ڪتاب جو نالو: جيجل منهنجي ماءُ
مصنف: امر جليل
ڇپائيندڙ: ڪاڇو پبليڪيشن
ڪيٽيگري: ڪهاڻيون
شايع ٿيڻ جو سال: 2012
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: خميس، 13 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 2133 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 751 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ڪتاب ”جيجل منهنجي ماءُ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي. امر جليل صاحب سنڌ کي پنهنجي امڙ ڪوٺي، ان سان سلهاڙيل پنهنجن جذبن جو اظهار پنهنجي منفرد ۽ يگاني انداز ۾ ڪري ٿو.

امر جليل لکي ٿو :

” منهنجي امان،
مان زندگيءَ جي رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن توکي ياد ڪندو آهيان، توکي خط لکي، اندر جو حال اوريندو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي اها روش خود غرضيءَ تي ٻڌل آهي. پر تون منهنجي ماءُ آهين. تو منهنجون خطائون هميشه بخشي ڇڏيون آهن. پڪ اٿم، منهنجي ارڏائيءَ کي تون درگذر ڪري ڇڏيندينءَ. مان تنهنجين دعائن جو طلبگار آهيان.“
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • سنڌ سلامت پاران
  • جيجل منهنجي ماءُ : ٻئي ايڊيشن جي آتم ڪٿا
  • حالتن جو جمود : پهرئين ايڊيشن جي آتم ڪٿا
  • سفر جو سانگو
  • مان ڪنهن کي ڳوليان ٿو
  • مان تون سان ملڻ ايندس
  • ڪوتاهيءَ جو اعتراف
  • چينو ڇا ٿو چاهي
  • سامونڊين جي سار
  • وڍيل آڱر
  • امڙ مان ٿڪجي پيو آهيان
  • دودو سومرو يا دودا سومرا
  • ڪيڪٽس
  • دل جا وهم وسار
  • مان تو وٽ هليو ايندس
  • سوداءُ
  • سنڌو
  • ماٽيلي ماءُ جي دعا
  • گم ٿي ويل امانت
  • نوحو
  • رهجي ويل خط
  • زمان حال جو عيني گواهه
  • مون کي دعا نه ڏيو
  • فيصلي جو طلسم
  • رڍ آڏو رباب
  • وجينتي مالا ۽ مان
  • گفتگو
  • رمضان سڳور آيو آهي
  • رٽائر ٿيڻ کان اڳ
  • مونا ليزا ڌوٻياڻي
  • ڄمندي ڄام
  • سچو آهي سبحان
  • ٻڪر
  • گلدستو ڏيندڙ ٻار
  • رهبر سان گفتگو
  • مسئلو
  • نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيل ڪُنڍي
  • رک ۾ چڻنگ ڳوليان ٿو
  • ڪارو الله جو پيارو
  • روڊ رولر
  • ڦودني جو سوال
  • ٻليءَ سان عشق
  • گوتم، چيتو ۽ مان
  • ازل جو عشق
  • مرڻ به مشڪل آهي
  • ماريندو ته الله آهي نه؟
  • هاٿي ۽ مان
  • مان وسارڻ چاهيان ٿو
  • مرڻ مهڻو نه آهي
  • رحيم هنڱوري جهڙو ڏوهاري
  • ڪميونسٽ شاعر
  • پهاڪن جي پڄاڻي
  • ٻڪر ۽ ڇيلو
  • سائين چور کي سڱ ٿيندا آهن؟
  • قد وڌائڻ جي اٽڪل
  • ڪارٽون سوچيندا آهن
  • لڌم ۽ وڃايم
  • ڊڄو ان ڏينهن کان
  • ڪافراڻو سوال
  • ڳجهه جي ڳالهه
  • روانگي
  • فائيل، جيڪي بند نه ٿيندا آهن
  • خوفناڪ بيماري
  • اڄ جا افلاطون، سقراط ۽ ارسطو
  • مالڪ تون درد ڪٽيندين
  • ميڊم جي ٻلي
  • فيلسوف ۽ گڏهه
  • ڦندڻ جو پرابلم

  • سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (272) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”جيجل منهنجي ماءُ“ نامياري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ دانشور امر جليل صاحب جو لکيل آهي. امر جليل صاحب سنڌ کي پنهنجي امڙ ڪوٺي، ان سان سلهاڙيل پنهنجن جذبن جو اظهار پنهنجي منفرد ۽ يگاني انداز ۾ ڪري ٿو.

    امر جليل لکي ٿو :

    ” منهنجي امان،
    مان زندگيءَ جي رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن توکي ياد ڪندو آهيان، توکي خط لکي، اندر جو حال اوريندو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي اها روش خود غرضيءَ تي ٻڌل آهي. پر تون منهنجي ماءُ آهين. تو منهنجون خطائون هميشه بخشي ڇڏيون آهن. پڪ اٿم، منهنجي ارڏائيءَ کي تون درگذر ڪري ڇڏيندينءَ. مان تنهنجين دعائن جو طلبگار آهيان.“

    هن ڪتاب جو ٽيون ايڊيشن ڪاڇو پبليڪيشن پاران 2012ع ۾ ڇپايو ويو. اسان ٿورائتا آهيون فيسبوڪ جي پيج ”فينس آف امر جليل“ جي ايڊمن سارنگ امداد ۽ ٻين دوستن جا جن هي ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو. ٿورا سائين امر جليل صاحب جا جنهن نوجوانن لاءِ اتساهه ۽ اميدن ڀريل پيغام سان گڏ هي ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ڏنو.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    جيجل منهنجي ماءُ : ٻئي ايڊيشن جي آتم ڪٿا

    امان مون کان تڏهن موڪلايو هو جڏهن مان ڏندين ڏاند هوس. سخت جنوني، اڌ چريو، کلڻ تي اچان ته کلندو رهان ـــ روئڻ ويهان ته روئيندو رهان. ڇوڪراٽ هوس جو اِها ڪيفيت مون تي طاري ٿي هئي. هينئر، ٽيهتر ورهين واري عمر ۾ اِها ڪيفيت لوهه ٿي ويئي آهي. نه جنون کان دامن ڇڏائي سگهيو آهيان ۽ نه سڄو ٿي سگهيو آهيان، ڇرڪيل ٻار وانگر دنيا کي شڪ جي نگاهه سان ڏسندو آهيان.
    امان جي اسهڻ کان اڳ، انيڪ ناڪامين جي باوجود مان ڪنهن به ڪم کي امڪان کان ٻاهر نه سمجهندو هوس. مون کي سڀ ڪجهه ممڪن لڳندو هو. منهنجي مٿي ۾ اِها ڳالهه ويهي وئي هئي ته مان پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق جيئندس. ۽ مرضيءَ مطابق مرندس. ويهين آڪٽوبر 1960ع اُسر ويل امان جڏهن منهنجين ٻانهن مان اُڏامي ويئي، تڏهن منهنجو ڀرم ڀري پيو هو. امڪان اندر ۽ امڪان کان ٻاهر مون کي سڀ ڪجهه ناممڪن محسوس ٿيو هو. مون شدت سان محسوس ڪيو ته ڪجهه به منهنجي وس ۾ ناهي. مان بيوس آهيان. اڳتي هلي، زندگيءَ ۾ مليل تجربن اِن ڳالهه جي تصديق ڪئي، ته انسان جي هٿ وس ڪجهه به ڪونهي. هو فقط ارادو ڪري سگهي ٿو. ارادي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ هو فقط ڪوشش ڪري سگهي ٿو، محنت ڪري سگهي ٿو، جدوجهد ڪري سگهي ٿو، پر نتيجن تي اثر انداز ٿيڻ هن جي وس ۾ ناهي.
    ڊگهي عرصي تائين، بلڪه ائين چوان ته اڄ تائين مان امان جي اسهڻ واري گهڙيءَ جي دهشت مان نڪري نه سگهيو آهيان. هڪ ڊگهو عرصو مون اهڙو به گذاريو هو، جڏهن منهنجو ذهن امان جي اسهڻ واري حقيقت کان نابري واري بيٺو هو.
    امان ڄائي پوني ۾ هئي، ۽ نپي بمبئي ۾ هئي. ڏاڍي ٻاجهاري ۽ درويش صفت عورت هئي. ڪڏهن به ڪنهن کي ڏک نه ڏنائين. تڪليف نه ڏنائين، ويٺي سڀني کي کلائيندي هئي. سعيد منزل ڀرسان ڊنشا آغا بلڊنگ ۾ اسان جو اٺو نمبر فليٽ اوڙي پاڙي جي عورتن لاءِ واندي وقت ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ جو مرڪز هو. ڪي عورتون پنهنجا ڏک سور کڻي اينديون هيون. آخر ۾ امان هنن کي کلائي کيرو ڪري روانو ڪندي هئي.
    1947ع جي خونريزيءَ کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ مهاجرن جا انبوهه اچي لٿا. روزانو هزارن جي تعداد ۾ سندن آمد جو سلسلو سالن جا سال جاري رهيو. سواءِ سينٽ پيٽرڪس، گرامر، ماما پارسي گرلس اسڪول، ۽ بي وي ايس پارسي اسڪول جي سمورن اسڪولن ۾ مهاجر ڪيمپون قائم ڪيون ويون. اين جي وي هاءِ اسڪول اسان جي فليٽ سامهون هوندو هو. اسان واري اسڪول ۾ تمام وڏي مهاجر ڪيمپ قائم ڪئي هئائون. امان پنهنجي وس آهر مانيون پچائي، ۽ مون کان ديڳڙو ٻوڙ جو کڻائي ذري گهٽ روزانو اين جي وي هاءِ اسڪول ۽ ڀرپاسي گجراتي اسڪولن ۾ قائم ڪيل مهاجر ڪيمپن ۾ ويندي هئي. سندن تباهي ۽ برباديءَ تي روئيندي هئي، ۽ نامور سياستدانن کي پٽون پاراتا ڏيندي هئي. ڪا عورت وڌيڪ زخمي يا بيمار ڏسندي هئي ته هن کي ڊاڪٽر سعيد، ۽ سندس پٽ ڊاڪٽر خورشيد، ۽ پاسي کان نئين کليل ڪلينڪ ۾ ڊاڪٽر ياور عباس ۽ ڊاڪٽر دلاور عباس وٽ وٺي وڃي علاج ڪرائيندي هئي.
    امان جو ذڪر مان آتم ڪٿا جي مختلف بابن ۾ ڪندو رهيو آهيان. اڄ وري هن باب ۾ ڪري رهيو آهيان. امان سچل سرمست جي معتقد ۽ مريدياڻي هئي. سچل سرمست جي فلسفي مطابق، هوءَ جا به هئي، جيئن به هئي، تيئن ئي هئي. ڪو ڪيئن چوي، ڪو ڪيئن چوي، ان ڳالهه جي کيس قطعي پرواهه نه هئي. نه رکندي هئي روزا، نه پڙهندي هئي نمازون. رڳو سچل سرمست جي رسالي جو ورد ڪندي هئي. سچل سرمست جي درگاهه ۽ سخي قبول محمد جي قديم تصويرن کي روزانو گلن جا هار پارائيندي هئي، ۽ تصويرن آڏو اگربتيون ٻاريندي هئي. ڪجهه ماڻهو، خاص طرح سان بابا جو سئوٽ ۽ همعمر، ان لحاظ سان منهنجو چاچو، مولوي عبدالرزاق قاضي امان کي واڻياڻي يعني هندو سمجهندو هو. اسان جي فليٽ تي ايندو هو ته اُن طرف اصل نه ويندو هو جتي امان سچل سرمست جي درگاهه ۽ سخي قبول محمد جون تصويرون ڏاڍي ادب ۽ احترام سان سينگاري رکيون هيون. چاچا وڏو عالمِ دين هو. پر، هو ان معاملي تي بابا سان ڪڏهن به بحث نه ڪندو هو.
    امان مون سان ڏاڍو پيار ڪندي هئي. اصل ساهه هوندو هوس مون ۾. ميچ کيڏڻ وڃان ته لڪي لڪي گرائونڊ تي پهچي ويندي هئي. انهن ڏينهن ۾ ڪرڪيٽ ميچن لاءِ ڪراچيءَ ۾ ڏاڍا سٺا ميدان هوندا هئا ـــ ڪراچي جيمخانه، مسلم جيمخانه، هندو جيمخانه، آغا خان جيمخانه ۽ ڪراچي پارسي انسٽيٽيوٽ. سڀني گرائونڊن کان پري هوندو هو. آغا خان جيمخانه. امان اُتي به پهچي ويندي هئي. ان ڳالهه تان امان سان هميشه منهنجو جهيڙو هلندو هو. پر، هوءَ ويچاري دل هٿان مجبور هئي ۽ اها ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه ايندي هئي. هڪ دفعي ميچ ۾ وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي بال، بيٽس مين جي بيٽ تان ٿڙي سڌو اچي منهنجي ٻوٿ تي لڳو. هيٺيون چپ ڦاٽي پيو ۽ ڪجهه ڏند لڏي ويا. منهنجي وات ۽ چپن تي پٽيون، ۽ ڪپڙن تي رت ڏسي امان ذري گهٽ بيهوش ٿي ويئي هئي.
    وڪيٽ ڪيپنگ ڪندي آڱريون ڀڄڻ وڪيٽ ڪيپرن لاءِ معمولي ڳالهه يا دستوري ڳالهه هوندي آهي. پر، امان لاءِ وڏي ڳالهه هوندي هئي. ويٺي رب کان دعا گهرندي هئي ته منهنجي پٽ کي ڪرڪيٽ جي جنون کان آجو ڪر. پر، منهنجي جنون آڏو امان جون دعائون بي اثر هونديون هيون. جڏهن امان اُسهي هئي، مان ڪراچي يونيورسٽي فيڪلٽيز جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن هوس.
    جيستائين امان حيات هئي مون کي پنهنجي زندگيءَ ۾ سندس اهميت جي قطعي خبر نه پيئي. روزانو ساڻس وڙهڻ، جهيڙو ڪرڻ ۽ ٻوٿ سڄائي گهر مان رُسي هلي وڃڻ کي مان پنهنجو حق سمجهندو هوس. پوءِ امان جڏهن هميشه لاءِ هلي ويئي، تڏهن اوچتو مان پولار ۾ وڃي پيس. وَسوِسا ورائي ويا: هاڻي مان ڪنهن سان وڙهندس؟ ڪنهن سان جهيڙا ڪندس؟ ڪنهن کان رُسي ويندس؟ پوءِ شروع ڪيم پاڻ سان جهيڙو، جيڪو هن عمر تائين هلندو اچي. جوٽيم پاڻ سان جنگ، جيڪا اڄ تائين هلندي اچي! پاڻ سان ٺاهه کي امڪان جي سرحدن مان ڪڍي ڇڏيو اٿم.
    امان جي اسهڻ کان پوءِ، امان جي جاءِ والاري اديءَ ــ منهنجي اڪيلي ڀيڻ، مون کان ڏهه ـــ ٻارهن سال کن وڏي. اديءَ جي نصيب ۾ اڪيلائي شايد ان ڪري لکجي ويئي هئي ته اڳتي هلي زندگيءَ ۾ کيس مون کي سنڀالڻو هو. اڄ تائين منهنجا جِنَ ۽ جنون سنڀاليندي اچي. امان جي ابتڙ روزي نماز جي پابند آهي. پر، مون کي صوفي مَتَ تان موٽائي اچڻ جي ڪوشش نه ڪندي آهي. مون کي جنت جا جنتر ۽ دوزخ جا دڙڪا ڏيئي ڊيڄارڻ جي ڪوشش نه ڪندي آهي. کيس خبر آهي ته امان ننڍي وهيءَ ۾ مون کي صوفي مت جي سُتي پيئاري ڇڏي هئي ـــ سچل سائينءَ جو دڳ ڏيکاري ڇڏيو هو، ”دوزخ دڙڪو، بهشت دلاسو، ڊاهه ويا سڀ ڊهي ڊهي.“ الف اسان لاءِ ڪافي آهي. ب جي ڀول ڀليان ۾ ڀَلُ وڃي ٻيا پَوَن. هو هِڪُ، انيڪ آهي. ڪي هن لاءِ نمازون نوڙي پڙهن، ته ڪي وڃي مندر وسائن.
    امان سان مون زندگيءَ جا ٽيويهه سال گذاريا هئا. اديءَ جي پاڇي ۾ مون زندگيءَ جا پنجاهه سال گذاري ڇڏيا آهن. سنڀالي رکيل شين ۾ اديءَ وٽ ڇٽيءَ تي پاتل منهنجو چولو، ۽ 1957ع ۾ وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ ٺاهيندي جيڪا ٽوپي پاتي هيم، حفاظت سان سانڍيل آهن. انيڪ اخبارون، رسالا، ڪتاب، فائيل ۽ فولڊر، جيتري تعداد ۾ ادي سنڀالي سگهي، سي سنڀاليل آهن، باقي سعيد منزل واري فليٽ مان ڪوچ ڪري ڪلفٽن واري فليٽ ڏانهن ايندي ضايع ٿي ويا.
    هيءُ ڪتاب فقط ان ڪري اوهان جي هٿن تائين پهتو آهي، جو ٻه ٽي سئو اخبارون ۽ رسالا اديءَ سنڀالي رکيا هئا. مختلف عنوانن هيٺ لکيل ننڍڙين ڪهاڻين مان مون ”امڙ“ جي موضوع تي لکيل ڪهاڻيون چونڊي ڌار ڪيون، ۽ اوهان کي پڙهڻ لاءِ ڏنيون. ان ڪم ۾ روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون وٽ ويهي، اخبارن جي ڇنڊ ڇاڻ ۾ محمد علي ماجد منهنجي ڏاڍي مدد ڪئي. مان سندس ٿورائتو آهيان.
    ”جيجل منهنجي ماءُ“، جو ٻيو ڇاپو (سيڪنڊ ايڊيشن) ان ڳالهه جي تصديق آهي ته ”ماءُ“ جو موضوع زمان ۽ مڪان جي پابندين کان آزاد آهي.

    امر جليل
    12 فيبروري، 2009
    B-702, Sand View Homes,
    Frere Town,
    CliftonKarachi, Sindh.
    E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
    amarjaleel136@gmail.com


    حالتن جو جمود : پهرئين ايڊيشن جي آتم ڪٿا

    مون کي ٺيڪ سان ياد ناهي ته اپريل 1972 جي اُها ڪهڙي تاريخ هئي. سراج مون کي چوائي موڪليو هو ته سڀاڻي شام جو ستين لڳي شيزان ۾ اچ ـــ چانهه پيئنداسين ۽ لکڻ پڙهڻ بابت پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائينداسين.
    مون کي اچرج ٿيو هو. اچرج ان ڪري ٿيو هو جو دوستن هُلائي ڇڏيو هو ته سراج مخصوص دوستن جي دائري کان ٻاهر نه ڪنهن سان ملندو آهي، ۽ نه ڳالهائيندو آهي. ڪنهن سان به ڊيگهه نه رکندو آهي. سندن دوستيءَ جي دائري ۾ شامل هوندا هئا گڙنگ ليکڪ ۽ شاعر ـــ رشيد ڀٽي، جمال ابڙو، شيخ اياز، غلام رباني آگرو، رشيد آخوند، ابراهيم جويو، غلام محمد گرامي، سوڀوگيانچنداڻي، تنوير عباسي، نياز همايوني، اياز قادري، ۽ نورالدين سرڪي وغيره. تنهنڪري منهنجو اچرج اجايو نه هو. ادب ۾ منهنجو نالو معتبر نه هو. يارن، دوستن مشهور ڪري ڇڏيو هو ته مان ملحد هوس ــ منڪر هوس ــ نظريه پاڪستان جي بنياد ٻه ــ قومي ٿيئريءَ جو مخالف هوس ــ دين ڌرم کان آجو هوس. سندن رايي ۾ ڪنهن قسم جو وڌاءُ نه هو. اُن وقت تائين مون نج تصوف جي تڏي تي هميشه لاءِ سر جهڪائي ڇڏيو هو.
    سچل سرمست جي مريدي مون کي ماءُ جي هنج ۾ ملي هئي. هوءَ سچل سائينءَ جي وڏي معتقد ۽ مريدياڻي هئي. مون کي اهڙي ڪا رات ياد ناهي جنهن ۾ مون امان کي سچل سائينءَ جو رسالو پڙهندي ۽ روئيندي نه ڏٺو هو. آخري رات ڀيري به مون امان کي سچل سائينءَ جو رسالو پڙهندي ڏٺو هو. گهر ۾ امان ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو ڀاتي نه هو. امان پنهنجي ڪمري ۾ رسالو پڙهڻ ۾ محو هئي. مان پنهنجي ڪمري ۾ ايم اي پريوس جي امتحان لاءِ تياري ڪري رهيو هوس. سال هو 1960، ۽ تاريخ هئي آڪٽوبر جي 20 (ويهين). رات جي ٻي ــ اڍائي لڳي مون جڏهن بتي بند ڪئي، امان پنهنجي ڪمري ۾ سچل سائينءَ جو رسالو پڙهي رهي هئي. هوءَ مون کي ڏاڍي ٻاجهاري لڳي هئي. مون کي خبر ناهي ته ڪهڙي وقت منهنجي اک لڳي ويئي هئي. جوانيءَ جي ننڊ موت مثل هوندي آهي. اُڀ ڀَڄي، ڀُري، ڀورا ٿي مٿان اچي ڪري تڏهن به اک نه کلندي آهي. پر، منهنجي اک کلي پيئي هئي. روح ڪانڊاريندڙ رڙ منهنجي وجود مان آرپار هلي ويئي. اُها رڙ امان جو آخري سَڏ هو جيڪو هن ادا کي ڪيو هو. منهنجو جوڌو، ٻلوان ڀاءُ ـــ ”بچو.“
    مان اُڏامي وڃي امان وٽ پهتس. پير لٽڪائي پلنگ تي ويٺي هئي. آخري اُڀا ساهه پي کنيائين. مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. کيس مِٺيون ڏنم ـــ ڏاڍو پيار ڪيم. کيس پلنگ تي ليٽائي، ڊڪ پائي پاڻيءَ جو گلاس ڀري آيس. بدن ۾ ڀريل هوندي هئي. مون کيس هنج ۾ کڻي ورتو. هڪ ٻانهن ڪنڌ ۽ ڪلهي هيٺان ڏيئي مون کيس ٻئي هٿ سان پاڻي پيئارڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڻي وات ۾ وڃڻ بدران امان جي واڇن مان وهي ويو. اکيون کليل هئس، مون تي کتل هئس، پر ڏٺائين ٻيو ڪجهه پئي. نڙيءَ مان کونگهري جهڙا آواز آيا. امان ٻه چار وڏا ساهه کنيا. سندس اکيون آهستي آهستي بند ٿي ويون. منهنجي ڀاڪر ۾ سندس بدن ڍرو ٿي ويو. اُن وقت صبح جا ساڍا چار ٿيا هئا.
    سڀ ڪجهه سمجهي وڃڻ جي باوجود مون ڪجهه به سمجهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ــ نه، نه. مان جيڪي ڏسي رهيو آهيان، جيڪي محسوس ڪري رهيو آهيان، سو ممڪن ئي ناهي. ائين ٿي نه ٿو سگهي. ائين مان ٿيڻ نه ڏيندس.
    امان کي هنج مان لاهي پلنگ تي ليٽايم. در کولي پنهنجن جهڙن پاڙيسرين جو در کڙڪايم. رت جي رشتي وانگر لڳندا هئا. عورتين مردين منهنجي ڪڍ هليا آيا. مون چاچيءَ کي چيو، ”توهين امان وٽ ويهو. مان ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان.“
    ”ابا ترس. ڳالهه ٻڌ ــ ترس ته سهي.“ چاچي مون کي سڏيندي رهي. مان پيرين اگهاڙو ڏاڪڻ لهي پاسي کان سعيد منزل جو وڃي بيل وڄايم ــ بيل جي بٽڻ تان آڱر نه کنيم. پهرين ماڙ جي دريءَ مان ڊاڪٽر خورشيد ليئو پاتو. ورهين کان گڏ پي رهياسين. چڱي طرح سڃاڻيندو هو. امان جو علاج به ڪندو هو. نه مون ڪجهه چيو، ۽ نه هن ڪجهه ٻڌو. دريءَ مان ليئو پائي رُکي نموني چيائين، ”صبح جو اچجانءِ.“
    ڪهڙو صبح؟ ڇا جو صبح؟ جيڪي ٿيڻو آهي، هينئر ٿيڻو آهي! ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو، ته پوءِ منهنجي لاءِ وري ڪڏهن به صبح نه ايندو! وري ڪڏهن به اُسر نه ايندو! مان امان کي اوچتو ئي اوچتو اُسهڻ نه ڏيندس. مان کيس وڃڻ نه ڏيندس. مان کيس اَڌ پنڌ تان موٽائي ايندس. منهنجي لاءِ ڪجهه به امڪان کان ٻاهر ناهي. مان ڪجهه به ممڪن ڪري سگهان ٿو!
    لاڏ پيار منهنجو دماغ خراب ڪري ڇڏيو هو. بابا اهڙو جو انيڪ اَوگڻ اصل نه ڏسي. رڳو منهنجا ٻه چار گڻ ڏسي. امان منهنجي لاءِ متوالي. مان ڪارو ڪوجهو ڏاڍو وڻانس. ڀيڻ اهڙي جو امان کان وڌيڪ چاهي. ۽ منهنجو شينهن جهڙو جوڌو ڀاءُ، مون کان پنڌرهن سال وڏو، منهنجي ڍال هو. انهن سڀني جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه ناممڪن نه لڳندو هو. مٿي ۾ ڀنواٽي ويٺل هوندي هئي، ته مان جيڪي ڪرڻ چاهيان، ڪري سگهان ٿو. ۽ جيڪڏهن نه ڪرڻ چاهيان، ته ڪوبه مون کان دٻڙ ڌونس سان ڪجهه ڪرائڻ جو خواب به ڏسي نه ٿو سگهي. مان خود مختيار آهيان. مان ڪجهه به ڪري سگهان ٿو. ڪنهن ۾ به مون کان، منهنجيءَ مرضيءَ خلاف ڪجهه ڪرائڻ جي سگهه ناهي.
    ڊاڪٽر خورشيد دري بند ڪري هليو ويو. اُسر ويل پَٽَن جي چڪاس ڪرڻ واري پهرين ٽرام گوديءَ مان نه نڪتي هئي. تنهن سمي اِهو دستور هوندو هو جو گوديءَ مان ٽرامن جي ٻاهر اچڻ کان اڳ، چار پنج ٽرامون ٻاهر اينديون هيون ۽ چڪاس ڪرڻ لاءِ سولجر بازار، صدر، ڪينٽ، گانڌي گارڊن، صدر، ۽ بولٽن مارڪيٽ طرف نڪري وينديون هيون. سروي ڪري ٽرامن جي موٽي اچڻ ۽ آل ڪليئر جي تصديق کان پوءِ ٽرامن جون قطارون ڪراچيءَ جي مختلف علائقن جو رخ ڪنديون هيون. ان سمي نه هونديون هيون ڪاريون پيليون ٽيڪسيون ۽ آٽو رڪشا عام. ڀاڙي ته چئن ڦيٿن واريون بگيون شهر ۾ هلنديون هيون.
    سعيد منزل ٻاهران فٽپاٿ تي بيٺي مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هڪ پهر جي پڄاڻي ۽ ٻئي پهر جي شروعات جي هيبتناڪ محسوس ڪئي. اُها مهل ڏاڍي وحشتناڪ هئي. نه اوندهه هئي، نه روشني هئي. نه رات هئي. نه ڏينهن هو. اُسر کان اڳ واري پهر تي سانجهيءَ کان پوءِ واري پهر جو گمان پئي ٿيو.
    مون ميونسپل ڪارپوريشن طرف ڊوڙڻ شروع ڪيو. جيڪي ٿي رهيو هو، تنهن کي ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ مان ڊوڙندو ويس. جيڪي منهنجي امڪان ۾ نه هو، تنهن کي امڪان اندر آڻڻ لاءِ مان ديوانگيءَ ۾ ڊوڙندو رهيس. ميونسپل جي سامهون سوامي نارائڻ مندر ڪامپليڪس ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻي رهندو هو. بابا جو دوستن کان وڌيڪ دوست، ۽ ڀائرن کان وڌيڪ ڀاءُ هو. ڪراچيءَ ۾ گڏ نپيا، پليا ۽ پڙهيا هئا. هڪٻئي ۾ ساهه هوندو هونِ. 1947 ۾ خوني ورهاڱو ٿو. بابا ڊاڪٽر چوئٿرام کي هندستان لڏي وڃڻ نه ڏنو هو. چيو هئائينس، ”مان توکي هندستان وڃڻ نه ڏيندس، ڊاڪٽر.“
    ڊاڪٽر چوئٿرام جيساڻي هندستان نه ويو هو. هن پنهنجا ٻه وڏا پٽ وسڻ ۽ وشنو کي پڙهڻ لاءِ آمريڪا موڪلي ڇڏيو، ۽ ٽئين پٽ گل جيساڻيءَ کي پاڻ وٽ رکيو هئائين. اهو ئي سندس پريوار هو ــ ڪٽنب هو. سندس گهر واري گهڻو اڳ ديهانت ڪري ويئي هئي. گذاري ويئي هئي. سال 1971 جي پوين ڪجهه مهينن ۾ بابا بيمار ٿي پيو هو. ڊاڪٽر جيساڻي اٺئي پهر بابا جي پرگهور لهندو هو. 16 ڊسمبر 1971 تي پاڪستان ٽٽي پيو. بابا چيو هو، ”ڪمزور بنيادن تي بيٺل عمارت جٽاءُ ڪري نه سگهندي آهي.“
    ڊسمبر 1971 جي 25 تاريخ اُسر ويل بابا گذاري ويو هو. ڊاڪٽر جيساڻي هنجون هاري رنو هو. ان کان ستت پوءِ ڊاڪٽر جيساڻي به سرڳ واسي ٿيو. گذاري ويو. گل ۽ مون تمام ويجهو بيهي چتا کي ڀنڀٽ ٿي ٻرڻ کان پوءِ ٺرندي ڏٺو هو. ان کان پوءِ گل پنهنجي گهر واري ۽ ٻن ٻارن سان هندستان هليو ويو. مون ۾ بابا جهڙي سگهه نه هئي جو گل کي هندستان لڏي وڃڻ کان روڪي وٺان ها. اِهي ڳالهيون امان جي اُسهڻ کان يارهن ٻارهن سال پوءِ جون آهن. اِن وقت تائين زندگيءَ ۾ آيل زلزلن منهنجي مٿي مان ناممڪن کي ممڪن ڪري ڏيکارڻ وارو اُٺ ڪڍي ڇڏيو آهي. پنهنجي وجود جون سموريون جسماني ۽ ذهني قوتون ناممڪن کي ممڪن ۽ امڪان کان ٻاهر ڳالهين کي امڪان اندر آڻڻ واري روح فنا ڪندڙ ڇڪتاڻ ۽ ڪشمڪش مون کي وديا، سمجهه ۽ سمجهاڻي ڏيئي ڇڏي هئي ته هڪ انسان فقط وڙهي سگهي ٿو. جنگ جوٽي سگهي ٿو، سِرُ تريءَ تي رکي حالتن جي رڻ ۾ ڪاهي سگهي ٿو، پر نتيجو سندس وس ۾ ناهي. فقط وڙهڻ سندس وس ۾ آهي. پاڻ سان، ۽ معاشري ۽ مملڪتن جي زور آورين سان، ڀل ته اُن يڌ ۾ فنا ڇونه ٿي وڃجي. نتيجي جو اوڻو اجايو آهي.
    پر، رات مان اُسر ٿيڻ واري ڪيفيت ۾ ميونسپل طرف ڊوڙندي منهنجي لاءِ ڄڻ سڀ ڪجهه ممڪن هو. ڊاڪٽر جيساڻيءَ کي وٺي آڻي امان کي موٽائي اچڻ امڪان کان ٻاهر نه هو. ڊوڙندي، اُڀا ساهه کڻندي، دل جي ڌڙڪڻ مان هڪ ئي آواز ايندو رهيو. ڪجهه به ناممڪن ناهي. ڪجهه به امڪان کان ٻاهر ناهي. مان امان کي وڃڻ نه ڏيندس. سنڌ صوبي جي ڪرڪيٽ ٽيم جو وڪيٽ ڪيپر، پاڪستان يونيورسٽين جو وڪيٽ ڪيپنگ رڪارڊ هولڊر، فيڪلٽيز ڪراچي يونيورسٽيءَ جو ڪرڪيٽ ڪيپٽن، ايس ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ جو اسپورٽس سيڪريٽري، ۽ لا ڪاليج مئگزين جي سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر، ۽ انگريزي رسالي دي اسٽوڊنٽ جو جوائنٽ ايڊيٽر، مان ناممڪن کي ممڪن ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو پي ويس.
    جامعه ڪلاٿ مارڪيٽ وٽ هڪ سائيڪل سوار تيزيءَ سان اڳتي نڪري ويو. اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ بيهي رهيو. ويجهو لنگهيو مانس ته چيائين، ”پٺيان ويهه.“
    مان هن جي پٺيان سائيڪل تي ويهي رهيس. پڇيائين، ”ڪٿي پهچڻو اٿئي؟“
    چيم، ”سوامي نارائڻ مندر.“
    ان کان پوءِ هن ڪجهه نه ڳالهايو. ڄڻ ته هن کي به ڪٿي پهچڻ جي تڪڙ هئي. هو سموري سگهه سان سائيڪل ڊوڙائڻ لڳو. اُسر جا آسار نمايان ٿيڻ لڳا. کير وارا، ڊبل روٽيون بيدا وڪڻڻ وارا، اخبارون ورهائڻ وارا بندر روڊ تي نڪري پيا. هوا وانگر سائيڪل هلائيندي سائيڪل سوار مون کي ميونسپل ڪارپوريشن جي سامهون سوامي نارائڻ مندر ڪامپليس جي گيٽ ٻاهران آڻي بيهاريو. هو ٻاجهارو شخص هو. منهنجي پٺي ٺپي هليو ويو. موسيقي ۽ خوشبوءُ منهنجي لاءِ ياد جا محور ٿي پوندا آهن. سوامي نارائڻ مندر جي گيٽ ڀرسان جهانگير ايراني ريسٽورنٽ ۾ وڏي آواز سان ريڊيو سيلان• تان محمد رفيع جي فلم ميلا ۾ ڳايل ٽائيٽل گيت هلي رهيو هو ــ
    ”یہ زندگی کے میلے دنیا میں کم نہ ہوں گے، افسوس ہم نہ ہوں گے۔“
    هينئر جڏهن به اِهو گيت ٻڌندو آهيان، وحشتناڪ اُسر اکين آڏو اچي بيهندو آهي. مان ڊاڪٽر جيساڻيءَ کي وٺي گهر آيس. ان وچ ۾ پاڙي جون ٻيون عورتون به اچي اسان جي فليٽ ۾ گڏ ٿيون هيون. خاموش ماتم جو منظر هو، هنن امان تي اڇي چادر وجهي ڇڏي هئي، پر سندس منهن نه ڍڪيو هئائون. امان کي ڏسڻ شرط ڊاڪٽر جو منهن لهي ويو. هن ڪنڌ ورائي مون ڏانهن ڏٺو. پوءِ، منهنجي دل رکڻ لاءِ امان جي ٻانهن کڻي نبض ڏٺائين. اسٽيٿس ڪوپ سان امان جو سينو چڪاسيائين. ڇپر مٿي ڪري، ٽارچ هڻي امان جي اکين ۾ پُتليون ڏٺائين. پوءِ، بنا ڪجهه چوڻ جي، ٻانهن ورائي، مون کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتائين.
    مان سمجهي ويس. اعتبارن ۽ اعتقادن جي پهاڙ ۾ ڏار پئجي ويو هو. مان بيوس هيس. منهنجي وس ۾ ڪجهه به نه هو. مان ممڪن کي ناممڪن ۽ ناممڪن کي ممڪن ڪري نه سگهيو هوس. اُن ڏينهن کان پوءِ منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه بدلجي ويو. ڪجهه به ساڳيو نه رهيو. اُسر منهنجي لاءِ اوپرو، منهنجو دشمن ٿي پيو. اڄ تائين صبح جو سوير، اُسر ويل اٿي نه سگهندو آهيان. ڪنهن سبب ڪري جاڳي پوان ته ٻاهر نه نڪرندو آهيان. ان ڏينهن کان پوءِ نه سج چڙهندي ڏسي سگهندو آهيان، ۽ نه لهندي.
    امان کي اُسهي هينئر (2008) ذري گهٽ اڌ صدي ٿيڻ تي آئي آهي. تصوف جي سُتي هُن مون کي ڄائي ڄم کان ڏني هئي. راتين ۾ جاڳڻ، پڙهڻ، لکڻ ۽ اوندهه جي اسرارن کي محسوس ڪرڻ به مون کي ورثي ۾ ماءُ وٽان مليو آهي.
    امان جي اسهڻ کان ٻه سال پوءِ مون وڪيٽ ڪيپنگ گِلَووز ۽ بيٽ کان هميشه لاءِ موڪلايو، ۽ سمورو وقت ڪراچيءَ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ پيو ڌڪا کائيندو هوس. رلندو هوس. ڀٽڪندو هوس. ڄڻ ڪجهه وڃايم هيم، پيو ڳوليندو هوس. سمجهان ٿو لاڳيتو ڇهه مهينا کن يونيورسٽي وڃڻ ڇڏي ڏنو هيم. يونيورسٽيءَ جا دوست مون کي ڳوليندا هئا، ۽ مان پاڻ کي ڳوليندو هوس.
    مون پهرين ڪهاڻي 1956 ۾ لکي هئي. ۽ ان کان پوءِ لاڳيتو چار پنج سال وساري ڇڏيو هيم ته ڪڏهن ڪا ڪهاڻي به لکي هيم. اندر ۾ ڏاڍي اُڻتڻ هئي. بيچيني هئي. زندگي، موت، مجبوري، بيوسي، بغاوت، ويڙهه، ۽ حالتن سان ٺاهه نه ڪرڻ جهڙا انيڪ ويچار ۽ رويا مون کي اڪيلو ڪري ڇڏڻ لاءِ ڪافي هئا.
    ورهين جا ورهه اڪيلائين ۾ ڀٽڪندي هڪ انوکي دڳ جا دَرَ منهنجي لاءِ کلندا ويا. هڪ راهه مان هزارين نڪرندڙ راهن مون کي نه منجهايو. هڪ راهه تي اڳتي نڪري وڃڻ کان پوءِ موٽڻ ممڪن لڳندو آهي. پر راهن مان نڪرندڙ انيڪ راهن جو راهي ٿيڻ کان پوءِ موٽڻ امڪان کان ٻاهر هوندو آهي. انهن راهن تي هلندي مون موٽي وڃڻ جي امڪان بابت ڪڏهن ڪونه سوچيو، ۽ نه اڄ تائين سوچيو آهي. مون کي موٽي اچڻو ناهي. مان موٽي نه ايندس.
    راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن تي هلندي مان لاڳيتو لکندو رهيس. مسلسل لکندو رهيس. جيڪي وڻيو، جيئن وڻيو تيئن لکندو رهيس. اندر جي اظهار لاءِ اهڙي قسم جو رويو مون کي راهن مان ڦٽي نڪرندڙ راهن ۾ هلندي مليو آهي. امان جي اُسهڻ کان پوءِ مان لاڳيتو لکندو رهيس. ڪنهن کي وڻيس. ڪنهن کي نه وڻيس. ڪنهن دعا ڏني. ڪنهن بد دعا ڏني. ڪنهن گاريون ڏنيون. ڪنهن گل ڏنا. ڪنهن کڏ کوٽي. ڪنهن مانُ ڏنو. ڪنهن ڀر ۾ ويهاريو. ڪنهن ڀَرِ مان اُٿاري ڇڏيو. اهڙي نيم پاڳل ليکڪ کي سراج چوائي موڪليو، فلاڻي تاريخ شام جو صدر واري شيزان ۾ ملنداسين. لکڻ پڙهڻ بابت ڪجهه ڳالهائينداسين.
    تاريخ مون کي ياد ناهي. مهينو اَپريل جو هو، ۽ سال هو 1972. ان دؤر ۾ سنڌي ادب تي اياز، جمال، سراج، رباني ۽ رشيد جي هيبت ويٺل هوندي هئي. انهن مان ڪنهن سان به منهنجي ڪا خاص ڏيٺ ويٺ نه هوندي هئي. بس، اوچتو، ڪٿي ڪٿي عليڪ سليڪ ٿي ويندي هئي. سراج جي باري ۾ مشهور هو، ۽ اڃا به ساڳيو تاثر برقرار آهي ته تمام سختگير طبيعت جو مالڪ آهي. کلندو ته اصل ڪونهي. مرڪي پوي ته وڏي ڳالهه. سپيرير سروسز جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ اڳ نڪري ويو هو، ۽ وڃي انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر ٿيو هو. ٻڌائيندا آهن ته آفيسريءَ دوران منسٽرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو هو. سندس رعب تعاب اهڙو جو ڪوبه اهڙو تهڙو، اثر رسوخ وارو شخص ساڻس کشٽ ڪري نه سگهندو هو.
    ملڪ ۾ سياسي ڏڦير پيو. اهڙا ته لاها چاڙها آيا جو لکپتي ڀنوانٽيون کائي ڪکپتي ٿي ويا، ۽ ڪکپتي ڦري گهري لکپتي ٿي پيا. سرڪاري ڪامورن لاءِ رڻ ٻري پيو. وٺ پڪڙ ٿي. ڇنڊ ڇاڻ ٿي. سراج واندو ٿي وڃي وڪالت سان لڳو. انڪم ٽيڪس جي ڪيسن ۾ اسپيشلائيز ڪيائين. ذهين بي انتها هو. وڃي سپريم ڪورٽ جي ايوانن تائين پهتو.
    الاءِ ڪٿي ۽ ڪيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي دوربين نگاهن ۾ اچي ويو. دؤر هو پيپلز پارٽيءَ جو. سن هو 1972. مولانا ابو الڪلام آزاد جي پيشنگوئيءَ مطابق وجود ۾ اچڻ کان چوويهين سال پاڪستان 1971 ۾ ٻه اَڌ ٿي چڪو هو. اڌ پاڪستان ٿي پيو هو بنگلاديش ۽ رهيل اڌ حصي کي ذوالفقار علي ڀٽي مغربي پاڪستان مان ڦيرائي پاڪستان ڪيو. هِن وقت اوهين جنهن پاڪستان ۾ ساهه کڻي رهيا آهيو سو پاڪستان 1971 کان اڳ مغربي پاڪستان هو. موجوده پاڪستان جو ڪو وجود نه هيو. موجوده پاڪستان 1971 ۾ ٺاهيو ويو. اصل ۾ پاڪستان نالو هو پنجن صوبن جي فيڊريشن جو. سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ مشرقي پاڪستان 1971 ۾ مشرقي پاڪستان عليحدگي اختيار ڪئي، ۽ مشرقي پاڪستان مان ڦري بنگلاديش ٿي پيو. مشرقي پاڪستانين وانگر مغربي پاڪستان کي نئون نالو ڏيڻ بدران ذوالفقار علي ڀٽي 1947 ۾ پنجن صوبن جي فيڊريشن واري پاڪستان جو نالو ڏنو. اصل ۾ چئن صوبن واري موجوده پاڪستان جي عمر 37 سال آهي. 61 سال ناهي. ها، پنجن صوبن واري پاڪستان وجود ۾ هجي ها ته 61 ورهيه جو هجي ها.
    1971 ۾ وجود ۾ آيل چئن صوبن واري پاڪستان کي شاڪ مان ڪڍڻ لاءِ ۽ وري پيرن تي بيهارڻ لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو ويو فيصلن مٿان انقلابي فيصلا ڪندو. انهن فيصلن جو وڏي ۾ وڏو مقصد هيو ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ، آگاهي آڻڻ ۽ پاڻ سڃاڻڻ جو جذبو پيدا ڪرڻ. ملڪ فقط تڏهن ابتر حالتن مان اڀري سگهندو آهي جڏهن ماڻهن ۾ خودداريءَ جو احساس پيدا ٿي پوندو آهي.
    ذوالفقار علي ڀٽي جي انيڪ فيصلن مان هڪ فيصلو هو سنڌيءَ ۾ انگريزي اخبار ڊان جهڙي اخبار ڪڍڻ. مقصد ساڳيو هو. سنڌ جي ماڻهن ۾ آگاهي آڻي، چٽا ڀيٽيءَ واري دؤر ۾ اڳتي وڌي اچڻ جو جذبو جاڳائڻ، ٽرسٽ ٺاهيائين. پاڻ سربراهه ٿيو. اخبار جو نالو هلال پاڪستان رکيائين. تجربيڪار ۽ پراڻا ايڊيٽر ڇڏي سراج کي اخبار جو ايڊيٽر مقرر ڪيائين. سراج سنڌي ٻوليءَ جو ماهر، ڪهاڻيڪار ۽ ناولسٽ هو. هڪدم ها ڪرڻ بدران هن ڪجهه شرط ٽرسٽ آڏو رکيا. انهن شرطن ۾ هڪ شرط هو اخبار هلائڻ ۾ سندس مڪمل آزادي ۽ وزيرن، ميمبرن، ڪارڪنن ۽ ڪامورن طرفان اخبار هلائڻ ۾ ڪنهن به قسم جي دخل اندازي نه ڪرڻ جي ضمانت. سراج جا سمورا شرط مڃيا ويا.
    سراج اخبار لاءِ ٽيم گڏ ڪرڻ شروع ڪئي. ويو ماڻهن سان ملندو. چونڊي چونڊي ماڻهو کڻندو ــ اسسٽنٽ ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، رپورٽر، نمائندا کڻندو. جڏهن مون کي ملڻ جو سڏ موڪليائين تڏهن ڳالهه مون کي بنهه سمجهه ۾ نه آئي هئي. هڪ ته صحافي ٿيڻ جو مون ۾ ڏانءُ نه هو، ۽ نه اڄ تائين پيدا ٿيو آهي. ٻيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جي چٽا ڀيٽيءَ ۾ چونڊجي مان ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري ڪري رهيو هوس. بهرحال، منهنجي لاءِ وڏو اعزاز هو، جو سراج مون کي چانهن جي دعوت ڏيئي لکڻ پڙهڻ جهڙي موضوع تي ڳالهائڻ لاءِ گهرايو هو.
    صدر ۾ شيزان ريسٽورنٽ عبدالله هارون روڊ تي بي وي ايس پارسي اسڪول جي سامهون هوندي هئي. هينئر اُتي اليڪٽرانڪ سامان ۽ موبائيل فونن جا دڪان آهن. پيهه ايڏي ڄڻ مفت ۾ پيو وراهجي. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ، پوءِ اُهو پاڪستان 1947 وارو هجي يا 1971 وارو، سنڌ پنهنجي سڃاڻپ کان، شناخت کان محروم ٿي ويئي آهي. ڪاڏي ويئي ٻولي! ڪاڏي ويئي تهذيب! ڪاڏي ويو تمدن! آئيني ۾ ڏسون، ته ڪنهن اوپري، اجنبيءَ جي بگڙيل شڪل ٿي نظر اچي. علم ۽ آگاهيءَ جا ڀنڊار هوندا آهن ڪتاب. يارن ڪتابن جي جنس مٽائي، ڪتابن کي مذڪر مان ڦيرائي مونث ڪري ڇڏيو آهي. اڳ ڪتاب منهنجو هوندو هو. هينئر منهنجو ڪتاب، منهنجي ڪتاب ٿي پيو آهي. بدنيتيءَ واري سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦير گهير ۾ ائين ٿيندو آهي. وڏيون مڇيون ننڍين مڇين کي کائي ڇڏينديون آهن.
    مان شيزان ريسٽورنٽ ۾ داخل ٿيس. ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ويٺا هئا. آخري دريءَ وٽ سراج ويٺو هو. هميشه وانگر وهنتل سهنتل ۽ هينڊسم. هڪ ته شخصيت ۾ نمايان، مٿان جو ٺهڪندڙ ڪپڙا پائيندو هو ته هزارن ۾ هڪ لڳندو هو. جيتوڻيڪ هن ڳالهه کي چاليهارو ورهيه گذري ويا آهن، پر سراج سان پهرين ملاقات، پهرين تجربي ۽ پهرين آزمائش وانگر مون کي اڄ به ياد آهي. سراج ريسٽورنٽ جي سڀ کان پرئين دريءَ وٽ ويٺو هو. ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو هو. هڪ هٿ ۾ ڪو انگريزي ڪتاب ۽ ٻئي ۾ پائيپ هوس. ڪتاب پڙهندي پائيپ مان سوٽو هڻي پي ورتائين.
    مان وڃي سامهون بيٺو مانس. ڪنڌ مٿي ڪري مون ڏانهن ڏٺائين. منهن تي مرڪ تري آيس. ڪتاب رکي، اُٿي مون کي هڪ ٻانهن سان ڀاڪر پاتائين. ٻئي هٿ ۾ پائيپ هوس. کلي چيائين، ”وقت جو ڏاڍو پابند ٿو لڳين.“
    چيم، ”ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري جو ڪريان ٿو.“
    ”ويهه،“ مون کي پنهنجي سامهون صوفي تي ويهڻ لاءِ چيائين.
    اڳوڻي وڪٽوريا روڊ ۽ هاڻوڪي عبدالله هارون روڊ طرف کلندڙ شيزان ريسٽورنٽ جي درين ڀرسان صوفا رکيل هوندا هئا. مان ويهي رهيس.
    پڇيائين، ”ڇا پيئندين؟“
    چيم، ”چانهن.“
    منهنجي لاءِ چانهن ۽ پنهنجي لاءِ ڪافي گهرايائين. ان وچ ۾ ويٽر پيٽس، پيسٽريز، ۽ سينڊوچز جي ٽري رکي هليو ويو. پڇيائين، ”ڇا پيو پڙهين اڄ ڪلهه؟“
    ٻڌائيندي هٻڪ ٿي، پر ٻڌائي ڇڏيو مانس، ”پنج ڇهه ڪتاب پيو پڙهان.“
    ”پنج ڇهه ڪتاب!“ منهن تي مرڪ اچي ويس.
    الاءِ ڪيئن، ۽ ڪڏهن کان مون کي هڪ مهل چار پنج ڪتاب پڙهڻ جي عادت پئجي ويئي هئي ۽ هِن عمر تائين هلندي اچي. ٻڌائيندي مون کي پشيماني محسوس ٿيندي آهي.
    چانهن آئي. ڪافي آئي. سراج کي مون اجائي سجائي ڳالهه ڪندي ڪڏهن ڪونه ڏٺو، سپيرير سروسز جي آفيسر ۽ وڏي وڪيل وانگر ٽودي پوائنٽ To the point سڌي سنئي ڳالهه ڪندو آهي. مقصد جي ڳالهه ڦيرائي گهيرائي نه ڪندو آهي.
    ”اخبار پيا ڪڍون.“ پڇيائين، ”خبر اٿئي؟“
    چيم، ”ها.“
    هڪدم چيائين، ”تون اخبار لاءِ ڪالم لک.“
    ”ڪالم!“ مان هٻڪيس.
    چيائين، ”ڊيلي ڪالم ـــ روزانو هڪ ــ هفتي ۾ ڇهه دفعا ــ هڪ ڏينهن موڪل.“
    مون کي تعجب ٿيو. ڪالم لکڻ منهنجي وس جي ڳالهه نه هئي. ۽ سو به روزانو ـــ هفتي ۾ ڇهه دفعا!
    ان کان اڳ جو مان ڪجهه چوان، چيائين، ”ته پوءِ فيصلو ٿيو ته هفتي ۾ ڇهه ڪالم لکندين ـــ اِئين؟“
    هٻڪندي، منجهندي، ”پر“ مس چيم جو فيصلو ڪندڙ لهجي ۾ چيائين، ”ڪهاڻيون لکجانءِ، گشا لکجانءِ، جيڪي وڻيئي لکجانءِ. توتي ڪا پابندي ڪونهي.“
    پهرين مئي 1972 تي اخبار جو افتتاحي اجراءُ ٿيو. ۽ منهنجي لکڻ لاءِ هڪ بلڪل نئين تجربي جو. سراج پنهنجي واعدي کي توڙ تائين نڀايو. مون طارق اشرف وٽ به مڪمل آزاديءَ ۽ بنا ڪنهن جهل پل جي لکيو هو. پر هيءَ آزادي اُن کان به ڪجهه سرس هئي. سرس ان ڪري هئي جو هلال پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي اخبار هئي. ۽ پيپلز پارٽيءَ تي ميمبرن جي روپ ۾ وڏيرن، جاگيردارن، پيرن، ميرن، سيدن ۽ سردارن جي يلغار هئي. اسيمبلين جا ميمبر هئا. وزير هئا. صلاحڪار هئا. اتحاد ٺاهڻ ۽ ڊاهڻ وارا هئا.
    مان وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن، جاگيردارن کي سنڌ جو ويري سمجهندو آهيان. هو علم، آگاهي، سائنس، سجاڳي، اسڪولن، ڪاليجن جا دشمن آهن. اڻپڙهيل ۽ نادان هاري ناري، ۽ ڳوٺاڻن جي رعيت سندن مضبوط ووٽ بينڪ آهي جيڪا کين اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي، ۽ اسيمبلين ۾ پهچڻ کان پوءِ اقتدار جي ايوان ۾ حاڪمن آڏو هٿ ٻڌي بيهي رهندا آهن. هلال پاڪستان لاءِ ڪالمن ۾ لکيل ڪهاڻيون اهڙن ڪردارن کي واڙي کڻي اينديون هيون، ۽ سندن روين ۽ نيتن جو ايڪس ري ۽ الٽرا سائونڊ ڪنديون هيون. سندن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ وڃي ذوالفقار علي ڀٽي تائين پهچندو هو.
    ٻاهرين ملڪن جي دوري لاءِ ذوالفقار علي ڀٽو پاڻ سان چونڊ ايڊيٽرن جو جٿو کڻي نڪرندو هو. ان ڊيليگيشن ۾ سراج ضرور شامل هوندو هو. سفر دوران هوائي جهاز ۾ ذوالفقار علي ڀٽو کيس سڏائي پاڻ وٽ ويهاريندو هو ۽ اخبار جي باري ۾ حال احوال وٺندو هو. کيس خبر هئي ته هلال پاڪستان سنڌ ۾ هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. ڳالهين ٻولهين دوران ڀٽو صاحب سراج سان پيرن ميرن، ۽ سردارن جي شڪايتن ۽ احتجاجن جو ذڪر ڪندي منهنجي باري ۾ پڇندو هو: ڪير آهي جنهن کي تو ڇوٽ ڇڏي ڏنو آهي؟
    سراج کيس سمجهائيندو هو: قبلا پهرين اکر کان آخري اکر تائين اخبار پارٽي ۽ پارٽي ميمبرن جي خبرن ۽ ڪارنامن سان ڀريل هوندي آهي. ان ۾ جيڪڏهن هڪ شخص کي اختلافِ راءِ جو حق ڏجي ته اخبار جا جمهوري حق پورا ٿيندا. سراج جا اهڙا وضاحتي جواب ٻڌي ذوالفقار علي ڀٽو کلي چپ ٿي ويندو هو.
    هلال پاڪستان لاءِ لکندي منهنجو سڌو سنئون رابطو سراج سان هوندو هو. پهرين شماري کان ضياالحق جي مارشل لا ۽ ذوالفقار عليءَ ڀٽي جي گرفتاريءَ تائين سراج مون سان توڙ نڀايو. اهڙي ڏکئي وقت ۾ منهنجو ساٿ ڏنو هئائين جنهن جو فقط تصور ڪري سگهجي ٿو. منهنجي خلاف اسلام آباد ۾ ملڪ ڊوهي ۽ بلاسفيميءَ جون انڪوائريون هليون، تڏهن به سراج مون کي اخبار مان نه ڪڍيو. بلڪه اڃا به وڌيڪ پذيرائيءَ سان منهنجيون ڪهاڻيون شايع ڪندو رهيو. ۽ پارٽيءَ جو ڏمر سهندو رهيو.
    صلاحون ملنديون آهن. ٻڌندو آهيان پر عمل ڪري نه سگهندو آهيان. چيائون ته هلال پاڪستان ۾ آيل ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڪتابي صورت ۾ شايع ڪراءِ. چوڻ سولو ــ عمل ڪرڻ امڪان کان ٻاهر. اول ته هلال پاڪستان جو سمورو رڪارڊ مون وٽ ڪونهي. ۽ جيڪڏهن کڻي هجي به ها ته سوين ڪالمن ۽ ڪهاڻين جي مختلف موضوعن مطابق ڇنڊ ڇاڻ ڪير ڪري ها؟ اصل ۾ اِن قسم جا ڪم سڌريل ملڪن ۾ پبلشر ڪندا آهن. ليکڪ جي هڪ هڪ تحرير سنڀالي رکندا آهن. ليکڪ سان هر وقت رابطي ۾ رهندا آهن. پر پاڪستان جهڙي ڏتڙيل ملڪ ۾ ڳالهه ابتڙ آهي.
    مون کي هڪئي ڀيڻ آهي، مون کان ڪجهه سال وڏي. آهي ته ڀيڻ، پر منهنجي لاءِ امڙ آهي. منهنجي ماءُ آهي. مان کلان ته هوءَ کلي. مان رئان ته هوءَ روئي. مون کي ڏاڍي وڻندي آهي. مان ايڏو وڻندو آهيانس جو منهنجو ڇٽيءَ وارو چولو به سنڀالي رکيو اٿائين. اديءَ کان جيترو ٿي سگهيو هُن منهنجا ڪالم ۽ ڪهاڻيون سنڀالي رکيون. هڪ دفعي منهن ڪوڙو ڪري سنڌوءَ جي حوالي سان لکيل ڪهاڻيون ڪڍي، ڪتابي صورت ۾، ”سنڌو منهنجي ساهه ۾“، عنوان سان اوهان کي ڏيئي چڪو آهيان. موجوده ڪتاب، سمجهو ته اتفاق سان اوهان تائين پهتو آهي.
    هيءَ 2007 جي ڳالهه آهي. ڪاڇو پبليڪيشن جو نوجوان پبلشر محمد علي ماجد مون وٽ آيو. ڪراچيءَ تي گل حسن ڪلمتيءَ جو تحقيقي ڪتاب، ”ڪراچي: سنڌ جي مارئي“ ڇپائڻ جي تيارين ۾ هو. مون کي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ لاءِ چيائين. مهلت ورتي مانس. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪتاب لاءِ مهاڳ لکي ڏنو مانس. ستت ئي ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيائين. ڪاپي ڏيڻ آيو. ڪتاب ضخيم، سهڻو، ۽ وڻندڙ ڪري ڇاپيو هئائين. پڇيو مانس، ”منهنجو ڪتاب ڇاپيندؤ؟“
    چيائين، ”ڏيو.“
    چوڻ خاطر چئي ته ويٺس، پر ڪتاب جو مسودو ڪير تيار ڪندو؟ مان منجهي پيس.
    پڇيومانس، ”مسودو تيار ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندؤ؟“
    پڇيائين، ”ڪيئن؟“
    کيس ٻڌايم ته مون وٽ هلال پاڪستان اخبار جو ڊهه پيو آهي. جيڪڏهن ڪالمن جي موضوع مطابق ڇنڊڇاڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو ته ٻن ٽن ڪتابن جا مسودا تيار ٿي پوندا. حامي ڀريائين. اُن سلسلي جو هيءُ پهريون ڪتاب آهي.
    هن ڪتاب ۾ شامل قصا ۽ ڪهاڻيون 1972 کان 1977 واري دور جون آهن. سمجهو کڻي ته پنجٽيهه سال پراڻا قصا ۽ پنجٽيهه سال پراڻيون ڪهاڻيون آهن. پر، پروف پڙهندي مون محسوس ڪيو ته ڄڻ اڄ جون ڪهاڻيون آهن ـــ سواءِ قيمتن جي. توهان کي ڪهاڻي اوپري اُتي محسوس ٿيندي جڏهن ڏهين رپئي واري سٺي قميص ۽ پنجويهين رپئي واري عاليشان بوٽ جو ذڪر ايندو. سٺي هوٽل ۾ ماني کائڻ کان پوءِ ويهه رپيا بل ۽ بيري کي هڪ رپيو ٽپ ڏيئي ڄڻ حاتم جي قبر کي لت هڻبي هئي. باقي معاشري جي زوال پذيريءَ ۾ ڪو فرق نه آيو آهي. سياسي پيداگيري اڳ وانگر عام آهي. راڄ ۾ ۽ ڪاڄ ۾ داداگيري اڳ وانگر جام آهي. قدر اڳ وانگر بيقدرن جي ور چڙهي ويا آهن. اڳ وانگر چور ڀاڳيا ۽ ڀاڳيا چور ٿي پيا آهن. نه کوٽي جي خبر، نه کري جي خبر! اڳ وانگر سِڪي جا ٻئي پاسا هڪجهڙا ٿي پيا آهن. پاڪستان ۾ انڊر ورلڊ ان لاءِ ڪونهي جو انڊر ورلڊ جا ڊان اَپَر ورلڊ تي حاوي ٿي ويا آهن، ۽ ملڪ جو وهنوار ۽ ڪاروبار بندوق جي زور تي يتيم حڪمرانن جي سامهون، روبرو هلائي رهيا آهن. سموري ملڪ جو اقتصادي ڍانچو هٿيار، هيروئن ۽ قيمتي گاڏين جا سمگلر ٿوڻيون ٿنڀا ڏيئي سنڀالي بيٺا آهن. هنن جي ڪاروبار ۾ شامل آهن بينڪر ۽ غير ملڪي ناڻي جا واپاري.
    اهڙي ملڪ ۽ معاشري کان علم، آگاهي، ۽ روحانيت رُسي ويندي آهي. اهڙي ملڪ ۽ معاشري ۾ ذلت جهڙي زندگي گذارڻ اسان جي مقدر ۾ لکجي ويئي آهي. اهڙي ملڪ ۽ معاشري ۾ مون فقط توائي ڪهاڻيون لکيون آهن ــ گذريل پنجاهه سالن کان.

    امر جليل
    26 مارچ ، 2008
    B-702, Sand View Homes,
    Frere Town,
    CliftonKarachi, Sindh.
    E-mail: amarjaleel@cyber.net.pk
    amarjaleel136@gmail.com


    سفر جو سانگو

    ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان سفر تي روانو ٿيندس. منهنجو سفر، فقط جسم جو سفر هوندو، روح جو سفر نه هوندو. مان پنهنجو روح پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ ۾ ڇڏي ويندس. مان اڪيلو هليو ويندس. مون جهڙا وياڪل انسان جڏهن به سفر تي روانا ٿيندا آهن، تڏهن، پنهنجو روح پنهنجي ڌرتيءَ کي پنهنجي مٽيءَ کي ڏيئي ويندا آهن. تنهنڪري، منهنجي جيجل ماءُ، منهنجو سفر، منهنجي روح جو سفر نه آهي. مان ان قسم جي تجربي مان اڳ پڻ لنگهيو آهيان، منهنجو سفر جسم جو سفر آهي.
    مان هليو ويندس. پنهنجو روح تو وٽ ڇڏي ويندس، منهنجو روح موهن ۽ ڪاهوءَ جي دڙن مان مٽيءَ جو واس وٺندو ۽ منهنجي موٽڻ جو انتظار ڪندو.
    مون شيخ اياز جي هڪ سٽ جي پڇاڙيءَ تي پهرن جا پهر غور ڪيو آهي. ان سٽ جي پڇاڙيءَ ۾ مون کي ايڏي وڏي معنيٰ نظر آئي، جنهن جي وسعت، هر دفعي سوچڻ مان وڌندي رهي ٿي. اُن يادگار سٽ جي پڇاڙي آهي. ”مٽي ماٿي لايان“. ”مٽي ماٿي لايان.“ جو اظهار ڪري، اسان پنهنجا صليب پنهنجي ڪلهن تي کڻي ورتا آهن. مٽيءَ خاطر صليبن جو بار اسان لاءِ رحمت آهي. اسين اهو بار کڻي، تاريخ جي هڪ دؤر مان هلندا، ٻئي دؤر ۾ پهچندا رهيا آهيون. تاريخ جا باب بدلجندا رهيا آهن، پر صليب اسان جي ڪلهن تان نه لٿا آهن. نه صليب اسان لاءِ اجنبي آهي ۽ نه اسين صليبن لاءِ!
    ڏوهي فقط اسين آهيون!
    دنيا جون قومون ۽ قبيلا ڪنهن نه ڪنهن طريقي، ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ مٽي ماٿي لائيندا رهيا آهن. هو، مٽيءَ جي عظمت جو اظهار زبان سان نه، پر پنهنجي عمل سان ڪندا رهيا آهن. ڪي مٽيءَ جو تلڪ ڏين، ته ڪي مٽيءَ کي خاڪ شفا سڏي آخري سفر تي کڻن! ڪي مٽيءَ جي ٽڪين تي نمازون پڙهن ۽ ڪي مندر وسائين!
    مٽيءَ جو مان مٿاهون آهي. مٽي، انسان ذات جي آخري سفر لاءِ اجهو آهي.
    مون هميشه کان پنهنجي روح کي ويرانين جو واسي محسوس ڪيو آهي. مان جڏهن هتان هليو ويندس، تڏهن پنهنجو روح ويرانين ۾ ڇڏي ويندس. مان اروڙ جي ڪريل ڀت هيٺيان پوريل آهيان، مان موهن جي دڙي ۾ دفن آهيان. مان وسندين ۾ فقط سيلاني آهيان. شهر مون کي ڀانءِ نه آيا آهن.
    مان ڪجهه ڏينهن ۾ سفر تي روانو ٿيندس، پر منهنجو سفر، منهنجي روح جو سفر نه هوندو.
    في الحال موڪلايون ٿا. منهنجي ماءُ.
    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    مان ڪنهن کي ڳوليان ٿو

    جيجل منهنجي ماءُ،
    ڀانيان ٿو، ورهيه وهامي ويا آهن جو توکي خط نه لکيو اٿم. مون کي خبر آهي منهنجي ماءُ، ته مون گنهگار تي تون مهربان آهين. منهنجين ڪوتاهين کي درگذر ڪندي آهين. منهنجين خطائن کي بخشي ڇڏيندي آهين. مان اوڻائين سان ڀرپور آهيان، زندگيءَ جي رڻ ۾ رلندي مون سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو آهي. مون سمورا رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن. سڄي ڏينهن کان غافل ٿي ويو آهيان. فقط تنهنجي پيار جي احساس کان غافل نه ٿيو آهيان.
    سوچيو هيم، هن سال سمورا ٻنڌڻ ٽوڙي، پابندين ۽ مجبورين جون سرحدون اورانگهي، ڏورانهين ڏيهه جو سفر ڪندس ۽ عيد جي ڏينهن تنهنجن مقدس قدمن تي اچي سيس نوائيندس. ڀلا سوچڻ سان به ڪڏهن ڏورانهين ڏيهه جا سفر طئي ٿيا آهن! مون کي سفر جي اجازت نه ملي آهي. مان توکان پري رهجي ويو آهيان. دل اداس آهي. ايندڙ عيد تي مان تنهنجن مقدس قدمن تي سيس نوائڻ جي سعادت حاصل ڪري نه سگهندس. حياتي بي مقصد ۽ بي معنيٰ ٿي پئي آهي.
    ورهين کان دل ويران آهي. ڄڻ موهن جو دڙو آهي. وحشتن ۾ وڪوڙيل آهي، پر تنهن هوندي به سياحن لاءِ دلچسپيءَ جو مرڪز آهي. مون کان اڪثر پڇيو ويو آهي ته تون ڇا ٿو چاهين. توکي ڪنهن جي تلاش آهي. توکي ڪنهن جي جستجو آهي! مون وٽ انهن سوالن جو جواب نه آهي. انهن سوالن جو جواب تو وٽ آهي. تون ڄاڻين ٿي ته مان ڇا ٿو چاهيان. مون کي ڪنهن جي تلاش آهي. مون کي ڪنهن جي جستجو آهي. ياد ٿو پويم، هڪ دفعي منهنجي موجودگيءَ ۾ ڪنهن توکان پڇيو هو ته تنهنجو هيءُ پٽ ويڳاڻو، وياڪل ۽ وڃايل وڃايل ڇو لڳندو آهي؟ تڏهن تو وراڻيو هو، ”هن کي ڪجهه گهرجي، هن کي ڪنهن جي ڳولا آهي. ڪنهن جي تلاش آهي!“
    پڇيو هئائون. ”هن کي ڪنهن جي ڳولا آهي؟“
    تو وراڻيو هو، ”منهنجي پٽ ازل کان اڳ ڪنهن کي چاهيو هو، کيس ان جي تلاش آهي.“
    پوءِ، ڪنهن پڇيو هو، ”ته پوءِ مٿس آوارگيءَ جو الزام ڇو آهي؟“
    تو وراڻيو هو، ”خوابن کي عارضي تعبيرون ڏيڻ وارا آوارگيءَ جي الزام کان آجا ٿي نه سگهندا آهن. پر، مون کي خبر آهي. مان هن جي ماءُ آهيان. منهنجو پٽ آواره نه آهي.“
    مان پنهنجي بچاءَ ۾ ڪجهه نه چوندو آهيان، منهنجي ماءُ. ان باري ۾ مان فقط تو سان ڳالهائي سگهندو آهيان. ٻيو ڪنهن سان نه ڳالهائيندو آهيان. اڄ اعتراف ٿو ڪريان ته مسلسل سفر جي باوجود مان پنهنجي منزل کان پري آهيان. زندگيءَ جو قافلو جڏهن حياتيءَ جي سانجهيءَ ۾ داخل ٿي رهيو آهي، تڏهن محسوس ڪريان ٿو ته تمنائن ۽ چاهتن جو خال اڄ به مفلس جي جهوليءَ وانگر خالي آهي. مون هڪ دفعي سنڌوءَ کي چيو هو ته ازل جي چاهتن جو شجر وڇوڙن ۾ وڌندو آهي ۽ وفائن جي مسافر لاءِ ڇانو ڏيندو آهي.
    مون کي زندگيءَ جي خال جو ڏک نه آهي. محبت آزمائشن کي لبيڪ چوندي آهي.
    في الحال موڪلايون ٿا، منهنجي ماءُ. تنهنجو.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ


    مان تون سان ملڻ ايندس

    جيجل منهنجي ماءُ،
    اڄ جيتوڻيڪ آچر نه آهي، مان پنهنجي واعدي کان به اڳ توکي خط لکي رهيو آهيان. اڄ جڏهن هيءُ خط لکڻ ويٺو آهيان. تڏهن تون مون کي بيحد ياد آئي آهين. لاپرواهيءَ جي اوٽ وٺي مان اڄ تائين پاڻ کي فريب ڏيندو رهيو آهيان، ته مان توکي وساري ويٺو آهيان ۽ تون ڪڏهن به منهنجي تصور جي ڪائنات کي آباد ڪري نه سگهندئين! پر، هيءُ خط لکندي مان پنهنجي شڪست جو اعتراف ڪريان ٿو. مان توکي وساري نه سگهيو آهيان، امڙ، مان توکي وساري نه سگهندس. منهنجي ذهن تي تنهنجو راڄ آهي. مان تنهنجو غلام آهيان.
    هن هفتي تو پنهنجي خط ۾ مون کي تلقين ڪئي هئي ته ڪيئن به ڪري دودي دلير جي عرس تي روپا ماڙي وڃان ۽ اُتان جي مٽيءَ جو مٿي کي تلڪ ڏيئي اچان.
    امڙ، تنهنجي تلقين اکين تي پر، مان تنهنجي حڪم جي پيروي ڪري نه سگهيو آهيان. مان دودي دلير جي عرس تي روپا ماڙي وڃي نه سگهيو آهيان. مان ڪنهن ٻئي ڏينهن روپا ماڙي ويندس ۽ اُتان جي مٽيءَ جو پاڻ کي تلڪ ڏيئي ايندس. عرس لاءِ مون تي پابندي لڳل هئي.
    دودي دلير جو عرس سومرن جي برادريءَ طرفان ملهائجي رهيو هو. تو به اخبارن ۾ پڙهيو هوندو ته دعوت ۾ خاص طرح سومرن کي اچڻ جي نينڍ ڏنل هئي. مان جيئن ته، نه سومرو آهيان ۽ نه سمون، نه قاضي آهيان ۽ نه ڪوري، تنهن ڪري روپا ماڙي وڃي نه سگهيو آهيان.
    مون ڪالهه کان ور ور ڪري سنڌ جي تاريخ اُٿلائي آهي. ڪٿي به دودو ذات پات جي قيد ۾ قابو نظر نه آيو آهي. جوڌن جي ذات بهادري ۽ مذهب ملڪ هوندو آهي. دودي سنڌ جي عزت، آبرو ۽ عظمت لاءِ سر جو سودو ڪيو هو، دودو سنڌ ملڪ جي مٽيءَ لاءِ وڙهيو هو. دودو سنڌ جي ايندڙ نسل جي آزاديءَ لاءِ وڙهيو هو. دودي جي سياست سنڌ هئي. هو سنڌ جي عظيم تر مفاد خاطر شهيد ٿيو هو.
    روپا ماڙيءَ ۾ منعقد ٿيل دودي جي عرس لاءِ سومرا برادريءَ جا دعوتنامه ۽ اشتهار پڙهي مون ائين محسوس ڪيو ڄڻ دودو دلير سنڌ جو سورهيه نه هو، بلڪه ڪنهن هڪ قبيلي جو سردار هو. دودو سنڌ جي عظيم تر مفاد لاءِ نه وڙهيو هو، بلڪه قبائلي جنگ لڙيو هو. دودو، جيڪو سنڌ جي آزاديءَ جو علمبردار هو، سو روپا ماڙيءَ ۾ سومرا برادريءَ جي قيد ۾ قابو آهي. کيس قيدخاني ۾ غدار چنيسر سان ساڳي قطار ۾ بيهاريو ويو آهي. سندس عرس دوکيباز چنيسر سان گڏ ملهايو ويو آهي. تنهن ڪري منهنجي ماءُ، مان تنهنجي حڪم جي پيروي ڪندي روپا ماڙي وڃي نه سگهيو آهيان.
    مان تنهنجي حڪم تي ڪنهن ڏينهن روپا ماڙي ضرور ويندس ۽ اُتان جي مٽيءَ جو پاڻ کي تلڪ ڏيئي ايندس.
    امڙ، تو پڇيو آهي ته تو وٽ ڪڏهن ايندس؟ مان بنا اطلاع جي هڪڙي ڏينهن تو وٽ هليو ايندس ۽ پوءِ توکي ڇڏي موٽي نه ويندس. مان تو وٽ رهي پوندس. اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن مان تو وٽ ايندس، تنهن باري ۾ مان ڪابه اڳڪٿي ڪري نه ٿو سگهان. باقي ايترو سو ضرور چوندس، ته مان توڏانهن اچڻ لاءِ آتو آهيان. تنهن ڪري، هڪڙي ڏينهن ڪنهن کي ٻڌائڻ بنا تو وٽ هليو ايندس. ڳولڻ وارا ڳوليندا رهندا، پر مان تو وٽ هوندس. تنهنجي پناهه ۾ هوندس. چڱو امان، موڪلايون ٿا.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.



    ڪوتاهيءَ جو اعتراف

    امڙ مون کي، منهنجين سمورين ڪوتاهين ۽ ارڏائين سميت پيار ڪندي آهي. هوءَ منهنجي ماءُ آهي. هن مون کي جنم ڏنو آهي. هن مون کي ابهم مان پالي، نپائي وڏو ڪيو آهي. فقط هڪ خطا کانسواءِ هوءَ منهنجي ٻئي ڪنهن به خطا کان خفا نه ٿيندي آهي. کيس مون مان فقط هڪ شڪايت آهي ته مان کيس خط نه لکندو آهيان. هوءَ هر هفتي، ممتا کان مجبور ٿي، منهنجي لاڳيتي خاموشيءَ جي باوجود مون کي خط لکندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته هڪ مهل سندس ٻه چار خط اچي پهچندا آهن. مان ششدر ٿيندو آهيان. ششدر ٿيڻ جي باوجود مان کيس خط جو جواب نه ڏيندو آهيان. پنهنجي گذريل خط ۾ ارمان ڪندي لکيو هئائين، ”اخبار ۾ تنهنجا ڪالم پڙهندي آهيان. رسالن ۾ ڪهاڻيون ۽ مضمون پڙهندي آهيان، ريڊيو ۽ ٽيليويزن تان تنهنجا ڊراما ٻڌندي ۽ ڏسندي آهيان. منهنجا جگر منهنجا جاني، ڪڏهن اهو به سوچيو اٿئي ته، تنهنجي جيجل توکان سوين ميل پري، تنهنجي هڪ خط لاءِ واجهائيندي رهندي آهي. تون پنهنجي ماءُ کي ٻه اکر لکڻ لاءِ ٻه گهڙيون به ڪڍي نه ٿو سگهين؟“
    امان جو خط پڙهي مان ڇڄي پيو آهيان، سوچيان ٿو، امان کي خطن جو جواب ضرور ڏيندس، پر اهي خط لفافي ۾ وجهي پوسٽ نه ڪندس. مان کيس کليل خط لکندس. جيستائين ڪو ڏينهن مقرر ڪيان جنهن تي کيس جواب لکڻ لاءِ پاڻ کي پابند ڪريان، مان اڄ کيس جواب لکان ٿو.
    جيجل منهنجي ماءُ.
    تو پنهنجي ڪنهن خط ۾ لکيو هو، ته مون توکي خط جو جواب نه ڏيڻ جو قسم کاڌو آهي. مان توسان بحث ڪرڻ نه ٿو چاهيان. جيڪڏهن تون سمجهين ٿي، ته مون توکي خط نه لکڻ جو قسم کنيو آهي، ته پوءِ اڄ اُهو قسم ٽوڙيان ٿو. توکي خطن لکڻ جو سلسلو شروع ڪريان ٿو. مان ڪوشش ڪري هر آچر تي، هن ڪالم ۾ تنهنجي خطن جو جواب لکندس. ماڻهو چوندا آهن ته تون منهنجي مثالي ماءُ آهين. تو جهڙي ماءُ هڪ دؤر ۾ فقط هڪ دفعو ڌرتيءَ تي ايندي آهي. تنهن ڪري، مان ضروري سمجهان ٿو ته تنهنجي ۽ منهنجي وچ ۾ شروع ٿيندڙ خطن جو سلسلو راز ۾ نه رهي.
    ٽيون ڏينهن سخت تنگيءَ سبب پراڻيون اخبارون ۽ رسالا رديءَ ۾ وڪڻندي، اخبارن جي ڊهه هيٺيان تنهنجا ڪيترائي اڻ کليل خط لڌا. لفافا بند هئا. مون تنهنجا اُهي خط نه پڙهيا هئا. اُهي خط کڻي مون اکين تي رکيا. ان وقت مون کي پنهنجي نالائقي ۽ لاپرواهيءَ تي شرمندگي محسوس ٿي هئي ۽ تنهنجي عظمت تي فخر.
    امان، تنهنجن خطن ۾ لکيل ڪجهه ڳالهيون مون کي بنهه نه وڻنديون آهن. مان هتي، انهن سمورين ڳالهين جو ذڪر ڪرڻ فضول سمجهان ٿو. مان فقط هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪندس. تنهنجي هر هڪ خط ۾ منهنجي لاءِ دعائون لکيل هونديون آهن. مون کي ياد آهي، ٻه ــ چار سال اڳ، جڏهن پاڻ پوئين دفعي مليا هئاسين، تڏهن مون توکي چيو هو ته پنهنجن خطن ۾ مون کي دعائون نه ڏيندي ڪر. تو منهنجي عرض کي پاڻيءَ تي ليڪو سمجهيو هو. اڄ تائين تو جيڪي خط مون کي لکيا آهن ۽ انهن خطن مان جيڪي خط مون کولي پڙهيا آهن، انهن ۾ دعائون ڏنل آهن.
    تنهنجون دعائون مون کي هيڪلائيءَ جو احساس ڏيارينديون آهن. مان ڪجهه دير لاءِ پنهنجن ڪلهن تان پنهنجو صليب لاهي رکي ڇڏيندو آهيان. مان ڪجهه دير لاءِ هن ويري جڳ جي وارن کان ڊڄي ويندو آهيان، مون کي دعائون نه ڏيندي ڪر، منهنجي جيجل، منهنجي امڙ. تو هڪ دفعي ڪنهن کي چيو هو، ته، مون پنهنجو پٽ ڌرتيءَ کي ٻليدان ڪري ڏنو آهي. تنهنجو اهو جملو مون کي بيحد وڻيو هو. ان جملي کي مون سيني سان سانڍيو آهي. باقي، مون کي دعائون نه ڏيندي ڪر، منهنجي ماءُ چڱو، موڪلايون ٿا.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    چينو ڇا ٿو چاهي

    منهنجي امڙ،
    مون ڪجهه عرصو اڳ توسان واعدو ڪيو هو، ته تنهنجي خطن جو پابنديءَ سان جواب ڏيندو رهندس. خط لکڻ ۾ سستي نه ڪندس. مان، رواجي لفظن جو سهارو وٺندي فقط ايترو عرض ڪريان ٿو، ته مان جيئن آهيان، جهڙو آهيان، تنهنجو آهيان. جواب ۾ دير مدار کي دل ۾ نه ڪندي ڪر. پنهنجو وياڪل پٽ سمجهي منهنجون خطائون بخشي ڇڏيندي ڪر.
    گذريل هفتي کان منهنجو روح ويڳاڻو ٿي پيو آهي. سڪون لاءِ ڀٽڪندو آهيان. اهو ڄاڻندي به، ته جڏهن ذهن ۾ وياڪلتا هوندي آهي. زلزلو هوندو آهي، تڏهن دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾، ڪنهن به ڇانو ۾، ڪنهن به ڇپر ۾ سڪون نه ملندو آهي. پر، مان سڪون تلاش ڪندو رهيو آهيان ۽ پنهنجي تلاش ۾ ناڪام ٿيندو رهيو آهيان. ان وچ ۾ مون کي تنهنجا ٻه خط مليا آهن.
    ٻنهي خطن ۾ تو منهنجي مايوسيءَ جو ذڪر ڪيو آهي. تو منهنجين ڪهاڻين ۽ ڪالمن جي پس منظر ۾ مايوسيءَ جي عنصر کي کپ کوڙيندي محسوس ڪيو آهي. مان تنهنجي مشاهدي جو ادب ڪريان ٿو ۽ ساڳئي وقت، نهايت احترام سان، تنهنجي راءِ کان اختلاف پڻ ڪريان ٿو. ان پد ۾ مون کي فقط ايترو چوڻو آهي، ته مايوس فقط اهي ٿيندا آهن، جيڪي ميدان ڇڏي ويندا آهن. مان ميدان ۾ بيٺو آهيان. مان وڙهي رهيو آهيان. جنگ جوٽي رهيو آهيان. مان هڪڙي ڏينهن ناانصافي ۽ انڌير جي بيپناهه طاقتن سان وڙهندي وڙهندي مري ويندس، پر مايوس نه ٿيندس.
    منهنجي فليٽ جي سامهون ڄمونءَ جا گهاٽا ۽ وڏا وڻ آهن. ڄمونءَ جي وڻن ٻور جهليو آهي. گذريل هفتي جي تيز طوفاني هوائن ۽ واچوڙن کان پوءِ به ٻور نه ڇڻيو آهي. ٽارين سان لڳل آهي. وڻن ۾ ٻور لڳڻ علامت آهي، اميد جي! جيستائين وڻ ٻور جهليندا رهندا، اسين مايوس نه ٿينداسين.
    امڙ، الاءِ ڇو، هينئر منهنجي دل تي تنهنجي هڪ پراڻي خط جو جملي تري آيو آهي. تو پنهنجي ڪنهن خط ۾ لکيو هو، ته، ”اها قوم، جيڪا ڪشتو کڻندي آهي، سا بندوق کڻي نه سگهندي آهي.“ تنهنجي جملي ۾ ايڏي گهرائي، ايڏي معنيٰ ۽ ايڏو مفهوم آهي، جو ان جي تشريح ڪرڻ ضروري نه ٿو سمجهان.
    تنهنجو بينو پٽ چينو مون وٽ محفوظ آهي. اڄ ڪلهه وڏو بدمعاش ٿي پيو آهي. ڇهن ستن سالن جو مس آهي، پر ڪوبه سياسي جلوس، خاص ڪري سنڌين جو نه ٿو ڇڏي. ڪالهه هڪ جلسي تان موٽيو، جنهن ۾ سنڌ جي حيرت انگيز حال ۽ سونهري ۽ روشن آئيندي تي کُڙيءَ جو زور لڳائي تقريرون ڪيون ويون هيون. تقريرون گهڻو ڪري ڪامورن ۽ وڏيرن ڪيون، جيڪي پنهنجين وڏين ۽ قيمتي موٽرن ۾ چڙهي آيا هئا. ان جلسي تان چينو تمام دير سان اڌ رات ڌاري موٽيو. مون کي ننڊ مان اُٿاري کڙو ڪيائين. ضد ٻڌي بيٺو ته مون کي ڊوسٽوسڪيءَ جو ناول ”دي ڊيولس“ (The Devils) پڙهڻ لاءِ ڏي. رات جو ٽاري ڇڏيو مانس. صبح جو اٿڻ شرط ”دي ڊيولس“ (The Devils) لاءِ فساد کڙو ڪري، اسڪول هليو ويو آهي. اسڪول کان نه موٽيو آهي. مان کيس اُهو ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه ڏيندس. هن کي روايت موجب ”واهه ڙي تارا گول تارا“ پڙهڻ گهرجي.
    چڱو امڙ ـــ موڪلايون ٿا.

    تنهنجو وياڪل پٽ



    سامونڊين جي سار

    جيجل امڙ،
    هن هفتي تنهنجو فقط هڪ خط مليو اٿم، سو به ننڍڙو ۽ مختصر، تنهنجو خط پڙهي، ويهاڻي هيٺان رکي، مان ڪجهه ڏينهن لاءِ سمنڊ ڏانهن هليو ويو هوس. سمنڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ مون وٽ ظاهري طرح ڪو خاص سبب به نه هو. ڀانيان ٿو، سمنڊ جي لوڇ پوڇ جو منهنجي لوڇ پوڇ سان ضرور ڪو لاڳاپو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀٽ ڌڻيءَ جو سر سامونڊي پڙهندي، هن بيت تي اچي بيهي رهيو هوس.
    ”سامونڊي ساري، مٿي تڙ ڳاريان،
    مــون کـــي ٿــي ماري، اُنهن سنــدي ڳــالـهـڙي.“
    پوءِ جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ سمنڊ تي هليو ويو هوس، تڏهن ڀٽ ڌڻيءَ جو سر سامونڊي رکي رکي منهنجيءَ دل تي تري آيو. مون ٻيڙي هلائڻ واري، قاسم ميربحر کان پڇيو، ”قاسم سمنڊ جو ٻيو ڪنارو ڪٿي آهي؟“
    قاسم کلي مون ڏانهن ڏٺو هو. چيو هئائين، ”سمنڊ کي جيڪڏهن ٻيو ڪنارو هجي ها، ته پوءِ جيڪر سمنڊ ڦٿڪڻ ڇڏي ڏئي ها. ڍنڍ وانگر ماٺ ۽ خاموش رهي ها.“
    مون قاسم ڏانهن حيرت مان ڏٺو، هن جو جواب ٻڌي منهنجا طاق لڳي ويا. مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو سمنڊ ڏانهن غور سان نهاريو، سمنڊ علامت آهي انهن جي. جن لاءِ ٻيو ڪنارو نه آهي.
    قاسم چيو، ”اونهي جا اسرار عجب آهن. هڪ اٿس ڪنارو ۽ ٻيو پاتار!“
    مون سکان وٽان نوڙي، ذري گهٽ سمنڊ کي ڇوهيندي چيو:
    ”سر نسريا، پاند، اُتر لڳا، آءُ پرين!
    مون تو ڪارڻ، ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون.“
    مان اڄ سمنڊ تان موٽي آيو آهيان. هن وقت، جڏهن مان توکي هيءُ خط لکي رهيو آهيان، لاشعوري طرح سامونڊين جي باري ۾ سوچي رهيو آهيان، مان لاشعور جي وهڪري آڏو شعور جو بند بيهارڻ چاهيان ٿو. مان سمنڊ ۽ سامونڊين کي وسارڻ چاهيان ٿو. سوچيان ٿو، جيڪر وسارڻ انسان جي وس هجي ها!
    تو پنهنجي مختصر خط ۾ مون کي نصيحت ڪئي آهي ته مان پنهنجن ڪالمن ۽ ڪهاڻين ۾ پوليس، سمگلرن، بدمعاشن، ڏاڍن ۽ ظالمن جو ذڪر نه ڪريان. توکي ڀوءُ آهي ته اهي مون کي نقصان پهچائيندا. مان نهايت ادب سان عرض ڪريان ٿو، امڙ، ته توکي ان سلسلي ۾ منهنجي لاءِ فڪرمند ٿيڻ نه گهرجي.
    پوليس وارا، رشوتي کاتا، سمگلر، ظالم ۽ ڏاڍا، اسان جي تحريرن کي ديواني جو خواب سمجهندا آهن. کين خبر آهي ته لکڻ وارا جک ماريندا رهندا آهن ۽ سمگلنگ کان وٺي ڪوڙن ڪيسن تائين سلسلو هلندو رهندو آهي. جمهوريت جي اصولن مطابق اسان جو ملڪ بنيادي طرح جاهلن جو ملڪ آهي. اسان جي ملڪ ۾ فقط پنج سيڪڙو ماڻهو پڙهيل آهن. اهڙي ملڪ ۾ تحرير رستي سماجي ۽ سياسي انقلاب آڻڻ جي اميد رکڻ پاڳلپڻو آهي. تون يقين ڪر منهنجي ماءُ. اسان جي ڪالمن، ڪهاڻين، ايڊيٽوريلن ۽ ڊرامن جو ڪوبه اثر نه ورتو ويندو آهي. تنهن ڪري پنهنجي دل مان اهو وهم ڪڍي ڇڏ، ته پوليس مون کي قلم 110 ۾ ٻڌي ويندي، يا سمگلر مون کي مارائي ڇڏيندا.
    چڱو، اڄ موڪلايون ٿا امڙ.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    وڍيل آڱر

    جيجل منهنجي ماءُ،
    منهنجي ساڄي هٿ جي پهرين آڱر تي پٽي ٻڌل آهي ۽ مان توکي هيءُ خط لکي رهيو آهيان. منهنجا ڏنگا ڦڏا اکر ڏسي سمجهي ويئي هوندينءُ، ته منهنجي آڱر ۾ سور آهي. مون کي زندگي ۾ پهريون دفعو ساڄي هٿ ۽ خاص ڪري ساڄي هٿ جي پهرين آڱر جي اهميت محسوس ٿي آهي. مان ويجهڙائيءَ ۾ جنهن تجربي مان لنگهيو آهيان ۽ لنگهي رهيو آهيان، سو تجربو انوکو آهي ۽ تجسس کي پيدا ڪندڙ آهي.
    ٽيون ڏينهن فدا حسين ڦودني سان ڪاٺ چيرڻ واري ڪارخاني ۾ ملڻ ويو هوس. فدا حسين اُن ڪارخاني ۾ نوڪري ڪندو آهي. مان جنهن وقت فدا حسين ڦودني وٽ پهتس، اُن وقت هو بجليءَ تي هلندڙ آريءَ سان ڪاٺ چيري رهيو هو. توکي ته خبر آهي امان، ته فدا حسين ڦودنو ڳالهين جو ڳهير آهي. ساڻس ڳالهين ۾ اهڙو لڳي ويس، جو خبر تڏهن پيم. جڏهن ساڄو هٿ وڃي بجليءَ سان هلندڙ آريءَ ۾ پيو. سڄو هٿ رت هاڻو ٿو ويو. فدا حسين مشين بند ڪري ڇڏي. فرسٽ ايڊ باڪس مان دوائون ڪڍي، هٿ تان رت اُگهي زخم ڏٺائين. ساڄي هٿ جي پهرين آڱر ۾ آريءَ جا ڏند کپي، گوشت پٽي ٻاهر نڪري ويا هئا. فدا حسين جون وايون بتال ٿي ويون. جيتوڻيڪ هٿ منهنجو وڍيو هو، پر دلداري فدا حسين کي مون پئي ڏني.
    فرسٽ ايڊ ڪم نه ڏنو. آڱر مان رت ٺينڍيون ڪري وهندو رهيو. فدا حسين کي ساڻ ڪري سول اسپتال پهتس. اُتي ٽن ڪلاڪن تائين رت وهندو رهيو. ٽن ڪلاڪن کان پوءِ ڊاڪٽر جي جهلڪ ڏسڻ نصيب ٿي. لاپرواهيءَ سان هٿ ڏسندي پڇيائين، ”ڇا ٿيو اٿئي؟“
    ٻڌايو مانس ته ڪارخاني ۾ هڪڙي دوست سان ملڻ ويو هوس؛ اُتي آريءَ سان آڱر وڍجي پيئي آهي.
    ڊاڪٽر فرمايو، ”تنهنجو ڪيس اول فيڪٽري ايڪٽ هيٺ رجسٽر ٿيندو. ان کان پوءِ پوليس ۾ رپورٽ لکرائي، ايڪسيڊنٽ جو سرٽيفڪيٽ وٺي اچ. ملم پٽي فارملٽيز پوريون ٿيڻ کان پوءِ ٿيندي.“
    ”جيستائين فارملٽيز پوريون ٿينديون، تيستائين منهنجو رت وهندي وهندي پورو ٿي ويندو.“ مون فدا حسين کي چيو، ”يار، هل ته ڪنهن پرائيويٽ ڊاڪٽر کان ٿا پٽي ڪرايون.“
    بهرحال، خانگي ڊاڪٽر کان پٽي ڪرائي گهر آيس. گهر اچڻ کان پوءِ جڏهن ڪهاڻي فيئر ڪرڻ لاءِ پين هٿ ۾ کنيم، تڏهن محسوس ڪيم ته منهنجو ساڄو هٿ لکڻ لائق نه هو. قلم هٿ مان ڇڏائجي ويو. اُها ڪهاڻي مون کي هر حال ۾ فيئر ڪري رسالي جي ايڊيٽر تائين پهچائڻي هئي ۽ کانئس معاوضو وٺي چيني کي ڪجهه ڪتاب وٺي ڏيڻا هئم. مان بيوس ٿي پنهنجي ساڄي هٿ جي آڱر ڏانهن ۽ ڪڏهن ڪاغذ ۽ قلم ڏانهن ڏسندو رهيس. پوءِ اوچتو خيال آيم، ته مون کي اخبار لاءِ هڪ ڪالم به لکڻو هو. بيوسي جڏهن شدت سان محسوس ٿيڻ لڳي، تڏهن مون کي تنهنجي خط جو جواب لکڻ جو وهم ورائي ويو. تڏهن مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ساڄي هٿ جي پهرين آڱر کي تحرير جي آزاديءَ جي علامت محسوس ڪيو. اسان ليکڪن لاءِ ساڄي هٿ جي پهرين آڱر اهم آهي. ان آڱر جي صحتمندي تحرير جي آزاديءَ جي ضامن آهي، پر چينو مون سان منهنجي راءِ ۾ متفق ناهي. چيني عرف بيني جو چوڻ آهي ته ساڄي هٿ جي پهرين آڱر کان ساڄي هٿ جو آڱوٺو وڌيڪ اهم آهي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ چينو مون سان منهنجي راءِ ۾ متفق ناهي. چيني عرف بيني جو چوڻ آهي ته ساڄي هٿ جي پهرين آڱر کان ساڄي هٿ جو آڱوٺو وڌيڪ اهم آهي. گهڻي بحث مباحثي کان پوءِ چينو ۽ مان متفق ٿيا آهيون، ته تحرير جي آزاديءَ لاءِ پهرين آڱر سان گڏ آڱوٺو به اهم آهي ۽ علامت طور پيش ڪري سگهجي ٿو. جڏهن به ليکڪن کي ڪهاڙين ۽ بندوقن سان ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، تڏهن آڱوٺو تحرير جي آزاديءَ جي علامت خاطر پيش ڪيو ويندو.
    تون ڪو فڪر نه ڪر. مان في الحال جيئرو آهيان. چڱو امڙ اڄ موڪلايون ٿا.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    امڙ مان ٿڪجي پيو آهيان

    منهنجي امان،
    مان زندگيءَ جي رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن توکي ياد ڪندو آهيان، توکي خط لکي، اندر جو حال اوريندو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي اها روش خود غرضيءَ تي ٻڌل آهي. پر تون منهنجي ماءُ آهين. تو منهنجون خطائون هميشه بخشي ڇڏيون آهن. پڪ اٿم، منهنجي ارڏائيءَ کي تون درگذر ڪري ڇڏيندينءَ. مان تنهنجين دعائن جو طلبگار آهيان. مون ٻنهي جهانن جي ڪنهن به نعمت جي تمنا نه ڪئي آهي. جيڪڏهن ڪا تمنا ڪئي آهي ته اها تنهن جي خوشنوديءَ جي تمنا آهي.
    تنهنجي ڪالهوڪي خط جو هڪ جملو مان سمجهي نه سگهيو آهيان. تو پنهنجي خط ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته، ”ذهن جڏهن متضاد خيالن جي ڇڪتاڻ ۾ ٻرندڙ جبل وانگر جلڻ لڳندو آهي، تڏهن طويل ۽ ٿڪائيندڙ سفر باهه تي پاڻيءَ جي ڇنڊي جو ڪم ڏيندو آهي.“
    مون تنهنجي جملي تي سموري رات سوچيو آهي. مان ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو آهيان. جنهن مهل ٽپالي تنهنجو خط ڏيئي ويو هو، تنهن مهل مان بيحد ٿڪل هوس. ان وقت مان ابدي ننڊ جي خواهش ڪري رهيو هوس.
    سقراط جو ننڊ بابت رايو ذهن ۾ پڙاڏو ڪري رهيو هو، ته ننڊ موت جي ڀيڻ آهي.
    تنهنجو خط پڙهي، مون موت ۽ ننڊ جي فلسفي تي سوچڻ ڇڏي ڏنو.
    مان ڪجهه ڏينهن کان بيحد ٿڪائيندڙ سفر ۾ رهيو آهيان. اُداس، ويران ۽ خاموش رستن تي، گهاٽن وڻن هيٺان هلندو رهيو آهيان. حال جي اونده ۾ ماضيءَ جي روشنين کي ياد ڪندو رهيو آهيان. گذريل گهڙين جي هڪ هڪ پل تي پڇتائيندو رهيو آهيان. مان جنهن وقت به اندر ۾ ليئو پائي ڏسندو آهيان تڏهن پاڻ کي خطائن جي علامت محسوس ڪندو آهيان. مون اڄ تائين زندگيءَ ۾ جيڪي به فيصلا ڪيا آهن، سي غلط ڪيا آهن.
    مون کي، تنهن ڪري منهنجي ماءُ، تنهنجي جملي سان اختلاف آهي، ته ٿڪائيندڙ سفر جلندڙ ذهن تي پاڻيءَ جي ڇنڊي جو ڪم ڏيندو آهي.
    جهنگ جي باهه پاڻيءَ جي ڇنڊي سان ڀڙڪي اُٿندي آهي. ٿڪائيندڙ سفر منهنجين پريشانين ۾ اضافو ڪيو آهي.
    في الحال موڪلايون ٿا، منهنجي ماءُ.
    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.



    دودو سومرو يا دودا سومرا

    امڙ منهنجي،

    تنهنجو ڪالهوڪو خط، تنهنجن روايتي خطن کان مختلف هيو. خط پڙهي، مان ڪجهه دير تائين تنهنجي باري ۾ سوچيندو رهيس. توکي ياد ڪندو رهيس. تو پنهنجي خط ۾ هميشه وانگر منهنجي صحت لاءِ ڪابه پريشاني ظاهر نه ڪئي آهي، تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان اڌ اڌ رات تائين ويران ۽ خاموش رستن تي رلڻ ڇڏي ڏيان. تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان زندگيءَ جي سفر ۾ هينئر ٿانئيڪو ٿي ويهان ۽ پڙاڏن پٺيان هلڻ ڇڏي ڏيان. تو اهو به نه لکيو آهي، ته مان ماضيءَ جي کنڊرن مان يادن جا تابوت ڪڍڻ ڇڏي ڏيان! تو هن دفعي پنهنجي خط ۾ ڪابه روايتي ڳالهه نه لکي آهي.
    تنهنجي خط جو هڪ جملو منهنجي هنيانءَ ۾ کپي ويو آهي. تو لکيو آهي، ته مون هن دفعي شاهه عنايت شهيد ۽ دودي لاءِ ڇو ڪجهه به نه لکيو آهي. تو پڇيو آهي، ته ڪٿي مون پنهنجي آڏو ڍال اڀي ڪري ته نه ڇڏي آهي؟
    نه، منهنجي ماءُ، مون ڪنهن به ڍال جي پناهه نه ورتي آهي. ورهيه ٿيا، هڪ دفعي تو مون کي لطيف سائينءَ جي هڪ بيت جون ٻه سٽون ٻڌايون هيون ته:
    ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار،
    هـــڻ ڀــالا، وڙهــه ڀـاڪـريـن، آڏي ڍال مَ ڍار.“
    مون ڍال اڇلائي ڇڏي آهي. مون وٽ ڪابه پناهه ڪانهي. تو مون کي مئي مٿي مهراڻ ۾ ٽپي پوڻ جو سبق ڏنو هو. اهو سبق مون کي ياد آهي.
    مون شاهه عنايت شهيد جي باري ۾ تفصيل سان مضمون لکڻ جو ارادو ڪيو هو. مضمون لاءِ مواد گڏ ڪندي، مان هڪ هنڌ اٽڪي بيهي رهيس. اتان اڳتي وڌي نه سگهيس. منهنجو ڌيان شاهه عنايت شهيد جي شهادت کان هٽي ويو.
    مواد پنهنجي جاءِ تي موجود آهي. مان سوچي رهيو آهيان ته شاهه عنايت، شهيد ٿي چڪو آهي، يا شهادت جي راهه ۾ اڄ تائين حق جي جنگ جوٽي رهيو آهي!
    شاهه عنايت جنهن غريب، مفلس ۽ ڏتڙيل پورهيت طبقي لاءِ جنگ جوٽي هئي، اهو طبقو شاهه عنايت جي شهادت کان 264 سال پوءِ يعني اڄ تائين سنڌ ۾ موجود آهي. اَڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا!
    شاهه عنايت جي شهادت ۾ بلڙيءَ جي سيد عبدالواسع، نور محمد پليجي ۽ حمل جت زميندار جو هٿ هو. شاهه عنايت کي شهيد ڪرڻ کان پوءِ به، اڄ تائين عبدالواسع، نور محمد ۽ حمل جت جيئرا آهن ۽ اهي ئي ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي اڄ کان 264 سال اڳ ڪندا هئا. اڄوڪي دؤر ۾ فقط سندن نالا بدلجي ويا آهن.
    جڏهن سنڌ جو ڏتڙيل عوام جيئرو آهي، جڏهن عبدالواسع، نور محمد ۽ حمل جت جيئرا آهن، تڏهن شاهه عنايت ڪيئن مري سگهي ٿو! تنهن ڪري منهنجي امڙ، مان شاهه عنايت جي شهادت تي مضمون لکي نه سگهيس.
    باقي رهيو دودو شهيد. سوچيو هيم، هن سال روپا ماڙي ويندس ۽ دودي جي عرس جو اکين ڏٺو احوال لکندس. پر مان ائين ڪري نه سگهيس. پر پوءِ هڪڙي ڏينهن دودو مون کي هيڪلائين ۾ مليو. ٻڌايائين ته کيس روپا ماڙي مان تڙي ڪڍيو ويو آهي. اتي ”سومرا شهيد دودا“ نالي ڪنهن شخص جو بورڊ سندس تربت تي لڳايو ويو آهي. جيجل منهنجي ماءُ، مان جلاوطن دودي شهيد تي مضمون لکندس. پر ان لاءِ مون کي ڪجهه گهڙين جي مهلت گهرجي. دودي جي عرس جون تصويرون جيڪي اخبارن ۾ شايع ٿيون آهن، انهن ۾ دودي جو بورڊ ڏسي سراپجي ويو آهيان. مان ”شهيد دودو سومرو“ جو بورڊ ڳولي رهيو آهيان.
    في الحال موڪلايان ٿا، منهنجي ماءُ.

    تنهنجو اڻاگو پٽ.


    ڪيڪٽس

    جيجل منهنجي ماءُ،
    ڪالهه ٽپالي تنهنجا ٻه خط پهچائي ويو. ٻئي خط مختلف تاريخن جا هئا ۽ تو جدا جدا ڏينهن تي پوسٽ ڪيا هئا. ٽپال کاتي جي مهربانيءَ سان مون کي ٻئي خط گڏ مليا آهن.
    مون تنهنجا خط غور سان پڙهيا آهن. مون کي پنهنجي صفائي ۾ ڪجهه به چوڻو ناهي. مون کي يقين آهي ته تو ماڻهن جي حڪايتن تي اعتبار نه ڪيو هوندو. ماڻهن کان وڌيڪ تون مون کي سڃاڻين! باقي، ماڻهن کان منهنجي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون اٿئي، انهن جو جواب هن خط جي آخر ۾ لکندس. في الحال، مون کي توسان ڪجهه ٻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن. تون منهنجي ماءُ، منهنجي دوست، منهنجي رهبر آهين. مون اڄ تائين پنهنجي ڪابه پريشاني توکان نه لڪائي آهي ۽ پنهنجن وهمن ۽ سنسن جي پرده داري نه ڪئي آهي. مان سمجهان ٿو، بلڪه مون کي يقين آهي، ته عمر جي کٽندڙ هڪ هڪ گهڙيءَ سان گڏ، مان سودائي ٿي رهيو آهيان. ڪالهه مون کي جنهن تجربي مان لنگهڻو پيو آهي، سو تجربو منهنجن سودائن جي شهتير تي بيٺل آهي. ڪنهن ڪنهن وقت سوچيندو آهيان، سوداءُ ڪرڻ ڇڏي ڏيان. پر پوءِ، اوچتو خيال ايندو اٿم، ته سوداءُ شعوري عمل کان آزاد هوندو آهي، ماڻهوءَ جو مٿس وس نه هلندو آهي.
    هيءَ ڪالهه رات جي پوئين پهر جي ڳالهه آهي. اڌ رات کان پوءِ اک کلي ويئي. پاسا ورايم، خيالي رڍون ڳڻيم، پر ننڊ ندوري نه آئي. گهر کائڻ آيو. مان ٻاهر نڪري ويس.
    ويران، خاموش ۽ اونداهن رستن تي وڻن هيٺان هلندي مون محسوس ڪيو، ته ڄڻ ڪو منهنجو پيڇو ڪري رهيو هو. ٻه ــ چار دفعا هلندي هلندي بيهي رهيس. منهن ورائي پوئتي نهاريم. پر، ڪوبه نظر نه آيو. هڪ هنڌ، جتي اوندهه جو انت نه هو، مون بلڪل واضح ۽ چٽو ڀڻڪو ٻڌو. ڪنهن انگريزيءَ ۾ چيو. “Time is running short for you”.
    وقت تنهنجي لاءِ ختم ٿي رهيو آهي، پورو ٿي رهيو آهي! وقت منهنجي لاءِ کٽي رهيو آهي! ان جملي کان پوءِ مون ڪنهن کي به پنهنجي پٺيان ايندي محسوس نه ڪيو. فقط ايترو محسوس ڪيم، اهو جملو، يا ان جملي جو پڙاڏو منهنجو پيڇو ڪندو پئي آيو.
    منهنجو وقت پورو ٿي رهيو آهي! سفر جي سنبت جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي! هلبو، جتي هلڻ ناهي حسن ريءَ. مون وٽ حسن ڪونهي، پر هلبو. سفر تي روانو ٿيڻو ئي پوندو. پر، ڪهڙو سفر؟ مون محسوس ڪيو آهي، ته مان ازل کان سفر ۾ آهيان. ته پوءِ، ڪهڙو سفر؟ ان باري ۾ مان تنهنجي جواب جو انتظار ڪندس.
    آخر ۾ مان تنهنجي خط ۾ لکيل ٻن ڳالهين جو اعتراف ڪندس. توکي ماڻهن بلڪل صحيح ٻڌايو آهي ته مون گلاب جي ڪونڊي ڀڃي، ان جي جاءِ تي ڪيڪٽس جي ڪونڊي آڻي رکي آهي. ڪيڪٽس کي عام طرح تڪليف جي علامت سمجهيو ويندو آهي. پر مان ڪيڪٽس کي سرڪش هئڻ جي علامت سمجهندو آهيان، ڇو جو ڪيڪٽس ويرانين ۾ نڪرندو ۽ اسرندو آهي. مون کي ڪيڪٽس سان پيار آهي.
    تو پڇيو آهي، ته مون ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو صليب ڇو پائي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ مون کي فقط ايترو چوڻو آهي، ته ڪاٺ جي صليب کي اڏوهي کائي ويئي آهي.
    في الحال موڪلايون ٿا،

    منهنجي ماءُ.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    دل جا وهم وسار

    جيجل منهنجي ماءُ،
    ڪالهه رات خليفي نبي بخش جي رسالي مان سرڪيڏارو پڙهندي، هڪ سٽ تي اچي بيهي رهيس، سٽ هئي.
    ”سوڀون سر گهرن، سر ريءَ سوڀ نه سپجي.“
    اها سٽ پڙهڻ کانپوءِ اندر اُتاولو ٿي پيو، ذهن جي کنڊرن ۾ ماضيءَ جي هڪ ياد پڙاڏا ڪرڻ لڳي. شعور گذريل گهڙين جا سلسلا ملائڻ لڳو ۽ پوءِ مون کي اُهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن مان تمام ننڍڙو هوندو هوس، اڃا اسڪول نه ويندو هوس، تڏهن تون مون کي پنهنجي هنج ۾ ويهاري ڀٽ ڌڻيءَ جو ڪيڏارو ٻڌائيندي هئينءَ. مون کي ياد آهي امڙ، ته گهر جا ڀاتي توتي کلندا هئا، توتي چٿرون ڪندا هئا. انهن ڏينهن ۾ اهو دستور هوندو هو، جو مائرون پنهنجن پٽن کي ڪوئي ۽ ٻليءَ جو انيڪ آکاڻيون ٻڌائينديون هيون ۽ پوءِ کين چنڊ جي لولي ڏيئي سمهاري ڇڏينديون هيون. پر تو اڪيلي سر ان دقيانوسي دستور کي ٽوڙيو، روايتن کان منهن موڙيو ۽ اوڙي پاڙي جي الزامن جي پرواهه نه ڪندي، منهنجو ”دماغ خراب ڪري ڇڏيو.“
    مون کي ياد ناهي امڙ، ته ڪڏهن تو مون کي ڪوئي ۽ ٻليءَ جي آکاڻي ٻڌائي هجي، مون کي اهو به ياد ناهي ته تو ڪڏهن چنڊ جي لولي ڏيئي مون کي سمهاري ڇڏيو هجي! مون کي فقط ايترو ياد آهي ته تون مون کي هنج ۾ ويهاري لطيف سائين جي سر ڪيڏاري مان بيت ٻڌائيندي هئينءَ. بيت ٻڌائيندي ڪڏهن ڪڏهن تنهنجي دل ڀرجي ايندي هئي. تڏهن، تون مون کي ڀاڪر ۾ ڀري، پيار ڪري، اکيون اُگهي ڇڏيندي هئين. الاءِ ڇو، هيءُ بيت ٻڌائيندي تنهنجو آواز ڪنبڻ لڳندو هو ۽ ضبط جي باوجود تون پنهنجا لڙڪ لڪائي نه سگهندي هئينءَ.
    ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
    ڪــڏهن مـنجـهه، ڪـوٽـن، ڪـڏهن واهي رڻ جا.“
    مون کي اڄ تائين تنهنجين اکين جا چمڪندڙ موتي ياد آهن، پر مان اڄ تائين موتين جي درد متعلق ڪجهه به ڄاڻي نه سگهيو آهيان. هن دفعي جڏهن به توسان ملندس، تڏهن سوچيو اٿم، تو کان تنهنجي درد متعلق پڇندس.
    ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪيڏاري مان هڪ سٽ مون کي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ تنهنجي واتان اُها سٽ ٻڌي منهنجي لونءَ لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي. اها سٽ مون کي اڄ به ياد آهي ۽ اها سٽ مان وظيفي وانگر ورجائيندو آهيان.
    ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.“
    مون هڪ دفعي تو کان پڇيو هو، ته دل جا وهم ڇا هوندا آهن؟ تڏهن تو وراڻيو هو، ته دل وٽ وهمن جو رڻ آهي. جنهن ۾ انسان گم ٿي ويندو آهي. تنهنجو جواب منهنجي ننڍڙي ذهن لاءِ مبهم هيو. مون کي تنهنجي جواب جو مفهوم سمجهه ۾ نه آيو هو.
    پوءِ اڳتي هلي، توکان جدا ٿي، جڏهن ويراڳ ورتم، تڏهن هڪ دفعي پنهنجي جگري دوست ڌني کان دل جي وهمن متعلق پڇيو هوم. هن چيو هو، ته بنگلا، جايون، موٽرون، بئنڪ بيلنس، سٺي نوڪري، سٺو ڪاروبار، سهڻي زال ۽ Play-Safe جو فلسفو. دل جا وهم آهن.ڌني جو جواب مون کي دل سان لڳو هو. مون ڌني کي چيو هو، ته ڌنا، منهنجو وجود تمنائن جو مقتل آهي. منهنجو تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري ۾ ويساهه آهي، ته ”عضوي عضوي گهاءُ، سر ۾ سودا سوڀ جا.“ پر تنهن هوندي به، مان محسوس ڪيان ٿو، ته ڪو اڻلکو وهم آهي، جنهن منهنجي وجود ۾ اچي واسو ڪيو آهي. اهو وهم مون سان پاڇي وانگر ساڻ آهي. آسائش جي روشنيءَ ۾ اهو وهم ظاهر ٿي پوندو آهي ۽ پريشانين جي اوندهه ۾ غائب ٿي ويندو آهي. مان پنهنجي وهم کي سمجهي نه سگهيو آهيان.
    امڙ، مان اڄ تائين ان وهم جي کوج ۾ آهيان، جنهن جو واسو منهنجي وجود ۾ آهي. مان دل جي رڻ ۾ ڪاهي پوندو آهيان، پر رڃ کان ڀاڄ کائي موٽي ايندو آهيان. نه وهم مون کي ماري سگهيو آهي ۽ نه مان وهم کي ماري سگهيو آهيان. نه وهم مون کي سلي سگهيو آهي، نه مان وهم کي سلي سگهيو آهيان. پر تنهن هوندي به، مان اڪيلائن ۾ ڀٽ ڌڻيءَ جي ڪيڏاري مان هيءَ سٽ وظيفي وانگر ورجائيندو آهيان ــ ”سورهيه مرين سوڀ کي، ته دل جا وهم وسار.“
    ۽ ڪالهه رات، جڏهن خليفي نبي بخش جي رسالي مان ڪيڏارو پڙهندي هيءَ سٽ پڙهيم، ته، ”سوڀون سر گهرن، سر ريءَ سوڀ نه سپجي.“ تڏهن مون کي هڪدم تنوير عباسيءَ جي ڪيڏاري جو هڪ بيت دل تي تري آيو ته،
    منهنجو پٽ اُهو، جنهن کي ڇاتيءَ ۾ ڇرا،
    گهايل ڪونهي جو، مون کي ماءُ نه سڏي سو،
    ٿڃ نه بخشيان اُن کي، جيڪو چپ ويٺو،
    رنـگ جـنـهـن جـو ريـٽو، مـاءُ انـهيءَ جي آهيان.
    مان سمجهان ٿو، خط طويل ٿي ويو آهي. تنهن ڪري، في الحال موڪلايون ٿا، منهنجي ماءُ.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    مان تو وٽ هليو ايندس

    امڙ،
    مون کي يقين آهي ته مڪمل ماٺ کان پوءِ منهنجو خط ڏسي توکي حيرت نه ٿي هوندي. مون کي خبر آهي، ته تو منهنجي باري ۾ حيران ٿيڻ ڇڏي ڏنو آهي. تو پاڻ کي پرچائي ڇڏيو آهي، ته تنهنجي پٽن مان هڪ پٽ سانوڻ جي ڪڪريءَ جهڙو آهي. سمنڊ جي وير جهڙو آهي. هو هنگلاج جو مسافر آهي. تنهنجو هڪ اڻٿائينڪو پٽ مان آهيان.
    مهينن کان آيل تنهنجا خط مون پنهنجي ويهاڻي هيٺان رکي ڇڏيا آهن. مون اهي خط کولي پڙهيا ناهن. مون کي خبر آهي، ته انهن خطن ۾ منهن جي لاءِ دعائن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به لکيل نه هوندو. تو اڄ تائين مون کي ايتريون دعائون ڏنيون آهن، جو مان دعائن جي بار هيٺان دفن ٿي ويو آهيان.
    ڪالهه رات دير تائين، رکي رکي تون ياد ايندي رهينءَ. دل اداس ٿي ويئي. مان ٻاهر، اُماس جي اوندهه ۾ نڪري ويس. اڪيلن ۽ ويران رستن تي وڻن هيٺان هلندي، مون کي اُهي ڏينهن ياد آيا، جڏهن تون بالڪونيءَ ۾ بيهي منهنجو انتظار ڪندي هئينءَ ۽ مان توکي ستائڻ لاءِ ڪڏهن ڪڏهن دير سان اسڪول مان موٽندو هوس. تو کان ماڻهو جڏهن پڇندا هئا ته توکي پنهنجن پٽن مان سڀ کان ڪارو ۽ ڪوجهو پٽ ڇو وڻندو آهي، تڏهن تون چوندي هئينءَ، ”هيءَ ڪجهه عرصي کان پوءِ مون کان ڌار ٿي ويندو.“
    ان جواب کان پوءِ مون اڪثر تنهنجين اکين ۾ آلاڻ ڏٺي هئي. ڪالهه رات اڪيلائين ۾ مون کي تنهنجو اهو جملو ياد آيو. مون تنهنجي جملي جي مفهوم تي سوچيو، ائين برابر آهي، ته مان توکان ڌار ٿي ويو آهيان، پر منهنجيءَ دل کان تنهنجي ياد ڌار نه ٿي آهي. منهنجو روح تنهنجي روح جي ڇڪ کان ڌار نه ٿيو آهي. مان ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن، ماٺڙي ڪري توڏانهن هليو ايندس. توکي پنهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڏيندس. مان بس اوچتو ئي اوچتو هليو ايندس.
    ويران رستن تي هلندي، گارڊن روڊ وٽ ٻن سپاهين جي منهن ۾ وڃي پيس. دڙڪو ڏيئي پڇيائون، ”سڃاڻپ وارو ڪارڊ اٿئي؟“
    مون وٽ سڃاڻپ وارو ڪارڊ نه هو.
    چيائون، ”توکي ٿاڻي وٺي هلنداسين.“
    سوچيم، جيڪڏهن قانون جا محافظ مون کي ٿاڻي وٺي ويا ته پوءِ صبح تائين منهنجي جاگرافي اهڙي نموني ڦيرائي ڇڏيندا، جو منهنجا ملائڪ به مون کي سڃاڻي نه سگهندا. ان وقت اوچتو مون کي پريس پاس جو خيال آيو. مون کين کيسي مان پاس ڪڍي ڏيکاري. کين يقين ڏيارڻ لاءِ چيم، ”اسين، جيڪي پريسن ۾ ڪم ڪندا آهيون، تن کي ويران رستن تي رلڻ نصيب جو تحفو ٿي ملندو آهي.“
    سپاهين مون کي ڇڏي ڏنو.
    مان پنهنجي ڪمري تي موٽي آيس ۽ پوءِ دير تائين ڀتين سان ڳالهيون ڪندو رهيس.
    چڱو امڙ، في الحال موڪلايون ٿا.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    سوداءُ

    جيجل،
    ورهيه ٿي ويا آهن جو توکي خط نه لکيو اٿم. اڄ دل اڌمو کاڌو ته خط لکڻ ويهي رهيو آهيان. مون کي پنهنجي نالائقيءَ کان انڪار نه آهي. ذهن جي وارياسي ۾ سرگردان رهڻ سبب مان بدحواس ٿي ويو آهيان. مان خوابن جو سوداگر آهيان. مون وٽ تعبيرون نه آهن. سپنن ۾ تنهنجن پيرن جي پڻيءَ جو مٿي تي محراب ٺاهيندو آهيان. سجاڳ ٿيندو آهيان ته پاڻ کي هيڪلائين جي ڪوٽ ۾ قابو ڏسندو آهيان. اتي تون نه هوندي آهين. اتي سنڌو نه هوندي آهي. اتي مان هوندو آهيان، ۽ منهنجا سوداءَ هوندا آهن.
    دوستن جي چوڻ تي مان هڪ ماهر نفسيات (Psychiatrist) سان مليو هوس. مون هن کي چيو هو ته مان پنهنجي مسئلن کان آگاهه آهيان. مان پنهنجن مونجهارن کان واقف آهيان، تنهن ڪري منهنجو علاج تو وٽ نه آهي. منهنجو علاج ڪنهن وٽ به نه آهي. منهنجو علاج جنهن وٽ آهي، تنهن کان مان پري آهيان. پري ٿي ويو آهيان.
    هن مون کي صبر سان ٻڌو. ناراض نه ٿيو. سگريٽ دکائي هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو ۽ پڇيو، ”ڇا توکي هن سان محبت آهي؟“
    مون چيو، ”اها محبت جيڪا اظهار جي محتاج هجي، سا محبت جر جي ڦوٽي مثل هوندي آهي. مون ڪڏهن به اظهار نه ڪيو آهي. پر تنهن هوندي به ماڻهن هن لاءِ منهنجي محبت کي محسوس ڪيو آهي.“
    ان کان پوءِ ڊاڪٽر مون سان هيڪلائيءَ جي باري ۾ ڳالهايو. چيائين، ”دوستن سان اٿندو ويهندو ڪر. هيڪلائي دور ٿي ويندءِ.“
    ڊاڪٽر جي صلاح مون کي عجب لڳي. مون ڊاڪٽر کي چيو، ”هيڪلائي جو احساس سان تعلق هوندو آهي. مخصوص ذهني ڪيفيت جو نالو اڪيلائي آهي. مان ماڻهن جي ميڙ ۾ به پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهيان.“
    ڊاڪٽر عاليشان شخص هو. مان ئي لا علاج هوس.
    جيجل هينئر مان هيڪلائين سان ايتري قدر ته هري ويو آهيان جو پنهنجي پاڇي کي به اوپرو ڀائيندو آهيان. مان پنهنجين اڪيلائين کي تنهنجي تصور سان آباد ڪندو آهيان. ذهن جي تاريڪ راهن ۾ تنهنجيءَ ياد جون مشعلون ٻاريندو آهيان. دل جي وحشتڪدي کي تنهنجيءَ شفقت، پيار ۽ ممتا جي موتئي ۽ رابيل سان معطر ڪندو آهيان. مون کي پنهنجيون اڪيلايون عزيز آهن. انهن اڪيلائين جي محابي مون کي تون ملندي آهين. مون کي سنڌو ملندي آهي.
    گذريل هفتي جهانگير ڪوٺاري پريڊ وٽ سنڌو مون کي ملي هئي. هوءَ اڳ کان عظيم نظر آئي هئي. اسين ٻئي پٿر جي ڏاڪڻ تي ويهي رهيا هئاسين. اُفق ڏانهن ڏسندي مون سنڌوءَ کي چيو هو، ”تون ۽ مان افق جي ٻئي پار ملنداسين.“
    اُفق جي ٻئي پار ملڻ جي باوجود ڌرتي ۽ آسمان هڪ ٻئي کان جدا هئا.
    ۽ پوءِ واريءَ جي دڙن تي قدمن جا عارضي نشان ڇڏيندي، مون هيٺ جهڪي واريءَ سان مٺ ڀري ورتي. واري منهنجين آڱرين مان سرڪڻ لڳي. مون سنڌوءَ کي چيو، ”مان واريءَ جي مٺ آهيان، تنهنجي محبت ۾ ختم ٿي رهيو آهيان.“
    منهنجي محبت گناهه ناهي، تنهن ڪري پنهنجن خطن ۾ پنهنجي محبت جي پٽار ڪري ويهندو آهيان.
    في الحال موڪلايون ٿا، منهنجي ماءُ.
    تنهنجو سودائي پٽ.


    سنڌو

    منهنجي امڙ،
    اڄ مون کي سنڌوءَ جو ڪراچيءَ مان لکيل خط مليو آهي. سندس خط ڏسي مون کي تعجب ٿيو آهي، ورهين کان پوءِ سندس خط ڏسي اکين کي اعتبار نه آيو، پر دل شاهدي ڏني ته نيري لفافي ۾ پوسٽ ڪيل ۽ نيري ڪاغذ تي لکيل اهو خط سنڌوءَ جو ئي هوندو. مون تنهنجي حڪم جي پيروي ڪندي ڪڏهن ڪڏهن سنڌوءَ کي خط لکيو آهي. هوءَ منهنجن خطن جو جواب نه ڏيندي آهي، اتفاق سان، تقدير جي سرحدن کي اورانگهي هوءَ جڏهن به مون سان ملندي آهي، منهنجن خطن جو ذڪر ڪندي آهي. مون کانئس اڄ تائين اهو نه پڇيو آهي ته هوءَ منهنجن خطن جو جواب ڇونه ڏيندي آهي. منهنجي اَڻ مَئي پيار لاءِ ايترو ڪافي آهي جو هوءَ منهنجا خط هئين سان هنڊائيندي آهي ۽ پوءِ جڏهن به زندگيءَ جي رڻ ۾ اوچتو ملي ويندي آهي، تڏهن منهنجي هرهڪ خط جي هڪ هڪ سٽ جو ذڪر ڪندي آهي.
    هڪ دفعي سنڌوءَ مون کان پڇيو هو، ”تون ناستڪ ڇو آهين؟“
    تڏهن چيو هوم، ”ڪير ٿو چوي ته مان ناستڪ آهيان.“
    سنڌوءَ چيو هو، ”سمورو جڳ ٿو چوي ته تون ناستڪ آهين.“
    ”جڳ کي ڇڏ،“ مون سنڌوءَ کان پڇيو هو، ”تنهنجو ڪهڙو رايو آهي؟“
    سنڌوءَ وراڻيو هو، ”مان سمجهان ٿي تون ناستڪ آهين.“
    ”نه سنڌو، مان ناستڪ نه آهيان“ چيو هوم، ”مون توسان محبت ڪئي آهي ۽ منهنجي محبت عبادت آهي.“
    سنڌو عظيم آهي، بلند آهي، بهادر آهي. اهو منهنجو ايمان آهي. پر، هن دفعي سندس خط ۾ مون کيس ڊنل، هيسايل ۽ پريشان محسوس ڪيو آهي. هوءَ رت، باهه ۽ موت جي شهر ڪراچيءَ کان بيزار ٿي ويئي آهي. اهو شهر جنهن جي گهٽي گهٽي اسان گڏجي گهمي آهي، تنهن شهر ۾ اڄ سنڌو پاڻ کي اوپري محسوس ڪري رهي آهي. اهو شهر جنهن اسان جي محبت کي مکڙيءَ مان ٽڙي گل ٿيندي ڏٺو آهي، تنهن شهر ۾ سنڌو پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهي آهي. سنڌو جي ان قسم جي ڪيفيت سبب مان فڪرمند ٿي پيو آهيان، منهنجي ماءُ! مون کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي. سنڌوءَ کي تنهنجي آٿت جي ضرورت آهي.
    مون کي ٻڌاءِ منهنجي ماءُ ته مان سنڌوءَ کي ڪيئن يقين ڏياريان ته ڪراچي اسان جي محبت جو شهر آهي. ڪراچي اسان جي اڻميي پيار جو اَمين آهي. ان شهر تاريخ جي هر دور ۾ اسان جي محبت کي آزمائش جي سوريءَ تي لٽڪندي ڏٺو آهي. اسين محبت جا امين آهيون. اسين نفرتن جو واپار ڪري نه سگهنداسين. اسين محبتن جي شهر کي باهه، بارود ۽ موت جو شهر ٿيڻ نه ڏينداسين.
    سنڌو منهنجي ڳالهه شايد نه به مڃي. هوءَ تو سان ضرور ملڻ ايندي. تون کيس منهنجي طرفان تلقين ڪجانءِ ته هوءَ ڪراچيءَ جي گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ ڳاٽ اوچو ڪري هلي، ڇو جو ڪراچيءَ جي گهٽي گهٽي اسان جي محبت جي، اسان جي پيار جي شاهد آهي. محبت ڪرڻ وارا باهه ۽ بارود سان روح نه ريجهائيندا آهن. هوءَ تنهنجي ڳالهه نه ٽاريندي آهي.
    اڄوڪي خط ۾ مون کي چيني جي باري ۾ به ڪجهه لکڻو هو، پر سمورو خط سنڌوءَ جي ذڪر سان ٽمٽار ٿي ويو آهي. چيني جي باري ۾ تون فڪرمند نه ٿيندي ڪر، چينو ڏاڍو چالاڪ ٿي پيو آهي. سياست کي سمجهڻ لڳو آهي.

    في الحال موڪلايون ٿا منهنجي ماءُ.
    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ


    ماٽيلي ماءُ جي دعا

    ”امان!“
    ”جيءُ منهنجا لعل.“
    ”اڄ مون کي پشتو جي قديم شاعر خوشحال خان خٽڪ جي هڪ ڪلام ۾ ماءُ جي پٽ لاءِ دعا ياد ٿي اچي.“
    ”ڪهڙي دعا؟“
    ”اول واعدو ڪر، ته تون به مون کي اهڙي دعا ڪندينءَ.“
    ”اول ٻڌاءِ ته سهي اها ڪهڙي دعا آهي؟“
    ”اول واعدو ڪر.“
    ”چڱو واعدو ٿي ڪريان. هاڻي ٻڌاءِ اها دعا.“
    ”پشتو ڪلام ۾ ماءُ پنهنجي پٽ کي دعا ٿي ڪري ته، شل تنهنجي مٿان عقاب جي چنبن مان ٽمندڙ رت جا ٽيپا ڪرن.“
    ”ماءُ چئبي يا ڏائڻ!“
    ”تون مون کي اهڙي دعا نه ڪندينءَ امان؟“
    ”مان تنهنجي ماءُ آهيان. ڏائڻ نه آهيان.“
    ”پر تو مون سان واعدو ڪيو آهي.“
    ”مون دعا لاءِ واعدو ڪيو آهي. بد دعا لاءِ نه.“
    تون پختون ماءُ جي دعا کي بد دعا ٿي سمجهين!“
    ”ها.“
    ”نه پوءِ دعا ڇا آهي؟“
    ”شل مزا ماڻين. پٽ راڻين کي چوڙين ۽ ماڻين.“
    ”اها دعا آهي؟“
    ”ها.“
    ”اهو ته پاراتو پيو لڳي.“
    ”نه ابا. مان تنهنجي ماءُ، توکي پاراتو ڪيئن ڏيندس!“
    ”چڱو ڀلا، هڪ ڳالهه جي موڪل وٺان، ڏيندينءَ؟“
    ”ڪهڙي ڳالهه؟“
    ”اول واعدو ڪر.“
    ”خوشحال خان جي ڳالهه ته ناهي؟“
    ”نه امان.“
    ”عقاب جي ڳالهه ته ناهي؟“
    ”اون هون.“
    ”رت هاڻن چنبن جي؟“
    ”بلڪل نه.“
    ”ته پوءِ ڇاجي ڳالهه آهي.“
    ”مان فوج ۾ ويندس امان.“
    ”فوج ۾ وڃن تنهنجا دشمن!“
    ”دشمن کي تنهنجي دعا جي ضرورت نه آهي!“
    ”مان توکي فوج ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏيندس ۽ جيڪڏهن زوريءَ ويندين ته قيامت ڏينهن ٿڃ نه بخشيندي مانءِ.“
    ”مان فوج ۾ نه ويندس، پر منهنجو دوست اختر فوج ۾ ضرور ويندو.“
    ”ڪيئن ويندو؟“
    ”هن ماءُ جي ٿڃ نه پيتي آهي. هن آسٽر ملڪ جي دٻي جو کير پيتو آهي. دٻي جو کير نه بخشائبو آهي.“
    ”خدا ڪندو ته تون ڍڪ منشي ٿيندين. هيڊڪانسٽيبل ٿيندين. خدا نه ڪري جو تون فوج ۾ وڃين.“


    گم ٿي ويل امانت

    هڪڙيءَ ماءُ پنهنجي پٽ کي ويڙهيل سيڙهيل ڳنڍ (هَڙَ) ڏيندي چيو، ”هيءَ ڳنڍ وڃي ڪنهن هٿيڪي هنڌ پوري اچ.“
    پٽ، ڳنڍ وٺندي ماءُ کان پڇيو، ”امان، هن ڳنڍ ۾ ڇاهي؟“
    ماءُ وراڻيو، ”هن ۾ اسان جي زندگين جي املهه امانت ويڙهيل آهي.“
    پٽ حيران ٿيو. ماءُ کان پڇيائين. ”هن ۾ اسان جي زندگين جي املهه امانت آهي، ته پوءِ اها امانت پورائين ڇو ٿي؟“
    ماءُ وراڻيو، ”في الحال ان امانت جو قدر ڪونهي. تون وڃي پوري اچينس. جڏهن به قدر ٿيس، ته کوٽي ڪڍي اچجانءِ.“
    پٽ گهوڙي تي لانگ ورائي. ماڻس چيس، ”ڳنڍ کولي ڏسندين، ته ياد رک، امانت زيان ٿي ويندي.“
    پٽ روانو ٿيو شهر مان نڪري، جهرجهنگ جهاڳندو، رڻ پٽ لتاڙيندو، جبلن جي قطار وٽ وڃي پهتو. ترائي وٽ وڏي کڏ کوٽي، ان ۾ ڳنڍ پوري، هن يادگيريءَ خاطر کڏ مٿان هڪ قبر ٺاهي ڇڏي. پوءِ خيال آيس، ته متان ڪو ٺڳ ڀينگ ۾ قبر ڏسي، خزاني جي لالچ ۾ قبر کوٽي ڳنڍ ڪڍي وڃي، تنهن ڪري هن پسگردائيءَ ۾ اٺ ــ ڏهه ٻيون به قبرون ٺاهي ڇڏيون. جنهن قبر ۾ امانت واري ڳنڍ پوري هئائين، ان تي منڌيئڙي جو نشان هڻي، هو اتان روانو ٿي ويو.
    موٽي اچي سربستو احوال ڏيڻ کان پوءِ ماءُ کي چيائين، ”هاڻي ٻڌاءِ ته ان ڳنڍ ۾ ڪهڙي امانت هئي؟“
    ”في الحال ضد نه ڪر، منهنجا پٽ.“ ماءُ کيس سمجهائيندي چيو، ”ان امانت جو اڄڪلهه ڪو قدر ڪونهي.“
    پٽ کي هورا کورا رهندي آئي. ورائي ورائي ماءُ کان پڇندو رهيو. ماءُ کيس ٽاريندي رهي نيٺ هڪڙي ڏينهن ڳنڍ جي اسرار لاءِ هو جبلن جي قطار ڏانهن روانو ٿيو.
    جهرجهنگ جهاڳيندو، بيابان لتاڙيندو، هو جبلن جي قطار وٽ وڃي پهتو. جان جو نگاهه کڻي ترائيءَ ڏانهن ڏسي، ته تپرس ۾ پئجي ويو! جتي پاڻ اٺ ــ ڏهه قبرون ٺاهي ويو هو، اتي سوين قبرون ٺهيون پيون هيون. گهڙي کن لاءِ هو مايوس ٿيو، پر، پوءِ ياد آيس، ته جنهن قبر ۾ ڳنڍ پوري هئائين، ان تي سڃاڻپ لاءِ منڌيئڙي جو نشان هڻي ڇڏيو هئائين. هو گهوڙي تان لهي پيو. قبرن کي ويجهو پهتو، ته سراپجي ويو. سمورين قبرن تي منڌيئڙي جو نشان لڳل هو!
    هو مايوس ٿي ماءُ ڏانهن موٽي ويو، ماءُ کي چيائين، ”جنهن قبر ۾ مان املهه امانت واري هڙ پوري آيو هوس، ان کي ڳولڻ ناممڪن ٿي پيو آهي. ان جهڙيون هزارين ٻيون قبرون پسگردائيءَ ۾ ٺهي ويون آهن ۽ سڀني تي منڌيئڙيءَ جو نشان لڳل آهي.“
    ماءُ منهن مٿو پٽڻ لڳي.
    پٽ پڇيس، ”گهٽ ۾ گهٽ هينئر ٻڌاءِ ته ان هڙ ۾ ڪهڙي املهه امانت ٻڌل هئي، جنهن کي ڌرتيءَ ۾ پورائي، غائب ڪرائي ڇڏيو اٿئي؟“
    ”ان هڙ ۾ سچ ويڙهيل هيو، منهنجا پٽ.“ ماءُ روئيندي چيو، ”تون هميشه لاءِ سچ کان محروم ٿي ويو آهين.“


    نوحو

    جيجل ــ
    او جيجل،
    مون توکي چيو هو
    مون واعدو ڪيو هو،
    جڏهن مان پڙهي پار پوندس ۽، ننڍڙو نه رهندس
    تڏهن تو کان خرچي نه گهرندس ــ
    ايلاز، آزيون ڪري
    مان تو کان ڪڏهن ڪجهه نه گهرندس.
    بس، فقط ڳالهه هڪ ٻن سالن جي آهي،
    مان پڙهي پار پوندس.
    مون توکي چيو هو ــ
    مون کي خبر آ، او جيجل
    ته، تون مسڪين آهين،
    غربت جي ماريل
    مفلس، ۽ محتاج آهين.
    پر، مان ڇا ڪريان!
    سنگتين ۽ ساٿين جو اصرار آهي
    ته، مان قافلي ۾ شامل ٿيان،
    ۽ سفر تي روانو ٿيان!
    مون توکي چيو هو ــ
    تون مون کي فقط ويهه رپيا
    ۽ هڪ کن وڳو ساڻ ڏي،
    سفر مختصر آ!
    صنوبر، سفيدي جي وادين ۾ ويندس،
    ۽ وري جلد ورندس.
    ڏس، او جيجل
    مان ڳڀرو ۽ ڳاڙهو
    ڀڳل ۽ ٽٽل،
    پنهنجي لهوءَ جي گلابن ۾ وهنتل
    مان واعدي مطابق
    وري آيو آهيان!
    او جيجل، او جيجل ــ
    عجب مان! تون مون ڏانهن ڏسين ٿي!
    ڪجهه نه ڪڇين ٿي
    ڪجهه نه پڇين ٿي،
    خاموش
    گم سم
    وياڪل، وياڪل
    منهنجي ڪوري ڪفن ڏانهن
    ڏسين ٿي!
    مون واعدو ڪيو هو، امڙ
    جڏهن مان پڙهي پار پوندس
    ۽ ننڍڙو نه رهندس
    تڏهن تو کان خرچي نه گهرندس.
    سوچيو هيم ــ
    جڏهن مان پڙهي پار پوندس
    پيرن تي پنهنجي مان بيهندس
    تڏهن سک سوين،
    ۽ خوشين جا هزارين خزانا
    تنهنجن قدمن ۾ آڻي مان رکندس.
    •••
    سوچن جا تابوت
    اجل جي ڪلهن ته هلن ٿا،
    منهنجي ڪوري ڪفن کي هٽائي، امڙ
    تون مون ڏانهن ڏسي وٺ، ڏسي وٺ ...
    هلي آءُ،
    موڪلايون او جيجل.
    تمنا خوابن جو ٻيو نالو آهي.
    مان وڃان ٿو،
    مان سوين سک
    خوشين جا هزارين خزانا
    تنهنجن قدمن ۾ آڻي نه رکندس.
    ها، مٺڙي امڙ
    ڪجهه ڏهاڙن پڄاڻان جڏهن،
    منهنجي قبر جي آلي مٽي
    سڪي ٺوٺ ٿيندي،
    ناز بوءِ ۾ خوشبو نه رهندي
    ۽ جڏهن، ڇانگا گليءَ ۾ •
    ڪٿي ڪا ڪَلي
    هڪ دفعي لاءِ کلي
    وري بند ٿيندي،
    تڏهن، توکي سرڪار طرفان
    ڏهن هزارن جي بخشيش ملندي.


    رهجي ويل خط

    نالا سڀيئي تنهنجا،
    مان گمنام، بدنام آهيان!
    توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ جڏهن ناڪام ٿيندو آهيان، تڏهن آسمان جي وسعتن ڏانهن ڏسندو آهيان. جيئن آسمان مون کان دور آهي، ۽ منهنجي پهچ کان پري آهي، تيئن تون مون کان پري آهين، ڄڻ قطبن جي ٻئي پار آهين! ڇا، مون حقير لاءِ اهو غنيمت نه آهي، ته مان آسمان کي ڏسي سگهندو آهيان. آسمان کي نگاهن جي لمحن سان محسوس ڪري سگهندو آهيان! مون جيئن آڪاش کي ڇوهڻ ۽ هٿ لڳائڻ جي خواهش نه ڪئي آهي تيئن توکي حاصل ڪرڻ جي تمنا به نه ڪئي آهي. اسين وڇوڙن جا مسيحا آهيون. ملڻ اسان لاءِ موت آهي. اسين فراق جي خزان ۾ ٽڙندا آهيون، ۽ وصال جي بهارن ۾ ڪومائجندا آهيون. دل جي زخمن لاءِ احساس جو ايترو مرهم ڪافي آهي، ته تون منهنجي آهين، ۽ مان پنهنجين سمورين ڪوتاهين سميت تنهنجي حوالي کان سواءِ اڻپورو آهيان! تون منهنجي ابتدا آهين، تون ئي منهنجي انتها آهين. ۽ تون منهنجو آغاز آهين. ۽ تون ئي منهنجو انجام آهين. حرف اول تون، ۽ منهنجو حرف آخر تون آهين! مون توکي خوابن ۾ چاهيو آهي، تنهن ڪري توکي تعبيرن ۾ حاصل ڪرڻ جي آرزو نه ڪئي آهي.
    نه دنياداري سکي سين، ۽ نه وضعداري، ۽ هينئر جڏهن راهه وفا ۾ نڪتا آهيون، ته لٽا ليڙون ڪري رڻ جا راهي به نه ٿي سگهيا آهيون، شهرن جي چؤواٽن ۾ ترسي پيا آهيون. اڄوڪي دؤر ۾ پٿرن جي کوٽ ڪونهي. ڪمي آهي، ته منصورن جي ڪمي آهي. اسين عشق جي نئين رسم جا پيغمبر آهيون. اسان کي سرمدن جو الهام مليو آهي. شهر جو چؤواٽن تي سنگسار ٿيڻ لاءِ اسين ترسي پيا آهيون. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ منهنجي زندگي، منهنجي بندگي ته توکي وسارڻ جي ڪوشش ۾ ناڪام ٿيڻ کان پوءِ مان آسمان جي وسعتن ڏانهن ڇو نه ڏسان!
    ڪنهن مون کي ڪالهه ٻڌايو پئي ته جنهن کي مان آسمان سمجهي ويٺو آهيان، سو آسمان ناهي، فقط نظر جو فريب آهي. نگاهه جو دوکو آهي! مون هن سان بحث نه ڪيو هو. کيس سيرو پوري کارائي ۽ گيليليو جي دوربين ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو هوم.
    منهنجي آرتي! اسان جي سرن مٿان بيٺل چنڊ ستارن وارو آسمان جيڪڏهن نظر جو فريب آهي، ۽ نگاهه جو دوکو آهي، ته پوءِ اسين پاڻ پنهنجو آسمان اُڀو ڪنداسين. اسين پاڻ پنهنجو آسمان ٺاهينداسين. اسين پنهنجي آسمان کي يادگيرين جي ثريائن ۽ زهرائن سان سينگارينداسين. اسين پنهنجي آسمان تي اڻ وسرندڙ ساعتن ۽ لمحن جا ستارا ٽاڪي ڇڏينداسين. اسان کي نيل آرمزاسٽرانگ وارو ڪوجهو چنڊ نه گهرجي. اسين پنهنجي آسمان تي چاهتن جو چمڪندڙ چنڊ چاڙهي ڇڏينداسين.
    تو پنهنجي خط ۾ پڇيو آهي. ته مان تو ڏانهن ڪڏهن ايندس؟
    چري، تون مون کي سڏي ته ڏس! مان ڪائنات جون سموريون سرحدون اورانگهي، پابندين جي ديوارن کي ڪيري، زندان جي زنجيرن کي ٽوڙي تنهنجن قدمن تي اچي سر رکندس. اسين منڪر، زندگيءَ ۾ فقط هڪ سجدو ڪندا آهيون. مون توکي سجدو ڪيو آهي. تون مون کي سڏي ته ڏس، منهنجي تعبير! مان پنهنجيءَ دل لاءِ تو کان درد جو نذرانو وٺڻ ايندس. مان تو کان قربتن جي ساعت جي خيرات نه گهرندس. مان تنهنجي طفيل پنهنجو دامن غمن سان ڀري موٽي ويندس.
    مون کي تنهنجي جواب جو انتظار ڀڳل شيشي وانگر روح ۾ ڇپندو رهندو.

    فقط تنهنجو،
    تو کان سواءِ ڪنهنجو به نه.


    زمان حال جو عيني گواهه

    جيجل منهنجي ماءُ،
    اڄوڪي ٽپال ۾ تنهنجو خط مليو آهي. دنيا جي ڪنهن به ماءُ پنهنجي پٽ کي اهڙي نموني نه ڄاتو ۽ نه سڃاتو هوندو، جهڙي نموني تو مون کي ڄاتو ۽ سڃاتو آهي. منهنجي زندگيءَ جو ڪو راز تو کان پوشيده نه آهي. منهنجي ڪا آرزو، ڪا تمنا تو کان مخفي نه آهي. دنيا جي ڪنهن به پٽ پنهنجي پهرين ۽ آخري محبت جو اهڙي نموني ماءُ سان ذڪر نه ڪيو هوندو، جهڙي نموني مون توسان ڪيو آهي. ۽ دنيا جي ڪنهن به ماءُ پنهنجي پٽ ۽ سندس پهرين ۽ آخري محبت لاءِ اهڙي نموني دعائون نه ڪيون هونديون، جهڙي نموني تو منهنجي لاءِ ۽ سنڌوءَ لاءِ دعائون ڪيون آهن.
    گذريل هفتي سنڌو اسلام آباد آئي هئي هميشه وانگر اوچتو آئي هئي ۽ بنا اطلاع جي آئي هئي. اهو سمورو ڏينهن مان اسٽوڊيوز جي حوالي هوس، جتي يونيورسٽيءَ جي هڪ تعليمي پروگرام جي رڪارڊنگ ڪرائي رهيو هوس. سنڌو ڪلاڪ کن چيني وٽ ويهي هلي ويئي هئي. سمورو ڪلاڪ چيني کان منهنجي باري ۾ پڇندي رهي هئي ــ ته مان ڪيئن آهيان. آڏين پڇائن سبب پريشان ته نه آهيان؟ اڄ ڪلهه ڇا لکي رهيو آهيان ۽ اڄ ڪلهه ڪهڙا ڪهڙا ڪتاب پڙهي رهيو آهيان؟
    سنڌو دنيا جي واحد هستي آهي، جيڪا منهنجي لکڻ واري ڪمري جي اڪيلائين ۾ هلي ايندي آهي، ۽ منتشر تحريرن وارا پکڙيل ڪاغذ پڙهي ويندي آهي. ورنه، منهنجي ڪابه تحرير، شايع ٿيڻ کان اڳ سنڌوءَ کان سواءِ ڪنهن به پڙهي نه ڏٺي آهي. سنڌو منهنجي لکڻ واري ڪمري ۾ ويئي هئي. منهنجي پيڊ تي لکي ويئي هئي شاهه سائين جي هڪ بيت جي سٽ:
    ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا، سيڪيندي سونهان.
    ان رات مان دير سان گهر موٽيو هوس. ٿڪل هوس.کٽ تي ليٽي پيس. چينو منهنجي پاسي ۾ اچي ويٺو. ڪيتري دير تائين سنڌوءَ جون ڳالهيون ڪندو رهيو. پوءِ هن ڏاڍي عجيب ڳالهه ڪئي. چيائين، ”جڏهن به سنڌو اسان جي گهران ٿي ويندي آهي، تڏهن ڪيترن ڏينهن تائين مون کي گهر ۾ هر طرف روشني نظر ايندي رهندي آهي.“
    مان اٿي ويهي رهيس.
    امڙ، لڳيم ٿو اسان جو چينو تاريخ ۾ ڪنهن نئين باب جو اضافو ڪندو. هو زمان حال جو عيني گواهه آهي. وقت جو امين آهي. سندس سوچ اسان جي محدود معاشرتي سرشتي جي گرفت کان تمام مٿانهين، ۽ آزاد آهي. هن شاهه سائينءَ جي سٽ متعلق ڳالهائيندي چيو، ”ڌڪ فقط منهن ۾ نه لڳندا آهن. اڄڪلهه پٺيان، پٺيءَ تي به وار ٿيندا آهن. اهڙن وارن جا ڌڪ ڪير ته سيڪيندو! پٺ ۾ اهڙا ڌڪ سيڪيندي ڪوبه لڄ نه مرندو.“
    مون چيني کي ڳراٽڙيءَ ۾ ڀري ڏاڍو پيار ڪيو.
    امڙ، ميلي جي موقعي ته سچل سائينءَ متعلق مضمون نه لکڻ جو تو مُون کان سبب پڇيو آهي. تون ته ڄاڻين ٿي، منهنجي ماءُ، ته سچل سائينءَ متعلق جيڪي ڪجهه مان لکندس، سو جيئن جو تيئن هرگز شايع ٿي نه سگهندو. ڪشمور کان ڪراچيءَ تائين، سموري سنڌو ماٿريءَ ۾ مان سچل سرمست کي تصوف جو شهنشاهه تصور ڪندو آهيان. سندس فلسفي جو سمورو اسرار مون کي سچل سائين جي ٻن بيتن جي ٻن آخري شعرن ۾ مخفي نظر آيو آهي. پهرين بيت جي آخري سٽ آهي:
    سچو آهي سبحان ماڻهن ليکي آدمي،
    ۽ ٻي بيت جي آخري سٽ آهي:
    اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي.
    سچل سائين تمام جديد شاعر آهي. هو اڃان به پنهنجي وقت کان گهڻو اڳتي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سچل متعلق دل کولي لکڻ مهل هيءُ معاشرو تمام تنگ دل، تنگ نظر ۽ بيحد دقيانوسي محسوس ٿيندو آهي. بهرحال منهنجي ماءُ، مان سچل سائين متعلق ڪجهه لکڻ جي ڪوشش ڪري ڏسندس.

    في الحال موڪلايون ٿا.
    تنهنجو پٽ.


    مون کي دعا نه ڏيو

    مان ڪجهه ڏينهن کان ذهني طرح ٺيڪ نه آهيان. اندر ۾ آرام ڪونهي. تصور جي رڻ ۾ متضاد خيالن جو راڙو آهي. عذاب هميشه هيڪلاين ۾ برداشت ڪبو آهي. پر، ڪنهن ڪنهن وقت دل ڪندي آهي ته، ڪو هجي، جنهن سان اندر جو حال اورجي ـــ ڪو هجي، همدرد هجي، پنهنجو هجي، جنهن سان ٽڙيل پکڙيل ويچارن جو اظهار ڪجي! اهي ڪي نصيبن وارا هوندا، جن کي حال اورڻ لاءِ حبيب ملندا هوندا. ورهيه ٿيندا، جو مون شڪايتن جا دفتر بند ڪري ڇڏيا آهن.
    اڄ دل ڪري ٿي Absurd لکان، بي مقصد لکان، بي مطلب لکان، بي معنيٰ لکان، بعيد از قياس لکان. ڪجهه اهڙو لکان، جنهن جو نه منڍ هجي ۽ نه پڇاڙي. ڪا اهڙي تحرير لکان جيڪا تجريدي فن وانگر بيزار ڪندڙ هجي. بس، مان ائين ئي آهيان. جڏهن به ذهني طرح پريشان ٿيندو آهيان (پريشان لفظ سان مان متفق نه آهيان ــ مان پنهنجي ذهني ڪيفيت جو چڱيءَ طرح اظهار ڪري نه ٿو سگهان) تڏهن تجريدي لکندو آهيان، پڙهندڙن کي سمجهه ۾ نه ايندو آهيان. هو مون کي بددعائون ڏيندا آهن ــ منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندا آهن.
    منهنجي ماءُ منهنجي حق ۾ دعا ڪندي هئي. مون زمان ماضي استعمال ڪيو آهي. مون کي زمان حال استعمال ڪرڻ گهرجي. ماءُ ۽ ماءُ سان وابسته جذبا زمان ماضي نه ٿيندا آهن. منهنجي ماءُ منهنجي حق ۾ دعا ڪندي آهي.
    مون کي پنهنجي ماءُ سان همدردي آهي. مون پنهنجيءَ جيجل ماءُ کي اڪثر سمجهايو به آهي، ته ماءُ، منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي ڪر، تنهنجي دعا سنڌيءَ ۾ لکيل درخواست وانگر ابتو اثر ڪندي آهي. هوءَ منهنجي ماءُ آهي. هن مون کي ڄڻيو آهي. پنهنجي پيار تان هٿ کڻي نه سگهي آهي. هميشه منهنجي حق ۾ دعا ڪندي آهي.
    سنڌو منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي آهي. کيس خبر آهي ته مان نٺر آهيان. عذابن جا ڪنڊا چونڊي پنهنجين پنبڻين ۾ ٽنبي ڇڏيندو آهيان. سنڌو چوندي آهي، نٺر لاءِ دعا نه ڪبي آهي. هڪ دفعي سنڌوءَ کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته مان نٺر نه آهيان، ۽ مان عنقريب سڌري پوندس، مون ڏيڍ ڪلاڪ تائين سنڌوءَ جو مٿو کاڌو هو. ايسپري جون چار گوريون کائڻ کان پوءِ سنڌوءَ چيو هو، ”تنهنجي سڌرڻ جي عمر گذري ويئي آهي. تون قيامت تائين نٺر رهندين.“
    سنڌوءَ جي فتوا سان مون کي پيار آهي. هوءَ منهنجي حق ۾ دعا نه ڪندي آهي. شل سندس سينڌ سائي رهي. وڻن جا پاڇا وڌي ويا آهن. شام جو وقت آهي. مان سمنڊ جي ڪناري تان ڪوڏ ميڙي رهيو آهيان. مون واريءَ تي گهرڙو ٺاهيو هو، وير آئي. گهرڙو ڊهي ويو. مان وقت جي پيچرن ۾ ماضيءَ جي نشانن جو متلاشي آهيان. بيوقوف آهيان. مان ننڍڙو بيوقوف آهيان. سرمارٽيمر ويلر دنيا جو عظيم بيوقوف آهي.
    ائين ڪونهي ته پڪاسو هوبهو زندگيءَ جهڙيون تصويرون ٺاهي نه سگهندو هو! هو وڏو فنڪار هو. هن تجريدي فن ذريعي نيوڪليئر دؤر جي انسان کي منتشر ذهن جي اظهار لاءِ راهه ڏني آهي. مان يقين سان ته چئي نٿو سگهان ته البرڪاميو تجريدي فن جي موجد پيوبلو پڪاسو جو معتقد هو، يا نه، پر مان ايترو سو يقين سان چئي سگهان ٿو، ته ڪاميو جي تحريرن کي جيڪڏهن رنگن وسيلي ڪينواس تي پکيڙيو وڃي، ته هوند پڪاسو جو تجريدي فن ٿي پوي.


    فيصلي جو طلسم

    جيجل منهنجي ماءُ،
    ڪالهه رات کان دل اداس آهي. اندر ۾ گهٽ ۽ ٻوسٽ آهي. روح غمن جي ٻوجهه هيٺان دفن آهي.
    مون کي ياد آهي، مون ڪنهن ڪهاڻيءَ يا ڊرامي ۾ هڪ هنڌ لکيو هو، ته غم ڪڏهن ڪڏهن وڻ ويڙهيءَ وانگر انسان جي اندر ۾ پنهنجو پاڻ پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس سموري وجود کي ويڙهجي ويندو آهي. منهنجو جملو پڙهي، تو پنهنجي خط ۾ مون کان پڇيو هو، ته مان غم پسند ٿي پيو آهيان ڇا؟ ان دفعي مان تنهنجي سوال کي لنوائي ويو هوس. تون منهنجي عظيم ماءُ آهين. تو منهنجي خاموشيءَ مان اندازو لڳائي ورتو هو ته مان توکان ڪجهه لڪائڻ چاهيان ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي، جو اڄ تائين تو ٻيهر پنهنجو سوال نه ورجايو آهي.
    منهنجا ڪي فيصلا کيرٿر جبل وانگر اٽل هوندا آهن، ۽ ڪي فيصلا جٽاءُ نه ڪندڙ ۽ ڪچا هوندا آهن ۽ مٽيءَ جي مانڊاڻ وانگر ڀري پوندا آهن. فيصلو ڪيو هوم ته پنهنجين شخصي ۽ ذاتي پريشانين جو ذڪر تو سان ڪڏهن نه ڪندس. پنهنجن وهمن، پنهنجن سنسن جو ذڪر توسان نه ڪندس. انهن ڀرمن جو ذڪر نه ڪندس، جيڪي ڀڄي پوندا آهن. انهن خوابن جو توسان ذڪر نه ڪندس، جيڪي ٽٽي پوندا آهن، پر سندن تعبير جي ڪڙي منهنجي ذهن مان ٽٽي نه سگهندي آهي.
    اڄ منهنجي هڪ فيصلي جو طلسم ٽٽو آهي. اڄ دل ضد ڪري بيٺي آهي، ته توسان اندر جو حال اوريان. ان خواب جو ذڪر ڪريان جنهن ڪالهه رات کان مون کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي.
    منهنجي جيجل، منهنجي مٺڙي،
    منهنجي ابتدا، منهنجي انتها، ڪالهه رات مون توکي روئيندي ڏٺو هو. تنهنجي روئڻ ۾ ايڏي عظمت هئي جو مان تنهنجا لڙڪ اگهڻ جي همت ڪري نه سگهيس. مان تو ڏانهن ڏسندو رهيس. تون عرش جي بلندين وانگر روئيندي رهينءَ. تون سنڌ جي تاريخ وانگر لڙڪ لاڙيندي رهينءَ. مان تنهنجي سامهون هوندي، تنهنجي ويجهو هوندي به تنهنجا لڙڪ اگهي نه سگهيس. تو کي ڇهي نه سگهيس.
    ان وقت منهنجي ذهن ۾ شعوري طرح اها تمنا جاڳي اٿي، ته تون پنهنجو سمورو غم، سمورو ڏک مون کي ڏيئي ڇڏ. مان توکي روئيندي ڏسي نه سگهندس. مان آسمان ۾ باهه ۽ ڌرتيءَ تي دوزخ ڏسي سگهندس، پر تنهنجين عميق اکين ۾ غم جو سانوڻ ڏسي نه سگهندس.
    اوچتو خواب ٽٽي پيو، مان اڌ رات جو جاڳي پيس، پاسي واري کٽ تي چينو سمهيو پيو هو، معصوم، ننڍڙو، مون کيس ڀاڪر ۾ ڀري پيار ڪيو.
    منهنجو روح تنهنجي روح جو هڪ حصو آهي. مان تنهنجو غم، تنهنجو ڏک، ۽ انهن جو سبب ڄاڻان ٿو. مون پپل جي پنن تي لکيل تاريخ جا صفحا گهوٽي پي ڇڏيا آهن. تو سان ٿيل ڪيس مون کان لڪل ناهن. توسان ٿيل دغا ۽ فريب مون کان مخفي ناهن. ان رات خواب ٽٽڻ کان پوءِ مون پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو:
    ”مون کي پنهنجي جيجل ماءُ جي دشمنن جي ڳولا آهي. مون کي امڙ ماءُ جي ويرين جي تلاش آهي. مان پنهنجي پيءُ جي بدلو نه وٺندس، ڇو جو مان هئمليٽ ناهيان، ۽ مون کي ڪنهن شيڪسپيئر نه خلقيو آهي. مان پنهنجي ماءُ جو بدلو وٺندس. مون ڪوي ڪاليداس کي وچن ڏنو آهي. مان شڪنتلا جو بدلو وٺندس. مون نصيب جي ليڪ ڇڪي ڇڏي آهي. مون کي، منهنجي انتقام کي پنهنجي جيجل جي ويرين ۽ دشمنن جي ڳولا آهي.“
    ڊائريءَ جو ورق لکڻ کان پوءِ، باقي بچيل رات چندر جو هڪ رڪارڊ ٻڌندي ڪاٽي ڇڏيم ته، ”دک درد سهندي سهندي دل ٿي چري چري آ.“
    مون کان اڳ چينو صبح جو ننڊ مان سجاڳ ٿيو هو. منهنجي ڊائريءَ پڙهي هئائين. ساڳئي صفحي تي لکيو هئائين، ”ادا، اسين گوتم جا گياني آهيون، ڀڪشو آهيون. اسان جي مسلڪ ۾ معاف ڪري ڇڏڻ کان وڏو ٻيو ڪو انتقام ڪونهي.“
    مون کي چينو پنهنجي سوچ سان اڪثر حيران ڪري ڇڏيندو آهي.

    چڱو امڙ، موڪلايون ٿا.
    تنهنجو ويراڳي پٽ.


    رڍ آڏو رباب

    هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي جڏهن مان پنهنجي جيجل ماءُ سان گڏ رهندو هوس.
    هڪ رات مان دير سان گهر پهتس. امان مون کي دال ماني ڏيندي پڇيو، ”ايتري دير تائين ڪٿي هئين؟“
    گرهه کائيندي وراڻيم، ”هڪ رڍ آڏو رباب ويٺي وڄايم.“
    امان چيو، ”ته مون جيڪي افواهه ٻڌا آهن، سي صحيح آهن.“
    پڇيم، ”ڪهڙا افواهه؟“
    امان چيو، ”ته تون اڄ ڪلهه هڪ رڍ سان محبت پيو ڪرين.“
    ”محبت ڪبي ناهي، محبت ٿي ويندي آهي.“ مون چيو، ”منهنجن دشمنن توکي اجايو ڀڙڪايو آهي.“
    ”تنهنجن دشمنن مون کي ڀڙڪايو آهي!“ امان چيو، ”مان تنهنجي ماءُ آهيان ۽ تنهنجن افعالن کان واقف آهيان.“
    مون احتجاج ڪندي چيو، ”پر مون کي ان رڍ سان محبت ناهي.“
    امان پڇيو، ”ته پوءِ ان رڍ آڏو رباب ڇو وڄائيندو آهين.“
    ”ان لاءِ جو هوءَ رڍ آهي.“ چيم، ”۽ رڍ آڏو رباب وڄائبو آهي؛ سارنگي نه وڄائبي آهي.“
    امان انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، ”مون کي پڪ آهي، تون ان رڍ سان محبت ڪندو آهين.“
    ذري گهٽ رڙ ڪندي چيم، ”اهو غلط آهي امان.“
    امان سختيءَ سان چيو، ”مرد جيستائين ڪنهن رڍ سان محبت نه ڪندو آهي، تيستائين ان رڍ آڏو رباب نه وڄائيندو آهي. مون کي يقين آهي ته تون رڍ سان محبت ڪندو آهين.“
    چيم، ”مان چئي چڪو آهيان ته محبت ٿي ويندي آهي؛ ڪئي نه ويندي آهي.“
    امان پڇيو، ”اهو ڪهڙي فلم جو مڪالمو آهي.“
    مٿو کنهندي وراڻيم، ”مون کي خبر ناهي.“
    ”ته پوءِ ڪيئن ٿو چوين ته محبت ٿي ويندي آهي ۽ ڪئي نه ويندي آهي.“ امان ڪجهه ڪاوڙ وچان پڇيو، ”تون مجنونءَ جو پڦاٽ آهين ڇا؟“
    چيم، ”مون کي ان رڍ سان محبت ناهي.“
    ”ڇو ناهي!“ امان چيو، ”مون ٻڌو آهي ته اُها رڍ نهايت سهڻي آهي.“
    ”هوءَ برابر سهڻي آهي.“ مون چيو، ”پر سندس هاضمو ڏاڍو تيز آهي.“
    امان پڇيو، ”ڇا هوءَ سيمينٽ ۽ لوهه هضم ڪري ويندي آهي.“
    چيم، ”اهو ڪم فقط سرڪاري عمارتن جا ٺيڪيدار ڪندا آهن.“
    ”ته پوءِ هاضمو ڪيئن تيز اٿس؟“
    ”هونءَ ته مون تي مهربان آهي، پر ماني بي رحم ٿي کائيندي آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”هڪ دفعي چيني هوٽل ۾ اڪيلي سر سٺ رپين جي ماني کائي ويئي هئي.“
    ”ماڻهو محبت ۾ جان جي بازي لڳائي ڇڏيندا آهن.“ امان چيو، ”تون پنهنجي محبت لاءِ سٺ رپين جي چوٽ به برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهين!“
    ”مان ڪالمسٽ ۽ افسانه نگار آهيان.“ چيم، ”منهنجي هڪ ڪهاڻي ۽ هڪ ڪالم جو معاوضو ڇولن جي هڪ پليٽ جي برابر آهي.“
    امان چيو، ”تون ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکڻ ڇڏي ڏي ۽ صدر ۾ ڇولا پٽاٽا وڪڻڻ شروع ڪر. ان طرح تون مصيبتن کان به بچي ويندين.“
    پڇيم، ”سو وري ڪيئن؟“
    امان چيو، ”پوليس، سي آءِ ڊي ۽ چغلخور ڪامورا تنهنجو پيڇو ڇڏي ڏيندا.“
    امان جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. اها ڳالهه مون پنهنجي سهڻي من موهڻي رڍ سان به ڪئي. رڍ کي چيم، ”عزت ۽ سلامتيءَ واري زندگي گذارڻ لاءِ مان ڪهاڻيون ۽ ڪالم لکڻ ڇڏي ڏيندس ۽ صدر ۾ ڇولا پٽاٽا وڪڻندس. خوب ڪمائيندس ۽ پوءِ تنهنجي آڏو اطمينان سان رباب ويهي وڄائيندس.“
    رڍ پڇيو، ”پر تون منهنجي آڏو رباب ڇو وڄائيندو آهين؟“
    چيم، ”ان ڪري جو تون رڍ آهين ۽ رڍ آڏو رباب وڄائبو آهي. الغوزو نه.“
    هوءَ باهه ٿي ويئي. رڙ ڪندي پڇيائين، ”تون مون کي رڍ ٿو سمجهين!“
    مان ڊڄي ويس. هيسيل آواز ۾ کانئس پڇيم، ”ته ڇا، تون رڍ ناهين؟“
    ”نه.“ هن ڪاوڙ وچان چيو، ”مان رڍ نه آهيان.“
    ”مون کي افسوس آهي جو مان اڄ تائين تنهنجو ۽ پنهنجو وقت ضايع ڪندو رهيو آهيان.“ هٿ لوڏيندي مون رڍ کي چيو، ”چڱو خدا حافظ اي خوبصورت رڍ.“
    هن وڏي واڪ چيو، ”مان رڍ نه آهيان، ڀوڪ.“
    مون رباب کي باهه ۾ وجهي ڪباب ڪري ڇڏيو.

    تنهنجو اڻٿائينڪو پٽ.


    وجينتي مالا ۽ مان

    هن مون کي چيو. ”ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته مان وجينتي مالا جهڙي آهيان.“
    ان کان اڳ جو اوهان کي اهو ٻڌايان ته مون کيس ڪهڙو جواب ڏنو، مان نوجوان نسل• کي وجينتي مالا بابت ڪجهه ٻڌائڻ ضروري سمجهان ٿو.
    اڄوڪي نوجوان نسل کي خبر هجي ته، اسين جڏهن نوجوان نسل هئاسين، تڏهن وجينتي مالا فلمن جي مشهور هيروئن هوندي هئي ۽ پنهنجي حسن سان ماڻهن جا گهر تباهه ڪندي هئي. انهن ڏينهن ۾ اقوام متحده طرفان اشتراڪي ۽ سرمائيدار ملڪن وچ ۾ جنگ نه ڪرڻ واري معاهدي بابت جڏهن ڪوششون هليون هيون، تڏهن انهن ڪوششن ۾ وجينتي مالا کي ٽئين فريق جي حيثيت ۾ شامل ڪرڻ جي رٿ ميمبرن آڏو رکي ويئي هئي. مطلب ته هڻ کڻ هئي وجينتي مالا! اصل ڪونڌر ڪهندي هئي. اک اهڙي هئس، جو هڪ دفعي ڪنهن ڏانهن ڏسي، ته جيڪر مسڪين کي سڌ ٻڌ کان وانجهي وجهي!
    هن مون کي چيو، ”ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي، ته مان وجينتي مالا جهڙي آهيان.“
    مبارڪ ڏيندي کانئس پڇيم، ”بمبئيءَ ڪڏهن ٿي وڃين؟“
    اچرج ۾ پئجي ويئي. پڇيائين، ”مان بمبئي وڃي ڇا ڪنديس؟“
    ”جيڪي وجينتي مالا ڪندي آهي.“ چيم، ”ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته تون وجينتي مالا جهڙي آهين. تنهن ڪري توکي هر اهو ڪم ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڪم وجينتي مالا ڪندي آهي.“
    ”وڏو ڪو بيشرم آهين!“ چيائين، ”مون کي اداڪاريءَ جي ترغيب ٿو ڏئين!“
    ”اهي بيشرم ناهن جيڪي توکي وجينتي مالا ٿا سڏين؟“
    ”مان ڀلا وجينتي مالا جهڙي ناهيان ڇا؟“
    ”نه“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو مان دليپ ڪمار جهڙو ناهيان.“
    سنڌ جي نوجوان نسل کي خبر هجي، ته اسين جڏهن سنڌ جو نئون نسل هئاسين، تڏهن دليپ ڪمار نالي هڪ شخص فلمن جو مشهور هيرو هوندو هو. دليپ ڪمار هوبهو ماڻهن جهڙو ماڻهو هوندو هو، بلڪه ماڻهو هوندو هو. اڄڪلهه جي اداڪارن وانگر گينڊو نه هوندو هو. ڌيرج سان مڪالما ڳالهائيندو هو. ڳالهائڻ ۾ شائستگي هوندي هئس. سندس ڳالهائڻ تي ڪڏهن به سلاجيت وڪڻڻ واري جو گمان نه ٿيندو هو.
    اسين پاڻ ۾ ڳالهائيندا هئاسين. ائين ئي بيڪار، بيسود ۽ بيمقصد. اسان جي ڳالهين جي نه ابتدا هوندي هئي، ۽ نه انتها، ڪڏهن ڪڏهن وڙهي پوندا هئاسين، ۽ پوءِ ٻه ــ ٽي ڏينهن پاڻ ۾ نه ڳالهائيندا هئاسين. رٺل رٺل رهندا هئاسين.
    ”تون برابر دليپ ڪمار جهڙو ناهين.“ هن چيو، ”پر، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته مان وجينتي مالا جهڙي آهيان.“
    مون هن جي ڪارين ڪجلين اکين ۾ ڏٺو. اتي مون کانسواءِ ٻيو ڪوبه نه هو. اهو منهنجو پنهنجو هن جي پتلين ۾ عڪس هو. مون چيو، ”مون کي وجينتي مالا وڻندي آهي، ڇو جو هوءَ تو جهڙي آهي.“
    اهي انهن ڏينهن جون ڳالهيون آهن، جڏهن هوءَ ۽ مان سنڌ جو نوجوان نسل هئاسين. اڄ، جڏهن مان هي ڳالهيون لکي رهيو آهيان تڏهن هوءَ پنهنجي گهر، پنهنجي مڙس سان خوش آهي ۽ ستن ٻارن جي ماءُ آهي، ۽ فيملي پلاننگ کاتي جو ٻيڙو ٻوڙي رهي آهي. شڪل وجينتي مالا جي ماءُ جهڙي ٿي ويئي اٿس.


    گفتگو

    ٽيليفون تي گفتگو.
    ڳالهائيندڙ: ٻن گڙنگ ڪامورن جون گهر واريون.
    راوي: هڪ ٽيليفون آپريٽر.
    تحرير: بندو گندو، يعني مان.
    ”هلو.“
    ”هلو،“
    ”ڦاپو پئي ڳالهائين نه؟“
    ”۽ تون کتيجان آهين نه؟“
    ”مون کي کتيجان نه سڏيندي ڪر. مون پنهنجونالو بدلائي ڇڏيو آهي. مان شنيله شبنم آهيان.“
    ”ادي، تون شنيله شبنم آهين، ته پوءِ مان به عندليب جاويد پرويز آهيان.“
    ”عندليب جاويد پرويز!“
    ”ها.“
    ”عندليب ته تو پاڻ تي نالو رکيو هوندو، پر اهو مئو ماريو جاويد پرويز ڪير آهي؟“
    ”منهنجو مڙس.“
    ”انب کان طلاق ورتي اٿئي ڇا؟“
    ”طلاق وٺن منهنجا دشمن!“
    ”ته پوءِ جاويد پرويز ڪير آهي؟“
    ”منهنجي گهر واري پنهنجو نالو بدلائي ڇڏيو آهي.“
    ”اڇا! ته ادا انب پاڻ تي جاويد پرويز نالو رکيو آهي!“
    ”مون ٻڌو آهي ادا ليمي به نالو مٽايو آهي؟“
    ”نه ادي. هن فقط پنهنجي نالي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. اسلام آباد ۾ ان نالي سان ڏاڍو مشهور آهي.“
    ”ڪيئن؟“
    ”سندس نالو هو ليمون. هن پاڻ کي مسٽر ليمن سڏائڻ شروع ڪيو آهي.“
    ”ڏاڍو سٺو نالو آهي.“
    ”هڪڙي آمريڪي اداڪار جو نالو جيڪ ليمن آهي.“
    ”بس بس. جيڪ ليمن کان متاثر ٿي، هن پنهنجو نالو انگريزي ۾ ترجمو ڪري ليمي مان ليمن ڪيو آهي.“
    ”شنيلا شبنم، ڳالهه ته ٻڌ.“
    ”چئه ادي عندليب جاويد پرويز.“
    ”هن دفعي ٻوڏن مزو نه ڪيو.“
    ”مئن حفاظتي انتظام اڳواٽ ئي ڪري ڇڏيا هئا.“
    ”پر تڏهن به صوبائي ۽ مرڪزي حڪومتن وڏي تعداد ۾ امدادي سامان ۽ رقم جاري ڪئي آهي.“
    ”ها. اسان ٽويوٽا ڪرائون بدران مرسيڊيز 220 ورتي آهي.“
    ”مون ڊائمنڊ (هيرن) جو تاج، ۽ دهريءَ سميت پنجاهه تولن وارو سيٽ ٺهرايو آهي.“
    ”ادي عندليب، مان سمجهان ٿي ڪو بدمعاش اسان جي گفتگو ٻڌي رهيو آهي.“
    ”سچ؟“
    ”ها.“
    ”مان ٿي مئي بدمعاش لوفر جي خبر وٺان! سوئر، ڪميڻا، (سينسر)، بيشرم، بي حياءَ، (سينسر)، ٻن معزز عورتن جي گفتگو ٿو ٻڌين!“
    ”ڇڏينس عندليب جاويد پرويز. اهڙي لوفر سان ڳالهائڻ ٺيڪ ناهي.“
    ”تون چوين ٿي ته ڇڏي ٿي ڏيانس، نه ته جيڪر اهڙيون ست سريون ٻڌايانس جو ماڻس به نه ٻڌيون هونديون.“
    ”مان مسٽر ليمن کي چونديس. هو ٽيليفون آپريٽرن جي سپريڊينٽ کي رپورٽ ڪري اهڙي بدمعاش آپريٽر جا لاهه ڪڍائي ڇڏيندو.“
    ”وڌيڪ ڳالهائڻ ٺيڪ ناهي. چڱو خدا حافظ، ادي شنيله شبنم.“
    ”خدا حافظ، ادي عندليب جاويد پرويز.“


    رمضان سڳور آيو آهي

    هڪ ننڍڙو نينگر ڊوڙندو پنهنجي پيءُ وٽ آيو، ان وقت سندس پيءُ چلم مان بڙڪا ڪڍي رهيو هو. هن پنهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا، رمضان اچي ويو آهي.“
    ”صبح کان وڏي صاحب کي گيهه جا ٻه ٽين ڏيڻ ويو، ته هينئر شام جو موٽيو آهي!“ پيءُ چلم پري ڪندي پنهنجي پٽ کي چيو، ”سڏ ڪرينس ته کل لاهي ڇڏيانس.“
    ”اهو رمضان ته اڃا تائين نه موٽيو آهي، بابا.“ نينگر چيو، ”ٻيو رمضان آيو آهي.“
    ”ٻيو ڪهڙو رمضان آيو آهي؟“ پيءُ پڇيو.
    ”بابا.“ نينگر چيو، ”ٻيو رمضان آيو آهي ــ جنهن ۾ پاڻ سٺا سٺا، سوادي کاڌا، مٺايون، ميوا ۽ کير ۾ جليبيون وجهي کائيندا آهيون.“
    ”اڇا اڇا!“ پيءُ پنهنجي پٽ جي ڳالهه سمجهي ويو. چيائين، ”ائين چئه ته رمضان شريف آيو آهي.“
    ”ها، بابا.“ نينگر چيو، ”رمضان شريف آيو آهي.“
    ”ماشاءَ الله!“ پيءُ خوش ٿيو. پٽ کان پڇيائين، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته رمضان شريف، ڀلائين ۽ برڪتن وارو مهينو اچي ويو آهي؟“
    ”مان برڪت عليءَ جي ڊيپوءَ تان کنڊ وٺڻ ويو هوس.“ نينگر چيو، ”برڪت عليءَ ڪارڊ تي مون کي کنڊ نه ڏني. منهنجي سامهون هن هڪڙي ٻئي شخص کي اٺئي رپئي سير جي حساب تي پنج سير کنڊ ڏيئي ڇڏي.“•
    پيءُ عجب ۾ پئجي ويو. پٽ کان پڇيائين، ”ان معاملي جو رمضان شريف سان ڪهڙو تعلق آهي؟“
    نينگر وراڻيو، ”گذريل سال، ۽ ان کان پر سال، جڏهن به کنڊ بليڪ تي وڪامي هئي، تڏهن ڪجهه ڏينهن کان پوءِ رمضان شريف آيو هو.“
    ”اهو کنڊ وارو وڏو ملعون آهي، پٽ.“
    ”۽ گيهه وارو؟“
    ”گيهه کي ڇا ٿيو؟“
    ”سچو گيهه ته توهان وڏي صاحب کي ڏياري موڪليو.“
    ”ها پٽ. رمضان شريف اچڻو آهي نه، تنهن ڪري وڏي صاحب کي سچو گيهه ڏياري موڪليم.“
    ”مان وري بناسپتي گيهه وٺڻ ويس. نه مليو. مارڪيٽ خالي آهي.“
    ”بدبختن ذخيرو ڪيو هوندو ۽ هينئر بليڪ تي وڪڻندا.“
    ”گوشت جي قيمت ۾ به برڪت پئجي ويئي آهي بابا. پندرهين رپئي سير پيو وڪامي.“
    ”استغفرالله!“ پيءُ پنهنجي ڪنن تي هٿ رکيا. چيائين، ”ملعون مرندي ئي دوزخ ۾ ويندا.“
    نينگر چيو، ”رمضان شريف برڪتن وارو مهينو آهي، تنهن ڪري کارڪن جي قيمت به وڃي اٺين ــ ڏهين رپئي سير تي بيٺي آهي.“
    ”ڀلا صوفن جو ڪهڙو حال آهي؟“ پيءُ پڇيو.
    پٽ وراڻيو، ”اٺين ــ ڏهين رپئي سير پيا ملن.“
    ”هي وٺ هڪ سؤ رپيا.“
    پيءُ پنهنجي پٽ کي سؤ جو نوٽ ڏيندي چيو، ”ڏهه سير سٺا صوف وٺي وڃي صاحب جي گهر ڏيئي اچ. وڏو صاحب وڏي ڌام ڌوم سان رمضان شريف ملهائيندو آهي.“


    رٽائر ٿيڻ کان اڳ

    چيم، ”ساوڻ آيو آهي.“
    کانئس ڇرڪ نڪري ويو.
    پڇيائين، ”راوڻ! ڪٿي آهي راوڻ؟“
    ”رواڻ نه، ساوڻ.“
    ”ها، ها. راوڻ.“
    ”ساوڻ. راوڻ نه، ساوڻ.“
    ”ٻڌان پيو، ٻوڙو ٿورو ئي آهيان! ٻڌاءِ ته ڪٿي آهي راوڻ؟“
    ”سائين منهنجا، راوڻ نه ساوڻ پيو چوان. سين الف سا، واءُ واءُ زير وءُ، ڻوڻ پيش ڻوڻ. ساوڻ.“
    ”اڇا اڇا! ساوڻ،“ هو کليو، چيائين، ”اڄڪلهه سري لنڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم آيل آهي. سو ڀانيم، راوڻ به ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ هليو آيو آهي.“
    مٿي تي هٿ رکيم. چيم، ”ڪمال آهي!“
    پڇيائين. ”ڪهڙو جمال؟“
    ”جمال نه، ڪمال.“
    ”ها، ها، جمال. پر ڪهڙو جمال؟“
    ”نه، نه. جمال نه، ڪمال ــ ڪمال“
    ”پر ڪهڙو جمال؟ جمال ابڙو، يا جمال رند.“
    ”سائين منهنجا، ڪمال پيو چوان.“ وڏي واڪ چيم. ”ڪمال.“
    ”بابا آهستي ڳالهاءِ، پڙدا ٿو ڦاڙين.“ ٻنهي ڪنن تي هٿ رکندي چيائين، ”مان ٻوڙو ٿوروئي آهيان!“
    مان ماٺ ڪري ويهي رهيس. وقت ڪاٽڻ لاءِ پوڙهي سان ڳالهائڻ موتمار تجربو ڀانيم.
    هو ۽ مان ايئرپورٽ لائونج ۾ بيٺا هئاسين. ۽ هڪ اهم شخص جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. هو ڪاموري جي حيثيت ۾ بيٺو هيو، ۽ مان اخبار جي رپورٽر جي حيثيت ۾. جهاز جي اچڻ ۾ اڃا ڪجهه دير هئي. پوڙهي مون کان پڇيو، ”تون ڪير آهين؟“
    کيس ٻڌايم، ”مان رپورٽر آهيان.“
    ”پورٽر!“ چيائين، ”تون پورٽر آهين، يعني معزز مهمان جو سامان کڻڻ لاءِ قولي آهين.“
    ”پورٽر نه سائين. رپورٽر“
    ”ها، ها. پورٽر.“
    ”نه نه، مان پورٽر ناهيان. مان هڪڙيءَ اخبار جو رپورٽر آهيان.“
    ”آهستي ڳالهاءِ.“ پوڙهي چيو، ”مان ٻوڙو ٿورئي آهيان،
    مون کي پوڙهي جي حال تي رحم آيو. کيس چيم، ”هن عمر ۾ اهم شخصن جي آجيان ڪرڻ اوهان لاءِ ضروري ناهي. اوهان کي آرام ڪرڻ گهرجي.“
    ”حرام!“ ڇرڪ ڀريندي پڇيائين، ”ڇا جو حرام؟“
    ”سائين، حرام نه، آرام پيو چوان.“
    ”ڇا جو ڙي حرام؟“
    ”آرام!“ رڙ ڪندي چيم، ”آرام، آرام!“
    ”آهستي ڳالهاءِ، اڙي قولي.“ پوڙهي چيو، ”مان ٻوڙو ٿور ئي آهيان.“
    کيسي مان ڪاغذ ڪڍي ان تي لکيم، ”بزرگ، اوهان کي پبلڪ لائيف مان رٽائر ڪرڻ گهرجي، ۽ زندگيءَ جو باقي حصو بندگيءَ ۾ گذارڻ گهرجي.“ ڪاغذ پوڙهي کي ڏنم.
    ”تون مون کي پوڙهو ٿو سمجهين، اڙي قولي؟“ پوڙهو باهه ٿي ويو. کيسي مان ٽائيپ ٿيل هڪ ڪاغذ ڪڍي، مون کي ڏيندي چيائين، ”انگريزي پڙهيل قولي آهين، ته پڙهي ڏسي، نه ته ترجمو ڪري ٻڌايانءِ.“
    مون کانئس ڪاغذ ورتو، اٺونجاهه سالن• جي عمر ۾ کيس طبي طرح صحتمند سمجهندي کيس نوڪريءَ ۾ Extension سان گڏ ترقي ڏيئي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جو عهدو ڏنو ويو هو.


    مونا ليزا ڌوٻياڻي

    وچولي عمر جي هڪ ڌوٻياڻي اسان جي گهر جا ڪپڙا ڌوئندي هئي. رنگ جي اڇڙي، ڪجهه ٿلهڙي ۽ صحتمند هوندي هئي. انهن ڏينهن ۾ مان رتن تلاءَ پرائمري اسڪول ڪراچيءَ ۾ چوٿون درجو پڙهندو هوس، ۽ روزانو ڪپڙا ميرا ڪري اسڪول کان گهر موٽندو هوس.
    مون کي ڏسندي هئي، ته منهن تي لازوال مرڪ تري ايندي هئس. چوندي هئي، ”ڪڪا، تنهنجا ڪپڙا ته مون کان اڇا ئي نه ٿا ٿين.“
    هوءَ جڏهن مرڪندي هئي، تڏهن مون کي وڻندي هئي ۽ جڏهن مرڪندي نه هئي، تڏهن بلڪل گوگڙونءَ جهڙي لڳندي هئي. مان سڏيندو هو مانس. گوگڙون!
    پوءِ الاءِ ڇا ٿيو! مائي گوگڙون غائب ٿي ويئي. اسان پنهنجا ڪپڙا واشنگ وارن کان ڌوئارڻ شروع ڪيا. ڪجهه ڏينهن تائين مائي گوگڙونءَ کي مان ياد ڪندو رهيس. پوءِ، سندس ياد منهنجي شعور مان نڪري لاشعور ۾ محفوظ ٿي ويئي. مان جڏهن به گوگڙون ڏسندو آهيان، مون کي مائي گوگڙون ڌوٻياڻي ياد ايندي آهي.
    هڪ دفعي، ڪنهن رسالي ۾ مون مائي گوگڙونءَ جي تصوير ڏسي ورتي. اها تصوير ڪيميرا جي نڪتل نه هئي، بلڪه ڪنهن مصور برش سان ٺاهي هئي. هيءَ انهن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن مون رسالن مان تصويرون ڪپي پنهنجي ڪمري جي ڀتين تي چنبڙائڻ جو شوق شروع ڪيو هو: اهو منهنجي لاءِ مڇن جي ساوڪ وارو دؤر هو.
    رسالي ۾ گوگڙون ڌوٻياڻيءَ جي تصوير ڏسي مان ڏاڍو خوش ٿيس. رسالي مان تصوير ڪپي، پنهنجي لکڻ پڙهڻ واري ميز جي سامهون، ڀت تي چنبڙائي ڇڏيم.
    ڪجهه سالن کان پوءِ آرٽ ۽ آرٽسٽن بابت هڪ ڪتاب جا صفحا ويٺي اُٿلايم. اوچتو مائي گوگڙون ڌوٻياڻيءَ جي تصوير تي منهنجي نظر پئجي ويئي. تصوير اُها ئي هئي، جيڪا مون پنهنجي ڪمري جي ڀت تي چنبڙائي ڇڏي هئي. سوچيم ته ٻيلي مائي گوگڙونءَ هڻي وڃي هنڌ ڪيو آهي! رسالن ۽ آرٽ ۽ آرٽسٽن جي ڪتابن ۾ پئي ڇپجي! الله جو شان آهي! مون جنهن رسالي مان مائي گوگڙونءَ جي تصوير ڪپي ورتي هئي، ان رسالي ۾ مائي گوگڙونءَ بابت ڪجهه به لکيل نه هو. آرٽ ۽ آرٽسٽن واري ڪتاب ۾ مائي گوگڙونءَ متعلق حيرت انگيز انڪشاف ٿيل هو. انڪشاف پڙهڻ کان پوءِ خبر پئي ته اها تصوير اصل ۾ مائي گوگڙونءَ جي نه هئي. اها تصوير هوبهو مائي گوگڙونءَ جهڙي ڪنهن ٻيءَ عورت جي هئي. هوءَ زانوڪي جيا ڪونڊو نالي ڪنهن شخص جي زال هئي، ۽ اُها تصوير 1504 ۾ اٽليءَ جي هڪ مصور، ليونيارڊو ڊاونسيءَ ٺاهي هئي، جيڪو ساڳئي وقت سنگتراش، موسيقار، انجنيئر ۽ سائنسدان هيو، هن زانوڪي جيا ڪونڊو جي زال جي تصوير کي نالو ڏنو هو ــ مونا ليزا! ٿلهي، ڦيڦي، گوگڙونءَ جهڙي!
    ڪجهه عرصي کان پوءِ جڏهن دنيا جي وهنوار سان واسطو پيو، تڏهن خبر پيئي ته انٽليڪچوئل سڏائڻ لاءِ موناليزا جي تعريف ڪرڻ لازمي آهي. ان مان ذوق سليم جي خبر پوندي آهي.
    مان ڪجهه عرصي تائين ذوق سليم جو ثبوت ڏيڻ لاءِ، ۽ انٽليڪچوئل سڏائڻ لاءِ زانوڪي جيا ڪونڊو جي زال جي تصوير جي تعريف ڪندو رهيس، پر مائي گوگڙونءَ ڌوٻياڻيءَ کي وساري نه سگهيس، جيڪا هوبهو موناليزا جهڙي هوندي هئي. ڪجهه اڇڙي، ڪجهه ٿلهڙي ۽ وچولي عمر جي!
    اڄ مون کي مائي گوگڙون ڌوٻياڻيءَ جي ياد دل تي تري آئي آهي. ڪالهه شام مون هڪ گرجا گهر جو پوڙهو ۽ ٿلهو پادري ڏٺو هو. هو به هوبهو مونا ليزا جهڙو هو.


    ڄمندي ڄام

    اسان جو دلبر سنگتي فدا حسين ڦودنو اوچتو ئي اوچتو غائب ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ وري اوچتو ئي اوچتو ظاهر ٿي پوندو آهي. ڪالهه رستي تي ملي ويو. پريشان پئي ڏٺو. ڪڇ تي ٽن ــ چئن سالن جو پٽ هجيس ۽ ذري گهٽ ڀڄندي پئي ويو. پٺيان سڏ ڪيو مانس. بيهي رهيو.
    پڇيو مانس، ”خبر آهي ڦودنا، پرايو ٻار چورايو اٿئي ڇا؟“
    ڦودني چيو، ”پنهنجي ٻولي سڌار، گدڙ. چورائبيون شيون آهن. ٻار اغوا ڪبا آهن. بهرحال، هيءُ منهنجو پنجون نمبر پٽ آهي.“
    ٻولي سڌارڻ بابت مون سندس ٿورا مڃيا. پوءِ پڇيو مانس، ”پنهنجي پٽ کي کڻي ڪيڏانهن ڊوڙندو پيو وڃين؟“
    ”ڊاڪٽر ڏانهن.“
    ”خير ۾؟“
    ”منهنجو پنجون نمبر پٽ پائلي کائي ويو آهي.“
    ”پائلي، يعني چار آنا؟“
    ”هائو.“
    ”ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي!“ چيم، ”توکي ته خوش ٿيڻ گهرجي، ڦودنا.“
    ”عجيب بيوقوف ماڻهو آهين!“ ڦودني چيو. ”منهنجو پٽ چار آنا کائي ويو آهي ۽ تون چوين ٿو ته اها وڏي ڳالهه ناهي!“
    ”هن عمر ۾ تنهنجو پٽ چار آنا نه کائيندو، ته ڇا چار هزار رپيا کائيندو؟“
    ”تون منهنجي پريشاني سمجهي نه سگهندين. مان ڊاڪٽر ڏانهن وڃان پيو.“
    ”مان تنهنجي پريشاني سمجهي سگهان ٿو.“
    ”ڌوڙ سمجهي سگهين ٿو.“
    ”تون چاهين ٿو ته تنهنجو پٽ ڄمندي ڄام هجي ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ ئي سرڪاري فنڊ کائڻ شروع ڪري.“
    ”تو سان ته خدا پڄندو، گدڙ!“ ڦودني چيو، ”منهنجو پٽ چار آنا کائي ويو آهي، تنهن ڪري پيٽ ۾ سور اٿس.“
    ”شروعات ۾ ائين ئي ٿيندو آهي.“ چيم، ”تون فڪر نه ڪر ڦودنا. تنهنجو پٽ انشاءَ الله چار آنا هضم ڪري ڇڏيندو.“
    ٻارڙو کلي پيو.
    ”ڏس!“ چيم، ”منهنجيءَ ڳالهه تان ٻارڙي کي به کل آئي آهي.“
    ڦودني غور سان پنهنجي ننڍڙي پٽ ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”هي ته سچ پچ کلي پيو. شايد پيٽ جو سور لهي ويو اٿس.“
    ”نه فقط پيٽ جو سور لهي ويو اٿس، پر وڏي صفائيءَ سان چار آنا به هضم ڪري ويو آهي.“ ڦودني کي چيم، ”توکي خوش ٿيڻ گهرجي ڦودنا، ته تنهنجو پٽ ڄمندي ڄام آهي.“
    ٻارڙو تاڙيون وڄائي کلڻ لڳو.


    سچو آهي سبحان

    آواز آيو:
    ”هادي مريد هڪ ٿيو، تفاوت نه ڪن،
    عابد ۽ معبود سو، هڪ نگاهه پسن،
    پاڻ پڙهي، پاڻ بيهي، پاڻ ئي سجدو ڪن.
    پاڻ مڙيوئي پاڻ ٿيو، نوڙي نوڙت ڪن.“
    منهن ورائي ڏٺم، ڪو نظر نه آيو. ساهه منهنجي سيني ۾ ابابيل جي اڏام وانگر لڇڻ لڳو. پڇيم، ”ڪير آهين؟“
    جواب مليو:
    ”پڇو نه منهنجي ذات، جوئي آهيان سو ئي آهيان،
    اچڻ اسان جو ٿيو آتاهين، جاتي ڏينهن نه رات،“
    وڏي واڪ پڇيم، ”ابن عطا ته نه آهين؟“
    ”جي مڃن ٿا آدمي، سي نه مڃان مان،
    ڪوئي آهيان آءُ، جو ٻانهون ڪنهن جو نه ٿيان.“
    ”نه تنهنجو آواز اوپرو آهي، نه تنهنجو فلسفو اوپرو آهي.“ چيم، ”مون کي پڪ آهي، ته تون ابن منصور الحلاج آهين.“
    جواب مليو:
    ”رت منجهارون پنهنجي، وضو وير ڪرن،
    ايءَ نماز عشق جي، تهون پوءِ پڙهن.“
    ”مون کي خبر آهي. حلاج جا هٿ جڏهن ڪپي ڇڏيا هئائون، تڏهن هن رت سان وضو ڪيو هو.“ بي تابي مان چيم، مون کي پڪ آهي، تون ابن منصور الحلاج آهين.“
    جواب مليو:
    ”جتي ماڻهن ميڙ آهه، آءُ تتي ناهيان،
    سسي سنڀايان، پٺيءَ شاهه حلاج جي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ابوبڪر الشبلي آهين؟“
    جواب مليو:
    ”سوز گداز ۽ غم، مڙيوئي معافي ٿيو،
    مار دمامين دم،
    عاشق انالحق جو.“
    ”تون الحلاج آهين. تون الشبلي آهين.“ چيم، ”مون توکي سڃاتو آهي. تون سچل سرمست آهين.“
    آواز آيو:
    ”ادب اٿئي اوٽ، اوٽ ته اَڳاهون ٿئين،
    مار نغاري چوٽ، عاشق اناالحق جي.“
    وڏي واڪ چيم، ”اناالحق آواز هيءُ، ته سارو تنهنجي راز! ترس او سرمست. مون سان ڳالهاءِ.“
    آواز ويجهو آيو:
    ڏٺو تماشو تيغ جو، ڪوپن ڪنڌ ڪپائي،
    دين ڪفر مون نڪري، ٿو اناالحق الائي.“
    رنم، سڏ ڪيم. چيم، ”مان اوندهه جي اوڙاهه ۾ ٿاڦوڙا هڻي رهيو آهيان، مرشد!“
    سچل سائينءَ وراڻيو:
    ”جهڙو آهين، تهڙو هوندين، فاني ٿيندين ڇا؟
    سڌ پنهنجي سر جي، ڪامل پيڙءِ ڪا،
    ڳالهه نه سمجهيئي سان، آوازي اناالحق جي.“
    ”واٽون ويهه ٿيون! مان ڪيڏانهن وڃان!؟“ چيم، ”ڪا واٽ ڪنهن واٽ جي پڇاڙي آهي ۽ ڪنهن واٽ جي پڇاڙي، ٻئيءَ ڪنهن واٽ جي شروعات آهي!“
    جواب مليو:
    ”ٻيو ڪو ڄاڻڻ محض گناهه، هر ڪنهن صورت آپ الله.“
    پڇيم، ”۽ شريعت؟“
    جواب مليو:
    ”جيڪي آهي هِت، هُت ڀي اهو ئي اٿئي،
    ڀڃ اها ئي ڀت، تان تون اهو ئي رهين.“
    پڇيم، ”۽ ملن جي فتوا؟“
    جواب مليو:
    ”مسجد ۽ محراب جي، ڪانهي ڄٽن ڄاڻ،
    پرين بيٺو پاڻ، ڪعبي ۾ ڪافر ٿي.“
    پڇيم، ”زندگيءَ جو سفر؟“
    جواب مليو:
    ”هڪ سفر ساعت، ٻيو سفر سال جو،
    پهريون تان راحت، پويون تان پوءِ رهيو.“
    سچل سائينءَ کان پڇيم، ”۽ حقيقت؟“
    جواب مليو:
    ”هو ڀي ڪين اچڻو، هي ڀي ڪين ويو،
    نفي ۽ اثبات کوُن، پري خيال پيو،
    سـچـو سـچ ٿـيـو، ٻـي ٻـانـهپ ٻـولـي نـاهـه ڪا.“

    جڏهن به رمضان جي تيرهين تاريخ ايندي آهي، منهنجي دل درازن ڏانهن ڇڪجي ويندي آهي. ظاهر مفاصلا مجبور ڪري وجهندا آهن. روح کي وصال کان وانجهي وجهندا آهن. تڏهن، هيڪلاين ۾، اڪيلائن ۾، دل جي گهراين ۾ سچل کي سڏي، ساڻس اندر جو حال اوري وجهندو آهيان ۽ پوءِ، جڏهن اندر جو حال اڻپورو اوري وٺندو آهيان، تڏهن کانئس موڪلائڻ مهل سندس ئي بيت جو ورلاپ ڪندو آهيان.
    ”شال نه وسرين تون، لوڪ سڀوئي وسري.“


    ٻڪر

    عيد ڀيري ٻڪرن جون قيمتون ٻڌي وائڙا ٿي وياسين. مون ڦندڻ کي چيو، ”ايندڙ سال قرباني واري عيد تي تون ۽ مان ٻڪر ٿي پونداسين ۽ وڪامي وينداسين.“
    ”تنهنجي تجويز خراب ناهي.“ ڦندڻ چيو، ”پر اسان کي ڪير خريد ڪندو؟“
    ”ڇو، اسين ٻڪرن کان به وياسين!“
    ”ماڻهو گونگا ٻڪر قربان ڪندا آهن. ڳالهائڻ وارا ٻڪر نه.“
    ”اسين ڳالهائڻ ڇڏي ڏينداسين.“
    ”۽ لکڻ؟“
    ”لکڻ به ڇڏي ڏينداسين.“
    ”پوءِ شايد وڪامي سگهنداسين.“
    ”اسين اڄ تائين تمام سستو وڪامندا رهيا آهيون، ڦندڻ.“ مون ڦندڻ کي چيو، ”ڇا اسين هڪ ٻڪر جيتري قيمت به نه لهڻون!“
    انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي ڦندڻ چيو، ”نه، اسين ٻڪر جيتري قيمت نه لهڻون.“
    پڇيو مانس، ”ڇو؟“
    جواب ڏنائين، ”ڇو جو اسين حلال نه آهيون.“
    ”تون ڀليل آهين ڦندڻ.“ مون چيو، ”اسين حلال جانور کائڻ جا حقدار آهيون، ته پوءِ پاڻ حلال ڇو نه آهيون!“
    ”نازڪ مسئلن تي توکي ۽ مون کي ڳالهائڻ جو حق ناهي.“ ڦندڻ چيو، ”اسين بهرحال ٻڪرن وانگر وڪامڻ لاءِ هلي پڙين تي بيهنداسين ۽ پوءِ وڪامي وينداسين.“
    ”ٺيڪ آهي.“ چيم، ”اسين پنهنجي قيمت پاڻ مقرر ڪنداسين.“
    ”بهرحال، اسين جيڪا به پنهنجي قيمت لڳايون، سا ٻڪر جي قيمت کان گهٽ هوندي.“ ڦندڻ چيو، ”پر اصل ۾ مسئلو آهي اسان جي کل جو.“
    ”ڇا جو مسئلو؟“
    ”اسان جي کل جو ڇا ٿيندو؟“
    ”اسان جي کل کڻي ويندا جماعتي ملان.“
    ”اتي تون ڀليل آهين.“
    ”ڇو؟“
    ”بابلا، اسان جي جسمن تي کل ڇڏي ڪٿي اٿائون!“
    مان ڦندڻ جي ڳالهه ٻڌي حيران ٿيم. مون کي اوچتو خيال آيو ته اسان جي جسمن تي کل ته آهي ئي نه! مون ڦندڻ کان پڇيو. ”يار، اسان جي کل ڪيڏانهن ويئي؟“
    جواب ڏنائين، ”اسان جي کل جماعتي ملان اڳواٽ لاهي ويا آهن.“
    پڇيو مانس، ”ڪجهه ڏنائون به، يا مفت ۾ کل لاهي ويا آهن؟“
    وراڻيائين، ”هڪ سرٽيفڪيٽ ڏيئي ويا آهن.“
    پڇيم، ”ڇا جو سرٽيفڪيٽ؟“
    ڦندڻ جواب ڏنو، ”ته اسين ملحد آهيون، دهريا آهيون، ڪافر آهيون.“
    مون ڦندڻ کان پڇيو، ”ملن جي سرٽيفڪيٽ جو ڌڻيءَ در وڏو مرتبو آهي ڇا؟“
    جواب ڏنائين، ”ان باري ۾ مرڻ کان پوءِ خبر پوندي.“


    گلدستو ڏيندڙ ٻار

    منهنجو ننڍڙو مٺڙو ڀاءُ چينو اخبار کڻي مون وٽ آيو. اخبار ۾ ڇاپيل هڪ تصوير ڏانهن اشارو ڪندي چيني چيو، ”هن تصوير ۾ ٻه ٻار هڪڙي غير ملڪي مهمان کي گلدستو پيش ڪري رهيا آهن.“
    مون تصوير ڏانهن ڏٺو. تصوير ۾ هڪ ٻار ۽ هڪ ٻارڙي خاص مهمان کي گلدستو پيش ڪري رهيا هئا. خاص مهمان جهڪي، ڏاڍي پاٻوهه مان ٻنهي کي پيار ڪري رهيو هو. ٻنهي ٻارن کي سنڌي وڳا پاتل هئا. ٻارڙي ڪلهن تي اجرڪ رکيو هو ۽ ڏاڍو ٺهيو پئي.
    ”برابر“ تصوير ڏسندي چيم، ”سنڌي لباس ۾ هڪ نينگر ۽ هڪ نينگري خاص مهمان کي گلدستا پيش ڪري رهيا آهن.“
    چيني چيو، ”هن دفعي ٻيو ڪو غير ملڪي مهمان جڏهن پاڪستان ايندو، تڏهن مان ان مهمان کي هڪ گلدستو پيش ڪندس.“
    مان چيني جي معصوميت تي کلي پيس.
    چينو حيران ٿيو، پڇيائين، ”تون کلين ڇو ٿو ادا؟“
    وراڻيم، ”تنهنجي خواهش تي پيو کلان، چينا.“
    ”ڇو!“ چيني پڇيو، ”مان سنڌي ٽوپي نه پائيندو آهيان؟“
    ”ها.“ وراڻيم، ”تون ننڍي هوندي کان سنڌي ٽوپي پائيندو آهين.“
    پڇيائين، ”۽ مان سٿڻ ۽ پهراڻ نه پائيندو آهيان؟“
    ”ها.“ وراڻيم، ”ان لباس کان سواءِ تون ٻيو ڪو لباس نه پائيندو آهين.“
    پڇيائين، ”۽ مان گهڻو ڪري ڪلهن تي اجرڪ نه ويڙهندو آهيان؟“
    ”برابر.“ وراڻيم، ”تون اجرڪ ويڙهيندو آهين.“
    ”ته پوءِ مان خاص مهمان کي گلدستو ڇو نه پيش ڪري سگهندس.“ چيني چيو، ”جواب ڏي نه ادا.“
    چيني ڏانهن ڏسندي چيم، ”مون اهو ڪڏهن چيو ته تون خاص مهمان کي گلدستو پيش ڪري نه سگهندين.“
    جواب ڏنائين، ”مان تنهنجي کلڻ جو مطلب سمجهي ويو آهيان.“
    ”جيڪڏهن منهنجي کلڻ جو مطلب سمجهي ويو آهين، چينا، ته پوءِ توکي ان خواهش تان هٿ کڻڻو پوندو. تون خاص مهمان کي گلدستو پيش ڪري نه سگهندين.“
    پڇيائين، ”آخر ڇو؟“
    ”ڇو جو تون ٻارهو ئي سنڌي ٽوپي، سنڌي ويس ۽ اجرڪ ڪندو آهين.“ وراڻيم. ”جيڪي ٻار خاص مهمان کي گلدستو پيش ڪندا آهن، سي ان خاص موقعي تي سنڌي لباس ڪندا آهن. تنهن ڪري سندن لباس اڇا اُجرا، قيمتي ۽ خوشبوءِ وارا ٿيندا آهن.“
    هڪدم چيائين، ”پوءِ مان به هڪ وڳو خاص طرح اهڙي موقعي لاءِ جدا ڪري رکندس ۽ اهڙن موقعن تي پيو پائيندس.“
    چيم، ”تڏهن به تون خاص مهمان کي گلدستو پيش ڪري نه سگهندين.“
    ڏاڍو حيران ٿيو. پڇيائين، ”ڇو؟“
    وراڻيم، ”ڇو جو تون گريڊ 20، 21 ۽ 22 جي ڪنهن عملدار جو نه پٽ آهين ۽ نه پوٽو ۽ نه ڀاءُ آهين ۽ نه ڀاڻيجو.“


    رهبر سان گفتگو

    مون رهبر کان پڇيو، ”رهبر، ڪجهه شخص ٻين لاءِ تڪليف جو سبب ڇو ٿيندا آهن؟“
    رهبر وراڻيو، ”اهڙن شخصن کان پاسو ڪجي.“
    چيم، ”پاسو ڪرڻ جي باوجود هو ٻين کي ڳولي لهندا آهن ۽ کين پريشان ڪري خوش ٿيندا آهن. ائين ڇو آهي، رهبر؟“
    جواب بدران، رهبر مون کان پڇيو، ”وڇون ڏٺو اٿئي؟“
    ”ها.“
    ”وڇونءَ جي فطرت کان واقف آهين؟“
    ”ها. ڏنگڻ سندس فطرت آهي.“
    ”۽ بگهڙ ڏٺو اٿئي؟“
    ”ها.“
    ”بگهڙ جي فطرت کان واقف آهين؟“
    ”واقف آهيان. شڪار کي چيري ڦاڙي ڇڏيندو آهي.“
    ”شڪار ۽ شڪاريءَ جي باري ۾ توکي ٻئي ڪنهن دفعي سمجهاڻي ڏيندس.“ رهبر چيو، ”في الحال مان توکي انسان جي فطرت جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندس.ادب سان دلچسپي اٿئي؟“
    ”ٿوري گهڻي.“
    ”قصن ۽ ڪهاڻين ۾ اديب ڪنهن بيحد بهادر شخص کي هميشه شينهن سان تشبيهه ڏيندا آهن.“
    ”مون اهڙيون تشبيهون ڏٺيون آهن.“
    ”ساڳي طرح اديبن ڪنهن بزدل ۽ گيدي شخص کي هميشه گدڙ سان تشبيهه ڏني آهي. ائين آهي؟“
    ”ها رهبر.“
    ”مطلب ته انسان جي فطرت ۾ شينهن واري شجاعت ۽ گدڙ واري بزدلي شامل آهي.“ رهبر چيو، ”تو منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ چيو آهي ته تو وڇون ڏٺو آهي.“
    ”برابر رهبر.“
    ”ڪجهه انسانن ۾ وڇون واري فطرت هوندي آهي. ٻين کي تڪليف ڏيڻ سندن فطرت ۾ شامل هوندو آهي.“
    ”رهبر، اوهان مون کان بگهڙ جي باري ۾ به پڇيو هو!“
    ”ها. ڪجهه انسانن ۾ بگهڙ واري فطرت هوندي آهي. ٻين کي چيري ڦاڙي ڇڏڻ ۾ سندن خوني فطرت جي تسڪين ٿيندي آهي.“
    مون رهبر کان پڇيو. ”انسان جي فطرت ۾ سمورا حيواني جذبا شامل آهن؟“
    ”ها.“ رهبر وراڻيو، ”هڪ فرد انفرادي طرح، يعني اڪيلي سر جڏهن خون ڪندو آهي، تڏهن معاشري جي نگاهن ۾ ڏوهاري ليکيو ويندو آهي. پر، ساڳيو ماڻهو جڏهن ٻين ڪيترن ماڻهن سان ملي ٻئي ڪنهن ملڪ جي ماڻهن تي حملو ڪندو آهي. کين قتل ڪندو آهي، تڏهن سندس ڪردار ۽ عمل کي معاشرو عزت جي نگاهه سان ڏسندو آهي.“
    ادب سان چيم، ”جديد دؤر جي سياست مان جنگ جي تصور کي ڌار ڪري نه ٿو سگهجي رهبر.“
    ”تو جنگ جي تصور کي محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون وسيع مفهوم ۾ جنگ جو ذڪر ڪيو آهي.“ رهبر چيو، ”ويٽنامين جي جنگ عظيم آهي. هنن پنهنجي ملڪ جو بچاءُ ڪيو آهي.“ بوليويا ۾ چيگيوارا جي جنگ عظيم آهي، جنهن ۾ هو ٻين جي حقن لاءِ لڙيو ۽ شهيد ٿيو. مون ان جنگ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هڪڙي کريل معاشري جون فوجون ٻئي ملڪ جي سرحدن ۾ ڪاهي پونديون آهن ۽ اتان جي عوام کي ماري، قتل ڪري، سندن ملڪ تي قبضو ڪري وٺنديون آهن.“
    ”اوهان جو اشارو تاريخ جي ڪنهن خاص دؤر ڏانهن آهي؟“
    ”نه. منهنجو اشارو انسان جي سموري تاريخ ڏانهن آهي.“ رهبر چيو، ”جهالت ۽ حقيقتن کان منڪر هئڻ سبب انسان تي حيواني جذبا غالب پئجي ويندا آهن. اهڙن انسانن جي وجود سبب معاشرو کرندو آهي. سياست کي معاشرو جنم ڏيندو آهي. جنهن ملڪ جو معاشرو کريل هوندو، تنهن ملڪ جي سياست به کريل ۽ بدڪردار هوندي. اهو اصول اٽل آهي. تو فرد جي باري ۾ مون کان سوال پڇيو هو. مون توکي فرد جي انفرادي ۽ اجتمائي، يعني هيڪلي ۽ گڏيل عمل بابت جواب ڏنو آهي. فرد معاشري جو رازو ٿيندو آهي.“


    مسئلو

    هو هڪ يونيورسٽيءَ ۾ پروفيسر آهي. ڏاڍو زنده دل ۽ کل مک آهي، پر اوچتو ئي اوچتو اُداس ٿي پوندو آهي. ڪالهه مون کان پڇيو هئائين، ”فلاڻي منسٽريءَ ۾ تنهنجو ڪو ڄاتل سڃاتل آهي؟“
    انڪار ڪندي کانئس پڇيو هوم، ”ڇو، خير ته آهي نه؟“
    ٿڌو ساهه کنيو هئائين. پوءِ چيو هئائين، ”سڀاڻي تنزانيه ۾ ماستري لاءِ انٽرويو آهي.“
    ”ڪو مائٽ مٽ انٽرويو پيو ڏيئي؟“
    ”نه.“
    ”ڪو دوست دڙو؟“
    ”نه“
    ”ته پوءِ؟“
    هن ڪنڌ هيٺ ڪندي چيو، ”مان انٽرويو ڏيندس.“
    ”ماستري لاءِ!“ مان حيران ٿيس. چيم، ”پر، يار تون ته پروفيسر آهين. توکي ڪهڙيءَ کٽيءَ کنيو آهي جو تون ماستريءَ لاءِ انٽرويو پيو ڏئين، سا به ٻئي ڪنهن ملڪ ۾؟“
    منهنجو سوال ٽاريندي چيائين، ”ته ان منسٽريءَ ۾ تنهنجو ڪوبه واقف ڪونهي؟“
    مان هن ڏانهن ڏسندو رهيس. هن چيو، ”مون الجيريا لاءِ به انٽرويو ڏنو هو. ٻه چار مهينا اڳ. سفارش نه هئي. رهجي ويم.“
    ”ڪهڙي نوڪريءَ لاءِ؟“
    ”اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ.“
    ”اسڪول ۾ پڙهائڻ عيب ڪونهي.“ چيو هيم، ”پر تون پروفيسر آهين. تون اسڪول ۾ پڙهائڻ واري نوڪري ڇو پيو ڳولين؟“
    ”پنهنجي ملڪ ۾ ته نه پيو ڳوليان!“ هن چيو، ”ڪنهن آفريڪي ملڪ ۾ ملي وڃي ته پاڻ کي نصيبن وارو سمجهندس.“
    پڇيو مانس، ”ڏوڪڙن جي چڪر ۾ آهين؟“
    هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيائين.
    ”پنهنجي وطن جي رکيءَ سکيءَ تي راضي ناهين ڇا؟“
    ”اها ڳالهه ناهي.“
    ”موٽر وٺڻ جي چڪر ۾ آهين؟“
    ”نه.“
    ”بنگلو ٺاهرائڻ ٿو چاهين؟“
    ”نه، نه“
    ”گلم غاليچا، فرنيچر، ريفريجريٽر، ٽي وي وغيره وٺڻ ٿو چاهين؟“
    ”نه يار نه.“ هن وارن ۾ آڱريون ڦيرائيندي چيو، ”مون کي غلط پيو سمجهين.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڇا جي لاءِ ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪريءَ لاءِ پيو واجهائين؟“
    ”مان چئن جوان ڌيئرن جو پيءُ آهيان.“ هن جو آواز ٻڏڻ لڳو. چيائين، ”پروفيسري جي پگهار مان کين اٿاري نه سگهندس. ٻاهرين ڪنهن ملڪ ۾، جلاوطني ۾ نوڪري ڪري، فقط ايترا ڏوڪڙ ڪمائي موٽي ايندس جو عزت سان چئني ڌيئرن جي شادي ڪرائي سگهان.“


    نڙيءَ ۾ اَٽڪي پيل ڪُنڍي

    منهنجيءَ نڙيءَ ۾ سور آهي. سخت سور آهي. علاج هلي پيو. ڊاڪٽر چوي ٿو، ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي نڙيءَ جو سور لهي ويندو. مون کي ڊاڪٽر جي ڳالهه تي يقين نه آيو آهي. جهڙي نوعيت جو سور مون کي نڙيءَ ۾ محسوس ٿي رهيو آهي، تهڙو سور دوائن سان نه لهندو آهي. اهو سور ساهه سان گڏ ختم ٿيندو آهي.
    مون ڊاڪٽر کي هڪ دفعي چيو هو، ”ڊاڪٽر تنهنجو علاج بيسود آهي. مون کي نڙيءَ ۾ ڪو عام رواجي سور نه آهي. مان محسوس ڪريان ٿو، ان سور جون درد ناڪ ٽاريون منهنجي سموري سرشت ۾ شامل ٿي رهيون آهن.“
    ڊاڪٽر کليو هو. چيو هئائين، ”توکي ڪينسر ڪونهي. تون عام دوائن سان ٺيڪ ٿي ويندين.“
    عام دوائن سان مان ٺيڪ نه ٿيو آهيان. علاج جاري آهي. ڊاڪٽر جو رايو مون کي احمق جي خواب مثل محسوس ٿيو آهي.
    ڪالهه مون ڊاڪٽر کي چيو هو، ”ڊاڪٽر، علاج ڪرائيندي مون کي الاءِ ڪيترو عرصو گذري ويو آهي. درد جي مدت جو فقط احساس رهيو آهي، عرصي جو ڪوبه احساس باقي نه رهيو آهي.“
    ڊاڪٽر کليو، چيائين، ”علاج جاري رک ــ هڪ نه هڪ ڏينهن ٺيڪ ٿي ويندين.“
    هڪ نه هڪ ڏينهن! مون ڊاڪٽر کي چيو، ”ڊاڪٽر صاحب، مان ائين محسوس ڪريان ٿو، منهنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪنڍي اٽڪي پيئي آهي.“
    ”ڪنڍي!“ ڊاڪٽر حيران ٿيندي چيو، ”بابا ڪنڍي ته مڇيءَ جي ڪليءَ ۾ ڦاسندي آهي. تون ماڻهو آهين، توکي ڪيئن ڪنڍي ڦاسندي!“
    ”توکي خبر ڪونهي ڊاڪٽر.“ مون ڊاڪٽر کي چيو، ”ڊاڪٽر، انسان جي نڙيءَ ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪنڍي ڦاسي پوندي آهي ۽ پوءِ اها ڪنڍي مرڻ گهڙيءَ تائين هن جي نڙيءَ مان نڪري نه سگهندي آهي.“
    ڊاڪٽر بيزار ٿيندي چيو، ”مون اڄ تائين نڙيءَ جي سور وارن لاتعداد مريضن جو علاج ڪيو آهي. پر تو جهڙو مريض اڄ تائين منهنجي مٿي ۾ نه لڳو آهي.“
    ڊاڪٽر وٽان مايوس ٿي ويڄ وٽ ويس. ويڄ کي چيم، ”ڊاڪٽر احمق آهي. منهنجي لاعلاج مرض جو علاج ڪري رهيو آهي. منهنجي نڙي ۾ ڪنڍي ڦاٿل آهي ۽ ڊاڪٽر مون کي اينٽي بائيٽڪ جون گوريون کارائي رهيو آهي.“
    ويڄ ساگر وانگر وسيع نگاهه سان مون ڏانهن ڏٺو، پوءِ سوچ ۾ ٻڏل آواز ۾ چيائين، ”مڇيءَ وانگر ماڻهوءَ جي نڙيءَ ۾ به ڪنڍي ڦاسي پوندي آهي. پر ڪنڍي ڦاسڻ کان پوءِ ٻنهي جي لڇڻ ۾ فرق هوندو آهي. مڇي ڪنڍيءَ مان جان ڇڏائڻ لاءِ سٽون هڻي هڻي جهٽ پنهنجو انت آڻيندي آهي. ۽ ماڻهو ڪنڍي جو درد سانڍي جيئندو رهندو آهي. تون اهو درد سانڍي جيئندو رهه، جيستائين عمر اٿئي. باقي ڪنڍي تنهنجيءَ نڙي مان نه نڪري سگهندي.“


    رک ۾ چڻنگ ڳوليان ٿو

    اسلام آباد جي بنواس مان ڪجهه ڏينهن لاءِ فرار ٿي ڪراچي آيو آهيان.
    ڦندڻ منهنجو پراڻو پاپي دوست آهي. عامل ڪامل صحافي آهي. هميشه ڦڏي جا ڪم ڪندو آهي ــ مثال طور اجايو سچ ڳالهائيندو آهي. سچ ڳالهائڻ سبب هميشه ڏچي ۾ هوندو آهي.
    ٽيون ڏينهن ڦندڻ مون وٽ آيو. چيائين، ”تون وڏو بدمعاش ٿي پيو آهين. اصل لوفر ٿي پيو آهين. شرم نه ٿو اچيئي جو رات جي ٻارهين کان پوءِ گهر ۾ ڪڪڙ وانگر ويهي ٿو رهين ۽ خواب ٿو ڏسين.“
    چيم، ”بدبخت، گهر ۾ ويهڻ کي تون لوفر پائي ٿو سڏين!“
    چيائين، ”تو جهڙي لاءِ گهر ۾ ويهڻ سؤ فيصد بدمعاشي ۽ لوفر پائي آهي.“
    ڪو چاڙهو نه ڏٺم. ان وقت رات جا ساڍا ٻارهن ٿيا هئا. ڦندڻ ڦڏي جون تازيون خبرون ڪمپوز ڪرڻ لاءِ اخبار جي آفيس ۾ ڏيئي مون وٽ هليو آيو هو. چيائين، ”اشرافن وانگر رات جو رولاڪ ٿيءُ، جيئن اڳ هوندو هئين. گهر ۾ ڪڪڙ وانگر ويهڻ واري بدمعاشي ڇڏ.“
    چيم، ”هلان ٿو يار ــ وڙهين ڇو ٿو!“
    ڦندڻ چيو، ”خبردار جو بوٽ پاتو اٿئي. اڳ چمپل ۾ ڌڪا کائيندو هئين، ۽ هينئر وري بوٽ ٿو پائين! تون پڪو لوفر ٿي پيو آهين.“
    ڊپ وچان بوٽ نه پاتم. چمپل ۾ ٻاهر نڪتس. ٻاهرين در کي تالو هنيم. ڦندڻ وڏو ٽهڪ ڏنو. پڇيو مانس، ”اڙي کلين ڇو ٿو!“
    ڦندڻ کلندي چيو، ”گدڙ، لڳي ٿو ته ڏاڍو مال گڏ ڪيو اٿئي.“
    ڦندڻ سان بحث ڪرڻ، ڀت سان مٿو هڻڻ برابر آهي. خاموش رهيس. اسين لي مارڪيٽ طرف نڪري وياسين. ٽرڪن ۽ ٽيڪسين جي اڏي وٽ هڪ ٻاڪڙا هوٽل ۾ بينچ تي ويهي رهياسين، ۽ ڪڙڪ چانهن جون سرڪيون ڀرڻ لڳاسين، ۽ لتا منگيشڪر جا گانا ٻڌڻ لڳاسين.
    ڦندڻ چيو، ”گدڙ تون هاڻي خلاص ٿي ويو آهين. تنهنجي ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو نڪري ويو آهي.“
    مون کي تعجب نه ٿيو، اها ڳالهه ڪجهه ٻين دوستن به مون سان ڪئي آهي. گهڻن پڙهندڙن جي خواهش آهي ته مان فقط سنڌوءَ، ۽ جيجل ماءُ متعلق ڪالم ڪهاڻيون لکان، ۽ ٻيو ڪجهه نه لکان. اهڙي صورتحال ۾ ڦندڻ جو رايو مون کي اوپرو نه لڳو. چيم، ”مان پڻ محسوس ڪريان ٿو ته ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو نڪري ويو آهي. لوڻ مرچ جي ڪا گڙٻڙ آهي.“
    ڦندڻ پڇيو. ”۽ خبر اٿئي ته، تنهنجي ڪالم ڪهاڻيءَ مان مزو ڇو نڪري ويو آهي؟“
    چيم، ”پابندين ۾ تخليقي ڪم جو نتيجو خاطر خواهه نه نڪرندو آهي.“
    ”نه، اها ڳالهه ناهي.“ ڦندڻ چيو. ”اسان هميشه کان پابنديءَ ۾ لکيو آهي. تنهن ڪري پابنديءَ ۾ لکڻ اسان لاءِ نئون تجربو نه آهي. اهو سنڌي ادب ۽ اديبن جو نصيب آهي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو؟“
    ڦندڻ چيو، ”ڪراچيءَ ۾ هوندو هيئن ته اسان جي محابي سڄي سڄي رات سڙڪن تي رلندو هئين، ۽ زندگيءَ جي درد کي سڌو سنئون پنهنجيءَ دل ۾ محسوس ڪندو هئين. اسلام آباد وڃڻ کان پوءِ تون ڪڪڙ ٿي پيو آهين. بند ڪمرن ۾ ويهي ماضيءَ جي رک مان تخليق جي چڻنگ ڳولين ٿو.“
    ڦندڻ جي ڳالهه مون کي دل سان لڳي. چيم، ”تون سچ ٿو چوين ڦندڻ.“
    هن پڇيو، ”اها شاليءَ• وري ڪير آهي؟“
    چيم، ”توکي ڪو اعتراض آهي!“
    ”اعتراض ته ڪونهي.“ ڦندڻ چيو، ”شاليءَ کي ڏسڻ لاءِ مون کي اسلام آباد جي ياترا ڪرڻي پوندي.“


    ڪارو الله جو پيارو

    هڪ خوفناڪ ۽ هيبتناڪ شخص جي هٿ ۾ ڪهاڙي هئي، ۽ هو هڪ عورت جي ڪڍ ڊوڙندو پئي ويو، ڪنهن پڇيس، ”عورت جي ڪڍ ڇو پيو ڊوڙندو وڃين؟“
    جواب ڏنائين، ”ماريندو مانس.“
    ”ڇو؟“
    ”هوءَ منهنجي زال آهي!“
    ”زال اٿئي، تنهن ڪري ماريندينس؟“
    ”ها.“
    ”ڇو؟“
    ”مون کيس هڪ غير مرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسي ورتو آهي.“
    ”ان جو مطلب آهي، ته تنهنجي زال توکي پسند نه ٿي ڪري.“
    ڊوڙندڙ شخص ڊوڙندو رهيو. پويون جملو ٻڌي باهه ٿي ويو، پڇيائين، ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته منهنجي زال مون کي پسند نه ٿي ڪري؟“
    ”جيڪڏهن توکي پسند ڪندي هجي ها، ته پوءِ ٻئي ڪنهن مرد سان اعتراض جوڳي حالت ۾ توکي ڇو نظر اچي ها!“
    ”هوءَ زال ذات آهي. خوفناڪ شخص چيو، ”۽ زال ذات جي ڪابه پسند نه ٿيندي آهي. بلڪه زال ذات کي پسند جو حق نه هوندو آهي.“
    ”حق جي ڳالهه نه ڪر، بابلا. تنهنجي زال توکي پسند نه ٿي ڪري. هوءَ ٻئي ڪنهن مرد کي پسند ٿي ڪري.“
    ”مون کي پسند ڪري، يا نه ڪري، هوءَ منهنجي نڪاح ۾ آهي. تنهن ڪري مان هن کي ماريندس.“
    ”طلاق نه ڏيندس؟“
    ”نه.“
    ”منهنجي صلاح مڃ طلاق ڏيئي ڇڏينس. اجايو مارينديس، ته پاڻ به عمر قيد يا موت جي سزا کائيندي.“
    ”مان بي غيرت نه آهيان جو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڇڏيان.“
    خوفناڪ ۽ هيبتناڪ شخص ڊوڙندو عورت کي وڃي پهتو. وارن ۾ هٿ وجهندي چيائينس، ”حرامزادي، ڪڃري، ڪيڏانهن ڀڄندي پئي وڃين. مان توکي ماريندس.“
    ”مون کي نه مار.“ عورت آزي ڪئي، ”مون کي جيئندان ڏي.“
    ”هرگز نه.“ خوفناڪ شخص چيو، ”تون ڪاري آهين، مان توکي ماريندس.“
    ”تون بازاري عورتن سان راتين جون راتيون گذاريندو آهين. مان اعتراض نه ڪندي آهيان.“ عورت چيو، ”پريت جو پيچ پائڻ کان پوءِ مان جيڪڏهن ڪاري ٿي پيئي آهيان، ته پوءِ تون به دنيا جو سڀ کان وڏو ڪارو آهين.“
    ”ٻڌو نه اٿئي، ته، ڪارو الله کي پيارو!“ خوفناڪ شخص ڪهاڙي اُڀي ڪري، زوم مان عورت جي مٿي تي وهائي ڪڍي. عورت ڦهڪو ڪري ڪري پيئي. سندس رت مٽيءَ ۾ ملي ويو.


    روڊ رولر

    صاحب ڇهن ڪلاڪن تائين انتظار ڪرائڻ کان پوءِ نوجوان کي اندر گهرايو. صاحب جي پٽيوالي کي منٿ ميڙ ڪري، نوجوان جڏهن پنهنجي نالي واري چٺي صاحب ڏانهن موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ان وقت صبح جا اٺ ٿيا هئا. صاحب جڏهن کيس ملاقات سان نوازيو، ان وقت منجهند جا ٻه ٿي رهيا هئا.
    نوجوان ڪمري ۾ داخل ٿيو. صاحب وڏي بينيازيءَ سان ڪجهه دير تائين نوجوان کي نظر انداز ڪندو رهيو. نوجوان ويچارو صاحب جي حڪم جي انتظار ۾ بيٺو رهيو. صاحب ڏاڍي غور سان هڪ فائيل ڏسندو رهيو.
    پوءِ جڏهن اڍائي ٿيا، تڏهن صاحب ڪنڌ کڻي نوجوان ڏانهن ڏٺو. چيائينس، ”ويهه.“
    نوجوان ڪنڊ واري ڪرسيءَ تي ويهي رهيو. آڱرين ۾ آڱريون وجهي، هٿن جون تريون مهٽڻ لڳو.
    صاحب پڇيس، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
    نوجوان سڪل چپن تي زبان ڦيرائي، ڳالهائڻ لاءِ هن وات اڃا مس کوليو هوندو، جو صاحب چيو، ”پر ياد رک، مون وٽ ڪابه نوڪري ڪونهي.“
    نوجوان ڳيت ڏيئي نڙي آلي ڪئي. پوءِ، تمام جهيڻي آواز ۾ چيائين، ”مون کي خبر آهي. مان فلاسافي ۽ تاريخ ۾ ايم ــ اي آهيان. ايم ــ اي جون ٻه ڊگريون حاصل ڪرڻ وارو نوڪري نه ڳوليندو آهي. مون کي خبر آهي.“
    صاحب غور سان نوجوان ڏانهن ڏٺو. سندس نگاهن مان نوجوان لاءِ ناراضگي ظاهر ٿي رهي هئي. نوجوان کان پڇيائين، ”ڪهڙو ڪم اٿئي؟“
    نوجوان چيو، ”توهان اخبارن ۾ روڊ رولرن جي ٽينڊر جو اشتهار ڏياريو هو نه، مان ان سلسلي ۾ آيو آهيان.“
    ”اڇا اڇا ته ٺيڪيدار آهين!“ صاحب هڪدم کلي پيو، چيائين، ”مون ڀانيو، ته نوڪريءَ جي ڳولا ۾ آهين.“
    نوجوان پڇيو، ”ته ڇا، اوهان جي آفيسن ۾ ڪنهن به قسم جي، ڪابه نوڪريءَ جي جاءِ خالي ناهي؟“
    ”آهي ڇونه!“ صاحب اول کليو. پوءِ گنڀير ٿيو. چيائين، ”پر اهي نوڪريون مون چٺي برادرن لاءِ رکيون آهن. منهنجو مطلب آهي، ته ٻئي ــ ٽئين ڏينهن ڪونه ڪو نالائق ڪنهن ايم اين اي، ايم پي اي، وزير وغيره جي چٺي کڻي اچي سر تي سوار ٿيندو آهي. اهڙن کي انڪار ڪرڻ پنهنجي نوڪري خطري ۾ وجهڻ برابر آهي. ها، تون روڊ رولرن جي ڳالهه ڪر. ڪهڙي فرم جو نمائندو آهين؟“
    نوجوان وراڻيو، ”مان پنهنجي فرم جو پاڻ نمائندو آهيان.“
    ”ويري گڊ.“ صاحب پڇيو، ”اسان کي ٻه روڊ رولر گهرجن. تون سپلاءِ ڪري سگهندين؟“
    نوجوان چيو، ”مان في الحال هڪ روڊ رولر سپلاءِ ڪري سگهندس.“
    ”هڪ!“ صاحب چيو، ”ٺيڪ آهي، في الحال هڪ سپلاءِ ڪر. پوءِ جلد ئي ٻئي روڊ رولر جو بندوبست ڪجانءِ.“
    نوجوان ٿڌو ساهه کنيو. چيائين ”هڪ روڊ رولر ته هتي ئي حاضر آهي.“
    صاحب کان ڇرڪ نڪري ويو. چيائين، ”ڇا مطلب؟“
    ”روڊ رولر ڏامر ۽ پٿر جي رستن تي هلندا آهن نه!“ نوجوان چيو، ”مان به پٿر ۽ ڏامر جي رستن تي رلندو آهيان. مان جيئرو جاڳندو روڊ رولر آهيان.“


    ڦودني جو سوال

    مون اوهان کي اڳواٽ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ته اسان جو پراسرار دوست فدا حسين ڦودنو، ڳالهائڻ ۾ فلسفو، فلسفي ۾ منطق، ۽ منطق ۾ ابجد استعمال ڪندو آهي.
    هڪڙي ڏينهن پڇيائين، ”اُها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا دولت سان به حاصل ڪري نٿي سگهجي.“
    سموري سنگت يڪراءِ جواب ڏنس، ”ڪابه نه.“
    ”ڪجهه دير تائين سوچيو، پوءِ جواب ڏيو.“ فدا حسين چيو، ”هڪ شي اهڙي آهي، جنهن کي دنيا جو ڪوبه دولتمند پيسي جي زور تي حاصل ڪري نه ٿو سگهي. ٻڌايو ته اها شيءِ ڪهڙي آهي.“
    اسين سڀ سوچ ۾ پئجي وياسين.
    ڦندڻ مون کي ڪن ۾ چيو، ”مان سمجهان ٿو دولت جي زور تي دل وٺي نه ٿي سگهجي.“
    کيس سڙٻاٽن ۾ جواب ڏنم، ”اُهو زمانو گذري ويو. اڄ ڪلهه ڪنهن به ليليٰ کي دولت جي اُٺ تي ويهاري مسڪين مجنونءَ کان ڌار ڪري سگهجي ٿو.“
    ”سڙٻاٽ بند ڪريو.“ فدا حسين ڦودني چيو، ”هٽلر جي شڪست جو سڀ کان وڏو سبب اهو ئي هو، جو هو روميل سان سڙٻاٽن ۾ ڳالهائيندو هو.“
    ڌڻي بخش ڌني چيو، ”دولت سان جنت جا دروازا کولي نه ٿا سگهجن.“
    ”درن ۽ دروازن جي ڳالهه نه ڪر، ڌنا“ ڦودني چيو، ”ياد رک ته هتي ڪوبه واڍو موجود ناهي. پنهنجي جواب جي وضاحت ڪر.“
    ڌني وضاحت ڪندي چيو، ”منهنجو مطلب آهي، ته دولت جي آڌار تي ماڻهو جنت ۾ جاءِ حاصل ڪري نٿو سگهي.“
    ”ڀليو آهين، ڌڻي بخش ڌنا.“ فدا حسين چيو، ”ٻه چار حج ڪرڻ کان پوءِ، ۽ هڪ اڌ يتيم خانو، فلاحي ادارو، خيراتي اسپتال، ۽ هڪ عدد مسجد ٺاهرائڻ کان پوءِ جنت جو الاٽمينت ملي ويندو آهي.“
    ڌنو مٿو جهلي ويهي رهيو، فقط ايترو چيائين، ”تنهنجي باري ۾ عالمن ڪفر جي جيڪا فتوا ڏني آهي، سا درست آهي.“
    ”ٺهيو ٺهيو، جزا ۽ سزا جا ٺيڪيدار!“ ڦودني چيو، ”مون کي ان شيءِ جو نالو ٻڌايو، جنهن کي دولت سان به حاصل ڪري نه ٿو سگهجي.“
    گهڻي سوچ ويچار، ۽ مغز مارڻ کان پوءِ آڻ مڃين سين. هٿيار ڦٽا ڪياسين. ڦودني جي منطق ۽ ابجد آڏو پيش پياسين.
    فدا حسين چيو، ”آئيس ڪريم کارايو، ته صحيح جواب ٻڌايانوَ.“
    کيس آئيس ڪريم کارائڻ جو واعدو ڪيوسين.
    فدا حسين ڦودني چيو، ”دنيا جو ڪوبه دولتمند گنجو، پيسي جي زور سان پنهنجي گنجي ٽڪڻ تي وار پيدا ڪري نٿو سگهي.“•


    ٻليءَ سان عشق

    ڪالهه مون پنهنجي پياري دوست، عامل ڪامل صحافي ڦندڻ کي هڪ خوبصورت ٻليءَ سان ڳالهائيندي ڏٺو. بيگاني وقت ۾، بيگاني رستي تي، ڦندڻ جي ٻليءَ سان گفتگو به بيگاني هئي.
    مان يوڪيلپٽس جي وڻ جي اوٽ وٺي بيهي رهيس ۽ ڦندڻ جي ٻليءَ سان گفتگو ٻڌڻ لڳس.
    ڦندڻ چيو، ”جيڪي شخص سوچي سگهندا آهن، سي شخص بيپناهه محبت ۽ بيپناهه نفرت ڪري سگهندا آهن.“
    ٻليءَ ڪجهه نه چيو.
    ڦندڻ چيو، ”مون کي توسان محبت آهي. توکي مون سان محبت نه آهي. ان جي خبر سموري جڳ کي آهي. پر تنهن هوندي به مون کي تو سان محبت آهي.“
    ٻلي ماٺ رهي. ڦندڻ جو ٻڏندڙ ترندڙ آواز ٻڌندي رهي.
    ڦندڻ چيو، ”مان اداس، ويران ۽ هيڪلن رستن تي هليو ويندو آهيان. توکي ياد ڪندو آهيان. تون نه ملندي آهين. پر جڏهين ملندي آهين، تڏهن خاموش رهندي آهين.“
    خوبصورت ٻلي کيس ٻڌندي رهي.
    ڦندڻ چيو، ”مون وٽ پنهنجن جذبن جي اظهار لاءِ لفظ آهن، جملا آهن. مان تنهن ڪري بڪواس ڪندو رهندو آهيان. مان تنهنجو ڪزن نه آهيان. هوائي جهاز ۾ ويهي يورپ کان نه موٽيو آهيان. مان پاڻ سان ڪا ميم صاحب نه وٺي آيو آهيان. منهنجي ميم صاحب تون آهين.“
    ٻليءَ شوخ نگاهن سان ڦندڻ ڏانهن ڏٺو ۽ مرڪڻ لڳي.
    ”تنهنجي مرڪ ۾ ڪشش آهي ــ پر عارضي ڪشش آهي.“ ڦندڻ چيو، ”تنهنجي مرڪ بي معنيٰ آهي ــ بي مقصد آهي.“
    ٻلي ناراض ٿي پيئي. ڦندڻ کان ٻه ــ چار قدم پري ٿي بيٺي.
    ڦندڻ چيو، ”محبت مفاصلن جي محتاج نه ٿيندي آهي. اهو روسي خلاباز، جيڪو خلائن ۾ دم ٽوڙي رهيو هو، تنهن جي زال زمين تي، هن کان هزارين ميل پري، هن لاءِ ڦٿڪي رهي هئي، هنجون هاري رهي هئي.“
    ٻليءَ ڪجهه ڪجهه اچرج وچان ڦندڻ ڏانهن ڏٺو.
    ”تون منهنجي زال ٿي نٿي سگهين، ڇو جو تون سوچي نٿي سگهين.“ ڦندڻ چيو، ”۽ مان توسان شادي ان لاءِ نٿو ڪري سگهان، ڇو جو مان سوچي سگهان ٿو.“
    ٻلي ٽهڪ ڏيئي کلي پيئي.
    ڦندڻ چيو، ”تون ان ڪري کلين ٿي، ڇو جو ڪجهه به سمجهي نه ٿي سگهين. جيڪي انسان ڪجهه به سمجهي نه سگهندا آهن، سي سڄي عمر کلندا رهندا آهن، يا روئيندا رهندا آهن.“
    ٻليءَ وات تي هٿ رکي اوٻاسي ڏني.
    ڦندڻ چيو، ”منهنجي هڪ دوست جو نالو گدڙ آهي. هو هن بيگاني وقت ۾، بيگاني رستي تي، يوڪيلپٽس جي وڻ پٺيان بيٺو آهي ۽ اسان جي بيگاني گفتگو ٻڌي رهيو آهي.“


    گوتم، چيتو ۽ مان

    ڪنهن ڪم سانگي هڪ خان بهادر سان ملڻ ويس. صبح جو وقت هيو. خان بهادر ڏاڙهي ڪوڙي رهيو هو. سندس نوڪرن مون کي وڏي ڊرائينگ روم ۾ ويهاريو ۽ چيو، ”اوهين آرام سان ويهو. خان بهادر صاحب جن ڏاڙهي ڪوڙي نيرن ڪندا. نيرن ڪري اخبارون پڙهندا. پنهنجي سيڪريٽريءَ کي ڪجهه خطن لاءِ ڊڪٽيشن ڏيندا، ۽ پوءِ اوهان سان اچي ملندا. اوهين آرام سان ويهو.“
    مان آرام سان ويهي رهيس.
    خان بهادر جو ڊرائينگ روم طرحين طرحين جي سامان سان سينگاريل هو. هڪ طرف گوتم ٻڌ جو پتل مان ٺاهيل مجسمو رکيل هو. مون گوتم ٻڌ کي سلام ڪيو. گوتم ٻڌ کلندي جواب ڏنو، ۽ چيو، ”يار، سزا پيو ڀوڳيان.“
    پڇيو مانس، ”ڇا جي سزا؟“
    وراڻيائين، ”انهن گناهن جي، جن جي باري ۾ مون کي ڪا خبر ڪونهي.“
    عجب لڳم، پڇيم، ”اهو وري ڪيئن پيو چوين؟“
    چيائين، ”مان محل ماڙين کان ڀڄي نڪتو هوس. اڍائي هزار سالن کان پوءِ ماڻهن مون کي ڊرائينگ رومن ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.“
    گوتم ٻڌ کان پڇيم، ”ڊرائينگ رومن ۾ پنهنجا مجسما پسند نه ڪندو آهين ڇا؟“
    ”مان ڊيڪوريشن پيس نه آهيان، پيارا.“ گوتم ٻڌ جي مجسمي چيو، ”سامهون ڀت تي خان بهادر جي جيڪا تصوير لڳل آهي، ان ۾ هو هڪ مئل چيتي جي منڍيءَ تي پير رکي بيٺو آهي. هٿ ۾ بندوق ۽ چپن تي مرڪ اٿس. تصوير وارو مئل چيتو هن ڊرائينگ روم ۾ موجود آهي. سندس کل ۽ منڍي سامهون ريڊيو گرام جي پاسي کان رکي آهي. وڃي چيتي سان ڳالهاءِ. مون سان نه ڳالهاءِ.“
    مان ريڊيو گرام جي ڀرسان وڃي بيٺس. عليڪ سليڪ کان پوءِ چيتي کان پڇيم، ”چيتا ڪر خبر، جسم ڪٿي وڃايو اٿئي؟“
    چيتي وراڻيو، ”خان بهادر جي گولين جو بَک ٿيڻ کان پوءِ، منهنجو گوشت شڪاري ڪتن کي کارايو ويو. مون کي ڊرائينگ ۾ آندو ويو. خان بهادر منهنجي مٿي تي پير رکي فوٽ ڪڍرايو. اُهو فوٽو سامهون ڀت تي لڳل آهي.“
    مون چيتي کان پڇيو، ”تون چيتو آهين. خان بهادر تنهنجي مٿي تي پير رکي فوٽو ڪڍايو آهي. توکي ڪاوڙ نه ايندي آهي؟“
    ”نه،“ چيتي وراڻيو.
    ”تون عجيب چيتو آهين!“ مون چيو، ”خان بهادر تنهنجي مٿي تي پير رکي فوٽو ڪڍرايو آهي، ۽ تڏهن به تون ڪاوڙ محسوس نه ڪندو آهين؟ مون تو جهڙو بي غيرت چيتو اڄ تائين نه ڏٺو آهي.“
    چيتو کليو. چيائين. ”خان بهادر مون کي مارڻ کان پوءِ منهنجي مٿي تي پير رکي فوٽو ڪڍرايو آهي. منهنجي جيئري مون کي پريان ڏسي نڪر لهي ويندي هئس. اڄ تائين ڪنهن به خان بهادر صاحب جيئري چيتي جي مٿي تي پير رکي فوٽو نه ڪڍرايو آهي. سمجهيهءِ!“
    مون کي ڳالهه سمجهه ۾ آئي.
    چيتي چيو، ”خان بهادر جهڙا شخص فقط جيئرن ماڻهن جي مٿي تي پير رکي فوٽو ڪڍائي سگهندا آهن. ماڻهن جي غيرت جي باري ۾ مان ڪجهه نه ٿو چوان، ڇو جو تون به ماڻهو آهين.“
    ان وقت خان بهادر ڊرائينگ روم ۾ داخل ٿيو. چيتي ڳالهائڻ بند ڪري ڇڏيو ۽ مون ڏانهن غور سان ڏسڻ لڳو.


    ازل جو عشق

    شبنم عثمان جي گهر ٻاهران، فٽ پاٿ تي هڪ شخص ويٺو آهي. مان کيس سڃاڻان. هو پوليس، يا سي آءِ اي کاتي جو ٻهروپيو نه آهي. شبنم جي قتل ٿيڻ کان پوءِ مون سوچيو هو ته پوليس کيس ضرور گرفتار ڪندي ۽ کيس ابتو لٽڪائي کانئس پڇا ڳاڇا ڪندي. پر، ائين نه ٿيو آهي، کانئس پڇا ڳاڇا ڪرڻ لاءِ کيس گرفتار نه ڪيو ويو آهي. هو لاڳيتو شبنم جي گهر ٻاهران ويٺو آهي. هن شبنم جي گهر ڏانهن ڏسڻ به ڇڏي ڏنو آهي. هن جو منهن مونن ۾ آهي. هو سوچ ۾ ٻڏل آهي. هڪ لڙڪ سندس پنبڻين ۾ اچي اٽڪي پيو آهي. اتي ئي ڄمي ويو آهي. اهو لڙڪ اٺ ئي پهر سندس اک ۾ هيري وانگر جرڪندو رهندو آهي.
    جنهن ڏينهن کان شبنم کي قتل ڪيو ويو آهي، سوين پوليس آفيسر، سي آءِ اي جا عملدار، اخبارن ۽ رسالن جا نمائندا، فوٽوگرافر ۽ تماشائي جاءِ واردات تي ايندا رهيا آهن، پر ڪنهن به هن شخص ڏانهن توجهه نه ڏني آهي. مان سمجهان ٿو، هو ڪنهن کي به نظر نه آيو آهي. هو ڪنهن ڪنسٽرڪشن ڪمپنيءَ جو مالڪ نه آهي. هو موٽرن جو واپاري نه آهي. هو ڪنهن بئنڪ جو وائيس پريزيڊنٽ نه آهي. هو لک پتي نه آهي. هو ڪروڙ پتي نه آهي. تنهن ڪري، ڪنهن به هن ڏانهن توجهه نه ڏني آهي. ملي ويندي اٿس، ته هڪ ويلو ماني کائي وٺندو آهي. ورنه پيٽ سان پٿر ٻڌي لکندو رهندو آهي. هو افسانا ۽ ناول لکندو آهي.
    شبنم جي قتل ٿيڻ کان اڳ به، ورهين کان هو شبنم جي گهر ٻاهران فوٽ پاٿ تي اچي ويهندو هو. پپر جي ٿڙ کي ٽيڪ ڏيئي هو لکندو رهندو هو، لباس ۽ شڪل شبيهه مان هو شبنم کي اهميت جي قابل نظر نه آيو هو. ايندي ويندي، هوءَ مٿس اڏامندڙ نظر وجهي هلي ويندي هئي. لکپتين جي موجودگيءَ ۾، هو شبنم کي ڪک برابر نظر ايندو هو، ڀٽڪندڙ، ٿاٻا کائيندڙ هڪ شخص! جنهن کي هوءَ سڃاڻي نه سگهندي هئي.
    هڪ دفعي شبنم هن وٽ بيهي رهي هئي. کانئس پڇيو هئائين، ”تون ڪير آهين؟“
    ”تون مون کي نه ٿي سڃاڻين!“ هن شبنم کان پڇيو هو.
    ”نه.“ شبنم چيو هو، ”مان توکي نه ٿي سڃاڻان.“
    ”مون ڏانهن غور سان ڏس، شبنم.“
    شبنم هن ڏانهن غور سان ڏٺو هو، پر کيس سڃاڻي نه سگهي هئي.
    هن ورائي پڇيو هو، ”تون مون کي نه ٿي سڃاڻين، شبنم!“
    ”نه.“ شبنم چيو هو، ”توکي اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو اٿم.“
    هو بيحد اُداس، وياڪل ۽ ويڳاڻو ٿي پيو هو. هن آسمان ڏانهن ڏسندي چيو هو، ”مان صدين کان تنهنجي گهر ٻاهران ويٺو آهيان، شبنم.“
    ”صدين کان!“ شبنم کي تعجب ٿيو هو.
    ”شايد ان کان به اڳ.“ هن چيو هو. ”مان ازل کان تنهنجي چائنٺ جو سوالي آهيان.“
    شبنم کي هو ديوانو محسوس ٿيو هو. مرڪندي چيو هئائين، ”تون ايڏو وڏو ته نه آهين!“
    ”مان چاهتن جي تاريخ جو تسلسل آهيان. مان پوڙهو نه ٿيندو آهيان.“ هن چيو هو، ”مان تنهنجي واپسيءَ جو انتظار ڪندو آهيان.“
    شبنم کلندي پڇيو هو، ”منهنجي واپسي!“
    ”ها، شبنم،“ هن چيو هو، ”مان تاريخ جي هر دؤر ۾ ان وقت جو انتظار ڪندو آهيان جڏهن تنهنجي چاندي جهڙي جسم ۾ لکپتين لاءِ ڪشش نه هوندي. جڏهن تنهنجي شباب جو سج هميشه لاءِ لهي ويندو. توکي پڇڻ وارو، توکي ڏسڻ وارو ڪونه هوندو. تڏهن مان پنهنجي محبت جا موتي تنهنجن قدمن تان قربان ڪري ڇڏيندس.“
    شبنم کي هن جي ديوانگيءَ جي تصديق ٿيڻ لڳي. هن کانئس پڇيو هو، ”توکي منهنجي جسم ۽ جوانيءَ سان محبت نه آهي؟“
    هن شبنم جي اکين ۾ نهاريندي چيو هو، ”هڪ محبت اهڙي به هوندي آهي، جنهن ۾ ڪابه لالچ، ڪابه طمع ۽ ڪوبه مطلب نه هوندو آهي.“
    هو ازل کان انتظار ڪري رهيو آهي. هو ابد تائين انتظار ڪندو رهندو. شبنم تاريخ جي هر دؤر ۾، شباب ۾ شهيد ٿيندي رهي آهي. هوءَ شهيد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر موٽندي رهي آهي ۽ لکپتين جي حوس جو کاڄ ٿيندي رهي آهي ۽ ان محبت کان محروم رهي آهي جنهن ۾ ڪا لالچ، ڪا طمع ۽ ڪو مطلب نه هوندو آهي.


    مرڻ به مشڪل آهي

    هيءَ آتم ڪٿا منهنجي ناهي. هيءَ آتم ڪٿا منهنجي پياري دوست ڌڻي بخش ڌني جي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها، جو اڄوڪو ڪالم ڌڻي بخش ڌنو لکي ها ۽ پنهنجي آتم ڪٿا بقلم خود اوهان کي ٻڌائي ها. پر، هن ائين نه ڪيو آهي. هن مون کي اختيار ڏنو آهي ته مان سندس آتم ڪهاڻي ڪالم ذريعي اوهان تائين پهچايان. ڌڻي بخش ڌني جي آتم ڪهاڻي ٻڌائڻ کان اڳ مان واضح ڪرڻ گهران ٿو ته اڄوڪي ڪالم ۾ جيترا به ڪوڙ ۽ گشا هنيل آهن، سي منهنجا ناهن. مان پهرين جملي ۾ ئي عرض ڪري چڪو آهيان ته هيءَ آتم ڪٿا منهنجي ناهي. هيءَ آتم ڪٿا ڌڻي بخش ڌني جي آهي. تنهن ڪري اڄوڪي ڪالم ۾ گشن لاءِ ذميوار ڌڻي بخش ڌنو آهي.
    ڪجهه ڏينهن اڳ جي ڳالهه آهي. ڌڻي بخش جي دل دنيا مان کٽي ٿي پيئي هئي. اسين حيران نه ٿياسين. ڌڻي بخش جي دل اڪثر دنيا مان کٽي ٿي پوندي آهي ۽ هو دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندو آهي. گذريل دفعي پڻ هن دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. چيو هئائين، ”يار گدڙ، دنيا ڏک ڏنا آهن. هينئر سچ پچ دنيا مان ڪوچ ڪبو.“
    دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڌڻي بخش ڌنو اڌ رات ڌاري گهر مان ٻاهر نڪتو. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ رستن تي رلندو رهيو پر دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي ڪا واٽ کيس نظر نه آئي. هن ڪجهه ماڻهن کان دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي راهه جو ڏس پتو پڇيو. هنن کيس چريو سمجهيو ۽ مٿس کلندا هليا ويا. ڪجهه ڄڻن کيس پٿر به هڻي ڪڍيا.
    ڌني کي جڏهن دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جي واٽ هٿ نه آئي تڏهن هو بيحد اداس ٿي پيو. هو هڪ وڻ کي ٽيڪ ڏيئي ويهي رهيو. اهو وڻ اتفاق سان ناريل جو وڻ هو. هوا جو جهوٽو آيو. هڪ ناريل ڇڏائجي سڌو اچي ڌڻي بخش کي ٽڪڻ تي لڳو. ڌڻي بخش جا ماشا چرخ ٿي ويا. کيس اکين آڏو ترورا تري آيا. پوءِ اوچتو ترورن مان هڪ شخص نمودار ٿيو. هن ڌني کان پڇيو. ”تون ڪير آهين ۽ ناريل جي وڻ هيٺان ڇا پيو ڪرين؟“
    ڌني وراڻيو، ”منهنجو نالو ڌڻي بخش ڌنو آهي. مان گدڙ جو سنگتي آهيان. دنيا مان ڪوچ ڪرڻ جا سانڀاها ڪري گهر کان نڪتو آهيان، پر دنيا مان ڪوچ ڪرڻ لاءِ ڪا واٽ هٿ نه ٿي لڳي. بس، ساڻو ٿي ناريل جي وڻ هيٺان ويهي رهيو آهيان.“
    اجنبي شخص ڌني کان پڇيو، ”مرڻ چاهين ٿو؟“
    ”ها.“
    ”ته پو ڪوچ ڪرڻ جون ڳالهيون ڇو پيو ڪرين؟“
    ”ان ڪري جو خودڪش ڪرڻ گناهه آهي.“
    ”ته پوءِ ڪوچ ڪرڻ ڇاهي؟“
    ”خودڪشيءَ جو جنرڪ نالو آهي. ان نالي تي ڪنهن کي به اعتراض نه ٿيندو آهي.“
    ”مطلب ته تون مرڻ چاهين ٿو!“
    ”ها، مان مرڻ چاهيان ٿو.“ ڌني ان شخص کان پڇيو ”پر تون ڪير آهين اي اجنبي شخص؟“
    ”مان ملڪ الموت جو ايجنٽ آهيان.“
    ”ڇا تون ٽرڪ ڊرائيور آهين؟“
    ”نه.“
    ”ته ڇا، تون ڪنهن اسپتال جو ڊاڪٽر يا سرجن آهين؟“
    ”نه.“
    ”سپر هاءِ وي آهين؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ تون ڪيئن ملڪ الموت جو ايجنٽ آهين؟“ ڌني اجنبيءَ کان پڇيو، ”ڇا تو وٽ ايجنسيءَ جو سرٽيفڪيٽ آهي؟“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”تنهنجو مطلب مرڻ سان آهي يا منهنجي انٽرويو سان؟“
    ڌني وراڻيو، ”مرڻ سان.“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ چيو، ”اهو ڪم منهنجو آهي.“
    ”ته پوءِ مون کي ماري ڇڏ.“
    ”مرڻ ايتري قدر سولو ته نه آهي ان لاءِ ڪاغذي ڪارروائيءَ جي ضرورت رهندي آهي.“
    ”ڪهڙي قسم جي ڪاغذي تياري!“
    ”ڪنهن جي چٺي چپاٽي آندي اٿئي؟“
    ”مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو ايجنٽ صاحب.“
    ”منهنجو مطلب آهي، سفارش آندي اٿئي؟“
    ”ڇا جي؟“
    ”مرڻ جي.“
    ”نه.“
    ”مون کي افسوس آهي ته مان توکي ماري نه سگهندس.“
    ڌنو ڏاڍو پريشان ٿيو، ملڪ الموت جي ايجنٽ کي ايلاز ڪندي چيائين، ”مون کي ماري ڇڏ سائين.“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”سفارش کان سواءِ تنهنجو ڪم نه ٿيندو.“
    ڌني چيو، ”پر مان ته مرڻ چاهيان ٿو!“
    ملڪ الموت جي ايجنٽ وراڻيو، ”پيارا، مرڻ لاءِ به ڪنهنجي نه ڪنهنجي سفارش آڻڻي پوندءِ. پوءِ مري سگهندين!“


    ماريندو ته الله آهي نه؟

    سائين، توهين ڪالم بالم لکندا آهيو نه؟“
    ”ها، مان فقط ڪالم لکندو آهيان. بالم ڪڏهن به نه لکندو آهيان.“
    ”مڙيئي خير آهي! ڪالم ته لکندا آهيو نه؟“
    ”ها.“
    ”مان توهان سان ملڻ آيو آهيان.“
    ”ڀلي ڪري آيا.“
    ”مون کي توهان سان ڪجهه ڳالهائڻو آهي.“
    ”ڳالهايو.“
    ”ڪجهه مخفي ڳالهائڻو آهي.“
    ”مخفي ڳالهايو.“
    ”هو جيڪو سامهون واري ميز تي ٽنگون رکي ويٺو آهي نه، سو شخص مون کي ٺيڪ ماڻهو نه ٿو ڏسجي.“
    ”توهين هن جي باري ۾ ڳالهائڻ آيا آهيو؟“
    ”نه، پر هن جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ ٺيڪ نه ٿو لڳي.“
    ”هو منهنجو پيارو دوست، ۽ مشهور عامل ڪامل صحافي ڦندڻ آهي.“
    ”ته پوءِ مان ڳالهايان؟“
    ”هائو ادا، ڳالهاءِ.“
    ”ڀائو ڪالم وارا، سڀ کان اول مون کي اهو ٻڌاءِ ته ماڻهوءَ کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟“
    ”الله سائين“
    ”پڪ؟“
    ”هائو“
    ”۽ ڀلا ماڻهوءَ کي ماريندو ڪير آهي؟“
    ”الله سائين.“
    ”پڪ؟“
    ”بلڪل پڪ“
    ”ڏس پنهنجي ڳالهه تان ڦري نه وڃجانءِ“
    ”تون منهنجو انٽرويو ته نه وٺڻ آيو آهين؟“
    ”ڀلا هڪ پن به الله سائينءَ جي مرضيءَ کانسواءِ ڪڏهن چُري سگهيو آهي؟“
    ”نه، ڪڏهن به نه.“
    ”مطلب ته ماڻهن کي الله سائين پيدا ڪندو آهي ۽ ماريندو به الله سائين آهي ۽ هڪڙو پن به الله سائينءَ جي مرضيءَ کان سواءِ چري نه سگهندو آهي. هاڻي تون ئي ٻڌاءِ. ڪالم وارا ڀائي، ته الله سائينءَ وارا ڪم ڪو بندو گندو ڪيئن ڪري سگهندو؟“
    ”ڇا مطلب!“
    ”مطلب ته مان پوليس وارن جو نمائندو آهيان. اسان تي الزام آهي، ته اسين ٿاڻن ۾، جيلن ۾، ۽ پوليس مقابلن ۾ قيدين کي ماري ڇڏيندا آهيون؟“
    ”ته ڇا اهو ڪوڙ آهي؟“
    ”ڏس! تون اقرار ڪري چڪو آهين، ته ماڻهوءَ کي فقط الله سائين ماري سگهندو آهي. الله سائين جيڪڏهن ٿاڻي جي لاڪپ، يا جيل ۾ ڪنهن قيديءَ کي مارڻ جو فيصلو ڪري ٿو ۽ پوءِ کيس ماري ڇڏي ٿو، تنهن ۾ اسان مسڪين پوليس وارن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟“


    هاٿي ۽ مان

    زندگيءَ ۾ پهريون دفعو هاٿي ڏسي مان حيران ٿيس. سڀ کان وڌيڪ جنهن مون کي حيران ڪيو، سي هئا هاٿيءَ جا ڏند. مون ٻڌو هو، بلڪه اصطلاحن ۽ محاورن ۾ پڙهيو هو، ته هاٿيءَ جا ڏند کائڻ لاءِ هڪڙا، ۽ ڏيکارڻ لاءِ ٻيا هوندا آهن. جنهن وقت مان هاٿيءَ سان مليس، تنهن وقت هاٿيءَ ڏيکارڻ وارا ٻه ڏند ٻاهر ڪڍي بيٺو هو، ۽ مرڪي رهيو هو.
    مون زندگيءَ ۾ پهريون دفعو ڪنهن جانور کي مرڪندي ڏٺو هو. هونءَ نه ته سياڻن ۽ ڏاهن کان ٻڌو هوم ته انسان ۽ جانور ۾ سڀ کان وڏو فرق اهو آهي، جو ماڻهو، کل سگهندو آهي ۽ جانور کلي نه سگهندا آهن. پر، مون هاٿيءَ کي مرڪندي ڏٺو.
    مون هاٿيءَ کي چيو، ”انسان ۽ جانور ۾ سڀ کان وڏو فرق اهو آهي جو انسان مرڪي سگهندو آهي ۽ جانور مرڪي نه سگهندو آهي. تون ڪهڙي قسم جو جانور آهين جو مرڪي رهيو آهين!“
    هاٿيءَ چيو، ”اڙي بيوقوف توکي ڪيئن خبر پيئي ته مان مرڪي رهيو آهيان.“
    چيم، ”مون کي لڳي ٿو ته تون مرڪي رهيو آهين.“
    هاٿيءَ چيو، ”مان جڏهن به ڏيکارڻ وارا ڏند وات مان ٻاهر ڪڍي بيهندو آهيان، تڏهن ڏسڻ وارو دوکو کائي ويندو آهي، ۽ ڀانئيندو آهي ته ڄڻ مرڪي رهيو آهيان.“
    حيران ٿيندي هاٿيءَ کان پڇيم، ”ته ڇا هن وقت تون سچ پچ نه پيو مرڪين!“
    ”بلڪل نه.“ هاٿيءَ چيو، ”مان جانور آهيان ۽ جانور نه مرڪندا آهن.“
    ”عجيب ڳالهه آهي!“ چيم، ”مون کي لڳي ٿو ته تون مرڪي رهيو آهين.“
    ”تون غلط فهميءَ جو شڪار آهين. مان تنهنجي غلط فهمي دور ڪندس.“ هاٿيءَ چيو، ”مان ڏيکارڻ وارا ڏند اندر ڪيان ٿو.“
    هاٿيءَ ڏيکارڻ وارا ڏند اندر ڪيا. سندس ٽڙيل واڇون، جن تي مون کي مرڪ جو شڪ ٿيو هو، سي لٽڪي پيون. هاٿيءَ جو ٽڪنڊو وات ڪنهن بيوقوف جي چپ وانگر لٽڪي پيو.
    هاٿيءَ پڇيو، ”ڪيئن ٿو ڀانئين هينئر؟“
    چيم، ”يار ڪمال آهي!“
    هاٿيءَ چيو، ”مان ٻيهر ڏيکارڻ وارا ڏند ٻاهر ٿو ڪڍان.“
    هاٿيءَ ڏيکارڻ وارا ڏند ٻاهر ڪڍيا. سندس لٽڪيل واڇون ٽڙي پيون. هاٿيءَ جي منهن تي مرڪ ڦهلجي ويئي، جيتوڻيڪ هاٿي مرڪ کان محروم هو. هاٿيءَ پڇيو، ”هينئر ڪيئن پيو لڳان؟“
    چيم، ”لڳي پيو، ڄڻ مرڪي رهيو آهين.“
    هاٿيءَ چيو، ”جڏهن ڏيکارڻ وارا ڏند وات مان ٻاهر هوندا آهن، تڏهن منهن تي مرڪ جو گمان ٿيندو آهي.“
    مون هاٿيءَ کان پڇيو، ”ڏيکارڻ ۽ کائڻ وارن ڏندن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟“
    جواب ڏنائين، ”جيڪو قول ۽ فعل ۾ فرق ٿيندو آهي.“
    چيم، ”تون داناءُ هاٿي پيو لڳين. تنهنجي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نه آئي آهي.“
    هاٿي ٽهڪ ڏيئي کلي پيو، چيائين، ”تون پنهنجين تحريرن ۾ بي باڪ، بهادر ۽ دلير محسوس ٿيندو آهين. پر اصل ۾ تون مصلحت پسند، ڊڄڻو ۽ گيدي آهين.“
    مون کي هاٿيءَ جي ڳالهه دل سان لڳي.


    مان وسارڻ چاهيان ٿو

    نه رستا بدليا، ۽ نه اسين بدلياسين. اُها ئي دل ۽ اُها ئي دل جي ڪيفيت! ڪمانن مان تير ته نڪري ويو، پر طبيعتن مان آوارگيءَ جو عنصر نه نڪتو! دل جو قافلو رهبرن هٿان لٽجي ويو!
    اينگل روڊ.
    اينگل روڊ تي آرٽ ڪائونسل جي عمارت.
    آرٽ ڪائونسل جي عمارت ۾ گل رنگ ريسٽورنٽ.•
    گل رنگ ريسٽورنٽ جي ٻاهران اهو ئي مان، ۽ ڏامر جي رستن تي قدمن جي نشانن جي ڳولا!
    رات جا ٻه ٿيا هئا. هو هن دفعي پاڻ ۾ چار ڄڻا هئا. جيپ ۾ چڙهي آيا هئا. منجهائن هڪ ڄڻي، جنهن کي رڇ جي رنگ جهڙيون ڪاريون مڇون هيون، ۽ ڏسڻ ۾ به هوبهو رڇ جهڙو هو، تنهن چيو، ”ديوان سڌري وڃ.“
    مون رڇ ڏانهن ڏٺو. چيم، ”ادا رڇ، اول ته مان ديوان نه آهيان. مان اصل ۾ ديوانو آهيان. ۽ ٻيو ته منهنجي سڌرڻ وارو زمانو گذري ويو آهي.“
    چئن ڄڻن ۾ ٻه ڄڻا اُهي ساڳيا مشڪرا هئا، جن کي گذريل هفتي ٻٽ ٻڌل هئي. انهن مان هڪ مشڪري روالور منهنجي سيني تي رکندي چيو، ”ڀانئجي ٿو، توکي زندگي پياري ناهي.“
    ”زندگي به ڪا پيار ڪرڻ جي شيءِ آهي!“ چيم، ”پيار ته پاڇولن سان ڪبو آهي. پيار ته وڇوڙي وارين گهڙين سان ڪبو آهي. پيار ته ڪنهن ٽٽل تاري جي لاٽ سان ڪبو آهي!“
    هن روالور منهنجي سيني کان پري ڪري ڇڏيو، ”چئبو، ته توکي زندگيءَ سان پيار ناهي.“
    ورائي کانئس پڇيم، ”توهين ڪير آهيو؟ ۽ ڇا ٿا چاهيو؟“
    رڇ چيو، ”تون اسان جي خلاف لکڻ ڇڏي ڏي!“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو. مون ڪجهه حيرت وچان چئني ڄڻن ڏانهن ڏٺو. هو اوپرا هئا. مون کين اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو هو.
    روالور واري چيو، ”مون جيڪڏهن ارڙهن راشن ڊيپو الاٽ ڪرايا آهن، ته تون ڇو ٿو اعتراض ڪرين!“
    رڇ چيو، ”مون ملڪيتون ٺاهيون آهن، ته تون ڇو ٿو وٽ کائين!“
    ٽئين ڄڻي چيو، ”مان جيڪڏهن موٽرن ۽ ٽرڪن جون پرمٽون وٺي وڪڻان ٿو، ته توکي ڇو ٿو تپ چڙهي!“
    چوٿين چيو، ”۽ مان جيڪڏهن ليڊري چمڪايان ٿو، ته تون ڇو ٿو ساڙ کائين.“
    التجا واري نوع ۾ چيم، ”مون ته اڄ تائين توهان جي باري ۾ هڪ اکر به نه لکيو آهي. اوهين جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهيو اهو روزمرهه جو دستور آهي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙچ ۾ ائين ئي ٿي رهيو آهي.“
    رڇ چيو، ”تون پبلڪ اوپنين (Public Opinion) خراب ڪري رهيو آهين!“
    پڇيو مانس، ” Public Opinion نالي به ڪا شيءِ هوندي آهي ڇا!“
    رڇ چيو، ”تون پنهنجو رويو بدلائي ڇڏ. ورنه!“
    پڇيم، ”ورنه ڇا؟“
    جواب مليو، ”ورنه اسين ثابت ڪنداسين، ته تون سنڌو ديش واري تحريڪ جو مخفي ليڊر آهين. گوريلن کي جنگ جي تربيت ڏيئي رهيو آهين. سنڌو ديش جي باري ۾ لٽريچر لکي ۽ ڇپائي، خفيه نموني ورهائي رهيو آهين. اسين توکي دشمن جو ايجنٽ پڻ ثابت ڪري سگهون ٿا. اسان جي وڏي رهائي آهي.“
    ”اوهين مون کي جيڪڏهن سڀ ڪجهه ثابت ڪرڻ جي حرفت رکو ٿا، ته پوءِ مون تي هڪ ٻيو احسان به ڪريو.“ چيم، ”اوهين مون کي ماڻهوءَ بدران پٿر ثابت ڪريو. مان ڪجهه به سوچڻ نه ٿو چاهيان. مان وسارڻ چاهيان ٿو.“


    مرڻ مهڻو نه آهي

    مان خواب ڏسندو آهيان. عجيب عجيب خواب ڏسندو آهيان. ڪجهه خواب مخفي هوندا آهن. انهن خوابن جو ذڪر ڪنهن سان نه ڪندو آهيان. اهي خواب مون کي سمجهه ۾ نه ايندا آهن. ۽ نه ئي انهن جي تعبير! اهڙن خوابن جي باري ۾ مان خاموش رهندو آهيان، ۽ پاڻ کي ڏٺو نه ڪندو آهيان.
    ڪجهه خواب مخفي نه هوندا آهن. اهڙن خوابن جو ذڪر دوستن سان ڪندو آهيان. دوست، وڏي مغز ماريءَ کان پوءِ خوابن جي تعبير ٻڌائڻ ۾ ڪامياب ٿيندا آهن، ۽ دوستيءَ جو حق پورو ڪندا آهن.“
    اڄ تائين خوابن جي جيڪا تعبير مون کي ٻڌائي ويئي آهي، سا پوري نه ٿي آهي. مان، ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان، ته منهنجا خواب بي معنيٰ آهن، ۽ منهنجي خوابن جي ڪابه تعبير نه آهي. يا سنگتي ساٿي جيڪي تعبيرون ٻڌائيندا آهن، انهن تعبيرن جا خواب نه هوندا آهن، اُهي تعبيرون، خواب بنا تعبيرون ٿينديون آهن.“
    مان خواب ۾ ريل گاڏي ڏسندو آهيان. ڦندڻ جو خيال آهي، ته مان تمام جلد انجڻ ڊرائيور ٿيندس. ۽ لکڻ جو ڌنڌو ڇڏي ريل گاڏي هلائيندس. پر، ڌڻي بخش ڌنو ان تعبير سان متفق ناهي. ڌني ان خواب جي ٻئي تعبير ڪڍي آهي. چيو اٿائين، جيڪي شخص خواب ۾ ريل گاڏي ڏسندا آهن، سي گهڻو ڪري بنا ٽڪيٽ جي سفر ڪندا آهن. خاص طرح دادو ۽ سيوهڻ جي وچ ۾، خواب ۾ به سفر نه ڪيو آهي، تنهن ڪري انهن اسٽيشنن درميان بنا ٽڪيٽ سفر ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي! ڌني منهنجي ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو آهي. هن کي يقين ٿي ويو آهي، ته مان دادو ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ بنا ٽڪيٽ سفر ڪندو آهيان، تنهن ڪري خواب ۾ ريل گاڏي ڏسندو آهيان.
    هڪ دفعي مون لاڳيتو خوابن ۾ ريل گاڏي ڏٺي هئي. ڦندڻ منهنجي حال تي رحم کاڌو هو ۽ مون کي هڪ نجوميءَ ڏانهن وٺي ويو هو. نجوميءَ وڏي کوجنا کان پوءِ مون کي ٻڌايو هو ته مون ڪنهن د‎ؤر ۾ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي آهي، جيڪا ريل گاڏي وانگر مون کي ڇڏي، ڪيڏانهن هلي ويئي آهي. نجوميءَ جي ٻڌايل تعبير مون کي ڪجهه ڪجهه دل سان لڳي هئي ۽ مون کي ياد آيو هو ته مون ڪنهن زماني ۾ سچ پچ هڪ اهڙي ڇوڪريءَ سان محبت ڪئي هئي، جيڪا مون کي ريل گاڏيءَ وانگر ڇڏي، ڪيڏانهن هلي ويئي هئي ۽ پوءِ مون جنگ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر بدقسمتيءَ سان انهن ڏينهن ۾ ڪابه جنگ لڳل نه هئي.
    نجوميءَ جي تعبير جو ذڪر جڏهن پنهنجي پراسرار دوست فدا حسين ڦودني سان ڪيم، تڏهن هو گنڀير ٿي ويو. نجوميءَ جي تعبير کي رد ڪندي چيائين، ”جيڪي ماڻهو خواب ۾ ريل گاڏي ڏسندا آهن سي مري ويندا آهن.“
    منهنجي بدران ڦندڻ جواب ڏيندي چيو هو، ”ڦودنا، جيڪي ماڻهو خواب ۾ ريل گاڏي نه ڏسندا آهن، سي به هڪڙي ڏينهن مري ويندا آهن. تون خواب ۾ سائيڪل ڏسندو آهين. تون به مري ويندين. مان خواب ۾ ڦٽڦٽي ڏسندو آهيان. مان به مري ويندس. ۽ جيڪي ماڻهو خواب ۾ ڪجهه نه ڏسندا آهن سي به مري ويندا آهن.“


    رحيم هنڱوري جهڙو ڏوهاري

    سموري جيل ۾ چوٻول، چوپچو! هر ڪو قيدي حيران پريشان! ٻڌو هئائون، ته ڪو خوفناڪ ڏوهاري جيل ۾ آندو ويندو ۽ کيس سي ڪلاس ۾ رکيو ويندو.
    سي ڪلاس جا قيدي هن متعلق پاڻ ۾ ڳالهائڻ لڳا.
    ”هو خطرناڪ ڏوهاري آهي ڇا؟“
    ”نه رڳو خطرناڪ، پر خوفناڪ به آهي.“
    ”توکي ڪيئن خبر پيئي؟“
    ”انڌو آهين! جيل ۾ ڀڄ ڊڪ ۽ وٺ وٺان نه پيو ڏسين!“
    هڪڙي پوڙهي قيدي چيو، ”اهڙي وٺ وٺان هن جيل ۾ مون رحيم هنڱوري ڀيريءَ ڏٺي هئي.“
    ”ته ڇا، هو رحيم هنڱوري کان به وڏو ڏوهاري آهي؟“
    ”ڀانئجي ته ائين ئي ٿو.“
    ”گهڻا خون ڪيا اٿائين؟“
    ”پڪ سان ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي. اچي، ته يار سان رهاڻيون ڪبيون.“
    ”رحيم هنڱوري ٻه سؤ خون ڪيا هئا. مان سمجهان ٿو، هن ٽي سؤ خون ڪيا آهن.“
    ”پڪ ڌاڙا به هنيا اٿائين؟“
    ”رڳو ڌاڙا! اڙي سلفي ڇاپ، ريل گاڏيون به ڪيرايون هوندائين.“
    تڏهن ته اسان واري شاهي وارڊ ۾ پيا آڻينس.“
    ”برابر. خوني ۽ ڌاڙيل نه هجي ها، ته جيڪر سي ڪلاس ۾ نه آڻينس ها.“
    ”يار پوءِ ڳوٺن کي باهيون به پڪ ڏنيون هوندائين!“
    ”باهيون ڏيئي، ڀڄندڙن تي گوليون هلايون هوندائين.“
    ”ٻارڙن کي ڪهاڙين سان ڳڀا ڪيو هوندائين.“
    ”پر هو آهي ڪير؟“
    ”الاءِ“
    ”اسين سڀيئي هڪٻئي کي سڃاڻون، هڪ ٻئي جو نالو ۽ حد سڃاڻون. هيءُ نئون خوني ۽ ڌاڙيل ڪير آهي، جنهن کي اسين نه سڃاڻون!“
    ”هن کي مان سڃاڻان ٿو.“ هڪ پوڙهي قيديءَ چيو، ”هو سنڌي اديب آهي.“•


    ڪميونسٽ شاعر

    ”ايجنٽ زيرو زيرو فور، اسين تنهنجي ڪم مان خوش نه آهيون.“
    ”مون کي پنهنجي ڪوتاهيءَ جو اعتراف آهي، باس.“
    ”ڪهڙو سبب آهي، جو تون اڃان تائين ان شاعر کي ٺڪاڻي لڳائي نه سگهيو آهين، جيڪو تعصب پکيڙي رهيو آهي.“
    ”مون گهڻن ئي شاعرن کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو آهي، باس.“
    ”پر تون اڃا تائين شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ ناڪام رهيو آهين.“
    ”شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي تلاش جاري آهي، باس. درحقيقت سندس تلاش واري مهم ۾ ڪجهه رخنو پئجي ويو آهي.“
    ”ڪهڙي قسم جو رخنو؟ ڇا هن هٿيار کنيا آهن؟“
    ”نو باس.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”هڪ ٻيو ۽ وڌيڪ خطرناڪ شاعر پيدا ٿي پيو آهي. مون ڪجهه ماڻهو ان شاعر جي ڪڍ لڳائي ڇڏيا آهن.“
    ”هو ڪهڙي ڊگريءَ جو خطرناڪ شاعر آهي.“
    ”فرسٽ ڊگريءَ جو خطرناڪ آهي.“
    ”ته ڇا هو به تعصب پکيڙي رهيو آهي؟“
    ”تعصب! هو ڪميونسٽ آهي باس.“
    ”ڪميونسٽ! ڇا هتي ڪميونسٽ دم خم هڻي سگهن ٿا؟“
    ”هو نه فقط ڪميونسٽ آهي، پر ملحد پڻ آهي.“
    ”توکي خبر هئڻ گهرجي، ايجنٽ زيرو زيرو فور، ته ملحد ۽ ڪميونسٽ ۾ ڪو فرق نه هوندو آهي.“
    ”آءِ ايم ساري، باس.“
    ”ان ڪميونسٽ شاعر جي شاعريءَ مان ڪو مثال ٻڌاءِ.“
    باس، هن پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي:
    مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا ــ
    پيرن بزرگن پنڊتن بيحد ڀلايا.
    ”Highly Objectionable سخت اعتراض جوڳو شعر آهي. اُن ملحد شاعر جو نالو ڇا آهي؟“
    ”سچل سرمست.“
    ”سچل سرمست کي هڪدم ٺڪاڻي لڳايو وڃي. سندس ٻيڙو ٻوڙيو وڃي.“
    ”اوڪي باس.“


    پهاڪن جي پڄاڻي

    اسڪول ۾ هڪڙي دفعي استاد سائينءَ مون کان هڪ پهاڪي جي معنيٰ پڇي هئي. مان کيس معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو هوس. اُستاد سائينءَ مون کي بينچ تي بيهاري ڇڏيو هو. منهنجي ڪلاس ۾ اڌو اڌ تعداد ڇوڪرين جو هو. ڇوڪرين جي سامهون بينچ تي بيهڻ ۾ مون ڏاڍو شرم محسوس ڪيو. دل ۾ پڪو پهه ڪيم ته جڏهن وڏو ٿيندس، ان بيهودي پهاڪي کي ڪتابن مان خارج ڪرائيندس ۽ ايندڙ نسلن تي احسان ڪندس.
    مون هڪ پهاڪي کي ڪتابن مان خارج ڪرائڻ جو عزم ڪيو هو. پر، منهنجي ڪوشش کانسواءِ اڄڪلهه سمورا پهاڪا ڪتابن مان خارج ڪيا ويا آهن. مان سرهو آهيان. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپايل ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ جي پهاڪن جي ڪتاب ”گل شڪر“ جون گذريل اٺن سالن• ۾ هڪ هزار ڪاپيون به وڪامي نه سگهيون آهن. پهاڪن جو مشهور ڪتاب ”گل شڪر“ اڄڪلهه اڏوهيءَ جو دلپسند کاڄ آهي. اُڏوهي سنڌ جي عالمن لاءِ دعاگو آهي. (مان به دعاگو آهيان. جيتوڻيڪ مان اُڏوهي نه آهيان.)
    جنهن پهاڪي جي معنيٰ نه ٻڌائڻ جي ڪري مان ڪلاس جي ويهارو کن ڇوڪرين آڏو بينچ تي بيهاريو ويو هوس، سو پهاڪو مون کي اڄ به ياد آهي، پر پهاڪي جي معنيٰ کان اڄ به بي خبر آهيان. اهو پهاڪو آهي:
    ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي.“
    مون ان پهاڪي متعلق هڪ چور سان ڳالهايو. مون چور کان پڇيو، ”تنهنجي ماءُ ڪنڊ ۾ ڇو روئيندي آهي؟“
    ”توکي ڪيئن خبر پيئي ته منهنجي ماءُ ڪنڊ ۾ روئيندي آهي؟“ چور مون کان پڇيو، ”ڇا تون جاسوسي ڊائجيسٽ پڙهندو آهين؟“
    چور جي غلط فهمي دور ڪندي چيم، ”مان ڪجهه به نه آهيان، فقط هڪ پهاڪي جي معنيٰ جو متلاشي آهيان.“
    چور مون کي مايوس ڪيو. مون کي پهاڪي جي معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو. چيائين، ”مون کي خبر ڪونهي ته منهنجي ماءُ سڙڪن، چؤ واٽن ۽ بازارن بدران ڪنڊ ۾ ڇو روئيندي آهي.“
    هڪڙي ڏينهن مون هڪ پوڙهيءَ عورت کي ڪنڊ ۾ روئيندي ڏٺو. خوش ٿيم. پوڙهيءَ کان پڇيم، ”ڇا، تون چور جي ماءُ آهين، جو ڪنڊ ۾ پئي روئين؟“
    پوڙهي باهه ٿي ويئي. چيائين، ”چور هوندين تون. ڪنڊ ۾ روئيندي هوندي تنهنجي ماءُ.“
    آزي نيزاري ڪندي پوڙهيءَ کان پڇيم، ”ته پوءِ تون ڪنڊ ۾ ڇو پئي روئين؟“
    پوڙهيءَ اوڇنگار ڏني ۽ پوءِ سڏڪن ۾ چوڻ لڳي، ”پنهنجن هٿن سان پٽ کي پرڻايو هوم. اهڙي ننهن ڪيم جو منهنجي پٽ کي پٽيون پڙهائي، مون کان جدا ڪري ويئي آهي. هينئر ويٺي ڪنڊ ۾ روئان.“
    ”ان جو مطلب آهي، ته تون چور جي ماءُ ناهين ۽ اجايو ڪنڊ ۾ ويٺي روئين.“ چيم، ”مان وڃان ٿو، خدا حافظ.“
    آخر ۾ مون پنهنجي پياري دوست فدا حسين ڦودني کان مشهور پهاڪي، ”چور جي ماءُ ڪنڊ ۾ روئي،“ جي معنيٰ پڇي.
    فدا حسين ڦودني چيو، ”اسڪول ۾ بينچ تي ان ڪري بيهڻو پيو هوءِ جو تون ان پهاڪي جي معنيٰ ٻڌائي نه سگهيو هئين. وقت بدلجي ويو آهي. هينئر جيڪڏهن ان پهاڪي جي صحيح معنيٰ ۽ مفهوم ٻڌائيندين، ته پٽ اڇي ڏاڙهيءَ ۾ بينچ تي ابتو بيٺو هوندين! تنهن ڪري ان پهاڪي جي معنيٰ جي پچر ڇڏي ڏي.“


    ٻڪر ۽ ڇيلو

    ڪجهه ٻڪر ٻوٿ لٽڪائي پڌر ۾ بيٺا هئا ۽ بيحد اُداس نظر پئي آيا. سندس ڀر ۾ ٻه ــ چار اڇا، ڪارا، چٽڪٻرا ڇيلا بيٺا هئا ۽ بلڪل بي پرواهه هئا. رکي رکي ٺينگ ٽپا پئي ڏنائون. انهن ڇيلن مان هڪڙي ڇيلي جو مٿو ننڍو ۽ ڪن وڏا هئا ۽ ذري گهٽ ڌرتيءَ سان ٿي لڳا. اهو ڇيلو پنهنجي نوعيت جو عجيب ڇيلو هو. ٿورڙو اڇو، ٿورو ڪارو ۽ ڪٿان ڪٿان ڀورو هيو. اهي ٽپ پئي ڏنائين، جو الله امان! اهو پراسرار ڇيلو هڪ ڏاڙهي واري ڪاري ٻڪر جو ولي عهد هو، يعني پٽ هو.
    ڏاڙهيءَ وارو ڪارو ٻڪر بيحد اُداس هو. چتائي ڏسڻ سان ڪنهن غمگين پاڪستاني فلم جي صحتمند غمگين هيري جهڙو نظر پئي آيو.
    پوءِ اوچتو چٽڪٻري پراسرار ڇيلي جي پنهنجي پيءُ، يعني ڪاري ٻڪر تي نظر پئجي ويئي. هو ٺينگ ڏيئي وٽس هليو آيو. پنهنجي ننڍڙي ۽ بنا سڱن واري مٿي سان پيءُ جي وڏن سڱن واري ڀوائتي مٿي ۾ ٽڪر هڻندي چيائين، ”تون منهن توٻري جهڙو ڪري ڇو بيٺو آهين، بابا؟“
    ڏاڙهيءَ واري ڪاري ٻڪر وراڻيو، ”مان بيحد اداس آهيان، منهنجا نوجوان پٽ، ڇيلا.“
    ڇيلي پڇيو، ”پر تون اداس ڇو آهين، بابا؟“
    ٻڪر پنهنجيون نماڻيون اکيون کڻي ٻين ٻڪرن ڏانهن نهاريو، چيائين، ”نه فقط مان پر اڄ اسان جي برادريءَ جو هرڪو ٻڪر اُداس آهي ۽ ڀيروينءَ ۾ ڪو ڪلام ڳائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.“
    چٽڪٻرو ڇيلو حيران ٿيو، ڪجهه ڪجهه پريشان ٿيو. پنهنجي پيءُ کان پڇيائين، ”پر اوهين سڀئي ڇو اُداس آهيو، بابا؟“
    ٻڪر وراڻيو، ”اڄ اسان جي شهادت جو ڏينهن آهي، ڇيلا.“
    ”شهادت جو ڏينهن!“ ڇيلي حيرت مان پڇيو، ”پر اڄ ته عيد جو ڏينهن آهي، بابا ڪارا ٻڪر؟“
    ”برابر اڄ عيد جو ڏينهن آهي.“ ڪاري ٻڪر وراڻيو، ”پر اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ شهادت جو ڏينهن آهي.“
    ڇيلي پڇيو، ”اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ شهادت جو ڏينهن آهي؟“
    ”ها پٽ، اڄ اسان لاءِ شهادت جو ڏينهن آهي.“ ڪاري ٻڪر وراڻيو.
    ڇيلي پڇيو، ”اڄ الله جي راهه ۾ ڪا جنگ ڪندؤ ڇا؟“
    ”نه. جنگ ته نه ڪنداسين.“ ڪاري ٻڪر وراڻيو، ”پر پاڪستان ۾ شهادت تڙي کڙي ملندي آهي. بس ۾ سفر ڪندي ڪو ڪريو ۽ ڦيٿي هيٺان چٿجي مئو، ته سمجهو شهيد ٿيو. وڏيرو ناچ گاني جي محفل مان کائي پي مست ٿي آيو، ۽ پوءِ جيڪڏهن جيپ سميت وڻ سان وڃي لڳو، يا واهه ۾ ٻڏي مئو، ته سمجهبو ته شهيد ٿيو ۽ ٻئي ڏينهن سندس شهادت جي خبر اخبارن ۾ شايع ٿيندي.“
    ڇيلي ورائي پڇيو، ”پر تون ڪهڙي سلسلي ۾ شهيد ٿيندين، بابا ڪارا ٻڪر؟“
    ٻڪر روئڻهارڪي آواز ۾ جواب ڏنو، ”پٽ ڇيلا، اڄ وڏيرو چلتو پرزو اسان کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندو.“
    ننڍي مٿي ۽ وڏن ڪنن وارو چٽڪٻرو ڇيلو وڏي سوچ ۾ پئجي ويو. پوءِ پيءُ کان پڇيائين. ”بابا، وڏيرو چلتو پرزو الله جي راهه ۾ ڪا اسپتال، اسڪول، يا لائبريري ڇو نٿو ٺاهرائي؟“
    ”هر ڪو چڱو ڪم ڪرڻ لاءِ وڏيري چلتي پرزي ٺيڪو ته نه کنيو آهي!“ ڪاري ٻڪر چيو، ”وڏيرو لکين رپيا خرچ ڪري ڳوٺ جي اوطاق تي ملڪ جون نامور نچڻيون ۽ ڳائڻيون گهرائيندو آهي، جهنگل ۾ منگل ڪندو آهي. اهو ڪو گهٽ نيڪ ڪم آهي! اڙي چٽڪٻرا بيوقوف ڇيلا، وڏيرو چلتو پرزو لکين رپيا خرچ ڪري اهڙيون محفلون نه مچائي، ته هوند هاري ناري ۽ ٻيا ڳوٺاڻا پرين جهڙين نچڻين ۽ ڳائڻين جي هڪ جهلڪ ڏسڻ کانسواءِ ساڳ ماني کائي مري وڃن ها، قبر ۾ پنهنجي محروميءَ تي پڇتائيندا رهن ها! وڏيري چلتي پرزي جا ته مٿن وڏا احسان آهن، پٽ ڇيلا.“
    ڇيلي غور سان پنهنجي پيءُ، ڪاري ٻڪر ڏانهن نهاريو. پوءِ کانئس پڇيائين، ”تون ڪارو ٻڪر آهين، يا ٻڪرن جو فلاسافر آهين.“
    ”مون کي خبر ناهي ته مان ڪير آهيان.“ ڪاري ٻڪر وراڻيو. ”مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته اڄ وڏيرو چلتو پرزو مون کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندو ۽ رات جو منهنجي گوشت جا ڪباب، تڪا، برياني، ڪورما ۽ ڪوفتا حد جي صوبيدارن، مختيارڪارن، ڌاڙيلن ۽ تپيدارن کي کارائيندو. ان سلسلي ۾ اڄ رات هن زبردست محفل جو بندوبست پڻ ڪيو آهي.“
    اها ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ، ننڍڙي ڇيلي پنهنجا وڏا ڪن ڪپائي ڇڏيا.


    سائين چور کي سڱ ٿيندا آهن؟

    ”سائين، اسان ٻڌو آهي، ته چين ۾ چوريون نه ٿينديون آهن؟“
    ”تو ٺيڪ ٻڌو آهي، مٺا.“
    ”چين ۾ چوريون نه ٿينديون آهن ته پوءِ چين جا چور ڇا ڪندا آهن؟“
    ”الاءِ، مون کي خبر ڪونهي.“
    ”ته ڇا، چين ۾ تنهنجي ڪنهن چور سان ملاقات نه ٿي ڇا؟“
    ”مان سرڪاري مهمان هوس. ثقافتي وفد جي ميمبر هوس. منهنجي چين جي ڪنهن چور سان ملاقات ڪيئن ٿئي ها!“
    ”ڪمال آهي يار! اسان وٽ پاڪستان ۾ جڏهن به ڪو ٻاهران مهمان ايندو آهي، تڏهن چور ڪنهن نه ڪنهن بهاني هن سان ملاقات ڪري وٺندا آهن!“
    ”بدقسمتيءَ سان مون کي اهڙو موقعو نه مليو. مان سمجهان ٿو، چين ۾ چور ناهن.“
    ”ائين وري ڪيئن هوندو! چين ۾ چور ضرور هوندا، ۽ ويچارا لڪ ڇپ ۾ ڪسمپرسي ۽ غربت جي زندگي گذاريندا هوندا. اسان تي لازم آهي، ته اسين اهڙن مفلس چيني چورن جي مدد ڪريون.“
    ”ها، پاڪستان ۾ چورن لاءِ نهايت ئي سازگار ماحول آهي.“
    ”چين ۾ رشوت خوري به ناهي.“
    ”ته ڇا اتان جي سرڪاري عملدارن کي بنگلا ٺاهرائڻ، موٽرون وٺڻ، پارٽيون ڏيڻ، ۽ بينڪ بيلنس وڌائڻ جو شوق ناهي ڇا؟“
    ”مون کي خبر ڪونهي. مون کي فقط ايتري خبر آهي، ته چين ۾ رشوت خوري ڪونهي.“
    ”خير، رشوت خوري نه هوندي، پر رشوت خور ضرور هوندا. اسان تي لازم آهي، ته اسين پنهنجن مسڪين، ۽ بيروزگار چيني رشوت خور ڀائرن کي چين مان ڳولي هٿ ڪريون، ۽ پوءِ کين پاڪستان وٺي اچون. دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ڪو رشوت خور ايڏو سکيو ستابو نه هوندو، جيترو پاڪستان ۾ آهي.“
    ”چين ۾ نائيٽ ڪلبون به ناهن.“
    ”وڏا ڪي بدنصيب آهن. ڪراچيءَ کان ڪوهه مريءَ تائين اسان جون نائيٽ ڪلبون، شراب خانا، جوا جون ٽڪريون، ۽ ريس ڪورس، اسان جي چيني ڀائرن لاءِ حاضر آهن. ڇا تو کين پاڪستان اچڻ جي دعوت نه ڏني؟“
    ”نه يار.“
    ”ڇو؟“
    ”موقعو ئي نه مليو.“
    ”سڙٻاٽن ۾ ئي ڪنهن کي عياشيءَ جي دعوت ڏيئي ڇڏين ها.“
    ”چين ۾ مون کي به سڙٻاٽن ۾ شڪي نموني ڳالهائيندي نه ڏٺو.“


    قد وڌائڻ جي اٽڪل

    هڪ بيحد بندرو شخص مون سان ملڻ آيو، چيائين، ”توسان ملڻ جو مون کي بيحد اشتياق هو.“
    پڇيو مانس، ”اهو اشتياق وري ڇاهي؟“
    جواب ڏنائين، ”معزز ماڻهو شوق کي اشتياق سڏيندا آهن.“
    حيران ٿيندي کانئس پڇيم، تون معزز آهين يا مان؟“
    جواب ڏنائين، ”مان معزز شخص آهيان.“
    پڇيو مانس، ”ڇا تون سمگلنگ ڪرائيندو آهين؟“
    ”نه.“
    ”ڌاڙيلن کي ڌاريندو آهين، يعني پاٿاريدار آهين؟“
    ”اون هون.“
    ”چوريون ڪرائيندو آهين؟“
    ”بلڪل نه.“
    ”ڀلا خون ڪرائيندو آهين؟“
    ”نه.“
    ”عورتن کي اغوا ڪرائيندو آهين؟“
    ”مان ڦڏي باز نه آهيان.“
    ”ته پوءِ معزز شخص ڪيئن آهين؟“ چيم، ”تنهنجن جوابن مان مون اندازو لڳايو آهي ته تون معزز شخص سڏائڻ جو حقدار نه آهين.“
    چيائين، ”تون مڃين، يا نه مڃين، مان پنهنجي پاڙي جو معزز شخص آهيان.“
    پڇيو مانس، ”ڀلا مون سان ڪهڙي سلسلي ۾ ملڻ آيو آهين؟“
    جواب ڏنائين، ”مون ٻڌو آهي ته تو وٽ قد وڌائڻ جو قابل اعتماد نسخو آهي.“
    پڇيم، ”اها خبر ڪهڙن ذريعن کان هٿ ڪئي اٿئي؟“
    وراڻيائين، ”معتبر ذريعن کان.“
    چيم، ”ائين برابر آهي ته مان پنهنجي ڏيک ويک مان ڪڏهن ڪڏهن لقمان حڪيم جهڙو نظر ايندو آهيان. پر مان حڪيم نه آهيان.“
    هن چيو، ”پر مون معتبر ذريعن کان ٻڌو آهي ته تون حڪيم آهين.“
    وراڻيم، ”بابلا، حڪيم هجان ها، ته پاڪستان جي ثقافتي وفد جي ٻاهرين ملڪن ۾ قيادت ڪريان ها، ملڪ ۾ ادبي انجمنن جو صدر هجان ها ۽ سيني تي هٿ رکي فوٽو ڪڍايان ها، ۽ اُهو فوٽو اخبارن ۾ شايع ڪرايان ها.“
    ”بهرحال.“ هن چيو، ”مون ٻڌو آهي ته تو وٽ قد وڌائڻ جو نسخو آهي ۽ اهو نسخو استعمال ڪري تو پنهنجو قد وڌايو آهي.“
    ”ڇا مطلب!“ مون ڇرڪ ڀري هن کان پڇيو.
    هن مرڪي مون ڏانهن نهاريو ۽ چيو، ”استاد، مون ٻڌو آهي ته تون اصل ۾ بيحد بندرو بلڪه ڊينڊو آهين ۽ ان نسخي استعمال ڪرڻ کان پوءِ اجايو قداور نظر ايندو آهين.“
    ڳالهه لنوائڻ خاطر چيم، ”ڀانئجي ٿو تون منهنجن دشمنن سان ملي آيو آهين.“
    جواب ڏنائين، ”مان تنهنجن دوستن سان ملي آيو آهيان.“
    چيم، ”اهي دوست منهنجا دشمن آهن، بلڪه جاني دشمن آهن، جن توکي منهنجي بندري قد متعلق خبر چار ڏني آهي.“
    ”اُهي دوست تنهنجا دشمن آهن، يا ناهن، ان سان منهنجو ڪو واسطو ڪونهي.“ هن چيو، ”تون مون کي قد وڌائڻ جو نسخو ٻڌاءِ.“
    مون پنهنجين ٽنگن تان ڪپڙو پري ڪندي چيو، ”ڏس، منهنجون ٽنگون ڪاٺ جون آهن. مون واڍي کان وڏيون ڪري ٺاهرايون آهن. تون به ڪنهن واڍي کان پنهنجيءَ مرضيءَ مطابق ڪاٺ جون وڏيون ٽنگون ٺهراءِ. يقين ڪر، قداور نظر ايندين ۽ ڪوبه توکي بندرو نه چوندو. دنيا جا اڪثر قداور ڪاٺ جي ٽنگن تي بيٺل هوندا آهن.“


    ڪارٽون سوچيندا آهن

    ”چپ چپ ويٺو آهين، ڪهڙا پور پيو پچائين؟“
    ”سوچيان پيو، سمگلنگ ڪريان، ڪوآپريٽو بينڪن جا قرض کڻي کائي ڇڏيان، ٺڳيءَ جو درآمدي ــ برآمدي ڪاروبار شروع ڪريان ۽ عزت جي زندگي گذاريان.“
    ”ڇو، پنهنجي موجوده ڪرت مان خوش ناهين ڇا؟“
    ”مان پوليس، سي آءِ ڊي ۽ انٽيليجنس کان پيڇو ڇڏائڻ چاهيان ٿو.“
    ”لکڻ ڇڏي ڏيندين؟“
    ”ها.“
    ”پوءِ ڇا ڪندين؟“
    ”آپگهات.“
    ”مايوس ٿي ويو آهين ڇا؟“
    ”ڪنهن کان؟“
    (سينسر)
    ”مون هڪ گل کي ڪڏهن به ڪومائجندي نه ڏٺو آهي. خبر اٿئي، ڇو؟“
    ”نه.“
    ”اُهو گل حياتيءَ جي ٽاريءَ تي ٽڙيل نه آهي. اهو گل، ڪاغذ جو گل آهي.“
    ”تون پور پچائڻ ڇڏي ڏي، پوءِ توکي سڀ ڪجهه ٺيڪ لڳندو.“
    ”تون ٺيڪ ٿي چوين. مان پور بچائڻ ڇڏي ڏيندس، ۽ ڪنهن ڪاموري جو بورچي ٿي، سندس ماني پچائيندس.“
    ”مان سمجهان ٿي، توکي آرام جي ضرورت آهي.“
    ”آرام گهڻ ــ معنيٰ لفظ آهي.“
    ”ڏهن ــ پندرهن ڏينهن لاءِ جيڪڏهن شهر کان ٻاهر هليا وڃئون، ته تنهنجي ذهن تان ٻوجهه جو احساس لهي ويندو.“
    ”مان فراريت جو دشمن آهيان.“
    ”مان تنهنجي باري ۾ فڪرمند رهڻ لڳي آهيان.“
    ”مون هڪ ڪارٽون ڏٺو هو، جيڪو ٻن حصن ۾ ورهايل هو. هڪ حصي ۾ هڪ ٻار موڙي تي ويٺو هو. کاڏيءَ هيٺان هٿ هوس. ڏنگين ۾ ٻار جو جملو لکيل هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان ويهي رهندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان. ڪارٽون جي ٻئي حصي ۾ ساڳيو ٻار ڪنڌ جهڪائي ڪيڏانهن وڃي رهيو هو. ڏنگين ۾ ٻار جو جملو لکيو هو ته ڪڏهن ڪڏهن مان سوچيندو آهيان ۽ پنڌ ڪندو آهيان.“
    ”تون پاڻ کي ڪارٽون وارو ٻار ٿو سمجهين؟“
    ”نه.“
    ”ته پوءِ؟“
    ”مان پاڻ ڪارٽون آهيان.“


    لڌم ۽ وڃايم

    مان کيس سڃاڻان. هو ڪنهن سمي کلندو هو، دل کولي کلندو هو، ٽهڪ ڏيندو هو، پاڻ کلندو هو، ٻين کي کلائيندو هو. پوءِ هو ڪيڏانهن گم ٿي ويو. ورهين کان پوءِ مليو، ته هو اُهو ساڳيو نه هو. مون کي اوپرو اوپرو لڳو، نه کلي سگهيو، نه کلائي سگهيو. کيس ٻه چار چرچا ٻڌايم، پر ٽهڪ ڏيئي نه سگهيو.
    پڇيو مانس، ”کلڻ کلائڻ ڇڏي ڏنو اٿئي ڇا؟“
    کلي پيو. سندس کل ان کل کان بنهه مختلف هئي، جنهن کل سبب هو ڪنهن سمي سڃاتو ويندو هو.
    چيائين، ”هيءَ کل به منهنجي آهي.“
    چيم، ”يقين نه ٿو اچي.“
    هو ٻيهر کلي پيو. چيائين، ”ڪنهن وقت مون کي به يقين نه ايندو آهي.“
    ”ايئن ڇو آهي؟“
    ”مان سمجهان ٿو، کلڻ تان منهنجو حق ختم ٿي ويو آهي.“
    ”مان تنهنجي رايي سان متفق نه آهيان.“
    ”ڇو؟“
    ”ڇو جو کلڻ ۽ روئڻ جو انسان تي اختيار هوندو آهي، انسان جو مٿن اختيار نه هوندو آهي.“
    ”ڪجهه انسانن جي کلڻ تي روئڻ جو گمان ٿيندو آهي. مان انهن منجهان هڪ آهيان.“
    هو ڪجهه دير تائين چپن ۾ مرڪندو رهيو.
    پڇيو مانس ”ايترو عرصو ڪٿي رهيو آهيان؟“
    ”پاڻ کي ڳوليندو رهيو آهيان.“
    ”پوءِ، لڌوءِ پاڻ کي؟“
    ”ها، پاڻ کي لڌم، پوءِ وري پاڻ کي وڃائي ڇڏيم.“
    مصنوعي مرڪ هن جي چپن تان غائب ٿي ويئي.
    کيس چيم، ”تون ڪنهن سمي ڊراما لکندو هئين، ۽ ڊرامن ۾ ڪم به ڪندو هئين. چڱو اداڪار ليکيو ويندو هئين. هينئر فقط ڊراما لکين ٿو، ڊرامن ۾ ڪم نه ٿو ڪرين. ڇو؟“
    هن غور سان مون ڏانهن ڏٺو. چيائين، ”اڳاڻو، تنهنجي ڪنهن سوال جي جواب ۾ چيو هيم نه، ته پاڻ کي لڌو هيم ۽ لهڻ کان پوءِ وري وڃائي ڇڏيو هيم!“
    ”ها.“
    ”خبر اٿئي، پاڻ کي ڪيئن لڌم؟“
    ”ڪيئن لڌوءِ؟“
    ”منهنجو اصل چچريل، چٿيل ۽ فنا ٿيل هو.“ هن چيو، ”مون جنهن کي اصل ڄاتو هو، سو منهنجو اصل نه هو، سو منهنجو نقل هو. منهنجي کل نقلي هئي. منهنجا ٽهڪ نقلي هئا، مان سمورو نقلي هوس. منهنجو بظاهر خوش ۽ مطمئن ظاهر، منهنجي فنا ٿيل اصل تي آباد هو، مون پنهنجي اصل جو تابوت ڏٺو آهي. دوست.“
    چيومانس، ”تنهنجو جملو في الحال منهنجيءَ سمجهه ۾ نه آيو آهي. گهر وڃي تنهنجي جملي تي سوچيندس.“
    پوءِ هن مون کان پڇيو. ”ڪر خبر، تون اڄڪلهه ڇاپيو ڪرين؟“
    وراڻيم، ”مان توکي ڳوليندو رهيو آهيان!“
    کلي پيو، پڇيائين، ”پوءِ لڌوءِ مون کي؟“
    ”ها.“ وراڻيم، ”توکي لڌو اٿم. توکي لهڻ کان پوءِ وري وڃايو اٿم.“


    ڊڄو ان ڏينهن کان

    هن اسان ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”توهين ٻئي وڏا بدمعاش آهيو.“
    ڦندڻ وراڻيو، ”اسين ايڏي وڏي اعزاز جي لائق ناهيون، سائين.“
    ”مان توهان ٻنهي کي چڱي طرح سڃاڻان.“ هن چيو، ”توهين ٻئي ڦڏيباز آهيو.“
    ”سائين، اوهان کي پڪ غلط فهمي ٿي آهي. مان عامل ڪامل صحافي ڦندڻ آهيان.“ پوءِ مون ڏانهن اشارو ڪندي ڦندڻ چيو، ”۽ هيءُ آواره گرد آهي. سڄو ڏينهن، سڄي رات رستن تي ڌڪا کائيندو آهي، راشن بچائيندو آهي، ۽ پوءِ هٿ ٺوڪيون ڳالهيون لکندو آهي.“
    هن ڪرڙي اک سان اسان ٻنهي ڏانهن ڏٺو. ڪجهه دير کان پوءِ چيائين، ”مان توهان ٻنهي کي ڏسي رهندس.“
    ڦندڻ پڇيس، ”ڇو، هينئر اسين اوهان کي ڏسڻ ۾ نٿا اچون ڇا؟“
    ”ڳالهه ٻڌو، پر ڪن کولي ٻڌو.“ هن چيو، ”اوهين ٻئي پنهنجو رويو سڌاريو، نه ته مان توهان ٻنهي کي وڏي نقصان ۾ وجهي ڇڏيندس.“
    ”منهنجا ڪارخانا هلندا آهن، اُهي بند نه ڪرائجو.“ ڦندڻ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”۽ هن ڪنگلي جا جهاز هلندا آهن. اُهي ضبط نه ڪرائجو.“
    ”مون کي معمولي ماڻهو ٿا سمجهو!“ هن اکيون ڦوٽاريندي چيو، ”پر منهنجي ڏيٺ ويٺ معمولي ماڻهن سان ناهي. مان توهان ٻنهي جا ترا ڪڍي ڇڏيندس.“
    مون ڦندڻ کي ڪن ۾ چيو، ”ماڻهو جا ڀل ته سڀ ڪجهه نڪرن، پر ترا نڪرڻ نه گهرجن.“
    ڦندڻ سڙٻاٽن ۾ پڇيو، ”پوءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟“
    آهستگيءَ سان چيم، ”هن کان پڇڻ گهرجي ته پاڻ ڪهڙي هستي آهي، ۽ اسان کان ڪهڙي شڪايت اٿس؟“
    ڦندڻ هن کان پڇيو، ”سائين، اوهين ڪير آهيو، ۽ اسان ٻنهي کان ڪهڙي سبب ناراض آهيو؟“
    ”مان ڪير آهيان! يعني ڪه مان ڪير آهيان؟“ هن جڪ کائيندي چيو، ”اتي ئي توهان جي بدمعاشي ظاهر ٿي پيئي آهي. مون کان پڇو ٿا ته مان ڪير آهيان!“
    اسان ٻئي ڊڄي وياسين.
    مون ڦندڻ کي چيو، ”هيءُ پاڻ ڪو وڏو ماڻهو آهي يا عنقريب وڏو ماڻهو ٿيڻ وارو آهي. يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جو چمچو آهي.“
    ”تون وري ڪن ٿو ڀرينس ڇا؟“ هن هڪدم ڇڙٻ ڏيندي مون کان پڇيو.
    چيم، ”نه سائين. ڦندڻ جي ڪن ۾ مر ڀريل آهي، تنهن ڪري سندس ڪن ۾ ٻيو ڪجهه ڀري نه ٿو سگهجي.“
    ڦندڻ پڇيس، ”سائين، اوهين جيئندا قبلا، اسان بدبختن کان ڪهڙي سبب ناراض آهيو؟“
    ”ڪهڙي سبب ناراض آهيان!“ هن ڪاوڙ وچان چيو، ”مون اوهان کي پنهنجي جوانيءَ جو فوٽو ڏياري موڪليو هو، ۽ چوايو هو، ته منهنجي بيان سان گڏ هميشه منهنجي جوانيءَ وارو فوٽو شايع ڪندا ڪريو، پر اوهان ٻنهي منهنجي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي آهي، ۽ منهنجو موجوده، يعني پوڙهي وهيءَ وارو فوٽو شايع ڪيو آهي.“
    ڦندڻ ڪبندي ڪبندي پڇيس، ”اوهان ڪهڙي سلسلي ۾ بيان ڏنو هو، سائين؟“
    ”ڪتن ۽ رڇن واري ويڙهه ۾ مون رڇن جي طرفان بيان ڏنو هو.“ هن چيو، ”مون کي رڇن جي حمايت حاصل آهي، ۽ مان ايندڙ چونڊن ۾ رڇن جي سپورٽ تي بيهندس. ۽ منهن جو انتخابي نشان رڇ هوندو. توهين ٻئي ڊڄو ان ڏينهن کان، جڏهن مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندس، ۽ توهان ٻنهي کان بدلو وٺندس.“


    ڪافراڻو سوال

    ”اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا انسان ته ڏسي سگهندو آهي، پر الله تعاليٰ نه ڏسي سگهندو آهي؟“
    اسلام آباد ۾ ٻه يونيورسٽيون آهن.هڪ يونيورسٽيءَ جو نالو پيپلز اوپن يونيورسٽي آهي ۽ ٻيءَ يونيورسٽيءَ جو نالو اسلام آباد يونيورسٽي آهي. ٻنهي يونيورسٽين مان هڪ يونيورسٽيءَ جا ڪجهه پروفيسر ۽ ليڪچرار اسٽاف بس ۾ ويٺا هئا ۽ پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا.
    هڪڙي پروفيسر سڀني کي مخاطب ٿيندي پڇيو، ”ٻڌايو ته اها ڪهڙي شئي آهي، جيڪا انسان ته ڏسي سگهندو آهي، پر الله تعاليٰ نه ڏسي سگهندو آهي؟“
    هڪڙي ڄڻي ٺهه پهه چيو، ”اهو سراسر ناممڪن آهي، ته انسان جيڪي ڪجهه ڏسي، تنهن کي خدا نه ڏسي سگهي.“
    پهرين پروفيسر چيو، ”هڪڙي اهڙي شيءِ آهي جيڪا انسان ڏسي سگهندو آهي، پر خدا نه ڏسي سگهندو آهي.“
    ”الله تعاليٰ باطن ۽ ظاهر جو مالڪ ۽ خالق آهي. سڀ ڪجهه ڏسي سگهندو آهي.“ هڪڙي ليڪچرار چيو، ”تنهنجو سوال بي معنيٰ آهي.“
    ”منهنجو سوال بامعنيٰ آهي.“ پروفيسر چيو، ”توهين سوچيو ۽ پوءِ جواب ڏيو، ته اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا خدا نه ڏسي سگهندو آهي، پر انسان ڏسي سگهندو آهي.“
    سڀيئي ڄڻا سوچ ۾ پئجي ويا. ٻُچي ڏاڙهيءَ واري هڪ ليڪچرار چيو، ”پروفيسر، تون مون کي ڪميونسٽن جو ايجنٽ ٿو لڳين.“
    پروفيسر حيران ٿيو، پڇيائين، ”ڪيئن؟“
    ملان ليڪچرار وراڻيو، ”تو اهڙو سوال پڇيو آهي، جنهن جو ڪو جواب ڪونهي.“
    ”جواب آهي.“ پروفيسر چيو، ”تمام سولو جواب آهي.“
    ”تون اسان کي گمراهه ٿو ڪرين.“ ملان ليڪچرار چيو، ”الله تعاليٰ سمورن اسرارن کان واقف آهي ۽ سندن خالق ۽ مالڪ آهي. تنهن ڪري اهڙي ڪابه شيءِ ٿي نه ٿي سگهي جنهن کي الله تعاليٰ نه ڏسي سگهندو هجي.“
    ”هڪڙي اهڙي شيءِ آهي، جيڪا الله تعاليٰ نه ڏسي سگهندو آهي.“ پروفيسر نهايت ڏيرج سان چيو، ”توهين سوچيو. مون اهڙيءَ شيءِ جي باري ۾ سوال ڪيو آهي، جيڪا فقط انسان ڏسي سگهندو آهي.“
    بس ۾ خاموشي ڇانئجي ويئي. ٻاهريان آواز بس ۾ ڪاهي پيا. پروفيسر ۽ ليڪچرار سوچيندا رهيا. ملان ليڪچرار برداشت ڪري نه سگهيو. چيائين، ”هيءَ ملحد آهي، دهريو آهي، تڏهن ته اهڙو سوال پڇي پيو جنهن جو ڪو جواب ڪونهي.“
    ”ڪي ڪي سوال برابر لاجواب هوندا آهن.“ پروفيسر چيو، ”پر منهنجو سوال لاجواب نه آهي. منهنجي سوال جو تمام سولو جواب آهي. غور سان سوال ٻڌو ۽ جواب ڏيو. اها ڪهڙي شيءِ آهي، جيڪا انسان ڏسي سگهندو آهي، پر خدا نه ڏسي سگهندو آهي؟“
    ”هڪدم جواب ٻڌاءِ.“ ملان ليڪچرار ٻانهون کنجي بيهي رهيو. ”ورنه جنهم رسيد ڪندو مانءِ.“
    پروفيسر کليو، چيائين، ”الله تعاليٰ خواب ڏسي نه سگهندو آهي. خواب فقط انسان ڏسي سگهندو آهي.“
    ملان ليڪچرار ويهي رهيو ۽ ٻچي ڏاڙهي کنهڻ لڳو.


    ڳجهه جي ڳالهه

    هڪ شخص ڪنهن ڪاني ڪرامتن جي صاحب کي ٻاڏائيندي چيو، ”سائين، مون کي باطني ڪن عطا ڪر، ته جيئن مان ماڻهن جي اندر جا آواز ٻڌي سگهان.“
    ڪاني ڪرامتن جي صاحب کيس خوب سمجهايو ته، ٻچا، ان ضد تان لهي وڃ.
    اهو شخص ضد تان نه لٿو، ڪاني ڪرامتن جي صاحب آڏو ٻاڏائيندو رهيو، ”مون کي پنهنجي فيض مان هڪ جوڙي باطني ڪنن جي عطا ڪر، ته جيئن مان ٻين جي دلين جون ڳالهيون ٻڌي سگهان.“
    ڪاني ڪرامتن جو صاحب بيزار ٿيو. سوالي کي پنهنجي گنج مان هڪ جوڙي باطني ڪنن جي ڏيئي ڇڏيائين. سوالي ڏاڍو خوش ٿيو. خوشيءَ وچان جهمر هڻڻ لڳو، پوءِ هن نائون دفعو شادي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
    ان شخص جي عمر اسي سال هئي. هن کي ٽي زالون جيئريون جاڳنديون ويٺيون هيون. پنج زالون راهه رباني وٺي چڪيون هيون. هن، تنهن ڪري چئن زالن جو انگ پورو ڪرڻ لاءِ نائون دفعو شادي ڪرڻ جو پڪو فيصلو ڪيو، ۽ پوءِ، هن شادي ڪري ڇڏي ــ هڪ ارڙهن سالن جي ننڍي نيٽي نينگريءَ سان!
    شاديءَ رات هن ڏاڙهي، مڇن ۽ مٿي جي کٿل وارن کي خظاب سان ڪارو ڀنور ڪري ڇڏيو. هڪڙي چيني دندان ساز کان ڏندن جي ٻٽهي وجهائي آيو. پنهنجن پٽن، پوٽن پر پوٽن ۽ ڏوهٽن جي موجودگيءَ ۾ اهڙو تيار ٿيو، ڄڻ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو شادي ڪري رهيو هو.
    نڪاح ٿي ويو. رسم رواج ۽ ساٺ سنوڻ به پورا ٿي ويا ۽ پوءِ اها مردن واري گهڙي آئي، جڏهن اسي سالن جو پوڙهو، پنهنجي ارڙهن سالن جي ڪنوار جي ڪمري ۾ داخل ٿيو.
    ڪنوار ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي.
    پوڙهي گهوٽ پنهنجي باطني ڪنن سان ڪنوار جي اندر جو آواز ٻڌي ورتو، ”اچي ويو مئو پوڙهو ٻڪر.“
    پوڙهي کان ڇرڪ نڪري ويو.
    هن ٻيهر پنهنجن باطني ڪنن سان ٻڌو، ”مئي کي شرم به نٿو اچي! مون کان وڏي عمر جون ڌيئرون اٿس. مون جيتريون پوٽيون ۽ ڏوهٽيون اٿس. پر موئي مردود کي ڪوبه حياءُ ڪونهي. ٺهي، ٺڪي گهوٽ ٿي مون وٽ آيو آهي مردود.“
    پوڙهو توائي ٿي ويو.
    پوءِ هن ٻيهر ڪنوار جي اندر جو آواز ٻڌو، ”مئو طرحين طرحين جي بيمارين ۾ ورتل آهي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مري ويندو ۽ مون کي جواني ۾ ڏوهاڳڻ ڪري ويندو.“
    پوڙهي جون وايون بتال ٿي ويون. پنهنجي باطني ڪنن سان ٻڌائين، ”جمال، مون کي بيوفا نه سمجهجانءِ. هيءُ پوڙهو ٻڪر فقط منهنجو جسم حاصل ڪري سگهيو آهي، منهنجو روح تنهنجو آهي. منهنجا خواب تنهنجا آهن. منهنجي ذهن جي هڪ هڪ ساعت تنهنجي آهي.“
    پوڙهو باطني ڪنن سان وڌيڪ ڪجهه ٻڌي نه سگهيو. بي پناهه غيرت ۾ اچي ويو. هن ڪهاڙي کڻي، ڪنڌ جهڪايل ۽ خاموش ويٺل ننڍي نيٽي ڪنوار جو ڪنڌ لاهي ڇڏيو. خدا جي خلق کي فخر سان ٻڌايائين ته ڪاري هئي.


    روانگي

    ماڻهو دلبر هو، دلبر به اهڙو، ڄڻ ڪنهن عاشق جي دل! سنڌ وانگر سٻاجهو! ويجهو ويهبس، ته منجهانئس سنڌ جي سڳنڌ پئي ايندي. خوامخواهه پيو وڻي. چئجي ته، بس ويٺو ڳالهائجيس.
    چيائين، ”مان وڃان ٿو.“
    مون کان ڇرڪ نڪري ويو، پڇيومانس، ”ايترو جلدي؟“
    جواب ڏنائين، ”ها، هاڻي هتي نه رهبو. وڃبو.“
    ”وڃبو!“ مون ڏانهس ڏٺو. الاءِ ڇو مون کي بيحد اداس نظر آيو. چيم، ”هينئر ته اسان وٽ آيو آهين! هينئر ته هتي پهتو آهين! وري ايترو جلد موٽي پيو وڃين. ڇو؟“
    ٿڌو ساهه کنيائين، منهنجي سوال جو جواب ڏنائين. چيائين، ”اياز جي هڪ وائيءَ جي هڪ سٽ مون کي دل تي تري آئي آهي.“
    پڇيم، ”ڪهڙي؟“
    اهڙو وياڪل ٿي ويو، ڄڻ سرءُ جي شام ۾ ڪنهن ٽاريءَ کان ٽٽل پن هو! پوءِ، جهلي جهلي اياز جي هڪ وائيءَ جي سٽ ورجايائين.
    ”ڀونءِ نه آئي ڀانءِ، الا مان اُڏري ويندو سانءِ.“
    منهنجي هانوءَ ۾ هٿ پيو.
    ”تون اُڏري ويندين! تون هليو ويندين!“ مون سندس ڪلهي تي هٿ رکندي چيو، ”پنهنجن دوستن، سنگتين ساٿين کي ڇڏي هليو ويندين!“
    ”ها، اسان سفر جو سانباهو ڪري ڇڏيو آهي.“ پولار ڏانهن ڏسندي چيائين، ”پنڌ پراهون آهي. راهه اڻاگي آهي. منزل ڏور، ۽ من تنها آهي. تنهن ڪري سويل ڀريو سفر تي روانو ٿيبو.“
    منهنجين اکين ۾ پاڻي تري آيو. پڇيو مانس، ”ڏکن واري ڏيهه ۾ دل نه لڳي اٿئي ڇا؟“
    هن جواب نه ڏنو.
    ماٺ ميٺ ۾ سفر تي رواني ٿي ويو.
    عبدالحق عالماڻي، منهنجو دوست، منهنجو سنگتي، منهنجو ساٿي گذاري ويو. هو نه ترسيو، هو هليو ويو.
    اڄ اياز جي هڪ گيت جا ڪجهه بند منهنجيءَ دل جي بيابان ۾ پڙلاءَ ڪري رهيا آهن.
    ”اڄ دور ويا، ڪلهه ڀرسان ها،
    گهنگهور گهٽا ٿي ترسان ها،
    مان سارا چارا ميٽيان ها،
    مان بادل بڻجي برسان ها،
    روئڻ سان رهن ها جي سپرين،
    مان نيڻن نير نه روڪيان ها.“


    فائيل، جيڪي بند نه ٿيندا آهن

    14 آگسٽ تي موڪل هئي. ڦندڻ ۽ مان سڄو ڏينهن ڪراچيءَ جي رستن تي رلندا رهياسين، ۽ ڪهاڻين لاءِ مواد گڏ ڪندا رهياسين. ميونسپل ڪارپوريشن جا رستا جڏهن گسائيندي گسائيندي ٿڪجي پياسين، تڏهن سمر سيٽ اسٽريٽ جي هڪ ٻاڪڙا هوٽل ۾ چانهن پيئڻ ۽ دم پٽڻ لاءِ وڃي ويٺاسين.
    ڪڙڪ، ڪوڙي ۽ ٽهڪندڙ چانهه جون سرڪيون ڀريندي ڦندڻ چيو، ”سامهون ڀت تي فلم ”برباد جوانيءَ“ جو پوسٽر ڏسين ٿو؟“
    پوسٽر ڏانهن ڏسندي، چيم، ”سٺو پوسٽر آهي، ولين اصل ۾ هيرو کان وڌيڪ هينڊسم آهي.“
    ڦندڻ پڇيو، ”پوسٽر جي پاسي ۾ رکيل ڪرسيءَ تي ٻه شخص ڏسين ٿو؟“
    چيم، ”اتي ٻه ڪرسيون رکيون آهن، ۽ ٻنهي ڪرسين تي ٻه شخص ويٺا آهن. تون ڪهڙي شخص جي باري ۾ پيو پڇين؟“
    وراڻيائين، ”مان ٺوڙهي پوڙهي جي باري ۾ پيو پڇان.“
    ”هن ۾ ڪهڙي خوبي آهي؟“
    ”هيءُ ساڳيو شخص آهي، جنهن ڪالهه اسان جو پريس کان چاڪيواڙي تائين پيڇو ڪيو هو.“
    ”هيءُ ڪير آهي؟“ مون ٺوڙهي پوڙهي ڏانهن ڏسندي چيو، ”مان سمجهان ٿو، ٽيون ڏينهن جنهن شخص اسان جو ٽيڪسيءَ ۾ پيڇو ڪيو هو، سوهيءُ شخص ئي هو، مون کي پڪ آهي.“
    ڦندڻ چيو، ”مان سمجهان ٿو، هيءَ فرشتو آهي.“
    اسان کي پاڻ ۾ سڙٻاٽ ڪندي ڏسي، ٺوڙهو پوڙهو ڪرسيءَ تان اٿي، اسان جي پاسي ۾ اچي ويٺو. هو سپتيو ماڻهو هو. هڪدم پنهنجي واقفيت ڪرايائين. اسان کان ڪجهه نه لڪايائين. اسان جو شڪ سچو ثابت ٿيو. هو سچ پچ فرشتو هو.
    اسان فرشتو ان شخص کي سڏيندا آهيون، جيڪو ٻين شهرين ۾ ڏوهه، گناهه، سازشون ۽ تحريڪون تلاش ڪندو رهندو آهي، پر پاڻ انهيءَ ڳالهين کان مٿاهون هوندو آهي. سندس کاتي جو ڪوبه ملازم الزام هيٺ نه ايندو آهي. سندس کاتي کي اسين فرشتن جو کاتو سڏيندا آهيون. ڦندڻ، فرشتي کان پڇيو، ”تون اسان ٻنهي جي ڪڍ لڳي پنهنجو وقت برباد ڇو پيو ڪرين؟“
    فرشتي جواب ڏنو، ”سڀ کان اول ته مون کي خانه پوريءَ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن شخص جو پيڇو ضرور ڪرڻو آهي. ان ڪم لاءِ مون اوهان ٻنهي کي چونڊيو آهي. اوهان ٻنهي جا اسان جي کاتي ۾ فائيل کلي ويا آهن.“
    ”فائيل کلي ويا آهن!“ مون حيرت وچان پڇيو، ”آخر ڇو؟“
    وراڻيائين، ”ڇو جو اوهين ٻئي ڪميونسٽ آهيو.“
    ڦندڻ کانئس پڇيو، ”تو وٽ ڪهڙو ثبوت آهي، ته اسين ٻئي ڪميونيسٽ آهيون؟“
    ”مون وٽ تمام پڪو ثبوت آهي.“ ٺوڙهي پوڙهي چيو، ”اوهين ٻئي وڏيرن جي سخت خلاف آهيو. ٻيو، ته اوهين ڪولهين جا همدرد آهيو. بلڪه ڪولهين جو پاسو کڻي، اوهين طبقاتي نفرت پکيڙي رهيا آهيو.“
    پڇيو مانس، ”ته پوءِ ڪڏهن ٿو اسان کي جنت جو سير ڪرائين.“
    جواب ڏنائين، ”خانه پوريءَ لاءِ مان ڪجهه ڏينهن وڌيڪ اوهان جو پيڇو ڪندس. پوءِ، اوهان کي ٺڪاڻي لڳائڻ لاءِ پنهنجي کاتي کي رپورٽ ڏيندس.“ اسان کي ٺڪاڻي لڳائڻ کان اڳ فرشتي کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيو. پر اسان خلاف کولايل فائيل اڄ تائين کليل آهي.


    خوفناڪ بيماري

    هڪ شخص پنهنجي نوجوان پٽ کي رسين سان ٻڌي، جڪڙي قابو ڪري کنڀي کڻائي آيو هڪ ڊاڪٽر وٽ!
    ڊاڪٽر حيران ٿي ويو. ڪجهه دير تائين ان شخص ۽ سندس جڪڙيل پٽ ڏانهن ڏسندو رهيو. مريضن جي پيهه سبب ڊاڪٽر ان شخص سان وڌيڪ ته ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو، فقط ايترو چئي سگهيو ته مان چرين جو ڊاڪٽر نه آهيان.
    ”منهنجو پٽ چريو ناهي، ڊاڪٽر.“ ان شخص چيو، ”منهنجي پٽ کي موتمار مرض لڳي ويو آهي.“
    ڊاڪٽر غور سان نوجوان ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ ان شخص کان پڇيو، ”ڪو عشق ٻشق، يا محبت ٻحبت جو چڪر ته ناهي؟“
    ”نه ڊاڪٽر.“ ان شخص وراڻيو،“ مرض نهايت خطرناڪ آهي، جنهن کي ادبي ٻوليءَ ۾ مهلڪ مرض سڏيندا آهن.“
    ”ڏسڻ ۾ ته صحتمند ٿو اچي!“ ڊاڪٽر پڇيو، ”سلهه ته ڪونهيس؟“
    ”سلهه هجيس ها ته مان جيڪر فڪرمند نه ٿيان ها!“ ان شخص ٻين مريضن ڏانهن ڏسندي، ڏاڍيءَ رازداريءَ واري نوع ۾ چيو، ”مان خدا جي خلق آڏو پنهنجي پٽ جي مرض جو ذڪر ڪري، پنهنجي پٽ کي بدنام نه ڪندس. بس، ايترو چوڻ ڪافي سمجهو، ته منهنجو پٽ نهايت ئي خطرناڪ قسم جي مرض ۾ گرفتار آهي. الله شل رحم ڪري!“
    ”بس بس مان سمجهي ويو آهيان. اڪثر نوجوان غلطيون ڪري وجهندا آهن ۽ پوءِ اهڙن مهلڪ مرضن ۾ وٺي ويندا آهن.“ ڊاڪٽر چيو، ”توهين فڪر نه ڪريو. مان ٻين مريضن مان واندو ٿي سمورو احوال وٺي ڪا موثر دوا ۽ سيون لکي ٿو ڏيان.“
    ڊاڪٽر ڪجهه دير کان پوءِ واندو ٿيو. ان شخص ۽ نوجوان وٽ اچي بيٺو. نوجوان ڏانهن ڏسندي سندس پوڙهي پيءُ کي چيائين، ”هاڻي سمورو احوال ڏيو.“
    ان شخص هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي پڇيو، ”ٻيو ڪو مريض يا توهان جو ڪمپائونڊر ٻڌي ته نه وٺندو؟“
    ”ان ۾ لڪائڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي!“ ڊاڪٽر چيو، ”اهڙين بيمارين جا مريض اڪثر مون وٽ ۽ ٻين ڊاڪٽرن وٽ ايندا رهندا آهن.“
    ”اڇا!“ پوڙهو شخص حيران ٿي ويو، پڇيائين، ”ته ڇا اهو مرض ايڏو، عام ٿي ويو آهي؟“
    ”اگهاڙين فلمن، فحش ڪتابن ۽ رسالن ۽ ننگين تصويرن جا اگرا نتيجا نه نڪرندا، ته ڇا ڪي چڱا نتيجا نڪرندا!“ ڊاڪٽر چيو، ”سمورو معاشرو جنسي هيجان ۾ مبتلا آهي.“
    ”نه نه. اها ڳالهه ناهي.“ پوڙهي هڪدم چيو، ”منهنجو پٽ ڪنهن اهڙيءَ بيماريءَ ۾ ورتل ناهي. پر، ان کان به وڌيڪ خوفناڪ، خطرناڪ ۽ ڀوائتيءَ بيماريءَ ۾ وٺجي ويو آهي.“
    ڊاڪٽر اچرج وچان پڇيو، ”تنهنجي پٽ کي ڇا ٿيو آهي؟“
    پوڙهي شخص وراڻيو، ”منهنجي پٽ سوچڻ شروع ڪيو آهي!“


    اڄ جا افلاطون، سقراط ۽ ارسطو

    هڪڙي ڏينهن مون افلاطون کي چؤسول وٽ قلفي کائيندي ڏٺو. مان ڏاڍو حيران ٿيس. سندس پاسي ۾ وڃي بيٺس. کانئس پڇيم، ”تون افلاطون آهين؟“
    وات مان ڪلفي ڪڍي جواب ڏنائين، ”ها، مان افلاطون آهيان.“
    ”ڪمال آهي!“ چيم، ”تون افلاطون آهين، پر تنهن هوندي به قلفي کائي رهيو آهين!“
    ”ڇو؟“ افلاطون ڪلفي کائيندي پڇيو، ”مون کي وات ڪونهي ڇا؟“
    ”نه، نه. اها ڳالهه ڪونهي.“ ڪجهه تجسس، ۽ ڪجهه حيرت وچان چيم، ”بس، ڪجهه عجيب پيو لڳي.“
    پڇيائين، ”ڇا عجيب پيو لڳيئي؟“
    وراڻيم، ”تنهنجو قلفي کائڻ.“
    ”سامهون بيٺل ڏاڙهيءَ واري شخص کي ڏسين ٿو؟“ افلاطون هڪ ٿلهي، ۽ ڀوائتي شڪل واري شخص ڏانهن اشارو ڪندي مون کان پڇيو، ”ڏسينس پيو نه؟“
    مون ان شخص ڏانهن غور سان ڏٺو. هو ڇولا کائي رهيو هو. چيم، ”ها. ڏسانس پيو. هو ڇولا کائي رهيو آهي.“
    پڇيائين، ”سڃاڻينس ٿو؟“
    جواب ڏنم، ”نه.“
    افلاطون چيو، ”هو سقراط آهي.“
    ”هو سقراط آهي!“ مون کان ڇرڪ نڪري ويو. چيم، ”هو شخص، جيڪو ڇولا کائي رهيو آهي، سو شخص اصل ۾ سقراط آهي؟“
    ”ها. هو اصل ۾ سقراط آهي.“ افلاطون چيو، ”اڄڪلهه سقراط توکي فقط ڇولا کائيندي نظر ايندو.“
    افلاطون کي اُتيئي ڇڏي، مان سقراط ڏانهن وڌي ويس. وڃي سندس پاسي کان بيٺس.کانئس پڇيم، ”تون سچو پچو سقراط آهين ڇا؟“
    سقراط ڇولا کائيندي مون کان پڇيو، ”توکي ڪنهن ٻڌايو ته مان سقراط آهيان؟“
    ”سامهون وڻ هيٺان جيڪو شخص قلفي کائي رهيو آهي، سو افلاطون آهي.“ افلاطون ڏانهن اشارو ڪندي چيم، ”هن مون کي ٻڌايو آهي ته تون سقراط آهين.“
    ”برابر، مان سقراط آهيان.“ سقراط موٽ ۾ افلاطون ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”پر، جنهن شخص کي تون افلاطون سمجهي ويٺو آهين، سو شخص اصل ۾ افلاطون ناهي. وڏو فراڊ آهي.“
    ”ڇا!“ مون حيرت مان سقراط کان پڇيو. ”هو شخص، جيڪو قلفي کائي رهيو آهي. سو افلاطون ناهي؟“
    ”هرگز نه. هو ڪوڙو آهي. بوگس، يعني جڙتو افلاطون آهي.“ سقراط چيو، ”منهنجيءَ ڳالهه تي اعتبار نه اچي ئي ته پوءِ وڃي ارسطوءَ کان پڪ ڪري اچ.“
    سقراط کان پڇيم، ”ارسطو ڪٿي آهي؟“
    ڪجهه ماڻهن جي انبوهه ڏانهن اشارو ڪندي چيائين، ”ان انبوهه ۾ ٽه ــ پتائين وٽ ارسطو قسمت آزمائي رهيو آهي.“
    مان وڌي وڃي انبوهه وٽ بيٺس. ارسطو ٽه ــ پتائين جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، ۽ کانئن رقم ڦري اٿي بيٺو.
    مون کانئس پڇيو، ”ڇا تون ارسطو آهين؟“
    هن سقراط ڏانهن اشارو ڪندي چيو، ”ان درياهي گهوڙي جيڪڏهن ٻڌايو اٿئي ته مان ارسطو آهيان، ته پوءِ يقين ڪر ته مان اصلي ارسطو آهيان. پر اهو شخص، جيڪو ڇولا کائي رهيو آهي، سو اصل ۾ سقراط ناهي.“
    ”اڇا!“ حيران ٿيندي چيم، ”هو شخص، جيڪو ڇولا کائي رهيو آهي. سو اصل ۾ سقراط ناهي؟“
    ”نه.“ ارسطوءَ چيو، ”هو جڙتو سقراط آهي.“
    ٽه ــ پتائين جي سردار ارسطوءَ کي اچي ڪنڌ کان ورتو.
    مون سردار کي چيو، ”اڙي اڙي! ڇا پيو ڪرين. ارسطوءَ کي ڪنڌ کان ٿو وٺين! وڏو ڪو واهيات آهين.“
    ”هن کي تون ارسطو ٿو سمجهين!“ ٽه ــ پتائين جي سردار چيو، ”هيءَ ڪراچيءَ جو مشهور ٽي ــ پتائي استاد تگڙم آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن اسان سان به هيرا ڦيري ڪري ويندو آهي.“


    مالڪ تون درد ڪٽيندين

    ڦندڻ جي ٽنگن ۾ سخت سور ٿي پيو آهي. مُرن وٽ سوڄ ٿي وئي اٿس. اسان وارو عامل ڪامل صحافي دوست اڄڪلهه مزي ۾ ڪونهي.
    ڌنو، فدا حسين ڦودنو، ۽ مان کيس پڇڻ وياسين.
    ڦندڻ جي ڪمري مان ڇت وارو پکو غائب هو، ۽ پکي واري ڪنڍي مان هڪ رسي لٽڪي رهي هئي. ڦندڻ پنهنجا پير رسيءَ سان ٻڌي، ڪجهه مٿڀرا ڪري ڇڏيا هئا. سندس باقي بدن کٽ تي پيو هو.
    هن اسان کي کيکاريو.
    ڌني چيس، ”ان رسيءَ ۾ جيڪڏهن پيرن بدران پنهنجو ڪنڌ ٻڌي، ۽ رسي ڪجهه مٿي ڪري ڇڏين ته جيڪر سمورن دردن کان ڇٽي پوين ها.“
    ڦندڻ کلڻ جي ڪوشش ڪئي.
    ڦودني چيس، ”کلڻ جي ڪوشش نه ڪر، اصل ناڪام سياستدان ٿو لڳين.“
    مون ڦندڻ کي چيو، ”تو سڄي عمر ٻين جي معاملي ۾ ٽنگ اڙائي آهي. هينئر نتيجو پيو ڀوڳين.“
    ڌني چيو، ”شڪر ڪريو جو ڦندڻ ٻين جي معاملي ۾ فقط ٽنگ اڙائي آهي، ۽ هينئر ٽنگن جي مرض ۾ وٺي ويو آهي! بدبخت، جيڪڏهن ٻين جي معاملي ۾ ڪنڌ اڙائي ها، ته جيڪر ڪنڌ وڃائي ويهي ها!“
    ڦندڻ چيو، ”مون کي مُرن ۽ پيرن تي سوڄ ٿي پيئي آهي، تنهن ڪري ٽنگون رسيءَ ۾ ٻڌي ڇڪي مٿي ڪري ڇڏيون اٿم.“
    ڦودني چيو، ”مان سمجهان ٿو، ڦندڻ پيار ۾ ڪو غلط قدم کنيو آهي، تنهن ڪري پيرن جي سزا ڀوڳي رهيو آهي.“
    ڌڻي بخش ڌني چيو، ”ڦندڻ هميشه غلط قدم کنيو آهي، تنهن ڪري هو غلط قدم کڻڻ جو هيراڪ آهي. مان سمجهان ٿو، ڦندڻ زندگيءَ ۾ پهريون دفعو صحيح قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، تنهن ڪري هينئر نتيجو لوڙهي رهيو آهي.“
    مون کي ڦندڻ جي حال تي رحم آيو. هو آهستي آهستي ماسٽر چندر جو ڳايل ڪلام جهونگاري رهيو هو، ”مالڪ تون درد ڪٽيندين، ڪين ڇڏيندين، هر حال ۾ رانول رهبر ٿيندين.“
    مون ڦندڻ کي چيو، ”دل نه لاهه، تون جلد چاڪ چڱو ڀلو ٿي ويندين، ۽ وري ماڻهن جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي ڪوشش ڪندين.“
    ڦندڻ پاڻ کي ٺونٺين تي مٿي ڪندي چيو، ”مون کي ناز بوءِ آڻي ڏيو.“
    ”اي ٺهيو ٺهيو، ديسي فلاسافر!“ فدا حسين ڦودني ڇڙٻ ڪڍندي چيس، ”تون سولائي سان مرڻ جو ناهين. تون خدا جي اڌ خلق کي پنهنجي وجود سان بور ڪري مارڻ کان پوءِ وڃي ڪو مرندين! في الحال تنهنجي مرڻ جو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي.“
    ”ته پوءِ هلو، ته توهان کي آزاد پنڇي هوٽل جي ڪڙڪ گولي مار چانهه هلي پيئاريان.“ ڦندڻ پنهنجا پير رسيءَ مان ڪڍي ڇڏيا.


    ميڊم جي ٻلي

    ڪجهه ڏينهن کان مون کيس پريشان پئي ڏٺو.
    هڪڙي ڏينهن پڇيو مانس، ”ميڊم، خيريت ته آهي نه؟“
    جواب ڏنائين، ”ها، مڙيئي خيريت آهي.“
    چيم، ”پريشان پيئي ڏسجين.“
    مرڻينگ آواز ۾ چيائين، ”بس، ائين ئي.“
    سوچيم، شايد موسم جو اثر آهي. ڪجهه ماڻهو حالتن پٽاندر ٽڙندا آهن ۽ حالتن پٽاندر ڪومائجي ويندا آهن. خزائون ڪجهه ماڻهن کي ٽارين کان پٽي ڌار ڪري ڇڏينديون آهن.
    هوءَ سياست ۾ تمام گهري دلچسپي وٺندي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هوءَ سياست کان ”چُورن“ جو ڪم وٺندي آهي. اطلاع لاءِ عرض آهي ته ”چُورن“ هڪ قسم جي ڦڪي ٿيندي آهي. ماني هضم ڪرڻ لاءِ، اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان پاڪستانين جا هاضمه نهايت تيز هوندا آهن ۽ اسين لوهه، سيمنٽ، ڪانڪريٽ، فرنيچر، پيسي ۽ روڪڙن ڏوڪڙن کان سواءِ وڏا وڏا ڪوڙ هضم ڪري سگهندا آهيون. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته ميڊم سياست کان سوئيٽ ڊش جو ڪم وٺندي آهي. پاڪستان ۾ گهڻا ماڻهو مانيءَ کان پوءِ سوئيٽ ڊش کائي سگهندا آهن! ان سوال سان اسان جو بحث نه آهي. سياسي ڏاهن جو ارشاد آهي ته اها سڀ نصيب جي ڳالهه آهي. هوند اڻ هوند قسمت جو کيل آهي! بهرحال، پاڪستان ۾ جيڪي ماڻهو سوئيٽ ڊش کائيندا آهن، سي گهڻو ڪري انهن ڪروڙين ماڻهن لاءِ فڪرمند رهندا آهن، جيڪي مانيءَ کان پوءِ سوئيٽ ڊش کائي نه سگهندا آهن.
    پاڪستاني سياست تي ڳالهائيندي، ميڊم ويهارو کن ملڪن جا حوالا ڏيئي ويندي آهي. انهن ملڪن ۾ اشتراڪي ملڪ شامل هوندا آهن، ته سامراجي ملڪ به شامل هوندا آهن. کيس ڪامل يقين آهي ته سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي مدد ۽ مرضيءَ کان سواءِ ڪنهن به ملڪ ۾ اشتراڪي نظام قائم ڪري نٿو سگهجي! سياسي لاهن چاڙهن سبب هوءَ ڪم گهٽ ڪندي آهي ۽ ڳالهائيندي گهڻو آهي. هن پنهنجي زندگيءَ جا پورا پنج سال سنڌ ۾ به گذاريا آهن. سنڌ ۾ پنجن سالن جي قيام ۽ طعام دوران هن سنڌي زبان جا پنج نهايت ڪارآمد، لفظ سکيا آهن، اهي پنج لفظ آهن، ماني، کٽ، ننڊ، لٺ ۽ خميسو، سنڌ ۾ قيام ۽ طعام دوران سنڌ جي معزز چرڀنڊين سان سندس ڪٽنب جي ڏيٺ ويٺ ٿي پيئي، جيڪا اڃا تائين هلندي اچي. هن لاءِ سنڌ ۽ سنڌين کي پرکڻ، ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ چرڀنڊين جو پئمانو آهي. سندس معصوم خيال مطابق سنڌ جا ماڻهو ٻڌي ليکي چرڀنڊي آهن! بهرحال، ميڊم دل جي صاف، نيت جي سچي، طبيعت جي سپيتي ۽ بيحد ذهين آهي. جيتوڻيڪ آسائش ۾ زندگي بسر ڪندي آهي پر ڳالهيون انهن جون ڪندي آهي، جيڪي آسائش کان محروم آهن.
    کيس پريشان ڏٺم، ته کانئس پڇيم، ”ائين ته ناهي ميڊم جو ٽيليويزن تان مزاحيه پروگرام ڏسڻ کان پوءِ کلڻ جي ڪوشش ڪندي پريشان ٿي پيئي آهين!“
    جواب ڏنائين، ”اهڙي ڪابه ڳالهه ڪونهي.“
    پڇيو مانس، ”سوشلزم جي تشريح ۾ ڪو بنيادي فرق ته پيدا نه ٿي پيو آهي!“
    وراڻيائين، ”نه“
    پڇيم، ”ته پوءِ، تنهنجي پريشانيءَ جو سبب ڪهڙو آهي؟“
    ٿڌو ساهه کڻندي چيائين، ”منهنجي ٻلي بيمار آهي.“
    ”بدهاضمي جي شڪايت ته نه اٿس؟“
    ”نه.“
    ”مٿي ۾ سور ته نه ٿو رهيس؟“
    ”نه“
    ”زڪام ته نه ٿي پيو اٿس؟
    ”زڪام فقط ڏيڏريءَ کي ٿيندو آهي.“
    تعجب ۾ پئجي ويس. ميڊم جي سياسي ٻليءَ کي آخر ڪهڙو مرض لڳي سگهي ٿو! پڇيو مانس،“ تنهنجي ٻليءَ اخبارن مان غريب ۽ مخلص نمائندن جي ملڪيتن جا انگ اکر ته نه پڙهي ورتا آهن!“
    ميڊم چيو، ”منهنجي ٻليءَ دولتانن، ٽوانن، نونن، نوابزادن، ڪالا باغن ۽ سردارن ۽ خانن جي ملڪيت جا انگ اکر ورهيه ٿيا جو ڏسي ورتا هئا. ان کان پوءِ منهنجي ٻليءَ کي باقي بچيل نمائندا مفلس ۽ ڪنگال محسوس ٿيندا آهن.“
    پڇيم، ”تنهنجي ٻليءَ ڪنهن اديب يا شاعر سان محبت ته نه ڪئي آهي.“
    جواب ڏنائين، ”منهنجي ٻلي فقط ”خانم ڪا دستر خوان.“ پڙهندي آهي.“
    پڇيم، ”ته پوءِ تنهنجي ٻليءَ کي ڪهڙي تڪليف آهي! ڪٿي ڪاسائي ۽ ڇڇڙن جي چڪر ۾ ته نه پئجي ويئي آهي!“
    ميڊم روئڻهارڪي آواز ۾ چيو، ”منهنجي ٻليءَ کي هڪ ڪوئي سان عشق ٿي پيو آهي.“


    فيلسوف ۽ گڏهه

    هڪڙو گڏهه هڪ فيلسوف سان ملڻ ويو. ان وقت اهو فيلسوف هڪ صوف کائي رهيو هو ۽ جديد سياست ۾ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جي طريقن تي سوچي رهيو هو.
    فيلسوف کان گڏهه پڇيو، ”ماڻهو گڏهه تي سواري ڇونه ڪندا آهن.“
    فيلسوف وراڻيو، ”ڇو جو ماڻهو گهوڙي تي سواري ڪندا آهن.“
    گڏهه وائڙو ٿي ويو. پڇيائين، ”ماڻهو ڀلا گهوڙي تي سواري ڇو ڪندا آهن؟“
    فيلسوف جواب ڏنو، ڇو جو ماڻهو گڏهه تي سواري نه ڪندا آهن.“
    گڏهه بدران ٻيو ڪو جانور هجي ها، ته فيلسوف جا جواب ٻڌي هوند ڀڄي وڃي ها! گڏهه نٺر هو، بيهي رهيو.
    فيلسوف کانئس پڇيو، ”ڇو بيٺو آهين؟“
    گڏهه وراڻيو، ”ڇو جو هلان نٿو.“
    فيلسوف وائڙو ٿي ويو. گڏهه کان پڇيائين، ”۽ هلين ڇو نه ٿو؟“
    گڏهه جواب ڏنو، ”ڇو جو بيٺو آهيان.“
    گڏهه جو جواب ٻڌي فيلسوف خوش ٿيو. گڏهه جي پٺي ٺپيندين چيائين، ”تون نهايت ذهين گڏهه آهين.“
    ”ذهين هجان ها، ته پوءِ تو وٽ ڇو اچان ها!“ گڏهه چيو، ”مان توکان ڪجهه مونجهارن بابت سمجهاڻي وٺڻ آيو آهيان.“
    ”پڇ، ڇا ٿو پڇين.“ فيلسوف سوال ٻڌڻ لاءِ تيار ٿي ويٺو.
    فيلسوف کان گڏهه پڇيو، ”نيپولين بونا پارٽ جيڪڏهن گهوڙي بدران گڏهه تي سواري ڪري ها، ته ڇا ٿئي ها؟“
    ”هو جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن کي به نظر نه اچي ها.“ فيلسوف چيو، ”نيپولين بيحد بندرو هيو.“
    گڏهه هڪدم چيو، ”ان جو مطلب آهي، ته نيپولين بذات خود ڪجهه به نه هو. هو جيڪي ڪجهه به هو. پنهنجي گهوڙي جي نسبت سان هيو!“
    ”گهوڙي دنيا جي تاريخ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.“ فيلسوف چيو، ”دنيا جا بيشمار ڊينڊا ۽ بندرا شخص گهوڙي تي سواري ڪرڻ سبب اجايو قداور ٿي پيا.“
    گڏهه خوش ٿيو، هو فيلسوف کي پنهنجو همدرد سمجهڻ لڳو. هن فيلسوف کان پڇيو، ”ڪو چور چوري ڪندي جڏهن پڪڙجي پوندو آهي، تڏهن چور جو دانگيءَ سان منهن ڪارو ڪري، کيس گڏهه تي ويهاري جلوس ڇو ڪڍندا آهن؟ کيس ٻئي ڪنهن جانور تي ڇو نه ويهاريندا آهن؟“
    ”اهو گڏهن سان سراسر ظلم آهي.“ فيلسوف چيو، ”مون کي توهان سان همدردي آهي.“
    ”مهرباني فيلسوف.“ گڏهه فخر وچان چيو، ”خبر اٿئي ته تاج محل لاءِ سنگ مرمر گڏهن تي کڻائي آيا هئا.“
    ”ڀليل آهين.“ فيلسوف وراڻيو، ”تاج محل ٺاهڻ لاءِ سنگ مرمر خچرن تي کڻائي آڻيندا هئا.“
    گڏهه مايوس ٿي پيو. فيلسوف صوف کائڻ لڳو ۽ جديد سياست ۾ ماڻهن کي بيوقوف بنائڻ جي طريقن متعلق سوچڻ لڳو.
    ڪجهه دير کان پوءِ گڏهه تي نگاهه پيس.
    پڇيائينس، ”وڃين ڇونه ٿو؟“
    گڏهه وراڻيو، ”وڃڻ لاءِ هلڻ ضروري آهي.“
    فيلسوف وائڙو ٿي پيو، پڇيائينس، ”ته پوءِ هلين ڇونه ٿو؟“
    ”ڇو جو سوچيان پيو.“ گڏهه چيو، ”اسين گڏهه جڏهن سوچيندا آهيون، تڏهن هلندا ناهيون. بيهي رهندا آهيون.“
    فيلسوف پڇيو، ”ڇا پيو سوچين؟“
    گڏهه کليو، چيائين، ”مون کي هڪ صوف کائڻ لاءِ ڏي. پوءِ ٻڌائيندو مانءِ ته مان ڇو سوچي رهيو آهيان.“
    فيلسوف گڏهه کي کائڻ لاءِ صوف ڏنو.
    صوف کائڻ کان پوءِ گڏهه چيو، ”مان سوچي رهيو آهيان ته اسين گڏهه جيڪڏهن نه هجئون ها ته پوءِ خچر ڪيئن پيدا ٿين ها؟“


    ڦندڻ جو پرابلم

    ٽيليفون جي گهنٽي وڳي.
    ڦندڻ مون ڏانهن ڏٺو. مون ڦندڻ ڏانهن ڏٺو. ڦندڻ چيو، ”مان سمجهان ٿو، تنهنجي ڪنهن قاتل جي فون آهي.“
    ”ڇو ٿو لنوائين!“ چيم، ”تنهنجي ڪنهن مائٽ جي فون هوندي. وڃي منهن ڏينس.“
    ”نه بابا.“ ڦندڻ مون کي هٿ ٻڌندي چيو، ”مان جن، ڀوت ۽ راڪاس، ۽ سي آءِ ڊيءَ وارن سان ته ڳالهائي سگهان ٿو، پر پنهنجي مائٽ سان هرگز ڳالهائي نه سگهندس.“
    ڦندڻ پنهنجي ڪرسيءَ تان اُٿي مون وٽ آيو. نماڻو منهن ٺاهيندي چيائين، ”منهنجي مدد ڪر.“
    مون کي ڦندڻ تي قياس آيو، ڦندڻ جي شادي ٿيل ناهي، سندس مائٽن جي مرضي آهي، ته ڦندڻ جلد کان جلد شادي ڪري، ۽ ٻارن ڄڻڻ جو سلسلو شروع ڪري، ته جيئن خاندان جو نالو روشن رهي. پر، اسان جو عامل ڪامل صحافي دوست ڦندڻ شاديءَ لاءِ تيار ناهي. بلڪه، هو شاديءَ کان ووُن ويندو آهي. چوندو آهي، ”زندگيءَ ۾ هڪ دفعو محبت ڪرڻ ۽ نباهڻ جو ٺيڪو فقط عورتن ته نه کنيو آهي. مرد به زندگيءَ ۾ فقط هڪ دفعو محبت ڪندو آهي، ۽ باقي رهيل زندگي ان محبت جي ياد سان ڳر لڳي گذاري ڇڏيندو آهي.“
    مون کي خبر آهي، ڦندڻ هڪ دفعي دل جي سچائيءَ سان ڪنهن سان محبت ڪئي هئي، ۽ اها محبت سندس زندگيءَ جي آخري محبت هئي. ان کان پوءِ ڦندڻ ڪنهن سان به محبت نه ڪئي آهي.
    مان ڪنهن ڪنهن وقت ڦندڻ جي هيڪلاين جي باري ۾ سوچيندو آهيان. مان جڏهن به ڦندڻ جي اڪيلائين ۽ دنيا سان ٺاهه نه ڪرڻ واري رويي جي باري ۾ سوچيندو آهيان، تڏهن مون کان پنهنجي هيڪلائي ۽ دنيا سان ٺاهه نه ڪرڻ واري روش وسري ويندي آهي. مون سان گڏ منهنجو ننڍڙو، پتڪڙو ۽ مٺڙو ڀاءُ چينو رهندو آهي. مون کي پنهنجي ماءُ به آهي، جيڪا جيتوڻيڪ ظاهري طرح مون کان پري آهي، منهنجين اکين کان اوجهل آهي، پر دل جي ويجهو آهي. سندس وجود جو منهنجي ذهن ۾ واسو آهي. مون کي خبر آهي، ته هوءَ روهڙيءَ ۾ آهي، ۽ هوءَ ستين جي آستان وٽ وار ڇوڙي بيٺي هوندي آهي. ۽ منهنجو انتظار ڪندي رهندي آهي.
    پر، ڦندڻ جو ڪوبه ڪونهي. مون کي خبر آهي، ته سندس مائٽ مطلبي آهن. هنن کي ساڻس ڪابه همدردي ڪانهي. هو هڪ سٺي ڇوڪري جي چڪر ۾ آهن. ۽ ڦندڻ، پنهنجي ٻرندڙ جبل جهڙي زندگيءَ سميت کين سٺو ڇوڪرو لڳندو آهي، پر، هو اڪيلو آهي. هن سمورا رشتا ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن. هن جو ڪوبه ڪونهي.هن وٽ ڪجهه به ڪونهي ــ نه بنگلو، نه موٽر، نه بينڪ بيلنس ۽ نه سٺا ڪپڙا ۽ بوٽ. هن وٽ ڪجهه ڪونهي! ۽ انسان وٽ وڃائڻ لاءِ جڏهن ڪجهه به نه هوندو آهي، تڏهن هو بي انتها بهادر ٿي پوندو آهي. هو زماني سازيءَ جي زنجيرن کان آزاد هوندو آهي. انديشن ۽ خوف کي ڪٿ ۾ نه آڻيندو آهي. هو حالتن جي اوندهه ۾ ضمير جي روشنيءَ سان هلندو رهندو آهي.
    ۽ منهنجو پيارو دوست ۽ ساٿي ڦندڻ اهڙو ئي آهي. ٽيليفون جي گهنٽي وڄندي وڄندي بند ٿي ويئي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 537
    ڪتابن جو مشاهدو: 566022
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 215601
    2017 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ