ هو. وقت بدلجي ويو آهي تنهڪري هاڻ شايد ميلن ۽ ميلاين جون تقاضائون تبديل ٿي چڪيون آهن.
    تنهنڪري ميلي ۾ مزو هجي يا نه هجي پر عادتي ميلائي ميلي ۾ ضرور ويندا آهن. ميلي ۾ “ڪمائي” جا کوڙ سارا ذريعا ۽ وسيلا پيدا ٿي پوندا آهن. ٻين مزدورن سان گڏ شيخ رشيد جهڙن سياسي همالين کي به روزگار مليو وڃي. جيڪي آمريت جي ٻوري کي ڪلهو ڏيڻ لاءِ هر وقت سندرا ٻڌيو پيا ٽاڏوڪيا ڪندا آهن. ميلي ۾ هر وکر پنهنجي اگھه وڪاميو وڃي. هر طرف اسٽال لڳل هوندا آهن. ڀائو ! هن پاسي، ڍولڻ هن پاسي جا هوڪا ڌيان ڇڪائين ٿا. مير، پير، رئيس، سردار ۽ وڏيرا پنهنجي ناموس لاءِ ميلن ۾ اوطاقون لڳائيندا آهن. سندن اصل اوطاقن تي ڀلي ڪڪڙو ڪو لڳي پئي هجي. گوبل وڪڻي به ميلي ۾ اوطاق لڳائڻ لازمي آهي. مولانا قادري وري سياسي ميلن کي نئون ٽرينڊ ڏنو جنهن ميلي ۾ اوطاق بجاءِ ڪنٽينر لڳايو. مولانا قادري بلٽ پروف ڪنٽينر ۾ ويهي چوندو آهي “مين گوليون سي نهين ڊرتا” ڪنٽينر شو ڪامياب ويو يا ناڪام پر ٻه ٽي ڏينهن زباني ذائقي ڪارڻ سٺو ميلو متل هو.
    عمران خان جي ميلي ۾ وري نازڪ صنف جي وڏي شرڪت جي ڪري ملڪ جو ٻيو نوجوان نسل به عمران خان جي سڏ ۾ سڏ ڏيئي لبيڪ چوندو اسلام آباد جي ميلي ۾ پهتو هو. اهو مثال هو پنهنجي قائد سان محبت جو. جنهنڪري برسات توڙي سردي ۾ ان ميلي ۾ ماڻهو ماڻهو سان لڳو ويٺو هو.
    


    هاڻ ڪجھه ڪجي؟

    سنڌ ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان علي قاضي صاحب تبديلي جي ڳالهه ڪري “نيٺ ڇا ڪجي ؟” جي موضوع تي هڪ زبردست بحث شروع ڪيو آهي. جنهن عنوان تي ڪافي تعداد ۾ سنڌ جا پڙهيل لکيل ماڻهو وقت به وقت حصو وٺندا رهيا آهن. پر سنڌ ۾ اهڙي ڳالهه ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي ماضي جي سياسي ۽ سماجي شعور ۽ نفسيات تي وڏو غور ۽ فڪر ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي محبوب وطن سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ جو ماضي پرامن سياسي جدوجهدن ۽ پر تشدد گوريلا جنگن سان ڀريو پيو آهي. عشق، جنگ ۽ جدوجھدن ۾ هار ۽ جيت جي سوچ کان وڌيڪ ثابت قدم ٿي ميدان عمل تي عقل ۽ بهادري سان بيهڻ قومن کي عظيم فتح سان همڪنار ڪندو آهي. سنڌ توڙي سموري دنيا ۾انهن تاريخي جدوجهدن جي قيادت ڪندڙ اڳواڻ به عملي طرح جدوجھد جي ميدان تي ساهه جي آخري گھڙي تائين ثابت قدم رهيا. روس، چين، ويٽنام، ڪيوبا اسان جي سامهون شاندار مثال آهن. جنهن ۾ لينن، مائوزي تنگ، هوچي منهه، ڪاسترو ۽ چي گويرا جهڙن اڳواڻن پنهنجي عوام لاءِ زندگي جو هر پل موت سان مهاڏو اٽڪايو. نتيجي ۾ کين تاريخي سوڀ نصيب ٿي جنهن نه رڳو انهن قومن جو فخر وچان ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو پر انهن قومن جي تقدير به انقلابي طرح تبديل ٿي هڪ مثال بڻجي وئي. هن بحث ۾ حصو وٺندڙ اڪثر دوست اناهزاري ۽ اريند ڪيجريوال جو مثال ڏين ٿا. انهن جي جدوجھد ۽ سچائي کان انڪار نٿي ڪري سگھجي، ڀارتي ماڻهو نواڻ جي ڳولا ۾ آهن جنهن ڪري انهن ماڻهن ڀارتي جنتا پارٽي ۽ ڪانگريس جي ڀيٽ ۾ عام آدمي پارٽي کي اهميت ڏيئي کين تاريخي ڪاميابين سان همڪنار ڪيو. پر جي عام آدمي پارٽي به انهن مظلوم ماڻهن جي خواهشن تي پوري نه لٿي ته مستقبل ۾ دوڙ ٿي ويندي. ان پارٽي کي ختم ڪرڻ لاءِ بي جي پي ۽ ڪانگريس کي اتحاد ڪرڻو پيو تڏهن به ڪندا پر ڪيجروال جو ڪلياڻ قومي فرض سمجھي ڪندا. پر اسان وٽ پنهنجي ڌرتيءَ سنڌ تي پڻ تبديلي ۽ جدجهدن جا شاندار ۽ تاريخي مثال موجود آهن. سنڌ جي گھڻي ماضي کي ڇڏي صرف شهيد شاهه عنايت جي نعري“جيڪو کيڙي سو کائي” ،جرنيل شهيد هوش محمد شيدي “مر ويسون سنڌ نه ڏيسون” پر ان نعري ۾ اياز لطيف پليجي صاحب زبردست تبديلي ڪئي ته مرڻ وارو وقت ويو پر هاڻ “مار سون مارسون، سنڌ نه ڏيسون” انگريز فرنگين کي پنهنجي مقدس ڌرتي ماءُ تان تڙڻ لاءِ حُرتحريڪ پاران “وطن يا ڪفن” جي نعري تي ٿيل سنڌ جي تاريخي گوريلا ويڙهه، ڪارونجھر جي ڪور تي سنڌ وطن جي عظيم شهيد روپلي ڪولهي جي ڪاتر جا ڪڙڪاٽ، باباءِ سنڌ جي هاري ڪميٽي جون جدوجھدون، اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي تحريڪ،ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌي عوام جي پرامن جمهوري جدوجهد، مشرف دور ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشون ۽ انهن خلاف سنڌي عوام جون شاندار اجتماعي جدوجھدون، مهاجر صوبي ۽ ٻٽي نظام خلاف سنڌ پاڻ ملهايو آهي. اهي تاريخي جدوجهدون سنڌ جي مضبوط اجتماعي سوچ ۽ بلند سياسي شعور جي نساندهي ڪن ٿيون. علي قاضي بنيادي طرح هڪ صحافي آهي. سنڌس قلم جي طاقت کان انڪار نه آهي پر سنڌ هن وقت انتهاپسندي، وڏيراشاهي، جاگيرداري، دهشتگردي، لاقانونيت، رشوت خوري، مهانگائي ۽ تعليمي تباهي جي ور چڙهيل آهي. ايترن خطرناڪ ۽ سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ هن وقت قلمي بحث مباحثن سان گڏ باقاعدي عملي جدوجھد جي سخت ضرورت آهي. ڪجهه سال اڳ علي قاضي درياهه جو ڏهارو ۽ ثقافت جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو ته سنڌ کيس شاندار موٽ ڏني. پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي زندهه رکڻ لاءِ ڏنل سڏ شاندار قدم آهي. علي قاضي جي ان سڏ تي سنڌ گڏ ٿي کيس وڏو مان ڏنو. سنڌ ۾ تبديلي ۽ سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سياسي طرح پرامن جمهوري جدوجھد واري پارٽي جي ضرورت آهي.
    


    هرڻ هٺيلا بيٺا سوچن

    يارهن سيپٽمبر2014ع جي ڪاوش ۾ ڍورو نارو جي خبر پڙهي تمام گهڻو افسوس ٿيو جنهن ۾ ڏڪاريل ڏيهه جي مسڪين ماروئڙن ۾ امداد ورهائڻ لاءِ ويل هڪ سماجي اداري جا آفيسر پنهنجي زباني ذائقي خاطر ڳوٺاڻن جي غريباڻي دسترخوان تي هرڻ جي گوشت جي فرمائش ڪئي. وڻ، پکين ۽ جانورن کي پنهنجي ٻچن جيان سمجهندڙ ماروئڙا مجبور ٿي هرڻ کي ماري سندن اڳيان پيش ڪيو. موٽ ۾ کين امداد ڏني وئي. اين جي اوز توڙي ٻين سماجي ادارن جي پروگرام ۾ اهيو اصول قطئي طور شامل نه آهي ته هو جنهن سماج ۾ عوامي ڀلائي خاطر ڪم ڪن ۽ اُتي ئي پنهنجيون شاهي فرمائشون ۽ فرمان جاري ڪري فطرت جو قتل ڪرائن ۽ مجبور ماڻهن جي غربت ۽ اٻوجهائپ جو ناجائز فائدو وٺن. اين جي اوز ۽ سماجي ادارن جي رنگين دنيا ۾“اخلاقيات” بابت تمام گهڻا ليڪچر پروگرام، تربيتي ورڪشاپ ۽ جاگرتا لاءِ سيمينار وغيره ڪرائي کين سماجي قدر سيکاريا ويندا آهن. پوءِ الئه ته ڇو سماجي اداري جا آفيسر ڍورو نارو جي ڳوٺاڻن کان امداد جي عيوض معصوم هرڻ جو خون ڪرائي ڳاڙهي ٻوڙ جي فرمائش ڪئي؟ ڳئون جي نسل بچائڻ لاءِ ڪرشن ڀڳوان جون ڪوششون ۽ وڻ، پکي ۽ جانورن جي تحفظ لاءِ اشوڪ آعظم تمام زبردست ڪم ڪيو. ماحوليات کي بچائڻ لاءِ سندن ڪردار ساراهه لائق آهن. هن وقت اسان جي خطي ۾ ماحوليات ۽ جانورن جو تحفظ ۽ نسل بچائڻ لاءِ خود انهن سماجي ادران ۽ اين جي اوز وٽ وڏا پروجيڪٽ ۽ پروگرام آهن. گھوڙن ۽ مورن جي نسل بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ اين جي اوزي پروجيڪٽ هليا، پوءِ انهن جي نسل جي بچاءُ ۽ افزائش تي انهن پروجيڪٽن جي چوکڙن مان ڪيترو لاڳاپيل مقصد تي ڪم ٿيو؟ اهو وري جدا موضوع آهي. پر جيڪڏهن انهن معصوم جانورن جي تحفظ جا رکوالا ئي سندن قاتل بڻجي پون ته پوءِ عام ماڻهو تي ڪهڙي ميار؟ هن وقت سنڌ ۾ هرڻ، روجهه، ڦاڙا، جهنگلي سهو، مور، اڇڙو تتر ۽ ڪارڙي تتر جو نسل سخت خطري ۾ هئڻ ڪري ناياب بڻجي ويو آهي. انهن معصوم ۽ ناياب پکين ۽ جانورن جي بچاءُ لاءِ وائلڊ لائف کاتو موجود هوندي به ڪو تحفظ نه ڪري سگهيو آهي. جنهن ڪري هاڻ صورتحال تمام ڳنڀير ٿي وئي آهي. خوبصورت پکين ۽ جانورن جي نسل ڪشي سبب انهن جو نسل ناياب ٿي ويو آهي. ترقي يافته ملڪن ۾ جانور ۽ پکين جي تحفظ لاءِ سخت قانون جُڙيل آهن. جنهن ڪري اُتي جي عوام به ان قانون جو وڏو احترام ڪندي آهي. اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ نامياري فلمي اداڪار سلمان خان 2 ڪاري نسل جا هرڻ شڪار ڪيا هئا مٿس اهو ڪيس وڏي عرصي تائين اعليٰ عدالتن ۾ هلندو رهيو، ان نامياري اداڪار سان ڪا رعايت نه ٿي. ٻي طرف اسان جي ملڪ ۾ غير قانوني شڪار سبب انهن معصوم جانورن جو نسل ختم ٿيڻ تي آهي. پر ذميوار اختياريون غفلت جي ننڊ ۾ ستل آهن. سنڌ جي باشعور، ساڃاهه وندن ۽ لاڳاپيل کاتي جي اعليٰ اختيارن کي سنڌ جي ماحوليات، ناياب جانور، وڻ ۽ پکين کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ جي سخت ضرورت آهي .
    ٿر جا چونڊيل نمائيندا ۽ بااثر ماڻهو ٻاهرين دوستن، يارن ۽ احبابن کي شڪار جون دعوتون ڏيئي پنهنجي ئي ڌرتي تي خوبصورت پکين ۽ ناياب جانورن جو ڪوس ڪرائين ٿا. گھڻو ڪري ته انهن جي شوق ۽ شڪار جون خبرون ٿر جي صحرا ۾ گم ٿيو وڃن پر جي ڪا اُڙي ٿڙي خبر ميڊيا جي نظر ٿي وئي ته به مقرر معمولي ڏنڊ آجا ٿيو وڃن.
    معصوم هرڻن ۽ تلورن کي قتل ڪرڻ ڪهڙي فخر جهڙي ڳالهه آهي؟ ۽ انهن کي بي دردي سان قتل ڪري لينڊڪروزر گاڏين جي بانٽ تي رکي ڦوٽو سيشن ڪرائڻ به ڪهڙو ڪارنامو آهي؟ بي زبان جانورن جي تحفظ جي رکوالي حڪمرانن تي ناهي ڇا؟ قانون جي پاسداري جي پابندي چونڊيل نمائيندن ۽ اين جي اوز جي ناهي ڇا؟
    


    ويا مور مري

    ٿرپارڪرضلعي ۾ هڪ ڊگھي عرصي کان مور مرڻ جون رپورٽون شايع ٿي رهيون آهن. ميڊيائي رپورٽن موجب ٿر ۾ هيستائين “راڻي کيت” نالي بيماري ڪائنات جي فطري سونهن جا خوبصرت رنگ رکندڙ مور پکي کي هزارن جي تعداد ۾ موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو آهي. ڇو ته ٿر ۾ مور جو نسل اڳ ۾ ئي سخت خطري هيٺ هو ٻي طرف بيرحم شڪارين پاران وسڪاري جي مند ۾ آري تي ويٺل ڊيلن جا آنا ۽ ننڍڙن ٻچڙن کي چوري ڪري وڪرو ڪرڻ سبب هن خوبصورت پکي جو نسل ناياب ٿي چڪو هو. هڪ طرف شڪارين پاران مورن جي اسمگلنگ جو ڪڌو ڪاروبار جاري هو ته ٻي طرف راڻي کيت جهڙي خطرناڪ بيماري سبب ٿر جي مورن ۾ موت جي شرح ٻيڻي ٿي وئي. ٿر ۾ مورن جي غيرقانوني شڪار ۽ بيماري جي علاج نه ٿيڻ جي ٻنهي سببن جا ٻه ذميوار کاتا وائلڊ لائف کاتو ۽ گيم وارڊ پڻ موجود آهن. ان جي باوجود به ٿر جي معصوم مورن کي بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ بجاءِ گوٿناٿ ڪري غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو ويو. اڃا تائين ٿر جي معصوم مورن تان موت جو راڪاس نه ٽريو آهي نه ئي ٿر جي مورن جي درد جي دوا ٿي سگھي نه ئي بااثر شڪارين تي پابندي عائد ٿي. جڏهن به ميڍيا ان معاملي کي منظرعام تي آڻيندي آهي تڏهن لاڳاپيل کاتن جا ذميوار آفيسر صرف ڏيکاءَ خاطر ضلعي هيڊڪواٽر مٺي جي آسپاس ۽ ويجھڙائي وارن ڳوٺن ۾ صرف نالي ماتر دوا درمل ڏيئي ڦوٽو ڪڍرائي “سڀ ڪجھه ٺيڪ آهي” جا بيان جاري ڪري پاڻ آجا ٿيو وڃن. ذميوار ادارن پاران مورن جي ڪيڏاري تي مجرمانه خاموشي وقت جو وڏو الميو آهي. انهن کاتن پاران مورن ۾ آيل خطرناڪ بيماري جي روڪٿام لاءِ ڪو به عملي قدم کڻي پکين ۽ جانورن جي ڪنهن خاص اداري کان راڻي کيت بيماري بابت ريسرچ ڪرائي بيماري جو علاج ڳولڻ بجاءِ مورن کي موت جي حوالي ڪيو ويو آهي. جنهنڪري وقت به وقت ٿر ۾ مورن جي مرڻ جون خبرون مسلسل ميڍيا جي زينت بڻجنديون رهيون آهن. هڪ ڊگھي عرصي کان ٿر ۾ خوبصورت پکين تي موت جو راڪاس رقص ڪري رهيو آهي جيڪو ڪائنات جي فطري سونهن جو وڏو سانحو آهن. سوال اهيو آهي ته ذميوار اختيارن پاران هيستائين انهن معصوم پکين جي زندگي بچائڻ لاءِ ڪهڙا اُپاءُ ورتا ويا آهن؟ قدرت جي هن عظيم تحفي کي بچائڻ ۽ ان جي نسلي واڌ ويجھه لاءِ قدم کڻڻ ڪنهن جي ذميواري آهي؟ گرمي پد وڌڻ سبب موسم جي عالمي تبديلي (گلوبل وارمنگ) جا اثر سڄي دنيا سميت ٿر تي به خطرناڪ حد تائين پيا آهن. جنهنڪري ٿر جي موسم جو فطري توازن پڻ برقرار نه آهي. ان سبب ٿر مان بارشون رُٺل هُئڻ ڪري ڊگھي عرصي کان ڪاري ڏڪار جي شديد صورتحال برقرار رهندي آهي. ٿر ۾ ڪاري ڏڪار جا خطرناڪ اثر نه رڳو اشرف المخلوقات تي پيا آهن پر ڪاري ڏڪار جي لپيٽ ۾ آيل ان علائقي جا پکي، جيت، جانور، وڻ ۽ ٻوٽا پڻ ڏڪار جي زد ۾ ٻٽي عذاب ڀوڳيندا آهن. ٿر ۾ مورن جي بيماري جا ٻيا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا پر ان ۾ چوڳي، پاڻي جي کوٽ ۽ وائرل بيمارين جو سبب به اهم حيثيت رکي ٿو. ٿر ۾ موت جو شڪار ٿيل مورن جو انگ ميڊيا ۾ آيل انگ کان اُنڪري به ٻيڻو هوندو جو ميڍيا جي اک ۾ ته فقط اهي مري ويل مور رڪارڊ ٿيا هوندا جيڪي انساني آبادي وارن ڳوٺن جي آسپاس مئل حالت ۾ ڏٺا ويا هوندا پر ٿر جي وسيع جھنگل ۾ جيڪي مور مري ويا آهن سي ته ميڍيا جي ڳڻپ ۾ نه آيا هوندا؟ تنهنڪري سنڌ جي ساڃاھ وند، فطرت دوست ڌرين ۽ ذميوار اعلى اختيارن کي پڻ سنجيدگي سان غور ۽ فڪر ڪري فطرت جي هن عظيم حُسن کي بچائڻ لاءِ تڪڙا عملي قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن اسان ٿر ۾ مورن جي هلندڙ نسل ڪشي طرف ڌيان نه ڏنو ته ممڪن آهي ڪجھه عرصي کان پوءِ ٿر ۾ مور ناياب بڻجي ويندا ۽ اسان ڪائنات جي هن عظيم حُسن کي بچائن ۾ ناڪام ٿي وياسين ته فطرت جا مياري ٿينداسين.
    


    تعليم جي تباهي

    هي دور اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ سوشل ميڍيا جي انقلابي عروج جو دور آهي. ڪافي وقت کان ميڍيا تي گوسڙو استادن خلاف هڪ تحريڪ هلي پئي آهي. اها تحريڪ ڪيتري ڪامياب ٿيندي؟ اهيو ته الگ بحث آهي. باقي اهڙي مهم سان ڪيترن ئي نامور ماڻهن جي خبر پئجي وئي جيڪي سماج سڌارڪ جي چوغي ۾ گوسڙو ماستر آهن ۽ قومي خزاني مان هر پهرين تاريخ تي پگھار کڻڻ لاءِ پهرين قطار ۾ بيٺا هوندا آهن پر اسڪول جو مُنهن ڪڏهن ڪونه ڏٺو اٿن . اهڙو عمل پيغمبري پيشي سان وڏي خيانت آهي. اهڙي تعليم دشمن ڪردارن جي ڪري محنتي، ايماندار ۽ ذميوار استادن کي به معاشري ۾ ساڳي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. امتحانن ۾ اڪثر ڪنهن زماني ۾ شاگرد امتحان ۾ پاس ٿيڻ لاءِ ماستر کي مٺائي ڏٻو يا ٻانگو ڪُڪڙ ڏيندا هئا. اڄ ته ايزي لوڊ ۽ ايزي پئسن جو زمانو آهي. مارڪون ۽ اي ون گريڊ به تعليمي بورڊن مان بصر جيئن ملن ٿا. پر بحرحال بهترين علم دوست استادن ۽ گوسڙو استادن ۾ فرق واضع ڪرڻ لاءِ امتحاني پرچن ۾ مضمون به الگ الگ عنوانن سان ڏيڻ گھرجن “بيسٽ ٽيچر” ۽ “گوسٽ ٽيچر” گوسڙو جي سنڌي ۾ معنى آهي گُسائڻ وارو ۽ انگلش ۾ گوسڙو کي (گھوسٽ) چئبو آهي. جڏهن ته گھوسٽ جي ٻي معنى ڀوت آهي. سنڌي تعليم ۾ سڌارو ڪيئن آڻجي؟ جي عنوان تي سڄي حياتي اُٺ جي آنڊي جيڏا ليڪچر ڏيندڙ سماجي اڳواڻ بابت پڻ هن مهم ۾ ڀيد کُليو ته سماج جي تقدير کي انقلابي جذبي سان بدلائڻ جون ڳالهيون ڪندڙ موصوف پاڻ “گوسڙو ماسترن جو سرتاج آهي” ماستري جي نوڪري ملڻ کان ويندي اڄ ڏينهن تائين 20 سالن جي ڊگھي عرصي ۾ استاد صاحب هڪ ڏينهن به اسڪول جو منهن نه ڏٺو آهي. سندس اهڙي “ڪارنامي” تي گنيز بُڪ آف ورلڊ جي ٽيم کي غور ۽ ويچار ڪري اهڙن استاد کي اعلى ڪارڪردگي ۽ فخر لائق خدمتن جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گھرجي. ته جئين ايندڙ نسلن تائين سندس خدمتن کي تاريخ ۾ ياد ڪيو وڃي. سڌريل ملڪ پنهنجي ملڪ جي تعليمي ادارن کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجو مستقبل سڌارين ٿا. جنگ جي صورتحال ۾ به انهن ملڪن جا علمي ادارا اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون هر حال ۾ پنهنجو ڪارهنوار جاري رکنديون آهن. انهن ملڪن جي تقدير کي بدلائڻ ۾ ايماندار استادن جو وڏو هٿ آهي، ۽ اسان جي تعليم جي بگڙيل حالتن ۾ ڪنهن حد تائين اعلى اختيارن، والدين، شاگردن سان گڏ گوسڙو استادن جو به وڏو هٿ آهي. هر سرڪاري ملازم عوام جو خادم آهي پر پوءِ به استاد کي پيغمبري پيشي سبب معاشري ۾ عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.

    انهن جون چماٽون اڃا ياد آهن،
    اکيون کول اي قوم!هي استاد آهن.

    شاندار تهذيب، ثقافت رکندڙ ترقي ۽ تعليم يافته قومون پنهنجي روشن مستقبل لاء مضبوط تعليمي نظام ۾ يقين رکن ٿيون. تعليمي معاملن ۾ انهن وٽ ڪوتاهي جي ڪا به گُنجائش نه آهي. تنهنڪري سنڌ جي سمورن باشعور،ساڃاهه وندن، استادن، شاگردن ۽ اعلى اختيارن کي سنڌ جي تعليمي نظام کي بچائڻ لاءِ سنجيدگي سان سوچڻ جي ضرورت آهي. گوسڙو استادن خلاف سوشل ميڍيا تي هليل مهم کي علم دوست اک سان ڏسڻ گهرجي ته جئين پنهنجي ذُميواري جي پابند ۽ محنتي استادن جي دل آزاري نه ٿئي. گڏوگڏ گوسڙو استادن کي به اسڪول وڃي پاڻ تان “گوسڙائپ” جو ڪارو داگ لاهڻ گھرجي. پنهنجي قوم جي ٻچڙن جو مستقبل بچائي، جهالت جا سڀ گس بند ڪيا وڃن. نه ته بايو ميٽرڪ سسٽم ته ڪنهن جو منهن نٿو رکي، سڀ اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا.
    


    آ رت ۾ خوشبوءُ مهندي جي

    سنڌ لاءِ ڊسمبر جو مهينو خوشين ۽ غمن جو گڏيل ذائقو رهيو آهي. پر گھڻو ڪري هي مهينو ڳرو ثابت ٿيندو آهي. ڊسمبر ايندي ئي هر طرف سياري جي آجيان محبوب احساسن وارا ماڻهو دل سان ڪندا آهن. هي مند ايندي ئي مچ ڪچهرين جون تياريون، ثقافتي ۽ قومي ميلا لڳائڻ لاءِ ماحول ٺهندو پيو آهي. هيل به ڌرتيءَ ماءُ سان محبت جا سوين رنگ رچي ويا هُئا. سنڌ جي واهڻ، وستي، ڳوٺ، گام، شهر، بازار جي وک وک تي اجرڪ جون ڦليون ۽ ٽوپين جي ٽڪن جا تجلا هئا. سنڌ مُرشد لطيف جي سُر سامونڊي جي ڪيفيت ۾ ايڪتا جي انتظارن ۾ بي قرار هُئي.
    سر نسريا پاند، اُتر لڳا آ پرين،
    مون تو ڪارڻ ڪانڌ سهسين سُکائون ڪيون.
    سنڌ آرس موڙي اُٿي پئي هُئي. هر طرف ڌرتي سان عشق جا وچن ورجايا پئي ويا، اهڙي ڀلوڙ سمي ۾ صوفي مزاج رکندڙ لطيف سرڪار جي امن جي ڌرتي تي شام غريبان شروع ٿي وئي، هن ڌرتي تي خوشين جا لمحا سنڌ دشمن سامراج جي اک ۾ ڪنڊي جئين هُرندا رهيا آهن.سنڌ صدين کان آهي ۽ رهندي جي صدا سامراج جي ڪنن ۾ گرم شيهي مثل آهي.گھڻو ڪري سنڌ ۾ سال جا پڇاڙڪا مهينا ماتم ارپيندا رهيا آهن. هيل به سنڌ کي گولين سان پروڻ ٿيل ۽ چچريل لاشن جا تحفا ڏيڻ جي پراڻي روايت کي ورجايو ويو آهي. سنڌ جي هڪ شهيد کي لحد ۾ لاٿو ويو ويو ته ٻي شهيد جو چچريل لاش مليو.4 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ سند کي شهيد آصف پنهور، شهيد وحيد لاشاري جو رت ۾ رڱيل لاش ڏيئي سنڌ کي پنهنجن حقن جي حاصلات جي اهم جدوجھد تان هٽائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي.
    ڪو ڪئين نه ڍوڙي مقتل ڏي؟
    آ رت ۾ خوشبوءُ ميهندي جي.
    درد وندن جي ديس تي سُڏڪن جي رُت جا ڪارا ڪڪر ڇائنجي ويا. سنڌ جي تن تان اڃا دودي سومري جي سوڳ جا ڪارا لٽا به نه لٿا آهن. مٿان ڪنهن چنيسر وقت جي خلجي سان گڏجي ٻيهر سنڌ کي رت سان وهنجاري ڇڏيو ۽ سنڌ ۾ روز دودا شهيد ڪيا وڃن ٿا.
    جي تون وڙهندي ماريو ويندين،هن ڌرتي تان تون واريو ويندين،
    دودا تنهنجو ساهه ته ويندو، پر ماڻهو جو ويساهه نه ويندو.
    سنڌ سان محبت جي سزا ۾ ڪونڌر ڪٺا پيا وڃن ۽ گھوٽ گھايا پيا وڃن، هڪ دفعو ٻيهر سنڌڙي جو نالو وٺڻ ڄڻ ڪاريهر تي پير رکڻ جھڙو ماحول جوڙيو ويو آهي. هڪ طرف سنڌ ۾ هڪ سامراجي سازش تحت بُک، بيروزگاري ۽ بدامني جي باهه ڀڙڪائي سنڌ جي کُک ۾ سنگين کوڙيو ويو آهي. ته ٻي طرف ڌرتيءَ ماتا جي تحفظ لاءِ وطن دشمن قوتن سان اکيون اکين ۾ ملائڻ وارن سورمن کي ڳولي ڳولي شهيد ڪري سنڌي عوام کي لاڏن جا چچريل لاش تحفا ڪري ڏنا پيا وڃن. سنڌ ۾ ظلم جي ڪاري رات ۽ سوڳواري جي شامن جا پاڇا ڊگھا ٿيندا وڃن. سنڌ جي انهن شهيد گھوٽن جي جسد خاڪي کي ميهندي لاهي، موڙ ٻڌي ۽ ڳيچ ڳائي آخري رسمون ادا ڪندڙ مائرن ڀينرن کي تاريخ به احترام ۾ جُھڪي سُرخ سلام پيش ڪندي. وطن لاءِ شهيدن جي لازوال قربانين سان ڌرتيءَ تي انقلاب جو سج اُڀرندو.
    ڪڇي ڪاڇوٽي ناگن ٻڌي نينهن جي،
    جھڙا آيا جڳ ۾ تهڙا ويا موٽي،
    تنهين سندي چوٽي پورڀ ٿيندي پڌري.
    سنڌ سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتين تي ملڪ جي سرڪار،انساني حقن جا عالمي ادارا غفلت جي ننڊ مان سجاگ ٿيڻ گهرجي.سنڌ ۾ وهندڙ رت جي ندين تي سندن خاموشي کي ڪهڙو نانءَ ڏجي؟
    


    ڳالهين جو ڳِر

    اُٺ ڪتابن جا اُٿلائي ڏٺاسين جنهن ۾ قديمي ۽ پراڻي اوائلي زماني کي “پٿرجو دور” لکيو ويو آهي. ان دور بابت تاريخ ۾ لکيل آهي ته تڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالوجي نالي ڪا شئي ڪانه هئي، علم ۽ عقل جو نالو نشان ئي نه هو، ڪو سماجي نظام نه هئڻ ڪري ماڻهن ۾ ماڻهپو، ادب، اخلاق، رحم ڪرم نه هو، رشتن جو تقدس ۽ ساڃاهه صفا نه هئي. ان دور جا اڻ سڌريل ڏاڍا ماڻهو ٻين هيڻن ماڻهن تي هلان ڪري انهن جا شڪار ڪري گڏ ڪيل کاڌ خوراڪ جا ذخيرا لٽ مار ڪري کڻي ويندا هئا بلڪه انهن هيڻن کي پنهنجو فتح ڪيل غلام بڻائي سموري حياتي تذليل جو نشانو بڻايو ويندو هو. پٿر جي دور جي ماڻهن کي کائڻ پيئڻ جو سليقو نه هو، ماڻهو ويچارا ڪچو، ڦڪو ، اڻ رڌيل کاڌو کائي پيا هضم ڪندا هئا، موسمي تبديلين کان بي خبر اوائلي ماڻهن جو شديد گرمي ۽ شديد سردي ۾ ساهه سُڪي ويندو هو. انگ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو لٽو ته هو ئي ڪونه باقي ماڻهن جي رهائش گھڻو ڪري جابلو غارون ، گھاٽا جهنگ ۽ ٻيلا هئا. باهه، پاڻي، برساتن، زلزلن ، بيماري سميت ٻين قدرتي آفتون جي ڄاڻ نه هئڻ ڪري اهي خطرناڪ آفتون کين لوڙي وجھنديون هيون. آڳاٽا ماڻهو هومواريڪٽس، هوموميگنان، هوموسيپين وغيره ذهني ۽ جسماني طرح اڻ مڪمل ماڻهو هئا. پٿر جي دور ۾ انساني زندگي جا حالات پڙهي الئه ڇو ڪا خاص حيرانگي نه ٿي؟ ارتقا جا مشڪل ترين مرحلا طئه ڪندڙ ڪائنات جي وجود ۾ لاتعداد تضاد اڄ به ڪر کنيو بيٺا ضرور آهن. پر پوءِ به ڪائنات جي تضاد کي فطري عمل جو حصو سمجھيو وڃي ٿو. ڪائنات ۾ ڪيتريون شيون اڄ به ممو بڻيل آهن. جيڪي اڃان تائين موٽن دماغن جون ڌڄيون اُڏايو ڇڏين پر ڀيڄي ۾ نٿيون وهن. هن جديد سائنس ۽ ٽيڪنالوجي جي زماني جي پٿر جي دور سان ڀيٽ ڪندي گھڻين ڳالهين ۾ مت منجهي پوندي آهي. ڄڻ هن زماني جي سائنسي ترقي دنيا جي روين کي بدلائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. نانگ جي ڪکيل ماڻهو لاءِ هن دور ۾ اينٽي سنيڪ وينيم ويڪسين ڇتي ڪُتي جي کاڌل ماڻهو لاءِ ويرورب ويڪسين، پوليو، ماتا، مليريا، ڪاري سائي سميت خطرناڪ مرضن جو علاج ممڪن بڻجي چڪو آهي، ماڻهن جا عضوا مشيني اسپئيرپارٽ جيئن بدلايا پيا وڃن، ايڊز ۽ ڪينسر جهڙين لاعلاج بيماري جي علاج لاءِ کوجنا هلندڙ آهي. پر افسوس جديد سائنسي ٽيڪنالوجي جي دور ۾ به ماڻهو جي ڏنگيل ماڻهو جو علاج دريافت نه ٿي سگھيو آهي. شهر اڏجڻ ترقي يافته سماج جي تهذيب ۽ تمدن جو اهڃاڻ آهن پر جبلن جي غارن مان نڪرندڙ نئون ماڻهو وڏن شهرن جي جھنگ ۾ ڦاسي پيو آهي. جتي وڏا بنگلا ۽ پلازا ننڍڙين جھوپڙين کي کائي ويا آهن. جيئن وڏيون مڇييون ننڍين مڇين کي کايو وڃن ۽ وڏين مڇين کي وري وڏا اجگر واڳون ۽ مانگر مڇ کايو وڃن. شاهي محلن ۾ رهندڙ نئين دور جو جديد ماڻهو ڀر ۾ اڏيل غريبن جي جهوپڙين تان سج جا ڪرڻا کسڻ جي ڪوشش ۾ آهي. پر وري جھوپڙين ۾ رهندڙ اڌ ڍاوا ماڻهو رات جو گھري ننڊ جو مزو ماڻين ٿا ۽ محلن ۾ رهندڙ وڏا ماڻهو ٻڪ گورين جو کائڻ کانپوءِ به سڪون جي ننڊ لاءِ ترسن ٿا. ڏاڍو اڄ به نسل در نسل هيڻن پورهيتن جي پگھر جي ڪمائي هڙپ ڪيو وڃي. هن نئين زماني جا طاقتور ٽولا ڪمزورن تي ڪاهون ڪري انهن جي جياپي جا ذريعا کسڻ لاءِ پٿر جي دور جي قديم ماڻهو کان وڌيڪ سرگرم نظر اچن ٿا. پٿر واري اونڌاهي دور جو ماڻهو جاهل هو پر اڄ جي تهذيب يافته ماڻهو جون روح کي رهڙون ڏيندڙ عادتون ، انتقام پسندي جي گھٽيا ۽ محدود سوچ ، رجعت پرستي ، اڻ برابري ، اوچ نيچ جو مت ڀيد، جنگ جو جنون ڪهڙو مهذب پڻو آهي.؟ هابيل ۽ قابيل کان شروع ٿيل خونريزي نئين دور جي جديد ماڻهو تي به ڇو دنگ نٿي ڪري؟ پٿر جي دور جو ماڻهو ته لٺن ، ڌڪن ۽ ڏڦن سان وڙهندو هو پر وسيع دنيا کي گلوبل وليج ٺاهي رهندڙ انساني حقن جو علمبردار ماڻهو ڪلاشن، رائفل، بندوقن، ايٽم بم ، ڊورن ۽ خودڪش حملن سان هن خوبصورت ۽ حسين ڪائنات کي رت سان وهنجاري ڇڏيو آهي. پٿر جي دور جا ماڻهو گاهه کائي به گذارو ڪندا هئا.اڄ به ايٿوپيا جهڙن ملڪن ۾ اهڙيون حالتون آهن جتي اشرف المخلوقات اڄ به بک جي بدترين بيماري ۾ پساهه پورا ڪري ٿي. ٿر جا لاتعداد معصوم ٻار غذائي کوٽ ۽ بيمارين جو سهي ۽ وقتائتو علاج نه ٿيڻ ڪري موت جو شڪار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي معصوم اڄ به موت جي منهن ۾ آهن. يعني پٿر جي دور ۽ هن جديد دور بابت جيڪڏهن ڪو آدمي ان خوش فهمي جو شڪار آهي ته هو “نئين دور جو ماڻهو آهي جنهن دور ۾ دنيا ترقين جي بلندين کي ڇهيو آهي” ان خيال تي سوچڻ جي ضرورت آهي. پٿر جي دور ۽ نئين دور جي حالتن تي ٿورو جائزو وٺڻ گھرجي.
    شڪاري دور ۾ خوراڪ طور ڪتب ايندڙ پکي ۽ جانور ناياب ڪونه هئا پر هن اناج جي زراعت واري زماني ۾ ڪيترائي جيوت انسان جي بک جي باهه ۾ سڙي راک ٿي ويا. انهن جي نسل ڪشي مان ثابت ٿيو ته انسان فطرت جو ڪيڏو تحفظ ڪيو؟ ۽ هن ڌرتي کي ساهه وارن لاءِ ٽامون بڻائڻ ۾ ڪا ڪوتاهي نه ڪئي نه ئي ڪا ڪسر ڇڏي آهي.
    


    چونڊن ۾ قومپرستن جي هارجڻ جا بنيادي سبب ڪهڙا آهن؟

    اسان جو ملڪ ٺهي کي ڇهون ڏهاڪو پيو هلي.ان وچ ۾ ڪئين لاها چاڙها آيا.لوليون لنگڙيون جمهوريتون، خطرناڪ فوجي راڄ رهيا. دنيا جي ٻين ملڪن ۾ عوامي انقلاب آيا. جن غيرجمهوري فيل مست بادشاهتن جي ڀاري بُرجن کي لوڏي ڇڏيو. سامراج جا ڇٽ پٽن سان لڳي ويا.عوامي انقلابي سيلابن اڳيان وڏا وڏا ستمگر ڊڪٽيٽر لڙهي ويا.هن وقت به دنيا تبديلي لاءِ پر ساهي پئي.ان سڄي صورتحال ۾ اسان وٽ اڄ به غلامي جا ڪارا ڪڪر گرجندا ٿا رهن. اسان جي ملڪ جي سياست غريب غُربي جي وس ۾ نه اڳ هُئي نه اڄ آهي. جنهنڪري اليڪشن فقط وڏن ماڻهن جي راند ٿي وئي آهي. سڄي ملڪ جي سياست تي چند سئو خاندان قابض آهن.جيڪي نسل در نسل ابن، ڏاڏن، پڙ ڏاڏن، نانن ۽ تڙ نانن کان وٺي هيستائين موروثي سياست جي واڳ مان هٿ ئي نٿا ڪڍن. اهيو به ڪنهن حد تائين نيم بادشاهتي نظام آهي. اهڙي بي فيض سياست ۽ جمهوريت عوامي خدمت بجاءِ ان طبقي جي ڪمائي جو ذريعو بڻيل آهي.اهڙي پيچيده صورتحال ۾ نظرياتي سياست ڪندڙ قومپرست ڌريون وڏيراشاهي، ميرن، پيرن ۽ سردارن وٽ يرغمال بڻيل نظام ۾ فقط پنهنجي ڌرتيءَ ۽ قوم خلاف ٿيندڙ سامراجي سازشن کي ٻنجو ڏيڻ خاطر گھڻو وقت سياسي جدوجھدن ۽ تحريڪن ۾ وقف ڪري قوم ۽ وطن جي خدمت ڪئي آهي.جنهنڪري انهن جواليڪشن وارو سياسي مورچو ڪمزور رهيو آهي. نتيجن ان محاذ غيرجمهوري قوتون چونڊجي اينديون آهن.جنهن ڪري قوم جو حقيقي آواز اعلى ايوانن تائين پهچڻ بجاءِ ٿاڦيل ماڻهو راڄ ڪن ٿا. ان سبب جي ڪري عوامي حقن جي لتاڙ ٿئي ٿي.سنڌ جا قومپرست انفرادي طور ته ڪڏهن اتحاد ٺاهي چونڊن ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. پر باقاعدي مضبوط رٿابندي سان اليڪشن کي سنجيدگي سان نه ورتو آهي. ٻيو ته عوام ٻن رخن ۾ هلي ٿو.قومي جدوجھدن جي رخ ۾ سنڌ جو عوام قومپرستن جي سڏ سان گڏ هوندو آهي پر جڏهن ووٽ ڏيڻ جو وقت اچي ٿو ته ساڳيا ماڻهو اليڪشن جي روايتي نعري بازي واري جذباتيت جي لهر ۾ لڙهي ويندا آهن.ان وقت قومپرستن جو ساٿ فقط سندن نظرياتي ڪارڪن ئي ڏيئي سگھندا آهن. ڇو ته گھڻو ڪري قومپرست ڌرين جي هيٺين سطح تي عوامي رابطو تمام گھٽ آهي. باقي عوام جي گھڻي اڪثريت خوف ۽ لالچ ۾ اچي شروع کان ويندي اڄ ڏينهن تائين يرغمال بڻيل آهي. ٻيو سبب هي به آهي ته جتي قومپرستن جي مرڪزي قيادت اليڪشن لڙي ٿي سڄي پارٽي جي سگھه کي اُن ئي تڪ تي استعمال ڪيو ويندو آهي. خرچ به اُتي ئي ڪيو ويندو آهي،جنهنڪري سڄي سنڌ جون نظرون ان تڪ تي کُتل هونديون آهن. باقي جيڪڏهن ان پارٽي جو ٻي ڪنهن تڪ تي اميدوار بيٺل آهي ته ان طرف مرڪزي قيادت پاران لاتعلقي يا ڌيان نه ڏيڻ وارو رويو هار جو سبب بڻجي ٿو. نتيجي ۾ اليڪشني سياست تي قابض بااثر قوتن سان ٽڪر کائيندڙ قومپرست اميدوار خرچ جي کوٽ، محدود مالي ذريعا ۽ اليڪشن جي داءَ پيچ کان اڻ واقف هئڻ ڪري ويڳاڻپ جو شڪار بڻجي اليڪشني آکاڙي جي سگھارين قوتن اڳيان جٽاءَ نه ڪري سگھندو آهي. پر جيڪڏهن مسلسل هر اليڪشن ۾ قومپرست ڌريون محنت سان حصو وٺنديون رهيون ۽ پنهنجي سياسي غلطين جو تنقيدي جائزو وٺي بهتري طرف وڌنديون رهيون ته مستقبل ۾ انقلابي نتيجن جي اميد ڪري سگھجي ٿي.
    


    بُحرانن کي حل ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيل بُحران

    اسان جي پياري ملڪ ۾ هر وقت مختلف قسمن جا سياسي بُحران ڪر کڻندا رهندا آهن. هون ته بُحرانن جي ڊگهي تاريخ رهي آهي پر مختصر طور ملڪ ۾ بُحرانن جي بُحران سبب وڏا بُحران پيدا ٿيندا رهيا آهن. وقت به وقت بُحرانن جي کوٽ کي مد نظر رکي نون گهاڙيٽن جا بُحران پيدا ڪيا وڃن ٿا. وڏي عرصي کان جلسن ۾ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جون زبانون پُڻ ترڪيو وڃن تنهنڪري هاڻ جلسن ۾ نعرن جو پُڻ بُحران نظر اچي ٿو.ملڪ ۾ بصر، پٽاٽا، تيل، گيس، بجلي جي بُحرانن ماڻهن جون متيون مُنجهائي ڇڏيون آهن. پاڻي جي بُحران سبب زرعي جنسن ۽ خوراڪ جو بُحران پيدا ٿي ويو . معنيٰ ته سيڙپ ڪارن پاران شين جو اگهه ٻيڻو وصول ڪرڻ لاءِ مصنوعي طور بُحران پيدا ڪيا ويندا آهن. سياسي بُحرانن جي ٻڌي جا واپاري به ڪاروبار ۾ ساڳئين قانون جا پابند آهن. اسان جو ملڪ شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين لاتعداد بُحرانن کي مُنهن ڏيندو رهيو آهي.امن ۽ انصاف جو بُحران ،عدليه آئين ۽ جمهوريت جو بُحران ، سياسي سماجي ۽ انساني حقن جا بُحران ملڪي تاريخ ۾ وڏو مسئلو بڻيل رهيا آهن. بُحرانن جي تخليقڪارن پاران پنهنجي وس آهر بُحران پيدا ڪري ۽ اُن کي پنهنجي ذاتي مفادن لاءِ ڊگهي عرصي تائين برقرار رکڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳايا وڃن ٿا. ملڪ ۾ بُحرانن واري موضوع تي تحقيق ڪجي ته هيستائين آيل بُحرانن پويان ڪهڙيون تاريخي حقيقتون لڪل آهن ۽ انهن بُحرانن جو ذميوار ڪير آهي؟ ملڪ ۾ سياسي بُحران پيدا ڪرڻ جا ماهر سياسي مستري تري تي جهموريت ۽ پوٺي تي انقلاب جي ڳالهه ڪري ملڪ ۽ عوام کي بُحرانن جي ور چاڙهي پاڻ به بُحران جي سونامي جو شڪار ٿي ويندا آهن. هڪ بُحران کان بچڻ لاءِ ٻيا بُحران پيدا ڪيا وڃن ٿا. بُحران مختلف قسمن جا ٿيندا آهن. سياسي بحران، سماجي بحران، عقلي، بحران، ايمان جو بحران، امن، عدل انصاف جو بحران، علم، ادب، شعور جو بحران، پيار، محبت، قرب، ڀائچاري جو بحران، ٻڌي، اتحاد، ايڪتا جو بحران، حق ۽ سچ جو بحران هن دنيا لاءِ وڏو سانحو آهي. هتي ڄڻ بُحرانن جون کاڻيون موجود آهن، بحران ڪرت ۽ ڪاروبار بڻجي چڪو آهي. تنهنڪري بحران جا واپاري ئي بحران جي ڌنڌي کي وڌائڻ خاطر سرگرم هوندا آهن. انهن واپارين جي دلچسپي مان ثابت ٿيو ته ملڪ مان بُحرانن جي ختم ٿيڻ واري امڪان کي مڪمل طرح رد آهي. هن پنهنجي ملڪ جي ماڻهن لاءِ نج، نبار ۽ سستا بُحران پيدا ڪري قوم ۽ وطن جي بي لوث “خدمت” ڪئي پئي وڃي. ملڪ جي سياسي صورتحال ساز گار نه هئڻ ڪري آمريڪا، برطانيا ۽ عرب ملڪن کان امپورٽ ٿيل بُحرانن جا ڪنٽينر هاڻ مدي خارج ٿي ويا آهن. ۽ مدي خارج بُحران صحت لاءِ نقصان ڪار آهن. اٻوجھه عوام بُحرانن جي فلسفي کي سمجھي چڪي آهي. هُنن کي خبر آهي ته انهن بحرانن مان کين ڪيترو فائدو ۽ ڪهڙو نقصان ٿئي ٿو؟
    جنهن ڏينهن ماڻهو بحرانن جي سياسي ڪاروبار کي سمجهي ويا ان ڏينهن مارڪيٽ ۾ بحرانن جي بازار بند ٿي ويندي. جڏهن عوام اُٿي پئي ته دوکي جون ديوارون ڪري پونديون. ڀاري برجن ۾ نه رڳو لرزش ايندي پر ڪري ڦاڪو ڪندا. ماڻهو وهه جو ڍڪ بڻجي جڏهن ترڪ عوام جيئن ميدان تي ايندا ته ڪو بحران نه ايندو. آمريت جا ابا ڏرڙن ۾ لڪي ويندا نه ته عوام کين اُڊوڙي ڇڏيندو.
    


    تنهن پاڻي پُنا ڏينهڙا

    پاڻي جو مسئلو جيئن پو تيئن سنڌ ۾ پيچيده صورتحال اختيار ڪندو وڃي. جنهن ڪري سنڌ مسلسل پاڻي جي کوٽ جي ڪري بنجر بڻجي رهي آهي. پر ان خطرناڪ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اعلى اختيارن پاران لاتعلقي سنڌ کي وڏو نقصان ڏيندي. “ارسا” ۾ سنڌ جي نمائيندن پاران سنڌ جي پاڻي جو ڪيس ڪڏهن مضبوطي سان وڙهيو ويو آهي؟ پنجاب پاڻي ٺاهن تي ڪڏهن پابندي سان عمل ڪيو آهي؟ جنهنڪري سنڌ سان سدائين ناانصافي ٿيندي رهي آهي. پاڻي جي 91ع واري ٺاهه، 3 درياهه وڪجڻ، ڊائون اسٽريم کان پاڻي هيٺ ڇڏڻ، موڳا ٽوڙڻ بابت ڪو قانون تي عمل ٿيو ئي ناهي. سال 2010ع ۽ 2011ع واري ٻوڏ ۾ ته “پاڻي مٿي جهوپڙا مورک اُڃ مرن ” واري صورتحال هئي پوءِ ته هر طرف گهوڙا ڙي گهوڙا بجاءِ پاڻي ڙي پاڻي ڀڄو ڙي پاڻي جا سڏ ۽ پڙاڏا هئا. سنڌو درياهه به “ڪڏهن من ماڪوڙي ڪڏهن ڪيهر شيهن” آهي. وڏي ادا پنجاب پاران شيهن درياهه کي سنگهرون وجهڻ جي ڪوشش ڪنهن حد تائين فطرت سان هٿ چراند ۽ ننڍي ڀاءُ جي حق ڦٻائڻ اصولي طور غير جمهوري حرڪت آهي. وڏڙن چيو آهي ته “پاڻي لٺ سان جدا نه ٿيندو آهي ” تڏهن ته وڏو ادا سنڌو درياهه جي پاڻي کي لٺ سان جدا ڪرڻ بجاءِ وڏا ڊيم ٺاهي بند ڏئي پاڻي کي جدا ڪيو آهي.

    متو آهين مڇ، ٿلها ٿو ٿونا هڻين،
    جاتو ڀائين اڇ ،تينهن پاڻي پُنا ڏينهڙا.

    پاڻي وڏي نعمت آهي پر ان نعمت تي سنڌ جو حق گهٽ سمجهيو وڃي ٿو. سنڌ جي پاڻي تي فيل مست انگريز بادشاهه جي دور کان ڌاڙن جي شروعات ٿي هئي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آهي ڪڏهن ته درياهه بادشاهه جي اوج ڏسي مرشد لطيف به چيو.
    “ دهشت دم درياهه ۾ جت جايون جانارن ”
    ۽ درياهه ۾ پاڻي جي برڪت جي ڪري سنڌ سرگ جو ڏيک ڏيندي هئي. تڏهن ته سائين سرويچ سجاولي به لکيو ته “جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون ” پر پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ جي اڄوڪي صورتحال تي آفتاب ڪلوئي جي شاعري ۾ سنڌ کي هين پسي سگهجي ٿو
    اڄ سُڃيون سُنسان آهن،
    ٻئي ڪنڌيو مهراڻ جون .
    اهو تاريخي حقيقت آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ پاڻي جي مسئلي تي سڀ کان گهڻا احتجاج ڪيا آهن. هر وقت سنڌ مان “پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا” جون صدائون گونجنديون رهن ٿيون. پر هن ديس جا راجا ملڪ مڙوئي مٺائي جا بيان جاري ڪيو اگهور ننڍ ۾ سُتل آهن. پاڻي جي کوٽ ۾ سڄي سنڌ متاثر ٿي آهي پر خاص طور تي ڏاکڻي سنڌ صفا بنجر بڻجي وئي آهي. هتي هاڻ فصل ته ڪڪرن جي آسري تي سڪي رهيا آهن. پر مُڙدن کي تڙ ڏيڻ لاءِ به پاڻي نه آهي. اُتي هاڻ پهرين درجي واري سبق ادا آ، ڀلي آ، پاڻي پي، سدا جيءَ، ۾ ترميم جي ضرورت آهي ڇو ته جتي پاڻي آهي ئي ڪو نه اُتي ميزبان مهمان کي پاڻي جي ڪهڙي صلاح هڻندو ؟ اڳي گهر جا وڏڙا صفائي سُٿرائي جا هدايت نامه جاري ڪندا هئا. امان مونکي ڊوڙائي ڊوڙائي ٻارڙن جي فوج هٿان گرفتار ڪرائي جبري طور وهنجاريندي هئي. هاڻ جيجل چوي ٿي ته ٻچڙا! پاڻي آهي ڪونه تنهنڪري هر مهيني جي سائي سومر تي وهجندا ڪريو. يا ڪپڙو پُسائي بدن کي هڻو. ڊگهي زماني کانپوءِ گوڏ ٻڌي وهنجڻ لاءِ غسلخاني تي ڪاهه ڪري وڃي نلڪو کوليم ته نلڪو ويچارو وهڻ بجاءِ ٽي ڦڙا لڙڪن جيئن پاڻي هاري روئي پيو. چيائين بس ادا! منهنجي پڄت ايتري هئي. پاڻي کاتي جي اڪابرين جو خيال آهي. ته سنڌ جا ماڻهو پاڻي لاءِ جدوجهد ڪرڻ بجاءِ اُڌارا آڻي آونگ چاڙين ۽ ڪارڙو ڪمبارڙو ڪن ته جيئن بارشون وسن باقي سيڊا، ايريگيشن، ارسا، جهڙا ادارا خبر ناهي ڪهڙي درد جي دوا آهن.؟
    


    اڃان ته رڻ گجي

    خاموشين ۾ ساهه وجھڻ خاطر سنڌ جا باشعور ماڻهو اونڌاهي ٻاٽ ۾انقلاب جي لاٽ ٻارڻ جي مسلسل ڪوشش ڪري رهيا آهن. ان ڪوشش ۾ ڦاهيون، ڦٽڪا، جيلون ۽ شهادتون ديس ڀڳتن جو مقدر بڻبيون رهيون آهن. ڌرتيءَ جا عاشق پتنگا مچ تي مڙي ساهه گھورڻ جي روايت کي برقرار رکيو اچن. اڄ به جڏهن سنڌ جو سڏ ٿئي ٿو ته پٽڪي ور پهچي وڃن ٿا. جنهن جو مثال ماضي جي سنڌ جي مزاحمتي تاريخ آهي. جنهن ۾ سنڌ هيمون، هوشو، دولهه درياهه خان، شهيد صبغت الله شاهه راشدي، روپلي ڪولهي جئين جنگ جي ميدان تي ثابت قدم ٿي پنهنجي ڌرتيءَ جي بچاءَ، حق حاڪميت، تشخص جي بحالي ۽ وجود جي جنگ وڙهي آهي. سنڌ جي ارڏن جي اٽڪي پوڻ واري تاريخ سنڌ دشمنن جي دل تي داغ آهي. ويجھي ماضي ۾ سنڌ جي اجتماعي حقن جي حاصلات لاءِ هلندڙ جدوجھدن ۾ سنڌ پاڻ ملهايو آهي. اينٽي ون يونٽ تحريڪ، سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو تحريڪ، ايم آر ڊي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽرٿل ڪينال خلاف اثرائتي تحريڪ کان ويندي ٻٽي نظام ۽ سنڌ جي تقسيم ڪري نوان صوبا ٺاهڻ واري سازش خلاف سنڌ جو باشعور عوام سياسي،سماجي، ذاتي ۽ نظرياتي اختلاف وساري قومي ٻڌي، اتحاد ۽ يڪجھتي سان جدوجھد ڪري پنهنجي محبوب ڌرتيءِ جو تحفظ ڪندي سنڌ دشمن قوتن جي خطرناڪ سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. معنى ته سنڌ ۾ رهندڙ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن جي عشق ۽ محبت جو محور سنڌ ماتا آهي. سنڌ جي گھڻ گھرُن ماڻهن پاران ڌرتيءَ جي قومي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪري سنڌ کي مستقبل جي خطرن کان بچائڻ لاءِ جاڳرتا ۽ جدوجھد جي نتيجي ۾ سنڌي عوام جو قومي شعور ۽ جذبا بلند ٿيا آهن. سنڌي ماڻهو مسلسل “نيٺ ڇا ڪجي؟” جي سوال تي هڪ ڊگھي عرصي کان سوچي پنهنجي مستقبل لاءِ فڪرمند رهيو آهي. سنڌي ماڻهن جي شعور جي بلندي قومي ڏهاڙن مان پسي سگھجي ٿي. سنڌ جي جدوجھد لاءِ ميدان تي ثابت قدم رهندڙ پارٽين جي لانگ مارچن، جشن لطيف، جلسن، احتجاجن ۾ سنڌي ماڻهو پنهنجي محبوب وطن جي وارثي ڪندي نظر اچن ٿا. هر طرف پٽڪن جا ور، ٽوپين جون ٽڪون جرڪن ٿيون. سنڌ جي ڳوٺن، واهڻ ۽ وستين ۾ ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين ڪشمور کان ڪراچي تائين، ڪوٽ ٻنڌي کان ڪوٽ ڏيجي تائين اجرڪ ڦلين جا خوبصورت رنگ رچن ٿا. هر طرف مچ ڪچهريون، ڏور، نڙ بيت، ڳجھارتون، موسيقي جون محفلون، مشاعرا، قومي گيت، هو جمالا آهن. سنڌ مست رقصان نظر ايندي آهي. سنڌ جي هن قومي ڏهاڙن تي سنڌ جي سنجيده سوچ رکندڙ باصلاحيت ڏاها، دانشور ۽ سنڌ دوست ذميوار فردن کي پهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين ۽ مظلوم ماڻهن تي ٿيندڙ ظلم، ڏاڍ ۽ جبر خلاف سگھارو آواز بلند ڪرڻ، ڌرتيءَ جي قومي وسيلن جو تحفظ ،علمي ميدان کي مضبوط ڪرڻ، اڻبرابري، لاقانونيت، جاگيرداري، وڏيراشاهي ختم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪرڻ گھرجي ته جيئن مستقبل ۾ سنڌ ۾ انسانيت، امن، سک، شانتي ۽ انقلاب جو سج اُڀاري سگهجي. هڪ نئين سنڌ جوڙجي جيڪا مرشد لطيف، سچل، شهيد شاهه عنايت، مخدوم بلاول ۽ سنڌ جي سمورن وطن دوست آدرشي انسانن جي خوابن جي ساڀيان واري سنڌ هجي.
    


    مان به خريديان ها کڻي، پر خوشي بازار جو سودو نه هئي

    هن وسيع جھان ۾ جتي آدم ذات لاءِ ڏک، تڪليفون ۽ پيڙاهون آهن اُتي خوشين جا ڏڻ به آهن. انهن سڀاڳن ڏهاڙن تي هن سماج جا هڪڙا اهي فرد آهن جيڪي پنهنجي ملڪيت جي ڪاٿي کان بي خبر آهن ۽ کين پتو ناهي ته وٽن پئسو ڪيترو آهي؟ ۽ ٻيا اهي پورهيت آهن جيڪي حياتي جو هر پل سخت محنت، جفاڪشي، مزدوري ۽ پگھر جو پورهيو ڪري پورهيتن جا هٿ هن دنيا لاءِ عيد جھڙين خوشين جو بندوبست ڪندي به پاڻ انهن خوشين کان محروم رهجي ويندا آهن. اهي خوشين جا ڏڻ انهن مزدور ۽ پورهيتن لاءِ غربت سبب خوشي گھٽ ۽ عذاب وڌيڪ ثابت ٿين ٿا جن جي ڪکائين جھوپڙي ۾ وڏي عرصي کان بک جي بدمست ڏائڻ وار کولي ويٺل آهي ۽ جتي چلهه برف جهڙي ٿڌي بڻيل آهي. ان چُلهي ۾ ماني پچڻ لاءِ ٽانڊن جا آثار به آثار قديم وارا ئي ٻڌائي سگھن ٿا ته هتي ماني ڪڏهن پڪي هئي؟ انهن مسڪينن لاءِ غربت، احساس محرومي، مالي هٿ منجھ، معاشي تنگدستي سبب انگ اگھاڙن معصوم ٻارڙن جي نه پورن ٿيندڙ انگل، آرن ۽ خواهشن جو صدمو، رانديڪن جي فرمائش جو مطالبو پورو نه ٿيڻ جي ضد ۾ ڀري بازار ۾ احتجاجن روئڻ، ڇڙيون هڻڻ ۽ ليٽي ليٽي ڀڀوت ٿي سڏڪا ڀرڻ جي ڪرڀ کي هڪ غريب پورهيت پيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو سمجھي سگھي؟ جيڪو ان ٻار جي معمولي خواهش پوري ڪرڻ جي سگھه نٿو رکي. ڳالهه آهي احساسن کي محسوس ڪرڻ جي ۽ محسوس تڏهن ٿيندو آهي جڏهن ماڻهو ڪائنات جي ان غم جي ڇهاءُ کي پنهنجي ذهن، ضمير، شعور، عقل، سمجھه، سُرت ۽ دل جي اکين سان ڏسندو آهي ته دل ۾ بي چيني جي سبب بڻجڻ لاءِ لاتعداد سوال پيدا ٿي پوندا آهن. اهي سوال هن سماج جي حساس دلين ۾ ٿوهرن جيئن چِڀن ٿا. اهي سوال ٿڌو شوڪارو بڻجن ٿا، هن لڱ ساڙيندڙ دوزخ جي باهه جهڙين هيٽ اسٽروڪ ڪندڙ گرمين ۾ فيڪٽرين ۽ ڪارخانن اندر رنگين سيويون ۽ پيهون ٺاهيندڙ پورهيتن جي گھرن ۾ ڪڏهن ڦوٽن جي داڳ جو هڳاءُ آيو آهي؟ ڪپڙي لاءِ ڪپهه پوکيندڙ هارين، ڪپڙي جي ملن ۾ دنيا جو انگ ڍڪڻ لاءِ مهانگا ۽ خوبصورت ڪپڙا ٺاهيندڙ پورهيتن ۽ هن ڊگھي لوڊشيڍنگ ۾ ڪپڙا سبيندڙ درزين جي معصوم ٻچڙن ڪڏهن عيد تي نوان وڳا پاتا آهن؟ وڏن ماڻهن جون پائي، لاهي اُڇلايل جتيون ۽ نيلامي ڪپڙا انهن جو نصيب ڇو آهن؟ بنگلا ۽ ماڙيون ٺاهيندڙ پورهيت جڏهن اهو ڪم مڪمل ڪندا آهن ته انهن اجگر بنگلن جي شاهي دروازن تي عالمي سامراجي اڻ اعلانيل قانون تحت دنيا جي غريبن لاءِ نو انٽري جو بورڊ لڳيو وڃي. گرمين توڙي سردين ۾ پٿر ڪُٽيندي، پيرن تي ٽائرن جا ٽيوب ٻڌي گرم ڏامر وڇائي خوبصورت روڊ ٺاهيندڙ مزدورن جون گاڏيون ڪڏهن انهن ڪارپيٽ رستن تي هليون آهن؟ عيد جي ڏينهن غريبن کي پنڻ جو حق به ٽٽل روڊن تي حاصل آهي باقي وڏن روڊن تي وڏيون گاڏيون بريڪ ئي نٿيون هڻن. عيد جي ڏينهن تي سينگاريل بازارن ۾ شيشي جي شوڪيسن اندر سجايل رانديڪن، مٺاين، ڪيڪ، پيسٽرين ۽ رنگ برنگي مشروب، آئسڪريم ۽ جوس جي دٻن کي فقط حسرت جي نگاهه سان گھوري ڏسڻ جي اڌ جمهوري حق کان به سيٺ جو دڙڪو غريب جي ان ٻار کي محروم ڪري ٿو جيڪو عيد جي ڏينهن تي خرچي ۾ مليل 20 روپين جو چتي لڳل نوٽ کڻي اٺ سئو اسي روپين جو رانديڪو مُلائي ٿو. ڪپڙن جي سپر مارڪيٽن ۾ به گتي ۽ رٻڙ جي بوتن کي پاتل ڪپڙا ۽ جوتا غريبن جي ٻن مهينن جي راشن کان به ٻيڻي رقم جا آهن. دنيا جي مالدار سرندي وارن ماڻهن کي ڪير ٻُڌائيندو ته عيد رڳو اوهان جي نازڪ ٻارڙن جي ڪونهي پر اوهان جي ٻنين، فيڪٽرين، ملن ۽ ڪارخانن تي نسل در نسل پيڙهين کان پورهيو ڪندڙ اوهان جي ڪڙمين، ڪاسبين مزدورن جي معصوم رڪ جهڙن ٻارڙن جون به عيد سان لاڳاپيل اڻ ڳڻيون خوشيون ۽ خواهشون آهن؟ جيڪڏهن دنيا جا چند ماياوتي ماڻهو موهه مان منهن ڪڍي کڻي حاتم طائي نه ٿين پر ٿورڙي دل وڏي ڪري ڪا ذرڙي سخاوت ڪن ته هن پرٿوي تي عيد جي ڀلاري ڏڻ تي ڪوبه مسڪين ماڻهو بکيو نه سمهي سگھندو. دنيا جا دولتمند ڌنوان لوڪ دل ۽ ضمير جا امير ٿين ته هن جڳ ۾ حقيقي عيد ٿي ويندي. غريبن جي پتڪڙن ٻارڙن جو به معصومڙو من آهي، انهن جي غريباڻي دل به نوان ڪپڙا، سيويون ۽ رانديڪن لاءِ آتي هوندي. پورهيت جي ننڍڙي نياڻي جي هٿن ۾ مهانگي شاپنگ سينٽر تان خريد ڪيل نه هي سهي پر ريڙهي تي وڪرو ٿيندڙ هرمال ڏهه روپين جو پلاسٽڪ جي چوڙين وارو بنڊل ملي سگهي ٿو. جيڪڏهن سرندي وارا معمولي ڪوشش ڪن ته هڪ برگر ٻار جي بوٽ، امير جي ڌيءَ جي ميڪپ ۽ وڏي صاحب جي عيد واري رات لاءِ بڪ ٿيل مهانگي شراب جي بوتل جي قيمت مان ڏهه کن غريب خاندان عيد ڪري سگھن ٿا. دنيا جي سماجي اخلاقن جي عظيم قدرن موجب عيد جھڙي خوشي جي ڪيفيت کي ملهائڻ لاءِ پنهنجي آس پاس، راڄ، ڀاڳ، ڳوٺ، پاڙي ۾ نهايت ئي باريڪ بيني سان نظر گھمائڻ گھرجي ته ڪٿي ڪو مسڪين غربت سبب عيد کان رهجي ته نه ويو آهي؟ ويجھڙائي ۾ ڪو قضيو ته ٿيل ناهي؟ پاسي ۾ ڪو بيمار يا ڏکوئل ته ناهي؟ ڀر ۾ ڪنهن مجبور بيواهه جو گھر ته ناهي؟ جي آهي ته انهن جي عيد ڪيئن ٿيندي؟ اسان جي ٺٺ ٺانگر واري عيد ڪنهن تي ٺٺولي يا چٿر ته ناهي؟ اسان جي اميراڻي عيد ڪنهن غريب لاءِ عذاب ته نه ٿيندي؟ ڪنهن لاءِ احساس محرومي ۽ احساس ڪمتري جو باعث ته نه بڻجندي؟ پهرين تاريخ تي ٿيندڙ پگھار کان اڳ پگهار کان ٻيڻو قرض کڻي زندگي جي هزارين خواهشن مان هرهڪ ساهه ڪڍڻ جهڙي خواهش کڻي حياتي جي گاڏي کي گھليندڙ هڪ گريڊ جي ملازم چوڪيدارن، قاصدن ۽ پٽيوالن جي عيد ڪهڙي هوندي؟ ڏهاڙي تي همالي ڪندڙ يا گڏهه گاڏي هلائڻ وارن ۽ تغاري کڻندڙ پورهيتن جي عيد ڪيئن هوندي؟ جيڪي روز پنهنجي صاحبن کان ويندي هر وڏي ماڻهن هٿان داٻا، دڙڪن جون صعوبتون سهي تذليل جو شڪار ٿيندي وقت کان اڳ پوڙها ٿين ٿا. پر ساڻن جُٺ جا رويا پيرسن نٿا ٿين. معاشرتي ڏيک ويک کان سواءِ هر سرندي وارو ڪنهن جي عزت، نفس ۽ جذبا مجروح ڪرڻ کانسواءِ لڪيل هٿن سان ڪنهن ضرورتمند غريب کي عيد ڪرائي ته هن سماج ۾ حقيقي عيد جا هزارين منظر پسي سگھجن ٿا. هر طرف خوشين جا انيڪ موتيا ٽڙي سگھن ٿا.
    عيد آهي ئي قرب، محبت، پيار، چاهت، ڀائچارو، يڪجھتي جو نالو، عيد آهي ئي انسانيت جي قدرشناسي جو احساس، عيد آهي ئي انهن ماڻهن سان جيڪي عيد نٿا ڪري سگھن. هر ماڻهو جي سمجھه، عقل، هوش، حواس، رويو ۽ سوچڻ جي سطح جا پيمانا مختلف ۽ پنهنجا پنهنجا آهن. هر انسان عيد کي پنهنجي سوچن جي آڌار تي سمجھي ٿو. هر ماڻهو ڪائنات جي حالتن، لقائن ۽ واقعن کي پنهنجي نگاهه سان ڏسي ٿو، سوچي ٿو، سمجھي ٿو ۽ ان تي عمل ڪري ٿو. ان ڪري انهن حالتن جا نتيجا به الڳ هوندا آهن. جيڪڏهن اسان عيد کي فقط پنهنجي دل جي هڪ طرفي خوشي جي ڪيفيت سان محسوس ڪنداسين ته دهشتگردن هٿان بي دردي سان شهيد ٿيل امجد صابري، روڊ حادثي ۾ بي وقتائتي موت جو شڪار ٿيل قومي فنڪار استاد الهڏني خاصخيلي، ڏوهارين هٿن ۾ يرغمال بڻيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي جوان پٽ اويس شاهه، اغوا ٿيل معصوم نياڻي فضيلا سرڪي ۽ عمران جوکيي جي گھرن ۾ گذرندڙ هيلوڪي عيد جي وڇوڙن، سڏڪن، دردن جي ڪيفيت جي محسوسات جي لمحن کي قطئي محسوس ڪري نه سگھنداسين؟ انهن گھرن ۾ عيد ڪيئن گذرندي؟ هيلوڪي عيد کي ڪاري ڏڪار ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين ۾ علاج نه ٿيڻ ڪري مري ويل ٿر جي معصوم ٻارڙن جي درد کي هينئي سان هنڊائينداسين ته عيد جون سيويون نڙي ۾ اٽڪي پونديون. ايلان قردي جي لڙهندڙ لاش جو تصور، جنوني سوچ جي ور چڙهي انتهاپسندن جي بم ڌماڪن ۾ اُڏامي ويل ساهن، دهشتگردي، ڦر، زناخوري، اغوا جي ور چڙهيل بي وس انسان، ڪاريون ڪري ڪٺل ڳاڙيون نياڻيون، ذاتي انائن ۽ مفادن جي مياڻي ۾ ڇتن ڪتن جيئن ڀوڪندڙ بندوقن هٿان شهيد ٿيل هن ڌرتي جي بي گناهه ماڻهن جي سوڳوار تڏن تي عيد ڪيئن گذرندي؟ اُتي نون ڪپڙن تي عطر جو ٻڙو ڪيئڻ سُهندو؟ اُتي عيد مبارکن جا ڀاڪر ڪيئن وصول ڪبا؟
    


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 343803
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 141622
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ