ڪتاب جو نالو: بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾
مصنف: الطاف شيخ
ڇپائيندڙ: پبلشر بابت ڄاڻ موجود ناهي
ڪيٽيگري: الطاف شيخ ڪارنر
شايع ٿيڻ جو سال:
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: سومر، 16 مئي 2016 ع
پڙهيو ويو: 2791 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 473 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي ڪو سنڌ باد ٿو سڏي ته ڪو سيلاني ٿو سڏي ته وري ڪو کيس سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ ٿو لکي، پر منهنجي نظر ۾ الطاف شيخ اسان لاء هڪ گائيڊ، هڪ استاد، هڪ ڄاڻو شخص هجڻ سان گڏ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجندو رهي ٿو.
پروفيسر ڊاڪٽر سليم ميمڻ
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • انتساب
  • مهاڳ
  • سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ
  • ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم
  • ريل بدران بس ۾ ممبئي وڃڻ
  • ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي
  • کنڊلا کان ڪيفي ورندا وان
  • ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا
  • شڪارپور جي نينگر جو اميري ڏي سفر
  • ممبئي جي روڊن تان هلندي...
  • ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون
  • ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِگائيڊ لائين
  • “ميرا رنگ دي بسنتي چولا، وارو شهيد
  • هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول
  • ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه
  • لالا لجپتراءِ روڊ، جڳجيت سنگهه ۽ ديشمک مارگ
  • جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر
  • ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ
  • “انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي”
  • ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي
  • نابين ماءُ لاءِ گهنٽا گهر ٺهرايو
  • ممبئي جي يهودي فئملي “ساسون”
  • ماڻهو منهنجي ديس جا
  • يهودي... اسان جا سوٽ ماسات!
  • ممبئي يونيورسٽي جو ماحول...
  • ماءُ جا اديب پٽ
  • هندو سنڌين تعليم کي قائم رکيو
  • ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج
  • مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي
  • ممبئي جا ۽ اسان جا فليٽ
  • شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ
  • ليکڪ ڪري تنهنجو مان مٿاهون آهي
  • اِن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه
  • ممبئي هڪ نظر ۾...
  • مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات
  • شهيد پاڳاري کي هو بچائي نه سگهيو...
  • بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون
  • ڳئون متر جا فائدا ۽ ناندي نر ڍڳو
  • ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين
  • ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي
  • پيار ڪري ڏس...
  • وائسر ئي گم
  • هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل
  • ممبئي جا Dhabawala
  • دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن
  • بمبئي جا ڌوٻي، پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا
  • شڪارپوري، شڪارپورڪر ۽ شڪارپور والا...
  • بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار
  • لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي
  • هاٿيءَ کي هندوستان نه گهماءِ...
  • پڙدي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع
  • بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي...
  • ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون
  • جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا
  • “سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا”
  • پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو
  • ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...
  • هِتان هُتان جون ڳالهيون
  • وهم واڪا ڪري ٿڪا آهن...
  • ڪولابا ۽ مالابار هِل ڪٿي آهن...
  • جناح هائوس کان دينا واڍيا تائين
  • بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون
  • ممبئي جو حاجي مستان ۽ Once Upon a Time in Mumbai

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ جا سڄڻو سلام ..........
    سنڌ سلامت سنڌي ٻوليء جي ڪتابن جي ذخيري کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ لاء ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن متعارف ڪرائڻ جو جيڪو سسلو شروع ڪيو آهي، ان سلسلي جو سترهون ڪتاب بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي سفرنامو هندستان بابت ناليواري سفرناما نگار الطاف شيخ لکيو آهي. الطاف شيخ سنڌ جو اهو ليکڪ آهي جنهن کي ڪو سنڌ باد ٿو سڏي ته ڪو سيلاني ٿو سڏي ته وري ڪو کيس سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ ٿو لکي، پر منهنجي نظر ۾ الطاف شيخ اسان لاء هڪ گائيڊ، هڪ استاد، هڪ ڄاڻو شخص هجڻ سان گڏ اسان لاء اتساهه جو سبب بڻجندو رهيو آهي.
    اسين ٿورائتا آهيون سائين الطاف شيخ جا جنهن نه صرف هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي ڏني پر ان سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ جي اجازت به ڏني. اوهان سڀني دوستن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين ، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.

    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    salamatsindh@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    انتساب

    ڳوٺ پير جهنڊي جي
    سائين پير فضل الحق شاهه نالي

    هي ڪتاب آئون پنهنجي ۽ آمريڪا ۾ اڄ کان اڌ صدي کن اڳ رهندڙ ڪيترن دوستن جي دلپسند شخصيت، هڪ پياري ۽ نيڪ انسان پير فضل الحق شاهه راشدي نالي ڪريان ٿو.
    ان سان گڏ سائينءَ ۽ سندس خاندان (پير جهنڊي واري خاندان) بابت مختصر احوال لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن ۾ گهڻا تڻا نه فقط فقير طبيعت جا ماڻهو، عالم ۽ درويش ٿي گذريا آهن، پر وطن جي آزاديءَ لاءِ پڻ هنن هر قسم جون قربانيون ڏنيون. اها ٻي ڳالهه آهي ته انگريز سرڪار پنهنجي حڪومت کي طول ڏيڻ لاءِ پڳ وارن توڙي هنن جهنڊي وارن پيرن جي انهن نيڪين ۽ حب الوطني جي جذبن کي ظاهر ڪرڻ بدران discredit ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان ٿيڻ بعد پنهنجين حڪومتن به انهن جي هيرو ورشپ نه ڪئي آهي. سچ ته اهو آهي ته اڄ جي نفانفسيءَ واري دور ۾ جڏهن هر ڪو ظاهري ڏيک ويک جو قائل ٿي پيو آهي، جتي هر شيءِ کي دولت ۽ سرڪاري عهدي جي ساهميءَ ۾ توريو وڃي ٿو، اتي اسان جو نوجوان مذهب ۽ وطن جي سچن عاشقن کي وساري ويٺو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ههڙن ماڻهن کان اسان جي ملڪ جي عوام ته ڇا سنڌ صوبي جا رهواسي به بي خبر ٿيندا وڃن. ٻيو ته ٺهيو هالا ۽ سعيد آباد جي ڪيترن پڙهيل ڳڙهيل ماڻهن کان کڻي پُڇ ته اهي به اڻ ڄاڻائي ۽ حيرت جو اظهار ڪن ٿا. ڳالهه اها آهي ته اسان جي نيڪ ماڻهن ۽ وطن جي آزاديءَ لاءِ جدو جهد ڪندڙن جي ڳالهه نه درسي ڪتابن ۾ آهي، نه انهن کي خراج تحسين پيش ڪيو وڃي ٿو. انهن جي نالن تي نه روڊ رستا آهن ۽ نه پارڪ پليون.
    آئون پاڻ کي خوش نصيب سمجهان ٿو ته منهنجي هن خاندان (جهنڊي وارن پيرن) جي ڪيترن ئي ماڻهن سان ملاقات ۽ دوستي رهي، سڃاڻپ ۽ ساٿ رهيو. اڄ انهن مان ڪيترا هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويا آهن، پر سندن مکڙا ۽ محبتون، ڳالهيون ۽ يادون دماغ ۾ تازا آهن. جيتوڻيڪ پير سائين سيد وهب الله شاهه رح (پير جهنڊي وارن جو ڇهون گادي نشين) کي جڏهن مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته آئون ان وقت ڏهن سالن جو مس هوس ـ يعني اها ڳالهه اڄ کان 56 سال اڳ جي آهي، جڏهن مونکي پنهنجو والد صاحب ڪڏهن ڪڏهن زمينن تي وٺي ويندو هو، جيڪي سعيد آباد جي ويجهو آهن. هو واپسيءَ تي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ پير سائين وهب الله شاهه ۽ ڳوٺ شهمير خان راهو ۾ وڏيري الهداد خان راهوءَ سان به ملندو ايندو هو. ڇا ته اهي ماڻهو هئا ! هڪ پيري فقيريءَ ۾ ته ٻيو وڏيرڪي دٻدٻي ۽ شان شوڪت کان! ٻئي راڄ لاءِ ابو امان ۽ ڇپر ڇانوَ هئا.
    اهو ٻُڌائڻ مناسب ٿو سمجهان ته پير سائين پاڳاري وارا ۽ پير جهنڊي وارا هڪ ئي ڏاڏي پير سائين محمد راشد شاهه جو اولاد آهن. جيڪي “روضي ڌڻي” جي نالي سان مشهور آهن ۽ سندن شجرو ستٽيهين پيڙهيءَ ۾ حضرت عليءَ ڪرم الله وجهہ سان ملي ٿو ـ يعني موجوده پير سائين پاڳارو شاهه مردان شاهه ثاني جن 42 ورهين پيڙهي آهي ۽ هيڏانهن جهنڊي وارن پيرن جو گادي نشين پروفيسر پير سائين عبادالله شاهه جن به حضرت علي ڪرم الله وجهہ جو ساڳيءَ پيڙهي ۾ اولاد آهن.
    پير سائين (روضي ڌڻي) بعد سندن پڳ سندن وڏي فرزند پير صبغت الله شاهه اول حوالي ٿي، جيڪو “ تجر ڌڻي” به سڏجي ٿو، جنهن جي اولاد مان موجوده پير سائين پاڳارو آهي. پير سائين روضي ڌڻيءَ کي افغانستان جي بادشاهه طرفان هڪ جهنڊو مليو، جيڪو هنن پنهنجي چوٿين نمبر فرزند سيد پير ياسين شاهه حوالي ڪيو ۽ کين حڪم ڪيائون ته توهان هي جهنڊو کڻي اسلام جي تبليغ ڪريو. ان جهنڊي جي حوالي سان هي ڀاءُ “پير جهنڊي وارو” سڏجڻ لڳو، جهڙيءَ طرح وڏو ڀاءُ پير صبغت الله شاهه اول “پير سائين پاڳارو” سڏجڻ لڳو.
    پير صبغت الله اول (تجر ڌڻي) بعد سندن پڳ سندس فرزند علي گوهر شاهه اول کي ملي، ان بعد هزب الله شاهه اول پير پاڳارو ٿيا، ان بعد شاهه مردان شاهه اول (موجوده پير پاڳاري جو ڏاڏو)، ان بعد شهيد سورهيه بادشاهه پير صبغت الله شاهه ثاني جن کي ديس جي آزاديءَ خاطر انگريزن جي حڪومت خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 20 مارچ 1943ع تي شهيد ڪيو ويو. سندن فرزند موجوده پير سائين پاڳارو) ان وقت 15 سالن جو هو. انگريزن کين سندن ننڍي ڀاءُ سميت 3 سال عليڳڙهه ۾ رکيو بعد ۾، 1946ع ۾ بحري جهاز ذريعي کين لِورپول (انگلينڊ) موڪليو، جتي نظر بند جي حيثيت ۾ هڪ پرائيويٽ اسڪول ۾ رکيو ويو. پاڪستان ٿيڻ بعد 1952ع ۾ سندن وطن واپسي ٿي ۽ دستاربنديءَ جي رسم ادا ڪئي وئي. 1954ع ۾ سندن شادي ٿي ۽ کين چار پٽ آهن: صبغت الله شاهه (راجا سائين) علي گوهر شاهه، صدرالدين شاهه (يونس سائين) ۽ چوٿون ننڍڙو حزب الله شاهه.
    پير صاحب پاڳاري ۽ سندن خاندان بابت آئون پنهنجن مختلف سفر نامن ۾ لکندو آهيان هتي ڪجهه احوال جهنڊي وارن پيرن جو ڪرڻ چاهيان ٿو، جنهن خاندان سان اسان جي دلپسند شخصيت پير فضل الحق شاهه جو واسطو آهي. پاڻ هن وقت عمر ۾ سڄي خاندان ۾ بزرگ فرد به آهن.
    جهنڊي وارا هي پير “پير سائين روضي ڌڻي” جي چوٿين نمبر پٽ پير سائين محمد ياسين (جيڪو پير سائين جاين وارو سڏيو وڃي ٿو) جو اولاد آهن، جن لاءِ مٿي ٻُڌائي آيو آهيان ته پير سائين روضي ڌڻيءَ پهنجي هن فرزند کي جهنڊو ڏنو ته هي کڻي اسلام جي تبليغ ڪريو. پير محمد ياسين شاهه (جاين واري پير) ۽ سندن ڀاءُ پير صبغت الله شاهه اول (تجر ڌڻي) جو پاڻ ۾ بيحد گهڻو قرب هو، جيڪو آئون ڏسان پيو ته اڄ به ٻنهي فئملين جي وچ ۾ هلندو اچي. ڪنگري هائوس ۾ ڪوفنڪشن ٿئي ٿو ته جهنڊي وارن پيرن جا به ڪيترائي وڏا توڙي ننڍا نظر اچن ٿا. ساڳي وقت جهنڊي وارن پيرن جي دستاربنديءَ کان شادين مُرادين تي موجوده پير پاڳارو توڙي ان جو اولاد نظر اچي ٿو.
    پير سائين جاين واري جي ولادت جو سال 1212 هجري آهي، پاڻ 1275هه ۾ وفات ڪيائين. تبليغ جي سلسلي ۾ کين مختلف ڳوٺن ۾ وڃڻو پيو ٿي. زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾ هنن لاڙڪاڻي ضلعي جي هڪ ڳوٺ ٺلاه شريف ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. وفات وقت سندن عمر 63 سال هئي، کين ست فرزند هئا، جن مان ٻه وڏا ننڍيءَ ڄمار ۾ بنا اولاد جي گذاري ويا، ان ڪري سندن وفات بعد سندن ٽيون نمبر پٽ سيد فضل الله شاهه پڳدار ٿيو، ڪجهه مڪان سازبازين ۽ اڻ وڻت ڪري کين شهيد ڪيو ويو. ان بعد پڳ سندس ڀاءُ سيد رشيد الدين شاهه عرف بيعت واري تي آئي. هو لاڙڪاڻي مان لڏي هالا جي ويجهو سعيد آباد ۾ اچي رهيا، جيڪا جاءِ “درگاهه پير جهنڊو” سڏجڻ لڳي. سندن روضو مبارڪ به انهيءَ درگاهه وٽ موجود آهي. پاڻ 1320هجري ۾ وفات ڪيائون.
    ان کان پوءِ سندن فرزند سيد پير رشد الله شاهه عرف “خلافت وارا” ، گادي نشين ٿيا. کين انگريزن سان سخت نفرت هئي، هندستان ۾ جڏهن تحريڪ آزادي شروع ٿي ته ان کان به پهرين هو سنڌ اندر ان جو بنياد وجهي ويٺا هئا. مولانا عبيدالله لغاري به سندن همعصر هو. فيبروري 1920ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ انگريزن خلاف جيڪا پهرين خلافت ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ان جي پاڻ صدارت فرمايائون. ان ڪانفرنس ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا شوڪت علي مرحوم جن به شريڪ ٿيا هئا. لاڙڪاڻي ڪانفرنس کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ساڳي قسم جي ڪانفرنس ممبئي ۾ به ٿي، جنهن ۾ پڻ شريڪ ٿيا. هندستان جي آزاديءَ ۾ سندن تمام وڏو Contribution رهيو آهي. سندن وفات بعد سندن وڏو پٽ سيد پير ضياءُ الدين شاهه صاحب جن گادي نشين ٿيا. پاڻ بيحد صابرين، شريعت جا پابند ۽ الله جا نيڪ ٻانها هئا. کين “صبر ڌڻي” سڏيو ويو ٿي، سندن ڄم 1340هه ۾ ٿيو ۽ وفات 1376 هه ۾. ان بعد سندن پڳ سندن فرزند سيد پير سائين وهب الله شاهه کي ٻڌائي وئي، جنهن بابت شروع ۾ لکي آيو آهيان ته هن وٽ آئون ننڍپڻ ۾ پنهنجي والد صاحب سان گڏ ويندو رهيس ٿي. هي اهي ڏينهن آهن، جڏهن موجوده پير سائين پاڳارو جي دستاربندي ٿي هئي ۽ منهنجو والد ٻڌائيندو هو ته هي ٻئي پير cousins ٿين. ان بعد آئون سگهوئي هالا ڇڏي پيٽارو هليو ويس ۽ ان بعد چٽگانگ. اسان جي زمينن جو ڪم منهنجو ننڍو ڀاءُ حاجي اشفاق سنڀالڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن هالا اچڻ ٿيندو هو ته هن جي هڪ بيحد پياري دوست سيد حامد شاهه سان به ملاقات ٿيندي هئي. ايتريقدر جو اسان جو ڀاءُ جڏهن پهريون دفعو ولايت جي سير تي ويو ته هن سان گڏ پير مرحوم حامد شاهه به هو. ڪڏهن سڪرنڊ، نواب شاهه يا خيرپور وڃبو هو ته ويندي يا موٽندي پير حامد شاهه جي بنگلي تي ترسي چانهه يا ماني کائبي هئي، هو اسان لاءِ ڀائرن وانگر هو.
    پير وهب الله شاهه جي 2004ع ۾ وفات بعد درگاهه شريف جهنڊي جو ستون گادي نشين پير سيد سائين عبادالله شاهه ٿيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽي ۾ پروفيسر پڻ آهي. پروفيسر عبادالله شاهه 29 جولاءِ 1953ع تي پير جهنڊي ۾ ڄائو. منهنجي پڇڻ تي شاهه صاحب کلندي ٻڌايو ته هن ڄم جي تاريخ مسوليني واري آهي. سال ٻڌي مون چيومانس ته سائين year وري آصف زرداري جي ڄم وارو اٿوَ. پاڻ پرائمري ۽ مڊل تائين تعليم پير جهنڊي ۾ حاصل ڪيائون. قرآن پاڪ سکڻ لاءِ کين ٽنڊو آدم جي مولوي منٺار فقير جي مدرسي ۾ وڃڻو پيو. مئٽڪ خواجه صاحب جي نواب شاهه واري اسڪول مان ڪرڻ بعد انٽر حيدرآباد جي ڪئنٽونمينٽ ڪاليج مان ڪيائون، جتي ذوالفقار مرزا، نويد قمر جهڙا مشهور سياستدان ۽ ڊاڪٽر فيروز ميمڻ دل جو ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽر منير جوڻيجو سندن ڪلاس ميٽ هئا.
    انٽر ڪرڻ بعد پير صاحب عبادالله شاهه سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي، جتي سبحان ميمڻ، سفير مسرور جوڻيجو ۽ ڪمشنر نور محمد لغاري جهڙا اڄ جا مشهور سرڪاري ڪامورا سندس ڪلاس ميٽ رهيا. پاڻ B.A انگلش ۾ ڪرڻ بعد M.A جرنلزم ۾ 1980ع ۾ ڪيائون. تعليم بعد کين سنڌ يونيورسٽي جي جرنلزم ڊپارٽمينٽ ۾ ئي نوڪري ملي، ان وقت پروفيسر الياس ابڙو صاحب يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هئو. ڪجهه عرصي کان پوءِ ان ڊپارمينٽ جو نالو ماس ڪميونيڪيشن رکيو ويو.
    پروفيسر پير عبادالله شاهه صاحب کي ولايت وڃي پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو ۽ هن 1988ع ۾ آمريڪا جي مسوري يونيورسٽي مان ڪميونيڪيشن ۾ M.A ڪئي. واپسيءَ تي پنهنجي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين ٿي رهيو. سال 2002 ۾ هنن سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ Centre for Rural Development & communication ٺاهيو ۽ پاڻ ان جا ڊائريڪٽر ٿيا. 2004ع ۾ سندن والد پير وهب الله شاهه جي وفات بعد مسند نشين ٿيا.
    منهنجي پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائون ته گهڻي کان گهڻي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کين هميشہ سندن وڏي ڀيڻ inspire ڪيو. هوءَ کانئن ڏهه سال وڏي هئي ۽ پاڻ اڃا ننڍو هو ته ان وقت کان هن جي هميشہ اها خواهش رهي ٿي ته سندس ڀاءُ مذهبي تعليم سان گڏ انگريزي علم به پرائي. پروفيسر صاحب ٻڌايو ته هن پير نٿي سڏائڻ چاهيو، پر پَڳ اچڻ تي هاڻ کين پير سڏائڻو پوي ٿو. اسان جو سائين سيد فضل الحق شاهه موجوده جهنڊي واري گادي نشين پير سيد عبادالله شاهه جو چاچو به ٿئي ته سهرو به جهنڊي وارن پيرن ۾ ڪيتريون ئي اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن، جن مان هڪ پير سيد محمد مهدي شاهه پڻ هو، جيڪو سيد پير سائين عبادالله شاهه جي ڏاڏي سيد پير ضياالدين جو ڀاءُ ۽ پير فضل الحق جو چاچو هو. پير سيد مهدي شاهه وڏي اثر رسوخ وارو ماڻهو هو، جنهن وٽ پير صاحب پاڳارو ۽ طالب المولى صاحب جن به صلاح مشوري لاءِ ايندا هئا. ساڻن ملڻ لاءِ صدر ايوب خان، محمد علي بوگرا، اسڪندر مرزا ۽ ايوب کهڙي جهڙيون اهم شخصيتون ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اينديون رهيون. پاڻ MLA (ميمبر ليجسليٽو اسيمبلي) به ٿي رهيا. سنڌ ۾ پير محمد مهدي شاهه جي مانيءَ جي وڏي هاڪ رهي آهي، جنهن بابت مشهور مزاحيه ليکڪ علي احمد بروهيءَ “مهدي شاهه جي ماني” جي عنوان سان ۽ قاضي عبدالمجيد عابد صاحب “جنهن جي ماني تنهن جي ڪاني” جي عنوان سان دلچسپ مضمون لکيا آهن. انهن ڏينهن ۾ لطيفو مشهور هوندو هو ته اسيمبليءَ جو ڪو ميمبر غير حاضر ٿيندو هو ته هن لاءِ چيو ويندو هو ته هن پير مهدي شاهه جي ماني کاڌي هوندي، جيڪا لذيذ هجڻ ڪري هرڪو گهڻي کائي ويو ٿي. مهدي شاهه ڪراچيءَ ۾ سنڌ مسلم سوسائٽيءَ ۾ رهندو هو. 1965ع ۾ سندن وفات ٿي. کين اولاد نه هو.
    پير فضل الحق شاهه جي هن چاچي کان علاه هڪ ٻيو چاچو پڻ مشهور شخصيت ٿي گذريو آهي، جنهن جي اولاد سان منهنجي تمام گهڻي ويجهڙائي رهي، اهو هو سيد محمد امام شاهه صاحب. سندن والد سيد پير رشد الله شاهه خلافت وارا انگريزن جي سخت خلاف هجڻ ڪري، انگريزن هن خاندان جو زور ٽوڙڻ ۽ کين تڪليفن ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي. ايتريقدر جو پير رشد الله شاهه جي تحريڪ کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ انگريزن “امن سڀا” نالي هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ پير رشد الله جي ڪيترن عزيزن ۽ هالا جي مخدومن کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا گهڻي ڪاميابي ماڻي نه سگهيا. انگريزن جي انهن تڪليفن دوران هن خاندان (پير جهنڊي وارن) ۾ ڪجهه لڏ پلاڻ به هلندي رهي. ان دوران پير رشد الله شاهه جو ٻيو نمبر فرزند سيد پير محمد امام شاهه جن سرهاري ڀرسان ڳوٺ شاهه آباد ۾ مستقل طور رهائش اختيار ڪئي. سندن روضو مبارڪ به ان ئي ڳوٺ ۾ آهي. کين هڪ فرزند هو سيد صدرالدين شاهه راشدي، پاڻ ڪجهه عرصو ولايت ۾ به رهيا ۽ سندن منهنجي والد سان سٺي دوستي هئي، جيڪا لڳي ٿو ته آمريڪا ۾ رهائش دوران ٿي. بهرحال آئون اڃا هالا ۾ پڙهندو هوس ته هڪ دفعو پنهنجي پيءُ سان گڏ سرهاريءَ ويو هوس، ان بعد سگهوئي هالا جو اسڪول ڇڏي ڪئڊٽ ڪاليج ۾ اٺين ڪلاس ۾ داخلا ورتم، جتي صدر الدين شاهه راشدي صاحب جا ٻه وڏا فرزند محمد امام شاهه ۽ سيف الله شاهه راشدي منهنجا ڪلاس ميٽ ٿيا ۽ منهنجي ڀر واري روم ۾ رهندا هئا. ان بعد وارن ڪمرن ۾ اسان جا ٻيا ڪلاس ميٽ مرحوم رفيع ڪاڇيلو، شوڪت جماڻي، ڊاڪٽر ضياءُ الدين شيخ جو پٽ سراج، ڊاڪٽر فهميدا حسين جو ڀاءُ مصباح الحق رهيا ٿي. پراڻيءَ واقفيت ڪري اسان جي سٺي دوستي رهي، پر شايد ڳوٺن سان واسطو هجڻ ڪري موڪلن ۾ ڪيڏانهن گهمڻ لاءِ وڃڻ بدران پنهنجي ڳوٺ کي ترجيح ڏني ٿي ۽ اسان جي انگريز پرنسپال ڪرنل ڪومبس جو اهو زور هوندو ته اسان پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ گهمڻ لاءِ وڃون. مونکي ياد آهي ته ڪرنل ڪومبس اونهاري جي موڪلن ۾ اسان نائين ڪلاس جي شاگردن کي هفتي لاءِ ڪوئيٽه گهمائڻ جو بندوبست ڪيو.
    امام شاهه ۽ مون ڪوئيٽه وڃڻ کان انڪار ڪيو. ڪرنل ڪومبس کي اها ڳالهه نه وڻي، هن اسان جي انگلش ٽيچر مسٽر عبدالله خادم حسين (جيڪو بعد ۾ تعليم جو فيڊرل سيڪريٽري ٿي رٽائرڊ ٿيو) کي چيو ته هنن کي convince ڪر. لنچ بعد ميس مان نڪتاسين ته ميس جي در ٻاهران سڀني ڪئڊٽن اڳيان (انهن ڏينهن ۾ هي ڪاليج عارضي طور ميرپور خاص ۾ هو ۽ ان وقت جملي شاگرد 50 کن مس هئا) هن اسان ٻنهي کي سمجهايو. آئون بيحد ڊڄڻو هوس ۽ هن جڏهن پڇيو ته هاڻ ٻڌايو ته ڪوئيٽه هلندئو يا نه، آئون چپ رهيس، پر امام شاهه اسان سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن هن زور سان ورندي ڏني:
    “مين کوئيڻه نهين جاؤن گا؟”
    مسٽر خادم حسين به هڪو ٻڪو رهجي ويو. ڪرنل ڪومبس جهڙي تعليمي ماهر پير مرشد جي حڪم ڪيل مشن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ، اسان جو انگلش ٽيچر وَر کنجي ته نڪتو هو، پر امام شاهه اصل وٺ نه ڏنس. خادم صاحب هڪ دفعو وري امام شاهه کي سمجهايو ته پٽ گروپ سان گهمڻ ۾ فائدا آهن وغيره وغيره، پر امام شاهه وري چيس.
    “هم کوئيڻه نهين جائيگا؟”
    “آخر کيون نهين جائيگا” مسٽر خادم حسين هاڻ ٿورو ڪاوڙ مان چيو پر سائين اڳيان به امام شاهه هو، تنهن بنا ڪنهن ڊپ يا رک رکاءَ جي ساڳي شوخيءَ سان وراڻيو.
    “هم ني بول ديا نه، هم کوئيڻه نهين جائيگا” مسٽر خادم چپ ٿي ويو.
    امام شاهه جي ڳالهائڻ جواهو اسٽائل اڄ به اسان کي ياد آهي ۽ اڄ به پراڻا دوست ننڍپڻ جون ڳالهيون ياد ڪندي امام شاهه جو اهو جملو ضرور ورجائيندا آهيون ته ““هم کوئيڻه نهين جائيگا”
    افسوس جو ٻئي ڀائر اسان کان جلد وڇڙي ويا.
    امام شاهه راشدي ۽ درگاهه جهنڊي جو موجوده گادي نشين پروفيسر پير عبادالله شاهه جن ماروٽ پڦاٽ ٿين، جو منهنجي پيٽارو جي ڪلاس ميٽ امام شاهه ۽ سيف الله شاهه جن جو ڏاڏو سيد محمد امام شاهه اسان جي پروفيسر صاحب پير عبادالله شاهه جو نانو ٿئي ۽ سيد فضل الحق شاهه جو چاچو.
    پڙهندڙ هيترو پڙهڻ بعد ضرور سوچي رهيا هوندا ته مون جهنڊي وارن پيرن جي ڪيترين ئي شخصيتن بابت لکيو ته هنن سان منهنجي ڪٿي۽ ڪيئن ملاقات ٿي، پر جنهن شخص نالي هي ڪتاب منسوب ڪري رهيو آهيان، ان بابت ته لکيو نه اٿم. اهو هاڻ لکان ٿو.
    جهاز راني ۽ جهاز سازي جي تعليم مڪمل ڪري مون 1968ع کان جهازن جي نوڪري شروع ڪئي ۽ شروع جا چار سال منهنجي جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ٿي، ان جو روٽ اهڙو رهيو ٿي، جنهن ۾ هن کي آمريڪا اچڻو پيو ٿي، خاص ڪري نيويارڪ ۾ ته ضرور آياسين ٿي. هي اهي سال هئا، جڏهن آمريڪا ۾ پاڪستاني ته ڇا انڊين به تمام گهٽ هئا. اسان جي ملڪ لاءِ ولايت معنى انگلينڊ ۽ يورپ هو. ڏورانهون ڏيهه هو. اسان جڏهن ست سمنڊ جهاڳي نيويارڪ پهچندا هئاسين ته اتي رهندڙ ٽنڊو قيصر جو رئيس نور احمد نظاماڻي، جهڏي جو مبارڪ ٽالپر، حيدرآباد جو عبدالرزاق شيخ، سليم شاهه، ٽنڊو جان محمد جو يوسف ڏاهري ضرور ملندا هئا، جن سان مادري زبان ۾ ڳالهائي خوشي ٿيندي هئي. سيد فضل الحق شاهه صاحب جن سان به اتي ئي ملاقات ٿي. هو سير و سياحت جو شوقين هجڻ ڪري نيويارڪ ايندا رهيا ۽ سندن ڳالهين ۾ جيڪو رس ۽ چس هو، ان اسان کي پنهنجو مداح بنائي ڇڏيو. پاڻ اسان سڀني کي بيحد قربائتا، اخلاق وارا ۽ انسان ذات جو خيال رکڻ وارا لڳندا هئا. سندن قرب ۽ دوستيءَ جو نه فقط آئون عاشق هوندو هوس، پر مونکان وڌيڪ نور احمد نظاماڻي ۽ عبدالرزاق شيخ (شالامار دڪان جو مالڪ) هوندو هو.
    اسان جهازي اهوئي سمجهندا آهيون ته جتي اسان جو جهاز هڪ دفعو آيو، اهو اتي ٻئي دفعي به ايندو رهندو.
    بهرحال هتي نيويارڪ ۾ ته اسان جو جهاز وري به چار سال ايندو رهيو، ان بعد منهنجي جنهن به جهاز تي بدلي ٿي ته اهو جهاز دنيا جي ٻين ملڪن ڏي ويندو رهيو ٿي ۽ اسان لاءِ سائين فضل الحق شاهه سان ملڻ هڪ خواب ٿي ويو. هتي انساني فطرت جي اها به ڪمزوري لکان ٿو، جنهن جو مونکي اڄ احساس ٿي رهيو آهي ته حيرت پڻ، ته اسان لاءِ پير فضل الحق شاهه ۽ نيويارڪ (آمريڪا) لازم ملزوم شيون هيون ۽ ڪڏهن به مون اهو معلوم نه ڪيو ته شاهه صاحب جو واسطو اسان جي پاڙي واري ڳوٺ پير جهنڊي سان آهي ۽ هو ڪو ڌاريو نه پر اسان جي ڀاءُ جي دوست مرحوم پير حامد شاهه ۽ سيد پير وهب الله شاهه جن جو ڀاءُ آهي. بهرحال نيويارڪ ۾ ساڻن ٿيل ملاقاتن بعد اٽڪل 40 سالن بعد ڪراچيءَ ۾ گذريل سال پير صاحب پاڳارو جي جنم ڏينهن جي سالگره تي ماني لاءِ جيئن اُٿيس ته سامهون هڪ نوجوان کي ڏسي ساڻس ڳالهائڻ تي دل چيو. منهنجي تعارف ڪرائڻ تي پاڻ پنهنجو نالو پير انعام شاهه راشدي ٻڌايو ۽ هن مونکي يڪدم سڃاڻي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ۽ ٻڌايو ته هو سيد فضل الحق جو فرزند ۽ پير حامد شاهه جو ڀائيٽو آهي. پير فضل الحق سائينءَ جو نالو ٻڌي مونکي نيويارڪ جا ڏينهن ياد آيا ۽ مون يڪدم نور احمد نظاماڻي کي ٽنڊو قيصر فون ڪري پڪ ڪئي. مونکي خوشي ٿي ته پير انعام سان مون زوريءَ ڳالهايو ۽ هڪ وڇڙيل پياري انسان سان ملاقات جو موقعو پيدا ڪيو. چاليهه سال وڏو عرصو آهي. سائين فضل الحق شاهه صاحب اڄ به وڏي عمر جي باوجود خوش مزاج ۽ خوش اخلاق آهن. سهڻو ۽ سمارٽ ته هو ننڍي لاڪون هئو، جو کين سڀ “سائين سهڻو” سڏين. سائين فضل الحق صاحب اسان کان 20 سال وڏو آهي، پاڻ 1924ع ۾ ڄاوا، بنيادي تعليم ڳوٺ جي مدرسي دارالارشاد مان حاصل ڪرڻ بعد هنن 1943ع ۾ دهليءَ مان طب جي تعليم حاصل ڪئي. پاڻ خذمت خلق خاطر حڪمت ڪندا رهيا آهن. هفتو کن اڳ مون کي منهنجي پيٽارو جي دوست ۽ نيويارڪ جي ساٿي ٽنڊو قيصر جي نور احمد نظاماڻيءَ هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌائي ته سندن ڳوٺ جي هڪ ماڻهوءَ کي هڏڪي (Hiccups) ٿي پيئي ته لهي ئي نه سو حيدرآباد جي ڊاڪٽرن کي ڏيکارڻ بعد ڪراچيءَ جي آغا خان اسپتال ۾ علاج لاءِ وٺي آيا، پر هو به ڪجهه نه ڪري سگهيا ۽ کين اهائي صلاح ڏنائون ته بهتر ٿيندو ته مريض کي علاج لاءِ ولايت وٺي وڃن. نظاماڻيءَ ٻڌايو ته سائين فضل الحق شاهه کي جڏهن خبر پيئي ته هن ان شخص کي ڳوٺ گهرايو ۽ ننڍن ڦوٽن کي چانهه وانگر پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، هن کي پياريائين ته هن جي هڏڪي بند ٿي وئي.
    ٽنڊو قيصر جا ڪيترائي ماڻهو جهنڊي وارن پيرن جا مريد آهن ۽ اسان جو نظاماڻي هميشہ پير سيد عبادالله شاهه (موجوده گادي نشين پير) جي ڳالهه ڪندو رهيو ٿي ته هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل ۽ نيڪ انسان آهي ۽ آئون اهوئي سوچي رهيو هوس ته ڄامشوري وڃڻ ٿئي ته پروفيسر صاحب سان ضرور ملان، اتي وري به انعام شاهه ڪم آيو. هن پنهنجي نياڻيءَ جي شاديءَ جو دعوت نامو موڪليو، جيڪا ڪراچيءَ ۾ ٿي رهي هئي. اتي منهنجي سيد پير عبادالله شاهه سان ملاقات ٿي ۽ ان ڏينهن خبر پيئي ته پير صاحب سائين فضل الحق صاحب جو ڀائيٽو به ٿئي ته نياڻو به، ان کان علاوه ان شاديءَ ۾ گهوٽ صاحب سيد ياسر شاهه سان ملي اها ڄاڻ به ان ڏينهن پئي ته اسان جي پيٽارو وارن شاهن جو واسطو به ساڳي (جهنڊي وارن پيرن جي ) خاندان سان آهي، ڇو جو گهوٽ جو والد سيد زينت الله شاهه، امام شاهه ۽ سيف الله شاهه بعد صدرالدين شاهه جو ٽيون نمبر پٽ آهي. ان شاديءَ ۾ سائين فضل الحق صاحب، پير صاحب پاڳاري جي پوٽي (صدرالدين شاهه جي پٽ) سيد محمد اسماعيل شاهه سان به ملرايو، جيڪو سندن وڏي پٽ ناصر شاهه (جيڪو آمريڪا ۾ رهي ٿو) جو نياڻو آهي.
    ان شاديءَ ۾ پير فضل الحق شاهه پنهنجي خاندان جي ٻين به ڪيترن ئي پڙهيل ڳڙهيل نوجوانن سان ملرايو، جن مان هڪ فيض رسول شاهه پنهنجي ذهانت ۽ Sense of humour ڪري هن وقت به ياد اچي رهيو آهي. سيد فيض رسول شاهه، سيد سعدالله شاهه جو فرزند آهي ۽ هن وقت حيدرآباد ۾ جج آهي. سندن ڏاڏو سيد شمس الحق شاهه اسان جي سائين پير فضل الحق صاحب جو وڏو ڀاءُ آهي. سيد پير وهب الله شاهه (پروفيسر عبادالله شاهه جن جو والد) ٻيو نمبر ڀاءُ آهي، ٽيون نمبر ڀاءُ پير فضل الحق ۽ اسان جي ننڍي ڀاءُ هاجي اشفاق شيخ جو دوست مرحوم سيد حامد شاهه سندن پنجون نمبر ڀاءُ هو. پير حامد شاهه کان ڪجهه وڏو سندن چوٿون نمبر ڀاءُ مرحوم پير مظهر الحق شاهه کان اسان جا اديب، شاعر ۽ فلمي دنيا جا شوقين تمام گهڻو واقف آهن، پاڻ هڪ وڏو زميندار هوندي به سادي طبيعت وارو هو. پاڻ سنڌي فلمن کي مٽيارين واري فاضلاڻي شاهه ۽ اسد شاهه سان گڏ هٿي ڏياري.
    هن تقريب ۾ سائين فضل الحق ساهه صاحب سندن خاندان جا ٻه ٻيا نوجوان ڀائر ڊاڪٽر محمد مصطفى شاهه ۽ ڊاڪٽر روشن الدين (عبدالحئي شاهه صاحب جا فرزند) پڻ ملرايا. هتي اهو ٻڌائيندو هلان ته جهنڊي وارن پيرن جي ٽئين گادي نشين پير رشيد الدين شاهه (بيعت واري) جا ٻه پٽ سيد امام الدين شاهه۽ سيد محمد حسين شاهه لاڙڪاڻي ۾ پنهنجن وڏن جي ڳوٺ ٺلها شريف ۾ وڃي رهيا. ان بعد سيد امام الدين شاهه جو چوٿين نمبر پٽ سيد محمود شاهه موٽي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. مٿيان نوجوان هن صاحب جا پوٽا آهن. محمد مصطفى شاهه ڄام شوري مان MBBS ڪئي ۽ ڊاڪٽر آهي ۽ سندس ننڍو ڀاءُ جيڪو Ph.D ڊاڪٽر آهي، تنهن مهراڻ يونيورسٽيءَ مان B.E مڪينيڪل انجنيئرنگ ڪرڻ بعد ڊاڪٽوريٽ انگلينڊ مان ڪئي ۽ اڄڪلهه مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر ۽ ڊائريڪٽر آهي.
    هتي سيد محمود شاهه جي شاعريءَ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندي، سندن تخلص “ساحل راشدي” هو ۽ پاڻ سنڌي، عربي، فارسيءَ ۾ شعر چيا اٿس. سندن شعر مڪمل ڪتابي صورت ۾ ڇپيا آهن يا نه، پر مون اهي هالا جي جهونن شاعرن کان ضرور ٻڌا آهن. مخدوم طالب المولى صاحب جن وٽ ڳوٺ اچڻ تي ملڻ لاءِ ضرور ويندو هوس، اهي هميشہ ساحل راشدي جي شاعري جي تعريف ڪندا هئا. سندن وفات واري سال 1977ع ۾ آئون هالا ۾ ئي هوس ۽ مخدوم صاحب جن وٽ ان وقت ويٺل ڪيترن ئي ماڻهن ڏک جي اظهار سان گڏ سندن شاعريءَ جي واکاڻ پئي ڪئي. هتي مان سندس هڪ ٻه شعر ڏيان ٿو.
    نه پئسو آ نه پائي آ،
    نصيبن ۾ گدائي آ،
    جڳهه گهر جي پرائي آ،
    مدد ڪر منهنجي پيرپاڳارا.


    نه پئسو آ نه پائي آ،
    نه مائي آ نه ڀائي آ،
    هيءَ ڪرمن جي ڪچائي آ،
    مدد ڪر منهنجي پيرپاڳارا.

    سندن هڪ ڪافيءَ جا بند هن ريت آهن :
    تنهنجي سونهن سڄڻ حيران، مستان ڪيو.
    ناز نظر جي هڪ ئي اشاري، ڄاڻي ٿو سبحان،
    غضب ايمان ڪيو.
    جاني جدائي تنهنجي، سراسر جلائي جند جان،
    جگر برباد ڪيو.
    عشق جو آواز وڌي ويو آ ـ موت آهي مهمان
    تنهنجو در مان ڪيو . . .

    “ساحل راشدي” صاحب اڙدؤَ ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندن پوٽي ڊاڪٽر مصطفى سندن هڪ طنزيه شعر هن ريت ٻڌايو :
    پی لیا کرو ایک گھونٹ ھی سھی
    روز نہ سھی ھفتے و ماہ میں
    مانا که مزه هي پرسائي میں
    مگر تم کيا جانو جو مزه هي گناه میں

    سندس هڪ ٻيو اڙدو شعر آهي
    شاعرون کي هوگئي بهتات
    گويا شعر کي پڙي برسات


    شاعري شاعري نهين اب تو
    شاعر بن گئي هي رب کي ذات

    قافيه بندي کو شاعري کهه کر
    خوب ديتي هين شاعري کو مات ـ

    سائين پير فضل الحق شاهه صاحب ٻڌايو ته ساحل راشدي جي ڪافين جا رڪارڊ به آهن، جيڪي گراموفون وارن ڏينهن ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويا ٿي.
    شاعريءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڙهندڙ جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان ته پير جهنڊي جي خاندان ۾ ڪيترائي شاعر ۽ اديب ٿي گذريا آهن، جن مان پير سائين سيد رشدالله خلافت وارو (چوٿون گادي نشين) پڻ هڪ آهي. پاڻ تمام گهڻي شاعري ڪئي اٿن. سندن شاعريءَ جو مجموعو “پير رشدالله شاهه جي شاعري” جي نالي سان 1995ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. پاڻ تقريباً ستر کن ڪتاب لکيا اٿن، جن مان اڪثر ڪتاب فقيہ تي آهن. انهن مان ڪجهه ڪتاب ڇپيا ته ڪي ڇپجي نه سگهيا.
    پير سائين رشدالله جي ولادت 1860ع ۾ ڳوٺ جهنڊي، تعلقي هالا ۾ ٿي. پاڻ پنهنجي وقت جو لاجواب عالم، بي نظير شاعر، بي مثال فقيہ، عظيم مفسر ۽ شعله بيان خطيب ٿي گذريو آهي. سندن تعليم ۽ تربيت چوٽيءَ جي عالمن جي نگرانيءَ هيٺ ٿي. سندن استادن ۾ قاضي عبدالغني ڪيريو کڏهري، مولوي قاضي فتح محمد نظاماڻي ۽ مولانا عبيدالله سنڌيءَ جهڙا جيد عالم شامل آهن.
    پير سائين رشد الله سنڌ جي جڳ مشهور درسگاهه “مدرسه دارالارشاد” جو باني آهي جنهن مدرسي مان اسان جو پير فضل الحق، پير عبادالله توڙي مخدوم غلام محمد ۽ مخدوم غلام حيدر جهڙن اهم ماڻهن علم حاصل ڪيو. پاڻ هي مدرسو 1901ع ۾ ڳوٺ جهنڊي ۾ قائم ڪيائون. سندن اها خذمت سنڌ جي سرزمين تي هڪ وڏو احسان آهي. هن مدرسي ۾ سنڌ ته ڇا بلڪه هندستان، ايران وچ ايشيا کان شاگرد ڪشالا ڪري ايندا هئا ۽ مدرسي جي تعليم کان مستفيض ٿي ڏورانهن ڏيهن ۾ علم جي روشني پکيڙيندا هئا. هن مدرسي ۾ شروع ۾ مولانا عبيدالله سنڌي، مولانا عبدالله لغاري، مولانا محمد احمداڻي ۽ مولانا نجم الدين جهلم وارو جهڙا يگانا عالم تعليم ڏيندا هئا. پير سائين رشدالله شاهه (خلافت واري) جي وڏن جي هڪ لائبريري هئي، ان ۾ هن ايترو ته واڌارو ڪيو جو اهو ڪتاب خانو هندستان جي معياري ڪتب خانن مان هڪ شمار ڪيو ويندو هو. پاڻ هڪ وڏو عالم ۽ محقق هو ۽ اڄ به سنڌ جا اديب، شاعر ۽ پڙهيل ڳڙهيل طبقو کين “علامه” سڏي ٿو. سنڌيءَ جي مشهور اخبار “الوحيد” به پير رشد الله شاهه ۽ مولانا تاج محمد جي ڪوشش سان 1919ع ۾ شروع ٿي، جنهن مسلمانن ۾ خوب جوش جاڳايو. اها خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته ههڙي عظيم انسان جي سماجي، ديني ۽ علمي خذمتن بابت ڳوٺ امين لاکي جي هڪ اعلى تعليم يافته ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جن Ph.D ڪئي آهي.
    ادب ۽ شاعري جي ڳالهه نڪتي آهي ته ٻه سٽون اسان جي همعصر اديب ۽ شاعر پير عبيد راشدي بابت به لکندو هلان، جنهن سان پڻ ان رات پير زينت الله شاهه راشديءَ جي پٽ جي شاديءَ ۾ ملاقات ٿي. عبيد راشدي پير فضل الحق جي ڀاءُ پير شمس الحق شاهه مرحوم جو پوٽو آهي. پاڻ آزاد نظم ۽ افسانا نويسيءَ کان مشهور آهي ٻه سال اڳ کيس انيس اڪيڊمي لاڙڪاڻي طرفان بهترين ڪهاڻيءَ تي ايوارڊ به مليو هو. پاڻ پهرين جون 1957ع تي ڳوٺ پير جهنڊو ۾ ڄائو، جتان پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ بعد مئٽرڪ نيو سعيد آباد هاءِ اسڪول مان ڪيائين ۽ انٽر سروري اسلاميه ڪاليج هالا مان ڪيائين. پاڻ M.A پوليٽيڪل سائنس ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪئي اٿس. 1990ع کان افسانا لکي رهيو آهي. ويجهڙائيءَ ۾ سندس 25 افسانن جو مجموعو “ڳالهيون ڪندي ڪاڪ جون” ڇپيو آهي هن وقت سندس هڪ آزاد نظم ياد اچي رهيو آهي :

    چانڊاڻ کي بادلن سان پريت ونڊيندي،
    سمنڊ هيڪلائپ وچان، سکڻو ٿر ٿلو مچائيندي،
    واريءَ تان پريمين جا پيرا ڊاهي
    ڪجهه نه پائيندي،
    پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويو. . .

    بهرحال مونکي پير فضل الحق شاهه صاحب جن جي خاندان ۽ هڪ وڏي gap بعد ساڻن ملي بيحد خوشي ٿي، جنهن جو اظهار هي پنهنجو “سفرنامو” سندس نالي منسوب ڪندي فخر محسوس ڪريان ٿو. شل رب پاڪ کين وڏي ڄمار، صحت، تندرستي ۽ خوشيون عطا ڪري.
    خلوص مان
    الطاف شيخ
    ڪراچي
    20 مئي 2011ع


    مهاڳ

    سفر حيرت ۽ نئين جستجوءَ جو ذريعو آهي ۽ نئين تجربي جو خالق پڻ، سفر ذريعي ئي گلستان ۽ بوستان جي تخليق ٿي، سفر نه هجي ها ته سعدي به نه هجي ها.
    ڏٺو وڃي ته هر ماڻهو گهمندڙ ڦرندڙ سفر نامو آهي، ڪو ننڍو ته ڪو وڏو. پنهنجي اندر ۾ سفر ڪري ٿو ته ڪو ٻاهر ۽ ڪو ٻنهي رُخن ۾، حقيقت ۾ سفر ذات ۽ صفات جي بيان جو اهم وسيلو پڻ آهي. اندروني سفر نهايت ڏکيو هوندو آهي. اصطلاحاَ ان کي روحاني تجربو، مذهبي تجربو ۽ صوفين جو تجربو ڪوٺجي ٿو.
    سفر ۾ سياحن يا مسافرن ڪنهن دور ۾ پنڌ، ته وري ڪڏهن اٺن، گهوڙن ۽ گڏهن تي سفر ڪيا، پر ڦيٿي جي ايجاد زندگيءَ جي انساني تصور ۾ اوچتو وڏي ڦير گهير آندي، ڇاڪاڻ ته کيس تڪڙو پهچڻ جي سهولت حاصل ٿي ويئي. سمجهيو وڃي ٿو ته ڦيٿي جي ايجاد 2700 قبل مسيح ۾ مصر ۾ ۽ 2500 قبل مسيح ۾ سنڌ ۾ پهچي چڪي هئي. ان انقلابي ايجاد نه فقط زميني مفاصلن کي گهٽائي ڇڏيو، بلڪه وڌيڪ ايجادن ته هوائي سفرن کي به گهٽائي ڇڏيو آهي.
    حقيقت ۾ سفر انساني جبلت ۾ شامل آهي، مون کي ياد آهي ته جڏهن اسين ننڍا هوندا هئاسين ۽ خبر پوندي هئي ته حيدرآباد کان ڪراچي، سکر يا ٻئي ڪنهن شهر وڃڻو آهي ته سفر جي خوشيءَ ۾ رات جو ننڊ ئي ڪونه ايندي هئي. سياح يا مسافر دنيا جي عجائب خانه ڏسڻ لاءِ نوان ملڪ، نيون جايون، شهر، انهن جون رسمون ۽ رواج ڏسڻ لاءِ نه فقط آتو رهي ٿو بلڪه ان کي ڏسي خوش به ٿئي ٿو ۽ کيس ذهني آسودگي، تجربو ۽ مشاهدو پڻ حاصل ٿئي ٿو. ڪروڙين انسان هر وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ٻارهوئي سير ۽ سفر ۾ رڌل نظر ايندا، ايتريقدر جو نوان پرڻيل جوڙا به هني مون لاءِ ٻين شهرن يا ملڪن ۾ وڃي، زندگيءَ جون اهي اهم گهڙيون گذارڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
    ڪا به لکت جڏهن ليکڪ جي قلم مان نڪري ٿي ۽ فن جون گهرجون پوريون ڪري ٿي ته ان کي ادب ۾ اهميت ملي ٿي، سچ ته اهو آهي ته سفرنامو ادب جي نه فقط هڪ مستند صنف آهي، بلڪه ليکڪ جيڪو خارجي دنيا جو مسافر آهي، اندران ۽ ٻاهران مواد گڏ ڪري پنهنجي تجربن، مشاهدن، وارداتن ۽ خيالن ۾ پنهنجي سوچ، جذبن ۽ محسوسات کي پيش ڪري ٿو. لفظ پاڻ ئي ٽمندا، تخليق جو حصو بنجي وڃن ٿا ۽ پڙهندڙ جي ذهن جي پردي تي، ان ملڪ، شهر يا ڪنهن جڳهه جو عڪس چٽيو ڇڏين. سفرنامو حقيقت ۾ لکندڙ جي شخصيت جو اولڙو به هوندو آهي، جهڙو ليکڪ، اهڙوئي سفرنامو.
    سفرنامو سنڌي ٻوليءَ جي هڪ بيانيه صنف آهي ۽ اڄڪلهه سنڌي ٻوليءَ ۾ تمام گهڻا سفرناما لکجي رهيا آهن. جيڪو به ملڪ کان ٻاهر يا شهر کان ٻاهر نڪري ٿو ته کيس سفرنامي لکڻ لاءِ اتساهه ملي ٿو. ڪن جا سفرناما دلچسپ، وڻندڙ ۽ اثرائتا آهن، ته ڪن وري پنهنجي شهرت لاءِ پاڻ ڪتاب ڇپرائي ان ميدان ۾ پنهنجو نالو شامل ڪرايو آهي.
    الطاف شيخ البته انهن سڀني سفرنامن تخليق ڪندڙن کان مختلف ۽ منفرد آهي، هيل تائين سندس اسي سفرنامن جا الائي ڪيترا ڇاپا اچي چڪا آهن ۽ چار سفرناما ڇپائيءَ جي مختلف مرحلن ۾ آهن.
    الطاف شيخ سان منهنجي پهرين گڏجاڻي 1965ع جي وچ ڌاري ڊي جي سنڌ ڪاليج جي ميٺارام هاسٽل ۾ ٿي. منهنجو وڏو ڀاءُ عبدالستار ميمڻ (جنهن جو تازو لاڏاڻو ٿيو آهي) انهن ڏينهن ۾ P.I.D.C ۾ جيالاجسٽ طور مقرر ٿيو هو ۽ پنهنجي دوست اڪبر منگيءَ سان گڏ ميٺارام هاسٽل ۾ سندس ڪمري ۾ رهندو هو (اڪبر منگي سکر جي منگين مان هو، P.I.A ۾ نوڪري ڪندو هو ۽ ڪافي عرصو اڳ گذاري ويو). مان اڪبر منگي، جيڪو ان وقت B.Sc. جو شاگرد هو، جي ڪمري تي پهچي، ٻاهران در کڙڪايو ته ڪنهن اندران موٽ ڏني : Com in مان ڪمري ۾ گهڙيس ته هڪ خوش شڪل صاحب ميز ڪرسي تي ويٺو پڙهائيءَ ۾ مشغول هو. مون کي ڏسي مرڪيو، هٿ ملائي ويهڻ لاءِ چيائين. مان ان کان اڳ اڪبر منگيءَ سان ڪونه مليو هئس، تنهنڪري کيس ئي اڪبر منگي سمجهي، ڳالهائيندو رهيس، پر مون کي پوءِ احساس ٿيو ته هي صاحب اڪبر منگي ڪونهي، ان مرحلي تي هو مُرڪيو ۽ چشمي اندران پنهنجي مخصوص انداز ۾ گول گول اکيون ڦيرائيندي چيائين، مان الطاف شيخ آهيان، الطاف شيخ سان اها منهنجي پهرين ۽ اتفاقي ملاقات هئي، ان کانپوءِ مان ڪيئي دفعا اڪبر منگيءَ سان سندس نارٿ ناظم آباد واري گهر ويس ۽ اهڙي ريت گڏجڻ جو سلسلو وڌندو رهيو.
    1967ع ۾ اڪبر منگي B.Sc. ڪري يونيورسٽيءَ جي مائڪرو بايولاجي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي، ۽ اسان جي دوستي وڌي اڪبر منگي لارڊ قسم جو شخص هو، ۽ ان دور ۾ پنهنجي هڪ پري جي مائٽياڻيءَ تي عاشق هو، جيڪا فيڊرل B ايريا ۾ رهندي هئي، ۽ ڪنهن طريقي سان ان جي مائٽن کي راضي ڪيائين ته هو کيس مفت ۾ ٽيوشن پڙهائيندو. ٽيوشن ته هو کيس پڙهائيندو هو يا نه، پر اهڙي ريت اڪبر کي انهن جي گهر آزاديءَ سان اچڻ وڃڻ جو لائسنس ملي ويو، پر اڪبر ايترو پري اڪيلو وڃڻ ڪونه چاهيندو هو، هو ڪڏهن مون کي ۽ ڪڏهن الطاف شيخ کي وٺي ويندو هو ۽ اسان کي گهر ٻاهران ڏيڍ کان ٻه ڪلاڪ خوار ٿيڻو پوندو هو. اهو سلسلو ڪافي عرصي تائين هلندو رهيو، پر ان جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو، ڇاڪاڻ ته ڇوڪريءَ کي اڪبر سان دلچسپي پيدا نه ٿي، يا هن جو آئيڊيل اڃا ڪو ٻيو هو. مان ۽ الطاف جڏهن به ملندا هئاسون ته ان موضوع تي به ضرور گفتگو ٿيندي هئي، هاڻي ته ويچارو اڪبر نه رهيو، البته خاتون جيڪا هڪ فلم ايڪٽر جي پهرين زال آهي، اڃا حيات آهي.
    الطاف شيخ سان ستر جي وچ ڌاري تمام گهڻيون ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون، هو پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرائيندو هو، ۽ ادبيات تي سليم قريشيءَ کي وڪري لاءِ ڏيندو هو. اسان به ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي استادن، ورسٽي سنڌي پبليڪيشن جي نالي تي هڪ اشاعتي ادارو قائم ڪيو هو، جيڪو ڪورس ۾ رکيل اڻلڀ ادبي ڪتاب ڇپرائيندو هو. اسان جو به سول ڊسٽريبيوٽر ادبيات وارو سليم قريشي هو. پيسن ڏيڻ جي معاملي ۾ قريشي، قريشي هو. مان ۽ الطاف اڪثر ادبيات تي اوڳڙ لاءِ ڌڪا کائيندا هئاسون، ڇهه دفعا رلائڻ کانپوءِ سليم قريشي ڪجهه پيسا ڏيندو هو، پر ٻي ڪا واهه ئي ڪونه هئي، ادبيات سڄي سنڌ جي ادبي ڪتابن جو وڏو مرڪز هو. جتي سڄي سنڌ جا واپاري اچي ڪتاب وٺي ويندا هئا. ادبيات تان ڪتاب هٿون هٿ وڪامجي ويندا هئا، پر پيسا ملڻ هڪ ڏکيو مرحلو هو، اڪثر مان ۽ الطاف شيخ پيساAdjust ڪرڻ لاءِ اتان اسٽيشنري کڻي ايندا هئاسون، ۽ پنهنجي پر ۾ خوش ٿيندا هئاسون ته ڪجهه ته اوڳڙ ٿي.
    اڳ ۾ اوهان کي ٻڌائي چڪو آهيا ته الطاف 80 ڪتابن جو خالق آهي. مرزا قليچ بيگ (جيڪو 457 ڪتابن جو خالق هو) ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنهن جا 100 کان مٿي ڪتاب آهن، ان حساب سان الطاف سنڌي ادب جي وڪٽري اسٽينڊ تي ٽئين نمبر تي بيٺل نظر اچي ٿو. اها ٻي ڳالهه آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جا ڪتاب تصنيف، تحقيق ۽ تاليف تي ٻڌل آهن، جڏهن ته الطاف جا ڪتاب تخليق (فري اسٽائيل تخليق) تي ٻڌل آهن.
    الطاف شيخ انهن خوشقسمتن مان آهي، جيڪو پڙهندڙن ۾ تمام گهڻو مقبول آهي، ۽ منهنجي ذاتي راءِ موجب پنهنجي همعصر ليکڪن ۾ امر جليل کانپوءِ الطاف شيخ ئي هن دور جو مقبول ترين ليکڪ آهي.
    مون کي الطاف شيخ جي لکڻ جي رفتار تي تعجب ٿيندو آهي، مصروف جهازي زندگي، ڪڏهن سکيائي ادارن ۾ استاد جي حيثيت ۾ پڙهائڻ، تنهن هوندي به هن سنڌي ٻوليءَ کي جيترا سفرناما ڏنا آهن، تنهن جو مثال دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ ملڻ محال آهي.
    “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” الطاف جو ايڪاسيهون ڪتاب هوندو، جيتوڻيڪ بمبئيءَ جو نالو هاڻي ڦيرائي ممبئي رکيو ويوآهي، جيڪو ان جو آڳاٽو نالو هو، پر الطاف جو نالو بمبئي رکڻ پسند ڪيو.
    ان شهر جي ٻه ٽي دفعا مان به ياتر ڪري چڪو آهيان ۽ شهر بابت گهڻي ڄاڻ حاصل ڪئي اٿم، پر جيڪو ڪجهه الطاف پنهنجي پڙهندڙن کي مهيا ڪري ڏنو آهي، تنهن جي ڀيٽ ۾ منهنجي ڄاڻ ٻڙي به ڪانهي.
    الطاف جي اڀياسي طبيعت کيس هر ملڪ جي هر شيءِ جي اڀياس لاءِ اتساهي ٿي. رهاڪن جي معاشي معاشرتي، تمدني، ثقافتي، مالي، علمي، ادبي، اخلاقي زندگي کان ويندي، انهن جي دين ۽ ڌرم جي اڀياس ۽ ان جي سنڌ جي حالتن ۽ وسيلن سان ڀيٽ ڪو سولو ڪم ڪونهي.
    سنڌ ۾ ڪيترن ماڻهن کي اها ڄاڻ هوندي ته سنڌ ۾ جين ڌرم جا پوئلڳ رهن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ منهنجي لاءِ به اها هڪ نئين ڄاڻ آهي. ممبئيءَ جي جين ڌرم جي رهواسين جو ذڪر ڪندي، هو سنڌي جنين جو به ذڪر ڪجهه هن ريت ڪري ٿو.
    “جين ڌرم مطابق مڇي، بيضو يا گوشت ته کائڻو ناهي، پر ڪنهن ماڪوڙي، مک ۽ مڇر کي به مارڻو ناهي. جين ڌرم جا ماڻهو فقط ڀاڄيون کائين ۽ سخت قسم جا vegetarians ٿين. ممبي ۾ ڪيتريون ئي ويجيٽرين ريسٽورنٽون آهن. اهڙين ڪن هوٽلن ۾ “جين پيزا” Jain Pizza به وڪامي ٿو. ممبئي جا ڪجهه رهائشي علائقا اهڙا آهن جن جا گهر توڙي فليٽ جين ڌرم جا پوئلڳ خريد ڪري سگهن ٿا يا مسواڙ تي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڳالهه ممبئي ۾ڪافي Controversy به پيدا ڪئي آهي.
    ٻُڌ ڌرم جو بنياد گوتم ٻُڌ ۽ جين ڌرم جو مهاوير سواميءَ عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ وڌو. بقول تاريخ نويس ڀيرومل جي ، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کان ڪي صديون اڳي سنسڪرت سموري ڦري، بنهه نئين نموني جي ٿي پيئي اها “پراڪرت” سڏبي هئي، جا پوءِ “پالي” ڪوٺجڻ ۾ آئي. سندن وقت ۾ سنسڪرت گهڻو ڪري برهمڻ ڄاڻندا هئا، باقي عام طرح پراڪرت ڳالهائيندا هئا، تنهن ڪري گوتم ٻُڌ ۽ مهاوير سواميءَ پنهنجن ڌرمن جي پرچار انهيءَ پراڪرت ۾ ڪئي. براهمڻ ذات پات جو ڀيد گهڻو ٿي رکيو، پر هنن ٻنهي ڌرمن جي بانيڪارن اهڙو ڀيد رکيوئي ڪونه، ته عام خلق کي اها ڳالهه گهڻو پسند آئي، جنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن، سنڌ سميت، ٻڌ ڌرم اختيار ڪيو.
    هن وقت سنڌ ۾ جين ڌرم جا ڪجهه ماڻهو اسان جي ڳوٺ هالا ۾ نظر اچن ٿا، جيڪي “ڀاڀڙ ” سڏجن ٿا ۽ ننگر پارڪر طرف آهن، جيڪي “ اوسواڙ ” سڏجن ٿا. سنڌ ۾ وقتي ڪي رمتا جوڳي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي “سيوڙا ” سڏبا آهن، اهي به جين ڌرم جا آهن. ڪراچيءَ ۾ به ڪي جين ڌرم وارا آهن، پر اهي سنڌ جا رهاڪو ڪينهن.”
    هن اڀياسي طبيعت جو هڪ ٻيو مثال به حاضر آهي :
    رڳو پوني اسٽيشن جي تاريخي ۽ سياسي اهميت، واقعن ۽ شخصيت جو جيڪو وچور پيش ڪيو اٿس، سو پنهنجي ليکي نه فقط معلوماتي آهي، پر هاڻي ته اهو به احساس ٿئي ٿو ته هو سياح سان گڏوگڏ هڪ محقق جا فرض به سرانجام ڏيئي رهيو آهي، ان لاءِ کيس ڪافي اڀياس به ڪرڻو پوندو هوندو ۽ اهو ڪو سوکو ڪم نه آهي. پوني اسٽيشن تي ٽڪيٽ گهر مان ٽڪيٽ وٺندي، جڏهن سندس تصور ۾ محمد علي جناح جي ٽڪيٽ وٺڻ جو منظر ذهن جي پردي تي تري آيو هوندو ته الطاف خاطري اٿم ته 105 سال پراڻي دور ۾ پاڻ کي محسوس ڪيو هوندو ته ۽ اهو احساس ئي سندس سفرنامن لکڻ جو مکيه ڪارڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هو 80 کان وڌيڪ سفرناما سنڌ واسين جي نظر ڪري چڪو آهي، شل ڌڻي تعالى کيس وڏي ڄمار ڏيئي ته جيئن هو ان مقصد کي اڃا اڳڀرو ڪري.
    الطاف جي اها خاص خوبي آهي ته هو جنهن به عمارت، شخص ۽ صورتحال جو ذڪر ڪري ٿو، ان جي گهرائيءَ ۾ وڃي گهربل ڄاڻ حاصل ڪري ٿو ۽ پڙهندڙن کي گهر ويٺي اهڙي ڄاڻ پهچائي ٿو، جيڪا پڙهندڙ عام رواجي طريقي سان هٿ نٿو ڪري سگهي. ان لاءِ کيس ڪافي ڪشالا ڪڍڻا پوندا هوندا، انٽرنيٽ، ڪتاب، ذاتي پڇاڳاڇا! اهڙي ريت سندس، سفر نامائي نه بلڪه انسائيڪلوپيڊيا آهن.
    پڇاڳاڇا تي ياد آيو ته الطاف شيخ اڪثر سفرنامن ۾ ذڪر ڪيو آهي ته ڪنهن بس يا اسٽيشن تي بيٺل ڪنهن شخص، پر خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين کان ڄاڻ گڏ ڪرڻ لاءِ پُڇا ڳاڇا ڪندو رهندو آهي. ٻاهرين دنيا (پاڪستان کان ٻاهر) آزاد خيال آهي، کيس اها پڇاڳاڇا مهانگي نه پوندي آهي، پر تنهن هوندي به کيس ڪڏهن ڪڏهين رُکا جواب به ملندا هوندا. سوچيو! کيس پنهنجي پڙهندڙن لاءِ ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ ڪهڙين حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو هوندو، پر پاڻ ان مهم ۾ هر وقت سرگردان نظر ٿو اچي.
    مثال طور ممبئي جي ڪرافورڊ مارڪيٽ بابت هيٺين ڄاڻ ڏني اٿس:
    “ڪرافورڊ (Crawford) مارڪيٽ، جنهن جو هاڻ سرڪاري طرح جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ نالو رکيو ويو آهي، ممبئيءَ جي ڏاکڻي حصي جي مشهور مارڪيٽ آهي. هيءَ مارڪيٽ آرٿر ڪرافورڊ جي نالي منسوب ٿيل آهي، جيڪو انگريز راڄ ۾ بامبي (ممبي) جو پهريون ميونسپل ڪمشنر هو. هن مارڪيٽ ۾ ميوي، ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جي هول سيل واپار کان علاوه گهر جي سامان، هار سينگار جي شين ۽ ڊيڪوريشن جي شين جو ڪاروبار هلي ٿو، يعني هن مارڪيٽ سبزي منڊيءَ جو به ڪم ڏنو ٿي پر هاڻ ان ڪم لاءِ نوي (نئين) ممبئي ۾ سبزي منڊي ٺاهي وئي آهي بهرحال هيءَ ڪرافورڊ مارڪيٽ به خاصي وڏي آهي، جنهن جي ڪورڊ ايراضي ئي هزار چورس وال آهي. هيءَ بلڊنگ 1869ع ۾ پارسي سيٺ ڪواسجي جهانگير ٺهرائي، شهري حڪومت کي Donate ڪئي هئي. انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد هن مارڪيٽ جو نالو مهارشٽرا رياست جي سماج سڌارڪ مهاتما جيوتي راءِ ڦولي نالي رکيو ويو آهي، پر اڄ به سڏجي ڪرافوڊ مارڪيٽ ٿي. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جو سرڪاري طرح نالو KMC مارڪيٽ رکيو ويو آهي، پر اڄ به ان کي هر ڪو سندس پراڻي نالي “ايمپريس مارڪيٽ” سان سڏي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي ۾ جڏهن 1882 ۾ اليڪٽرڪسٽي آئي ته ڪرافورڊ مارڪيٽ پهرين عمارت هئي، جيڪا لائيٽ ذريعي روشن ڪئي وئي. بلڪه ائين چئجي ته سڄي انڊيا ۽ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين عمارت هئي. هن مارڪيٽ جي عمارتسازي، نقش نگار ۽ اندريون پٿر جو ٺهيل ڦوهارو مشهور ناول نويس رُڊيارڊ ڪپلنگ جي پيءُ لاڪ ووڊ ڪپلنگ ڊزائين ڪيو.
    ڀارت، پاڪستانين لاءِ ڄڻ “شجر ممنوعه” آهي. توهان کي دنيا جي گهڻن ئي ملڪن جي ويزا ٿوري گهڻي ڊڪ ڊوڙ کانپوءِ ملي وڃي ٿي، پر ڀارت جي ويزا، سواءِ سرڪاري ڪم ڪارين، يا واپاري ويزا کانسواءِ ملڻ محال آهي. جي ملي به ٿي ته مخصوص ۽ محدود شهرن جي، جن کانسوءِ توهان سولائيءَ سان ٻين شهرن ڏانهن رُخ نٿا رکي سگهو، پر پاڪستاني هٻڇي طبيعت هئڻ ڪري ويزا جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪري ٻين شهرن ۾ هليا وڃن ٿا، جواب ۾ هو جيلن جي هوا کائين ٿا، ڇاڪاڻ ته ڀارتي ڳجها ادارا پاڪستانين جي ڪرڙي نظرداري ڪن ٿا، ۽ جهلڻ جي صورت ۾ رعايت جي گنجائش ڪانهي. اهو سلسلو اڃا به وڌيڪ ڏکوئيندڙ آهي، جو هر شهر پهچي، اوهان کي C.I.D آفيس ۾ وڃي پنهنجي پهچ ۽ واپس موٽڻ جو اندراج ڪرائڻو پوي ٿو. مون کي ٻه ٽي دفعا ڀارت وڃڻ جو موقعو مليو آهي، پر خوشقسمتي جو هر دفعي Non-Reporting ويزا ملي، پر تازو هن سال مارچ جي مهيني ۾ پنهنجي پياري دوست لڇمڻ ڪومل جي پنجهترهين پليٽنم جوبلي سالگره جي موقعي تي پنهنجي دوست شوڪت شوري سان گڏ دهلي ويس، اسان ٻنهي کي ڏهن ڏينهن جي ويزا ملي، جيڪا اسان وڌرائڻ لاءِ ڀارتي گهر وزارت جي آفيس جيسلمير هائوس وياسين (هت آئون به الطاف وانگر اوهان کي ڄاڻ ڏيان ته دهلي جيڪا ڀارت جي هڪ رياست به آهي ۽ وفاقي گادي پڻ ان جي هر هڪ وزارت ڌار عمارت ۾ واقع آهي ۽ هر عمارت جو نالو ڪنهن پرڳڻي، رياست جي نالي تي رکيل آهي، جيئن راجستان هائوس، ڪشمير هائوس، گجرات هائوس وغيره، اهڙي ريت انهن نالن وسيلي هنن مضبوط وفاق ۽ يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته اسان جي گادي شهر اسلام آباد ۾ به مختلف وزارتون مختلف بلاڪن ۾ موجود آهن، پر اهي انگريزي اکرن جي نالي ۾ رکيل آهن، اسانکي گهڻو تڻو P بلاڪ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو آهي.
    پهرين ته ايئن لڳو ڄڻ ڪير ڳالهه به ڪونه ٻڌندو، پر پُڇا ڪندي، واسطيدار عملدار جيڪو گريڊ 17 جو هو، ۽ مرهٽو هو، سندس نالو A.K. اگروال هو، تائين پهتس. کيس ٻڌايم ته آئون ڪراچي يونيورسٽيءَ جو پروفيسر آهيان. ويزا 2 اپريل تي ختم ٿي ٿئي، پر ٽڪيٽ 4 اپريل جي ڪنفرم ٿيل اٿم، ان کان اڳ فلائيٽ 30 مارچ تي آهي، جي ان وچ ۾ ويس ته اها پاڻ سان زيادتي ڪندس. هن منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻڌي، مُرڪيو ۽ چيائين، ٽڪيٽ ڏيکاريو، ان وچ ۾ کيس پنهنجو وزٽنگ ڪارڊ به ڏنم. وري مُرڪي چيائين، توهان جو ڪم ٿي ويندو. گهربل فارم ڀري ڏيو. دستاويز لڳايو، شام تائين توهان جي ويزا جي مدي ۾ واڌ ٿي ويندي. گهربل دستاويز ۽ فارم ڏيڻ وقت ٻڌايائين، آفيس شام جو پنجين وڳي تائين کليل هوندي آهي، پر توهان چئين وڳي اچي ويزا جي واڌ جو خط وٺي وڃو.
    مون چيو مانس، جي شام جو نه اچون ۽ سڀاڻي صبح جو اچان ته ڪهڙي مهل اچان؟ وري مشڪندي جواب ڏنائين آفيس ته صبح جو 9 کلندي آهي، پر جي توهان ان کان اڳ اچو ته مون کي ٻڌايو مان اچي ويندس، توهان استاد آهيو، ۽ احترام جوڳا آهيو. ٻئي ڏينهن جڏهن خط مليو ته اهو D.C.P جي نالي هو، اتي به ان جو اندراج ٿيڻو هو، جنهن جي آفيس پراڻي دهلي جي ترڪمان گيٽ وٽ هئي، گاڏيءَ ۾ ويندي پنهنجي دوستن کي جيڪي دهليءَ ۾ سٺي اثر رسوخ وارا آهن، فون ڪري پڇيم ته هر ڪنهن جي جواب مان اندازو ٿيو ته اڄوڪو ڏينهن ڇٽو، پر اتي پهتاسون ڪلاڪ کن ۾ چئن عملدارن کان ٿيندو، اهو ڪاغذ هڪ سک عملدار وٽ پهتو، جنهن نهايت ئي خوش اخلاقيءَ جو مظاهرو ڪندي ڏهن منٽن ۾ خط ٺاهي ڏنو ۽ ڪنهن پئسي ٽڪي جو مطالبو نه ڪيو، نه وري ڪو منهن تي گهنج آيس.
    ٿي سگهي ٿو ته الطاف شيخ يا ٻين دوستن کيC.I.D آفيس ۾ اندراج مهل ڪي ڏکيائيون پيش آيون هجن، پر مجموعي طور تي انهن جا رويا هاڪاري ۽ مددگار هوندا آهن.
    الطاف پنهنجي لکڻين ۾ اڪثر Suspence به پيدا ڪندو آهي، ان سان پڙهندڙ جو ڌيان اڃا به ڇڪجي ويندو آهي، ان جو مثال ايئن به ڏيئي سگهجي ٿو ته اڳ پاڪستاني فلمن ۾ فلم جي آخري حصي ۾ هيرو ۽ ولين وڙهندي ڪنهن ٽڪريءَ تي پهچي ويندا هئا، ۽ هيرو تي ولين جو غلبو ٿي ويندو هو ۽ ائين محسوس ٿيندو هو ته هيرو ويو، پر آخر ۾ هدايت ڪار جي حڪمت ڪم ايندي هئي ۽ هيرو کي سوڀ نصيب ٿيندي هئي ۽ الطاف به پنهنجي پونا کان ممبئي جي سفر ۾ اهڙي Suspence جو اظهار ڪجهه هن ريت ڪيو آهي.
    “جيئن جيئن ممبئي ويجهو ايندي وئي تيئن تيئن مون تي اجايو خوف طاري ٿيندو ويو ته هيڏي وڏي شهر ۾ جئه مون کي ڪيئن ڳولي سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته جئه جو موبائيل بند هجي، بزي هجي، خراب هجي ته پوءِ؟ منهنجي شايد ان اجائي خوف کي محسوس ڪري جئه مون کي سندس زال نيلو ۽ ڌيءُ خوشبو جا نمبر به ڏنا هئا، پر خبر ناهي ڇو آئون عجيب ٽينشن جو شڪار ٿي رهيو هوس. خير ان وقت منجهند جو هڪ ٿيڻ وارو هو، پر آئون نٿو سمجهان ته ممبئيءَ ۾ ايڏي گرمي هئي جو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ مونکي پگهر اچي رهيو هو. شايد آئون گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهيان جو اهڙن موقعن تي اڪيلو هجڻ ڪري چڪر محسوس ڪريان ٿو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪجهه ٿي پيو ته جئه يا ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪهڙي بس ۾ ڪهڙي هنڌ آهيان!! ”
    هي سفرنامو جيتوڻيڪ ممبئيءَ بابت آهي ۽ ان ۾ تسلسل به آهي پر ليکڪ ان کي ڌار ڌار اڳ ۾ شايع به ٿي چڪا آهن.
    الطاف جي هن ڪتاب تي اڃا به ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ تي دل گهري پئي، پر پوءِ ڳالهه مهاڳ کان چڙهي ويندي.
    هڪ ڳالهه جيڪاسندس لکڻين جي وڻندي اٿم، سو آهي سندس فري اسٽائيل اسلوب، جي پاڻ چاهي ته ٻوليءَ جي ٺاهه ٺوهه ڪري سگهي ٿو، پر اهو ان جو خواهشمند نه آهي، ڇاڪاڻ ته سندس زندگيءَ جو اسلوب به فري اسٽائيل آهي.

    17 مئي، 2011ع پروفيسر محمد سليم ميمڻ
    ڪراچي يونيورسٽي،
    ڪراچي


    سفرنامن جي شيلف ڀريندڙ ليکڪ

    ڪنهن زماني ۾ سنڌي ادب جي سفر نامي واري حصي ۾ اهڙي کوٽ موجود هئي، جهڙي کوٽ سنڌي ادب جي ناول واري حصي ۾ اڄ تائين به موجود آهي. ڪڏهن ڪڏهن ئي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ سفرنامو شايع ٿيندو هو، پر جڏهن الطاف شيخ دنيا جي سفر تي نڪتو، ته سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ڪتاب وڌندا ئي ويا. جيتوڻيڪ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي ليکڪ جو سفرنامو به نظر اچي ٿو، پر الطاف شيخ جي لڳاتار سفر ۽ سفرناما لکڻ ڪري، سنڌي ادب جي سفرنامن واري شيلف ۾ ايترا ڪتاب موجود آهن، جو هاڻي اها خالي نٿي لڳي.
    دنيا ته گهڻائي ماڻهو ڏسن ٿا ۽ اهي گهمي ڦري، ڏسي وائسي، کائي پي، عياشيون ڪري موٽي اچن ٿا، پر الطاف شيخ پنهنجي هر سفر جون يادگيريون کڻي موٽي ٿو ۽ جڏهن هو اهي يادگيريون سنڌ واسين سان ونڊي ٿو، ته سنڌي ادب ۾ هڪ نئين ڪتاب جو واڌارو به ڪري ٿو. سندس اهو سلسلو چاليهن سالن کان وڌيڪ عرصي کان جاري آهي ۽ ستر کن ڪتاب سنڌي ادب کي ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪڏهن به ڪو نماءُ يا نعريبازي ناهي ڪئي. سندس سنڌ سان محبت ڪنهن به نعري کان مٿاهين آهي. پنهنجي مٽيءَ سان محبت سندس خمير ۾ موجود آهي ۽ دنيا جا داستان ٻڌائيندي به سنڌ کي ساريندو رهي ٿو. هو ڏورانهن ڏيهن جا سفر ڪندي به فقط سنڌ کي ساري ٿو، پر جڏهن انهن ملڪن جا احوال اوري ٿو ته گڏوگڏ سنڌ جو ذڪر به ڪندو رهي ٿو. هو دنيا جي جنهن به ڪنڊ ۾ هجي، سنڌ سندس سار ۾ رهي ٿي. اهوئي سبب آهي ته سندس ڪيترن ڪتابن جا نالا ڏيهه جي عڪاسي به ڪن ٿا. جيئن. “ مڪليءَ کان ملاڪا تائين”، “ملير کان مالمو”، “ڪراچيءَ کان ڪوپن هيگن”، “نيو هالا کان نيويارڪ”، “ڪراچيءَ کان ڪوڪورا” ۽ بخشو لغاري کان بالٽيمور”.
    هڪ سياح ۾ نه فقط ڪنهن ماڳ کي ڏسڻ جو تجسس موجودهجڻ گهرجي، پر ڪنهن نئين سماج، شهر ۽ ملڪ کي پنهجائپ واري انداز سان ڏسڻ ۽ پرکڻ جي صلاحيت به هجڻ گهرجي، جيڪا بيشڪ ته الطاف شيخ وٽ آهي. جيئن هن سفرنامي جي پهري ئي صفحي تي الطاف لکيو آهي، “پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾ ۽ ويندي چندورو موهيناڻيءَ جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهين، جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان.” اسان جو هي سنڌ باد سيلاني الطاف، جيڪو ڪجهه ڏسي پَسي ۽ محسوس ڪري ٿو، سو جيئن جو تيئن اسان سان ونڊيندو رهي ٿو.
    هن سفرنامي ۾ جتي بمبئيءَ جي روڊن رستن، درگاهن، اسپتالن، يونيورسٽين، لائبريرين جو ذڪر آهي، اتي بمبئيءَ جي راڳين، اداڪارن، سئنيمائن، فلمن، فلم اسٽوڊيوز جو ذڪر به ملي ٿو. الطاف پنهنجي پڙهندڙن کي بمبئيءَ سان لاڳاپيل سنڌ جي تاريخ جا ورق به ورائي ٿو، جو انگريزن جي دور ۾ هڪ وڏي عرصي تائين سنڌ، بمبئيءَ سان لاڳاپيل رهي هئي ۽ 1936ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪيو ويو هو. هي ڪتاب پڙهندي نه فقط ڄاڻ ملي ٿي، پر پڙهندڙ پاڻ کي بمبئيءَ جي گهٽين ۾ گهمندي به محسوس ڪندو. هن ڪتاب ۾ جتي ٻين ڪيترن ئي اهم توڙي ناميارين شخصيتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، اتي مشهور ناول “شانتا رام” جي آسٽريلوي ليکڪ گريگرڊئوڊ رابرٽس جو ذڪر به انتهائي دلچسپ انداز سان موجود ملي ٿو. ناول نگال رابرٽس، جيڪو هڪ مشهور ڌاڙيل مان ليکڪ بڻيو هو ۽ اڄڪلهه بمبئيءَ ۾ رهي ٿو. بمبئيءَ ۾ ته منهنجو دوست منوهر مٽلاڻي به رهي ٿو، جنهن بابت گذريل چوٽيهن سالن کان مان لاعلم هئس. منوهر جي 1977ع ۾ لاڙڪاڻي کان هليو وڃڻ کان پوءِ، مون کي ڪابه خبر نه هئي ته هو ڪٿي آهي! پر الطاف شيخ جي هن سفرنامي “ بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” مون کي منهنجو وڇڙيل دوست ڳولي ڏنو آهي. الطاف پاران اي ميل ڪيل هن ڪتاب جو مواد پڙهندي مان اوچتو ڇرڪي پيس. هن ڪتاب مان ئي مون کي پهريون ڀيرو خبر پئي آهي ته هند جو ناميارو سنڌي ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي، لاڙڪاڻي ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي گهر سامهون رهندڙ اهوئي ٻلديو آهي، جنهن جي امڙ ڪوشيلا منهنجي امڙ جي سهيلي هئي ۽ منهنجو دوست منوهر، جيڪو ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ آهي، اهو به ليکڪ ۽ بمبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر آهي ۽ منوهر مٽلاڻيءَ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. عجيب اتفاق آهي ته منهنجو دوست منوهر، بمبئي يونيورسٽيءَ ۾ اهوئي ساڳيو سنڌي سبجيڪٽ پڙهائي ٿو، جيڪو حيدرآباد (سنڌ) جي هڪ ڪاليج ۾ مان پڙهايان ٿو!
    هي مهاڳ لکندي منهنجون اکيون آليون ٿي ويون آهن پنهنجي ننڍپڻ جي دوست منوهر کي ياد ڪري، جنهن سان گڏ نه فقط لاڙڪاڻي شهر ۾ رلندو هوس، پر روز شام جو اسان پاڙي جي ٻين ڇوڪرن سان گڏ رانديون به ڪندا هئاسين. سچ ته مان الطاف شيخ جو ٿورائتو آهيان، جنهن هن ڪتاب ۾، منهنجي ننڍپڻ جي هڪ وڇڙيل دوست سان مون کي ملايو آهي. جيڪڏهن وقت ۽ قسمت ساٿ ڏنو ته، مان الطاف شيخ جي پيچري تي هلي، ڪڏهن پنهنجي ننڍپڻ جي وڇڙيل دوست منوهر مٽلاڻيءَ سا ملڻ بمبئي يونيورسٽيءَ ضرور ويندس ۽ جنهن ڏينهن مون منوهر کي ڀاڪر وڌو، تڏهن سمجهندس ته سڄي “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾” به آهي!
    سفر انسان تعليم خاطر ڪري، ڌنڌي روزگار لاءِ سياحتي مقصد سان، سفر جو مزو هو تڏهن ماڻي سگهي ٿو، جڏهن هن وٽ تجسس هجي ٿو. الطاف شيخ وٽ ته تجسس واري اها نظر آهي، جو باقي دنيا ڇڏيو، پر جڏهن هو سنڌ ۾ به ڪيڏانهن وڃي ٿو ته سندس اکين ۾ هڪ سياح وارو تجسس هجي ٿو. اهوئي سبب آهي ته مان حيدرآباد جي جنهن علائقي قاسم آباد ۾ رهان ٿو، ان علائقي جو ذڪر الطاف شيخ جي ڪتاب “چنڊ چوانءِ سچ” ۾ پڙهيو هوم ته ائين لڳو هو، ڄڻ منهنجي اوڙي پاڙي جا رستا هڪ نئين انداز سان مونکي الطاف شيخ ڏيکاريا هجن! ويجهڙائيءَ ۾ هڪ ڏينهن الطاف حيدرآباد آيو ته اهو سڄو ڏينهن مان ساڻس گڏ هيس. کيس ڪجهه ليکڪ دوستن سان ملڻو هو، جن جا گهر منهنجا ڏٺل هئا، ان ڪري مان ڄڻ قاسم آباد ۽ سندس گائيڊ ٿي ساڻس گڏ هليو هئس. قاسم آباد جي انهن ساڳين ئي رستن تان، جتان اڳ به الطاف ڪيئي ڀيرا گذريو هوندو ۽ جن رستن جو هن پاڻ پنهنجي ڪتاب ۾ ذڪر به ڪيو آهي، انهن ئي رستن تي هو بار بار گاڏي روڪرائي هيٺ لهي ٿي پيو ۽ مون کي به ٻانهن کان ڇڪي، ڪنهن نه ڪنهن واٽ ويندڙ کي پنهنجون ٻه ڪئمرائون ڏئي، ٻنهي ڪئمرائن سان فوٽو پئي ڪڍرايائين! مون کي پڪ آهي ته جيڪڏهن ان ڏينهن کي ساريندي الطاف ڪجهه لکيو، ته سندس اها تحرير پڙهندي مون اهوئي محسوس ٿيندو ته، ڄڻ ان ڏينهن مان هن جو گائيڊ نه هيس، پر هو منهنجو گائيڊ هيو ۽ هن منهنجي رهڻ واري علائقو مونکي هڪ نئين (تجسس سان ڀريل سياح واري نظر) سان ڏيکاريو هجي!
    منهنجا ڪيترائي شاگرد هن وقت عرب امارتن کان وٺي برطانيا ۽ آمريڪا تائين موجود آهن. انهن مان اڪثر اهو ٻڌائين ٿا ته کين الطاف شيخ جا سفرناما پڙهي پرڏيهه وڃڻ لاءِ اتساهه مليو، منهنجو هڪ واپاري مائٽ هر سال دنيا جو ڪو نئون ملڪ گهمڻ ويندو آهي. هو جڏهن به ڪنهن نئين ملڪ جي سفر جي تياري ڪندو آهي، ته ان ملڪ ڏانهن اُسهڻ کان پهرين مون کان پڇندو آهي ته انهيءَ ملڪ بابت الطاف شيخ جو سفرنامو آهي؟ ۽ جڏهن مان الطاف جي ڪتابن ۾ هٿ وجهندو آهين، ته ان ملڪ بابت ڪونه ڪو سفرنامو موجود هوندو آهي. ڪجهه ملڪن بابت ته الطاف جا هڪ کان وڌيڪ سفرنامان شايع ٿيل آهن، جيئن سندس هيءُ ڪتاب “بمبئي منهنجي ڀاڪر ۾”، هندستان بابت سندس ٽيون ڪتاب آهي. دنيا جي اڪثر اهم ملڪن ۽ ماڳن جو ذڪر الطاف جي ڪتابن ۾ ملي ٿو. توهان کي آمريڪا وڃڻو هجي يا انگلينڊ، يونان ڏسڻ جو شوق هجي يا اٽليءَ اُسهڻو هجي، سنگاپور ڏسڻ جي سَڌَ هجي يا هانگ ڪانگ جي، ايران جي مذهبي ماڳن ڏسڻ جو خواهش هجي يا ڀلي پار تان ڀيري جي، هر ملڪ بابت نه فقط تفريح، پر معلومات سان ڀرپور الطاف شيخ جو ڪو نه ڪو ڪتاب ضرور ملي ويندو. سندس سفر ناما دنيا ڏسڻ لاءِ “پَرَ سهائيندڙ” نوجوان به پڙهن ٿا، ته دنيا ڏسڻ جي حسرت رکندڙ “پر وڃايل” ۽ گهرن تائين محسوس ٿيل پوڙها به.
    وقت سان گڏ الطاف شيخ جي سفرنامن ۾، تفريح سان گڏ ڄاڻ جو عنصر به وڌندو رهيو آهي. اهوئي سبب آهي ته اڳي سندس ڪرائون سائيز ۾ ڏيڍ ٻه سؤ صفحن جا ننڍا ڪتاب ڇپيا هئا، پر هاڻي سندس ڪتابن جي سائز وڌڻ (ڊيمي سائيز ٿيڻ) سان گڏ انهن جي صخامت به وڌندي رهي آهي. سندس ڪي ڪتاب ته 500 صفحن کان به مٿي جا آهن. نتيجي طور هو پڙهندڙ جي ذهن کي تفريح ۽ ڄاڻ سان سيراب ڪري ٿو ۽ پڙهندڙ تشنگي نٿو محسوس ڪري. الطاف جي تحرير جي ٻي خوبي سندس ٻولي به آهي. بيشڪ ته سندس زندگيءَ جو وڏو عرصو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙن سان گذريو آهي. مسلسل سفر بجاءِ ڪنهن ملڪ ۾ هو سالن جا سال به رهيو آهي، پر ان جي باوجود الطاف جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ بگاڙ ناهي آيو. هو عام ڳالهائجندڙ سنڌي ڳالهائي ۽ لکي ٿو، ان ڪري سندس سفرناما عام پڙهندڙن ۾ ڏاڍا مقبول به آهن.
    چون ٿا ته هر ماڻهوءَ جي هٿَ ـ تِريءَ تي قسمت جي ٻين ريکائن سان گڏ، سفر جي لڪير به هجي ٿي. مون کي هٿ ڏسڻ ته ناهي ايندو، پر هاڻي جڏهن الطاف شيخ سان ملاقات ٿي، تڏهن سندس هٿ تي سفر واري ليڪ ضرور ڏسندس، ته اها ڪيتري طويل آهي، جو پاڻيءَ واري جهاز تي نوڪريءَ وارو سڄو عرصو سفر ڪرڻ کان پوءِ به سندس سفر کٽي ئي نٿو! هو نوڪريءَ تان ته ڪي سال اڳ رٽائر به ٿي چڪو پر سندس سفر اڃان به جاري ساري آهي. دعا آهي ته سندس هٿ تي سفر جي لڪير سلامت رهي، جيئن اسان جي هٿن ۾ سندس سفرناما پهچندا رهن.
    ۽ آخر ۾ هڪڙي ڳالهه . . . . ته جديد سنڌي ادب جي ٻن شعبن تي ٻه شيخ بنا ڪنهن شڪ شبهي جي ڇانيل آهن، شاعريءَ تي شيخ اياز ته سفرنامن تي الطاف شيخ.

    22 فيبروري 2011ع زيب سنڌي
    حيدرآباد، سنڌ zaibsindhi@hotmail.com


    ممبئي وڃڻ لاءِ ريل جي ٽڪيٽ ورتم

    ڪجهه ڏينهن پوني ۾ ڇا رهڻ ٿيو، پوني جي ماڻهن خاص ڪري ساڌو واسواڻي مشن سان وابسته ماڻهن (جيڪي منهنجا ميزبان به هئا) ڇا پيار ڏنو، جو پوني ڇڏڻ کان هڪ ڏينهن اڳ واري شام جو پوني جي رستن تي واڪ ڪندي ۽ هاڻ نيتو وولوو ڪمپني جي بس ۾ پوني جون گهٽيون ڇڏيندي ڏک پيو ٿئي. گذريل ستَ اَٺ ڏينهن جا واقعا اکين اڳيان پيا ڦرن. پوني ۾ اچڻ وقت پاڻ کي هن شهر ۾ ڪيترو اجنبي محسوس ڪري رهيو هوس. هاڻ هفتي کن بعد پوني ڇڏيندي ائين پيو لڳي، ڄڻ آئون سالن کان هتي هوس. سالن کان هنن رستن تي هلندو رهيس. ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته ايتري گهٽ وقت ۾ منهنجو دنيا جي ڪنهن ٻئي شهر ۾ شايد ايترو گهڻو هلڻ ٿيو هجي. پيدل پنڌ، آٽو رڪشا ۾، بسن ۾، جئه موتياڻي، ريٽا شهاڻي ۽ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي شاگرد ڀوڄراج ليکواڻيءَ جي ڪارن ۾، ۽ ويندي چندرو موهيناني جي موٽر سائيڪل تي، پوني جي رستن تي ايترو هليو آهيان جو هيءَ بس جڏهن پوني ڇڏي رهي آهي، ته خاص چوراهن ۽ روڊن جا نالا منهنجي زبان تي ائين اچي رهيا آهن، ڄڻ پوني نه پر حيدرآباد مان گذري رهيو هجان. ريلوي اسٽيشن، گاڏي کاتو، حيدر چونڪ، رسالا روڊ، پٺاڻ ڪالوني، هيرآباد، سٽيزن سوسائٽي، راجپوتانا اسپتال وغيره وغيره.
    ممبئي وڃڻ لاءِ مون باءِ ٽرين وڃڻ چاهيو ٿي، سو پوني ڇڏڻ کان ٽي ڏينهن اڳ سُميت گيهاڻي سان گڏ پوني جي ريلوي اسٽيشن تان وڃي ائڊوانس ۾ ٽڪيٽ وٺي آيس. هتي اهو لکندو هلان ته هتي انڊيا ۾ ريل گاڏيون ته بلڪل مقرر وقت تي ٿيون هلن، پر بسون به ڪافي حد تائين پنهنجي مقرر شيڊول (پروگرام) تي هلن ٿيون ۽ اڳواٽ ٽڪيٽ وٺڻ سان ماڻهو بي فڪر ٿيو وڃي، جو ڪيڏي به رش هجي، هن جي Reserve ٿيل سيٽ تي ڪو ٻيو قبضو نٿو ڪري سگهي.
    ڪار ذريعي پوني اچڻ وقت مون اهو ئي ارادو ڪيو هو، ته واپس ممبئي بس يا ڪار ذريعي وڃڻ بدران ٽرين ۾ ويندس. پوني انڊيا جي تمام پراڻي اسٽيشن آهي، جيڪا اڄ کان ٽي سؤ کن سال اڳ 1720ع ۾ انگريزن ٺهرائي. اڄ اها هڪ تمام مشغول ۽ ماڊرن ريلوي جنڪشن سڏجي ٿي، جتان نه فقط ڪيتريون ئي ريل گاڏيون ٻين شهرن ڏي روانيون ٿين ٿيون، پر هڪ شهر کان ٻئي شهر ڏي ويندڙ گاڏيون پڻ هتان لنگهن ٿيون. يعني مون کي ممبئي وڃڻ لاءِ ڪنهن وقت به ريل گاڏي ملي سگهي ٿي. اسان لاءِ ڪراچي يا لاهور جون ريلوي اسٽيشنون مشغول سمجهيون وڃن ٿيون، پر انهن جو پوني جهڙين اسٽيشنن سان مقابلو ڪجي ٿو ته اهي ٻهراڙيءَ جون اسٽيشنون لڳن ٿيون. انڊيا هڪ ته تمام وڏو ملڪ آهي، آدمشماري به گهڻي اٿس ۽ ريلوي نظام به سٺو، وقت جو پابند ۽ سستو آهي سو هر ڪو ماڻهو پهرين ترجيح ريل جي سفر کي ڏئي ٿو ۽ پوني جهڙي ريلوي اسٽيشن ته جاگرافيائي طرح اهڙي هنڌ تي آهي، جتان چؤطرف مسافر وڃن ٿا. اتر ڏي احمد نگر، ناسڪ، مالگائون، ڀوپال، لکنو کان ويندي دهلي، امرتسر، ڪشمير تائين ۽ ڏکڻ ۾ چنائي، حيدرآباد دکن، بئنگلور، ڪيرالا تائين ريلون هليون وڃن ٿيون. اوڀر طرف رائپور، ڀوبنيشور، رانچي، پٽنا ويندي ڪلڪتي تائين وڃن ٿيون ۽ ڏکڻ طرف گوا توڙي احمد آباد، بڙودا ۽ جئپور تائين اينديون وينديون رهن ٿيون. ان کان علاوه ممبئي ڏي ڊائريڪٽ ته خبر ناهي ڪيتريون ريلون هلن ٿيون. ڪيترا سرڪاري ڪامورا، واپاري ۽ گهمڻ ڦرڻ وارا پوني ۾ رهن ۽ پوءِ روزانو صبح جي ريل گاڏين ۾ ممبئي روانا ٿين ۽ شام جو جاپانين وانگر گاڏين ۾ ننڊون ڪندا يا اخبار رسالو پڙهندا پوني موٽن. منهنجي چوڻ تي سُميت گيهاڻيءَ ريلوي انتظاميا وارن کان پڇي ٻڌايو ته روزانو پوني کان 180 ريل گاڏيون مسافر کڻن ٿيون، جن جو تعداد لکن ۾ ٿئي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ماڻهن جا هر وقت هشام نظر اچن ٿا. ۽ هيڏي وڏي اسٽيشن هوندي به ماڻهن سان ڦاٽي ٿي. گاڏي اچڻ تي ماڻهن جا هڪڙا ريلا لهي پوني اسٽيشن کان ٻاهر نڪتا ٿي ته ٻيا اندر گهڙيا ٿي. عورتون، مرد، پوڙها، ٻار، يونيفارمن ۾ فوجي ۽ اسڪولن ڪاليجن جا ڇوڪرا ڇوڪريون، سامانن جي ڀريل، بئگن، هڙن ۽ ٿيلهن سان چوڌاري پکڙيا پيا هئا جن ۾ ڪيترائي غريب هئا ته امير ۽ پئسي وارا به. يعني هتي هر قسم جو ماڻهو ريل ۾ سفر ڪري ٿو ۽ هڪ پڪنڪ جو سماءُ نظر اچي ٿو. پوني اسٽيشن بابت ڪيترن انگريزن جي ناولن ۽ هندي فلمن ۾ پڙهيو ۽ ڏٺو هوم، اڄ آئون ٽڪيٽ خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميزبان گيهاڻي صاحب سان قطار ۾ اچي بيٺو آهيان. منهنجي والد جيئن ته هن شهر پوني مان ائگريڪلچر سائنس ۾ گريجوئيشن ڪئي، ان ڪري هو هميشھ پوني اسٽيشن مان ريل ۾ چڙهڻ جو ٻڌائيندو هو. هو پوني کان ڪڏهن ممبئي ايندو هو يا گجرات جي شهر احمدآباد يا بڙودا ۾ لهندو هو. 1999ع ۾ وفات کان هفتو کن اڳ به هو پوني ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن ڏينهن جو احوال ڪندو رهيو. پنهنجي ڪاليج (جيڪو هاڻ ائگريڪلچر يونيورسٽي آهي) بابت، پنهنجن مرهٺن، گجراتي ۽ سنڌي ڪلاس ميٽن بابت، پنهنجي پروفيسرن بابت ۽ ان وقت جي پوني شهر بابت جيڪو انهن ڏينهن ۾ فقط ايترو مختصر هو، جيترو ان وقت ڪراچي فقط کارادر، ميٺا در، لي مارڪيٽ ۽ صدر تائين محدود هو. بيماريءَ ڪري منهنجو پيءُ بيحد ڪمزور ٿي ويو هو پر منهنجي پڇڻ تي هو نه فقط ڌيمي آواز ۾ پوني ۽ ان بعد سنڌ ۾ نوڪريءَ جو احوال ٻڌائيندو رهيو، پر منهنجي ماٺ ڪرڻ تي بار بار چوندو رهيو ته اڃان به ڪجهه پڇڻو آهي ته پڇ. مون کي يا ٻين کي اها ڄاڻ نه هئي ته منهنجي پيءُ جي ڳالهائڻ جو اهو آخري ڏينهن هو. ٻئي ڏينهن کان هن صفا ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ۽ پوءِ ڪي ٻه ٽي ڏهاڙا مس حيات رهيا ۽ موڪلائي ويا. اڄ پورن ڏهن سالن بعد هن پوني جي اسٽيشن تي بيهي سوچي رهيو آهيان ته بابا کان اهو ته پڇان ها، ته هو ريل ۾ ڪڏهن ممبئي ته ڪڏهن بڙودا پهچي پوءِ سنڌ باءِ روڊ ايندا هئا يا آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ پاڻي واري جهاز) ذريعي. اڄ سندن فقط هڪ ڪلاس ميٽ پير گوهر شاهه حيات آهي، جن کان پڇي سگهجي ٿو. پوني جي هن اسٽيشن تي منهنجي والد جو ته هڪ شاگرد جي حيثيت ۾ اچڻ ٿيو پر هتي، هن اسٽيشن سان هن ننڍي کنڊ جي ڪيترن اهم ماڻهن جو واسطو رهيو ۽ انهن ماڻهن جي حوالي سان پوني ريلوي اسٽيشن کي هڪ اهم ۽ تاريخي ماڳ جو درجو به ڏئي سگهون ٿا. هندستان جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ سياستدان واسديو بلونت فادڪي (Phadke)| کي 1879ع ۾ هن پوني اسٽيشن تي ماڻهن جي انبوهه آڌرڀاءُ ڪيو هو. جتان هن کي انگريز سرڪار جي پوليس، جيل جي سزا ڪاٽڻ لاءِ عدن وٺي وئي هئي. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ يمن جو بندرگاهه عدن انگريزن جي ملڪيت هو ۽ بمبئي پريزيڊنسي ۾ ائين شامل هو، جيئن سڄي سنڌ هڪ ضلعي جي روپ ۾، يا جيئن سنگاپور جو ٻيٽ (جيڪو انگريزن ملئي راجا کان ڏوڪڙن تي خريد ڪيو هو) مدارس پريزيڊنسي ۾ شامل ٿيو هو. واسديو بلونت کي پوني اسٽيشن تي جڏهن هٿڪڙيون هڻي آندو ويو، ته انگريز سرڪار Embarassing حالت ماڻهن جي هجوم کي ڏسي ٿي، پر ان کان وڌيڪ ان ڳالهه ڪري ٿي جو ان هجوم ۾، هڪ انگريز عورت واسديو کي هندستان جو هيرو هجڻ جي مڃتا ۾، گلدستو اچي پيش ڪيو!
    پوني ۾ واسديو تي ڪيس هلڻ دوران هن کي ۽ هن جي ساٿين کي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جيل بلڊنگ ۾ رکيو ويو هو. هيءَ سنگم پل جي ڀرسان اها بلڊنگ آهي جنهن ۾ هينئر مهاراشٽرا رياست جي CID ڊپارٽمينٽ جي آفيس آهي. واسديو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي. عدن جي جيل ۾ قيد دوران هو هڪ ڏينهن قيد خاني جي دروازي جا انجيس (Hinges) ڪڍي، ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ٻي ڏينهن ئي جهلجي پيو ۽ کيس واپس قيد حوالي ڪيو ويو، جتي پوءِ لڳاتار بک هڙتال ڪري 17 فيبروري 1883ع تي گذاري ويو. سندس ڄم 1845ع ۾ پوني ۽ ممبئي ضلعن جي وچ واري ضلعي راءِ گاد ۾ ٿيو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ واسديو بلونت فادڪي کي به هڪ اهم شخصيت مڃيو وڃي ٿو ۽ هندستان سرڪار سن 1984ع ۾ هن جي ياد ۾ ٽپال جي ٽڪلي به جاري ڪئي هئي. ممبئي ۾ ميٽرو سئنيما وٽ سندس نالي چونڪ آهي ۽ سندس نالي تي 2007ع ۾ مرهٺي فلم پڻ ٺهي هئي.
    هيءَ پوني جي ئي اسٽيشن آهي جتي مهاتما گانڌي مختلف شهرن ڏي وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جو انتظار ڪندو هو ۽ آخري ڏينهن ۾ انگريز سرڪار، کيس پوني جي آغا خان محل ۾ نظربند رکڻ لاءِ هن اسٽيشن تان وٺي ويا ۽ Quit India (انڊيا مان نڪرو) تحريڪ دوران 1942ع ۾ هن پوني جي اسٽيشن تان جواهر لعل نهرو کي جيل لاءِ وٺي ويا هئا. هن پوني جي اسٽيشن تي انڊين قوم پرست، ٽيچر، هندستان جي آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ۽ مشهور ليڊر لوڪ مانيا تلڪ کي لالا لجپت راءِ کي Deport ڪرڻ جي خبر ٻڌائي وئي هئي، جنهن تي هن اهو مشهور جملو چيو هو ته: “Lalji deported & Minto still alive!”
    لوڪ مانيا تلڪ جو اصل نالو بال گنگا ڌر تلڪ هو، پر عوام کي پسند هجڻ ڪري هو لوڪ مانيا سڏجڻ لڳو هو. پاڻ 1856ع ۾ هتي ڀر واري ڏاکڻي ضلعي رتنا گري ۾ ڄائو. پوني جي دکن ڪاليج مان 1877ع ۾ گرئجوئيشن ڪيائين، ان بعد ڪجهه سال پوني جي فرگوسن ڪاليج ۾ مئٿس جو ٽيچر ٿي رهيو پر پوءِ سگهو ئي صحافت ۾ گهڙيو ۽ هڪ مرهٺي اخبار (ڪيسري نالي) ۽ هڪ انگريزي اخبار The Maratha ڪڍيائين. انگريزن خلاف وڙهندڙ قوم پرستن جي بچاءَ لاءِ پنهنجي اخبار لکڻ ڪري، انگريز سرڪار مٿس ڪيس هلايو. هيءَ 1908ع جي ڳالهه آهي. لوڪ مانيا محمد علي جناح نالي هڪ نوجوان وڪيل ڪيو. ان وقت جناح جي عمر 32 سال هئي. (محمد علي جناح سن 1876 ۾ ڄائو ۽ 1948ع ۾ وفات ڪيائين.) انگريز جج لوڪ مانيا کي هر صورت ۾ ڏوهاري قرار ڏئي برما جي شهر منڊالي جي جيل ۾ ڇهن سالن لاءِ سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني. اهو هڪ تاريخي ڪيس هو. جج جي فيصلي تي لوڪ مانيا تلڪ جيڪي آخري لفظ چيا اهي هندستان توڙي انگلستان جي تاريخ ۾ اڄ به وڏي اهميت رکن ٿا.
    “In spite of the verdict of the jury, I maintain that I am innocent. There are higher powers that rule the destiny of men and nations and it may be the will of providence that the cause which I represent may prosper more by my suffering than my remaining free”
    لوڪ مانيا تِلڪ جون مٿيون سٽون توهان اڄ به بمبئي هاءِ ڪورٽ جي ڪمري نمبر 46 ۾ ڀت تي لکيل ڏسي سگهو ٿا. تِلڪ صاحب جو پوني جي ريلوي اسٽيشن جي حوالي سان کڻي ذڪر نه ڪريان ها، پر هتي پڙهندڙن کي ان ڳالهه جو به احساس ڏيارڻ چاهيان ٿو، ته محمد علي جناح صاحب ۾ ٻي ڪا کڻي ڪمزوري هجي پر هو ننڍي هوندي کان ذهين ۽ مشهور وڪيل هو. نه ته هڪ طرف لوڪ مانيا تلڪ هندو ۽ مرهٺي ڳالهائيندڙ هو ۽ ان وقت ٻيا به ڪيترائي هندو ۽ پارسي وڪيل هئا، پر هنن هي ڪيس هلائڻ لاءِ هڪ مسلمان وڪيل جي چونڊ ڪئي جيڪو گجراتي ڳالهائڻ وارو هو. تلڪ جو هي ڪيس تمام حساس قسم جو هو ۽ 1905ع کان 1908ع تائين پوني ۾ هلندو رهيو ۽ فقط هن ڪيس لاءِ جناح صاحب کي خبر ناهي ڪيترا دفعا پوني اچڻ لاءِ هن ريلوي اسٽيشن تي اچڻو پيو. اڄ جتي آئون ٽڪيٽ لاءِ بيٺو آهيان، اتي پورا 105 سال اڳ محمد علي جناح صاحب به ٽرين ۾ چڙهڻ لاءِ ٽڪيٽ خريد ڪئي هوندي.
    هندستان جي آزادي لاءِ پاڻ پتوڙيندڙن ۾ لوڪ مانيا تلڪ هڪ اهم ماڻهو مڃيو وڃي ٿو، جنهن جي نالي حيدرآباد ۾ “تلڪ چاڙهي” آهي جيڪا سري گهاٽ کان هيٺ سينٽ بونا وينچر اسڪول تائين آهي. تلڪ صاحب ڪيترائي مرهٺي ۽ انگريزي زبان ۾ ڪتاب پڻ لکيا. منهنجي پڙهندڙن ۾ ڪو اهڙن ماڻهن جا ڪتاب پڙهڻ جو شوقين هجي ته هو گهٽ ۾ گهٽ تلڪ صاحب جي خطن جو لکيل انگريزي مجموعو : Letters of Lokamanya Tilak ضرور پڙهي. خطن جي مجموعي تان مٺي (ٿرپارڪر) جو مشهور وڪيل ۽ سنڌ جو ڪامريڊ روچي رام ياد اچي رهيو آهي، جنهن جي خطن جو مجموعو “ڏنم هوت هٿن سين” جيڪو هن سال سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي وارن ڇپيو آهي، پڻ پڙهڻ لاءِ Recommend ڪندس، جيڪو مون هن هفتي ئي پڙهي پورو ڪيو آهي.
    “ڪهڙي ٽڪيٽ بڪ ڪرائڻي آهي؟” قطار ۾ بيٺي بيٺي منهنجو وارو اچڻ تي سيٽ رزرويشن جي دريءَ تي ويٺل ٽڪيٽ ڪلارڪ پڇيو. مون صبح پهر پوني ڇڏڻ چاهيو ٿي ۽ صبح جو ٻه ريل گاڏيون هتان پوني کان هلڻ شروع ٿين ٿيون. هڪ دکڻ ڪُئين (Deccan Queen) جيڪا پوني مان پوري سوا ستين بجي ڇٽي ٿي ۽ ڏهه لڳي يارهن منٽن تي ممبئي جي ريلوي اسٽيشن دادر تي پهچي ٿي. ٻي پرگتي ايڪسپريس جيڪا پوني کان 7 لڳي 50 منٽن تي نڪري ٿي ۽ پوڻي يارهين بجي دادر پهچي ٿي. ممبئي ۾ منهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ مون کي چيو هو، ته ٽرين يا بس ۾ ممبئي اچڻ وقت آئون دادر ۾ لهي کيس فون ڪريان، جيڪو ٻاهران ايندڙ ريل گاڏين ۽ بسن جو آخري اسٽاپ آهي. مون پرگتي ايڪسپريس ۾ سيٽ رزرو ڪرائي ٽڪيٽ خريد ڪئي. ظاهر آهي مون کي ٻن ڏينهن کان پوءِ ممبئي روانو ٿيڻو هو، سو هڪ کان پنج سيٽون به خالي ملي سگهيون ٿي. سفر واري ڏينهن تي اچي ٽڪيٽ وٺڻ ته مشڪل ضرور ٿئي ٿو پر انڊيا ويندڙ ٽوئرسٽن لاءِ هتي انڊيا جي ريلوي ڊپارٽمينٽ جي هڪ سٺي ڳالهه اطلاع طور لکان ته انڊيا جي هر وڏي اسٽيشن تي هڪ ٽوئرسٽ ڊيسڪ آهي، جتي ڌارين ملڪن جي سياحن کي سفر جي آساني ڏني وڃي ٿي. هنن جي هٿ ۾ ڪجهه سيٽون رهن ٿيون جيڪي ٽوئرسٽن کي مهيا ڪن ٿا. سو جيڪڏهن توهان کي پوني، ممبئي، دهلي وغيره جي ريلوي اسٽيشن جي عام ٽڪيٽ واري دريءَ تان ٽڪيٽ نه ملي سگهي، ته پاسپورٽ ڏيکاري توهان ٽوئرسٽ واري سهوليت حاصل ڪري سگهو ٿا. بهرحال، ان ڏينهن ممبئي وڃڻ جي ٽڪيٽ ٻه ڏينهن ائڊوانس ۾ وٺي ڪمري تي اچي سڪون جي ننڊ ستس.


    ريل بدران بس ۾ ممبئي وڃڻ

    اڱاري ڏينهن صبح جو پوني کان ممبئي وڃڻ لاءِ، آئون ٻه ڏينهن اڳ، ڇنڇر ڏينهن ئي پرگتي ايڪسپريس نالي ٽرين ۾ سيٽ رزرو ڪرائي ٽڪيٽ وٺي آيس ۽ اچي سڪون جي ننڊ سُتس. ٻيو ڏينهن آچر جو گهمڻ ڦرڻ لاءِ هو ۽ سومر ڏينهن آفيسون کلڻ تي مون کي پوليس آفيس رپورٽنگ ڪرڻي هئي، ڇو جو انڊيا جي قانون موجب انڊيا جو ڪوبه شهر ڇڏڻ وقت آخري 24 ڪلاڪن اندر پوليس کي رپورٽ ڪرڻو پوندو آهي ته آئون توهان جو شهر ڇڏي پنهنجي ملڪ واپس پيو وڃان يا توهان جي ملڪ جي ڪنهن ٻئي شهر ڏي روانو پيو ٿيان. آئون اهو سوچي رهيو هوس ته سومر ڏينهن صبح جو يارهين بجي پوليس آفيس پهچي مقرر فارم تي انچارج آفيسر کان صحيح ۽ ٺپو هڻائيندس، جيئن هو پنهنجي رجسٽر تي به لکي ڇڏي ته آئون سندس شهر مان نڪري ويس. سومر ڏينهن جو باقي حصو به مون کي هي شهر پوني گهمڻ لاءِ ملي ويندو ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان پرگتي ايڪسپريس ۾ ممبئي روانو ٿي ويندس. پر پوءِ اوچتو اهو خيال اچي ويو ته سومر ڏينهن پوليس رپورٽنگ جو ڪم جيڪڏهن نٿو ٿي سگهي، يعني آئون ته آفيس پهچي وڃان پر خبر پوي ته پوليس آفيسر غير حاضر آهي ۽ سومر ڏينهن بدران مون کي ٻئي ڏينهن يعني اڱاري ڏينهن گهرايو ويو ته منهنجي ٽرين جي ٽڪيٽ ته بيڪار ٿي وئي، ڇو جو پوني اچڻ وقت به مون کي ٻه ڏينهن پوليس آفيس جا چڪر هڻڻا پيا هئا، جو انچارج آفيسر پهرين ڏينهن تي غير حاضر هو يا بقول هن جي کيس ٻئي ڪنهن اهم ڪم لاءِ موڪليو ويو هو. اهو سوچي مون ريل رستي ممبئي وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو. “ان کان بهتر آهي ته بس رستي وڃجي. پوني مان ڪيترين ئي ڪمپنين جون بسون- ايئرڪنڊيشنڊ، ساديون، ننڍيون، وڏيون اوچيون- هر اڌ اڌ ڪلاڪ بعد ممبئي لاءِ نڪرن ٿيون. سومر ڏينهن رپورٽنگ جو ڪم رهجي ويو، ته اڱاري ڏينهن جيئن رپورٽنگ جو ٺپو لڳي ملندو، ته ان بعد جيڪا بس ملي ته ان ۾ هليو ويندس.” اهو سوچي ٽڪيٽ کنيم ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڃي مقرر دريءَ تي اها واپس ڪيم. منهنجي خيال ۾ پنج سيڪڙو يعني هڪ سئو رپين تي پنج روپيا ڪٽيا ويا ۽ باقي ٽي سؤ رپيا کن مون کي موٽايا ويا. اها 320 روپين جي ٽڪيٽ هئي.
    سومر ڏينهن پوليس آفيس رپورٽنگ (اطلاع) لاءِ پهتس. منهنجي اميد جي خلاف سمورو ڪم ڏهن منٽن ۾ ٿي ويو. بلڪه مرهٺي پوليس انسپيڪٽر کي جڏهن مون سان گڏ هلندڙ چندر موهيناڻيءَ ٻڌايو، ته آئون رائيٽر آهيان ته هن مون کي زبردستي چانهه به پياري ۽ مون کي پوني جي پوليس بابت پنهنجو رويو بدلائڻو پيو... پر ڪجهه ڪجهه! آئون هينئر به اهو ئي چوندس ته انڊيا ۾ توڙي اسان جي ملڪ ۾ ٽوئرسٽن لاءِ هي رپورٽنگ جو سلسلو سخت دشواري پيدا ڪري ٿو. هڪ ٽوئرسٽ کي پرديس ۾ اڳهين ڪيترا مسئلا درپيش رهن ٿا، ان سان گڏ هيءَ هڪ اجائي فالتو ٽينشن آهي. چندروءَ کي به افسوس ٿيو ته مون اجائي ٽرين جي ٽڪيٽ واپس ڪئي.
    “توهان کي ٽرين ۾ ممبئي وڃڻ جو شوق هو،” چندروءَ مون کي چيو، “اها هينئر به آئون حاصل ڪري سگهان ٿو.” “نه نه مڙيئي خير آهي.” مون چندروءَ کي چيو. “منهنجا ريلوي ۾ دوست آهن، اهي توهان لاءِ هڪ ٽڪيٽ جو بندوبست ڪري سگهندا. توهان انڊيا جي ريل ۾ به سفر جو تجربو حاصل ڪريو.” چندروءَ چيو پر مون بس ۾ وڃڻ بهتر سمجهيو ۽ چندروءَ کي ٻڌايم ته آئون دهلي کان بڙودا اوٽ موٽ ٽرين ۾ سفر ڪري چڪو آهيان، ان ڪري هاڻ بس ۾ ئي هليو ٿو وڃان. ان ڏينهن شام جو آئون چندرو جي والدين ليکراج ۽ ايشوري کان به موڪلائي آيس. پوني جي گيسٽ هائوس وارن (مهيش، مينو ۽ نريش وارن) کي به پنهنجي روانگي جو ٻڌايم، ته آئون صبح ساڻ هليو ويندس. مون سمجهيو ته هو خوش ٿيندا ته آئون هاڻ ٽران پيو جو هنن مون کي ٽن ڏينهن لاءِ گهرايو ۽ آئون هفتي کان مٿي رهي پيس. پر مون ڏٺو ته هنن کي ان ڳالهه جو ذرو به خيال نه هو ۽ بار بار مون کي پنهنجو عزتماب مهمان سڏيندا رهيا. آئون سندن پير يعني دادا جشن کي ڏسڻ لاءِ پوني آيو هوس، پر دادا پنهنجن ماڻهن کي منهنجي خيال رکڻ لاءِ ايڏو ته چيو جو ماڳهين آئون هنن جو پير بنجي پيس. منهنجي رهائش ۽ کاڌي پيتي جو هو هڪ هڪ ڏينهن ڇا هڪ هڪ ڪلاڪ خيال ۽ اونو ڪندا رهيا.
    صبح جو اٿڻ سان سامان پئڪ ڪيم ۽ پوءِ ڪمري جي هر شيءِ چادر ۽ ٽوال کان ٿرماس، چمپل ۽ ٽي ويءَ جو ريموٽ ۽ ٻيون شيون پنهنجي جاءِ تي سيٽ ڪري رکيم. ڪٻٽ ۽ ميز جا خانا آخري دفعو کولي چيڪ ڪيم ته منهنجي ڪا شيءِ، پئسي ڏوڪڙ کان پاسپورٽ يا ڪو پنو رهجي ته نه ويو آهي ۽ پوءِ رستي تي يا ممبئي پهچڻ تي پريشاني ٿئي. ممبئي ۾ جن وٽ رهڻ لاءِ وڃي رهيو هوس، يعني جئه موتياڻي ۽ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي فون نمبرن جي هڪڙي پرچي کيسي ۾ وڌم ۽ ٻي ٺاهي بئگ ۾ وڌم. جيئن هڪ گم ٿي وڃي ته ٻي ته هجي. آئون هميشھ پنهنجن نيوي جي شاگردن توڙي دوستن کي اها ئي صلاح ڏيندو آهيان ته ڌارين ملڪن يا شهرن ۾ جن وٽ توهان وڃو ٿا، انهن جا ٽيليفون نمبر ۽ ائڊريسون هڪ بدران ٻن پنن تي لکو ۽ اهي ٻن مختلف هنڌن تي رکو. جيئن هڪ پنو گم ٿي وڃي، ته ان جي ڪاپي ته توهان وٽ هجي. تصور ڪريو ته آئون ممبئي پهچي وڃان ۽ مون وٽ ميزبانن جا نمبر نه هجن، ته اهڙي صورت ۾ ته ڄڻ هڪ ماڻهو رڻ ۾ رلي ويو. پاسپورٽ ۽ پئسي ڏوڪڙ جو خيال رکڻ لاءِ ته آئون هر وقت خبردار ڪندو رهان ٿو. توهان چاهي ڪٿي گهمڻ لاءِ وڃو، نوڪري تي وڃو يا حج زيارتن تي، پاسپورٽ ۽ پرس جي چوري يا گم ٿيڻ بعد هڪ مسافر جهڙو لولو لنگڙو ٿيو پوي ۽ اهو مسافر جي پاڪستاني آهي ته هن جو سر هلي ويو. توهان کي ڪو پنج ڊالر اوڌر يا خيرات ۾ ڏيڻ لاءِ به ڏهه دفعا سوچيندو جو افسوس جو ان بهاني سان اسان جي ڪيترن ئي پاڪستانين پنڻ جو ڌنڌو کڻي اختيار ڪيو آهي. اسان جا سفارتخانا به ان ڏس ۾ مجبور آهن، جو هو روز روز ڪنهن ڪنهن جا ڏکڙا ٻڌن ۽ ڪنهن ڪنهن جا مسئلا حل ڪن. ان ڪري بهتر آهي ته هر مسافر کي ان معاملي ۾ خبردار رهڻ کپي، جيئن پرديس ۾ هن کي پريشاني نه ٿئي.
    بئگ کڻي ڪمرو ڇڏڻ وقت هيٺ رسيپشن تي فون ڪيم ته آئون وڃان پيو، توهان چاهيو ته ڪمرو اچي چيڪ ڪريو.
    “توهان فڪر ئي نه ڪريو، چاٻي به اتي ئي ڇڏي ڏيو.”
    رسيپشن تي موجود مهيش آئيداسانيءَ وڏي دل سان چيو ۽ هڪ دفعو وري پوني اچڻ لاءِ دعوت ڏني. “اسان توهان کي ياد ڪنداسين.” هن چيو.
    هفتو سوا کن هتي رهڻ بعد آئون به ڪافي قرب ۽ ڳانڍاپو محسوس ڪري رهيو هوس. هن گيسٽ هائوس ۾ ڪم ڪندڙ نَوين، ڪويتا کتري، ريکا توڙي آفيس ۾ ڪم ڪندڙ رجني، نريش ۽ ڀاڳيشوري کي هڪ وڏي عرصي تائين وساري نه سگهندس. صبح جا ست کن ٿيا هئا. ٻاهر ٽرئفڪ جو گوڙ گهمسان عروج تي هو، اندر پهرين ماڙ تي شيلا سِپي ۽ ٻيون عورتون ساڌو واسواڻي جي وڏي پوسٽر اڳيان ڀڄنون ڳائي رهيون هيون. مون هٿ لوڏي پنهنجي پر ۾ کانئن موڪلايو ۽ ٻاهر نڪري ساڌو واسواڻي چوڪ تي اچي بيٺس. چوڪ جي وچ ۾ ساڌو صاحب (ٽانورداس ليلارام واسواڻي) جي وڏي مورتي هيٺيان سندس سنڌيءَ ۾ لکيل چوڻي پڙهيم:
    اي دل نه ڪر فڪر،
    ڪر شڪر، ڪر شڪر!
    ٿي سگهي ٿو اها چوڻي، اهو شعر دادا جشن جو هجي جو ان جي هيٺان “دادا واسواڻي” لکيل آهي.
    هن چوڪ جي ڪنڊ تي، يعني گيسٽ هائوس سان گڏوگڏ هڪ ريسٽورنٽ ۽ بس سروس جي آفيس آهي. اتي اچي ويٺس ۽ چانهه جو آرڊر ڏنم. هونءَ به ايندي ويندي هن هوٽل جي ڌوڌپتي چانهه پيئندو رهيس ٿي. انگريزن نه فقط ننڍي کنڊ تي پر ملايا، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ کان ڪينيا، نائيجريا ۽ گهانا تي حڪومت ڪئي پر ڪرڪيٽ ۽ چانهه پڻ انٽروڊيوس ڪرائي. ڪرڪيٽ ته جتي ڪٿي هلي ٿي، ويندي مينهوڳي واري موسم واري ملڪ سنگاپور ۾ پڻ، پر چانهه جو مزو فقط پاڪستان، انڊيا ۽ بنگلاديش جي شهرن ۾ آهي. انگريزن واري اسپيشل چانهه کان علاوه جتي ڪٿي ڌوڌپتي چانهه جا هنڊا چڙهيا پيا آهن. اسان به اهڙا عادي ٿي ويا آهيون، جو جيسين ان چانهه جو ڪوپ نه پيون تيسين ڄڻ ته ڏينهن ئي شروع نٿو ٿئي. انڊيا جي سرڪاري آفيسن توڙي دڪانن ۽ ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙن کي وقت جي پابندي جو خيال ڪرڻو پوي ٿو. سو گهڻي ڀاڱي ماڻهو گهر ۾ نيرن ڪرڻ بدران اهڙين ننڍين ريسٽورنٽن ۽ دڪانن تي چانهه جو ڪوپ ۽ ٻه پاپا وٺي نيرن ڪن ۽ ڊيوٽي تي وڃيو حاضر ٿين.
    منهنجي اڳيان چانهه رکندڙ بئري منهنجي پڇڻ تي مون کي صلاح ڏني ته بهتر ٿيندو ته هن بس ڪمپنيءَ ذريعي ممبئي نه وڃان.
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو.
    “ان ڪري جو هنن وٽ ٿوريون ۽ ساديون بسون آهن ۽ ڪلاڪ ڪلاڪ بعد نڪرن ٿيون، جيتوڻيڪ ٽڪيٽ کڻي گهٽ اٿن.” هن ٻڌايو.
    “پوءِ ڀلا ڪهڙي بس ۾ وڃان؟” مون پڇيو.
    “اڳيان پوني اسٽيشن وٽ هڪ شهر جو وڏو بس اسٽاپ آهي، جتان هر قسم جي بس مها بليشور، ڪولها پور ۽ گُواڏي وڃي ٿي ۽ ممبئي لاءِ Asiad ٽوئرسٽ ڪمپنيءَ جون ڊيلڪس جون بسون هر اڌ ڪلاڪ بعد ممبئي روانيون ٿين ٿيون.”
    “زبردست.” مون چانهه جا پئسا ٽيبل تي رکي چيو ۽ بئگ جي ڳن ۾ هٿ وجهي کيس پوني جي ساڌو واسواڻي سان منسوب واسواڻي روڊ تي ڇڪڻ شروع ڪيو. هي روڊ انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪناٽ روڊ سڏبو هو. اڄ به ڪيترا ماڻهو ان کي پراڻي نالي سان ئي ياد ڪن ٿا، جيئن اسان وٽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي اڃان تائين ڪيترا مئڪلوڊ روڊ ۽ شاهراههِ فيصل کي ڊرگ روڊ سڏين ٿا.
    ڊيوڪ آف ڪناٽ دراصل تخلص يا کڻي چئجي ته رتبو آهي، جيڪو برطانيا جي مهاراڻي وڪٽوريا پنهنجي ٽئين نمبر پٽ شهزادي آرٿر کي عطا ڪيو هو. پوني جو هي روڊ هن شهزادي ڪناٽ نالي هو. ڪناٽ روڊ هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ به آهي پر انڊيا وارن نه فقط پوني جي هن روڊ جو نالو بدلايو آهي پر دهلي جي مشهور تجارتي ۽ بزنس سينٽر ڪناٽ پليس جو به نالو بدلائي “راجيو چوڪ” رکيو آهي.
    هونءَ هتي اهو به لکندو هلان ته ستر ۽ اسي واري ڏهي ۾ جڏهن اسان جو جهاز هانگ ڪانگ ويندو هو، ته اتي جي ڪناٽ روڊ تي جتي پيڊر اسٽريٽ اچي لڳي ٿي، مهاراڻي وڪٽوريا جي هن پٽ شهزادي آرٿر، ڊيوڪ آف ڪناٽ جي وڏي مورتي (Statue) لڳل هو پر هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ جڏهن کان هانگ ڪانگ 1997ع چين حوالي ٿيو آهي، ته هي Statue اتان غائب آهي. هانگ ڪانگ جي هن روڊ جو نالو ڪناٽ روڊ 1890ع ۾ رکيو ويو جڏهن هي ڊيوڪ آف ڪناٽ هانگ ڪانگ گهمڻ آيو هو.


    ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي

    پوني جي مين بس اسٽاپ تي پهچڻ لاءِ آئون پنهنجي ڦيٿن واري بئگ کي واسواني چوڪ کان ڦيرائي ڪناٽ روڊ تي جيڪو هاڻ واسواڻي روڊ سڏجي ٿو، هلڻ لڳس. رستي تي هڪ ٻه بس ڪمپنين جون آفيسون نظر آيون، جتي مختلف شهرن ڏي ويندڙ بسن جون ٽڪيٽون ائين وڪامي رهيون هيون، جيئن اسان وٽ هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ لاءِ ٽڪيٽ آفيسون آهن. ڪن جي ته اڳيان بيٺل سندن پگهاردار ايندڙ ويندڙ جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ مها بليشور، ڪولهاپور يا ڪنهن ٻئي شهر جو نالو وٺي رهيا هئا، جيئن پاڻ وٽ مختلف بسن جا ڪنڊيڪٽر يا ڪلارڪ بس جي آخري منزل مورو، ميرپورخاص، نوابشاهه يا سجاول جو هوڪو ڏيندا رهندا آهن. رستي تان هڪ ٻه رڪشا وارا مون کي بئگ سان گڏ واڪ ڪندو ڏسي اچي ڀر ۾ بيٺا ٿي پر مون اڄ پوني جي رستن تي آخري واڪ ڪرڻ چاهي ٿي، ڀلي ممبئي اڌ ڪلاڪ دير سان پهچان. ڪو زمانو هو جو بئگ کي مٿي کڻي هلبو هو يا ڪلهي يا مٿي تي رکبو هو. ان صورت ۾ بئگ سان گڏ هلڻ مصيبت هوندو هو، پر هاڻ ڏهاڪو سالن کان هي ڦيٿن واريون بئگون عام ٿي ويون آهن ۽ اهو بيوقوف هوندو جيڪو پرديس جي سفر ۾ بنا ڦيٿن واري بئگ کڻي نڪري ٿو ۽ اهو به لکندو هلان ته بئگ جا ڦيٿا جيڏا وڏا اوترو بهتر.
    پوني جو هي واسواڻي روڊ (ڪناٽ روڊ) پرنس آغا خان روڊ سان اچيو لڳي جيڪو ساڄي کان کاٻي وڃي ٿو. پوني جي ريلوي اسٽيشن ۽ بس اسٽاپ هن روڊ تي آهي، جنهن لاءِ آئون کاٻي مڙيس. ٻن ٽن منٽن جي واڪ بعد هن روڊ تي جيئن ئي بي جي ميڊيڪل روڊ (پراڻو نالو ساسون روڊ) اچي ٿو لڳي، ته ان کان پوءِ بس اسٽاپ آهي. چوڌاري ڪيتريون ئي بسون بيٺيون هيون. هڪ ڊگهي ۽ ڊيلڪس ٽائيپ بس ان وقت ڇٽي رهي هئي. ٽڪيٽ آفيس وارن ٻڌايو ته هن بعد ٻي اڌ ڪلاڪ بعد ڇُٽندي. مون اڍائي سؤ رپيا ڏئي ان پوءِ واري بس جي ٽڪيٽ ورتي ۽ ان آفيس ڀر ۾ هڪ ريسٽورنٽ ۾ ويهي چانهه پيتي. اڊلي يا ڊوسا منهنجي ڪا فئوريٽ شيءِ ناهي پر هن هوٽل ۾ اهي ئي ٻه شيون هيون جيڪي اڦراٽي بدران مجبورن کائڻيون پيون.
    بس پوري اٺين بجي بس اسٽاپ ڇڏيو جيتوڻيڪ مسافرن جو تعداد ڪو ٻارهن تيرهن مس هو. مون سمجهيو ته جيسين بس ڀربي نه تيسين بس اسٽاپ نه ڇڏيندي. ٽڪيٽن تي سيٽ نمبر لڳل هئا پر پڇڻ تي ڊرائيور چيو ته ڪنهن به سيٽ تي ويهي سگهان ٿو، جو پوني شهر مان لنگهندي سٺ ستر سيڪڙو بس ڀرجي سگهندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته صبح جو پنجين ڇهين بجي واريون بسون فل وڃن ٿيون، جو ان ۾ آفيسن جا ماڻهو ويهن ٿا جن کي ممبئي ۾ پنهنجي آفيس ۾ نائين ڏهين تائين پهچڻو پوي ٿو. پوني کان ممبئي پهچڻ ۾ بس کي چار ڪلاڪ لڳن ٿا، جو اڌ ڪلاڪ کن پوني شهر مان نڪرڻ وقت مختلف هنڌن تي بيهي وڌيڪ مسافر کڻي ٿي ۽ اهڙو رستي تي هڪ ٻن هنڌن تي مسافرن جي چانهه پاڻي لاءِ ترسي ٿي.
    پوني جي هڪ ريلوي اسٽيشن واري بس اسٽاپ کان علاوه پوني شهر ۾ ٻه ٻيا به وڏا اسٽاپ آهن. هڪ شيواجي نگر وارو بس اسٽاپ ۽ ٻيو سوارگيٽ وارو. شيواجي نگر واري بس اسٽاپ کان گهڻو ڪري اورنگاباد (6 ڪلاڪن جو سفر)، ناسڪ، احمد آباد، وَدودرا، لونا والا ۽ نانگپور ڏي بسون وڃن ٿيون. سوار گيٽ بس اسٽاپ کان بئنگلور، مها بليشوار، سولاپور، مئنگلور ۽ انڊيا جي ڏاکڻي رياست ڪرناٽڪا جي شهرن ڏي وڃن ٿيون. بهرحال مون کي ممبئي وڃڻو هو ۽ نه رڳو بس آرام واري هئي پر مون کي ويهڻ لاءِ اڳين سيٽ ملي وئي هئي، جنهن ڪري نه فقط دريءَ مان پر در کلڻ تي ان مان به ٻاهر جو شهر، عمارتون، دڪان، ماڻهو صاف نظر اچي رهيا هئا. آئون هن شهر جي هر شيءِ غور سان ڏسندو رهيس. اڄ منهنجو هن شهر پوني ۾ آخري ڏينهن هو. بلڪه آخري گهڙيون هيون. هي شهر جنهن جو نالو مون ننڍپڻ کان پنهنجي ڏاڏيءَ جي واتان ٻڌو، جتي منهنجي پيءُ پنهنجي پسند جي سبجيڪٽ Agriculture ۾ گرئجوئيشن ڪئي، جتي دادا جشن رهي ٿو، جنهن کي هيستائين فقط ٽي وي جي اسڪرين تي ڏسندو هوس، هتي هيرآباد جي دادي ليلان جون ڪلاس ميٽ ۽ هم جيڏيون ايشوري جوتواڻي ۽ سندس ڀيڻ نرملا رهن ٿيون، جن پنهنجي سڄي زندگي ساڌو ٿانورداس ليلارام واسواڻي جي اصولن تي وقف ڪري ڇڏي، جن بنيادي تعليم حيدرآباد سنڌ جي ڪندنمل اسڪول ۽ ميران ٻائي ڪاليج مان حاصل ڪئي ۽ هي شهر پوني اهو آهي، جتي حيدرآباد جي ان تعليمي اداري جو هم نام “سينٽ ميران گرلس اسڪول” آهي... اڄ اهو شهر ڇڏي پيو وڃان، جنهن جي ڏسڻ لاءِ سالن کان خواب ڏسندو رهيس.
    بس آغا خان ۽ سنجي گانڌي روڊ تان ٿي ڊاڪٽر امبيدڪر روڊ تي آئي، جيڪو شهر جي وچمان لنگهندڙ موٺا (Mutha) ندي تائين اچي ٿو ۽ ان هنڌ تي هي درياهه ٽپڻ لاءِ سنگم پل ٺهيل آهي. سنگم پل ٽپڻ وقت مون بس جي دريءَ مان موٺا نديءَ جي وهندڙ پاڻي ڏي ڏٺو جيڪو ٿورو اڳيان اتر ۾ مُولا (Mula) نديءَ سان وڃي ملي ٿو جنهن بعد هي ٻئي نديون هڪ ٿي اوڀر ڏي وڃن ٿيون ۽ اها مليل ندي “مُولا موٺا ندي” سڏجي ٿي. موٺا نديءَ جي ڪپر تي ڪجهه ڌوٻي ۽ گهرو عورتون ڪپڙا ڌوئي رهيون هيون. “خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن کي نه فقط نديون آهن پر اهي پاڻيءَ سان ٽمٽار آهن. سٺ جي ڏهي ۾ حيدرآباد کان پيٽارو ويندي غلام محمد بئراج وٽان لنگهبو هو ته اسان جي سنڌوندي به هينئن هوندي هئي، بلڪه هن موٺا نديءَ کان به ٻيڻي ٽيڻي هوندي هئي پر هاڻ افسوس جو هن جي پيٽ مان ڌوڙ پئي اڏامي، ٻار ڪرڪيٽ راند پيا ڪن، موالي قسم جا ماڻهو شرطن تي ڪڪڙ ويڙهائي گد گد پيا ٿين!
    مُوٺا نديءَ تي ٺهيل سنگم برج ٽپڻ بعد ڏٺم ته هن روڊ جو نالو “سنگم برج روڊ” هو. سنگم برج ٽپڻ کان هڪ روڊ جيڪو کاٻي پاسي لڙي پئي ويو، ان تي “جهونا بازار روڊ” جو نالو پڙهي مون کي ڪراچي جي پراڻي علائقي جي جهونا بازار، جوڙيا بازار، کجور بازار، لي مارڪيٽ ۽ کوڙي گارڊن مارڪيٽ ياد اچي وئي. بهرحال سنگم برج ٽپڻ بعد پوني جو ٻيو وڏو بس اسٽاپ “شيواجي بس اسٽاپ” آيو، جتي اسان جي بس پنج منٽ کن ترسي ڪجهه مسافر کنيا ۽ پوءِ اڳتي رواني ٿي. “سنگم برج روڊ” اڳيان هلي “يونيورسٽي روڊ” ٿيو، جتي جي بس اسٽاپ تان ڪجهه شاگرد بس ۾ چڙهيا. ٽي ڄڻا پشتو ڳالهائيندي منهنجي پٺيان وڃي ويٺا. هن اسٽاپ جي ڀرسان ائگريڪلچر ڪاليج، فرگوسن ڪاليج، وائڪنت مهتا نئشنل انسٽيٽيوٽ، پوليٽيڪنڪ انسٽيٽيوٽ ۽ ٻيا تعليمي ادارا آهن جن ۾ نه فقط انڊيا جا پر دنيا جي ڪيترن ملڪن جا شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ اهي ڪاليج هڪ صديءَ کان به وڌيڪ پراڻا آهن. ان کان علاوه پوني يونيورسٽي به اتي آهي.
    آچاريه چوڪ وٽ ڪجهه دير ترسڻ بعد، اسان جي بس وڌيڪ اتر ڏي يونيورسٽي روڊ وٺي هلڻ بدران اولهه ڏي پاشان روڊ تي آئي. يونيورسٽي روڊ ۽ هن روڊ جي وچ ۾ پوني جي مشهور سنڌي ڪالوني آهي. پاشان روڊ تي “گول مارڪيٽ” نالي هڪ بس اسٽاپ تان ڪجهه مسافر چڙهيا ۽ پوني شهر جو هي آخري اهم اسٽاپ هو جنهن تي اسان جي بس پنج منٽ کن ترسي. ان بعد اها سڌو اچي ممبئي پوني باءِ پاس روڊ تي چڙهي جيڪو ائين آهي جيئن حيدرآباد شهر کان ٻاهران رستو اچيو ٿو ڄامشوري ٽول پلازه سان ملي جتان پوءِ ڪراچي وارو سپر هاءِ وي شروع ٿئي ٿو. اهڙي طرح پوني ٻاهران ڦيرو ڪندڙ هي ممبئي پوني باءِ پاس اچيو ممبئي پوني ايڪسپريس وي سان ملي. ان بعد ممبئي تائين اسان جي بس فقط اڌ رستي تي لونا والا تي ترسي. هي اسٽاپ ائين آهي جيئن حيدرآباد ۽ ڪراچي جي وچ۾ نوري آباد جو اسٽاپ. لونا والا جي ڀرسان ئي هتي جي هڪ ٻي مشهور هِل اسٽيشن کنڊالا آهي. هتي جي حڪومت ٽوئرزم کي بهتر بڻائڻ لاءِ مسافرن جي سک جو چڱو بندوبست ڪيو آهي. هن پرائيويٽ سيڪٽر کي به خوب همٿايو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جي نوري آباد جهڙي جهنگل ۾ به اعليٰ قسم جون ديسي ۽ ولائتي فاسٽ فوڊ واريون هوٽلون جام آهن. ايشيائي ملڪن جي حساب سان سندن باٿ روم به ڪافي صاف سٿرا آهن. ٽيليفون ۽ انٽرنيٽ جي به جتي ڪٿي سهولت آهي. وڏي ڳالهه ته هر شيءِ جي قيمت مناسب اگهه تي رکي وئي آهي. اسان وٽ اهڙن هنڌن تي، خاص ڪري ريلوي پليٽ فارم، بس اسٽاپ ۽ هوائي اڏن تي هر شيءِ مهانگي ڪئي وڃي ٿي. نتيجي ۾ سکيو ستابو مسافر به فقط چانهه پيئڻ لاءِ به، ٻه دفعا سوچي ٿو. پر هتي مون ڏٺو ته غريب غربو بس مان لهڻ بعد چانهه ۽ ڪافي پيئڻ لڳو. ان سان گڏ بسڪيٽ، سموسا، ڪيڪ يا ڇولا، فروٽ وٺڻ لڳو. مون هڪ ايڪسپريسو نالي جي هڪ ولائتي ريسٽورنٽ تان ڪافي ورتي. اتي ئي منهنجي بس وارا پٺاڻ شاگرد پڻ چانهه پي رهيا هئا. هو جينز پتلونن ۾ هئا ۽ عمر ۾ ويهن کان پنجويهن سالن جا ٿيندا. منهنجي پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته هو افغانستان کان هتي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ آيا آهن. هنن پنهنجا نالا رياض خان، ايمل مرادي ۽ رحمت الله ٻڌايا.
    “بي اي ۽ بي ايس سي لاءِ توهان هيترو پري پوني يونيورسٽي ۾ آيا آهيو. اهو ته توهان پشاور پنڊي جي به ڪنهن يونيورسٽي ۾ پڙهي سگهو ٿا؟” مون به عجيب بيوقوفن وارو سوال ڪيو پر چڱو ٿيو جو هنن ٻارن مون کي ان قسم جو کتو جواب نه ڏنو ته “پوءِ توهان جي ملڪ جا سياستدان وڏيرا پنهنجن ٻارن کي ولايت ڇو ٿا موڪلين. اسان ته وري به پوني جي تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ آيا آهيون جيڪي دنيا ۾ معياري تعليمي ادارا آهن. توهان جي ملڪن جا ٻار ته فلپين، ملائيشيا توڙي انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ٺڙڪو ڪاليجن ۽ ٺڳ يونيورسٽين مان جعلي ڊگريون وٺي اچن ٿا.” پر هِنن افغان شاگردن شرافت ۽ سچ وارو جواب ڏنو ته هو هتي ان ڪري آيا آهن جو انڊيا هنن کي اسڪالر تي گهرايو آهي.
    “ڀلا جي پاڪستان به توهان کي اسڪالر ڏئي ته اوڏانهن به ويندؤ؟” مون هي هڪ ٻيو بيوقوفيءَ جو سوال ڪيو. بلڪه ڪري ويٺس ۽ جواب ڀوڳڻ لاءِ تيار ٿي ويس. “پاڪستان جي اسڪالر ڏيندو ته اوڏانهن به وينداسين.” رحمت الله چيو، “پر جي ٻنهي ملڪن مان Prefer ڪرڻو پيو ته پوءِ انڊيا بهتر آهي.”
    مون کي ماٺ ۾ ڏسي ٻئي افغان شاگرد ايمل مراديءَ چيو ته “جي ترجيح جي ڳالهه ٿا ڪريو ته انڊيا هر لحاظ کان بهتر آهي. پاڪستان ۾ تعليمي ماحول خراب آهي ۽ ملڪ ۾ اهي ئي هنگاما ٿيندا رهن ٿا، جيڪي اسان جي ملڪ افغانستان ۾ عام آهن.”
    “ممبئي ڀلا خير مان پيا وڃو؟” مون ٽاپڪ بدلائڻ ۾ بهتري سمجهي.
    “بس سَر ڪجهه چڪر هڻڻ، ڪجهه افغاني دوستن سان ملڻ، جيڪي ممبئي جي مختلف تعليمي ادارن ۾ پڙهن ٿا.” رحمت الله چيو.
    “ممبئي ۾ ڪٿي چڪر هڻو؟” مون پڇيو.
    “سائين ممبئي ڪو ڪابل ۽ قنڌار ته نه آهي، جتي خشڪ زندگي هجي،” رحمت الله ئي وراڻيو، “ڏسڻ لاءِ عمارتون، پارڪ، ميوزيم آهن، تفريح لاءِ سامونڊي ڪنارا، فلم ٿيٽر ۽ ناچ گانا آهن، کائڻ پيئڻ لاءِ هر قسم جون هوٽلون، ڪلب ۽ ريسٽورنٽون آهن، خريداري لاءِ وڏي کان وڏا شاپنگ سينٽر به آهن ته سستين شين لاءِ چور بازار به آهي.”
    مون مختلف ڪنڊن تان سندن اڪيلا ۽ پاڻ سان گڏ فوٽو ڪڍيا. اڄ اهي فوٽو ڏسي ٻه اکر هنن تي ويهي لکيا اٿم.


    کنڊلا کان ڪيفي ورندا وان

    ممبئي ۽ پوني جي وچ۾ هي لوناولا ۽ کنڊالا جو نوري آباد جهڙو اسٽاپ ان ڪري بهتر لڳو جو نوري آباد ايترو Developed ناهي. هاڻ مڙِيئي اسان جي پيٽارو جي دوست اي. ڊي خواجا ڪراچي حيدرآباد سپر هاءِ وي تي پيٽرول پمپ سان گڏ علي ريسٽورنٽ ٺاهي آهي، جنهن جي هر شيءِ کاڌي پيتي جي شين کان بئرن جا يونيفارم ۽ اخلاق سان ڳالهائڻ جو معيار ۽ واش روم بهتر نموني جا رکيا آهن پر ممبئي پوني ايڪسپريس وي تي هنن جاڙن شهرن لوناولا ۽ کنڊالا پويان تاريخ هڪ طرف آهي ته قدرت جي مهرباني ٻي طرف. گهڻي بارش ڪري چوڌاري ماٿريون ۽ جبل سرسبز نظر اچن ٿا. سامونڊي سطح کان گهڻو مٿي هجڻ ڪري ڪوهه مري ۽ ايوبيا لڳن ٿا. هوڏانهن ممبئي ۽ پوني ۾ ڀلي پگهر پيو ٽمي ۽ ماڻهو برف جا ڳنڍا پيا کائين پر لوناولا ۽ کنڊالا پهچڻ سان اس ۾ بيهڻ تي دل چوي ٿي ۽ چانهه يا ڪافي پيئڻ ۾ واهه جو لطف اچي رهيو هو. ملائيشيا جو گنتنگ آئيلئنڊ ياد اچي ويو. ڪوالالمپور ۾ گرميءَ ۽ گهم ڪري ماڻهو گنجي ۽ گوڏ ۾ پيا هلن پر ڪلاڪ جي سفر بعد گنتنگ پهچڻ تي سئيٽر پائڻو پوي ٿو.
    لوناوِلا ۽ کنڊالا ائين جاڙا شهر آهن جيئن راولپنڊي ۽ اسلام آباد- پر اهي به ڪجهه پري ٿيا. ڄڻ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي سمجهو. هي ٻئي شهر پوني ضلعي ۾ سمنڊ جي سطح کان اٽڪل 630 ميٽر بلنديءَ تي سآهيادري (Sahyadri) جبلن ۾ آهن. ممبئي کان پوني ويندڙ ريل گاڏي توڙي ممبئي کان پوني ويندڙ بسون هتان لنگهن ٿيون ۽ مسافر ڪجهه دير ساهي پٽين ٿا، ڄڻ هو مفت ۾ ڪوهه مريءَ جو سير ڪن ٿا. اسان وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ سپر هاءِ وي جي اڌ تي نوري آباد آهي، پر حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ نئشنل هاءِ وي، ٻيو پاسي وٺي وڃي ٿو جنهن جي تقريبن اڌ تي ٺٽو شهر آهي. هيڏانهن به ممبئي پوني ايڪسپريس وي توڙي پراڻو رستو نئشنل هاءِ وي الڳ الڳ هنڌن ۽ شهرن مان لنگهن ٿا پر ٻئي رستا لوناولا ۽ کنڊالا مان ضرور لنگهن ٿا. بلڪه ممبئي کان پوني هلندڙ ريل گاڏيءَ جي جنگشاهي به هي ٻه جاڙا شهر لوناولا ۽ کنڊالا آهن. هنن جابلو اسٽيشنن کان، هر هڪ واقف هو، پر اسان ڌارين جي هن هِل اسٽيشن کنڊالا واقفيت فلم ائڪٽر عامر خان جي هندي فلم “غلام” جي مشهور گاني “آتي ڪيا کنڊالا (ڇا کنڊالا نه ايندينءَ) سان ڪرائي. هنن شهرن جي پکيڙ 40 کن چورس ڪلوميٽر چئي وڃي ٿي، جيڪاچڱي خاصي آهي. يعني جبل جي چوٽيءَ تي ايڏي سڌي (flat) ڌرتي هجڻ وڏي ڳالهه آهي، جتي گهر، بازاريون، آفيسون ۽ تعليمي ادارا آهن. هي ٻئي شهر 1871ع ۾ ان وقت بامبي پريزيڊنسي جي گورنر سر ايلفنسٽن ايجاد ڪيون. ٽوئرسٽن ۽ حڪومت جي ڪامورن جي اچ وڃ جي سهوليت لاءِ هتي ايئرپورٽ به آهي.
    ممبئي شهر جيڪو دراصل ڇهه ست ٻيٽن جو مجموعو هو، اهو وقت سان گڏ اڄ هڪ يڪو پيس آهي. ٻيٽن جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ هو اهو گذريل ڏيڍ ٻه سئو سالن ۾ انگريزن ۽ بعد ۾ انڊيا حڪومت مٽي ۽ پٿرن سان ڀرائي هڪ يڪو ٻيٽ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي مٿان ريل گاڏيون ۽ بسون پيون هلن. هاڻ يڪو ممبئي (ٻيٽ) باقي انڊيا جي سرزمين سان پُلين ذريعي ڳنڍيل آهي. ممبئي پوني ايڪسپريس جيئن ئي ختم ٿيو ته اسان جي بس هڪ ٻيو ننڍي پئماني جو روڊ “سيان پانويل ايڪسپريس” اختيار ڪيو. جيڪو ايم جي ايم ميڊيڪل ڪاليج وٽان شروع ٿئي ٿو ۽ واشي پل (Vashi Bridge) ٽپي ممبئي جي علائقي چمبور مان ٿيندو سيان (Sion) ۾ اچي ٿو. سيان کان پوءِ ماتونگا اچي ٿو، ان بعد دادر جيڪو ٻاهران ايندڙ هنن بسين جو ممبئي ۾ آخري اسٽاپ آهي. سمجهو ته چمبور جي سهراب ڳوٺ آهي ۽ سيان ۽ ماتونگا لياقت آباد ۽ گرومندر آهي ته دادر ڄڻ ته صدر وارو علائقو آهي. جتي شالامار بس اسٽاپ حيدرآباد ۽ نوابشاهه کان ايندڙ بسين جو آخري اسٽاپ آهي ۽ پوءِ جيڪڏهن ڪو بولٽن مارڪيٽ يا ڪياماڙي وڃي ٿو ته رڪشا (آٽو)، ٽئڪسي يا ڪراچي شهر ۾ هلندڙ ميٽرو يا ڪنهن ٻي بس ۾ وڃي سگهي ٿو. اهڙي طرح ممبئي ۾ به دادر (Dadar) پهچڻ بعد وڌيڪ ڏکڻ ڏي وورلي (Worli)، بائڪلا، مهالڪشمي، مئزگائون، مالابار، چرچ گيٽ، ويندي ڪولابا تائين شهر ۾ هلندڙ BEST ڪمپني يا ڪنهن ٻي ڪمپني جي بس ۾ يا ٽئڪسي ۾ وڃي سگهي ٿو. ڪولابا ممبئي جو ائين آخري ڇيڙو آهي جيئن ڪياماڙي ڪراچيءَ جو.
    بس جيئن ئي “ممبئي پوني ايڪسپريس وي” مڪمل ڪيو ته مون کي مونجهارو شروع ٿيو ته هاڻ هيڏي وڏي شهر ۾ پنهنجي ميزبان کي ڪيئن ڳوليندس. ممبئي ۾ هفتو کن رهڻ لاءِ The Enterprise ڪمپني جي مالڪ جئه موتياني منهنجي لاءِ هوٽل ۾ بندوبست ڪيو هو. ساڳي وقت مممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ ڪيو هو. پوني ۾ ٻئي ڄڻا مون سان گڏ هئا. مون کين اهو ٻڌايو ته ممبئي پهچڻ سان جئه موتيانيءَ سان ملندس، جيئن هو پوليس رپورٽنگ واري فارملٽي ڪرائي ۽ پوءِ پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي کي فون ڪري يونيورسٽي واري گيسٽ هائوس ۾ اچي رهندس، جو ممبئي ۾ منهنجو خاص ڪم ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچر ڏيڻ هو ۽ منهنجي لاءِ يونيورسٽي جي ويجهو رهڻ بهتر هو. ممبئي يونيورسٽي سنڌ يونيورسٽي وانگر شهر (حيدرآباد) کان ڪٽيل نه آهي بلڪه وچ شهر ۾ آهي. جتان گيٽ جي ٻاهران مون کي هر وقت رڪشا، ٽئڪسي ۽ بس ملي سگهي ٿي ۽ ٿورو اڳيان ڪُرلا ريلوي اسٽيشن آهي.
    جيئن جيئن ممبئي ويجهو ايندي وئي تيئن تيئن مون تي اجايو خوف طاري ٿيندو ويو ته هيڏي وڏي شهر ۾ جئه مون کي ڪيئن ڳولي سگهندو. ٿي سگهي ٿو ته جئه جو موبائيل بند هجي، بزي هجي، خراب هجي ته پوءِ؟ منهنجي شايد ان اجائي خوف کي محسوس ڪري جئه مون کي سندس زال نيلو ۽ ڌيءَ خوشبو جا نمبر به ڏنا هئا پر خبر ناهي ڇو آئون عجيب ٽينشن جو شڪار ٿي رهيو هوس. خير ان وقت منجهند جو هڪ ٿيڻ وارو هو پر آئون نٿو سمجهان ته ممبئي ۾ ايڏي گرمي هئي جو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ به مون کي پگهر اچي رهيو هو. شايد آئون گهڻو پوڙهو ٿي ويو آهيان يا گهٽ ۾ گهٽ محسوس ڪري رهيو آهيان جو اهڙن موقعن تي اڪيلو هجڻ ڪري چڪر محسوس ڪريان ٿو. آئون سوچڻ لڳس ته ڪجهه ٿي پيو ته جئه يا ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آئون ڪهڙي بس ۾ ۽ ڪهڙي هنڌ آهيان. جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ته ڪڏهن به ائين محسوس نه ڪيم. بَس ڇا، جهاز هليو وڃي. گم ٿي ٻين شهرن کان وڃي نڪربو هو... دنگ اچي ڪنهن اسپتال يا پوليس اسٽيشن تي ڪبو هو، جيڪي اچي جهاز تي پهچائيندا هئا. اسان جو پاڻي وارو جهاز جي لنگر کڻي هليو ويندو هو، ته ٽرين يا هوائي جهاز ذريعي ٻي بندرگاهه ۾ وڃي اڳ وٺبو هوس. هر حال ۾ خوش پيو ٿبو هو. ائڊوينچر ۾ به مزو هو پر هاڻ هر وقت پاڻ کي ۽ پاڻ جيڏن کي اها ئي ڳالهه سمجهائيندو رهان ٿو ته هن عمر ۾ ڪڏهن به اڪيلو نه نڪرجي. سفر ۾ پاڻ سان ٻيو به ساٿي شامل ڪجي ۽ جي هو ننڍي عمر جو هجي ته سٺو. واشي پل ٽپڻ بعد مون جئه کي فون ڪيو. جئه جو فون نه خراب هو ۽ نه بزي. ٻن گهنٽين بعد ئي هن هيلو ڪيو ۽ منهنجو آڌرڀاءُ ڪندي ڪنهن اسٽيشن تي لهڻ لاءِ چيو. هو مون کي آخري اسٽاپ دادر تي لهڻ بدران Sion جي ڪنهن اسٽاپ تي لهڻ لاءِ چئي رهيو هو، پر مون لاءِ اهي نالا نوان هجڻ ڪري سمجهه ۾ نه پئي آيا، جيئن ڪنهن ڌارئين کي چئجي ته گوليمار، تين هٽي يا لالو کيت جي بس اسٽاپ تي لهجانءِ، ته هن لاءِ ته مون وانگر اهي نالا ئي سمجهڻ ڏکي ڳالهه! آخر ڀر ۾ ويٺل مسافر کي پنهنجو فون ڏنم جنهن مون کي هاڻ ايندڙ اسٽاپ تي لهڻ لاءِ ٻڌايو. جتان جئه جي آفيس کار (Khar) وارو علائقو ويجهو هو. پر مون کي منجهيل ڀانئي جئه وري فون ڪري مون کي آخري اسٽاپ دادر تائين وڃڻ لاءِ چيو ۽ مون کي پنهنجي هڪ دوست مهيش منيال جو نمبر ڏنو ته هو مون کي وٺڻ ايندو جو هن جي ڪاغذ جي ڪاروبار جي آفيس “اوم پيپر مارٽ” ممبئي جي فورٽ علائقي ۾ آهي، جيڪو علائقو ان پوليس آفيس جي ويجهو ئي آهي، جتي مون کي ممبئي ۾ اچڻ جو اطلاع ڪرڻو هو. منهنجي بس اڃان Sion جي ويجهو پهتي ته مهيش منيال جو فون آيو جنهن کي منهنجو نمبر جئه ڏنو هو. خير عافيت ڪرڻ بعد هن مون کي اڳتي دادر تائين وڃڻ بدران ايندڙ پهرين اسٽاپ تي لهي ٽئڪسي ڪرڻ لاءِ چيو. بس مان جنهن هنڌ لٿس اهو ڪراچي جي سائيٽ جهڙو علائقو هو. روڊ ويران ۽ ٻنهي پاسي فئڪٽريون نظر اچي رهيون هيون. بس مان لهي محسوس ڪيم ته ائين رستي تي لهي غلطي ڪئي اٿم پر ان ئي وقت ٽئڪسي ملي وئي. مهيش جو نمبر ملائي ٽئڪسي ڊرائيور کي ڳالهائڻ لاءِ چيم، تنهن ڳالهه ٻڌي “اڇاجي” چيو ۽ ڏهه ٻارهن منٽن اندر مون کي هڪ ڪراچي صدر جهڙي علائقي ۾ هڪ خيبر هوٽل جهڙي ڪنڊ واري هوٽل “ڪيفي ورنداون” جي اڳيان اچي لاٿو. اهو هڪ مشغول رستن جو چوڪ هو، جتي ماڻهن، بسين، ٽئڪسين، آٽو رڪشا وارن جي پيهه پيهان لڳل هئي. هن ڪيفي کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون ۽ کاڌي پيتي جا دڪان هئا. دل چيو ته اندر وڃي چانهه پيئان پر اهو به ڊپ هوم ته مهيش مون کي ڪٿي ڳوليندو جي آئون اندر غائب ٿي ويس. مون کي ته اها به حيرت ٿي ته اهڙي مشغول علائقي ۾ جيڪو يقينن اسان جي صدر واري کان هر صورت ۾ گهڻو وڌيڪ ۽ وڏو آهي، ڪيئن ڳولي سگهندو. هڪ ته منهنجي اڳيان فٽ پاٿ تان ماڻهن جا انبوهه لڳاتار گذري رهيا هئا. يا رستو ڪراس ڪري رهيا هئا. سمجهه ۾ نه پئي آيو ته مهيش کي ڪار پارڪ ڪرڻ جي جاءِ به ڪٿي ملندي ۽ مون کي پري کان ڏسي سگهندو يا نه؟
    آئون پنهنجي ميزبان جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هوس ته هڪ ويهن ورهن کن جي ڇوڪري، قد ۾ بنهه بندري پر شڪل ۾ سهڻي، شولڊر بئگ سان بس مان لٿي ۽ هن ڪيفي جي در مٿان لکيل نالو “Café- Vrindavan” پڙهي، اتي ئي منهنجي ڀرسان ڪنهنجو انتظار ڪرڻ لڳي. وقت پاس ڪرڻ لاءِ ۽ Curiousity خاطر مون کانئس پڇيو ته آيا هوءَ ممبئي جي مرهٺي ڇوڪري آهي، ته هن ٻڌايو ته هوءَ گوا جي رهاڪو گجراتي ڳالهائڻ واري آهي. هوءَ هتي جي ڪنهن آفيس ۾ نوڪري ڪرڻ لاءِ پهريون دفعو ممبئي آئي آهي. کيس سندس ماسي هتان وٺڻ ايندي، جنهن کيس هن هوٽل اڳيان اچي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو آهي.
    ٺهيو. چئبو ته هيءَ ڪيفي به صدر جي خيبر هوٽل ئي آهي، جنهن کان هر هڪ واقف آهي ۽ جڏهن هن بندري قد جي ڇوڪريءَ کي سندس ماسي ڳولهي ويندي ته پڪ مون جهڙي ڇهه فٽي کي مهيش منيال به ڳولي ويندو. اهو سوچي هاڻ آئون سڪون سان هيڏانهن هوڏانهن ديدار ڪرڻ لڳس. سامهون Our lady of Good Counsel’ جي هاءِ اسڪول جو بورڊ لڳل هو ۽ شايد ان وقت موڪل ٿي هئي، جو ڪيترائي اسٽوڊنٽس نڪري رهيا هئا. ساڄي پاسي “شيٺ آيور ويدڪ ڪاليج” هو. هن هنڌ تي ڪيترائي روڊ اچي مليا ٿي. اين. ايس مامڪيڪر روڊ، وسنت رائو نانڪ روڊ (مون کي ان وقت خبر پئي ته ساونت ۽ بوندري وانگر نائڪ به مسلمانن توڙي هندن جي ذات آهي)، اسٽيشن روڊ ۽ ٿورو اڳيان لال بهادر شاستري روڊ هو.
    هوٽل مان نڪرندڙ هڪ همراهه پڇڻ تي ٻڌايو ته هيءَ عمارت جنهن ۾ اها ڪيفي به اچي وڃي ٿي. ممبئي جي مشهور شام ڌام بلڊنگ سڏجي ٿي جنهن جي ٻئي پاسي سيان ويسٽ جي ريلوي اسٽيشن آهي. آئون هتي جي رستن جا نالا پنهنجي پاڪيٽ ڊائريءَ ۾ لکي رهيو هوس، ته ڪن تي آواز آيو “ڀاءُ اوهان الطاف شيخ آهيو نه؟” ڪاپي ۽ پين کيسي ۾ وجهي چيم ته توهان مهيش ئي آهيو؟ دل ۾ چيم مهيش منيال نه آهين ته به مون کي هاڻ هتان وٺي هل نه ته گوا جي هن ڊينڊي قد واري گجراتڻ جي ماسي اڳ اچي وئي ته مون کي ٻه ٽڪا ڏک ٿي پوندو. ڇوڪري به منهنجي چهري تي رونق ڏسي سمجهي وئي ته پوني کان ممبئي جي سفر ۽ مهيش جي انتظار مون کي ٿڪائي رکيو آهي. “وش يو اي گڊ ڊي ان ممبئي” هن مون کي وش ڪيو. انگريزي ڳالهائڻ توڙي Manners ۾ ته هي سڀ اسان کان تيز آهن. بهرحال کانئس موڪلائي ۽ سندس ڍري ماسيءَ جي جلد پهچڻ جون کيس دعائون ڏيندو، اچي مهيش جي ڪار ۾ ويٺس.


    ممبئي جي رستن تي مسلمانن جا نالا

    ممبئي ۾ پهچڻ سان انڊيا جي قانون موجب پاڪستان جي ٽوئرسٽ کي اتي جي پوليس آفيس ۾ پنهنجي پهچ جو اطلاع ڪري پنهنجي Residential Permit واري فارم تي ٺپو هڻائڻو پوي ٿو، جيئن انڊيا جي اميگريشن وارن کي خبر پوي ته پاڪستاني شهري ڪهڙي شهر ۾ ۽ ڪڏهن داخل ٿيو ۽ ڪڏهن ڇڏيو. ان ڪم لاءِ مون کي پهرين پوليس رجسٽريشن آفيس وڃڻو هو. ممبئي شهر جي اها اڪيلي آفيس CST (ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. ممبئي ۾ منهنجي ميزبان جئه موتياڻي پنهنجي هڪ دوست مهيش منيال کي ان ڪم ۾ منهنجي رهنمائي ڪرڻ لاءِ فون ڪيو، جيڪو مون سان سيان سينٽر وٽ ملڻ آيو ۽ هاڻ پنهنجي آفيس وٺي پئي هليو. مهيش جو ڪاغذ جو ڪاروبار آهي. “اوم پيپر مارٽ نالي” ڪاغذ سپلاءِ ڪرڻ جي هن جي ڪمپني نه فقط ٻاهرين ملڪن کان اڇو ۽ رنگين ڪاغذ امپورٽ ڪري ٿي پر انڊيا جي ڪيترين ئي ڪاغذ ٺاهڻ جي ڪارخانن جي هول سيلر آهي. سندس آفيس فورٽ علائقي جي رگوناٿ دادا جي اسٽريٽ جي J.B هائوس بلڊنگ ۾ آهي.
    ممبئي جو فورٽ وارو علائقو CST ريلوي اسٽيشن وٽ آهي. يعني پوليس رجسٽريشن آفيس به اتي آهي، جتي مون کي پنهنجي لاءِ ممبئي ۾ داخل ٿيڻ جو اطلاع (رپورٽنگ) ڪرڻي هئي. سيان سينٽر کان، جتان آئون مهيش جي ڪار ۾ چڙهيو هوس، فورٽ تائين ڪو گهٽ فاصلو ناهي. هونءَ بيهڪ جي حساب سان بلڪل ائين آهي ڄڻ مون کي لياقت آباد ڏهه نمبر کان بولٽن مارڪيٽ پهچڻو هو. اهڙي طرح سيان، ڪرلا، ماٽونگا يا دادر کان فورٽ ڏي اچڻ آهي جيڪو بلڪل هيٺ ڏکڻ ۾ آهي ۽ جيئن ڪراچي ۾ بولٽن مارڪيٽ بعد ٽاور، نيٽي جيٽي ۽ آخر ۾ ڪياماڙي اچي ٿي، جنهن بعد سمنڊ آهي. تيئن ممبئي ۾ فورٽ بعد نريمن پئانٽ ۽ آخر ۾ ڪولابا (Colaba) اچي ٿو. پر اهو آهي ته ممبئي آدم شماري توڙي پکيڙ ۾ ڪراچي کان ٽيڻو چوڻو ٿيندو ۽ سيان سينٽر کان فورٽ تائين ڪار يا بس ۾ پهچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي. ان ڏينهن ته اهو منجهند جو وقت هو. يعني Rush Hour هو، ان ڪري ڪيترن ئي هنڌن تي ٽرئفڪ جام ملي رهي هئي ۽ مهيش کي ڪيترائي دفعا رستا بدلائي اندروني گهٽين مان هلڻو پيو ٿي. ممبئي ۽ دهلي ۾ گذريل پنج ڇهه سالن ۾ ڪافي پليون ٺهي ويون آهن. جيئن اسان وٽ حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ ٽن چئن سالن کان ٺهي رهيون آهن پر ممبئي ۾ عوام ۽ گاڏيون ايتريون آهن جو ممبئي بعد ڪراچي پهچڻ تي ڪراچي ائين سانت ۽ سڪون وارو شهر لڳي ٿو، جيئن ڪراچي بعد اسلام آباد.بهرحال منزل تي پهچڻ لاءِ اسان کي اهي سڀ رستا گذارڻا هئا. مهيش هن ٽرئفڪ ۽ ڊرائيورنگ جو عادي ٿي لڳو، پر مون لاءِ هڪ نئين ڳالهه هئي. ڪار جي آهستي آهستي هلڻ تي رستن، چوواٽن ۽ عمارتن اڳيان لڳل بورڊ پڙهي ٿي ورتم ۽ ڪجهه نالا ڪاپيءَ تي نوٽ ڪندو ويس. جيئن سڀاڻي ان روڊ يا علائقي جي ڳالهه نڪري ته آئون ساري سگهان ته ٻيلي انهن واٽن تان منهنجو به لنگهه ٿيو هو.
    • سيان سرڪل (Sion Circle)
    • وستنت راءِ نائڪ روڊ.
    • هڪ هنڌان لنگهندي لوڪ مانيا تلڪ ميڊيڪل ڪاليج به نظر ِآيو. هندستان جي هن قوم پرست، ٽيچر ۽ انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ هن ويڙهاڪ ۽ مشهور ليڊر جو احوال شروع ۾ ڪري چڪا آهيون.
    وسنت رائو نائڪ هن رياست مهاراشٽرا جو 1963ع کان 1975ع تائين چيف منسٽر رهيو. ان بعد سندس ڀائٽيو سڌاڪارائو چيف منسٽر ٿيو. وسنت رائو نالي هن رياست جي هڪ شهر Yavatmal ۾ ميڊيڪل ڪاليج به آهي.
    • ٿورو اڳيان اسين رفيع احمد قدوائي روڊ تي اچون ٿا. مون سمجهيو ٿي ته انڊيا جي روڊن تي نالا فقط هندو اهم شخصيتن جا هوندا، پر فورٽ تائين پهچڻ ۾ نه فقط مٿيون نالو قدوائي روڊ نظر آيو، پر ٻين به ڪجهه رستن جا نالا مسلمانن جا هئا، جيئن ته مولانا آزاد روڊ جنهن ڀرسان مصطفيٰ بازار آهي ۽ اڳيان J.J اسپتال ۽ پارسي ’جمشيد جي جيجا ٻائي‘ روڊ بعد مولانا شوڪت علي روڊ آيو. ان بعد برگيڊيئر عثمان روڊ ۽ ابراهيم رحمت الله روڊ به آيا.
    ابراهيم رحمت الله جي پٽ حبيب ابراهيم رحمت الله نالي ڪراچي ۾ به روڊ آهي، جيڪو شاهراهه فيصل کان PNS ڪارساز وڃي ٿو. حبيب ابراهيم قائداعظم محمد علي جناح جو ويجهو ساٿي هو. هو پاڪستان ٺهڻ بعد انگلينڊ ۾ پهريون پاڪستاني هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ان کان علاوه هو فرانس ۾ به پاڪستاني سفير ٿي رهيو. سنڌ ۽ پنجاب جو گورنر ٿيو ۽ ڪامرس ۽ انڊسٽري جو فيڊرل وزير ٿي رهيو. حبيب ابراهيم رحمت الله جو تعلق بزنس گهراڻي سان هو. پاڻ UBL بئنڪ،EFU (ايسٽرن فيڊرل يونين) انشورنس، بروڪ بانڊ، پاڪستان آڪسيجن (هاڻ اها BOC پاڪستان جي نالي سان سڏجي ٿي)، ائسپرو نڪولس ۽ پاڪستان ڪيبلز جهڙين ڪمپنين جو چيئرمين يا مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهيو .
    برگيڊيئر محمد عثمان انگريزن جي ڏينهن ۾ انڊين آرمي ۾ سڀ کان وڏي رئنڪ جو مسلمان فوجي هو.هندستان جي ورهاڱي بعد گڏيل هندستان جي فوجين مان مسلمان فوجي پاڪستان آيا پر برگيڊيئر محمد عثمان پاڪستان آرمي جوائن ڪرڻ کان انڪار ڪيو. هو انڊيا ۾ ئي رهي پيو. 1948ع واري انڊو پاڪستان لڙائي ۾ برگيڊيئر عثمان “50 پارا برگيڊ” جي برگيڊ ڪمانڊر جي حيثيت سان جمون ڪشمير بارڊر تي مقرر هو، جتي نوشيرا وٽ پاڪستان جي فوج سان مقابلو ڪندي مارجي ويو. پاڻ نوشيرا جو شينهن (Lion of Nowshera) جي لقب سان به سڃاتو وڃي ٿو. کيس سندس وفات بعد انڊيا سرڪار “مهاوير چڪر” ايوارڊ پڻ ڏنو هو. هندستان جي مشهور ڊائريڪٽر اپيندر سود برگيڊيئر عثمان جي زندگيءَ تي فلم به ٺاهي آهي.
    رفيع قدوائي جنهن جي نالي واري روڊ جي پاڻ مٿي ڳالهه ڪئي. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ وارن مان مشهور جاکوڙي آهي. جنهن لاءِ هن جيل به ڪاٽيا. رفيع قدوائي انڊيا جي رياست UP (يونائيٽيڊ پرونسز ۽ هاڻ اتر پرديش ٿو سڏجي) ۾ 1894ع ۾ ڄائو. سندس پيءُ زميندار ۽ سرڪاري ڪامورو هو. پاڻ عليڳڙهه جي محمدن ائنگلو اورينٽل ڪاليج مان تعليم حاصل ڪيائين، جنهن بعد هو خلافت تحريڪ معرفت سياست ۾ داخل ٿيو. ٻه سال کن جيل ۾ رهڻ بعد 1922ع ۾ الهه آباد هليو آيو، جتي نهرو فيملي جي خدمت ۾ رهيو. پهرين موتي لعل نهرو ان بعد سندس پٽ جواهر لعل نهروءَ جو پرائيويٽ سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ 1930ع کان هندستان جي آزادي (1947ع) تائين هو ڪانگريس جو اهم ليڊر ٿي رهيو. ان دوران هو 1937ع ۾ UP رياست جو روينيو ۽ جيلن جو وزير ۽ 1946ع ۾ هوم منسٽر ٿي رهيو. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد رفيع قدوائي صاحب انڊيا جو پهريون وزير مواصلات ٿي رهيو. ياد رهي ته قدوائي ۽ ابوالڪلام آزاد نهرو جي ڪابينا جا ٻه مسلمان وزير هئا. 1954ع ۾ تقرير ڪندي رفيع قدوائيءَ کي دل جو دورو پيو ۽ وفات ڪيائين. رفيع قدوائي نالي انڊيا سرڪار هر ٻئي سال “قدوائي ايوارڊ” نالي سونو ميڊل ۽ ٽي لک رپيا ان کي ڏئي ٿي جيڪو ائگريڪلچر، ائنيمل هسبنڊري، فشريز ۽ پبلڪ هيلٿ مائڪرو بالاجي جهڙي فيلڊ ۾ ڪو ڪارنامو سرانجام ڏئي ٿو.
    هتي ڪجهه سٽون ننڍي کنڊ جي مسلمان مفڪر ۽ اسڪالر ابوالڪلام آزاد نالي پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو جنهن جي نالي واري رستي ’مولانا آزاد روڊ‘ تان پڻ ان ڏينهن اسان جو گذر ٿيو.
    مولانا ابوالڪلام آزاد 1888ع ۾ جنم ورتو. پاڻ انڊيا جي آزادي جي تحريڪ جو اهم سياسي ليڊر ٿي گذريو آهي. هن ننڍي کنڊ کي انگريزن جي چنبي مان ته ڇڏائڻ چاهيو ٿي پر هو ان جي حق ۾ نه هو ته مسلمان ۽ هندو ڌار ملڪ ٺاهي رهن. پاڻ سٺو جرنلسٽ به هو ۽ برطانوي راڄ جي خلاف تنقيدي مقالا لکندو رهيو. هو شاعر پڻ هو ۽ “آزاد” سندس تخلص هو. پاڻ 35 ورهين جي ڄمار ۾، 1923ع ۾ انڊين نئشنل ڪانگريس جو ننڍي ۾ ننڍو صدر چونڊيو ويو. پاڻ جيئن ته هندستان جي ورهاڱي جي سخت خلاف هو، ان ڪري هن چاهيو ٿي ته هندو ۽ مسلمان ٻڌي ڪري رهن. پاڪستان ٿيڻ تي هو انڊيا ۾ ئي ترسي پيو ۽ انڊيا حڪومت جو پهريون وزير تعليم ٿيو. انڊين انسٽيٽيوٽس آف ٽيڪنالاجي ۽ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن ٺاهڻ ۾ مولانا آزاد جو وڏو هٿ آهي ۽ اڄ به انڊيا جا ماڻهو کيس ان جو ڪريڊٽ ڏين ٿا. مولانا آزاد جي والده جو مڪي جي عرب گهراڻي سان واسطو هو ۽ پيءُ فارسي ڳالهائيندڙ تاجڪستاني خاندان مان هو. مولانا آزاد کي ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي، جيئن ته اردو، عربي، هندڪو، انگريزي، هندي ۽ فارسي وغيره. ان کان علاوه مولانا صاحب فقه حنفي، شريعت، مئٿس، فلسفه، دنيا جي تاريخ ۽ سائنس جهڙن سبجيڪٽن جو پڻ ماهر هو. جيئن اسان جي ملڪ جي 1973ع واري آئين ٺاهڻ ۾ سکر جي وڪيل ۽ اڳوڻي وفاقي وزير حفيظ پيرزادي جو وڏو حصو آهي. تيئن انڊيا جي آئين (Constitution) ٺاهڻ ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد جو هٿ آهي. پاڻ 1952ع ۽ 1957ع واري اليڪشن ۾ انڊيا جي پارليامينٽ جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو هو. پاڻ زندگيءَ جا آخري سال (India Wins Freedom) لکڻ ۾ گذاريا، جيڪو 1957ع ۾ ڇپيو. اڄ جي يونيورسٽي شاگرد، سياستدان ۽ نوجوان ڪاموري (بيورو ڪريٽ) ۽ ڊپلومئٽ کي هي ڪتاب پڙهڻ جي صلاح ڏيندس.


    شڪارپور جي نينگر جو اميري ڏي سفر

    ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ پهچڻ لاءِ اسان کي جن جن رستن ۽ اهم عمارتن وٽان لنگهڻو پيو، پاڻ انهن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين. انهن مان ماٽونگا ايسٽ واري علائقي مان به گذرياسين. مصطفيٰ بازار وٽان لنگهندي مهيش منيال ٻڌايو ته ان جي ويجهو بوهري بازار به آهي. بوهرين جو بزنس سان تعلق آهي ۽ ڪراچي وانگر هنن جو ممبئي ۾ به وڏو بزنس آهي. هنن جا مرد توڙي عورتون پنهنجي مخصوص لباس ڪري پري کان سڃاتا وڃن ٿا.
    مصطفيٰ بازار کان اڳ ٻن اسپتالن وٽان لنگهه ٿيو. هڪ جو نالو “بجاج آرٿوپيدڪ اسپتال” نظر آيو ۽ ٻيءَ جو ڪنگ ايڊورڊ هاسپيٽل نوٽ ڪيم. J.J. Hospitals مولانا آزاد روڊ بعد آهن. ممبئي ۾ اچڻ سان هڪ ڌارئين کي يڪدم محسوس ٿيو وڃي ته هن شهر ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا ۽ اسپتالون آهن. مهيش ٻڌايو ته هن ۾ ڪجهه اسپتالون ته سرڪاري آهن، ٻيون خانگي ۽ خيراتي آهن جن ۾ مريضن کان فقط نالي ماتر في ورتي وڃي ٿي. اهڙي طرح هتي جا ڪيترائي اعليٰ درجي جا اسڪول مفت ۾ تعليم مهيا ڪن ٿا، جن جو خرچ پکو مڪاني توڙي ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ امير سخي مرد ڀرين ٿا. انهن ۾ وڏو تعداد پارسين، گجراتين ۽ هندو سنڌين جو آهي. جيئن نوي ممبئي ۾ ساڌو واسواڻي انٽرنيشنل اسڪول آهي. ساڌو واسواڻي جي پوئلڳ سنڌي هندن چندا گڏ ڪري هيءَ ڪراچي جي گرامر اسڪول جهڙي عمارت ۽ معيار جو اسڪول ممبئي جي چاڪيواڙي ٽائيپ غريب بستيءَ ۾ ٺاهيو آهي، جتي ان علائقي جي ٻارن کي انٽر تائين مفت تعليم ڏني وڃي ٿي. هن علائقي جا ماڻهو مزدور، مهاڻا، ڀنگي، چوڪيدار ۽ ڏهاڙيءَ تي ڪم ڪندڙ آهن، جن کي روزگار لاءِ روز لوڪل ريل گاڏيءَ ۾ ممبئي شهر وڃڻو پوي ٿو ۽ سندن علائقي ۾ هي اسڪول نه هجي ته هنن جي ٻارن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل ۽ مهانگي ٿي پوي، پر ساڌو واسواڻي مشن جهڙن مخير (Philanthropist) سوسائٽين ۽ ماڻهن پنهنجي ملڪ جي مجبور ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ اعليٰ قسم جي تعليم ۽ صحت جون سهولتون ميسر ڪيون آهن.
    هڪ ڳالهه هتي واضح ڪندو هلان، ته انڊيا جي تعليمي ادارن توڙي صحت سان واسطو رکندڙ ادارن، اسپتالن، ڊاڪٽرن ۽ دوائن جو معيار نه فقط اسان جهڙن ملڪن کان مٿانهون آهي، پر ڪيترن ئي يورپي ملڪن کان بهتر ۽ سستو آهي. ڪيتريون اهڙيون بيماريون جن جو علاج اسان جي ملڪ ۾ ناممڪن آهي يا اڻپورو آهي، ان جا مريض انڊيا وڃن ٿا. ڪيترا امير انڊين جيڪي آمريڪا ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا. اهي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ پنهنجي وطن موڪلين ٿا ۽ انڊيا جي يونيورسٽين، ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ ٻين ڪاليجن جون هاسٽلون يورپ ۽ آمريڪا جا پاسپورٽ رکندڙ انڊين شاگردن سان ڀريون پيون آهن، ڇو جو انهن جا والدين سمجهن ٿا، ته سندن اصلي وطن انڊيا ۾ تعليم جي معيار سان گڏ امن امان جي صورت به بهتر آهي ۽ سندن ٻار اخلاق جي حدن ۾ رهي تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا. ايشيا ۽ آفريڪا جي ته ڪيترن ئي ملڪن جا جا رهواسي پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ انڊيا موڪلين ٿا. ايران ۽ ملائيشيا جهڙا ملڪ جتي جو تعليمي معيار بهتر آهي، اتي جا ماڻهو به پنهنجن ٻارن کي انڊيا موڪلين ٿا، خاص ڪري انهن سبجيڪٽن لاءِ جيڪي انهن ملڪن ۾ نٿا پڙهايا وڃن، پوني ۾ ڪيترائي ملئي ۽ ايراني شاگرد مليا جن ٻڌايو ته انڊيا ۾ بهتر تعليم کان علاوه ٽيوشن في، هاسٽل جي رهائش ۽ کاڌو پيتو سستو آهي. ساڳي طرح مختلف بيمارين جي علاج ۽ آپريشنن لاءِ ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ نه فقط انڊين پر عرب، يورپي ۽ آمريڪن انڊيا اچن ٿا. هو هوائي جهاز جو ڳرو ڀاڙو ڀرڻ جي باوجود انڊيا جي اسپتالن ۾ ٿيندڙ علاج، دوا درمل ۽ ڊاڪٽرن جي فين جي خرچ جو حساب لڳائين ٿا ته هنن کي سستو لڳي ٿو.
    اسپتالن جي اعليٰ معيار ۽ غريب غربي جي علاج جي ڳالهه نڪتي ته مهيش مون کي “هندوجا اسپتال” بابت ٻڌايو ته انڊيا جي اها پهرين اسپتال آهي، جنهن کي بين الاقوامي اعليٰ معيار جو سرٽيفڪيٽ ISO-9002 مليو هو ۽ بهتر ليبارٽري جي حساب سان پڻ هيءَ پهرين اسپتال آهي، جنهن کي ’ڪاليج آف آمريڪن پئٿالاجسٽس‘ طرفان مڃتا جو سرٽيفڪيٽ مليو هو.
    “سائين هيءَ اسپتال هڪ امير ۽ سخي سنڌي فئملي هندوجا جي آهي.” مهيش چيو، “توهان کي شايد خبر نه هجي.”
    “مون کي خبر آهي،” مون وراڻيو، “1992ع ۽ 93ع ۾ لنڊن ۾ اقوام متحده جي جهازن سان واسطو رکندڙ اداري IMO جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ دوران، هڪ ڊنر ۾ منهنجي گوپي چند هندوجا سان ملاقات ٿي هئي. ان بعد مون کي هنن ڀائرن ۽ هنن جي پتا شري پرمانند ديپچند هندوجا جي معلومات حاصل ٿي. هو بنا ڪنهن شڪ جي بيحد امير ۽ سخي آهن.”
    هندوجا (Hinduja) فئملي جيتري ممبئي ۾ مشهور آهي ان کان وڌيڪ شايد لنڊن ۾ آهي ۽ مون سان گڏ رهندڙ مختلف ملڪن جا جهازي جيڪي سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي طرفان لنڊن ۾ IMO (انٽرنيشنل مئريٽائيم آرگنائيزيشن) جون ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ ايندا هئا، اهي “هندوجا برادرس” جو دنيا جي مختلف بزنيسن تي هولڊ هجڻ جو ٻڌي حيرت جو اظهار ڪندا هئا. لنڊن ۾ رهندڙ ٻي ڀاءُ سريچند هندوجا کي جيتوڻيڪ ڏسڻ جو موقعو نه مليو پر سندس ڳالهيون اڪثر جهازن جي مالڪن کان ٻڌبيون هيون. هونءَ به انگلينڊ ۽ سوئيڊن جي اخبارن ۾ سوئيڊش ڪمپني جي بوفور بندوقن جي ڪيس جي خبر ايندي هئي ته ان ۾ هندوجا ڀائرن جو به نالو ايندو هو. هي اهو بدنام زمانا ڪيس آهي، جنهن جي ڪري 1989ع ۾ راجيو گانڌي جي حڪومت جو خاتمو ٿيو، جنهن تي اهو الزام هو ته ’راجيو حڪومت‘ سوئيڊن مان بندوقون خريد ڪرڻ تي اتي جي بوفور ڪمپني کان لکين ڊالر ڪميشن حاصل ڪئي، جيڪا هندوجا ڀائرن (لنڊن ۾ رهندڙ سريچند ۽ گوپيچند، ۽ جنيوا سوئيٽزرلئنڊ ۾ رهندڙ پرڪاش) جي معرفت پهچائي وئي هئي. ان سلسلي ۾ هنن ٽنهي ڀائرن تي 1990ع کان ڪورٽن ۾ ڪيس هلندو رهيو ۽ 15 سالن بعد 2005ع ۾ هندوجا ڀائرن کي مٿين مڙهيل ڏوهه کان بري ڪيو ويو. بي بي سي طرفان هن خبر جو عنوان هو:
    After 15 years three of Hinduja family businessmen have been cleared of all charges in India’s Bofors arms corruption.
    ’هندوجا‘ نالي واپاري ڪمپني جو بنياد اڄ کان هڪ سئو سال کن اڳ 1914 ۾ پرمانند ديپچند هندوجا ممبئي ۾ رکيو. 1919ع ۾ ان کي ايران شفٽ ڪيو ويو ۽ سٺ سالن تائين اتي ئي رهيو، جنهن بعد 1979ع ۾ جڏهن اتي اسلامي انقلاب آيو ته هنن کي پنهنجا هيڊ ڪوارٽر يورپ شفٽ ڪرڻا پيا. سريچند هندوجا ۽ گوپيچند هندوجا پنهنجي پيءُ جو ايڪسپورٽ بزنس هلائڻ لاءِ لنڊن اچي رهيا. ٽيون ڀاءُ پرڪاش جنيوا ۾ Seettle ٿيو ۽ چوٿون ڀاءُ اشوڪ هتي ممبئي ۾ رهيو. لنڊن ۾ رهندڙ “هندوجا ڀائرن” جي فئملي دنيا جي امير ترين فئملين مان سڏجي ٿي. هنن جو تيل جي ڪمپنين، بئنڪن، ميڊيا، دوائن جي ڪارخانن، ٽرڪن ۽ ڪپڙي جي ملن، چانهه ۽ گرم مسالي جي ڪمپنين ۽ فلم انڊسٽري ۾ پئسو لڳل آهي. سندن ڪاروباري ڪمپنيون ۽ ڪارخانا 50 کن ملڪن ۾ آهن جن ۾ 2500 ماڻهو ڪم ڪن ٿا. دنيا جي امير ترين ماڻهن جي رپورٽ موجب هندوجا فئملي دنيا ۾ تيرهين نمبر تي امير فئملي آهي. هن فئملي جا انڊيا ۾ ڪيترائي خيراتي اسڪول ۽ اسپتالون آهن. سڀ کان وڏي اسپتال ممبئي جي ماهيم علائقي ۾ “پي. ڊي. هندوجا هاسپيٽل” آهي، جيڪا هن بزنيس ڪمپني جي باني پرمانند ديپچند هندوجا” نالي آهي. هيءَ هڪ ماڊرن گهڻ بيماري واري Tertiary Care اسپتال آهي، جنهن ۾ ميڊيڪل ريسرچ سينٽر به آهي، جيڪو آمريڪا جي ماساچوسيٽ جنرل اسپتال، بوسٽن جي سهڪار سان ڪم ڪري ٿو. هن اسپتال ۾ مريضن جي رهائش لاءِ 350 بسترا آهن. اسپتال جي رڪارڊ موجب 15 لک مريضن جو علاج ٿي چڪو آهي ۽ هيستائين هڪ لک کن آپريشنون ٿيون آهن ۽ هن اسپتال جي اعليٰ ليبارٽري بابت مٿي لکي چڪو آهيان.
    گذريل اڌ صديءَ ۾ مون کي دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ ٻيٽن تي سنڌ جا هندو واپاري مليا آهن، پر هندوجا وارن کي انهن کان مختلف ان ڪري ٿو سمجهان، ته هي مختصر عرصي ۾- يعني ستر، اسي سالن اندر سڄي دنيا ۾ مشهور ۽ مٿاهان ٿي ويا. ٻين امير واپارين جو بزنيس ته ڪيترين پيڙهين کان هلندڙ هو. هندوجا (Foundation) ڪمپني جو پايو رکندڙ پرمانند 1901ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. انهن ڏينهن ۾ ممبئي (بمبئي) سپنن جي ساڀيان جي ڌرتي هئي. ننڍو نينگر پرمانند 14 سالن جو هو ته هو پنهنجي ماءُ پهنچ ٻائي ۽ پيءُ ديپ چند کان موڪلائي پنهنجي خوابن جي تعبير حاصل ڪرڻ لاءِ بمبئيءَ پهتو. ڪنهن ٿي سوچيو ته هي بزنيس ۾ ايڏي ته ڪاميابي حاصل ڪندو جو دنيا جون اهم شخصيتون ويندي آمريڪا جو صدر بل ڪلنٽن، جارج بش سينئر، ايران جو شهنشاهه، انگلينڊ جو وزيراعظم ٽوني بليئر ۽ راڻي ايلزبيٿ سندس انگلينڊ ۾ رهندڙ پٽن سري چند ۽ گوپي چند جي دوستن جي سرڪل ۾ ايندا ۽ ٻاهر رهندڙ انڊين ۾ ٻئي نمبر تي (اسٽيل جي شهنشاهه لڪشمي مِٺل بعد) ڪامياب ۽ امير بزنيس مين ثابت ٿيندا! جيڪي فقط لنڊن ۾ ٿيمس نديءَ تي ٺهندڙ ’ملينيم ڊوم‘ لاءِ اتي جي وزير پيٽر مئنڊلسن کي هڪ ملين پائونڊ (اڄ جي حساب سان 12 ڪروڙ رپيا) چندو (Donation) ڏيندا!
    سو آئون هميشھ شري پرمانند جو سوچيندو آهيان ته 1915 ۾ جڏهن شڪارپور کان سکر يا حيدرآباد تائين سفر به ڪو سولو نه هو ۽ اسان جا ماڻهو ميهڙ، نصيرآباد يا وڳڻ کان لاڙڪاڻي ويندي به پاڻ کي پرديسي سمجهندا هئا. هي نينگر پرمانند جنهن جا ٻيا هم عمر جڏهن اٺين نائين ڪلاس ۾ پڙهي رهيا هئا ته هي قسمت آزمائڻ خاطر ڳوٺ جون گهٽيون ڇڏي اڪيلي سر ممبئي جهڙي شهر ۾ اچي نڪتو. اسان جا اڄ به ڪيترا نوجوان سنڌ جا ڳوٺ ڇڏي ڪراچي شهر ۾ اچي ڪو پورهيو يا مزدوري ڳوليندي ڪيٻائين ٿا. پرمانند اڻ پڙهيل هجڻ جي باوجود ممبئي ۾ ايڏي ته محنت سان پورهيو ۽ دڪانداري ڪئي ۽ هن کي ايڏو ته اعتماد پيدا ٿيو، جو پنجن سالن بعد ممبئيءَ کي خيرآباد چئي ايران ۾ اچي پنهنجو بزنيس سيٽ اپ ڪيو. هن پنهنجن ٻارن کي به ننڍي هوندي کان پاڻ سان گڏ پورهئي ۾ لڳايو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته انگلينڊ ۾ رهندڙ گوپي چند هندوجا، جنهن سان منهنجي لنڊن ۾ ملاقات ٿي، سٺي انگريزي نٿي ڳالهائي ۽ ڪيترائي ماڻهو سري چند هندوجا تي به اها ئي تنقيد ڪن ٿا، ته هو اعليٰ تعليم يافته نه آهن ۽ نه هنن جي انگريزي سٺي آهي. پر آئون اها ڳالهه حج واري سفرنامي ۾ به لکي چڪو آهيان ته ڪراچي جي دهلي پنجابي سوداگران (جن سان گڏ مون حج ڪيو) جو اولاد مئٽرڪ به پاس ناهي، پر هنن جي ڪامرس ۽ ايڪانامڪس بابت عملي ڄاڻ سان ان سبجيڪٽ جا Ph.D پروفيسر به نه پڄي سگهن. اهو ئي حال هندوجا فئملي سان آهي. ٻي ڳالهه ته اسان جي امير بزنيس مين، سياستدانن يا سرڪاري ڪامورن جا ٻار سٺي انگريزي ان ڪري ڳالهائين ٿا، جو هو ننڍي هوندي انگريزي ميڊيم اسڪولن مان پڙهن ٿا ۽ ننڍي هوندي کان گهر ۾ ۽ گهٽيءَ جي ٻارن سان انگريزي ڳالهائڻ جي پريڪٽس ڪن ٿا. پرمانند 19 سالن جي عمر ۾ ممبئي کان ايران هليو ويو، جتي سندس ٻار (سري چند، گوپي چند، پرڪاش، اشوڪ ۽ ڀيڻ شانتي جماڻي جنهن جو ويجهڙائيءَ ۾ ديهانت ٿيو) سٺ سال ايران ۾ رهيا. ان بعد 1979ع ۾ هو لنڊن لڏي ويا. پر شري پرمانند ديپ چند جي اولاد “هندوجا برادرس” هميشھ تعليم کي اهميت ڏني آهي ۽ انڊيا ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا کوليا آهن، پرمانند 1944ع ۾ جيڪو پهريون خيراتي ٽرسٽ اڏايو اهو تعليم لاءِ هو. هي ٽرسٽ هن پنهنجي والده (يعني سرچند وارن جي ڏاڏيءَ) نالي “شريمتي پهنچ ٻائي ديپ چند هندوجا” ٽرسٽ هو، جنهن ممبئيءَ ۾ اسڪول هلايو ٿي. اڄ اهو چرني روڊ تي KPB هندوجا ڪاليج آف ڪامرس آهي. هي ڪاليج ممبئي جي اعليٰ ڪاليجن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ چار هزار اسٽيٽ گرانٽ ڪورسز ۾ شاگرد آهن ۽ 600 شاگرد نان گرانٽ ڪورسز ۾ آهن.
    ممبئي ۾ هندوجا فائونڊيشن جي آفيس وورلي ۾ ڊاڪٽر ائني بسنت روڊ تي “هندو جا هائوس” بلڊنگ ۾ آهي، جنهن جو فون نمبر 2496070-22-0091 آهي ۽ اي ميل ائڊريس foundation@himduyaghoup.com. آهي. شري پرمانند 1971ع ۾ وفات ڪري ويو.
    هندوجا وارن جي واپاري خصلتن جون انگريز به تعريف ڪن ٿا. شري پرمانند جا ٺهيل اصول جنهن تي سندس اولاد هلندو اچي ۽ ڌاريان تعريف ڪن ٿا، ڪجهه هن ريت آهن:
    • دل لڳائي محنت ڪريو ۽ جيڪو وعدو (Commitment) ڪريو ٿا اهو پورو ڪريو. بلڪه ٻئي سان ڪمٽمينٽ ئي تڏهن ڪريو، جڏهن توهان ڏسو ٿا ته توهان اها پوري ڪري سگهندؤ. ۽ پوءِ اهو ڪم پورو ڪرڻ فرض سمجهو. يعني Duty to Work.
    • زبان تي قائم رهو يعني Word is a bond ائين ڪندؤ ته گراهڪن، مزدورن، مال سپلاءِ ڪندڙن ۽ ڪارخانيدارن جو توهان تي ڀروسو رهندو.
    انٽرنيشنل مارڪيٽن ۾ ضرور وڃو پر هنن جي مڪاني ضرورتن کي ڌيان ۾ رکو يعني، Act Local Think Global شري پرمانند کي ننڍي هوندي کان سندس ماتا اها عادت وڌي، ته هو پنهنجي ڪمائيءَ جو ڪجهه حصو خيرات لاءِ رکي. ان ڳالهه تي اڄ به هندوجا فئملي قائم آهي. هنن جي اها ئي فلاسفي آهي ته هو جنهن سوسائٽي سان تعلق رکن ٿا، ان کي به فائدو رسڻ کپي ۽ هنن لاءِ سوسائٽي جي بهتري لاءِ سڀ کان اهم شيءِ تعليم ۽ صحت آهي. هڪ انٽرويو ۾ ان بابت سري چند ڳالهائيندي چيو هو:
    “Good Health and Education are not essential for the progress but also are the fundamental rights of every human.”
    شري پرمانند ۽ سندس زال جمنا ديوي اڪثر اهو چوندا هئا ته اسان گهڻي کان گهڻي محنت ڪريون ٿا، جيئن گهڻي کان گهڻي خيرات (Chairty) ڏئي سگهون.


    ممبئي جي روڊن تان هلندي...

    مهيش جي آفيس ممبئي جي ڏاکڻي علائقي فورٽ ۾ آهي، جتي پهچڻ لاءِ اسان کي ٻيا به ڪيترائي ننڍا وڏا روڊ پار ڪرڻا پيا. ڪٿي ٽرئفڪ جام هجڻ ڪري گهٽين مان لنگهياسين ٿي، جيڪي ائين هيون جيئن ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي ٽرئفڪ جام ٿيڻ تي ڪو جميله اسٽريٽ يا اردو بازار واري گهٽي اختيار ڪري. بهرحال ڪجهه ٻيا روڊ ۽ گهٽيون جيڪي ان ڏينهن نوٽ ڪيم ۽ پوءِ ٻئي ڏينهن کان ريل، بس يا ٽئڪسي رستي اتان لنگهڻ ٿيندو هو يا اتي جي ڪا خاص تاريخي جاءِ ڏسڻ لاءِ پهچندو هوس، هن ريت آهن:
    • ابراهيم رحمت الله روڊ کان پوءِ ڪلبا ديوي روڊ آيو. جنهن بعد هڪ چڱو ويڪرو رستو مهاتما گانڌي روڊ هو. ممبئي ۾ روڊن جا نالا روڊن جي ڀرسان لڳل بورڊن تي انگريزي ۽ مرهٽي زبانن ۾ لکيل نظر اچن ٿا. دهلي ۾ اردو ۽ هندي ۾ پڻ لکيل آهن. بهرحال ٻيا روڊ هن ريت هئا:
    • وادبي روڊ (Waudby Road)
    • مر زبان روڊ.
    • دادا ڀائي نورو جي روڊ.
    • والچند هيرا چند روڊ.
    • هڪ چوراهي وٽان لنگهياسين جنهن جو نالو “بيدي چوڪ” لکيل نظر آيو ۽ هڪ گهٽيءَ وٽان لنگهه ٿيو، جنهن جو نالو پينن ناريمن اسٽريٽ هو ۽ پوءِ سگهو ئي رگهو ناٿ دادا جي گهٽي اچي وئي، جنهن ۾ J.B هائوس نالي هڪ بلڊنگ جي چوٿين ماڙ تي مهيش جي “اوم پيپر مارٽ” نالي آفيس آهي.
    فورٽ ايريا جي هيءَ رگهوناٿ ’دادا جي‘ اسٽريٽ توڙي ڀر واريون گهٽيون ۽ انهن جون عمارتون انگريزن جي ڏينهن جون لڳن ٿيون. عمارتن جي هيٺيان ننڍا ننڍا دڪان ۽ شوروم ۽ انهن جي اڳيان فٽ پاٿ تي سنگ، پي نٽ، ڪيلا ۽ ٻيون شيون وڪڻڻ وارن جا ريڙها (گاڏا) ۽ ماڻهن جي پيهه پيهان هوبهو اهڙو نظارو پيش ڪن ٿا، جهڙو اسان جي بولٽن مارڪيٽ ۾ آهي. هڪ دفعو سنڌ مدرسي ۾ اتي جي هڪ پروفيسر ۽ سنڌي اديب انور ابڙو سان ملڻ ويو هوس. واپسيءَ تي پاسي واري گيٽ کان نڪتس جتي ڪيترائي فوٽو اسٽيٽ وارا نظر آيا ۽ فٽ پاٿ تي ٽائين ۽ قميضن کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي شيون وڪامي رهيون هيون. هيءَ گهٽي ممبئي جي فورٽ وارين گهٽين سان گهڻو ملي ٿي. ٻنهي هنڌن تي کاڌي پيتي جون ننڍيون هوٽلون به آهن ته اوچي معيار جون به. مهيش هڪ اهڙي گجراتي ريسٽورنٽ تان پيزن وارو ڀت، پاپڙ ۽ مڪسڊ ڀاڄي گهرائي، جيڪا سندس زال گيتا، گهران پچائي آندل مانيءَ سان گڏ ٽيبل تي رکي. گيتا دال ۽ ڀينڊين جو ٻوڙ ۽ ماني (جنهن کي سنگاپور توڙي انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي ’ڦلڪا‘ سڏين ٿا) آندي هئي، هندو ماڻهو گهڻو ڪري ويجيٽيرين ٿين ٿا. هو ڪنهن به قسم جو گوشت يا مڇي نٿا کائين، پر هو ڀاڄين ۽ دالين جا مختلف ڊش ٺاهڻ جا ماهر آهن. اهڙي طرح هو ٻاهر جي ماني به اهڙي هوٽل تان گهرائيندا جيڪا صحيح ۽صاف سٿري هجي. ان ڏينهن بک به ڏاڍي هئي پر “موتي ريفريشمينٽ” نالي ريسٽورنٽ تان گهرايل پيزن وارو ڀت به واهه جو هو. ملائيشيا بعد هتي انڊيا ۾ ئي گارڊن پيز نظر اچن ٿا جيڪي نرم، چهچ ساوا ۽ مٺيڙا ٿين ٿا. اسان وٽ ڀڳڙن ۽ چڻن جهڙا پيز ملن جيڪي رڌڻ بعد به سخت رهن.
    مهيش ٻڌايو، ته ممبئي جي هن پراڻي علائقي فورٽ ۾ اڄ جي دور ۾ ڪو ننڍڙو دڪان يا هڪ ڪمري جي آفيس ملڻ به مشڪل آهي. سندن آفيس گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي پراڻي آهي، جيڪا سندس پتا لکميچند منيال ورهاڱي کانپوءِ يڪدم هتي اچي حاصل ڪئي هئي. مهيش جو ڏاڏو ڪشن داس شڪارپور ۾ سيڌي جي سامان جو مشهور واپاري هو. بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي، ته ممبئي جو فورٽ وارو علائقو انگريزن جي ڏينهن کان وٺي ائين مشهور ۽ ڪمرشل اسپاٽ آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾ بولٽن مارڪيٽ وارو علائقو، جنهن جو هڪ هڪ چورس وال لکن جي حساب سان وڪامي ٿو. ممبئي ۾ رهائش دوران منهنجو ٻه ٽي دفعا هن علائقي ۾ هتي جون مشهور ۽ تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ اچڻ ٿيو ۽ هن علائقي Fort جو احوال لکڻ کان اڳ مٿي بيان ڪيل روڊن بابت ڪجهه سٽون لکڻ چاهيان ٿو، جيڪي وٺي اسين فورٽ ۾ پهتاسين. دراصل انهن روڊن جي بيهڪ ۽ صفائي سٿرائي بابت ڪو جاگرافيائي احوال لکڻ نٿو چاهيان. بس انهن روڊن تان لنگهندي ڪي ڳالهيون ياد اچي ويون جي پڙهندڙن سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو. جيئن دادا ڀائي نورو جي روڊ تان لنگهندي ياد آيو، ته هن پارسي پروفيسر ۽ سياستدان نالي ڪراچي ۾ به هڪ روڊ آهي. اسان جو قائداعظم محمد علي جناح هن جي تمام گهڻي عزت ڪندو هو ۽ کيس پنهنجو ٽيچر سمجهندو هو. ڪراچيءَ ۾ دادا ڀائي نورو جي روڊ نمائش وٽ جناح جي مزار ڀرسان ئي آهي. دادا ڀائي جي زندگيءَ جو احوال آئون انڊيا جي اڳئين سفر نامي “هلي ڏسجي هندوستان” ۾ ڏئي چڪو آهيان.
    ممبئي جي هن فورٽ واري علائقي ڏي ايندي هڪ رستو ’والچند هيراچند روڊ‘ پڻ آيو. اهو نالو پڙهي مون کي ڪالاباغ پل ياد آئي جيڪا درياههِ سنڌ تي آهي. اها پل هن شخص والچند جي ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ ٺاهي هئي.
    والچند (سڄو نالو سيٺ والچند هيراچند دوشي) 1882ع ۾ مهاراشٽرا جي شهر شولاپور ۾ ڄائو. هن جا وڏا ڪي گهڻا امير يا وڏي بزنيس جا مالڪ نه هئا. هنن جي هلڪي ڦلڪي ٽريڊنگ ۽ وياج تي پئسو ڏيڻ جو ڌنڌو هو. والچند 1899ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ بعد نه وڌيڪ پڙهائي ڪئي ۽ نه اباڻو ڌنڌو اختيار ڪيو. هن ريلوي ۾ ٺيڪيداري جو ڪم شروع ڪيو ۽ ان بعد آهستي آهستي هن حڪومت جي ٻين کاتن ۾ ٺيڪيداري شروع ڪئي. هن پنهنجي هڪ فرم ٺاهي، جنهن ذريعي هن ڪالاباغ پل ۽ برما ۾ اتي جي مشهور اراوادي ندي مٿان پل ٺهرائي.
    سيٺ والچند هيراچند دوشي جي بايوگرافي پڙهڻ جهڙي آهي، جنهن نه رڳو پليون ٺهرايون پر پاڻي جا جهاز خريد ڪيا ۽ تن ڏينهن ۾ انگريزن ۽ يورپين جي جهازران ڪمپنين BI (برٽش انڊيا) ۽ P&Oسان مقابلا ڪيا. هن 1939ع ۾ هوائي جهاز ٺاهڻ جو ڪارخانو قائم ڪيو. انشورنس جو ڪاروبار شروع ڪيو. پاڻي جي جهازن جي مرمت لاءِ وِشانا پٽنام بندرگاهه ۾ شپ يارڊ ٺاهيو جتي نوان جهاز به ٺـهڻ لڳا. ان شپ يارڊ جو نالو “هندستان شپ يارڊ لميٽيڊ” رکيو. هن انڊيا جي برلا فئملي سان ملي ممبئي جي ڀرسان “پريميئر آٽو موبائيلس” نالي موٽر ڪارن جو ڪارخانو قائم ڪيو. 1950ع ۾ ڏينهن لڳڻ (Stroke) ڪري سڀ ڪم ڪاريون ڇڏي رٽائرمينٽ اختيار ڪئي. 1953ع ۾ 71 ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. ڏٺو وڃي ته هن شخص اڌ صديءَ اندر انڊيا جي قسمت بدلائي ڇڏي. اڌ صدي جو عرصو ئي ته ٿيو هو! 1899ع ۾ مئٽرڪ ڪري پوءِ 1900ع کان والچند ڌنڌي جي شروعات ڪئي ۽ 1950ع ۾ بيمار ٿي کٽ اختيار ڪئي. هن زيرو کان شروعات ڪئي ۽ تعليم فقط مئٽرڪ هيس. 1947ع ۾ جڏهن انڊيا کي خودمختياري ملي، ته والچند ڪمپنين جو گروپ سڄي ملڪ ۾ ڏهين نمبر تي وڏي ۾ وڏو بزنيس گروپ هو. هي پهريون انڊين هو جنهن پهريون انڊين جهاز S.S (اسٽيم شپ) لائلٽي خريد ڪيو ۽ سندس جهاز 5 اپريل 1919ع تي پنهنجي پهرين سفر (Maiden Voyage) تي ممبئي کان لنڊن لاءِ روانو ٿيو، جنهن سفر ۾ پاڻ والچند به موجود هو. والچند هيراچند جي خدمتن جي مڃتا ڪارڻ انڊيا حڪومت خودمختياري ملڻ تي، 5 اپريل کي “نئشنل مئريٽائيم ڊي” قرار ڏئي والچند کي مان ڏنو. چيو وڃي ٿو ته پٽ ٻار نه هجڻ ڪري والچند جو قائم ڪيل ڪاروبار اڄ ٽڙي پکڙي ويو آهي. اهو به چيو وڃي ٿو ته سيٺ والچند جي زندگيءَ جو مقصد پئسو ڪمائڻ نه پر ائڊوينچر ڪرڻ هو. هو هر نئين شيءِ کي ڏسي ان کي پنهنجي ملڪ ۾ ٺاهڻ جي جدوجهد ڪندو هو. ايتري قدر جو هن جڏهن آمريڪا ۾ هالي ووڊ جا فلمي اسٽوڊيوز ڏٺا ته انڊيا اچي يڪدم هڪ وڏو اسٽوڊيو ٺهرايو. مهاراشٽرا صوبي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ نه فقط سندس نالي سان والچند هيراچند روڊ آهن، پر پوني ۾ هيراچند نگر به آهي، جتي سندس ڪيترائي ڪارخانا ۽ مِلون “والچند انڊسٽريز” جي نالي سان آهن.


    ممبئيءَ جون جهونيون سئنيمائون

    ممبئي گهمڻ لاءِ ايندڙن کي آئون فورٽ واري علائقي جو چڪر هڻڻ جي صلاح ڏيندس. توهان خريداري يا چڪر لاءِ ڪراچي يا حيدرآباد جي مختلف علائقن ۾ وڃو ٿا، پر بولٽن مارڪيٽ ۽ ان جي آس پاس واري علائقي کوڙي گارڊن، موتن داس مارڪيٽ، جوڙيا بازار وغيره، يا ڪراچي ۽ حيدرآباد جي صدر واري علائقي جو مزو ئي پنهنجو آهي. اتي توهان کي ڪيترن ئي وڏن دڪانن کان علاوه ننڍا دڪان نظر ايندا، فوٽ پاٿ تي شيون رکي وڪڻڻ وارا نظر ايندا، مختلف کاڌن پيتن جون ريسٽورنٽون ۽ ريڙها ملندا ۽ هر شيءِ جي ورائٽي ۽ گهڻائي نظر ايندي ۽ اگهه به مناسب ملندو. ان کان علاوه مختلف ماڻهن- مردن توڙي عورتن جي پيهه پيهان هوندي. انگريزن جي ڏينهن جون ڪيتريون ئي جهونيون ۽ تاريخي عمارتون ايمپريس مارڪيٽ ۽ ڊينسو هال کان پارسين جو مندر ۽ عيسائين جو گرجا گهر نظر ايندو. اهو ئي حال ممبئي جي فورٽ واري علائقي جو آهي، جتي نه فقط انڊيا جي مختلف رياستن ۽ مختلف قومن جا ماڻهو ۽ سندن لباس نظر ايندا، پر دنيا جي مختلف ملڪن جا ٽوئرسٽ پڻ ملندا. تاريخ ۽ عمارتسازي جي خيال کان ته ڪيتريون ئي عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. ظاهر آهي ڪراچيءَ ۾ ته انگريزن جو فقط هڪ سؤ سال کن اثر رهيو سو به پاسرائتو، هيڏانهن ممبئي (بمبئي) ته سندن ٽي سؤ سالن کان ڳڙهه هو.
    ممبئيءَ ۾ رهائش دوران منهنجو ٽي چار دفعا هن علائقي فورٽ ۽ ان جي آسي پاسي اچڻ ٿيو ۽ هن علائقي ۾ گهمڻ ڦرڻ جو مزو ئي ٻيو آهي. ڪراچيءَ ۾ به مون کي بولٽن مارڪيٽ ۽ ان جي آس پاس وارين گهٽين ۾ اڄ به چڪر هڻندي مزو ايندو آهي. پراڻا سيڪنڊ هئنڊ ڪتاب هتان وٺندو آهيان. انجنيئر جي حيثيت ۾ گهر جي ڪم ڪار لاءِ مڪينيڪل ۽ اليڪٽريڪل اوزار (Tools) هتان خريد ڪندو آهيان، ويندي ماني به هتي کائيندو آهيان، ڪڏهن گاڏي ۾ دال ڀت رکي وڪڻڻ واري وٽ، ڪڏهن مڇي فراءِ ڪرڻ واري وٽ يا وري هن علائقي جي سنڌي هندوءَ جي هوٽل ’تاج ريسٽورنٽ‘ ۾ دال يا ڀاڄي ماني کائيندو آهيان. جيڪو دال کي “ڪنواري مرغي” سڏيندو آهي. اهڙي ئي هڪ ريسٽورنٽ ڪالبا ديوي روڊ تي، شري ناٿ جي چوڪ وٽ “سنڌي هندو” نالي آهي.
    ڪالبا ديوي فورٽ واري علائقي ۾ ئي اچي ٿو. ڪالبا ديوي (Kalbadevi) ممبئي جي جهوني بستي آهي، جنهن جو نالو هندو ديويءَ تان پيو آهي. هي علائقو ڪراچي جي جوڙيا بازار ۽ موتن داس مارڪيٽ وانگر خريد و فروخت لاءِ مشهور آهي ۽ رش اور ۾ هلڻ ڏکيو ٿيو پوي. هتي واچن، سائيڪلن، ڪِچن جي ٿانون جهڙين شين جو وڪرو عام نظر اچي ٿو. هي علائقو CST ريلوي اسٽيشن، مسجد بندر ۽ مئرين لائين ريلوي اسٽيشن کان سڏ پنڌ تي آهي.
    ڪالبا ديوي روڊ ميٽرو سئنيما کان شروع ٿي بليشور روڊ تي ختم ٿئي ٿو. ميٽرو سئنيما ممبئي جي پراڻين سئنيمائن مان آهي ۽ هي علائقو ممبئي جو پراڻو هجڻ ڪري اهڙين سئنيمائن کان هر هڪ واقف آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ لائيٽ هائوس سئنيما يا صدر ۾ ڪئپٽل سئنيما آهي، بلڪه ڪنهن زماني ۾ هيون. انهن کي ڊٺي به ٻن ڏهائين کان مٿي ٿي ويو. انهن جي جاءِ تي هاڻ شاپنگ سينٽر ۽ آفيسن جون گهڻ ماڙ عمارتون آهن، پر تڏهن به اسان جا همعمر ۽ همعصر صدر يا KMC آفيس جي ڀرسان لنڊا بازار وڃڻو هوندو اٿن ته انهن سئنيمائن جا نالا کڻندا آهن. حيدرآباد جي به جهوني علائقي صدر ۾ مئجسٽڪ سئنيما مشهور آهي ۽ اڃان آهي. ننڍي هوندي اسان ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان موڪل ملڻ تي ان سئينما ۾ انگريزي فلمون ڏسڻ ايندا هئاسين. اڄ به جهڙو ان سئنيما گهر اڳيان منهنجا پيٽارو جا ساٿي خيرپور جو شوڪت جماڻي، انبن جو شهنشاهه رفيع ڪاڇيلو، سئي گئس وارو سراج شيخ، ڏندن جو ڊاڪٽر رضا شيخ، ٽنڊو قيصر جو زميندار رئيس نور احمد، فيڊرل منسٽر لياقت جتوئي ۽ ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي، واپڊا جو چيف انجنيئر مرزا بشير چاند ۽ ٻيا ٽڪيٽ وٺڻ لاءِ دري اڳيان بيٺا آهن. ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهوڪو ڏينهن هو، جيتوڻيڪ اسان سڀ ڪڏهوڪو سٺ به ٽپي ويا آهيون. ڪي ته هي جهان به ڇڏي ويا آهن.
    بهرحال پاڻ ممبئي جي ميٽرو سئنيما جي ڳالهه پئي ڪئي جيڪا ممبئي جي پراڻي علائقي فورٽ ۾ واسديو بلونت ڦاڙڪي (Phadke) چوڪ وٽ آهي. انگريزن جي ڏينهن ۾ هي چوڪ ميٽرو جنڪشن چوڪ سڏبو هو. هن چوڪ وٽ ٽي چار اهم رستا اچيو ٿا لڳن، جهڙوڪ:
    • آنند لعل پودر مارگ (هتي رستي کي Marg به سڏين)
    • جڳن ناٿ شنڪر سيٺ مارگ.
    • ڪالبا ديوي روڊ.
    • لوڪ مانيا تلڪ روڊ.
    • مهاتما گانڌي روڊ. هن روڊ جو انگريزن جي ڏينهن ۾ اسپلانڊي روڊ نالوهو ۽ اڃا به Esplande سڏجي ٿو، جيئن ايم. اي جناح روڊ کي اڃا تائين ڪيترا سندس پراڻي نالي بندر روڊ سان سڏين ٿا ۽ ڇهون رستو.
    • مها پالڪا روڊ آهي.
    هن پراڻي علائقي جون انگريزن جي ڏينهن واريون ٻه ٽي ٻيون سئنيمائون به مشهور آهن جيئن ته:
    • ايڊورڊ سئنيما جيڪا ميٽرو سئنيما جي ويجهو ئي آهي ۽ ڪالبا ديوي روڊ تي آهي.
    • لبرٽي سئنيما به اتي ميٽرو سئنيما وٽ آهي. ميٽرو سئنيما دراصل واسديو بلونت چوڪ وٽ آنند لعل پودر روڊ جي شروعات واري حصي تي آهي. اهو روڊ الهندي ڏي ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي مئرين ڊرائيو سان وڃي ملي ٿو. مئرين ڊرائيو ممبئي جو سامونڊي ڪنارو ائين آهي، جيئن اسان جو ڪلفٽن وارو سامونڊي ڪنارو آهي. جيڪو Sea View سڏجي ٿو ۽ سمجهو، ته مئڪڊونالڊ ۽ KFC کان اڳيان وليج ريسٽورنٽ تائين هليو وڃي ٿو ۽ هي آنند لعل پودر روڊ (جيڪو انگريزن جي راڄ ۾ فرسٽ مئرين اسٽريٽ سڏبو هو) ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ خيابانِ شمشير جيڪو سعودي قونصل خاني کان شروع ٿي اچي سمنڊ جي ڪناري (سي ويو) تي ٺهيل ريسٽورنٽ مئڪڊونالڊ سان لڳي ٿو. يا کڻي چئجي ته خيابانِ اتحاد جيڪو روڊ پڻ سي ويو ۾ سمنڊ تائين اچي ٿو، پر وليج ريسٽورنٽ واري پاسي پهچي ٿو. ممبئي جو هي مٿيون روڊ آنند لعل پودر روڊ الهندي طرف سمنڊ تائين پهچڻ کان اڳ ئي ان تان هڪ روڊ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو، جنهن جو نالو ’سر وٺلداس ٺاڪرداسي روڊ‘ آهي. لبرٽي سئنيما هن روڊ تي آهي. هن روڊ جو اصل نالو ’نيومئرين روڊ‘ هو، اتي ئي “سنڌ پنجاب ريسٽورنٽ” ۽ بمبئي نرسنگ اسڪول آهي. ’سر وٺلداس ٺاڪرداسي روڊ‘ ۽ ان جي Parallel هلندڙ مهارشي ڪاروِ روڊ (جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪئينس روڊ سڏبو هو. جيئن ڪراچي جو مولوي تميز خان روڊ پڻ Queens روڊ سڏبو هو.) اهي ٻئي روڊ هيٺ ڏکڻ ۾ جنهن چوڪ سان وڃيو ٿا ملن ان جو نالو اهليا بائي هولڪر چوڪ آهي، جتي هڪ ٻي پراڻي انگريزن جي ڏينهن جي Eros سئنيما آهي.

    جيئن پاڻ وٽ ڪراچيءَ ۾ ميري ويدر ٽاور وٽ هڪ اتاهين ۽ نمايان عمارت “قمر هائوس” نالي مشهور آهي. تيئن هتي ايروز سئنيما وٽ پوڊر هائوس، اسٽيڊيم هائوس ۽ هڪ هندو سنڌين جي بلڊنگ واسواني مئنشن مشهور آهي. انهيءَ پسگردائي ۾ جئه هند ڪاليج، گورنمينٽ لاڪاليج، انڊيا ٽوئرسٽ آفيس آهي. هتي انگريزن جي ڏينهن جون پراڻيون نامور ريسٽورنٽون پڻ آهن، جهڙوڪ ائسٽوريا، رٽز، سي گرين وغيره. حيدرآباد ۾ به ان قسم جي هڪ رٽز هوٽل صدر ۾ جنرل پوسٽ آفيس ڀرسان هوندي هئي. انگريز ته هليا ويا، پر انهن جو Tradition قائم رکڻ ۾ فخر محسوس ڪرڻ وارا اسان جا ديسي ان ۾ انگريزن وانگر شراب جو شوق پورو ڪرڻ ويندا هئا. هڪ ٻي هوٽل به ياد اٿم جيڪا شمس سئنيما وٽ ونڊسر نالي هوندي هئي، جتي پڻ حيدرآباد جا ڪامورا، وڏيرا، بزنيس مين شام توڙي صبح جون گهڙيون جوا کيڏندي ۽ وسڪي جون چسڪيون ڀريندي فخر محسوس ڪندا هئا. پر هاڻ وڏو عرصو ٿيو ته ان قسم جون هوٽلون پاڪستان جي شهرن ۾ بند ٿي ويون آهن. شايد ان سال کان جڏهن پاڪستان ۾ سرڪاري طرح شراب تي بندش وڌي وئي. پر انڊيا ۾ ان قسم جون ڪيتريون ئي آڳاٽيون ۽ تاريخي هوٽلون، ريسٽورنٽون ۽ سئنيمائون قائم آهن ۽ شهر جا نوجوان توڙي جهوني جڳ جا پارسي، عيسائي، هندو بزنيس مين ۽ رٽائرڊ ڪامورا پنهنجيون فرصت جون گهڙيون گهارڻ لاءِ انهن عمارت ڏي هڪ خاص ٽڪور سان ٽهلندي نظر اچن ٿا. اهو ساڳيو اسٽائيل مون ممباسا، نئروبي، سنگاپور ۾ به ڏٺو آهي. هي پوڙها يا جوان، جي پئسو ۽ صحت خراب ڪن ٿا ته پنهنجي ٻئي جو ته سک نٿا ڦٽائين. ڪو ڦڏو فساد ته نٿا ڪن. بهرحال ممبئي جي سيان، کار، دادر، سئنٽا ڪروز ۽ ورلي جي گوڙ شور کان هن علائقي ۾ ڪافي سڪون آهي ۽ جي اڃان ٿورو اڳيان ڏکڻ ۾ مادام ڪاما روڊ کان هيٺ سمنڊ جي ڪناري تائين هي علائقو جيڪو ناريمن پوائنٽ سڏجي ٿو، اڃان به وڌيڪ پرسڪون ۽ سانت وارو آهي. حڪومت به هن کي وڌيڪ ماٺ وارو علائقو بنائڻ لاءِ آٽو رڪشا يا ٻين گوڙ گهمسان وارين گاڏين کي هتي اچڻ کان بندش هڻي ڇڏي آهي. توهان هتي ٽئڪسي ۾ اچي سگهو ٿا يا وڏي وقفي بعد هلندڙ بس ۾.
    هونءَ اهليا بائي چوڪ تائين پهچڻ لاءِ بهترين طريقو ٽرين رستي آهي، جنهن جو آخري اسٽاپ “چرچ گيٽ” هن چوراهي وٽ آهي، جتي وير ناريمن روڊ ۽ ايروز سئنيما آهن. هيءَ لوڪل ٽرين اتر کان مالاد، گوريگائون، جوگيشوري، انڌيري، ويلي پاريل، سئنٽا ڪروز، کار، باندرا، ماهيم، مٽونگا، دادر، مهالڪشمي، ممبئي سينٽرل، گرانٽ روڊ جهڙين اسٽيشنن تان ٿيندي سڄو ممبئي جو شهر لتاڙي هن آخري اسٽيشن “چرچ گيٽ” تي پهچي ٿي.


    ممبئي پنڌ گهمڻ وارن لاءِگائيڊ لائين

    منهنجي رهائش ممبئي يونيورسٽي ۾ هجڻ ڪري آئون ڀر واري اسٽيشن ڪرلا تان ريل ۾ چڙهي هن فورٽ واري علائقي ۾ ايندو هوس. هيءَ ٽرين ڪرلا ريلوي اسٽيشن بعد سيان، مٽونگا، دادر، پاريل، ڪَري روڊ، چِن ڇپوڪلي، باءِ ڪلا (Bycula)، سئنڊهرسٽ روڊ ۽ مسجد روڊ اسٽيشن وٽان ٿيندي. آخري اسٽيشن ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس (CST) تي پهتي ٿي. 1880ع جي ٺهيل هن ريلوي اسٽيشن جو نالو وڪٽوريا ٽرمينس هو. اڄ به ڪيترا ماڻهو هن اسٽيشن کي وي. ٽي سڏين ٿا. بهرحال VTياCST ريلوي اسٽيشن ۽ چرچ گيٽ اسٽيشن هڪ ٻئي کان سڏ پنڌ تي آهن. ڪنهن به اسٽيشن تي لهي، هن علائقي جون مختلف تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ پنڌ ئي پنڌ هلي گهمي سگهجي ٿو. يا اتان ٽئڪسي ڪري ناريمن پوائنٽ تائين وڃي سگهجي ٿو. هونءَ ته انهن اسٽيشنن جي آس پاس ۾ ئي ميلو متل آهي. دڪان، شاپنگ مال، فوٽ پاٿ تي جڙيون ٻوٽيون وڪڻڻ وارا، مختلف قدبت ۽ رنگن جون پنجابي، گجراتي، تامل، بنگالي، بهاري، راجستاني عورتون ۽ مرد پنهنجي پنهنجي رياست، شهر ۽ خاندان جون ڊريسون پهري هلڻ وارا، رستن تي مختلف قسم جون گاڏيون... وغيره وغيره، ڏسڻ وٽان آهن. انڊيا جي ريل گاڏين توڙي ريلوي اسٽيشنن جي چهل پهل، رونق ۽ زندگيءَ جو اندازو اسان جي ملڪ جا ماڻهو نٿا لڳائي سگهن. اسان وٽ ريلوي اسٽيشنون اندر توڙي ٻاهر ٻُسيون ٻُسيون ۽ Deserted لڳن ٿيون. ڪراچي جي صدر واري ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران مڙيئي ڪجهه هوٽلون ۽ دڪان آهن، پر اتي به موالين ۽ چرسين جو گهڻو واسو آهي. اسان وٽ ريل جي سفر جو معيار ڏينهون ڏينهن ڪرندو وڃي. مون کي ته ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ريل ۾ ئي سفر ڪندي حيرت ٿي، جيڪا ساڳين انگريزن ساڳي دور ۾ ٺاهي، بلڪه ملائيشيا پاسي ته نئرو گيج جي ريل آهي، پر اتي جي سرڪاري ۽ واسطيدار کاتي ريل جي دٻن، وقت جي پابندي ۽ مسافر جي هر سک لاءِ ان کي اهڙو ته معياري بڻائي ڇڏيو آهي، جو ڪيترا ماڻهو سنگاپور کان ڪوالالمپور، يا ڪوالالمپور کان بئنڪاڪ وڃڻ لاءِ هوائي جهاز بدران ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪن ٿا. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران آئون هميشھ اها دعا ڪندو هوس، ته ڪاش! اسان جو ريلوي نظام به اهڙو ٿي پوي. ياد رهي ته هيءَ اڄ واري ملائيشيا جي ڳالهه نٿو ڪريان، جڏهن اهو ٽي دنيا مان نڪري چڪو آهي. اهو اڄ يورپ جو ملڪ ٿو لڳي. ان جي مونو ريل يورپ جي ڪيترن ملڪن کان بهتر آهي. آئون 1970ع ۽ ان کان اڳ جي ملائيشيا جي ڳالهه ٿو ڪريان، جڏهن اهو هر ڳالهه ۾ غريب هو. هن کي نه اسان وانگر ايئر لائين هئي نه جهاز ران ڪمپني! صحيح قسم جا ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ئي نه هيون، پر اهو آهي ته هنن وٽ جيڪي ڪجهه هو هنن ان کي صحيح طرح هلايو ٿي. ريل ۽ ٽپال جو کاتو هجي يا پوليس ۽ جوڊيشري جو.
    بهرحال انڊيا ۾ ريل جو سفر ڪرڻ بعد ان جو احساس اڃان به گهڻو ٿئي ٿو. حق تي انگريز، يورپي يا آمريڪن هتي جي هوٽلن ۽ ريل جي سفر ۾ لطف حاصل ڪن ٿا. بهرحال توهان جو ممبئي ۾ اچڻ ٿئي ته ممبئي جا ٻيا حصا ڏسڻ سان گڏ ممبئي جو هي ڏکڻ وارو حصو به ضرور ڏسجو، جيڪو ناريمن پوائنٽ ۽ گيٽ وي ٽُو انڊيا ۽ تاج هوٽل کان - يعني سمنڊ کان چرچ گيٽ ۽ CST تائين سمجهيو وڃي ٿو. اهي ٻئي ريلوي اسٽيشن جا نالا آهن. CST (ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن جي ٻاهران ئي ڊاڪٽر دادا ڀائي نورو جي روڊ آهي. هتي جو مشهور ڪاليج “سر J.J ڪمرشل آرٽ ائنڊ آرڪيٽيڪچر ڪاليج” هن ئي روڊ تي آهي. ٻئي پاسي هتي جي مشهور ڪرافورڊ مارڪيٽ آهي. جيڪا هاڻ جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ سڏجي ٿي. بدردين طيب روڊ هن روڊ ۽ مها پالڪا مارگ جي وچ۾ وهي ٿو، جنهن جي هڪ پاسي انگريزن جو آڳاٽو اسڪول سينٽ زئويئر هاءِ اسڪول آهي ته ٻئي پاسي سينٽ زئويئر ڪاليج آهي. ڪرافورڊ مارڪيٽ جي ويجهو ئي ممبئي پوليس هيڊڪوارٽر آفيس آهي، جتي ڌارين ملڪن جي ٽوئر سٽن کي (خاص ڪري پاڪستان ۽ بنگلاديش کان ايندڙن کي) ممبئي شهر ۾ اچڻ جو اطلاع ڪرڻو پوي ٿو.
    CST ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون يعني دادا ڀائي نورو جي روڊ تي ٽائيمز آف انڊيا ۽ ممبئي جي ميونسپل ڪارپوريشن (BMC) جي بلڊنگ آهي. مها پالڪا روڊ ۽ مهاتما گانڌي روڊ جي و چ ۾ آزاد ميدان آهي. تاريخ ۾ آزاد ميدان جي خاص اهميت آهي. بهرحال CST اسٽيشن وارو روڊ دادا ڀائي نوروجي هيٺ ڏکڻ ۾ جنهن چوراهي سان وڃي ملي ٿو، اهو مهاتما چوڪ آهي جيڪو فلورا فائونٽين به سڏجي ٿو. مهاتما گانڌي روڊ به هن چوڪ تائين اچي اڃا به هيٺ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو. سندس اولهه پاسي ڪرما وير ڀورائي پٽيل روڊ آهي. انهن ٻنهي روڊن جي وچ۾ ممبئي يونيورسٽي جو اولڊ ڪئمپس آهي. جيئن سنڌ يونيورسٽي جو پراڻو ڪئمپس حيدرآباد ۾ آهي ۽ گهڻين عمارتن تي مشتمل سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو ۾ آهي، تيئن ممبئي يونيورسٽي جي شروع واري عمارت هن فورٽ واري علائقي ۾ آهي ۽ نئين عمارت ڪلينا (سانٽا ڪروز) واري علائقي ۾ آهي.
    مهاتما گانڌي روڊ ٿورو وڌيڪ ڏکڻ ۾ شياما پرساد مکرجي چوڪ وٽ ختم ٿئي ٿو. چوڪ وٽ ئي هڪ پراڻي دور جي يعني انگريزن جي ڏينهن جي ريگل سئنيما آهي. هڪ ڳالهه نوٽ ڪرڻ جهڙي اها آهي، ته ممبئي جي سئنيمائن جا جيڪي نالا آهن جيئن ته ريگل، ميٽرو، ڪئپيٽل، رٽز، لبرٽي، پئرامائونٽ، مئجسٽڪ، ايروز وغيره. اهي ئي ساڳيا نالا بعد ۾ ڪراچي، لاهور ۽ حيدرآباد جي سئنيمائن جا رکيا ويا. ويندي سنگاپور، هانگ ڪانگ، پينانگ ۽ آفريڪا جي ڪيترن شهرن جهڙوڪ نئروبي، ڪمپالا، ممباسا وغيره ۾ (جن ملڪن ۾ انگريزن جو راڄ هو) اهڙا ئي نالا رکيا ويا.
    شياما مکرجي چوڪ وٽان ٻه رستا هيٺ ڏکڻ ڏي ڦٽن ٿا. هڪ نٿا لعل پاريک روڊ جيڪو ناريماڻ پوائنٽ تي وڃيو دنگ ڪري ۽ اڳيان سمنڊ آهي ۽ ٻيو رستو شهيد ڀڳت سنگهه روڊ آهي. هي روڊ ۽ هن مان نڪري هن سان ئي گڏ هيٺ تاج هوٽل ڏي ويندڙ رستو مئري ويدر روڊ آهي. شهيد ڀڳت روڊ تي انگريزن جو هڪ پراڻو گرجا گهر (Church) ويسلي چرچ ڏسڻ وٽان آهي، جيئن ڪراچي ۾ زينب مارڪيٽ ۽ ميٽرو پول هوٽل جي وچ۾ ٽرنٽي چرچ ۽ اسڪول آهي.
    پڙهندڙن ۽ ممبئي گهمڻ لاءِ ويندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي مٿي ذڪر ڪيل شين جو مختصر احوال ڪنداسين. ڪرافورڊ (Crawford) مارڪيٽ، جنهن جو هاڻ سرڪاري طرح جيوتي راءِ ڦولي مارڪيٽ نالو رکيو ويو آهي، ممبئي جي ڏاکڻي حصي جي مشهور مارڪيٽ آهي.هيءَ مارڪيٽ آرٿر ڪرافورڊ جي نالي منسوب ٿيل آهي، جيڪو انگريز راڄ ۾ بامبي (ممبئي) جو پهريون ميونسپل ڪمشنر هو. هن مارڪيٽ ۾ ميوي، ڀاڄين ۽ ڪڪڙين جي هول سيل واپار کان علاوه گهر جي سامان، هار سينگهار جي شين ۽ ڊيڪوريشن جي شين جو ڪاروبار هلي ٿو. يعني هن مارڪيٽ سبزي منڊيءَ جو به ڪم ڏنو ٿي پر هاڻ ان ڪم لاءِ نَوي (نئين) ممبئي ۾ سبزي منڊي ٺاهي وئي آهي. بهرحال هيءَ ڪرافرڊ مارڪيٽ به خاصي وڏي آهي، جنهن جي ڪورڊ ايراضي ٽي هزار چورس وال آهي. هيءَ بلڊنگ 1869ع ۾ پارسي سيٺ ڪواسجي جهانگير ٺهرائي شهري حڪومت کي Donate ڪئي هئي. انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد هن مارڪيٽ جو نالو مهاراشٽرا رياست جي سماج سڌارڪ مهاتما جيوتيراءِ ڦولي نالي رکيو ويو آهي پر اڄ به سڏجي ڪرافرڊ مارڪيٽ ٿي. جيئن اسان وٽ ڪراچيءَ ۾ ايمپريس مارڪيٽ جو سرڪاري طرح نالو KMC مارڪيٽ رکيو ويو آهي، پر اڄ به ان کي هر ڪو سندس پراڻي نالي “ايمپريس مارڪيٽ” سان سڏي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي ۾ جڏهن 1882ع ۾ اليڪٽرسٽي آئي ته ڪرافرڊ مارڪيٽ پهرين عمارت هئي، جيڪا لائيٽ ذريعي روشن ڪئي وئي. بلڪه ائين چئجي ته سڄي انڊيا ۽ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين عمارت هئي. هن مارڪيٽ جي عمارتسازي، نقش نگار ۽ اندريون پٿر جو ٺهيل ڦوهارو مشهور ناول نويس رُڊيارڊ ڪپلنگ جي پيءُ لاڪ ووڊ ڪپلنگ ڊزائين ڪيو.
    ڪرافرڊ مارڪيٽ جي ويجهو ئي جامع مسجد ڏسڻ وٽان آهي، جيڪا ممبئي جي بيحد آڳاٽي مسجد آهي. گوا ۽ ڪاليڪيٽ جي ڪوڪني سوداگرن هن مسجد لاءِ 1778ع ۾ فيصلو ڪيو ۽ 1802ع ڌاري ٺهي راس ٿي. سو ڏٺو وڃي ته هيءَ مسجد 200 سالن کان به مٿي جهوني آهي. هن مسجد جي گرائونڊ فلور تي دڪان آهن. مسجد سان گڏ “مدرسھ محمديا” نالي اسڪول به آهي، جتي مسلمان ٻارن کي ديني ۽ انگريزي تعليم مفت ڏني وڃي ٿي. ٻارن جي رهائش لاءِ هاسٽل به آهي.
    مٿي مکرجي چوڪ جي ڳالهه ڪندي لکيو اٿم ته اتان هڪ رستو شهيد ڀڳت روڊ هيٺ ڏکڻ ڏي وڃي ٿو. هي علائقو اپولو بندر به سڏجي ٿو. هن روڊ سان هڪ پئرلل ننڍو رستو ميري ويدر روڊ آهي، جنهن تي هاڻ بهرام روڊ نالو رکيو ويو آهي. بهرحال هي ميري ويدر روڊ هيٺ جنهن روڊ تي اچي ختم ٿئي ٿو، ان جو نالو اپولو بندر روڊ آهي. ميري ويدر نالي ڪراچيءَ ۾ گهنٽا گهر يعني ٽاور به آهي. جيڪو ايم اي جناح روڊ (بندر روڊ) ۽ آءِ آءِ چندريگر (مئڪلوڊ) روڊ جي ميلاپ وٽ آهي. ڪيترن کي شايد اها ڄاڻ نه هجي ته ڪياماڙي پاسي جهازن جي هڪ ڌڪي (Pier) جو نالو پڻ ميري ويدر آهي. ڪيترا شايد اهو سمجهندا هجن (آئون پڻ ننڍي هوندي اهوئي سوچيندو هوس) ته ميري ويدر ٽاور شهزادي مئري نالي هوا (Weather) جو ٽاور آهي. پر هي ٽاور انگلينڊ جي شاهي خاندان واري راڻي مئري (Queen Mary) نالي ناهي. هونءَ ته راڻي مئري نالي ڇا ڇا نه آهي. پاڻيءَ جي خوبصورت پئسينجر جهاز کان وٺي آمريڪا جي رياست مئري لئنڊ تائين هن جي نالي آهي، پر ممبئي جي اپولو بندر واري هن ميري ويدر روڊ توڙي ڪراچي جي ميري ويدر ٽاور ۽ ميري ويدر پيئر وارو Mere Weather سر وليم. ايل. ميري ويدر هڪ انگريز مرد جو نالو آهي. جيڪو 1868ع کان 1877ع تائين سنڌ جو ڪمشنر هو. هن ڪمشنر نالي ڪراچي هاربر بورڊ طرفان پهرين 1880ع ۾ جهازن کي ٻَڌڻ ۽ بيهارڻ لاءِ هڪ جيٽي (Pier) ٺاهي وئي، پر پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو ته هن جهڙي ناليواري ڪمشنر جي ياد ۾ ڪا ٽاور جهڙي شيءِ ٺاهي وڃي، جنهن کي هر ڪو ايندڙ ويندڙ ماڻهو پري کان ئي ڏسي سگهي. هي ٽاور 1886ع کان ٺهڻ شروع ٿيو ۽ اٺن سالن بعد 1892ع ۾ مڪمل ٿيو. جنهن جي سار سنڀال جي ڪم لاءِ ان وقت جي ڪشمنر ايوان جيمس ان کي ڪراچي ميونسپل حوالي ڪيو. انگريزن جي ڪيترن ئي ڊاڪيومينٽس ۾ ۽ گل حسن ڪلمتي جي ٿلهي ڪتاب ڪراچي راڻيءَ ۾ ان جو تفصيلي احوال ڏنل آهي ته ان ٽاور تي ان وقت 37178 رپيا خرچ آيو، جيڪو سر بارٽل فريئر جي ياد ۾ ٺهيل فريئر هال سان ڀيٽيو وڃي ته فريئر هال تمام وڏو يادگار آهي، جنهن تي هڪ لک اسي هزار رپيا خرچ آيو هو.
    ڪراچي وارو ميري ويدر ٽاور 44 فٽن جي اتاهين پليٽ فارم تي ٺهيل آهي ۽ سندس اوچائي 102 فٽ آهي. هن ٽاور جي چئني پاسي ٺهيل گهڙيالن جو قطر (Diameter) ست فٽ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڪراچيءَ ۾ عيسائين جو گرجا گهر “سينٽ پئٽرڪ ڪئٿيڊرل” هن ٽاور ٺهڻ کان پنج سال اڳ 1881ع ۾ ٺهيو ۽ صدر وارو سينٽ جوزف ڪانوينٽ اسڪول اڃا به اڳ 1868 ۾ ٺهيو، يعني 1843ع ۾ جيئن ئي انگريزن سنڌ فتح ڪئي ته 25 سالن اندر هنن هي اسڪول کوليو. مشهور انگريز ليکڪ ۽ ڪيترن ئي زبانن جو ڄاڻو رچرڊ برٽن پنهنجي دوست ڪمشنر سر وليم ميري ويدر سان ملڻ لاءِ جڏهن آخري دفعو 1877ع ۾ ڪراچي آيو هو، ته ڪشمنر صاحب جي گهر ۾ اچي ٽِڪيو هو (جيڪو اڄ ڪلهه گورنر هائوس آهي.) هن ان سفر جي احوال ۾ هن گهر لاءِ لکيو آهي ته:
    “It is at Present occupied by sir William Mere wether, an officer who’ by entire devotion to the interests of his province, the scene of this distinguished career during the last 33 years, has made epoch and history…
    ممبئي سڄو گوڙ شور، ٽرئفڪ ۽ عوام سان ڳتيل آهي. ممبئي جو ماٺيڻو حصو ۽ پرسڪون علائقو فقط ڏکڻ وارو آهي. يعني ڪالبا ديوي کان هيٺ وارو علائقو. اڃان به کڻي چئجي ته C.T ۽ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان پوءِ باقي ڏکڻ وارو علائقو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ آخر ۾ ممبئي جو دنگ ڪولابا وارو علائقو اچي ٿو. ممبئي جي ستن ٻيٽن مان ڪولابا هڪ ٻيٽ هو. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان هيٺ سمنڊ جو پاڻي هو جنهن کي مٽيءَ سان ڀرائي ناريمن پوائنٽ وارو ڌرتيءَ جو حصو claim ڪيو ويو ۽ ڪولابا ٻيٽ کي خشڪي رستي ممبئي جي باقي ڌرتيءَ سان ملايو ويو، جيئن ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي جو فيز ڇهون ۽ ستون وغيره. Reclaim ڪيو ويو آهي. يعني اتي سمنڊ هو جنهن کي مٽيءَ ۽ پٿرن سان ڀري خشڪي ٺاهي وئي. سمنڊ جي حصي کي Reclaim ڪرڻ لاءِ گهربل مٽي يا پٿر ڀر ۾ ڪا پهاڙي ڀڃي حاصل ڪيو ٿو وڃي. جيئن سنگاپور جي بندرگاهه وارو وڏو حصو ڌرتي ٺاهيو ويو. پر ڪراچي ۽ هتي ممبئي ۾ ڪا اهڙي پهاڙي نه هجڻ ڪري ڊريزرن (سمنڊ جي تري مان مٽي ڪڍڻ وارن جهازن) ذريعي مٽيءَ سان ڀريو ويو. پورٽ قاسم ڏي ايندڙ جهازن جي سامونڊي لنگهه کي هيٺ اونهو ڪرڻ لاءِ هالينڊ جي هڪ ڪمپنيءَ ڊريزرن (Dredgers) ذريعي اهو چئنل اونهو ڪرڻ دوران نڪتل مٽيءَ کي ڊفينس جي اڄ واري ڇهين ۽ ستين فيز واري حصي تي ڦٽو ڪري ان کي خشڪي بڻائي ڇڏيو.
    بهرحال ممبئي جي هن پراڻي ڏاکڻي حصي ۾ انگريز راڄ ۾ انگريز ۽ امير پارسي رهيا ٿي. اڄ به جيڪي هن علائقي ۾ رهن ٿا اهي بيحد امير ماڻهو آهن ۽ هتي ڌرتيءَ جو اگهه دنيا جي مهانگي ترين شهرن نيويارڪ (مئن هٽن) ۽ ٽوڪيو (گنزا) برابر آهي. ناريمن پوائنٽ يا ڪولابا ۾ توهان CST يا چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان ٽئڪسي ذريعي اچي سگهو ٿا، جو ممبئي جي هن ڏاکڻي حصي ۾ رڪشائون، آٽو يا ٻيون دونهون ڇڏيندڙ يا گوڙ ڪندڙن گاڏين جي داخلا تي منع آهي. ناريمن پوائنٽ جهڙن علائقي جو پٽ مهانگو هجڻ ڪري جيئن هتي امير ماڻهن جا گهر آهن، تيئن هتي آفيسون يا دڪان به امير ڪمپنين، بئنڪن ۽ ايئر لائينز جا آهن، جهڙوڪ: بئنڪ آف آمريڪا، رزرو بئنڪ آف انڊيا، اسٽيٽ بئنڪ آف انڊيا، برٽش قونصل خانو ۽ لئبريري، فرينچ قونصل خانو ۽ ٽرينڊ مشن، مهاراشٽرا اسيمبلي (وڌيان سڀا)، برلا ڀاون، بجاج ڀاون، مٽل ٽاور، Spencer Stuart، بختاور ٽاور، وغيره وغيره.
    هونءَ ممبئي جو هي ڏاکڻو حصو به عجيب آهي، CST يا چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تائين ڇا ماڻهن ۽ گاڏين جو گوڙ شور آهي. گوڙ جي حساب سان سڄو ممبئي مون کي حيدرآباد وارو حيدر چوڪ لڳندو آهي. ماڻهوءَ جا حواس چرخ ٿيو وڃن ۽ پوءِ ڪنهن ٽئڪسي يا بس ۾ چڙهي ناريمن پوائنٽ اچ ته 15 منٽن ۾ جهڙي دنيا ئي ٻي ٿيو وڃي. لڳي ئي نٿو ته هيءَ اها ئي ممبئي آهي، جيڪا انڌيري ۽ کار کان دادر ۽ چرچ گيٽ تائين آهي، جتي پنهنجو ئي آواز ٻڌڻ ۾ نٿو اچي، جتي ماڻهو پاڻمرادو هلڻ بدران پيهه پيهان ۾ اڳتي ڌڪجي ٿو ۽ هيڏانهن نريمان پوائنٽ ۽ ڪولابا ڏي ڄڻ ماڻهو ملائيشيا جي ايسٽ ڪوسٽ يا ورهاڱي کان اڳ واري هيرآباد ۾ پهچيو وڃي. صاف سٿرا رستا، ماٺ مٺوڙو، سياري جي موسم ۾ سوئيڊن ۽ ناروي جي رستن وانگر سنسان رستا، نه ٽرئفڪ نه دونهون... رکي رکي ڪو پوڙهو لٺ جهلي هلندڙ پارسي رستو ڪراس ڪري رهيو آهي. ٻه پارسي عورتون ڪنهن ڪرسچن ٽيچر سان سندس گهر جي ٻاهران ڌڪين تي پنهنجن ٻارن جي پڙهائيءَ جو پڇي رهيون آهن، ڪو سنڌي هندو سيٺ اڇي روايتي ڪوٽ ۾ پارڪ اڳيان پاپ ڪارن وڪڻڻ واري ڇوڪري سان ’اردو سنڌي‘ مڪسچر زبان ۾ ڳالهائي رهيو آهي. رکي رکي اوچي ماڊل جي ڪار گذري ٿي ۽ ڪڏهن ڪڏهن بس به نظر اچي ٿي. لڳي ٿو ته سڀ نه پر ڪجهه بسين کي هن پاسي اچڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. جيئن هتي جي امير رهاڪن وٽ ڪم ڪندڙ نوڪر، ڊرائيور، بورچي ۽ ڪم واريون سستي سواري ذريعي اچي وڃي سگهن. هتي ئي هڪ رستي جو نالو نريمان روڊ پڻ آهي، جيڪو اوڀر اولهه وهي ٿو ۽ اهو نريمان سرڪل، مهاتما چوڪ ۽ اهليا ٻائي هولڪر چوڪ کي ملائيندو نيتاجي سڀاش چندر روڊ سان وڃيو لڳي، جيڪو روڊ (سڀاش چندر) ممبئي جي سامونڊي ڪناري مئرين بيچ سان لڳل آهي.
    نريمان علائقي جي مهانگي پَٽَ ۽ اوچين عمارتن ڪري هن علائقي کي ’ممبئي جو مئن هٽن‘ به سڏين ٿا.
    ڏکڻ ممبئي جي هن سهڻي علائقي نريمان توڙي نريمان روڊ تي هي نالو ممبئي جي پارسي ۽ انڊين نئشنل ڪانگريس ليڊر خورشيد فرامجي نريمان تان رکيو ويو. کيس ماڻهو پيار مان “وير نريمان” به سڏين ٿا. پاڻ بعد ۾ ممبئي جو ميئر به ٿيو. نريمان پوائنٽ وارو علائقو جيڪو سمنڊ هو، ان کي مٽيءَ سان ڀري خشڪي ٺاهڻ جو ڪم وير نريمان ڪرايو هو.


    “ميرا رنگ دي بسنتي چولا، وارو شهيد

    گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان ته ممبئي جو ڏاکڻو حصو جنهن ۾ فورٽ، ناريمن پوائنٽ ۽ ڪولابا وارا برٽش راڄ جا جهونا علائقا اچي وڃن ٿا، باقي ممبئي کان بلڪل مختلف آهي. هتي توهان کي سئنٽا ڪروز، انڌيري، کار، سيان، دادر ۽ ڌروي وارو گوڙ شور، ٽرئفڪ، ماڻهن جي پيهه پيهان، پيٽرول، ڊيزل، رستن تي ڪيل ماڻهن جي مُٽَ ۽ ڍڳين جي ڇيڻن جي ڌپ نه ملندي، پر خاموشي ڪري هتي توهان کي فٽ پاٿ تان هلندي مٿي وڻن تي ويٺل پکين جون لاتون به ٻڌڻ ۾ اينديون. ڪنهن گهر اڳيان تازي ڪٽيل ڇٻر جي سڳنڌ به ايندي. هتي توهان کي ڪوبه جلدي ۾ نظر نه ايندو. ڪن ڪن گهٽين مان لنگهندڙ پوڙهي پارسي جوڙي کي يا اسڪرٽ ۾ ملبوس ڪرسچن ڇوڪريءَ کي پنهنجي بواءِ فرينڊ سان هٿ هٿ ۾ ملائي هلندو ڏسي مون کي سٺ جي ڏهائيءَ وارو ڪراچي جو صدر ۽ ڪلفٽن ياد آيو ٿي. يا وري هانگ ڪانگ ٻيٽ جو وڪٽوريا هِل (پهاڙي) وارو ۽ لورينزو مارڪس (جيڪو اڃا ’مپوتو‘ نه ٿيو هو) ان جو پارڪ لين جو علائقو 1970ع يا ان کان اڳ وارن سالن جو ياد آيو ٿي. جڏهن نه هانگ ڪانگ کي انگريزن ۽ نه اڃان آفريڪي ملڪ موزمبيق کي پورچوگالين آزادي ڏني هئي. هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ انگريز، لارينزو مارڪس (موپوتو) ۽ لئانڊا ۾ پورچوگالي ۽ بيروت ۾ فرينچ، جنهن سڪون سان پنهنجين مخصوص ريسٽورنٽن ۽ بار هائوسن ۾ اندر يا ٻاهر فٽ پاٿ تي رکيل ڪرسين تي ويهي ڪاري ڪافي يا ٿڌي بيئر جون چسڪيون ڀريندا هئا، اڄ به هن ڏکڻ ممبئي جي انگريز دور جي ڪيفي موديگار (Mondegar)، ڪيفي ليو پولڊ (Leopold)، نيو مارنٽي بار جهڙين هوٽلن ۾ هندستان جا امير واپاري، رٽائرڊ سرڪاري ڪامورا ۽ فوجي جرنيل زندگيءَ جون پرسڪون گهڙيون گذارين ٿا.
    ممبئيءَ ۾ رهائش دوران منهنجو جڏهن به ريل ۾ سفر ٿيو ٿي، ته ڪڏهن انڌيري ۾ ته ڪڏهن باندرا يا کارمان چڪر هڻي CST ريلوي اسٽيشن پهچي ويس ٿي، جتان ٽئڪسي ذريعي گيٽ وي آف انڊيا يا تاج هوٽل طرف هليو ويس ٿي، جيڪي ممبئي جي بلڪل ڏکڻ ۾ آهن. جيئن ڪراچي ۾ ڪياماڙي بلڪل ڏکڻ ۾ آهي، جنهن بعد چوڌاري سمنڊ آهي. ممبئي جو ڪولابا يا ناريمن پوائنٽ به اتي ئي ڏکڻ ۾ آهي. هن علائقي ۾ ٽي چار اهڙا اهم ۽ ويڪرا رستا آهن جن تان هر وقت لنگهه ٿئي ٿو. مهاتما گانڌي روڊ، داد ڀائي نورو جي روڊ، مهارشي ڪاروو (Karve) روڊ، نيتاجي سڀاش چندرا روڊ ۽ هڪ ٻيو روڊ جيڪو مهاتما گانڌي روڊ جي ئي مقابلي جو ڊگهو ۽ ويڪرو آهي، ڊاڪيارڊ ريلوي اسٽيشن کان شروع ٿئي ٿو ۽ مسجد روڊ ۽ CST ريلوي اسٽيشنن وٽان ٿيندو ناريمن سرڪل (چوراهي) تائين اچي ٿو. جتان پوءِ وڌيڪ ڏکڻ ۾ “شياما پرساد مکرجي چوڪ” وٽ اچيو ٿو دنگ ڪري. هي روڊ انگريزن جي راڄ ۾ پي. ڊي ميلو روڊ سڏبو هو، پر انگريزن کان خودمختياري ملڻ بعد هن جو نالو شهيد ڀڳت سنگهه روڊ رکيو ويو آهي. شهيد جي انگريزي اسپيلنگ Shahid لکيل هجڻ ڪري آئون هن روڊ جو نالو شاهد ڀڳت روڊ پڙهندو رهيس پر پوءِ خبر پيئي ته هي لفظ ’شهيد‘ آهي يعني هي روڊ ڀڳت سنگهه نالي شهيد همراهه سان منسوب ٿيل آهي. ٻن ٽن ٽئڪسي ڊرائيورن ۽ دڪاندارن کان هن شخص نالي پڇيم جنهن جي ياد ۾ ممبئي جي هن سهڻي علائقي جو هي اهم رستو آهي. پر ڪنهن کان خبر نه پئي.
    هڪ ڏينهن هن روڊ (شهيد ڀڳت روڊ) جي ليو پولڊ ڪيفي ۾ هڪ سک وڪيل ملي ويو. مون کي اڳئين محسوس ٿيو ته هي پڙهيل ڳڙهيل به آهي ته سک به آهي. پڪ ڀڳت سنگهه کان واقف هوندو جنهن جي نالي مان صاف ظاهر آهي ته اهو هڪ سک جو نالو ٿي سگهي ٿو. منهنجي پڇڻ تي سک وڪيل جواب ڏيڻ بدران سوال ڪيو:
    “تسي پنجابي هو؟” مرهٺن جي ديس ۾ هن منهنجو ڊگهو قد ڏسي سمجهيو ته آئون ڪو لڌيانا وغيره جو پنجابي هندو آهيان.”
    “نه سرڪار،” مون وراڻيومانس، “آئون ته ٽوئرسٽ آهيان پاڪستان جو رهواسي آهيان.”
    “پوءِ ان صورت ۾ ته پاڻ مون کي پڇڻ کپي ته شهيد ڀڳت سنگهه ڪير هو؟” سردار جي کلندي چيو. مون کي سندس چرچو يا ڳجهارت سمجهه ۾ نه آيو.
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو.
    “ڏسو نه اهو ماڻهو جيڪو توهان جي ملڪ ۾ ڄائو، توهان جي ملڪ جي آزادي لاءِ وڙهندو رهيو ۽ توهان جي ملڪ ۾ زندگي گذاري اتي مئو، ان بابت ته توهان کي ئي معلومات هجڻ کپي.” سردارجيءَ چيو.
    “چڱو ڀلا هڪ ڪافي ٿي وڃي.” مون سردار جي کي ڪرسي آفر ڪندي چيو.
    “ضرور،” سک وڪيل ويهندي چيو، “پر منهنجي طرفان. تون اسان جو مهمان آهين.”
    بهرحال وڪيل صاحب ٻڌايو، ته شهيد ڀڳت سنگهه هڪ انقلابي نوجوان سک هو، جنهن وطن جي آزادي لاءِ انگريز راڄ سان بغاوت ڪئي. ڀڳت سنگهه پاڪستان جي شهر لائلپور ۾ 1907ع ۾ ڄائو، انهن ڏينهن ۾ سکن جا ٻار بنيادي تعليم گهڻو ڪري لاهور جي “خالصا هاءِ اسڪول” مان وٺندا هئا، پر ڀڳت سنگهه کي سندس پيءُ سردار ڪشن سنگهه هڪ ويدڪ اسڪول (ديانند ائنگلو ويدڪ هاءِ اسڪول) ۾ داخل ڪرايو.
    ڀڳت سنگهه 13 سالن جو مس ٿيو ته هن مهاتما گانڌيءَ جي Non Co-operation تحريڪ جي پوئواري شروع ڪئي. هن کلئي عام انگريزن جي هر ڳالهه سان نفرت جو اظهار ڪيو. ايتري قدر جو هن اسڪول جا انگريزي ڪتاب ۽ ولائتي ڪپڙا عام جلسي ۾ ساڙي ڇڏيا.
    سک وڪيل ۽ پوءِ ممبئي يونيورسٽي جي نهرو لائبريري ۾ هن ڀڳت سنگهه بابت پڙهيم ته هن کي ادب ۽ شاعريءَ سان دلچسپي هئي. هن جو دلپسند شاعر ڊاڪٽر علامه اقبال هو. تيرهن چوڏهن سالن جي عمر ۾ ڀڳت سنگهه نئشنل ڪاليج لاهور ۾ داخلا ورتي. انهن ئي ڏينهن ۾ مائٽن سندس شادي ڪرائڻ ٿي چاهي، پر هو ننڍي عمر ۾ شادي ڪرڻ جي خلاف هو. نتيجي ۾ شادي کان ڀڄڻ ڪارڻ هن پڙهائي ڇڏي “نوجوان ڀارت سڀا” (Youth Society of India) آرگنائيزيشن جو وڃي ميمبر ٿيو. ان کان علاوه هو اهڙن سياستدانن، جوشيلن نوجوانن جا ٽولا Join ڪندو رهيو، جن کي انگريزن لاءِ سخت نفرت هئي ۽ هنن پنهنجو وطن آزاد ڪرائڻ چاهيو ٿي. 8 اپريل 1929ع تي ڀڳت سنگهه پنهنجي هڪ ساٿيءَ سان گڏ هلندڙ اسيمبلي دوران ان جي عمارت جي ورانڊي ۾ بم اڇلايو ۽ “انقلاب زنده باد” جا نعرا هنيا. هن ۾ ڪوبه جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. ڀڳت سنگهه گرفتار ڪيو ويو ۽ مٿس قتل جي الزام ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس هليو.
    جيل ۾ نظربندي وارن ڏينهن ۾ ڀڳت سنگهه ۽ ڪجهه ٻين قيدين پنهنجي حقن لاءِ مطالبا مڃرائڻ لاءِ بک هڙتال ڪئي. هتي هڪ اهم ۽ دلچسپ ڳالهه پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي لکڻ ٿو چاهيان، ته هو هڪ سياستدان جي حيثيت ۾ ان سينٽرل ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ موجود هو، جنهن جي ورانڊي ۾ ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿيءَ بم ڦاڙي انگريزن خلاف نعرا هنيا هئا. پر هڪ وڪيل ۽ سٺي انسان جي حيثيت ۾ هن ڀڳت سنگهه ۽ ٻين قيدين سان پنهنجي همدرديءَ جي اظهار کي ڪنهن به صورت ۾ لڪائڻ نه چاهيو. لاهور جيل جي هنن قيدين جن بک هڙتال ڪئي انهن لاءِ جناح صاحب جا رمارڪس اڄ به تاريخ جو حصو آهن، جيڪي هن ريت آهن:
    “The man who goes on hunger strike has a soul. He is moved by that soul, and he believes in the Justice of his caurse.”
    ۽ ڀڳت سنگهه جي هن عمل تي جناح صاحب چيو هو:
    …however much you say they are misguided, it is the system, this damnable system of governance, which is resented by the people…
    23 مارچ 1931ع تي ڀڳت سنگهه ۽ سندس ٻن ساٿين کي لاهور ۾ ڦاسي ڏني وئي. ان وقت هن جي عمر 24 سال هئي. سندس لاش جو ڪريا ڪرم ستلج نديءَ جي ڪناري فيروز پور ضلعي جي ڳوٺ حسين آباد ۾ ڪيو ويو.
    شهيد ڀڳت سنگهه بابت ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به لکندو هلان، ته هو هڪ بيحد جوشيلو نوجوان هو. جيتوڻيڪ مهاتما گانڌيءَ هر ڳالهه ڌيرج سان ڪرڻ ۾ بهتري سمجهي ٿي، پر ڀڳت سنگهه ان ۾ ئي يقين رکيو ٿي ته وطن جي آزادي لاءِ جان جي قرباني ضروري آهي. ڀڳت سنگهه وارن جڏهن اسيمبليءَ ۾ بم اڇلايو، ته ان بعد پاڻ ۽ سندس ساٿين “انقلاب زنده باد” جا نعرا هڪ طرف هنيا ته ٻي طرف هنن پاڻ سان آندل پئمفليٽ پڻ اڇلايا جن تي انگريزيءَ ۾ هي لکيل هو:
    It is easy to kill individuals but you cannot kill the ldeas. Great empires crumbled while the ldeas survived.
    روسي انقلاب بابت ڪتاب پڙهڻ بعد ڀڳت سنگهه مرڻ ئي چاهيو ٿي. جيئن هن جو موت هندستان جي نوجوان ٽهي ۾ اتهاس پيدا ڪري سگهي ۽ هو پاڻ ۾ هڪ ٿي انگريز راڄ سان ويڙهه ڪن.
    جيل دوران ڀڳت سنگهه ۽ سندس ساٿين وائسراءِ کي خط لکيو ته هنن کي جنگي قيدي (Prisoner of war) مڃيو وڃي ۽ کين ڦاهي ڏيئي مارڻ بدران فائرنگ اسڪواڊ ذريعي فائر ڪيو وڃي.
    ڀڳت سنگهه جي ڦاهيءَ کان چار ڏينهن اڳ ڀڳت سنگهه جو وڪيل معافي نامي جي درخواست ٺاهي ڀڳت سنگهه کان صحيح وٺڻ لاءِ پهتو، پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
    ڀڳت سنگهه جي زندگي ۽ ان دور تي بالي ووڊ ۾ ڪيتريون ئي فلمون ٺهي چڪيون آهن، جن مان سڀ کان جهوني فلم “شهيد” آهي، جيڪا 1965ع ۾ ٺهي. هن فلم ۾ منوج ڪمار ڀڳت سنگهه جو پارٽ ادا ڪيو. ڀڳت سنگهه بابت ٻه وڏيون فلمون سال 2002ع ۾ رليز ٿيون، جن مان هڪ The legend of Bhagat Singh ۽ ٻي فلم 23 rd March: Shaheed آهي. ڀڳت سنگهه تي هڪ ٻي فلم شهيدِ اعظم نالي ٺهي، جنهن ۾ سونو سود، ماناوَ، راجيندر گپتا ۽ ساڌنا سنگهه ائڪٽنگ ڪئي آهي. تازي فلم سال 2006ع جي “رنگ دي بسنتي” آهي جنهن ۾ ڀڳت سنگهه کي انڊيا جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هن فلم جا اردو ۽ هندي گانا “سرفروشي ڪي تمنا...” ۽ “ميرا رنگ دي بسنتي چولا...” ڀڳت سنگهه جي وطن لاءِ محبت جي حوالي سان آهن.
    سيپٽمبر 2007ع ۾ پاڪستان جي پنجاب صوبي جي گورنر خالد مقبول اعلان ڪيو، ته ڀڳت سنگهه جي ياد ۾ لاهور جي ميوزيم ۾ هڪ يادگار رکيو ويندو. گورنر جي چوڻ موجب “ڀڳت سنگهه ننڍي کنڊ جو پهريون شهيد هو جنهن جو مثال ان دور جي ٻين ڪيترن ئي فالو ڪيو.”
    بهرحال ان ڏينهن ليو پولڊ هوٽل مان نڪري، شهيد ڀڳت سنگهه روڊ تي سک وڪيل سان ڪجهه دير واڪ ڪندو رهيس. هاڻ منهنجي لاءِ هي رستو فقط پٿرن ۽ ڏامر جو نه هو پر وطن جي آزاديءَ جو هو. انگريز حاڪمن سان غلاميءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ويڙهه جو رستو هو... مون کيسي مان ڪئميرا ڪڍي هن روڊ جي ڪناري تي لڳل بورڊ جي تصوير ڪڍي ۽ هڪ تصوير هن جهوني ريسٽورنٽ ليوپولڊ ڪيفي جي به ڪڍي، جيڪا ممبئي جي ائين تاريخي هوٽل آهي، جيئن حيدرآباد جي ڪيفي جارج، رٽز، ونڊسر وغيره. جن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي سياستدانن، ڪامورن، اديبن، وڏيرن، ڪارخانيدارن ڪامريڊن ويندي جوارين، شرابين، لچن لفنگن، جوانن ۽ پوڙهن چانهه جي ڪوپ، بيئر جي گلاس يا وسڪيءَ جي پيگ تي ڪچهريون ڪيون هونديون... ناولن جا پلاٽ ڊسڪس ڪيا هوندا، راڳين ۽ ڌوڪڙين ريڊيو پاڪستان تان ڳائڻ لاءِ شاعرن جي گيتن جون ڌنون ٺاهيون هونديون، زميندارن ۽ واپارين هيرامنڊي جي مشهور ڳائڻين کي پنهنجي ڳوٺ جي اوطاق تي نچائڻ جا پلان ٺاهيا هوندا...
    سال کن اڳ ۾ جدي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ منهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ لٽريچر جي شوقين چيف انجنيئر راشد ڪاظميءَ واتان ممبئي جي هن ڪيفي ليو پولڊ جو ٻڌو هيم. هو نيول اڪيڊمي جي ڏينهن کان وٺي ڪتابن پڙهڻ جو شوقين رهيو آهي ۽ اڄ به ڪو دلچسپ ڪتاب پڙهڻ تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون. ڏهه کن سالن کان هو سعودي عرب جي جهازن جي ديک ڀال ڪري رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ هن جو ممبئي به اچڻ ٿيندو رهي ٿو ۽ هر دفعي ممبئي جي هن علائقي ڪولابا ۾ يا فورٽ جي ڪنهن هوٽل ۾ هن جو رهڻ ٿئي ٿو. ان ڏينهن ليو پولڊ هوٽل مان نڪرڻ وقت راشد ڪاظمي جو فون اچي ويو.
    “ڪراچيءَ فون ڪيم ته خبر پيئي ته ممبئي ۾ آهين.” هن چيو.
    “نه فقط ممبئي ۾ آهيان،” جواب ڏنومانس، “پر تو واري ليوپولڊ ڪيفي ۾ آهيان.”
    “يار مون واري ڇا گريگري رابرٽ واري چئه.” راشد چيو.
    “ڪهڙو گريگري...” مون کي ياد نه پيو سو مون حيرت مان پڇيومانس.
    راشد ٽهڪ ڏيئي چيو: “يار ڪمال آهي! تو ئي ته ڪتاب خريد ڪري مون ڏي موڪليو. ايترو جلد “شانتا رام” وساري ڇڏئي.”
    “شانتارام” جو ٻڌي مون هڪ دفعو وري هن ڪيفي ليوپولڊ ڏي ڏٺو، ان جي آس پاس نظر ڊوڙائي ۽ مون دل ئي دل ۾ سوچيو، ته هندستان جي آزادي جي متوالي شهيد ڀڳت سنگهه جي معلومات بعد ۽ انگريزي جو ناول ’شانتا رام‘ پڙهڻ بعد، هن ڪيفي ۽ علائقي جي منهنجي دل ۾ هڪ تاريخي ۽ ادبي حيثيت آهي نه ته هتان ائين ئي لنگهه ٿي وڃي ها. بنا ڪنهن سوچ ويچار جي!
    انگريزي ناول Shantaram ڪنهن لکيو؟ ۽ ان گوري انگريز ليکڪ جو هن ڪيفي يا ممبئي سان ڪهڙو تعلق هو. ان جو دلچسپ احوال پنهنجي پڙهندڙن سان Share ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو پر ٻئي ڪالم/ مضمون ۾. هي ڪالم هتي End ٿا ڪريون.


    هڪ ڌاڙيل جو 1000 صفحن جو ناول

    گل حسن ڪلمتيءَ جو ڪاڇو پبليڪيشن وارن “ڪراچي: سنڌ جي مارئي” نالي ڪتاب ڇپيو آهي جيڪو 700 کن صفحن جو ٿيندو. ائين ته حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن وارن قاضي خادم جي ساروڻين جا ٻه واليوم “دل جي دفتر مان” ڇپيا آهن جن جا ٽوٽل صفحا اٺ سئو کن ٿيندا ۽ پير علي محمد راشدي جي “اهي ڏينهن اهي شينهن” ڪتاب جا ٽي واليوم يا رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي يادگيرين جي ڪتاب “ڪئين ڪتاب” جا ٻه جلد جوڙجن ته هزار صفحن جي لڳ ڀڳ وڃيو ٿين. اهڙي طرح اردوءَ ۽ انگريزيءَ ۾ به نسيم حجازيءَ ۽ ڊومِنق (Dominiaqe lapierre) ست ست اٺ اٺ سؤ صفحن جا ناول لکيا آهن. هڪ انڊين ليکڪ “وڪرم سيٺ” انگريزيءَ ۾ هزار صفحن کان به مٿي “Suitable Boy” نالي ناول لکيو آهي.
    مٿين سڀني ليکڪن ۾ هڪ ڳالهه ڪامن آهي ته هو سڀ پڙهيل ڳڙهيل هئا. منجهائن ڪنهن کي جي يونيورسٽي جي ڊگري نه هئي ته به علم هو. علي محمد راشدي جا جنگ ۾ ايندڙ ڪالم يونيورسٽين جا پروفيسر به پڙهندا هئا. هو ايوب خان جي ڏينهن ۾ چين جو سفير ٿي رهيو. پر هڪ ڳالهه سوچيو ته جي ڪڏهن سنڌ جو ڪو ڌاڙيل محب شيدي، پرو چانڊيو يا شريف ڪالرو هزار کن صفحن جو ناول لکي ۽ ان ۾ پنهنجي دور جي تاريخ هجي، عام ماڻهوءَ جي زندگي جو احوال هجي ۽ ان ۾ اهڙا دلچسپ جملا ۽ ڳالهيون هجن، جو ڇهن مهينن اندر هن ناول جون ويهه لک ڪاپيون وڪرو ٿي وڃن، ته واقعي حيرت جي ڳالهه سڏبي ۽ هن ناول ڇپجڻ بعد خبر پوي ته محب شيدي يا ڪو ٻيو ناول لکڻ وارو ڌاڙيل جنهن لاءِ عوام ۽ حڪومت ته اهو ئي سوچيندي رهي ته هو ڪچي جي ٻيلي ۾ لڪل آهي، خبر پوي ته هو ته نالو بدلائي ڏهن سالن کان مٽياري، هالا ۽ حيدرآباد جي مختلف ڳوٺن ۾ مڪاني ماڻهن سان زندگي گذاريندو رهيو ۽ هو حيدرآباد جي علي بابا، انڊس يا سٽي گيٽ جهڙي هوٽلن ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي اتي ايندڙن ويندڙن جو احوال قلمبند ڪندو رهيو، ته اهڙي انڪشاف بعد پڪ اسان لاءِ اها هوٽل يا ڪيفي به اهم ٿي پوندي.
    انگريزي ناول Shantaram جو انگريز گورو ليکڪ گريگري ڊئوڊ رابرٽس جنهن پنهنجو نالو بدلائي ڏهه سال کن ممبئي جي مڪاني ماڻهن سان زندگي گذاري، هڪ ڌاڙيل ئي ته هو، جيڪو پنهنجي وطن آسٽريليا ۾ بئنڪن ۽ امير ڪمپنين جون ڦرون (Robberies) ڪندو رهيو. هيروئن، نشي جو سخت عادي هو. رابرٽس جو ناول شانتا رام فڪشن (افسانو) به آهي ته سندس زندگي جي حقيقت ۽ آتم ڪٿا به، ان ڪري ڪيترا پڙهندڙ هن ناول کي Faction سڏين ٿا، يعني Fiction ۽ Facts جو مڪسچر.
    رابرٽس (سڄو نالو گريگري ڊئوڊ رابرٽس)، 1952ع ۾ آسٽريليا جي شهر ميلبورن ۾ ڄائو. مون رابرٽس لاءِ انگريز لکيو آهي جو آسٽريليا ۽ نيوزيلئنڊ ۾ رهندڙ گورا انگريزن جو ئي اولاد آهي. سوئيڊن جي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي ۾ تعليم دوران “جهازن جي ايڪانامڪس” پڙهائڻ وارو برٽشر (انگريز) پروفيسر ڪڏهن موڊ ۾ اچي پنهنجي ئي قوم جي گلا ڪندو هو. چوندو هو ته اسين انگريز وڏا ٺڳ آهيون ۽ آسٽريليا ۾ رهندڙ اسان جا گورا مائٽ ته اڃان به وڌيڪ آهن.
    “اهو ڀلا ڪيئن؟” اسان کانئس پڇيو هو.
    “ڏسو نه آسٽريليا تي جڏهن اسان انگريزن جو قبضو ٿيو ته انگلينڊ ڇڏي اوڏانهن رهڻ لاءِ ڪير به تيار نه هو، جو اهو هڪ ڏورانهون ڏيهه هو جتي انهن ڏينهن ۾ اهي سُک نه هئا جيڪي يورپ پاسي هئا. پوءِ انگريز سرڪار ڇا ڪيو جو جيڪو انگريز وڏو ڏوهه ڪندو هو، قتل جو، ڌاڙي جو ته ان کي سزا طور آسٽريليا موڪليو ويندو هو، جتان هو موٽي نه سگهي، جيئن هندستان جي ڏوهارين ۽ باغي سياستدانن کي انڊامان ٻيٽن (ڪاري پاڻي) ڏي موڪليو ويندو هو.”
    ۽ پوءِ اسان جو پروفيسر صاحب ٿڌو ساهه کڻي چوندو هو “هاڻ مڙيئي آسٽريليا ماڊرن ٿي ويو آهي ۽ اسان جي وڏن جو اولاد شريف ٿيو پيو هلي.”
    رابرٽس جو ناول شانتا رام پڙهندي مون کي هميشھ مٿيون پروفيسر صاحب ياد آيو ٿي جيڪو چوندو هو ته آسٽريليا ۾ رهندڙ سندس وڏن جو ٻيو اولاد ضرور سڌري ويو پر رابرٽس نه، جنهن لاءِ مشهور آهي ته 1977ع ۾ فقط ٽن مهينن اندر هن هٿيارن جي زور تي مختلف بئنڪن، دڪانن ۽ آفيسن مان 24 ڦرون ڪيون. رابرٽس لاءِ چون ٿا ته هو پهرين کان چرسي (هيروئن نشي جو عادي) نه هو پر سندس شادي ختم ٿيڻ تي ۽ ڪورٽ طرفان سندس ڌيءَ سندس حوالي نه ٿيڻ تي، هو سخت نشئي ٿي پيو ۽ پوءِ ته نه چاهيندي به، نشي جي پورت لاءِ، هن کي ڌاڙا هڻڻا پيا ٿي. رابرٽس “جينٽلمئن بئنڊٽ” ۽ “بلڊنگ سوسائٽي بئنڊٽ” جي نالن سان به سڏيو ويو ٿي. جو هن فقط انهن بئنڪن، دڪانن ۽ بلڊنگ ڪنسٽرڪشن جي آفيسن جي ڦر ڪئي ٿي جيڪي ويمو (Insuarance) ٿيل هيون. هو هميشھ ٿري پيس سوٽ (ڪمپليٽ سوٽ) پائي پوءِ ڦر لاءِ نڪرندو هو ۽ جن ماڻهن کي ڦريو ٿي انهن سان فضيلت سان ڳالهايو ٿي ۽ کين ’پليز‘ ۽ ’ٿئنڪ يو‘ چيو ٿي.
    1978ع ۾ هي پڪڙجي پيو ۽ کيس آسٽريليا جي بدنام جيل پيٽرج ۾ سخت پورهئي سان 19 سال ٽيپ اچي وئي. هي جيل آسٽريليا جي وڪٽوريا شهر ۾ آهي، جتي وڏا ڌاڙيل ۽ خوني رکيا وڃن ٿا ۽ جتي تمام سخت سيڪيورٽي جو بندوبست رهي ٿو. رابرٽس اهڙين حالتن جي باوجود 1980ع ۾ ڏينهن ڏٺي جو جيل مان ڀڄي ويو ۽ کيس آسٽريليا جي “موسٽ وانٽيڊ” ڏوهارين مان هڪ قرار ڏنو ويو. بعد ۾ رابرٽس ٻڌايو ته هو جيل مان هرگز نه ڀڄي ها، پر هن کي جيل ۾ نه فقط اڪيلو رکيو ويو پر سخت ٽارچر به ڪيو ويو.
    جيل مان غائب ٿي وڃڻ بعد آسٽريليا جي پوليس هن اشتهاري مجرم کي آسٽريليا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳوليندي رهي ۽ هي نالو ۽ ويس بدلائي ممبئي کان اچي نڪتو. هو دراصل پهرين نيوزيلئنڊ ويو جيڪو ٻيٽ آسٽريليا جي بلڪل ويجهو آهي ۽ جتي آسٽريليا کان نه فقط هوائي جهاز پر پاڻي جا جهاز ۽ ٻيڙيون به اينديون وينديون رهن ٿيون ۽ نيوزيلئنڊ تي به انگريزن جي حڪومت هجڻ ڪري آسٽريليا جي رهاڪو کي نيوزيلئنڊ وڃڻ تي ڪا جهل پل ناهي ۽ انهن ڏينهن ۾ اميگريشن جا قاعدا قانون سخت نه هئا، ويندي اسان پاڪستانين کي 1980ع تائين ملائيشيا ۽ ٿائيلنڊ جهڙن ملڪن جي ته ويزا وٺڻي نٿي پئي، پر جپان ۾ به پهچڻ بعد ايئرپورٽ تي ٽن شهرن جي ويزا آرام سان ملي وئي ٿي. رابرٽس نيوزيلئنڊ مان جرمني وڃي رهيو هو. رستي تي هن کي ممبئي ۾ ٻن ڏينهن جو Stop Over هو. ممبئي ۾ اڌ ڪلاڪ اندر هن کي هي شهر اهڙو وڻي ويو جو هن جرمني وڃڻ بدران ممبئي ۾ ترسڻ جو ارادو ڪري ڇڏيو.
    رابرٽس پنهنجي ناول ’شانتا رام‘ جي اهم ڪردار جي به هوبهو اها ئي ڪهاڻي لکي آهي ته هو جيل مان ڀڄي لنڊسي فورڊ نالي همراهه جي جعلي پاسپورٽ تي ممبئي پهچي ٿو. ان ڪري ڪيترا پڙهندڙ هن ناول کي ليکڪ جي آتم ڪٿا سمجهن ٿا ۽ هن ڪهاڻيءَ کي حقيقت سمجهن ٿا. ممبئي پهچڻ بعد جلد ئي هن جي ملاقات پرڀارڪر نالي هڪ مڪاني مرهٺي سان ٿئي ٿي جنهن کي هو گائيڊ طور پگهار تي رکي ٿو ۽ جلدي هو سٺا دوست ٿي وڃن ٿا. پرڀارڪر ڳوٺ وڃڻ تي هن گوري پرديسيءَ کي به پاڻ سان وٺي وڃي ٿو، جتي هن جي ماءُ پنهنجي پٽ جي انگريز دوست کي هندستاني نالي شانتا رام سان سڏي ٿي. ممبئي موٽڻ وقت رستي تي، رات جي وقت پرڀارڪر ۽ شانتا رام جي ڦر ٿئي ٿي. شانتا رام جو الهه تلهه کسجي وڃي ٿو ۽ هن کي ڪنهن غريب علائقي جي جهڳي پاڙي (Slums)| ۾ رهڻو پوي ٿو. ايتري قدر جو شانتا رام وٽ ان جهونپڙيءَ ۾ رهڻ جي مسواڙ به ناهي ۽ حڪومت طرفان هن کي ان ۾ مفت رهڻ جي اجازت ملي ٿي. جنهن ڏينهن شانتا رام ان جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ اچي ٿو، ان ڏينهن ان علائقي ۾ باهه لڳي ٿي ۽ اتي جي رهندڙ غريبن جو ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو. شانتا رام اتي جي غريبن جي مدد لاءِ مفت جي ڪلينڪ کولي ٿو جيئن هو ان غريب ڪميونٽي جي مدد ڪري سگهي. بهرحال هو ان غربت واري ماحول ۾ پنهنجي زندگي بسر ڪري ٿو. مڪاني ماڻهن جي رسم و رواج ۽ ثقافت کان واقفيت حاصل ڪري ٿو. هو جلدي ئي مرهٺي زبان سکي وٺي ٿو.
    هن ناول ۾ ڪجهه ٻين به فارينرن ۽ مڪاني انڊين جو ذڪر ٿيل آهي. شانتا رام جو ڪارالا نالي هڪ سوئز آمريڪن عورت سان عشق به ٿئي ٿو، پر هوءَ هن کي لفٽ نٿي ڪرائي ۽ پوءِ هو آهستي آهستي ممبئي جي ڏوهارين سان ملي نشي جي شين ۽ غير قانوني هٿيارن جو ڌنڌو ڪري ٿو ۽ نيٺ جهلجي پوي ٿو ۽ ممبئي جي آرٿر روڊ واري جيل ۾ قيد جي سزا کائي ٿو. جيل ۾ هن کي سخت مار موچڙو ٿئي ٿو، جنهن کان جيل جو هڪ افغاني مافيا ڊان عبدالقادر خان گارڊن کي رشوت ڏئي هن کي بچائي ٿو. جيل مان آزادي ملڻ تي هو عبدالقادر لاءِ بليڪ مارڪيٽ ۽ جعلي پاسپورٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪري ٿو. هو افغانستان به وڃي ٿو، جتي هو افغان مجاهدين لاءِ هٿيار اسمگل ڪري ٿو، سندس ليڊر عبدالقادر جي قتل ٿيڻ تي هو سخت ڊپريشن ۾ هليو وڃي ٿو. هو نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ جي جدوجهد لاءِ سري لنڪا وڃڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو ۽ اتي هي ناول ختم ٿئي ٿو.
    اصل زندگيءَ ۾ به هن ناول جو ليکڪ رابرٽس ائين ئي ڪندو رهيو. انڊيا جي جيل مان هڪ مافيا جي ليڊر جيل وارن کي ڳريون رشوتون ڏئي رابرٽس کي آزاد ڪرايو. جيل مان نڪرڻ بعد هن ان مافيا لاءِ چرس ۽ هيروئن جي اسمگلنگ ڪئي ۽ جعلي پاسپورٽ ٺاهڻ جو ڪم ڪيو. هن افغانستان وڃي مجاهدين سان گڏ لڙائي به ڪئي. ان بعد نيڪ ماڻهوءَ جي زندگي گذارڻ لاءِ هو سري لنڪا ته نه ويو پر جرمني ڏي هيروئن اسمگل ڪري رهيو هو، ته فرئنڪفرٽ ايئرپورٽ تي جهلجي پيو. هيءَ سال 1990ع جي ڳالهه آهي. کيس سندس ملڪ آسٽريليا )extradite (روانو) ڪيو ويو، جتي هن کي پنهنجي پراڻي سزا جا ڇهه سال جيل ۾ گذارڻا پيا، جن مان ٻه سال کيس اڪيلي (Solitary Confinement) ۾ رکيو ويو. رابرٽس جو، ڪنهن رسالي (شايد انگلينڊ جي Mirror رسالي) ۾ انٽرويو پڙهيو هيم جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ان 6 سالن جي جيل دوران هو هڪ دفعو وري جيل مان ڀڄڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو، پر ٻاهر نڪري هن کي يڪدم احساس ٿيو ته لڪ ڇپ جي زندگيءَ کان بهتر آهي ته سزا جو مدو پورو ڪجي. ان بعد پوليس ۽ جيل جي واسطيدار عملدارن کي رشوتون ڏئي پنهنجو پاڻ کي چپ چاپ جيل اندر اسمگل ڪرائين. ڇو جو جيل جو عملو هن جي ڀڄڻ جي واويلا ڪري ها ته ان ڏوهه ۾ کيس وڌيڪ سال ٻه سزا اچي وڃي ها.
    آسٽريليا جي جيل ۾ رابرٽس جڏهن ٻيو دفعو آيو ته هن کي هي ناول لکڻ جو خيال پيدا ٿيو. جيل ۾ لکڻ دوران جيل وارڊن هن ناول جي اسڪرپٽ (Manuscript) ٻه دفعا ضايع ڪري ڇڏي. بهرحال جيل مان نڪرڻ بعد رابرٽس ان کي مڪمل ڪري “شانتا رام” نالي هي ناول ڇپرايو. هن ناول کي قمر شهباز چواڻي Philosophical Thriller به چئي سگهون ٿا جو هي رابرٽس جي تجربن جي بنياد تي لکيل آهي، جيڪي هن ڏهه سال ممبئي ۾ رهڻ دوران حاصل ڪيا. قمر شهباز هي ڪتاب مون سان گڏ پڙهيو هو ۽ هن جو ارادو هو ته دبئي واري سنڌي بزنيس مئن رام بخشاڻي جي آتم ڪٿا “آکيرا آڪاس ۾” ترجمو ڪرڻ بعد هن ناول “شانتا رام” جا ڪجهه حصا سنڌي ۾ ترجمو ڪيا وڃن.
    هن ناول تي هي نالو “شانتا رام” دراصل اهو نالو آهي جيڪو ممبئي ۾ رابرٽس جي مرهٺي دوست جي ماءُ رابرٽس تي رکيو، جنهن جي معنيٰ آهي “امن جو انسان” رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو آهي ته هو هن سيريز جا ٽي ٻيا ڪتاب به لکي رهيو آهي، جن مان هڪ “The Fountain Shadow” سال 2010ع جي آخر تائين مارڪيٽ ۾ اچڻو هو. ممبئي ۾ رهائش دوران ممبئي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو ته سال ڏيڍ اڳ اخبار ۾ هن ڪتاب جي تبصري سان گڏ اهو پڻ ڄاڻايو ويو هو، ته هن ناول ۾ رابرٽس جو جيڪو پرڀارڪر نالي دوست ٻڌايو ويو آهي، ان جو حقيقت ۾ نالو ڪشور آهي. هو اڄ به ممبئي ۾ ٽئڪسي ڊرائيور آهي ۽ رابرٽس تي اهو نالو (شانتا رام) ممبئي ڀرسان سندر نالي ڳوٺ ۾ ڪشور جي رهندڙ ماءُ رکيو هو. اهو پڻ ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هن ناول تي مبني بالي ووڊ جو ڊائريڪٽر ميرا نير فلم پڻ ٺاهي رهيو آهي، جنهن ۾ اهم ڪردار اميتاڀ بچن کي ڏيڻ جو ارادو آهي. ٿي سگهي ٿو منهنجي هن سفر نامي ڇپجڻ کان اڳ اها فلم ٺهي وڃي ۽ توهان ڏسي چڪا هجو.
    شانتا رام ناول جو ڌاڙيل ليکڪ رابرٽس (گريگري ڊئوڊ رابرٽس) باقي پنهنجي سزا جو قيد آسٽريليا جي جيل ۾ گذارڻ بعد هو ڪجهه عرصو ميلبورن (آسٽريليا) ۾ رهيو، ان بعد جرمني ۽ فرانس ۾ رهڻ بعد هتي ممبئي موٽي آيو ۽ هاڻ ممبئي ۾ ئي رهي ٿو. هن شهر جي غريبن جي صحت جي خيال لاءِ هن هڪ ادارو ٺاهيو آهي. سندس وڇڙي ويل ڌيءَ به هاڻ ساڻس گڏ رهي ٿي. رابرٽس پنهنجي انٽرويو ۾ اهو به ٻڌايو ته “ڌاڙيل ٿيڻ کان اڳ آئون ليکڪ هوس. مون کي ننڍي هوندي کان لکڻ پڙهڻ جو شوق هو.”
    رابرٽس کان جڏهن پڇيو ويو ته هن ممبئي ۾ رهڻ ڇو پسند ڪيو ته هن وراڻيو:
    “it was the freedom that I saw around me. It’s a city that manifests a huge degree of freedom compared to the freedoms I had experienced in my life”
    رابرٽس هن انٽرويو ۾ ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڌاڙيل هو، هو ڏوهاري هو، پر ممبئي جي دوست ۽ ان جي ماءُ کي اها خبر نه هئي. هنن هن کي شريف ماڻهو سمجهيو ٿي ۽ جڏهن دوست جي ماءُ هن تي شانتا رام “امن جو انسان” نالو رکيو ته رابرٽس ٻڌائي ٿو ته هو ان ڏينهن اڪيلو اڪيلو جنگل ۾ هليو ويو، جتي هن سڏڪا ڀري رنو ته هنن غريب ماڻهن شايد هن ۾ ڪا نيڪي ڏٺي هجي، جنهن جي هن کي ڄاڻ ناهي.
    بهرحال رابرٽس جو هي ناول بقول ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي جي پڙهندڙن کيEducate ڪري ٿو ته Entertain پڻ ڪري ٿو. هڪ هزار کن صفحن جي هن ناول لکڻ تي رابرٽس کي 13 سال لڳي ويا. هي ناول پڙهڻ دوران پڙهندڙن کي هر وقت اهو اثر ملي ٿو، ته ليکڪ هر وقت پنهنجي من ۾ ٻه ڳالهيون اڳيان اڳيان رکيون آهن جيڪي بقول ليکڪ جي، جنهن ممبئي ۾ رهي مرهٺي ۽ هندي سٺي ڳالهائي ٿي، آهن: سچ اور همت.


    ممبئي جو نانا چوڪ ۽ حاجي علي درگاهه

    ممبئي ۾ رهڻ لاءِ مون وٽ ٻه آپشن موجود هئا. جن جو بندوبست ميزبانن جئه موتياڻي ۽ ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ منهنجي اچڻ کان اڳ ڪيو هو. جئه موتياڻيءَ ٽارڊيو روڊ تي هوٽل روز وڊ وارن سان ڳالهايو هو، جنهن لاءِ مون کي خبر پيئي ته هيءَ هڪ سنڌيءَ جي هوٽل آهي. مون کي لڳي ٿو ته دبئي ۾ رهندڙ بزنيس مئن مورج منگهناڻيءَ جي پٽ چندر جي آهي، جن جي جئه وارن سان به مائٽي آهي. هن هوٽل وارا جئه جي مهمانن لاءِ تمام گهڻو ڊسڪائونٽ ڏين ٿا. زور ڀرڻ تي جئه ٻڌايو ته ان هوٽل جي نارمل مسواڙ سنگل ڪمرو ساڍا ٽي هزار روپيه ۽ ڊيلڪس جيڪو ڊبل آهي ان جي ساڍا چار هزار روپيه آهي. پر هن کي 40 سيڪڙو گهٽ ڏيڻو پوي ٿو. بهرحال هيءَ هوٽل مسواڙ جي حساب سان نه رڳو بهتر آهي پر ممبئي جي بهترين هنڌ تي آهي. ڄڻ فاران هوٽل حيدرآباد ۾ يا جبيس هوٽل ڪراچيءَ جي صدر واري علائقي ۾ هجي.
    پروفيسر مٽلاڻيءَ منهنجي رهائش جو بندوبست ممبئي جي سانٽا ڪروز علائقي ۾ ممبئي يونيورسٽي اندر انهن جي مهمانن لاءِ خاص گيسٽ هائوس ۾ ڪيو هو، جنهن کي مون شروع کان ئي ترجيح ڏني ٿي، جو ممبئي ۾ رهڻ دوران منهنجو اهم واسطو ممبئي يونيورسٽي سان هو، جتي مون کي ليڪچر ڏيڻا هئا. منهنجي ملائيشيا، جپان، سنگاپور يا ٻين هنڌن تي به اها ڪوشش رهي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي پروفيسرن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن کي به اها ئي صلاح ڏيندس، ته ڪوشش ڪري ان اداري جي ويجهو رهن، جتي هنن کي ليڪچر ڏيڻو آهي، ڪو سيمينار اٽينڊ ڪرڻو آهي يا ڪا ڊيوٽي ڏيڻي آهي، جيئن اسان کي جهاز جي ڊراءِ ڊاڪنگ يا ريپيئر لاءِ مختلف بندرگاهن ۾ وڃڻو پوي ٿو. اهو ان ڪري ته جيئن صبح جو مقرر وقت تي پهچي سگهجي ۽ ڌارئين ملڪ جي ماڻهن کي اها شڪايت نه رهي ته پاڪستاني وقت جا پابند نه آهن. گهمڻ لاءِ وچ شهر (صدر) ۾ پهچڻ ۾ ڪجهه دير ٿي وئي ته اهڙي ڪا نقصان جهڙي ڳالهه نه آهي. اهو ئي سوچي مون ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو جيئن ئي پوليس رپورٽنگ کان واندو ٿيس ته ٽئڪسي ۾ بئگ رکي ڊرائيور کي سانٽا ڪروز هلڻ لاءِ چيم، جتي ٻلديو مٽلاڻي منهنجو انتظار ڪري رهيو هو.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪو ممبئي گهمڻ لاءِ وڃي ٿو ته هن لاءِ واقعي Rosewood هوٽل يا ٽاريڊو علائقي جي ٻي ڪا هوٽل، جي هن جي بجيٽ اندر آهي ته، سڀ ۾ بهتر آهي جو هي ممبئي جو هڪ خوبصورت علائقو آهي. ٽاريڊو (Taredo) ممبئي جي سينٽرل اسٽيشن کان ڪو هڪ ڪلوميٽر ٿيندو. ممبئي جي وڏي اسٽيشن (CST) ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس 5 ڪلوميٽرن تي آهي. CST ريلوي اسٽيشن اڄ به پراڻي نالي “وي ٽي” يعني وڪٽوريا ٽرمينس سان ياد ڪئي وڃي ٿي. هيءَ ريلوي اسٽيشن جيڪا گوٿڪ عمارتسازيءَ جو نمونو آهي ۽ ٻاهران انگلينڊ يا هيلسنڪي (فنلئنڊ) جو ڪو ڪئٿيڊرل (گرجا گهر) لڳي ٿي، ڏسڻ وٽان آهي. جن لنڊن ڏٺو آهي، انهن لاءِ لکندو هلان ته ممبئيءَ جي هيءَ ريلوي اسٽيشن لنڊن جي سينٽ پانڪراس (St. Pancras) لڳي ٿي ۽ 1887ع ۾ ٺهي.
    ٽاريڊو روڊ جنهن کي فقط ٽارڊيو به سڏين ٿا، ڪراچي زم زما ايوينيو وانگر رهائشي علائقو به آهي ته ڪمرشل علائقو به جتي ’ڪراس روڊ‘ نالي ممبئي جو سڀ کان وڏو شاپنگ مال آهي، جتان هر شيءِ خريد ڪري سگهجي ٿي. امپيريل ٽاور نالي ٻه 60 ماڙ اتاهيون عمارتون آهن، جيڪي انڊيا جون ڊگهي ۾ ڊگهيون عمارتون چئي سگهجن ٿيون. ٽاريڊو روڊ ممبئي جو هڪ اهم روڊ آهي، جيڪو اتر ۾ حاجي علي درگاهه کان شروع ٿئي ٿو ته ڏکڻ ۾ نانا چوڪ تائين هليو وڃي. هن روڊ جو هاڻ سرڪاري طرح نالو پنڊت مدن موهن مال ويا روڊ رکيو ويو آهي، پر ماڻهن جي وات تي اڄ به ٽارڊيو روڊ آهي، جنهن جو سبب شايد اهو هجي جو نوان نالا ڊگها هجڻ ڪري ماڻهو پراڻن کي ئي چهٽيا پيا آهن. جيئن اسان وٽ مولوي تميزالدين خان روڊ جي مقابلي ۾ پراڻو نالو Queens Road آسان آهي يا سردار عبدالرب نشتر روڊ جي مقابلي ۾ لارينس روڊ سڏڻ سولو آهي.
    مٿئين هوٽل Rose Wood کان علاوه هن علائقي ۾ ٻيون به ڪيتريون سهڻيون هوٽلون نظر اچن ٿيون. جهڙوڪ هوٽل ساحل، هوٽل هيريٽيج، هوٽل نگينه، هوٽل ڪيمپ ڪارنر، دي شاليمار هوٽل، دي ايمبيسيڊر وغيره. کائڻ پيئڻ لاءِ به ڪيتريون ئي سهڻيون ريسٽورنٽون نظر آيون. جهڙوڪ: هوٽل جيوتي، نوراني ريسٽورنٽ، هند ماتا هوٽل، ڪلپنا، ساگوئان، سواتي اسنيڪس، سردار پاوَ ڀاڄي، ماجي ساگر فاسٽ فوڊ، وغيره. هوٽلن ۽ ريسٽورنٽن کان ته نه فقط ممبئي پر انڊيا جو هر شهر ڀريو پيو آهي جو هڪ ته سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ تمام گهڻو اچن ٿا. ان کان علاوه امن امان ڪري مڪاني ماڻهو به خوب سير و تفريح ڪن ٿا. ذرا سوچيو اسان وٽ ڪوٽ ڏيجي ۽ موهن جو دڙو جهڙيون بهترين تاريخي شيون آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ڪراچيءَ مان ئي روزانو هزارين ماڻهو اچن جو هنن لاءِ پڪنڪ به ٿي وڃي، ته مڪاني ماڻهن جو روزگار به ٿي وڃي. پر امن امان هڪ طرف نه آهي، ته ٻي طرف رهائش ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ معياري هوٽلون نه آهن. انڊيا انهن شين جو بندوبست ڪري ٽوئرزم مان هر سال اربين رپيا پيو ڪمائي. سڄي رات ٽوئرسٽن سان بسيون پيون هلن. اسان وٽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ به ڪيترا نربه پاڻ سان باڊي گارڊ کڻي ٿا هلن.
    مٿي نانا چوڪ جي ڳالهه ڪئي اٿم. نانا چوڪ ائين آهي جيئن ڪراچي جي نانگن چورنگي يا پاڪستان چوڪ، جتي ڪيترائي رستا اچيو ملن. نانا چوڪ وٽ به مختلف هنڌن کان رستا اچيو ملن جيئن ٽارڊيو، Kemp’s Corner، گرگام چوپاٽي (جيڪا عام طرح فقط چوپاٽي سڏجي ٿي ۽ اسان جي سئنڊس پٽ وانگر سامونڊي ڪنارو يعني بيچ آهي)، مئرين ڊرائيو، اوپيرا هائوس، ڪينيڊي برج، گرانٽ روڊ برج ۽ گرانٽ روڊ اسٽيشن. نانا چوڪ تي آدرش مٺائي مندر نالي مٺائيءَ جو دڪان مشهور آهي. جتي جا کيرپڙا (پيڙها) ۽ ميسور پاڪ (جيڪو اسان وٽ فقط ميسو پاڪ جي نالي سان سڏجي ٿو) بيحد مشهور آهن. ملائيشيا ۾ هوندا هئاسين، ته اسان جا انڊين ڪوليگ انڊيا ۾ موڪلون گذارڻ بعد موٽندا هئا ته نانا چوڪ جي هن دڪان تان اسان لاءِ ميسور پاڪ وٺي ايندا هئا. هتي جو بادامن جي ڀُرڪٽ سان ٻُرڪيل ۽ چانديءَ جي ورقن لڳل رنگين حلوو پڻ بيحد مشهور آهي. آدرش مٺائيءَ واري جي ڀرسان ئي سيفي پڪچر فريم جو دڪان فئنسي فريمن کان ائين مشهور آهي، جيئن حيدرآباد جي تلڪ چاڙهيءَ وٽ بمبئي فوٽو اسٽوڊيو رهيو يا ڪراچيءَ جي صدر ۾ فوٽو فيمس آهي. نانا چوڪ وٽ ئي سائوٿ انڊين ٽائيپ ريسٽورنٽ “ڪرشنا اڌيپي” مڪاني توڙي ڌارين ٽوئرسٽ لاءِ دلپسند ريسٽورنٽ چئي وڃي ٿي، جتي نيرن تي سائوٿ انڊين کاڌو ميڌو وادا، ڏوسا ۽ اڊلي تيار ٿئي ٿو. آدرش مٺائي واري ٻڌايو ته ڏينهن ٻن ۾ هندي فلمن جو هيرو جئڪي شيروف سندس ڀر واري دڪان تي اچڻو آهي، جتان هو هر سال هنن ڏينهن ۾ پنهنجي گهر لاءِ گنيش ڀڳوان جون ننڍيون مورتيون خريد ڪرڻ ايندو آهي. هن دڪاندار ٻڌايو ته هن هيرو جو ننڍپڻ بيحد غربت ۾ ۽ ڀر واري علائقي واڪيشور ۽ تين بتي ۾ گذريو.
    نانا چوڪ ۾ مڪس ماڻهو رهن ٿا، جيئن ته گجراتي پارسي ۽ مرهٺي وغيره. هن چوڪ جو نالو ممبئي جي هڪ مخير همراهه (Philantherpist) جگن ناٿ شنڪر سيٺ تان پيو جنهن کي ماڻهن پيار مان نانا سڏيو ٿي. ٽاريڊو جي ٻي ڪنڊ تي حاجي علي درگاهه آهي، جيڪا وورلي علائقي واري ڪناري تي هڪ ننڍڙي ٻيٽ تي آهي. هتي ممبئي ۾ ڪنهن به هندو يا مسلمان کان جڏهن ممبئي ۾ گهمڻ لائق جاين جو پڇيم ٿي ته هنن حاجي علي درگاهه تي وڃڻ لاءِ خاص طور چيو ٿي ۽ هن درگاهه جا ڪئين معجزا ٻڌايا ٿي ته “هندو يا مسلمان يا ڪو ٻيو حاجي علي جي قبر کان جيڪي گهري ٿو اهو کيس ملي ٿو.” ڇا ته شرڪ جي حد آهي! جنهن ٽئڪسيءَ ۾ ناريمن پوائنٽ کان حاجي علي درگاهه تي پهتس، ان جي ڏاڙهي واري رامپور جي مسلمان ڊرائيور کان جڏهن هن درگاهه جي ڪرامتن لاءِ پڇيم ته هن درگاهه ڏي ويندڙ انبوهه ماڻهن ڏي اشارو ڪري چٿر واري انداز ۾ مرڪيو ۽ چيو “مون کي ٻڌايو ته اسان مسلمانن ۽ هندن ۾ فرق ئي ڪهڙو رهيو آهي؟ ايمان جي ئي ڪمزوري آهي. ٻيو ڇا آهي.”
    درگاهه جنهن ننڍڙي ٻيٽ تي آهي، اهو “خليج وورلي” واري ڪناري کان اڌ ڪلوميٽر کن جي فاصلي تي آهي. پنڌ وڃڻ لاءِ سمنڊ جو اهو حصو مٽيءَ سان ڀري ڪچو رستو ٺاهيو ويو آهي. هن رستي يعني Causeway تي ڪا بائونڊري يا ريلنگ لڳل ناهي، ان ڪري وڏي وير (هاءِ ٽائيڊ) اچڻ تي هي رستو سمنڊ هيٺان اچيو وڃي. جنهن وقت آئون لالا لجپت روڊ تي پهتو هوس (جتان هي سمنڊ ۾ ٺهيل ڪاز وي شروع ٿئي ٿو.) ان وقت Low Tide پڄاڻي تي پهتي هئي ۽ هاڻ هاءِ ٽائيڊ لاءِ سمنڊ اڀامڻ شروع ڪيو هو. حاجي علي درگاهه ۽ ڪناري کي ڳنڍڻ وارو رستو سنگاپور واري ’ڪازوي‘ وانگر آهي جيڪو ملائيشيا کي سنگاپور ٻيٽ سان ملائي ٿو. پر سنگاپور جي ڪاز وي جي پاسن واري سمنڊ ۾ اها مستي نه آهي، جيڪا حاجي علي درگاهه واري ڪازوي جي سمنڊ ۾ آهي. هي اهو ئي عربي سمنڊ آهي جيڪو ڪراچي ۽ منهوڙي جي ڪنارن کي ڇهي ٿو. جيڪي ٽوئرسٽ سامونڊي ڪناري تي نٿا رهن يا جن سمنڊ نه ڏٺو آهي، انهن لاءِ سمنڊ ٽپڻ لاءِ هن رستي مٿان هلڻ سٺو تجربو ثابت ٿيندو. باقي حاجي علي جي درگاهه تي زيارت مان توهان کي ڪو فائدو رسي يا نه پر حاجي چوڪ ۽ ان جي آس پاس لالا لجپت راءِ روڊ تي قبرن جا پڙ، چادرون ۽ نذرانو ڦلا، بسڪيٽ ۽ ٻيون شيون، جنهن مهانگي اگهه تي وڪامي رهيو هو ۽ اسان جا درويش قسم جا زائرين جنهن اعتقاد سان خرچ ڪري رهيا هئا، انهن مان هي دڪاندار وڏو ناڻو ڪمائيندا هوندا. دڪان تي رکيل سيلز مين کان علاوه هر دڪان واري پنهنجو هڪ يا ٻه ماڻهو دڪان ٻاهران بيهاري ڇڏيو هو، جنهن Aggressive سيلز مئن شپ ذريعي هر لنگهندڙ کي ڪجهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿي ڪيو. هڪ اهڙي سيلزمئن سان ته منهنجو جهيڙو به ٿي پيو جيڪو مون کي قميض کان ڇڪي سندس هٿ ۾ جهليل پڙ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هو.
    “سائين قبر مٿان هي پڙ چاڙهڻ سان توهان جي دل جون مرادون پوريون ٿينديون.” هن مونکي خوشخبري ٻڌائي. منهنجي پويان بڙودا کان آيل هڪ گجراتي عورت مون کي سمجهائيندي چيو ته ائين نه ڪرڻ سان ماڻهوءَ جو 24 ڪلاڪن اندر ايڪسيڊنٽ ٿيو پوي. پر الله جي فضل سان منهنجو ممبئي دوران نه ڪنهن بس، ٽئڪسي ۾ نه ٽرين ۾ ڪو حادثو ٿيو. آخري ڏينهن تي جيتوڻيڪ اسان جي اڏام دير سان هلي، پر ممبئيءَ کان ڪراچيءَ سلامتي سان پهچي وياسين. پر هيترن هزارن ماڻهن ۾ ڪنهن جو جي ٿي پوندو هوندو ته هن جو اولاد حاجي علي جو پڪو معتقد ٿي هنن دڪاندارن وٽ اچي پئسو وڃائيندو هوندو ۽ اوچي کان اوچو ڪپڙو هن قبر مٿان اچي چاڙهيندو هوندو، جنهن جي هيٺان خبر ناهي ڪو بني بشر آهي به يا نه. هيءَ درگاهه هڪ امير مسلمان سوداگر1431ع ۾ ٺهرائي. چون ٿا ته ممبئي ۾ رهندڙ حاجي علي نالي هڪ درويش پنهنجو مال ملڪيت غريبن ۾ ورهائي حج لاءِ مڪي روانو ٿيو. ڪن جو چوڻ آهي ته جدي پهچڻ کان اڳ رستي تي حاجي علي وفات ڪري ويو ۽ کيس ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ وجهي جڏهن سمنڊ ۾ لاٿو ويو ته اها پيتي ٻڏڻ بدران ممبئي ڏي ترڻ شروع ٿي ۽ هن ٻيٽ تي اچي بيٺي. ڪن جو چوڻ آهي ته حاجي علي اتي ئي ٻڏو جتي دفن ٿيل آهي. هڪ اندازي مطابق خميس ۽ جمع جي ڏينهن اٽڪل اڌ لک ماڻهن جو حاجي علي جي درگاهه تي اچي ٿو، جنهن ۾ هر مذهب جا ماڻهو شامل آهن.


    لالا لجپتراءِ روڊ، جڳجيت سنگهه ۽ ديشمک مارگ

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي حاجي علي درگاهه جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا حاجي علي چونڪ وٽان شروع ٿيندڙ لالا لجپت راءِ روڊ جي منهن وٽ آهي. حاجي علي چونڪ جو اڄ ڪلهه سرڪاري نالو وي. ڊيسائي چونڪ رکيو ويو آهي، جهڙي طرح هارون بي ويلا روڊ جو نالو لالا لجپتراءِ روڊ رکيو ويو آهي.
    لالا لجپتراءِ پنجاب جو هندو ليکڪ ۽ سياستدان ٿي گذريو آهي، جنهن آزاديءَ لاءِ انگريزن سان سڄي عمر ويڙهاند ڪئي. پاڻ 1865ع ۾ ڄائو ۽ 1928ع ۾ وفات ڪيائين. لالا لجپت نالي روڊ حيدرآباد سنڌ ۾ به آهي. لجپتراءِ وڪالت جي تعليم لاهور مان حاصل ڪئي ۽ ماڻهن کي سياست ۽ لکڻين ذريعي آزاديءَ جي مهم لاءِ سجاڳ ڪيو. پاڻ “آريا گزيٽ” نالي اخبار به ڪڍيائين ۽ Servants of people سوسائٽي پڻ قائم ڪئي. ڪتاب پڙهندڙن جي شوقينن لاءِ اهو لکندو هلان ته لالالجپت راءِ جي انگريزي ۾ لکيل آٽو بايوگرافي “دي اسٽوري آف ماءِ لائيف” تمام مشهور آهي. سندس هڪ ٻه ٻيا ڪتاب به بيحد مشهور آهن جيڪي سياست جي شاگردن ۽ سياستدانن کي ضرور پڙهڻ کپن، جيئن ته:
    • The man and his work
    • USA-A hindu’s impression and a Study
    • England’s Debt to India
    • Unhappy India.

    هي آخري ڪتاب “اَن هئپي انڊيا” لالا لجپتراءِ “مدر انڊيا” ڪتاب جي جواب ۾ لکيو آهي، جيڪو آمريڪن تاريخدان “ڪئٿرين مايو” لکيو هو. لالا لجپتراءِ جا هي سمورا ڪتاب مون کي ممبئي يونيورسٽي جي نهرو سينٽرل لائبريري ۾ نظر آيا ۽ انهن مان ڪجهه ڪتاب، اردو ترجمي سان مون کي 20 سال اڳ ڪراچي جي نئشنل لائبريري ۾ پڻ نظر آيا هئا. ٿي سگهي ٿو انهن مان ڪو اڄ ڪلهه Net تي موجود هجي ۽ توهان پڙهي سگهو.
    بهرحال هتي اهو ٻڌائڻ ٿي چاهيم ته حاجي علي چونڪ (ڊيسائي چونڪ) جي هڪ پاسي لالا لجپت راءِ روڊ آهي، ته اهو ئي روڊ ٻئي پاسي ڀُولا ڀائي ڊيسائي مارگ سڏجي ٿو، جيڪو انگريزن جي ڏينهن ۾ بِريچ ڪئنڊي يا وارڊن روڊ سڏيو ويو ٿي، جنهن تي ممبئي جي امير ترين ماڻهن جا گهر ۽ آمريڪا جو قونصل خانو آهي. هن روڊ تي ۽ ان جي آس پاس ممبئي جون ڪيتريون ئي اهم شيون آهن. جهڙوڪ بريچ ڪئنڊي اسپتال، ٽاٽا گارڊن، بريچ ڪئنڊي ڪلب (جتي هندستان جو سڀ کان وڏو سوئمنگ پول آهي،) ڇوڪرين جو مشهور ڪاليج ’صوفيا ڪاليج‘ ۽ ’گرين لان اسڪول‘، ممبئي جو مشهور ارڙهين صدي وارو مها لڪشمي مندر جيڪو ڏسڻ لاءِ روزانو هزارين ٽوئرسٽ اچن ٿا، پڻ ويجهڙائي ۾ ئي آهي. سلمان رشدي هن ئي روڊ بريچ ڪئنڊي (يعني ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ) تي ڄائو ۽ وڏو ٿيو. هو پنهنجي ڪتاب Midnights Children ۾ هن علائقي کي بيان ڪري ٿو. مون سان گڏ هلندڙ مڪاني گائيڊ ٻڌايو، ته هن ئي روڊ تي فلم پروڊيوسر اين. اين سِپي، تارا شرما (فلمي ائڪٽريس) ۽ ڪلاسيڪل ڳائڻو جڳجيت سنگهه رهن ٿا.
    دیر لگی آنے میں تم کو۔۔۔
    کوئی پاس آیا سویرے سویرے۔۔۔
    اپنے ہونٹوں پر سجانا چاہتا ہوں۔۔۔
    صدمہ تو ہے مجھے بھی کہ تجھ سے جدا ہوں میں،
    جهڙن خوبصورت غزلن جي ڳائڻ واري جڳجيت سنگهه ۽ سندس زال چترا سنگهه کان ننڍي کنڊ جو ڪهڙو ماڻهو واقف نه هوندو. جڳجيت سنگهه گذريل چاليهه سالن کان وڏي ڪاميابيءَ سان اردو، هندي، بنگالي، گجراتي، نيپالي (۽ پوني ۾ رهندڙ سنڌي وڊيو ڪئسٽ واري ٻڌايو، ته هن سنڌي ۽ مرهٺـيءَ ۾ به) غزل ڳايا آهن. کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن، جن مان هڪ انڊيا حڪومت طرفان پدما ڀوشن ايوارڊ به آهي، جيڪو انڊيا جي سول ايوارڊن ۾ ٽيون نمبر مٿانهون درجو رکي ٿو. جگجيت واحد ڪمپوزر ۽ ڳائڻو آهي جنهن سابق وزيراعظم اٽل بِهاري واجپائيءَ جي لکيل غزلن کي ڪمپوز ڪيو ۽ ڳايو، جن جا ٻه البم آهن: نئي دِشا ۽ سام ويدنا. جگجيت سنگهه راجستان جي هڪ ڳوٺ گنگا نگر ۾ سرڪاري ملازم امرسنگهه سک جي گهر ۾ 1941ع ۾ ڄائو... يعني جگجيت هاڻ ستر سالن جو ٿيو آهي. پاڻ بنيادي تعليم گنگا نگر جي خالصا هاءِ اسڪول مان حاصل ڪيائين، B.Sc جالنڌر جي DAV ڪاليج مان ڪيائين. ان بعد تاريخ ۾ ڪروڪ شيترا يونيورسٽيءَ مان M.Sc ڪيائين. کيس ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو شوق هو ۽ خيال، ٺمري ۽ ڌروپڌ قسم جي انڊين ڪلاسيڪل ميوزڪ، هن سائينيا گهرانا اسڪول ۾ استاد جمال خان کان سکيا.
    بهرحال پاڻ ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ (بريچ ڪئنڊي روڊ) جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪو انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڀولا ڀائي ڊيسائي نالي ڪيو ويو آهي. ڀولا ڀائي گجرات جي شهر والسد ۾ 1877ع ۾ ڄائو ۽ پنهنجي وقت جو هڪ بيحد پيارو شاگرد ٿي گذريو آهي. هن ڀاردا هاءِ اسڪول ممبئي مان 1895ع ۾ مئٽرڪ ڪئي، جنهن ۾ پهريون نمبر آيو. ان بعد ممبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج مان انگلش لٽريچر ۽ تاريخ ۾ گرئجوئيشن ڪئي. جنهن ۾ پهريون نمبر اچڻ ڪري هن کي ورڊس ورٿ انعام ۽ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ اسڪالر ملي. ان بعد هن بمبئي يونيورسٽي مان انگريزي ۾ M.A ڪئي. تعليم مڪمل ٿيڻ تي ڀولا ڀائيءَ کي انگريزي ۽ تاريخ پڙهائڻ لاءِ گجرات ڪاليج احمدآباد ۾ پروفيسر طور رکيو ويو. نوڪريءَ دوران هن وڪالت به پڙهي ورتي ۽ پوءِ پڙهائڻ جو ڪم ڇڏي بمبئي ۾ اچي وڪيل ٿيو ۽ هن پنهنجو پاڻ کي نه فقط ممبئيءَ جو پر سڄي ملڪ جو بهترين وڪيل ثابت ڪيو. 1928ع ۾ هو سياست ۾ داخل ٿيو ۽ جلد ئي ڪانگريس پارٽيءَ ۾ داخلا ورتي ۽ سينٽرل ليجسليٽو اسيمبلي ۾ گجرات جو نمائندو چونڊيو ويو. سياست دوران سندس لياقت علي خان سان تمام گهڻو واسطو پيو. پاڻ ملڪ کي آزاد ٿيندو نه ڏسي سگهيو ۽ هڪ سال اڳ 1946ع ۾ وفات ڪيائين. ايم. سي سيتل واد نالي ليکڪ “ڀولا ڀائي ڊيسائي” جي عنوان سان سندس بايوگرافي لکي آهي.
    ممبئي جي هن خوبصورت علائقي ۾ گهمڻ وارن لاءِ هڪ ٻيو اهم روڊ پيڊر روڊ آهي. پيڊر روڊ ڀولا ڀائي ڊيسائي مارگ تي ٺهيل پرڀو چونڪ تان شروع ٿئي ٿو. جيڪو ڊبليو. جِي پيڊر جي نالي آهي. مسٽر پيڊر 1879ع ۾ ممبئي جو ميونسپل ڪمشنر هو. هن روڊ جو نئون نالو گولاءِ راءِ ديشمک مارگ رکيو ويو آهي. رستي تي بورڊ به نئين نالي جا لکيل آهن پر جڏهن مون کي ان تي وڃڻو پيو ته نه بس وارو ۽ نه ٽئڪسي وارو سمجهي سگهيو. آخر رستي تي بيٺل هڪ ڪاليج جي نوجوان شاگرد ٽئڪسي ڊرائيور کي ٻڌايو ... “ابي اس کا مطلب پيڊر روڊ سي هي.”
    “ادهر ڪس ڪي پاس جانا هي؟” ڊرائيور وري پڪ ڪئي.
    “جسلوڪ اسپتال جانا هي.” مون ٻڌايومانس.
    ڊرائيور خوش ٿي مون کي پيڊر روڊ تي اچي لاٿو، جتي روڊ جي ڀرسان لڳل بورڊ تي مرهٺي ۽ انگريزي زبان ۾ “گوپال رائو ديشمک مارگ” لکيل هو.
    “ٺهيو!” مون دل ئي دل ۾ چيو، “چئبو ته هي به اسان وانگر محمد علي جناح روڊ کي اڃان بندر روڊ پيا سڏين.”
    هتي هڪ دفعو وري لکندو هلان ته ممبئي توڙي دهلي ۾ ڪي رستا ’روڊ‘ سڏجن ٿا ته ڪي وري “مارگ” جنهن جي معنيٰ به رستو آهي. مارگ شايد گجراتي، مرهٺي يا سنسڪرت جو لفظ هجي جيڪو شاهه لطيف به تمام گهڻو استعمال ڪيو آهي. سر سسئي آبري ۾ فرمائي ٿو:
    عمِرِ سڀ عشق سين، پنهون جي پڇن،
    رِيسَ ريذاليون تن سين، ڪُڄاڙي کي ڪَنِ؟
    مارڳ جي مَرن، وڏو طالع تن جو.
    مارڳ معنيٰ راهه يا رستو. سسئي ٿي چوي، ته پنهون جي ڳولا ۾ جيڪڏهن ڪا رستي تي مري به پوي ته به هن جو وڏو طالع (نصيب) ٿيو.
    سر حسينيءَ ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:
    اڳي پوءِ مران، مَرُ مران مارَڳ ۾!
    مٿي پوءِ پريان، خون منهنجو جيڏيون.
    (هتي به مارڳ جي ساڳي معنيٰ آهي يعني راهه، رستو، پيچرو)
    شاهه لطيف جي سر حسيني جي هڪ وائي ياد اچي رهي آهي. جنهن ۾ پڻ لفظ مارڳ (رستو، روڊ) استعمال ٿيو آهي.
    چڙهي نه سگهان چوٽئين، مارڳ مٿاهون،
    ڏکيءَ، سندي ڏيج ۾، ڏونگر ڏنائون،
    ويندي ڪيون وڻن سين سسئي سکائون.
    وٺي پنهونءَ پاڻ سين، اچان جي آئون... وغيره.


    جسلوڪ اسپتال ۽ لتا منگيشڪر

    انگريزن جي دور جو ٺهرايل هي ممبئي جو Pedder روڊ، اڄ ڪلهه جنهن سماج سڌارڪ گوپال راءِ ديشمک نالي ڪيو ويو آهي، اهو انڊين ميڊيڪل ائسوسيئيشن جو پهريون صدر ٿي گذريو آهي. انگريزن کان آزادي ملڻ بعد گوپال راءِ ديشمک ممبئي جو پهريون ميئر بڻيو. پاڻ هن پيڊر روڊ تي ئي رهيو ٿي. مون کي هن روڊ جي ٺهيل جسلوڪ اسپتال ۾ وڃڻو هو. منهنجي ممبئي جي ميزبان جئه موتياڻي صاحب مون کي ٻڌايو ته واسواڻي ٽرسٽ وارن سنڌ جي ڪنهن ڳوٺ مان سنڌ گرئجوئيشن “سگا” جي سهڪار سان ڪجهه ٻار گهرايا آهن، جن کي دل جي تڪليف آهي، جن جو جيئن ته اتي علاج ممڪن نه آهي، ان ڪري انهن جي آپريشن لاءِ پوني جي ساڌو واسواني مشن وارن هن اسپتال ۾ بندوبست ڪيو آهي.
    جسلوڪ اسپتال ممبئي جي هڪ تمام ناليواري ۽ ماڊرن اسپتال آهي، جيڪا ستر واري ڏهي جي شروعات ۾ سيٺ لوڪومل چنرائي نالي هڪ مخير (Philanthropist)پنهنجي خرچ تي اڏرائي. اسپتال جو هي نالو Jaslork سيٺ لوڪومل ۽ سندس زال شريمتي جسوتي ٻائي جي شروع وارن اکرن کي ملائي رکيو ويو آهي. اڳئين دفعي انڊيا جي دهلي، امرتسر، احمد آباد، بڙودا ۽ ٻين شهرن ۾ آيس ۽ هن ڀيري پوني ۽ ممبئي ۾ رهڻ دوران هڪ ڳالهه ڏسان پيو، ته انڊيا ۾ سرڪاري اسپتالون ۽ اسڪول ته صحيح ڪم پيا ڪن پر پرائيويٽ به ڪيترائي آهن، جيڪي اسان جي ملڪ جي وڏن شهرن جي اسپتالن ۽ اسڪولن جهڙا ناڻي ڪمائڻ جون مشينون نه آهن. انڊيا ۾ ڪيترائي اسان جي عمران خان جهڙا مخير حضرات آهن، جن پنهنجو پئسو خرچ ڪري غريبن لاءِ اسڪول ۽ اسپتالون کوليون آهن، جن کي اسان وارن ڊاڪٽر اديب رضوي ۽ ڊاڪٽر صالح ميمڻ جهڙا نيڪ ماڻهو ايمانداري سان هلائين ٿا. ڪيترا اسڪول ۽ اسپتالون ته بيحد غريب ۽ هيٺين درجي جون نوڪريون ڪرڻ وارن جي علائقن ۾ آهن ۽ هڪ ڀنگي، ڏهاڙيءَ تي پورهيت، ريل تي ڪم ڪندڙ قلي ۽ ڪنهن بيواهه مسڪين عورت جا ٻار به پرائمري ليول کان اعليٰ درجي جي انگريزي تعليم حاصل ڪري، پنهنجي ملڪ ۽ ولايت ۾ بهترين نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ مقابلو ڪري سگهن ٿا.
    زڪوات، خيرات، صدقو، خمس اسان مسلمانن لاءِ ضروري آهن. جيئن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي، پر هيڏانهن انڊيا ۾ ڏسان پيو، ته صحيح معنيٰ ۾ اهو ڪم پارسي، عيسائي، سنڌي هندو، گجراتي، مرهٺا ۽ سک ڪري رهيا آهن. جسلوڪ اسپتال ٺهرائڻ واري سيٺ لوڪو مل لاءِ چيو وڃي ٿو ته نه فقط پاڻ پر سندس ٻيا مائٽ مِٽ به جن جو ڪيترن ئي ڌارين ملڪن ۾ بزنيس آهي، انڊيا ۾ خير جي ڪمن لاءِ وڏو پئسو لڳائين ٿا ۽ انسان ذات جي خدمت ڪن ٿا. مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي ته ڪيتريون ئي بيماريون جن جو علاج پاڪستان ۾ ممڪن ناهي، هتي ٿيو وڃي. ڪجهه اهڙا پاڪستاني به نظر آيا جن ٻڌايو ته هو پنهنجن مائٽن کي ممبئي يا مدراس (چنائي) علاج ۽ آپريشن لاءِ ان ڪري وٺي آيا آهن، جو انڊيا ۾ وڌيڪ سهولت ۽ سستائي آهي. سيٺ لوڪو مل جي هيءَ جسلوڪ اسپتال، جيڪا ڊاڪٽر ديشمک مارگ (پيڊر روڊ) تي آهي، هڪ مڪمل Multi-Specialist اسپتال سڏي وڃي ٿي، جنهن ۾ 364 بسترا آهن، جن مان 75 آءِ سي يو بيڊس آهن. منجهس 264 ڪنسلٽنٽ ڪم ڪن ٿا، جن مان 140 فل ٽرينڊ ريزيڊنٽ ڊاڪٽر آهن. اسپتال کي پنهنجو نرسنگ ڪاليج به آهي.
    جسلوڪ اسپتال ڏيکاريندي هن اسپتال جي ڊاڪٽر ٻڌايو ته، ننڍي کنڊ جي مشهور سنگر لتا منگيشڪر ۽ آشا ڀوسلي جو گهر به هتي هن پيڊر روڊ تي ئي آهي ۽ هو پڻ ڪڏهن ڪڏهن تپاس لاءِ هتي اچن ٿيون.
    “يار هاڻ ٿو ڳالهه ڪرين جڏهن آئون ممبئي ڇڏڻ جي تيارين ۾ آهيان،” مون کيس کلندي چيو، “پهرين ڏينهن ٻڌائين ها ته آئون توکي ضرور منٿ ميڙ ڪريان ها ته مون کي انهن مان ڪنهن هڪ سان ملاءِ يا گهٽ ۾ گهٽ انهن جي گهر جو دروازو ئي ڏيکار.”
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته سال 2000ع ۾ لتا منگيشڪر ۽ ساڻس گڏ رهندڙ ڀيڻ آشا ڀوسلي هتان لڏي ٿي ويون.
    “ڇو ڀلا؟” مون پڇيو.
    “انهن ڏينهن ۾ پيڊر روڊ تي هيءَ فلاءِ اوور (پل) ٺهي رهي هئي، جنهن جي خلاف هن روڊ تي رهندڙ ماڻهن سان گڏ لتا به مظاهرو ڪيو هو ته ان جي ٺهڻ سان گوڙ ۽ آلودگي وڌندي.”
    انڊيا ۾ اها به ڳالهه عام آهي ته ڪيترائي امير ائڪٽر، رانديگر، ڳائڻا ۽ آرٽسٽ جوانيءَ ۾ ڪمايل پئسو جوا، شراب ۽ عيش عشرت ۾ وڃائي پوءِ پيريءَ ۾ کٽل سرڪاري ادارن اڳيان هٿ ٽنگڻ بدران پنهنجي ڪمائيءَ جو وڏو حصو خير خيرات جي ڪمن ۾ لڳائين ٿا. خاص ڪري اسڪول، اسپتالون، ڌرم شالائون ۽ پارڪ ٺهرائين ٿا، جتي سندن ملڪ جا ڏکويل ۽ غريب انسان سک ۽ خوشي حاصل ڪري سگهن. ممبئي اچڻ کان اڳ پوني ۾ هوس اتي به هڪ اهڙي خيراتي اسپتال گهمڻ جو موقعو مليو، جنهن جو نالو “ماسٽر ديناناٿ” هاسپيٽل آهي. هيءَ اسپتال لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ ديناناٿ منگيشڪر جي ياد ۾ سن 2001ع ۾ ٺهرائي، جيئن غريب ٻارن ۽ بي سهارا عورتن جو مفت ۾ علاج ٿي سگهي.
    منهنجي خيال ۾ لتا منگيشڪر اها ڳائڻي آهي، جنهن جا گانا مون ٻئي ڪلاس کان وٺي ٻڌڻ شروع ڪيا ته هيءَ اچي عمر ٿي آهي، گهر ۾، ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو، مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ ۽ ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي مالمو (سوئيڊن) جي هاسٽلن ۾، جهازن تي، دنيا جي مختلف بندرگاهن ۽ ٻيٽن تي لتامنگيشڪر کي گذريل سٺ سالن کان ٻڌندو اچان. هن 1942ع کان، جڏهن هوءَ تيرهن ورهن جي هئي ته باقاعدگيءَ سان ڳائڻ شروع ڪيو ۽ سندس ٽيهه هزار کان مٿي گانا آهن ۽ ويهن کان مٿي زبانن ۾ ڳايو اٿس. 1974ع ۾ سندس نالو Guinness Book ۾ آيو هو ته هن دنيا ۾ سڀ کان گهڻا گانا رڪارڊ ڪيا آهن. آشا ڀوسلي جيڪا پڻ سندن مقابلي جي سنگر آهي، سندس ننڍي ڀيڻ آهي. ان کان علاوه سندس ڀاءُ هِري ديناناٿ ۽ ٻيون ڀيڻون اوشا منگيشڪر ۽ مينا منگيشڪر به ڪيترين ئي فلمن ۾ گانا رڪارڊ ڪرايا آهن.
    لتا منگيشڪر جو مهاراشٽرا صوبي سان واسطو آهي، جنهن جا مشهور شهر ممبئي، پوني، سولاپور، لاتور، سنڌو درگ، ناگپور، جلگائون، احمد نگر وغيره آهن. سندس مادري زبان مراٺي آهي. پاڻ 1929ع ۾ ڄائي. سندس پيءُ پنڊت ديناناٿ منگيشڪر هڪ ڪلاسيڪل ڳائڻو ۽ ٿيٽر جو ائٽڪر هو، جنهن وٽ لتا شروع جا سال سبق ورتو. لتا وارن جي ذات جيتوڻيڪ هارديڪر هئي، پر لتا جي پيءُ پاڻ کي پنهنجي ڳوٺ منگيشي جي نالي سڏائڻ شروع ڪيو. هي ڳوٺ گوا ۾ آهي.
    اسڪول جي تعليم بابت لتا لاءِ مشهور آهي ته هوءَ فقط هڪ ڏينهن وئي. پهرين ڏينهن ئي هن ٻين ڇوڪرين کي ڳائڻ سيکارڻ شروع ڪيو جنهن تي مس دڙڪا ڏنس ته ٻئي ڏينهن کان اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنائين. ڪن جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي ننڍي ڀيڻ آشا ڀوسلي کي به اسڪول وٺي وئي، جنهن کي مس ڪلاس ۾ ويهڻ نه ڏنو ان ڪري هن اسڪول ۾ وڃڻ ڇڏي ڏنو.
    لتا منگيشڪر پهرين مرهٺي فلمن لاءِ مرهٺي (مراٺي) گانا ڳايا ان بعد هندي/اردو فلمن لاءِ ڳائڻ شروع ڪيا. سندس پهرين مرهٺي فلم 1942ع جي “ڪيتي ساحل” آهي ۽ هندي فلم 1946ع جي “آپ کي سيوا مين” آهي. انهن ڏينهن ۾ ٽاپ جون ڳائڻيون هيون نورجهان (جيڪا پوءِ پاڪستان آئي)، شمشاد بيگم ۽ زهره ٻائي انبالا والي. لتا جي مشهوري 1949ع ۾ محل فلم جي گاني “آئيگا آني والا” کان پوءِ ٿي، سندس ڪن فلمن جا گانا اڄ به ٽاپ جا سمجهيا وڃن ٿا. جهڙوڪ بيجو باورا، (1952ع)، مغل اعظم (1960ع)، ڪوه نور (1960ع)، آگ، آه (1953ع)، شري 420 (1955ع)، چوري چوري (1956ع) وغيره. لتا جا ڪجهه گانا مون ممباسا، سنگاپور، ڪوالالمپور، بيروت، ڪولمبو ۽ قاهره جي هوٽلن ۾ اتي جي مڪاني ماڻهن کي شوق سان ٻڌندي ڏٺا. جيتوڻيڪ کين گاني جي معنيٰ به ڪا پوري ساري آئي ٿي. اهي ئي گانا اسان جي جهازن جي ريڪريشن روم ۾ به وڄندا رهيا ٿي، جهڙوڪ:
    • نينا برسي رم جهم.... (وه ڪون تهي).
    • عجيب داستان هي يه.... (دل اپنا اور پريت پرائي).
    • انهي لوگون ني.... (پاڪيزه)
    • رنگيلا ري... (پريم پجاري)
    • کلتي هين گل يهان... (شرميلي).
    مون سندس پهريون ڪنسرٽ لنڊن جي “ميرا ٻائي رايل البرٽ هال” ۾ ڊاڪٽر جمالي، شوڪت جماني ۽ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم سان گڏ 1974ع ۾ ڏٺو هو، جڏهن اسان جو جهاز لنڊن جي ٽلبري ڊاڪس ۾ بيٺل هو.
    سال 2001ع ۾ لتا کي انڊيا جو اعليٰ سويلين ايوارڊ ڀارت رتنا مليو. لتا جي نالي تي هڪ فرينچ عطر Lata Eau De Perfum پڻ آهي. 1999ع ۾ لتا هندستان جي قومي اسيمبلي “راج سڀا” جي ميمبر چونڊي وئي، پر هن راج سڀا جي ڪابه سيشن باقاعدگي سان اٽينڊ نه ڪئي.
    سال 2005ع ۾ لتا جوئيلري ڊيزائين ڪئي جنهن جو نالو “سوارنجلي” رکيو ويو. ڪرسٽي واري نيلام ۾ هن جوئيلري جي پنجن ڳهن جا کيس هڪ لک پائونڊ مليا، جنهن جو ڪجهه حصو هن پاڪستان واري (2005ع واري) زلزلي جي ستايلن جي مدد لاءِ موڪليو.


    ممبئيءَ ۾ هيمون ڪالاڻي روڊ

    ٽئڪسي ۾ ويهڻ سان ڊرائيور ڪنهن روڊ جو نالو وٺي چيو ته اتي هن وقت ٽرئفڪ جام آهي، ان ڪري ٻئي ڪنهن روڊ تان هلان؟
    مون رعب سان هائوڪار ته ڪئي پر دل ۾ سوچيم ته “ڀائو اجهو ٿي پنجن منٽن ۾ خبر پونئي ته آئون نه فقط ممبئي ۾ ڌاريون آهيان پر تنهنجي ملڪ ۾ به ڌاريون آهيان. سو تون مون کي ٻڌائڻ بنا ئي غلط سلط رستن تان وٺي ويندين ته به مون کي خبر نه پوندي.” ممبئيءَ ۾ هي منهنجو پهريون ڏينهن هو جو آئون CST اسٽيشن کان ممبئي يونيورسٽي (سئنٽا ڪروز) وڃي رهيو هوس. ريلوي اسٽيشن وٽان ٽئڪسي ۾ ويهڻ ڪري ٿي سگهي ٿو ڊرائيور سمجهيو هجي ته آئون دهلي، آگري، ميسور، حيدرآباد دکن يا گجرات جي شهرن احمد آباد يا بڙودا مان ممبئي آيو هجان، جو ڊرائيور منهنجي اردو (هندي) جي لهجي مان مون کي گجراتي سمجهيو جو هڪ هنڌ پڇيو “آپ گجراتي هين؟” کانئس پڇڻ تي پاڻ ٻڌايائين ته هو مرهٺو آهي پر ماءُ ڪوڪني اٿس. بهرحال مون وارو هي ٽئڪسي ڊرائيور خوش هو جو هن کي گهران نڪرندي پهرين ئي سواري وڏي فاصلي واري ملي وئي هئي.
    ممبئي جي ڏاکڻي حصي يعني فورٽ ۽ مهاتما چونڪ کان (جنهن جي ويجهو ممبئي جون آخري اسٽيشنون چرچ گيٽ ۽ CST آهن) ڪرلا ۽ سانٽا ڪروز (جنهن جي ڀرسان ممبئي يونيورسٽي آهي)، ائين آهن جيئن ڪياماڙيءَ کان سرجاني ٽائون. هونءَ عام حالتن ۾ ممبئي جو رهاڪو ايڏي وڏي مفاصلي لاءِ ٽئڪسي نه ڪندو آهي. جو ممبئي ۾ بس ۽ ٽرين جو سفر بيحد سستو ۽ تيز رفتار آهي، پر مون سان گڏ منهنجي بئگ به هئي ۽ هي پهريون دفعو هو جو آئون ممبئي يونيورسٽي وڃي رهيو هوس. هڪ دفعو پهچڻ بعد، ٻئي ڏينهن کان، هن عمر ۾ به آئون اهڙو سمارٽ ٿي پيس، جو ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ کان ڀر واري ريلوي اسٽيشنن ڪُرلا يا سانٽا ڪروز ايسٽ جي ريلوي اسٽيشن تائين فقط سواريءَ ۾ آيس ٿي، سو به آٽو (رڪشا) ۾ ۽ پوءِ ممبئي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ڇهه روپيا ڏئي ريل ۾ سفر پئي ڪيم.
    ڪرلا مان هلندڙ ٽرين سيان، ماتونگا، دادر، پاريل ڪَري روڊ، چنچ پوڪلي، باڪلا، سئنڊرسٽ روڊ ۽ مسجد ريلوي اسٽيشن تان ٿيندي آخري اسٽيشن CST (ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينل اسٽيشن) تي آئي ٿي. ڪا ڪا ٽرين اها روٽ وٺڻ بدران ڪرلا کان پوءِ چونا ڀٽي، وادالا، سيان، ڪاٽن گرين، ريئي روڊ ۽ ڊاڪيارڊ روڊ ريلوي اسٽيشن تان ٿي، پوءِ سئنڊرسٽ روڊ ۽ مسجد روڊ ريلوي اسٽيشن تان ٿي CST اسٽيشن تي ڇوڙ اچي ٿي ڪيو.
    ڪڏهن ڪڏهن گوري گائون يا انڌيري (جتي پروفيسر ٻلديو رهيو ٿي) وڃڻو پيو ٿي، ته پوءِ رڪشا ۾ چڙهي سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن آيس ٿي، جتان اتر ۾ اهي ريلوي اسٽيشنون آهن. سانٽا ڪروز اسٽيشن تان ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڏي به ريل هلي ٿي ۽ سانٽا ڪروز بعد کار (جتي جئه موتياڻيءَ جو گهر ۽ آفيس آهي)، باندرا، ماهيم، ماتونگا، دادر، پاريل، لڪشمي، ممبئي سينٽرل، گرانٽ روڊ ۽ مئرين لائين ريلوي اسٽيشن تان ٿي گاڏي هن لائين جي آخري ريلوي اسٽيشن چرچ گيٽ تي اچي دنگ ڪيو ٿي. چرچ گيٽ ۽ CST اسٽيشنون ڪي پري ناهن. ٻنهي جي وچ ۾ بس هلي ٿي، ماڻهو پنڌ به ڪري سگهي ٿو. پر اڄ پهرين ڏينهن تي ٽئڪسي ۾ سڄي ممبئي جو سير ڪري رهيو هوس. هڪ ٻن هنڌن تي ٽئڪسي بيهاري ڪن خاص، بلڊنگن اڳيان بيهي ڊرائيور کي ڪئميرا ڏنم ته منهنجو فوٽو ڪڍ. ممبئي جون ڪي ڪي ڊي جي ڪاليج ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙيون جهونيون ۽ خوبصورت عمارتون ڏسي دل ته چيو ٿي، ته ان پهرين ڏينهن ئي سڀني عمارتن اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرايان، پر ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC مان پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلائيءَ جو بار بار فون اچي رهيو هو ته هاڻي ڪٿي پهتو آهيان؟ ۽ هاڻ؟... اڃان اتي ئي آهيو!... لڳي ٿو ته ٽئڪسي ڊرائيور توهان کي نئون سمجهي ساڳين رستن تي پيو ڦيرائي...
    ٻلديو کي ڪهڙي خبر ته آئون رستن تي فوٽو ڪڍائيندو اچان. ڊاڪٽر ٻلديو يونيورسٽي جي هن گيسٽ هائوس ۾ منهنجي لاءِ هفتو کن اڳ ڪمرو بڪ ڪرائي ڇڏيو هو ۽ اڄ صبح ساڻ مون کي اهو به ٻڌائي ڇڏيو هو ته منهنجي ڪمري جو نمبر چوٿون آهي ۽ رسيپشن تي فلاڻي نالي وارو ڪلارڪ آهي، جنهن کان چاٻي ملي ويندي. ان هوندي به پاڻ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. شام جا پنج کن ٿي رهيا هئا.
    “سائين ٻلديو! توهان ڪمال ٿا ڪريو،” مون ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي کي چيو، “توهان ڀلي گهر هليا وڃو. پاڻ سڀاڻي ملنداسون.”
    “نه سائين ائين وري ڪيئن ٿيندو،” مٽلاڻيءَ وراڻيو، “ڀلي آڌي رات ٿي وڃي. توهان جهڙو معزز مهمان اچي ۽ ميزبان هجي ئي نه. توهان سان ملي پوءِ ويندس.”
    دل ۾ مون چيو ته هي شريف ماڻهو مون کي الائي ڇا ڇا سمجهيو ويٺو آهي. هو مون کي هڪ ليکڪ، وڏي عهدي وارو انجنيئر (رٽائرڊ ئي سهي) ۽ پروفيسر ته ضرور سمجهي رهيو آهي، پر هن کي شايد اها خبر ناهي ته آئون هڪ Sailor جهاز ران (يعني (Seafarer به آهيان جنهن جو ڪم ڌڪا کائڻ آهي، جيڪو تڪلف مان ڄاڻي ئي ڪونه ٿو. هو نه پاڻ مجنون ٿيڻ چاهي ٿو ۽ نه ٻئي کي ليلا بڻجي پيش ٿيڻ لاءِ چوي ٿو.
    بهرحال وڌيڪ فوٽن ڪڍڻ جو پروگرام ختم ڪري ڊرائيور کي باقي فاصلو طئي ڪري سڌو ممبئي يونيورسٽي هلي ساهه پٽڻ لاءِ چيم. ان بعد فوٽن ڪڍڻ بدران ٽئڪسي ۾ ويٺي ويٺي اهم شين جا نالا چوپڙي جي هڪ صفحي تي ضرور لکندو ويس. هلڻ وقت شروع ۾ هڪ اهڙو علائقو آيو جنهن لاءِ ڊرائيور ٻڌايو ته اهو علائقو ڌوٻي تلاءَ” سڏجي ٿو. پوني ۾ به هڪ ڌوٻي گهاٽ هو ۽ ڪراچيءَ ۾ به چاڪيواڙي پاسي کان شير شاهه ڏي وڃجي ٿو ته ٻڪرا پڙيءَ ۽ ڌوٻي گهاٽ اچن ٿا. سنگاپور ۾ به هڪ علائقو اڃا تائين ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. انگريزن به اهڙا لفظ ٻڌي ٻڌي پنهنجي زبان ۾ ائين آڻي ڇڏيا آهن، جيئن اسان هنن جا انگريزي لفظ پنهنجا ڪري ڇڏيا آهن.
    هڪ علائقي جو نالو دانا بندر پڙهي نوٽ ڪيم. اهڙي طرح مئز گائون، ڪيف ٽاور ۽ هڪ علائقي جو نالو سنڌونگر به پڙهيم. اهڙي طرح اسان جي ٽئڪسي ڪَري روڊ، دادر ماتونگا، سيان مان ٿي ڪرلا پهتي جتان پوءِ S.G. Barne Marg روڊ وٺي اچي يونيورسٽي جي مين گيٽ تي لاٿو. مٿيون روڊ اي. جي باروو روڊ جتان شروع ٿيو. ان جي ڀر واري روڊ جو نالو “هيمو ڪالاڻي روڊ” پڙهي مون کي حيرت به ٿي ته خوشي به ته هيمونءَ جو واسطو سنڌ سان آهي. سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪنهن اديب شاعر، صوفي، درويش يا سياسي ليڊر جو نالو ڌارئين ملڪ ۾ ڪنهن روڊ تي يا بلڊنگ وغيره تي ڏسي نه رڳو مون کي، پر مون ڏٺو آهي ته سنڌ سان واسطو رکندڙ منهنجن دوستن کي به خوشي ٿئي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن آئون ان تي سوچيندو آهيان ته ائين ڇو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو ان ڪري آهي جو اسان جي قومي هيرن کي پنهنجي ملڪ ۾ ڄاڻي واڻي وساريو ويو آهي. ڪراچي جي شهر جو مثال وٺو، جنهن ۾ هزارين روڊ آهن پر ڪيترا روڊ آهن جن تي سنڌي شخصيتن جا نالا رکيا ويا آهن؟ خبر ناهي ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن جا نالا نظر ايندا جن مان ڪيترن کي سنڌ جا رهاڪو به نٿا سڃاڻن. صرف ڊفينس سوسائٽي ۾ ڏسندئو ته خيابان غازي، حافظ، جامي، مجاهد، بخاري کان وٺي خيابان سحر، اتحاد، جانباز ته رکيا ويا آهن پر آهي ڪو روڊ جنهن تي شاهه، سچل، هوشو، اياز، گدائي، نسيم کرل، استاد بخاري جهڙن مان ڪنهن هڪ جو به نالو رکيو ويو هجي! هڻي ڌڻي دين محمد وفائي ۽ هاڻ ويجهڙائيءَ ۾ محمد عثمان ڏيپلائيءَ نالي تي روڊن جا نالا رکيا ويا آهن، پر اهي روڊ اهڙيون گهٽيون آهن جن کان اتي جو ڀر پاسي وارو به واقف نه هوندو. زيب النساءِ اسٽريٽ ته ٿي سگهي ٿي، پر ڪو خدا جو بندو اهو به ته ٻڌائي مارئي يا سسئي اسٽريٽ ڇو نٿي ٿي سگهي. ڪجهه ڪجهه اسان جي سياستدانن جو به ڏوهه آهي، جيڪي بنهه نٿا ڪڇن. بهرحال اهڙي تناظر ۾ جڏهن مون جهڙو ماڻهو پرديس ۾ پنهنجي ڪنهن ديس واسيءَ جي ڳالهه ٿو ٻڌي يا ڪٿي نالو ٿو پڙهي ته حيرت ۽ خوشي ٿي ٿئي.جيتوڻيڪ بقول سنڌ جي هڪ اديب، مفڪر ۽ پروفيسر اعجاز قريشيءَ جي هيمون ڪالاڻي جهڙا ماڻهو نه فقط اسان سنڌين جا هيرو آهن، پر سڄي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جا هيرو آهن، جن گڏيل هندستان جي مسلمانن، هندن، سکن، سنڌين، پنجابين، مرهٺن، بنگالين کي انگريزن جي غلاميءَ کان جان ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي سر جي قرباني ڏني.
    هيمون (اصل نالو راهي هيمن) 11 مارچ 1924ع تي سکر جي شهر ۾ پسومل ڪالاڻي جي گهر ۾ ڄائو. گهر ڀاتي کيس پيار مان هيمون سڏيندا هئا. پاڻ تحريڪ آزادي جو سورهيه سچو سپاهي ٿي گذريو آهي. هن وطن جي آزاديءَ خاطر انگريز سرڪار سان مهاڏو اٽڪايو ۽ 19 ورهين جي ڄمار ۾ ڦاهي کي چمي ڏئي پنهنجو سر ڏنو ۽ پاڻ کي امر بڻائي ڇڏيو.
    هيمون ڪالاڻيءَ پرائمري تعليم لوڪماليه تلڪ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر مان حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ٿيو. جڏهن مئٽرڪ ۾ پهتو ته هن سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. اهو 1941ع وارو زمانو هو ۽ ماڻهن جي دلين ۾ انگريزن خلاف نفرت جا مچ پئي ٻريا. هيمونءَ پنهنجي ساٿين سان گڏ دادا ٿانورداس گلومل جي اڳواڻي هيٺ برٽش حڪومت جي ظالم سماج خلاف بغاوت شروع ڪئي. 23 آڪٽوبر 1941ع تي هيمون کي خبر پئي ته انگريز فوج سان ڀريل هڪ ريل گاڏي جنهن ۾ بارود پڻ رکيل آهي، سا روهڙي سکر کان ٿيندي ڪوئيٽا وڃڻ واري آهي، جنهن وسيلي سرحد ۽ بلوچستان جي نوجوانن کي ڪچليو ويندو. هيمونءَ پنهنجن ساٿين سان پروگرام ٺاهيو ته ريل جا پٽا اکيڙي ريل کي ڪيرايو وڃي. مقرر وقت تي جڏهن هيمون ۽ ان جا ساٿي اهو ڪم ڪري رهيا هئا ته هڪ پوليس واري جي مٿن نظر پئجي وئي. هيمونءَ جا ساٿي ته ڀڄي ويا پر هيمون جهلجي پيو. گرفتار ٿيڻ کانپوءِ 22 ڏينهن پوليس مٿس طرح طرح جا ظلم ۽ سختيون ڪيون پر هيمون ڪجهه نه ڪڇيو. آخر انگريزن ان ڏوهه ۾ مٿس ڪيس هلايو، جيڪو چوڏهن مهينا هلندو رهيو. انگريزن گهڻو ئي چاهيو ته هي فقط پڇتاءُ ڪري ۽ معافي وٺي ته ڇڏي ڏينس پر هن ائين ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو. سندس ڪيس سکر مارشل لا ڪورٽ ۾ هليو، جتان جنم ٽيپ جو فيصلو ڪري حيدرآباد جي فوجي ڪمانڊر آفيسر ڪرنل رچرڊسن ڏانهن موڪليو ويو، جنهن ان سزا کي موت جي سزا ۾ بدلائي ڇڏيو. سنڌ جي اعليٰ سماجي ۽ سياسي شخصيتن هن نوجوان جي جان بچائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ هيمون کي منٿون ڪندا رهيا ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري، پر هن رحم جي اپيل ڪرڻ بدران عزت جي موت کي ترجيح ڏني. 21 جنوري 1943ع جي صبح جو اسر مهل کيس سکر جي اسپيشل جيل ۾ ڦاسي ڏني وئي.
    هيمون شيخ اياز جو همعصر چئي سگهجي ٿو. شيخ اياز هيمون جي جنم کان پورو هڪ سال اڳ مارچ 1923 تي شڪارپور ۾ ڄائو هو. ممبئي ۾ هجڻ دوران مون کي اها به خبر پئي ته هيمونءَ جي هڪ ڀيڻ جيڪا اڃان حيات آهي ممبئي ۾ ئي رهي ٿي.


    “انڊيا ۽ ايران ۾ کاڌي جي ورائٽي ۽ سستائي آهي”

    ممبئي يونيورسٽي جو هي مين ڪئمپس جتي جي گيسٽ هائوس ۾ آئون ترسيل آهيان ممبئيءَ جي جنهن علائقي ۾ آهي اهو علائقو ڪالينا سڏجي ٿو، ان ڪري هن يونيورسٽيءَ کي Kalina Campus پڻ سڏجي ٿو ۽ شروع واري ممبئي يونيورسٽي جي ننڍي بلڊنگ جيڪا ڏکڻ ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ آهي. اها فورٽ ڪئمپس سڏجي ٿي. هي ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي بلڊنگ “حيدرآباد ڪئمپس” سڏجي ٿي ۽ مين يونيورسٽي “ڄام شورو ڪئمپس” سڏجي ٿي يا ڪراچي ۾ NED يونيورسٽي وارو سٽي ڪئمپس جيڪو پاڪستان چوڪ ۾ آهي جتي پهرين NED ڪاليج هو ۽ ٻيو هاڻ وارو NED يونيورسٽي ڪئمپس جيڪو ڪراچي يونيورسٽي پاسي، گلستان جوهر ڏي آهي. ڪالينا ۽ ڄام شورو ۾ اهو فرق آهي ته ممبئي جي ڏاکڻي ڪنڊ کان ڪالينا تائين بلڪ اڃان به مٿي چمبور يا وکرولي تائين، جتي ڪٿي حيدرآباد يا ڪراچي جي صدر جهڙو شهر لڳو پيو آهي. ممبئي يونيورسٽي کان ٻاهر نڪر ته هن جي بائونڊري لائين سان دڪانن ۽ ريسٽورنٽن جون قطارون لڳيون پيون آهن. روڊ جي ٻئي پار به اهو حال آهي، جيتوڻيڪ اصل ڪالينا ڳوٺ جنهن جي ڪري هن يونيورسٽي کي ڪالينا ڪئمپس سڏجي ٿو، پيٽارو ۽ ڄام شورو وانگر چڱو خاصو پري آهي پر لڳي ٿو ته يونيورسٽي جي در کان شروع ٿيو وڃي. يونيورسٽي جي ٻاهران روڊ جي ٻنهي پاسي ڪيترين ئي بسين جا اسٽاپ آهن، جيڪي بسيون نه فقط ڀر وارين ريلوي اسٽيشنن ڪُرلا ريلوي اسٽيشن ۽ سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن ڏي وڃن ٿيون پر شهر جي ڪيترن ئي ڏورانهن علائقن تائين شاگردن کي کڻي وڃن ٿيون. ان کان علاوه يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران هر وقت ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ آٽو رڪشائون بيٺل ملن ٿيون. سواريءَ جو ته ممبئي شهر ۾ ڪوبه مسئلو ناهي. هتي رڪشائون فقط “آٽو” سڏجن ٿيون ڇو جو ممبئي ۾ رڪشائون ٻن قسمن جون آهن. هڪڙيون اهي آهن جن جي اڳيان سائيڪل لڳل آهي جيڪا پيرن سان پئڊل هلائڻ سان هلايون وڃن ٿيون. اهي رڪشائون سڏجن ٿيون، باقي اسان جي ملڪ جهڙيون رڪشائون جيڪي موٽر سائيڪل ذريعي يعني آٽو موبائيل ذريعي هلايون وڃن ٿيون، اهي فقط “آٽو” سڏجن ٿيون. ان کان علاوه ڪلڪتي، دهلي ۽ احمد آباد بڙودا جهڙن شهرن ۾ اهڙيون به رڪشائون ڏٺم جن ۾ سائيڪل يا موٽرسائيڪل نه ٿئي. هلائڻ وارو رڪشا جون ٿوڻيون ڪڇن ۾ جهلي پاڻ سان گڏ ان کي ڇڪي. ان قسم جون رڪشائون مون ننڍي هوندي ڪراچيءَ ۾ ڏٺيون هيون، اٽڪل 1960ع ۾. ان بعد بند ٿي ويون. ماڻهوءَ ڇڪڻ واريون رڪشائون ستر واري ڏهاڪي جي شروع وارن سالن ۾ سنگاپور، هانگ ڪانگ ۽ چين جي شهرن ۾ به عام هيون، پر هاڻ اهي فقط انڊيا جي ڪجهه شهرن ۽ هنوئي (ويٽنام) ۾ وڃي رهيون آهن.
    ڪالينا شهر، جنهن جي نالي سان هي ممبئي يونيورسٽي ائين مشهور آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو کان ۽ ڪئڊٽ ڪاليج ’پيٽارو‘ ڳوٺ کان، يونيورسٽي جي مين گيٽ جي بلڪل سامهون آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن واڪ ڪري اتي جي “جامع ڪالينا مسجد‘ ۾ هليو ويندو هوس، اتي ئي هڪ آڳاٽو ڪالينا ميونسپل اسڪول آهي ۽ هڪ ڪئٿولڪ گرجا گهر پڻ. هن گرجا گهر (Church) جي آس پاس وارين گهٽين ۾ هن علائقي جي عيسائي ڪميونٽي رهي ٿي، جتي هڪ ڏينهن چڪر هڻڻ سان اهڙو ماحول محسوس ٿيو جهڙو بوبي (Bobby) فلم ۾ عيسائين جي محلي جو ڏيکاريو ويو آهي. صبح جو وقت هو ڪيترائي پوڙها، ٿلها، گنجا عيسائي گهر جي رنگين ڌڪين تي ويٺا هئا. اهو ٻڌي ته آئون پاڪستاني آهيان هو منهنجو آڌرڀاءُ ڪرڻ لڳا ۽ ڪجهه کائڻ پيئڻ لاءِ چوڻ لڳا. بهرحال مون ساڻن گڏ ۽ سندن عبادت گهر (Church) اڳيان ڪيترائي فوٽو ڪڍرايا. هڪ ٻڌايو ته هن جو هڪ ڀاءُ شروع کان ڪراچي جي ڪنهن علائقي، شايد سولجر بازار ۾ رهي ٿو. هو گهوڙن جي ڊوڙ جو جاڪي به آهي ۽ هن ڪافي عرصو پير پاڳاري وٽ به نوڪري ڪئي آهي. اهڙن موقعن تي مون کي حيرت ٿيندي آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان جي به عجيب ڪهاڻي آهي، جتي ڪجهه عيسائي، مسلمان، هندو، بوهري، خوجا ڀائر پاڪستان ۾ رهن ٿا ته ڪجهه انڊيا ۾. عوامي ليول تي ٻنهي کي هڪ ٻئي لاءِ پيار ۽ سڪ آهي، پر حڪومتي يا سياسي ليول تي اسان هڪ ٻئي تي بندوقون تاڻيو ويٺا آهيون.
    مٿي ڪالينا واري جنهن گرجا گهر (Church) جي ڳالهه ڪئي اٿم ان جو نالو سينٽ ٿامس ڪئٿولڪ چرچ آهي. هونءَ ان سان ملندڙ جلندڙ نالي وارو ممبئي ۾ هڪ ٻيو گرجا گهر پڻ آهي، جنهن جو نالو سينٽ ٿامس ڪئٿڊرل آهي، جيڪو ممبئي جو پراڻو ترين چرچ آهي ۽ 1718ع ۾ ٺهيو. يعني پوريون ٽي صديون پراڻو آهي. هي چرچ ممبئي جي ڏاکڻي حصي ۾ فلورا ڦوهاري (Fountain) وٽ آهي. هونءَ يونيورسٽي جي پٺيان وڪولا (Vakola) واري علائقي ۾ پڻ هڪ گرجا گهر (سينٽ ائنٿوني چرچ) ۽ هڪ مسجد “وڪولا مسجد” نالي آهي.
    ممبئي يونيورسٽيءَ جي گيٽ ۾ اندر داخل ٿيڻ بعد مون کي لڳو ته ان جو گيسٽ هائوس ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي، پر در وٽ بيٺل شاگردن جي پهرين ئي ٽولي کان پڇڻ تي هنن ٻڌايو ته اهو ٿورو اڳيان هلي کاٻي پاسي واري بلڊنگ ۾ آهي. يعني سنڌ يونيورسٽي وانگر ٿورو اڳيان هلي مارئي هاسٽل بعد اتي آهي، جتي وائيس چانسلر جو گهر آهي. گيسٽ هائوس جي ٻاهران ئي اسان جو ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي بيٺو هو. هو مون کان وڌيڪ ٿڪل نظر اچي رهيو هو. ظاهر آهي ته هو صبح جو گهران نڪتل هو ۽ 2 بجي ڌاري يونيورسٽي ختم ٿيڻ تي گهر وڃڻ بدران هن گيسٽ هائوس جي رسيپشن ۾ منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيو هو. هو مون کي وڏي حب سان مليو.
    “ڊاڪٽر صاحب! ڪمال ٿا ڪريو،” مون کيس چيو، “توهان گهر هليا وڃو ها. سڀاڻي ملون ها.”
    “سائين! مون سوچيو توهان کان فيڊ بئڪ وٺان ته توهان هتي، هن يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ آرامده محسوس ڪندؤ يا نه، جيئن ٻي صورت ۾ توهان کي هوٽل ۾ رهائڻ واري بندوبست کي ترجيح ڏجي”، هن مون واري ڪمري ۾ سامان رکرائيندي چيو. مون چوڌاري نظر وڌي. اٽيچڊ باٿ روم، ٽيبل سان گڏ لئمپ، ٻه پلنگ، ٽيليفون، ايئرڪنڊيشن... ٻيو ڀلا هڪ مسافر کي ڇا کپي. مون ان ئي وقت بئگ کولي ان مان ڪتاب ۽ ڪپڙا ڪڍي کٽ تي رکڻ شروع ڪيا. معنيٰ آئون هتي ئي رهڻ ۾ خوش آهيان. “ڊاڪٽر صاحب هن کان وڌيڪ عياشي ڪهڙي.” مون ٻلديو کي چيو.
    ڊاڪٽر ٻلديو پنهنجي گهران مون لاءِ بيڪري جي بسڪيٽن سان ڀريل ٻه برنيون، چانهه ٺاهڻ لاءِ اليڪٽرڪ ڪيٽل، پائوڊر کير ۽ چانهه جي پتي به آڻي رکي هئي، جيڪا مون لاءِ سڀ کان وڏي لگزري هئي ۽ جنهن وقت موڊ ٿي ٿيو چانهه ٺاهي پيتم ٿي. ڊاڪٽر صاحب موڪلائڻ کان اڳ اسٽوڊنٽس ڪئنٽين ۾ وٺي آيو، جيڪا ايترو پري هئي جيترو سنڌ يونيورسٽي ٽيچرس هاسٽل کان سحر امداد وارن جو بنگلو. اسان اتي ويهي چانهه پيتي. ڪئنٽين جي ويهارو کن ٽيبلن مان ڏهاڪو کن ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڀريل هئا، جيڪي يونيورسٽيءَ ۾ شام جو هلندڙ ڪلاسز جا شاگرد هئا. ڊاڪٽر صاحب ڪئنٽين جي مئنيجر کي سڏائي کيس مون بابت ٻڌايو ته آئون هن يونيورسٽي جو مهمان آهيان ۽ منهنجي کاڌي پيتي جو بل سندس ڊپارٽمينٽ ڏي موڪليو وڃي. ساڳي وقت هن مون کي ٻاهر جي هڪ ريسٽورنٽ “مينا ريسٽورنٽ ائنڊ بار” جو مينو ڏنو ته آئون ان ريسٽورنٽ ۾ وڃي، يا هنن کي فون ڪري، پنهنجي پسند جي ماني گهرائي سگهان ٿو، جنهن لاءِ هنن کي منهنجا پرٽيڪيولرس ٻڌايا ويا آهن ته آئون هفتي لاءِ ممبئي يونيورسٽي جو مهمان آهيان.
    “سائين تڪلف بلڪل نه ڪجو، جيڪي وڻناوَ اهو گهرائجو. بلڪه ڪنهن به شيءِ جي ضرورت هجي ته مون کي فون ڪجو.” ٻلديو وڃڻ وقت وري مون کي تاڪيد ڪئي.
    “ادا مٽلاڻي توهان فڪر ئي نه ڪريو. پهرين تنهنجي چانهه ۽ بسڪيٽ ته کائي پورا ڪريان.” مون هڪ بسڪيٽ ڪڍي کاڌو. واهه جو Crispy ۽ لذيذ هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان پاڪستانين جي مقابلي ۾ هندستان جا هندو توڙي مسلمان واهه جون شيون ٺاهين ٿا. هو شيءِ سٺي ٺاهين ٿا ۽ فائدي جي هٻڇ گهٽ ڪن ٿا جنهن ڪري هنن جون شيون دنيا جي مارڪيٽن ۾ نظر اچن ٿيون. مون سڄو هفتو ڪوشش ڪئي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي ٻڌايل هوٽل يا ڪئنٽين ۾ لنچ يا ڊنر کائجي پر يونيورسٽي جي گيٽ ٻاهران يا شهر ۾ دڪاندارن ۽ وينڊرن (خومچي وارن) کان ڪا نه ڪا شيءِ وٺي کاڌم ٿي ۽ مانيءَ جي ضرورت نٿي پيئي. اسان ننڍا هئاسين يعني سٺ سال کن اڳ جي ڳالهه آهي ته هڪ هندو تِيلن جو ڊگهو اسٽينڊ رکي ان مٿان گٻيت، ماکي ۽ ڳڙداڻي رکي وڪڻندو هو. اهڙي ئي اسٽائيل ۾ يونيورسٽي جي ٻاهران Verdors نظر آيا ٿي ۽ ڪو ڀلي انهن جي شين کي غير هائيجنڪ سڏي پر مون پنهنجي دل کان مجبور ٿي ڪڏهن برفي مائو وٺي ٿي کاڌو ته ڪڏهن ڪچوريون سموسا، ڪڏهن ڇولا ته ڪڏهن ڪواب بن. ڪڏهن ڪڏهن شهر ۾ ڪنهن ڪاليج يا آفيسن اڳيان پٽاٽن جي گرم ماني يا چانور دال به وٺي ٿي کاڌم. دراصل کاڌي پيتي جا مسئلا ته يورپ ۾ آهن. خاص ڪري اتر يورپ جي ملڪن ۾. جتي هڪ طرف کاڌي پيتي جا محدود دڪان آهن ته مهانگائي ٻئي طرف آهي. ايشيا جي ملڪن ۾ اهي مسئلا نه آهن ۽ انهن ۾ به انڊيا ۽ ايران اهڙا ملڪ آهن، جن ۾ اڄ به کاڌي جي ورائٽي هڪ طرف آهي ته سستائي ٻئي طرف. انڊيا ۽ ايران ۾ ماڻهو ڏهين رپئي ۾ بن ۽ پڪوڙو وٺي گذر ڪري سگهي ٿو، ٻارهين رپئي ۾ آلو پراٺا دال سان کائي پيٽ ڀري سگهي ٿو. گهڻي عياشي ڪرڻي اٿس ته چاليهه رپئي ۾ چِلو ڪباب کائي سگهي ٿو. وقت ئي ته پاس ڪرڻو اٿس جيئن ٿورن پئسن ۾ گهڻو گهمي سگهي. پر جي ڪو نڪري گهمڻ لاءِ ٿو ۽ وتي گهر جي مانيءَ جو سک ڳوليندو ته پوءِ گهر ۾ ئي ويٺو هجي. ٻاهر ڇو ٿو نڪري؟
    ڪي ماڻهو شايد اهو چون ته نه فقط انڊيا ۽ ايران پر ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ کاڌي جي ورائٽي آهي. بلڪل صحيح ڳالهه آهي. نه فقط کاڌي جي ورائٽي آهي پر ايران جي کاڌي وانگر هر شيءِ صاف سٿري ۽ هائيجنڪ ملي ٿي، پر ڪو زمانو هو جو ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ کاڌي جي هر شيءِ سستي هئي، اڄ انهن ملڪن ۾ هر شيءِ جو اگهه چوٽ تي چڙهيل آهي. ڪجهه اسان جي ملڪ جو سڪو به ساک وڃائي ويٺو آهي. ڪو زمانو هو، جڏهن اسان جهازن ذريعي ملائيشيا ۽ سنگاپور ويندا هئاسين ته سنگاپور جو ڊالر اسان کي ٽن رپين ۾ ملندو هو. اڄ ان ڊالر کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي 51 رپيا ڏيڻا پون ٿا. ڪو شايد اهو چوي ته کاڌي پيتي جي پاڪستان ۾ به ورائٽي ۽ سستائي آهي. بلڪل آهي پر ايتري ناهي. انڊيا ۾ دالين ۽ ڀاڄين جا تمام گهڻا ڊش ٺهن ٿا. اسان وٽ هوٽلن ۾ زور گوشت تي آهي جيڪو پوڙهن ۽ بيمار وهٽن جو آهي. ويندي ڪڪڙ جي گوشت جي هائيجنڪ هجڻ ۾ به شڪ رهي ٿو. هاڻ ته بند ٿيل بوتلن وارو پاڻي به نقلي ملي ٿو ۽ هڪ ٽوئرسٽ اسان وٽان اڪثر بيمار ٿي وڃي ٿو. انڊيا جون ڪيتريون ئي حالتون اسان جهڙيون آهن پر انڊيا جي حڪومت امن امان برقرار رکڻ لاءِ توڙي کاڌي خوراڪ جي شين جي وڪري تي سخت نظر رکي آهي. اهو ئي سبب آهي جو نه رڳو ايشيا جا پر يورپ ۽ آمريڪا جا ٽوئرسٽ به انڊيا ۾ بي ڊپا ٿي گهمن ٿا.


    ننڍي کنڊ جي آڳاٽي يونيورسٽي

    ممبئي يونيورسٽي لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان، ته انگريزي طرز جي هيءَ پهرين يونيورسٽي آهي، جيڪا انگريزن ممبئيءَ ۾ 1854ع ۾ قائم ڪئي. هيءَ يونيورسٽي پهريون سال ٻه ممبئي جي آڳاٽي ۽ مشهور ڪاليج “ايلفنسٽن ڪاليج” جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد اتي ئي فورٽ جي علائقي ۾ 1857ع ۾ نئين بلڊنگ ٺهڻ تي شفٽ ڪئي وئي. هيءَ ائين آهي جيئن سنڌ يونيورسٽي پهرين حيدرآباد جي گاڏي کاتي واري علائقي ۾ نوودياله اسڪول جي بلڊنگ ۾ قائم ڪئي وئي، ان بعد ڄامشوري ۾ شفٽ ڪئي وئي.
    ممبئي يونيورسٽي جيتوڻيڪ 1857ع ۾ پنهنجي بلڊنگ ۾ شفٽ ڪئي وئي، پر پوءِ اڳتي هلي ممبئي يونيورسٽي لاءِ هڪ نئون ۽ وڏو ڪئمپس 230 ايڪڙن جي پکيڙِ ۾ سانٽا ڪروز ۾ ٺاهيو ويو. هي علائقو ڪالينا سڏجي ٿو، ان ڪري هن ڪئمپس جو نالو “ڪالينا ڪئمپس” مشهور ٿي ويو آهي. ان سان گڏ پراڻو فورٽ وارو ڪئمپس به قائم آهي، جتي ممبئي يونيورسٽي جي ائڊمنسٽريشن ڊويزن ڪم ڪري ٿي.
    ايلفنسٽن ڪاليج ۽ ممبئي يونيورسٽي جو فورٽ وارو ڪئمپس هڪ ٻئي جي ويجهو آهن ۽ سندن آڳاٽي زماني جون عمارتون ڏسڻ وٽان آهن. توهان جي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ به ممبئي آيل آهيو ته توهان جو ايندي ويندي هتان ضرور لنگهه ٿيندو. جيئن حيدرآباد گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو سنڌ يونيورسٽي جو ڄامشورو وارو ڪئمپس کڻي نه ڏسي سگهي، پر سندن سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس ۽ سول اسپتال حيدرآباد وٽان ضرور لنگهه ٿيندو هوندو. ممبئي جو فورٽ وارو علائقو ائين آهي جيئن ڪراچي جو صدر وارو علائقو جتان هر هڪ جو لنگهه ٿئي ٿو. جيڪو شهر جو مرڪز سمجهيو وڃي ٿو. انگريزن جي دور ۾ فورٽ جو علائقو ۽ ان جي آس پاس جيڪا ڏکڻ ممبئي سڏجي ٿي، ڪُل ممبئي اهو ئي هو. جيئن انگريزن جي ڏينهن ۾ ڪراچي معنيٰ ٽاور کان صدر تائين. اڄ وارو لياقت آباد (لالو کيت)، ماڙيپور، ملير، لس ٻيلا چوڪ، لانڍي وغيره سڀ ڏورانهان ڳوٺ هئا، جيڪي هاڻ ملي گريٽر ڪراچي بڻجي ويا آهن. تيئن ڏکڻ ممبئي ۾ اڄ سانتا ڪروز ۽ کار کان وکرولي، انڌيري، مالاد وغيره ملي ويا آهن.
    ممبئي جي هن علائقي جو نالو Fort (قلعو) هتي جي جهوني قلعي ’سينٽ جارج فورٽ‘ تان پيو آهي، جيڪو انگريزن (برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني) ممبئي جا ست ٻيٽ 1668ع ۾ حاصل ڪرڻ بعد يڪدم ٺهرايو هو. هن قلعي جا ٽي دروازا هئا: اپولو گيٽ، چرچ گيٽ ۽ بازار گيٽ. قلعي ٺهڻ سان ان جي چوڌاري گهر دڪان، عبادت گهر، هوٽلون ٺهڻ شروع ٿي ويون. بهرحال اڄ اهو قلعو موجود ناهي. 1860ع ۾ ممبئي جي گورنر سر بارٽل فريئر (جنهن جي نالي ڪراچيءَ ۾ فريئر روڊ، فريئر مارڪيٽ ۽ فريئر باغ آهي) ان کي ڊهرائي ڇڏيو جو اهو هاڻ ڪنهن ڪم جو نه رهيو هو. چرچ گيٽ وٽ ممبئي جي آخري ريلوي اسٽيشن آهي، جنهن جو نالو ئي “چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن” رکيو ويو آهي. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽان توهان ناريمن روڊ جو اڌ ڪلوميٽر پنڌ ڪري مهاتما چوڪ (جيڪو فلورا فائونٽين به سڏجي ٿو) پهچي سگهو ٿا يا ممبئي جي ٻي آخري اسٽيشن CST (جيڪا وڪٽوريا ٽرمينس به سڏجي ٿي) وٽان ڊاڪٽر دادا ڀائي نائوروجي مارگ (روڊ) ڏئي فلورا فائونٽين پهچي سگهو ٿا. جتان پوءِ مهاتما گانڌي روڊ شروع ٿئي ٿو. جنهن تي ايلفنسٽن ڪاليج ۽ ممبئي يونيورسٽي (فورٽ ڪئمپس) آهي.
    1857ع ۾ بمبئي يونيورسٽي برپا ٿي ۽ 1887ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ ڪاليج کليو. انهن 31 ورهين جي عرصي ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان سنڌ جا پندرنهن سورنهن گرئجوئيٽ ٿيا يعني سراسري ٻن سالن ۾ هڪ گرئجوئيٽ ٿيو. ايم اي يا سائنس جي ڊگري ته ڪنهن هڪ ڄڻي به حاصل نه ڪئي جو سنڌ وارن لاءِ ممبئي ڏي وڃڻ جي سهولت نه هئي. ان دور جي ڪجهه گريئجوئيٽن جا نالا حاصل ڪري سگهيو آهيان جن ممبئي جي هن ايلفنسٽن ڪاليج مان پڙهي ڊگري حاصل ڪئي.
    • چوهڙ مل ڪندن مل پنجابي 1865ع.
    • آلو مل ٽيڪمداس ڀوڄواڻي 1867ع.
    • مرزا صادق علي فريدون بيگ 1872ع
    • ٽيڪچند اوڌر داس واسواڻي 1875ع.
    • ڏيارام گدومل شهاڻي 1878ع.
    • هرچند راءِ وشنداس ڀارواڻي 1882ع (جنهن جو پوٽو ڪاڪو ڪشنچند حيدرآباد ۾ وڪيل آهي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڪيسن جي به هو وڪالت ڪندو آهي.)
    • وزير مل اتمچند لالواڻي 1884ع.
    • ٽهلرام کيمچند وزيراڻي 1884ع.
    • بولچند ڪوڏو مل جڳتياڻي 1884ع.
    • هيرانند کيم سنگهه آڏواڻي 1886ع.
    • مٿرداس جواهري 1886ع.
    • همت سنگهه گج سنگهه آڏواڻي 1886ع.
    • دلپتراءِ روچيرام لالواڻي 1886ع.
    مٿين مان ٻه ڄڻا ديوان ڏيارام ۽ ديوان ٽهلرام اتان ئي 1886ع ۾ وڪالت پاس ڪري وڪيل ٿيا.
    1887ع کان اڳ (يعني ڪراچيءَ ۾ سنڌ ڪاليج کلڻ کان اڳ) فقط ٻن ڄڻن انجنيئرنگ جون ڊگريون حاصل ڪيون. هڪ پريتمداس پرسومل جندناڻيءَ 1875ع ۾ ۽ ٻيو کيئا سنگهه رام سنگهه لُلا 1881ع ۾ انجنيئري پاس ڪئي. ڊاڪٽري جي ڊگري (يعني پهريون سنڌي ڊاڪٽر) 1886ع ۾ تارا چند جيرامداس واڌواڻي ٿيو.
    بهرحال هيءَ فورٽ ڪئمپس واري ممبئي يونيورسٽي اڄ کان ڏيڍ سئو سال اڳ شروع ٿي ۽ ان ئي سال 1857ع ۾ ڪلڪتي ۽ مدارس ۾ پڻ يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون. ممبئي يونيورسٽي برطانيا جي يونيورسٽين جي طرز سان هلائي وئي، جنهن جو ڪم ڪاليجن جي معرفت شاگردن کي تعليم ڏيڻ هو. اڄ هيءَ يونيورسٽي دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان هڪ مڃي وڃي ٿي ۽ کيس فائيو اسٽار رينڪ ڏني وئي آهي. ممبئي ۽ ڀر وارن ضلعن ٿاڻي (Thane) راءِ گاد، رتنا گري ۽ سنڌو درگ جا سمورا ڪاليج ممبئي يونيورسٽي سان Affiliated آهن. سڀ کان پهريون ڪاليج جيڪو ممبئي يونيورسٽي سان لاڳو ٿيو. اهو 1868ع ۾ سينٽ زئويئر ڪاليج هو. ممبئي جو هي آڳاٽو ڪاليج اڄ به ڌوٻي تلاءَ واري علائقي ۾ مها پالڪا مارگ تي موجود آهي ۽ سندس خوبصورت بلڊنگ ڏسڻ وٽان آهي. هي ڪاليج 16 صديءَ جي هسپانوي سينٽ فرانسز زئويئر نالي ٺاهيو ويو، جيئن هن ۾ رومن ڪئٿولڪ عيسائي تعليم حاصل ڪري سگهن. اڄ به هن ڪاليج ۾ 50 سيڪڙو ڪئٿولڪ عيسائي شاگرد کنيا وڃن ٿا. هتي جي مشهور مئگزين India Today جي جون 2006ع واري پرچي ۾ هن ڪاليج جي ٽائيٽل تي تصوير آئي هئي ۽ هن ڪاليج کي انڊيا جو بهترين ڪاليج قرار ڏنو ويو هو.
    بهرحال اسان جهڙن ٽوئرسٽن کي هفتو کن گهمڻ لاءِ اچي ڪنهن ڪاليج ۾ ڪا داخلا نه وٺڻي آهي، پر ان جي خوبصورت عمارتن اڳيان بيهي تصوير ضرور ڪڍائڻي آهي. ان ڳالهه لاءِ پڻ هي ڪاليج بهترين آهي. ٿي سگهي ٿو هن ڪاليج جي عمارت وٽ پهچي توهان کي لڳي ته ان عمارت جي تصوير توهان ضرور ڏٺي آهي ۽ پڪ ڏٺي به هجي جو جتي ممبئي جي ڳالهه هلي ٿي، اتي ممبئي جي ميونسپالٽي، ڪرائفرڊ مارڪيٽ، CST ۽ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن، ايلفنسٽن ڪاليج ۽ سينٽ زئويئر ڪاليج جي عمارت جي تصوير جو هجڻ به لازمي سمجهيو وڃي ٿو. هتي اهو به لکندو هلان ته هي ڪاليج ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ به نظر اچي ٿو. سال 2008ع جي فلم “جاني تو... يا جاني نا” فلم جي گاني “ڪبهي ڪبهي عادتي...” ۾ هن ڪاليج جي بلڊنگ استعمال ٿيل آهي. 2004ع جي انڊين فلم “مين هون نا” ۾ هن ڪاليج جي لائبريري استعمال ٿيل آهي. ان کان علاوه سال 2003ع جي فلم “ڪچهه تو هي” ۾ به هي ڪاليج ڏيکاريو ويو آهي. گذريل سال هن ڪاليج جي 140هين سالگرهه جي فنڪشن تي آمريڪا جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ هيلري ڪلنٽن هن ڪاليج کي وزٽ ڪيو ۽ شاگردن سان ڳالهه ٻولهه جو سيشن رکيو. هن ڪاليج ۾ داخلا ملڻ اڄ به وڏي فخر جي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي. هن ڪاليج مان ملڪ جي ڪيترين ئي نامور شخصيتن تعليم حاصل ڪئي آهي. اسان جا ماڻهو انڊيا جي فلمي ماڻهن کي وڌيڪ سڃاڻن ٿا سو انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن، جن هن ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي: انيل ڪپور، فريدا پنٽو، تابو، سميتا پاٽل، شبانا اعظمي، فاروق شيخ، پنڪج اداس، اسماعيل مرچنٽ، زبن مهتا وغيره. فريدا پنٽو پنهنجي پهرين فلم سِلم ڊاگ ملينر ۾ لاتيڪا جو پارٽ ادا ڪرڻ ڪري مشهور ٿي. فريدا پنٽو جيڪا ماڊل ۽ فلمي ائڪٽريس آهي 1984ع ۾ ممبئي ۾ ڄائي. سندس پيءُ سينٽ جان هاءِ اسڪول، گوريگائون ممبئي جو پرنسپال آهي. فريدا سينٽ زئويئر ڪاليج مان انگلش ۾ MA ڊگري حاصل ڪئي. هيءَ بالي ووڊ جي سڀ کان ڳري في وٺندڙ فلم ائڪٽريس مڃي وڃي ٿي.
    بهرحال هي ڪاليج گهمڻ دوران هڪ هنڌ لکيل هيءَ دعا نوٽ ڪئي اٿم جيڪا پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي لکي رهيو آهيان.
    Take and receive, O Lord my liberty,
    Take all my will, my mind my memory,
    Do thou direct and govern all and sway,
    Do what thou wilt, command and I obey.
    Only thy grace and love on me bestow,
    Possessing these, all riches I forgo.
    All things I hold and all I own are thine,
    Thine was the gift, to thee I all resign.
    Lord teach me how to serve,
    Gladly as you desserve,
    To give and not to count the cost, to fight not heeding pain,
    May I give of my best, may I not seek for rest,
    And ask for no reward save that, l know l do your will.
    هن ڪاليج جي بيحد پڙهيل ڳڙهيل پروفيسرن ۽ وقت جي پابند Disciplined شاگردن سان ملي تمام گهڻو متاثر ٿيس. تقريباً هر سبجيڪٽ لاءِ Ph.D پروفيسر آهي. هن وقت مون کي فقط ٻن ڄڻن جا نالا ياد آهن. هڪ جيالاجي ڊپارٽمينٽ جو پروفيسر ڊاڪٽر سيد جعفر نجفي ۽ ٻي هندي زبان جي پروفيسر آشا دياما. اسان وٽ به ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ ته ڪاليج سٺي نموني پيا هلن. باقي اندروني سنڌ جي ڪنهن ڪاليج ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ منهنجي دل چوندي آهي، ته پرنسپال صاحب اهو ئي چوندو آهي ته سائين ٻه چار ڏينهن اڳ ۾ اطلاع ڪجو ته شاگردن کي ٻڌايون، هو ڪاليج اچن ئي ڪونه ٿا. شاگردن کان پڇ ته هو اهو ئي سبب ڏين ٿا ته سائين ماستر نه اچن ٿا ۽ نه پڙهائين ٿا. اسان ڪاليج وڃي ڇا ڪريون.
    افسوس اهو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جو جيڪو خراب حال آهي، اهڙو شايد ڪنهن آفريڪا جي ملڪ ۾ هجي ته هجي باقي مون کي ته نٿو سُجهي ته ڪنهن ايشيا جي ملڪ ۾ آهي.
    ممبئي يونيورسٽي جو ڪالينا وارو ڪئمپس ڪراچي يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو وانگر تمام وڏو آهي. اٽڪل 9 لک 30 هزار چورس ميٽر چيو وڃي ٿو. سندس سينٽرل لائبريري “جواهر لعل نهرو لائبريري” آهي جنهن ۾ ڏهه لک کن ڪتاب، 30 هزار مائڪرو فلمون ۽ 1200 ناياب قلمي نسخا (ڪتاب) آهن. آئون ٻه دفعا هن لائبريريءَ ۾ ويس. ٻئي دفعا سنڌي سيڪشن وارا ڪتاب ڏسندو رهيس. جتي سنڌ هند جا ڇپيل ڪتاب نظر آيا. پنهنجن ئي همعصر ۽ دوستن جي ڪتابن جا مڪمل سيٽ ڏسي مون کي حيراني ٿي، جو سنڌ کان وڏو عرصو ٻاهر رهڻ ڪري انهن ڪتابن جي ڇپائيءَ کان اڻواقف هوس.
    ممبئي يونيورسٽي ۾ مختلف سائنس جي سبجيڪٽن کان علاوه ڪيترين ئي زبانن جا ڊپارٽمينٽ آهن، جهڙوڪ: هندي، مراٺي، سنڌي، اردو، فارسي، عربي، فرينچ، جرمن، گجراتي، روسي، سنسڪرت، پالي ۽ ڪنهڙ (Kanada) وغيره. ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ هنڌ ڊپارٽمينٽ آف آفريڪن اسٽيڊيز، ڊپارٽمينٽ آف سينٽرل يوروشين اسٽيڊيز ۽ ڊپارٽمينٽ آف ڊراميٽڪ آرٽس پڻ نظر آيا.
    ممبئي يونيورسٽي گذريل ڏيڍ صديءَ کان دنيا جي هن حصي ۾ هڪ اهم تعليمي ادارو رهندو اچي. منجهانئس ڪيتريون اهم شخصيتون تعليم حاصل ڪري چڪيون آهن، جهڙوڪ: مهاتما گانڌي، پاڪستان جو پهريون صدر اسڪندر مرزا، 1994ع جي مِس ورلڊ ايشوريا راءِ، انڊيا جو سابق وزيراعظم نرسمهارائو، سال 2000ع جي مس ورلڊ لارا دُتا، ڪرڪيٽ پليئر سنيل گواسڪر (جيڪو سينٽ زئويئر ڪاليج جو به شاگرد رهيو)، اهڙي طرح سميتا پاٽل ۽ شبانا اعظمي، تنزانيا جو وزيراعظم (94-1990ع) جان سئميوئل ماليسيلا، ڀولا ڀائي ڏيسائي، سر فيروز شاهه مهتا، رفيق زڪريا، لالا ڪرشنا آڏواڻي، ذاڪر نائڪ Peace چئنل وارو، وغيره.


    نابين ماءُ لاءِ گهنٽا گهر ٺهرايو

    گذريل مضمون ۾ ممبئي يونيورسٽي جي لائبريري بابت پڻ لکيو اٿم ته ان ۾ ڪتابن جو تعداد ۽ ورائٽي ڏسي بيحد متاثر ٿيس. مون هن کي هڪ عام لائبريري ٿي سمجهيو. جهڙي طرح اسان جي نيول اڪيڊمين يا مئريٽائيم يونيورسٽي جي ٿئي ٿي. جنهن ۾ فقط پنج ڇهه هزار ڪتاب، واسطي واري سبجيڪٽ يا جهاز راني يا جهاز سازيءَ جا ٿين. پر پوءِ چڱو جو ٻئي ڏينهن “ڊاڪٽر پروفيسر صاحب علي” سان گڏ هليو ويس. ڊاڪٽر صاحب علي ممبئي يونيورسٽي ۾ اردو ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. پاڻ 1963ع ۾ يو. پي. صوبي جي اعظم ڳڙهه شهر جي ڀرسان “بستي” نالي ڳوٺ ۾ ڄائو. علي ڳڙهه يونيورسٽي مان Ph.D ڪيائين. ان ڏينهن ممبئي يونيورسٽي جي FM ريڊيو اسٽيشن جو افتتاح ٿيو هو، سو اسٽيشن ڪنسلٽنٽ پنکج اٿاوالي مون کي مئرين انجنيئرنگ سبجيڪٽ تي ڳالهائڻ جي دعوت ڏني، جنهن ۾ ٻڌندڙن ڪجهه سوال جواب به ڪيا، جنهن بعد اردو ڊپارٽمينٽ ۾ آيس ته پروفيسر صاحب علي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري مان ڪجهه ڪتاب اِشو ڪرائڻ لاءِ نڪري رهيو هو. مون کي ڏسي موٽيو ٿي ته مون کيس منع ڪئي.
    “میں بھی آپ کی لائبریری دیکھنے چلتا ہوں.” مون چيومانس ۽ اسان واڪ ڪندا لائبريري کان اچي نڪتاسين، جنهن جي ٻاهران وڏن اکرن ۾ جواهر لعل نهرو لائبريري لکيل آهي. رسيپشن هال ۾ نهرو صاحب جو پتلو (Bust) رکيل آهي. پروفيسر صاحب سان گڏ ٿوري دير اردو سيڪشن ۾ ڪتاب ڏسي پوءِ پالي، سنسڪرت ۽ مراٺي زبانن وارن سيڪشنن مان ڦرندو سنڌي واري حصي ۾ پهتس. ان بعد انگريزي ڪتابن واري پاسي جو چڪر هيم. سچي ڳالهه اها آهي ته آئون حيران ٿي ويس. جيئن ڪو ڪنهن دلپسند شهر جو خاص سهڻو ۽ پرسڪون علائقو ڏسي خواهش ڪندو آهي، ته جيڪر هتي گهر وٺي رهجي، تيئن منهنجي دماغ ۾ اهو ئي ڦرندو رهيو، ته ممبئيءَ ۾ مهينو کن رهي ٻيو ڪجهه نه ڪجي فقط هتي رکيل آڳاٽا ڪتاب ڏسجن ۽ اهم شيون نوٽ ڪجن. ائين ناهي ته ڪو هن کان اڳ مون لائبريريون نه ڏٺيون هيون. آمريڪا، ڪئناڊا، جپان، چين ۽ يورپ جي ملڪن ۾ ڪيتريون ئي لبرريون ڏٺيون هوندم. هڪ دفعو ته سڄو هفتو هالينڊ جي شهر راٽرڊم ۾ اتي جي لائبريري ۾ ويندو رهيس. سوئيڊن جي شهر مالمو جي ميونسپل لائبريري به تمام وڏي آهي ۽ مالمو ۾ ٻه سال رهڻ دوران اتي ويندو رهيس، پر اتي ڇا هو جو فقط هڪ زبان انگريزي جا ڪتاب هئا. ٻي زبان سوئيڊش، ڊچ يا جرمن جا هئا. جيڪي اسان لاءِ بيڪار هئا، جو اسان انهن زبانن کان اڻ واقف آهيون. هتي جواهر لعل نهرو لائبريري ۾ نه فقط اسان کي سمجهه ۾ ايندڙن ٽن زبانن (انگريزي، اردو، سنڌي) جا ڪتاب آهن، پر هر زبان ۾ تمام گهڻا ڪتاب آهن. اردو سيڪشن ۾ پنهنجي دلپسند ليکڪ مشتاق يوسفي جا ڪتاب ڏٺم، ته چراغ تلي کان وٺي خاڪم بدهن، آبي گم ۽ زرگزشت سڀ رکيا هئا. سنڌي سيڪشن ۾ ابراهيم جويو، تاج جويو، امرجليل، عثمان منگي، منصور ملڪ، آغا سليم جا مڪمل سيٽ ڏسي حيرت ٿي، ته سنڌيءَ ۾ چڱا ڪتاب ڇپيا آهن جيڪي هن کان اڳ مون نه ڏٺا نه ٻڌا هئا.
    هن لائبريري جي انچارج ڊاڪٽر مئڊم راج هنس جيڪا لائبريري سائنس ڊپارٽمينٽ جي پروفيسر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ به آهي، تنهن ٻڌايو ته ممبئي يونيورسٽي 1857ع ۾ فورٽ واري علائقي ۾ قائم ٿي. ڇهه ست سالن کان پوءِ ممبئي جي هڪ مشهور گجراتي سيٺ پريمچند راءِ چند جيڪو “ڪاٽن ڪنگ” يعني ڪپهه جو راجا ۽ سون جو شهنشاهه سڏبو هو، تنهن يونيورسٽي وارن کي هڪ لائبريري قائم ڪرڻ لاءِ ٻه لک رپيا ڏنا. ان وقت جي اها رقم اڄ پنجن ڪروڙ رپين برابر سمجهي وڃي ٿي. ٻن مهينن بعد هن ساڳي سيٺ يونيورسٽي وارن کي ٻه لک رپيا ٻيا به ڏنا ته هن جي ماءُ راجا ٻائيءَ جي ياد ۾ هڪ گهنٽا گهر (Clock Tower) به ٺاهيو وڃي.
    لائبريري ۽ ڪلاڪ ٽاور جو بنياد پهرين مارچ 1869ع تي رکيو ويو ۽ نومبر 1878ع ۾ ٻئي شيون ٺهي تيار ٿيون. هي ٽاور 26 چورس فٽن جي صندل (Porch) مٿان ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي اوچائي 280 فٽ آهي. ان وقت هي ٽاور ممبئي جو اتاهون ٽاور هو. اڄ به اوسي پاسي کان هر لنگهندڙ جو ڌيان ڇڪائي ٿو. لائبريري جي شروعات ڪرڻ لاءِ منجهس ايسٽ انڊيا ڪمپني جا سرڪاري ڪتاب ۽ ڊاڪٽر جان ولسن جي خريد ڪيل لائبريري جا سفر ناما ۽ مذهبي ڪتاب رکيا ويا. هر مهيني پريمچند 400 رپيا ڪتابن جي خريداري ۽ ٻئي خرچ پکي لاءِ ڏيندو هو.
    پريمچند گجرات جي شهر سورت جي هڪ سوداگر راءِ چند ديپچند جو پٽ هو ۽ 1831ع ۾ ڄائو. پاڻ اڃان ننڍو ئي هو ته سندس پيءُ سورت ڇڏي فئملي سان گڏ ممبئي اچي رهيو، جتي پنهنجي پٽ پريمچند کي پڙهايو. اهو رڪارڊ تي آهي ته پريمچند پهريون ديسي دلال (Broker) هو جنهن انگريزي ڳالهائي، پڙهي ۽ لکي ٿي. هي “بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج” جي سرپرستن مان هڪ ٿي گذريو آهي. اڄ ڪلهه ڪراچي جو هڪ سيٺ عقيل ڊيڊي، جيڪو سعودي قونصل وٽ رهي ٿو، رمضان ۽ عيدون وڏي جوش خروش سان ملهائي ٿو. رمضان جو سڄو مهينو سندس گهر جي ٻاهران ميل کن ڊگهي قطار ۾ ويٺل ماڻهن کي افطاري ڪرائي ويندي آهي. قرباني جي عيد تي ٻه هفتا کن اڳ پنجاهه کن آسٽريليا جي ڀلن نسلن جون ڍڳيون ۽ ڍڳا اچي ويندا آهن، جن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهن جا ڪٽڪ اچي گڏ ٿيندا آهن ۽ عيد واري ڏينهن انهن جو گوشت حاصل ڪرڻ لاءِ ميل ڏيڍ جي ڊگهي قطار هوندي آهي ۽ هر هڪ جي زبان تي هن سيٺ جي امير پڻي ۽ سخيپڻي جو ذڪر هوندو آهي، جيڪو گهر جي هر ڀاتيءَ نالي ڏهين هزار واري ٻڪري قربان ڪرڻ بدران ڏهين لکين جو آسٽريلوي ڍڳو قربان ڪندو آهي. بهرحال پريمچند راءِ چند به اوڻهين صدي جو عقيل ڊيڊي هو جنهن جي مئزگائون واري محل کي هر جشن ۽ خوشيءَ جي موقعي تي ڏيئن سان جرڪايو ويو ٿي ۽ خير خيرات حاصل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جا لشڪر اچي گڏ ٿيندا هئا. چون ٿا ته پريمچند جي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو به وقت آيو جو غلط صلاحن ۽ فيصلن ڪري هن جن ڌنڌن ۾ پئسو لڳايو ان ۾ هن کي ايڏو ته نقصان ٿيو جو هڪ ٽڪو به نه بچيس پر پوءِ وري آهستي آهستي ڀاڳ اهڙو پلٽو کاڌس، جو اڳئين کان اڳرو ٿي ويو. ايتري قدر جو هن شخص لاءِ دنيا ۾ مشهور آهي ته هن اسٽاڪ مارڪيٽ جي سَٽن ۾ هڪ دفعي ساڍا يارهن ڪروڙ رپيا لڳايا جيڪي اڄ جي پاڪستاني رپئي موجب 20 ارب رپيا ٿيا. ان جيڪو هڪ وقت ۾ سودو (Single Pay-in) ڪيو، اڄ ڏينهن تائين ڪنهن نه ڪيو آهي.
    چون ٿا ته پريمچند راءِ چند جي ماتا “راجا ٻائي” جنهن جي نالي هن ممبئي يونيورسٽي ۾ “راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور” ٺهرايو، نابين هئي. سندس جين ڌرم سان واسطو هو، جنهن موجب هن کي رات جي ماني (ڊنر) شام جو سج لهڻ کان اڳ کائڻي پوندي هئي. راجا ٻائي گهنٽا گهر ۾ شام جا وڄندڙ گهنڊ ٻڌي، وقت جي ڄاڻ حاصل ڪئي ٿي ۽ ان ڪم لاءِ هن کي ڪنهن کان پڇڻو نٿي پيو. هي ٽاور مشهور انگريزي آرڪيٽيڪٽ سر جارج گلبرٽ اسڪاٽ ڊيزائين ڪيو. هن گهنٽا گهر جي طرز لنڊن جي “بِگ بين” ڪلاڪ ٽاور سان ڪافي ملي ٿي.
    انگريزن جي ڏينهن ۾ هن گهنٽا گهر مان مختلف ساز (Chimes) وڄايا ويا ٿي جهڙوڪ Rule Britannia گاڊ سَيو دي ڪنگ، هوم! سوئيٽ هوم، وغيره. هاڻ پندرنهن پندرنهن منٽن بعد هڪڙو ئي ساز وڄي ٿو. شروع شروع ۾ هر هڪ کي مٿي تائين وڃڻ جي اجازت هئي، جيئن دهليءَ ۾ قطب مينار جي چوٽيءَ تائين ماڻهو هليا ويا ٿي، پر پوءِ جيئن ئي ماڻهن مٿي پهچي خودڪشي ڪرڻ شروع ڪئي ته بندش پئجي وئي. هتي اهو به لکندو هلان ته لنڊن جي ويسٽ منسٽر محل جي اتراهين پاسي لڳل هي گهنٽا گهر (جيڪو اڄڪلهه نظر اچي ٿو) راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور کان 20 سال جهونو آهي، جنهن جي هينئر 150 هين سالگرهه ملهائي وئي. دراصل اصلوڪو بگ بين جنهن جي جاءِ تي هي اڄ وارو ٺاهيو ويو آهي، 1288 ۾ ٺهيو. اهو پراڻو وارو بگ بين 15 آڪٽوبر 1834ع واري باهه ۾ تباهه ٿي ويو هو.
    بهرحال پاڻ ممبئي يونيورسٽي جي لائبريري جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا فورٽ واري ڪئمپس ۾ راجا ٻائي ڪلاڪ ٽاور سان گڏ، ان وقت جي گجراتي سيٺ پريمچند ٺهرائي. جڳهه جي سوڙهه ڪري هن يونيورسٽي جو نئون ڪئمپس 1968ع وديا نگري (ڪالينا) ۾ ٺهرايو ويو ۽ 1971ع ۾ لائبريريءَ جي هيءَ نئين عمارت ٺهرائي وئي، جيڪا جواهر لعل نهرو لائبريري جي نالي سان سڏجي ٿي، جنهن ۾ اڄ 8 لک کن ڪتاب، رسالا ۽ قلمي نسخا رکيل آهن ۽ جن مان هتي جا شاگرد، ماستر، اسڪالر ۽ اسان جهڙا ڌاريان فيض حاصل ڪن ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي يونيورسٽي جي هن لائبريري ۾ نه فقط معياري ڪتاب آهن، پر پڙهندڙن جي مدد ۽ رهنمائيءَ لاءِ تمام قابل اسٽاف رکيل آهي. خاص ڪري گرائونڊ فلور تي انچارج مئڊم چادران (Ms Chadaran) ۽ ميزنين فلور تي ڊيوٽي ڏيندڙ مئڊم پنٽو (Ms Pinto)جو ٿورائتو آهيان، جن مون کي وقت جي کوٽ ڪري گهربل ڪتاب جلدي هٿ ڪري ڏيڻ ۾ منهنجي مدد ڪئي ٿي.


    ممبئي جي يهودي فئملي “ساسون”

    ڪيترا اهڙا ملڪ آهن، جن ۾ ننڍن توڙي وڏن کي مطالعي جو نه شوق آهي ۽ نه عادت. ملائيشيا به اهڙن ملڪن مان هڪ آهي، بلڪ هو. 1970ع ۽ 80ع واري ڏهي تائين ته سکر ۽ خيرپور جيڏي وڏي شهر ملاڪا ۾ نون ۽ پراڻن ڪتابن جو دڪان ئي هڪڙو هو، جيڪو هندو گجراتيءَ 1970ع ۾ کوليو هو. آئون هميشھ پنهنجن ملئي دوستن کي چوندو هوس ته پنهنجن ننڍن ٻارن کي ڪو ڪهاڻين جو ڪتاب وٺي ڏيو ته ننڍي هوندي کان مطالعي جي عادت پوين. پنهنجي نيوي جي اڪيڊمي جي ڪئڊٽن کي ته سختي سان ڪتاب پڙهڻ لاءِ چوندو هوس جو مطالعو اهڙي شيءِ آهي، جو سمنڊ تي ڊگهن سفرن ۾ اڪيلو بور ٿيڻ کان بچائي ٿو. منهنجي خيال ۾ ملائيشيا جي سياڻي حڪومت پڻ جلدي ئي ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڳالهه تي 1990ع واري ڏهي جي شروع کان اهڙو ته زور ڏنو، جو اڄ ڪلهه ملائيشيا ۾ جتي ڪٿي لائبريريون ۽ بڪ شاپ نظر اچن ٿا. پر تڏهن به پڙهڻ جي اڃايل لاءِ جيڪو سُک ممبئي، ڪلڪتي، لاهور، لنڊن، نيويارڪ، واشنگٽن ۽ دهلي جهڙن شهرن ۾ آهي، اهو ڪوالالمپور، سنگاپور ۽ بئنڪاڪ جهڙن شهرن ۾ ڪٿي!
    انگريزن کي لکڻ پڙهڻ ۽ ڪتابن ۽ قلمي نسخن جي حفاظت ڪرڻ جي عادت آهي. هو جتي جتي رهيا اتي جيمخانن، مئخانن ۽ ڪرڪيٽ جي ميدانن سان گڏ هنن لائبريريون پڻ ٺاهيون ۽ ٻين ٺهرائڻ وارن جي به همٿ افزائي ڪئي. ممبئي ته سندن ڳڙهه هو سو اتي ڀلا تعليمي ادارن ۽ لائبريرين جي کوٽ ڪيئن ٿي سگهي ٿي. هتي جا رهاڪو هندو، پارسي، عيسائي، يهودي وغيره پڻ ڪتابن جا شوقين هئا ۽ ممبئي جهڙن شهرن ۾ نه فقط انگريزن پر هنن مڪاني ماڻهن به لائبريريون قائم ڪيون.
    ڪڏهن ڪڏهن دنيا جي خفن ۽ دوستن يارن کان ڀڄي ملائيشيا جي ڪنهن ڏورانهين ڳوٺ ۾ مهنن جا مهنا وڃي رهان ٿو جيئن يڪ ٽڪ ٿي لکڻ پڙهڻ جهڙو شوق پورو ڪري سگهان. ملائيشيا ۾ لکڻ پڙهڻ جو ٻيو سڀ سُک هوندي اهو مشڪل ضرور آهي، ته جڏهن ريفرنس لاءِ ڪنهن ڪتاب جي ضرورت پوي ٿي ته اهو نٿو ملي. ان خيال کان ممبئي ليکڪن لاءِ جنت آهي، جتي لائبريريون ئي لائبريريون آهن، جتي مون جهڙي سنڌي، اردو ۽ انگريزي زبانن جي واقفڪار لاءِ هر قسم جو ڪتاب موجود آهي... پير علي محمد راشدي، لوڪرام ڏوڏيجا، ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ کان پطرس بخاري، جاويد چوڌري ۽ ڪرشن چندر جي ڪتابن تائين، سمر سيٽ ماهم، سولز نٽسن ۽ هيمنگوي کان ٽالسٽاءِ، ڪافڪا، مشيما ۽ پرلمس بَڪِ تائين جا ڪتاب لائبريرين، دڪانن ۽ سيڪنڊ هئنڊ مارڪيٽن مان مليو وڃن. ممبئي ۾ جڏهن ڪو واقفڪار چوي ٿو، ته سائين هڪ دفعو وري ممبئي اچجو، ته بالي ووڊ جا فلم اسٽوڊيو، سامونڊي ڪنارا (Beaches) يا فلاڻي فلاڻي ماڻهوءَ سان توهان کي ملايون ته منهنجي دل ۾ اها ئي خواهش پيدا ٿيندي آهي ته ممبئي هڪ دفعي وري اچان ۽ هفتي ڏيڍ لاءِ نه پر مهيني ٻن لاءِ. پوءِ اهو سمورو وقت فقط ممبئي جي لائبريرين ۾ ويندو رهان ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪمري ۾ بند رکي لکندو رهان. ڇو جو ممبئي جي لائبريرين مون کي بيحد متاثر ڪيو آهي ۽ ڪن لائبريرين جون عمارتون، خاص ڪري ڊئوڊ ساسون لائبريري جي ته اهڙي آڳاٽي ۽ خوبصورت آرٽ ورڪ جي آهي، جو هڪ اڻ پڙهيل جاهل به هن لائبريري وٽ پهچي ٻيو نه ته عمارت کي غور سان ڏسي ٿو ۽ ان اڳيان بيهي فوٽو ڪڍرائي ٿو. جيڪي ڪجهه وقت مون کي ملي سگهيو اهو مون ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري “جواهر لعل نهرو لائبريري” ۾ گذاريو يا وري ڊئوڊ ساسون لائبريري ۾ جيڪا ڏکڻ ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ ايڪسيلسر سئنيما جي ڀرسان مهاتما گانڌي روڊ تي آهي. توهان جو ممبئي ۾ کڻي ٻه ڏينهن اچڻ ٿئي، پر مون کي پڪ آهي ته توهان جو هن علائقي مان ضرور گذر ٿيندو. هي علائقو “ڪالا گهوڙا” به سڏجي ٿو ۽ ممبئي يونيورسٽي جي راج ٻائي گهنٽا گهر وانگر هن لائبريري (ڊئوڊ ساسون لائبريري) جي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جهڙي عمارت توهان جو ڌيان ضرور ڇڪائيندي. هتي ڪجهه سٽون هن لائبريري ۽ لائبريري جي فائونڊر بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو.
    ڊئوڊ ساسون لائبريري ممبئي جي هڪ آڳاٽي لائبريري آهي. جيڪا شروع ته 1847ع کان ٿي پر سندس هيءَ اڄ واري خوبصورت عمارت ٺهڻ جو ڪم 1863ع کان ٿيو، جنهن لاءِ 000، 60 رپيا ممبئي جي يهودي بئنڪر ۽ مخير Philanthropist ڊئوڊ ساسون ڏنا ۽ باقي رقم 65000 انگريز راڄ جي حڪومت بامبي پريزيڊنسيءَ ادا ڪيا. هيءَ بلڊنگ 1870ع ۾ ٺهي راس ٿي، جنهن جا آرڪيٽيڪٽ جي. ڪئمپبيل ۽ جِي. اِي. گوسلنگ وارا هئا، جن ممبئي ۽ لنڊن جون ڪيتريون ئي مشهور عمارتون ڊيزائين ڪيون آهن. پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي، ته هن لائبريري جي ٺهرائڻ ۾ شهر جي عالمن، پڙهيل ڳڙهيلن ۽ پروفيسرن جو نه پر ڊاڪيارڊ جي مسترين ۽ مڪينڪن جو هٿ هو، جن جي شوق کي ڊئوڊ ساسون عملي جامو پهرايو. اهو ٻڌي مون کي سوئيڊن جا ڏينهن ياد آيا، جڏهن آئون اتي جي ڏاکڻي شهر مالمو جي يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس. درياهه جي ٻي پار ڪو پنهگين آهي، جتي اڄ به مالمو جا پاڪستاني توڙي انڊين رهاڪو خريداري لاءِ وڃن ٿا، جو سوئيڊن کان ڊئنمارڪ سستو آهي ۽ ڊئنمارڪ جي هن شهر ڪوپن هيگن ۾ اسان جي تَر جي ملڪن جا ڪيترائي غريب مزدور ۽ پورهيت هوٽلن ۽ ڪارخانن ۾ نوڪري ڪن ٿا.
    هڪ ڏينهن ڪوپن هيگن جي جامع مسجد ۾ مون سان چار پنج پنجاب پاسي جا پورهيت مليا جن ڀر واري ريسٽورنٽ ۾ ٿانو ڌوئڻ ۽ گرم تيل ۾ ڪڪڙيون ترڻ جو ڪم ڪيو ٿي.
    “اسان کي توهان ٽن چئن غريب پر هوشيار شاگردن جي ڳولا ۾ مدد ڪريو، اسان هنن کي هر مهيني پڙهائيءَ جو خرچ ڏيڻ چاهيون ٿا.” هنن چيو.
    مون کي هنن جون ڳالهيون ٻڌي بيحد خوشي ٿي ۽ حيرت ٿي “سائين اسان ته غربت ڪري پڙهي نه سگهياسين ۽ اڄ اسان وطن کان ڏور سخت سرديءَ ۾ پورهيو ڪري رهيا آهيون.” هنن ٻڌايو، “پر اسان سوچيو آهي ته پنهنجي ڪمائيءَ مان ڪجهه بچائي پنهنجي وطن جي ڪجهه غريب ٻارن جو مستقبل ٺاهيون جيئن هو سڀاڻي ٻي جي در تي ڌڪا کائڻ کان بچي وڃن.”
    بهرحال ڊئوڊ ساسون لائبريري جيڪا چند ڪتابن سان شروع ڪئي وئي، اڄ ناياب انگريزي ۽ علائقائي زبانن جي ڪتابن کان دنيا ۾ مشهور آهي. 2006ع ۾ دنيا جي ڪلاسيڪل لائبريرين جي سروي ۾ ممبئي جي هيءَ لائبريري 47 نمبر آئي. هن لائبريري ۾ پراڻي ۾ پراڻا ڪتاب 1798ع جا آهن. ڊئوڊ ساسون لائبريري نه فقط مطالعي جي شوقينن لاءِ ڪشش جو مرڪز آهي پر دنيا کان ايندر ٽوئرسٽن ۽ عمارتسازيءَ جي شوقينن لاءِ پڻ.
    هتي ڪجهه احوال ممبئي جي هن امير بئنڪر ۽ سوداگر ڊئوڊ ساسون جو لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن جي نالي پوني جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان هڪ اهم روڊ ۽ اسپتال پڻ آهي.
    ڊئوڊ ساسون 1792ع ۾ بغداد شهر ۾، بغداد جي هڪ امير واپاري ۽ بغداد جي گورنر جي خزانچي صالح ساسون جي گهر ۾ ڄائو. صالح ساسون بغداد شهر جي يهودي ڪميونٽي جو ليڊر به هو. هيبرو زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن 1818ع ۾ حنا نالي يهودي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار ٿيا. ان بعد حنا جي وفات ٿي وئي ۽ ڊئوڊ فرحا نالي هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڇهه پٽ ۽ ٽي ڌيئون ٿيون. 1830ع ڌاري بغداد جي گورنر دائود پاشا جي يهودين خلاف وڌندڙ خونريزين ڪري ڊئوڊ ساسون بغداد ڇڏيو ۽ سال ڏيڍ ايران (پرشيا) ۾ رهڻ بعد 1832ع ڌاري بمبئي (ممبئي) ۾ اچي Settle ٿيو. ممبئي ۾ هن ٽيڪسٽائيل ۽ بندرگاهه جي ڀر وارين زمينن جي خريداريءَ جو بزنيس ڪيو. ڊئوڊ پاڻ نه انگريزي پڙهيو هو نه آخر تائين ڳالهائي سگهيو. هن مرڻ تائين پنهنجي پوشاڪ ۽ طور طريقا بغدادي يهودين وارا رکيا، پر پنهنجي اولاد کي آزاد ڇڏيائين ته ڀلي انگريزن واريون عادتون ۽ ويس وڳا اپنائين. ايتري قدر جو هن پنهنجي هڪڙي پٽ عبدالله جو به اهو نالو بدلائي البرٽ رکيو ۽ کيس هميشھ لاءِ انگلينڊ رهڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو. اڄ جيڪي به ساسون ذات جا يهودي يورپ ۾ نظر اچن ٿا، انهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي ڊئوڊ ساسون جو اولاد آهن.
    ڊئوڊ ساسون بمبئي ۾ رهندڙ بغدادي، توڙي بني اسرائيل ۽ ڪوچين وارن يهودين جو ليڊر ٿي رهيو. ممبئي جي فورٽ ۽ بائڪلا وارن علائقن ۾ جيڪي يهودين جا عبادت گهر (Synagogue) آهن، اهي هن شخص ڊئوڊ ٺهرايا ۽ هن جي هر وقت اها ڪوشش هئي ته يهودي پنهنجي سڃاڻپ (identity) کي قائم رکن. ممبئي ۾ مٿي ذڪر ڪيل لائبريريءَ کان علاوه هن اسڪول ۽ Mechanics Institute پڻ کوليو. پوني ۾ ڊئوڊ ساسون نالي اسپتال ۽ بيمارن جي لاءِ آرام گهر ٺهرايو. بمبئي جي بندرگاهه جو هڪ حصو جيڪو “ساسون ڊاڪس” سڏجي ٿو اهو ڊئوڊ جي پٽ ٺهرايو. پاڻ 1864ع ۾ پوني ۾ وفات ڪيائين. جتي سندس مقبرو پڻ آهي.
    ڊئوڊ ساسون جي وفات بعد سندس مال ملڪيت جو مالڪ پهرين زال مان وڏو پٽ عبدالله ٿيو جنهن جو بعد ۾ انگريزي نالو البرٽ رکيو ويو. مٿي بيان ڪيل ساسون ڊاڪس هن ٺهرايو. سر البرٽ عبدالله ساسون ۽ سندس ٻيو ڀاءُ الياس ساسون بغداد ۾ ڄاوا، جن ڏينهن ۾ بغداد (عراق) ۾ سلطنت عثمانيه (Ottoman Empire) حڪومت هئي. البرٽ عبدالله ۽ الياس انڊيا مان ئي تعليم حاصل ڪئي. الياس ڪجهه عرصو پنهنجي پيءُ سان گڏ ممبئي ۾ ڪاروبار هلايو، پر پوءِ جيئن ئي هانگ ڪانگ انگريزن جي ور چڙهيو ته هو 1844ع ۾ هانگ ڪانگ هليو ويو ۽ چين ۾ پنهنجو ڪاروبار پکيڙيو. ڇهه ست سالن بعد هو هانگ ڪانگ ڇڏي شنگهائيءَ ۾ وڃي رهيو. الياس 1880ع ۾ ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ وفات ڪئي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته شنگهائيءَ جي مشهور Peace هوٽل جيڪا ڪئٿي هوٽل جي نالي سان ٺهي هئي، اها الياس ساسون جي پوٽي ۽ ايڊورڊ ساسون جي پٽ وڪٽر ساسون ٺهرائي. بهرحال يهودين جي هيءَ ساسون فئملي تمام وڏي بين الاقوامي طور مشهور آهي ۽ هن جا ميمبر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ “بغدادي يهودي” سڏجن ٿا. هنن جو مختلف واپارن ۽ خير جي ڪمن ۾ وڏو نالو آهي. برطانيا جي شهريت هجڻ جي باوجود هو انڊيا جي شهرن ممبئي ۽ پوني سان ناتو نڀائيندا اچن. هنن جي فئملي طرفان ٺهرايل لائبريري، اسپتالون، اسڪول، رستا ۽ ممبئي جو ساسون ڊاڪس ماڻهن جي دلين تي هن يهودي فئملي “ساسون” جو نالو قائم رکندو.


    ماڻهو منهنجي ديس جا

    گذريل مضمون ۾ پاڻ ممبئي جي يهودي فئملي ساسون جي خير جي ڪمن جي ڳالهه ڪئي، جيڪي هنن ممبئي ۾ قائم ڪيا. هن فئملي جي وڏي ڊئوڊ ساسون جيڪو بغداد کان لڏي ممبئي آيو هو، تنهن 1867ع ۾ هڪ اسپتال پوني ۾ پڻ ٺهرائي جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم آهي ۽ هتي جي وڏين اسپتالن مان هڪ آهي، جنهن سان پوني جو B.J ميڊيڪل ڪاليج ۽ نرسز ٽريننگ اسڪول پڻ لاڳو آهي. ٺهڻ وقت هيءَ اسپتال 144 بسترن جي هئي. اڄ اها 1500 بسترن جي آهي ۽ منجهس يتيم ٻارن جي رهائش جو بندوبست پڻ آهي.
    ممبئي جو “ساسون ڊاڪس” ۽ ساسون لائبريري ته بعد ۾ ممبئي پهچي ڏٺم. ان کان اڳ پوني ۾ رهائش دوران پهرين هيءَ اسپتال جيڪا اڄ ڪلهه ساسون جنرل اسپتال سڏجي ٿي نظر آئي. پوني ۾ جتي منهنجي رهائش هئي، يعني ساڌو واسواڻي چوڪ وٽ، اتان پوني جي مرڪزي ريلوي اسٽيشن ايترو پري هئي جيترو ڪراچي جي صدر پوسٽ آفيس کان زينب مارڪيٽ. پوني ريلوي اسٽيشن وٽ ئي ساسون روڊ آهي جنهن تي هيءَ ساسون اسپتال آهي، جنهن تائين جهڙالي موسم ۾ آئون اڪثر واڪ ڪري ويندو هوس.
    انڊيا اچڻ کان اڳ جيڪڏهن سائين جي ايم سيد صاحب جو “جنب گذاريم جن سين” ڪتاب نه پڙهي اچان ها ته شايد هن اسپتال جو ذڪر به نه نڪري ها، پر پوني ۾ ساسون روڊ تان واڪ ڪندي يڪدم سنڌ جو اديب، تاريخدان، سنڌ جي قديم سڀيتا، ڪلچر، روايت ۽ زبان بابت کوجنا ڪندڙ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ياد اچي ويو. جنهن بابت سائين جي ايم سيد جن لکيو آهي ته هندستان جي ورهاڱي بعد ڪاڪو ڀيرومل ڪراچيءَ ۾ رهيل هو. پر گذر جي تنگيءَ ڪري مجبور ٿي نومبر 1949ع ۾ بمبئي لڏي ويو جتي هو ڪجهه عرصو پوني جي ساسون اسپتال ۾ رهڻ بعد 7 جولاءِ 1950ع ۾ گذاري ويو.
    ۽ هاڻ پوني ۾ هن “ساسون جنرل اسپتال” وٽان هر وقت لنگهندي مون کي ڀيرومل مهرچند آڏواڻي جي ياد ٿي آئي، جنهن جا زندگي جي گذريل اڌ صديءَ ۾ مون جهڙن مطالعي جي شوقينن خبر ناهي ڪيترا ڪتاب پڙهيا هوندا. تازو ٻه ٽي سال اڳ ڪاڪي ڀيرومل جي سنڌ جي هندن جي تاريخ جا ٻه جلد جيڪي 1947ع ڌاري ڇپيل هئا، انهن جو گڏيل ڇاپو حيدرآباد جي روشني پبليڪيشن ڇپرايو آهي. اڄ جو نوجوان جيڪو ننڍي هوندي کان انگريزي پڙهي ٿو، اهو هن عظيم انسان جي ادبي خدمتن کان شايد اڻ واقف هجي، جنهن بابت پير علي محمد راشدي صاحب جن پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” ۾ لکيو آهي ته:
    “... ڪاڪو ڀيرومل ڊگهو ۽ هڏن جو پڃرو هو. آبڪاريءَ مان استاديءَ کي پهتو. سنڌي گرامر کي سمهو ئي ويو. درسي ٻاراڻا ڪتاب جيڪي لکين ٻارن پئي پڙهيا، سي سندس لکيل هئا. ٻوليءَ جي مسئلن ۾ سندس راءِ آخري حرف هوندي هئي...”
    ماءُ جي پيار بابت بيت “ڪنهن مون کي ٿي کير پياريو”، لاباري بابت “اِجهو اسوءَ جو مهينو آيو”، ماکيءَ جي مک بابت “وقت چوي مان بادشاهه آهيان” جهڙا ٻارن جي درسي ڪتابن لاءِ جوڙيل بيتن جو شاعر ڪاڪو ڀيرومل سن 1875ع ۾ حيدرآباد ۾ منشي مهرچند آڏواڻي جي گهر ۾ پيد اٿيو. منشي مهرچند سيٽلمينٽ کاتي ۾ هيڊ منشي هو ۽ ڪاڪي ڀيرومل جو ڏاڏو آئل مل اجو مل مختيارڪار هو. ڪاڪو هڪ هنڌ پنهنجي پيءُ مهرچند لاءِ لکي ٿو ته هن جو 40 رپيا پگهار هو. 1888ع ۾ پنشن تي لٿو ته 20 رپيا پگهار ٿيو. سندس انگريز عملدار مسٽر گلبرٽ ڪوپر کيس انعام طور 500 ايڪڙ زمين ڏني ۽ هو زندگيءَ جا باقي ڏينهن پنهنجي سوٽ خداآبادي عامل پئنچائت جي مکي (۽ ديوان نولراءِ ۽ ساڌو هيراند جي ڪاڪي) ديوان خوبچند آڏواڻيءَ سان گڏجي کاٽين جا ٺيڪا کڻندو رهيو.”
    ڪاڪي جي پتا جو چالاڻو 1905ع ۾ ٿيو. ڪاڪي بنياي تعليم ۽ مئٽرڪ حيدرآباد مان ڪئي. 1895ع ۾، ويهن سالن جي ڄمار ۾ سالٽ ۽ ايڪسائيز کاتي ۾ نوڪريءَ ۾ گهڙيو. 1942ع ۾ ايڪسائيز انسپيڪٽر جي عهدي تان پينشن ورتائين. انهن ڏينهن ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽو جنهن بمبئي يونيورسٽي مان M.A ڪئي هئي ۽ ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هو تنهن کي ڊي. جي (ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج ۾ هڪ سئو رپيه پگهار تي سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ڪيو ويو هو. سگهو ئي هو صاحب Ph.D جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ولايت اسهيو ۽ ساڳي سال 1924ع نومبر ۾ سندس جاءِ تي ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻيءَ کي ليڪچرار مقرر ڪيو ويو.
    ڪاڪو ڀيرومل پنهنجين يادگيرين ۾ ان بابت لکي ٿو ته “مون کي پڙهائڻ جو گهڻو شوق هو. سو مون کي جيئن ئي ڊي جي ڪاليج ۾ ليڪچرر جي آفر ٿي ته ايڪسائيز کاتي جي 200 رپين واري نوڪري ڇڏي هڪ سئو رپيا پگهار تي شاگردن کي اچي پڙهايم. بي اي جي شاگردن ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ چاهه پيدا ڪيم ۽ پنهنجو پورهيو سجايو سمجهيم.
    ڪاڪي ڀيرومل 28 سال ايڪسائيز کاتي ۾ ۽ 13 سال ڪاليج ۾ نوڪري ڪئي. انهن ايڪيتاليهه ورهن جي عرصي ۾ هن پنجيتاليهه ڪتاب لکيا. سفرنامي جي حوالي سان پڻ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو هن 1923ع ۾ “سنڌ جو سيلاني” جي عنوان سان لکيو. هن ڪتاب جا پيش لفظ ڄيٺمل پرسرام (1948ع-1885ع) لکيا. سندس هڪ ڪتاب “سوڍن جي صاحبي” جيڪو ٿر بابت آهي 1924ع ۾ ڇپيو هو. سندس هڪ ٻيو ڪتاب “شاهه لطيف جو هنگلاج ڏي سفر ۽ واپس گرنار ۽ ٿر اچڻ” جيڪو 1929ع ۾ “لطيفي سُر” Research work on travels of shah latif جي نالي سان ڇپيو. هن جي پيش لفظ ۾ مرزا قليچ بيگ صاحب لکي ٿو ته وڏي عرصي کان آئون هن قسم جو ڪتاب لکڻ جي جستجو ۾ لڳو رهيس، پر ڀيرومل جنهن محنت ۽ ڄاڻ سان لکيو آهي ان سان آئون هرگز نه لکي سگهان ها.”
    ڀيرومل جا لکيل ڪجهه مشهور ڪتاب هن ريت آهن:
    • سنڌي ٻولي 1925ع.
    • سنڌي ٻولي جي تاريخ 1941ع.
    • قديم سنڌ 1944ع.
    • سنڌ جي هندن جي تاريخ ٻه حصا 1946.
    ڪاڪي ڀيرومل ڪيترائي ٻارن لاءِ شعرن ۽ ڪهاڻين جا پڻ ڪتاب لکيا آهن. سندس تخلص “غريب” هو.
    • گلزارِ نظم (ٻارن جي شاعريءَ جو ڪتاب) 1909ع.
    • موهني ٻائي (ناول 1910ع.
    • آنندا سندريڪا 1901ع.
    • گولن جا گولا 1928.
    • پنگتي مقدمو (ڊرامو)
    • بزازن جو ناٽڪ.
    بزازن جو ناٽڪ هڪ مزاحيه ڊرامو آهي، جنهن ۾ ڪاڪي ڀيرومل ڏيکاريو آهي، ته ڪيئن ڪپڙو وڪڻڻ وارا گهوريئڙا در در تي وڃي، چالاڪيءَ سان مٺي زبان استعمال ڪري عورتن کي ڀنڀلائين ٿا ۽ کين ڪپڙو وٺڻ تي مجبور ڪن ٿا.
    بهرحال پوني ۾ رهائش دوران واڪ ڪندي يا رڪشا ۾ ڪيڏانهن نڪرڻ مهل ساسون اسپتال وٽان هڪ ٻه دفعو ضرور گذر ٿيندو هو ۽ ڪاڪي ڀيرومل جي ياد اچڻ ڪري هن تي هتي ڪجهه لکيو اٿم. جيئن ممبئي جي هيمون ڪالاڻي مارگ وٽان لنگهندي هيمون بابت لکي چڪو آهيان. هيمون سکر سنڌ جو ويهن سالن جو نوجوان ڇوڪرو هو. تازو مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو هئائين. هن ننڍي کنڊ کي انگريزن جي ڄار مان آزاد ڏسڻ چاهيو ٿي. هن انگريزن خلاف بغاوت ڪئي، کيس ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي. ان وقت جي اهم سياستدانن جمشيد مهتا، ساڌو ٿانور داس واسواڻي، پيرزادو عبدالستار، سوامي هرنامداس ۽ ويرومل بيگراج جهڙن هيمون ڪالاڻيءَ کي گهڻو ئي سمجهايو، ته هو رحم جي اپيل تي صحيح ڪري پر هن موت کي ترجيح ڏني.
    هيمون ڪالاڻيءَ لاءِ پير علي محمد راشديءَ پنهنجي ڪتاب “اهي ڏينهن اهي شينهن” جي پهرين جلد ۾ لکي ٿو، ته ملڪ جي آزاديءَ خاطر جن پروانن شمعِ وطن اڳيان پنهنجين ڳچين جا ڳٽ نذر ڪيا، تن مان هڪ هيمون ڪالاڻي به هو. کيس جڏهن ڦاسيءَ جي سزا ملي ته مٽن مائٽن سندس پاران گهڻيون ئي رحم جون درخواستون ڪيون پر هيمون پاڻ ڪنهن تي صحيح نه ڪئي. ملٽري ڪمانڊر پنهنجا عملدار موڪلي اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته هيمونءَ کي پنهنجي ڪئي تي شرمندگي محسوس ٿي آهي يا نه، جيئن هو مٿانئس ڦاسي جي سزا معاف ڪري. پر هيمونءَ کي موت کان ڪا ڪنبڻي محسوس نه ٿي. هن چيو: “جيئرو رهيس ته وري به اهڙا ڪم ڪندس! ۽ اوستائين جاري رکيو ايندس، جيستائين انگريزن جي حڪومت هندستان مان ختم ٿي نه وڃي!” انگريزن ڪيترا مهينا ڦاسي روڪي رکي ته من ڇوڪرو پڇتائي پر هيمونءَ لاءِ پريشاني ۽ پشيماني ناممڪن ڳالهه هئي. آخر تنگ ٿي، تختي تي چاڙهيائونس. رسيءَ کي چمي ڏنائين ۽ کلندي ساهه سائينءَ جي سپرد ڪري ڇڏيائين...”
    ممبئي ۾ آخري ڏينهن تي چمبر علائقي مان لنگهندي “امر شهيد هيمون ڪالاڻي ميموريل بلڊنگ” نالي هڪ ڇهه ماڙ بلڊنگ نظر آئي ۽ مون کي سنڌي جي شاعر نند جويري کان خبر پئي ته هيمون ڪالاڻي جي فئملي (ٻه ڀائر ۽ ڀيڻ جو اولاد) پڻ اتي رهي ٿي. افسوس جو مون کي وقت نه هو پر مون فون تي هيمونءَ جي ڀاءُ ٽيڪچند ۽ سندس زال ڪملا سان ٻه ٽي دفعا ڳالهايو ۽ سندس حال احوال ورتو. سکر ۾ رهندڙ پيسومل ڪالاڻي ۽ سندس زال ڄيٺي ٻائيءَ کي ٽي پٽ: هيمون، ٽيڪچند ۽ پوڪرداس هئا ۽ هڪ ڌيءَ هرديوي هئي. پوڪر به سگهو ئي گذاري ويو ۽ کيس ڪو اولاد نه ٿيو. هرديويءَ جي ميلواڻيءَ سان شادي ٿي. پاڻ زال مڙس لاڏاڻو ڪري چڪا آهن، پر کين چار پٽ ۽ ٽي ڌيون آهن جيڪي انڊيا جي مختلف شهرن ۾ رهن ٿا. سو هيمونءَ جي ڀائر ڀينرن مان هن وقت فقط ٽيڪچند ۽ سندس زال ڪملا جيئري آهي ۽ بمبئي جي علائقي چمبر ۾ پنهنجن ٻن پٽن سريش ۽ نريش سان گڏ رهن ٿا. کين هڪ ڌيءَ ڪويتا آهي، جنهن جي شادي ڊاڪٽر گرمک ڪوٽواڻيءَ سان ٿي آهي. ڊاڪٽر گرمک ممبئي جو مشهور چائلڊ اسپيشلسٽ آهي. سريش B.com ڪرڻ بعد عمارتسازيءَ (Builder) جو ڪم ڪري ٿو، سندس زال جو نالو الڪا پرياڻي آهي. نريش کي پلاسٽڪ شيٽون ٺاهڻ جو ڪارخانو آهي ۽ سندس زال جو نالو سنگيتا آهي.
    هيمون جو ڀاءُ ٽيڪچند هن وقت 76 ورهين جو آهي ۽ سندس زال ڪملا 71 سالن جي آهي. کين چمبر ۾ سرڪار طرفان جيڪو پلاٽ مليو، ان تي ٺهرايل هن ڇهه ماڙ عمارت ۾ هيمون ڪالاڻي جونيئر ڪاليج کان علاوه شريمتي جمنا ٻائي واڌوا ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ۽ ڪوٺاري ڪاليج آف مئنيجمينٽ آهي. هنن سڀني ڪاليجن ۾ فقط ڇوڪريون پڙهن ٿيون. هيمون ڪالاڻيءَ جي ڀاڄائيءَ ٻڌايو، ته ڪوٺاري هڪ گجراتي سخي مرد آهي، جنهن ڪاليج ٺهرائڻ لاءِ 60 لک رپيا ڏنا، ان ڪري هن ڪاليج تي سندس نالو رکيو ويو آهي. اهڙي طرح جمنا ٻائيءَ جي اولاد ڪاليج آف ٽيڪنالاجي ٺهرائڻ ۾ مدد ڪئي، ان ڪري اهو ڪاليج سندس ماءُ جي نالي منسوب ڪيو ويو آهي. ممبئي ويندڙ لاءِ هيمون ڪالاڻي جي مائٽن سان ملڻ لاءِ هن بلڊنگ تائين پهچڻ جو سولو طريقو اهو ئي آهي، ته هو بس يا آٽو رڪشا ۾ چمبر هليو وڃي، جتي انلئڪ (Inlaks) اسپتال پڇرائي جنهن جي سامهون هيءَ ٽن ڪاليجن واري عمارت “هيمون ڪالاڻي ميموريل بلڊنگ” آهي، جنهن جو فون نمبر 25531696 (22-0091) آهي. هي علائقو سنڌي ڪالوني به سڏجي ٿو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته 21 جنوري 1943ع تي هيمونءَ کي سکر جي جيل ۾ ڦاهي اچڻ بعد 26 جنوري تي جواهر لعل نهروءَ هيٺين لفظن ۾ هيمونءَ کي خراج تحسين پيش ڪئي هئي:
    “My mind traveled to sindh where a few days ago a young boy Hemo aged 20 was send to scaffold by a martial law court for the offence of tampering or attempting to tamper with railway lines. This execution struck me as something which will have far reaching consequences all over India, especially among the youth. The blood of Hemu and others will long stand witness.”
    ٻن سالن بعد، سن 1945ع ۾ جڏهن نهرو ڪراچي آيو، ته هو هيمون ڪالاڻيءَ جي گهر سکر ويو ۽ هن جي ماءُ سان ملي خراجِ عقيدت پيش ڪيو.
    هتي اهو به لکندو هلان ته دهلي جي پارليامينٽ هائوس ۾ ڊپٽي اسپيڪر جي آفيس اڳيان هيمون ڪالاڻيءَ جو پتلو (Statue) رکيل آهي. ۽ هيمونءَ جي ياد ۾ چمبر ۾ به هڪ رستي جو نالو “هيمون مارگ” آهي. اندور شهر ۾ هڪ چونڪ جو نالو هيمون چوڪ آهي ۽ اتي پڻ هيمون جو پتلو رکيل آهي. ممبئي جي ڀر واري شهر الهاس نگر (جنهن کي سنڌونگر به سڏين ٿا) جي هڪ چوڪ وٽ پڻ هيمونءَ جو پتلو (Statue) رکيل آهي. راجستان رياست جي هڪ شهر جوڌپور جي هڪ چوڪ جو نالو پڻ هيمون چوڪ آهي، جنهن جي وچ تي هيمونءَ جو پتلو رکيل آهي. راجستان جي هڪ ٻي شهر اجمير جي ڊگي بازار چوڪ وٽ پڻ هيمونءَ جو پتلو رکيل آهي ۽ اجمير جي لاکان ڪوٺڙي علائقي جي هڪ محلي جو نالو هيمون ڪالاڻي محلو آهي. دهلي جي لجپت نگر علائقي ۾ هڪ سينئر سيڪنڊري اسڪول آهي، جنهن جو نالو شهيد هيمون ڪالاڻي سروودايا بال وديالا آهي.


    يهودي... اسان جا سوٽ ماسات!

    پنهنجي وطن جي ماڻهن سان جڏهن اها ڳالهه ڪجي ٿي، ته ممبئي جو مشهور’ساسون ڊاڪس‘، يا ساسون لائبريري وغيره يهودي مخير (Philanthropists) ٺهرائي ته هنن کي تعجب لڳي ٿو ۽ هو اهو ئي پڇن ٿا ته ڇا انڊيا ۾ يهودي رهن ٿا؟ ڳالهه اها آهي ته صدين کان يهودي نه فقط انڊيا جي شهرن ممبئي، پوني، ڪوچين، ڪلڪتي وغيره ۾ رهن ٿا، پر انهن شهرن ۾ به جيڪي اڄ پاڪستان ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، پشاور وغيره. اڄ به ڪراچيءَ ۽ پشاور ۾ نه فقط يهودي رهن ٿا، پر هنن جو عبادت گهر پڻ آهي، جنهن کي صومعھ يا ڪنيسھ (Synagogye) سڏجي ٿو. ڪراچيءَ وارو Magen Shalome سناگاگ 1980ع ۾ ساڙيو ويو، جنهن جي جاءِ تي اڄ شاپنگ پلازا آهي. پر پشاور ۾ يهودين جا ٻه سناگاگ پراڻي حالت ۾ موجود آهن. 1881ع واري آدمشماري مطابق سنڌ ۾ 153 يهودي رهيا ٿي، 1919ع ۾ هنن جو تعداد 650 هو. 1947ع کان اڳ سنڌ ۾ يهودين جي آدمشماري 2500 هئي، جيڪي ڪراچيءَ ۾ رهيا ٿي. جاني جوزف نالي هڪ ڪراچيءَ جو يهودي انجنيئر، اسان جي جهازران ڪمپني ’نئشنل شپنگ ڪارپوريشن‘ ۾ پڻ هو، جنهن پوءِ 1979ع ڌاري جهاز جي نوڪري ڇڏي ڪراچيءَ ۾ ڪئپري سئنيما وٽ بيٽرين جو دڪان کوليو. هڪ ٻيو يهودي بينجمن نالي ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو مڪينيڪل انجنيئر ٿي گذريو آهي. ڪنهن مون کي ٻڌايو ته اهي پوءِ 1981ع ڌاري اسرائيل جي شهر راملا لڏي ويا. اسرائيل ۽ فلسطين جي لڙائين کان پوءِ پاڪستان جهڙن مسلمانن ملڪن جو اسرائيل سان ناراضپو ۽ بائيڪاٽ ٿيڻ ڪري عام ماڻهوءَ جي يهودين سان نفرت ٿي پئي آهي، جيتوڻيڪ يهودين سان اها نفرت هنن جي يهودي هجڻ ڪري نه، پر Zionist (صيهوني) هجڻ ڪري آهي، جيڪي مسلمانن جي ڌرتي تي قبضو ڪرڻ کي پنهنجو حق ٿا سمجهن.
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته يهودين تي عام ماڻهن (مسلمانن توڙي عيسائين يا ٻين) جي هميشھ ڪجهه ڪجهه ڪاوڙ رهي ٿي، پر اها ان ڪري آهي جو يهودي چينين، پارسين ۽ هندو سنڌين وانگر بزنيس ۾ تيز آهن ۽ ڪجهه ڪجهه ڪنجوس آهن. ان ڪري اسين مسلمان يا ٻين مذهبن يا قومن جا خرچائو ۽ هٿ ڦاڙ ماڻهو يهودين کي امير ٿيندو ڏسي خارون کائون ٿا، جيئن ملئي مسلمان چينين تي چڙ ڪن ٿا يا سنڌي مسلمان سنڌي هندن تي ڪاوڙ ڪن ٿا ۽ کين نفرت مان واڻيو چون ٿا، جيتوڻيڪ “واڻيو” لفظ ڪا گار ناهي پر هو ان کي ڪنجوس ۽ پئسو ڪمائيندڙ جي خيال کان سڏين ٿا. هونءَ ته ڏٺو وڃي ته اسان سنڌي مسلمانن جي ولايت ۾ يهودين ۽ سنڌي هندن سان وڌيڪ ويجهڙائپ رهي ٿي. جو يهودين کان جيڪو ڪوشر گوشت ملي ٿو، ان کي حلال قرار ڏيون ٿا ۽ هندو سنڌين جي ثقافت، تهذيب، زبان ۽ کاڌا پيتا ۽ ويس وڳا ساڳيا هجڻ ڪري اسان هنن سان وڌيڪ قربت محسوس ڪريون ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته هاڻ يورپ توڙي آمريڪا ۾ مسلمانن جو تعداد وڌڻ ڪري مسلمان ڪاسائي ۽ حلال گوشت جا دڪان کلي ويا آهن ۽ اسان جي هم وطن مسلمانن کي يهودين وٽ وڃڻو نٿو پوي بلڪه هاڻ اهو به چيو وڃي ٿو ته “ڪوشر” گوشت حلال ناهي، نه ته 1980ع تائين اسان جا پاڪستاني توڙي عرب ڀائر نيويارڪ، راٽرڊم، مالمو، اسٽا ڪهوم، اوسلو، ائنٽورپ جهڙن شهرن ۾ يهودين جي دڪانن تان ڪوشر گوشت وٺندا هئا. هڪڙي ڳالهه حق جي ڪبي ته يهودي، چيني، پارسي توڙي سنڌي هندو جي بزنيس ۾ پئسو ڪمائي ٿو ته هو محنت به سخت ڪري ٿو. هن پرديس جا ڌڪابه خوب کاڌا آهن ۽ سندن ان پلس پئانٽ جي دنيا واکاڻ ڪري ٿي ته هي خير خيرات به خوب ڪري ٿو. هي انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ته اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، لائبرريون، مسافر خانا ٺهرائين ٿا، پر وهٽن جي سک جو به خيال ڪن ٿا. ان جا مثال هند سنڌ توڙي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نظر اچن ٿا ۽ نموني خاطر آئون پنهنجن سفر نامن ۾ به ذڪر ڪندو اچان.
    هتي پاڻ انڊيا (يا کڻي چئجي ته ننڍي کنڊ) ۾ يهودين جي موجودگي جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا منهنجي پنهنجي معلومات ۽ مطالعي جي آڌار تي آهي ۽ سنڌي جي نوجوان انجنيئر دانش گهانگهرو سان خبر چار ڪرڻ تي پئي آهي، جيڪو صاحب ڪجهه عرصي کان سنڌ ۾ رهندڙ يهودين بابت هڪ ريسرچ پيپر لکي رهيو آهي.
    انڊيا ۾ اڄ ڪلهه جيڪي يهودي رهن ٿا، انهن جو اڌ ته سمجهو ته منيپور ۽ ميزورام رياستن ۾ رهن ٿا. هندستان جون هي رياستون بنگلاديش جي ڀرسان آهن. يهودين جو چوٿون حصو ممبئي ۾ رهي ٿو، باقي چوٿون حصو گوا، ڪوچين، دهلي، ڪلڪتي، الهه آباد ۽ ٻين شهرن ۾ رهي ٿو. انڊيا ۾ جيڪي يهودي رهن ٿا، انهن کي پنجن خانن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪڙا ته بيحد آڳاٽا آهن، جيڪي ڪوچين وارا يهودي سڏجن ٿا. هنن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هو حضرت عيسيٰ کان به اڳ (اٽڪل اڍائي هزار سال اڳ) جڏهن ايران تي سائرس ۽ دارا جي حڪومت هئي، ته هندستان جي ڪيرالا رياست جي بندرگاهه ڪوچين ۾ اچي رهائش پذير ٿيا. هنن جو واپار وڙي سان تعلق هو.
    انڊيا ۾ رهندڙ ڪجهه يهودي “بني اسرائيل” سڏجن ٿا، جن پڻ گهڻو اڳ، اٽڪل 2100 سال اڳ انڊيا جي رياست مهاراشٽرا ۾ اچي گهر ٻار بڻايو. انهن لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اهي هلي ملي انڊيا نه آيا هئا، پر مالابار جي ڪناري وٽ هڪ جهاز جي غرق ٿيڻ تي ان ۾ موجود ست کن ڪٽنب ڪاٺ جي تختن ذريعي ڀٽڪي ڀٽڪي ممبئي جي ڏکڻ واري شهر علي باغ جي ڀر واري ڳوٺ نوگائون ۾ اچي نڪتا. هنن يهودين کي مڪاني ماڻهو “شنيوار تيلي” (ڇنڇر وارا چاڪي) به سڏين ٿا. هنن جا ڪجهه عبادت گهر ممبئي، علي باغ، پوني ۽ الهه آباد ۾ اڄ به موجود آهن، جيتوڻيڪ بني اسرائيل يهودين جي آدمشماري تمام گهٽجي چڪي آهي، جو 1950ع ۽ 60ع جي وچ۾ هنن جا ڪيترا ماڻهو اسرائيل لڏي ويا.
    ممبئي ۾ سڀ کان گهڻو مشهور بغدادي يهودي آهن، جن ۾ نه فقط ساسون فئملي وارا عراق جا يهودي اچي وڃن ٿا، پر اهي يهودي پڻ جيڪي ايران، افغانستان، شام ۽ يمن کان انڊيا لڏي آيا. هي يهودي 250 سال کن اڳ انڊيا ڪاروبار ڪيو ۽ خوب پئسو ڪمايو. ساسون فئملي وارا، جن جي نالي پوني ۾ اسپتال ۽ ممبئي ۾ لائبريري ۽ ڊاڪس وغيره آهي بغدادي يهودي آهن. هنن يهودين جي ڪلڪتي ۾ به وڏي ڪميونٽي آهي. واپار وڙي کان علاوه هنن يهودين سرڪاري نوڪرين ۽ فوج ۾ به ڪم ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل جئڪب پڻ بغدادي يهودي هو، جيڪو گوا جو ۽ ان بعد پنجاب جو به گورنر ٿيو.
    هندستان جي رياستن ميزورام ۽ منيپور ۾ جيڪي يهودي رهن ٿا اهي “بيني مناشي” سڏجن ٿا ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ تمام غريب آهن. هو هر وقت اسرائيل لڏي وڃڻ ۽ خوشحال زندگي گذارڻ جا خواب ڏسندا رهن ٿا، پر اسرائيل به ڪجهه کي ڪڏهن ڪڏهن گهرايو وٺي باقي ٻيا جلسا، جلوس ڪندا رهن ٿا ته اسرائيل کين قبول ڪري. اهڙي طرح يهودين جو هڪ مختصر گروپ جيڪو آنڌرا پرديش ۾ رهي ٿو ۽ تيلگو زبان ڳالهائي ٿو، بني افراهيم سڏجي ٿو. بهرحال 1948ع کان وٺي جڏهن کان اسرائيل جي رياست وجود ۾ آئي آهي، انڊيا ۾ رهندڙ يهودين جو وڏو حصو هميشھ لاءِ اسرائيل لڏي ويو آهي. اڄ به انڊيا ۾ چڱا خاصا يهودي رهن ٿا ۽ ڪيترا ته بزنيس کان علاوه ٻين ڳالهين ۾ به ناليوارا آهن. اسان واشنگٽن پوسٽ، دي نيويارڪ ٽائمز ۽ دي انڊين ايڪسپريس ۾ سعديه شيفرڊ جا مضمون ۽ ڪالم پڙهون ٿا، جيڪا انڊيا جي يهودي عورت آهي. سندس گذريل سال پينگئن پريس طرفان “دي گرل فرام فارين” ڪتاب پڻ ڇپيو آهي.
    انڊين شاعر، ڊراما نويس ۽ ايڊيٽر نسيم ايزيڪل (Nissim Ezekiel) يهودي هو جيڪو 1924ع ۾ ڄائو ۽ 2004ع ۾ وفات ڪيائين. کيس 1983ع ۾ سندس شاعري جي ڪتاب Latter-Day Psalms تي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ مليو هو. پاڻ ممبئي ۾ ڄائو هو، جتي سندس پيءُ ولسن ڪاليج ۾ باٽني جو پروفيسر هو ۽ ماءُ سندن اسڪول جي پرنسپال هئي. نسيم ممبئي يونيورسٽي مان M.A ڪرڻ بعد مٺي ٻائي ڪاليج ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿيو. کيس مهاراشٽرا صوبي جي مراٺي زبان به آئي ٿي. هن ڪيترائي مراٺي شاعري جا ڪتاب انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس هڪ غزل The Night of Scorpion نه فقط انڊيا جي پر برطانيا جي اسڪولن ۾ به پڙهايو وڃي ٿو.
    انڊيا جي فلم ائڪٽريس فيروزه بيگم جيڪا سوسن سولومن به سڏجي ٿي، جو تعلق انڊيا جي بني اسرائيلي يهودين سان آهي.
    پڙهندڙن کي تعجب لڳندو ته انڊيا جي هڪ پراڻي ۽ مشهور فلم ائڪٽريس نادره جنهن شري 420 (1955ع)، پاڪيزه (1972ع) ۽ جولي (1975ع) جهڙين فلمن ۾ ڪم ڪيو، يهودي هئي ۽ سندس انڊيا جي بغدادي يهودي فئملي ۾ 1932ع ۾ جنم ٿيو. سندس پورو نالو فرحت ايزيڪل نادره آهي. نادره 1952ع جي فلم آن مان چڙهي. دل اپنا پريت پرائي، هنستي زخم ۽ امر اڪبر ائنٿوني جهڙين فلمن ۾ هن جا اهم رول هئا. فلمي دنيا مان نادره خوب پئسو ڪمايو. چون ٿا ته نادره پهرين انڊين فلمي ائڪٽريس هئي جيڪا رولس رائس ڪار جي مالڪ بڻي.
    نادره ٻه شاديون ڪيون، سندس پهرين شادي اردو جي شاعر ۽ فلم پروڊيوسر نقشب سان ٿي جيڪا ڪجهه سالن بعد جدائيءَ ۾ ختم ٿي ۽ ٻي شادي ته ڪا هفتو به مس هلي. زندگيءَ جا باقي ڏينهن هن ممبئي جي هڪ فليٽ ۾ اڪيلائيءَ ۾ گذاريا. 2006ع ۾ نادره 73 سالن جي ڄمار ۾ ممبئي جي ٽارڊيو واري علائقي جي ڀاٽيا اسپتال ۾ وفات ڪئي. پوين ۾ سندس فقط ٻه ڀائر آهن جن مان هڪ آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ ٻيو اسرائيل ۾.
    آخر ۾ هتي اهو لکندو هلان ته پاڪستان ۾ جيڪي ٿورا گهڻا هاڻ يهودي رهن ٿا، اهي ڪراچي ۽ پشاور ۾ آهن، جن جو واسطو بني اسرائيل يهودين ۽ بغدادي يهودين سان آهي. ڪجهه بخاران يهودي به سڏجن ٿا، جيڪي پشاور ۽ افغانستان ۾ رهن ٿا. پاڪستان ۾ هنن جون جيڪي خاص انجمون آهن، هن ريت آهن:
    • Young Man’s Jewish Associaton: هيءَ 1903ع ۾ ٺهي هئي، جنهن جو مقصد ڪراچيءَ ۾ رهندڙ بني اسرائيل يهودين جي نوجوانن ۾ راندين، مذهب ۽ سماجي ڪم ڪارين لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ رهيو.
    • ڪراچي بني اسرائيل رليف فنڊ: هن ائسوسيئيشن جو ڪم ڪراچي ۾ رهندڙ غريب بني اسرائيل يهودين جي مدد ڪرڻ هو.
    • ڪراچي جيوئش سنڊيڪيٽ: هيءَ ائسوسيئيشن 1981ع ۾ ٺهي جنهن جو ڪم غريب يهودين کي سستي مسواڙ تي گهر مهيا ڪرڻ هو.
    يهودين جو ڪراچي وارو (رنڇوڙ لائين وارو) سناگاگ “مگين شلومي” (Magain Shalome) جيڪو 1980ع ۾ ڊاٺو ويو، اڄ کان سوا سئو کن سال اڳ 1893ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي جي سرويئر سولومن ڊئوڊ ۽ هن جي زال شيئولا ٻائي ٺهرايو. 1956ع ۽ 1967ع جي عرب اسرائيلي جنگين بعد ڪيترائي ڪراچيءَ جا يهودي اسرائيل لڏي ويا. اڄ به ڪراچيءَ ۾ هنن جي هڪڙي ننڍڙي ڪميونٽي رهي ٿي. باقي ٻيا اسرائيل جي شهر راملا ۾ رهن ٿا، جتي هنن ڪراچي جي ساڳي نالي وارو سناگاگ ٺهرايو آهي.
    ڏٺو وڃي ته مسلمانن کي يهودين سان سندن مذهب ڪري نه پر سندس صيهونيت (Zionist) هجڻ ڪري نفرت آهي، جو هو عرب ڌرتي تي قبضو ڪري مسلمانن کي بي گهر بڻائين ٿا. مون کي ياد آهي ته 1989ع ۾ جڏهن ياسر عرفات ملائيشيا جي شهر ملاڪا ۾ آيو هو، جتي جي نيول اڪيڊمي ۾ آئون مئرين انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هوس. گورنر جي ڊنر واري دعوت ۾ ملاڪا جو گورنر احمد شهاب دين، وزيراعليٰ عبدالرحيم تامبي چڪ، اڄ وارو وزيراعليٰ رستم ۽ ٻيا ڪيترا سرڪاري ڪامورا ۽ معزز شهري موجود هئا. ڳالهين دوران ڪنهن يهودين لاءِ گهٽ وڌ لفظ استعمال ڪيا، ته ياسر عرفات يڪدم چيو ته نه اهڙي ڳالهه ناهي. اسان جو يهودين سان فقط سياسي جهيڙو آهي. هو اڄ به اسان جون زمينون واپس ڪن، ته هو اسان جا Cousins (سوٽ ماسات) آهن.
    مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب ڪجهه اهڙي ئي قسم جي ڳالهه ڪئي هئي، جڏهن هو ملڪ جو وزيراعظم هو. 1974ع واري “سيڪنڊ اسلامڪ سمٽ” ۾ يهودين بابت ڀٽي صاحب تقرير ۾ چيو:
    “To Jews as Jews we bear no malice, to jews as Zionists, intoxicated with their militarism and reeking with technological arrogance, we refuse to be hospitable.


    ممبئي يونيورسٽي جو ماحول...

    ممبئي يونيورسٽي جي جنهن گيسٽ هائوس (WRIC) ۾ منهنجي رهائش هئي، اهو ممبئي يونيورسٽي (ڪالينا ڪئمپس) جي بلڪل منهن وٽ آهي. يونيورسٽي جي گيٽ وٽ سيڪيورٽي چيڪ پوسٽ مان نڪرڻ سان جيڪي پهريون عمارتون اچن ٿيون، انهن مان هي گيسٽ هائوس به هڪ آهي. ان بعد يونيورسٽي جي ڪئنٽين، آرٽس ڊپارٽمينٽ ۽ ٻيا ڊپارٽمينٽ ۽ جواهر لعل نهرو لائبريري وغيره شروع ٿين ٿا. ائين ته ڪراچي يونيورسٽي توڙي سنڌ يونيورسٽي اهم روڊن تي آهن، پر ممبئي شهر ايترو ته وڌي ويو آهي ۽ ايترو ته ڳتيل آهي، جو ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ جي ٻاهران ساڄي توڙي کاٻي ۽ روڊ جي ٻئي پاسي ميل سوا تائين دڪان، هوٽلون ۽ گهر آهن ۽ ممبئي يونيورسٽي جيڪا اندر پکيڙ ۾ کڻي اسان جي مٿين يونيورسٽي وانگر کليل کليل آهي، پر گيٽ وٽ ائين لڳي ٿو، ڄڻ ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ جي در وٽ ماڻهو بيٺو آهي يا سنڌ يونيورسٽي جي پراڻي گاڏي کاتي واري ڪئمپس وٽ جتي چوڌاري دڪان، بسون ۽ ٽئڪسيون آهن. يونيورسٽي ۾ ڪيترائي ڪورسز شام جو پڻ ٿين ٿا، سو رات جو دير تائين يونيورسٽي جي ٻاهر توڙي اندر رونق لڳي رهي ٿي. پهرين ڏينهن مون کي به عجيب لڳو ۽ پوءِ سوچڻ لڳس ته ڇو اسان جون سنڌ، شاهه لطيف توڙي ڪراچي يونيورسٽيون هن ممبئي يونيورسٽي جي مقابلي ۾ سنسان آهن. ان جو هڪڙو سبب اهو ئي مٿيون آهي ته هتي شام جو به ذري گهٽ اوترائي ڪورس ٿين ٿا جيترو صبح جو. ٻيو ته ممبئي يونيورسٽي جي چوڌاري شهر هجڻ ڪري اچڻ وڃڻ لاءِ هر وقت هر قسم جي سواري موجود آهي. يونيورسٽي جي مين گيٽ جي ٻنهي پاسن کان ۽ سامهون بسين جا اسٽاپ آهن جيڪي شهر جي مختلف هنڌن تي وڃن ٿيون. ڀر ۾ ڪرلا ۽ سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشنون آهن. ان کان علاوه رڪشائون ۽ ٽئڪسيون به جام نظر اچن ٿيون. چوڌاري رهائشي علائقا هجڻ ڪري ڪيترائي شاگرد ويندي شاگردياڻيون پنهنجي سائيڪل يا موٽرسائيڪل تي اچن وڃن ٿيون. يونيورسٽي اندر ٻه کن وڏين ڪئنٽينن کان علاوه يونيورسٽي جي گيٽ وٽ ڪيتريون ئي ريسٽورنٽون آهن. ان کان علاوه ڇولا، دال روٽي، دال ڀت، آلو پراٺا، ڪواب، بن ڪواب ۽ ان قسم جون گرما گرم شيون ٺاهي وڪڻڻ وارا خومچي وارا جام نظر اچن ٿا.
    ٻي ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي ته هتي جي شاگردن کي پڙهڻ جو به شوق گهڻو آهي. لائبريري ۾ جڏهن به آئون گهڙيس ٿي ته ڀريل نظر آئي ٿي. رستي تي رکيل بينچن تي، وڻن هيٺان ۽ يونيورسٽي جي اندر ٺهيل ٻن ٽن بس اسٽاپن تي شاگردن کي پڙهندي ۽ هڪ ٻئي سان ڊسڪس ڪندي ڏٺم. ان کان علاوه وقت جي پابندي تي به عمل ڪيو وڃي ٿو. صبح ساڻ شاگرد توڙي پروفيسر يونيورسٽي ۾ پهچيو وڃن. منهنجي خيال ۾ ليڪچرار ته ٺهيو اڌ کن پروفيسر به وڏي عمر ۽ وڏي عهدي جي باوجود بسين ۾ اچن ٿا ۽ يونيورسٽي جي گيٽ وٽ لهي پيرين پنڌ اچن ٿا. هو شاگردن سان گڏ يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ سادي ماني کائين ٿا. سادي ان ڪري چوان ٿو، جو هتي گوشت ۽ مڇيءَ جو واهپو ته نه برابر آهي، جيڪي شيون مهانگيون ٿين ٿيون، جيڪي پاڻ سان لنچ باڪس آڻين ٿا انهن ۾ به سادي ماني ٿئي ٿي. اسان وٽ وڏا ته وڏا ننڍن کي به کائڻ پيئڻ جو شوقين بنايو وڃي ٿو. اسان وٽ هڪ مرغي گوشت جي ڪمپني آهي، جيڪا چڪن جا ڪواب، نگيٽ (ٻوٽيون) ۽ ڪروڪيٽ (قيمي ۽ پنير جون ٽڪيون) ٺاهي وڪڻي ٿي. ٽي وي ۽ ريڊيو تي ان ڪمپنيءَ جو اڄ ڪلهه ڪمرشل اشتهار اچي رهيو آهي. هڪ ماءُ ٻيءَ کي چئي رهي آهي ته هن جا ٻار اسڪول ۾ روزانو بسڪيٽ ۽ چپس کڻي وڃي کائڻ کان بيزار ٿي پيا آهن، ته ٻي ماءُ هن کي مٿين ڪمپني جي شين بابت ٻڌائي ٿي ته هوءَ ته پنهنجن ٻارن کي ان ڪمپنيءَ جا ڪواب، نگيٽ ۽ ڪروڪيٽ ٺاهي ڏئي ٿي.
    هاڻ مون کي ٻڌايو ته هڪ طرف ملڪ ۾ ايڏي مهانگائي آهي، جو ڪيترن جا ٻار بکئي پيٽ تي اسڪول ۾ پڙهي موٽن ٿا، ته هنن لاءِ ڪڻڪ جو رکو سکو ڍوڍو به نه آهي ۽ ڪٿي هي نخرا. هاڻ ان قسم جا اشتهار ڏسي ملڪ جي اڪثريت، جيڪا غريب آهي، ان جي ٻارن تي ڪيڏو غلط نفسياتي اثر پوندو. هو ڪيترو ته احساس ڪمتريءَ جو شڪار بڻبا ۽ ٻي طرف اهي ٻار جيڪي هيڏي مان شان سان پئمپر ڪري اسڪول موڪليا وڃن ٿا، اهي ڪيئن پرديس ۾ گهٽ پگهار تي نوڪريون ڪري سگهندا.
    اسان جي يونيورسٽين ۾ غريبن جا ٻار به اوچا ويس وڳا پائي، اوچا موبائيل فون کڻي هر وقت پنهنجي وڏ ماڻهپي جو ڪوڙو ڏيک ڏيندي فخر محسوس ڪن ٿا. ممبئي يونيورسٽي ۾ امير ماڻهن جا ٻار به ضرور هوندا، پر گهڻائي غريبن جي ٻارن جي آهي، جيڪا غربت هنن جي شڪلين ۽ ڪپڙن گندين مان به صاف ظاهر ٿئي ٿي. منهنجي هڪ ليڪچر ۾ جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اسان ايشيائي ماڻهن جي رهائش ۽ نوڪريون حاصل ڪرڻ جي مسئلي تي هو، ممبئي يونيورسٽي جي مختلف ڊپارٽمينٽن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ويٺل هيون. انهن ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ کان علاوه گجراتي، اردو، مرهٺي ۽ انگلش ڊپارٽمينٽن جا به هئا. ليڪچر کان پوءِ ڊاڪٽر ٻلديو سان گڏ ٻاهر نڪري لنچ لاءِ يونيورسٽي جي ڪئنٽين ڏي وڃي رهيو هوس ته لائبريري جي ٻاهران ٿلهن تي ڪيترائي شاگرد گهران آندل ماني کائي رهيا هئا. انهن ۾ هڪ ڪنڊ ۾ ٽي اهڙيون به ڇوڪريون هيون، جن مان هڪ مون کان لڳاتار سوال پڇي رهي هئي. ڀرسان لنگهڻ تي هنن کيڪاري اسان کي ماني کائڻ لاءِ چيو. ٻه کائي چڪيون هيون، هڪ جي هٿ ۾ پلاسٽڪ جي دٻي هئي. اسان ٿئنڪ يو ڪري اڳيان وڌياسين، پر ٻه وکون کڻي مون ڊاڪٽر ٻلديو کي موٽڻ لاءِ چيو ۽ آئون ماني کائڻ واريءَ جي ڀر ۾ ويهي رهيس.هن جهولي ۾ رکيل ڏيڍ مانيءَ مان سڄي ماني ۽ پلاسٽڪ جي دٻي مون ڏي وڌائي، جنهن ۾ ساڳ جي ڀاڄيءَ ذرو هو. مون هڪ گرهه کاڌو ۽ ڊاڪٽر ٻلديو کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪئميرا ڏني.
    “هڪ ٻيو به فوٽو ڪڍ پر Zoom ڪري جيئن هيءَ ساڳ جي ڀاڄي چٽي طرح نظر اچي.” مون ڀاڄيءَ جي دٻيءَ کي ٿورو ڪنڊائتو جهليندي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيو.
    هنن ڇوڪرين ٻڌايو ته هو ٽيئي پالگهر شهر جون رهاڪو آهن، جتان هنن کي يونيورسٽي پهچڻ ۾ روزانو ٻه ڪلاڪ لڳن ٿا. ڪلاڪ سوا ٽرين وٺي ٿي، اهڙو اڌ ڪلاڪ سندن گهرن کان پالگهر جي ريلوي اسٽيشن تائين ۽ اڌ ڪلاڪ کن ڪرنا ريلوي اسٽيشن کان ممبئي يونيورسٽيءَ تائين.
    “معنيٰ توهان جو سڄو ڏينهن يونيورسٽي حوالي ٿيو وڃي.” مون چيومان.
    “صحيح ٿا چئو. پر زندگيءَ جا اهي ئي ته چار سال کن آهن جيڪي محنت نه ڪرڻ سان مقصد حاصل ٿي نه سگهندو.”
    دل ۾ مون سوچيو ته اهڙا اسٽوڊنٽس جڏهن سختيءَ ۾ رهي تعليم حاصل ڪن ٿا، ته پوءِ هنن کي ڪهڙي به گهٽ پگهار واري نوڪري ملي ٿي، ته هو خوش ٿي دل لڳائي ڊيوٽي ادا ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو اسان جا ڪيترائي جهازن جا مالڪ، ڪارخانن جا مالڪ يا بين الاقوامي ادارن جا سرپرست جن جو ڪاروبار ولايت ۾ ڄميل آهي، انڊين مزدور، پورهيت ۽ گرئجوئيٽ کي ترجيح ڏين ٿا.
    کانئن موڪلائي اڳتي وڌياسين ته ٻلديو مٽلاڻيءَ چيو:
    “دادا! آهي ته خير؟”
    “ڇو؟” مون پڇيومانس.
    “ماڻهن کان وڌيڪ انهن جي ٻوڙ مانين جا فوٽو ڪڍرائي رهيا آهيو!”
    مون کان ٽهڪ نڪري ويو. دل ۾ مون سوچيو ته ٻلديو جو واقعي ڏوهه ناهي. هڪ ڏينهن اڳ به يونيورسٽيءَ ڪئنٽين ۾ M.sc جا ٽي گجراتي شاگرد ماني کائي رهيا هئا، ته آئون به انهن سان وڃي ويٺس ۽ هنن سان گڏ تصويرون ڪڍائڻ مهل ٻلديو کي اهو ئي چيم ته ڪلوزاپ ڪر، جيئن هنن شاگردن اڳيان رکيل ڦنگي دال جنهن سان هو پاڻيءَ پسيا چانور کائي رهيا هئا، فوٽو ڏسندڙ کي چٽيءَ طرح نظر اچي.
    ٻلديو کي چيم، ته اڄ ڪلهه آئون سنڌ جي مختلف ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ شاگردن کي ليڪچر ڏيڻ ويندو آهيان ته محنت ڪري پڙهو، وقت ضايع نه ڪريو، سادگيءَ سان رهو ۽ پنهنجن مائٽن کي وڏا خرچ نه ڪرايو وغيره، سو انهن لاءِ هن قسم جون تصويرون ڪڍيون اٿم، ته هو پاڻ پنهنجي اکين سان ڏسن ته ممبئي شهر جيڪو انڊيا ۾ ائين آهي، جيئن اسان وٽ ڪراچي ۽ لاهور، ان جي يونيورسٽي ۾ M.A ۽ M.Sc پڙهندڙ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪپڙي گندي توڙي کاڌي پيتي ۾ ڪيڏو سادگيءَ ۾ گذارين ٿا.
    هتي اهو لکندو هلان ته ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو سربراهه (Head) ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي سٺو فوٽو گرافر به آهي. هن صاحب يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڪجهه سال رامسي فلمز جي فلمي اسٽوڊيو ۾ فوٽو گرافي به ڪئي آهي. پاڻ ممبئي يونيورسٽي جي رونقن کي سنڌ يونيورسٽي يا ڪراچي يونيورسٽي جي ماحول سان پئي ڀيٽيو. ممبئي يونيورسٽي جي فضا خوشگوار ان ڪري به آهي، جو ممبئي يا انڊيا جي ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ امن امان (Law & Order) جي حالت پڻ بهتر آهي. ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون رات جو دير دير تائين پيا ريلن، بسين، سائيڪلن تي ۽ پيرين پنڌ هلن. هر هڪ کي پوليس جو ڊپ آهي. هتي جا شاگرد ملائيشيا ۽ سنگاپور جي شاگردن وانگر وڌيڪ سلجهيل نظر اچن ٿا. ڇوڪرا ڇوڪريون گڏ گڏ هلن پيا، پر هر هڪ پنهنجي اخلاقي دائري اندر. چرچو ڀوڳ به ڪن ٿا پر هر هڪ جو مرڪز ۽ ڌيان پڙهائي ڏي آهي، جيئن امتحان ۾ سٺي پوزيشن کڻي نوڪري حاصل ڪري سگهجي. عشق ۽ شاديون به پوءِ ئي ڪامياب رهن ٿيون، جڏهن گهر هلائڻ لاءِ خرچ پکي جو بندوبست آهي. سگريٽ يا نشي پتي جي شين کي واپرائڻ کي هتي جو شاگرد سٺي ڳالهه ته نه پر عِلت سمجهي ٿو. هتي جي يونيورسٽين ۾ شاگرد پستول کڻي نٿا هلن ۽ نه هڪ ٻئي کي تڪليف ٿا رسائين. افسوس جي ڳالهه اها ته جن ڏينهن ۾ آئون ممبئي يونيورسٽي پهتس، انهن ڏينهن ۾ سنڌ يونيورسٽي ۾ نوابشاهه جي ڪنهن نئين آيل شاگرد سان هاسٽل ۾ رهندڙ سينيئر شاگردن زيادتي ڪئي هئي. جيڪا خبر هتي جي اخبارن ۾ حيرت خاطر ڇپي هئي. مون به ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري ۾ انگريزي اخبار ۾ پڙهي. ضرور مراٺي اخبارن ۾ به آئي هوندي. اهو سوچي ته هتي جا اسٽوڊنٽس اسان جي سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ ڇا سوچيندا هوندا، مون کي هر وقت شرمندگي ٿي رهي هئي، ته ڀري محفل ۾ يعني ليڪچر دوران ڪو اسٽوڊنٽ ان افسوسناڪ واقعي جي حوالي سان مون کان ڪو سوال نه ڪري. آئون نه سنڌ يونيورسٽي جو ملازم آهيان، نه آئون ان طرفان هتي ممبئي يونيورسٽي آيو هوس، پر منهنجو ان صوبي ۽ ملڪ سان ته تعلق آهي، جنهن ۾ اڄ جي دور ۾ هڪ تعليمي اداري ۾ ان قسم جون وحشي وارداتون ٿين ٿيون ۽ اهي مائٽ جن جا ٻار اهڙن ادارن ۾ پڙهن ٿا، ڪيڏي خوف جي زندگي گذاريندا هوندا.
    ممبئي يونيورسٽيءَ جي شاگردن ۾ مون اها به ڳالهه نوٽ ڪئي، ته هنن ۾ زبان، مذهب يا ڪلچر جي بنياد تي پاڻ ۾ ڪوبه جهيڙو جهٽو ناهي. ڪيترن ڇوڪرن کي ڏاڙهين ۽ آر جي ٽوپين سان يونيورسٽي ۾ ڏٺم. ڪيتريون اهڙيون ڇوڪريون آهن، جيڪي حجاب ٻڌي ٿيون اچن. ڪي ته اهڙيون به نظر آيون جن جون سواءِ اکين جي سڄو جسم ڍڪيل هو ۽ انهن ۾ به ڪجهه اهڙيون هيون جو باوجود سخت پردي جي موٽر سائيڪل هلائي يونيورسٽي آيون ٿي. هنن ٻڌايو ته باوجود سخت پردي جي ڪوبه هنن سان نفرت نٿو ڪري. اها ئي ڳالهه جڏهن مون هتي جي مرهٺي ۽ گجراتي هندو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ڪئي، ته هنن به اهو ئي چيو ته اسان جي ملڪ ۾ هر هڪ کي مذهب جي آزادي آهي ۽ هر هڪ آزاد آهي ته هو پنهنجي مرضي ۽ عقيدي موجب ڊريس پائي.
    هڪ ڏينهن ته حيدرآباد دکن جون اردو ڳالهائيندڙ چار ڇوڪريون ڪارن برقعن ۾ يونيورسٽي جي گيٽ واري ريسٽورنٽ “ساءِ گارڊن هوٽل” ۾ چانهه پيئندي مليون. هنن ۾ ٻه اردو ادب جون شاگردياڻيون هيون ۽ ٻه جرنلزم جون. انهن سان گڏ ٻه هندو شاگرد به چانهه پي رهيا هئا، جيڪي پڻ جرنلزم جا شاگرد هئا. منهنجي چوڻ تي هنن مون سان گڏ فوٽو ڪڍرايا. اهي تصويرن ۽ مٿي بيان ڪيل ٻين اسٽوڊنٽ جا فوٽو توهان گوگل اميجز، فلڪر ۽ Picasa جي ويب سائيٽ تي “الطاف شيخ ممبئي يونيورسٽي” لکي ڏسي سگهو ٿا. ڇو جو هي مضمون جنهن اخبار يا ڪتاب ۾ ڇپبو، ان ۾ ايڏي گنجائش نه ٿي سگهندي جو هو فوٽو ڏئي سگهن.


    ماءُ جا اديب پٽ

    سنڌ جا هندو نه فقط ورهاڱي کانپوءِ پر ان کان گهڻو گهڻو اڳ هندستان جي ٻين رياستن ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ نوڪرين ۽ واپار وڙي لاءِ ويندا رهيا. ملائيشيا ۽ ڀر واري ٻيٽ سنگاپور ۾ منهنجو تمام گهڻو رهڻ ٿيو، جتي رهندڙ سنڌي هندن سان منهنجو گهڻو واسطو رهيو. 1968ع کان جڏهن جهاز جي نوڪري شروع ڪيم، منهنجو ڪولمبو، هانگ ڪانگ، بئنڪاڪ، ٽوڪيو، يوڪوهاما کان ڪوالالمپور ۽ سنگاپور جي هندو سنڌين سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ رهيو. وقت سان گڏ پوڙها گذاري ويا، انهن جو اولاد به هن وقت ٻارن ٻچن وارو ٿي ويو آهي ۽ اڄ به ملائيشيا ۽ سنگاپور وڃڻ ٿئي ٿو ته مختلف دڪانن تي، ملئي ماڻهن جي دعوتن ۾، روٽري ڪلب جي ميٽنگن ۾، عيد برات ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن تي هنن هندو سنڌين سان ملاقات ٿئي ٿي. هتي سمجهو ته ورهاڱي بعد آيلن جي به ٽي ٽهي هلي رهي آهي. هن نئين ٽهيءَ سان به مون کي ڳالهائڻ ۾ دقت نٿي ٿئي، پر هن صدي جي شروعاتي سالن کان جڏهن پهريون دفعو انڊيا جي مختلف شهرن دهلي، احمد آباد، بڙودا ۽ خاص ڪري پوني ۽ ممبئي وغيره ۾ سنڌ کان لڏي آيل هندو سنڌي ۽ انهن جي اولاد سان ڳالهايان ٿو، ته مون کي حيرت ٿئي ٿي، ته سندن سنڌي زبان جا ڪيترا لفظ مون کي سمجهه ۾ نٿا اچن ۽ ڪيترا منهنجا ڳالهايل لفظ هنن کي سمجهه ۾ نٿا اچن. اهو شايد ان ڪري جو اڌ صديءَ کان وڌيڪ گذرڻ ڪري انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين، خاص ڪري نئين ٽهيءَ تي هندي ۽ مڪاني زبانن مراٺي، گجراتي ۽ سنسڪرت وغيره جو ايڏو اثر ٿيو آهي، جو هنن جي سنڌي زبان ۾ انهن زبانن جا ڪيترائي لفظ اچي ويا آهن، جن کان اسين پاڪستان ۾ رهندڙ سنڌي اڻ واقف آهيون، جئين هو اسان جي سنڌي زبان ۾ عربي ۽ فارسي جي لفظن کان اڻ واقف آهن. هي ائين آهي جيئن اسان جي ملڪ جا اردو ڳالهائيندڙ سنڌي جا ڪي ڪي اهڙا Typical لفظ استعمال ڪن ٿا، جن کان مون کي پڪ آهي ته دلي ۽ لکنو جا اردو ڳالهائيندڙ اڻ واقف هوندا جيئن ته “يه سودا اواري مين نهين آتا.” يا وري همت آهي ته ڪم ڪري ڏيکار لاءِ “تپڙ هي تو ڪرڪي دکهائو” وغيره چون ٿا.
    منهنجي خيال ۾ ته ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ ڳالهائي ويندڙ سنڌيءَ ۾ به ڪافي فرق اچي ويو آهي، پر جيئن ته منهنجو به اتي وڏو عرصو رهڻ ٿيو ۽ ملئي زبان کان واقفيت هجڻ ڪري مون کي اتي جي ملئي لفظن واري سنڌي نرالي نٿي لڳي. پر هتي ممبئي ۽ پوني ۾ ننڍي ٽهيءَ جي سنڌي ۾ ته فرق محسوس ڪريان ٿو، پر هتي جي جهونن سنڌي اديبن ۽ شاعرن جي سنڌيءَ ۾ به مون لاءِ ڪيترائي لفظ ڏکيا ثابت ٿين ٿا، جن کان آئون پنهنجو پاڻ کي اڻ واقف محسوس ڪريان ٿو.
    هڪ ڳالهه مون پهرين ڏينهن ئي محسوس ڪئي ته منهنجي ميزبان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ جي سنڌي بلڪل اهڙي لڳي جيڪا اسان پاڪستان ۾ ڳالهايون ٿا. ٻلديو سان ملڻ کان اڳ مون سندس ٻه ڪتاب: هڪ “شاهه ۽ سچل جو تقابلي اڀياس” جيڪو انڊيا ۽ پاڪستان ۾ ڇپيو آهي ۽ ٻيو سندس آمريڪا جو سفرنامو “اڳ نه ڏٺو ڪڏهن” پڙهيا هئا. انهن ڪتابن ۾ به اها ئي سنڌي هئي، جيڪا اڄ ڪلهه سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. بهرحال پوءِ خبر پئي ته ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي جي سنڌي ان ڪري سٺي آهي (بقول اسان جي) جو هن پرائمري ڪلاس کان مئٽرڪ، انٽر کان ويندي M.A ايڪانامڪس ۽ M.A سنڌي ادب، سنڌ جي اسڪولن ۽ يونيورسٽيءَ مان ڪيو.
    ٻلديو (سڄو نالو ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي) 24 ڊسمبر 1952ع تي لاڙڪاڻي ۾ بختراءِ ۽ ڪوشليا ٻائي جي گهر ۾ جنم ورتو. دراصل ڊاڪٽر ٻلديو جا وڏا رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ لاشاري ديهه بنگل ديرو جا رهاڪو هئا. “1942ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ آئي، ته اسان جي سڄي فئملي ڳوٺ لاشاري ڇڏي لاڙڪاڻي ۾ اچي رهي،” ٻلديو ٻڌايو، “لاڙڪاڻي ۾ اسان جو گهر سيئو بازار جي اولهه ۾ هڪ مدرسي اسڪول جي ڀرسان هو، جنهن جي سامهون سوڀي گيانچنداڻي جو گهر آهي.”
    ڊاڪٽر ٻلديو جي ڏاڏي ٽنڊڻ مل (جنهن جو مرتيو 1940ع ۾ ٿيو) کي ٽي پٽ هئا: ويرو مل، بختراءِ ۽ پارومل. بختراءِ مٽلاڻي وچيون پٽ هو، جنهن جو ديهانت 1959ع ۾ ٿيو. بختراءِ انگريزن جي ڏينهن ۾ سپروائيزر تپيدار هو. محنت ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ تي گورنر آف بامبي پريزيڊنسي کان ميرٽ سرٽيفڪيٽ مليو هوس.
    “بابا1947ع کان اڳ رضاڪارانه رٽائرمينٽ حاصل ڪئي،” ٻلديو ٻڌايو.
    بختراءِ مٽلاڻيءَ کي ٽي ٻار ٿيا. وڏو پريم چند 1950ع ۾ ڄائو، سندس شادي سکر جي گوبند رام جي ڌيءَ دروپديءَ سان ٿي. پروفيسر ٻلديو پريمچند کان ٻه سال ننڍو آهي ۽ منوهر لعل جي پيدائش جي تاريخ 20 مئي 1959ع آهي. منوهر پنج ڇهه مهينن جو هو ته سندن پتا بختراءِ گذاري ويو. ٻلديو ۽ منوهر انڊيا اچي شادي ڪئي. ٻلديو جي هيما سان ٿي ۽ کيس ٽي ٻار آهن. منوهر الهاس نگر مان ڀاونا نالي ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي.
    ٻلديو سنڌيءَ جا پنج درجا لاڙڪاڻي جي P.V پرائمري اسڪول مان پڙهيا. مئٽرڪ 1967ع ۾ پائلٽ سيڪنڊري هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان ڪئي. انٽر، ڪامرس ڪاليج لاڙڪاڻي مان ۽ B.A، 1971ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي مان ڪئي.
    “ڪامرس ڪاليج ۾ سائين غلام حسين جوڻيجي مون کي سنڌي پڙهائي،” ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو، “سائين غلام حسين “ڌامراهه ڳوٺ” جو آهي. پاڻ هڪ سچو صوفي آهي ۽ منهنجي وجود تي هن جو ڄڻ ته ٺپو لڳل آهي. آئون ڪجهه به نه آهيان. جيڪي ڪجهه مون ۾ خوبيون آهن ته اهي سائين غلام حسين جوڻيجي جي دين آهن. اڄ آئون به هن وانگر پڙهايان ٿو.”
    لاڙڪاڻي جي سائين غلام حسين جوڻيجي آخر ۾ گورنمنٽ ڪاليج رتوديرو مان پرنسپال جي پوسٽ تان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. پروفيسر ٻلديو لاڙڪاڻي جون ڳالهيون ياد ڪندي سيد خادم حسين شاهه جو به ذڪر ڪيو “سيد خادم حسين اديب به هو. سندس اوطاق تي سنڌي ادبي ڪچهري ٿيندي هئي،” ٻلديو ٻڌايو، “اتي مون کي سائين عبدالمجيد ميمڻ صاحب مليو هو. آئون اڃان اسڪول جو شاگرد هوس. اختر جانوري، پوليس جو DIG به اتي ايندو هو. هو به مون وانگر اسٽوڊنٽ هو.”
    پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ايم. اي سنڌي لاڙڪاڻي مان External جي حيثيت ۾ 1973ع ۾ ڪئي.
    “1974ع ۾ NDVP اسڪيم هيٺ اڌ پگهار تي گورنمينٽ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ليڪچرار ٿيس. ٽي سال نوڪري ڪيم. سنڌ يونيورسٽي ۾ 1974ع ۾ ليڪچرار لاءِ جيڪا چونڊ ٿي، ان ۾ فائنل سليڪشن ۾ آئون چونڊجي نه سگهيس.
    ٻلديو ٻڌايو ته ان تي هو ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو. هن NDVP ۾ ٽي سال نوڪري ڪئي، جتان 1977ع ۾ رٽائرمينٽ حاصل ڪئي. 18 آگسٽ 1977ع تي هو لاڙڪاڻي کان لاهور آيو،جتان پوءِ وايا اٽاري انڊيا پهتو. ان بعد سڄي فئملي ممبئي آئي. “عورتون باءِ ايئر پهتيون، ڀائرن: پريم ۽ منوهر دوارڪا نالي جهاز ذريعي سامونڊي رستي آياسين. سنڌ ۾ هن وقت فقط اسان جي ڪزن بلند راءِ مٽلاڻيءَ جو پٽ ڊاڪٽر سنتومل رهي ٿو. هو لاڙڪاڻي جي دري محلي ۾ “الله والي مسجد جي ڀرسان رهي ٿو.”
    ڊاڪٽر ٻلديو جو وڏو ڀاءُ پريم ممبئي ۾ بزنيس ڪري ٿو. کيس ٻه ٻار رشي ڪيش پٽ ۽ گيتا نالي ڌيءَ آهي. ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لعل به ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. سندس شادي الهاس نگر ۾ ٿي ۽ کيس ٻه پٽ پرشانت ۽ آدتيه آهن. ٻلديو جي شادي ممبئي ۾ 4 مئي 1980ع تي مٿراداس باٿيجا جي ڌيءَ هيما سان ٿي. کين ٽي ٻار آهن. ٻه پٽ: ونود جنهن کي گهر ۾ گولڊي سڏين ٿا ۽ ڌيرج (سني) ۽ ڌيءَ ورشا آهي. ٻنهي پٽن ڏيڍ سال کن اڳ تعليم ختم ڪئي ۽ هاڻ ڪنهن اليڪٽرانڪ فرم ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن.
    ڊاڪٽر منوهر کان پڇيم، ته ننڍپڻ جا ڏينهن ياد اچن ٿا يا نه؟ ته وراڻيائين “آئون سڀ کان گهڻو پنهنجن ڪلاس ميٽن کي ياد ڪريان ٿو. روزانو “لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو” ڪتاب پڙهي لاڙڪاڻي جا ڏينهن ياد ڪندو آهيان. هن ڪتاب ۾ لاڙڪاڻي جي شخصيتن جو احوال ڏنل آهي.”
    منوهر کان سندس ننڍپڻ جي دوستن جو پڇڻ تي هن جيڪي نالا ٻڌايا انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • سنڌ جي مشهور وڪيل، ڪالم نگار ۽ سابق سينئر وزير عبدالوحيد ڪٽپر صاحب جو پٽ سڪندر ڪٽپر، منوهر جو ڪلاس ميٽ هو، جنهن سان گڏ هو لاڙڪاڻي جي سينٽ جوزف اسڪول ۾ اٺين ڪلاس تائين پڙهيو. ان بعد سڪندر ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو هليو ويو.
    • اشفاق منگي جيڪو لاڙڪاڻي جو رهاڪو آهي.
    • زيب سنڌي. (اصل نالو محمد خان شيخ ولد عبدالستار) 1957ع ۾ خيرپور ۾ ڄائو. پاڻ مشهور ڪهاڻيڪار، ڊرامانويس ۽ ريڊيو ڪمپيئرز آهي. 1981ع ۾ ايم. اي ڪيائين. 1989ع کان سچل آرٽس ڪاليج ۾ پروفيسر آهي.
    • ڊاڪٽر ڌرم پال پوهواڻي جيڪو صاحب لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ آهي.
    15 ڊسمبر 1975ع تي عيد جو ڏينهن هو. منوهر پنهنجن دوستن سان گڏ ڀر واري شهر ۾ ڪنهن دوست وٽ وڃي رهيو هو ته وين کي آرائين روڊ تي خطرناڪ حادثو درپيش آيو، جنهن ۾ 16 ڄڻا اڦٽ مري ويا، باقي ٻن مان منوهر هڪ هو. منوهر کي ڪافي زخم رسيا. “ٻه ڏينهن مون کي سکر جي اسپتال ۾ رکيائون، ان بعد ڪراچيءَ ڊاڪٽر عنايت جوکئي جي اسپتال ۾ منتقل ڪيائون، جتي منهنجي مختلف هڏن جون ڪيتريون ئي آپريشنون ٿيون ۽ ساڍا ٽي مهينا اسپتال جي بستر تي هوس.” ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو.
    ڊاڪٽر ٻلديو ۽ منوهر، جن جي والد جو ته تڏهن انتقال ٿي ويو، جڏهن منوهر پنجن مهينن جو هو ۽ ٻلديو ستن سالن جو هو. کين سندن ماءُ ڪوشليا ٻائيءَ نپائي وڏو ڪيو ۽ تعليم ڏني. هو اڄ به سندس صلاح کان سواءِ ڪوبه ڪم نٿا ڪن. پريمچند (ڊاڪٽر ٻلديو جي وڏي ڀاءُ) ٻڌايو ته هو اڄ به ٽئي ڀائر هر مهيني جو پگهار پنهنجي ماءُ جي هٿن تي اچي رکندا آهن. “پوءِ هوءَ اسان کي ۽ اسان جي زالن کي ضرورت موجب خرچ لاءِ ڏيندي آهي. اسان جي هر وقت اها ڪوشش هوندي آهي، ته اسان سادگي ۾ رهي پئسو بچائي پنهنجي لاءِ گهر حاصل ڪريون، جنهن ۾ اسان جو اولاد سکي زندگي گذاري سگهي.”


    هندو سنڌين تعليم کي قائم رکيو

    ممبئي يونيورسٽي ۾ سڀ ڪورس پوسٽ گرئجوئيشن جا ٿين ٿا يعني ڪنهن کي بي اي، بي ايس سي يا بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهڻو آهي، ته هو ممبئي يونيورسٽي سان Affliated ڪاليجن مان ڪنهن به ڪاليج مان پڙهي سگهي ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طرفان مون کي مئرين انجنيئرنگ جي سبجيڪٽ تي نه پر سفرنامي تي ليڪچر ڏيڻ لاءِ گهرايو ويو هو. جنهن جو بندوبست ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڪيوهو. سفر نامي کان علاوه سنڌي زبان ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي سوسائٽي بابت پڻ ڳالهائڻو پيو. ٻڌڻ وارن ۾ نه فقط سنڌي ڊپارٽمينٽ جا شاگرد ويٺا، پر سنڌي ڊپارٽمينٽ سان لاڳو عمارتن وارن ڊپارٽمينٽن جا شاگرد ۽ ٻاهر جا مهمان- خاص ڪري سنڌي نوڪرين وارا ۽ ڪجهه بزنيس مين به آيا ٿي. ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ سان گڏ اردو، انگلش، گجراتي، پالي، ڪنهڙ زبانن جا ڊپارٽمينٽ پڻ آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته انهن ۽ ٻين ڊپارٽمينٽن ۾ اتي جي شاگردن سان ملي خبر چار ڪيم ٿي. مون نوڪريءَ جا آخري سال تقريباً 25 سال مختلف ملڪن ۾، خاص ڪري ڏور اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر جي ملڪن جي نيول اڪيڊمين ۾ مستقل طور ۽ وزيٽنگ پروفيسر جي حيثيت سان پڙهايو آهي ۽ مون ممبئي اچي هتي جي شاگردن ۽ استادن کي غور سان ڏسڻ ٿي چاهيو، ته تعليم جي معيار جو ڪهڙو درجو آهي. جنهن بابت هن کان اڳ لکي چڪو آهيان.
    ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو چيئرمين گذريل 15 سالن کان سنڌي جو مشهور ليکڪ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي آهي، جنهن سنڌي ۽ ايڪانامڪس ۾ M.A سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد M.Phil ۽ P.h.D (سنڌي) ممبئي يونيورسٽي مان ڪئي.
    ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ 1974ع ۾ قائم ٿيو. سنڌيءَ جو مشهور ليکڪ، شاعر، ناٽڪ نويس، سنگيت ڪار، اداڪار، هدايتڪار، مضمون نگار ۽ هڪ ڪامياب ناول نگار پروفيسر پنجواڻي (سڄو نالو: رام پرتابراءِ پنجواڻي) ان جو پهريون ريڊر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ ٿيو. پروفيسر پنجواڻيءَ سان منهنجي پهريون دفعو ملاقات 1975ع ۾ هانگ ڪانگ جي حايات هوٽل ۾ هڪ سنڌي ڳائڻ وڄائڻ جي فنڪشن ۾ ٿي، جيڪا هانگ ڪانگ جي بزنيس مئن ڪي. سيتل Arrange ڪئي هئي. جنهن جو تفصيلي احوال هانگ ڪانگ واري سفرنامي “وايون وڻجارن” ۾ ڪري چڪو آهيان. انهن ڏينهن ۾ آئون جهاز جو ٿرڊ انجنيئر هوس ۽ اسان جو جهاز هڪ ڊگهي Repair لاءِ ڪولون واري شپ يارڊ ۾ ترسيل هو. مون کي حيرت ٿي، ته رام پنجواڻي صاحب مٿين خوبين کان علاوه هڪ سٺو ڳائڻو پڻ هو. هن هڪ سنگيتڪار ۽ ڳائڻي جي حيثيت ۾ بيشمار گيت، ڪافيون، صوفين جا ڪلام، غزل ۽ ڀڄن پڻ ڳايا آهن. هن مون کي سندس ٻه پراڻا ناول تحفي طور ڏنا، جيڪي مون وٽ اڄ تائين موجود آهن. هڪ جو نالو ’قيدي‘ آهي، جيڪو هن 1943ع ۾ لکيو ۽ ٻيو ’شرميلا‘ جيڪو 1944ع جو لکيل آهي، جنهن سن ۾ منهنجو جنم ٿيو. يعني سائين طرفان ڏنل هن ڪتاب جي عمر منهنجي عمر برابر آهي. بهرحال پنجواڻي صاحب جا اٽڪل 25 کن ڪتاب آهن. افسوس جو منهنجي ساڻن وري ملاقات نه ٿي سگهي. هتي ممبئي يونيورسٽيءَ ۾ سندس آفيس ۾ ويهي، سندس ڪجهه سرڪاري ڪاغذن جي خط و ڪتابت تي صحيحون ڏسي عجيب ڪيفيت محسوس ڪيم، ته ڪاش! هن گهڻ گڻائتي ماڻهوءَ سان جيڪر ڪجهه وڌيڪ ملاقاتون ڪجن، پر انسان پنهنجن ئي خفن ۾ اهڙو مشغول رهي ٿو جو پنهنجي ملڪ ۾ هوندي به آئون وقت نه ڪڍي سگهيو آهيان ته ابراهيم جوئي صاحب، سوڀو گيانچنداڻي يا رسول بخش پليجو جهڙن ماڻهن سان کڻي ملجي.
    رام پنجواڻي صاحب ممبئي يونيورسٽيءَ جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جو نومبر 1976ع تائين سربراهه رهيو. سندس رٽائرمينٽ کانپوءِ مارچ 1981ع هي ڊپارٽمينٽ بنا ڪنهن Head جي هلندو رهيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر اي. جي مير چنداڻيءَ چارج سنڀالي جيڪو 1985ع تائين رهيو. ان کان پوءِ ڊاڪٽر N.J پرياڻي جيڪو 1985ع ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان آيو ۽ 1990ع کان 1992ع تائين ڊپارٽمينٽ جو هيڊ ٿي رهيو. 1994ع ۾ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ليڪچرار جي حيثيت ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ Join ڪيو ۽ پوءِ هن ڊپارٽمينٽ جو ريڊر ۽ سربراهه (Head) مقرر ٿيو. هي صاحب هي سٽون لکڻ تائين، ڊپارٽمينٽ جو هيڊ آهي. وچ۾ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لعل مٽلاڻي 2001 کان 2005ع تائين Rotation ۾ هن ڊپارٽمينٽ جو هيڊ رهيو. ڊاڪٽر منوهر لعل لاءِ گذريل مضمون ۾ لکي چڪو آهيان، ته ڊاڪٽر ٻلديو جو ننڍو ڀاءُ آهي. ايم اي، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي تائين تعليم مهيا ڪرڻ هن ڊپارٽمينٽ جي جوابداري آهي. گذريل سال ڏهن ڄڻن M.A. جو ۽ 8 ڄڻن M.A. Part II جو امتحان ڏنو، 3 ڄڻن M.Phil ۽ 2 ڄڻن P.h.D جي ڊگري حاصل ڪئي. ممبئي يونيورسٽي ۾ منهنجي هڪ ليڪچر ۾ ڪجهه اهڙا شاگرد به آيا هئا، جن هتي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ مان ڊاڪٽر ٻلديو ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل جي رهنمائي ۾. Ph.D يا M.phil ڪئي آهي. انهن مان ڪجهه جن جا نالا هن وقت ياد اچي رهيا آهن، هن ريت آهن: پورنيما چندر سين، ڀوڄراج ليکواڻي، انيتا ڏوڏيجا، جگديش لڇاڻي، وندنا رامواڻي، پهلاج آسواڻي، آشا رنگواڻي، نيلم موٽواڻي، وغيره.
    1977ع ۾ سنڌ کان الهاس نگر (انڊيا) لڏي اچڻ بعد ٻلديو مٽلاڻيءَ هڪ ليڪچرار جي حيثيت ۾ الهاس نگر جي R.K Talerja ۾ نوڪري شروع ڪئي. هندستان جي ورهاڱي بعد سنڌ جي هڪ سخي مرد سيٺ پرسرام پارومل سنڌ کان انڊيا لڏي آيل سنڌي هندن لاءِ Seva Sadan نالي 1950ع ۾ هڪ تعليمي ٽرسٽ ٺاهي نيو ايرا نالي هڪ اسڪول ٺاهيو. ان بعد 1961ع ۾ الهاس نگر گرلس ڪاليج کوليو، جنهن لاءِ اڳتي هلي شري رامچند قيمتراءِ تلريجا تمام وڏي مالي مدد ڪئي، ان ڪري 1967ع ۾ هن ڪاليج جو نالو R.K Talreja رکيو ويو. هي ڪاليج الهاس نگر شهر جي بلڪل وچ ۾ ڪلياڻ اميرناٿ روڊ تي آهي. الهاس نگر ريلوي اسٽيشن کان ڪو هڪ ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٿيندو.
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ هن ڪاليج ۾ جون 1981ع تائين پڙهايو. ان بعد ممبئي جي مشهور ڪاليج Jai Hind College ۾ نوڪري اختيار ڪئي. سنڌي هندن جو ٺهرايل هي ڪاليج اڄ سڄي ممبئي جي ٽاپ ڪاليجن مان هڪ آهي، جنهن ۾ داخلا ملندڙ شاگرد پاڻ کي خوش نصيب سمجهن ٿا ۽ بيحد هوشيار شاگرد ئي هن ڪاليج لاءِ چونڊيا وڃن ٿا. هي ڪاليج ممبئي جي ڏاکڻي علائقي ۾ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ، جنهن روڊ تي آهي، ان جو نالو “A” روڊ آهي.
    ممبئي جو هي اعليٰ ڪاليج “جئه هند ڪاليج” ورهاڱي کانپوءِ يڪدم قائم ڪيو ويو هو. شروع ۾ هن ڪاليج ۾ فقط آرٽس ڪلاسز جو بندوبست هو. پنهنجي بلڊنگ نه هجڻ ڪري ايلفنسٽن ڪاليج جي عمارت ۾ صبح جي وقت ڪلاس شروع ڪيا ويا، جنهن جو افتتاح ايلفنسٽن ڪاليج جي لائبريري ۾ سيپٽمبر 1948ع ۾ ٿيو.
    ممبئي جو هي جئه هند ڪاليج ڪراچي D.J (ڏيارام جيٺمل) ڪاليج جي ٻن مشهور پروفيسرن ٽي. ايم. آڏواڻي ۽ T.G خوبچنداڻي جي ڪوششن سان وجود ۾ آيو. ان کان علاوه انهن قابل ۽ فرض شناس ٽيچرن جو به هن ۾ حصو آهي، جن هن ڪاليج جي خدمت ڪئي، جن ۾ رام پنجواڻي صاحب ۽ ڪيولراماڻي صاحب پڻ آهي. ڪاليج جو پهريون پرنسپال آڏواڻي صاحب ٿيو جيڪو انگريزي ڊپارٽمينٽ جو هيڊ به رهيو. پروفيسر خوبچنداڻي جيڪو بعد ۾ پرنسپال ٿيو، ڪاليج جي باٽني ڊپارٽمينٽ جو هيڊ هوندو هو.
    ايلفنسٽن ڪاليج جي عمارت ۾ هي ڪاليج فقط شروع وارو سال ڏيڍ رهيو، ان بعد 1949ع ۾ ڪاليج جي پرنسپال ٽي ايم آڏواڻيءَ پيڊر روڊ تي هڪ بنگلو هٿ ڪري ان جو نالو “گلشن” رکيو ۽ ان ۾ جئه هند ڪاليج جو سائنس سيڪشن کوليو. ان بعد ڀر وارو بنگلو مسواڙ تي وٺي ان کي هاسٽل بڻايو ويو، جنهن ۾ سنڌ کان لڏي آيل رفيوجين جا ٻار رکيا ويا. ڪاليج جي ٻن حصن ۾ 5 ميلن جو فاصلو هو، جنهن ڪري چڱي ڏکيائي پيش اچي رهي هئي. پوءِ مسٽر مورارجي ڊيسائي جيڪو انهن ڏينهن ۾ ممبئيءَ جو هوم ۽ روينيو منسٽر هو، تنهن هن ڪاليج کي پلاٽ ڏنو جتي اڄ وارو ڪاليج آهي- يعني چرچ گيٽ جي ريلوي اسٽيشن وٽ “A” روڊ تي، ڪاليج جو 14 سپيٽمبر 1950ع تي بنياد جو پٿر رکيو ويو.
    ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ممبئي جي جئه هند ڪاليج ۾ 1981ع کان 1994ع تائين، يعني 13 سال کن پڙهايو. پاڻ ٻڌايائين ته سندس ڏينهن ۾ پروفيسر T.G خوبچنداڻي ڪاليج جو پرنسپال هو. هن وقت T.M آڏواڻي صاحب وفات ڪري چڪو آهي، هتي اهو به لکندو هلان ته آڏواڻي صاحب ممبئي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به ٿي رهيو. مون کي لڳي ٿو، هي ساڳيو آڏواڻي صاحب ڪراچي جي S.C شاهاڻي لا ڪاليج (جيڪو ورهاڱي کانپوءِ S.M.Law ڪاليج سڏجي ٿو ان) جو پڻ پرنسپال هو. منهنجي والد گل محمد شيخ پوني (انڊيا) مان ائگريڪلچر ۾ B.Sc حاصل ڪرڻ بعد ٻه سال کن ڏوڪريءَ ۾ نوڪري ڪري ڪراچيءَ ۾ اچي شاهاڻي لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي. پاڻ اڪثر پروفيسر آڏواڻيءَ جي ڳالهه ڪندا هئا. پوني وڃڻ کان اڳ پاڻ 89-1988ع ۾ ڊي جي ڪاليج مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر پڙهيا. سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ وغيره سندن ڪلاس ميٽ هئا. جنهن هاسٽل ۾ رهندا هئا، ان ۾ شيخ اياز به ساڻن گڏ رهندو هو.
    ڪراچيءَ جي ڊي جي ڪاليج جي عمارت اڄ به ڏسڻ وٽان آهي. هي ڪاليج 17 جنوري 1882ع تي “سنڌ آرٽس ڪاليج” جي نالي سان، ان وقت جي گورنر ممبئي Lord Reay افتتاح ڪيو. آڪٽوبر 1887ع ۾ هن موجوده عمارت جي مڪمل ٿيڻ تي هن جو نالو سنڌ جي سخي مرد ديوان ڏيارام جيٺمل نالي D.J سائنس ڪاليج رکيو ويو. هن ڪاليج جي بنياد جو پٿر ان وقت جي مشهور وائسراءِ لارڊ ڊفرن 19 نومبر 1882ع تي رکيو. مرچنٽ نيوي ۽ فوجي نيول آفيسرن کي تعليم ۽ تربيت ڏيڻ لاءِ جيڪا ايشيا ۾ پهرين مئرين اڪيڊمي ممبئي ۾ کولي وئي، ان جو نالو هن وائسراءِ تان آهي. پاڪستان ٿيڻ وقت پاڪستان جا سمورا نيول آفيسر ممبئي جي “ڊفرن مئرين اڪيڊمي” جا گرئجوئيٽ هئا، جن مان ڪجهه ڪموڊور محمد آصف علي علوي، ڪمانڊر ايم. اي. انصاري جن اسان کي مئرين اڪيڊمي چٽاگانگ ۾ پڙهايو. ممبئي جي ڊفرن اڪيڊمي ڪنهن عمارت بدران ڪناري تي ٻڌل هڪ جهاز تي هئي.
    ڊي جي ڪاليج ۾ پهرين آرٽس جا ڪلاس شروع ٿيا، پوءِ سائنس، تنهن کانپوءِ لا ۽ انجنيئرنگ به پڙهائي وڃڻ لڳي. 1925ع ۾ ڪراچي ۾ شاهاڻي لا ڪاليج (اڄ وارو ايس. ايم لا ڪاليج) ۽ NED
    ڪاليج کلڻ تي اهي ڪلاس بند ڪيا ويا. هن ڪاليج جي شاگردن لاءِ ٻه هاسٽلون هيون. هڪ ان ئي روڊ جي ٻي پاسي ميٺا رام هاسٽل ۽ ٻي پاڪستان چوڪ وٽ سيواڪنج هاسٽل آهي 1965ع ۾ ڪراچي ۾ رهڻ خاطر مون به سال ڏيڍ کن هن ڊي جي ڪاليج ۾ داخلا وٺي ميٺا رام هاسٽل ۾ رهيس، جتي ڀر وارن ڪمرن ۾ مرحوم محمد خان سومرو پي پي پي جو سابق وزير، هزار خان بجاراڻي (اڄ ڪلهه جو تعليم وزير)، مظفر شاهه (سابق وزيراعليٰ)، عقيلي ڀائر (عبداللطيف ۽ محمد حسين)، غلام مصطفيٰ جتوئي جو ننڍو ڀاءُ امام بخش جتوئي، مير مرتضيٰ ڀٽو سان گڏ شهيد ٿي ويل عاشق جتوئي ۽ ٻيا شاگرد رهيا ٿي ۽ ولي محمد نالي بورچيءَ جي ميس ۾ ماني کائيندا هئاسين.
    D.J ڪاليج کي 1887ع تائين ڪاليج جو باني ڏيارام ڄيٺمل پرنسپال طور هلائيندو رهيو. ان بعد سال کن ڊاڪٽر وامسلي پرنسپال ٿيو. ان بعد 20 سال کن ڊاڪٽر جئڪسن، ان بعد 8 سال H.P Frerell پرنسپال ٿيو. 1918ع ۾ اي. سي شاهاڻي صاحب پرنسپال ٿيو، جنهن جي نالي مٿي لکي آيو آهيان ته ڪراچيءَ ۾ شاهاڻي لا ڪاليج کليو. 1927ع ۾ ڀوتاني صاحب ۽ ان بعد H.M گربخشاڻي، لاکاڻي ۽ آخر ۾ پاڪستان ٿيڻ وقت ڊاڪٽر ميري والا پرنسپال رهيو. پاڪستان ٿيڻ کانپوءِ هن ڪاليج جو پرنسپال پروفيسر اي. ايل شيخ، پروفيسر ڊي سوزا ۽ پروفيسر سڌوا وغيره ٿيا. 1965ع ۾ جڏهن آئون ميٺا رام هاسٽل ۾ رهندو هوس ته هاسٽل جو انچارج ۽ ڊي. جي ڪاليج جو پرنسپال J.B سڌوا ئي هو. هاسٽل جو وارڊن قاضي احمد جو پروفيسر محمد صالح راهو صاحب هو، جيڪو ڪامرس ڪاليج ڪراچي ۾ سنڌي پڙهائيندو هو. هوڏانهن ايس ايم لا ڪاليج جي هاسٽل “جناح ڪورٽس” جو وارڊن پروفيسر عبدالستار ڪوهاٽي هو.
    ڊي جي ڪاليج مان تعليم حاصل ڪندڙن ۾ ڪجهه اهم ماڻهو هن ريت آهن: ڊاڪٽر عبدالقدير خان (نيوڪليئر سائنسدان)، پيرزادو قاسم (ڪراچي يونيورسٽي جو وي سي)، سهيل رانا (ارمان فلم وارو ڪمپوزر)، هاڪي پليئر: ڪامران اشرف ۽ شاهد علي خان. T.V پروگرامن (لوز ٽاڪ وغيره) جو ليکڪ انور مقصود، ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي... وغيره.


    ممبئي ۾ سنڌين جا ڪاليج

    هڪ ڏينهن ممبئي جي ڏاکڻن حصن ڪالبا ديوي ۽ ناريمن پوائنٽ وٽان چڪر هڻي، ممبئي يونيورسٽي موٽڻ لاءِ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تان سئنٽا ڪروز جي ٽڪيٽ وٺي ريل ۾ چڙهيس. سئنٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي لهي، هڪ فوٽو گرافر کي ڪئميرا ڏنم ته منهنجا ورتل فوٽو CD تي لاهي ڪئميرا خالي ڪري ڏي. دڪاندار سخت بزي ٿي لڳو “اڌ ڪلاڪ کن ترسي پوءِ اچي کڻو.” هن چيو. شام جا پنج کن ٿي رهيا هئا. فٽ پاٿ تي لڳل ڀاڄين، ميون، ڪپڙن، رانديڪن جي دڪانن تان ماڻهن جا ميڙ خريداري ڪري رهيا هئا. خريدارن ۾ گهڻيون عورتون هيون، جيڪي سج لهڻ ڪري شين جي اگهه ڪرڻ جو فائدو وٺي خريداري ڪري رهيون هيون. تازين ڀاڄين توڙي مختلف قسم جي ميون جا رنگ ۽ عورتن جون ڪلرفل ڊريسون، گوڙ شور، مليل جليل خوشبوئون سڀ گڏجي، ملائيشيا جون پاسار مالمون (شام وارين بازارين) جي ياد ڏياري رهيون هيون. آئون مختلف گهٽين جا چڪر هڻندو هڪ مندر وٽان لنگهيس، ته ان وقت ان مندر مان نڪرندڙ منهنجي عمر جي زال مڙس مون کان سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن جو ڏس پڇيو. سمجهي ويس ته هي ڪنهن ٻئي شهر جا هتي آيا آهن ۽ هي مون کي هتي جو سمجهي مون کان رستو پيا پڇن. بهرحال آئون به هاڻ واپس ريلوي اسٽيشن ڏي پئي ويس. جتان مون کي فوٽو کڻڻا هئا. ان بعد بس يا رڪشا ۾ ڪالينا پهچڻو هو، جتي ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش هئي. هي انڊين جوڙو به مون سان گڏ هلڻ لڳو.
    “توهان شايد ٻئي شهر جا آهيو؟” مون پڇيومان. جنهن تي هنن کلي چيو ته هو هن شهر ممبئي جا ئي آهن، پر انگلينڊ ۾ لڳاتار 15 کن سال رهڻ بعد اڄ پنهنجي وطن مائٽن مٽن سان ملڻ آيا آهن. هنن ٻڌايو ته هو هن رياست جا مرهٺا آهن ۽ مون کان پڇڻ تي جڏهن مون ٻڌايومان، ته آئون سنڌي آهيان ته هو ٻئي زال مڙس تعريفن ۾ شروع ٿي ويا.
    “توهان سنڌي لاجواب ماڻهو آهيو. جيترو تعليم جو توهان ماڻهن کي فڪر آهي، ايترو ڪنهن کي نه هوندو...” آئون وائڙو ٿي ويس ۽ حيرت مان سوچڻ لڳس، ته ننڍي کنڊ ۾ ته ڇا، ايشيا جي شايد ئي ڪنهن ملڪ ۾ ائين هلندڙ اسڪول به بند هجن، جيئن سنڌ جي ڳوٺن ۾ آهن. سنڌ ۾ تعليم جو ستيا ناس لڳو پيو آهي.
    “I have yet to see a Sindhi who is uneducated…”
    (يعني توهان سنڌي پڙهيل ڳڙهيل آهيو. اهڙو ڪو سنڌي نه هوندو، جو اڻ پڙهيل هجي...) هو چوڻ لڳا.
    آئون سوچڻ لڳس، ته هي ڪهڙيون پيا ڳالهيون ڪن. سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن ڏيکارڻ جي بدلي ۾ هي منهنجي ۽ منهنجي هم زبان ماڻهن جي ويٺا تعريف ڪن... سنڌ جو ڪهڙو ڳوٺ آهي. جتي جا ٻار تعليم کان محروم نه آهن؟ ڪيترن ڳوٺن ۾ اسڪول ئي بند ٿيا پيا آهن. تعليم جون اعليٰ ڊگريون ته ڇا اسان جا ڪيترائي سنڌي B.A جهڙي معمولي ڊگري کان به خالي خولي آهن. ڳوٺن ۾ وڃي ڇا، سنڌ اسيمبليءَ ۾ ئي ڪيترا اهڙا ميمبر ملي ويندا جيڪي مئٽرڪ پاس مس هوندا....
    “هندستان جي ورهاڱي وقت توهان وٽ انڊيا ۾ ڪجهه به نه هو،” هن جي زال چيو، “پر ڏينهن رات محنت ڪري توهان سنڌي اڄ سکيا ستابا ٿي ويا آهيو.”
    آئون ڪجهه ڳالهايان، ان کان اڳ هن جي مڙس وارو ورتو “آئون ته سڀني کي اهو ئي چوندو آهيان ته سنڌين مان سبق وٺو. سنڌي اها قوم آهي جنهن جو توهان کي ڪو فقير نه نظر ايندو...”
    آئون هڪ عجيب حالت ۾ هوس، ته هي سڀ ڪجهه ٻڌي کين ڪهڙو جواب ڏيان. مهرباني چوان يا چوان ته توهان ڪهڙي قوم جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو... خوش ٿيان، کِلان، رُئان ڇا ڪريان؟ هي زال مڙس آهن جيڪي هيڪاندو جذباتي ٿي جوش ۾ تعريف ڪندا وڃن. کين اها به ڄاڻ ناهي ته سنڌي ماڻهو سڀ کان گهڻو بيروزگار آهن، سنڌي ماڻهو معاشي طرح ايڏو ته مسڪين ٿيندا وڃن جو وتن پنهنجا ٻار ٻچا وڪڻندا...
    “سنڌين ۾ ڏوهن جو انگ به نه برابر آهي. هنن جو واسطو فقط تعليم ۽ واپار سان رهي ٿو.” هنن وڌيڪ چيو، “چوري، مار ماران يا ڪنهن غير قانوني حرڪت جي ويجهو ته ڪو سنڌي وڃڻ ئي نٿو چاهي...”
    هو الائي ڇا ڇا تعريفون ڪندا رهيا ۽ آئون سوچيندو رهيس، ته هي شايد ڪا سنڌي اخبار يا ڪو سنڌي T.V چئنل نٿا ڏسن، جتان هر وقت ڌاڙن، اغوائن، ڪارو ڪارين، خونريزين، قبيلائي فسادن... جون خبرون اينديون رهن ٿيون...!
    پر نه هنن جيڪي ڳالهيون ڪيون پئي اهي سچ ۽ حقيقت تي مبني هيون. هنن انڊيا ۾ رهندڙ هندو سنڌين جون ڳالهيون پئي ڪيون. هو اسان مسلمان سنڌين ۽ اسان جي سنڌ کان واقعي اڻ واقف هئا، جو جڏهن مون چيو ته آئون پاڪستان کان هتي آيو آهيان ته هنن حيرت مان پڇيو، ته سنڌ جا سنڌي ته سڀ هيڏانهن لڏي آيا.
    مڙس ٻڌايو ته هو انجنيئر آهي ۽ هن ممبئي جي سنڌي ڪاليجن K.C ڪاليج (ڪشنچند چيلا رام ڪاليج) ۽ TSEC ڪاليج (ٿڌو مل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج) مان تعليم حاصل ڪئي ۽ سندس زال جنهن جو پڻ هن وانگر ممبئي جي هڪ غريب مرهٺا فئملي سان تعلق هو، هڪ سنڌين جي ڪاليج (C.H.M. College) شريمتي چاندي ٻائي همٿ مل منسوکاڻي ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي.
    “توهان جا سنڌي هتي ممبئيءَ ۾ اهڙا خيراتي ڪاليج نه اچي کولين ها، ته اسان جهڙن غريب گهرن جا ٻار ڪيئن پڙهي ڳڙهي روزگار کي لڳي سگهن ها؟” هنن چيو ۽ ريلوي اسٽيشن ۾ داخل ٿي ويا ۽ آئون پنهنجي ڪئميرا کڻڻ لاءِ فوٽو گرافر وٽ هليو ويس.
    مٿيون همراهه سنڌين جي جن ڪاليجن جي ڳالهه ڪري رهيو هو، انهن مان ڪي سي. ڪاليج ممبئي جو پهريون ڪاليج آهي جيڪو هتي جي NAAC ڪائونسل مطابق، A گريڊ ۾ مڃيو ويو. هي ڪاليج ممبئي جي چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ آهي ۽ “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” جي بانين پرنسپال ڪي. ايم ڪندناڻي ۽ بئريسٽر هوتچند آڏواڻيءَ امير سنڌي هندن کان چندا گڏ ڪري هي ڪاليج 1954ع ۾ کولرايو ۽ سنڌ جي سخي مرد ڪشنچند چيلارام نالي ڪيو. هن ڪاليج ۾ سائنس، آرٽس ۽ ڪامرس جي ڊگرين کان علاوه ڪيترن پروفيشنل ۽ ووڪيشنل ڪورسن ۾ گرئجوئيشن ڪرائي وڃي ٿي.جهڙوڪ: ماس ميڊيا، انفارميشن ٽيڪنالاجي، اڪائونٽس، فنانس، بئنڪنگ ۽ انشورنس، ڪمپيوٽر ائپليڪيشن، بايو ٽيڪنالاجي ۽ انڊسٽريل ڪيمسٽري وغيره.
    ممبئي جي تعليمي ادارن ۾ توهان کي “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” (HSNCB) جو نالو هر وقت ٻڌڻ ۾ ايندو. پهرين آئون به وائڙو ٿي ويس، ته اهو ڪهڙو تعليمي بورڊ آهي. ڪٿي حيدرآباد جي سيڪنڊري بورڊ آف ايجوڪيشن جي ڳالهه ته نه پئي ٿئي. پر پوءِ معلومات حاصل ڪيم، ته HSNCB اهو تعليمي بورڊ آهي، جيڪو هندستان جي ورهاڱي بعد سنڌ کان لڏي آيل سنڌين ممبئي ۾ اچي قائم ڪيو. پروفيسر ڪندناڻي ۽ وڪيل ايڇ جي آڏواڻي جهڙن تعليمي ماهرن ۽ هڏ ڏوکين انڊيا لڏي اچڻ بعد ان ڳالهه جي سخت ضرور محسوس ڪئي، ته انسان ذات جي ترقي ۽ سڌاري لاءِ تعليم ضروري آهي ۽ جهڙي طرح سنڌي هندن ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ تعليمي ادارا پئي هلايا اهڙي طرح انڊيا ۾ به قائم ڪيا وڃن، جيئن سندن ڪميونٽي ۽ ٻيا مڪاني ماڻهو تعليم حاصل ڪري سگهن. ان خيال کان هنن “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” (HSNCB) قائم ڪيو، جنهن جو ڪم هو امير سنڌي ماڻهن کان چندا حاصل ڪري معياري قسم جا ڪاليج ۽ اسڪول ٺهرائڻ. مٿيون ڪاليج ڪي سي (ڪشنچند چيلارام) ڪاليج ان سلسلي جي ٻي ڪڙي آهي. ان کان اڳ پهريون ڪاليج سنڌ جي هندو ڌرمي اڳواڻ رشي ديارام گدومل نالي باندرا ۾ کوليو ويو ۽ “آر. ڊي. نئشنل ڪاليج” يا ٺلهو “نئشنل ڪاليج” سڏيو وڃي ٿو. هن ۾ آرٽس، ڪامرس، ميڊيا ۽ آءِ ٽي جون Faculties آهن. بهرحال سنڌين جي هن تعليمي بورڊ طرفان اڄ فقط ممبئي ۽ الهاس نگر ۾ سنڌين جا ٺهرايل سوين ڪاليج، هاءِ اسڪول ۽ پرائمري اسڪول آهن.
    TSEC (ٿڌو مل شاهاڻي انجنيئرنگ ڪاليج) پڻ مٿين سنڌين جي تعليمي بورڊ طرفان ممبئي جي علائقي باندرا ۾ ڪاليج آهي جيڪو فقط TSEC ۽ ٽي سيڪ (Tee See) جي نالن سان پڻ مشهور آهي. مٿين جوڙي جنهن مون کان سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن جو ڏس پڇيو، ان جي پوڙهي انجنيئر هن ڪاليج بابت ٻڌايو، ته هن ٿڌومل شاهاڻي TSEC انجنيئرنگ ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي هئي. هي ڪاليج به ممبئي جي ’A‘ گريڊ ڪاليجن مان هڪ ليکيو وڃي ٿو ۽ ممبئي يونيورسٽي سان Affiliated آهي. هن ڪاليج ۾ ڪمپيوٽر، ڪيميڪل، اليڪٽرانڪس، ٽيلي ڪميونيڪيشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ بايو ميڊيڪل ۾ B.E پڻ ڪرائي وڃي ٿي. هن ڪاليج ۾ 50 سيڪڙو سيٽون سنڌي هندن لاءِ Reserve ٿيل آهن. هتي اهو به لکندو هلان ته مشهور اسلامي چئنل Peace وارو ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ پڻ سنڌي هندن جي مٿين ڪاليج “ڪشنچند چيلارام ڪاليج” مان انٽر ڪرڻ بعد ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سان ممبئي ۾ ته ملاقات نه ٿي سگهي، باقي گهڻو اڳ جڏهن احمد ديدات جيئرو هو ته هن سان گڏ ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) جي مسجد ۾ ملاقات ٿيندي هئي، جن ڏينهن ۾ هن تازو MBBS ڪئي هئي ۽ دعوا (واعظ ڪرڻ) جو طريقو سکي رهيو هو.
    مٿي بيان ڪيل انجنيئر جي زال ممبئي جي جنهن ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪئي، ان جو نالو هن SCHMC (شريمتي چاندي ٻائي همٿمل مانسوکاڻي) ڪاليج ٻڌايو. هي ڪاليج پڻ حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ جو ٺهرايل آهي ۽ ممبئي جي وڏن ڪاليجن مان هڪ مڃيو وڃي ٿو. منجهس آرٽس، سائنس، ڪامرس، مئنيجمينٽ، ماس ميڊيا ۽ IT ۾ گرئجوئيشن ڪرائي وڃي ٿي. مون کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿي، ته هن ڪاليج ۾ 400 کن استاد ۽ ٻيو اسٽاف جو عملو پگهاردار آهي ۽ ڪاليج جي مٿين ڇهه برانچن ۾ 9500 شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا. هي ڪاليج الهاس نگر جي ريلوي اسٽيشن جي بلڪل سامهون آهي. هن ڪاليج جو بنياد سال 1964ع ۾ رکيو ويو، جن ڏينهن ۾ “حيدرآباد سنڌ نئشنل ڪاليجيٽ بورڊ” جو صدر شري گنگارام همٿ مل مانسکاڻي هو ۽ هُن هِن ڪاليج جي ٺهرائڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو پئسو ڏنو.
    بهرحال ممبئي پاسي لڏي آيل سنڌ جي هندن جا ان قسم جا ٺهرايل ڪيترائي ڪاليج آهن، جيڪي ممبئي شهر جي مختلف رستن تان لنگهندي نظر اچن ٿا ۽ هن وقت ٻه ٽي ٻيا نالا به ياد اچي رهيا آهن، جيئن ته:
    • هاسا رام ريجهومل ڪامرس ڪاليج جيڪو پڻ چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ آهي.
    • مِٺي ٻائي موتيرام ڪندناڻي ڪاليج جيڪو باندرا ۾ آهي.
    • آڏواڻي لا ڪاليج، باندرا، ممبئي.
    • واتو مل انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي، وورلي، ممبئي.
    • شري حشمتراءِ ائنڊ گنگا رام مئنيجمنيٽ انسٽيٽيوٽ الهاس نگر.
    • ڊاڪٽر هيراننداڻي فارميسي ڪاليج، الهاس نگر.
    • ناري گرشاهاڻي لا ڪاليج، الهاس نگر.
    • وليرام ڀيرومل ميلواڻي ماڊل اسڪول، گرانٽ روڊ، ممبئي.
    • ماستر سيتلداس چانشيام داس پنواڻي هاءِ اسڪول ممبئي.
    • سنڌ ماڊل اسڪول، گرانٽ روڊ، ممبئي،.... وغيره.


    مِٽيءَ مان سون بنائڻ وارا هي سنڌي

    1947ع ۾ انگريزن ننڍي کنڊ جي پچر ڇڏي ۽ ورهاڱي جي نتيجي ۾ پاڪستان وجود ۾ آيو. پنجاب ۽ بنگال صوبن جا اڌ انڊيا پاسي ۽ اڌ پاڪستان پاسي آيا. سنڌ ۾ مسلمانن جي گهڻائي هجڻ ڪري سنڌ جو سڄو صوبو پاڪستان پاسي آيو. سنڌ ۾ جيتوڻيڪ مسلمانن توڙي هندن ۾ ڪو اهڙو جهيڙو جهٽو نه رهيو، پر ٻين صوبن جون حالتون ڏسي جتي ڪٿي تمام گهڻو خوف طاري ٿي ويو. سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترائي هندو اهو فيصلو نه ڪري سگهيا، ته پنهنجن اباڻن ڪکن ۾ رهجي يا وطن ڇڏجي. چڱي طرح سوچڻ يا صلاح مشوري جو وقت نه هو ۽ ديکا ديکي ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هندن جو تمام وڏو حصو سنڌ ڇڏي، انڊيا جي ڀر وارن رياستن گجرات ۽ راجستان روانو ٿي ويو. ڪيترا ته جوڌپور ۽ اجمير جهڙن ويجهن شهرن ۾ ئي رهي پيا. هنن کي اها اميد هئي ته هي هنگاما عارضي آهن ۽ هو هتان وري واپس پنهنجن گهرن ۽ ڌنڌن ڌاڙين کي وڃي لڳندا پر ائين نه ٿيو ۽ پوءِ هو پنهنجو مستقبل انڊيا جي شهرن ۾ ئي جوڙڻ لڳا. هنن لاءِ اتي هر ڳالهه نئين هئي. هو هٿين خالي هئا. نئون ماحول ۽ نيون ملڪي حالتون هيون. هو دربدر ۽ بي گهر ٿي ويا. محلاتن ۾ رهڻ وارا، ڪارخانن ۽ ڪوٺين جا مالڪ هٿين خالي ٿي، پيا. پر هي ڪمال آهي ۽ دنيا هنن جي ترقيءَ تي ايتري ئي حيرت کائي ٿي جيتري ٻي وڏي لڙائي بعد تباهه ٿي ويل جپانين ۽ جرمنن جي ترقي ۽ ڪاميابيءَ تي تعجب کائي ٿي.
    لڏپلاڻ بعد سنڌين کي اجهو ڏيڻ لاءِ انڊيا جي حڪومت ڪنڊلا بندرگاهه وٽ گهر ٺاهي رهڻ لاءِ زمين ڏني، ته هو گانڌيرام نالي شهر اڏي رهن. پر جيئن چوڻي مشهور آهي ته روم ڪو هڪ ڏينهن ۾ نه ٺهيو هو سو گانڌيرام شهر به ڪو هڪ ڏينهن يا هڪ سال ۾ نٿي ٺهي سگهيو. سنڌ کان انڊيا لڏي آيل سنڌي هندن ائين ٻهراڙيءَ ۾ رهي پنهنجي قسمت تي ڳوڙها ڳاڙڻ بدران هٿ پير هڻي پنهنجي وجود کي قائم رکڻ ٿي چاهيو. خود ترسي ۾ مبتلا ٿيڻ بدران هنن هر قسم جو پورهيو ڪري پنهنجو پيٽ پالڻ چاهيو ٿي. ان ڪري هنن ممبئي (بمبئي) جهڙي وڏي شهر ڏي لاڙو رکيو، جتي پورهئي، ڪمائڻ، تعليم ۽ ڌنڌي ڌاڙي جا ڪيترائي موقعا ملي سگهيا ٿي. ممبئي جي ڀرسان انگريزن جي ڏينهن جي ٺهيل ڪلياڻ ڪئمپ هئي، جيڪا هنن ٻي وڏي لڙائي جي اطالوي سپاهين کي قيد رکڻ لاءِ ٺاهي هئي. لڏي آيل سنڌين رهائش لاءِ هن ڪئمپ کي به غنيمت سمجهيو، جتان هنن کي ممبئي جو شهر 50 کن ميلن جي فاصلي تي مس ٿي پيو. هو هتي رهي ممبئي ۾ واپار وڙو ڪري سگهيا ٿي. اڳتي هلي هن نئين شهر جو نالو الهاس نگر پيو. اڄ الهاس نگر ۾ ايترا ته سنڌي رهن ٿا، جو ڌاريان ماڻهو هن شهر کي سنڌونگر به سڏين ٿا.
    ڪڏهن ڪڏهن آئون اهو سوچيندو آهيان، ته جنهن ٿوري عرصي ۾ هڪ ڌارئين ڌرتي تي سنڌي هندن پاڻ کي نه رڳو Settle ڪيو پر پاڻ کي خوشحال به ڪيو. هنن هر فيلڊ ۾ نه رڳو پاڻ ترقي ڪئي پر هنن مڪاني ماڻهن گجراتين، راجستانين، مرهٺن وغيره لاءِ به تعليمي ادارا، صحت گهر، پارڪ ۽ مسافر خانا ٺهرايا. ويندي هنن جي وهٽن لاءِ پاڻيءَ جا حوض ۽ اس ۽ مينهن کان بچڻ لاءِ ڇپر ٺهرايا. سنڌي هندن جي اها ڳالهه نه فقط کين دنيا جي ٻين قومن کان الڳ ڪري ٿي، پر سندن هم وطن سنڌي مسلمانن کان به جدا ڪري ٿي. منجهن اها ڪهڙي خوبي هئي جنهن کين هيڏي وڏي Crisis ۾ به همت هارڻ نه ڏني؟ ان جو جواب آڪٽوبر 1983ع ۾ دهلي ۾ ٿيل “سنڌي ڪانفرنس” ۾، جنهن ۾ انڊيا جي صدر ۽ وزيراعظم به شرڪت ڪئي، مسز اندرا گانڌيءَ ڏنو آهي جنهن سنڌين جي تعريف ۾ هنن ٽن ڳالهين جي نشاندهي ڪئي ته سنڌين ۾ Intelligence ، Enterprise ۽ Adaptability آهي. منهنجي خيال ۾ سندن انهن خاصيتن ڪري هو ورهاڱي کان به گهڻو اڳ برمودا ۽ لاس پاماس ٻيٽن تي به وڃي Settle ٿيا. هنن لاءِ نئون ماحول، نئون معاشرو، نئين زبان، نئين آبهوا- ڪابه شيءِ رنڊڪ ثابت نٿي ٿئي. مٿين تقرير ۾ اندرا گانڌيءَ اهو به چيو ته هن 1930ع واري ڏهي ۾ سِسلي (اٽلي) جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ ۾ سنڌي (هندو) جو دڪان ڏٺو. ڏکڻ قطب جي ويجهو فاڪلئنڊ ٻيٽن تي سنڌين کي رهندي ڏٺو...
    بهرحال وطن مان جلاوطن ٿيل سنڌي اڄ پهرين کان وڌيڪ سکيا ستابا آهن. بقول هڪ پوني ۾ رهندڙ سنڌيءَ جي: “The Challenge was great… But Our response was even greater”
    هن وڌيڪ ٻڌايو، ته سنڌ ۾ ته هنن جون فقط چند ڪمپنيون هيون: ڪي سي بلو اسٽار، موٽواڻي شڪاگو ريڊيو ۽ جي بي منگهارام بسڪٽ ڪمپني وغيره، پر پوءِ لڏپلاڻ بعد اسان جي ماڻهن گاجرا گيئرس، ڪرشنا اسٽيل، آڏواڻي Oerliron، ويسٽن ٽي وي، ويسٽرورڪس، اسڪائر ۽ انڊيا بڪ هائوس ڪمپنين جا رڪارڊ ڀڃي ڇڏيا.
    سنڌ ڇڏڻ بعد سنڌي هندو ممبئي ۽ ان جي آس پاس نظر آيا ٿي، پر اڄ هندستان جو ڪهڙو شهر آهي، جتي سنڌي فئملين جي ڪا ڪالوني نه آهي. ڪن انهن شهرن جي سبزي منڊين تي قبضو ڪري ورتو، ته ڪن ڪپڙي جي هول سيل مارڪيٽن تي. ڪيترا سنڌي مختلف شهرن جي ٽرانسپورٽ هلائين ٿا، ته ٻيا سرڪاري آفيسن ۽ روڊ رستا ٺاهڻ جا ٺيڪا کڻن ٿا. ڪي سنڌي انڊيا جي مختلف ڳوٺن ۾ کوري جون سرون ٺاهڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا، ته ڪيترن قبيلائي عورتن کي پنهنجي سونهن برقرار رکڻ لاءِ باڊين ۽ بلائوز وڪڻڻ جو ڪاروبار جاري رکيو آهي. جنهن جو احوال سنڌي اديب لڇمڻ ڪومل پڻ پنهنجي آپ بيتيءَ ۾ ڪيو آهي.
    ورهاڱي کان اڳ ورلي ڪو سنڌي ڪروڙ پتي هو. اڄ فقط الهاس نگر ۾ 50 کان مٿي سنڌي ڪروڙ پتي آهن. سڄي هندستان ۾ اڄ “هندوجا برادرز” امير ترين سنڌي آهن، جن وٽ ذاتي ملڪيت 10 ارب رپيا آهي. 1947ع کان اڳ واسيا مل آسومل، پوهو مل برادرس، ڪشنچند چيلا رام، چنراءِ ۽ چوٽرمل سنڌين جون ڪمپنيون تمام وڏيون سمجهيون ويون ٿي، اڄ هڪ سئو کان مٿي سنڌين جون اهڙيون ڪمپنيون آهن. مورجاڻي وارن جو سڄي دنيا ۾ جينز جو بزنيس هلي ٿو ۽ سندن ساليانو ٽرن اوور هڪ بلين ڊالر کان مٿي آهي. ميلواڻي ۽ شيام ساني جو عمارتسازي ۾ نالو آهي، جن ويندي ميامي (فلوريڊا آمريڪا) جي اعليٰ علائقن ۾ عمارتون ٺاهيون آهن. رام ڪرپلاڻي جنهن جو احوال ٽرنيڊاڊ، برمودا ۽ ڪيوبا ٻيٽن وارن سفرنامن ۾ ڪري چڪو آهيان، پنهنجي وڌندڙ بزنيس ۽ خير جي ڪمن کان مشهور آهي ۽ ويسٽ انڊيز جي هن ٻيٽ ٽرنيڊاڊ جو هي بي تاج بادشاهه مڃيو وڃي ٿو. ايتري قدر جو هتي جو “Ram the Magician” نالي هڪ شيدين (Negro) جو راڳ آهي، جيڪو هتان جي مڪاني ريڊيو اسٽيشن ٽرنيڊاڊ تان براڊ ڪاسٽ ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ ويسٽ انڊيز جي وزيراعظم جارج چئمبر کي صلاح ڏني وئي آهي ته توکي جيڪڏهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، ته رام ڪرپلاڻي کان رهنمائي وٺ. گاني جون اهي سٽون هن ريت آهن:
    Everything Mr. Ram pust his hand to
    Turns from a shack to a mansion.
    So, Gerorge Chamber, you should see
    Mr. Ram Kripalani.
    If you can’t run the country,
    Call in Kripalani.
    سنڌ جا هندو خيرات ۽ چندا ڏيڻ ۾ به انڊيا ۾ مشهور آهن. ويجهڙائيءَ ۾ نائيجيريا جي شهر لاگوس ۾ سنڌي بزنيس مين “چنرائين” ممبئي جي وويڪنندا ايڊيوڪيشن سوسائٽيءَ کي 30 لک رپيا چندي ۾ ڏنا. In-laks فائونڊيشن (جيڪا اِندرو ۽ لڪشمي شيوداساڻي جي نالي آهي) پوني جي ساڌو واسواڻي اسپتال کي ريسرچ ورڪ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا Donate ڪيا آهن. اها فائونڊيشن هر سال انڊيا جي 200 شاگردن کي ولايت ۾ پڙهڻ جي اسڪالر ڏئي ٿي. هوتچند گوپالداس ۽ خوشي ڪندناڻي جهڙن سنڌين ممبئي ۾ نه فقط ڊزن کن ڪاليج کوليا آهن، پر انهن مان ڪي ڪي ته ٽاپ جا ڪاليج مڃيا وڃن ٿا. سنڌين جي اسپتال جسلوڪ (جيڪا جسوتي ۽ لوڪومل نالي آهي) نه فقط ممبئي جي پر انڊيا جي بهترين اسپتال مڃي وڃي ٿي. تعليم جي سيڪٽر ۾ سنڌين جي “ميران ايجوڪيشن سوسائٽي، پوني” به وڏي خدمت انجام ڏيندي اچي.
    پڙهندڙن کي اهو معلوم ڪري حيرت ٿيندي، ته ممبئيءَ ۾ فليٽن ٺاهڻ جو ڪم سنڌين شروع ڪيو ۽ اڄ به نه فقط اوچين عمارتن ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ ۾ پر خالي پلاٽن تي گهر اڏي ڏيڻ ۾ ڪيتريون سنڌين جون ڪمپنيون انڊيا ۽ انڊيا کان ٻاهر مشهور آهن، جن مان هڪ ميلوانيءَ بابت مٿي لکي چڪو آهيان، جنهن جي بلڊرس ڪمپني آمريڪا ۾ به گهر ٺـاهي ٿي. راهيجا برادرس ممبئي ۾ هڪ هزار کان به مٿي Ownership تي فليٽ ٺاهيا آهن. ڄيٺي سپاهيمالاڻي جون “نو جيون” نالي ٺاهيل ماهيم، چيمبر ۽ وچ ممبئي ۾ ڪالونين جي هر ڪو واکاڻ ڪري ٿو. اتور سنگتاڻي جي پوني ۾ نه فقط وڏي بلڊنگ ڪنسٽر ڪشن ڪمپني آهي، پر هو “پونا هيرالڊ” اخبار به هلائي ٿو. ممبئي ۾ هيرانند وارن جا ٺهيل ٽائون به ڏسڻ وٽان آهن پر چون ٿا ته سڀ کان وڏو بلڊر ڀائي پرتاپ آهي، جنهن ڪنڊلا بندرگاهه لاءِ به جاڙا شهر (Twin Cities) ٺاهيا آهن. هڪ اديپور جيڪو رهائشي شهر آهي ۽ ٻيو گانڌيدام، جيڪو ڪمرشل آهي.
    انڊيا ۾ رهندڙ ڪيترن سنڌين انفرادي طور به پنهنجو نالو مشهور ڪيو آهي. ڊاڪٽر ميندا “انڊين ميڊيڪل ائسوسيئيشن” جو صدر رهي چڪو آهي. اهڙي طرح پروفيسر جي. آر ملڪاڻي “انڊين فلاسافيڪل” ڪانگريس جو ۽ رام ڄيٺملاڻي “انڊين بار ڪائونسل” جو صدر رهي چڪو آهي. اڄڪلهه جي. جي مير چنداڻي UNI (يونائيٽيڊ نيوز آف انڊيا) ايجنسي جو سربراهه آهي. انڊيا جي مشهور اخبار “بزنيس انڊيا” کي اشوڪ آڏواڻي هلائي رهيو آهي. پروفيسر ڪي. اين. واسواڻي ڪنيا ڪماري شهر جي “وويڪاندا راڪ ميموريل ڪميٽي” جو سربراهه آهي. جسٽس نين MRTPC ڪميشن جو صدر رهيو. جسٽس چئناڻي ممبئي هاءِ ڪورٽ جو صدر رهيو. پروفيسر ٽي. ايم. آڏواڻي ممبئي ۽ ڪشمير يونيورسٽين جو وائيس چانسلر ٿي رهيو. ڪي. ايل پنجابي (ڪيترن سنڌين جي ذات ’پنجابي‘ آهي جيئن پنجابين جي سنڌو آهي) مهاراشٽرا صوبي جو چيف سيڪريٽري ٿي رهيو ۽ سڌواڻي گجرات صوبي جو چيف سيڪريٽري هو. ڊاڪٽر ڪي. اي. آڏواڻي ممبئي جي 125 سال پراڻي ۽ ايشيا جي سڀ کان وڏي لاڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو.
    ٽي. وي. منسوکاڻي HMT (هندستان مشين ٽولز) جو سربراهه آهي. ڦيرواڻي صاحب ٽرڪون ٺاهيندڙ ڪمپني اشوڪ ليلئنڊ جو هيڊ آهي. سمتاڻي “ڀارت هيوي اليڪٽريڪل” جو ۽ ٽي. اين ادناڻي سينٽرل واٽر ائنڊ پاور ڪميشن جو وڏو آهي. جي. ايس رامچند “انڊين ڪرڪيٽ” جي اڳواڻي ڪري ٿو. ايم ڪي ڪرپلاڻي ڪئناڊا ۾ انڊيا جو سفير آهي ۽ وشنو آهوجا روس ۾ سفير آهي. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ ڪيترن جو اهو ئي خيال آهي ته اهي خوجن، بوهرين ۽ ميمڻن وانگر فقط واپار ۾ دلچسپي رکن ٿا، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي، ته هي سنڌي واپاري طبيعت جا هوندي به فوج ۾ آهن ۽ ڪي سنڌي ته جنرل ۽ ائڊمرل جي عهدن تائين به پهتا آهن. مثال طور ميجر جنرل هيرا، وائيس ائڊمرل ٽهلياڻي، ائڊمرل نندا وغيره سنڌي آهن، جيڪي سنڌ ۾ ڄاوا هاڻ انڊيا ۾ رهن ٿا.
    ورهاڱي (1947ع) کان اڳ فلمي دنيا ۾ ٻڍو آڏواڻي، هري شيودا ساڻي جهڙن چند سنڌين نالو پيدا ڪيو هو. هاڻ ته جي پي سپي ۽ اين سي سپي جهڙا ڪيترائي سنڌي فلم انڊسٽري ۾ آهن. ٽاپ جا فلم ڊائريڪٽر گووند نهلاڻي (آڪروش)، راج سپي، رميش سپي، ڪمار شاهاڻي ۽ ٻيا ڪيترا سنڌي آهن. ان کان علاوه سڌير، مچ موهن، راج ڪرن (مهتاڻي)، اسراڻي، شيلاراماڻي، ببيتا، ساڌنا ۽ ٻين سنڌي فلمي اداڪارن نالو روشن ڪيو آهي.
    ڌرمي دنيا ۾ دادا جشن واسواڻي، سنت ليلا شاهه، دادا چيلا رام (نج ٿانوَ) سنڌين جي گرو نانڪ مشن، برهمڪماري جهڙيون آرگنائيزيشنون نه فقط انڊيا ۾ پر انڊيا کان ٻاهر به قدر جي نگاهه سان ڏٺيون وڃن ٿيون، بلوراڻي، شانتي هيرانند، سي ايڇ آتما، ماسٽر چندر، ڪملا ڪيسواڻي، ڀڳونتي ناواڻي، ديپڪا ڪرپالاڻي، چئناڻي سسٽرز ۽ هوند راج ڏکايل جهڙن سنڌين جي ميوزڪ جي دنيا ۾ وڏي Contribution آهي.
    انڊيا جي سياست ۾ به سنڌ کان انڊيا لڏي آيلن جو وڏو حصو رهيو آهي، جن مان آچاريه ڪرپالاڻي اهم نالو آهي. جئرامداس انڊيا جي پارليامينٽ جو نه فقط ميمبر رهيو، پر ڪابينا جو وزير ۽ گورنر به ٿي رهيو. ايل ڪي آڏواڻي به نه فقط وزير ٿي رهيو آهي، پر انڊيا جي سياست ۾ اڳيان اڳيان آهي. اهڙي ئي اهم حيثيت هاشو آڏواڻيءَ جي مهاراشٽرا رياست جي سياست ۾ آهي. سچيتا ڪرپالاڻي، ڊاڪٽر چوئٿرام، پروفيسر اين آر ملڪاڻي، رام ڄيٺملاڻي، ڪرشنا ڪرپالاڻيءَ پنهنجو نالو پارليامينٽ جي حوالي سان روشن ڪيو آهي.
    جيستائين واپار ۽ پئسو بچائڻ آهي، ان ۾ ته سنڌي هندوءَ جو نه چيني مقابلو ڪري سگهندو نه ڪو پارسي يا يهودي. جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته هندستان ۾ ڪوبه سنڌي فقير نظر نٿو اچي، ته هو واقعي صحيح ٿو چوي ۽ هنن سنڌين لاءِ مشهور گانو “مٽيءَ مان سون بنائڻ وارا سنڌي” آهي.
    انگريزي ادب جي ليکڪ آسڪروائلڊ جو چوڻ آهي ته اسان سڀني کي پنج حواس ضرور آهن. پر جيستائين اسان وٽ ڇهون حواس پئسي ٺاهڻ جو نه آهي، اسان باقي پنجن حواسن مان ڪو فائدو حاصل ڪري نٿا سگهون.
    منهنجي خيال ۾ هندستان ۾ رهندڙ سنڌي هندن آسڪروائلڊ جي هن چوڻيءَ تي صحيح طرح عمل ڪيو آهي.


    ممبئي جا ۽ اسان جا فليٽ

    ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي سربراهه (Head) ڊاڪٽر ٻلديو بختراءِ مٽلاڻي ٻڌايو، ته هو پهرين الهاس نگر ۾ پنهنجي والده ڪوشيلا ٻائي ۽ ٻن ڀائرن پريمچند ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل سان گڏ رهيو ٿي. پوءِ آهستي آهستي قسطون ادا ڪري هنن ممبئي شهر جي هڪ علائقي ’انڌيري‘ ۾ فليٽ خريد ڪيو ۽ پاڻ پنهنجي زال هيما ۽ ٻارن (ونود، ڌيرج ۽ ورشا) سان ان فليٽ ۾ شفٽ ٿيو. “هاڻ ڀر ۾ ئي هڪ ٻي گهڻ ماڙ عمارت ٺهي رهي آهي، ان ۾ ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لاءِ فليٽ بڪ ڪيو اٿئون،” ٻلديو ٻڌايو، “اسان سڀ ڀائر ڪجهه نه ڪجهه بچائي ان فليٽ جي قسط جي ادائگي ڪندا آهيون. اسان سادو پهري، سادو کائي، پئسو بچائي پنهنجو اجهو حاصل ڪرڻ ضروري سمجهون ٿا.”
    ان ۾ ڪو شڪ نه آهي، ته انڊيا ۾ وڏا وڏا آفيسر ۽ پئسي وارا به سادگي ۾ رهن ٿا. ڊاڪٽر ٻلديو ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر منوهر لعل ته لوڪل ريل گاڏين ۽ بسين ۾ يونيورسٽي پهچندا هئا، پر آئون ڏسندو هوس ته ڀر وارن ڊپارٽمينٽن جا سربراهه: اردو ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر صاحب علي ۽ گجراتي ڊپارٽمينٽ جو ڊاڪٽر رتي لعل روهت توڙي انگريزي ڊپارٽمينٽ جي خاتون هيڊ ڊاڪٽر نيلوفر بروچا به عام پبلڪ ٽرانسپورٽ بس ۾ يونيورسٽي جي گيٽ تي اچي لهندي هئي، جتان پوءِ پنهنجي ڊپارٽمينٽ تائين پيرين پنڌ پهچندي هئي. اها به ڳالهه نوٽ ڪيم ته ملائيشيا وانگر انڊيا جا به پروفيسر توڙي شاگرد ڪپڙي پوشاڪ جي معاملي ۾ به سادگي پسند لڳا. ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ ڪو فنڪشن ٿيو ٿي ته پوءِ اوچا ڪپڙا پائي آيا ٿي خاص ڪري ڇوڪريون تکن رنگن ۽ چمڪ وارين ساڙهين يا شلوار قميض ۾ نظر آيون ٿي.
    ڊاڪٽر ٻلديو پهرين ڏينهن کان مون کي سندس فليٽ ڏسڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ چوندو رهيو.
    “يار هتي گيسٽ هائوس ۾ رهي ڪري به تنهنجي ئي ته ماني کايان پيو.” مون گهڻي ئي ڪوشش ڪئي ته ٻلديو جي فئملي کي ان تڪليف کان بچايان جو هونءَ به منهنجي خوشي ان ۾ آهي ته هڪ هنڌ ويهي ڳري ماني يعني ٻوڙ ڀت ۽ اڦراٽا کائڻ بدران، هلندي چلندي ڪا سئنڊوچ يا سموسو پڪوڙو کائي ڇڏجي، پر ٻلديو نه مڙيو ۽ هڪ ڏينهن صبح ساڻ يونيورسٽي پهچي مون کي ڪيڏانهن اڪيلي گهمڻ لاءِ وڃڻ بدران هن سان سندس گهر هلڻ لاءِ چيو:
    “منهنجو هڪ دوست ڪار کڻي ايندو، پاڻ ان سان گڏ هڪ بجي اسان جي گهر هلنداسين. ڊاڪٽر منوهر به هلندو ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ پريمچند به الهاس نگر کان انڌيري پهچي ويندو.”
    ممبئي شهر سمجهو ته ڪولابا کان ڏهيسر (Dahisar) تائين آهي جيئن ڪراچي ڪياماڙيءَ کان سرجاني ٽائون تائين آهي اسان ممبئي يونيورسٽي ڪالينا ڪئمپس تي هئاسين جيڪو ائين آهي جيئن ڪراچي جو گرو مندر (نيو ٽائون) ۽ انڌيري وارو علائقو ائين آهي، جيئن نيوڪراچي يا سرجاني ٽائون ڏي ويندي رستي تي نارٿ ناظم آباد جو حيدري وارو علائقو آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته ممبئي به ڪراچيءَ وانگر ڏکڻ کان اتر ڏي پکڙيل آهي. اسان وٽ ڪراچي شهر جي وچ مان ڪابه لوڪل ريل گاڏي نٿي هلي پر ممبئي ۾ ٻن ٽن قسمن جون لوڪل ريل گاڏيون، سمجهو ته ڪياماڙي کان نيوڪراچي ۽ سرجاني ٽائون، ڪياماڙيءَ کان لياقت آباد ۽ سهراب ڳوٺ تائين ته هلن ٿيون، پر اڳيان الهاس نگر ۽ پوني يعني ٺٽي ۽ حيدرآباد تائين هليون وڃن ٿيون. وچ شهر مان ريل گاڏي هلڻ ڪري ممبئي جا ڪيترا اهم علائقا ٻن حصن (ايسٽ ۽ ويسٽ) ۾ ورهائجي ويا آهن. جيئن سانٽا ڪروز ايسٽ به آهي ته ويسٽ به، کار ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. اهڙي طرح انڌيري ايسٽ به آهي ته ويسٽ به. انهن جي ريلوي اسٽيشن هڪڙي ئي آهي پر ريلوي اسٽيشن مان نڪرڻ بعد توهان کي ان پاسي جي گيٽ مان نڪرڻ کپي جنهن پاسي توهان کي وڃڻو آهي. مثال طور توهان کي سانٽا ڪروز ويسٽ ۾ ڪنهن جي گهر يا آفيس وڃڻو آهي، ته سانٽا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي پهچي پوءِ ويسٽ واري پاسي کان نڪري آٽو رڪشا يا ٽئڪسي ڪجي. هڪ دفعي آئون ايسٽ گيٽ کان نڪري ٽئڪسي ڪرڻ وارو هوس، ته هڪ مڪاني مرهٺي مون کي سمجهايو ته اسٽيشن جو پليٽ فارم ٽپي ٻئي پاسي کان ٽڪئسي ڪريان ته منهنجو فائدو آهي، جو هن پاسي واري ٽئڪسيءَ کي ريل جا پٽا ٽپي وڃڻ لاءِ ڪافي اڳيان وڃي پوءِ ڦاٽڪ مان مڙڻو پوندو.
    ممبئي جو هي حيدري نارٿ ناظم آباد وارو علائقو يعني “انڌيري” (Andheri) 1947ع ڌاري به هڪ ڏورانهون ڳوٺ هو، پر هاڻ انڌيري هڪ ماڊرن ٽائون ٿي ويو آهي. جنهن جي آدمشماري 40 لکن کان به مٿي ٿي وئي آهي. اولهه وارو پاسو يعني انڌيري ويسٽ گهڻو تڻو ڪلفٽن وانگر رهائشي علائقو آهي ۽ انڌيري ايسٽ رهائشي به آهي ته ڪمرشل به. ممبئي جو بين الاقوامي هوائي اڏو “ڇتراپتي شيوا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ” به انڌيري ايسٽ ۾ اچي ٿو، جيڪو اڳيان سانتا ڪروز علائقي سان وڃيو ملي. انڌيري جو علائقو هتي جي جهونين غارن کان به مشهور آهي، جيڪي مها ڪالي ديويءَ جون غارون سڏجن ٿيون. هتي جي گنيش ڀڳوان واري وانچا سڌي مندر ۾ (دادر واري مندر بعد) ٻئي نمبر تي پوڄارين جو وڏو تعداد اچي ٿو. انڌيري ايسٽ تي مارول ماروشي نالي هڪ اهم روڊ آهي، جنهن تي هتي جي مشهور وجئه نگر ڪالوني آهي، جنهن جو افتتاح بئريسٽر رجني پٽيل ڪيو هو جيڪو فلم ائڪٽريس اميشا پٽيل جو ڏاڏو ٿئي. وجئه نگر دراصل هتي جي سالياني گنيش ۽ گووندا مڪتي فاد وارن جشنن کان به مشهور آهي. انڌيري ايسٽ جي مارول ماروشي روڊ تي ڀاواني نگر نالي هڪ ٻي به مشهور رهائشي ڪالوني آهي. ڀاواني نگر ۾ 18 اتاهين عمارتن جو جهڳٽو آهي.
    انڌيري ايسٽ ۽ ويسٽ، ممبئي جي ڪجهه وڏن مالن (Malls) ۽ سافٽ ويئر ڪمپنين کان به مشهور آهي. سڀ ۾ وڏو مال “انفنٽي” آهي جنهن ۾ انڊيا جي سڀ کان وڏي ايف ايم ريڊيو اسٽيشن BIG FM نالي آهي. انڌيري ريلوي اسٽيشن ’ممبئي سبربن ريلوي لائين‘ تي پنجون نمبر اسٽيشن آهي، جنهن تي تيز رفتار لوڪل گاڏيون به ترسن ٿيون. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن کان انڌيري لاءِ ريل گاڏيءَ ۾ چڙهبو، ته رستي تي ممبئي شهر جون هيٺيون ريلوي اسٽيشنون اينديون:
    چرچ گيٽ، مئرين لائينس، گرانٽ روڊ، ممبئي سينٽرل، مها لڪشمي، پاريل، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماتونگا، ماهيم، باندرا، کار، سانٽا ڪروز، وِلي پارلي، ۽ ان بعد انڌيري اسٽيشن اچي ٿي.
    اسان کي ممبئي يونيورسٽي مان يعني سانٽا ڪروز واري علائقي مان، ڊاڪٽر ٻلديو جي هڪ دوست ڪرتار بچاڻي جي پٽ پران، پنهنجي ڪار ۾ کڻي اچي انڌيري ويسٽ ۾ پهچايو. رستي تي هڪ ٻن هنڌن تي پران ۽ ڊاڪٽر منوهر لعل جو ڪم به هو. بهرحال جن رستن تان لنگهڻ ٿيو، انهن مان ڪجهه نالا هن ريت آهن: مکرجي چوڪ، هنومان روڊ (جنهن جو اصل نالو شايد Gaothan Rd) آهي، مهاتما گانڌي روڊ، ساونت روڊ (G.H Road) پروفيسر N.S ڦادڪي روڊ، راجيو چوڪ، سوامي وويڪاند روڊ، سيزر روڊ ۽ آخر ويرا ڊيسائي روڊ تي پهتاسين، جتي ٺهيل اوچين عمارتن مان پالاش ٽاور نالي هڪ ۾ ڏهين فلور تي ڊاڪٽر ٻلديو وارن جو فليٽ آهي. مون کي به ممبئي ۾ هن قسم جي فليٽ ڏسڻ جو شوق هو. ممبئي ۾ زمين نيويارڪ جي مئن هٽن واري علائقي کان به مهانگي آهي. سو گهر کان وري به فليٽ سستو پوي ٿو. ڪراچيءَ جي ان قسم جي فليٽن کان ممبئي جا هي فليٽ جيتوڻيڪ ننڍا آهن، ٻلديو جو هي فليٽ ٻن ننڍڙن ڪمرن، ڪچن ۽ هڪ ننڍڙي ٽي وي لائونج تي مشتمل آهي. قيمت ۾ پڻ ممبئي جا هي فليٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد سنڌ جي فليٽن کان تمام مهانگا آهن پر يارو هڪ ڳالهه حق جي ڪبي ۽ رهڻ وارن کي داد ڏجي ته هُنن هِنن فليٽن کي اندران توڙي ٻاهران ڇا ته صاف سٿرو رکيو آهي! اسلام صفائيءَ جي تلقين ڪري ٿو ۽ اسان مسلمان ڳالهيون ته وڏيون ڪريون ٿا، پر ڪراچي ۽ حيدرآباد جي فليٽن ۾ رهڻ وارا ممبئي جا فليٽ اچي ڏسن. ٻلديو جي فلئٽ تان موٽڻ مهل، ٻيا فليٽ ڏسڻ ڪارڻ آئون ڪجهه فلور لفٽ بدران ڏاڪڻ ذريعي لٿس ۽ هيٺ لهي مون ڀر واري هڪ ٻه ٻي عمارت به اندران ڏٺي، جيڪي ٻلديو وارن جي عمارت کان ڪافي پراڻيون هيون، اهي پڻ اهڙيون ئي صاف سٿريون هيون. ان کان علاوه مون ڏٺو ته منجهند جي وقت به ٻلديو وارن، پاڙي وارن جو خيال رکڻ خاطر پنهنجي ٽي وي جو آواز آهستي رکيو. مون کي تعليم وارا ڏينهن ياد اچي ويا جڏهن سئيڊن جي مالمو شهر ۾ مسواڙ تي فليٽ حاصل ڪرڻ مهل سوئيڊش عورت مونکي چيو ته هوءَ پنهنجو فليٽ ڪنهن عرب يا پاڪستاني مسلمان کي هرگز نه ڏيندي، جو اهي گندگي کان علاوه گوڙ گهمسان ڪن ٿا ۽ پاڙيوارا شڪايتون ڪن ٿا. سنگاپور ۾ گهڻ ماڙ عمارتون ٺاهڻ شروع ڪرڻ کان اڳ اتي جي حڪومت فليٽن ۾ رهندڙن لاءِ نه فقط سخت قاعدا قانون ٺاهيا، پر ان جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي سخت سزائون ڏئي ٻين لاءِ مثال قائم ڪيو. پر حيرت آهي ته ممبئي جا رهاڪو بنا ڪنهن حڪومتي سختيءَ جي گهڻ ماڙ عمارتن ۾”جيئو ۽ ٻين کي به جيئڻ ڏيو” جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهن. شايد ان ڪري جو هتي جي ماڻهن ۾ تعليم آهي. هنن کي پنهنجي پاڙيوارن جو احساس رهي ٿو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندن انهن سٺين ڳالهين ڪري هنن کي ڌارين ملڪن ۾ (يورپ توڙي عرب ملڪن ۾) عزت جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو.


    شهرت ۽ ملڪيت جي مالڪ

    ممبئي جو شهر ٿوري ڌرتي گهڻي آدمشماري جي خيال کان ٽوڪيو ۽ نيويارڪ جهڙو ضرور آهي، پر انهن پوين ٻن شهرن ۾ شام جو اٺين نائين کان پوءِ ويراني ڇائنجيو وڃي. هيڏانهن ممبئي ۾ رات جو ٻارهين هڪ تائين ماڻهن جو ميلو متو پيو آهي. دڪان ۽ هوٽلون کليون پيون آهن. بسيون، ٽئڪسيون، ٽرينون ۽ ٽرامون پيون هلن. ممبئي شهر ڪابل ۽ ڪراچيءَ وانگر به نه آهي، جتي رڳو ڏاڙهين سان يا ڏاڙهي ڪوڙيل مردن جو راڄ آهي ۽ عورت ڪا ورلي نظر اچي ٿي. ممبئي ۾ مرد توڙي عورتون ساڳي آزاديءَ سان گهمن ٿا. ايران جا قم ۽ مشهد اهڙا شهر آهن، جن جي بازارين ۾ البت رات جو دير دير تائين مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون. ڪڏهن ڪڏهن ته مردن کان به عورتون وڌيڪ خريداري ڪندي يا گهمندي ڦرندي بازارين، رستن ۽ بس اسٽاپن تي نظر اچن ٿيون، پر انهن شهرن جون عورتون هڪ ئي ڊريس چادر ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هيڏانهن ممبئي ۾ رنگين ساڙهين، شلوار قميض، اسڪرٽن ۽ پينٽ جينز ۾ هجڻ ڪري ماحول کي رنگين بڻائين ٿيون. نه فقط چوڌاري قسمين قسمين رنگ نظر اچن ٿا، پر مختلف ڀاڄين، ميون، مٺائين، گانٺين، پڪوڙن، هلندڙ لارين موٽر جي دونهن جون خوشبوئون ۽ ڌَپون ۽ مختلف آواز، سونگهڻ ۽ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. هڪ ٽوئرسٽ روڊ جي ڪنهن ڪنڊ وٽ بيهي چوڌاري نظرون ڦيرائڻ ۾ به هڪ هلندڙ فلم محسوس ڪري ٿو. مختلف وڳن، قد بتن ۽ شڪلين جا ماڻهو مرهٺي، انگريزي، هندي، گجراتي يا تامل زبانن ۾ ڪچهري ڪندي، زور زور سان ڳالهائيندي يا ٽهڪ ڏيندي لنگهندڙ ڏسي عجيب محسوس ٿئي ٿو.
    ڊاڪٽر ٻلديو جي فليٽ جي Location مون کي ڏاڍي وڻي. ريلوي اسٽيشن ويجهي، بس اسٽاپ ويجهو ۽ شاپنگ سينٽر ۽ مارڪيٽون ڀر ۾! مندر ۽ اسڪول پٺئين گهٽيءَ ۾. مٿي ڏهين فلور تي سندس فليٽ ۾ ماڻهو ويٺو آهي، ته ڄڻ سڄي دنيا کان ڪٽيل محسوس ڪري ٿو. جهڙو وچ سمنڊ تي ڪنهن ٻيٽ تي ماڻهو ويٺو هجي. سڪون سان لکڻ پڙهڻ جهڙا ڪم ويٺا ڪجن. لفٽ ۾ چڙهي هيٺ لهه ته دنيا ئي ٻي- ڄڻ قلندر شهباز جي ميلي تي پهچي وياسين.
    مانيءَ بعد سندس گهران نڪتاسين، ته سندن ئي روڊ تي يعني ويرا ڊيسائي روڊ تي هڪ وڏي ڪمپائونڊ واري عمارت جي دروازي تي وڏن اکرن ۾ YRF لکيل ڏسي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيم، ته هي انڊين فلمون ٺاهيندڙ يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو ته نه آهي؟
    “بلڪل صحيح ٿا چئو،” ٻلديو چيو، “اندر گهمڻ جو ارادو آهي؟” ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته ڪنهن زماني ۾ هن فلم اسٽوڊيو ۽ رامسي فلمز وارن وٽ فوٽوگرافر ٿي ڪم ڪيو آهي ۽ هن کي ڪيترائي سڃاڻن ٿا. ڪجهه ڏينهن اڳ ٻلديو مون کي عدنان سميع جو پڻ هڪ فوٽو ڏيکاريو هو، جيڪو هن ايمپائر اسٽوڊيو ۾ “ڪوئي ميري دل مين هي” جي شوٽنگ دوران ڪڍيو هو. رامسي فلمز وارن جو ايمپائر اسٽوڊيو پڻ ٻلديو جي گهر جي ويجهو پالاش ٽاور ڀرسان آهي ۽ ان جي لڳو لڳ لنڪ روڊ تي سٽي مال ۽ انفنٽي مال آهن. مون هن وقت يش راج چوپڙا جو فلم اسٽوڊيو گهمڻ بدران رڳو ٻاهر بيهي فوٽو ڪڍرايا.
    يش راج چوپڙا ٿوريون فلمون ٺاهيون آهن، پر اهي تمام مشهور ٿيون آهن، جن مان ڪجهه هن ريت آهن: وقت، ديوار، ڪبهي ڪبهي، دل تو پاگل هي، لمحي ۽ وير زارا (جنهن جو تفصيلي احوال “دهلي جو درشن” سفرنامي ۾ ڪيو اٿم.) يش راج چوپڙا 1932ع ۾ لاهور ۾ ڄائو. هن آءِ ايس جوهر وٽ اسسٽنٽ ٿي ڪم ڪيو. ان بعد پنهنجي ڀاءُ وٽ هڪ فلم ’دهول کا پهول‘ جو ڊائريڪٽر جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ بعد هن “يش راج فلمس” نالي پنهنجي پروڊڪشن ڪمپني کولي مٿيون فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون ۽ اڄ هو هڪ ڪامياب پروڊيوسر مڃيو وڃي ٿو. يش ۽ سندس زال پاميلا کي ٻه پٽ اديتا ۽ اُدي آهن، جن مان اديتا پنهنجي پيءُ وانگر فلم ڊائريڪٽر آهي جنهن جي پهرين فلم “محبتين” اچي چڪي آهي.
    ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته يش راج جو هي YRF اسٽوڊيو هڪ بهترين اسٽوڊيو آهي، جنهن ۾ 3 سائونڊ اسٽيجون آهن ۽ سڄي انڊيا ۾ هي مڪمل طرح سائونڊ پروف ۽ ايئر ڪنڊيشن فلم اسٽوڊيو آهي.
    ويرا ڊيسائي روڊ تي ئي جتي لنڪ روڊ اچي ملي ٿو “پنچ وتي” نالي بلڊنگ آهي جنهن ۾ بالي ووڊ جون Horror (ڀوائتيون) فلمون رامسي فلمز وارا ٺاهين ٿا. رامسي برادرز بالي وڊ جا پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ ايڊيٽر آهن، جن ڪيتريون مشهور هندي فلمون ٺاهيون، جهڙوڪ ويرانا، پرانا مندر، ۽ بند دروازا ۽ ان کان علاوه ٽي وي سيريز “Zee Horror Show” پڻ هنن ڀائرن جو آهي. رامسي برادرز جي ٽيم ۾ شيام رامسي، ڪمار رامسي، ڪيشو رامسي، تلسي رامسي ۽ ڪرن رامسي ڀائر آهن.
    هنن ڀائرن (رامسي برادرس جو “زي ٽي وي” تان 1993ع کان 1998ع تائين جيڪو Zee Horror Show پيش ڪيو ويو هو، ان جا ڪجهه Episode تمام گهڻو مشهور ٿيا. خاص ڪري هندستان ۾ ڄمڻ وقت جيڪو نياڻين کي قتل ڪرڻ جو رواج Female infanticide تي جيڪو Episode “جيون مرتيو” هليو هو، ان ايڏي ته شهرت ماڻي جو پبلڪ ڊمانڊ تي هن کي هڪ دفعو وري ڏيکاريو ويو هو.
    زي هارر شو جون ڪجهه ٻيون مشهور سيريز هن ريت آهن: دستڪ، سايا، جادو ٽونا، سسڪيان، دهشت وغيره ۽ هنن ڀائرن جون جيڪي ڀوائتون فلمون تمام گهڻو مشهور ٿيون انهن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • گهُٽن (2007ع جي فلم)
    • ڌنڌ (2003ع).
    • مها ڪال (1993ع)
    • عجوبا قدرت کا (1991ع)
    • پراني حويلي (1989ع)
    • ويرانا.
    • پرانا مندر.... وغيره.
    يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪرڻ کان اڳ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي رامسي فلمز ۾ ڪجهه سال فوٽو گرافي ڪئي.
    “توهان کي اهو جاب ڪيئن مليو؟” مون ٻلديو کان پڇيو.
    “جن ڏينهن ۾ آئون جئه هند ڪاليج ۾ پڙهائيندو هوس، انهن ڏينهن ۾،” ٻلديو ٻڌايو، “تلسي رامسي جون ٻه ڌيئون پشپا ۽ لوينا مون وٽ سنڌي پڙهنديون هيون، انهن مون کي هي جاب ڏياريو.”
    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻلديو اڄ به سٺي فوٽو گرافي ڪري ٿو. ممبئي ۾ جنهن وقت به هو مون سان گڏ رهيو ٿي، ته مون پنهنجي ڪئميرا هن حوالي ڪئي ٿي يا سندس ڀائٽي (پريمچند مٽلاڻي جي پٽ) رشي ڪيش کي ڏني ٿي. رشي ڪيش اڄ به ڪيترن هنڌن تي فوٽو گرافي ڪري ٿو.
    بالاجي ٽيلي فلمز وارن جو بالاجي هائوس پڻ ڊاڪٽر ٻلديو وارن جي گهر وٽ وير ڊيسائي روڊ تي آهي، جتي ان سان لنڪ روڊ ملي ٿو. بالاجي ٽيلي فلمز وارن جون Sony زي، NDTV ۽ دنيا جي ٻين ٽي وي چئنلن تان هلندڙ ٽي وي سيريل سڄي هندستان ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ وڏي شوق سان ڏٺا وڃن ٿا. انهن مان ڪجهه “کيونکه ساس ڀي ڪبهي بهو ٿي،” “ڪسوٽي زندگي کي،” “ڪهين ڪسي روز” پاڪستان ۾ به وڏي شوق سان ڏٺا ويا ۽ هينئر بالاجي هائوس وٽان لنگهندي اهو سوچي رهيو هوس، ته اهي سڀ ٽي وي سيريل هن بلڊنگ ۾ ٺهن ٿا.
    پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته بالاجي ٽيلي فلمز وارن جون اڄ ڪلهه جيڪي ٽي وي سيريز ٺهيون آهن، اهي هن ريت آهن:
    • بيتاب دل ڪي تمنا هي: هيءَ ٽن ڳوٺاڻين ڇوڪرين جي ڪهاڻي آهي، جيڪي پنهنجي خوابن جي ساڀيان ماڻڻ لاءِ ممبئي اچن ٿيون. هنن کي زندهه رهڻ ۽ نوڪري هٿ ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جي مصيبتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
    • پيار ڪا بنڌن: هيءَ چئن ٻارن جي ڪهاڻيءَ آهي، جي قسمت جي خرابيءَ ڪري هڪ ٻئي کان وڇڙي وڃن ٿا. هن سيريز ۾ ڪرتڪا، لوانيا، ڪرن شرما، ميگهنا اسراڻي ۽ سُميت سچديو آهن.
    • بيري پيا: هڪ نوجوان ڇوڪري “امولي” جي ڪهاڻي آهي، جيڪا مهاراشٽرا رياست جي وديارڀا علائقي جي غريب هارين جي مسئلن کي منهن ڏئي ٿي. هن ۾ شارد ڪيلڪر ۽ سپريا ڪماريءَ ڪم ڪيو آهي.
    • بندني: هڪ گجراتي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي جيڪا هڪ عجيب شهر کان اچي ٿي نڪري، جتي هوءَ پنهنجي پيءُ جي عمر جي مرد سان شادي ڪري ٿي، جنهن جا ٻار ئي هن جي عمر جا آهن. هن سيريز ۾ آسيه قاضي ۽ رونيت راءِ ڪم ڪيو آهي.
    • پوتر رشته: هيءَ سيريز ارچنا نالي هڪ اهڙي ڇوڪريءَ جي ڪهاڻي آهي، جنهن جي ڪٿي شادي ان ڪري نه پئي ٿئي، جو هوءَ پڙهيل ڳڙهيل ناهي. هن سيريز ۾ سوشانت راجپوت ۽ انڪيتا لوکنڊي ڪم ڪيو آهي.
    بالاجي ٽيلي فلمز وارن جي هيڊ آفيس ۽ مرڪزي فلم اسٽوڊيو پروفيسر ٻلديو مٽلاڻي وارن جي گهر ڀرسان انڌيري ويسٽ ۾ نيولنڪ روڊ تي آهي، جيڪو هن علائقي جي اهم روڊ ويرا ڊيسائي روڊ کان شروع ٿئي ٿو. اڄ ڪلهه بالاجي ٽيلي فلمز وارا ممبئي ۾ سڀ کان وڏا فلمن ۽ ٽي وي سيريز جا ٺاهڻ وارا مڃيا وڃن ٿا،جيڪي انڊيا جي مختلف چئنلن اسٽار، سوني، ڪلرس، زي، NDTV، اميجن ۽ ٻين کي پنهنجيون ٺهيل سيريز پيش ڪن ٿا. بالاجي وارن جي هڪ نئين فلم “Once upon a time in Mumbi” پڻ اچي رهي آهي.
    کيونکه ساس بهي کبهي بهو تهي، کهاني گهر گهر کي، يا کسوٽي زندگي کي... جهڙيون ٽي وي سيريز جن ڏٺيون هونديون، انهن کي خبر آهي ته انهن جي ٺاهڻ پويان جنهن عورت جو دماغ ڪم ڪري ٿو، ان جو نالو ايڪتا ڪپور آهي. 35 سالن جي هيءَ ٽي وي ۽ فلم پروڊيوسر مشهور هندي فلم ائڪٽر جيتندر ۽ سندس سنڌي زال شوبا جي ڌيءَ آهي. ايڪتا کان ڏيڍ سال ننڍو ۽ اڪيلو ڀاءُ تشر ڪپور پڻ بالي وڊ جو مشهور ائڪٽر آهي.
    جيتندر 1942ع ۾ امرتسر جي هڪ پنجابي فئملي ۾ “روي ڪپور” جي نالي سان ڄائو. سندس پيءُ جو ڪوڙن زيورن (Imitation) جو ڪاروبار هو. هڪ ڏينهن جيتندر اهي ڳهه فلمون ٺاهيندڙ وي. شانتا رام کي ڏيکارڻ لاءِ ويو، ته هن کيس ’نورنگ‘ فلم ۾ ڊبل رول ڪرڻ جي آڇ ڪئي. هيءَ 1959ع جي ڳالهه آهي. ان بعد جيتندر 1963ع ۾ ’سهرا‘ فلم ۾ ۽ 1964ع ۾ “گيت گايا پتهرون ني” ۾ هيرو ٿي وڏو نالو پيدا ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي فلم ائڪٽر وحيد مراد جون ارمان ۽ ٻيون فلمون ٽاپ تي هيون. ٻنهي اداڪارن جي هڪ ٻئي سان ڪافي شڪل ۽ ائڪٽنگ ملي ٿي. جيتندرا جي گهڻي مشهور 1967ع ۾ “فرض” نالي فلم بعد ٿي، جنهن ۾ هو ٽي شرٽ ۽ اڇا جوتا پائي محمد رفيع جي گاني “مست بهارون کا مين عاشق” تي ڊانس ڪري ٿو.
    جيتندر ويجهڙائيءَ ۾ “کيونکه ساس بهي کبهي بهو تهي” ۾ پوڙهي ماڻهوءَ جو پارٽ ادا ڪيو آهي ۽ “جهلڪ دکهلاجا” انڊين ڊانس مقابلي ۾ جج ٿيو. جيتندر پنجاب ۾ ڄائو، ان بعد سندس ننڍپڻ ممبئي جي گرگام علائقي ۾ گذريو. سندس بايوگرافي ۾، هيما ماليني جو چوڻ آهي ته هن جي جيتندر سان ذري گهٽ شادي ٿيڻ واري هئي، پر آخري وقت تي هن (هيما) انڪار ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ جيتندر پنهنجي ننڍپڻ جي محبوبا “شوڀا ڪپور” سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻه ٻار ايڪتا ۽ تشر آهن. تشر 1976ع ۾ ڄائو ۽ يونيورسٽي آف مشيگان مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس پهرين فلم ڪرينا ڪپور سان گڏ “مجهي ڪچهه کهنا هي” آهي. جيڪا 2001ع ۾ رليز ٿي. هن 2004ع واري فلم خاڪي ۾ اميتاڀ بچن سان ائڪٽنگ ڪئي آهي. اڄ ڪلهه هو ايڪتا ڪپور جي بالاجي فلمز ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي. شوڀا ڪپور رميش سپي جي ڀيڻ آهي پر هي رميش فلم شعلي وارو ڊائريڪٽر ناهي، جنهن جي ٻي شادي فلم ائڪٽريس ڪرن جوڻيجا سان ٿي آهي. جڏهن کان ايڪتا ڪپور فلمون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، ته انهن جي وڪري جو ڪم ۽ فلم جي ڪهاڻي پڙهي ان کي Approve ڪرڻ جو ڪم ايڪتا جو هي مامو رميش سپي ڪري ٿو.
    ايڪتا ڪپور 1975ع ۾ ممبئي ۾ ڄائي. ممبئي اسڪاٽس اسڪول مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد ممبئي جي مِٺي ٻائي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. هن جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو نه ڏسي سندس پيءُ جيتندر هن کي 19 سالن جي ڄمار ۾ ٽي وي لاءِ سيريز ٺاهڻ ۾ لڳايو، جنهن ۾ هن کي بي پناهه ڪاميابي حاصل ٿي آهي. ايڪتا ڪپور کي اهو وهم آهي ته هن جي هر ٽي وي سيريز جيڪا “ڪ” سان شروع ٿئي ٿي، اها ڪامياب وڃي ٿي. ان ڪري هن جون ڪيتريون ئي Serial “ڪ” سان آهن، جيئن ته: کهين تو هوگا، کيا هوگا نمو کا، قسم سي، کهين کسي روز، ڪوسوم، ڪٽنب، ڪالاش، کندالي، کس ديس مين هي ميرا دل، کتني محبت هي وغيره. ايڪتا ڪپور ٽي وي سيريل کان علاوه ڪجهه ٽي وي شو به ڪيا آهن، جيئن ته: کون جيتي گا بالي وڊ کا ٽڪيٽ... وغيره. هن جي مشهور فلمن مان ڪجهه هن ريت آهن: شوٽ آئوٽ ائٽ لوکنڊ والا، مشن استنبول ۽ تازي ٺهيل فلم: گول مال رٽرنس.
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ننڍي عمر ۾ ۽ ٿوري عرصي اندر جيتري شهرت ۽ ملڪيت ايڪتا ڪپور ميڙي آهي، شايد ئي ڪو ساڻس مقابلو ڪري سگهي.


    ليکڪ ڪري تنهنجو مان مٿاهون آهي

    ممبئي جو شهر آدم شماري توڙي پکيڙ جي حساب سان ڪراچيءَ کان ٻيڻو ٽيڻو ٿيندو. سنڌونديءَ جو پاڻي ڄام شورو وٽان ٿيندو ٺٽي وٽ ڪينجهر ڍنڍ ۾ اچي ٿو، جتان پوءِ پمپن ذريعي ڪراچيءَ کي سپلاءِ ٿئي ٿو. منهنجي خيال ۾ ڪجهه پاڻي هاليجي ڍنڍ مان به حاصل ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ممبئي جي ارگرد ڪجهه ڍنڍون آهن، جن ۾ مينهن جو پاڻي گڏ ٿيندو رهي ٿو. هن پاسي بارشون جام پون ٿيون. هيڏانهن ڪو سنڌوندي يا گنگا ندي ۽ برهمپترا جهڙا طاقتور درياهه نه آهن. سڀ هلڪيون ڦلڪيون نديون آهن، جيڪي ملائيشيا جي ندين وانگر مينهن پوي ته تار وهن. بهرحال مِٺي ندي نالي هڪ اهڙيءَ نديءَ جو پاڻي ممبئي جي وهار (Vihar) ڍنڍ ۾ اچي ٿو. ممبئي شهر جي ڏاکڻي حصي کي پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ هيءَ ڍنڍ 1860ع ۾ ٺاهي وئي هئي ۽ اها ڍنڍ ان وقت سڀ ۾ وڏي ڍنڍ هئي.
    وهار ڍنڍ جي پاسن کان ٻه ننڍيون ڍنڍون تلسي ۽ پوائي آهن. پوائي ڍنڍ جو پاڻي اڄ ڪلهه پيئڻ جوڳو نه رهيو آهي. بهرحال هيراننداڻي گارڊنس وارا فليٽ جيڪي هاڻ ڏسي موٽي رهيا هئاسين، اهي هن ڍنڍ پوائي جي پاسي کان آهن. ڍنڍ جي ڪري هيراننداڻي گارڊنس جون عمارتون خوبصورت منظر پيش ڪن ٿيون. هيءَ پوائي ڍنڍ هڪ آرٽيفيشل ڍنڍ آهي، جيڪا 1891ع ۾ انگريزن کوٽرائي. ڍنڍ جي آسپاس وارو علائقو ان کان اڳ سالياني مسواڙ تي ڊاڪٽر اسڪاٽ کي مليل هو، هن جي مرڻ بعد اهو پَٽ (زمين) مسٽر فرماجي ڪواسجي، پارسي سوداگر کي ليز طور ڏنو ويو هو.
    پووائي (Powai) ۾ “هيرانندڻي گارڊنس” جيڪو هڪ خوبصورت يورپي ٽائون لڳي ٿو ۽ اهو ڏسڻ ۽ ان جي ٺاهيندڙ نرنجن لکو مل هيراننداڻي سان ملڻ بعد، ڊاڪٽر ٻلديو جو عزيز پران بچاڻي اسان کي واپس گهر وٺي اچڻ لاءِ وکرولي (Vikhroli) پاسي کان موٽي رهيو هو.
    “الطاف! پران جي مرضي آهي ته چانهه هن جي آفيس ۾ هلي پيئجي.” ڊاڪٽر ٻلديو چيو.
    “منهنجي صلاح وٺو ته هتي وکروليءَ جي ئي ڪنهن هوٽل ۾ کڻي ٿا چانهه پيئون. پِران اجايو پيٽرول ساڙي آفيس ڇو ٿو هلي.” مون چيومانس.
    “سائين توهان فڪر ئي نه ڪريو،” پِران کلندي چيو، “پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ آئون توهان کان به سياڻو آهيان.”
    ڊاڪٽر ٻلديو چيو، “پران صحيح ٿو چوي. هن جي فئڪٽري ۽ آفيس هتي وکروليءَ ۾ ئي آهي ۽ اجهو پهچي به وياسين.”
    پران هيراننداڻي گارڊنس ۾ هيراننداڻي اسپتال وارو جيٺا ڀائي روڊ ورتو، جيڪو اڌ ڪلوميٽر بعد لال بهادر شاستري روڊ سان اچي لڳو. لال بهادر شاستري روڊ هن طرف اهم، ويڪرو ۽ ڊگهو روڊ آهي. جيئن ڪراچيءَ جو ايم. اي. جناح روڊ آهي. لال بهادر شاستري وکرولي وارو سڄو علائقو لتاڙي ممبئي يونيورسٽي واري S.G Barve روڊ وٽان گذري ٿو. يعني اسان کي اهو ئي رستو گهر تائين، يعني ممبئي يونيورسٽي جي گيٽ تائين پهچائيندو، جتي جي گيسٽ هائوس ۾ منهنجي رهائش هئي. پِران جي آفيس سگهو ئي اچي وئي. سندس آفيس جي پاسن کان وکرولي فائر اسٽيشن، بامبي ٽيڪسٽائيل ريسرچ انسٽيٽيوٽ ۽ سوامي ليلا شاهه سوسائٽي جا بورڊ به نظر آيا.
    “اسان مڙيئي ڪڏهن ڪڏهن پِران کي تڪليف ڏيندا آهيون،” ڊاڪٽر ٻلديو چيو، “اڳ ۾ ڪراچي کان سنڌ جو اديب، مفڪر، اخبار جو ايڊيٽر ۽ ڪالم نويس جناب آغا سليم صاحب آيو هو، تڏهن به پران پنهنجي ڪار کڻي آيو هو ۽ نه فقط هيراننداڻي گارڊنس ڏيکاريائين پر هن کي به واپسي تي چانهه پياريائين.”
    “سر! اها منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته توهان جهڙا مهمان اسان جي غريبخاني تي قدم رکن ٿا.” پِران نهايت نوڙت ۽ ادب سان چيو.
    ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته هتي ممبئي ۾ اسان کي سڀ کان عزيز ۽ ويجهي پِران وارن جي فئملي آهي. “اسان جڏهن انڊيا ۾ لڏي آياسين، ته پِران جي والد ۽ ڏاڏي اسان جي ڏاڍي مدد ڪئي. اسان پِران کي پنهنجو ٻچو ئي سمجهون ٿا.”
    اسان جي ڪار وکرولي ريلوي اسٽيشن وٽ ايڇ پي پيٽرول پمپ سامهون پهتي، ته مين روڊ جي ٻي پاسي پران جي ڇپائي واري ڪاروبار جو “Rudra Vision” جو بورڊ نظر آيو ۽ پِران وڏي گيٽ مان اندر گهڙي گاڏي پارڪ ڪئي. سندس رڊرا ويزن ڇپائي جي آفيس جي پاسي “ڪيوبڪ انڊسٽريز” نالي فئڪٽري هئي. آئون ان ڪارخاني ۾ مختلف قسم جي ليٿ مشينن، گرائينڊر، ليول مشينن تي هلندڙ ڪم کي غور سان ڏسڻ لڳس. منجهس فائونڊري شاپ به هو، جنهن ۾ ڪارن، پاڻي جي جهازن ۽ ٻين مختلف قسم جي مشينن تي Finishing ڪئي پئي وئي. ليٿ مشينون وغيره ڪافي وڏي سائيز جون هيون، جن تي هتي جا مرهٺا ورڪر ڪم ڪري رهيا هئا. سج لهي چڪو هو، جنهن مان لڳو ٿي ته هي شام واري شفٽ جا ڪم وارا هجن يا اهو به ٿي سگهي ٿو ته اوور ٽائيم ڪري رهيا هجن.
    پِران پنهنجي آفيس ۾ وڃي، مون کي سڏڻ لاءِ موٽيو .
    “انڪل پهرين هي منهنجو حصو ڏسو.” هن چيو.
    “ڇو ڀلا هي ڪنهن ٻئي جو آهي ڇا؟” مون حيرت مان پڇيو.
    “نه، اهو به اسان جو ئي آهي پر اهو اسان جي پيءُ ڏاڏي جو ورثي ۾ مليل ڪاروبار آهي،” پران چيو، “هي پرنٽنگ جو ڪم مون شروع ڪيو آهي... يعني فئملي ڪاروبار ۾ Additon ڪيو آهي.”
    پِران جن ايئرڪنڊيشنڊ وڏي آفيس ۾ هڪ ڪنڊ ۾ سندس ۽ سندس ڀاءُ رويءَ جي ٽيبل رکيل هئي، باقي حصي ۾ 30 فٽ باءِ 9 فٽ جا وڏا Bill Board (اشتهار) ڪمپيوٽر ذريعي ڇپجي رهيا هئا.
    “ڀائي واهه واهه! مون کي پڻ ڇپائيءَ جي هن مشين ڏسڻ جو ڏاڍو شوق هو،” مون پِران کي چيو، “پاڪستان ۾ به هاڻ جتي ڪٿي هن پرنٽ جا اشتهار نظر اچن ٿا. اڳ ۾ شيشي ۽ نيان سائن جا هوندا هئا، ته هر دفعي هڙتال ۾ ڪاوڙيل هجوم ان تي پٿراءُ ڪري ڊاهي رکندو هو.”
    پِران ٻڌايو ته هن اها مشين پنج سال اڳ ڪوريا مان هڪ ڪروڙ رپين ۾ گهرائي هئي. هاڻ ڪافي سستيون ٿي ويون آهن ۽ ننڍي واري مشين ته اڃان به سستي ٿي وئي آهي.”
    “۽ هي پلاسٽڪ جهڙو ڪپڙو جنهن تي اشتهار ڇپيو وڃي ٿو، اهو ڪٿان گهرايو؟” مون پِران کان پڇيو.
    “اهو به اسين ڪوريا مان گهرايون ٿا. هاڻ انڊيا ۾ به هي ڪپڙو ٺهڻ لڳو آهي، جو ان جي ڊمانڊ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. اليڪشن جي ڏينهن ۾ ته تمام وڏي ڪمائي ٿئي ٿي.” پران چيو.
    “۽ آساني پڻ،” مون وراڻيومانس، “نه ته اڳ ۾ آرٽسٽ اس ۾ ڏاڪڻين تي چڙهي لوهه جي بورڊن تي پينٽنگ ڪندا هئا. هاڻ ههڙن ايئرڪنڊيشن ڪمرن ۾ ويهي ڏکي کان ڏکي تصوير به ڪمپيوٽر جي مدد سان هوبهو ڇپجيو وڃي.”
    ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته “پِران چاهيو ٿي ته اباڻي ڌنڌي کان علاوه ڪو پنهنجو ڪم به شروع ڪيو وڃي. ڪمپيوٽر ۾ ته هو هون ئي ننڍي هوندي کان هوشيار هو، سو ڇپائي جون ٻه مشينون ڪوريا مان خريد ڪري هن ڇپائي جو ڪم شروع ڪيو. شروع ۾ وڏو Risk هو، ته هن قسم جي ڇپائيءَ ممبئيءَ ۾ ڪامياب ويندي يا نه! پر هاڻ ته ايڏا آرڊر ملن ٿا، جو ڪڏهن ڪڏهن وقت تي پورا ڪري نٿا سگهجن ۽ لاچار انڪار ڪرڻو پوي ٿو.”
    پِران ٻڌايو ته سندس ڏاڏو گوبند رام بچاڻي هندستان جي ورهاڱي کان به گهڻو اڳ 1936ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ رتي ديري کان لڏي فورٽ واري علائقي (ڏکڻ ممبئي) ۾ اچي رهيو ۽ اتي لوهارڪي شين جو ڪم شروع ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ممبئي جو شهر ڪولابا، ناريمن پوائنٽ، فورٽ، ڪالبا ديوي، گرانٽ روڊ ۽ وڌ ۾ وڌ باءِ ڪلا، مالابارهل ۽ مئزگائون تائين محدود هو، جيئن ڪراچي ڪياماڙي، کارادر، ميٺا در، چاڪيواڙي، لي مارڪيٽ، بولٽن مارڪيٽ ۽ وڌ ۾ وڌ صدر واري علائقي تائين محدود هو.
    پِران ٻڌايو ته بعد ۾ سندس ڏاڏي گوبند بچاڻيءَ فورٽ وارو گهر وڪڻي چمبور ۾ فليٽ ورتو ۽ هتي وکروليءَ ۾ هي ڪارخانو فقط ڪجهه هزار رپين ۾ خريد ڪيو. اڄ هي ڪارخانو مين روڊ تي ۽ ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هجڻ ڪري ان جي فقط زمين جي قيمت پنجاهه ڪروڙ رپيا آهي.
    گوبندرام بچاڻيءَ کي ٻه پٽ ٿيا، هڪ سريش ۽ ٻيو پِران جو پيءُ ڪرتار. گوبندرام پنهنجي ننڍي پٽ سريش کي گهڻو اڳ آمريڪا موڪليو، جنهن کي اڄ ساڳي نالي جي ڪمپني، يعني Qubec Industries لاس اينجلس (ڪئليفورنيا) ۾ آهي جتي هوائي جهاز جا پارٽ ٺاهيا وڃن ٿا. هيءَ ممبئي واري فئڪٽري سندس وڏي پٽ ڪرتار بچاڻي حوالي رهي. ڪرتار جا ٻار پِران ۽ روي اڃان ننڍا هئا ته هو گذاري ويو، ان ڪري پِران جو وڌيڪ پڙهڻ ۽ نوڪري ڪرڻ جو شوق رهجي ويو ۽ هن کي پنهنجن وڏن جو ڪاروبار سنڀالڻو پيو. سندس ننڍو ڀاءُ روي اعليٰ تعليم به حاصل ڪري رهيو آهي، ته شام جي وقت پنهنجي ڀاءُ جي مدد به ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو ته پِران جو ڏاڏو گوبند رام بچاڻي سن 2000ع ۾ گذاري ويو. 1998ع ۾ جڏهن آغا سليم اسان وٽ آيو هو ۽ گوبند رام کي آغا سليم سان ملڻ لاءِ گهر گهرايوسين ته هو، آغا سليم سان پيرين پئي مليو. آغا سليم چيس ته دادا توهان اسان کان وڏا آهيو. هي ڇا ٿا ڪريو؟
    گوبند رام وراڻيس “پٽ وڏو ضرور آهيان پر تون اديب آهين. You Are man of Letters تون ليکڪ آهين، ان ڪري تون مَانَ ۽ مرتبي ۾ مون کان وڏو آهين.”
    آغا سليم اها ڳالهه پنهنجي سفرنامي ۾ پڻ ڪئي آهي.


    اِن جي ڪجي ڪهڙي ڳالهه

    گذريل 50 سالن کان ڏسان پيو ته دنيا ۾ سڀ کان بهترين انڊسٽري يا بزنيس “سياحت” (Tourism) ٿيندو وڃي، جنهن مان ٿائلينڊ، ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور جهڙا ڪيترائي اسان جا ايشيائي ملڪ امير ٿي ويا آهن. انهن ملڪن جي حڪومتن ڌارين ملڪن جي ماڻهن کي پنهنجا ملڪ گهمڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪرڻ لاءِ چند بنيادي شين جهڙوڪ امن امان ۽ انصاف مهيا ڪرڻ تي زور ڏنو، پوءِ ٻئي نمبر تي ڌارين جي رهائش ۽ کاڌي پيتي جا سٺا بندوبست ڪيا. ان کان پوءِ هنن اهو ڏٺو ته ڌاريان ماڻهو ڇا ٿا چاهين، ان جو پنهنجي ملڪ ۾ پنهنجي اخلاقي دائري مطابق بندوبست ڪيو، جيئن سعودي عرب، اسرائيل ۽ ايران ۾ زيارت لاءِ پاڪ مڪانن کان علاوه خريداري لاءِ وڏا شاپنگ مال ۽ مارڪيٽون آهن. ملائيشيا ۽ سنگاپور جهڙن ملڪن چڙيا گهر، پارڪ، ويندي جوا خانن، مئه خانن ۽ ڳائڻ وڄائڻ جهڙن ڪلبن جو به بندوبست ڪيو آهي. ٿائلينڊ ۽ انڊونيشيا جهڙن ملڪن جي حڪومتن ته ٽوئرسٽن مان پئسو ڪمائڻ لاءِ ملڪ ۾ “سيڪس انڊسٽري” جي به کلئي عام موڪل ڏئي ڇڏي آهي.
    اهڙي طرح انڊيا به ٽوئرزم جهڙي انڊسٽري مان ڀرپور فائدو حاصل ڪيو آهي. انڊيا ۾ مٿيون مڙيئي شيون آهن پر بيشمار تاريخي شيون به آهن. هڪ پڙهيل ڳڙهيل انڊين کان پڇيم، ته توهان جي ماڻهن جي گهڻائي ٻاهرن ملڪن ۾ جيڪڏهن وڃي ٿي، ته نوڪرين ۽ بزنيس جي سلسلي ۾. هو اسان جي ماڻهن وانگر گهمڻ نٿي وڃي. ان سوال جي جواب ۾ هن جيڪو جواب ڏنو، اهو سوچڻ جي خوراڪ مهيا ڪري ٿو. چيائين: “گهمڻ ڦرڻ وري ڇا آهي؟ اڄ ڪلهه هر هڪ جي ملڪ ۾ هر شيءِ موجود آهي ۽ ڪنهن کي ڪنهن شيءِ ڏسڻ جو شوق آهي، ته هو فوٽن يا فلمن ذريعي به ڏسي سگهي ٿو. مثال طور، ڪنهن کي ڪرڪيٽ مئچ جو شوق آهي ته هو ٿڌي ڇانوَ ۾ گهر ويٺي ٽي ويءَ تي به ڏسي سگهي ٿو...” سامهون لنگهندڙ عربن ڏي اشارو ڪري هن چيو، “باقي هي پئسي وارا عرب ۽ توهان جهڙن مسلمان ملڪن جا هيڏانهن ممبئي، دهلي يا بئنڪاڪ ۽ بالي وڃن ٿا، ته فقط شراب ڏوگهڻ يا ڇورين جي چڪر ۾. جنهن شوق جي پورائي جي هنن جي ملڪ ۾ کلي آزادي ناهي يا هنن پنهنجي شهر ۽ ملڪ ۾ هڪ شرافت جو Image ٺاهي رکيو آهي، ان ڪري هو معاشري جي نظرن جي زنجير ۾ جڪڙيل رهن ٿا...” هو انڊيا ۽ ٿائلنڊ جهڙن ملڪن ۾ آزاد محسوس ڪن ٿا جو اتي هنن جي عياشيءَ جون شيون موجود آهن، ڏسڻ وارو ڪير ڪونهي.
    بهرحال انڊيا دنيا جي بُکايل اُڃايل ٽوئرسٽن جي گهُرجن مطابق هڪ ليول تائين هر ٽوئرسٽ جي شوق جو پورائو ڪري پئسو ڪمائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. پوءِ اهو ناهي ته انڊيا ۾ ٿائلينڊ وانگر فقط اهي ماڻهو نٿا وڃن، جيڪي چڪلن ۽ مئخانن ۾ دلچسپي رکندا هجن، پر انڊيا سنگاپور وانگر، هر مذهب جي عبادتگاهن ۽ تنظيمن کي به بهتر نموني سان رکيو آهي ۽ کين کلي آزادي ڏني آهي ته پنهنجي پرچار ڪن. پوني توڙي ممبئي جي بس اسٽاپ، ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ، پارڪ، هوٽل ۾ پهرين ڏينهن کان آئون ڪوشش ڪري، موقعو ملڻ تي يورپي، عرب ۽ ويندي پاڪستاني ٽوئرسٽ کان اهو پڇندو رهان ٿو، ته هو هتي ڪهڙي خيال کان آيو آهي. چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن وٽ هڪ ڏينهن لاهور جا ٻه اهڙا جوان مليا، جن هن سال M.Sc ڪئي آهي ۽ هو هتي ممبئي ۾ هفتي کن لاءِ Peace چئنل واري ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ سان ملڻ ۽ هن جا ليڪچر ٻڌڻ لاءِ آيا هئا. ممبئي ايئرپورٽ تي ڪجهه اهڙا به بوهري مليا، جيڪي پنهنجي امام جي ڪا ڪوٺايل اسلامي ڪانفرنس اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
    انڊيا وارن انگلينڊ وانگر پنهنجن تعليمي درسگاهن ۽ اسپتالن جو به هڪ طرف معيار بلند ڪيو آهي، ته ٻئي طرف انهن کي Economical بڻايو آهي. ايتري قدر جو ڌارين ملڪن ۾ رهندڙ انڊين ته پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ انڊيا موڪلين ٿا، پر ڪيترائي عرب، آفريڪن ويندي ايران ۽ ملائيشيا جا مائٽ اعليٰ تعليم لاءِ پنهنجن ٻارن کي انڊيا موڪلين ٿا. اهڙي طرح علاج لاءِ آمريڪا ۽ يورپ جا گورا انڊيا اچن ٿا. هنن جو اهو ئي چوڻ آهي، ته هوائي جهاز جو اوٽ موٽ جو ڀاڙو ڀرڻ بعد به انڊيا ۾ علاج سستو ۽ بهتر پوي ٿو. انڊيا جون اسپتالون بين الاقوامي معيار جون آهن. هنن وٽ هر قسم جا قابل ڊاڪٽر ۽ سرجن آهن ۽ هنن جون فيون به مناسب آهن. مون کي ڪجهه اهڙا پاڪستاني مريض به مليا، جيڪي جيئن ته انهن بيمارين جو علاج يا آپريشن پاڪستان ۾ ناممڪن هو، ان ڪري انگلينڊ يا آمريڪا بدران هتي آيل هئا.
    مٿين ڳالهين مان منهنجو مطلب آهي، ته انڊيا ڌارين ملڪن جي ماڻهن لاءِ پنهنجي ملڪ جي مختلف Fields ۾ ڪشش رکي آهي. ملائيشيا ۽ دبئي وانگر انڊيا حڪومت کڻي شراب ۽ شباب عام رکيو آهي، پر ان سان گڏ هنن قاعدا قانون به سخت رکيا آهن. ائين ناهي ته ڪو شراب پي دنگو مستي ڪندو رهي. هر ايندڙ ويندڙ عورت تي ٺٺولي ڪندو وتي، هر سياستدان، ساونت، وڏيري، نندڪر، مير پير جو ٻار تعليمي ادارن ۾ داداگيري ڪندو وتي. قاعدو قانون سخت هجڻ ڪري انڊيا ۾ توهان کي هر رئيس سان گڏ گن مين نظر نٿو اچي. وڏين هوٽلن ۽ سون جي دڪانن ٻاهران گارڊ ضرور بيٺل آهن، پر هنن جي هٿ ۾ شاٽ گن بدران فقط ڏنڊو آهي. بهرحال ٽوئرسٽن جي شوق پوري ڪرڻ لاءِ ۽ ٽوئرزم انڊسٽري مان پورو پورو فائدو وٺڻ لاءِ هنن پنهنجي ملڪ ۾ مختلف Attractions رکيون آهن.
    هڪ ڏينهن ممبئي جي VT (وڪٽوريا ٽرمينس) ريلوي اسٽيشن، جيڪا هاڻ مهاراجا شيواجيءَ نالي CST (ڇتراپتي شيواجي ٽرمينس) سڏجي ٿي، ڪنڊ واري ڪئبن تان چانهه ۽ بن وٺي پاسي تي ويهي کائي به رهيو هوس، ته اهو به سوچي رهيو هوس، ته ممبئي جي ڪهڙي حصي ۾ ڪهڙي شيءِ وڃي ڏسان، ته اتي هڪ يورپي جوڙو ان ئي دڪان تان پيپسي وٺي اچي منهنجي ڀرسان بيٺو. بعد ۾ هن ٻڌايو ته هو اٽليءَ جو اطالوي آهي ۽ ساڻس گڏ عورت هن جي زال نه پر ٻڍاپيسٽ (هنگري) جي گرل فرينڊ آهي. پاڻ ممبئي ۽ انڊيا جي ڪجهه ٻين شهرن مان ٻه ٽي دفعا گهمي ويو آهي. هن سال هو پنهنجي مشرقي يورپ جي هن گرل فرينڊ کي ممبئي ڏيکارڻ آيو آهي. هو ٻن ڏينهن کان کار ريلوي اسٽيشن جي پٺئين گهٽيءَ جي ڪنهن سستي هوٽل ۾ رهيل آهي.
    “چئبو ته تون ممبئي جو ايڪسپرٽ آهين.” مون کلندي کيس ڪامپليمينٽ ڏنو.
    “Any Way..” (هڪ خيال کان تون اهو چئي سگهين ٿو) هن چيو.
    “پوءِ ڀلا هينئر پنهنجي گرل فرينڊ کي گهمائڻ لاءِ ڪيڏانهن وٺيو ٿو وڃين؟” مون پڇيو.
    “تون به اسان سان Join ڪندين؟” هن پڇيو.
    “Depend ٿو ڪرين ته منهنجي Interest ۾ آهي يا نه.” مون چيو جنهن تي هن مون کان پڇيو ته ڊَو يولائيڪ بَنڪ؟”
    سندس انگريزي بنهه ڪمزور هئي ۽ سندس گرل فرينڊ ماريا کي ته ايتري به انگريزي نٿي آئي. مون کي سمجهه ۾ نه آيو ته هن جو مطلب ’بنڪ‘ مان ڇا آهي. هن ٻيو دفعو به ساڳيو لفظ چيو ۽ آئون سوچڻ لڳس ته اهو ڪنهن شيءِ جو نالو (اسم) آهي يا اسڪول مان ڀڄڻ (فعل) آهي. بهرحال آئون به نه فقط واندو هوس پر اهو ئي سوچي رهيو هوس ته ڪهڙي طرف منهن ڪجي. سو چانهه جو پاٺي جو خالي گلاس ڪچري جي دٻي ۾ اڇلي چيومانس “Lets go” دل ۾ چيم جي ڪنهن اهڙي هنڌ تي وٺي آيا جنهن ۾ منهنجي دلچسپي ناهي، ته ’پنهل کي پاراتو‘ ڏيڻ بدران موٽي ايندس.
    اسان ڇهه ڇهه رپيا ڏئي ريل جي ٽڪيٽ ورتي ۽ جامع مسجد ۽ سئنڊهرسٽ روڊ ٻه ريلوي اسٽيشنون گذرڻ بعد بائڪلا (Byculla) ريلوي اسٽيشن تي لهي پياسين. پوءِ اڳيان اڳيان هي اطالوي اڌڙوٽ پويان پويان هن جي جوان گرل فرينڊ ۽ ان جي پويان آئون پوڙهو.... هلائي هلائي ٿڪائي وڌائين. هڪ گهٽيءَ مان ٻي گهٽيءَ ۾، ٻيءَ مان ٽينءَ ۾ يا وري ساڳيءَ ۾ موٽيو اچي. آخرڪار هن کي اهو هنڌ جيڪو دڪان چئجي يا ريسٽورنٽ اهو ملي ويو ۽ خوشيءَ وچان ان دڪان جي ٻاهران لکيل وڏن اکرن ڏي اشارو ڪري چيو : “هي آهي اهو هنڌ جتي پهچي وياسين. منهنجي رهنمائيءَ بنا توهان ڪڏهن به هتي پهچي نه سگهو ها.”
    دل ۾ چيم “ڌوڙ اٿئي پئي، چڱو جو گهڻو وقت ضايع نه ٿيو.” ساڳي وقت اهو به سوچيم، ته هتي جي حڪومت يا دڪاندارن هنن گورن کي سٺو بيوقوف بڻايو آهي. پڙهندڙن کي تجسس هوندو، ته هي يورپي پنهنجي گرل فرينڊ ۽ مون کي ڪٿي وٺي آيو ۽ دڪان جي ٻاهرين ڀت تي ڇا لکيل هو؟
    ڀت تي لکيل هو BHANG يعني هي همراهه هتي ڀنگ جو نشو ڪرڻ آيا هئا. اهڙا ڀنگ جا دڪان جنهن کي هي اطالوي بَنڪَ سڏي رهيو هو، ممبئي توڙي دهلي ۽ انڊيا جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ آهن، جتي هي گورا ٽوئرسٽ اچن ٿا. ايترو ضرور آهي ته هي ڀنگ جا دڪان يا ريسٽورنٽون حڪومت جي نظرداريءَ يعني لائسنس هيٺ ڪاروبار ڪن ٿيون ۽ حڪومت طرفان مقرر ڪيل ڀنگ جو حصو استعمال ٿئي ٿو، جيئن هڪ يورپي يا آمريڪن جيڪو وسڪي ۽ بيئر جو عادي آهي، ڀنگ جي پهرين گلاس ۾ ئي حال افعال وڃائي نه ويهي رهي.
    انڊيا جي مختلف شهرن ۾ ڌارين ملڪن کان ايندڙ ٽوئرسٽن لاءِ جيڪي “ڀنگ شاپ” آهن، انهن ۾ کين ڀنگ جو مزو وٺرائڻ لاءِ ڀنگ کي مختلف نمونن ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو. ڪن هنڌن تي ڀنگ ۾ ٿاڌل واريون شيون يعني بادام، پست جي ڪڻ، کير ۽ ٻيا مسالا وجهي پيش ڪئي وڃي ٿي. جنهن کي هتي انڊيا ۾ “بهنگ کی ٹهنڈائی” Bhang ki Thandai سڏين ٿا. هنن دڪانن تي ڀنگ جو ملڪ شيڪ، ڀنگ جا پڪوڙا ۽ ڀنگ جو حلوو به وڪامي ٿو ۽ ڌاريان ماڻهو ڀنگ جي نشي جي لست وٺڻ لاءِ ڪافي غير ملڪي ناڻو خرچ ڪن ٿا.
    ائين ناهي ته رڳو فارينر انڊيا ۾ اچي ڀنگ پيئن ٿا. مڪاني ماڻهو نه فقط هندستان جا پر سڄي ننڍي کنڊ جا ڀنگ جو نشو واپرائين ٿا. ايتري قدر جو ڀنگ جو ٻوٽو “شِو ديوتا” سان شريڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ اتر هندستان جا هندو ڀنگ کي پوتر سمجهن ٿا. ڪيترن جو ان ڳالهه ۾ اعتقاد آهي ته واٽ ويندي ڪو ماڻهو ڀنگ کڻي ويندو ملي وڃي ته اها سٺي ڀاڳ جي نشاني آهي. خواب ۾ ڀنگ جو ٻوٽو نظر اچڻ کي خوشحالي جي آمد سمجهيو وڃي ٿو ۽ ڀنگ جي پنن کي اورانگهڻ يا انهن مٿان هلڻ نڀاڳ آڻي ٿو.
    شو ڀڳوان (Lord Shiva) جي نقش قدم تي هلڻ لاءِ ڪيترائي ساڌو ڀنگ جو استعمال ڪن ٿا بقول هڪ پڙهيل ڳڙهيل ساڌوءَ جي:
    Bhang Boosts Mediation and achieve transcendental States
    ڀنگ لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اها صوفين ۾ به مشهور هئي جو اها Spiritual ecstasy وڌائي ٿي.
    هي مضمون لکڻ کان اڳ مون ائگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي پروفيسر ۽ سنڌي جي مشهور ليکڪ شمس الدين تنيو صاحب کي فون ڪري ڀنگ بابت ڪجهه ڳالهيون، معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيون، سندس ڏنل جوابن مان ڪجهه اهم نقطا هن ريت آهن:
    • ڀنگ Cannabis Sativa ٻوٽي جو گل ۽ پن آهن جن کي بادامن ۽ ٻين جڙين ٻوٽين ۽ کنڊ سان گڏ ڏنڊي ڪونڊي ۾ گهوٽي پيئڻ لاءِ مشروب ٺاهيو وڃي ٿو، جنهن ۾ Intoxication (نشو) آهي.
    • ڀنگ کي انگريزيءَ ۾ Hemp سڏجي ٿو.
    • ڀنگ آفيم (Opium) ۽ ڏوڏي (Poppy) وانگر نشي جي شين (Narcotics) ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ حڪومت کان اجازت (لائسنس) حاصل ڪرڻ بنا پوکڻ جي اجازت نه آهي.
    • پاڪستان ۾ ڀنگ غير قانوني طور سڀ کان گهڻي اسلام آباد ۾ ۽ سنڌ ۾ ڪاڇي واري علائقي (سيوهڻ کان قمبر شهدادڪوٽ) ۾ جام نظر اچي ٿي.
    • ڀنگ ڪڻڪ واري موسم ۾ پوکي وڃي ٿي، جيڪا هندن جي هولي (مارچ) ۽ بيساکي (اپريل) وارن ڏينهن ۾ ٿيڻ ڪري هولي جي موقعي تي پيئڻ هڪ عام ڳالهه سمجهي وڃي ٿي.
    مون سان گڏ ملائيشيا ۾ نوڪري ڪندڙ هڪ سِکُ چوندو هو، ته سِکن لاءِ، خاص ڪري جنگجو سک نهانگ ڀنگ جا شوقين ٿين ٿا ۽ هو ڀنگ کي “سکا پرساد” يعني قدرت طرفان سُکَ ۽ پيار مهيا ڪندڙ مشروب سڏين ٿا.
    پروفيسر تنيو صاحب اهو به ٻڌايو ته جتي گانجي، ڏوڏي آفيم وانگر ڀنگ ۾ نشو آهي ۽ ماڻهوءَ کي هن نشي جو عادي بڻائي ٿي، اتي ڀنگ کي جي ڪنٽرول نموني سان استعمال ڪجي ته ان ۾ ميڊيڪل (علاج جون) خاصيتون به آهن. ڀنگ لاءِ چيو وڃي ٿو، ته اها بخار، دستن ۽ بلغم جي مريضن کي فائدو رسائي ٿي. ڀنگ بک لڳائي ٿي، کاڌو هضم ڪري ٿي ۽ آواز کي به پختو بڻائي ٿي.
    ڀنگ بابت هڪ هنڌ پڙهيم ته ان جي نشي جي خاصيت کان انسان سن 1000 قبل مسيح کان واقف ٿيو ۽ تڏهن کان ڀنگ هندو ڪلچر جو حصو هلندي اچي. هندو ڌرم جي جهوني ڪتاب اٿرويد ۾ به ڀنگ لاءِ لکيل آهي، ته اها هڪ فاعدي واري ٻوٽي آهي، جيڪا ٽينشن ختم ڪري ٿي، ڀنگ جي تياري ديوتائن جي نظر ۾، خاص ڪري شِو ديوتا جي سوچ مطابق ڀلارو ڪم سمجهيو وڃي ٿو ۽ هندن جي هن شِو ديوتا/ڀڳوان جي ٻين خطابن ۽ لقبن سان گڏ “ڀنگ جو ديوتا” (Lord of Bhang) پڻ آهي.
    اسان جو هڪ پيٽارو جو ڪلاس ميٽ آهي، جنهن کي اسان سڄي عمر پيئندو ڏٺو آهي. هن شايد ئي ڪو ولائتي يا ديسي شراب نه پيتو هجي. ڀنگ تي هي مضمون لکڻ کان اڳ مون کيس به فون ڪيو ۽ پڇيومانس ته آيا هن ڪڏهن ڀنگ به پيتي آهي يا نه.
    “مون ڏهه سال ڀنگ پيتي.” هن جواب ڏنو، “پر مزو نه ڏنائين. ولائتي شراب وسڪيءَ جي ڳالهه ئي ٻي آهي.”
    “ڀلا ڀنگ ۽ وسڪيءَ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟” مون کانئس پڇيو ۽ پاڻ جيڪي خبرون ڪيائين انهن مان ڪجهه نقطا هن ريت آهن:
    • ڀنگ Downer آهي، يعني ڀنگ سوچ ۾ ڊپريشن ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿي. وسڪي Upperآهي. وسڪي سوچ کي Elevate ڪري ٿي.
    • ڀنگ پيئندڙ جنهن ڪيفيت ۾ وڃي ٿو، ان ۾ ويندو ئي رهي ٿو. کِل ته پيو کِلندو. روءِ ته ويٺو روئندو.
    • نئين همراهه کي ڀنگ جو عادي بڻائڻ لاءِ ڀنگ ۾ پستا، بادام ۽ کنڊ ملائي وڻندڙ مشروب بڻائي، پياريو وڃي ٿو. کنڊ Enhancer آهي. کنڊ سان ڀنگ وڌيڪ نشو ڪري ٿي.
    • صحيح قسم جي شرابيءَ کي ڀنگ ڪڏهن به سُوٽ نه ڪندي.
    • ڀنگ جي سڳنڌ (بوءِ) ۾ به نشو ۽ ننڊاکڙائي ٿئي ٿي. سنڌ ۾ بوبڪن جو ڳوٺ ڀنگ کان مشهور آهي، جتي جا ڳيرا ۽ طوطا ڀنگ جا سوادي گوگڙو (گل ۽ ٻج) کائي نشي ۾ اچي وڃن ٿا ۽ هو اڪثر اليڪٽرڪ جي تارن تي غنودگيءَ جي حالت ۾ گِڏندي نظر اچن ٿا.
    • ڀنگ جو نشو ائين آهي، جيئن ڪو ٽي گوريون لِبريم يا وئليم جون کائي ڇڏي.
    • ڀنگ موڳائي ۽ مايوسي پيدا ڪري ٿي. وسڪي کڙائي ۽ کوکلي پهلواني پيدا ڪري ٿي.

    اردوءَ جو طنز و مزاح جو ليکڪ مشتاق يوسفي صاحب پنهنجي ڪتاب “زرگزشت” ۾ ڪاڪ ٽيل ۽ شراب بابت هڪ شرابي دوست جا خيال هن ريت بيان ڪري ٿو:
    • وسڪيءَ جي هر ڍڪ بعد پنهنجي هر ڳالهه جو وزن ڳرو ٿيندو صاف محسوس ٿئي ٿو.
    چيومانس ته اها ڪيفيت ته ’لبريم‘ جي گوريءَ سان به پيدا ٿي سگهي ٿي.
    جواب ۾ هن فرمايو: وڏو فرق آهي. استاد ذوق ڇا ته خوب چيو آهي:
    “پیرِ مغان کے پاس وہ دارو ہے جس سے ذوق
    نامرد مرد، مرد جوان مرد، ہوگیا۔”
    لبريم کان پوءِ ٻليءَ کي ڪوئن جي حاجت نٿي رهي. پوءِ هن کي خواب ۾ ڇيڇڙا به نظر نٿا اچن، هن کي فقط نر جهنگراڙ ٻلا نظر اچن ٿا. پر وسڪيءَ جي پيگ بعد هڪ ڪوئي جون مڇون به اهڙيون ته ٽاٽ ٿيو وڃن، جو هن کي پنهنجو ٻرُ به سوڙهو لڳي ٿو. هو ان ۾ داخل ٿيڻ بدران سندرو ٻڌي ٻليءَ جي ڳولا لاءِ نڪري ٿو ته ڪيڏانهن وئي اِها مُردار؟
    اها ٻي ڳالهه آهي، ته هو وسڪي پيئندڙن کي اها صلاح ڏئي ٿو ته ڪنهن مئخاني يا ڪاڪ ٽيل پارٽيءَ مان موٽڻ تي پنهنجو سڄو وزن ڪار جي بريڪ تي ڏئي رکجو. بجليءَ جي ٿنڀي سان ڪار کي روڪڻ کان گريز ڪجو. نشو اونهائي اختيار ڪري ته طبيعت سچ ڳالهائڻ تي بيحد گهڻو مائل ٿئي ٿي. ان ڪري گهر پهچي پنهنجي زال سان ڳالهائڻ کان پرهيز ڪجو. صبح جو اک کلڻ تي محسوس ٿيڻ لڳي ته معاشري ۾ انڌير متو پيو آهي ۽ حڪومت پنهنجي پاليسين سان قوم کي تباهيءَ جي غار ۾ ڌڪي رهي آهي، ته هڪ اسپرين جي گوري ڦَڪي ڇڏيندا ڪريو. ڏهن منٽن اندر اندر حڪومت جي پاليسين ۾ افاقو محسوس ٿيڻ لڳندو.
    ممبئي يونيورسٽي جي ڪيمسٽري ڊپارٽمينٽ جي هڪ M.Sc جي فائنل ايئر جي شاگرد شرما لعل نندڪر ٻڌايو، ته ڀنگ ۾ جيڪو نشي وارو ڪيميڪل ٿئي ٿو، ان کي ڪيميائي دنيا ۾ THC سڏيو وڃي ٿو. ڀنگ جي ٻوٽي (Hemp)جي ڪچڙن پنن، گلن ۽ انهن جي ڏانڊين (شاخن) تي سنهڙن وارن جهڙو Growth ٿئي ٿو، جن مان کونئر جهڙي شيءِ سِمندي رهي ٿي، جيڪا دراصل Active Narcotic Chemical(ٽي ايڇ سي) آهي. ڀنگ جي ٻوٽن ۾ ڪي نر ٻوٽا (Plants) ٿين ٿا ته ڪي مادي ٻوٽا. مادي Plants ۾ نر کان وڌيڪ نشو (THC) ٿئي ٿو. پر جيئن ئي گل ۾ ميوو (ٻج) ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ته نشي THC جي ليول گهٽجڻ لڳي ٿي.
    هن شاگرد اهو به ٻڌايو ته ڀنگ جي ٻوٽي ۾ جيڪو نشي وارو ڪيميڪل (THC) ٿئي ٿو، ان جو ڪجهه حصو پاڻيءَ ۾ جذب ٿئي ٿو يعني Water Soluble آهي، ته ڪجهه حصو Fat (گيهه يا تيل) ۾ جذب ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن کي ڀنگ مان گهڻي کان گهڻو نشو حاصل ڪرڻو هجي، ته ان لاءِ ڀنگ جي پنن ۽ گلن کي گيهه ۽ پاڻيءَ ۾ رڌڻ کپي. هن ٻڌايو ته سندس ڳوٺ ۾ ڪن خاص موقعن تي، خاص ڪري هوليءَ تي ڀنگ پيئڻ کي عبادت ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.هن ڀنگ بابت ڪجهه راڳ پڻ لکرايا جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    گولا گولا پیا بھنگ کا گولا
    ڈولا ڈولا یہ جہان ڈولا
    مانو نہ مانو، میں بات کروں یہ کھری
    میری اکھیوں کو لگتی ہے ہر لڑکی ہری۔۔۔
    *
    لہنگا سنبھالوں تو چنہریا گرجائے
    جو بھن پہ بالما نظرین گھر آئے
    ہائے گورے گورے تن کو جھلکنے دو گوری
    مدھرا جوانی کی چھلکنے دے چھوری۔
    مون کي ننڍپڻ جون ڪجهه ڳالهيون ياد ٿيون اچن. 1954ع ۾ جڏهن آئون ڏهن سالن جو ٿيس، ته پرائمري اسڪول بعد شهر جي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتم، جتي وڃڻ لاءِ بازار مان لنگهڻو پوندو هو. اتي هڪ دڪان تي صبح کان وٺي ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي. ٻين ٻڌايو ته اهو ڀنگ جو گتو آهي، جتان ڀنگ جا عادي نشئي سرڪار طرفان مقرر ڪيل راشن خريد ڪن ٿا. ڳوٺ جي ڪيترين اوطاقن ۽ اوتارن تي ڏنڊي ڪونڊي جي ڀنگ جو گهوٽجڻ هڪ عام ڳالهه هوندو هو، جنهن کي ڪيترائي ماڻهو جهالت ڪري غلط ڪم نه سمجهندا هئا. پنهنجي اسڪول جي ڪيترن هندو ۽ مسلمان شاگردن جي گهرن ۾ به مون ڀنگ ٺهندي ۽ پيئندي ڏٺي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اسان جي پاڙي ۾ اسان جي هڪ مائٽ جي گهر ۾ شام جي وقت جيئن ئي سانجهيءَ جي بانگ ايندي هئي، ته ڏنڊو ڪونڊو نڪرندو هو ۽ گهر جي ڏاڏي جي نگهبانيءَ ۾ ڀنگ گهوٽبي هئي ۽ وڏا پاڻي مليل سائي رنگ جي ڀنگ وَٽن ۾ وجهي پيئندا هئا ۽ ننڍن ٻارن کي ان ۾ کير ۽کنڊ ملائي ڏيندا هئا. سندن گهر ۾ پاڻي پيئڻ جي هر ٿانوَ مان ڀنگ جي ڌپ ايندي هئي. جيڪا ڀنگ جي عاديءَ لاءِ ضرور دلپسند سڳنڌ هوندي. ماڻهو ڪيترو اڻڄاڻ هئا! هو ڀنگ کي نشي کان وڌيڪ طاقت جي ٽانڪ ۽ بيمارين جي علاج جي دوا سمجهندا هئا. تڏهن ته رچرڊ برٽن به سنڌ ۾ ڀنگ جي واهپي جي ڳالهه پنهنجي ڪتاب Sindh Revisited ۾ ڪئي آهي، جيڪو ڪتاب 1877ع ۾ ڇپيو. رچرڊ برٽن (سڄو نالو ڪئپٽن سر رچرڊ فرانسز برٽن) 1821ع ۾ ڄائو. هو هڪ عجيب ماڻهو هو، جنهن ۾ ڪيترائي گڻ هئا. هي انگريز هڪ ئي وقت فوجي به هو ته ِExplorer ترجمو ڪندڙ، ليکڪ، مشرق جي دنيا جو ڄاڻو، شاعر، مسميرزم جو ڄاڻو (Hypnotist) ۽ ڊپلومئٽ به هو. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هن کي يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جون ڪيتريون ئي زبانون آيون ٿي. هڪ اندازي مطابق هو 29 زبانن ۾ ڳالهائي سگهيو ٿي. سنڌ ۾ به ڪافي وقت رهيو ۽ سنڌي ماحول ۽ سنڌي زبان جي ڄاڻ هجڻ ڪري هن سنڌ تي به ڪجهه ڪتاب انگريزيءَ ۾ لکيا جهڙوڪ: Scinde or the Unhappy Valley هي ڪتاب رچرڊ برٽن سنڌ تي انگريزن جي قبضي بعد 8 سالن اندر يعني 1851ع ۾ لکيو. اهڙي طرح هن جو سنڌ بابت هڪ ٻيو ڪتاب Sindh & the races that inhabit Indus ڇپيو ۽ ان بعد 1877ع ۾ Sindh Revistitedجنهن مان ڪجهه ٽڪرا هتي ڏجن ٿا....
    • سنڌ ۾ الڪوحل وارو شراب فقط مٿئين طبقي جا ماڻهو پيئن ٿا يا جن وٽ ڏوڪڙ آهن. عام ماڻهو نشي لاءِ ٻيون شيون پيئن ٿا. جهڙوڪ ڀنگ وغيره. انگلينڊ ۾ هن شيءِ کي Indian Hemp سڏين ٿا. جيڪو ماڻهو هن جو عادي ٿئي ٿو، ان لاءِ هي نشو ڇڏڻ مشڪل ٿيو پوي.
    • رچرڊ برٽن لکي ٿو ته انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان اڳ سنڌ ۾ ڀنگ عام هلي ٿي. مٿس ڪو محصول وغيره به نه هو. پوءِ انگريز سرڪار اچڻ سان هن نشيدار شيءِ تي محصول لاڳو ڪيو، نه ته اڳي هتان جو هر ماڻهو پنهنجي لاءِ ڀنگ ته ضرور پوکيندو هو. گهتن، اوتارن ۽ ديرن لاءِ به لائسنس ضروري ڪيو ويو. ان ڪري ڀنگ جو وڪرو ۽ واهپو ڪافي گهٽ ٿيو ۽ ڪيترا ماڻهو هن موذي شيءِ کان بچڻ لڳا.
    • سنڌ ۾ سج لهڻ کانپوءِ ڀنگ پيئڻ وارا موالي هِتان هتان کان اچي مقرر ديري يا اوتاري تي گڏ ٿين ٿا ۽ هر ڪو ڀنگ گهوٽڻ جي تيارين ۾ لڳيو وڃي. پهرين ڀنگ جي پنن کي ڌوئي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ انکي ڪونڊي ۾ وجهي گهرڙ گهوٽ شروع ٿيو وڃي. جڏهن ڀنگ گهوٽجي سنهي ٿئي ٿي ته مٺاڻ ملائي ان کي صافي سان ڇاڻي صاف ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ ڪڏهن پاڻي ملايو وڃي ٿو ته ڪڏهن کير. هر ڪو موالي پنهنجي حصي جي ڀنگ پي ڏاڍو خوش ٿيندو آهي ۽ نشي جي مزي ماڻڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. ان کانسواءِ چلم به ٺهي فرش تي ڇڪڻ لاءِ تيار هوندي آهي. موالي ڀنگ پي چلم جو ٻڙڪو ڀري وٺندا آهن ۽ وچ واري وقت ۾ مائو به کائيندا رهندا آهن، جيئن مٺاڻ تي نشو وڌيڪ اثر ڪري. ڪي وري ڀڳڙا کائيندا آهن ته ڪي وري ونگا کائڻ ۾ لڳي ويندا آهن، جنهن سان نشي جو اثر گهٽجي ٿو.
    • اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ڀنگ جو نشو اثر ڏيکاري ٿو. ان نشي جو هر مواليءَ تي جدا اثر ٿئي ٿو. هڪ ماڻهو پلٿي هنيو ويٺو هوندو. هو ڳالهائيندو هڪڙو آهي ته زبان مان نڪري ٻيو ويندو اٿس. ڀر وارو موالي وري راڳ ڳائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو ڇا ڳائيندو آهي؟ تنهن جي خبر ڪنهن کي به نه پئجي سگهندي آهي. پر پنهنجي راڳ مان پاڻ سو مزو ڏاڍو حاصل ڪندو آهي. ٻيو موالي وري خلوت چاهيندو آهي ۽ ڪمري جي ڪنڊ ۾ پاڻ مٿان چادر وجهي مراقبي ۾ ويهي رهندو آهي ۽ پنهنجو پاڻ ۾ گم ٿي ويندو آهي ۽ مينهون جيڪڏهن وڻن تي چڙهي وڃن ته انهن کي لاهڻ لاءِ ڏاڪڻ ڪيتري ڊگهي هجڻ گهرجي. موالين جي هن ميڙ ۾ هڪ خاص ڳالهه ضرور هوندي آهي، ته جيڪڏهن ڪنهن مواليءَ کنگهڻ شروع ڪيو يا نڇ ڏني، يا نشن ۾ کانئس ٽهڪ نڪري ويو، ته گهڻو ڪري سڀ موالي هن جو نقل ڪرڻ شروع ڪندا.
    • رچرڊ برٽن ٻڌائي ٿو ته هن به ڀنگ چڪو پيتو آهي. پر لطف حاصل ڪرڻ جي غرض سان نه پر اهو ڏسڻ لاءِ ته منجهس ڪهڙيون ڳالهيون محسوس ٿين ٿيون. رچرڊ برٽن وڌيڪ ٻڌائي ٿو، ته کيس ڀنگ جو ذائقو ائين محسوس ٿيو، ڄڻ کير کي کنڊ سان ملائي ان ۾ ڪارا مرچ گڏي پي رهيو هجان. نشي جو پهريون اثر اهو ٿيو ته نڙيءَ واريون رڳون وٺجڻ لڳيون. اها تڪليف وري به سهڻ جوڳي هئي. بعد ۾ دماغ خشڪ ٿيڻ شروع ٿيو. ان وقت اهو احساس ٿيو ته مٿو ڏاڍو هلڪو ٿي پيو آهي، ڄڻ ساڻ آهي ئي ڪونه.
    • ڀنگ جي نشي ۾ ٻيا حواس ڏاڍا طاقتور بڻجي وڃن ٿا. اوهان کي اهو به احساس ٿيندو، ته اوهان جي عضون کي ڪير بجليءَ جا جهٽڪا هڻي رهيو آهي. انتهائي حد تي پهچڻ کانپوءِ سڀئي حواس بيڪار ٿي وڃن ٿا. اوهان جيڪڏهن ساهه سڪائيندڙ گرميءَ ۾ بيٺا هوندائو ته به اوهان کي ان تيز گرميءَ جو احساس نه ٿيندو.
    • ڀنگ پيئڻ کانپوءِ انسان جا خيال ئي جهنگلي ٿيو پون ۽ بنهه بي ربط بڻجيو وڃن. خيال به پيا ابتا سبتا هلندا. جيڪڏهن اوهان شاعر آهيو ته هن قسم جي شاعري شروع ڪري ڏيندائو.
    “جبل پان کاڌو ۽ سندس ڏند پاسن کان نڪري آيا. ان ڪري سمنڊ آسمان جي ڏاڙهي ڏسي مٿس کلڻ لڳو.”
    • ڀنگ جي نشي جا خاص طور ٻه اثر ٿين ٿا، جن مان هڪ بي انتها خوف آهي ۽ ٻيو نشي ۾ گهڻي ماني کائڻ ڪري بدهاضمو ٿئي ٿو.
    مشرق ۾ ڀنگ جي نشي جو گهڻو واهپو آهي. اڪثر اهو چيو وڃي ٿو ته هن نشي سان قدرت جا ڪيترائي اسرار ڏسڻ ۾ اچن ٿا. فارسيءَ ۾ هن کي سبز ٻوٽيءَ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جنهن جي پيئڻ سان ڏک ڏور ٿيو وڃن.
    ماڻهو پاڻ کي آجو تاجو ۽ خوش محسوس ڪري ٿو. ڪي اڻ پڙهيل ماڻهو وري هن کي پيئڻ مذهبي فرض سمجهن ٿا. اهڙي ريت هڪ صوفي شاعر هڪ روح ۽ جسم جو مثال ڏيندي پنهنجا اندروني جذبا هن ريت ظاهر ڪيا آهن:
    سخت افلاس، بي انتها درد
    انهن کان نجات لاءِ فقط تنهنجو
    عشق ئي ڪافي آهي.
    انهن تڪليفن مان نجات ڏيندڙ
    تون اڪيلو حڪيم آهين
    ۽ تنهنجو
    هڪ لفظ ئي ڪافي ۽ شافي آهي.
    ان درد لاءِ سدا بهار ٻوٽي مان
    ٺهيل مرهم
    مجرب علاج آهي.
    اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ انڊيا جي (خاص ڪري سنڌ جي) حالت ڇا هئي، ان جو نقشو رچرڊ برٽن پنهنجي 1877ع ۾ ڇپيل ڪتاب Sindh Revisited ۾ هن ريت چٽي ٿو:
    سنڌ ۾ ڀنگ پيئڻ جو رواج عام آهي. انهيءَ ڪري سنڌين جي دماغ تي ڏاڍو خراب اثر پئجي رهيو آهي. ڀنگ پيئڻ ڪري ماڻهو بهادريءَ جي خوبي وڃائي ويهي ٿو. ان بدران ڪانئر ۽ ڪاهل بڻجي وڃي ٿو ۽ چارئي پهر ستو رهي ٿو.
    مغل حڪمران پنهنجي باغي قيدين کي صبح سوير ۽ نيراني پوست پياريندا هئا، يعني پُست جي سڪل ڏوڏي پاڻيءَ ۾ اٻاري پوءِ ان کي مٺو ۽ ٿڌو ڪري قيدين کي ڏيندا هئا. ٻن ٽن مهينن کانپوءِ اهو سرڪاري مهمان ڳري لوڻ ٿي ويندو هو ۽ دماغي صلاحيتون ختم ٿي وينديون هيس. اهو به ڀنگ وانگر هڪ دير اثر زهر آهي، جنهن جو جيئن پوءِ تيئن اثر وڌندو رهي ٿو ۽ اهڙي نشي ۾ ورتل ماڻهوءَ جو موت کانسواءِ ڪو ٻيو علاج نه هوندو آهي.
    • سنڌي ماڻهو نيراني نه پر منجهند جي ماني کائڻ کان پوءِ ڀنگ پيئي ٿو، تنهنڪري گهڻي تباهيءَ کان بچاءُ ٿيو وڃيس پر هن جي صحت، دماغ ۽ جسم جي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ناس ٿيو وڃي.
    ڀنگ پيئڻ مهل تڏهن به ۽ اڄ به موالي خوب نعرا هڻي پيئن ٿا. هي مضمون شروع ڪرڻ مهل پنهنجي ڳوٺ جي ڪاليج جي هڪ پروفيسر تي اهو ڪم رکيم، ته ڀنگ پيئڻ وارن موالين جا ڪجهه نعرا معلوم ڪري مون کي لکاءِ.... جيڪي ڪجهه هن ريت آهن:
    • ڀلي ڀلي اچي، سر سيد جو بچي.
    باقي جيڪو بچي اهو لٺ بانٺي هيٺان اچي.
    • پيئون ٿا ڀنگ، گهمون ٿا جهنگ
    موٽئون نه موٽئون اسان جي مرضي.
    • پيئون ٿا چرس، گهمون ٿا عرش.
    لهون نه لهون، اسان جي مرضي.
    • ڀاڳ ڏي ڀيڙو ته دال مان سيرو.
    ڀاڳ ڏي ڀونڊا، ته ڏنڊا ۽ ڪونڊا.
    • ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ.
    نه جيوڻ ڪا آسرا نه مرڻ جي ڪاڻ.
    • ڀنگ جهنگ پاڻي،
    جيئي لعل سيوهاڻي...
    مختلف شهرن ۽ ملڪن ۾ ڀنگ کي ڪنهن پيار ڀري نالي يا Code Word ۾ به سڏيو وڃي ٿو. جيئن سنڌ ۾ ڀنگ کي سائي ٻوٽي يا سبز پري به چيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ٻين هنڌن تي ڀنگ لاءِ جيڪي نالا استعمال ٿين ٿا، انهن مان ڪجهه هي آهن:
    افغاني، بلوبيري ببل، Early Girl پرپل اسٽار، نياگرا، 13G، بزوڪا، نائيٽ ڪئين، وائيٽ ڪلائوڊ، AK47، بلو ڊائمنڊ، همالاين گولڊ، شوا شانتي، ٽرٽل پاور، سئز مس، جئميڪن، پرل.... وغيره.
    بهرحال ڀنگ جو شربت (Thandai)، ملڪ شيڪ يا چانهه پيئڻ يا ڀنگ جا پڪوڙا، سبز حلوو يا پراٺا کائڻ جسماني توڙي دماغي صحت لاءِ سخت نقصانڪار آهي، پر هتي انڊيا ۾ ٽوئرسٽ جي ڪشش لاءِ “ڀنگ شاپ” ائين کوليا ويا آهن، ڄڻ انهن تي امرت يا ترياق ٿو وڪامي، يورپي ٽوئرسٽن سان آئون جنهن ڀنگ شاپ تي پهتس، ان تي هڪ نارويجن ٽوئرسٽ به ٺونٺ جيڏي گلاس ۾ “ڀنگ کي ٺنڊائي” پي رهيو هو. منهنجي پڇڻ تي “تون انڊيا اچي ڀنگ ڇو ٿي پين؟” جهومندي جواب ڏنائين ته “ان ڀنگ خاطر ته آئون انڊيا اچان ٿو.”
    هن ڀنگ شاپ ۾ ڀنگ جي تعريف ۾ جنهن گاني جو رڪارڊ هر هر وڄي رهيو هو، ڪجهه هن ريت هو:
    بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم
    بم چک بم چک بھولے بم چک بم بم
    چل پڑے ہم تو مستی میں
    ساری شور ہے بستی میں
    بہہ چلے موج میں آج ہم
    بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم۔
    *
    آسمان سر پر اٹھائیں گے
    نچکے سب کو نچائیں گے
    روک نہ پائے گا کوئی
    ہنسے تو ہنستے ہی جائیں گے
    ہنگامہ ہوگا نہ آج کم
    بھنگ کے نشے میں ایک ہوگئے ہم۔


    ممبئي هڪ نظر ۾...

    پنهنجي ۽ پڙهندڙن جي يادگيري خاطر ممبئي شهر جي تاريخ تي هڪ تڪڙي ۽ مختصر نظر وجهان ٿو. بامبي جيڪو اڄ ڪلهه ممبئي سڏجي ٿو ۽ زمين جو يڪو ٽڪرو نظر اچي ٿو، ايتري قدر جو ڪولابا جي ڏکڻ واري ڪنڊ کان سيان، کار ۽ انڌيري تائين بس يا ڪار ۾ سفر ڪري سگهجي ٿو، اهو ستن ٻيٽن جو هڪ جهڳٽو هو، جن جي چوڌاري عربي سمنڊ جو پاڻي هو يا الهاس نديءَ جي ڇوڙ جو پاڻي هو. انهن ٻيٽن جا نالا هئا: ڪولابا، مئز گائون، پوڙهي مائيءَ وارو ٻيٽ، وادالا، ماهيم ۽ ماتونگا سيان. اهي ٻيٽ هندستان جي اشوڪا سلطنت جي حاڪم جي ملڪيت هئا.
    راجا اشوڪا جي مرڻ بعد هنن ٻيٽن تي مختلف هندو راجائن جو سن 1343ع تائين قبضو رهيو. ان سال گجرات جي مسلمان هنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو ۽ ايندڙ ٻن صدين تائين گجرات صوبي جا مسلمان حاڪم هنن ٻيٽن جا مالڪ ٿي رهيا. اڄ به انهن ڏينهن جي هڪ مسجد ماهيم ۾ موجود آهي.
    1534ع ۾ پورچو گالين، جن جي قبضي ۾ انڊيا جي اولهه ڪناري جا پانجم، دمان، ديو ۽ گوا جهڙا شهر اڳئين هئا مسلمان حاڪمن کان بمبئي زوريءَ کسي ورتي. هنن ٻيٽن تي جتي جتي رومن ڪئٿولڪ (عيسائي) هئا، اتي گرجا گهر ٺاهيا ويا، جن مان اڄ به هڪ “سينٽ ائنڊريو چرچ” باندرا ۾ موجود آهي ۽ سڀ کان آڳاٽو مڃيو وڃي ٿو. بمبئي جي هنن ٻيٽن جي چوڪيداري خاطر پورچوگالين سيان، ماهيم ۽ باندرا جهڙا علائقن ۾ ڪوٽ ٺاهيا، جيڪي اڄ به ڊٺل حالت ۾ موجود آهن. هنن مختلف ٻيٽن جو بمبئي نالو هنن پورچوگالين رکيو. هو هنن ٻيٽن کي بام-بائيا(Bom- Baia) سڏڻ لڳا. جنهن جي پورچوگالي زبان ۾ معنيٰ آهي سٺو خليج (Good- Bay) پوءِ اهڙي طرح هي ٻيٽ بامبيا مان بامبي ۽ بمبئي سڏجڻ لڳا.
    پورچوگالين جي قبضي ۾ هي ٻيٽ 1534ع ۾ آيا. پورن 128 سالن بعد سن 1662ع ۾ سندن پورچوگالي شهزادي ڪئٿرين جي انگريز شهزادي چارلس ٻئي سان شادي ٿيڻ تي کيس ڏاج ۾ ڏنا ويا. چارلس صاحب کي پنهنجي زال کي وقت ڏيڻ جي فرصت نه هئي، سو هنن مهاڻن ماڇين جي رهائش وارن ٻيٽن تي ڇا ڌيان ڌري سگهيو ٿي. 1668ع ۾ هن هي ٻيٽ يعني بام بائيا (بامبي) ڏهه پائونڊ سالياني مسواڙ تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي مسواڙ تي ڏيئي ڇڏيا ته هنن جي دماغ ۾ ڪو ڪارآمد شغل هجي ته ڪن. اهو هو قدر ان وقت هنن ٻيٽن جو! ظاهر آهي ته جتي ڀر ۾ احمد آباد، بڙودا، سومناٿ، حيدرآباد دکن ۽ پوني جهڙا شهر هجن، اتي هي گپ ۽ مڇرن هاڻا ويران ٻيٽ ڪهڙي ڪم جا. ڪنهن کي نئين گهر ٺاهڻ جو شوق هو، ته هو گنگا، جمنا يا مُولا ۽ موٺا جهڙين ندين جي ڪناري تي ٺهرائيندو، جتي هر وقت مٺو پاڻي موجود رهيو ٿي ۽ سواري لاءِ ٻيڙيون هليون ٿي يا هيڏانهن سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ جتي کٻڙ ۽ تمر جهڙا جهنگلي ٻوٽا هئا.
    هنن ٻيٽن (بام بيا يعني بمبئي) جي سڀني نگيٽو نقطن جي باوجود هڪ پازيٽو ۽ فائديمند ڳالهه ضرور هئي، جيڪا ايسٽ انڊيا ڪمپني جي دماغ ۾ هئي. اها هيءَ ته وقت سان گڏ هاڻ جهازن جي سائيز وڏي ٿي رهي هئي. گجرات وارا بندرگاهه سورت، ڀاؤنگر، مانڊوي وغيره ننڍن جهازن لاءِ ته صحيح هئا، پر يورپ کان ايندڙ نون جهازن لاءِ سورت جهڙا بندرگاهه تانگها ثابت ٿي رهيا هئا. ان مقابلي ۾ بمبئي قدرتي طور اونهو هو ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني هونءَ ئي ڪنهن اونهي بندرگاهه جي ڳولا ۾ هئي، سو هنن ان تي ڪم شروع ڪيو ۽ سندس پورچوگالي نالي بام بائيا کي بدلائي بامبي رکيو. ٻيٽ تي رهندڙ مڪاني مهاڻا ۽ ڪولهي ذات جا ماڻهو هن کي ممبا سڏڻ لڳا، جيڪو ممبا ديوي جي نالي تي هو، جنهن لاءِ بابل ناٿ وارو مندر منسوب ٿيل هو. هي مندر اڄ به چوپاٽي وٽ آهي.
    بمبئيءَ کي پارسين به ڏاڍو ٺاهيو. پارسي ايران جي شهر پارس جا رهاڪو هئا. هو اڄ کان 900 سال کن اڳ گجرات لڏي آيا، جتان پوءِ بمبئي ۽ ڪراچيءَ ۾ به اچي رهيا. پنهنجا مندر ‘Fire Temples’ ۽ مُردن جي نيڪال لاءِ “خاموشيءَ جا کوهه”(Tower of Silence) ٺهرايائون. ڪراچي ۾ به سندن هڪ مندر صدر ۾ آهي ۽ ٽاور آف سائلينس ڊفينس مارڪيٽ جي ڀرسان آهي. هيءَ واپاري ڪميونٽي آهي جنهن جو انڊيا ۾ ۽ انڊيا کان ٻاهر واپار هليو ٿي. انگريزن جي سڏ تي جيڪو پهريون پارسي بمبئي لڏي آيو، سو سن 1640ع ۾ دورابجي نانا ڀائي پٽيل هو. پوءِ ته ڪيترائي ممبئي ۾ اچي رهيا ۽ نه فقط رهيا پر انگريزن سان بيحد وفادار ٿي رهيا. هنن پنهنجا طور طريقا، زبان، ڪپڙو گندي، ويندي کائڻ پيئڻ انگريزن جي اسٽائيل جو رکيو. ايتري قدر جو 1689ع ۾ جڏهن جتي ڪٿي پليگ جي بيماري پکڙجي وئي، ته مڪاني راجائن ۽ يورپين بمبئي وارا هي ٻيٽ وڌيڪ سلامت ۽ هائيجنڪ ڏسي مٿن قبضي ڪرڻ لاءِ حملا ڪيا، پر هن پارسي واپاري جي پٽ رستم جي دورابجي پٽيل (جنم 1667ع، وفات 1763ع) بمبئي ۾ رهندڙ ڪولهي قبيلي جي ماڻهن کي ساڻ وٺي هر حملي ڪندڙ جو مقابلو ڪيو ۽ انگريزن پاران بمبئي جي حفاظت ڪئي. هنن مهاڻن ماڇين جي قبيلي ڪولهين جون ڪجهه اڏاوتون اڄ به ماهيم، باندرا ۽ کار وغيره ۾ نظر اچن ٿيون.
    سر جارج آڪسنڊن بمبئي جو پهريون انگريز گورنر ٿيو، جنهن بعد مسٽر گرالڊ اونگر (Gerald Augier) ٿيو، جنهن گجراتي واپارين، پارسي جهاز سازن ۽ مسلمان ۽ هندو ڪاريگرن کي اوسي پاسي جي علائقن مان لڏي بمبئي ۾ اچي رهڻ لاءِ ڪشش پيدا ڪئي، جنهن ڪري بمبئي يڪدم مشهور ٿيندو ويو. هن اڄ واري فورٽ علائقي ۾ بمبئي قلعو ٺهرايو، جيڪو هينئر صفا ڊهي ويو آهي، پر قلعي (فورٽ) ڪري اڄ به بمبئي جو هي علائقو فورٽ سڏجي ٿو. ان کان علاوه هن گورنر امن امان خاطر قاعدا قانون سخت ڪيا، جيئن هر امير واپاري توڙي غريب پورهيت بمبئي ۾ سڪون ۽ امن محسوس ڪري.
    هن شهر جي وڪٽوريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني ڇترا پتي شيواجي ٽرمينس سڏجي ٿي) جي سامهون جيڪو آزاد ميدان آهي، اهو اڄ کان 200 سال اڳ چراگاهه هو، جنهن تي فورٽ واري علائقي جا ماڻهو پنهنجا ڍور چارڻ لاءِ ايندا هئا، پوءِ 1838ع ۾ انگريز سرڪار چارڻ جي في “Grazing Fee” لڳائي، جيڪا ڪيترا غريب ماڻهو ڀري نٿي سگهيا. سندن مجبوري ڏسي سر جمشيد جي جيجا ڀائيءَ سامونڊي ڪناري ڀرسان ٺاڪر دوار واري علائقي ۾ پنهنجي کيسي مان 20 هزار رپيا خرچ ڪري، چارڻ لاءِ زمين هٿ ڪئي، جتي غريب غربو بنا ڪنهن في ڏيڻ جي پنهنجا وهٽ چاري سگهيو ٿي. وقت سان گڏ اهو علائقو “چرني” سڏجڻ لڳو. ايتري قدر جو پوءِ جڏهن پڪا ڏامر جا روڊ ٺهيا ته هتان لنگهندڙ روڊ جو نالو چرني روڊ رکيو ويو ۽ ريلوي لائين وڇائڻ بعد اسٽيشن جو نالو به چرني رکيو ويو.
    پارسي جتي به رهن اتي پنهنجو مندر ٺاهين، جنهن ۾ ڏينهن رات باهه ٻرندي رکن ۽ ان کان علاوه “خاموشيءَ جو ٽاور” ٺاهين. هو پنهنجن عزيزن مائٽن جي لاشن کي ساڙڻ يا دفن ڪرڻ بدران “Tower of Silence” تي ڇڏي اچن، جيئن سرڻيون، ڪانگ ۽ ٻيا گوشت کائيندڙ پکي هنن کي کائي ختم ڪري ڇڏين. مالابار ٽڪريءَ تي جيڪو پارسين جو ٽاور آهي، اهو 1672ع ۾ پارسي سيٺ ’مودي هِيرجي واچها‘ ٺهرايو ۽ ساڳي سال هن سيٺ پنهنجي گهر مودي خانا جي سامهون باهه جو مندر ٺهرايو. اڄ اهي ٻئي عمارتون قائم آهن جن کي اڃان به وڌيڪ بهتر ۽ وڏو ڪيو ويو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته آدمشماري وڌڻ، وڻن جي ڪپجڻ ۽ بسين لارين ۽ هوائي جهازن جي آواز ڪري وڏن پکين جو تعداد گهٽجي ويو آهي ۽ اهو مُردو جنهن کي هڪ ڏينهن اندر سرڻيون، ڳجهون، ڪانگ ڪٻرون چٽ ڪري ويون ٿي، ان کي ختم ٿيڻ ۾ هاڻ ٽي ٽي ڏينهن به لڳيو وڃن.
    ممبئي جو نئون علائقو جيڪو “نَوي ممبئي” سڏجي ٿو Salsette ٻيٽ جو حصو آهي. ان سان بمبئي جي ستن ٻيٽن کي سيان وٽ 1803ع ۾ ڪازوي ذريعي ڳنڍيو ويو.جيئن سنگاپور ڏيڍ ميل جي پُل ذريعي ملائيشيا سان ڳنڍيل آهي. اڄ وارو ڪولابا ڪازوي جيڪو ڪولابا ٻيٽ کي بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائي ٿو. اهو 1838ع ۾ ٺاهيو ويو. ماهيم ۽ باندرا ٻيٽن کي ملائڻ وارو ڪازوي (پل) 1845ع ۾ ٺاهيو ويو. جنهن تي ٽوٽل خرچ ڏيڍ لک رپيا آيو جيڪو سمورو خرچ جمشيد جي جيجا ڀائي جي زال ليڊي هوا ٻائيءَ ڏنو.
    سر رابرٽ گرانٽ (سندس ڄم جو سال 1779ع ۽ وفات جو 1838ع هو.) 1835ع کان مرڻ تائين هو بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ بمبئيءَ کي اوسي پاسي جي شهرن سان ملائڻ لاءِ ڪيترائي روڊ ٺهيا. بمبئي جو مشهور گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج به هن صاحب جي ياد ۾ چندا جمع ڪري ٺهرايو ويو.
    اپريل 1853ع ۾ انڊيا جي پهرين ريل گاڏي بمبئي جي وڪٽوريا ٽرمينل (CST) کان ٿاني 21 ميلن جو سفر طئي ڪرڻ لڳي ۽ 1860ع ڌاري بمبئي کان گجرات جي مختلف شهرن تائين ريل گاڏيون هلڻ لڳيون. ان سان گڏ اسٽيمر سروس به شروع ٿي وئي. بمبئي کان انگلينڊ جي مختلف بندرگاهن تائين آگ بوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) هلڻ لڳا. گجرات ۽ آس پاس کان ريل رستي ڪپهه بمبئي پهتي ٿي، جتان پوءِ ڪَلَ تي هلندڙ جهازن ذريعي انگلينڊ جي بندرگاهن ۾ آندي وئي ٿي ۽ اتان جي ڪارخانن ۾ ڪپڙو ٺهي واپس انڊيا آيو ٿي. 1861ع ۾ آمريڪا ۾ سِول جنگ لڳڻ ڪري آمريڪا کان يورپ ڏي ڪپهه اچڻ بند ٿي وئي، ان ڪري انڊيا جي ڪپهه جي ڊمانڊ وڌي وئي، ان ڪري انڊيا جي زميندارن ان فصل مان خوب ڪمايو.
    هي آگبوٽ (ٻاڦ تي هلندڙ جهاز) جيڪي بمبئي ۽ لنڊن وچ۾ هلڻ شروع ٿيا هئا، تن کي لنڊن پهچڻ لاءِ سڄي آفريڪا کنڊ جو ڦيرو ڪرڻو پيو ٿي پر پوءِ 1869ع ۾ سوئيز ڪئنال کلڻ تي لنڊن ۽ بمبئي هيڪاندو ويجها ٿي پيا ۽ اٽلي، يونان ۽ فرانس جا بندرگاهه ته اڃا به ويجها ٿي پيا ۽ بمبئي ڏينهون ڏينهن خوشحال ٿي ويو. جهازن جي بيهڻ لاءِ بندرگاهه ۾ ڪيترا Wharf (ڌِڪا) ٺهڻ لڳا ۽ ٻين ملڪن جا جهاز به اچڻ لڳا. ويندي حاجين جا جهاز جيڪي پهرين سورت بندرگاهه مان ويندا هئا. اهي هاڻ بمبئي مان وڃڻ لڳا. بمبئي جنهن جي 1780ع ۾ 13700 آدمشماري هئي، ان جي پورن سئو سالن بعد 1880ع ۾ ست لک ٿي وئي ۽ 26 سالن بعد 1906ع ۾ ڏهه لک ٿي وئي.
    سگهوئي (1958ع ۾) پهرين آزادي جي جنگ (1957ع واري سپاهي بلوي) بعد، جڏهن جهانسي جي راڻي پٺيءَ سان ٻڌل ٻار سميت مارجي وئي، ايسٽ انڊيا ڪمپني تي غلط انتظام هلائڻ جو الزام لڳايو ويو ۽ هاڻ انڊيا تي انگلينڊ جو شاهي گهراڻو Direct حڪومت ڪرڻ لڳو. 1862ع ۾ سر بارٽل فريئر پهريون گورنر مقرر ڪيو ويو. پاڻ 1867ع تائين گورنر ٿي رهيو. 1864ع ۾ سندس ياد ۾ هارن بي روڊ تي ڦوهارو ٺـهرايو ويو، جيڪو پوءِ يونان جي ديوي فلورا نالي منسوب ڪيو ويو. هن گورنر جي اچڻ کان اڳ 1860ع ۾ بمبئي شهر کي تلسي ۽ ويهار ڍنڍن مان نلڪن ذريعي پاڻي سپلاءِ ڪيو ويو ٿي. بعد ۾ تانسا ڍنڍ مان به پائيپ لائين ڪڍيو ويو.
    اوڻهين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ يعني 1850ع کان 1900ع تائين بمبئي ۾ ڪيتريون ئي سهڻيون عمارتون ٺهيون، جن کي اڄ به سياح ڏسڻ اچن ٿا ۽ بمبئي لاءِ باعثِ فخر آهن. انهن عمارتن مان ڪجهه هن ريت آهن: وڪٽوريا ٽرمينس، جنرل پوسٽ آفيس، ميونسپل ڪارپوريشن، پرنس آف ويلس ميوزيم، راجا ٻائي ٽاور، بامبئي يونيورسٽي، ايلفنسٽن ڪاليج، ڪواسجي جهانگير پارڪ، ڪرافورڊ مارڪيٽ، ڪسٽم هائوس، پبلڪ ورڪس ڊپارٽمنٽ (PWD) بلڊنگ وغيره وغيره جيڪي بمبئي جي سڃاڻپ (Land Marks) آهن.
    بادشاهه جارج پنجين ۽ سندس راڻي مئري جي دهلي ۾ اچڻ جي ياد لاءِ 1911ع ۾ گيٽ وي آف انڊيا ٺاهيو ويو. بمبئي بندرگاهه جا ڪيترائي Docks واڍيا فئملي ٺهرايا، جيڪا انگريزن جي چوڻ تي سورت کان لڏي بمبئي اچي رهي. 1870ع ۾ بمبئي پورٽ ٽرسٽ قائم ڪيو ويو. 1885ع ۾ پرنسيز ڊاڪس ٺهيا ۽ 1891ع ۾ وڪٽوريا ڊاڪس ۽ ميري ويدر ڊراءِ ڊاڪس ٺهيا.
    اوڻهين صديءَ جي آخر وارن سالن ۾ بمبئي ۾ ببونڪ پليگ (وبا) پکڙجي وئي، جنهن ۾ انسانن جي زندگي جو ڪافي نقصان ٿيو. بهرحال ان مان اهو فائدو ضرور ٿيو ته بمبئي شهر جي صفائي سٿرائيءَ تي سخت ڌيان ڏنو ويو.
    1885ع ۾ بمبئي جو چارلس فارجيٽ نالي هڪ پوليس سپرنٽنڊنٽ جڏهن نوڪريءَ جو مدو پورو ڪري پنهنجي وطن انگلينڊ وڃي رهيو هو، ته بمبئي جي ماڻهن هن لاءِ روئي ڏنو. هن کي ايڏو پسند ڪيو ويو ٿي! اهو ان ڪري جو هن امير توڙي غريب کي برابر ٿي سمجهيو ۽ ڏوهاريءَ کي نٿي بخشيو. هڪ انگريز ڪانسٽيبل مڪاني ماڻهن سان کرو ڳالهايو ته ان کي به هن نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو. هن امير پارسي مافيا کي به موچڙا هنيا، جن فاڪلينڊ روڊ واري علائقي ۾ شراب جو ڌنڌو هلايو ٿي ۽ ’پلي هائوس‘ (جيڪو پوءِ Pillhouse سڏيو ويو) ۽ ڇوڪرين جو ڌنڌو هلايو ٿي.
    لارڊ سئنڊهرسٽ 1895ع کان 1900 تائين بمبئي جو گورنر ٿي رهيو. هن صاحب جي ڏينهن ۾ به بمبئي ۾ ڪافي سڌارا ۽ رونقون آيون. سندس وڃڻ بعد سندس ياد ۾ 1910ع ۾ سئنڊ هرسٽ روڊ ٺاهيو ويو ۽ 1921ع ۾ سندس نالي Sandhurst ريلوي اسٽيشن ٺاهي وئي. اهي ٻئي اڄ ڏينهن تائين قائم آهن. 1915ع ۾ پورٽ ٽرسٽ وارن جي ريلوي بالارڊ پيئر کان وادالا تائين ٺاهي وئي جنهن جي پاسن تي اناج ۽ تيل جا وڏا گدام (ڊيپو) ٺاهيا ويا. 1927ع ۾ انگلينڊ جي ميٽرو پوليٽن ورڪرس جي ٺهيل لوڪو موٽو اليڪٽرڪ ريل گاڏي بمبئي ۽ پوني جي وچ۾ هلائي وئي. بمبئي جيم خانا 1875ع ۾ ٺاهيو ويو، جنهن ۾ فقط انگريزن ۽ يورپين کي وڃڻ جي اجازت هئي. هن جيم خانا کي ڏسي بمبئي جي ٻين ڪميونٽين به پنهنجا پنهنجا جيم خانا ٺاهيا جيئن ته هندو جيم خانو، پارسي جيم خانو، مسلم جيم خانو وغيره.
    7 آگسٽ 1942ع تي آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جي پهرين تاريخي سيشن گوواليا ٽئنڪ ميدان تي ٿي، جنهن ميدان تي 1885ع ۾ ڪانگريس جنم ورتو هو. اها هيءَ سيشن هئي جنهن ۾ مهاتما گانڌيءَ Quit India (انڊيا جي پچر ڇڏيو) جو اعلان ڪيو. ان بعد انگريزن ڪيترن ئي انڊين ليڊرن کي جيل ۾ وڌو پر “انڊيا ڇڏيو” تحريڪ جي جوش (Momentum) کي ڪو به ٺاري نه سگهيو ۽ آخر انگريزن کي ننڍو کنڊ ڇڏڻو پيو. 15 آگسٽ 1947ع تي انگريز فوجي بمبئي جي “گيٽ وي آف انڊيا” واري دروازي مان نڪري انگلينڊ ڏي روانا ٿيندڙ جهازن ۾ وڃي ويٺا ۽ هن سرزمين کي گڊ باءِ چيو، جنهن تي هنن جا وڏا 282 سال اڳ داخل ٿيا هئا. اڄ اهو ميدان، جنهن تان انگريزن خلاف Quit India جو سڏ ڏنو ويو هو، “آگسٽ ڪرانتي ميدان” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    1960ع ۾ بامبي رياست کي ٻن رياستن ۾ ورهايو ويو. مهاراشٽرا رياست (جنهن ۾ مرهٺي ڳالهائي وڃي ٿي) ۽ گجرات رياست (جتي گجراتي ۽ ڪڇي ڳالهائي وڃي ٿي.) بمبئي جو شهر مهاراشٽرا رياست ۾ آيو. 1994ع ۾ جيئن ئي BJP شِوسينا وارن جي مهاراشٽرا ۾ حڪومت آئي ته هنن 1995ع ۾ هن شهر جو نالو بمبئي مان بدلائي ممبئي رکيو.


    مئڊم سُرلا ڪرپلاڻي سان ملاقات

    ممبئي يونيورسٽي ۾ رهائش دوران هڪ ڏينهن اسان جي وڏي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ جي ننڍپڻ جي دوست ۽ ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جي گهر فون ڪيم.
    ڊاڪٽر عابد ميمڻ هالا جي پهرين ڊاڪٽرن مان هڪ آهي، جنهن 1945ع ۾ حيدرآباد جي نورمحمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ ۽ ڪراچي جي سنڌ مدرسي مان انٽر ڪرڻ بعد 1947ع ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽري (MBBS) جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1953ع ۾ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيو. سال ٻن بعد هن اها نوڪري ڇڏي پنهنجي پرئڪٽس شروع ڪئي ۽ ڊاڪٽر منگهن مل وٽ پڻ پارٽ ٽائيم جاب ڪيو، جنهن جي ڪلينڪ شاهي بازار ۽ ريشمي گلي جي وچ۾ هئي. ڊاڪٽر منگهن مل جو پٽ ڊاڪٽر ناري، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا وٺڻ مهل ڊاڪٽر عابد ميمڻ جو ڪلاس ميٽ هو، پر پوءِ ٻن سالن بعد بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان هڪ شاگرد جي Mutualٽرانسفر تي هن MBBS جا باقي ٽي سال ممبئي ۾ پڙهيا. هتي اهو لکندو هلان ته جيتوڻيڪ سنڌ صوبو بمبئي کان الڳ ٿي چڪو هو، پر شاگردن جي ان قسم جي ٽرانسفر ٿيندي رهي ٿي. سنڌ جو هڪ جهونو ۽ مشهور فزيشن ڊاڪٽر صالح ڏيپلائي ميمڻ وري شروع جا سال بمبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان پڙهڻ بعد باقي سال ڊائو ميڊيڪل ۾ اچي پڙهيا. گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج جو هڪ پراڻو گرئجوئيٽ جنهن کان حيدرآباد سنڌ جا ماڻهو سندس بيل ايئر اسپتال ڪري واقف آهن، اهو ڊاڪٽر عبدالرزاق شيخ آهي. بهرحال ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ممبئي مان MBBSڪرڻ بعد حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر عابد ميمڻ سان گڏ حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿي ڪم ڪيو. ان بعد ٻنهي ڄڻن سرڪاري نوڪري ڇڏي ڏني. ڊاڪٽر عابد پنهنجي ڪلاس ميٽ دوست ڊاڪٽر ناري جي پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل وٽ اچي نوڪري ڪئي ۽ وڌيڪ ڪم سکيو. ڊاڪٽر ناري ڪن، نڪ ۽ گلي (ENT) جو ماهر ڊاڪٽر ٿيڻ لاءِ انگلينڊ روانو ٿي ويو. واپسي تي هن ممبئي اچي پرئڪٽس ڪئي، پر ڊاڪٽر عابد سان سندس خط و ڪتابت ۽ فون تي ڳالهه ٻولهه قائم رهي. ڊاڪٽر عابد گذريل اڌ صديءَ کان هالا ۾ جنرل فزيشن آهي ۽ هالا جي مخدوم فئملي جو فئملي ڊاڪٽر آهي. سندس ڄم جو سال 1928ع آهي. يعني هن وقت هن جي عمر ماشاءَ الله 80 سالن کان مٿي آهي، پر هفتي ۾ ٽي چار دفعا هو پنهنجي ڪلينڪ “عابد ميڊيڪل سينٽر” تي مريضن کي ڏسي ٿو، جيڪا ڪلينڪ اڄ ڪلهه سندس پٽ ڊاڪٽر محمد وريل ميمڻ پڻ هلائي ٿو.
    اڄ کان چار پنج سال اڳ جڏهن دهلي آيو هوس، تڏهن به ڊاڪٽر عابد مون کي ڊاڪٽر ناري ۽ سندس هڪ ٻئي ڪلاس ميٽ دوست ڊاڪٽر آسومل سان بمبئي ۽ اڌيپور وڃي ملڻ لاءِ چيو هو. پر جيئن ته مون کي فقط دهلي، آگري، احمد آباد ۽ بڙودا جي ويزا ملي هئي، جتي ٻن دوستن جي پٽن جي شادي ٿي رهي هئي، ان ڪري ٻين شهرن ۾ غير قانوني طرح وڃڻ مون پسند نه ڪيو. باقي اهو آهي ته منهنجي فون ڪرڻ تي ڊاڪٽر ناري مون کي وڏي اڪير سان ممبئي گهمڻ لاءِ دعوت ڏني. هاڻ جيئن ته آئون ويٺو ئي ممبئي ۾ هوس، سو مون ڊاڪٽر ناريءَ کي فون ڪيو، بلڪه سندس فون نمبر چيڪ ڪيم ته اهو پراڻو نمبر نڪتو. گذريل ٽن چئن سالن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد وانگر پوني ۽ ممبئي جا ٽيليفون به بدلجي چڪا هئا. بهرحال مون ممبئي يونيورسٽي جي ٽيليفون آپريٽر سان ڳالهه ڪئي، تنهن مون کي ٻئي ڏينهن ٻڌايو ته حيدرآباد سنڌ جو هي ِENT سرجن ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي ڏيڍ ٻه سال کن اڳ گذاري چڪو آهي. سندس زال سرلا ناري توهان جو نمبر ورتو آهي ۽ هوءَ اڄ ئي توهان سان ڳالهائيندي.
    ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ نيرن ڪري واپس گيسٽ هائوس ۾ تيار ٿيڻ لاءِ پهتس، ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. ٻئي پاسي ڊاڪٽر ناري جي زال سرلا هئي. هوءَ مون کي يڪدم سڃاڻي وئي جو هن نه رڳو منهنجا ڪجهه ڪتاب پڙهيا هئا، پر پاڻ به ليکڪا آهي. مون وانگر لکڻ سندس هابي آهي. پاڻ هڪ ٻه ڪتاب سنڌي مان انگريزيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيا اٿس. هن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ناريءَ کي مرڻ گهڙيءَ تائين ڊاڪٽر عابد ميمڻ سان ملڻ جو ڏاڍو شوق هو. “توهان ڀلا ممبئي ۾ ڪيترا ڏينهن آهيو؟” هن امالڪ پڇيو.
    “هوس ته ڪيترائي ڏينهن پر هاڻ باقي ٽي ڏينهن وڃي بچيا آهن.” مون ٻڌايومانس.
    “ته پوءِ توهان مون سان هينئر جو هينئر ملو ته آئون توهان کي ممبئي جو سير ڪرايان،” مئڊم سرلا چيو، “ڇو جو سڀاڻي صبح ساڻ آئون پنهنجي ڀيڻ سان ملڻ لاءِ حيدرآباد (دکن) وڃي رهي آهيان ۽ پوءِ چئن ڏينهن بعد اينديس ته توهان روانا ٿي چڪا هوندائو.”
    منهنجو ان وقت يونيورسٽي ۾ ليڪچر شروع ٿيڻ وارو هو. مون کيس ٻڌايو ته اهو هڪ بجي تائين هلندو، ان بعد يونيورسٽي طرفان لنچ آهي ۽ ٻه بجي ڌاري واندو ٿيندس.
    “چڱو ڀلا آئون تو وٽ پوري ٽين بجي ڌاري پهچي وينديس ۽ توکي ڪجهه شهر گهمائي وٺنديس.”
    “اها ته پاڻ توهان جي مهرباني جو توهان مون وٽ ايندائو. هڪ ڌارئين جي حيثيت ۾ مون کي توهان جو گهر ڳولڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي،” مون کيس چيو، “باقي بمبئي گهمڻ کان وڌيڪ توهان سان خبر چار ڪرڻ جو وڌيڪ شوق اٿم.” مون کيس سندس فئملي جون ڪجهه تصويرون آڻڻ لاءِ پڻ چيو.
    آئون کيس اهو سڀ ڪجهه چئي ته ويٺس، پر پوءِ ليڪچر دوران افسوس ڪندو رهيس، ته مون کي سائين ابراهيم جويو صاحب جي عمر جي عورت کي ممبئي جو سڄو شهر لتاڙي هيڏانهن مون ڏي يونيورسٽي تائين اچڻ جي تڪليف ڏيڻ نٿي کتي. اهو فاصلو ائين آهي، جيئن ڪو ڪلفٽن يا ڪياماڙي کان ڪراچي يونيورسٽي اچي. هوءَ ممبئي جي ڏکڻ واري حصي نيپيئر سي روڊ تي رهي ٿي ۽ سانتا ڪروز ايسٽ جي ڪالينا واري علائقي ۾ (جتي ممبئي يونيورسٽي آهي) هن کي پهچڻ لاءِ منجهند جي رش آور ۾ ڊگهو فاصلو هڪ طرف ته کارادر، چاڪيواڙي، جامع ڪلاٿ مارڪيٽ، ايمپريس مارڪيٽ، گلشن اقبال جهڙا ڳتيل ۽ ٽرئفڪ جام وارا علائقا اڪرڻ ٻي طرف هو. ان کان ته آئون سانتا ڪروز يا ٻي ڪنهن ريلوي اسٽيشن تان 20 منٽن ۾ گرانٽ روڊ واري اسٽيشن تي پهچي وڃان ها، جو ممبئي ۾ رش آور ۾ به ريل گاڏيون ته ساڳيو تيز رفتار سان هلن ٿيون. بس يا ڪار ۾ اهو سفر ڪلاڪ ڏيڍ کان به مٿي کايو وڃي. مون کي پڪ هئي، ته مون کي سڄي شام انتظار ڪرڻو پوندو ۽ ٿي سگهي ٿو پوڙهو ماڻهو موڊ بدلجڻ تي يا ڳالهه وسري وڃڻ تي نه به اچي.
    پر ڊاڪٽرناري ڪرپالاڻي جي زال مئڊم سُرلا پڪي انگريز ثابت ٿي جو مقرر وقت تي، يعني پوري 3 بجي منهنجي جاءِ تي اچي پهتي. هوءَ پڪ ڊگهي رستي ۽ ممبئي جي ٽرئفڪ جام کي ڌيان ۾ رکي، ڪلاڪ ٻه اڳ گهران نڪتي هوندي. انگريز کيس ان ڪري به سڏيندس جو سندس انگريزي به ڏاڍي سٺي هئي. ظاهر آهي ته جنهن عورت 1940ع واري ڏهي ۾ انگريز ماسترياڻين وٽ ‘A’ ليول پڙهي هجي ۽ جنهن جو ڪاليج جي ڏينهن کان آپشنل سبجيڪٽ فرينچ زبان رهيو هجي، ان جي انگريزي ڇو نه سٺي هوندي! انگريزن، پارسين ۽ سنڌي هندن جي اها ڳالهه هڪ جهڙي آهي، ته هنن جون زالون وڏي عمر ۾ پاڻ کي ويتر وڌيڪ ٺاهي هلنديون. توهان ڀلي اڄ به دبئي ۾ سندري اتم چنداڻي سان يا هيرآباد حيدرآباد ۾ دادي لِيلا سان ملي ڏسو. مئڊم سرلا به وڏي عمر جي انگريزياڻين وانگر فل ميڪ اپ ۾ هئي. هن کي هلڻ ۾ لٺ جي آڌار وٺڻي پيئي ٿي، پر هوءَ عمر جي لحاظ کان بيحد ڦڙت ۽ سمارٽ لڳي رهي هئي ۽ پنهنجي همت سان پاڻ اسان جي گيسٽ هائوس جا ٽي چار ڏاڪا چڙهي اچي ڊرائنگ روم ۾ ويٺي.
    هن ٻڌايو ته هوءَ ٻارن کي پاڻ سان وٺي نه آئي، جو ان ڏينهن انڊيا جي بجيٽ جو اعلان ٿيڻ ڪري سندس ڌيءَ منجيت جيڪا جرنسلٽ آهي ۽ انڊيا جي بزنيس ويڪ مئگزين جي بيورو چيف آهي، رپورٽ ٺاهڻ ۾ بزي هئي ۽ سندس پٽ ديپڪ جيڪو پنهنجي پيءُ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي ۽ ڏاڏي منگهن مل ساڌو مل وانگر ڊاڪٽر آهي، پنهنجي پيءُ جي ڪلينڪ تي مشغول هو.
    مئڊم سرلا ٻڌايو ته کيس ٻه ٻار آهن. “ديپڪ ننڍي هوندي هوائي جهازن جو پائليٽ ٿيڻ چاهيو ٿي، پر هو ڊاڪٽر ٿي ويو ۽ ممبئي جي گرانٽ ميڊڪيل ڪاليج مان MBBS ڪئي، جنهن مان سندس پيءُ پڻ پڙهيو هو.”
    ممبئي وارو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ننڍي کنڊ جو سڀ کان آڳاٽو ميڊيڪل ڪاليج آهي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر 1843ع ۾ رکيو ويو ۽ آڪٽوبر 1845ع کان پڙهائي جو سلسلو شروع ٿيو. هن ڪاليج جي شروعاتي پروفيسرن: ائنا ٽامي ۽ سرجري جي پروفيسر ڊاڪٽر جان پيت، ڊاڪٽر هربرٽ جان ۽ ڊاڪٽر چارلس مورهيڊ (جيڪو پهريون پرنسپال پڻ ٿي رهيو) جا لکيل ڪتاب اڄ به آسٽريليا، نيوزيلئنڊ ۽ ايشيا جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پڙهايا وڃن ٿا. هن ميڊيڪل ڪاليج لاءِ شروع ۾ به لکي چڪو آهيان، ته ممبئي جي گورنر سر رابرٽ گرانٽ جي ڪوششن سان هي ڪاليج ٺهيو ۽ هن گورنر جي نالي تان هن ڪاليج جو نالو گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج رکيو ويو. سر رابرٽ گرانٽ جيڪو 1780ع ۾ ڄائو هو ۽ 1838ع ۾ وفات ڪيائين، سن 1934ع ۾ بمبئي جو گورنر مقرر ٿيو هو. هن کي ننڍي کنڊ جي ماڻهن جي صحت جو ڏاڍو خيال هو. هن ممبئي ۾ يورپي ميڊيڪل سائنس جو ڪاليج کولڻ چاهيو ٿي، جنهن لاءِ انڊيا جي مشهور پارسي سيٺ سرجمشيد جيجا ڀائيءَ وڏي مالي مدد ڪئي. بهرحال هي ڪاليج مڪمل ٿيڻ کان اڳ گورنر رابرٽ گرانٽ گذاري ويو.


    شهيد پاڳاري کي هو بچائي نه سگهيو...

    حيدرآباد سنڌ جي مشهور ڊاڪٽر منگهن مل جي نُنهن ۽ ممبئي جي ناليواري ENT سرجن ڊاڪٽر ناري ڪرپلاڻي جي زال سُرلا ٻڌايو ته سندس پٽ ڊاڪٽر ديپڪ اڄ ڪلهه پنهنجي پيءُ جي ڪلينڪ تي ويهي ٿو، جيڪا هن شهر ممبئي جي مشهور روڊ پيڊر روڊ (Pedder Road) تي آهي. پيڊر روڊ ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڪمبالاهل واري امير علائقي ۾ آهي، جيڪو ڊبليو جي پيڊر نالي آهي. هو صاحب 1879ع ۾ ممبئي جو ميونسپل ڪمشنر هو. هي روڊ اڄ ڪلهه انڊيا جي سماجي جاکوڙي گوپال رائو ديشمک نالي آهي، پر ممبئي جي ٻين رستن وانگر هن روڊ کي به پراڻي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
    مئڊم سرلا ٻڌايو، ته سندس ڌيءَ مِس منجيت (Manjeet Kripalani) جيتوڻيڪ ننڍي هوندي کان چاهيو ٿي ته ڊاڪٽر ٿيان، پر هوءَ جرنلسٽ ٿي وئي. “منجيت ايلفنسٽن ڪاليج ممبئي مان تعليم حاصل ڪئي. هن انگريزي ادب ۽ تاريخ ۾ گرئجوئيشن ڪرڻ بعد ممبئي جي Law College مان وڪالت جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ڪجهه وقت وڪيل به رهي،” مئڊم سرلا ٻڌايو، “ان بعد آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي مان جرنلزم ۽ انٽرنيشنل افيئر ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد اخباري رپورٽر طور ڪم شروع ڪيو. پاڻ افغانستان ۾ جنگ دوران جيڪا رپورٽنگ ڪئي، ان مان هڪ مضمون تي کيس 5000 آمريڪي ڊالر ايوارڊ مليو، جيڪو هن افغان عورتن جي مدد لاءِ هنن جي فنڊ ۾ جمع ڪرايو.”
    منجيت ڪرپلاڻي 1996ع کان نيويارڪ جي مئگزين “بزنيس ويڪ” جي بيورو چيف آهي. ان کان اڳ هوءَ سال کن نيو يارڪ جي رسالي Worthجي اسسٽنٽ ايڊيٽر ٿي رهي ۽ 1989ع کان 1994ع تائين نيويارڪ جي هڪ ٻئي مشهور رسالي Forbes جي ڊپٽي چيف رپورٽر ٿي رهي. پنهنجي اخباري ڪئريئر جي شروعات، هن ممبئي جي رسالي “بزنيس ورلڊ” کان ڪئي. هن وقت سندس عمر 50 سالن جي لڳ ڀڳ آهي.
    مئڊم سرلا ٻڌايو ته “منجيت جي اڃان شادي نه ٿي آهي. ڊاڪٽر ديپڪ جي ڪجهه سال اڳ آشا ڀاواني نالي سنڌي ڇوڪريءَ سان شادي ٿي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ رشي ۽ هڪ ڌيءَ ريناتا آهي.”
    مئڊم سرلا جو سهرو ۽ ڊاڪٽر ناري ڪرپالاڻي جو پيءُ ڊاڪٽر منگهن مل جيتوڻيڪ MBBS ڊاڪٽر نه هو، نه وري ڪا سندس سرجريءَ ۾ ڊگري ٿيل هئي، پر هو سڄي حيدرآباد ضلعي ۽ اوس پاس ۾ قابل فزيشن ۽ سرجن طور مڃيو ويو ٿي. هو هر قسم جي آپريشن ڪري ويندو هو. اسان جي ڀيڻوئي ڊاڪٽر عابد ميمڻ به هن وٽ پهرين Anaesthetist(بيهوشي جي ڊاڪٽر) جي حيثيت ۾ ڪم ڪيو هو. ڊاڪٽر منگهن مل جي هٿن ۾ شفا هئي. هو غريبن جو وڏو خيال ڪندو هو. ڊاڪٽري کي هن خدمت جو پيشو سمجهيو ٿي ۽ سندس ڊاڪٽري بابت ٻڌايل ڪيترائي قول اسان ننڍي هوندي ڊاڪٽر عابد ميمڻ کان ٻڌي حيران ٿيندا هئاسين. ان جي ئي نقشِ قدم تي ڊاڪٽر عابد به سڄي عمر هي مسيحي پيشو اختيار ڪيو. ڊاڪٽر منگهن مل ڊاڪٽر عابد ميمڻ کان 36 سال وڏو هو. پاڻ 7 مارچ 1892ع تي حيدرآباد ۾ ساڌو مل جي گهر ۾ ڄائو. 1913ع ۾ هن LCPS واري ڊاڪٽري جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ پنهنجو نرسنگ هوم کوليو.
    هي مضمون لکڻ دوران ڊاڪٽر عابد ميمڻ جي ٻن حيدرآبادي جهونن دوستن: پرواني ڀٽي ڪالم نويس ۽ مشهور وڪيل ڪاڪي ڪشنچند پارواڻيءَ کان فون ذريعي ڊاڪٽر منگهن مل جو پڇيم، ته هو صاحب به سندس تعريف ۾ شروع ٿي ويا. هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر منگهن مل جو نرسنگ هوم اڄ واري ريشمي گلي ۾ هو، پر سندس گهر هيرآباد ۾ هو ۽ هو سٺي نبض شناس سان گڏ سٺو سرجن به هو. مئڊم سرلا ناريءَ ٻڌايو ته سندس سهري ڊاڪٽر منگهن مل هڪ دفعو عورت جي ڇاتيءَ جي آپريشن به ڪئي. “آئون ننڍي هيس. مون کي آپريشن ڏسڻ جو شوق هو،” سُرلا ٻڌايو، “پوءِ ڊاڪٽر منگهن مل آپريشن ٿيٽر ۾ مون کي اسٽول تي ويهاري هن عورت جي آپريشن ڪئي. آپريشن کان اڳ هن مون کان وچن ورتو، ته جي ڊني آهين ته مريض لاءِ به مصيبت ٿي پوندي ۽ توکي به مار ملندي.”
    ڊاڪٽر منگهن مل جي ايڏو هوشيار ڊاڪٽر ٿيڻ بابت جڏهن مون سرلا کان پڇيو، ته هن ٻڌايو ته ان پٺيان ٽي ڳالهيون آهن: “هڪ ته ڊاڪٽر منگهن مل ننڍي هوندي کان هوندو ئي هوشيار هو. هو اسڪول ۾ هميشھ اول نمبر کڻندو هو. ٻي ڳالهه ته هو بيحد محنتي ۽ اڻ ورچ هو. هن کي پنهنجي پروفيشن سان پيار هو. هن پئسي خاطر پورهيو نٿي ڪيو، پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ ٿي ڪيو. ٽي ۽ آخري ڳالهه اها ته هو انگريز ڊاڪٽر گري (Gray)جهڙي قابل ڊاڪٽر وٽ ڪم سکيو.”
    ڊاڪٽر منگهن مل جڏهن LCPSڪري حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ سرڪاري نوڪري ڪئي، ته ان وقت سندس باس ڊاڪٽر ڪرنل J.E گري هو. ڪراچي واري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج (جيڪو هاڻ يونيورسٽي آهي) ان جي ٺهڻ ۾ ڊاڪٽر گري جو به وڏو هٿ آهي. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج هڪ ننڍي ڪاليج جي شڪل ۾ 1941ع ۾ پهرين حيدرآباد ۾ کوليو ويو. ان بعد ان کي مٿانهون درجو ڏيڻ ۽ ڪراچيءَ ۾ شفٽ ڪرڻ لاءِ سنڌ گورنمينٽ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ ڪرنل جي اِي گري جيڪو ان وقت انسپيڪٽر جنرل سول هاسپيٽلس هو، پڻ هڪ ميمبر ٿيو. ان کان علاوه هن ڪميٽيءَ ۾ ڊاڪٽر هرميندس واڌواڻي وزير صحت ۽ مسٽر اڀيچند ايگزيڪيوٽو انجينئر هئا. ڊائو ڪاليج جي پيڙهه جو پٿر 10 ڊسمبر 1945ع تي سنڌ جي گورنرSir Hugh Dowرکيو، تيسين هي ڪاليج عارضي طور اين. جي وي هاءِ اسڪول جي بلڊنگ ۾ هلايو ويو ۽ پاڪستان ٿيڻ تائين هي ڪاليج ممبئي يونيورسٽي سان Affliated رهيو. ڊاڪٽر منگهن مل زندگيءَ جا آخري سال پنهنجي پٽ ڊاڪٽر ناري وٽ بمبئي ۾ گذاريا، جتي 80 سالن جي ڄمار ۾ 1972ع ۾ وفات ڪيائين.
    مٿي پاڻ فقط ڊاڪٽر ناري ۽ سندس پتا منگهن مل ڪرپلاڻي جي فئملي جو ذڪر ڪيو آهي. آخر ۾ ٻه ٽي سٽون ڊاڪٽر ناري جي زال سرلا جي فئملي بابت لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جيڪا پڻ سنڌ جي هڪ مشهور ۽ پڙهيل ڳڙهيل فئملي آهي.
    سُرلا جو پتا گوبند رام ڀاوناڻي اتر سنڌ جو هڪ وڏو زميندار ٿي گذريو آهي. گوبند رام جي ڄم جي تاريخ 10 ڊسمبر 1900ع آهي. اسين ننڍا هئاسين. يعني 50 ۽ 60 وارين ڏهائين ۾ حيدرآباد ايندا هئاسين، ته قلعي ۽ گاڏي کاتي کان تلڪ چاڙهي ۽ هيرآباد ڏي ايندا هئاسين، ته هڪ فوجدار واري گهٽي به ايندي هئي. جنهن کي ديوان صورت سنگهه جي گهٽي به سڏبو هو. حيدرآباد ۾ هڪ ٻي گهٽي “ڀائي مولچند گيانيءَ جي گهٽي” سڏبي هئي. خبر ناهي اهي گهٽيون اڃان انهن نالن سان ئي سڏجن ٿيون يا نه. پر جيڪي انهن نالن کان واقف آهن، انهن کي مئڊم سرلا سڃاڻڻ ۾ ڪا دقت نه ٿيندي، ڇو جو سرلا جي پيءُ گوبند رام جو صورت سنگهه ڏاڏو هو ۽ مولچند صورت سنگهه جو ڀاءُ هو.
    صورت سنگهه ۽ مولچند ٻه ڀائر ديوان سکانند جا پٽ هئا. ديوان مولچند وڏو ڀاءُ هو. هو پهرين سنڌ جي ميرن وٽ محرر مقرر ٿيو ۽ ڀريا مان شادي ڪيائين. پوءِ دنيا کان ڪنارو ڪري، ساڌن جي سنگ ۾ زندگي بسر ڪيائين. سندس جنم جو سال 1799ع آهي. پاڻ 70 ورهين جي ڄمار ۾ 1869ع ۾ پرلوڪ پڌاريو. صورت سنگهه جو گهر حيدرآباد جي سري گهاٽ طرف دونهين واري گهٽي جي ويجهو هو، جيڪا گهٽي سندس نالي سان مشهور ٿي. پاڻ فوجدار هو، ان ڪري اها گهٽي فوجداري واري گهٽي پڻ سڏجڻ لڳي.
    صورت سنگهه کي چار پٽ هئا، جن مان ٻيو نمبر ڏيئل مل هو، جنهن جو جنم حيدرآباد ۾ 1873ع ۾ ٿيو. هي ڏيئل سرلا جو ڏاڏو هو. ڏيئل مل 1889ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ ٻه سال ڪراچي جي ڪاليج مان پڙهي بمبئي مان 1895ع ۾ وڪالت جي ڊگري حاصل ڪري. 1901ع تائين شڪارپور ۾ وڪالت ڪيائين، جنهن بعد جيڪب آباد ۾ جج ٿيو ۽ 1928ع ۾ پينشن ورتائين. هو اسڪائوٽ ڪمشنر ۽ حيدرآباد جي ڏيئلداس ڪلب جو سيڪريٽري ٿي رهيو. پاڻ سياست ۾ به حصو ورتائين.
    ديوان ڏيئل مل کي هڪ پٽ گوبند رام (سُرلا جو پيءُ) ٿيو. سندس جنم سندس ڌيءَ سرلا مطابق 1900ع آهي، پر ڪاڪي ڀيرومل مهر چند آڏواڻي مطابق 1898ع آهي. سندس 1970ع ۾ وفات ٿي. ديوان ڏيئل مل جج جي نوڪري تان رٽائرڊ ٿيڻ بعد ائگريڪلچر جو وزير پڻ ٿيو. سرلا ٻڌايو ته سندس ڏاڏو اتر سنڌ جو ايڏو ته وڏو جاگيردار هو، جو هن جي زمينن تي سندس نالي ٺهيل ريلوي اسٽيشن “ڳڙهي ڏيئل مل” هوندي هئي، جنهن تي ريل گاڏي بيهندي هئي.
    سُرلا جو نالو گلي ٻائي هو ۽ سرلا جا ناناڻا پڻ سنڌ جي تاريخ ۾ مشهور آهن. خاص ڪري سُرلا جو نانو ٽهلرام واسواڻي انگريزن جي ڏينهن ۾ پوليس جو اعليٰ ۽ اهم آفيسر رهي چڪو آهي. سرلا جڏهن پنهنجي ناني جو نالو ٻڌايو ته آئون حيرت مان سندس چهري کي ڏسڻ لڳس ۽ هوءَ به اکين سان اکيون ملائي خاموش ٿي وئي. مون کي لڳو ته ٽهلرام واسواڻي جو نالو مون پهرين به ڪٿي ٻڌو يا پڙهيو هجي.
    “ٽهلرام واسواڻي؟!” منهنجي وات مان، ڪنفرم ڪرڻ لاءِ نه پر بي اختيار نڪتو.
    “جي ها، ٽهلرام واسواڻي منهنجي ماتا جو پتا ۽ منهنجو نانو هو،” سرلا وراڻيو ۽ پوءِ مون ڏي ڏکويل نگاهن سان ڏسي چيو:
    “At the time of the arrest of Peer Pagarah he was one of the senior police officer but could not help…


    بمبئي جي روڊن تي بالي وڊ اداڪارائون

    انڊيا جي ٻين شهرن وانگر ممبئي جي رستن تي به ڪيترائي دفعا پنهنجي منهن اڪيلي سر ڍڳين کي سير سپاٽو ڪندي ڏٺم. ٻين شهرن جي مقابلي ۾ جيتوڻيڪ ممبئي ۾ تمام گهڻي ٽرئفڪ آهي، پر هي ڍڳيون رستن تي گهمي گهمي ايڏيون Bold ۽ ٽرئفڪ جي مزاج کان واقف نظر اچن ٿيون، جو هنن کي ڪنهن به قسم جو خوف يا فڪر ناهي. ڏاڍيون Composed ۽ پرسڪون نموني سان رستو ٽپندي، رستي جي ڪناري تي لڳل گاهه يا ڀاڄيون وڪڻڻ وارن طرفان اڇلايل ڀاڄيون کائيندي ۽ ڇيڻا لاهيندي نظر اچن ٿيون. ڪوبه واٽهڙو يا ڪار وارو کين ڊسٽرب نٿو ڪري. “هندو ڌرم ۾ ڳئون کي پوڄيو وڃي ٿو.” مون اهو ٻڌو هو يا گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ذهن ۾ هو. ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ روم ۾ جتي آئون ٽڪيل هوس، اتي جي ڀر واري ڪمري ۾ رهندڙ هڪ جرمن پروفيسر جنهن کي هندو ڌرم جي وڏي ڄاڻ هئي، تنهن گيسٽ هائوس جي ٽي وي لائونج ۾ مون کي ٻڌايو ته “هندو ڪڏهن به ڳئون جي پوڄا نٿو ڪري...”
    For India, the Cow represents the sacred Prcnciple of motherhood. She symbolizes charity and generosity because of the way she distributes the milk, which is essential for the nourishment of the young…
    هن پروفيسر چيو ته ڳئون کي انڊيا ۾ اگهنيا چيو وڃي ٿو، يعني اها شيءِ جنهن کي ذبح نه ڪجي. ظاهر آهي هوءَ ماءُ وانگر ٻارن لاءِ کير ڏئي ٿي. ان کير جو حق ادا ڪرڻ لاءِ ڇا هن کي ڌڪارجي يا ڪُهي ڇڏجي، جڏهن هوءَ پوڙهي ٿي وڃي يا کير ڏيڻ لائق نه رهي؟
    “اهو ٻڌي توهان کي حيرت ٿيندي ته هندو ڌرم ۾ ڳئون جي گوشت کائڻ جي به جهل ناهي،” هن پروفيسر ٻڌايو، “بلڪ ويدن وارو زمانو Beef eating ايج هئي. پر پوءِ جين ۽ ٻڌ ڌرم جي مشهور ٿيڻ ڪري، جنهن ۾ ڪنهن به ساهه واري جانور، پکي يا جيت جڙي کي مارڻ جي منع آهي. انڊيا ۾ هڪ اهڙو ثقافتي انقلاب آيو، جنهن ۾ هي گوشت کائڻ وارو ملڪ (Vegetarian) ڀاڄيون کائڻ وارو بنجي ويو.”
    بهرحال ڳالهه اها آهي ته هي گگدام جانور انڊيا ۾ عزت جي قابل سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته هي بيحد ڪارائتو جانور آهي ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ هڪ غريب لاءِ هي ماءُ جو ئي ڪردار ادا ڪري ٿو. ڳئون کير ڏيڻ ڇڏي ڏئي ته گهر جا ٻارڙا کير ۽ مکڻ کان سڪيو وڃن. ممبئي يونيورسٽي جي نهرو لائبريري ۾ ڪم ڪندڙ هندو ليڊي انچارج ڳئون بابت چيو، ته ڳئون قدرت طرفان خلقيل مڙني گگدام جانورن جي نمائندگي ڪري ٿي.
    In respecting the cow, we are showing respect for all living things, a notion that ties in deltly with “Ahinsa”, and Vegetarianism.
    ۽ اهو ئي نقطو آهي جنهن جي گانڌيءَ پرچار ڪئي ٿي.
    ڏٺو وڃي ته هي جانور انڊيا جي ايڪانامي ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. ڍڳيون ٻارن لاءِ کير مکڻ يعني صحت مهيا ڪن ٿيون، ته سندن نر ڍڳا هر هلائڻ ۽ ڍڳي گاڏيون ڇڪڻ ۽ بار ڍوئڻ جي ڪم ۾ اچن ٿا. انڊيا جي هڪ اخبار ۾ پڙهي رهيو هوس ته انڊيا ۾ ڏيڍ ڪروڙ ڍڳي گاڏيون آهن، جيڪي اٽڪل 15 بلين ٽن سامان انڊيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڍوئين ٿيون. سڀ کان وڏي مدد هن جانور جو ڇيڻو آهي، جيڪو سرڪاري انگ اکرن مطابق سال ۾ 800 ملين ٽن پيدا ٿئي ٿو. جرمن پروفيسر چيو ته ويدن ۾ آهي ته فقط ڍڳيءَ جو ڇيڻو نرالو آهي. ٻئي ڪنهن جانور جي فضلي (Excerement) کي ڇهڻ سان وهنجڻ ضروري آهي، پر ڍڳيءَ جو ڇيڻ گندگي بدران جراثيم ڪش آهي، جنهن ۾ Antiseptic خاصيتون آهن. اها ڳالهه ماڊرن سائنس به ثابت ڪري چڪي آهي. هڪ طرف ته ڇيڻي ۾ بئڪٽريا نه آهن، ٻي طرف هو آسپاس جا جراثيم ماري ٿو. ڍڳيءَ جي ڇيڻ جو ذرو ذرو Antiseptic آهي. سمجهو ته Lysolيا Mr. Clean آهي.
    ڍڳين جي لٿل ڇيڻ جو وڏو حصو زمين ۾ ڀاڻ طور استعمال ٿئي ٿو، باقي ٻارڻ ۾ ڪم اچي ٿو. ڇيڻ جي ٻرڻ ۾ نه تپش آهي نه ڌپ. هن جي باهه هلڪي ۽ برابر (uniform) رهي ٿي. توهان چلهه تي ديڳڙي ڇڏي ڪجهه وقت لاءِ ڪچهري ڪري سگهو ٿا، ٻوڙ نه سڙندو. ڇيڻ بدران ڪوئلو استعمال ڪرڻ تي انڊيا حڪومت کي جيڪر ڏيڍ بلين ڊالر هر سال خرچ ڪرڻو پوي. ڇيڻ Insulalion جو به ڪم ڪري ٿو. ڀتين ڇتين تي لڳل ڇيڻ ڳوٺاڻن جي گهرن کي سياري ۾ سردي کان روڪي ٿو ۽ اونهاري ۾ گرميءَ کان. ڇيڻ ڪري مکيون ويجهو نٿيون اچن ۽ ڇيڻ ٻرڻ تي مڇر غائب ٿيو وڃن.
    نهرو لائبريري جي انچارج ٻڌايو ته ڳئون ڪارائتي هجڻ يعني Utilitarian قدرن ڪري نه پر روحاني (Spiritual) ڳالهين ڪري پوتر سمجهي وڃي ٿي. جيئن رڍ عيسائين لاءِ آهي، تيئن ڍڳي هندن لاءِ آهي. ڪرشنا هندو ديوتا ڍڳيون چارڻ وارو ڌنار هو ۽ ڍڳو شِو ديوتا جي سواري جو سمبل آهي.” بقول جرمن پروفيسر جي: “Today the Cow has almost become a Symbol of Hinduism.” مغرب ۾ مختلف ڳالهه آهي. اتي ڳئون کي هلندڙ چلندڙ هئمبرگر سمجهيا وڃن ٿا، پر انڊيا ۾ ڳئون ماتا “ڌرتي ماتا” جو سمبل آهي. ڇو ته ڳئون به ڌرتيءَ وانگر انسان کي گهڻو ئي ڪجهه ڏئي ٿي پر هُن کان موٽ ۾ ڪجهه به نٿي گهري...
    ڳئون ماتا جي هندو ڌرم ۾ توڙي انڊيا جي سماجي ۽ ڪلچرل ماحول ۾ مٿانهين مانَ جي مون کي خبر هئي جو منهنجو هندو ڌرم جي ماڻهن سان، خاص ڪري ڏکڻ هندستان جي تامل، مليالم، ڪنهڙ، تيلگو ڳالهائڻ وارن سان سنگاپور، ملائيشيا ۽ سري لنڪا ۾ گهڻو واسطو رهيو آهي. ڏکڻ هندستان جا هندو ته ايتري قدر جو هر سال سنگاپور ۽ ملائيشيا جي شهرن ۾ ڳئون ماتا جي نر يعني ڍڳي يا گابي کي سينگاري سرگس (شهر گشت) ڪرائين ٿا. هن جشن کي هو ٿائيپوسام سڏين ٿا. اها به ڄاڻ هئي ته ڪيترا هندو نه فقط ڳئون ماتا جو خيال ڪن ٿا، پر انهن شين کي به قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، جن ۾ ڳئون جو ڇيڻو يا پيشاب شامل آهي، جنهن کي هو “Gomutra” يعني ڳئون جو مُٽ سڏين ٿا.
    بهرحال آئون اهو کڻي نه چوندس ته هندو ڳئون کي پوڄين ٿا پر اهو ضرور چوندس ته هو هن جانور جي تمام گهڻي عزت ڪن ٿا، جنهن جو اسين غير هندو، انڊيا کان ٻاهر رهي اندازو لڳائي نٿا سگهون. ڳئون جنهن کي هو پيار ۽ عزت مان ڳئون ماتا يعني امڙ به سڏين ٿا، ان لاءِ ڪيترا هندو، خاص ڪري انڊيا جا رهاڪو ڪو معمولي چرچو ٻڌڻ به پسند نه ڪندا. پوڙهيون ۽ بي گهر ڍڳيون ڀلي ڏينهن تتي جو ممبئي يا دهلي جو مين روڊ روڪي بيهي رهن، پر گاڏين وارا صبر کان ڪم وٺي هنن جي لنگهڻ جو انتظار ڪندا رهندا. مون کي به ان ڳالهه جو احساس تڏهن ٿيو، جڏهن منهنجي هڪ سنڌي هندو دوست منهنجي هڪ ڍڳين بابت اي ميل ڪيل چرچي واري ڳالهه کي دل ۾ ڪيو ۽ منهنجي ڳالهه جو مطلب هن ڍڳين جي شان ۾ گستاخي سمجهيو. ٿيو هيئن جو اڳئين دفعي دهلي ۽ بڙودا وغيره ويو هوس، ته پاڪستان کان ڪنهن دوست يا پڙهندڙ جو خط نه آيو هو، پر هن ڀيري ممبئي پهچڻ سان پهرين ڏينهن کان اي ميل اچڻ شروع ٿي ويا. بلڪه جنهن کي به فون ڪري ٻڌايان ته ممبئي پهچي ويو آهيان، ته هو يڪدم اهو سوال ڪري ته “ممبئي جهڙي شهر ۾ گهمي رهيو آهين ضرور باليوڊ جي فلمي ائڪٽريسن سان ملاقات ٿيندي هوندي؟”
    اها ڪا لڪيل ڇپيل ڳالهه ناهي ته پاڪستاني انڊين فلمن جا شوقين آهن ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ويندي ملائيشيا، سنگاپور يا آفريڪا جي ملڪن جا ماڻهو جن کي هندي يا اردو نٿي اچي، اهي به انڊين فلمون شوق سان ڏسن ٿا. اسان جي ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ جي فلمي اداڪارن کان واقف نه آهن، پر بالي ووڊ جي هر فلم ائڪٽر ۽ ائڪٽريس کي سڃاڻن ٿا ۽ ممبئي اچڻ تي هنن جي اها ڪوشش رهي ٿي، ته ڪنهن فلمي ستاري سان ملون. مون کي به ممبئي پهچڻ سان ڪجهه دوستن پڇيو، ته آيا آئون به ڪنهن فلمي اداڪار سان ملڻ جي خواهش رکان ٿو ته هو ان جي پورائي جي ڪوشش ڪن. پر مون صاف انڪار ڪيو، ان ڪري جو هڪ ته ان لاءِ گهڻو وقت ضايع ٿيو وڃي. ٻي ڳالهه ته جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجن دلپسند اداڪارن سان ملڻ جو واقعي گهڻو شوق هو جيڪو بنا ڪنهن محنت جي اوچتو ئي اوچتو هانگ ڪانگ، سنگاپور، ڪولمبو ۽ لنڊن جهڙن بندرگاهن جي هوٽلن ۾ رهائش دوران پورو ٿي ويندو هو، جو اهي فلمي اداڪار انهن ئي هوٽلن ۾ رهڻ لاءِ اچي نڪرندا هئا، جن ۾ اسان کي جهاز ران ڪمپني جهاز جي پهچڻ يا مرمت ٿيڻ تائين ترسائيندي هئي. پر هڪ ڳالهه مون نوٽ ڪئي ته راجيش کنا، رنڌير ڪپور، امجد خان يا شرميلا ٽئگور، هيما ماليني ۽ پروين بابي جهڙن سان جتي پهرين گهڙي ملڻ ۾ خوشي ٿيندي هئي، اتي ٻئي ڏينهن يا ٽئين ڏينهن انهن کان پري پيو ڀڄبو هو. هوٽل جي ڊائننگ هال يا لائونج ۾ کين ويٺل ڏسي پاسو پيو ڪبو هو. اها Tendency ڪا حيران ڪن ناهي. مون شيخ اياز جي ڪيترن چاهيندڙن ۽ دوستن کي جيڪي اڄ سندس وفات بعد قبر اڳيان بيهي فوٽو ڪڍائي وڏي هام ٿا ڀرين، انهن کي هن جي حياتيءَ ۾ کانئس پري ڀڄندو ڏٺم ته بور ٿو ڪري. تڏهن ته پارسي جهازن جو مالڪ ۽ انگريزي اخبار جو ڪالم نويس ارڌشير ڪواسجي پنهنجن پرستارن کي جيڪي ساڻس ملڻ جي خواهش ڪن ٿا، انهن کي اڦٽ اهو ئي چوندو آهي: “ڀائي ملي ڇا ڪندائو؟ نه ئي ملو ته بهتر آهي.”
    بهرحال ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ممبئي بالي ووڊ جي ستارن سان ڀريو پيو آهي، پر ائين به نه آهي ته ڪو هو عام ماڻهن وانگر فٽ پاٿن تي پيا هلن ۽ جنهن تنهن سان ملندا وتن. پر جيڪو ماڻهو ممبئي نه آيو آهي اهو ائين ئي سمجهي ٿو، ته ممبئي ۾ گهمندي ڦرندي ڪنهن چوراهي تي پريٽي زنٽا بيٺي آهي، ته ڪنهن تي راکي ساونت، درگاهه حاجي علي جي بس اسٽاپ تي بس يا ٽئڪسي لاءِ بپاسا باسو ۽ نيها دوپيا بيٺيون آهن، ته ڪري روڊ تي پريانڪا چوپڙا ۽ رياسين دهي بڙا پيون کائين.
    ممبئي جي رستن تي پوڙهين، ڏٻرين، بيمار ۽ سست ڍڳين کي ڏسي شروع جي ڏينهن ۾ مون انهن جا فوٽا ڪڍيا هئا، سو اهي اٺ ڏهه فوٽو پنهنجن دوستن ۽ پڙهندڙن کي اي ميل ڪري لکيو هيو مان ته بابا ٽن ڏينهن کان ممبئي جي مختلف روڊن تي چڪر پيو هڻان، پر مون کي ته نڪا ڪا پريٽي زنٽا ٿي نظر اچي نه وري ڪا قطرينا ڪيف، سميرا زيڊي، امرتا رائو، سيلينا جيٽلي يا ديپڪا پارديڪون! ها البت مختلف قسمن جون ڍڳيون ضرور نظر اچن ٿيون.
    اها اي ميل منهنجي هڪ هندو واقفڪار کي پسند نه آئي، جنهن کان مون معافي ورتي جو اهڙي اي ميل ڪرڻ سان منهنجو مطلب کل ۽ خوشي پيدا ڪرڻ هو ۽ نه ڪنهن جي دل آزاري.


    ڳئون متر جا فائدا ۽ ناندي نر ڍڳو

    منهنجي پڙهندڙن کي مون وانگر ان ڳالهه تي ضرور حيرت ٿيندي، ته انڊيا ۾ ڪيترين بيمارين جو علاج ڳئون جي ڇيڻ يا ان جي پيشاب (جنهن کي هو گئومترا سڏين ٿا) سان ڪيو وڃي ٿو ۽ آيورويديڪ طب جي ڪيترين دوائن ۽ گورين ۾ گئومترا استعمال ٿئي ٿو. ممبئي يونيورسٽي جي هڪ فنڪشن ۾ منهنجي انڊيا جي هڪ مشهور آيورويدڪ ڊاڪٽر پيوش مشرا (Dr. piyush Mishra)سان ملاقات ٿي، جيڪو B.A.M.S آهي. يعني بيچلر آف آيورويدڪ ميڊيسن ائنڊ سرجري آهي. کانئس ۽ سندس ٻين ڊاڪٽر دوستن سان مون سندن پروفيشن بابت خبرچار ڪئي، جنهن ۾ ڳئون ماتا جو به ذڪر نڪتو. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ڪجهه نقطا لکي رهيو آهيان. جيڪي مون هنن جي ڳالهين مان حاصل ڪيا آهن يا گهٽ ۾ گهٽ مون سمجهيا آهن ته هنن جو اهو مطلب آهي.
    • ويد (Vedas) هندو ڌرم جا قديمي ۽ پوتر ڪتاب مڃيا وڃن ٿا. آيرويد(Ayurveda) انهن ويدن جي هڪ شاخ آهي، جيڪا انسان جي صحت بابت آهي. انسان جي صحت معنيٰ فقط جسماني صحت نه پر ذهني ۽ روحاني تندرستي پڻ. بقول ڊاڪٽر مشرا جي آيرويد طب ۾ ڳئون ۽ ان جي شين جو تفصيل سان ذڪر آهي.
    • ڳئون جون پنج بنيادي شيون پنچگاويا (Panchagavya) سڏجن ٿيون. اهي آهن: کير، ڌئونرو، گيهه، ڇيڻ ۽ مُٽ.
    • هندو ماڻهو ڳئون کي ڪام ڌينو (Kamdhenu) به سڏين ٿا. معنيٰ سڀني خواهشن جو پورائو ڪندڙ. ان بابت ڊاڪٽر صاحب سنسڪرت جو هڪ قول ٻڌايو، ته “متراه سروا ڀوتانم، گاواه سروو سک پراڌا” يعني ڳئون ڪائنات جي سڀني جانورن جي ماءُ آهي، جيڪا هر هڪ جون سَڌون پوريون ڪري ٿي.
    • انسان سميت دنيا جي جانورن جا پيشاب ڏٺا وڃن، ته سڀ ۾ بهتر ۽ ڪارآمد ڳئون جو آهي. آيورويد طب ۾ جتي به پيشاب جو ذڪر آهي، ته اهو ڳئومترا سان آهي. ويدن ۾ ڪيترن هنڌن تي اهو بيان ٿيل آهي، ته ڳئون اسان جي ماءُ آهي. اسين هن جا ٻالڪا آهيون. ان ڪري ان جو پيشاب اسان لاءِ ڪارآمد آهي.
    • ويدن ۾ آهي ته هن جهان ۾ ست مائرون آهن: “ادائو ماتا، گُرو پتني، برهمني، راجا پتنيڪا، ڌينور، ڌاتري تَٿا پِرٿوي سپتائتا متراه.” اهي آهن: اصلي ماءُ (جنهن اسان کي ڄڻيو آهي)، گُروءَ جي زال (استاد يا روحاني مرشد جي زال)، برهمني (برهمڻ جي زال) ۽ راجا پتنيڪا (راڻي صاحبه). ڌينو (ڍڳي)، ڌاتري (نرس) ۽ هيءَ ڌرتي. ڌرتي به ماءُ وانگي آهي، جو اها اسان لاءِ اناج، ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ڪري ٿي. سو اهي ست شيون هر انسان جون مائرون آهن.
    • ڳئون جو کير ۽ ٻيون شيون ڪيترين ئي بيمارين جي علاج لاءِ ڪرامت جو درجو رکن ٿيون.
    “يتوا گاسٿي گتم پاپم ديهي تِشٿٽي مامڪي پراسنات پنچگاوَسيا دهاساگ نريوَينڌنام” منهنجي جسم جي کَل کان هڏن تائين جيڪي بيماريون ۽ پاپ موجود آهن، انهن کي پنچا گاويا ائين ختم ڪريو ڇڏي جيئن باهه ڪنهن ٻارڻ (Fuel) کي (پنچاگاويا ڇا آهي. ان بابت مٿي لکي آيو آهيان ته کير، ڌئونرو، مکڻ، ڇيڻ ۽ مُٽ آهي جيڪو ڍڳيءَ ڏئي ٿي.)
    • ڳئون جو مُٽ (Urine) دوا خاطر ٻن طريقن سان استعمال ۾ اچي ٿو. هڪ ڳئو مترا عرق سڏجي ٿو. اهو ڍڳيءَ جي پيشاب جو distillate آهي. ڳئون جي پيشاب کي ٽهڪائي، سندس ٻاڦ کي ٺاري عرق تيار ڪيو وڃي ٿو جيڪو بازار ۾ بوتلن ۾ ملي ٿو. ان کان علاوه ڳئون جي پيشاب مان ٺهيل گوريون (Tablets)وڪامن ٿيون، جن کي گناوتي سڏيو وڃي ٿو.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو، ته هي گوريون ٿولهه گهٽائڻ، ڪوليسٽرول کي ڪنٽرول ۾ ڪرڻ، ٻارن کي کنگهه ۽ ٻين بيمارين کان شفا ڏين ٿيون.
    ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته آيور ويدڪ دوائن ۾ ڳئومترا عرق (ڳئون جي مٽ جي عرق) جون ٻه اهڙيون دوائون آهن، جيڪي “US Patent” آهن، جيڪي USA (آمريڪا) جي حڪومت ريسرچ ڪرڻ بعد Authorise ڪيون آهن. اهي آهن:
    USA Patent No: 1-6410059-25-06-2002
    USA Patent No: 2-6896907-24-05-2005
    • آيور ويدڪ طب (يعني هندن جي پاڪ ڪتابن ويدن جي ميڊيڪل سائنس) ۾ اهو ڄاڻايل آهي، ته بيماريءَ جو اهم سبب انسان جي جسم جي ٽن شين جو هيٺ مٿي (Imbalance) ٿي وڃڻ آهي. هي ٽي شيون آهن، واتا يعني هوا (Air)، پت (Bile) ۽ کاپها (Mucous). ڳئون جو مُٽ انهن ٽنهي شين کي بئلينس ۾ رکي ٿو ۽ بيمارين جو خاتمو ڪري ٿو. “ساميا دوشاروگتا” يعني جڏهن اهي ٽي شيون سڪون ۾ آهن ته ڪا به بيماري نٿي ٿئي.
    • ڳئومترا سان بلڊپريشر، ذيابيطس، موڪا، سائي، بدهضمي، نڪ جي ٻوسٽ، سهڪي ۽ ٻين بيمارين جو علاج ٿي سگهي ٿو، ڇو جو:
    Cow urine is Antifungal, antibacterial, Antibiotic, antiallergic, antimicrobal, etc.
    مون سان گڏ ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس ۾ رهندڙ جرمن پروفيسر پڻ هو تنهن کان مٿيون ڳالهيون ٻڌڻ دوران صبر نه ٿيو تنهن مرڪندي چيو، توهان ننڍي کنڊ جا ماڻهو ڪهڙا عجيب آهيو. ڪهڙين گندين شين مان دوائون ٺاهيو ٿا. ان تي ڊاڪٽر پِيوش مشرا سان گڏ آيل بايا بلونت سنگهه چيو:
    “ائين ته توهان جي مغربي طب (ايلوپيٿڪ) جون دوائون ته الائي ڪهڙين شين مان ٺهن ٿيون، جن جي اسان ماڻهن کي خبر پوي، ته اهي انگريزي دوائون کائڻ جي بدران موت کي ترجيح ڏين.”
    انهن سان گڏ بيٺل هڪ فريش گرئجوئيٽ کي چيم:
    “پر ڍڳيءَ جي مُٽ جو ٻڌي عجيب نٿو لڳي؟”
    “سر! اها فقط سوچ آهي،” هن لاجڪ پيش ڪيو، “ڪنهن به جانور جو جهڙو مُٽ خراب آهي، تهڙو ڪاڪوس. پوءِ ڇو توهان مسلمان هڪ شيءِ کي خراب سمجهو ٿا، ته ٻيءَ ۾ يعني ڇيڻ ۾ هٿ وجهي سڪايو ٿا، انهن تي ماني پچايو ٿا! ۽ هي يورپي وري اسان ٻنهي جي ڪمن تي حيرت کائن ٿا.”
    بهرحال پاڻ هي سڀ ڳالهيون ڳئون ماتا جي پوڄا کان شروع ڪيون، جنهن لاءِ هندو ٻڌائين ٿا، ته هو ڳئون جي پوڄا نه باقي بيحد گهڻي عزت ڪن ٿا جو هن جانور جو درجو ماءُ برابر سمجهيو وڃي ٿو. هڪ ڏينهن سانتا ڪروز جي اسٽيشن تي لهي ٻاهر نڪتس، ته فٽ پاٿ تي ڀاڄين وارن جي اسٽالن اڳيان هڪ ڍڳي ڦِري رهي هئي. مون ڏٺو ته ڪيترائي مسافر جيتوڻيڪ هو جلدي ۾ هئا، پر ڍڳيءَ کي ڏسي ڪجهه گهڙيون ترسي ٿي پيا ۽ سندس اڳيان هٿ ٻڌي هن کان Blessing ٿي ورتي. آئون ۽ ڪجهه ٻيا ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ، ڪا دير اهو لقاءُ ڏسندا رهياسين. هڪ ٻن ڄڻن ته ڪجهه رپين جي ڀاڄي خريد ڪري هن ڳئون کي کارائي جنهن جي ڳچي ۾ هار پڻ هو. اتي ئي وشال جويلرس نالي M.G روڊ تي دڪان هو، جنهن جي مالڪ ٻڌايو ته ڳئون وانگر سندس نر يعني ڍڳي جو به وڏو مان مرتبو آهي. هندو ڌرم ۾ ڍڳو (Nandi) سڏجي ٿو ۽ هنن مطابق ناندي شوَ ڀڳوان جي سواري سان گڏ سندس چيلو به مڃيو وڃي ٿو. ناندي کي شوَ ڀڳوان جي گهر جو چوڪيدار به سمجهيو وڃي ٿو. شو ۽ ناندي جي هڪ ٻئي سان ويجهڙائي هجڻ ڪري شو مندر جي گيٽ وٽ ناندي جو Statue نظر اچي ٿو. ناندي ڏکڻ هندستان جي زبانن تامل، تيلگو ۽ ڪنهڙ وغيره جو لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، اها شيءِ جيڪا رستو روڪي، سو شو مندر جي ٻاهر بيٺل ڍڳو ناندي آهي، جيڪو شِوَ جي مندر ۾ آيل پوڄارين جو رستو روڪي ٿو. ٻين لفظن ۾ شِوَ ڀڳوان جي پوڄا ڪرڻ کان اڳ نانديءَ کان Blessingحاصل ڪرڻ ضروري آهي.
    ممبئي جي سانتا ڪروز ريلوي اسٽيشن جي سامهون گلاب باغ واري علائقي جي Vishal نالي جوئيلرس دڪان جي مالڪ سندس دڪان جي ٻاهران M.G road تي بيٺل ڳئون ماتا تان ناندي يعني نر ڍڳي جي مٿين ڳالهه ٻڌائي. هن ٻڌايو ته انڊيا ۾ ڪيترائي مندر آهن، جن ۾ نانديءَ جي تمام وڏي مورتي (Statue) رکيل آهي. خاص ڪري هندستان جي ڏاکڻن شهرن ۾، جيئن ته بئنگلور جي ناندي مندر ۾، ڪيرالاجي واڌا ڪنناٿ مندر ۾ يا ڪرناٽڪ جي هو ساليسور ۽ شانٿا ليسور مندرن وغيره ۾.
    “اهو ناندي هو، جنهن لنڪا جي راڪشش (راڪاس) راوڻ کي پٽيو هو، ته تنهنجي سلطنت کي هڪ ڀولڙو باهه ڏيندو،” وشال جوئيلرس جي مالڪ مون کي ٻڌايو، “۽ پوءِ سگهو ئي هنومان باندر سيتا کي راوڻ جي قيد مان ڀڄائڻ لاءِ سڄي لنڪا کي ساڙي ڀسم ڪري ڇڏيو.”
    هندن جي ڌرمي ڪتابن پِراڻن ۾ ڪهاڻي آهي، ته هڪ دفعي شِو ديوتا ۽ پاروتي نَوٽِڻ راند کيڏي رهيا هئا. هنن ناندي (ڍڳي) کي ايمپائر طور رکيو جيئن هو راند جو فيصلو ڪري سگهي. ناندي شِو جو فئوريٽ آهي، جو ناندي هميشھ شِو ديوتا جي سواري (Vehicle) رهيو آهي. جيتوڻيڪ شِو راند هارائي ويو، پر نانديءَ شِو جي سوڀ قرار ڏني. پِراڻن ۾ لکيل آهي ته پاروتي کي نانديءَ جي اها ڳالهه نه وڻي ۽ هن کي پٽيو، ته شل اهڙي بيماري وگهي مري وڃين جيڪا لاعلاج هجي. ان تي ناندي ڍڳو پاروتي جي پيرن تي ڪري پيو ۽ کانئس معافي وٺڻ لڳو ته “ماءُ مون کي معاف ڪر. آئون مجبور ٿي ويس. ڀلا آئون پنهنجي مالڪ جي خلاف ڪيئن ٿي سگهان ٿو. پنهنجي مالڪ جي عزت بچائڻ لاءِ مون کي ڪوڙ ڳالهائڻو پيو.” ان تي پاروتيءَ هن کي ان شرط تي معاف ڪيو، ته چترداسي واري ڏينهن تي جڏهن هوءَ پنهنجي پٽ جو جنم ڏينهن ملهائيندي ته تحفي طور نانديءَ کي اها شيءِ آڻڻي آهي. جيڪا هن لاءِ سڀ کان اعليٰ آهي. يعني تازو سائو گاهه. مقرر ڏينهن تي نانديءَ گنپتي جي پوڄا ڪري ان کي سائي گاهه جو تحفو پيش ڪيو ۽ پاروتيءَ کيس معاف ڪري ڇڏيو... ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ناندي چاق چڱو ڀلو ٿي ويو...
    مٺي ٿرپارڪر جي ديوان تارا چند ڪوٽاڪ ٻڌايو، ته شِو (Shiv) ديوتا کي سنڌ جا هندو مهيش به سڏين ٿا. “هندو ڌرم ۾ ٽي وڏا ديوتا مڃيا وڃن ٿا. سڀ کان اهم برهما آهي، جنهن کي اسين برهم به سڏيون ٿا. جنهن جو ڪم پيدا ڪرڻ آهي. يعني هو اتپتي آهي،” تارا چند ٻڌايو، “ٻئي نمبر تي وشنو اچي ٿو جنهن جو ڪم پالڻ ۽ سنڀال ڪرڻ آهي. شِو ديوتا يعني مهيش ٽي نمبر تي آهي جنهن جو ڪم سهار ڪرڻ، سنگهار ڪرڻ يعني ختم ڪرڻ آهي.
    ممبئي يونيورسٽي ۾ رهائش دوران منهنجي ڪمري جي صفائي ڪندڙ نينگر مڪيش ٻڌايو، ته هو ڪرناٽڪ صوبي جي گادي واري شهر بئنگلور جو رهاڪو آهي، جيڪو شهر ناندي مندر کان مشهور آهي. “هن مندر ۾ 18 فٽ ڊگهو ڍڳي جو Statue رکيل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ هر روز ڪيترائي ملڪي ۽ غير ملڪي ٽوئرسٽ اچن ٿا،” هن ٻڌايو، “وڏا ڳالهه ٿا ڪن ته هن هنڌ تي بوهي مڱن (Peanuts) جي پوک ۾ هڪ ڍڳو اچي هريو. هو روز غريب هاريءَ جو فصل چٽ ڪري ويندو هو. هڪ ڏينهن هاريءَ ڪاوڙ ۾ اچي هن کي ڪوڏر وهائي ڪڍي. ان ئي وقت هي ڍڳو ويهي رهيو ۽ پنڊ پهڻ ٿي ويو. اوسي پاسي جا غريب هاري حيران ٿي ويا ۽ هنن کي سخت احساس جرم ٿيو. هنن ڏٺو ته پٿر جو هي ڍڳو روز روز سائيز ۾ وڌي رهيو هو. هنن شِو (مهيش)ديوتا کان دعا گهري جنهن هنن کي ٻڌايو، ته چند قدمن جي فاصلي تي زمين اندر هڪ هار دفن ٿيل آهي. اهو هار ٻاهر ڪڍي هن ڍڳي جي نرڙ تي ٻڌندئو ته هو وڌيڪ وڌڻ بند ٿي ويندو. هارين ائين ڪيو ته هن وڌڻ بند ڪري ڇڏيو. ان بعد سڀني چندا گڏ ڪري، ان جاءِ تي هي مندر ٺهرائي ڇڏيو ۽ اڄ تائين دنيا جا ماڻهو هن مندر ۾ ناندي جي ديدار لاءِ اچن ٿا.”
    هي مندر 16 صدي جو ٺهيل آهي ۽ ڍڳي جو statue گرانائيٽ پٿر جي يڪي بلاڪ مان ٺهيل آهي. مندر لاءِ چون ٿا، ته دراويدي آرڪيٽيڪچر جو هڪ شاهڪار آهي. هر سال بوهي مڱن جي پوک وارن ڏينهن ۾، يعني نومبر ڊسمبر ڌاري ڪاليڪائي نالي ساليانو جشن ملهايو وڃي ٿو.


    ڇا هٿين خالي پير وٽ ويندين

    اوم پيپر مارٽ جي مالڪ مهيش منيال وٽ سندس راگهوناٿ دادا جي اسٽريٽ واري آفيس ۾ ويٺو هوس، ته هن وٽ ڪنهن انڊين ڳائڻي جا سنڌي راڳ هلي رهيا هئا. منهنجي تعريف ڪرڻ تي مهيش ٻڌايو، ته ممبئي جي ڏاکڻي حصي ڪولابا ۾ ڪئسيٽن جا دڪان آهن. آئون ان ڏينهن گيٽ وي آف انڊيا ڏسڻ وڃي رهيو هوس، واپسي تي ڪولابا ۾ لهي پيس، جتي شاپنگ سينٽر هئا. هي علائقو مون کي ممباسا جو ڪلندني روڊ يا ڪوالالمپور جو باتو روڊ يا کڻي چئجي ته سنگاپور جي هاءِ اسٽريٽ لڳي رهيو هو، پر اڄ کان 40 سال کن اڳ وارا روڊ جڏهن انهن روڊن تي ماڻهن جي رش گهٽ هوندي هئي. اڇن ڪوٽن ۾ سنڌي ۽ پارسي بزنيس مين فٽ پاٿن تي پسار ڪندي نظر ايندا هئا ۽ پٺيان سندن ٻهه ٻهه ڪندڙ ڊپارٽمينٽل اسٽورن تي سندن رکيل سنهيون، سهڻيون ۽ نازن واريون گجراتي، ملئي ۽ چيني سيلز گرلز اسان جهازن جي بيوقوف ۽ اگهه کان اڻ واقف جهاز رانن جي ابتي کل لاهينديون هيون. ٽئڪسي واري چيو گهڻي دير انتظار نه ڪندس، مون کي وورلي ڏي وڃڻو آهي. آئون ٻه ڪئسيٽ وٺي اچي ٽئڪسي ۾ ويٺس. “سر ڪهان چلون.” ڏاڙهي واري مسلمان ڊرائيور پڇيو.
    “رهائش ته سانتا ڪروز ۾ ممبئي يونيورسٽي ۾ اٿم.” وراڻيومانس.
    “ته پوءِ سر چرچ گيٽ ريلوي اسٽيشن تائين هلو، جتان لوڪل ٽرين ۾ سانتا ڪروز هليا وڃو، نه ته ٽئڪسي ۾ اجايو سئو ڏيڍ سئو رپيا ڀاڙو اچي ويندانوَ.” ٽئڪسي ڊرائيور صلاح ڏني. هو بيحد شريف ماڻهو لڳو ٿي. شڪل ۾ پٺاڻ ٿي لڳو، پر پاڻ ٻڌايائين ته هو رام پور جو آهي.
    “دراصل آئون ممبئي ۾ نئون آيو آهيان. ڪجهه خاص جايون ڏسڻ چاهيان ٿو.” مون کيس چيو.
    “ته پوءِ ته هلو ته چوپاٽي ۽ حاجي علي درگاهه وٽان وٺي هلانوَ جيڪي رستي تي آهن،” هن چيو، “جتان پوءِ توهان ٽرين يا بس رستي سانتا ڪروز وڃي سگهو ٿا.”
    حاجي علي درگاهه لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آهيان، ته هيءَ بخارا (ايران) جي هڪ امير مسلمان سوداگر سيد پير حاجي علي شاهه بخاريءَ جي چئي وڃي ٿي، جيڪا 1431ع ۾ ٺهي. سيد حاجي علي 1360ع ڌاري پنهنجو شهر بخارا جيڪو هينئر ازبڪستان ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ پرشيا (ايران) جو شهر هو، اهو ڇڏي دنيا جي سير تي نڪتو ۽ ممبئي اچي رهائش اختيار ڪيائين. ڪجهه عرصي بعد هو سڀ ڌن دولت غريبن ۾ ورهائي پاڻ حج لاءِ مڪي روانو ٿيو، جتي سمنڊ تي گذاري ويو. سندس ڪفن جي پيتيءَ کي جڏهن سمنڊ ۾ لاٿو ويو، ته اها ترندي ترندي اچي ممبئي جي ڏاکڻي ڪناري تي پهتي، جتي هينئر اها درگاهه آهي. ٽئڪسي وارو ڪولابا بعد ناريمن پوائنٽ ۽ فورٽ مان ٿيندو مهاتما گانڌي روڊ، مهارشي ڪاروو روڊ، چرچ گيٽ ۽ گرانٽ روڊ ريلوي اسٽيشن وٽان ٿيندو ڊاڪٽر گوپال راءِ ديشمک مارگ تي پهتو، ته هڪ سگنل وٽ فٽ پاٿ تي بس اسٽاپ ڀرسان هڪ همراهه ڌوتيءَ ۾ هڪ ڍڳيءَ سان بيٺل نظر آيو. ڍڳي ٿلهي متاري ۽ صاف سٿري هئي. سندس ڳچيءَ ۾ ڳانا ٻڌل هئا. ڀرسان گاهه جي ڍِڳي هئي. ٽئڪسي ان سگنل وٽ ڪافي دير بيٺي ۽ مون ڏٺو ته ان بس اسٽاپ وٽ ايندڙ ماڻهن ان ڌوتي واري همراهه کان ٻن ٽن رپين جو گاهه وٺي سندس ڍڳيءَ کي کارايو ٿي. مون ٽئڪسي ڊرائيور کان ان بابت پڇيو ته ائين ڇو آهي. ٽئڪسيءَ ڊرائيور به ڪو بيزار نظر اچي رهيو هو ۽ منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ڏيئي ڪافي ٿڪجي پيو هو، سو چڙ مان چيائين. “بس سر! مڙيئي ڪمائيءَ جا طريقا آهن. هو مَتين موڙهيل ماڻهن کي گاهه وڪڻي رهيو آهي، جيئن هو ڳئون ماتا کي کارائي ثواب حاصل ڪن ۽ دل جون مرادون حاصل ڪن.”
    حاجي علي چونڪ وٽ جتان لالا لجپتراءِ روڊ (اڳوڻو نالو هارن بي ويلا روڊ) شروع ٿي ٿيو، اتي ڊرائيور کان پڇيم ته “ديوبندي، بريلوي ۽ وهابي ۾ ڪهڙو فرق آهي؟”
    “ڪو خاص فرق ناهي،” هن وراڻيو، “بس ڪي اهو چون ٿا ته هر شيءِ الله کان ڊائريڪٽ گهرجي، جو هو اسان جي ساهه جي رڳ کان به ويجهو آهي ۽ پيرن، فقيرن ۽ درگاهن تي وڃڻ کان جهلين ٿا. ڪي وري هندو توڙي مسلمان انهن جي قبرن تي مٿو ٽيڪڻ چاهين ٿا. جيئن اهو سامهون نظارو ڏسي رهيا آهيو...” هن روڊ جي ٻي پاسي پري کان نظر ايندڙ حاجي علي جي درگاهه ڏي اشارو ڪيو، جيڏانهن ماڻهن جا انبوهه ويندي نظر اچي رهيا هئا. مون حاجي علي جي درگاهه ڏسڻ چاهي ٿي.
    “آئون ترسان يا هليو وڃان؟” ڊرائيور پڇيو.
    “منهنجي خيال ۾ تون به آزاد ته آئون به آزاد.” مون ڊرائيور کي چيو “آئون هتان بس يا ٽرين رستي هليو ويندس.”
    “هئنگنگ گارڊن ۾ فلورا فائونٽين هتان ويجهو آهي، اوڏانهن هلو ته وٺي هلان؟” ٽئڪسي ڊرائيور پڇيو.
    “اهي آئون ڏسي چڪو آهيان.” مون چيو ۽ جيسين ڀاڙو ڪڍي ڊرائيور کي ڏيان، ٽرئفڪ بتي سائي ٿي وئي. پوليس واري سيٽي وڄائي اسان کي چُرڻ لاءِ چيو. مون پوليس واري کان حاجي علي درگاهه ڏي ويندڙ قطار ۾ بيهڻ جو ڇيڙو پڇيو.
    “اها هتان شروع ٿئي ٿي،” هن مون کي وچ۾ اچڻ بدران آخر ۾ بيهڻ لاءِ چيو. آئون فٽ پاٿ ٽپي ڊگهي قطار جي آخر ۾ اچي بيٺس، جيڪا ماڪوڙين وانگر فوٽ پاٿ وٽان ٿي سمنڊ جي وچ۾ هڪ ٻيٽاري سان ڳنڍيل خشڪي جي پٽيءَ ڏي وڃي رهي هئي. ڇا ته ماڻهو هئا! قطار ۾ هزارين وڃي رهيا هئا ته هزارين موٽي رهيا هئا. هندو، مسلمان، مرد ۽ انهن کان وڌيڪ عورتون ۽ ساڻن گڏ ٻار هئا. برقعن ۽ نقابن ۾ مسلمان عورتون، ساڙهي ۽ شلوار قميض ۾ ٽِڪي لڳل گجراتي ۽ مرهٽي هندو عورتون هيون. منهنجي پويان اچي بيٺل ٻن ڇوڪرين کان پڇيم، ته اهي ڪير آهن؟
    “اسين مسلمان آهيون ۽ مدارس جون آهيون.” هنن صاف اردو يعني هتي جي خيال کان هنديءَ ۾ وراڻيو.
    “مدراس پاسي جا ته تامل، مليالم يا ڪنهڙ قسم جي زبان ڳالهائين ٿا.” مون چيومان.
    “پر ممبئي ۾ رهي هر ڪو هندي سکيو وڃي.” هنن وراڻيو. ڊگهي قطار جي پوڇڙ ۾ جتي اسين هئاسين، اهو هنڌ سمجهو ته درگاهه کان اڌ ميل کن پري هو. قطار آهستي آهستي اڳيان چُري رهي هئي.
    “هيڏو پنڌ ڪري درگاهه تي وڃڻ چاهيو ٿيون؟” مون هنن ڇوڪرين کان پڇيو.
    “ها تمام وڏو پير آهي،” هنن چيو، “اسان مسلمان ته ٺهيو پر هندو به هن پير کان من جون مرادو گهرڻ اچن ٿا. گهٽ ۾ گهٽ انهن کي ته پنهنجن ڀڳوانن ۽ پنڊتن ڏي وڃڻ کپي.”
    ٺهيو! مون دل ۾ سوچيو. انڊيا ۾ هيڏي تعليم هوندي به چئبو ته هي حال آهن! ڇوڪرين B.A ڪئي آهي ۽ هاڻ M.A ۾ داخلا ورتي اٿن پر سندن مذهب بابت اڃا اها ڄاڻ آهي. هي پير جي جيئرو هجي ها، ته هندن کي ته کڻي معاف ڪري ڇڏي ها، پر اسان مسلمانن کي موچڙا هڻي ها ته “مڱ تنهين کان مڱڻا! جو ڏيهاڙي ٿو ڏي!” هي ڪهڙو شرڪ لڳايو اٿؤ؟ پوءِ ته هن پڙهيل ڳڙهيل ڇوڪرين ۽ ان مڪراني ڳوٺاڻي عورت ۾ فرق نه آهي، جيڪا منگهو پير تي مانگر مڇن جي ميلي تي هڪ پوڙهي مانگر مڇ ڏي اشارو ڪري سنڌ ٽي وي جي نمائندي کي ٻڌائي ٿي، ته ’آئون پنهنجي دل جي هر مراد پوري ٿيڻ لاءِ هن مانگر مڇ بابا وٽ هلي ايندي آهيان. هي سڀ ۾ وڏو پير آهي! ۽ هاڻ هتي هي ممبئي يونيورسٽي جون M.A جرنلزم جون شاگردياڻيون هن پير لاءِ ٻڌائي رهيون هيون ته هي تمام وڏو پير آهي.
    “ڪيئن ٿيون چئو؟” منهنجي وات مان نڪري ويو.
    “تڏهن ته هن جي درگاهه تي من جون مرادون حاصل ڪرڻ لاءِ روزانو هزارين ماڻهو اچن ٿا.” هنن ٻڌايو.
    “اها ته ڳالهه نه ٿي،” مون چيومان، “هزارين ماڻهن جي ساڳي ڪم ڪرڻ سان ڇا هروڀرو اهو صحيح ٿيو ڇا؟”
    هو چپ رهيون ۽ پوءِ ڪجهه لمحن کان پوءِ هنن کي عقل آيو ۽ پڇيو “توهان به ته آيا آهيو؟”
    “آئون ته توهان جي سهڻي وڳي ۽ هن پير جي ڪلر فل درگاهه جون تصويرون ڪڍڻ لاءِ اچي قطار ۾ بيٺو آهيان.”
    هو کلڻ لڳيون. قطار آهستي آهستي وڌڻ لڳي. لڳو لڳ فٽ پاٿ تي ڇولا، ڳني ۽ ليمي جي رس وڪڻڻ وارا دڪاندار، فقير ۽ فقيرياڻيون هيون. هو زوري زوري پني رهيا هئا. هنن کي هٿن سان پري ڪرڻو پيو ٿي. اهو ساڳيو حال دهليءَ ۾ نظام دين اولياءَ جي مزار تي نظر آيو هو. سڀ کان گهڻو Aggressive گلن جا هار ۽ قبر مٿان چادر چاڙهڻ وارا دڪاندار ۽ انهن جا ايجنٽ هئا، جيڪي زور زور سان هوڪا ڏئي هتي آيل زيارتين جو ڌيان ڇڪائي رهيا هئا. هڪ ڊگهي ڏاڙهي واري دڪاندار، سندس دڪان اڳيان لنگهڻ وقت، چادر کڻي منهنجي ڪلهن تي رکي ته خريد ڪر. منهنجي انڪار تي چوڻ لڳو:
    “ڇا هيڏي وڏي پير وٽ هٿين خالي ويندين؟”
    مون حيرت مان هن ڏي ڏٺو. هيڏي وڏي ڏاڙهي وارن جا به هي حال! هن پير کي ته جيئري به ڪنهن شيءِ جي ضرورت نه هئي. بخارا جو امير ترين سوداگر هو. ڪي امير هوندي به لالچي هوندا آهن. هن پير ٻئي جي ملڪيت ۾ اک نه وڌي ۽ نه ٻئي کان مال ملڪيت گهريو، پر پنهنجي سڄي دولت به ضرورتمندن ۽ غريبن کي ورهائي ڏني. اهو پير جڏهن هاڻ قبر ۾ آهي ۽ هن لاءِ ڪفن ڪافي آهي، ته ڪيئن ٿو ريشم ۽ پَٽَ جي چادرن جي گهُر ڪري سگهي.
    “نہیں بھائی نہیں چاہئے۔”مون زوريءَ چادر واپس ڪندي دڪاندار کي چيو.
    “سر! ضرور وٺي وڃو جيڪڏهن دل جون مرادون پوريون ٿيڻ چاهيو ٿا.” هن وري چيو، بلڪه ڪجهه رعب سان.
    ٺهيو! هتي به اهو ڳئون ماتا وارو ڪم لڳو پيو آهي. هندن ۽ اسان جهڙن مسلمانن ۾ هاڻ فرق ئي ڇا رهيو آهي. اسان رڳو هندن تي ڏوهه مڙهيون ٿا، ته هو ويدن تي عمل نٿا ڪن. اسان به ته قرآن تي عمل ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي. نه ته اهڙا شرڪ ڇو ڪريون؟ دل جون مرادون منهنجون پوريون ٿين يا نه، پر هي دڪاندار چاهي ٿو ته چادر خريد ڪريان جيئن سندس دل جون مرادون پوريون ٿين.
    “فوٽو ڪڍرائينديون؟” مون ڇوڪرين کان پڇيو.
    “ها.” هنن وراڻيو.
    بلو وڳي واري ڇوڪريءَ کي ٻڌايم، ته هن جي ڪڙتي تي سنڌي اسٽائيل ڪم ڏسي سندس فوٽو ڪڍڻ لاءِ ڪشش پيدا ٿيم. هن ٻڌايو ته ڀرت جو اهو ڪم سنڌي نه پر راجستاني آهي. قطار ۾ رڙهندي مون سندن ٻه چار فوٽو ڪڍيا. قطار اڳيان رڙهندي وئي رڙهندي وئي ۽ هاڻ Scanning واري دروازي ويجهو اچي پهتا هئاسين. معنيٰ کيسي مان موبائيل فون، ڪئميرائون ۽ ٻيو لوهي سامان ڪڍي دروازي مان لنگهو. مون اڳيان وڃڻ جو ارادو لاهي ڇڏيو ۽ ڇوڪرين کي واپس وڃڻ جو ٻڌائي کانئن موڪلايو.
    “ڇو حاجي پير جي درگاهه جي تصوير نه ڪڍندؤ؟” راجستاني ڀرت واري ڇوڪريءَ پڇيو.
    “نه تنهنجي تصوير ئي ڪافي آهي،” وراڻيومانس، “هونءَ به منهنجي ڪتابن جا پبلشر، مون وانگر، درگاهن ۽ مقبرن جي تصويرن کان وڌيڪ خوبصورت ڇوڪرين جا خوبصورت وڳن ۾ فوٽو ڇپڻ جا شوقين آهن.”


    ننڍي کنڊ جي پهرين مسجد ۽ اصحابي

    جيئن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهي ۽ ان جي ويجهو سنڌي ۽ اردو جو ڊپارٽمينٽ آهي. تيئن ممبئي يونيورسٽي ۾ سنڌي ڊپارٽمينٽ آهي، جنهن جي ڀرسان ئي اڙدو ۽ انگريزي ڊپارٽمينٽ آهن. جنهن بلڊنگ ۾ هي آرٽس فيڪلٽي آهي ان جو نالو جسٽس رانا دي ڀاون آهي. سنڌي ڊپارٽمينٽ جي ساڄي پاسي مرهٺي ۽ گجراتي ڊپارٽمينٽ آهن ۽ کاٻي پاسي ڪنهڙ، هندي ۽ اڙدو ڊپارٽمينٽ آهن.
    گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رتيلعل روهت وٽ چانهه پي اٿيس ته هن مرڪندي چيو: “ليکڪ آهين سو به ٽريولاگ رائيٽر. هڪ جاءِ ڏسڻ لاءِ صلاح ڏيانءِ؟”
    “بس سمجهي ويس،” مون کلندي چيومانس، “تون پڪ مون کي گجرات موڪلڻ چاهين ٿو، بڙودا يا احمد آباد جو ڪو مندر ڏسڻ لاءِ.”
    “سر غلط سؤ سيڪڙو غلط،” رتي لعل هٿ ملائيندي چيو، “آئون توهان کي گجرات ڪنهن مندر ڏسڻ لاءِ نه پر ڪيرالا هڪ جهوني مسجد “چيرامن پيرومل جمعا مسجد” ڏسڻ لاءِ موڪلڻ چاهيان ٿو...”
    “جيڪا مسجد نبوي بعد دنيا جي ٻيو نمبر مسجد آهي.” مون سندس ڳالهه جي تصديق ڪئي. وقت جي کوٽ ۽ ويزا نه هجڻ ڪري آئون ڪيرالا جي هن شهر ڪوڊن گالئور (Kodungallur) وڃي نه سگهيس، جيڪو شهر انڊيا جي مشهور بندرگاهه ڪوچين (جيڪو هاڻ ’ڪوچي‘ سڏجي ٿو) جي اتر ۾ 35 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. توهان کي جي وقت ملي يا ڪيرالا وڃڻ ٿئي، ته هيءَ مسجد ضرور ڏسجو جيڪا تاريخ جي حوالي سان وڏي اهميت رکي ٿي.
    ڪوڊن گالئور ڇهين ۽ ستين صدي جي ڪيرالا جي بادشاهن جي گاديءَ جو هنڌ هو، انهن ۾ جيڪو جهونو ۽ وڏي سلطنت جو راجا هوندو هو اهو “چيرامن پيرومل” سڏبو هو. هي جيڪو چيرامن پيرومل هو، جنهن جي پاڻ هتي ڳالهه ڪري رهيا آهيون جنهن جي نالي هيءَ مسجد آهي ۽ ڪيرالا تي سن 622 کان 628ع تائين (پهرين هجري سال کان ستين هجري سال تائين) حڪومت ڪيائين، ان جو نالو چيرامن پيرومل ڀاسڪارا روي ورما (Bhaskara Rave Varma) هو. هي اهو بادشاهه آهي جنهن لاءِ حج واري سفرنامي “ڀلي پار تان ڀيرو” ۾ لکي چڪو آهيان، ته حضورﷺ جي ڏينهن ۾ پيش آيل شق القمر (چنڊ جي ٻه اڌ ٿيڻ) واري واقعي جو مشاهدو ڪيو. چون ٿا ته هي حاڪم پنهنجي راڻيءَ سان گڏ محل جي ڇت تي چهل قدمي ڪري رهيو هو، ته اوچتو هن کي چنڊ ٻن حصن ۾ ٿيندو نظر آيو. ان بعد هن کي عرب واپارين کان معلوم ٿيو ته هي معجزو حضورﷺ جن جي معرفت ٿيو آهي. ياد رهي ته عرب سوداگرن جو، اسلام کان به گهڻو گهڻو اڳ کان ڪيرالا جي ڪناري (ملبار) مان لنگهه ٿيندو رهيو ٿي. چؤماسي جي هوائن مطابق هنن عربستان جي بندرگاهن کان لنڪا (ڪولمبو/سري لنڪا) ويندي ۽ موٽندي ڪوچين، گجرات ۽ سنڌ جي بندرگاهن ۾ ترسي، ساهي پٽي ٿي. سو هن بادشاهه ۽ سندس درٻارين جو عربن سان واسطو هو. هنن عربن کان الله جي نئين نبيﷺ جي باري ۾ ٻڌي، هي بادشاهه بيحد متاثر ٿيو ۽ پاڻ عربستان روانو ٿي ويو. اتي هن حضورﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ حضرت ابوبڪر صديق﷦ جي موجودگيءَ ۾ اسلام قبول ڪيو ۽ چيرامن پيرومل پنهنجو اسلامي نالو ’تاج الدين‘ حاصل ڪيو. اهڙي طرح ڪيرالا جو هي هندو بادشاهه ننڍي کنڊ جو پهريون اصحابي بڻيو.
    تاج الدين عربستان کان جڏهن هندوستان موٽي رهيو هو، ته هُن رستي تي وفات ڪئي ۽ عمان جي سلالا ڳوٺ ۾ دفن ڪيو ويو. وفات کان اڳ هن پاڻ سان گڏ هلندڙ وزير ۽ هڪ اصحابي مالڪ بن دينار جي هٿان هڪ خط ڪيرالا روانو ڪيو ۽ ڪيرالا سلطنت جو ڪاروبار هلائيندڙ حاڪمن کي تاڪيد ڪئي، ته هو هنن مهمانن جو آڌرڀاءُ ڪن ۽ ڪوڊن گالوريا شهر يا اوسي پاسي ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرڻ ۾ هنن جي ڀرپور مدد ڪن.
    ڪيرالا جي حاڪمن هن خط کي چڱي طرح اهميت ڏيندي مالڪ بن دينار کي مسجد ٺاهڻ جي اجازت ڏني. هيءَ مسجد ستين صديءَ ۾ڪوڊن گالوريا ۾ ٺاهي وئي، جيڪا چيرامن مالڪ مسجد (Cheraman Malik Masjid) جي نالي سان اڄ به پنهنجي اصلي ڍانچي ۾ موجود آهي، جنهن ۾ محراب، منبر، منبر جي ڪاٺيءَ جي ڇت، حوض ۽ هڪ پراڻو لئمپ اڄ به پراڻي وقت کان اصلي حالت ۾ موجود آهي. شاهه وجيهه الدين اڪيڊمي احمد آباد انڊيا جي علمي رسالي ۾ “میر عرب کو آئی ٹھنڈی ہوا جہاں سے” جي عنوان سان مولانا اختر امام عادل جي لکيل سفرنامي ۾ مسجد چيرامن جو تفصيلي ذڪر آهي، جيڪو مولانا صاحب جو اکين ڏٺو مشاهدو آهي. مولانا اختر امام عادل جن لکن ٿا، ته آئون پاڻ پنهنجن عزيزن ۽ دوستن سان گڏ هن مسجد جي زيارت لاءِ ويس. هن جو نالو چيرامن پيرومل جامع مسجد آهي. هن جو مون اندران توڙي ٻاهران چڱي طرح مشاهدو ڪيو ۽ اتي ٻه رڪعتون نفل به ادا ڪيم. هيءَ مسجد حضورﷺ جن جي حياتيءَ ۾ ئي تعمير ٿي آهي. جو هن مسجد جي تيار ٿيڻ جو سن 629ع ۽ 8 هجري سال آهي ۽ حضورﷺ جن جي وفات 8 جون 632ع آهي. هن مسجد جا منبر ۽ محراب ۽ مغربي ديوار اڄ به مسجد نبوي جي قديم طرز تعمير جو نمونو پيش ڪن ٿا.
    هن مسجد جي باري ۾ بئنگلور انڊيا جي خليل احمد عرفاني خادم درگاهه خواجا لالو ڀائي قيصر چشتي جو احوال انٽرنيٽ تي به ڏنل آهي، ته “حضرت تاج الدين (Cheraman Perumal) هندستاني حڪمران هو. هو حضورﷺ جن جي ڳولا ۾ نڪتو. پاڻ حضورﷺ جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ تاج الدين جو نالو حاصل ڪيو. هن پنهنجي زندگي ۽ بادشاهت جي قرباني ڏني ۽ حضور نبي ڪريمﷺ جن جي حڪم تي اسلام پکيڙڻ خاطر مختلف جاين تي ويو. اهو ئي سبب آهي، جو واپسيءَ تي هو ڪيرالا به نه پهچي سگهيو. هن هڪ وڏي اصحابي حضرت مالڪ بن دينار جي هٿان هڪ خط روانو ڪيو، جيڪو ڪيرالا ۾ مسجد جي تعمير بابت هو. هي واقعو حضورﷺ جن جي هجرت کان پوءِ جو آهي، جڏهن حضرت تاج الدين وطن ورڻ جو ارادو ڪيو، ته رستي تي ظفر بندرگاهه (پراڻو نالو) جيڪو سلالا ۽ سطنت عمان ۾ آهي، وفات ڪيائين ۽ اتي ئي دفن آهي. مسلمان ۽ نبيﷺ جا عاشق جيڪي پوري دنيا ۾ آباد آهن، اهي حضرت تاج الدين سان تمام گهڻي محبت ڪن ٿا.هو هڪ عظيم شخصيت هو، جنهن اسان جي نبي ڪريمﷺ سان ملاقات ڪئي ۽ حضورﷺ جي حڪم تي مختلف جاين تي ويو...”
    23 جولاءِ 2005ع جي انڊيا جي انگريزي اخبار The Hindu جي خبر آهي ته ڀارت جو صدر عبدالڪلام جمعي جي ڏينهن ڪوڊن گالئور روانو ٿيو ۽ اتي هن مسجد چيرامين جي زيارت ڪئي. هيءَ مسجد ننڍي کنڊ جي قديم ترين مسجد سمجهي وڃي ٿي. صدر صاحب ان موقعي تي وزيٽرس بڪ ۾ لکيو ته “آئون هن قديم مسجد ۾ ملڪ ۾ امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا ڪريان ٿو.” ۽ پوءِ حاضرين سان مخاطب ٿي چيو: “منهنجي پيءُ جا ٻه دوست هئا. هڪ هندو ويدڪ عالم ۽ هڪ عيسائي پادري. هنن جي دوستيءَ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته مختلف عقيدن جا ماڻهو به گڏ رهي سگهن ٿا.”
    “دي هندو” اخبار اهو به لکيو ته “هيءَ ڳالهه مشهور آهي ته پيرومل مڪي ويو ۽ نبي ڪريم (ﷺ) سان ملاقات ڪئي ۽ اسلام قبول ڪيو. هن واقعي کان ڪجهه عرصو پوءِ ننڍي کنڊ جي هيءَ پهرين مسجد جنهن جو نالو مهاراجا ڪيرالا جي نالي رکيو ويو، مهاراجا جي خواهش ۽ حڪم مطابق تعمير ڪرائي وئي. ڪيرالا جو هندو بادشاهه چيرامن پيرومل جيڪو مڪي وڃڻ تي حضورﷺ جن جي حاظريءَ ۾ مسلمان ٿيو ۽ جنهن جي خواهش ۽ حڪم تي سندس سلطنت (ڪيرالا) جي شهر ڪوڊن گالور ۾ سندس نالي مسجد چيرامن ٺهرائي وئي ۽ اڄ تائين موجود آهي، اهو پاڻ ۽ ساڻس گڏ عربستان ويندڙ وفد ته اسلام قبول ڪيو پر جيئن ته پاڻ وطن ورڻ کان اڳ عربستان جي ڪناري واري عماني شهر سلاسلا ۾ وفات ڪري ويو، ان ڪري سندس خاندان ۽ رعيت اسلام قبول نه ڪيو. جيئن ملايا (اڄ واري ملائيشيا) جي سلطنت ملاڪا جي هندو راجا پرميشور جي مسلمان ٿيڻ تي سندس سڄو خاندان ۽ عوام مسلمان ٿي ۽ اڄ مغربي ملائيشيا جا ملئي مسلمان انهن مسلمانن جو اولاد آهن. بهرحال ڪيرالا جي هن هندو راجا چيرامن پيرومل (سڄو نالو: چيرامن پيرومل ڀاسڪارا روي ورما) جنهن پنهنجو اسلامي نالو تاج الدين رکايو، ان جو اولاد مسلمان نه ٿيو ۽ جنهن جو اڄ به هندو ڌرم سان واسطو هلندو اچي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته هو اڄ به پنهنجي وڏي ڏاڏي تاج الدين جي حڪم تي ٺهيل هن مسجد ۽ سندن دوست اصحابي مالڪ بن دينار جي ٺهرايل ٻين مسجدن جو وڏي چاهه ۽ عزت سان خيال رکندا اچن. هن وقت چيرامن پرومل (تاج الدين) جو جيڪو جاءِ نشين آهي، اهو 90 کن ورهين جو ٿيندو ۽ سندس نالو “راجا وليا ٿمپورن” آهي ۽ “ڪوڊ نگالور” شهر ۾ رهي ٿو، جنهن کي عرب “ڪود نغالور” سڏين ٿا. مسجد جي ٺهڻ جي سن 629ع جو جيڪو ان وقت جو بورڊ لڳل آهي، ان تي عربي ۾ هن شهر جو نالو ائين لکيل آهي. بهرحال هتي موجوده حاڪم/نواب راجا ولياٿمپورن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جنهن کان ٻه سال کن اڳ دهليءَ جي هڪ جرنلسٽ اي. يو. آصف هن مسجد بابت هڪ انٽرويو ورتو هو، جيڪو منهنجي نظر مان به نڪتو آهي. سندس ٻڌايل ڪجهه ڳالهيون پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي ڏيان ٿو.
    • توهان پنهنجي پڙ ڏاڏي تڙ ڏاڏي چيرامن پيرومل بابت ڇا سوچ رکو ٿا؟
    • چيرامن پيرومل نه فقط هن سرزمين جو مهاراجا ۽ اسان جو وڏو (Ancestor) هو، پر پهريون هندستاني هو، جيڪو اسلام جي دائري ۾ آيو. هي اهو شخص آهي جنهن ننڍي کنڊ جي ماڻهن کي اسلام ۽ مسجد جو تحفو ڏنو. هي سڀ ڪجهه محمود غزنوي يا محمد بن قاسم کان گهڻو گهڻو اڳ ٿيو ۽ هي مثال ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته انڊيا ۾ اسلام تلوار جي زور تي نه آيو.
    عرب سوداگر اسلام کان به اڳ ڪيرالا جي بندرگاهن ۾ آيا پئي، پر ’مالڪ بن دينار‘ جهڙن مسلمانن جو وهنوار ۽ ڏيتي ليتي جو طريقو مختلف هو، جنهن مان اسان جي ڏاڏن جو ڏاڏو بيحد متاثر ٿيو. هو هنن عربن کان الله جي رسولﷺ جون ڳالهيون پڇندو رهيو ٿي ۽ پوءِ چنڊ جي ٻه اڌ ٿيڻ واري واقعي کان پوءِ هُن کي عربستان وڃي حضور (ﷺ) سان ملڻ جو ايڏو ته اشتياق پيدا ٿيو، جو هو حڪومت جون واڳون ٻين حوالي ڪري مڪي روانو ٿي ويو، جتي هو حضور (ﷺ) جن سان ملڻ بعد حضرت ابوبڪر صديق﷦ جي موجودگي ۾ مسلمان ٿيو ۽ چيرامن مان تاج الدين ٿيو. واپسي تي هن جي وفات هن عربي سمنڊ جي پرئين ڪناري تي ٿي. (ياد رهي ته ڪيرالا هندستان جي اولهه پاسي واري پَٽي آهي جنهن جي 600 ميل ڪناري کي عربي سمنڊ ڇهي ٿو، جنهن جو ٻيو دنگ عمان، يمن، عربستان آهي.)
    • مالڪ بن دينار جڏهن اسان جي وڏي چيرامن پيرومل جو خط کڻي هتي پهتو، ته چيرامن (تاج الدين) جي اولاد ۽ وزيرن اميرن خط کي مانُ ڏنو ۽ سندس حڪم ۽ مرضيءَ مطابق مالڪ بن دينار جي رهنمائي ۾ نه فقط هيءَ ڪوڊن گالوئر واري مسجد (جيڪا چيرامن نالي آهي) ٺهرائي، پر وقت سان گڏ ٻيون به ٺهرائيندو رهيو. مالڪ بن دينار ڪجهه سال ڪوڊن گالوئر ۾ رهڻ بعد پوءِ بئنگلور ڏي روانو ٿي ويو ۽ اتي جي شهر ڪساراگود (Kasaragod) ۾ وفات ڪيائين. (هي شهر اڄڪلهه انڊيا جي ڪرناٽڪ رياست ۾ آهي.) ڪوڊن گالوئر کان بئنگلور تائين ’چيرامن مسجد‘ سان ملندڙ جلندڙ ان وقت جون 14 مسجدون موجود آهن، جن جي ڊيزائين ۽ پئٽرن هڪ ٻئي سان ڪافي ملي ٿو.
    • توهان هندو ٿي ڪري ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟
    اسان ان کي فخر سان ڏسون ٿا. چيرامن پيرومل سان ڪنهن به قسم جي بد سوچ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. اسان کي هن لاءِ عزت ۽ احترام آهي. هن اسلام قبول ڪيو پر افسوس ته هو واپس اسان وٽ پهچي نه سگهيو. اسين هن جي اولاد مان آهيون، پر اسان جو هندو ڌرم ۾ عقيدو آهي.
    • چيرامن جي مسلمان ٿيڻ ۽ مسجد ٺهرائڻ کي ماڻهو خاص ڪري هندو ڪيئن ڏسن ٿا؟
    هندو ڌرم سان گڏ مختلف مذهبن جا ماڻهو اسان جي ڏاڏي چيرامن کي وڏي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا ۽ سندس ٺهرايل مسجد تي اسان کي فخر آهي، ته ان کي تاريخي اهميت حاصل آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا جون اهم شخصيتون هتي اچن ٿيون. اسان وٽ اتر هندستان وانگر مندر مسجدن تي جهيڙا نٿا ٿين. اسان وٽ ڏکڻ ۾ هندستان جا سڀ کان آڳاٽا گرجا گهر، مندر، سناگاگ ۽ ڀڳوتي ۽ مهاديو مندر آهن ۽ اسان سڀ امن امان ۽ سڪون ۾ رهون ٿا ۽ عبادت گهرن کي عزت جي نگاهه سان ڏسون ٿا. لکنو، دهلي، آگرا، ڪلڪتا، گوڌرا ۽ اتر هندستان جي ٻين شهرن جي رهاڪن کي کپي، ته ڪيرالا اچي ڏسن، ته صدين کان مختلف مذهبن جا ماڻهو ڪيڏي نه ڀائپي ۽ سانت ۾ رهيا پيا آهن. هتي اهو به لکندو هلان، ته ڪرناٽڪ جي شهر ڪاسوگودي ۾ (جنهن جو اصلي نالو ڪانجراڪٽم آهي). جيڪا مسجد آهي اها “مَالڪ بن دينار مسجد” سڏجي ٿي. اها پڻ مالڪ بن دينار اصحابيءَ ٺهرائي.
    بهرحال اها چيرامن پيرومل جهڙي هڪ هندو بادشاهه جي خوش نصيبي چئبي، جنهن لاءِ هر هڪ حسرت ڪري ٿو ته هن حضورﷺ جن جي هٿ تي اسلام قبول ڪيو ۽ اصحابيءَ جو درجو حاصل ڪيو. شايد اهڙي موقعي تي مهندر سنگهه بيدي جو شعر دل جو آواز چئي سگهجي ٿو:

    عشق ہوجائے کسی سے کوئی چارہ تو نہیں،
    صرف مسلم کا محمدﷺ پہ اجارہ تو نہین۔”


    پيار ڪري ڏس...

    پوني ۾ ساڌو واسواڻي مشن جي PRO نريش سنگهاڻي ۽ ائڊمنسٽريٽر آفيسرياڻي رجني آهوجا مون کي جيڪي ساڌو واسواڻي انتظاميا سان واسطو رکندڙ اسپتالون ڏيکاريون، انهن مان هڪ اکين جي اسپتال پڻ هئي. ڪي. ڪي انسٽيٽيوٽ نالي اکين جي هيءَ اسپتال هتي جي مشهور ڪوريگائون پارڪ ۾ هوٽل “تاج بلو ڊائمنڊ” جي پٺيان آهي. هن اسپتال جو معيار، عوام لاءِ خدمت ۽ مختلف آپريشنن لاءِ فين جا اگهه ڏسي حيرت ٿي. ساڳي طرح انڊيا جي مختلف شهرن ۾ تعليمي ادارا ۽ اسپتالون ڏسي رشڪ ٿو ٿئي، ته ڪاش اسان جي ملڪ ۾ به اهي شيون ان معيار ۽ سهولت جون هجن. آئون اهو چوندس ته انڊيا جا امير توڙي غريب ان معاملي ۾ خوش نصيب آهن، جو هنن وٽ ديسي اگهه تي ولايتي سهولتون موجود آهن. تعليمي ادارن جي اعليٰ تعليم ۽ ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جو اعليٰ معيار، ڄاڻ، صفائي سٺائي ۽ ماڊرن ٽيڪنالاجي جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻهو تعليم ۽ علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا. ويندي يورپ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ انڊين ۽ مڪاني ماڻهو هوائي جهاز جون ٽڪيٽون ڀري علاج لاءِ انڊيا اچن ٿا، جيڪو بقول هنن جي هنن کي سستو ۽ بهتر لڳي ٿو. ممبئي ۽ پوني جي ڪيترن ئي اسپتالن ۾ پاڪستان کان به مريض اچن ٿا. ممبئي ايندي وقت ايئرپورٽ تي هڪ ڪراچي جي پٺاڻ فئملي ملي، جيڪا ممبئي کان اڳتي مدراس وڃي رهي هئي، جتي هنن کي اهڙي ڪا آپريشن ڪرائڻي هئي جيڪا پاڪستان ۾ نٿي ٿي سگهي.
    جنهن وقت آئون پوني جي هيءَ اسپتال ڏسڻ ويس ان وقت انڊين آئڊل سنگر ۽ اداڪار موهن لالواڻي ۽ سندس پيءُ وجئه لالواڻي پڻ هن اسپتال ۾ غريب مريضن کي تحفا ڏيڻ آيا هئا. هتي جي فلمي اداڪارن ۽ پئسي وارن مشهور شخصيتن جي اها سٺي ۽ اجر جهڙي ڳالهه آهي، ته هو پاڻ جهڙن امير ماڻهن کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ گهرائي ڊنرون کارائڻ پٺيان پئسو ضايع ڪرڻ بدران سرڪاري ۽ خيراتي اسپتالن ۾ وڃي، غريب ۽ لاچار مريضن جي دلجوئي ڪن ٿا ۽ کين پئسي ڏوڪڙ جي به سهائتا ڪن ٿا. مون ڏٺو ته هي سنڌي نوجوان موهن لعل بيحد پيار ۽ خلوص سان بيمار پوڙهن کي ڀاڪر پائي ملي رهيو هو ۽ کين پنهنجن هٿن سان بسڪيٽ کارائي رهيو هو ۽ هن ڪم پويان ڪابه سياسي لچائي يا سستي شهرت جو پهلو نه هو. منهنجي پڇڻ تي هن ٻڌايو ته هو پوني ۾ ڪنهن مائٽ جي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ هينئر جيئن ته کين واندڪائي هئي، سو پاڻ ۽ سندس پتا اهو ئي سوچيو، ته ڪنهن اسپتال ۾ غريب ۽ لاوارث مريضن جي هلي خيريت معلوم ڪجي.
    دراصل اهڙي ئي دل ۽ سوچ رکندڙ هتي جا ماڻهو اڳتي هلي غريبن جي ڀلي لاءِ اسپتالون ۽ اسڪول کولين ٿا، جن سان پوني ۽ ممبئي جهڙا شهر ڀريا پيا آهن. پوني جي هڪ اهڙي ئي اسپتال جي شروع ۾ ڳالهه ڪري چڪو آهيان، جيڪا لتا منگيشڪر پنهنجي پيءُ جي ياد ۾ ٺهرائي آهي.
    • انڊيا جي ٻن ٽن چئنلن تي ائنڪر طور ڪم ڪندڙ هڪ سمارٽ ۽ سهڻي ڇوڪريءَ جو نالو آڏواڻي ٻڌي، ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر منوهر لعل مٽلاڻيءَ کان پڪ ڪيم ته اها سنڌي آهي ڇا؟
    “جي ها. سندس سڄو نالو پراتيڀا آڏواڻي آهي،” منوهر ٻڌايو، “پاڻ ڪيترن ئي ٽي وي پروگرامن ۾ ائنڪر طور ڪم ڪري چڪي آهي. جهڙوڪ: نیوز میکر، جيون کے دو پل، نمستی سنیما وغيره...”
    انهن ڏينهن ۾ هن انڊيا جي مشهور چئنل “سحارا ون” تان RETAKE نالي نئون شو شروع ڪيو هو، جنهن جو پهريون مهمان مسٽر راجڪمار هيراٺي هو، جيڪو انڊيا جي مشهور ڪاميڊي فلم “منا ڀائي ايم بي بي ايس” جو ايوارڊ يافته ڊائريڪٽر آهي.
    “پراتيڀا آڏواڻيءَ اننيا ڀارتي نالي هڪ حب الوطنيءَ تي ڊاڪيومينٽري فلم پڻ ٺاهي آهي،” پروفيسر منوهر ٻڌايو “هن هندي ٽي وي سيريل ’ديوتا‘ ۾ اداڪاري پڻ ڪئي آهي. هن مشهور ٽي. وي پروگرام ۾ هوءَ جرنلسٽ ٿي آهي. ان کان علاوه پراتيڀا ‘Swayam Infotainment’ نالي دهليءَ ۾ پنهنجو پراڊڪشن هائوس پڻ کوليو آهي، جنهن جي پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي ۽ مختلف عنوانن تي ٽي وي پروگرام ٺاهي ٿي.”
    • اسان جڏهن جهاز رانيءَ جي تعليم حاصل ڪري رهيا هئاسين. يعني سٺ واري ڏهي جا وچ وارا سال هئا، ته ساڌنا نالي هڪ سنڌي ڇوڪري انڊيا جي فلم انڊسٽري ۾ هيروئن ٿي اڳيان آئي. هوءَ پنهنجي وارن جي اسٽائيل کان ياد ڪئي وئي ٿي ۽ فئشن Icon ٿي وئي. فئشن ۽ اسٽائيل جو وهنوار (Tradition) اڄ هڪ دفعو وري هڪ سنڌي فلم ائڪٽريس بالي ووڊ ۾ کڻي آئي آهي، جنهن جو نالو پريتي جهانگياڻي(Preeti Jhangiani) آهي. معصوم چهري واري هن سنڌي فئشني ڇوڪريءَ کي اڃان تائين ڪيترائي ماڻهو هندي فلم ’محبتين‘ جي حوالي سان سڃاڻن ٿا. هوءَ اڄ ڪلهه ڊئنمارڪ جي سنڌي بزنيس مين منگهارام هارواني جي سنڌي فلم ’پيار ڪري ڏس‘ ۾ هيروئن طور نظر اچي رهي آهي. وڏي عرصي بعد اڄ ڪلهه مڙيئي سنڌي فلمون هڪ ٻئي پويان ٺهي ويون آهن. ڊئنمارڪ جي منگهارام هاروانيءَ کان علاوه آمريڪا ۾ رهندڙ لڪشمن ڀاٽيا ’پاڙيواري‘۽ دبئي جي ڪوشي لالواڻيءَ The Awakening سنڌي فلمون ٺاهيون آهن. مسٽر منگهارام هڪ وڏو واپاري ۽ امير بزنيس مين آهي ۽ دنيا جا جيڪي 100 امير ترين انڊين واپاري ولايت ۾ رهن ٿا، هارواني انهن مان هڪ آهي. سندس نالو نه فقط ڊئنمارڪ ۾ پر ڀر وارن ملڪن ۾ به مشهور آهي. اسان سوئيڊن ۾ پڙهندا هئاسين ته هن سنڌي بزنيس مين جون ڳالهيون مالمو (سوئيڊن) ۾ رهندڙ انڊين توڙي پاڪستانين کان ٻڌندا هئاسين. هارواني هن کان اڳ به فلمون ٺاهي چڪو آهي، خاص ڪري “پيار کا ترانه” مشهور ٿي پر “پيار ڪري ڏس” سندس پهرين فلم آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر ڪمل نٿاڻي آهي. هيءَ فلم گانن جي ڪري به گهڻو مشهور ٿي. هن جا گانا گهنشام واسواڻي کان علاوه جگجيت سنگهه به ڳايا آهن. آئون نٿو سمجهان، ته جگجيت سنگهه هن کان اڳ سنڌي ۾ ڳايو هجي. هن فلم ۾ پريتي جهانگياني کان علاوه جتن لالواڻي، منيڪا لالواڻي، وشال وتواڻي، نِيرو آسراڻي، سيما موٽواڻي، جيا اسراڻي، پرڪاش رامچنداڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي آهي. فلم جا گانا سنڌي جي مشهور شاعرن پرڀو وفا ۽ واسديو نرمل لکيا آهن.
    پريتي جهانگياڻي 1980ع ۾ ڪرناٽڪ رياست جي بئنگلور شهر ۾ هڪ سنڌي فئملي ۾ ڄائي. هن گجرات رياست جي احمد آباد شهر جي سينٽ زئوئير ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. ڪرناٽڪ (ڏکڻ هندستان) ۾ ننڍپڻ گذارڻ ۽ گجرات ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ڪري هن کي سنڌي انگريزي ۽ هندي زبانن کان علاوه گجراتي ۽ تيلگو به اچن ٿيون. هن پنهنجو ڪيريئر ٽي وي جي ميوزڪ پروگرام “Chui Mui” کان شروع ڪيو. هوءَ پهريون دفعو اميتاڀ بچن ۽ شاهه رخ خان جي هندي فلم محبتين ۾ پهريون دفعو آئي. ان ۾ هن جو ليڊنگ رول نه هو، پر هن فلم ۾ پنهنجي ڏات کي ضرور مڃرايو. نه ته ان کان اڳ هن فقط مليالم ۽ تيلگو زبانن جي فلمن ۾ ڪم ڪيو هو. سال 2000ع ۾ هندي فلم محبتين ۾ ڪم ڪرڻ بعد هن ڪيترين ئي هندي ۽ انگريزي فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي، جهڙوڪ: تيرا کيا کهنا، آواره، پاگل ديوانه، نا تم جانو نا هم، آن A Bird in Danger، چاهت ايک نشه، چهرا، چاند کي پار چلو... وغيره.
    هن فلم (پيار ڪري ڏس) جي پروڊيوسر منگهارام هارواني لاءِ لکي چڪو آهيان ته ڊئنمارڪ ۾ رهي ٿو. سندس ڪمپني سُنڪيو جي هيڊ آفيس ڊئنمارڪ جي گادي واري شهر ڪوپن هيگن ۾ آهي، جتان سوئيڊن جو بندرگاهه ’مالمو‘ جتي اسان جي جهاز راني جي يونيورسٽي آهي، ائين آهي جيئن دادؤ کان مورو. وچ ۾ بالٽڪ سمنڊ جي هڪ معمولي پٽي آهي. بهرحال انهن ٻنهي بندرگاهن ۾ اسان جا جهاز پڻ ايندا ويندا رهن ٿا. هارواني جي Sunico ڪمپني اليڪٽرڪ جو سامان، موبائيل فون ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جو Equipment جهازن ۽ اوسي پاسي جي ملڪن کي سپلاءِ ڪري ٿي. منهنجي خيال ۾ منگهارام هارواني پهريون انڊين آهي جنهن جي سامان سپلاءِ ڪرڻ جي ڪمپني اسڪينڊينوين ملڪن ۾ کلي. پاڪستان ٿيڻ کان اڳ هن جي پيءُ جو ڪاروبار اجمير راجستان ۾ هو، جتي هو 1947ع ۾ ڄائو ۽ جوڌپور مان مڪينيڪل انجنيئرنگ ۾ B.E جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن کي ڊئنمارڪ جي Schlumberger ڪمپني طرفان مڊل ايسٽ ۾ نوڪري ملي. نوڪري جي سلسلي ۾ هن جي بحرين، دبئي، ايران، ڪويت، مسقط ۽ قطر ۾ بدلي ٿيندي رهي. 1971ع ۾ هو ڪوپن هيگن (ڊئنمارڪ) لڏي آيو ۽ ايڪسپورٽ امپورٽ جو ڌنڌو شروع ڪيو. محنتي ۽ ڄاڻو ته هو اڳهين هو ويتر ڀاڳ به ساٿ ڏنس. ٿورن ئي سالن ۾ هن جي ڪمپنيءَ جي ساک ۽ مشهوري سڄي يورپ ۾ قائم ٿي وئي. ايڪانامسٽ جي ويجهڙائي واري پرچي ۾ پڙهي رهيو هوس، ته هارواني جي Sunico ڪمپني ڊئنمارڪ جي 1000 ڪمپنين ۾ 34 نمبر تي آهي.
    واپاري ڌنڌي کان علاوه هارواني فري لانس جرنلسٽ پڻ آهي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊئنمارڪ ۾ جيڪو “انڊيا ويزن” نالي هندي/ اردو جو چئنل هلي ٿو، ان جو مالڪ هارواني آهي.
    1993ع ۾ منگهارام هاروانيءَ انڊيا جي مشهور اداڪار ديوانند سان گڏجي هڪ انڊو ڊئنش فلم “پيار کا ترانا” ٺاهي. ان بعد سنيڪو فلم پروڊڪشن نالي هڪ ڪمپني پڻ کولي. پيار کا ترانا (The Melody of love) جنهن جو ڊائريڪٽر ديوانند هو، 1993ع ۾ انڊيا ۽ ڊئنمارڪ ۾ رليز ٿي پر افسوس جو هيءَ فلم نفرت ۽ جهيڙي جو ترانو ثابت ٿي. هاروانيءَ ديوانند مٿان پئسن جي ڏيتي ليتي ۾ گهپلي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس درج ڪيو ۽ اهو پڻ ته ديوانند قتل جون ڌمڪيون ٿو ڏئي. هي سول ڪيس 1994ع ۾ بمبئي هاءِ ڪورٽ ۾ درج ڪيو ويو. 8 سال ڪيس پينڊنگ ۾ رهڻ بعد آڪٽوبر 2002ع ۾ هميشھ لاءِ Settle ٿي ويو. رضا نامي مطابق ديوانند منگهارام هاروانيءَ کي هڪ ڪروڙ ويهه لک رپيا ڀري ڏنا.
    هارواني پنهنجي سنڌي فلم ۾ ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ دل پسند ڳائڻي جگجيت سنگهه ۽ سندس سنڌي شاگرد گهنشام واسواڻيءَ جا گانا رکيا آهن. گهنشام 24 آگسٽ 1954ع تي ممبئي ۾ سنتداس واسواڻي جي گهر ۾ ڄائو ۽ اڄ به ممبئي جي هڪ علائقي باندرا ۾ رهي ٿو. سندس گهر جو نالو ’گل مهر‘ آهي ۽ فون نمبر 9820272823-0091 آهي. پاڻ B.Sc ڪرڻ بعد وڪالت يعني ايل ايل بي پڙهيو، ان بعد ڊي ايم ايم ڪيائين.
    گهنشام هندوستان جي مختلف شهرن کان علاوه دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳائيندي نظر اچي ٿو. کيس مون پهريون دفعو آمريڪا ۾ ۽ پوءِ دبئي جي هڪ سنڌي فنڪشن ۾ ڏٺو. K.T.N ٽي وي تي به اڪثر نظر اچي ٿو. منهنجي خيال ۾ تاجل بيوس جي ڪلام ’سنڌ منهنجي امان‘ جي موسيقي ٺاهڻ ۽ ڳائڻ تي هن کي سڀ کان گهڻي شهرت ملي. پاڻ اردو/ هندي فلمن ۾ به ڳايو اٿس. خاص ڪري انڪش، ڪالڪا، ساتوان آسمان، وغيره ۾. سنڌي فلم “پيار ڪري ڏس” کان علاوه ٻين به ڪيترين ئي سنڌي فلمن ۽ سيريلن ۾ ڳايو اٿس. جهڙوڪ فلم ’هل ته ڀڄي هلون‘، ’امي يا ممي‘ ۽ ڪير ڪنهن جو.... وغيره. دراصل گهنشام واسواڻي جو پيءُ شري شانتو (سنتداس) واسواڻي ۽ ماءُ شريمتي تلسي پڻ سٺا راڳي هئا. پر اها حيرت جي ڳالهه ٿي، ته سندن پٽ گهنشام هيڏي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ به ڪا نوڪري ڪرڻ بدران پنهنجي اباڻي پروفيشن کي جاري رکيو.
    • هتي اهو به لکندو هلان ته پريتي جهانگياڻي “جي هند ڪاليج، ممبئي” جي دلپسند انگلش ليڪچر ٽيچر ڪملا جهانگياڻي جي ڌيءَ آهي. هي اهو ڪاليج آهي جنهن ۾ منهنجي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر بلديو مٽلاڻيءَ به پڙهايو.


    وائسر ئي گم

    گذريل مضمون ۾ پاڻ سنڌي فلم “پيار ڪري ڏس” جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪا اٽڪل پنجن سالن جي گئپ بعد ٺهي آهي. ان کان اڳ 2002ع ۾ سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ٺهي هئي ۽ ان کان سال اڳ هڪ مزاحيه فلم “دل ڏجي دل وارن کي” ۽ “ڪير ڪنهنجو” فلم ٺهي هئي. ان کان اڳ 1990ع ۾ ’سنت ڪنور رام‘ فلم ٺهي هئي. هڪ اهڙي ئي نالي واري “ڀڳت ڪنور رام” 1952ع ۾ ٺهي هئي. منهنجي خيال ۾ سنڌيءَ جي اها ۽ ماتلي جي ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ’ايڪتا‘ فلم پهريون فلمون آهن. ممبئي جي رهاڪو مدن جماڻيءَ جنهن سان پهريون دفعو ملاقات هڪ هفتو کن اڳ پوني ۾ ٿي هئي، تنهن ڪجهه سنڌي فلمن جا نالا ٻڌايا، جيڪي 1956ع ۾ ’مارئي‘ کان 1989ع جي ’جئه جهولي لعل‘ فلم تائين هن ريت آهن: راءِ ڏياچ (1958ع)، اباڻا (1958ع)، انصاف ڪٿي آهي (1959ع)، جهولي لعل (1966ع)، لاڏلي (1968ع) رات هڪ طوفان جي (1969ع)، شل ڌيئر نه ڄمن (1970ع)، نقلي شان (1971ع)، اڃان ته مان ننڍڙي آهيان، هل ته ڀڄي هلون (1984ع)، امر اڏيرو لعل (1988ع)، اوکا پنڌ پيار جا... وغيره.
    ڳالهه اها آهي ته سنڌي فلمون هونءَ به گهٽ ٺهيون ٿي. پاڪستان ۾ هڪ ته سنڌي هندو فلم انڊسٽري ۾ نه هئا ۽ نه سنڌي مسلمان وٽ ڪو ايڏو پئسو هو. پير مير وڏيري وٽ کڻي پئسو هو، پر ان ڪڏهن به ڪنهن فلم ٺاهڻ، يا اخبار رسالو ڪڍڻ، ٽي وي چئنل کولڻ يا اسڪول ڪاليج بنائڻ ۾ نه لڳايو. بس مڙيئي ڪجهه سنڌي فلمون گهٽ بجيٽ تي ٺاهيون ويون. هيڏانهن انڊيا ۾ بالي وڊ ۾ ڪيترائي سنڌي ڊائريڪٽر، پروڊيوسر، ائڪٽر، ڳائڻا وغيره آهن. پئسي لڳائڻ وارا سيٺ به آهن ۽ هو ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺاهي سگهن ٿا، پر هنن سان مارڪيٽنگ جو مسئلو آهي. انڊيا ۾ کڻي هڪ ڪروڙ سنڌي ڳالهائڻ وارا هجن، پر هو هڪ هنڌ نه آهن جو ان هنڌ جي سئنيمائن ۾ سنڌي فلم هلي سگهي. هو سڄي انڊيا ۽ دنيا ۾ ٽڙيل پکڙيل آهن. وڌ ۾ وڌ الهاس نگر ۽ ڪلياڻ جهڙن شهرن جي سئنيمائن ۾ فلم هلي سگهي ٿي. باقي ٻين شهرن لاءِ ڪوبه پروڊيوسر فلم نٿو ٺاهي ۽ هاڻ ته ٽي وي چئنل ايترا ٿي ويا آهن جو ماڻهن سئنيما هالن ۾ انگريزي ۽ هندي (اردو) فلمون به ڏسڻ ڇڏي ڏنيون آهن. ڪيترا سئنيما هال ڪراچي توڙي ڪولمبو ۾، ڍاڪا توڙي دهلي ۾ روز شاپنگ سينٽر يا اتاهين عمارتن ۾ تبديل پيا ٿين. اهڙي تناظر ۾ اهو عجيب آهي ته هنن ٻن ٽن سالن ۾ انڊيا ۾ هڪ ٻئي پٺيان ٽي چار سنڌي فلمون ٺهي ويون آهن، جن جا اشتهار ممبئي جي ڪيترن ئي رستن ۽ پبلڪ بسن جي پويان نظر اچن ٿا. اهي فلمون نه فقط انڊيا جي وڏن شهرن ۾ پر نيويارڪ، لنڊن، ڪوپن هيگن، مئڊرڊ (اسپين) ۽ دنيا جي ٻين شهرن ۾ اتي رهندڙ سنڌين، سئنيمائن ۾ هلائڻ جو بندوبست ڪيو آهي. ٻن ٽن فلمن جن منهنجو ڌيان ڇڪايو آهي، اِهي آهن: The awakeningجنهن ۾ ڊائيلاگ انگريزي ۾ آهن پر گانا سنڌيءَ ۾ آهن. ٻي هڪ مزاحيه فلم ٺهي آهي جنهن جو نالو آهي “وائسر ئي گم.” هڪ ٻه ٻي به سنڌي فلم ٺهي آهي، پر هتي ممبئي ۽ پوني ۾ مٿين ٻن فلمن جي گهڻي ڳالهه هلي رهي هئي. BJP ليڊر آڏواڻي ۽ انڊيا جي مشهور سنڌي وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ لاءِ ته هيءَ فلم دهليءَ ۾ خاص طور هلائي وئي ۽ ٻڌو اٿم، ته آڏواڻي صاحب هن فلم لاءِ هي رمارڪ ڏنا، ته سنڌين تي ٺهيل اهڙي بهترين فلم The Awakening ڪڏهن به نه ڏٺي. هن فلم جي ڪهاڻي هن ريت آهي، ته نيويارڪ ۾ رهندڙ سنڌو نالي هڪ ڇوڪري انڊس ماٿري جي تهذيب تي ريسرچ ورڪ ڪندي، هوءَ پنهنجون Roots ڳولي ٿي وٺي، ته هن جو اصل واسطو ان ڌرتيءَ سان آهي. ڇوڪريءَ جي ڏاڏي ممبئي ۾ رهي ٿي ۽ پاڻ کي سنڌي تهذيب ۾ ئي رکي ٿي.
    فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته ڪيئن سنڌي ماڻهو (خاص ڪري هندو.) جيڪي هڪ ٻئي سان گڏ گذارڻ ۽ سنڌي تهذيب ۾ جڪڙيل رهيا ٿي، اهي اوچتو Migration سبب اهڙو ته ٽڙي پکڙي ويا جو اڄ سندن نئين ٽهي پنهنجي وڏن جي Roots ۽ تهذيب و تمدن کان اڻ واقف ٿيندي وڃي. The Awakening فلم جي پروڊيوسر مشهور سنڌي ڪمپوزر ۽ ڳائڻي ڪوشي لالواڻي آهي. ڪوشي دبئي جي سنڌي بزنيس مين لعل لالواڻي جي زال ۽ نامياري سنڌي شاعر ڪوي نارائڻ داس ملڪاڻيءَ جي ڌيءَ آهي. ڪوشي لالواڻي سندس سنڌي ميوزڪ آلبمن ۽ ميوزيڪل بئلٽ “جاڳ سنڌي جاڳ” جي ڪري به مشهور آهي، جيڪا Ballet سنڌ جي KTN ٽي ويءَ تان اڪثر ڏيکاري ويندي آهي. ڪوشيءَ جو فلم ٺاهڻ جو هي پهريون تجربو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته هن هيءَ فلم پئسا ڪمائڻ جي خيال کان نه پر سنڌي نوجوان نسل کي اهو ٻڌائڻ لاءِ هيءَ فلم Awakenig ٺاهي آهي، ته جيئن هن کي خبر پوي ته هن جو واسطو هڪ شاهوڪار ثقافت ۽ تهذيب سان آهي.
    فلم ۾ سنڌو نالي هيروئن جو پارٽ سميٽا نالي هڪ مهارشٽرين ڇوڪري ڪري ٿي. فلم ۾ وشال واتواني، فريده دادي ۽ پنڪج جو به رول آهي. هن فلم ۾ ڪجهه پارٽ وڪيل جو به آهي، جيڪو رام ڄيٺملاڻيءَ پاڻ ادا ڪيو آهي. فلم جا سنڌي گانا فلم جي پروڊيوسر ڪوشي لالواڻيءَ پاڻ لکيا آهن ۽ ڪمپوز ڪيا آهن هن فلم لاءِ چيو وڃي ٿو ته انگلش زبان ۾ آهي. يعني سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ آهي. فلم جي مرهٺي هيروئن سميٽا گونڊڪر جيڪا فلم ۾ سنڌو گدواڻي نالي آمريڪا جي يونيورسٽي جي شاگردياڻي ٿي آهي ۽ جيڪا Indus Valley Civilieation تي ٿيسز لکڻ لاءِ پنهنجي ڏاڏي وٽ ممبئي ۾ ويندي هڙپا ۽ موهن جو دڙو بابت کوجنا ڪري ٿي، اصل زندگيءَ ۾ فلوريڊا ۾ Disney Cruiselines نالي هڪ پاڻي جي جهازن جي ڪمپني ۾ نوڪري ڪري ٿي ۽ هوٽل مئنجيمينٽ سبجيڪٽ جي گرئجوئيٽ آهي. هوءَ ممبئي گهمڻ لاءِ آئي، ته هن کي ماڊلنگ جا ڪجهه ڪم ملي ويا، جتان پوءِ هن کي مرهٺي فلمن ۾ رکيو ويو، جن مان “ممبئي جا دٻي وارا” فلم ‘Mumbaicha Dbbewala’ تمام مشهور ٿي.
    ’پيار ڪري ڏس‘ ۽ ‘The Awakening’ سنڌي فلمن بعد “وائسر ئي گم” فلم هن رياست مهاراشٽرا جي ڪجهه شهرن ۾ تمام گهڻي هلي آهي. خاص ڪري ممبئي جي ٻهراڙي وارن علائقن واشي، انڌيري، سيان، چيمبور ۽ الهاس نگر وغيره ۾. هيءَ فلم مزاحيه آهي. هونءَ به انڊيا ۾ جيڪي سنڌي فلمون يا ٽي وي سيريل ٺهن ٿيون. اهي بقول دبئي جي آشا چاند جي چرچي ڀوڳ ۽ تفريح جون ٺهن ٿيون ۽ اسان وٽ پاڪستان ۾ سنڌي مسلمانن جا ٽي وي پروگرام رڳو خونريزي، چوري، ڌاڙن، ڪاروڪاري، اغوائن ۽ پوليس ۽ وڏيري جي ظلمن سان ڀريل ٿين ٿا، جن کي هندستان ۾ رهندڙ سنڌين کي ڏسي شرم اچي ٿو ته غير سنڌي اسان جا ان قسم جا پروگرام ڏسي اسان سنڌين لاءِ ڇا سوچيندا هوندا! سچي ڳالهه اها آهي، ته اهي شيون واقعي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي زندگي ۾ آهن. ڇو جو خبرن ۾ به اسين اهو ئي ڏسون ٿا ته اسڪولن ۾ وهٽ ٻڌا پيا آهن. اسپتالن ۾ نه ڊاڪٽر آهن نه دوائون، پيئڻ يا پوک لاءِ پاڻي ناهي... اهو سڀ ڪجهه ڏسي حيرت ٿي ٿئي، ته سنڌ جيڪو هڪ سکيو ستابو ۽ امن وارو صوبو هو، ان ۾ اڄ نه تعليم ۽ صحت جون سهولتون آهن ۽ نه امان امان.
    بهرحال انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين جي هيءَ فلم “وائسر ئي گم” هڪ ڪاميڊي فلم آهي جنهن ۾ ڪالو ڪاڻو نالي چور 20 ڪروڙ رپين جو هيرو چورائي ٿو. ڪالوءَ جو سابق باس ڳيڌن جي گرل فرينڊ اهو هيرو هر صورت ۾ واپس چاهي ٿي. ان بابت ڪالو ۽ ڳيڌن جي هڪ ڊيل ٿئي ٿي، ته “هوٽل راڻي ڪوٺـيءَ” ۾ ڳيڌن مقرر ٿيل پئسا ڏيئي ڪالوءَ کان هيرو وٺندو. هوٽل جي مالڪ ڪشور جو پٽ پڻ هن پنهنجي هوٽل ۾ نئين سال جي خوشيءَ ۾ دعوت ڏيڻ جو پروگرام ٺاهي ٿو.
    ڪالو ۽ سندس دوست لڇو هيرو کڻي هوٽل تي پهچن ٿا، جتي اهو هيرو غلطيءَ ۾ هوٽل مئنيجر جي هٿن ۾ هليو وڃي ٿو. ساڳي مهل حڪومت جو هڪ رشوتي ڪامورو رامچند راماڻي هڪ ايجنٽ سان گڏ هن هوٽل ۾ اچي ٿو. هن کي هڪ بلڊر پارٽي سان غير سرڪاري طرح ڪنهن ٽينڊر جي Deal ڪرڻي آهي. بس پوءِ ڇاهي هڪ مونجهارو آهي. جنهن ۾ سڀ ڊڄن به پيا ته پهلواني به پيا ڏيکارين. کين سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪير ڪنهن جو ماڻهو آهي ۽ ڪهڙي ڪارڻ هتي آيو آهي. بهرحال اها سڄي مسخري ڏسڻ سان تعلق رکي ٿي. فلم جي ڪهاڻي ڪشور لالواڻيءَ لکي آهي ۽ پروڊيوسر نريش موهاڻي آهي. گانا بالو چوئٿاڻيءَ لکيا آهن. فلم ۾ اداڪاري آرتي جادواڻي، جئه هيرو، جيتيندر وزيراڻي، مِيرا جاراڻي، نشا لالواڻي، ونود راماڻي ۽ ٻين ڪئي آهي.


    هندستان تي حاوي هڪ سنڌي وڪيل

    گذريل هڪ مضمون ۾ سنڌي فلم The Awakening جي ڳالهه ڪئي اٿم. ان فلم جو پريميئر جڏهن دهليءَ ۾ ٿيو، ته ان ۾ ايل. ڪي. آڏواڻي ۽ انڊيا جو جهونو ۽ ڀوائتو وڪيل ۽ اسيمبلي جو ميمبر رام ڄيٺملاڻي مهمان خصوصي طور تي موجود هئا. رام ڄيٺملاڻي لاءِ ڀوائتو وڪيل ان ڪري لکيو اٿم ته هي هميشھ اهڙا ڳرا ۽ ڪرمنل قسم جا ڪيس کڻي اهي کٽي ڏيکاري ٿو، جيڪي عام وڪيل کڻندي ڇرڪن. اندرا گانڌي جو جن سکن قتل ڪيو هو، انهن جو ڪيس به رام ڄيٺملاڻيءَ کنيو هو. پاڪستاني شهري محمد افضل کي انڊيا جي پارليامينٽ تي دهشتگردي حملو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ موت جي سزا ملڻ جي باوجود ان کي هن بچايو. اهڙي طرح ڪيترائي بدنام ڪيس آهن جيڪي رام ڄيٺملاڻي وڙهندو اچي. پاڻ هن وقت 86 ورهين جو ٿيندو. هو ٻه دفعا پارليامينٽ جو ميمبر رهي چڪو آهي. هڪ دفعو ته هن ڏيڍ لک ووٽن جي ليڊ سان پنهنجي مخالف گوکالي کي شڪست ڏني، جيڪو اندرا گانڌي جي حڪومت ۾ ان وقت وزير هو. مسٽر رام ڄيٺملاڻي ٻه دفعا انڊيا جو وزير قانون به رهي چڪو آهي. 2004ع ۾ هن انڊيا جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي سان لکنؤ واري سيٽ تي آزاد اميدوار جي حيثيت سان مقابلو ڪيو، پر اليڪشن هارائي ويو. هينئر وري BJP طرفان راجستان مان راجيا سڀا جي سيٽ لاءِ اليڪشن وڙهيو ۽ کٽي ويو آهي. هن پنهنجو ڪيريئر پڙهائڻ سان شروع ڪيو، جنهن جو کيس اڄ به شوق آهي ۽ پوني جي لا ڪاليج ۾ ليڪچر دوران منهنجي ساڻن ملاقات ٿي. پاڻ هڪ اهم شخصيت آهي، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي پر هو منهنجي لاءِ ان ڪري به اهم آهي جو هو منهنجي والد گل محمد شيخ جو ڪراچي جي لاڪاليج ۾ ٽيچر به رهي چڪو آهي. سندس وڪالت ۽ ٽيچنگ ۾ هوشيار هجڻ جون خبرون اسان پنهنجي والد ۽ هن جي ڪلاس ميٽن سائين غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ شيخ اياز کان ٻڌيون.
    رام ڄيٺملاڻي شيخ اياز جو نه فقط همعمر هو پر ڳوٺائي پڻ. شيخ اياز 23 مارچ 1923ع تي ڄائو ۽ رام ڄيٺملاڻي به ان ئي سال 14 سيپٽمبر تي شڪارپور ۾ ڄائو. رام لاءِ ٻڌائين ٿا ته هو ننڍي هوندي کان ايڏو ته هوشيار هو، جو هن ٽي دفعا ڊبل پروموشن ڏئي ٽي سال بچايا. شڪارپور جي نيو ايرا اسڪول، سنڌ ماڊل اسڪول ۽ چيلا رام سيتل داس ڪاليج مان تعليم حاصل ڪرڻ بعد هن ڪراچي ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۽ شاهاڻي لا ڪاليج (اڄ واري سنڌ مسلم لا ڪاليج) مان بي اي ۽ ايل ايل بي ڪئي، ته هو فقط 17 سالن جو هو جنهن حساب سان هو بار جو ميمبر ٿي نٿي سگهيو، پر ان وقت جي سنڌ جي چيف جسٽس کي چوڻ چاڻ بعد قاعدي کي نرم ڪرڻ لاءِ خاص Resolution پاس ڪيو ويو.
    رام ڄيٺملاڻي وڪالت سان گڏ پنهنجي ڪاليج ۾ پڙهائڻ به شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ شيخ اياز ڪراچي واري لا ڪاليج ۾ داخلا ورتي، منهنجو والد شيخ اياز ۽ رام ڄيٺملاڻيءَ کان 3 سال وڏو هو. پاڻ پوني جي ائگريڪلچر ڪاليج (هاڻ يونيورسٽي) مان B.sc ڪرڻ بعد سنڌ ۾ اچي ڏوڪري فارم ۽ سڪرنڊ جي ائگريڪلچر ڪاليج ۾ ڪجهه وقت نوڪري ڪئي. ان بعد کين Lawپڙهڻ جو شوق ٿيو ۽ اڄ واري جناح ڪورٽس ۾ اچي رهيو، جنهن جو هاسٽل سپرنٽينڊنٽ سندن ننڍپڻ جو ڪلاس ميٽ غلام مصطفيٰ شاهه هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به علي ڳڙهه مان ايم اي ڪرڻ بعد سنڌ مدرسي ۾ ليڪچرار جي نوڪري اچي ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ڪراچي جي هن لاڪاليج جو پرنسپال آڏواڻي صاحب هو ۽ منهنجي والد سان گڏ شيخ اياز کان علاوه جيڪي ڪلاس ميٽ هئا، انهن ۾ علي اڪبر جلباڻي صاحب ۽ طفيل علي عبدالرحمان پڻ هئا. هتي منهنجي ڪيترن دوستن ۽ مائٽن جي ڄاڻ لاءِ اهو به لکندو هلان، ته منهنجي والد وڪالت جي تعليم مڪمل ڪرڻ بعد اڄ جي چيف جسٽس حامد علي مرزا صاحب جي والد حاجي عبدالرحمان مغل وٽ وڪالت سکيو، جيڪو صاحب منهنجي والده جو مامو پڻ هو.
    بهرحال هي سٽون لکڻ وقت مون فون تي سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب سان به حيدرآباد (سنڌ) ڳالهايو ۽ رام ڄيٺملاڻي بابت خبر چار ڪيم، ته پاڻ ٻڌايائون ته رام ننڍي هوندي کان ذهين شاگرد ۽ وڪيل آهي. سندن ذات ڄيٺملاڻي سندس تڙ ڏاڏي شري ڄيٺ مل تان آهي، جيڪو هڪ ليجنڊ ٿي گذريو آهي. ڀيرومل مهرچند آڏواڻي “هندن جي تاريخ” ۾ لکي ٿو ته “ديوان ڄيٺمل ولد ٻيليرام حيدرآباد جي ميرن پاران شڪارپور جو گورنر هو. بعد ۾ افغانستان جو وزير به ٿيو. اختياري ايڏي هيس جو شڪارپور ۾ سندس پنهنجو ضرب خانو (Minting Press) هو، جتي سندس سڪو سندس نالي “ڄ” (ڄيٺمل) اکر سان هلندو هو. انگريزن جي صاحبيءَ کان پوءِ به اهي سڪا دڪن وانگر ڪم ايندا هئا. جرمني واري پهرين جنگ ۾ ڌاتن جا اگهه چوٽ چڙهيا، ته جن وٽ اهي سڪا هئا، تن ڳاري ڇڏيا، انهيءَ هوندي به پنج سڪا اڄ تائين ديوان ڄيٺمل جي پوٽي، ديوان گرمکداس نوتنداس (رام ڄيٺملاڻيءَ جو ڏاڏو ٿيو) وٽ آهن جي مون کي ڏيکاريائين. (هيءَ 1930ع ڌاري جي ڳالهه آهي يعني اڄ کان 80 سال کن اڳ جي). اهي سڪا دڪن جي نموني آهن، گاٺ پيٺ سبب هينئر “ڄ” اکر اهڙو صاف ڏسڻ ۾ نٿو اچي؛ باقي “ضرب شڪارپور” لفظ بلڪل چٽا بيٺا آهن. “ديوان ڄيٺمل وٽ جيڪو لشڪر هو، تنهن ۾ گهڻو ڪري سڀ روهيلا (جابلو پٺاڻ) هئا. هندو ماڻهو ٿي مسلمانن جي صاحبيءَ ۾، بادشاهن وانگر پنهنجا سڪا هلائڻ ۽ پٺاڻن کي پنهنجي تابعي ڪري پنهنجي حڪم پٽاندڙ هلائڻ هڪ وڏي ڳالهه چئي سگهجي ٿي.
    “1843ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪئي، ته ديوان ڄيٺمل وٽن نوڪري ڪرڻ نه قبولي ۽ ملتان جي گورنر لالا مولراج وٽ وڃي رهيو. پوءِ مير علي مراد خان خيرپور رياست جو والي ٿيو تنهن پاڻ وٽ گهرائي ورتس ۽ سندس چالاڻو به خيرپور ۾ ٿيو. ديوان ڄيٺمل جو پٽ ديوان نوتن داس مختيارڪار هو...”
    مرزا عطا محمد شڪارپوريءَ جو پارسيءَ ۾ “دستخطِ تاريخ” نالي هڪ ڪتاب آهي. چون ٿا ته هن ۾ ديوان ڄيٺمل جو تمام گهڻو ذڪر آهي. هتي پڙهندڙن جي سهولت لاءِ اڄ جي انڊيا جي ٽاپ وڪيل، پروفيسر ۽ سابق وزير قانون رام ڄيٺملاڻيءَ جو ديوان ڄيٺمل سان شجرو لکان ٿو:
    ديوان ڄيٺمل ولد ديوان ٻيليرام،
    شري نوتن داس،
    شري گرمکداس،
    شري بولچند،
    رام ڄيٺملاڻي.
    رام ڄيٺملاڻي، سندس پيءُ بولچند ۽ ڏاڏو گرمکداس ننڍي کنڊ جا مشهور وڪيل هئا. رام ڄيٺملاڻيءَ ٻه شاديون ڪيون. پهرين شادي هن رتنا سان 1947ع ۾ ڪئي ۽ ٻي شادي درگا سان بمبئي لڏي اچڻ بعد ڪئي. ان وقت بمبئي پريزيڊنسي ۾ هندو قانون مطابق ٻي شاديءَ جي اجازت نه هئي، ان ڪري هن اها شادي دهليءَ ۾ رچائي. رام ڄيٺملاڻيءَ کي ٻه پٽ ۽ ٻه ڌيئون آهن، انهن مان هڪ پٽ مهيش ڄيٺملاڻي ۽ ڌيءَ راڻي انڊيا جا مشهور وڪيل آهن، باقي ٻن ٻارن جي نالن ۽ نوڪرين جي ڄاڻ نه اٿم. انڊيا جي سپريم ڪورٽ بار ائسوسيئيشن جي تازين چونڊن ۾ رام ڄيٺملاڻي صدر چونڊيو ويو آهي. پاڻ سنڌي زبان، ادب ۽ ڪلچر لاءِ به ڪافي ڪم ڪيو آهي. انڊيا ۾ “دي انٽرنيشنل سنڌ الاجي انسٽيٽيوٽ” کولڻ بعد، هن پنهنجي آمريڪي دوستن جي مدد سان شڪاگو ۾ پڻ “انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي” کولي، جنهن جي ڪري اڄ آمريڪا (USA) جي ڪيترين يونيورسٽين ۾ “Indus Valley Civilization” پڙهڻ جو پاپولر سبجيڪٽ بنجي ويو آهي. سنڌي ۽ انگريزي ۾ ٺهيل The Awakening فلم ۾ به اهو ڏيکاريو ويو آهي، ته آمريڪا جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ نيويارڪ جي رهاڪو سنڌي ڇوڪري مٿين سبجيڪٽ ۾ Ph.D ڪرڻ خاطر ٿيسز لاءِ پنهنجي ڏاڏيءَ وٽ ممبئي وڃي ٿي ۽ ان Process ۾ هوءَ پنهنجي Roots جي معلومات حاصل ڪري ٿي. دل جي مريضHoltor Monitor تي گذارو ڪندڙ هي 85 سالن کان وڏي عمر جو پوڙهو مڙس سکن ۾ به مشهور آهي. ملائيشيا ۾ مون سان ڪم ڪندڙ هڪ سک ڪئپٽن منهنجي ان ڪري به عزت ڪندو هو، جو اندرا گانڌي جي قتل جي الزام هيٺ آيل سکن جو ڪيس جڏهن ٻئي ڪنهن نه کنيو، ته هن سنڌي وڪيل رام ڄيٺملاڻيءَ کنيو ۽ وڏي دليري سان ڪورٽ ۾ مقابلو ڪيو. هن سپريم ڪورٽ ۾ سينٽ لونگو وال جي ڪيس ۾ هن کي بنا ڪنهن شرط جي ڇڏرايو. ان ڪري هن پنهنجي لاءِ سکن جي دل ۾ پيار پيدا ڪيو ۽ ساڳي وقت هن انڊيا جي سکن جي وفاداري حاصل ڪئي. ان ڪري پنجاب ۾ دهشتگري کي ڄڻ ٻنجو اچي ويو.1995ع ۾ رام ڄيٺملاڻيءَ پنهنجي هڪ سياسي پارٽي “پووترا هندستان ڪازهاگم” نالي ٺاهي، جنهن جو اهم مقصد اسان واري عمران خان جي پارٽي وارو “انصاف تي ٻڌل هر ڳالهه” هو. بقول رام ڄيٺملاڻي جي:
    “Transparency in functioning of Indian Democracy. Every democracy needs a law compelling the government to divulge the truth… The greatest threat to freedom and democracy rises from the secrecy of government operations.”
    رام ڄيٺملاڻي کي شروع کان ٽيچنگ جو شوق رهيو آهي. سندس لاءِ چيو وڃي ٿو، ته هو ان وقت تمام گهڻو خوش نظر اچي ٿو، جڏهن اسٽوڊنٽس سان گڏ آهي. انڊيا اچڻ کان اڳ هو پاڪستان ۾ به پارٽ ٽائيم پروفيسر ٿيو. بئنگلور وارو لا اسڪول رام ڄيٺملاڻي جي ڪوششن سان ٺهيو، جنهن جي وزيٽنگ فئڪلٽي ۾ سندس نالو پڻ آهي. پاڻ ڪجهه عرصو مشيگان (آمريڪا) جي Wayne State University Detriot ۾ ڪمپريٽو لا پڙهايو. پاڻ ڪجهه ڪتابن جو ليکڪ پڻ آهي. ويجهڙائي ۾ سندسConscience of Maverick نالي ڪتاب ڇپيو آهي. ان کان علاوه سال 2000ع ۾ Big Egos Small Men نالي ڇپيل ڪتاب جي به ڪافي تعريف ٻڌجي ٿي.


    ممبئي جا Dhabawala

    ممبئي ۾ توهان جي ٻه چار ڏينهن به آهيو، ته توهان کي هڪ دلچسپ شيءِ ڏسڻ جو مشورو ڏيندس، جنهن جو تعلق فقط ممبئي سان آهي ۽ جنهن کي ڏسڻ لاءِ نه ٽڪيٽ آهي ۽ نه وقت جو زيان ٿي سگهي ٿو. توهان منهنجي هيءَ ڳالهه پڙهڻ بنا ڏسي سگهندائو بلڪه توهان کي ضرور ڏسڻ ۾ ايندي، پر توهان کي هي پڙهڻ بنا نه ان جي اهميت جو قدر ٿيندو ۽ نه تاريخي پسمنظر جي ڄاڻ. هن لقاءَ کي ڏسڻ لاءِ، ويندي يورپ ۽ آمريڪا جا گورا ممبئي ۾ اچن ٿا، بلڪه ولايت توڙي انڊيا ۾ ڪيتريون يونيورسٽيون جن ۾ بزنيس، ائڊمنسٽريشن ۽ مئنيجمينٽ جا سبجيڪٽ پڙهايا وڃن ٿا، اتي انهن جي شاگردن کي ممبئي جي هن لقاءَ کي ڏسڻ يا ان بابت ڄاڻڻ ۽ Case Study خاطر پنهنجي ٿيسز ۾ شامل ڪرڻ ضروري ڪيو ويو آهي. هي معرڪو جيڪو ممبئي شهر ۾ روزانو ٻه دفعا عروج تي رهي ٿو، ان بابت لکڻ کان پهرين تمهيد خاطر هڪ اڌ ٻي ڳالهه لکندس، ان بعد توهان هن کي ڏسڻ يا پڙهڻ مان لطف حاصل ڪري سگهندائو.
    آئون توهان کان پهرين هڪ سوال پڇڻ ٿو چاهيان. سمجهو ته توهان ڪنهن دڪان جا مالڪ، ڪنهن سرڪاري آفيس ۾ آفيسر يا ڪنهن پرائيويٽ فرم ۾ مئنيجر آهيو. توهان جي آفيس ڪراچيءَ جي شهر صدر ۾ آهي ۽ گهر ڪراچي يونيورسٽي پاسي گلشن اقبال يا گلستان جوهر ۾ آهي. توهان ڪنهن سبب ڪري- صحت خاطر يا پسند خاطر گهر جي ماني کائڻ چاهيو ٿا، جيڪا توهان تائين پهچائڻ لاءِ توهان جو ڊرائيور منجهند جو ماني تيار ٿيڻ تي توهان وٽ کڻي اچي ۽ کائڻ بعد هو ٽفن باڪس يا پليٽون واپس کڻي گهر وڃي، ته اندازو لڳايو اها ماني توهان کي ڪيڏي مهانگي پوندي. توهان جو نوڪر يا ڊرائيور ڀلي کڻي بس ۾ وڃي، تڏهن به اوٽ موٽ جو 50 رپيا بس جو ڀاڙو هڪ طرف ويو ته ٻي پاسي ان نوڪر جو اڌ ڏينهن يعني اڌ پگهار ان ڪم پويان چٽ ٿيو. پر جي ان نوڪر کي چئجي ته نه فقط توهان جي ماني پر توهان جي پاڙي ۾ رهندڙ اٺ ڏهه ڄڻن جي ماني کڻي وڃي، ته هن لاءِ پاڙي وارن گهرن مان ماني کڻي صدر ۾ هڪ ئي آفيس ۾ پهچائڻ ڪا اهڙي ڏکي ڳالهه ناهي سواءِ ڏهن ٽفن باڪسن جو بار ڍوئڻ جي. پر اهي ٽفن باڪس هڪ آفيس ۾ پڄائڻ بدران هن کي چئجي، ته مختلف آفيسن ۾ مختلف ماڻهن کي پهچائڻا آهن. يعني صدر جي علائقي ۾ پر هڪ ايمپريس مارڪيٽ ۾، هڪ صدر پوسٽ آفيس وٽ، هڪ گورنر هائوس ۾، هڪ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾، هڪ سعيد منزل تي ته هڪ چيف منسٽر هائوس وٽ وغيره وغيره ته هن لاءِ وڏو بار ٿي پوندو. يعني هڪ هڪ کي پهچائي ۽ پوءِ وري هڪ هڪ وٽ موٽي اچي ٿانو کڻي ۽ سندن گهرن ۾ پهچائي.
    پر ان بدران هن کي چيو وڃي ته ڏهه کن ماڻهن جي ماني هڪ ئي پاڙي مان کڻڻ بدران گلشن اقبال جي مختلف علائقن مان کڻي، صدر جي علائقي جي مختلف هنڌن تي پهچائڻ بدران هڪ ٽفن باڪس صدر ۾ ڪم ڪندڙ آفيسرکي ڏئي، ٻيو گرومندر وٽ هڪ دڪاندار کي ڏئي، ٽيون ٽاور وٽ ڪسٽم آفيس ۾ ڪم ڪندڙ ڪسٽم آفيسر کي ڏئي، چوٿون ڪياماڙي تي بندرگاهه ۾ ڪم ڪندڙ آفيسر کي ڏئي، پنجون ڪلفٽن برج وٽ PSO آفيس ۾ پهچائي، ته مون کي ٻڌايو هن جو ڇا حشر ٿي ويندو. اسان جو ئي دماغ چڪرائي ٿو. وڏي ڳالهه ته اهو ممڪن به آهي يا نه؟
    توهان کي حيرت ٿيندي، ته ممبئي ۾ هڪڙي قوم آهي، جيڪا اهو ڪم سڄي ممبئي شهر ۾ سرانجام ڏئي ٿي، جنهن لاءِ هو توهان کان مهيني ۾ فقط 500 کان 600 رپيا چارج ڪن ٿا! ۽ اهو ڪم ممبئي ۾ گذريل ڏهه ٻارهن سالن کان نه پر 100 سالن کان به مٿي کان خير خوبيءَ سان هلي رهيو آهي ۽ ڳڻپ ڪئي وئي آهي ته ممبئي شهر ۾ روزانو ٻه لک کن اهي ٽفن باڪس جن کي مڪاني ماڻهو “دَٻا” چون ٿا مختلف ماڻهن جي گهرن مان سندن آفيسن تائين پهچايا وڃن ٿا ۽ پوءِ اهي خالي ٿين ٿا ته شام جو ساڳين گهرن ۾ موٽايا وڃن ٿا. انهن دٻن کي گهرن کان آفيسن ۾ ۽ وري واپس گهر تائين پهچائڻ لاءِ اٽڪل 5000 ماڻهو ڪم ڪن ٿا. جيڪي انگريزن جي ڏينهن کان وٺـي ڊبا والا (Dabbawala) سڏجن ٿا، يعني ٽفن ڪئريئرس. هنن “ڊبا والن” جي هڪ ٻئي سان اهڙي ته Co-ordination آهي جو روزانو هر هڪ دٻو ممبئي جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين پهچي وري واپس اصلي جاءِ تي اچيو وڃي ۽ هي سڄو ڪم مشينون يا ڪمپيوٽر نه پر انسانن جو ذهن ۽ جسم ٿو ڪري، جنهن ۾ غلطي ٿيڻ جون وڌيڪ Chancesآهن، پر حساب لڳايو ويو ته هي ڪم اهڙو ته Precisely ٿئي ٿو، جو سراسري 60 لک ڊليورين مان ڪا هڪ غلطي مس ٿئي ٿي. آمريڪا جي فوربس گلوبل مئگزين وارن هن ڪم جي هفتن جا هفتا چڪاس ڪري ممبئي جي ڊبا والا سسٽم کي 2001ع ۾ Six Sigma سرٽيفڪيٽ ڏنو هو. يعني فوربس مطابق ممبئي جا ڊبا والا (ماني جا ٽفن پهچائڻ وارا) 999999. 99 سيڪڙو درست (Accuracy) سان ڪم ڪن ٿا. هي سرٽيفڪيٽ خاص ڪري سوئيٽزرلئنڊ جي سون جي بسڪيٽن لاءِ هوندو آهي. يعني هن ۾ نج سون آهي ڪنهن به قسم جي ڦيٽ ناهي.
    هتي هي به لکندو هلان، ته هي مانيءَ جا دٻا (ٽفن باڪس) ممبئي شهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ۽ وري واپس ساڳي گهر ۾ پهچائڻ وارو هڪ ماڻهو نٿو ٿئي. بلڪه هر دٻو گهٽ ۾ گهٽ ٽن چئن ماڻهن جي هٿن مان گذري ٿو، پر توهان وٽ شام جو خالي دٻو پهچائڻ وارو اهو ئي ماڻهو هوندو، جيڪو ڏهين يارهين بجي صبح پهر توهان وٽان کڻي وڃي ٿو. ٻي ڳالهه ته ممبئي جا هي سڀ 5000 کن دٻا والا، هڪ ئي قوم سان واسطو رکن ٿا. هي سڀ مهاراشٽرين يعني مرهٺـا آهن، جن جو تعلق پوني جي ڀر واري علائقي سان آهي. هي دٻا والا هن دٻا والا آرگنائيزيشن ۾ نوڪر نه پر شيئر هولڊر آهن. هو پگهار تي ڪم نٿا ڪن، پر جيڪو فائدو ٿئي ٿو ان مان حصو وٺن ٿا. هن ڪم ۾ هو ڌارين کي نٿا رکن پر ڪڏهن ڪڏهن مجبوري ۾ جيڪڏهن ڪو ٻي قوم يا رياست جو رکن ٿا، ته ان کي سال ڏيڍ پگهار تي رکي پوءِ جي هو ڏسن ٿا، ته هو محنتي ۽ ايماندار آهي ۽ هنن جي طبيعت مطابق هلي ٿو ته پوءِ هن کي پنهنجي ڪميونٽي جي ماڻهن وانگر شيئر هولڊر بڻائين ٿا.
    توهان کي جيڪڏهن آفيس ماني گهرائڻي آهي ته توهان ڪنهن به دٻي واري کي، ڪٿي به پنهنجي گهر ۽ آفيس جو نمبر ڏيڻ سان توهان جي گهران ماني کڻڻ لاءِ اهو ماڻهو پهچي ويندو جيڪو توهان جي پاڙي مان ٻين جا دٻا کڻي ٿو ۽ توهان جي آفيس ۾ توهان کي اهو ماڻهو پهچائي ويندو جيڪو توهان جي آفيس واري بلڊنگ ۾ ٻين ماڻهن کي پهچائي ٿو. سڄي ممبئي جي گهرن مان ساڍي ڏهين کان يارهين بجي ڌاري ماني (دٻا) کنيا وڃن ٿا، جيڪي مختلف منزلن (آفيسن، دڪانن وغيره) تي مالڪن کي پهچايا وڃن ٿا ۽ وري ٽي کان چئين تائين آفيسن وغيره مان خالي دٻا کنيا وڃن ٿا ۽ پنجين ڇهين بجي ڌاري گهرن ۾ پهچايا وڃن ٿا. ممبئي جي هنن دٻا والا جو هڪڙو ئي يونيفارم آهي. سفيد ڪرتو، سفيد پجامو ۽ سفيد ٻيڙي ٽائيپ (نهرو اسٽائيل) ٽوپي. هن ڪم لاءِ هنن کي فقط سائيڪل کپي يا سائيڪل سان گڏ گاڏو يا ڪاٺ جي سنهي ڪنارن واري ڊگهي کٽ جنهن ۾ هو 40 کن ٽفن رکي سگهن. گاڏي ۾ سٺ ستر کڻي سگهن ٿا.
    روزانو ممبئي جي مختلف پاڙن ۾ مقرر ڪيل دٻا والا گهرن مان دٻا وصول ڪن ٿا ۽ هر هڪ ٽيهه چاليهه کن دٻا جن جو 35 ڪلوگرام کن وزن ٿئي ٿو، سائيڪل يا گاڏي تي يا وري مٿي تي رکيل کٽ ذريعي کڻي ميل ٻه پنڌ ڪري ويجهي ريلوي اسٽيشن تي پهچائي ٿو. جتي مختلف علائقن کان آيل هزارين دٻا Sort Out ڪري ريل گاڏيءَ ۾ چاڙهيا وڃن ٿا. دٻن تي هڪ ٻه انگ ۽ اکر لکيل ٿئي ٿو ۽ جيئن ڌوٻي ان ننڍي نشان مان ڪپڙن جا الڳ الڳ ڍير ڪري ٿو تيئن هي دٻا والا انهن نشانين مطابق مختلف اسٽيشنن تي لاهڻ لاءِ دٻا الڳ الڳ ڪن ٿا. مثال طور ڪنهن دٻي تي ‘A’ لکيل آهي معنيٰ ان کي انڌيري اسٽيشن تي لاهڻو آهي. B وارن کي باندرا، C وارن کي چرچ گيٽ D وارن کي دادر وغيره. هر اسٽيشن تي الڳ الڳ دبا والا ٿين، اهي نشانن مطابق انهن دٻن کي ان اسٽيشن تي لاهين ۽ پوءِ وري انهن تي لڳل انگن مطابق انهن دٻن جي Sorting ڪري انهن مقرر دٻا والن کي ڏين جيڪي باندرا، چرچ گيٽ، وورلي، سئنٽا ڪروز يا کار جي مختلف علائقن ۾ ڏيڻ لاءِ کڻن. ڪراچيءَ ۾ ته اهڙي ريل سسٽم ناهي، جيڪا نيو ڪراچي يا سرجاني کان ڪياماڙي ۽ گلشن حديد کان ڪلفٽن تائين هلندي هجي. پر مثال جي ڳالهه اهڙو سسٽم جي هجي ها، ته اهي دٻا جيڪي صدر ۾ لهڻا آهن، اهي اتي لاهي پوءِ انهن تي لڳل انگن مطابق صدر ۽ ان جي اردگرد جي علائقن ۾ ورهائڻ لاءِ الڳ الڳ ڪيا وڃن ها ۽ انهن علائقن جي دٻا والن کي ورهائڻ لاءِ ڏنا وڃن ها. شام جو وري اهي خالي دٻا اهڙي طرح واپس موٽن ٿا ۽ هي سڀ ڪم وڏي چستي سان ٿئي ٿو، جو ممبئي جي لوڪل ٽرين هر اسٽيشن تي 20 سيڪنڊن کان اڌ منٽ مس بيهي ٿي. بهرحال ٽرينن مان ٽفن لاهڻ، انهن کي الڳ الڳ ڪرڻ ۽ پوءِ سائيڪل يا مٿي تي ڊگهي کٽ رکي اهي ٽفن ورهائڻ جو ڪم ڪندڙ هنن دٻن وارن جي ڊوڙ ڊوڙان ڏسڻ وٽان هوندي آهي. ۽ اهو به سوچيو ته ممبئي اهو شهر آهي، جتي سال جا 6 مهينا کن مينهن ٿو پوي پر مينهن هجي يا گرمي، اس هجي يا طوفان، هنن دٻا وارن کي هر صورت ۾ پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪرڻي هوندي آهي.
    مٿيون سسٽم ته مون آسان ڪري لکيو آهي، جيئن هڪ نئين ماڻهو کي سمجهه ۾ اچي سگهي، پر حقيقت ۾ ڪيترا اهڙا محلا آهن ۽ انهن ماڻهن جون آفيسون اهڙن هنڌن تي آهن، جو هنن جي ماني (دٻو) ٽن يا چئن ماڻهن بدران پنجن يا ڇهن جي هٿن مان گذرڻ بعد چڪر پورو ڪري ٿو. هي ڪم ايڏو ته حاضر دماغيءَ سان هلي ٿو، جو ڪنهن جو به دٻو هيٺ مٿي نٿو ٿئي ۽ اهڙي طرح مهينو پورو ٿيڻ تي ورتل في جيڪا پنڌ ۽ دٻن مطابق هر هڪ ورڪر ونڊ ورڇ ڪري ڪيئن کڻي ٿو، اهي سڀ ڳالهيون ڏسڻ لاءِ ڌاريان ماڻهو ممبئي ۾ پهچن ٿا. ٻاهرين يونيورسٽين مان ڪئليفورنيا (USA) جي برڪلي يونيورسٽي هڪ آهي، جيڪا بزنيس مئنيجمينٽ جي شاگردن کي ممبئي جي هن دٻا والا جو Logistic System پڙهائي ٿي. 1998ع ۾ ٻن ڊچ فلمسازن Jascha De wjde ۽ Chris Relleke هنن دٻن وارن تي “Dabbawalas, Mumbais Lunch Service” هڪ ڊاڪومينٽري فلم به ٺاهي، جيڪا يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڏيکاري وئي هئي. آمريڪا جي مشهور مئگزين “ڪرسچن سائنس مانيٽر” هنن دٻا والا تي هڪ تفصيلي فيچر مضمون پڻ هلايو هو، جنهن جو عنوان هو”Fastest Food: It’s Big mac vs. Bombay’s Dabbawala” ۽ تازو ويجهڙائيءَ ۾ انگلينڊ جي BBC ٽي وي وارن ۽ آسٽريليا جي ABC ٽي. وي وارن ممبئي جي هنن دٻا والا تي فلم تيار ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڏيکاري هئي. ايتري قدر جو ملڪه ايلزبيٿ جو پٽ شهزادو چارلس، جڏهن انڊيا جي دوري تي آيو هو، ته هن جي خواهش تي کيس ممبئي جي هڪ اسٽيشن تي ڪجهه دٻا والا سان ملرايو ويو هو ۽ اهو پڻ ڏيکاريو ويو هو ته گاڏيءَ مان ڪيئن چند سيڪنڊن ۾ هزارين دٻا (ٽفن باڪس) لاٿا وڃن ٿا ۽ انهن دٻن جي ڍڪن تي لکيل ڪوڊ نمبرن مطابق گروپ بندي ٿئي ٿي ۽ ڪيئن هر گروپ جا دٻا مقرر ٿيل دٻا والا سائيڪلن تي، پنڌ يا مٿي تي رکي مختلف عمارتن ۾ ورهائين ٿا.
    هتي اهو به لکندو هلان ته هي سسٽم فقط ممبئي ۾ آهي. ممبئي جي دٻا والا مرهٺي قوم جيڪا مهاديو سڏجي ٿي، انهن هي سسٽم دهليءَ ۾ شروع ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ٿي سگهيا، ڇو جو دهلي يا ٻيا وڏا شهر گول دائري ۾ آهن. ممبئي جو شهر اتر کان ڏکڻ تائين ڊيگهه ۾ آهي، جنهن جي وچمان ريلوي لائينون گذرن ٿيون. ٻي ڳالهه ته ممبئي جو شهر ڪجهه اهڙي قسم جو آهي جتي گهڻي ڀاڱي رهائش اتر ۾ آهي ۽ آفيسون ۽ ڌنڌا ڌاڙي ڏکڻ ۾ آهن. صبح جو هو ممبئي جي اتراهين ڪنڊ کان نڪرن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ دنگ ڪن ٿا ۽ شام جو وري ڏکڻ کان ڪوچ ڪن ٿا ۽ واپس اتر ۾ اچن ٿا. سمجهو ته سرجاني ڳوٺ، سچل ڳوٺ يا سهراب ڳوٺ کان نڪرن ٿا ۽ ڏکڻ ۾ ڪياماڙي تائين دنگ ڪن ٿا.


    دلين تي راڄ ڪندڙ فلمي هيروئن

    گذريل پنج ڇهه سالن ۾ هندستان تي ڪيترائي لکيل سفرناما نظر مان گذريا آهن. ڪي ڪتابي صورت ۾، جيئن ته تاجل بيوس ۽ دادو جي وڪيل صاحب علي احمد قريشي جو. انڊيا جا ڪجهه سفرناما مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به پڙهڻ جو موقعو مليو آهي، جن مان هن وقت نصرت لاشاري ۽ ماهين هيسباڻي جا ياد اچي رهيا آهن. هڪ سفرنامو جيڪو مهاڳ لکڻ لاءِ پهتو ۽ اهو ڪتاب هيستائين ڇپجي به چڪو هجي، اهو هڪ نوجوان ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو آهي ۽ سفرنامن جي شوقينن کي ڊاڪٽر سومرو جو سفرنامو پڙهڻ لاءِ صلاح ڏيندس. ڊاڪٽر صاحب نه رڳو شڪارپور جو آهي، پر هن کي شڪارپور جي تاريخ جي به وڏي ڄاڻ آهي. هن انڊيا ۾ ڪيترن ئي شڪارپور جي ماڻهن سان ملي انهن جو دلچسپ احوال لکيو آهي. هن جي انڊيا جي ڪيترن ئي شهرن ۽ انهن جي عمارتن جي تواريخي ڄاڻ هجڻ ڪري سندس سفرنامو مون کي بيحد دلچسپ لڳو. ڊاڪٽر صاحب پاڻ به هڪ سنڌي پڙهيل ڳڙهيل ۽ اهم ڪٽنب سان تعلق رکي ٿو. پاڻ سنڌ جي پهرين ۽ ننڍي عمر واري وزيراعظم شهيد الله بخش سومري جو پوٽو آهي ۽ 1968ع ۾ شڪارپور ۾ عبدالصمد سومرو صاحب ۽ مئڊم ثريا جي گهر ۾ جنم ورتو.
    ڊاڪٽر عامر عباس سومري پرائمري تعليم ڪوئيٽا جي سينٽ ٽيريسا اسڪول مان ۽ سيڪنڊري ايجوڪيشن پبلڪ اسڪول سکر مان حاصل ڪئي. ڊاڪٽري جي ڊگري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي مان ۽ وڪالت جي LL.B ۽B.Sc بايولاجي شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپورمان ڪئي. پاڻ ننڍي هوندي کان جڏهن پبلڪ اسڪول سکر جو شاگرد هو، ته مختلف اخبارن رسالن لاءِ لکندو اچي. اڄ ڪلهه سندس مضمون خاص ڪري سماجي ناانصافي، ڏاڍ ۽ ظلم، ڪاروڪاري، سڱ چٽي ۽ ٻين عوامي مسئلن مطابق عوامي آواز، جنگ، اخبار جهان، پرک، افيئر ۽ ٻين اخبارن ۾ نظر اچن ٿا. لکڻ کان علاوه عامر کي اداڪاري،ڳائڻ ۽ ميوزڪ جو به شوق آهي. پاڻ پهرين ٽيلي فلم “ٽارگيٽ” جيڪا سنڌي ٽي وي چئنل KTN ٺاهي هئي، ان جو نه فقط ميوزڪ ڊائريڪٽر هو، پر ان ۾ هن ڳايو به آهي، ته اداڪاري به ڪئي آهي.
    هتي اهو به لکندو هلان ته عامر جي ناني خيرالنساءِ ۽ هن جي ڀيڻ ساران انڊيا جي ورهاڱي بعد پهريون مسلمان عورتون هيون، جن گرئجوئيشن ڪئي. ساران جي ڌيءَ بادام ناتوان پهرين سنڌي مسلمان عورت آهي جنهن ناول لکيو. سندس “خوش خصلت خاتون” ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ طرفان ضرور پنجاهه جي ڏهي ۾ ڇپيو هوندو جو اسان 1960ع ۾ جڏهن مئٽرڪ جا شاگرد هئاسين ته پڙهيو هيوسين. بادام ناتوان جي ٻي ڀيڻ روشن مغل پهرين پاڪستاني خاتون آهي، جنهن کي فارين اسڪالر ملي ۽ هيءَ اها پهرين عورت آهي، جنهن پاڪستان ۾ ڪنڊر گارٽن (K.G Shool System) جو تعارف ڪرايو. ان کان علاوه پاڪستان جي پهرين سنڌي مسلمان عورت ڊاڪٽر نبيلا سومرو جنهن FCPS ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو، ڊاڪٽر روفينا سومرو جيڪا ايشيا جي پهرين ڊاڪٽر آهي، جنهن ڇاتيءَ جو ائٽلس ٺاهيو، ڊاڪٽر يونس سومرو، محمد ميان سومرو، زبير سومرو ۽ ڊاڪٽر حفيظ شيخ اسان جي هن ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومري جا ڪزن آهن.
    ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جي زال زرقا سنڌ جي مشهور شخصيت شهيد نذير عباسي ۽ حميده گهانگهرو جي ڌيءَ آهي. کين ٻه ٻار علي ۽ ڌيءَ وينسيا آهي، جنهن کي هو پيار مان لڪشمي به سڏي ٿو. ممبئي جي نند جويريءَ ٻڌايو ته ويجهڙائيءَ ۾ کين ٽيون ٻار به ٿيو آهي.
    ممبئي جي باندره علائقي مان لنگهندي مون کي ڊاڪٽر عامر ۽ سندس سفرنامو ياد اچي ويو. جنهن هن علائقي جي رستم منزل بلڊنگ تان ڊاڪٽر عامر پنهنجي چاچي جو احوال لکيو آهي، جنهن ۾ اڄ ڪلهه انڊيا جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪئريڪٽر رول ادا ڪندڙ پوڙهي انڊين فلم ائڪٽريس منورما رهي ٿي، جنهن جوانيءَ جي ڏينهن ۾ وڏن وڏن پهلوانن جي دلين تي راڄ ڪيو ٿي، جن مان ڊاڪٽر عامر سومرو جو چاچو به هڪ هو، جنهن لاءِ عامر لکي ٿو ته....
    “منورما جي حسن تي اسان جو هڪ چاچو اهڙو فدا ٿيو هو، جو جڏهن اسان جو ڏاڏو الله بخش سومرو کيس علي ڳڙهه يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ ٽرين تي وٺي پئي ويو، ته هور ستي تي ئي ڪنهن اسٽيشن تي لهي ويو ۽ وڃي منورما سان مليو. هن کي منورما ايتري وڻي وئي، جو ورهاڱي کان پوءِ جڏهن هو 87-1986ع انڊيا گهمڻ ويو، ته اتي سندس دوستن وڏي آڌرڀاءُ ڪئي. هن کين چيو ته مون کي منورما ڳولهي ڏيو، جن نيٺ هن کي ڳولهي لڌو ۽ چاچو سائين هن کي پاڻ سان گڏ شڪارپور وٺي آيو، جتي هوءَ مهينو کن سندس هاٿي در واري گهر ۾ رهي ۽ ڪجهه ڏينهن ڪراچيءَ ۾ به رهي ۽ پوءِ ممبئي رواني ٿي.
    منورما جيڪا مذهبي طور ڪرسچن هئي، تنهنجي شادي دليپ جي ڀاءُ ناصر خان سان ٿي هئي پر اها شادي گهڻا ڏينهن نه هلي سگهي ۽ طلاق وٺڻ بعد منورما هڪ نواب سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس هڪ ڌيءَ ٿي پر اها شادي به نه هلي سگهي. هوءَ اڄ ڪلهه فلمن ۽ خاص ڪري اسٽار ٽي وي تي ائڪٽنگ ڪري گذر ڪري ٿي. هتي اهو به لکندو هلان، ته ممبئي جي باندره علائقي جي رستم منزل واري عمارت جنهن ۾ منورما رهي ٿي، انهي ئي ۾ فلم اسٽار ريکا به رهي ٿي.
    ممبئي ۾ فورٽ واري علائقي وٽ ناٿا لعل پاريک روڊ تي ممبئي جي هڪ آڳاٽي ريسٽورنٽ ڪيفي رايل ۾ چانهه پي نڪتس، ته رستي تان لنگهندڙ پنج ڇهه اسٽوڊنٽس جن ۾ اڌو اڌ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، تن مون کي کيڪاريو. دل ۾ سوچيم ته هنن کان ڀُل ٿي آهي، مون کي ممبئي ۾ آئي ڪي چار ڏينهن به مس ٿيا آهن. پر هنن ٻڌايو ته هو ممبئي يونيورسٽي جا اسٽوڊنٽس آهن ۽ ڪالهه ئي هنن منهنجو ليڪچر ٻڌو آهي. دل ۾ سوچيم، ته ماستر ٿيڻ مان اجهو اهو فائدو (يا نقصان) آهي. توهان ڀلي نه سڃاڻو پر جڳ جون نظرون توهان تي رهن ٿيون.
    “سر اسان طرفان ڪافي پيو.” هنن ريسٽورنٽ ڏي اشارو ڪري مون کي صلاح هنئي.
    “مهرباني. هينئر پي نڪتو آهيان.” وراڻيومان.
    “سر ڪيڏانهن پيا وڃو؟” هنن پڇيو.
    “حاجي علي جي درگاهه تان هتي آيو آهيان ۽ هاڻ سوچيان پيو ته ڪيڏانهن وڃان.” مون چيومان.
    “اسان سان گڏ چوپاٽي هلو، مزو اچي ويندائو.” هنن پڇيو ۽ مون هائوڪار ڪئي. اڳتي مکرجي چوڪ وٽان بس ۾ چڙهياسين، جيڪا مئڊم ڪاما روڊ، ڪئينس روڊ ۽ هِتان هُتان ٿيندي نيتا جي سباش چندرا ڀوش روڊ تي اچي لاٿو.
    “هيءَ اسان جي چوپاٽي بيچ آهي.” هنن ٻڌايو. ڪراچي سِي ويو واري بيچ وارو نمونو لڳي رهيو هو. سنهي جهر مر واري ’واري‘ هئي، پر ڪراچيءَ جهڙي ئي گدلي لڳي رهي هئي. فرق فقط اهو هو ته اسان وٽ اهڙن تفريحي هنڌن تي نر ۽ نر جي ذات گهڻي آهي، جيڪي اتي ورلي آيل جوڙن ۽ عورتن جي زندگي زهر ڪن ٿا ۽ هنن کي رومانٽڪ ماحول مان لطف اندوز ٿيڻ بدران پٺيان پير ڪرڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا ۽ هيڏانهن ممبئي جي هن سامونڊي ڪناري تي هر قسم جا ماڻهو نظر اچن ٿا ۽ هڪ ميلي يا ڪارنيوال جو ماحول لڳي ٿو. مون سان گڏ هلندڙ هنن اسٽوڊنٽن سمنڊ ۾ پير پسائڻ لاءِ اڳيان وڃڻ چاهيو ٿي. مون ساڻن ڪجهه تصويرون ڪڍي موڪلايو ۽ اتي ئي چوپاٽي ۾ “نانا ناني پارڪ” جو چڪر ڏئي Dr. Purandare روڊ ڏي آيس. هن پارڪ مان لنگهندي ڪراچيءَ جو آنٽي پارڪ ياد آيو جيڪو ڪلفٽن ۾ آهي، جتي منهنجا سٺ سالن کان وڏي عمر جا پيٽارو جا ساٿي ڪموڊور اشفاق بيگ، اقبال ترڪ، محبوب عالم انصاري ۽ ٻيا (جن ڪئڊٽ ڪاليج ۾ ته هميشھ پي ٽي ۽ راندين کان گسايو پر هاڻ) پنهنجي شگر ۽ بلڊ پريشر جي ليول صحيح رکڻ لاءِ روزانو فجر نماز بعد هن آنٽي پارڪ ۾ پهچيو وڃن.
    ممبئي جي هن مئرين ڊرائيو تان، جتان مون بس ۾ چڙهڻ چاهيو ٿي، اتي ئي سامهون ولسن ڪاليج تي نظر پئي ۽ مون کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ياد اچي ويو. منهنجي خيال ۾ 1962ع جو سال هو، اسين فرسٽ ييئر ۾ هئاسين يا شايد اهو پورو ڪري انٽر ۾ پهتا هئاسين، ته اسان جي ڪاليج ۾ ڀٽو صاحب آيو هو جيڪو ان وقت ايوب خان جي حڪومت ۾ وزير هو. پاڻ خاڪي قميض ۽ خاڪي پتلون ۾ آيو هو. اسان جو يونيفارم به خاڪي هو. تقرير ۾ اسان کي اهو به چيائين ته خاڪي ڪم ۽ محنت جي علامت آهي، جنهن جي اسان کي عملي طرح پوئواري ڪرڻ کپي. تقرير بعد اسان طرفان پڇيل سوالن ۾ اسان جي خيرپور جي ڪلاس ميٽ شوڪت جماڻيءَ ڀٽو صاحب کان پڇيو، ته آيا هو به ڪنهن ڪئڊٽ ڪاليج مان پڙهيو آهي؟
    “نه آئون ممبئي جي ولسن ڪاليج مان پڙهيو آهيان.” ڀُٽي صاحب چيو هو ۽ اڄ آئون ان ولسن ڪاليج اڳيان بيٺو هوس، جنهن مان ڀُٽي صاحب کان علاوه ٻيا به ڪيترا اهم ماڻهو پڙهيا آهن، جهڙوڪ، انڊيا جو سابق وزيراعظم مورارجي ڊيسائي، شاعر نسيم ايزاڪيل جنهن جو احوال يهودين واري باب ۾ ڪري چڪو آهيان، ڪرڪيٽر دليپ سارديسائي، دهلي اسڪول آف ايڪانامڪس جو باني ۽ ڊائريڪٽر VKRV رائو، سابق پوليس ڪمشنر جوليس ربيئرو وغيره.
    ممبئي جو هي “ولسن ڪاليج” جيڪو جونيئر ۽ ڊگري ڪاليج آهي، ۽ ممبئي يونيورسٽي سان منسلڪ (Affliated) آهي. 1832ع ۾ قائم ٿيو ۽ سندس هيءَ عمارت جنهن مان سامهون عربي سمنڊ جون ڇوليون نظر اچي رهيون آهن 1840ع ۾ ٺهي راس ٿي. هي ڪاليج ڊاڪٽر جان ولسن (1875-1804ع) جي ياد ۾ ٺهرايو ويو هو. انگريزن کان آزادي حاصل ڪرڻ ۾ هن ڪاليج اهم رول ادا ڪيو. هن ڪاليج سان گڏ گڏ ممبئي جي علائقي ماهيم جو Scottish School، ڪلڪتي جو “اسڪاٽش چرچ ڪاليج” ۽ مدراس وارو “ڪرسچن ڪاليج” پڻ ٺهيا هئا جيڪي اوڻهين صدي جي شروع وارن سالن جا بهترين تعليمي ادارا مڃيا ويا ٿي.
    ڊاڪٽر جان ولسن جنهن هي ڪاليج ٺهرايو، 24 سالن جو هو، ته پنهنجي زال مارگيٽ سان گڏ تبليغ جي سلسلي ۾ انڊيا آيو هو. هن لاءِ مشهور آهي ته هڪ ڌاريون ٿي ڪري هن انڊيا جي وڏي خدمت ڪئي. کيس مراٺي کان علاوه ٻيون به ڇهه زبانون آيون ٿي. 1832ع ۾ جڏهن هن هي ڪاليج کوليو، ته سندس زال 6 گرلس اسڪول کوليا ۽ گهر گهر ۾ وڃي مائٽن کي Convince ڪيو، ته هو پنهنجيون ڌيئرون تعليم لاءِ اسڪول موڪلين. سينٽ ڪولمبيا هاءِ اسڪول انهن اسڪولن مان هڪ آهي، جيڪي مارگريٽ ممبئي ۾ کوليا.
    هن ڪاليج ۾ مراٺي، سنسڪرت، هندي، گجراتي ۽ فرينچ زبانون پڻ پڙهايون وڃن ٿيون. ڪاليج کي تمام وڏي لائبريري آهي، جنهن ۾ بقول پروفيسر سڌهاڪر سولومن راج، هيڊ آف پوليٽيڪل ڊپارٽمينٽ جي، هڪ لک کان مٿي ڪتاب آهن. شاگردن جي رهائش لاءِ ٻه ڇوڪرن جون هاسٽلون ۽ هڪ ڇوڪرين جي هاسٽل آهي جيڪا انڊيا جي پهرين هاسٽل چئي وڃي ٿي 1932ع ۾ ٺهي. يعني ڪاليج شروع ٿيڻ کان پورن هڪ سئو سالن بعد. ڪاليج جي ٻاهران ڪاليج جو موٽو لکيل آهي:
    Fides, Spes, Caritas
    جنهن جي انگريزيءَ ۾ “Faith, Hope, Love” معنيٰ لکيل آهي ۽ هنديءَ ۾: “وشواس، آشا، پريم” لکيل آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽو صاحب 5 جنوري 1928ع تي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. هن اعليٰ تعليم برڪلي آمريڪا جي يونيورسٽي آف ڪئليفورنيا ۽ انگلينڊ جي يونيورسٽي آف آڪسفورڊ مان حاصل ڪئي، باقي اسڪول ۽ ڪاليج جي تعليم ممبئي مان ورتي، جتي هو وورلي (Worli) جي Seaface علائقي ۾ رهيو ٿي. هن وقت ڀٽو صاحب جي زندگي جو مختصر احوال جنهن مئگزين ۾ پڙهيو رهيو آهيان ان ۾ لکيل آهي ته “ڀٽو صاحب ممبئي جي ڪئٿيڊرل ائنڊ جان ڪونون اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي.” ٿي سگهي ٿو ان بعد ڀٽو صاحب ولسن ڪاليج مان فرسٽ ايئر ۽ انٽر ڪئي هجي يا مون کان ٻڌڻ ۾ غلطي ٿي هجي يا 50 سال اڳ جي ٻڌل ڳالهه هن وقت مون کي ياد نه هجي ۽ آئون ڀُل ۾ ولسن ڪاليج لکي ويٺو آهيان.


    بمبئي جا ڌوٻي، پارسي ۽ مهاراڻي وڪٽوريا

    ممبئي شهر ۾ جتي ڪنهن ريل جي اسٽيشن تي بيهي، ٻه لک کن ماڻهن جي لنچ (منجهند جي ماني) ڍوئڻ وارن سوين ’دٻا والاز‘ جي مشين جهڙي ڦڙتي ڏسڻ جهڙي آهي، اتي ممبئي جي ڌوٻي گهاٽ تي هزارين ڌوٻين کي ڪپڙا سَٽيندو ڏسڻ پڻ دلچسپي کان خالي ناهي. روزانو سوين فارينر دنيا جي هن وڏي ڌوٻي گهاٽ کي ڏسڻ لاءِ مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن تي اچن ٿا. لڳي ٿو ته انگريزن جتي به حڪومت ڪئي، اتي ڪپڙن جي ڌوئارڻ لاءِ ڌوٻي گهاٽ جو ضرور بندوبست ڪيو. پينانگ (ملائيشيا) ۽ سنگاپور ۾ به زمين جو هڪ حصو ڪپڙا ڌوئڻ وارن حوالي ڪيائون، جيڪو اتي به ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ هندي ۽ اردو جو لفظ آهي، پر ڌوٻي ۽ ڌوٻي گهاٽ ٻئي لفظ انگريزي، چيني، ملئي ۽ ڏکڻ هندستان جي ٻولين ۾ شامل ٿي ويا آهن. سنگاپور جو ڌوٻي گهاٽ جيتوڻيڪ اڄ ڌوٻي گهاٽ نه رهيو آهي. اڄ اتي اوچيون عمارتون ۽ شاپنگ سينٽر آهن، پر اڄ به اهو علائقو ڌوٻي گهاٽ سڏجي ٿو. ماڊرن زماني جي ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺي، عورتون توڙي ڌوٻي واشنگ مشينن ۾ ڪپڙا ڌوئن ٿا. پر ممبئي جو هي ڌوٻي گهاٽ، جيڪو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ڌوٻي گهاٽ آهي، اتي اڄ به هٿ سان ڪپڙا ڌوتا وڃن ٿا ۽ اڄ هڪ صدي کن اڳ واري طريقي سان ڪپڙن کي گرم پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي، صابڻ ۽ کار هڻي ڏنڱرين سان سٽيا وڃن ٿا يا وري پٿر جي وڏي بلاڪ سان ڪُٽيا وڃن ٿا.
    ممبئي جي ٻه ڪروڙ آدمشماري آهي جنهن ۾ ڪيترائي امير ماڻهو آهن، جيڪي پنهنجا ڪپڙا ڌوٻين کان ڌوئارين ٿا. انهن کان علاوه شهر ۾ هزارين هوٽلون ۽ سوين اسپتالون ۽ ڪاليجن جون هاسٽلون آهن، جن جا ڪپڙا ڌوٻين وٽ وڃن ٿا. ممبئي جي هن کليل ۽ 140 سال پراڻي ڌوٻي گهاٽ ۾ هتي جي ماڻهن جي چوڻ مطابق ڏهه هزار ڌوٻي ڪم ڪن ٿا ۽ روزانو 10 لک ڪپڙن جا پيس ڌوئن ٿا. قطارن ۾ سيمنٽ جا ننڍڙا حوض ٺهيل آهن جن ۾ ڪپڙا پسايا وڃن ٿا ۽ انهن جي ڀرسان سيمنٽ جا بلاڪ رکيل آهن. ڪي ڌوٻي ڏنگريون هڻي ڪپڙن مان ميراڻ ڪڍڻ بدران پٿر جي هن بلاڪ تي ڪپڙن کي سَٽين ڪُٽين ٿا. هڪڙا وڃن ٿا ته ٻيا اچن ٿا. روزانو اٽڪل 16 ڪلاڪ هنن پٿرن سان ڪپڙن جي سٽ ڪُٽ هلي ٿي. دنيا جو هي وڏي ۾ وڏو ڪارخانو آهي، جنهن ۾ مشينن بدران انسان ڪم ڪن ٿا. سوين حوضن اڳيان هزارين پٺيءَ ۽ ٽنگن اگهاڙا هي ڌوٻي ڪڇي، چڍي يا پوتڙي ۾ بيهي ڪپڙا ڌوئن ٿا. هنن ڪپڙن جي سٽ سٽ جو آواز ٻُڌڻ ۽ رسين تي ٽنگيل مختلف رنگن جون ساڙهيون ۽ ڊريسون ڏسڻ وٽان آهن. هي سڀ ڪجهه ڏسڻ لاءِ توهان کي ڪو شهر کان پري وڃڻو ناهي. شهر جي وچ۾ مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن تي لهي ’سات راستا‘ رائونڊ اباؤٽ تي اچڻو آهي. مهالڪشمي ريلوي اسٽيشن مٿان وهندڙ فلاءِ اوور تان توهان نه فقط هي نظارو ڏسي سگهو ٿا پر فوٽو به ڪڍي سگهو ٿا.
    ٻه ٽي سٽون انگلينڊ جي راڻي وڪٽوريا بابت پڻ لکڻ ضروري سمجهان ٿو، جنهن جو سڄي هندستان تي خاص ڪري ممبئي تي وڏو اثر رهيو آهي. ممبئي جي هڪ دڪاندار کان پڇيم ته “وڪٽوريا جي خبر اٿئي؟” وراڻيائين ته ممبئي جي آخري ريلوي اسٽيشن آهي، انگريزن ٺهرائي هئي. ڪراچي جي ماما پارسي اسڪول جي هڪ شاگرد کان پڇيم ته جواب ڏنائين “وڪٽوريا وڏو ٽانگو آهي، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن چڙهي گهر ويندا آهيون.” سندس جواب تي ٻين جي کلڻ تي هڪ ٻئي شاگرد کان پڇيم ته هن ٻڌايو ته “وڪٽوريا اسٽريٽ جو نالو آهي جيڪا هاڻ زيب النساءِ اسٽريٽ سڏجي ٿي.”
    دنيا ۾ شايد ئي ڪو ملڪ هجي جنهن تي انگريزن راڄ ڪيو هجي ۽ ان جي وڏي شهر ۾ وڪٽوريا نالي ڪو روڊ، پارڪ، بلڊنگ، اسڪول يا مارڪيٽ منسوب نه ڪئي هجي.
    راڻي وڪٽوريا (سڄو نالو اليگزينڊرينا وڪٽوريا) 1819ع ۾ ڄائي ۽ 18 ورهين جي ڄمار ۾ 1837ع ۾ انگلينڊ جي تخت تي ويٺي يعني هوءَ Queen (راڻي) ٿي ۽ 1876ع کان هن کي انڊيا جي (Empress) شهزادي قرار ڏنو ويو. ڪراچي ۽ ممبئي جا ڪئينس روڊ (جيڪي هاڻ مولوي تميزالدين خان روڊ ۽ مهارشي ڪاروَ مارگ سڏجن ٿا)، ايمپريس مارڪيٽون وڪٽوريا روڊ، وڪٽوريا پارڪ، وڪٽوريا بگي (گهوڙي گاڏي) ممبئي جي وڪٽوريا ٽرمينس (V.T) ريلوي اسٽيشن جنهن جو نالو اڄ به وڪٽوريا اسٽيشن سڏجي ٿي، ممبئي جو مشهور “وڪٽوريا جوبلي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ VJTI انجنيئرنگ ڪاليج جنهن جو نالو هاڻ بدلائي شيواجي جي ماءُ نالي “ويرماتا جيجا ٻائي ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ ڪيو ويو آهي، اهي سڀ هن راڻي وڪٽوريا نالي آهن. وڪٽوريا نالي عمارتون ۽ پارڪ وغيره. نه رڳو ڪراچي ۽ ممبئي ۾ آهن، پر لاهور، دهلي، مدراس، ڪلڪتي ۽ ويندي ٻين ملڪن جي شهرن: ڪولمبو، ملاڪا، ڪيپ ٽائون، ڊربن، نيروبي، گهانا ۽ ٻين ملڪن ۾ آهن. هن راڻيءَ جون مورتيون (Bust) به ڪيترن ئي شهرن ۾ نظر اچن ٿا، جن مان ڪيترن هنڌن تان ملڪن کي خودمختياري ملڻ تي لاٿا ويا آهن ڪٿي ته اڃان تائين آهن.
    راڻي وڪٽوريا تمام وڏو عرصو انگلينڊ جي (۽ انڊيا جي پڻ) حاڪم ٿي رهي. هن جي وفات 1901ع ۾ ٿي ۽ سندس 63 ورهه حڪومت جي دور کي وڪٽورين دور سڏجي ٿو، جنهن ۾ انگلينڊ وڏي ترقي ڪئي ۽ يورپ سان سٺي دوستي رهي. راڻي وڪٽوريا کي 9 ٻار ۽ 42 پوٽا ڏوهٽا ٿيا جن سڀني جي شادي هن پنهنجن هٿن سان يورپ جي ملڪن جي مختلف شهزادن سان ڪرائي، ان ڪري کيس “يورپ جي ڏاڏي” به سڏيو وڃي ٿو.
    راڻي وڪٽوريا انگلينڊ جي ناليواري بادشاهه “جارج ٽئين” جي پوٽي ۽ ڊيوڪ آف ڪينٽ جي ڌيءَ هئي. جارج ٽئين جي هن چوٿين نمبر پٽ (ڊيوڪ آف ڪينٽ) 50 ورهين جي ڄمار ۾ شادي ڪئي ۽ کيس وڪٽوريا اڪيلو ٻار ٿيو. ڄمڻ وقت انگلينڊ جي تخت لاءِ سندس پنجون نمبر هو جو ان وقت سندس ڏاڏو جارج ٽيون بادشاهه هو. جنهن بعد سندس ٽن وڏن چاچن (جن شادي نه ڪئي) ۽ پيءُ جو وارو هو. پر سندس ڏاڏي جي وفات وقت پاڻ ئي رهجي وئي ۽ انگلينڊ جي تخت ۽ تاج جي مالڪ ٿي. سندس حڪومت ۾ انگريزن جي حڪومت ۽ ڪالونيون عروج تي رهيون. ايتري قدر جو اها چوڻي مشهور ٿي، ته انگريزن جي حڪومت تان ڪڏهن به سج نٿو لهي.
    ممبئي (بمبئي) ۾ جيڪا انگلش يا هندي (اردو) ڳالهائي وڃي ٿي ان جو پنهنجو ئي اسٽائيل آهي، جيئن ڪراچيءَ ۾، خاص ڪري ڪياماڙيءَ، کارادر ۽ ڪلفٽن پاسي جيڪا اردو ڳالهائي وڃي ٿي، ان جو لهجو ۽ لفظ مڪراني، سنڌي، بلوچي، ڪڇي، گجراتي ۽ پنجابي ٻولين جا مڪسچر آهن. اهڙي طرح ممبئي جيتوڻيڪ مهاراشٽرا رياست جو شهر آهي، جنهن جي سرڪاري زبان مراٺي آهي، پر ممبئي ۾ ٻين رياستن جا ماڻهو پڻ رهڻ ڪري هڪ ٻئي سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي زبان هندي آهي، جيڪا هندي دهلي ۽ حيدرآباد دکن جي هندي کان مختلف آهي. ان ڪري بمبئي جي هنديءَ کي هتي جا ماڻهو Bhindi (ڀنڊي) به سڏين ٿا يعني Bombay Hindi اهڙي طرح هتي استعمال ٿيندڙ انگريزي آهي، جيڪا انگلينڊ جي انگريزيءَ کان بلڪل نرالي آهي، ڇو جو بمبئي جي انگريزي ۾ ڪيترائي مڪاني زبانن جا لفظ ۽ محاورا آهن، ان ڪري بمبئي جي انگريزيءَ کي Binglish سڏين ٿا يعني بمبئي انگلش جيئن سنگاپور جي انگريزيءَ کي Singlish سڏين ٿا، پر ممبئي يا پوني ۾ ڪنهن کان پڇندائو ته سنگلش ڇا آهي؟ ته هو توهان کي چوندو ته ‘Singlish’ سنڌي ۽ انگريزيءَ جو مڪسچر آهي. اڄ ڪلهه ڪيتريون ئي سنڌي فلمون ٺهيون آهن، جن ۾ ڊائيلاگ انگريزيءَ ۾ آهن ته گانا سنڌيءَ ۾. يا ڊائيلاگ به ڪجهه سنڌيءَ ۾ آهن ته ڪجهه انگريزيءَ ۾ سو اهڙين فلمن کي سنگلش فلمون سڏين ٿا.
    بمبئي کي ڪنهن زماني ۾ ڪيترا ماڻهو “پارسي آستان” به سڏيندا هئا. ڇو جو هتي نه فقط گهڻي کان گهڻا پارسي رهيا ٿي، پر هنن جي بمبئي جي مختلف ادارن ۽ واپار وڙي تي وڏو ڪنٽرول هو.
    ايران واري سفرنامي “ايران ڏي اڏام” ۽ “ايران کے دن” ۾ لکي چڪو آهيان، ته اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ عربن ايران فتح ڪيو، جيڪو ان زماني ۾ پارس (پرشيا) سڏبو هو. ’ايران‘ نالو ته هاڻ منو صدي کن اڳ رکيو ويو. ايران ۾ اسلام جي فتح بعد ساساني سلطنت جو 651 ۾ خاتمو ٿيو. ان وقت ايران جا رهاڪو باهه جو پوڄاري (Zoroastrians) هئا. اسلام جي آمد بعد ڪيترائي مجوسي (باهه جا پوڄاري) مسلمان ٿيا، ڪجهه پراڻي مذهب تي رهيا، ٻيا جهاز ڀري هندستان جي اولهه ڪناري تي گجرات جي بندرگاهن ۾ اچي رهيا ۽ مڪاني ماڻهو کين پارسي سڏڻ لڳا، جو هو پارس کان گجرات پهتا هئا. وقت سان گڏ هو مڪاني ٻولي گجراتي پڻ سکڻ لڳا ۽ اڄ ننڍي کنڊ جا پارسي گجراتي ڳالهائين ٿا.
    انڊيا ۾ پورچوگالي ۽ پوءِ انگريز آيا ته هنن سان گڏ هي واپار وڙو ڪرڻ لڳا، انهن ڏينهن ۾ سورت جو شهر وڏو بندرگاهه هو ۽ گهڻي ڀاڱي پارسي سورت ۽ ڪراچي ۾ رهيا ٿي. ممبئي (بمبئي) تي انگريزن جو قبضو ٿيڻ بعد هنن سورت جي پارسين کي بمبئي لڏي هلي رهڻ لاءِ چيو ۽ هو خوشيءَ سان هليا آيا، جو پارسين کي انگريزن جو وهنوار ۽ طور طريقو پسند هو. ايتري قدر جو ڪيترن پارسين پنهنجا نالا ۽ ويس وڳا به انگريزن جهڙا رکيا. ممبئي جي سڀ کان پراڻي اخبار “بمبئي سماچار” پارسين هلائي ٿي. ڪانگريس جا جهونا سياستدان دادا ڀائي نوروجي، پيروز شاهه مهتا ۽ ڊنشا واچار پارسي هئا. انڊيا جو سڀ کان وڏو ڪارخانيدار جمشيت جي ٽاٽا پارسي هو. ويندي ممبئي کي اڄ واري شڪل ڏيڻ ۾ پارسين جو هٿ آهي، جو ممبئي جي ڪيترن رستن ۽ پلين جي ٺهڻ لاءِ پارسين پئسا ڏنا، خاص ڪري جيجي ڀائي ۽ ريڊي مني پارسي خاندان وارن ڏنا. Ready Money ممبئي جي هڪ مخير پارسي فئملي جي ذات آهي.
    رڪارڊ موجب پهريون پارسي جيڪو 1640ع ۾ بمبئي ۾ اچي Settle ٿيو اهو دورابجي “نانا ڀائي” هو. 1661ع کانپوءِ جڏهن بمبئي برٽش راڄ حوالي ٿي، ته انگريزن جي چوڻ تي ڪيترا پارسي واپاري، واڍا، رازا ۽ ڪمي ڪاسبي اچي بمبئي ۾ رهيا. 1673ع ۾ انگريزن پارسين کي مالابارهل وٽ دخما (Tower of Silence) ٺاهڻ لاءِ زمين ڏني، جيڪو اڄ تائين قائم آهي ۽ پارسي پنهنجن عزيزن جا لاش اتي ڇڏيو اچن، جيئن انهن کي سرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانگ ڪٻرون کائي ختم ڪن. 1736ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني وارا سورت جي شهر جي هڪ واڍي مان (جنهن اتي جهاز ٿي ٺاهيا) ڏاڍو متاثر ٿيا ۽ هن کي سندس ٻين ڏهن ڪاريگرن سميت بمبئي وٺي آيا، جن اچي بمبئي شپ يارڊ ٺاهيو. هي پارسي لوجي نسروانجي واڍيا هو، جنهن پنجاهه سال 40 رپيه في مهيني جي پگهار تي انگريزن وٽ ڪم ڪيو ان بعد سندس اولاد جهاز ٺاهيندو رهيو. هنن جا ٺهيل فريگيٽ جهاز، انگريزن ٽرافالگر جي لڙائيءَ ۾ به استعمال ڪيا.
    چون ٿا ته 1800ع تائين بمبئي جو اڌ پارسين حوالي هو. ايتري قدر جو هو پنهنجا محل جهڙا بنگلا انگريزن کي ڳري مسواڙ تي ڏيندا هئا. بمبئي جي پهرين ڪاٽن مِل ۽ پوءِ اسٽيل مل پارسين هنئي. 1960ع کان پارسين جون ڇوڪريون به هائر تعليم ۾ اچي ويون. بزنيس کان علاوه تعليم، سياست ۽ اسپتالن ۾ پارسين جو نالو هو.


    شڪارپوري، شڪارپورڪر ۽ شڪارپور والا...

    ممبئي انڊيا جي مهاراشٽرا رياست ۾ آهي، جنهن جي سرڪاري زبان مراٺي آهي ۽ ڳالهائڻ وارا مرهٺا يا مرهٽا ۽ انگريزيءَ ۾ مهاراشٽرين سڏجن ٿا. مرهٺي مهاراشٽرا رياست کان علاوه ڀر وارين رياستن گجرات، مڌيا پرديش، گوا، ڪرناٽڪ، ڇتيس ڳڙهه ۽آنڌرا پرديس جي به ڪجهه حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. ڪيترائي مرهٺا آمريڪا، انگلينڊ، سنگاپور، جرمني، آسٽريليا، عرب ملڪن ۾ ته تمام گهڻا، ڏکڻ آفريڪا ويندي جپان ۽ اسرائيل ۾ به رهن ٿا.
    مراٺي انڊو آرين زبان آهي. سندس لکڻي هندي، بنگالي، تامل، گجراتي سان ملي ٿي. هڪ اندازي مطابق سڄي دنيا ۾ اٽڪل 9 ڪروڙ ماڻهو Fluent مراٺي ڳالهائين ٿا. انڊيا ۾ چوٿين نمبر تي سڀ کان گهڻي زبان مراٺي ڳالهائي وڃي ٿي ۽ دنيا ۾ پنڌرهين نمبر تي آهي. هونءَ ڏکڻ هندستان جون زبانون تامل، مليالم، تيلگو يا ڪنهڙ وغيره مزاج ۾ ڪافي ڪرخت قسم جون آهن، پر مراٺي سرائڪي ۽ گجراتي وانگر ڪنن کي مِٺي لڳي ٿي. تامل يا مليالم جهڙين زبانن جو هڪ لفظ به سمجهه ۾ نٿو اچي، پر گجراتي ۽ بنگالي زبانن وانگر مراٺي ڳالهائيندڙن جا ڪيترا لفظ سمجهه ۾ اچن ٿا، جيڪي اردو/هندي ۽ سنڌي ۾ به ساڳيا آهن. مراٺي زبان جا ڪجهه اهڙا ملندڙ يا وري عجيب لفظ جيڪي سفر دوران ڪاپيءَ تي نوٽ ڪيا اٿم، هن ريت آهن.
    ڦوٽن (Cordimom) کي اردو ۾ الاچي سڏجي ٿو ته مراٺي ۾ ويلچي. اهڙي طرح ڀاءَ کي ڀَئو. ڌاڻن کي ڪوتمير، Cucumber کي ڪڪڙي، ڪتي کي ڪترا، بيضي کي بيضو، بخار کي تپ، سُٺي کي چڱلا، پٽاٽن کي بٽاٽا، نه کي نڪو، ڇهن کي سَههَ... وغيره.
    ڪنهن کان ٻڌل ٻه مراٺي پهاڪا رومن ۾ نوٽ ڪريان ٿو:
    “Nakatichya Lagnala Satrashe Sath Vighne”
    ان جي لفظي معنيٰ آهي: ننڍي نڪ واري ڇوڪريءَ کي شاديءَ لاءِ 1760 مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اصل مطلب اهو ته جنهن ۾ بنيادي ڄاڻ جي کوٽ آهي، ان کي ڪافي مشڪلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
    هڪ ٻي چوڻي:Bhatala Dili Osree Bhat
    لفظي معنيٰ آهي: هڪ برهمڻ کي ويهڻ لاءِ جاءِ ڏني وئي ته هو يڪدم چادر تاڻي سمهي رهيو. مطلب اهو ته مليل سهولت مان ناجائز فائدو وٺڻ.
    ملائيشيا توڙي پاڪستان ۾ ڪيترائي سڃاڻا مون کان اهو سوال ضرور ڪندا آهن، ته ان ملڪ، جنهن مان ٿي اچان ٿو، ان جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نالا ڇا آهن. هتي ممبئي يونيورسٽي جي ڪجهه مراٺي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا نوٽ ڪيل نالا ڏئي رهيو آهيان، جيئن پڙهندڙن کي Idea ٿي سگهي، ته انڊيا جي هن رياست مهاراشٽرا ۾ ڪهڙي قسم جا نالا رکيا وڃن ٿا.
    ڇوڪرن جا نالا
    اوشو= پيارو سواپنل= خواب جهڙو
    رُپيش= سونهن جو ديوتا وائرا ماني= هيرو
    پرانجل= سڌو سادو يسونت= سوڀ ماڻيندڙ
    گگن= آسمان وويڪ= ضمير
    هرتڪ= دل منجهان سنديش= نياپو
    جاونت= ڪامياب پاريتوش= ڪنول جو گل
    مهيل= بارش پراشانت= پُرسڪون
    آلوڪ= روشني هيمانگ= سوني جسم وارو
    سنديپ= روشن ڏيو ڀوون= دنيا
    آڪهيا= شهرت
    مرهٺي ڇوڪرين جا نالا
    هرديڪا= پيار ڀري ڪِرتِڪا= تاري جو نالو جيئن پاڻ وٽ ٽيڙو، وهائو، ڪَتي وغيره.
    جوُهي= گل اڪانڪشا= خواهش
    ڪنجل= ندي ڪنارو آڪرتي= صورت، شڪل
    گائرنگي= سهڻي انوپريا= پياري
    اڌيشري= اهم تنوجَا= ڌيءَ
    درپالي= مغرور وارشا= برسات
    باگيشري= راڳ جو نالو پراتيڀا= ڏات
    آرشاتي= پاڪ نِکيلا= مڪمل
    اميشا= سهڻي وِرتِڪا= سوچ، خيال
    جِگيشا= اتاهين نيها= بارش
    ملائيشيا ۾ شاديءَ بعد ڇوڪرن جو نالو ته ساڳيو ٿو ٿئي، پر ڇوڪرين جو به ساڳيو رهي ٿو ۽ اتي ڪوبه ذات پات جو چڪر ناهي. الف پٽ ب جو، ڳالهه ختم. ڪنهن جو به نالو اهڙو ڊگهو ناهي، جهڙو اسان وٽ انڊيا يا پاڪستان ۾ ٿئي ٿو ته الحاج سيد فلاڻو ولد فلاڻو بخاري شاهه يا صديقي و قريشي وغيره. ملائيشيا وارن ڪڏهوڪو ذات جو رواج ڪڍي ڇڏيو . چي وڏن کي نه پڏايو. توهان جيڪي پاڻ آهيو اهو ٻڌايو. ڇوڪرين جا نالا ت ڌيءَ پ جي نموني ۾ آهن هن جي شادي الف سان ٿئي پر ته به هوءَ ساڳي ت بنت پ رهندي. جيئن ڇوڪرو مرڻ تائين “الف بن ب” رهي ٿو. پر هتي مهاراشٽرا توڙي ڀر واري رياست گجرات ۾ ماڻهن جي نالن جو اسٽائيل اسان وانگر آهي، جنهن کي انگريزيءَ ۾ Patronymics سڏجي ٿو. مثال طور هتي جي ڪرڪيٽ رانديگر سنيل منوهر گواسڪر جو پهريون نالو سنيل آهي، منوهر سندس پيءُ جو نالو آهي ۽ گواسڪر سندس ذات آهي.
    جيئن گجرات رياست ۾ پٽيل تمام عام ذات آهي، تيئن مهاراشٽرا ۾ ڪلڪرني مرهٺن جي مشهور ذات آهي. گجراتين جون ٻيون مشهور ذاتيون آهن. ميهتا، شاهه، ڊيسائي، پاريک، چدا سما وغيره. مرهٺن جون مشهور ذاتيون آهن: جوشي، ديش پانڊي، ديش مک، چوڌري، ڪولٽي، نندڪر، ساونت، نائڪ وغيره. جيئن ڪيترن ئي سنڌين جون خاص ڪري هندن جون ذاتيون “ڻي” سان ختم ٿين ٿيون جيئن آڏواڻي، منگهاڻي، گنگواڻي، جماڻي، ملڪاڻي، خميساڻي وغيره تيئن ڪيترن ئي مرهٺن جي ذات “ڪَر” سان ختم ٿئي ٿي جيئن: گواسڪر، ٽنڊلڪر، سوارڪر، منگلوڪر، مدگلڪر، آچاريڪر، نولڪر، جوگليڪر، جُوهيڪر، چنداڪر، منگيشڪر وغيره.
    گذريل سفرنامي “هلي ڏسجي هندستان” ۾ سنڌي هندن جي ذاتين تي ٺاهيل چرچا لکيا اٿم ته پهرين ماڙ تان ڪِرڻ وارو ٿڌاڻي سڏائي ٿو، پنجين ماڙ تان ڪرڻ وارو ’مرجاڻي‘، اليڪٽرڪ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ’بجلاڻي‘، ڳري وزن وارو “هاٿيرماني” کير وڪڻندڙ ڌوڌاڻي وغيره. تيئن مرهٺن جي ذاتين تي به هتي جي ماڻهن يعني انديا جي ماڻهن، خاص ڪري اتر انڊيا جي ماڻهن چرچا ٺاهيا آهن. ڪجهه هن ريت آهن:
    • اهو ماڻهو جيڪو رڳو وٺڻ چاهي ٿو، ’ليلي‘ آهي.
    • جيڪو بلبن جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪري اهو ديوڪر آهي.
    • مرهٺي بل گيٽ- بال ڦاٽڪ.
    • 100 مڻ وزن وارو- سومن.
    (ياد رهي ته Divekar, Lele، بال ڦاٽڪ وغيره مراٺين جون ذاتيون آهن) اهڙي طرح:
    • بيڪري جو مالڪ پاوگي. (مراٺي ۾ پاو معنيٰ روٽي).
    • پيٽ جي سور وارو- پاٽ دکي (مراٺي ۾ پاٽ معنيٰ پيٽ).
    • ڳوٺ ۾ رهندڙ- گائونڪر.
    • جيڪو رڳو قيمت گهري- دام لي.
    • جيڪو ٿڌائيءَ سان ڪم ڪري- ڪُولڪرني.
    • چانديءَ جي کاڻ جو مالڪ- چانديڪر.
    • جيڪو ماري- مارني.
    • ڪر، مار، ڪر- ڪارمارڪر.
    • جيڪو هميشھ کٽي- جئه ڪر.
    • جيڪو گهڻو ڳالهائي- مهاشبدي.
    • جيڪو ديول ۽ مندر ٺاهي- ديولڪر.
    • جيڪو ڀڄي وڃي- ڀڳوت.
    • جيڪو هر شيءِ کي ڪارو ڪري- ڪجالي.
    • جيڪو پيءُ آهي- باپات.
    • جواهري- رتنا پارکي.
    • جيڪو هر وقت بنارس ياترا لاءِ وڃي- ڪاشيڪر.
    • انبن جو واپاري- آمبڪر.
    • جيڪو هر وقت سوچ ويچار ڪري- ويچاري.
    • جيڪو گنجو آهي- ٽَڪلي.
    • جيڪو ٻئي جي مانيءَ جو خيال ڪري- دهي ڀاٽي.
    • مالهي- مالي.
    • گلن وارو- ڦولهي.
    • بادشاهه- راجي.
    مراٺي ۾ رنگ به ذاتيون آهن، جيئن ته ڪالي، گوري، هروي، ڪلڀور، پيوالي... اهڙي طرح ڪي ذاتيون ڌاتن سان مشابهت رکن ٿيون جهڙوڪ: پتالي، تامبي، لوهه کنڊي، سوني.... وغيره.
    انڊيا جي حڪومت توڙي راندين، فلم انڊسٽري، ادب ۽ شاعري ۽ ٻين ادارن ۾ ڪيترائي مراٺي آهن جن ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. ڪيترن کان اسان پاڪستاني به واقف آهيون پر اسان کي اها خبر ناهي ته هو ڪي هن رياست مهاراشٽرا جا مراٺي ڳالهائڻ وارا آهن. اسان کين اردو (هندي) ڳالهائيندو ٻڌي اهو ئي سمجهون ٿا، ته هو ڪي دهلي، لکنو، آگري جا هوندا. فلمي دنيا جي ماڌوري ڊڪشت ۽ نانا پاٽيڪر مراٺي آهن. لتا منگيشڪر، آشا ڀوسلي ۽ ميوزڪ ڊائريڪٽر هِرداياناٿ منگيشڪر پڻ ٺيٺ مراٺي آهن. شروع ۾ لتا بابت لکي آيو آهيان، ته هن جو پيءُ ممبئي مان لڏي گوا جي ڀرسان منگيش ڳوٺ ۾ اچي رهيو، ان ڪري هو پاڻ کي منگيشڪر يعني منگيش وارو سڏائڻ لڳو. اهو پڻ هن مضمون ۾ لکي چڪو آهيان، ته مراٺين جي ذات جي آخر ۾ “ڪر” لفظ گهڻو اچي ٿو، جيڪو هن جي ڳوٺ، نوڪري يا ڌنڌي سان واسطو ڏيکاري ٿو. جيئن ڪيترن گجراتين جي ذات جي آخر ۾ والا ٿئي ۽ اسان جي اهڙين ذاتين ۾ آخر ۾ ’ي‘ يا ’وي‘ اچي ٿو جيئن ٻنوي، شڪارپوري، ناٿن شاهي وغيره. ڪو مراٺي انهن شهرن مان رهي ايندو، ته پاڻ کي ٻنوڪر، شڪارپورڪر ۽ ناٿن شاهه ڪر سڏائيندو ۽ گجراتي پنووالا، شڪارپور والا ۽ ناٿن شاهه والا سڏائيندو. اسان وٽ به گجرات کان گهڻي ڀاڱي آيل مسلمانن توڙي پارسين جي ذات جي آخر ۾ والا ملندو. جيئن مانڌوي والا يعني هن جو واسطو مانڌوي شهر سان آهي. ڪي پنهنجي ڌنڌي واري ذات پڻ رکن، جيئن سوڍا واٽر والا، ڪشتي والا، آچار والا وغيره.
    بهرحال مراٺي فلم ائڪٽريسن ۾ دُرگا کوٽي سڀ ۾ گهڻي پراڻي آهي. جنهن شروع جي گونگين فلمن (Silent Films) فريبي ۽ جال (1931ع) ۾ ڪم ڪيو. پاڻ 1905ع ۾ مهاراشٽرا رياست جي شهر ڪولهاپور ۾ جنم ورتو ۽ 1991ع ۾ ممبئي ۾ وفات ڪئي. هن اٽڪل 50 سال فلم انڊسٽري ۽ ٿيٽر ۾ ڪم ڪيو ۽ سندس 200 کان مٿي هندي ۽ مراٺي فلمون آهن جن مان 1960ع جي مغل اعظم (جنهن ۾ هوءَ جوڌا ٻائي ٿي هئي)، داسي، مرزا غالب، بابي (1973ع) ۽ بدِائي تمام گهڻيون مشهور ٿيون. سندس پهرين ٽاڪيز فلم “ايوڌچا راجا” آهي، جيڪا هندي ۽ مراٺي ٻنهي زبانن ۾ 1932ع ۾ ٺهي هئي. سندس لکيل پنهنجي آتم ڪهاڻي پڙهڻ وٽان آهي. هن مراٺيءَ ۾ لکي آهي، جيڪا شانتا گوکلي “I Durga Khote” جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪئي آهي. مون وٽ هن ڪتاب جي جيڪا ڪاپي آهي. اها آڪسفورڊ پريس وارن جي ڇپيل آهي.
    پاڻ مراٺي فلمي شخصيتن جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين، جيڪي بالي ووڊ جي هندي فلمن ۾ به مشهور آهن ۽ کين پاڪستان جا ماڻهو به سڃاڻن ٿا. انهن ۾ ڪجهه ٻيا هن ريت آهن:
    • اشوِني ڀاو- ائڪٽريس.
    • اٽل ڪلڪرني- ائڪٽر.
    • ڀاگيشري پَٽوارڌن- ائڪٽريس.
    • گياتري جوشي- سواديش فلم جي لِيڊ اداڪارا.
    • اِيشا ڪوپيڪر- بالي ووڊ جي نئين هيروئن.
    • ڪِمي ڪاتڪر- پراڻي اداڪار، هڪ فوٽو گرافر سان شاديءَ بعد آمريڪا لڏي وئي.
    • ڪليپ پَور- اداڪارا.
    • مامتا ڪلڪرني- ڏهاڪو کن سالن کان فلمن ۾ اچي پئي.
    • نِيلو ڦولهي- اداڪار.
    • پدمني ڪولهاپوري- پراڻي اداڪارا.
    • پريا ٽنڊلڪر- اداڪارا.
    • شوڀانا سمرٿ- اداڪارا (نوتن ۽ تنوجا جي ماءُ).
    • سميتا پاٽل.
    • سونالي باندري.
    • سونالي ڪلڪرني.
    • انتارا مالي.
    • لڪشمي ڪانت ڪدالڪر (ميوزڪ واروجيڪو پياري لعل سان گڏ هوندو هو.)
    اڀيجيت ساونت- انڊين آئڊل... وغيره وغيره.
    اهڙي طرح ڪيترائي ڪرڪيٽ پليئر به مراٺي آهن، جهڙوڪ:
    • اجيت واديڪر- سابق ڪئپٽن.
    • چندرا ڪانت پانڊٽ- سابق وڪيٽ ڪيپر.
    • دليپ ويگنسارڪر- جنهن ٽي سينچريون ٺاهيون.
    • سچن ٽنڊولڪر.
    • سنجي منجريڪر- سابق ڪئپٽن.
    • سنيل گواسڪر.... وغيره. اهي سڀ مراٺي ڳالهائڻ وارا انڊيا جي مهاراشٽرا صوبي جا آهن، جن کان اسين ۽ دنيا جا ماڻهو واقف آهن.


    بامبي ڊَڪ ۽ گڏهه تي ٿي سوار

    پوني وانگر ممبئي ۾ ڪيترائي به ڪراچي نالي دڪان ۽ ريسٽورنٽون آهن. هڪ ته ڌوٻي تلاءَ وٽ جمعا مسجد جي ڀرسان ۽ منگلداس مارڪيٽ جي سامهون “ڪراچي بيڪري” نالي دڪان نظر آيو ۽ هڪ باندرا ويسٽ ۾ راماداس نائڪ مارگ ۽ هل روڊ وٽ “ڪراچي سوئيٽ شاپ” آهي. ڪراچي ريسٽورنٽ نالي هڪ هوٽل دادر ۽ وادالا بس اسٽاپن جي وچ۾ به نظر آئي.
    *
    ممبئي جي رفيع احمد قدوائي روڊ جي هڪ ريسٽورنٽ تي بئري کان مينو پڇڻ تي هن چيو ته “اسان فقط بامبي ڊَڪ Serve ڪندا آهيون.” ان مان اندازو لڳايم، ته هن ريسٽورنٽ ۾ پڪ مڪاني ۽ ڌارين ملڪن جا چيني ٽوئرسٽ ايندا هوندا جيڪي بدڪون کائڻ جا شوقين آهن. آئون مڇي پلي جو ٻڌي هن ريسٽورنٽ ۾ آيو هوس. پر پوءِ اٿڻ تي ريسٽورنٽ جي مالڪ ٻڌايو، ته Bombay Duck دراصل بدڪ جو نه پر مڇي جو قسم آهي، جنهن کي انگريزي ۾ Marine Lizard Fishسڏجي ٿو ۽ سندس سائنسي نالو Harpodon Nehereus آهي. هن مڇيءَ کي هتي جا ماڻهو بُومالو به سڏين ٿا، جيڪا گنگا ندي جي ڊيلٽا ۽ انڊيا جي اولهه ڪناري پاسي عربي سمنڊ ۾ ٿئي ٿي. هيءَ مڇي اڏامندڙ مڇي (Flying Fish) جي شڪل جهڙي سنهي ۽ قد ۾ 6 کان 9 انچ ٿئي ٿي.
    ريسٽورنٽ جي بورچيءَ ٻڌايو، ته هيءَ مڇي نومبر ڊسمبر کان مارچ تائين نظر اچي ٿي. تازي مڇيءَ جو پڇ ۽ منڍي ڪپي ڊيپ فراءِ ڪيو وڃي ٿو ۽ ممبئي جي ڀرسان چمپبائي نالي هڪ مهاڻن جو ڳوٺ آهي، جتي بامبي ڊڪ يعني بُومالو اس ۾ سڪائي پوءِ وڪڻي وڃي ٿي. هن مڇي (بامبي ڊَڪ) جي گهڻي کپت بنگلاديش ۽ برطانيا ۾ آهي جتي ڏکڻ ۽ اوڀر ايشيا جا ماڻهو وڏي شوق سان خريد ڪن ٿا ۽ ممبئي جي مهاڻن جي سٺي ڪمائي ٿيو وڃي.
    *
    چانهه دوران ممبئي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر چندرا ڪرشنا مورٿي جي آفيس ۾ تاريخ جي پروفيسر صاحبه مريم ڊوسل سان ملاقات ٿي. پاڻ انڊيا جي ڪنهن انگريزي اخبار ۾ ڪالم به لکي ٿي ۽ سندس چار ڪتاب ڇپجي چڪا آهن. انهن مان هڪ ڪتاب ‘City of Hope-Mumbai 1660 to present’ لاءِ هن مون کي ضرور پڙهڻ لاءِ چيو.
    “انڊيا جي تاريخ ۾ توهان کي ڪهڙو دور بهتر لڳي ٿو؟” مون هن کان پڇيو.
    “گپتا دور،” پروفيسر مريم ڊوسل جواب ڏنو، “منهنجي خيال ۾ هي اهو دور آهي، جنهن ۾ تقريباً سڄو اتر انڊيا هڪ ٿي ويو هو. اهو ان ڪري جو گپتا سلطنت (550-320ع) ۾ دنيا جي ٻين حصن جي مقابلي ۾ امن امان جي زندگي هئي. ماڻهو سکيا هئا ۽ سڪون جي ننڊ ڪيائون ٿي. اهو هڪ سنهري دور هو.” گپتا سلطنت جا ٽي حاڪم ٿيا. “چندر گپت” پهريون جنهن عيسوي سن 319ع کان 335ع تائين حڪومت ڪئي. ان بعد سمودرا گپت 335 کان 376ع تائين بادشاهه ٿيو ۽ آخر ۾ چندر گپت 376 کان 415 تائين حاڪم رهيو.
    *
    ممبئي جو سينٽ زئوير (St. Xavier) ڪاليج به ڏسڻ وٽان آهي جيڪو 130 سال پراڻو آهي. سندس پٿرائين عمارت توڙي تعليمي نظام بيحد مٿاهين درجي جو آهي. مختلف سائنس جي سبجيڪٽن کان علاوه سنسڪرت، پالي، فرينچ، گجراتي، مراٺي ۽ اردو پڻ پڙهائي وڃي ٿي. هن ڪاليج ۾ اردو 1922ع کان اسڪول ليول تي رکي وئي، ان کانپوءِ 1938ع کان 1942ع تائين اردو کي B.A ليول جو سبجيڪٽ ڪيو ويو. اردو جي پروفيسر ٻڌايو ته اڄ ڪلهه ريسرچ ورڪ ۽ پوسٽ گرئجوئيشن لاءِ پڻ اردو کي رکيو ويو آهي. 1944ع ۾ اردو لائبريري به قائم ڪئي وئي. اردو لاءِ ٽي اسڪالرون به قائم ڪيون ويون آهن، جيڪي هن ريت آهن: ڊاڪٽر سر محمد اقبال اسڪالرشپ 1947ع کان، پروفيسر ايس ايم سيد رضا اسڪالر 1953ع کان ۽ پروفيسر خليل ديها داشتي اسڪالر، 1947ع کان.
    ڪاليج ۾ اردو جون تقريرون، ڊراما ۽ بحث مباحثا قائم رکڻ لاءِ مرزا غالب ٽرافي، تيج بهادر ساپرو شيلڊ ڊرامن لاءِ ۽ سر ابراهيم رحمت الله ڪپ مضمون نويسيءَ لاءِ رکيو ويو آهي. 1947ع کان هر سال ’ڪاروانِ ادب‘ جي نالي سان ادبي مئگزين نڪري ٿي. اردو جي پروفيسر ٻڌايو، ته ان کان علاوه ڪاليج ۾ اردو مشاعره به ڪيا وڃن ٿا ۽ اردو شاعرن جا ڏينهن به ملهايا وڃن ٿا، جيئن ته مرزا غالب، پنڊت چاڪباست، مولانا حالي، شبلي نعماني، اڪبر الله آبادي، حسرت موهاني، پنڊت ڪيفي، مولوي عبدالحق، وغيره وغيره.
    *
    انڊيا ۽ پاڪستان جي گهڻي آدمشماري وڏو مسئلو چيو وڃي ٿو. ان ڪري ٻنهي ملڪن ۾ بيروزگاري، غربت ۽ بيماري جهڙا مسئلا آهن. انڊيا ميٽل ڪمپني جو عمران خان نالي نوجوان مالڪ مليو. سندس 180 ڪروڙ روپين جو ڪاروبار هلي ٿو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏهه سالن ۾ انڊيا ۾ وڏي تبديلي آئي آهي.هر فيلڊ ۾ ترقي ٿي آهي. بيروزگاري تيزي سان گهٽجي رهي آهي. سڪي جي قيمت وڌي رهي آهي.”
    صحيح ٿو چوي. فقط ٽي چار سال اڳ دهلي آيو هوس ته ان وقت اسان جو پاڪستاني رپيو انڊيا جي رپئي برابر هو. اڄ انڊيا جو رپيو اسان جي ٻن رپين برابر ٿي ويو آهي. عمران خان اهو به ٻڌايو، ته هتي (انڊيا ۾) هاڻ ذات نيات يا مذهب جي بنياد تي فرق گهٽجي ويو آهي. هن ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪندي چيو، ته “اسڪول جي ڏينهن ۾ مون تي ۽ منهنجي ٻن ڪلاس ميٽن زيد خان ۽ عارف خان (جيڪي هاڻ ائڪٽر آهن) ڪلاس ميٽ ٺٺوليون ڪندا هئا ته:
    “تم تین خان،
    گدھے پہ ہو سوار
    جاؤپاکستان۔”
    پر اڄ شايد ئي ڪو مسلمان ٻار اسڪول ۾ ان قسم جي نفرت حاصل ڪري ٿو.”
    سالل بوبري نالي هڪ مسلمان آفيسر ٻڌايو ته “ماءُ پيءُ منهنجو نالو سالل ان ڪري رکيو جو اهو نالو هندن ۽ مسلمانن ۾ ڪامن آهي. جيئن گلشن، روشن، وغيره. مونکي ڊپ هو، ته مسلمان ناتي مون سان Discrimination نه ڪئي وڃي. پر سندن اها پريشاني اجائي ثابت ٿي. اسان جي سوسائٽي بدلجي چڪي آهي.
    The job market evaluates you on the basis of your qualification, not your religion
    *
    ڀاڀا اٽامڪ ريسرچ سينٽر (BARC) جي هڪ سائنٽسٽ مسلمان عورت مهر تبسم ٻڌايو ته اڄ کان ڏهه سال اڳ ڪا مسلمان ڇوڪري اهڙي وڏي اداري ۾ هندو ڇوڪرين سان گڏ ڪم ڪرڻ جو سوچي به نٿي سگهي. 36 ورهين جي ڄمار جي مهر تبسم کي 85 هزار رپيه ماهوار پگهار ملي ٿو، جيڪو پاڪستان جي رپين ۾ هڪ لک ستر هزار ٿيا. تبسم ٻڌايو ته اڳ۾ انڊيا ۾ رهندڙ مسلمان ڇوڪرين تاريخ، جاگرافي يا هوم ايڪنامڪس جهڙن سبجيڪٽن ۾ M.A ڪئي ٿي جن ۾ ڪهڙي نوڪري ملندي؟ اڄ جون مسلمان ڇوڪريون Pure سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ ڊگري حاصل ڪن ٿيون. انجنيئرنگ جي نين نين برانچن ۾ B.E ۽ M.E ڪن ٿيون.
    Globalization has opened limitless opportunities and Muslims too are grabbing them”
    *
    ممبئي جي ڀر واري شهر ڪارجت ۾ (جتي ڌارين ملڪن جا ڪافي ٽوئرسٽ اچن ٿا) ڪنهن مڪاني ماڻهوءَ ڀت تي خوب لکي ڇڏيو آهي ته:
    Shoot nothing, but pictures
    Leave nothing, but foot prints
    *
    ورهاڱي دوران سنڌ مان جيڪي سنڌي انڊيا لڏي ويا، انهن جو وڏو تعداد ممبئي جي ڀر واري شهر الهاس نگر ۾ رهي ٿو، جيڪو شهر الهاس نديءَ جي ڪناري تي آهي. ممبئي ۾ الهاس نگر جي رهاڪو سنڌيءَ جي دڪان ۾ الهاس نگر بابت هي شعر نوٽ ڪيو اٿم:
    الهاس ۾ ڪير ته ساري ٿو
    آ کاٻي منهنجي اک ڦڙڪي
    ڪو سرحد پار سنڀاري ٿو
    الهاس ڪپر تي ساري ٿو
    ڪو ڪانگل سنڌ مان اڏاري ٿو
    ڪنهن ڀاءُ ڪيو، آ ياد وري
    الهاس ۾ ڪير ته ساري ٿو
    آ کاٻي منهنجي اک ڦڙڪي.
    *
    ممبئي يونيورسٽي جي مين گيٽ ڀرسان هوٽلن ۽ دڪانن جي قطار ۾، ساءِ بابا ريسٽورنٽ ڀرسان هڪ کوکا (ڌاٻا) نموني جي هَٽَ اڳيان، ڪارن برقعن ۾ ٽي ڇوڪريون چانهه جو آرڊر ڏئي بيٺيون هيون. چانهه وارو گئس جي سلينڊر تي ڌوڌ پتي چانهه ٺاهي رهيو هو.
    “سر چائے پیئیں۔” هنن مون کي مدعو ڪيو.
    آئون دل ۾ سندن همت کي داد ڏيڻ لڳس. هنن پردي کي به قائم رکيو آهي، ته ساڳي وقت هنن کي پاڻ ۾ ايترو اعتماد آهي، جو هڪ ڌارئين مرد سان ڳالهائي سگهن ٿيون.
    “ڪهڙي ڊپارٽمينٽ جون آهيو؟” مون چانهه لاءِ هائوڪار ڪندي پڇيومان.
    “اردو جرنلزم ۾ آهيون.” هنن ٻڌايو.
    “هتي ممبئي يونيورسٽي ۾ جتي ڇوڪرين جي ميجارٽي هندو توڙي مسلمان، جينز، اسڪرٽ ۽ شلوار قميض ۾ اچن ٿيون، اتي توهان کي برقعي ۾ ڏسي ٻيا اسٽوڊنٽس رمارڪ ته ڏيندا هوندا؟” مون پڇيومان.
    “هرگز نه.” هنن وراڻيو، “اها ئي ته هن ملڪ جي بيوٽي آهي جو ڪوبه ٻئي جي عقيدن ۾ پنهنجي راءِ نٿو ٽنبي.”
    “توهان فوٽو ڪڍرائڻ پسند ڪنديون.” مون پڇيو.
    “نو پرابلم” هنن وراڻيو ۽ پوءِ فوٽو ڪڍڻ وقت هنن مون کي به پاڻ سان گڏ بيهاري چانهه واري کي فوٽو ڪڍڻ لاءِ چيو. دل ۾ مون سوچيو ته هي فوٽو واهه جو آهي ۽ اخبار ۾ ضرور ڏيندس، ته ممبئي يونيورسٽي جون هي مسلمان ڇوڪريون ڪيڏو همت واريون آهن. اسٽولن تي ويهي چانهه پي رهيون آهن ۽ پردي جي باوجود فوٽو به ڪڍرائي رهيون آهن.
    اٿڻ مهل هنن جلدي جلدي حساب ڪري هر هڪ بل جو ٽيون حصو ڏنو، مون کان نه ورتائون. مون کي سندن اها ڳالهه به وڻي يعني اها نه ته هنن مون کان پئسا نه ورتا پر اها، ته هڪ ٻئي تي بار نه بنجڻ لاءِ هر هڪ پنهنجو حساب ڏئي ٿي. ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ پڻ گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان ڏسي رهيو آهيان ته اسٽوڊنٽس توڙي پروفيسر پنهنجو پنهنجو بل ڏين ٿا. بهرحال بل جي ادائگي بعد کانئن اي ميل ائڊريس وٺـي موڪلايم ۽ هو بس ڏي روانيون ٿيون. بس اسٽاپ ٽن چئن دڪانن بعد سامهون هو جتي ٻيا به ڪجهه شاگرد بس جو انتظار ڪري رهيا هئا. مون ڪئميرا کي بند ڪري پائوچ ۾ وڌي ۽ سندن نالن ۽ ائڊريسن وارو پنو پاسي واري کيسي ۾ وجهي بس اسٽاپ ڏي نهاريو. ڏسان ته آهن ئي ڪونه. بس به ته نه آئي. فقط پهرين جا بيٺل چار پنج شاگرد ۽ شاگردياڻيون هيون ۽ پوءِ ٻي گهڙيءَ ڏسان ته بس اسٽاپ کان پنج ڇهه قدم پري موٽرسائيڪلن جي پارڪنگ لاٽ ۾ هو ٽيئي ڄڻيون پنهنجي پنهنجي موٽرسائيڪل اسٽارٽ ڪري رهيون هيون. ڏاڍي حيرت ٿي. فوٽو ڪڍڻ جي بهتر سين ته هيءَ هئي، ته برقعي ۾ ملبوس شاگردياڻيون رعب سان موٽرسائيڪل تي ائين ويٺيون آهن ڄڻ هنن کي اها ممبئي جي روڊن تي نه پر “موت جي کوهه” ۾ هلائڻي هجي. سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي. ايتري ۾ هو ٽيئي ڄڻيون ڦٽ ڦٽ ڪنديون، منهنجي اڳيان مون کي Wave ڪنديون هليون ويون. پوءِ مون کي ڌيان ۾ آيو ته ان وقت به کين رڙ ڪري کڻي ترسايان ها ۽ سندن فوٽو ڪڍان ها. پر منهنجي ترت فيصلي نه ڪرڻ ڪري هو گهڻو اڳيان نڪري ويون. بهرحال اهي ٿيون ڳالهيون سوچجن، ته صاف لڳي ٿو، ته انڊيا جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جون شاگردياڻيون وڌيڪ Safe محسوس ڪن ٿيون ۽ هنن جا والدين سڪون جي زندگي گذارين ٿا. اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ يا روڊن تي ايڏي بدامني وڌندي وڃي جو شاگردن جي والدين جو به ساهه مٺ ۾ رهي ٿو.
    *
    ممبئي جي فورٽ واري علائقي ۾ ڊاڪٽر دادا ڀائي نوروجي روڊ ۽ سنت ڀڳت سنگهه روڊ جي وچ ۾ ٽي چار گهٽيون آهن، جن جا نالا آهن: مودي اسٽريٽ، منٽ روڊ، بورا بازار اسٽريٽ. انهن ۾ هڪ گهٽيءَ جو نالو پيري ناريمن روڊ آهي، جنهن تي مٿرا مٺائي واري دڪان تي نيرن ڪيم ۽ رستي تي چڳڻ لاءِ پاءُ کن مٺائي ورتم. صبح جو وقت هو. مون ممبئي جي رستن تي ٻه ٽي ميل پنڌ ڪرڻ چاهيو ٿي. شوگر ليول گهٽجڻ جي خيال کان مون سان گڏ مٺائي هجڻ ضروري هئي. مٿرا مٺائي واري دڪان جي مالڪ چيو ته هيءَ گهٽي يعني پيري ناريمن اسٽريٽ ممبئي جي سڀ کان پراڻي گهٽي آهي، جنهن جو اصل نالو “بازار گيٽ اسٽريٽ” هو.
    *
    هڪ ڏينهن ممبئي جي CST ريلوي اسٽيشن تان سانتا ڪروز اسٽيشن لاءِ چڙهيس. ڪري روڊ تان منهنجي عمر جو هڪ همراهه چڙهيو. شڪل ۽ نموني مان رٽائرڊ سرڪاري ڪامورو ٿي لڳو. منهنجي ٿوري ئي ڳالهائڻ سان هو خبر چار ڪرڻ ۾ شروع ٿي ويو. پاڻ ٻڌايائين ته هو هن رياست جو مرهٺو آهي ۽ ٽي سال اڳ پوليس انسپيڪٽر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. هن پنهنجو نالو مڌوڪر N سردال ٻڌايو. کانئس پڇيم ته هاڻ ڇا ڪرين ته وڏو ٽهڪ ڏئي چيائين: “جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ٽن ٽن غنڊن جو به مقابلو ڪيم. هاڻ ضعيف ۽ بيمار ماڻهن جي شيوا ڪريان ٿو.”
    موڪلائڻ وقت پنهنجو ڪارڊ ڏيئي وري ملڻ لاءِ زور ڀريائين. آخر تائين سخت بزي رهيس، نه ته انڊيا ڇڏڻ کان اڳ هن ڊگهين مڇن واري پوليس آفيسر سان ضرور ملان ها. هن جي پيٽ ۾ ممبئي شهر جون لاتعداد ڳالهيون پوريل لڳيون ٿي.


    لڱن ۾ سور آهي، مونجهه آهي

    سنڌ مان جيڪي سنڌي انڊيا لڏي آيا، تن مان گهڻا جيتوڻيڪ هٿين خالي هتي ممبئي، ڪلياڻ يا الهاس نگر آيا. پر هنن ڏينهن رات محنت ڪري پنهنجو پير ڄمايو. اڄ هو وڏي پئسي وارا آهن. هو سياست ۽ بزنيس کان وٺي ڊاڪٽر انجنيئر آهن. هو جتي خوب پئسو ڪمائين ٿا، اتي خير جا ڪم به ڪن ٿا. فقط ممبئي شهر ۽ اردگرد ۾ سنڌين جون ڪيتريون ئي بهترين اسپتالون آهن. هنن جا اعليٰ معيار جا ڪاليج آهن. هو خوشحال لڳن ٿا، گهٽ ۾ گهٽ ظاهري طرح ته ائين لڳي ٿو ته هنن کي زندگي ۾ ڪو ڏک درد يا ڪا بيماري نه آهي. مون اهو سوال بمبئي جي هڪ ٻن سنڌي ڊاڪٽرن کان پڇيو ته انڊيا ۾ رهندڙ سنڌين ۾ ڪهڙيون بيماريون عام آهن.
    ان بابت سڀ ۾ سٺو ۽ ڄاڻ وارو جواب ڊاڪٽر او پي. ڪپور جو آهي. 77 سالن جي هن قابل ڊاڪٽر جو انڊيا جي مختلف مريضن کي ڏسڻ جو وڏو تجربو آهي. پاڻ قابل فزيشن، بهترين ٽيچر، تعليمدان ۽ ليکڪ مشهور آهي. سندس هڪ ڪتاب Vegetarian Diet جيڪو پنهنجي نوعيت جو انڊيا ۾ ڇپجندڙ پهريون ڪتاب آهي، سنڌيءَ کان علاوه اردو، هندي، گجراتي ۽ مراٺي ۾ به ڇپجي چڪو آهي. پاڻ ممبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج ۽ J.J اسپتال جي ڪاليج ۾ ميڊيسن جو پروفيسر رهي چڪو آهي. اڄ ڪلهه هو سنڌين جي هڪ اسپتال جسلوڪ هاسپيٽل ۽ بامبي هاسپيٽل ۾ وزيٽنگ فزيشن آهي ۽ هن جو بمبئي ۽ ان جي آس پاس ۾ رهندڙ سنڌي هندو مريضن سان واسطو پوي ٿو. هن جا خيال ۽ Views قدر جي نگاهه سان ڏٺا وڃن ٿا. ان ڪري سندس سنڌي مريضن بابت ويچار پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ لکان ٿو. انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي گهڻي کان گهڻو امير بڻجڻ جو شوق رکن ٿا، ان ڪري هنن جو سڄو ڏينهن پورهئي ۾ گذريو وڃي. تفريح يا ورزش لاءِ هنن کي وقت ئي نٿو ملي. آفيسن ۾ توڙي دڪانن تي هو سڄو سڄو ڏينهن ويٺا آهن. پئسو جام اٿن، ان ڪري گهر کان آفيس به ڪار ۾ اچن ٿا. سنڌي ماڻهو کائڻ جا به شوقين آهن. صبح جو اڦراٽا، پوريون، ڀاڄيون کائي نڪرن ٿا، منجهند جي ماني به دل وٽان کائين ٿا ۽ رات جو ڪنهن بزنيس پارٽي يا ٻاهران آيل خريدارن سان گڏ ڪنهن هوٽل ۾ ڊنر ڪن ٿا. يعني کائيندا رهن ٿا، هلچل صفا نٿا ڪن پوءِ بيماريون به ان حساب سان کين ٿين ٿيون. سنڌي گهڻو ڪري مذهبي ٿين ٿا هو هر هفتي هڪ روزو کڻي رکن ٿا پر ان ۾ به کير ۽ ميون جي رس جو ايڏو گهڻو مقدار واپرائين ٿا جو ڪئلورين جو حساب ساڳيو ٿيو وڃي. بهرحال سندن ان لائيف اسٽائيل ڪري کين دل جي بيماري ۽ بلڊ پريشر ته ٿئي ئي ٿئي ٿو. عورتون به چڱي طرح کائين ٿيون. کائڻ جي وچ۾ به ٽڪيون، چاڪليٽ ۽ مٺايون کائين ٿيون. جنهن ڪري کين ٿولهه ٿئي ٿي ۽ وقت کان اڳ هڪ طرف ڊائبٽيز جون مريض بنجن ٿيون، ته ٻئي طرف کين بلڊ پريشر ۽ اوسٽيو پوروسز ٿئي ٿو. ڪيتريون بيماريون هنن کي Genetically يعني رت ۾ شامل آهن يا ورثي ۾ ملن ٿيون، جهڙوڪ Ischaernic دل جي بيماري، زيابيطس، بلڊ پريشر، دل جي بيماري Thalassaemia Minor GPD جي کوٽ، ٿولهه، اوسٽيو آرٿرائٽس وغيره.
    Ischaeminc دل جي بيماري(IHD) لاءِ ڊاڪٽر ٻڌايو، ته اها بيماري دل جي مشڪن (Muscles) ڏي رت جي گهٽ وڃڻ ڪري ٿئي ٿي، جنهن جو وڏو سبب هاءِ بلڊپريشر ۽ هاءِ ڪوليسٽرول آهي. اوسٽيوپوروسز(Osteoporosis) بيماري جيڪا گهڻو ڪري زالن کي ٿئي ٿي، اها هڏن جي بيماري آهي جنهن ۾ هڏن جي Density گهٽجڻ ڪري اهي هيڪاندا ڀرڪڻا ٿيو پون ۽ ٿوري گهڻي ڌڪ لڳڻ تي فريڪچر ٿيندا رهن ٿا. هيءَ بيماري عورتن جا پيرڊ بند ٿيڻ (Menopause) اچڻ بعد ٿئي ٿي. گهڻي کائڻ ڪري به هيءَ بيماري وڌيو وڃي جو کاڌي ۾ گهڻيون پروٽين کائڻ تي اهي هڏن مان ڪئلشم چوسيو وٺن ۽ هڏا ٽاڪئان ٿيو پون.
    ڊاڪٽر ڪپور چيو، ته ممبئي جي سنڌين جو جنرل چيڪ اپ ڪرڻ سان هو گهڻي ڀاڱي Over Weight ظاهر ٿين ٿا. هو هر وقت اها ئي شڪايت ڪن ٿا ته “سائين لِڱن ۾ سور آهي.” هاڻ اهو لڱن جو سور ان ڪري آهي، جو هنن تي چرٻي گهڻي چڙهي وئي آهي ۽ ورزش (Exercise) ڪرڻ جو ڪو پروگرام ناهي. ڪيترن جو ته پيٽ ٻاهر نڪتل نظر اچي ٿو. مردن جو گهڻي شراب ۽ کاڌي کائڻ ڪري ته عورتن جو هڪ مٿان ٻيو ٻار ڄڻڻ ڪري. ان ڪري هنن جو Abdominal tone به صحيح نٿو رهي، ان ڪري سنڌي مرد توڙي عورتون قبضيءَ جا پراڻا مريض بڻجيو وڃن. “لڱن ۾ سور آهي” سان گڏ سندن ٻي شڪايت اها ئي رهي ٿي ته “پيٽ صاف ڪونه اچي ٿو”، معنيٰ قبضي رهي ٿي. ڪيتريون سنڌي عورتون پيرن جي سوڄ جي به شڪايت ڪن ٿيون، جيڪو سندن ٿولهه ۽ گهڻي لوڻ جي استعمال ڪري به ٿئي ٿو. گهڻي کائڻ ۽ گهڻي آرام ڪري ڪيترين عورتن جون سَٿرون هيڪانديون ٿلهيون ٿي پيون آهن. ڪيترين جي ڌڏين (Buttocks) ۽ ڪلهن تي به سوڄ چڙهي وئي آهي، جنهن کي هو ڍرين ڍالين ڊريسن ۾ لڪايو وتن. ان کان علاوه انڊيا ۾ Osteo-arthritis جي وڌيل ڪيسن ۾ سنڌي عورتون مبتلا آهن.(OA) Osteoarthritis يا جنهن کيDegenerative Join Disease به سڏجي ٿو. ان ۾ سَنڌن جو سور ۽ سوڄ ٿئي ٿي.
    سنڌي عورتن ۾ ڪيتريون اهڙيون آهن، جيڪي ماهواري بند ٿيڻ بعد هارمون جون گوريون نٿيون کائين. يعني 45 کان 48 سالن تائين Menopamse شروع ٿئي ٿو ۽ 10 کان 15 سالن بعد جڏهن هو 60 ۽ 65 ورهين جي آسپاس پهچن ٿيون، ته هنن جي هڏن جا رکي رکي فريڪچر ٿين ٿا ۽ ڪيترا ڊاڪٽر Osteoporosis جي چڪاس نٿا ڪن، جيڪا سنڌي زالن ۾ تمام گهڻي بيماري آهي.
    عام ڊاڪٽري تپاس تي سنڌي عورتون پيليون (anaemic) لڳن ٿيون، ۽ صاف لڳي ٿو ته هنن ۾ رت جي کوٽ آهي. ڪيتريون اهو به ٻڌائين ٿيون ته هو ڪيترن ئي ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ ويون آهن پر انهن جون دوائون اثر ئي نٿيون ڪن. دراصل اهو ان ڪري آهي جو هنن کي Thalassaemia Minor آهي، جنهن لاءِ هنن کي سمجهائڻ کپي ته ان جو ڪو علاج ڪونهي ۽ هنن کي ان حالت ۾ زندگيءَ سان سمجهوتو ڪري گذارڻ کپي. ٿليسيميا دراصل رت ۾ ڳاڙهن جزن جي خرابيءَ جو مسئلو آهي، جنهن ڪري جسم جو رنگ هئڊو ڦڪو ٿيو وڃي. اها بيماري ٻن قسمن جي چئي وڃي ٿي. هلڪي قسم جي Minor سڏجي ٿي. ميجر واري لاءِ ضروري آهي ته هن جي رت جي تبديلي Transfusion ٿيڻ کپي.
    ڊاڪٽر او پي ڪپور مطابق سنڌين ۾ G6PD جي تمام گهڻي کوٽ آهي. هانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ فلپين پاسي کان جيڪي سنڌي اچن ٿا، انهن ۾ به G6OP جي کوٽ آهي. مليريا ٿيڻ بعد هو انيمڪ (هئڊا) ٿيو وڃن ۽ هو هِتي انڊيا ۾ اچي يا پنهنجن ملڪن ۾ مليريا جي علاج ڪرائڻ ۾ پورا رهن ٿا. جيتوڻيڪ هنن کي G6PD جي کوٽ آهي، جنهن بابت تپاس ڪندڙ ڊاڪٽر جو ڌيان نٿو وڃي.
    ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي، ته G6PD جي کوٽ هڪ موروثي بيماري آهي جيڪا سنڌين ۾ عام آهي. هن ۾ گلوڪوز 6 فاسفيٽ ڊي هئڊروجينيز (G6PD) جي کوٽ ٿيڻ ڪري رت جا ڳاڙها جزا صحيح طرح ڪم نٿا ڪن. هيءَ کوٽ جيڪڏهن ماءُ يا پيءُ کي آهي ته ٻارن کي به ٿئي ٿي. G6PD جي کوٽ ڪريHemolytic Anemia ٿيو پوي ۽ ماڻهو جي هئڊي ڦڪي رنگت ڪري هو هر وقت ائين ٿو لڳي ته بيمار هجي يا ڪنهن بيماريءَ مان اٿيو هجي.
    وقت کان اڳ مٿي جي وارن جو اڇو ٿيڻ هڪ عالمي بيماري ٿي پئي آهي. ڪيترن سنڌي مردن توڙي عورتن ۾ آهي، جنهن لاءِ هو هر وقت وارن کي رنگ ڏئي هلن ٿا. هڪ ٻي بيماري جنهن جي اسان جا سنڌي شڪايت کڻي اچن ٿا اها ڊپريشن آهي. اچڻ سان چوندا “مونجهه” ڇڏي نٿو. منهنجي خيال ۾ هر ٻي عورت کي “مونجهه” آهي، جنهن جا جسماني سبب آهن ته ذهني به. بلڊ پريشر ڪِرڻ ڪري هنن کي مونجهه محسوس ٿئي ٿو. پر مونجهه جو وڏو سبب فڪر ۽ پريشانيون آهن. پوءِ مردن کي واپار ۽ پئسي ڪمائڻ جو فڪر آهي ته عورتن کي پنهنجن مردن جو جيڪي ڌنڌي ۾ مشغول هجڻ ڪري پنهنجين جوين ڏي ڌيان گهٽ ٿا ڌرين يا آفيس ۽ دڪانن تي رکيل ٺاهوڪين سيڪريٽرين ۽ سيلز گرلز ۾ وڌيڪ دلچسپي ٿا رکن. سنڌي عورتون مونجهه سان گڏ ’سهڪي‘ جي به شڪايت ڪن ٿيون. “ڊاڪٽر صاحب ڇا ڪريون مونجهه ۽ سهڪو ڇڏي نٿو.” سهڪو دراصل Dyspnoea آهي.
    سنڌين ۾ هاءِ بلڊ پريشر ۽ ڊائبٽيز تمام عام بيماريون آهن، جن جو ڪچيءَ ۾ نه علاج ڪرائين ٿا ۽ نه احتياط ڪن ٿا. پوءِ کين دل جون بيماريون ٿيو پون. پوءِ ائنجيو پلاسٽي يا باءِ پاس سرجري ڪرائي ساڳيون گوريون ڦڪيندا رهندا، پر پهرين ڌيان نه ڌريندا. مٿين سببن ڪري ڪيترن ممبئي ۽ الهاس نگر پاسي رهندڙ سنڌين جا گُردا (Kidney) (بُڪيون) خراب رهن ٿا. الهاس نگر ۾ ڪجهه غربت هجڻ ڪري اتي جا سنڌي سستي قسم جا سگريٽ ۽ ٻيڙيون ڇڪين ٿا، جنهن ڪري اتي کان ايندڙ مريضن ۾ ڦڦڙن جون بيماريون آهن.
    بقول ڊاڪٽر او.پي. ڪپور جي هڪ ٻي بيماري جيڪا انڊيا جي سنڌين ۾ عام آهي، جنهن جي گهڻي شڪايت عورتون ڪن ٿيون، اها آهي: “ڊاڪٽر صاحب اوڳرائي ٿي پئي آهي.” يا “ڊاڪٽر صاحب پيٽ صاف ڪونه ٿو اچي.” يعني قبضي جي ڪري هنن جو آنڊو مڪمل صاف نٿو ٿئي. مڪمل Evacuation نٿي ٿئي. Belching يعني ذري ذري هنگڻ دراصل بيماري ناهي پر هڪ عادت آهي، جيڪا هن ڪميونٽي ۾ ننڍي هوندي کان پئجيو وڃي جيڪا گهڻو کائڻ ڪري ٿئي ٿي.
    ڊاڪٽر ڪپور ٻڌايو ته هن جي تجربي مطابق دنيا ۾ بيلچنگ ۽ Aerophagy جا واقعا سڀ کان گهڻا سنڌين ۾ آهن. ان کان علاوه هنن کي قبضي ۽ پيٽ خراب رهڻ ڪري هر وقت زبان تي هئڊو تهه چڙهيل رهي ٿو. انڊيا جي ٻين ڪميونٽين جي مقابلي ۾ سنڌين جي عورتن ۾ Leucorrhoea جون علامتون گهڻيون نظر اچن ٿيون ۽ گهڻي شراب پيئڻ، گهڻين پريشانين، ذيابيطس ۽ ٽينشن ڪري مردن ۾ Sexual ڪمزوري رهي ٿي. هتي اهو به لکندو هلان ته ڊاڪٽر ڪپور(Dr O.P.Kapoor) دنيا جي هڪ اهم شخصيت آهي. توهان جو ممبئي وڃڻ ٿئي ته اميتاڀ بچن يا ايشوريا راءِ سان به پوءِ ملجو، پر پهرين ڊاڪٽر ڪپور سان ملجو. 77 سالن جو ڊاڪٽر ڪپور گذريل 54 سالن کان نه فقط ميڊيڪل جي اسٽوڊنٽس کي پر ڊاڪٽرن کي به ليڪچر ڏئي رهيو آهي. مون به کيس ممبئي جي برلا مٿوشري هال ۾ ليڪچر ڏيندي ڏٺو.
    ڊاڪٽر ڪپور جا مختلف رسالن ۾ 600 کان وڌيڪ ميڊيڪل تي مضمون ڇپجي چڪا آهن. هو 12 ڪتابن جو مصنف آهي، جن ۾ مشهور “Guide for General Practitioners” جا ست واليوم آهن. پاڻ سعودي عرب ۾ به نوڪري ڪئي اٿس ۽ سندس عربن جي بيمارين بابت هڪ ڪتاب Common Chronic Disease Pattern Saudi Arabia نه فقط سعودي عرب جي ميڊيڪل اسٽوڊنٽس لاءِ ڪمپلسري ڪيو ويو آهي پر انهن ٻاهرين ملڪن جي ڊاڪٽرن لاءِ پڻ پڙهڻ ضروري آهي جيڪي سعودي عرب ۾ نوڪري ڪن ٿا.
    ڊاڪٽر ڪپور 1986ع ۾ ممبئي جي گرانٽ ميڊيڪل ڪاليج مان رٽائرمينٽ حاصل ڪئي، ان بعد هو شوقيه بنا اجوري جي انڊيا جي هڪ هڪ شهر ۾ ڪشمير کان ڪيرالا تائين ۽ ڪڇ کان اوريسيا تائين ميڊيڪل شاگردن ۽ ڊاڪٽرن کي ليڪچر ڏيندو رهي ٿو. سندس ان خير جي ڪم ڪري برٽش ميڊيڪل جرنل وارن سندس نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊس ۾ ڏيڻ لاءِ Suggest ڪيو آهي.


    هاٿيءَ کي هندوستان نه گهماءِ...

    اڃان ڪراچيءَ ۾ ئي هوس، ته ممبئي مان ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ فون ڪري مون کي چيو، ته انڊيا اچين ته پنهنجي پاسپورٽ، ويزا ۽ ٻين ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون ٺهرائي اچجو جو موبائيل فون جي سِم وٺڻ توڙي هوٽل ۾ ڪمرو وٺڻ مهل، انهن ڪاغذن جي فوٽو ڪاپي ڏيڻي پوي ٿي. ڊاڪٽر ٻلديو بلڪل صحيح ڳالهه ڪئي. اڄ ڪلهه دنيا جي هر ملڪ ۾ سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ هر پنهنجي پرائي جي چڱي طرح کوج لڳائي وڃي ٿي. بهرحال ڌارين ملڪن ۾ پهچي پوءِ فوٽو اسٽيٽ وارن جا دڪان پيا ڳولجن، ان کان بهتر آهي ته پنهنجي ملڪ مان نه رڳو مسافري ۽ شناخت سان تعلق رکندڙ ڪاغذن جون ٽي چار فوٽو ڪاپيون کڻي نڪرجن، پر ڏهاڪو کن پنهنجا پاسپورٽ سائيز فوٽو به پاڻ سان گڏ رکجن. اهو انهن ماڻهن لاءِ به ضروري آهي جيڪي حج يا عمري لاءِ سعودي عرب وڃن ٿا. يا زيارتين لاءِ ايران، عراق ۽ شام وڃن ٿا.
    آئون پوني ۾ هفتو کن گذاري ممبئي آيس، ته پنهنجي ميزبان ڊاڪٽر ٻلديو کي ممبئي يونيورسٽي جي گيسٽ هائوس WRIC ۾ انتظار ڪندو ڏٺم. هن منهنجي لاءِ ڪمرو اڳئين بڪ ڪري ڇڏيو هو، فقط گيسٽ هائوس جي رجسٽر تي مون کي صحيح ڪرڻي هئي. ان سان گڏ گيسٽ هائوس جي مراٺي ڪلارڪ مون کان پاسپورٽ جي فوٽو ڪاپي پڻ گهري.
    “اچي هيءَ پاسپورٽ جي ڪاپي،” مون هن کي پاسپورٽ جي ڪاپي ڏئي، ويزا ۽ پوليس رپورٽ جي فوٽو ڪاپي وڌائي چيو ٿي ته “۽ هي آهي ويزا جي ڪاپي ۽...” ڊاڪٽر ٻلديو منهنجي هٿ کي انهن ڪاغذن سميت پٺيان ڪندي سنڌيءَ ۾ چيو “هاٿيءَ کي سڄو هندستان گهمائڻ جي ضرورت ناهي.” آئون وائڙن وانگر ٻلديو جو منهن ڏسڻ لڳس. ٻلديو اهو سوچي ته مون شايد نه ٻڌو، ساڳيو جملو وري ورجايو. دراصل مون اها چوڻي يا پهاڪو هن کان اڳ نه ٻڌو هو. يعني هاٿيءَ کي هندوستان گهمائڻ وارو. پڪ اٿم ته منهنجي ڪيترن پڙهندڙن لاءِ به اها چوڻي نئين هجي. ٻلديو سمجهي ويو ته مون سندس ڳالهه نه سمجهي سو مون کي صاف لفظن ۾ چيو “سائين ڪاغذ فقط اهي ڏيو جيڪي گهُريا وڃن. فالتو ڪڏهن به نه ڏجن.”
    ٻلديو جي اها ڳالهه مون کي ڏاڍي وڻي ۽ اڄ هي سفرنامو لکڻ مهل پنهنجي پڙهندڙن لاءِ به لکي رهيو آهيان ته هو به ان تي عمل ڪن. اها ئي ڳالهه پنهنجي آمريڪا واري سفرنامي “نيو هالا کان نيويارڪ” يا شايد “بخشو لغاري کان بالٽيمور” ۾ به لکي اٿم، ته ايئرپورٽ تي يا شهر ۾ گهمندي ڪو انٽيليجنس جو سوال ڪري ته ان جو ئي جواب ڏجي، فالتو ڳالهيون نه ڪجن.
    ٻلديو جي اها هاٿيءَ واري چوڻي به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي. هڪ ڳالهه مون ڏٺي آهي ته سنڌي هندن جون ڪي ڪي ڳالهيون، بلڪه ڪيتريون ئي ڳالهيون عقل واريون ۽ تجربي واريون ٿين ٿيون. پاڪستان ۾ ته منهنجو گهڻين سنڌي فئملين سان واسطو نه رهيو آهي، پر ملائيشيا، سنگاپور، هانگ ڪانگ توڙي ممباسا، ڪولمبو ۽ ٽرنيڊاڊ جهڙن ٻيٽن تي ڪيترن ئي هندو سنڌي فئملين سان واسطو رهيو، هنن جو ڳالهه ڳالهه ۾ پهاڪو يا ڪا چوڻي ٻڌائڻ هڪ عام ڳالهه آهي. ممبئي ۽ پوني دوران مختلف سنڌين کان ٻڌل پهاڪا جيڪي نوٽ ڪري سگهيس، اهي هتي لکي رهيو آهيان.
    • جن جو هِتي کپ تن جو هُتي به کپ.
    • عقل کائي غم.
    • چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.
    • ڏٺو سڀ وسار اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.
    مٿيون چوڻيون سنڌي دڪاندارن کان ئي ٻڌم. سنڌين کي بزنيس ۽ پئسي ڪمائڻ جي وڏي تات رهي ٿي ۽ هنن کان اڪثر اهو ٻڌم ته “ناڻي بنا نر ويڳاڻو”، پر اهو به آهي ته هنن کي اهو احساس آهي ته گهڻو پئسو سک ۽ سڪون جو ضامن به نه آهي. ائين ناهي ته دولت اچڻ سان آٽوميٽيڪلي خوشي اچيو وڃي بلڪه ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو، ته دولت ڏکن جو سبب بڻجي ٿي. تڏهن ته هو اها به چوڻي ورجائين ٿا ته:
    “اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.”
    هنن کي اهو به احساس آهي ته فڪر ۽ غم صحت کي نقصان رسائي ٿو، تڏهن ته هو ان بابت ڳالهه ڪندي چون ٿا ته:
    “خوشي جهڙي خوراڪ ڪونهي، ڳڻتيءَ جهڙو مرض ناهي.” هتي جي سنڌين جو اهو اعتقاد آهي، ته توهان کي جيڪي ڪرڻ کپي اهو جلد ڪجي، جنهن لاءِ هنن وٽ ريڊي ميڊ چوڻي آهي: “ترت دان، مَها ڪلياڻ.” ۽ “ترت ڪم، مها پنيا” معنيٰ جيڪڏهن توهان پنهنجي ڊيوٽي جلد نڀائيندؤ ته اهو نيڪي جو ڪم ثابت ٿيندو.
    ڪنهن کي ڳالهه مان ڳالهڙو ٺاهيندي ٻڌندا ته چوندا:
    “جبل کي ٿيا سور، ڄائي ڪوئي،”
    يا ڪو پاڻ بابت اجائي لٻاڙ سٻاڙ هڻندو ٻڌندا، ته ان کي ٽوڪڻ لاءِ چوندا.
    “لڀي لٺ به نه، بابو بندوقن وارو.”
    سنڌين کي Dowry (ڏيج) ۽ ڌيئن جي شاديءَ جو وڏو فڪر رهي ٿو. هو هڪ طرف مڙس ان کي سمجهن ٿا، جيڪو ڏنگو ماڻهو آهي. چوندا “مڙس ته ڦڏو نه ته جڏو.” ۽ ساڳي وقت هو ناٺي لاءِ اهو به چون ٿا ته:
    “ناٺي ڏنگي ڪاٺي.”
    ۽ ڌيئن جي پورت ڪرڻ ۽ ناٺيءَ کي خوش ڪرڻ لاءِ هو هر ممڪن ڪوشش ڪن ٿا. هو ڌيءَ جو گهر ٺاهڻ لاءِ محنت مزدوري ڪن ٿا. چوڻي آهي ته:
    “ابو گسي ڌيءَ وسي.”
    پر وري اهو به آهي ته سنڌي ماڻهوءَ کي احساس آهي، ته هن کي ڏکئي وقت ۾ پٽ کان وڌيڪ ڌيءَ ڪم اچي ٿي. ان ڪري ممبئي جي سنڌين واتان اها چوڻي به ٻڌم ته:
    “پٽ ٿئي مال ڀائي، ڌيءَ ٿئي حال ڀائي.”
    هندو ماڻهوءَ جو گهڻو ڪم وياج تي هلي ٿو، ان ڪري هنن واتان اهو ٻڌڻ ته “مور کان وياج مٺو” ڪا نرالي ڳالهه ناهي. وياج بابت ڪجهه ٻيون چوڻيون نوٽ ڪيون اٿم، جيڪي ٿي سگهي ٿو توهان لاءِ به نيون هجن:
    • وياج رات جو به پنڌ ڪري ٿو.
    • وياج آهي سُورتي گهوڙو.
    (يعني وياج Racing Horse آهي جيڪو تکو اڳتي وڌي ٿو). سنڌي ماڻهو جيڪو سڄو ڏينهن ڌنڌي پٺيان پريشان رهي ٿو، اهو اِهو ئي چاهي ٿو ته گهر ۾ سڪون هجي. هو گهر جي ڪروڌ کي خطرناڪ سمجهي ٿو، جنهن ڪري چوڻي عام ٿي ته:
    “گهر جي گهوپي، مٽن جو پاڻي سڪايو ڇڏي.” ۽ ڪنهن بيزار سس کان سندس ننهن بابت اهو ئي ٻڌڻ ۾ آيو ته:
    “شيدي سِڪي ويا سونهن کان، آئون سِڪي ويس سياڻي ننهن کان.”
    هر ڪا سس پنهنجي پٽ لاءِ سهڻي کان سهڻي زال آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. شادي کان پوءِ اها سهڻي جڏهن مٿس ڏمرجي ٿي، ته پوءِ ننهن لاءِ اهوئي چوندي ته:
    “صورت کان سيرت ڀلي.”
    يا وري چوندي: “اهڙا سهڻا ٽوهه ته جنگل ۾ به آهن.”
    سنڌي ان ۾ به يقين رکن ٿا، ته بيوقوف جي تعريف کان عقلمند جي تنقيد ڀلي آهي تڏهن ته هيءَ چوڻي عام آهي ته:
    مورک جي خوشامد کان، سياڻي جي ٽوڪ ڀلي.


    پڙدي ۽ موبائيل فون جي استعمال کان منع

    پوني ۾، ان بعد ممبئي ۾ پهتس ته ٻنهي شهرن جي ڪيترن ئي سنڌين، خاص ڪري وڏي عمر جي مردن توڙي عورتن پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو ته هو پنهنجي اباڻي وطن سنڌ جي انهن شهرن کي ڏسڻ چاهين ٿا، جتي هنن جنم ورتو يا سيوهڻ، اڏيرولعل، ٽنڊوجهانيان جهڙا شهر گهمڻ چاهين ٿا، جتي هنن جا پير مرشد يا ولي بزرگ آهن.
    “هاڻ ته انڊيا ۽ پاڪستان ۾ اچ وڃ جي اجازت ٿي وئي آهي، توهان ڇو نٿا گهمڻ لاءِ اچو؟” منهنجي ان پڇڻ تي مون کي پڻ ان وقت ڄاڻ ٿي، ته اسان جا ملڪ هڪ ٻئي سان دوستي وڌائڻ جي ناتي هڪ ٻئي جي ملڪ جي ماڻهن جي آڌرڀاءُ ۽ ويزا ڏيڻ جا بيان ته ڏيندا رهن ٿا پر اهو ڪم ايڏو آسان به نه آهي جيئن اسان دبئي، سعودي عرب ۽ ايران هليا وڃون ٿا. يا ٿائلينڊ، سنگاپور ۽ ملائيشيا گهمڻ لاءِ هليا وڃون ٿا. مون جهڙن ڪجهه ماڻهن کي آفيشلي يا سيمي آفيشلي ته جهٽ پٽ هفتي ڏيڍ ۾ ويزا ملي وڃي ٿي، پر هڪ عام ماڻهو لاءِ انڊيا يا پاڪستان جهڙو ڌاريون ملڪ گهمڻ اڃان اهڙو به سولو نه ٿيو آهي. هڪ پاڪستانيءَ کي انڊيا گهمڻ لاءِ يا انڊين کي پاڪستان گهمڻ لاءِ ويزا لاءِ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ ٽي چار مهينا انتظار ڪرڻو پوي ٿو ۽ پوءِ به اها ان کي تڏهن ملي ٿي، جڏهن هنن لاءِ ڪو ذمو کڻي يعني اسپانسر ڪري. ائين ناهي ته ٽريول ايجنٽ کان ٽڪيٽ وٺڻ سان هو توهان کي پاسپورٽ تي ويزا جو ٺپو به هڻائي ڏيندو. بهرحال وڏي گهل بعد ويزا ملڻ تي به هن کي شڪ سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ هن کي هر شهر ۾ پوليس رپورٽنگ جهڙي کٽراڳ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، پوءِ اهو چاهي ميرپورخاص جو ڪو سنڌي هندو هجي، سکر جو ڪو بوهري يا ڪراچي جو ڪو اسماعيلي هجي، ۽ اهو ئي حال دهلي، لکنؤ يا ممبئي کان پاڪستان ايندڙ ٽوئرسٽ سان ٿئي ٿو. ان معاملي ۾ اهي پاڪستاني ۽ انڊين فائدي ۾ آهن، جن کي آمريڪا، انگلينڊ، آسٽريليا يا ڪنهن ٻئي ڌارئين ملڪ جو پاسپورٽ آهي.
    منهنجي انڊيا وڃڻ کان ٻه ٽي هفتا اڳ، ويهارو کن سنڌي هندو سنڌ گهمڻ آيا هئا جيڪي هينئر انڊيا ۾ نه پر دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهن ٿا ۽ هنن کي انهن ملڪن جو پاسپورٽ آهي. هو ڀٽ شاهه به آيا جتي شاهه لطيف جي درگاهه تي پيرڀريائون. هن گروپ جي ليڊر مسٽر شيام گيانچنداڻي، هن جي ننهن سنيتا ۽ پٽ ديپڪ ڀٽ شاهه جي مزار لاءِ ڪئش جي صورت ۾ نذرانو پيش ڪيو ۽ فقيرن کان پاڻ لاءِ دعا ڪرايائون. شيام 1933ع ۾ نواب شاهه ۾ ڄائو هو ۽ هاڻ آمريڪا ۾ رهي ٿو. ڀٽ شاهه بعد هو نواب شاهه روانو ٿيو، جتي جي موهني بازار ۾ هن پنهنجي وڏن جي گهر جو ديدار ڪيو ۽ تبرڪ طور اتان جي مِٽي پاڻ سان کنئي. جيتوڻيڪ هن نوابشاهه 62 سال کن اڳ ڇڏي هئي، ته به هن کي پنهنجو حجام جو دڪان ياد هو.
    26 ميمبرن جو هي ڊيليگيشن ان بعد سکر ۾ “مسجد منزل گاهه” ڏسڻ لاءِ پهتو. ڪشن نانواڻي جنهن 1932ع ۾ سيوهڻ ۾ جنم ورتو هو، ان سيوهڻ پهچي روئي ڏنو. هن چيو ته هن جي ڏينهن ۾ قلندر شهباز جي مزار ننڍي ۽ سادي هوندي هئي ۽ سندس فئملي کي اها عزت بخشيل هئي، ته هو قلندر جي روايتي مهندي پهچائين.
    ان ٽولي ۾ ارجن هنگوراڻي به هو، جيڪو سنڌي فلم ’اباڻا‘ جو ڊائريڪٽر آهي. اها فلم پاڪستان ٿيڻ بعد 1957ع ۾ رليز ٿي هئي. اها فلم سنڌ مان هندن جي لڏپلاڻ بابت آهي. هن فلم جي ڪهاڻي بهاري مساند لکي، جنهن شڪارپور ۾ ٿيٽر هلايو ٿي. بِلوسي راني هن فلم جو ميوزڪ ڊائريڪٽر هو ۽ گانا پروفيسر رام پنجواڻيءَ لکيا هئا. ارجن هنڱوراڻي 1926ع ۾ جيڪب آباد ۾ ڄائو هو ۽ هن ٽولي ۾ سڀ کان پوڙهو مڙس هو.
    هن ڊيليگيشن ۾ موجود راج ڏاسواڻي 1935ع ۾ ڪوئيٽا ۾ ڄائو هو ۽ سندس ڄمڻ بعد ڪوئيٽا ۾ تمام وڏو زلزلو آيو، جنهن ۾ سڄو شهر تباهه ٿي ويو. آل سنڌي ايسوسيئيشن الائنس جي صدر پريم لالواڻي ۽ سندس ڀاءُ جگجيت لالواڻيءَ ڪراچيءَ ۾ پنهنجو گهر پڻ ڏٺو، جيڪو ڪراچي ڪلب وٽ ضيا الدين روڊ تي آهي، جيڪو روڊ انهن ڏينهن ۾ ڪچهري روڊ سڏبو هو. پريم لالواڻي جرنلسٽ آهي ۽ ورهاڱي کان اڳ هو ’سنڌ آبزرور‘ ۽ “ڊيلي گزيٽ‘ وغيره ۾ ڪم ڪندو هو. هن کي اهو فنڪشن به ياد هو، جيڪو هن ان وقت ’ڊيلي ايوننگ‘ اخبار لاءِ ڪور ڪيو هو. هن فنڪشن ۾ لارڊ مائونٽ بئٽن، مسٽر جناح ۽ ٻين “پاڪستان ڊاڪومينٽس” تي صحيحون ڪيون هيون. ان وقت ان اخبار جو ايڊيٽر ڊاڪٽر تارا چند جي لالواڻي هو ۽ ڪراچيءَ جي آدمشماري 6 لک هئي، جيڪا هينئر 130 لک وڃي ٿي آهي.
    هن ٽولي جي هڪ ميمبر مئڊم شيلا جيڪا 74 سالن جي هئي، ان کي حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ پنهنجو آڳاٽو گهر ساڳي نالي “وشن نِواس” سان ملي ويو. جنهن کي ڏسي هوءَ بيحد خوش ٿي. اهو اڄ به سٺي حالت ۾ نظر اچي رهيو هو. هن ميلواڻي فئملين جا گهر، ڪندن مل گرلس ڪاليج، آڏواڻي لين ۽ اڪال پنگا لين جيڪي پڻ ساڳي حالت ۽ نالن سان هئا، پڻ ڏٺو.
    اڏيرولال پهچي هنن مسجد، مندر ۽ ريهتڪي دربار ڏٺي. ڊاڪٽر سريچند ۽ ڊاڪٽر شاهاڻي جن جو حيدرآباد جي هندو پئنچائت سان واسطو رهيو، اهي تمام گهڻو خوش ٿيا. هن گروپ ۾ هنسراج ڀوڄواڻي به هو. هنسراج آمريڪا (USA) جي رياست فلوريڊا جي شهر ميامي بيچ ۾ رهي ٿو ۽ سندس واسطو سيٺ نائومل سان آهي. هو هن جي تيرهين پيڙهيءَ ۾ آهي. هنسراج 1939ع ۾ ڪراچيءَ ۾ جنهن گهر ۾ ڄائو، اهو هنڌ هلي ڏٺو. گروپ جي ميمبرن ٻڌايو، ته جڏهن هو ٽلٽي وٽان لنگهيو ته اتي هنن کي’دوري ديرو‘ به نظر آيو جيڪا سيٺ نائونمل جي جاگير هئي. هو سمتائيان ۾ ڄائو هو. هن جي پيءُ جي وقت جي حاڪمن ’ميرن” سان ڇڪتاڻ ٿي پئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن ايسٽ انڊيا ڪمپني (انگريز حاڪمن) سان تعلق پيدا ڪيو ۽ کين سنڌ تي حملو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، جيئن هو ميرن کان بدلو وٺي سگهي. جڳجيت لالواڻيءَ چيو ته ڪيڏي ڏک جي ڳالهه آهي، جو ذاتي مسئلي ڪري سڄي سنڌ کي سزا ڏني وئي.
    مختلف ولايتن کان آيل هنن سنڌين رڪ اسٽيشن به ڏٺي، جتي ڪنور ڀڳت شهيد ڪيو ويو هو. مئڊم لِيلا وتي جنهن نون سالن جي ڄمار ۾ پنهنجو وطن شڪارپور ڇڏيو، انکي شڪارپور جون هن وقت به ڪجهه ڳالهيون ياد هيون. هن گروپ جي هڪ ميمبر ڀاڳو آهوجا ٻڌايو ته هن جو اصل ڳوٺ ٺارو شاهه (ضلع نوشهرو فيروز) آهي پر هو گذريل 40 سالن کان آمريڪا ۾ رهي ٿو.
    ممبئي ۾ رهائش دوران هتي جي اخبارن جي ڪجهه خبرن سنڌي هجڻ جي ناتي منهنجو ڌيان ڇڪرايو:
    • ڀوپال ۾ رهندڙ هڪ 21 سالن جي پريانڪا واڌواڻي نالي هڪ سنڌي ڇوڪري 22 سالن جي مسلمان ڇوڪري محمد عمر سان گذريل هفتي ڀڄي وئي ۽ ممبئي وڃي پيار جو پرڻو ڪيو. عمر اسلام ڇڏي هندو ٿيو آهي ۽ پنهنجو نالو اميش رکرايو اٿس.
    ڇوڪريءَ جي والدين توڙي ڀوپال جي سنڌي ڪميونٽيءَ کي هڪ سنڌي هندو ڇوڪريءَ جو ٻئي مذهب جي ڇوڪري سان شادي ڪرڻ قبول نه آهي. ڇوڪريءَ جي والدين ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آهي، ته ڇوڪرو هنن جي ڌيءَ کي اغوا ڪري ويو آهي ۽ ڪجهه هندو تنظيمن شهر ۾ مظاهرو ڪيو آهي ته ڇوڪري کي جهلي سوگهو ڪيو وڃي ۽ ڇوڪِري ماءُ پيءُ حوالي ڪئي وڃي.
    پوليس جي پڪڙ ڌڪڙ کان بچڻ لاءِ هي جوڙو هتي جي ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ پهچي ويو آهي جنهن هن شاديءَ کي صحيح قرار ڏنو آهي ۽ ڀوپال جي انتظاميا کي آرڊر جاري ڪيا آهن ته هن جوڙي جي زندگيءَ جي هر خيال کان حفاظت ڪئي وڃي.
    ڪورٽ طرفان اهو فيصلو ٻڌي ڪيترين ئي هندو جماعتن جا ليڊر مڌيا پرديش جي گورنر بلرام جاکر وٽ پهچي ويا آهن ته غير مذهب ۾ شادين جي رواج خلاف قانون ٺاهيو وڃي. “هڪ 18 سالن جي ڇوڪِري کڻي بالغ سمجهي وڃي، پر هن ۾ ايترو عقل نٿو ٿئي ته هوءَ پنهنجي زندگي بابت فيصلو ڪري سگهي ته ان قسم جي شادي هن لاءِ ڪامياب ثابت ٿيندي يا نه.” هندو ڪنيا رکشا سامتي جي هڪ ميمبر اتم چند ايسراڻيءَ گورنر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڀوپال جي سنڌي هندو پئنچات هن جوڙي کي پنهنجي ڪميونٽيءَ مان خارج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ سنڌي ڇوڪرين جي والدين لاءِ هڪ اخلاقي رهنمائي تيار ڪئي آهي.
    *
    ٻئي ڏينهن جي اخبار ۾، مٿين خبر سان واسطو رکندڙ هڪ ٻي خبر:
    رائيپور: ڇتيس ڳڙهه سنڌي پئنچائت (CSP) چيو آهي ته هتي جي ڪميونٽي جون ڇوڪريون تعليم يافته ۽ ذهني طور بالغ آهن جن کي اڄ جي ماڊرن ٽيڪنالاجي جي فائدن جي چڱي طرح پروڙ آهي. ان ڪري هنن کي موبائيل فون استعمال ڪرڻ کان نه روڪيو وڃي.
    ياد رهي ته ڀوپال جي سنڌي ڪميونٽيءَ ٻين ڳالهين سان گڏ سنڌي ڇوڪرين کي موبائيل فون رکڻ ۽ گاڏي هلائڻ کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن قاعدن قانونن جي اها لسٽ ڇوڪرين جي ڀڄي وڃڻ ۽غير مذهب جي ڇوڪرن سان پيار جو پرڻو ڪرڻ جي ڊپ کان ٺاهي آهي. هو پردي جي به خلاف آهن ڇو جو ڪيتريون ڇوڪريون پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ منهن ڍڪي هلن ٿيون.
    “ڀوپال ۾ ڪيتريون ئي ڇوڪريون نه فقط ڏينهن جو پر رات جو به منهن ڍڪي هلن ٿيون. هاڻ کانئن ڪو پڇي، ته رات جي وقت ڪهڙو سج آهي جنهن جي اس کان توهان پنهنجي چهري جي حفاظت ڪريو ٿيون؟ اهو فقط بهانو آهي. حقيقت اها آهي ته هو پنهنجن بواءِ فرينڊس سان گڏ گهمڻ خاطر پنهنجو منهن ڍڪي هلن ٿيون. جيئن کين ڪو سڃاڻي نه سگهي.” سنڌي ڪميونٽي ليڊر ۽ سابق ڀارتيا جنتا پارٽي (BJP) جي سابق ضلعي صدر ڀڳوانداس سبناڻيءَ هن اخبار جي نمائندي کي ٻڌايو.


    بمبئي جي هر عمارت ڪنهن جي ياد ڏياري ٿي...

    ممبئي يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾ هڪ ٽيبل تي جيڪي ڌارين ملڪن جا شاگرد ويٺا هئا، تن ۾ هڪ روسي رياست جارجيا جو به هو، جنهن سان پروفيسر ڊاڪٽر منوهر جي اڳواٽ سڃاڻپ هئي، جو جيئن اسان ڪئنٽين ۾ داخل ٿياسين ته هن اٿي بيهي منوهر کي کيڪاريو.
    “سڃاڻين ٿو ڪير ٿي سگهي ٿو؟” منوهر مون کان سنڌيءَ ۾ پڇيو.
    سندس قدآور جسم ۽ گوري ڳاڙهي رنگت ڏسي چيومانس ته پٺاڻ يا افغاني ٿو لڳي.
    “نه جارجين آهي،” منوهر هن کي مون سان ملائيندي چيو، “آئون سندس ڳوٺائيءَ ڪري سندس عزت ڪندو آهيان، جنهن جا ڪتاب پڙهي اسان وڏا ٿيا آهيون.”
    آئون يڪدم سمجهي ويس ته منوهر جو اشارو مرزا قليچ بيگ ڏي آهي. سنڌ جي نوجوان شاعر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي باس نصير مرزا توڙي DIG پوليس نجف مرزا ۽ اسان واري پيٽارين ۽ آصف زرداري جي ڪلاس ميٽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي آئون اڪثر نالي وٺڻ بنا جارجين سڏيندو آهيان.
    “هن شاگرد کي ٻڌايو اٿئي ته سندس جارجين هم وطن مرزا قليچ بيگ هن ممبئي يونيورسٽي ۾ فارسي جو پروفيسر به رهي چڪو آهي.” مون ڊاڪٽر منوهر کان پڇيو.
    “ها ۽ سندس ڪتاب جيڪي ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل نهرو لائبريريءَ ۾ رکيل آهن، اهي پڻ ڏيکاريا اٿمانس.” ڊاڪٽر منوهر ٻڌايو.
    شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ هڪ وڏو اسڪالر ۽ سرڪاري ڪامورو ٿي گذريو آهي. جنهن سنڌي ادب کي ڪيترائي ڪتاب ڏنا. هن جا وڏا جارجيا کان لڏي ايران اچي رهيا. جتان مرزا قليچ بيگ جو پي مرزا فريدون بيگ ميرن جي حڪومت ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ڏيٺ ويٺ ڪري هن جا مير ڪرم علي ٽالپر سان سٺا تعلقات ٿي ويا ۽ هن کي پڪي قلعي ۾ رهڻ جو شرف بخشيو ويو.
    1843ع ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي ۽ مير حاڪمن کي ڪلڪتي ڏياري موڪليو ته فريدون بيگ ڦليلي ڪئنال تي هڪ ننڍڙي مهاڻن جي ڳوٺ ٽنڊو ٺوڙهو ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي، جتي 7 آڪٽوبر 1853ع تي مرزا قليچ بيگ جنم ورتو. مرزا قليچ بيگ ڳوٺ جي مدرسي مان قرآن پڙهيو. هو بيحد هوشيار شاگرد هو ۽ هن کي مختلف زبانون سکڻ جو شوق هو. سنڌي ۽ فارسي ته هونءَ ئي سندس گهر جي زبان ٿي. ان کان علاوه هن عربي به سکي ورتي. پرائمري تعليم بعد هن گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ داخلا ورتي ۽ 1872ع ۾ اعليٰ مارڪن سان هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. ان بعد هن بمبئي جي مشهور ’ايلفنسٽن ڪاليج‘ ۾ اچي داخلا ورتي، جتي هن فارسي جي اعليٰ ڄاڻ ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ 1875ع ڌاري جيئن ئي هن گرئجوئيشن ڪئي ته کيس بمبئي يونيورسٽي ۾ فارسي زبان جو پروفيسر ڪري رکيو ويو. ياد رهي ته انهن ڏينهن ۾ بمبئي يونيورسٽي جو فقط فورٽ وارو ڪئمپس هو.
    مرزا قليچ بيگ بمبئي ۾ گهڻو عرصو نوڪري نه ڪري سگهيو، سندس ماءُ جي وفات بعد هو سنڌ موٽي آيو ۽ سرڪاري نوڪري لاءِ اپلاءِ ڪيو. کيس پهرين شڪارپور ۾ مختيارڪار مقرر ڪيو ويو. سندس بدليون مختلف شهرن ۾ ٿينديون رهيون. ٽيهارو کن سال سرڪاري نوڪري ڪرڻ بعد ڊپٽي ڪليڪٽر جي پوسٽ تان رٽائرڊ ٿيو. کيس سڄي عمر لکڻ پڙهڻ جو شوق رهيو ۽ نه فقط پنهنجا پر انگريزي ادب جا به ڪيترائي ڪتاب هن سنڌي ۾ ترجمو ڪيا. سندس ڪجهه ڪتابن تي ڊراما ۽ فلمون به ٺهي چڪيون آهن.
    مرزا قليچ بيگ کي ڇهه ڀائر ۽ ٻه ڀيڻون زيب النساءِ ۽ شرف النساءِ هيون. زيب النساءِ کي اولاد نه ٿيو. اسان وارو ريڊيو پاڪستان سان واسطو رکندڙ سنڌي شاعر ۽ ٽي وي ائنڪر نصير مرزا شرف النساءِ جو پوٽو آهي. مرزا قليچ بيگ جي ڀائرن ۾ وڏو مرزا غلام رضا بيگ هو، ان بعد صادق قلي بيگ ۽ پوءِ ٽي نمبر تي مرزا قليچ بيگ آهي. ان بعد چوٿين نمبر تي علي قلي بيگ آهي، جنهن سچل سائين جو پهريون رسالو مرتب ڪيو. علي قلي بيگ جو پوٽو (۽ امداد بيگ جو پٽ) مرزا مقبول بيگ مرچنٽ نيوي ۾ آيو ۽ ڪجهه سال Sail ڪرڻ بعد هن سامونڊي زندگي ڇڏي اچي حيدرآباد ۾ بزنيس ڪيو.
    مرزا قليچ بيگ جي ڀائرن ۾ پنجين نمبر تي حيدر قلي بيگ ۽ ڇهين تي نجف قلي بيگ ۽ ان بعد ڊاڪٽر جعفر قلي بيگ آهي جيڪو پاڪستان جو پهريون ڊاڪٽر آهي جنهن انگلينڊ مان FRCS ڪئي جنهن جي پوٽي شيرين مرزا آهي، جنهن جو Emily نالي يادگيرين جو انگريزي ڪتاب آهي. پاڪستان جي مشهور تعليمدان مئڊم انيتا غلام علي شيرين مرزا جي ڌيءَ آهي. مقبول مرزا کان علاوه هن فئملي جا ٻه ٻيا به مرچنٽ نيوي ۾ رهيا، جن سان مون کي ڪافي سال ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو. هڪ مرزا قليچ بيگ جي وڏي پٽ مرزا نادر بيگ جو پٽ ضامن مرزا جيڪو گهر ۾ ’سني‘ سڏجي ٿو ۽ اسان پڻ هن کي ڪئپٽن سني مرزا سڏيندا هئاسين. ڪجهه سال اڳ هن جي وفات ٿي. ٻيو چيف انجنيئر مرزا اقبال بيگ جيڪو اڄ ڪلهه دبئي جي شپ يارڊ ۾ ڪم ڪري ٿو، مرزا قليچ بيگ جي پٽ مرزا اختيار بيگ جو پٽ آهي. مرزا قليچ بيگ کي 18 پٽ ۽ 3 ڌيئون ٿيون. سندن اولاد مان ڪيتريون اهم شخصيتون آهن، جن کان سڄي سنڌ واقف آهي. جيئن ته مرزا اعجاز بيگ EDO تعليم، نجف قلي مرزا پوليس کاتو، رٽائرڊ جج ظفر مرزا صاحب ۽ سندس پٽ هوم منسٽر ذوالفقار مرزا، فيروزه اسد بيگ عربي ۽ فارسي جي وزيٽنگ پروفيسر جيڪا پاڪستان ۽ ايران جي يونيورسٽين ۾ ليڪچر ڏئي ٿي. ڪراچي يونيورسٽي وارا ڊاڪٽر فائزه مرزا کان ضرور واقف هوندا، جيڪا اتي جي پرشين ڊپارٽمينٽ جي هيڊ آهي ۽ تعليم سان واسطو رکندڙ دلشاد مرزا کي به سڃاڻندا هوندا جو هوءَ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ ۾ ڊائريڪٽر آهي.
    بهرحال توهان جو ممبئي يونيورسٽي فورٽ واري ڪئمپس يا ممبئي جي ايلفنسٽن ڪاليج وٽان گذر ٿئي ته سنڌ جي هن مشهور ليکڪ مرزا قليچ بيگ کي ضرور ياد ڪجو، جنهن سڄي زندگي لکڻ پڙهڻ ۾ گذاري ڇڏي. ممبئي اهڙو ته تاريخي شهر آهي، جنهن جي روڊن رستن تان لنگهندي، جنهن جي آڳاٽن تعليمي درسگاهن ۽ مندر مسجدن وٽان گذرندي اسان کي ڪيتريون ئي دلپسند شخصيتون ياد اچيو وڃن. هڪ اهڙي ئي شخصيت جنهن سان جهاز هلائڻ وارن ڏينهن ۾ ڪولمبو، سنگاپور ۽ هانگ ڪانگ جهڙن شهرن ۾ ملاقات ٿي، جتي هن جو فلمن جي شوٽنگ جي سلسلي ۾ اچڻ ٿيندو هو ۽ هينئر ويجهڙائيءَ ۾ هن کي دبئي ۾ دين جي تبليغ ڪندي ڏٺم ۽ کانئس ڪافي ڪجهه پرايو اٿم، اهو شخص انڊين فلمن جي ڄاتل سڃاتل شخصيت قادر خان آهي، جنهن کي ٻه ڏينهن اڳ ممبئي جي بائڪلا (Byculla) علائقي جي شيفرڊ روڊ تي ٺهيل سابو صديق (M.H.Saboo Siddik) انجنيئرنگ ڪاليج اڳيان لنگهندي ڏاڍو ياد ڪيم. پنهنجي ميزبان جئه موتياڻيءَ کي چيم، ته هن ڪاليج اڳيان منهنجا ٻه چار فوٽو ڪڍي ته دبئي وڃي پاڻ يا ڊاڪٽر قادر سرڪيءَ کي موڪليان ته قادر خان کي ڏيکاري، جيڪو اڄ ڪلهه دبئي ۾ رهي عربي زبان ۽ اسلام جي تعليم ڏئي رهيو آهي. قادر خان جي عثمانيا يونيورسٽي مان عربي زبان ۾ ماسٽرس جي ڊگري ڪيل آهي ۽ بائڪلا جي M.H. Saboo Siddiq انجنيئرنگ ڪاليج ۾ 1970ع کان 1975ع تائين هن پڙهايو آهي. قادر خان فلمي دنيا ۾ ائڪٽر، ڪاميڊين، اسڪرپٽ رائيٽر، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر مشهور آهي. هن 250 کان مٿي فلمن ۾ ائڪٽنگ ڪئي آهي سندس گووندا سان گڏ ائڪٽنگ واريون فلمون تمام گهڻيون مشهور آهن. جيئن ته: آنکھین، اکھیوں سے گولی مارے، چلو عشق لڑائیں، ہیرو نمبر ون، واہ تیرا کیا کہنا، کہلم کھلا پیار کریں، قرض چکانا ہے زخموں کا حساب، وغيره.
    قادر خان 1937ع ۾ پشين نالي شهر ۾ ڄائو جيڪو هينئر پاڪستان ۾ آهي ۽ بمبئي جي بدنام پاڙي ڪما ٿِيپورا ۾ وڏو ٿيو. قادر خان فلمي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ بائڪلا جي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرار هو. ڪاليج جي سالياني فنڪشن جي هڪ ڊرامي ۾ هن اداڪاري ڪئي. اتفاق سان هِن فنڪشن ۾ دليپ ڪمار به مهمان طور آيل هو. هن کي قادر خان جي ائڪٽنگ اهڙي ته وڻي وئي، جو هن پنهنجي ايندڙ فلم ۾ کيس پارٽ ڏنو. قادر خان ٽوٽل 300 کن فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي ۽ هڪ هزار کان مٿي فلمن جا ڊائيلاگ لکيا آهن. هن گووندا کانسواءِ شڪتي ڪپور ۽ جاني ليور جهڙن ڪاميڊين سان پڻ ڪم ڪيو آهي.
    قادر خان ويجهڙائي ۾ هنن فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي: مجھ سے شادی کروگی (2004ع) Lucky: No Time for Love, (2006ع) ۽ Family: Ties of Blood ٽيليويزن سيريز”ہنسنا منع ہے” ۾ پڻ اداڪاري ڪئي آهي ۽ ممبئي فلم سٽي اسٽوڊيو وارن جي مزاحيه فلم “انداز اپنا اپنا” پڻ لکي آهي. سندس پٽ سرفراز خان پڻ ڪجهه فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.
    قادر خان هڪ پڪو مسلمان آهي هن 80ع واري ڏهي ۾ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ دوران حيدرآباد دکن (آنڌرا پرديس) جي عثمانيا يونيورسٽيءَ مان عربي زبان ۾ M.A ڪئي. اڄ ڪلهه هو ڪئناڊا ۾ “عرئبڪ لئنگوئيج انسٽيٽيوٽ” کولي رهيو آهي، جنهن کان پوءِ هن جو انڊيا، پاڪستان، انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ ان قسم جو تعليمي ادارو ٺاهڻ جو ارادو آهي.قادر خان کي 1991ع ۾ “باپ نمبری، بیٹا دس نمبری” فلم تي فلم فيئر ايوارڊ ملي چڪو آهي. سندس ڪجهه ٻين فلمن جا نالا آهن: اناڑی نمبر ایک، جوڑو کا غلام، گلیون کا بادشاھ، سندور کی سوگند، سنو سسرجی، جینا صرف میرے لئے بلا نمبر ۷۸۶... وغيره.


    ممبئي ۽ ان جي آسپاس ۾ رهندڙ ڪجهه اهم سنڌي عورتون

    ساڌنا، ببيتا ۽ ڪمود ڇڳاڻي جهڙيون فلمي اداڪارائون، جيڪي اسان جي جواني جي ڏينهن ۾ فلمن جون هيروئنون هونديون هيون. (هاڻ ته هڙئي اسان وانگر نانيون ڏاڏيون ٿي ويون آهن.) ساڌنا 1941ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي، يعني مون کان به 3 سال وڏي آهي. ۽ ستر کي اچي ويجهو ٿي آهي. وقت نه مليو نه ته سوچيو هوم ته ساڻس ملي فوٽو ڪڍرايان. پڙهائيءَ دوران چٽاگانگ ۾ 1963ع ۾ سندس فلم ‘love in Simla’ ڏسي کيس خط لکيو هوم، ته تنهنجو فئن آهيان ۽ هن آٽوگراف سان گڏ پنهنجو پوسٽ ڪارڊ سائيز فوٽو موڪليو هو. هي اهو دور هو جنهن ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي ڇوڪرين ساڌنا کي ڏسي ٽائيٽ فِٽنگ چوڙيدار قميضون پائڻ شروع ڪيون هيون.
    ساڌنا پنهنجي ائڪٽنگ جي شروعات سنڌي فلم ’اباڻا‘ سان ڪئي. ’لو ان شمله‘ بعد ساڌنا ٻين به ڪيترن ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو جهڙوڪ: ہم دونوں، میرے محبوب راجکمار، وقت، وہ کون تھی، میرا سایہ، انیتا وغيره وغيره. 1963ع بعد انڊين فلمون پاڪستان ۾ اچڻ بند ٿي ويون پر جهاز تي هجڻ ڪري اسان ممباسا، بيروت ۽ دبئي ۾ ڏٺيون. دبئي ۾ انهن ڏينهن ۾ سئنيما هال نه هئا، گئراجن ۾ پروجيڪٽر رکي فلم ڏيکاري ويندي هئي، هر ڪو ويهڻ لاءِ پٽ تي سر يا پاٺو رکي فلم ڏسندو هو. ساڌنا پوءِ سگهو ئي فلم ڊائريڪٽر آر. ڪي. نير سان شادي ڪرڻ بعد فلمن ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو.
    مشهور فلم ائڪٽريس ببيتا ساڌنا جي سوٽ آهي ۽ سندن ذات شِوَڏاساڻي آهي. ببيتا جون ڪيتريون ئي فلمون ان وقت جي مشهور هيرو شمي ڪپور، جيتندرا ۽ بسوا جيت سان آهن. ببيتا جي به جيئن ئي راجڪپور جي پٽ رنڌير ڪپور سان شادي ٿي، ته هن فلمي دنيا ڇڏي ڏني پر سندس ڌيئرون ڪرشما ڪپور ۽ ڪرينا ڪپور اڄ ڪلهه ٽاپ جون هيروئنون آهن.
    • شيلا رماني: ديوانند جي شروع وارين فلمن ۾ هيءَ هيروئن ٿي آئي هئي.
    • رينا واڌوا: پاڻ ٽي وي جي مزاحيه سيريز “یہ جو ہے زندگی” کان اداڪاري شروع ڪئي. سندس پيءُ انڊيا ڪئڊ بري ڪمپنيءَ جو چيئرمين آهي ۽ مڙس فائننشل ڪنسلٽنٽ آهي. يعني سندس والدين يا ساهرن واري پاسي کان ڪوبه فلمي دنيا ۾ ناهي هيءَ پاڻ پنهنجي همت سان آئي آهي.
    • اوشا بچاڻي: سندس ٽي وي سيريز ۽ فئشن شو ۾ وڏو نالو آهي.
    • پنڪي هارواڻي: هن 18 سال ڊئنمارڪ ۾ 5 سال کن لنڊن ۽ ٻه سال هانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ۾ رهڻ بعد هاڻ ممبئي ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. پاڻ 1994ع ۾ مِس انڊيا ورلڊ وائيڊ‘ جو لقب ماڻيو هئائين. سندس پيءُ موبائيل فون امپورٽ ايڪسپورٽ ڪرڻ کان علاوه فلمن جو پروڊيوسر به رهي چڪو آهي ۽ ’پيار کا ترانه” سندس فلم آهي.
    • شلپا واسواڻي: مشهور سنڌي غزلن جي ڳائڻي گهنشام واسواڻيءَ جي ڌيءَ آهي. هن جو تيار ڪيل ٽي وي سيريل “اردو ہے جس کا نام”اڄ ڪلهه سومر، جمعي ۽ ڇنڇر ڏينهن ZeeUTV تان اچي ٿو. شلپا انڊين ڪلاسيڪل ميوزڪ ۾ به ٽريننگ ورتي آهي.
    • پريتي جهانگياڻي: ’محبتين‘ فلم واري هن هيروئن بابت سنڌي فلمن واري باب ۾ ڪافي لکي چڪو آهيان.
    • سويتا ڪيشواڻي: مشهور ٽي وي ائڪٽريس آهي. پاڻ Zee Smile ٽي وي چئنل تان هلندڙ شاعري واري شو جي ائنڪر پڻ آهي.
    • سنگيتا بجلاڻي: مس انڊيا ۽ ڪامياب ماڊل رهي چڪي آهي. سندس پهرين فلم جنهن ۾ ڌرميندر سان اداڪاري ڪئي اٿس. ’هٿيار‘آهي جيڪا 1989ع ۾ رليز ٿي هئي. سندس ٻيون فلمون جرم، شورام، تحقيقات وغيره آهن جن ۾ هن ونود کنا، جيتندرا، سني ديول ۽ مِٿن چڪرورتي سان گڏ ڪم ڪيو آهي. سابق انڊين ڪرڪيٽ ڪئپٽن محمد اظهرالدين سان شادي ٿيڻ بعد سنگيتا گهرو زندگي گذاري ٿي.
    • آرتي ڇاٻڙيا: نيوجرسي آمريڪا ۾ سن 2000ع ۾ جيڪا سالياني “مس انڊيا ورلڊ وائيڊ پئجينٽ” ٿي هئي ان ۾ اول نمبر آئي هئي.
    • رينو ڪا ايسراڻي: رينوڪا انڊيا جي ٽي وي تان ڏيکاريل سيريز هم لوگ (150 اپيسوڊ)، مها ڀارت (93 اپيسوڊ)، چنا ڪيا (54 اپيسوڊ) ۾ اداڪاري ڪري چڪي آهي. رينوڪا هڪ ذهين اسٽوڊنٽ ٿي گذري آهي. پاڻ ممبئي جي مهاراني ڪاليج مان گرئجوئيشن ڪيائين ۽ گولڊ ميڊلسٽ آهي.پاڻ “تیری پائل میرے گیت”۽”میرا کے گردار جهڙين فلمن ۾ به ڪم ڪري چڪي آهي.
    • ڪيتوگدواڻي: ممبئي جي فورٽ ڪانوينٽ اسڪول جي گرئجوئيٽ آهي، جتي فرينچ به پڙهائي وڃي ٿي. ڪيتوءَ فرينچ ڊرامن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. ان بعد انگريزي ڊرامن ۾. تنهن کان پوءِ ماڊلنگ جي ڪيترن ئي ڪمن ۾. اڄ ڪلهه هوءَ ٽي وي سيريل “جنون” ۽ “ايئر هوسٽس” ۾ نظر اچي ٿي.
    • پدمڻي ڪپيلا: تعليم ختم ڪرڻ بعد هوءِ سڌو اداڪاريءَ ۾ آئي. سندس پهرين فلم موهن سهگل جي ’انتظار‘ هئي، جيڪا 1973ع ۾ رليز ٿي هئي. جيئن ته سندس پيءُ به ائڪٽر هو. ان ڪري هن کي ان فيلڊ ۾ گهڙڻ جي ڪافي سهولت رسي ۽ وہ میں نہیں، ہیرالال پنالال، ہم سے بڑھ کر کون ۽ گھنگھرو جهڙين فلمن ذريعي هوءَ دنيا ۾ مشهور ٿي وئي.
    • رُچي شرما: ہم تم پہ مرتے ہیں ۽ بیٹی نمبر ایک فلمن کان شروعات ڪيائين. ٻنهي فلمن ۾ هن ڪاميڊين جاني ليور سان گڏ ڪم ڪيو آهي. هن سنڌي فلم ’پاڙيواري‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي. ٽي وي سيريل ۾ هن ہم پانچ، مانو یا نا مانو، کیونکہ ساس بھی کبھی بھوتھی ۽ سنڌي سيريل ’سنڌين جا ميلا‘ ۾ پڻ ڪم ڪيو آهي.
    • ڪنچن مير چنداڻي: ڊانسر، اداڪاره ۽ ٽي وي ائنڪر آهي. پاڻ دبور هيئر آئل، ڪارنيٽو آئس ڪريم، سونورا ٽائلس، فلپس، ممبئي ڊائنگ، ڪوڪ ۽ ٻين ڪيترن اشتهارن (Ads) ۾ اچي چڪي آهي. ان کان علاوه هن ڪيترين ئي ٽي وي سيريل ۾ ڪم ڪيو آهي، جيئن ته:ماں، بہو رانیاں، تنہائیاں، آپ جو بولے ہاتو ہا، وغيره.
    • معصومي ماکيجا: سرڳواسي فلم ميڪر گل آنند (کٽا ميٺا، چشم بدور، جلوا، هيرو هيرا لال) جي ڀاڻيجي آهي. سندس پهرين فلم جرمن زبان ۾ هئي. جيڪا پوءِ Gate of Heaven جي نالي سان انگريزيءَ ۾ ٺاهي وئي. پاڻ ماڊلنگ سان گڏ گڏ ٽي وي سيريز”تھوڑا ہے تھوڑے کی ضرورت ہے” اڄڪلهه پاڻ هڪ فلم “ميان مقبول” ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن ۾ نصيرالدين شاهه، تبو، عرفان خان ۽ سندس ڀيڻ شونا ارواشي پڻ آهي.
    • سُچيتا ڪرپلاڻي: انڊيا جي پهرين عورت چيف منسٽر آهي. سندس بعد ۾ آچاريا J.P ڪرپلاڻي سان شادي ٿي.
    • انجانا سکاڻي: بالي ووڊ جي مشهور فلمي اداڪارا آهي. سندس ننڍپڻ جئپور (راجستان) ۾ گذريو، تعليم لنڊن مان حاصل ڪيائين، هاڻ ممبئي ۾ ماڊلنگ ۽ فلمن ۾ ڪم ڪري ٿي.
    • ڊاڪٽر پورنيما آڏواڻي: سابق چيئرپرسن نئشنل ڪميشن فار وومين، انڊيا.
    • پرتيڀا آڏواڻي: پلَ دو پَل ۽ نيوز ميڪر ۽ ديوتا ٽي وي سيريل جي ائنڪر ٿي رهي. پاڻ زولاجي ۾ گرئجوئيشن ڪئي اٿس. پراتيڀا سنڌي آرٽس ۽ ڪلچر جا ڪيترائي پروگرام آرگنائيز ڪندي رهي ٿي.
    • ڪوشي لالواڻي: سنگر، گيت لکندڙ ۽ فلم پروڊيوسر. پاڻ ويجهڙائيءَ ۾ The Awakening فلم ٺاهي اٿس، جيڪا سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ مشهور آهي.
    • هنسڪا موٽواڻي: مشهور اداڪارا ۽ ڊانسر.
    • سنڌو تولاڻي: ڏکڻ هندستان جي فلم انڊسٽري جي مشهور فلمي ائڪٽريس آهي.
    • روما اسراڻي: هيءَ به ڏکڻ هندستان جي فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا آهي.
    • ڪامنا ڄيٺملاڻي: مشهور ائڪٽريس ۽ ڊانسر.
    • نڪيتا لالواڻي: ڪوٽا (راجستان) جي مشهور انگريزي ليکڪا، جنهن جو گهڻو وقت انگلينڊ ۾ گذري ٿو.
    • ڪويتا ڏاسواڻي: ممبئي جي مشهور انگريزي ليکڪا، جنهن جو گهڻو وقت آمريڪا ۾ گذري ٿو.
    • پريا بدلاڻي: انڊيا جي ٽي وي سيريل جي مشهور ائڪٽريس.
    • راڻي ڄيٺملاڻي: انڊيا جي مشهور وڪيل آهي.
    • وديا ڇاٻڙيا: ممبئي جي امير عورت جنهن جو دبئي ۾ وڏو بزنيس آهي. گهڻي پئسي ۽ بزنيس جي خيال کان سندس ڪيترائي دفعا “Forbes” مئگزين ۾ نالو اچي چڪو آهي.
    • ڊاڪٽر اندرا هندوجا: ممبئي جي سنڌي ڊاڪٽرياڻي جنهن انڊيا جي پهرين ٽيسٽ ٽيوب بيبي ٺاهي.
    • ائمبيڪا هندوجا: ممبئي جي مشهور فلم پروڊيوسر جنهن لنڊن مان فلمن جو ڪورس ڪيو. اڄ ڪلهه هن جي فلم “تين پتي” جو جتي ڪٿي چؤٻول آهي جنهن ۾ اميتاڀ بچن اداڪاري ڪئي آهي. هن انگريزي فلم Being Cyrus پڻ ٺاهي آهي.
    • اندو ساهاني: پهرين سنڌي عورت جيڪا ممبئي جي پوليس شريف (Sheriff)آهي. اندو ممبئي جي H.R ڪاليج جي پرنسپال پڻ آهي.
    • شونالي ناگراڻي: Zoom TV جي مشهور ائنڪر آهي.
    • پونم خوباڻي: سنگر، ائڪٽريس ۽ پروڊيوسر. مشهور هندي فلم Aryan Unbreakable پونم خوباڻي جي آهي.
    • حسينا ڄيٺملاڻي: سابق قانون جي وزير رام ڄيٺملاڻيءَ جي ننهن. پاڻ انٽرنيشنل فئشن ڊيزائينر آهي.
    • سلوني آسواڻي: بالي ووڊ جي مشهور فلم ائڪٽريس آهي. پاڻ ڪيترين ئي هندي فلمن ۾ هيروئن ٿي آهي، جهڙوڪ: دل پرديسی ہوگیا، ساون، راہ گذر،The Love Season وغيره.
    • شينا سپي: هندي جي مشهور فلم شعلي جي ڊائريڪٽر رميش سپي جي ڌيءَ آهي.
    • ڊاڪٽر سندري پارچياڻي: هن Ph.D ڪئي آهي ۽ انٽرنيشنل سنڌو چئمبرس آف ڪامرس جي صدر آهي.
    ممبئي جون ڪيتريون ئي سنڌي عورتون فيشن ڊيزائين ۾ آهن، جن جا ٺـهيل ويس وڳا سڄي دنيا ۾ هلن ٿا. انهن مان ڪجهه هن ريت آهن: بينا راماڻي جي ڌيءَ ماليني راماني، نيتو للا، ديپا گيهاڻي، ننديتا مهتلاڻي، ڪرن گدواڻي، مهڪا ميرپوري وغيره.


    جماڻي ممبئي ۾ به رهن ٿا

    پوني ۾ ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي سان پهرين ڏينهن ئي ملاقات ٿي وئي هئي. ٻئي ڏينهن صبح جو نيرن لاءِ هيٺ لٿس، ته ڊائننگ هال جي منهن وٽ ڊاڪٽر جگديش کي هڪ ٻئي همراهه سان گڏ ڏٺم.
    “الطاف هن سان ملاقات آهي؟” ڊاڪٽر لڇاڻي پڇيو.
    “نه، يار.” مون وراڻيو.
    “ڪمال آهي! سائين مدن جماڻي کي نٿا سڃاڻو. هن سنڌي ڊرامن کي نئون ساهه ڏنو، ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف آهي، اڄ ڪلهه سنڌي فلمون ٺاهي رهيو آهي...” ڊاڪٽر لڇاڻي هڪ ئي ساهه ۾ چئي ويو ۽ آئون مدن جماڻي جو هٿ جهلي کيس حيرت مان ڏسندو رهيس.
    “الطاف چرچو نه سمجهجو.” مون کي تعجب ۾ ڏسي هن شايد اهو سمجهيو، ته آئون سندس ان ڳالهه تي شڪ ٿو ڪريان ته مدن جماڻي ايڏي وڏي شخصيت آهي.
    “سائين مون کي حيرت ان ڳالهه جي ٿي ٿئي ته مدن جي ذات جماڻي آهي. مون سمجهيو ته جماڻي فقط اسان مسلمانن ۾ آهن.” مون چيو ۽ پوءِ احساس ٿيو ته جماڻي ته کڻي مون اڄ ٻڌو آهي پر ٻيون به ڪيتريون ئي ذاتيون آهن جيڪي مسلمانن ۽ هندن ۾ ساڳيون آهن، جهڙوڪ: ملڪاڻي، شاهاڻي.
    انڊيا جي ٽوئر بعد هڪ شاديءَ ۾ پيٽارو ڪئڊٽ ڪاليج جي شوڪت جماڻي ۽ DIG پوليس غلام محمد ملڪاڻيءَ سان ملاقات ٿي، جن انڊيا جو حال پڇيو ته مون يڪدم کين چيو:
    “يار ڳالهه ٻڌو، انڊيا جو توهان کي چڪر ڏيڻ کپي. ڏاڍو هوملي محسوس ڪندائو.” مون چيومان.
    دراصل ڪيترا سنڌي هندو خاص ڪري نئين ٽهي سمجهي ٿي، ته سنڌي معنيٰ رڳو هندو. ڇو جو هو پنهنجي اردگرد جيڪي سنڌي ڏسن ٿا اهي هندو آهن. ٻي ڳالهه ته هنن لاءِ سنڌي ذاتيون اهي آهن، جن جي آخر ۾ ’ڻي‘ يا ’واڻي‘ اچي. ملائيشيا، سنگاپور،هانگ ڪانگ ۽ هاڻ هتي انڊيا ۾ جڏهن ڪنهن مون کان ذات پڇي ٿي ته “شيخ” ٻڌي هنن تعجب کاڌو ٿي ته هيءَ ڪهڙِي ذات آهي. پوءِ منهنجي ٻڌائڻ تي ته آئون سنڌي مسلمان آهيان ته ڪيترن مون سان همدردي ڪئي ٿي: “اوهه ساري! لڏپلاڻ بعد توهان کي پاڪستانين زوريءَ مسلمان بڻايو؟”
    ان معاملي ۾ اسان جي هالن جا ميمڻ لَڪي آهن، جن پنهنجي ميمڻ ذات جي Sub Caste ٺاهي ڇڏي آهي: عيساڻي، يونساڻي، زاهداڻي، گاجڻي، ٻاجواڻي، تورپياڻي، وغيره. منهنجو ڳوٺائي پروفيسر عبدالرزاق ميمڻ جيسين ڳوٺ ۾ هو ته ٻاجواڻي سڏائڻ تي چڙندو هو، پر پوءِ جڏهن جاپان ۾ اچي پڙهيو ۽ هانگ ڪانگ، سنگاپور وغيره ۾ سنڌي هندن سان ملاقات ٿيس، ته هن پاڻ کي ٻاجهواڻي سڏائڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. اهڙي طرح هو ان سوال جواب کان بچي ويو ٿي، ته توهان کي زوريءَ مسلمان بنايائون.
    بهرحال هتي مسٽر مدن جماڻيءَ جي ڳالهه ڪري رهيا هئاسين جنهن ٻڌايو، ته شڪارپور پاسي ڪيترائي هندو ۽ سنڌي ’جماڻي‘ ذات وارا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌي ڊرامن ۽ فلمن جي حوالي سان مدن جماڻي ننڍي کنڊ جي هڪ اهم شخصيت آهي ۽ آئون پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان جو دادا جشن جي سالگرهه جي بهاني جگديش لڇاڻي ۽ مدن جماڻي سان ملاقات ٿي وئي. ممبئي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته سنڌ ۾ جيڪي ڊراما ڏيکاريا ويندا هئا، انهن ۾ سين تبديل ڪرڻ لاءِ مختلف پردا بدلايا ويندا هئا، پر مدن جماڻيءَ هتي انڊيا ۾ اچي هر سين لاءِ سيٽ ٺهرايا. يعني جي گهر جي سين آهي ته باقاعدي گهر ٺاهيو ويو.
    “سنڌي ڊرامن کي صحيح معنيٰ ۾ ٽڻ ڄڻن ترقي ڏياري”، هڪ ڏينهن پروفيسر مٽلاڻيءَ پنهنجي آفيس ۾ ٻڌايو هو، “S.P مينگهاڻيءَ، رميش ڄاڻياڻيءَ ۽ مدن جماڻيءَ”
    مدن جماڻي ڊاڪٽر جگديش ۽ مون کان 10 سال وڏو آهي. پر لڳي اسان کان به وڌيڪ جوان ۽ همت وارو ٿو. پاڻ 20 ڊسمبر 1934 تي شڪارپور ۾ رامچند جماڻي جي گهر ۾ ڄائو. هندستان جي ورهاڱي بعد هو ممبئي لڏي آيو. پاڻ ڊرامن کان علاوه ٽي وي لاءِ پروگرام ۽ فلمون پڻ ٺاهيون اٿس. جن مان ڪجهه هن ريت آهن:
    • هل ته ڀڄي هلون 1985ع.
    • وتايو فقير. 2003ع.
    • رائيپور جو رام 2004ع.
    • جيءَ جهولي لعل 2007ع.
    ۽ اڄ ڪلهه جيڪا مدن فلم ٺاهي رهيو آهي ان جو نالو آهي: “مان سنڌ آهيان.”
    مدن جماڻي هڪ بهترين ليکڪ پڻ آهي. سندس 15 ڪتابن مان 3 ڪتاب يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا، 6 ڪتابن تي کيس ايوارڊ ملي چڪو آهي. اڄ ڪلهه جيڪو ڪتاب لکي رهيو آهي، ان جو نالو آهي “پرهه ڦٽيءَ کان سانجهيءَ تائين” مدن جماڻيءَ کي اولاد ۾ فقط هڪ ڌيءَ سنڌو آهي، جنهن جي شادي منوج کٽواڻي سان ٿي. منوج هڪ بلڊر ۽ بزنيس مئن آهي. کيس گوا ۾ هوٽلون به آهن. سنڌو ۽ منوج کي به فقط هڪ ڌيءَ ٻار آهي جنهن جو نالو مارئي آهي.
    ان ڏينهن پوني ۾ مدن جماڻي نيرن ڪرڻ بعد چانهه جو ڪوپ ڪَنن تائين ڀري آيو.
    “سائين مدن! هڪ ڪم ڪيو. چانهه به پيئندا هلو، مون کي سنڌي فلمن بابت به ٻڌائيندا هلو، جو توهان جي معلومات گهڻن کان بهتر هوندي.” مون پنهنجي ڪاپي ۽ پين ڪڍي مدن کي چيو. مدن جنهن ترتيب سان سنڌي فلمون ٻڌايون، پڙهندڙن جي دلچسپيءَ ۽ معلومات لاءِ لکان ٿو:
    • ڀڳت ڪنور رام 1951ع: هن فلم جي ڪهاڻي رام پنجواڻيءَ لکي ۽ گانا پرسرام ضيا ۽ پرڀو وفا لکيا. ميوزڪ بُلوسي راڻي ڏني ۽ اداڪاري شيلا رماني ۽ شيام وغيره ڪئي.
    • اباڻا 1952ع: هيءَ هڪ بهترين فلم مڃي وڃي ٿي، جنهن ۾ اداڪاري شيلا راماني، ساڌنا ۽ ٻين ڪئي.
    • راءِ ڏياچَ 1954ع: هن فلم جي ڪهاڻي رام پنجواڻيءَ لکي ۽ پروڊيوسر اَتو لالواڻي هو. اداڪاري شانتي رامچنداڻي، P ماني ۽ ٻين جي هئي.
    • انصاف ڪٿي آ 1955ع: هن فلم جو پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ آشا ۽ ڪهاڻيڪار رام پنجواڻي هو. گانا پرسرام ضيا لکيا. اداڪاري: ڪان موهن، چندرا وغيره ڪئي.
    • جهولي لعل 1966ع: پروڊيوسر ريلومل ملتاني، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي رام پنجواڻي، گانا گووڌن ڀارتي لکيا ۽ ميوزڪ Bulo C. Raniڏني. فلم ۾ اداڪاري S.P مينگهاڻي گيتا راج ۽ ٻين ڪئي.
    • سنڌوءَ جي ڪناري 1968ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر گوبند مالهي ۽ گانا گوورڌن ڀارتيءَ لکيا. ميوزڪ سي. ارجن ڏني. اداڪاري: ڀڳونتي ناواڻي، امرچندناڻي ۽ ٻين جي آهي. هي هڪ هٽ فلم هئي.
    • لاڏلي 1969ع: پروڊيوسر ڪندن ڪمار، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻيڪار رام پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتي ۽ ميوزڪ ڏني سي. ارجن. نرملا ميرچنداڻي، موهن ٻيلاڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي
    • هو جمالو 1969ع: پروڊيوسر هري موٽواڻي، ڊائريڪٽر ِِE. چاولا، گانا گوورڌن ڀارتي، ميوزڪ C ارجن ڏني. اداڪاري ڪئي: امر ديو، سجاتا ۽ ٻين.
    • شل ڌيئر نه ڄمن 1969ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي رام پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتيءَ لکيا ۽ ميوزڪ C ارجن ڏني. هن فلم ۾ اداڪاري ڪئي: نرملا مير چنداڻي، رميش راج، حاسي آڏواڻي ۽ ٻين. هيءَ فلم ڏيج (Dowry) جي مسئلن تي فلم هئي.
    • رات هڪ طوفان جي 1970ع: پروڊيوسر D.H کٽاڻي، ڊائريڪٽر ديپڪ آشا، ڪهاڻي موتي پرڪاش، گانا: عزيز بيدي، ميوزڪ گوند نريش، اداڪاري: نرملا ميرچنداڻي، امر چندناڻي ۽ ٻيا. هيءَ هڪ Suspenseفلم هئي.
    • نقلي شان 1971ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر شيام رامسي، ڪهاڻي: رميش ميهتا ۽ موتي پرڪاش، گانا: ڪرشن راهي، ميوزڪ بُلوC راڻي. اداڪار: S.P مينگهاڻي، گيتا راج ۽ ٻيا.
    • اڃان ته مان ننڍڙي آهيان 1973ع: پروڊيوسر ڊاڪٽر رام تارا سنگهاڻي، ڊائريڪٽرس: ديپڪ آشا ۽ G ڌنواڻي، گيت موني پرڪاش ۽ عزيز بيديءَ جا آهن. هيءَ هڪ مزاحيه فلم آهي جنهن ۾ چندرا ۽ ڪان موهن جن اداڪاري ڪئي آهي.
    • امي ۽ ممي 1986ع: پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر گوپال پنجواڻي، گانا گوورڌن ڀارتي، ميوزڪ C ارجن. هن ۾ ڪويتا پنجواڻي ۽ ٻين اداڪاري ڪئي آهي. هي کل مسخري جي فلم آهي.
    • دل ڏجي دل وارن کي 2000ع: پروڊيوسرس: ٺاڪر ڀيرواڻي، منوج ڀيرواڻي ۽ ڪمار منواڻي، ڊائريڪٽر: يشونت.
    • پاڙيواري 2001ع: هيءَ فلم دبئي جي هڪ ڪارخانيدار سيٺ لڇمڻ ڀاٽيا جي خرچ تي ٺاهي وئي آهي. اهم اداڪار راڪي ڀاٽيا ۽ آرتي ماکيجاڻي اٿس. ان کان علاوه اجيت واڇهاڻي، سري چند ماکيجا، S.P مينگهاڻي، دولت روپاڻي، راڌا اسراڻي، نرملا گربخشاڻي ۽ سنيل ليکواڻيءَ اداڪاري ڪئي آهي. ڪهاڻي واسيو نرمل لکي آهي ۽ فلم جو ڊائريڪٽر ڪيلاش آڏواڻي آهي.


    “سوڍا واٽر بوتل اوپنر والا”

    منهنجو هي انڊيا بابت سفرنامو- بلڪ بمبئي جو احوال پڙهي گهٽ ۾ گهٽ توهان کي سنڌي ماڻهو سڃاڻڻ جي ڄاڻ ٿي وئي هوندي، ته انهن جي ذات جي آخر ۾ ’ڻي‘ يا ’واڻي‘ اچي ٿو. ممبئي، پوني، جلگائون، ڪولهاپور، احمد نگر ۽ اورنگ آباد جهڙا شهر انڊيا جي مهاراشٽرا رياست ۾ اچن ٿا، جتي گهڻا ماڻهو مرهٺا آهن ۽ توهان کي مرهٺن جي سڃاڻپ ۾ به دقت نه ٿيڻ کپي جو انهن جي ذات جي آخر ۾ ڪر (KER) اچي ٿو، جيئن ته چانديڪر، نندڪر، ڪوپيڪر، ڪاتڪر، ٽنڊلڪر، منگيشڪر وغيره. گجرات ممبئي واري رياست مهاراشٽرا جي پاڙي واري رياست آهي ۽ ممبئي ۽ پوني جهڙن شهرن ۾ ڪيترائي گجراتي رهن ٿا، جن لاءِ آئون ٻڌائي چڪو آهيان، ته هنن ۾ پٽيل، ميهتا، شاهه، ڊيسائي، پاريک، چدا سما ذاتيون عام آهن. ايتري قدر جو انگلينڊ ۽ آمريڪا ۾ جيڪي انڊيا جي گجرات رياست جا ماڻهو رهن ٿا، انهن ۾ 90 سيڪڙو پَٽيل آهن. سو ممبئي ۾ رهڻ دوران توهان کي ڪيترن ئي قومن جي ڄاڻ ٿي سگهي ٿي، جهڙوڪ: سنڌي، مراٺي ۽ گجراتي. هڪ ٻي قوم کي به سڃاڻڻ سولو آهي، اها آهي پارسي. پارسي ماڻهن جو بمبئي ٺاهڻ ۾ وڏو ڪردار آهي. سڀ کان اڳ گهڻي کان گهڻا پارسي بمبئي لڏي آيا. ايتري قدر جو بمبئي ’پارسي آستان‘ سڏجڻ لڳو هو. پارسي نه فقط تعليم، بزنيس ۽ پئسو ڪمائڻ ۾ اڳيان آهن، پر خير خيرات ڪرڻ، اسڪول، ڪاليج، اسپتالون، روڊ رستا ۽ پليون ٺهرائڻ ۾ به اڳيان اڳيان رهيا آهن.
    اڄ کان 12 صديون کن اڳ جڏهن پارسي پنهنجو وطن ايران ڇڏي گجرات جي ڪناري وارن شهرن ڀاروچ، کمڀاٽ، نَوسري، انڪلسا هوار، سورت، ونڪانر وغيره ۾ اچي رهيا هئا، ته هنن جي ڪا ذات پات نه هئي. جيئن اڄ ڪلهه ملائيشيا ۾ آهي. عرصو ٿيو جو ملائيشيا وارن ذات سسٽم ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ هر ڪو پنهنجي پيءُ جي نالي سان سڏجي ٿو. پارسي به ان وقت فقط پيءُ جي نالي سان سڃاتا ويا ٿي. ذاتيون گهڻو گهڻو پوءِ شروع ٿيون. پارسي پنهنجيون ذاتيون پنهنجن ڌنڌن، نوڪرين ۽ شوقن (Hobbies) مطابق رکڻ لڳا. مثال طور ڪو گولف جو شوقين هو، ته هو “گولف والا” ذات سان سڏجڻ لڳو. ڪنهن ڪاٺ جو ڪم ڪيو ٿي، ته هو ’لڪڙي والا‘ ٿي ويو. ڪنهن آفيم وڪيو ٿي، ته هو آفيم والا يا دارون والا ٿي ويو. ڪو فوٽ بال راند ۾ گول ڪيپر هو، ته هو ’گول والا‘ ٿي ويو. سو ان قسم جون ذاتيون پارسين جون آهن، چاهي هو ممبئي ۾ رهندا هجن يا ڪراچي ۾. ممبئي ۾ شپ يارڊ ٺهيو ۽ ٻيڙيون ۽ جهاز ٺهڻ شروع ٿيا، ته ڪو ڪشتي والا ته ڪو جهاز والا به ٿي ويو. ويندي ڪئپٽن، مستري، مرچنٽ، ٽيسٽر، دلال، ڪانٽريڪٽر، ڊرائيور، وڪيل، محنتي به پارسين جي ذات آهي. نان والا، گوليمار والا، ڪئنٽين والا، بوتل والا، سوڊا واٽر والا... ۽ هڪ ذات ته ايڏي وڏي آهي جو ان ذات وارن پارسين جو گنيز بڪ آف رڪارڊ ۾ نالو اچڻ کپي ۽ اها ذات آهي “سوڍا واٽر باٽل اوپنر والا.”
    پارسين ۾ هڪ ذات Penty به آهي. ڪنهن چيو ته ڇا ان ذات وارا عورتن جا ڪڇا ٿا ٺاهين يا ٿوڪ چاٽ وارا ٿڪ ٿا چٽين؟ جي جي ڀائي ذات ان جي آهي جيڪو هر ڳالهه ۾ ها، ها ٿو ڪري؟ بليموريا ذات واري پارسيءَ کي گهڻيون ٻليون پسند آهن؟ ڇا ٽا ٽا ذات ان جي آهي، جيڪو هر وقت باءِ باءِ چوندو رهي ٿو؟ ڇا لالا ذات وارن پارسين جا وڏا پٺاڻ هئا؟ ڇا تارا چنڊ ذات وارن جو واسطو علم نجوم سان آهي؟ جن پارسين جي ذات مسالا والا آهي اهي خبر ناهي مصالحو وڪڻن ٿا يا رڌ پچاءَ جو ڪم ڪن ٿا! اهڙي طرح ’اون والا‘ پارسي خبر ناهي اُن وڪڻن ٿا يا هر وقت سوئيٽر پائي هلن ٿا.
    پارسين جي ذاتين بابت هڪ سک (جنهن جا وڏا راولپنڊي مان لڏي ممبئي ۾ اچي رهيا) واهه جو مزاحيه مضمون لکيو آهي، جيڪو هيستائين ڪيترن ئي رسالن ۾ اچي چڪو آهي. پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ هتي هن مضمون جا ڪجهه حصا لکان ٿو، جنهن مان توهان کي پارسين جي ڪجهه ذاتين جي آئيڊيا ٿي ويندي...
    “اسان جي فئملي هندستان جي ورهاڱي وقت راولپنڊي کان لڏي بمبئي اچي رهي. ڪجهه سالن بعد منهنجي پيءُ جي دوستي ڪجهه پارسين سان ٿي جن سان گڏ هو گولف راند کيڏڻ لڳو. آئون انهن ڏينهن ۾ اٺن سالن جو هوس. بابا سان گڏ جيڪي ٽي پارسي گولف کيڏندا هئا، اهي هئا انڪل پونا والا، ڪورولا والا ۽ ڪولابا والا. جلدي هنن منهنجي پيءُ کي به پاڻ وانگر هڪ پنهنجي ذات ڏئي ڇڏي ۽ هن کي ’پنڊي والا‘ سڏڻ لڳا. انڪل ڪولا با والا جيتوڻيڪ بمبئي جي علائقي ڪولابا ۾ نٿي رهيو. هن جو مالابار هل تي فلئٽ هو. شايد هن جا وڏا ڪولابا ۾ رهيا هجن ۽ انهن تان هن جي ذات ڪولابا والا ٿي وئي.
    انهن ڏينهن ۾ بمبئي ۾ شراب تي پابندي لڳل هئي، پر هي پارسي پاڻ به پيئندا هئا ۽ ڪجهه پرمٽ تي ته ڪجهه لڪ چوري ان ڪاروبار کي هلائيندا هئا. انهن پارسين جو ڏس پَتو ٻڌائڻ يا انهن تائين پهچائڻ وارا پارسي دلال سڏبا هئا. جيڪا پوءِ هنن جي ذات ٿي وئي ۽ سندن اولاد اڄ تائين پاڻ کي دلال سڏائي ٿو. سو انهن ڏينهن ۾ شراب حاصل ڪرڻ لاءِ دلال پارسي کي ڳولبو هو، جيڪو ٻئي پارسي سان ملائيندو هو، جيڪو دارون والا سڏبو هو. دارون والا توهان جي گهر تائين شراب پهچائڻ لاءِ مسٽر ٻاٽلي والا کي چوندو هو. جيڪو پاڻ سان گڏ مسٽر سوڍا واٽر باٽل اوپنر والا کي به ساڻ وٺي هلندو هو. ان ڌنڌي ۾ ٻيا جيڪي پارسي Involve هئا، انهن ۾ مسٽر فائونٽين والا، مسٽر جِن والا، مسٽر رَم والا، مسٽر سوڍا والا ۽ مسٽر جهنجهن والا پڻ هئا.
    اسان جي فلئٽن ۾ ٻه سهڻيون سيامي ٻليون پڻ رهيون ٿي، جيڪي منهنجي ماءُ کي هن جي پارسي ساهيڙيءَ مسز بلي موريا ڏنيون هيون. منهنجي ماءُ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هنن ٻلين لاءِ اُن مان سوئيٽر ٺاهڻ ۾ مشغول هوندي هئي، جيڪا اُن هوءَ هڪ پارسي فئملي ’اون والا‘ کان خريد ڪندي هئي.
    منهنجو چاچو ’ڪاٽن گرين‘ ريلوي اسٽيشن وٽ ايئرفورس جي ڪئنٽين هلائيندو هو. جنهن وٽ جيڪو پارسي ڪم ڪندو هو، اهو پاڻ کي مسٽر ڪئنٽين والا سڏائيندو هو. ڪئنٽين ۾ سموسا ۽ پيٽيز ٺاهڻ وارو هڪ زبردست پارسي بورچي هو، جيڪو پاڻ کي مسٽر ڀاجي والا سڏائيندو هو. ڪئنٽين جو شريف ۽ نرم مزاج مئنيجر جيڪو هر هڪ سان هر وقت هر ڳالهه تي راضي رهيو ٿي. مسٽر جيجي ڀائي سڏبو هو.
    منهنجو ڏاڏو بمبئي پولس جو شيرف (Sheriff) هو. منهنجي خيال ۾ هي پهريون سک هو، جيڪو ان پوسٽ تي پهتو. شيرف هجڻ جي ناتي هن جا ٻه پارسي هر وقت ساٿي رهيا ٿي. مسٽر بندوق والا ۽ مسٽر گوليمار والا. منهنجي ڏاڏي ريٽائرڊ ٿيڻ بعد ڪولابا ۾ بندر روڊ تي هوٽل والڊروف ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيو، جنهن لاءِ هن پنهنجي پارسي دوستن مسٽر مستري ۽ مسٽر ڪانٽريڪٽر سان صلاح مشورو ڪيو. پئسي ڏوڪڙ جي کوٽ ٿيڻ تي هو تامل ۽ مدراسي وياج خورن وٽ وڃڻ بدران پنهنجي پارسي دوست مسٽر “ريڊي مني” وٽ ويو ٿي.
    اسان جي پاڙي ۾ هڪ پارسي ’ڊاڪٽر آڌي‘ رهيو ٿي، جنهن لاءِ مشهور هو ته هو اڌ ڊاڪٽر آهي، سندس ڀيڻ جي شادي مسٽر اسڪريو والا سان ٿي. اسان کي اڄ ڏينهن تائين خبر پئجي نه سگهي آهي، ته هو گذر سفر لاءِ ڪهڙو ڪم ڪري ٿو، جيڪڏهن توهان بمبئي ۾ آهيو ته ڀلي هن بابت Yellow Pages ۾ ڏسو. بهرحال پارسي اسان کي اهو سيکارين ٿا، ته طنز مزاح ۾ دلچسپي وٺڻ سان اسان هيءَ دنيا بدلائي سگهون ٿا.


    پارسين کي ڇو پسند ڪيو وڃي ٿو

    ڪڏهن به ڪنهن پارسيءَ کي جهيڙو ڪندي يا گاريون ڏيندي توهان نه ٻڌو هوندو. ڪنهن جو ٻار اغوا ڪندي يا ڪنهن جي گهر ۾ کاٽ هڻندي نه ٻڌو هوندو. پارسي چاهي ڪراچي ۾ رهندا هجن يا ممبئي ۾، بڙودا ۾ رهندا هجن يا سورت ۾ هو امن ۽ سانت سڪون سان رهن ٿا. هو نه فقط پاڻ تعليم حاصل ڪن ٿا، پر اعليٰ تعليمي درسگاهه ٺاهي ٻين لاءِ به علم جي روشني عام ڪن ٿا، هو ڌنڌي بزنيس ۽ هنرن ۾ ماهر آهن ۽ نه فقط پنهنجي لاءِ اڻ مَيو پئسو ڪمائي ڄاڻن ٿا پر خير خيرات به دل وٽان ڪن ٿا. هو گهر، محلي ۽ شهر کي نه فقط صاف سٿرو ۽ سهڻو رکن ٿا، پر پنهنجي پاڙي واري ۽ شهريءَ جي ويلفيئر جو به خيال رکن ٿا. ڪراچيءَ ۾ N.E.D (نادرجي ايڊلجي ڊنشا) ڪاليج ۽ هاڻ يونيورسٽي کان ماما پارسي اسڪول تائين توهان کي ڪيتريون ئي عمارتون نظر اينديون، جيڪي هنن پارسين جي ياد ڏيارين ٿيون. انڊيا جو هي شهر بمبئي ته اهڙين عمارتن سان ڀريو پيو آهي ۽ ڪيترن اهم پارسين جون مورتيون (Statues) توهان کي شهر جي چوراهن تي نظر اينديون.
    پارسي باهه جا پوڄاري آهن ۽ زوروسٽرين سڏجن ٿا. هو شاديون پنهنجن ۾ ئي ڪن. ڪوبه پارسي ڇوڪرو يا ڇوڪري ٻاهر شادي ڪرڻ سان هن ڌرم مان خارج ڪيو وڃي ٿو. پارسي پنهنجن مري ويل مائٽن کي زمين ۾ دفن ڪرڻ يا ساڙڻ بدران ڪنهن مٿانهين هنڌ تي رکي اچن (جنهن کي هو خاموشي جو ٽاور سڏين) جيئن مُردي کي سرڻيون، ڳجهون ۽ ڪانگ ڪٻرون کائي وڃن. هو بيحد پڙهيل ڳڙهيل، اخلاق وارا ۽ پنهنجين رسمن رواجن تي قائم رهندڙ ٿين. هر شيءِ خاص ڪري گاڏي خيال سان رکن. اهو ئي سبب آهي، ته هر ڪو پارسيءَ کان سيڪنڊ هئنڊ ڪار خريد ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪري ٿو. سندن ڪي ڪي ڳالهيون چريائپ جي حد تائين به ٿين. چرچو ڀوڳ به سٺو ڄاڻن اهو ئي سبب آهي جو اڄ به ڪنهن محفل ۾ اردشير ڪواسجي (جهازن جو مالڪ ۽ ڊان اخبار جو ڪالم نويس) کي ڏسندو آهيان، ته ان سان گڏ وڃي ويهندو آهيان. عمر ۾ مون کان وڏو آهي پر گذريل ٽيهارو سالن کان منهنجي ساڻس ٺٺ مسخري لڳي رهي ٿي.
    ممبئي يونيورسٽي جي گجراتي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر رتي لعل جي آفيس ۾ هڪ ڏينهن پارسين جي چريائيءَ جي ڳالهين جو ذڪر اچي نڪتو. ڪنهن ٻڌايو، ته هن بلڊنگ ۾ جيڪو پارسي رهي ٿو ان کي پنهنجي موٽرسائيڪل سان ايڏو ته پيار آهي جو روزانو شام جو ان کي مٿي ٽئين فلور تي پنهنجي فليٽ ۾ کڻي ايندو آهي ۽ ان کي پنهنجي بيڊ روم ۾ بيهاريندو آهي.
    پارسي هلچل گهٽ ڪرڻ ڪري قبضيءَ جا مريض ٿين ٿا. هو ڪاٺ جي ڊگهي ڪرسي (جنهن جي ٻانهن تي ٽنگون رکجن) تي ويهي اخبار پڙهڻ جا شوقين ٿين ٿا. هڪ همراهه ٻڌايو ته هو هڪ پوڙهي پارسي کي سڃاڻي جنهن ان ڪاٺ جي ڊگهي ڪرسيءَ کي ڪموڊ جي مٿان رکي ڇڏيو آهي جنهن تي هنگڻ مهل ويهي اخبار پڙهندو آهي ۽ ان ڳالهه جو ته آئون به شاهد آهيان جو اسان جي هڪ جهاز تي سفر ڪندڙ پوڙهي پارسي سيٺ کي دست ٿي پيا ته اڳٺ ٻڌڻ بدران ان کي ڪنڊن وٽ ڳنڍ ڏيئي هار ڪري ڳچيءَ ۾ وجهي جهاز جي گهٽين ۾ هلندو رهيو، جيئن ضرورت مهل ڳچيءَ مان اڳٺ جو هار ڪڍي رڳو ڪموڊ تي ويهڻو پوي.
    بهرحال ڳالهه اها آهي ته پارسي تعليم يافته ۽ دلچسپ ماڻهو آهن. اڄ کان 12 صديون کن اڳ ايران کان هندستان لڏي اچڻ وقت جيڪو هنن وچن ڪيو هو ته هن ڌرتي جي رهواسين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف ڏيڻ کان گريز ڪنداسين ان وچن کي نڀائيندا اچن.
    اسلام جي آمد کان اڳ دنيا ۾ جيڪي ٻه وڏيون طاقتون هيون، انهن مان هڪ رومن سلطنت (بائزنٽائين) هئي ۽ ٻي ايران جيڪو پرشيا سڏبو هو ۽ پرشن حاڪم جو راڄ مصر کان وچ ايشيا تائين هو جنهن ۾ انڊيا جو اتراهون حصو به اچي ويو ٿي. پرشن حڪومت 550 ق. م کان سائرس دي گريٽ بادشاهه کان هلندي آئي پي. وچ ۾ سڪندر اعظم به ايران فتح ڪيو جنهن جي مرڻ کان پوءِ سندن ’جنرل‘ حڪومت ڪندا هليا. 250 ق. م يعني حضرت عيسيٰ جي ڄمڻ کان اڍائي صديون اڳ ايران تي اردشير نالي ايرانيءَ جو قبضو ٿيو ۽ هن پنهنجي گهراڻي جو نالو پنهنجي ڏاڏي ساسان تان ’ساساني گهراڻو‘ رکيو. ساسانين زوروسٽر نالي نبي جي پوڄا ڪئي ٿي جيڪو حضرت عيسيٰ کان به 600 سال اڳ ڄائو هو. هنن باهه کي پاڪ سمجهيو ٿي. بهرحال ساساني حڪومت جو دور امن امان ۽ ترقي جو دور مڃيو وڃي ٿو جنهن ۾ نوشيروان عادل جهڙا انصاف پسند بادشاهه اڄ تائين مڃيا وڃن ٿا. بنا شڪ جي ايران هڪ طاقتور ملڪ هو جنهن جي جهنڊي هيٺ ان وقت جي ڄاتل سڃاتل دنيا جو وڏو حصو اچي ويو ٿي. نه فقط زمين جي پکيڙ ۾ پر تهذيب تمدن ۾، آرٽس ۽ ڪلچر ۾، فوج ۽ جنگ جي ڄاڻ ۾. ان جي مقابلي ۾ ڀر وارين عرب يا ٻين حڪومتن ڪهڙي حيثيت رکي ٿي! جڏهن عرب اسلام جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿيا ۽ اسلام جي ٻئي خليفي حضرت عمر رضه جي ڏينهن ۾ هنن ايران (پرشيا) تي حملي ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو ته ظاهر آهي ايراني جنرلن کي کل آئي هوندي ۽ ان وقت جي ساساني يزدگرد سوم جيڪي چيو يا عربن کي جواب ۾ لکيو ان جي ترجماني بعد ۾ ايران جي شاعر فردوسيءَ 1010ع ڌاري پنهنجي 000، 60 بيتن واري نظم شاهنامي ۾ هن ريت ڪئي آهي ته اُهي عرب بدو جيڪي تپندڙ واري تي رهن ٿا جيڪي ڳوهه (Iguana) کائين ٿا ۽ اٺڙين (ڏاچين) جو کير پين ٿا، اهي ايران جهڙي سلطنت کي فتح ڪرڻ جا خواب ڏسي رهيا آهن؟
    پوءِ ائين ٿيو جو حضرت عمر رضه جي دور خلافت (644-634) جي ڏينهن ۾ 641 ۾ تپندڙ وارين وارا عرب ايران تي حاوي ٿي ويا ۽ دنيا اهو به ڏٺو ته ايران جي ماڻهن نه فقط اسلام قبول ڪيو پر هنن بهترين مسلمان ٿي ڏيکاريو. هي اهو زمانو آهي جڏهن ڪجهه پارسين جن اسلام قبول نه ڪيو انهن مان ڪي ايران ۾ رهي پيا. ٻيا ٻاهر نڪري پيا ۽ عربي سمنڊ جي ٻئي ڪناري تي گجرات جي مختلف شهرن ڀاڳاري (نَوسري)، ڀاروچا، سورت، کنڀاٽ، سنجاناس وغيره ۾ اچي رهي پيا. هو هڪ نئين ديس ۽ موسم ۾ ڪيتريون ئي صديون هٿ پير هڻندا رهيا. بهرحال يارهين صدي تائين هو ڪافي Established ٿي ويا، جو ان بعد عربن، پوروچوگالين، فرينچن ۽ انگريز سياحن جا جيڪي انڊيا بابت سفرناما پڙهجن ٿا، انهن ۾ هنن ڌارين پارسين کي هندستان جو الڳ گروپ تسليم ڪيو آهي جيڪي ايران کان هتي آيا.
    پارسين هر قسم جو ڪم ڪيو ٿي. هو سوداگر هئا، هاري هئا، دڪاندار، واڍا، دلال، ڊاڪٽر (ويد، حڪيم)، ڪوري هئا، سواءِ لوهارن جي. لوهارڪي ڪم ۾ جيئن ته باهه ٻاري لوهه کي گرم ڪري وري باهه کي وسائڻو پيو ٿي، ان ڪري هنن ان ڌنڌي کان گريز ڪئي ٿي.
    مغل شهنشاهه اڪبر اعظم جي ڏينهن ۾ پارسي ٻاون کي دهلي جي درٻار ۾ گهرايو ويو. پارسي ٻائو “دستور مهرجي رانا” هڪ ڊيليگيشن کي وٺي دهليءَ پهتو ۽ اڪبر صاحب ايڏو ته متاثر ٿيو، جو هن حڪم صادر ڪيو ته پارسين جي هن پاڪ باهه کي سندس ڪورٽ ۾ به هميشھ لاءِ قائم رکيو وڃي. هن اسلامي ڪئلينڊر مطابق پارسين جا خوشين وارا ڏينهن ملهائڻ شروع ڪيا. (هي اهو ئي اڪبر آهي جنهن راجپوت ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ لاءِ هن جي شرط مطابق هن کي گهر ۾ مندر ٺاهي ڏنو هو.) اڪبر جي مرڻ بعد جهانگير ۽ اورنگزيب بادشاهه جي ڏينهن ۾ اهم پارسي مغل درٻار ۾ حاضري ڀريندا رهيا، جن مان هڪ سورت جو رستم مانيڪ سيٺ به هو، جيڪو اورنگزيب وٽ ايندو هو. هي هڪ مشهور سوداگر هو، جيڪو انگريزن ۽ پورچوگالين لاءِ بروڪر جو ڪم ڪندو هو. پاڻ 1635ع ۾ سورت ۾ ڄائو هو ۽ 1721ع ۾ وفات ڪيائين. هن شخص يورپين کي سورت ۾ ڪارخانا لڳرائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مغل حاڪمن کان هنن لاءِ اجازت نامن جا پروانا حاصل ڪيا.
    بمبئي ۾ جيڪو پهريون پارسي آيو اهو دورابجي نانا ڀائي هو، جيڪو 1640ع ۾ جيئن ئي پورچوگالين بمبئي جو شهر قائم ڪيو ته سورت کان لڏي آيو. هن پورچوگالين جو مئنيجرٿي ڪم ڪيو. 1668ع ۾ بمبئي انگريزن کي ملي ۽ دورابجي ٽئڪس ڪليڪٽر مقرر ڪيو ويو. اهو عهدو 1834ع تائين هن دورابجي فئملي وٽ رهيو. 1668ع کان پوءِ ته لڳاتار پارسي گجرات کان بمبئي ايندا رهيا ۽ اوڻهين ۽ ويهين صدي تائين بمبئي پارسين جو ڳڙهه ٿي وئي.
    “لَوجي نسرونجي واڍيا” بمبئي ۾ پهريون ڊاڪيارڊ ٺهرايو ۽ جهازن ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو. بمبئي اچڻ بعد پارسين هندي ۽ فارسي زبان کي ڇڏي يڪدم انگريزي زبان ۽ مغربي سائنس، ميڊيسن، انجنيئرنگ ۽ ٻيا سبجيڪٽ پڙهڻ شروع ڪيا، ان ڪري هو تعليم ۽ ٻين ڳالهين ۾ مقامي هندن ۽ مسلمانن کان گهڻو گهڻو اڳ ٿي ويا. ڪواسجي دوار نالي هڪ پارسيءَ بمبئي ۾ 1851ع ۾ ٽيڪسٽائيل مِل هنئي جيڪا انڊيا جي پهرين مِل هئي. جيجي ڀائي، پيٽٽ (Petit)، ٽاٽا ۽ ڪواسجي جهانگير پارسي فئملين نه رڳو پنهنجن پارسين کي مختلف ڌنڌن ۾ اڳيان ڪيو، پر بمبئي کي به امير ڪيو، ’جمشيت جي جيجي ڀائي‘ چين سان واپار شروع ڪري خوب ناڻو ڪمايو ۽ هن پارسين لاءِ مندر ۽ ٽاور آف سائلنس ٺهرايا ۽ پوني جي واٽر ورڪس لاءِ به پئسو ڏنو، جيڪو انڊيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروجيڪٽ هو.
    ڊنشا پيٽٽ نالي پارسيءَ ڪپهه جو بزنيس شروع ڪيو ۽ هن بامبي اسٽاڪ ايڪسچينج ٺاهي. ان کان علاوه بمبئي جو پهريون انجنيئرنگ اسڪول به هن پارسي سيٺ ٺهرايو. هن ايران ۽ انڊيا ۾ رهندڙ پنهنجن زوروسٽرين کي خوب خيرات ڏئي ورسايو. ڪواسجي جهانگير به ڪاٽن مان ڏاڍو ڪمايو ۽ بمبئي ۾ ڪيترن ئي خير جي ڪمن لاءِ عمارتون، ڪاليج ۽ اسپتالون ٺهرايون.
    جمشيتجي ٽاٽا جيتوڻيڪ هڪ غريب پارسي ٻائي جي گهر ۾ پيدا ٿيو پر هن پنهنجي پڙهائي جاري رکي ۽ انجنيئرنگ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ بعد هن رُڪ جو ڪارخانو (Steel Factory) کوليو. اڄ ٽاٽا انڊيا جي ڪارخانن جو طاقتور نالو آهي. جنهن جي ٺهيل مختلف شين جي سڄي دنيا ۾ ناموس ۽ ساک آهي. ٽاٽا فئملي پهرين آهي جنهن انڊيا ۾ ايئر سروس شروع ڪئي، جنهن ڪمپنيءَ پوءِ Air India جي شڪل اختيار ڪئي. ٽاٽا فئمليءَ سوشل سائنسز جو پهريون اسڪول انڊيا ۾ ٺاهيو ۽ ٽاٽا انسٽيٽيوٽ آف فنڊامينٽل ريسرچ به هنن جو ادارو آهي، جنهن ۾ نيو ڪليئر سائنس تي ريسرچ ٿئي ٿي.
    گودريج نالي پارسي فئملي هڪ ٻي انڊيا جي انڊسٽريل فئملي آهي جنهن جا ڪلف، ٽجوڙيون، ريفريجريٽر، پنکا، واشنگ مشينون سستائي، مضبوطي ۽ سونهن ۾ دنيا ۾ مشهور آهن. سمرابجي پوچخانا والا اهو پارسي سيٺ آهي جنهن انڊيا جي سينٽرل بئنڪ شروع ڪئي.
    سياست ڏي جي نظر ڪجي، ته دادا ڀائي نوروجيءَ انڊين نئشنل ڪانگريس جو بنياد وڌو. فيروز شاهه ميهتا بمبئي جو مشهور ميئر ٿي رهيو، جنهن جي ڏينهن ۾ بمبئي برٽش ايمپائر جو وڏو شهر ليکيو ويو. ڀيڪائجي ڪاما (Cama) اها پارسي عورت آهي، جيڪا لنڊن ۾ رهي آزاد انڊيا جو پهريون جهنڊو ٺاهي، پنهنجي گهر جي مٿان ڦڙڪايو. جنهن ڏوهه ۾ هن کي ملڪ نيڪالي ڏني وئي ۽ هوءَ انگلينڊ ڇڏي فرانس ۾ اچي رهي.
    انڊيا جي فوج کي ٿو ڏسجي، ته فيلڊ مارشل سئم مانيڪشاهه پارسي هو. اڄ ڪلهه انڊيا جو نيول چيف آف اسٽاف ائڊمرل جال ڪرسٽجي پارسي آهي. ايئرمارشل اسپي انجنيئر (اها انجنيئر به پارسين جي هڪ ذات آهي) ڪيترائي سال انڊين ايئرفورس ۾ رهيو.
    آرٽس، سائنس ۽ قانون جي دنيا کي ڏٺو وڃي ته ان ۾ به انڊيا جي پارسين وڏو نالو پيدا ڪيو آهي. ڊاڪٽر جال ڪواسجي پي ماسٽر (ياد رهي ته ڊاڪٽر، انجنيئر، ڪپئٽن، پائلٽ وانگر Pay Master به پارسين جي ذات آهي) دنيا جو مشهور ڪئنسر اسپيشلسٽ آهي. ڊاڪٽر رستم جال وڪيل پهريون ڊاڪٽر آهي، جنهن Rawolfia ٻوٽي مان هاءِ بلڊ پريشر جي علاج لاءِ دوا ڳولي جنهن لاءِ هن کي ايوارڊ به مليو. ڊاڪٽر نوشير انيتا انڊيا جي ٽاپ جي پلاسٽڪ سرجن آهي. اهي رڳو چند مثال آهن. پهريون انڊين جنهن مغربي سمفوني آرڪسٽرا تيار ڪيو اهو زوبن ميهتا نالي پارسي هو. فريدونجي مارا زبان جنهن 1812ع ۾ گجراتي پريس شروع ڪئي ۽ پهرين گجراتي اخبار “بمبئي سماچار” شروع ڪئي. اها اخبار اڄ به هلي رهي آهي. ناني پالکي والا انڊيا جو وڏو وڪيل آهي، جنهن اندرا گانڌي طرفان لڳايل ايمرجنسي خلاف ڪورٽ ۾ ڪيس ڪيو. بعد ۾ جمهوريت بحال ٿيڻ تي کيس آمريڪا جو سفير بڻايو ويو.
    ڏٺو وڃي ته انڊيا ۾ رهندڙ پارسين جي آدمشماري 0.02 سيڪڙو به ناهي، پر هنن جي انڊيا جي ايڪانامي، سياست، تعليم، سائنس ۽ آرٽس ۾ وڏو حصو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا ۾ پارسين کي وڏي عزت سان ڏٺو وڃي ٿو.


    ڪو ڀڳوان ئي چوري ڪري ويو...

    آخري ڏينهن تي هڪ دفعو وري ممبئي شهر جو چڪر هڻڻ لاءِ نڪتس ۽ ممبئي جي ڏاکڻي ڇيڙي ڪولابا تائين هليو ويس. واپسي تي بس ۾ ڪف پريڊ، ناريمن پوائنٽ، چرچ گيٽ ۽ فورٽ وارن بس اسٽاپن تان ٿيندو وي ٽي اسٽيشن (جيڪا هاڻ CST يعني چتراپتي شيوا جي ٽرمينس سڏ جي ٿي تي آيس. هتان پوءِ ريل گاڏي ذريعي دادر، ماٽونگا، ماهيم ۽ باندرا ريلوي اسٽيشنن تي لهندو چڙهندو کار اسٽيشن تي پهتس ۽ کار ويسٽ پاسي ٻاهر نڪري لنڪنگ روڊ ڏي رخ رکيم ۽ گهناسنگ جوئيلرس جي سامهون واري عمارت رام ڪرشنا ۾ داخل ٿيس. هتي جئه موتياڻي جي The Enterprise نالي ڪمپني جي آفيس آهي. جئه منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. آئون کانئس موڪلائڻ لاءِ آيو هوس. منهنجي هن سفر ۾ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻي ۽ جئه موتياڻي جو وڏو هٿ هو، جيڪي منهنجي شروع کان همت افزائي ۽ رهنمائي ڪندا رهيا نه ته آئون اڪيلو شايد ئي اچي سگهان ها. چانهه پي مون جئه موتياڻي، سندس وڏي ڀاءُ موهن (من) ۽ سندس اسٽاف جي ماڻهن خاص ڪري ڊرائيور ’ياديو مسافر‘ سان موڪلائي هيٺ لٿس. جئه موتياڻيءَ موڪلائڻ وقت پنهنجي ڪمپني “دي انٽر پرائيز” جي ٺهيل شين مان RELAX نالي مينٿل بام جون درجن کن بوتلون ڏنيون. هي بام مٿي جي سور، ٿڌ زڪام، کنگهه، گلي جي سور ۽ هڏن جي سور لاءِ فائديمند نه فقط چيو وڃي ٿو، پر پاڪستان اچي جن جن دوستن کي ڏنم انهن هن بام جي ڏاڍي تعريف ڪئي. دراصل انڊيا جي اها ڳالهه قابلِ داد آهي ته هتي جا ماڻهو ۽ مئنيوفيڪچرنگ ڪمپنيون ڪابه شيءِ ٺاهين ٿيون، ته وڏي ريسرچ ڪري ڪارآمد شيءِ ٺاهين ٿيون. ٻي ڳالهه ته ان جي قيمت تمام گهٽ رکي وڃي ٿي، جيئن غريب غربو خريد ڪري فائدو حاصل ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو انڊيا جون هن قسم جون ديسي دوائون، خاص ڪري آيورويدڪ سڀني عرب ملڪن ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ۾ ته هلن ٿيون پر يورپ جا ماڻهو به خريد ڪن ٿا. اهڙين شين جي اشتهار بازي آٽوميٽيڪلي ٿيندي رهي ٿي. هڪ کي فائدو ٿيڻ تي هو سڀني دوستن ۽ فئملي جي ماڻهن کي ٻڌائي ٿو ۽ آئون نٿو سمجهان ته هن جي قيمت ڪا ڏهه پندرنهن رپين کان مٿي هوندي. جئه موتياڻيءَ ٻڌايو ته هن بام جي گهڻي کان گهڻي کپت عرب ملڪن، ايران، وچ ايشيا جي ملڪن ۽ ٿائلينڊ ۾ آهي.
    جئه جي آفيس مان نڪتس ته سج لهڻ وارو هو. مون اڃان گهر (يعني پنهنجي رهائش گاهه- ممبئي يونيورسٽي) موٽڻ نٿي چاهيو. ٽئڪسي ڪري سانتا ڪروز ريلوي اسٽيشن تي پهتس، جيڪا کار واري علائقي کان ويجهي آهي، جتان پوءِ ڪُرلا جتي ممبئي يونيورسٽي آهي پڻ ويجهي آهي.
    سانتا ڪروز ۾ ريلوي اسٽيشن جي ٻنهي پاسي واهه جي رونق هئي. فٽ پاٿ تي ويٺل ڀاڄين ۽ ميون وارا، گاڏن تي چين ۽ انڊيا جون اليڪٽرڪ جون ۽ ٻيون شيون رکي وڪڻندڙ، شربت، جوس ۽ ملڪ شيڪ وارا، ڀيلپوري، گول گپا ۽ دهي ڦلڪيون جهڙيون شيون وڪڻندڙن جا هوڪا ۽ چوڌاري ماڻهن جي پيهه پيهان هئي. ريلوي اسٽيشن مان هڪڙا سوين ماڻهو نڪتا ٿي، ته پٺيان ماڻهن جو ٻيو ريلو آيو ٿي. مرد گهڻو ڪري پتلون ۾ نظر اچن ٿا. ورلي ڪو ڌوتيءَ ۾ نظر اچي ٿو، باقي عورتون ۽ ڇوڪريون ساڙهين، شلوار قميضن، اسڪرٽن، جينز ۽ ڍلين پتلونن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. مون هڪ فوٽو گرافر کي گذريل ٻن هفتن ۾ ورتل فوٽن جي سِم ڏني ته مون کي ڊبل CD ٺاهي ڏئي. فوٽن جي ٻٽي CD ان ڪري ٺهرائڻ ٿي چاهيم ته جيئن هڪ پاڻ سان کڻي اچان ۽ هڪ ممبئي ۾ ڪنهن وٽ امانت طور ڇڏي اچان. انڊيا جو سفرنامو لکڻ لاءِ جيڪي پوني ۽ ممبئي ۾ سوين فوٽو ڪڍيا هئم. ان جي هڪ ڪاپي ته ڪنهن وٽ سلامت هجي، ڇو جو نه انڊيا جي درويش ڪسٽم آفيسرن تي ڀروسو آهي نه اسان جي ڪراچي جي ڪسٽم وارن تي. ڪهڙي خبر ممبئي ڇڏڻ وقت ڪو ضد ڪري ته ڀائي هي انڊيا ۾ فوٽو ڇو ڪڍيا اٿئي؟ انگريز، يورپين ۽ آمريڪن ٽوئرسٽ ڀلي ڇا ڇا کڻي وڃن، انهن جو هو نالو به نه وٺندا، پر اسان ٿياسين دشمن ملڪ جا ماڻهو. اسان جي هر ڳالهه تي شڪ ڪرڻ ضروري آهي. ساڳيو عالم انڊيا جي سياحن سان اسان جي ملڪ ۾ ٿيندو هوندو. پر ڪمال آهي ممبئي ڇڏڻ وقت ڪنهن به ڪسٽمس جي يا اميگريشن جي آفيسر مون کان گهڻي پڇ گڇ نه ڪئي. شايد ان ڪري جو آئون سندن ملڪ جي اعليٰ يونيورسٽي طرفان گهرايل مهمان هوس. شايد. پڪ نه اٿم. ٿي سگهي ٿو اها منهنجي خوش فهمي هجي.
    بهرحال مون ان ڏينهن شام جو اتي جي دڪانن ۽ گاڏي وارن کان ڪافي شاپنگ ڪئي. مٺائي واري دڪان ۽ بيڪري تان رستي تي کائڻ لاءِ ڪجهه مٺائي ۽ بسڪيٽ ورتم. اڄ رات ڪنهن هوٽل تي ماني کائڻ بدران کير سان اهي بسڪيٽ کائڻ ٿي چاهيم. OHP پينون ورتم جيڪي انڊيا جون ٺهيل هيون ۽ تمام سستيون مليون. چين جي ٺهيل ايمرجنسي ٽارچ ورتم. ڪراچي ڇڏڻ وقت زال چيو هو، ته گهر لاءِ ڀلي ڪجهه نه آڻجان پر ڪم ڪندڙ گجراتي هندو ڇوڪري سنگيتا لاءِ سندس چوڻ مطابق گنيش ڀڳوان جي مورتي آڻجانءِ يا پيلي رنگ جي قميض 200 رپئي کن ملي ٿي جنهن تي هنن جي ڀڳوانن جا نالا لکيل ٿين ٿا، ضرور آڻجانءِ. گهر ڇڏڻ وقت پاڻ به گنيش ڀڳوان جي مورتي آڻڻ لاءِ چئي رهي هئي. “گهر ۾ رکڻ سان ان گهر ۾ ڪڏهن به چوري نٿي ٿئي.” هن مون کي ڪار ۾ ويهڻ وقت ڪم واري سنگيتا هڪ دفعو وري ياد ڏياريو. سندس اهو جملو ٻڌي مون دل ۾ چيو ته هاڻ جي گنپتي نه آندم ۽ هنن جي ڪا چوري ٿي وئي ته سورن ۾ آئون به اچي ويندس. ڀڳوان جي مورتي ته نظر نه آئي، پر اها قميض ساڙهين واري دڪان تي ملي وئي. مون پاڪستاني 200 رپئي Expect ڪيا، پر 350 ۾ ملي. هڪ ته مهانگائي وڌي وئي آهي ٻيو پاڪستاني رپئي جو ملهه به ڪري پيو آهي. اسان جو رپيو هميشھ انڊيا جي رپئي برابر هلندو پئي آيو پر هاڻ انڊيا جو رپيو اسان جي ڏيڍ رپئي برابر ٿي ويو هو ۽ هي سٽون لکڻ مهل اسان جي رپئي جو قدر انڊيا جي اڌ رپئي برابر وڃي ٿيو آهي. يعني انڊيا ۾ ڪوڪا ڪولا يا سيون اپ جو دٻو جيڪو 30 رپئي هو. اڄ 60 رپئي ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ اهو اڄ به اتي جي ماڻهن لاءِ ساڳيو ٽيهين رپئي جو آهي پر اسان جي رپئي جو اگهه ڪرڻ ڪري اسان کي ٻيڻا پئسا ڀرڻا پون ٿا ۽ انڊين ٽوئرسٽ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا ته کين اهو دٻو جيڪو اسان وٽ به ٽيهين رپئي جو آهي، پر هنن کي 15 رپين ۾ پوي ٿو. ڇو جو هنن کي سندن 100 رپين جا پاڪستاني 200 رپيا ملن ٿا. ملڪ جي ايڪانامي ڪِرڻ تي ان ملڪ جي عام ماڻهوءَ کي ان ريت سزا ملي ٿي. هنن لاءِ هر شيءِ مهانگي بڻجيو وڃي.
    ملائيشيا جي مرچنٽ نيوي جي ميرين اڪيڊمي ۾ پڙهائڻ دوران ان وقت جو وزيراعظ۾ محمد مهاتير اسان جي اڪيڊمي جي فنڪشن تي اڪثر ايندو هو. هيءَ اڪيڊمي سندس شوق تي ٺاهي وئي هئي. جنهن کان اڳ ملائيشيا جا نوجوان جهاز هلائڻ جي تربيت وٺڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ويا ٿي. هڪ سال پاسنگ آئوٽ جي موقعي تي اسان سان گڏ چانهه پيئندي چيائين: “توهان (يعني اسان پڙهائڻ وارن) جي ڪارڪردگي جو ٽيسٽ ان ۾ آهي ته پاس ٿيل شاگرد ڪيترو سٺي طرح جهاز هلائي سگهن ٿا.” اسان مان ڪنهن کلندي مهاتير صاحب کان چرچي ۾ پڇيو: “۽ حڪومت ڪندڙن جو ٽيسٽ ڇا ۾ آهي؟”
    وزيراعظم مهاتير کيسي مان نوٽ ڪڍي چيو. “جڏهن توهان کي اسان جي رنگٽ (روپئي) جي روزبروز Value گهٽ ٿيندي نظر اچي يعني مهانگائي محسوس ٿئي ته سمجهو ته منهنجي ڪارڪردگي بهتر ناهي.”
    مون سامان کي ٻڌڻ لاءِ ڏور ورتي. اسٽيشنري جي دڪان تان ڪجهه ڪاپيون ۽ دنيا ۾ مشهور انڊيا کونئر Fevicol جا 6 کن ٽيوب ورتا. انڊيا جي رپئي جو قدر وڌڻ جي باوجود انڊيا ۾ ڪيتريون عام استعمال جون شيون سستيون آهن. ان ڪري انڊيا جو شاگرد طبقو توڙي غريب غربو اسان جي ملڪ جي مقابلي ۾ خوش آهي. مون ان قسم جي شاپنگ سان ڀريل ڇهه ست ٿيلهيون هٿ ۾ لڙڪائي ۽ هاڻ واپسي لاءِ ڪا رڪشا ۽ ٽئڪسي ڳولڻ لڳس. خير لفظ ’ڳولڻ‘ لکڻ اجايو آهي، جو انڊيا ۾ جتي ڪٿي کوڙ ٽئڪسيون نظر اچن ٿيون ۽ سندن ڀاڙو يورپ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن کان ته ڇا اسان جي ملڪ کان به گهٽ آهي. ڊرائيورن کي قانون جو خوف رهي ٿو، ان ڪري يورپ جون ڇوڪريون به اڪيلي سر انڊيا جي ٽئڪسين بسين ۾ پيون گهمن. سانٽا ڪروز جي علائقي کي ريل جا پٽا ٻن حصن ۾ ورهائين ٿا. ممبئي يونيورسٽي سانٽا ڪروز ايسٽ پاسي آهي. آئون ويسٽ پاسي بيٺو هوس. آئون هتان به ٽئڪسي ۾ چڙهي سگهيس ٿي، پر هن پاسي واري ٽئڪسي کي ريل جا پٽا ٽپڻ لاءِ ڪافي مفاصلو وڌيڪ ڪرڻو پوي ها، جيسين ڪو ڦاٽڪ اچي ان ڪري اهڙي صورت ۾ باندرا، کار، انڌيري، ويلي پارلي جا ماڻهو ريلوي اسٽيشن وٽ پليٽ فارم ٽپي ٻئي پاسي ويندا آهن.
    اسٽيشن وٽ ٽپڻ لاءِ هي لوهي پُلين جهڙا پليٽ فارم ايڏا ته ويڪرا آهن جو مختلف شيون وڪڻڻ وارا ٻنهي پاسي بوڇڻ وڇائي، انهن تي وڪري لاءِ شيون رکي ويهن. ان هوندي به مسافرن جي لنگهڻ لاءِ ڪافي جاءِ ٿئي ٿي. مون لاءِ ته هي به نئين شيءِ هئي ته مدراسي، مراٺي ۽ گجراتي عورتون ۽ مرد مختلف Pitch ۾ هوڪا ڏيئي شيون وڪڻي رهيا هئا. ڪو ڪاڪروچ ۽ ڪوئا مارڻ جي دوا وڪڻي رهيو هو ته ڪا عورت ڪوڙا زيور وڪڻي رهي هئي. ڪنهن واچون پئي وڪيون، ته ڪنهن هٿ جا ٺهيل چمپل. ڪنهن مرمريا، گانٺيا، سيرڻي ۽ ڀڳڙا پئي وڪيا ته ڪنهن سيون ڌاڳا. سانٽا ڪروز جي ان پل تي 50 کن اهڙا دڪان آهن. ڪن ڪن دڪانن تي عجيب قسم جون شيون يا ڪي ڪي وڪڻڻ وارا، خاص ڪري عورتون، عجيب قسم جي جپسي نموني جي وڳن ۾ ڏسي آئون سندن فوٽو ڪڍڻ لڳس. اتي ئي ڏسان ته هڪ همراهه ٻن هٿن جي ماپ جيڏا دٻا رکيو ويٺو هو. جنهن ۾ رام ڪرشن، گنيش ۽ ٻين ڀڳوانن جون رنگين ۽ خوبصورت آرٽ ورڪ جون مورتيون هيون. اهي هڪ قسم جا ٽيپ رڪارڊر پڻ هئا، جن ۾ ان ديوتا سان واسطو رکندڙ ڀڄنون فيڊ ٿيل هيون. ان سان گڏ هر دٻي ۾ ڪيترائي رنگين ننڍا بلب لڳل هئا جي ٽمڪيا ٿي. يعني ٻريا ۽ وساميا ٿي. ٺاهڻ واري I.C (انٽيگريٽيڊ سرڪٽ) جو فائدو وٺي اهي ويهي ٺاهيا آهن جيڪي بيٽري ننڍن يا وڏن Cells ذريعي هليا ٿي. دڪاندار کان مون گنيش ڀڳوان واري دٻي جي قيمت پڇي.
    “اڍائي سؤ رپيا.”هن وراڻيو.
    “هي تو ٺاهيا آهن؟” مون پڇيو.
    “نه. هي منهنجي ڀائٽي ٺاهيا آهن،” هن ٻڌايو، .گذريل سال هن انجنيئرنگ B.E اليڪٽرانڪس ۾ ڪئي. جيسين ڪو روزگار مليس، هو بازار مان اليڪٽرڪ جون شيون وٺي هي گهر ۾ ويهي ٺاهيندو آهي.”
    دل ۾ مون چيو ’تنهنجي ڀائٽي واقعي صحيح طرح علم حاصل ڪيو آهي، جنهن جي آڌار تي هو هن قسم جون شيون ٺاهي وڃي ٿو.‘
    دراصل اهائي ڳالهه آهي، جيڪا نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ ڌارين ملڪن ۾ ڏٺي وڃي ٿي، جنهن ۾ اسان جا ڪيترا شاگرد مار کايو وڃن. هو رڳو ڪاغذي ڊگرين جي ڳالهه ڪن ٿا، جيڪي هنن ڀلي کڻي محنت يا ڪاپي ڪري حاصل ڪيون آهن. هو پنهنجي تخليقڪاري (Creativeness) جي ڳالهه نٿا ڪن جنهن کان هو خالي آهن. پر اڄ جو پرائيويٽ ڪارخانن جو مالڪ پنهنجي ايمپلائيز کان اهو ئي پڇي ٿو ته توکي هيترا پئسا پگهار طور ڏيئي، جيڪڏهن نوڪري ۾ رکان ته تو مان منهنجي ڪمپني کي ڪهڙو فائدو رسندو؟
    هيءَ جيڪا شيءِ هئي، جنهن ۾ هٿ جي آرٽ، بلبن ۽ ٽيپ رڪارڊر جهڙيون شيون شامل هيون، ڪنهن شيشي جي پيتي ۾ ٺاهي وڏي دڪان تي رکجي، ته هزار ٻن هزار رپين کان گهٽ نه وڃي، پر هي 250 رپين ۾ وڪڻي رهيو هو، جو هي دڪان جي مسواڙ، ٽئڪس، بجلي پنکي جو بل بچائي چادر پٽ تي وڇائي ويٺو هو. مون هتي جي دستور موجب قيمت گهٽ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر آخري قيمت 225 طيءِ ٿي. جيڪا هن جي آرٽ ورڪ جي ملهه کان جيتوڻيڪ گهٽ هئي، پر جيئن ته گهر ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ لاءِ پنجاهه سٺ رپئي واري ڪا ننڍي مورتي (Statue) وٺڻ جو سوچيو هو، ان کان هيءَ گهڻن پئسن واري هئي. پر پوءِ نيٺ سوچيم ته هيءَ ضرور وٺي وڃان، جيڪا هڪ نرالي شيءِ آهي، جنهن ۾ ننڍڙا اسپيڪر به لڳل آهن ۽ آواز وڏو ٿي نڪري ٿو. هن شيءِ جي رکڻ سان اسان جي ڪم واريءَ جي گهر جي سڄي محلي ۾ لئه ٿي ويندي.
    “چڱو بند ڪري شاپر ۾ وجهي ڏي،” مون دڪاندار کي پئسا ڏيندي چيو.
    مختلف ٿيلهيون آئون هٿن ۾ لڙڪائيندو پل تان هيٺ لٿس، ته ڪيتريون ئي ٽئڪسيون ۽ رڪشائون بيٺيون هيون. هڪ رڪشا ۾ اچي ويٺس جنهن کي انڊيا ۾ “آٽو” چون ٿا، جو اها آٽو موبائيل انجڻ تي هلي ٿي. هتي رڪشا اها آهي، جيڪا سائيڪل ذريعي يا هٿن سان ڇڪي وڃي ٿي.
    “ڪالينا ڪئمپس هل.” مون آٽو واري کي چيو. ٻنهي هٿن ۾ جهليل ٿيلهين مان ڪجهه ساڄي رکيم ڪجهه کاٻي باقي ڪئميرا هٿ ۾ جهليم. ممبئي جا هي روڊ رستا ۽ علائقا، خاص ڪري ممبئي يونيورسٽي واري علائقي جا، هڪ دفعو وري اکين اڳيان گذرڻ لڳا: سر سورتي روڊ، هنسمک نگر، ٽئگور روڊ، وويڪانند روڊ، ملهوترا چوڪ، ڊيسائي چوڪ، راما ڪرشنا مشن روڊ، نارائن چوڪ، مکرجي چوڪ، علي ياور جنگ مارگ، ماهيم ندي، ديانند وديالايا... مون ممبئي يونيورسٽي پهچي وري ٻاهر نڪرڻ نٿي چاهيو. مون کي کير وٺڻو هو سو يونيورسٽي جي در وٽان لنگهندڙ روڊ جي ٻئي پاسي هڪ جنرل اسٽور وٽ آٽو رڪشا واري کي ترسايو. سامان سيٽ تي ئي ڇڏي آئون کير وٺڻ لاءِ لٿس فٽ پاٿ تي ماڻهن جي پيهه پيهان هئي، پر مونکي ڪهڙو دڪان اندر غائب ٿي وڃڻو هو. دڪان جي ٻاهران ئي بيهي دڪان ۾ ڪم ڪندڙ ڇوڪري کي پئسا ڏنم، جنهن کير جو دٻو شاپر ۾ وجهي آڻي ڏنو ۽ آئون انهي پيرين رڪشا ڏي موٽيس. رڪشا روڊ ڪراس ڪري، ممبئي يونيورسٽي جي مين گيٽ مان لنگهي اندر WRIC
    گيسٽ هائوس جي در تي اچي لاٿو... خريداري ڪيل مڙيئي ٿيلهيون ميڙي چونڊي هيٺ لٿس، ۽ ڪمري جو در کولي اچي کٽ تي رکيم. هٿ منهن ڌوئي فريش ٿي هاڻ کاڌي جون شيون الڳ ۽ پاڪستان کڻي وڃڻ جون شيون الڳ ڪرڻ لڳس، ته اتي ڏٺم ته ’گنيش ڀڳوان‘ واور دٻو ٺهي نه. ڏاڍي ڳالهه ٿي. هي ڇا ٿيو! رڪشا مان ته سڀ سامان لاٿم خبر ناهي ڪٿي هيٺ مٿي ٿي ويو. هڪ هڪ ڪري وري سڀ ٿيلهيون جاچيم. هر شيءِ موجود هئي سواءِ ان هڪ ٿيلهيءَ جي. جيتوڻيڪ گنيش جي هيءَ مورتي ڏسي مون کي ايڏي ته خوشي ٿي، ته هڪ غريب ڪم واري نوڪرياڻيءَ جو ڪم ٿيو جو يڪدم زال کي فون ڪري ٻڌايم ته “سنگيتا لاءِ گنيش ڀڳوان ورتو اٿم.” ۽ وڌيڪ ڪراچي موٽڻ جي احوال لاءِ چيومانس ته پنجن منٽن ۾ ڪمري تي پهچي فون ٿو ڪريان. هاڻ گنيش جي گم ٿيڻ جي پريشانيءَ ۾ مون کان گهر فون ڪرڻ جي ڳالهه ئي وسري وئي. دير ٿيڻ تي منهنجي زال کي فڪر ٿيو ته فون ڇو نه ڪيم. سو هن ئي ڪراچيءَ کان رِنگ ڪيو.
    “ڏس ته سهي گنپتي گم ٿي ويو.” مون چيو. آواز ۾ ڏاڍو Distur bance هو.
    “ڇا موبائيل فون گم ٿي ويو؟” منهنجي زال پڇيو.
    “نه. نه. سنگيتا لاءِ ورتل گنيش ڀڳوان، ڪو رڪشا مان چوري ڪري ويو.”
    دراصل دڪان جي ٻاهران رڪشا کي بيهاري اندر وڃڻ وقت رڪشا واري همراهه يا ڪنهن لنگهندڙ هڪڙو ٿيلهو تڙڳائي ورتو جو رڪشا (Auto) جي پٺ ۽ پاسا کليل هئا ۽ ڪوبه لنگهندي اهي ٿيلها ڏسي هڪ ٻه کڻي سگهيو ٿي.
    ٿوري دير کانپوءِ ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاني به موڪلائڻ آيو. مون کي منجهيل ڏسي پڇيائين:
    “ممبئي ڇڏڻ جو ڏک اٿئي؟”
    کيس گنيش بابت ٻڌايم، ته هيڏي وڏي شوق مان ورتل ڪو چوري ڪري ويو. مون پاڪستان پهچي پنهنجن دوستن کي ان جي ٺاهيندڙ جي عقل بابت به ٻڌائڻ چاهيو ٿي، ته هن ڪيئن اها Circuitry هئي. پر ٺهيو. پوءِ ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر ٻلديو کي چيم، ته گهر پهچي چور به پريشان ٿي ويو هوندو ته هي ڇا ’آئون ڀڳوان چوري ڪري آيو آهيان!‘ هن غريب کي ڪهڙي خبر ته ڪهڙي ٿيلهيءَ ۾ ڪهڙي شيءِ آهي. ان کان به بسڪٽن، مٺائي يا پين پينسلن جي ٿيلهي چورائي ها ته کيس ڪجهه فائدو رسي ها.


    هِتان هُتان جون ڳالهيون

    ممبئي يونيورسٽي جو سنڌي ڊپارٽمينٽ 1995ع کان وٺي، وقت بوقت سنڌ جي ماڻهن کي مختلف سيمينارن ۽ ليڪچرس لاءِ گهرائيندو رهي ٿو. گيسٽ بڪ ۾ آيل مهمانن جا ويچار پڙهندي مون کي اها خبر پيئي. انهن ۾ ڪيترائي منهنجا سڃاڻا نظر آيا. ممبئي يونيورسٽي جي سينٽرل نهرو لائبريري يا مختلف ڊپارٽمينٽن ۽ روڊن رستن تان هلندي مون کي اهي سڀ ياد ايندا هئا ته اهي پڻ هنن رستن ۽ هنن ڪمرن مان پير گهمائي ويا آهن. انهن مان ڪجهه جا نالا هن ريت آهن: آغا سليم، ڊاڪٽر فهميده حسين، علي قاضي (KTN)، شوڪت شورو (سنڌالاجي ڄامشورو)، سراج الحق ميمڻ، ناز سهتو (جرنلسٽ) ڊاڪٽر حميده کهڙو (سابق وزير تعليم)، مظهر صديقي (سابق V.C سنڌ يونيورسٽي)، امر جليل (سابق V.Cعلامه اقبال يونيورسٽي)، غلام علي الانا، عزيز ناريجو(SANA آمريڪا)، ڊاڪٽر رام بخشاڻي (دبئي)، عنبرين هيسباڻي (W.S.Cلنڊن) وغيره...
    *
    سينٽ ميران اسڪول جي سينٽرل هال ۾ هلندڙ فنڪشن ۾ پهتس ته ان وقت گهنشام واسواڻي ۽ مينا ڪشي ڳائي رهيون هيون.
    ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان،
    يا ٿيان مومن پاڪ نمازي،
    جنهن ۾ جانب تون ٿي راضي،
    ڏس ڍولا هري رام... ڪيئن ريجهائيان...
    هن وقت اهي ٻه ٽي سٽون وچان وچان ياد اچي رهيون آهن. مون اهو راڳ ٻڌڻ ٿي چاهيو، پر دير سان پهچڻ ڪري هن جي فقط آخري مصرع ٻڌي سگهيس...
    *
    1975ع ڌاري مون هڪ سنڌي ڳائڻي ڪملا ڪيسواڻيءَ کي سنگاپور يا هانگ ڪانگ ۾ سنڌين جي هڪ فنڪشن ۾ ٻڌو هو. ڊاڪٽر ٻلديو مٽلاڻيءَ ٻڌايو ته اها اڃان جيئري آهي، جيتوڻيڪ ڏاڍي ضعيف ٿي چڪي آهي ۽ اڄ ڪلهه هتي ممبئي ۾ رهي ٿي. ڪملا ڪيسواڻي ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هندستان جي ورهاڱي بعد هوءَ جئپور هلي وئي، جتي هن ريڊيو تان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. پوءِ سنڌي فلمن ۾ ڳايو. ڊاڪٽر عامر سومرو جنهن کي پڻ ميوزڪ جو شوق آهي، تنهن چيو ته جيئن اسان وٽ پاڪستان ۾ عابده پروين آهي، تيئن انڊيا ۾ ڪملا ڪيسواڻي آهي.
    *
    ممبئي يونيورسٽي جي سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مٽلاڻيءَ پنهنجي آفيس ۾ به سنڌي ڪتابن جي هڪ ننڍڙي لائبريري ٺاهي ڇڏي آهي. چئني طرف رکيل ڪٻٽن جي مٿان مرزا قليچ بيگ ۽ ٻين جهونن شاعرن ۽ اديبن جون تصويرون لڳائي ڇڏيون آهن. ايڏيون وڏيون تصويرون مون به پهريون دفعو ڏٺيون. مون ڪيترين ئي تصويرن جون پنهنجي ڪئميرا ذريعي فلمون ورتيون.
    ان ڏينهن جيسين پروفيسر ٻلديو ليڪچر ڏئي موٽي، تيسين آئون ٻلديو جي ٽيبل تي رکيل هڪ ڪتاب کڻي ان ۾ ڪشنچند ليکراج عزيز جي شاعري پڙهندو رهيس. ننڍا هئاسين ته اسان سڀني جي زبان تي عزيز جو بيت “الله جُهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،” هوندو هو...
    جا آهي نه جائيداد ورثي وبال کان
    ٿيندي نه زير بار جا گرويءَ جي خيال کان.
    هلڪي رهي جا هانوَ تي سولي سنڀال کان
    جنهن ۾ غرور زر نه سراسر سگهي گهڙي
    الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
    *
    چنڊ واجهه ٿو وجهي جنهن جي ڇتين منجهان
    ڇڻڪار مينهن پيو وسي ڇٽڪي ڀتين منجهان
    ڀڻڪا ڏيئي لڳي هوا جنهن جي وٿين منجهان
    قدرت سندي ڪمال صحت لاءِ سوکڙي
    الله جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي.
    *
    گذريل ڏهن- پندرنهن سالن کان انڊيا ۾ ڇپيل جن سنڌي ڪتابن کي اڪيڊمي ايوارڊ مليا آهن، اهي هن ريت آهن:
    1994ع: آرسيءَ آڏو (ناول) ڪلاپرڪاش.
    1995ع: اَجهو (ناول) هري موٽواڻي.
    1996ع: غفا جي هُن پار (افسانا) لڪشمي کلاڻي.
    1997ع: ٽانڊاڻا انڌيري رات ۾ (شاعري) ايشور انچل.
    1998ع: زلزلو (ڊراما) شيام جئسنگهاڻي.
    1999ع: برف جو ٺهيل (شاعري) پارام اڀيچنداڻي.
    2001ع: ڀڳت (شاعري) پريم پرڪاش.
    2002ع: اڌمن ڌارا ارمان (افسانا) هري همٿاڻي.
    2003ع: تحقيق ۽ تنقيد (مضمون) هيرو ٺاڪر.
    2004ع: ڪويتا کان ڪويتا تائين (تنقيد) ستيش روهڙا.
    2005ع: انڌيرو روشن ٿئي (شاعري) ڍولڻ راهي.
    2006ع: ڌرتيءَ جو سڏ (ناٽڪ) ڪيرت ٻاٻاڻي.
    2007ع: وڄون وسڻ آيون (ناٽڪ) واسديو نرمل.
    *
    ڪاليج جي ڏينهن کان وٺي منهنجي لاءِ انگريزيءَ جا اهي ناول وڌيڪ دلچسپي جو سبب بڻيا آهن، جيڪي انگريزن يا انڊين برٽش راڄ (انگريز حڪومت) انڊيا بابت يا انڊيا جي شهرن جي بيڪ گرائونڊ ۾ لکيا آهن. يعني انهن ناولن ۾ دهلي، آگري، ڪلڪتي، بمبئي، لکنؤ ۽ امرتسر جهڙن شهرن جي روڊن، رستن، گهٽين، چوراهن ۽ عمارتن بابت لکيو آهي. گذريل دفعي دهلي، امرتسر، بڙودا جهڙن شهرن ۾ وڃڻ ٿيو هو، ته ڪجهه روڊن ۽ چونڪن جا نالا لکي ويو هوس. جن جو احوال مختلف ناولن ۾ پڙهيو هوم. پر افسوس جو انڊيا حڪومت پڻ ڪيترائي پراڻا تاريخي نالا بدلائي ڇڏيا آهن. ان ڪري اهي رستا ۽ جايون ڳولهڻ ۾ ڏکيائي ٿي. اهو ئي عالم ممبئي جو آهي. هونءَ انڊيا تاريخي شيون ساڳي حالت ۽ ساڳين نالن سان برقرار رکڻ جي چڱي خاصي ڪوشش ڪئي آهي، پر تنهن هوندي به ڪيترن ئي روڊن، گهٽين ۽ چونڪن جا آڳاٽا نالا بدلائي ڇڏيا آهن. پر هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته ماڻهن جي وات تي اڃا تائين اهي ئي پراڻا نالا آهن. ٿي سگهي ٿو اهو سلسلو اڃان ڪجهه سال هلي، جيسين اسان جي پراڻي جنريشن غائب ٿئي. بهرحال اسان جهڙن ڌارين ٽوئرسٽن لاءِ اهي نوان نالا ضرور مونجهاري جو سبب آهن. مثال طور مون کي ڪتابن لاءِ دوڪان تي وڃڻو هو جنهن لاءِ مون کي سڀني فرگوسن روڊ تي وڃڻ جو ڏس ڏنو. آٽو (رڪشا) ۾ چڙهيس. ڊرائيور مون کي ٻن ٽن رستن تان ڦيرائي اچي هڪ روڊ تي لاٿو “سرفوگوسن روڊ آگيا.” ڊرائيور چيو. کيس ڀاڙو ڏئي دڪان ڳولڻ لڳس، ته هڪ هنڌ روڊ جي ڪپر تي هن روڊ جو انگريزي، هندي ۽ مراٺيءَ ۾ “جنرل ڀونسلي روڊ” لکيل نظر آيو. آئون اهو سوچي ته رڪشا واري مون کي غلط هنڌ تي لاٿو آهي ٻي ڪا آٽو رڪشا يا ٽئڪسي ڏسڻ لڳس، ته پوليس واري مون کي ٻڌايو، ته هي اهو ئي رستو آهي پر هاڻ ان جو نالو بدلايو ويو آهي.
    ممبئي جا ڪجهه ٻيا روڊ جن جا نالا انگريزي ناولن ۽ هندي فلمن ۾ ٻڌي ٻڌي مون کي ياد ٿي ويا هئا ۽ هاڻ اهي نون نالن سان سڏجن ٿا، هن ريت آهن:
    آڳاٽو نالو نئون نالو
    • اپولو پيئر روڊ چتراپتي شيوا جي مارگ
    • اپولو اسٽريٽ بامبي سماچار مارگ
    • بازار اسٽريٽ پيري ناريمن اسٽريٽ
    • چَرني روڊ رام موهن راءِ مارگ
    • چرچ گيٽ اسٽريٽ وِير نريمان مارگ
    • وڪٽوريا گارڊنس جيجا ماتا ڀونسلي اديان
    • وڪٽوريا روڊ سنت ساوتا ملي روڊ
    • سئنڍ هرسٽ روڊ S.V پٽيل مارگ
    • سيان سرڪل M لڪشمي بائي چوڪ
    • پيڊر روڊ ڊاڪٽر ديشمک روڊ.
    • نيو ڪئينس روڊ ماما پرمانند مارگ
    • مسجد بندر روڊ يوسف مهر علي مارگ
    • ڊنڪن روڊ مولانا آزاد روڊ
    • فورٽ اسٽريٽ والچند هيراچند روڊ
    • هارون بي روڊ ڊاڪٽر دادا ڀائي نورو جي روڊ.
    انهن پڙهندڙن لاءِ جيڪي انڊيا ۾ انڊين راڄ بابت ناول پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، هتي ڪجهه ناولن جا نالا ڏيان ٿو. جيڪي اسان ڪاليج جي ڏينهن ۾ يا پاڻي جي جهازن جي ڊگهن سفرن دوران پڙهيا.
    • The Ray Quartet انڊيا تي برطانيا راڄ جي آخري ڏينهن تي لکيل هي چار ناول هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن ۽ پال اسڪاٽ لکيا آهن.
    • A Passage to India برطانيا راڄ ۾ مڪاني ماڻهن ۽ انگريزن جي وهنوار بابت هڪ بهترين ناول آهي، جنهن جو ليکڪ E.M فارسٽر آهي. هي ڪتاب 1934ع ۾ ڇپيو ۽ انگريزي ادب جي 100 بهترين ڪتابن مان هڪ چيو وڃي ٿو. هي ڪتاب مون 1963ع ۾ پڙهيو هو ۽ هڪ دفعو وري پڙهڻ چاهيان ٿو. هيءَ ڪهاڻي ڊاڪٽر عزيز، سندس انگريز دوست سائرل فيلڊنگ ۽ انگريز ڇوڪري اديلا جي چوڌاري ڦري ٿي. مارابار غارون گهمائڻ دوران اديلا ڊاڪٽر عزيز تي ساڻس جبر زنا جي ڪوشش جو الزام هڻي ٿي. عزيز جي ڪورٽ ڪيس دوران سڄي ملڪ ۾ سخت ٽينشن رهي ٿي،جنهن کي فارسٽر بهترين نموني سان ناول ۾ بيان ڪيو آهي.
    • The Siege of Krishnapurهي ناول 1857ع واري سپاهي بلوي/ آزادي جي جنگ بابت J.G فاريل لکيو آهي.
    • The Far Pavilions اوڻهين صدي جي برٽش انڊيا ۾ هي هڪ بهترين تاريخي ۽ رومانوي ناول ميري مارگريٽ ڪاءِ (M.M. Kaye) لکيو آهي.
    • مٿين ليکڪا مارگريٽ 1857ع واري بلوي ۽ هڪ پيار جي پرڻي بابت پڻ ناول لکيو آهي، جنهن جو نالو آهي: Shadow of the Moon
    • انگريز جڏهن انڊيا ۾ رهيا ٿي، ته هنن جي بيحد ڍڪيل ڇپيل زندگي هئي. هنن پنهنجيون اوڻايون پوڻايون، حهيڙا، جهٽا، عشق محبتون مڪاني هندن ۽ مسلمانن کان لڪائي رکيا ٿي. ريبيڪا رائمان جي ناول Olivia & Jai ۾ هن 1840ع جي هڪ معاشقي جو احوال لکيو آهي.
    • Zemindar نالي انگريزي ناول ۾ وئلري فٽز گرالنڊ سپاهين جي 1857ع جي بلوي واري دور جو احوال ڏنو آهي.
    • Flowers in the Blood هن ناول ۾ Gay Courter ڪلڪتي جي هڪ امير ترين يهودي فئملي جو احوال لکيو آهي، جنهن آفيم مان پئسو ڪمايو. هيءَ ڪهاڻي ڪٽنب جي وڏي ڌيءَ دينا ساسون ٻڌائي ٿي. ساسون يهودي فئملي بابت شروع ۾ ڪافي لکي آيو آهيان.
    • Ray انڊيا جي رهاڪو گيتا مهتا جو انگريزي ناول، جنهن ۾ راڻي وڪٽوريا جي تاجپوشي کان وٺي هندستان جي آزادي تائين لکيل آهي.
    ان کان علاوه انگريزن جي انڊيا تي حڪومت ۽ ان کانپوءِ جي ڏينهن تي لکيل ڪجهه ٻيا پڙهڻ جوڳا ڪتاب هن ريت آهن:
    1. A Singular Hostage by Thalassa ali
    2. The Opium Clerk by kunal Basu
    3. Mandala by Peart s. Buck
    4. The House of Blue Mangoes By Daved Davidas
    5. The Peacock Rider by Katharine Gordon
    6. In a far Country by Linda Holeman
    7. Bhawani Junction by John Masters.
    وغيره وغيره.


    وهم واڪا ڪري ٿڪا آهن...

    ممبئي يونيورسٽي جي ڪانفرنس روم ۾ منهنجي تقرير کان پوءِ ٻڌندڙن مان جن سوال جواب ڪيا تن مان شريڪانت صدف نالي فقط هڪ اهڙو ماڻهو هو، جنهن جي سنڌي مون کي پاڻ جهڙي لڳي، باقي ٻين جي سنڌيءَ ۾ ايترا ته هندي ۽ سنسڪرت جا لفظ هئا جو سنڌي ڊپارٽمينٽ جي هيڊ ڊاڪٽر پروفيسر ٻلديو مون لاءِ آسان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو ٿي.
    شريڪانت صدف ڪجهه پنهنجا شعر به پڙهيا. جيڪي پڻ ان سنڌيءَ ۾ هئا جيڪا اسان وٽ سنڌ ۾ عام آهي. ڪانفرنس بعد ڊاڪٽر ٻلديو کي چيم، ته “شريڪانت ننڍي ٽهيءَ جو ٿي ڪري اهڙي سٺي سنڌي ڪيئن ٿو ڳالهائي.”
    “سائين هڪ ته هو دبئي مان پڙهيو آهي،” ٻلديو ٻڌايو، “جتي جي سنڌي بهتر آهي. ٻيو ته هن جا والدين به ته ادبي ماڻهو آهن.”
    ٻلديو ٻڌايو ته شريڪانت سنڌي جي شاعر ۽ نثر نويس موتي پرڪاش ۽ ناول نويس ڪلا پرڪاش جو پٽ آهي. ڪلا سنڌي ٻوليءَ ۾ سڀ کان گهڻا ناول لکيا. جيتوڻيڪ هن شاعري، افسانا ۽ ويندي هڪ خوبصورت سفرنامو “جي هينئڙي منجهه هُرن” پڻ لکيو، پر هن جي سڃاڻپ هڪ ناول لکڻ واري آهي. ڪلا پرڪاش جا هند سنڌ ۾ ڏهه کن ناول ڇپجي چڪا آهن. هينئر ويجهڙائيءَ ۾ حيدرآباد جي ڪويتا پبليڪيشن طرفان سندس ناول “اؤکا پنڌ پيار جا” ڇپيو آهي.
    ڪلا پرڪاش ڌيءَ پارومل چاندواڻي 1934ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڄائي. هن هرديوي گرلس هاءِ اسڪول ڪراچيءَ مان تعليم حاصل ڪئي ۽ ورهاڱي کانپوءِ ڪي. جي کلناڻي اسڪول ۾ داخل ٿي ۽ پوءِ جئه هند ڪاليج بمبئي مان M.A سنڌيءَ ۾ ڪئي. 1954ع ۾ سندس شادي موتي پرڪاش سان ٿي.
    موتي پرڪاش پٽ سکرامداس شرما 1931ع تي ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ دڙي ۾ ڄائو. ورهاڱي بعد هو انڊيا هليو ويو، جتي هن B.A آنرس ۽ بي ايڊ جا امتحان پاس ڪري ماستري جو پيشو اختيار ڪيو. موتيءَ نثر توڙي نظم ۾ تمام گهڻو لکيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب آهن، جهڙوڪ: ادينا، ڪاڪو ڪلو، انڊر سيڪريٽري (ترجمو)، رات هڪ طوفان جي (جنهن تي انڊيا ۾ سنڌي فلم به ٺهي آهي)، آءٌ ته چنگ چوريون (ڪلام جو مجموعو).... وغيره. سندس هڪ شعر آهي:
    اڄ وري گذريل زمانا ياد پيا،
    پيار جا رنگين فسانا ياد پيا
    لام تي لنوندو ڏسي بلبل کي
    پنهنجا اجڙيل آشيانا ياد پيا.
    ڊاڪٽر ٻلديو ٻڌايو، ته شريڪانت جا والدين (موتي ۽ ڪلا) اڌيپور ۾ رهن ٿا ۽ سندن ممبئي واري گهر ۾ (جيڪو ممبئي يونيورسٽي جي ويجهو سانٽا ڪروز ايسٽ ۾ آهي) شريڪانت رهي ٿو. شريڪانت 1959ع ۾ ڄائو ۽ انڊيا ۾ سنڌي ٻولي جو پسنديده شاعر ۽ نقاد آهي. پاڻ 22 ورهين جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. سندس شاعريءَ جي شيخ اياز، گورڌن ڀارتي، لڇمڻ ڪومل ۽ هيرو شيوڪاڻيءَ به تعريف ڪئي آهي. سندس هڪ غزل هتي لکان ٿو:
    وهم واڪا ڪري ٿڪا آهن،
    مون جڏهن ڪي شعر لکيا آهن!
    منهنجي دل جا عظيم ڪي جذبا،
    هاڻ نانگ جا ٻِرَ نظر ايندا،
    مون ۾ سوراخ ٿي چڪا آهن!


    ڪولابا ۽ مالابار هِل ڪٿي آهن...

    ممبئي شهر جي جاگرافيائي شڪل ڪجهه ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهوءَ جو هٿ ٺونٺ تائين. پر اهو هٿ جنهن ۾ فقط آڱوٺو ۽ شاهد آڱر هجي. ٺونٺ وارو حصو جيڪڏهن ممبئي جو باندرا، ڌروي ۽ سيان سمجهيو وڃي ته هٿ جي آڱر جو آخري ڳترو جنهن تي ننهن آهن اهو ڪولابا آهي، جتي ممبئي جو شهر ڏکڻ ۾ وڃيو دنگ ڪري، جيئن ڪراچيءَ ۾ ڪياماڙي آهي. هٿ جو آڱوٺو سمجهو ته ممبئي جو اهو حصو آهي، جتي بنگانگا ۽ بابل ناٿ مندر، راج ڀون، ڪملا نهرو پارڪ جهڙيون شيون آهن. آڱوٺي جي ٻئي ڳتري وٽ مالابار ٽڪريون (Hills) آهن.
    آڱوٺي ۽ آڱر جي وچ۾ جيڪو سمنڊ آهي، اهو ممبئي جو Back By سڏجي ٿو، جتي ميرين ڊرائيو ۽ چوپاٽي جهڙيون سامونڊي بيچ آهن. هن ’بئڪ بي‘ ۾ ڪيتريون ئي ٻيڙيون نظر اچن ٿيون ۽ عربي سمنڊ جو هي حصو ڪافي ماٺو آهي. اسان جا جهاز جيئن ته وڏا ٿين ٿا، ان ڪري اسان کي هتي بيهڻ نه ڏيندا آهن. اسان اهو Bay لتاڙي، ڏسڻي آڱر مٿان ڦري ان جي ٻئي پاسي بندرگاهه ۾ اچي بيهندا آهيون، جتي ساسون ڊاڪس به آهي، جيڪو ساسون يهودي فئملي ٺهرايو هو.
    ڪياماڙي جيئن ڏکڻ ۾ ڪراچيءَ جو آخري ڇيڙو آهي، تيئن ڪولابا ممبئي جي آخري End آهي. جنهن جي ٽن پاسن کان سمنڊ آهي. اڄ کان هڪ ڏيڍ صدي اڳ ته هي ڪولابا هڪ ٻيٽ هو. جنهن جي چئني طرف عربي سمنڊ هو پر پوءِ ڪولابا ٻيٽ جو اتراهون حصو بمبئي جي باقي ٻيٽن سان ملائڻ لاءِ سمنڊ کي مٽيءَ سان ڀريو ويو. هاڻ آڱر جو پهريون ڳترو ڪولابا آهي، ته ٻيو ناريمن پوائنٽ ۽ ٽيون ڳترو فورٽ جو علائقو سڏجي ٿو، جتان ممبئي جون ريل گاڏيون هلڻ شروع ٿين ٿيون ۽ هتي چرچ گيٽ ۽ وي ٽي (وڪٽوريا ٽرمينس) ريلوي اسٽيشنون آهن. وي ٽي اسٽيشن جو هاڻ نئون نالو CST (ڇترا پتي شيوا جي ٽرمينس) آهي.
    آڱر جي پهرين ڳتري ۽ ٻئي جي وچ۾ گيٽ وي آف انڊيا آهي. جتان 1947ع ۾ انگريز فوجي لنگهي پنهنجي وطن هليا ويا هئا، ڀر ۾ هتي جي مشهور تاج هوٽل آهي. آڱر جي ٽئي ڳتري وارو حصو جيڪو آڱوٺي جي پاڙ سان ملي ٿو، اهو ڪالبا ديوي جو علائقو آهي، جتي جامع مسجد، ممبا ديوي جو مندر ۽ لڪشمي نارائڻ مندر آهي. گرگائون وارو علائقو به اتي ئي آهي. ان کان پوءِ ٿورو ڪرائيءَ ڏي مٿي جتي آڱر ۽ آڱوٺو ملي ٿو ۽ هٿ جو حصو ٻانهن جي ڪرائيءَ سان ملي ٿو، اهو مها لڪشميءَ ۽ پاريل علائقا آهن. آڱوٺو جتي ختم ٿئي ٿو، اتي حاجي علي درگاهه آهي ۽ ٿورو مٿي ريس ڪورس آهي. ڪرائي واري حصي ۾ مئزگائون ۽ بائڪلا به اچي وڃي ٿو. ڪرائيءَ کان اڃان مٿي ٺونٺ تائين وورلي، دادر، ماٽونگا ۽ سيان وارا علائقا اچي وڃن ٿا. جنهن کانپوءِ باندرا ۽ ڌَروي آهن ۽ جتي ٻانهن جسم سان ملي ٿي، اتي اردگرد کار، ڪُرلا، چمبور، ممبئي يونيورسٽي وارو علائقو وديا نگري، سانتا ڪروز، ممبئي جو ايئرپورٽ، گهاٽڪو پار، انڌيري، گوريگائون، مالاد، ڪرار، بوري والي ۽ آخر ۾ ممبئي جو اتراهون ڇيڙو ڊاهيسري ائين آهي جيئن ڪراچي جو سرجاني ٽائون آهي.
    منهنجي خيال ۾ هاڻ توهان کي ايتري آئيڊيا ضرور ٿي وئي هوندي، ته ڪولابا، مالابار هل يا فورٽ ڪٿي آهن. ۽ توهان کي جيڪڏهن ڪولابا کان ناريمن پوائنٽ وڃڻو آهي ته اهو پنجن منٽن جو فاصلو آهي، پر جيڪڏهن ڪولابا کان انڌيري وڃڻو آهي ته رش اور ۾ ٽئڪسي وارو ڪلاڪ کان به مٿي وٺي سگهي ٿو، جو اهو فاصلو ڪياماڙي کان نيو ڪراچي تائين جي فاصلي کان به ٻيڻو آهي.


    جناح هائوس کان دينا واڍيا تائين

    ممبئي جي خوبصورت علائقي مالابار هل ۾ جتي دنيا جا امير ترين ۽ اهم ماڻهو رهيا ٿي ۽ اڄ به رهن ٿا، اتي مائونٽ پليزنٽ روڊ تي (جيڪو هاڻ ڀائو صاحب هيري مارگ سڏجي ٿو.) هن رياست مهاراشٽرا جي چيف منسٽر جي گهر جي سامهون، پلاٽ نمبر 2 تي جيڪو گهر آهي، ان جي مالڪي جي حقن لاءِ هڪ ئي وقت انڊيا حڪومت، پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي نوي ساله ڌيءَ دينا Claim ڪري ٿي. هي گهر جيڪو جناح صاحب 1936ع ۾ انگلينڊ مان موٽڻ بعد اڍائي ايڪڙن (10 هزار چورس ميٽرن) جي پکيڙ تي، انگريز عمارتساز ڪلائيڊ بئٽلي کان ٺهرايو ۽ جنهن تي ان وقت ٻه لک رپيا خرچ آيو “سائوٿ ڪورٽ” نالو رکيو ويو جنهن کي پوءِ انگريز “جناح هائوس” سڏڻ لڳا ۽ اڄ ڏينهن تائين ان نالي سڏجي ٿو، جيتوڻيڪ جناح صاحب جي ڌيءَ کي سخت اعتراض آهي ته ان کي ان جي اصلي نالي South Court سان سڏيو وڃي جيڪو نالو مٿس جناح صاحب رکيو هو.
    جناح صاحب هن محل جهڙي گهر کي وڏي شوق سان پنهنجي اکين اڳيان ٺهرايو ۽ ان وقت مطابق هي هڪ تمام مهانگو گهر ٺهيو هو، جنهن جون ٽائلون ۽ ٻيو سامان اٽلي کان آيو هو، جنهن جي ڪاٺ جو ڪم وال نٽ جي ڪاٺ مان ٺهيل آهي. هي اهو گهر آهي، جتي جناح جون گانڌيءَ سان تاريخي ميٽنگون ٿيون. ورهاڱي کان پورو هڪ سال اڳ 15 آگسٽ 1946ع تي جناح جي هن گهر ۾ آخري ميٽنگ جواهر لعل نهرو ۽ سڀاش چندرا ڀوس سان ٿي هئي. 1948ع کان 1982ع تائين هن گهر ۾ برطانيا جو ڊپٽي هاءِ ڪمشنر مسواڙ تي رهيل هو.
    جناح صاحب جي وفات بعد پاڪستان جون مختلف حڪومتون هن گهر کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهيون، جو ان سان پاڪستان جو جذباتي تعلق آهي ۽ جيئن ان گهر ۾ پاڪستاني قونصل خانو ٺاهي سگهجي. آخري دفعو ان گهر لاءِ پرويز مشرف به ان وقت جي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائيءَ سان ڳالهايو هو ۽ ان گهر تي پاڪستان حڪومت جي ڪليم جو اظهار ڪيو هو. پر ان جو ڪوبه کڙ تيل نه نڪتو. انڊيا جي وڏي پارسي ڪارخانيدار نسلي واڍيا جي ماءُ دينا واڍيا جيڪا برطانيا جي شهري آهي ۽ گذريل ٽيهارو سالن کان نيويارڪ آمريڪا ۾ رهي ٿي، انڊيا جي وزيراعظم کي خط لکيو ته اهو گهر “سائوٿ ڪورٽ” جنهن جي هن وقت ٻن ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ قيمت آهي، هن جي حوالي ڪيو وڃي، جو هوءَ محمد علي جناح جي ڌيءَ جي ناتي اڪيلي والي وارث آهي.
    انهن ڏينهن ۾ (جڏهن پاڪستان تي مليٽري حاڪم پرويز مشرف جي حڪومت هئي)، لنڊن جي روزنامه انگريزي اخبار آبزرور ۾ اها خبر ڇپي ته دينا ۽ سندس پٽ نسلي واڍيا جيڪو ممبئي ۾ رهي ٿو، انڊيا حڪومت کي صاف صاف چيو آهي ته ان گهر تي پاڪستان حڪومت جو Claim ڪرڻ سراسر بيوقوفي آهي. “ممبئي جي هن جناح هائوس (South Court) جو ڪوبه پاڪستان سان واسطو ناهي. نسلي واديا چيو، “هي منهنجي ناني جو ذاتي گهر هو، جنهن سان هن کي بيحد پيار هو، اهو ڪيئن سرڪاري گهر ٿي سگهي ٿو؟” اخبار اهو به لکيو، ته نسلي واڍيا (جناح صاحب جي ڏوهٽي) ٽوڪ طور اخبار وارن کي اهو به چيو ته سندس نانو جنهن ملڪ ۾ جمهوريت ڏسڻ ٿي چاهي، پاڪستان جا هي حال ڏسي ڇا سوچي ها. هتي اهو به لکندو هلان ته جناح صاحب جي وفات بعد سندس ڌيءَ دينا سيپٽمبر 1948ع ۾ پاڪستان آئي هئي. ان بعد مارچ 2004ع ۾ هوءَ لاهور ۾ انڊيا ۽ پاڪستان جي وچ۾ هلندڙ ڪرڪيٽ مئچ ڏسڻ لاءِ آئي، جتان پوءِ هوءَ ڪراچيءَ مان جناح جي مزار تي حاضري ڀري ممبئي موٽي وئي. مهمانن جي ڪتاب (Visitors Book) ۾ هن لکيو ته:
    “This Has been very Sad and wonderful for me. May his dream of Pakistan Come true.”
    بهرحال جناح صاحب جي ڌيءَ دينا پنهنجي پيءُ جو گهر حاصل ڪرڻ لاءِ ممبئي جي هاءِ ڪورٽ ۾ پنهنجي وڪيل معرفت ڪيس داخل ڪيو آهي. ڪيترن کي اها پڪ هئي، ته ان جي مالڪيءَ جا حق دينا واديا کي ئي ملندا پر هاڻ هتي جي (ممبئي جي) اخبارن ۾ اهو اچي رهيو آهي، ته دينا کي گهڻي خوشي ڪرڻ جي ضرورت ناهي. ڇو جو جناح صاحب واري وصيت جي اها اصل ڪاپي ملي وئي آهي، جيڪا هن 30 مئي 1939ع تي لکي ته سندس جائداد جو واحد وارث سندس ڀيڻ فاطمھ جناح رهندي ۽ ان وصيت جي ڪاپي فاطمھ جناح جي جيئري ئي 1962ع ۾ بامبي هاءِ ڪورٽ مان فاطمھ جناح جي حق ۾Certify ۽ Execute ڪئي وئي. ان بابت موجوده ڪسٽوڊين آفيس جي انچارج دنيش سنگهه به خاطري ڏني ۽ چيو ته هن ان جي ڪاپي وزارت External Affairs ڏي رواني ڪري ڇڏي آهي. جيئن هو دينا ۽ حڪومت انڊيا جي وچ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڪورٽ ۾ پيش ڪن.
    دينا ان بنياد تي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو هو ته هن جي پيءُ قائداعظم محمد علي جناح ڪابه وصيت (Will) نه ڇڏي آهي ۽ هن جو پيءُ کوجو مسلمان هو ۽ هوءَ پاڻ هاڻ پارسي ڌرم سان واسطو رکي ٿي، جيڪي شريعت بدران انڊيا جو ’هندو قانون‘ قبول ڪن ٿا، ان ڪري هن جو ان گهر تي قانوني ۽ خانداني حق آهي. انڊيا جي حڪومت پاران ڊپٽي سيڪريٽري Affidavit داخل ڪيو ويو آهي ته “ان محل نما گهر جي سچي حقدار “Rightful Legal Heir” جناح صاحب جي غير شادي شده ڀيڻ هئي ۽ هن جي نالي Bequeath (ورثي ۾) ڪيل هو پر جيئن ته ورهاڱي جي وقت فاطمھ جناح پاڪستان هلي وئي، ان ڪري ٻين ڇڏيل جاين وانگر اها به Evacuee پراپرٽي ٿي.”
    ايفيڊيوٽ ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته “ان وقت جناح صاحب جي ڌيءَ دينا ممبئي ۾ ئي هئي ۽ جيڪڏهن جناح چاهي ها، ته اها ملڪيت دينا کي ملڻ کپي ها ته هو اها ڳالهه ضرور لکي ها ته دينا کي ان ۾ رهڻ ڏنو وڃي يا هن حوالي ڪئي وڃي. پر جناح جي اها مرضي هرگز نه رهي، ڇو جو هن ان جاءِ جو فيصلو 1939ع ۾ ئي پنهنجي ڀيڻ فاطمھ جي حق ۾ ڪري ڇڏيو هو.”
    جناح هائوس ورهاڱي بعد 1949ع ۾ Evacuee پراپرٽي جي ملڪيت قرار ڏنو ويو ۽ ان (بامبي ايويڪيو ائڪٽ) مطابق انڊيا سرڪار هي گهر مسواڙ تي ڏيندي رهي آهي. گهر جي مرمت ۽ نظرداري جو ڪم 1997ع تائين سينٽرل پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (CPWD) جي حوالي هلندو رهيو ٿي. 2003ع کان پوءِ هي گهر انڊين ڪونسل فار ڪلچرل رليشن(ICCR) حوالي آهي.
    آئون جن ڏينهن ۾ پوني ۾ هوس ته دينا واڍيا کي ممبئي ۾ رهي مهينو کن ٿي ويو هو. سندس پٽ نسلي جيتوڻيڪ ممبئي ۾ رهي ٿو. پر دينا هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي ڪمري ۾ رهيل هئي. هوءَ پنهنجي پيءُ جي هن ممبئي واري گهر کي ڪنهن ريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهي هئي. جناح صاحب کي دهلي ۾ به هڪ گهر هو، جيڪو پلاٽ نمبر 10 تي اورنگزيب روڊ تي هو. اهو گهر ٺهرائڻ بدران جناح صاحب ٺهيل ٺڪيل خريد ڪيو ۽ پوءِ ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ رام ڪرشنا ڊالميا کي ٽن لکن ۾ وڪڻي ڇڏيو. پر هُن بمبئي واري گهر بابت ڪڏهن به ائين نه سوچيو. هن بمبئي ۾ هميشھ لاءِ رهڻ پسند ڪيو ٿي. اها ٻي ڳالهه آهي ته آئيندي جي ڪنهن کي خبر نه آهي ته اڳتي هلي ڇا ٿيڻو آهي. هو ته هندستان جي آزادي لاءِ نڪتو هو، ته هن کي هڪ نئون ملڪ ملي ويو.
    انڊيا جو پاڪستان ۾ مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر سري پراڪاسا پنهنجين يادگيرين جي ڪتاب:
    “Pakistan: Birth and last Days”
    ۾ لکي ٿو ته: “هڪ دفعو جناح اڳيان جڏهن مالابار هِل واري گهر جي ڳالهه نڪتي، ته جناح مون کي چيو ته جواهر لعل نهرو کي چئه ته منهنجي اهڙي سهڻي گهر کي ٻين جي حوالي ڪري ستيا ناس نه ڪري. توهان کي ته خبر آهي ته مون ان جي سِر سِر پٺيان ڪيڏو ساهه ڏنو آهي. آئون اڄ به ان ۾ رهڻ جو سوچي رهيو آهيان.‘
    ان تي انڊيا جي هاءِ ڪمشنر، بقول سندس، جناح صاحب کي چيو ته: ’ڇا واقعي مسٽر جناح! توهان بمبئي موٽڻ پسند ڪندائو؟ مون کي احساس آهي، ته بمبئي شهر لاءِ توهان ڇا ڇا نه خدمتون ڏنيون آهن، جنهن لاءِ بمبئي جو شهر ۽ ان جا ماڻهو توهان جا ٿورائتا آهن. سائين! توهان جي اجازت ڏيو ته آئون وزيراعظم جواهر لعل نهرو کي لکان ته توهان بمبئي ۾ رهڻ پسند ڪريو ٿا.‘ ان تي جناح ‘Yes, you may’ جواب ڏنو هو.”
    جناح صاحب جو جلد انتقال ٿي ويو پر جواهر لعل نهرو لاءِ چون ٿا، ته هن نٿي چاهيو ته ممبئي جي مالابار هل وارو جناح هائوس ڪو Evacuee پراپرٽي ٿي وڃي. هن 7 مارچ 1955ع واري ڪابينه ڏي موڪليل نوٽ ۾ لکيو ته “جناح صاحب جي هن گهر کي ايويڪيو پراپرٽي ۾ شامل نه ڪيو وڃي.” ۽ وڌيڪ لکيو ته:
    “We Should further be prepared to make a gift of it to Pakistan government.”
    اها ڳالهه نهروءَ جي ‘Selected Works’ ۾ لکيل آهي. پر، افسوس جو نهروءَ کي ان لاءِ ڪابينا طرفان اجازت نه ملي.
    جناح صاحب 25 ڊسمبر 1976ع تي ٺٽي ضلعي جي شهر جِهرڪن ۾ ڄائو. پاڻ 41 سالن جي ڄمار ۾ 1917ع ۾ سر ڊنشا پيٽٽ نالي هڪ مشهور اهم پارسي شخصيت جي ڌيءَ رتي (جيڪا رتن ٻائي به سڏبي هئي) سان شادي ڪئي. ان وقت رتي جي عمر 18 سال هئي ۽ شاديءَ کان اڳ هن مسلمان ٿي پنهنجو نالو مريم رکيو. هن جي ننڍي هوندي جڏهن 28 ورهين جي هئي ته وفات ٿي وئي. اولاد ۾ هن کي هڪ ڌيءَ دينا 1919ع ۾ چوڏهين ۽ پنڌرهين آگسٽ جي وچ واري رات ڄائي. سندس بمبئي ۾ جهاز ٺاهيندڙ پارسي فئملي واڍيا جي هڪ نوجوان نيويلي واڍيا (Neville Wadia) سان عشق ٿي پيو. نيويلي 1911ع ۾ لورپول انگلينڊ ۾ ڄائو. پارسي فئملي ۾ ڄمڻ ڪري هو پارسي هو. بعد ۾ هو عيسائي ٿيو ۽ آخر ۾ وري Zoroastrianism يعني پارسي ڌرم اختيار ڪيائين. جناح صاحب پهرين پنهنجي ڌيءَ دينا تي ناراض ٿيو، پر پوءِ سرچاءُ ٿي ويو. ان جو تفصيلي احوال مون پنهنجي هن کان اڳ واري هندوستان جي سفرنامي “هلي ڏسجي هندستان” ۾ به ڪري چڪو آهيان. نيويلي واڍيا جي 85 سالن جي ڄمار ۾ 1995ع ۾ وفات ٿي. سندس 80 سال پراڻو ڪاروبار “بامبي “Dyeino” جي ديک ڀال 1977ع کان نسلي ڪري رهيو آهي. اڄڪلهه نسلي جو پٽ (يعني دينا جو پوٽو) نيس واڍيا ان جو M.D آهي ۽ ٻيو پوٽو جهانگير “Jeh Wadia” ڪمپني ۽ “Goair” هوائي جهازن جي ڪمپنيءَ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي.
    نيس واڍيا 1970ع ۾ ڄائو هو ۽ هينئر 40 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. انڊين فلمون ڏسڻ وارا ضرور ’نيس واڍيا‘کان واقف هوندا. هن جو بالي ووڊ جي فلم ائڪٽريس پريٽي زنٽا سان ڪافي عرصو معاشقو رهيو.
    جڏهن ممبئي جي واڍيا پارسي فئملي جي ڳالهه نڪتي آهي ته انگريزي فلمن ۽ BBC جي ڊرامن جي خوبصورت ۽ مزاحيه ائڪٽريس “نينا واڍيا” بابت به ٻه سٽون لکندو هلان، جنهن کان هر پاڪستاني ۽ انڊين واقف آهي. پاڻ اڄ ڪلهه BBCجي سوپ اوپيرا Eastenders ۾ تمام گهڻو پسند ڪئي پئي وڃي. هن فردوس ڪانگا سان گڏ BBCجي 1997ع واري فلم Sixth Happiness ۾ ڪم ڪيو آهي جنهن فلم ۾ هن شهوانيت، ناڪاميابي (Disability) ۽ پارسين بابت کوج لڳائي آهي. نينا واڍيا رشي ڪپور سان گڏ بالي ووڊ جي فلم “نمستي لنڊن” ۾ به ڪم ڪيو آهي. نينا 1969ع ۾ ڄائي ۽ 1998ع ۾ رائومنڊ مرزا سان شادي ڪئي، جنهن جو پڻ پارسي گهراڻي سان تعلق آهي. هو انگلينڊ جي شهر سري (Surrey) ۾ رهن ٿا ۽ کين ٻه ٻار آهن. پاڪستان ۾ لڳل زلزلي جي متاثرين لاءِ چندو گڏ ڪرڻ لاءِ جڏهن انگلينڊ جي رايل البرٽ هال ۾ 2005ع ۾ ڪنسرٽ ۽ فيشن شو ڪيو ويو ته نينا واڍيا وڏي دل سان ان ۾ حصو ورتو.


    بمبئي جون ايراني هوٽلون ۽ ريلوي اسٽيشنون

    منهنجي عمر جي ماڻهن کي ممبئي ۾ ايراني ريسٽورنٽون (Cafes) ڏسي کين ڪراچي ۽ حيدرآباد جهڙا شهر ياد ايندا، جتي ڪنهن زماني ۾ اهي ڏاڍيون هيون ۽ سڀني جو هڪ ئي نمونو هوندو هو. دخل تي ويٺل هڪ ايراني سيٺ جنهن جي چوڌاري مختلف قسمن جي بسڪيٽن جون درجن کن برنيون هونديون هيون. چانهه سان گڏ گهڻو ڪري بَن هلندو هو يا ’مسڪا بن‘ جنهن تي مکڻ لڳل هوندو هو. ٻئي نمبر تي پيٽيز ۽ ڪٽليٽ هلندا هئا. سڀني ايراني هوٽلن ۾ فرنيچر (ٽيبل ڪرسين) جو ساڳيو نمونو هوندو هو. هڪ ڪنڊ ۾ هٿ ڌوئڻ لاءِ واش بيسن هوندو هو. ڀتين تي ٽي چار اعلان يا چتاءَ ضرور درج ٿيل هوندا هئا، جهڙوڪ: سياسي گفتگو ڪرڻ منع آهي. هتي نوڪرن کي روزانو پگهار ڏني وڃي ٿي. ڪرسيءَ تي ٽنگون رکڻ کان پرهيز ڪريو. شراب واپرائڻ تي منع آهي. گهڻي دير ويهڻ منع آهي.... پر ڪبو اهو ئي هو جيڪو وڻندو هو. تن ڏينهن ۾ گهر ۾ ڊرائنگ روم جو اڃان فيشن نه ٿيو هو. ان ڪري غريب غربو، اديب، شاعر خاص ڪري شاگرد، ڪنهن ايراني ڪيفي ۾ ’چانهه بن‘ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي امتحانن لاءِ نوٽ ڊسڪس ڪندا هئا، اديب ۽ ترقي پسند ڪامريڊ ادب، شاعري ۽ سياست تي ويچار ونڊيندا هئا. اسان وٽ پاڪستان ۾ هڪ هڪ ٿي وڃن هي ريسٽورنٽون ختم ٿينديون. حيدرآباد ۾ ڪيفي جارج، ڪيفي اي ون وغيره هينئر نظر نه آيون. هڪ ڏينهن ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي جتان ساڄي پاسي ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڏي رستو وڃي ٿو، ان جي کاٻي پاسي واري ڪنڊ ۾ هڪ پراڻي ايراني ڪيفي نظر آئي. ڪجهه دير ويهي چانهه ۽ مسڪا بن کائي ننڍپڻ جا ڏينهن ياد ڪيم.
    ممبئي ۾ به ايراني ريسٽورنٽن جو تعداد تمام گهڻو گهٽجي ويو آهي. ممبئي جي سنڌي اديب نند جويريءَ ٻڌايو، ته 1950ع ڌاري ممبئي ۾ 350 ريسٽورنٽون هيون ۽ اڄ، فقط 25 کن وڃي بچيون آهن. انهن ۾ هڪ 103 سال آڳاٽي ايراني ڪيفي “ڪياني ڪيفي” آهي. نَند ٻڌايو ته ممبئي جي ايراني هوٽلن ۾ به ڪراچيءَ وانگر ’بن مسڪا‘ مشهور آهي، جنهن سان گڏ هنن هوٽلن جي خاص چانهه “پانی کم چائے” مشهور آهي، يعني گهٽ پاڻي ۽ گهڻي کير واري چانهه مشهور آهي. ان کان علاوه هنن هوٽلن ۾ ٻي چانهه “کاري چانهه” هلي ٿي جيڪا ڪڙڪ چانهه ٿئي ٿي.

    اهڙين ئي ايراني هوٽلن مان هڪ ڌوٻي تلاءَ واري ايراني ڪيفي آهي، جيڪا ممبئي جي شاعر نسيم ايزيڪل جي فئوريٽ هوندي هئي. هُن هِن ڪيفي جا ڀتين تي لڳل سرڪيولر پڙهي هي مزاحيه شعر ٺاهيو هو:
    No Talking to cashier.
    No Smoking.
    No Fighting.
    No Credit.
    No Outside Food.
    No Sitting long.
    No Talking Loud.
    No Spitting.
    No bargaining.
    No Water to outsiders.
    No Change.
    No Telephone.
    No Match Sticks.
    No Gambling.
    No Newspaper.
    No Combing.
    No Beef.
    No Leg on chair.
    No Liquor.
    …. By Order

    انڊيا ۾ جين ڌرم جا سڀ کان گهڻا ماڻهو ممبئي شهر ۾ رهن ٿا، جتي جين ڌرم جا ڪيترائي مندر آهن. سڀ کان وڏو ۽ اهم واڪيشور (ممبئي هِل) واري علائقي جي Ridge Rd (رج روڊ) تي بابو اميچند پنالال اديشور جو جين مندر آهي.
    جين ڌرم مطابق مڇي، بيضو يا گوشت ته کائڻو ناهي، پر ڪنهن ماڪوڙي، مک ۽ مڇر کي به مارڻو ناهي. جين ڌرم جا ماڻهو فقط ڀاڄيون کائين ۽ سخت قسم جا Vegetarians ٿين. ممبئي ۾ ڪيتريون ئي ويجيٽرين ريسٽورنٽون آهن. اهڙين ڪن هوٽلن ۾ ’جين پيزا‘(Jain Piza) به وڪامي ٿو. ممبئي جا ڪجهه رهائشي علائقا اهڙا آهن جن جا گهر توڙي فليٽ جين ڌرم جا پوئلڳ خريد ڪري سگهن ٿا يا مسواڙ تي حاصل ڪري سگهن ٿا. هن ڳالهه ممبئي ۾ ڪافي Controversy به پيدا ڪئي آهي.
    ٻڌ ڌرم جو بنياد گوتم ٻڌ وڌو ۽ جين ڌرم جو مهاوير سواميءَ عيسوي سن کان ڇهه صديون اڳ وڌو. بقول تاريخ نويس پيرومل جي، ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم کان ڪي صديون اڳي سنسڪرت سموري ڦري، بنهه نئين نموني جي ٿي پيئي. اها ’پراڪرت‘ سڏبي هئي، جا پوءِ ’پالي‘ ڪوٺجڻ ۾ آئي. سندن وقت ۾ سنسڪرت گهڻو ڪري برهمڻ ڄاڻندا هئا، باقي عام طرح پراڪرت ڳالهائيندا هئا، تنهن ڪري گوتم ٻڌ ۽ مهاوير سواميءَ پنهنجن ڌرمن جي پرچار انهيءَ پراڪرت ۾ ڪئي. برهمڻن ذات پات جو ڀيد گهڻو ٿي رکيو، پر هنن ٻنهي ڌرمن جي بانيڪارن اهڙو ڀيد رکيو ئي ڪونه، ته عام خلق کي اها ڳالهه گهڻو پسند آئي، جنهن ڪري ننڍي کنڊ جي ماڻهن، سنڌ سميت، ٻڌ ڌرم اختيارڪيو.
    هن وقت سنڌ ۾ جين ڌرم جا ڪجهه ماڻهو اسان جي ڳوٺ هالا ۾ به نظر اچن ٿا، جيڪي “ڀاڀڙا” سڏجن ٿا ۽ ننگر پارڪر طرف آهن، جيڪي “اوسواڙ” سڏجن ٿا. سنڌ ۾ وقتي ڪي رمتا جوڳي ڏسڻ ۾ ايندا آهن، جي “سيوڙا” سڏبا آهن، اهي به جين ڌرم جا آهن. ڪراچيءَ ۾ بهڪي جين ڌرم وارا آهن، پر اهي سنڌ جا رهاڪو نه آهن.
    *
    اسان وٽ سنڌ ۾ ڪو هالا جو رهاڪو آهي ته ڪو هالائي سڏجي ٿو. اهڙي طرح مورو شهر جو رهاڪو مورائي ۽ ٺٽي جو ٺٽوي سڏجي ٿو. اهڙي طرح دهليءَ جو دهلوي ۽ لکنؤ جو لکنوي چَورائي ٿو. گجرات جي ڪنهن شهر بڙودا جو بڙودا والا ۽ گوڌرا جو گوڌر والا سڏجي ٿو. ممبئي (بمبئي) جو رهاڪو ڇا ٿو سڏجي؟
    ممبئي تي سندس رياست مهاراشٽرا جي ’مراٺي‘ زبان ۽ ڀر واري رياستن گجرات جي گجراتي زبان ۽ انگريزيءَ جو وڏو اثر رهيو آهي، جو شروع کان هتي انگريز رهيا ۽ اڄ به هتي تعليم جو سسٽم انگريزي ۾ هلندو اچي. ان ڪري هتي جي ماڻهن کي انگريزي اسٽائيل ۾ Bombayite سڏجي ٿو. جيئن انگريز ڪراچي جي رهاڪن کي ڪراچيائيٽ سڏيندا هئا. ڪيترائي ممبئي جا رهاڪو پاڻ کي Mumbaikar سڏائين ٿا جو ذات يا ڪنهن سان واسطو ڏيکارڻ لاءِ مراٺي ماڻهو Kar يا Ker لڳائين ٿا ۽ گجراتي ماڻهو والا جو گهڻو استعمال ڪن ٿا. جيئن اسان وٽ ڪراچي ۾ آيل گجراتي مسلمان پاڻ کي ماندي والا، راجڪوٽ والا، وغيره سڏائين ٿا.
    *
    ممبئي ۾ ڪي ڪي ريسٽورنٽون تمام پراڻيون آهن، ۽ سؤ ڏيڍ سؤ سالن کان هلنديون اچن. توهان جو انهن اڳيان لنگهڻ ٿئي، ته هوٽل اڳيان بيهي يادگار طور هڪ عدد فوٽو ضرور ڪڍرائجو. انهن هوٽلن مان ڪجهه جا نالا آهن:
    دهلي درٻار، سنڌو دُرگ، هاءِ وي گومانتڪ، سميرت، وٺهل ڀيل والا، مهيش لنچ هوم، ڪئلاش پرڀات، آدرش ۽ ٻيون ريسٽورنٽون.
    ممبئي ۾ چاهي ڪو امير علائقي ۾ رهندو هجي يا غريب ۾، هن جي اها ئي ڪوشش رهي ٿي ته هن جو گهر ريلوي اسٽيشن جي ويجهو هجي. واقعي اهي ممبئي جون ريل گاڏيون آهن، جيڪي روزانو لکين ماڻهن کي پنهنجين آفيسن، دڪانن ۽ ڪارخانن وغيره ۾ پهچائين ٿيون ۽ شام جو گهر رسائين ٿيون. اسان جهڙن ٽوئرسٽن لاءِ به ممبئي ۾ ٽرين بهترين، آسان، هر وقت حاضر ۽ سستي سواري آهي. ان ڪري بهتر آهي ته پهرين ڏينهن ئي ممبئي شهر جو نقشو ۽ مختلف هنڌن تي لهڻ جون اسٽيشنون ڌيان ۾ رکي ڇڏجن جيئن ممبئي ۾ رهائش وارو وقت ريلوي اسٽيشنون ڳولڻ ۾ ضايع نه ٿئي.
    هيٺ ممبئي شهر جون ريلوي اسٽيشنون لکي رهيو آهيان، جيڪي ’هاربر لائين اسٽيشنون‘ سڏجن ٿيون. ممبئي ۾ توهان لاءِ هي وڏي مدد ۽ رهنمائي ٿي سگهن ٿيون. هاربر لائين جون گاڏيون ممبئي جي ڏاکڻي حصي جي VT (وڪٽوريا ٽرمينس يعني نئين نالي مطابق CST) اسٽيشن کان شروع ٿين ٿيون.
    وڪٽوريا ٽرمينس، مسجد، سئنڍ هرسٽ روڊ، ڊاڪيارڊ روڊ، ريئي (Reay) روڊ، ڪاٽن گرين، سيوري(Sewri) ان بعد وادالا روڊ اسٽيشن.
    ’وادالا روڊ‘ اسٽيشن کان پوءِ ڪي ٽرينون ممبئي شهر جي باقي حصي ۾ انڌيري تائين وڃن ٿيون، ته ڪي اتان ڀر واري ضلعي ٿاني ۽ پانول تائين هلن.
    انڌيري ڏي: وادالا روڊ، ڪنگس سرڪل، ماهيم، باندره، کار روڊ، سانتا ڪروز، وِلي پارلي ۽ پوءِ آخر ۾ انڌيري اسٽيشن.
    ٿاني ۽ پان ويل ڏي: وادالا روڊ، گرو تيغ بهادر نگر، چونا ڀٽي، ڪُرلا، تلڪ نگر، چيمبور، گوواندي، منکرد ۽ ان بعد واشي اسٽيشن آهي. واشي کان پوءِ هڪ ٽرين ٿاني ڏي وڃي ٿي ته ٻي Panvel ڏي. هاربر لائين کانسواءِ ممبئي ۾ هلندڙ ريل گاڏي ’ويسٽرن لائين‘ آهي. ويسٽرن لائين جون ريل گاڏيون پڻ ممبئي جي ڏاکڻي حصي (فورٽ) کان شروع ٿين ٿيون ۽ توهان کي ممبئي شهر جي ڪنهن به حصي ۾ لاهي سگهن ٿيون. هن لائين جون ريلوي اسٽيشنون چرچ گيٽ اسٽيشن کان شروع ٿين ٿيون.
    چرچ گيٽ، ميرين لائين، چرني روڊ، گرانٽ روڊ، ممبئي سينٽرل، مهالڪشمي، لوور پاريل، ايلفنسٽن روڊ، دادر، ماتونگا روڊ، ماهيم جنڪشن، باندرا، کار روڊ، سانتا ڪروز، وِلي پارلي، انڌيري، جوگيشري، گوريگائون، مالاد، ڪانڊي والِي، بوري والِي ۽ ڊَهيسر.


    ممبئي جو حاجي مستان ۽ Once Upon a Time in Mumbai

    ممبئي جون ڳالهيون ايتريون آهن، جو کُٽڻ جو نالو نه پيون وٺن. هڪڙيون لکڻ سان ٻيون ياد اچن ٿيون. بهرحال هاڻ بمبئي جو سفرنامو بند ڪرڻ ٿي چاهيم ته حاجي مستان جي ڳالهه ياد اچي وئي. جنهن لاءِ ڪيترن ئي پڙهندڙن پڇيو آهي ته حاجي مستان انڊيا جو مشهور سمگلر، امير ۽ غريبن جي مدد ڪرڻ وارو ماڻهو ٿي گذريو آهي.
    سندس بالي ووڊ جي فلمن ۽ ان جي اداڪارن تي به ڪافي ڪنٽرول هوندو هو. اسان وٽ پاڪستان ۾ حاجي مستان کي فلمن جي حوالي سان به سڃاڻن ٿا، جو اسان جا ماڻهو هندستاني فلمن جا شوقين آهن.
    ممبئي جو ڊان سڏائڻ واري هن افسانوي ڪردار حاجي مستان (سڄو نالو: حاجي مستان مرزا) جي پٽ ممبئي جي هڪ هيٺين عدالت ۾ استدعا ڪئي آهي ته هن جي پيءُ جي ڪردار ڪشي ڪرڻ واري نئين انڊين فلم Once Upon a Time in Mumbai تي پابندي وڌي وڃي، ڇو جو هن فلم ۾ هن جي والد حاجي مستان کي هڪ سمگلر ۽ ملڪ جي غدار طور انڊر ورلڊ (ڏوهن جي دنيا) جو سربراهه ڏيکاريو ويو آهي. جيتوڻيڪ هو پنهنجي زندگي ۾ ائين نه هو، جيئن هُن کي هِن فلم ۾ ڏيکاريو ويو آهي.
    حاجي مستان جي پٽ سليمان مرزا کي اعتراض آهي ته هن فلم ۾ هن جي پيءُ کي ڀارت جو غدار ۽ گهڻو پوءِ ممبئي جي ٿيندڙ دادا (ڊان) دائود ابراهيم جو ساٿي ۽ همدرد ڏيکاريو اٿن جيڪو بلڪل غلط آهي، Once Upon a Time in Mumbai فلم بالا جي ٽيليفلمس (Balaji Telefilms) وارن ٺاهي آهي، جنهن جو ڊائريڪٽر مِلن لٿريا آهي. فلم ۾ ’اجي ديوگن‘ حاجي مستان ٿيو آهي ۽ ’عمران هاشمي‘ دائود ابراهيم ٿيو آهي. حاجي مستان جو جنهن ڇوڪريءَ سان معاشقو ٿيو هو، ان جو رول ڪنگنا رانوٽ ادا ڪيو آهي. خوبصورت ڪنگنا ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي. جهڙوڪ: راز، گئنگسٽر، وه لمحي، لائيف ان ميٽرو وغيره. هتي اهو به لکندو هلان ته سليمان مرزا حاجي مستان جو سڳو پٽ نه پر نپايل(Adopted)ٻار آهي.
    انڊين عدالت حاجي مستان جي پٽ جي طرفان دائر ڪيل درخواست کي قبول ڪري ورتو آهي ۽ واسطيدار ماڻهن کي نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن. پر اڃان تائين هن فلم جي نمائش تي اسٽي آرڊر جاري نه ڪيا آهن. سليمان مرزا جي وڪيل اشوڪ سروگي جو چوڻ آهي ته فلم ٺـاهڻ وارن کي معلوم هجڻ کپي ته آزادي اظهار جي آڏ ۾ هن جي موڪل جي والد جي شهرت ۽ ناموس کي داغدار نٿو ڪري سگهجي ۽ سچائي ۽ حقيقت کي ان طرح پروپئگنڊا ۽ ڪوڙ ۾ نٿو بدلائي سگهجي. ان ڪري فلم ٺاهڻ وارن کان اهو پڇيو وڃي، ته هنن ڪهڙي بنياد ۽ ثابتين تي حاجي مستان کي دائود ابراهيم سان گڏ ملائي هن کي ملڪ جي غدار جي روپ ۾ پيش ڪيو آهي؟ جيتوڻيڪ سچ ۽ حقيقت اها آهي، ته حاجي مستان کي سڄي ممبئي پسند ڪري ٿي ۽ هن وقت به سوين اهڙا ڪٽنب ممبئي ۾ ملندا جيڪي ان ڳالهه جي شاهدي ڏيندا، ته حاجي مستان هڪ نهايت سٺو ۽ انسان دوست ماڻهو هو. جنهن هندو، عيسائي ۽ مسلمانن جي وچ۾ فرق ڪرڻ بنا سڄي ممبئي جي خدمت ڪئي.
    عدالت ۾ حاجي مستان جي ويڳي پٽ سليمان مرزا اهي دليل ڏنا آهن ته هن جي پيءُ کي دائود ابراهيم ۽ مار موچڙو ڪرڻ وارن گروپن سان ملائي هڪ غنڊي جي شڪل ۾ پيش ڪري هن جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، جيتوڻيڪ حاجي مستان پنهنجي حقيقي زندگي ۾ نه ته بدمعاش هو ۽ نه ئي هو غنڊو هو. هن ته ڪڏهن به پنهنجي هٿن ۾ هٿيار نه کنيا ۽ نه ئي هن جي خلاف قتل يا اغوا يا دهشتگردي يا سبوتاز جي ڪنهن ڪاروائي جو مقدمو درج ٿيو آهي. جيڪي مقدما ٺهيا اهي پوليس جي طرفان، خاص ڪري هن کي ڦاسائڻ جي لاءِ ٺاهيا ويا ۽ مزيدار ڳالهه اها آهي ته حاجي مستان جي خلاف ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ شاهدي نه ڏني، ته هو ڪو غير قانوني ڌنڌو ڪري ٿو. هن جي خلاف داخل ڪيل FIRs مان ڪنهن هڪ کي به صحيح ثابت نه ڪيو ويو آهي ۽ هن جي پيءُ حاجي مستان کي عدالت جي طرفان باعزت آزاد ڪيو ويو هو. ان ڪري عدالت هن ڳالهه جا حڪم جاري ڪري ته هن جي پيءُ جي زندگي تي ٺاهيل هيءَ نئين فلم Once Upon a Time in Mumbai کي نمائش لاءِ پيش ڪرڻ کان جهليو وڃي ۽ ان جي اسڪريننگ ڪري متنازع حصن کي خارج ڪيو وڃي.
    حاجي مستان جي پٽ جو چوڻ آهي ته هن جو پيءُ حاجي مستان هڪ انسان دوست ۽ همدرد انسان هو. جنهن هندن ۽ مسلمانن جي وچ۾ هميشھ ڀائپي پيدا ڪئي، ۽ ڪڏهن به ڪنهن رقيب جي خلاف ڪم نه ڪيو. بلڪه هن غريب مسلمانن ۽ هيٺاهين ذات جي هندن جي فلاح و بهبود جي لاءِ هڪ سياسي و فلاحي جماعت “دلت، مسلم ڀارتيا سرکشا مهاسنگ” به ٺاهي هئي. جنهن جي پليٽ فارم تان غريب مسلمانن ۽ ممبئي جي مسڪين حال هندن ۽ عيسائين کي ماهوار بنيادن تي ڪفالت ڪئي وئي ٿي ۽ اڄ به اهڙا سوين خاندان ممبئي ۾ موجود آهن جيڪي حاجي مستان جي خدمتن جو اعتراف ڪن ٿا ۽ هن جا مداح آهن ۽ سندس پٽ سليمان مرزا کي “سندر شيکر” جي نالي سان سڏين ٿا.
    حاجي مستان جيتوڻيڪ 1994ع ۾ وفات ڪري ويو، پر اڄ به ڀارت جا هزارين نوجوان هن ۾ دلچسپي وٺن ٿا ۽ هو ڄاڻڻ چاهين ٿا ته حاجي مستان ڪير هو؟ هڪ سنهڙو سيپڪڙو نوجوان ممبئي جهڙي عالمي شهر ۾ اچي ڪيئن راڄ ڪيو؟ حاجي مستان هميشھ ڪَلف لڳل ڪاٽن جي سوٽ ۾ يا بنا داغ جي شلوار قميض ۾، پنهنجن دوستن سان گڏ، هٿن ۾ امپورٽيڊ سگريٽن جي دٻي ۽ بهترين آرائشي شين سان نظر ايندو هو. حاجي مستان هميشھ ان وقت جي نمبر ون ڪار مرسيڊيز بينز ئي رکي، جيڪا ڪار اڄ به انڊيا جي وڏن ڪارخانيدارن کي نصيب ناهي. اها ڪار حاجي مستان اڄ کان 30 سال اڳ استعمال ڪندو هو. حاجي مستان لاءِ اها ڳالهه به عام آهي ته هن لاءِ روزانو تامل ناڊو کان ايندڙ صبح واري اڏام ۾ تامل زبان ۾ شايع ٿيندڙ اخبارن جو بنڊل ممبئي واري بنگلي تي پهچندو هو. ڇو جو حاجي مستان فقط تامل زبان پڙهي سگهيو ٿي.
    حاجي مستان تامل ناڊو رياست جي هڪ سامونڊي ڪناري واري ڳوٺ ڪڍالور (Cuddalore) ۾ هڪ غريب گهر ۾ 1938ع ۾ ڄائو. هو ننڍي هوندي پنهنجي هم عمر ڇوڪرن جي ٽولي سان گڏ هلڻ لڳو. ان بعد هن جي نظر ممبئي جي فلم نگري تي پيئي ۽ 17 ورهين جي ڄمار ۾ 1955ع ۾ ممبئي اچي هتي جي انڊر ورلڊ (ڏوهاري) گروپ تي پنهنجو رعب ڄمايو. ممبئي ۾ جڏهن هو آيو ته هن پهرين بندرگاهه تي ڪُولي (مزدور) ٿي ڪم ڪيو ۽ پوءِ مزدورن جي يونين جو وڏڙو ٿيندي ملڪ جي سياست ۾ اچي ويو. بقول سندس هڪ سڃاڻي بلجيت پامر جي هڪ مضمون “Dimystifying Haji Maston” جي، حاجي مستان سون، چاندي ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان جي سمگلنگ مان ڪروڙين رپيا ڪمايا. ممبئي جو هڪ هڪ گروپ هن جي عزت ڪرڻ لڳو ۽ هن کي ’حاجي صاحب‘ ۽ ’باوا‘ جي نالن سان سڏڻ لڳو.
    حاجي مستان جي حوالي سان اهو به ياد رهي ته سابق ڀارتي وزيراعظم اندرا گانڌيءَ سن 1975ع ۾ جڏهن انڊيا ۾ ايمرجنسي لڳائي ته هن جي حڪومت خاص طور حاجي مستان کي نظربند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، جنهن تي حاجي مستان کي هن جي ڪجهه ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو هو ۽ اٽڪل 3 سال کن هو جيل ۾ بند رهيو. جيل ۾ وڃڻ کان اڳ هن کي اردو يا هندي زبان نٿي آئي. هو فقط تامل ڳالهائي ڪم هلائيندو هو. جيل ۾ هو هندي سکيو. 1977ع ۾ جيل مان نڪرڻ بعد هن مسلمانن ۽ هيٺين طبقي جي دلت هندن جي ڏتڙيل حالت کي سهارو ڏيڻ لاءِ 1985ع ۾ “دلت مسلم سرکشا مهاسنگ” نالي جماعت ٺاهي. حاجي صاحب 56 ورهين جي ڄمار ۾ 1994ع ۾ وفات ڪئي.
    حاجي مستان جي خاص سڃاڻپ بالي ووڊ جي فلمي انڊسٽري ۾ رابطن سان به آهي. چيو وڃي ٿو ته حاجي مستان جي پيسن تي ڀارتي فلم انڊسٽري بيٺل آهي ۽ ڀارتي اداڪارائون هميشھ هن سان گڏ رهڻ پسند ڪن ٿيون. جڏهن ته ڀارتي فلم انڊسٽري جي سن سٺ ۽ ستر جي ڏهائي جا سمورا هيروز ممبئي انڊر ورلڊ جي مبينه افسانوي ڪردار “حاجي مستان” سان گڏ فنڪشنن ۽ دعوتن ۾ گڏ شريڪ ٿيڻ ۽ فوٽو ڪڍرائڻ ۾ پنهنجي خوش نصيبي ۽ شان سمجهندا هئا. حاجي مستان مسلم اداڪار ۽ هيرو يوسف خان (دليپ ڪمار) کي به پسند ڪيو ٿي. ممبئي ۾ گهڻو وقت حاجي مستان ۽ دليپ ڪمار گڏ ئي رهيا. سليمان مرزا (جيڪو پاڻ کي سندر شيکر به سڏائي ٿو) جو ڀارتي اخبارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ دوران اهو چوڻ آهي ته اهو به صحيح آهي، ته هن جو پيءُ حاجي مستان جا ڀارتي فلم انڊسٽري جي ماڻهن سان گهرا ۽ ويجها تعلقات هئا، پر اهو ڪٿي جو انصاف آهي ته منهنجي پيءُ کي دائود ابراهيم، ابو سالم ۽ ٻين بدنام قسم جي گئنگسٽرن سان ملايو وڃي.
    حاجي مستان جي پٽ سليمان مرزا (جيڪو هن وقت “دلت مسلم سرکشا مها سنگهه” جماعت جو چيئرمين آهي) کي اهو به اعتراض آهي، ته هن فلم Once Upon a Time in Mumbai ۾ هن جي پيءُ حاجي مستان جو مڌو بالا سان عشق کي پڻ اجاگر ڪيو ويو آهي، جيڪا ناقابلِ برداشت ڳالهه آهي. سليمان مرزا جو چوڻ آهي ته حاجي مستان ڇا هو، اهو معلوم ڪرڻ بيحد آسان ڳالهه آهي. ڀارتي اخبارون اهو مڃين ٿيون ته حاجي مستان تي پنهنجي ئي زندگيءَ ۾ هڪ فلم ’ديوار‘ ٺاهي وئي هئي. جنهن ۾ اميتاڀ بچن حاجي مستان جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ خود اميتاب جو چوڻ آهي، ته حاجي مستان جي زندگيءَ تي ٺاهيل هن فلم ۾ ڪردار کي چڱي طرح سمجهڻ لاءِ ۽ ان کي پرکڻ لاءِ هُن حاجي مستان سان ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون هيون ۽ هن جي عادتن کي غور سان جانچڻ لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن سان گڏ رهيو هو. هن فلم ۾ به حاجي مستان کي غريبن جو همدرد ڏيکاريو ويو آهي ۽ هن کي ان وقت “ان داتا” يعني God Father جو لقب ڏنو ويو هو.
    ’ديوار‘ نالي انڊيا ۾ ٻه فلمون ٺهي چڪيون آهن، ٻنهي ۾ اميتاڀ بچن ڪم ڪيو آهي. پر پهرئين ۾ حاجي مستان جو ڪردار ڏيکاريو ويو آهي. اها 1975ع واري ’ديوار‘ فلم آهي. جنهن جو ڊائريڪٽر يش چوپڙا آهي ۽ ڪهاڻي سليم جاويد لکي آهي. ’ديوار‘ فلم ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي، جن جو مختلف پيشو آهي. وجي (اميتاڀ بچن) سمگلر ٿيو آهي، ۽ سندس ڀاءُ روي ورما (ششي ڪپور) پوليس آفيسر آهي. هي ٻه ڀائر ننڍي هوندي هڪ غريباڻي گهر ۾ پنهنجي پيءُ آنند ورما (ستين ڪاپو) ۽ ماءُ سميترا (نيرو پاراءِ) سان رهن ٿا. وڏو ڀاءُ گهر جو خرچ پورو ڪرڻ لاءِ ۽ پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي پڙهائڻ لاءِ بوٽ پالش ڪري ٿو. ان بعد بندرگاهه ۾ قلي (مزدور) ٿي ڪم ڪري ٿو. جيڪو ڪم حاجي مستان به ڪيو هو. ننڍو ڀاءُ روي پڙهي لکي پوليس آفيسر ٿئي ٿو ۽ پنهنجي هڪ آفيسر جي ڌيءَ ويرا (نيتو سنگهه) سان معاشقو ڪري ٿو. هوڏانهن وڏو ڀاءُ وجي بار ۾ مليل هڪ چالو عورت انيتا (پروين بابي) سان عشق ڪري ٿو... هن فلم جا گانا ساحر لڌيانويءَ لکيا ۽ ميوزڪ راحل ديو برمن ڪمپوز ڪئي. هيءَ فلم تمام گهڻي ڪامياب ويئي ۽ کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا. هيءَ ساڳي فلم ڏکڻ هندستان جي زبان تامل ۾ ’ٿي‘ نالي پڻ ٺاهي وئي، جنهن ۾ رجني ڪانت هيرو ٿيو ۽ ساڳي فلم ’مگادو‘ نالي تيلگو زبان ۾ پڻ ٺاهي وئي. هي ٻئي فلمون اسي واري ڏهي ۾ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ تمام گهڻيون مشهور ٿيون جو اتي رهندڙ انڊين تامل، تيلگو، مليالم ۽ ڪنهڙ زبانون ڳالهائين ٿا.
    ’ديوار‘ نالي هڪ فلم ڪجهه سال اڳ 2004ع ۾ پڻ ممبئي ۾ ٺاهي وئي. جنهن ۾ اميتاڀ بچن پاڪستان جي قيد ۾ ٻين 30 کن انڊين سپاهين سان گڏ 1971ع واري جنگ جو قيدي (POW) ڏيکاريو اٿن. 33 سالن بعد سندس پٽ گورف (اڪشي کنا) پنهنجي پيءُ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هڪ مشن ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ٿو، جنهن ۾ پاڪستاني قيد مان ڀڄي آيل خان نالي سپاهي (سنجي دت) پڻ هن جي مدد ڪري ٿو. هن فلم جا گانا نصرت بدر لکيا آهن، ۽ ميوزڪ آديش شري واستا ڪمپوز ڪئي آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 755
    ڪتابن جو مشاهدو: 1259582
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 386666
    2018 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ