ڪتاب جو نالو: ڪاڳر تي لٿل خيال
مصنف: رحيم خاصخيلي
ڇپائيندڙ: سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2016
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: اڱارو، 11 آڪٽوبر 2016 ع
پڙهيو ويو: 453 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 288 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي. هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

ترتيب

  • سنڌ سلامت پاران :
  • ارپنا
  • مهاڳ
  • پنهنجي طرفان
  • لکڻ جو فن صفا ڪون ڄاڻان
  • غزل

  • وئي ويل ناهي خوشيون پوکجن
  • ڪالهه ويسارا جاڳي پيا
  • ٿو انت سڏي مون کي
  • تون تازين تازين تقريبن ۾
  • محبتون مسئلا بنجو وڃن
  • اکيون انتظارن ۾ آهن ته اکيون ڳالهائينديون
  • اُڀ اداس آهي سمنڊ اداس آهي
  • ڪنارا جيترا دلچسپ آهن
  • تنهنجي نيڻن کان پري ٿي جيڪو ڀي ڪٽيو آهي
  • سچ پڇين جي پرين حوصلو ناهي رهيو
  • هيل جو تو ڀي ساريو ناهي
  • ڪڏهن ته ٿيندو اجهو ئي ٿيندو جڏهن به ٿيو سرعام ٿيندو
  • هي رات به شايد لهي ويندي
  • نظم

  • ڪٿان چري دل قرار ماڻي
  • الميو
  • اسان جا پيار لاڏلا
  • تو پڄاڻان پرين
  • چري جواني ڪري اڪيلي
  • دل لڳي مالها نه ٿي
  • گهٽي ۾ گُلابي ڄڻ موسمن مرجهايو
  • لوڻ جهڙيون موسمون
  • تون چوين ٿي چري
  • ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن
  • هو جيڪا
  • ڪن اهڙن ماڻهن جي
  • وري رت انهن جي ملامت ڪري ها
  • قسم مٽي جي خوشبو جو
  • سانجهه جي روهيڙن منجهان
  • جي اٿيون ڪٿي به عداوتون
  • الئه ڇو جانان
  • اجنبي
  • چاهتن جي شام
  • ستمگر وقت جي سگري
  • جي بدليا
  • ڇوٿي ڇيڙين هوا
  • او ڇيڳري
  • وسرندا وڃون ٿا
  • اسان تو سواءِ
  • آزاد نظم
  • چوسٽا

  • محبتون اتفاق ٿي مليون
  • چپن جي سريلي ادائن تي لکجي
  • هزارين وار اوهان جا هٿ ۽ آڱريون
  • صالح هر انسان نه ٿيندو
  • جڳن کي سمجهي سگهين تون ناهين
  • جي دوست نه رهين منهنجو ته دشمن ٿي پئجان
  • نه مئخانو پنهنجو نه پنهنجو ڪوئي جام
  • زندگي شادي جو ڳيچ هئي ڄڻ
  • تنهنجي گهر پئسو به هوندو پيار به هوندو

  • ترتيب

    سنڌ سلامت پاران :

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو ڪتاب نمبر (271) اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. هي ڪتاب ”ڪاڳر تي لٿل خيال“ خوبصورت شاعر رحيم خاصخيلي جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.

    هي ڪتاب سامروٽي پبليڪيشن ٿرپارڪر پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آهي. ٿورائتا آهيون پياري پرڪاش ڪرماڻيءَ جا جنهن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي موڪلي، ٿورا محترم پياري شيواڻي صاحب جا جنهن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏني.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com


    ارپنا

    ارپنا
    جيجل ماءُ جي نانءُ
    جنهن جي موجودگي زندگي جو احساس آهي
    شهيد بشير خان قريشي
    ان جي پيار ۽ شفقت جي نان ءُجنهن جي آڌار خوف ۽ لالچ جي دنيا مان آزادي ملي
    ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صاحب جي نان ءُ
    جيڪو شهيد بشير خان قريشي صاحب جي جدوجهد ۽ ان جي شفقت جو تسلسل آهي
    پنهنجي سڀني معزز استادن جي نانءُ
    جن وٽان زندگي جو ڏس مليو
    سڀني قومي شهيدن جي مائرن ، ڀينرن ، نياڻين ۽ اولاد جي نانءُ
    جن جي خون جي سڳنڌ سان ڌرتي معطر آهي
    سڀني قومي ڪارڪنن جي نانءُ
    جيڪي قومي سفر جا ساٿي رهيا آهن
    انهي سڀني جي نانءُ
    جن جي دلين ذهنن ۽ روحن ۾ سيد جو فڪر هر وقت تازي گلاب جيان مهڪيل آهي
    انهي سڀني جي نانءُ
    جيڪي گهاٽا دوست آهن جيڪي گهاٽا دشمن آهن
    انهن سڀني جي نانءُ
    جن وٽ ڌرتي ديش، ۽ قوم هر شئي کان اهم آهن
    انهن پيارن پيارن رشتن جي نانءُ جن جو احساس جيون جو ڪل اثاثو آهي

    1
    2


    مهاڳ

    مهاڳ
    ڪاڳر تي لٿل خيال ۽ بدن جا محاورا

    هن جي مون وٽ جيڪا هيستائين سڃاڻپ رهي آهي . اها هڪڙي قومي ڪارڪن واري رهي آهي . هن جو شاعر هجڻ . منهنجي لئه هڪڙو انڪشاف به آهي . اها منهنجي راءِ آهي ته ڪنهن شاعر کان وڌيڪ سماج ۾ ڪنهن قومي ڪارڪن جو عملي ڪم وڏي اثرائتي اهميت رکي ٿو . هي دور جنهن ۾ اسين هلون پيا . انهي دور ۾ شاعرن جي هڪڙي نه کٽندڙ قطار آهي . پر اتي قومي ڪارڪنن جو وڏو فقدان آهي . جيڪڏهن ڪٿي ڪو قومي ڪارڪن آهي به سهي ته انهي جي وري لکڻ ۽ پڙهڻ سان مرڳو ڪونه پئي. هي ڪتاب ڏسي دل ۾ خوشي به ٿي ته رحيم خاصخيلي جهڙا قومي ڪارڪن لکڻ ۽ پڙهڻ واري پاسي ڏانهن به آهن . انهي ڪري ئي هو پختا ڪارڪن آهن . بهرحال منهنجي ذهن ۾ هي ڪتاب پڙهي پورو ڪرڻ کانپوءِ به هن جو جيڪو قومي ڪارڪن وارو خاڪو آهي . اهو اوترو ئي سگهارو بيٺو آهي. شاعري لئه هڪڙي سائين شمشير حيدري جي راءِ هئي. اها هتي نٿو لکان . هڪڙي ڊاڪٽر مبارڪ علي جي راءِ آهي . اها به نٿي لکي سگهجي . پر شاعري سنڌ جي سموري ادب کي پيڙهن کان ليڊ ڪيو آهي انهي جي اڳواڻي ڪئي آهي. باقي دنيا ۾ ائين ڪٿي به ناهي ٿيو . جڏهن ته ادب جون باقي سموريون صنفون شاعري جي ڪري پوئتي رهجي ويون آهن . سنڌ ۾ فلسفو نٿو لکجي يا تمام گهٽ ڪهاڻي، ناول ، تاريخ ويندي سياسي ادب به ايترو نٿو لکيو وڃي . شايد انهي جا به ڪي سبب هجن . انهي جي ڀيٽ ۾ شاعري تمام گهڻي لکي وڃي ٿي . سنڌي شاعري پنهنجي مختلف دورن مان گذري آهي . هڪڙو لوڪ ڏاهپ وارو دور آهي . جنهن ۾ شاعري آهي ته سهي پر ڪنهن به لوڪ گيت جو هڪ شاعر ناهي هوندو . هو ڪيترن ئي دلين ۽ ذهنن جو پورهئو هوندو آهي . انهي کانپوءِ ٻيو دور جنهن کي هاڻ پاڻ شاعري جو درگاهي دور چئي سگهون ٿا . جنهن ۾ سڀني شاعرن تي درگاهون ٺهي ويون . پوءِ اهو لطيف هجي ، سچل هجي ، صوفي صادق کان ويندي چيزل ۽ روحل فقير تائين . انهي شاعري کي وري اياز اتان ڪڍي کڻي آيو . اياز سنڌي شاعر کي نوان رنگ لاڙا ۽ فڪر ڏنا . جيڪا تصوف جي مفلر ۾ ويڙهيل شاعري هئي . انهي کي هن بغاوت ، وطن پرستي ، محبت جا نوان رنگ ڏنا . جڏهن اهي رنگ شاعري جي خيال تي چڙهيا ته شاعري اهي ڪم ڪيا جو سياست جي اول دستي جي سپاه ٿي وئي. اتان کان وري مرحوم حسن درس شاعري ۾ وري هڪڙو نئون خيال کڻي داخل ٿيو . انهي حسن واري شاعري ۾ وطن جي تشريح ڪجهه نئين رنگ ۽ ڍنگ سان ٿيل هئي . انهي شاعري ۾ عورت ۽ شراب سان گڏ رومانس به هو . اهو رومانس وري رومانس کان به ڪجهه وکون اڳتي وڌي ويو . انهي ۾ منظر نگاري به هئي . ٿيو خير هي جيڪو شاعري جو دور هلي پيو . انهي ۾ گهڻو تڻو حسن وارو فڪري لاڙو آهي . شاعري پنهنجو پاڻ ۾ فن به آهي . اهو فن هن کي حسن به بخشي ٿو . انهي ۾ فڪر به آهي . جيڪو قومن جي رهنمائي ڪري ٿو . اونڌه ۾ سوجهرو ڪري ٿو . انهي ۾ محسوسات به آهن . جيڪي دل جي ڌڙڪي کي وڌائي سگهن ٿيون . اهي سڀ شاعري ۾ هجڻ ضروري به آهن . هاڻ اوهان کي شاعر جتي ڪٿي ملي سگهي ٿو اهو ايڏو وڏو مسئلو ناهي . پر ڪو قومي ڪارڪن شاعر هجي اها وڏي ڳالهه آهي . هي پاڻ وارو رحيم قومي ڪارڪن ٿي ڪري شاعر آهي .
    هاڻ اچون ٿا پاڻ رحيم جي هن ڪتاب تي ، هن ڪتاب کي جيترو مون پڙهيو ۽ سمجهڻ سان گڏ محسوس ڪيو آهي . هي هن جو پهريون ڪتاب آهي . نه اوهين ڪا پڙهي فتوا ڏجو نه وري آئون ٿو ڏيان . هي هن جي پهرئين ڪوشش آهي . انهي ڪري پاڻ سجهندي ئي پهرئين وک کي ذهن ۾ رکندي ڳالهائينداسين . هن ڪتاب جي ارپنا به هن طويل ڪئي آهي . جيجل امڙ کان وٺي شهيد بشير خان تائين . هن انهن کي پنهنجي شاعري ارپي آهي . هن جيڪو پنهنجي پاران لکيو آهي . هن جي شاعري جي شروعات غزلن کان ڪئي آهي . اهي غزل جنهن ۾ هن خيالن کي روپلو ٿيندي ڏٺا آهن . جيڪڏهن اهو روپلو چولياڻي آهي ته واه واه جي ڪولهي آهي ته به ٺيڪ ، هن کي مندر جا گهنڊ به گونگا لڳن ٿا . جيڪڏهن انهن کي ڇهجي ته هو آواز آواز ٿي پوندا .
    انڌيرن ۾ جگنو ٿيون جي ته واه واه
    لاٽ ٿي ٻرون ٻاٽ ۾ روشنيون پکجن
    ٭٭٭
    ڪنهن جو ڪنهن کي ٻک وڌو
    من ۾ سيارا جاڳي پيا
    ٻک وجهڻ سان سيارن جو جاڳڻ ته ٺيڪ آهي پر روشنين جو پوکڻ واري ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي . ٻي ڳالهه هن ڪتاب ۾ غزل تمام گهٽ آهن . جيڪي آهن انهن ۾ ڪٿي ڪٿي ڪو خيال اکين مان ٿيندو دل کي ڇهي گذري ٿو وڃي باقي هن جي غزل جي فني طرح اڃان محنت ڪرڻ ۽ شاعري پڙهڻ جي ضرورت آهي . هن ڪتاب جو ٻيو حصو جيڪو آهي . اهو آهي نظمن جو انهي ۾ به ائين کڻي چئجي ته آزاد نظم آهن . انهن نظمن جي ڪن ڪن بندن ۾ رڌم به ڪمال جو آهي . انهن نظمن جا ڪي ڪي خيال ته اهڙا آهن جيڪي مون هن کان اڳ ۾ ناهن پڙهيا ٿي سگهي مون ۾ مطالعي جي کوٽ آهي يا هن ڪمال ڪري نوان خيال تشبيهون آنديون آهن .
    مزارن جي تقدس جو تصور اڃان ڀي
    گلن کي تباهيون ڏيندو وڃي پيو
    نظم پڙهندي پڙهندي هن ٻن سٽن تي منهنجون اکيون ۽ ذهن اچي بيهه رهيا ، پوءِ اکيون ته اتي ئي بيٺيون رهيون پر ذهن ۾ سنڌ جون درگاهون ڦرڻ لڳيون . ائين محسوس ٿيو ته انهن درگاهن ۾ جتي لوبان جي ڌپ جي حشري آهي . اتي وڏا ساوا پڙ پيا چاڙهيا وڃن هن سائنس جي دور ۾ اتي وري ڪيترن کي گلن جون پکڙيون پيرن جي هيٺان ڪچلجن پيو . برحال اهو خيال جي پيشڪاري نئين آهي .
    پنهنجي بدن جا محاورا
    جي نه ڪو سمجهي سگهي
    اوهين ٻڌايو ڀلا هي خيال اوهان ڪٿي پڙهيو آهي . مون ته ناهي پڙهيو . ته بدن جا ڪي محاورا هجن . هي ٻه سٽو باڪمال آهن . اهي مونکي انهي ڪري باڪمال ٿيون لڳن جو بدن جا محاورا ٿيندا آهن . جيڪي صرف عاشق محسوس ڪري سمجهي سگهي ٿو . ڳوريٽڙا جسم جڏهن چيل کي مروڙو ڏيندا آهن . اهو جسم جو ڪهڙو محاورو آهي . جڏهن سهڻي صورت ٽيڏي اک ڪري ڏسي وري ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏي ته ڪهڙو محاورو آهي . جيڪڏهن ڪو مڙي نهاري ۽ وري اڳتي نڪري وڃي ته ڪهڙو محاورو آهي . جڏهن ڪو آرس ڀڃي ته ڪهڙو محاورو بدن جو ٿي سگهي. بهرحال هي نئين ڳالهه ضرور آهي يا نئون انداز آهي .
    نڪي تنهنجي ڇاتي جي گهنڊن کي هاڻي
    ڪُمَهُلو پوڄاري هاڻ اچي ڪو ڇهي ٿو
    ڪنهن وينگس جي ڇاتي کي مندر جي گهنڊن سان تشبيهه ڏيڻ ۽ انهي کي به پوڄاري جو نه ڇهڻ اها تشبيهه به منهنجي لئه نئين به آهي ته وڻندڙ ۽ مقدس به آهي .
    ڪهاڻي پيار جي ساري
    نديءِ جي ڊوڙ وانگي هئي.
    اهي ئي ڪجهه خيال آهن جيڪي مون چونڊ ڪيا آهن ٻيا وري اوهان پڙهو ٿي سگهي ٿو ڪو خيال اوهان جي خيال جو به هجي . جيترو آئون هن ڪتاب کي سمجهي سگهيو آهيان . اڃآن تمام گهڻي محنت ڪرڻي آهي رحيم کي پڙهڻو به آهي ته شاعري جي فني پاسن کي به سمجهڻو آهي . خاص ڪري غزل ۾ بحر ۽ وزن کي جڏهن ته نظم ۾ وري خيال جي ڪنٽيونٽي کي ڪٿي ڪٿي ائين ٿو محسوس ٿئي ته خيال ٽٽي ٿو وڃي ۽ آخر ۾ وري نظم جي ڪلائيميڪس به نٿو اچي . خيال کي ڀرپور ۽ چٽو ڪري پيش ڪرڻ لئه پڙهڻو پوندو . هن ڪٿي ڪٿي وطن سان محبت جو اظهار به ڪيو آهي ۽ ڪجهه نظم ڀيٽا طور به لکيا آهن .
    بهرحال هي هن جي پهرئين ڪوشش آهي . اڳتي هلي جيڪڏهن پنهنجي مطالعي کي وڌايو ۽ تخليقي سگهه وڌائي ته ٿي سگهي ٿو ته سٺو لکڻ شروع ڪري . باقي هي جنهن سماجي ماحول ۾ رهي ٿو جتي هن جو ڳوٺ آهي . انهي ڳوٺ جي مشهوري جا ٻيا سبب آهن . پر اڳتي هلي ڪري هن جي شاعري جي ڪري ڳوٺ مشهور ٿئي . غلام نبي هن جو ننڍڙو ڀاءِ آهي ۽ ائين ئي هو منهنجو به ننڍڙو ڀاءِ آهي . انهي هي ڪتاب مونکي لکڻ لئه ڏنو هن جو خواهش آهي ته رحيم جو ڪتاب اچي . اها غلام نبي جي به سٺِي خواهش آهي .
    حق موجود سنڌ موجود

    خالد ڪنڀار
    نهٽو مهراڻو ٿر


    1


    پنهنجي طرفان

    پنهنجي طرفان

    ٿيو ايئن جو

    جڏهن جواني جي موسم شروع ٿيندي آهي ته اندر جو نابالغ ٻار پنهنجي مستي ۾ جهومي پوندو آهي ان ڪيفيت جي به هڪ پنهنجي ادا هوندي آهي.
    ماڻهو ڪڏهن لغڙن سان گڏ ڏور آڪاش ڏانهن اُڏامڻ جي ڪوششن ۾ محو هوندو آهي ته ڪڏهن وري رينگ ۾ پيل بلورن جيان هڪ ٻئي جي هٿ ۾ هٿ ڏيئي هجوم ٿي وڃڻ جو شوق جاڳندو آهي. اهو تصور شايد گهٽ ذهنن ۾ جڙندو آهي ته ٽاپوءَ رينگ م پيل بلورن کي لڳي جڏهن انهن کي داڻو داڻو ڪري ڇڏيندو آهي تڏهن ٽاپوءَ جي ڪمان بڻيل آڱرين ۾ جهمريون هونديون آهن پر رينگ ۾ پيل بلورن جي دلين ۾ بيروڪ ڌڙڪن هوندي آهي اهڙيون ڌڙڪنون جڏهن روح جي چڪي ۾ پيسجي ذهن جي گندي ۾ ڪرنديون آهن تڏهن شاعري تخليق ٿيندي آهي شاعري ٽڙندڙ جواني ۽ اوباش محبتن جي پريم ارپنا دوران پيدا ٿيل ان حرامي ٻار جو نالو آهي جيڪو پوءِ لاوارث ۽ آوارا بڻجي پنهنجي تقدير پاڻ ٺاهي ٿو پوءِ ڪڏهن ڪڏهن اُها عشق جي محلن ۾ ڏار وجهي ڇڏيندي آهي ته ڪڏهن وري اُها قومن جي بيداري جو رول
    ماڊل ROLL MODEL)) بڻجي ويندي آهي
    منهنجون هي تخليقون به تصوير آهن انهن حرڪتن جي جيڪي ٻالڪ پڻي ۽ بالغ پڻي جي منهنجي زندگي جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي جو نتيجو آهن
    تصوير آهن انهن جذبن جي جيڪي فلمي هيروز HEROES) ) يان پاڻ کي ڇڏي ٻين لاءِ پيدا ٿيندا آهن ۽ اڌ حيات ۾ مارجي ويندا آهن.
    تصوير آهن انهن جذبن جي جيڪي اڌ رات جو ڪنهن حسينا جي ڀاڪر ۾ پيل خماريل وجود جهڙي ڇرڪجي اوچتو ٽٽل سپنن جي جن چاهيو ته عشق جو مجنون بڻجڻ پئي پر اوچتو جذباتي نوجوان جي انقلابي نعرن جيان حالتن جي گردشن کان زخمي ٿي اڌورا اّ اڌورا رهجي ويا.
    تصوير آهن انهي احساسن جي جيڪي موسيقي جي رڌمن تي ميلي ۾ معصوم ٻار جيان وڃائجي ويندا آهن پوءِ مفلسي جي بازار م پوڙهي پيناڪ عورتن جي صدائن سان گڏ واپس موٽندا آهن
    تصوير آهن انهن خيالن جي جيڪي سڄي سڄي رات وئيشيا جيئان مست ٿي وقت جي راڪاسن اڳيان به خوشي خوشي ۾ نچندا رهندا آهن ۽ پوءِ وڏي رات وئي زخمي پيرن سان پنهنجي ڪئي ۽ ڪمائي تي پڇتائيندا ۽ پنهنجي لٽجي وڃڻ جو ماتم ڪندا گهر موٽندا آهن
    تصوير آهن انهن حسرتن جي جيڪي پوڙهي ماءُ اُهو چئه سنڀاليندي رهندي آهي ته منهنجو پٽ پڙهي پاس ٿئي ته سندس ڪنهن لال ڪنوار سان لانئون لاهيان پر سندس ڳڀرو پٽ موٽنداته آهن پر پڙهي پاس ٿيڻ کان اڳ ۾ پچي راس ٿي منتظر ماءُ جي شفقت ڏي ڊوڙندا ايندا آهن پر انهن جي جوڀن جون بهارون رتوڇاڻ ٿيل هونديون آهن سندس سانتيڪا وجود ڳاڙهي جهنڊي جي سائي ۾ اجرڪ جون ڦليون اوٽ ڪري موٽندا آهن پر لال ڪنوار ماڻڻ جا خواب اُتي ئي ڇڏي هو مجنون متوالا بڻجي آزادي جي لالچ ۾ پنهنجا سِر دان ڪري پوءِ موٽندا آهن انهن کي چهڪندڙ ڄڃ جي بجاءِ ٽهنڪدڙ قافلا گهر تائين پڄائيندا آهن اُنهي پوڙهي ماءُ جي ممتا جڏهن اُگهاڙا پير ڪري جن حسرتن جو وجود مُرڪندي مُرڪندي تاريخ جي سامڙي ۾ لاهيندي آهي منهنجيون تخليقون ڪجهه اهڙن ئي تصورن جي تصوير ٿيڻ جي آس ۾ هڪڙي ڪپڙي ۾ گهران نڪتيون آهن
    (سرائي رحيم خاصخيلي ايڊووڪيٽ)
    مهراڻ نگر مهپاري ڪنري
    2016-6-4


    لکڻ جو فن صفا ڪون ڄاڻان

    لکڻ جو فن صفا ڪون ڄاڻان

    اها حقيقت آهي ته جي شاعري جي صدين واري قدامت تي نظر وجهنداسين ته ڪل پوندي ته شاعري ان احساس کي سڏيو ويو آهي جيڪو اندر جي پيڙاهه، غم، خوشي ۽ محبت نفرت کي لفظن جي مالها ۾ پوئي ۽ موسيقي ۾ ڳائڻ واري تربيت ۽ ڪورس جي انداز ۾ لوڪ گيتن ڳائڻ کان شاعري شروع ٿئي ٿي
    هر ٻولي جو هڪ پسمنظر هوندو آهي جيئن سنڌي زبان ۾ ادب جي ٻولي جو لهجو الڳ ۽ عوامي انداز الڳ ۽ پارلياماني انداز الڳ آهي محبت نفرت جا انداز الڳ آهن مگر ٻولي ساڳي آهي اهڙي طرح شاعري ۽ موسيقي ٻئي ڪن اصولن ڪن قائدن جون قائل رهيون آهن ۽ رهنديون
    فن ۽ فڪر جو سنگم شاعري جي ذائقي کي خوشبو ۽ حسن بخشيندو آهي . شايد ان ڪري جو اسان جنهن ڪائنات سان ڳنڍيل آهيون اها ڪائنات به اصولن سان واڳيل آهي شايد فطرت به تربيت ۽ تعمير کي ترجيح ان ڪري ڏني جو موسمن جو حسن به اصولن۽ قائدن کانسوا بي رنگ ٿي پوي ها. رات کي خبر آهي ته شام جي شفق جي الڳ سڃاڻپ آهي . ۽ ڏينهن کي سحر و امتياز معلوم آهي . جيئن آزادي جو متوالو نظرياتي جدوجهد تحت زندگي گذاري ٿو ۽ آواره ۽ ڇڇورو ڇورو خواهشن جي رڻ ۾ ڊوڙي ڊوڙي زندگي بي معنيٰ گذاري ڇڏي ٿو.اهڙي طرح هڪ شاعر لاءِ لازمي آهي ته هو نظم غزل ڪافي وائي بيت شاعري جي تمام صنفن کي مد نظر رکندي به شاعري جا ڪي نوان گس گهڙي ٿوته کيس تخليقڪار تسليم ڪرڻ هر اهل قلم جو فرض بڻجي ٿو
    هاڻي آئون منهنجي انتهائي پياري دوست رحيم سرائي کي مبارڪ ڏيندس ته ڀاءُ رحيم تون تنقيدي نه پر تخليقي شاعر آهين شاعري ۽ عاشقي ۾ ڪنهن استاد جي ضرورت انهي ڪري گهٽ پوندي آهي .جو شاعري ۽ عاشقي جا دريا پنهنجا گس پاڻ ٺاهيندا آهن. باقي تنقيد ۽ تعريف جوانتظار اهي ماڻهو ڪندا آهن جيڪي دولت ۽ شهرت جا طالب هجن . پاڻ فقير ماڻهن هميشه سونهن سلامت سنڌ سلامت واري زندگي چاهي آهي. باقي ائين نه ٿئي جو هڪڙو ڪتابڙو اسان لاءِ اماڻي تون وڪالت مان چار ڏوڪڙ ڪمائڻ ۾ مصروف ٿي وڃين.اها سنڌ ۽ سنڌي شاعري سان ٻيائي نه ڪجان

    (دعاڳو مصطفيٰ موج جنون)
    2016-6-20

    1
    2


    غزل

    وئي ويل ناهي خوشيون پوکجن

    وئي ويل ناهي خوشيون پوکجن
    اڃان وقت آهي محبتون پوکجن

    دل جي ڌرتيءَ اڃا ناهي بنجر بڻي
    ڪو اچي جي کڻي عاشقيون پوکجن

    اڃان موسم جوان آهي رفافت سندي
    ڪمهليون ڀلا ڇو دشمنيون پوکجن

    اڃان دلبري ڳيچ ناهي ڏني
    ڇو نه گلابي چپن تي چميون پوکجن

    اڃان موت مڪلي مان ڍاپيو ڪٿي آ
    زندگيون پوکجن ۽ جوانيون پوکجن

    وري ڪابه ڄائي نوريءَ نه ڦاپي بڻي
    ديش جي گهر گهر ۾ غيرتون پوکجن

    انڌيرن ۾ جگنو ٿيون جي ته واهه واهه
    لاٽ ٿي ٻرون ٻاٽ ۾ روشنيون پوکجن


    ڪالهه ويسارا جاڳي پيا

    ڪالهه ويسارا جاڳي پيا
    ۽ تنهنجا چارا جاڳي پيا

    ننڊ جو آئي رات اويلي
    خواب اسارا جاڳي پيا

    تو اٿڻ لئه ٻانهن ڇڪائي
    نيڻ ويچارا جاڳي پيا

    ڇا ته مهاڻي مرڪيو هو
    سنڌو ڪنارا جاڳي پيا

    ڪنهن جو ڪنهن کي ٻک وڌو
    من ۾ سيارا جاڳي پيا

    مون چنڊ ڏي چوري نيڻ کنيا
    افسوس ستارا جاڳي پيا


    ٿو انت سڏي مون کي

    ٿو انت سڏي مون کي
    پيو پاڻ گڏي مون کي

    ٿو روز جهران آئون
    ڪوئي ته اڏي مون کي

    ڪا سار کڻي آئي
    تنهنجي ئي تڏي مونکي

    دنيا ۾ تماشو ڪيو
    هن روح جڏي مون کي

    تون يار هُريو آهين
    هر ويل وڏي مونکي

    هيڪل نه جيءَ سگهبو
    او وڃ نه ڇڏي مونکي


    تون تازين تازين تقريبن ۾

    تون تازين تازين تقريبن ۾
    مان هر گهڙي بزم بدنصيبن ۾

    هاءِ تنهنجي رفافت ٻاجهاري
    تقسم ڪري وئي رقيبن ۾

    هن عشق اسان سان پوريون ڪيو
    هڪ فرق رهيو ڪو حبيبن ۾

    مسيحا جي گنجائش ڪونه رکيم
    ويساه ته وڏو هئو قريبن ۾

    هر زخم ڇپيو ۽ ناسور ٿيو
    ڪا شناسي ڪانه رهي طبيبن ۾

    سهڻيون ڳچيون سڀ لڻيون رهزني
    ڪا غيرت گهر ڪري ويئي غريبن ۾


    محبتون مسئلا بنجو وڃن

    محبتون مسئلا بنجو وڃن
    دوستيون فاصلا بڻجو وڃن

    دل جي آڱرين ۾ پرين
    يادگيريون ڇلا بڻجو وڃن

    تنهنجي گهٽيءِ ۾ پڄي پوءِ
    نيڻ دادلا بڻجو وڃن

    چنڊ کوليو ڇڏي زخم دل جا
    پهر پوءِ ڪربلا بڻجو وڃن

    خودڪشي جو ٿا سوچيون ڪڏهن
    تون پارا ڀرجهلا بڻجو وڃن

    نا اميدين جي بستي ۾ اچيو
    زخم گهرگهلا بڻجو وڃن

    وري سنڌ سڏيو آ سڏيو
    خيال روپلا بڻجو وڃن

    توکي بادل ڏسي هن ڀونءَ جا
    ٿو هر سڀ اُتالا بڻجو وڃن

    توسان گهاريل گهڙين کي ساري پرين
    تصور قافلا بڻجو وڃن

    هن ڳوٺ جون سڀئي ڇوڪريون
    سانجهه ٽاڻي نرملا بڻجو وڃن


    اکيون انتظارن ۾ آهن ته اکيون ڳالهائينديون

    اکيون انتظارن ۾ آهن ته اکيون ڳالهائينديون
    ڪڏهن ته تو۾ به سپرين دلبريون ڳالهائينديون

    تنهنجي مزاجن جي مند مٽجڻ تي آهي
    پڪ سمجهي ڇڏيم هاڻي تو ۾ بيرخيون ڳالهائينديون

    پنهنجي ڀاڳن ۾ آهي ازل کان لکيو ويو اهو
    تهمتون سهمتون پاڻ تي پيون ڪيتريون ڳالهائينديون

    ظلم قائم نه ظالم ترميم پاڻهين ٿي ويندي
    جنهن وقت دل ٻڌي زبانون گونگيون ڳالهائينديون

    ديد تنهنجي ڄڻ ته مقتل جو سڏ هئه مون لاءِ
    اندازو نه هو ته تو ۾ ادائون ايتريون ڳالهائينديون

    جيجلن جي جهولين جي آ توکي پارت خدا
    وطن لاءِ ته آخر اسان جو سرڪشيون ڳالهائينديون


    اُڀ اداس آهي سمنڊ اداس آهي

    اُڀ اداس آهي سمنڊ اداس آهي
    ساحل جو هر گهمنڊ اداس آهي

    گداگر گلين ۾ ڳولي نه پاتو
    چلهه اٻاڻڪي آهي جنڊ اداس آهي

    هيل بارش ڪيون ڪيڏيون نه رهزنيون
    آب نگرين مٿان چنڊ اداس آهي

    تون خواب ٿي پرين هيل موٽي به آ
    نيڻ ڇرڪي ويا ننڊ اداس آهي

    رات طوفان مڇريو ۽ هوائون به لرزيون
    نم ٽارين ۾ ٽنگجي گهنڊ اداس آهي

    هٿ خدا ڏي کنيا هن ڀرجهلي لئه
    لاش هن جو وٺي ڍنڍ اداس آهي


    (2011جي مها ٻوڏ تي لکيل)


    ڪنارا جيترا دلچسپ آهن

    ڪنارا جيترا دلچسپ آهن
    درياءِ اوڏاهي عضب آهن

    چند قرب پرين تنهنجا
    جياپي جو سبب آهن

    تون يار پرولي آن
    تنهنجا ناز ئي عجب آهن

    جيون جي اثاني ۾
    لک رنج ڪجهه قرب آهن


    تنهنجي نيڻن کان پري ٿي جيڪو ڀي ڪٽيو آهي

    تنهنجي نيڻن کان پري ٿي جيڪو ڀي ڪٽيو آهي
    هر پهر ڳهر ٿي ويو آهي هر پل زهر ٿي مٽيو آهي

    اقرارن جي ڪُک ۾ انڪارن جي قنڌي جهڙي
    تون هر بار رُٺي آهين تو هر بار ڦٽيو آهي

    تنهنجي مڪار روين جي سازش کي سبب چئبو
    هر بازي ته نه رهي بازي بس توئي کٽيو آهي

    اميدن جي ٽياسن تي ڪو سرد جسم آهيون
    هر ڪنهن ته هتي بس درندو ٿي پٽيو آهي

    هر منظر کي پتو آهي هر پٿر ٿو اهو ڄاڻي
    مون ڌرتي جي رڻن ۾ بغاوت کي ڇٽيو آهي


    سچ پڇين جي پرين حوصلو ناهي رهيو

    سچ پڇين جي پرين حوصلو ناهي رهيو
    عشق پنهنجي ۾ اهو ولولو ناهي رهيو

    سنڌو جي هئين ۾ سانجهي جيان آهيون
    چنڊ تنهنجي چاهه جو چلولو ناهي رهيو

    حياتي ڀروسي جهڙي رهي ئي ڪٿي آهي
    جنهن ڏينهن کان ڪو ڀرجهلو ناهي رهيو

    ضابطا سارا پرين موت ڇني ويو آهي
    پاڻ وٽ ته ڪوبه فيصلو ناهي رهيو

    دنيا جي وهنوارن ۾ رتيءَ به رهيا ناهيون
    پوءِ به مگر توسان ڪو فاصلو ناهي رهيو

    جواني سڄي چنڊ ڪتيون ئي هئي پر
    چاهت جو هاڻ سلسلو ناهي رهيو


    هيل جو تو ڀي ساريو ناهي

    هيل جو تو ڀي ساريو ناهي
    ڪنهن به اسانکي ليکيو ناهي

    گهنڊ مندر جا گونگا ٿي ويا
    توجي تن کي ڇُهيو ناهي

    قبرن تي سڀ گُل ڇڻي ويا
    ڇا اڃان ڀي الميو ناهي

    ڪير اسان جا ڏُک ڳڻيندو
    درد ته ڪنهن کي ڇڏيو ناهي

    تون جي بدلين ڇا ٿي پيو
    ڪير به هاڻي ساڳيو ناهي

    سڄ هليو ويو ساحل ڏي
    مون وٽ پنهنجو پاڇو ناهي


    ڪڏهن ته ٿيندو اجهو ئي ٿيندو جڏهن به ٿيو سرعام ٿيندو

    ڪڏهن ته ٿيندو اجهو ئي ٿيندو جڏهن به ٿيو سرعام ٿيندو
    اسان سان ٿيو آ اسان سٺو آ اوهان جو گهر به ماتام ٿيندو

    اسان لاءِ مقتل اسان لاءِ گهاڻا اسان لاءِ ڦٽڪا قصا پراڻا
    صدين کان اسان جا سِر ڪٽاڻا نيٺ ته رت جو انعام ٿيندو

    اجهائي چهرو سنڌو جي وينگس ڪڏهن به ايڏو اداس نه ٿي
    سگهو ئي آزاد هوائون ٿينديون سگهو ئي نئون ڪو نظام ٿيندون

    لمحو لمحو ٿي صديون ڪٽيوسين عذاب باقي بچيو به ڇاهي
    چڙهيو جو سورج ظلمتن جو ڪڏهن ته پڪ سان شام ٿيندو

    اوسامراجو وٺو تياريون عشق جو اسان تي الهام آهي
    ٿوري گهڻي تي اسان جو نالو بغاوتن جو پيام ٿيندو

    حيف آ توتي ڪُڇين نٿو تون اي وقت توکي پتو به آهي
    لڪي لڪين پيو هڻي راتاها ڪڏهن ته ظالم بدنام ٿيندو

    قريب آهين تون مهين جا ماڻهو چند ئي فاصلن تي
    زمانوڏسندو گهٽي گهٽي ۾ سرخ جهنڊي کي سلام ٿيندو

    جتي به ٽاپون ڇڏيون سنجابن چڪيون گلابي لهو گسن تي
    انهي مٽي مان اياز ڄمندو انهي ئي مٽي مان شيام ٿيندو


    هي رات به شايد لهي ويندي

    هي رات به شايد لهي ويندي
    هوءَ هاڻ نه ايندي هاڻ نه ايندي

    هت واهوندن کي ڪير ٻُڌائي
    خانه بدوش در کي دهليز ناهي ٿيندي

    پٽ هيمون دودي هوشو جهڙا
    سنڌ اڃان ڄڻيندي اڃان ڄڻيندي

    منهنجي درد جا اُڏندڙ پنڇي
    باک به منهنجي ساک ڀريندي

    منهنجي هي معصوم ڪويتا
    شاهه جي هٿ جا جام به پيئندي

    چنڊ رات چيو پئي موئن کي
    تنهنجي ڌرتي صديون جيئندي


    نظم

    ڪٿان چري دل قرار ماڻي

    ڪٿان چري دل قرار ماڻي

    فٽن تي پها رهيا نه هاڻي
    ڪٿان چري دل قرار ماڻي
    گلي اوهان جي اداس آهي
    گلي ٿي کائي سانجهه ٽاڻي
    ٻوڏار ۾ دل ٻُڏي وئي آ
    ترار ڄڻ ڪا چڀي وئي آ
    نهار اڪيلو گهمي پوءِ اڪثر
    ٻار وانگي رلي وئي آ
    قرار من جو بچيو نه آهي
    گار بڻجي گهڙيون لنگهن ٿيون
    پري اوهان کان اوهان بنانءَ
    گهڙيون سي اڪثر ڪڙيون لڳن ٿيون
    شهر تنهنجو يتيم وانگي
    شهر ساڳي رهيو نه آهي
    پرين پرين او اوهان کان پوءِ
    ڳهر ساڳي رهيو نه آهي
    ڳڻي ستارا ياد ٽارڻ
    ڪڏهن نه سارڻ پرين وسارڻ
    اسان جو ڪاٿي وس آهي
    تنها اوهان کان اڪيلو گهارڻ
    مگر پوءِ ضروري آهي
    اوهان اسان سان رهيا ڪٿي هو
    اسان اوهان کي ڇڏيو وڃائي
    مگر اوهان جي چميءَ سا پوئين
    اوهان ڏني جا رات ٺرندي
    رات ٺرندي لڳي ٿي سائي
    گهات ۾ ڪو لاش ٻرندي
    گهات سو ڀي پرين ڏنگي ٿو
    جتي تو ڀاڪر ڀري وڌو آ
    جتي جو ڀاڪر پرين ٽٽو هو
    تڏهن کان اجڙيل اڪيليون ٻانهون
    فرياد بڻجي رلن ٿيون ٻانهون
    پرين الاءِ ڪڏهن الاءِ
    ورڻ اوهان جو هاڻ ٿيندو
    ورڻ اوهان جو پرين نه ٿيو جي
    مرڻ اسان جو پڪ ساڻ ٿيندو
    مرڻ کانپوءِ پرين ڀلي تون
    وري نه اچجان ڪڏهن نه اچجان
    ڪڏهين جي فرصت ڏيئي بهانو
    حيات هوندي ملي ته وڃجان
    اوهان سوائي ٿو درد ڇاڻي
    ڪٿان چري دل قرار ماڻي


    الميو

    الميو

    رڳو سوڳوارين جو ڊگهو الميو آ
    اميدن کي ڦاهيون ڏيندو وڃي ٿو
    چاهت جي سلسلي کي وڇوڙن جو هاڃو
    ساهين تي ساهيون ڏيندو وڃي ٿو
    هر نئون سج پنهنجي ڪلهن تي
    جنازن جون آگاهيون ڏيندو وڃي ٿو
    مزارن جي تقدس جو تصور اڃان ڀي
    گلن کي تباهيون ڏيندو وڃي ٿو
    هر روز بادل جيان ئي وسئون ٿا
    هر روز نئون ماتم ئي ملي ٿو
    رُڳو سرد آهن جي آمد رهي ٿي
    رُڳو وصل جو ئي سپنو جلي ٿو
    آڌي جي ويلا ۾ صليبن چڙهئون ٿا
    تپرس جا پنڇي اُڏامي وڃن ٿا
    ناساز حالتن جو سلسلو وڏو آ
    اڃان درد ڪائي نه آرس ڀڃن ٿا
    پرين تنهنجي نازن تي سوچون به ڇا
    تعزين مان فرصت ملي ئي ڪٿي ٿي
    اونداهين جو ڪرم رهي ئي رهي ٿو
    سوچن ۾ خوشبو اٿي ئي ڪٿي ٿي
    فرحتن ۾ تصادم متو ئي رهي ٿو
    رشتن جي وچ ۾ فاصلا ئي فٽن ٿا
    شفقت جي چوڙي ڀڄندي ئي رهي ٿي
    رڳو ڀوڳنائن جا قافلا ئي اٿن ٿا

    (هڪ اهڙي هستي جي المناڪ وڇوڙي تي جنهنکي ڪائنات جي ڪابه تشبيهه ڏيڻ سندس شخصي ڌار سان ويساهه گهاتي ڪرڻ جي برابر آهي)


    اسان جا پيار لاڏلا

    اسان جا پيار لاڏلا

    ڪيڏي نه هئي انمول زندگي
    چاه ڪيڏو اٿاه هيو
    ڪير ٿو ٿئي پري
    عجيب ڪو ويساهه هيو
    غليظ هر پير جو ترو
    اڄ راهه جي پٿر جيان
    چٿي بدن مٽيو وڃي
    لوڪ سارو چٿر جيان
    لٿاسين ڪنهن به رهاڻ ۾
    بي آبرو پتن جيان
    وقت جا هٿ ميرانجهڙا
    دام هر کٽي ويا
    اسان جنين لئه مئاسين
    سي منهن سگهو ئي مٽي ويا
    اوندهه ڪنهن اجهاڳ جيان
    سدائين رهيون قسمتون
    پراڻو ڪو ماڳ ٿيون
    هر بار ويچاريون حسرتون
    بيدرد عاشقي جو
    باب نه کٽو ڪڏهين
    جدا ٿي ملڻ سندو
    خواب نه کٽو ڪڏهن
    ويون جنين جي سوچ ۾
    اسان جون چنڊ جوانيون
    انهن جي اکين مٿان
    نقاب نه لٿا ڪڏهن
    لکيون ڏنيون سين زندگيون
    مگر انهن جي عشق جا
    حساب نه لٿا ڪڏهن
    رهيا خيال اوپرا
    سدائين هجر جي قيد ۾
    اسان جا خواب ڇيڳرا
    جليا پٿر جي قيد ۾
    قدم قدم تي جن کي
    ڏناسين چاهه نوان نوان
    غير ٿي سي ڏئي ويا
    روز گهاءُ نوان نوان
    زهر ٿي سي لهي ويا
    بدن جي نس نس ۾
    ڪنڊن جيان کپي ويا
    اکين جي گس گس ۾
    اسان کي گهڙي گهڙي ۾
    انهن جي بيرخي سندا
    ڏنا ٿي پتا پيچرن
    جنين جي من مرضي کي
    سمجهو اسان فرض جيان
    بهار جهڙا لمحا ڪيئي
    اسان جنين کي ادا ڪيا
    رهيل ڪنهن قرض جيان
    نثار ٿيان جنين مٿان
    اسان جا پيار لاڏلا
    اسان جنين کي روڪيو
    جهان جي تماشن کان
    اڄ ذليل وقت قيامتون
    تنها ٿي ڪٽيو اسان
    اوباش انهن جي سلوڪ ۾
    نه جان رهي نه جند رهي
    صدين پڄاڻان اسان وٽ
    فخر اهو ئي آ بچيو
    اداس هن هينئن ۾
    اهو ساڳي ديپ رهيو
    اهائي ساڳي سنڌ رهي


    تو پڄاڻان پرين

    تو پڄاڻان پرين
    تو پڄاڻان پرين
    رات خوابن جهڙي
    ڇيهه ناهي ڪيو
    ٿي دکندي رهي
    ڪا به آري جيان
    ننڊ ناهي ستي
    تنهنجو تصور ڪندي
    چنڊ اڀريو وڃي
    تون آهين ڪٿي
    تون آهين ڪٿي
    تنهنجي ذلفن سندي
    ڪا خوشبو نه آ
    هر اڪيلي گهٽا
    ائين رليو ٿي وڃي
    ياد ٻانهن جهليو
    ڪنهن ڪنواري جيان
    ٻک واريو ڇڏي
    ٽاڪ ويلن جيان
    ڪو گذاريو ڇڏي
    تو پڇيو ئي ڪٿي
    ڪيئن ڪٽيو ٿا اوهين
    ڪيئن ٻڌايون اسين
    خوب ڦٽيو ٿا اوهين
    تو پڄاڻان پرين
    روح ڀٽون ئي آ
    ڪا به بارش نه ٿي
    ڪو به بادل نه ٿيو
    سانجهه ٽاڻن جيان
    ها لٿاسين اسان
    ڪو به جگنو وري
    ڪو نه پسياسين اسان
    خواب ننڍڙا وڏا
    ٿي مصلوب ويا
    تو پڇيو ئي ڪٿي
    ڪيئن نبيريو اسان
    درد آڌين وٽان
    پاڻ سيريو اسان
    پاڻ سيريو سان


    چري جواني ڪري اڪيلي

    چري جواني ڪري اڪيلي
    جڏهين ڀي نيري شام ڌاري
    گهٽيون ڳهر ۾ ٻڏي ويو هن
    وڻن تي ويٺل پنڇڙيون ڀي
    ٿڪي ٽٽي ڄڻ اڏي ويون هن
    ٻڌي ٻوڪاني جڏهن ڀيءَ آڌي
    گهرن جهرن ۾ ڦري اڪيلي
    ٻکي ٻانهون وهاڻن سان
    چري جواني ڪري اڪيلي
    جڏهن ڀيءَ جاني پکين اڏارون
    اڪيلو اُڀ کي ڇڏي ويون هن
    اوهان سان گهاريل حسين شامون
    هينئين ۾ گهرڙا اڏي ويون هن
    ڌڻ اڏاري سدائين ڌوڙون
    اڳيان ائين منهنجي مٽي ويا هن
    اکين جون پنبڻيون پسائي ڳوڙها
    نِشان غم جا چٽي ويون هن
    مگر او صاحب تنهنجو ڪو پيرو
    نشان خاطر ڪٿي ڀي ناهي
    اداس واٽن ڪنان پرين جا
    ڪجن پڇائون گمان پائي
    ڇتن تي ڳهريل ٿڌي خاموشي
    سرگوشين جا سمورا ماحول
    صدين کان ڄاڻي ستل لڳن ٿا
    جڏهن جڏهن ڀيءَ حسين ڇاتيون
    کٽن جي ٻانهن ڀڳل بدن تي
    ڦڪيون ڦڪيون بس ستيون رهيون هن
    چپن جا جانم گلاب ڪورا
    ظلم آ تنهنجي چمڻ بنا ڏس
    صدائون بڻجي سمهي پيا هن
    ننڊن جا وڌوا بدن هي اڪثر
    آڌي جو ڇرڪي اُٿي پياهن
    نه لاڙ ۾ تنهنجو ملي ٿو پاڇو
    نه پتو ڪو ڏئي ٿو ڪاڇو
    نگر نگر ۾ پرين مون ڳولي
    پٿر پٿر کان پڇيو آ تنهنجو
    سنڌو جون ڪيٽيون ماٺڪيون ٿي
    ويون هن منهنجو هينئون منجهائي
    ڪٿي تون آهين ڪانڌمنهنجا
    ڪٿي هوائون ويئي لڪائي

    (ڪنهن اڻڄاڻ ٽارچر سيل ۾ اذيتون ڀوڳيندڙ باغي جي وني تان گذرندڙ اذيت جو هڪ لمحو)


    دل لڳي مالها نه ٿي

    دل لڳي مالها نه ٿي

    هيل به خالي ائين رڳو
    انتظارين جي باغ ۾
    درد جي موسم لٿي
    ڪو گل ٿي ٽڙيو ئي ڪٿي
    دل لڳي مالها نه ٿي
    ڪنهن ڪنواري ساهه جي
    آس جا ٻاري ڏيئا
    دل هر پاڇي پٺيان
    ٻار ٿي لڳندي رهي
    خواب ڪئين ڪورا کڻي
    عاشقي رلندي رهي
    ويلن جا ورندڙ قافلا
    اشڪبازي جي سنهين جيان
    دل جي آڳر تي لٿا
    بادلن ۾ چنڊ جهڙا
    خيال ڪاڳر تي لٿا
    هر گهڙي آهٽ لڳي
    هر هوا آنچل جيان
    ها مگر خالي ئي رهيو
    روح ڪنهن ساحل جيان
    شام جي ڪنهن رٿ تي
    ڪنهن مهاديوي جيان
    محل ڪنهن جي هنج ۾
    سج جيان الهري چري
    جاڳ کان ويڇا ڪري
    قسم پاسي تي رکي
    چنڊ جي اجرڪ وجهي
    وار ويڙهي هوءَ سُتي
    ڪوته هن جو مُنتظر
    ديپ ٿي دکندو رهيو
    ڪير هو جنهن سان ڪيل
    هر وچن چرچي جيان
    هُن ته ٽاري ئي ڇڏيو
    ڪير هو جو سحر ٽاڻي
    دل شڪن جذبا کڻي
    محبوب ڪنهن دهليز تي
    ممنوع ٿيل تختين مٿان
    درد مان ڏسندو رهيو
    دلبري جي ڳوٺ جي
    هر گهٽي گونگي لڳي
    هر لمحو مقتل ٿيو
    زندگي مالها نه ٿئي
    پيار ٿي ڪاوا ويو
    ڪير هو جو بيدخل
    خواب ڪئين رڱيل ڇڏي
    شهيد ٿيل محبت مٿان
    لڙڪ ٿي ڪرندو رهيو
    پن ٿي ڇڻندو رهيو


    گهٽي ۾ گُلابي ڄڻ موسمن مرجهايو

    گهٽي ۾ گُلابي ڄڻ موسمن مرجهايو

    هٿ هوا ۾ کڻي اوهان جي موڪلايو
    گهٽي ۾ گلابي ڄڻ موسمن مرجهايو
    تارون دلين جي حدن کي لڳي ويون
    بر صغير جيان ڄڻ وڇوڙن ورهايو
    اوهان جي رخصت جا منظر اسان جي
    اکين کي ڪيڏارا هزارين ڏيئي ويا
    دل کي انديشن ٻارن جيان پڙهايو
    ويل وقت پنهنجي نه توازن ۾ آيا
    کنڊر ٿي ويل چاهت جي ديوارن ۾ اڄ ڀي
    اميدن جي ديوي ڪا چنڊ کي تڪي ٿي
    جئين موئن جي دڙي جي آثارن جا ٽڪرا
    راجستانين جي سيني کي سرور ڏين ٿا
    جيئن اياز ۽ بخاري جي ڌرتي تي اڄ ڀي
    شيام جي خوشبو تازي ئي رهي ٿي
    جيئن اڃا تائين گانڌي جي ديش ۾
    لطيف جي سٽن جا وچن ٿا ڏجن
    سرحدن جي کلڻ جي آٿت ۾ ڪيرت
    اخبارن جي پنن کي غور سان پڙهي جيئن
    ائين اجڙيل اسان جي وطن جي اندر ۾
    اڪيلي محبت جي خالي گهرن ۾
    رڳو ياد تنهنجي جا پنڇي ٻرن ٿا
    اسان جي ترين جي ريکائن ۾ اڄ ڀي
    سڌو عڪس تنهنجي بدن جو رهي ٿو
    اندر جي ڏيئن ۾ سرگم وفا جا
    تنها رات ۾ تنهنجي ڳولا به ڪن ٿا
    اڃان جنهن مٽي جو قسم تو کنيو آ
    دلاسا اسان کي اها ڀي ڏئي ٿي
    دامن ۾ بسنتي گهڙين سان هلي آ
    دل جي مندر ۾ ديپ جيئن جلي ڪو
    مٺڙي ”ڀون“ کي خوشبو ملي ڪا
    جوڀن ۾ نئون رنگ ڀرجي پوي ڪو


    لوڻ جهڙيون موسمون

    لوڻ جهڙيون موسمون

    جي لوڻ جهڙيون موسمون
    هانءُ تنهنجي تي سُرن
    ۽ فاصلن جا مرثيا
    تنهنجي نيڻن ۾ ٻُرن
    وڌوائي جي سانجهه تنهنجي
    ٻانهن ۾ جي لهي پوي
    تنهنجي خوشبو جو ڏيئو
    جي چار ٽوٽا ٺهي پوي
    هٿ جهلي تو کان سکيءَ
    جي ڪنهنجو ئي پُڇي
    تنهنجي لفظن ۾ جنهنجو
    ها پتو نه ڪوئي هجي
    شام جا دلڪش لمحا
    هانءُ تي شرارن جيان
    ۽ ڪنوارپ جي مٿان
    جي گذرن ترارن جيان
    هر گهٽا گونگي لڳي
    جي اڄاتي ٿي مٽي
    ۽ هٿن تي نانءَ ڪنهنجو
    روح تان ڪاتي ٿي مٽي
    ياد ڪنهنجي جا ڪنڍل
    هانءُ ۾ الجهيا رهن
    تنهنجي نيڻن جو تماشو
    چنڊ تارا ڏسندا رهن
    تنهنجي ادائن تي لٿل
    جي نه آڌي ڪا کٽي
    تنهنجي ماضي جو سڄو
    جي ڀرتيل جوڙو ئي ٽٽي
    ۽ اويلو درد ڪو
    توتي ڪتبو ٺهي پوي
    تنهنجي ٽهڪن جو سفر
    هڏڪين جي مقتلن ۾
    بيوسي جي دانهن ٿي
    وقت جا مسيحا سڀئي
    لا دوا چئي توکي ڇڏن
    تنهنجي بدن جا محاورا
    جي نه ڪو سمجهي سگهي
    ۽ ڇاتين جا ولولا
    ها جي سگريون ٿي ٻرن
    اهڙن لمحن ۾ ٿي سگهي
    نيڻ ٻوٽي تون رُڳو
    راهه پئي تڪجان چري
    جي ڏني زندگي گهٽي
    کڻبا ساهه پيا وري
    تنهنجي ٻانهن ۾ اچي
    راهه پئي تڪجان چري


    تون چوين ٿي چري

    تون چوين ٿي چري
    تون چوين ٿي چري مان اچان ڇو نٿو
    تنهنجي مستن ۾ توسان مچان ڇو نٿو
    ٻڌو ٿم ته تنهاين تي ڏاڍو ٿي سوچين
    رڳو بس ملڻ ۽ کلڻ لاءِ ٿي لوچين
    ٻڌو ٿم ته اکڙين ۾ چري تون اڪثر
    لڙڪن جا سانوڻ لڪائي رکين ٿي
    تنهنجي چپن جي گرم جوشي جو سورج
    ٻڌو ٿم ته ڪڏهن کان گرهڻ ٿي چڪو آ
    حسرتن جا بتيلا گهڻي ڀاڱي تو وٽ
    اويلا ٿي لنگر لئه اڪثر اچن ٿا
    ٻڌو ٿم ته تنهنجي ذلفن جا رستا
    اسان جي آڱرين سواءِ ڄڻ ويران آهن
    ها چري مون ڪنهن کي چندي ٻڌو آ
    هو تنهنجي ”شانو“ بس هٿن کي ملندي ئي رهي ٿي
    ۽ تنهنجي سيني ۾ بيتابي جي موسم
    ڪنهن چيو پئي ته ڏاڍي وحشي ٿي لٿي آ
    تو ٻانهن جا ڪنگڻ ڀڃي ئي ڇڏيا آهن
    نڪي تنهنجي پيرن جي کڄڻ تي هاڻي
    پازيب جو جهڻڪو ڪو هوا ۾ گهلي ٿو
    نڪي تنهنجي ڇاتي جي گهنڊن کي هاڻي
    ڪمهلو پوڄاري هاڻ اچي ڪو ڇهي ٿو
    پنهنجي من جي اندر ۾ اڪثر
    رڳو هڪ ميرا ٽيل ڏيئو ئي جلي ٿو
    ها ٻڌو ٿم ته منهنجي نانءَ تي اڪثر
    سڏڪن جا پنڇي اڏري ئي وڃن ٿا
    ستارن جا منهن ڀي لاهي ڇڏين ٿي
    ها ٻڌو ٿم ته تنهنجي ادائن جي ڪونتل
    ڪنارن تي پهچي گم ٿي وئي آ
    هوائن تنهنجي ساهن جي خوشبو کي هاڻي
    گهٽائن ۾ گهمائڻ ڇڏي ئي ڏنو آ
    دل چوي ٿي چوي ٿي ها چوي ٿي گهڻو
    مان توڏي اچان مان توسان لُڇان
    تنهنجي تباهين جا توکان ڪارڻ پڇان
    مگر منهنجي جانان مان توڏي اچان ڪيئن
    منهني نيڻن ۾ نئون ڪو سپنو نه آهي
    بس آهي چپن تي لوط جو صحرا
    چاهت جي چاندني جهيڻي ٿي وئي آ
    خوابن جا بادل ڀي اڪامي ويا هن
    تنهاين تي ڏاڍو هري مان ويو هان
    تنهنجي ڳولا جون ڪونجون برحق هت اچن ٿيون
    مگر منهنجي دامن ۾ سنڌو آ ستو پيو
    نه آرزو هاڻ ڪا سلامت رهي آ
    چري دل تنهنجي چپن کي وساري ڇڏيو آ
    ضمير جي بيرحم اناگير حاڪم
    اسان جي پيرن ۾ زنجيرون وڌيون هن
    جيئن راهن ۾ پيل پٿر اڇلجن ٿا
    ڪو وقت هئو اسان کي ڇڏيو هئي اڇلائي
    هاڻي اوچتو جي ياد آيا کڻي هونءَ
    چڱو آ ته جانم وري ڇڏ ڀلائي

    (اڌورن رشتن جو اهو الميو جيڪو عاشقي جي هينئين تي سدائين ڪچي گار ٿي لڳو آهي جيڪو رسمن جي ٻوڪاني ٻڌي دل لڳي جي گهرن ۾ رهزن ٿي رليو آهي ناتن جي ويساهه گهاتي ۾ گهائجي ويل هڪ اهڙي ئي ناتي جي ڪٿا جيڪو وساريندي وسرندي به وسري نٿو سگهي)


    ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن

    ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن
    سج ڪيئي ندي جي هنج ۾ ٻڏا
    هر شفق کي سنجها بس نهوڙي ويئي
    ويندي ويندي جو ٿورو مرڪي کڻي
    ادا هُن جي اندر کي اکوڙي وئي
    چنڊ راتين جي ٿڌي سوجهري ۾
    ڪير آهي جوننڊن مان اُٿاري اويلو
    جسم کي ٻکن جي اڻ تڻ پئي کڻي
    لڇيو سج اڀاريو اسان هر اڪيلو
    ڪيلينڊر تان اکيون صبح شام گذرن
    الهي ويو گمانن ۾ آڪٽوبر سمورو
    وياسين اڪيلا جو ڏيئو ڪو جلائڻ
    عجب ۾ ٻڏي ويو مندر سمورو
    نه ڪوئي سنهيو نه ڪوئي پيامبر
    الئه ڇو نه هن ڀي سڏيو آ اسانکي
    اڪيلائي اندر ۾ ٿي نئون وهم اوتي
    چري هن ڀلا ڇو ڀلايو اسانکي
    برف جهڙي جهان ۾ کيس ڳولجي ڪٿي
    نه اڻ واقف خطن تي پتو ڪو ڇڏيو ٿس
    نه ڪٿي هن جي ٽهڪن جي خوشبو ٿي اڏري
    الئه ڪٿي وڃي من اڏيو اٿس
    ناهي دامن ۾ ڪوئي احساس تازو
    کڻي جنهن جي اوٽ ۾ نئون ناتو ڳنڍجي
    وٺي ڪنهن کان چپن جا لمحا ڪي اڌارا
    ضعيف ٿيل عشق کي نئون جوڀنو ڏجي


    هو جيڪا

    هو جيڪا
    ڪنهن محبوب موسم جو احوال ڪونهي
    ڪنهن ماتم ۾ وٺجي ويا هن ترانا
    ڪنهن دلعزيز هستي جو ناهي سنگم
    تنهاين تي جت ڪٿ پيا گهڙجن فسانا
    هو عذابن جون پراسرار طزون ڀي اوجهل
    هوءَ نقابن جون دلڪش ادائون ڪٿي
    هوءَ حويلين جا سايا ويا سونهن کائي
    هوءَ آڏيون ۽ ابتيون پڇائون ڪٿي
    هوءَ جذبن ۾ ٻهڪيل جسم ڪو اَٻايو
    هوءَ فهمن جي محلن کي بندين تالا
    هوءَ عدن جي گلشن جي شرير ڪلڙي
    هوءَ ڪائنات جي سڀني تشبيهن کان اعليٰ
    هوءَ مسيحا جو نئون روپ مونکي لڳي
    هوءَ بيجان جسم کي جياري وئي
    هوءَ ڪرسمس جي پويتر نيتن سان آئي
    هوءَ جذبن جون شمعون اٿاري وئي
    هوءَ اگهاڙين وکن سان گهٽي تائين ايندڙ
    ڪليسا جي مقدس غاليچن تي ويهي
    شفيق هٿن سان دعائن جي گهرندڙ
    هوءَ پٿر جا سڀئي خدا جنهن جي ماتحت
    هوءَ جنهن جي لفظن جون ڇيرون اڃان ڀي
    ڪنهن راحبا جو مقدس بدن ئي هجن شل
    هوءَ نظارن ۾ تاثير جنهن جي هجڻ سان
    هوءَ راتين جي ننڊن جو ڪومل تصور
    هوءَ باکن جي شفاف شبنم جان مرڪي
    هوءَ زندگي جي سازن کي ڇيڙي ڇڏيندڙ
    ڪنهن اُجري چُني سان ارڏي هوءَ وينگس
    ڪنهن سانجهي جي مقتل ۾ ملي هئي جيڪا
    ڄڻ خنجر جي الارن کي سامهون ڪو هٿ هئي
    ڄڻ مسمار ٿي ويل حياتي تي شفقت
    ڪنهن ڪشمڪش جي گهڙي ۾ مرڪن سان ڳهيلي
    چنڊ اکرن جا شفا ياب دلاسا هوءَ ڏيئي
    ڪنهن ڄاتل سڃاتل دهليز جي پويان
    ڪنهن عرصي کان وئي جا وري ڪانه موٽي
    هو قاعدن جي غافلن هوءَ پابندين جي منڪر
    ڪنهن وحشت جي دڙڪي ۾ رهي ٿي جا هاڻي
    ڪنهن بندش جي موسم ڇڏيو هن کي ڇاڻي

    (ان وينگس کي ارپنا جنهن زندگي جي ساز کي هڪ دفعو ڇا ڇهيو پوءِ هو آواز صدين جو سُر بڻجي روح ۾ رهي پيو)


    ڪن اهڙن ماڻهن جي

    ڪن اهڙن ماڻهن جي

    هي جي سادا سُودا ماڻهو
    سڀئي ڪارا ڪوجها ماڻهو
    ڪنهن وقت تصوير ٿين ٿا
    ڪن اهڙن ماڻهن جي
    جي پاڻي تي لڪير ٿين ٿا
    جي ويساکي ۾ هير ٿين ٿا

    جي ماڻهو پنهنجي جيون ۾
    هيڻن لاءِ اُتساهه ٿين ٿا
    سڀئي مٿي اڻڀا ماڻهو پوءِ
    تن جي پويان آهه ٿين ٿا

    جي ماڻهو پنهنجي جيون ۾
    ٿا نڪرن اوکو دڳ وٺي
    ۽ پنهنجي پويان وڳ وٺي
    ڄڻ واچوڙا ۽ وير ٿين ٿا

    جي ماڻهو پنهنجي ماڻهن کي
    ٿا سايا بڻجي ڇانو ڏين
    ڪم زورن ۽ ڪم ظرفن کي
    ٿا ڏاڍائي جا ڏانو ڏين

    جي ارڏا بڻجي جيون گهاري
    موت مرن ٿا شهيدن وانگي
    جي ڏور هجن ته به آٿت جهڙا
    ويجهو ويٺي عيدن وانگي

    ڪن اهڙن دودن ٻاگهين جي
    چئو ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه ڪجي
    جي قوم جي تقدير ٿين ٿا
    سي ماڻهو ئي بشير ٿين ٿا

    (ارپنا: (شهيد بشير خان قريشي)


    وري رت انهن جي ملامت ڪري ها

    وري رت انهن جي ملامت ڪري ها

    گهڻا پنهنجا ساٿي جي اڌ موڙي وڪاڻا
    چڱو ڪون وڪياسين وڏا پنهنجا ناڻا
    وري رت انهن جو ملامت ڪري ها
    گهڻا پنهنجا ساٿي جي سورين سڏاڻا
    گهڻا پنهنجا ساٿي جي منصور ٿي مئا
    ونين کان گهرن کان مفرور ٿي مئا
    حياتي ۾ سونا حياتي ۾ پارس
    مئا جي وري ڀي پُر نور ٿي مئا
    سڄي قوم تابع تنهين جي ٿئي پئي
    ڀُومي به اهڙا بلاول سڏي پئي
    صداقت جي ڪونتل اجهو ئي تري پئي
    تاريخ به پنهنجا پئي منشور مٽائي
    نڪي ڪنهن ۾ حرڪت جي همت رهي آ
    هڪڙي جي نه هلندي هزارن سان هاڻي
    هاڻي آسيس عداوت جي ڪهاڻي نه بڻبو
    ڪو ماتحت نه سڏبو ڪو مختيار نه سڏبو
    هاڻي انصاف دولت جي ڪهاڻي نه بڻبو
    ڪو رئيس وڏيرو ڀوتار نه سڏبو
    ڪجهه ڪون ٿيندو جي پرهه جو اجهاڻا
    ڏيئاٽن کي ٻوڙي لهو ۾ به ڇڏبو
    دريافت ڪبا پر مقصد پراڻا
    سڄو پنهنجو جوڀن جو باغي ٿي گذريو
    پڇاڙي ۾ هاڻي ڪا دلالي نه ٿيندي
    شهيدن جيان شل ٽٽون ساٿ مان
    اهڙي ڪابه پاڻ تي ٻي عنايت نه ٿيندي


    قسم مٽي جي خوشبو جو

    قسم مٽي جي خوشبو جو

    بارشن جي سڄي موسم
    گهميل رستا پڇائون هئا
    قسم مٽي جي خوشبو جو
    تنها سانجهون رليون ڪيئي
    اوهان جي سار جون هيرون
    چڙهيون ڪي ئي گهليون ڪيئي
    ڪهاڻيءَ پيارجي جي ساريءَ
    ندي جي ڊوڙ وانگي هئي
    پري توکان چري ڇوڪر
    حياتي لوڙهه وانگي هئي
    ڀنوريءَ جي هوائن ۾
    نڪي آنچل اشارا ٿي
    سمورا شوق بارش جا
    ڇڏياسي بي سهارا ٿي
    مگر جانان ڪٿي تنهنجي
    نه ڪا به هئي هلچل هئي
    ادائن سان ڀريل تنهنجي
    نگاهن جا ابر نرمل
    نڪي ترسيا نڪي برسيا
    چري جانان ڪٿي اٽڪي
    بارشن جي سڄي موسم
    نما شام رهي اُلڪا
    سواءِ تنهنجي مٺي جانان
    سمورا رنگ سانوڻ جا
    مدهوشين ۾ گذارياسين
    نڪي ڪا ڪل پکيڙيا تو
    خاموشين ۾ گذرياسين


    سانجهه جي روهيڙن منجهان

    سانجهه جي روهيڙن منجهان

    سانجهه جي روهيڙن منجهان
    پل سُڪل گلڙن جيان
    ڪرندا وڃن ڇڻندا وڃن
    هُن چٽيا ميندي جيان
    ڪنهن هوا جي هٿ تي
    لفظ سي وڻندا وڃن
    رات ڪا مقتل جهڙي
    دل لڳي جي شهر ۾
    وسوسن جوڀوڳ ٿي
    آ لٿي هر پهر ۾
    آس ڪنهن صحرا ۾
    پوپٽن جي رات جهڙو
    سوال بڻجي آهي وئي
    ها گلابي ڇوڪري ڪا
    خيال بڻجي آهي وئي
    جنهن جي نيڻن ۾ ٻڏل
    ڪو ناخدا موٽيو نه آ
    جنهن جي ذلفن ۾ لٿل
    منظرن جو پتو نه آ
    ڪلهه شام کان جا
    روح جو محور بني
    خواب جو تعبير ٿي
    جاڳ جو تصور بني
    پنهنجي مقدس آڱرين سان
    ويل جنهن ۾ هُن لکيون
    ڪنهن هوا جي ورق تي
    پيار جون ڪي آيتون
    وقت جا رلندڙ لمحا
    اڄ به ساڳي موڙ تي
    ڪلهه جيان آهن پُڳا
    هر هوا ٿي خالي لڳي
    هن جوڪو نياپونه آ
    باک پئي لهندي وڃي
    چنڊ ٿو تڪڙو لڳي
    پيامَ يار جي انتظار ۾
    رات پئي رڙهندي وڃي

    (موبائل فون تي ايس ايم ايس ڪيل ڪنهن پريتم جي لفظن کي ڏنل اڌوري ڀيٽا)


    جي اٿيون ڪٿي به عداوتون

    جي اٿيون ڪٿي به عداوتون

    جي ماڳ ڪو فٽل ڏسين
    ۽ لاوارثيون ڊگهيون ڊگهيون
    اداس گهنڊ وڄن جڏهين
    ادس ٻرن ميڻ بتيون
    ڪٿي به جي فطرتون
    بتيلن جيان لڏن ٻڏن
    ۽ چاندنين جي سفر ۾
    جي نه مرڪون ڪي اڏن
    سوڳ ٿي وڃن جڏهين
    خوشا مڙيون ڪي طبيعتون
    سرد ٿي وڃي سفر
    درد نه ڏي ڪي فرحتون
    پيار جا سنگيت سڀ
    مرنا جي تار ۾
    مجذوب ٿي وڃن جڏهين
    ڪيڏار جي ڪٽار ۾
    اُداس ٿي وڃي نظر
    عڪس هر ادس ٿئي
    محبتن جي خواب جي
    ساڀيان نراس ٿئي
    تڏهين اجهامي تون متان
    ٻه چار لڙڪ ڪي
    نظر آب ڪجا ن کڻي
    ڏجان تون چئي نقادکي
    هي محبتن جواصول آ
    عزيز آ هر خوِشي
    درد هر قبول آ
    اسان پريمي فرد هُون
    اسان جا آڳر مندرون
    اسان جا اندر مسجدون
    اسان جي تقدسن ۾
    نه ڪلفتن جو دخل آ
    نه لالچن جي ڊوڙ آ
    اسان جي ڪنهن به خيال ۾
    نه سوچ ۾ ڪا سوڙ آ
    اسان ته ڪنهن به آهه کي
    نه پاڻ کان پري ڏٺو
    اسان ته لڙڪ لڙڪ سان گڏ
    لڙڪ آ ڀري ڏٺو
    اسان جي زندگي سڄي
    ڪنهن دردجي مزار آ
    ڪنهن ماءُ جي پُڪار آ
    ڪنهن جوانڙي جي معيار آ
    نه اسان وٽ ڪو ڀيد آ
    نه سرحدون نه ورهاستون
    اسان جو روح لڇيو ٻريو
    جي اٿيون ڪٿي به عداوتون

    (يارهين سيپٽمبر جي موقعي تي جڏهين آمريڪا ٻري اٿيو ۽ پوءِ اُها تپش افغانستان ۽ عراق جي هزارين ونين جي ورن، لکين معصوم ٻارن جي شفقتن ۽ لکين ممتائن ۾ بي سهاڳي جو درد ٻري وٺي)


    الئه ڇو جانان

    الئه ڇو جانان

    الئه ڇو جانان اسان لئه عيدون
    کڻي ڪي سوڳون عجيب گذريون
    مقدس ڏهاڙا مقدس راتيون
    قيامتن جي قريب گذريون
    نه عيد ڪارڊ اوهان جا آيا
    نه چٺيون ڪي چاهت ڀريون اماڻيون
    نڪو تماشو اسان بڻياسين
    نه ڪي اوهان ڀي ڪيون رهاڻيون
    اجريون شامون لٽيون اسانجون
    وري به ساڳين ڪلال خانن
    خوشيون اسانجون جامن ۾ اوتي
    چئون ڀلا ڇا ؟ جهان پيتيون
    مٽي ويا روزا اسان نه ڄاتا
    نڪو ئي سحريون اسان ڪي ساريون
    شوال اُڀري ويو انهن ۾
    اسان گهڙيون جي مدهوش گهاريون
    اسان ته پوءِ بس اُهو ئي ڄاتو
    اسان جي چاهه جو پرين تو روضو
    وچينءَ جي ويلي ڀڃي ڇڏيو آ
    ڳڀي ڳڀي ۾ ونڊي ويو ڪو
    ڇوهه ڪيڏا ڇنڊي ويو ڪو
    مگر اسانجي اضعيٰ اڀاڳي
    عجيب پو ءِ ڀي نراس ٿي وئي
    گلاب جهڙو لهو اسانجو
    ڪتن جيان بيهي لٻيو مفادن
    اجل جون گهڙيون اسان نه ڄاتيون
    مٽي ويون ٿڌڙيون اسان نه ڄاتيون
    اسان کي شامل خوشي پنهنجي ۾
    نڪو ئي توڀي پرين ڪيو بس
    پلي اسان کي پيا رڳو هي
    حسرتن جا ڀڳل ڪانوڙا
    نه گلاب چهرن ڏنيون واڌايون
    نه جواب چهرن قبوليا مرڪي
    رڳو ڏيارين آتشين جيان
    هينئين تي ٽانڊا هزار ڇيڙيا
    زهر ٿي ويون اسان لاءِ ساريون
    ڏڻ ڏيهاڙِا بارات راتيون
    رنگين هولين اسان تان وهايا
    رڳو ئي خنجر رڳو ئي ڪاتيون
    نه اسان جي دل جو رام پرتو
    نڪي تسلي ٿيون ڪي عيدون
    خوشيون سموريون رقيب گذريون
    بس قيامتن جي قريب گذريون


    اجنبي

    اجنبي

    اجنبي اجنبي او ڇوڪري ايڏي نه ٿي چري
    تيز بارش جيان لڙڪ تنهنجا ڏسي
    دل ته چاهيو گهڻو، دل ته چاهيو گهڻو
    تنهنجي من م متل تيز ساگر جهڙي
    پاڻي ۾ اڇلايل ڄڻ ته پٿر جهڙي
    اويلي يادگيرين کان پتو پڇجي کڻي
    لٽيل حاڪم جيان اداس توکي ڏسي
    من ته چاهيو گهڻو دل ته چاهيو گهڻو
    تنهنجي من جي ٽٽل البم مٿان
    نقش ٿيل ڪنهن ستمگر خيال کي
    پنن تي اتاري چتر ڪارن جيان
    وستي وستي ۾ کڻي خفيه ادارن جيان
    روپوش توکان ٿيل ڪا پريت ڳولجي
    ڳولجي ڳولجي هر حال ۾ تنهنجو ميت ڳولجي
    ان کان ٿورو اڳي تون جو سڏڪي پوين
    دل ته چاهيو گهڻودل ته چاهيو گهڻو
    تنهنجي اکڙين جي ڪليسا جا تقدس لتاڙي
    تنهنجي عبادت جي خدا کي ڇڏجي اُگهاڙي
    يادگيرين جا بُت ڀورا ڀورا ڪجن
    جذبا مروڙي کڻي خواب ڪورا ڪجن
    توکي دلبرا ننڊن جا ڀري تحفا ڏجن
    جنگجو ڌرتي جيان تنهنجو ٻرندڙ جسم
    ٻانهن ۾ رکي خوب چُمجي کڻي
    ناز تنهنجا سانڍجن ها سرتي جيان
    مست توکي ڪجي ڪنهن ته نرتيءَ جيان
    ان کان ٿورو اڳي او ارڏي ڇوڪري
    تون ته ڀڙڪي پئين ڪنهن آدم جيان
    مون ڀانيو توکي شيام جي ڪنهن نظم جيان
    تنهنجو چهرو لڳو ڌر تتي جو ٽڪر
    درد اڏارن جو توتان رهيوئي گذر
    ياد تابش ٿي ڄڻ ته سازش ٿي
    ياد ته توتي لٿي موذيءَ مرضن جيان
    قبرسان ٿي ويو تنهنجو گلستان بدن
    جنگي شهيدن جي پراڻن بٺين جيان
    ٽٽل ڪتبا ڏسي دل ته چاهيو گهڻو
    تنهنجي احساسن جي هيڏي هاڃي مٿان
    دلاسن جا چنڊ گُل رکجن کڻي
    سُتل مٽي جا سُڳنڌ ٻيهر تازا ڪجن
    تنهنجي هوش جا وري سُجاڳ جنازا ڪجن
    اُ ن کان ٿورو اڳي او همدم اجنبي
    شهر فطرت ۾ ڪنهن ڪاروان جون اکيون
    چيچ تنهنجي جهلي ڏور وينديون رهيون

    (سفر جي ٽاري تي ويٺل اڻڄاڻ منزلن جي پکين جهڙن اکين مان ٽپڪي اجنبيت جي ڳلن تي سوال بڻجي رهجي ويل انهن لڙڪن جي ڪٿا جن کي نه چاهيندي به ڪنهن ڪوتاس جا نيڻ وڏي پنهنجائپ مجهان گهوريندا رهيا)


    چاهتن جي شام

    چاهتن جي شام

    رقابتن جو شهر آ
    چپن تي مرڪ ڪٿان اچي
    منافقت جي ڳهر آ
    ڪٿا هر اگهاڙي آ
    صداقتن جي سوچ تي
    اُڀي ڪا اماڙي آ
    گهڙي گهڙي ۾ روڳ نئون
    اڃان ته پيو ڇڏيو وڃي
    زندگي م ڀوڳ نئون
    ڪا من گهري لڏيو وڃي
    سار جا مينار ڪئي
    هينئين ۾ هو اڏيو وڃي
    فريب عام جام آ
    اداس هن نزاڪتون
    ۽ چاهتن جي شام آ
    عاشقيون روپوش هن
    حسن تي هن چوڪيون
    پيار خانه بدوش هن
    گهٽي گهٽي انتظار آ
    هي روپ ورنيون موسمون
    هي روح بيقرار آ
    اڃان بي ماڳ آ
    رفاقتن جو ڪتاب ڀي
    پنو پنو آڳ آ
    چمي چمي لاش آ
    اڃان ته وارثي جي
    ڊگهي ڪا تلاش آ
    اڃان ته گونگي سانجهه ڀي
    ڇڏي اسان لاءِ بي رخي
    ڏني اسان کي تانگ ڀي
    اڃان ته رات جو ذهن
    اسان ڪونه سمجهيو
    ڪنهن به ڏات جو ذهن
    اڃان ته هر سانجهه ۾
    روپ ڪو ٽڙيوپوي
    اکين جو بيابان وري
    سمنڊ ڪو بڻيو پوي


    ستمگر وقت جي سگري

    ستمگر وقت جي سگري

    ستمگر وقت جي سگري
    اَلاءَ هر پهر جو پاڇو
    نگاهون ڪنهن طرف کڻجن
    رڳو آ قهر جو پاڇو
    پٿر ٿي وحشتون اڀريون
    سانتن ٽاهه ڪي کاڌا
    فاصلن درد کي ڇيڙيو
    انائن چاهه ڪي کاڌا
    قربتن جي ڇوڪري گونگي
    وتي ٿي ماٺ ۾ ڳهري
    وصل تي رنج جو قبضو
    حجر جو هر لمحو قهري
    وفائن زهر کي پيتو
    کنڊر ٿي ماڻهپا اُجڙيا
    لڳيون احساس کي ڪڙيون
    مفلس ٿي آجپا اُجڙيا
    اُگهاڙي دستور جو چرچو
    هوش تي چُپ جو دڙڪو
    دلبريون ننڊ ۾ غلطان
    نڪي آ هٽ نڪي کڙڪو
    رڳو آ دام جو ڏهڪاءُ
    چپن جا پيچ ڀي ويڪو
    دلالپ موج ۾ آهي
    سڳين جا کيچ ڀي ويڪو
    وتي ٿي سوڀيا ٿڙندي
    ڪنوارپ محفوظ ناهي ڪا
    ذلالت زور آ پاتو
    سياڻپ محفوظ ناهي ڪا
    اميدون وڌواهه حسينا جيان
    تقاضا هر ڳورهاري آ
    ڌرمن جوانڌو منصف
    توقع هر ڏوهاري آ
    ستل آ ڳهن جو مفڪر
    مسيحو نئن ڪو آڻيون
    رسمون ساهه ٿيون ٻوڙن
    نظريو نئون ڪو آڻيون
    نظريو نئون ڪو آڻيون


    جي بدليا

    جي بدليا

    جي بدليا ته هر بار اوهان ئي بدليا
    اسان ڪون پنهنجيون جهڪايون نگاهون
    ڏنيوسين محبت جون سدائين چتائون
    وفائن جي سفر ۾ ڪڏهين ڀي اسانجا
    نه حوصلا ئي بدليا نه ارادائي بدليا
    جي بدليا ته هر بار اوهان ئي بدليا

    اڃان ساڳي پهرين نظر جي ئي چاهت
    اڃان ساڳي آداب محبت آ جانان
    اڃان تنهنجي چڳن جي نشي ۾ اسان
    اڃان بيقراري به ڪائي عنايت آ جانان
    اڃان گس ساڳي پيرن جي حصي ۾
    نه راهون ئي بدليون نه رستا ئي بدليا
    جي بدليا ته هر بار اوهان ئي بدليا

    ملياسين اوهان سان اُهو ئي ملياسين
    وري ڪانه ٿي ڪا شناسي آ ڪنهن سان
    سٺو سين ته سڀڪجهه مقدر جو سمجهي
    ڦلهوري اسان ڪانه اداسي آ ڪنهن سان
    بي نيازين جي موسم آئي ۽ ويئي
    نه رشتا ئي بدليا نه رابطا ئي بدليا
    جي بدليا ته هر بار اوهان ئي بدليا

    اڃان ڪون انتظارن جو آڙهر لٿو آ
    اڃان تنهنجي ساهن جي لذتن کان پري
    بي خودي ۾ جانم جيئون ئي پيا
    هر لمحو ڄڻ قيامت جيان ٿو وڃي
    نه اذيتون ئي بدليون نه اوجاڳا ئي بدليا
    جي بدليا ته هر بار اوهان ئي بدليا

    (هن هڪ دفعو چيو مون تو کي ناهي وساريو مون هزارين دفعا لکيو وڏو سچو اسان جو اهو ئي ته آهي اسان تو سواءِ ڪنهن کي چاهيو ئي ناهي )


    ڇوٿي ڇيڙين هوا

    ڇوٿي ڇيڙين هوا

    ڇوٿي ڇيڙين هوا
    هن جي آنچل کي
    هو نيل پري
    ابابيل پري
    ڏس ڪيڏي ابهم
    گل جيڏي ابهم
    سندس رابيل جسم
    سندس نرگس اکيون
    خود چنڊ جهڙي
    ڄڻ تارا سکيون
    تتل جذبن تي
    انڌو ويساهه رکي
    آ ليٽي پئي
    نرم اراهه رکي
    ڇوٿي ڇيڙين هوا
    ڇو ٿي ڇيڙين هوا
    هوءَ ته ٻارن جيان
    ٿي ڊڄندي رهي
    پنهنجي پاڇي وٽان
    هٿ ڇاتي مٿان
    ڏيو ڪيئن ٿي اچي
    وچن پنهنجا مگر
    پوءِ به پاريو وڃي
    وڏي ڳالهه اٿس
    وڏو حيف اٿس
    ٽٽل انگ سندم
    ڪيئن ٺاريو وڃي
    پهر جيڪي مٺي
    مون سان گهاريو وڃي
    ڄڻ ته ڪوثر ۾
    مون کي واريوڃي
    ڪنهن بارش جي
    هوءَ پاڻ هوا
    ڪک پن جيان
    ڄڻ اڏاريو وڃي
    تنهن جي جهانجهر کي
    تون ٿي ڇيڙين هوا؟
    ڇو ٿي ڇيڙين هوا؟


    او ڇيڳري

    او ڇيڳري

    او ڇيڳري مس ملي آن کڻي
    طويل مدتن جا نه حساب پڇ
    پڇين ته چند گهڙين جا تون
    اسان کان سوال جواب پُڇ
    اسان جو من ٽٽل پنا
    ورهين جي ڪا ڪٿا نه ڳول
    هينئون به آ هزار زخم
    چڱو ته آ زخم نه کول
    جذبن تي ڪو ويساهه نه آ
    ڪو ڀرم ڀي تون نٿي رکين
    اسان جو چاهه صديون هيو
    سو شرم به تون نٿي رکين
    ڪنهن عتاب مان جي اٿياجي هن
    نه روڪ چمين جا قافلا
    ڇڏ ته بي حجاب ٿي
    زندگي کي آخري چمي ڏيون
    ڪنهن شام جي اُماس رات ۾
    وڌا جي هن ڪي فاصلا
    انهن کي ڪا وٿي ڏيون
    گلن جي هيراڪ سينڌ کي
    چوين ته تون چئو کڻي
    اسان جا شوق بانورا
    سبڪدوش ٿيا جي چمن منجهان
    ڪنهن ڪٺل مور جي صدا ۾
    شامل ٿيندا پيا وڃن
    پري اوهان کان رهي
    پاگل ٿيندا پيا وڃون
    گهڙيون جي چند بچيون به هن
    انهن جا چپ ٿا سبيون کڻي
    طويل ڪي به وصيتون
    اوهان کي نازنين نٿا ڪيون
    مگر اسان جي آخري
    اٿئو هي ويچاري چاهنا
    اسان جو ڪوبه خيال جي
    اوهان جو رُخ وڃائي ڏي
    پراڻي ڪنهن گلدستي جيان
    اوهان جي ذهن جي ميز تي
    اسان جي بار ٿي پئون
    اسان اوهان جي روح ۾
    بنهه جي ٻار ٿي پئون
    بس اسان جو نانءُ وٺي
    چپن کي مهلتون ڏجو
    دعائون بد ڏجو کڻي
    اسان لئه سي به عنايتون
    اسان لئه سي به محبتون
    اسان لئه سي به راحتون


    وسرندا وڃون ٿا

    وسرندا وڃون ٿا

    تون ڪنارن جي دلچسپ نظارن تي مرڪئين
    تون اسان جي ٻڏندڙ هٿن تو ڪو سوچيو؟
    اسان تنهنجي چاهت جي اڏارن ۾ گم سم
    تون مايوس ٿي ورندڙ جٿن تي ڪو سوچيو؟
    اسان پنهنجي اپاهج ويساهن کي اڄ ڀي
    بيساکين جي سهاري گهيليندا ئي وتون ٿا
    تنهنجي نيڻن جو درياءَ جڏهن کان سڪو آ
    پياسا ئي پياسا بس جيئندا ئي وتون ٿا
    تنهنجي ذلفن جي سانجهي جو آزاد منظر
    الئه ڇو اکين ۾ رهي ئي رهي ٿو
    ڪٿي تون اسان سان ٻکن م ته ناهين
    پلڪن ۾ سپنو ٺهي ۽ ڊهي ٿو
    تنهنجي چپڙن جون چنچل بهارو ته ناهن
    ڪنهن رولاڪ پن ڇڻ جو آشيانو ئي سهي
    ڪنهن وفا جي ترنم ۾ ناهيون کڻي جي
    بي وفائي جي تهمت جو فسانو ئي سهي
    ڪنهن بي مروت ملڪه يمين جي پويان
    لٽجي ويل عياشي ڪنهن امير وانگي
    ۽ ڪنهن فنا جي ڌنڌ ۾ گم ٿي ويل
    ڪنهن شاعر جي اڌوري تحرير وانگي
    اسانکي ته هر ڪنهن وساري ڇڏيو آ
    مرڻ کان اڳ ۾ ئي ماري ڇڏيو آ
    اسان جي مقدر جو ستارو آ جهيڻو
    پن جي ٻيڙي جيئان بس ٻرندا وڃون ٿا
    جنهن ڀايو گهڻو هو اڄ انهي کان
    ها انهي کان به شايد وسرندا وڃون ٿا


    اسان تو سواءِ

    اسان تو سواءِ

    رڳو ياد بانسري جيان ٿي وڄي
    رڳو چاهه رقا سا جيان ٿو نچي
    هينئون سار ۾ ٿو ڏيئن جيان ٻري
    رڳو ساهه پتنگن جيان ٿو پچي
    پوءِ ڀلا تو اهو ڪيئن چيو آ
    اسان کي اوهان وساري ڇڏيو آ
    مگر اسان جي اها ريت ناهي
    اسان زندگي ۾ ڪنهن کي چاهيو نه آ
    جي ڪنهن کي چاهيو ته وساريو نه آ
    ۽ اسان تو سواءِ ڪنهن کي چاهيو نه آ
    توکي چاهي پوءِ وسارڻ جو سوچيو نه آ
    اڃان تنهنجي ساهن جي ڪنوارن ڌنن سان
    اڃان ساڳي محبوب رفاقت رهي آ
    اڃان پنهنجي رشتن جي محفل ۾ جانم
    خدا جو قسم ڪو جمالو نه ٿيو آ
    اڃان ساز ساڳي پيا چاهت جا وڄن
    اڃان ڪنهن به محبت جو ازالو نه ٿيو آ
    جي ٿيو آ ته ڪجهه اهو ئي ٿيو آ
    پنهنجي معصوم دلبري جي ٻانهن ۾ پيل
    چند ڀاڪرن جا شيشا ئي ٽٽا هن
    جدائين جي موسم جو ڪرم آهي ٿورو
    فاصلن جا ڪجهه ٿوهر ئي ڦٽا هن
    مگر پوءِ ڀي ايترو ناهي ٿيو جو
    ايڏي دلگير لهجي سان اداس ٿي چئجي
    اسانکي اوهان وساري ڇڏيو آ
    الئه ڇو اوهان وساري ڇڏيو آ
    کڻي ڪنهن کي وسارجي ته وساري ٿو سگهجي
    گهڻو وقت جدا ٿي گذاري ٿو سگهجي
    مگر بيوفائي لعنت جيان ٿي لڳي
    قيامت کان وڌ قيامت جيان ٿي لڳي
    کڻي توکي ناهي جي ساريو پرين
    اسان توکي ناهي وساريو پرين
    اسان جي سچائي ۾ جي چاهين اگر
    ٽانڊن تان ساکون وٺي ڇو کڻي
    اکين جو قسم توکي ناهي وساريو
    سنڌو جو قسم توکي ناهي وساريو
    اسانکي تنهنجي وفا جو قسم
    اسان توکي واقعي ئي ناهي وساريو
    اڃان جنهن به طلسم کي ڏسون ٿا جتي
    اُتي توکي سُڏڪي ۽ ساري ڇڏيون ٿا
    هينئون ٽانڊن تي ڄڻ ٻاري ڇڏيون ٿا
    وڏو سچ اسان جو اهو ئي ته آ
    اسان تو سواءِ ڪنهن کي چاهيو نه آ
    توکي وساري به سانئڻ وساريو نه آ


    آزاد نظم

    آزاد نظم

    زندگي جيڪا به تنهنجي آ

    پيارا مرتضيٰ
    تون ئي ٻُڌاءِ
    زندگي تنهنجي منشور ۾
    چون ٿا تو اوتي ڇڏي
    زندگي جيڪا به آ تنهنجي آ
    پاڻ رب کان اڳيان توتي ڇڏي
    (سائين جي ايم سيد)
    پيارا بشير
    زندگي ڏاڍي شرير
    روز ڪنهن گام تي
    تنهني آمد جيان
    جذبات جو درياءُ آهه
    زندگي وڏو انياءُ آهه
    (محترم بشير خان قريشي)
    پيارا مالڪ
    زندگي جوڳي
    زندگي سالڪ
    اچ ته ڪا تپسيا ڪجي
    اچ ته توکي خدا ڪجي
    پيارا الطاف
    زندگي موت جو غلاف
    چئو ڀلا پائجي
    يا لاهجي
    پياا نثار
    زندگي درد هزار
    ڪيئن گهٽائجي
    ڪيئن ڇڏائجي
    پيارا علي
    زندگي سراب جيئن کوکلي
    ڇو پويان ڊوڙجي
    ۽ پاڻ کي ٻوڙجي
    پيارا عمر
    زندگي اڪيلو سفر
    ڪون ڪو آشيانو آ
    هر گهڙي نشانو آ
    پيارا رمضان
    زندگي بي ايمان
    ڪوڙ جي لوڙهه آ
    هانءُ جي سوڙهه آ
    پيارا معشوق
    زندگي واري تي ڦوڪ
    اُڏريو وڃي
    وکريو وڃي
    پيارا مٺن
    زندگي ڪٺن
    گذري نٿي
    نبري نٿي
    پيارا امتياز
    زندگي بي نياز
    اوچتو سنوريو وڃي
    اوچيو پڄريو وڃي
    پيارا چيتن
    زندگي پنهنجو وطن
    اچ ته کيس ڇڏائجي
    اچ ته کيس ٺاهجي
    پيارا حفيظ
    زندگي ڏاڍي غليظ
    پوءِ به گذارڻي آ
    ۽ پاڻ کي سنوارڻي آ
    پيارا جميل
    زندگي ڏاڍي عليل
    ڪا گهڙي حيات ۾
    ڪا گهڙي ممات ۾
    پيارا حبيب
    زندگي رقيب
    روز ٿي چوچا ڪري
    روز ٿي حملا ڪري
    پيارا عطا
    زندگي بيوفا
    اڌ ۾ ڇڏيو وڃي
    موت ڏي لڏيو وڃي
    پيارا ارشاد
    زندگي نقاد
    روز ڪا ترديد آ
    روز ڪا تنقيد آ
    پيارا اشوڪ
    زندگي بد ذوق
    روز جو انتشار آ
    روز نئين ڪا گار آ
    پيارا کيراج
    زندگي مزاج
    روز ٿي بدليو وڃي
    روز ٿي بگڙيو وڃي
    پيارا حنيف
    زندگي ضعيف
    سفر ۾ پيل شام جهڙي
    جهور پوڙهي لام جهڙي
    پيارا خادم
    زندگي ظالم
    ڪا پناهه کوٽجي
    يا جنگ جوٽجي
    پيارا نند
    زندگي سُڳنڌ
    هوائون ٿي مڇرائجي
    پوءِ لاهجي يا پائجي
    پيارا مهتاب
    زندگي آفتاب
    اُڀري به وئي
    گُذري به وئي
    پيارا مجيد
    زندگي عيد
    آئي ته دير سان
    گُذري سوير سان
    پيارا مشتاق
    زندگي درد و فراق
    روز نئين انداز ۾
    روز نئين رفتار سان
    پيارا ويرم
    زندگي تنهنجي نالي جيان
    ترس ۾ گذريو وڃي
    نبريو وڃي
    پيارا يونس
    زندگي ڄڻ سومَ رس
    پاڻ پي ڪجهه ڏوڪ تون
    مونکي به ڏي ڪجهه اوت تون


    چوسٽا

    محبتون اتفاق ٿي مليون

    محبتون اتفاق ٿي مليون
    چنڊ جهڙيون پاڪ ٿي مليون
    خانه بدوش هئاسين تنهنجون اکيون
    راهه ۾ ڪو ٿاڪ ٿي مليون
    ***


    چپن جي سريلي ادائن تي لکجي

    چپن جي سريلي ادائن تي لکجي
    يا خاموش ڪنهن جي نگهائن تي لکجي
    اوهان جون به ادائون کوڙ آهن مگر
    ڪڏهن ته اسانجي وفائن تي لکجي
    ***


    هزارين وار اوهان جا هٿ ۽ آڱريون

    هزارين وار اوهان جا هٿ ۽ آڱريون
    اسان جي گريبان ۾ جڪڙنديون رهيون
    اسان جون ٻانهون مگر پوءِ به
    توهان جي آجيان لاءِ پکڙنديون رهيون
    ***


    صالح هر انسان نه ٿيندو

    صالح هر انسان نه ٿيندو
    بي موت مري ڪو مهان نه ٿيندو
    پٽ ته ڄمندا مرندا رهندا
    پر هاڻي ڪوئي بشير خان نه ٿيندو
    ***


    جڳن کي سمجهي سگهين تون ناهين

    جڳن کي سمجهي سگهين تون ناهين
    مان مهين جي دڙي جي ٻولي ته ناهيان
    نٿي پيار منهنجي تي ويساهه ڪرين
    مان ماٽيلي ماءُجي لولي ته ناهيان
    ***


    جي دوست نه رهين منهنجو ته دشمن ٿي پئجان

    جي دوست نه رهين منهنجو ته دشمن ٿي پئجان
    مونکي دوستن جيان دشمن به حسين گهرجن
    خالي واعدي تي جيئڻ هاڻي وس ۾ ناهي رهيو
    تون ايندين وري مون کي پخته يقين گهرجي
    ***


    نه مئخانو پنهنجو نه پنهنجو ڪوئي جام

    نه مئخانو پنهنجو نه پنهنجو ڪوئي جام
    پاڻ ته آهيون شام مڪلي جهڙي ماڳ ۾
    ***


    زندگي شادي جو ڳيچ هئي ڄڻ

    زندگي شادي جو ڳيچ هئي ڄڻ
    ڪاڄ هو تيسين وئي پئي خوب خوب
    ***


    تنهنجي گهر پئسو به هوندو پيار به هوندو

    تنهنجي گهر پئسو به هوندو پيار به هوندو
    منهنجي گهر بس منهنجا وسيلا آهن
    ***


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 453
    ڪتابن جو مشاهدو: 340651
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 140655
    2016 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ